Download sindhiadabiboard.org/History/Book13.txt from arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset: direct link, hf CLI and curl.
- Browser
- Download file 263 kB
-
https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/History/Book13.txt
- Command line
-
hf download hf://datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/sindhiadabiboard.org/History/Book13.txt
-
curl -L -o Book13.txt https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/History/Book13.txt
263 kB
| ڪتاب جو نالو: پراڻو پارڪر | |
| پراڻو پارڪر | |
| منگهارام اوجها | |
| ڇپائيندڙ پاران | |
| سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش رهي آهي، ته لائق پڙهندڙن کي وقت بوقت سٺا ۽ معياري ڪتاب پڙهڻ لاءِ ميسر ڪيا وڃن. انهن معياري ڪتابن ۾ ’پراڻو پارڪر‘ به شامل آهي. هيءُ ڪتاب مسٽر منگهارام اوجها جو تحقيقي پورهيو آهي. مسٽر منگهارام اوجها پيشي جي اعتبار کان هڪ پرائمري استاد هو، پر هن جو ذهني لاڙو تحقيق جي شعبي ڏانهن هو. هن هيءَ تحقيقي رٿا 60 واري ڏهاڪي ۾ پوري ڪري بورڊ جي حوالي ڪئي هئي. بورڊ انتظاميا انهيءَ رٿا جي اهميت کي سمجهندي ان کي سال 1966ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپي ڇڏيو. | |
| حقيقت ۾ قديمي ماڳ ۽ مڪان، تاريخي ۽ دستاويزي طور اسان جا قومي ورثا آهن، انهن جي سارسنڀال لهڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي. ’پارڪر‘ جنهن کي اڄڪلهه ’ٿرپارڪر‘ چون ٿا، ڪنهن دور ۾ سنڌ جو نهايت پٺتي پيل علائقو هو. هتان جي عام زندگي ڏاڍي ڪسمپرسيءَ ۾ گذرندي هئي ۽ عام طور تي نهايت معمولي قسم جي پيشن تي گـُـذر سفر ٿيندو هـُـئو، هڪ پاسي ڏڪاريل حالتون ۽ ٻئي پاسي رياستي ڪاهون عوام جي اقتصادي وسيلن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏينديون هيون. وقت گذرندي اهڙي صورتحال ۾ تبديلي ايندي رهي ۽ تعليمي ماحول ماڻهن ۾ مهذب قدر پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي، جيڪو هينئر ڇپجي اوهان پڙهندڙ دوستن جي هٿن تائين رسيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته هيءُ ڇاپو به گذريل ڇاپن وانگر پڙهندڙ حلقن ۾ پسند ايندو. | |
| ڄام شورو، سنڌ انعام الله شيخ | |
| اڱارو 9- جمادي الاول 1427هه سيڪريٽري | |
| بمطابق 6- جون 2006ع سنڌي ادبي بورڊ | |
| پيش لفظ | |
| سنڌي ادبي بورڊ، استاد منگهارام ”اوجها“ جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه 1966ع ۾ شايع ڪيو هو، ٻيو ڇاپو 1975ع ۾ ۽ ٽيون 1988ع ۾. ٻيو ڇاپو پهرين ڇاپي کان ڏهه ورهيه پوءِ نڪتو ۽ ٽيون وري ٻئي کان لڳ ڀڳ ڏهه ورهيه پوءِ. پهريون ڇاپو هڪ هزار ڪاپين جو نڪتو، ته ٻيو ۽ ٽيون ٻن ٻن هزارن جا. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب ۾ ايتري ته ڪارائتي معلومات آهي، جو گذريل ٽيهن سالن ۾ ان جا ٽي ڇاپا نڪري چڪا آهن ۽ بورڊ هن چوٿين ڇاپي جي ضرورت به محسوس ڪئي آهي. | |
| *** | |
| هي ڪتاب سنڌ جي ”پارڪر“ واري حصي کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش آهي. ان جو لکندڙُ، اوجها صاحب پرائمري ماستر هو. سندس شمار انهن استادن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌ ۾ پرائمري ماسترن جو پَدُ اوچو رکيو. ڪنهن زماني ۾، پرائمري ماستر سنڌ جي ڳوٺن جي سونهن هوندو هو. ننڍا وڏا، سُکيا ستابا، توڙي غريب غربا سندس عزت ڪندا هئا. هو سندن ٻچن جي تعليم ۽ تربيت تي مامور هوندو هو. سا پنهنجي ليکي پڻ اهڙي ڳالهه هئي، جا ماڻهن کان تعظيم طلب ڪري. پر، سندس عزت جو بنيادي سبب خود سندس پنهنجو علم ۽ اخلاق هوندو هو. ڳوٺن ۾ اسڪول مان نڪري گهٽيءَ مان لنگهندو هو، ته اڻ پڙهيل شخص به ادب سان پاسو وٺي ڀت کي ٽيڪ ڏئي، بيهي رهندا هئا، ته استاد لنگهي وڃي ڀلا جي منجهانئن ڪنهن جي هٿ ۾ پَن جي ٻيڙي هوندي هئي، ته اها لڪائي ڇڏيندو هو، ته متان استاد جي نظر پئي ۽ ائين سوچي ته ’هي بدبخت ٻيڙي ٿو ڇڪي!‘ | |
| سنڌ ۾ پرائمري ماستَر ”لکيل لفظ“ (Written Word) لاءِ اهڙي ته تعظيم ۽ تڪريم سيکاري هئي، جو پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو پَٽ تي ڪو ڪاغذ- ٽڪُر ڏسندا هئا، ته کڻي ويڙهي پنهنجن گهرن جي اوڏڪين ڀتين جي ڦوٽِن ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. اها ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن ملڪ تي هڪ غير مسلمانُ، عيسائي ڪرستانُ حڪومت ڪندو هو. اسان کانئس آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جا سال جدوجهد ڪئي ۽ نيٺ 1947ع ۾ وڃي پنهنجو ملڪ آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. | |
| قومون جڏهن غيرن جي غلاميءَ مان آزاد ٿينديون آهن، تڏهن ڪنهن ميدان ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ ترقي ڪنديون آهن. پر 1947 کان 1997ع تائين، جيڪو پنجاهه ورهين جو عرصو گذريو آهي، تنهن ۾ اسان تعليم جي ميدان ۾ ڪابه ترقي ڪانه ڪئي آهي. اسان جو ملڪ هاڻي دنيا جي اهڙن ڏهن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي تعليم ۾ سڀني کان پوئتي ۽ جهالت ۾ سڀني کان اڳتي آهن. انهيءَ جو هڪ سبب اهو آهي ته سرڪار تعليم لاءِ گهربل پئسا ڪونه ٿي ڏئي. مارچ 1998ع تي شايع ٿيل ”ڊان“ اخبار ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ”سنڌ ۾ هزارين اسڪول اهڙا آهن جن کي ڀتين جي مٿان ڇت ئي ڪانهي.“ ٻيو ته انتظامي فيصلا اهڙا ته اونڌا ۽ ابتا ٿين ٿا، جو يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول ڏينهون ڏينهن اُجڙندا وڃن ٿا. سڀ کان گهڻو ڌڪ پرائمري تعليم کي لڳو آهي. پارڪر جي پاسي ڪجهه عرصو اڳي، سرڪاري اسڪولن ۾ اهڙا ماڻهو به ماستر مقرر ٿيا، جيڪي سراسر اڻ پڙهيل هئا. پنهنجو نالو ئي لکي ڪونه سگهندا هئا. | |
| * * * | |
| پارڪرتوڙي ٿر پارڪر، سنڌ جو اهڙو علائقو آهي، جتي ماڻهوءَ جي زندگي ڏاڍي ڏکي آهي. استاد منگهارام ”اوجها“ ڪتاب جي شروعات ۾، پارڪر بابت هڪ عام چوڻي ڏني آهي، جنهن مان انهيءَ علائقي جي غربت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. | |
| پارڪر جا پَهاڙَ | |
| جهنگ ۽ جهاڙَ | |
| رڳو آهي بک ۽ اُگهاڙَ | |
| - لنگهه ۽ لاهو، رڻ ۽ رائو، | |
| مال به رکن ماهو | |
| ته به ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي! | |
| چوڻيون ۽ پهاڪا سالن ۽ صدين جي تجربي کان پوءِ وڃي ٺهندا آهن ۽ عام ماڻهن جي چپن تي ايندا آهن. تنهن جو مطلب ته، پارڪر جا ماڻهو سالن ۽ صدين کان سک ڪونه سنڀرن! هن جهان ۾ ڏک بک ۾ آيا ۽ هتان ڏک بک ۾ هليا ويا. | |
| منگهارام ”اوجها“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته پارڪر جي پاسي، هڪڙي قبيلي جي ته گذر سفر جو ڌنڌو ئي هوندو هو ڌاڙا هڻڻ. هڪڙي ڳوٺ ۾، ڏينهن ڏٺي جو چار دفعا ڌاڙو لڳو. ڌاڙا ۽ ڦريون بک جي نشاني آهن. پارڪر هڪ طرف ٿر جي ريگستان ۽ ٻئي طرف ڪڇ جي رڻ ۾ ڦاٿل آهي. آباديءَ جي ڪا صورت نظر ئي ڪانه ٿي اچي. پر، تاريخ جي اڳوڻن قصن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪنهن سمي اُتي ڏاڍي وسُنءَ ۽ واڻراهه هوندي هئي. هاڪاڙو درياءَ وهندو هو. مٿس بندر ۽ بازاريون هونديون هيون. قسمت پلٽو کاڌو، ته درياءَ سُڪي ويو. وڻ سُڪي ويا. جاڏي نظر ڪَر، تاڏي رائو، رڃ ۽ سڃ. | |
| * * * | |
| ڪنهن زماني ۾ دنيا جي هاڻوڪي سڀ کان شاهوڪار ملڪ، سعودي عرب جي به اها حالت هوندي هئي. هاڻي اتي پيٽرول لڌو آهي. ته ڌن ۽ دولت جا درياءَ پيا وهن. اڻ ڏڌيون ڇڙيون ٿيون وڃن. ريگستان جي خيمن ۾ رهڻ وارا بدو سڳورا، لنڊن ۾ عيش عشرت لاءِ محلاتون پيا خريد ڪن. | |
| سنڌ ۾ به بدين پاسي پيٽرول لڌو آهي. پارڪر ۽ ٿر جي پاسي اڃا ڪونه لڌو آهي. البت، اتي ڪوئلي جا وڏا ذخيرا مليا آهن، ۽ چون ٿا ته اهو اعليٰ درجي جو ڪوئلو آهي. ڪي ڌاتو به مليا آهن. سو، جيڪڏهن جديد سائنسي علمن جي روشنيءَ ۾ پارڪر ۽ ٿر تي تحقيق ٿيندي، ته اهڙا قدرتي ذريعا دريافت ٿيندا، جيڪي هن خطي کي ڏاڍو زرخيز ثابت ڪندا ۽ پارڪر جي تاريخ نئين سر لکبي. | |
| پر، منگهارام ”اوجها“ جي هن ڪتاب جي اهميت پوءِ به ساڳي رهندي. نه رڳو ايترو پر جيسين پارڪر ۾ اهڙيءَ خوشي ۽ خوشحاليءَ وارو ڪو دور اچي، تيسين اتان جي موجوده رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ اڳوڻيءَ تاريخ ۽ سڀيتا جا اهڙا پاسا ۽ پَلوَ جاچڻ ۽ قلمبند ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي استاد منگهارام اوجها کان رهجي ويا هئا. | |
| سنڌي ادبي بورڊ غلام رباني آگرو | |
| 19-4-1998ع | |
| ڍٽ ڍرِي، پٽ پيون، پاسي پارڪر، وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪر، سڀني ڀريا سر، پلر جي پالوٽ سين. | |
| - شاهه | |
| ديباچو | |
| ڪوچ ڪري ويا، سڀئي هن سنسار مون، پير پيغمبر اوليا، جن پنهنجا پنٿ ڪيا، گياني ڌياني گرهستي، "سامي" پنڌ پيا، سڀئي غيب ٿيا، تو ڇا سمجهيو پاڻ کي. - سـَـامي | |
| ٿر جي باري بيابان ۽ اوکن پهاڙن ۾ ڪئين ٻهڪندڙ ٻوٽا ۽ رنگبرنگي گل هئا، جن جي سرهاڻ چمن کي چمڪايو ٿي، جن جي هٻڪار هنڌين ماڳين پکڙجي ٿي ويئي، ۽ جن جي سڳنڌ دٻيل دماغ کي معطر ٿي ڪيو. انهن جي ڌوپ - واس لاءِ ڪير ٿو اڻانگا ٽڪر ٽاڪي ۽ آنهن پشين جي پرک ڪري! ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي تاريخ نه آهي، ۽ وڏڙن جا وڻندڙ ٻول ۽ سگهڙن جا سهڻا سخن لکيت ۾ نه آهن، ته اُها ملڪ ۽ قوم سدائين لاءِ مرده آهي. هڪ انگريز شاعر چيو آهي: | |
| Lives of great men all remind us, | |
| We Can make our lives sublime, | |
| And departing leave behind us, | |
| Foot-prints on the sands of time. | |
| ]مهاپرشن جا جيون اسان کي يادگيري ٿا ڏيارين ته اسين پنهنجي حياتي شاندار بنايون، ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنهنجا نشان ڇڏي وڃون.[ | |
| پارڪر صدين کان وٺي تاريخ جو اهم ڀاڱو ٿي پئي رهيو آهي. مون کي ڪن سالن کان وٺي پارڪر جي قديم روايتن سان دلچسپي پئي رهي، تنهنڪري مون پنهنجي بدلي سال 1954ع ۾ پنهنجي ڳوٺ کان 80 ميلن جي دوري تي انهيءَ ارادي سان ڪرائي، ته جيئن مان پارڪر جون قديم روايتون، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي زبان کي هميشه زنده رکڻ واريون آهن، گڏ ڪندو رهان. مون ان ڏس ۾ ڪافي ڪوشش ڪئي، پر پارڪر جا ماڻهو اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل، جن مان ڪي هڪڙي ڳالهه جو ڪن پيا ٻڌائين ته ڪي ٻيءَ ڳالهه جو پڇ، ۽ ڪن کي جيڪڏهن ڪي اڌوگابريون ڳالهيون ياد هيون، ته اهي وري هڪڙي پرائمري استاد کي ٻڌائڻ کان ڪناري ڪشي ڪري رهيا هئا. ها، هڪ خوش نصيبي هئي، جو سال 1901ع، سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب واريءَ اسڪيم لاءِ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي ننگر پارڪر جي سرمايي کي سگهڙن جي سينن مان سهيڙڻ جو ڪم سپرد ڪيو. مٿان وري اهو سهڻو سنوڻ ٿيو، جو اسان جي اسٽاف جو هڪڙو هر دلعزيز ۽ زندهه دل اُستاد، محترم علي محمد سمون، ننگر پارڪر ۾ بدلي ٿي آيو، جنهن صاحب مون کي هن ڪتاب لکڻ لاءِ گهڻو همٿايو، ۽ پاڻ ڪوشش ڪري ڪجهه مواد به هٿ ڪري ڏنو. ان لاءِ آءٌ سندس شڪر گذار آهيان. | |
| پارڪر جي هر ڪنهن گام ۽ گس، ڀٽ ۽ ڌڪ کي پنهنجو تاريخي پس منظر آهي، ۽ ان لاءِ ڪئين دلچسپ ڏند ڪٿائون عام مشهور آهن: مون هن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي، ٻنهي طريقن سان پارڪر کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُميد اٿم ته سنڌ جي هن حـصي بابت منهنجي هيءَ پهرين ڪاوش، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ قبول پوندي. | |
| ننگر پارڪر | |
| 27- آڪٽوبر 1959ع -- منگهارام اوجها | |
| پارڪر | |
| سنڌ سونهاريءَ جو تمام شاندار ۽ اهم ٽڪر ”پارڪر“ ، تنهن لاءِ عام مقولو آهي ته: ”پارڪر جا پهاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بـُـک ۽ اُگهاڙ، رڻ ۽ رائو، لنگهه ۽ لاهو، مال به رکن ماهو، ته به ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي!“ رڻن ۾ رڃ، رڳي سڃ ئي سڃ، اچ وڃ جو اهنج، سڄو ئي ڀڙڀانگ، نه ساٿي نڪو سانگ، جتي ڪانگ جي اک نڪريو پوي: اهڙي ڏکئي ڏونگراٽ ڏيهه ۾ جو پـُـرش پيدا ٿيو، تنهن جو ڀاڳ اَڀاڳ يعني ڄانڀي جو ساڳ! | |
| اهو پارڪر يا ننگر پارڪر جو تعلقو، ٿرپارڪر ضلعي ۾، سنڌ جي ڏکڻ اُڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي، جنهن جي ڏهن تپن مان ست تپا ٿر ۾، ۽ ٽي تپا پارڪر ۾ آهن. نقشي تي پارڪر وارو ٽـُـڪر ڄڻ ته هڪڙو اُپٻيٽ آهي، جنهن جي ٽنهي- پاسن، ڏکڻ، اولهه ۽ اوڀر کان وارياسو رڻ ڦري آيو آهي. پارڪر واري ڀاڱي جي ڊيگهه 30 ميل، ۽ ويڪر 20 ميل آهي. اهڙيءَ طرح، ننگر پارڪر تعلقي جي پکيڙ 1617 چورس ميل ٿيندي. | |
| ”پارڪر“ تي نالو ڪيئَن پيو: | |
| چون ٿا ته پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ اڳي سامونڊي کاري هو. ماڻهن کي اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي، سو ان کي چوندا هئا ”پار اُڪر“ ، جنهن مان ڦري ٿيو ”پارڪر“ . ان بابت هڪڙي ڏند ڪٿا مشهور آهي، جنهن موجب اهو نالو ”پاراسر“ نالي رشيءَ تان پيل آهي، اُها ڪٿا هن ريت آهي: | |
| ڪنهن سمي، پارڪر جو پرڳڻو جڏهن پاڻيءَ هيٺ هو، تڏهن جتي اڄ بستي آهي، اُتي ڀيانڪ سمنڊ پيو ڇوليون هڻندو هو. هڪ ڏينهن پاراسر رشيءَ ڌيان ڪيو، ته ڪو اهڙو پويتر آستان ڳولجي، جتي پنهنجو تپ سڦل ڪري سگهجي، ڇو ته ايڪانت ۾ انسان جو من هڪ ٺڪاڻي بيهي ٿو. پاراسر رشي، هڪ مها تيجسوي تپسوي ۽ تمام پهتل شخص هو. کيس ڌيان ۾ ڪارونجهر جبل ڏسڻ ۾ آيو، تنهنڪري پنهنجيءَ تپسيا يا بندگي جو پڪو پرڻ ڪري، ڪارونجهر جبل ۾ هاڻوڪي ساڙدري کان ڪجهه مٿڀرو، هڪ هنڌ پسند ڪري، اُتي پنهنجي اکنڊ تپسيا شروع ڪيائين. پير جي هر هڪ آڱر تي بيهي، هڪ - هڪ هزار سال تپسيا ڪيائين. هر هڪ آڱر جا نشان اڄ ڏينهن تائين جبل ّتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تپسيا جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾، پاراسر رشيءَ جي استريءَ، پوپٽ جي ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڏانهنس هڪڙو ڪاغذ ڏياري موڪليو،جنهن ۾ کيس موٽي اچڻ جي وينتي ڪئي هئائين. پاراسر پنهنجي جسم جو پگهر لاهي، ڪاغذ ۾ ويڙهي، پوپٽ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي موڪليو. پوپٽ جڏهن وچ سمنڊ تي پهتو، تڏهن هڪڙي باز چهڙپ هڻي، پوپٽ کي ڪيرائي ڇڏيو ۽ اُهو پگهر وڃي سمنڊ ۾ هڪڙي مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو، جنهن مان هڪڙي سندر ڪنيا پيدا ٿي. سمنڊ جي نزديڪ رهندڙ مهاڻن اُن سندر ڪنيا کي پالي وڏو ڪيو ۽ سندس نالو رکيائون ”مڇندرا“ يعني مڇيءَ مان پيدا ٿيل. مڇندرا جڏهن وڏي ٿي، تڏهن ان جو سندر روپ سورج کان وڌيڪ تيج ۽ تاب ڏيکارڻ لڳو. هيءَ من موهيندڙ اپسرا جڏهن چانڊوڪيءَ سان چلڪندڙ پاڻيءَ ۾ اڪيلي واهڻ هلائيندي هئي، تڏهن سندس جوڀن ۽ جمال کان چنڊ جو جوهر به جهڪو ٿي پوندو هو. مڇندرا جڏهن پنهنجي وهيءَ جا سورنهن سال پورا ڪيا، تڏهن پاراسر رشيءَ، پنهنجي تپسيا پوري ڪري، سمنڊ پار ڪرڻ لاءِ مهاڻن وٽ آيو. مهاڻن کي ان وقت فرصت ڪانه هئي، تن مڇندرا کي چيو ته: ”ڌيءَ! تون وڃي رشيءَ کي پار اُڪاري اچ“ . جڏهن مڇندرا جي دُنگي درياءَ جي اڌ تي پهتي، ته رشيءَ جي من ۾ ڦيرو آيو، مڇندرا جي رنگ، روپ ۽ جوانيءَ کي ڏسي، مها اڀدؤت رشي مٿس اهڙو ته موهت ٿي پيو، جو ٿورين گهڙين لاءِ پنهنجي سڌ ٻـُـڌ صفا ڀلجي ويو. مڇندرا جي ڪـَـجلين اکين ڏانهن گهور سان نهاري، سندس سنهڙيءَ چيلهه تي هٿڙو ته گهمايائين، پر وري کانئس اوچتو ڇرڪ نڪري ويو: سندس ڪٺڻ تپسيا جا ڏهه هزار سال هڪڙيءَ کن ۾ برباد ٿي چڪا هئا! تڏهن رشيءَ، ڪاوڙجي، سراپ ڏنو ته: ”اي پارڪر، تنهنجيءَ سر زمين تي ڪڏهن به اهڙو گڻوان مهاتما اُتپن نه ٿيندو!“ | |
| ڪارونجهر تناڪَ جس، ڪَ جـَسي ميڙيو ڪاج، پيدا ٿئي نه پارکو، نه رهسي ڪو رشي راج. | |
| سمنڊ سڪي رڻ ٿيڻ بابت مشهور ٿل مٿينءَ ڏند ڪٿا کي ڇڏيندي، ٻي ڏند ڪٿا سنڌ تي راءَ نوگهڻ جي ڪاهه وقت ”وروُڙيءَ“ جي چـُـوسي وٺڻ بابت آهي، پر علمي راءِ هيءَ آهي ته ڪنهن وڏي زلزلي سببان اِتان سمنڊ هٽي ويو آهي، جنهن سان وڏو وارياسو رڻ وجود ۾ آيو آهي. | |
| حدون ۽ شڪل | |
| ننگر پارڪر تعلقي جي اُتر ۾ تعلقو ڇاڇرو، اوڀر ۾ جوڌپور (راجستان)، اولهه ۾ تعلقو مٺي، ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. هيءُ تعلقو اُتر ڏانهن ويڪرو ۽ وڏو آهي، ۽ ڏکڻ پاسي زمين کاڌل اٿس. اوڀر ۽ ڏکڻ پاسا رڻ کي تمام ويجها آهن، تنهنڪري ٻيئي پاسا لوڻ ۽ رڻ جي پاڻيءَ ڪري کائجي ويا آهن، ۽ وچ ننڍو ٿي پيو آهي. | |
| قدرتي جوڙجڪ | |
| ننگر پارڪر شهر جي پسگردائيءَ واري، چوويهن ميلن جي پٽ کي ”پارڪر“ ۽ ڪنٺي وارو ڀاڱو ڪري چوندا آهن، جنهن ۾ ننڍيون ٽـَـڪريون آهن، ۽ ٻئي حـصي کي ”ٿر“ وارو ڀاڱو ڪري چوندا آهن، جتي واريءَ جون ڀٽون آهن. | |
| آبهوا | |
| سڄي تعلقي جي آبهوا سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ گرم رهي ٿي. ڀـِـٽن وانگر، ٽـَـڪريون به سياري ۾ ٺرن، اونهاري ۾ گرم رهن ٿيون. | |
| ڪارونجهر جبل | |
| هيءُ جبل، ننگرپارڪر شهر جي چوڦير، گولائي قطار جي صورت ۾، ڏکڻ ۽ الهندي پاسي، اٽڪل سورهن ميلن ۾ پکڙيل آهي. ان جي اوچي چوٽي زمين جي سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي، جتي تروٽ صاحب جو ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن کي ”صاحب چڱو“ ڪري چوندا آهن، هن جبل ۾ ڪيترائي قديم آستان ٺهيل آهن، جي ڏسڻ وٽان آهن. منجهس ڪيترائي پانڊوَن جي نالن جا نشان آهن. چون ٿا ته ڪورونَ جڏهن پانڊون کي 13 سال ديس نيڪالي ڏني هئي، تڏهن پنج ئي پانڊو ڪجهه وقت ڪارونجهر جبل ۾ اچي رهيا هئا. اڄ تائين ڪن نشانن کي ڀيم گوڏ، ڀيم گاڏو، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ، وغيره ڪري ڪوٺيندا آهن. ڪارونجهر جبل جو پٿر عمارتن ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. جبل مان گگر، ماکي، مختلف ٻوٽيون، ڪاٺيون وغيره، مزور ماڻهو جام آڻي وڪرو ڪندا آهن. تنهنڪري عام چوڻي آهي ته ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو“ - يعني هن جبل جي ايتري پيدائش آهي، جنهن جي قيمت روزانو سوا سير سون جي برابر آهي. هن جبل ۾ قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون، جي هتي جي ماڻهن لاءِ دوا طور ڪم اچن ٿيون- مثلاً کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر، شـِـوجٽي، اُٺ ڪنٺي، اُٽنگڻ، لاجونتي، گوگڙو، وغيره هن جبل ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر گوگڙوءَ جهڙو نظر ايندو آهي. اونهاري جي موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن جبل مان زوردار آواز ٻڌبا آهن، ٿي سگهي ٿو ته هيءُ جبل گندرف سان ڀريل هجي. برسات جي موسم ۾ جبل تان اٿاهه پاڻي سمنڊ جيان وهي هلندو آهي. گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي نديون به هتان نڪرن ٿيون. اهي ٻيئي نديون، پاڻيءَ سان ٽمٽار وڃي ٿيون پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪن. جيڪڏهن انهن ندين تي بند ٻڌي، پاڻيءَ کي پوک لاءِ گڏ ڪيو وڃي، ته پارڪر کي جيڪر ڪڏهن به ڏڪار سان دوچار ٿيڻو نه پوي. ڪارونجهر جبل ۾ سيار (گدڙ)، چراخ (جرک) جانور (بگهڙ)، مور، سارس ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ۽ پکي رهندا آهن. ڪارونجهر پارڪر واسين کي ايڏو ته پيارو آهي، جو هر دم پيا جهونگاريندا آهن ته: | |
| ڪارونجهر جي ڪور، مـَـريـِئي، تو ميليئي نهين، مٿي ٿهوُڪي مور، ڏونگر لڳي ڏيپتو. | |
| تلاءُ: | |
| ڪارونجهر جي چوطرف ڪيترا تلاءُ آهن، جن ۾ ٻاروهي پاڻي رهي ٿو. ڀوڏيسر وٽ ڀوڏيسر جو تلاءُ آهي، جو ڀوڏي سوڍي عيسوي ڇهين صديءَ ۾ کڻايو هو. هن ۾ اَٺ مهينا پاڻي رهندو آهي. ٻيو نرياسر جو تلاءُ، ڏونگري ڳوٺ جي ڀرسان آهي، جنهن ۾ ٻارهن ئي مهينا پاڻي رهندو آهي،نرياسر جي پاسي ۾ ڪو به وڻ وغيره ڪونه آهي، ۽ سنئون سڌو وڏو پٽ پيل آهي. ڳوٺ گهرٽياري وٽ لورالائي ڀاڻيسر جا تلاءَ آهن، جن ۾ پاڻي ٻارهن مهينا رهندو آهي. لاڪڙ کڏئي وٽ راڻاسر تلاءُ آهي. اُڏيگام جو تلاءُ ۽ گڍڙي چارڻ جو تلاءُ به مشهور آهن. ننگر جي نزديڪ راڻن جو ٺهرايل راڻاسر تلاءُ آهي، جنهن جي چوگرد پڪي ڀت چـُـڻيل آهي، سنگها تلاءُ، جو ويرا واهه جي ڀرسان آهي، سو ويرا واهه جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس سال بسال ڪڻڪ جي پيدائش جام ٿئي ٿي. | |
| ٽڪريون: | |
| پارڪر ۾ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون تمام گهڻيون آهن- جهڙوڪ ڏونگري جي ٽڪري، ڏيڻي ٽڪري، راڻيپور جي ٽڪري ۽ چؤڙيئي جي ٽڪري، وغيره. | |
| آستان: | |
| ڪارونجهر جبل ۾ هندن جا هيٺيان آستان ڏسڻ وٽان آهن: | |
| (1) ساڙ درو: پاراسر رشيءَ جي سراپ، يا ڌرتيءَ جي زلزلي يا راءَ نوگهڻ جي سنڌ تي ڪاهه وقت وروڙيءَ جو چوسڻ- انهن ٽنهي روايتن مان اتهاس ڌرتيءَ جي زلزلي کي اهميت ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ جو زلزلو پارڪر ۾ ضرور آيو هو، جنهن پاري ننگر جهڙيءَ وسندڙ آباديءَ کي برباد ڪيو. بهرحال، سمنڊ سڪي ويو، ۽ پوءِ اُتي ڪن سالن کان آهستي آهستي بستي ٿيڻ لڳي. | |
| ساڙدري لاءِ هڪڙي جهوني ڳالهه مشهور آهي. هڪڙو هرڻ ۽ هرڻي، جبل ۾ پيا ڦرندا هئا. ڏينهن جو پاسي وارين ٻنين ۾ گهمي، رات جو جبل ۾ اچي رهندا هئا. هڪڙي رات جو جيئن هرڻ ۽ هرڻي، ڇلانگون ڏيندا، جبل تي پئي چڙهيا، ته هرڻ اوچتو هڪڙي پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن ۾ وڃي ڪريو، ۽ مري ويو. هرڻي جيئن ڇلانگ ڏنو، ته اُها وڃي ڪـُـن جي پاسي ۾ بيٺل ”قدام“ جي هڪڙي وڻ ۾ اٽڪي، آهستي آهستي هرڻيءَ جا سمورا هڏا، سڙي ۽ ڳري، اُن ڪـُـن ۾ پوندا رهيا، ۽ پاڻيءَ ۾ حل ٿي ويا. هندن جي شاسترن مطابق اُن پاڻيءَ ۾ ڪا اهڙي غيبي طاقت هئي، جو هرڻيءَ جا هڏا مـُـڪت ٿي ويا، ۽ رڳو سسي وڻ ۾ اٽڪيل رهي. ڪـُـن ۾ هرڻيءَ جي ڪـِـرڻ سبب، اُن ڪـُـن (ڪـُـنڊ) جو نالو ”مرگهي- ڪنڊ“ پيو. | |
| هندن جي شاسترن موجب جـِـيؤ ڦري اوتار وٺي ٿو، سو ان هرڻيءَ پاٽڻ جي هڪ زبرست سيٺ جي گهر نياڻيءَ جو جنم ورتو. اُُن نياڻيءَ کي جنم کان مٿي جو سور هو. ڪئين ڊاڪٽر، طبيب، ويد ۽ حڪيم علاج لاءِ گهرايا ويا، پر ڪنهن جي ڦڪيءَ فرق نه ڪيو. تان جو ان ڪنيا کي پرڻائي ڇڏيائون، پر سندس مٿي مان سور اڃا نه ويو هو. | |
| هڪڙي ڏينهن پارڪر مان ڪي واپاري اُٺن تي مڱ کڻي پاٽڻ ۾ وڪڻڻ آيا، جڏهن اُهي مڱ سيٺياڻيءَ جي گهر آيا، تڏهن هن هڪدم چئي ڏنو ته هي مڱ ”ڀيڙيا“ واريءَ ٻنيءَ جا آهن! (ڀيڙيا ٻني پارڪر ۾ آهي.) گهر جا ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا ته هن استريءَ مڱ ڪيئن سڃاتا! | |
| پوءِ هڪڙي ڏينهن، هڪڙو برهمڻ اُتي آيو، تنهن انهن کي ٻڌايو ته هيءَ استري اڳي هرڻي هئي ۽ سندس سسي ڪارونجهر جبل ۾، ڪنڊ جي پاسي ۾، ”قدام“ جي هڪڙي وڻ تي اٽڪيل آهي؛ ڪو ماڻهو وڃي اُن سسيءَ کي اتان لاهي ڪنڊ ۾ وجهندو ته هيءَ مائي چڱي ڀلي ٿي پوندي، سيٺ جا ماڻهو ڪارونجهر جبل ۾ اچي ڏسن ته برابر قدام جي وڻ تي هرڻيءَ جي سسي اٽڪيل آهي! ماڻهن وڃي سڀ سماچار سيٺ کي سڻايا. سيٺ ۽ سيٺياڻي پاٽڻ کان روانا ٿي پارڪر آيا، ۽ وڻ مان هرڻيءَ جي سسي لاهي ڪنڊ ۾ وڌائون، ته مائيءَ جي مٿي مان سور هڪدم غائب ٿي ويو. | |
| سيٺ انهيءَ واقعي جي يادگيريءَ کي قائم رکڻ لاءِ مرگهي- ڪنڊ جي پاسي ۾ ٻه ڏيهرا ٺهرايا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين قائم بيٺا آهن. اُنهن ڏيهرن ۾ قديم شـِـوَ ۽ پارپتيءَ جون مورتيون به موجود آهن. خود سيٺياڻيءَ جي چوڻ تي اُن هنڌ، ڪنڊ کان مٿڀرو، مهاديو جو مندر ٺهرايو هئائون، جنهن کي ”ساڙدرو“ چوندا آهن. روايت آهي ته مندر ٺهڻ بعد ڪنهن پوڄاريءَ جي نه هئڻ ڪري، هڪڙو ڪيهر شينهن ان ۾ رهندو هو. ماڻهو اُن ڊپ ڪري جبل ۾ ڪونه ويندا هئا. هڪ ڀيري هڪڙو اڀدوت يوگيشور اُن مندر ۾ آيو، تڏهن کان وٺي اهو شينهن الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ هڪ نه ٻيو ٻاوو، پوڄاريءَ طور اُن مندر ۾ رهندو اچي ٿو. مهاديو جي مندر جي پاسي ۾ چئن ٻاون جون سماڌيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ وڏو هنس پـُـري ٻاوو هو. | |
| مرگهي- ڪـُـنڊ ۾ هينئر ٻاروهي پاڻي رهندو آهي. هندن جي ويدن ۾ ساڙدري جو ذڪر آيل آهي ته ڪنڊ ۾ مردي جا هڏا وڌا وڃن ته ڄڻ اهي گنگا ۾ وڌا ويا. هتي هر سال مارچ مهيني ۾ شوراتڙيءَ جو ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. ڪٿي ڪٿي جا زيارتي اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڀڄن ڀاو ڪندا آهن. هن وقت ننگر پارڪر جي پئنچات گڏجي ڪجهه رقم گڏ ڪري، مرگهي- ڪـُـنڊ کي سٺي نموني ٺهرايو آهي. ڪوي چنديرام ڀاٽ ساڙدري بنسبت ڪهڙو نه سندر شعر چيو آهي: | |
