Download sindhiadabiboard.org/History/Book5.txt from arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset: direct link, hf CLI and curl.
- Browser
- Download file 286 kB
-
https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/History/Book5.txt
- Command line
-
hf download hf://datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/sindhiadabiboard.org/History/Book5.txt
-
curl -L -o Book5.txt https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/History/Book5.txt
286 kB
| ڪتاب جو نالو: ٿر ۽ پارڪر جو احوال | |
| ٿر ۽ پارڪر جو احوال | |
| ايس – اين – رئڪس / ڊاڪٽر نواز علي شوق | |
| ٿر ۽ پارڪر جو احوال | |
| پھرين آءٌ ٿر جا احوال اوريندس ۽ پوءِ، پارڪر جون ڳالھيون ٿينديون. ٻئي علائقا ھڪٻئي سان دنگئي آھن. منجھن ھڪ جھڙائي ڪا نھ آھي. جيڪڏھن ڪجھھ آھي بھ، تھ اھا نالي ماتر آھي. | |
| (٢) ٿر جو ڀاڱو ڍٽ، ھڪ رڻ پٽ آھي. منھنجي انتظام ھيٺ ۽ ڪڇ جي رڻ جي اترئينءَ سرحد سان دنگئي آھي. ڊيگھھ ١٢٠ ميل ۽ منڍو ٤٠ کان ٥٠ ميل کن ٿيندس. سندس ڪل پکيڙ ٥٤٠٠ چورس ميل ٿيندي. | |
| (٣) اولھھ کان سنڌ ماٿري اٿس. اتريون دنگ نئون ڪوٽ جي اتر کان اوڀر ڏس تي ھلندو ۽ مٺيءَ سنگالا کان اتريون پاسو ڏيون ور وڪڙ کائيندو، مارواڙ ڏانھن وڃي ٿو. عمرڪوٽ جي علائقي جو ڪجھھ حصو بھ منھنجي انتظام ھيٺ آھي. جيڪو ٿر جيان ھڪ رڻ پٽ آھي. | |
| (٤) ٿر جي اوڀر ۾ مارواڙ آھي ۽ ڪڇ جي رڻ جي سنھي پٽي، کيس گجرات جي ڦولن پور ضلعي کان جدا ڪري ٿي. | |
| (٥) ڏکڻ ڏس کان، رڻ، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن کي ڪڇ کان جدا ڪري ٿو. | |
| (٦) سارو ٿر واريءَ جي ڀِيٽن سان ڀريو پيو آھي. پري کان طوفاني موسم ۾ ڇوليون ماريندڙ سمونڊ پيو ڀاسبو. ڀٽن جي ڊگھائي اوڀر کان اولھھ ڏسڻ ۾ ايندي ۽ عام طور تي ھن علائقي جي اولھھ پاسي واريون ڀٽون، اوڀر طرف وارين ڀِٽن کان اتاھيون نظر اينديون. | |
| (٧) عام طور رڻ جي وٽ سان، ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان ٦ کان ١٢ فوٽ ھيٺ جر جو پاڻي ملڻ جو امڪان ھوندو آھي. ڪن ٿورين جاين تي پاڻي ٻاڙو ھوندو، پر گھڻن ھنڌن تان پيئڻ جھڙو مٺو پاڻي ملي وڃي ٿو. پاڻيءَ جي لاءِ عارضي قسم جا ڪچا کوھھ کوٽيا ويندا آھن. منجھن تري ۾ چڪ (شھونگ) وھاري پاسن کي چوڌاريءَ ڊگھن ساون چھن سان واڻي، مٿان مٽي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندا آھن. جيتري وقت تائين کوھھ استعمال ھيٺ ھوندو آھي، تھ پاڻي، واريءَ مان ڇڻي صاف ٿي ٻاھر کوھھ جي تري ۾ گڏ ٿيندو ويندو آھي. ايترو وقت پاڻي پيئڻ لائق رھندو آھي. | |
| (٨) اندرين علائقن ۾ کوھھ جي اونھائي ھڪ جھڙي ۽ ھڪ جيتري نھ ھوندي آھي. ان جي نسبت رڻ جي فاصلي سان واسطو رکي ٿي. جيڪڏھن اونھائي ھيٺ گھڻي آھي، تھ کوھھ پڪين سرن سان ٻڌا ويندا آھن. پٿر ھتي سولائي سان ملي ڪونھ سگھندو آھي. پاسن کي ڦوڳن جي چھن سان واڻڻ خطري کان خالي ڪونھ ھوندو آھي. رڻ جي ڪناري کان ٣٠ ميل پري کوھن جي اونھائي ٦٠ گز ھوندي آھي. | |
| (٩) کيتي، ڀٽن کان ھيٺ تراين ۾ ٿيندي آھي. آباديءَ لائق زمين تمام ٿوري آھي. اھا تراين واري زمين ۽ ڀٽون وسڪاري ۾ ساوا ويءَ ۽ ولھار بڻجي ويندا آھن ۽ ڀانت ڀانت جي گاھن جون گلزاريون لڳي وينديون آھن. ٿر جو گاھھ، ڀر وارن علائقن جي گاھھ کان وڌيڪ طاقتور ھوندو آھي. اتان جا رھواسي مارو لوڪ جن جو گذر سفر پوکيءَ راھيءَ کان وڌيڪ مال تي ھوندو آھي، سي ٿوري وقت لاءِ ھن گاھھ تي گذارو ڪري ڏاڍا خوش ٿيندا آھن. کيتيءَ لائق زمين ڪنھن ڪنھن ھنڌ تمام ٿوري آھي. ماڻھن جي ملڪيت ۽ سندن وجود ھميشھ غيرمحفوظ ھوندو آھي ۽ حسب حال زندگي گذارڻ لاءِ، کين اڳ ۾ ئي ڪجھھ سوچڻو پوندو آھي. | |
| (١٠) ڀٽن جي واري تمام سنھڙي ۽ صاف آھي. منجھس ڪجھھ واريءَ جا ڀرڻا ڳوڙھا بھ ھوندا آھن. ان ايراضيءَ جي مٿاڇري جي صورت حال اھڙي آھي، جو ائين لڳندو تھ ڄڻ ڌرتي ڌڏڻ يا زمين جي اندروني آندولن ڪري ڀٽون مٿي اڀري آيون آھن. ٿر ۾ گھاڙ بھ ڏاڍي گھلندي آھي. واءُ ۾ واري بھ ھيڏي ھوڏي پئي وڙڪندي وتندي، ۽ ڀٽن کي نيون شڪليون ۽ صورتون پئي ڏيندي، پر ان ھوندي بھ ٿر جي ڀٽن جي ترتيب واسطي واءُ ايتري قدر ذميوار نھ آھي. | |
| (١١) پارڪر جو علائقو ٿر کان ڏکڻ – اوڀر واري ڏس تي آھي. اتر کان ڏکڻ سندس منڍو ٦٠ ميل ۽ اولھھ کان اوڀر ڊيگھھ ٣٠ ميل آھي. ھر ڳالھھ ۽ ڳڻ ۾ ٿر کان وکرو ۽ نرالو آھي. پارڪر ۾ سخت پاھڻ وارين ٽڪرين جو سلسلو موجود آھي. ٿر ۾ پٽ جھڙي ڪئنري واريءَ جون نرم ڀٽون آھن. پارڪر ۾، ويھن ميلن جي گھيري اندر ڪاٿي ننڍڙيون تھ ڪاٿي ڪجھھ اتاھيون ٽڪريون موجود آھن. | |
| زمين جي مٿاڇري کان سندن اچائي وڌ ۾ وڌ ٣٥٠ فوٽ کن ٿيندي. ھنن ٽڪرين جي وچ تي موجود ميداني علائقو، ڪڇ جي اوڀارئين حصي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو، جيڪو وچ تي رڻ ڪري ڪڇ کان الڳ ٿي ويو آھي. | |
| (١٢) ٿر يا پارڪر ۾ ڪوبھ درياه يا ھميشه وھندڙ نئن وغيرھ ڪانھ آھي. | |
| (١٣) پارڪر جي سامھون، رڻ جي حدن اندر ويرا واھھ ڳوٺ جي ڀرسان ھڪ وڏي مشھور شھر جا کنڊر موجود آھن، جنھن جو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو. جين ڌرم سان واسطو رکندڙ ڪن مندرن جون جايون بھ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پارڪر جي موجوده شھر ڀوڏيسر جي ڀرسان ھڪ ڦٽي جا اھڃاڻ آھن. پارڪر ۾ ڪيترن ئي پڪن تلائن جي اڏاوتن جي موجودگي اسان کي اھو ڏيکاري ٿي، تھ پارڪر موجوده ٻن ٽن صدين کان اڳ گھڻو ترقي يافتھ ۽ وڌيڪ مھذب ھو. | |
| قبيلا ۽ ذاتيون | |
| (١٤) سانگي قبيلن کان سواءِ، ٿر ۽ پارڪر جون مکيھ ذاتيون سوڍا، نھڙيا، راھمان ۽ کوسا آھن. واپار وڙي جي ڌنڌي سان واڳيل واڻيان، لوھاڻا ۽ ميمڻ ذات بھ ھنن علائقن ۾ رھي ٿي. ڀيل ۽ ڪولھي بھ ججھي انگ ۾ رھن ٿا. کين نھ مسلمان پنھنجو ٿا ڪن ۽ نھ ھندو کين پنھنجي ڌرم پٿ ۾ شامل سمجھن ٿا. پر پاڻ ڌرمي ريتيون رسمون ھندن واريون ڪن ۽ پاڻ کي سمجھن بھ ھندو. ھن علائقي ۾ انگ جي لحاظ کان سندن گھڻو اثر آھي. ھاڻي ڪن مکيھ ذاتين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويندو. | |
| شروعات سوڍن جي اھم ذات سان ڪريون ٿا: | |
| (١٥) ھن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سوڍن جي ذات ڇانيل آھي، جيڪا راجپوت ڦريءَ سان لاڳاپيل آھي ۽ پرمار سوڍن جي ڪڙم مان آھي. اٺ سؤ ھزار سال کن پرمار سوڍا اجين ۽ مالوا جي ڀرپاسي جي علائقن تي حڪومت ڪندا ھئا. گھڻو وقت ٿيو جو ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري (ٿي سگھي ٿو تھ ڪي سماجي مسئلا ھجن) پنھنجي ماتر ڀومي ڇڏي، ھٿيار پنھوار کڻي، پنھنجي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڌارئي ديس ڏانھن نڪري پيا. | |
| (١٦) عمر ڪوٽ جو قلعو ھاڻي جيان اڳ بھ ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجھيو ويندو ھو ۽ مارواڙ ۽ سنڌوماٿريءَ جي اھم گس تي موجود ھو. تنھن زماني عمر ڪوٽ ۾ سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حڪومت ھئي. عمرڪوٽ جي قلعي کان ٣٠ ميل اتر طرف، ٿر اندر ھڪ پراڻي قلعي، رتو ڪوٽ جا اھڃاڻ موجود آھن. اھو قلعو جيڪو عمر ڪوٽ جھڙو اھم آھي، سو پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آھي يا انھن کان اڳ جي تعمير آھي، سو پتو ڪونھ ٿو پوي. اھو چوڻ ڪافي ٿيندو تھ ڪنھن مدبر حڪمران ٿر جي ڏھڪاءَ وھارڻ لاءِ اھڙن مضبوط قلعن جي اڏاوت ڪرائي، سنڌو ماٿريءَ ۽ وچ ھندستان جي مابين شاھي رستن تي پنھنجا فرمان جاري رکيا. | |
| (١٧) انھن قلعن پرمار سوڍن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو، جن ١٢٢٦ع ۾ حملو ڪري، وڏيءَ جدوجھد کان پوءِ اھي ٻئي قلعا (عمرڪوٽ ۽ رتوڪوٽ) فتح ڪري ورتا. راجپوت نسلي طور ڏاڍا ڪلاونت ويڙھاڪ ھوندا آھن. پنھنجي اوج جي زماني ۾ تھ وڌيڪ بھادر ھئا. جنگين ۾ تير ترار ھڻڻ ۾ سندن ڪو مٽ ثاني ڪونھ ھو. اڪيلي طور ھنن جنگ جوانن اھي ڪارناما ڪري ڏيکاريا، جھڙا اسان جي جوڌن، صليبيءَ جنگين ۾ ڪري ڏيکاريا ھئا. ان زماني جنگ سائنس جو روپ اختيار ڪونھ ڪيو ھو ۽ جنگي سوڀ شخصي بھادري ۽ ڀاڳن تي مدار رکندي ھئي. جڏھن انسان کي جنگ جي سائنسي ڄاڻ آئي ۽ جديد ھٿيار منصوبھ بندي ۽ تنظيم کي گڏ استعمال ڪرڻ جي پروڙ پئي تھ، راجپوت طريقي واريءَ جنگ جي اھميت ڪانھ رھي. ان سان گڏ اھڙيءَ جنگ سان لاڳاپيل ڪوپا ۽ ڪلنگيڌر مٿير مڙس بھ اھميت وڃائي ويٺا. اڄ جا پرمار سوڍا بھ پنھنجي انھن ابن جيان جھونجھار جوان آھن، جن عمرڪوٽ ۽ رتو ڪوٽ فتح ڪيو ھو، پر منجھن ايڏي آڏ وڏائي آھي، جو ڪنھن ضابطي ۽ اصول ھيٺ اچي وڙھي ڪونھ ٿا سگھن. اڄ جي مھذب دنيا فوجي ضابطن ۽ قاعدن کان پوريءَ ريت باخبر آھي، جن جي نھ ھئڻ ڪري، فوج کي بي ضابطھ ھٿياربند ٽولو سمجھيو ويندو آھي. | |
| (١٨) عمر ڪوٽ جا راڻا(1) ھندستان جي شھنشاھھ يا سندس ٺٽي ۾ رھندڙ نواب جا ڏن ڀرو ھئا. ۽ کانئن خلعتون ۽ سرويائون وٺندا ھئا. تن ڏينھن حڪمران قبيلي جي سردار کي راڻو چيو ويندو ھو. اھو ياد رکڻ گھرجي، تھ ھن صدر مقام کي شھنشاھھ اڪبر جي ڄمڻ ڪري وڏي شھرت ملي آھي. ھيءَ اھا جاءِ آھي، جتي ھمايون، شاھي تخت جي غاصب شير شاھھ کان ڀڄي لڪي اچي پناھھ ورتي ھئي. مذڪوره ماڳ شھر جي اتر – اولھھ طرف اڌ ميل پنڌ تي موجود آھي. | |
| ڪتبي تي لکيل تحرير ھن ريت آھي. مستقبل جي شھنشاھھ اڪبر پھريائين ھت اک کولي. ١٥٤٢ع. | |
| (١٩) عمر ڪوٽ ۽ رتوڪوٽ جي فتح کان پوءِ، سوڍا ماٺ ڪري ڪو نھ ويٺا. پر بخت آزمائيءَ لاءِ ٻين علائقن ڏانھن بھ ھليا. اھو پتو ڪونھ ٿو پوي، تھ جنھن وقت سوڍن پارڪر تي دنگو ڄمايو تھ اتان جي صورتحال ڪھڙي ھئي. ڪي روايتون اسان کي ٻڌائين ٿيون، تھ ڪن سوڍن عمرڪوٽ کان اچي يارھين صديءَ عيسويءَ ۾ پارڪر تي قبضو ڪيو ۽ ڪيترين صدين کان پارڪر ۾ ويرا واھھ جون زمينون سوڍن راجپوتن جي قبضي ھيٺ آھن. تمام گھڻي وقت کان وٺي ۽ دستاويزي معلومات مطابق پارڪر جي سوڍن جي مکيءَ کي راڻي جي لقب سان سڏيو ويندو آھي. | |
| (٢٠) ١٧٥٠ع ۾ عمر ڪوٽ جو قلعو سنڌ جي ڪلھوڙا گھراڻي(1) جي حڪمران جي قبضي ھيٺ آيو. انھن ڏينھن کان وٺي سوڍن جي ڀاڳ جو ستارو، جيڪو ڪڏھن عروج تي ھو، سو لھڻ لڳو ھو. ان دوران ھو پنھنجي آزاد حيثيت وڃائي چڪا ھئا ۽ سنڌوماٿريءَ جي مسلمان حڪمرانن جي توھين آميز سلوڪ کان ڊڄي، عمرڪوٽ ڇڏي، ويرا واھ ۽ پارڪر جي ڀرپاسي ٿر جي ڀٽن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، ۽ اتي موجود زمينن جا مالڪ بنجي ويا. پنھنجو قبيلو کين عمرڪوٽ جي راڻي جي لقب سان سڏيندو ھو ۽ ھو ڪنھن جا بھ ڏن ڀرو ڪونھ ھئا. | |
| (٢١) ھن علائقي جا طاقتور يا ننڍا وڏا قبيلا راجپوت ڦويءَ سان تعلق رکن ٿا. سندن مٽيءَ مائٽيءَ جا رشتا ناتا ڪڇ سان وڌيڪ آھن. ھيءُ ملڪ بھ راجپوت نسل سان تعلق رکي ٿو. پنھنجا پٽ ۽ ڌيون گھڻو ڪري ھتي پرڻائيندا آھن. ٿر جون سوڍيون مشرق جي سھڻين عورتن منجھان آھن. سندن اعليٰ اخلاق ۽ سونھن تي شاعري ڪئي ويندي آھي ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون انھن سان وابستھ آھن. اڳوڻي زماني ۾ تھ سندن حسن تي خونخوار مقابلا ٿيندا ھئا. | |
| (٢٢) اسان جي تحقيق جو مقصد، فقط اھو معلوم ڪرڻ آھي تھ سوڍا ڪٿان آيا ۽ ڪيئن ٿر ۾ ملڪيتن جا مالڪ بڻجي ويا. ان کان ٻاھر جاچڻ پرکڻ اسان جي موضوع کان ٻاھر آھي ۽ اسان اھا تحقيق ڪري ورتي آھي. سندن ان حيثيت تي پھچڻ يا وٽن ڪن رعايتن ۽ سھولتن جو موجود ھجڻ بھ سوچڻ جوڳي حقيقت آھي. پر ھيءَ ڳالھھ ذھن ۾ رکڻ ضروري آھي، تھ ٻين جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ ڄڻ ھڪ عام روايت آھي، پوءِ کڻي ماڻھو ان کي پسند نھ بھ ڪري. مشرق ۾ تلوار جي زور سان ننڍي يا وڏي حڪمراني قائم ڪري سگھجي ٿي. ھتي طاقت کي صحيح سمجھيو ويندو آھي، يعني، ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ وارو رواج آھي. بابر ڪابل جي تخت تي ويٺو. تلوار جي زور سان قنڌار تي قبضو ڪيائين. پنجاب ۾ پاڙون مضبوط ڪري، دھليءَ تي ديرو ڄمايائين. کيس اھڙو ڪوبھ حق ڪونھ ھو، پر ھو ايئن ڪري سگھيو پئي، ڇاڪاڻ تھ کيس ھٿن ۾ ننگي تلوار ھئي. ساڳي ئي تلوار سان جاڙيجن ڪڇ فتح ڪيو. ڪلھوڙن بھ تلوار جي طاقت سان سنڌ ۾ بادشاھي قائم ڪئي. اھڙيءَ ريت ٽالپرن بھ پنھنجو وارو وڄايو. تلوار جي زور سان بادشاھي ڪرڻ جو حق مغرب جي عيسائي دنيا ۾ بھ موجود آھي، تھ مشرق ۾ بھ. ان جا ڪيترا مثال ملن ٿا، جن تي بحث ڪرڻ اسان جي موضوع کان ٻاھر آھي. تاريخ، انھن قومن جي مقدر جي ڪٿا کان ٿورو ڪجھھ کڻي وڌيڪ آھي، جن فاتحن جي اشارن تي سڀ ڪجھھ قربان ڪري ڇڏيو، جن وٽ قانون جو نھ، پر فاتحن جي مرضيءَ جو احترام ھو. کين حڪمراني ڪرڻ جو ڪو بھ حق ڪونھ ھو، پر پرائي اقتدار ۽ حڪمراني تي دنگو ڄمائڻ، سندن مرضيءَ ۾ شامل ھو. | |
| (٢٣) راھمان ۽ نھڙيا مسلمان قبيلن سان تعلق رکن ٿا. سندن لٺ سردار ٿر جي اولاھين حصي واري زمينن جا مالڪ آھن، جيڪي اصلي سنڌ جي زمين سان دنگئي آھن. اھو پتو ڪونھ ٿو پوي، تھ اھي ڪھڙي زماني ۾ ۽ ڪھڙين حالتن ھيٺ اچي ٿر نڪتا. پر امڪان اھو آھي، تھ اھي سورھين صدي ۾ ھتي آيا ھوندا. راھمن جو تعداد ١١٠٠ ۽ نھڙين جو شمار ٩٠٠ کن ٿيندو. اھي سوڍن کان سڱ وٺندا آھن. | |
| (٢٤) انھن کان پوءِ اھم کوسن (1) جو قبيلو آھي. ھن ذات تي ٻھ ٽي سٽون لکڻ لازمي آھي، ڇاڪاڻ تھ سندن موجودگي ٿر ۽ ڪڇ تي گھڻي قدر اثرانداز رھي آھي. کوسا مسلمان قبيلي سان تعلق رکن ٿا. ھو ڪلھوڙن سان گڏ سنڌ ۾ آيا. جڏھن ١٧٨٢ع ۾ ڪلھوڙن جو زوال آيو، تھ سنڌ ڇڏي مارواڙ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي وچ تي ٿر جي رڻ پٽ ۾ ٽڙي پکڙي ويا. اھي قداور ھاٺيءَ سان ڏيل ۽ ڏيا وارا جنگجو جوان آھن. بک ڏک جا ڏاڍا بھادر ۽ مھم جو آھن. جيڪڏھن ڪنھن ذميواريءَ جو ڪم سنڀاليندا، تھ ڏاڍا ڦڙت ۽ چالاڪ بڻجي پوندا آھن. پر جي واندا ھوندا، تھ ڏاڍا سست ۽ نڪما ڏسبا. ٿر اھڙي جڳھھ آھي، جتي سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو مليو. | |
| (٢٥) ڪيترن نسلن کان گھوڙو ۽ تلوار سندن گذر سفر جو وسيلو رھيا. جيستائين ڪلھوڙا سنڌ جا حڪمران رھيا ۽ کين سندن خدمتن جو معاوضو ملندو رھيو، تھ ھي بھ نيڪ نيتيءَ سان سندن ٻانھن ٻيلي رھيا. پر ھاڻي ھيءُ قبيلو بيروزگار آھي. ٽالپرن وٽان ڪجھھ ملڻ جي کين آس اميد ڪانھ آھي، جيڪي ڪلھوڙن جي زوال کان پوءِ اقتدار ۾ آيا. موجوده دؤر ۾ سندن ٿر ٿر ۽ ٿاڪ لڳا پيا آھن. ھتان جي مقامي ٿري سردارن سان جھٽ ٿي بنا ڪجھھ ھٿ پير ھڻڻ جي، پنھنجو گذر سفر ڪري وٺندا آھن. ھونءَ ھو پورھئي پنجڙ مان ڪونھ ڄاڻن. جڏھن گنديءَ سوچ وارا ھڪڙا ماڻھو ساڳي سوچ رکندڙ ماڻھن سان اچي ملندا آھن ۽ ھڪٻئي جي صحيح مشرقي نموني سان مدد ڪندا آھن، تھ ٻين جي مڏين ملڪيتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويندا آھن. سندن لٽ مار جي ڪارواين جي دائري مان اسان ھي نتيجو (1) ڪڍون ٿا تھ ھڪ طرف ڀڄ جا دروازا سندن پھچ کان پري ڪونھ ھئا، تھ ٻئي پاسي راڌڻ پور جون بازاريون سندن تکين تلوارن کان محفوظ ڪونھ ھيون. ٽئين پاسي خود احمد آباد بھ سندن ارڏاين کان وانجھيل ڪونھ ھو. | |
| (٢٦) ٿر جا مارو، جيڪي سادي زندگي گذاريندا آھن، سي بھ مسلمان قبيلي سان تعلق رکن ٿا. ھتان جا اصلي رھاڪو، سنڌ کان ھجرت ڪري ھتي پھتا آھن. جن مان اوٺيا ۽ رونجھا انگ جي لحاظ کان خاص اھميت وارا قبيلا آھن. قديم زماني کان وٺي اھي مارو لوڪ چوپائي مال تي گذر سفر ڪندا اچن. سندن رھڻي ڪھڻيءَ ۾ پراڻي زماني جون روايتون محفوظ آھن. خاندان جو وڏو، پيءُ ھوندو آھي. ھرھڪ قبيلو ڏاڍي امن آشتيءَ سان گذاري ٿو. قبيلي جي ڇيڙي نبيري چڱن جي ذميواري ھوندي آھي. اھي قبيلا ھڪ ماڳ تي لڏا لاھي کپ کوڙي ويھي ڪونھ رھندا آھن. پر مال جي چاري جي ڳولا ۾ وتندا آھن سانگ ڪندا. ھڪ جوءِ مان داڻو پاڻي کٽو، تھ ڏور وڃي، ٻيءَ دڻيءَ کي ڏسندا. ھاڻي ھنن پنھنجي ۽ پنھنجي ملڪيت جي بچاءَ ڪارڻ ٿر ۾ ڌنارڪو ڌنڌو ڇڏي، پوکيءَ پلاھيءَ ڏانھن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آھي. اڳي پنھنجي سڄي ڪٽنب سميت وين ولھارن جي تاڙ ۾ ڏورانھين ڏيھن ڏانھن بھ نڪري ويندا ھئا. پر ھاڻي ايئن ڪونھ ڪن. پنھنجي گھر جا ڀاتي پوڙھا ماڻھو پنھنجي اصلي ڳوٺ ۾ ڇڏي، جوان ماڻھو پنھنجا ڌڻ ڪاھي، اوري پري ھليا وڃن. ڪڏھن ڪڇ، گجرات ۽ آبو جبل تائين بھ سانگ ڪري ويندا آھن. بھر صورت اھي قبيلا پنھنجي گڻن ۽ خوبين ۾ سانگي آھن ۽ کين ٿر ۾ پنھنجا ٿاڪ آھن ۽ جڏھن اوھيڙي جي اوڪ ۽ پلر جي پالوٽ ٿيندي آھي، گسن، پٽن ۽ پوٺن تي گاھھ مورندا آھن، تھ ھر ٿري پنھنجي اباڻي جوءِ سنڀاريندو آھي. اڳئين زماني ۾ جڏھن ٿر ۾ ماڻھن جي ھاڻي کان آبادي گھٽ ھئي ۽ ماڻھو پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪيت جو بچاءُ گھٽ سمجھندو ھو، تڏھن پوکي راھيءَ لاءِ زمين بھ ٿوري استعمال ٿيندي ھئي. ماڻھن کي پنھنجي ماڳن تي قبضي برقرار رکڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانھ ٿيندي ھئي. حقيقت حال اھا آھي، تھ ٿري ماڻھو ھڪٻئي جي حق جو احترام ڪندا آھن. ھڪٻئي جي حق ڦٻائڻ جو واقعو ڪو ورلي ٿيندو آھي. ھاڻي صورتحال ڪجھھ ٻي آھي. آدمشماريءَ جو انگ وڌيو آھي. کيتي چڱي نموني ٿئي ٿي. ماڻھن کي پنھنجي ۽ پنھنجي ملڪيت جي تحفظ جو يقين آھي. ڍل جو حساب تمام ٿورو رکيو ويو آھي. فطري طور نتيجو اھو ٿيو آھي، جو ھر ٿر يا ڳوٺ جي ڀرسان جيڪا بھ آباديءَ لائق زمين آھي، سا کيڙي ويندي آھي. ٿري قبيلن جا مرد ماڻھو ڏاڍا جانٺا جوان ۽ بااخلاق آھن. | |
| ماڻھن جو ٻيو طبقو ڀيلن سان تعلق رکي ٿو، جنھن جون ڪيتريون ئي ڇاڙھون آھن. ھڪ قبيلي جو نالو مئي May آھي، جيڪو، ٻلھياري جي اوڀر طرف رڻ جي وٽ سان رھي ٿو. اھي پاڻ کي رڻ ۾ رھندڙ ڀيلن کان مٿاھون سمجھندا آھن. سنڌ جي اميرن جي ماتحت آھن ۽ کين اڻويھھ ٿر يا تڙ مليل آھن. کانئن زمين جي ڪابھ ڍل وغيره وٺڻ ۾ ڪانھ ايندي آھي. سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، ١٨٤٤ع ۾ ساڻن اھڙي رعايت برقرار رکي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ قبيلي جي پٽيل وعدو ڪيو ھو، تھ سندس قبيلو چوري چڪاري جي عادت ڇڏي ڏيندو ۽ ضرورت وقت انگريز سرڪار جي مدد ڪندو. اڄ ڏينھن تائين ڪيل واعدا صحيح نموني سان نباھيا ويا آھن. قبيلي جي پٽيل جي نظر ھيٺ قبيلي جو ھر ماڻھو ھڪٻئي سان ڏاڍو سٺو ورتائيندو آھي. ٿر ۽ پارڪر ۾ رھندڙ ڀيل ڪنھن اھميت جي لائق ڪونھ آھن. سندن طبقو سماجي طور ڏاڍو گھٽ سمجھيو ويندو آھي. سماجي اصولن جي پوئواري ڪرڻ ڪونھ ڄاڻندا آھن. محنت مزوري ۽ امن آشتيءَ سان سندن اصلؤن ڪانھ پئي. چوري سندن ڌنڌو آھي. سال جي ھڪ خاص موسم ۾ ڏٿ ۽ پاڻيءَ لاءِ جھنگن ۾ جھوتون ڏيندا وتندا آھن. پنھنجي قبيلي جي پٽيل جو ھر حڪم اکيون ٻوٽي مڃيندا آھن، جيڪو ھر ڏکيءَ ويل سندن ڀرجھلو ھوندو آھي. ڏوھن جا انگ اکر ٻڌائين ٿا، تھ گذريل ڪيترن سالن کان ٿر ۽ پارڪر ۾ جيڪي بھ ڏوھھ ٿيا آھن، تن جو ذميوار ھيءُ طبقو آھي ۽ ساڳي وقت ھڪ سٺي ۽ ٻڌائڻ جوڳي حقيقت اھا بھ آھي، تھ ھنن علائقن ۾ جيڪي ڏوھھ ٿيا آھن، سي تمام ٿورا ۽ ھلڪي قسم جا آھن. ان جو سبب اھو آھي، تھ قبيلن جا پٽيل ۽ مٿين طبقن جا ماڻھو اسان جي ھر ڏس ۾ سھائتا ڪندا رھن ٿا. | |
| (٢٨) واپاري طبقي لاءِ مان گھڻو ڪونھ ڳالھائيندس. سنڌ فتح ٿيڻ وقت ٿر ۽ پارڪر ۾ واپار نالي ماتر ھلندو ھو. ھتان جا واپاري ريزڪي واپار مان گھٽ اوپراسو پرائيندا ھئا. مال گھڻو ڪري ڪڇ مان درآمد ڪيو ويندو ھو. واپاري مال جي آمدورفت خطري کان خالي ڪانھ ھوندي ھئي. سنڌ جي فتح کان ھڪدم پوءِ مٺي، ڏيپلي، ويرا واه ۽ ننگر پارڪر جي واپارين ۾ اعتماد بحال ٿيو ۽ ٻارھن سالن جي اندر واپار تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي. ڏيپلي جا ميمڻ ۽ مٺيءَ جا برھمڻ خاص طور تي سنڌ سان واپار ڪندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ڪڇ مان مال گھرائي وٺندا آھن. ڪڇ ڏانھن ويندڙ تجارتي مال ۾ گيھھ سڀ کان وڌيڪ ھوندو آھي. مٺيءَ جي واپارين کي گيھھ جي واپار ۾ ڪي رعايتون مليل آھن. ڀڄ مان ايندڙ مال تي ڪجھھ بھ سنگ ڪونھ ڀريندا آھن. | |
| (٢٩) ويرا واه ۽ ننگرپارڪر جا واپاري گجرات جي راڌڻ پور سان ڌنڌو ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ کنڀات جي کاريءَ واري ڍوليرا بندر سان بھ سندن تجارتي واسطو آھي. وڌندڙ واپار سبب، ويرا واه ۽ ننگر پارڪر جي شھرن جي شڪل ۽ صورت ئي بدلجي وئي آھي. پھريون سندن جايون تمام سوڙھيون، وڻن جي جھاتر سان واڻيل ۽ گپ گاري سان بنيل ھونديون ھيون. پر ھاڻي ٻنھي شھرن ۾ عاليشان جايون ٺھيل ڏسڻ ۾ اينديون، جن ۾ ڪاشيءِ جي سرن جو استعمال ٿيل آھي. واپار کي ترقي ڏيارڻ واسطي خاص ڌيان ڏنو ويو آھي. واپارين جا ڪيترائي خاندان جيڪي اڳي پارڪر ۾ رھندا ھئا ۽ ٽالپر دؤر ۾ لڏي شھر ڇڏي ويا ھئا، سي سڀ ھاڻي پنھنجن اصلي ماڳن تي موٽي آيا آھن ۽ اسان کي پورو يقين آھي، تھ ھيءُ طبقو ڏينھون ڏينھن وڌندو ۽ ترقي ڪندو رھي ٿو. | |
| (1) Vide Bombay Commission report p.22, 1848-49. | |
| (1) Vide Bombay Commission report p.22, 1848-49. | |
| (1) The word Khosa is derived from a celebrated ancestor of that name; and Seroi, which is equally used to distinguish the members of this tribe with Khosa, from Seroi, the place from whence they came to Sindh. | |
| (1) Vide Memoir on the Kutch State Published as No XV of selections in 1855 A.D. | |
| پراڻا مندر | |
| (٣٠) ھاڻي بھتر ٿيندو تھ ڪن پراڻن مندرن جو ذڪر ڪجي ۽ موجوده شھر ويرا واه جي ڀروارن پراڻن کنڊرن متعلق پڻ ڪجھھ بيان ڪجي، جن جي موجودگيءَ مان اسان کي اھو پتو پوي ٿو، تھ قديم زماني ۾ ھيءُ علائقو ھنڌين ماڳين مشھور ھو. ھتان جي اورچ ماڻھن محنت ڪري، تھذيب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي ھئي. ھيءُ ١٠٦٦ع وارو زمانو ھو، جنھن زماني ۾ نارمن انگلئنڊ تي حملو ڪري، فتح حاصل ڪئي ھئي. | |
| (٣١) ويرا واھ کان ١٤ ميل اتر – اولھھ ڏس تي ٿر ۾ گوڙي جو مندر آھي، جنھن جو تعلق جين ڌرم سان آھي. مندر جو نقشو ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. (1)سنڌ جي مسلمان فوجين ھن مندر کي ڪيترا ڀيرا بگاڙي تباھھ ڪيو آھي. سندن اصلي مقصد تھ محصول اوڳاڙڻ ھوندو ھو. پر ان بھاني ھو اتان جي ماڻھن سان ھر قسم جو ڏاڍ ڪندا ھئا. | |
| (٣٢) ويرا واه جي سوڍن جي پٽيل لاءِ چيو ويندو آھي تھ، ھن بچاءَ جي نقطئھ نظر کان مندر ۾ رکيل پتلو، جنھن جو نالو گوڙيچو ھو، سو ڪڍرائي پنھنجي نظرداريءَ ۾ رکيو. اھو ياترا ۽ پوڄا لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ٻاھر بھ ڪڍيو ويندو ھو. ياترا عيوض کيس نقد رقم وغيره ڏني ويندي ھئي. موجوده پٽيل جو ڏاڏو آخري ماڻھو ھو، جنھن ياترا تي ايندڙ ماڻھن کي گوڙيچي جي ياترا ڪرائي ۽ تمام گھڻي دولت ميڙي گڏ ڪئي. ھو مذڪوره پتلي کي لڪائي رکندو ھو. ھن اوچتو وفات ڪئي، تنھن ڪري پنھنجي ڪنھن وارث ۽ جانشين کي ٻڌائي ڪونھ سگھيو، تھ ھن گوڙيچي پتلي کي ڪھڙيءَ جاءِ تي پوري لڪائي رکيو آھي. وڏي جتن ۽ جاکوڙ کان پوءِ بھ اھو پتلو لڀي ڪونھ سگھيو آھي. پٽيلن لاءِ گوڙيچو ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو ھو ۽ وڏا دولتمند ھندو سيٺيون، جيڪي وڏيون رقمون ڏئي، ياترا ڪري آتما جو سنتوش پراپت ڪندا ھئا. سي وڌيڪ پريشان ٿيا، ڇو تھ کين ديوتا جي ڪوپ جو ڏاڍو ڀؤ ھو. | |
| (٣٣) گوڙيچي پتلي متعلق ڏند – ڪٿا ضميمي ب B ۾ پڙھندا. | |
| (٣٤) ويرا واه ڳوٺ جي ڀرسان ٿر ۽ پارڪر جي سرحدن اندر ھڪ قديم شھر پاري ننگر جا کنڊر آھن. جڳھن ۽ گھٽين جي اڏاوتن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ سندس تعمير پڪين سرن سان ٿيل ھئي، جن جا نشان اڄ تائين محسوس ڪري سگھجن ٿا. گھر ڊاھي سرون ويرا واه جي موجوده ڳوٺ جي عمارتن جي اڏاوتن ۾ استعمال ڪيون ويون آھن. شھر جي اڏاوت مان معلوم ٿيندو، تھ اھو پراڻو شھر پنھنجي دؤر جو ھڪ وڏو سکيو ستابو ۽ مشھور شھر ھو. ڪڇ جي رڻ جو ھڪ سوڙھو پٽو، ويرا واه ڳوٺ جي ڀرسان نظر ايندو. اھا ھڪ حقيقت آھي، تھ ڪيئي صديون اڳ اتي جھاز رانيءَ لائق پاڻي موجود ھو ۽ پاري ننگر ھڪ بندر ھو. پاري ننگر جي تباھي ان حقيقت ڏانھن منسوب ڪئي ويندي آھي، تھ زمين سمونڊ کي ڌڪي پوئتي ھٽائي ڇڏيو، ڪڇ ھڪ رڻ بڻجي ويو ۽ پاري ننگر جو مشھور معروف بندر ھميشھ لاءِ تباه ۽ برباد ٿي ويو. | |
| (٣٥) جيڪا معلومات مون کي ملي سگھي آھي، تنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو، تھ پاري ننگر جو بندر پھرين عيسوي صديءَ ۾ قائم ٿيو ۽ پوءِ وڌندو ويجھندو رھيو. ڪن روايتن موجب سندس آدمشماري ٤٠،٠٠٠ ھئي. پوئين دؤر ۾ مٿس پرمار سوڍن جي حڪمراني رھي. ان کان پوءِ، دھليءَ جي ڪنھن شھنشاھھ ھن خوبصورت شھر کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ھي واقعو ١٢٢٦ع جو چيو وڃي ٿو. وڌيڪ حقيقتون ضميمي – ج C ۽ د D ۾ پڙھندا. | |
| (٣٦) پاري ننگر جي کنڊرن ۾ جين ڌرم سان لاڳاپيل پنج ڇھھ وڏا مندر آھن. انھن مان گھڻا سنگ مرمر سان تعمير ٿيل آھن. ھيتري ساري زماني گذرڻ کان پوءِ بھ، ڪيترن جا ڪجھھ حصا باقي بچيل آھن، جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا عيني شاھد آھن. سندن بناوت جي طرز ۽ ڪن پٿر جي داٻڙين تي لکيل تاريخ مان پتو پوي ٿو، تھ اھي يارھينءَ صديءَ جي وچ جا ٺھيل آھن. سنگ تراش، جن بت گھڙيا، سي پنھنجي دؤر جا مھان ڪاريگر ھئا. مندرن ۾ موجود اڪريل تصويرون يا خوبصورت بت يا ٻيون ڪي اھڙيون لاڳاپيل شيون ڏاڍيون سھڻيون آھن، جن جو مشرق ۾ مثال ئي ڪونھ ٿو ملي. | |
