Download sindhiadabiboard.org/History/Book20.txt from arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset: direct link, hf CLI and curl.
- Browser
- Download file 168 kB
-
https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/History/Book20.txt
- Command line
-
hf download hf://datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/sindhiadabiboard.org/History/Book20.txt
-
curl -L -o Book20.txt https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/History/Book20.txt
168 kB
| ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) | |
| تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) | |
| رائچند هريجن | |
| ڇپائيندڙ پاران | |
| هيءُ ڪتاب ٿر جي تاريخ تي هڪ دستاويزي حيثيت رکي ٿو، جيڪو سرڳواسي رائچند هريجن جي اڻ مَئي محنت جو ڦلُ آهي. هن ڪتاب ۾ محقق ۽ تاريخ جي ماهر رائچند هريجن ٿر جي طبعي، جاگرافيائي ۽ معاشي حالتن کان وٺي ٿري ماڻهن جي اُٿڻي ويهڻي، رسم و رواج، تهذيب و تمدن تائين هر موضوع تي مختصر پر جامع انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب سومرا دور کان موجودهه دور تائين ٿر جي تاريخ جو هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ ڪو به ٿر ڄائو پنهنجي پراڻي تاريخ جو چهرو ڏسي عجب کائي سگهي ٿو. پڙهندڙ حضرات هن ڪتاب جو مطالعو ڪندي محقق جي ڪيل ڪاوش ۽ محنت کان منحرف ٿين، ائين ٿي نه ٿو سگهي. ڪٿي ڪٿي مذهبي رنگ محقق جي ذهن کي متاثر ڪيو آهي، پر اهو هڪ انساني ۽ فطري جذبو آهي، جنهن کان بچڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. سرڳواسي رائچند هريجن سان ڪِن ڳالهين تي اختلاف راءِ رکي سگهجي ٿو، پر محقق جنهن محبت، اڻ مَئي پيار ۽ جستجوءَ سان هن تاريخي رٿا کي توڙ تائين رسايو آهي، ان جذبي ۽ همٿ سان ڪوبه پڙهيل ڳڙهيل شخص اختلاف نه رکندو. | |
| ادبي بورڊ فاضل محقق جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شعبي سان انهيءَ لڳاءَ ۽ محنت جو قدر ڪري ٿو ۽ ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪندي پڙهندڙ حضرات مان سٺي موٽ جي اُميد پڻ رکي ٿو. بورڊ سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ بابت معياري ڪم ڪرڻ گهري ٿو. ادبي بورڊ جي ماضيءَ واري تاريخ به اِن ڳالهه جي ثابتي ڏئي ٿي. چچ نامو، تحفته الڪرام، جنت السنڌ وغيره سنڌ جي تارخ تي، بورڊ جا ڇپايل بي مثال ڪتاب آهن. موضوع جي مناسبت سان اهڙي نوعيت جا ڪتاب بورڊ جي شروعاتي دور کان پوءِ نه اچي سگهيا آهن، جڏهن، ته اها سنڌ به موجود آهي ۽ ان جا وارث به سلامت آهن! ان جا ڪافي سبب آهن: ڪن ماڻهن جو خيال آهي، ته ان دور کان پوءِ سنڌ قحط الرجال واري دور مان گذري رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ تي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. هاڻوڪي دور تي الزام آهن، ته هي دور پنهنجي سفر ۾ علي ڪوفي، مير علي شير قانع، رحيمداد خان مولائي، شيدائي، خداداد خان، عمر بن محمد دائود پوٽي، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ۽ غلام محمد گراميءَ جهڙيون علمي، ادبي ۽ تاريخي طرح قدآور شخصيتون پئدا ڪري نه سگهيو آهي. ان ڳالهه کي ڪنهن حد تائين مڃيندي چئي سگهجي ٿو، ته معتبر ليکڪن جي اڻاٺ هوندي به ان وٽ اهڙا قلمڪار پڻ موجود آهن، جيڪي جذبي ۽ پيار سان سنڌ جي تاريخ ۽ علم و ادب تي ان کان به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پر کين اڃا اهڙو ماحول فراهم ڪري نه ڏنو ويو آهي. بورڊ مستقبل ۾ سنڌ جي تاريخ تي سائنسي ۽ جديد انداز ۾ نئين سر ڪم ڪرڻ جو نيڪ ارادو رکي ٿو. تحقيق جي فن ۽ علم کي اڄ جي جديد ۽ سائنسي تقاضائن سان سلهاڙي سنڌ جي جديد تاريخ تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. اهو هاڻي اڄ جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ ايڏو ڏکيو ڪم نه رهيو آهي، جيڪو ڪم اڳ ڏينهن هفتن، مهينن ۽ سالن ۾ ڪري سگهبو هو، اهو اڄ گهڙين ۾ ٿي وڃي ٿو. انٽرنيٽ ساري دنيا کي پاڻ ۾ ملائي هڪ پاڙو بڻائي ڇڏيو آهي. تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي هيءَ سوکڙي آڇيندي خوشي محسوس ڪريون ٿا. | |
| ڄام شورو، سنڌ (انعام الله شيخ) | |
| 15- صفر 1426 هجري سيڪريٽري | |
| مطابق 26- مارچ 2005 سنڌي ادبي بورڊ | |
| پيش لفظ | |
| سنڌي ادبي بورڊ جي ٺهراءَ موجب، هيءُ ڪتاب بنده جي حوالي ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ شايع ڪرڻ کان اڳ نظرثاني ڪري اُن ۾ ضروري درستيون ڪيون وڃن. ابتدائي اسڪول جي هڪ لائق استاد جو هيءُ قلمي ڪشالو قابل قدر سمجهي، باوجود مشغوليءَ جي مون هيءَ خدمت بجا آندي ۽ سڄي ڪتاب کي پڙهي، اُن ۾ ڪي درستيون ڪيم، جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. | |
| جيتريقدر ٿي سگهيو آهي، اوتريقدر ڪتاب جي زبان ۽ اسلوب بيان کي هموار ڪيو ويو آهي. هر هڪ بابت هيٺ ننڍن عنوانن جي سٽاءَ کي پڻ سڌاريو ويو آهي. باب ٻيو ۽ چوٿون راجپوتن سان تعلق رکن ٿا، جن کي جيڪر گڏي پيش ڪجي ها، ساڳيءَ طرح باب ٽيون ۽ پنجون سومرن سان تعلق رکن ٿا، جن جي مواد کي جيڪر يڪجاءِ ملائجي ها، مگر ائين ڪرڻ سان اُهي باب دوباره لکڻا پون ها، انهيءَ ڪري مصنف جي سٽاءَ کي قائم رکيو ويو آهي. هر باب اندر جتي جتي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، اُتي ڪن عنوانن کي اڳي پوءِ ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ مضمون جو سلسلو ملي بيهي، خصوصاً باب ٻارهين کان سترهين تائين، مصنف جي اصلوڪي سٽاءَ کي بدلائي سڄي مواد کي نئين سر ترتيب ڏيئي رکيو ويو آهي ۽ بابن جا عنوان پڻ نئين سر قائم ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته خود مضمون ۾ ڪابه ڦير گهير نه ڪئي وئي آهي، فقط ترتيب ۾ سڌارو آندو ويو آهي. | |
| تاريخي مواد جي جيتريقدر ٿي سگهيو آهي، تصحيح ڪئي ويئي آهي. البته ڪتاب جي مواد جي گهڻي ڀاڱي جو دارومدار روايتن تي آهي، جي تاريخي مطالعي لاءِ ڪارآمد ٿي سگهن ٿيون، بشرطيڪ انهن کي تنقيدي نگاهه سان ڏٺو ۽ ڀيٽيو وڃي. انهيءَ ڪري مصنف طرفان نقل ڪيل روايتن ۾ ترميم ڪرڻ مناسب نه سمجهي، اُنهن جي صحت جو اندازو هر پڙهندڙ جي پنهنجيءَ راءِ تي ڇڏيو ويو آهي. مثلاً باب پنجين ۾ ”عمرڪوٽ يا امر ڪوٽ“ واري عنوان هيٺ ڏنل حوالا دلچسپ آهن، مگر سواءِ ”ٽاڊ“ جي گڏ ڪيل ڏند ڪٿائن ۽ ٻين راجستاني روايتن جي، يا ڪن پوين تاريخي ڪتابن جي، اسان وٽ ڪنهن به آڳاٽي تاريخي ڪتاب يا معاصرانه ماخذ جي تصديق موجود ڪانهي، جنهن جي بناءِ تي ”عمرڪوٽ“ جي بدران ”امر ڪوٽ“ کي صحيح تسليم ڪجي. | |
| حقيقت ۾ هن ڪتاب جو بهترين سرمايو اُهوئي مواد آهي، جو لائق مصنف پنهنجي ذاتي تلاش ۽ تجربي جي بناءِ تي، مڪاني موضوعن بابت ڏنو آهي. ٿر جي مختلف حصن ۽ ڀاڱن، ڳوٺن ۽ شهرن، ذاتين ۽ پاڙن، قصن ۽ ڪهاڻين، ريتن ۽ رسمن، شادين ۽ غمين، ڪچهرين ۽ ميلن، گيتن ۽ شعرن بابت مصنف جو ڪجهه لکيو آهي، سو نهايت قيمتي آهي، ڇاڪاڻ ته اُهوئي نئون مواد آهي جو سنڌي ادب ۽ تاريخ جي موجوده سرمايي ۾ ناياب آهي. ڪيترو نه بهتر ٿئي ها، جو لائق مصنف ٿر جي ٻولي ۽ ان جي محاورن، مڪاني گيتن ۽ شعرن تي اڃا به تفصيل سان روشني وجهي ها، جنهن لاءِ ڪافي گنجائش موجود هئي، خود مصنف جي چوڻ موجب ”نج ٿري شعر ڪٺو ڪجي ته جيڪر ڪتاب جڙي پوي.“ اُميد ته مصنف پنهنجي پياري وطن جي انهيءَ پکڙيل ذخيري کي گڏ ڪري، هڪ نئون ڪتاب جوڙيندو ۽ سنڌي ادب جي سرمايي ۾ قيمتي اضافو ڪندو. | |
| سنڌ يونيورسٽي خادم العلم | |
| حيدرآباد سنڌ نبي بخش | |
| 14 جنوري 1956 (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) | |
| ديباچو | |
| تاريخ ۽ تمدن جو اڀياس هر هڪ قوم ۽ ملڪ لاءِ ضروري آهي. جنهن قوم کي پنهنجي ملڪ ۽ وڏن جي سُڌ نه آهي، سو ملڪ ۽ سا قوم ڪڏهن به سڌري نٿا سگهن. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي مرده ڪرڻو هجي، ته اُن قوم جو اڳيون اتهاس ناس ڪيو وڃي، ته اُها قوم ازخود فنا ٿي ويندي.“ | |
| البت هاڻي اسان جي وطني ڀائرن ۾ علم ادب لاءِ جذبو جاڳيو آهي ۽ ملڪ جي تاريخ پڙهڻ جو شوق وڌندو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اڃا تائين سنڌ جي جهوني اتهاس ۽ تمدن ۽ گهڻو مواد ملي نه سگهيو آهي، تڏهين به ڪي ڪتاب نڪتا آهن، جن مان ٿورو گهڻو سنڌ جي اتهاس جو پوي ٿو پر انهيءَ اتحاد ۾ به ”ٿر“ واري ڀاڱي کي ڪنهن به ياد ڪونه ڪيو آهي ۽ ڪنهن به مورخ ٿر جي تاريخ بابت باريڪ بينيءَ سان کوجنا نه ڪئي آهي. | |
| سنڌ جي جهونن کنڊرن، جهڙوڪ موهن جي دڙي، جهڪر جي دڙي، ۽ ٻين ڪيترن تاريخي آستانن بابت آثار قديمه جي کاتي کوجنا ڪئي آهي ۽ ڪتاب به لکيا آهن. ٿر ۾ به جيڪي پراڻا کنڊر آهن ۽ ڪيتريون ڏند ڪٿائون وڏن کان ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، پر اُنهن بابت اڄ تائين ڪنهن به صاحب، قلم هٿ ۾ نه کنيو آهي. | |
| ريگستان جي تاريخ بابت ٽڙيل پکڙيل، سي به تمام ٿوريون حقيقيتون، ڪن ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڪن صاحبن ڪوشش ڪري لکيون آهن، پر اُهي به ڪي قدر اڻپوريون. تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ سان ڪيترين جي ته اُنڍ منڍ جو پتوئي نٿو پوي، ته به اُنهن صاحبن جي ڪيل ڪوششن ۽ ورتل محنتن کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. اهڙا لکندڙ به بلڪل ٿورا آهن. | |
| ٿر اتهاس بابت پهرين کوجنا ڪئپٽن اسٽئنلي نيپئر ريڪس ڪئي. هو صاحب سن 1847ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿي آيو. ننگر پارڪر، مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن جا ڀاڱا، جي تازو برٽش سرڪار جي هٿ هيٺ آيا هئا، تن جو انتظام هن جي حوالي ڪيو ويو هو. هن جو هيڊ ڪوارٽر ”ڀڄ“ ۾ هو. هن صاحب سرڪاري رڪارڊ ۽ ملڪي روايتن مان کوجنا ڪري ٿر ۽ پارڪر تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب * سال 1856ع ۾ لکيو جو 1859 ۾ بمبئي سرڪار طرفان شايع ٿيو. اهو پهريون ڪتاب آهي جو ٿر ۽ پارڪر جي اڳين ۽ پوين حالتن تي ڪجهه روشني وجهي ٿو، پر اهو ڪتاب هينئر ناياب آهي. | |
| سن 1924ع ۾ مسٽر ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ٿر بابت هڪ ننڍو ڪتاب ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ لکي ڇپائي پڌرو ڪيو، جو ڪتاب جيتوڻيڪ مختصر آهي ته به اُن ۾ حقيقتون دلچسپ آهن. هن صاحب کي ٿر سان خاص دلچسپي هئي، جنهن ڪري وقت به وقت اخبارن ۾ ٿر جي تاريخ بابت مضمون لکندو رهندو هو. ڪافي وقت اڳ صاحب موصوف کان خط رستي احوال مليو هو ته پاڻ ٿر بابت هڪ ڪتاب ”مارئيءَ جو ملڪ“ لکي ”سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ“ کي ڇپائڻ لاءِ ڏنو آهي، مگر اُهو ڪتاب اڄ تائين ظاهر ڪونه ٿيو. | |
| سن 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگ سولنڪي تپيدار، ”امر ڪوٽ اتهاس“ نالي ڪتاب لکي، ٿر جي حقيقتن تي وڌيڪ روشني وڌي. هن صاحب تاريخي حقيقتن هٿ ڪرڻ لاءِ ڪافي محنت ورتي آهي. | |
| سنڌ جي اهل قلم صاحبن مان وري به جناب اسماعيل عرساڻي صاحب ٿر بابت ٻه ڪتاب ”بدنصيب ٿري“ ۽ ”سير ريگستان“ لکيا آهن. پهرئين ۾ ٿر جي تهذيب و تمدن، ماڻهن جي اقتصادي، معاشرتي ۽ سماجي حالتن، بي علمي، جهالت ۽ اٻوجهائيءَ بابت روشني وڌل آهي، ٻئي ڪتاب ۾ ڪجهه تاريخي ۽ جغرافيائي حالات، ۽ موجوده ٿر جا حالات درج ٿيل آهن. هن ڪتاب لاءِ صاحب موصوف جيڪا محنت ورتي آهي ۽ حقيقتن کي جنهن باريڪبينيءَ سان قلمبند ڪيو آهي، سو بلڪل تحسين جي لائق آهي. ڪو ٿري باشندو به ايتريقدر حقيقت ۾ اونهو ڪونه وڃي ها، جيترو هي صاحب ويو آهي. انهيءَ ڪتاب نه رڳو ٿر جي تاريخ ۾ اضافو ڪيو آهي، پر علم ۽ ادب ۾ به. | |
| ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون هٿ ڪريان ۽ انهيءَ ڏس ۾ ڪوشش ڪيم. ٿر جو ملڪ، پرائمري ماستر، ٻهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان گذر، لئبريرين جي سهوليت ته بجاءِ خود پر اخبار جي به سهوليت ڪانه، علم دوست صاحبن سان ملاقات کان محروم، نڪو مدد گار ۽ صلاح ڏيڻ وارو، اٽلو هِجو ۽ ٽوڪبازي! ڪنهن سان کڻي ڳالهه ڪر ته چون ته ”تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي: ٻيا عالم آهن ئي ڪونه، جو تون هليو آهين تاريخ لکڻ! وقتي دل مايوس ٿيو وڃي، پر اندر ۾ جو پڪو ارادو هوم، سو اڳتي وڌائيندو رهيو. ڪوشش ڪري هتان هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالع ڪيم ۽ مليل مواد قلمبند ڪندو ويس. وقتي ڪٿي ڪن سگهڙن ۽ جهور پير مردن کان به احوال پڇي لکندو ويس. 10-21 سالن جي ڪوششن بعد ڪجهه احوال ڪٺو ڪيم ۽ لکي تيار ڪيم. مگر مايوس ٿي پيس ۽ وڌيڪ لکڻ جو خيال لاهي ڇڏيم. | |
| اپريل 1947 ۾ جناب عرساڻي صاحب مٺي ۾ آيو. هو صاحب اُن وقت اسان جو فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب هو. ساڻس ڳالهه ڪيم ۽ ڪچو ڦڪو لکيل مواد ڏيکاريم. صاحب موصوف مواد نظر مان ڪڍي ڪتاب لکي پوري ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ پڻ هر مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو. انهيءَ همت افزائيءَ تي اُجهاڻل آرزو وري نئين سر روشن ٿيس. خوش قسمتيءَ سان آگسٽ 1947ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٻي سال پڙهڻ جو موقعو مليو. خوش ٿيس ته اُتي اهل قلم صاحبن سان ملندس ۽ خاص ڪري ڪاليج جي لئبريريءَ جو فائدو وٺندس. مگر ملڪ جي آزاديءَ ڪري پيدا ٿيل حالتن، سموريون اُميدون خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون. ڪجهه به ڪري نه سگهيس! مئي 1948ع ۾ ڪاليج مان موٽي آيس. اُن وقت به عرساڻي صاحب اسان جي ضلعي جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب هو. هن صاحب وري همٿايو، جنهن ڪري ڪتاب لکي پورو ڪيم. | |
| ڊسمبر 1950ع ۾ جناب مير محمد بخش خان صاحب ٽالپر، ساڪن هزهائينيس مير شير محمد خان جو ڳوٺ، ميرپورخاص سان ملاقات ٿي. لکيل مواد ڏسي پسند ڪيائون، ڪي ناياب ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنائون ۽ پڻ همٿايائون، جنهن ڪري مليل ڪتابن جي مطالعي بعد سڄو مسودو نئين سر سڌاريم. | |
| پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو ته ناچيز کي ڪيترن ڌار ڌار انگريزي هندي، گجراتي، اردو ۽ سنڌي ڪتابن مان مدد وٺڻي پيئي آهي. جن جا حوالا متن ۾ ڏنل آهن ۽ ڪتاب جي آخر ۾ فهرست ڏني ويئي آهي. آءٌ انهن ڪتابن جي مصنفن جو پڻ تهدل شڪر گذار آهيان. | |
| جيتوڻيڪ مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر آهيان پرائمري ماستر، سو به ڊيزرٽ ڊويزن ۾، جتي نه رڳو ڏيکاريل تڪليفون، پر ٻيون به انيڪ مشڪلاتون آهن انهيءَ هوندي به جيڪا ڪوشش ورتي اٿم، اُن جو اندازو قارئين ڪتاب پڙهڻ سان لڳائي سگهندا. | |
| اڃا به ٿر جي تاريخ جون ڪي حقيقتون هونديون جي هن ناچيز کي هٿ نه آيون آهن، البت جيڪي هٿ آيون آهن، سي آئينده تاريخ نويسن لاءِ بنياد جو ڪم ضرور ڏينديون. جيڪڏهن ڪو صاحب ڪتاب کي ڪارائتي ڪرڻ لاءِ ڪارگر صلاحون ۽ وڌيڪ احوال موڪليندو ته احسان مند رهندس. | |
| انسان عيبن جو گهر آهي: جيڪڏهن ناظرين کي ڪي اوڻايون معلوم ٿين، ته نه رڳو درست ڪرڻ فرمائين پر هن بندي کي به اُنهن کان آگاهه ڪن ته ٻئي دفعي درستيون ڪيون وڃن. هن ڪتاب لکڻ جي مراد صرف ٿر جي تاريخي حقيقتن تي روشني وجهڻ آهي. پڙهندڙن جيڪڏهن انهيءَ مان فائدو ورتو ته آءٌ پنهنجي ڪيل ڪوشش سجائي سمجهندس. | |
| چيلهار، ضلعو ٿرپارڪر سنڌ | |
| تاريخ 1- نومبر 1953ع رائچند هريجن | |
| * “Memoir on the Thurr and Parkur Districts of Sindh” (Selections form the records of the Bombay Government) | |
| باب پهريون | |
| ٿر ۽ پارڪر جو طبعي گهاٽ ۽ ان جي پراچين حالت | |
| (الف) طبعي گهاٽ | |
| سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي طبعي ڀاڱا ٻه آهن: هڪڙو ڍٽ، يعني ڀٽن وارو وارياسو ڀاڱو ۽ ٻيو ڏاڍي (سخت) زمين وارو ڀاڱو، جنهن ۾ نارو ۽ ميرپورخاص وارا ڀاڱا اچي وڃن ٿا. ٿر واري ڀاڱي ۾ به ٿر ۽ پارڪر ٻه جدا قسم جي زمين جا ٽڪرا آهن، جي ٿرپارڪرضلعي جو هڪ ڀاڱو آهن. هاڻوڪي ٿرپارڪر ضلعي کي اهو نالو انهن مٿين ٻن ٽڪرن تان مليو آهي. انهيءَ ڀاڱي ۾ ٻيا به ڇهه تپا (سواءِ ٽن ديهن جي) جن ۾ ناري ۽ جمڙائو هيٺ آباد ٿيندڙ زمين وارو ٽڪر پڻ اچي وڃي ٿو، داخل ٿيل آهن. مگر زمين جي لحاظ سان اهي خاص سنڌ جو ڀاڱو آهن ۽ ان جو ٿر سان ڪو لاڳاپو ڪونهي. باقي چئن تعلقن مان ڏيپلي، مٺي ۽ ڇاڇري جا سڄا تعلقا ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي ڏهن تپن مان ست تپا اصلي ٿر ملڪ آهي. عمر ڪوٽ ۽ کپري تعلقن جون ٽي ديهون به ٿر جو ڀاڱو آهن. باقي رهيو پارڪر سو ننگر پارڪر تعلقي جي فقط ٽن تپن هيٺ آيل ملڪ جو نالو آهي. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهبو ته جنهن ضلعي جو نالو هينئر ٿرپارڪر آهي، تنهن جو ڪيترو حصو ٿر ۽ ڪيترو ٽڪر پارڪر آهي. | |
| 1- نالو | |
| ٿر: | |
| ”ٿر“ سنسڪرت لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي درياءُ ڪونهي). انهيءَ ”سٿل“ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“، يعني خشڪ زمين (ضد جل معنيٰ پاڻي) ۽ ”ٿل“ جو اچار ڦري ٿيو ٿر (1). | |
| ٿر کي ريگستان به چون: ريگستان= واري + آستان= جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهنيون آهن. ڀٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ چوندا آهن. تنهن ڪري ڀٽن يعني ٿرين واري ڀاڱي کي ٿرين جو ملڪ يا ٿري جو ملڪ به چوندا آهن، جنهن مان ”ٿر“ لفظ ٺهيو آهي. | |
| پارڪر: | |
| قديم وقت ۾ پارڪر واري ڀاڱي ۽ ڪڇ جي ملڪ جي وچ ۾ بيٺل ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي هوندو هو. جنهن کي ”کاري“ چوندا هئا. ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. جنهن ڪري چوندا هئا پارکاري يا پار اُڪر، جنهن مان ڦري ٿيو پارکار ۽ پوءِ نالو پيو پارکر يا پارڪر. ٿر ۽ پارڪر وارو ٽڪر، ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ جي ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ڪن بيانن موجب چوڻ ۾ اچي ٿو ته پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا پٿر جو ملڪ. ڇاڪاڻ جو هن ڀاڱي ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ٽڪر آهن باقي وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي. | |
| 2- پکيڙ | |
| شروعات ۾ ٿر پارڪر ضلعي ۾ فقط ڏيپلو، مٺي ۽ ننگر پارڪر تعلقه داخل هئا. قديم تفصيل موجب فقط انهيءَ ٽڪر جي ڊيگهه 120 ميل ۽ ويڪر 40 کان 50 ميل، ۽ سموري ايراضي 4500 چورس ميل هئي. ڇاڇرو تعلقو جو ان وقت عمر ڪوٽ ضلعي ۾ داخل هو. سو جدا آهي، جو خود ايڏو وڏو تعلقو آهي جو ٻين ٻن تعلقن جو مٽ ٿيندو. هي تعلقو ايراضيءَ جي لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. پارڪر ڀاڱي جي ڊيگهه 03 ميل ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هي ضلعي 13-24 ۽ 21-36 اتر ويڪرائي ڦاڪ، 40-68 ۽ 5-71 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي. اُن جي ڪل پکيڙ 13690 چورس ميل آهي. | |
| ”سنڌ گزيٽيئر“ موجب پکيڙ هيٺئين موجب آهي. (1) | |
| تعلقو مٺي 1562 چورس ميل، تعلقو ڇاڇرو 2796 چورس ميل. تعلقو ڏيپلو، 1503 چورس ميل، تعلقو ننگر پارڪر 1617 چورس ميل، تعلقو عمرڪوٽ 1466 چورس ميل، جن مان 1018 چورس ميل ٿر ۽ 448 چورس ميل نارو يا ڏاڍي زمين. انهيءَ حساب سان جملي پکيڙ 8496 چورس ميل آهي. | |
| ڪن تفصيلن موجب سڄي ڊيزرٽ جي پکيڙ 10542 چورس ميل آهي جنهن ۾ کپري تعلقي جي ڀٽن وارو ڀاڱو به اچي وڃي ٿو. | |
| 3- حدون | |
| هن ڀاڱي جي اتر ڏي جوڌپور رياست، ٿر پارڪر ضلعي جا کپرو، سامارو ۽ حيدرآباد ضلعي جا ٽنڊو باگو تعلقا. اڀرندي ڏي جوڌپور رياست، ڏکڻ ڪڇ جو رڻ الهندي ڏي ٿرپارڪر ضلعي جو سامارو تعلقو ۽ حيدرآباد ضلعي جو ٽنڊو باگو تعلقو آهن. | |
| 4- طبعي گهاٽ | |
| سجھو ٿر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: ٿر ۽ پارڪر، ٿر واري ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن ۽ ملڪ سڄو وارياسو آهي. ڪٿي ڪٿي ميدان به آهن. جن کي ڏهر چوندا آهن. اوڀر پاسي ڀٽون ننڍيون آهن. ڪٿي ڪٿي وڏيون ڀٽون آهن. ڪٿي ٿوريون ته ڪٿي گهڻيون، جي پريان ننڍين ٽڪرين وانگر پيئون ڏيکاري ڏين. رڳو ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ڪانٽئي کان عمر ڪوٽ تائين 28 ميلن ۾ 140 ڀٽون آهن. ٿر جي اترئين ڀاڱي ۾ ننڍيون ۽ ڏاکڻئين ڀاڱي ۾، خاص ڪري مٺي تعلقي ۾، وڏيون ڀٽون آهن. | |
| سج اُڀرڻ سان ڀٽ جي جنهن پاسي سج جو تِڙڪو (اُس) پوي ، تنهن کي چون تڙ ڪوڙ ۽ ٻئي پاسي کي گوچار، جتي ٻه ڀٽون اچي گڏجن ته انهيءَ هنڌ کي چون ٻُڪڙ، مٿئين پاسي کي مَٿاري ۽ ڀٽ جي پڇڙيءَ کي چون پوڇانڊو. ڀٽن جي وچ ۾ سنئون سڌو ميدان آهي تنهن ڪري چون ڏهر. ننڍي ڀٽ کي چون دڙو. دڙن جي وچ ۾ زمين ٽڪر جي ڪجهه سخت هوندي آهي ته ان کي چون تَلي. | |
| ڀٽون سڀيئي اتر- اوڀر کان ڏکڻ- اولهه ڏي آهن، جي اولهه ۾ وڏيون آهن واريءَ جي ڀٽن سبب هن ملڪ ۾ ندي، نَئن يا واهه اصل ڪونهي. ماڻهن يا وهٽن لاءِ ڀٽ تي سڌو چڙهڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري ڪجهه پاسيرو واٽ ٺاهي چڙهندا آهن، جنهن کي اپاج چوندا آهن. | |
| پارڪر: | |
| هي ننگر پارڪر تعلقي جو ڏاکڻو ڀاڱو آهي. ڊيگهه 30 ميل ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هتي ڀٽون ڪونه آهن. هتي زمين ڪڪريءَ ۽ پٿر واري آهي. ننگر پارڪر شهر وٽ جبلن جي هڪ قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي ٿي. انهيءَ گول قطار جي ٻاهرين گولائي 20 ميل آهي ۽ وڏي ٽڪري جي چوٽي زمين جي سطح کان 1000 فوٽ اوچي آهي. | |
| 5- مکيه ڀٽون | |
| ٿر ۾ گهڻيون ئي ڀٽون آهن جن مان مکيه هي آهن: | |
| ڪانڪر ڀٽ، هيءَ سڄي ٿر ۾ مٿانهين ڀٽ ڏيڍ ميل ڊگهي هيلاريو لنجا ۽ پوسرڪي ساندن جي وچ ۾ آهي. لوڻڪي ڀٽ، اوچائي 588 فوٽ (1) دادئي جي تڙ جي اوتر ۾. سانڏور ڀٽ، اوچائي 408 فوٽ. ارنيارو ڀت، اوچائي 484 فوٽ، روجهڙ ڀت، اوچائي 518 فوٽ، ڌاريندڙ ڀٽ اوچائي 529 فوٽ، عالم سر ڀٽ، اوچائي 492 فوٽ. ڪاري ڀٽ، ڳوٺ ٻسارڻيا کان اڍائي ميل پري، اوچائي 595 فوٽ. جهونڊ ڀٽ، جهونڊ ڳوٺ وٽ. اوچائي 373 فوٽ، ويراڙو ڀٽ، اوچائي 459 فوٽ، گنگا سرو ڀٽ، اوچائي 428 فوٽ. ويسروڙي ڀٽ، ساهوءَ جي تڙ جي اوڀر ۾. ڌنوڙي ڀٽ، اوچائي 512 فوٽ، تڳوسر جي اتر ۾. ڍوڪاڻي ڀٽ، چارنور جي اوڀر طرف. جهرڪلي ڀٽ، جيئندي جي تڙ جي اوڀر طرف. چانگي جو ٽونڪ چيلهار جي اولهه طرف. ٻانهياري ڀٽ، تڙ حمير وٽ. ڪرڪر ڀٽ جيسي جي پار جي اتر طرف. شهمير ڀٽ، شهمير جي تڙ جي اتر طرف. سونياٻهه ڀٽ، جيسي جي پار جي اتر طرف. هاڏاري ڀٽ، ٺاري جي تڙ جي اڀرندي طرف، ڪسل ڪوٽ ڀٽ، هن نالي سان ٻه ڀٽون آهن، هڪ چارنور جي الهندي طرف ۽ ٻي ڪانٽئي وٽ. ميگهي جي تڙ جي اولهه واري ڀٽ، هن تان تڙ حمير واري ڀٽ 36 ميلن تان ڏسجي ٿي. سامي ڀٽ، ميگهي جي تڙ جي اوڀر طرف. سائيني جي ڀٽ، ڇاڇري جي اولهه پاسي. هتان ڇوهٽڻ جو جبل 60 ميلن تان ڏسجي ٿو. ڪيل ڀٽ مٺي جي اتر طرف، جتان ڍوري ناري واري هوائي جهازن کي لائيٽ ڏيڻ جي روشنائي 74 ميلن تان ڏسجي ٿي. جهرڪلي ڀٽ، سال 1856 ۾ ڌرتي ڌٻڻ وقت ٻه اڌ ٿي پيئي هئي. ڪوهر اڙي ڀٽ، چيلهار جي ڏکڻ طرف، جتان ننگر پارڪر جي ڪارونجهر ٽڪري 72 ميلن تان ڏسجي ٿي. اسابو ٽُنڪ پاٻو ويري جي اڀرندي طرف، جتان ڇوهٽڻ جو جبل 60 ملين تان ڏسجي ٿو. مهڪي ڀٽ اُٺ ٿنڀي، نيتاري، گڏهه پٺو، ڳينڻ، گوگٽياري، ٽورياري ٽورو ٽونڪ ۽ مانگر ڀٽ وغيره. ازان سواءِ ٻيون به انيڪ ڀٽون آهن. | |
| 6- مکيه ڏهر | |
| ڳچ مفاصلي ۾ سنئين سڌي زمين هجي، تنهن کي ڏهر چئجي، جتي آبادي ٿيندي آهي. ٿر ۾ هيٺيان وڏا ڏهر آهن: | |
| 1- ڏاڪي ڏهر، هن نالي سان ٽي ڏهر آهن: پهريون ڪيتار جي ڏکڻ- اولهه ۾ مٺا تڙ جي اتر طرف، ٻيو سلهه جي اولهه طرف ۽ اَڪلي جي اوڀر تائين ٽيون چار نور جي اولهه پاسي. 2- ڇڇي جو ڏهر، تاجي جي تڙ جي الهندي طرف، قابل شاهه جي اڀرندي طرف، ڪرنهور ڏيٿا ۽ سنگراسين جي وچ ۾. 3- وڇيري جو ڏهر، مصري شاهه جي اولهه طرف. جانب علي شاهه کان اڀرندي ۽ ڀڳيسل کان ڏکڻ طرف. 4- هيڪل ڪوري، ڌاريندڙي کان اولهه، ميگهي جي تڙ کان اوڀر ۽ رڙلي جي ڏکڻ اوڀر. 5- ميڻڇو ڏهر، ڌانڌو جي تڙ جي اولهه، وڪڙئي جي ڏکڻ ۽ جهرڪلي ڀٽ کان اوڀر طرف. 6 ڍوڪاري ڏهر. چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي تڙ جي اتر طرف. 7- لاٺي جو ڏهر، چارنور جي اتر اوڀر. 8- بي جو ڏهر، گوراڙي جي اولهه ۽ مصري شاهه جي اتر طرف. 9 ڏسارڻو ڏهر، رٻاسر جي ڏکڻ ۽ کُڏي جي اتر طرف، 10- پوسڪي جو ڏهر، پوسرڪي ۽ روهيڙي جي وچ ۾. 11- وي جو ڏهر، ڪانڪهئي جي اولهه، راڄوڙي جي اوڀر ۽ ڪرنهور کان اتر طرف. 12- ڀڪوئي جو ڏهر، ڀڪوئي ۽ عالم سر جي وچ ۾. 13- ٽانپي جو ڏهر، مٺا تڙ جي اولهه ۽ سوڀي جي تڙ جي اوڀر طرف. 14- ڇهو ڏهر، ڇاڇري جي اوڀر طرف، پريمي جي ويري وٽ. 15- گهوگهارو ڏهر، هريار جي اتر طرف. تالسر جو ڏهر. سينهار جو ڏهر، سجائي جو ڏهر، چوڻهار جو ڏهر ۽ ٻيا گهڻائي ڏهر آهن. | |
| 7- ڪارونجهر ٽڪري | |
| ٿر ۽ پارڪر واري ڀاڱي ۾ ڪو به وڏو جبل ڪونهي. فقط پارڪر ۾ چوڌري ننڍا ننڍا ٽَڪر آهن. وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ جبلن جي هڪ وڏي قطار ڪڪڙ جي بيضي وانگر ڦري اچي ٿي، جنهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن. اها قطار ڪارونجهر سڏجي ٿي. انهيءَ گول قطار جي ٻاهرين گولائي، ڪي 32 ميل ۽ ڪي 20 ميل ٻڌائين ٿا. پر سنڌ گزيٽيئر ۾ 12 ميل ڄاڻايل آهي. وڏي جبل جي چوٽي زمين جي سطح کان هزار فوٽ مٿي آهي. (1) | |
| هيءَ ٽڪري ننگر اپرڪر شهر جي ڀرسان ڏکڻ الهندي طرف ۽ ڪڇ جي رڻ جي اتر- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ٻين جبلن وانگر هن جو پٿر تمام سخت نه آهي، ته به عمارت جي ڪم اچڻ جهڙو آهي. هتي هندن جي تيرٿ جا ڪي آستان آهن ۽ ڪيترائي قدرتي نظارا ڏسڻ جهڙا آهن. | |
| سارڌرو: | |
| ننگر پارڪر شهر کان ڏکڻ - الهندي طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي ٽڪريءَ جي اندر آهي. جو گورڌري نئن جي منهن وٽ آهي. اتي مهاديو جو هڪ مندر آهي ۽ پاڻيءَ جو هڪ ڪُن آهي جو اونهو آهي ۽ سدائين پاڻي سان ڀريل رهي ٿو. منجهس برسات جو پاڻي اچي ٿو. عام طرح هندن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ويد يا شاستر ۾ ڪارونجهر جي اُنهيءَ ڪُن جو ذڪر آيو آهي ۽ اهو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن مُردي جا هڏا هن ڪُن ۾ وڌا ويندا ته گويا اُهي گنگانديءَ ۾ وڌا ويا! ڪُن جي مٿان ديويءَ جو هڪ مندر آهي، جتي شِوَجو لُنگ به ٺهيل آهي. اتي هندو ماڻهو مئل ماڻهن جي ڪريا ڪرم ڪندا آهن، ۽ انهن جا هڏا (شنک) انهيءَ ڪُن ۾ وجهندا آهن. هتي مارچ مهيني ۾ شوراتڙيءَ جو هر سال ميلو لڳندو آهي، جو هڪ ڏينهن هلندو آهي. سارڌري کان مٿڀرو پاراشر جو آستان آهي، جتي هڪ هنڌ چون ٿا ته پاراشر رشي ڏهه هزار سال بيهي تپشيا ڪئي هئي. پير جي هر هڪ آڱر تي هڪ- هڪ هزار سال بيٺو هو. آڱرين جا اهڙا ڏهه نشان جبل تي اڄ تائين موجود آهن. | |
| گئو مکي: | |
| سارڌري کان ڏکڻ طرف ميل کن پنڌ پري ٽڪريءَ ۾ آهي. هتي ٻن ٽڪرين جون چوٽيون اچي پاڻ ۾ گڏجن ٿيون. جتان برسات جو پاڻي آبشار جي صورت ۾ ٽيهارو فوٽ هيٺ ڪري ٿو. جبلن جي چوٽين جي گڏجڻ ڪري قدرتي طرح پٿرن مان ڳئون جي شڪل ٺهي پيئي آهي، جنهن جي ٿڻن مان اهو گڏ ٿيل پاڻي سمي سدائين پيو هيٺ وهي. (1). (پٻ جبل ۾ به هڪ هنڌ ڳئون جي ٿڻن جهڙا ڳوڙها آهن جتان چون ٿا ته اڳي کير وهندو هو ۽ هاڻي پاڻي وهي ٿو. ) (2) اتي ڪو ميلو ڪونه لڳندو آهي، پر هندو ماڻهو هن کي تيرٿ سمجهي زيارت (درشن) لاءِ ايندا آهن، جنهن لاءِ ڪو وقت مقرر ٿيل نه آهي. | |
| ڀيم ڪُن: | |
| گئو مکي جي اتر پاسي 25 کن وکن تي پاڻيءَ جو هڪ ڪُن آهي جنهن جي ويڪر 20 فوٽ ۽ ڊيگهه 30 فوٽ کن آهي، جو سدائين پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي. هن کي ”ڀيم گوڏا“ به چوندا آهن. هي تمام اونهو آهي. | |
| انچلشور: | |
| ننگر پارڪر جي اتر- اولهندي طرفن ميلن جي پنڌ تي ٽڪريءَ جي اتاهينءَ جي اڌ پنڌ تي، وچ ۾ هي آستان آهي. هن کي انچلاس به چوندا آهن، جتي مهاديو جو لُنگ ٺهيل آهي. انهيءَ جاءِ تي پاڻيءَ جا لاڳيتو ٽي چشما آهن، جي ڌار ڌار ويجهين ٽن ٽڪرين مان نڪرن ٿا. وڏن پٿرن جي آڏو اچڻ سبب انهن چشمن جو پاڻي پٿرن جي هيٺان وهي ٿو ۽ ٻارهن ئي مهينا وهندو رهندو آهي. انچلاس جي آستان تي ديوان سترامداس عامل رهندڙ حيدرآباد سنڌ جي (جو ننگر پارڪر ۾ سب انسپيڪٽر پوليس هو) هڪ مسافر خانو ٺهرايو هو. جنهن ۾ ساڌو سنت ۽ فقير ماڻهو اچي رهندا آهن ۽ ڀڄن- ڀاو ڪندا آهن. هتي ڦڳڻ چانڊوڪي يارهينءَ جو ميلو به لڳندو آهي، جو هڪ ڏينهن هلندو آهي. هن ٽڪريءَ جي تمام اُتاهين چوٽي ننگر پارڪر شهر جي ڀرسان سڌو ڏکڻ طرف ”صاحب چنگا“ نالي آهي. مٿس ٽريگنا ميٽريڪل جي دڙي ٺهيل آهي، جا ٿلهي وانگر ۽ پڪي چن سان لتل آهي. | |
| جهرڻو: | |
| جهوني ڪاسبي ڳوٺ جي ڀرسان جوگا ميرو تلاءُ آهي، ان جي اڀرندي پاسي جبل جي تري ۾ هڪ جهرڻو آهي، جتان بڙ بڙ ڪري پاڻي پيو نڪري، جو فوٽ کن مٿي کڄي هيٺ ڪري آسپاس ريلا ٿيو وڃي. | |
| ٻائن جو ٻيسڻو: | |
| جهوني ڪاسبي جي ڀرسان اوڀر هڪ طرف هڪ پٿر آهي، جنهن جي هيٺيان خال آهي ۽ مٿان ڇٽيءَ وانگر ڇٿ اٿس جنهن جي هيٺيان اٽڪل ويهه کن ماڻهو ويهي سگهن ، جو ٽن پاسن کان بند ٿيل آهي. چون ٿا ته اڳي جڏهن ملڪ ۾ امن امان ڪونه هو ۽ بي بندوبستي هئي. ان وقت ڌاڙا لڳندا هئا، تڏهن ڌاڙيلن کي پريان ايندو ڏسي دهل وڄايو ويندو هو. اهو ٻڌي ڳوٺ جون عورتون پاڻ بچائڻ لاءِ هن پٿر جي هيٺان وڃي لڪنديون هيون ۽ مرد ماڻهو کليل پاسي کان هڪ وڏي پٿر جي ڇپ ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ بي اوکا ٿي هٿيار کڻي وڃي ڌاڙيلن جو مقبالو ڪندا هئا. | |
| چندڻ گڍ: | |
| هي قلعو راڻي چندڻ سنگهه پٽ گوبندراءِ جو ٺهرايل هو. جنهن کي چندڻ گڍ چوندا هئا. جڏهن پارڪر جي راڻن بغاوت ڪئي، تڏهن مئي 1859ع ۾ انگريزي فوج ڪرنل ايونس جي ڪمان هيٺ ننگر پارڪر تي چڙهي آئي هئي ۽ اهو قلعو توپن سان اُڏائي ڇڏيائين(1). | |
| .هن ٽڪريءَ جي چوڌاري ننگر پارڪر، ڀوڏيسر، موندرو مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو ۽ گهرٽياري وغيره ڳوٺ آهن، تن مان ننگر پارڪر جو ڳوٺ سڀني کان وڏو تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. انهن ڳوٺن ۾ واپاري ۽ ٻيا ڪاشتڪار ماڻهو رهن ٿا. هن ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪيترائي ڪولهي ۽ ٻيا، گهر جوڙي رهندا آهن جي اڪثر مزور ماڻهو آهن، مگر سانوڻيءَ ۾ اُهي به پوک جو ڪم ڪندا آهن. اُهي ڪارونجهر ٽڪريءَ مان گاهه ۽ ڪاٺين جون ڀريون ڪري اچيو مٿين ڳوٺن ۾ وڪڻن. گاهه کانسواءِ گُگراني، ڪونڀٽ، ٿوهر، سرهه، ڄار، ٻٻر وغيره قسمن جا وڻ به آهن. گُگراني مان گگر ۽ ڪونڀٽ مان کونر، ماکيءَ جون مکيون به گهڻيون ٿينديون آهن، جنهن ڪري ماکي جام پيدا ٿئي ٿي. اُها به ٻين ملڪن ڏانهن واپاري ماڻهو وڪري لاءِ موڪليندا آهن. هن ٽڪريءَ ۾ سوئر، بگهڙ سوئر، گدڙ، چراخ (رجک) وغيره جهنگلي جانورن رهن ٿا ۽ مور پکي به هن ۾ گهڻا آهن، ڪارونجهر جي ٽڪريءَ مان نديون يا نئيون اهڙيون ڪونه ٿيون نڪرن، جنهن ڪري آباديءَ کي فائدو رسي، مگر برسات پوڻ بعد ڪنهن نئن ۾ ٻه چار ڏينهن ۽ ڪنهن ۾ هڪ ٻن مهينن تائين پاڻي وهندو آهي. انهن مان گورڌڙو، ڀٽياڻي، موندرو ۽ سابوسڻ مکيه نئيون آهن. گورڌڙو اڀرندي پاسي وهي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوي ٿو. ڀٽياڻي اوڀر طرف نڪري گورڌري سان گڏجي ٿي. مطلب ته سمورين نين جو پاڻي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو آهي. | |
| هن ٽڪريءَ جي چوڌاري وڏا وڏا تلاءُ آهن جن مان ڪن ۾ ٻارهن مهينا پاڻي رهندو آهي، ڪن ۾ پنج ڇهه مهينا ۽ ڪن ۾ ٻه ٽي مهينا پاڻي هوندو آهي. جن تلائن ۾ پاڻي رهندو آهي، تن مان هڪ لورائيءَ جو تلاءُ ڳوٺ گهر ٽياريءَ جي ويجهو آهي ۽ ڀوڏيسر جو تلاءُ ڳوٺ ڀوڏيسر جي ويجهو آهي،جنهن جي سنڌ گزيٽئر موجب ڊيگهه 400 فوٽ ۽ ويڪر 200 فوٽ آهي. تنهن کان سواءِ ڀاڻسر، نرياسر ۽ راڻاسر وغيره تلاءَ آهن جن ۾ چئن مهينن کان اٺن مهينن تائين پاڻي رهي سگهي ٿو. لورائيءَ جو تلاءُ سال 1900ع ۾ برسات جي پاڻيءَ سان ڀرجي پيو هو، جو سال 1912ع ۾ برسات گهٽ پوڻ سبب سڪي ويو. ٻارهن سال سانده پاڻيءَ سان ڀريل رهيو. | |
| ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ ڪيترائي قديم ڦٽل ڳوٺن جا کنڊهر آهن، جي اڳئين زمان جي يادگيري ڏياري رهيا آهن. | |
| 8- تلاءُ | |
| ٿر ۾ واريءَ جي ڀٽن هئڻ ڪري ندي، واهه يا ڍنڍ ڪانهي. ماڻهو پيئڻ لاءِ کوهن جو پاڻي ڪم آڻين. کوهه بلڪل اونها ٿا ٿين، جنهن جي ڪري پاڻيءَ جي سخت تڪليف آهي. ڪٿي ڪٿي ته چئن پنجن ميلن تان به ماڻهو پيئڻ جو پاڻي آڻيندا آهن. مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ برسات پوڻ وقت تلائن ۾ پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي، پر تلاءُ به بلڪل ٿورا آهن، جن ۾ پاڻي به ٿورو وقت رهندو آهي، برسات تي به پروسو ڪونهي. ڪٿي ڪٿي ته ننڍا ٽوڀا آهن، جن ۾ پنج- ست ڏينهن مس پاڻي رهندو آهي. مکيه تلاءَ هي آهن : | |
| ڇڇي تلاءُ: قابل شاهه ڳوٺ جي اوڀر طرف، ڇڇي جي ڏهر ۾ آهي. هن ۾ اٽڪل اڍائي مهينا کن برساتي پاڻي رهندو آهي. | |
| آڻند جي ترائي: گڍڙي کان ٻه ميل ڏکڻ طرف، ننگرپار ڪر ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ترائيءَ ۾ ٽي- چار مهينا پاڻي رهندو آهي. | |
| گڍڙي جوتلاءُ: گڍڙي شهر جي ڏکڻ طرف آهي. هن ۾ ڇهه مهينا کن پاڻي رهندو آهي. | |
| راڻاسر تلاءُ: چيلهار ڳوٺ جي اتر طرف ڏيڍ ميل پنڌ تي عمر ڪوٽ ڏي ويندڙ رستي تي آهي. هن ۾ پنج – ڇهه مهينا پاڻي رهندو آهي. چيلهار ۾ ٻي آ ڇڇي نالي ترائي ۾ ٽي – چار مهينا پاڻي رهندو آهي. | |
| ڪاٺو تلاءُ: چارنور جي اوڀر طرف ميل پنڌ تي آهي، ڌوڪاري جي ڏهر ۾ چار مهينا پاڻي رهي ٿو. | |
| کينئسر جو تلاءُ: کينئسر ڳوٺ ۾ اوڀر طرف آهي. هتي چار مهينا پاڻي رهي ٿو. | |
| مٺيءَ جو تلاءُ: مٺي شهر جي ڏکڻ طرف، هن ۾ اٽڪل ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو. | |
| ڀوڏيسر جو تلاءُ: ڀوڏيسر ڳوٺ وٽ، هن ۾ ست اٺ مهينا بعضي ٻارهن مهينا به پاڻي رهي ٿو. | |
| سانگاهه ۽ لورائي: پارڪر ۾ وڏا تلاءَ آهن جن جوبيان اچي چڪو آهي. ازان سواءِ ٻيا به ڪيترا ننڍا ننڍا تلاءَ آهن جن ۾ ٿورو گهڻو پاڻي رهي ٿو. | |
| 9- ٿر جا ڀاڱا | |
| ملڪ جي بيهڪ، طبعي بناوت، زمين جي خاصيت، ڀلائي، ڍلائي ۽ ٻين سببن جي ڪري ٿر جا جدا جدا ڀاڳا آهن، جيئن ته: | |
| 1- کائڙ: ڇاڇري شهر کان وٺي اوڀرطرف ٿورو ۽ اتر طرف گڍڙي تائين، هن ڀاڱي کي کائڙ چوندا آهن. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون ننڍيون آهن ۽ وڏا ۽ ڊگها وڻ گهٽ آهن. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. | |
| 2- ڪنٺو: هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻون ڀاڱو ۽ ننگرپارڪر تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي ۽ آباديءَ لائق آهي، جنهن ڪري کيتي سٺي ٿيندي آهي. | |
| 3- پارڪر: هن ۾ ننگر پارڪر تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. زمين سنئين ۽ ڪڪرالي آهي. هتي واريءَ جون ڀٽون ڪونه آهن، رائو گهڻو آهي. ڪارونجهر ٽڪري هن ئي ڀاڱي ۾ آهي. | |
| 4- سامروٽي: هن ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ- اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو اتروارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ ۽ بصر به ٿئي. | |
| 5- ونگو: هن ۾ ڏيپلي ۽ تعلقي جو ڏکڻ – اولهندو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. | |
| 6- وٽ: هن ۾ ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن جا ڏکڻ وارا ڀاڱا اچن ٿا. هي زمين جو ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان دنگئي ۽ ويجهو آهي، جنهن جي ڪري هتي پاڻي تانگهو آهي. | |
| 7- مهراڻو:اڱوڻيءَ مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو آهي. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ۽ عمر ڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ – اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. | |
| 8- ڍاٽ: هي سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ٿورو ٽڪر، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن ڪري سڄي ملڪ کي ڍاٽ به سڏيندا آهن ۽ رهاڪن کي ڍاٽي چئبو آهي. | |
| 9- اڇڙو ٿر: هن عمر ڪوٽ تعلقي جو اتريون ڪنارو ۽ کپري تعلقي جو اتر- اڀر وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو ۽ اڳتي خيرپور رياست ۽ جيسلمير تائين دنگ اٿس. هن کي بوئٺ ۽ ڊيئا به چوندا آهن. هتي آبادي گهٽ ۽ ماڻهن جي بستي ڇڊي آهي. | |
| (ب) ٿر جي پراچين حالت | |
| ايامن کان وٺي ڌرتيءَ جي مٿاچري تي ڪئين تبديليون ٿينديون رهيون آهن. ٿر ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن، جن جو مثال ائين سمجهجي جيئن سمنڊ ۾ لهرين ۽ ڇولين وقت سمنڊ جو مٿاڇرو هيٺ مٿي نظر ايندو آهي. اهي ڀٽون ڪي هوا لڳڻ سان ڪونه ٺهي سگهيون هونديون. ڪي چون ٿا ته اُتي اڳي سمنڊ هو(1). نه رڳو اهو ٽڪرو پرسارو ڪڇ ملڪ به سمنڊ جي تري ۾ هو (2). رامائڻ واري وقت ۾ راجپوتانا جاڪي ڀاڱا به سمنڊ هيٺ هئا(3)، ۽ سمنڊ جي ڇولين جي ڪري قدرتي واريءَ جا دڙا ٺهي پيا هئا، جي سمنڊ جي سڪي وڃڻ ڪري ظاهر ٿي بيٺا آهن. ٿر ۾ اڃا تائين ڪٿي زمين تي شنک، ڪوڏيون، کانکروٽا، رائو (پٿرن جي ڀور) ۽ ٻيون اهڙيون شيون لڀن ٿيون جي سمنڊ هئڻ جي ثابتي آهن ۽ واريءَ جون ڀٽون جيڪي آهن، سي سڀ اتر- اوڀر کان ڏکڻ – اولهه ڏي آهن، جي چمڪندڙ ۽ صاف واريءَ سان سٿيون پيئون آهن. اهي بلڪل اوچيون آهن ۽ سڀيئي ساڳئي رخ تي آهن، جنهن جي ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته اهي سمنڊ جي ڇولين جو نتيجو آهن. | |
| ٿر جي واريءَ جو رنگ ڳاڙهو آهي جو ڪراچي ۾ ڪلفٽن وٽ گڏ ٿيل واريءَ جهڙو آهي ۽ نه ته مٺي درياءَ جي ڇڏڻ ڪري جيڪا واري ڏسبي آهي، اها سفيد هوندي آهي. ۽ ڳاڙهي. ٿر ۾ خاص ڪري ڏيپلي تعلقي ۾ لوڻ جا سن آهن جن مان سارڻ جو سَن مشهور آهي. انهن سنن جو پاڻي سمنڊ جهڙو کارو آهي جو هيٺان نڪري ٿو. واريءَ ۾ پٿرن جي پور يعني رائو به ندين جي وهڪري ۾ آيل ڇولين سبب ڀڄي ذرا ذرا ٿيل آهي. ٿر ۾ ٽن- چئن پرهن (پرهه: پنج فوٽ)هيٺ پٿر آهي جنهن کي روهه چوندا آهن. سمنڊ ۾ به هيٺ پٿر ٿيندا آهن. ٿر جي جي کوهن ۾ گهڻو ڪري پاڻي کارو ۽ ٻاڙو آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اڳ اُتي ضرور سمنڊ هو، نه ته مٺي درياءُ جي ڇڏيل ملڪ جو پاڻي ضرور مٺو ٿيندو آهي. | |
| ڪي چون ٿا قديم زماني ۾ ضرور ڪو سخت زلزلو، مصيبت جي صورت ۾ هن ملڪ تي آيو هوندو،جنهن زمين جي اها حالت پيدا ڪئي. اهڙا زلزلا وقت به وقت ٿين پيا، جي زمين جي صورتحال بدلائي ڇڏين ٿا. جيئن ته سنڌ ۾ هڪ زلزلو راجا ڪيشي ڪمار جي وقت ۾ سندس ظلمن سبب 536 ق-م ۾ ٿيو، جنهن ۾ گاديءَ جو هنڌ ۽ ڪيترا شهر ناس ٿي ويا(1). سن 962ع جي زلزلي ڪري سنڌو ندي پنهنجو رخ بدلائي ويئي (2) الور جو شهر ناس ٿي ويو. برهمڻ آباد جو ناس ٿيڻ به زمين جي زلزلي جي ڪري ٿيو. 1819ع ۾ سنڌ اندر اهڙو ته موتمار زلزلو آيو جوسنڌ ۽ ڪڇ جي رڻ جي گهڻي صورت بدلجي ويئي. ويجهڙائي ۾ سن 1934ع ۾ بهار جو زلزلو ٿيو، جنهن بابت پنڊت جواهر لال نهرو لکي ٿو ته ”روبرو ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته اتي ڪيترن هنڌن تي وڏا خال ۽ ٻرگهل ٿي پيا هئا. واهن ۽ ڪڙين وغيره جون پليون ڊهي پيئون هيون ۽ سڄي ايراضي پاڻي جي ڍورن ۽ واريءَ جي ڊٻن وارو برپٽ ٿي پيئي هئي، ڄڻ ته ڪنهن راڪاس بهار پرانت کي مٽيءَ جو پنوڙو سمجهي هٿن ۾ اٽي وانگر ڳوهي مروٽي سروٽي صورتحال ئي ڦيرائي ڇڏي هئي(3) مئي 1935ع ۾ ڪوئيٽا جي زلزلي ڪري به زمين جي حالت بدلجي ويئي هئي. اهڙيءَ طرح ٿر ۾ به زلزلي جي ڪري سمنڊ جي پاڻي هٽي وڃڻ ڪري زمين هيٺ مٿي دڙا ۽ ڀٽون ٿي پيئي آهي. | |
| ڪپتان اسٽئنلي نيپئر ريڪس سال 1847ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو. مٺي، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر تعلقا، جي انهيءَ سال برٽش سرڪار جي حفاظت هيٺ آيا، تن جو انتظام ڪپتان ريڪس جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو هيڊڪوارٽر ڀُڄ هو. هن صاحب سرڪاري رڪارڊ ۽ ملڪي روايتن مان کوجنا ڪرڻ بعد ٿر ۽ پارڪر جي حالتن تي هڪ ڪتاب سال 1856ع ۾ لکيو، جو سال 1859ع ۾ بمبئي سرڪار ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو پهريون ڪتاب آهي جو ٿر ۽ پارڪر جي اڳين ۽ پوين حالتن تي ڪجهه روشني وجهي ٿو. ڪپتان ريڪس جي تحقيقات موجب پارڪر ۾ هڪ قديم سلطنت جو پتو لڳي ٿو، جنهنجو مکيه شهر پاري ننگر هو، جنهنجو بيناد عيسوي پهرين صديءَ ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو. ماڻهن جو مذهب جين ڌرم هو. انهيءَ وقت پاري ننگر جي آدمشماري چاليهه هزارهئي ۽ وڏو بندرگاهه هو. جو هاڻي ڪڇ جو رڻ آهي، سو خود عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو ۽ جهاز سڌا لنگهي پاري ننگر جي بندر تائين ايندا هئا، جو هاڻوڪي ننگر پارڪر کان چوڏهن ميل ۽ ويراواهه جي اڀرندي طرف هو. ان وقت سنڌو ندي جي هڪ شاخ اُتان وهي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جا هاڪڙي جي نالي سان سڏبي هئي. نديءَ جو هتان وهڻ ثابت ڪري ٿو ته ٿر ملڪ ان وقت سنئين سڌي زمين وانگر هو ۽ پوءِ جڏهن زلزلو آيو تڏهن ندي وهڪرو ڦيرائي ويئي، شهر غرق ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي ميلن ۾ زمين هيٺ مٿي ٿي پيئي، جنهن جي ڪري ڀٽون پيدا ٿي پيئون. عربي سمنڊ هتان هٽي سُڪي ويو، جنهن ڪري هاڻوڪي ڪڇ جو رڻ ظاهر ٿيو. ڪهڙي زماني ۾ اهو زلزلو ٿيو، تنهن بابت ڪپتان ريڪس يا ٻئي ڪنهن به تاريخ نويس نه ڄاڻايو آهي. | |
| ڪپتان ريڪس، جنهن ٿر جي حالتن جو خاصو مطالعو ڪيو آهي، سو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ٿر جي زمين جو ڀٽن جي شڪل ۾ ٿي وڃڻ، ڌرتيءَ جي ڪنهن سخت اٿل پٿل جو نتيجو آهي، جيئن ڌرتيءَ جي ڌٻڻ يا زمين جي اندر واري طاقت جي پلٽي کائڻ سان ٿئي. هوائن جي لڳڻ سان ائين ڪونه ٿيندو، باقي هاڻي هوائون ڀٽن جي شڪل ۾ ٿوري ڦيرگهير ڪن پيئون“ (1). | |
| جيڪڏهن واريءَ جون ڀٽون سمنڊ جي ڇولين جي ڪري ٺهيون ۽ پوءِ سمنڊ جي سُڪي وڃڻ جي ڪري ظاهر ٿي بيٺيون ته پوءِ سنڌو ندي جي شاخ هاڪڙو ندي ڀٽن هوندي ٿر مان ڪيئن وهي سگهي هوندي، جنهنجي وهڻ بابت ٽاڊ راجستان ۽ ٻين ڪيترين ئي تاريخن ۾ ثابتيون آهن. نديءَ جي وهڪري ڪري اتهاسڪار انهيءَ راءِ تي پهتا آهن ته واريءَ جون ڀٽون سمنڊ جي سڪي وڃڻ بعد پوءِ ڪنهن زلزلي سبب ٿيون آهن، پر جي زلزلي سبب ٿين ها ته سڀئي ساڳئي رخ يا ڊول تي اتر-اوڀر کان ڏکڻ-اولهه ڪونه ٿين ها، ضرور آڏيون ابتيون ٿين ها. تنهنڪري ڀٽن جي ٺهڻ جو ڪارڻ پڪ سان چئي نٿو سگهجي ۽ نڪو ڪنهن به تاريخدان انهيءَ بابت پنهنجو آخرين رايو ڏنو آهي. ٿر جي ڀٽن جي بناوت ۽ بيهڪ مان اهو رايو وڌيڪ وزنائتو ٿئي ٿو ته اهي سمنڊ جي ڇولين جو نتيجو آهن ۽ نه زلزلي جو ڪارڻ. | |
| ڪيترا ماڻهو چوندا آهن ۽ عام طرح ائين سمجهبو آهي ته ٿر هڪ ويران ۽ سڃو ملڪ پئي رهيو آهي، جنهن کي ڪابه تاريخي حيثيت ڪانهي مگر ائين نه آهي. ٿر جي تاريخ بابت ڪنهن به صاحب ڪڏهين خير ڪا تڪليف ورتي آهي. ٿر ۾ ڪيترا جهونا کنڊهر ۽ کوهه لڌا ويا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اتي اڳي ماڻهن جون آباديون رهنديون هيون. جيتوڻيڪ وڏا شهر بلڪل ڪونه هئا ته به اڄوڪي جهڙو وسندڙ ملڪ هو، بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ آباد هو. | |
| 1- ڪڇ جو رڻ | |
| ڪيترين ئي روايتن موجب راجپوتانا، ٿر ۽ ڪڇ جا ملڪ سمنڊ جي تري ۾ هئا. جتي هينئر سُڪي آهي اُتي ڪو وقت اڳي پاڻيءَ جون لهرون پئي لڳيون پوءِ زلزلي سبب يا ٻي ڪنهن خدائي قدرت سبب زمين مٿي چڙهي آئي، جنهنڪري سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ سُڪيءَ جا ڀاڱا ظاهر ٿي بيٺا، پر ڪڇ جي رڻ واري زمين اڃا هيٺ هئي ۽ اهو عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو ۽ ان وقت سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي پنجاب مان نڪري امرڪوٽ جي اڀرندي پاسي کان لنگهي ننگرپارڪر وٽان وهي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. مطلب ته ڪنهن وقت ڪڇ جي رڻ ڏي سمنڊ جو منهن هو ته ڪنهن وقت مٺي درياءُ جو.تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي سن کان سواءِ ٽي سئو ورهيه اڳي جڏهين سڪندر اعظم سنڌ مان ٿي لنگهيو تڏهين به اُتي سمنڊ جي پاڻيءَ ڇوليون پئي هنيون(1). ڪي صديون پوءِ به اُتي پاڻي هو. | |
| 60 عيسوي ۾ يوناني سياح پيريلس اُتان لنگهيو هو، جنهن به ڪڇ جي رڻ بابت ذڪر ڪيو آهي ته اُتي پاڻي هو. الائسي ريڪلس چوي ٿو ته ”رڻ چوٿين صديءَ تائين کليل سمنڊ هو، پوءِ ڌرتيءَ جي سخت ڌوڏن سبب زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ رڻ ٺهي پيو ۽ سمنڊ هٽي ويو. ننگرپارڪر جي اتر- اڀرندي ۾ جو ويرانو آهي، سو دراصل سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪز هو“ (1) | |
| سن 1024ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ جي مندر تي ڪاهه ڪرڻ بعد ڪڇ جي رڻ مان ٿي موٽيو، ته جنهن تنهن پئي ڊپ ڏنس ته هتي جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون. شايد سگهوئي پوءِ پاڻي ڪو سڪو آهي جو سن 1360ع ۾ سلطان فيروز شاهه جي لشڪر ڪيتريون ئي راتيون رڻ ۾ گهاريون. پر اُن وقت هتي جي پاڻيءَ جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. فقط ڪن خاص ٽڪرن ۾ پاڻي هو(2). | |
| ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان الهندي ڏي اسي ڪوهن ۾ ۽ اُتي کان ڏکڻ ڏي ستٽيهن ڪوهن ۾ سُڃ لڳائي بيٺو آهي. ٽاڊ راجستان موجب اُن جي ديگهه 150 ميل ۽ ويڪر ڀُڄ کان ٻلهياري تائين 70 ميل آهي(3). اُن جي جملي پکيڙ 7 هزار چورس ميل آهي(4). | |
| ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو سن 1362ع ۾ انهيءَ سموري ايراضي ۾ پاڻي ڪونه هو. اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي پُراڻو درياءُ. اڳي سنڌو ندي جي شاخ هتان وهندي هئي ته ڪڇ جي رڻ مان دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي ڪناري وارن بندرن تي اچي پڳهه هڻندا هئا. ويڳاگڍ (وڳهه ڪوٽ)، وينگڍ (ونگو)، ٻلهياري، رحمڪي بازار ۽ ويراواهه سامونڊي بندر هئا (1). نديءَ جو پاڻي گهاڙي شيخاڻي، تعلقي بدين وارو رڻ پسائي لکپت تائين پهچندو هو(2). | |
| سنڌ ۽ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي حصي جو پيٽ ٿو معلوم ٿئي ۽ پوءِ ڪنهن طبعي يا قدرتي سبب جي ڪري مٿي چڙهي آيو آهي. هن ۾ ٻيو ڪوبه ساهوارو دائمي رهائش نٿو ڪري سگهي، سواءِ جهنگلي گڏهن (گورخرن) جي، جي رڻ جي ٻيٽن ۾ گاهه جي ڳولا لاءِ ڦرندا رهندا آهن. ڪن ٻيٽن ۾ کارو پاڻي پڻ آهي(3). | |
| هاڻي رڻ جو گهڻو ڀاڱو سُڪو پيو آهي. ڪٿي ڪٿي رڃ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. گرمي سبب ڪٿي ڪٿي پوٺو تپندو آهي ته پريان پاڻيءَ جي ڏيکاري پيو ڏيندو اهي ۽ ويچارا هرڻ پاڻيءَ جي آسري تي ڊوڙي ڊوڙي ساهه ڏيندا آهن. واقفڪار کانسواءِ ٻيو ماڻهو به سچ پچ پاڻي سمجهندو. ننڍڙو پٿر به پري کان جبل جي ڏيکاري پيو ڏيندو آهي. | |
| ٿر ۽ ڪڇ جي آمدرفت اُٺن رستي انهيءَ رڻ مان ٿيندي آهي، پر برسات پوڻ وقت رڻ ۾ پاڻي بيهندو آهي، جو بعضي ڪن هنڌن تي 4-5 فوٽ يا وڌيڪ اونهو به بيهندو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي گرڻيون يعني ڌٻڻيون به آهن، جن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا وهٽ اٽڪيو ته نڪرڻ ئي مشڪل! جيئن جيئن نڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، تيئن تيئن ويندو وڌيڪ ڦاسندو، تنهنڪري برساتي موسم (چوماسو) ۾ رڻ جي مسافري تڪليف واري آهي. ڪٿي ڪو واريءَ جو دڙو آهي، جتي ننڍن ٻوٽن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ٿئي. اهڙن هنڌن تي مسافر ساهي پٽي اُٺن کي چارو وغيره ڏيندا آهن. | |
| 2-هاڪڙو ندي | |
| آرين جي اچڻ کان اڳ ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو ڪجهه حصو سمنڊ هيٺ هئا ۽ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. مهاڀارت جي زماني کان پوءِ عربي سمنڊ گهٽجندو ويو. اُن وقت سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي اُتر ۾ پنجند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) عمرڪوٽ وٽان لنگهي، ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ابوالفضل ”آئينِ اڪبري“ ۾ ۽ ٽاڊ ”راجستان“ ۾ هاڪري بابت اشارا ڏنا آهن. | |