| ڪارونجهر جي ڪور، مٿي ٿهؤڪي مور، ڌوپا وهي ڌار، پاڻي جو نه پار، اُوچو آهه آستان، ديو موٽا دان، موٽا آهه مهاديوَ، سڀ چن ڪري سيوَ، آئي ورڻ اَڍار، ســـــــاڙدري ســـــــريـــــــڪـــــــار، | |
| رؤڙي لڳي رڙيا مڻي، ڏونگر لڳي ڏيپتو. ڀٽياڻي ٻيجي ڀلي، آرڙاڻا ڪري اُتري. ساڙدري شنڪر تڻو، ڪـُـنڊ مرگهي جي ڪنٺڙي. انچليشور پـَـر اوپتا، ميڙي آئي ورڻ ميدني، ڪري گيان هري جي ڪٿا، آئـــــي گــهــڻـــا هـــيــت ســـان. | |
| پکي سوڀي ڪوئل ٻگهه پوپٽ، | |
| ڪنٺ سان مور ڪلور ڪري، | |
| گج سار سـُـچاتڪ ڪاگ ڪؤئا، | |
| چتر سمڙي گرج جهڙي: | |
| جهرڙاٽ پکن وچ ڀيرو جهيڪٽ، | |
| گؤئڙ گاجي آواز گهڻو، | |
| ساڙدري شـِـوَ رات رو، | |
| آئي ورڻ اڍار گهڻو، | |
| جهانجهر جهڻ ڻَ ڻَ ڪري جهالر، | |
| ويڻا منتر ستار وڄي، | |
| در وڄي شان پکا وچ تنبور، | |
| گرهه گري ونراج گرجي: | |
| آرتي سانج سوير او پٽ، | |
| پيٽ پوڄا گلستان گهڻو، | |
| ساڙ دري....... | |
| (2) الک واوُ (لڪل کوهه): هيءُ ڀوڏيسر جي جبل ۾ آهي. راڻو چندن جڏهن ڪوڙهه جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو هو، تڏهن ڪنهن فقير جي ڏس تي ’ويري گويل‘ نالي سندس ساٿيءَ الک واوَ مان پاڻي آڻي کيس غسل ڪرايو، ته ڪوڙهه جو مرض هڪدم غائب ٿي ويو. چون ٿا ته ڪهڙي به ڪوڙهه جي بيماري هجي، الک واو جي پاڻيءَ ۾ سنان ڪرڻ سان ڇڏي ويندي پر هيءُ کوهه مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. | |
| (3)انچليشور: ننگر پارڪر جي اُتر ۽ اُلهندي طرف، ڀوڏيسر جبل وٽ، ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٽڪريءَ جي وچ ۾ هڪ آستان آهي، جنهن کي انچليشور مهاديو جو آستان ڪري چئبو آهي. | |
| پاسي ۾ پاڻيءَ جو چشمو آهي، جو سدائين هيٺ پيو هلي، ڇاڪاڻ جو مٿي ٽڪري آڏي آهي. هن جو پاڻي هندو پوتر ڪري سمجهندا آهن، ۽ زيارتي شيشا ڀري ڳوٺ کڻي ويندا آهن. اڳي هتي باقاعدي پوڄاري رهندا هئا، پر هينئر نه آهن. پاسي ۾ سترام داس عامل، حيدرآباد واري جو ٺهرايل مسافرخانو آهي، جتي زيارتي ڀـَـڄن ڳائيندا آهن. مٿي چڙهڻ لاءِ 108 پڳٿيون ٻڌل آهن. حيدرآباد جو عامل مختيارڪار بوٽن سوڌو مٿي چڙهيو ٿي، ته پڳٿين جي لسي هئڻ ڪري پير کسڪي ويس ۽ هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. کيس اُن جاءِ تي جلايو ويو، اُن جو مٿي ٺهرايل چبوترو اڃا قائم آهي. | |
| (4)ناني: ننگر پارڪر کان اُلهندي، جبل جي چوٽيءَ تي هڪ بلڪل نرالو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي ”ناني“ ڪري چئبو آهي. چون ٿا ته هن مائيءَ جبل ۾ مال پئي چاريو ته هڪ درويش اچي کانئس کير گهريو. مائيءَ کير ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنهن تي درويش سراپ ڏنو ته، ”مائي، تون پٿر ٿي پوندينءَ!“ درويش جو وچن آگي در اگهجي ويو، ۽ مائي سچ پچ پٿر ٿي پيئي. | |
| (5)ڀيم گوڏا: گئوء مـُـکي کان ٿورو مٿڀرو، هڪ پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن آهي، جنهن جي ويڪر ٻه فوٽ ۽ ڊيگهه ٽيهه فوٽ کن آهي. ان کي ”ڀيم ڪـُـن“ به ڪري چئبو آهي. هن ڪـُـن ۾ سدائين پاڻي هوندو آهي. روايت آهي ته پانڊوَن جي ڀاءُ ڀيم کي هن جبل ۾ ڪٿي به پاڻي نه لڌو، سو جڏهن هن جاءِ تي زور سان لت هنيائين، ته گوڏي تائين پاڻي نڪري آيو. تنهنڪري هن کي ”ڀيم گوڏا“ ڪري چئبو آهي. | |
| (6)گئوء مکي: هيءَ ساڙ دري کان ڏکڻ طرف، ٻن ميلن تي آهي. هتي وڃڻ لاءِ رستو تمام ڏکيو آهي. پاڻيءَ جي سدائين هيٺ تي وهڻ ڪري، پٿر لسا ٿي پيا آهن، اُتي هوبهو ڳئونءَ جي شڪل ٺهي پيئي آهي، جنهن جي ٿڻن مان ٻاروهي پاڻي پيو وهي. هتي ميلو وغيره ڪونه لڳندو آهي، پر عام طرح ماڻهو درشن خاطر ويندا آهن. | |
| (7)پنراج گڍ: گئوء مکيءَ کان ٿورو هيٺ، هڪ قلعو ٺهيل آهي، جو هينئر ڊٺل حالت ۾ آهي. اهو قلعو پنراج سينڌل، دشمن کان بچاءُ خاطر ٺهرايو هو. پنراج سينڌل گجرات جي صوبن سان وڙهندي مري ويو، جنهن جو بيان اڳتي ايندو. | |
| (8)چندن گڍ: هيءُ قلعو راڻي چندن جو ٺهرايل آهي. پارڪر جي راڻن جڏهن انگريزن سان فساد ڪيو، تڏهن انهن هن قلعي ۾ ويهي انگريزن سان لڙائي ڪئي هئي. مئي 1859ع ۾، انگريزي فوجن، ڪرنل ايونس جي هٿ هيٺ، هن قلعي کي توبن سان اُڏائي ڇڏيو. | |
| (9)ٻاين جو ٻيسڻو: قديم ڪاسبو، جو نئين ڪاسبي کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي، کاڙوئيءَ جي ويجهو آهي، اُتي هڪ پٿر آهي، جنهن جي هيٺان وڏي سرنگهه آهي. اها ٽن پاسن کان بند ۽ هڪ پاسي کان کليل آهي. اڳي پارڪر ۾ تمام گهڻا ڌاڙا لڳندا هئا، ۽ گجرات طرفان وقت بوقت ڪاهون ٿينديون هيون، بي بندوبستيءَ جي وقت هڪدم دهل وڄندو هو، تڏهن ڳوٺ جون سموريون زالون اُن پٿر جي سرنگهه ۾ وڃي لڪنديون هيون. مرد ماڻهو، کليل پاسي هڪ وڏو پٿر ڏيئي، پاڻ وڃي مقابلو ڪندا هئا. | |
| (10)جهرڻو: جهوني ڪاسبي جي ڀرسان، گامپرو تلاءَ جي پاسي، جبل جي تري ۾ هڪ جهـرڻو آهي، جتان بـُـڙ بـُـڙ ڪري پاڻي پيو نڪري ۽ فوٽ کن مٿي کڄي، هيٺ ريلا ٿيو وهيو وڃي. | |
| (11)ڀونئـَـرو: ننگر پارڪر شهر جي اُلهندي طرف، جبل ۾ زمين اندر هڪڙو ڀونئرو (بـُـهرو) ٺهيل آهي، جو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چون ٿا ته سوڍا جنهن وقت ننگر ۾ حڪومت ڪندا هئا، تڏهن پنهنجو خزانو ۽ باروت انهيءَ ڀونئَـري ۾ لڪائي رکندا هئا. چون ٿا ته اهو ڀونئَـرو گوڙيءَ جي مندر واري ڀونئـَري سان مليل هو. ننگر ۽ گوڙيءَ جي وچ ۾ ڇويهه ڪوهه مفاصلو آهي. جڏهن انگريز سرڪار ننگر، ٺڪرن کان فتح ڪيو، تڏهن اُن ڀونئري جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيائون پر ڀونئـَـرو اهڙو پيچدار ۽ زير - زبر ٺهيل هو، جو اُن جو ڪو به پتو نه لڳو ۽ نه ڇيهه آيو، تڏهن لاچار کوٽائيءَ جو ڪم بند ڪيو ويو. | |
| -------- | |
| ڀيريئـَـي گاروڙيءَ جو ڪارونجهر جبل ۾ | |
| نانگ جي ڳولا ڪرڻ | |
| ٽـِـڪن نه ٽائيم تي، ويهي ڪيا مون وس، ماءُ ماريندم، تن گاروڙين جا گس، چاشنيون ۽ چش، وڻن نه ويراڳين کي. | |
| گاروڙي به ڪاپڙين جو هڪ قسم آهي. ڀيريئـَـي جي وارتا ٿر، مارواڙ ۽ ڪڇ ۾ عام طرح ڏاڍي اُتساهه ۽ اُمنگ سان ٻـُـڌي ويندي آهي. هن ڳالهه جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ٿر جا ماڻهو جڏهن ڀاڙي تي رات جو اُٺن تي چڙهي ويندا آهن، تڏهن اُتي واٽ ۾ ساڄي هٿ پاسي جي ڀيرَو پکي ٻوليندو آهي ته بـَـد سوڻ سمجهي سڀ اُٺ بيهاري ڇڏيندا آهن، جيستائين اُن پکيءَ جو آواز بند نه ٿئي. ڪو سگهڙ هوندو آهي ته هيئن چوڻ شروع ڪندو آهي: | |
| آگيو بيتال، کاپرو چور، ڀيريو گاروڙي، جي ڏائي هوئي، توجـَـيڻي آئي. | |
| مٿين ٽنهي جا نالا وٺي، جيڪڏهن ڏائو پکي ڳالهائيندو هجي، ته ساڄي طرف اچي، اعتبار ڪيو ويندو آهي ته ائين چوڻ سان آفت ڪانه ايندي. | |
| ڀيريئـَـي جو جنم: | |
| راجا ساليواهن، جنهن جي پويان هندن جو سنبت شروع ٿيو، تنهن جي پوٽي جو نالو ”ڀٽي“ هو. سندس اولاد، جيسلمير جا ڀاٽي راجپوت آهن. چوڻي آهي ته: | |
| گڍ دهلي، گڍ آگرو، گڍ بيڪانير، ڀلو چـُـڻايو ڀاٽيئي، گڍ جيسلمير. | |
| 1947ع کان اڳ جيسلمير جي ڀاٽين جو ڪم صرف ڌاڙا هڻڻ هو. اهي ڌاڙيل سڄي ٿرپارڪر تائين اچي ڌاڙا هڻندا هئا. ڳوٺ ڪانٽيي، تعلقي ڇاڇري ۾، ڀاٽين ڏينهن ڏٺي جو چار دفعا ڌاڙو هنيو هو. ڀاٽي صرف ننگر پارڪر کان ڪنارو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته جيسلمير جي مهاراجا جي ڪنيا ڀٽياڻي، پارڪر جي راڻي چندن کي پرڻايل هئي. جيسلمير جي ڀاٽين جي پنجين پيڙهيءَ تي راجا ”ڀاڻ“ راڄ ڪندو هو. ڀاڻ جو ڀڀڪو هنڌين ماڳين مشهور هو. ڀاڻ کي ٻه ڪنور هئا، هڪ سٻرو ۽ ٻيو مورو. ننڍي هوندي ئي سٻرو موت جي سيجا تي سـُـتو، تنهنڪري راڄ ستا ۽ گاديءَ جو موڙ موري کي مليو. موري جي بادشاهيءَ ۾ ڪا به خامي ڪانه هئي. سندس حد ۾ قحط ڪنارو ڪندو هو. پئسي جي پرواهه ڪانه هئي. ايتري هوندي به موري جو من ملول ۽ اندر اُداس رهندو هو. مورو هڪ اهڙي مرض ۾ مبتلا هو، جنهن جو اوکو نه ويدن وٽ هو ۽ نه ڦـَـڪي فقيرن وٽ هئي. هن جي دل جي دوا هئي اولاد، جنهنڪري ان کي سدائين لال جي لوري لڳل هوندي هئي. سندس مرڻ بعد خاندانيءَ جي تباهيءَ جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. حڪومت جو حق هيئن هليو وڃي، تنهن ڳڻتيءَ موري کي ڳاهه ۾ ڳاهي ڇڏيو هو. رات ڏينهن ڀڳوان جي بندگي ۽ الله جي عبادت ڪندي به موري جي منوڪامنا سڦلتا جي درجي تي ڪانه پهتي. اهڙيءَ طرح، ارمان ۾ آنسو پئي وهايائين، ته اوچتو شهر ۾ اهڙو افواهه اٿيو ته هڪ سچو سنياسي، ڪنڦاڙ ڪاپڙي، لاهوتي لانگوٽيو، قلعي جي دروازي وٽ دونهي دکايو ويٺو آهي. جڏهن موري کي، هن مڃيل مهاتما ۽ پرديسي بزرگ جي پروڙ پيئي، تڏهن امالڪ ان فقير وٽ پهتو. ساميءَ جي پيرن تي سـِـر رکي، درويش اڳيان پنهنجو درد ڀريو داستان ذري پـُـرزي ظاهر ڪيائين. ويراڳيءَ راجا کي ورلاپ ڪندو ڏسي، دکايل تي ديا آندي، ۽ پنهنجي ڌوُڻيءَ مان رک جو ذرو ڏيئي، کيس چيائين ته ”اي راجا، تو کي پُٽ ٿيندو، پر گاروڙي، موالي، ۽ جوڳي ثابت ٿيندو.“ | |
| ساميءَ ڏني چـَـپـِـٽي، ڀڀوت مان ڀري، پـُـٽ ته ايندو موروا، پڻ گاروڙي گهري. | |
| راجا اولاد بغير اُجهايل هو، تنهن چيو ته: ”اي مهاتما، اوهان جا ست وچن! جي موري کي موالي پٽ ٿيندو ته به وانجهپڻي جو ٽـِـڪو ٽـَـرندو.“ تڏهن فقير وري به پنهنجي ڌوڻـِـيءَ مان سيلي جي چپٽي ڏيندي چيو ته: ”اي راجا، تو کي ٻيو پٽ ٿيندو، اُهو تنهنجي مرڻ پڄاڻا حڪومت جو وارث ٿيندو.“ راجا سنياسيءَ جا چـَـرڻ چمي روانو ٿيو. جوڳيءَ جو وچن جوٺو نه نڪتو، ۽ ترت موري جي گهر ٻن پٽن جو جنم ٿيو. موري پٽن جو ٻڌي دل کولي دان ڪيو. | |
| پاٽـَـوِي ڪنور ڀيريو، ڪيهر ٿيو ٻيو، هي جيسلمير جو راڄيو، هـُـو گاروڙي ٿيو. | |
| موري پنهنجي موڀي پٽ جو نالو ”ڀيريو“ ، ۽ ننڍي جو نالو ”ڪيهر“ رکيو. ڀيريو گاروڙي ٿيو، ۽ ڪيهر راجا ٿيو. ڀيريو ننڍي هوندي کان ئي دنيوي ڳالهين کان پري رهندو هو. سارو ڏينهن ڪانن مان مرليون ٺاهي وڄائيندو هو، ۽ پنهنجن سنگتين کي بنسريون ڏيئي، انهن کي وڄائڻ سيکاريندو هو. پندرهن سالن اندر هن پنهنجيءَ وديا ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي، ۽ ايتري عرصي ۾ پنهنجا اڍائي سؤ سنگتي به ٺاهي ڇڏيائين، جي ڀيريئـَـي کان سواءِ پلڪ به پري نه گذاريندا هئا. راجا مورو، ڀيريئـَـي جي اها گـَـت پـَـسي کيس وقت بوقت سمجهائيندو هو ته: ”تون هاڻ وڏو ٿيو آهين، سڀاڻي راڄ هلائيندين، تنهنڪري انهن ڳالهين کان باز اچ.“ پر ڀيريئي تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيندو هو ۽ اُٽلندو موري جا قول باهه تي گيهه جو ڪم ڪندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن موري چيو ته: ”تو کي هڪ مهيني جي مهلت ٿو ڏيان، تون انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏي، نه ته توکي سزا ڏيندس!“ ڀيريئـَـي ڳالهه ٻڌي، ساٿين کي سڏي، برهه جون بنسريون زور سان وڄايون: | |
| گڏجي گاروڙي ٿيا، جاما پهري تـَـن، مهيتپ سندا من، مرلين موهي ڇڏيا. | |
| ڀيريئـَـي جي ديس نيڪالي: | |
| ڀيريئـَي کي ائين بگڙندو ڏسي، موري، راجا جي حيثيت ۾ حڪم ڏنو ته چوويهن ڪلاڪن اندر ڀيريو جيسلمير جي حد مان نڪري وڃي. ڀيريئـَـي پنهنجي پيءُ جي حڪم جي ترت تعميل ڪئي، ۽ پنهنجا تمام ساٿي سنڀرائي، گام جي گوندريءَ، پنهنجي پياري جنم ڀوميءَ کي آخرين الوداع ڪري، منڊلي مچائي، روانو ٿيو. ڀيريئي جي منڊليءَ جي مـُـهاڙ سنڌ طرف هئي، آخر ٿورن ڏهاڙن بعد آديسين پنهنجو اوتارو سنڌ جي اُڀرنديءَ سرحد تي ڪيو، جتي جوڌپور ۽ سنڌ جون سرحدون گڏجن ٿيون ۽ پڇمائي ڏونگر آهي. پڇمائي ڏونگر تي پرديسي پنهنجا پکا تاڻي، گهڻا روز ٽـِـڪي پيا. هڪ ڏينهن ڀيريو ٽـَـڪر کي ٽيڪ ڏيو ستو پيو هو، ته پٿر جي اندران آواز آيو ڀيريو ڇرڪ ڀري اُٿيو، ۽ اُن آواز کي غور سان ٻڌڻ لڳو. ڏٺائين ته هڪ گـروُ پنهنجن چيلن کي ”يوگ وديا“ جو اڀياس ڪرائي رهيو هو. ڀيريئـَـي اُها وديا، اُتي ئي ٻاهر ويهي سکڻ شروع ڪئي. جڏهن آخرين امتحان تي گرو پنهنجن چيلن کان سوال پڇڻ لڳو، تڏهن چيلا منجهي بيهي رهيا. ڀيريو ٻاهران وديا ۾ ڀڙ ٿيو هو، تنهن ان جا جواب ٻاهر ويٺي ڏنا. گروءَ سوچيو ته منهنجن سوالن جا سچا جواب ائين ڪير ڏيئي رهيو آهي. نيٺ ڀيريئـَـي جو لڪل ڀيد ظاهر ٿيو، تڏهن گروءَ چيو ته: ”اي گاروڙي، تون هن وديا ۾ ڪيئن گوءِ کڻي وئين! اهڙو ڪير گروُ آهي، جنهن تو کي من - وديا ۾ گوهر ڪيو؟ ڀيريئـَـي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: ”اي مهاتما، منهنجا گروُ توهان ئي آهيو: توهان پنهنجن ششن کي پئي سمجهايو، تڏهن مون ان کي تمام ڌيان سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي“ . ڳالهه ٻڌي، گرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ گاروڙيءَ کي هر گفتار ۾ پريڻ سمجهي، پنهنجو شش بڻايائين. گروءَ پوءِ ڀيريئـَي کي سموري وديا سيکاري ڀڙ ڪيو. | |
| ڀيريئـَي پنهنجي سموري وديا ختم ڪئي، ۽ گروءَ کان موڪلايو. اُستاد کيس آسيس ڏني ۽ چيائينس ته: ”اي گاروڙي، ڪهڙي به نانگ جي شڪتي تو اڳيان تڇ آهي. پر جو نانگ تون نه ڏسي سگهين ۽ اهو تو کي اهڙي هنڌ چڪ پائي جو تنهنجي نظر اُتي نه پوي، ته تون مري ويندين. ٻيو ته جيڪڏهن درياءَ اورانگهيندين ته تنهنجي سموري وديا ختم ٿي ويندي. هي ٻيئي ٻول ياد رکج.“ پوءِ سڀني گاروڙين گروءَ کي نمسڪار ڪئي ۽ ڪڇ ڏانهن ڪوچ ڪيو. | |
| ويراڳين جي هن پلٽڻ، پارڪر جا پهاڙ لتاڙي، ڪڇ جي اُتر واري ٻيٽ تي پنهنجو ديرو دمايو، جنهن کي ”شيشا پٽڻ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. شيشا پٽڻ تي ان وقت سنگهار ذات جي هڪ سندر ۽ ڪنواري ڪنيا، ”سڳئي سنگهار“ راڄ ڪندي هئي. ڀيريئـَـي گاروڙيءَ پنهنجن ساٿين کي چئن - چئن جا ٽولا ڪري، سڄي ڪڇ ڀوميءَ ڏانهن، اُتي جي تمام وديا حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. | |
| ڀيريئـَـي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي پنج، ڪلنگيون جن ڪپار ۾، ڪر ماڻاسر جا هنج. | |
| ----- | |
| ڀيريئي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي چار، اُتي وڄائيون ونسليون، لڌا لعل سنگهار. | |
| شيشا پٽڻ ۾: | |
| گاروڙين جا گـَـلا، ٽولا ڪري، ڪڇ جي ڌرتيءَ ۾ نانگ ڪـُـلهن تي کڻي ڦرڻ لڳا. هڪ ڏينهن ڪاپڙين جي قطار ”شيشا پٽڻ“ جي سيم ۾ اچي لٿي. شيشا پٽڻ جي ڪنواري ڪنيا جهڙي هئي صورت ۾ سرس، تهڙي هئي وديا ۾ برک. سڳئي، پنهنجي وديا جي زور تي، ايترن نانگن کي وس ڪري چڪي هئي، جو سمورا نانگ سندس وڏين ۽ سهڻين اکين جي اشاري هيٺ هئا. صرف هڪ ڀڄنگراج نانگ هو، تنهن کي نمائڻ لاءِ سڳئيءَ جي سموري وديا سڦل ثابت ٿي هئي. سڳئي کي سـُـڌ پيئي ته اڄ گاروڙين جا گـَـلا گام ۾ آيل آهن، تنهنڪري پنهجين سهيلين کي سنڀرائي، آديسين وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي: | |
| ”ڪٿان اچو گاروڙيا، ڪيهو اوهان جو ڏيهه، سڳئي پڇي جي، سي نانگ ڏيکاريو نانگڙا.“ | |
| سڳئيءَ جي سوال تي هڪ آديسيءَ اُتر ڏنو: | |
| ”اسين گاروڙي اُتي جا، جتي جيسلمير، گـُـر اسان جو ڀيريو، پورو ڇيل ڇـُـڳير.“ | |
| سڳئيءَ ڀيريئي جي ساٿين کي نانگ ڏيکارڻ لاءِ چيو. سامين پنهنجي کارين جا ڍڪ جيئن مٿي کنيا، تيئن سمورا نانگ گم هئا. سڳئي پنهنجيءَ وديا سان نانگن کي گم ڪري ڇڏيو. مڻيڌر نانگن بجاءِ، ٻن مـُـنهن وارا ننڍا ٻچا هلي رهيا هئا. گاروڙين پنهنجا جنتر هلايا، پر سڳئـَي اڳيان موالين جا منتر جهٽ جهلي نه سگهيا: | |
| سڀ سڳئيءَ سـوسيا، خالي ٿيا ڪرنڏ، (=) کاريون) | |
| هلن اِنهيءَ هنڌ، ٻه - مونهين سندا ٻچڙا. نانگ ويا نڪري، جن جي مٿي مڻي، ٻه - منهين سندا ٻچڙا، رهيا ڪـَـرَ کڻي. | |
| ڀيريئـَـي جا ساٿي، سڳئيءَ کان هار کائي، هڪدم ڀيريئـَـي وٽ اچي پهتا. ڀيريئـَـي سندس سنگتين کي خالي کارين آيل ڏسي چيو: | |
| ”ڪا، ڪو گڏيو ٻيٽ، ڪا ڪو گڏيو شينهن، ڪٿ وڃايا کاريا، ويس وڃايا ڪيئن؟“ | |
| جوڳين جواب ڏنو: | |
| ”نه ڪو گڏيو ٻيٽ، نه ڪو گڏيو شينهن، سگهڙ نار سڳئي، لٽيا ڌوري ڏينهن.“ | |
| جوڳيئڙن جو جواب ٻڌي، ڀيريو باهه ٿي ويو، ۽ سڳئيءَ جي سگهڙپائي پرکڻ لاءِ، سامين کي سڏي، شيشا پٽڻ جي ماڳ روانو ٿيو. | |
| ڀيريئـَـي جو تعارف سڳئيءَ ڪيترن ڏهاڙن کان ٻڌي رهي هئي، سو سندس ملڻ لاءِ خواهشمند هئي، پر ديدار دُر لڀ هو. اڄ اوچتو ڀيريئـَـي پاڻهي اچي پڌر ۾ پکا هنيا. اها سـُـڌ سڻي، سڳئيءَ ڏاڍي سرهي ٿي، ۽ پنهنجيون نو ورڻيون ست سؤ سکيون ساڻ ڪري، ڀيريئـَـي کي ملڻ لاءِ، ڇم ڇم ڪندي، ڇانوڻيءَ ۾ ڪاهي پيئي. ڀيريئـَـي ۽ سندس ساٿين هن جو شاهاڻو استقبال ڪيو، ۽ کيس مانيءَ جي دعوت ڏنائون. سڳئيءَ کلي وراڻيو ته: ”اي ويراڳيو، آديسين جي اوتاري ۾ ستن سون جو سامان ڪٿان آيو؟“ ڀيريئـَـي پنهنجي شڪتيءَ سان ٿوري دير اندر کاڌو تيار ڪيو. ايترو جلدي کاڌو تيار ڪرڻ ۽ ٻي شڪتي ڏسي، سڳئيءَ ان تي مفتون ٿي پيئي. ڀيريو به ان جي آڏي اک سڃاڻي ويو. ائين هڪٻئي تي هرک هاري ويٺا. سڳئيءَ جي سهڻي صورت ڏسي، ڀيريو سڀ ڀاڻ ڀلجي ويو. سڳئيءَ کي شڪست ڏيڻ ڪاڻ آيل ڪاپڙي، اُٽلندو اُن جي اکين جو پاڻ شڪار ٿيو. سنگهار جي تيز تير اهڙو ته اندر ۾ اونهو گهاءُ ڪيس جو ڀيريئـَـي جي سموري همت هارجي ويئي. جڏهن ٻنهي جي زباني عشق جي ڪورٽ ۾ ظاهر ٿي، تڏهن سڳئيءَ چيو ته: ”ڀيريا، مون پرتگيا ڪئي آهي ته جيڪو ڀڄنگ نانگ کي وس ڪري ايندو، ان سان مان شادي ڪنديس“ ڀيريئـَـي کي سڳئيءَ جي سونهن موهي ڇڏيو هو، تنهن انجام ڏنو ته مان اُن نانگ کي وس ڪري ايندس. ائين چئي هن ڪـَـڇيءَ ڪنوار کان موڪلائي، دوستن کان ڌار ٿي، مـُـرلي کڻي، مارواڙ ڏانهن مهاڙ ڪئي. | |
| ڀڄنگ نانگ جي ڳولا: | |
| مارواڙ ۾ اچي هن مواليءَ ڏونگر جو پٿر پٿر نهاريو، پر کيس ڪٿان به نانگ جو گس ڪونه مليو. هڪ ڏينهن، نانگ کان نراس ٿي، هڪڙي وڏي پٿر وٽ اچي ويٺو ته اوچتو کيس هڪ شاهي ٻـِـر نظر آيو. هڪدم ڇلانگ ماري ٻـِـر وٽ آيو، ۽ مڌر آواز سان مرلي وڄائڻ لڳو. ٿوريءَ دير بعد ڀڄنگراج ٻـِـر کان منهن ٻاهر ڪڍيو، پر هڪدم ٽپو ڏيئي ڀڄي ويو- ڄڻ ته ڀيريئـَـي کي سڃاڻي ورتو هئائين. ڀيريو ان جي پٺيان پيو. نانگ ڀڄندو ڀڄندو، ڪارونجهر جبل ۾ وڃي نڪتو. اڄ ڏينهن تائين ڪن هنڌن کي ڀڄنگ نانگ جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو. گاروڙي ڳولا ڪندو، ڪارونجهر جبل ۾ آيو. نانگ وري به اتان ڀڄڻ جي ڪئي، ۽ ڪڇ جو درياءُ ٽپي ڀـُـڄ ڏانهن رخ رکيائين. ڀيريو پڻ درياءُ ٽپي ويو. اتي کيس گروءَ جو ڏنل وچن ياد پيو، پر سڳئيءَ جي عشق ۾ اُن جي به پرواهه ڪانه ڪيائين. نانگ، اٽڪل ڪري، رات وڳڙي ۾ هڪ سندر لٺ بڻجي، واٽ تي پئجي رهيو. جيئن ڀيريو اُتان لانگهائو ٿيو، تيئن نگاهه وڃي لٺ تي پيس ۽ هڪدم اها کڻي ڪلهن تي رکيائين. نانگ پنهنجو موقعو آيل ڏسي، پٺن جي اهڙي هنڌ تي کيس چڪ پاتو، جتي ڀيريئـَـي جي نظر نٿي پهتي. اهڙيءَ طرح گروءَ جو ٻيو وچن سچو نڪتو. نانگ جي چڪ پائڻ تي ڀيريو بيهوش ٿي ڪري پيو. | |
| ڀيريئـَـي جي چيلن کي جڏهن ان ڳالهه جي سـُـڌ پيئي ته اُهي ڊوڙندا گروءَ وٽ پهچي ويا، پر گرو منٽن جو مهمان هو. چيلن کي آيل ڏسي، ايترو چيائين ته: ”منهنجي مرڻ بعد منهنجو ماس ائين نه وڃائجو: اوهين سڀ گڏجي اهو کائي ڇڏجو.“ ڳالهه ختم ٿيڻ تي هن شڪتيوان پـُـرش جا پران اُڏامي ويا. پوءِ چيلن گڏ ٿي، سندن بدن کي ڳترا ڳترا ڪري ماس ڪڍي، ڪـُـنن ۾ وجهي، کڻي باهه تي چاڙهيو. | |
| چون ٿا ته ان وقت اوچتو هڪ برهمڻ گهمندو آيو، تنهن چيو ته: ”اي گاروڙيو، ڇا ڪري رهيا آهيو؟“ برهمڻ جو ويس ڏسي، ويراڳين وراڻيو ته: ”اي مهراج، اسان جو گـُـر ڀيريو گذاري ويو آهي، ان جي حڪم پٽاندر، سندس سرير کي رڌڻ لاءِ ڪـُـنن ۾ چاڙهيو اٿئون.“ مهراج ڳالهه ٻڌي چيو ته: ”اڙي رام رام، توبهه، ڀڳوان، توبهه! گروءَ جو ماس چيلا کائين، تنهن کان مرڻ بهتر آهي. بس، اڄ کان اُستاديءَ جو دؤر ختم ٿي چڪو! ماس به وري ڀيريئـَـي جو، جنهن جو سارو سرير زهر سان ڀريل آهي: کائڻ شرط سڀ مري ويندؤ!“ مهراج جي ڳالهين تي سڀني گاروڙين کي اعتبار اچي ويو ۽ هڪدم رڌل ڪـُـنا کڻي درياءَ ۾ ڦٽا ڪيائون. انهن ڪـُـنن جو واس ڪن چيلن کي آيو، ته هو اڌ وديا ۾ قابل ٿي پيا ۽ اڳڪٿيون ڪندا ڦرندا هئا. اُهي ڪـُنا، ترندا، ڪامروُ ديش جي ڪامڻين کي هٿ لڳا، تنهنڪري ڪامروُ جون ڪامڻيون علم ۽ آديسين کان گوءِ کڻي ويئون. | |
| سڳئيءَ سنگهار اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن پنهنجي محبوب جي ايڏي قرباني سهي نه سگهي، ۽ جتي ڀيريئي دم ڏنو هو، اُتي اچي، اگني جلائي، پاڻ ساڙي ڇڏيائين. اڄ به اُتي ڀيريئـَـي ۽ سڳئيءَ جي سماڌي ٺهيل آهي. | |
| نانگ، اُتان ٿي ڀـُـڄ جي ڏونگر ۾ آيو. چون ٿا ته اڳي نانگ مينهن جي موسم ۾ جڏهن ٻـِـر کان ٻاهر اچي ڄڀ هلائيندو هو ته کنوڻ، ٻڪرار ٿي، مارواڙ کان برسات وسائيندي، ٿر، پارڪر ۽ ڪڇ کي آباد ڪندي، ڀڄ جي ڏونگر ۾، ان نانگ تي ڪڙڪندي هئي. برسات اهڙا راڱا ڪندي هئي، جو ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ٿي ويندا هئا. ڀڄ جو سابق مهاراجا نانگ - پنچميءَ جي ڏينهن ان جي ٻـِـر ۾ کير جون گهاگهروُن هارائيندو هو. جڏهن انگريز سرڪار کي اها خبر پيئي، تڏهن نانگ جي ٻـِـر ۾ شيهو ڀرائي ڇڏيائون. تنهن کان پوءِ نانگ الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو! نانگ جي عمر لاءِ چوڻي آهي: | |
| سؤ ورهيه جي سامڙي، ڪروڙ ورهين جو ڪانگ، تن کان عمر اگيري، ٿئي ٿي سـِـيسَ نانگ. | |
| ---- | |
| گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وڃن نه پاڻ، تن آيل آديسين جي، روئان ڪاڻ رهاڻ، هت نه پسجن پاڻ، ويا ويراڳي نڪري. | |
| (شاهه) | |
| -------------- | |
| ڪڇ جو رڻ | |
| ڪيترين روايتن موجب، پارڪر جو سمورو پرڳڻو پاڻيءَ هيٺ هو. جتي اڄ ڀيانڪ رڻ ڏيکاري ڏيئي رهيو آهي، اُتي اڳي سمنڊ جون ڇوليون لڳنديون هيون. پر پوءِ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب پاڻي هٽي ويو، ۽ اهو وڏو وارياسو رڻ بنجي ويو. سڪندر اعظم جڏهن سنڌ مان لنگهيو ٿي، تڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو. ڪاٺياواڙي ڪنوار ”جاسل“ کي جڏهن سنڌ جي همير سومري ستايو، تڏهن هن پنهنجي ڌرم ڀاءُ نوگهڻ راءَ کي، جو جهونا ڳڙهه جو راجا هو، سنڌ تي چڙهائيءَ لاءِ هيئن لکيو: | |
| سورٺ سٿر تالو پيو، وَرتڻَ آيا وِير، سنڌ ۾ روڪي سومري، هلڻ ڏي نه همير. | |
| راءُ نوگهڻ جڏهن سنڌ تي چڙهائي ڪئي،تڏهن ان جو لشڪر، ڪڇ جي رڻ واري تڏهوڪي سمنڊ جو اٿاهه پاڻي ڏسي بيهي رهيو. سلطان محمود غزنوي جڏهن 1024ع ۾، سومناٿ فتح ڪرڻ لاءِ ويو ٿي، تڏهن ان کي هر ماڻهوءَ اهو ڊپ ٿي ڏنو ته ڪڇ جي سمنڊ جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون. ڇهين عيسوي صديءَ ۾ يوناني سياح ”پيپلس“ اُتان لنگهيو هو، جنهن هن سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي. مطلب ته ڪڇ جو رڻ اڳي سمنڊ هو، ۽ اُن جو عظيم الشان بندر پاري ننگر هو، جتي اڄ به لوهه جا ٽـُـڪر ۽ ٻيا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. | |
| ڪڇ جي رڻ جي پکيڙ ست هزار چورس ميل آهي. 1947ع کان اڳ، ڪڇ جي رڻ مان پارڪر جي گهڻي آمدرفت ٿيندي هئي. ماڻهو گاڏين، اُٺن ۽ گهوڙن تي ويندا هئا. وچ ۾ ٽي - چار ٻيٽ ايندا هئا، اُتي ڊاٻو ڪندا هئا. خاص ڪري تڙو ۽ ٻورڙيون ٻيٽ مشهور آهن، جتي چئن ميلن ۾ گهاٽي وڻڪار آهي. گاهه جام آهي. هٿ سان ٿوريءَ زمين کوٽڻ ڪري پاڻي نڪريو اچي. هن رڻ ۾ مڇيون ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ سان گڏ اچي وينديون آهن. ۽ جانور گهڻو ڪري ڪڏهن چراخ ۽ بگهڙ ايندا آهن. چوماسيءَ ۾ هيءُ رڻ ڀرجي ويندو آهي، تنهنڪري سنڌوڙي ۽ لودراڻي وارو پاسو بلڪل بند رهندو آهي. اڳي برسات جي موسم ۾ سوراچند واري پاسي ماڻهو ويندا هئا، جتي انهن جو چوڻ آهي ته سموري ايراضيءَ ۾ گوڏن کان مٿي پاڻي ڪونه چڙهي. | |
| ننگر پارڪر ۾ ”موکئي“ ۽ ”گوهيو“ سن آهن، جتي لوڻ جام ٿيندو آهي. روايت آهي ته رڻ کان اڳ ۾ ”گوهيو“ سن هڪ ٻني هئي، جا چارڻن جي هئي. جنهن چارڻ جي اها ٻني هئي، تنهن کي صرف هڪ ڀيڻ هئي. هيءَ ٻني تمام ڀلي هئي، جنهن تان ڀائرن جو تڪرار ٿيو. آخر اُن تڪرار فساد جي صورت اختيار ڪئي، ۽ ڀائرن گڏ ٿي اُن چارڻ جو خون ڪرائي ڇڏيو. تڏهن ان جي اڪيليءَ ڀيڻ سراپ ڏنو ته: ”هيءَ ٻني ترت کاري ٿي ويندي.“ اها اڳڪٿي سچي نڪتي. چارڻياڻيءَ جا چيل مرثيا به آهن، پر هن وقت ڪنهن کي ياد نه آهن. | |
| سوراچند ۾ هڪ هنڌ سائو، پيلو، اڇو ۽ ڳاڙهو لوڻ نڪري ٿو، جو چوڪنڊو آهي ۽ وچ ۾ گول ليڪا ٺهيل آهن، جهڙا ڇڪڙي راند جا ڍارا. گهرٽياري ۾ ۽ سوراچند ۾ هڪ قسم جو ميٽ نڪري ٿو، جو مٿي ڌوئڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم اچي ٿو. | |