| (٣٧) پارڪر جي خوشحال ماضيءَ جون ڪيتريون ئي شاھديون موجود آھن. پاڻيءَ جا ٺاھيل ڪيترائي تلاءَ جيڪي ھاڻي پورجي ويا آھن، سي ان دؤر جي سماج جي سخي ۽ ڏاتار انسانن جي خاموش زبان ۾ ڄڻ واکاڻ ڪري رھيا آھن. کاريا ۽ سوراچند وارن ٻن تلائن جي کوٽيل پٿرن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ پھرئين جي تعمير يا مرمت ١٤٣٤ع ۾، ۽ ٻئي جي ١٤٦٥ع ۾ ٿي ھئي. پارڪر ۾ ڀوڏيسر جي ڀرسان جين ڌرم جي مندرن جا کنڊر مليا آھن. مسجد تي ھن طرح جي لکت موجود آھي. ”جيڪڏھن ھن مسجد جي عمارت ڊھي پوي ۽ ڪو حڪمران ان جي مرمت نھ ڪرائي، تھ اھو خدا جو گنھگارآھي.“ ١٤٣٦ع. | |
| (٣٨) پاري ننگر کي جڏھن دھليءَ جي مسلمان فوجن ١٢٢٦ع ۾ تباھ ۽ برباد ڪيو، تھ اتان جو واپاري طبقو لڏي اچي ڀوڏيسر ۾ آباد ٿيو. ان کان پوءِ ١٣٨٨ع ڌاري لڏي وڃي ڪي ڪڇ جي مانڊو، ڄام ننگر ۽ ھالار ۾ اچي ويٺا. اھا تعجب جي ڳالھھ آھي، تھ ھن تجارتي طبقي جي لڏ پلاڻ سالن ۾ پوري ٿي. پھريون اھي پاري ننگر مان ڀوڏيسر پھتا، اتان کان ڄام ننگر. ٿورو عرصو اتي رھيا ۽ اتان کان وري مانڊو پھتا. لڏپلاڻ جو سبب ملڪي سماجي ابتري ھئي. سندن لڏپلاڻ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ھئي، درجھ، بدرجھ لڏپلاڻ سبب سندن خوشحالي ٿي. ٿي سگھي ٿو تھ ھڪڙو سبب اھو بھ ھجي، تھ ڪڇ وارو سمونڊ سڪي پوئتي ھٽي ويو ۽ بندر بازاريون ڦٽي ويران ٿي ويون. ان ڪري سندن اتي رھڻ ممڪن ڪونھ ھو ۽ پوءِ سمنڊ آھستي آھستي پوئتي ھٽندو ويو، تھ ھو بھ ان سان گڏ اڳتي وڌندا ويا ۽ اچي ڪڇ جي سامونڊي ڪناري وٽ مانڊو پھتا. | |
| (٣٩) مٿين احوالن مان معلوم ٿيندو، تھ سوڍا گذريل ڪيترين صدين کان وٺي، ھتان جا مقامي سردار ھئا ۽ ٿر ۽ پارڪر وارن علائقن جي زمينن جا مالڪ ھئا. ان کان سواءِ ھتان جا اصلي رھاڪو مسلمان ڌنار سانگي ۽ ڀيل قبيلا، يا ھتان جو واپاري طبقو حالتن مطابق مختلف دؤرن ۾ ڦرندو گھرندو پئي رھيو آھي. نھڙيا، راھمان ۽ کوسا سنڌ جي طرف کان ٿر ۾ داخل ٿيا، جن آدمشماريءَ جي انگ ۾ واڌ آندي. گھڻيءَ مدت کان وٺي مقامي راڻا قبيلن جا پٽيل آزاد رھندا پئي آيا. جيئن وقت گذرندو ويو ۽ ٽالپر خاندان بھ پنھنجا پير سنڌ ۾ پختا ڪندو ويو، تيئن ڪوشش ڪري ھن علائقي کي بھ پنھنجي حڪمرانيءَ ۾ شامل ڪندا ويا. ھنن ڪيترا ڀيرا سنگ اوڳاڙڻ لاءِ ٿر ۽ پارڪر تي گھل ۽ گھوڙا چاڙھي موڪليا. انھن مان سندن مقصد سرڦرين ٿرين کي سبق سيکارڻ ھو ۽ ٻيو اھو، تھ ھو ٽالپر حڪمرانن آڏو سر جھڪائين ۽ کين پنھنجو حڪمران تسليم ڪن. | |
| (٤٠) ٿر ۾ پنھنجي اقتدار کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن وڏا خرچ ڪري، ٿر ۾ فوجن ترسائڻ لاءِ ڪيترا ئي قلعا تعمير ڪرايا.(1) اتان فوجي عملدار نڪري، ٿر جي زمينن تان ڍل جي اوڳڙ ڪندا ھئا. | |
| (٤١) ٿر جي تاريخ سان لاڳاپيل ڪي اھم ڳالھيون منھنجي ڌيان ۾ آنديون ويون آھن. مان ھي وچ وارو عرصو ڇڏي، اڻويھينءَ صديءَ جي شروعات وارا سلسليوار واقعا بيان ڪندس. ھندستان ۾ اسان جي شھنشاھت جي ڏينھون ڏينھن واڌ سبب، اسان پھريائين ڪڇ ملڪ ۽ بعد ۾ سنڌ سان لاڳاپو قائم ڪيو. ان کان پوءِ، ان دؤر جو بھ ذڪر ڪندس، جنھن ۾ اسان ١٨٤٣ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. اسان انھن واقعن ۾ فقط ھن ڳالھھ کي اھميت ڏينداسون، تھ اسان ڌاڙيلن جي ڪاررواين کي ڪھڙي طريقي سان ٻنجو ڏنو. اھڙيءَ ريت اسان جي حڪمرانيءَ کان اڳ ٿر ۽ پارڪر جي سماجي حالتن تي پنھنجو پاڻ ئي روشني پئجي ويندي. فتح کان پوءِ ھن علائقي جي آبادڪاريءَ کي تفصيل سان پيش ڪيو ويندو. ھن ھلندڙ صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ جي حڪمرانن ٿر جي اولاھين حصي تي پنھنجي طاقت مستحڪم ڪرڻ شروع ڪئي، جنھن ۾ ھنن اتان جي مقامي پٽيلن کي ڍل اوڳاڙڻ تي مقرر ڪيو ۽ اوڳاڙيل ڍل جو ڪجھھ حصو کين بھ ڏنو ويندو ھو. گھڻو ڪري اھي پٽيل بھ حڪمرانن جيان مسلمان ھئا. ٿورو اوڀر طرف، جن علائقن تي مٺي اسلام ڪوٽ ۽ سنگالا جي قلعن جو اثر ھو، اتي جي زمين تي پئدائش جو ٥/٢ حصو ڍل ورتي ويندي ھئي ۽ پٽيلن جي گذاري لاءِ پوئتي ڪجھھ ڪونھ ڇڏيندا ھئا. باقي ھر ھاري جيڪو زمين آباد ڪندو ھو، سو چار آنا مالڪاڻو زمين جي مالڪ يا پٽيل کي ڏيندو ھو. اڃا بھ اڳتي اوڀر طرف ويرا واه ۽ پارڪر جي علائقن ۾ حالتون مختلف ھيون. اتي ڪو بھ قلعو موجود نھ ھو. ڌاڙيلن تي ضابطي رکڻ لاءِ، ڪو قانون ڪونھ ھو. اتان جا راڻا ۽ پٽيل پنھنجن پنھنجن علائقن جا ڄڻ تھ خودمختيار ۽ طاقتور حڪمران ھئا. اتان جا پٽيل ۽ کوسا ويرا واه جي ٺڪرن سان ڌاڙن ھڻڻ ۾ جھٽ ھئا. اوسي پاسي جا زميندار بھ انھن سان ارڏاين ۽ اڍانگاين ۾ ٻٽ ھئا. جڏھن قانون جي بحاليءَ لاءِ، سنڌ جي طرف کان پارڪر ۾ فوج اچي پھچندي ھئي، تھ سنڌ جي ٽالپرن کي پنھنجو حڪمران تسليم ڪندا ھئا، جڏھن فوج واپس موٽي ويندي ھئي، تھ پوءِ ساڳا لاٽون ساڳا چگھھ. ڀروارا ملڪ سندن آزار کان وانجھيل ڪونھ ھئا. ٿر ۽ پارڪر جي اولھھ ۾ موجود ٻھ شھر راھمڪي بازار ۽ ونگا بازار سندن ڦرلٽ جو شڪار پيا ٿيندا ھئا. اوڀر وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جي کلئي عام ڪاررواين جو ھڪ سبب اھو بھ ھو، تھ ڀرواري مارواڙ جو نير Neyur جو علائقو، جنھن جون طبعي حالتون بھ ٿر ۽ پارڪر جھڙيون ھيون ۽ منجھس قبيلا بھ اھي ئي آباد ھئا، جيڪي ٿر ۽ پارڪر ۾ ھئا. اتان جي ماڻھن جو عام ڌنڌو بھ ڦرلٽ ۽ ڌاڙا ھڻڻ ھو. جڏھن ٿر ۽ پارڪر ۾ قانوني ڪاروائي ٿيندي ھئي، تھ اتان جا ڌاڙيل ۽ رھزن ڀڄي اچي نيڙ ۾ پناھھ وٺندا ھئا. | |
| (٤٢) سنڌ جي حڪمرانن ملڪ جي ڏورانھينءَ ڪنڊ تي آباد ھنن ماڻھن جي آزاد طبيعت ڏسي، مٿن ڪنھن ڍل مڙھڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪئي، توڙي جو ٿر جي ٻين حصن تان باقاعدگيءَ سان اوڳاڙي ويندي ھئي. شايد ١٨٣٠ع يا ١٨٣٥ع ۾ ڍل اوڳاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن ڪري ڪجھھ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي ھئي. حيدرآباد مان آيل عملدار آپي مان ٻاھر نڪري ويو ھو. اتان جي راڻن ۽ پٽيلن کي سندس ھلت چلت مان بڇان اچڻ لڳي. ھڪ ڏينھن وجھھ وٺي، کيس قتل ڪري ڇڏيائون. انتظامي ۽ قانوني ڪارروائيءَ لاءِ وڏي فوج رواني ڪئي وئي، تھ جيئن ٿر ۽ پارڪر ۾ حيدرآباد جي طاقت بحال ٿئي ۽ باغين جي چڱيءَ ريت ڪن مھٽ ٿي سگھي. حڪمران انتقام جي ڪاوڙ ۾ انڌا ٿي چڪا ھئا. سندن فوج تھ سدائين عيش ۽ بدڪاريءَ ۾ ويھون وڄائي ڇڏيندي ھئي، تنھن ھاڻي تھ ڪنھن ڳالھھ ڏانھن ڌيان ئي ڪونھ ڌريو ۽ سڀ حدون اڪري ويا. | |
| جين ڌرم جي گوڙي مندر جي ڏاڍي توھين ڪيائون. ويرا واه کي ڦريائون لٽيائون، ننگر کي ناس ڪيائون. مطلب تھ ساري علائقي کي تباھھ ۽ برباد ڪري ڇڏيائون. ويرا واه مان ٻھ راڻا يرغمال ڪري کنيائون. پارڪر جو راڻو ننڍو ھو، ان ڪري سندس سربراھھ کي گرفتار ڪيائون ۽ ٻيا ڪيترائي ٺڪر قيد ڪري سنڌ روانا ٿيا. بعد ۾ انھن قيدين کي ٿر جي Kooda واري قلعي ۾ نظر بند رکيو ويو. کين ٻڌي ماريو ويندو ھو ۽ ساڻن بيجاءِ روش روا رکي ويندي ھئي، تھ جيئن ھو ڏنڊ طور وڏي رقم ڏيڻ تي راضي ٿي وڃن، (1) جيڪا کين آزاد ٿيڻ کان اڳ ڏيڻي ھئي. ان کان پوءِ سنڌ جا حڪمران، سنگ جو اڌ ۽ زمين جي پيدائش جو ٥/ ٢ حصو ڍل طور وٺندا ھئا. سنگ ڪھڙي تاريخ ۽ ڪھڙي سال کان وٺڻ شروع ڪيائون؟ يا سندن ادائگيءَ جي شرح ڪھڙي ھئي؟ تنھن جو پتو اڃا تائين پئجي ڪونھ سگھيو آھي. شروعاتي دؤر ۾ محصولن جي جمعبندي ڪنھن اصول يا قانون تحت ڪانھ ھوندي ھئي. پر ھوريان ھوريان جيئن حڪمرانن جا پير پختا ٿيندا ويا، تيئن منجھن ظابطو ۽ اصول ايندو ويو، ۽ اھڙي ريت آھستي آھستي راڻن جي طاقت گھٽبي وئي. | |
| (٤٣) سڀ کان پھريائين، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن سان اسان جي دخل اندازي ۽ اسان جي حڪمراني شروع ٿيڻ کان اڳ، ھتان جي سماجي حالتن جو ذڪر ڪندس. اھو بھ ضرور ٿيندو تھ ھن صديءَ جي شروعات ۾، ڀر واري ڪڇ علائقي ڏانھن اسان جي سياسي پيش قدميءَ متعلق بھ اوھان کي ڪجھھ احوال ڏيان. | |
| (٤٤) ١٣- ١٨١٢ع ڌاري ڪاٺياواڙ ۾، واگھڙ Wagur جي ڌاڙيلن جي ڦرلٽ اسان جو ڌيان ڇڪايو. واگھڙ ڪڇ جو اوڀاريون علائقو آھي، جنھن کي رڻ جي پٽي پارڪر کان جدا ڪري ٿي، ساڳئي سال (١٣-١٨١٢ع) راءِ جي قائم مقام جمعدار فتح محمد ڏانھن ھڪ تنبيھھ ڀريو خط روانو ڪيو ويو ھو. خط جو موضوع واگھڙ جا ڌاڙيل ھئا، جن ڪاٺياواڙ ۾ اچي ڦرلٽ مچائي ڏني ھئي. پر ان خط جو ڪوبھ کڙ تيل ڪونھ نڪتو. | |
| (٤٥) ٻئي سال جمعدار فتح محمد جو پٽ جمعدار حسين ميا Mya اسان جو چتاءَ ۽ تنبيھھ تي فوج وٺي واگھڙ تي ڪاھي ويو. ان زماني ۾ جمعدار فتح محمد وفات ڪري چڪو ھو ۽ سندس پٽ حسين ميا جمعداريءَ جي جاءِ سنڀالي ھئي. جمعدار جي فوج ڌاڙيلن کي ماري مات ڪرڻ جيتري ڪانھ ھئي. جيڪڏھن انھن ڌاڙيلن کي واگھڙ ۾ ڪچليو ويندو ھو، تھ ھٽي وڃي پارڪر ۾ پناھھ وٺندا ھئا، اھڙيءَ ريت سڄو پورھيو پاڻيءَ ۾ ھليو ويندو ھو. نتيجو اھو نڪتو جو ڌاڙيلن جو وار بھ ونگو ڪونھ ٿيو ۽ فوج ناڪام واپس موٽي آئي. حڪومت جو اھو حال ڏسي، ڌاڙيل تھ رھندو آڪرا ۽ اتامرا ٿي ويا. ايتريقدر جو ٿر ۽ سنڌ جي ڪنھن علائقي مان ڍلون بھ پاڻ اڳاڙڻ لڳا. ھنن واگھڙ جي سڄي علائقي کي ڦري لٽي ڀينگ ۽ ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. اتان نڪري رڻ جي ڏکڻ ۾ گجرات جي علائقي ۾ بھ پنھنجون قھري ڪارروايون جاري ڪري ڇڏيائون. کين اھڙي جرئت ھئي، جو پنھنجي مرڪزن مان نڪري، پري پري وڃي مار ڪندا ھئا. ھڪ دفعي اره زورائي ڪري ڪڇ رڻ جي ڀرسان انگريز ايجنٽ جي ھنيل ڪئمپ تي حملو ڪيائون، جيڪو سندن مار جي حدن اندر ھو. انگريزي عملدار جي ڪئمپ تي حملي ۾ ويل، ڌاڙيلن جو انگ ٥٠٠ کن ھو. حملو اوچتو رات جي وقت ڪيو ويو ھو. ان وقت طوفان جاري ھو. ڪئمپ جا ماڻھو اڳ ئي ڏاڍا پريشان ھئا. مٿان وري ڌاڙيلن ڪڙا ڪٽي ٻاري ڏني. گھڻي مصيبت ان ڪري بھ پيدا ٿي، جو ڪئمپ ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل ھئي. مٿان وري مينھن جو وسڪارو. تنھن ڪري ڌاڙيلن کي سھولت وڌيڪ ۽ ڪئمپ جي ماڻھن لاءِ وري پنھنجو بچاءَ ڏکيو ھو. ڪئمپ جو اھو حصو جنھن جي نظرداري انگريز ڪئپٽن مئڪمرڊو ٿي ڪئي، سو گھڻي نقصان کان بچي ويو. ڪئمپ جي ٻئي ڀاڱي جي مقدر کان ھو بي خبر ھو. ڇاڪاڻ تھ اھو ڪجھھ وٿيءَ تي ھو، جنھن کي سخت نقصان پھتو. ڌاڙيل ڪجھھ گھوڙا ۽ اٺ ڪاھي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻنھي طرفن کان زندگين جو زيان ٿيو. ٻئي سال (١٨١٦ع) ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون لڳاتار ھلنديون رھيون. انگريز سرڪار انھن جي خاتمي جي ضمانت حاصل ڪري ڪانھ سگھي ۽ ڀڄ درٻار مان ڪوبھ تسلي بخش جواب ڪونھ مليو، تنھن ڪري مجبور ٿي انگريز سرڪار پنھنجي مطالبن جو وچور ڪڇ جي حڪومت ڏانھن موڪلي ڏنو، جنھن جي جلد پوئواري لاءِ تاڪيد ڪيل ھو. نھ تھ ٻيءَ حالت ۾ انھن مطالبن تي زبردستيءَ عمل ڪرايو ويندو، انھيءَ ڪري تھ جيئن، انگريز سرڪار ۽ سندس ساٿي ملڪن جي رعايا انھن ڌاڙيلن جي آپدا ۽ آزار جو آجپو حاصل ڪري سگھي. | |
| مطالبا ھي ھئا: | |
| (١) اسان جي ساٿين، پيشوا ۽ گائڪواڙ جيڪو بھ نقصان سٺو آھي، سو ڀري ڏنو وڃي. واگھڙ جي ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين ۾ جيڪو گائڪواڙ ۽ انگريز سرڪار جو خرچ آيو آھي، سو بھ ادا ڪيو وڃي. | |
| (٢) ڌاريلن جي ڪاررواين خلاف اڳواٽ ئي جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. | |
| (٣) ھن مطالبي ۾، ڀڄ درٻار جي انگريز ايجنٽ خلاف توھين آميز رويي جو ذڪر ھو، جنھن جو موجوده موضوع سان واسطو ڪونھ آھي. | |
| (٤٦) جيئن تھ انھن مطالبن جي پوئواري ڪانھ ڪئي وئي ۽ مناسب وقت اندر جواب ڪونھ ڏنو ويو، تنھن ڪري ڪڇ تي مناسب فوج (1) چاڙھي موڪلي وئي، جنھن واگھڙ جي علائقي ۾ وڃي ڌاڙيلن تي حملو ڪيو. نتيجي ۾ ڌاڙيل پنھنجا علائقا ڇڏي ڀڄي ويا. مقصد حاصل ٿيڻ کان پوءِ، فوجون واپس گھرايون ويون. | |
| (٤٧) جڏھن انگريزن جو ڪڇ ۾ اثر وڌيو ۽ واگھڙ جي علائقي ۾ امن امان بحال ٿيو، تھ ڌاڙيلن سرڪي وڃي پارڪر ۾ پنھنجا پير کوڙيا. جتان جا رھاڪو رڻ جي ٻنھي ڪنارن جي ماڻھن سان گڏجي ڦرلٽ جون وڏيون ۽ گڏيل ڪارروايون ڪندا ھئا. | |
| (٤٨) انگريزي فوج جو ڪڇ ۾ پھچڻ ڪري عارضي طور امن امان تھ ٿيو. پر ڪڇ جي سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ واري ڇڪتاڻ ۾ لاڳاپيل ڌريون، راڻن جا پاڻ ۾ اختلافي رويا، ٻين مکيھ ماڻھن جا پاڻ ۾ تنازعا ۽ دشمنيون ۽ واگھڙ ۽ پارڪر جي ڌاڙيلن جي ڦرلٽ وارا لاڙا ۽ خيال، تن وري ڪڇ جي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. ڀڄ جي درٻار کي مصيبتن جي مھا ڄار ۾ ڦاٿل ڏسي، واگھڙ ۽ پارڪر جا ڌاڙيل بنا ڪنھن خوف خطري جي ڦرلٽ جي ڌنڌي ۾ جنبي ويا. | |
| (٤٩) ١٨١٩ع ۾ ڪڇ جي ابتر حالتن متعلق ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ ضروري ٿي پئي ھئي، ان ڪري جو انگريز سرڪار ڪنھن بھ سڌيءَ ڪارروائيءَ ڪرڻ جي بلڪل خلاف ھئي. ان سان گڏ ڌاڙيلن کي اتر ڪاٺياواڙ کي ڦري فقير ڪرڻ جي کلي آزادي (1) برداشت ڪرڻ کان ٻاھر ھئي، جتي ھنن ڳوٺن جا ڳوٺ، علائقن جا علائقا ويران ڪري ڇڏيا ھئا ۽ ڪيترن لکن روپين جي ملڪيت ڦري ورتي. ڌاڙيلن جي طاقت کي ختم ڪرڻ جو واحد طريقو اھو ھو، تھ اسان پنھنجو وڌ ۾ وڌ اثر ڀڄ جي درٻار تي حاصل ڪريون. ھن مقصد ماڻڻ لاءِ ١٨١٦ع ۾ ڪوشش ڪئي وئي. ان جو نتيجو تھ جلدي خاطر خواھ نڪتو، پر اھو عارضي ھو. ھن موقعي تي ڪڇ جا ڪيترا مک سردار اسان سان گڏ ھئا، ۽ ڪڇ جي وڳوڙي حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار دخل اندازي ڪئي. ڪڇ جي راءِ جو ڌيان واگھڙ ۽ اوسي پاسي جي علائقن ڏانھن ڇڪايو ويو، جن کي ڌاڙيلن ڦري ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو ھو. | |
| (٥٠) گھڻي وقت جي وڳوڙي حالتن سبب انڌير ننگريءَ وارو وايو منڊل قائم ٿي چڪو ھو ۽ ڪڇ ۾ سچائي، اخلاقي پاڪيزگي ۽ سماجي ترقي ڄڻ تھ ٺپ ٿي وئي ھئي. ھرھڪ ماڻھو راءِ جي نقش قدم تي ھلڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، جنھن لالچ ۽ ھٻڇ کي پنھنجو اصول بنائي ڇڏيو ھو ۽ اٺ ئي پھر ڪڌن ڪرتوتن ۾ رڌل رھندو ھو. سرڪاري خزاني ۾ پائي بھ پاڇي ڪانھ ھئي. نھ ترقيءَ واسطي ھٿ پير ھڻڻ جي اميد ئي ھئي. تيستائين مٿا مونا ھڻڻ اجايا ھئا، جيستائين اٽو ٻڌي ۽ کٿو کريو کڻي ڌاڙيل عنصر جي خاتمي لاءِ ڪجھھ نھ ٿي ڪيو ويو. | |
| (٥١) جن ماڻھن ڪڇ، ٿر ۽ پارڪر ١٨٥٦ع ۾ ڏٺو ھوندو، تن کي پورو پورو ويساھھ ھوندو، تھ جيستائين ڀڄ مٿان دٻاءُ پوندو، تيستائين رڻ پار واري علائقي ۾ رھندڙ ڌاڙيلن جي چرپر تي ضابطو قائم رکڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ ڏاڍو اوکو آھي. جڏھن سڄي قوم عيش عشرت ۾ مبتلا ۽ ڏينھن رات ڦرلٽ ڪرڻ ۾ رڌل ھجي، تڏھن ان قوم کي ھڪدم تبديل ڪرڻ، تاريخي طور، ڏاڍو ڪٺن ڪم آھي، ويتر خزانو بھ خالي ھجي ۽ ملڪ جي ناماچاري بھ گھٽ ھجي. ان زماني ۾ ڪڇ جون اھڙيون ئي نازڪ حالتون ھيون، تنھن ڪري ڌاڙيلن خلاف قدم سوڀارو ڪونھ ٿي ٿيو. نيٺ گھڻي ناڻي جي خرچ ۽ ڪيترين حياتين جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ، مقصد جو موتي ھٿ ڪيو ويو ۽ ايجنسيءَ جي چونڊ ۽ لائق ماڻھن اسان جي حڪومت جي ارادن کي تڪميل تي پھچايو. | |
| (٥٢) ان زماني ۾ پونا آگزيلري ھارس جا فوجي، ڪئپٽن (ھاڻي جنرل) رابرٽ جي ڪمانداري ھيٺ واگھڙ ۾ ڪئمپ ھڻي ويھي رھيا. فوجين کي ننڍين ٽولين ۾ ورھائي، سرحد تي مقرر ڪيو ويو. انھي مقصد لاءِ جيئن ڌاڙيلن خلاف بروقت ڪارروائي ڪري، ماڻھن جو ترت بچاءُ ڪري سگھجي. ڀڄ جي درٻار مان ٣٠٠ غير فوجي جوان امداد واسطي موڪليا ويا ھئا. ڌاڙيل عنصر کي، پوري طاقت، خبرداري ۽ عقل سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪڇ يا ڀر وارن ملڪن کي سندن ڪاررواين کان بچائڻ لاءِ سندن خلاف ڪنھن سخت قدم کڻڻ جي ضرورت ھئي. | |
| (٥٣) ڌاڙيلن ١٨٣١ع ھڪ ڌاڙو ھنيو ھو، (1) سو پنھنجي نقطي نگاھھ کان دلچسپ ۽ سبق سيکارڻ لائق آھي. سندن ڌاڙن جي ڪارروائي مرھٽن جي جنگي چال جھڙي ھوندي ھئي. ھو ننڍڙا واقعا ڪندا ھئا. ڌاڙي جي مھم کي ڏاڍو ڳجھو رکندا ھئا. بردباري، عقل ۽ دليريءَ کان ڪم وٺندا ھئا. | |
| (٥٤) مئي ١٨٣١ع ۾ ٥٠٠ ڌاڙيلن جي ھڪ ٽولي، ڪڇ جي واگھڙ علائقي جي وچ تي ھڪ ڳوٺ کي ڦري لٽي، وڏيءَ ملڪيت سميت واپسيءَ تي رڻ جو وچ ڏيئي وڃي رھي ھئي، تھ پونا آگزيلري ھارس جا ٥٠ جوان وڃي کين پويان پھتا، ساڻن ٤٠٠ يا ٥٠٠ ڀڄ درٻار جا ھٿياربند جوان پڻ ھئا. پر ڀڄ درٻار جي ھٿياربند جوانن ڌاڙيلن سان وڙھڻ کان انڪار ڪيو. ڌاڙيلن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پونا ھارس جا فقط ٥٠ جوان ھئا. خوشقسمتيءَ جي ڳالھھ اھا آھي، تھ ٥٠ ڄڻن جو فوجي جٿو اھڙي بھادر ماڻھوءَ جي زير ڪمان ھو، جيڪو ھر مصيبت کي ھمت سان منھن ڏيئي سگھندو ھو. ھو دمشق جو رھاڪو ھو، ھن پنھنجي زندگيءَ جا چاليھھ سال ھندستان ۾ ھڪ فوجيءَ جي حيثيت سان گذاريا ھئا، جن مان ١٥ سال انگريز آفيسرن جي ماتحت رھيو ھو. ھو ڏاڍو خوش طبع ۽ سڌو سادو انسان ھو. زيردست ساڻس ڏاڍو پيار ڪندا ھئا. بالا آفيسر سندس فوجي صلاحيتن ۽ بھادريءَ ڪري کيس ڏاڍي عزت ڏيندا ھئا. سندس نالو مير عباس علي ھو. ڌاڙيلن جڏھن ڪڍ ايندڙ ماڻھن کي ڪجھھ منجھيل ڏٺو، تھ پنھنجا اٺ ھشائي پيادو ٿي، منھن ڀري بندوقن سان پٺيان کان مٿن حملا ڪرڻ شروع ڪيا. جمعدار عباس عليءَ کي درٻار طرفان ترت امداد ملڻ جي ڪابھ اميد ڪانھ ھئي. ھن پنھنجي فوجي جوانن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ۽ واري واري سان حملي ڪرڻ واريءَ حڪمت عمليءَ کي استعمال ڪيو. کيس ڏاڍا گھاؤ رسيا ۽ سندس جوانن جو ٽيون حصو مقابلو ڪري مارجي ويو. جمعدار کان پوءِ، دفعدار تي ڪمان ڪرڻ جون ذميداريون اچي پيون ۽ ھو بھ وڌيڪ حملي ڪرڻ کان لاچار ٿي پيو. جيڪڏھن درٻار طرفان موڪليل ھٿياربند مدد ڪن ھا، تھ ڌاڙيلن جو ھڪ ماڻھو بھ زنده ڪونھ بچي ھا. نيٺ ھو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب تھ ٿي ويا، پر کين پاڻي ملي ڪونھ سگھيو. کوھن تي سرڪاري فوجين قبضو ڪري ورتو ھو. ٿر ڏانھن ويندي چاليھن ميلن تائين ساڻن ھلڪا ھلڪا مقابلا ٿيندا رھيا. نيٺ ٿڪجي، اڃ ۾ ماندا ٿي ١٦ ڄڻا مري ويا. | |
| (٥٥) بھادر جمعدار جي موت تي ڏک ھڪ فطري ڳالھھ ھئي. ھٿياربند فوجين ۽ صوبي طرفان سوڳ ڪيو ويو. سندس لاش کي رڻ ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ اھو کڻائي ھٿياربند فوجي دستن جي صدر مقام جي سامھون دفنايو ويو. مٿس شاندار قبو تعمير ڪرايو ويو آھي، جيڪو سندس بھادرانھ موت جو يادگار آھي. | |
| (٥٦) ڪڇ جي سرڪاري فوجين کي ڌاڙيلن تي حملي ڪرڻ کان انڪار سبب، ڀڄ درٻار نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. انھن مان ٢٠٠ جوان پونا آگزيلري ھارس ۾ اچي ڀرتي ٿيا. ڪئپٽن رابرٽ کين پارڪر جي ڌاڙيلن خلاف واگھڙ جي تحفظ لاءِ پنھنجي نظرداريءَ ھيٺ رکيو. ڪڇ ۾ رھندڙ انگريز ريزيڊنٽ امن امان لاءِ جيڪي آسون اميدون رکيون ھيون، سي پوريون ٿيون. اھڙيءَ ريت ڪڇ جي فوجي دستن جي اھلڪارن جي ماتحت نئين سر جوڙجڪ عمل ۾ آئي. ڪڇ جا رھاڪو بھ امن امان ڪري سرھا ۽ انگريز جا شڪرگذار ٿيا. پر پارڪر جي ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ۾ ڪا ڪمي ڪانھ آئي. حيدرآباد جي اميرن ڏانھن بار بار چتاءَ جا خط روانا ڪيا ويا، ڇاڪاڻ تھ پارڪر سنڌ جي انتظامي سرحدن اندر ھو. اتان جي حڪمرانن جا خالي وعدا ھوندا ھئا، پر عملي طور ڪيو ڪجھھ بھ ڪونھ ويندو ھو. نيٺ تنگ ٿي، سنڌ جي حڪمران مير مراد عليءَ ڏانھن ھڪ سخت قسم جو خط (1) روانو ڪيوسون، جنھن ۾ لکيو ويو ھو تھ: اسان جي ساٿي ڪڇ جي راءِ جي ملڪ ۾ توھان جي ملڪ پارڪر جي ڌاڙيلن گھڻي وقت کان ظلم ٻاري ڏنو آھي. اتان جا بدمعاش ماڻھو ڪڇ جي راڻن وٽ اچي پناھھ وٺن ٿا. (2) | |
| پر حقيقت ۾ انھن جو واسطو اوھان جي ملڪ سان آھي. انگريز سرڪار اجايو پئي ڪڇ جي حڪومت کان تاوان ڀرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پارڪر جي راڻن، ڌاڙيلن کي اسان جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي. ڌاڙن واريون ڍڳيون، ٻڪريون ۽ ڏاچيون اتي کلئي عام وڪرو ٿيو وڃن، يا انھن جانورن تي واپار ڪيو وڃي ٿو. انگريز سرڪار جا غير پسنديده ماڻھو بھ اتي اچي پناھھ وٺن ٿا ۽ اتان ھلي اسان جي دوستن جي ملڪن ۾ ڌاڙا ڦريون ڪن ٿا. اوھان کي اڳيئي نيڪ روشن آھي، تھ پارڪر جو پتوجي (Pittooji) واگھيلو انگريزن سان ڇا ڪري گذريو آھي. ھن انگريز سرڪار جي سخت توھين ڪئي آھي. ھن اڳرايون ۽ زيادتيون ڪيون آھن. ان ڪري ھاڻي اھو انگريز سرڪار جو ذمو آھي، تھ پنھنجي دوست ملڪن جي مفادن جو تحفظ ۽ سندن عزت جي نگھباني ڪري ۽ توھان جي ملڪ ۾ رھندڙ ڌاڙيلن کي مڪمل تباھھ ڪري، يا اسان کي ڪنھن قسم جو اطمينان ڏياريو وڃي. ان ڪري آءٌ اوھان کي گذارش ٿو ڪريان، تھ ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ ترت اثرائتا قدم کنيا وڃن. پتوجي واگھيلي راڌڻ پور جي سردار بيبي ۽ سندن ٻين ساٿين کي انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي. اڳين نقصانن جو عيوض ڏنو وڃي ۽ مستقبل ۾ ڏوھن نھ ڪرڻ جي ضمانت ڏني وڃي. جيڪڏھن اوھان ايئن نھ ڪيو، تھ انگريز سرڪار جون فوجون سنڌ جي پارڪر جي حدن ۾ اندر ٽپي، انھن ڌاڙيلن کان پورو انتقام وٺنديون. جن، انگريز سرڪار جي بچاءَ ۾ آيل دوست ملڪن جي سرحدن اندر ڦرلٽ جي ڌم مچائي ڏني آھي. مان ان لاءِ اوھان کي خبردار ڪريان ٿو. مون کي افسوس آھي، تھ اھو حملو ٿي گذرندو. جيڪڏھن مٿيان مطالبا پورا ڪيا ويا تھ انگريزن جي ھڪ وڏي فوج پارڪر ٽپڻ کان ھڪدم روڪي بھ سگھجي ٿي. اسان اوھان جي تڪڙي جواب جا منتظر آھيون. | |
| (٥٧) جن ڏينھن ۾ مٿيون خط حيدرآباد روانو ڪيو پئي ويو (1) تھ ان وقت حيدرآباد کان فوج پارڪر پھتي. باھيون ڏئي ٻھ ٽي ڳوٺ وڃي ساڙيائون. پارڪر جي راڻي، ويرا واه جي راڻي پونجا جي ۽ ٻين (1) ستن اٺن کوسن کي گرفتار ڪيو ويو. ٻيا کوسا ۽ ڌاڙيل ڀڄي وڃي سنڌ ۽ ٻاھڙ مير جي وچ تي ٿر ۾ لڪا، جتي کين بچاءَ ۽ آجيان جي پڪ ھئي. سنڌي فوجين جي اچڻ ڪري اھو ٿيو جو ڌاڙيل علائقو ڇڏي ھليا ويا. ڪيترا چڱا مڙس ماڻھو بھ لڏي پلاڻي نڪري ويا. ڪن اچي ڪڇ وسايو. انھن مان ڪيترا تھ واپس ئي ڪونھ موٽيا. | |
| (٥٨) مٿي ذڪر ڪيل خط جو جواب ھزھاءِ نيس مير مراد علي خان موڪليو، جيڪو حيدرآباد جي شاھي درٻار جي عام خطن جيان پيچيده ۽ ڦرڻو گھرڻو ھو. ھزھاءِ نيس خط جي روايتي عبارت کان پوءِ، خط جي جواب ۾ پنھنجي باھمي دوستيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ وڌيڪ لکيائين تھ: ٻنھي ملڪن جي دوستي ايتري گھٽائي آھي، جو ٻئي ملڪ ڄڻ ھڪ ملڪ بڻجي ويا آھن. اسان پنھنجن باھمي مفادن کي چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا. اسان وڏي توجھھ سان اوھان جي معاملن کي اوليت ڏيون ٿا ۽ انھن کي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان کان پوءِ، ھو اڳيان احوال ڏيڻ شروع ڪري ٿو، تھ ڪيئن ڌاڙيل ڪڇ ۽ ٻين علائقن ۾ ڌاڙا ۽ ڦريون ڪندا ھئا. آخر ۾ ان ڳالھھ تي پھچي ٿو، تھ سندس فوج ڌاڙيلن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي آھي ۽ سندن ڪارروايون ھاڻي گھٽجي ويون آھن. اڳتي ھلي خط ۾ لکي ٿو: ”اھا ھڪ واضح حقيقت آھي، تھ انھيءَ فوجي ڪارروائيءَ کان پوءِ، موٽي ساڳين پڊن تي اچي ڪونھ وھندا. نھ وري انھن ڌاڙيلن کي ڪڏھن ڪڇ ۽ گجرات جي سرحدن اندر پير رکڻ جي جرئت ٿيندي.“ ويساھھ ڏياريندي وري لکي ٿو: ”وڏي خرچ سان ١٠،٠٠٠ جنگي سوارن تي مشتمل فوج تيار ڪئي وئي آھي، جنھن جي ڪمان ھڪ نھايت بھادر ڪماندار جي حوالي آھي.“ جنھن جا لقب ۽ خطاب ايڏا تھ وڏا ۽ ڊگھا آھن، جو پڙھندڙن کي ٻڌائي وائڙو ۽ پريشان ڪرڻ ڪونھ ٿو چاھيان. اڳتي خط ۾ لکيل آھي: | |
| انھن کي اھڙا واضح حڪم ڏنا ويا آھن، تھ کين ڌاڙيل جاٿي بھ نظرن اچن، سندن ڄڻ ٻچو رلائي ناس ڪيو وڃي. ھزھاءِنيس خط ۾ انگريز سرڪار کي گجرات ۽ ڪڇ جي ٿاڻيدارن کي ھدايت ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، تھ جيڪڏھن پارڪر جا ڌاڙيل سندن علائقن ۾ ڪاٿي بھ ھٿ اچن، تھ انھن کي قتل ڪرڻ جي کين اجازت آھي. خط ھنن لفظن سان ختم ٿئي ٿو ”دوستي جي باغ جي پنھنجي خطن جي پاڻيءَ سان آبياري ڪندا رھندا.“ | |
| (٥٩) مشرقي طرز تحرير ۾ استعارا ۽ ڪنايا اھڙا استعمال ڪيا ويندا آھن، جو مفھوم ڪونھ ملندو آھي، ۽ ھن خط جي مراد ۽ مطلب مان بھ ڪوبھ اعتماد ۽ اطمينان ڪونھ ٿي مليو. ٻئي طرف کان اسان کي ڪن سببن ڪري پورو ويساھھ ھو، تھ ڪڇ جي ڌاڙيلن ڀڄي وڃي پارڪر ۾ پناھھ ورتي آھي. ان ڪري ھزھاءِنيس پاڻ (1) ڌاڙيلن کي پناھھ ڏيندڙ پاٿاريدار بڻجي پيو ھو. اسان ھزھاءِنيس کان مطالبو ڪيو، تھ کين پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. انگريز سرڪار جنھن جو مول مقصد ئي ڪڇ ۽ گجرات کي ڌاڙيلن جي ڪاررواين کان بچاءُ ڪرڻ ھو. اھڙين حالتن ۾، جيڪڏھن ھزھاءِنيس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري، تڏھن بھ اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ ڏانھس خط ضرور لکيو وڃي، تھ جيئن ھو پارڪر جي ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ جو پڪو واعدو ڪري. ڇاڪاڻ تھ اسان جي سرحدن سان ڌاڙيلن جو ڏاڍو آزار آھي. جيڪو سھڻ کان ٻاھر آھي. کانئس اھڙي اڳواٽ ئي ضمانت ورتي وڃي. تنھن ڪري مجبور ٿي، انگريز حڪومت ھزھاءِنيس وٽ ھيٺيان مطالبا پيش ڪيا. | |
