arnizamani's picture
Upload 236 files
e30f3c4 verified
Raw History Blame Contribute Delete
285 kB
ڪتاب جو نالو: منشور الوصيت و دستور الحڪومت
منشور الوصيت و دستور الحڪومت
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت کي ادب، ثقافت، ٻوليءَ جي اوسر ۽ سماجي ترقيءَ جو ”سونهري دور“ سڏيو ويو آهي. هن دور ۾ سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست/ ملڪ طور ٻيهر پنهنجي سڃاڻپ بحال ڪرائي. سنڌ جي انهيءَ حاصلات پٺيان ڪلهوڙا حڪمرانن ۽ سنڌ جي سپوتن جي سرن جون قربانيون ڏنل آهن. هن دور کان اڳ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سنڌ کي انتهائي ڏکي صورتحال ۾ رکيو ۽ سنڌ جي مقامي ماڻهن کي ڊگهي عرصي تائين دٻاءَ ۾ رکي مٿن حڪومت ڪئي. هنن سنڌ کي مختلف حصن ۾ ورهائي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. ڪلهوڙن جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن وکريل حصن جي عليحده حيثيت ختم ڪئي ويئي ۽ اُهي هڪ رياست ۾ ضم ٿي ويا. طويل عرصي کان ٻانهپ ۾ رهندڙ هن خطي جي ننڍڙين ننڍڙين حڪومتن ”سنڌ“ جي نالي سان نئون ۽ تاريخي جنم ورتو.
ڪتاب ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ ۾ ڌارين جي انهيءَ آمريتي دور جو اختصار پڻ ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب اصل ۾ سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پنهنجن فرزندن ڏانهن لکيل هڪ وصيتنامو آهي، جيڪو هن پنهنجي زندگيءَ جي آخرين حصي ۾ لکيو هو. ڪتاب جي متن جي مطالعي کان پوءِ خبر پوندي، ته هيءُ وصيتنامو رڳو ميان صاحب جي فرزندن لاءِ ئي نه آهي، بلڪه انهن سمورن حڪمرانن ڏانهن آهي، جيڪي هن ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ساڻس شديد پيار ڪن ٿا. ميان نور محمد ڪلهوڙي هن ڪتاب جو اصل متن فارسيءَ ۾ لکيو هو، اهو متن جناب پير حسام الدين شاهه راشديءَ کي شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي جي ڪتبخاني مان مليو، جڏهن ته هن ڪتاب جو ٻيون نسخو پير صاحب جن وٽ موجود ه هو. پير صاحب انهن ٻنهي نسخن کي ڀيٽي نئون نسخو تيار ڪيو.
1955ع ۾ بورڊ طرفان سنڌ جي جامع تاريخ گڏ ڪري ڇپائڻ جو فيصلو ٿيو، ته هن ”وصيتنامي“ کي به ترجيحي بنيادن تي رکيو ويو. نتيجي ۾ 1964ع ۾ ڪتاب جو پهريون فارسي ڇاپو پريس مان شايع ڪيو ويو. ”منشور الوصيت“ جي اهميت کي ڄاڻيندي ان جو سنڌي ترجمو نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڪيو جنهن کي مسٽر يعقوب علي زرداريءَ ڪراچي ۾ سڏايل ”ڪلهوڙا سيمينار“ جي موقعي تي ”ڪلهوڙا سيمينار ڪميٽي“ طرفان 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سيمينار جي منتظمين طرفان انهيءَ ڇاپي جون ٿوريون ڪاپيون ڇپايون ويون هيون، جنهن ڪري عام پڙهندڙ سميت باقي علمي، ادبي ۽ تاريخي ذوق رکندڙ حلقن تائين ڪتاب پهچي نه سگهيو. اهڙن حلقن مان هن ڪتاب جي نئين سنڌي ڇاپي شايع ڪرڻ جي وقت بوقت گهرُ به ٿيندي رهي، پر اُن ڏس ۾ ٻي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ضروري سمجهيو، ته هن ڪتاب جو سنڌي ڇاپو سُڌار ۽ سنوار سان ٻيهر پڌرو ڪيو وڃي. الله سائينءَ جا لک احسان جو هن سنڌي ڇاپي جي شايع ڪرڻ جو ڪُڻو بنده ناچيز جي نالي تي نڪتو ۽ ڇاپي کي نئين سر مترجم ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ کان چيڪ ڪرائي شايع ڪرايو آهي. اُميد آهي، ته اسان جي هن محنت کي پڙهندڙ دوستن پاران مانائتي موٽ ملندي.
انعام الله شيخ
شيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو
اربع 11- رجب المرجب 1426هه
بمطابق 17- آگسٽ 2005
جڏهن (نادري لشڪر) مغل سنڌ ۾ رهيا، ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ۽ قهر، ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون، جتي ڪو ڀلو گهوڙو ٿـَـي ٻـُـڌائون، اُتي پهچي ان کان اهو گهوڙو کسيائون ٿـَـي، ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي انهن سان ڪنهن به طرح پڄي نه ٿي سگهيو، اهڙيءَ ريت ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار، شال يا چانور ۽ سٺو ڪپڙو هو، ته اهي به زوري ٿـــَــي ڦريائون.
سيد محمد بلگرامي
(تبصرة الناظرين)
مترجم طرفان پيش لفظ
بسم الله الرحمـٰـن الرحيم
الحمدلله رب العالمين والصلواة والسلام عليٰ سيد المرسلين و عليٰ آلہ و اصحابہ اجمعين.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا خاندان ۽ سندس دؤر حڪومت کي اهم حيثيت حاصل آهي، ميان آدم شاهه کان وٺي ميان الياس، ميان شاهل محمد، ميان نصير محمد، ميان دين محمد، ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد تائين سندن خاندان اهم حيثيت سان اڀريو، اسريو، نسريو ۽ وڌيو ويجهيو ۽ تاريخ ۾ اڻ مٽ نقش يادگار ڇڏيا، البت ميان نور محمد کانپوءِ ڪلهوڙا دؤر حڪومت جو سج لڙڻ لڳو، پوين حڪمرانن مان ميان محمد مرادياب، ميان غلام شاهه، ميان عطر خان، ميان محمد سرفراز، ميان محمود، ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي هڪ ٻئي جي پٺيان لاڳيتو حڪومت کي تڪڙيون قلابازيون کارائي، ڪلهوڙا راڄ جو خاتمو آندو.
ڪلهوڙا حڪمرانن ۾ ميان نور محمد علم دوست ۽ خوش قسمت بادشاهه هو، سندس دؤر ۾ سنڌ جي صديون اڳ ختم ٿيل وحدت بحال ٿي، اتر، وچولو، لاڙ توڙي ڪاڇو ۽ ٿر هڪ مرڪز تحت گڏ ٿيا، ميان نور محمد ڪلهوڙو هڪ طرف انتهائي ڀاڳ ۽ بخت جو صاحب هو، ته ٻئي پاسي کيس نادر شاهه جي قهر ۽ ابداليءَ جي ارهه زورائيءَ کي به منهن ڏيڻو پيو، تاريخ جي هن سڄي وهڪري ۾ ميان نور محمد جي پنهنجي پيءُ وانگر شخصيت قداور ۽ نشانبر رهي آهي. ميان صاحب پنهنجي ملڪ جي دل وجان سان خدمت ڪئي. ملڪ مان اندروني شورشون ختم ڪري، امن امان قائم ڪيو، چوري، ڦرلٽ جي فضا کي ٻنجو ڏئي ملڪ ۾ پوکي راهي ۽ واپار کي زور وٺايو ۽ واهه کوٽايا، ميان صاحب علم ادب جي به قدرداني ڪئي. جيتوڻيڪ ان وقت دفتري ٻولي فارسي هئي، پر اهو ئي دؤر سنڌي ٻوليءَ جي اسرڻ نسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جو سونهري دؤر ليکيو وڃي ٿو.
ميان نور محمد وڏي ڄمار ۾ 35 سال حڪمراني ڪرڻ ۽ زماني جي انقلاب جا مختلف منظر ڏسڻ کانپوءِ سرڪات ڪورهر رياست جيسلمير ۾ تاريخ 12 صفر سنه 1167 هجري (9- ڊسمبر 1753ع) ۾ خناق جي مرض سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه شاهپور جهانيان جي ويجهو سندس نسبت سان ”ميان جا قبا“ قبرستان، تعلقي دولتپور صفن ضلعي نوابشاهه - سنڌ ۾ موجود آهي.
ميان نور محمد ڪلهوڙي ٽي ڪتاب يادگار ڇڏيا آهن. هڪ ”نادر نامہ “ هيءُ ڪتاب فارسي نظم ۾، حافظ محمود شيراني جي ڪتب خاني ۾ هو. ٻيو ”حـُـسن اداي انتخاب“ . هن ڪتاب ۾ ميان نور محمد جدا جدا ڪتابن مان سهڻا سهڻا گفتا ۽ نقطا چونڊي، پڙهندڙن واسطي مرتب ڪيا آهن ۽ محترم استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”باقيات از احوال ڪلهوڙه“ ڪتاب ۾ ڪلهوڙا نيشنل سيمينار 1996ع ۾ ڇپرايو آهي ۽ ٽيون ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ شامل آهي.
”منشور الوصيت“ فارسي نثر ۾ سنه 1163هه جو لکيل موجود آهي، شايد ان جي تياري خدا آباد ۾ ٿي. منشور الوصيت سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1964ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.
ميان نور محمد ڪلهوڙو پنهنجي دؤر ۾ هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، جن نازڪ حالتن سان کيس ۽ سندس اولاد کي سڄي ڄمار واسطو پوندو رهيو، سي فولادي عزم رکڻ وارن ماڻهن کي به متزلزل ۽ هراسان بنائڻ لاءِ ڪافي هئا، ليڪن هنن ٻنهي پيءُ ۽ پٽن طرح طرح جي مشڪلاتن جي اونداهيءَ مان پنهنجي لاءِ عمل جي راهه پيدا ڪئي ۽ پنهنجي عزيز وطن جون اهي خدمتون ڪيون جن جو مثال صدين جي تاريخ ۾ نٿو ملي، انهن خدمتن لاءِ صبر ۽ تحمل، تدبر ۽ ڏاهپ، جرئت ۽ شجاعت ۽ انتظامي مهارت کانسواءِ هن ڳالهه جي به ضرورت هئي ته هڪ هڪ واقعي جي پڇاڙي ۽ نتيجي تي نظر رکي وڃي ها، ميان يار محمد وانگي، ميان نور محمد خان ۾ به اهي وصفون اتم درجي جون موجود هيون.(1)
ميان نور محمد وڏو داناء ماڻهو هو، جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ته ميان صاحب هڪ منصوبو ٺاهيو ته نادر شاهه سان مقابلو معنيٰ سنڌ کي باهه ڏيڻ برابر آهي. نادر شاهه سان لڙائي ڪرڻ معنيٰ پاڻ کي برباد ۽ تباهه ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هن سوچيو ته نادر کي رُلائي رُلائي، ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائجي. هن اناج جا سمورا ذخيرا لڪائي ڇڏيا. نتيجو اهو نڪتو جو نادر پويان ميان صاحب اڳيان، ميان صاحب ٿر منهن ڪيو ۽ عمر ڪوٽ وڃي نڪتو. مگر نادر به نادر هو جيڪو ميان صاحب جي پٺيان هلندو عمرڪوٽ پهتو. عمرڪوٽ ۾ ميان صاحب نادر وٽ پيش پيو. ميان صاحب ۽ نادر شاهه جو پاڻ ۾ جيڪو گفتگو ٿيو تنهن ۾ نادر، ميان صاحب کان پڇيو ته ”ٻڌو اٿم ته تو وٽ قيمتي لعل آهي!“ ميان صاحب چيو ته: ”مون وٽ ٻه لعل آهن. هڪ اٽو ۽ ٻيو گيهه. جنهن وٽ اهي ٻه شيون هونديون آهن، تن وٽ ڪا به کوٽ نه هوندي آهي.“ نادر شاهه ڏاڍو متاثر ٿيو، جيڪو ٿيڻ کپندوهو، اهو نه ٿيو، بلڪه تمام گهٽ نقصان ٿيو. (2)
دنيا ۾ گهڻائي اڪابر ٿي گذريا آهن، جن وصيت ناما لکيا، انهن ۾ عالم ۽ صالح به آهن، ته فوجي ۽ سياسي مدبر به آهن. ڪلهوڙا خاندان مان ميان نور محمد خان جهڙيءَ طرح سلطنت جي وسعت، حڪمراني جي شان، عظمت ۽ جلال جي لحاظ کان يگانو آهي، اهڙيءَ طرح اهو ئي اڪيلو شخص آهي، جنهن پنهنجي فرزندن لاءِ هڪ مفصل وصيت نامو، ان زماني ۾ مرتب ڪيو، جڏهن نادر شاهه قتل ٿي چڪو هو. ميان صاحب جا ٻه فرزند ايران کان آزادي حاصل ڪري اچي چڪا هئا ۽ ٽئين فرزند متعلق ڪا به خبر نه هئي، ته ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي؟
ميان صاحب جو وصيت نامو، جنهن جو نالو هن، منشور الوصيت و دستور الحڪومت، رکيو- بيان ۽ اسلوب جي اعتبار کان کڻي ايڏي بلند پايي جو هجي يا نه، ليڪن جيتريقدر ناصحاڻن نقطن جو تعلق آهي، هي وصيت نامو سچ پچ، ته هڪ وڏو قيمتي سرمايو آهي، هيءُ هڪ صاف ۽ شفاف آئينو آهي، جنهن ۾ ميان صاحب جي سيرت، مذهبي ۽ عقيدت، سياسي فڪر ۽ سڄي زندگيءَ جي تجربن کي انهن جي حقيقي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
هيءُ جيتوڻيڪ ڪنهن وڏي عالم جو وصيت نامو نه آهي، بلڪه هڪ اهڙي شخص جي تحرير آهي، جنهن هوش سنڀالڻ واري وقت کان وٺي، زندگيءَ جي آخري دم تائين ملڪ داريءَ ۾ گوناگون ڪشمڪشون ڏٺيون ۽ ظاهري طرح سموريون راتيون ۽ ڏينهن انهيءَ مشغلي ۾ بسر ڪيا، ليڪن ان جي لفظ لفظ مان خدا جي هڪ نيڪ ۽ پر خلوص بندي جي صدا بلند ٿي رهي آهي، ان ۾ نه ته ڪا پنهنجي شان ۽ شوڪت جي نمائش آهي ۽ نه مانَ ۽ مرتبي تي ڪو فخر جو احساس پيدا ٿئي ٿو، هر قدم تي پنهنجي گنهگاريءَ جو اعتراف آهي، سموريون نصيحتون ۽ وصيتون دين ۽ اخلاق تي ٻڌل آهن ۽ هر فقري مان پڙهڻ يا ٻڌڻ واري جي دل ۾ سچي اسلاميت جو جذبو بيدار ٿئي ٿو. (1)
ميان نور محمد ڪلهوڙو والد جي وفات (1131هه - 1719ع) بعد شخصي حڪومت ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف هو. سندس خيال هو ته، آءٌ پنهنجن پٽن ۽ تعلق وارن لاءِ واضح منشور تيار ڪري وڃان، ته جيئن مون کانپوءِ منهنجا پٽ اقتدار لاءِ ڇڪتاڻ ۽ رتوڇاڻ کان پاسو ڪن ۽ سنڌ جي وحدت کي بحال ۽ برقرار رکن. افسوس جو ميان نور محمد کانپوءِ سندس پٽن، پنهنجي لائق، مدبر ۽ شفيق پيءُ جي وصيت ۽ نصيحت تي عمل نه ڪيو! ان بعد ڇا ٿيو؟ اهو تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي.
بهرحال منشور الوصيت ۾ زماني شناس ۽ دورانديش حڪمران ميان نور محمد جي مثالي زندگيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو. سندس نيڪ خيالن، رٿن ۽ راين، توڙي دورانديشي ۽ ڏاهپ وارن نقطن کي ڏسي ۽ پڙهي اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته پاڻ ڪيڏو نه عالي ظرف انسان، مثالي حڪمران، دور انديش ۽ مهربان والد ۽ سنڌ جو سچو دوست هو. خدا مٿس رحمت ڪري!
منشور الوصيت، ميان نور محمد جي طويل غور و فڪر جي نتيجن، مشاهدن، تجربن، اعليٰ اخلاقي قدرن، اصولن ۽ ناصحاڻن نقطن سان ڀرپور دستور الحڪومت آهي. منشور الوصيت ۾ مقدمو، ٻٽيهه عنوان ۽ خاتمو شامل آهي. منشور ۾ الله تعاليٰ جي عبادت، رسول ڪريم صلي الله عليـه وسلم جي رسالت، عالمن ۽ صالحن سان صحبت، اهلبيت جي محنت، پدري شفقت، خير خواهي، قرآن ڪريم ۽ درود شريف جي پڙهڻ جي ترغيب، موت جي يادگيريءَ، ڪسر نفسي، سادگي، روزي ۽ نماز، ورد وظيفي، شريعت ۽ طريقت، عدل ۽ انصاف، خوف خدا، ملڪي ورهاست، مردم شناسي ۽ سياست جو پورو نقشو چٽيل آهي.
اميد ته منشور الوصيت جو سنڌي ترجمو سنڌ جي علمي ادبي دنيا ۾ هر خاص و عام کي فائدو ڏيندو ۽ پڻ سنڌ جي حڪمران طرفان لکيل تاريخ دستاويز طور يادگار رهندو.
ڪـَـر طرِيقـَـت تڪيو، شـَـريـَـعـَـت سـُـڃـَـاڻ، هـِـنئون حقيقت هير تـُـون، ماڳُ معرفت ڄاڻ، هوءِ ثابـُـوتيءَ ساڻُ، ته پـُـسڻان پالهو رهين.
(شاهه)
طالب العلم
عبدالرسول قادري
11- محرم الحرام 1426هجري
بمطابق 21- فيبروري 2005ع
ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ،
ضلعو نوابشاهه، سنڌ
(1) غلام رسول مهر ”تاريخ سنڌ“ عهد ڪلهوڙا، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد. سنه 1963ع حصو 6 جلد:1، ص. 493
(2) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”نيشنل سيمينار“ - ”تقرير واليء سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو“ .
مرتب: ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ مورو، 1991ع، ص. 11.
(1) ”تاريخ سنڌ“ ، عهد ڪلهوڙا، جلد: 1، ص. 477.
منشور الوصيت و دستور الحڪومت
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
تعارف
متن جي تياري
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو هيءُ وصيتنامو دراصل منهنجي برادر بزرگ، سيد علي محمد راشديءَ اڄ کان 33 ورهيه اڳ، 4 آگسٽ 1931ع جو، هڪ خطي بياض(1) تان خوبصورت خط ۾ نقل ڪري ڇپائڻ لاءِ تيار ڪيو هو.(2) اهو نسخو جيئن جو تيئن رکيو رهيو، نه وسيلو ٿيو، نه ڇپجي سگهيو.
سنڌي ادبي بورڊ 1955ع ۾ جڏهن تاريخ سنڌ جي اصل مواد شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان وقت انهيءَ وصيت نامي کي به فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. نظرثانيءَ جو ڪم منهنجي سپرد هو. مون ضرورت محسوس ڪئي، ته ان جو ٻيو نسخو ڳولي ڪڍجي، ته جيئن مقابلو ڪري صحيح متن تيار ڪيو وڃي، چنانچه ڳولا ڪندي مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾، مير ڪرم علي خان ٽالپر واليءَ سنڌ (وفات: ڊسمبر 1828ع جي خاص ڪتبخاني جو آواره نسخو ملي ويو، جنهن جي ترقيمه جي عبارت هيءَ آهي.
”ختم شد، اين نصيحت نامه نور محمد خان عباسي ، بموجب ارشاد قيصر شان،بندگان مير بي نظير عالي ضمير، ولا تدبير، خان ذي شان، سمو المڪان، نذير کرده حضرت شاهه مردان، شير يزدان، مير صاحب والا مناقب، مير ڪرم علي خان مدظله العالي
از دست
فقير سيد مهر علي بتاريخ بيست و ششم ماهه جمادي الثاني سن 1208هه
صورت تمام يافت.“
انهيءَ نسخي مهيا ٿيڻ بعد، راشدي صاحب واري نسخي کي اساس بڻائي، ڀيٽا ڪئي وئي، ڪتاب جون چڪون البت اڪيچار هيون، ليڪن اهم اختلاف ٿورا نڪتا، بهرحال جيڪي اختلاف نظر انداز ڪرڻ جي قابل نه سمجهيا ويا، انهن کي (گ) جي علامت سان حاشيي ۾ ڏيئي موجود متن تيار ڪيو ويو.
اهميت:
هن وصيت نامي کي تاريخي نقطي نگاهه کان وڏي اهميت آهي. پڙهندڙ کي انهيءَ منشور مان هيٺيون مصالحو مهيا ٿئي ٿو:
(1) انهيءَ زماني جا سياسي خواهه سماجي، حالات، ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ ميان صاحب جون ڪيل نصيحتون.
(2) ميان صاحب جي خود پنهنجي مزاج ۽ طبعيت جو ميل ۽ لاڙو.
(3) حڪمرانيءَ جي نظام لاءِ سندس ٺاهيل بنيادي اصول.
(4) ڪلهوڙن جي رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ، لٽي ڪپڙي ۽ عام اٿيءَ ويٺيءَ جي چٽي تصوير، مثلاً: عبادت ۽ وظيفي ڏانهن رغبت، قيلولو ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ، پرهيزگاريءَ ۽ طهارت کي زندگيءَ جو جزو بنائڻ، سخاوت، خيرات، محتاج نوازي، ساداتن جي خبرگيري، ڪلام مجيد جي تلاوت سان شغف، ”سيفي ۽ حزب البحر“ جي وظيفي جو رواج، صلوات شريف جو ورد، عالمن ۽ صالحن سان سلوڪ، محبت ۽ انهن جي صحبت ڏانهن ميل، شريفن جي رضامنديءَ ڏانهن رغبت ۽ رذيلن کان پاسو ۽ پرهيز، استقلال ۽ همٿ، فروتني ۽ ڪسر نفسي، هر ڪنهن سان نياز ۽ نوڙت.
(5) ميڙ منٿ، يعني قرآن مٿي تي کڻي، سيدن کي ساڻ ڪري هلڻ جو رواج، جيڪو اڄ تائين سنڌ ۾ هليو اچي. سو ڀانئجي ٿو، ته انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيو هو ۽ انهيءَ جو ڪارڻ شايد اهو ٿيو جو سنڌ جا ماڻهو، مغلن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ۽ نااميديءَ ۽ نراسائيءَ ۾ ڏيڍ صدي گذارڻ سبب، خود اعتمادي وڃائي ويٺا هئا، ۽ احساس ڪمتري منجهن انهيءَ حد تائين گهر ڪري چڪي هئي جو پنهنجن تائين پهچي انصاف حاصل ڪرڻ به کين اڻائو ٿي لڳو. مغلن جي ڌاريءَ دربار کين ايترو پري رکيو هو جو پنهنجن وٽ به تنها وڃڻ جي کين جرئت ڪا نه ٿيندي هئي، تنهن ڪري قرآن مجيد ۽ ساداتن جي سهاري تي پهچڻ جو طريقو ماڻهن کي آسان لڳو جو ڪلهوڙا مذهبي ماڻهو هئا، سيد ۽ ساک جي کين وڏي ساڃهه هئي.
(6) مقدمن ۾ بهر صورت انصاف ڏيڻ ڪلهوڙن جو اڻٽر اصول هو، انهيءَ ڪري ميان صاحب بار بار پنهنجن کي تاڪيد ڪيو آهي. انصاف ڪندي هٿن پيرن وڍڻ واريءَ سزا جي ميان صاحب سخت ممانعت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته حق ۽ ناحق جو پتو تمام دير سان پوي ٿو، ممڪن آهي، ڪنهن انسان جي عضوي کي اجايو کاري وجهجي.
(7) باهمي محبت ۽ هم آهنگيءَ سان رهڻ جو پڻ ميان صاحب اولاد کي بار بار تاڪيد ڪيو آهي، ليڪن افسوس جو سندس اکين ٻوٽڻ بعد سندن پويان انهيءَ تي عمل ڪري ڪو نه سگهيا ۽ نتيجو اهو نڪتو جو پاڻ ۾ وڙهي، نيٺ حڪومت وڃائي ويٺا.
(8) ڪلهوڙا سيد ميران محمد جونپوريءَ جا مريد هئا، معلوم ٿئي ٿو ته ڄام نظام الدين سمي جي دؤر کان وٺي ڪلهوڙن جي عهد تائين مهدوي طريقي جو سنڌ اندر ڪافي رواج رهيو، ٽالپر جي دؤر ۾انهي سلسلي کي نقصان پهتو.
(9) سڀ کان اهم معلومات، وصيتنامي منجهان، ملڪ جي ورهاست متعلق حاصل ٿئي ٿي. ڪهڙا پرڳڻا ڪنهن جي حوالي هئا، اهو پتو هن مان پوي ٿو.
(10) نادر شاهه جي فتني متعلق ميان صاحب جا جذبات (”سفاڪ ناپاڪ“ ) وغيره.
(11) هن وصيتنامي منجهان ئي اسان کي اها خبر پئي آهي ته سنڌ جو قومي ڪتبخانو نادر شاهه لٽي کڻي ويو هو.(1)
(12) نادر شاهه ميان صاحب جا پٽ يرغمال ڪري ايران وٺي ويو هو. محمد مرادياب کي جنهن نموني سان ميان صاحب مرحوم وصيت ۾ مختلف جاين تي ياد ڪيو آهي، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو، ته کيس ڪيتري قدر اولاد سان محبت هئي!
(13) محصول ۽ انهن جي اڳاڙڻ جا قاعدا ۽ طريقا پڻ هن وصيتنامي مان معلوم ٿين ٿا. ميان صاحب وڏي شدمد سان خـَـسري وغيره ۾ صحيح انگن اکرن لکڻ تي زور ڏنو آهي ۽ پنهنجي اولاد کي دفتري مـُـنشين جي چالاڪين کان آگاهه ڪيو اٿس.
(14) قلات جي بروهين، شڪارپور جي دائود پوٽن، دهليءَ جي مغلن، اڀي جي فقيرن ۽ سيويءَ ۽ گنجابي متعلق جيڪا پاليسي ميان صاحب مقرر ڪئي هئي، ان جو پڻ پتو پوي ٿو.
تاليف:
وصيتنامي ۾ تاريخ لکيل ڪا نه آهي، ليڪن متن پڙهندي معلوم ٿئي ٿو، ته سال 62-1163هه ڌاري لکيو ويو، جنهن جا دليل هي آهن:
(الف) محمد مرادياب ايران مان اڃا واپس نه آيو هو، جو اها وصيت لکي ويئي. غلام شاهه ۽ عطر خان ڀانئجي ٿو، واپس پهچي چڪا هئا. پويان ٻيئي صاحبزادا سنه 1162هه (1749ع ) ۾ وطن پهتا، ۽ محمد مرادياب سنه 1164هه ۾ آيو. انهيءَ مان اهو ئي نتيجو نڪري ٿو، ته ميان صاحب وصيت سنه 1162هه کانپوءِ ۽ سنه 1164هه کان اڳ لکي.
(ب) وصيت ۾ شيخ غلام محمد ۽ سندس ڀاءُ شيخ شڪرالله جو ذڪر آيو آهي. اهڙيءَ ريت، جو صاف ظاهر پيو ٿئي، ته شيخ غلام محمد، جيڪو ايران مان ميان محمد مرادياب خان سان گڏيو ٿي آيو، ان جي شهيد ٿيڻ جي خبر اڃا مسقط مان هتي ڪا نه پهتي هئي.
شيخ غلام محمد جڏهن مسقط پهتو، ته کيس سنه 1163هه ۾ ڪنهن خنجر هڻي ماري وڌو، بقول صاحب ”تحفة الڪرام“ (1) جي، ته اها خبر سنه 1163هه ۾ هتي پهتي. انهيءَ مان واضح ٿيو، ته ميان غلام شاهه ۽ ميان عطر خان جي اچڻ (1162هه) کانپوءِ ۽ شيخ غلام محمد جي شهادت واريءَ خبر پهچڻ (1163هه) کان اڳ اها وصيت قلمبند ڪئي وئي.
ضميما
ڪلهوڙن جي دور تاريخ تي جيتوڻيڪ سنڌي ادبي بورڊ ٻن جلدن ۾ مفصل تاريخ لکرائي آهي. (1) تاهم پنهنجيءَ جاءِ تي هن ڳالهه جي ضرورت قائم آهي، ته انهيءَ دور تي جيڪو تاريخي مواد هٿ اچي، سو اصلي صورت ۾ ڇپائي محفوظ ڪري ڇڏجي، ته جيئن آئندهه جي لکندڙن کي ڳولا ڦولا جي زحمت سهڻي نه پوي.
هن وصيت جي آخر ۾، انهيءَ جي مد نظر، هيٺينءَ ريت اٺ ضميما شامل ڪيا ويا آهن:
1. جهوڪ واريءَ جنگ متعلق ٽي خط
شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت (1130هه) جو سانحو، ٻارهين صديءَ جي ابتدائي دور جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي. انهيءَ ظالماڻي ڪارروائيءَ ۾ جيڪي ڌريون مغلن سان ڪلهوڪلهي ۾ ڏيئي بيٺيون، انهن جي پيشانيءَ تان بدناميءَ جو ٽـُـڪو ۽ انهن جي دامن تان اهو خوني داغ، نه لهڻ جو آهي، نه ڌوپڻ جو. جيئن جيئن انساني عظمت ۽ فڪري آزاديءَ جو شعور پختو ٿيندو ويندو، تيئن تيئن انهيءَ ناحقي خون جو جرم ۽ ان واقعي جي سنگيني وڌندي ويندي.
اهو حادثو سنڌ اندر مغلن جي زوال واري دور ۾ ٿيو، ۽ اهو الميو تڏهن ٿيو، جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي ابتدا ٿي رهي هئي. سيوهڻ تائين ميان يار محمد ڪلهوڙي جو قبضو ٿي چڪو هو، ۽ ٺٽي واري حـصي مٿان سندس اکيون هيون .
هن ڪتاب ۾ پهريون ضميمو انهن ٽن خطن جو آهي، جي جهوڪ منجهان جنگ هلندي لکيا ويا.
پهريون خط ميان يار محمد ڪلهوڙي جو آهي، جيڪو پنهنجي وليعهد، ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن لکيو اٿس. ٻيو خط ملتان جي صوبيدار سيد حسين خان جي پٽ جي ڪارنامن متعلق آهي، جي هن جهوڪ واريءَ جنگ ۾ سر انجام ڏنا، ٽيون خط آهي ميران سنگهه کتريءَ جو جيڪو پڻ جنگ جي ميدان مان لکيو ويو آهي.
اهي ٽيئي خط جنگ جي حقيقت، مغلن جي نيت ۽ واقعي جي نوعيت تي تفصيلي روشني وجهن ٿا، جنگ جو سٽاءُ ڪيئن ٿيو، ڪهڙي ريت مقابلا ۽ مجادلا ٿيا، ڪهڙن ماڻهن ڪهڙو نمايان ڪم ڪيو، ڪيستائين جنگ هلي، ۽ ڪيئن انهيءَ حادثي جو انجام ۽ اختتام ٿيو؟
هنن خطن ۾ جيڪو ڪجهه بيان ٿيل آهي، سو ٻيءَ ڪنهن تاريخ يا تحرير ۾ موجود ڪو نه آهي: گويا اهي ٽيئي خط آهن جيڪي جهوڪ واري حادثي متعلق اکين ڏٺو، صحيح ۽ سچو احوال ٻڌائين ٿا.(1)
اهي خط ٻن خطي بياضن تان ورتا ويا آهن. جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملڪيت آهن ۽ پهريون دفعو شايع ٿي رهيا آهن.
2. مڪاتيب انندرام ”مخلص“
محمد شاهه جي وزيراعظم قمر الدين خان اعتماد الدوله جي وڪيل، راءِ رايان انند رام ”مخلص“ (1111هه / 1164ع) جا چار خط شايع ڪيا وڃن ٿا، جيڪي هن ميان نور محمد ۽ سندس پرڏيهي وزير سيد لطف الله عرف مير متاري ڏانهن، سندس لکيل خطن جي جواب ۾ موڪليا آهن.(2) انهن خطن مان ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ مولانا غلام رسول مهر جزوي ڪم ورتو آهي، جنهن ڪري ضرورت آهي ته انهن جو پورو متن شايع ڪيو وڃي.
”مخلص“ پنهنجن خطن جو مجموعو ، ”رقعات مخلص“ جي نالي سان، پاڻ 21- ربيع الاول 1149هه ۾ مرتب ڪيو هو. پهريون دفعو اهو مجموعو، 1268هه ۾، ”انشاي انندرام“ جي عنوان سان، دهليءَ جي شمس المطابع مان (27 - شوال 1268هه / 1852ع ) شايع ٿيو، جيڪو هن وقت ناياب آهي.
هتي جيڪو متن ڏنو وڃي ٿو سو مون هڪ خطي نسخي (1) تان درست ڪيو آهي. خط جيڪي صفحي نمبر تي ايندا، هن ريت آهن:
1. هڪ خط ميان نور محمد جي نالي.
2. ٽي خط مير لطف الله جي نالي:
3. وقائع بدائع از انندرام ”مخلص“
انندرام ”مخلص“ جي ڪتاب ”وقائع بدائع“ مان اهي اقتباس ضميمي طور ڏنا ويا آهن، جن جو تعلق سنڌ سان آهي.
اهي اقتباس سنڌ اندر نادر شاهه افشار جي پيدا ڪيل فتني متعلق آهن، اهي واقعا ٻين تاريخن ۾ به آيل آهن، ليڪن انندرام ”مخلص“ جي هن لکت کي هن ڪري خاص اهميت حاصل آهي جو هو پاڻ انهن سڀني واقعن کان ذاتي طرح واقف هو. هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو هڪ عيني شاهد جي حيثيت ۾ لکيو آهي، تنهنڪري تاريخي طرح انهن اقتباسن جي افاديت مسلم آهي.
انهن اقتباسن ۾ اهو عهدنامو پڻ شامل آهي، جيڪو محمد شاهه مغل ۽ نادر شاهه افشار جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سپردگي ۽ ان جو صورتحال موجود آهي، ازان سواءِ نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه، ميان نور محمد وٽ عمرڪوٽ ۾ پهچڻ ۽ ڪيل ڦرلٽ جو دلچسپ ۽ اهم داستان پڻ انهن اقتباسن ۾ ملي ٿو.
انندرام ”مخلص“ (1) جو اهو ڪتاب ”وقائع بدائع“ تاريخ تي آهي، ڪتاب اڃا تائين شايع ڪونه ٿيو آهي. مولانا محمد شفيع مرحوم ان جا چند اقتباس، ”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ ۾(2) مختلف نسخن تان ڀيٽي شايع ڪيا هئا. هتي ڏنل اقتباس انهيءَ شايع ٿيل حـصي تان ورتا ويا آهن. انهن تي جيڪي حاشيا آهن، تن مان گهڻا مولانا مرحوم جا آهن ۽ ڪن جو اضافو راقم الحروف به ڪيو آهي.
4. نادر نامـہ
ٻارهين صدي هجري سنڌ لاءِ سڀاڳي به هئي ۽ اَڀاڳي به. سڀاڳي ان لاءِ، ته مغلن جي ڏيڍ سئو ورهين واريءَ غلاميءَ مان سنڌ کي نجات ملي، جنهن جي پيڙا سنڌين جو ست ۽ رت سڪائي ڇڏيو هو. اَڀاڳي ان ڪري جو غيرن جي بالادستيءَ سنڌي ذهن، فڪر، معاشري ۽ معيشت ۾ جيڪي ناسور پيدا ڪيا ۽ نقصان رسايا، تن جو درمان ٿيڻ اڃا مس شروع ٿيو، ته مٿان اچي نادر افشار جو قهر ڪڙڪيو، جنهن آزاديءَ جي نئينءَ اڏاوت جا سڀئي بنياد هڪ دفعو وري لوڏي ڇڏيا.
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو اهو وڏي ۾ وڏو الميو آهي، جيڪو ميان نور محمد جي دور ۾ ٿيو، جنهن ميان صاحب جي سڀني ارادن کي ختم ۽ سندس همٿ جي سڀني بلندين کي پست ڪري ڇڏيو. ”وصيت“ ۾ نهايت دردناڪ لهجي ۾ انهيءَ واقعي جا اشارا موجود آهن.
هن چوٿين ضميمي ۾ اسين سنڌ اندر نادر جي آمد سان تعلق رکندڙ اقتباس، هڪ خطي ڪتاب ”نادر نامہ“ مان ڏيئي رهيا آهيون.
نادر شاهه جي سوانح ۽ ڪارنامن تي جيڪي ڪتاب سندس زماني ۾ يا کانئس پوءِ جي قريبي دور اندر لکيا ويا آهن انهن مان هڪ اهو ”نادر نامہ “ يا ”شه نامہ نادري“ به آهي، جنهن جو تنها خطي نسخو ڪراچيءَ جي قومي ميوزم ۾ موجود آهي. نادر شاهه تي ڪم ڪندڙن مان ڪنهن کي به انهيءَ ڪتاب جو ڏس پتو ڪونه پيو آهي، جنهنڪري ان ۾ آيل مواد اڻڇهيل آهي، ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ حصو پهريون دفعو هن ضميمي جي ذريعي عام اڳيان آندو پيو وڃي.
”نادر نامہ “ جي مصنف جو پتو ڪونه ٿو پوي، ڪتاب جي سلسلي ۾، مصنف ”در بيان ختم ڪتاب“ جي سرخيءَ هيٺ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان جا ضروري شعر هيٺ ڏجن ٿا. انهيءَ مذڪور کان وڌيڪ ڪتاب جي سلسلي ۾ ٻي ڪابه معلومات هٿ ۾ ڪانه آهي.مصنف پنهنجي دور متعلق چند شعر چئي، لکيو آهي:
ازين دور ايام ناپايدار سراسر زدي از دل اين خار خار ڪه از شعر ريزم اساسي چنان ڪه نامي برآيد بگيتي ازان بنظم يڪي داستان، شگرف ڪنم روز ڪي چند، اوقات صرف پسند آمدم زينهمه داوري همين نظم ”شه نامه، نادري“ پــس از عــهــد شـاهـان صـفـوي نــزاد
چو، آن خرو ترڪماني نزاد نڪرده ز شاهان مالڪ رقاب ڪسي پاي نامه آوري در رڪاب ستم بود کاثار آن شهر يار شود محو از صفحئه روزگار سزا وار بود او بدين گير و بست ڪه تحرير نامش ڪنم رنگ بست شود از سخن، نامه شاهان بلند شود دولت آبرو ارجمند
...............
بتڪليف خان، ثرَيا جناب خديو سرافراز مالڪ رقاب اميري ڪه باشد در اين انجمن ز فيضش مـرا ســاز و بــرگــر ســخــن
.........