| هاڪڙو ندي: | |
| جڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو، تڏهن سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ، ”هاڪڙو“ نالي پنجاب مان نڪري، عمر ڪوٽ جي اوڀر طرف وهي، ننگر پارڪر وٽان ٿي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان جو ٻيو نالو ”وهندو“ هو. هاڪڙي جون ڪيتريون ئي شاخون هيون ۽ اهي سڀ وڃي سنڌو نديءَ ۾ پونديون هيون. هاڪڙو، تمام قديم ندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. رامايڻ واري زماني ۾ به هاڪڙو ندي هلندڙ هئي، ان وقت ٿر ۾ ۽ پارڪر ۾ اهڙا زبردست ٻيلا هوندا هئا، جو ماڻهو هلي نه سگهندو هو.ايوڌيا ۾ جيڪي سواريءَ لاءِ هاٿي هٿ ڪيا ويندا هئا، اُهي هاڪڙي وارن ٻيلن مان ڦاسايا ويندا هئا. ابوالفضل ”آئين اڪبريءَ“ ۾ ۽ ٽاڊ صاحب ”ٽاڊ راجستان“ ۾، هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن. هاڪڙي جو وهڪرو ڪڏهن بند ٿيو، تنهن لاءِ گهڻيون تاريخون خاموش آهن. ڏند ڪٿائن موجب، اهو وهڪرو مهاڀارت واري زماني ۾ بند ٿيل ڀانئجي ٿو. | |
| ماموئيءَ جي پيشگوئيءَ ۾ به هاڪڙي جو ذڪر آهي. سنڌ ۾ ماموئيءَ جو قصو مشهور آهي، جي ست درويش ٿي گذريا آهن. انهن لاءِ هڪڙي ڏند ڪٿا مشهور آهي- چون ٿا ته هڪ دفعي ملتان جو مشهور اولياءُ، مخدوم بهاءُ الدين ٺٽي ۾ پنهنجن مريدن کي وٺڻ ويو. جاهل مريدن من ۾ اها سٽ سٽي ته مرشد کي ماري کائينداسون، ته هو اسان کي هميشه دل تي هوندو. جڏهن هن ڳالهه جي سـُـڌ مخدوم صاحب جي وڏي خليفي شيخ جيئي کي ملي، تڏهن مرشد کي هڪ پاسي ڪري پاڻ اُن کٽ تي سمهي پيو. مريدن اچي کيس ماريو، ۽ ماس ڪـُـني ۾ وجهي رڌڻ لڳا. جڏهن اهو رجهي تيار ٿيو، تڏهن سندن دل ٽـَـهي ويئي ۽ ماس وارا ڪـُـنا کڻي درياءَ جي حوالي ڪيائون. اهي ڪـُـنا ستن مهاڻن جي ور چڙهيا، جيڪي اُهو گوشت ڪڍي، مزي سان ڳڙڪائڻ ويٺا ۽ اچي اڳڪٿين ۾ پلٽيا. آخر ڪرامتون ڏيکاريندا، ٺٽي ۾ ڄام تماچيءَ جي ڪچهريءَ ۾ اچي نڪتا. ڄام کي چيائون ته تنهنجي تخت هيٺان زمين اندر هڪ نانگ آهي، جنهن جو ڦڻ ٺٽي ڏانهن ۽ پڇڙي دهليءَ ڏانهن آهي. جيسين ان نانگ جو رخ ٺٽي طرف آهي، تيسين تنهنجي تخت کي ذرو به لوڏو نه ايندو. اها ڳالهه ٻڌي، ڄام هڪ لوهه جي سيخ تيار ڪرائي، ۽ ان کي زمين ۾ کوڙي، نانگ جي منڍيءَ کي قابو ڪيو. ڪي درٻاري ۽ عام ماڻهو ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ڄام اُنهن ٺٺولين تي لڳي، سيخ ٻاهر ڪڍرائي، ته ساري رت سان ڀرجي آئي. نانگ به پنهنجو مـُـنهن ڦيري دهليءَ ڏانهن ڪيو. ڄام، فقيرن کي گهڻائي وس ڪيا ته هاڻ نانگ جو منهن ٺٽي طرف ڪرايو، پر کڙ تيل نه نڪتو، تڏهن ڄام حڪم ڪيو ته فقيرن جا سـِـر ڌڙ کان ڌار ڪيا وڃن. جڏهن ست ئي فقير شهيد ٿي ويا، تڏهن هر هڪ پنهنجو سـِـر کڻي اڳڪٿيون ڪندو اُڏامي ويو. اُهي اڳڪٿيون هيءُ آهن: | |
| (1) هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، بـِـهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي. (2) وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو، تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجن درمن وڪبو. (3) ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر، مـِـرمچي ٻاري، سک وسندي سنڌڙي. (4) مـِـرمچي مـُـهاڙي، مرمچي ڪهڙا پار، هيٺن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار. (5) لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سـِـري ۾، جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، اڳوڻا وِڻاهه. (6) نيرا گهوڙا ڏٻرا، اُتر کئون ايندا، گهاگهريون گـَـسن تي، وراهي ويندا، تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا. (7) اچي وهيجا ماڙهئا، ننگر جي آڌار، پـُـراڻا پرار، نوان مَ اَڏج نجهرا. (8) جان سمون تان سنڌڙي، جان نندو تان راڄ، اهڙا ٿيندا اَڪارڄ، سما ڇڏيندا سنڌ کي. (9) اَڪڙن تي ڏيئا ٻرندا. مند نه وسندا مينهن، سامهان ٿيندا سام کي، اهڙا ايندا ڏينهن. (10) ڍال پنندي، ترار پنندي، پنندي ڪٽاري، جاچڪ پنڻ ڇڏيندا، ايندي بـُـرين جي واري. (11) ڪانيو ڪـُـڙڌر موررو، راگهو ٿيندو راءَ، کاکڙ ٿيندي ڪـَـڇـَـڙي، جاڙيجي هٿاءَ (12) رَنون رڻ گـُـڙنئو، آرٽ آيري ڪنڌ، مند ڇڏي مينهن وسندا، بڊي آسو سنڌ. (13) چڙهي وَڻ ڏار، ٿـُـڙ وڍيندا بنڊ جو، جاڙيجا جـُـڙڌار، حق نه رهندو ڪن جو. (14) کچرڙا کير پيئندا، تـُـڳڙجندا تاجي، وڏا ماڻهو وهي ويندا، پـُـڇندا پاجي. (15) صبريئا صبر ڪجا، گولا کيئندا گيههُ، پاٿاريئي، پڇائبا جنهن جا ماءُ نڪي پيءُ، (16) ڪنوَرَ وڪڻندا ڪاٺيون، راءَ وڪڻندا گاهه، ناڻي نياءُ وڪڻندا، گڊي جُ هوندا وا. (17) ساوا ڇڏيندا ساپڻون، سچ ڇڏيندا سيٺ، برهمڻ ڀـُـڻڻ ڇڏيندا، ڪندا جاڙيجا ويٺ. (18) گول مـُـکا ۽ سوپڙ ڪـَنا، سوار رڻ طبقا، اولا گهولا ني اوليا، اي وڄائيندا ڊنڪا. (19) ساپڻي ۾ شرم ايندي، ڀائيپڻي ۾ ڀـَـڙ، ڪوسي پاڻيءَ ڪـُـڙم ۾، نه رهندي ڪنهن جي آڙ. (20) بک ماڻهو سين ڀڙ ٿيندا، سياري ڊرجندا شينهن، پيءُ ڊرجندا پـُـتڙي، اهڙا ايندا ڏينهن. (21) راءِ ٿيندا راڪاس، ورتي سان وِروڌ، راڻيون ڇڏيندا رِيس ۾، ڦرندا پرائي شوڌ. (22) ماڏوئي ٿيندو مقام، سا پر ٿيندو شهر، گڍ پتي ٿيندو گرگرا، ڦرندو اُگهاڙي پير. (23) ڏينهن ايندا ڏک جا، اَن ڏلدن جي وير، ترجاري تي ڀيڙا ٿيندا، ڪندا جاڙيجا ڪير. | |
| پارڪر جا پرمار: | |
| پرٿوي پهلا پرمار، پرٿوي برماران تڻو، هيڪ اُجين ڌارا، ٻـِـيجو آبو ٻيڻو. | |
| هندو شاسترن مطابق شري پرسرام کي ڇهون اوتار ڪري ليکيو وڃي ٿو. شري پرسرام رشيراج جمد اگني جو وڏو پٽ هو، جنهن شري رامچندر جي ڌنوش ٽوڙڻ وقت، جنڪ پـُـريءَ ۾، سيتا جي سويمبر ۾ اچي گوڙ مچايو هو ۽ پوءِ رام اوتار جي پرگهٽ ٿيڻ جو ٻڌي، انترڌيان ٿي ويو هو. | |
| هڪ دفعي راجا ڪـِـرتويه، پنهنجيءَ آسنکيه سئنا (بيشمار لشڪر) سميت، شڪار ڪندي، اوچتو رشي جمداگنيءَ جي ڪـُـٽيا ۾ اچي نڪتو. رشيءَ، راجا جوآدرستڪار ڪيو، ۽ ”ڪامڌبنو“ ڳئون جي وسيلي هڪدم ماني تيار ڪري ورتائين. ايڏي لشڪر جي ماني چند ڪلاڪن ۾ تيار ٿيڻ ڪري، راجا کي ڏاڍو عجب لڳو. راجا کي ترت خبر پيئي ته رشيءَ وٽ ”ڪامڌبنو“ آهي، جا هر منو ڪامنا پوري ڪري ٿي، تنهنڪري راجا، رشيءَ وٽان اها ڳانءِ گهري، پر رشيءَ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن راجا زوريءَ ڳانءِ ڪاهي هليو ويو. پرسرام اُن وقت تپسيا لاءِ بن ۾ ويل هو. شام جو گهر آيو، تڏهن دستوري طرح ماءُ کان کير گهريائين. ماءُ ڳانءِ جا سمورا سماچار پرسرام کي ڏنا. ساري ڏينهن جي تپسيا ڪري آيل پرسرام، ڪاوڙجي، پرڻ ڪيو ته ڳانءِ جو کير پي پوءِ ٻيو ڪم ڪندس! پوءِ هو پوئين پير راجا ڪرتويه سان لڙائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. راجا ڪرتويه کي سخت شڪست ڏيئي ڳانءِ واپس آڻي، اُن جو کير پيتائين. | |
| ٻئي ڏينهن راجا جا ماڻهو، رشي جمداگني کي ڪـُـٽيا ۾ قتل ڪري، ڳانءِ وٺي روانا ٿيا- (رشي جمداگني، هندو شاسترن موجب، تارا منڊل ۾ ستين رشيءَ جي جاءِ والاري، جنهن کي هنديءَ ۾ ”سپت رشيءَ“، معنيٰ ”ستن تارن جو ميڙ“ ڪري چئبو آهي. عربيءَ ۾ اُن کي ”داب اڪبر“ چئبو آهي. اهي تارا سرءُ جي موسم ۾ اُتر طرف، سياري ۾ اُتر- اوڀر طرف، بهار ۾ ڪاپار تي ۽ اونهاري ۾ اولهه طرف نظر ايندا آهن) | |
| جڏهن پرسرام رات جو آيو، تڏهن اها حالت ڏسي هن پرڻ ڪيو ته دنيا اندر ڪو به راجپوت نه ڇڏيندس! اهڙيءَ ريت هن سچ پچ دنيا تي ڪو به اهڙو فرد نه ڇڏيو، جو پاڻ کي راجپوت چوائي. | |
| راجپوت بهادر هئا ۽ اڳئين وقت راڪاسن جو تمام گهڻو ڊپ هو. راجپوتن جي ناس ٿيڻ ڪري، راڪاس برهمڻن کي توڙي ٻيءَ رعيت کي ستائڻ لڳا. تڏهن ديوتائن گڏجي آبوءَ وٽ هڪ ڀاري يگيه ڪيو ۽ ڀڳوان جي پرارٿنا ڪئي. پهرين اِندر ديوتا هڪ ڊڀ جو پتلو ٺاهي، پربرهم پرميشور منتر اُچاريو ته اُن مان هڪ تيجوان پـُـرش نڪري آيو. ان جي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو يگيه مان ٻاهر نڪرندي، ”مار! مار!“ ڪندو آيو. تنهنڪري هن جو نالو ”پرمار“ پيو. اهڙيءَ طرح، ديوتائن اهڙا ٽي پتلا ڪيا، جي پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ هئا. انهن پرمارن ”آبوءَ“ کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو ۽ ائين پکڙندا، ساري ڀارت ۾ پنهنجو راڄ کڙو ڪيائون. پوءِ پرمارن جون وڌي پنجٽيهه ساکون ٿيون. راجپوتانا اتهاس ۾ هيٺئين نموني انهن جون ساکون آهن: (1) سوڍا (2)سانکلا (3) موريه (4) سومرا (5) کير (6) ميپاوت (7) وهل (8) ٻلهر (9) ڪاٻار (10) اُمٽ (11) ريهور (12) چونرا (13) کيچر (14) ڍونڍا (15) سورٺيا (16) سوکڙا (17) هرير (18)ڪوهلا (19)پويا (20) ڀوجا (21) سنپل (22) ڀٻا (23) پوڪوٽا (24) ڏيوا (25) ڪهوريا (26) ڪالپسر (27) ڪالموه (28) ڌونڌر (29)جپرا (30) ٻرهر (31) پوسرا (32) ڌوتا (33) دڪوموا (34) ٽيڪا. | |
| پرمار راجپوتن پنهنجي پهرينءَ گاديءَ جو هنڌ آبو ڪيو. اهڙيءَ طرح هنن ساري هند ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، سوڍن وٽ جي دستخط احوال آهن، تن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنبت 954 برابر 996ع ۾ امرڪوٽ ۽ پارڪر مارواڙ جي راڻي ڌڻي براهه جي هٿ ۾ هئا، جنهن کي نـَـوَ ڀاءٌ هئا. ڌڻي براهه پنهنجن ڀائرن کي نـَـو ملڪ ورهائي ڏنا تنهن کي ”نوَ ڪوٽي مارواڙ“ ڪري چيو وڃي ٿو. ان بابت هڪڙو ڏوهيڙو مشهور آهي: | |
| ٿيو لدورو ڀاڻ، ٿيو مندووَر سامتسنگهه، گڍ پونگل گج مال، ٿيو اجمير اجيتسنگهه، آل پال ارٻڌ، ڀوڄراج جالنڌر، جوگراج ڌر ڍاٽ، ٿيو هانسو پارڪر، نـَـو ڪوٽي ڦراڙو سنجوگتان، ٿر پنوار ٿاپيا، ڌڻي براهه ڌر ڀائيان، ڪوٽ بانٽ جهوُ جهوُ ڪيئا. | |
| مٿئين ڏوهيڙي ۾ ڏسبو ته هانسي اچي پارڪر وسائي. هن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر ڪيو. هانسي کي هڪ ٻيو به ڀاءُ هو، تنهن جو نالو ڀوڏو هو. تنهن اچي ”ڀديشر“ عرف ڀوڏيسر وسائي. | |
| --------- | |
| پاري ننگر - سنڌ جو هڪ شا ندار بندر | |
| سنڌڙيءَ جي هن شاندار بندر ۽ قديم بندر جو بنياد عيسوي پهرين صديءَ ۾ پيو. پاري ننگر، ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي، هن وقت ويرا واهه جي ڀرسان ڊٺل ۽ ويران کنڊرن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. آباديءَ جي لحاظ سان، شروعات ۾ ان جي آدم شماري اٽڪل چاليهه هزار هئي، جنهن مان پنج هزار ٻه سؤ گهر جينن جا، نوَ سؤ گهر لـُــهارن جا، ست سؤ گهر راجپوتن جا، تيرهن سؤ گهر لـُـهاڻن جا ۽ ٻارهن سؤ گهر ٻين جدا جدا ذاتين جا هئا. آدمشماريءَ ۾ ڏسبو ته اوسواڙ قوم جي اڪثريت هئي، جا تمام شاهوڪار هئي. ان ۾ مکيه ذاتيون هي هيون: ڍاٽي، وورا ۽ گانڌي، گرڍيرا، تيمان، مدار، ڪـُــل، ڪــٻڙيا، وڏيرا، لالڻ، مهنتا، ويگڙ، ڪانٽيا، وغيره. چون ٿا ته سرڳواسي شري موهن لعل ڪرمچند گانڌي (مهاتما گانڌي) جا اڳيان مائٽ پاري ننگر جا رهاڪو هئا. | |
| تنهن وقت موجوده ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو، ۽ اُن رڻ جو عظيم الشان بندر پاري ننگر هو. ڪڇ جي رڻ مان جهاز سڌا اچي ”ڏوتڙ“ وٽ لنگر انداز ٿيندا هئا. ڏوتڙ (ٻه تڙ) ويرا واهه کان ٻه ميل اُلهندي طرف آهي، جتي اڄ به بندر جي نموني جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاري ننگر، ڀوڏيسر جي مسجد ۽ گوڙيءَ جي ڏهرن تي جيڪو چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي، تنهن تي غور ڪرڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ساڳئي ڪاريگر ويهي اهو گهاٽ گهڙيو آهي. چترڪار اهڙو نفيس نقش چٽيو آهي، جنهن مان ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي سگهي ٿي ته اسان جي هن ڀاڱي ۾ وڏا وڏا چترڪار ۽ فنڪار به موجود هئا. | |
| پاري ننگر جو ذڪر ڪندي ڪي لکن ٿا ته اُتي جين ڌرم وارن جو راڄ هو، پر ائين صحيح نه آهي. اُتي جين ڌرم وارن جو ڌاڪو برابر هو، پر حڪومت سدائين پرمارن جي هٿ ۾ رهي. اوسواڙ شاهوڪار برابر هئا، پر راجپوتن جي تابع هئا. جينن جا وڏا وڏا مندر پاري ننگر جي آسپاس هئا، ته اُن کان وڌيڪ راجپوتن جون شالائون اڄ تائين پارڪر ۾ هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. راجپوت سردارن جو موت اوسواڙن وانگر ڪڏهن به ريشمي بسترن ۽ اوچن پلنگن تي نه ٿيو. هو جنگ جي ميدان ۾ تلوار کڻي ٽپي پوندا هئا، ۽ سورويرن وانگر وڙهندي، لڙائيءَ جي ميدان ۾ ئي سک جي سيج ماڻيندا هئا.اڳتي هلي تاريخ ڏيکاريندي ته ڪيئن نه پارڪر جي راجپوتن وقت بوقت لڙائيءَ کي منهن ڏنو، ۽ جنگ جي ميدان ۾ سوروير ٿي پنهنجا ِسر ارپڻ ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو چالاڪ ۽ ڄاڻو ”نروٽ“ پارڪر جي سوڍن کي جاگيرون ڏنيون. ان جي ڀيٽ ۾، ڪنهن ڪروڙ پتي جين جي نالي به جاگير جو ڪو اڌ ايڪڙ به نظر نٿو اچي. | |
| چون ٿا ته اڳي پاري ننگر ۾ بيشمار بــُـت مندرن ۾ رکيل هئا. هينئر اُهي ڀڄي ڀــُـري ويا آهن ۽ تمام ڪارا ۽ سڙيل نظر اچن ٿا. پنج مندر اهڙا آهن، جي ڪجهه ٺيڪ نموني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙو ماڻهوءَ جي قد جيڏو بــُـت آهي، جنهن جي اکين ۾ ڪائو لڳل آهي، سو اونداهيءَ ۾ چمڪندو آهي. سڄيءَ ايراضيءَ ۾ لوهه جا ٽڪر پکڙيل آهن. هتي جو قديم ”ڪٽهڙو“ مشهور آهي. ڪٽهڙو دوائن جي ڪم اچي ٿو. ڪٽهڙو جيئن قديم هوندو، تيئن دوائن لاءِ اڪسير ثابت ٿيندو. پاري ننگر جو ڪٽهڙو 1959 سالن جو آهي. هڪڙي يورپي انجنيئر ٻڌايو هو ته هيءُ پٿر مان لوهه ٺاهڻ جو ڪٽهڙو آهي. | |
| پاري ننگر جي حڪومت: | |
| هانسي کان پوءِ مهيپال - جيڪو ڌڻي براهه جي ٽئين پٽ مان هو - جي پنجن پــُـٽن راڄ ڪيو. اُهي هيءُ آهن: راجسنگهه، راجيشور، منڊلڪ، ملار ۽ رامچندر. راجيشور پنهنجي نالي تي هڪ تلاءُ ڀيپور جي ڀرسان ۽ ٻه تلاءَ وڏهلي وٽ ٺهرايا. ان کانپوءِ راجيشور جو پٽ ڀوڄسنگهه تخت تي ويٺو. هن جي مرڻ بعد ان جو ڀاءُ تخت تي ويٺو، جنهن کانپوءِ پرمار مالا جو پٽ اُڌيسنگهه تخت تي ويٺو. ان کان پوءِ سامداس، پوءِ ڦتل، پوءِ گووندراءِ جو پٽ ڀيم ۽ پوءِ ڀيم جو پٽ کنگهار،پوءِ کنگهار جو ڀاءُ ڏيپر،پوءِ کنگهار جو پُٽ چوڙو ۽ پوءِ ڏيڀي جوپٽ هرڀم تخت تي ويٺو. هن جي وقت ۾ 1226ع ۾، دهليءَ جي شهنشاهه طرفان لشڪر آيو، جنهن پاري ننگر ناس ڪيو. ان کانپوءِ ملڪ ۾ بي بندوبستي ٿي پيئي، ۽ هيءُ ملڪ ڪجهه وقت دهليءَ جي بادشاهن کي ۽ ڪجهه وقت سنڌ جي بادشاهن کي خراج ڀريندو رهيو. پر وري به ملڪ ۾ ساڳيو زور پرمارن جو رهيو. جن کان جلد ئي امرڪوٽ جي سوڍن اچي ملڪ تي قبضو ڪيو. پارڪر مان پرمارن جو هڪ ٽولو ڪاٺياواڙ ويو، جتي انهن پنهنجي ِاسٽيٽ ٺاهي، جنهن کي ”مرلي ِاِسٽيٽ“ چئبو آهي. | |
| (تاريخ ريگستان) | |
| پارڪر جي پرمارن ڪيئن تتر پکيءَ واسطي جنگ ڪئي: | |
| جڏهن پارڪر جا پرمار لڏي گجرات ڏانهن ويا، تڏهن چوڙا ذات جي ٻن هزارن پرمارن، پنهنجي سردار ”موجوءَ“ سان گڏجي، اچي گجرات وسائي. هڪ ڏينهن چوڙا ذات جو ڪو راجپوت شڪار تي ويو، تنهن هڪ تتر پکيءَ کي گهايل ڪيو، جيڪو اُڏامي اچي پرمار راجپوتن جي اوتاري ۾ ڪريو. چاوڙي راجپوت پرمارن کان اُن تتر جي گهر ڪئي، پر موجيءَ چيو ته: ”جنهن اسان جي اجهي ۾ اچي پناهه ورتي آهي، تنهن کي دشمن جي حوالي هرگز نه ڪنداسين - پوءِ ڀل ته اهو پکي ئي هجي. اهو راجپوتي شان وٽان نه آهي، جو شرڻ آيل جي ساهتا نه ڪري.“ نيٺ ٻئي ڏينهن، چاوڙو سردار پنهنجي ٽولي وٺي جنگ لاءِ تيار ٿيو. پرمار به لڙائيءَ لاءِ سنبريا، ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خونخوار مقابلو ٿيو. جنگ ۾ پنج سؤ چاوڙا مري ويا ۽ ٻيا ڀڄي ويا. جيت پرمارن جي ٿي. انهيءَ واقعي جي ڪري هيءَ چوڻي مشهور ٿي ته: ”ميروُ پربت ڏري پوي، ڌُرو تارو جاءِ ڇڏي وڃي. گرنار قلعو اچي پــَـٽ پوي! پر پرمار راجپوت پنهنجي دشمن کي ڪڏهن به پـُـٺ نه ڏيندا.“ | |
| سڏونت - سارنگا: | |
| عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر تي ساليواهن نالي هڪ مهاپر اُپڪاري راجا راڄ ڪندو هو. ان کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو ”سڏونت“ هو. ان وقت پاري ننگر ۾ اوسواڙ قوم وارن جي اڪثريت هئي، جي ڏاڍا سرمائيدار هئا. انهن ۾ سيٺ پرم شاهه نالي هڪ ارب - پتي اوسواڙ رهندو هو، جنهن کي هڪ نياڻي هئي. نالو هوس ”سارنگا“ . سارنگا ساري پارڪر ۾ واکيات هئي. ان جون گول ۽ ڦٽڙيون، ڪجل سان ڀريل اکيون، قهر هيون. ان جو حسين جـُـسو مخمل کان وڌ نرم هو. سارنگا جڏهن وهيءَ چڙهي، تڏهن ان جي حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين ڳائجڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن هيءَ روُ پوَنت سندري جيئن پاٺشالا ۾ پڙهڻ لاءِ وڃي رهي هئي، تيئن سڏونت سامهون آيو. ٻنهي جي نظر هڪ ٿي ويئي، ۽ اک جي ٻاڻ ٻنهي کي بيوَس ڪري ڇڏيو. | |
| نيڻ پدارٿ نيڻ رس، نيڻي نيڻ ِملنت، | |
| اَڄاڻ سين پريتڙي، پهرين نيڻ ڪرنت. | |
| نيٺ سارنگا جو، ننڍي لاڪرئي سڏونت سان گهاٽو سنيهه ٿي ويو. هڪ ٻئي کان گهڙي گهارڻ ڏکيو ٿيندو هون. سارنگا جنهن پاٺشالا ۾ سکيا وٺندي هئي، ان ساڳئي پاٺشالا ۾ سڏونت به اچي پڙهڻ لڳو. اُستاد کي هڪڙو باغ هو ۽ شاگرد واري وٽيءَ تي ان باغ کي پاڻي ڏيندا هئا. سڏونت ۽ سارنگا پڻ باغ ۾ پاڻيءَ جي بهاني برهه جون باتيون ڪندا هئا. | |
| جڏهن سارنگا سورهن جي وهيءَ ۾ پير پاتو، تڏهن مائٽن اُجين ننگريءَ جي هڪ مشهور سيٺئي سان سارنگا جي شادي ڪرائي، پر سڏونت جي سڪ جي ٻاڻ سندس سيني ۾ اهڙو ته اُونهون گهاءُ ڪيو، جو کيس پارڪر جا پوٺا نيٺ ڇڏڻا پيا. جڏهن رُوپا شاهه ڄڃ وٺي پرڻجڻ آيو، تڏهن سارنگا اٽڪل ڪري چؤنريءَ جا چار ڦيرا هڪ داسيءَ کان ڏياريا، ڇاڪاڻ ته سڏونت کان سواءِ کيس ڪنهن جي به محبت قبول ڪا نه هئي. | |
| پوءِ، ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ پاري ننگر جي پدمڻيءَ سارنگا، پنهنجي محبوب کي پيغام موڪليو ته: ”هو گام جي گوندري واري ديويءَ جي مندر ۾ رات جو اچي ساڻس ملاقاتِ ڪري.“ سارنگا کي انهيءَ مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪري، پوءِ ڄڃ سان گڏ روانو ٿيڻو هو. سارنگا جو سنيهو ســُـڻي، سڏونت سج لٿي ئي اچي ديويءَ جي مندر ۾ ويهي رهيو. اڌ رات گذري ويئي، ڪــَـتيون ڪاپار آيون، لــُـڌو لڙي ويو، ٽاڻو ٽري ويو،پر محبوب ماڳ نه آيو. سڏونت کي انتظاريءَ جون گهڙيون وڏيون ٿي پئيون. هر هر مندر جي دروازي ڏانهن ٿي نهاريائين، پر پوڄارڻ جو پتو ڪو نه پيو. بيقراريءَ وچان پنهنجي هجر جي هپت ۾، ڀــُـل سببان، ننڊ واري گولي کائي ويهي رهيو. سڏونت سمجهو ته جاڳ واري گوري ٿو کاوان، پر يار جي خيال ۾ خبر ڪا نه پيس ۽ ننڊ واري گوري کائي نندرا ديويءَ جي گود ۾ الوٽ ٿي سمهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ سارنگا به ڇم - ڇم ڪندي آئي، تنهن پنهنجي سڄڻ کي گهڻو ئي اٿلايو پٿلايو، پر سڏونت کي سار ڪا نه ٿي. نيٺ، وقت ڀرجي آيو ۽ سارنگا پنهنجي محبوب جي هٿ تي هيٺين ڳاهه لکي ڄڃ سان گڏ رواني ٿي ويئي: | |
| ”پاري ننگر کان پڌاري، ڪر جو ڀڳوئا ويس، جنهن گهر ناريل رونکڙو، تنهن گهر ڪرجو اَليک“ . | |
| صبح جو جڏهن سڏونت کي جاڳ ٿي، تڏهن گهڻو ئي ارمان ٿيس. پوءِ پنهنجن هٿن تي سارنگا سان ملڻ جو ڏس پتو لکيل ڏسي، جوڳياڻو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي اُٿي هليو. | |
| تــَــنَ پر تو ڀسم لڳا، هٿ ۾ ليئا ڪـِـير، | |
| سارنگا تيري ڪارڻي، ڪريو ويس فقير. | |
| ڏند ڪٿائن مان ڏس ملي ٿو ته پاري ننگر جي پدمڻي، اُجين ڏانهن اُسهندي، پارڪر جي ايندڙن ويندڙن کي سڏونت جون نشانيون ڏيندي ويئي. هڪ جاءِ تان لنگهندي، هڪڙو ريٻاري مينهن ڏُهي رهيو هو. جيئن ئي سارنگا جو حسين چهرو ڏٺائين. تيئن ويچاري جون اکيون سارنگا ڏانهن ڦاٽي وئيون. سارنگان کي ڏسي چيو: | |
| ”پاراڻي را رائيڪا، تارو ڏُوڌ ڍوراڻو جاءِ، سڏونت آئي ايم ڪـَــهي، سارنگا روتي جاءِ“. (اي پارڪر جا ريٻاري! تون اکيون ڦاڙي نه نهار، ڏس ته تنهنجو کير هارجي رهيو آهي! مهرباني ڪري، سڏونت اچي ته چئجانءِ، سارنگا روئندي پيئي وڃي.) | |
| سارنگا جي ڄڃ نيٺ وڃي هڪڙي ٻٻر جي وڏي وڻ هيٺ ڊاٻو ڪيو. سڏونت جو پٺيان پئي آيو، سو وجهه ڏسي اُن وڻ تي چڙهي لڪي ويهي رهيو، اڌ رات جو سڏونت جي اکين مان هڪڙو لــُـڙڪ ِڪري ، اچي سارنگا جي ڳــَـل تي پيو، تڏهن سارنگا چوڻ لڳي: | |
| ”آنٻو جهري آنٻلي، ڀڄي نوَسرَ هار، رس چس تو سڀ چکيا، هاڻ ڪيئن روئين گينوار!“ | |
| (اي انب جا وڻ! تون ڇو رس هاري منهنجي نوَسرَ هار کي پسائي رهيو آهين: تو ته اڳي گهڻو ئي رس چکيو آهي، اڙي مورک! هاڻ هن ويلي ڇو روئي رهيو آهين؟) | |
| روپا شاهه سيٺ جي ڀاءُ، سارنگا جي ڏير، اهو ڏوهيڙو ٻڌي ورتو هو، تنهن صبح جو ڀاءُ کي چيو: | |
| ”ڪانچوئو ڪـَــسَ مئيو، سارون ڀراڻو سري، وِيرا، مين تنان برجيئو، ڀاڀي ناهه ڪــُـــسري“ . | |
| (اي ڀاءُ، ڀاڀيءَ جو پائڻ وارو ڪپڙو ۽ اوڍڻ جو سارون (ريشمي وڳو) سمورو ســَـرن سان ڀرجي ويو آهي، منهنجي سمجهه ۾ ته ائين ٿو اچي ته ڀاڀي خيرن ۾ نه آهي.) | |
| تڏهن سارنگا چوڻ لڳي: | |
| ”ٻودو ڪپڙو ٻـــَــهؤ رنگو، سبڻ وارو اڍنگ، | |
| ٽڙ ٽـــڙ ٽانڪا ٽـُــٽيا، آرس موڙندي انگ.“ | |
| (منهنجي پائڻ وارو ڪپڙو هڪ ته گهڻن ڏينهن جو سڙيل آهي ۽ ٻيو وري سبڻ وارو درزي اَڍنگو هو؛ آرس موڙيندي ٽانڪا ٽٽي پيا، تنهن ڪري ڪپڙن ۾ ســَــر آهن.) | |
| اهڙيءَ طرح، ٿورن ڏهاڙن بعد ڄڃ اُجين پهتي، سڏونت به پنڌ ڪندو پئي آيو. سندس ٻنهي هٿن تي محبوب جون ڳاهون لکيل هيون، تنهن ڪري جنهن به تلاءُ تي ويو ٿي، جانورن وانگر منهن سان پاڻي ٿي پيتائين. آخر سڏونت به وڃي اُجين پهتو. جوڳيءَ جو ويس ڪري، سارنگا جي ساهرن جي گهر جو ڏس پتو پـُـڇي، وڃي گهر جي دروازي وٽ الک جڳايائين. سارنگا سون جي ٿالهه ۾ موتي ڀري، جوڳيءَ کي دان ڏيڻ آئي. ٻنهي جون نظرون هڪ ٿيون. ٿالهه سارنگا جي هٿ ۾ ئي رهجي ويو، ۽ ڪانگ اچي موتي چـــُڳڻ لڳا. اُجين ننگريءَ جو راجا هيءُ لقاءُ پنهنجي اوچي محل ۾ بيهي ڏسي رهيو هو، تنهن پنهنجي راڻيءَ کي چيو: | |
| ”اس ننگري ۾ مورک وسي، چــَــتـُـر وسي نه ڪوءِ، | |
| ڪاگا موتي چـُــــگ گيا، ڪؤڪ نه ڪري ڪوءِ.“ | |
| راڻيءَ جواب ڏنو ته ائين نه آهي، بلڪه: | |
| ”اس ننگري ۾ چتروسي، مورک وسي نه ڪوءِ ٻالاپڻ ري پريتڙي، مِيت ميلاپو هوءِ“ | |
| ٻنهي محبن جو اُتي ئي ساهه نڪري ويو، ۽ هيءُ پريمي جوڙو، پاڻ ۾ ملي، هميشه لاءِ هڪ ٿي ويو. ٻي روايت آهي ته سارنگا راجپوتانا جي ويٺل هئي، ۽ سڏونت پڻ اُتي جو ئي باشندو هو. سارنگا پاري ننگر ۾ روپا شاهه نالي سيٺ سان پرڻايل هئي. هيءَ روُپوَنت رمڻي، راجپوتانا مان رواني ٿيندي، پنهنجي سڄڻ سڏونت کي اجهو هيٺيون سنيهو ڏيندي ويئي: | |
| ”پاري ننگر پنٿ گهڻو، سوڍانڪي رو ديس | |
| وهيلــــو ورجـــــي والما، جوڳي سندي ويس.“ | |
| جين ڌرم جا آثار: | |
| پاري ننگر، گوڙيءَ جا ڏهرا ۽ ستي ڏهرا (پارڪر) ۾ جين ڌرم وارن جا خاص مندر هئا. آبـُـو ۽ ان جي آسپاس به جينين جا مندر آهن. پارڪر جينين جو وڏو ۽ خاص مرڪز هو، جتي مندر سان لاڳو هڪڙيءَ خاص جڳهه ۾ سندن تبليغي اجلاس ٿيندا هئا. اڄ تائين اها جڳهه موجود آهي، جنهن جي ڀتين تي ڌرمي نيتائن جون تصويرون نڪتل آهن. | |
| جين ڌرم جا ڪـُـل چوويهه پيشوا يا ڌرم- نيتا ٿي گذريا آهن، جن جا نالا هيءَ آهن: (1) رشڀ ناٿ (2) اجيت ناٿ (3) ساميو (4) اڀنيدن (5) سـُـمتي (6) پدم پرڀا (7) سـُـپـَـرشو (8) چندر پرڀا (9) پشپ دلت (10) سيتل (11) شري انشاناٿ (12) واسو پؤجيه (13) وِمل (14) اننت (15) ڌرم (16) شانتي (17) ڪـُـنٿو (18) ارا (19) مـَـلي (20) مـُـني سـُـورت (21)نـِـمي (22) نيمي (23) پارسو ناٿ ۽ (24) ورڌمان، جو ”مهاوير“ جي نالي سان مشهور ٿيو. مهاوير، گوتم ٻڌ جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي ۽ سندس ديهانت عيسوي سن کان 536 ورهيه اڳ ٿيو. هو جين ڌرم جو باني هو- جيتوڻيڪ جين ڌرم وارن جو چوڻ آهي ته سندن ڌرم ان کان ڪي صديون آڳاٽو آهي. | |
| جين ڌرم جي مٿين چوويهن ڌرم- نيتائن مان يارهين نمبر، شري ”انشاناٿ“ جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وشڻ، ۽ ماءُ جو نالو وشني هو. انشاناٿ ساريءَ سنڌ ۽ هند ۾ جين ڌرم جو زبردست پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪيو. کيس پنهنجي زماني ۾ اهو ئي پد حاصل هو، جيڪو مهاوير کي سندس سمي ۾ حاصل هو. انشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل پندرهن سؤ سال اڳ جو آهي. جيئن موهن جي دڙي جو سمو پورو ٿيو، جين ڌرم جي شروعات ٿي. اڄ کيس ساڍا ٽي هزار ورهيه گذري چڪا آهن. سندس رهڻيءَ ڪرڻيءَ سنڌ تي ضرور اثر ڪيو هوندو. سندس ديهانت اولهه بنگال ۾ ٿيو. | |
| ڪاجلاسر تلاءُ: | |