| (٦٠) مطالبا ھي ھئا تھ: گھربل ڌاڙيلن کي انگريز حڪومت آڏو پيش ڪيو وڃي. ٻن سالن جي عرصي ۾ ڌاڙيلن جيڪو نقصان ڪيو آھي، اھو ڀري ڏنو وڃي. پارڪر جي ڌاڙيلن کي وڌيڪ ڌاڙن ھڻڻ کان روڪيو وڃي، يا انگريز سرڪار جي فوج کي پارڪر ۾ رھڻ جي اجازت ڏني وڃي، يا پارڪر جو علائقو ڪڇ جي راءِ جي حوالي ڪيو وڃي. اھڙيءَ ريت مٿين ذميوارين کان ھزھاءِنيس آجو رھي سگھي ٿو. پارڪر جي علائقي جي عيوض ڪڇ جو راءِ اميرن کي ڏن ڏيندو، جنھن جي ضمانت انگريز سرڪار پنھنجي سر تي کڻڻ لاءِ تيار ھئي. | |
| (٦١) پڪن واعدن ڏيڻ کان پوءِ، بھ پارڪر جا ڌاڙيل (1) ڪڇ جي اوڀارئين علائقي چوراڙ (Chorar) مان جنوري ١٨٣٢ع ۾ چار سؤ کن مال ڪاھي ويا. ھيءُ ڪو ھڪڙو ڏوھھ ڪونھ ھو، پر اھڙيون ڪيئي وارداتون ڪيون ويون ھيون. تنھنڪري انگريز سرڪار پارڪر ڏانھن پنھنجي فوج موڪلي، ڌاڙيلن کي سيکت ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو. | |
| (٦٢) اھڙيءَ ريت پھرين نومبر ١٨٣٢ع ۾ انگريز فوج ڪڇ جو رڻ اڪري، نارا بيٽ کان ڦري، سنڌ جي سرحد اندر پارڪر (1)وڃي پھتي. چڱو مڙس، راڻو جڳوجي ھو، جيڪو ڪجھھ عرصو اڳ پنھنجي چاچي کي قتل ڪري پاڻ راڻو بڻيو ھو، ۽ پارڪر جي ڌاڙيلن کي پناھھ ڏيندو رھندو ھو. انگريزي فوج بھ کيس گرفتار ڪرڻ جي ارادي سان آئي ھئي. پر ھو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ويرا واه جو راڻو ۽ براڻا جو ٺڪر ھڪدم پيش پيا. فوج پيشقدمي ڪندي ٻاکاسڙ ۽ ٻاھڙ مير طرف رواني ٿي، جن جي وچ وارن علائقن ۾ فوجي ڪاررواين وقت ڌاڙيل ڀڄي وڃي پناھھ وٺندا ھئا. مشھور پاٿاريدارن کي قيد ڪيو ويو. جيڪڏھن ڪمانڊنگ آفيسر ڪڇ جي ريزيڊنٽ جي چوڻ تي عمل ڪري ھا، تھ ان فوجي ڪارروائي جو ڏاڍو سٺو ۽ ديرپا اثر ٿئي ھا. مجموعي طور تي نتيجو اطمينان جوڳو نڪتو. ھزھاءِنيس واعدو ڪيو ھو، تھ پنھنجي فوج حيدرآباد موڪلي، انگريزي فوج جي سھائتا ڪندو. پر اھي ايترو دير سان پھتا، جو ڪنھن ڪم جا نھ رھيا. سندن حالن مان اھو پتو پيو ٿي، تھ جنھن مقصد واسطي کين گھرايو ۽ موڪليو ويو ھو، ھو ان جي لائق ئي ڪونھ ھئا. | |
| ھزھاءِنيس ڪڇ جي ريزيڊنٽ کي ٻٽاڪ ھڻندي اطلاع ڏنو ھو، تھ ھن ٢٥٠٠ چونڊ گھوڙي سوار قابل ڪمانڊرن جي نگھبانيءَ ۾ موڪلي ڏنا آھن. انگريز فوج جي آفيسرن اطلاع ڏيندي ٻڌايو، تھ گھوڙن جو تعداد فقط ٥٠٠ ھو، جيڪي قد جا منڌرا ۽ ڏاڍا ڏٻرا ھئا. ڪمانڊر وري ايڏا دلير ھئا، جو سنڌ جي سرحدي شھر گڊڙي کان اڳتي ٽپڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا. کين اھا خبر ھئي، تھ اھي ان جنگي مھم سان لاڳاپيل آھن، جيڪا نيڙ Neyur (ٿر، پارڪر ۽ ٻاھڙ مير جي وچ وارو علائقو) جي علائقي ۾ موجود ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ وڃي رھي آھي. | |
| (٦٣) گھڻي وقت کان وٺي عام خيال اھو ھوندو ھو، تھ ڌاڙيلن کي پنھنجن ٿمن ۾ پھچڻ کان پوءِ، ڪير بھ کين پڪڙي ڪونھ ٿو سگھي، پر ھينئر ھو حياتي بچائڻ لاءِ سرگردان ھئا. ڪڇ جي ريزيڊنٽ (1) جنھن کي ھن معاملي ۾ خودمختيار اختيار حاصل ھئا، تنھن عوام جو پئسو خرچ ڪري، فوجن کي ڌاڙيلن خلاف لڳائي رکڻ مناسب ڪونھ سمجھيو ۽ پوئتي موٽائي ڇانوڻيءَ ۾ گھرائي ورتو. باقي ڪئپٽن رابرٽ جي نگرانيءَ ھيٺ پارڪر جي علائقي ۾ ھيٺين فوج رھڻ شروع ٿي: | |
| (2) مقامي گھوڙيسوارن جو پورو اسڪواڊرن | |
| مقامي ماڻھن تي مشتمل ھڪ سو پيادل فوج | |
| ڪئپٽن رابرٽ جو اريگيولر ھارس | |
| ھڪ سو پھلون پر ھارس | |
| ٥٠ جاڙيجا ڪڇ ھارس | |
| (٦٤) مذڪوره فوجي دستن کي ڪئپٽن رابرٽ، جي ماتحت رکندي، ريزيڊنٽ لکي ٿو: ”توھان گھڻي عرصي کان وٺي منھنجن خيالن ۽ منصوبن کان پوري ريت باخبر آھيو، تنھن ڪري مان اوھان کي تفصيلي ھدايتون ڏيڻ ضروري ڪونھ ٿو سمجھان.“ ان کان پوءِ اشارو ڏيندي ٻڌائي ٿو تھ: فوجي مھم جو مقصد حاصل ٿي چڪو آھي. وڌيڪ اضافو ڪندي لکي ٿو تھ: جيڪڏھن ممڪن ٿي سگھي، تھ باري Barra کوسي کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. ھو مشھور ماڻھو ۽ ڌاڙيلن جو لٺ سردار آھي. ساڳئي وقت سنڌ جي اميرن کي ڪڇ جي ريزيڊنٽ جي ارادن کان بھ واقف ڪيو ويو ھو، تھ جيستائين ڌاڙيلن جي ڦرلٽ بند نھ ٿيندي، تيستائين انگريزي فوج پارڪر ڪانھ ڇڏيندي. | |
| (٦٥) پارڪر جي اڳئين راڻي جو قاتل ڀڄي ويو ھو. انگريز سرڪار اڳئين راڻي جي ڏاڏنگ مان ڪنھن مرد ماڻھوءَ کي مقتول راڻي جو جاءِ نشين بڻائي، پارڪر جو علائقو سندس حوالي ڪيو. ھن قسم جي دخل اندازيءَ کي سنڌ حڪومت نفرت جي نگاھھ سان ڏٺو. پر پوءِ انگريزن جو اھو فيصلو قبول ڪيو ويو. اڳئين راڻي جي سوٽ، ڪرن جي کي، ڪئپٽن رابرٽ، پارڪر جي راڻي جو لقب ڏئي گاديءَ تي وھاريو. ان وقت راڻي ڪرن جي عمر فقط ٽي سال ھئي. (1) | |
| (٦٦) قاتل راڻي، جڳوجيءَ کي پڪڙي، سنڌ حڪومت انگريزن جي حوالي ڪيو، جنھن کي قيد ڪري، ڪڇ جيل ۾ رکي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. ١٨٤٤ع تائين کيس سرڪار طرفان ھڪ روپيھ ڏھاڙي خرچ لاءِ ملندو ھو. پوءِ ڏھاڙي خرچ عيوض کيس ڀوڏيسر جو ڳوٺ ڏنو ويو (1) ۽ کيس اتي رھڻ جي اجازت ڏني وئي. ھو ان ڳوٺ جي پيدائش پنھنجي سڄي زندگي کڻندو رھيو ۽ ١٨٥٢ع ۾ وفات ڪيائين. | |
| ان کان پوءِ ڀوڏيسر جو ڳوٺ حڪومت پنھنجي تحويل ۾ ورتو ۽ سندس وارثن کي گذر سفر لاءِ ڪجھھ زمين ڏني وئي. | |
| (٦٧) ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن جي آزار کان ڪڇ ۽ گجرات کي بچائڻ واسطي، ڪيئن ھوريان ھوريان ۽ درجي بدرجي قدم کنيا ويا، ان سڄي صورتحال جو ذڪر اوھان اڳين صفحن ۾ پڙھي آيا آھيو. انھن ڌاڙن ڪري نقصان، تمام گھڻو، مختلف قسمن جو ۽ لڳاتار ٿيندو رھيو. جيڪڏھن صحيح انگ اکر ٻڌائبا، تھ اوھان حيران ٿي ويندا. رڳو ھاڻوڪن تازن ڌاڙن جي نقصان جو پورائو ڏھن لکن روپين مان ڪونھ ٿي سگھندو. ڌاڙن جا جيڪي نتيجا نڪتا آھن، سي ڏاڍا دکدائڪ ۽ ڀيانڪ آھن. ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻھن کان خالي، علائقن جا علائقا ويران، زمينون بُٺ ۽ غير آباد ٿي ويون آھن. ڪيترين صدين کان وٺي، اڄ تائين (١٨٣٣ع) ڪڇ ۽ گجرات جي ڪن حصن امن امان جي نالي جي ڪا شيءِ ڏٺي ئي ڪانھ ھئي. اڄ اتان جا ماڻھو ڌاڙيلن جي ڏھڪاءَ کان بلڪل آجا آھن. اھو سڀ ڪجھھ ٻاھڙ مير ۽ پارڪر ۾ موجود فوجي چوڪين ڪري ٿيو آھي. | |
| (٦٨) پارڪر ۾ فوجي چوڪيءَ جي قيام کان اڳ ۽ پوءِ، اتي ماڻھن جو ڪيترو انگ (1) مذڪوره ذميوارين کي بجا آڻڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو، سو ھتي پيش ڪجي ٿو. پارڪر ۾ چوڪيءَ قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪڇ اندر ديسا Deesa، راڄڪوٽ ۽ ڀڄ ۾ بھ اھڙيون چوڪيون قائم ڪيون ويون ھيون. انھن ساڳين جاين تي نفري وڌائي وئي. اڳين چوڪين تي ١٥٥٢ ماڻھو رکيل ھئا، جيڪي باضابطھ فوج ۽ ھنگامي ڀرتيءَ واري فوج تي مشتمل ھئا. پارڪر جي چوڪيءَ تي فقط ٢٢٥ ماڻھو مقرر ڪيل ھئا. ١٣٢٧ وڌيڪ ماڻھو رکي، کوٽ دور ڪئي وئي آھي. پارڪر تي قبضو گھڻي خرچ کان بچڻ واسطي ڪيو ويو آھي. ھن دنگ کان ھيٺ، يا مٿان ڪوبھ خطرو موجود ڪونھ آھي. نھ تھ رڻ جي ڪنارن سان اڳي ڌاڙيلن رڃ جي ڏيکاءَ، ڌنڌ ۽ ڪڪرن جيان پيا ھيڏي ھوڏي ڦرندا وتندا ھئا. | |
| (٦٩) ٻاھڙ مير ۾ فوجي چوڪي مستقل بنياد تي قائم ڪئي ويئي آھي. منجھس ھڪ گھوڙي سوار دستو، پيادل فوج جون ٻھ ڪمپنيون ۽ ٢٠٠ گائڪواڙ ھارس آھن. درٻار (1) جو ھڪ مبھم خيال آھي، تھ سندس بادشاھيءَ جون سرحدون ميوا Mewa يا ملاڻي Mullanee علائقي تائين آھن. جنھن ۾ ٻاھڙ مير پڻ موجود آھي. ٻنھي علائقن ۾ ڌاڙيل وڃي پناھھ وٺندا ھئا. ٻنھي ماڳن جا پٽيل ۽ عام ماڻھو ڦرلٽ جي ڌنڌي کي ھمٿائيندا ھئا ۽ ڀاڱي ڀائيوار رھندا ھئا. جڏھن جوڌپور ۽ حيدرآباد کان فوجي جٿا ڍل اڳاڙڻ يا خود ڌاڙيلن کان ڦرڻ لٽڻ ايندا ھئا، تھ ٻنھي علائقن جا ماڻھو سندن اختيارن آڏو جھڪي ويندا ھئا. | |
| (٧٠) پارڪر صدين کان پوءِ ھاڻي امن ۽ آشتيءَ جو دؤر ڏٺو ھو. ڌاڙيلن کي سندن مرڪز ۾ ئي سزائون ملي چڪيون ھيون. اتان جا سردار اسان جي اجائي سجائي مخالفت ڇڏي، علائقي ۾ امن امان جي بحاليءَ واسطي اسان جا ٻانھن ٻيلي ٿي بيھي رھيا. ڌاڙيلن جيڪڏھن اڃا بھ سبق نھ سکيو ۽ پنھنجون سرگرميون ٻيھر جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تھ پارڪر ۽ ٻاھڙ مير ۾ رھندڙ فوجين مستقبل ۾ بھ ساڻن مڙس ٿي مقابلي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي. | |
| (٧١) پارڪر جي چوڪيءَ جو ڪماندار ضلعي جي انتظامي معاملن ۾ دخل اندازي ڪونھ ڪندو آھي. سندس ڪم اھو ھوندو آھي، تھ جيئن ڪو ڌاڙيل سر کڻي نھ سگھي ۽ سندن سرگرمين کان ڪڇ جو بچاءُ ڪجي. پارڪر جي رھاڪن وٽ جڏھن حيدرآباد مان محصول اوڳاڙڻ لاءِ فوجي ايندا ھئا، تھ ڍل ۽ سنگ جي نالي ۾ مٿن طرحن طرحن جا ظلم ڪيا ويندا ھئا. جڏھن ھتي مستقل فوجي چوڪيون قائم ڪيون ويون، تھ سمجھيائون تھ حيدرآباد وارا فوجي قھر ڪري ھليا تھ ويندا ھئا، ھاڻي تھ ھنن ظالمن فوجين جو ڏاڍ لڳاتار رھندو. پر جلد ئي کين خبر پئجي وئي، تھ انگريزي فوج حيدرآباد واريءَ فوج کان گھڻي مختلف ھئي. ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ بدران ھن کين تحفظ ڏنو ھو. فوجي موجودگيءَ سبب سندن پئسي ۾ واڌارو ٿيو. ڪئپٽن رابرٽ جي نئين سياسي جوڙجڪ ڪري، آھستي آھستي امن ۽ ترقيءَ جو دؤر اچي رھيو ھو، يا ايئن چئجي، تھ مستقبل جي خوشحاليءَ واسطي پيڙھھ جو پٿر ھنيو ويو ھو. ڇاڪاڻ جو گھڻي وقت جي ڪوشش کان پوءِ، صدين کان ھلندڙ ڌاڙيلن جي سرگرمين تي ضابطو رکيو ويو ھو، جيڪي ھلندي ھلندي آخر ختم ٿي ويون. ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن لاءِ ڌاڙن ۽ ڦرلٽ واريون سرگرميون ائين ھيون، جيئن جواريءَ جي لاءِ جوا جي ھير ۽ شرابي لاءِ شراب جي بوتل ھجي. کين انھن عادتن کان ڇڏائڻ ڪيترو نھ ڏکيو ھو. ھو ان ماحول ۾ ننڍن مان وڏا ٿيا ھئا. ھڪ طرف سندن جذبن جي تڪميل ٿيندي ھئي، تھ ٻئي طرف کان سندن روزگار جو مسئلو بھ حل ٿي ويندو ھو. | |
| (٧٢) پارڪر ۾ فوجي چوڪيءَ جي قيام کان پوءِ، ڪڇ ۾ ڌاڙن ۽ ڦرلٽ ۾ گھڻي قدر ڪمي اچي وئي ھئي. ١٨٣٤ع ۾ پارڪر ۾ ھڪ واقعو ٿيو، جنھن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي، جنھن مان ماڻھن جي ارادن جو چڱيءَ ريت پتو پئجي سگھي ٿو. اھو واقعو ھن ريت آھي، تھ حيدرآباد طرفان محصول جي اوڳاڙيءَ لاءِ ھڪ ڪاردار پارڪر آيو. ھن اچڻ سان ماڻھن جي مرضيءَ خلاف نئين قسم جو سنگ ۽ ڍل ماڻھن مٿان مڙھي، جيڪو ماڻھن پسند نھ ٿي ڪيو. نتيجي ۾ ويڙھاند ٿي، جنھن ۾ ڪاردار ۽ سندس ٻھ ڪارندا گھائجي پيا. | |
| انگريز سرڪار طرفان، پارڪر جي فوجي چوڪيءَ کي علائقي جي انتظامي معاملن ۾ دخل اندازي نھ ڪرڻ جا احڪام مليل ھئا.(1) چوڪيءَ جا اعليٰ عملدار مقامي انتظاميھ جي ڏاڍ طرف ڪوبھ ڌيان نھ ڏيندا ھئا. باقي ريزيڊنٽ جي خواھش ڏيکارڻ تي قاتلن جي گرفتاريءَ جي ڏس ۾ مقامي انتظاميھ جي مدد ڪندا ھئا. مٿي ذڪر ڪيل واقعي جي نتيجي ۾ اتان جي ماڻھن گھڻو ڪجھھ ڀوڳيو، نيٺ حيدرآباد مان ھڪ نئون ڪاردار مقرر ٿي آيو. | |
| (٧٣) توڙي جو پارڪر جي ڪمانڊنگ آفيسر کي ڪو سياسي اختيار ڪونھ ھو، پر ھو ڪڇ جو اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ۽ اريگيولر گھوڙيسوار فوجي دستن جو ڪمانڊنٽ ھو. واگھڙ ۾ کيس ھڪ ڪمانڊر جي حيثيت ھئي. ان سبب ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن تي سندس وڏو اثر ھو، تنھن ڪري حيدرآباد جي ڪاردار کي ڍل اوڳاڙڻ ۽ ماڻھن تي ظلم ڪرڻ ۽ عام ماڻھوءَ کي قتل جي جرم کان روڪڻ جو طبعي لاڙو رکندڙ ھو. | |
| (٧٤) ١٨٤٣ع تائين ڪو خاص واقعو پيش ڪونھ آيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ، ان علائقي جا ماڻھو ٽالپرن بدران انگريز سرڪار جي رعيت بڻجي ويا. ١٨٤٣ع جي شروعات ۾ پارڪر مان فوجي چوڪي ھٽائي، ڪڇ جي ٻيلي شھر ۾ قائم ڪئي وئي. ان جي پوئتي ھٽي وڃڻ جو شايد سبب اھو آھي، تھ پارڪر واري چوڪيءَ تي عوامي حملن جي خطري جو گھڻو امڪان ھو. اھا چوڪي ٻين چوڪين کان دور ۽ اڪيلي ھئي. رسد ۽ تحفظ جو امڪان گھٽ ھو. جڏھن اتان جي سردارن اسان کي تحفظ ۽ تعاون جو يقين ڏياريو، تھ پوءِ پارڪر ۾ وري چوڪي قائم ڪئي وئي. | |
| (٧٥) ڀڄ ۾ رھندڙ فوجي دستو ڏيپلي ۾ رھڻ لاءِ موڪليو ويو. پر اتي ھر ضروري شيءِ ۽ پاڻيءَ جو ڪال ھو، جن جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ ضروري ڪونھي ۽ نھ وري ھن ڪتاب جو مقصد ئي آھي، تنھن ڪري ان فوجي دستي کي ھٽائي، ڪڇ جي ڪوارا شھر ۾ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ اتان بھ ڪڍي، کيس ونگا بازار ۾ رکيو ويو. سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، واھپي جي ھر چيز تي ٿر ۾ عام سوچ کان پوءِ تمام گھٽ اثر ٿيو، ۽ ڪڇ جي ڀر ۾ ھجڻ ڪري فوجين جي سھڪار سان لاڀ پرائڻ ۾ آساني ھئي. | |
| (٧٦) ڪڇ جي راءِ ڏيپلي جي سوڍي وٽان شادي ڪئي، جن مان ڪونھ ڪو سدائين ڀڄ ۾ پيو رھندو ھو ۽ گھڻي وقت کان وٺي ڪڇ جي جاڙيجن جو ٿرواسين سان دوستي ۽ ميل ميلاپ جو رستو قائم ھو. سنڌ، ٿر ۽ پارڪر جو مذھب، زبان ۽ ريتيون ۽ رسمون ڪڇ جي رڻ جي ڏاکڻين حصي سان ھڪجھڙائي رکن ٿيون. ھونءَ بھ ڏسجي، تھ سڄو ڪڇ سنڌي سڀيتا جي رنگ ۾ رنڱيل ۽ ھڪ سڀيتائي ايڪو آھي. | |
| (٧٧) ڏيپلي جي راڻي ۽ نھڙين جي ارباب پنھنجن پوئلڳن ۽ ھٿياربند ماڻھن سميت اسان سان سھڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ جي سوڍن سردارن بھ ساڳيو واعدو ڪيو آھي. انھن جون خدمتون فقط ٿوري وقت لاءِ تڏھن ڪم آنديون ويون، جڏھن حيدرآباد قلعي تي انگلئنڊ جو جھنڊو ڦڙڪائي، فبروري ١٨٤٣ع ۾ سنڌ کي انگريزي شھنشاھت ۾ شامل ڪيو ويو. اھا ڪڇ جي رڻ، ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن لاءِ نھايت سٺي خبر ھئي. | |
| (1) Vide Memoir on the Kutch State published as No XV of selections 1855. | |
| (1) The Fort of Islmakote was built A.D. 1795 – it is 386 feet square; the fort of Mitlee was built a few years before Islamkote; the fort of Nowakote was built about A.D. 1814; the fort of Singalla is supposed to have been built about A.D. 1800. The first, second and fourth forts could not have cost less than seven or eight lacs of Rupees each. | |
| (1) The Chief of Veerawow was fined Rs. 3,166-3-7 (Cores 12,000), while his brother died at Hyderabad in captivity. The Rana of Parkar was fined Rs. 2,638-8-4 (Cores 10,000). The Thakoor of Barana, at which place the Ameer’s officer was murdered, was fined Rs. 10,000. The Chief of Pittahoore was fined 700 Rupees, and Soda Kamajee of Adygaum, 1,500 Cores. The captives were about three months in captivity. | |
| Vide Kutch narrative p.18-19. | |
| (1) On the 14th December 1815, Colonel East crossed the Runn at Venasir, with 4,000 fighting men. | |
| (1) In May 1819, a party of 800 men, chiefly mounted on camels and horses, attacked Butchow, situated on the Southern side of Wagur, close to the Gulf. They were driven off by the guns of the fort, not, however till they had secured 200 head of cattle. From thence they moved to Vond, a fine flourishing village about two miles from Butchow, the gates of which they shut, and then plundered it, carrying off all the cattle belonging to the place, except some 20 or 30, the estimated damage occasioned by this one foray alone being not less than 35 or 40,000 Rupees. Shortly before this 500 head of cattle were carried off from Rapore, also in Wagur,- Rapore and Butchow being the principal darbar towns in the district. | |
| (1) Vide letter from Resident to Government dated 7th June 1831. | |
| (1) قإڵجڷ ڶإڷ ڷڟڎ إغۑ حۆ جێ ڥف ۽ صإڎڥڎ ضۑ ډإڏۑڵڷ ڦۑ كۆڈ إڷڧڎۑڐڷ ضۑ ێّڛۑ ێیۑ، ضۆ بێإڷۆ ڥڎۑ، ێڷڷ ڥف جۑ ڤبڝۆ ڥڎۑ ۆڎجۆ. ێإڼۑ ښڷډ ڞڎڢ صۑڛ ڤڈڶۑ٪ ڵإ٭ ډإڏۑڵڷ ضۆ ضۆإڐ کۆڵێۑ ڎێۑإ ێیإ. (ڶجڎضڶ) | |
| (2) Vide enclosure dated 6th September 1831 received with letter No. 109 of 17th Sep: 1831. | |
| (1) Vide letter from Assistant Resident in charge to Government, dated 30th December 1831. | |
| (1) Vide letter from cornel Jackson, dated 4th November 1831. | |
| (1) Vide letter from Government No. 128 of 24 November 1831. | |
| (1) Vide letter from captain Robert to Resident, dated 9th 1832. | |
| (1) Vide letter from lieutenant colonel letch field, commanding field force, dated veerawow, 7th November, 1832. | |
| (1) Vide letter No. 390 of 24th December 1832 to lieutenant colonel letch Field commanding Fieldforce. | |
| (2) It would however appear that only a small portion of this force actually occupied Parkar. | |
| (1) قإڵجڷ ڶإڷ ڷڟڎ إۑیڷ إغۑ حۆ، جێ ڶڤجۆڵ ڎإڼۆ ضڷێڷ ڦۑ ضکۆضۑ٪ ڤجڵ ڥۑۆ ێۆ، ښۆ إڷڧڎۑڐڷ ضۆ إۑضڷخ ێۆڷڈۆ. ضڷێڷ ضۑ ڤجڵ حۑڼ جۑ ڎإڼۑ ضکۆضۑ٪ ڦۑ ڧڎڢجإڎ ڥڎڼ ڵإ٭ إڷڧڎۑڐۑ ڢۆض صإڎڥڎ جۑ ڥإێۑ إغۑ حۑ. ڥف ۽ ښڷډ ضۑ ښۑإښۑ ۆإۑۆ ڶڷڋڵ ۾ صإڎڥڎ ضۑ ڢۆضۑ إێڶۑج ڦإڷ ڵڷۆإیۑ ڷێ حۆ ښڧێضۑ. (ڶجڎضڶ) | |
| (1) The son and other near male relations of Juggoojee appealed against this resumption of the village to the Commissioner in Sindh in December 1854, when the Commissioner was in Parkar. The appeal was reported on in letter No. 341 of 1854, dated 25th December, as follows:- | |
| “Soda Juggoojee was in exile from the date of our force entering Parkar, till he was made over the British Government as a state prisoner, during which period any rights in Parkar which his relationship to the Rana gave him a claim to, were enjoyed by the Rana, he having forfeited them by the murder of his relative, the former Rana by name Ruttun Sing. Whatever therefore may have been his rights in Parkar formerly, they had long ceased to exist when the district under our rule.” | |
| “The only other point for consideration that suggests itself to me, with reference to the petition under report is, whether it was intended, in granting the village of Bhoodesir to Juggoogee Soda, to do so in perpetuity or not. The wording of the correspondence is vague, and the best attention that I have been able to give the subject leaves me doubtful of what was intended; while the grant, whether it be looked on as a life one, or in perpetuity, appears to me in the light of an act of grace, emanating from the British Government as conquerors of Sindh, or as an arrangement of political expediency, rather than as an acknowledgement of Soda Juggoogee’s usurped rights in Parkar, which we had been chiefly instrumental in depriving him of many years previously.” | |
| “It was under this view of the case, that I hesitated in bringing the subject to the notice of the Commissioner, to recommend the continued alienation of the village to the descendants of Soda Juggoojee, considering that their right to it could not be substantiated or deemed valid, in the absence of enjoyment for so many years previous the conquest to Sindh; while the alienation of villages, except where indispensable on principles of equity or expediency, appears a questionable policy.” | |
| “The Acting Commissioner in reply, in February 1856, observes that the late grant was one of grace, and in all respects similar to other life grants which were made by the late Governor, as of grace. Petitioner should there be informed, that the arrangement made in 1853 can not be disturbed. | |
| (1) Vide letter 20 of 1834 dated 28th April from the Government to the Supreme Government received with No. 22 of 28th April from Government. | |
| (1) Vide letter No. 582 dated 28th September 1835 from the Chief Secretary to the Government of India to Agent to Governor General of Sin reporting probable rupture with loud poor. | |
| (1) The command of the Parkar outpost was vested in the officer commanding the Kutch Irregular Horse, who also commanded in Wagur, where he chiefly resided, visiting Parkar, & c. occasionally: in his absence, the senior officer on the sport of the course commanded. | |
| نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس | |
| (٧٨) جڏھن پھرئين جھٽڪي جي لھر ھلي پوري ٿي، تھ ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي ماتحت رھڻ جي خواھش ڏيکاري. اھا ڪا اچرج جھڙي ڳالھھ بھ ڪانھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ ڪڇ جي رڻ، ٿر ۽ پارڪر جا زميندار ۽ عام ماڻھو مسلمان آھن. اتان جي راجپوتن پنھنجن حڪمرانن کان مھربانيون ۽ رحم گھٽ، پر ظلم ۽ ڏاڍ گھڻو سٺو ھو. جن جون رسمون، ريتيون، مذھب، زبان ۽ احساس مختلف ھئا. ٿر ۽ خاص سنڌ جي رھاڪن ۾ ايترو واضح فرق موجود ڪونھ آھي، جيترو سنڌو ماٿري ۽ ٿر جي اچين ڀٽن جي طبعي ساخت ۾ موجود آھي. ان کان سواءِ، ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن لاءِ ڪڇ ۾ ٻي ڪشش بھ موجود آھي. ڪڇ ڪنھن زماني ۾ ڦرلٽ، دنگي، فساد ۽ وڳوڙ جي وستي ھو، ۽ ڪنھن ملڪ جو سياسي سرشتو تڏھن ان بيماري جو شڪار ٿئي ٿو، جڏھن خود غرضي، عياشي ۽ ٻيا ڇڙواڳ جذبا سماج ۾ گھر ڪري ويندا آھن. اسان جي اچڻ کان پوءِ ڪڇ، امن آشتي ۽ خوشين جو گھر بڻجي پيو آھي. | |
| (٧٩) مٿيون مطالبو ڪرنل رابرٽ معرفت پيش ڪيو ويو ھو، جنھن کي ڪڇ جو ڪمانڊنٽ ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو ھو. شخصي طور، ٿر ۽ پارڪر ۾ گھڻو وقت رھيو ھو. گورنر بھ ھڪ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ کيس سپرد ڪيو. جنھن ٻلھياري، ڏيپلي، مٺي، اسلام ڪوٽ، سنگلا، ويرا واه، پيٿاپور، ٻاکاسر ۽ پارڪر تي مشتمل ھڪ ضلعو بنايو. باقي عمرڪوٽ چيلھار ۽ گڊڙي وارا علائقا حيدرآباد ۾ رھڻ ڏنا. | |
| (٨٠) رڪارڊ ۾ ھن ڳالھھ جو سبب موجود ڪونھ آھي، تھ ٿر جي علائقن کي الڳ ڇو ڪيو ويو ھو. عمرڪوٽ، گڊڙو ۽ چليھار ٿر ۽ پارڪر سان بلڪل ھڪجھڙائي رکن ٿا. رنگ، نسل، مذھب، ريتيون، رسمون ۽ حاڪمن جا ڏاڍ سڀ ھڪجھڙا ھئا ۽ ايڪائي جي ھڪ سڳي ۾ پوتل ھئا، تھ پوءِ ڪن علائقن کي ڪڇ سان ملائڻ جو ڪھڙو سبب ھو؟ ڪڇ ۾ موجود ھوندي، اسان جو ٿر ۽ پارڪر سان واسطو رھيو ھو، جتان عمرڪوٽ وڌيڪ پري ۽ وڌيڪ ٿر واري علائقي ۾ موجود ھو، تنھن ڪري اسان جي سڌي واسطي کان ٻاھر رھيو. ٿر ۽ پارڪر جو ڪڇ سان اڳيئي واسطو ۽ رابطو ھو ۽ اتان جي رھواسين جي خواھش بھ فطري طور ڪڇ جي ماتحت رھڻ جي ھئي. ٻيو تھ ڪرنل رابرٽ ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن سان پھريون واسطي ۾ رھيو ھو، جڏھن اھو معاملو نبيرڻ لاءِ کيس ڏنو ويو، تھ کين خوش ڪرڻ واسطي فيصلو سندن خواھش مطابق ڪيائين. اھا توقع رکڻ مشڪل ھئي، تھ ھو عمرڪوٽ، گڊڙي ۽ چيلھار وارو وسيع علائقو ان ڪري پنھنجي ماتحت رکي، جو ان جي ٿر ۽ پارڪر واري علائقي سان ھڪجھڙائي ۽ ويجھائپ ھئي. مذڪوره علائقي سان سندس ڄاڻ سڃاڻ بلڪل ڪانھ ھئي ۽ ڪڇ کان ڏور ھجڻ ڪري ڀڄ (1) ۾ ويھي ان علائقي جو انتظام بھ ڪونھ سنڀالي سگھي ھا. ٻيو تھ عمرڪوٽ، ڀڄ کان ٢٥٠ ميلن جي مفاصلي تي آھي. عمرڪوٽ جي علائقي ۾ ٿر ۽ پارڪر جون طبعي حالتون بلڪل ھڪجھڙيون آھن. ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي، ريتيون رسمون، رنگ ۽ نسل بھ ساڳيو آھي. جيڪڏھن ٿر ۽ پارڪر جي لاءِ ڪوبھ انتظامي قدم کڻجي ھا، تھ ھو ساڳئي نموني عمرڪوٽ واري علائقي تي نافذ ٿي وڃي ھا ۽ ڌار ڪنھن قانوني يا انتظامي مونجھاري ۽ مسئلي جو سوال ئي پيدا ڪونھ ٿئي ھا. | |
| (٨١) اھڙيءَ ريت ھن علائقي کي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي ماتحت ڏنو ويو، جنھن جو ذڪر اسان اڳين حصن ۾ ڪري آيا آھيون. ان وقت علائقي جي آدمشماري تمام ٿوري ھئي. سڄي علائقي ۾ ٣٠،٠٠٠ ماڻھو مس ھئا. ڌاڙا، ڦرون بھ عام جام ھيون. ماڻھو بھ سانگي طبيعت جا آھن. سنڌ جي اميرن جي عملدارن جي حڪمت عملي ڏاڍ واري رھي آھي. زمين بھ ٺيڪي تي ڏيڻ جو لاڙو وڌيڪ رھيو. تنھنڪري ماڻھن جي زندگيءَ جو دارومدار چوپائي مال تي آھي. | |
| (٨٢) سردارن ڪڇ جي ماتحت رھڻ جي جيڪا درخواست ڪئي ھئي، تنھن جي موٽ کين فائدي واري ملي. ڪڇ جي راءِ يا ٻين جاڙيجن جا مٽي مائٽي ڪري ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن سان رشتا ناتا ھئا، ان ڪري سندن اثر رسوخ اڃا بھ وڌيڪ ٿيو. ان کان سواءِ، ڪرنل رابرٽ جا بھ ٿر ۽ پارڪر وارن سان سٺا واسطا قائم ھئا. ھزھاءِنيس ڪڇ جي راءِ ۽ ڪرنل رابرٽ جي وچ ۾ دلي دوستي ھئي. ڪڇ جي راڻن ۽ سردارن جا بھ ڪرنل سان لھھ لاڳاپا ھئا، انھن سڀني ڳالھين نئين علائقي جي راڻن ۽ سردارن جي حقن ۽ رعايتن جي سوال کي چڱي نموني سان حل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. موجوده صورتحال مٿينءَ حقيقت جي پٺڀرائي ڪري ٿي. | |
| (٨٣) پھريون مان ھن علائقي سان لاڳاپيل پوليس انتظام ۽ قبيلن جي سردارن جو ذڪر ڪندس. | |