سخن سنج خنا عدالت شعار ڪه باشد بددولت خراسان مدار چو از قدر داني، در اين انجمن شڪوهش در آورد روي، بمن ز فرمايش ان سپهر هنر نپوشيد مغرور انديشه سر چو از ڪارفرما ست روي، دلي نماند براه خرد مشڪلي چو زد قرعه، نظم اين داستان بنام من آن سرور راستان در اقصائي ايران بنظم سخن مرا يافت ممتاز اين انجمن
...........
بفر مائش خان ترکي نسب ڪه شد نظمه اين داستان را سبب بشاخ، قلم، گلبن، گفتگو شگفت، از سحاب نم فيض او بتحرير اين داستان شگرف اساسي بر افگندم از صوت و حـرف
.........
بعرض يڪي سال فرخنده فال سرائيدم از راستي اين مقال هماناڪه، ابياتش اندر شمار ڪم از هيفده تا به نود هزار
.........
”فردوسيءَ“ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو: هو ٽيهن سالن جي مدت ۾ سٺ هزار شعر جوڙي سگهيو ۽ هن پاڻ اهڙي نازڪ دور اندر، جنهن ۾ ڪيئي انقلاب ۽ مختلف قسم جا فتنا ۽ فساد موجود آهن، اطمينان ۽ يڪسوئي ڪنهن کي نصيب ڪون آهي، فقط چوڏهن مهينن جي مختصر عرصي اندر نوي هزار (1) شعر تصنيف ڪري ورتا.
ازين پيش در معرض ماه و سال سپهر ستمگر ندا دم مجال بدين ضابطه چارده ماه پيش نڪردم ڪنون صرف اوقات خويش
...................
الاهي چو اين نامه، دل پذير رقم ڪردم از خامه، خورده گير بسي رنج بردم بکنج، خيال ڪه اين، اختر آمد برون از وبال نه از گرم بازاري، لطف خويش ز سر منزل شهرتش پاي پيش ازين نو نياز بهار سخن بنوعي بر آورد آن انجمن ڪه آويزه، گوش هر ڪس شود ڪهن داستانها زيادش رود بيا ساقي اي ديده روشن ز تو بيا ساقي اي خانه گلشن ز تو بشڪرانه ام بخش جام نبيد ڪ ”تاريخ نادر“ بيان رَسيد پس از الف وصد چونڪه هفتاد دو نورديد اين خرگه چار تو بماه ربيع لخست اين مقال بسر برد اين ڪلڪ فرخنده فال(1)
مٿئين مذڪور مان نه مصنف جو نالو معلوم ٿئي ٿو، ۽ نه انهيءَ امير جو نالو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن جي فرمائش تي ”نادر نامہ “ تصنيف ٿيو. ايترو پتو پوي ٿو، ته شاعر اها مثنوي هڪ ترڪي نسب امير جي فرمائش تي لکي، جيڪو انهيءَ وقت خراسان جو حاڪم يا آستاندار هو. ڪتاب جو نالو ”شهنامہ نادري“ يا ”تاريخ نادر“ رکيو ويو. چوڏهن مهينن جي اندر نوي هزارن تي مشتمل اها مثنوي، ربيع الاول 1172هه ۾ مڪمل ٿي. يعني نادر شاهه جي قتل(صبح، آچر، يارهين جمادي الثاني 1160هه) کان پورا ٻارنهن ورهين پوءِ لکي ويئي، جنهن وقت نادر شاهه جا همعصر ۽ ساڻس گڏ رهندڙ امير، لشڪري، عهديدار ۽ ماڻهو موجود هئا. ۽ واقعات جا ڏسندڙ ۽ سندس دور جا عيني شاهد زندهه هئا.
ڪتاب ۾ جملي 298 صفحا آهن، ۽ هر صفحي تي 26 سٽون آهن، ڪتاب جا پهريان چند ورق کٽل آهن، خاتمي ۾ ترقيمو ڪونه آهي، جنهن مان ڪاتب جو نالو يا ڪتابت جو سال معلوم ٿئي. ڪتابت جي پڇاڙيءَ ۾ هيٺئين سٽ ڪتاب جي خط کان مختلف، بلڪ بد خط ۾ لکيل آهي:
اين ڪتاب ” نادر نامہ “ (1) از
محمد(اسد يا سليم) خان
هيٺيون پنج مهرون آهن، جن مان ٽي ڊٺل ۽ ٻه ظاهر آهن.
چوڪور مهر تي عبارت آهي:
_ الملک لا الــٰہ الا الله
الحق المبين غزنين 1184 هه
ٻيءَ بيضوي مهر جو هيءُ مضمون آهي:
_ عبده غزنين 1192هه
5. نامہءِ نغز
پنجين ضميمي ۾ ”نامہء نغز“ مان نادر شاهه جي سنڌ ۾ آمد متعلق اقتباس ڏنو ويو آهي.
مثنوي ”نامہ نغز“ ، ڪلهوڙن جي تاريخ ۾، باغ علي سنڌيءَ جي تصنيف (1155 هه) آهي ۽ رڳو اهوئي هڪ سنڌي مصنف جو لکيل ماخذ آهي، جنهن ۾ سنڌ تي نادر جي چڙهائيءَ جو نهايت مفصل ۽ چشم ديد احوال نظم ۾ ڏنو ويو آهي. انهيءَ واقعي کان علاوه به نادر شاهه متعلق منجهس تمام گهڻو مواد موجود آهي.
ڪتاب جو واحد نسخو سنڌ جي قومي ڪتبخاني [خ‌ع‌أ‌ا‌1] (1) ۾ محفوظ آهي، جنهن تان ورتل هڪ نقل سنڌي ادبي بورڊ جي ذخيري ۾ به شامل آهي.(2)
فني لحاظ کان ”نامہء نغز“ ۾ ڪابه خوبي ڪانه آهي، بلڪ سون سقمن سان ڀريل آهي - شعر بي مزي، جابجا غلط، سڪتو ۽ ٻيا منجهس اڪيچار شاعراڻا عيب اٿس- ليڪن مضمون جي لحاظ کان ڪتاب نهايت بيش قيمت آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن متعلق منجهس جيڪي ڪجهه ملي ٿو، سو ٻيءَ ڪنهن به تاريخ يا ڪتاب ۾ موجود ڪونه آهي. مواد جي اهميت، مثنويءَ ۾ آيل مضمونن جي هيٺينءَ فهرست مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. فهرست ۾ عنوانن جي سامهون شعرن جو تعداد ڏنو ويو آهي، جيئن معلوم ٿئي، ته هر مضمون جو ڪيترن شعرن ۾ احاطو ڪيو ويو آهي.
مضمونن جي فهرست
شعرن جو
تعداد
* [مــُـنڍ[
88
* اڳين بادشاهن جي تعريف ۽ بيان
110
* خدا يار خان جي سربلندي، لقب ملڻ ۽ سندس فرزندن جو احوال
10
* جامع مسجد جي تعريف جيڪا خدا يار خان خدا آباد ۾ جوڙائي
11
* خدا آباد شهر جي ساراهه، جتي خدا يار خان جي رهائش هئي ۽ اتي جي باغن جي صفت ۽ رونق
14
* شڪارگاهه جو نمونو، جتي خدا يار خان سير شڪار ڪندو هو.
64
* مڌو دائود پوٽي جي ظلم ۽ ستم جي دانهن کڻي ايندڙ فريادي ۽ ان جي داد رسيءَ لاءِ صلاح مشورو
34
* مڌو دائود پوٽي سان جنگ لاءِ بهاري فقر نامدار جو لشڪر ڪڍڻ
50
* مڌو دائود پوٽي هٿان خيري فقير جي مارجڻ جي خبر خدا يار خان کي پهچڻ
31
* خدا يار خان جو دبلي ڏانهن سپاهه موڪلڻ جتي دائود پوٽا گڏ ٿيل هئا
196
* سمهبه ۽ عزت خان دائود پوٽي جو ٺاهه لاءِ شاهه نوبهار سان گڏ خدا يار خان وٽ اچڻ ۽ ان طرفان چراغ شاهه ۽ سيد عبدالقادر جي اچڻ ڪري دائود پوٽن جو گناهه معاف ڪرڻ
22
* عبدالله خان بروهي جو احوال، جنهن ديرو حاجي خان لٽيو هو
50
* عبدالله خان بروهيءَ جو شاهه محمد بلوچ سان گڏ ديري حاجي خان ڏي لشڪر وٺي وڃڻ
75
*عبدالله خان بروهي جو مراد فقير سان جنگ لاءِ سيوي ڏانهن لشڪر روانو ڪرڻ
75
* ٻنهي لشڪرن جو ميدان جنگ ۾ مقابلو، بهاري فقير هٿان عبدالله خان جو مارجڻ
251
* ڪتاب ڪهڙي مند ۾ شروع ڪيم
12
* محمود شاهه قنڌار جي سردار جو احوال
16
* محمود شاهه واليء ملڪ قنڌار طرفان خواب ۾ ايران جي فتح جي خوشخبري لهڻ
92
* محمود شاهه افغان واليء ملڪ قنڌار کي ايران جي تخت نشيني جي بشارت
41
* شاهه اشرف جو خاران اچڻ ۽ پريزبان سان ملاقات جو احوال
49
* نادر شاهه جو اردبيل ۾ اچڻ ۽ طاقت ظاهر ٿيڻ ۽ شاهه عباس کي گهرائڻ
69
* اصفهان ۾ نادر شاهه جو تخت تي ويهڻ ۽ قنڌار ڏي لشڪر سازي ڪرڻ
54
* حسين خان واليء قنڌار جو نادر شاهه جي لشڪر ۾ راتاهو هڻڻ
81
* نادر شاهه جو هندستان طرف ڪاهڻ جو دلي ارادو ۽ حسين خان کان گس جي معلومات وٺڻ
156
* نادر شاهه جو اميرن سان هندستان تي حملي ڪرڻ بابت مشورو ڪرڻ
19
* نادر شاهه واليء ملڪ ايران جو محمد خان ترڪان هٿان بکر رستي هندستان جي بادشاهه محمد شاهه ڏي خط لکڻ ۽ ان جو سخت جواب ڏيڻ
53
* نادر شاهه طرفان محمد خان جو واليء هندستان محمد شاهه وٽ پهچڻ ۽ ان جو جواب ڏيڻ
98
* نادر شاهه واليء ايران طرفان قنڌار مان ڪابل رستي هندستان ڏي لشڪر ڪشي ڪرڻ
29
* نادر شاهه جي هندستان روانگي، ناصر خان جو لڙڻ ۽ گرفتار ٿيڻ
70
* بهادر خان جي پٺيان لشڪر ڪڍڻ
2
* ڪرمان شهر جي ويجهو نادر شاهه طرفان مجلس سينگاري واليء هندستان محمد شاهه ڏانهن فوج جي تياري ڪرڻ
20
* محمد شاهه طرفان به پنهنجن اميرن وزيرن سان صلاح مشورو ڪرڻ، جواب ڏيڻ ۽ جنگ جي تياري خان دوران طرفان ڪرڻ
16
* خان دوران طرفان نادر شاهه سان سپاهه سازي ڪرڻ ۽ هندستان جي اميرن سان فريب(؟) ڪرڻ
47
* محمد شاهه جو خان دوران کي هيرا جواهر ۽ خزانو ڏيڻ
37
* نادر شاهه ۽ خان دوران جو ميدان جنگ ۾ صف آرا ٿيڻ
60
* نادر شاهه ۽ دهلي جي سلطان وچ ۾ لڙائي ٿيڻ
167
* شير خان ايرانيءَ جي خان دوران سان لڙائي ۽ خان دوران هٿان مارجڻ
417
* خان دوران جي ڀاءُ مظفر علي ۽ بادشاهه جي ڀائٽي امير قلي خان وچ ۾ مهاڏو اٽڪائڻ ۽ مظفر علي جو قلي هٿان مارجڻ
144
* سج لهڻ مهل جنگ مان لشڪر جو آرام ۽ ننڊ لاءِ آرامگاهه ۾ اچڻ ۽ نادر شاهه طرفان الله جي دربار ۾ زاري ڪرڻ ۽ ڪاميابي لاءِ دعا گهرڻ
29
* خان دوران به جنگ مان ساهي ۽ آرام لاءِ آرامگاهه ۾ آيو. نظام الملڪ ۽ قمر الدين دوکو ڪري بارود کي باهه ڏيارڻ ۽ خان دوران جو ان باهه ۾ وڃڻ
61
* نادر شاهه ايراني ۽ محمد شاهه دهلويءَ جو اچڻ، خان دوران جي مرڻ جي اندوهناڪ خبر ٻڌي، سعد الله خان توپ خاني جي داروغي ۽ فولاد خان ڪوٽوال جو پشيمان ٿيڻ
49
* نادر شاهه جو محمد شاهه واليء هندستان کان خزانو، هيرا جواهر، شاهاڻو مال متاع طلب ڪرڻ ۽ انهن مان چونڊ ڪري سڀ شيون پنهنجي هٿ ۾ رکڻ
51
*نادر شاهه واليء ايران جو پنهنجي پٽ کي هندستان فتح ٿيڻ جو خط لکڻ ۽ ان ڏي هيرا جواهر ۽ خزانو موڪلڻ
87
* نادر شاهه طرفان محمد خان بنگش بنگال واري ڏي خط موڪلڻ ۽ ان جي طرفان معافي گهرڻ
27
* نادر شاهه جو محمد شاهه کي گرفتار ڪرڻ ۽ هندستاني اميرن کي قيد ڪرڻ
11
* نادر شاهه طرفان سنڌ جي سالار ڏانهن وڃڻ جو ارادو ۽ ميان نور محمد عباسي واليء سنڌ جي وڪيل مير متاري کان حقيقت ۽ احوال پڇڻ
62
* اُن مصيبت واريءَ خبر جو ميرمتاري هٿان خدا يار خان(نور محمد) کي پهچڻ ۽ نادر شاهه جي وڪيل محمد علي بيگ طرفان درياءَ جي ويجهو واليء سنڌ(ميان نور محمد) خدا يار خان، نادر شاهه وٽ پيش ٿيڻ يا اچڻ جو نياپو ملڻ
30
* (ميان نور محمد)خدا يار خان واليء سنڌ پنهنجن اميرن وزيرن جي مجلس سينگاري، نادر شاهه کي وڪيل محمد علي بيگ کي گهرائي ۽ نادر شاهه جي نياپي جو جواب ڏيڻ
87
* نادر شاهه جو اٽڪ وٽ خدا يار خان تي سخت ڪاوڙجڻ ۽ وڪيل محمد علي بيگ کان ڪلهوڙن جي لشڪر جو حال احوال پڇڻ
73
* خدا يار خان جو پنهنجي پٽ غلام شاهه کي پنهنجي وڪيل مير متاري سان گڏ سفير ڪري نادر شاهه ڏانهن موڪلڻ
26
* غلام شاهه ۽ مير متاري جو نادر شاهه وٽ پهچڻ، حقيقت حال ٻڌائڻ ۽ (نادر شاه) جو جواب ڏيڻ
63
* خدا يار خان جي پوئتي رهيل ماڇين جي لشڪر جي شهدادپور ويجهو نادر شاهه سان لڙائي
30
* خدا يار خان جي پوئتي رهيل مهيرين جي لشڪر جي داليءَ ۾ نادر شاهه جي لشڪر سان جنگ
16
* ميان نور محمد جو پنهنجي پٽ غلام شاهه طرفان نادر شاهه جو داستان سڻڻ، ميان صاحب طرفان ان جو جواب ڏيڻ ۽ باهو خان کي(نادر شاهه ڏي) موڪلڻ
55
* خدا يار خان جو نادر شاهه وٽ اچڻ ۽ پنهنجي طرفان عذر پيش ڪرڻ ۽ نادر شاهه جو ان کي معاف ڪرڻ
38
* نادر شاهه جو عمرڪوٽ کان لاڙڪاڻي طرف وڃڻ جو ارادو ۽ خدا يار خان کي پاڻ سان گڏ آڻڻ ۽ سنڌ ملڪ کيس موٽائي ڏيڻ
44
* نادر شاهه سان (تاوان ۾ خدا يار خان جي ٻن پٽن) محمد مرادياب ۽ غلام شاهه جو خراسان وڃڻ
78
* نادر شاهه جو سيري ۽ ڍاڍر رستي ملڪ ايران وڃڻ جو ارادو ۽ محمد مرادياب ۽ غلام شاهه جن جو به ساڻس گڏ وڃڻ.
43
* نادر شاهه جي مرڻ جو واقعو.
134
* ايران جي بادشاهه نادر شاهه جي تاريخ وفات ۽ ان جو احوال
31
* ]حمد ۽ وڌيڪ داستان جي شروعات[
12
*]ڪانجي جنگ جو داستان[
22
*تاجن منڌري جو خدا يار خان جي ملڪ مان ڪانجي طرف ڀڄي وڃڻ
32
* خدا يار خان جو مير شاهوءَ کي سفير ڪري ڪانجي طرف موڪلڻ ۽ ان کي جواب ڏيڻ
38
* مير شاهوءَ جو ڪانجي وٽ اچڻ، گفتگو ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ
28
* خدا يار خان وٽ مير شاهوءَ جو موٽي اچڻ ۽ ڪانجي جي حقيقت ٻڌائڻ
10
* خدا يار خان جو ڪانجي جنگ لاءِ لشڪر تيار ڪرڻ، ڪانجيءَ جو ماڇين جي سرحد ۾ هجڻ
45
* ڪانجيءَ کي خدا يار خان جي لشڪر اچڻ جي خبر ملڻ
40
*خدا يار خان جو پنهنجن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪرڻ ۽ کاهي کوٽڻ
89
* تاجن منڌري ۽ مسو سامٽئي جي لڙائي جو احوال
56
* خدا يار خان جو ڪانجيءَ کي قيد ڪري، فتح ۽ ڪاميابي سان خدا آباد ڏي موٽڻ جو ارادو
124
* خدا يار خان جو تاجن منڌري تي ڪاوڙ ڪرڻ جو خط بهاري نامدار ڏي لکڻ
57
* آسمان جي رنگارنگي(دنيا جو انقلاب)
12
* نادر شاهه جي وفات
240
* خدا يار خان جي ڪانجي ڪافر سان لڙائي ۽ ڪاميابي
76
* ]حمد[
12
* پنهنجو ضمير خوش ڪرڻ
23
* افغان جي شاهه جو غزني ۽ ڪابل رستي هندستان طرف لشڪر تيار ڪرڻ
59
* احمد شاهه افغان جو هندستان جي بادشاهه ڏي خط لکڻ ۽ پيسن، سون ۽ مال ملڪيت جي گــُـهر ڪرڻ
61
* دهليءَ جي بادشاهه کي خط پهچڻ، سون، مال ملڪيت کان جواب ڏيڻ ۽ احمد شاهه افغان شهزادي جو لشڪر تيار ڪرڻ
50
* دهليءَ جي بادشاهه جو پنهنجي پٽ کي طلبي صلاح مصلحت ڪرڻ، افغان جي بادشاهه ۽ لشڪر سان مهاڏي اٽڪائڻ جي واڳ ڏيڻ جو حڪم ڏيڻ
31
* دهليءَ جي بادشاهه ۽ سندس پٽ جي ان باري ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه.بادشاهه جي پٽ طرفان پيءُ طرفان جنگ ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ
53
* پهرين لڙائي: اورنگ شاهه طرفان احمد شاهه سان جنگ لاءِ لشڪر تيار ڪرڻ
95
* ٻي لڙائي: اورنگ شاهه شهزادي جي احمد شاهه افغان واليء قنڌار سان جنگ
318
* ٽئين لڙائي: وزير قمر الدين جو مارجي وڃڻ ۽ اسير رنگ خواجه جو ڀاڄ کائڻ، ۽ مير منور علي هٿان احمد شاهه افغان جي لشڪر جو هارائجڻ
61
* قمر الدين وزير جي پٽ منور علي خان جو جنگ تان موٽڻ،افغان لشڪر کي شڪست ڏيڻ
237
* تخت تي پيءُ طرفان شهزادي جو ويهڻ ۽ ملڪ ۾ عدل انصاف ٿيڻ
12
* احمد شاهه افغان جو ڪابل اچڻ ۽ هندستان ڏي ٻيهر لشڪر جي تياري ڪرڻ ۽ منور علي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ
21
* دهليءَ جي بادشاهه کي احمد شاهه افغان جي (ٻيهر) اچڻ جي خبر پهچڻ ۽ منور علي ۽ لاهور ڏي خط لکڻ
23
* منور علي خان جو ناصر علي سان گڏ افغان جنگ لاءِ لشڪر تيار ڪرڻ، شاهه افغان کي اها خبر ملڻ ۽ مخلص خان ڪوريءَ سان گڏ فوج ڪڍڻ ۽ هندستان جي سپاهه جو ڀڄڻ
27
* شاهه افغان طرفان قمر الدين وزير جي جنگ واسطي منور علي خان ڏي قاصد موڪلڻ
197
* خدا يار خان طرفان سفير طور ڀائي خان ڪلهوڙي کي احمد شاهه افغان ڏي موڪلڻ
138
مثنويءَ ۾ شعرن جو مجموعي تعداد 6273 آهي ، ۽ آغاز هن شعر سان ٿئي ٿو:
خدايا توئي آفريننده جان تو دانند آشڪار و نهان ز تو شادماني ز تو غم بود ز تو بر فزوني ز تو ڪم بود
خاتمي جا هي ٻه شعر آهن:
زمين را ز اسپان زنم در ستوه زم سم سوتران درم دشت و کوه عنان سپہ، گر به ايران ڪنم بلشڪر زمين ڪوه ويران ڪنم
مثنويءَ جي تڪميل ۾ مصنف کي ٽي ورهيه لڳا، 1155 هه ۾ هن جيتوڻيڪ ڪتاب مڪمل ڪيو، ليڪن چند سالن بعد تائين به ڪن واقعن جا منجهس اضافا ڪندو رهيو.
مثنويءَ ۾ نادر شاهه متعلق گهڻو ئي احوال ڏنو ويو آهي، جهڙيءَ طرح مٿينءَ فهرست مان معلوم ٿيندو،ليڪن ضميمي ۾ فقط اهو اقتباس شامل ڪيو ويو، جنهن جو تعلق سنڌ تي نادر شاهه جي ڪاهه سان آهي.
6. تبصرة الناظرين
سيد ميرمحمد،علامه مير عبدالجليل بلگراميءَ جو فرزند هو. پڻس مغلن طرفان سنڌ ۾ سال 1112هه کان 1126هه تائين وقايع نويس ٿي رهيو، ۽ پيءُ کان پوءِ ڪجهه سال سيد محمد پاڻ کي ساڳئي عهدي تي فائز رکيو. ڪلهوڙن سان ٻنهي پي - پٽن جو گهاٽو رستو هو.
”تبصرة الناظرين“ ، جنهن مان هن ڪتاب ۾ اقتباس ڏنو ويو آهي، سيد محمد جي تصنيف آهي. انهيءَ ڪتاب جو وڏو حصو سنڌ ۾ لکيو ويو. ڪتاب هڪ قسم جو روزنامچو آهي، جنهن ۾ سنه 1101هه کان سنه 1185هه تائين جا ذاتي خواهه اهم ملڪي واقعا ۽ مختلف حادثا سال وار ترتيب سان لکيا ويا آهن. معلومات جي لحاظ کان ڪتاب قيمتي ۽ نهايت ئي اهم اطلاعن جو ذخيرو آهي.
ضميمي ڇهين ۾، سال 1117هه کان وٺي سنه 1156هه تائين، فقط ڪلهوڙن سان تعلق رکندڙ واقعن کي مصنف جي قائم ڪيل ترتيب سان ڏيئي رهيا آهيون.
پڙهندڙ ڏسندا، ته ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ اندر، سنڌ ۾ ٿيل بعض نهايت ئي اهم واقعا، پهريون دفعو هن ڪتاب جي ذريعي اسان جي سامهون آيا آهن، ۽ ڪيترن ئي واقعن جو نئون رخ، بلڪ سچو پچو تفصيل اسان کي معلوم ٿئي ٿو. ڪن واقعن جون صحيح تاريخون پڻ هن ڪتاب جي طفيل مليون آهن. ساڳيءَ ريت، نادر شاهه متعلق به نئون مواد مليو آهي، خاص طرح سندس ڪارندن سنڌ ۾ رهي جيڪي ڪارناما ڪيا، انهن جو اهڙو واضح نقشو ڏنو ويو آهي جو ان کي پڙهندي، هڪ طرف ته لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو ٿي وڃي، ۽ ٻئي طرف وري بدقسمت سنڌ جي سخت جانيءَ مٿان اچرج پيو اچي، ته سنڌي قوم ڪهڙي نه مضبوط، سنگين، بهادر ۽ ڳنڀير آهي، جو اهڙن طوفانن ۽ قيامتي ماجرائن مان پار پئجي به، نه فقط اڄ تائين پنهنجيءَ جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم رهي آهي، بلڪ مستقبل جي مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ همہ وقت تيار ۽ تنومند رهي ٿي. مثلاً: نادر جي وڃڻ بعد هتي ڇڏيل سندس لشڪرن ڇا ڪيو، ان جو هڪ نقشو ملاخطه ٿئي:
”چون مغولان در سندن استقامت گرفتند، جور و اذيت و ظلم و بليت بر شهري و لشڪري بنياد نهادند. هر جا اسپي خوب مي شنيدند، چند کس در خانه رسيدي - که ناموس او دران جاست - در مي آمدند، و اسپ از انجا برميا وردند و متصرف ميشدند، ان پيچاره را يارائي آن نه که به ايشان دم مقاومت تواند زد و هم چنين شمشيري يا پارچه خوب و يا شالي که کسي نيکو داشتي بزور ميگرفتند“ . (1)
7. شيخ رحمت الله جو خط
شيخ رحمت الله، ميان عبدالنبيءَ (90 - 1196هه) جي فرزند، ميان محمد عارف جو خاص ڪاردار هو. جڏهن خاندان جي بساط اُلٽي ۽ قسمت ڦـٽي، تڏهن شيخ رحمت الله، سنڌ مان نڪري، جوڌپور جي مهاراجا وٽ وڃي منشي ٿيو.
اهو خط هن ميرزا علي بخت بهادر، محمد ظهير الدين، ”اظفري“ گورگانيءَ ڏانهن جوڌپور مان لکيو آهي، ميرزا موصوف شاهه عالم بادشاهه دهليءَ جو هم جد ۽ عالمگير جي پوٽيءَ عفت آرا بيگم جو ڏوهٽو هو. سنه 1172هه ۾ دهليءَ جي قلعي ۾ پيدا ٿيو، ۽ ٽيهه سال، لال قلعي جي سلطاني قيد ۾ رهڻ بعد، اتان چوريءَ فرار ٿي، مدراس پهتو جتي، سنه 1234هه ۾، زندگيءَ جي جنجال مان آزادي حاصل ڪري، وڃي ابد تائين آرامي ٿيو.
مرحوم اهو ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيو آهي،جنهن جا خطي نسخا لنڊن ۽ مدراس ۾ آهن، راقم الحروف جي سامهون ان جو اردو ترجمو آهي (1) ، جنهن تان خط جو سنڌي ترجمو هتي ڏنو وڃي ٿو.
انهيءَ خط ۾ افاديت فقط اها آهي جو ڪلهوڙا دؤر جي هڪ عالم جو لکيل آهي.
8. اقتباس از ماثر الامراء
صمصام الدوله شاهنواز خان، ”ماثرالامراء“ جي پهرئين جلد ۾، ميان صاحب ۽ سندس خاندان جو احوال لکيو آهي، هن آخري ضميمي اندر اسين اهو اقتباس ڏيئي رهيا آهيون.
”ماثرالامراء“ جيتوڻيڪ ڇپيل آهي، ليڪن اڻلڀ آهي، ۽ ان جو دستياب ٿيڻ محال آهي. انهيءَ ئي مد نظر تي، منجهس آيل مواد هتي ڏيئي رهيا آهيون، جيئن ڪلهوڙن جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگ ڳولا جي زحمت کان بچي پون.(2)
وڌيڪ تاريخي مواد
ڪلهوڙن جي تاريخي مواد جو هيءُ پهريون مجموعو سمجهڻ کپي، ليڪن انهيءَ عهد متعلق اڃا ڪيترا اهم ماخذ منتشر آهن، جن مان ڪي دستياب ٿيا آهن ۽ ڪن جو اڃا تائين پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي.
مهيا ٿيل ڪتابن مان هيٺيان ڪتاب فوري توجهه جي لائق آهن، اميد آهي ته سنڌي ادبي بورڊ انهن جي اشاعت لاءِ ضرور اهتمام ڪندو.
1. قصيدهء بمدح عبدالنبي
امير علي شاهه ”شائق“ ان جو مصنف آهي، منجهس ميان عبدالنبيءَ جي دؤر متعلق اهم معلومات موجود آهي.
2.نامہءِ نغز:
باغ علي ”خائف“ جي مثنوي جنهن جو اقتباس هن ڪتاب جي ضميمي نمبر - 5 ۾ ڏنو ويو آهي.(1)
3. گلدستہءِ نورس بهار:
از منشي عبدالرئوف سيوستاني، ڪلهوڙن جي سرڪاري خطن جو نهايت اهم مجموعو، جنهن کي ڪلهوڙن جي خاص منشيءَ ميان عبدالرئوف گڏ ڪيو.
4. گلدستہءِ هميشہ بهادر:
ڪلهوڙن جي خطن جو هيءُ ٻيو نادر مجموعو، ساڳئي ميان عبدالرئوف جو گڏ ڪيل آهي.
5. انشايء عطا رد:
از شيوڪ رام ”عطارد“ هن مجموعي ۾ ميان غلام شاهه، ميان سرفراز ۽ مير بجار جي دؤر جا اهم ۽ نهايت قيمتي خط آهن.
6. اسناد ۽ فرامين:
ڪلهوڙن جي جاري ڪيل پروانن، ” سندن فرمانن جي جمع آوري ۽ تصويرن ۽ وضاحتي حاشين سان انهن جي اشاعت“.
شڪر گذاري
پنهنجي معروضات کي آءٌ ختم ڪريان، تنهن کان اڳ گهران ٿو، ته شڪر گذاريءَ جي فرض کان پاڻ کي سبڪدوش ڪريان.
انهيءَ سلسلي ۾، سڀ کان پهرين آءٌ پنهنجي برادر بزرگ پير علي محمد راشديءَ جي سپاس گذاري ڪريان ٿو. ”منشور الوصيت“ جي هن نسخي خواهه ان جي تاريخي اهميت کي، اڄ کان 32 ورهيه اڳ، هن ئي محسوس ڪيو، ۽ سندس ئي تيار ڪيل نسخي تان راقم الحروف استفادو ڪري هيءُ متن تيار ڪيو.
جناب آغا بدر الدين خان درانيءَ جو به آءٌ احسانمند آهيان، جنهن صاحب حضرت مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ وٽان ”وصيت“ جو ٻيو نسخو مهيا ڪري ڏنو، جنهن ڪري متن جي تصحيح ۾ مون کي وڏي آساني ٿي پئي.
پنهنجي همڪار، مولانا اعجازالحق قدوسيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن جي رفاقت ۽ مدد منهنجي گهڻي زحمت گهٽائي ڇڏي.
خاتمہءِ ڪلام
هن مجموعي پيش ڪرڻ مان راقم الحروف جي مراد هيءَ آهي، ته هتان جا باشندا پنهنجيءَ تاريخ مان واقف ٿين، تاريخ جي گذريل دورن ۾ جيڪي بلنديون ۽ پستيون سندن سامهون آيون آهن، انهن جي اسبابن جي کين ڄاڻ پوي، ۽ انهيءَ کان زياده هيءُ ته تاريخ ۾ جيڪي سندن دوست رهيا آهن، انهن جي کين چڱيءَ پَر سڌ پوي، ۽ ماضيءَ ۾ جيڪي سندن دشمن ۽ ويري رهيا آهن، انهن کي هو اک ۾ رکن جيئن مستقبل جي حادثن ۽ نقصانن کان پاڻ بچائي سگهن. تاريخ هميشـہ پاڻ دهرائيندي آهي: تاريخ جو اهوئي دستور آهي، ۽ زماني جي اهائي چال رهي آهي.
مون کي يقين آهي ته منهنجي اها اميد ضرور پوري ٿيندي ۽ جيڪا محنت مون ڪئي آهي، اها ضرور ثاب پوندي!
جمشيد روڊ، ڪراچي حسام الدين راشدي
5 - مئي 1964ع
(1) اهو بياض مرحوم خانبهادر شاهنواز خان ڊکڻ (زميندار ڊکڻ، تعلقو ڳڙهي ياسين) جو هو، جنهن کي منشي علي بخش لکي تيار ڪيو هو، خانبهادر مرحوم منهنجي جد بزرگوار، پير شاهه مرحوم و مغفور کي ڏنو. هن وقت اهو بياض مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، خبر ناهي ته ڪڏهن واپس ملي..
(2) اهو نسخو راشدي صاحب مٿينءَ تاريخ تي پنهنجي ڳوٺ بهمڻ (ضلعو لاڙڪاڻو) ۾ لکي تيار ڪيو ۽ هن وقت راقم الحروف جي ذخيري ۾ آهي.
(1) نادر شاهه اهي ڪتاب مشهد مقدس جي رضويه ڪتبخاني ۾ وقف ڪري ڏنا، جيڪي اڃا تائين اتي موجود آهن، لشڪرن کي جيڪي ڪتاب هٿ لڳا سي ايران جي ذاتي ڪتبخانن ۾ نظر پيا اچن.
(1) ”تحفة الڪرام“ ، جلد: 3، ص. 111.
(1) تاليف - مولانا غلام رسول ”مهر“
(1) جهوڪ جي واقعي تي راقم الحروف جا ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيل مضمون پڙهڻ گهرجن.
(2) مير لطف الله عرف مير متارو ولد مير عبدالڪريم، لڪياري ساداتن مان هو، ابتدا ۾ ميان نور محمد طرفان دهلي ۾ سفير ٿي رهيو، ان کانپوءِ سنڌ جو وزيراعظم ٿيو، عالم ۽ ادب نواز هو.
”رجا“ ٺٽوي سندس وفات (1161هه) تي قطعو چيو آهي، جنهن جو تاريخي شعر آهي:
رڪه آمد بر سر قبرش، بتاريخ وفات.
حمت ايزد بجان مير لطف الله،گفت.
(مقالات الشعرا، ص. 225)
(1) اهو نسخو منهنجي ذخيري ۾ آهي، جنهن جو ترقيمه هن ريت آهي: ”اختتام الرقعات لطيف منشي انندرام قوم کتري متخلص به ”مخلص“ ، صورت اختتام يافت. درمقام ڇاوني ججهر در عهد نواب فيض محمد خان بهادر، درسنه يک هزار دو صد چهل و نه روز جمعه..... جيڻهه. 1890ع تمام شد، نوشته شاديرام.....“
(1) راءِ رايان انندرام ”مخلص“ جو شجرو هن ريت آهي:
گچپت راءِ
(ويٺل سودهره ضلع سيالڪوٽ ملازم اسد خان وزير و مير يحيٰ ذوالفقار خان بهادر)
”مـخلص“ پنهنجي ٽن پوٽن جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن سندن والد جو نالو ڪونه ڄاڻايو اٿس
(1) مصاحب سنگهه، تولد: 1149 هه
(2) هونهار(؟) نالي جي خبر نه پئي.
(3) زور آور سنگهه ”عاجز“ شاگرد ”غريب“ .
(2) ”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ ، نومبر 1949ع، فيبروري 1950ع آگسٽ 1950ع، نومبر 1950ع، ضميمو ”اورينٽل ڪاليج ميگزين“ مئي 1951ع آگسٽ 1951ع وغيره. مولانا جي پيش نظر پنجاب يونيورسٽيءَ جو نسخو هو، عليڳڙهه ۽ پٽنا جي نسخن تان به ڀيٽيل آهي..
(1) مذڪوره نسخي ۾ جملي 15382 شعر آهن.
(1) انهيءَ شعر تي ڪتاب ختم ٿئي ٿو. ڪتاب جي ابتدا هن شعر سان آهي:
جهان خيزد از جا برقص و سماع چواختر از مهر در آرد شعاع(کذا)
(1) ڪتاب جي ڪنهن به بيت ۾ اهو نالو ڪونه آهي، فقط انهيءَ جاءِ تي ڪتاب لاءِ ”نادر نامہ “ جو نالو ڪتب آندو ويو آهي. ڪتاب جي متن ۾ ٻه نالا آيا آهن : ”شه نامہ نادري“ ۽ ”تاريخ نادر“ . ”نادر نامہ “ جي عنوان سان، نادر شاهه جي احوال ۾، نظام الدين عشرت جي هڪ مثنوي آهي، جنهن جو هڪ نسخو پشاور جي پشتو اڪيڊميءَ ۾ موجود آهي، جنهن کي مصنف جي فرمائش تي، محمد علي ڪاتب، 21 - جمادي الاول، آچر ڏينهن 1169هه ۾ ٻپهريءَ جو، نقل ڪري پورو ڪيو، مثنويءَ جا پهريان ٻه بيت هي آهن:
بنام شهنشاهه اقليم بخش ستانندهء، تخت، و ديهيم بخش ڪشائندهء، مشڪلاتِ شهان پناه سري سرڪشانِ جهان
خاتمو هن شعر تي ٿيو آهي:
غمت مايہء ، عشرت من بود ڪه آتش به پروانه گلشن بود الاهي ز آغاز و انجام من سحر گاه عيدي ڪني روز من
سنڌ متعلق هن مثنويءَ ۾ ڪوبه احوال ڪونه آهي.
(1) اهو ڪتاب مرحوم عثمان علي انصاريءَ سرڪاري طرح ”سنڌي ادبي بورڊ“ لاءِ خريد ڪيو هو، ليڪن معلوم نه آهي، ته مرحوم انهيءَ جي بجاءِ ”سنڌ لائبريريءَ“ کي ڇو ڏنو.
(2) اصلي نسخي جي ڪتابت 5 - جمادي آلاخر 1166هه(19 - اپريل 1753ع) جو، ملا الهه بخش فاروقيءَ جي فرمائش تي، محمد شريف فاروقي مڪمل ڪئي، ”سنڌي ادبي بورڊ“ انهيءَ نسخي تان 1953ع ۾، مولوي اعجاز الحق قدوسيءَ کان پنهنجي ڪتبخاني لاءِ نقل تيار ڪرايو.
(1) ڏسو صفحو 154 فارسي ڇاپو
(1) ”واقعات اظفري“ اردو ترجمو مطبوعہ دانش گاهه مدراس 1937ع
(2) ”ماثرالامرا“ جو اهو اقتباس حضرت مهدي جونپوريءَ جي تاريخ، ”تواريخ الاغيار“ (مصنف سيد عيسيٰ مهدوي، حيدرآباد دکن) ۾ به ڏنو ويو آهي.
(1) غير ضروري اشعار ڇڏي، تاريخي لحاظ سان مطلب جي شعرن جو انتخاب شايع ڪرڻ کپي.