| پاري ننگر جي سيٺين، تمام گهڻي خرچ سان، هڪڙو وڏو تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن جو نالو ”ڪاجلاسر“ تلاءُ هو. پاري ننگر جون پدمڻيون صبح جو سوير اچي اُن تلاءُ ۾ منهن ڌوئينديون هيون. اُنهن مـِـرگهه- نيڻين جي اکين ۾ ايترو ته ڪجل هوندو هو، جو سموري تلاءَ ۾ ڪجل جا ڪارا ڪارا ليڪا ٺهي پوندا هئا ۽ سارو سـُـرو ڪجل جي سهڻيءَ ريک سان رڱجي ويندو هو. جيني استرين ۾ ڪجل وجهڻ جو خاص رواج آهي. سندن وڏيون اکيون هر وقت ڪجل سان ڀريل هونديون آهن، جيڪي ڳوري رنگ تي ڏاڍو سٺو ڏيکاءُ ڏينديون آهن. چون ٿا ته هڪ ڀيري پاري ننگر جي هڪ مکيه سوڍي جو ڪنور صبح جو گهوڙي کي اُن تلاءَ تي پاڻي پيئارڻ آيو. ڪيتريون ئي ڪجليون ان وقت تلاءَ تي منهن ڌوئي رهيون هيون ۽ پاڻي سمورو ڪارو ٿي ويو هو، تنهنڪري ان ڪنور کين گهٽ - وڌ ڳالهايو. انهيءَ ڳالهه اوسواڙن ۾ چڱو تاءُ پيدا ڪيو ۽ هو پاري ننگر کي ڇڏڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. پاري ننگر ۾ هڪ ارب - پتي اوسواڙ، ڪاجل شاهه نالي رهندو هو، تنهن اهو ”ڪاجلاسر“ تلاءُ ٺهرايو هو. | |
| ڪاڇٻو پرمار: | |
| پاري ننگر ۾ ڪاڇٻو نالي پرمار رهندو هو، جنهن جي ڳالهه مڱڻهار لوڪ ڏاڍي اُمنگ ۽ اُتساهه سان ڪندا آهن. روايت آهي ته ڪاڇٻي پرمار کي سندس ڀاڀيءَ مهڻو ڏنو: ”ڏسان ته تون ڪاڇي گڍ جي ڪماري پرڻجي ايندين!“ ڀاڀيءَ جي مهڻي ڪاڇٻي جي ڪليجي تي ڀاري اثر ڪيو ۽ هڪدم ڪاڇي گڍ جي ڪماريءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجا تمام ساٿي سنڀرائي اُٺن تي چڙهي روانو ٿيو. پاري ننگر کي آخرين پرڻام ڪندي چيائين: | |
| ”ڀاڀچ مهڻو مت ڏئي، مهڻو مٿي رو گهاءُ، ڪا ڪماري لاوَ سان، تا اَن پاڻي نان نا.“ | |
| (اي ڀاڀي! تون مهڻو نه ڏي. تنهنجي مهڻي منهنجو من چيري ڇڏيو آهي. هاڻ جيستائين ڪـُـماري نه آڻيندس، تيستائين اَن پاڻي حرام آهي!) | |
| ڪاڇٻو ۽ سندس ساٿي، پنڌ ڪندا، نيٺ گجرات پهتا ۽ گام جي گوندريءَ وٽ هڪ تلاءُ وٽ اچي ڊاٻو ڪيائون. ڪاڇٻي، هڪڙي واٽهڙوءَ کان ڪماريءَ بنسبت پڇا ڪئي. واٽهڙوءَ جواب ڏنو: | |
| ”پـَلو پـُـرش جو نه ڇـُـهي، نر جو نه ڳنهي نام، اوڏي ٿئي نه اَن کي، نر نامي تمام، ڪاڇٻا تنهنجي هام، من جي من ۾ ئي رهي.“ | |
| (اي پاري ننگر ڍاٽ جا پرمار! تو جنهن ڪامڻيءَ جو ذڪر ڇيڙيو آهي، سا مرد ماڻهوءَ جي پلئه کي نٿي ڇـُـهي، ۽ نه وري نر جو نالو وٺي ٿي- ايتريقدر جو نر نالي اناج کي به ويجهي نٿي وڃي! اي ڍاٽ - پتي، تنهنجو مقصد هن حسين ۽ شوخ نازنين وٽان حاصل نه ٿيندو.) | |
| رات جو ڪاڇٻي پنهنجن سمورن اُٺن کي کاڌي ۾ کستوري وجهي ڏني، ۽ ڳوٺ جي هوا جي سامهون انهن کي ويهاريو. اُٺن جو ٻوٿ بند ڪري ڇڏيائين، اَسر ويلي انهن جا منهن کوليائين. اُٺن اوڳارڻ شروع ڪيو، ته کستوريءَ جي خوشبوءِ ساري ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي. ان طرح، ڪاڇٻي جي ساراهه ڪماريءَ تائين وڃي پهتي. پر ڪماري چوڻ لڳي: ”ڪاڇٻو جـَـل جو هڪ ”ڪڇئون“ آهي. نيٺ ڳچ ڏينهن کان پوءِ، ڪاڇٻي پنهنجي مراد ماڻي ۽ ڪماريءَ کي ساڻ ڪري ڳوٺ آيو. | |
| پاري ننگر جو ناس ٿيڻ: | |
| پاري ننگر تي قدرت جو ڪوپ ڪڏهن ٿيو، تنهن بنسبت ڪا پڪي پروڙ ڪانه ٿي پوي. الائي اوسواڙن کي تاريخ سان عشق هو يا نه. چون ٿا ته جين ڌرم وارا ٻين کي پنهنجا ڪتاب پڙهڻ ئي ڪونه ڏيندا آهن. ڪي ڪتاب ان وقت هوندا، ته به زلزلي ۾ دٻجي ويا. | |
| پاري ننگر جي ناس ٿيڻ بابت به ڪيتريون ئي دلچسپ ڏند ڪٿائون مشهور آهن. چون ٿا ته هن شهر جي راجا پنهنجي پـُـٽ جو مڱڻو هڪ لوهار جي حسين ڌيءُ سان ڪرايو. پاري ننگر ۾ ان وقت لوهارن جي اڪثريت هئي ۽ منجهس نـَـوَ سؤ گهر رهندا هئا، جي شاهوڪار هئا. لوهار ڇوڪريءَ، ٻي ذات جو وَرُ قبولڻ کان انڪار ڪيو، پر قوم وارن کيس زوريءَ پرڻائڻ ٿي گهريو. تنهنڪري ڇوڪريءَ پاراتو ڏنو ته: ”اوهين ڪٿي به سـُـک سان ويهي نه سگهندؤ!“ ڇوڪريءَ جو پاراتو پورو ٿيو، ۽ لوهار سدائين ڀٽڪندا وتن. آخر، ٺڪرن جي ستائڻ تي، لوهار لڏي اچي گهوٽياري وٽ رهيا. ٻيءَ ڏند ڪٿا موجب هن شهر ۾ هڪڙو درويش فقير رهندو هو، تنهن هڪڙي ڏينهن ڪنهن مقرر طلب جي خيرات لاءِ صدا هنئي، پر ڪنهن به سندس گهـُـر پوري ڪانه ڪئي. تڏهن هن بي اختيار چئي ڏنو ته: ”سڀاڻي پاري ننگر ناس ٿيندو!“ فقير جو عرض اگهاڻو، ۽ ٻئي ڏينهن سارو شهر غرق ٿي ويو. | |
| بهرحال قدرت جا ڪم نرالا آهن، ڪڏهن پاري ننگر هڪڙو آباد ۽ عاليشان بندر هو ۽ اڄ اهو سارو ڀڙڀانگ ۽ ويران ٿي چڪو آهي. | |
| -------- | |
| ڀوڏيسر | |
| ڀدريشر ننگري، جنهن کي هينئر ”ڀوڏيسر“ چئبو آهي، سا ننگر پارڪر کان ٻه ميل اُتر - اُلهندي، ڪارونجهر جي هنج ۾ شوڀا ڏيئي رهي آهي. ڀدريشر جي جهونن کنڊرن جو ڀڀڪو ڏسي، ائين ڀانئجي ٿو ته ڪو وقت هو، جو اُتي ڪي تمام خوشحال انسان رهندا هئا. جاين جي بناوت ۽ اَڏاوت کي ڏسي سندن ڪاريگريءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. الک جي الوپ مايا، پل ڀر ۾ باريڪ بستيون بڻائي، هندورن ۾ هيجائي ٿي، ته کن ۾ هزارين هستيون حيران ڪري، آسودن کي اُجڙ ۽ برباد ڪري ٿي. هن وقت اُهو اڳيون اوج ڪٿي؟ چند کنڊرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر ڪونه ايندو. صرف سوڍن جا ٻه گهر آهن، جنهن مان پونجوجي سوڍو سچيار آهي، جنهن جي مائٽن انگريزن کي تمام گهڻي مدد ڏني هئي. سندن دور انديشيءَ ۽ بهادريءَ سببان، ڪرنل ايونس جي زوردار سفارش سان، سوڍي ڪاروُڀا جي نالي ڇهه ايڪڙ جاگير مليل آهي. | |
| نوَ ڪوٽي مارواڙ جي ڏوهيڙي مطابق، هانسي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر ڪيو- ان جو ٻيو ڀاءُ ڀوڏو هو، جنهن اچي ڀوڏيسر وَسائي. تنهن وقت ٽي هزار کن جيني واڻين جا گهر ۽ ٻيا گهر راجپوتن جا ڀوڏيسر ۾ رهندا هئا. جيني واڻين جا ٺاهيل ڏهرا اڃا تائين قائم بيٺا آهن، سي ڏسڻ وٽان آهن. جيني واڻيا تمام شاهوڪار هئا ۽ تخت نشين راڻي ڀوڏي کي خراج پڻ ڀريندا هئا. | |
| راڻي ڀوڏي هڪ زبردست تلاءُ ٺهرايو هو، جنهن جو سڄو ترو ٽامي جو هو. تلاءُ جي ڪناري تي هڪڙو زبردست پٿر بيٺل هو، جنهن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويهي سگهنديون هيون. تلاءُ ۾ هڪڙي خامي هئي، جو برسات جي موسم ۾ پاڻي سمورو ٻاهر هليو ويندو هو. جوتشين صلاح ڏني ته ڀوڏو راڻو جيڪڏهن پنهنجي ڪا پياري شيءِ قربان ڪندو ته تلاءُ مان پاڻيءَ جي ڦڙي به ٻاهر ڪانه ويندي. راڻي ڀوڏي، پـِـرجا جي فائدي خاطر، وزير سان صلاح ڪري، تلاءُ جي ڪناري تي پنهنجي نور نظر، ”نارڻسنگهه“ کي ٻل چاڙهيو. هينئر ان تلاءُ ۾ ٻارهوئي پاڻي رهندو آهي. ڀوڏي جي مرڻ کان پوءِ گووند راءُ تخت تي ويٺو. ڀوڏيسر جي تلاءَ بابت وڌيڪ احوال اڳتي ايندو. | |
| سلطان محمود غزنويءَ جو ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪڻ | |
| سلطان محمود غزنوي، جڏهن سومناٿ تي 1026ع ۾ فتح حاصل ڪري واپس غزنويءَ آيو ٿي، تڏهن پاٽڻ جي راجا ڀيم ڏيوَ ۽ اجمير جي راجا ويسرڏيو جي وچ ۾ لڙائيءَ جي خبر ٻڌي، هن پنهنجو ارادو ٿر مان لنگهڻ جو ڪيو. ڪڇ جي رڻ مان لشڪر جي ڀلجي وڃڻ ڪري، کين اُڃ تمام گهڻو هلاک ڪيو. آخر، پاڻيءَ جي ڳولا ڪندي اچي هڪڙي وڏي تلاءَ وٽ نڪتا. اهو ڀوڏيسر جو تلاءُ هو. محمود پوءِ تلاءَ جي ڪناري تي ٻه ڏينهن منزل انداز رهيو، ۽ نشانيءَ طور اُتي هڪڙي ”کڙوت“ تيار ڪرائي ويو، جنهن کي پوءِ محمود بيگڙي مسجد جي صورت ۾ آندو. ان جو احوال اڳتي ايندو. | |
| راڻو چندن: | |
| گووند راءَ جي مرڻ بعد، سندس پٽ راڻو چندن تخت تي ويٺو. راڻو چندن مها اُپڪاري ۽ مـُـلڪان ملڪ مشهور ٿي گذريو آهي، جيڪو مسلسل چوويهه سال اَڻميو دان ڏيئي پوءِ ڏندڻ ڪندو هو. | |
| هوڏ نه ڪئي هندن، سمو نمايو سـِـيسَ، ڪروڙ ڏيئي ڏندڻ ڪري، چندن ورس چوويسَ. | |
| ڪاشيءَ جي هڪڙي پنڊت جو نبيرو اُجين جهڙيءَ اُجليءَ ننگريءَ کان نه ٿيو. نه وري پاٽڻ جي راجا کي پرک پيئي. مگر ان پنڊت جو پورو انصاف اسان جي سنڌ جي پياري ڀاڱي پارڪر جي راڻي چندن ڪيو. | |
| راڻو چندن دان جي پرتگيا کان اڳ ۾ ڪوڙهه جي موذي مرض ۾ مبتلا هو. ڪوڙهه جهڙي نـُـگري بيماريءَ کان نجات نه ملڻ سبب هو ڪجهه ڏينهن ڪيرٽي گڍ، تعلقي مٺيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي مڪواڻن جي حڪومت هئي ۽ ڪيسر مڪواڻو راڄ ڪندو هو، (ڪيسر مڪواڻو، همير سومري سان لڙائي ڪندي مارجي ويو.) هڪ ڏينهن هڪڙو فقير گهمندو ڪيرتيءَ ۾ آيو، جنهن چيو ته ڀوڏيسر جبل جي چـُـر ۾ ”الک واوَ“ (يعني ڳُجهو کوهه) آهي، تنهن مان ڪو پاڻي وٺي اچي ۽ چندن کي غـُـسل ڪرائي ته ڪوڙهه ڇڏي وڃي. ويرو گويل، جو چندن جو ساٿي هو، تنهن اِهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ويري گويل گهڻيءَ کوجنا بعد الک واوَ منجهان پاڻي آڻي، چندن کي غسل ڪرايو، ته چندن بلڪل چڱو ڀلو ٿي ويو. | |
| راڻي چندن، ڀٽياڻي ذات جي، جيسلمير جي مهاراجا جي ڪنيا سان شادي ڪئي هئي، اها ڀٽياڻي هڪ نيڪ ۽ ڌرماتما ناري هئي. جڏهن به راڻو چندن ڪيڏانهن ٻاهر ويندو هو ته هوءَ هڪڙي جوتش وديا جي ڄاڻوءَ برهمڻ کان هر روز پڇا ڪندي هئي ته: ”راڻو هن وقت ڇا ڪندو هوندو؟ برهمڻ کيس ٻڌائيندو هو ته: ”راڻو فلاڻي هنڌ فلاڻو ڪم ڪري رهيو آهي، وغيره.“ برهمڻ جون ڳالهيون، تجربي جي بناء تي، سڀ سچيون نڪرنديون هيون. هڪڙي ڏينهن راڻو چندن ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويو، ته اُن جوتشي برهمڻ کي به ساڻ وٺي ويو. ڀٽياڻيءَ جڏهن دستور موجب برهمڻ کي طلب ڪيو،ته برهمڻ جو ڀاءُ اچي حاضر ٿيو، جنهن کي جوتش جي علم جي خيرڪا خبر هئي. ڀٽياڻيءَ برهمڻ جي ڀاءُ کان به راڻي چندن بابت ساڳي پڇا ڪئي. هن بنا سوچ ويچار جي کڻي جواب ڏنو ته: ”راڻو صاحب گذاري ويو!“ ڀٽياڻيءَ اها ڳالهه ٻڌي اهڙي ته ڏک ۾ وٺجي ويئي، جو وڌيڪ ڪجهه به ڪونه ويچاريائين ۽ بي علم برهمڻ تي اعتبار ڪري، هڪدم اگني تيار ڪرائي، ستي ٿيڻ لاءِ کڻي مچ ۾ ٽپو ڏنائين. ايتري ۾ راڻو چندن اچي رهيو هو، تنهن هڪل ڪئي، پر ڀٽياڻيءَ جو سرير جلي خاڪ ٿي چڪو هو. اڄ ڏينهن تائين ڪارونجهر جبل ۾ اُلهندي پاسي جيڪا ندي نڪري ٿي، اُن کي ”ڀٽياڻي ندي“ ڪري چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀٽياڻي راجپوتڻ اُن نديءَ واري هنڌ ئي ڏاگهه چڙهي سـَـتي ٿي هئي. ان وقت راجپوتڻ جا گروُ راجگـُـر برهمڻ هئا، پر هن واقعي کان پوءِ سوڍن شر مالهي برهمڻن کي گروُ تسليم ڪيو، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن. سوڍن، راجگـُـرن کي ڪڍي ڇڏيو. راڻي چندن جو چاهه پنهنجي راڻيءَ سان ڏاڍو هو، تنهنڪري سندس سـَـتيءَ ٿيڻ بعد دک ۾ گذارڻ لڳو ۽ نيٺ ڳڻتيءَ ۾ حڪومت ڇڏي ڏنائين. | |
| دشمنن کان بچاءَ خاطر، ڪارونجهر جبل ۾، راڻي چندن هڪڙو زبردست قلعو ٺهرايو هو، جنهن کي ”چندن گڍ“ چوندا آهن. لڙائيءَ جي وقت راجپوت ان قلعي ۾ ويهي دشمن سان مقابلو ڪندا هئا. تروٽ جي لڙائيءَ وقت ڏيسا فوج جي توبن اُن قلعي کي ڊاهي ڇڏيو آهي، پر اڃا به ڏسڻ جهڙا نشان آهن. | |
| راڻي چندن جو اولاد: | |
| عام روايت موجب ۽ ڪن ليکڪن به لکيو آهي ته راڻي چندن جا ٻه پٽ: ”سائر“ ۽ ”نير“ نالي هئا، جيڪي زبردست ڌاڙيل هئا. مگر هيءَ ڳالهه ٻي آهي، جا هيٺينءَ ريت آهي: چنپانير ننگريءَ جو راجا چندنسين هو، جنهن کي ملائگيري نالي راڻي هئي. قسمت جي چڪر سان هنن کان راڄ هليو ويو، تنهنڪري راجا چندنسين پنهنجيءَ راڻيءَ ۽ ٻن پٽن سميت جهنگ ڏانهن هليو ويو. جهنگ ۾ رُلندي، راجا چندن کان پنهنجا ٻه پٽ، نالي سائر ۽ نير، جدا ٿي ويا. سائر ۽ نير رات جو هڪ وڻ هيٺ سـُـتا پيا هئا، ته هڪڙي نانگ سائر کي ڏنگي وڌو ۽ هو بلڪل بيهوش ٿي مـُـڙدي سما ٿي پيو. ننڍي ڀاءُ ڏٺو ته سائر مري ويو آهي، سو ان جي جدائيءَ ۾ روئندو، هڪڙي شاهي رستي ڏانهن رخ رکي اُٿي هليو. جنهن رستي تان نير وڃڻ وارو هو، تنهن شهر جي بادشاهه کي اولاد ڪونه هو، تنهنڪري ان ڏينهن هن ڍنڍورو گهمايو ته صبح جو سوير جنهن جي ڳچيءَ ۾ هاٿڻ گلن جي مالها وجهندي، ان کي پنهنجو راڄ ڀاڳ سونپيندس. صبح جو سوير نير اُن شهر جي دروازي وٽ پهتو ته هاٿڻ اچي نير جي ڳچيءَ ۾ ڦـُـلن جي مالها وڌي ۽ بادشاهه نير کي سمورو راڄ پاٺ لکي ڏنو. اهڙيءَ طرح نير بادشاهه ٿي ويو. ٻئي طرف، جهنگ ۾ صبح جو هڪڙو جوڳي اُتان لانگهائو ٿيو، جتي نانگ جو ڏنگيل سائر بيهوش ٿيو پيو هو. جوڳيءَ ڪنهن ٻوٽيءَ جي وسيلي کيس سجاڳ ڪيو. پوءِ سائر به رلندو رلندو، ان ساڳئي شهر ۾ اچي، ڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. پر نير جي بادشاهيءَ جي کيس ڪا سـُـڌ ڪانه هئي. | |
| راجا چندن کان ملائگيري به جدا ٿي ويئي هئي- ڪاٺين وڪڻندي، ان جو حـُـسن ڏسي، هڪڙو سامونڊي واپاري کيس زوريءَ ڀڄائي ويو هو. ملائگيريءَ ان رهزن واپاريءَ کي وچ درياءَ ۾ پاڻيءَ جي سپرد ڪري ڇڏيو. سائر کي ان سموريءَ ڳالهه جي سڌ هئي. ڪن ڏهاڙن بعد نير ڍنڍورو گهمايو ته جيڪو ماڻهو ”چندن - ملائگيريءَ“ جي ڳالهه درٻار ۾ ڪري ٻڌائيندو، تنهن کي موتين جو ٿالهه انعام ڏنو ويندو. سائر کليل ڪچهريءَ ۾ چندن - ملائگيريءَ جي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. نير اها ڳالهه ٻڌي، پنهنجي ڀاءُ کي سڃاتو ۽ پوءِ ماءُ ۽ پيءُ جي ڳولا ڪرائي، انهن کي به آڻي پاڻ وٽ رهايو. تنهن کان پوءِ سڀ آنند سان خوش گذارڻ لڳا. | |
| ڪـِـٿ چندن، ڪٿ ملائگيري، ڪٿ سائر، ڪٿ نير، جـَـڏَ جڏ وِ پتي پـَـڙي، سوُسائي گـِـيو سرير. | |
| روايت آهي ته راڻي چندن پنهنجي پياريءَ ۽ ڌر ماتما راڻيءَ جي سـَـتي ٿيڻ بعد راڄ ڇڏي ڏنو ۽ ڪوڙهه جي بيماريءَ وقت، ڪيرٽيءَ ۾ مڪواڻن وٽ رهيو هو، تن جي ٿوري لاهڻ لاءِ مڪواڻن کي حڪومت لکي ڏني هئائين. | |
| ڪيرٽيءَ جو ڪيسر مڪواڻو: | |
| ڪيرٽي، مٺي تعلقي ۾ چوڏهن ميل ڏکڻ ڏانهن آهي. منجهس بـَـستي راجپوتن جي آهي. اڳي مٺي تعلقي جي ڪڇ رياست ۾ شامل هئڻ ڪري، ڪيرٽي پڻ ڪڇ رياست ۾ هئي. ان ۾ وياس نالي هڪ بهادر سردار رهندو هو. مرڻ مهل، بستري تي ليٽيل وياس جي گهڻيءَ بيقراريءَ ۽ ملولائيءَ کي ڏسي، سندس ننڍي پٽ ڪيسر پڇيو ته: ”اي پتاجي، توهان جي دل ۾ ڇو آنڌ مانڌ ٿئي ٿي ۽ من ڇو وياڪـُـل ۽ تڙڦندو نظر اچي ٿو؟ مهرباني ڪري سموري ماجرا جو کولي بيان ڪريو.“ اها ڳالهه ٻڌي، اجل جي ويجهو آيل وياس چوڻ لڳو ته: ”اي پٽ، سنڌ ۾ منهنجو هڪ دشمن، همير سومرو رهي ٿو، جنهن جي راڄڌانيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، نهايت سندر ۽ رمڻيڪ آهي. ان سان لڙائي ڪرڻ جي منوڪامنا پوري ٿي نه سگهي آهي، تنهنڪري منهنجو من وياڪـُـل ۽ تڙڦي رهيو آهي. اوهان مان ڪو به همت ۽ طاقت ساري، همير سومري جا سوا سؤ سهڻا گهوڙا چورائي آڻي پنهنجن ڀاٽن ۾ ورهائيندو ۽ اهڙو مون کي وچن ڏيندو، ته منهنجو جيءُ شانت ٿيندو.“ ان وقت وياس جي اڳيان سندس ڪيترا پٽ پوٽا،ڀاءُ ڀرات ويٺل هئا، مگر ڪنهن کي به همير سومري جي گهوڙن کي هيري اچڻ جي جرات ڪانه ٿي. نيٺ پڇاڙيءَ جو ڪيسر جهالو، جو سڀني کان ننڍو هو، تنهن پيءُ جي اِڇا پوري ڪرڻ جي پرتگيا ڪئي ۽ پيءُ جي هٿ ۾ پاڻي ڏنو، ته هڪدم وياس جو پراڻ - پکيئڙو پڃري مان اُڏامي ويو. | |
| ٿورن ڏينهن بعد پيءَ جي ڏنل پرڻ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيسر سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. هن پنهنجي عزيزن خويشن کي لڙائيءَ تي هلڻ لاءِ للڪاريو، پر سنڌ هلڻ لاءِ سڀئي پـِـڙ ڪڍي بيهي رهيا. تڏهن ڪيسر اڪيلو پنهنجي طاقت تي وشواش رکي سنڌ ۾ آيو، ۽ همير جا سوا سؤ گهوڙا چورائي اچي ڀاٽن کي ورهائي ڏنائين. پر همير سومرو عيش ۽ آرام ۾ محو هو، تنهن گهوڙن بابت پڇا ڪانه ڪئي. تڏهن ٻئي وقت ڪيسر، همير سومري جا سنڌو نديءَ جي ڪناري تي بيٺل ست سؤ سهڻا اُٺ چورائي، پنهنجن ڀاٽن کي ورهائي ڏنا. ان وقت به عيش جي نشي ۾ مدهوش سومري ڪا به سـُـڌ نه رکي. ٽئين وقت ڪيسر جهالي، امرڪوٽ تي چڙهائي ڪري، هڪ سؤ ويهه سندر ۽ حسين سومريون آڻي، هڪ - هڪ سومري پنهنجن عزيزن کي ورهائي ڏني. تڏهن عياش سومري ٿوري اک کولي ۽ پنهنجن صلاحڪارن کي ڪيسر ڏانهن موڪليو ته سومريون واپس ڏئي. جواب ۾ ڪيسر چوائي موڪليو ته: ”اهي اسان جون استريون ٿي وييون آهن، تنهنڪري سومرين جي پچر ڇڏي ڏئي.“ اهڙي اڍنگي جواب ملڻ بعد، ڏهه سال ٻيا به گذري ويا. تنهن کان پوءِ همير پنهنجي هڪ قاصد کي ڪيسر ڏانهن موڪليو ته: ”توسان لڙائي ڪرڻ جي مون کي ڏاڍي خواهش آهي، پر تنهنجو ملڪ ڪـَـڪرن وارو آهي، تنهنڪري لشڪر جي خوراڪ جو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهندو؟“ ڪيسر جواب ڏياري موڪليو ته: ”خوراڪ جي لاءِ تون فڪر نه ڪر، مان هڪ هزار ايڪڙ ۾ ڪڻڪ پوکايان ٿو، تنهن مان تنهنجي لشڪر جو گذران چڱيءَ طرح ٿيندو.“ آخر، هڪ سال کان پوءِ، همير سومرو ڪيرٽي گڍ تي چڙهائي ڪري آيو. ٻئي ڌريون ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيون. نيٺ همير سومري ڪيسر کي ڪيرائي، سيني ۾ ڪٽاريءَ جو اهڙو ته اونهو گهاءُ ڪيو، جو ارڙنهن فوٽ ڪيسر جو جسم زمين تي ڌوء هيٺ ڪري پيو، ۽ همير جي جيت ٿي. هڪ سؤ ويهه سومريون اگنيءَ ۾ جلي ڀسم ٿيون. ڪيسر جي پـُـٽ هر پال، پاٽڻ ۾ راجا ڪـِـرڻ وٽ وڃي پناهه ورتي. هرپال، ڪـِـرڻ واگهيلي وٽ رهي، پنهنجي هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪيترا دفعا لڙائيءَ ۾ ڪـِـرڻ کي بچايو. هڪڙي ڏينهن ڪـِـرڻ راجا کي چيو ته: ”تون هڪڙيءَ رات جيترن ڳوٺن ۾ ڦـِـري ايندين، اهي سڀ ڳوٺ تو کي بخشش ڪيا ويندا.“ هرپال فقط هڪڙيءَ رات ۾ ٻه هزار ڳوٺ ڦـِـري آيو ۽ ڪـِـرڻ کي انجام پٽاندر اُهي ڳوٺ هرپال کي ڏيڻا پيا. هرپال پنهنجي راڻيءَ کي وٺي وڃي ڀال شهر ۾ رهيو- ۽ پوءِ اهو شهر ”ڀال“ ضلعو بڻيو. | |
| ڊريل مڪواڻو | |
| راڻي چندن جي وڃڻ کان پوءِ، ڊريل مڪواڻي اچي پارڪر تي قبضو ڪيو. هن ڳچ وقت تائين بادشاهي ڪئي. تنهن کان پوءِ رتي ڪوٽ کان ميگهه سينڌل وٽ آيو. ميگهه سينڌل چيو ته: ”بادشاهي پرمارن جي ۽ کائين مڪواڻا!“ تنهنڪري هـُـو ڊريل مڪواڻي کي مارڻ جا گهاٽ پيو گهڙيندو هو. هڪڙي ڏينهن هن ڌنراج نالي گونگڙيءَ جي چارڻ سان مڪواڻي کي مارڻ جي صلاح ڪئي. ڌنراج چيو ته: ”اسان کي سوڍن جا چارڻ لکي ڏيو، ته صلاح سهڻي ڏيانوَ.“ ميگهه سينڌل ڌنراج چارڻ جو اهو شرط پورو ڪيو. پوءِ ڌنراج چيو ته: ”ڊريل مڪواڻو روز سج اُڀرئي کان اڳ ۾ ٻانڊيءَ تي ديويءَ جي پوڄا لاءِ اڪيلو بغير هٿيارن جي وڃي ٿو: اوهين ان وقت واٽ تي کيس ماري، پارڪر تي قبضو ڪري وٺو. چارڻ جي صلاح وٺي، سينڌلن، ڊريل کي ماري پارڪر تي قبضو ڪيو. | |
| ڪارونجهر تـَـنان ڪَ جـَـسَ، ڪـَـجـَـسي ميڙيو ڪاج، ڊريل مڪواڻو ماراؤتان، ڌوڙ کاڌي ڌنراج. | |
| سينڌلن جي پارڪر تي حڪومت | |
| پوءِ اچي ميگهه سينڌل پارڪر تي راڄ ڪيو: | |
| سينڌل سوڍي ناس ڪيجيو، رتي ڪوٽ راڻو، ميگهه پارڪر کٽيو، ماري مڪواڻو. | |
| ميگهه سينڌل جي وقت ۾ دهليءَ جي بادشاهن جون وقت بوقت پارڪر تي ڪاهون ٿينديون هيون، تنهنڪري ميگهه سينڌل ساري پارڪر ۾ فرمان ڦيرايو ته سڀ ماڻهو پنهنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهين، ته جيئن دهليءَ يا احمد آباد جي بادشاهن کي ڪا به خبر نه پوي ته پارڪر ۾ ڪو ماڻهو رهي ٿو يا نه. حڪم جي ترت تعميلات ڪئي ويئي، ۽ ماڻهن پنهنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهيا. اڄ ڏينهن تائين اُنهن گهرن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جهونو ڪاسبو، گارڙيو، موندرو، ڏونگري، راڻپر وغيره، سڀ جبل ۾ ڳوٺ هئا. فقط هڪ سورو چارڻ، ڳوٺ سوراچند جو، تنهن چيو ته: ”مون وٽ مال جهجهو آهي، تنهنڪري مان نه ويندس.“ ڳوٺ سوراچند تي نالو به سوري چارڻ تان پيل آهي. اڄ ڏينهن تائين ان جي کوٽايل کوهه کي ”سوريو ڪوئو“ ، ۽ تلاءُ کي ”سوريو تلاءُ“ چوندا آهن. | |
| احمد آباد جي بادشاهه جي پارڪر تي ڪاهه | |
| ميگهه سينڌل کان پوءِ، سندس پٽ پنراج سينڌل گاديءَ تي ويٺو. پنراج سينڌل، ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدري کان مٿڀرو هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن کي ”پنراج گڍ“ چوندا آهن. قلعي جا نشان اڃا تائين ظاهر آهن. سندس ڏينهن ۾، احمد آباد کان جڏهن گجرات جي احمد شاهه پارڪر تي چڙهائي ڪئي، تڏهن ان کي ڪا به پهر ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. صرف سوراچند ۾ سوريي جي جهوپڙي هئي. بادشاهه جي لشڪر سوريي جي وانڍ کي وڃي گهيرو ڪيو ۽ ان کي چيو ته: ”اوهان جو راڻو هلي ڏيکار، نه ته تنهنجو سـِـر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“ سوريو چارڻ ان لشڪر کان اجازت وٺي پنراج وٽ آيو، ۽ واڪو ڪري کيس چيائين ته: ”راجپوت آهيو ته مون کي بچايو ۽ هلي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو.“ پنراج چيو ته: ”اي چارڻ، مان ڪڏهن به بادشاهه وٽ حاضر نه ٿيندس: آءٌ پنهنجي سسي وڍي ٿو ڏيانءِ، سا کڻي وڃ.“ ائين چئي، پارڪر جي هن بهادر راجپوت، تلوار سان پنهنجو سـِـر وڍي کڻي چارڻ کي ڏنو: | |
| ڦڳڻ ماس ورس اَٺانؤ، تـِـٿ تيرَسَ ٻـُـڌوار، سينڌل سـِـر سماپتيو، پـُـڃ ڌاري پـَـنـَـراج. | |
| چارڻ اُن سـُـورمي جو سـِـر کڻي بادشاهه کي سونپيو ۽ چوڻ لڳو: | |
| ”سينڌل نه هوي ڀڄڻا، وانڍي گام رو وِير، جنهن نـِـمايو نيلوُئو، کٽيو کنڊ کڙهير.“ | |
| بادشاهه بهادر راجپوت جو سـِـر ڏسي ارمان ۾ پئجي ويو ۽ پوئين پيرين احمدآباد پهتو. | |
| پنراج جو اولاد، صابو سڻ وارا سينڌل آهن. | |
| ڪاجل شاهه ۽ بجل شاهه | |
| هيءُ ارب - پتي اوسواڙ، پاري ننگر جا رهاڪو هئا. پاري ننگر جي ناس ٿيڻ تي اچي ڀوڏيسر ۾ رهيا هئا. ڪن ڳالهين ۾ ڀوڏيسر جي سوڍن ۽ اوسواڙن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي هئي، تنهنڪري ڏياريءَ جي رات پنهنجن گهرن ۾ ڏيئا ٻاري گجرات ڏانهن هليا ويا، ۽ ويندي هي لفظ لکي ويا: | |
| ”ڪاجل ڏيکسو ڪـُـوپڙي، ويجل واڏڙي.“ | |
| (هاڻ ڪجل صرف ڪپڙين (دٻلين) ۾ ئي ڏسندا، ۽ بـِـجل (وڄ) بادلن ۾ ئي چمڪندي ڏسندا.) | |
| پوڻي ڏهـَـرو | |
| ڀوڏيسر ۾ هن وقت جيڪي ڊٺل ڏهرا نظر اچن ٿا، تن ۾ پوڻي ڏهرو ڏسڻ وٽان آهي. ان جي اُُنپن ٿيڻ جي هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي: ڀوڏيسر ۾ جين قوم جي هڪ مائي رهندي هئي، جا هر روز هڪ پوڻي سـُـٽ جي ڪتيندي هئي. ڪيترن سالن کان پوءِ اُن سـُـٽ جي پئسن مان هـُـن اهو ڏهرو ٺهرايو. پوءِ ته مائيءَ وٽ اڪيچار ڌن اچي پلئه پيو. مائيءَ اهو سمورو ناڻو ڏهري جي مٿئين گنبذ ۾ چـُـڻايو. اوچتو مائيءَ جو مرتيو ٿيو ۽ اُهو ڌن اُن گنبذ ۾ ئي پوريل رهجي ويو. | |
| سوڍن سان ڪن ڳالهين ۾ اڻبڻت هئڻ ڪري، جڏهن جيني لڏي گجرات ڏانهن ويا، تڏهن اُن مائيءَ جا چونپڙا ۽ ٻيو جيڪو سامان هو، سو به کڻي ويا. هڪ ڏينهن هڪ واڻئي اُن مائيءَ جو لکيل چونپڙو پئي پڙهيو، ته ان ۾ لکيل هو: ”ماٿو واڍي، مال ڪاڍي“ - يعني منهنجو مٿو وڍ،پوڻيءَ ڏهري مان مال ڪڍ. پوءِ اهو واڻيو مصنوعي طرح چريو ٿي، ڪي ڏينهن ڀوڏيسر رهندو هو. هڪڙي رات، وجهه وٺي، گنبذ ڪيرائي، ڌن کڻي، رفوچڪر ٿي ويو. اڄ ڏينهن تائين ڀوڏيسر جي ٻين ڏهرن جا گنبذ سلامت بيٺا آهن، ۽ پوڻي ڏهري جو گنبذ ڪـِـريل نظر اچي ٿو. | |
| --------- | |
| ڀوڏيسر جو تلاءُ | |
| هيءُ تلاءُ ڀوڏي پرمار عيسوي ڇهين صديءَ ۾ ٺهرايو هو. ڀوڏي جو پورو نالو ”ڀدريشر“ هو، جنهنڪري ڀوڏيسر جو اصل نالو ”ڀدريشر ننگري“ آهي. هن تلاءُ جي ويڪر ٻه سؤ فوٽ ۽ ڊيگهه اُن کان ٻيڻي آهي. اڳي ان جي ڪناري تي هڪ پپر تمام ڊگهو ۽ ويڪرو بيٺل هو، جنهن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويهي سگهنديون هيون. هينئر اهو پپر پورجي ويو آهي. اُتي جي قديمي رهاڪن جو چوڻ آهي ته سؤ کن سال اڳ تائين هن پپر جو ڪجهه حصو ڏسڻ ۾ ايندو هو. چون ٿا ته تلاءُ جو سڄو ترو ٽامي جو هو ۽ ان کي ”ڀوُتن جو تلاءُ“ ڪري ڪوٺيندا هئا. ان بابت عجيب غريب ڏند ڪٿائون مشهور آهن. تلاءُ جي ڪناري تي ڇهه - ست پپر بيٺل آهن، جي اُنهن راجپوتن جي يادگيريءَ جا آهن، جي لڙائيءَ ۾ ”جهونجهار“ ٿيا آهن. پٿرن تي بهادر راجپوت، گهوڙن تي سوار ٿيل آهن، ۽ هٿن ۾ تلوارون ۽ ڀالا اٿن. هيٺان گجراتيءَ ۾ ڪجهه اکر لکيل آهن، پر پڙهڻ ۾ نٿا اچن، رڳو ”ڪلجي“ جو نالو ظاهر بيٺو آهي، جو تروٽ واريءَ لڙائيءَ ۾ انگريزن سان لڙيو هو. تلاءُ جي ٿورو هيٺ تمام جهوني زماني جو هڪڙو ننڍڙو شـَـِـو جو مندر ٺهيل نظر اچي ٿو ۽ اُن جي پاسي ۾ مسجد شريف آهي. ڏاکڻي پاسي جينين جا چار ڏهرا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. هيءُ تلاءُ برسات جي موسم ۾ ڀرجي تار ٿي ويندو آهي، تڏهن ٻارهن مهينا پاڻي هلندو آهي. سلطان محمود غزنوي ٻه ڏينهن هن تلاءُ وٽ ٽڪيل رهيو ۽ محمود شاهه بيگڙي ۽ سوڍن جي وچ ۾ جنگ هن تلاءُ وٽ لڳي هئي. هن تلاءُ کي ”ڀوتن جو تلاءُ“ چوڻ ڪري، گهڻا ماڻهو هتان رات جو ڪونه لنگهندا هئا. | |
| ڀوڏيسر جي تلاءَ ۾ هوٿل پريءَ جو آستان | |