| (٨٤) کوسن جي سردارن مان ھڪ ڪپري خان Kaprie Khan کي کوسن جي گھراڻي پاڙي مان پنجاھھ ڄڻا ڏنا ويا. ساڳئي قبيلي مان ٻين چئن ماڻھن کي بھ جمعدار مقرر ڪري، ھرھڪ جي ماتحت ٦٠ کن ماڻھو ڏنا ويا. اھڙيءَ ريت ڪل ٥ جمعدارن ۽ ١١٠ گھوڙيسوارن جو پوليس عملو تيار ڪيوسون. انھن سڀني يونيفارم پائڻ ۽ ڊرل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. باقي پوليس نشان طور پٽو ۽ (Breast Plate) بريسٽ پليٽ پھرڻ تي راضي ٿيا. جمعدارن جو پٽو ريشمي ڳاڙھي رنگ جو ھو ۽ بريسٽ پليٽ چانديءَ جي ھئي. گھوڙيسوار جو پٽو سوٽي ۽ بريسٽ پليٽ پتل جي ھوندي ھئي. | |
| (٨٥) شروعاتي ڏينھن ۾ ڪجھھ تڪليف ٿي. ڇاڪاڻ جو پوليس اٽالي جي ڀرتي نئين عمل ۾ آئي ھئي ۽ منجھن بي ضابطگي ھئي. اھا نھايت ضروري ڳالھھ بھ ھئي، تھ کوسن کي ڪنھن ڪم ۾ رڌل رکجي. ڇاڪاڻ تھ ان قبيلي جا ماڻھو ڪن پيڙھين کان وٺي ٿر ۾ ڄڻ موروثي ڌاڙيل رھندا ٿي آيا. جيڪڏھن اسان انھن ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۽ فرض جي ادائگيءَ ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، تھ پوءِ، سندن ٿر واري علائقي جي طبعي ڄاڻ، طاقت ۽ بھادريءَ سبب اھي ڀروسي جوڳا ثابت ٿيندا. پر ان لاءِ ٿوري وقت جي ضرورت ھئي. ھو اسان جي ڪم ۽ طريقھ ڪار کان بلڪل غير واقف ھئا. سندن رھڻي ڪھڻي قديم زماني جي رھڻي ڪھڻيءَ جھڙي ھئي. پنھنجي قبيلي جي سردارن کان فقط کين روايتي رھبري ملندي ھئي. اھي کين ڪنھن مقرر اصول ھيٺ منظم رکي ڪونھ سگھندا ھئا. اچرج جھڙي ڳالھھ اھا ھوندي ھئي، جو قيدين کي ھٿ سان ڀڄائي ڇڏيندا ھئا ۽ موڪل کان سواءِ پنھنجي گھرن ڏانھن ھليا ويندا ھئا. جڏھن بھ قيدي آڻيندا يا نيندا ھئا، تھ پاڻ قيدين جي گھڻو پوئتان پيا ايندا ھئا، يا قيدين وارو رستو مٽي، پنھنجي خانگي ڪم جي پٺيان ھليا ويندا ھئا. قيدين مٿان پھريدار يا سنتري ڪونھ بيھاريا ويندا ھئا. قيدين کان پنھنجي ذاتي نوڪرن وارو ڪم وٺندا ھئا. جيڪڏھن قيدي ڀڄي ويندا ھئا، تھ قانوني ڪارروائيءَ ۽ پڇا ڳاڇا کان بچڻ لاءِ، انھن ڀڳلن کي وري گرفتار ڪرڻ واسطي ذاتي اثر رسوخ ۽ پنھنجي لياقت استعمال ڪندا ھئا. | |
| (٨٦) ھڪ دفعي جو قصو آھي، تھ ھڪ جمعدار ۽ سندس ھيٺيون عملو ننگر جي پوليس چوڪيءَ جي چارج وٺڻ لاءِ ويا. چوڪيءَ جي چارج وٺندڙ جمعدار، چارج ڏيندڙ جمعدار کي چيو تھ، ”مان گھڻو سفر ڪري ٿڪجي پيو آھيان، ڏينھن جي بھ پوياڙي آھي، تنھن ڪري پوليس چوڪيءَ جي چارج ٻئي ڏينھن وٺندس.“ چارج ڏيندڙ جمعدار کيس وراڻيو، ”جيئن تھ تون پھچي چڪو آھين، تنھنڪري توکي ھن وقت ئي مون کان پوليس چوڪيءَ جي چارج وٺڻ گھرجي. جيڪڏھن نھ ٿو وٺين، تھ تنھنجي پنھنجي مرضي. باقي مان مقرر ٽائيم تي چوڪي ڇڏي ھليو ويندس.“ اھو چئي، ھو پنھنجي اٽالي سميت گھوڙن تي سوار ٿي ھليو ويو. پوليس چوڪيءَ تي بند قيديءَ تي پھرو ڪونھ رھيو ۽ نتيجي ۾ اھو قيدي نڪري ڀڄي ھليو ويو. اھڙيءَ بي ضابطگيءَ جو اعليٰ عملدارن کي اطلاع ڏنو ويو. چارج وٺڻ واري جمعدار کي حڪم ڏنو ويو، تھ ھو ڀڳل قيدي ھڪدم گرفتار ڪري وٺي اچي. ڇاڪاڻ تھ ان جي موجودگيءَ دوران قيدي چوڪيءَ تان ڀڄي ويو ھو. چارج ڏيندڙ جمعدار کي ڇنڊ ڪڍي وئي، جنھن جي ڪوتاھيءَ سبب سڄو وايو منڊل خراب ٿي ويو ھو. جمعدار ڀڳل قيديءَ کي ڳولڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ ھڪ سو ميل پري مارواڙ مان وڃي کيس گرفتار ڪري واپس موٽي رھيو ھو، تھ وري سندس لاپرواھيءَ سبب قيديءَ کي ڀڄي وڃڻ جو موقعو ملي ويو. ساڳي جمعدار کي ساڳيو قيدي وري گرفتار ڪرڻ جو حڪم مليو ۽ ھو قيديءَ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. ھن ڀيري کيس اھو قيدي تھ ھٿ ڪونھ آيو، البت سندس پوڙھي پيءُ کي گھلي وٺي آيو. جڏھن کيس آزاد ڪيو ويو، تھ ان ڪراڙي کي تعجب ٿيو تھ پنھنجي پٽ جي جرمن جي ذميوار بڻائڻ بدران کيس آزاد ڇو ڪيو ويو. شروعاتي دؤر ۾ اھڙيون بي ضابطگيون تھ عام جام پيون ٿينديون ھيون. بدانتظامي، وڏي عملدار جي ضابطي ھيٺ رھڻ کان ڪيبائڻ، سندن ڪم ڪرڻ جي مرضي نھ ھوندي، تھ جمعدار جو چوڻ نھ مڃيندا ھئا. اھي سڀ ڳالھيون سندن اڳين ڇڙواڳ زندگيءَ جو حصو ھيون. اھا ھڪ اھڙي ڏکي صورتحال ھئي، جنھن ڪري ھو سٺا پوليس اھلڪار بڻجي ڪونھ ٿي سگھيا. اڻ ڄاڻ، پاڻ وھيڻا، ٽانڊيءَ تپڻا، ٿورو چؤ تھ کڻي گھوڙي تي سنج رکي، ٿر ھليا ويندا ۽ گذاري لاءِ وري پنھنجي پراڻي ڪرت يعني ڌاڙي کي لڳندا. پر منجھن سٺن پوليس اھلڪارن واريون ڪي خوبيون ۽ خاصيتون پڻ موجود ھيون. ھو ٻالجتيءَ کان وٺي ڏکن، سورن ۽ تڪليفن جا عادي ھئا. ٿر جي ڀٽن ۽ ھر پنڌ ۽ پيچري کان چڱيءَ ريت باخبر ھئا. ٿر جي ھرھڪ ماڻھوءَ کي ڄاڻندا سڃاڻندا ھئا. گھڻي ڳالھھ ٻولھھ کان پوءِ، کوسا قبيلي جي سردار ڀارو خان Barra Khan کي انگريز سرڪار جي نوڪريءَ لاءِ مس راضي ڪيو ويو ھو. سندس عمر ٦٠ سال کن ھئي. ھو انگريز سرڪار جي فوجن سان گھڻو وڙھيو ۽ آخر ڪئپٽن جيڪسن آڏو پيش پيو. مقابلن ۾ کيس گولين ۽ تلوارن جا ڪيئي گھاؤ رسيل ھئا. انگريز جي نوڪريءَ ۾ اچڻ لاءِ جڏھن کيس راضي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي، تھ ھن پنھنجو چولو مٿي ڪري پنھنجي گھاون جا وڻا ڏيکاريندي چيو ”اوھان سان وڙھندي ۽ مقابلا ڪندي مون اھڙا زخم کاڌا آھن، ھاڻي اوھان جو نيمڪ ڪيئن کاوان،“ آخر ڪرنل رابرٽ ۽ ٻين سردارن جي چوڻ تي مس وڃي، انگريز سرڪار (1) جي نوڪريءَ لاءِ ھائو ڪيائين. ھن پوليس جمعدار طور نوڪري ڪئي. جڏھن سندس پٽ وڏو ٿيو، تھ کيس سندس جاءِ تي رکيو ويو ۽ پاڻ پينشن تي لٿو. | |
| (٨٧) جڏھن پوليس جو جھجھو انگ ڀرتي ٿي ويو، تھ کين پنھنجن ٻنھي سردارن جي ماتحت ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ پوليس جا فرائض سرانجام ڏيڻ لاءِ روانو ڪيو ويو. باقي، اسلام ڪوٽ، مٺي، ڏيپلي ۽ ٻلھياري جي علائقن ڏانھن موڪليا ويا. ڪجھھ عرصي تائين ھو پنھنجي سردارن جي حڪم ھيٺ ڪم ڪندا رھيا. ١٨٥٦ع ۾ سڀني يونيفارم ۾ ڪوٽ پائڻ جي مرضي ڏيکاري ۽ ڊرل ڪرڻ تي بھ راضي ٿيا. | |
| (٨٨) ٿر جي قلعن، اسلام ڪوٽ، نئون ڪوٽ ۽ مٺيءَ ۽ سوڍا قلعدار طور رھندا ھئا ۽ ھر قلعي ۾ ١٢ فوجين جي نفري رھندي ھئي. SINGALA سنگالا تباھھ ٿي ويو ھو. تنھنڪري منجھس فوج ڪانھ رھندي ھئي. قلعن جي ذڪر ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان، تھ انھن قلعن جي سامان مان اسڪولن جون جايون ٺھرايون وڃن ۽ کوه تعمير ڪرايا وڃن. منجھائن جنگي ڪارج بدران امن آشتيءَ جو ڪم ورتو وڃي، جنھن مقصد واسطي اسان گھڻو ناڻو خرچ ڪري چڪا آھيون. | |
| (٨٩) اسلام ڪوٽ جو قلعو ١٧٩٥ع ۾ اڏايو ويو ھو. ماپ ٣٨٦ فوٽ ھمچورس اٿس. پڪين سرن ۽ گاري جو ٺھيل آھي. رڳو ٻاھرئين پاسي کان چوني جي لنبائي ٿيل اٿس. | |
| (٩٠) سنگالا جو قلعو، ماپ ۾ اسلام ڪوٽ جي قلعي جيترو آھي. سندس اڏاوت جو وقت بھ ساڳيو آھي. مٺيءَ جو قلعو اسلام ڪوٽ جي قلعي کان ٿورو اڳ ۾ ٺھرايل آھي. ماپ ۾ ان کان ڪجھھ ننڍو ٿيندو، نئون ڪوٽ جو قلعو ١٨١٤ع ۾ ٺھرايو ويو. سندس ماپ ٦٤٠ x٦٠٠ فوٽ آھي. اندازو آھي، تھ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ سنگالا جي قلعن تي اٺ اٺ لک روپيھ خرچ آيو. نئون ڪوٽ جيئن تھ سنڌ جي ڀرسان آھي، ان ڪري ان تي خرچ ڪجھھ گھٽ آيو ھوندو. | |
| (٩١) انھن قلعن ۾ سوڍن جي سردارن کي قلعدار ڪري رکيو ويو، ڇاڪاڻ تھ اسان جو منجھن ويساھھ ھو. انھن کي نوڪريون بھ مليون ۽ کين قانوني طور روزگار بھ ملي ويو. سندن سماجي رتبو بھ وڌيو. نھ تھ اميرن جي زوال پذير حڪومت سندن عملدارن جي ڪمزور اختيارن کين ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو. | |
| (٩٢) ٿر ۽ پارڪر جي سوڍن جي حقن ۽ رعايتن کي، چڱيءَ ريت ڌيان ۾ رکيو ويو ھو، جيڪو اوھان کي اڳتي ھلي معلوم ٿيندو. مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ جا سوڍا اھو ڪڏھن بھ ثابت ڪري ڪونھ سگھندا، تھ اميرن جي حڪمرانيءَ دوران کين وڌيڪ حق ۽ رعايتون مليل ھيون. کين قلعن ۾ قلعدار ڪري مقرر ڪيو ويو ھو. سندن ماتحت پيادن جو عملو رکيو ھو. آبادي لاءِ کين زمينن جا ٽڪرا بھ ڏنا ويا ھئا، جن تي سرڪاري ڍل معاف ھئي. | |
| (٩٣) سوڍن جي موجوده حيثيت کي واضح ڪرڻ لاءِ ضروري آھي، تھ سنڌ جي اميرن جي حڪمرانيءَ دوران سندن حيثيت ۽ رتبي کي جاچي ڏسڻ کپي. اھا سڄي صورتحال اسان جي ٿر ۽ پارڪر جي ھوريان ھوريان ۽ مڪمل والار مان ظاھر آھي. ٿر ۽ پارڪر جي سوڍن سان انگريز سرڪار ڪيئن پيش آئي ۽ کين ڪھڙيون رعايتون ڏنيون ويون؟ سي ھيٺين فقرن مان معلوم ڪندا، جيڪي اسان ١٨٥٢ع جي سالياني رپورٽ مان مختصر نموني ورتا آھن. | |
| (٩٤) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تھ سنڌ جي اميرن عام طور ٿر جي ڏاکڻي حصي تي ۽ خاص طور مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ١٧٩٥ع ۾ پنھنجو اختيار قائم ڪيو، ان کان پوءِ، ڏيپلي واري علائقي ڏانھن پنھنجو سياسي اثر وڌايو. سوڍن راڻن ڏاڍ جي مقابلي ۾ ملڪ ڇڏڻ کي ترجيح ڏني ۽ ھنن وڃي ڪڇ ۾ پناھھ ورتي، ۽ راءِ سان مٽي مائٽي ڳنڍيائون. سن ٣٢-١٨٣١ع ڌاران سنڌ جي اميرن کين سالياني پينشن ڏيڻ منظور ڪئي، تنھن ڪري موٽي اچي ٿر ٿيا. ٿر ۾ ١٨٣١ع کان ۽ پارڪر ۾ ١٨٣٤ع ڌاري اميرن پنھنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي. ان وقت کان وٺي پارڪر جي زمين جي پيدائش مان ٥/١ ۽ مٺي ۽ ڏيپلي جي زمين جي پيدائش جو ٥/٢ حصو ڏيپلي ۽ ٻلھياري جي زمين جي پيدائش جو ٣/١ حصو ڍل طور وٺڻ ۾ اچڻ لڳو. ٻاکاسر Bakasir جو چوھاڻ راڻو زمين جي ڍل عيوض ساليانو ھڪ اٺ ڏيندو ھو. | |
| سنڌ جي فتح تائين ڍل اھڙي طريقي سان ورتي ويندي ھئي. ڍل جي ڌار ڌار انگن اکرن مان معلوم ٿيندو، تھ مذڪوره علائقي جي اولھھ ۽ اوڀر ۾ وسندڙ راڻن جي وچ ۾ امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو ھو. ٻلھياري، ڏيپلي، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي علائقن ۾ محصول سان لاڳاپيل عملدار گھمي ڦري زمينون ڏسي وائسي پوءِ ڍل ٻڌندو ھو. پر پيٿاپور، ويراواه ۽ پارڪر وارن علائقن ۾، ڍل وارو عملدار ۽ سوڍا گڏجي ويھي ڍل جو انگ مقرر ڪندا ھئا. بعد ۾ عملدار سوڍي جي دخل اندازيءَ کان سواءِ ڍل اوڳاڙيندو ھو. انھن حالتن مان ايئن معلوم ٿئي ٿو، تھ اوڀر واري علائقي سان تعلق رکندڙ سوڍا اولاھين علائقي جي سوڍن جيان اميرن جي مڪمل اثر ۾ اڃا ڪونھ آيا ھئا. ڍل جي معاملي ۾ سنڌ جي اميرن جي دخل اندازي ٻين معاملن جيان آھستي آھستي وڌي رھي ھئي. سنڌ جا امير ٻين بھ ڪيترن ئي معاملن ۾ پنھنجي دخل اندازي ۽ اثر ھوريان ھوريان وڌائي رھيا ھئا. جن جو تفصيل ڏيڻ ضروري نھ آھي. | |
| سنڌ فتح ٿيڻ وقت، حيدرآباد جي درٻار جي ماتحت ڪيترن ئي علائقن جا سردار ھئا. پر سندن دربان مختلف ھئا. ڪيترن سردارن اسان کي ھڪجھڙيءَ روش ۽ اصول رکڻ جي درخواست ڪئي. اھي ٿر جي اوڀارئين حصي جي سردارن کي ڏنل وڌيڪ رعايتن کان پريشان ھئا، ۽ ھنن ھڪجھڙائي ٿي چاھي. وڌيڪ چٽائي خاطر ھيئن چوڻ صحيح ٿيندو تھ، جن سردارن مٿان پوئين دؤر ۾ وڌيڪ ضابطو رکيو ويو، ۽ پنھنجي مٿان اميرن جي اختيارن کي بار سمجھڻ لڳا ھئا، تن اسان جي دؤر کي غنيمت سمجھيو، ۽ اسان مان اڳئين دؤر واري پنھنجي آزاديءَ جي اميد ٿي رکيائون. سندن اھا بھ آس ھئي، تھ کين سندن زمينداري موٽي ملندي. يا ٿر جي اولاھين علائقي وارا سردار، جيڪي گھڻي وقت کان ميرن ۽ سندن عملدارن جي ڏاڍ ھيٺ ھئا ۽ ڪافي وقت کان وٺي سندن حڪمرانيءَ کي ڪمزور ۽ زوال پذير سمجھي رھيا ھئا، تن کي سنڌ فتح ٿيڻ ۽ حڪمرانن جي تبديليءَ سبب دلي سڪون مليو ھو. | |
| ايندڙ صفحن ۾ سنڌ جي فتح وقت مختلف علائقن جي جيڪا صورتحال ھئي، تنھن جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويندو ۽ مان علائقن جي سردارن ۽ قبيلن ۽ پرين مڙسن جو ٿورو تفصيل سان ذڪر ڪندس، جن کي اميرن جي دؤر ۾ رعايتون مليل ھيون يا اسان پنھنجي حڪمرانيءَ واري دؤر ۾ کين رعايتن ڏيڻ لاءِ غور لائق سمجھيو ھو. مان سڀ کان پھرين ٻلھياري يا راحمڪي علائقي جو ذڪر ڪريان ھو. ھن علائقي جي زمين راھمون قوم جي حوالي آھي. ھتي راھمن جي سردار يا ارباب جي طاقت کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھن کي پنھنجي علائقي جي ڍل مان نالي ماتر حصو ملندو ھو، جنھن جي سالياني پيداوار ١٧٥ روپيھ ڏيکاري وئي ھئي ۽ ان جي شرح موجب کيس معاوضو ڏنو ويو ھو. (1) ان کان پوءِ، ڏيپلي جو علائقو اچي ٿو، جنھن ۾ نوري ڪي ۽ سوڍي ڪي يعني نھڙين ۽ سوڍن جون زمينون آھن. نھڙين جي ارباب صحيح نموني سان اسان کي چڱيءَ ريت ثابت ڪري ڏيکاريو آھي، تھ ھو اسان جي حڪمرانيءِ جي دؤر کان اڳ ۾ ڏيپلي جي علائقي مان سنگ ۽ ڍل جو حصو وٺندو رھيو آھي. آمدنيءَ جي انھن ذريعن مان ٥٠٠ روپيھ جيترو محصول اڳڙندو ھو ۽ ان جي شرح مطابق کيس معاوضو ملندو ھو. (2) ڏيپلي جا سوڍا سردار اميرن جو ڍل جو ان ۽ نقد اوڳاڙيندا ھئا، جن کي ٥١٥ روپيھ (3) ساليانو ملندو ھو. سنڌ جي فتح کان پوءِ، ڏيپلي جي انھن سردارن کي مٿينءَ خدمت جي معاوضي ۾ مجموعي طور ١٩٠٠ روپيھ ڏنا ويندا ھئا. ١٨٤٩ع کان وٺي کين ١٠ سانتيون Santees (4) زمين ڪاھڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي، جنھن جي ڍل کين معاف ھئي. | |
| (٩٥) مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ جي سوڍن کي نھ تھ نقد رقم عنايت ٿيندي ھئي ۽ نھ ئي اتي کين ڪا زمين مليل ھئي. جڏھن ڪاردار ايندو ھو، تھ ساڻس گڏجي فصل جي داڻ بندي ڪرائيندا ھئا. معاوضي طور فصل جي ھر بکري تي ھاريءَ طرفان کيس ھڪ ڪوڏي (1) ملندي ھئي. مذڪوره سردار علائقي جي ڌنارن کان ڪجھھ سوکڙيون يا ٿورا گھڻا پئسا بھ وصول ڪندا ھئا، جنھن کي پنچري چيو ويندو ھو. فتح کان اڳ، ڪاردار بھ ڌنارن کان پنچري وصول ڪندا ھئا. جيڪا ھلڪي ڍل ھوندي ھئي. گھڻو ڪري سوڍن کي ان مان ھڙ حاصل گھٽ ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تھ چيو ويندو آھي، تھ ڪاردارن جي لم ۾ جيڪا مٿي آئي، سا ميڙيندا چونڊيندا گوڏي ھيٺيان رکندا ويندا ھئا، ۽ سوڍن سردارن لاءِ پوئتي پڙ ئي پالھا ھوندا ھئا. | |
| (٩٦) سنڌ جي فتح کان ھڪدم پوءِ، مٺيءَ جي ٻن سوڍن کي ١٥ روپيھ مھيني جي پگھار جي حساب سان مٺيءَ ۽ نئون ڪوٽ قلعن جي حفاظت لاءِ قلعدار مقرر ڪيو ويو. ھرھڪ ھيٺان ٢٥ سپاھي رکيا ويا، جن جي پگھار في سپاھي پنج روپيھ ھئي. ھر سردار کي چار سانتيون (ھر) زمين ڪاھڻ لاءِ ڏني وئي، جن جي ڍل معاف ھئي. اسلام ڪوٽ جو سوڍو بھ ساڳيءَ پگھار ۽ ٻارھن پيادن سپاھين سان اسلام ڪوٽ جو قلعدار مقرر ڪيو ويو ھو. ھن سوڍي ۽ سندس برادريءَ کي زمين جون ١٦ سانتيون (2) ڪاھڻ لاءِ ڏنيون ويون ھيون، جن جي ڍل ڪا نھ ورتي ويندي ھئي. | |
| (٩٧) اسلام ڪوٽ واري علائقي ۾ وسائي پوٽا(1) ۽ ميءُ Mays (2) ٻھ قبيلا آھن. پھرين قبيلي وٽ يارھن ۽ پوئين وٽ ١٩ تڙ آھن، جن تي سنگي معاف آھي. کين اجازت ڏني وئي آھي، تھ پنھنجي والاريل علائقن ۾ ڪاٿي بھ تڙ بنائي سگھن ٿا، جن جا شرط شروط اڳينءَ حڪومت وارا ھوندا. | |
| (٩٨) مذڪوره منظور ٿيل زمين ۽ نقد رقم تي مختلف حقدارن جا حق تسليم ڪندي، ١٨٤٤ع ۾ سنڌ جي گورنر جي صحيح سان ستن سالن جي مختصر عرصي ۾ کين سندون ڏنيون ويون. ھن موضوع جي لکپڙھھ جي نموني مان معلوم ٿئي ٿو، تھ سندن جو انگ تمام ٿورو ھو. حالتون بھ اھڙيون ھيون، جو اھي انعام اڪرام ڏيڻ لازمي ھئا. مقصد اھو ھو تھ حڪومت کي ان لائق بنائجي، جو حالتن جي تقاضا مطابق انھن انعامن اڪرامن ۾ سڌارو ۽ واڌارو بھ آڻي سگھجي. جڏھن ستن سالن وارو مقرر عرصو پورو ٿيو، تھ سنڌ جي ڪمشنر سردار يا سنديافتھ ٻين ماڻھن کي اطلاع ڏنو، تھ سندن ۾ ڪابھ تبديلي زير غور ڪانھ آھي ۽ کين ڏنل رعايتون جيئن آھن، تيئن ئي رھنديون. پر سندن کي نئين ڪرڻ لاءِ حڪومت ويچاري رھي آھي. | |
| (٩٩) وسائي پوٽن ۽ مئيس Mays قبيلن کي ٣٠ ٿر ڏنل ھئا، جن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيا آھيون. ٻنھي قبيلن کي ھڪ ھڪ ٿر وڌيڪ ڏنو ويو. محصول جي گھاٽي واڌي جي غلط فھميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ھنن حقيقتن کي نظر ۾ ضرور رکيو وڃي ۽ مالگذاري وارن ساليانن ڪاغذن ۾ مخصوص ڳوٺن جي مقدار کي داخل ڪيو وڃي، يا اھي ڳوٺ نظر ۾ رکجن، جن جو لکپڙھھ ۾ ذڪر موجود آھي. | |
| پھريون – اھي سندون جن ۾ قبيلن جي ڏنل رعايتن جو ذڪر آھي. اھي سنديافتھ ماڻھو جن کي ڍل جي معافيءَ ۽ زمين جي وسيع ايراضي ڏني وئي آھي ۽ اھي کيتي ڪندا ۽ لاڀ ماڻيندا رھن ٿا ۽ ٻيا قبيلا جيڪي پنھنجي ٿرن جي ڀرسان موجود زمين آباد ڪن ٿا ۽ ٻين علائقن جيان حڪومت کي مقرر حصو ڏين ٿا. | |
| ٻيو – اھڙا وسندڙ ٿر جيڪي سالياني مالگذاريءَ جي ڪاغذن ۾ داخل ۽ مخصوص آھن. خالي ۽ ڇڏيل تڙن جي ڪابھ داخلا ڪانھ ٿيندي. گذريل سال (٥٢- ١٨٥١ع) جي مالگذاريءَ وارن ڪاغذن ۾ ٣٠ مخصوص ڪيل ڳوٺ داخل ڪيا ويا ھئا. باقي ٻيا تڙ فتح کان پوءِ خالي آھن، ڇو تھ اتان جا رھواسي، اھي ماڳ مڪان مٽائي ويا آھن. | |
| (١٠٠) ھاڻي ويرا واه، پيٿاپور ۽ پارڪر جي سوڍن سردارن جي آبادڪاريءَ جو ذڪر ڪجي ٿو. ٻاکاسر جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي، ڇو تھ اھو سنڌ ۽ مارواڙ جي سرحد تي آھي ۽ جوڌپور (1) جي حوالي ڪيو ويو آھي. ويرا واھھ ۽ پيٿاپور جي معمولي علائقن جي سردارن جا فقط ٥ ڳوٺ آھن. پارڪر جا سردار فتح کان اڳ راڻي سميت سندن تعداد ٢١ آھي. مختلف علائقن جو سنگ ۽ شھر جي اڌ حصي جو محصول کڻندا ھئا. بعد ۾ ملڪي سنگ کي ختم ڪيو ويو. ان جي بدران دنگ وارو سنگ سندن حوالي ٿيو. نئين صورتحال ۾ شھر جو اڌ ۽ ٿر ۽ پارڪر جي اوڀارئين حصي جو دنگ وارو سنگ، جيڪي سندن علائقن ۽ ڳوٺن تي مشتمل ھو، سو کين ١٨٤٨ع تائين ملندو رھيو. ان کان پوءِ، شھرن جو محصول کين ملڻ بند ٿيو. دنگ واري سنگ جي سرشتي کي سنڌ جي ٻين علائقن جھڙو بنايو ويو. پارڪر، ويرا واه، پيٿاپور ۽ ٻاکاسر جي زميندارن مان ھرھڪ کي سنگ جي حصي بدران ساليانو ٥٤٦٣ (1) روپيھ ڏنا ويا. ھاڻي کين ٣٤٥ روپيھ گھٽ ملن ٿا. ان جو سبب اھو آھي، تھ ٻاکاسر جو علائقو سنڌ کان ڇني، جوڌپور سان ملايو ويو آھي، ۽ اھو حصو ٻاکاسر جي سوڍي کي ملندو آھي. | |
| ويرا واه ۽ پيٿاپور جي سوڍن کي اڳي حڪومت طرفان ڪي رعايتون مليل ڪونھ ھيون. سنڌ جي اميرن طرفان کين پنھنجو پاڻ محصول اوڳاڙي، گذاري ڪرڻ لاءِ ڪي رعايتون مليل ھيون ۽ سندن برادريءَ کي ڍل معاف واري رعايت سان زمينن جا ڪي ٽڪرا مقرر ڪيل ھئا. ڀٽ، چارڻ يا ٻيا اھڙا لاڳاپيل قبيلا پڻ ھئا، جن کي بھ ڪي رعايتون مليل ھونديون ھيون. ويرا واه جي سيدن سان بھ اھا رعايت ھوندي ھئي، تھ ڳوٺ جي ڀرسان لوڻ وارين ڍنڍن تان پنھنجي لاءِ محصول اوڳاڙين. ڳوٺ ۾ رھندڙ موچين، ڊکڻن، لوھرن ۽ ٻين ڪاريگرن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا نھ ڏيڻ يا انھن جي تيار مال تي سنگ وٺڻ، کين مليل رعايتن ۾ شامل ھو. اھڙي قسم جي ڳوٺاڻي پيدائش جو سارو محصول ۽ ان علائقي جو حڪومت جي ڍل جو ٥/ ١ حصو ويرا واه جي سردار کي ملندو ھو. ان جي مقابلي ۾ پيٿاپور جي سردار کي ڍل معاف واري رياست سان زمين جا ڪي ٽڪرا (سانتيون) ملنديون ھيون. ھن اھڙي رعايت وٺڻ کان انڪار ڪيو. سنگ سرڪاري تحويل ۾ اچڻ کان پوءِ ھو ڪجھھ بھ ڪونھ وٺندو آھي. | |
| (١٠١) پارڪر جي راڻي سنڌ جي اميرن جون ڏنل سندون (1) پيش ڪيون، جن ۾ کيس ٻھ ڳوٺ گذاري لاءِ ڏنل ھئا، تن کي گورنر جي صحيح سان بحال رکيو ويو. اھڙيءَ ريت سندس ڪمدار اڪ مالديو (2) کي موگلي Mokleeah جو ننڍڙو ڳوٺ ڏنو ويو. سندس چوڻ ھو، تھ اميرن طرفان اھو ساڳيو ڳوٺ کيس ڏنو ھو ۽ ڳوٺ جو محصول سرڪاري طور معاف ھوندو ھو. ٽنھي ڳوٺن جي سند ستن سالن جي ٿوري وقت لاءِ کين ڏني وئي آھي، جنھن عرصي جو ذڪر مٿي پڻ اچي چڪو آھي. | |
| پارڪر جي علائقي ۾ ڀوڏيسر جو ننڍڙو ڳوٺ، راڻي جي چاچي جڳوجيءَ کي ڏنو ويو ھو. ڪنھن زماني ۾ برٽش سرڪار کيس ھڪ روپيھ ڏھاڙي خرچ لاءِ ڏيندي ھئي. ھينئر اھو بند ڪري، ان جي بدران ڀوڏيسر جو ڳوٺ سندس حوالي ڪيو ويو. ھاڻي ھو وفات ڪري ويو آھي. تنھن ڪري ھن موضوع تي ڳالھائڻ مناسب ڪونھ آھي. وڌيڪ تفصيل ٦٦ نمبر فقري ۾ ڏسندا. | |
| ڏسڻ ۾ اچي ٿو تھ ويرا واه جي علائقي ۾ کوسا پنجن تڙن جون زمينون ڪاھيندا ايندا ھئا، کانئن ڍل وٺڻ ۾ ڪانھ ايندي ھئي. ساڻن ساڳي رعايت برقرار رکي وئي آھي. پر وٽن اھڙي رعايت جي دستاويزي سند ڪا نھ آھي. جيئن تھ سندن اھو حق پراڻي زماني کان وٺي ھلندو اچي ٿو، تنھنڪري کين اھڙي اجازت ڏني وئي آھي. کين آباد ڪرڻ لاءِ زمين جا ١٥٠ ٽڪرا ڏنا ويا آھن. زمين جا ٻيا ٽڪرا جيڪي کوسن کان سواءِ، ٻين ذاتين وارا آباد ڪن ٿا، تن تان ڍل اوڳاڙي ويندي آھي. گذريل ھڪ يا ٻن فصلن کان وٺي انھن سند يافتھ کوسن جي وارثن يا قبضيدارن کي اھڙي رعايت جو وقت وڌائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي. منھنجو خيال آھي تھ سندن رعايتن سان في الحال ھٿ چراند ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ غير ضروري آھي. | |
| (١٠٢) مٿين ٽنھي فقرن ۾ ٿر جي سردارن کي ڏنل رعايتن جو تت پيش ڪيو ويو آھي، جي مختصر طور ھن ريت آھن؛ ويرا واه جي سردار کي ويرا واه جي زمين تان ملندڙ ڍل جو مقرر حصو ملي ٿو. ڍل جي اوڳاڙي سرڪاري ڪاردار ڪندو آھي ۽ کيس شھر ۽ دنگ جي سنگ بدران ١٧٠٥ روپيھ روڪ ملندا آھن. پيٿاپور جي سردار کي سنگ (ڪسٽم) جي بدران ١٠٧ روپيھ ملندا آھن. پارڪر جي راڻي کي سورا چند ۽ رامپور جي ٻن ڳوٺن جي محصول ۽ سنگ جي بدران ٢١٥٨ روپيھ روڪ ملندا آھن. انھن ڳوٺن جو محصول ھو پاڻ اوڳاڙيندو آھي. راڻي جي منشي يا ڪمدار اڪ مالديو کي موگلي Mokleeah ڳوٺ جو محصول ملندو آھي. باقي ٻين ٺڪرن کي سنگ بدران ھيٺئين وچور مطابق روڪ رقم ملندي آھي: | |
| باروڻي جي سردار کي ٤٣٢ روپيھ | |
| مونڌري جي سردار کي ١٩٠ روپيھ | |
| آڌي گام جي سردار کي ١٣٦ روپيھ | |
| ڪاروديھ جي سردار کي ٦٥ روپيھ | |
| ڪاسبي جي سردار کي ٥٦ روپيھ | |
| سابوسم جي سردار کي ٣٦ روپيھ | |
| ڇوڙيا جي سردار کي ٣٦ رپيھ | |
| سکپور جي سردار کي ٢٧ روپيھ | |
| ڊينگاڻي جي سردار کي ٢٠ روپيھ | |
| ڌري جي سردار کي ١٦ روپيھ | |
| پارودري جي سردار کي ٩ رپيھ | |
| ڍيڍ ويرا جي سردار کي ٥ روپيھ | |
| آسالري جي سردار کي ٦ روپيھ | |
| ساڌلواس جي سردار کي ٢ روپيھ | |
| ڌني گام جي سردار کي ٢ روپيھ | |
| کاروڌي جي سردار کي ١٠ روپيھ | |
| (١٠٣) ڪن سردارن جي پنچري اوڳاڙڻ واري حق ڏانھن اڳ ۾ اشارو ڪيو ويو آھي. ھتي موضوع جي اھميت کي نظر ۾ رکي، جدا نموني ۾ تبصرو ڪرڻ چاھيان ٿو. جنھن مان ھڪ تھ سردارن جي ان رعايت جي چڱي ريت سڌ پئجي ويندي، تھ ٻئي طرف انھن لاڙن جي خبر پئجي ويندي، جنھن سبب زمين غير آباد رھجي وڃي ٿي. ”اميرن جي علائقي مان زمين جي ڍل اوڳاڙڻ کان سواءِ، ڪاردار ڌنارن کان پنچري بھ اوڳاڙيندا ھئا. اھا سندن مٿين ڪمائي ھوندي ھئي. زمينن جا مالڪ بھ تحفي طور کين معمولي رقم پيش ڪندا ھئا. سنڌ جي فٽح کان پوءِ، پنچري وٺڻ وارو رواج بند ڪيو ويو آھي. ١٨٤٤ع ۾ ٿوري گھڻي پنچري اوڳاڙي وئي ھئي، پر اھا بھ واپس ڪئي وئي ھئي. مختلف سردارن پنھنجي ان حق کي مختلف نمونن سان استعمال ڪيو آھي، جن جي ڪا خاص سرڪاري حد مقرر ٿيل ڪانھ آھي. پر تنھن ھوندي بھ، انھن متعلق ڪجھھ احوال ھن ھيٺ ڏجي ٿو. مٺيءَ ۽ ڏيپلي جي علائقن ۾ جتي گاھھ ۽ چارو گھٽ آھي، اتي ٻين پاسن کان ڌنار تمام گھٽ ايندا آھن. جيڪڏھن ڪو اڙيو ٿڙيو ڌنار اتان لنگھندو آھي، يا اوسي پاسي اچي مال چاريندو آھي، تھ سردارن کي نالي ماتر ڪا سوکڙي پاکڙي ڏيندو آھي، نھ تھ مڙئي خير. اسلام ڪوٽ جي سردار خلاف اھڙي ڪابھ شڪايت نھ آھي. کيس ڌنار پنھوار جيڪا بھ ھلڪي سلڪي سوکڙي ڏيندا آھن، سا ھو خوشيءَ سان قبول ڪري وٺندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ھو اسان کي مدد جي گذارش ڪندو آھي، تھ جيئن ڌنار کان باقاعدي پنچري وصول ڪري سگھجي. کيس ٻڌايو ويندو آھي، تھ کيس اھڙي ڪا بھ امداد نھ ملندي ۽ ڀاڳين طرفان جيڪا بھ شيءِ خوشيءَ سان کيس ملي، ان تي راضي رھي. ٻين علائقن جي ڀاڳين کي پارڪر جي حدن ۾ اچڻ کان روڪيو ويو آھي. ان مقصد لاءِ، تھ جيئن اتان جي رھواسي ڀاڳين جي مال لاءِ چاري جو پورائو ٿي سگھي. اڳي تھ پارڪر جي راڻي ۽ ٻين ٺاڪرن جي لالچ جي ڪري، ٻين علائقن جي ڌنارن کان پنچري وٺي، کين پارڪر جي جوءِ ۾ مال چارڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي. ويرا واه جي علائقي جي سردار جو پنچري جو ڏچو موجود آھي. اتان ڀاڳيا يا ٻيا ماڻھو سندس اھو موروثي حق سمجھي، کيس خوشيءَ سان پنچري ڏئي ڇڏيندا آھن. پر مصيبت اھا آھي، تھ سردار جي ڪٽنب جو ھرھڪ ڀاتي کانئن پنھنجي منھن پنچري وصول ڪندو آھي. | |
| ھن حقيقت مان اھو ظاھر ٿئي ٿو، تھ سردار ھر ممڪن طور ٻين علائقن جي ڀاڳين کي پنھنجي علائقي ۾ اچڻ جي نينڍ ڏيندو آھي، تھ جئين ھو پنچريءَ مان وڌيڪ پئسا ڪمائي سگھي. سڄيءَ پنچريءَ تي سندن ئي حق ھوندو آھي. زمين جي آبادي ان ڪري روڪيندو رھندو آھي، تھ متان چاري جي جوءِ ٿوري ٿئي. ھن محدود آدمشماريءَ جي انگ لاءِ کيتيءَ جو ڌنڌو ان رولڙي کان مناسب آھي، جو ماڻھو مال جي چاري ڪڍ ھڪ صوبو ڇڏي، ٻئي جي علائقن ۾ وڃي پھچي. جتي گاھھ پاڻي جام ھجي، علائقي جي زمين جي آباديءَ جي انگ ۾ واڌاري ۽ چوپائي مال جي انگ ۾ تناسب رکيو وڃي. پنچري گھٽائي نالي ماتر ڪئي وئي آھي. ھاڻي تھ ان علائقن مان پنچريءَ جي نالي ۾ ڪجھھ بھ محصول ڪونھ ٿو اوڳاڙيو وڃي. آباديءَ جي انگ ۽ چوپائي مال جي عدد ڪري ٻاھرين علائقن جو مال گھڙي ڪونھ ايندو. | |