PAGE \# "'Page: '#' '" [خ‌ع‌أ‌ا‌1]
متن
منشور الوصيت
و
دستور الحڪومت
از
ميان نور محمد ڪلهوڙو واليء سنڌ
بسم الله الرحمـٰـن الرحيمo
رب يسر و تمم بالخير
]مقدمو ۽ تاليف جو سبب[
حمد ۽ ثنا خاص خالق کي جُڳائي، جو آسمانن ۽ زمينن جو پالڻهار آهي، صلواة ۽ سلام خاص منهنجي سردار کي سونهينِ، جيڪو سرور ڪائنات ۽ مفخر موجودات آهي ۽ سندن آل ۽ اصحابن تي به رحمتون هجن!
حمد ۽ صلواة کانپوءِ پيارن ۽ دوستن کي معلوم هجي، ته هن گنهگار کي - جنهن وٽ چڱن ڪمن ۽ خدا جي فرمان برداريءَ جو ڪوبه سرمايو ڪونهي - ڪي خيال پدري شفقت ۽ فرزندي محبت جي ڪري دل ۾ گذريا، ته پياري حياتي اچي پڇاڙيءَ کي پهتي آهي ۽ قيامت جون نشانيون ڏينهون ڏينهن ظاهر ٿي رهيون آهن ۽ زمانو به آخري آهي، تنهنڪري پنهنجن پٽن ۽ ڀاڳوندن کي زماني جي لاهن چاڙهن جي معلومات ڏجي ٿي، ته جيئن اهي آگاهه رهن ۽ دل کي دنيا ڪميڻي کان پاسيرو رکن ۽ بارگاهه الاهيءَ ڏانهن ڌيان ڌري توجهه ڏين.
جيتوڻيڪ مون ۾ عمل ڪونهي، پر رسول مقبول - ان تي صلواة ۽ سلام هجي! - جي فرمان موجب ”الدين نصيحة“ يعني دين نصيحت آهي، تي عمل ڪندي، خير خواهيءَ جون ڳچ نصيحت ڀريون ڳالهيون بيان ڪريان ٿو. توڙي جو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي گــُـهـر ۽ توفيق جي وس آهي. مطلب ته جيڪو به دوست گهري، ته ان نصيحت ڏانهن ڌيان ۽ لاڙو ڪري.
1. عبادت
منهنجا مرادوندؤ! هر وقت ۽ هر حال ۾ بي نياز جي بارگاهه ۾ نيازمندي ڪرڻ جڳائي ۽ اڌ رات جو عبادت لاءِ اوجاڳي جي عادت بنايو:
”دعاي نيم شبت دفع صد بلابڪند!“
مطلب، ته اڌ رات جو دعا، سؤ مصيبتون ٽاري ٿي ۽ هر وقت خلق جو خالق آگاهه ۽ بيدار آهي ته پوءِ مخلوق کي به ننڊ ڪرڻ نه جڳائي. جيڪڏهن بشريت جي تقاضا موجب ننڊ ڪجي، ته به ٿوري ۽ قيلوله (منجهند جو ٿورو آرام ۽ ننڊ ڪرڻ) سنت آهي. حق جي يادگيريءَ کان ڪوبه وقت غافل رهڻ نه گهرجي. جيئن قرآن مجيد فرقان حميد ۾ فرمايل آهي: ”من اعرض عن ذڪري فان لـہ معيشيةً ضنڪـًـا“ (1) ترجمو (جيڪو منهنجي(الله جي)ذڪر کان منهن موڙيندو، ان جو گذران تنگ ٿيندو.) تنهن ڪري ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.
جيئن نقل آهي، ته هڪ عورت مٿي تي پاڻيءَ جا ٻه ڀريل دلا کنيو، واٽ وٺيو پئي وئي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ان عورت سان ڳالهايو ٿي، ته عورت ان جي ورندي به ڏني ٿي، پر سندس سڄو ڌيان ۽ دل جو خيال ان مٿئين دلي ڏانهن هو. انسان کي به جڳائي، ته هر حال ۽ هر صورت ۾ رهي، پر دل الله تعاليٰ ڏانهن هجي. جيڪڏهن دل کي الله تعاليٰ ڏي نه ڪيائين، ته اهو ان عورت کان به گهٽ آهي.
سڀني ڀاڳوندن کي معلوم هجي، ته حضرت سرور ڪائنات مفخر موجودات (نبي) صلي الله عليہ وسلم کي خدا چوڻ نه جڳائي، ڇو ته هو الله جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي. باقي الله تعاليٰ کانسواءِ کيس جيڪي چئو، سو ٺهي ٿو: ”بقرآن ثنا گفت وي را خدا“
مطلب ته قرآن ۾ به الله تعاليٰ سندس تعريف ڪئي آهي:
”وانسب اليٰ ذاتــہ ماشئت شرف
واسب اليٰ قدره، ماشئت من عظام“
دل گـُـهـري توصيف ان جي ذات سان منسوب ڪر،
هر بزرگي ڀلي تون نذر عزت محبوب ڪر.(1)
قرآن مجيد جي تلاوت جيتري وڌيڪ ٿي سگهي، ڪريو بهتر آهي. انهيءَ کا بهتر ٻي ڪابه شيءِ نه آهي، توهان مان هر هڪ مهيني ۾ قرآن جو هڪ ختمو بنالاناغي پورو ڪري. ان کانسواءِ صلواة، قصيدا (جيئن قصيده برده وغيره) به پنهنجو وظيفو بنائجن جهڙوڪ: سيفي ۽ حزب البحر وغيره، البت هينئر هيءَ دشواري آهي، ته استاد ڪامل نه ٿو ملي ۽ وظيفي پڙهڻ جي سڀني شرطن تي عمل ڪرڻ به محال آهي. ان کانسواءِ اڪثر ماڻهو دنيا ڪميڻي جي فڪر ۾ ٻڏل ۽ حرص هوس ۾ ڦاٿل آهن، وظيفن جا شرط به پورا بجا نه ٿا آڻين. تنهنڪري نقصان جي موٽ انهن ڏانهن عائد ٿئي ٿي،پوءِ انهن جو فائدو به گهٽ ٿئي ٿو. قرآن مجيد سڄو رحمت ۽ راحت آهي، درود شريف به برحق مقبول ۽ رحمت آهي.
منهنجا نورچشمؤ! قرآن مجيد ۽ صلواة کانسواءِ ٻيا وظيفا موقوف ڪري ڇڏيو، ڇو ته جيڪڏهن ڪو هڪ ڀيرو صلواة مبارڪ پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم تي پڙهي ٿو ته، الله تعاليٰ ان مخلوق تي ڏهه ڀيرا رحمت موڪلي ٿو.
2.اهلبيت جي محبت
اهلبيت جي محبت هميشہ ۽ هر وقت هڪ جهڙي هجي، نبي صلي الله عليہ وسلم جن جي مٽن مائٽن ۽ عزيزن قريبن جي محبت فرض عين ۽ عين فرض آهي.
بجز حب ايشان نباشد نجات، ڪه حبل المتين اند درمهلڪات.
يعني اهلبيت جي محبت کانسواءِ ڇوٽڪارو ڪونهي، جو اهي مشڪل وقت ۾ الله جي مضبوط رسي آهن.
اهلبيت ۽ عالمن سڳورن جي قرب ۽ احترام ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندا رهو. هاشمي خاندان يا اهلبيت کي زڪوات ۽ صدقو ڏيڻ روا ناهي، پر جيئن ته زمانو ظهير ۽ آخري آهي. اڪثر اهلبيت به ضرورتمند ۽ محتاج آهن، ان ڪري عالمن جائز ڪيو آهي، ته زڪوات ۽ صدقي ڏيڻ ۾ اهلبيت جي رعايت مقدم هجي.اهلبيت کانپوءِ صله رحمي يعني پنهنجن مٽن مائٽن کي زڪوات ۽ صدقو ڏجي. جيئن چيو اٿن: ”اول خويش بعد ازان درويش“ مطلب ته پهريان پنهنجن کي ڏجي، ان کانپوءِ درويشن جي سار سنڀال لهجي.
منهنجا ٻچا منهنجي اکين جا نور! جو به ڪامل درجي تي پهتو يا جنهن کي به جو ڪجهه مليو آهي، اهو اهلبيت جي محبت سان مليو آهي. جڏهن قرب پيدا ٿيندو، ته ٻيا سڀ ڪم پاڻهي آسان ٿي پوندا، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن هر ماڻهو نفسي نفسي پيو چوندو! پر سيد العرب والعجم ﷺ امتي امتي پيا پڪاريندا! پوءِ جڳائي ته پاڻ کي ان(پياري نبي ﷺ) جي راضپي ۽ محبت ۾ محوڪري ڇڏجي. جيتوڻيڪ ڪي ڪم هڪ لحاظ کان نقصان ڪار ۽ ٻي لحاظ کان فائديمند هوندا آهن،پر اهلبيت جي محبت ۾ سراسر نفعو ئي نفعو آهي، آءٌ گهڻو اهل دولت آهيان، پر اهلبيت جي حق ۾ نه يعني اهلبيتن جي محبت ۽ عزت ۾ دنيا دولت جو نشو ۽ وڏائي آڏو نه ٿي اچي. اهلبيت سان هر وقت ڏيڻ ۽ سخاوت جو معاملو هئڻ گهرجي. اهلبيت جي محبت کي نظر ۾ رکي، دل هن ڪميڻي دنيا کان کڻي ڇڏجي:
ڇو ته اهلبيت جي محبت ئي ٻنهي جهانن ۾ ڪم ايندي.
3. مقدمن جا فيصلا
جيڪڏهن اسلام جو مقدمو واقع ٿئي(اسلام جي مقدمي جو مطلب آهي، جن جي باري ۾ شرعيت سزائون مقرر ڪيون آهن) ته ان کي عالمن سڳورن ڏانهن رجوع ڪجي ۽ اهي جيڪا به شرعيت سڳوريءَ موجب فتويٰ ڏين، ان تي عمل ڪجي، جو اسلام جي ترجيح لازم آهي، ڇو ته نبي صلي الله عليہ وسلم جن ان مضبوط دين جا حامي آهن ۽ جيڪڏهن ڪو شرعي فيصلن يا دين نبوي ۾شڪ آڻيندو، ته ڪافر ٿيندو ان ڪري شرعيت پاڪ جي حڪم جي تابعداري ڪجي.
اسلام جي مقدمي کانسواءِ ٻيو ڪو عام واقعو ظاهر ٿئي ته، ان ۾ سياسي نقطي نظر سان هٿ وڍڻ، ڪن ڪپڻ ۾ تڪڙ نه ڪجي، جو حق دير سان ظاهر ٿئي ٿو ۽ صفا بي سياستي به چڱي نه آهي: ”ترڪ سياست (1) ضعف رياست است“ . مطلب ته سياست کي ڇڏڻ حڪومت جي ڪمزوري آهي، پر هرشيءِ پنهنجي اندازي يا حڪمت عملي سان هجي.
4.عالمن ۽ صالحن جي صحبت
منهنجا مرادوندؤ! اوهان جڏهن دنيا جي ڪمن ڪارين کان واندا ٿيو، ته عالمن ۽ صالحن جي صحبت پنهنجي مٿان لازم ڪريو.
هم نشين تو، از تو بـہ باشد، تاترا عقل ودين بيفزايد
تنهنجو همنشين يا دوست توکان بهتر هجي، ته جيئن تنهنجي عقل ۽ دين کي وڌائي.
هر چه درين عالم است از اثر صحبت است، ورنه ڪجا يافتي بيد بهائي نبات
مطلب ته جو ڪجهه هن جهان ۾ آهي صحبت جي اثر کان آهي، نه ته بيد ڪٿي مٺاڻ جي قيمت لهي.
عام ماڻهن سان ويهڻ جي عادت نه ڪجو ۽ نه هميشہ اڪيلائيءَ ۾ رهجو، جو نه ڪثرت ڪثرت آهي ۽ نه وحدت وحدت آهي، ڇو ته هميشہ عام ماڻهوءَ سان ويهڻ بازاري ماڻهن جو ڪم آهي ۽ هميشہ خلوت ۾ هجڻ به درويشن جو طور طريقو آهي.
5. نيڪن ۽ اشرافن جو رضامندو
الله وارن نيڪن ۽ شريفن جو راضپو پاڻ تي لازمي ڄاڻجو:
مردان خدا، خدا نباشند، ليڪن از خدا، جدا نباشند.
مطلب ته، الله جا نيڪ ٻانها، خدا ته نه هوندا آهن، پر خدا کان جدا به نه هوندا آهن.
6. ڪسرنفسي (پاڻ کي گهٽ ڪري ڀانئڻ)
سڀ مخلوق کي ڀلو ۽ بهتر سمجهو. هر مڙس کي مڙس ڄاڻو ۽ هر رات کي شب قدر:
خواجه! زشب قدر، چه جو ئي تونشاني؟
هرشب، شب قدر است، اگر قدر بداني.
اي شيخ! شب قدر جي ڪهڙي نشاني پيو ڳولين؟ جيڪڏهن تون قدر دان آهين، ته هر رات شب قدر آهي.
پاڻ کي مٽيءَ کان به گهٽ سمجهو:
در بهاران، ڪي شود؟ سرسبز سنگ،
خــاڪ شـو، تاگل برويد، رنگ رنگ.
مطلب ته بهارن جي موسم يا بارش ۾ به سخت پٿر سرسبز سائو ڪيئن ٿيندو؟ مـِـٽيءَ ٿيو ته رنگ برنگي گل پيدا ٿين.
7.استقلال ۽ همٿ
منهنجي اکين جا ٺار ٻچا! دنيا خطري جي جاءِ آهي. جڏهن انسان ڪنهن هيبت ناڪ حالتن ۾ پهچي ته پنهنجا هٿ پير مضبوط رکي، پر همٿ ۽ استقلال کي هٿان نه ڇڏجي. ان ئي مهل وضو تازو ڪري ٻه رڪعتون نفل پڙهجن ته، الله تعاليٰ اها سختي سهولت سان آسان ڪري ۽ احسان فرمائي:
اي ڪه ترسا ند ترا آگــہ شوي، ورنه، تر ساندترا گهره شوي.
مطلب ته دنيا جا خوف خطرا ئي آهن، جن ڪري ماڻهو هوشيار ۽ خبردار ٿو رهي. جيڪڏهن خوف خطرا نه هجن، ته ماڻهو بيخبري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ گمراهه ٿي ڀلجي وڃي.
چيو اٿن: ســُـردار نبايد بود، برادرِ سردار بايدبود،
سردار نه ٿجي، سردار جو ڀاءِ ٿجي، ڇو ته:
”سرداري، سرداري است“
يعني سرداري، سـرُ دار تي رکڻ يعني ســِـرُ سوري چاڙهڻو آهي.
پهريون حق غريبن مسڪينن، يتيمن ۽ مظلومن جو مٿان پوي ٿو، پر حڪمرانن کي رات ڏينهن ملڪ هلائڻ ۽ دوست دشمن جو فڪر دامنگير رهي ٿو.
8.موت جي يادگيري
پڻ انسان کي جڳائي، ته محشر جو ڏينهن ۽ پنهنجي موت کي هميشہ ياد رکي. الله تعاليٰ هر مخلوق جي منهن ۾ قبر ڏيکاري آهي. ڄڻ ته ”نڪ“ قبر وانگر آهي. پوءِ جنهن کي پنهنجو نڪ ئي ياد نه هوندو ته ان کي موت ڪٿان ياد ايندو؟
9.پنهنجو احوال
هن گنهگار جو حال هيءَ آهي، جو جيڪڏهن حلال رزق کائيندڙ کي ڏسان ٿو، ته ان بي نياز پاڪ ذات جو قسم! انهي حلال کائيندڙ کي آءٌ پاڻ کان هزار ڀيرا وڌيڪ ڀلو سمجهندو آهيان ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو، ته انهيءَ مون جيترا گناهه نه ڪيا هوندا.
10. الله تعاليٰ جي يادگيري
الله تعاليٰ جي قدرت هميشہ ۽ هر وقت ياد هجي. هڪ گهڙيءَ جو صحتمند فڪر به سال جي عبادت کان افضل آهي:
بندگي ڪن، بندگي ڪن، بندگي، زندگي بي بندگي، شرمند گي.
يعني هميشہ بندگي ۽ عبادت ڪندو رهه، زندگي، بندگيءَ کانسواءِ شرمندگي آهي.
وڏائي ۽ تڪبر هرگز هرگز نه ڪرڻ جڳائي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته غرور ۽ وڏائي وارو ماڻهو برباد ٿيو آهي.
11. عياشيءَ جا نقصان
عيش عشرت کي پنهنجو شعار نه بنايو، جو آرام سراسر غفلت آهي ۽ انسان کي حق جي ياد کان پري ڪريو ڇڏي. ملڪ جي واليءَ کي ملڪي حالتن ۽ فلاح ۽ مضبوطيءَ لاءِ غور فڪر ڪرڻ لازم آهي. جيئن والي، ملڪ جي غور فڪر کان عاجز آهي ۽ درويش به پنهنجي قوت گذر کان پريشان آهي.
قانون هيءُ آهي ته جڏهن الله تعاليٰ آدم جي اولاد جي سردار(حضرت محمد) صلي الله عليہ وسلم جي صدقي ملڪ ۽ مال، ملڪيت ۽ ڪامراني عطا فرمائي آهي. پوءِ هر صورت ۾ مضبوطي ۽ خبردار ڪرڻ جڳائي، ته جيئن ماڻهن جي کل نه ٿئي ۽ جو ڪجهه جنهن حاصل ڪيو يا مقصد ماڻيو آهي، اهو نوڙت، عجز، انڪساري ۽ محبت سان حاصل ڪيو آهي. هميشہ ڪم ۾ مشغول رهو، ”دست به ڪار، دل به يار باشد“ مطلب ته هٿ حاج ۾، دل يار سان هجي.
12. سادو لباس ڍڪڻ
پوشاڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ سادگي اختيار ڪريو. ڇو ته ٺٺ ٺانگر واري پوشاڪ تي ڪوبه اعتبار نه آهي، پر الله تعاليٰ ته اسراف يا اجائي خرچ کي پسند نه ٿو ڪري، قناعت تمام ڀلي آهي. جيڪڏهن عمدي پوشاڪ ان ڪري ڍڪجي، ته ماڻهو ان کي ائين ڀانئن، ته هيءُ شوقين آهي يا اُچا ڪپڙا ٿو پهري، ته اهو خيال غلط آهي. جيڪڏهن الاهي عطا ۽ سرور عالم صلي الله عليہ وسلم جي مددگاري يعني ملڪ مال، لشڪر ۽ خادم ڪنهن ماڻهوءَ کي نظر ۾ نه ٿا اچن، ته پوءِ انهي ماڻهوءَ وٽ ڪپڙا ۽ پوشاڪ ڪهڙي شيءِ آهي ۽ پوشاڪ سان ڪهڙو وڏ ماڻهپو آهي؟
13. ميڙ منٿ جي رسم
سنڌ ملڪ ۾ تازو هيءَ رسم عام ٿي وئي آهي، ته گهڻا محتاج يا ڏوهي ماڻهو الله وارن فقيرن کي وٺي ۽ تڪليف ڏئي، دنيا جي ڪمن ڪارين لاءِ ميڙ ٿا آڻين. ڪميڻي دنيا مٺي آهي، پر تنهن هوندي به دنيا کان دل هٽائي، الله وارن جي راضپي طلبڻ ۾ هزار ڀيرا ڪوشش ڪريو، ڇو ته فقيرن جو راضپو لڪل خزانوآهي ۽ الله جي مخلوق تي رحم سان عمر ۾ اضافو ۽ جاه جلال ۽ بخت ۾ واڌارو ٿئي ٿو:
خواهي ڪه رضا حق بجوئي، باخلق خدا ڪن نڪوئي، حاصل نڪــُـني رضائي سلطان، تاخاطرِ بندگان نجو ئي.
ترجمو: جيڪڏهن الله جو راضپو ٿو چاهين، ته خدا جي خلق سان نيڪي ۽ ڀلائي ڪر، جيستائين ٻانهن جي دل راضي نه ڪندين، تيسين سلطان جو راضپو حاصل ڪري نه سگهندين.
14. روزو ۽ نماز
روزي، نماز ۽ زڪوات ۾ رات ڏينهن مشغول رهو:
روز محشر ڪه جان گداز بود، اولين پرسش از نماز بود.
مطلب ته محشر جي دهشتناڪ ۽ ساهه ڳرندڙ ڏينهن ۾ به پهريان پڇا نماز جي ٿيندي.
ڇو ته اسان مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ به اهو ئي نماز جو فرق آهي.
15. ورد وظيفا
جنهن به ورد وظيفي سان دل جو لڳاءُ هجي، ان کي نه ڇڏجي، جو گهڻا ابوالهوس حريص يا لالچي ماڻهو ڪجهه ڏينهن وظائف پڙهي، ان کان پوءِ ڇڏي ٿا ڏين جيڪو ٿورو گهڻو وظيفو پڙهو، ان کي مستقل ڪريو. ڇو ته ورد وظيفن جو ڇڏڻ چڱو نه آهي.
حڪايت: ڪي ماڻهو بدخشان کان هتي سنڌ ۾ آيا. انهن بدخشانين کان ڪنهن پڇيو، ته ڪٿان آيا آهيو ۽ ڪهڙي سبب ڪري پنهنجي وطن کان جدا ٿيا آهيو؟ انهن جواب ۾ چيو: ”اُتي جا ڪي ماڻهو ورد وظيفن وارا هئا. پوءِ انهن اهو شغل ڇڏي ڏنو، تنهنڪري بدخشان ويران ٿيو ۽ اسان ماڻهو جلاوطن ٿياسون.“
16.زميندارن جو مقرر حصو
هي جيڪي سنڌ جا زميندار آهن، تن جو هيءُ ملڪ ڌڻي تعاليٰ حضرت رسولﷺ جن جي صدقي اسان گنهگارن تي مهرباني ڪري، اسان جي حوالي ڪيو آهي. دنيا خطائن جي جاءِ آهي، اسان جو ڪجهه زميندارن يا آبادگارن کي مقرر ڪري ڏنوآهي، ان معمول ۽ رعايتن ۾ ڪوبه فرق نه اچي. جڏهن الله تعاليٰ اسان هيڻن کي ملڪ عطا ڪيو آهي. پوءِ جيڪو اسان زميندارن يا آبادگارن کي ٿورو گهڻو مقرر حصو ڏنو آهي، انهن جو حق آهي، انهن کان نه کسجو نه ته پٽيندا.هرگز هرگز معمول کي نه ڀڃو، جو حقدارن ۽ مظلومن جي آهه گهڻو ۽ جلد اثر ڪندڙ آهي.
17. پاڻ ۾ اخلاص ۽ محبت
سڀئي ڀائر پاڻ ۾ دل و جان سان اخلاص ۽ محبت سان گذاريو ۽ خود غرضن جون ڳالهيون نه ٻڌجو. اسان گنهگارن جي ستن پيڙهين کي مانيءَ جو ڳڀو به ميسر نه هو. الله تعاليٰ رسول ڪريمﷺ جي صدقي اسان کي سڀ ڪجهه موجود ڪري ڏنو آهي. ان ڪري رب العالمين جو شڪر بجا آڻي، هن دنيا ۾ جي زندگيءَ جا چند ڏهاڙا، خوبي ۽ ڀلائي خيريت سان گذارجو، جو به پري يا ويجهي وارو ٻڌي، ته واهه واهه ڪري ۽ داد تحسين چوي. جهڙيءَ ريت هن گنهگارن ۽ منهنجي ڀاءُ مرحوم ميان محمد خان(1) چڱو ۽ قرب سان وقت گذاريو آهي ۽ توهان به انهيءَ طريقي تي هلجو، نفاق ۽ ڦيٽاڙي سان حڪومت تباهه ٿيندي.
18.محمد مراد خان جي وليعهدي
توهان ڀائرن تي لازم آهي، ته پنهنجي وڏن جي طريقي تي نظر رکي، قانون موجب نورچشم محمد مراد خان (1) جي سرداري قبول ڪندا. جڏهن الله تعاليٰ سيد السادات صلي الله عليہ وسلم جي صدقي ان کي هن گنهگار جي حياتيءَ ۾ موٽائي آندو(2) ته پوءِ سڀني کي گڏ ويهاري، جيڪي ڪجهه چوڻو هوندو، چوندس، پر جي منهنجي حياتيءَ کان پوءِ الله تعاليٰ ان کي واپس آڻي، ته منهنجي نورچشم کي منهنجي جاءِ تي مستقل سردار ڄاڻي: سندس حڪم ۽ مصلحت جي باب ۾ ان کان منهن نه موڙجو.
جيئن ته برخوردار محمد مرادياب سنڌ ملڪ ڇڏي، ايران جو سفر به رڳو اسان ۽ توهان ڀائرن جي عيوض ڪري ڪيو آهي. ايران جو سفر نه پر سقر(دوزخ) آهي.جڏهن انشاءَ الله تعاليٰ جهانن جي ڀلي ۽ سردار صلي الله عليہ وسلم جي صدقي محمد مراد منهنجي زندگيءَ ۾ ايران کان واپس موٽي ايندو، ته منهنجون اکيون روشن ٿينديون ۽ نيڻ ٺرندا ۽ جيڪڏهن خدا ان کي منهنجي وفات کان پوءِ آڻي، ته قانون پٽاندر ۽ سفر جي تڪليفن ڪري ان جي حڪم جا پابند رهجو.
19. ملڪي سياست
رياست يا حڪومت سياست سان هلائڻ لازمي آهي، اهڙيءَ طرح حڪومت هلايو، جو ڪٿي دشمن ڪنڌ نه کڻي سگهي.
20. خاص وصيت
برخوردار احمد يار خان(1) سان هر معاملي ۾ صلاح مصلحت ڪندا ۽ پڇندا ڪريو. اسان جي لاءِ فقير، مريد ۽ عقيدتمند جيڪو نذر نياز آڻيندا آهن، انهن سڀني کي چوندا، ته ان کي هر ماڻهو پاڻ وٽ سانڍي رکي. جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليہ وسلم جي صدقي ذڪر ڪيل فرزند محمد مرادياب کي واپس آڻي، ته ان جي بيعت ڪندا. انهي نورچشم(محمد مرادياب) جي اچڻ تائين نورچشم خداداد خان(2) ملڪ ۽ ملڪ داريءَ جي باب ۾ ڪابه ڪوتاهي ۽ گهٽ وڌائي نه ڪري، رات ڏينهن ملڪ داريءَ جي فڪر کان غافل نه رهي يعني ان وقت تائين ملڪ جو انتظام خداداد خان سنڀالي.
جيئن ته اوهان هينئر اسان جي ادب ۽ حڪم ۾ آهيو. تيئن مون کان پوءِ به ائين رهجو. توهان انهي(محمد مرادياب) کي پنهنجو قبلي گاهه ۽ اکين جو نور سمجهو. هو به توهان کي پنهنجو اولاد ڪري ڀائيندو. خدا نه ڪري! جيڪڏهن اهل غرض يا گهر ڦٽائيندڙ ماڻهن جي چوڻ تي لڳندؤ، ته ٻين جا محتاج ٿي پوندؤ ۽ گذريل وقت وري نه ايندو آهي، جيئن ڇــُـٽل تير واپس ڪمان ۾ نه ايندو آهي.
21. چار مذهب
چئني مذهبن(حنفي، مالڪي، شافعي ۽ حنبلي) کي حق سمجهڻ گهرجي، پر اسان جا وڏا، امام ابوحنيفه(نعمان بن ثابت زوطي، ولادت سنه 80هه - وفات 150 هه) رحمةِ الله عليـہ جي مذهب تي هئا، ان ڪري توهان به اهو مذهب اختيار ڪندا.
جيتوڻيڪ ڪي اڻ ڄاڻ ماڻهو رافضي اصحابن سڳورن جا دشمن ۽ ڪي خارجي حضرت علي المرتضيٰ رضي الله عنـہ جا دشمن آهن.(اصحابن سڳورن خلفاءِ راشدين مان) ٻه سيد الاولين ۽ الاخرين صلي الله عليـہ وسلم جا سهرا ۽ ٻه نياڻا آهن، ته پوءِ اسان ماڻهو ڪهڙي حساب سان، چئني گوهرن مان، ڪن کي مڃون ۽ ڪن کان دل ٿڌي ڪريون.
خلاف پيغمبر ڪسي ره گزيد ڪه هرگز بمنزل نخواهد رسيد(سعدي رحه)
مطلب، ته جيڪو ماڻهو پيغمبر صلي الله عليـہ وسلم جن جي ابتڙ جيڪا به واٽ وٺندو ، اهو منزل مقصود تي هرگز نه پهچي سگهندو.
22. طريقت جو سلسلو
اسان جا وڏا طريقت جي چوڏهن سلسلن مان سهروردي طريقي ۾ آهن:
گرز دل خواني تو شجره سهرورد،
گردي از هر دوجهان بالڪل فرد.
مطلب ته جيڪڏهن تون دل سان سهروردي بزرگن جو شجرو پڙهين ته، ٻنهي جهانن کان بلڪل آزاد ٿئين.
انهن مان آءٌ (پاڻ) نور محمد،(1) يار محمد،(2) دين محمد،(3) نصير محمد،(4) شاهه علي،(5) الياس،(6) دائود،(7) آدم(8) ، محمد، ابوبڪر ۽ عيسيٰ اهي سڀ سهروردي طريقي جا آهن. سيد ميران محمد جونپوري جيڪو اسان جو پير مرشد آهي،سو به ان طريقي تي هو، سيد ميران محمد(9) کان رسول مقبول صلي الله عليـہ وسلم تائين سلسلو مليل آهي. رساله ”سهروردي“ ان سان گڏ رسالو ”چوڏنهن خانواده“ به اسان وٽ موجود هو پر ناپاڪ ظالم (نادر شاهه افشار)(1) جي سنڌ ملڪ تي ڪاهه وقت ڪتب خانو ۽ رسالا کڄي ويا. هاڻي ميران جي اولاد جي خدمت ۾ ماڻهو موڪليو اٿئون.جيڪڏهن رسالا عنايت ڪيائون، ته هن نسخي ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ ۾ شامل ڪيا ويندا. الله تعاليٰ ۽ سيد السادات صلي الله عليہ وسلم جن جي نالن کانسواءِ دنيا ۾ پٽن کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ پياري نه آهي. پاڻ قياس ڪريو، ته پٽن کي ضرور ڪا چڱي ڳالهه چئي ويندي:
هر دعائيڪه پدر، در حق فرزند ڪند،
هيچ شڪ نيست ڪه مقرون اجابت است!
مطلب ته پيءُ جيڪا به دعا پــُـٽ جي حق ۾ ڪندو، ته ان جي قبوليت ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي.
ان ڪري قلم وري وري لکي ٿو ته: ”اوهان جو فائدو سراسر اخلاص ۽ محبت ۾ آهي. جيڪڏهن پاڻ ۾ تفاوت ڪندؤ يا جدا ٿيندؤ، ته ندامت ۽ پريشاني جي ڦل يا نتيجي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
23.ملڪ ۽ ملڪيت جي ورهاست ۽ محصول
منهنجي اکين جا نور ٻچا! توهان کي خبر آهي ته الله تعاليٰ، رسول ثقلين ﷺ جي صدقي هن گنهگار کي زمين جو ٽڪرو عطا ڪيو آهي. اهو هر هڪ کي جدا جدا ورهاست ڪري ڏنو اٿم، ته جيئن توهان مان هر هڪ وٽ پنهنجو حصو قبضي ۾ رهي:
1- لاکاٽ پرڳڻو، جو سيوستان سرڪار ۾ آهي ۽ لڌي گاگن جو پرڳڻو روهڙي سميت جيڪو لڌي گاگن جي زمين ۾آهي، اکين جي نور روح جي راحت خداداد خان کي ڏنم.
2- گاگري پرڳڻو ۽ اروڙ پرڳڻو بکر سرڪار وارا اکين جي نور، جگر جي ٽڪري عطر خان کي ڏنم.
3- شهدادپور ضلعو نصرپور سرڪار وارو ۽ ماٿيلو پرڳڻو بکر سرڪار وارو نورچشم احمد يار کي ڏنم.
4- انهن پرڳڻن کانسواءِ جيڪي هن گنهگار جي هٿ ۾ آهن، انهن جو مالڪ منهنجي حياتيءَ ۾، ۽ موت کانپوءِ اکين جو نورُ محمد مرادياب آهي، ان کي ڏنم، چانڊڪو پرڳڻو، ڪاڇي جو ڳچ حصو جنهن جو تعلق سرداريءَ سان آهي، اهي سڀئي برخوردار محمد مرادياب کي ڏنم.
5 - ڪنڊياري جو اڌ پرڳڻو، راڻيپور جو تپو، باغبان جو اڌ پرڳڻو، ڪاڇي جو ڏهون حصو ۽ چوٿون حصو شهر فتح پور جو، جهڙي طرح منهنجي ڀاءُ مرحوم مغفور محمد خان وٽ هئا، ان کانپوءِ اهي منهنجي اکين جي نور فضل علي کي ڏنا وڃن.[خ‌ع‌أ‌ا‌1] (1) اوهان هر حال ۾ هڪ ٿي رهجو. اهل غرض جي چوڻ تي عمل نه ڪجو.
جيئن ته هن گنهگار جو حال به يعقوب نبي عليہ السلام جهڙو زار زار آهي، پر ان(روئڻ ۽ اولاد جي جدائي) مان ڪهڙو فائدو؟ جو دل گناهن کان ڪاري آهي، پر الله تعاليٰ ارحم الراحمين آهي، الله تعاليٰ حضرت خير البشر صلي الله عليہ وسلم جن جي صدقي رحم فرمائي، جو مسافر (پٽ محمد مرادياب جيڪو نادر شاهه وٽ گروي آهي) خيريت سان اچي ۽ ڪيترن سالن جو وڇوڙو وصال ۽ ميلاپ سان ڪامياب ٿئي.
منهنجي ڀاءُ محمد اسلام جي فرزندن: برخوردار محمد شفيع ۽ برخوردار شاهه محمد جي رضا جوئي پاڻ تي لازم ڄاڻجو، جو انهن جو الله تعاليٰ ۽ رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم کانسواءِ ٻيو ڪوبه والي وارث ڪونهي.
توهان پاڻ ۾ به وچان اڌ محصول ۽ ملڪداريءَ جو خرچ جيئن هيءُ گنهگار ڏئي ٿو، نورچشم محمد مرادياب کي بنا ڪنهن گهٽ وڌائيءَ جي دستور موجب ڏجو ۽ زمين جي ورهاست جي هڪ لسٽ محمد مرادياب کي ڏجو، ائين نه ٿئي جو پنهنجا هندو(1) دفتر دار زمينن جي آمدني جي لکت گهٽائي لکن ۽ اوهان مان به هر هڪ کي دنيا دولت جي لوڀ لالـچ ۾ مبتلا ڪن. دنيا دولت جي ڪري اوهان ۾ دشمني پيدا ڪن جيئن اڪثر ماڻهن جي عادت آهي، ڪڻڪ ڏيکاري جوَ وڪڻندا آهن. پنهنجي اخلاص ۽ محبت کي دنياوي معاملن جي ڪري نه بدلائجو.
6- برخوردار غلام نبي ۽ عبدالنبي توهان جا ننڍا ڀائر آهن ۽ پڻ توهان جي پٽن جي جاءِ تي آهن، جوڻيجه پرڳڻو وچولي سميت، انهن ٻنهي پٽن کي ڏنم. پنهنجي مـُـهر ۽ اوهان جي مـِـهر ان تي هنيم، اڌ محصول پاڻ وٺجو، ٻيو تڪلف نه ڪجو.
7 برخوردار غلام شاهه کي ٻين سهولتن سان گڏ پرڳڻو خطه ٽلٽي سميت ڏنو ويو...
8- جيڪو اوهان جي مائرن جو روزينو ۽ فصلاڻو مقرر آهي، ان ۾تفاوت نه ڪجو، جيڪڏهن تفاوت ڪندؤ، ته به الله تعاليٰ قادر ۽ رزق ڏيندڙ آهي، هر حال سان خيريت ۾ رهن، جيئن چيو اٿن: ”سک جي رات به گذري ويندي ۽ ڏک جي رات به گذري ويندي.“
9- جهڙيءَ طرح مرحوم غلام حسين جي زندگيءَ ۾ سندس وظيفو مقرر هو، اهو ان جي پٽن کي به ڏنو وڃي ۽ ان ۾ فرق نه ڪجو. اهو جيڪو محصول جو حصو منهنجن ڀائرن: محمد اسلم، تاج محمد، محمد عارف ۽ برخوردار سائين ڏني ۽ جيڪو فصلاڻو برخوردار محمد عليءَ جو مقرر آهي، ان ۾ به تفاوت نه ڪجو.
10- ۽ اهو جيڪو مائٽن عزيزن جو حصو ۽ دِهن ۾ آهي ۽ ڪاڇي ۾ مال ۽ پوک آهي، ان تي به گذريل ۽ هميشہ وانگر عمل ۽ هميشگي ڪندا، کين ڏيندا رهجو. مطلب ته مائٽن عزيزن کي هرحال ۾ راضي رکجو.
11- ۽ جيڪي سرائي فقير آهن، انهن کي به هڪجهڙو ۽ هڪ نظر سان نه ڏسجو، جيئن مشهور آهي:
”بادوستان مروت بادشمنان مدارا“
يعني دوستن سان مروت، دشمنن سان به رعايت نرمي ڪرڻ جڳائي.
ڇو ته اهي سرائي فقير به سڀ هڪجهڙا ڪونه آهن. ڪي جسم وانگر آهن، ڪي وقت ٽپائيندڙ، ڪي پنهنجو رت ۽ عزيزن وانگر آهن. انهن مان ڪي منافق، ڪي زماني ساز ۽ ڪي پنهنجي وطن کان ڏکايل ۽ هتي اچي وڏا وار رکائي، پاڻ کي فقير ٿا سڏائين ۽ دربان آهن. جهڙي طرح ظالم ناپاڪ نادر شاهه جي اچڻ تي ان کي اسان جا راز ۽ احوال ظاهر ڪيائون.
مطلب ته هر هڪ موافق ۽ منافق جو نالو اسم وار نه لکبو جيئن منافق بيدار نه ٿين ۽ ڀلي ته غفلت جي ننڊ ۾ ئي ستل رهن (جيتوڻيڪ اسان کي سڀ خبر آهي)(1)
24. عدالت جي باري ۾
عدالت جي مقدمي ۾ پنهنجي ۽ پرائي کي هڪ نظر سان ڏسڻ گهرجي، جيئن چيو اٿن:
آنچه بر خود نه پسندي، برديگران روامدار.
يعني اهو جيڪي پنهنجي لاءِ پسند نه ڪرين ته ٻين لاءِ به روا نه رک.
25. شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪر الله جي پارت
برخوردار شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪر الله کي ڀائرن وانگر ڄاڻجو، جو اهي نمڪ حلال ۽ سرويچ آهن. شيخ غلام محمد ته اسان جي ڪري جفائون به ڏٺيون آهن ۽ تڪليفون به سٺيون آهن.[خ‌ع‌أ‌ا‌2] (1)
26.هندو منشي يا ڪاتب
باقي خاص منشي يا ڪاتب هندن مان نه رکجو، جو ڪن جاين تي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ حديثون ۽ قرآن پاڪ جون آيتون اچن ٿيون. اهي هندو ڪاتب حديث نبويءَ ۽ قرآني آيتن پڙهڻ ۾ لکڻ کان عاجز ٿي پون ٿا. انهيءَ ڪري انهن هندو ڪاتبن کي لکڻ پڙهڻ جي ٻين ڪم ڪارين، حساب ڪتاب ۽ پروانن لکڻ تي مقررڪجي.