| رياست بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿر ۾ ان جا ڦٽل نشان بيٺل آهن. ڪپتان ريڪس به لکي ٿو ته ”سنڌو نديءَ جي تاريخ هاڪڙو نالي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ ويراواهه جي ڀرسان پاري ننگر جو مشهور بند رهو، جتي اچي بيهندا هئا.“ | |
| ويراواهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي، جنهنجو نالو ڏوتڙ آهي. ڏو = ٻه، تڙ = درياءُ جو ڪنارو، جتي جهاز ۽ دنگيون بيهن. چون ٿا ته انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو، تنهنڪري اهو نالو پيس. | |
| درياءُ يا هاڪڙي جي پيٽ کي ”سنگها“ سڏين ٿا، اُن ۾ هاڻي پوک ٿئي ٿي. اُن وقت ٿر ۾ ڀٽون شايد ڪونه هيون ۽ زمين سنئين هئي، ۽ پوءِ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب زمين جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري، هاڪڙو ندي بند ٿي ويئي، ڇاڪاڻ جو اڳي سنڌ ۾ خوفناڪ زلزلا ٿيندا هئا. | |
| هاڪڙو ڪڏهن بند ٿيو، ان بابت چٽي طرح چئي نٿو سگهجي، پر ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته ”عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر وڏو بندرگاهه هو.“ انهيءَ مان انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هاڪڙو ندي به شايد عيسوي پهرين صديءَ کان پوءِ بند ٿي هوندي. | |
| 3-مهراڻ ندي | |
| آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌو نديءَ مان ڪيتريون ئي شاخون پئي نڪتيون آهن ۽ بند ٿيون آهن. خود سنڌو ندي به پيئي وقت به وقت وهڪرا ڦيرائي. آر-جي- بئنر جي بهاولپور رياست کان وٺي (جتان هاڪڙو نديءَ جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کيرٿر جبلن جي قطار تائين 18 جاين تي سنڌونديءَ جي جهونن وهڪرن جا نشان معلوم ڪيا آهن. | |
| اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پُراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي پراڻو درياءُ. ڪي چون ٿا ته سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ اڳي اُتان وهندي هئي. سنسڪرت ۾ سنڌو معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ، اُن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”سينڌ“، معنيٰ وهڻ. جنهن سنڌوءَ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا سدائين پيئي وهي“. اهو سٿين يا تاتاري نالو آهي. سنسڪرت ۾ مهارڻو، مها =وڏو ۽ اَرڻو= جل. سمنڊ يا وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي، پر هن نديءَ جو پاڻي مٺو هو، جنهنڪري اُن کي مٺو مهراڻ ڪري چوندا هئا ۽ ڪڇ جي رڻ مان ٻيڙيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي رحمڪي بازار ۽ ٻلهياري (تعلقي ڏيپلي) وٽ اچي پڳهه هڻندا هئا، جنهنڪري اهي بندر هئا ۽ نديءَ جو پاڻي رڻ مان وهي لکپت تائين پهچندو هو ۽ لکپت جي ساريال پوک جو مدار ئي انهيءَ پاڻي تي هو. | |
| هن بابت ڪرنل جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته ”بکر کان اتر 7 ميل پنڌ تي سنڌو نديءَ مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺي ندي يا مٺو مهراڻ چون ٿا. (1). انهيءَ ڪري اڄ تائين ڀٽن جي ڏاڍي زمين جي دنگ واري ٽڪر کي ”مهراڻو“ چوندا آهن. هيءَ ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کان پوءِ وهندي هئي. | |
| هينري ڪزنس لکي ٿو ته ”قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون وهنديون هيون: هڪڙي هاڻوڪي سنڌو ندي ۽ ٻي مهراڻ ندي. سن 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن سکر ۽ بکر وارا ٽڪر ٽوڙي ڇڏيا. انهيءَ زلزلي سبب الور وٽان مهراڻ رخ ڦيرايو ته پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب شهر ڦٽي ويو.“ (2) | |
| چوڻ ۾ اچي ٿو ته مهراڻ ندي وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان وهندي هئي ۽ اڄ تائين وڳهه ڪوٽ جي ويجهو زمين مان پاڻيءَ جون ڳريل ڪاٺيون ۽ ٻيا اهڙا نشان ملندا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مهراڻ ندي ضرور اڳي اِتان ئي وهندي هئي. | |
| (1) ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي. | |
| (1) جي ڊبليو - سمٿ جو گزيٽيئر واليوم بي، ”ٿر پارڪر ڊسٽرڪٽ“ سال 1999ع صفحو 31 | |
| (1) ڀٽن جي اوچائيءَ لاءِ ڏسو گريٽ ٽريگنا ميٽريڪل سروي آف انڊيا. سال 1863ع، صفحه 163- 166. | |
| (1) سنڌ گزيٽيئر، واليوم بي، ٿر پارڪر ڊسٽرڪٽ. سال 1919ع صفحو 3. | |
| (1) گرنار ۾ آنٻاجي جو ڏهرو آهي، اتان دتاتريه رشي جو آستان هڪ ڪوهه پنڌ تي آهي، جتي هڪ جهرڻو آهي. جنهن جو منهن گانءِ جي منهن جهڙو آهي، جتان هميشہ پاڻي پيو وهي. هن کي به گئو مکي چوندا آهن. ڏسو تاريخ گجرات، گجراتي، مگن لال بخت چند سال 1870ع، صفحو 27 | |
| (2) ”قديم سنڌي“ مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ. صفحو 51 | |
| (1) سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، سال 1924ع، صفحو 46 | |
| (1) سنڌ گزيٽيئر جلد پهريون صفحو 5. ”وقائع راجستان“ اردو ڀاڱو پهريون صفحو 88 ڇپيل لکنو سال 1952ع.. | |
| (2) ”ڪڇ جو اتهاس“ گجراتي ڄيٽا ڀائي - ني- گانڌي انجار، صفحو پهريون | |
| (3) ”راجپوتانا اتهاس“، هندي ڀاڱو پهريون، جڳديش سنگهه گهلوت، صفحو 6. | |
| (1) ”سنڌجي هندن جي تاريخ“، جلد پهريون، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، صفحو 33. | |
| (2) ”پراچين سنڌو سڀيتا“، مهاراج دوارڪا پرساد شرما، صفحو 44. | |
| (3) ”جواهر جيوني“. سنڌي ترجمو، ڀاڱو ٻيو، کيڪ تيرٿ وسنت، صفحو 182 | |
| (1) الوحيد اسپيشل ايڊيسنل ”سنڌ آزاد نمبر“، جون 1935ع، صفحو 75. | |
| (1) ”ٽاڊ راجستان“، انگريزي، جلد پهريون، صفحو 13 | |
| (1) ”دي ارٿ ائنڊ اٽس انهابيٽئنٽس آريونيورسل جاگرافي“، جلد پنجون، صفحو 142 | |
| (2) ”تاريخ فيروز شاهي“، بحواله هسٽري آف انڊيا، سرايلئٽ، جلد ٽيون. | |
| (3) ”ٽاڊ راجستان“، گجراتي، جلد پهريون، ڇپيل سستو ساهتيه پستڪاليه احمد اباد، سنبت 1982ع. | |
| (4) ”سنڌ جي تاريخ“، مرزا قليچ بيگ، سنڌي ايڊيسن سال 1903ع. | |
| (1) ”جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ واليوم VIII نمبر2، جون 1947ع، صفحو 88. | |
| (2) ”سنڌ گزيٽيئر“، صفحو 148-149. | |
| (3) ”امپيريئل گزيٽيئر“ جلد چوٿون، صفحو 59. | |
| (1) ”ٽاڊ راجستان“، جلد پهروين، گجراتي صفحو 717. | |
| (2) ”ائنٽيڪئيٽيز آف سنڌ“، هينري ڪزنس. | |
| باب ٻيو | |
| ٿرپارڪر جا راجپوت | |
| 1.راجپوتن جو اصل نسل | |
| ٿر ۽ پارڪر تي آڳاٽي وقت کان وٺي پرمار سوڍا راجپتون جي سرداري هئي. اُهي ڪڏهن سنڌ ۽ ڪڏهن دهليءَ جي بادشاهن جا تابعدار ۽ ڪڏهن خودمختيار ٿي پئي رهيا. هت انهن راجپوتن جو اصل نسل ڄاڻائڻ ضروري آهي: | |
| راجپوتن جي جنم جي ڪهاڻي هڪ عجيب آکاڻي آهي: وشنو ڀڳوان جو ڇهون اوتار پرسرام هو، جو رشي جمدگني جو پٽ هو. هڪ دفعي راجا ڪرتويريه، جمدگني وٽ هڪ گانءِ ڏٺي جا ڪامڌين هئي. ڪامڌين معنيٰ اُها گانءِ جنهن وٽان اميدون پوريون ٿين، يعني جنهن کان جيڪي گهرجي سو ملي. ههڙي عجيب گانءِ تي راجا جي دل ٿي. هن جمدگني کان گانءِ گهري پر هن نه ڏنس. تنهن تي راجا اُها گانءِ زبردستي ڪاهرائي هليوويو. اُن وقت سندس پٽ پرسرام گهر ۾ موجود ڪونه هو، پر پوءِ جڏهن اچڻ وقت ان ڳالهه جي خبر پيس، تڏهن تپي باهه ٿي ويو ۽ بنا دير جي وڃي راجا کي ماري، گانءِ آڻي پنهنجي پيءُ کي ڏنائين. راجا جي پٽن پنهنجي پيءُ جي وير وٺڻ لاءِ جمدگنيءَ جي آشرم تي ڪاهه ڪئي. ان وقت پرسرام ڪيڏانهن ٻاهر ويو هو ۽ جمدگني گهر ۾ اڪيلو ويٺو هو. راجڪمار هن کي اڪيلو ڏسي کيس ماري هليا ويا. پرسرام پوءِ جڏهن پنهنجي آشرم ۾ موٽي اچي هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن سڄي ڳالهه معلوم ڪري پرن ڪيائين ته اِهي راجڪمار ته پورا ڪندس، پر ڪوبه کتري ٻچو جيئرو نه ڇڏيندس. هيءَ سڄي ڳالهه پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ائين به ڄاڻايل آهي ته پرسرام ايڪيهه دفعا کترين جو ڪُل ناس ڪيو هو. | |
| آڳاٽن کترين جو ڌرم هو برهمڻن ۽ ٻين ذاتين جو بچاءُ ڪرڻ. کتري ناس ٿي ويا ته برهمڻن ۽ ٻين جي سنڀال ڪير ڪري؟ اُن تي خود برهمڻ اچي ڪڪ ٿيا، ڇاڪاڻ جو ان وقت هندستان ۾ دائت، اسسر ۽ دانو گهڻا هئا، جي عالمن جي چوڻ موجب سٿين لوڪن مان هئا. اُهي برهمڻن کي مڃيندا ته ڪونه هئا، پر هنن کي پاڻ آزاريندا هئا. کتري انهيءَ ڪري برهمڻن جو وڏو بچاءُ هئا، پر هاڻي ته اهڙو ڪو کتري ٻچو بچيو ئي ڪونه هو، جوهنن دئتن جي آزار کان کين بچائي. | |
| اُنهيءَ وقت ڪيترائي رشي ۽ مني ابو پهاڙ تي رهندا هئا. برهمڻن کي تڪليف ۾ ڏسي وسشٽ مني ابو جبل تي رشين ۽ منين سان صلاح ڪئي ته هاڻي برهمڻن جي بچاءَ لاءِ ڇا ڪجي. آخر سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪري برهما، وشنو ۽ اندر ديوتا کي وينتي ڪئي ته توهين ڪي کتري پيدا ڪريو، جي دئتن کي ناس ڪري برهمڻن جو بچاءُ ڪن. رشين پوءِ ابو پهاڙ جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي يگيه جي اگني دکائي، اندر ديوتا کي چيو ته اول اوهين ڪو کتري اُپايو. رشين جو چوڻ مڃي اندر ديوتا ڊڀن جو هڪ پتلو ٺاهي، ان تي امرت ڇٽڪاري پوءِ اُهو پتلو اگني ڪنڊ ۾ اڇلايو ۽ پوءِ سنجيوني منتر (جيئارڻ جو منتر) اُچاريائين: ته ڏسو ڪرتار جي قدرت جو اگني مان هڪ ازغئبي مرد ٻاهر نڪري آيو، جنهن کي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو اگني مان نڪرڻ وقت چوندو آيو ته ”مار، مار“. انهيءَ سبب هن تي ”پرمار“ نالو پيو. پرمار لفظ جي معنيٰ آهي پراون يا ڌارين کي ماريندڙ. ٽاڊ صاحب پرمار لفط جي معنيٰ ”پهريون ماريندڙ“ يا ”ڌڪ هڻندڙ“ لکي آهي. | |
| رشين ۽ منين جي چوڻ تي، پوءِ برهما ٻيو هڪ پتلو ٺاهي يگيه جي اگني ۾ وجهي، منتر اچاريو ته اگني ڪنڊ مان هڪ ٻيو جوان پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ ويد هئا. اُنهيءَ تي ”چلونڪي“ نالو پيو، ڇاڪاڻ ته هو برهما پهريائين جڏهن پنهنجي هٿ جي تريءَ تي پتلو ٺاهيو، تڏهن هي پيدا ٿيو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. چلونڪي لفظ جو اُچار پوءِ ڦري سلونڪي (سولنڪي) ٿيو آهي. | |
| شو ڀڳوان پوءِ اگني ڪنڊ مان هڪ ڪاري شڪل وارو جوان پيدا ڪيو. انهيءَ جوان کي لڙائيءَ جو فن گهڻو ياد نه هو، مگر پهريداريءَ لاءِ پختو هو، تنهنڪري هن کي دربان يا پهريدار مقرر ڪيائون ۽ انهيءَ سبب هن تي ”پرٿوي دوار“ نالو پيو. پرٿوي معنيٰ دروازو. هو گويا پر ٿوي جي دروازي جو نگهبان هو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. پرٿوي دوار لفظ جو اُچار پهريائين ڦري ”پرٿهيار“ ٿيو ۽ هاڻي عام طرح پڙهيار چئبو آهي. | |
| وشنو ڀڳوان اگني ڪنڊ مان پوءِ پاڻ جهڙو هڪ چتر ڀڄ (چئن ڀڄائن يا ٻانهن وارو) مهاتيجوسي جوان پيدا ڪيو، جنهن جو رنگ ڪرشن ورن (ڪارو) ۽ تمام بهادر هو. ڀريل ترڪش ٻڌل هوس ۽ هڪ هٿ ۾ ڌنش (تير ڪمان) ۽ ٻئي ۾ تلوار هئي، ان تي نالو پيو ”چترنگ“. سنسڪرت ۾ چتر معنيٰ چار انگ معنيٰ بت. چترنگ معنيٰ چئن بتن وارو. حقيقتن بت چار ڪونه هوس پر بهادر هو. چترنگ لفظ جو اُچار پوءِ ڦري چوهاڻ ٿيو. هاڪارو راجا پرٿويراج چوهاڻ راجپوتن مان هو. | |
| اهڙيءَ طرح راجپوتن جي قوم ديوتائن جي مهربانيءَ سان پيدا ٿي. ابو پهاڙ تي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا، تنهنڪري انهن کي ”اگني ڪُل“ يعني اگني (باهه) جي ڪٽنب وارا به چئبو آهي. اها اگني ڪنڊ، جنهن مان راجپوت پيدا ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا، سا اڄ تائين ابو پهاڙ تي قائم آهي ۽ اها راجپوتن لاءِ تيرٿ جو وڏو آستان آهي. | |
| راجپوتن جي جنم جي اها ڪهاڻي هڪ ڏند ڪٿا آهي، جا پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ڪرنل ٽاڊ به اهائي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي هندستان جا راجپوت اها ڳالهه سچي ڪري مڃين ٿا (1) پنهنجي هن حقيقت جي تصديق لاءِ هو ڪيترن شلا ليکن جا حوالا پيش ڪن ٿا. اهڙن اٺن شلا ليکن جو احوال ”ڌار رياست“ جي اتهاس ۾ آيل آهي. ابوجبلتي اچليشور مهاديو جي مندر ۾ هڪ ليک لکيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته پرمار دونهي مان پيدا ٿيو هو ۽ شترو ماريا هئائين. | |
| راجا مونج کان پوئين شلا ليکن ۾ ۽ اتهاسڪ پستڪن ۾ پرمارن جي وڏي جو ابوجبل تي مهرشي وسشٽ جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيڻ برابر ڏيکاريل آهي، مگر اها ڪلپنا به اتهاس جي انڌڪار ۾ پوءِ ڪيل معلوم ٿئي ٿي. پرمارن جي شلا ليکن ۾ انهيءَ گهراڻي جي وڏي جو نالو ڌوم راج ڏيکاريل آهي. ڌوم معنيٰ دونهون، جو باهه مان پيدا ٿيندو آهي. شايد انهيءَ تي، پرمارن جي وڏي جو اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيڻ ۽ انهن جوا گني ونسي چوائڻ جي ڏند ڪٿا، پوءِ من گهڙت ئي هجي ته عجب ڪونهي. (1) | |
| ”پرٿوي راج راسا“ ڪتاب موجب چار گهراڻا ابو جبل تي ڪيل پگيه مان پيدا ٿيا آهن، جنهن بابت ڪن جو رايو آهي ته پراچين کتري، جي ٻڌ ڌرم ۾ شامل ٿي ويا هئا، تن کي شڌ ڪري آريه ڌرم ۾ ورتوويو هوندو، يا اُهي چار گهراڻا به هُن، شاڪ ۽ ٻين وانگر ٻاهران آيل هوندا، جن کي برهمڻن شڌ ڪري، پنهنجي ڌرم ۾ ورتوهوندو، پر کوجنا ڪندڙ اگني ونس کي سوتنترونس نٿا مڃن. اگني ونس ۾ چارئي ڪُل مڃيا وڃن ٿا، پر شلا ليکن ۽ پراچين اتهاسڪ گرنٿن ۾ چوهاڻ سورج ونسي (ڏسو ايپيگرافيائنڊ ڀاڱو ٻيو صفحو 119). (پرٿوي راج وجيه ڪاويه سرگ پهريون). (جرنل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن سن 1903ع). سولنڪي چندرونسي (ڏسو اوجها سولنڪيون ڪا پراچين اتهاس. 4 سنبت 1964) پڙهيار سوريه ونسي (ڏسورپورٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا سن3-1904ع صفحو 280). پرمار برهم کتري ونسي (ڏسو پنگلاسوتر ورت) مگر مرهٽن جي ونساولي ۾ پرمارن کي سوريه ونسي لکيواٿن. (2) | |
| ڪي يورپي اتهاس ليکڪ لکن ٿا ته پرمار، پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ راجپوت گوجرن جو اولاد آهن، جي آرين وانگر وچ ايشيا مان لڏي ڇهين عيسوي صديءَ جي اوائل ڌاري اتر هندستان ۾ آيا هئا. (1) | |
| پرمارن جي مڃتا، ته هومهرشي وسشٽ جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا آهن. سا تاريخ دانن، ودوانن ۽عالمن کي قبولڪونه آهي. هو ان کي من گهڙت سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته مالوا جي پرمار راجا مونج (سنبت 1028-1054 عيسوي سن 971-997ع) کي، راجا پنڊت هلايڌ ”پنگل سوترورتي“ پستڪ ۾ برهم کتر گهراڻي جو چيو آهي. انهيءَ شبد (لفظ) جي وياکياڻ ڪندي، اتهاس ويتائن (تاريخدانن) ۾ مت ڀيد آهي. ڪي چون ٿا ته برهمڻ وسشٽ جي يگيه جي رکيا ڪرڻواري ۽ راڪشسن جي حملي کي ٽارڻ واري کي راجپوت چيو ويوآهي. ٻيو هيءُ به رايو آهي ته هي ماڻهو برهمڻ ۽ کتري ٻنهي ذاتين جو گڏيل سنتان آهن، جو اهڙين شادين جو رواج اڳي هندن ۾ عام هو. يا اهي وڌرمي هئا ۽ برهمڻن جي ستڪار سان شڌ ٿي انهن کي ڇتري ڪيو ويو. انهيءَ ڪري انهن لاءِ ”برهم کتر ڪلين“ لفظ لاڳو ڪيو ويو. (2)هڪ اها به معنيٰ ڪڍي وڃي ٿي ته جن جا وڏا برهمڻن مان کتري ٿيا هجن، انهن کي ”برهم کتر“ چوندا آهن يا انهن ماڻهن کي جن ۾ برهمڻن ۽ کتري ٻنهي جا گڻ موجود هجن.(3) | |
| ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته ، ”پنجين صديءَ جي پڇاڙي کان ستين صدي جي شروعات تائين سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جا راجائون هئا. اُهي اولشودر هئا پوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا ته برهمڻن سندن شڌي ڪري کتري بنايو. اهي اگني ڪل مان پيدا ٿيا، جنهن ڪري اگني ڪل مان پيدا ٿيل کتري راجپوت سڏجڻ۾ آيا. ان کان ٿورا ورهيه اڳ چيني سياح هوان شيانگ 640ع ۾ هندستان ۾ اچڻ وقت، راءِ سهاسي ٻئي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ جھاڻايو آهي ته ”سنڌ جو راجا شودر هو.“ (1) | |