| پارڪر واري ڀاڱي تان جڏهن سمنڊ سڪي ويو، تڏهن پهرين اُتي سڃ ئي سڃ لڳي پيئي هئي ۽ سڄيءَ زمين تي وڻڪار ايتريقدر هئي جو ماڻهو هٿ ۾ هٿ ڏيئي، هڪٻئي کي ڏسي نه سگهندا هئا. چون ٿا ته اُن وقت ڪارونجهر ۾ پريون رهنديون هيون. مشهور ”هوٿل“ پري، جنهن پرت جو پيچ اوڍي ڄام سان پاتو، تنهن جو آستان به ڪارونجهر جبل ۾ هو. ڪي چون ٿا ته ڀوڏيسر جو تلاءُ ديون کوٽيو هو. اِهو تلاءُ تمام وڏو هو ۽ ان جي ڪناري تي هڪڙو وڏو پپر بيٺل هو: پريون ان پپر تي ويهي راند ڪنديون هيون ۽ سـَـنان ڪنديون هيون. برٽن صاحب لکي ٿو ته: هوٿل پدمڻي، اوڍي سان گڏجي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪارونجهر جبل ۾ ڪي سال گذاريا ۽ ”جيسل“ ۽ ”جکري“ جو جنم به اُتي ٿيو. جيئن ته هوٿل پدمڻيءَ جو واسطو ڪارونجهر سان آهي، تنهنڪري دلچسپيءَ خاطر ان جي مختصر آکاڻي هيٺ ڏجي ٿي. | |
| هوٿل پريءَ جي آکاڻي | |
| اوڍو ڄام، سما خاندان جو هڪ فرد هو. سمن تڏهن اڃا اسلام نه قبوليو هو. اوڍي ڄام جا مائٽ مور ۽ منائي، سنڌ جا رهاڪو هئا ۽ پوءِ سنڌ مان ڀڄي اچي ڪڇ ۾ رهيا. اتي به انهن ظلم ٻاري ڏنو، تنهنڪري انهن جو نالو ئي ”ڪيهر“ پئجي ويو. منائيءَ جي ٽينءَ پيڙهيءَ ۾ هوٿي ڪيهر پيدا ٿيو، جنهن جو ٻيو ڀاءُ اوڍو ڄام هو. سندس بهادريءَ جا ڪارناما ڪيراڪوٽ جي ٻچي ٻچي کي ياد هئا. | |
| هڪڙي ڀيري، اٺن مهينن تائين ٻاهر رهڻ کان پوءِ، بهادر ۽ نيڪ سيرت اوڍو گهر اچي رهيو هو، جنهنڪري هوٿيءَ جي محل ۾ بيحد آنند ڇانيل هو ۽ ان کي خوب سينگاريو ويو هو. اوڍي جي سواري، ڄام هوٿيءَ جي راڻيءَ ”ميلڻڏيءَ“ جي ماڙيءَ هيٺان لنگهي، سڌي راڄ - محل ڏانهن هلي ويئي. ان وقت ميلڻڏي پنهنجا سهڻا ڊگها وار ماڙيءَ جي دريءَ وٽ سڪائي رهي هئي. پنهنجي ڏير اوڍي جي مرداني سونهن ڏسي، هوءَ سندس عشق ۾ گرفتار ٿي ويئي. بيقراريءَ وچان سڄي رات کيس ننڊ ڪانه آئي. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي ، داسيءَ هٿان اوڍي کي پنهنجيءَ ماڙي ۾ اچڻ جي نينڍ موڪليائين. اوڍو، پنهنجي ڀاڀيءَ جو حڪم اکين تي رکي، هڪدم اچي رنگ محل ۾ حاضر ٿيو. راڻيءَ کي سـِـيس نوائي، چيائين: ”ماتاجي، پرڻام!“ ميلڻڏي ”ماتا“ جو لفظ ٻڌي خفي ٿي ۽ پوءِ ڏاڍيءَ خوشامد سان اوڍي کي چيائين: | |
| ”اوڍا نه ويهه اونپري، هي پلنگ پيو، آڌي رات اُٺ تان، اوڍو ياد ڪيو.“ | |
| اوڍي ڀاڀيءَ جي بدليل اکين کي صحيح ڪري ورتو ۽ جواب ڏنائين: | |
| ”هيءُ پلنگ هوٿيءَ جو، هو منهنجو ڀاءُ، تنهن جي تون گهر واري ٿئين اسان جي ماءُ.“ | |
| پر ميلڻڏيءَ جي من ۾ اوڍي جي موهه اهڙو مچ مچايو هو جو بي حجابيءَ سان پنهنجي عشق جو اظهار ڪرڻ لڳي: | |
| ”چوڏهن ورس ۽ چار، اوڍا، اسان کي ٿيا، نظر کڻي نهار، هـِـنئون نه رهي هيڪلو.“ | |
| پر اوڍو سچو راجپوت هو، سو پنهنجيءَ ويرتا ۽ سيرت کان هڪ انچ به نه سـِـريو ۽ چوڻ لڳو ته ”ڀاءُ جي استري ماتا سمان آهي“ . راڻي غصي ۾ اچي چوڻ لڳي ته: ”هينئر ئي منهنجي منٿ مڃ، نه ته سڀاڻي هن سر زمين لاءِ سڪندين!“ اوڍو چوڻ لڳو ته: ”پرواهه ناهي. اهڙي ڀاري ڪلنڪ لاءِ پنهنجي جنم ڀومي، ڪيراڪوٽ کي ڇڏڻو پيم ته مون کي سؤ دفعا سويڪار آهي.“ | |
| ٻئي ڏينهن، جيئن ڄام هوٿي محل ۾ گهڙيو ته اُجالي بدران انڌارو ڏٺائين. راڻي هڪ انڌاري آسري ۾ وار کولي، ڪارا ڪپڙا ڪري، ليٽي پيئي هئي. اهو منظر ڏسي، هوٿيءَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. راڻيءَ کان پڇيائين ته: ”اڄ رنگ محل ۾ اونداهي ڇو آهي؟ تنهنجا سورهن سينگار ڪيڏانهن ويا؟“ راڻيءَ، مڪر ڪري، هڪ اونهي آه ڀري ۽ اوڍي جي خلاف هوٿيءَ جا ڪـَـن ڀريا. هوٿي، استريءَ وس ٿي، ڪوڙيءَ ڳالهه کي سچي سمجهي، اوڍي کي حڪم ڪيو ته: ”چئن پـَـهرن اندر ڪيراڪوٽ ڇڏي وڃ!“ اوڍي ڀاءُ جو حڪم قبول ڪيو. | |
| ميا ڀري مال، اوڍي اُچارا ڪيا، کيرا تو جـُـهار، ڪيهر هليو ڪڇ ڏي. | |
| اوڍو ڄام، گهوڙي تي چڙهي، پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ کي هميشه لاءِ تياڳي، گجرات ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. گام جي گوندر وٽ، پنهنجي پياري وطن کي الوداع ڪندي، ڪيراٽ جي ڏونگر کي چوڻ لڳو: | |
| ”کيرا تو جـُـهار، سؤ سؤ سلام سنڀري، تو نوَ لکو هار، اوڍي ويل نه وسارج.“ | |
| ائين چئي، گهوڙي جي مـُـهاڙ گجرات ڏانهن ڪيائين، جتي سندس ماساتي ڀاءُ، ويسلڏي واگهيلو، پاٽڻ ۾ راڄ ڪندو هو. | |
| ويسلڏي واگهيلي پنهنجي ڀاءُ اوڍي جو سٺو آدرستڪار ڪيو ۽ گذريل ڏک آهستي آهستي اوڍي جي اندر مان الوداع ڪرڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن، اوچتو، واگهيلي کي جهونو ويري تـَـن تي تري آيو ۽ اونهي آه ڀري، اوڍي کي چوڻ لڳو: | |
| ”کاوان ويٺو کيڻ، ويسلڏي نسـِـاسو ڀريو، وڏو مٿي ويڻ، ٽـِڪو ٻانڀڻيا تڻيو.“ | |
| (اي اوڍا ڄام، ٻانڀڻيا بادشاهه جو ڪٺڻ ڪلنڪ ۽ ڀاري مهڻو منهنجي مٿي تي آهي. جيستائين ننگر سموئيءَ جون ست - ويهون سانڍيون سـِـرڪائي نٿو اچان، تيستائين ڌان بدران ڌُوڙ ٿو کان.) | |
| ان وقت سنڌ ۾ ننگر سموئيءَ تي ڄام ٻانڀڻيو بن خيرالدين حڪومت ڪندو هو. اوڍو نهايت نرمائيءَ سان واگهيلي کي وينتي ڪرڻ لڳو ته: ”پارڪر جا پوٺا مون پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيا آهن، مون کي ٿورا ماڻهو ڏيو ته هڪ پلڪ ۾ ٻانڀڻيي جون سانڍيون سـِـرڪائي، پاٽڻ کان به پري ڪريان!“ پوءِ اوڍي ڄام، ساٿ کي سنڀرائي، گهوڙن جي مـُـنهن جي مهاڙ سموئيءَ جي سيم ڏانهن ڪئي. | |
| ٻئي طرف، سگال نگامرو نالي هڪڙو ڪڇ جو راجپوت هو، تنهن کي ٻه پٽ هئا ۽ هڪڙي ڌيءُ جنهن جو نالو هو ”هوٿل“ . هوٿل هڪ پريءَ جو اوتار هئي، پر ڪنهن سراپ سان انساني جنم ورتو هئائين. سگال نگامرو جڏهن مرڻ نزديڪ ٿيو، تڏهن اولاد کي چوڻ لڳو ته: ”منهنجو جنم سجايو نه ويندو، ڇاڪاڻ ته منهنجو دشمن، ننگر سموئيءَ جو بادشاهه، ٻانڀڻيو، هميشه مون سان لڙندو رهندو هو- اوهان مان ڪو به مون کي وچن ڏئي ته هو ٻانڀڻيي بادشاهه کي شڪست ڏيندو، ته منهنجو ساهه سولو نڪري!“ ٻانڀڻيي سان لڙائي ڪرڻ جي ڪنهن کي به همت نه ٿي، تڏهن هوٿل وچن ڏنو ته مان اُن بادشاهه کي شڪست ڏينديس. ائين چئي، مردانو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي، سنڌ طرف رواني ٿي. پنهنجو مردانو نالو رکيائين- ”ايڪلمل“ . | |
| هوڏانهن، اوڍي ڄام اڃا ڪوهه پنڌ مس ڪيو هو ته هڪڙي حسين نوجوان کي ايندي ڏٺائين: لوڏ لاکيڻي، خصلت خانداني، شاهاڻو وڳو زيب تن، سندس سمورا ساٿي هٿيارن سان لـَـيس- ڄڻ ته ڪو شهزادو لڙائيءَ تي نڪتو هو. اوڍي ڄام هن کان اڳ اهڙو جوشيلو جوان ڪڏهن به نه ڏٺو هو، سو اڳتي وڌي کانئس پڇيائين ته: ”اي اِندر جا اوتار، تون ڪير آهين ۽ هن خوفناڪ جهنگ ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ نوجوان جواب ڏنو ته ”آءٌ پنهنجي پـِـتا جي وچن پاڙڻ لاءِ ٻانڀڻيي جون ست - ويهون سانڍيون سـِـرڪائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“ پوءِ ته ٻنهي جي خوشيءَ جي حد نه رهي، ڇاڪاڻ ته ٻيئي ڄڻا ساڳئي ماڳ وڃڻ وارا هئا. | |
| گهڻن ٿورن ڏينهن بعد، ٻنهي جو ڪٽڪ اچي ننگر سموئيءَ جي نزديڪ پهتو. ٻنهي جوانن پنهنجو پنهنجو عهد پورو ڪيو ۽ ٻانڀڻيي جون ست- ويهون سانڍيون چورائي، گڏجي، سلامتيءَ سان ساڳئي رستي کا ن موٽي آيا. وچ واٽ تي ٻنهي وِيرن جي موڪلاڻيءَ جي مهل آئي، تڏهن سندن اکين مان آنسو اوهيڙا ڪري وهڻ لڳا. آخر ٻئي جاني جدا ٿيا. پر اوڍي جي اندر ۾ هن حسين نوجوان جي صحبت اهڙو ته اونهو گهاءُ ڪيو هو، جو پنهنجن ماڻهن کان منهن موڙي، چوڻ لڳو: | |
| ”ججها ڏج جـُـهار، ويسلڏي واگهيلي کي، جت جوان اُڀيار، اُت اوڍو اوٿليو.“ | |
| ائين چئي، پرينءَ جا پير نهاري، پوئتي موٽيو. ڳـُـجهي لباس ۾ لڪل اهو نوجوان ڪير هو؟... اِها هوٿل پدمڻي پاڻ هئي! واٽ تي، چکاسـَـر تلاءَ جو نرمل نـِـير نهاري، پنهنجي ساٿ کان پري نڪري، اڪيلائيءَ ۾ هوٿل پري پنهنجو مرداڻو ويس لاهي وهنجڻ لڳي، ته ايتري ۾ اوڍو به چکاسر جي پار تي چڙهي، اچي ڏسي ته مار، هي ته ڪو سچو پچو محبوب آهي! | |
| چڙهـُـي چکاسـَـر پار، اوڍو هوٿل آهوڙي، وڇائي ويٺي وار، پاڻيءَ مٿي پدمڻي. | |
| هوٿل پنهنجيءَ سينڌ جا وار کولي، واسينگ جيان وڇائي ڇڏيا هئا، جي چکاسر جي شفاف پاڻيءَ جي زينت دوبالا ڪري رهيا هئا: | |
| چڙهي چکاسر پار، هوٿل نـَـهارئي هيڪلـِـي، سينڌ اُکيلا وار، تـَـري ۽ تـُـڙڳون ڏي. | |
| اوچتو ئي، هوٿل پنهنجي نگاهه پٺتي ڪئي، ته اک وڃي اوڍي تي پيس. هن پرديسڻ پريءَ، اوپري آدميءَ کي ڏسي، پنهنجن سهڻن ۽ ڊگهن وارن سان پنهنجي سندر سرير کي لڪايو، ۽ چوڻ لڳي. | |
| ”اوڍو اُت اُڀيج، ريکڙ يارا ڄام، نه ايڪلمل آنءُ، هوٿل منهنجو نام.“ | |
| هوٿل هڪل ڪري چيو ته ”اي اوڍا ڄام، جنهن کي تو ”ايڪلمل“ سمجهيو ٿي، سو ايڪلمل ڪونهي. آءٌ ته مرد جي لڪل لباس ۾ هڪڙي حور آهيان! تون تلاءَ جي پار کان پري بيهه ته مان پنهنجي سرير کي سينگاري وٺان.“ | |
| ”هيءَ هوٿل پدمڻي آهي!“ اهو ڄاڻي، اوڍو اندر ئي اندر ۾ گد گد ٿيڻ لڳو. پدمڻي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري، پنهنجي سرير تي سورهن سينگار سجي، اوڍي جي اڳيان اچي بيٺي ۽ اوڍي کي ڪنڙا ڏونگر ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪيائين. ڪي چون ٿا ته ڪنڙو، ڪاٺياواڙ ۾ آهي، ڪي ڪارونجهر کي ”ڪنڙو“ چوندا آهن. پوءِ هوٿل ڪنڙي ڏونگر ۾، اوڍي کان انجام وٺي چوڻ لڳي ته ”اي اوڍا ڄام،جيڪڏهن سنسار کي اها سـُـڌ پيئي ته اوڍي جي گهر هوٿل پري آهي، ته پنهنجي پريم ۾ زبردست انقلاب اچي ويندو! ان ڏينهن کان وٺي اسين هميشه لاءِ جدا ٿي وينداسين.“ اوڍي اهو انجام ڪيو ته هو ڪنهن تي به اها حقيقت ظاهر نه ڪندو: ”اي نگامري جي نيلڻي، اوڍي جو مرڻ يا جيئڻ هاڻ هوٿل جي هٿ ۾ آهي.“ | |
| ”چاهي مار جيار، مرڻ چڱو محب سان، جيوَ جيوارڻهار، نيڻان تنهنجو نگامري.“ | |
| پوءِ رواج موجب، چؤنريءَ جا چار ڦيرا ورتائون، ۽ ان طرح ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کي پاڻ اَرپي، رڻ ۾ شادي رچائي: | |
| رڻ ۾ ڪريو مانڏرو، وڇائي ڏاڙهون ڊاک، اوڍو هوٿل پرڻيا، سورج ڀرجانءِ ساک. | |
| ----- | |
| چؤنريءَ آنٽا چار، اوڍي هوٿل سان ڏنا، نِگامري ايڪ نار، ٻيو ڪيهر جو راڄيو. | |
| ڪنڙي جي ڪـُـنڊ ۾ اوڍي ۽ هوٿل سنسار جي سک جا ڏهه سال ڏاڍيءَ سڪ ۽ پريم سان پورا ڪيا. انهيءَ وچ ۾ هوٿل جي گود ٻن هيرن ”جيسل“ ۽ ”جکري“ سان چمڪي رهي هئي. | |
| وسڪاري جي موسم هئي. اُڀ سڄوئي ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو هو. اُتر جي ٿڌي ۽ وڻندڙ هوا، هر هر هوٿل جي ڪارن ۽ ڊگهن وارن کي وکيري، اوڍي جي ڳلن تي هلڪيون ٿڦڪيون ٿي هنيون. سارنگ جي هيءَ سونهن سوڀيا ڏسي، پکي پکڻ مڌر سر اَلاپي رهيا هئا. هيءَ سندر فضا اوڍي جو اندر سهي نه سگهيو، ۽ گرم آنسوئڙا سندس اکين ۾ ڀرجي آيا: | |
| اُتر سيڙهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا، هينئڙو تڙڦي مـَـڇ جان، ساجن سنڀريا. | |
| اوڍي کي اوچتو پنهنجا ڀاءُ برادر، دوست ۽ راڄڌاني چت چڙهي آئي ۽ هاريل هـِـنئين سان هوٿل کي اندر جي آنڌ مانڌ کان واقف ڪيائين. پوءِ ٻنهي جي اکين مان ڳوڙها ٽپ - ٽپ ڪري وهڻ لڳا. ايتري ۾ مور اچي ٻولڻ لڳو. هوٿل کي اها ڪمهلي لات ڪانه وڻي: | |
| ”مـَـتَ ٻول، مـَـتَ ٻول، مورلا، لـَـو تو آگهو جا، ايڪ تو اوڍو آڻهرو، اُوپـَـرَ تنهنجو گهاءُ. | |
| ماريس تو کي مور، سڄڻ جاڃڙاوا ڪري، آهين چـِـت جو چور، اوڍو تو اُداس ڪيو“ . | |
| هوٿل جا ڪٺڻ ويڻ سڻي، مور پنهنجي سندر ڪنٺ کي اوچو ڪري چوڻ لڳو: | |
| ”اسين گڙِ جا مورلا، ڪانڪـَـر پيٽ ڀـَـران، رُت آئي نه ٻولان، هينئون ڦاٽ مران.“ | |
| (اي پدمڻي، اسان جو ٽڪاڻو آهي ڏونگر، سو پٿر کائي پيٽ ڀرڻو ٿو پوي، ۽ هينئر جڏهن وسڪاري جي رُت آئي آهي، تڏهن جي ماٺ ڪريون ته هڪدم اسان جو هـِـينئون ڦاٽي پوي!) اِئين چئي، مور ڌيمي سـُـر سان وري ٽـُـهوُڪڻ لڳو. مور جو ان طرح ٻولڻ هوٿل کي وِهه کان به ڪـَـڙو لڳو. سو، پنهنجيءَ نازڪ ٻانهن سان تير ڇڪي، ڪمان تي چاڙهيائين. انهيءَ تي اوڍي هڪدم هوٿل جو هٿ جهلي ورتو ۽ چوڻ لڳو: | |
| ”گـَـهلي مَ تانگهلڙي، لانٻا بانڌ مَ ڏور، گلي گلي گٽڪسي، تون ڪـِـتا اُڏائيس مور!“ | |
| (چري، ڪنڙي جي ڪنڊ ۾ مور ٻولي رهيا آهن، تون ڀلا ڪيترن کي ماريندينءَ؟) | |
| ”ڪرپا ڪيجي نه ماريئي، جنهن جا رَتا نيڻ، تڙ ويٺا ٽهوُڪا ڪري، نـِـتَ سنڀاري سيڻ.“ | |
| (اوڍو چوڻ لڳو: اي هوٿل، ويچارن مورن کي ڇو ٿي مارين، انهن جي ڊگهي ڳچي ۽ رَتا نيڻ ڪهڙا نه ٺاهوڪا ٿا لڳن! اهي ته سدائين پڪارون ڪري پنهنجن سڄڻن کي سنڀاري رهيا آهن.) | |
| ”ريل مچيلا ڏونگرا، چارو لڳي چڪور، وساريا سنڀاري ڏئي، اي نه مارجي مور.“ | |
| اوڍي کي نهايت ڏکارو ڏسي، هوٿل هيٺيون ويڻ اُچارڻ لڳي: | |
| ”ڇـَـپـَـرَ ڀـِـجاڻي ڇـَـڪ هوئا، ٽنٻڪَ ٿي ويا نيڻ، ڪيم ٿي اُتم گوريان، چڙهي تنهنجي چت سيڻ.“ | |
| اوڍو جنهن پٿر تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، سو به ڳوڙهن سان آلو ٿي ويو، تڏهن هوٿل چوڻ لڳي: ”اي اوڍا ڄام، اڄ ڪهڙيءَ ڪامڻيءَ کي ياد ڪري رت روئي رهيو آهين؟“ اوڍي پنهنجو اُداس چهرو مٿي کنيو ۽ چيائين: | |
| ”ڪنڙي موتي نـِـپجي، ڪڇ ۾ مـِـلسـِـي مـَـٺ، هوٿل جهڙي پدمڻي، ڪڇ ۾ نيڻن نه ڏِٺَ!“ | |
| (هوٿل جهڙو هيرو ڪنڙي کان سواءِ ڪٿي به پيدا نٿو ٿئي، اتي ته رڳو مـَـٺ ٿين ٿا: تو جهڙي پدمڻي ته مون پنهنجي ملڪ ڪـَـڇ ۾ ڪڏهن ڪانه ڏٺي.) | |
| ”کير ٻـُـري ۽ ٻاوَلِي، ڦل ڪنڊا ۽ ڪک، هوٿل هلو ڪـَـڇڙِي، جت ماڻهو سوايا لک.“ | |
| (اي هوٿل، جيتوڻيڪ اُتي ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن، گلن ڦلن جو چهچٽو نه آهي، تڏهن به منهنجو ديس آهي، جتي هر ماڻهوءَ جو ٻول سوا لک لهي ٿو.) | |
| پوءِ اوڍو پنهنجي وطن جي ساراهه هيئن ڪرڻ لڳو: | |
| ”ونڪا ڪوُنئر مڪٽ ڀڙ، ونڪا واڇڙيئي وَڇ، ونڪا ڪوُنئر تو ٿئي، پاڻي پيئي جو ڪـَـڇ.“ | |
| (ڪـَـڇ جا ماڻهو بهادر، گهوڙا تکا، ۽ ڍڳا ڀلا ٿين ٿا. تون جيڪڏهن ڪونئر! ڪڇ ڌرتيءَ جو پاڻي پين، ته هن کان به وڌيڪ مهاوير ٿئين، تنهنڪري اي جنم ديوي، منهنجي ڀوميءَ ڏانهن هل.) | |
| ”هرڻ آکاڙا نه ڇڏي، جنم ڀوم نـَران، هاٿي ڪي ونديا جبل، وسِرسي مـُـوُئان.“ | |
| (هرڻ کي پنهنجو اصلي آکاڙو، ماڻهوءَ کي پنهنجي جنم ڀومي، ۽ هاٿيءَ کي ولدڀا جبل مرڻ تائين ڪونه وسرن. پنهنجو وطن ته هر ڪنهن کي مٺو آهي.) | |
| ”گـِرَ موران، بـَـن ڪونجهران، آنٻا ڏار سوُئان، سڄڻ ڪـُـوَچن جنم گهر، وِسرسي موُئان.“ | |
| (مور کي ڏونگر، ڪونج کي جهنگ، طوطي کي انب جي ٽاري ۽ ماڻهوءَ کي سڄڻ جو ڪڙو ويڻ ۽ پنهنجو جنم گهر، مرڻ کان پوءِ وسرندا.) | |
| هوٿل، اوڍي کي انت اُداس ڏسي، سندس وطن ورڻ قبول ڪيو. | |
| ائين، سهي سنڀري، شام ڌاري اچي ڪيراڪوٽ جي گوندري ۾ پهتا. هوٿل نهايت ڄاڻو ۽ هوشيار استري هئي، تنهن اوڍي کي چيو ته: ”پهرين تون اڪيلو وڃي پنهنجي ديس جو واءُ سواءُ وٺي اچ ته راڄ جو ڪاروبار ڪيئن پيو هلي.“ اوڍو، اها ڳالهه مڃي، اڪيلو ئي رات جي وڳڙي ۾ گهٽين جو گشت ڪرڻ لڳو. ڏٺائين ته ڪيراڪوٽ ۾ ڪـُـنياءُ جي زبردست لهر ڇانيل آهي. جنهن جنم ڀوميءَ ۾ اڳي اوڍي جو اِسم عام کي چـِـت چڙهيل هو، اُتي هينئر اوڍي جي نالي کي به ماڻهو وساري چڪا آهن. اوڍي ساري رات رُلي اهو مامرو سمجهي ورتو، ۽ هوٿل کي اچي چوڻ لڳو ته ”هي شهر ڇڏي، پاٽڻ ۾، ويسلڏي واگهيلي وٽ هلڻ کپي!“ | |
| پاٽڻ ۾ ، ڪجهه ڏينهن کان هڪڙي ڪيهر شينهن دهشت مچائي ڇڏي هئي. وڏا وڏا پهلوان جوان ان کي شڪار ڪرڻ کان بان ڪري بيٺا هئا. ببر شينهن جي دل ڏاريندڙ گجگار سان، ٻارن ۽ ٻڍن جون دليون دهلجي رهيون هيون. واگهيلو سخت پريشانيءَ ۾ گرفتار هو. پاٽڻ جي پهريدارن جي ٻانهن ۾ اهو ٻل نه هو، جو هن آفت جو انت آڻي سگهن. شير جي ڊپ کان، ڪنهن کي مجال نه هئي جو شهر کان ٻاهر پير ڌري! اوچتو گام جي گوندري وٽ، ”جيسل“ جي ڪمان مان نڪتل تـِـير، شير جي چيلهه کي ڪوري، آرپار لنگهي ويو. آدمخور شينهن، تاڏون ڪندو، رنڀندو، اتي جو اتي ڪـِـري پيو. ساري راڄ ۾ واه - واه ٿي ويئي! ويسلڏي کي خبر پيئي، ته هڪدم هلي آيو. ڏسي ته اوڍو ۽ سندس ٻه پٽ بيٺا آهن! هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ڀاڪر پائي مليو. پوءِ کين عزت سان محل ۾ وٺي آيو، ۽ اوڍي کان پڇيائين ته ”جيسل ۽ جکري جا ناناڻا ڪٿي آهن؟“ اوڍي ڪئين جـُـڙتو نالا ورتا، پر ڪچهري چوڻ لڳي ته ”انهن ماڻهن کي ڌيئن جو اولاد ته آهي ئي ڪونه!“ وري جيسل ۽ جکرو، ٻيئي، ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ تلوارون مياڻ مان ڪڍي بيهي رهيا. پنهنجي پيءُ اوڍي کي چيائون: ”اسان جي ماءُ تي ڪهڙو ڪلنڪ آهي، جو ماڻهن وٽ سندس نالو ظاهر نٿا ڪريو؟“ پيءُ پنهنجي پٽن کي ڪيترن ئي حيلن سان سمجهايو ته هو ضد نه ڪن، نه ته کين پڇتائڻو پوندو، پر ٻنهي مان ڪو هڪڙو به پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه مـُـڙيو. اوڍي جي اکين آڏو ڪاري رات ڇانئجي ويئي، ۽ پنهنجيءَ پياريءَ هوٿل جي ڏنل انجام کي ياد ڪري، اندر ۾ روئڻ لڳو. سـُـجهي آيس ته هاڻ هوٿل اِجها ٿي هٿن مان وڃيم. پر ڪري به ڇا“ ويچاري سان گدري ۽ ڪاتيءَ واري ڪار هئي. آخرڪار، پنهنجي ڇاتيءَ تي پٿر رکي، چوڻ لڳو: ته ”هوٿل پري!“ اهو نالو ٻڌي، ساريءَ ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو: ”اوڍي جي گهر، هوٿل!“ | |
| هوٿل کي ان وقت ئي خبر پئجي ويئي، سا پنهنجي قرب جي ڪهاڻي لکي، انهيءَ دم ۾ ڪنڙي ڏونگر ڏانهن رواني ٿي ويئي: | |
| چٺيون لکيون چار، هوٿل جي هٿڙي، اوڍا وانچي نهار، اسان اچڻ ايترو. | |
| آون پکي اُڏايان، نه سگهڙ نه پار، هوٿل هلي ڀونئري، اوڍا تو جـُـهار. | |
| اوڍو ۽ هوٿل هميشه لاءِ هڪٻئي جي جدائيءَ ۾ جهرندا رهيا. اونداهيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ سنجوڳ جو سورج ڪڏهن به ڪونه اُڀريو. | |
| سامهين ڌار ڏيوا ٻري، بجلي چمڪ ڀران. اوڍا اڄ آڻهرو، هوٿل ناهه گهران. ----------- | |
| محمود شاهه بيگڙو | |
| جنهن وقت دهليءَ تي تغلق ۽ خلجي گهراڻن جو راڄ هو، تنهن وقت گجرات ۾ صوبا حڪومت هلائيندا هئا.پڇاڙيءَ ۾ هڪڙو مسلمان ٿيل راجپوت سردار، مظفر شاهه نالي، گجرات جو حاڪم ٿيو. هيءُ گجرات جو پهريون مسلمان حاڪم هو. مظفر شاهه کي سندس پوٽي احمد شاهه زهر ڏيئي، پاڻ گجرات جي واڳ هٿ ڪئي. احمد شاهه سابرمتيءَ جي ڪناري تي هڪ نئون شهر، احمد آباد نالي ٺهرايو. ان کان پوءِ سندس پٽ محمود شاهه بيگڙو تخت تي ويٺو. هن گرنار ۽ پاواگڍ، ٻئي قلعا راجپوتن کان جيتي ورتا هئا، تنهنڪري سندس نالو ”بيگڙو، ٻه - ڳـِـڙهه جيتڻ“ وارو پيو. بيگڙو 1459ع ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 1511ع تائين، ڪـُـل ٻاونجاهه سال راڄ ڪيائين. شروعات ۾ هن سان اميرن تڪرار ڪيو، تڏهن هن جي والده اميرن جي بگڙڻ جي سموري سـُـڌ پنهنجي پٽ کي ڏني. هن پهرين سورٺ تي ڪاهڻ جو ارادو ڪيو. تنهن وقت جهونا ڳڙهه تي راءُ منڊلڪ راڄ ڪندو هو. راءُ منڊلڪ کي هڪ چارڻياڻيءَ هيٺيون سراپ ڏنو هو: | |
| گڍ جهوناڻي پوڙ، ڏامو ڪـُـنڊ ڏيکيسي نهين، رتن جاوسي روڙ، منهن سنڀاريس منڊلڪ. ناگٻائي نان نه کميو، ڀـُـليو راجا ڀِيت، ماڙي ٿيندي مسـِـيت، منهن سنڀاريس منڊلڪ. نه پوٿي نه پـُـراڻ، ڀاڳوت ڀاڙيس نه، ڪـَـلمو پڙهندين قرآن، منهن سنڀاري منڊلڪ. جهالو جا جهڻڪار، نه وري سک سنڀرندا، پوندي ٻانگ پـُـڪار، منهن سنڀاريس منڊلڪ. | |
| چارڻياڻيءَ جو سراپ سچو نڪتو ۽ محمود شاهه بيگڙي جهونا ڳڙهه تي ٽي دفعا ڪاهي، راءُ منڊلڪ سميت، سڀني کي مسلمان ڪيو ۽ اُتي هڪڙي مسجد شريف ٺهرائي. پوءِ محمود شاهه چنپانير جي هڪ سندر قلعي، پاواگڍ تي چڙهائي ڪري ويو. تنهن وقت پاواگڍ تي پتائي راول راڄ ڪندو هو. راجپوت هن سان بهادريءَ سان وڙهيا، پر نيٺ هار کاڌائون. محمود شاهه پاواگڍ ۾ به هڪ سهڻي مسجد اڏائي. | |
| ملڪ جلال الدين جي پارڪر تي ڪاهه: | |
| جنهن وقت محمود شاهه بيگڙو گجرات جي گاديءَ تي هو، تنهن وقت سنڌ تي سمن جي بادشاهي هئي. سمن کي هر وقت گجرات جي حاڪمن کان خوف رهندو هو، تنهنڪري اُنهن بلوچن جا چار هزار ڪٽنب ننگر پارڪر ۾ بچاءَ لاءِ رکيا. بلوچ چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا. برساتن جي مند ۾ آبو جبل لنگهي، مالوا ۽ نربدا جي علائقن ۾ گشت به ڪندا هئا. وقت سر واپاري قافلن کي ڦري، ڀـِـٽن ۾ پنهنجو مال نيڪال ڪندا هئا. انهن جي هـِـن ڦرمار ايترو ته زور ورتو جو مصطفيٰ ۽ احمد آباد جي وچ ۾ هلندڙ قافلا بنهه بند ٿي ويا. سلطان محمود، ملڪ جلال الدين کي ڪوٽوال مقرر ڪيو. هو هڪ دفعي پارڪر تي چڙهائي ڪري آيو ۽ پنج سؤ ڌاڙيل گرفتار ڪري، انهن کي سـُـوريءَ تي چاڙهيائين. تنهنڪري ڌاڙيلن ۾ وڌيڪ تاءُ پيدا ٿيو ۽ جلال الدين کي تمام تنگ ڪيائون. سلطان محمود جلال الدين کي ”محافظ خان“ جو لقب عطا ڪيو. | |
| محمود شاهه بيگڙي جي پارڪر تي پهرين چڙهائي: | |
| ڌاڙيلن کان تنگ ٿي، سلطان پاڻ، زبردست توبخاني سميت، سن 1504ع برابر 879 هجريءَ ۾، پارڪر تي ڪاهي آيو ۽ بلوچن کي هٿ ڪري مارڻ لڳو. بلوچ چوويهه هزار لشڪر سان سندس سامهون ٿيا، مگر سلطان جي توبخاني جي ڪري ڊڄي ويا. سلطان پوءِ ڪيترن سارن بلوچن کي قابو ڪري، احمد آباد موٽيو. تنهن هوندي به ڦـُـر لـُـٽ بند نه ٿي. هن پارڪر ۽ ڪڇ تي قبضو ڪري ورتو، پر ٿر جي ڀـِـٽن ۾ هن کي ڌاڙيل ڳولڻ ۾ تمام تڪليف ٿي. | |
| ڀوڏيسر جي مسجد شريف | |
| اُن وقت پارڪر ۾ سوڍن ۽ کوسن جو تمام زور هو. سوڍا ۽ کوسا گڏجي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ ٻيئي ذاتيون ڪنهن جي به پرواهه نه ڪنديون هيون. ڪو مسافر يا قافلو پارڪر مان لنگهندو هو ته هـُـو ان کان ڏَن ته وٺندا هئا، پر جيڪو مال متاع موجود هوندو هو، اُهو به ڦري، پوءِ ڇڏيندا هئا. انهن بلوچن جي باري ۾ ڪئپٽن ريڪس، پنهنجي ڪتاب ”حالات ٿر ۽ پارڪر“ جي صفحي 10، 11 ۽ 12 ۾ لکي ٿو ته: ”بلوچن جا چار هزار ڪٽنب پارڪر ۾ رهندا هئا. ظاهري نموني اُهي مارواڙ ۽ پالڻپور جي حدن ۾ اُٺن جا وڳر چاريندا هئا، پر موقعي ملڻ تي گجرات ڏانهن ويندڙ قافلن کي ڦريندا هئا، اهو مال اچي ٿر جي ڀـِـٽن ۽ ڏَرڙن ۾ لڪائيندا هئا ۽ پوءِ گجرن، سولنڪين ۽ ڪڇ جي جاڙيجن کي ڌاڙي جو مال نيڪال ڪندا هئا ۽ وقت جي حاڪمن سان موقعو پائي جنگيون ڪندا هئا، سندن برخلاف دهليءَ جي تغلق بادشاهن کي دانهون پهتيون هيون، پر اُنهن کي ايتري فرصت ڪانه هئي جو کين سيکت ڏين. سلطان جي ڪوٽوال جلال الدين کي هنن ڏاڍو تنگ ڪيو، تنهنڪري محمود بيگڙو 1504ع ۾ پارڪر تي ڪاهي آيو.“ ٻيو سيد علي ريس 1556ع ۾ پارڪر مان لنگهيو هو، سو پنهنجي ڪتاب ”مرات الممالڪ“ ۾ لکي ٿو ته: ”اسان جي پارٽي ڏهن ڏينهن جي سفر بعد راجپوتن جي شهر ننگر پارڪر پهتي، جتي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺڻ کان پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو. انهن کي اسان وٽان پئسن وٺڻ جي نيت هئي. پوءِ جڏهن اسان ڪجهه ڏنو، تڏهن اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏنائون.“ انهن ڳالهين مان ثابت آهي ته پارڪر ۾ ان وقت جي سوڍن ۽ کوسن جو عام ڌنڌو اهو ئي هو. هڪڙي ڏينهن سلطان محمود بيگڙي جي والده قافلي سميت اچي ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪي. سوڍن انهن کان ڪسٽم ورتو ۽ قافلي کي لـُـٽي ورتو. ڪي چون ٿا ته انهن وٽ پارس مڻي هئي، جا سوڍن ڦري ورتي. بيگڙي جي والده جڏهن احمد آباد پهتي، تڏهن هن سڀ ڳالهه جي سـُـڌ بيگڙي کي ڏني. تڏهن هو ٽيون دفعو، سن 1505ع، برابر سنبت 1562، برابر هجري 880 ۾، ڀوڏيسر تي ڪاهي آيو. خونخوار لڙائي لڳي، جنهن ۾ ڪيترا سلطان جا ماڻهو ۽ ڪيترا سوڍا مارجي ويا. سلطان جا ماڻهو جيڪي مارجي ويا، تن جون مسجد جي پاسي ڪيتريون قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پوءِ محمود شاهه هڪ سنگمرمر جي عاليشان مسجد ٺهرائي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٽيهه فوٽ آهي. اڏاوت جو اهو نمونو بهترين آهي. اندر فارسيءَ ۾ اکر لکيل آهن: ”محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين - سن 1505ع.“ هيٺ ”سنبت 1562“ ، گجراتيءَ ۾ لکيل آهي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهي: ”جيڪڏهن مسجد زخمي ٿي پوي ته وقت حاڪم تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ان کي درست ڪرائي.“ | |
| ڀيم ڏيو جو پارڪر تي قبضو: | |
| سلطان محمود غزنويءَ جي وفات کان پوءِ، سندس پوين جي ڪمزوري ڏسي، راجپوت راجائن وقت بوقت سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون. غزنوي دؤر وقت دهليءَ تي تومارن، اجمير تي چوهاڻن، قنوج تي راٺوڙن، ۽ گجرات تي واگهيلن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ کان پوءِ گجرات جي حاڪم ڀيم، پارڪر کان ٿي، ساريءَ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو. گجراتي ”پريم مالا“ مان ان بابت ڪي شعر پيش ڪجن ٿا: | |
| وَرسَ شانتي ٿي ساٺ، ونراج وهـِـيوَٽ ڪريو، ايڪ سان نـِـرپ سات، ٿيا چاوڙا ونس جا. | |
| ڇـَـهلو نـِـرپ سا منت، نـِٻـَـلو ۽ رِيسـَـن هتو، تنهن کان آيو اُنت، جئه سيـِـکر جي وَنس جو. | |