27. براهوئي
باقي بروهي اسان جا ابن ڏاڏن کان دوست ۽ دشمن رهيا آهن، پر انهن ۾ ڪي ماڻهو سچار ۽ سخندار به هئا ۽ هاڻي ته بروهي منافق، ۽ خود مطلبي ۽ ڪوڙا آهن. پوءِ انهن جي چاپلوسي ۽ فڪر کان غافل نه رهڻ گهرجي:
غافل منشين، ڪه همنشين تو بداند، وآن ديو دو رنگ راه دينت بزنند
مطلب ته غافل نه ٿئي جو تنهنجو همنشين ڄاڻي ٿو، ته اهو ٻه رنگو شيطان تنهنجي دين جي واٽ هلندو.
28. داؤد پوٽا
داؤد پوٽا به زر خريد ۽ احسان جا خريد ٿيل آهن، جو سندن هٿن ۾ مغلن جو لشڪر ۽ طاقت آهي. انهن کي ڪنهن به خود مطلبي ماڻهوءَ جي چوڻ تي ناراض ۽ بي دِليو نه ڪجو. راضپي واريءَ حالت ۾ حاضريءَ ۽ نوڪريءَ جا فرائض چڱيءَ طرح سرانجام ڏيندا.
29. مغل ۽ لشڪر جي خبر گيري
مغلن سان ظاهري فرمانبرداريءَ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي.اندروني طور پنهنجي زمينداري جو طريقو، جيڪو ابن ڏاڏن کان هليو ٿو اچي، سو به هٿ کان نه ڇڏيندا.
پنهنجي لشڪر جي خبرچار ۽ سڌسماءَ لهڻ پاڻ تي فرض عين ڪري ڄاڻندا. ڇو ته لشڪر ”پانَ“ جي پن سان مشابهت رکي ٿو.جي ان جي سار سنڀال نه لهبي، ته جلدي پان جو پن سڙي سڪي ويندو، ان ڪري رات ڏينهن لشڪر جي خبرچار ۽ دلجوئي ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي ته جيئن ڏکي وقتن ۾ فوج ڪابه ڪوتاهي نه ڪري. اهڙيءَ ريت خير جي وقت شر جو اونو ۽ شر جي وقت خير جو فڪر رکجي. قلعن جي خبر گيري، بارود ۽ کاڌ خوراڪ وغيره سميت قلعن جو ڪم ڪار توهان پاڻ سرانجام ڏجو ۽ ٻين جي حوالي نه ڪجو، ڇو ته سرحدي قلعن جي اڳواڻي تمام نازڪ آهي، مطلب ته منڍ کان وٺي خبرداريءَ کان ڪم وٺجي ڳالهه وڌي وڃڻ کانپوءِ، پاڻي سر کان تار ٿيو وڃي.
30. خدا جي بندگي
وقت جي شروعات الله تعاليٰ جي بندگي ۽ حضور صلي الله عليـہ وسلم تي درود پڙهڻ سان ڪجي.ان کانپوءِ دنيا جا ڪم ڪار ۽ شغل پورا ڪجن ۽ جيڪي قلم سان هن کان اڳ ۾ لکجي آيو آهي، ان کي بجا آڻجو.
سرداري سولي نه آهي، ڏندن سان جبل ٽاڪڻو آهي، ٿوري به غفلت سان جڳ کلندو ۽ ٿوري به بيخبري مناسب ڪانهي.. .
31. جزيو
هندن کان سال به سال جزيو وٺندا رهجو، بلڪه پنهنجي خرچ، خوراڪ پوشاڪ ۾ ان ملندڙ جزئي کي منظور ڪجو، جو جائز ۽ صحيح آهي.
32. ملڪ سيوي
پنهنجي دسترس آهر ملڪ سيوي ۽ ملڪ گجرکي نه وسارجو. رات ڏينهن جبل ۽ جهنگ جا دشمن به نظر ۾ هجن، جيڪي وقت سر روز بروز خطرناڪ اُلا اٿاريندا رهن ٿا. پوءِ رات ڏينهن خدا جي ڏنل ملڪ جي خبرگيري ۽ لشڪر جي ترقي ۽ سار سنڀال رکجو جا بجاءِ آهي.
پڄاڻي ۽ موڪلاڻي
الله وارن جي ملاقات کان غافل نه رهو، ڇو ته اها ڪيميا آهي. اسان کي جيڪا پدري شفقت ۽ فرزندانِ محبت دل ۾ آهي، اها لکيسون ۽ چئيسون.آئندي به جيڪا رب جي رضا هوندي، ائين ٿيندو:
دل عـبث چـنديـن ز تـقـدير الاهـي ميتپد.
ميشود قلابه محڪم تر چوماهي ميتپد.
مطلب ته، دل اجايو الاهي تقدير کان تڙپي ٿي، جيئن مڇي ڦٿڪندي، تيئن ڪُـنڍيءَ ۾ ڦاسندي.
باقي توهان کي ۽ توهان جي هـُـن جهان ۽ هـِـن جهان جي ڪمن ڪارين سميت، الله تعاليٰ جي رحمت ۽ سندس رسول سيد المرسلين صلي الله عليـہ وسلم جي شفاعت جي حوالي ڪيوسين. آمين ثم آمين يا رب العالمين برحمتک يا ارحم الراحمين.
(1) پارو 16، سورت طــــٰہ آيت 123
(1) قصيده برده، ابوعبدالله محمد شريف الدين بوصيري بيت 44.
سنڌي منظوم ترجمو ”جام ڪوثر“ از عبدالله اثر
(1) سياست جي هڪ معنيٰ سزا به آهي.
(1) محمد خان ”جهوڪ جي جنگ“ ۾ ڪلهوڙن طرفان موڪليل پنهنجي لشڪر جو سپهه سالار هو، هيءُ اهو شخص آهي جنهن ٺٽي جي نواب اعظم خان جي چوڻ تي قرآن شريف وچ ۾آڻي، شاهه عنايت کي صلح تي آماده ڪري، نواب اعظم خان وٽ آندو هو، پر ٺٽي جي نواب اعظم خان پنهنجو واعدو وفا نه ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي ڇڏيو.
سنه 1138هه ۾ محمد خان، داؤد پوٽن سان مقابلو ڪري شڪارپور کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ سنه 1144هه ۾ وفات ڪري ويو (تبصرة الناظرين).
(1) هي ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وڏو پٽ هو جيڪو پيءُ جي وفات کانپوءِ 1167 هه ۾ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. مراد آباد شهر سندس اڏايل هو، سندس خطاب ”سر بلند خان، هو. تاريخ 13- ذوالحج 1170هه تي سندس ڀائرن کيس تخت تان لاٿو. شوال 1171هه ۾ وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ميان غلام شاهه ان جي جاءِ تي حڪومت جي تخت تي ويٺو.
(2) جنهن وقت نادر شاهه سنڌ کان ايران ڏانهن واپس موٽيو ته محمد مرادياب خان کي يرغمال طور پاڻ سان گڏ وٺي ويو. نادر شاهه 11- محرم 1153هه تي لاڙڪاڻي کان روانو ٿيو ۽ تاريخ 7- صفر 1153 هه نادر آباد(قنڌار) پهتو.
نادر شاهه جي مارجڻ (1160هه) کان پوءِ محمد مراد سنه 1161هه ۾ وطن روانو ٿيو. سنه 1164 هه تي سنڌ ۾ پهتو. سندس سنڌ ۾ اچڻ جي تاريخ هن بيت مان نڪري ٿي:
بامثرده رسيد، خان عالي بوطن(جعفر) مطلب ته، خان وڏو خير مبارڪ سان وطن پهتو.
بافضل خدا، خان جوان بخت رشيد، از راهه خراسان، بوطن باز رسيد(محسن ٺٽوي)
يعني: خدا جي مهرباني سان خان جوان، ڀلاري ڀاڳ وارو خراسان جي واٽ کان وطن موٽي آيو.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جا ٻيا پٽ: ميان غلام شاهه ۽ ميان عطر خان سنه 1162هه ۾ سنڌ واپس پهتا هئا. پوءِ هن مان ظاهر آهي، ته هيءَ وصيت 1162هه ۽ 1163هه سالن جي وچ واري عرصي جي لکيل آهي.
(1) ميان نور محمد ڪلهوڙي جو چوٿون پٽ هو. جنهن وقت ميان غلام شاهه (13 ذوالحج 1170هه) ۾ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، ته احمد يار خان ۽ ميان عطر خان سندس حڪم کان منهن موڙي، جنگ ۽ جهيڙي جي شروعات ڪئي، جنگ ۾ (نهرا مرڪس روهڙي جي ويجهو) غلام شاهه جي هٿان هار کائي،قلات ۾ وڃي پناهه ورتائين، ڳـچ مدت کانپوءِ احمد يار خان هندستان ويو ۽ اتي وڃي رهيو(تاريخ ڪلهوڙا: جلد 1، صه 594، 599، 602، 610)
(2) ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ٽيون نمبر پٽ، جو ان کي ميان صاحب محمد مرادياب جي غيرحاضريءَ ۾ قائم مقام وليعهد بنايو هو. جڏهن محمد مرادياب ايران کان موٽيو، تڏهن خداداد خان جي دل ۽ دماغ تي ان جو ايترو اثر ٿيو، جو سنڌ ڇڏي هندستان هليوويو(تاريخ ڪلهوڙا: جلد 1، ص. 526، 542).
(1) دور حڪومتن نور محمد 1719ع - 1753ع / 1132هه - 1167هه (طوفان عظيم) 1167هه
(2) يار محمد (خدايار خان) 1701ع - 1719ع / 1113هه - 1132 هه
(3) دين محمد 1692ع - 1699ع / 1104هه - 1111هه
(4) نصير محمد 1657ع - 1692ع / 1068هه - 1104هه
(5) عرف شاهل محمد 1657ع / 1068 هه
(6) ميان الياس 1620ع / 1030هه
(7) داؤد 1200ع / 1009هه
(8) ميان آدم شاهه 1520ع - 1600ع / 927هه - 1009 هه
(9) سيد محمد جونپوري(ولادت 847 هه) جنهن وقت ڄام نظام الدين سمو سنڌ جو حاڪم هو. سيد محمد جونپوري جيسلمير جي رستي کان ٺٽي پهتو. 18 مهينا اتي رهيو(6 - 905هه) ۽ هتان افغانستان ڏي ويو. فراه ۾ تاريخ 19- ذي القعد 910هه(13 - اپريل 1505ع) تي وفات ڪيائين ۽ اتي دفن ٿيو.
(1) هي اشارو نادر شاهه افشار ڏي آهي، جيڪو سنڌ جي حدن (لاڙڪاڻي) ۾ تاريخ 14- ذي القعد 1152هه تي وارد ٿيو ۽ شهدادپور جي رستي (28- ذي القعد) عمرڪوٽ پهتو (29- ذي القعد) ميان نور محمد ڪلهوڙو عمرڪوٽ جي قلعي ۾ هو. لاچار پاڻ نادر شاهه جي حوالي ڪيائين ۽ وٽس جيڪو مال خزانو هو، اهو اندر شاهه جي هٿ چڙهيو، ميان صاحب جو بهترين ڪتب خانو جنهن جو متن ۾ اشارو آهي اهو به نادر شاهه پاڻ سان گڏ ايران کڻي ويو.
سنڌ جي شاعرن نادر شاهه جي فتني جي باري ۾ تاريخون چيون آهن، اهي هي آهن:
تخت نشيني: از مخدوم روح الله:
الخيرفي ما وقع 1148 هه
مير علي شير قانع چيو:
لاخير في ما وقع - 1148هه
قتل ٿيڻ:از مخدوم روح الله:
الخير في ما هو واقع - 1120هه
مير قانع چيو:
لاخير في ما هو واقع 1160هه
قاضي عبدالقادر ٺٽوي:
شہ نادر، چون برون شد، ز ميان راحت آمد، به همہ عالميان خوش خبر هاتف، فرمود زغيب محوشد آفتِ نادر زجهان 1160 هه
اڌارام ٺٽوي:
شاهه شاهان نادر ايران ديار، داشت باغ دولتش خرم بهار، ناگہ از حڪم قضا پيک اجل، نيز بگر فتش عنان اختيار. بهر تاريخ وفاتش عقل گفت: رحت بست از تخت هستي - شهر يار.
1875 = 716 =1159هه
هن تاريخ ۾ هڪ عدد جي گهٽتائي آهي، پر جيڪڏهن هيٺينءَ ريت چئجي، ته هڪ عدد جي ڪمي دور ٿي ويندي:
عقل تاريخ از سر الهام گفت: رخت بست از - تخت هستي - شهريار
1875=716= 1159=1- 1160هه
سنڌ ۾ نادر جو فتنو:
1- مثل القيامت - 1152 هه
2- نادر پاپي سٺو نه ڪيو - 1152هه
(نادر شاهه)يارهين محرم 1153هه لاڙڪاڻي کان افغانستان موٽي ويو.
(1) نورچشم فضل علي هرحالّ ۾توهان سان متفق، جان ۽ مال سان يڪجا هوندو ۽ اهل غرض جي ڳالهين تي عمل نه ڪجو.
(1) ميان صاحب ڪلهوڙا، هندن تي گهڻو اعتماد رکندا هئا ۽ مذهبي تعصب انهن ۾ مور نه هو. لکپڙهه جو محڪمو ۽ حڪومت جا مالي ڪم به انهن جي حوالي هوندا هئا. انهن مان ڪجهه هندو عهدي دارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1- برخوردار مهته موٽومل (يار محمد ۽ نور محمد جي زماني ۾)
2- ديوان مانجهومل (نور محمد جي زماني ۾)
3- ديوان گدومل (نور محمد، غلام شاهه ۽ سرفراز جي دور ۾)
4- ديوان چيلا رام سيوستاني (وزيرمالي امور)
5- ديوان گهنشام داس (غلام شاهه جي زماني ۾)
6- ديوان ٻالڪ رام (محڪمہ انشاء غلام شاهه جي زماني ۾)
7- شيوڪ رام عطارد (منشي - مؤلف انشاء عطارد غلام شاهه ۽ سرفراز جي زماني ۾)
8 - ديوان گلراج مل وڪيل (سرفراز خان جي زماني ۾)
9- لاله امرت راءِ وڪيل (سرفراز خان جي زماني ۾)
10- ديوان جسپت راءِ وڪيل (ديوان گدومل جو ڀاءُ، عبدالنبي جي زماني ۾)
11- لالــه عزت راءِ (عبدالنبي جي زماني ۾)
12- مهته ديو داس (عبدالنبي جي زماني ۾)
13- ديوان مولراج (عبدالنبي جي زماني ۾)
14- مهته هرڪرن مل (عبدالنبي جي زماني ۾)
15- ديوان گلاب راءِ (عبدالنبي جي زماني ۾)
16- ديوان اجومل(عامل) (عبدالنبي جي زماني ۾)
17- ديوان تاراچند خدمتگار (عبدالنبي جي زماني ۾)
18- ديوان هريراءِ (عبدالنبي جي زماني ۾)
19- ديوان سهجرام (عبدالنبي جي زماني ۾)
20-ديوان ماڻڪ راءِ (عبدالنبي جي زماني ۾)
21- ديوان مولچند (عبدالنبي جي زماني ۾)
22- مهته دولہ رام (عبدالنبي جي زماني ۾)
23- بهيه دولـہ رام (عبدالنبي جي زماني ۾)
(ڏسو: مقالات الشعراء 81 - 464، قصيده بمدح عبدالنبي - نامہء نغز - انشاء عطا رد - هير رانجها عطارد - تحفـة الڪرام
فتح نامہ عظيم الدين - ديوان گدو مل جون يادگيريون - سنڌي هندن جي تاريخ(2 جلد) تاريخ ڪلهوڙا صه 320 - 334 - 1092 - 443 518 - 528 - 1093 - 700 714- 942 - 681- 682 693- 695- 831- 877- 893- 896- 938- 1045)
(1) هن مان ظاهر ٿئي ٿو، نادر شاهه جي فتني يعني سنڌ تي حملي وقت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪن ملازمن ساڻس بي وفائي ڪئي. ميان صاحب ان باري ۾ مصلحت نه ڄاتي، ته انهن منافقن جو راز فاش ڪري، شايد ڊنو ٿي، ته متان ان جي وفات کانپوءِ اهي خيانت ڪري، سندس پٽن کي ڪا وڏي تڪليف پهچائين.
(1) هي ٻئي ڀائر ڪلهوڙن جا ناميارا امير هئا. حڪومت جي هٿ ونڊائڻ ۾ به چڱو اثر رکندا هئا. جنهن وقت نادر شاهه، محمد مراد ياب خان کي ايران وٺي ويو، ته شيخ غلام محمد به ساڻس گڏ ويو ۽ اتي وڃي رهيو. سنه 1163هه ۾ نادر شاهه جي مارجڻ کانپوءِ صاحبزادو محمد مراد ياب وطن وريو، ته غلام محمد به ان سان گڏ هو. جڏهن مسقط ۾ پهتا، ته غلام محمد اتي مارجي ويو.(تحفة الڪرام جلد 3، ص 111)
هيءَ خبر ان ئي سال سنڌ پهتي، ته شيخ شڪر الله، صاحبزادي کي وٺي اچڻ لاءِ مسقط روانو ٿيو. 1164هه ۾ اتي سندس وفات زهر سان ٿي. محمد مراد ياب اڪيلو وطن پهتو.
محمد پناهه رجا ٺٽوي هنن ٻنهي واقعن جا قطعا تاريخ هن ريت لکيا آهن. انهن جو ترجمو هيءُ آهي:افسوس آهي انهن ٻن موتن تي، جي جان ۽ بدن کي ڳارڻ وارا آهن، فرياد آهي انهن ٻن حادثن تي، جي هڪٻئي پٺيان پيش آيا.
- انهن ٻنهي ڀائرن جي جدائي تي هزار آهون، جڳائي ته مجلس ماتم جي شمع وانگر رجندا رهون. انهن ٻنهي ۾ اهڙو اتحاد هو، جهڙو هڪ باداميءَ جي ٻن جاڙن گورن ۾، انهن جي دلين هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ نه ٿي چاهيو.
- هو ٻئي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي ڏوهٽن(حسنرضه ۽ حسينرضه) جا پيرو هئا، انهن ٻنهي سيدن جي روشن سنت غلام محمد ۽ شڪر الله تي ختم ٿي وئي.
- غلام محمد خنجر سان شهيد ٿيو ۽ شڪر الله جو پاڪ روح زهر سببان بدن کان جدا ٿيو.
- انهن ٻنهي جي تاريخ وفات ٻه مصرع چيا ويا. ٻئي الڳ الڳ آهن، فصيح آهن ۽ انهن جو انداز سخنوراڻو آهي:
شد آن يکي پئي حسن سنت حسين 1163 هه
وآن ديگري به پيروي سنت حسن 1164هه
- غلام محمد حضرت حسين جي سنت کي پورو ڪيو ۽ شڪر الله حضرت حسن جي سنت تي هلڻ پسند ڪيو.
- اي خدا! تو انهن کي حضرت حسن ۽ حسين جي پيروي جو شرف بخشيو، تون قيامت ۾ به انهن کي زماني جي ٻنهي سردارن سان گڏ اٿار(مقالات الشعراء)
هنن ٻنهي واقعن مان به ظاهر ٿئي ٿو، ته هيءَ وصيت 1163هه کان اڳ جي لکيل آهي جنهن وقت هي ٻئي حال حيات هئا.
PAGE \# "'Page: '#' '" [خ‌ع‌أ‌ا‌1]
PAGE \# "'Page: '#' '" [خ‌ع‌أ‌ا‌2]
(1)
جهوڪ واريءَ جنگ بابت ٽي خط
1- ميان يار محمد ڪلهوڙي جو خط
2- ملتان جي صوبيدار نواب سيد حسين خان جي پٽ جو خط
3- ميران سنگهه کتري ملتانيءَ جو خط
(1)
ميان يار محمد ڪلهوڙي واليء سنڌ جو خط
(وفات: 1131 هه/1718ع)
]ميان يار محمد خدايار خان واليء سنڌ جو پنهنجي پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن خط، جيڪو ان وقت خدا آباد ۾ هو. هيءُ خط جهوڪ جي جنگ جي ميدان مان لکيو ويو. [
نورچشم ميان نور محمد! الله جي حفاظت ۾ هجو!
هي ٻه اکر خير جي خبر جا قلم ذريعي لکجن ٿا. آءٌ نواب اعظم خان جي رفاقت ۾ اٿل درياء کان ڪوچ ڪري، جهوڪ شاهه عنايت جي جاءِ تي پهتس. جڏهن ته انهن قلعي جي چوڌاري اونهي کڏ کوٽي ڇڏي هئي. لنگهڻ جي جاءِ نه هئي. انهيءَ سبب ڪري لشڪر کي جهوڪ کان اڌ ڪوهه پري ترسايو ۽ رهايو ويو.
جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن تاريخ 17 - ذي القعد سنه 1129هجريءَ تي سڄو ڏينهن لشڪر سوار ۽ پيادن سميت کڏ، قلعي ۽ آسپاس جو گهيرو ڪيو ۽ آمد رفت ڪئي، پر فسادين کي به مقابلي جي همٿ نه رهي.
جڏهن آچر جي رات ٿي، فسادين جي سامهون سڀ لشڪر گهيرو ڪيو ويٺو هو. ان رات جو اڃا پويون پهر هو، ته فسادين جي فوج جا سترنهن سئو پيادا، جيڪي سڀني فسادين جا روح روان هئا، سي راتاهي هڻڻ جي ارادي سان آيا، جيتوڻيڪ انهن لشڪر وارن اوزارن سميت پنهنجي وس مان ڪونه گهٽايو، مگر اسان جي جنگجو ۽ دلير جوانن انهن سان خوب مهاڏو ڏنو ۽ ان رات فسادين کي ڪهڻ، مارڻ ۽ ٻـَـڌڻ ۾ چڱو پاڻ ملهايو، گهڻن کي ختم ڪيو ويو جيڪي سلامت بچي نڪتا، اهي به تلوار جا گهايل هئا.
انهن ۾ اڪثر قاسم پنهور جا پٽ: گهرام ۽ سيد بولو وڪيل ٺٽه ۽ احمد بوبڪائي ۽ اوڍيجه ڀائر ۽ ٻيا زميندار جن پاڻ کي فدائين جي لسٽ ۾ چونڊايو هو، سڀئي تلوار جي هيٺان اچي عدم جي واٽ ورتائون ۽ صبح تائين اهو هنگامو جاري هو.
حسن اتفاق سان جنهن وقت هيءُ هنگامو برپا هو، گهڻا فقير جيڪي سرڪاري تنبن تي بيٺل ۽ نگهبان هئا، اهي ٽڙي پکڙي ويا ۽ فسادين جي جماعت سرڪاري خيمن جي دروازي تي حملو ڪيو،پر نورچشم ميان دائود ۽ ميان غلام حسين منهنجو ڀاءُ ميرمحمد ۽ ٻيا خاص ساٿي بروقت پهچي ويا، جن دليراڻو مقابلو ڪري گهڻن کي جهنم رسيد ڪيو ۽ فتني جي غبار کي تلوار جي پاڻي سان ٺاريو. هن وقت جيڪو ساڄي کاٻي گرفتار ٿئي ٿو. اهو سزا ڀوڳي ٿو.
ٻيو سڀ خير ۽ سلامتي آهي، دلـجاءِ رکندا، جنگ اڃا باقي آهي. انشاء الله فسادين کي جلدي بري ڪم جو بدلو ملندو.
تڪڙ ۾ هيءُ مختصر خط لکيو ويو آهي. ميان دائود جي سواريءَ جي گهوڙي کي منهن تي پنج ڇهه زخم رسيا آهن ۽ ٻي جسم کي به ڪجهه زخم آيا آهن. اهڙيءَ طرح ميان محمود ۽ ميان غلام حسين جا گهوڙا به ڦٽيا آهن، پر الحمد الله جو پاڻ خير ۽ سلامتيءَ سان آهن.
مطلب ته هيءُ ڊگهو احوال تفصيل طلب آهي. ٻئي ڀيري قلم جي حوالي ڪبو. خوشحال ولد جمال جي گهوڙي، منو چهر، خيالي ولد صدر، ياقوت، بشير، ابراهيم، حسين ۽ صالح ۽ ........ ۽ ٻين فقيرن کي به گهٽ وڌ زخم رسيا آهن.
(2)
ملتان جي صوبيدار نواب سيد حسين خان
جي پٽ جو خط
]ملتان جي صوبيدار سيد حسين خان جي پٽ* هيءُ خط جهوڪ جي جنگ هلندي لکيو. ان صاحبزادي جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، اهي هن خط ۾ تحرير آهن.[
ملڻ جو شوق تمام گهڻو، حد کان زيادهه قلم تي اچڻو هو ۽ دل جواحوال لکڻو هو، ته اوهان جو عنايت نامو(خط)روح کي راحت ڏيندڙ اچي پهتو. جنهن دل جي مکڙي کي کولي کلائي ڇڏيو ۽ اندر جي بلبل، غم جو وڳو لاهي، خوشيءَ جي پوشاڪ پهري، دلير فسادي(شاهه عنايت) جي جنگ جدل جي باري ۾ پڇيل سوال بابت احوال هن ريت آهي: شاهه عنايت پنهنجي ماڻهن جي گهڻائي ڏسي، تابعداري کان بغاوت ڪري بي فرماني ڪئي. نواب صاحب لشڪر جو ڪٽڪ توبن ۽ بجلي جهڙين تلوارن سان، صاحبزادي جي هٿ هيٺ ڏئي ان ظلم جي پاڙ پٽڻ لاءِ موڪليو.
جنهن وقت صاحبزادو کهاي بلدي** وٽ پهتو، تڏهن نواب صاحب جي فرمان موجب زميندار به صاحبزادي جي خدمت لاءِ آيا. بدبخت فسادي قلعي جي اندران تيرن تفنگن جي جنگ جاري ڪئي. فوج ٻه مهينا جانفشانيءَ سان مهاڏو ڏنو. قلعي جي چوڌاري ٻوڏ آيل هئي، جو چئني طرفن کان ڏهن ڪوهن تائين خشڪيءَ جو نشان به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. نواب صاحب ، ملتان جي محمد باقر بخشي کي لشڪر جي ڪمڪ ڏئي روانو ڪيو. انهن جي پهچڻ کانپوءِ خان بلند مڪان سعادت خان پاڻ به فوج سان صاحبزادي وٽ آيو. صبح جي وقت صاحبزادو وڏي بخت سان هاٿي تي پالڪي رکائي سوار ٿيو ۽ لشڪر به ان پاڻي کان عبور ڪري، شاهه عنايت جي قلعي ويجهو پهتا ۽ مورچا قائم ڪيائون. شاهه عنايت جا ماڻهو سعادت خان جي مورچي تي راتاهو هڻڻ آيا ۽ سخت لڙائي ٿي. سعادت خان جي دلير ۽ بهادر لشڪر انهن کي پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. انهن شاهه عنايت جي ماڻهن موٽندي ئي وري صاحبزادي جي لشڪر جي مورچي تي حملو ڪري ڏنو. ۽ هن طرف به صاحبزادي جي جنگي جوڌن ۽ دشمن گير سپاهين انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. آخر انهن پناهه جي جاءِ نه ڏسي، ڀڄي پنهنجي قلعي ۾ وڃي پنهنجو پاڻ لڪايو.
ان ڪاميابي کانپوءِ صاحبزادو ڪثير فوج وٺي اصل قلعي جي دروازي تي ڪاهي آيو ۽ سختيءَ سان حڪم ڏنو، ته هر هڪ بهادر پنهنجي طاقت ۽ لياقت آهر سڄي رات هوشياري ۽ خبرداري سان ڪم سرانجام ڏئي، ته جيئن دروازي کان دشمن ڀڄي نه وڃي. دروازي جو گهٽُ بند ٿي ويو، ته اڌ رات مهل قلعي جي ڀت ڀڃي ڀڄڻ جي ڪيائون.
(هتي نظم آهي، جنهن جي پهرين سٽ ۾ سرڪاري لشڪر جي فتح، دليري ۽ جوان مرديءَ جي دل کولي ساراهه ڪئي وئي آهي ۽ ٻيءَ سٽ ۾ دشمن جي لشڪر جي غم، الم، بزدلي، عاجزي ۽ نامرادي بيان ٿيل آهي.)
هن وقت تائين بخت جو صاحبزادو انهن جي مال ضبط ڪرڻ لاءِ اُتي ترسيل آهي. جنگجو، بهادر ۽ جوان انهن جي مٿان مقرر ٿيل آهن. عنقريب بادشاهي بخت موجب قتل ٿيندا يا قيدي ٿي قهر هيٺ ايندا. هن کانپوءِ جو به ڪجهه ٿيندو، آءٌ اهو احوال قلم جي ذريعي لکندس.
(3)
ميران سنگهه کتري ملتانيءَ جو خط
]ميان يار محمد خدا يار خان ڪلهوڙي جو شاهه عنايت سان مقابلو[
هڪ اَڀاڳي ڏينهن شاهه عنايت پنهنجي خدمتگارن جي انبوهه تي نظر ڪئي. ان گهمنڊ ۾ شاهه عنايت، نواب اعظم خان جي تابعداريءَ جي رستي کان قدم ٻاهر رکيو ۽ پنهنجي لاءِ نقصان وهايائين. نواب اعظم خان پنهنجي ٿورن ماڻهن تي نظر ڊوڙائي، ته پاڻ ۾ مقابلي جي همٿ ۽ مصلحت نه ڏٺائين، ان ڪري مٿي خان وڏي شان واري کان مدد طلبيائين، سندس سڀ سپاهي سورهيه، شينهن مڙس، صف شڪن، تلوار بازيءَ جا مهمير ۽ ميدان جنگ جا آزمودگار هئا. خان وڏي شان واري، خدا يار خان عباسيءَ کي نواب اعظم خان جي مدد لاءِ موڪليو. نواب صاحب، خان وڏي شان واري جي حڪم جي تعميل ۾ فتح ۽ نصرت، ظفر ۽ ڪاميابيءَ سان حملي آور ٿيو.
جڏهن اتي فسادين وٽ پهتا، ته هڪ طرف خدا يار خان فسادين کي گهيرو ڪيو. بندوقن جي بجلي ۽ ڪڙڪيدار آوازن، فسادين جا هوش حواس گم ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف کان نواب صاحب مورچا قائم ڪري، تيرن ڪمانن سان جنگ شروع ڪئي. جڏهن شاهه عنايت جي فقيرن ڏٺو، ته ڏينهن جو ڪامياب لشڪر سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي، ته قلعي کان ٻاهر قدم به نه رکيائون. البت بدنيتيءَ سان خدا يار خان جي لشڪر تي رات جو راتاهي هڻڻ جي ارادي سان قلعي کان ٻاهر نڪتا، پر هوشيار ۽ تجربيڪار بهادرن انهن کي اڌ مئو ڪري، پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ۽ زخم کائي ناڪام ٿي موٽيا.
صبح جي وقت خدا يار خان ۽ نواب عالي مڪان هاٿين تي سوار ٿيا ۽ لشڪر کي به سوار ٿيڻ ۽ سخت مقابلي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ چيو ته، پهريان دشمن جي قلعي کي توبن ۽ بندوقن سان اڏايو وڃي.ان کان پوءِ تلوارن جي باهه سان انهن جي حياتيءَ جي ٻارِ کي جلايو وڃي.
جڏهن انهن ٻنهي درياء جي موتين اها صلاح پي ڪئي، ته فسادين جو جاسوس اتي ويٺو هو. ان خابروءَ اها ڳجهي ڳالهه جهٽ وڃي شاهه عنايت کي ٻڌائي، هاڻي انهن ڏٺو، ته قلعي ۾ ويهڻ به خطري کان خالي ناهي. تڏهن شاهه عنايت لاچار ٿي، قلعو ڇڏي ڏهه هزار لشڪر مقابلي لاءِ موڪليو. انهن نڪرندي ئي خدا يار خان جي هاٿيءَ تي ويجهو حملو ڪيو، پر خان جي حشمت ۽ شجاعت واري فرزند دائود خان، چند هزار مٿير مڙسن سان اک ڇنڀ ۾ اتي پهچي، فسادين جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.
سبحان الله سندس تلوار ذوالفقار حيدريءَ وانگر دو ڌاري تلوار هئي، جنهن پنهنجي لشڪر کي ڪامياب ڪيو، پر دشمن جو دم به پورو ڪيائين. هتي سندس تعريف ۾ شعر چيل آهن ته: ”وهوا شير دلير مرد ميدان جا! جنهن جي تلوار کان هر طرف خوف حراس پئجيو وڃي. انهن جا تير به دشمن لاءِ جنجال ۽ انهن جا تفنگ به دشمن جي جان لاءِ مصيبت آهن. انهن جا ڀرون به ڪمان وانگر آهن ۽ انهن جو مـُـنهن جاهه جلال جو آئينو آهي ۽ انهن جي دل به ڪمال جو خزانو آهي.“
جيئن ته هنگامو گهمسان سان ٻه مهينا هليو، خان خدايار خان ۽ نواب اعظم حڪم ڏنو، ته سڀئي جنگي جوان سڀني هٿيارن پنهوارن سان قلعي تي حملو ڪن ته جيئن قلعو پروڻ وانگر ٽنگ ٽنگ ٿي پوي ۽ انهن فسادين جي حياتيءَ جو پاڻي ان قلعي ۾ نه رهي سگهي يعني قلعي کي ختم ڪجي، ته اهي از خود ختم ٿي ويندا.
جڏهن بهادرن حڪم موجب فسادين کي چئني طرفان بندوقن جون باهيون لڳايون، ته فسادين جو قلعو ڪاغذ جي ڏيئي وانگر جلڻ لڳو. فسادين جو منهن اجهاڻل ڏيئي جهڙو ٿيڻ لڳو ۽ انهن اهو محسوس ڪيو ٿي، ته فتح ۽ ڪاميابي، نواب ۽ خان جي حق ۾ لکجي چڪي هئي. انهن کي پنهنجي بي فرمانيءَ جي سزا اکين سان ڏسڻ ۾ پي آئي، ان ڪري انهن ٻيو چارو نه ڏسي، مصلحت ان ۾ ڏٺي ته صلح ۽ ٺاهه ڪن.
آخر شاهه عنايت انڪساريءَ سان پنهنجي جرم جي لاءِ معافيءَ جي درخواست ، خان ۽ نواب جي خدمت ۾ پيش ڪئي.شاعر جي قول موجب: ”جڏهن دشمن نرم ٿئي ته به محتاط رهڻ گهرجي ۽ ان جي مڪر فريب جو به خيال رکجي.“
اهڙيءَ طرح سمجهه ۽ احتياط جي پيش نظر ان کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو. جيئن ته انهيءَ آزار ۽ تڪليف جي ڪري پاڻ فاني جهان مان موڪلائي ويو.(1)
شاهه عنايت جو سر(فرخ سير بادشاهه هند) ڏانهن موڪليو ويو. ان جي علائقي تي قبضو ٿي ويو. مال ملڪيت ضبط ڪيو ويو، بهادرن جون دليون گل وانگر ٽڙي پيون ۽ دشمن کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ اڀاڳ پلئه پيو، مطلب ته بهادرن جي ڪاميابيءَ جو باغ، بهار وانگر ٽڙڻ لڳو ۽ فسادين جو جهنگل به جلي خاڪ ٿي ويو، فسادين جو قلعو به زمين برابر ٿي ويو. آخرڪار فتح ۽ ڪاميابيءَ کان پوءِ خان ۽ نواب رعب تاب ۽ خوشيءَ سان واپس ٺٽي ڏانهن موٽيا.
ان طرف جي ضلعي ۽ آسپاس جي عام رعيت به خوشي شادمانو ۽ آزادي حاصل ڪئي.
* صاحبزادي جو نالو ڪنهن به قلمي مخطوطي ۾ ملي نه سگهيو آهي.
** ڄاڻايل جڳهه/ شهر يا ڳوٺ بابت ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي آهي.
(1) تاريخ 9 - صفر 1130 هجري (1 - جنوري 1718ع) ۾ شاهه عنايت کي نواب اعظم خان وٽ آندائون ۽ تاريخ 15 - صفر 1130 هجري ( 7 - جنوري 1718ع) تي شاهه عنايت صوفي کي شهيد ڪيائون.
(2)
راءِ رايان انندرام مخلص (11 - 1164 هجري)
جا خط ميان نور محمد ڪلهوڙي
۽
سيد مير لطف الله لڪعلوي(ميرمتاري)
جي نالي
(1)
ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙو ثابت جنگ واليء سنڌ جي نالي خط
ميان نور محمد ڏي انندرام ”مخلص“ جي خط مان خبر پوي ٿي، ته ميان صاحب جو وڪيل سيد لطف الله مير متارو دهلي دربار ۾ رهندو هو. دهلي دربار ۾ محمد شاهه جي وزير اعظم قمرالدين خان اعتماد الدولـہ جي پاران انندرام مخلص وڪيل هو. مير متارو ميان نور محمد جي سهڻي سيرت، اعليٰ اخلاق، همٿ ۽ مردانگيءَ جون ڳالهيون دهليءَ ۾ مخلص کي ٻڌائيندو رهندو هو، ان ڪري غالباً پرپٺ مخلص، ميان صاحب جي خلوص ۽ شخصيت کان متاثر ٿي، مير متاري جي خدمت ۽ دهلي دربار ۾ ميان صاحب جي ڪم ڪار ۽ مفادن جي حفاظت ڪرڻ لڳو. ميان صاحب پنهنجا حڪومتي ڪم ڪار به ميرمتاري وڪيل ذريعي حڪمت عمليءَ سان مخلص هٿان سرانجام ڏياريندو هو ۽ مخلص کي سوکڙيون پاکڙيون به موڪليندو هو. ميان صاحب مخلص کي ڪو اهم ڪم چيو، ته مخلص دلجاءِ ۽ اعتماد خاطر هيءُ خط موڪليو. جنهن جو نچوڙ هيءُ آهي:
مهربان صاحبِ فقر، سلامت!
خير گهرندڙ مخلص ۽ صاف دل دوستن تي لازم آهي، ته حقيقي حال احوال ۽ خيريت جي خبر چار ڏيندا رهن، ته جيئن اوهان هر حقيقت ۽ حال کان آگاهه رهو ته: ”مخلص“ جي اخلاص ۽ سچائيءَ ۾ خيانت واقع نه ٿئي. محبت جيڪا تمام قيمتي جوهر آهي، ان ۾ به ڪٽ ۽ ڪمي نه اچي.