| زمين جي ٿوري ٽڪري کي آباد ڪرڻ جو خيال ڪرڻ ڪو سولو نھ آھي. وين ۽ ولھارن جي ڀيٽ ۾ کيتي ھيٺ آباد زمين جو بکرو ڪنھن حساب ۾ ئي ڪونھ ھوندو. پر واريءَ جي ڀٽن تي ڇڙواڳ ۽ بنا ڌنار جي چرندڙ وڳن ۽ ولرن لاءِ اھنجائي جو باعث بنجي پوندو آھي ۽ مال نيٺ وڃي بيٺل فصل جي ڀيل ڪندو آھي. ماڻھو وڃي ڪيسن، ڪورٽن ۽ خرچن ۾ پوندا آھن. نتيجو اھو نڪرندو آھي، تھ جيئن ھاڻي مال جي ڇڙواڳيءَ ڪري کيتي رڪي پئي ھوندي آھي، تيئن وري انھن علائقن ڏانھن مال اچڻ بند ٿي ويندو. مطلب تھ چوپايو مال ۽ فصل جي ڀيل جو ڏچو اھو معاملو نظر ۾ رکڻو پوندو. ٿر واري علائقي ۾ چوپائي مال کي شام جو ٽين وڳي ڌاري جھنگ ڏانھن روانو ڪيو ويندو آھي ۽ ١٠٠ يا ١٥٠ ڪن جي ڪڍ فقط ھڪ ڌنار ھوندو آھي. مال سڄي رات پيو جھنگ ۾ چرندو آھي. ۽ سج اڀرڻ کان ٿورو پوءِ، وسندين ڏانھن واريندا آھن. ۽ ڏينھن جي گرميءِ وارو سارو وقت اتي رھندو آھي. | |
| مون وٽ اھڙي معلومات جو وسيلو موجود ڪونھ آھي، جنھن مان خبر پئجي سگھي، تھ ويرا واه علائقي ۾ پنچريءَ جي شرح ڪھڙي آھي. پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تھ ھن علائقي ۾ پنچريءَ جي اگھھ ۾ يڪسانيت ڪانھ آھي. ڪي ڀاڳيا ڪجھھ ٿورا روپيھ ادا ڪندا آھن. ڪي وري حالتن پٽاندر ڏاند، ڳئون يا اٺ ڏئي بار ھلڪو ڪندا آھن. ھن وقت تائين سندن پنچريءَ واري حق کي تسليم ڪيو ويو آھي. ڪاٿي بھ ان محصول جي وصف بيان ٿيل ڪانھ آھي. نھ ڪنھن ماڻھوءَ وڌيڪ پنچريءَ ڀرڻ ڪري اسان کي وچ ۾ پوڻ لاءِ سردارن خلاف دانھيو آھي. اڄ ڏينھن تائين جنھن سردار جي خلاف دانھيو ويو آھي، سو ويرا واه جو زميندار آھي، جيڪو پنھنجي علائقي ۾ محصول ڪجھھ وڌيڪ شرح سان اوڳاڙيندو آھي. سندس خلاف شڪايتون سندس شخصي مخالفت ڪري ھونديون آھن. آخر نتيجو اھو نڪرندو، تھ جيئن کيتيءَ جي انگ ۾ ٿوري واڌ ايندي، تيئن پنچريءَ جو محصول بھ ھوريان ھوريان گھٽبو ويندو. سڀني ڌرين ۾ امن آشتيءَ کي برقرار رکڻ واسطي، ٿوري دخل اندازي ڪرڻي پوندي. منھنجي نظر ۾ پنچريءَ جو محصول مٿين ڪمائيءَ طور مڙھيو ويو ھو. جيڪڏھن پھريندي ئي ان جي ھمٿ افزائي نھ ڪجي ھا، تھ شايد بھتر ھو. ان بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ گھڻو وقت گذري چڪو ھو. ھن وقت اسان کي مستقبل بابت ويچارڻو پوندو. اسان ھن نالي ماتر محصول ڪري، اھم مفادن کي ڇيھو رسايو آھي. عام طور تي ھيءُ لاڏائو يا سانگي قبيلن کان ورتو ويندو آھي، جيڪي اتي اچي ان علائقي جي مقرر آدمشماريءَ ۾ واڌارو ڪندا آھن. ان محصول جي شرح مناسب ھئڻ گھرجي. ھيءُ محصول مٿينءَ ڪمائي جي حيثيت رکي ٿو. پر ان کان وڌيڪ ٻيا اھم مفاد آھن. آدمشماريءَ ۾ واڌارو بھ ايڏو ھاڃيڪار نھ آھي. اھم ڳالھھ کيتيءَ جي ترقي آھي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تھ ٿر ۾ سماجي تبديلي ٿي رھي آھي. اڳئين دؤر سان لاڳاپيل وڳوڙ ۽ ويڙھانديون، ھاڻي ختم ٿينديون پيون وڃن. فرمانبرداريءَ امن ۽ آشتيءَ جو دور ايندو ٿو وڃي. سردارن جي سوچ ۾ اڃا اھڙو معيار پيدا ڪونھ ٿيو آھي، جو پنھنجن شخصي مفادن کي ڇڏي، اجتماعي مفادن کي سمجھي سگھن. تنھن ڪري معاشري جي بھتري ۽ ڀلائي انھيءَ ۾ آھي، تھ ماٺ ميٺ ۾ انھيءَ مٿينءَ ڪمائي وارو محصول کي ھلڻ ڏجي. جيڪڏھن ھن ۾ ٿوري دخل اندازي ڪئي وئي، تھ انھن ماڻھن ۾ بي چيني پيدا ٿي پوندي، جن کي ڪجھھ وقت اڳ ان محصول اوڳاڙڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي. جيڪڏھن کين محصول نھ ملڻ ڪري ڪجھھ نقصان ٿيو، تھ ان جي بدلي ٻيءَ رعايت جي دعوا ڪندا. ھن کان اڳ ساڻن گھڻيون رعايتون روا رکيون ويون ھيون. منھنجي خيال ۾ ائين ڪرڻ مناسب نھ آھي. | |
| سنگ - Customs Duties : | |
| (١٠٤) ھڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانھن ويندي، سامان تي سنگ سنڌ ۾ فتح کان پوءِ ختم ڪيو ويو آھي. پارڪر جي راڻي کي اھڙي آمدورفت جي سنگ مان اڌ ملندو ھو. ھاڻي مال جي علاقائي آمدورفت تي سنگ بدران دنگئي سنگ جو اڌ کيس ڏنو ويندو آھي. سن ١٨٤٤ع کان وٺي جڏھن ٿر ۽ پارڪر انتظامي طور ڪڇ جي ماتحت ٿيو آھي، آگسٽ ١٨٤٨ع تائين شھر ۾ دنگ جو سنگ حڪومت جو ڪاردار اچي اوڳاڙيندو آھي ۽ گڏيل محصول جو اڌ سرڪار ۽ اڌ سردارن کي ملندو آھي. پھرين آگسٽ ١٨٤٨ع تي منھنجيءَ گذارش تي، سنڌ ۾ ھلندڙ سنگ جي شرح کي وڌائي، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن تي بھ نافذ ڪيو ويو آھي. ادائگيءَ جي موجوده شرح شھر ۽ دنگ جي محصول واري شرح کان گھڻو وڌيڪ آھي. ٿر ۽ پارڪر جي زميندار کي اطلاع ڏنو ويو، تھ مال جي علاقائي ۽ شھر جي سنگ جي عيوض کين دنگ ڏيڻ لاءِ ويچاريو پيو وڃي. | |
| ”پارڪر جي، زميندارن کي ملندڙ ١٨٤٥، ١٨٤٦ ۽ ١٨٤٧ع ٽن سالن جي سراسري آمدني ڪڍي وئي، جنھن مان سندن حصي جو اندازو لڳايو ويو، تھ سندن ساليانو حساب ڪتاب وڃي ٥٤٦٣ روپيھ (1) بيٺو. جيڪو شھر ۽ دنگ جي سنگ مان ساليانو کين ملندو ھو. ان جي بدران کين مذڪوره نقد رقم ملڻ لڳي. | |
| (١٠٥) سن ١٨٤٨ع کان جيڪو سنگ جو ڳاٽي ڀڳو خرچ ھو، سو ختم ڪيو ويو. جنھن جو نتيجو اھو ٿيو، جو واپار ۽ ڏيتيءَ ليتي ۾ ھڪدم واڌارو اچي ويو. سوڪھڙي جي ڏينھن ۾ ٿر ۽ پارڪر جي رھواسين لاءِ سنگ جو خاتمو اڻ سڌي ريت وڏي لعنت ثابت ٿيو. اتان جا ماڻھو پنھنجا ڪٽنب پوئتي ڇڏي، ڀرواري ملڪ مان ان ۽ ٻيون کاڌي جون شيون وڻجي بنا ڪنھن سنگ ڀرڻ جي پنھنجي وطن ٿي پھتا، نھ تھ کين پنھنجن گھر ڀاتين سميت وطن جا وڻ ڇڏڻا پون ھا ۽ ان جي قيمت ڀرڻ کان سواءِ سنگ جا چار ڏوڪڙ پڻ ڏين ھا. | |
| (١٠٦) ١٨٥٢ع ۾، ٻن ملڪن جي دنگ وارو خشڪيءَ رستي وارو سنگ ختم ڪيو ويو. سرڪار جي ھن قدم مان ٿر ۽ پارڪر جي علائقن کي ساليانو ١٢٠٠٠ روپيھ ڇيھو رسيو. پر سنڌ جي ڪچي ۽ تيار مال جي ٻين ملڪن سان مال بدلي مال جي ڏيتي ليتي جام ھلي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ اھو قدم مھلائتو ھو. ھن قدم سان عملي نتيجو اھو نڪتو، جو ھن پراڻي طرز جي معاشري جا ماڻھو تيزيءَ سان ترقيءَ طرف وڌڻ لڳا. ان جو سبب اھو ھو، تھ منجھن شخصي ۽ ملڪيت جي تحفظ جو احساس وڌي ويو ھو. اھا تبديلي اسان جي حڪومت جي قيام سبب آئي، خاص طور نئين مفتوح ملڪ جي سڀني ماڻھن کي ڏاڍي سولي ۽ سھنجي نموني سان تحفظ، اعتماد ۽ انصاف فراھم ڪيو ويو. سنگ جي خاتمي ڪري، اھو اثر ٿيو، جو ماڻھن جي سڀني طبقن وٽ دولت ڪٺي ٿيڻ لڳي ۽ سڀني ۾ محنت ڪرڻ جو اتساھھ جاڳيو. اھي اھڙيون ڳالھيون آھن، جيڪي ماڻھن ۾ تحفظ جي احساس سان پيدا ٿي سگھن ٿيون. خشڪيءَ رستي آمدني ۽ روانگي مال تي سنگ جو خاتمو ٿيو، ان ڪري دنگ جي ڪن خاص جاين تي مال جي آمدورفت ججھي ٿي. سنگ جي خاتمي کي فقط مال جي ججھي آمدورفت جي ناتي سان نھ ڏسجي، پر ان ۾ ٻيا بھ ڪيترا فائدا ٿيا. اھو قدم ڏاڍو گھڻ پاسائون ھو. ان سڄي نتيجي کي ساري صوبي تي پيل اثر سان پرکجي. جيستائين ٿر ۽ پارڪر جو تعلق آھي، تھ مان ايئن ئي چوندس تھ انھن قدمن ڪري، شيون سستيون ۽ عام غريب ماڻھوءَ جي پھچ جوڳيون ٿي پيون آھن. اڳي ساڳيون شيون عام ماڻھوءَ جي خواب خيال کان مٿي ھيون. انھن شين جو کاپو بھ وڌي ويو آھي، جن جو تعلق برطانيھ جي صنعت ۽ واپار سان ھو. اسان جي نظر ۾ انھن شين جي ضروريات زندگيءَ سان واسطو ھو. ٿي سگھي ٿو تھ اھا ڪن لاءِ عياشي ھجي. ڇاڪاڻ تھ ھي ماڻھو ڪنھن پراڻي معاشري سان تعلق رکن ٿا، جن جو اڄ جي زماني سان واسطو گھٽ آھي. اھڙين شين جو غريب طبقي ۾ (جنھن جو معاشري ۾ انگ ججھو آھي) روشناس ڪرائڻ جو اھو مقصد آھي، تھ جيئن منجھن خريد ڪرڻ جي خواھش وڌائي سگھون ۽ ھو پئسا گڏ ڪري، اھي شيون خريد ڪن ۽ انھن شين کي ضروريات زندگي سمجھن. جيڪڏھن ھن ترقي پذير معاشري ۾ مستقل نموني ايئن ڪبو رھبو، تھ ماڻھو انھن کي خريد ڪرڻ جا ذريعا بھ ڳولي وٺندا. اھي نيون ضرورتون مال درآمد ڪري پوريون ڪري سگھجن ٿيون. سياسي – اقتصاديات جو ھڪ اصطلاح آھي، تھ درآمدي شين کي ملڪ جي برآمدي شين جي تابع رکو. ترقي يافتھ ملڪ مان ضروري شين درآمد ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ماڻھن کي گھرجي، تھ سخت محنت ڪن، سڌريل زراعت جي شروعات ڪن يا صنعتي اصولن کي ترقي يافتھ بنائين، تھ جيئن سندن محنت وڌيڪ بااثر ٿي سگھي. معاشري جا ٻئي طبقا، ملڪ جي آمدنيءَ جي ذريعن کي وڌائڻ جا جتن ڪن ٿا ۽ ملڪ جي تھذيب ۽ ثقافت جي ترقي لاءِ ڪوشان آھن. | |
| (1) If the whole of the Desert was under Bhooj, the nearest point of the district would be 80, and the furthest about 250 miles from the European officer's Head Quarters. The same objection exists to the whole being under Meerpoor, as the Omerkote district now is; as in that case, the nearest point would be 80, and the furthest about 200 miles form the European officer's Head Quarters; while, as at present arranged, the distance of the Thurr and Parkar- which, being doubtly populous as compared with the remainder of the Desert, is of the most consequence, - is only on an average about 110 or 120 miles distant from Bhooj, and 50 or 60 from the sentre of Wagur or eastern part of Kutch, where the European officer generally resides for some months in the district season. | |
| (1) At the conquest of Sindh, all the Khosa Chiefs came in and made their salam: some to Major Brown, political superintendent Pahlunpoor some to captain Fulljames, Commanding Guzerat Horse and some to colonel Roberts Political Agent and Commanding in Kutch. | |
| (1) Vide Appendix E being translation of sunnud presented to the Urbab. | |
| (2) Vide Appendix F, being translation of the Sunnud granted to Urbab. | |
| (3) Vide Appendix G, being the translate of the Sunnud granted to Soda Chief. | |
| (4) Letter No. 470 of the March 1849, from the Commissioner in Sindh to the political Agent in Kutch. | |
| (1) The Current coin in Kutch valued 379 per 100, co s Rs. | |
| (2) Vide Appendix H. being translation of sunnud granted to Soda Chief of Mithee. | |
| (1) Vide Appendix J, being translation of the Sunnad grant to Soda of Islam Kote. | |
| (2) Vide Appendix K & c. | |
| (1) Further allusions to the transfer will be found in paragraph .221 | |
| (1) For details vide Appendix macked M. | |
| (1) Vide appendix marked O, being translation of Sunnud granted to Rana. | |
| (2) Vide appendix marked P, being translation of Sunnud grants to Ukka mal day. | |
| (1) For details Vide Appendix - M. | |
| نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس | |
| آدمشماري | |
| (١٠٧) سنڌ جي فتح وقت عام خيال ھو، تھ ٿر ۽ پارڪر جي آدمشماري ٣٠٠٠٠ آھي. اھو فقط ھڪ اندازو آھي، جيڪو منھنجي معلومات لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ماڻھن جي راين کان وڌيڪ ڪي حقيقتون ميسر ڪونھ آھن، جن تي پنھنجي قائم ڪيل اندازن کي بيھاري سگھجي. ١٨٥٤ع ۾ سنڌ جي آدمشماري ڪئي وئي ھئي. ٿر ۽ پارڪر متعلق اسان کي ھي نتيجا مليا: | |
| مرد ٢٣،٠١٥ | |
| عورتون ١٨،٥٢٠ | |
| ڪل جوڙ ١٤،٥٣٥ | |
| ذاتين مطابق آدمشماريءَ جا انگ اکر ھيٺينءَ ريت ھئا: | |
| مسلمان ١٣،٣٦٤ | |
| ھندو ٢٨،١٧١ | |
| ڪل جوڙ ٤١،٥٣٥ | |
| آدمشماريءَ جي انگن اکرن جو وڌيڪ وچور ھن طرح آھي: | |
| ١٠٠ مردن تي عورتن جي آدمشماري | |
| ١٠٠ تي ٻارن جي آدمشماري | |
| بالغ | |
| ٻار | |
| -- | |
| عورتن تي | |
| مردن تي | |
| عورتون | |
| مرد | |
| ١٥،٩١٣ | |
| ٧٨ | |
| ١٤١ | |
| ١١٠ | |
| ١١،٢٧٠ | |
| ١٤،٣٥٢ | |
| (١٠٨) (1) جيڪڏھن آدمشماريءَ جي واڌ کي تندرستيءَ ۽ سٺي آبھوا جي ڪسوٽي سمجھيو وڃي، تھ ٿر ۽ پارڪر ۽ اتر سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو علائقو ھن معاملي ۾ اھميت رکن ٿا. آخر ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ضلعا وچولي حيثيت وارا آھن. | |
| (١٠٩) ١٨٥٦ع ۾ سنڌ جي وري آدمشماري ڪرائي وئي ھئي. ان مطابق ٿر جي آدمشماريءَ جا انگ اکر ھن ريت آھن: | |
| مرد ٢٩،١٦٠ | |
| عورتون ٢١،٩١٣ | |
| ڪل جوڙ ٥١،٠٧٣ | |
| ذاتين موجب آدمشماري ھن ريت آھي: | |
| مسلمان ٢٠،١٢٩ | |
| ھندو ٣٠،٩٤٤ | |
| ڪل جوڙ ٥١،٠٧٣ | |
| آدمشماريءَ جو وڌيڪ تفصيلي وچور ھيٺينءَ ريت آھي: | |
| ١٠٠ مردن تي عورتن جي آدمشماري | |
| ١٠٠ تي ٻارن جو تعداد | |
| بالغ | |
| ٻارن جو تعداد | |
| ٧٦ | |
| عورتن تي | |
| مردن تي | |
| عورتون | |
| مرد | |
| ١٩،٤٧٤ | |
| ١٤٢ | |
| ١٠٧،٧٥ | |
| ١٣،٧٢٠ | |
| ١٨،٠٦١ | |
| مٿين انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ ٿر ۽ پارڪر جي ١٨٥٤ع واري آدمشماريءَ کان ھاڻي گھڻو ڪجھھ واڌارو اچي چڪو آھي، جنھن جو ھيٺينءَ جدول مان چڱيءَ ريت پتو پئجي سگھي ٿو: | |
| سال | |
| مرد | |
| عورتون | |
| ٻار | |
| ١٨٥٤ع | |
| ٢٣،٠١٥ | |
| ١٨،٥٢٠ | |
| ١٥،٩١٣ | |
| ١٨٥٦ع | |
| ٢٩،١٦٠ | |
| ٢١،٩٠٣ | |
| ١٩،٤٧٤ | |
| ٦١٤٥ واڌ | |
| ٣٣٨٣ واڌ | |
| ٣٥٦١ واڌ | |
| (١١٠) اھا ڏکي ڳالھھ آھي تھ، ٿر واري علائقي جي ايتري تڪڙي آدمشماريءَ جا مناسب سبب ڏئي سگھجن. اھو موضوع اڃا تائين پڻ اھميت وارو آھي ۽ ٿر جي ماڻھن جي سماجي خوشحاليءَ سان واسطو رکي ٿو. ان کان علاوه ھن طرف ماڻھوءَ جو ڌيان پڻ ڇڪائي ٿو. مان ان لاءِ ڪنھن خاص ھڪ سبب ڏيڻ جي ڪوشش ڪونھ ڪندس، ڇاڪاڻ تھ مان سمجھان ٿو تھ آدمشماريءَ جي وڌڻ جا ڪارڻ گھڻا ئي آھن، جيڪي انساني معاشري جي سماجي ترقيءَ لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿا. آدمشماريءَ جي ھن واڌ لاءِ ھيٺ ڏنل سبب مناسب ٿي سگھن ٿا: | |
| پھريون – اميرن جي ڏينھن ۾ اوسي پاسي ۽ ٿر پارڪر وارن علائقن مان جيڪي ماڻھو لڏي ويا ھئا، سي ھاڻي موٽي واپس آيا آھن. ڪڇ وارن علائقن مان بھ ماڻھو ھر سال لڏي ايندا آھن. ڪي ماڻھو عمر ڪوٽ جي چيلھار علائقي مان لڏي آيا. | |
| ٻيو – ماڻھن کي نھ فقط جان جو، پر مال ۽ ملڪيت جو تحفظ مليو. ان کان سواءِ تجارتي مال جي آمدورفت تي سنگ جو خاتمو ٿيو ۽ زمين جي ڍل بھ نالي ماتر مقرر ڪئي وئي. تنھن ڪري ضروريات زندگيءَ سان لاڳاپيل ھر شيءِ سستي ٿي پئي، جنھن ماڻھن کي لڏپلاڻ ڪرڻ کان روڪي وڌو ۽ ماڻھو ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڌنڌي کي ڇڏي، محنت ڪرڻ ڏانھن ڌيان ڏيڻ لڳا. | |
| (١١١) انگلئنڊ ۽ ٻين ملڪن جي شماريات جا انگ اکر آدمشماريءَ جي احساسن متعلق ٻڌائين ٿا، تھ ماڻھو جڏھن تھذيبي ۽ ثقافتي طور ترقي ڪندا آھن، يا جڏھن ڪو غريب طبقو سماجي طور ترقي ڪندو آھي، تھ سندن آدمشماريءَ جو انگ وڌي ويندو آھي. عام طور تي آرام ۽ آسائش جي سھولتن کي ترڪ ڪيو ويندو آھي، ان مقصد سان تھ جيئن نئين نسل کي وڌيڪ محنت جي ترقي يافتھ نموني ۾ جذب ڪري سگھجي. جن ماڻھن کي بدانتظاميءَ مايوس ڪيو ھجي ۽ ايذاءَ ۽ عذاب ڏنا ھجن، انھن کي جيڪڏھن شخصي ۽ ملڪيتن لاءِ تحفظ ملندو، تھ ان جو ضرور ڪجھھ اثر ٿيندو. ٽالپر دؤر ۾ ٿرپارڪر جي ماڻھن ويچارن جي اھڙي ئي حالت ھئي. منھنجي خيال ۾ منھنجي ھن راءِ سان ڪوبھ اختلاف نھ ڪندو، تھ ھنن خلاف تمام گھڻو رد عمل ھو. ھاڻي حالتون مختلف آھن. ضروريات زندگيءَ سان لاڳاپيل شيون تمام سستيون ملي رھيون آھن. ٿري ماڻھو پنھنجي زندگي امن، آشتي ۽ تحفظ واري احساس سان گھاري رھيا آھن، ھينئر کين حيدرآباد جي عملدارن جي ڏاڍ جو ڪوبھ ڊپ ڊاءُ ۽ اڊڪو ڪونھ آھي، جيڪي ٿر ۽ پارڪر جي ھر حصي مان جائز ناجائز محصول اوڳاڙي ھليا ويندا ھئا. | |
| (١١٢) ٿر ۽ پارڪر جي آدمشماريءَ ۾ واڌ، منھنجي خيال ۾ برطانيھ سرڪار جي امن ۽ آشتي واري دؤر اچڻ سبب ٿي آھي. ٿر جا ماڻھو پوءِ اھي مٿئين طبقي سان تعلق رکندا ھجن، يا ھيٺئين سان، راڻا ھجن يا راڄ، واپاري ھجن يا ھاري، اسان جي حڪومت مان راضي ۽ ريان کيان آھن. سنڌ جو ڪمشنر جڏھن ١٨٥٤ع ۾ ھنن علائقن جي گشت تي آيو، تھ پوري ڏيڍ مھيني جي گشت ۾ کيس فقط ھڪ درخواست شڪايت جي سلسلي ۾ ملي ھئي. (1) واتين ويڻين ماڻھن کيس ڪيئي گذارشون ڪيون ھيون، تھ حالتون جيئن آھن، انھن کي اتي ئي رھڻ ڏنو وڃي ۽ ھو ھر طرح خوش آھن. اھي حالتون انتظامي نقطھءِ نگاه کان ڪنھن بھتريءَ جون گھرجائو ھيون، ۽ اھو امڪان ھيو، تھ انھن علائقن کي ڪڇ ھيٺ ڏنو وڃي. موجوده حالتن مان اھو معلوم ٿئي ٿو، تھ معاشري ۾ اھڙيون بھتر ڳالھيون موجود ھيون، جن جي ڪري آدمشماريءَ ۾ ھيڏي ساري واڌ آئي ھئي ۽ اھا تيستائين بنا ڪنھن شڪ شبھي جي وڌندي رھندي، جيستائين روڪڻ وارا اھي ڪارڻ پيدا نھ ٿين، جيڪي آدمشماريءَ جي واڌ ۽ کوٽ جا ذميوار ھوندا آھن. جيڪڏھن ٿر جي آدمشماري انھيءَ رفتار سان وڌندي رھي ۽ ڪا لڏپلاڻ نھ ٿي، تھ ٢٠ سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿي ويندي. انگلئنڊ جي آدمشماري ٥٢ سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿيندي. پروشيا جي ٢٦ سالن ۾، آسٽريا جي ٦٩ سالن ۾، ۽ فرانس جي ١٠٥ سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿيندي. Q ف ضميمي ۾ ٿر ۽ پارڪر جي آدمشماريءَ جو اختصار ڏنو ويو آھي. | |
| (١١٣) ھاڻي مان اوھان کي ١٨٥٢ع جي سالياني رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ٿر ۽ پارڪر جي زمين جي حق ملڪيت متعلق ٻڌائيندس. ان کان پوءِ، ان ۾ جيڪي واڌارا ۽ سڌارا آندا ويا آھن، سي بيان ڪيا ويندا. | |
| زمين جي اصلي مالڪن جو وڏو تعداد راجپوت ڦريءَ سان واسطو رکي ٿو، جيڪي زمين جي حق ملڪيت لاءِ مقرر مدت جا گھرجائو ھوندا آھن. پھريائين سھوليت واري ڳالھھ اھا ٿيندي، تھ زمين جي حق ملڪيت جي مدي متعلق ڳالھايو وڃي، جنھن ھيٺ ھاڻي کيتي رائج آھي ۽ جمعبنديءَ جي طريقھءِ ڪار تي بھ روشني وڌي وڃي، جنھن مطابق کاتيدارن کان ڍل وصول ڪئي وڃي ٿي. انھن سان گڏ تڪليفن جو بھ ذڪر ڪيو وڃي، جيڪي کاتيدارن يا ھارين کي درپيش آھن. | |
| ”سنڌ جي اميرن، ٿر واري علائقي کي ”خالصو“ يا شاھي ملڪيت ڪري ڇڏيو ھو، منھنجو خيال آھي تھ انھيءَ سبب ڪري زمين جو حق ملڪيت اميرن پنھنجي ھٿ ھيٺ رکيو ھو. ان کان سواءِ اھا حقيقت ھن ڳالھھ مان بھ ظاھر ٿئي ٿي، تھ ڪي زمينون ڪن قبيلن يا فردن کي انعام بھ ڏئي ڇڏيندا ھئا. فتح ٿيڻ کان پوءِ، زمين جي حق ملڪيت جو ساڳيو اصول برطانيھ سرڪار جي ورثي ۾ آيو. ان وقت جنھن بھ ماڻھوءَ يا سردار کي ڪي حق يا رعايتون مليل ھيون، تن سان ھٿ چراند ڪا نھ ڪئي وئي. انھن انعامن ۽ رعايتن جو جڏھن نئين ڪرڻ جو وقت آيو يا جن ماڻھن کي اھڙين رعايتن جو حقدار سمجھيو ويو، تھ انگريز سرڪار پنھنجي اختيارن کي استعمال ڪري، اڳين رعايتن کي بحال رکيو ۽ ٻين حقدار ماڻھن کي پڻ رعايتون ڏنيون. اھو پتو ڪونھ ٿو پوي، تھ برطانيھ سرڪار ڪيئن ۽ ڪھڙي وقت ماڻھن جا زمين تي قبضا نھ ٿيڻ جوڳا حق تسليم ڪندي ھئي. راجپوت، ڪن پيڙھين کان وٺي پنھنجي قبضي ھيٺ آيل موروثي زمين کي گھڻو چاھيندا ھئا. ھاڻي انگريز سرڪار انھن زمينن جي مالڪ آھي. جن ماڻھن تي ڍل معاف نھ آھي، سي حڪومت کي پيدائش جو حصو ڏيندا رھندا آھن. جيستائين ھاري پاڻ زمين نھ ڇڏيندو، تيستائين ھو ڪاھيندو رھندو، کانئس زمين زوريءَ ڪانھ ڇڏائي ويندي آھي. جيڪڏھن ڪو ھاري بنا ڪنھن ظاھري سبب جي ھڪ فصل لاءِ زمين نھ ڪاھيندو تھ ھو ان ڇڏيل زمين جي ڪاھڻ جو حق وڃائي ويھندو. ڇاڪاڻ تھ ھتي زمين کي واھڻ کان سواءِ، زمين تي حقداريءَ جو حق تسليم ڪونھ ڪيو ويندو آھي. زمين جي مقرر حق ملڪيت نھ ھئڻ ڪري ھاريءَ لاءِ ممڪن ڪونھ آھي، تھ ھو ڪنھن زمين جي ان ٽڪري تي پنھنجي حق ملڪيت جي دعويٰ ڪري سگھي، جيڪو ھن آباد تھ ڪيو آھي، پر قانوني طور جيڪا زمين سندس قبضي ھيٺ آھي، ان کان وڌيڪ آھي. جيڪڏھن اھڙو حق تسليم ڪيو ويو، تھ ماڻھو اڳيون زمينون ڇڏيندا ۽ نيون آباد ڪندا ويندا، زمينون آباد ڪري سگھن يا نھ، پر وڌ ۾ وڌ زمينون پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رھندا. ان ڪري جيستائين ھو کيڙيندو رھندو، تيستائين کانئس زمين کسي ڪانھ سگھبي. زمين کسجڻ جا امڪان فقط تڏھن ھوندا آھن، جڏھن ھاري زمين غير آباد رکندو. زمين جو ٽڪرو گذريل ڪيترين پيڙھين کان وٺي راجپوت ڪاھيندو ايندو ھوندو ۽ کانئس کسبي تھ کيس ڄڻ دلي صدمو رسندو. ھن لاءِ خوشيءَ جي ڳالھھ اھا ئي ھوندي آھي، تھ زمين جو ٿورو يا گھڻو ٽڪر، جنھن لاءِ کيس پڪ ھجي، تھ اھو سندس زمين جو ٽڪر کانئس ڪير بھ ڪونھ کسيندو، تھ پوءِ ھو پوري اعتماد سان ان کي آباد ڪندو رھندو. | |
| ”ٿر جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ موجود مختلف قبيلا آباد آھن، جن کي ستن پيڙھين کان وٺي زمينن جا ٽڪرا قبضي ھيٺ آھن ۽ قديم زماني کان وٺي کيڙيندا ۽ کائيندا اچن ٿا. اميرن جي زماني ۾ ٻاھرين ماڻھن کي اھي زمينون ڪاھڻ ڪونھ ڏنيون وينديون ھيون. پر ھاڻي فقط انھن زمينن تي سندن قبضو تسليم ڪيو ويندو، جيڪا ھو واھي سگھندا. اھڙيءَ ريت جيتري مدت تائين پاڻ چاھيندا، قبضيدار ٿي رھندا. پر سندن حق ملڪيت جي مدت مقرر ٿيل ڪانھ ھوندي. اسان اھڙي اصول کي ھن نقطھءِ نگاه سان ڏسون ٿا، يا سندن قبضي کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏيون ٿا، تھ ان مان اسان جو مقصد ھي آھي، تھ Tenants at will يعني سندن قبضو مرضيءَ مطابق ھوندو يا کين ڏنل زمين تي قبضي جي ڪا بھ ضمانت ڪانھ ھوندي. جيڪڏھن اھا زمين آباد ٿي نھ سگھندي يا سرڪاري ڍل جي ادائگي ڪري نھ سگھندا، يا ان زمين جو حق ملڪيت خطري ۾ ھوندو، تھ اھڙي زمين جو قبضو سرڪار جي حوالي ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن راجپوت پنھنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪو زمين جو ٽڪر آباد ڪندا ٿي آيا ۽ پوءِ، جيڪڏھن زمين جو اھو ٽڪرو کانئن کسيو ويو، تھ ضد ويڙھھ تي سندرو ٻڌي بيھندا. (1) ٢٠-١٨١٩ع ۾ اميرن جي عملدارن جي ڏاڍ ڏيپلي جي سوڍن سردارن ۽ ساڳئي علائقي جي ڍاٽي قبيلن لڏي وڃي ڪڇ جي راءِ جي پناه ورتي ھئي. ڪن ٿورن کان سواءِ، اميرن سڀني سوڍن سردارن کي سنڌ گھرائي ورتو ھو. باقي ڍاٽي قبيلا ١٨٤٧ع تائين ڪڇ ۾ مقيم رھيا ۽ اتي نوڪري جي عيوض راءِ طرفان مليل زمينون آباد ڪندا ٿي رھيا. انھن مان ٢٠ گھر اتان لڏي اچي پنھنجي پراڻن پڊن تي ويٺا ۽ پنھنجون اڳوڻيون زمينون آباد ڪرڻ لڳا. باقي اڃا تائين ڪڇ ۾ آھن ۽ زمينون آباد ڪن ٿا، (2) جن جي ڍل سرڪار طرفان معاف آھي. پر مون کي ڪن سردارن معرفت پتو پيو آھي تھ، اھي بھ پوئتي ٿر وڃڻ لاءِ واجھھ ٿا وجھن، تھ جيڪر انھن زمينن جي اوسي پاسي وڃي ويھن، جتي سندن ابا ڏاڏا ويٺا ھئا ۽ زمينون آباد ڪندا ھئا. پر اتي زمين سندن ملڪيت وارو اصول مقرر نھ آھي. جيڪڏھن کين زمين جو حق ملڪيت مستقل ڏنو وڃي، تھ پيدائش جو سرڪاري حصو کڻي ڪيترو بھ ھجي، ھو اھو قبول ڪندا. حقيقت اھا آھي، تھ ھڪ راجپوت وٽ زمين جو مستقل حق ملڪيت عارضي حق ملڪيت کان وڌيڪ قدر ۽ قيمت رکي ٿو. ھو، مھذب قومن جيان زمين جي مستقل حق ملڪيت مان وڏو زرعي فائدو وٺڻ بھ ڪونھ ڄاڻندا آھن. | |
| ”ٿر ۽ پارڪر ۾ ڍل جي جمعبنديءَ جو طريقو ھن ريت آھي، تھ ڪاردار علائقي جي متعلقھ زميندار سان گڏجي ھر سال آڪٽوبر مھيني ۾ جمعبندي ڪندو آھي، ھر آباد زمين جي ٽڪري جي جاچ پڙتال ڪندو آھي ۽ داڻ بندي مقرر ڪندو آھي ۽ سرڪار جو حصو ان وقت مقرر ڪيو ويندو آھي، جڏھن ڪاردار جي ساري حد جي جمعبندي ٿي ويندي آھي، تھ سرڪاري حصو روڪ پئسن ۾ تبديل ٿي ويندو آھي ۽ جنس جو اگھھ منڊيءَ جي اگھھ تي مقرر ڪيو ويندو آھي ۽ ان وقت ئي ادائگي ڪئي ويندي آھي. جڏھن آباد زمينن جا ٽڪر ڀٽن جي وچ ۾ ھيڏي ھوڏي پکڙيا پيا ھوندا آھن ۽ ڀٽن تان لھڻ چڙھڻ ماڻھن توڙي سوارين لاءِ ڏچو بڻجي پوندو آھي، تھ جمعبندي ڊگھو عرصو وٺندي آھي. داڻ بندي مقرر ڪرڻ ۾ بھ ٽي يا چار مھينا تھ اوس لڳي ويندا آھن. ان حالت ۾ ھارين کي ھڪ ھنڌ ديرن رکڻ جو تاڪيد ڪيو ويندو آھي. ڪن پڪن فصلن جي بيٺي ئي داڻ بندي ڪئي وڃي ٿي. ڪن جو ديرن ۾ ڳاه ڳاھڻ کان اڳ ۾ تخمينو ڪيو وڃي ٿو. ڪاٿي وري موسم جي آخر ۾ فصلن جي بيٺل سنگن مان ڪاٿو ڪيو ويندو آھي، ڀلي پوءِ انھن ۾ ان موجود ھجي يا ڪڍي استعمال ڪيو ويو ھجي. | |
| ھن نظام ۾ سٺو طريقو اھو آھي، تھ فصل پچڻ سان داڻ بندي مقرر ڪئي وڃي. ٿر جي زميندارن ۾ وڏو آزار اھو ھوندو آھي، تھ ھو سدائين ڍل ڏيڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا ھوندا آھن. ڪاردار تمام دير سان يعني ان وقت پھچندا آھن، جڏھن فصل کڄي ۽ کاڄي ويندا آھن. جيڪڏھن ڪاردار ان مٿان ڳاٽي ڀڳي داڻ بندي ھڻندو آھي، تھ فصل ڪاٿي واريءَ رقم کان گھڻو گھٽ لٿو ھو ۽ سرڪاري حصو غير واجبي آھي. تنھن ڪري ھي ضروري آھي، تھ ٿر جي ھارين کي مجبور ڪيو وڃي، تھ جيستائين داڻ بندي نھ ٿئي، تيستائين ديرن مان ان کڻي گھرن ۾ نھ رکن. ھن معاملي کي مناسب نموني سان حل ڪجي. اھو ڪيڏو نھ ڏاڍ آھي، جو ھاري ديري ۾ رکيل ول بندي مقرر ڪري. ھن ڪري ويچاري ھاريءَ کي گھڻو ڇيھو رسي ٿو. ھڪ تھ سڄو ڏينھن ديري تي ويٺو مھينن تائين پھرو ڏيندو. ديري ۾ پنھنجي پيل ان ھوندي بھ، پنھنجي گذر سفر لاءِ پئسا ڀري ڪٿان ان وٺندو. پارڪر ۾ ان ڳوٺن ڀرسان ديرن ۾ رکيل ھوندو آھي ۽ ماڻھن کي داڻ بندي مقرر ٿيڻ تائين ان کي ھٿ لائڻ جي منع ڪئي ويندي آھي. ان ڳالھھ جو امڪان ئي ڪونھ آھي، جو داڻ بندي مقرر ٿيڻ کان اڳ ھاري پنھنجي ان کي ھٿ نھ لائي. | |
| داڻ بنديءَ جي ھن طريقي ۾ اعتراض جوڳي وڏي ڳالھھ اھا ھوندي آھي، تھ صحيح انگن اکرن کان گھڻو وڌيڪ ڪاٿو لڳايو ويندو آھي. صحيح ڍل کان وڌيڪ داڻ بنديءَ جي مقرريءَ متعلق شڪايت اسان کي ڏيپلي جي علائقي مان موصول ٿي، جيڪا ھن طريقي جي ڍل جي وصوليءَ ۾ خاميءَ جو عملي ثبوت آھي. ڍل جي داڻ بنديءَ جو اھو طريقو جنھن جي معيار ۾ واضح فرق موجود ھوندو آھي، سو مقامي عملدار جي مختلف عھدن ۾ ننڍ وڏائي تي بھ مدار رکي ٿو. اھو طريقو نھ تھ زميندارن کي اطمينان ڏئي سگھندو آھي، ۽ نھ وري سندن اعتماد بحال ڪري سگھندو آھي. زميندارن ۾ انھن ٻنھي شين جو موجود ھئڻ زراعت جي ترقيءَ لاءِ ضروري آھي. | |