| سولنڪي پاڻ کي اگني ونسي چوائين ٿا ۽ پنهنجو مول پرش چولڪيه سمجهن ٿا. پر اڳين شلا ليکن، ٽامي پترن ۽ اتهاسن ۾ اگن ونسي ڄاڻايل ڪونه آهن. (2) چوهاڻ به اگن ونسي چوائين ٿا، پر سورهين صديءَ جي مليل شلا ليکن ۾ ڪٿي به ائين ڄاڻايل ڪونهي. | |
| 2- راجپوتن جا 36 ونس | |
| اگن ڪُل مان پيدا ٿيل راجپوتن جون چار ذاتيون: پارمار، پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ، پوءِ ڇهه ٿيون، مگر هاڻي وڌي ڇٽيهه ٿيون آهن: | |
| (1) اکيه واڪ يا سوريه. (2) اندوسوم يا چندرونس. (3) گهلوت 24 ساکون. (4) يدو 4 ساکون. (5) تنور 17 ساکون. (6) راٺوڙ 13 ساکون. (7) ڪشواها يا ڪڇواها. (8) پرمار 35 پرمار 35 ساکون. (9) چوهاڻ 26 ساکون. (10) سولنڪي يا چالوڪ 16 ساکون. (11) پڙهيار 12 ساکون. (12) چاوڙا هڪ ساک (13) ٽانڪ يا تکيڪ. (14) جوٽ، جيٽي، جاٽ. (15) هُن يا هڻ. (16) ڪاٺي. (17) بلا. (18) جهالا 2 ساکون. (19) جيٺو يا ڪامري. (20) گوهل. (21) سرويا. (22) سلار. (23) ڏاٻي. (24) گوڙ 5 ساکون. (25) ڏوڏا. (26) گوهر وال. (27) ٻڙ گوجر 3 ساکون. (28) سينگر هڪ ساک. (29) سيڪروال هڪ ساک. (30) ويس هڪ ساک. (31) ڏاهيا. (32) جوهيا. (33) موهل. (34) نڪومپ،(35) راجپالي. (36) ڏاهيا، جا ساک هينئر گم ٿي ويئي آهي. انهن کان سواءِ هول ۽ ڏاهريا ٻيا ٻه ڪل آهن. | |
| ڪيترن راجپوت ڪُلن جون ساکون ڪونه آهن، انهن کي ”اڪا“ چوندا آهن. جي سڄي قوم جو ٽيون حصو آهن. | |
| 3- پرمارن جون 35 ساکون | |
| پرمارن جون 35 ساکون آهن: (1) موريه (هن مان چندر گپت ٿيوهو.) (2) سوڍا (ڍاٽ يعني ٿر جا راجا). (3) سانگلا (1)پونگل جا جاگيردار ۽ ٻيا ڪيترا مارواڙ ۾ رهن ٿا. (4) کير، انهن جي راڄڌاني کيرارو هئي. (5) اُمرا يا سومرا، هاڻي مسلمان آهن. (6) وهل، چندراورتي جو راجا (7) ميپاوت،ميواڙ ۾ ٻيجولي جا جاگيردار (8) ٻلهر، اتر هندستان ۾ آهن. (9) ڪاٻا، اڳي سوراشٽر ۾ هئا ۽ ٿورا هاڻي سروهي ۾ آهن. (10) اُمٽ، مالوا ۾ اُمٽ واڙا جو راجا. (11) ريهور (12) ڍونڍا (23) سورٽيا (13) هرير، مالوا ۾ ننڍا ننڍا جاگيردار آهن. (15) چونرا (16) کيچڙ (17) سوکڙا، (18) پرڪوٽا (19) ڀوجا (20) سمپل (21) ڀيٻا (22) ڪالنپسر (23) ڪالموهه (24) ڪوهلا (25)پويا. (26) ڌونڌ (27) ڪهرڙيا (28) ڏيوا (29) ٻرهر (30) جيپرا (31) پوسرا (32) ڌوتا (33) رڪوموا (34) ٽيڪا (35) اها ساک هاڻي ڪانه آهي. | |
| 4- راجپوت لفظ جو بنياد | |
| رامائڻ ۽ مهاڀارت جي وقت کان وٺي، چيني ياتري هوان شيانگ (629-640ع) جي هندستان ۾ اچڻ تائين، راجپوت اکر ڪم نه ايندو هو. (1)پراڻن ۽ ٻين اتهاسن ۾ راجپوتن بدران کتري لفظ ڪم ايندو هو. ويد ۽ اُپنشد ۾ راجنيه لفظ ڪم ايندو هو. سوتر ڪال ۾ ڪٿي ڪٿي ”اگر“ اکر ڪم آندل آهي جين گرنٿن ۾ به 600ع کان 1200ع تائين راجپوت لفظ ڪم آندل نه آهي. ”پرٿوي راج راسا“ (جو چاند بردائي چارڻ لکيو آهي) ۾ به راجپوت لفظ ڪم آندل ڪونهي. مسلمانن جي اچڻ تائين راجائون پاڻ کي کتري چوائيندا هئا ۽ پوءِ راجپوت لفظ ڪم اچڻ لڳو. (2) راجپوت لفظ جي معنيَ آهي ”راجه پتر“ يعني راجا جوپٽ. | |
| 5- ”سنگهه“ لفظ جو بنياد | |
| کتري پنهنجي نالي جي پٺيان سنگ/سنگهه لفظ گڏيندا آهن. سنگهه لفظ جي معنيٰ شينهن، يعني بهادر. هن لفظ جو بنياد ٽين وڪرمي صدي کان ملي ڏهن ايران جي راجا هندستان سڀيتا کي پنهنجو ڪري پنهنجي نالي سان گڏ سنگهه لفظ ويرتا جي ڪري لڳايو. پهريائين گجرات، راجپوتانا، مالوا، ڪاٺياواڙ ۽ دکن تي راڄ ڪرڻ واري شاڪ جتي ايراني کترب ونسي بهادر راجا ردر داما جي پٽ مها پرتابي راجا رد سنگهه جي (پوشاڪ سنبت 103-118- وڪرمي سنبت 238-253، عيسوي سن 181-196) جي مليل شلا ليکن ۽ سڪن ۽ شاڪ سنبت 103 وڪرمي 238 ويساک سنڌي پنچم ۽ عيسوي 181 جي مليل شلا ليک ۾ ان جي نالي سان گڏ ”سنگهه“ اکر لکيل ملي ٿو (ڏسو ڀائونگر انسڪرپشنس صفحو 22). مالوا جي پرمار راجائن جي نالي جي پڇاڙيءَ ۾ سنگ لفظ لڳائڻ جو رواج وڪرمي 10 صديءَ ۾، ميواڙ جي گهلوتن ۾ 12 صديءَ ۾، ڪڇواهن ۾ 12 صدي جي پڇاڙيءَ ۾، چوهاڻن ۾ تيرهين صديءَ ۾ ۽ مارواڙ جي راٺوڙ ۾ 17 صديءَ ۾ جاري ٿيل سمجهجي ٿو. راجپوتن جي ڪري سکن جي ڏهين گرو گوبند سنگهه (سنبت 1722-1765) ارڙهين صديءَ ۾، سکن ۾ سنگهه لفظ ڪم آندو. ڪهڙي به ڌرم جو ماڻهوسک پنٿ ۾ آيو ته ان جي نالي جي پٺيان ”سنگهه“ ضرور لڳائيندا آهن. (1) | |
| 6-پرمارن جي حڪومت | |
| پرمار راجپوت، جو اندر ديوتا جي ڪرپا سان اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيو، تنهن دانو۽ اسسرن (سٿين) لوڪن کي ماري، برهمڻن جو بچاءُ ڪيو۽ هن پوءِ نه رڳو ابو پهاڙ ۽ انجي آسپاس وارن ملڪن تي حڪومت ڪئي، پر هو ساري اتر هندستان جو راجا ٿيو. ”پرٿوي پرمارن جي آهي“، اها مشهور ڪهاوت آهي. انهن جو وڏو راڄ هو، تنهن ڪري هنن جا پويان ”راجپوت“ يعني ”راجا جا پٽ سڏجڻ لڳا. | |
| عالمن جو خيال آهي ته پرمار پهريائين شايد اتر ۾ هجن ۽ اُتان ڌارين جي ڪاهن ڪري ستين صدي ڌاري رجپوتانا ۾ آيا هجن. ابوجبل ۽ ان جي چوگرد سروهي، پالنپور، مارواڙ ۽ دانتا رياستن جي ڪيترن ئي ڀاڱن تي انهن جي حڪومت هئي.انهن جي راڄڌاني ”چندراوتي“هئي، جا آبو روڊ ريلوي اسٽيشن کان 4 ميل ڏکڻ ۾ آهي. ٽاڊ راجستان۾ لکيل آهي ته ”پرمارن جي وهل ساک جو راجا اُتي راڄ ڪندو هو.“ ڪي يورپين ليکڪ لکن ٿا ته ستين صديءَ ۾ پرمارن اُتر کان هڪالجي اڦبو پهاڙ وٽ ڀيلن کي ڀڄائي چندراوتي جو راڄ ٺاهيو يا هٿ ڪيو ۽ هڪ شاخ مالوا ۾ به پنهنجو اڌڪار ڄمايو. (1) | |
| پرمارن کان سواءِ ٻيا جوان، جي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا، تن به راڄ ڪيو. جيئن ته پڙهيار راجپوتن مارواڙ پاسي پنهنجو راڄ برپا ڪيو. اهڙي طرح اگني ڪنڊ مان جيڪي بهادر پيدا ٿيا تن سڀني راڄ ڪيو، تنهن ڪري سڀني جي اولاد تي ”راجپوت“ نالو پيو ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي جي پٺيان پرمار راجپوت، چوهاڻ راجپوت وغيره سڏائڻ لڳو. | |
| پرمار ۽ اُن کان پوءِ جيڪي ست پيڙهيون ٿيون، تن ابوپهاڙ ڏي راڄ ڪيو. مگر پوءِ سندن اٺين پيڙهي ۾ راجا چندرسين پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ابو پهاڙ مان ڦيرائي مالوا طرف ”ڌارا ننگر“ ۾ ڪيو، جنهن بابت چيل آهي ته: | |
| ”جهان پرمار تهان ڌار اور ڌار تهان پرمار | |
| ڌار بنا پرمار نهين او نهين پرمار بنا ڌار.“ | |
| راجا چندرسين کان پوءِ چوٿين پيڙهي راجا ڀيمڪ ٿيو، جنهن جي نياڻي رڪمڻيءَ جو وهانءُ سري ڪرشن سان ٿيو هو. جنهن کي اٽڪل پنج هزار ورهيه ٿيندا. ان وقت سنڌ جو راجا جئدرٿ هو، جو پڻ کتري هو ۽ دهليءَ جي راجا ڌرت راشٽر جي ڌيءَ سان پرڻيو هو ۽ مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ ارجن جي هٿان مئو هو. | |
| راجا ڀيمڪ کان پوءِ اٺين پيڙهي جيڪو راجا ٿيو، تنهن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڌارا ننگر مان ڦيرائي اُجين ۾ ڪيو، جيئن ته چوڻي آهي ته: | |
| ”پرٿوي پنوارتڻي اني پرٿوي تڻي پنوار، | |
| ايڪا آٻو گڍ ٻيسڻو دوجي اجيڻي ڌار.“ | |
| اُن کان پوءِ ڏهين پيڙهي راجا ڀرتري ۽ راجا وڪرماجيت ۽ سندس پوين سورهن پيڙهيون اُجين ۾ راڄ ڪيو،مگر پوءِ راڄڌاني ڦيرائي ٻاڙ مير جي نزديڪ ”جهوني گڍ“ ۾ ڪيائون، جو هاڻي ڦٽي پيو آهي. ٿورن سالن بعد هنن جهوني گڍ کان 7-8 ميل پري ”ڪيرارو“ نالي شهر پنهنجو تخت گاهه ڪيو. اُهي راجپوت اڳي جڏهن اُجين ۾ هئا، تڏهن مهاراجا ۽ راجا سڏبا هئا. مگر ڪيرارو ۾ اچڻ کان پوءِ هو ”راءِ“ سڏجڻ لڳا ۽ سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ”راڻا“ سڏجڻ لڳا. | |
| جوڌپور رياست ۾ شِو ۽ ڪوٽڙو ٻه شهر هڪ ٻئي سان لاڳيتو آهن، تنهن ڪري ٻنهي کي گڏي ”شو ڪوٽڙي“ چوندا آهن. پرمارن پنهنجي گادي ڪيرارو مان ڦيرائي شوڪٽڙي ۾ ڪئي. اتي تنهن وقت چارراءِ نالي راجا هو، جنهن کي ٻه پٽ ۽ ٽين نياڻي هئي. ڪن جي چوڻ موجب وڏي جونالوسوڍو، جنهن جو اولاد ”سوڍا“ ۽ ننڍي جو نالو سانکلو ، جنهن جو اولاد ”سانکلا“ سڏجن ٿا،جي جوڌپور ۽ بيڪانير پاسي گهڻا آهن. ٿرپارڪر ضلعي ۾ سوڍا راجپوت گهڻا آهن ۽ اهي پنهنجي وڏي ڏاڏي ”پرمار“ جو نالو گڏي پاڻ کي ”پرمار سوڍا“ راجپوت سڏائيندا آهن. | |
| ڪن اتهاسن ۾ لکيل آهي ته ڌوم راجا جي ونس مان آبوءَ جو پهريون راجا سڌوراج ڏهين صديءَ جي پڇاڙي ۾ ٿيو. سڌوراج کان پوءِ راجا ڌرڻي براهه ٿيو، جنهن جي نالي راجپوتانا ۾ ايئن مشهور آهي ته هن کي نو ڀائر هئا، جن کي هن پنهنجو راڄ ورهائي ڏنو ۽ انهن 9 راڄڌانين جي ڪري نوڪوٽي (نون ڪوٽن واري مارواڙ) مشهورٿي. انهيءَ بابت هڪ ڇند به آهي: | |
| ”منڏوور سانوت هئو اجمير سنڌو سو، گڍ پونگل گجمال هئو لودروي ڀانڀو آل پال ارٻڌ ڀوڄراج جالنڌر، جوگراج ڌر ڍاٽ هوئا هانسو پارڪر، نوڪوٽ ڦراڙو سنجو گتا ٿر پنوار ٿاپيا، ڌرڻي براهه ڌرڀائيان، ڪوٽ بانٽ جُو جُو ڪيا.“ | |
| ٿر جي سوڍن وٽ جي دستخط احوال آهن، تن مان معلوم ٿئي ٿوته وڪرمي سنبت 1054-994 عيسوي ڌاري الور، امرڪوٽ، ننگر پارڪر، مارواڙ جي راجا ڌرڻي براهه جي هٿ ۾ هئا ۽ پٽس جو گراج امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو. (1) | |
| 974 عيسوي ڌاري آبو جي پرمار راجا ڌرڻي براهه جو وڏو پٽ مهپال عرف ديوراج آبو جو راجا ٿيو. ڌرڻي براه جي ٻئي پٽ باهڙ (هن کي چهڙراءِ، چاڙ راءِ يا چار راءِ به چوندا هئا) کي ٽي پٽ هئا؛ سوڍو سانکلو ۽ باگهه، سوڍي جو اولاد سوڍا، سانکلي جو اولاد سانکلا مشهور ٿيا راجپوتن جون ساکون اهڙي طرح وڏن جي نالن تي ۽ ڪن حالتن ۾ ڳوٺن جي نالن تي مشهور آهن ۽ سڏجن ٿيون) جيئن ته ڌرڻي براهه جو وڏو پٽ مهپال آبو جو راجا ٿيو ۽ ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه به ڪونه مليو، تنهن ڪري هو وڃي راڌڻپور ۾ رهيو، جتان سندس وڏو پٽ نالي ”سوڍو“ سنڌ ڏي آيو. (2) | |
| 7- امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت | |
| امرڪوٽ جي پراچين اتهاس جي پوري خبر ڪانهي، پر ڪن اتهاسن ۾ ٿورو احوال آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڇهين صدي عيسوي ڌاري اُتي پر مارن جي حڪومت هئي. لدروي ۽ پونگل جي يدوونسي راجا منڏم راءِ امرڪوٽ جي پر مار راجا سوڍ جي ڪنيا سان وهانءُ ڪيو. (3) منڏم راءِ کي انهيءَ راڻيءَ مان ٽي پٽ ڪيهر، مولراج ۽ گوگلي نالي ٿيا.(4) سن 997ع- 1054 سنبت ۾ مارواڙ جي راجا ڌرڻي براهه پرمار مارواڙ جي نون قلعن جي ورهاست پنهنجن نون ڀائرن ۾ ڪئي. ان وقت امرڪوٽ جو گراج پرمار کي حصي ۾ مليو. | |
| جيسلمر جي اتهاس ۾ آيل حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته يارهين صديءَ جي شروعات ۾ به امرڪوٽ تي پرمارن جي حڪومت هئي. ان وقت ڏکڻ ٿر يعني هاڻوڪي مٺي، ڏيپلي ۽ ڇاڇري شهر کان اولهه طرف سڄي ملڪ تي سومرن جو راڄ هو، جنهن کي ”ديرڪ“ پرڳڻو چوندا هئا، جن پوءِ پرمارن کان امرڪوٽ به هٿ ڪيو. ڇاڇري کان اوڀر کائڙ تي راٺوڙن جو راڄ هو ۽ پارڪر تي پرمارن جو راڄ هو. | |
| سومرن امرڪوٽ وٺي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو ته آهستي آهستي ڏکڻ ٿر ۾ سندن زور گهٽجي ويو ۽ اتي ڪجهه وقت بعد ”مڪواڻا“ راجپوتن زور ورتو ۽ ملڪ تي قبضو ڪري ڪيرٽي(1) ۾ گاديءَ جو هنڌ ڪري ويٺا، جن مان ڪيسر مڪواڻو مشهور راجا ٿي گذريو آهي. | |
| 8-ٿر جو آباد ٿيڻ | |
| ٿر بابت جيتريقدر تاريخي حقيقتون ملي سگهن ٿيون، ان مان پتو پوي ٿو ته امرڪوٽ ۽ پارڪر تمام جهونا وسايل ڀاڱا آهن. پارڪر واري ڀاڱي ۾ هندن جا جيڪي تيرٿ آستان آهن، تن جو هندو ڌرمي ڪتابن (پراڻن) ۾ به ذڪر آهي. اهي آستان جينين جا ٺهرايل آهن. پاري ننگر جو اتهاس تمام جهونو آهي ۽ امرڪوٽ بابت به ڪيترن ئي اتهاسن ۾ آڳاٽو احوال ملي ٿو. باقي ٿر جي وچ وارو ٽڪر به پراڻن کنڊهرن، کوهن ۽ ٻين نشانن مان سمجهجي ٿو ته وسندڙ ۽ آباد هو. | |
| ٿر ۾ پهريائين پرمار راجپوتن جي حڪومت هئي، ان بعد سومرا راجپوت قابض ٿيا. 1125ع ۾ سوڍا راجپوت ٿر ۾ آيا، جن اول امرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ پوءِ اُن جو آسپاس وارو ملڪ هٿ ڪري پارڪر ڏي وڌيا. ان کان اڳ وچيون ٿر ڪڏهن آباد ته ڪڏهن ويران پئي رهيو ۽ منجهس ڦورو ۽ چور اچي پناهه وٺندا هئا. راجپوتن جي اچڻ بعد ڀيل به هت آيا، جي انهن جا ملٽري يا جنگي سپاهي هئا، جن هتي اچي ٻنيون ڪيون ۽ پنهنجا تڙ يعني کوهه کوٽي ڳوٺ ٻڌي ويٺا ۽ پوءِ کوسا به اچي رهيا. هندن مان راجپوت، ڀيل، ڪولهي مينگهواڙ، برهمڻ مهيسوري سونارا، نائي، چارڻ، سوٽهڙ، جاٽ، مالهي ۽ بجير سڀ مارواڙ کان آيل آهن. لهاڻا ۽ سارسوت برهمڻ، ٽالپورن جي ڏينهن ۾ سنڌ کان ملازمت ۽ واپار جي سانگي اچي رهيا. | |
| مسلمان قومون، کوسن کان سواءِ گهڻو ڪري ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪومت يا ڪجهه وقت اڳ آيل آهن ۽ ڪي ذاتيون تازو هندن مان مسلمان ٿيل آهن، جهڙوڪ: سنگراسي، ڏوهٽ، ڀٽي، ڪيلهڻ، چوهاڻ، نٻا، نرا، بجير وغيره، جي اصل راجپوت هئا. ذاتين تي اڃا اُهو هندڪو نالو رکيل آهي. | |
| جيڪي ماڻهو ايندا ويا، تن مان گهڻا مارواڙ کان آيل آهن، جو اُتي سخت ڏڪار پوندا هئا، جنهنڪري گذران جي ارادي سان به آيا ۽ ڪي ٻين سببن جي ڪري به آيا هوندا. | |
| جيڪي آيا سي سکيا ٿيڻ ڪري پنهنجا ڳوٺ ٻڌي رهاڪو ٿيندا ويا. ٿر جا موجوده شهر، جهڙوڪ: مٺي، ڏيپلو، ڇاپرو، چيلهار، اسلام ڪوٽ، ڪانٽيو ۽ گڍڙو وغيره تازا وسايل آهن، جن جو بنياد ٽن چئن سون سالن جي اندر آهي. | |
| امرڪوٽ، پاري ننگر، ننگرپارڪر، ڀوڏيسر، ويراواهه، ڪيرٽي ۽ هنجتل وغيره (۽ ٻيا ڪي شهر هوندا جن جو اتهاس نٿو ملي) جهونا وسايل آهن. | |
| (1) ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، صفحو 1-5. | |
| (1) ”امر ڪوٽ اتهاس“ تيج سنگ سولنڪي، صفحو 97. | |
| (2) ”راجپوتانا اتهاس“، هندي ڀاڱو پهريون سال 1937ع، صفحو 10 | |
| (1) ”رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل“ 1905ع، ڊاڪٽر رڊولف هورنلي. صفحو 1-4 | |
| (2) ”وقائع راجستان“، اردو، ڀاڱو پهريون، مولوي حڪيم نجم الغني، لکنو، سال 1925 صفحو 49. | |
| (3) ”امر ڪوٽ اتهاس“. صفحو 79 | |
| (1) ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ڀاڱو پهريون، صفحو 36 | |
| (2) ”اتهاس گرنٿ مالا پستڪ“ پهريون صفحو 313. | |
| (1) ”امرڪوٽ اتهاس“، صفحي 11 ۾ سوڍو (سوڍا) سانکلور (سانکلا) ۽ باگهه (واگهيلا) راجا باهڙ پٽ ڏيکاريل آهن. پر ”ٽاڊ راجستان“ گجراتي ڀاڱو پهريون صفحي 680 ۾ واگهيلن کي سولنڪ ونس جي هڪ ساک ڄاڻايو ويو آهي. | |
| (1) ”ٻڌسٽ رڪارڊس آف دي ويسٽرن انڊيا“ ڀاڱو ٻيو، صفحو 256 | |
| (2) ”راجپوتان اتهاس“، هندي ڀاڱو پهريون صفحو 8 | |
| (1) ”راجپوتانا اتهاس“، هندي ڀاڱو پهريون فوٽ نوٽ صفحو 701 | |
| (1) ”راجپوتانا اتهاس“ هندي ڀاڱو پهريون ص 11 | |
| (1) ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، صفحو 225 | |
| (2) ”امر ڪوٽ اتهاس“، صفحو 11 | |
| (3) ”ٽاڊ راجستان“، ندي ڀاڱو ٻيو صفح 1186- 1187، بحواله امرڪوٽ اتهاس | |
| (4) ”ٽاڊ راجستان“، گجراتي، ڀاڱو ٻيو، صفحو 317 | |
| (1) ”ڪيرٽي“- مٺي تعلقي ۾ مٺي سهر کان 16 ميل ڏکڻ طرف ننڍو ڳوٺ آهي. | |
| باب ٽيون | |
| ٿر ۾ سومرن جي حڪومت | |
| 1-امرڪوٽ تي سومرن جي حڪومت | |
| يارهين صديءَ جي وچ ڌاري يا ان کان ٿورو اڳ، امرڪوٽ تي پرمارن کان سومرا راجپوتن حڪومت هٿ ڪئي. ان بابت سربستو احوال اتهاسن مان نٿو ملي، پر ”ٽاڊ راجستان“ موجب انهن ۾ هاڪارو راجا همير سنگهه سومرو ٿيو آهي،(1) جنهن پنهنجي فوج سميت پونگل جي يدوونسي راجا دوسا جي (جو سنبت 1100 گاديءَ تي ويٺو) جي ملڪ تي 1043ع ۾ ڪاهي ڦرمار ڪئي. دوسا جي کي جڏهن اها خبر پيئي تڏهن همير سنگهه کي قاصد رستي چوائي موڪليائين، ته پنهنجي ڪيتري وقت کان وٺي دوستي آهي ۽ وري توهان منهنجي راڄ ۾ ڦرمار ڪريو، اهو چڱو نه آهي. پر همير سنگهه هن جي ڳالهه نه مڃي، تڏهن دوساجي ڪاوڙجي راڄڌاني ڍاٽ (امرڪوٽ) تي ڪاهي ويو ۽ هميرسنگهه کي شڪست ڏنائين ۽ ڦرمار ڪري موٽي ويو.(2) | |