| رکيو سـِـرَ پـَـرَ تاج، راجا گـُـجر ديش جي، سولنڪي مولراج، مامي کي ماري ٿيو. | |
| پراڪرمي مولراج، ٻلونت ۽ بهادر هـَـتو، تابع ڪريا تاج، ڪڇ ۽ سورٺ تـَـڻا. | |
| سولنڪي ڪـُـل ڀاڻ، راڄ وڌايو شور سان، ڦري تن جي آڻ، آبوُ سان ريوا سؤڌي. | |
| مهاراجا مولراج، پوءِ چار راجا ٿيا، هليو گـُـجر تاج، ڀيم ديوَ جي وقت ۾. | |
| غزلي جو سلطان، محمود گجرات پر، ڪـَـرَواني حيران، اوجتو آيو چڙهي. | |
| گهڻو ڪري نقصان، آکٽ دولت لـَـتي ني، غزنوي جو سلطان، محمود گيو سوديش مان. | |
| سنڀاريو نج راڄ، اچي پاٽڻ مان ڀيمي، پوءِ ڪيو هي ڪاج، سنڌ ديش قبضي ڪريو. | |
| --------- | |
| پرمارن جي وقت ۾ پارڪر جي حالت | |
| عيسوي پهرين صديءَ جي دؤر ۾ پاري ننگر سنڌ جو هڪ بهترين بندرگاهه هو. سامونڊي بندر هئڻ ڪري ڏورانهن ڏيهن سان ان جو واپار هلندڙ هو، تنهن جي ڪري جيني قوم جا فرد سرمائيدار هئا. ”سڏونت - سارنگا“ جي ڪتاب موجب، پاري ننگر ۾ زبردست پاٺشالائون هيون، جتي علم جو پرچار هلندو هو. گـُـرُ برهمڻن جي عزت هئي. زمين پوکڻ جو ٿورو رواج هو. پرمار تمام بهادر هئا ۽ برهمڻ کين ”راجـُـپتر“ ڪري سڏيندا هئا. برهمڻ کان پڇي لڙائيءَ تي وڃڻ جو خاص دستور هوندو هو. پاري ننگر ناس ٿيڻ کان پوءِ، پارڪر ۾ چئني طرف طوائف الملوڪيءَ جو دؤر هو. دهليءَ ۽ گجرات جي پاسن کان وقت بوقت پارڪر تي ڪاهون ٿينديون هيون. تنهنڪري هڪڙي وڏي وڻ تي هميشه ماڻهو واري وٽيءَ تي ويهندو هو ۽ پوءِ جڏهن لشڪر ايندو ڏسندا هئا ته زالن کي هڪ هنڌ لڪائي، پاڻ وڃي لڙائيءَ کي منهن ڏيندا هئا. علم جي لهر پاري ننگر تائين محدود رهي، ان کان پوءِ علم جو نالو نشان نه هو. ويندڙ قافلن کي لـُـٽڻ ۽ ڦرمار ڪرڻ وقت خاص ڌنڌو هو. زالن ۾ سـَـتي ٿيڻ جو رواج هو. پرمارن وٽ خاص لشڪر ڪولهين جو هو، تنهنڪري انهن جي عزت رکندا هئا. برهمڻن جي مڃتا هئي، باقي ٻين اڇوت ذاتين سان سهڻو سلوڪ نه هو. ميگهواڙن کي قميص پائڻ ۽ سندن زالن کي ڇيٽ جي گهاگهري ۽ سون يا چانديءَ جي زيورن پائڻ جي سخت منع هئي. ويچارن اڇوت ذات وارن کي هر حالت ۾ غلام رکيو ويو ۽ اُنهن کي علم جهڙيءَ بي بها دولت کان محروم ڪري ڇڏيو ويو. | |
| پارڪر جي راڻن جو شجرو: | |
| راڻي آسراءَ کان پوءِ هيٺيان راڻا ٿيا: (1) ڏيوراج (2) سڙڪجي (3) کنگهارجي (4)ارجڻجي (5) ڀيمجي (6) باکرجي (7) گانگوجي (8) اکوجي (9) ماڻڪ راءُ (10)ڏيپار ڏيوُ (11) رامسنگهه (12) وڻويرجي (13) رائڌڻجي (14) گجسي (15)ڪانجي (16)رتنجي (17)هميرجي (18)رڻڇوڙجي ۽ (19)اڇل سنگهه، جو پارڪر جو موجوده راڻو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ رڻمل سنگهه، پيٿاپـُـر ۾ رهي ٿو. | |
| راڻي اکوجيءَ کان پويان ”آکا سوڍا“ چوڻ ۾ آيا، جي موندري جا سوڍا آهن. هن جا چار ڀائر هئا: (1) نندوجي جنهن ويرا واهه وسايو (2) مانوجي، جنهن ڪاسبو وسايو، (3)سانتلجي، جنهن کارڙيو وسايو ۽ (4) ويريسال، جنهن سـُـکپـُـر وسائي. | |
| سوڍن جو پارڪر ۾ اچڻ: | |
| راڻي ڌارابرش تائين سوڍن سڄي ٿر ۽ پارڪر تي قبضو ڪري ورتو. راڻي ڌارابرش جا ٽي پـُـٽ مارواڙ کان آيا. پهريون وڏو درجن شال، جنهن امرڪوٽ تي قبضو ڪيو. ٻيو ننڍو جڳت سنگهه، جنهن ننگر پارڪر تعلقي ۾ ”پـِـيلو“ اچي وسايو. پـِـيلو ننگر پارڪر کان چوويهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ٽيون آسراءُ، تنهن اچي پارڪر وسائي ۽ ننگر پارڪر شهر وٽ هڪ تلاءُ جي پاسي جايون جوڙي اچي ويٺو. اُن تلاءُ کي ”راڻاسر“ تلاءُ ڪري چئبو آهي. اُن تلاءُ جي هڪ پاسي پـَـڪسري ڀـِـت اڄ ڏينهن تائين سلامت بيٺي آهي. | |
| -------- | |
| سنگها تلاءُ | |
| ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ۽ ويرا واهه جي تمام ويجهو هڪ زبردست ڍنڍ ڏسڻ ۾ ايندي، جا ويڪرائيءَ ۾ اٽڪل ٻه هم چورس ميل ٿيندي. برسات جي موسم ۾ هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندي آهي. تڏهن ان ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو آهي ۽ ڏکڻ کان چڻيدن جي ٽڪريءَ تان لهندڙ ”ڪونڀا واهه“ کي پاڻيءَ سان ڀري پـُـر ڪري ڇڏيندي آهي. سنگها ڍنڍ، ويرا واهه جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس جيئن پاڻي سـُـڪندو آهي، تيئن هيرڻ ۽ ڪڻڪ پوکبا آهن، جي سنڌ جي ڀليءَ زمين کان به گوءِ کڻي ويندا آهن. منجهس ڪيترن قسمن جا پرديسي پکيئڙا اچي رهندا آهن. هن ۾ هڪ قسم جو گاهه ٿيندو آهي، جو ٽي - چار فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو: ان کي ”ڪلورو“ ڪري چيو وڃي ٿو. هن کي ڪـُـٽي، مزور ماڻهو کٽن جو واڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان جي ڦرين مان ٻج ڪڍي، ڏڪار جي وقت، ٻچن جو قوت ڪندا آهن. ڪجهه مٿڀرو ”جکن“ جا ڏهرا ڏسڻ ۾ ايندا، جي تمام ڪاريگريءَ سان چـُـڻيل آهن. ڏهرن جي نزديڪ ڀانسر تلاءُ آهي، اُتي اڳي ”ڀاڻ“ نالي هڪ زبردست مالدار رهندو هو، تنهن پنهنجي مال جي سهنج لاءِ اهو تلاءُ ٺهرايو هو. | |
| لورلائي: | |
| ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي، گهرٽياريءَ جي ڀر ۾، وڏو تلاءُ آهي. پاري ننگر کان جڏهن ٻه هزار گهر، لوهارن جا اُتي جي راجائن کان ڪڪ ٿي نڪتا، تڏهن اُنهن اچي لورلائي وسائي، جنهن کي ”لوهارن واري“ ڪري چئبو هو، اُن جو اُچار ڦري اڄ ”لورلائي“ ٿيو آهي. هن ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو آهي.لوهارن ۾ هڪڙي حسين ڇوڪري هئي، جنهن تي پاري ننگر جو شهزادو عاشق هو. لوهارن جي لڏي وڃڻ تي به هو انهن کي ستائڻ لڳو. آخر اها ڪنيا اُن تلاءَ جي ڪناري تي سـَـتي ڏاگهه چڙهي. اُن جو پٿر اڄ ڏينهن تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو. | |
| ڏونگريءَ جي ستي برهمڻي: | |
| جنهن وقت پارڪر تي ٺڪرن جو زور هو، تنهن وقت ڏونگري هڪ زبردست شهر هو. ان جي جاين جا نشان جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اُتي هڪ وڏو پٿر کتل آهي، جنهن ۾ استريءَ جو هٿ آهي ۽ هٿ جي پاسي ۾ سج ۽ چنڊ جون شڪليون ٺهيل آهن. روايت آهي ته ٺڪرن جي ستائڻ تي هيءَ مهاپويتر ۽ ستي ناري هن جاءِ تي پاڻ جلائي ڀسم ٿي هئي ۽ مرڻ وقت چئي ويئي ته ”هن جاءِ تي هڪ پٿر هڻي، اُن تي چنڊ ۽ سج جون شڪليون ڪڍي ڇڏجو، ڇو ته جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي، تيستائين منهنجي پويترپڻي جي ساک سج ۽ چنڊ ڀريندا ايندا. ۽ انصاف جي خون ڪندڙن تي ملامت وسائيندا رهندا.“ | |
| گوڙي جو مندر: | |
| ننگر پارڪر تعلقي ۾، ننگر پارڪر شهر کان اٺاويهن ميلن جي مفاصلي تي، ”گوڙي“ نالي هڪ ڳوٺڙو آهي، جو ڀالوا کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اُتي گوڙي جا ڏهرا آهن، جي تمام قديم آهن. گوڙي جا ڏهرا معنيٰ جينين جو جهونو مندر. ڪئپٽن ريڪس صاحب پنهنجي ڪتاب ”حالات ٿرپارڪر“ ۾ انهن جو نقشو پڻ ڏنو آهي. اِها عاليشان عمارت ڳوٺ کان اُڀرندي طرف، کليل ميدان ۾، کوهن جي ڀر ۾ آهي، هي مندر سوڍن حاڪمن جي اوج واري وقت، سنبت 1376 ۾ تعمير ٿيو. جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آهن، جو گرو گورکناٿ جو چيلو هو ۽ کيس ”گوڙيچو“ به چوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڳوٺ جو نالو ”گوڙي“ پيو. مندر جي اندر وڃڻ سان شروع ۾ ڏکڻ طرف هڪ انڌارو ڀونئرو نظر ايندو، جنهن ۾ اندر هڪٻئي هيٺان چار ڪوٺيون آهن. ڪوٺين ۾ هيٺ ڏاڪڻ رستي لهي سگهبو آهي. چوٿين ڪوٺيءَ ۾ اندر، دريءَ مثل ٿوري جاءِ آهي، جتي اڳي پوڄا ٿيندي هئي. انڌاري ڀونئري جي در تي سهڻي نقش سان چٽيل هڪڙو پٿر پيل آهي، جو اُن وقت هن ڀونئري جو دروازو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مندر جي پيدائش وارو سمورو ڌَن هن ڀونئري ۾ پوريل هوندو هو. اول اُترئين ورانڊي ۾ گهڙبو، جنهن کي اوڀر، اُتر ۽ اولهه کان دروازا آهن. سارو ورانڊو ماڻهن ۽ عورتن جي سهڻين تصويرن سان چٽيو پيو آهي. ڏکڻ طرف ٻه لاڳيتا ڏهرا آهن. هن ورانڊي جي اوچائي زمين کان ٽيهه فوٽ مٿي آهي ۽ ورانڊي جي پکيڙ ٻه سو سٺ چورس فوٽ آهي. ورانڊي کان ڏکڻ طرف هڪ ننڍي ڪوٺي آهي ۽ اُن کان پوءِ چار لاڳيتا ڏهرا آهن، جن مان هر هڪ جي پکيڙ ٻه سؤ سٺ چورس فوٽ آهي. پهرين ٽن ڏهرن تي منارا ٺهيل آهن ۽ چوٿين ڏهري تي پارسناٿ جو پتلو هو. اوڀر ۽ اولهه ۾، ٻنهي پاسن کان ٻارهن - ٻارهن ننڍيون ڪوٺيون آهن، جتي هڪ ماڻهو ويهي پوڄا ڪري سگهندو هو. اُتي هڪ ننڍو ٿلهو به ٺهيل آهي. شايد اُتي ساڌو ايڪانت ۾ يوگ - اڀياس ڪندا هئا. سڄي عمارت، اوڀر کان اولهه طرف ويهه فوٽ ۽ ڏکڻ کان اُتر طرف اٺيتاليهه فوٽ آهي. ساري عمارت ٻاهتر فوٽن ۾ آهي ۽ جاءِ جي ڪل پکيڙ نـَـو سؤ سٺ چورس فوٽ آهي. سڄيءَ جاءِ مٿان ٻاونجاهه سهڻا گنبذ ٺهيل آهن، جن مان چاليهه گَنبذ ڏهرن مٿان آهن. هن عمارت جو پٿر سنگمرمر جهڙو آهي، جو جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو. عمارت ۾ ڪم آندل پٿر، هر هڪ تيرهن فوٽ ڊگهو، ٽي فوٽ ويڪرو ۽ ڏيڍ فوٽ اوچو آهي. هر هڪ پٿر جي ماپ ساڍا اٺونجاهه ڪعب فوٽ آهي. عمارت جي اڏاوت ۽ بيهڪ توڙي چٽساليءَ تي اهڙو ته نفيس ڪم ٿيل آهي، جو ان کي فنڪاريءَ جو اعليٰ نمونو سڏي سگهجي ٿو. ڪئپٽن جي. جي. ولسن صاحب هن مندر جي ڀونئري کي کوٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. چون ٿا ته مزورن کي کوٽائيءَ وقت ٽي دفعا ”نه، نه، نه“ جو ڀيانڪ آواز آيو، تنهنڪري ڪم بند رکيو ويو، پوءِ سگهو ئي ولسن صاحب مري ويو، تنهنڪري ماڻهن جو وسوسو ويتر وڌي ويو. انگريز سرڪار جي مرضي ٿي ته اهو مندر محفوظ ٿيل يادگارن جي ائڪٽ هيٺ آڻجي. جين ڌرم وارن اعتراض ورتو، پر پوءِ نيٺ سرڪار جي حوالي ڪيائون. هن مندر جي هزار کن قدمن تي هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوهه، چاڙهين سان ٻڌل هوندو هو، جتان تيرٿ واسي ڏاڪڻين تان لهي، پاڻي ڀري ايندا هئا. هينئر اهو کوهه ڦٽو پيو آهي. مندر جي مرمت 1715ع ۾ ٿي هئي. تنهن کان پوءِ ائين پيو آهي. ڪرنل تروٽ صاحب ننگر پارڪر جي فساد وقت هن مندر جي ڪجهه حـصي کي بارود سان اُڏائي ڇڏيو هو، جو شڪ هوس ته سوڍا هتي ويهي، ڳـُـجهيون سازشون ڪندا آهن. اڳي پالي ڀاشا ۾ مندر جي ٺهڻ جي تاريخ اُڪريل هئي، پر هاڻي اُها ڊهي ويئي آهي. ڪي چوندا آهن ته ان جو بنياد سنبت 1359 ۾ پيو. مطلب ته هي مندر سنڌ جي قديم يادگارن مان هڪ آهي. | |
| پارسناٿ جو پتلو | |
| پارسناٿ جين ڌرم وارن جو وڏو ديوتا آهي، جو مشهور مهاتما گرو گورکناٿ جو چيلو هو. هن پتلي جي ڪهاڻي عجيب نموني جي آهي: پاري ننگر ۾ هڪ مشهور مهنتو، منگهو نالي رهندو هو. هڪ دفعي واپار جي ارادي سان هو گجرات جي ڪنڪاوٽي شهر ۾ ويو، جتي ان کي هڪ رات سپنو آيو. خواب ۾ ڏٺائين ته هڪ ديوتا آهي، جو کيس چئي رهيو آهي ته: ”هن شهر جي هڪ چاڪيءَ جي گهر پارسناٿ جو پتلو پوريل آهي، سو ڪيئن به ڪري کڻائي ڪنهن مندر ۾ رک ته رب تو تي راضي ٿيندو.“ صبح جو اُٿڻ سان اهو اوسواڙ، سپني واريءَ ڳالهه کي آزمائڻ لاءِ، ڏس ڏنل چاڪيءَ جي گهر ويو، جتي ڏسيل جاءِ تي کوٽائي ڪرڻ سان کيس هڪ يارهن فوٽ ڊگهو پتلو هٿ آيو. پوءِ هو بيل گاڏي ڀاڙي ڪري، اُن ۾ پتلو رکي، ڳوٺ روانو ٿيو. وچ واٽ تي، ڪنهن شيءِ سان ٽڪرجڻ ڪري، نم جي ٺهيل گاڏي ڀڄي پيئي. ان ڪري هو رات جو اتي ئي سمهي پيو، ته ديوتا وري سپني ۾ چيس ته ”هن هنڌ اُتر پاسي، ”پڳ واو“ ڏاڪڻ رستي هيٺ لهڻ جو کوهه آهي ۽ اُن کوهه جي تري ۾ ڏکڻ پاسي خزانو پوريل آهي، صبح جو ٻه رازا تو وٽ ايندا، جن جا هٿ ٺونٺين تائين ڪپيل هوندا، انهن جي مدد سان خزانو کڻائي وڃي مندر ٺهراءِ.“ صبح جو اها ڳالهه سچي نڪتي ۽ هـِـن وڃي گوڙي ڳوٺ ۾ مندر ٺهرايو. ڪئپٽن رئڪس جي لکڻ موجب، هيءُ پتلو اڇي سنگمرمر جو، يارهن فوٽ ڊگهو، هڪ سؤ رپين ۾ هڪڙي مسلمان تـُـرڪ کان گهڙايو ويو هو. مورتيءَ جي نرڙ تي هيري جي ڪڻي لڳل هئي ۽ ٻنهي بـُـبين تي به هيري جون ڪڻيون لڳل هيون. مقرر وقت تي هن پتلي کي اندران ڪڍي، چبوتري تي رکي، عام درشن ڪرايو ويندو هو ڪيتري ڀيٽا ايندي هئي،جنهن مان ڪجھ پوڄاري کڻندو هو ۽ باقي وڏو حصو وقت جي سوڍا راجپوتن جو راڻو کڻندو هو، سن 1716ع ۾ ويرا واهه جو ستوجي سوڍو هن پتلي کي زوريءَ ٻاکاسر کڻائي ويو ۽ اُتي هڪ نم جي وڻ هيٺ پورائي ڇڏيائين. ٻارهين مهيني ڪڍي، ميلو لڳائي، هو اُن مان اڪيچار پيدائش حاصل ڪندو هو. چون ٿا ته سورت جي هڪ لکاپت واڻياڻي، لکي ٻائيءَ کان هن نـَـو هزار رپيا وٺي، پوءِ پتلي جو درشن ڪرايو. اُن بعد ستوجيءَ پتلو کڻائي اچي ويرا واهه رکيو، جتي ساليانو ميلو لڳائڻ به بند ڪري ڇڏيائين، صرف جيڪو زيارتي وڏي رقم آڇيندو هو، تنهن کي ديدار ڪرايو ويندو هو. آخر پالڻپور جي ڪن شاهوڪار واڻين، تمام وڏي رقم ڏيئي، هن پتلي کي پالڻپور کڻايو، جتي سوئيگام ۽ مورواڙ ۾ ان جي زيارت ڪندا هئا. سوئيگام ۾ پهريون ميلو 1766ع ۾ لڳو ۽ مورواڙ ۾ چار ميلا لڳا. 1778ع، 1796ع، 1810ع ۽ 1822ع ۾ وري 1824ع ۾ ويرا واهه ۾ ميلو لڳو. اهڙيءَ طرح هي پتلو سدائين سوڍن جي قبضي ۾ رهندو آيو. سن 1832ع ۾ پونجو سوڍو سنڌ جي ميرن سان وڙهندي مارجي ويو ۽ ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته هن اهو پتلو ڪٿي پوريو آهي. اهڙيءَ طرح چار سؤ ڇاونجاهه ورهين جي گردش کان پوءِ، اهو پتلو هميشه لاءِ گم ٿي ويو. | |
| ويراواهه جو سوڍو ستوجي | |
| اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ته سوڍو ستوجي، پارسناٿ جو پتلو زوريءَ ٻاکاسر ڏانهن کڻائي ويو هو. سوڍي ستوجيءَ اهو هڪ ڪم نه ڪيو آهي، بلڪ اهڙا سوين ڪم ڪيا آهن. ستوجيءَ کي سردار بڻائي، سوڍا ۽ بلوچ ڪڇ، مارواڙ ۽ گجرات ڏانهن زبردست ڌاڙا هڻندا هئا. پارڪر ۾ اڄ ڏينهن تائين پهاڪو آهي: ”ستوجيءَ وارا تارا“ ستوجي ڏينهن جو ماڻهن کي چوندو هو ته: ”تارا ڏسو ٿا؟“ ماڻهو ڊپ کان چوندا هئا: ”هائو!“ ان تان هيءُ پهاڪو مشهور ٿي ويو آهي. | |
| هڪ دفعي ويراواهه ۾ پنهنجي دربار ۾ سوڍو ستوجي ويٺو هو. اُن ڏينهن سنگها تلاءُ جي ڪناري تي شرمالهي برهمڻ جي ڄڃ چيلهار مان اچي، پارڪر ٿي ويئي. ڄاڃي، سوڍن جي آدرستڪار ڪرڻ لاءِ، ناري جا چانور کڻي ڪجهه ڀيٽا ڏيڻ ويا. جڏهن ستوجيءَ چانور ڏٺا، تڏهن پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ڄاڃين کي چئو ته جيترا چانور اوهان وٽ آهن، اهي اسان کي ڏيو ۽ اُن جي عيوض ٻا جهري وٺي وڃو! ڄاڃين ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته شاديءَ وقت چانور گهربل هئا. جڏهن ستوجيءَ کي انڪاري سـُـڌ ملي، تڏهن بندوق کڻي پاڻ اچي سهڙيو ۽ ڄاڃين کي قطار ۾ بيهاري، سڀني کي قتل ڪري ڇڏيائين. آخر ۾ گهوٽ کي به قتل ڪري، چانور کڻائي روانو ٿيو. گهوٽ جا مينديءَ رتل هٿ ۽ موڙ، هن بي رحم جلاد جي تلوار جي بک ٿيا، اُميدن سان سينگاريل ڪنوار، هميشه لاءِ نامراد ٿي ويئي ۽ سوين بي ڏوهي ڄاڃي، هن مردود جي خوني ڪرتوتن جو شڪار ٿيا. | |
| پولن آستان | |
| گوڙيءَ جي مندر ڀرسان هڪ پـَـڪسرو بـُـرج ٺهيل آهي، جنهن کي ”پولن آستان“ ڪري چئبو آهي. هڪ دفعي پارڪر جا ڪي ڌاڙيل نئيئڙ مان مال چورائي ڀڳا هئا. نئيئڙ جو راجا، پولن سنگهه راٺوڙ، واهر ڪري ڌاڙيلن پٺيان لڳو. هن آستان واري هنڌ تي اچي ڌاڙيلن ۽ پولن سنگهه جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ راجا پولن سنگهه مارجي ويو. ان جي يادگيريءَ ۾ اهو آستان، 1743ع ۾ ٺهيو. | |
| ريکو ديوَ جو بت | |
| ويرا واهه جي هاڻوڪي مندر ۾ جين ڌرم وارن جي مکيه ديوتا ريکو ديوَ جو بـُـت رکيل آهي، جو سنگمرمر جو ٺهيل پتلو آهي. هن جي اکين ۾ هڪ عجيب شيشو رکيل آهي، اونداهيءَ ۾ تجلو ڪري ٿو. ماڻهوءَ جيڏي هن بـُـت جي چوڌاري ٻيون به ڪيتريون پٿر جون مورتيون رکيل آهن. | |
| نڪولاس وٽنگٽن جو پارڪر مان لنگهڻ | |
| سن 1613ع ۾ نڪولاس وٽنگٽن، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران نير خريد ڪرڻ لاءِ، احمدآباد کان سنڌ پهتو. رڻ جو ڪنارو ڏيئي، 28- ڊسمبر 1613ع ۾ ننگر پارڪر شهر پهتو. هو لکي ٿو ته: ”ننگر پارڪر ننڍو شهر آهي، پر مسافرن جي ضرورت واريون سڀ شيون اتي موجود آهن. هتي جا ماڻهو ڌاڙيل آهن. اسان کان ٽـِـڪڻ جو محصول ورتو ويو. هتان کان ويندي جوڻ تائين ڪو به ماڻهو ڪنهن کي ڍل نٿو ڀري.“ واٽ تي نڪولاس کان بلوچ ڌاڙيلن سندس اسباب ۽ ڪپڙا ڦري ورتا، تنهنڪري موٽي ننگر پارڪر ويو، جتان هڪڙي هندو واپاريءَ کان خرچ وٺي، واپس احمد آباد پهتو. | |
| سيدي علي ريس جو پارڪر مان لنگهڻ | |
| سن 1556ع ۾ ترڪيءَ جي سلطان، سيدي عليءَ کي پورچوگيزن سان وڙهڻ لاءِ موڪليو. هن کي عربي سمنڊ ۾ سخت طوفان پيش آيو، تنهنڪري ٿورن جهازن سان اچي گجرات پهتو. جهاز اُتي ڇڏي، پاڻ خشڪيءَ رستي کان قسطنطنيه پهتو. هو لکي ٿو ته: ”اسان جي پارٽي ڪن ڏينهن بعد راجپوتن جي شهر ننگر پارڪر پهتي، جي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺي، پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو. انهن کي پئسا هٿ ڪرڻ جي نيت هئي، پر اسان وٽ ڪجهه ڪونه هو.“ | |
| لونگهيجي درٻار جي پارڪر تي چڙهائي | |
| لونگهيجي درٻار، راڻينگواري جي سڳي ڀاءُ ”اوگهڙ“ کي پارڪر جي سوڍن خون ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري هن ڪاٺي راجپوتن جو زبردست ڪٽڪ وٺي، پارڪر تي چڙهائي ڪئي. سندس لشڪر ۾ ”ورجانگ“ نالي هڪڙو مشهور سردار به شامل هو، جيڪو بهادريءَ ۾ پنهنجو مـَـٽ پاڻ هو. ٻئي طرف، پارڪر جو ٺڪر پنهنجا پهاڙ سمان جوڌا وٺي ٻاهر آيو. آخر جنگ لڳي: پارڪر جي ٺڪر زور سان رڙ ڪئي: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو؟ نڪري اچي ميدان ۾ ته پارڪر جو پاڻي چکايانس!“ ڪاٺي ڊڄي ويا. راڻينگوارو هڪ جاءِ تي ٿمي ويو. پارڪر جي راڪاس جيڏن سورويرن جي هٿن ۾ خوفناڪ تلوارون ۽ ڀيانڪ ڀالا ڏسي، ڪاٺين جو هوش اُڏامي ويو. ايتري ۾ پارڪر جي سوڍي وري سڏ ڪيو: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو!“ ٻاهر اچي ته کيس سنڌ جو سير ڪرايان!“ ... اچي وڃ، ڍاٽي! آءٌ آهيان راڻينگوارو!“ ائين چوندو، ورجانگ ڌانڌل سندس مقابلي ۾ اچي ويو. ٻنهي جي وچ ۾ تلوارن جي وارو وار لڳي ويئي. ٻيئي ڄڻا گهوڙن کان هيٺ ڪـِـري پيا. نيٺ ورجانگ، ٺاڪر تي غالب پيو ۽ ائين پارڪر تي فتح پائي، هن ڪاٺين جو مانُ مٿي ڪيو. پارڪر جي سردارن پـِـرڻ ڪيو ته ڪاٺين جي ڪنهن به فرد کي جيئرو نه ڇڏيو ويندو، پارڪر جي سردارن ڪيتريقدر پنهنجي پرڻ کي پاڻي ڏنو، تنهن جو احوال اڳتي ايندو. | |
| -------- | |
| پارڪر تي سومرن جي حڪومت | |
| جڏهن سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هئي، تڏهن عمر سومري ٻئي، سن 1355ع ۾ امرڪوٽ سوڍن کان هٿ ڪيو ۽ 1390ع تائين حڪومت ڪئي. امرڪوٽ هٿ ڪرڻ بعد هن سڄو ٿر پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ اڳتي هلي پارڪر به پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين. اُتي پنهنجو هڪ صوبيدار، عبدالرزاق نالي مقرر ڪيائين، جو سندس ڀيڻيويو به هو. هن جي ڏينهن ۾ ”عمر ۽ مارئيءَ“ جو واقعو ٿيو. مارئي پارڪر جي هئي، تنهنڪري هيٺ ان جو ڪجهه احوال ڏيڻ مناسب ٿيندو. | |
| سڀني تاريخ نويسن سومرن کي پرمار راجپوت سڏيو آهي، جن سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي. اڄ تائين پارڪر ۽ ڍاٽ ۾ جيڪي گيت ڳائجن ٿا، تن ۾ به ”سوڍو سومرو“ ڪري ڳايو وڃي ٿو. سومرن جي حاڪمن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي. سومرا سن 1300ع ڌاري مسلمان ٿيا. محمود بيگڙي، ٿر تي ٽي ڪاهون ڪري، سومرن کي مسلمان ڪيو. | |
| (1) سومرو 1051ع کان 1054ع | |
| (2) ڀونگر پهريون 1054ع - 1068ع | |
| (3) دودو پهريون 1068ع -1092ع | |
| (4) سنگهار 1092ع - 1106ع | |
| (5) خفيف 1106ع - 1141ع | |
| (6) عمر پهريون 1141ع - 1180ع | |
| (7) دودو ٻيو 1180ع - 1193ع | |
| (8) پنهون 1193ع - 1226ع | |
| (9) کينهرو پهريون 1226ع -1241ع | |
| (10) محمد طور 1241ع - 1256ع | |
| (11) کينهرو ٻيو 1256ع - 1259ع | |
| (12) طائي 1259ع - 1283ع | |
| (13) چنيسر 1283ع - 1300ع | |
| (14) ڀونگر ٻيو 1300ع - 1312ع | |
| (15) دودو ٽيون 1312ع - 1313ع | |
| (16) چنيسر ٻيو 1313ع - 1332ع | |
| (17) خفيف ٻيو 1332ع - 1355ع | |
| (18)عمر ٻيو 1355ع - 1390ع | |
| (19) ڀونگر ٽيون 1390ع - 1400ع | |
| (20) همير 1400ع - 1439ع | |
| مارئي | |
| ”ستي سـَـتَ مـَـتَ ڇوڙيي، ست ڇوڙيي پـَـتَ جاءِ.“ | |
| ننگر پارڪر جي نزديڪ، پر ڏهه ڪوهه ڏُور، ”ڀالوا“ نالي هڪ ڳوٺڙو ڀڀڪي سان بيٺل نظر ايندو. ڀر ۾ ست ڀـِـٽون، وراڪو ڏيئي، ڳوٺڙي کي گود ۾ ويهاري ويٺيون آهن. ڪنهن کي ڪل ڪانه هئي ته هن سکريءَ سـِـيم ۾ ڪا خاصي کستوري کـُـلندي، جا سنڌي خواتين جو ڳاٽ سـَـتَ جي سـُـرهاڻ سان ساريءَ دنيا ۾ اوچو ڪندي! ست جي سرهاڻ سان ٽمٽار، انهيءَ ٿري ڪنوار بنسبت ڪيترن اديبن ۽ عالمن پنهنجا سينا ڦولي پڌرا ڪيا آهن ته هوءَ ڪير هئي. ڪڏهن ڪنهن قربائتيءَ ڪچهريءَ ۾ ويٺي ڳالهه چـُـرندي آهي ته رٻاري چوندا آهن ته مارئي رٻارڻ هئي. اسان جو ويس وڳو به ساڳيو آهي، جو مارئيءَ جو هو. آهي به ائين. رٻارڻيون اڃا تائين مٿي تي اوني چـُـني، ۽ اُن جو گهاگهرو پهرينديون آهن. شاديءَ مهل به ساڳيو ويس، البت ڪجهه ڀرت ڀريل هوندو آهي. شاديءَ مهل ڪاريءَ چـُـنيءَ ۽ ڪاري گهاگهري جو ڪارڻ اهو ڏسيندا آهن ته عمر جڏهن مارئيءَ کي کڻي ويو، تڏهن ماروئڙن مهڻي کان ڪارو ويس ڪيو هو. اڄ ڏينهن تائين رٻارڻيون، مرگهه نيڻيون، جـُـسي ۾ ڀريل، گوريون ۽ ڦـُـٽريون پيئون لڳنديون آهن. راجپوت توڻي رٻاري ”جـُـهار“ جو لفظ اُچارين. مارئي به عمر جي وحشياني قيد ۾ قابو هوندي به جهانگيئڙن کي جـُـهار ٿي موڪلي: | |
| ججها ڏج جـُـهار، منهنجا مارو مير کي، گهڻو اُڪنڊي آهيان، منهنجا پرچن شل پهنوار، ويڙهيون تڙ ولهار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا. | |
| مارئيءَ کي ڪي وري ڪڇ ڪيراڪوٽ جي ڄام ڦول جي ڌيءُ ۽ لاکي جي ڀيڻ ڪري ٿا ڪوٺين. ڄام ڦول کي پنج راڻيون هيون، جن مان پنج پٽ پيدا ٿيا: ڏولا راءُ جي ڪنيا مان ساند، چاوڙي مان سور، سوڍيءَ مان کينهرو، ڌوڻ مان ڌائو، سونل مان لاکو. سونل راڻي ڪڙ ڌر رٻاري کي جهنگ مان لڌي هئي، تنهن سندس رمڻيڪ روپ ڏسي، اُن کي رٻاري ڄام ڦول سان پرڻايو. | |
| وڪئي ڪڙ ڌر بن ۾، لڌي اِندر پري، سوغات ساساري، اچي پرڻائي ڦول کي. | |
| اُن لاءِ ملاحظه ٿئي هڪ بيت: | |
| قاضي امرڪوٽ جا، تون توري ڪج تپاس، مون ناناڻو مـُـرڌر، ڏونگر ڪڇ ڏاڏاس، ڦول سندي ڌيئڙي، لاکي جي ڀيڻاس، لکئي ڪارڻ پنهنجي ئي، ڪيو ٻاليڻو پاس، ويهي پلنگ پاس، لوئي ڪيئن لڄائيان! | |
| ٻي روايت آهي ته مارئي ڄام ڦول جي رکات، ميراڏيءَ مان پيدا ٿيل آهي. جنهن وقت امرڪوٽ جي ستا، راڻي چاند جي هٿ ۾ هئي، تڏهن لاکي جون روجهڙيون روز بروز چاند جي باغ جون ڪـَـچيون ڪـَـليون کائي وينديون هيون. هڪ ڏينهن اُنهن چورن گرفتار ڪرڻ لاءِ چاند هڪ چمتڪار گهوڙي تي چڙهي پٺيان پيو: | |
| چاند ڪري چاهه، شيوا ڪئي شنڪر جي، اُتريو عرش مٿاهه، گهڻي مـُـلهه جو گهوڙو. | |
| روجهڙين کي وڃي ڪيراڪوٽ جي دروازي وٽ دسيائين. پهريدارن چاند کي چوکنڀو ٻڌي، لاکي وٽ حاضر ڪيو. لاکي حڪم ڪيو ته راڻو ثابت ڪري ته روجهڙين برابر ڪـَـليون کاڌيون آهن ته پنهنجيءَ ڀيڻ جو سڱ ڏيندس، نه ته راڻو مون کي سڱ ڏئي. راڻي، انهن جو پيٽ چيرائي ڏٺو ته برابر ڪليون نڪري آيون، جي اڃا هضم ڪين ٿيون هيون. وعدي موجب، لاکي سڱ ڏيڻ قبول ڪيو. راڻو هڪ ئي رات ۾ پالڻي سوٽهر وٽ ڀالوا پهچي ويو ۽ اُن جي رٿ تي چڙهي، وري ساڳيءَ رات ڪيراڪوٽ ويو. لاکي جي روح کي پالڻي جو رٿ وڻي ويو. پالڻي کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي کڙڪ پئجي ويئي، تڏهن راتو واهه ڀڄي نڪتو. اوچتو ميراڏي اُن رٿ ۾ وڃي ستي هئي، جا تنهن وقت گرڀوتي هئي. وچ واٽ تي هوءَ سجاڳ ٿي، مگر پالڻو واپس پهچائڻ لاءِ تيار نه هو- ۽ ائين ميراڏي ڀالوا پهتي. | |
| ڀالوا جو ڪيڏو نه اُچو ڀاڳ، جڏهن هي هيرو پالڻي جي پڌر ۾ پيدا ٿيو. ڌيري ڌيري مارئيءَ جي ملوڪيت جا ڳـُـڻ اوڙي پاڙي ۽ سيم سيڍيءَ ۾ ڳائجڻ لڳا. سندس نوڪر ڦوڳ، مارئيءَ جي سونهن ڏسي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. هميشه اوڇي اک مارئيءَ ۾ کـُـتل هوندي هيس. موٽ ۾ آه ۽ شوڪاري کان سواءِ پلئه ڪي ڪين پوندو هوس ۽ هيءَ سانگين جي سـُـرهاڻ، سـَـرتين سان گڏ، ٺهي ٺـُـڪي، ٺاهوڪي ٿي، مٿي تي ٻيلهڙو کڻي هلندي هئي ته بدنام بدوُرُسي رک ٿي پوندو هو. سورهن جي وهيءَ ۾ هن پدمڻيءَ کي پالڻيءَ پنهنجي ڀائٽي ”کيتسنگهه“ سان مڱايو. مارئيءَ جي مڱڻي ٿيڻ بعد ڦوڳ جي رهي کهي اُميد تي به پاڻي ڦـِـري ويو ۽ ڀالوا کي ڀنڀرڪي ۾ ڦٽو ڪري، لنگهي ويو ڍاٽ ڌڻيءَ وٽ. ڍاٽ ڌڻي، عمر سومرو، امير امرائن کي سهڻيون صلاحون ڏيئي رهيو هو: | |
| پـَـرناريءَ جي پـِـريتڙي، پنج پرڪارن کاءِ، ڌن هاري جوڀن گهٽي، پنجن ۾ پت جاءِ، جيئري کاءِ ڪليجو، مـُـئي نرڪ لي جاءِ. | |