| ھن موسم جي داڻ بندي گذريل آڪٽوبر مھيني ۾ شروع ٿي، دير سان اپريل ۾ پوري ٿي. صحيح داڻ بنديءَ جي ڪٿ لڳائڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ ان مطابق ڍل جي اوڳاڙيءَ بھ ڪجھھ وقت ورتو. نھ تھ اڳي ١٨٤٩ع تائين داڻ بنديءَ جي مقرر ۽ ڍل جي اوڳاڙي ڊسمبر جي پڇاڙيءَ يا جنوريءَ جي اڳياڙيءَ ۾ ختم ٿي ويندي ھئي. ھاڻي گھڻو وقت ان ڪري لڳي ٿو جو آباديءَ جو انگ بھ وڌي ويو آھي، تنھن ڪري ڍل جي اوڳڙ ۾ دير ٿي وڃي ٿي. ٻيو تھ ڪاردارن تي بھ زور ڀريو ويو آھي تھ، واھيل زمين جي ٽڪرن تي وڌيڪ ڌيان ڏين ۽ چڱيءَ ريت جاچ پڙتال ڪن ۽ پنھنجي ڪارڪردگيءَ جو بالا عملدارن کي اطلاع ڏين، نھ تھ اڳئي ايئن گھٽ ٿيندو ھو. مٿي لکت جي اطلاعن موڪلڻ جو انگ وڌي ويو آھي ۽ انھن اطلاعن جي چڪاس بھ گھڻي ٿيندي آھي، تنھن ھوندي بھ صحيح ڪم ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان ھوندا آھن. | |
| ”١٨٥٠ع ۾ ھن موضوع ڏانھن اشارو ڪندي، مون ھر سال فصل جي داڻ بندي ڪرڻ بدران، مقرر ڍل جي سفارش ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ڪاردار ڏاڍو دير سان وڃي داڻ بندي ڪندا ھئا ۽ کاتيدار سندس اوسيئڙي ۾ اجايو ويٺا ڪشٽ ڪاٽيندا ھئا. ڪاردار خواه مخواه داڻ بنديءَ جي ڪٿ ڪرڻ ۾ وقت سيڙائيندا ھئا. ھاڻي رڳو مختلف کاتيدارن کان ڍل اوڳاڙيندا رھن ٿا. ان وقت زمين جي حق ملڪيت ڏانھن ڪو ڌيان ڪونھ ڏنو ويو ھو، توڙي جو اھم ڪم داڻ بندي ڪرڻ کان وڌيڪ اھم ھو.“ | |
| ”ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ فقط ھڪ مقامي ماڻھوءَ کي ئي ڍل جي معاملي جو گھڻو تجربو آھي. اھو ننگر پارڪر جو ڪاردار آھي. جنھن ١٨٤٤ع کان وٺي موجود خال کي ڀري پاڻ کي واڌاين لائق ثابت ڪيو آھي. جڏھن ساڻس مقرر ڍل جي موضوع تي ڳالھايو ويو، تھ چيائين تھ: آباد زمين جي ماپ ڪرڻ کان سواءِ ڍل مقرر ڪرڻ مشڪل آھي. ٻيو تھ زمين جا ڪي ٽڪرا آباد ٿيڻ کان پوءِ، وري ڪيترن فصلن لاءِ خالي پيا ھوندا آھن ۽ انھن بدران ٻي تازي زمين آباد ڪئي ويندي آھي، جيستائين اڳيون آباد ڪيل ٽڪرو ويساھين کان پوءِ، طاقت حاصل ڪري وٺندو آھي.“ | |
| ”ھن معاملي سان لاڳاپيل ڪي ٻيا بھ مونجھارا آھن. زمين جي ماپي متعلق ڄاڻ نھ ھئڻ. زمين جي خوبين ۽ خاصيتن جو علم نھ ھئڻ يا زمين سان لاڳاپيل ٻيون بھ ڪي اھڙيون ڳالھيون آھن، جن متعلق واقفيت ھئڻ ضروري آھي. جيڪڏھن زمين مقرر ڍل جي اصول سان مستقل حق ملڪيت ڪري مالڪ کي ڏني ويندي، يا نوڪريءَ جي عيوض کين ڏني ويندي، تھ ماڻھو زمين کي وڌيڪ سڌاريندا ۽ ٿر جنھن صورت ۾ اڄ نظر اچي رھيو آھي، سو ڪجھھ وقت کان پوءِ، ائين نھ رھندو. جيڪڏھن راجپوتن کي زمينون، نوڪرين عيوض ڏنيون ويون، تھ ھو وڏي چاھھ سان کيڙيندا. پنھنجا سڀ وسيلا زمين جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم آڻيندا ۽ ان کي پنھنجي ساه برابر سمجھندا. موجوده حالتن ۾ سندن پورو ڌيان زمين ڏانھن ڪونھ آھي. “ | |
| ”ماڻھن جي جنھن طبقي متعلق آءٌ ٻڌائي رھيو آھيان، انھن لاءِ لازمي ۽ مناسب اھو آھي، تھ کين ٿوري عرصي لاءِ ئي سھي، مقرر ڍل جي اصول تي ۽ نوڪري جي معاوضي طور زمين ڏني وڃي. سندن حيثيت ھاري – مالڪ واري ھوندي ۽ ھو ايتري زمين کيڙيندو جيتري سندن گھراڻي ۽ کيڙڻ جي سگھھ ھوندي. نوڪريءَ جي عيوض زمين ڏيڻ واري قانون ۾ ٿوري وقت کان پوءِ سڌارو آندو وڃي، يا جيڪڏھن ضروري سمجھيو وڃي، تھ حق واسطا بھ قائم رکيا وڃن. زمين جي ان مستقل حق ملڪيت سان دخل اندازي نھ ڪئي وڃي ، جنھن ھيٺ کيس اھا زمين مليل آھي.“ | |
| ”جڏھن ڪي خاندان گھڻي زماني کان وٺي زمينون کيڙيندا اچن ٿا. يا کيڙيندي کين ٿورو عرصو گذريو آھي، تھ نوڪريءَ جي عيوض سندن حق تسليم ڪيو وڃي، جيڪڏھن ضروري ھجي، تھ حالتن مطابق ان تي وري ويچار ڪيو وڃي. صنعت لاءِ بھ اھا ڳالھھ ضروري ٿو سمجھان، تھ زراعت جي ترقيءَ لاءِ پڻ اھا ضروري آھي. حڪومت وڌ ۾ وڌ پنھنجي حصي جي تقاضا ڪندي. اھا ڪا عام ڳالھھ نھ آھي، اھو حصو نوڪريءَ جي عيوض ھجي يا ملڪ جي ٻي خدمت جي صورت ۾ ھجي. پر ھاريءَ جي لاءِ اھا وڏي اھميت واري ڳالھھ ٿيندي، تھ متعلقھ زمين تي حڪومت جي دست اندازي نھ ھجي، ۽ زمين جي موجوده طريقھ ڪار تي، سندس ٿوري گھڻي ناراضپي جو اثر نھ ھجي. | |
| ”انھن قبضيدارن جي وڪالت ڪرڻ تھ سندن حقن کي تسليم ڪرڻ گھرجي، ان بنياد تي تھ، اھي ڪيترين ئي پيڙھين کان وٺي، اھي زمينون کيڙيندا اچن ٿا. ڇاڪاڻ تھ اھو سندن ورثو آھي. منھنجي خيال ۾ ھن ڪري ڇڏيل ۽ منجھيل دعوائون وري زنده ٿي پونديون. پر ھئڻ ائين کپي، تھ اھڙن قبضيدارن جي ضرور سفارش ڪرڻ گھرجي، جن وٽ ملڪيت جو حق آھي، جنھن مان زمين جي ٽڪري تي سندن قبضو ثابت ٿئي ٿو ۽ اھا زمين ھو کيڙيندا رھن ٿا. ٿر ۾ ھڪ تھ ماڻھن جي آبادي ٿوري آھي. ٻيو وري زمين جا ٽڪرا ھڪ ڀيرو آباد ڪري، وري ڪيتري وقت لاءِ غيرآباد ڇڏي ڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن ھاريءَ وٽ زمين جو ڪو ٽڪرو آھي، جنھن کي ھو پنھنجو سڏي سگھي ٿو ۽ ھو نوڪريءَ عيوض يا ڍل جي شرط تي آباد ڪندو اچي ٿو. ۽ اھا سندس نالي لکيل آھي، تھ ھو نئينءَ ۽ پراڻي زمين جي فصل جي فرق ڪري خرچ پنھنجي سر مٿان کڻڻ پسند ڪونھ ڪندو. پر ٻيا زميندار وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ جي ارادي سان ۽ خوشحال مستقبل واسطي اھو پڻ چاھيندا، تھ کين ڪير ننڍو زميندار بھ نھ سڏي. | |
| ”ھاڻي اھڙو ڪو قانون ئي ڪونھ آھي، جو ڪو ھاري ڪنھن زمين جي ٽڪري سان لاڳاپيل ھجي. اھڙو ڪو اصول بھ موجود ڪونھ آھي، جو ھاريءَ کي محنت ڪرڻ لاءِ اتساھھ ۽ امنگ ڏياري سگھجي، جنھن ۾ ٿوري گھڻي پورھئي کان پوءِ، ان جا چار داڻا پيدا ٿين، ۽ اھڙيءَ ريت ھو ٻھ چار مھينا آرام سان پنھنجن ٻچن جو گذر سفر ڪري سگھي ٿو. پر ھن قسم جي کيتي ۽ ڍل جي طريقھءِ ڪار ۾ وڏيون مصيبتون آھن ۽ ڪيترا ناراضپا سر تي کڻڻا پون ٿا. ھن قسم جا مامرا تھ ايامن کان وٺي ھلندا پيا اچن. شايد ھڪڙو سبب اھو بھ آھي، تھ ٿر ۽ پارڪر وارو علائقو اميرن جي گاديءَ کان گھڻو ڏور آھي ۽ علائقي جو انتظام ڪاردارن جي حوالي رھيو آھي، جن ھتان جي ماڻھن جي احترام ۽ حقن کي عزت ڀريءَ نگاھھ سان تھ ڏٺو ئي ڪونھ آھي. | |
| آبادگار طبقو مقرر حق ملڪيت جي ڀيٽ ۾، ٿوري عرصي لاءِ زمين جي کڻت کي اھميت ڪونھ ڏيندو آھي. ڪنھن کاتيدار کي زمين جا مستقل حق ملڪيت ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اعتراض موجود آھن، پر زمين کي پاڻ وٽ بحال رکڻ جي حق مان مقصد اھو ھوندو آھي، تھ زمين جو خريدار، خريد ڪرڻ وقت زمين ۾ پورھئي ڪرڻ جي شوق سان ٽمٽار ھوندو آھي، جڏھن تھ زمين جي عارضي کڻت ۾ اھا ڳالھھ ڪانھ ھوندي آھي. | |
| حڪومت پئسي جي نقطھءِ نظر کان جيئن مناسب سمجھندي آھي، تيئن عارضي کڻت يا نوڪريءَ عيوض ملندڙ زمينن جي قاعدن ۽ قانونن ۾ ڦير ڦار ڪندي رھندي آھي. حڪومت ۽ ھاريءَ جا مقصد گھڻو ڪري ھڪجھڙا ھوندا آھن. حڪومت جي فائدي ۾ اھا ڳالھھ آھي، تھ ھاريءَ کي آزاد ڇڏجي، سندس سماجي رتبي کي وڌائجي، فقط اھو ڏسڻ گھرجي تھ، حڪومت جي مفادن کي ڪنھن بھ قسم جو ڇيھو نھ رسي ۽ انھيءَ ۾ ئي ٻنھي جي ڀلائي آھي. | |
| زمين جي مستقل انتظام ڪرڻ لاءِ گھڻيون ئي تڪليفون ۽ مونجھارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھن مان مکيھ ڳالھھ اھا بھ آھي، تھ ٿر ۽ پارڪر جي علائقن جو نقشو موجود ڪونھ آھي. اسان نقشي نھ ھئڻ ڪري ان ڪم جي شروعات بھ نھ ٿا ڪري سگھون. جيستائين ٿر ۽ پارڪر جي سروي نھ ٿي آھي، تيستائين ھن کاتي سان لاڳاپيل سڀ ترقياتي ڪم مھمل ڪيا وڃن. ان ڪري ممڪن آھي، تھ تمام گھڻي دير ٿي وڃي، ڇو تھ مذڪوره علائقا گھڻو ڏور آھن. ڪيترا قبيلا ۽ ماڻھو اھڙا بھ آھن، جيڪي ٿر کي پنھنجو گھر سمجھن ٿا، منجھس ڪا ڦير ڦار ڪونھ چاھيندا ۽ ھندستان جي ٻين خوشحال صوبن جيان ترقي يافتھ ڏسڻ پسند ڪونھ ڪندا. ھن موقعي تي ٿر ۾ موجود ڍل جي سرشتي ۾ تبديلي آڻڻ جي تفصيلن ۾ وڃڻ بھ وقت کان اڳ جي ڳالھھ ٿيندي. | |
| مان ھتي فقط ھڪ ننڍڙو واڌارو ڪندس، تھ جن اصولن جي آءٌ سفارش ڪريان ٿو، سي من اوھان قبول(1) ڪرڻ فرمايو. منھنجي گذارش ھيءَ آھي، تھ موجوده وقت جيڪي بھ زمينون پنھنجي پورھئي پگھر سان ڏيپلي ۽ پارڪر جا راجپوت آباد ڪري رھيا آھن، تن کي اھي مستقل بنيادن تي ڏنيون وڃن. پوءِ ڀلي ھر پنجين سال پنھنجي سرڪاري حصي کي نئون ڪندو رھجي. زمينن جي کڻت جا اگھھ اڳين پنجن سالن جون رسيدون ڏسي، پوءِ مقرر ڪيا وڃن. سوڪھڙي ۽ ڏڪار وقت کانئن ڪجھھ بھ وصول نھ ڪيو وڃي. زمينون ماپي دنگ مقرر ڪرڻ يا ٻيا لاڳاپيل تفصيل مطالعي لاءِ ھيٺ ڏجن ٿا: | |
| (١١٤) سن ١٨٥٤ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر ٿر ۽ پارڪر جي علائقن جو دورو ڪيو ۽ بٽئيءَ واري سرشتي کي ختم ڪري، ان جي بدران مقرر ڍل وارو اصول رائج ڪيو. زمينن جي ماپ ڪرڻ جي سلسلي ۾ بھ ڪجھھ ترقي ٿي آھي. ھاڻي مون کي بيماريءَ جي سرٽيفيڪٽ تي انگلئئنڊ وڃڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو. ڍل ٻڌڻ واري موضوع تي منھنجا خيال بھ قلمبند ڪري، ھڪ يادداشت جي صورت ۾ ٣٠ اپريل ١٨٥٥ع تي ممبئي موڪليا ويا آھن، جن جو اختصار ملاحظي لاءِ ھيٺ ڏجي ٿو: | |
| (١) سنڌ جي ڪمشنر ھنن حقيقتن کي منظور ڪيو آھي، تھ مستقل ڍل ٻڌڻ جي خيال کان ٿر جي زمين جي ماپ ڪئي وڃي. جنھن مان مقصد اھو نڪري ٿو تھ، متعلقھ زمين جي مالڪ جو حق ۽ ضبطيءَ جي لائق ڪونھ ھوندو، پر شرط اھو آھي، تھ اھو ماڻھو انگريز سرڪار سان وفادار رھندو. | |
| مقرر ڍل مان اھو مقصد سمجھڻ گھرجي، تھ سالياني معاوضي ۽ مقرر عرصي لاءِ ڏنل زمين جي مالڪ جي حق کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. پوءِ اھو مقرر عرصو ١٠، ٢٠ يا ٣٠ سال بھ ٿي سگھي ٿو، جنھن ۾ حڪومت ڍل جو انگ نھ وڌائڻ لاءِ ٻڌل رھندي. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ زمين جا ٻھ ٽي ٽڪر آھن، پر ھو آباد فقط ھڪ ٽڪرو ڪرڻ چاھي ٿو، تھ کيس زمين جا ٻيا ٽڪرا ڇڏڻا پوندا. ھاري ان ٽڪري جي سال بسال آباديءَ واسطي ذميوار رھندو. حڪومت تي بھ فرض آھي، تھ اقرارنامي ۾ ظاھر ڪيل سالن واريءَ مدت جي پابند رھي. حڪومت کي منھنجي اھا بھ صلاح آھي، تھ ھاريءَ کي ڊگھيءَ مدت واري کڻت جي سھوليت ڏئي ۽ کيس ھرذميواريءَ کان آجو رکي. | |
| (٢) ٿر ۾ موجود زمين جو وڏو حصو، گھڻي عرصي کان وٺي موجوده زميندارن جي قبضي ھيٺ رھيو آھي. ھن معاملي ۾ منھنجي ڪوشش اھا ھوندي، تھ مذڪوره زميندار ان زمين کي پنھنجي ملڪيت تصور ڪن. حڪومت جي فقط اھا ئي خواھش آھي، تھ وٽس وقت بوقت ڍل جي انگن اکرن بدلائڻ جو حق ھجي، جيئن کاتيدارن جي ڍل جو وڌيڪ بار مٿان نھ پئجي وڃي ۽ کيس پنھنجو مناسب حصو ملندو رھي. | |
| (٣) ھرھڪ زميندار جي مرضي اھا ھوندي آھي تھ، جيڪا بھ وٽس زمين آھي، سرڪار طرفان ان جي وٽس سند ھئڻ گھرجي، جنھن ۾ اھو ڏيکاريو وڃي، تھ مذڪوره زمين سندس آھي. ڪٿي آھي، ڪيتري آھي ۽ ان جون حدون ڪھڙيون آھن؟ ان کان علاوه مقرر ڪيل ڍل جا انگ اکر بھ موجود ھئڻ گھرجن. ان ۾ اھو بھ يقين ڏياريل ھجي، تھ کاتيدار جيستائين سرڪار جو فرمانبردار ھوندو، تيستائين کانئس زمين ڪانھ کسي ويندي. ڍل واري ڪتابن ۾ زمين متعلق مڪمل معلومات لکيل ھئڻ گھرجي. | |
| (٤) نئين زمين ماپ ڪرڻ کان اڳ آباد نھ ڪئي وڃي، ۽ متعلق علائقي جي ڍل واري ڪتاب ۾ داخل ڪئي وڃي. زمين جي صفائي ڪرڻ ۽ سڌارڻ واسطي زميندار کي اھا زمين ھڪ، ٻھ يا ٽي سال جيئن زمين جي حالت ھجي، ڍل ڇوٽ واري حساب سان ڏني وڃي، ڇاڪاڻ تھ ان نئين زمين کي سڌارڻ ۾ وقت، محنت ۽ پئسي جي ضرورت ھوندي آھي. | |
| (٥) موجوده نالي ماتر ڍل، زمين جي پيدائش جو ٽيون حصو ھوندي آھي. ويرا واه ۽ پارڪر وارن علائقن ۾ اھا پيدائش جو پنجون حصو ھوندي آھي. منھنجو خيال آھي تھ پيدائش جو ٽيون حصو ڍل، مناسب نھ آھي. ان ۾ وڌيڪ نرم پاليسي اختيار ڪرڻ گھرجي. ھاڻي ماڻھو پاڙي وارن کي ڦري لٽي پيا ٿا گذارو ڪن. اھو ضروري آھي، تھ ماڻھن کي کيتيءَ جي ڌنڌي ڏانھن راغب ڪجي. ڍل جي مد ۾ جيڪڏھن چار پئسا وڌيڪ اڳڙندا، سي ڪا بھ اھميت نھ ٿا رکن. جيڪڏھن ڍل جي انگ ۾ نرمي ڪبي، تھ کيتيءَ جو انگ وڌندو ۽ سڄو علائقو خوشحال ٿي ويندو. مون کي بي انتھا خوشي ٿيندي، جيڪڏھن حڪومت سڄي علائقي جي پيدائش جو پنجون حصو ڍل طور اوڳاڙيندي. جيڪڏھن ڍل ڳوري رکي وئي، تھ کيتيءَ کي ڄڻ ٻنڊو اچي ويندو ۽ ھلڪيءَ ڍل ڪري نئين انتظام کي ماڻھو مصيبت بدران پنھنجي لاءِ رحمت سمجھندا. | |
| (٦) ڍل جي ھن طريقي کي مشھور ڪرڻو آھي، تھ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ماڻھن کي سمجھائڻو پوندو، تھ ھن ۾ صبر ۽ تحمل جي ضرورت آھي. ڇاڪاڻ تھ ھتي جي ماڻھن جا مفاد متضاد آھن ۽ ماڻھو ويچارا ايترا مھذب بھ ڪونھ آھن. قبيلن جي سردارن ۽ زميندارن سان بھ صلاح مصلحت ڪرڻ لازمي آھي. جيڪڏھن ماڻھن سان صلاح مشورو ڪبو، تھ ڪا ڳالھھ سندن مرضيءَ جي خلاف بھ ھوندي، تھ بھ خوشيءَ سان قبول ڪري وٺندا. جيڪڏھن ساڻن ڳالھائبو ئي نھ، تھ ٿورن ۽ ننڍن معاملن تي پنھنجو ردعمل ظاھر ڪري وجھندا. | |
| (٧) مان اھا اڳڪٿي ڪري سگھان ٿو، تھ ھن سال (١٨٥٥ع) جي پڇاڙيءَ ڌاران سڄي ٿر جي زمينن جي ماپ ۽ سروي ٿي ويندي، ھن مقصد لاءِ ڪتاب بھ تيار ٿي ويندا. ھن موضوع تي تفصيلي ھدايتون گجراتي دفتر ۾ موجود آھن. جڏھن اھو ڪم خير سان پورو ٿيندو، تھ ھر علائقي جي ڪن سردارن ۽ پٽيلن کي گھرائي، ھر زمين جي ٽڪري جي ڍل ٻڌڻ لاءِ ساڻن صلاح مشورور ڪيو ويندو. ڍل ٻڌڻ وارن جا رايا اڳ ۾ ئي قلمبند ڪيا ويا آھن. سردارن جي خيالن کي ٻڌو ويو آھي ۽ ان سان گڏ رڪارڊ مان بھ مدد حاصل ڪئي وئي آھي. منھنجي خيال ۾ اھي چڱيون ڳالھيون آھن، جن کي نظر ۾ رکي، ڍل جو انگ مقرر ڪيو ويندو. مان ڍل جي مقرريءَ جو ڪتاب ھڪدم بند ڪري ڇڏڻ پسند ڪونھ ڪندس. مان ھاريءَ کي اجازت ڏيندس، تھ ڍل جي انگ تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ڪي مناسب سبب ڏئي. ھن معاملي کي ھلندي ٥٦-١٨٥٥ع جي سياري جي موسم بھ اچي ويندي. جڏھن گشت تي نڪربو، تھ ماڻھن جون ان ڏس ۾ شڪايتون ٻڌبيون ۽ بنا ڪنھن دير جي، سندن شڪايتن جي جاچ پڙتال پڻ ڪئي ويندي. جيڪڏھن ڍل نرم ھوندي، تھ ماڻھن جي شڪايتن جون درخواستون بھ ڪي گھڻيون ڪونھ ھونديون. | |
| (١١٣) جيڪڏھن زمين جو ھڪ يا ٻھ ٽڪرا ڍل ڇوٽ جي شرط سان ڪنھن پٽيل کي ڏبا، تھ ڪو ھر ج ڪونھي. ايئن ڪرڻ سان ھيءُ طبقو سھڪار ۽ سھائتا ڪندو ۽ سرڪار جو نمائندو ٿي ڪم ڪندو. سندن ننڍڙي معاشري ۾ ايئن ٿيندو رھندو. | |
| (١١٤) زمين جا کاتي ٿيل alienated ٽڪرا، ڍل جي نئين سرشتي کان متاثر ٿيڻ نھ گھرجن. مٿن نالي ماتر ڍل مڙھي بھ وڃي، تھ اھڙي داخلا، متعلقھ ڪتاب ۾ ڪرڻ گھرجي، جيڪا پنھنجي لحاظ سان ھڪ چڱي ڳالھھ آھي. کاتي ۾ زمينون بھ گھڻي قسم جون آھن. جن ٽڪرن تي ڍل جي ڇوٽ ڏنل آھي، تن تي ڍل وٺڻ گھرجي. بشرطيڪھ ڍل جي ڇوٽ سرڪار طرفان اڳ ۾ ئي منظور ڪيل ھجي. منھنجي خيال ۾ کوسن کي ڏنل زمين کان سواءِ، ٻين تي ڍل جي ڇوٽ ڪانھ آھي. کوسن جي ڍل جي ڇوٽ جي رعايت اڳيئي مليل آھي، سا ان ئي حالت ۾ بحال رکڻ گھرجي. | |
| (١١٥) ڍل جي پراڻي طريقي موجب ڪاردار قانوني طور سال ۾ ھڪ دفعو وڃي، زمين سان واسطو رکندڙ حقيقتون ڪتاب ۾ قلمبند ڪندو ھو ۽ ڍل ٻڌندو ھو، جنھن جو مٿي بھ ذڪر اچي چڪو آھي. اھڙي قسم جي قلمبند ٿيل معلومات اڄ جي ڍل جي نئين انتظام لاءِ اھم مواد جي حيثيت رکي ٿي. | |
| (١١٦) پھريون تھ اھو سوچيو ويو ھو تھ، ٿر جي زمين جي ماپ ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي بھ سروي ڪئي ويندي، پر تجربيڪار ۽ ڄاڻو عملي جي نھ ھئڻ ڪري، ائين ڪونھ ٿي سگھيو. ٿر جي زمينن جي ماپ ڊسمبر ١٨٥٥ع ۾ پوري ٿي. قائم مقام ڊپٽي ڪليڪٽر، مسٽر شارث Mr. Shortt علائقن جو دورو ڪري، شخصي طور پاڻ زمينن جي ڍل مقرر ڪئي. ھن موضوع تي پنھنجي خيالن جو ھن ريت اظھار ڪري ٿو: (1) | |
| ”مٺيءَ ۽ ڏيپلي جي ڪاردارين ۾ ڍل مقرر ڪرڻ وقت ھيٺين ويچارن مان روشني حاصل ڪئي وئي آھي: | |
| پھريون: ان جي صورت ۾، سراسري نقد پيداوار، سراسري سال جي حساب سان نظر ۾ رکي وئي. | |
| ٻيو: ڍل جي مقرريءَ واسطي حڪومت جي لکپڙھھ جي جواب ۾، سنڌ جي ڪمشنر طرفان موڪليل خط جي فقري نمبر ٨ کي نظر ۾ رکي، گذريل سالن جي ان کي سراسري قيمت جي حسان سان زمين جي پيدائش جي روڪ رقم ۾ ليکو ڪيو ويو، ان کان پوءِ، ڍل مقرر ڪئي وئي. | |
| ”ان کان سواءِ، زمين جي ھرھڪ ٽڪري جي مقامي حالتن مطابق سھوليتن ۽ اھنجاين کي نظر ۾ رکي، ڍل مقرر ڪئي وئي آھي.“ | |
| (١١٧) زمين جي حق ملڪيت جي مدت مقرر ڪرڻ واسطي مسٽر شارٽ ھن طرح لکيو آھي: | |
| مون موجوده انتظام ۾ زمين جي کڻت جي مدت کي ١٠ سال تائين مقرر ڪيو آھي. ھيءُ ھتان جي ماڻھن جو ڄڻ تھ متفق فيصلو آھي. منھنجي خيال ۾ ھيءُ مقرر عرصو پنھنجي نقطھءِ نگاه کان صحيح بھ آھي. ھن حقيقت ۾ ڪنھن بھ شڪ شبھي جي گنجائش ڪانھ آھي، ڍل فقط نالي ماتر آھي. جيڪڏھن زميندارن زمين جي ھر ٽڪري مان لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪئي، تھ کين تمام گھڻو فائدو رسندو. پر اھي طبيعت جا آرسي آھن ۽ مان سمجھان ٿو تھ ڪجھھ وقت کان پوءِ، ايترو متوقع فائدو حاصل ڪري ڪونھ سگھندا. ھن علائقي ۾ کيتيءَ جا طريقا تمام پراڻي دؤر کان آھن. عام طور تي ڏسڻ ۾ اھو اچي ٿو، تھ ھرھڪ ھاري ايتري زمين کيڙي ٿو، جنھن جو ان فقط سندس ڪٽنب جي پورائي لاءِ ڪافي ھوندو آھي ۽ ھو ان مطابق حڪومت جو حصو ادا ڪندو آھي. اھو ڪڏھن بھ ڪونھ ڏٺو ويو آھي، تھ فصل ڪاھڻ کان پوءِ بھ، اڃا ڪاھھ واسطي سٺي رت ھوندي، تھ بھ ٻيءَ زمين ۾ ٻج ڪونھ وجھندا ۽ سمجھندا تھ سڄي سال لاءِ ان جو پورائو ٿي ويندو. کين خبر بھ ھوندي آھي، تھ ڍل جي پراڻي سرشتي موجب حڪومت پنھنجو مقرر حصو وٺندي، پوءِ آباديءَ ھيٺ زمين ٿوري ھجي يا گھڻي. نئين سرشتي کي آزمائڻ لاءِ ڏھن سالن جو عرصو ڪافي آھي. جيڪڏھن ھن پنھنجي زمين ۾ دل سان پورھيو ڪيو، تھ کيس زمين مان گھڻو اوپراسو ٿيندو. | |
| (١١٨) مٿينءَ رپورٽ موجب زمين جي ٽڪرن جو انگ ۽ مقرر ٿيل ڍل جي شرح ھيٺ ڏجي ٿي: | |
| سراسري في بيگھ جي حساب | |
| ڍل جي | |
| حڪومت جي | |
| ڍل جي شرح | |
| ١٦٠٠ چورس وال | |
| واسطي، ٣ آنا | |
| روڪ رقم | |
| ١٦،٤٢٨ روپيھ | |
| زمين جا ٽڪرا | |
| ٩،٩٠٥ | |
| (١١٩) ڍل جي مقرر ٿيڻ جو ڪم ڏاڍو دير سان پورو ٿيو. اھو فائدي وارو آھي، يا نقصان وارو، سو ھن وقت ٻڌائڻ ضروري نھ آھي. ھا، فقط ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو، تھ اسان جو ڪجھھ ڪيو آھي، ان جي سٺن نتيجن کان پر اميد آھيون. سو ڪھڙي ڏڪار وقت ڪا بھ ڍل وٺڻ ۾ ڪانھ ايندي. | |
| ”اسان جو ارادو آھي تھ، ٻئي سال پارڪر جي زمينن جي بھ اھڙي جوڙجڪ ٺاھجي. پر شرط اھو آھي، تھ سرويرن جون خدمتون حاصل ٿي وڃن.“ | |
| (1) The above figures and this remark are taken from an interesting paper on the population of Sindh, Mr. Dalzell Deputy Collector of Customs Karachi, forwarded to the Government by Commissioner in Sindh, in November 1855. | |
| (1) Vide footnote to paragraph 66, the petition was for the resitutives of Bhoodesir. | |
| (1) Palic Praja, or tenure of service, signifies that the occupant cultivates the land free, but is liable to be called on for service when the landed proprietor requires it. He occupies the land during the pleasure only of the landed proprietor, and has therefore no saleable or permanent right in the soil. | |
| (2) Picking off the heads of the grain is the usual mode of gathering in the corn the Desert, leaving the stalks standing, while in Parkar, it is usually cut and carted the grain yards close to the village. | |
| (1) The some what unusual course of making fixedness of tenure in any way dependent on good behaviour, was had recourse to from seeing the satisfactory result of the working of the system in the Vusaipotra and May tribes, and amongst the Khosas who cultivate land rent-free, but with the understanding that misbehaviour will cause forfeiture of the privilege. | |
| (1) In letter No.98 of 1856, dated 8th March to Commissioner in Sindh. | |
| نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس | |
| پيداوار ۽ تجارت | |
| (١٢٠) گيھھ، ٿر جي پراڻي پيداوار آھي. سڻائي ۽ سڪار جي زماني ۾، ڪڇ ۽ گجرات ڏانھن ججھي انداز ۾ موڪليو ويندو آھي، ڪجھھ ٿورو حصو سنڌ ڏانھن پڻ موڪليو ويندو آھي. ھيءَ پيداوار گاه چاري تي مدار رکي ٿي، جنھن جو واسطو وڏي وسڪاري ۽ اوھيڙن جي اوڪ سان آھي. ھن موضوع تي وڌيڪ معلومات ضميمي ض R ۾ ڏسندا. گگر ۽ کئونر بھ ٿر ۽ پارڪر جي پيداوار آھن. جن جو ججھو مقدار ڪڇ ۽ گجرات موڪليو وڃي ٿو. وڌيڪ معلومات ضميمي ض R ۾ پڙھندا. | |
| اتان جي ان، تِر، رائي، ڄانڀو ۽ ارنڊي، ڪڇ ۽ گجرات ڏانھن موڪليا ويندا آھن. | |
| (١٢١) ٿر ۽ پارڪر ڏانھن درآمد ٿيندڙ شين مان ڪپھھ، ڪڇ ۽ گجرات مان ايندي آھي ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪتب ايندي آھي. وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسندا ضميمو ق S. | |
| ٿر ۽ پارڪر لاءِ ڳڙ بھ ڪڇ ۽ گجرات مان گھرايو ويندو آھي. ھن وکر جو کاپو فقط ھنن علائقن تائين محدود آھي. ڳڙ سنڌ ڏانھن ڪونھ ويندو آھي. ڇاڪاڻ تھ اتي ججھي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿو. | |
| (١٢٢) پڙھندڙن کي ضميمي ض R ۽ ق S اندر انگن اکرن ۾ لکيل معلومات پڙھي ڏاڍو تعجب ٿيندو، جنھن ۾ مون ٥٣- ١٨٥٢ع سال دوران درآمد ۽ برآمد ڪيل مکيھ شين جو وچور ڏنو آھي. ان سان گڏ انھن شين جو انداز ۽ سندن قيمت پڻ ڏني وئي آھي. ٻيا تجارتي اسم جيڪي دنگ اڪري ھتي پھتا آھن، تن جو بھ ذڪر ڪيو ويو آھي. عام رواجي تجارتي وکر جي بھ مجموعي قيمت ٻڌي، ھڪ سال جي مال جو اندازو لڳايو ويو آھي، تھ ڪل ڪيترو مال درآمد ۽ برآمد ٿيو آھي. | |
| (١٢٣) ٿر ۾ لوڻ جا ڪيترائي سن آھن، جن مان برآمد ڪرڻ جھڙو بھترين لوڻ پيدا ٿيندو آھي. سنھ ٤٥- ١٨٤٤ع ۾ ٢١٠٤٧ ھندستاني مڻ لوڻ موکئي سن مان ڪڍي، برآمد ڪيو ويو. ٻي موسم ۾ بند ٿيڻ واري رت تائين يعني پھرين مئي ١٨٤٥ع کان ١٦ مارچ ١٨٤٦ع تائين، ٢٠٩٢٨ ھندوستاني مڻ لوڻ برآمد ڪيو ويو. مٿس محصول تمام ٿورو اوڳاڙيو ويو، ١٠٠ ڏاندن جي لڏ جيتري مال جا ڪل پوڻا ٢٦ روپيھ ٿيا ٿي، حساب ڪيوسين تھ، في مڻ تي ٻھ آنا ٿي ڇٽا. ان کان پوءِ، مارواڙي جيڪي لوڻ برآمد ڪندا ھئا، تن في ڏاند جي بار تي ھڪ اڪوسي روپيو Ukosy Rupee ڏيڻ جي آڇ ڪئي. حساب موجب اھو ست آنا في ھندستاني مڻ تي بيٺو ٿي. ھن سبب ڪري سندن آڇ مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، تھ اھو ٿر جو لوڻ تمام سستي اگھھ تي وڪڻڻ، ٿر جي لوڻ جي ھڪ ھٽيءَ واري محصول سان ھٿ چراند ٿيندي. | |
| (١٢٤) ھن ڳالھھ ۾ ڪوبھ شڪ شبھو نھ آھي، تھ جيڪڏھن موکئي سن جو لوڻ مارواڙي واپارين جي اگھھ تي وڪرو ڪيو وڃي، ۽ ٤٦-١٨٤٥ع جي ڀيٽ ۾ ٿوري مقدار ۾ برآمد ڪيو وڃي، تھ بھ گھڻو فائدو آھي.(1) توڙي ان سال محصول بھ وڌيل ھو. انھن حالتن ڪري اھا ڳالھھ اسان جي حڪمت عمليءَ جي بھ عين مطابق آھي، تھ موکئي جي سن جي لوڻ کي ڪڍڻ نھ ڏيون. ان مان لوڻ جي ھڪ ھٽيءَ مان ملندڙ محصول کي ھڪ قسم جو ٽيڪو ملي ويندو، اسان ايتري رقم ٿر ۽ پارڪر جي کاتي ۾ جمع ڪرائينداسون، پر ادائگي التوا ۾ رکنداسون. | |
| (١٢٥) سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي گورنر ڏانھن موڪليل رپورٽ ۾ ھيٺيون خيال ظاھر ڪيو آھي: | |
| ٿر ۽ پارڪر متعلق گورنر ڏانھن موڪليل رپورٽ | |
| نمبر C- ٤٨ تاريخ ٢١ جنوري سال ١٨٥٦ع | |
| ”مون اصل جاءِ تي وڃي پڇا ڳاڇا ڪئي آھي ۽ ڪرنل رابرٽس ۽ ليفٽيننٽ رئڪس جي خيال سان متفق آھيان، تھ موکئي جي سن جي لوڻ کي گھٽيل محصول ڪونھ آھي، تھ ٻين سنن جھڙوڪ: پاتري ۽ جوڻيجا وارا ۾ پيدا ٿيندڙ لوڻ کي ڪو نقصان ڪونھ پھچندو ۽ ان ڪري لوڻ جي محصول مان وڌيڪ اوپراسي جا امڪان آھن. جيڪڏھن اسان، موکيءَ جي لوڻ جي برآمد تي پابندي ھڻنداسين، تھ ويرا واه جي اولھھ – اتر وارن مارواڙي رياستن ۾ موجود لوڻ جي سنن جي مالڪن کي فائدو پوندو. مارواڙ جا سن، انھن کي لوڻ ڏيندا آھن. ٿر جي اپت جو ھيءُ وسيلو اسان پنھنجي ھٿان پاڻ ڇڏي ڏنو آھي، ۽ نھ وري اسان گجرات جي محصول جو بچاءُ ڪري سگھيا آھيون. | |
| ان ڪري منھنجي سفارش آھي، تھ موکئي جي سن مان ملندڙ لوڻ کي گھٽ محصول جي شرح سان برآمد ڪرڻ جي وري اجازت ڏني وڃي. ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽمس، ڪمشنر ڪسٽمس سان لکپڙھھ ھلائي، آخري فقري ۾ بيان ڪيل شرطن جو پورائو ڪندو. | |
| مون کي پوري اميد آھي تھ، جيڪڏھن ھيءُ ڪم سچيتائي سان ڪيو ويو، تھ جيڪو بھ ھن علائقي ۾ خرچ ڪيو ويو آھي، سو نڪري ايندو. | |
| انتظامي جوڙجڪ | |
| (١٢٦) ٿر ۽ پارڪر جو علائقو، ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ھيٺان آھي. جيئن سنڌ ۾ مئجسٽريٽ ڪم ڪندو آھي، تيئن ھن علائقي جو مئجسٽريٽ آھي، جيڪو ڪڇ ۾ رھي ٿو. ضلعي جي انتظاميھ ۽ حضور جون پگھارون ضميمي ر T ۾ ڏسي سگھجن ٿيون. ھنن علائقن کان سواءِ پوليس ۽ روينيو کاتي جي، ٻي ڪا بھ پگھار لاڳاپيل ڪانھ آھي. مذڪوره علائقا ھيٺين ڪاردارين ۾ ورھايل آھن: | |
| پھرين ڪارداري، ڏيپلي ۽ ٻلھياري تي مشتمل آھي. | |
| ٻي ڪارداريءَ ۾ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ سنگارو وارا علائقا شامل آھن. | |