| ڪڇ جي ڪيرٽي گڍ(1) جو راجا ويهياس مڪواڻو سخت بيمارٿيو ۽ ڪيترو وقت سڪرات ۾ رهيو، پر سندس ساهه نڪتو ئي نٿي. تنهن تي سندس پٽ ڪيسر چيو ته ”پتاجي! شانت ٿيو، توهان جي دل ۾ جيڪا به پڇاڙيءَ جي تمنا هجي سا ٻڌايو، اُميد هت پوري ڪئي ويندي.“ اهو ٻڌي پڇاڙي دم کڻندڙ راجا چوڻ لڳو ته ”همير سومري سان لڙي کيس جيتڻ جي اڇا هئم، ڇاڪاڻ جو هڪ دفعي همير منهنجي برخلاف راجا پونئري کي مدد ڪئي هئي، پر اوچتي موت اچڻ ڪري اها سُڌ پوري نه ٿي. هاڻ هن جا گهوڙا آڻي منهنجي پهرئين تيرهئي تي، ڀانن ۽ چارڻن کي دان ڪرڻ جو وچن ڏيو ته منهنجو جيءُ گتي ٿئي.“ ڪيسر اهڙو وچن ڏنو ته سوروير سردار سرڳ پڌاريو. | |
| ڪيسر ٻئي ڏينهن پنهنجن ماڻهن سان روانو ٿيو ۽ همير جا گهوڙا ڪاهي آڻي تيرهئي جي ڏينهن تي ڪيرٽي گڍ جي ڀانن ۽ چارڻن کي دان ۾ ڏنا. ڪيسر وري ٻيو دفعو به ڪاهي ويو ۽ ڪيتريون ڏاچيون ڪاهي آيو. وري ٽئين دفعي امرڪوٽ تي ڪاهي ويو ۽ همير سومري جي گهراڻي جون سومريون عورتون، جي دسهڙي جي پوڄا ڪري رهيون هيون، تن کي زوري کڻي آيو. انهن عورت کي موٽائڻ لاءِ همير سومرو وڏي لشڪر سان چڙهائي ڪري ويو. ڪيسر بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو ۽ همير کي فتحيابي ملي. ڪيسر جو پٽ هرپال، پنهنجن ٿورن ماڻهن سان پنهنجي ماسات، گجرات جي راجا، ڪرڻ سولنڪيءَ وٽ، 1055ع(1) ۾ ڀڄي ويو ۽ راجپوت عورتن ”جوهر“ ڪيو، جن سان گڏ سومريون به ستيون ٿيون ۽ همر سومرو خالي واپس موٽيو. (2) | |
| همير سومري جاسل نالي هڪ ڇوڪريءَ کي زوري کڻي پاڻ وٽ قابو ڪيو، جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ ڪاٺياواڙ جي راجا راءِ نوگهن 1020ع ۾ امرڪوٽ تي ڪاهه ڪئي، جا حقيقت هن موجب آهي. | |
| 2-راءِ نوگهن جي امرڪوٽ تي ڪاهه | |
| راءِ ڪنواٽ جو پٽ راءِ دياس (راءِ ڏياچ) سن 1003ع ۾ گرنار ڪوٽ (جهونا ڳڙهه کان 3 ڪوهه اوڀر طرف) ۾ ڪاٺياواڙ جي گاديءَ تي ويٺو. هي ذات جو سمو هو. اُنهن کي سندن وڏي ڏاڏي چوڙا جي پٺيان ”چوڙا سما راجپوت“ سڏيندا هئا. راءِ گهراڻي جي راڄ کان پوءِ ڪي سما ڪاٺيا واڙ ڏي لڏي ويا ۽ اُتي پنهنجو راڄ قائم ڪيائون. راءِ ڏياچ ست سال بادشاهي ڪرڻ کان پوءِ سن 1010ع ۾ پنهنجو سر وڍي ٻيجل کي ڏنو. هن جي مرڻ کان پوءِ گجرات جي حاڪم، جهوناڳـڙهه جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ڪري، ويرل سنگ نالي هڪ صوبو مقرر ڪري، پاڻ انهلواڙ ڏي موٽي ويو.دشمن جي ڪاهه وقت راءِ ڏياچ جي هڪ راڻي پنهنجي ننڍي پٽ ”نوگهن“ سوڌي هڪ اهير جي گهر ۾ وڃي پناهه ورتي. اهير معني ڳنوار، پر هي اهير جنهن جو نالو ”ديوايت“ هو، سوهڪ جنگي جوان هو.سندس گهڻا ذات وارا، راجا راءِ ڏياچ جي جنگي خاني ۾ عملدار هئا، جن، راءِ نوگهن کي گادي تي ويهارڻ جو موقعو پئي ڳوليو .هن. وفادار اهير راڻي راجڪمار جي تمام چڱي طرح سنڀال ڪئي. | |
| گجرات جي حاڪم جي پاران جهوناڳڙه ۾ جيڪو صوبوهو، تنهن کي ڪٿان خبر ملي ته ڪمار جي نوگهن ماءُ سميت ديوايت اهير وٽ لڪل آهي .هن کي ڊپ لڳو ته متان ڪنهن وقت هن جا همدرد سندس طرف وٺي ڪو دنگو فساد ڪن، تنهن ڪري ديوايت کي گهرائي هن کي حڪم ڏنائين، ته اهو راجڪمار هڪدم اسان جي حوالي ڪر، نه ته هن وقت لشڪر موڪلي تنهنجو سڄو گهر ناس ٿوڪرايان. ٻي ڪا واهه نه ڏسي، راجمڪار ڏيڻ قبول ته ڪيائين، پراوڏي مهل هڪ ڀروسي واري ماڻهوءَ کي سمجهائي پنهنجي گهر موڪليائين ته راجمڪار جي پوشاڪ منهنجي ”پٽ“وسڻ کي پهرائي کيس وٺي اچ. وسڻ شاهاڻو ويس پهري اچي حاضر ٿيو صوبي سمجهيو ته اهوئي راجمڪار آهي، سو ديوايت کي حڪم ڏنائين ته هن کي منهنجي روبرو اُٿي ترار سان قتل ڪر. هينئرديوايت ۽ وسڻ لاءِ آزمائش جو وقت هو: ڪير جيڪر ٻئي جي لاءِ پنهنجو سر ڏي ۽ ڪير جيڪر پنهنجو سڪيلدو پٽ هٿن سان ڪهي لاچار صوبي جي حڪم تي، راجڪمار جي بچاءُ لاءِ. ديوايت پنهنجي دل تي پٿر رکي پنهنجو پيارو پٽ قربان ڪيو وسڻ به مان ميٺ ۾ پنهنجو ڪند ڪلهن ڪان ڪورائي پنهنجي رت سان ڪاٺياواڙ جي تاريخ جا ورق رڱي ويو. | |
| ديوايت پنهنجو پٽ هينئن صدقي جي ٻڪري ڪري ڇڏيو، پر اوڏيءَ مهل ئي پنهنجي دل ۾ هي پرن ڪيائين ته جيئن پنهنجو ٻچڙو ڪٺو اٿم تيئن ڪڏهن هن صوبي ويرل سنگ کي ڪهي کيس دوزخ جا در ڏيکاريندس، تڏهن منهنجو ٺپ ٺرندو. ڏهه ورهيه هن ڳالهه کي ٿي ويا، پر هن کي پنهنجي قول پوري ڪرڻ جو وجهه نه مليو. اهي ڏهه ئي ورهيه نوگهن هن وٽ لڪل رهيو، هاڻي هو به اچي ڪجهه وڏو ٿيو. | |
| ديوايت کي جاسل نالي هڪ نياڻي هئي، جانوگهن جي پناهه وٺڻ وقت ننڍي هئي، سا هاڻي وڏي ٿي، ته سندس پيءُ کيس سنڌ ۾ مڱايو. سگهوئي پوءِ وهانءُ جا سانباها ٿيا. اُنهيءَ موقعي تي ڪٿان ڪٿان جا اهير اچي گڏ ٿيا. ديوايت ڏٺو ته هاڻي وجهه آهي، تنهن پنهنجن ڀائرن کي گوشي ۾ چيو ته منهنجي نياڻيءَ جي وهانءُ کان اڳ، مون کي هتي جي صوبي ويرل سنگ جو وهانءُ ملڪ الموت سان ڪرڻو آهي، انهيءَ ڪم ۾ منهنجي مدد ڪريو. هي سڀ نالي ڪري اهير هئا، پر گهڻو ڪري سڀئي جنگي کاتي جا ماڻهو هئا. منجهانئن ڪن کي ”راوت“ يعني جنگي جوان جو لقب مليل هو ۽ کين پنهنجي راجمڪار لاءِ عزت هئي. | |
| ديوايت جي چوڻ تي هي راوت ۽ ڪوپا هٿيار کڻي اوچتو وڃي ويرل سنگ تي ڪڙڪيا ۽ هن کي سندس سموري فوج سوڌو چٽ ڪري، راءِ ڏياچ جي پٽ نوگهن کي جهوناڳڙهه جي گاديءَ تي وهاريائون. راءِ نوگهن گاديءَ تي ويهڻ سان جاسل کي پنهنجي ڀيڻ سمجهي، هن جو وهانءُ شاهاڻي نموني ڪرايو. وهانءُ کان سگهوئي پوءِ هوءَ پنهنجي گهوٽ سان گڏجي سنڌ ۾ (امرڪوٽ) ساهري ويئي. اُن وقت اُتي جو حاڪم همير سومرو هو. جاسل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، همير زبردستي کيس پنهنجي محلات ۾ کڻائي ويو. | |
| جاسل ڏاڍي سلڇڻي، عقل واري ۽ برجستي هئي، تنهن همير کي چيو ته ”هينئر ته آءُ ڪيترو به رئنديس رڙينديس ته به ورندو ڪجهه ڪونه، مون کي ضرور اوهان سان شادي ڪرڻي پوندي. پر مڙس جي جيئري، يڪدم ٻيو مڙس ڪرڻ روا نه آهي، تنهنڪري ڀلائي ڪري ڇهه مهينا مهل ڏيوم، پوءِ آءٌ اوهان جي آهيان.“ همير هن جي ڳالهه قبول ڪئي. جاسل کي اُميد هئي ته انهيءَ وقت اندر راءِ نوگهن ضرور منهنجو تدراڪ ڪندو. ”ڪرنل بيل“ واري ”تاريخ ڪاٺياواڙ“ موجب جاسل پوءِ پنهنجا قاصد راءِ نوگهن ڏي موڪليا. گجراتيءَ ۾ لکيل قصي موجب قاصد ڪونه ڊوڙايائين، پر خود جاسل جو مڙس ”ڏيپو“ هو سو منهن مٿو پٽيندو جهوناڳڙهه ڏي ويو ۽ راءِ نوگهن سان سڄي حقيقت ڪيائين. کيس هڪ دستخط به ڏيکاريائين جو هن ننڍي هوندي جاسل کي لکي ڏنو هو، جڏهن پاڻ سندس گهر ۾ رهندو هو. انهيءَ ۾ لکيل هو ته آءُ جي ڪنهن به وقت گاديءَ تي ويٺس ۽ تون مون تي ڪو ڪم رکندينءَ ته ٻيون ڳالهيون ڇڏي اول تنهنجو ڪمڪندس.“ | |
| جاسل پنهنجي شاديءَ کانپوءِ اهو دستخط پنهنجي مڙس کي ڏيئي ڇڏيو هو. راءِ نوگهن کي اهو ڪاغذ مليوته هن پنهنجا کار سڃاتا ۽ ڳالهه ٻڌڻ شرط تپي باهه ٿي ويو. يڪدم وڏو ڪٽڪ وٺي پنهنجي سر سن 1020ع ۾ امرڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ همير کي شڪست ڏيئي، جاسل جا بند خلاص ڪيائين.(1) | |
| 3-ٿر ۾ سومرن جي حڪومت | |
| سوڍن جي اچڻ کان اڳ، پارڪر ۽ ڇاڇري جي اتر واري ڀاڱي کائڙ کان سواءِ سڄي ٿر تي، امرڪوٽ سميت ۽ بدين تعلقي تي، سومرا راجپوتن جي حڪومت هئي، جتي هو ڪيتري وقت کان وٺي حڪومت ڪندا پئي آيا. | |
| ميجر جنرل هيگ پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ جي صفحي 73 تي لکي ٿو ته، ”سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ پران طرف جيڪي هندو حاڪم هئا،(2) سي جيتوڻيڪ خليفن جي پاران مقرر ٿيل هئا، ته به خودمختيار ٿي پئي گذاريائون.“ مطلب ته سن 711ع کان وٺي ٿر ۾ سومرا راجپوتن جي بادشاهي هئي. | |
| آخر سومرن جي سردار ابن سومار کي غزنوي گهراڻي جي پوين حاڪمن ملتان جو نواب مقرر ڪيو. جڏهن غزنوي گهراڻي جو پويون بادشاهه سلطان عبدالرشيد ڪمزور ثابت ٿيو ۽ حڪومت کسجي ويئي، تڏهن ابن سومار ساري سنڌ جو (سن 1051ع) خودمختيار حاڪم ٿيو. حقيقت ڪري سومرن جي قوم، ٻه سو سال اڳ سنڌ جي ڪن ٽڪرن تي قابض هئي، پر هو سنڌ جي حاڪمن جي تابعداري ڪندا ٿي آيا، جنهنڪري تاريخن ۾ جدا بيان نه ڪيو ويو آهي. | |
| تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته سومرن جي وڏي آبادي، اوڀر سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ ”ٿري“ شهر ۾ هئي، ۽ انهن جي پهرئين گادي ٿري شهر هو، پوءِ امرڪوٽ به ڪيتري وقت تائين گاديءَ جو هنڌ رهيو. سلطان محمود غزنويءَ جي وقت ۾ انهن جو تخت گاهه منصوره هو، جنهن کي ابوالفضل ”بکر“ لکي ٿو. سلطان شهاب الدين غوري جي ڏينهن ۾ اُچ گاديءَ جو هنڌ هو. سن 752 هجري کان ٿورو اڳ ڌاري ٺٽو پڻ سندن حڪومت هيٺ هو. انهن جي بادشاهي ملتان کان وٺي ڪڇ جي رڻ تائين هئي. انهن ٿري، امرڪوٽ ۽ ٻين جاين تي قلعا به ٺهرايا، مگر وقت به وقت مغلن ۽ ٻين جي ڪاهن ڪري اهي قلعا ويران ۽ نابود ٿي ويا.(1) | |
| 4-وڳهه ڪوٽ | |
| سومرن کي جڏهن سوڍن سن 1226ع ۾ امرڪوٽ مان هڪالي ڪڍيو، تڏهن هو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويا. هڪڙا اتر طرف ملتان ۽ انهيءَ پاسي ويا ۽ ٻيا ڏکڻ ٿر ۽ لاڙ ڏي ويا، جتي انهن جي اڳ به حڪومت هئي. پر آهستي آهستي سوچن اُهو پاسو به هٿ ڪيو ۽ سومرن کي ڪڇ جي رڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيائون، تڏهن اونهن پنهنجو نئون راڄ ٺاهيو. سومرو ۽ ويڳو ٻه ڀائر هئا، جي ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي پراڻ طرف رهندا هئا، جن اُتي پنهنجي بادشاهي جو بنياد وڌو. ان وقت ڪڇ جي راجا جو جوڙايل ڪوٽ، رحمڪي بازار جي پريان ڪڇ جي رڻ ۾ هوندو هو، سو ويڳي هٿ ڪيو ۽ اُهو سندس نالي پٺيان وڳهه ڪوٽ سڏجڻ ۾ آيو، جو ڍوري پُراڻ کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. سومرن جو تيرهون حاڪم چنيسر هو، جنهن سن 1282ع کان 1300ع تائين 18 ورهيه اتي حڪومت ڪئي. سندس ڏينهن ۾ ”ليلان“ جو مشهور واقعو ٿيو. اهو ڪڇ جي رڻ جو پاسو آهي ۽ چنيسر جي ڪوٽ جو ويرانو اڄ تائين اُتي بيٺو آهي، جتان بعضي بعضي آڳاٽي زماني جا سڪا لڀندا آهن. هي شهر 1809ع ۾ ڌرتيءَ جي سخت زلزلي سبب نابود ٿي ويو. | |
| جڏهن رڻ سمنڊ هو، تڏهن هي مکيه ساموندي بندر هو. هن جي پڪين سرن جي جاين جا نشان سال 1835ع (برنس جي وقت تائين) ڏسڻ ۾ پئي آيا 1745ع ۾ هڪ ڀڳل جهاز جو ڍانچو اتان هٿ ڪيو ويو هو، جو گپ ۾ 15 فوٽ هيٺ گتو پيو هو.(1) | |
| باب چوٿون | |
| سوڍن ۽ راٺوڙن جي ٿر ۾ حڪومت | |
| 1-سوڍن جو سنڌ ۾ اچڻ | |
| سن 974ع ۾ سنڌ ۾ ڌرڻي براهه جو وڏو پٽ مهيپال عرف ديوراج آيو، جو راجا ٿيو. ٻئي پٽ باهڙ کي ڪجهه ڪونه مليو، تنهن ڪري هو وڃي راڌڻپور ۾ رهيو. هن کي ٽي پٽ سوڍو، سانکلو ۽ باگهه هئا. (1) | |
| سوڍو، سن 1125ع برابر 1181 سنبت ۾، سنڌ جي سومري حاڪم وٽ لنگهي آيو (همير سنگ کان پوءِ سومرن جا ڪيترا ۽ ڪهڙا حاڪم ٿيا سو ڪنهن به اتهاس ۾ ڄاڻايل ڪونه آهي)، جنهن مهرباني طور کيس رتوڪوٽ ڏنو. رتوڪوٽ کپري تعلقي ۾، کپري شهر کان 6 ڪوهه کن پري واقع آهي. اهو ڪوٽ هاڻي ڊٺو پيو آهي، پر اُن جا کنڊر اڃا تائين ناري جي ڪپ تي ڏسڻ ۾ پيا اچن، پر رتوڪوٽ نالو اڃا قائم آهي.(2) ڪي چون ٿا ته سوڍو پاڻ سان راجپوتن جو وڏو ڪٽڪ وٺي آيو هو ۽ رتوڪوٽ سومري حاڪم کان پنهنجيءَ طاقت جي زور سان ورتائين. | |
| سوڍي جو پٽ ”چاچڪ ديو“ ۽ پوٽو ”راج ديو“ هتي رهيا ۽ هتي اچڻ کانپوءِ هو ”راڻا“ سڏجڻ لڳا. کپري تعلقي ۾ اڄ تائين ڳوٺ ”راڻاهو“ آهي، جتي ڪيترا سوڍا گهر ڪري وڃي ويٺا، جنهنڪري ڳوٺ تي اهو نالو پيو. کپري تعلقي ۾ ۽ پٿوري طرف ڪي پٽ وسايا هئا ۽ اُها سموري ايراضي رتيڪوٽ وارن راڻن جي هئي، جي اڄ تائين پنهنجي وڏي ڏاڏي پرمار جي پٺيان پاڻ کي ”پرمار سوڍا راجپوت“ سڏائيندا آهن. | |
| 2-سوڍن راڻن جو شجرو | |
| باهڙ جي پٽ سوڍي 1125ع ۾ رتو ڪوٽ هٿ ڪيو. سوڍي کان پوءِ سندس پٽ چاچڪ ديو ۽ هن جو پٽ راجديو اُتي رهيا. راجديو 1226ع ۾ سوميشور، ڌارابرش ۽ درجنشال ٿيا. ڌارا برش جا ٻه پٽ ها: وڏو درجنشال، جنهن جو اولاد ”امرڪوٽ وارا راڻا“ آهن ۽ ننڍو آسراءِ لڏي پارڪر ڏي ويو جنهن جو اولاد ”پارڪر وارا راڻا“ آهن. | |
| درجنشال کان پوءِ راڻو کينهرو، راڻو اوتاردي، راڻو ٿرو، راڻو همير، راڻو ڏوڏو، راڻو وسيو (ويرسين)، راڻو تيجسي، راڻو چانپور، راڻو گانگو، راڻو پو عرف پرشاد، راڻو چندرسين، راڻو ڀوڄراج، راڻو ايسرداس (هن کي جيسلمير جي راجا راول سٻل سنگ سنبت 1710 ۾ گاديءَ تان لاهي، راڻي گانگي جي پوٽي جئه سنگ عرف جڳ سنگ کي امرڪوٽ جي گاديءَ تي وهاريو)، راڻو سُرتان سنگ، راڻو آسڪرڻ، راڻو سنگرام سنگ، راڻو مهراج، راڻو ڪيسر سنگ، راڻو کيمون، راڻو سنگرام سنگ ٻيو راڻو شوراج سنگ، راڻو سٻڙ سنگ، راڻو مهراج ٻيو، راڻو ڀڀوت سنگ، راڻو سرت سنگ، راڻو پيرڏان سنگ، راڻو جسونت سنگ ۽ راڻو ارجن سنگ ٿيا. ارجن سنگ نهايت قابل ۽ دانا راڻو هو. هن راڻي 25 جنوري 1947ع تي وفات ڪئي. هن وقت (1953ع) سندس پٽ راڻو چندر سنگهه آهي، جو پنهنجي خاندان جو سربراهه آهي. | |
| مٿيون شجرو ”ارمڪوٽ اتهاس“ صفحي 83-84 تان ورتل آهي. هن ۾ ڪن راڻن جو نالو ڪونه آهي، جن جو ٻين ڪن اتهاسن ۾ احوال آيل آهي. شايد اهو شجرو پورو نه به هجي. | |
| 3-کائڙ ۾ راٺوڙن جي حڪومت | |
| راٺوڙ پنهنجي پيدائش ڏيوونس مان ڄاڻائين ٿا. هنن جون 24 ساکون آهن. ٿر ۾ ٿوري انداز ۾ آهن. جڏهن راڻي سوڍي رتوڪوٽ هٿ ڪيو، تڏهن راٺوڙن کي به دل ۾ آيو ته اسين به ڇو نه سنڌ تي ڪاهه ڪري ڪجهه ڀاڱو هٿ ڪريون. سنڌ ۾ انهيءَ وقت سومرن جي صاحبي هئي، پر هو سوڍن ۽ راجپوتن سان پڄي ڪين ٿي سگهيا. راٺوڙن رتيڪوٽ وارو پاسو ڇڏي، باقي کپري تعلقي جو رهيل ڀاڱو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. پوءِ پنهنجي حد وڌائي امرڪوٽ جي اتر طرف ڇوڙ اسٽيشن جي ڀرسان ڪيائون. پوءِ اڳڀرو وڌي گڍڙو ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو هٿ ڪري، جوڌپور رياست جي ڪجهه ڀاڱي تائين وڃي پهتا. انهيءَ سموري حد کي اڄ تائين ”کائڙ“ سڏيندا آهن. کائڙ هٿ ڪرڻ ڪري هو ”کائڙيا راٺوڙ“ سڏجڻ لڳا. کائڙ جو نالو شاهه جي رسالي ۾ سُر مارئيءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪم آيل آهي. کائڙ ۾ کٿا، لويون، ڪمريون اڄ تائين ٺهن ٿيون. شاهه صاحب انهن جي ساراهه ۾ چوي ٿو ته: | |
| کائڙ کٿيون خاصيون اُچيون اُت اُڄن، ڪڍيو پيڻ ڪهن، ملير گهرجي مارئي. | |
| گائڙ ۾ جن راٺوڙن راڄ ڪيو، تن مان هڪ هاڪارو راجا رڙمل هو، جو جوڌپور جي گاديءَ تي سنبت 1474 برابر 1418ع ۾ ويٺو جنهن جو نالو شاهه جي رسالي جي سر ڍول مارئيءَ جي هيٺئين سٽ ۾ ڄاڻايل آهي: | |
| ”ڍوليو نرور سيئن راجا رنمل (رڙمل) رليو.“ | |
| هي تمام بهادر راجا هو. اڄ تائين ٿر ۾ ڪهاوت آهي: | |
| ڪاڪو جنهن جو ڪونپجي ، ڀائي جنهن جو ڀارمل، | |
| گهوڙو جنهن جو نو لکو ، اُهو راوت رڙمل. | |
| هن جي وقت ۾ ڳوٺ ليلمي ۾ سندس آرامگاهه هو، جتي ڪڏهن ٿورو وقت اچي رهندو هو. چون ٿا ته راجا رڙمل روا نئين کوهه جي پاڻيءَ سان ڏندڻ ۽ سنان ڪندو هو. ليلمي ڳوٺ وٽ هڪ ٻني آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا کوهه (ويرا) آهن، جي راجا رڙمل کوٽا يا هئا. | |
| کائڙ ۾ راٺڙن ڪيترا سال راڄ ڪيو، سا حقيقت ملي نٿي سگهي، مگر ايترو پتو پوي ٿو ته راٺوڙن کان پوءِکائڙ جو ملڪ راڻن کسيو. انهيءَ حڪومت جو اثر اڄ تائين کائڙ ۾ اچي ٿو. سنڌ توڙي ٿر ۾، هندن مسلمانن کي پوشاڪ جي ڪري پريان ئي سڃاڻي سگهبو آهي، پر کائڙ ۾ ائين پوشاڪ مان سڃاڻڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ جو اُتي مسلمان به ذري گهٽ هندن جهڙي پوشاڪ ڪن ٿا. مسلمان مڙس اڄ تائين انگرکر (پٺيو) پائيندا آهن. سندن عورتن ۽ ٻارن جي پوشاڪ مارواڙين ۽ ڪڇين جهڙي آهي. سندن نالا به هند ڪي نموني جا آهن، جن جا مثال مسٽر محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ”سير ريگستان“ ۾ ڏنا آهن. | |
| 4- سوڍن جو ٿر ۾ زور وٺڻ | |
| امرڪوٽ هٿ ڪرڻ کان پوءِ سوڍن جي دل وڍي، ۽ هو ٿر جي ٻين ڀاڱن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، جنهن ۾ هو سو ڀارا ٿيا. هن وقت جيڪو نارو ڊويزن آهي، سو سمورو سوڍن هٿ ڪيو ۽ سومرن کي هڪالي ايترو ته پري ڪيائون، جو رڳو پراڻ جو الهندو پاسو سومرن جي تابع هو. باقي ٻيو سمورو ٿر، پاڪر سميت سوڍا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويٺا. مٺي تعلقي جو ٿورو ڀاڱو ۽ ڏيپلي تعلقي جو ڳچ ڀاڱو، جنهن کي اڄ سامروٽي ٿا چون، سوڍن رڳو اهو پاسو چڏيو، جنهن ڪري اُنهيءَ پاسي سوڍا ٿورا آهن، ٻيو سمورو ڀاڱو سوڍن هٿ ڪيو، اتي سوڍا گهڻا آهن سومرن کي ڪڇ جي رڻ ڏانهن هٽائي پوءِ کائڙ جي راٺوڙن کي به هڪالي سڄو ٿر پنهنجي قبضي ۾ ڪيائون. | |