اصلي صورت هيءَ آهي، ته اوهان جو وڪيل سيد لطف الله (1) جڏهن هتي شاهه جهان آباد اچي ٿو، ته منهنجي مخلص خاني تي رهي ٿو. غائبانه طور هن عاجز کي اوهان جي اخلاص ۽ ذڪر خير کان ميرمتاري واتان ڄاڻ حاصل ٿيندي رهي آهي. اوهان جي نيڪ نامي، وڏا ڪم ۽ خير خيريت هميشہ مطلوب آهي. مطلب ته ان ڏينهن کان الله داد اصل فتنو کڙو ڪيو. ماڻهن جي جم غفير ان کي ظاهر ڪيو يا لڪايو، پر اسان جي طرفان جيتري قدر ٿي سگهيو، ٽارڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، پر ائين ماڻهن جي زبان تان ڳالهه ٿيندي وڃي ، نواب صاحب(1)تائين پهتي ان ڪري اعتراف گڏيل ارشاد زبان فيض ترجمان مان جاري ٿيو. اهي احوال کولي لکبا. مطلب ته گهڻو ڪري پاڻ اها معنيٰ صحيح نه سمجهي هوندي، پر خدا نه ڪري، ائين سراسر غير مناسب آهي. نواب صاحب ناظم وٽ فقير جو توسل ۽ ڪوشش آهي، پر اهي ڳالهيون وڏي خرابيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿيون. ٻانهپ جي دعويٰ ۽ جناب اقدس جو جيڪو اعليٰ اعتماد آهي ، سو ٽـُـٽي نه پوي، ان جاءِ کان هاڻي تائين قلم احوال نه لکيو آهي. هينئر ان جي ورق گردانيءَ جو امڪان آهي. جلد ان جو تدارڪ ٿيندو. خلوص خدمت ۽ ارادي جو اثر نواب صاحب ناظم ۽ سلطنت جي خاص ماڻهن کي ذهن نشين ڪيو ويندو. هن صورت ۾ ممڪن آهي، ته مشڪل سان ڪم ٿئي، پر الله تعاليٰ جي فضل سان ئي آسانيءَ سان مطلب حاصل ٿي سگهندو.
ڪامرانيءَ جا ڏينهن هميشہ رات ڏينهن ساڳئي نموني سٺا گذرندا رهن!
(2)
سيد لطف الله (الله ان کي سلامت رکي!) وڪيل
خدا يار خان بهادر ثابت جنگ جي نالي خط
منهنجا مهربان مير صاحب، سلامت!
سلامن پڄاڻان شاهه جهان آباد ۾ جيڪي ڏينهن صحبت ۾ گڏجي گذارياسين، دل ۾ ياد ٿا پون ۽ ياد رهندا. خدا قادر آهي، جو اهل محبت جي دعا سان وري ديدار ٿيندو. محبت وارو مڪتوب گهڻي مدت کان پوءِ پهتو. اتان جي خير خيريت معلومات ۾ آئي. خط گويا تعويذ جان ۽ دل ناتوان لاءِ هيڪل بنيو.
سنه 1151هجري نادر شاهه ايرانيءَ جي حملي واري هنگامي ۽ فتني، مالي تڪليف ۽ خسارو پهچايو، وري به شڪر آهي، جو هن آيل نادري آفت رڳو مال ملڪيت کي تلف تاراج ڪري نقصان رسايو ۽ سر سلامت رهيو. حق تعاليٰ جي فضل سان مال ملڪيت جي ٽوٽي کانسواءِ ٻي ڪا تڪليف ڪانه رسي آهي، بهرحال حڪومت ۽ شهر تي گويا قيامت برپا ٿي چڪي آهي.
اوهان اهو به لکيو آهي، ته ميان نور محمد عباسيءَ کي مون فقير جي سڀني خلوص وارين خدمتن کان آگاهي ٿي آهي، ان ڪري هو هن تمام ادنيٰ ۽ عاجز جي حال تي ڪمال شفقت ۽ لطف رعايت رکي ٿو ۽ مخلص کي پنهنجي خير خواهن ۾ شمار ڪري ٿو. الحمد لله ! جو صاحب(ميان نور محمد عباسي) مون فقير جي وضع ۽ طور طريقن کان آگاهه آهي. نه ته ماڻهو زماني ۾ زماني سازي وغيره کان ڪم وٺن ٿا.
منهنجي عمر هينئر 45 سالن کي اچي پهتي آهي(1) :
حافظ وظيفة تو دعاگفتن است و بس، دربند آن مباش که نشنيد يا شنيد.
مطلب ته حافظ، تنهنجو وظيفو دعا چوڻ آهي ۽ بس، ان فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ نه هج، ته ٻڌائين يا نه ٻڌائين.
سلطنت جا جيڪي ظاهري يا ڳجها احوال ۽ ٻيون ڳالهيون ضروري آهن، انهن لاءِ دلـجاءِ ڪندا، جيڪو مناسب ڄاڻو، ته وڌيڪ احوال لکجو، ته ان موجب عمل ڪجي.
(3)
سيد لطف الله وڪيل خدا يار خان ثابت
جنگ جي نالي خط
منهنجا صاحب!
ظاهر آهي، ته سڀئي وقت هڪ قانون ۽ نموني تي نه هوندا آهن. جيڪڏهن هن آزمائش جي وقت ۾ جوهر اخلاص آهي ڪو عنوان تجويز ڪيل ۽ قوت ڪم سان آندل پڻ موقعو ۽ بجاءِ آهي، ڪمال مرتبي ۾ چڱو ۽ خوشنما، پر دورانديشي جي تقاضا کي دنيا جي ڪمن ۾ پورو دخل آهي. قرين مصلحت اها آهي، ته هن عمل آڻڻ ۾ لــِـک پڙهه جو سلسلو جاري رکيو وڃي، پر اڳوڻي نموني ائين ڪيو وڃي. ٻيا احوال لکيل جيڪو رفعت پناهه محمد يار غم خوار آهي تفصيل جي طريقي سان پورا ڪندو. ملاقات جي اميد حاصل ٿيڻ لاءِ هي شعر حسب حال مناسب آهي:
بهار عمر، ملاقات دوستداران است، چه خط کند، خضر از عمر جاودان ، تنها.
مطلب ته زندگيءَ جي بهار ته دوستن جي ملاقات سان ئي آهي، جيتوڻيڪ خضر جي ڊگهي حياتي ۽ هميشہ واري آهي، پر ايڏي جاودان عمر ۾ به اڪيلائيءَ ۾ ڪهڙو مزو آهي.
اوهان جي احوال ۽ فرحت آثار تحرير جو انتظار رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه لفظ ته لکندا ڪريو، اوهان جيڪي رنگين ريشمي ڪپڙي جون ٺهيل سوکڙيون موڪليون سي پهتيون آهن، اهي اتان جا تحفا ۽ ميان صاحب جي عنايت آهن، خلوص جي عالم ۾ انهن سوکڙين پاکڙين جو ته ڪو ملهه ئي ڪونهي، لطف جي چمن جا اهي رنگين گلدستا اخلاص جي زينت بنيا،دولت خانو آباد رهي! الله تعاليٰ مينديءَ جي گل وانگر عمر ۽ حڪومت ۾ اضافو ڪري! اوهان جا ظاهري باطني ڪم سڀ سرانجام ٿيندا رهن!
(4)
سيادت پناهه مير لطف الله (الله ان کي سلامت رکي!) ڏي لکيل خط
مخلصن جا مهربان مير صاحب، سلامت!
محبت جي سلامن پڄاڻان مخلص فقير لکي ٿو، ته جدائيءَ جي شڪايت خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ زندگيءَ کي زهر بنائي ڇڏيو آهي. آرام ۽ آسودگيءَ جي شهرستان ۾ خلل اچي پيو آهي يعني آرام ڦٽي ويوآهي. وصال جون اڳوڻيون سهڻيون صحبتون ياد پيون اچن. دل پتنگ وانگر سڙيل ۽ داغدار آهي:
محبت است که دل را نه مي دهد آرام،
وگر نه کيست که آسودگي نمي خواهد.
مطلب ته محبت ئي آهي، جيڪا دل کي آرام ڪرڻ نه ٿي ڏئي، نه ته ڪير آهي جو آرام طلبي نه ٿو گهري.
خدا قادر آهي، ديدار فرحت آثار ضرور ٿيندو. جيتوڻيڪ هن کان اڳ ۾ عزيز القدر هر گلال(1) جيڪو سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جي سفر ۾ نواب صاحب سيف الله الدولـہ بهادر دلير جنگ(2)سان هم رڪاب هو، سان ملاقات ٿي.(3) خير خيريت جو حال احوال معلوم ٿيو هو. پر اوهان جي طرفان خط نه لکڻ تي دل کي بيقراري ٿي رهي، ان ڪري حال احوال موڪلڻ جي اميد هئي.
الحمد لله! هن وچ ۾ اوهان جو محبت ڀريو خط خان عزيز القدر حشمت علي خان هٿان ربيع الاخر جي ٻي ڏهاڪي سنه 1154 هجريءَ ۾ مليو. خط پڙهي دل باغ بهار ٿي، انتظار لٿو ۽ تسلي ٿي. گويا اوهان مير صاحب(مير متاري) پاڻ کي ڏٺم ، احوال شڪر جي لائق آهي.
جيڪا قناعت ڪريون يا دنيا طلبيون، پر تقدير جي آڏو اسان جو قول ۽ فعل عاجز يا بيوس آهي. جو ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي، ته ان جو به مختار آهي، زمانو جنهن حال ۽ وضع تي هو، اهو به نه رهيو آهي. جهوني آسمان به رات ڏينهن جي اسلوب کي ٻي طرح ڪري مٽائي ڇڏيو آهي. هينئر اهائي آرزو آهي، ته عافيت جي گوشي ۾ ويهي گذارجي، زماني جي شطرنج کان ڪنارو ڪجي. ”مخلص“ کي پنهنجو سمجهو ۽ مخلص ڄاڻجو، ڪڏهن تحرير ۽ خط و ڪتابت سان ياد ڪري سرور ڪجو. زماني جي بيوفائي بابت هڪ غزل قلم مان نڪتو آهي، اهو ئي حسب حال آهي.(1)
(1) سيد لطف الله عرف مير متارو ميان نور محمد ڪلهوڙو واليء سنڌ جو وزير مختار هو.
(1) مير محمد فاضل اعتماد الدوله قمرالدين خان بهادر وزير الممالڪ (37-1161هه) اعتماد الدوله محمد امين خان بهادر (متوفي: 1141 هه)
(1) مخلص سنه 1111 هجري ۾ ڄائو، سندس 45 سالن جي عمر ۾ هيءُ خط 1156 هه جو لکيل آهي.
(1) لاله هر گلال مخلص جو ڪارند هو، نواب ناظم جي دربار ۾ نيابت به ڪندو هو مخلص ان جي بار ي ۾ لکيو آهي ته ”خوبين سان مشهور آهي.“ (ديباچه سفرنامه مخلص صه 21)
(2) نواب سيف الدولـہ عبدالصمد خان بهادر دلير جنگ وفات 1150 هه(؟) ملتان جو ناظم 1139هه مطابق 1726ع - 1150هه مطابق 1737ع، ڏسو ما ثرالامراء جلد 2، صه 514
(3) نواب صاحب 6 محرم 1152 هجري لاڙڪاڻي پهتو هو.
(1) هي پنجئي(؟)خط ”رقعات انند رام مخلص“ (ڪتابت 1249 هجري) جي قلمي نسخي تان ورتل آهن. هيءُ قلمي نسخو راقم الحروف جي قلمي ذخيري ۾ محفوظ آهي.
(3)
بدائع وقائع
مان چونڊ اقتباس
تاليف
راءِ رايان انندرام مخلص
نادر شاهه ايراني ۽ سنڌ بابت
بدائع نگار جي قلم جي ڪوشش دربار جي واقعن جي تحرير بابت
نادر شاهه ايراني، بادشاهي خزانن دفينن ۽ مال ملڪيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ وطن جي ياد ۾ هندستان کان واپس موٽڻ جو ارادو ڪيو. مقرر ٿيو ته ڪابل ۽ ٺٽو، سمورو سنڌ ملڪ اٽڪ تائين شاهه عالي مقدار نادر جي تصرف ۾ هجي. هن باب ۾ عهدنامو تحرير ڪجي ٿو، ته جيئن اعتبار جو ڪارڻ بنجي. ان عهد نامي جو نقل هي آهي.
محمد شاهه ۽ نادر شاهه جي وچ ۾ ٿيل عهد نامو(1)
هن کان اڳ ۾ شهنشاهه جهان، سلطان دوران نادر شاهه بادشاهه جي خدمت ۾ به ڪن ڪمن واسطي ايلچي موڪليل هئا. هن نيازمند اهو واعدو پورو ڪيو. تنهن بعد محمد خان ترڪمان قنڌار کان ياد آوريءَ لاءِ وارد ٿيو. هن حڪومت جي ڪارگذارن اٻهرو جواب ڏنو، تان جو نادر شاهه جو هندستان ۾ اچڻ جو اتفاق ٿيو. قضا سان ڪرنال وٽ ٻنهي ڌرين ۾ جنگ به لڳي. جڏهن اوهان مروت ڪئي. ملاقات جي فيض کان بهرور ٿي، دارالخلافت جهان آباد ۾ ملياسين. هندستان جي سلطنت جا خزانا ، جواهر ۽ ذخيرا وغيره نيازمنديءَ جي رسم موجب خدمت ۾ پيش ڪيا ويا. اوهان انهن مان ڪن کي قبول ڪيو. اوهان گورگاني عنايت ۽ ترڪماني رعايت ڪري، هندستاني سلطنت جو تاج ۽ ڇٽ هن نيازمند جي حوالي ڪيو. اهڙي عنايت پيءُ جي طرفان پٽ لاءِ ۽ ڀاءُ طرفان ڀاءُ لاءِ به ڏيڻ ڏکي آهي. اوهان شهنشاهه اها مهرباني ڪئي آهي.
ان ڪري شڪرئي طور هيءُ سڀ ملڪ نادر شاهه جي حوالي ڪريان ٿو. اولهه طرف وارو سڄو ملڪ دريا اٽڪ، درياء سنڌ، درياء سانگره، سنڌو درياء جي ڇاڙ، پشاور، بنگشات، دارالملڪ ڪابل، غزني، افغانين جا جابلو ماڳ، هزاره جات، قلعه بکر، سکر، خدا آباد، لاڙڪاڻو(1) جو کين(2) ۽ بلوچن جا ديراجات وغيره. ٺٽو صوبو، قلعه راهمه قصبو بدين ۽ پرڳڻو جوڻ (3) پرڳڻو سموال(4) کيبر(5) سڀ بندر، قصبا، کيت ۽ پرڳڻا دولت نادري جي حوالي ڪيا ويا. هن کانپوءِ انهن سمورن علائقن وغيره جو سمورو انتظام نادري ماڻهن جي حوالي هوندو. اسان جي اميرن وزيرن جو هنن علائقن ۾ ڪوبه عمل دخل نه رهندو.قلعو داور، شهر لوهري بندر، اُچ ۽ سڀ ولايتون جيڪي اٽڪ ندي، سنڌو درياءَ ۽ ساڪره درياء (6) کان اوڀر طرف واقع آهن(7) اهي سڀ هندستان جي حڪومت ۾ هوندا.(8)
نقل لکت شاهه ذي جاه
هن مبارڪ عهد ۾ هندستان خاقاني جي حوالي ٿيو ۽ سندن دارالخلافت شاهه جهان آباد ۾ ورود جو اتفاق پيو، سلطنت هندستان کي اصيل ترڪمانيه سلسله گورگانيه وارن جي حوالي ڪيوسون. ان طرفان به تاج بخشي ٿي، سڄو ملڪ درياء اٽڪ ، سنڌو درياءَ، سنگر درياءَ نادري حڪومت کي منتقل ٿيو، اهڙيءَ طرح هن عهد ۽ قرارداد ذريعي ولايتون ملتان جي سرحد کان سنڌ، ٺٽو وغيره ذڪر ڪيل پاڻيءَ کان اولهه ۽ اتر طرف ايران تائين پکڙيل آهن.
خدا يار خان عباسي ان طرف سنڌو درياءَ کان سڪونت رکي ٿو ۽ گورگانين جي مهمات کان آهي. پاڻيءَ جي هن طرف به اختيار کسيل آهي. ان ڪري پاڻيءَ جي هن طرف واري ولايت جيڪا خدايار خان جي تصرف ۽ قبضي ۾ آهي، اها زڪريا خان ناظم صوبه دارالسلطنت لاهور ۽ ملتان کي ڏنيسون، اهو پاڻ سنڀاليندو ۽ گورگاني حڪومت جي موافق عمل ۽ ضبط ۾ به آڻيندو.
بادشاهه سلامت جا امير ۽ وزير هن عرضي کي بادشاهه تائين پهچائين. ان کي منظور ڪري، انحراف نه سمجهن ۽ هر ڳالهه کي پڪ ۽ محفوظ ڄاڻن.
(10 - ربيع الاول 1152 هجري(1))
شاهي لشڪر جو اٽڪ درياءَ کان تڪڙ ۾ گذرڻ، شاهه ذي اقبال جي حسن تدبير سان سنڌ ملڪ جو انتظام سنڀالڻ
شاهه، هندستان جي مهمن کان جلد واندو ٿي، خراسان ڏانهن موٽڻ جي واڳ واري، جو بخارا ۽ خوارزم جا والي اڃا غفلت جي ننڊ ۾ ستل هئا. غرور جي سياهه مستيءَ کان هوشيار نه ٿيا هئا ۽ اطاعت کان ڦريل هئا. انهن جي اصلاح ضروري هئي، ان ڪري شاهي لشڪر تاريخ 21 جمادي الثاني 1152هجري ۽ 22 محمد شاهي، اٽڪ درياءَ کان لنگهي، 25 - شعبان(1) ساڳئي سال ڪابل پهتا. اتان خدا يار خان عباسي خدا آباد جي زميندار کي سزا ڏيڻ جي ارادي سان ديري اسماعيل(2) جي رستي حرڪت ۾ آيا. هوت ۽ غازي خان دودائيءَ کي فرمانبردار ڪري، بکر سرڪار جي گرد و نواح جي ويجهو اچي دم پٽيائون(3) ڪابل کان هلندي خط ذريعي نواب آغرالدولـہ زڪريا خان بهادر هزبرجنگ(4) ۽ حيات الله خان بهادر ملتان جي نائبن کي چيو ويو، ته جڏهن شاهي لشڪر خدا يار خان جي سرحد تي پهچي، ته اوهان به اچي شامل ٿجو. ان ڪري حيات الله خان ملتان کان اردوي پهتو. نواب بهادر زڪريا خان 26- شوال ساڳئي سال ڄمونءَ جو قلعو، جو چند ڏينهن اڳ فتح ٿيو هو، کان هلي، هڪ رات لاهور ۾ رهي، 23- ذوالحج ملتان کان ٻيڙي ذريعي اردوي طرف روانو ٿيو.
نقل لـِـکت اشرف شاهي(1)
عاليجاه عمدة الخوانين العظام زڪريا خان
ناظم صوبه لاهور ۽ ملتان!
مطلب ته هن سال سنڌ ملڪ ۾ ڏڪار(؟)پيو آهي. گمان آهي بک بدحالي ۽ ڏڪار جي ڪري اتان ماڻهو ملتان طرف نه ڀڄي اچن، ان ڪري سنڌو درياءَ تي فوج طرفان انهن جي ڪن مهٽ ۽ تعاقب پيڇو ڪجي.
ممڪن آهي، ته عاليجاه موجود ۽ تيار هجي، ان ڪري ضروري آهي، ته لاهور کان متوجهه ٿئي.آسپاس ۾ ڀڄندڙن جي واٽن جي خبر رکندڙ هجي، ته جيڪر ڪو سنڌو درياءَ کان ان جي حد ۾ ٽپي پوي، ته ان کي تنبيهه ڪري سگهجي. هن باب ۾ جدوجهد عمل ۾ اچي ته سنڌو درياءَ پارنه ٿي سگهي ۽ تعاقب جاري رهي. شهنشاهي مهربانن کي سڀني ڳالهين کان آگاهه ۽ شامل ڪجي. اميد ته عرضداشت مٿي پهچندي 21 جمادي الثاني 1152هجريءَ تي لکيوويو.(2)
نقل فرمان فلڪ شان محمد شاهي
آغرالدولـہ زڪريا خان جي نالي
سيات و نجابت پناهه... آغرالدولـہ زڪريا
خان بهادر هزبر جنگ بادشاهي عنايت سان نوازيل!
شهنشاهه جو خط مبارڪ عقيدت مند کي مليو، جنهن ۾ لاهور کان ملتان طرف تياريءَ بابت احوال رقم ٿيل آهي ۽ پڻ ... وزير الممالڪ مدارالمهام اعتماد الدولـہ قمرالدين خان چين بهادر نصرت جنگ (1) اچڻ جي اجازت گهرڻ بابت لکيو هو، نظر نواز ٿيو. ٻئي حڪومتون ڄڻ هڪ آهن، پر خدمت جناب اعظم خاقان اڪرم جي واجب ڳڻيو. جيڪا اوهان جي مرضي سان اسان جي مرضي ڄاڻو. جلدي پاڻ کي ملتان پهچائي ڀڄندڙن کي روڪڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪجن، ته جيئن ڪو فرار ٿيندڙ سنڌو درياءُ اُڪري نه وڃي، ان باري ۾ ڪوبه دقيقو هيٺ مٿي نه ٿي وڃي.ڄمون ۽ ياهو قلعا هندستان کان برتري ٿا رکن، اهي فساد جي پاڙ آهن، هن وقت ظاهري باطني خباثت ڪمال کي پهتل آهي، هن کان اڳ ۾ فضل ۽ ڪم عطا ٿيو، شڪر بجاءِ آڻجي ٿو. 14 - شعبان سنه 22 جلوس کان تحرير ٿيو.(1)
خدايار خان جو مهاڏو اٽڪائڻ، نيٺ نادر شاهه جي خدمت ۾ پهچڻ ۽ سندس جرم معاف ٿيڻ
خدا يار خان عباسي سرحد جي زميندارن مان کڻي ملڪ مال ۽ سپاهه جي اعتبار کان حال في الحال برابر ناهي، پر جنهن وقت شاهه فلڪ بارگاه قنڌار پهتو، ته خدايار خان غلط فهميءَ کان پاڻ کي ان جو همسر حريف سمجهڻ لڳو. پنهنجي پٽ کي فوج ڏئي، مقابلي لاءِ ڇڏي پاڻ مال سامان سوڌو خدا آباد مان نڪري امرڪوٽ(1) جي قلعي ۾ وڃي ويٺو. قلعي امرڪوٽ جي ٻن طرفن کان واريءَ جا دڙا ۽ ڊٻون ۽ ٻن پاسن کان پاڻي آهي.(2)
جڏهن بادشاهي لشڪر ان جي زمينداريءَ جي سرحد تي پهتو، جيتوڻيڪ سندس پٽ جيڪو جنگ لاءِ دل ٻڌيو تيار ويٺو هو، تنهن کي شرمساري ٿي ۽ خدمت لاءِ تيار ٿيو، هن شرط تي ٺاهه ۽ صلح جي پيشڪش ڪيائين، ته ان جي پيءُ خدا يار خان ميان نور محمد کي خدمت جي تڪليف نه ڏني وڃي پر اهو صلح قبوليت ۾ نه آيو، کيس گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو.
جڏهن بادشاهي يلغار ۽ امرڪوٽ قلعي جي تسخير ۽ حملي جي خبر خدا يار خان کي پئي، ته سندس صبر ۽ زور ٽٽي پيو، ان وقت مال سامان ۽ احتياطي تدبير واسطي 22 لک رپيا ٻئي ڏينهن زمين ۾ دفن ڪري نڪرڻ جو ارادو ڪيائين.(3) (بيان واقع جي قول موجب:خدا يار خان ارادو ڪيو، ته عمرڪوٽ مان ٻيڙي تي سوار ٿي هليو وڃي. نادر جي ايران موٽي وڃڻ تائين ضلعي جي جزيرن ۾ مخفي طرح رهي گذاري(محمد شفيع).
شاهه ذي جاه 28 - ذوالقعد ذڪر ڪيل سال لاڙڪاڻي کان، جيڪو امرڪوٽ کان ٽيهه فرسخ پري آهي، يلغار ڪري 29 تاريخ تي اوچتو قلعي جي مٿان ساجهر اچي ڪڙڪيو(1)، جنگي جوان چوڌاري قلعي کي گهيري ۾ آڻي، قلعي ڊاهڻ ۽ ساڙڻ جي رٿابنديءَ ڏانهن متوجـهه ٿيا. خدا يار خان وڃڻ جي واٽ نه ڏسي، لاچار امان طلبيءَ لاءِ خدمت ۾ حاضر ٿيو.کيس امان طلبي ۽ معافي ملي، قلعي ۾ موجود موتين جواهرن سان گڏ ٻاويهه لک رپيا نقد ڏنڊ طور ضبط ڪياويا.(2)
جهان فتح ڪندڙ لشڪر لاڙڪاڻي موٽيو، جيئن ته خدايار خان پيش پيو ۽ خدمت گذار بنيو هو، ان ڪري ٻين ڳالهين سان گڏ سندس ملڪ ۽ حڪومت جو معاملو نبيري لاءِ سامهون آيو.(3)
ٻيو ڀيرو نواب آغرالدولہ بهادر هزبر جنگ جو اردويءَ ۾ پهچڻ ۽ ايران جي فرمان روا طرفان خدمت حاصل ڪرڻ
گذريل ورقن ۾ لکيل آهي، ته تاريخ 23 - ذوالحج 52. 1 هجري(؟) نواب آغر الدولـہ ملتان کان ٻيڙيءَ ۾ جناب ذي اقبال جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. 5 - محرم غالباً لاڙڪاڻي پهتا، اتي ترسيا، اتفاق سان ٻئي ڏينهن 6 - محرم خواجه محمد فاضل خان، مير نعمت خان ۽ حاجي محمد امان خان گهوڙن تي سوار جهر جهنگ لتاڙيندا ، پاڻي جو وهڪرو اُڪري، ٻنپهرن مهل اردوي معليٰ پهتا. رستي ۾ حيات الله خان بهادر، ميرزا ابوالحسن، حسين بيگ خان حڪم موجب استقبال لاءِ آيل هئا، ملاقي ٿيا.
جڏهن شاهه جمجاهه آيو، ته حيات الله خان جي تنبوءَ ۾ آيو، ڏينهن ۾ اڃا ڪجهه وقت هو، ته ملاقي ٿيا، آغرالدولـہ بهادر، ميرزا ابوالحسن ۽ مرزا مهدي خدمت ۾ حاضر ٿيا. شاهه ذي جاه مهربانيءَ جي زبان سان فرمايو: ”اوهان کي ڊگهي سفر جي گهڻي تڪليف پهتي.“ نواب حيات الله خان بهادر ۽ ٻين ساٿين مان هر هڪ کي ڪپڙن جي خلعت ڏني وئي.(1)
خدا يار خان عباسي جي احوال جي پڄاڻي
خدا يار خان امان ۽ خدمت طلبي کانپوءِ ساڻن همرڪاب هو، ته کيس شاهاڻي شفقت سان شاهه قلي خان (1) جو خطاب، ساڳئي زمينداري جي بحالي، ٺٽي جي صوبيداري عطا ڪئي، پر شرط هيءُ رکيو، ته هر سال ٻه لک رپيا خزاني ۾ داخل ڪرائيندو ۽ هڪ پٽ ٻن هزار سوارن سان بادشاهي خدمت ۾ همرڪاب ۾ حاضر رکندو...(2) غالباً نادر شاهه 11 - محرم ساڳئي سال وطن موٽيو:
”ازبخت شڪر دارم واز روزگار هم.“ (3)
مطلب ته بخت ۽ زماني جو پڻ شڪر گذار آهيان.
بادشاهه جي لشڪر جو خراسان جي ارادي سان خدا يار خان جي ملڪ کان قنڌار ڏانهن موٽڻ -
نواب آغر الدولہ بهادر جي ملتان طرف اجازت گهرڻ
جڏهن شاهه ذي جاهه هندستان جي سموري انتظام کان واندو ٿيو، ته دل ۾ مملڪت خراسان ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. انڪري 12 - محرم (سنه 22- محمد شاهي) 1153 هجري آچر جي ڏينهن خالي تنبوءَ ۾ تشريف آندائين ۽ بخت جي تخت تي اچي ويٺو.
نواب آغر الدولـہ بهادر کي عراقي نسل گهوڙو سازن سان سينگاريل، عقيق جي تسبيح ۽ حيات الله خان بهادر کي ”شاهنواز خان“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو.(1) گهوڙو ۽ تلوار وغيره ڏئي کيس رخصت ڪيو.
نواب عالي جناب ان ئي ڏينهن اردويءَ کان ڪوچ ڪري، پاڻي يا درياءَ جي ڪناري تي منزل ڪئي. ٻئي ڏينهن 13 تاريخ ساڳئي سال سومر جي ڏينهن شاهه سليمان (جاه - ظ) چنڊ جهڙي بخت کي خراسان جي طرف موڪليو يا روانو ٿيو(ورق 158 الف).(2)
(1) ماڳن مڪانن جا نالا ۽ ڪجهه ٻيا لفظ ڪن جاين تي واضح ۽ چٽا نه آهن، ان ڪري ٻئي نسخي کانسواءِ انهن منجهيل لفظن جي چٽائي ۽ تصحيح مشڪل آهي.فريزر(Fraser) پنهنجي ڪتاب نالي
(1792 - History of Nadir Shah) ۾ هيءُ عهد نامو آندو آهي، پر هي ترجمو پوءِ به ڪجهه صحيح ۽ فائدي وارو نه آهي(محمد شفيع)
(1) فريزر ۾ نه آهي، ظاهر ۾ لاڙڪاڻو مراد آهي.
(2) فريزر Glossary of the Tribes and Castes of The Punjab and N.W.F.P چيو آهي ته، Chokiya چوڪيه جاٽن جو هڪ قبيلو آهي. جيڪو منٽگمري ۾ رهندڙ آهي.(محمد شفيع) اصل ۾ هيءُ لفظ جوکيو آهي. جيڪي ڪراچي ۽ ضلع ٺٽي طرف رهاڪو آهن.(ح)
(3) جوڻ جا ڦٽل آثار ماتلي جي ويجهو(حيدرآباد) ۾ موجود آهن. ان وقت جوڻ پرڳڻو هو(مظهر شاهجهاني) (ح) فريزر Chan . آئين اڪبري (ڪلڪتو 1973ع) 1: 558 جون(سرڪار چاچڪان) تحفة الڪرام 3: 163، جوڻ نالي چاچڪان سرڪار جو شهر آهي.
(4) اصل ۾ سمواتي نصرپور سرڪار ۾ هڪ پرڳڻو هو، مظهر شاهجهاني(ح) فريزر Sumawali (محمد شفيع).
(5) فريزر Ketra. آئين اڪبري ۾ ٺٽي جي جابلو شاخن بابت چوي ٿو.
سيوهڻ کان سيوي تائين جابلو شاخ آهي ان جو نالو ڪهٽ رهو(محمد شفيع) اصل ۾ کيبر آهي(ح).
(6) ممڪن آهي ته ساڪره درياه هجي(ح) فريزر Sankra (محمد شفيع) ساڪرو درياء ضلعي ٺٽي ۾(ح)
(7) اورينٽل ڪاليج ميگزين لاهور نومبر 1950ع 105 - 106 - 107
(8) ضميمہ اورينٽل ڪاليج ميگزين لاهور مئي 1951ع ص 108 فريزر (622) ان کانپوءِ عهد نامي جي تاريخ ڪتابت ڏنل آهي يعني 4 - محرم 1152هه لوڪ هارٽ ص 153ح 2(محمد شفيع) ڪتاب نادر نامه (از محمد حسين قدسي، مطبوعه انجمن آثار ملي طهران 1339 ش) ۾ عهد نامي جي هيءَ تاريخ مقرر ٿيل آهي. در باغ شليمار مؤرخه 11 - محرم الحرام سنـہ 1152 هجري محمد شاهه تيموري نادر شاهه افشار (158 - 160) متن ۾ گهڻو لفظي اختلاف واقع آهي(ح).
(1) ضميمہ اورينٽل ڪاليج ميگزين مئي 1951ع - 115- 117(ح)
(1) بيان واقع (ش 62) ۾ چوي ٿو، 1 - رمضان 1152 هجري ڪابل ۾ داخل ٿيو. جهانڪشائي 367 ۾ به ائين چيل آهي. 6 ڏينهن ڪابل ۾ رهيا(ص 368) 7 - رمضان ڪابل کان هليا. هن بيان مان نادر شاهه جي ڪابل ۾ وارد ٿيڻ جي تاريخ جي تصديق ٿئي ٿي، جيڪا بيان واقع ۾ لکيل آهي.
(2) ڏسو جهانڪشائي نادري - 368. نادر شاهه 5 - شوال ديري اسماعيل خان ۾ وارد ٿيو.
(3) ڏسو جهانڪشائي نادري (369)
(4) يعني زڪريا خان نائب ناظم ملتان
(1) هيءُ خط سال 1922ع ۾ قديم تاريخ آثار شناني ميوزم دهليءَ ۾ موجود هو.... هيءُ مڪتوب اصل اتان ورتل آهي. مٿس مهر جي هيٺئين سجع آهي:
نگين دولت و دين رفته بود چون از جا بنام نادر ايران قرارداد خدا ” متن لفظ ”آنکه“ سان شروع ٿيل آهي(ح)
(2) ظفر حسن: هن خط جي حاشيي تي هيٺئين عبارت لکيل آهي: رقم مڪرم محترم مزين بمهرساي شهنشاهه ملک بارگاهه نادر شاه است که بنام نامي نواب صاحب سيف الدولـہ زڪريا خان بهادر دلير جنگ ورورديافتہ درسال 1152هه(ح)
ضميمہ اورينٽل ڪاليج ميگزين مئي 1951ع - ص 118 - 119 موجب: زڪريا خان لاهور ۾ تاريخ 1 - جولاءِ 1745ع (1158هه) ۾ فوت ٿيو. حضرت خواجه محمود خاوند المتوفي: 1554ع (961هه) جي مقبري ۾ مسجد جي اتر طرف دفن ٿيو. نقوش لاهور نمبرص88(ح)
تاريخ محمديءَ ۾ زڪريا خان جي باري ۾ آهي، ته سيف الدولہ زڪريا خان بهادر دلير جنگ بن سيف الدولہ عبدالصمد خان بهادر دلير جنگ احراري سمرقندي وقت جي وڏن اميرن ۽ لاهور و ملتان جو صوبيدار 12 يا 13- جمادي الثاني لاهور ۾ فوت ٿيو. ان جي عمر اندازاً 56 يا 57 سال هئي، هو اعتماد الدولہ محمد امين خان چين بهادر جو نياڻو هو. جيڪو 1133هه ۾ گذريو، سندس پيءُ عبدالصمد 1150هه ۾ گذريو،(128) (ح) ڏسو ماثرالمراء 2: 106 سيرالمتاخرين 3: 12
خواجه عبدالرحيم مخاطب سيف الدولہ عبدالصمد خان بهادر دلير جنگ پٽ جناب عبدالڪريم احراري سمر قندي وقت جي وڏن اميرن صاحب فتوحات ۽ مغازي ۽ ملتان جو صوبيدار 10 - ربيع الثاني لاهور ۾ فوت ٿيو. سندس عمر اسي سال هئي.(تاريخ محمدي 97) ڏسو ماثرالامرا 2: 514 ۽ سير المتاخرين 2: 91
(1) محمد فاضل قمرالدين خان، بهادر اعتماد الدولہ خان جنگ وزير الممالڪ پٽ محمد امين خان وزير الممالڪ اعتماد الدولہ نصرت جنگ عهد عالمگير جي سنه 1114 هجريءَ ۾ ظل سبحانيءَ کان قمرالدين خان جي خطاب سان سرفراز ٿيو. محمد فرخ سير جي عهد سنه 1127 هجريءَ ۾ تعلقه بخش گيري ۽ غسل خاني جي داروغيءَ سان ممتاز هو. سنه 1133 هجريءَ ۾ اعتماد الدولہ نصرت جنگ جي لقب سان سرفراز ٿيو، سنه 1137 هجريءَ ۾ وزارت جي منصب سان سرفراز ٿيو. پنجويهه سال وزارت هلايائين، سنه 1141هجريءَ ۾ احمد شاهه بن محمد شاهه سان گڏ احمد شاهه درانيءَ جي جنگ ۾، جنگ هلندي توب جي گولي لڳڻ ڪري مارجي ويو(ماثر الامراء ج: 1: 358)
تاريخ محمدي جلد 2 حصه 6 ۾ سندس شهادت جو احوال هن ريت آهي: مير محمد فاضل پٽ محمد امين سپهه سالار هندستان جي وڏن اميرن محمد شاهه بادشاهه جو وزير، جمعي جي ڏينهن 22 - ربيع الاول سرهند ويجهو احمد شاهه ابدالي افغان جي جنگ ۾ مارجي ويو. ان جي عمر 62 سال يا ڪجهه گهٽ هئي. ان جو پيءُ سنه 1133هجريءَ ۾ گذريو.(ص 142، مطبوعه علي ڳڙهه 1940ع)
(1) اورينٽل ڪاليج ميگزين ضميمہ فيبروري 1951ع ص. 119 - 121
(1) جهانڪشائي نادري ص . 37
(2) عمرڪوٽ رڻ بيابان ۾ مشهور قلعو آهي. پاڻي ۽ آبادي کان ٽيهه فرسخ پري آهي(بيان واقعي 68) عمرڪوٽ ريگستان بيابان ۾ قلعو آهي، ان جي آسپاس پاڻي ۽ آبادي ڪانهي... ان ڪري متن ۾ پاڻي جو ذڪر بي محل آهي. (محمد شفيع)
(3) جهانڪشائي: ڏينهن ڇنڇر ان مهيني جي 8 تاريخ، لوڪ هارٽ ص 160 پڻ 28 ذوالقعد کي اختيار ڪيو آهي(محمد شفيع)
(1) جهانڪشائي: ڏينهن آچر 9 - تاريخ، پر شڪ ناهي، ته 29 تاريخ صحيح آهي ۽ 9 تاريخ صحيح نه آهي(محمد شفيع)
(2) مرزا مهديءَ جي بقول(جهانڪشائي 371): ”هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ضبط ڪيو ويو.“ بيان واقعي(ص 69) چيو آهي ته ”محاسبي وقت خدا يار خان جون جيڪي شيون موجود هيون، اڪثر صفوي بادشاهن جون شيون ايران جي ڪهنه ارباب قلم وارن سڃاتيون. اهي اتي مشاهدي ۾ آيون.“ معلوم ٿيو، ته قنڌار جا افغان جڏهن والي ايران جي ”جان ۽ مال“ تي قابض ٿيا ته هنن ناياب شين کي آسپاس موڪلي وڪرو ٿي ڪيو (محمدشفيع)
(3) اورينٽل ڪاليج ميگزين ضميمہ (فيبروري 1951ع صه 121 ، 124)
(1) اورينٽل ڪاليج ميگزين ضميمہ فيبروري 1951ع صه 124 - 125
(1) ڏسو جهانڪشائي نادري 275 ۽ بيان واقع ص 70.