| ٽين ڪارداريءَ ۾ ويرا واه علائقو اچي وڃي ٿو، جنھن ۾ ٿر ۽ پارڪر جون ايراضيون اچي وڃن ٿيون. | |
| (١٢٧) موجوده دؤر ۾ ھر ڪارداريءَ اندر ھڪ ڪاردار ۽ ھڪ نائب ڪاردار مقرر آھي. سرڪاري آفيسر پنھنجي متعلقھ حدن ۾ انتظامي، روينيو ۽ جڊيشنري جا ڪم سنڀاليندا آھن. (1) | |
| (١٢٨) پوليس ۽ جڊيشنل انتظام تي ڳالھائڻ کان اڳ ۾، مان ڪاردارن تي ڳالھائيندس، جيڪي روينيو کاتي ۾ پنھنجي فرضن جي ادائگي ڪندا رھندا آھن، اھي ٿر وارن علائقن مان ھر سال مقرر ٿيل ڍل اوڳاڙيندا آھن. ان سان گڏ پارڪر جي علائقي ۾ ڍل بندي ڪرڻ بھ سندن ذميواريءَ ۾ شامل آھي. پارڪر ۾ ٿر جيان آدمشماري ڇڊي پاڊي آھي. ڍل اوڳاڙڻ وارو طريقو ڪيڏو بھ ترقي يافتھ ڇو نھ ھجي، تھ بھ منجھس گھڻيون ئي ڏکيائون آھن. تنھن ڪري خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. اھو ان ڪري آھي، جو زمين جا ھاري ھر سال بدلبا رھن ٿا، ٻي وري اھا ڳالھھ تھ، ماڻھو اڻ پڙھيل آھن. پر اھي تڪليفون ھن کان گھٽ آھن، جو ماڻھو ھر ڏينھن وتي ڀٽن مان ٿر ٿيليندو ۽ رڻ ريليندو ۽ ڪوسيءَ ٿڌيءَ، مھينن جا مھينا وتي نمبر شماري ڪندو. اچرج جھڙي ڳالھھ اھا آھي، تھ ڪم دلچسپ ڪونھ آھي، تنھن ڪري ان ۾ ڪوبھ دلچسپي ڪونھ ٿو وٺي. ان ۾ سڌاري آڻڻ جي ضرورت آھي. اڳ ۾ بھ ڪي سڌارا آندا ويا ھئا. اھو ڍل اوڳاڙڻ جو ھڪڙو طريقو جنھن ۾ حڪومت کي اپت ڪانھ آھي، پر ورلي ورلي آباد ھارين جي مفادن جو بچاءُ ٿي ويندو آھي. منھنجي خيال ۾، ٿر اندر ڍل اوڳاڙڻ جو اھو اڪيلو ئي طريقو آھي ۽ مون کي ھن علائقي جي انتظامي سربراھھ ھئڻ جي ناتي سان، ان علائقي ۾ ڍل اوڳاڙڻ جي ڪم ۾ ھيٺين سبب ڪري ڪيتريون ئي خاميون ۽ اعتراض ڏسڻ ۾ آيا. | |
| پھريون: ڪجھھ وقت اڳ اسان کي اھا ڄاڻ ڪا نھ ھوندي ھئي، تھ آباد زمين جو انگ ڪيترو آھي ۽ زمين جي پيداواري صلاحيت ڪيتري آھي. حقيقت کان گھڻو پري، ڌڪن تي پيا ڪم ڪڍندا ھئاسين. جو ڪجھھ ھاري ٻڌائيندو ھو، سو ئي پنھنجو حق سمجھندا ھئاسين. ان جي وڌيڪ پيداوار تي نظر ڪانھ رکندا ھئاسين ۽ گھڻو ڪري ھاري پنھنجي مرضيءَ جو مالڪ ھوندو ھو. | |
| ٻيو: ھتي مختلف قبيلا ۽ برادريون آھن، جن جي پاڻ ۾ سدائين اڻبڻت لڳي پئي ھوندي آھي ۽ قبيلن جي سردارن ۾ بھ ٺاھھ ڪونھ ھوندو آھي. تنھن ڪري ڍل جي اوڳڙ ڪڏھن ھڪڙي قبيلي جو سردار تھ ڪڏھن ٻئي قبيلي جو سردار ڪندو آھي. ڪنھن اوپري ماڻھوءَ کي اھا ذميواري ڏبي، تھ ان کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو ۽ ماڻھو کيس پسند ڪونھ ڪندا ۽ سندس ڪم ۾ رنڊڪون پيا وجھندا. تاريخ ٻڌائي ٿي، تھ مشرق ۾ اھڙين ڳالھين کي فطري طور سٺيءَ نظر سان ڪونھ ڏٺو ويندو آھي. ان کان سواءِ، اھو ماڻھو ھارين کان، مقرر کان وڌيڪ ڍل وصول ڪندو آھي. مطلب تھ ھو نھ ماڻھن کان واقف ھوندو، نھ جوءِ جو ڄاڻو ھوندو، ۽ عام ماڻھو بھ کانئس نفرت پيا ڪندا. | |
| (١٢٩) ٿر جي علائقي ۾ ڍل پيدا ڪرڻ جو وڌ ۾ وڌ سٺو طريقو اھو آھي، تھ مختلف ٿرن جون زمينون اتان جي برادري جي پٽيلن ۽ قبيلن جي سردارن جي حوالي ڪيون وڃن. پر ان معاشري ۾ ڪي برادريون ڏاڍيون آزاد طبع آھن، زمينن جا دنگ ڪيل ڪونھ آھن، جيڪي ڍل جي ھن طريقھءِ ڪار ۾ وڏي رنڊڪ جي حيثيت رکن ٿيون. جيڪڏھن انھن سڀني ڳالھين تي ويچارجي ٿو، تھ دل ۾ شڪ اڀري ٿو، تھ ٿر جي پراڻي معاشري ۾ ڍل جو ھيءُ نئون طريقو ڪامياب ويندو يا نھ، يا جيڪڏھن روينيو جي عملي کي ڍل اوڳاڙڻ جي پراڻي طريقي بابت باقاعدي سکيا ڏبي، تھ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو، قبيلن جي سردارن ۽ ماڻھن جي سھڪار سان اسان ڍل جو نئون نظام رائج ڪيو آھي، نھ تھ اھو سالن کان پوءِ بھ رائج ڪونھ ٿي سگھي ھا. حقيقت ھيءَ آھي، تھ وڏي سکيا کان پوءِ، جيڪڏھن اھا نواڻ آندي وڃي ھا، تھ ڪاميابيءَ جو گھڻو يقين ھو. بحث طلب نقطو اھو بھ آھي، تھ حڪومت جي ڍل گھٽ اڳڙڻ جو پھريون مرحلو ئي اھو آھي. ان جي برخلاف اسان ماڻھن کي خوش ڪرڻ ۾ لڳا پيا آھيون. اسان اھا ڪوشش ڪري رھيا آھيون، تھ ماڻھن جو ھيٺيون ۽ مٿيون طبقو برطانيھ سرڪار کي انصاف پسند ۽ سٺو سمجھي. ان ڳالھھ کي نظر ۾ رکي، جيڪو بھ قدم کنيو وڃي، يا جيڪو بھ انتظام ڪيو وڃي، ان مان اھڙي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، تھ برطانيھ سرڪار عام ماڻھوءَ جي ڀلي جي خواھشمند آھي ۽ سندن بھتري ۽ بھبود لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھي. ان کان سواءِ اسان وٽ، ڍل جي اوڳاڙي اڃا تائين پراڻي طريقي واري ٿئي ٿي. ايستائين جو اھي سڀ ڳالھيون ڍل جو نئون طريقو رائج ڪرڻ گھرن ٿيون. ڍل جي داخلا جو بھ طريقو اھڙو آھي، جنھن لاءِ پڻ ١٨٥٥ع ۾ ڪمشنر جي منظوريءَ جي ضرورت پئي ھئي.(1) ھن ڪيتري ئي زمين جي ڍل جي مختلف طريقن متعلق ڌار ڌار خيالن کي ملائي ٺيڪ ڪرڻ جي سھائتا ڪئي ھئي، جن اڳتي ھلي مقرر ڍل جي صورت اختيار ڪئي ھئي. | |
| (١٣٠) ان کان سواءِ ڍل جي ھن سڌي طريقي ڪري، اختياريءَ وارا يورپي ماڻھو، عوام سان سڌي رابطي ۾ آيا آھن ۽ حاڪم ۽ محڪوم طبقي جو پاڻ ۾ سڌو سنئون واسطو ٿيو آھي. اڳي اھو طريقو رائج ڪونھ ھو. ڍل اڻ سڌي طرح قبيلن جي سردارن معرفت اوڳاڙي ويندي ھئي، قبيلن اندر ٿورا ٿورا اختلاف بھ اھي پٽيل نبيري ڇڏيندا ھئا. عوام کي سرڪار جي اثر رسوخ ۾ آڻڻ بھ سندن ذميواري ھوندي ھئي. ھاڻوڪا حاڪم اڳين کان وڌيڪ سگھھ ڀريا آھن. اسان ان ڳالھھ کان باخبر آھيون، تھ شھرت ۽ ناموري ھڪ خيالي شيءِ آھي، ۽ نيم مھذب وڳوڙي ۽ ڌار قوم کي مھذب ۽ پرامن بڻائڻ لاءِ، ڪوششون ڪري، ان کي پنھنجو بڻائي سگھجي ٿو. ٿرجي اڻ پڙھيل جھانگي ماڻھن سان جيڪڏھن يورپ جا مھذب ۽ پڙھيل سڌريل لھھ وچڙ ۾ اچن، تھ کين انصاف، وقار ۽ شان جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي، ڇو تھ ھو ھڪ وڏي شھنشاھت جا نمائندا آھن. منجھن جيڪي ننڍڙا جھيڙا جھڳڙا ٿين ٿا، تن کي نبيرڻ ڏانھن ڌيان ڏجي. صبر سان سندن شڪايتون ٻڌجن ۽ دور ڪجن. ماڻھن جي وچ ۾ انصاف قائم ڪبو، تھ اڻ پڙھيل ماڻھو بھ سدائين پيو ڳڻ ڳائيندو. ھن طريقي سان ڳوٺاڻو اٻوجھھ ماڻھو بھ ويجھو اچڻ جي ڪوشش پيو ڪندو. منھنجو پنھنجو خيال آھي، تھ حڪومت جي بالادستيءَ لاءِ ھنن مقامي ماڻھن مٿان ڪنھن جو شخصي اثر ۽ پوليس ۽ فوجي اثر کان وڌيڪ طاقت ڀريو آھي. حقيقت بھ اھا آھي، تھ ماڻھن مٿان شخصي اثر رستي، انگريز سرڪار جي بالادستي قائم ٿي آھي، جنھن ڪري مشرق ۾ ھڪ وڏي رياست جو قيام عمل ۾ آيو آھي. | |
| (١٣١) عدالتي پوليٽيڪل ايجنٽ، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ ڪيس ھلائي، پوليٽيڪل ايجنٽ ڏانھن رجوع ڪندو ھو. ان کان پوءِ، ڪرنل رابرٽس جڏھن ڪڇ مان ھليو ويو، تھ ٿر ۽ پارڪر جا عدالتي مامرا، مئجسٽريٽ نبيرڻ لڳا. شروع ۾ مئجسٽريٽ کي ھڪ سال جيل جي سزا ڏيڻ جو اختيار ھو، پر بعد ۾ کين ستن سالن تائين سزا ڏيڻ جا اختيار ڏنا ويا.(1) خطرناڪ ڏوھن لاءِ، سنڌ جي ڪمشنر کان منظوري ورتي ويندي ھئي. | |
| (١٣٢) ١٨٥٥ع ۾ مئجسٽريٽ آڏو ٢٦ ماڻھن خلاف عدالتي معاملا آندا ويا. جن مان ١٩ اٺن جي چورين جا ڪيس ھئا، تھ چار چوريءَ جي ملڪيت رکڻ بابت ھئا. ٻھ ڪيس چوريءَ ۾ جھٽ ھجڻ بابت ۽ ھڪ غير قانوني طور آفيم وڪڻڻ جي ڏوھھ ۾ گرفتار ھو. ٢٦ ڏوھين مان ٢٠ ٿر ۽ پارڪر جا رھواسي ھئا، باقي ٻيا ڀروارن علائقن جا رھندڙ ھئا. ھڪ سال ۾ عدالتي معاملن جو ٿرپارڪر ۾ ھيءُ گھٽ انگ ھڪ چڱي ڳالھھ آھي. خطرناڪ ڏوھھ ھتي گھٽ ٿيندا آھن. پر جيڪڏھن ٿيندا آھن، تھ اھي لڄالٽ وارا ھوندا آھن. ٻئي ملڪ جيان ٿر ۾ مرد ويچارو ناڪام ۽ عورت ڪمزور آھي. ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ٿر ۽ پارڪر ۾ ھن قسم جو ڏوھھ بھ تمام گھٽ آھي. | |
| (١٣٣) سنڌ جي ڀاڱن جي ڏوھن جي انگ جو پتو ڪونھ ٿو پوي، تنھن ڪري اھو اندازو ڪرڻ ڏکيو آھي، تھ ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ٿر ۽ پارڪر ۾ ڏوھن جو تناسب ڇا آھي. سنڌ جي ڪمشنر ڊسمبر ١٨٥٤ع ۽ جنوري ١٨٥٥ع ۾ ٿر ۽ پارڪر جو تفصيلي دورو ڪيو ھو ۽ ٿر جي عام حالتن، خاص طور ڏوھن جي گھٽ ھجڻ ڪري، ڏاڍو خوش ٿيو ھو. ھن حڪومت ڏانھن موڪليل لکپڙھھ ۾ ھن ريت پنھنجو ذاتي رايو لکيو. ”ھن کان وڌيڪ خوشيءَ جھڙي ٻي ڳالھھ ڪانھ آھي، تھ ٢٠ سالن اندر ھيڏي وڏي تبديلي آئي آھي.“ امن آشتي واريون اھي حقيقتون ڪرنل رابرٽس جي ١٨٤٤ع ۾ رائج ڪيل نئين نظام جو نتيجو آھن. | |
| (١٣٤) سنڌ ۾ عام طور رائج عدالتي طريقو ھيءُ ھيو تھ، ڪاردار کي ھر عدالتي معاملي ھلائڻ جا اختيار ھوندا ھئا. پر ٿرپارڪر ۾ اھڙو سرشتو موجود ڪونھ ھو، تنھن جا سبب اوھان کي ھيٺين فقرن ۾ ملي ويندا، جيڪي سنڌ جي ڪمشنر ڏانھن موڪليل رپورٽ جو اختصار آھن: | |
| ”ڪاردار ھن وقت تائين ڍل جي معاملن ۾ مس پورا رھيا آھن. ھاڻي ڊپ آھي، تھ نئين رائج ٿيندڙ عدالتي سرشتي ۾ بھ، سندن عمل دخل رھندو. ھن وقت تائين منھنجو ڌيان زمين جي وڌندڙ آباديءَ ۽ ٿر جي مختلف قبيلن مان ڌاڙي ۽ ڦرلٽ جي عادت ڇڏائڻ ڏانھن ھو. اھي ڪاردار اڳتي ھلي، مذڪوره ماڻھن جي چڱي ريت مدد ڪري سگھندا.“ | |
| ”ٿر جي علائقي ۾ مختلف قبيلن جا ھڪٻئي تي عدالتي مامرا تمام گھٽ آھن. جڏھن اھڙا مامرا ٿيندا آھن، ۽ ڌرين ۾ ٺھراءُ ممڪن ڪونھ ھوندو آھي، تھ ٻنھي ڌرين جا بيان ٻڌي، سندن معاملو ٽياڪڙي ڏانھن موڪليو ويندو آھي. ٽياڪڙي يا امين اھڙن معاملن ۾ گھڻو ڪري ڪامياب ويندو آھي. فيصلو، انصاف جي پراڻن طريقن مطابق ڪيو ويندو آھي ۽ ٻئي ڌريون ان کي قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌل ھونديون آھن. جيڪڏھن ان معاملي جي جديد قانوني نقطھءِ نظر ۽ باريڪ بينيءَ سان جاچ پڙتال ڪرائبي، تھ فيصلو طئي ٿي ڪونھ سگھندو. اھڙا فيصلا طئي ڪرڻ لاءِ پئنچائت ويھندي آھي. پئنچائت جا ميمبر ان علائقي سان واسطو رکندا آھن، جن کي فيصلي سان لاڳاپيل حقيقتن جي گھڻي ڄاڻ ھوندي آھي. سر پئنچ ڊپٽي ڪليڪٽر ھوندو آھي، جيڪو انياءُ سمجھي ويندو آھي. فيصلي ڪرڻ لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي تمنا ڪونھ ڪندا آھن، تھ فيصلو سندن زير نظر ٿئي.“ | |
| ”ٿر جي علائقن جو مفاصلو، مقامي آفيسرن مٿان نظرداري، جن کي ٻين ذميدارين سان گڏ عدالتي ڪم بھ سونپيا ويا آھن، انھن حالتن ۾ منھنجي نماڻي خيال موجب، عدالتي سرشتي ۾ مذڪوره انتظام ھن قسم جي معاشري بدران ڪنھن وڌيڪ مھذب معاشري لاءِ جڳائن ٿا. کانئن ڪورٽ في ورتي وڃي ٿي. سندن فيصلو سندن ئي چونڊيل پئنچائت ڪري ٿي. جن جي شراڪت کان سواءِ، ٿر جا ماڻھو، ڪو بھ فيصلو قابل قبول ڪونھ سمجھندا آھن.“ | |
| ”اھڙين حالتن ۽ احساسن سبب اسان کي پورو ويساه آھي، تھ ٿر جا ماڻھو تھذيب ۽ ثقافت جي ڏس ۾ ترقي ڪري، ان معيار تي ڪونھ پھتا آھن، جو عدالت جي ترقي يافتھ معاملن کي جاچي پرکي سگھن. ان سان گڏ دل ۾ ھڪ ٻي ڳالھھ جو پڻ کٽڪو رھي ٿو، تھ ڪاردارن کي وڌيڪ عدالتي اختيار سونپيا ويا آھن. اھا بھ مشڪل درپيش ايندي، تھ ڪاردارن جي عدالتي مشيرن لاءِ ٿر جي ٽڙيل پکڙيل قبيلن مان ڪن ھوشيار پرين مڙسن جي چونڊ ڪرڻي پوندي، جن کي عدالتي معاملن ھلائڻ جي سڌ وغيره ڪانھ آھي. تنھن ڪري صحيح اھو سمجھان ٿو، تھ سنڌ جي ٻين حصن ۾ جيڪو عدالتي طريقو رائج ڪري رھيا آھيون، تنھن کي ھن ٿر واري علائقي ۾ ڪجھھ وقت لاءِ مھمل رکيو وڃي.“ | |
| (١٣٥) ١٨٥٢ع ۾ سنڌ ۾ جي عدالتي سڌارا آندا ويا ھئا ۽ ٿر ۽ پارڪر لاءِ بھ ڪوشش ڪئي وئي ھئي، تھ اتي بھ ساڳيا عدالتي سڌارا نافذ ڪيا وڃن. پر ڪن حالتن کان مجبور ٿي، اھڙن سڌارن کي ٿر ۽ پارڪر وارن علائقن ۾ مھمل رکيو ويو. ان کان پوءِ، اتان جي ماڻھن کي شعور ۽ سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تھ جيئن اڳتي ٿيندڙ عدالتي سرشتي جي ھڪجھڙائي ھتي بھ قائم ٿي سگھي. ان ڏس ۾ جيڪي بھ قدم کنيا ويا، سي ١٨٥٣ع ۾ رپورٽ ڪيا ويا ھئا. | |
| ”عدالتي طريقي کي گھڻو ڪونھ سڌاريو ويو آھي. ٿر جي معزز سردارن ۽ ٻين باشعور ماڻھن مان لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. اھي عدالتي معاملا جيڪي غور ڪرڻ ۽ فيصلي لاءِ رکيل آھن، تن ۾ کين مشير جي سکيا ڏني ويندي. کين پوريءَ ريت سمجھايو ويو آھي، تھ علائقن ۾ ھلندڙ عدالتي معاملا ڪيئن نبيرجن ۽ انھن مامرن کي اڪلائڻ وقت سندن ذميواري ڪھڙي ھوندي.“ | |
| ”اڳئين ڀيري ٿر جي گشت مان اتان جي ڪاردارن کي گھڻو ڪجھھ فائدو پيو ھو ۽ مان شخصي طور کين عدالت جي موجوده سڌاريل طريقي جي مقصدن متعلق گھڻو سمجھايو ھو. ھاڻي مون کين عدالت جي طريقھءِ ڪار جي تفصيل سمجھڻ متعلق فارم پڻ ڏنا آھن، تھ جيئن ھو ديواني ۽ فوجداري معاملن کي چڱيءَ ريت پروڙي سگھن. انھن معاملن کي ھلائڻ لاءِ، سندن رھنمائيءَ واسطي، مٿئين مثال جيان، اوھان جي ھدايتن تي چڱيءَ ريت عمل ڪيو ويو آھي. ڪن خاص حالتن تحت مقامي عملدارن جي ھدايتن لاءِ، رائج اصول کان ڪڏھن منھن موڙيو بھ ويندو آھي. انھن خاص ڳالھين جو ذڪر ھيٺ ڪيو ويندو.“ | |
| (١٣٦) ١٨٥٨ع ۾ ٿر ۽ پارڪر جي علائقن اندر عدالتي سرشتي ۾ تبديلين جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، ان متعلق مٿي اطلاع پڻ ڏنا ويا. بعد ۾ اھي سڌارا منظور ڪيا ويا. | |
| ”ٿر علائقي جي عدالتي معاملن ۾ ڪجھھ نئين تبديلي آندي وئي آھي، جنھن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. اڳ ۾ قاعدو اھو ھوندو ھو، تھ ديواني معاملن جي ڪورٽ في ڪانھ ورتي ويندي ھئي ۽ جيوري جي ميمبرن کي بھ ڪو معاوضو ڪونھ ملندو ھو. ان قاعدي ۾ ڪجھھ سڌارو آندو ويو آھي. ڪاردارن کي ھدايت ڪئي وئي آھي، تھ ديواني مقدمن تان في سيڪڙي ڪورٽ في وٺن ۽ واپاري طبقي جي انھن ماڻھن کي ڏيڍ روپيھ ڏھاڙيءَ جي حساب سان ڏين، جيڪي ديواني مقدمن ۾ جيوريءَ طور پنھنجو وقت سيڙائن ٿا.“ | |
| قبيلن جا سردار ۽ پٽيل، جن کي سرڪار طرفان اڳيئي رعايتون مليل آھن، سي انھن عدالتي معاملن ۾ پيش ٿي، ھيءُ معاوضو وٺي احسان مند ڪونھ ٿيندا. مون کي توقع آھي، تھ ديواني مقدمن تي وصول ٿيندڙ في سيڪڙي وارو محصول مشاورت جي سڀني ميمبرن کي معاوضي طور پورو پئي سگھندو. | |
| ”ديواني مقدمن جي طريقھءِ ڪار ۾ باقاعدگي ۽ وقت جي پابنديءَ کي وڌيڪ اھميت ڏني ويندي. مون ڪاردارن کي وقت سر نوٽيس ڪڍڻ جي ھدايت ڪئي آھي. متعلقھ نوٽيس ھر مھيني جي ٢٠ تاريخ تي ڪڍيا وڃن ۽ لاڳاپيل ديواني معاملا ان کان پوءِ، ايندڙ مھيني جي ٥ کان پوءِ شنوائيءَ لاءِ رکيا وڃن. | |
| (١٣٧) اھڙيءَ ريت في الحال، مشيرن جي مدد سان، ڪاردارن، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ ننڍڙا فوجداري معاملا ھلائڻ شروع ڪيا آھن. ضروري ڪارروائي کان پوءِ، فيصلي جي فتويٰ منظوريءَ لاءِ مئجسٽريٽ ڏانھن موڪلي ويندي آھي. اھڙيءَ ريت ھلڪا ھلڪا ديواني مقدما بھ مشيرن جي مدد سان ڪاردار طئي ڪن ٿا. ۽ اھي فوجداري مقدمن جيان منظوريءَ لاءِ مئسجٽريٽ ڏانھن موڪليا وڃن ٿا. جيتري قدر حالتون راءِ جي اظھار جي اجازت ڏين ٿيون، تھ فقط ايترو ئي چئي سگھجي ٿو، تھ ٿر جي ماڻھن جي سماجي حالتن ۽ موجوده ضرورتن مطابق، رائج عدالتي طريقو ڏاڍو ڪامياب وڃي رھيو آھي. اھم ڳالھھ اھا بھ آھي، تھ خود ھتان جا ماڻھو بھ ھن سرشتي مان خوش آھن. | |
| (1) Consequent on the salt monopoly, it is difficult to ascertain what value should be attached to the Mokye Salt Lake as a source capable of yielding revenue; whence the cause of its being spoken of as "considerable." The monopoly gives a fictitious value to the article in this as in all similar cases; and it may therefore be argued that only the amount of revenue derived therefrom, supposing the monopoly to have ceased, and the salt of the Thurr to be brought into unrestricted competition with the salt produced elsewhere, can be considered as the value of this source of revenue. On the other hand, large quantities of salt were formerly exported from the Thurr, yielding a considerable revenue; now the export is prohibited, with the view of protecting and increasing the demand at out other salt works. The increase therefore of revenue, consequent on an increased demand, if there be any, should at any rate partially be attributed to the closing of the Thurr salt lake, and a liberal credit allowed to the Thurr for having thus benefited indirectly the general revenue from the salt monopoly. If, however, there is not an increased demand at our salt works, consequent on the closing of the Thurr salt, it becomes a question how far the working of the Thurr salt lake would affect our other works. All that I wish to maintain is, that the closing of the Mokye Salt Lake either benefits the general revenue derived from the salt monopoly, or it does not: in the former case, the Thurr and Parkar Collectorate appears entitled to credit on this account; in the latter, the natural inference is that the working of the Thurr salt lake would not interfere with our salt works generally, and go far to make up the deficit in the Thurr and Parkar revenue. | |
| (1) All the correspondence with the Kardars, trials, accounts, c., is carried on in the Guzeratee language; the colloquial appears to be a mixture of Kutchee and Sindhee, the Hindoos adhering more to the former, and the Mahomadans to the latter: Guzeratee, however, is generally understood, and is daily becoming more so. | |
| (1) It should never be, hastily concluded, because the country is comparatively barren or tingly populated that therefore such divisions are uncertain or unknown. In the Thurr districts, for instance, every one of the widely scattered fields, and even every sand hill has its name and owner; and all are registered by the Guzeratee accountants employed there with a degree of system and accuracy unknown in any of the more fertile districts in Sindh. It is very probable that careful inquiry will show that, in many similar localities, where no names or divisions are now known to us, they exist and are well known to the inhabitants, however scattered the latter may be. | |
| (1) Prisoners sentenced to six months imprisonment and less are incarcerated in the hill fort of Bhooj Jail, in charge of the military authorities; otherwise they are forwarded to Hyderabad to undergo their sentence. | |
| نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس | |
| پوليس انتظام: | |
| (١٣٨) ٿر ۽ پارڪر سان لاڳاپيل پوليس جو نظام تفصيل سان ھيٺ ڏسندا. ھي سرڪار طرفان منظور ٿيل انتظاميھ جو کاتو آھي. سندس موجوده انگ ۾ جيڪڏھن رٿ ڏنل گھٽتائي آندي وئي، تھ سرڪار کي ساليانو ٢٤٠، ٩ روپين جو فائدو پوندو. خالي جايون بھ گھڻي وقت کان وٺي ڪونھ ڀريون ويون آھن ۽ ڏنل انگن اکرن کان ١٤ آساميون گھٽ آھن. | |
| ٥ جمعدار ٠٠-١٥٠ روپيھ پگھار | |
| ١١٠ سوار ٠٠-٢٢٠٠ روپيھ پگھار | |
| ١ کوسو پوليس مھتا ٠٠-٢٠ روپيھ پگھار | |
| ٣ قلعدار ٠٠-٤٥ روپيھ پگھار | |
| ٣٦ پيادا ٠٠-١٨٠ روپيھ پگھار | |
| ٠٠-٢٥٩٥ روپيھ ڪل جوڙ | |
| (١٣٩) ٥ جمعدار ۽ ٩٦ سوار ھيٺينءَ ريت مقرر ٿيل آھن: | |
| ھڪ جمعدار | |
| ١٤ سوار ننگر ۾ | |
| ٤ سوار بارڻي ۾ | |
| ٢ سوار جلالي ۾ | |
| ٢ سوار ڍينگاسرو ۾ | |
| ٢ سوار ڪاسوام | |
| ٢٤ ڪل | |
| ھڪ جمعدار ۽ ٤ سوار ويرا واه ۾ | |
| ھڪ جمعدار | |
| ٥ سوار ھالا ۾ | |
| ٢ سوار تاريانھ ۾ | |
| ٢ سوار ٽگوسر ۾ | |
| ٢ سوار چوٽل ۾ | |
| ٢ سوار ورنور | |
| ٢ سوار ڏتو ۾ | |
| ١٥ ڪل | |
| ھڪ جمعدار | |
| ١٠ سوار مٺي | |
| ٨ سوار اسلام ڪوٽ | |
| ٨ سوار نئون ڪوٽ | |
| ٢ سوار سنگالا | |
| ٢ سوار ٻاورلا | |
| ٢ جاڳوڙا | |
| ٢٦ ڪل | |
| ھڪ جمعدار | |
| ١١ سوار ڏيپلو | |
| ٨ سوار ٻلھياري | |
| ٢ سوار ونگر | |
| ٤ سوار ڏروڀاڻا | |
| ٢ سوار ونگي | |
| ٢٧ ڪل | |
| (١٤٠) پوليس عملدارن کي ڪي عدالتي اختيار ڪونھ آھن. اھي پنھنجي چوڪيءَ جي حدن اندر گشت ڪندا رھن ٿا ۽ مشڪوڪ ماڻھن کي گرفتار ڪن ٿا، حد جي ڪاردار جي حڪم تي عمل ڪندا آھن. ڪاردارن جو کين مليل ھر حڪم ڊائرين ۾ لکيل ھوندو آھي، جيڪو ھر ھفتي مون ڏانھن موڪليو ويندو آھي. سڀني کان سخت ڪم مارواڙ جي نيڙ Neyur ۽ ٿر ۽ پارڪر جي جي دنگ تي مقرر ڪيل پوليس اھلڪارن جو آھي. ڇاڪاڻ تھ دنگ گھڻي پنڌ تي پکڙيل آھي. ھن معاملي ۾ جوڌپور ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڏاڍي دلچسپي وٺي رھيو آھي، جنھن لاءِ مان سندس ٿورائتو آھيان. نيڙ ۽ اوسي پاسي جي ڌاڙيلن پھريائين ڪاوڙ ۾ ڏاڍا ڇوه ڇنڊيا، پر ھاڻي اھي ھمراه بھ ڪجھھ ٿڌا ٿيا آھن. ان ڪري اسان کوسا قبيلي جي پوليس وارن کي يونيفارم ڏيڻ تي ويچار ڪيو ۽ منجھن ھوريان ھوريان تربيت ۽ ضابطو پڻ رائج ڪندا وياسون. پر مستقبل قريب ۾، انھن علائقن جي انتظام سڌرڻ جو امڪان گھٽ آھي، تنھن ڪري اڃا خاص فائدو ڪونھ ٿيو آھي. | |
| (١٤١) فتح کان پوءِ، نئون ڪوٽ، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي قلعن ۾ سوڍن کي قلعدار مقرر ڪيو ويو آھي. ھرھڪ قلعي ۾ ١٢ پيادا آھن. قلعدار مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي سوڍن سردارن مان چونڊيا ويا آھن، جن جو ذڪر اڳ ۾ بھ ڪري آيا آھيون. کين قلعن جي نگھبانيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. (1) ان مان اسان جو مقصد کين روزگار ڏيڻ ۽ سندن اعتماد بحال ڪرڻ آھي ۽ کانئن پوليس وارو ڪم وٺڻ اسان جو ڪو ارادو ڪونھي. اھي سڀ قلعا ھاڻي تباه ۽ برباد ٿيڻ وارا آھن ۽ سندن سامان ڪن ٻين عمارتن جي تعمير ۾ استعمال ڪيو ويندو. اتي جيڪي قلعدار ۽ پيادا رکيا ويا آھن، تن جي پگھارن وارو خرچ اجايو حڪومت ڀري رھي آھي. ان سان گڏ اھا بھ اھم ڳالھھ آھي، تھ ھنن علائقن جي اصلي باشندن ھئڻ جي ناتي سان کانئن سياسي امداد بھ وٺڻي آھي. ان ڪري کين پگھارن کان سواءِ سياسي وظيفا پڻ سرڪار طرفان ملندا رھندا آھن. جڏھن ٿر ۽ پارڪر ۾ پوليس سڌارا اچي رھيا آھن، تھ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي سوڍن کي انگريزن طرفان ١٥ روپيھ ماھوار سياسي پينشن ملندي رھي ٿي. | |
| (١٤٢) ھاڻي ٻاکاسر علائقي جو ذڪر ڪرڻ بھ ضروري آھي، Vide Map جيڪو ٿر ۽ مارواڙ جي نيڙ علائقي سان دنگئي آھي. فتح کان اڳ ۾ ھيءُ علائقو، اميرن جي حڪومت ۾ سنڌ سان شامل ھو. اتان جو سوڍو راڻو، سنڌ جي اميرن کي ڏن طور ڪجھھ نھ ڪجھھ سوکڙيون ڏيندو رھندو ھو. جوڌپور جي مھاراجا جي ھن علائقي تي دعويٰ ھئي. سنڌ ۽ جوڌپور جي دنگ مقرر ڪرڻ لاءِ ١٨٥٠ع ۽ ١٨٤٩ع ۾ بائونڊري ڪميشن ٺاھي وئي ھئي. | |
| (١٤٣) پھريائين تھ ٻاکاسر جو ھڪ وڏو علائقو ھوندو ھو، پر ھاڻي منجھس فقط ساٺيڪو کن ڪکن جا چئونرا ملندا ۽ ڪي ٽيھھ يا چاليھھ (تڙن تي ) ننڍڙا ڳوٺ آھن. اتان جو سردار چوھاڻ راجپوت سوراچند جي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو، اڳي مارواڙ جي ماتحت ھو، ھاڻي پالن پور جي ماتحت آھي. ٿر ۽ پارڪر جا علائقا ١٨٤٤ع کان وٺي ڪڇ جي ماتحت آھن. انھن علائقن جو ڊپٽي ڪاردار ۽ پوليس چوڪي ٻاکاسر ۾ موجود آھي. ان جو سبب اھو آھي، تھ اڳ ۾ اھي علائقا اميرن جي حڪومت ۾ شامل ھئا. اتان جو ساليانو ڏن، سنگ ۽ سوکڙيون سنڌ جي اميرن وٽ حيدرآباد وينديون ھيون. | |
| (١٤٤) فتح کان اڳ نھ جوڌپور جي ۽ نھ وري سنڌ جي طرفان ڪا پوليس چوڪي اتي قائم ڪئي وئي ھئي. اھو ماڳ ھڪ ڪنڊائتو ۽ پاسيرو آھي، ۽ ٿر جو ڪوبھ رستو اتان ڪونھ گذرندو آھي. اھو جوڌپور سنڌ ۽ پالن پور جي گڏيل دنگ تي موجود آھي. ھتان جي راءِ جون مٽيون مائٽيون پالن پور جي سوڍن سان آھن. (1) ھن علائقي جي راڻي، ڪنھن زماني (١٨٢٥ع) ۾ واه Wow سان شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ھو، ۽ ١٨٤٤ع ۾ سنڌ سان ملڻ جو ارادو ڏيکاريو. ڪجھھ وقت گذرڻ کان پوءِ، ھن ويرا واه جي سوڍن سان پنھنجو ڏاڏنگي رشتو پڌرو ڪيو. | |
| (١٤٥) حقيقت اھا آھي، تھ اوسي پاسي وارا ملڪ ٻاکاسر جي راڻي ۽ سندس جھٽن جي ڦرلٽ وارين ڪاررواين کي ٻنجي ڏيڻ ۾ ڪامياب ڪونھ ويا ھئا. گذريل صديءَ ۾ جوڌپور جي راجا جي فوجن ٻاکاسر تي ٻھ ٽي ڀيرا حملا ڪري، ان کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو. انتقام وٺڻ لاءِ، ٻھ ڀيرا سنڌي فوجن بھ مٿس چڙھائي ڪئي. آخري ڀيرو ١٨٢٥ع ۾ سنڌي فوجن مٿس ھلان ڪئي ۽ اجاڙي ناس ڪري ڇڏيائونس. ماڻھو بھ ڪاڏھون جو ڪاڏي لڏي ھليا ويا، پر ان کان پوءِ، اھو وري آباد ٿي ويو. | |
| (١٤٦) جوڌپور جو راجا باڪاسار مان ڏن اوڳاڙي ڪونھ سگھندو ھو. ان جو سبب اھو ھو، تھ راڻو سرڪش ۽ ڌاڙيل ھو، سندس مضبوط قلعو ھو ۽ علاقائي طبعي صورت حال ڏکي ھئي. | |
| مٿيان تفصيل بائونڊري ڪمشنرس ١٨٥٠ع جي رپورٽ تان ورتل آھن، جنھن ٿرپارڪر ۾ مارواڙ جي دنگ جو فيصلو ڪري، ٻاکاسر جا ڳوٺ ۽ علائقو جوڌپور جي حوالي ڪيو، ان کان پوءِ اھو ٿر ۽ پارڪر جو ڀاڱو ۽ برٽش سنڌ جو حصو نھ رھيو. | |
| تعليم: | |
| (١٤٧) سن ١٨٥٥ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ ٽي اسڪول منظور ڪيا ھئا، جيڪي ننگر، اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ ۾ قائم ڪيا ويا ھئا. اسڪولن جا استاد احمد آباد مان آندا ويا. ٻئي سال ھرھڪ جاءِ تي اسڪول جي مناسب ڪمرن جوڙڻ جو بندوبست ڪيو ويو. اسڪول ۾ داخل ڇوڪرن جو انگ ھن ريت آھي. | |