| 5-ٿر ۾ سوڍن جي حڪومت ۽ صوبا | |
| سوڍن امرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حد اڳتي مٺيءَ تائين وڌائي ۽ راٺوڙن کي ڌڪي کائڙ به هٿ ڪيو، ۽ گادي نشين راڻي جي پاران اتي صوبا موڪليندا هئا. انهيءَ پاسي جيڪي راجپوت صوبا ٿي ويا، تن اُتي ڇڇر ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن کي اول ڇڇر پوءِ ڇڇرو چوندا هئا، جو لفظ نيٺ ڇاڇرو ٿيو. آسپاس جي حد کي ”ڇاڇراٽي“ چوندا آهن. اڄ تائين به انهيءَ نالي سان ٿري سڏيندا آهن. | |
| ڇاڇري کان 24 ميل اولهه طرف چيلهار جو ڳوٺ آهي، جو چيلي نالي چارڻ (1) آتي هڪ کوهه ٻڌو هو، پوءِ ماڻهو اچي ويٺا ۽ ڳوٺ تي نالو پيو چيلار ۽ هاڻي چيلهار سڏيندا آهن. اهو ڳوٺ جنهن وقت ٻڌو ويو، تنهن وقت امرڪوٽ ۾ ڪلجي نالي سوڍو مشهور هو، جنهن کي ڪلو سوڍو به چوندا هئا. اهڙيءَ طرح سوڍا راجپوت، امرڪوٽ ۽ ٿر وسائي ويٺا، سامروٽي ۽ رحمڪي بازار ڏي ۽ سومرن جي تخت گاهه ڳهه ڪوٽ ڏي ڪونه ويا. | |
| مٺي تعلقي جو ڳچ ڀاڱو ۽ ننگر پارڪر جو ٿورو ڀاڱوجو ڪڇ جي رڻ جي ”وَٽ“ (ڪناري) سان آهي. ڪپري ۽ عمر ڪوٽ تعلقن جو اتر وارو ڀاڱو، جو گڍڙي وٽان لنگهي جوڌپور رياست سان گڏجي ٿو تنهن کي کائڙ سڏيندا هئا. ٿر جو باقي رهيل ڀاڱو، جو اُنهن ٻنهي ڀاڱن جي وچ ۾ آهي،ت نهن کي اصل ”ڍٽ“ يا ”ڍاٽ“ سڏيندا هئا. اُهو سمورو پاسو عمرڪوٽ جي راڻن جي هٿ ۾ هو ۽ عمرڪوٽ سندن گاديءَ جو هنڌ هو. | |
| 6-راڻن جي حڪومت | |
| امرڪوٽ تي جيڪي گادي نشين ”راڻا“ ٿي گذريا آهن، تن مان ڪيترن جو احوال ڪونه ٿو ملي، پر جيڪي مشهور راڻا ٿيا آهن ۽ جن بابت ٿورو گهڻو احوال اتهاسن مان ملي ٿو، سو هيٺ ڏجي ٿو: | |
| راڻو راج ديو: | |
| سوڍو ۽ سندس پٽ چاچڪ ديو رتيڪوٽ ۾ رهيا. چاچڪ ديو کانپوءِ سندس پٽ راجديو يا رائديو، رتيڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو. هي بهادر جوان هو. هن کي دل ۾ خيال آيو ته رڳو رتوڪوٽ ۽ ان جو آسپاس وارو ملڪ وٺي نه وهجي، پر سڄو ٿر ۽ پارڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪجي. سوڍي کان وٺي هيستائين سو کن ورهيه اچي ٿيا هئا، تنهنڪري ڪافي زور ورتو هئائون. سنڌ جي سومرن جي طاقت هنن کي معلوم هئي، تنهن هوندي به هنن جوڳا بندوبست ڪيا. | |
| آڳاٽن راجائن وٽ شعر جوگهڻو قدر هوندو هو. اڄ به جوڌپور، جيسلمير، بيڪانير ۽ ٻين ڪن ڏيهي رياستن ۾ راجائن جي درٻارين ۾ ڪوي ۽ راڳيندڙ موجود آهن. سوڍن وٽ به ڪي ڪوي ۽ راڳيندڙ هئا. | |
| راڻي رائديو وٽ جنڦ نالي هڪ ڪوي ۽ ٻڌيمان چارڻ هو، جنهن کي ڪي ماڻهو ساڻ ڏنائون، جي ويس بدلائي جاچ ڪري آيا ته ڪهڙي واٽ تان لشڪر وٺي وڃجي ۽ ڪهڙو هنڌ حملي ڪرڻ لاءِ ٺيڪ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته سومرا راجپوتن کي چارڻ جي امرڪوٽ ۾ اچڻ تي ڪوبه شڪ ڪونه پوندو. | |
| جنڦ چارڻ، سواءِ ڪنهن تڪليف جي امرڪوٽ جي سموري حالت کان واقف ٿي موٽي ويو ۽ وڃي رائديو کي سموري حقيقت ڏنائين ۽ پڻ کيس امرڪوٽ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ همٿايائين. جڏهن سموريون رٿون ٺاهي راس ڪيائون، تڏهن وڏوڪٽڪ تيار ڪري نڪتا ۽ امرڪوٽ ۾ اچي سومرن جي سامهون ٿيا. تٿ ستم سهائي مهنو ويساک سنبت 1282 مطابق 1226ع جي لڙائي لڳي، جنهن ۾ 125 کن سومرا مارجي ويا ۽ امرڪوٽ راڻن هٿ ڪيو. سومرا هارائي ڀڄي ويا، جن مان ڪن وڃي ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ۾ پنهنجو نئون راڄ ٺاهيو. | |
| سوڍن لڙائي کٽڻ کان پوءِ جنڦ چارڻ جو چڱو قدر ڪيو، جو کيس کاروڙي جو ڳوٺ، عمرڪوٽ کان 4 ميل پري ڇوڙ اسٽيشن جي رستي تي آهي، سو کيس امداد ڪيو ۽ پڻ کيس ڪيتريون گانيون ۽ مينهون دان ۾ ڏنائون. اتي اڄ تائين سندس پوين جي زمينداري آهي. | |
| اهو کاروڙي جو ڳوٺ اڳي تمام وڏو هو ۽ منجهس ججهي آبادي هئي. هن وقت کاروڙي ۾ جيڪي ٿورا چارڻ رهن ٿا، سي انهيءَ جنڦ چارڻ جو اولاد آهن ۽ راڻن سان اڄ تائين رستو اٿن. | |
| راڻي رائديو کان پوءِ راڻو جئه برهم، جيسر، سوميشور ۽ ڌارابرش نمبر وار امرڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺا. | |
| راڻو ڌارا برش: | |
| تيج سنگ سولنڪي پنهنجي ڪتاب ”امرڪوٽ جو اتهاس“ جي صفحي 13-14 تي لکي ٿو ته: ”هن راڻي کان امرڪوٽ جي حڪومت سومرن کسي ورتي. دودي ٽئين سومري امرڪوٽ تي سن 1330ع(1) ۾ قبضو ڪيو ۽ سن 1330ع کان 1439ع تائين، 109 سال امرڪوٽ تي سومرن جي حڪومت رهي. سنڌ جي باقي حصي ٺٽي ۽ بکر مان سن 1351ع ۾، سمن جي حاڪم ڄام انڙ کين ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو هو، تنهن ڪري 1351ع کان پوءِ 1439ع تائين جيڪي سومرا حاڪم ٿيا، تن جي گاديءَ جو هنڌ امرڪوٽ هو، جن مان مشهور عمر سومرو ٻيو ۽ همير سومرو ٻيو ٿيا. هن وقت سنڌ اندر جيڪي تاريخون پاڙهڻ ۾ اچن ٿيون، تن ۾ لکيل آهي ته سومرن جي آخرين راجا همير سومري کان سمن جي ڄام انڙ سن 1351ع ۾ سنڌ هٿ ڪئي، سو درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته همير سومرو ٻيو، سن 1400ع ۾ امرڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو، پر ڄام انڙ 1351ع ۾ سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي هئي، تنهنڪري مٿيون لکيل احوال برابر آهي. حڪومت کسجي وڃڻ بعد راڻي ڌارابرش جو وڏو پٽ درجنشال امرڪوٽ ۾ ئي رهيو ۽ ننڍو پٽ آسراءِ لڏي پاڪر ويو، جتي اڄ ڏينهن تائين سندس پويان رهن ٿا.“ | |
| ”سوڍن جي صاحبي“ صفحي 14 تي ڪاڪو ڀيرومل مهرچند لکي ٿو ته ”راڻي رائديو جنهن سن 1226ع ۾ امرڪوٽ ورتو، تنهن جون چار پيڙهيون امرڪوٽ ۾ رهيون، پنجين پيڙهي راڻو درجن سنگ ۽ آسراءِ ٿيا، تن ڀاڱا ورهايا. راڻو درجن سنگ وڏو هو، سو امرڪوٽ ۾ رهيو ۽ ننڍو پٽ آسراءِ ننگرپارڪر ڏي ويو. انهيءَ ورهاڱي وقت، مٺي ۽ ڇاڇر وارو ٽڪر به راڻن جي هٿ هيٺ هو ۽ حڪومت جي انتظام رکڻ لاءِ هتي هنن پنهنجا صوبا مقرر ڪيا، جي وقت به وقت امرڪوٽ ۾ اچي، گادي نشين راڻي جو سلام ڀريندا هئا ۽ گهرج مهل مدد ڪند اهئا.“ | |
| ”سوڍن جي صاحبي“ يا ٻين اتهاسن مان پتو پوي ٿو ته دودي ٽئين امرڪوٽ تي سن 1330ع ۾ (جيئن ”امرڪوٽ اتهاس“ ۾ لکيل آهي) قبضو ڪونه ڪيو پر امرڪوٽ تائين پنهنجي حڪومت جي حد وڌائي. ڇاڪاڻ ته سلطان علاوالدين جي لشڪر جڏهن دودي تي ڪاهيو، تڏهن امرڪوٽ جي هاسي سوڍي، دودي جي يار، ست ويهون (140) سوڍن جو لشڪر وٺي وڃي دودي جي مدد ڪئي هئي.(1) | |
| ٿر ۾ علاوالدين ۽ دودي جو داستان اڄ تائين ڪچهرين ۾ مڱڻهار ۽ ٻيا سگهڙ کڻندا آهن، جنهن ۾ به هاسي سوڍي جي همت ۽ مدد جو ذڪر اچي ٿو. | |
| سومرن کي جڏهن سن 1351ع ۾ ڄام اُنڙ لوڌي ڪڍيو، تڏهن چار سال دربدر ٿيڻ کانپوءِ عمر سومري ٻئي اچي سن 1355ع ۾ امرڪوٽ تي قبضو ڪيو ۽ امرڪوٽ سومرن جي هٿ ۾ 1355ع کان 1438ع تائين 84 سال رهيو ۽ نه 109 سال، جيئن ”امرڪوٽ اتهاس“ ۾ ڄاڻايل آهي. | |
| جيڪڏهن دودو امرڪوٽ هٿ ڪري ها ته سندس ڪٽنب ڄام ابڙي سمي وٽ ڪونه موڪلي ها. ڇاڪاڻ ته ابڙي امرڪوٽ جي سوڍن مان شادي ڪئي هئي،(2) جنهنڪري هو سوڍن جي دشمن کي پناهه اصل ڪونه ڏئي ها ۽ ڄام ابڙي وٽ سومريون، سوڍن جي صلاح ۽ مدد سان موڪليون ويون، نه ته دودي جو ابڙي سان ڪو لاڳاپو ڪونه هو. راڻي ڌارا برش کان دودي ٽئين نه، پر عمر سومري ٻئي پوءِ 1355ع ۾ امرڪوٽ هٿ ڪيو. | |
| (1) ”امرڪوٽ اتهاس“ صفحي 2 ۾ نالو سمير سنگهه آهي، شايد پروف جي غلطي هجي. | |
| (2) ”وقائع راجستان“، اردو ڀاڱو ٻيو صفحو 90 | |
| (1) ٿر جي بزرگن کان روبرو پڇائن ڪرڻ بعد معلوم ٿيو آهي ته ڪيرٽي گڍ ڪڇ ۾ ڪونه آهي، پر ٿر ڊويزن ۾ مٺي تعلقي ۾ سره کان 8 ڪوهه ڏکڻ ڏي آهي، جنهن کي هن وقت ”ڪيرٽي“ سڏين ٿا، جتي ڪيسرمڪواڻي جي ڪوٽ جا نشان اڄ ڏسجن ٿا. هتي ڪيترا کٽي رهندا هئا جي ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ جنهن تلاءُ جو پاڻي ڪم آڻيندا هئا، ان کي اڄ تائين ”کٽين جو تلاءُ“ چون ٿا. هتي پٿرن جو قلعو هو، جو ڊهي ويوآهي. ڀتين جا نشان ظاهر آهن. گجراتي اتهاس ۾ هن جو نالو ”ڪئرنٽي گڍ“ ۽ ”ڪڙلي ننگر“ لکيل آهي. هن ٽڪر جو ڪڇ سان حڪومتي لاڳاپو گهڻورهيو آهي، جنهن ڪري ڪڇ جو راڄ لکيو ويو آهي، يا شايد اهو ٽڪر گهڻو وقت ڪڇ راڄ جي زير نظر رهڻ ڪري ائين لکيو ويو آهي. ڏکڻ ٿر تي گهڻو وقت حڪومت جواثر ڪڇ جو پئي رهيو آهي. | |
| (1) ”تاريخ ڪاٺياواڙ“، ڪئپٽن وليم فورس بيل، صفحو 66 | |
| (2) گجراتي ڪتاب ”ويرني واتو“ ڀاڱو پهريون صفحو 18 سال 1928ع، ”سنڌ جي اتهاس آکاڻي جو گجراتي ڪتاب“ سال 1932ع، صفحو 22، بحواله ”امرڪوٽ اتهاس“ صفحو 51 ۽ ”ڪچ جو اتهاس“ گجراتي صفحو 62. | |
| (1) ”جوهر نثر“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي. | |
| (2) ”شاهد اُهي سومرا راجپوت هئا.“ | |
| (1) ”تاريخ و سياسيات“ جلد اول، اپريل 1951ع، صفحو 22-23 (اردو) | |
| (1) ”ائنٽيڪٽيز آف سنڌ“صفحو 172 | |
| (1) ”سوڍن جي صاحبي“ صفحي 7 ۾ لکيل آهي ته سوڍو ۽ سانکلو شو ڪوٽڙي جي راجا چارراءِ جا پٽ هئا. | |
| (2) عام روايت موجب اهو ڪوٽ ”رتي“ نالي مغل ٻڌايو هو. مغل گهڻو پوءِ سنڌ ۾ آيا، انهيءَ ڪري اهو ڪوٽ به پوءِ جو آهي، مگر هن ڏندڪٿا موجب ائين ڄاڻايل آهي. | |
| (1) ”سوڍن جي صاحبي“ صفحي 15 ۾ چيلو راجپوت لکيل آهي. جو غلط آهي. چيلو چارڻ هو (ليکڪ) | |
| (1) اڳتي آيل احوال مان پتو پوندو ته سن 1330ع ۾ دودو سومرو هو ئي ڪونه. هو اڳ ۾ سن 1313ع ۾ علاوالدين جي لشڪر سان لڙائي ڪندي مارجي ويو. | |
| (1) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، صفحو 36. | |
| (2) ”پوسٽنس جي ”ڪڇ“ صفحي 52 جو فوٽ نوٽ. بحواله ڪڇ نوڪارتڪيه جاڙيجو وير کنگهار، گجراتي صفحو9. | |
| باب پنجون | |
| سومرن جي حڪومت جو اوائلي دور | |
| 1-سومرن جو اصل نسل | |
| ڪن تاريخن ۾ لکيل آهي ته سومرا عرب نسل مان آهن ۽ مامون عباسي جي خلافت وقت، بني تميم وارن سان گڏ ٻي هڪڙي عرب قوم”سامره“ مان لڏي سنڌ ۾ آئي هئي، جنهن پاڻ کي سومرا سڏايو هو. حقيقت ۾سامره شهر جو بنياد مامون کان پوءِ معتصم عباسي 836ع ۾ رکيو هو تڏهن خليفي سٺ هزار ترڪ لشڪر ۾ ڀرتي ڪيا هئا. مٿيون شهر سرمن رائي جي نالي سان 814ع تائين عباسين جو تخت گاهه رهيو. (1) علامه سيد سليمان ندوي پنهنجي هڪ مضمون ڇپيل ”تاريخ و سياسيات“ اردو اپريل 1951ع جلد پهريون صفحي 20 ۾ لکي ٿو ته ”سومرن جي قوم جو تعلق سامره شهر سان لڳائڻ لفظي صنعت گريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.“ | |
| ڪي تاريخ نويس سومرن کي يادو راجپوت بلند جي پٽ ”ساما“ جو اولاد ڀٽي راجپوت مڃين ٿا. ڪيترن ئي ڪتابن ۾ سومرن کي هندو راجپوت لکيو ويو آهي. مٽلاً: | |
| (1) ٽاڊ پنهجي ڪتاب ”راجستان“ ۾ سومرن کي پرمار راجپوت ڪري ڄاڻايو آهي. | |
| (2) سنڌ گزيٽيئر“ صفحي 179 ۾ لکيل آهي ته ”سومرا پرمار راجپوتن مان آهن.“ | |
| (3) ”سومرا اصل هندو هئا ۽ سندن ڌرم هندو هيو.“ (انتخاب تاريخ طاهري، صفحو 14 ۽ 22 ۽ پڻ ”هسٽري آف انڊيا“، جلد 1 صفحو 484) سرايلئٽ. | |
| (4) ميجر جنرل هيگ پنهجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ صفحي 73 تي لکي ٿو ته:” سومرا اصل هندو هئا.“ | |
| (5) سومرا، جن جو سنڌ تي راڄ هو. سي هندو جاتي جا آهن. (”بمبئي پريزيدنسي گزيٽيئر“ جلد 7، سال 1880ع، صفحو 99) | |
| (6) ”سنڌ ۾ سومرا راجپوتن پنهنجي بادشاهي برپا ڪئي“ (ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا، جلد3) | |
| (7) ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ صفحي 227 ۾ لکي ٿو ته ، ”سومرا اصل هندو راجپوت هئا.“ | |
| (8) شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ پنهجي ڪتاب قديم سنڌ“ صفحي 41 ۾ لکي ٿو ته، ”سومرا اصل راجپوت هئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا.“ | |
| (9) سنڌ جي آکاڻين (”گجراتي اتهاس “ صفحو24) ۾ دي جو نالو ”ڌوڌو“ ۽ چنيسر جو نالو ”چنديشور“ لکيل آهي. | |
| (10) مسٽر اُميد علي ڪريم بخش هيڊ ماستر عمر ڪوٽ پنهنجي ڪتاب (”سنڌ جو گجراتي اتهاس “) صفحي 22 ۾ لکيو آهي ته: ”سومرا اصل هندو هئا.“ | |
| (11) سومرا اصل سنڌ جا سومرا راجپوت ذات مان هئا.“ (ڪاٺيا واڙ سروسنگره، صفحو116 ) | |
| (12) سومرا اصل چندرونسيِ هئا، ڇاڪاڻ جوسوم ۽ سوُم اهي ٻيئي لفظ چندرما جا پرماڻ آهن. ڪيترا سومرا پاڻ کي عرب جاتيءَ جا قريشي سمجهن ٿا، ان جو ڪارڻ هي آهي ته عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد ڪيترا قريشي سنڌ ۾ آيا ۽ سومرن جي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ انهن جو پاڻ ۾ سڱابنديءَ جو رواج پيو ۽ پاڻ ۾ ملي ويا، جنهنڪري هو به پاڻ کي عرب خاندان جو ليکڻ لڳا. (ڪڇ نوڪيسري دودو اني چنيسر گجراتي، ليکڪ نرائڻ وشنجي، ڇپيل بمبئي، سال 1929ع، صفحو 12 جو فوٽ نوٽ) | |
| (13) ائبٽ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو“ جي صفحي 89 جي فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو ته، ”ڪو زمانو ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي جيڪا راجپوت قوم حڪمران هئي، سا سومرا قوم هئي.“ | |
| (14) جوڌپور جي اتهاس بابت منشي ديوي پرشاد پنهنجي ڪتاب ”يوون راج ونسالي“ صفحي 23 ۾ سومرن کي هندو راجپوت لکيو آهي.“ | |
| (15) گجرات جي مشهور تاريخي ڪتاب ”راس مالا“ ۾ لکيل آهي ته ”سومرا هندو راجپوت هئا.“ | |
| (16) مسٽر عبدالغني عبدالله پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جلد ٽيون صفحو 133-135، سال 1939ع ۾ لکي ٿو ته: ”سومرن جون جيڪي خاص رسمون ۽ چال چلت جون ڳالهيون، تاريخ طاهري ۽ چچ نامي ۾ لکيل آهن، تن مان به ثابت ٿئي ٿو ته سومرا عربي نسل مان نه آهن، ڇاڪاڻ جو اهي رسمون ۽ ريتون عربي تهذيب ۽ تمدن جي برخلاف آهن.“ | |
| اُنهن نُڪتن تي ويچار ڪرڻ سان سومرن جو راجپوت هئڻ ۽ پوءِ مسلمان ٿيڻ يقيني لڳي ٿو. هيٺيان دليل انهيءَ سلسلي ۾ وزنائتا آهن: | |
| (الف) جيڪي عربي نسل قومون، جي حڪومت وقت سنڌ ۾ آيون ۽ پوءِ سنڌ ۾ رهجي ويون، تن مان ڪابه قوم سنڌ کان ٻاهر ڪڇ، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڏي ڪانه ويئي، پر سومرن جي قوم قديم وقت ۾ گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف حڪمران قوم جي حيثيت رکندڙ هئي، جهڙيءَ طرح ائبٽ صاحب گجراتي تاريخي ڪتابن مان ثابت ڪري ڌيکاريو آهي. جيئن هن وقت به سنڌ بنسبت وڌيڪ تعداد انهن هنڌن تي آهي. | |
| (ب) سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ سومرا سردارن جون جيڪي خاص رسمون سڀني تاريخن متفق راءِ سان بيان ڪيون آهن، جهڙوڪ: هٿن ۽ پيرن جا ننهن پاڙون ڪڍائي ڇڏڻ، زال هيڪر ٻار ڄڻيو ته ان سان وري همبستر ٿيڻ کان نفرت ڪرڻ، هڪ دفعو ڍڪيل ڪپڙو ميرو ٿيو ته وري ڌئاري نه پائڻ، پنهنجن غريب عزيزن ۽ زيردستن جي ڪلهن تي غلاميءَ جي نشانيءَ لاءِ داغ هڻڻ وغيره، اهي رسمون عربي نسل قوم جي تهذيب بلڪ اسلام جي اصول جي بلڪل برخلاف هيون. | |
| (17) ڍاٽ (اڳوڻو عمرڪوٽ پرڳڻو) ۽ راجپوتانا ۾ جيڪي اڄ ڏينهن تائين لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا، تن ۾ سومرن کي سوڍن سان گڏ ساراهيو ويو آهي. اُنهن گيتن جا نالا ڦولان، ڪنڪريون ڪوٽ ۽ آنٻا آنٻلي وغيره آهن. ڦولان گيت، جو سانوڻ مهيني ۾ ڳائڻ ۾ ايندو آهي ۽ جنهن ۾ هڪ وڏور ڪنيا جي ڪنواري رهڻ جو ذڪر آهي، تنهن ۾ اها ڪنواري ڪنيا ڦولان چوي ٿي ته ”مان نه هاڏي راءِ (بوندي رياست جي راجا) سان پرڻبيس، ۽ نه جيسلمير جي ڀاٽي راجا سان پرڻبيس، مگر سنڌ جي سومري سان پرڻبيس.“ (اَمرڪوٽ اتهاس، تيجسنگ سولنڪي صفحو 16) | |
| (18) اڳي راجپوتن ۾ رواج هو ته ڇوڪريءَ کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏيندا هئا. سومرن ۾ به اهو رواج مسلمان ٿيڻ بعد به هليو آيو (ڪڇ نوڪيسري دودو اني چنيسر، گجراتي صفحو 10) | |
| پر سام جي اسماعيلي دروزي امام جو هڪ خط، جو هن 432 هجريءَ ۾ سنڌ جي سيخ ابن سومر راءِ ڏانهن لکيو ۽ کيس سنڌ ۽ ملتان ۾ ٻيهر اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ جي غيرت ڏياري آهي، سو سومرن ۽ عربن جي تعلقات تي هڪ معتبر شاهد آهي. تاريخ معصومي ۾ آهي ته غزنين جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي سومرن پنهنجي سردار ”سومري“ کي حڪومت جو والي بنايو، جنهن ”صاد“ نالي هڪ زميندار جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. (”عرب و هند کي تعلقات“ مصنف علامه سيد سلمان ندوي،“ ۾ ”سعد“ لکيل آهي). ان مان ثابت ٿو ٿئي ته انهيءَ نو ”مسلم سومري حاڪم، ڪنهن قديم عرب مسلمان خاندان مان شادي ڪئي، جنهن مان اهو گهراڻو شروع ٿيو. (تاريخ و سياسيات“ اردو، اپريل 1951ع، جلد پهريون، علامه سيد سليمان ندوي جو مضمون صفحو 20) | |