(2) خواجه عبدالڪريم لکيو آهي، ته(ص 70): نادر شاهه، خدا يار خان جا ٻه پٽ يرغمال طور پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو(محمد شفيع)
(3) اورينٽل ڪاليج ميگزين ضميمہ فيبروري 1951ع صه 126.
(1) ڏسو جهانڪشاي نادر صه 37(؟)
(2) ضميمہ اورينٽل ڪاليج ميگزين، فيبروري 1951ع ص 126 . 127
(4)
نادر نامہ
يا
شاهنامہ نادري
تاليف 1172 هجري
نادر شاهه ايراني ۽ سنڌ بابت چونڊ اقتباس
1152 هجري سال جا واقعا
]نادري نامہ نادر شاهه جي فتح ڪاميابي، سنڌ جي ڪاهه ۽ سنڌ جي والي خدا يار خان عباسيءَ جي گرفتاري وغيره جو احوال شاعر فارسي نظم ۾ آندو آهي، ان جو خلاصو هيءُ آهي.[
جڏهن نادر شاهه ڪابل جي ڪاميابي ۽ ڪم کان فارغ ٿيو، ته فتني باز عباسين (ڪلهوڙن) جي ڪن مهٽ ڏانهن متوجـهه ٿيو، پنهنجي اڻ کٽ ڇوليون هڻندڙ لشڪر جي واڳ ڪابل کان سنڌ ڏانهن موڙيائين. عباسي (ڪلهوڙي) جو نالو(ميان نور محمد) خدا يار خان هو.
فارسي شعر هن ريت آهي:(1)
چواز کار کابل به پرداخت شاه فرستاد سويء هري دستگاه
پئي گوشمال يکي فتنه جوي که چون سيل، با آن سپاة گران با هنگ عباسي بد نشان
ز عباسيان شد چنين چاره جوي سويء سند تابد ز کابل عنان که ميبود نامش خدايار خان
نادري لشڪر جي سنڌ ڏانهن تياري ۽
خدا يار خان جي گرفتاري
ڪچهري ۾ ڳالهه نڪتي، ته سنڌ جو سردار خدا يار خان ، عباسي نسل آهي ۽ هندستان جي بادشاهه جي ماتحت آهي. نادر شاهه کيس حڪم موڪليو ته: ”اسان جو فرمان بردار ٿيءُ، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اسان جي اڻ کٽ لشڪر هٿان سڄي سنڌ ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي.“ ان تي نادر شاهه کي خبر پئي ته، خدا يار خان تي هن نصيحت ۽ تنبيهه جو ڪو اثر ڪونه ٿيو.
تنهن تي نادري لشڪر جهر جهنگ ۽ سنڌو درياءَ مان واءُ مينهن ڪندو ڌوڪيندو آيو. اها خبر جڏهن عباسيءَ کي پئي ۽ جنگ جدل جي طاقت ۽ تاب نه سهي، پنهنجي تخت گاهه(1)کي خالي ڪري فرار جي واٽ ورتائين، عمرڪوٽ(2) نالي هڪ قلعو تمام ڏوراهين هنڌ ۽ غيرآباد ريگستاني علائقي ۾ هو. ان قلعي کان عام آبادي واٽ ٽيهه فرسخ پري هئي.
خدا يار خان گمان ڪيو، ته حملي آور ايراني فوج کي اهڙي دشوار گذار هنڌ تي پهچڻ ڏکيو ٿيندو ۽ پاڻ قلعي ۾ آرام سان ٿي ويٺو.
نادر شاهه کي جڏهن خبر پئي، ته خدا يار خان عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي ويٺو آهي، تڏهن هن قلعي تي اهڙي تيز رفتاريءَ سان يلغار ڪئي، جو هڪ ڏينهن ۽ رات ۾ منزل طئي ڪري، ڌوڪيندو اچي قلعي وٽ پهتو. اهڙيءَ حالت ۾ خدا يار خان کي قلعي مان ڀڄڻ ممڪن هو، خدا يار خان قلعي کان ٻاهر لشڪر سميت سورت بندر ۽ گجرات جي واٽ ورتي. پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو. نادر شاهه جي بخت سندس سڀني ڪوششن جي راهه بند ڪري ڇڏي. نادر جا جنگي سوار کيس واٽ تي وڃي پڳا، کيس وٺي اچي نادري دربار ۾ پهچايائون. نادر کيس قيد ڪرڻ جو اشارو ڏنو. ان کان پوءِ خزاني، سون چاندي ۽ موتين وغيره جي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سون چاندي سميت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جو سڀ سامان ضبط ڪيو ويو. ان قلعي ۾ ٻيو به جو ڪجهه هو، اهو سڀ نادري لشڪر جي قبضي ۾ آيو، نادر شاهه اتان لاڙڪاڻي طرف روانگي ڪئي.
سال 1153 هجريءَ جا واقعا
سن 1153هه ۾ خدا يار خان انهي رهگذر سفر ۾ بادشاهي فرمان موجب قيد هو، گويا سندس حڪمراني جي باغ بهار تي خزان جو دور آيل هو. نيٺ نادر شاهه مٿس مهرباني ڪري کيس ٻيهر سنڌ جي زمينداري واپس ڪئي...
نادري لشڪر جو ايران موٽڻ ۽ ترڪستان
جو ارادو ڪرڻ
قلم اها صورتحال هن نموني لکي ٿو، ته جڏهن ايران جو بادشاهه، هندستان، سنڌ ۽ ڪابل جي فتح کان موٽڻ لڳو. ڪابل کان پنهنجي حڪومت جي هر سرحد تي اهڙو حڪم ۽ انتظام رکيائين جو، جيڪو انهن حڪمرانن تي ڏنڊ وغيره مقرر ڪيو هئائين، اهو کيس آسانيءَ سان پهچندو رهي يا کيس موڪليو وڃي.
(5)
نامہء نغز
مان چونڊ اقتباس
تصنيف
باغ علي سنڌي
(نادر شاهه ايرانيءَ جو سنڌ تي تسلط)
نادر جو پڪو ارادو سنڌ جي سالار طرف ۽ سنڌ ملڪ جي والي نور محمد ڪلهوڙي جي وڪيل
مير متاري(1) کان حقيقت پڇڻ
جڏهن نادر شاهه بادشاهه دهليءَ جي فتح کان فارغ ٿيو، ته ڪنهن جوڻي هڻندڙ کان بکر طرف(ڪاهه ڪرڻ) جو رستو پڇيائين، ان چيو، ته اهو نور محمد عباسي نامور تاجور ۽ سپهدار جو ملڪ آهي. ان جو وڪيل مير متارو آهي. نادر شاهه اها ڳالهه ٻڌي مير متاري سان ملڻ ۽ حال احوال پڇڻ جو ارادو ڏيکاريو. ڪنهن ماڻهوءَ مير متاري سان اها ماجرا بيان ڪئي. مير متارو به شاهه ايران نادر شاهه سان ملاقي ۽ حالي احوالي ٿيو. نادر شاهه ان کان ميان نور محمد حڪمران، ملڪ سنڌ، خزاني، سپاهه ۽ گس پنڌ بابت سمورو احوال پڇيو.
مير متاري نهايت ڏاهپ سان جواب ڏنو:
”ان جو لشڪر ۽ سپاهه بيشمار آهي، سڀ جنگي جوڌا، مرد دلير ۽ ميدان ڪارزار جا ڪوڏيا ۽ ڪونڌر آهن. ڪوبه انهن کان ميدان کـَـٽي نه ٿو سگهي. جنگ ۾ راتاهو هڻن ٿا، ته هڪ سئو ڄڻا، ڏهن هزارن ماڻهن تي حاوي ٿيو وڃن. سڀ تلوار جا ماهر،نيزي باز ۽ وڏا بهادر آهن. دليريءَ ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. انهن کي هاٿين جهڙي طاقت ۽ چيتي جهڙا مضبوط جسم آهن. تيرن تلوارن، گرزن ۽ تفنگن جي هٿيارن پنوهارن سان هميشہ تيار رهن ٿا. هو ڪنهن به لشڪر کان ڊڄڻ وارا ناهن. چوڻ کان زيادهه دلير ۽ بهادر آهن. جيڪر ان سالار جي فوج جوش ۾ اچي وڃي، ته گويا پهاڙن مان به دانهون نڪري وڃن.“
جڏهن نادر شاهه، ميان نور محمد عباسي، سنڌ جي ماڻهن ۽ لشڪر جي بهادريءَ جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ سمجهو ته ائين سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ، اڪ جي ماکي لاهڻي ڪانهي، تنهن ڪري موٽ ۾ نادر شاهه به مير متاري کي پنهنجي رعب تاب جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ته: ”آءٌ به جنگجو ۽ فاتح آهيان. ديهن جون ديهون ۽ شهر فتح ڪيا اٿم. قنڌار، هندستان ۽ روم قبضي ۾ ڪيا اٿم.“
پوءِ پاڻ نادر پنهنجي خاص ماڻهو ۽ وڪيل محمد علي بيگ کي مير متاري سان گڏ ميان نور محمد ڏي هيءُ نياپو موڪليو:
1 - هميشہ خراج موڪليندو رهه
2- پنهنجو پٽ ڏهن هزارن سپاهين سان اسان جي ماتحت موڪل.
هيءَ نادري پيغام کڻي نادر شاهه جو سفير محمد علي بيگ ۽ ميان نور محمد جو وڪيل مير متارو گڏجي دهليءَ مان ٻيڙي ذريعي بکر روانا ٿيا. هڪ ڏينهن گهٽ ٻن هفتن ۾ بکر اچي پهتا. جڏهن انهن ٻنهي جي بکر اچڻ جي خبر ميان صاحب کي پئي، ته پاڻ وڏي استقبال لاءِ آيو.
جڏهن ٻئي سفير ۽ وڪيل سنڌ پهتا، ته ميان صاحب انهن جو والهاڻو استقبال ڪيو ۽ سمورو احوال ورتو. ان بعد نادر شاهه کي جواب ڏيڻ لاءِ ۽ صلاح مصلحت واسطي مجلس سينگاري وئي. ان مجلس ۾ ميان نور محمد پاڻ، سندس وڏو پٽ محمد مراد ياب خان، خداد داد خان، احمد يار خان، غلام شاهه، عطر خان، غلام نبي ۽ غلام رسول، سردار، سپاهه ۽ همدرد اتي ويٺا. سوال جواب ٿيا. سڀني چيو: ”سنڌ جا اي نامور شير سنڌ جا سردار! اسان جو الله تعاليٰ حامي نگهدار ۽ ڪارساز آهي، ان ڪري خدا تي ڀروسو توڪل ”والله مع الصابرين“ تي عمل ڪجي. ان جو لشڪر کڻي سو هزار هجي، پر اسان ڀڄڻ وارن مان ناهيون. اسان تيرن تفنگن، نيزن ڀالن ۽ تلوارن کي منهن ڏيڻ وارا آهيون. ان کي ڀڄائڻ کانسواءِ دم نه کڻنداسون.“
ميان صاحب اهي ڳالهيون ٻڌي، نادر شاهه جي سفير محمد علي بيگ کي چيو:
”آءٌ نادر شاهه جي لشڪر کان هرگز ڊڄڻ وارو ناهيان. خراج خزاني ۽ دنيا دولت جي مون ۾ اميد نه رکو. منهنجو خزانو ۽ گنج رڳو تلوار آهي، جيڪڏهن نادر شاهه هن جواب تي ڪاوڙجي، ته اسان جو الله نگهبان آهي. نادر واقعي قنڌار، گرديزبان، پشاور ۽ غزنوي قبضي ۾ ڪيا آهن، ته اهو چڱو ڪم ڪونه ڪيو اٿس. اسان جو لشڪر باهمٿ ۽ جنگجو آهي. منهنجا پنهنجا عزيز به شينهن مڙس آهن. جيئن محمد مراد، خداداد خان، احمد يار خان، غلام شاهه، عطر خان، غلام نبي ۽ غلام رسول ، انهن مان هر هڪ کي ٽيهه ٽيهه هزار سپاهه آهي. منهنجو ڀاءُ داؤد خان، غلام حسين، تاج محمد ۽ فضل علي اهي سڀ مرد دلير ۽ ببر شير آهن. هر هڪ جي هٿ هيٺ ڏهه ڏهه هزار سپاهه آهي. منهنجا پنهنجا ٻيا عزيز ۽ همدرد به هزارين آهن. جيئن ميان عارف خان، خان عزت، ڀائي خان، شيخ محمد، شاهه بهارو، مقصود، ڄام نندو، مير بهرام، مراد ڪليري ۽ مير چاڪر، منهنجن دلير هزارن سپهه سالارن مان ڪنهن ڪنهن جا نالا کڻان، فوج ۽ لشڪر به لکين آهي.“
نادر شاهه جو سفير محمد علي بيگ اهو سخت جواب ۽ نياپو کڻي، ايران جي شاهه ڏانهن وڃڻ جي واٽ ورتي ۽ ائين روانو ٿيو، جيئن تيز پکي اڏاڻو يا هرڻ ڊوڙ پاتي.
ان وچ ۾ نادر شاهه اٽڪ جي قلعي وٽ پهچي چڪو هو، سفير، شاهه ايران کي سڄو ڏٺل ٻڌل احوال ۽ ميان نور محمد جو نياپو پهچايو. جڏهن نادر شاهه اهو گفتگو ٻڌو، ڄڻ سندس اندر ۾ باهه ٻري وئي. يڪدم پنهنجو لشڪر ۽ سپاهه ترڪمان، چين، ڪابل پشاور، ايران، مازندراني، تبريز ۽ بريري جو گهرائي، چڙهائيءَ لاءِ گڏ ڪيائين.
سفير جي نياپي ٻڌڻ سان نادر شاهه، خدا يار خان سنڌ جي سالار ڏانهن رخ ڪيو. جڏهن نادر شاهه بلوچن جي سرزمين سنڌ ۾ پهتو ۽ اها خبر ميان نور محمد کي پئي، ته ايران جا سپهه سالار هندستان کان اچي ڪڙڪيا آهن. ميان صاحب پنهنجي سڀني صلاحڪار ساٿين سان صلاح مصلحت ڪئي، ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ صلاح بيٺي، ته نادر شاهه جي لشڪر کان نه ٿا ڊڄون، پر بادشاهن سان ويڙهه چڱي ناهي. جيئن فردوسي يا ڪنهن ڏاهي چيو آهي:
”که پر خاش بادشا ڪردن خطا ست“
مطلب ته بادشاهه سان لڙائي ڪرڻ خطا آهي. نيٺ ميان صاحب لک سپاهه ساڻ ڪري، عمرڪوٽ جي واٽ ورتي.پٺيان نادر شاهه به چاچڪان(1) پهتو. نادر، ملڪ ۾ مار ڌاڙ ڦرلٽ ڪندو ڌوڪيندو آيو. ڪي ماڻهو مئا ۽ ڪي گرفتار ٿيا. نادري فوج سنڌ ملڪ کي ڦري لٽي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. ان ظالم نادر جي حملي وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن تي ڄڻ ڪاري قيامت اچي ڪڙڪي. پيءُ پٽ کان بيخبر، ماءُ اولاد کان دربدر، ماڻهو پنهنجا سر کڻي ڀڳا، زالون ۽ ٻار به دربدر ٿي وڇڙي ويا.
اهڙو سخت قهر ۽ ظلم ٿيو، جو جيڪڏهن ڪنهن زال کي پيٽ ۾ پٽ هو، ته اهو به صدمي مان ڌيءُ ٿي پيو ٿي. مطلب ته رنين آهرين ظلم جي چڪي ۾ پيسجي ويا.
نيٺ لاچار ميان نور محمد اها حالت ٻڌي ڏسي، پنهنجي پٽ غلام شاهه کي پنهنجي وڪيل مير متاري سان گڏائي، نادر شاهه جي خدمت ۾هيءُ پيغام ڏئي موڪليو:
”هاڻي مون کي فرمان بردار ڪري ڄاڻ، خراج ۽ زر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان. تنهنجي فرمان جي ڪمر ٻڌي اٿم.“ جيڪڏهن نادر شاهه اها ڳالهه مڃي ۽ موٽي وڃي، ته واهه ۽ تون جلدي موٽي اچجانءِ. جي عذر نه مڃي ۽ حملو جاري رکي، ته سندس حملي ۽ سپاهه لشڪر جي خبر مون کي پهچائجانءِ.
غلام شاهه، نادر شاهه ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن ويجهو پهتو، ته نادر شاهه کي اطلاع ڏنائون. نادر شاهه، غلام شاهه کي سڏائي مقصد ۽ احوال معلوم ڪيو.
غلام شاهه عرض ڪيو، ته آءٌ خدا يار خان جو پٽ آهيان، اوهان جهان جي بادشاهه لاءِ سندس پيغام کڻي آيو آهيان، پر اهو پيغام اڪيلائيءَ ۾ پيش ڪندس.
نادر شاهه خلاصو ٿي ويٺو ۽ غلام شاهه سمورو پيغام پهچايو. نادر شاهه کي غلام شاهه جي گفتار ۽ ڪردار وڻيا. نادر شاهه چيو : ٻڌو اٿم ته تنهنجي پيءُ جنگ جي تياري ڪئي هئي. ان ڪري چوان ٿو ته، يڪدم سنڌ پهچان، سندس طاقت کي آزمائي ڏسان.
نادر، لاڙڪاڻي، نوشهري(1) کان ٿيندو، شهدادپور ۾ اچي طبل وڄائي تنبو کوڙيا. ميان نور محمد، نادر جي آمد جو ٻڌي، دورانديشي ڪري عمرڪوٽ ڏانهن وڃي چڪو هو. شهدادپور ۾ نادر شاهه، عمرڪوٽ جو دڳ پتو پڇڻ لڳو. اتفاق سان ميان صاحب جا ڪي نالائق مخالف لالــچ ۽ انعام جي ڪري، نادر شاهه سان گڏجي پيا. انهن نادر شاهه کي عمرڪوٽ جو ڏس پتو ڏنو، ته عمرڪوٽ هيترو ڪي هيترو پنڌ ٿيندو، پر ميان نور محمد وڏي لشڪر سان اتي جنگي ارادي سان وڃي ويٺو آهي. البت سندس سپاهه ۽ لشڪر جي تعداد جي صحيح خبر نادر شاهه کي ٻڌائي نه سگهيا.
انهيءَ دوران ميان نور محمد جي لشڪر جا سپاهي جيڪي ذات جا ماڇي(1) هئا، پوئتي رهيل هئا. انهن نادر شاهه جو رستو روڪي لڙائيءَ جو مهاڏو اٽڪايو. اهڙيءَ طرح گرزن، تيرن، تفنگن، نيزن ۽ ڀالن تلوارن سان ميداني جنگ ڇڙي پئي، نادر پڇيو، ته هيءَ اوچتي فوج ڪٿان آئي؟ چيائون ته ميان صاحب جا سوار ڪي پوئتي رهيل هئا، اهي آهن. ماڇين کان علاوه ميان صاحب جي فوج جا نو سئو(900) سوار ذات جا مهيري(2) به ڪي پوئتي رهيل هئا، اهي به اچي وارد ٿيا. پوءِ ته نادري لشڪر تي وارو وارو ٿي وئي ۽ انهن پنهنجو پنهنجو حق ادا ڪيو. پر نادري لشڪر جا وڏا ڪٽڪ هئا. ان ڪري نادر انهن کي ڪـُـٽيندو سـَـٽيندو ماريندو ۽ ڌوڪيندو وڃي عمرڪوٽ کان نڪتو. قلعي جي دروازي تي ميان صاحب جو پٽ غلام شاهه اچي نادر شاهه سان ڳالهائو ٿيو. نادر شاهه چوائي موڪليو: ” ميان صاحب صلح ۽ امان طلبيءَ جي ڪري روبرو اچي، ته کيس ٻيهر خلعت ۽ حڪومت سان نوازيو ويندو.“
نيٺ ميان نور محمد امانَ طلبي خاطر گهوڙي تي چڙهي نادر شاهه وٽ آيو. ميان صاحب سان هڪ سئو چاليهه ساٿي، جن ۾ بهارو،ڄام نندو، ڪوڙو يا گنهور(؟) مير چاڪر، بهرام، مير شاهو ۽ غلام محمد به گڏ هئا. ميان صاحب ويجهو اچي گهوڙي تان لٿو.پيرين پنڌ نادر وٽ آيو ۽ امانَ جو طلبگار ٿيو، روبرو عذر معافيون، صلح صفائيءَ جون ڳالهيون ٻوليون ٿيون. نيٺ نادر شاهه ، ميان صاحب کان پڇيو:
”تو امانَ گهري، مون امانَ ڏني، پر اهو ته ٻڌاءِ، پهريان لڙائيءَ لاءِ تياري ڇو ڪيئي؟ پوءِ يڪدم وري لڙائيءَ جو ارادو ڇڏي، صلح ۽ امانَ طلبيءَ جون ڳالهيون ڪيئن ڪيون ۽ ملڪ ڇڏي پري رڻ پٽ بيابان ۾ ڪناره ڪشي ڪيئن مناسب سمجهيئي؟“
ميان نور محمد ڏاهپ ۽ دانائي سان وراڻيو:
”توهان سان جنگ مناسب نه ڄاتم،ان ڪري پري اچي گوشو ۽ ڪنارو ڪري ويٺس، جو بادشاهه ڪنهن جي پويان نه پوندا آهن.“
جڏهن نادر شاهه کي سڄي سربستي ڳالهه سچي لڳي، تڏهن نادر، ميان کي چيو ته: ”تون اڳئين وانگر حڪومت تي برقرار آهين. هينئر واپس لاڙڪاڻي ٿا هلون، اتي توکي وري ٻيهر حڪومت تي سرفراز ڪريان ٿو. اچ ته گڏجي اوڏانهن هلون ۽ هن سچي گفتار تي توکي آفرين هجي.“
نادر شاهه جو عمرڪوٽ مان لاڙڪاڻي ورڻ
۽ خدا يار خان کي گڏ وٺي هلڻ ۽ سنڌ ملڪ
ٻيهر ان کي سونپڻ
لاڙڪاڻي پهچي نادر وڏي مجلس سينگاري، اُتي ميان نور محمد ڪلهوڙي کي سنڌ ٻيهر حوالي ڪئي. ميان صاحب کي خلعت ۽ سنڌ جي حڪومت سان سرفراز ڪيو. ٻيون به سوين سوکڙيون پاکڙيون ڏنائين. ميان صاحب کي ”ثابت جنگ“ ، ”بيگ بيگي“ ”قلي شاهه“ جي لقبن سان به نوازيو. اهڙيءَ طرح سڀ عهد نامہ لکجي ويا.
وڌيڪ نادر شاهه، ميان صاحب کان سندس پٽ جي ٻانهن به گهري، ته هو منهنجي زير سايہ رهي، ميان صاحب پنهنجن ساٿين سان صلاح مشورو ڪيو ته، ڪهڙي پٽ کي نادر شاهه سان گڏ موڪلجي سڀني صلاح ڏني، ته ان جي لائق محمد مراد ياب آهي. ميان صاحب وري محمد مراد ياب کان ان باري ۾ پڇيو، ان خوش دليءَ سان هائوڪار ڪئي ۽ چيوته: ” دلجاءِ ڪري مطمئن رهو. مون کي رڳو هميشہ دعا سان ياد ڪجو.“
ميان صاحب ، محمد مراد ياب کي گهڻين نصيحتن ۽ دعائن سان نوازي، سندس ڀاءَ غلام شاهه کي به ساڻ گڏائي موڪليو، ته جيئن هڪ ٻئي جو ڏڍ ٿين، هٿيار پنهوار به ڏنائين ۽ پنهنجا خاص ماڻهو ڄام نندو، گنهور، کهاوڙ، غلام محمد، ڪوڙو ۽ خيرو به گڏ روانا ڪيا، ته جيئن اڪيلائي محسوس نه ڪن، ان سان گڏ ٻارنهن هزار لشڪر به ساڻ ڏنو. نادر شاهه، ميان صاحب جي ٻن پٽن ۽ ٻارنهن هزار لشڪر ساڻ ڪري گهڻو خوش ٿيو. انهن جي خاطر تواٰضع ۽ عزت ڪرڻ لڳو.
نادر شاهه جو سيوي ۽ قنڌار جي رستي سان
محمد مرادياب، غلام شاهه ۽ لشڪر سميت
ايران ملڪ ڏانهن موٽڻ
جڏهن نادر شاهه خير خوبيءَ سان ٻنهي شهزادن ۽ لشڪر سميت واپس ايران وڃڻ لڳو ۽ خراسان پهتو، ته هر طرف سندس فتح ۽ واپسي تي مبارڪون ملڻ لڳيون، پر ميان نور محمد عباسي پنهنجي ٻنهي پٽن کي ياد ڪري، رنجيدو ۽ پريشان ٿيندو هو ۽ کين دعائون ڏيندو هو. ائين ڪندي چند سال گذري ويا، ته ايران ملڪ مان وري سنڌ ملڪ لاءِ ٻارڻ ٻريو، ان ظلم ۽ ستم جو سپهدار سردار خان هو. ان وري ميان نور محمد خدا يار خان کان ٽيون پٽ به گهريو ته، اهو به اتي اسان وٽ دربار ۾ رهي. ميان صاحب، شهزادي عطر خان کي هڪ هزار هڪ سئو سٺ(1160) سپاهين جو لشڪر ڏئي،سردار خان سان گڏ خراسان موڪليو، ته جيئن اڳين ٻنهي ڀائرن سان وڃي ملي، جيڪي نادر شاهه ٻئي اڳ ۾ وٺي ويو هو. عطر خان ستين مهيني وڃي ٻنهي ڀائرن سان مليو ۽ دل خوش ڪيائون. ٽئي اتي دربار ۾ رهيا. پيءُ جي محبت ۽ دعائن کي گڏجي ياد ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي قسمت ۽ ڪم، ڪار ساز جي حوالي ڪري ڇڏيائون.
شاعر باغ علي سنڌي ”نامہء نغز“ جي پڄاڻي حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جن تي درود ۽ سلام سان هن ريت ڪئي آهي:
سلام و صلواة و ثنا صد هزار، زما بر محمد شہ تاجدار. هزاران سلام و هزاران درود، زما بر محمد بود برفزود!
مطلب، ته محمد شاهه تاجدار صلي الله عليہ وسلم تي اسان جي طرفان لک سلام ۽ صلواتون هجن. اسان جي طرفان هزارين سلام ۽ هزارين درود محمد صلي الله عليـہ وسلم تي هجن!
(6)
تبصرة الناظرين
تاليف
سيد مير محمد بلگرامي
(1101 هه - 1185 هه)
سنه 1117 هجريءَ کان سنه 1152 هجريءَ جا واقعا
]ڪلهوڙا دور جي ڊائري[
تبصرة الناظرين
1117 هجري - يار محمد خدا يار خان جي هٿان نومڙين جي شڪست
يار محمد خدا يار خان ڪلهوڙو سرائي قوم جو سرواڻ، سنڌ ملڪ جو وڏو زميندار (منصبدار) آهي. ان هن ئي سال جبل ۾ نومڙين تي فتح حاصل ڪئي. هن فتح ۽ ڪاميابيءَ جي تاريخ، منهنجي(مصنف جي والد) سيد مير عبدالجليل بلگرام هن طرح چئي آهي:(1) جڏهن يار محمد خدا يار خان همٿ ۽ جرئت سان ڪمربسته ٿي، نومڙين تي حملو ڪيو، ته انهن جون دليون دهلجي ويون، سخت حملي کان جبل به جنبش ۾ اچڻ لڳا. هن فتح جي تاريخ: ”هيءَ فتح خداداد“ (1117 هه) مان نڪري ٿي.[خ‌ع‌أ‌ا‌1] (2)
1122 هه - سيد حسين امتياز خان خالص اصفهاني جو مارجڻ
هن سال سيد حسين امتياز خان ”خالص“ اصفهاني، شاهه جهان آباد کان وطن ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيو هو. جڏهن رستي ۾ سيوستان پهتو، ته اتي جي زميندار يار محمد خدايار خان پنهنجن ماڻهن کي موڪليو، ته ان تي راتاهو هڻي، ان کي ماري وجهن. ان جو ساز سامان ۽ مال متاع به سندس قبضي ۾ آيو. منهنجي والد ان واقعي جي تاريخ هن طرح چئي آهي:
آه آه امتياز خان(1122 هه)(3) امتياز خان سيد حسين ”خالص“ اصفهاني صاحب ديوان شاعر هو.سندس شاعري جو نمونو هي آهي:
کي شوم آزاد از قيد خودي، چون عنڪبوت، بعد مردن هم بدام خود گرفتاريم ما.
1125 هه - ميان يار محمد جي هٿان سيوي ۽ ڍاڍر جو فتح ٿيڻ
هن سال شڪارپور جي آسپاس ۽ نوشهري جي زميندار رحيم داد افغان، جبل جي زميندارن جي مدد سان وڏو لشڪر وٺي،سيوي قلعي ۽ ڍاڍر تي قبضو ڪيو. انهن قلعن جي نگران ميان يار محمد جڏهن اها خبر ٻڌي ته، پنهنجي پٽ داؤد خان کي وڏو ڪٽڪ ڏئي روانو ڪيو، ته سيوي قلعي کي زور زبردستيءَ سان رحيم داد افغان جي قبضي مان ڇڏائي. دائود خان ڪٽڪ سميت سيوي قلعي وٽ پهتو، ته رحيم داد افغان بکايل شينهن وانگر جنگ ڪرڻ لاءِ سامهون ٿيو. داؤد خان حڪمت عملي سان لشڪر کي ساڄي کاٻي ترتيب سان صف آرا ڪيو. پوءِ گهمسان جي لڙائي ۽ مارڌاڙ شروع ٿي:
ايزدش يار وقضا رهبر و توفيق رفيق،
بخت همراهه وظفرمونس و اقبال نديم.
مطلب ته، داؤد خان جو الله مددگار، سندس تقدير رهنما، توفيق شامل حالي فتح ۽ ڪاميابي ورونهن ۽ بخت ساٿ هو. ان ڪري لڙائي ۾ داؤد خان جو پــُـڙ ڳرو ٿيڻ لڳو ۽ رحيم داد افغان ڀاڄ کائڻ لڳو. انهن کي ڀڄڻ هرگز فائدو نه ڏنو، موت کان ماڻهو ڪيڏانهن ڀڄي سگهندو؟آخرڪار رحيم داد افغان ۽ سندس لشڪر لڙائي جو ميدان خالي ڇڏي، شڪست کائي، پويان پير ڪري ڀاڄ کاڌي ۽ داؤد خان ڪلهوڙي جو لشڪر ڪامياب ٿي، انهن ڀڳوڙن جي پٺيان لڳو. بهرحال داؤد خان، رحيمداد افغان تي فتح حاصل ڪري خدا جي دربار ۾ شڪراني جو سجدو بجا آندو ۽ ڪامياب ٿي پنهنجي پيءُ يار محمد ڪلهوڙي وٽ واپس آيو. ميان يار محمد پنهنجي پٽ داؤد خان کي ڀلو گهوڙو، خاص تلوار ۽ جڙائودار خنجر انعام ڏئي خوش ڪيو.
منهنجي والد(عبدالجليل بلگرامي) اهو سڄو واقعو نظم ۾ آڻي رحيمداد افغان جي هار ۽ داؤد خان جي جيت جو ذڪر ڪيو آهي(1) ۽ هن واقعي جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي آهي:
ز داؤد شد فتح سيوي وداد هر(1125هه)(2)
مطلب ته، داؤد خان سيوي ۽ ڍاڍرفتح ڪيو.
1135 هه - ڪتاب جي مصنف جي خدا آباد ۾ رهائش
هن ئي سال آءٌ ( سيد مير محمد بلگرامي ) ميان نور محمد خدا يار خان بهادر ثابت جنگ ڪلهوڙي جي حڪم سان 23 - تاريخ محرم 1135هه تي سيوستان کان خداآباد وڃي رهيس، سيوستان خداآباد جي وچ ۾ ٻارنهن ڪوهه مفاصلو آهي. هيءُ سڄو سال ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پاڇي ۽ خدمت ۾ رهيس. ان تي الله جو حمد آهي.(3)
1136 هه- احمد يار خان ولد ميان نور محمد جي ولادت
هن سال ميان نور محمد ڪلهوڙي کي پٽ ڄائو. ان جو نالو احمد يار خان رکيو ويو. منهنجي والد(عبدالجليل بلگرامي) ان جي ڄمڻ جي تاريخ هن طرح چئي آهي:الله تعاليٰ خان عالي جاه کي نيڪ بخت فرزند ڏنو آهي. ان جي تاريخ ولادت هن مصرعه مان نڪري ٿي:
نونهال عهد احمد يار خان(1136 هه)(4)
1136هه - ڪتاب جي مصنف جي سيوستان واپسي
هن ئي سال ڪتاب(تبصرة الناظرين)، جو مصنف سيد مير محمد بلگرامي رجب مهيني ۾ ميان نور محمد خان کان اجازت وٺي، خداآباد کان سيوستان پنهنجي جاءِ تي پهتو.
1137هه - محمد مراد ياب خان ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شادي
هن سال محمد مرادياب خان ولد نور محمد ولد يار محمد ولد نصير محمد، ملڪ سنڌ جي وڏي زميندار جي خير خوبيءَ سان شادي ٿي گذري، مير عبدالجليل بلگرامي ان خوشيءَ جي موقعي تي شعر لکيو، جنهن ۾ ميان صاحب کي الله ۽ رسول جي دعا سان گڏ، شاديءَ جو نظارو چٽيندي چيو آهي، ته ان شاديءَ ۾ رقص، خوشي نغمه ۽ طعام قيام جو تمام سهڻو انتظام هو. ان شاديءَ جي تاريخ هن سٽ مان نڪري ٿي:
بر مراد دل، مبارڪ باد اين طؤي منير(1137هه)(1)
1143هه - محمد مراد ياب خان ولد ميان نور محمد جي شادي
هن سال ميان نور محمد جي فرزند محمد مراد ياب خان جي شادي ٿي. هن شاديءَ جي موقعي تي مير غلام علي آزاد بلگرامي(مير عبدالجليل جي ڏوهٽي) هيءُ شعر چيو، الله تعاليٰ جو حمد آهي جو محمد مراد ياب خان جي شادي ٿي ۽ الله ان جو مددگار آهي. هن شاديءَ سان سندس دل جي مراد ۽ اميد پوري ٿي. گويا ٻه ستارا سعد برج ۾ مليا. سندس شاديءَ جو سال هن سٽ مان نڪري ٿو:
به يڪجا جمع گشته ماه وزهرا(1143 هه)(2)
مطلب ته هڪ جاءِ تي چنڊ ۽ زهرا تارو گڏ ٿيا.
1143 هه - عبدالله خان بروهي واليء قلات جو مارجڻ
هن سال ميان نور محمد خدا يار خان جو لشڪر عبدالله خان بروهيءَ جي لشڪر تي غالب آيو ۽ گهڻي ڪشمڪش ۽ ڪوشش کانپوءِ عبدالله خان بروهي مارجي ويو. مير غلام علي آزاد بلگرامي(1) ان جي تاريخ وفات، نثرجي هن جملي مان ڪڍي آهي:
عبدالله بروهي قتل گرديد(1143 هه) [خ‌ع‌أ‌ا‌2] (2) يعني: عبدالله بروهي قتل ٿيو.
1144هه - ميان نور محمد جي ڀاءُ محمد خان جي وفات
هن سال ميان محمد خان، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڀاءُ هن فاني دنيا کي ڇڏي، هميشہ خوشيءَ واري دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. غلام علي آزاد بلگرامي، ميان محمد خان جي تاريخ وفات هن طرح لکي آهي:
”تاريخ وفات او سحر هاتف غيب ميگفت: چشيد مي زجامِ ڪوثر (1144 هه) “
مطلب، ته باک ڦٽڻ مهل هاتف تاريخ وفات چئي، ته حوض ڪوثر مان پاڪ شراب جو پيالو پيتائين.
1144هه - ثابت جنگ جو خطاب
هن سال ميان نور محمد ڪلهوڙي، عبدالله خان بروهيءَ تي فتح حاصل ڪرڻ ڪري ”ثابت جنگ“ جو خطاب حاصل ڪيو.
غلام علي آزاد بلگرامي خطاب حاصل ڪرڻ جو سال هن سٽ مان ڪڍيو آهي:
خطاب عمدهء سلطان مبارڪ!(1144 هه)(1)
مطلب ته، عمدو خطاب بادشاهه کي مبارڪ هجي!
1146هه - محمد مرادياب خان جي مراد علي بروهيءَ جي نياڻي سان شادي
هن سال محمد مراد ياب خان جي شادي، مراد علي خان بروهيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. مراد علي خان بروهي، مٿئين عبدالله خان بروهي والي قلات جو سؤٽ هو.(2) مير غلام علي آزاد بلگرامي هن شاديءَ ۽ خوشيءَ جي موقعي جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي آهي:
مبارڪ باشد و باشد مبارڪ!(3)
1146هه
1147 هه - خدا داد خان جي عبدالله خان بروهي جي نياڻي سان شادي
هن سال خداداد خان، ميان نور محمد جي وچئين فرزند جي شادي عبدالله خان بروهي رئيس قلات جي نياڻيءَ سان شادي ٿي گذري، مير غلام علي آزاد بلگراميءَ هن شاديءَ جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي آهي: همايون باداين جسن خداداد (1147هه) (4)
مطلب ته، خداداد خان کي هيءُ جشن مبارڪ هجي شال!
1148 هه - ايران جو بادشاهه نادر شاهه
هن سال جي عجيب واقعن مان هي آهي جو نادر شاهه جنهن جو نالو قلي خان هو، محمود خان افغان غلزئي قنڌاريءَ جي ڏڦيڙ، بربادي ۽ شاهه طهماسپ بن شاهه حسين صفويءَ جي مرڻ کان پوءِ ايرانين طرفان نادر شاهه جو لقب اختيار ڪري بادشاهه بنيو، پر روم جي بادشاهه جنهن ايران تي ڪاهڻ جو ارادو ڪيو هو، جي خوف کان نادر شاهه پنهنجو مذهب ڇڏي، اهل سنت و جماعت جو خطبو پڙهيو ۽ ڪيترن اماميه عالمن کي تلوار سان هلاڪ ڪيو ۽ جيئن نوڪر اٽڪل ۽ حرفت سان زور وٺي، پنهنجي مالڪن سان سامهون ٿئي. ان وانگر هي به بي ادب ۽ گستاخ بنيو، جيئن عرب چون ٿا ته النادر کالمعدوم.
نادر شاهه جي ســڪي تي هي بيت تحرير آهي:
سڪه بر زرڪرد نام، سلطنت راد رجهان، نادر ايران زمين و خسرو گيت ستان.
ٻين کان ٻڌو اٿم، ته سندس سـِـڪي تي هيءُ بيت لکيل هو:
نگين دولت ودين:چونڪه رفته بود از ڇا، بنام نادري ايران قرارداد خدا.