| ايتري ۾ ڪنٺي جي ڪـَـرڙي آدميءَ اچي سلام ورايو. ڀريل ڪچهريءَ جون اکيون هن کائـُـڙ جي کـَـريل آدميءَ ۾ کـُـپي ويئون. ويٺلن وَجههَ پيچ تي سڃاتو. اُن اڻڄاڻ انسان، بادشاهه کي ٻاهر اچڻ جو اشارو ڪيو. ٻين کي نصيحت آميز نقطا ٻڌائيندڙ عمر،هڪ واري پرائيءَ صلاح ۾ اچي ويو. عمر کي عشق جي ڦند ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڦوڳ پنهنجو ڦند ڦهلائڻ لڳو: | |
| ميان تون ملير جي، سڻج خبر چار، مارئيءَ نالي نيڪ آهه، عورت شهريار، سرس آهه سج ڪنان، سهڻين جي سردار، سهڻي ناهي سنڌ ۾، اهڙي ڪا مختيار، هلي تون هڪوار، ميان ڏسج مارئي. | |
| جڏهن عمر، مارئي جي حسن جي وارتا ڦوڳ جي واتان ٻڌي، تڏهن انصاف جو گلو ڪپيندڙ عمر، گنگا جي ڪپڙن جي هٻڪار تي غش کائيندڙ عمر، پرائي لـڄ لـُـٽڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو. ترت تکي توڏي تي تيار ٿي، ٻيئي ڄڻا امرڪوٽ جي حد اورانگهي، ڇاڇرو ڇڏي، ننگر جي نزديڪ ٿيا. هڪ الڙ ۽ اڻڄاڻ ڳوٺاڻيءَ نينگريءَ کي ڪهڙي ڪـَـرَ ته اڄ ساٺيڪن تي نه وڃان. سرتين سج اُڀرئي کان اڳ ۾ سڏ ڪيو. مارئي به ٺهي ٺڪي، چـُـوڙين ۾ لانٻا جهانٻا وجهي، لسي للاٽ تي چـِـندي چهٽائي، ڪنن ۾ پنڙيون پائي، پـُـٺئي جي ڪـَـس کي ڪاٺي هڻي، سينڌ سجائي، سرمون پائي، مـَـٽُ مٿي تي ۽ گهڙو چيلهه تي رکي، ساهيڙين سان گڏجي اٿي هلي. لاکيڻي لوڏ، ڇا چئجي، قدم قدم تي قربان وڃجي! هر ڪنهن جي هلڻيءَ هنجهه کي حيران ٿي ڪيو پر مارئيءَ جو مهانڊو مڙيان ئي ملوڪ هو: | |
| ”جهڙي صورت سج، تهڙي مورت مارئي.“ | |
| کوهه ته ڀالوا جي ڀر ۾ هو. سموري ٽولي، ٽلندي ۽ ٽهڪندي، اچي اُتي پهتي. ٻيلهڙا پـَـٽ تي رکي، واري سان پاڻي ڀرڻ لڳيون. اڄ کوهه تي انهن البيلين کان سواءِ ٻي ڪا به پهر حاضر ڪانه هئي. هي چنچل ڇوريون، پنگهٽ جي پـُـربهار فضا ۾، گهڻيءَ مهل تائين هڪ ٻئي سان کيچلنديون، ڊوڙنديون ۽ ڳائينديون رهيون. اوچتو هڪڙو اوٺي سوار اڳتي وڌي آيو. پنگهٽ وارو گهاٽ، جو ٿورو اڳ ۾ ڦُوليو نٿي سمايو، سو هڪدم سانتيڪو ٿي ويو. سموريون ڪامڻيون يڪايڪ خاموش ٿي ويئون. سوار وک وڌائيندي، کانئن پاڻيءَ جو سوال ڪيو: | |
| ڏسي منهن مارئيءَ جو، عقل ٿيس خطا، چيائين چوڙيلين کي، سـُـکيون هجو سدا، اسين مسافر اُڃ ۾، مايون مرون ٿا، پاڻي پياريو اسان کي، ”ڪريو دير نه ڪا، مارئي کڻي گهڙا، آئي اڳيان عمر جي. | |
| مارئي جيئن پاڻي پيئارڻ لڳي، تيئن عمر جي ٻـُـڪ مان سمورو پاڻي هيٺ هارجي ويو، عمر جي آڏي اک مارئيءَ جي مهانڊي ڏانهن هئي. ٿورو اڳڀرو ٿي، جهرڪيءَ کي جهڙپ ڏيئي، شڪاري باز ڍٽ ڏانهن ڍري پيو. ٽلندڙ ٽولي ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. مشڪندڙ مهانڊا، حيرت ۾ هڄي ويا. ڀالوا جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ روڄ راڙو، ”ماروُ! ماروُ!“ ّ جو ماتام مچي ويو. | |
| عمر سومري هن اٻوجهه ڳوٺاڻيءَ نينگري کي ڇنن مان ڇنائي امر ڪوٽ ۾ اچي، ماڙين ۽ محلا تن ۾ ويهاريو. مارئي پکن ۾ پيدا ٿيل پدمڻي، تنهن کي عمر جا محلات مـُـور نٿي وڻيا. عمر سومري نئين سـَـج نوان کاڄ آڻي ٿي ڏنا، پر مارئي روئندي ۽ رڙندي ٿي رهي. اباڻن ۽ ساهيڙين جي سڪ ۾ سندس منهن اٻاٽجي ويو. سهڻا ۽ ڊگها وار اڻ سينگاريل ئي رهيا. عمر کي عرض ڪرڻ لڳي: | |
| ”نه سانگي نه وانگي، ڪو جهانگي پـَـسان، نه اوٺي نه ڳوٺي، ڪو ڏيهي ڏسان! نه مون موڪلاڻي پرين سان ڪئي، الائي ته مون تي ڪا آفت پئي! ڏسي لال کهنبي، چـِـٽن سان چـُـني، لوئي ڪيئن لاهيان، ڏاڏاڻن ڏني. ڪـَـڙي، ڪـُـرِڪَ، ڪٺمال، زيور، زري، هـَـسي، هار پايان، ڪهڙي نڪ وري. اُڏر ڪانگڙا، من اباڻا اچن، ڪڍي قيد مان، من ويچاري وڃن!“ | |
| واهڻ جي ڇوڪريءَ کي وطن جي اهڙي سڪ هئي، جو عمر جي زوراور زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي به، ور ور وطن ڏانهن پئي واجهايائين. رات جو ڏکڻ واريءَ دريءَ وٽ بيهي، ڏيهه جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪندي رهي. کنوڻين جا کيڏ ۽ پڙاوا پسي،سندس چـِـت چُور چُور ٿي ويندو هو. وڏيون ۽ سهڻيون اکيون، جلد ڏرا ڏئي وييون. ڏيهه جي ڏولائي ۾، سرتين کي ساريندي ۽ ڇيلڙن جي ڇانگ کي ياد ڪندي، ملير ڏي مـُـهاڙ ڪري، عمر کي پيئي آزي نيزاري ڪندي هئي: | |
| ”ملڪ ماروُ مير جو، آهه لکپت لاکاٽ، جويون جيسلمير جون، آهن ڪـُـل ڪنواٽ، لويارين ۾ لوڏ گهڻي، وڏي سونهن سماٽ، ڪنوارين ۾ قوت گهڻي، منگهه ولوڙين ماٽ، مٿن کاريون، هٿن ٽاريون، مرگهه ڏيو موڙاٽ، چولا چوڙيلن جا، آهن ٽونئر ٽـِـڪـُـن سان ٽاٽ، پائي ڳچي ڳاٽ، ڪوٽن مرندي مارئي!“ | |
| سنڌ جي سر زمين جي هيءَ سدا ملوڪ پدمڻي، عمر جي وحشياڻي ڪاررواين هوندي به، سـَـت کان ڪنهن پر ڪانه سـِـري. آخرڪار مارئيءَ جو ست ڏسي، عمر ڏيل ۾ ڏري ويو ۽ مارئيءَ کي ڀيڻ ڪري، مٿي تي پوتي اوڍائي، ڏائجو ڏيئي، سندس ملڪ پارڪر پهچائي آيو. اُٺ جي اڳئين چوڪ تي چڙهي، مارئيءَ عمر جي انصاف جا ڳـُـڻ ڳايا. لاکيڻي لطيف شاهه ڀٽائيءَ دنيا کي هن سـَـتيءَ جو پيغام پهچايو: | |
| ”جنهن سـَـتيءَ ست نه ڇڏيو، سا مارئي مـَـرڄائي، اچي عمرڪوٽ ۾، تنهن لـڄ نه لڄائي، پيئي بندياڻي بند ۾، ڪوٺين ڪـُـڄائي، جا سانگين سيڏائي، سا مـُـور نه مـُـرڪي ماڙئين.“ | |
| مارئيءَ جي ڪـُـنڊي | |
| ڀالوا ۾، ڏيڍ ميل پنڌ تي اڃا به اهو کوهه موجود آهي، جتي مارئي پنهنجي مال کي پاڻي پيئاريندي هئي. هينئر اُهو کوهه ڏٽجي ويو آهي. اُن کوهه جو پاڻي تمام کارو هو. عمر ان کوهه تان مارئيءَ کي کنيو هو. کوهه جي ڀرسان هڪ ڪـُـنڊي يا ڪونڊي آهي، جنهن ۾ مارئي پنهنجي مال لاءِ پاڻي رکي ڇڏيندي هئي. اُن جا ٽي پاسا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. اُن ڪونڊيءَ جي ويڪر چار فوٽ، ڊيگهه ڇهه فوٽ، ۽ اونهائي هڪ فوٽ کن آهي. (مسٽر چنا ان وقت جي ڪليڪٽر، 1946ع ۾ هن ڪـُـنڊيءَ جي مرمت ڪرائي هئي.) | |
| -------- | |
| موندري جي سـَـتـِـي ڦول | |
| ننگر پارڪر شهر کان اَٺ ميل اُتر- اُلهنديءَ ڪـُـنڊ تي، موندرو نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ هينئر گانگيجيءَ جي پـُـٽ اکيجيءَ جو اولاد، اکا سوڍا رهن ٿا. هن وقت انهن جي اولاد مان کيتوجي، سندس وڏو پٽ آلجي ۽ ننڍو پٽ هريسنگهه، تمام سٺا ۽ سچا سردار رهن ٿا. هيءَ ڳالهه جنهن وقت جي آهي، تنهن وقت راجپوت جهوني موندري ۾ رهندا هئا، جو هاڻوڪي موندري کان اڌ ميل اورتي آهي، تنهن وقت موندري ۾ رووجي نالي مهاتيجوان راجپوت ٿي گذريو آهي. رويجيءَ پنهنجي شادي ڳوٺ ويجهيار تعلقي ڇاڇري ۾، جو چيلهار کان سورهن ميل ڏکڻ - اوڀر تي آهي، ڪلياڻ ڏوهٽ جي ڌيءُ ڦول ٻائي سان ڪئي هئي. ڦول ٻائي هڪ نيڪ، سندر ۽ پتي ورتا ناري هئي. اوڻ (جو ننگر پارڪر کان ڇهه ميل اُتر - اولهه تي ۽ موندري کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي) جو مووڙ چارڻ، رويجيءَ جو تمام گـَـهرو دوست هو. صبح باک ڪڍڻ کان اڳ ۾ هو رويجيءَ جي اوتاري ۾ روزانو رهاڻ ڪرڻ ويندو هو، اهو هميشه جو دستور هوس. ٻيئي ڄڻا گڏجي چانهه ۽ آفيم پيئندا هئا. هڪ ڏينهن ڦول جي هٿ ۾ سور هئڻ ڪري رووجي هڪ ول ڪٽي رهيو هو، مٿان سج چڙهي آيو، پر رووجي ٻاهر اوتاري ۾ نه نڪتو. اها ڳالهه مووڙ کي نه آئڙي، تنهن هڪدم واڪو ڪري چيو ته: ”رووجي ڪهڙي ڀٽياڻي راجپوتن سان پرڻيو آهي، جا سڀاڻي رويجيءَ جي مرڻ بعد سـَـتي ٿي ڏاگهه چڙهندي! جنهن جي محبت وچان اوتاري ۾ اچڻ جي به فرصت نٿي مليس.“ گهر ۾ ويٺل ستي ڦول، ٻارٽ جا اهي اهکا الفاظ ٻڌي ورتا، تنهن اندر ۾ اهو پڪو پرڻ ڪيو ته: ”رووجي جيڪڏهن ڪنهن لڙائيءَ ۾ ماراڻو ته مان سـَـتي ٿي ڏاگهه ضرور چڙهنديس.“ | |
| تنهن وقت ننگر پارڪر ۾ پرمارونس راڻو ڪانءُ راڄ ڪندو هو. راڻي ڪانءُ جو ننگر پارڪر جي لهاڻن سان ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو، تنهنڪري انهن پرڻ ڪيو ته ننگر پارڪر جو پاڻي پيئڻ حرام آهي، ۽ پنهنجا ٻار ۽ ملڪيت وٺي، واگڙ طرف روانا ٿيا. تنهن وقت رووجي ڪڇ طرف ويل هو. رويجيءَ کي اهي لهاڻا، ڳوٺ سوراچند کان ٻارهن ميل پري، ڪڇ جي رڻ ۾ سامهون مليا. لهاڻن کي ائين لڏي ويندو ڏسي، رويجيءَ کي رحم آيو ۽ لهاڻن کي پرچائي، راڻن سان سندن رضانامي جي ساک ڏيئي، پنهنجي ڳوٺ موندري ۾ وٺي آيو. راڻي ڪانءُ کي ڪنهن دشمن اچي ڪـَـن ڀريا ته رووجي اوهان جي خلاف آهي. اَڄاڻ راڻو بغير سوچ ۽ سمجهه جي، ڪولهين جو وڏو لشڪر وٺي موندري روانو ٿيو. اُن وقت رووجي پنهنجن ڇهن - ستن ماڻهن سان سندس کوٽايل کوهه تي سنان ڪرڻ ويو هو. راڻو ڪانءُ ۽ ان جو لشڪر اتي کيس سامهون ٿيا. رويجي راڻي کي سنڀري آيل ڏسي چيو ته: ”اوهان جي مرضي لڙڻ جي هجي ته مون کي سنڀرڻ ڏيو: آءٌ پنهنجي پناهه هيٺ آيل لهاڻا اوهان جي سپرد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“ ايتري ۾ هڪ ڪولهيءَ بندوق جي گولي هلائي، جا وڃي رويجيءَ کي ڇاتيءَ ۾ لڳي ۽ پنجاهه سالن جو هي سوروير راجپوت زمين تي ڪِـري پيو. رويجيءَ جي دوستن انهن سان لڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ سوٽهر مارجي ويو. پوءِ راڻي ڪانءُ جهڳڙي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. رويجيءَ جي مرڻ ڪري راڻي ڪانءُ کي تمام ڏک ٿيو. | |
| جڏهن ستي ڦول کي اها خبر پيئي، تڏهن هڪدم اوڙاهه اگنيءَ جو تيار ڪرايائين ۽ پنهنجي پتيءَ جو لاش گود ۾ وٺي، ڀيانڪ اگنيءَ ۾ پروريش ڪيائين. مووڙ چارڻ کي خبر پيئي، تڏهن هو ڊوڙندو آيو. پاڻ اڻپڙهيل هو، تنهنڪري ويڪاسر جي ڪرشن چارڻ کي ماڻهو موڪليائين، جنهن اچي ڇند چيو. مووڙ ان وقت ستي ڦول کي ڌرم - ڀيڻ ڪري، اهو ڇند مڏ جي صورت ۾ ڏنو. موندري جي هن ستي راجپوتڻ، اگنيءَ ۾ بيهي صرف ايترو چيو ته ”مان سوڍن جي پڇاڙي ڏسان ٿي!“ اهو بلڪل سچ نڪتو. اڄ هن ستيءَ جا ڇند ساري پارڪر ۾ ڳايا وڃن ٿا. اُهو کوهه اڃا به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاسي ۾ ان فوت ٿيل سوٽهر جو مساڻ آهي، جتي رووجيءَ ۽ ستي ڦول جا پٿر لڳل آهن. انهن تي هنديءَ ۾ اکر لکيل آهن: ”وڪرم سنبت 1868، مهينو چيٽ، تاريخ 15.“ اڄ به ان خاندان جا پويان مٿينءَ تاريخ تي وڃي پوڄاپاٺ ڪندا آهن. ستي ڦول جي پريم ۽ ويرتا ڀري ڪهاڻي، ڪوي اِجهو هيئن ڳائيندا آهن: | |
| ارڪ جانکو ڪيئن اُوگيو، ڪيئن جانکو ڪـِـرڻال، مرد گجاوت موندري، پڙ پڙيو ڀوُپال. | |
| (اڄ ڪهڙو نه نڀاڳو ڏينهن آهي، جو سج ۽ چنڊ پڻ جانکا (جهـَـڪا) اُڀريا آهن، انهن ۾ ڪو شعاع ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ڇو ته هي موندري جو، گج (شينهن) کي ڪيرائڻ وارو مرد مجاهد ميدان جنگ ۾ سمهي رهيو آهي. اڄ سج ۽ چنڊ ۾ تيج ان ڪري نه آهي، جو موندري جا ٻه روشن تارا وسامڻ وارا آهن.) | |
| آوَ ڪانٽي ڏل اوهسڙيا، ڀوم ڌڙڪ سرپار، روسي وچن ڪهيا روي، پاڙيا سو پرمار، | |
| (لڙائيءَ ۾ اهڙيءَ طرح سوروير گرجڻ لڳا جو ڌرتي به ڌڙڪڻ لڳي ۽ جيڪي وچن رويءَ چيا،سي برابر پاڙيائين.) | |
| ڀٽياڻي آگم باکيو، جلني اُما جيم، ڪوپ وچن ڪلياڻ ري، نشچيه ليڌا نيم. | |
| (هن ڪلياڻ جي ڪنيا ڦول ٻائيءَ جيڪي چارڻ کي وچن چيا، سي ان ڏينهن کان نيم رکي، سچا ڪيائين.) | |
| شام سڌارڻ مهاستي، جگت ڀلي ڪئي جوڙ، ارڌنگا ڦولان اُجـِـلي، ڪهي تيترس ڪروڙ. | |
| (پنهنجي پتيءَ کي سڌارڻ واري مهاستي، ڦولان جي، ڌڻي تعاليٰ بهترين جوڙ بڻائي هئي. ٽيٽيهه ڪروڙ ديوتا ائين چون لڳا ته ”ڦولان“ رويجيءَ جي ارڌانگني، موندري جو ملهائتو موتي هئي.) | |
| --------- | |
| پارڪر جا کوسا | |
| کوسا، بلوچن جي هڪ قوم آهي، جنهن جون ڪيتريون شاخون آهن: جهڙوڪ جماڻي، ڇٽاڻي، لڊاڻي، سهرياڻي،جاگراڻي وغيره. کوسا ننگر پارڪر، ڪُـٻڙي ۽ سامي ويريءَ ۾ رهندا آهن. هنن جا مائٽ تمام جنگجوُ ۽ بهادر هئا. سوڍن سان گڏجي ڌاڙا هڻندا هئا، تنهنڪري کوسن ۽ سوڍن جو پاڻ ۾ ڏاڍو سلوڪ هو. سمن کي گجرات کان خوف هوندو هو، تنهنڪري انهن کوسن جا چار هزار ڪٽنب گجرات جي بادشاهن جي سامهون ٿيڻ لاءِ ننگر پارڪر ۾ ويهاريا. محمود شاهه بيگڙي جي وقت ۾، انهن ملڪ ۾ ايتريقدر رڻ مچائي ڏنو، جو چار دفعا محمود شاهه بيگڙو پارڪر تي ڪاهي آيو. کوسن کي همايون، سون مياڻي جاگير طور ڏني. ميرن جي پهرين چوياريءَ جي دؤر ۾ جيڪي قبيلا پارڪر ۾ رهندا هئا، تن کي ٽالپري حڪومت کان وظيفا ملندا هئا. ڪلهوڙن جي ظلم کان ٻيا به ڪي پنج - ڇهه سؤ کوسا پارڪر ۾ اچي رهيا هئا ۽ پونجي سوڍي کي سردار بڻائي، ڪڇ گجرات ڏانهن ڌاڙا هڻندا هئا. سن 1832ع جي شروعات ۾ کوسن پالڻپور جي هڪڙي واپاري قافلي کي اسلام ڪوٽ وٽ ڦريو. ان کان سواءِ کوسن ۽ واگهيلن گڏجي رحمڪي بازار کي لـُـٽيو، جنهنڪري انگريزي لشڪر، سنڌ جي سرحد تي چوڪسي رکي. ڪرنل پاٽنجر کوسن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪپتان رابرٽ ۽ ڪرنل لچفيلڊ کي فوجون ڏيئي روانو ڪيو. سرجان مالڪوم ان وقت بمبئيءَ جو گورنر هو. 20- آڪٽوبر تي پوني جو لشڪر بمبئيءَ کان روانو ٿيو. ٿرپارڪر جي ضلعي لاءِ خطرو جاڳيو. مير مراد علي خان منشي رحمت الله کي، ڪن بلوچي سردارن سان همراهه ڪري، ٿر ڏانهن روانو ڪيو. پارڪر جي مختيارڪار غلام علي لغاريءَ کي حڪم مليو ته بلوچي سردارن سان گڏجي سرحدن جي حالتن جو معائنو ڪري ۽ رپورٽ دربُار کي پيش ڪري. گورنر جنرل کي پنڊارين سان مقابلو ڪرڻو پيو، تنهنڪري کوسن کي ڪجهه به ڪري نه سگهيا. 5- آڪٽوبر 1832ع تي سردار غلام حيدر خان ڪن کوسن کي گرفتار ڪري، انگريزن جي حوالي ڪيو. سن 1859ع ڌاري ڪـُـٻڙي جي ڪاپڙي خان کوسي کي تروٽ صاحب ڪيترو لالچايو، پر هو نمڻ وارو نه هو. تروٽ صاحب ڪاپڙي خان کي چوائي موڪليو ته ساڻس تنبوءَ ۾ اچي ملاقات ڪري. پوءِ هن تنبوءَ جا رسا هيٺ ڪرائي ڇڏيا، ان لاءِ ته ڪاپڙي خان تنبوءَ ۾ ايندو ته ضرور ڪنڌ هيٺ ڪري ايندو، ۽ ائين سمجهيو ويندو ته هي نمي پوءِ اندر آيو آهي. ڪاپڙي خان تنبوءَ جا رسا هيٺ ڏٺا، تڏهن تلوار سان تنبوءَ کي چيري، سنئين ڪنڌ هليو ويو. اها بهادري ڏسي، تروٽ صاحب دنگ رهجي ويو. سندس پٽ جلال خان وڏو سخي هو. ڪـَـوِيـَـن دل کولي سندس ساراهه ۾ شعر چيا آهن: | |
| نانو جبرو شيرسنگهه، ڏاڏو خان ڪمال، موتي سيپان مانهـِـلو، جس کٽڻ جلال، اُونچو ٻيسي شينهن جيئن، گينور چالي چال، موتي سيپان مانهلو، جس کٽڻ جلال. | |
| هن وقت سندس اولاد مان مسٽر يار محمد، تعليم يافته شخص آهي. | |
| ويرا واهه جو سوڍو، پونجوجي: | |
| سوڍي سـَـتيجيءَ کان پوءِ ويرا واهه جو ٻيو مشهور سوڍو پونجو ٿيو. سوڍي سـَـتيجيءَ پنهنجيءَ سـَـتا ۽ طاقت سان اهڙا ڪڪرم ڪيا، جو سندس پنج پٽ هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿيا. سوڍو پونجو ستيجيءَ کان به سرس هو. سندس ڌيءَ واگڙ طرف پرڻايل هئي. ان کي هڪ ڏينهن ساهرن ڪنهن ڳالهه تي مهڻو ڏنو. جڏهن پونجي کي خبر پيئي، تڏهن هڪڙيءَ رات ۾ واگڙ جا ست ڳوٺ ڦـُـري آيو. هڪ دفعي پونجو ٿراد ڏانهن ويو هو ته ڪي چانڊيا پونجي جي هارين جا ڍور ڪاهي ويا. پونجي کي خبر پيئي، تڏهن چانڊين تي ڪاهي پيو. پوءِ ته اهڙو ظلمي ٿي پيو، جو چانڊيو جتي ڏسي، اُتي خون ڪري ڇڏي. چوڻي آهي: | |
| حمزا هيڪي وار، جي پڙين پانٽي پونجل ري، ٿئي نه اُت سوار، گهوڙي نه چڙهي چانڊيو. | |
| سـَـتيجيءَ کان پوءِ، گوڙي جي مندر وارا پارسناٿ جو پـُـتلو به پونجي کي هٿ آيو هو. پونجي جو جڏهن سنڌ جي ميرن سان تڪرار ٿيو، تڏهن ڪنهن هنڌ پتلي کي پوري ڇڏيائين. جڏهن پونجو سوڍو ميرن سان وڙهندي مارجي ويو، تڏهن ڪنهن کي به خبر ڪانه پيئي ته پتلو ڪٿي آهي. | |
| --------- | |
| پارڪر تي ميرن جو راڄ | |
| سن 1815ع ۾ واگڙ ۾ تمام گوڙ ٿيو، تڏهن ڪيترا گراسيا ملڪ ڇڏي ڪڇ جي رڻ جي ڪنڌيءَ وٽ، ننگر ۽ ويرا واهه تائين ڀڄي آيا. چار - پنج سؤ کوسا، جيڪي ڪلهوڙن جي ظلم کان ڀڄي پارڪر آيا هئا، سي به انهن سان شامل ٿيا ۽ سوڍي پونجي کي پنهنجو سردار بڻايائون. پوءِ زبردست ٽولي ڪري گجرات، واگڙ ۽ ڪڇ طرف ڌاڙا هڻڻ لڳا. ڪمپني سرڪار، ڪڇ جي راءَ ڏيسرجي ٻئي کي لکيو ته: ”انهن ڀڄي ويل گراسين کي گهرائي جاگيرون ڏي ته جيئن اهي ٿڌا ٿين“ . پر راءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تنهنڪري اُهي خوفناڪ ڌاڙيل ٿي پيا ۽ ڪڇ، گجرات ۽ واگڙ ڏانهن باهه ٻاري ڏنائون. نيٺ ڪمپني سرڪار، راڄ ڪاروباري منڊل سان صلاح ڪري، انهن کي 15 - اپريل 1819ع ۾ جاگيرون موٽائي ڏنيون ۽ شرط رکيو ويو ته ڪو به چورن کي پناهه نه ڏيندو ۽ ڪڇ سرڪار سان وفادار رهندو. انهيءَ شرط هوندي به ٻه سؤ ڄڻن ڀچائو تي حملو ڪيو. قلعي جي توبن کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو، ته به ڳوٺ مان ٻه سو ڍور ڪاهي آيا. وونڌ شهر مان به پنج سؤ ڍور، ۽ چاليهه هزارن جي ڦر ڪري آيا. ڪڇ جي راءِ وقت بوقت ميرن کي لکيو، تاهم ڦر بند نه ٿي. تنهنڪري، 1820ع ۾، ڪڇ مان هڪ زبردست لشڪر تيار ٿيو ۽ هڪ سنڌ جي ٿاڻي تي، چورن جي ٽولي رهاڪو سمجهي، حملو ڪري ڏنائون. تنهنڪري ميرن ڪاوڙجي هڪ لشڪر اُلهندي کان لکپت طرف، ٻيو اتر کان کاوڙا طرف، ۽ ٽيون پارڪر طرف موڪليو. ڪڇ جي راءِ کي خبر پيئي، تنهن وڏو لشڪر موڪلي انهن کي بند ڪيو. | |
| 28- اپريل 1820ع ڪئپٽن ميڪرڊو مري ويو ۽ ان جي جاءِ تي جي. جي ولسن آيو، تنهن ٻه مهينا ريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. ان بعد هينري پاٽنجر آيو. تڏهن، 8 - نومبر 1820ع ۾، سنڌ جي ميرن پنهنجي بمبئيءَ جي ايلچيءَ جي معرفت ڪمپني سرڪار سان صلح جو عهدنامو ڪيو، جنهن ۾ کوسن ۽ ٻين ڌاڙيلن کي قابو ڪرڻ جو قول پڻ ڪيائون. ڌاڙيلن کي بند ڪرائڻ جي بهاني سان، ڪمپني سرڪار چار سؤ گهوڙيسوارن جو دستو گهرائي، ڪڇ جي لودراڻي سرحد تي ضابطي لاءِ رکيو. 1822ع ۾ ڏڪار پيو، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو ڪڇ ڇڏي ڀڄي ويا. ڍور ۽ ڍڳا مري ويا. ٻن سالن بعد وري ڏڪار پيو. ڪمپني سرڪار جو ايجنٽ، ميرن وٽ حيدرآباد رهندو هو. هن وٽان ڪنهن به احوال نه اچڻ ڪري، سرڪار کي جاچ مان معلوم ٿيو ته سنڌ جا مير ڪڇ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن سان ملت آهن. پارڪر جي ڌاڙيلن تي قابو پائڻ لاءِ هڪ وڏو دستو واگڙ ۾ رهندو هو، سو ان وقت ڀڄ ڏانهن ويل هو. اهو موقعو ڏسي، پارڪر جا ڌاڙيل ٽن هزارن جي ٽولي ڪري، ڪڇ کي جيتڻ لاءِ، هٻاءِ جبل وٽ اچي پهتا. اتي مياڻا، ڪولهي ۽ ٻيا ڪڇ جي ڏڪار جا ماريل به اچي ساڻن شامل ٿيا. انهن جو سروار، ڪڇ جو مشهور ڌاڙيل تار لوڻائي هو. ڀڄ کان هڪ وڏو لشڪر آيو، تنهن سان دوبدو لڙائي ٿي. نيٺ ڪي ڌاڙيل مارجي ويا، ۽ ڪي ڀڄي ويا. پر ملڪ ۾ زبردست بي بندوبستي ٿي پيئي، جنهنڪري پارڪر جي سوڍن ميرن کي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. تنهنڪري ميرن، 1830ع ۾، پارڪر ۽ ڏيپلي طرف پنهنجا ماڻهو ايلچيءَ طور ڍل اڳاڙڻ لاءِ موڪليا. پارڪر جا سوڍا ۽ آڌيگام، ويرا واهه ۽ ننگرپارڪر وارا ڳوٺ ٻهراڻيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا. ميرن جا عملدار به ٻهراڻيءَ ۾ ٽڪيل هئا. انهن سمجهيو ته سوڍن کي دڙڪو داٻ ڏيئي مڃائينداسون، پر سوڍن اٽلندو مٿن حملو ڪيو ۽ اتي جو اتي سڀني عملدارن کي قتل ڪري ڇڏيائون. تڏهن مير مراد علي خان پنهنجو وڏو لشڪر پارڪر تي چاڙهي موڪليو. دوبدو لڙائي ٿي. سوڍو ٻونجوجي وڙهندي مارجي ويو. ٻه راڻا قيد ٿيا. ننگر پارڪر جي گادي نشين راڻي جي صغير هئڻ ڪري، مير اتي جي ڪاروبار هلائيندڙ کي سنڌ وٺي ويا ۽ مکيه راڻن کان ڏنڊ وٺي، کين ڇڏي ڏنائون. پارڪر جي راڻي تي ڏهه هزار ڪوريون، ويرا واهه جي راڻي تي ٻارهن هزار ڪوريون ڏنڊ وڌو ويو. ويرا واهه جي راڻي جو ڀاءُ حيدرآباد جيل ۾ مري ويو. ٻهراڻيءَ جي راڻي تي ڏهه هزار رپيا ڏنڊ پيو. ڦيٿاپر جي ٺـَـڪر تي ست سؤ رپيا، ۽ آڌيگام جي سوڍي کيمجيءَ تي پندرهن سؤ ڪوريون ڏنڊ وڌائون. مٿيان سمورا سوڍا ٽي مهينا نظربند رهيا ۽ پوءِ ڏنڊ ڏيئي آزاد ٿيا. انهيءَ کان پوءِ ميرن کي ٻنين جي پيدائش جي پنجين پتي ڍل طور ملندي هئي. 1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ سان ميرن جي پارڪر تان حڪومت ختم ٿي. | |
| -------- | |
| انگريزن جي پارڪر تي ڪاهه (1842ع) | |
| ۽ ان تي قبضو (1843ع) | |
| ڪلهوڙن جي وقت، کوسا اچي پارڪر ۾ رهيا. سندن ڌنڌو هو ڌاڙا هڻڻ. پوءِ انهن سان سوڍا شامل ٿيا. انگريز سرڪار بار بار ميرن کي لکيو. پر هو ايڏا خوفناڪ ڌاڙيل بڻجي پيا هئا، جو ميرن کي سولائيءَ سان هٿ اچڻ وارا نه هئا. تڏهن انگريز سرڪار، 1 - نومبر 1832ع ۾، ننگر پارڪر تي لشڪر چاڙهي موڪليو. اُن وقت ننگر پارڪر جو راڻو جگوجـِـي هو. لشڪر جي اچڻ جو ٻـُـڌي، هو ڀڄي ويو. ويرا واهه جو راڻو انگريزن جي فائدي ۾ هو ۽ انگريزن سان ڪو به مقابلو نه ڪيائين. جگوجيءَ جي جاءِ تي راڻي ڪـِـرڻ کي ويهاريو ويو ۽ کيس ڌاڙيلن تي نظرداري رکڻ جي هدايت ڪئي ويئي. سوڍو جگوجي، ميرن جي هٿ آيو، تن کيس گرفتار ڪري انگريزن وٽ موڪلي ڏنو. انگريزن اُن کي ڪجهه وقت ڪڇ ۾ قيد ڪري رکيو ۽ آخر ڀوڏيسر جو راڻو مقرر ڪيو. سن 1833ع کان 1843ع تائين ميرن جو ضابطو پارڪر مٿان رهيو ۽ باقاعدي ڍل پڻ اڳاڙيندا هئا. ميرن ٿر ۾ قلعا ٺهرايا، جن ۾ سندن پاران ڪاردار رهندا هئا. پر پارڪر ۾ ڪو به قلعو ڪونه ٺهرايائون. | |
| جڏهن انگريزن 1843ع ۾ ميرن کان سنڌ ورتي، تڏهن ملڪ ۾ جتي ڪٿي گوڙ ٿي پيو. خاص ڪري ٿر ۽ پارڪر وارن راڻن سڌيءَ طرح آڻ نٿي مڃي، تنهنڪري گورنمينٽ سهولت خاطر پنهنجا عملدار ڌار ڌار هنڌن تي مقرر ڪيا ۽ پارڪر واري ڀاڱي تي پهريون ايجنٽ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس آيو، ٻيو ايجنٽ تروٽ صاحب آيو، جو سن 1846ع کان 1871ع تائين رهيو. تروٽ صاحب، 1856ع ۾، پارڪر کي حيدرآباد ضلعي سان لڳائي ڇڏيو. تروٽ صاحب کان پوءِ مسٽر پالن آيو، تنهن ننگر پارڪر بازار ٺهرائي. اڄ تائين اُن بازار کي ”پالن بازار“ ڪري چئبو آهي. | |
| ننگر پارڪر ۾ بغاوت (1859ع) | |
| انگريزن جو ملڪ تي پورو پورو ضابطو ٿيندو پئي ويو ۽ سڀني راجائن توڙي رعيت کي، ڪن کي دٻاءَ سان ۽ ڪن باغين کي پنهنجي ٻٽيءَ پاليسي رستي جاگيرون ڏيئي، آڻ مڃائيندا رهيا. تنهن هوندي به پارڪر جا سوڍا زور هئا. هو اڃا تائين پاڻ کي خودمختيار سڏائڻ لڳا ۽ هر ڪنهن ڳالهه ۾ انگريزن جو دخل برداشت نٿي ڪري سگهيا. ميرن جي سنـَـد موجب، پارڪر جو راڻو ڪرڻجـِـي، سوراچند ۽ راڻپور ڳوٺن توڙي ننگر پارڪر شهر جي اڌ ڊيوٽيءَ ۽ پارڪر جي ٽرانس ڊيوٽيءَ جو حقدار هو. ويرا واهه جي سوڍي کي ويرا واهه ڳوٺ، معافي مليل هو ۽ پڻ موکئي رڻ جي پيدائش به ملندي هيس. کيس اڌ شهري محصول ۽ پنهنجي علائقي جي آباد ٿيل ڍل جو چوٿون حصو به ملندو هو. سر چارلس نيپئر، 15- آڪٽوبر 1844ع ۽ مئي 1847ع ۾، ٻنهي جاگيردارن جون سنـَـدون ستن سالن تائين قائم ٺهرايون ۽ ملندڙ ڍل جو اڌ ڪاٽي ڇڏيو. راڻي جي پرڌان، اُڪمالڌيوَ کي موڪرئي جو ڳوٺ به سنـَـد موجب مليل هو. مٿين ٽنهي ۽ ٻين سوڍن کي جيڪي ملندڙ حق هئا، اُهي انگريز سرڪار ختم ڪري ڇڏيا. بٽئين توڙي خاص حقن جي اُڳاڙڻ جي ٺڪرن کي بندش ڪانه هئي. انهن ناجائز طور چـَـرائـِـي ۽ ٻيا ٽئڪس به وصول پئي ڪيا. پارڪر جو ڀاڱو 1856ع ۾ ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو، جو اڳي تروٽ صاحب پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ جي ماتحت هو. ڪمشنر حيدرآباد کان پنهنجو ڪاردار موڪليو ۽ روينيو سروي چالو ڪئي. چراگاهه جو ٽئڪس به هاڻ حڪومت پنهنجي حوالي ڪيو. آفيم تي ليسن وڌو ويو، جو اڳي سوڍا غير قانوني آفيم آڻي وڪرو ڪندا هئا ۽ ان ۾ زبردست نفعو هو. ڪئپٽن ريڪس جي عملي ۾ ننگر پارڪر جا ڪاردار برهمڻ هئا، اُهي سوڍن سان ٻڌل هئا. پوليس عملو گهڻو ڪري ٺڪرن تي مشتمل هو. راڻي ڪرڻجيءَ جي هڪ خاص نوڪر تي، ڪنهن کوهه کي نقصان رسائڻ جي ڏوهه هيٺ، ڪاردار ڏنڊ وڌو ۽ ڪاسبي جي پٽيل سان راڻي جو زمين جي دنگ بابت تڪرار ٿيو، جنهن جو فيصلو تروٽ صاحب راڻي جي خلاف ڪيو. تروٽ صاحب حڪم ڪيو ته دنگ تي پٿر هڻايا وڃن، مگر راڻي حڪم جي ڪا به پرواهه نه ڪئي. ٽيليگراف کاتي جا ڪي نوجوان نينگر، ڪولهين سان سـُـٺي نموني پيش نه آيا. مسٽر ڏيئومل مختيارڪار ننگر پارڪر جي، راڻي سان ڪن ڳالهين جي ڪري ناسازي پيدا ٿي. | |