| ”تاريخ فرشته“ ۾ ٺٽي جي سومري حاڪم جو نالو جنيسر لکيل آهي، جو اصل ۾ چنيسر آهي. ”طبقات ناصري“ ۾ ملڪ سنان الدين چنيسر والي ديول و سنڌ“ جي نالي ۽ ذڪر سان هن جو نالو لکيل آهي، جنهن سال 625 هجريءَ ۾ دهليءَ جي اطاعت قبول ڪئي. (حواشي ”تاريخ معصومي“ ڊاڪٽر عمرالدين دائود پوٽو.) چنيسر جو اصل نالو ”چندايشور“ هو جو هندو نسل جو پتو ڏئي ٿو، ۽ ملڪ سنان الدين جو لقب اسلام ۾ اچڻ جي ثابتي آهي. (علامه سيد سليمان ندوي جو مضمون ”تاريخ و سياسيات“ صفحو 21-22) | |
| سومرن کي اصل ”سومراءِ“ چوندا هئا. سوم جي معنيٰ هنديءَ ۾ چنڊ آهي. اهڙيءَ طرح سنگهار کي ”سنگهراءِ“ ۽ ڀونگر کي ”ڀونگراءِ“ سمجهڻ گهرجي. (تاريخ و سياسيات اردو صفحو 22، علامه سيد سليمان ندوي) | |
| مٿين تاريخي حوالن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سومرا اصل هندو هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا. | |
| 2-سومرا ڪڏهن مسلمان ٿيا | |
| سومرن جي مسلمان ٿيڻ بابت تاريخ دانن جا ڌار ڌار رايا آهن، جيئن ته: | |
| (1) پرسڌ اتهاسڪار راءِ بهادر پنڊت گوري شنڪر هيراچند اوجها، سپرنٽينڊنٽ راجپوتانا ميوزيم اجمير، پنهنجي ”راجپوتانا اتهاس“ ۾ 12 صديءَ جي مليل شلا لکين ۾، سومري راجا جو نالو ”جئسنگهه“ ڏيکاريو آهي. ان موجب 11 صديءَ تائين ته اُهي هندو هئا. | |
| (2) ”راس مالا“ ۾ لکيل آهي ته علاوالدين جي لشڪر دودي کي شڪست ڏني، ان کان پوءِ سومرا مسلمان ٿيا. ڇاڪاڻ ته اُن وقت جي سومرا مسلمان هجن ها ته پنهنجو اهل و عيال ڄام ابڙي جي شرڻ ڪونه موڪلين ها، جو هڪ هندو راجا هو. | |
| (3) گجراتي ڪتاب ”جاڙيجو وير کنگهار“ جي صفحي 11 تي لکيل آهي ته سنڌ ۾ سومرا ۽ سوڍا راجپوتن کي مسلمان بنائڻ وارو گجرات جو حڪم سلطان محمود بيگڙو هو. ”مرات سڪندري“ وارو ائين لکي ٿو ته هن 1471ع، 1472ع ۽ 1506ع ۾ سنڌ تي ڪاهون ڪيون. | |
| (4) سومرا علاوالدين جي ڪاهه بعد ڪڇ ڏانهن ويا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اُهي پنهنجي مکيءَ سميت لکپت جي اولهه طرف رڻ مان لنگهي رهيا هئا، ته پاڻي کٽي وڃڻ سبب بلڪل وياڪل ٿيا. اُن وقت بهاوالدين نالي هڪ مسلمان اولياءَ پر گهٽ ٿيو ۽ هڪ ئي ڪونري مان سڀني کي پاڻي پياريائين. اُن جي اها ڪرامت ڏسي وڙسر (ڪڇ) ۾ اچڻ بعد انهن جو مکي سڄيءَ قوم سميت ملسمان ٿيو.(1) | |
| (5) سر ايلئيٽ ”هسٽري آف انڊيا“ جلد پهريون صفحي 256 ۾ لکي ٿو ته ”سومرا شيخ بهاوالدين ملتاني(2) جي فيض سان مسلمان ٿيا.“ | |
| (6) جن سومرن سنڌ تي حڪومت ڪئي، سي هندو هئا. چنيسر سومرو جنهن ”چچ نامي“ جي لکڻ موجب سن 1282ع کان 1300ع تائين 18 ورهيه حڪومت ڪئي، سو هندو ڌرم رکندو هو. ڇاڪاڻ ته ان جو لاش ليلان جي لاش سان گڏ هندو رسمن موجب ساڳيءَ چکيا تي سآڙيو ويو. (ڏسو تحفته الڪرام، جلد 3، صفحو 423) | |
| (7) سومرن جي مسلمان ٿيڻ بابت ڪنهن به اتهاس ۾ چٽي خاطري ڪانهي ته ڪڏهن مسلمان ٿيا، پر اها پڪ آهي ته هو اصل هندو راجپوت هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا. | |
| 3- سومرن جي حڪومت جو عرصو | |
| سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت بابت جدا جدا تاريخن مختلف بيان لکيو آهن. ”تحفته الڪرام“ ۾ سومرن بابت ٻن ٽن آکاڻين کان سواءِ وڌيڪ ٻيو ڪو به بيان ڏنل ڪونه آهي. ”تاريخ معصومي“ ۾ سومرن جي حڪومت بابت ڪجهه تفصيل ڏنل آهي. ”آئين اڪبري“ ۾ سومرن جي 36 سردارن جا نالا آهن. جن پنج سو ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. ”تاريخ فرشته“ وارو لکي ٿوته سومرن فقط هڪ سو ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. ”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته سومرن جي 19 سردارن، سن 1053ع کان 1400 تائين 350 ورهيه حڪومت ڪئي، ته تحفته الڪرام وارو لکي ٿوته سومرن 505 ورهيه 1351ٿ تائين حڪومت ڪئي. ”تاريخ طاهري“ ۾چيل آهي ته سومرن سن 1300ع کان 1430ع تائين حڪومت ڪئي، ته ”تاريخ معصومي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته سومرن جي حڪومت شروع ئي سن 1320ع کان ٿي. ”تحفته الڪرام“ وارو سومرن کي سنڌ جو خودمختيار حاڪم نٿو ليکي، پر چوي ٿوته ٻه سو ورهين تائين سومرا دهليءَ جي غزنوي ۽ غوري شهنشاهن جا ڍل ڀرو هئا، ۽ سن 1320ع ۾ پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪيائون، مگر ”منتخب التواريخ“ جو مصنف چوي ٿو ته سومرن پنهنجو اڳواڻ 1053ع ۾ مقرر ڪيو.(1) | |
| سومرن جي حڪومت جي عرصي بابت ڌار ڌار تاريخن ۾ اختلاف آهن. سومرن جي حڪومت جو پهروين دور عيسوي ڏهين صديءَ کان شروع ٿئي ٿو. تڏهن اُنهن جي حڪومت ٿر ۽ ان سان لاڳيتو حصن تي هئي. سوڍن جي اچڻ وقت به اُتي سومرن جي حڪومت هئي. پوءِ سوڍن جڏهن سومرن کان 1226ع ۾ عمرڪوٽ ورتو، تڏهن به انهن جي حڪومت ڪا ختم ڪانه ٿي ويئي. انهن وري ڏکڻ ۾ وڳهڪوٽ ۽ روپاهه (روپا ماڙ)(1) ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ نيٺ ٺٽو تخت گاهه ڪيائون. انهن کي 1351ع ۾ سمن پنهنجي سردار ڄام اُنڙ جي هٿ هيٺ ٺٽي مان لوڌي ڪڍيو. پوءِ چئن سالن تائين ڀٽڪڻ بعد عمر سومري وري 1355ع ۾ عمرڪوٽ جي حڪومت سوڍن کان هٿ ڪئي. جتي ئي سومرا حاڪم ٿيا. پڇاڙي ۾ همير سومري کان وري راڻي همير سوڍي 1439ع ۾ عمرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ سومرن جي حڪومت صفا ختم ٿي ويئي. | |
| ”آئين اڪبري“ ۾ 36 سومرن حاڪمن جا نالا آهن ۽ حڪومت جو عرصو پنج سئو سال ڏيکاريل آهي، شايد اڳين ۽ پوين سڀني سومرن جي حڪومت جو عرصو ۽ نالا ڄاڻايل آهن، ڏهين صديءَ کان وٺي پندرهين صديءَ جي اڌ تائين 500 کن سال به ٿين ٿا. ”تحفته الڪرام“ وارو به شايد سڀني جو عرصو شمار ڪري ٿو. پويان تاريخ لکندڙ مٿين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ويا آهن اُنهن تاريخن جو نقل ڪندا، جنهنڪري تاريخي حوالن ۾ البت هڪ ٻئي جي برعڪس حقيقتون ٿي پيون آهن. | |
| 4-علاو الدين جي سنڌ تي ڪاهه | |
| سومرن جي حاڪم ڀونگر (1300ع-1315)(1) کي ٻه پٽ چنيسر ۽ دودو هئا ۽ ٻاگهي نالي هڪ ڌيءَ هئي. اُن وقت گاديءَ جو هنڌ ”روپاهه“ هو. جڏهن ڀونگر مري ويو، تڏهن تخت تي چنيسر جو حق هو، ڇاڪاڻ جو هو وڏو هو پر دودو وڌيڪ بهادر هو. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين پهاڪو آهي ته ”تون ته ڪو دودو آهين!“ سندس بهادريءَ سببان اميرن دودي کي تخت تي وهاريو. چنيسر کي لڳي ڪاوڙ، سو ٻيو ڪو وجهه نه ڏسي دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاوالدين خلجيءَ وٽ دانهين ويو ۽ هن کي پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهيءَ جي سڱ جي لالچ به ڏنائين جنهن ڪري سلطان کيس پنهنجو لشڪر سالار خان جي اڱواڻئ هيٺ مدد لاءِ ڏنو،(2) جو چنيسر وٺي سنڌ ۾ آيو. اها خبر جڏهن سومرن کي پيئي تڏهن اُنهن به پنهنجو لشڪر تيار ڪري، جنگي سردار ساهڙ سلطان(1) جي هٿ هيٺ روانو ڪيو. ميرپور ماٿيلي وٽ(2) سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سومرن جي هار ٿي. علاوالدين جو لشڪر اڳتي ڌوڪيندو پئي ويو. جڏهن اها خبر دودي کي پئي، تڏهن عمرڪوٽ جي سوڍن ۽ ٻين کي مدد لاءِ چيائين، جن مدد جو دلاسو ڏنو ۽ صلاح ڪري سومرن جو ڪٽنب 140 راجائي ڪُل جي عورت سميت، ڪڇ ڏي ڄام ابڙي وٽ پناهه لاءِ موڪليو ۽ سوڍن کيس پنهنجو لشڪر هاسي سوڍي جي اڳواڻيءَ هيٺ مدد لاءِ ڏنو، جنهن ۾ 140 سوڍا ۽ ٻيا ٻين قومن جا ماڻهو هئا. | |
| ايتري ۾ علاوالدين جو لشڪر ”روپاهه“ تي چڙهي آيو. دودي بهادري سان مقابلو ڪيو. نيٺ دودو، هاسو سوڍو ۽ ٻيا بهادر مارجي ويا ۽ سومرن جي هار ٿي. سالارخان خوشيءَ وچان جيئن ئي ڪوٽ ۾ گهڙو، ته ڇا ڏسي اندر ته سڃ پيئي واڪا ڪري! نيٺ جڏهن خبر پيس ته سومرن پنهنجا ٻار ٻچا ٻاگهيءَ سميت ڪڇ ڏي موڪلي ڇڏيا آهن، تڏهن روپاهه کي نابود ڪري سڌو ڪڇ ڏي رخ رکيائين. اهو لشڪر جتي رات رهندو هو، اُتي بچاءُ لاءِ پنهنجي چوڌاري کاهي کوٽيندو هو. کاهين جا اهڙا نشان انهن هنڌن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. | |
| ابڙو ڪڇ جي ”وڏسر“ ڀاڱي جو حڪمران هو. ڪڏهن به لڙائيءَ ۾ نه هارائڻ جي ڪري هن کي ”اَجيت اڙٻنگ“ جو لقب مليل هو. جڏهن علاوالدين جو لشڪر ”وڏسر“ تي ڪاهي آيو، تڏهن پهريائين کيس سومريون حوالي ڪرڻ جو نياپو موڪليائين، پر ابڙي پناهه هيٺ آيلن جي بچاءُ واسطي جان ڏيڻ جي به پڪ ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري هن سومرين کي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جواب موڪليائين ته ”جيستائين منهنجي سرير ۾ ساهه آهي، تيستائين سومريون اوهان جي حوالي ڪرڻ ته پري رهيو، پر اوهان اُنهن ڏي اک کڻي به نهاري نٿا سگهو!“ سالار خان اهو جواب ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ يڪدم پنهنجي لشڪر کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. پنجن هفتن جي لڙائيءَ کان پوءِ هڪ ننڍي رياست جا ڪڇي بهادر ۽ سنڌ جا سورما سومرا، پنهنجي سردار ”ابڙي“ ۽ سندس پٽ ”ممٽ“ جي هٿ هيٺ وڙهي شهيد ٿيا ۽ لڙائي ختم ٿي. هاڻي انهن سومرين لاءِ ٻيو ڪو رستو ڪونه رهيو، تڏهن انهن واليءَ در وينتي ڪئي ته ”اي سٻاجها سائين! تون ئي اسان جي لڄ رک!“ چون ٿا ته قدرت الاهيءَ سان زمين ڦاٽي پيئي ۽ وڏا سوراخ ٿي پيا، جن ۾ اهي ستيون گهڙي ويون ۽ غارن جا منهن بند ٿي ويا.(1) اڄ به اُتي ستين جوآستان“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي ڪي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. لشڪر خوش ٿي قلعي ۾ گهڙيو، پر اُتي ڪاريءَ وارا ڪک ڏسي بيحد پشيمان ٿيو ۽ نراس ٿي رڻ واري رستي دهليءَ ڏانهن واپس روانو ٿيو. | |
| 5-علاوالدين جي لشڪر ڪڏهن ڪاهيو | |
| سلطاني لشڪر جي ڪاهه ۽ دودي ٽئين جي لڙائي بابت ڌار ڌار تاريخي ڪتابن ۾ مختلف احوال آهن. ڪنهن به تاريخ ۾ اهو چٽائيءَ سان ڏيکاريل نه آهي ته سلطاني لشڪر سنڌ تي ڪڏهن ڪاهه ڪئي. موجوده تاريخون، جي اسڪولن ۾ پاڙهيون وڃن ٿيون، تن ۾ سومرن جي حڪومت جو عرصو، سن 1051ع برابر 445 هجريءَ کان 1351ع برابر 753 هجري ڄاڻايل آهي، يعني 302 سال. انهيءَ عرصي ۾ جملي 18 حاڪم ڏيکاريل آهن. سومرن جي حڪومت بابت ”ائـبٽ“ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جي صفحي 88 جي فوٽ نوٽ ۾ ڌار ڌار تاريخن جا حوالا ڏنا آهن، جي اسان مٿي لکي آيا آهيون. | |
| سومره 443 هه کان 446 هه مطابق 1051ع کان 1054ع | |
| ڀونگر پهريون 446هه کان 461 هه مطابق 1054ع کان 1068ع | |
| دودو پهروين 461هه کان 485هه مطابق 1068ع کان 1092ع | |
| سنگهار 885هه کان 500هه مطابق 1092ع کان 1106ع | |
| خفيف 500هه کان 536هه مطابق 1106ع کان 1141ع | |
| عمر پهريون 536هه کان 576هه مطابق 1141ع کان 1180ع | |
| دودو ٻيو 576هه کان 590هه مطابق 1180ع کان 1193ع | |
| پنهون 590هه کان 623هه مطابق 1193ع کان 1226ع | |
| کينهرو پهريون 623هه کان 639هه مطابق 1226ع کان 1241ع | |
| محمد طور 639هه کان 654هه مطابق 141ع کان 1256ع | |
| کينهرو ٻيو 654هه کان 658هه مطابق 1256ع کان 1259ع | |
| طائي 658هه کان 682هه مطابق 1259ع کان 1283ع | |
| چنيسر 682هه کان 700هه مطابق 1283 کان 1300ع | |
| ڀونگر ٻيو 700هه کان 715هه مطابق 1300ع کان 1315ع | |
| خفيف ٻيو 715هه کان 733هه مطابق 1315ع کان 1332ع | |
| دودو ٽيون 733هه کان 758هه مطابق 1332ع کان 1356ع | |
| عمر ٻيو 758هه کان 793هه مطابق 1356ع کان 1390ع | |
| ڀونگر ٽيون 793هه کان 803هه مطابق 1390ع کان 1400ع | |
| همير 803هه کان 844هه مطابق 1400ع کان 1439ع | |
| وري ”منتخب التواريخ“ ۾ ڏنل فهرست، جنهن کان ”عجائب الاسفار“ واري نقل ڪئي آهي، اُن موجب نمبر4 سنگهار بدران سنجر، نمبر8 پنهون بدران ٻاهو، نمبر9 کي نهرو بدران خيرو، نمبر 12 طائي بدران دودو ٻيو، نمبر 13 چنيسر بدران طائي ۽ نمبر 14 ڀونگر بدران چنيسر ڏيکاريل آهن، يعني جملي 20 حاڪم ڏيکاريل آهن ۽ سنن ۾ به تفاوت آهي. | |
| ”الوحيد“ اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد نمبر“ 15 جون 1936ع ۾ سومرن حاڪمن بابت صفحي 87 تي ڄاڻايل آهي ته مٿين فهرستن کي ڏسندي، جيڪڏهن اعتبار ڪبو ته ”منتخب التواريخ“ تي ڪبو، ڇو ته ”لب تاريخ سنڌ“ واري جيڪا سومرن حاڪمن جي لسٽ ڏني آهي، سا به ”منتخب التواريخ“ مطابق آهي. انهيءَ تاريخ جي ڪن سنن ۾، نمبر 11-12-13 موجود ڪونه آهن. جيڪڏهن اُنهن نمبرن کي ڪڍيو وڃي ته پوءِ سال ۽ تاريخون درست ٿي وينديون. انهيءَ حساب سان سلطان علاوالدين خلجيءَ ۽ دودي ٽئين جو زمانو هڪ ٿيندو، جيئن ”تاريخ طاهري“ ۽ ”تحفته الڪرام“ ۾ درج آهي.(1) | |
| مرزا قليچ بيگ جي لکيل تاريخ (جلد 2 ص 36) موجب دودي ٽئين 1332ع کان 1356ع تائين حڪومت ڪئي. ”امرڪوٽ اتهاس“ صفحو 18) ۽ ”روح رهاڻ“ (صفحو 60) ڪتابن ۾ دودي سومري ۽ علاوالدين جي لڙائيءَ جو سال 1333ع لکيل آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ سڀيئي تاريخون متفق راءِ آهن ته علاؤالدين جي لشڪر سان لڙائي ڪندي دودو مارجي ويو. علاؤالدين جي حڪومت جو عرصو 1295ع کان 1315ع تائين آهي، ته پوءِ سن 1323ع ۾ علاؤالدين ڪيئن ڪاهيو! پر جي 1333ع ۾ لڙائي لڳي ۽ اُن وقت دودو مارجي ويو، ته پوءِ وري چچ نامي، تحفته الڪرام، منتخب التواريخ ۽ ٻين تاريخن جي لکڻ موجب دودي ٽئين جي حڪومت 1356ع تائين ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ | |
| (1) زوال روما“ مصنف گبن، لنڊن 1890ع جلد 4 صفحو 47 | |
| (1) ”بمبئي پريزيڊنسي گزيٽيئر“، جلد 7، ڪڇ، پالنپور ۽ ماهي ڪانٺا، صفحو 99 ۽ 100. | |
| (2) حضرت شيخ بهاوالدين ذڪريا ملتاني 72 رمضان المبارڪ 566هه-1150ع ۾ تولد ٿيا ۽ 1270ع ۾ وصال فرمايائون. | |
| (1) ائبٽ جو ”سنڌ“، صفحي 88 جو فوٽ نوٽ. | |
| (1) بدين شهر کان ڏکڻ طرف ”ڪڍڻ“ ڳوٺ جي پريان ”روپاهه“ جي ڦٽل شهر جا کنڊر آهن، جنهن کي ”روپاماڙي“ جي نالي سان به سڏيندا آهن. اڳي هي وسندڙ شهر هو. ان وقت ڏکڻ سنڌ تي سومرا حڪومت ڪندا هئا ۽ سندن گاديءَ جو هنڌ ”روپاهه“ شهر هو. دودو ۽ چنيسر اتي ڄاوا ۽ نپنا هئا. (وڏو قصو دودو چنيسر، حاجي حقير ابن مڱڻ، صفحو 6) | |
| (1) ڏسو ”چچ نامو“ جلد ٻيو صفحو 36، ”ڪڇ نوڪيسري دودواڻي چنيسر“ گجراتي، صفحي 5 ۾ ڀونگر جي مرڻ جو سال 1296ع برابر چيٽ سنبت 1352 ڏيکاريل آهي. | |
| (2) عام طرح مشهور آهي ته چنيسر جي فرياد تي سلطان علاوالدين خلجي سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ هڪ وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ دودو مارجي ويو، ۽ سلطان به باقي ستن ڄڻن سان بچيو. اهي سڀ من گهڙت ڳالهيون آهن. سلطان سنڌ ۾ ڪونه آيو هو. (تاريخ هند، علامه ذڪاءُ الله، جلد ٻيو صفحو 139) سلطان جو لشڪر، جنگي سردار سالار خان جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ ۾ آيو هو. | |
| دهليءَ جي بادشاهه التمش (1212-1236ع) جي پاران ناصر الدين قباچه 608هه کان 622 هجري تائين ملتان ۽ سنڌ جو گورنر هو. ان جي پٽ جو نالو علاوالدين هو ۽ دودو ٻيو ان وقت سومرن جو حاڪم هو. 614هه ۾ غوري قوم جا ماڻهو سنڌ تي ڪاهي آيا هئا. شايد اُنهن کي هڪالڻ لاءِ ناصرالدين پنهنجي پٽ علاوالدين کي موڪيلو هجي ۽ هو آيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه پوءِ دودي ٽئين ۽ علاوالدين خلجيءَ جي وچ ۾ لڙائيءَ جي مشهور ٿي ويئي هجي. | |
| (1) ”انتخاب تاريخ طاهري“ صفحو 43، پر، ”تحفته الڪرام“ ۾ ”سپڙ سخي“ لکيل آهي. بحواله تاريخ سنڌ، جلد 3 جو فوٽ نوٽ صفحو 126. | |
| (2) ”سنڌ جي رنگين تاريخ“ مسٽر ميمڻ، صفحو 26 ۽ ”تاريخ“ سنڌ مولچند منگهومل واسواڻي صفحو 60. | |
| (1) ”امرڪوٽ اتهاس“ (صفحي 20) ۾ لکيل آهي ته اُهي سومريون، ڪڇي راجپوتڻين سان گڏ باهه ۾ جلي ميون، يعني ”جوهرڪيائون.“ | |
| (1) بحواله ”تاريخ هنڌ“ سر ايليئٽ، جلد 1 ص 272 ۽ جلد 3، ص 337 | |