سندس حڪومت تي ويهڻ جي تاريخ رپئي تي هيءَ لکيل هئي ۽ اهو جملو مون پاڻ اکين سان لکيل ڏٺو آهي:
الخير في ماوقع (1)
1148هه
1149هه - نادر شاهه ايراني جي هٿان قنڌار جو فتح ٿيڻ
هن سال ايران جي بادشاهه پنجاهه هزار سوار ۽ بي شمار پيادي فوج سان اصفهان کان اچي، قنڌار جي قلعي جو گهيرو ڪيو. ان قلعي جو رئيس حسين خان افغان گهيري ۾ هو. هڪ سال تائين ايرانين ۽ افغانين جي وچ ۾ جنگ هلندي رهي. آخرڪار قنڌار جي قلعي وارن جي کاڌ خوراڪ ۾ کوٽ پيدا ٿي ۽ قلعي وارا ماڻهو پريشان ٿي پيا. لاچار حسين خان افغان، نادر شاهه جي اڳيان هٿ ٻڌي اچي حاضر ٿيو. نادر شاهه چيو، ته ان کي گڏهه تي چاڙهي سڄو شهر گهمايو وڃي. آخرڪار نادر شاهه، حسين خان کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڪيو.(1)
1151 هه - نادر شاهه افشار هندستان ۾
هن سال ايران جو بادشاهه نادر شاهه قنڌار جو قلعو فتح ڪري قلعي جي رئيس حسين خان افغان غلزئي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪابل جي رستي لاهور آيو. اتي جو ناظم نواب زڪريا خان خلف نواب عبدالصمد پاڻ ۾ نادر شاهه سان مقابلي جي طاقت نه ساري سگهيو ۽ نادر شاهه وٽ اچي پيش پيو ۽ شاهي عنايتن ۾ شامل ٿيو.
نادر شاهه لاهور کان ڪوچ ڪري جنگي تيارين سان، پاڻي پٽ ۽ ڪرنال ڳوٺ وٽ پهتو ۽ هن طرف کان نواب خان دوران بهادر ۽ سندس ڀاءُ اوڌ صوبي جو ناظم نواب مظفر خان مبارزالملڪ نواب سعادت خان ۽ ٻيا امير(محمد شاهه) بادشاهه جي حڪم موجب مقابلي لاءِ ٻاهر آيا.ڪرنال وٽ ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿيون. چئني طرفن کان جنگ جو جوش خروش ڀڙڪا ڏيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح امير الامراء خان دوران بهادر ۽ نواب مظفر خان ۽ ان جو ڀاءُ - اشرف خان، ان جو پٽ - شهداد خان پٽن سميت، علي احمد خان ڪوڪه، مير ڪلو ولد مير مشرف لکنوي، عاقل بيگ خان ۽ غازي بيگ خان ۽ ٻيا ٽيهارو ماڻهو هاٿي سوار، (نادر شاهه جي لشڪر) هٿان شهادت جي درجي تي پهتا جڏهن محمد شاهه بادشاهه، نادر شاهه جي رعب تاب ۽ لشڪر جي گهڻائي جي خبر ٻڌي، سمجهيائين ته جنگ ڪرڻ ۽ نادر شاهه جي ظالم لشڪر سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي، تڏهن صـُـلح جو ارادو ڪري، نادر شاهه جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ ڪرنال وٽ اچي نادر شاهه سان ملاقي ٿيو. پوءِ اتان ٻئي بادشاهه جهان آباد آيا. محمد شاهه اسد برج ۽ نادر شاهه، شاهه برج ۾ منزل انداز ٿيا. ان دوران اوچتو نواب سعادت خان، بادشاهي قلعي ۾ گذاري ويو(1) منصبدران سندس جنازو قلعي ۾ منهن ڏيکارڻ لاءِ ٻاهر آندو. جيئن ته ٻين کي نواب جي موت جي خبرڪانه هئي، ان ڪري افواهه پکڙيو ته محمد شاهه اٽڪل ۽ حيلي سان نادر شاهه کي ماريو آهي ۽ جلدي ان جو جنازو قلعي کان ٻاهر نڪرڻ وارو آهي. تاريخ يارهين ذوالحج جي ڳچ رات گذري، ته ماڻهن جا ڪٽڪ اچڻ لڳا. نادر شاهه جو لشڪر به انهن ماڻهن سان گڏ شهر ۾ آيو. نادر شاهه جي سپاهيءَ کي جنهن به ماڻهو گهٽيءَ يا بازار ۾ ڏٺو ٿي، ته انهن کي ماريو ٿي. نادر شاهه پاڻ شالامار باغ ۾ فوج جي پهري ۾ سلامتيءَ سان ويٺو هو. جڏهن نادر شاهه جي سپاهين جي مرڻ جو هل هنگامو نادر شاهه جي ڪن پيو ته، نادر شاهه سخت ڪاوڙ ۽ غصي مان صبح سويري ٻاهر اچي، مدرسي روشن الدولـہ ۾ ويٺو ۽ قتل عام جو حڪم جاري ڪيو ۽ چيو، ته جنهن به جاءِ تي اسان جي سپاهين کي ماريو ويو آهي، ان محلي کي لٽي برباد ڪن ۽ ان محلي جو ڪوبه ماڻهو جيئرو نه ڇڏين!
قزلباشن(نادر شاهه جي سپاهين) تلوارن کي خوب هلايو. ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. جيئن قلعي کان مسجد جهان نما، پراڻو عيد گاهه ۽ ڪوٽله، درهاله کان روح الله خان جي مسافر خاني تائين ماڻهو ماريا ۽ ڪــُـٺا ويا. لڙيءَ منجهد تائين خون خرابي ۽ مار ڌاڙ جي بازار گرم رهي. تقريباً اسي هزار ماڻهو چاندني چوڪ ۽ گهٽين بازارن ۾ مارجي ويا. آخرڪار نواب نظام الملڪ آصف جاه ۽ نواب قمر الدين خان وزير، نادر شاهه وٽ فرياد فرياد ۽ الامان الامان ! چئي عاجزيءَ ۽ سفارش پيش ڪئي، تڏهن وڃي نادر شاهه جي ڪاوڙ جا شعلا ٺريا ۽ باقي رهيل ماڻهن کي جيئدان مليو:
به نيم غمزه تواني ڪه قتل عام ڪني نعوذ باالله اگر غمزه دا تمام ڪني!(1)
مطلب ته، اک جي اڌ اشاري سان ئي قتل عام ڪري ٿو سگهين. الله جي پناهه ٿا گهرون، جيڪڏهن اک جو پورو اشارو ڪرين!
سيد نياز خان(نواب قمر الدين خان وزير جو نياڻو) شهسوار خان قراخان جو ڀاڻيجو، حافظ راي مان ۽ ٺيڪل هزاري، جيڪي نادر شاهه جي سپاهين کي ڦٽي ماري، شهر کان ٻاهر هليا ويا هئا.نادر شاهه جي حڪم سان انهن کي گهرائي سندن پيٽ چيريو ويو. نواب وزير جي روبرو، نواب جي ديوان مجلس راي جا نادر شاهي حڪم سان ڪن ڪپيا ويا ۽ ان جي پٽ جو پيٽ چيريائون. مطلب ته بهادرن جو مٿو، سينو، هٿ ۽ پير ٻڌي ڀڃي وڍيا ۽ چيريا ويا.
نادر شاهه تقريباً ٽي مهينا شاهه جهان آباد ۾ رهيو. نادر شاهه پيسا ڏوڪڙ مال متاع ، بي انداز هيرا جواهر ۽ شاهه جهان بادشاهه جو طائوسي تخت سڀ لٽي ڦري، ماه صفر جي اڌ ڌاري (سن 1152هه) ۾ کڻي ايران ملڪ ڏي موٽيو. ڪنهن شخص دهليءَ جي برباد ٿيڻ جي تاريخ هن جملي مان ڪڍي آهي:
”دلي خراب شد“ يعني دهليءَ جو شهر برباد ٿيو. هن جنگ ۾ هندستان جي بادشاهه طرفان ايراني فوج سان سخت ۽ دليريءَ سان مهاڏو ڏنو ۽ مقابلو ڪيو. انهن ۾ دوست ۽ بلگرامي ڀائر، جن مان هر هڪ فن سپاهگيريءَ ۾ مشهور هو. جيئن مير محمد محسن عرف سيد روشن ۽ سندس ساٿي جن جنگ ۾ بهادريءَ ۽ دليريءَ سان منهن ڏنو هو. آخرڪار تاريخ 15 - ذوالحج تي شهادت جو شربت پيتائون. انالله وانااليہ راجعون
شهيدن جا نالا (سڀني تي الله جي رحمت هجي!)
ميدان پوره محله کان(8 ڄڻا):
(1) مير محمد محسن عرف سيد محمد روشن جماعتدار
(2) سيد حسين رضا بن مير يحيٰ، ويهن سالن جو نوجوان
(3) سيد غلام رسول ولد سيد غلام مصطفيٰ، بهته قبيلي جو
(4)سيد سبحان علي عرف باقي بن مير سيد احمد ميڊه پٽ سميت
(5)مير نورالهديٰ، پنجاهه سالا
(6) سيد فضل الله بن سيد نجابت - هن سيد کي شادي ڪئي هڪ هفتو مس گذريو هو، جو جنگ لاءِ روانو ٿيو هو.
(7) سيد شجاع بن سيد عليم الله
(8) (؟)
سيد واڙه محلو ۽ قاضي پور(چار ڄڻا):
(1)سيد عظيم بن سيد قريش بن مير ابوالقاسم
(2) سيد دين محمد ولد سيد باقر بچهي
(3) (؟)
(4) (؟)
قاضي پوره مان(ٻه ڄڻا)
(1)شيخ روح الامين خان عثماني
(2)مان پـُـٽ ڪشن(1)
سيد محمد محسن جماعتدار جي تاريخ وفات سيد شهر يار علي بن سيد نواب هن آيت مان ڪڍي آهي:قل ان رحمة الله قريب من المحسنين . ترجمو: ”چئو ته بيشڪ الله جي ٻاجهه ڀلارن کي ويجهي آهي“ (پارو 8، سورت اعراف، رڪوع 7) (تبصرة الناظرين ص 187)
1152 هه - نادر شاهه سنڌ ۾
هن سال نادر شاهه بادشاهه جنهن وقت هندستان جي ڪم کان واندو ٿيو ته، سنڌ جي رستي ايران ملڪ موٽڻ جو ارادو ڪيو. احتياط طور ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙو بکر ۽ سيوستان جو زميندار، نادر شاهه جي خوف ۽ سندس لشڪر جي خطري کان خدا آباد ڇڏي، امرڪوٽ هليو ويو. بنده مير محمد بلگرامي ڪتاب جي مصنف کي ميان نور محمد سيوستان جي موڪل ڏني. جيئن ته امرڪوٽ مضبوط قلعو ۽ وچ ٿر ۾ پري آهي. امرڪوٽ جي چوڌاري چاليهن ڪوهن تائين ساوڪ ۽ پاڻي به ڪونهي، پر نادر شاهه لشڪر سميت ڌوڪيندو وڃي امر ڪوٽ ۾ ٺڪاءُ ڪيو. لاچار ميان نور محمد هٿ ادب جا ٻڌي، قرآن شريف کڻي، نادر شاهه وٽ ويو. نادر شاهه سخت ڪاوڙ مان ميان نور محمد ڏي منهن ڪري پڇيو ته، ”چرا از مان گريختي و اين جا پناه چون آورده اي؟“ مطلب ته، اسان کان ڇا لاءِ ڀڳين ۽ هتي پناهه ڇو ورتي اٿئي؟ ميان نور محمد ڪلهوڙي حڪمت عمليءَ سان جواب ڏنو ته، ”احقر ستن پيڙهين کان هندستان جي بادشاهن جو خدمتگار آهي، جيڪڏهن هن وقت اوهان جو ساٿ ڏجي ها، ته بي وفا سڏجان ها!“ نادر شاهه، ميان صاحب جي هن معقول جواب کي پسند ڪيو. هڪ هفتي کانپوءِ ميان صاحب کي خلعت، گهوڙو ۽ تلوار عطا ڪئي ۽ اڳئين وانگر ملڪ به ميان نور محمد جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ نادر شاهه هن ئي سال جي آخر ۾ اڳتي روانو ٿيو.(1)
1155هه مصنف جو سنڌ کان بلگرام ڏانهن موٽڻ
هن سال راقم الحروف (سيد مير محمد بلگرامي) تاريخ 8 - شعبان تي سيوستان کان خدا آباد ويس ليکڪ مهربان ميان نور محمد خان کان پنهنجي وطن هندستان وڃڻ جي موڪل وٺي، 12 - شعبان تي وري سيوستان پهتو. سفر جي سامان، گهوڙي ۽ اٺ جي خريداريءَ ۾ مشغول ٿيو. آخر تيار ٿي رمضان المبارڪ جي 25 - تاريخ اتان روانو ٿيو. الله جي مهرباني، عافيت صحت سلامت ۽ بااهل و عيال، سنڌي هندي ساٿين سان گڏ، سنڌ ۾ هن ڀيري ڏهه سال گذارڻ کان پوءِ خير خوبيءَ سان 27 - محرم(سنه 1156هه) تي پنهنجي اصلي وطن شاعرن جي سر زمين بلگرام پهچي، الله جو شڪر بجا آندم، جيئن هڪ شاعر ڪهڙو نه سهڻو چيو آهي: ”مون کي پنهنجو شهر يا وطن پيارو آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ مون کي تڪليفون جاري ٿين يا اگهاڙو ۽ اڃيو بکيو هجان، پوءِ به وطن عزيز آهي.“
”مسافريءَ جي گل گلستان کان وطن جو قيد به ڀلو آهي.“ حضرت يوسف عليہ السلام جن جي قول موجب: ”مصر جي بادشاهي کان ڪنعان جو کوهه وڌيڪ فرحت بخش آهي.“ (1)
ان کانپوءِ هن وقت تائين پنهنجي وطن ۾ آهيان ۽ ڪنهن به امير ۽ وزير جي دروازي تي نه ويو آهيان.
1155هه - مـُـنڊي
هن ئي سال بنده، عقيق يمني منڊيءَ جو ٻڙو، سيوستان مان لاهور شهر ۾ خان عالي شان منعم خان ڏي موڪليو، ته ان تي منهنجي پيءُ مير عبدالجليل بلگرامي، محمد ﷺ نالي واري سجع نقش ڪري موڪلي، سجع هيءَ آهي:
محمد ﷺ است ز روز ازل جليل القدر
ترجمو:محمد ﷺ، روز ازل کان وڏي شان وارو آهي.
البت منڊي خدا آباد ۾ تيار ٿي. اها ٻڙي واري منڊي رجب مهيني ۾ هٿ ۾ پاتم، اڳ ۾ بنا سجع جي منڊي پائيندو هوس[خ‌ع‌أ‌ا‌3] .(2)
1156 هه - اها صورتحال جا سنڌ ۾ نادر شاهه جي حملي وقت پيدا ٿي
هن سال ۾ راقم الحروف ميرمحمد بلگراميءَ جو سنڌ ملڪ مان هندستان ڏانهن موٽڻ ٿيو. پهريان سيوستان مان ٻيڙي رستي روانگي ٿي. پندرهين ڏينهن بکر پهچڻ ٿيو. بکر ۾ ٻيڙيءَ کي ڇڏي. اٺ ڀاڙي تي ڪيا ويا. جيسلمير جي رستي سوداگرن جي قافلي سان مار واڙ روانگي ٿي. قافلي ۾ سوداگرن جا سؤکن اٺ بار سان لڏيل هئا. بکر شهر مان روانگي کان پوءِ رستي ۾ وڏا شهر جيسلمير، پوهڪرن، ميرٺ ۽ جينگر نظر آيا. مطلب ته اڪبر آباد ۾ ان رات پهتاسون، جنهن رات هندو هولي ملهائي رهيا هئا.(1) اڪبر آباد ۾ ڪن شين خريد ڪرڻ ۽ ضروري ڪم ڪار لاءِ هڪ هفتو رهڻو پيو.
تانته 27 تاريخ محرم ، سنه 1156هه ۾ جان مال، بااهل عيال ۽ خير خوبيءَ سان پنهنجي وطن پهتس. والد بزرگوار کي فاتح بخشيم ۽ جيجل ماءُ جي قدمن چمڻ جي سعادت نصيب ٿي. اها اميد ۽ آرزو گهڻن ڏينهن کان دل ۾ هئي، جا الله تعاليٰ پنهنجي مهربانيءَ سان پوري ڪئي.
سيوستان ڇڏڻ جو سبب: سيوستان امن واريءَ جاءِ، ملتان ۽ ٺٽي صوبي جي وچ تي آهي. منهنجو سيوستان مان اچڻ جو سبب اهو هو، جڏهن نادر شاهه سنڌ ملڪ تي غلبو ڪيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو ان جي فرمان جو محڪوم ٿيو. نادر شاهه هر سال چوڏنهن لک رپيا خراج، ميان صاحب تي مقرر ڪيو. ان خراج اڳاڙڻ لاءِ نادر شاهه وزير، وڪيل ۽ چار سؤ سوار مغل مقرر ڪيا،ته خدا آباد مان ميان نور محمد ڪلهوڙي کان خراج وصول ڪري، نادر شاهه جي حضور ۾ پهچائين.
جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا، ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ۽ قهر، ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون. جتي ڪو ڀلو گهوڙو ٿي ٻڌائون، ته اتي پهچي ان کان اهو گهوڙو کسيائون ٿي. ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي، انهن سان ڪنهن به طرح پڄي نه ٿي سگهيو.
اهڙيءَ طرح ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار، شال يا جانور ۽ سٺو ڪپڙو هو، ته اهو به زوري ڦري ٿي ورتائون.
اهڙي ظلم ۽ ستم، شور ۽ زور جي ڪري، بنده راقم مير محمد بلگراميءَ جي دل ڀڄي پئي، جو آءٌ به باعيال اتي سنڌ ۾ هئس.
سنڌ ملڪ ڇڏڻ جو ٻيو سبب اهو آهي، جو ٻنهي بادشاهن معاهدو ڪيو، ته سنڌودرياءَ جو پاڻي جيڪو هندستان جي طرف آهي، اهو محمد شاهه جو هوندو ۽ اهو پاڻي جيڪو خراسان طرف آهي، سو پاڻي نادر شاهه جي قبضي ۾ هوندو. ان ڪري نادر شاهه کان پوءِ سنڌ ملڪ جي صوبي ٺٽي، سيوستان ۽ بکر سرڪار مان محمد شاهه جا منصبدار دهلي ويا، پر بنده سيد مير محمد بلگرامي کي ميان نور محمد خان پاڻ کان جدا ڪرڻ نه ٿي گهريو. بنده کي هن کان ٻه سال اڳ سياري جي موسم ۾ سفر سڻائو هو، ميان نور محمد خان کان وطن وڃڻ جي لاءِ موڪل گهريم، پر نه ڇڏيائون.
ٽئين سال جي سياري ۾ وري وطن وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيم ۽ عرض ڪيم، ته قرب ڪري قبول فرمايائون، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي موڪل لاءِ هيءُ عرضنامو لکيم:قبله، مقبلان، بادشاهن جا بادشاهه سلامت! مطلب ته، فقير کي جيجل ماءُ جي قدمبوسيءَ جو تمام گهڻو شوق آهي ۽ ان کي به منهنجي ڏسڻ جو تمام گهڻو آسرو ۽ اونو آهي، جو پيرسنيءَ ۾ من هڪ ڀيرو مون کي ڏسي سگهي. ان کانسواءِ دل ۾ اهو به ارمان آهي، ته موت جو وقت مقرر ڪونهي، بنده جي خبر وطن ڪيئن پهچندي؟ جڏهن ته منهنجو ڀاءُ، ڀائٽيو، پراڻو همدرد خدمتگار به هن فقير وٽ ڪونهي، ان حالت ۾ هڪ سال جي موڪل جي اميد آهي ته وطن پهچي والده سڳوريءَ کي ڏسان، جنهن به وقت بادشاهه سلامت، قريب ۽ قدردانيءَ ڪري، بندي کي ياد ڪيو ۽ مون کي گهرائڻ جو خط موڪليندا، ته ان نياپي ذريعي اچي خدمت ۾حاضر ٿيندس.... بهرحال حياتي ٿوري ۽ اميدون گهڻيون آهن.[خ‌ع‌أ‌ا‌4] (1)
(- سيد محمد بن مير عبدالجليل بلگرامي
(1) تبصرة الناظرين جي مصنف سيد ميرمحمد بلگراميءَ جي والد عبدالجليل بلگراميءَ ان وقت سنه 1116هه کان 1130هه تائين سيوستان ۽ بکر ۾ سرڪاري اخبار نويسيءَ ۽ سپهه سالاريءَ جي خدمت سرانجام ٿي ڏني. مير عبدالجليل بلگرامي 1071 هه ۾ ڄائو ۽ سندس وفات 1138 هه تي ٿي. ڏسو:ماثر الڪرام 257، سرو آزاد 253، خزانہ عامره 352،
(2) تبصرة الناظرين ص 40
(3) ڏسو: سرو آزاد ص 139، ماثر الڪرام ص 264، سيد حسين امتياز شاهه خان تخلص ”خالص“ اصفهاني پٽ ميرزا باقر وزير سپاهه
(1) ڏسو:تاريخ ڪلهوڙا جلد اول ص 219 ، 238
(2) تبصرة الناظرين ص 73
(3) تبصرة الناظرين ص 110
(4) تبصرة ص 111
(1) تبصرة الناظرين ص 114
(2) تبصرة الناظرين ص 163
(1) مير غلام علي آزاد بلگرامي ، ماثر الڪرام ۽ خزانہءِ عامره جو مصنف آهي ۽ مير عبدالجليل بلگراميءَ جو ڏوهٽو ۽ سيوهڻ ۾ نائب هو.
(2) عبدالله خان ولد مير سمندر خان بلوچ بروهي، سرحد قنڌار جو وڏو زميندار، ميان نور محمد ڪلهوڙي سرحد ملتان جي وڏي زميندار سان جنگ ڪندي سنه 1143هه جي آخر ۾ مارجي ويو.(تاريخ محمدي فارسي، جلد 2، حصو 6، صه 77، ڇاپو، 1960ع، از عرشي رامپوري)
(1) تبصرة الناظرين 170 - ڏسو: اقتباس ماثر الامراء ا(ضميمو اٺون)
(2) ڏسو:تحفة الڪرام جلد 3، ص 109 ۽ تاريخ ڪلهوڙا جلد 1، ص 397
(3) تبصرة الناظرين ص 175
(4) تبصرة الناظرين ص 177 ۽ تحفة الڪرام جلد 3، ص، 109
(1) تبصرة الناظرين ص 179
(1) تبصرة الناظرين ص 184
(1) تاريخ محمدي (107 - 214) ۾ آهي ته مير محمد امين پٽ مير محمد نصير نيشاپوري، سندس لقب برهان الملڪ، سعادت خان بهادر، بهادر جنگ آهن، وقت جي وڏن اميرن مان تاريخ 10 - ذوالحج شاهه جهان آباد ۾ فوت ٿيو. سندس عمر اندازاً سٺ سال هئي. پڻ ڏسو: نادر شاهه جي اچڻ ۽ شاهه جهان آباد جي برباد ٿيڻ جي حقيقت، تصنيف سال 1152هه، نسخو رامپوري.
(1) مشهور آهي ته نواب آصف جاه، نادر شاهه جي سامهون هيءُ بيت پڙهيو:
ڪسي نمانده که ديگر به تيغ ناز ڪشي
مگر ڪه زنده ڪني خلق راو باز ڪشي!
مطلب ته ڪوبه ماڻهو نه رهيو آهي جو تلوار سان ڪـُـهين ، مگر خلق کي ٻيهر جيئرو ڪري پوءِ انهن کي ڪـُـهه!
نادر شاهه، آصف جاه نواب کي جواب ۾ چيو ته، توکي اڇي سونهاري جي ڪري بخشيم - جنهن وقت محمد شاهه بادشاهه کي هن دردناڪ واقعي جي خبر پئي، ته هيءُ بيت زبان تي آندائين:
ديده عبرت ڪشاو قدرت حق را به بين
شامت اعمال مارا صورت نادر گرفت!
ترجمو:عبرت جي اک کول ۽ حق جي قدرت ڏس! اسان جي عمل جي شامت، نادر جي صورت ورتي آهي!(مرقع دهلي، سيد احمد صه 20)
(1) تاريخ محمدي واري هن واقعي جي شهيدن جي مفصل لسٽ آندي آهي.
ڏسو:103 کان ص 111 تائين، طبع علي ڳڙهه از مولانا عرشي رامپوري 1960ع
(1) تبصرة الناظرين ص 192
(1) تبصرة الناظرين ص 200
(2) تبصرة الناظرين ص 201
(1) هولي، هندن جو هڪ مذهبي جشن آهي.
(1) تبصرة الناظرين ص 203
PAGE \# "'Page: '#' '" [خ‌ع‌أ‌ا‌1]
PAGE \# "'Page: '#' '" [خ‌ع‌أ‌ا‌2]
PAGE \# "'Page: '#' '" [خ‌ع‌أ‌ا‌3]
PAGE \# "'Page: '#' '" [خ‌ع‌أ‌ا‌4]
(1) نادر نامہ ص. 224
(1) خدا آباد ڪلهوڙن جو تخت گاهه هو، جنهن جا اجڙيل نشان اڃا تائين دادو ضلعي ۾ موجود آهن.
(2) عمرڪوٽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ هڪ شهر اڃا تائين آباد آهي. اڪبر بادشاهه ان قلعي (جي ويجهو) ڄائو هو.
(1) مير لطف الله لڪعلوي معروف ”مير متارو“ جو ان وقت دهليءَ ۾ هو.
(1) لاڙڪاڻو
(1) نوشهرو سکر ضلعي جو ڳوٺ آهي.
(1) ماڇي سنڌ ۾ هڪ قبيلو آهي.
(2) مهيري به سنڌ جو هڪ قبيلو آهي.
(7)
شيخ رحمت الله سنڌي جو مڪتوب
(شهزادي اظفر گورگانيءَ جي نالي)
شيخ رحمة الله جي عرضي جو نقل
]جيڪو سنڌ جي والي شاهه نواز خان(1) جي پٽ محمد عارف خان عباسيءَ جو خانسامان هو، ۽ جوڌپور ۾ مهاراجا وٽ رهندو هو.علم ۽ عقل ۾ پنهنجي زماني جو يڪتا هو ۽ پنهنجي وقت جي فصيهن تي کيس سبقت ۽ فوقيت حاصل هئي، هيٺئين عرضي هن راقم جي نصيحت لاءِ لکي موڪلي. [
بعز عرض اشرف همايون، خديو گيهان، قبلــہ عالم و عالميان، مدالله ظلالہ و خلد الله اقبالـہ مير ساند، خاص الخاص عنايت نامو(2) هن خاڪسار بي مقدار جي سرفرازيءَ لاءِ پهتو، جنهن فدويءَ جي ڳاٽ کي افتخار سببان بلاشڪ آسمانن جي اوچائيءَ تائين پهچائي ڇڏيو.
عاجزي پروريءَ ۽ بنده نوازيءَ جا آداب، سچن فدوين ۽ پڪن غلامن وانگر بجا آڻي، هيءُ نيازمند سلطنت جي مدارجن جي بلنديءَ ۽ خلافت جي ضابطن جي بلند رسيءَ لاءِ هميشہ دعا ۾ مصروف آهي. خداوند تعاليٰ جي مدد ۽ اعانت سان دولت ابد مدت جي هوا خواهن جي خواهش مطابق، يقين آهي، ته اها دعا تمام ٿوري عرصي اندر قبول ٿيندي.
هتي جا جملي حالات، حضور ڪرامت شعور جي عالي سمجهه کان، ڳجها ڪين آهن، فدويءَ کي ڪهڙي طاقت ۽ ڪهڙي لياقت، جو حضور جي ادراڪ ۽ ڄاڻ کان وڌيڪ عرض ڪري سگهي، ليڪن :
الامر فوق الادب
جيئن ته فدويءَ به ٻين فدوين سان همسلڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري عرض ٿو ڪري ته:راجا، راجيشور مهاراجا ڏهراج جي مرضي اهائي آهي، ته حضور جي قابل اطاعت حڪم جي پيروي ڪري ۽ حضور جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ جي سعادت پرائي، پر هر آرزوءَ جي پوري ٿيڻ ۽ هر خيال جي تڪميل لاءِ وقت ۽ موقعي جو انتظار آهي.
حقيقت ۾ سلطنت جي معاملن جو انتظام ۽ خلافت جي ويرين کي پامال ۽ فنا ڪرڻ جو بندوبست، ڊگهيءَ سوچ ۽ ويچار کان سواءِ ڏکيو آهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن جو سڌارو گهڻي عرصي جي ڪوشش کان سواءِ مشڪل آهي. مهاراجا ڏهراج جي متصدين جي دير مدار ڪرڻ سبب، سرڪار جو عملو شايد انهيءَ رٿ جو آهي، ته حضور جي روانگي تڪڙي عمل ۾ اچي ۽ هن هنڌ تان جهٽڪو ڏيئي پلوَ ڇنڊي اٿي کڙو ٿجي، پر ارادت جي خلوص ۽ فدويت جي وثوق جي لحاظ کان، خان ذيشان حقدار خان جي تحريڪ ۽ تجويز آهي ته:اڃا ڪجهه ڏهاڙا اتي ئي قيام فرمائڻ مناسب ۽ ضروري آهي ۽ جوڌپور ئي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ حضور جي عزت ۽ جاهه جو خيمه گاهه رهي، ته بهتر آهي. خان مذڪور بندگيءَ ۽ خير خواهيءَ جي واٽ تي هلي رهيو آهي، هن پنهنجي ساهه جي چيلهه تي، سچي فدويت ۽ جان نثاريءَ جو سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي. هن حقير هيچمدان جي پنهنجي ضعيف سمجهه مطابق، پڻ شروع کان ئي اها راءِ آهي ته:
قضيہ زمين برسرر زمين
بزرگن جو مقولو آهي. بهرحال هن جاءِ کي ڇڏڻ نه گهرجي ۽ هتان جي معاملن تان هٿ نه کڻڻ کپي. هتي جو اصول اهو ئي آهي ته، جيستائين همٿ امداد ۽ مروت جو امڪان رهي، اوستائين وقت مان فائدو وٺڻ ضروري آهي پر ڏکيائي اها ئي آهي، ته قدرت جي خلوت ڪده ۾ جيڪي لڪل آهي، هڪ نه هڪ ڏينهن اهو منصہء شهود تي ضرور ايندو.
حضور جي خداداد دولت جي امانتدار صلاحڪارن جي راءِ ۽ صلاح هجي، ته مناسب اهو ٿيندو ته، مدعا براريءَ جي انتظار جو زمانو هتي گذارجي ڪابل ڏاڍو پري آهي. وري حالت اها آهي ته:
”بخود نمي رسد آنشوخ، تابماچه رسد“
دکن جي رئيسن جا پرڪار ۽ نمونا پڻ حضرت ولي نعمت کان ڳجها ڪين آهن.
مطلب، ته جيستائين هيءَ جاءِ حضور جي نصرت ۽ اقبال جي خيمن جي قيام گاهه آهي. سرڪار گردون وقار جي عملي جو مقرر خرچ، خان موصوف جي معرفت، راجا راجيشور جي متصدين وٽان پهچندو رهندو. جڏهن هر معاملي جو فيصلو ٿي وڃي ۽ زماني جي هوا ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿئي. انهيءَ وقت جيڪڏهن اوهان جي مرضي ڪنهن طرف وڃڻ جي هجي، ته پوءِ ڪوبه حرج نه آهي. اهو ئي ارادو ۽ اها ئي همٿ آهي، ته هٿئون ڪجهه به نه ويو آهي، جيڪا صورت حال هينئر آهي، اها ان وقت به هوندي.
هن سر زمين ۾ سرڪار جي رونق افروزيءَ ۽ رهائش جي بابت ڪا ڳالهه جيڪڏهن حضور جي صلاحڪارن جي مرضيءَ جي خلاف هجي، ته انهن جي راءِ هرگز هرگز مڃڻ نه گهرجي، فدوي انهيءَ تي پوريءَ طرح غور ڪري چڪو آهي.هن وقت موقعي جي انتظار کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ نه گهرجي.انهيءَ کان علاوه منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه ٿو اچي. باقي:
”امر ڪم مطاع و عباد ڪم مطيع“
ڪالهه حڪيم عنايت الله خان جو انتظار رهيو، ته ڏسئون هو حضور جي خاص خط کان سرفراز فرمائي، ڪڏهن ٿو نيازمند کي ممتاز ڪري، ان کانپوءِ خيال هو، ته سندس ئي معرفت خاڪپاءِ اشرف تائين، پنهنجو نياز ڀريو عريضو پڄائيندس. انهيءَ ڪري دير ٿي، ورنه ڪهڙي مجال هئي جو فدوي ايتري سستي ڪري.
خدا ڪري ته دشمنن کي پائمال ڪندڙ - حضور جي اقبال جو وسيع پاڇو ويجهڙن ۽ پري جي سڀني فدوين جي سرن لاءِ سونهن جو سبب رهي.
(عرضي پوري ٿي)(1)
(8)
ماثر الامراء
تاليف
صمصام الدوله شاهنواز خان
(1111 هه - 1171 هه)
]ڪلهوڙا خاندان جو احوال[
خدا يار خان
سنڌ جو حاڪم ”بليٽي“ (؟) جي نالي سان مشهور عباسي نسب آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو لقب ”ڪلهوڙو“ آهي. ۽ ان جي پوئلڳن کي ”سرائي“ چون ٿا، ڇو ته هن قوم جي گهڻائي ”سري“ مٿاهين اتر طرف جي آهي، جنهن ۾ بکر ۽ ملتان جي وچ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. (اهڙيءَ طرح سنڌ جي هيٺاهين ڀاڱي لاءِ لاڙ چئبو آهي.)
ان جا وڏا درويشي لباس ۾ گذاريندا هئا، پڻ طريقت جو سلسلو سيد محمد جونپوري(وفات: 910 هه/1505ع) سان رکيل اٿن. انهن جي وڏن بزرگن مان هڪ جو ابڙا قبيلي جي سردار سان تعلق پيدا ٿيو.(اهي ابڙا گهڻن ڏينهن کان سنڌ جا سردار هئا.) ان ابڙي سردار کان ڪجهه زمين جو ٽڪرو گذر معاش لاءِ ورتو. ان ڪلهوڙي جو اولاد زمينداريءَ مان قوت ۽ طاقت سان اڀريو ۽ طاقتور بڻيو. سندن مريد ۽ معتقد تمام گهڻا ٿيا ۽ آخر زميندار بڻجي پيا ۽ حڪومت کي محصول ڏيڻ لڳا. ڌيري ڌيري ابڙا قبيلي تي غلبو ڪري، سندن جڳهن يا زمين تي تصرف ۽ غلبو ڪري ويا. ايستائين جو شيخ نصير (ميان نصير محمد) تائين نوبت پهتي. ان زمينداريءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مڪمل طور آزادي حاصل ڪئي. شيخ نصير جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ دين محمد(1) رياست جو صاحب بڻيو. خلد مڪان(2) جي زماني ۾ جڏهن شهزادو معزالدين ملتان صوبي جي حڪومت جو صاحب ٿيو ۽ شهزادي معز الدين جو لشڪر سيوستان پهتو، ته دين محمد سندس تابعداريءَ کان منهن موڙيو ۽ سندس خدمت ۾ نه آيو ۽ آخر قرآن شريف وچ ۾ آڻي، دين محمد ۽ سندس ٻين عزيزن کي طلب ڪيائون.جڏهن ٽيئي ڄڻا شهزادي جي دربار ۾ پهتا. شهزادي فوج کي مقرر ڪيو، ته دين محمد جي باقي رهيل اهل عيال ۽ ٻارن کي ٻڌي اچن. اها خبر ٻڌي دين محمد جو ننڍو ڀاءُ يار محمد تمام ڦڙتائيءَ سان مختلف قبيلن جي ماڻهن کي جبل جي لڪن ۾ بيهاري، پاڻ جنگ لاءِ تيار ٿيو. مقابلي کان بعد شهزادي جي فوج شڪست کاڌي(شهزادي کي اها شڪست سنه 1111هه تي ملي.) ان ڪاميابيءَ کانپوءِ يار محمد جي دل وڌي، ان ڪري جبل جي لڪن ۽ گهٽن ۾ احتياط طور مستقل جنگ لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. شهزادو معز الدين انهن ٽن قيدين (دين محمد ۽ سندس ٻن عزيزن) کي غنيمت سمجهي، انهن تي اڪتفا ڪري، پاڻ ملتان واپس موٽيو(1) ملتان پهچي حڪم ڪيائين، ته انهن ٽنهي کي قتل ڪيو وڃي.(2)
ان کانپوءِ يار محمد ڪلهوڙي آهستگيءَ سان مڪمل آزادي حاصل ڪئي ۽ سيوستان کي قبضي ۾ آندو ۽ سيوي دره (هڪ وسيع مملڪت سنڌ کان قنڌار تائين پکڙيل آهي) ۽ ٻين ضلعن کي (يار محمد ڪلهوڙي) اصلي زميندارن کان قبضو ڇڏائي پنهنجي تصرف ۾ آندو.(3) هر روز سندس بخت جو ستارو عروج تي چمڪڻ لڳو. يار محمد، محمد فرخ سير جي عهد ۾ ”خدا يار خان“ جي خطاب ۽ منصب سان سرفراز ٿيو ۽ فرخ سير جي آخري عهد ۾ آخرت جو سفر اختيار ڪيائين.(4)
يار محمد جي اولاد مان ٻه پٽ هئا: شيخ نور محمد (ميان نور محمد ڪلهوڙو) ۽ شخ دائود (ميان دائود ڪلهوڙو). ڪجهه ڏينهن ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ دنگو فساد رهيو. آخر شيخ نور محمد غالب آيو ۽ پيءُ جو جانشين ٿيو.(1) نور محمد پنهنجي ڀاءُ دائود کي صلح جي لاءِ طلبي، کيس ڪجهه حصو مقرر ڪري ڏنو.
نور محمد، محمد شاهه بادشاهه جي دربار مان سنه 1132هه ۾ پنهنجي پيءُ وارو خطاب ”خدا يار خان“ ۽ منصب حاصل ڪري سرفراز ٿيو.(2) طاقت ۽ لياقت ۾ پنهنجي سڀني اڳواڻن کان وڌي ويو. سندس حڪومت جو رعب تاب ۽ دٻدٻو هر طرف پکڙجي ويو. آسپاس جي اڪثر زميندارن کي پنهنجو تابعدار بنايائين.
ميان نور محمد پنهنجي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ شڪارپور جي دائود پوٽن زميندارن جي جماعت سان سخت لڙائي کانپوءِ مٿن غلبو حاصل ڪيو ۽ دائود پوٽن جي تقريباً ڇهه هزار مردن ۽ زالن جي جماعت کي ٻارن ٻچن سميت پنهنجي اصلي وطن مان ڀڄائي ڪڍيو. جيئن ته شڪارپور ۾ دائود پوٽن جي زمينداري، شهزادي معزالدين جي دور ۾ قائم ٿي.(1) ان جو سبب اهو هو، ته جڏهن شهزادي معز الدين ، شڪارپور جي زميندار بختيار خان جي مقابلي لاءِ فوج موڪلي هئي، ته ان وقت دائود پوٽن جي جماعت شهزادي معز الدين جو ساٿ ڏنو ۽ بختيار خان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري کڻي آيا، ان ڪري شهزادو راضي ٿي، سندن خدمتن جي عيوض ضلعو شڪارپور انهن دائود پوٽن جي حوالي ڪيو هو.