| مٿين مڙني سببن جي ڪري راجپوتن جا دلي جذبا جوش ۾ اچي ويا ۽ راڻي جي سڏ تي سندس ڀاءُ ڀوپتسنگهه ويرا واهه جو راڻو لاڌو سنگهه، ٻهراڻيءَ جو ٺـَـڪر ڪلجي ۽ ٻيا اچي راڻي جي ڪئمپ ۾ داخل ٿيا. تنهن کان سواءِ پنج هزار ڪولهين جو لشڪر به اچي حاضر ٿيو. سڀني گڏجي، 15- اپريل 1859ع جي ڏينهن، انگريزن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. انهن پهرين اچي تارون ڪپي. رستا ڀڃي ڇڏيا. خزانو لـُـٽي، ڪاردار جي ڪچهريءَ کي باهه ڏني. پوليس ٿاڻي تي حملو ڪري، سوارن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ڪيترو نقصان ڪيائون. ڏيئومل مختيارڪار، اها خبر ترت حيدرآباد موڪلي، جا 18- اپريل 1859ع جو حيدرآباد پهتي. ڪرنل ايونس، جو اُن اسٽيشن جو ڪمانڊنگ آفيسر هو، تنهن هڪدم ”ٿرڊ بلوچي ريجمنٽ“ جي هڪ وِنگ ننگر پارڪر ڏانهن رواني ڪئي ۽ ڪجهه توبخانو ڪراچيءَ کان روانو ٿيو. ترت ئي ڪرنل اِيونس کي آرڊر مليو ته خود وڃي سڀني فوجن جي ڪمانڊ وٺي، جيڪي ڊيسا، احمد آباد ۽ حيدرآباد کان ٿي آيون. تنهنڪري هو به روانو ٿيو ۽ اسلام ڪوٽ وٽ اڳ موڪليل فوج کي وڃي رسيو ۽ اُتي ٿر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سپرنٽينڊنٽ به اچي مليا. ڏيسا فوج جا اڳ ۾ ننگر پارڪر پهتي هئي، تنهن تي سوڍن پهرين حملو ڪيو ۽ اُنهن جواب ۾ توبزني ڪئي، جنهن جا ٺڪاءَ ڪرنل اِيونس پنجاهه ميل پري پئي ٻڌا. هو 2- مئي 1859ع جو ويرا واهه پهتو، ته سڄو شهر خالي هو. ٻئي ڏينهن ڀوڏيسر پهتو، جتي ان کي ڀوڏيسر جا سوڍا مليا. 3- مئي تي سڀني فوجن جو سخت مقابلو ٿيو. ڪارونجهر جبل ۾ راڻي چندن جو ٺهرايل چندن گڍ توبن اُڏائي ڇڏيو، تنهنڪري حمله آور سوڍا ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ڪي مارواڙ ويا ته ڪي ڪارونجهر جبل ۾ لڪي ويا. انگريزن شهر تي قبضو ڪيو ۽ راڻي ڪـِـرڻ ۽ لاڌوسنگهه کي گرفتار ڪيائون ان طرح گوڙ بند ٿيو. | |
| پوءِ ڪرنل ايونس، ڀوڏيسر جي ٺـَـڪرن کي ساڻ ڪري، ٻين سوڍن کي دٻائڻ ڪاڻ روانو ٿيو ۽ ڇاهٺ ميل پري، ڪجرڙالو ۾، باغين جي ڪئمپ تي حملو ڪيائين. سوڍا ڪي مارجي ويا ۽ ڪي ڀڄي ويا. ساري مارواڙ ۾ انهن جي ڳولا ٿي. ڪرنل ايونس، ايجنٽ گورنر جنرل راجپوتانا کي پارت ڪري، واپس ننگر پارڪر روانو ٿيو. ان وقت لاڌو سنگهه جو پٽ اُڌيسنگهه ٻاهر ويل هو. واٽ تي راڻيواڙي ڳوٺ ۾ ڍول وڄي رهيو هو، اُتي سندس گهوڙي نچڻ لڳي. تڏهن ڪنهن ڪولهيءَ چيو ته: ”پاڻ هتي پيو گهوڙيون نچائي ۽ پڻس جيل ۾ پيو آهي!“ اهو ٻڌي اُڌيسنگهه باهه ٿي ويو ۽ هڪدم ماڻهو گڏ ڪري، جيل جو دروازو ڀڃي، سڀني کي آزاد ڪيائين. پوءِ پنهنجي سر بندوق کڻي، تروٽ جي تنبوءَ ڏانهن ڪاهي ويو. ٿورو پنڌ ويو ته جوش ۾ ڀرجي ويو، ۽ وٺي بندوق جا فائر ڪيائين. تنهنڪري تروٽ ڀڄي هڪ مينگهواڙ لاڌوءَ جي گهر، چم جي ڇوڙن ۾ وڃي لڪو: | |
| آيو اُڌيسنگهه اوچتو، ڀورو ڀڄايو، ڪـَـر ڀوري راڪنپيا، موچي بچايو. | |
| راڻن تروٽ جي ڳولا ڪئي، مگر هو نه مليو. تڏهن انهن ڪن سپاهين کي ماري ڇڏيو. ڪرنل ايونس جي فوج به ويجهي هئي، جنهن کي هڪ سوار وڃي ڏينسي وٽ خبر ٻڌائي ته وري فساد شروع ٿيو آهي. فوج هڪدم اچي، 19- جون 1859ع تي گهيرو ڪيو. راڻو، وزير ۽ ٻيا شهر ڇڏي ڀڄي ويا. راڻي ڪارونجهر ۾ وڃي پناهه ورتي، جتي اُن کي سندس هڪ گـَـهرو دوست، ڪاسبي جو لهاڻو سيٺ مهاوجي، هنس پري ٻائو ۽ روپلو ڪولهي کاڌي جو سامان رسائيندا هئا ۽ خبر چار ٻڌائيندا هئا. تروٽ کي خبر پيئي، تڏهن روپلي کي جاگير جي لالچْ ڏنائين ته راڻي جو ڏس ڏئي، مگر هو وفادار هو، تنهن چيو ته: ”مون کي ڪا خبر ڪانهي.“ پوءِ کيس ڏاڍي مارڪٽ ڪيائون. هٿ جي تـِـرين ۾ تيل وجهي، آڱرين تي وٽيون ٺاهي، باهه ڏنائون.... تڏهن به روپلو ست تي ثابت رهيو. آخر تروٽ، هنس پري ٻائي ۽ سيٺ مهاوجيءَ کي گهرائي، لب لالچْ تي ريجهايو، تن دغا ڪري راڻي کي گرفتار ڪرايو. سگهو پوءِ وزير ۽ ٻيا سوڍا به گرفتار ٿيا. جنهن تابعداري مڃي، تنهن کي آزاد ڪيو ويو. | |
| ڀوڏيسر جا ٺـَـڪر حملي وقت انگريزن سان مددگار رهيا ۽ ڪرنل ايونس، 23- آگسٽ 1859ع تي، هنن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو. هن سفارش ڪئي ته ڀوڏيسر جو ڳوٺ، جنهن جي سالياني پيدائش ٽي سؤ رپيا هئي، سو ٺـَـڪرن کي هميشه لاءِ ڏنو وڃي. انهن کي نيٺ ڇهه هزار ايڪڙ جاگير ملي. | |
| ننگر پارڪر جي راڻي ۽ ويرا واهه جي ٺڪرن آڻ نٿي مڃي. تن جون اڳ مليل جاگيرون ضبط ڪيون ويون. ننگر پارڪر جي راڻي، ويرا واهه جي ٺڪر لاڌو سنگهه ۽ سندس پٽ اُڌيسنگهه پوءِ به آڻ نه مڃي. اُڌيسنگهه کي تروٽ گهڻو ئي لالچايو ۽ کيس سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس جاگير ۽ هڪ بنگلي ڏيڻ جي آڇ ڪيائين، پر هو نه مڙيو، تنهنڪري ان کي عمر ڪوٽ ۾ بند رکيو ويو. | |
| اُڌيسنگهه جي وفات بعد، سندس پٽ سامتسنگهه کي سن 1887ع ۾ ڇهه هزار ايڪڙ سيڪنڊ ڪلاس جاگير ملي ۽ راڻي جي وارثن کي ٽي هزار ايڪڙ ٿرڊ ڪلاس جاگير ملي. مهاوجيءَ جي خدمتن لاءِ ڪرنل ايونس، پنهنجي ليٽر نمبر 233، تاريخ 20- آگسٽ 1859ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر ڏانهن هن ريت لکي موڪليو: ”مهاوجي تمام عزت ڀريو لهاڻو آهي. اسان کي رسد پهچائڻ ۽ خبرون ڏيڻ ۾ هي تمام دور انديش آهي. پارڪر ۾ هي نه هجي ها ته ڪرنل تروٽ به اسان جون گهرجون پوريون نه ڪري ها.“ ڪمشنر بلوي وقت مدد ڪندڙ ماڻهن لاءِ سخت سفارش ڪئي، تنهنڪري بمبئي سرڪار، پنهنجي ليٽر نمبر 1560، تاريخ 7- اپريل 1860ع ۾، ڪيترن کي جاگيرون ۽ انعام ڏنا: ڦول ٻائيءَ کي ڳوٺ ڦيٿاپر، ست هزار بيگا زمين ۽ حياتيءَ تائين معافي ملي. مهاوجي لهاڻي کي اٺ هزار بيگا زمين ۽ حياتيءَ تائين معافي ملي. هنس پري ٻائي کي جبل جي سموري پيدائش ملي. لاڌو مينگهواڙ کي به زمين جو ٽـُـڪر مليو ۽ ٻين ڪيترن کي معافيون مليون. | |
| راڻي ۽ وزير تي راجڊوهيءَ جو مقدمو هليو، جو 1860ع ۾ پورو ٿيو. راڻي کي چوڏهن سال جيل ۽ وزير کي ڏهه سال جيل مليو. روپلي ڪولهيءَ جو نالو امر ٿي ويو، اهو ئي سندس انعام آهي. | |
| هن بلوي ۾ سوڍن جيڪا سورهيائي ڏيکاري، تنهن جا بيت اڃا تائين پارڪر ۾ ڳائجن ٿا: | |
| گوري گرورَ گجيو، جهيڪ مچائي رڻ جنگ، لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اُوئان راجپوتانان رنگ. | |
| رنگ ڪلا رنگ مهاسينگا، رنگ هو سڀ رهاڻ، رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ. | |
| وِجو ڏاڍو ويرَ ورَ، ڀوجل ننڍو ڀوُپ، ڪٽڪا سان رٽڪا ڪريا، رنگ ڪلاڪـُـل روپ. | |
| ڪلي چڙهي هوڪو ڪري، باجي هاڪ ويراڻ، گلي ئي پر تروٽ گيو، ميل فرنگي ماڻ. | |
| ڀورا ڏر ڀانجي، گانجي پرتشڻان جيت، مهيتپت کڙنگ مانجي، پارڪر رڻ پريت. | |
| چندن گڍ نڇاور ٿيو، جوڌي مچايو جنگ، لڙيو ساٿ ”ڪـِـرڻ“ جي رو، ان راجپوتانان رنگ. | |
| -------- | |
| سوڍن کي جاگيرون | |
| انگريزن چالاڪي ڪري باغي سوڍن کي جاگيرون ۽ انعام ڏنا، تنهنڪري هو خوش ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيا. | |
| (1) ڀوڏيسر جاگير: هيءَ فرسٽ ڪلاس جاگير، ڇهه هزار ايڪڙ، ڪرنل اِيونس جي زوردار سفارش سان ملي. | |
| (2) ويرا واهه جاگير: هيءَ سيڪنڊ ڪلاس جاگير، ڇهه هزار ايڪڙ، سامتسنگهه کي ملي ۽ ارڙهن سؤ پنج رپيا عيوضو پڻ مليو. سندس پٽ امر سنگهه بنا اولاد هو، تنهنڪري سندس پتنيءَ اڀيه سنگهه کي گود جو پٽ ڪيو هو. جلد ئي اها ڀٽياڻي سرڳواس ٿي، تنهنڪري جاگير سرڪار پنهنجي حوالي ڪئي. اڀيه سنگهه اپيل ڪئي ته جاگير واري زمين قبولي طور مون کي ملي ۽ آباد ٿيل زمين جي مان ڍل ڀريندس. انهيءَ تي موروثي هارين اعتراض ورتو. سرڪار موروثي هارين وارا نمبر هارين کي ڏنا ۽ ٻي جاگير اڀيه سنگهه کي قبولي ٿي ملي. | |
| (3) راڻپور جاگير: ٽي هزار ايڪڙ زمين ۽ ٻه هزار هڪ سؤ اٺونجاهه رپيا روڪڙا مليا. اها جاگير هينئر اچلسنگهه جي حوالي آهي. | |
| (4) ڦيٿاپر جاگير: اها ٻه هزار ايڪڙ ڦول ٻائيءَ کي ملي هئي. | |
| (5) ڌنيگاڻو: موندرو، کارڙيو، ڪاسبو، آڌيگام وغيره ڳوٺن ۾ به سوڍن کي ڪي ٿورا نمبر معافي آهن. | |
| مکيه شهر | |
| ننگر پارڪر: | |
| ڪارونجهر جبل جي هنج ۾، 21-24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 4-70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾، هي مشهور شهر سوڍي آسراءَ پهرين اچي آباد ڪيو هو. هن وقت تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. پاسي ۾ نـِـمن جي عجيب وڻڪار اٿس. اهي نمون، تروٽ صاحب هڪ ميل تي سريکي نموني لڳارايون هيون. ڪارونجهر جي اُتانهينءَ چوٽيءَ تي چڙهي، هندستان جي ڪن ڀاڱن جو ديدار ڪري سگهجي ٿو. پاسي ۾ باغات آهي، جنهن مان سڀ قسم جي ڀاڄي ميسر ٿئي ٿي. هتي نواڙون، نودون، کيس وغيره ٺهن ٿا. اڳي اوسواڙ قوم جي اڪثريت هئي، پر هينئر انهن مان رڳو هڪڙو گهر رهندڙ آهي، باقي لوهاڻا، ميمڻ، ٻروچ، مينگهواڙ، گرڙا ۽ ڪولهي رهن ٿا. ننگر پارڪر ۾ هيرڻ جي پوک جام ٿئي، جنهن مان ڪافي اُپت آهي. هتي پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، اسپتال، ٿاڻو، مختيارڪار جي آفيس، تار ۽ ٽپال آفيس، ديرو، مسافر خانو ۽ جانورن جي اسپتال آهن. هتي لکڻ ڀارتي جو مندر آهي. گوڙدرو ندي، ڪارونجهر جبل مان اٿاهه پاڻي کڻي لنگهي ٿي، تڏهن لکڻ ڀارتي مندر وٽ اچڻ سان ٻه اڌ ٿي وڃي ٿي. چون ٿا ته لکڻ ڀارتي مڙهيءَ وٽ اڳي هڪ ٻاوو رهندو هو. هڪ دفعي برسات نه وسڻ ڪري، ماڻهن وڃي ٻاوي کي عرض ڪيو، ٻاوو ٻه ڏينهن ساندهه اُتي بغير پاڻيءَ ۽ مانيءَ جي ويٺو رهيو. ٽئين ڏينهن سخت برسات آئي. ماڻهن وڃي ٻاوي کي عرض ڪيو ته هاڻ هتان اُٿي، نه ته پاڻي ٻوڙي ڇڏيندئي، مگر ٻاوو اُتان نه اُٿيو. پاڻي جڏهن ٻاوي وٽ پهتو، تڏهن ٻن وهڪرن ۾ ورهائجي، ٻاوي کان پاسو ڪري اڳتي وهي ويو. پوءِ اُن جاءِ تي مندر ٺهرايو ويو، جنهن کي لکڻ ڀارتي مندر چئبو آهي. هتي 1862ع ۾ ميونسپالٽي قائم ٿي هئي، جا 1872ع ۾ بند ٿي ويئي. | |
| ويرا واهه: | |
| هيءُ ننگر پارڪر تعلقي ۾ 31-24 اُتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 0-70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تمام جهونو شهر آهي، جو اصل ويري ريٻاريءَ جو ٺهرايل آهي. هن جي پاسي ۾ پاري ننگر جي ڦٽل شهر جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن جي پاسي ۾ سنگها ڍنڍ آهي، جنهن ۾ پاڻي سڪڻ بعد پوک ٿئي ٿي. هي ويرا واهه جي سوڍن کي مليل آهي. هتي لوهاڻا، ڪولهي ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. منجهس پرائمري مرداڻو اسڪول، پوسٽ ۽ ڍڪ آهن. | |
| ڊاڀو | |
| هيءُ ننگر پارڪر تعلقي ۾ هڪ چڱو وسندڙ ڳوٺ آهي. هتي لاکا ۽ سما رهن ٿا، جي خانداني گهراڻي جا زميندار آهن. هتي پرائمري مرداڻو اسڪول آهي، جو قديم وقت کان وٺي هلندو اچي ٿو. هتي سما، مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي رهن ٿا. | |
| آڌيگام | |
| ننگر پارڪر تعلقي ۾، هڪ چڱو شهر آهي. هتي ايترو ناڻو آهي، جو چوندا آهن ته اڌ ۾ آڌيگام، ۽ اڌ ۾ سڄو ننگر پارڪر تعلقو. گهڻي ناڻي جي ڪري، آڌيگام کي سدائين ڌاڙيلن جو ڊپ رهيو آهي. هتي لوهاڻا، جين، مينگهواڙ، ڪولهي، ڪنڀار، سما، گرڙا، چاڪي ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. منجهس پرائمري اسڪول، ٿاڻو ۽ ڍڪ آهن. | |
| ڏونگري | |
| هيءُ ڳوٺ ننگرپارڪر جي نزديڪ آهي. ڏونگري اڳئين زماني ۾ هڪ تمام وڏو شهر هو، جنهن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاسي ۾ هڪ ٽـَـڪري آهي، جنهن ۾ هڪ ڀونئرو هو. هينئر اُهو ڀونئرو ڊٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتي برهمڻ رهن ٿا، جي ٻن قسمن جا آهن: شرمالهي ۽ راجگر. منجهس پرائمري اسڪول ڪيترن سالن کان هلندڙ آهي. | |
| ---------- | |
| ننگر پارڪر ۾ رهندڙ قومون | |
| ننگر پارڪر ۾ هندو به رهن ٿا ۽ مسلمان به. 1947ع جي لڏ پلاڻ ۾ ننگر پارڪر، ويرا واهه، شولو، ڪاسبي ۽ آڌيگام مان ڪي لوهاڻا ڀارت هليا ويا آهن. | |
| مسلمانن جون هيٺيون ذاتيون رهن ٿيون: | |
| سيد - هيءُ ورڻهاريو ۽ قابل شاهه ۾ رهن ٿا. کوسا- ننگر پارڪر، سامي ويري ۽ ڪٻڙي ۾ رهن ٿا. سما- ڊاڀي ۾ رهن ٿا. چانڊيا- موندرو، ٻورلي چانڊيا، هستڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ رهن ٿا. ساند - پـِـيلو، پهڻاريو، ساهو ساند، وغيره ڳوٺن ۾ رهندڙ آهن. خاصخيلي - ڀالوا، رتنياري وغيره ڳوٺن ۾ رهن ٿا. تعلقي ۾ مسلمانن جون ٻيون به هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: اُتر، سومرا، کوکر، رند، نهڙي، راهما، شيدي، حجام، ڪنڀار، مڱڻهار، لنگها، مڱريا، لنجا، جوڻيجا، سنگراسي، هاليپوٽا، سميجا، راڄڙ، جيسر، ڀٽي، جنهنجي، ٿيٻا، ديدار، ڏيٿا، اوٺا، چنا، ڪيريا، ڏوهٽ، ڪيلهڻ، گجـُـو وغيره. | |
| هندن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: شرمالهه، برهمڻ، راجگر برهمڻ، سارسوت برهمڻ، جين، لوهاڻا، راجپوت، رٻاري، سوٽهڙ، چارڻ، جاٽ، مالهي، سونارا، کٽي، نائي، سامي، لوهار بجير وغيره. | |
| اڇوتن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ ڀنگي. | |
| --------- | |
| پارڪر جا ڪولهي | |
| ڪولهي اصل گجرات، واگڙ ۽ ڪڇ کان آيا هئا. سوڍن جي حڪومت ۾ ٽوليون ڪري ڌاڙا هڻندا هئا. سوڍن جي ٽيلات راڻي وٽ خاص لشڪر به ڪولهين جو هوندو هو. ڪولهي تمام بهادر مشهور هئا ۽ ڪاتـَـر ۽ تيـِـر هلائڻ جا ماهر هئا، تنهنڪري راڻا هرڪا جنگ جيتي ايندا هئا. ڪولهي وفادار قوم آهن. انگريزن جي چڙهائيءَ وقت، جيئن اڳي ذڪر ڪيو ويو، روپلي ڪولهي جي هٿن جي ترين ۾ تيل وجهي، وٽيون ٺاهي، ڏيئا ٻاريا ويا. پر وفادار ڪولهيءَ تڏهن به فرنگين کي پنهنجي راڻي جو ڏَس نه ڏنو. گهر ۾ جيڪڏهن داڻن جي لپ هوندين، ته آيل مهمان کي کارائي ڇڏيندا ۽ پاڻ ٻچن سميت لنگهڻ سمهي رهندا. | |
| چون ٿا ته اڳئين وقت راڙڪوئي ۾ هڪ ڪولهي، شاهوڪار ۽ ستا وارو هوندو هو. وٽس هڪڙو ڀلو اُٺ هو، جنهن جي ڪنڌ ۾ سوني سنگهر وجهي، هو اُٺ بنا ڏاڻ جي ڇڏي ڏيندو هو. ڪيترن ماڻهن وٽان ننگر پارڪر جي راڻي کي انهيءَ ڪولهي بنسبت دانهون پهتيون ته اُٺ اسان جون ٻنيون کائي ٿو. هڪ دفعي ان راڻي جو ڀاڻيج واگڙ کان آيل هو. ٻيئي ڄڻا ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا ته انبوهه ماڻهن جو دانهن کڻي آيو. راڻي پنهنجي ڀاڻيج کي اشارو ڏنو ته هو اُٺ جهلي، گم ڪري ڇڏي. ٻئي ڏينهن هو اُٺ ڪاهي، واگڙ وٺي ويو. جڏهن ڪولهيءَ کي سڌ ملي، تڏهن وڏو ڊنبلو وٺي واگڙ طرف ڪاهي ويو. راڻي جي ڀاڻيج کي اها خبر پيئي، تڏهن هندو رسم مطابق ساميو ڪري سامهون آيو، چيائين ته: ”ماما، اسان هن ڪري اوهان جو اُٺ آندو ته اوهين ڪڏهن هن طرف نٿا اچو، سو هن بهاني سان من اسان جي ڳوٺ ۾ اچڻ ٿئيوَ!“ اها ڳالهه ٻڌي، ڪولهيءَ ساميي ۾ ست سؤ ڪوريون وڌنديون ۽ ڀاڻيج کي اُهو اُٺ بخشش ڪري ڇڏيو. | |
| رفتي رفتي هيءَ قوم غربت ۾ گرفتار ٿيندي ويئي ۽ هن وفادار ۽ بهادر قوم جي غربت ۽ اٻوجهائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي، ان کي هميشه لاءِ ذلت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ويو. هينئر انهن ۾ ڪافي سجاڳي آئي آهي، تڏهن به بي علميءَ سببان وڏي طبقي جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل آهي. | |
| ---------- | |
| تعليم | |
| ”علم بنا آدمي، آهي پسونءَ سمان.“ جنهن قوم ۾ علم جي روشني نه آهي، سا آهستي آهستي صفحهءِ هستي تان نابود ٿي وڃي ٿي. علم جهڙي اکـَـٽ خزاني سان جا قوم مالا مال آهي، سا سدائين آسودي ۽ سـُـکي هوندي. اهو ملڪ خوش قسمت چئبو، جنهن جو هر فرد تعليم جي دولت جو ڌڻي هجي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ننگر پارڪر تعلقو ئي آهي، جو علم ۾ سڀني کان پـُـٺتي پيل آهي. سڄي تعلقي ۾ پهرين ٽي - چار پرائمري اسڪول هوندا هئا، جتي گجراتي سيکاري ويندي هئي، تنهن کان پوءِ گجراتي بند ڪري، سنڌي شروع ڪئي ويئي. ان کان پوءِ، 1954ع کان اڳ تائين، وڌي ٻارهن اسڪول ٿيا. 1947ع کان اڳ، سڄي تعلقي ۾ هڪڙو ئي مڊل اسڪول هو، سو به 1947ع جي لڏ پلاڻ بعد بند ٿي ويو، ۽ انگلش ڪلاس کليو. 1954ع ۾ سنڌ وزارت جي تعليمي اسڪيم هيٺ، ننگر پارڪر تعلقي ۾ زوري تعليم رائج ٿي. هن وقت، لازمي تعليم هيٺ هئڻ ڪري، تعلقي ۾ سؤ کن پرائمري اسڪول آهن. 1956ع ۾ مير محمد بخش خان لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ هو، جنهن ڪوشش وٺي ننگر پارڪر ۾ مڊل اسڪول کولايو. هن وقت به صرف ننگر ۾ ئي مڊل اسڪول آهي. ڪجهه وقت ٻلهاريءَ ۾ انگلش ڪلاس هو، پر هاڻي بند ٿي ويو آهي. اڳي ننگر پارڪر ۾ زنانو پرائمري اسڪول هو، سو به هاڻ بند ٿي ويو آهي. لازمي تعليم سبب اسڪولن جو تعداد وڌڻ ڪري، هن وقت ننگر پارڪر تعلقي ۾ اٽڪل ساڍا ٽي هزار ٻار تعليم پرائي رهيا آهن. | |
| ----------- | |
| ٻولي | |
| پارڪر ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، تنهن کي ”پارڪري ٻولي“ چئبو آهي، جا بگڙيل گجراتي آهي. ڪولهين جو لهجو سڀني کان نرالو آهي. ٿر ۾ وري ”ڍاٽڪي“ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪن هنڌين هندو ۽ مسلمان ساڳئي نموني جي ڍاٽڪي ڳالهائيندا آهن. ٻروچ ۽ سما عام سنڌي ڳالهائيندا آهن. | |
| --------- | |
| پارڪر جا گيت | |
| پارڪر جا گيت دل لـُـڀائيندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهن. زالون شاديءَ جي وقت ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي گڏجي ڳائينديون آهن. نموني طور، هڪڙو گيت هيٺ ڏجي ٿو. | |
| هڪڙيءَ سس پنهنجيءَ نـُـنهن کي، مڙس جي غير حاضريءَ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو آهي، مڙس جڏهن پرديس ڪمائي موٽي اچي ٿو، ته ماءُ کان پنهنجيءَ زال جي پڇا ٿو ڪري: | |
| گيت ۾ ماءُ ۽ پٽ جا ان بابت سوال ۽ جواب ڏنل آهن. | |
| ماڙي، ٻارهن ورس آويو -- ماڙي، نه ڏسي پاتلي پرمار رِي، | |
| جاڙيجي مان: | |
| ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي. | |
| (اي امڙ، آءٌ ٻارهن سالن کان پوءِ آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي به نظر نٿي اچي، پرمار راجپوتن جي ڌيءُ، حاڙيجن راجپوتن جي ڪنيا. کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو!) | |
| بيٽا، ايهن پاڻي بهوُ گئي -- بيٽا، ڇوٽوڙو ڏيور ساٿ: | |
| ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي. | |
| (پٽ، ڪنوار ته پاڻي ڀرڻ ويئي آهي، ساڻ ننڍو ڏير به اٿس. کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو.) | |
| ماڙي، جل ٿل سڀ ديکيا، پڻ نهين ديکي پاتلي پرمار ري، | |
| جاڙيجي مان: | |
| (اي اما، آءٌ کوهه ۽ تلاءَ سڀ ڏسي آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي به نظر نٿي اچي، پرمارن جي پـُـتلي ڌيءَ......) | |
| ڏيڪرا، ٻيٺئي ويس ني هٿيار ڇوڙيئي، ڏلئا ڏري آوسي، | |
| ٻاٻيو ٻوليو، کائڙري کيجڙي. | |
| (پٽ، ويهه هٿيار لاهه، هوءَ اَن ڏرڻ ويئي آهي، اِجها آئي ڪـِـي آئي!) | |
| ماڙي، گهنٽيون ني رئڙا جوئي رهيو، ماڙي نه ديکي پاتلي پرمار رِي، | |
| جاڙيجي مان: | |
| ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي. | |
| (امڙ، سڀ چـَـڪيون ڏسي آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي به نظر نه آئي، پرمارن جي پوپري جاڙيجن جي ڄڻيل.) | |
| ڏيڪرا، ٻيس هٿيار ڇوڙيئي، ڪليا ڪنور، ويس ڌوڪ ني آوسي ري، | |
| ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي. | |
| (منهنجا پيارا ڪنور، هٿيار ڇوڙي آرام ڪر، تنهنجي ڪنوار ڪپڙا ڌوئڻ ويئي آهي، ڄاڻ ته آئي.) | |
| ماڙي، نديون نالا جوئي ديکي ري، ماڙي نهين ڌيءَ پاتلي پرمار ري، | |
| جاڙيجي مان: | |
| ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي. | |
| (اي اما، سڀ نديون نهاريم، پر هوءَ ڪٿي نظر نه آئي: اُها پرمارن جي پياري ڌيءَ، جاڙيجن جي جوانڙي.) | |
| اينا ٻـُـچڪا مان ڪورِي بانڌنـِـي ري، اي بانڌني ديک ني بادر هاوَري، | |
| اي گوجارن مان. | |
| انٻلو ورک سوکي ڳيو ري. | |
| (هن بجڪيءَ ۾ سندس نئين ساڙهي پيئي آهي. سندس ساڙهي ڏسي، دل ٿي گهريم ته ساڌو بڻجي وڃان. او هـَـتياري امان، اڱڻ ۾ انب جو وڻ سڪي ويو!) | |
| -------- | |
| پارڪر جي نج شعر جو نمونو | |
| (1) گـَـمي ڇٻي گـُـل بدن تارو، چـَـتـُـرا چـِـت چـَـٽـَـڪي ڇي، (2) آري وِيوڳ ٿـِـي وَهالـِـس، کـَـري کـَـر دل ڀـَـٽـَـڪي ڇي. (3) آتيشَ ڪيس لانبا ڇي، سونـَـوا سـِـرَ پـَـرَ سوڀي، (4) آڏيکا اَنـَـترَ ٿي ني، ڦڻيڌر سـِـيسَ پـَـٽـَـڪي ڇي. (5) لـِـلاٽي چاندَلو سوڀي، نهاري نيتر لوڀي ڇي، (6) شـَـشـِـي ايمِ ڌارِي ني، ڪـُـموُڏُني مـُـک ڇٽڪي ڇي. (7) هرڻ سـَـمَ نيتـَـر ڇي تارا، وري وِشال ني ڪارا، (8) نيڻ نـِـٿ ٿـِـي نه ٿايو تو، نهين ڪوُڪال ڇٽڪي ڇي. (9) گلابي گال ڇي گورا، سوڀت ناڪ ۾ نٿ نـِـي، (10) اَها نـَـٿَ نوتڻو موتـِـي، آڌَرَ پـَـرَ ڇيڪ لٽڪي ڇي. (11) منوهر مـُـک تارون ڇي، تـَـرُوڻي تيج واروُن ڇي، (12) شـَـشـِـي شرمائي نيڻ گگني، گـُماوِي گـَـروَ ڀٽڪي ڇي. | |
| (1) گمي ڇي= وڻي ٿو. تارو=تنهنجو. چترا=چالاڪ. | |
| (2) ويوڳ= وڇوڙو. وهالي= پياري. کري کر=پڪيءَ طرح. | |
| (3) اتيش= گهڻا. ڪيس= وار. لانبا= لنبا، ڊگها. سونوا= سون جهڙا، سونهري، سوڀي = سوڀيا ڏئي ٿو، سونهي ٿو. | |
| (4) آڏيکا= ڏسڻ ۾ نه ايندڙ، لڪل، انتر= اندر. ڦڻيڌر=ڪاريهر. سيس= سر، مٿو. | |
| (5) للاٽي= نراڙ، پيشاني. چاندلو= چندي. نيئر= نيڻ، اکيون. | |
| (6) ششي= چنڊ، ايم= ايئن. ڪموڏ= ڪنول. | |
| (7) هرڻ سم نيتر= هرڻ جهڙا نيڻ. تارا= تنهنجا. وشال= گهاٽا. | |
| (8) ٿايو= نوايو، جهڪايو. ڪوڪال= ڪـُـوڪرو، آه زاري. | |
| (9) گال= ڳل. سوڀت= سونهي ٿو. | |
| (10) اڌر= مٿو. | |
| (11) تارون= تنهنجو. تروڻي تيج وارو= سج جهڙو چمڪندڙ. | |
| (12) گگني= اُڪاس ۾. گماوي گرو= ايمان ڇڏي. | |
| ننگر پارڪر تعلقي جو شعر | |
| سايون ڪورايون تان، وٿاڻي آيون ڙي، تاجي ڏوجهاري ڏُسڪا ڀري ڙي: جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ! | |
| سـَـتَ تان سهيليون، پاڻي ڙي گـَـيون ڙي، تاجـِـي هانجرَ آنسوُڙا هاري ڙي: جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ! | |
| سائو تان سارون ڙو، وينٽڻئي رهيو ڙي، تاجي وڇوڙي ۾ ويراڳڻ ڦران ڙي: جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ! | |
| ٻيجي ڪو سهيلين، ٽيج ڪو رکي ڙي، تاجي مرگها نيڻي ميلي ويس ڙي: جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ! | |
| کنوڻ ري ڪڙڪي، مانجي ڇاتي ڪو ڌڙڪي، چوماسو تڪڙو جائي ڙي: جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ! | |
| -------- | |
| پارڪر جي رس رهاڻ ۽ قربائتي ڪچهري | |
| اسان جي سنڌ ۾ نوي سيڪڙو آدم ٻهراڙيءَ يا ڳوٺن ۾ رهي ٿو. ”ڳوٺ“ دراصل سنسڪرت جي ”گوشٽ“ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”گوسٿا“ ، جو ڦري ٿيو ”گئو آستان“ ، معنيٰ ڳانيـِـن جي بيهڻ جو هنڌ. ڪنهن گام جي گوندري وٽ بيهي نظر ڊوڙائبي ته گوريون ڳايون (ڳئون)، مينهون متاريون، ڪـُـنڍيون ۽ ڪاريون، ڀـَـليون ڀٽاريون چئني پاسي چـَـرنديون نظر اينديون. ماڻهو ڪي ميدانن ۾ ته ڪي ڀـِـٽن جي ڀر ۾، ڪکانئان جهوپڙا اڏي، ساٿين کي سڏي، گوڏو گوڏي سان گڏي، رهاڻين ۾ روح کي ريجهائي پيا زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينهن ڪاٽين. ڳوٺن ۾ اڄ به ساڳي سادگي ۽ اصليت ملندي، جا ڳوٺاڻن جو ورثو آهي. اِهي ئي ننڍا ڳوٺ ۽ بستيون اسان جي ملڪ جو سچو سرمايو، اسان جي اصليت جو آئينو آهن. ڳوٺڙن جي زندگي هڪ عجيب ۽ پـُـر لطف زندگي آهي. سارو ڏينهن سج جي سخت تپت ۾، پيرين اگهاڙا، هٿن ڪهاڙا، پـُـٺن ساندارا، سـِـيم مـُـهاڙ ڪريو، جهنگ جهاڳيندا وتن- ڪي ڪاٺين لاءِ ته ڪي سانڍين لاءِ. ڪي وري ساٿين کي سڏ ڪري، سيم جو چپو چپو جاچي، سج لٿي اچي گهرن ڀيڙا ٿين. مانيءَ جا چار چـَـڪ ڀري، اچي ڪچهريءَ ۾ ڪانڀ ڪڍي ويهندا. اوتاري جو مالڪ هوند سارو، حـُـقو ڀري اچي حاضر ٿيندو. ”جهڙو هلامڻ هيرلو، تهڙي سون سـُـجاڻ.“ مکيه کاڌو ٻاجهريءَ جي ماني ۽ لـَـسي، نه ڪڻڪ سان قـُـرب، نه چانورن سان چاهه. البت آفيم جي علت ٺـَـڪرن ۽ برهمڻن ۾ ججهيري ڏسبي، پر واپاري قوم اهڙيءَ علت کان آجي آهي. طبعيت جي تفريح لاءِ شهرين واري ورونهه صفا ڪانهي. نڪا سئنيما، نڪو ٿئيٽر، نه وري هنن وٽ هوٽلون آهن، جتي هو ڪوڙ ڪـُـٽين. جيتوڻيڪ جاهليت منجهن جام آهي، ته به ڪچهريءَ جا قابل آهن. هنر پروليءَ جو رواج عام آهي. ڪي ڇند چون، ڪي ڏهيڙا ڏين، ته ڪي ڳجهارتن ۽ ڳوڙهن ۾ ڳالهائين. مطلب ته عجيب غريب موضوع ڇيڙي ويهندا آهن. هڪڙو ڄڻو اُٿي ڀريل ڪچهريءَ ۾ سوال وجهندو. سڀ ماٺ ميٺ ۾ سوال ٻـُـڌندا. جنهن کي سوال ايندو، سو جواب ڏيندو، اهڙي سوال - جواب جو نمونو پيش ڪجي ٿو. | |
| سوال: ناري ٻولي نيهه سان، تون هو چـَـتـُـرَ سـُـڃاڻ، پنج ”پ“ تي پيارا پـُـرش ني، تنهن جا ڪريو وکاڻ. (ناري نهايت نرمائيءَ سان چوڻ لڳي ته اهي پنج شيون ”پ“ جون ٻڌايو، جيڪي پرش کي پياريون هجن.) | |
| جواب: پان، پاگهه، پدمڻي، پريمل ۽ پوشاڪ: پنج پيارا پـُـرش کي، ڦـِـر پـُـڇ سڏ پاڳ. (پان، پٽڪو، پدمڻي، ڪٽنب ۽ پوشاڪ: اهي پنج ئي شيون مرد کي پياريون هونديون آهن.) | |
| سوال: ڌن ڌن تنهنجي ڌيان کي، ڌن ڌن راجڪمار، پنج ”ڪ“ تي پيارا ڪامڻي، ڦـِـر چئـِـي ڏيکار. (اي راجڪمارو، جيڪي پنج شيون ڪامڻيءَ کي پسند هجن، اهي ٻڌايو.) | |
| جواب: ڪنڪـُـو، ڪاجل، ڪانگسي، ڪانچرئو ۽ ڪنٿ: پنج پيارا ڪامڻي، سـُـڻ پـُـرش سـُـچنت. (ڪنڪـُـو تلڪ لاءِ، ڪجل اک لاءِ، ڪانگسي وارن کي ڏيڻ لاءِ، ڪپڙو اوڍڻ لاءِ ۽ ڪنٿ: اهي پنج شيون استريءَ کي پياريون آهن.) | |
| تعلقي ننگر پارڪر جي آدم شماري |