قلات جو حاڪم عبدالله خان بروهي هميشہ خدا يار خان جي ملڪ ۾ ڦرمار ڪندو هو ۽ هر سال پيشڪشي وٺندو هو.(قلات، سنڌ ۽ قنڌار جي وچ ۾ مضبوط قلعو آهي)نور محمد خدا يار خان سنه 1143هه ۾ عبدالله خان بروهيءَ تي حملي جو قصد ڪيو. پنهنجي رهائشگاهه خدا آباد کان نڪري، لاڙڪاڻي، اچي ترسيو ۽ وڏي فوج اڳتي رواني ڪيائين. عبدالله خان بروهي به دلير ۽ بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، سو به پنهنجي ٿوري فوج ساڻ ڪري، قلات کان نڪري، سرحد، ٽپي، ڪلهوڙا فوج جي سامهون ٿي مهاڏو اٽڪايو ۽ سخت لڙائي لڳي، پر قضا الاهي سان عبدالله خان بروهي سنه 1143هه ۾ مارجي ويو،(2) ۽ قلات جاڳچ مضافات ميان نور محمد قبضي ۾ ڪيا، البت جبلن جي گهڻائيءَ جي ڪري سڄو قلات فتح نه ٿي سگهيو. بهرحال هن فتح کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي، شاهي دربار مان ”خدا يار خان بهادر ثابت جنگ“ جو خطاب، اصل ۽ اضافي سان گڏ پنج هزاري منصب ۽ خلعت فاخره به ملي.(1)
سنه 1149هه ۾ ٺٽي صوبي ۽ بکر سرڪار جي حڪومت به سندس حوالي ٿي.(2) ترخانن جي سڄي مملڪت ۽ ڪجهه وڌيڪ به سندس قبضي اقتدار ۾ آيو.
جڏهن نادر شاهه، هندستان تي حملي جو ارادو ڪيو، ته ان ميان نور محمد خدا يار خان ڪلهوڙي کي لکيو، ”پنهنجي ملڪ سنڌ مان رستو ڏئي.“ ميان نور محمد ملڪ سنڌ مان نادر شاهه کي رستي ڏيڻ کان جواب ڏنو ۽ احتياط طور جبل جي لڪن کي مضبوط ڪيو. نادر شاهه لاچار ٿي ڪابل جي رستي هندستان ويو. نادر شاهه ڪابل پهچڻ کانپوءِ سنڌ جو رخ ڪيو، ڇو ته نادر شاهه کي ميان نور محمد ، سنڌ مان لنگهڻ جو رستو نه ڏنو هو، ان ڪري نادر شاهه جي ميان نور محمد کان دل ميري ٿي يعني ميان صاحب تي ناراض ٿيو. جڏهن نادر شاهه جي ديري غازي خان پهچڻ جي خبر ميان نور محمد کي پئي(ديرو غازي خان ملتان کان ٽيهن ڪوهن جي پنڌ تي آهي) ته ميان نور محمد گهريو، ته پنهنجي ملڪ کي ڇڏي، جهنگل ۽ بيابان ڏي هليو وڃي(جو اتي نادر شاهه جي ايڏي وڏي لشڪر جو پهچڻ مشڪل ۽ ڏکيو آهي) ميان نور محمد جو خيال هو، ته جڏهن نادر شاهه سنڌ مان لنگهي هليو ويندو، ته پاڻ موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ رهندو. ان ارادي ۽ صلاح سان سڀ اهل و عيال، پنهنجي قبيلي جا ماڻهو ۽ پنهنجي ڀروسي جهڙا سردار، خدا آباد سيوستان مان ڪوچ ڪري امرڪوٽ پهتو.(امرڪوٽ ٿر ۾ مضبوط قلعو آهي) نادر شاهه به اها خبر ٻڌي، ته ڌوڪيندو سڌو اچي امرڪوٽ پهتو. ميان نور محمد ان وقت تابعداريءَ کانسواءِ ٻيو چارو نه ڏٺو، ان ڪري مجبوراً نادر شاهه وٽ اچي حاضر ٿيو. نادر شاهه ڪاوڙ مان کيس چيو: ”چرا از مان گريختي؟“ مطلب ته اسان کان ڇا لاءِ ڀڳين؟ ميان نور محمد حڪمت عمليءَ سان جواب ڏنو ته: ”اسان اصل پيءُ ڏاڏي جي وقت کان وٺي، هندستان جي بادشاهه جا تابع هئاسون. جيڪڏهن هن وقت اوهان سان موافقت ڪريون ها، ته توهان کي به اسان تي ڀروسو ۽ اعتماد نه رهي ها!“ اهو معقول جواب قبول پيو ۽ ان ئي مجلس ۾ ميان نور محمد کي سندس ملڪ جي واپسيءَ جي خوشخبري ٻڌائي وئي.مال متاع وٺڻ کانپوءِ نادر شاهه ان ملڪ جو ٽيون حصو ان کي ڏنو، هڪ حصو دائود پوٽا قبيلي کي ڏنو ۽ هڪ حصو بکر جي زميندارن جي حوالي ڪيو.(1)
هن تحرير کان پهريان ميان غلام شاهه(2) ۽ سندس پٽ سرفراز خان ڪلهوڙو (3) جيڪي ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قربتدار آهن(يعني غلام شاهه پٽ ۽ سرفراز خان پوٽو) هن وقت به هن صوبي سنڌ تي حڪومت ڪري رهيا آهن.(4)
ماخذ
مددي ڪتاب
1. منشور الوصيت
خطي
کتب خانہ مولانا محمد ابراهيم
2. تحفة الڪرام
مير علي شير قانع
خطي کتب خانہ راقم الحروف
3. تبصرة الناظرين
سيد محمد بلگرامي
خطي کتب خانہ راقم الحروف
4. مجموعه مکتوبات
جان محمد سيوستاني
کتب خانہ دانشگاهه سنڌ
5. ديوان مير عظيم
مير عظيم الدين تتوي
راقم الحروف
6. ديوان محسن
محسن تتوي
” ” ”
7. تاريخ ڪلهوڙا )دوجلد(
مولانا غلام رسول مهر مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ
8. مقالات الشعراء
مير علي شيرقانع تتوي
” ” ”
9. قصيده بمدح عبدالنبي
شائق
خطي ملک مولانا محمد ابراهيم
10. نامہء نغز
باغ علي خائف
” ” سنڌي ادبي بورڊ
11. انشايء عطارد
شيوڪ رام عطارد
” ” راقم الحروف
12. هير و رانجها
” ”
” ” آغا بدر الدين دراني
13. فتح نامه سند
مير عظيم الدين تتوي
” ” راقم الحروف
14. ياد داشتهايء
ديوان گدومل
مطبوعه
15. سنڌي هندن جي تاريخ
ٻن جلدن ۾ (سنڌي)
” ”
16. ماثرالامرا
جلد اول و دوئم
شاهنواز خان
ايشيائٽک سوسائٽي بنگال
17. گلدسته نورس بهار
خطي ملک راقم الحروف
18. تاريخ محمدي
مرتبـہء مولانا عرشي
طبع علي گڙهه 1960ع
19. واقعات اظفري
مرتبه محمدي
طبع مدراس 1937ع
20 . مقالات درباه شاهه عنايت صوفي
نوشته راقم الحروف
مجلـہ نئي زندگي کراچي
21. سفر نامہء انندرام مخلص
مطبوعه رامپور
مکاتيب مخلص
کتابت 1249 هه
خطي ملک راقم الحروف
23. شجره آصفيہ
مطبوعه حيدرآباد(هند)
24. اورينٽل کالــج ميگزن
مولانا محمد شفيع مرحوم لاهور
25. مير المتاخرين
طبا طبائي
مطبوعه
26. شه نامـہء نادري يانادرنامه؟
خطي ملک موزهء ملي کراچي
27. مااثر الکرام
غلام علي آزاد
مطبوعه
28. سرو آزاد
”
”
29. مرقع دهلي
سيد احمد
مطبوعه دهلي
30. جهان کشايء نادري
ميرزا مهدي
طبع مبارک علي لاهور1921ع
31. جهان کشايء نادري
مرتبـہ سيد عبدالله انور طبع
انجمن آثار ملي تهران 1341 ش
32. جهان کشاهيء نادري
مرتبـہ ملا عباس علي
ڪتب فروش طبع سنــه 1297هه
33. درء نادره
ميرزا مهدي
مطبع حيدري بمبئي 1293هه
34. ” ”
مرتبـہ دکتر جعفر شهيد
طبع انجمن آثار ملي طهران 1341 ش
35. وقايع نادري(اردو)
مولوي معصوم علي محشر
نولکشور لکهنو
36. حملـہء نادري ”
مولوي احمد الدين مراد آبادي
رهبر پريس مراد آباد 1894ع
37. در رکاب نادر شاه
سفر نامـہ عبدالکريم
طهران 1322 ش
38. تاريخ نادر شاه
ترجمـہ فارسي تاريخ فريزر
ايران 1321 ش
39. نادر شاهه پسر شمشير
نورالله لا رودي
طهران 1319 ش
40. شه نامہ نادري
محمد علي طوسي باهتمام احمد سهيلي
طبع انجمن آثار ملي طهران 1339ش
41. نادر شاهه از نظر خاور شناسان
دکتر رضا زاده شفق
” ” ” 1339 ش
42. نبرد هايءَ بزرگ نادر شاه
غلام حسين مقتدر
” ” 1339 ش
43. نادر نامہ
محمد حسين قدوسي
” ” ” خراسان 1339ش
44. نادر فاتح دهلي
صنعتي زاده کرماني
طهران . ابن سينا 1340 ش
45. Nadirshah
Lockhart
1938ع London
(1) محمد عارف بن ميان عبدالنبي شاهنواز خان واليء سنڌ بن ميان نور محمد واليء سنڌ
(2) اصل لفظ شقہ آهي يعني (اهو خط جو بادشاهه پنهنجن اميرن کي ڪنهن ضروري ڪم لاءِ لکي، مترجم)
(1) هيءُ خط مرزا علي بخش بهادر گورگانيءَ، واقعات اظفري ۾ نقل ڪيو آهي. اردو ترجمہ (مطبوعه مدراس 1937ع) جي صفحي 54 ۽ 55 تي موجود آهي.
(1) 1103 هه
(2) عالمگير اورنگ زيب هندستان جو بادشاهه
(1) سال 1111 هجريءَ ۾ شاهزادي شڪست کاڌي
(2) سال 1111 هجريءَ ۾ شهيد ڪيا ويا.
(3) سال 1125 هجريءَ ۾ سيوي تي قبضو ٿيو(تبصرة الناظرين).
(4) يار محمد خدا يار خان جي وفات 11 تاريخ ذوالقعد 1131هه تي ٿي. چئن ڏينهن کانپوءِ محمد شاهه هندستان جي تخت تي ويٺو.
(1) تاريخ 11 - محرم سن 1132هه(13 نومبر 1719ع) ۾ مسندنشين ٿيو. شيخ عبدالرئوف سيوستاني البکري ان جي هيءَ تاريخ چئي آهي:
چوبر مسند نشستہ از هدايت ولايت مرتبت مهدي ثاني
ز اسمش گر بہ پرسي با تو گويم: بود نور محمد، گر بداني
جوان مردي، جوادي، دين پڙوهي زعدلش گرگ رابا بزنشاني
غباري شور، هر جابود به نشت بحاصل آمده، امن و اماني
دل عالم چو گلشن برشگفتہ به گلهائي سرور و کامراني
الاها اين دعا، ازمحض خيراست قريبش کن اجابت جاوداني
چو تاريخ جلوشش باز جستم بگفتا هاتفم، از نکتہ داني
که هان برخيز از اخلاص برخوان: برت بادا مسلم ملکراني
1131هه
(گلدسته نورس بهار قلمي)
(2) سال 1132هه ۾ مغل بادشاهه شاهه محمد شاهه کان خدا يار خان خطاب مليس
(1) جنهن وقت نادر شاهه سنڌ تي تسلط حاصل ڪيو. شڪارپور(ضلع سکر)صادق محمد خان دائود پوٽي کان ڦري واپس ورتو. ان وقت دائود پوٽن جو بهاول پور تائين تسلط هو. بهاول خان اول جي نالي شهر بهاولپور نالو رکيائون.
(2) 1143 هجري(تبصرة الناظرين)
(1) 1144 هجري(تبصرة الناظرين)
(2) سنه 1150 هه(1737ع) ۾ ٺٽو صوبو سندس حوالي ٿيو. مملڪت سنڌ، هندستان جي مغل صوبيدارن کان مڪمل آزادي حاصل ڪئي. مغلن جو آخري عملدار نواب محمد صادق هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي طرفان ٺٽي جو پهريون صوبيدار شيخ غلام محمد مقرر ٿيو.
(1) ميان نور محمد تاريخ 12 - صفر سنه 1167هه (9 - ڊسمبر 1753ع) ۾ رياست جيسلمير جي سرگهاٽ ڪورهره جي جاءِ تي وفات ڪئي. محمد آباد(ضلعي نوابشاهه) ۾ دفن ٿيو. سندس مقبرو خلق جي زيارتگاهه آهي(ح).
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مقبرو تعلقي دولتپور صفن ضلعي نوابشاهه ۾ آهي. ميان جي آخري آرامگاهه کي مقامي ماڻهو ”ميان جا قبا“ چون ٿا. النور شگرمل شاهه پور جهانيان روڊ تي واقع آهي(مترجم)
(2) 13 - ذوالحج 1170هه کان 13 - جمادي الاول 1186 هه(12 - آگسٽ 1772ع) تائين
(3) تخت نشيني 15 - جمادي الاول 1186 هه معزولي ربيع الاول 1189 هه
(4) ماثر الامراء جلد اول خدا يار خان جي احوال هيٺان
ڏسڻي -1
(شخصيتن، قومن ۽ قبيلن جي فهرست)
(الف)
آدم شاهه ميان 1، 43
آغر الدوله نواب 72، 77، 79
آصف جاه 100
ابراهيم 54
ابڙا قبيلو 111
ابوالحسن ميرزا 77
ابوالقاسم مير 101
ابو حنيفه امام 42
ابو عبدالله محمد شريف الدين بوصيري 33
اجومل (عامل) ديوان 47
احمد بوبڪائي 35
احمد شاهه 23، 24، 74، 100، 101
احمد يار خان 42، 46، 86، 95
اڌارام ٺٽوي 44
اسد برج 99
اسد خان وزير 12
اسلم محمد 48
اسير رنگ خواجه 24
اشرف خان 99
اشرف شاهه 20
اشرف شاهي 73
اشرف همايون مير 107
اعتماد الدوله محمد امين وڪيل 12، 62
اعجاز الحق قدوسي مولوي 18، 29
اعظم خان نواب 40، 53، 57، 58، 59.
اظفري گورگاني 27، 106
افغاني (قوم) 98
اقليم بخش 17
اڪبر بادشاهه 82
اڪرم خاقان اعظم 74
الله داد 61
الهه بخش فاروقي ملا 18
الياس ميان 1، 43
امير علي شاهه شائق 28
امين الدين خان 62
امين خان چين بهادر اعتماد الدوله محمد 73، 74، 99
انتظام الدوله 62
انند رام ”مخلص“ 12، 61
اورنگ شاهه 24
ايراني (قوم) 98
(ب)
باغ علي سنڌي 18، 22، 84، 91
باقر بخشي محمد 55
باقر وزير سپاهه ميرزا 93، 101
باهو خان 22
بجار مير 28
بختيار خان 113
بدرالدين خان دراني آغا 29
بروهي (قبيلو) 9، 50
بسنت رام 12
بشير 54
بلوچ (قوم) 70، 87
بليٽي 111
بهادر خان 20
بهادر زڪريا خان نواب 72
بهارو فقير نامدار بهار شاهه 19، 23، 87، 89.
بهاول خان 111
بهرام مير 87، 89
بهيه دوله رام 47
بولو وڪيل سيد 53
(ٻ)
ٻالڪ رام ديوان 47
(ڀ)
ڀائي خان ڪلهوڙ 24، 87
(ت)
تاج محمد 48، 86
تاجن منڌرو 23
تارا چند خدمتگار ديوان 47
ترخان (گهراڻو) 114
(ٽ)
ٽالپر (گهراڻو) 8
(ٺ)
ٺيڪل هزاري 100
(پ)
پريز بان 20
(ج)
جسپت راءِ ديوان وڪيل 47
جعفر 41
جمال 54
جمجاهه شاهه 77
جوکيا (ذات) 70
(ڄ)
ڄام ڪوثر 33
ڄام نندو 87، 89، 90
(چ)
چاڪر مير 87، 89
چراغ شاهه 19
چيلا رام سيوستاني ديوان 47
(ح)
حاجي محمد 77
حافظ راي 100
حسام الدين راشدي 29
حسن رضه 49
حسين رضه 49
حسين امتياز خان خالص اصفهاني سيد 93
حسين بيگ 77
حسين خان (واليء قنڌار) 20، 52، 54
حسين خان افغان 98
حسين خان سيد صوبيدار 10، 55
حسين رضا سيد 101
حسين صفوي شاهه 97
حسين قدسي محمد 70
حشمت علي خان 66
حقدار خان 108
حيات الله خان 62، 72، 77، 79
(خ)
خاقاني 71
خان 58، 59
خان جهان 62
خان خانان 62
خان دوران 20، 21، 99
خان عزت 86
خداداد خان 42، 45، 86، 97 خدايار خان 18، 19، 21، 22، 23، 24، 43، 57، 58، 61، 64، 65، 71، 72، 75، 76، 78، 79، 81، 82، 83، 87، 88، 90، 91، 93، 94، 96، 102، 111، 112، 113، 115
خيرو فقير 19، 90
(د)
دائود 43، 54، 58، 86، 94، 112، 113، دائود پوٽا (قبيلو) 9، 19، 40، 50، 113، 115
دائود پوٽو ڊاڪٽر 6
دبلي 19
دوست 101
دولت نادري 70
ديارام راجا 12
دين محمد سيد 101
دين محمد ميان 1، 43، 111، 112
ديوان گدو مل 46، 47
ديوان مانجهو مل 46
(ڏ)
ڏهراج مهاراجا 108
(ذ)
ذوالفقار حيدري 58
(ر)
راءِ فتح سنگهه 12
راءِ ڪرپارام 12
راءِ رايان انند رام ”مخلص“ 11، 12، 60
رحمت الله شيخ 26، 27، 106، 107، روح الامين خان عثماني شيخ 102
روح الله مخدوم 44، 100
رحيم داد افغان 93، 94
(ز)
زڪريا خان بهادر دلگير جنگ 73، 98
ذڪريا خان بهادر هزبر جنگ 72-74
زڪريا خان ناظم 71
زڪريا خان نواب 62، 73
زور آور سنگهه ”عاجز“ 12
(س)
سادات (خاندان) 8
ساند مير 107
سائين ڏنو برخوردار 48
سبحان علي سيد 101
سردار خان 91
سرفراز محمد ميان 1، 28، 46، 47، 115
سرائي قوم 93، 111
سعادت خان 55، 56، 99
سعد الله خان 21
سعدي 43
سکپت رام 12
سلطان دوران 69
سليم خان 17
سليمان شاهه 79
سمندر خان بلوچ بروهي 96
سمهبه 19
سنڌي (قوم) 26، 103
سهجرام ديوان 47
سيد (ذات) 7، 8
(ش)
شاهه افغان 24
شاهه ايران 85، 87
شاهجهان 101
شاهه ذي جاهه 75، 77، 79
شاهه عالم 27
شاهه علي 43
شاهه قلي خان 78
شاهه محمد بلوچ 19، 46
شاهو مير 23، 89
شاهل محمد ميان 1، 43
شاهنواز خان ڊکڻ خانبهادر مرحوم 6، 62، 79، 107، 110
شجاع سيد 101
شفيع محمد مولانا مرحوم 13
شڪر الله شيخ 9، 49
شهداد خان 99
شهر يار علي سيد 102
شهسوار خان قراخان 100
شيوڪ رام عطارد 28، 47
شير خان ايراني 20
(ص)
صادق محمد خان 113، 114
صالح 54
صمصام الدوله شاهنواز خان 27
(ط)
طهماسپ 97
(ظ)
ظفر حسن 73
ظهير الدين محمد 27
(ع)
عارف محمد 48، 107
عارف محمد ميان 26، 86
عاقل خان بيگ 99
عالمگير اورنگ زيب 111
عباس شاهه 20
عباسي نسل 82، 111
عبدالجليل بلگرامي مير علامه 25، 93، 94، 95، 96، 103
عبدالرئوف سيوستاني منشي 28
عبدالرؤف شيخ 112
عبدالرسول قادري 5
عبدالصمد خان بهادر سيف الدوله نواب 66، 73، 98
عبدالصمد خان نواب 62، 73
عبدالقادر ٺٽوي قاضي 44
عبدالقادر سيد 19
عبدالڪريم احراري 73
عبدالڪريم خواجه 78
عبدالڪريم مير 11
عبدالله اثر 33
عبدالله خان بروهي 19، 96، 97، 113
عبدالله خان خواجه 62
عبدالمجيد سنڌي ميمڻ ڊاڪٽر 3
عبدالنبي ميان 1، 26، 28، 47، 107
عثمان علي انصاري مرحوم 18
عرشي رامپوري 96، 102
عزت خان دائو پوٽو 19
عطر خان ميان 1، 9، 41، 42، 45، 86، 91
عظيم سيد 101
علي احمد ڪوڪه 99
عليم الله سيد 101
علي المرتضيٰ حضرت 43
علي بخت بهادر ميرزا 27
علي بخش گورگاني مرزا 109
علي بخش منشي 6
علي شير قانع مير 44
علي محمد راشدي پير 82
علي محمد راشدي سيد 6
عنايت الله خان حڪيم 109
عنايت شاهه صوفي 10، 40، 53، 55، 56، 57، 58، 59
عيسيٰ مهدوي سيد 27، 43
(غ)
غازي بيگ خان 99
غازي خان دودائي 72
غلام حسين مرحوم 48، 54، 86
غلام رسول سيد 101
غلام رسول مهر 2، 9، 10، 11، 86
غلام شاهه ميان 1، 9، 22، 28، 41، 42، 46، 47، 86، 88، 89، 90، 91، 115
غلام علي آزاد بلگرامي 95، 96، 97، غلام محمد شيخ 9، 49، 89، 90، 114
غلام مصطفيٰ سيد 101
غلام نبي ميان 1، 47، 86
(ف)
فاضل اعتماد الدوله مير محمد 62
فاضل خان محمد خواجه 77
فاضل قمر الدين خان محمد 74
فاضل محمد مير 74
فخر الدوله 62
فرخ سيد 59، 74، 112
فردوسي 15، 87
فريزر 69، 70
فضل علي 46، 86
فضل الله سيد 101
فلڪ شاهه 75
فولاد خان ڪوتوال 21
(ق)
قاسم پنهور 53
قريشي سيد 101
قزلباش (قوم) 100
قلي خان امير 21، 97
قمر الدين 21، 24
قمر الدين خان اعتماد الدوله 11، 61، 62، 74، 100
(ڪ)
ڪانجي 23
ڪرم علي خان ٽالپر (واليء سنڌ) 6، 7
ڪشن 102
ڪلهوڙا (خاندان) 1، 3، 7، 8، 9،
10، 11، 13، 18، 26، 27، 28، 49، 81، 82، 92، 110، 111
ڪلو مير 99
ڪوڙو 89، 90
(ک)
کهاوڙ 90
(گ)
گچپت راءِ 12
گلاب راءِ ديوان 47
گلراج مل ديوان وڪيل 47
گهرام 53
گهنشام داس ديوان 47
گنهور 89، 90
گورگاني (ذات) 71
(ل)
لاله امرت راءِ وڪيل 47
لاله عزت راءِ 47
لاله لڇو رام 12
لاله هر گلا 66.
لطف الله سيد عرف مير متارو 11، 12، 60، 61، 64، 65، 66، 85
لڪياري سادات (خاندان) 11
(م)
ماڇي (ذات) 22، 23، 88، 89
مان 102
متارو مير 21، 22، 88
متعتمد محمد شاهه بادشاهه 12
مجلس راي 101
محسن ٺٽوي 41
محمد ابراهيم صاحب مولانا 6، 29
محمد ابوبڪر 43
محمد اسد 17
محمد پناهه رجا ٺٽوي 11، 49
محمد خان 46
محمد خان ترڪان 20، 69
محمد خان بنگش 21
محمد خان ميان 40، 96
محمد شاهه 11، 12، 20، 21، 61، 74، 100، 105، 69، 70، 74، 91، 99، 105، 112، 113
محمد شاهي 72، 74، 79
محمد شريف فاروقي 18
محمد شفيع 46، 70، 75، 76، 78
محمد شيخ 69، 87
محمد علي 17، 21، 22، 48، 85، 86، 87
محمد لائق زرداري ڊاڪٽر 3
محمد محسن سيد 102
محمد محسن مير 101
محمد مراد خان وليعهدي 41
محمد مراد ياب ميان 1، 8، 9، 22، 41، 42، 46، 49، 86، 90، 91، 95، 96، 97
محمد مصطفيٰ ﷺ حضرت 4، 33، 34، 35، 38، 40، 41، 42، 43، 44، 45، 46، 49، 51، 91، 103
محمد يار 65
محمود خاوند المتوفي خواجه
حضرت 73
محمود شاهه 19
محمود شيراني حافظ 2
محمد ميان 1، 54، 97
مخلص خان ڪوري 24
مڌو دائود پوٽو 19
مردان شاهه حضرت 6
مراد فقير 19
مراد علي بروهي 97
مراد ڪليري 87
مرزا مهدي 76، 77
مشرف لکنوي مير 99
مصاحب سنگهه 12
مظفر علي 21، 99
معز الدين 111، 112، 113
معين الملڪ عرف مير منو 62
مغل (قبيلو) 7، 8، 9، 10، 13، 25. 50. 104. 114
مقصود 87
منعم خان 103
منور علي مير 24
مهر علي سيد فقير 7
مهته موٽو مل برخوردار 46
مهيري (قبيلو) 22، 89
ميران محمد جونپوري سيد 8، 27،
43، 44، 45، 111
مير محمد بلگرامي سيد 25، 54، 92،
93، 94، 95، 101، 102، 103، 104، 105
ميران سنگهه کتري 10، 52، 57
(ن)
نادر شاهه، 1، 2، 3، 8، 12، 13، 17، 18، 20، 21، 22، 25، 26، 41، 44، 45، 46، 48، 49، 64، 68، 69، 70، 72، 73، 75، 78، 80، 81، 82، 83، 84، 85، 86، 87، 88، 89، 90، 91، 97، 98، 99، 100، 101، 102، 103، 104، 105، 113، 114، 115
نادري قبيلو 70
ناصر خان 20، 24
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر 2
نجابت سيد 101
نصرت جنگ وزير محمد شاهه بهادر 12
نصير محمد ميان 1، 2، 43، 44، 95، 111
نصير نيشاپوري محمد مير 99
نظام الدين سمو ڄام 8، 44
نظام الدين عشرت 17
نظام المالڪ 21
نعمان بن ثابت زوطي 42
نعمت خان مير 77
نواب 58، 59، 102
نواب ناظم 66، 99
نورالهديٰ مير 101
نوبهار شاهه 19
نور محمد ميان 1، 3، 4، 6، 10، 11، 12، 13، 21، 22، 31، 41، 42، 43، 46، 48، 53، 60، 61، 64، 75، 81، 85، 86، 87، 88، 89، 90، 91، 94، 95، 96، 97، 102، 103، 104، 105، 107، 112، 113، 114، 115
نومڙيا ذات 93
نياز خان سيد 100
(هه)
هاشمي (خاندان) 34
هريدرام راجا 12
هري راءِ ديوان 47
هزبر ِ جنگ 62
همايون 97
هوت 72
هونهار 12
(ي)
يار محمد ميان، 1، 2، 10، 43، 52، 53، 57، 94، 95، 111، 112
يحيٰ خان 62، 101
يحيٰ ذوالفقار خان بهادر مير 12
يعقوب عليه السلام 46
يوسف عليه السلام حضرت 103
ڏسڻي -2
(ملڪن، شهرن ۽ تاريخي ماڳن مڪانن جي فهرست)
(الف)
اڀو (علائقو) 9
اٿل درياء 53، 72
اٽڪ 22، 69، 87
اٽڪ درياء 69، 70، 71، 72
اچ 70
اردبيل 20
اردوي معليٰ 77، 79
اروڙ پرڳڻو 45
اصيل ترڪمانيه 71
اصفهان 20، 98
افغانستان 44، 45
اڪبر آباد 104
النور شوگر مل شاهپور جهانيان 115
امر ڪوٽ 75، 102، 114
اوڌ صوبو 99
ايران 3، 8، 9، 15، 19، 20، 22، 25، 41، 42، 44، 49، 71، 73، 75، 76، 77، 83، 87، 91، 97، 98، 101، 102
(ب)
باغبان 46
بخارا 72
بدخشان 40
بدين 70
بريري 87
بکر 20، 45، 72، 85، 86، 93، 102، 104، 105، 111، 114، 115
بکر قلعو 70
بلگرام 103
بنگشات 69
بهاول پور 113
بهمڻ ڳوٺ 6
(ت)
تبريز 87
ترڪستان 83
(ٿ)
ٿر 1، 3، 102، 114
ٿر پارڪر 82
(ٺ)
ٺٽو 10، 40، 44، 53، 59، 69، 70، 71، 78، 104، 105، 114
(پ)
پاڻي پٽ (ڳوٺ) 99
پٽنا 13
پشاور 69، 86، 87
پنجاب يونيورسٽي 13
پوهڪرن شهر 104
(ج)
جامع مسجد خدا آباد 19
جهان آباد 69، 99
جهان نما مسجد 100
جوڌپور 27، 107، 108
جوڻيجا پرڳڻو 47
جوڻ پرڳڻو 70
جيسلمير (رياست) 1، 44، 104، 115
جينگر شهر 104
(ڄ)
ڄمون قلعو 72، 74
(جهه)
جهوڪ 10، 11، 40، 52، 53، 55
(چ)
چاچڪان 70، 87،
چانڊڪو پرڳڻو 46
چوڪيه جاٽن قبيلو 70
چين 87
(ح)
حيدرآباد 2، 70
حيدر آباد دکن 27
(خ)
خاران 20
خدا آباد 2، 19، 23، 53، 70، 72، 75، 82، 94، 95، 102، 103، 104، 113، 114
خراسان 17، 41، 72، 79، 91، 105
خوارزم 72
(د)
دادو 82
دالي 22
داور قلعو 70
دڙي مگسي (ڳوٺ) 5
دلي 101
دهلي 9، 11، 20، 23، 24، 27، 61، 85، 86، 101، 105
دولت پور صفن (تعلقو) 2، 115
دوهاله 100
ديرو اسماعيل 72
ديرو حاجي خان (علائقو) 19
ديرو غازي خان 114
(ڍ)
ڍاڍر 22، 93، 94
(ر)
راڻيپور 46
راهمه قصبو 70
راجيشور 108
روشن الدوله مدرسو 100
روم 85، 97
روهڙي 42، 45
(س)
سانگره (سانڪره) درياء 69، 70
سرهند (علائقو) 74
سرڪات ڪورهر 1
سر گهاٽ ڪورهره 115
سڪرنڊ 5
سکر 70، 88، 113
سمرقند 73
سموال پرڳڻو 70
سنڌ 1، 2، 4، 5، 7، 8، 10، 11، 12، 13، 17، 18، 21، 22، 25، 26، 27، 40، 41، 42، 44، 45، 48، 49، 53، 61، 66، 68، 69، 71، 72، 73، 80، 81، 82، 83، 84، 85، 86، 87، 88، 90، 91، 93، 102، 103، 104، 105 107، 111، 112، 113، 114، 115
سنڌ درياءَ 69-71
سنڌو درياء 73، 74، 82، 105
سنگر درياء 71
سودهره 12
سورت بندر 82
سيالڪوٽ (ضلعو) 12
سيد واڙه محلو 101
سيري 22
سيوستان 45، 93، 95، 102، 103، 104، 105، 111، 112، 114، سيوهڻ 10، 70، 96
سيوي 9، 19، 51، 70، 91
سيوي دره 112
سيوي قلعو 94
(ش)
شالامار باغ 99
شاهه جهان آباد 61، 64، 71، 93، 99، 101
شاهپور جهانيان 2
شاهه برج 99
شڪارپور 9، 40، 93، 113
شهداد پور 22، 44، 45، 88
(ع)
عمر ڪوٽ 3، 12، 22، 44، 82، 87، 88، 89، 90
عمر ڪوٽ قلعو 75، 82
عليڳڙهه 13
عيدگاهه پراڻو 100
(غ)
غزني 23، 69، 86
(ف)
فتح پور شهر 46
فراه (علائقو) 44
(ق)
قاضي پور 101، 102
قلات 9، 42، 96، 97، 113، 114
قنڌار 19، 20، 24، 69، 75، 76، 79، 85، 86، 91، 96، 98، 112، 113
(ڪ)
ڪابل 20، 23، 24، 69، 72، 81، 83، 87، 98، 108، 114
ڪاڇو 1، 46، 48
ڪانجي 22، 23
ڪراچي 29، 70
ڪرنال 69، 99
ڪرمان 20
ڪنڊيارو 46
ڪنعان کوهه 103
ڪهٽ رهو 70
ڪوٽله 100
(ک)
کيبر 70
(گ)
گاگرو پرڳڻو 45
گجرات 82
گجر ملڪ 51
گرديز بان 86
گنجابو (علائقو) 9
(ڳ)
ڳڙهي ياسين 6، 29
(ل)
لڌو گاگن پرڳڻو 45
لاڙ 1، 111
لاڙڪاڻو 6، 22، 41، 44، 45، 66، 70، 75، 76، 77، 82، 87، 88، 89، 90، 113
لاکاٽ پرڳڻو 45
لال قلعو 27
لاهور 24، 62، 70، 71، 72، 73، 74، 98، 99، 103
لنڊن 27
لوهري بندر شهر 70
(م)
ماتلي 70
ماٿيلو پرڳڻو 45
مارواڙ 104
مازندراني 87
محمد آباد 115
مدراس 27
مراد آباد شهر 41
مسقط (شهر) 9، 49
مسو سامٽيو 23
مشهد (شهر) 8
مصر 103
ملتان 10، 52، 55، 62، 66، 71، 72، 73، 74، 77، 79، 96، 104، 111، 112، 114
مورو 3
منٽگمري 70
ميان جا قبا (قبرستان) 2، 115
ميدان پوره محله 101
ميرٺ 104
(ن)
نادر آباد (قنڌار) 41
نصرپور 45، 70
نهر امرڪس (علائقو) 42
نوابشاهه (ضلعو) 2، 5، 115
نوشهرو ڳوٺ 88، 93
(هه)
هندستان 20، 21، 23، 24، 42، 69، 70، 71، 72، 74، 79، 82، 83، 85، 87، 101، 102، 103، 104، 105، 111، 112، 114، 115
هزاره جات 70
(ي)
ياهو قلعو 74
ڏسڻي -3
(ڪتابن، مضمونن، مقالن ۽ ادارن جا نالا)
(الف)
آواره نسخو 6
آئين اڪبري 70
اختتام الرقعات لطيف منشي انند رام قوم کتري متخلص به ”مخلص“ صورت اختتام يافت. در مقام ڇاوني ججهر در عهد نواب فيض محمد خان بهادر در، سنه يک هزار دو صد چهل و نه روز جمعه... جيڻهه 1890ع تمام شد، نوشته شاديرام..... (نسخو) 11
انشايء انند رام 11
انشايء عطارد 28، 47
اورينٽل ڪاليج ميگزين 13، 70، 71، 73، 74، 76، 77، 78، 79
(ب)
باقيات از احوال ڪلهوڙه 2
بدائع وقائع 12، 68
(ت)
تاريخ سنڌ، 2، 4، 6
تاريخ ڪلهوڙا 42، 47، 94، 97
تاريخ محمدي 73، 74، 96، 99، 102
تاريخ نادر 17
تبصرة الناظرين 25، 40، 92، 93، 94، 95، 96، 97، 98، 102، 103، 104، 105، 114
تحفة الڪرام 9، 47، 49، 70، 97 تقرير واليء سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو (نيشنل سيمينار) 3
تواريخ الاغيار 27
(پ)
پشاور پشتو اڪيڊمي 17
(ج)
جهانڪشائي نادري 72، 75، 76، 78، 79
(چ)
چوڏنهن خانواده رسالو 44
(ح)
حسن ادايء انتخاب 2
(خ)
خزانه عامر 93، 96
خطي بياض 6، 11
(د)
ديباچه سفر نامه 66
ديوان گدو مل جون يادگيرون 47
(ر)
رسالو سهروردي 44
رضويه ڪتبخانو 8
رقعات انند رام مخلص (قلمي نسخو) 67
رقعات مخلص 11
(س)
سنڌ لائبريري 18
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي 3
سنڌ يونيورسٽي (ادارو) 11
سنڌي ادبي بورڊ 2، 6، 10، 18، 27
سنڌي هندن جي تاريخ 47
سرو آزاد 93
سورت اعراف 102
سورت طــٰـہ (آيت: 123) 33
سير المتاخرين 73
(ش)
شمس المطابع (ادارو) 11
(ط)
طبع علي ڳڙهه 102
(ف)
فتح عامه عظيم الدين 47
(ق)
قرآن ڪريم 4، 7، 8، 33، 34، 40
قديم تاريخ آثار شناسي 73
قصيدہء بمدح عبدالنبي 28
قصيدہ برده 33
(ڪ)
ڪراچيءَ جو قومي ميوزيم 13
ڪلهوڙا نيشنل سيمينار (1996ع) 2
(گ)
گلدستئه نورس بهار 28، 112
گلدستئه هميشه بهادر 28
(ل)
لوڪ هارٽ 70، 75
(م)
ماثر الامراء 27، 62، 66، 73، 74، 97، 110، 115
ماثر الڪرام 93، 96
مرقع دهلي 100
مطبوعه انجمن آثار ملي طهران 70
مطبوعه دانش گاهه (مدراس) 27
مطبوعه علي ڳڙهه 74
مطبوعه مدراس 109
مظهر شاهجهاني 70
مقالات الشعراء 11، 47، 49
مڪاتيب انندر رام ”مخلص“ 11
منشور الوصيت و دستور الحڪومت 2،
3، 4، 5، 28، 31، 45
ميوزيم دهلي 73
(ن)
نادر نامه 2، 13، 14، 16، 17، 70، 80، 81
نامهء نغز 18، 28، 47، 84
نسخو رامپور 99
نئين زندگي (رسالو) 11
(و)
واقعات اظفري 27، 109
(ه)
هير رانجها عطارد 47
هسٽري آف نادر شاهه 69