| ننگر ۾ ١٠١ ڇوڪرا | |
| اسلام ڪوٽ ۾ ٣٤ ڇوڪرا | |
| مٺيءَ ۾ ٣٥ ڇوڪرا. | |
| اڃا تائين ڇوڪرن جي مائٽن کان ڪجھھ بھ ڪونھ ورتو ويو آھي. فيصلو اھو ڪيو ويو آھي، تھ اڳتي ھلي ھر ٻار جي مائٽ کان ھر مھيني نالي ماتر ڪجھھ پئسا ورتا ويندا. اھڙن علائقن ۾ جتي علم جو نالو نشان بھ نھ ھو، اتي اھڙا قدم ضروري ھئا. ھتي فقط واپاري طبقو پڙھي لکي ڄاڻندو ھو ۽ ڏيتي ليتيءَ جو ڪاروبار تصويري خط Hieroglyphics اڌ اکري ڪتب آڻيندا ھئا، جن جي شڪل صورت گجراتي زبان جي حرفن سان ڪجھھ ملندڙ جلندڙ ھئي ۽ اھا اڌ اکري لکت فقط اھي لکڻ وارا ئي پڙھي سگھندا ھئا. اسان شروعات ھوريان ھوريان اڳتي وڌڻ سان ڪئي، ان ڪري جو متان اھي تعليمي ادارا ناڪام ٿين. ڇاڪاڻ تھ ھتي بھ علائقن جيان معاشرو پراڻيءَ سوچ سان واڳيل ھو ۽ ماڻھو صفا اڻ پڙھيل ھئا، کين علم جي فائدن جي ڄاڻ ڪانھ ھئي. ھاڻي بھ حال اھو آھي، تھ ڇوڪرا پڙھڻ ۾ پرائڻ لاءِ ڏاڍا اتاولا آھن. پر جڏھن اسان سندن مائٽن کان اسڪول جي فيءَ طور ڪجھھ ورتو، تھ ڇوڪرا اسڪول ڏانھن ڪونھ موڪليندا ۽ معمولي خرچ عيوض سندن بھتر مستقبل لاءِ ڪونھ سوچيندا. | |
| (١٤٨) تعليم تي ١٥ روپيھ ماھوار خرچ آھي، جيڪو ھيٺينءَ ريت آھي: | |
| ننگر جو اسڪول ماستر ٣٥ روپيھ | |
| مٺيءَ جو اسڪول ماستر ٣٥ روپيھ | |
| اسلام ڪوٽ جو اسڪول ماستر ٣٠ روپيھ | |
| ننڍو خرچ ١٥ روپيھ | |
| ١٥٥ روپيھ ڪل خرچ | |
| اسڪول تمام دير سان قائم ڪيا ويا آھن، تنھن ڪري تفصيل ۾ وڃڻ، وقت کان اڳ جي ڳالھھ ٿيندي. منھنجو اندازو آھي، تھ تمام ٿورڙن ماڻھن کي علم جي لاڀ جو پتو آھي ۽ ڪيترن ماڻھن جا ھن اڀرندڙ پيڙھيءَ جي تعليم متعلق متضاد رايا آھن. پر ھي سوال ثانوي تعليم سان واسطو رکي ٿو. ٿر ۽ پارڪر جي اسڪول جو درجو اڃا ابتدائي ۽ ديسي زبان سان تعلق رکي ٿو، جيڪو ھتان جي ماڻھن جي عين ضرورت مطابق آھي. زبان گجراتي سيکاري وڃي ٿي ۽ ھتان جي ماڻھن بھ يڪراءِ ان زبان ۾ تعليم وٺڻ جي مرضي ڏيکاري آھي. | |
| آبھوا: | |
| (١٤٩) ٿر ۽ پارڪر جي آبھوا، ڪڇ کان گھڻو مختلف ڪانھ آھي. ھيءُ علائقو ڪڇ جي اتر ۾ آھي، تنھن ڪري ڏکڻ – اولھھ واري چوماسي جو اثر ھتي گھٽ ڏسڻ ۾ ايندو آھي. ھتي ڪڇ کان وڌيڪ سردي ۽ گرمي ٿيندي آھي. خاص طور تي آرھڙ ۾ جڏھن واري تپندي آھي، تڏھن ٿر تپي ٽانڊا ٿي پوندو آھي. ٿرين جا چونرا گھڻو ڪري ڀٽن جي چوٽين تي ٺاھيل ھوندا آھن، جيڪي گرميءَ ۾ گھٽ گرم ۽ سرديءَ ۾ گھٽ ٿڌيون ھونديون آھن. ڀٽن جي چوٽين تي ھوا جام ھوندي آھي ۽ سج جا ڪرڻا وري وڌيڪ تيز ھوندا آھن. ھيٺ تراين ۾ مينھن جو پاڻي گڏ ٿيندو آھي، جيڪو چوماسي جي وسڪاري ڪري تلاون جي صورت ۾ بيٺو ھوندو آھي. انھن تراين ۾ سياري جا سيءَ ڏاڍا ڏکيا معلوم ٿيندا آھن. | |
| (١٥٠) تپاولي ۽ سنڌن جو سور ھنن علائقن جون عام بيماريون آھن. ڪڏھن وري ماتا جي بيماري پوندي آھي، جنھن ڪري ٻارن جو وڏو تعداد ھن موذي مرض جو شڪار ٿي مري ويندو آھي. جن علائقن ۾ گرمي ۽ سردي جام ٿيندي آھي، اتي ماڻھو گھڻو وقت ٻاھر سيءَ ۽ گرميءَ ۾ گذاريندا آھن. گھرن نھ ھجڻ ڪري، عمر جو گھڻو وقت بيمار رھندا آھن ۽ وقت کان گھڻو اڳي ڪراڙا ٿي ويندا آھن. ڏيپلي ۾ ١٢٢، مٺيءَ ۾ ٢٦٦ ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ٥٠ گھر پڪا آھن. باقي ٿر جا سڀئي گھر ڪچا، ننڍڙا ۽ سوڙھا آھن. ٿورا پڃر رکي، جھنگ – جھاتر ڏئي مٿان لوھيڙن جا سر ۽ ڪانا سٿيندا آھن. اھڙي قسم جا گھر ٻن ٽن ڏينھن ۾ جڙي راس ٿين. گھرن ٺاھڻ ۾ ڪتب ايندڙ ھر شيءِ ڀرسان ڍيرن مھن ملي سگھندي آھي. پارڪر جي پاسي خاص طور ويرا واه ۽ ننگر ۾ سٺن گھرن ٺاھڻ جي لاءِ ھر چيز ججھي ملي وڃي ٿي. اتان جا رھاڪو پنھنجي رھڻ لاءِ سٺا گھر جوڙي وٺندا آھن، ڇاڪاڻ تھ اتي پڪيون سرون، پٿر، گارو ۽ ڪاشيءَ جون سرون جھجي انداز ۾ ملي وينديون آھن انھن ماڳن تي اڳ ۾ ئي پڪا ۽ ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل ٥٠ کن گھر موجود آھن. | |
| (١٥١) حڪومت ھاڻي ٿر ۽ پارڪر لاءِ ھاسپيٽل اسسٽنٽ منظور ڪيو آھي. سندس صدر مقام ننگر ھوندو، اتي ھڪ ڊسپينسري قائم ڪئي ويندي. ھيءَ اسپتال خيراتي ڪم ڪندي. مان سمجھان ٿو تھ سرڪار جو ھيءُ ڪم سڀني ماڻھن کي پسند ايندو. | |
| عوامي ڀلاين جا ڪم: | |
| (١٥٢) سن ١٨٥٥ع کان اڳ، ٿر ۽ پارڪر ۾ ڪوبھ انساني ڀلائيءَ وارو ڪم ڪونھ ڪيو ويو ھو. ان سال جي شروعات ۾ سنڌ جي ڪمشنر ھيٺين ڪمن لاءِ سفارش ڪئي ۽ منظور ڪيا: | |
| (١) راحمڪي بازار کان ھڪ رستو صاف ڪري بنايو ويو ھو، جيڪو رڻ جي وٽ ڏئي پارڪر کي پار ڪري، گجرات جي سوگام ٿي پھتو. سندس فاصلو ١٩٣ ميل ھو. مٿس خرچ ٩٠٦٥ روپيھ آيو. | |
| (٢) پٿرن جا نشان ھڻي، رڻ مان ھڪ رستو بڻايو ويو ھو، جيڪو ڪوڙا ٻلھياري ۽ پارڪر کان نارا ٻيٽ ٿي ويو ۽ ٿر مان ٻلھياريءَ کان ويرا واه تائين رستو بنايو ويو. ١٠٠٠ روپيھ خرچ آيو. | |
| (٣) ساڳين رستن کي پارڪر رستي ڪڇ سان ڳنڍيو ويو. خرچ ٤٠٠ روپيا آيو. | |
| (٤) ننگر، ڏيپلي ۽ مٺيءَ جي ڪاردارن جا ديرا (آفيسون) ٺھرايا ويا. ٢١٠٠ روپيھ. | |
| (٥) ٻلھياري، اسلام ڪوٽ ۽ ويرا واه جي ڊپٽي ڪاردارن جا ديرا (آفيسون) ٺھرايا ويا. رقم ١٢٠٠ روپيھ. | |
| (٦) ننگر ۽ مٺيءَ ۾ ٻن اسڪولن جا ڪمرا ٺھرايا ويا. ٢٠٠ روپيھ. | |
| (٧) اسلام ڪوٽ ۾ اسڪول جو ھڪ ڪمرو ٤٠٠ روپيھ. | |
| (٨) ننگر ۽ مٺيءَ ۾ منڊيءَ لاءِ ٻھ جايون ٩٠٠ روپيھ. | |
| (٩) باران، ڪاسوا، ويرا واه، نرا ٻيٽ (رڻ ۾ گجرات ۽ پارڪر جي وچ تي) ڏيپلي مٺي، اسلام ڪوٽ، ڪڙيا ۽ گھوڙي نو ڌرمشالا ٺھرايون ويون. ٢٨٠٠ روپيھ. | |
| (١٠) ناليا سر، بارانا، راماسر، سنلو، ٻاڻ سر، پارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلي ۾ پاڻيءَ جا اٺ تلاءَ صاف ڪرايا ويا. ٥٥٠٠ روپيھ. | |
| انھن مان رٿا نمبر – ١ پوري ٿيڻ واري آھي. ٽن ڌرمشالائن، پارڪر کان ڪڇ ويندڙ رستي تي پٿرن جا نشان ھڻڻ، ھڪ ڊپٽي ڪاردار جي ديري کان سواءِ، ٻيو سڀ ٺھي تيار ٿي چڪو آھي يا تيار ٿيڻ تي آھي. | |
| پوليس جي رھائش لاءِ ڪي جايون ٺھيل ڪونھ آھن. باقي ڪاردارن جي ديرن ڀرسان باندين لاءِ ھڪ چاوڙي ٺھيل آھي. | |
| گھوڙا: | |
| (١٥٣) ٻين علائقن کان ٿر جا گھوڙا قد ۾ ڪجھھ لاٺيرا آھن، پر ڏکن ڏاکڙان تي ھريل ۽ سگھارا آھن. اڳيون ڄنگھون ڏاڍيون مضبوط اٿن. ھن خاصيت ۾ ملڪ جا گھوڙا تھ ڇا، پر دنيا جا گھوڙا بھ ھنن سان پڄي ڪونھ سگھندا. ھيءُ علائقو گھوڙن پالڻ لاءِ گھڻو سنھائي ٿو. ھن علائقي جو گاه بھ ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڏاڍو ڏپ وارو آھي. زمين جي وارياسي مٿاڇري ھئڻ ڪري، سندن ٽنگون سگھاريون ٿينديون آھن. منھنجي خيال ۾ اھو ئي سبب آھي، جو ھتان جا گھوڙا ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا سگھارا ٿيندا آھن. خير، اھو لي ڪيئن بھ ھجي، پر ھنن جھڙا ھڏ ڪاٺ ۾ سگھارا گھوڙا ڪڇ ۾ ڪونھ ٿيندا آھن. ڪڇ جي گھوڙن جون اڳيون ڄنگھون ۽ پنڊو ايڏو مضبوط ڪونھ ٿيندو آھي. انھن جي ڀيٽ ۾ ٿر جي گھوڙن جون ٽنگون سگھاريون ۽ بَج کان لسيون ۽ ٺاھوڪيون ھونديون آھن. ٿر ۽ پارڪر ۾ سندن انگ چوڏھن سؤ کن ٿيندو. | |
| (1) Vide paragraph 8 and 9 of letter No: 111, of 4th April 1848, from political agent Kutch, to Secretary to Government of Sindh. Vide Map. | |
| (1) Vide Boundary Commissioners report 1850. | |
| نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس | |
| ڏاند: | |
| (١٥٤) ٿر ۾ ڏاندن جو وڏو انگ پاليو ويندو آھي. ھر سال وڪري لاءِ گجرات نيا ويندا آھن. اھي ڪڇ ۽ گجرات جي سٺي نسل جي ڏاندن کان قد ۾ ڪجھھ لاٺيرا ھوندا آھن. ڏاند خريدڻ لاءِ واپاري ٿر ويندا آھن ۽ اتان ڏاند وٺي وڪري لاءِ گجرات ڪاھي ويندا آھن. اھڙو واپار ھتي عام جام پيو ھلندو آھي. اھي جڏھن ٻڙاندا ۽ چؤڳا ٿيندا آھن، تھ واپارڻ لائق ٿيندا آھن. لائي لسي ڏاند جي بھا ١٥ کان ٢٠ روپيا ھوندي آھي ۽ ھر سال پنج ھزار ڏاند ٿر مان واپاريا ويندا آھن. | |
| اٺ: | |
| (١٥٥) ٿر ۽ پارڪر ۾ اٺ تمام گھڻا پاليا ويندا آھن. ھن علائقي ۾ لڏ جو ڪم ھن جانور کان ورتو وڃي ٿو. ٿر ۽ پارڪر ۾ ڦيٿائي اچ وچ ڪانھي. موجوده دؤر ۾ ٿر ۽ پارڪر ۾ اٺن جو انگ ڏھھ ھزار کن ٿيندو. | |
| (١٥٦) ھي ڪتاب تيستائين اڻ پورو رھندو، جيستائين ھن علائقي سان لاڳاپيل ڪجھھ سالن جو محصول ۽ خرچ وغيره درج نھ ڪيو ويو آھي، ۽ ھتان جي ماڻھن تي مڙھيل سنگ ۽ ڍل جا انگ اکر نھ ٿا ڏنا وڃن. ھيٺ ڏنل انگ اکر ساليانو نقصان ڏيکارين ٿا. پيدائش ٿوري آھي، جنھن جو ڏيکاريل نقصان مان ئي پتو پئجي ويندو. انگ اکر امٽ سچائي ھوندا آھن. چارٽ الف ۾ گذريل ستن سالن جو محصول ڏجي ٿو. | |
| ((١٥٧) اھڙيءَ طرح روينيو ۽ پوليس کاتي جي خرچ ۽ قبيلن جي سردارن کي ڏنل معاوضا چارٽ ”ب“ ۾ ڏجن ٿا. | |
| (١٥٨) ڪورٽ جي ٿوري پئدائش کان سواءِ، ٻيو پيداواري ذريعو زمين آھي. جنھن تي تازو رائج ڪيل ڍل مان ٿر کي ١٦٠٠٠ ۽ پارڪر کي ١٠٠٠٠ روپيھ جي آمدني ٿيندي، جن جو ڪل جوڙ ٢٦٠٠٠ روپيھ ٿئي ٿو. پارڪر واري علائقي ۾ مقرر ڍل Fixed revenue وارو اصول مڙھيو ڪونھ ويو آھي. تنھن ڪري يقين سان چئي ڪونھ ٿو سگھجي، تھ ھن علائقي جي مستقبل ۾ ڪيتري ڍل بيھندي. پر اندازو ١٠٠٠٠ کان ١٨٠٠٠ روپين تائين ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏھن صحيح معنيٰ ۾ سوچجي تھ ڍل جو گھڻو ڪري ١٠،٠٠٠ روپيھ انگ ٺيڪ وڃي بيھندو. سوڪھڙي ۽ ڏڪار واري سال ڍل جي ڪجھھ بھ اوڳاڙي ڪانھ ٿيندي آھي. سڪار جي ڍل اسان ٢٦،٠٠٠ روپيھ ٻڌون ٿا. ھر ڇھين سال ڏڪار پوندو آھي. ان صورت ۾ ٿر ۽ پارڪر جي سراسري ڍل وڃي ٢١٦٦٦ روپيھ ٿيندي. اسان ڍل جي ھن انگ وڌيل آباديءَ جو معاوضو ڪونھ ڪاٽيو آھي. ان کان سواءِ، موکئي جي لوڻ جي سن جي سالياني پيداوار ١٠،٠٠٠ روپيھ آھي. ان کان پوءِ ساليانو گھاٽو ١٠،٠٠٠ روپيھ بيھي ٿو. ٢٠٠ اريگيولر ھارس جي خرچ کان آزاد آھيون. ڇو تھ فتح کان اڳ، ڌاڙيلن کي روڪڻ لاءِ ان کي ڪڇ موڪليو ويو آھي. پارڪر ۾ رھندڙ فوج جو خرچ بھ ھن علائقي مٿان ڪونھ آھي. اريگيولر ھارس جو ساليانو خرچ ٥٠،٠٠٠روپيھ کان مٿي ٿيندو. پارڪر ۾ رھندڙ فوج جي خرچ جو مون کي پتو ڪونھ آھي. | |
| (١٥٩) سرڪار جي اريگيولر ٢٠٠ ھارس فوج پونا ايگزيلري ھارس سان تعلق رکي ٿي، جنھن کي ١٨٢٦ع ۾ ڪڇ موڪليو ويو ھو. ١٨٤٣ع ۾ ان کي سنڌ بدلي ڪيو ويو ھو. ١٨٤٤ع کان وٺي، ٿر ۽ پارڪر ۾ ڪابھ فوج رکيل ڪانھ آھي. انھن حالتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو تھ، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن مان سرڪار کي نقصان نھ، پر فائدو ٿيو آھي، توڙي جو ھن علائقي جو اوڳاڙيل محصول خرچ جو پورائو نھ بھ ڪري ٿو. ايندڙ ٻھ ٽي سال کڻي ايئن گذرن، پر مون کي پورو ويساه آھي، تھ صورت حال سڌري وڃڻ جا امڪان روشن آھن. مٿيان ڏيکاريل انگ اکر تھ اھو ٻڌائين ٿا، تھ سرڪار گھاٽي ۾ آھي، پر اھو غلط آھي. ھوءَ سراسري فائدي ۾ آھي. اريگيولر ھارس ھتان کان ڪڇ موڪلي وئي آھي. ٻي اھم ڳالھھ اھا آھي، تھ موکئي جي لوڻ جا سن بھ موجود آھن، جن جي سالياني ڪمائي ويھن کان ٽيھن ھزارن روپين تائين ٿي سگھي ٿي. ان کان سواءِ، مون پوليس جي انگ گھٽائڻ جي بھ سفارش ڪئي آھي. | |
| (١٦٠) جيڪڏھن ھن سوال تي ناڻي جي نقطئھ نگاه کان سوچجي، تھ نتيجو ڏاڍو اميد افزا آھي. جيڪڏھن گھري نظر سان ڏٺو وڃي، تھ ھن ۾ ٻيڻا فائدا آھن. اتر ڪاٺياواڙ جا لٽيل ڦريل علائقا، ڪڇ جا ويران پٽ ۽ پاسا، جتان جا ماڻھو ڌاڙيلن جي ڀو کان لڏي ويا، چوراڙ جا ھپاڻل ۽ ھيسايل ڳوٺ، اوڀر ڪڇ جا ڏھڪايل ۽ ڪنبايل وٿاڻ ۽ وستيون، سڀ اڳئين زماني جي ڌاڙيلن جون شاھديون ڏين ٿيون. جيتوڻيڪ دھشت ۽ ڏاڍ جي ڏيک جا ڪردار ھاڻي ھوريان ھوريان ختم ٿيندا پيا وڃن، پر پوءِ بھ اڃا گھڻا حال حيات آھن. پراڻي طرز جي معاشري ۾ رھندڙ ماڻھو پنھنجن ڪڌن ڪرتوتن کي ايترو سولو ۽ جلدي ڪونھ ڇڏيندا، جيترو جلدي ۽ سولو مھذب معاشري جا ماڻھو بڇڙاين کي ڇڏيندا آھن. اسان جيترو سھڻي نموني سوچيو ھو، اوترو سوڀارا ٿيا آھيون. ڏوھھ گھڻي قدر گھٽجي ويا آھن. علائقي جي جن پاسن ڪنڊن ۾ جتي ماڻھو ڪجھھ پوئتي پيل آھن، تھ اتي ڏوھھ اڃا بھ ٿين پيا. پر عام طور علائقي ۾ ھر جاءِ امن ۽ آشتي آھي. ماڻھن کي پنھنجي حياتي ۽ ملڪيت جي تحفظ جو يقين آھي. کيتي جو انگ بھ پاڻو ڄاڻؤن وڌندو پيو وڃي. ماڻھن جا احساس ۽ عمل سماج جي اوسر جا چٽا شاھد آھن. اھو ھاڻي ھوريان ھوريان سڌاري جي سڳر جو پانڌي ٿيندو پيو وڃي. ناڻي سان لاڳاپيل نتيجا کڻي ايترا اميد افزا ڪونھ آھن، پر حالتون ڪافي سڌري ويون آھن. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي ماڻھن سک جو ساه کنيو آھي. سندن زندگين ۽ ملڪيتن کي تحفظ مليو آھي. | |
| برطانيھ سرڪار اڳئين کان گھٽ خرچ تي سندن تحفظ ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آھي. ٿر ۽ پارڪر جي پرامن علائقن ۾ ڪڏھن تھ ڌاڙيلن ٻارڻ ٻاري ڇڏيو ھو، پر اڄ اھي خاموش آھن. سندن سماجي مرتبي کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش اڃا تائين ڪانھ ڪئي وئي آھي. ڪنھن زماني ۾ ڀارو خان ۽ شادي خان ڌاڙيلن جا سردار ھوندا ھئا. ٿر ۽ پارڪر جا رھاڪو سندن دھشت کان ھاڻي ھپاڻل ڪونھ آھن. سندن پويان پوليس جا سٺا اھلڪار ۽ پرامن رعايا آھي. ھيءُ ائين آھي، جيئن تھذيب وحشانيت مٿان سوڀ حاصل ڪئي ھجي. اھو برطانيھ سرڪار جي آزاد ۽ دانشمندانھ حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي، جو گمراه ۽ وڳوڙي، انصاف، مھرباني ۽ استقلال جي روش سان سئين رستي تي آندا ويا آھن، نھ تھ ساڻن ورتڻ ڏاڍو ڏکيو ھو. پورو ويساه آھي، تھ برطانيھ سرڪار کليءَ دل واري ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪندي، جنھن سان وقت جي وڏن دلير ڌاڙيلن کي سڌاري، ماڻھو بڻايو ويو آھي ۽ گھڻي وقت جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ، منجھن شرافت پيدا ڪئي وئي آھي. ھڪ ننڍڙو ابھم ٻارڙو ڪيترن وڏن خطرن ۾ وڪوڙيل ھو، اھو ڄڻ ڪنھن ملڪ جو وجود ھو. سندس ننڍڙو وجود وڳوڙي حالتن مان سرجي نڪتو ۽ اھو ننڍڙو وجود، اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو، نيٺ اچي جوان ٿيو آھي، ۽ اھو ٿر وارو علائقو، جنھن ۾ مقرر ڍل جو اصول قائم ڪيو ويو آھي، ان کان علاوه عدالتي سرشتو ۽ پوليس کاتي جو انتظام پڻ ڪيو ويو آھي. اسڪول کولي، منجھس تعليم جي شروعات ڪئي وئي آھي، سو اڄ امن امان واري اھڙي ايراضي آھي، جنھن مان ھميشھ چڱاين جي توقع ڪري سگھجي ٿي. | |
| نتيجو: | |
| (١٦١) انگريز سرڪار جو شروعاتي مداخلت وارو قدم صحيح ھيو يا نھ، سو منھنجي بحث جي دائري کان ٻاھر آھي. دوست ملڪ جي رعايا جا ماڻھو انگريزن ۾ اھڙيءَ توقع ڪرڻ ۾ حق بجانب ھئا يا نھ. برطانيھ سرڪار سندن حقن جي بچاءَ خاطر ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ مداخلت ڪئي، يا جيڪي قدم کنيا ويا ھئا، سي حالتن مطابق صحيح ھئا يا نھ. مختصر طور ائين چئي سگھجي ٿو، تھ انگريزن کي پنھنجي علائقن کي بچائڻ ۾ دوست ملڪ رعايا جي حقن کي تحفظ ڏيڻ خاطر اھا مداخلت بلڪل ضروري ھئي. يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، تھ جڏھن ملڪ لاءِ ائين ڪرڻ بلڪل لازمي ٿي پيو، تھ ائين ڪرڻو پيو ۽ ان عمل ۾ ملڪي توسيع جو مقصد ڪارفرما ڪونھ ھو. بھرحال ھنن قدمن جي ڪاميابيءَ لاءِ، ان ڌر کي واڌايون ڏجن، جن مداخلت جي شروعات ڪئي. اھا ڌر بھ واڌاين جي مستحق آھي، جنھن فوجي نقل ۽ حرڪت ۾ عملي حصو ورتو. | |
| (١٦٢) مان سمجھان ٿو، تھ ڪي ٿورا ماڻھو ٿر ۽ پارڪر جي انگريزي مداخلت جي ضرورت کي شڪ جي نظرن سان ڏسندا ھوندا. پر ھن ڪتاب جي مطالعي ۽ مداخلت کان پوءِ، جيڪي ماڻھن کي فائدا ۽ سھوليتون مليون، تن کي نظر ۾ رکڻ بعد يا ھيءَ حقيقت تھ ھن مداخلت کان جلدي پوءِ، سنڌ جي فتح جو واقعو ٿيو، سمجھي وڃبو تھ برطانيھ سرڪار جي ٿر ۽ پارڪر ۾ مداخلت ڪا اجائي ڪانھ ھئي. اھو تصور نھ ڪيو وڃي، تھ اسان جي مداخلت کان اڳي ٿر، پارڪر ۽ ڪڇ جون خراب حالتون وڌائي پيش ڪيون ويون آھن، يا ٿر ۽ پارڪر جي ڌاڙيلن جي طاقت کي افسانوي رنگ ڏئي ماڻھن آڏو آندو ويو آھي. جي ائين سمجھو ٿا تھ پوءِ، مان اوھان کي حڪومت جي تڏھوڪي رڪارڊ ڏسڻ جي گذارش ڪندس. يا جيڪڏھن اھو خيال ڪيو وڃي، تھ ٿر ۽ پارڪر جي موجوده سياسي صورتحال يا اسان جي مداخلت کان اڳ واري سماجي حالت کي متضاد ڪري پيش ڪيو ويو آھي، تھ مھرباني ڪري ١٨٥٦ع واري سنڌ جي ڪمشنر جي رپورٽ (1) جو مطالعو ڪندا ۽ ساڳئي اعليٰ عملدار طرفان ڏانھن خط جو ڏنل اختصار (1) پڙھي ڏسندا، جنھن کي ھيٺ حاشيھ ۾ بھ ڏنو ويو آھي. ڏوھن ۾ گھٽتائي يا ان دؤر سان لاڳاپيل ٻيون بھ ڪيتريون ئي شيون آھن، جيڪي سرڪاري دفترخاني جي رڪارڊ ۾ موجود آھن. قانوني بالادستيءَ معرفت قتل ۽ رھزنيءَ جھڙن اگرن ڏوھن کي پاڙئون پٽيو ويو آھي. ڪنھن بھ ڌاڙيل جو خوف خطرو موجود ڪونھ آھي، تنھن ڪري شخصي ۽ ملڪيتي تحفظ جو احساس وڌيو آھي. رڳو شڪ جي بنياد تي عورت جو قتل ڪري، فطري قانون جي بي حرمتي ڪئي ويندي ھئي، پر ان جاءِ تي حڪمران جي طرفان رائج ڪيل قانون ۽ عدالت جو احترام ڪيو وڃي ٿو. مختصر تھ جاتي اڳ ۾ دنگا فساد ۽ وڳوڙ ھوندو ھو، اتي اڄ امن ۽ آشتي آھي ۽ اتان جا ماڻھو اوڙي پاڙي ۾ ڌاڙن ھڻڻ بدران تجارت، کيتي يا ٻيا قانوني ڌنڌا اختيار ڪري، پنھنجي حلال روزي ڪمائڻ کي لڳي ويا آھن. | |
| (١٦٣) ھتان جي عام ماڻھوءَ جو خيال آھي تھ حڪومت علائقن جي حالتن کي نظر ۾ رکي، ڪن چونڊ سردارن کي رعايتون ۽ سھوليتون ڏنيون آھن ۽ عام ماڻھو اھڙين سھوليتن کان وانجھيل آھي ۽ انگريز سرڪار کين اھميت گھٽ ڏئي ٿي. ان لاءِ منھنجو مشورو آھي، تھ عام ماڻھوءَ جي سھوليتن کي بھ نظر ۾ رکيو وڃي، تھ جيئن اھڙا خيال دماغ ۾ آڻڻ ڇڏي ڏئي. سنڌ جي ڪمشنر ٥٥- ١٨٥٤ع ۾ ھن علائقن جو دورو ڪيو ھو. عام ماڻھن ساڻس انگريز سرڪار جي درياه دلي ۽ انصاف پسنديءَ جي ڏاڍي ساراه ڪئي ھئي ۽ انگريزن سان وفادار رھڻ جو کين يقين ڏياريو ھو. | |
| (١٦٤) اھو بھ ڏسڻ گھرجي، تھ جڏھن سنڌين کي ھٿياربند ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، تھ انھن ۾ ڪيترو اعتماد ۽ عزت نفس اچي وڃي ٿي. ھٿيار بند ڪرڻ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ قبيلن جي سردارن کي ترجيح ڏني وئي آھي. ھونءَ تھ اھا ننڍڙي شيءِ آھي، پر قبيلن جا سردار ان کي ڏاڍي اھميت ڏين ٿا. | |
| (١٦٥) ڪتاب کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾، ھن ڳالھھ ڏانھن ڌيان ڌرڻ بھ لازمي آھي، تھ ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ جبري پورھئي جو رواج ئي ڪونھ آھي. جيڪڏھن ڪنھن موقعي تي مرد يا عورت کي ٿوري گھڻي مزدوريءَ عيوض ملڪ واسطي ڪم ڪرڻ لاءِ ورجائي چئبو، تھ مخالفت ڪرڻ شروع ڪندا. | |
| (١٦٦) آخر ۾ مان، ھن اميد جو اظھار ڪندس، تھ ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن کي جيڪي انعام، رعايتون ۽ سھوليتون ڏنيون ويون آھن ۽ انھن رعايتن لاءِ انھن پاڻ کي لائق بھ ثابت ڪيو آھي، سي کين ھميشھ لاءِ ڏنيون وڃن. پوءِ ڀلي انھن رعايتن ۾ وقت سر تبديليون، سڌارا ۽ واڌارا آندا وڃن. | |
| ايس - اين - رئڪس | |
| مئجسٽريٽ: ٿر ۽ پارڪر. | |
| (1) The report is published in selection from the Records of the Mombay Government N XL, and is dated 21st January 1856. | |
| (1) Extract from letter No. 151 of the April 1855 from the Commissioner Sindh to the Right Honourable Lord Elphin Stone, Governor and in President in Council. I look upon his (Lieutenant Raikes) Management of Thurr Districts as a perfect model of administration of very delicate and difficult charge an opinion in which I trust Government will concur, when the present heavy press of current duty allows of my completing my long promised report on the Thurr and Parkar. | |
| نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس | |
| غإڎخ إڵڢ | |
| ڐڶۑڷ ضۑ ڌڵ | |
| ښّڷڧ ۽ آڢۑڶ | |
| ڠڈإڵج ڎښجۑ إّصج ۽ ڵإۆإڎش ڶڵڥۑج | |
| ضۆڏ | |
| 1849-50 | |
| 24,843 | |
| 10,276 | |
| 663 | |
| 35,782 | |
| 1850-51 | |
| 7,394 | |
| 11,252 | |
| 413 | |
| 19,059 | |
| 1851-52 | |
| 21,736 | |
| 11610 | |
| 803 | |
| 34,149 | |
| 1852-53 | |
| 19,740 | |
| 4,091 | |
| 591 | |
| 24,422 | |
| 1853-54 | |
| 6,085 | |
| ……. | |
| 430 | |
| 6,515 | |
| 1854-55 | |
| 23,701 | |
| …… | |
| 669 | |
| 24,370 | |
| 1855-56 | |
| 28,588 | |
| 655 | |
| 738 | |
| 29,981 | |
| غإڎخ ب | |
| 1855-56 | |
| 4424 | |
| 552 | |
| 1119 | |
| 4104 | |
| 5091 | |
| 27611 | |
| 42972 | |
| 12991 | |
| 1854-55 | |
| 4656 | |
| 552 | |
| 1190 | |
| 3684 | |
| 5091 | |
| 28233 | |
| 43406 | |
| 19036 | |
| 1853-54 | |
| 5414 | |
| 11207 | |
| 1190 | |
| 1190 | |
| 5091 | |
| 28702 | |
| 42794 | |
| 36279 | |
| 1852-53 | |
| 3486 | |
| 1336 | |
| 1190 | |
| 3649 | |
| 5118 | |
| 30412 | |
| 45191 | |
| 20769 | |
| 1851-52 | |
| 5213 | |
| 820 | |
| 1190 | |
| 4148 | |
| 5118 | |
| 3021 | |
| 47010 | |
| 12861 | |
| 1850-51 | |
| 4713 | |
| 591 | |
| 1190 | |
| 988 | |
| 5463 | |
| 30521 | |
| 43228 | |
| 24169 | |
| 1849-50 | |
| 4556 | |
| 810 | |
| 1190 | |
| 4045 | |
| 5463 | |
| 29031 | |
| 45995 | |
| 10213 | |
| ڎۆۑڷۑۆ ڦإجۑ ضۑ ضکێڷ ۽ إڷجڟإڶۑێ جۑ كڎغ | |
| ڶجڢڎڤ | |
| ڊۑصڵۑ ضۑ ښۆڌڷ ڦۑ ڊڷڵ ڎڤڶ | |
| ڶڠإڢۑ | |
| ښڷڧ ۾ ښڎڈإڎڷ ضۆ قڜۆ | |
| صۆڵۑښ إڷجڟإڶۑێ | |
| ضۆڏ | |
| قڥۆڶج ڦۑ كښإڎۆ | |
| نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس | |
| ب – B | |
| پارس ناٿ جو پتلو، جنھن کي گوڙيچا سڏيو وڃي ٿو ۽ مارواڙ ۾ لڳندڙ جين ڌرم وارن جو ميلو | |
| ١٨ ڊسمبر ١٨٥٤ع | |
| گوڙيچا (پارس ناٿ) جين ڌرم جو ديوتا آھي. ھن ديوتا جو ڏيڍ فوٽ ڊگھو سنگ مرمر جو ھڪ پتلو ھوندو ھو. اھو پتلو گوڙي مندر ۾ پيو ھوندو ھو. تنھن ڪري پارڪر جي ماڻھن، پارس ناٿ کي گوڙيچا (گوڙيجو) نالو ڏنو. سنھ ١٦١٧ع ۾ ويرا واه جو ھڪ سوڍو ستوجي اھو پتلو اتان کڻائي ويو. ستوجي موجوده سردار جي چوٿين پيڙھيءَ جو وڏو ھو. جنھن جو نالو لڌاجي ھو، جيڪو ٻاکاسر جو ويٺل ھو. ۽ مارواڙ (اڳوڻو ويرا واه) جي ماتحت ھو. ستوجي ٻاکاسر نالي ھڪ قلعو ٺھرايو ھو ۽ ھو اھو پتلو اوڏانھن کڻائي ويو، تھ جيئن پوڄاري اتي ان جي پوڄا ڪندا رھن. ھن اھو پتلو نم جي ھڪ وڻ ھيٺان پوري ڇڏيو. | |
| ستوجي سندس پٽ وجرجي، ان جو پٽ مورجي، ان جو پٽ مورجي، ان جو پٽ مورجي ۽ ان جو پٽ لڌوجي، موجوده سردار. پوءِ خاص موقعن تي اھو پتلو کوٽي ٻاھر ڪڍندو ھو، تھ جيئن پوڄاري ان جو درشن ڪري سگھن. ھڪ ڀيري نؤ لکي نالي ھڪ واياڻي ان پتلي جي درشن لاءِ سورت کان ٻاکاسر آئي. پر ستوجي لالچ ڪئي ۽ بنان پئسي کيس درشن ڪرڻ جي اجازت نھ ٿي ڏني. ھن درشن جي عيوض کانئس نو لک روپيا گھريا. واياڻي پري کان ٺاڪر جي درشن لاءِ آئي ھئي، تنھن ڪري ھن ستوجي کي نو ھزار روپيا ڏنا. اھڙيءَ ريت انھيءَ ميلي جي موقعي تي ستوجي وڏي دولت ڪمائي. پوءِ ستوجي اھو پتلو آڻي ويرا واه جي ھڪ فوجي قلعي ۾ رکيو. جڏھن ڏسندو ھو، تھ درشن ڪرڻ وارا گھڻائي گڏ ٿي ويا آھن ۽ چڱا پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آھن، تھ پوءِ ميلو ھڻائيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن اھو ميلو پالنپور رياست جي مورواڙ شھر ۾ ھڻائيندو ھو. ڇرڇاٽ جي پرڳڻي ۾ (ويرا واه کان ٣٢ ڪوھھ پري) تھ جيئن اتان جا واڻيان واپاري) سفر جي تڪليف کان ڇٽي پون ۽ سولائيءَ سان اتي پھچي وڃن. انھيءَ عيوض پوڄاري کيس تمام گھڻي دولت ڏيندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ھو ويرا واه واري سٽاڻي سفر کان ڇٽي پوندا ھئا. جڏھن اھو پتلو مورواڙ نيندو ھو، تھ ان جي سنڀال واسطي ھڪ سؤ سوار پاڻ سان کڻندو ھو. انھيءَ موقعي تي لکين ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا ۽ ڪيترا جوڳي پڻ ڏاڍي اڪير مان اتي اچي ٺاڪر جو درشن ڪندا ھئا. اھڙيءَ طرح مورواڙ ۾ ڪيترائي ميلا لڳا. پھريون ميلو سوئيگام، ٿر ۾ سنھ ١٧٦٤ع ۾ لڳو، ۽ مورواڙ ۾ ١٧٨٨، ١٧٩٦، ١٨١٠ ۽ ١٨٢٢ع ۾ وڏا ميلا لڳا. ١٨٢٢ع وارو مورواڙ جو پويون ميلو ھو. ان کان پوءِ سنھ ١٨٢٤ع ۾ ويرا واه ۾ ميلو لڳو. سنھ ١٨٣٢ع ۾ سنڌ جي ميرن جي ھڪ ماڻھو پونجا کي گرفتار ڪيو، ان وقت اھو پتلو ان جي قبضي ۾ ھو، ھو سگھو ئي مري ويو. ان کان پوءِ وري ميڙو نھ لڳو، چون ٿا تھ اھو پتلو گم ٿي ويو. تنھن ڪري اڄ تائين ڪنھن کي بھ خبر ناھي، تھ اھو پتلو ڪٿي آھي؟ ان مان ظاھر ٿئي ٿو، تھ پونجا مرندو مري ويو، پر اھو راز ظاھر نھ ڪيائين. چون ٿا تھ، پورڻ جي اھو پتلو ڪنھن ھنڌ پوري ڇڏيندو ھو. پوءِ ديوتا کيس خواب ۾ ايندو ھو ۽ ٻڌائيندو ھوس تھ پتلو ڪٿي پوريل آھي. ڇو تھ ڪڏھن ڪڏھن اھو پتلو پوريل ھنڌ بجاءِ ٻئي ھنڌان ملندو ھو. | |
| ھن پتلي بابت روايت آھي تھ: ھڪ ترڪ مسلمان وٽ ٽي پتلا ھئا. جن مان ھڪ مينگھي واڻئي کانئس ڀوڏيسر مان ھڪ سؤ روپين ۾ خريد ڪري اچي گوڙي واري مندر ۾ رکيو ھو. اھا سنھ ١٣٦٧ع جي ڳالھھ آھي. | |
| چيو وڃي ٿو تھ، ان پتلي جي نرڙ تي قيمتي ھيري جي ڪڻي لڳل ھئي ۽ ٻنھي ببن تي پڻ ھيري جون ڪڻيون لڳل ھيون. چون ٿا تھ نرڙ تي ھيري جي ڪڻي سورت جي ھڪ واپاريءَ لڳرائي ھئي. | |
| مٿيون ڳالھيون مقامي روايتن تان ورتيون ويون آھن. ڪي ڳالھيون ماڻھن وٽان معلوم ٿيون، جن مورواڙ ۽ ننگر پارڪر وارا آخري ميلا اکين سان ڏٺا. خاص طور ويرا واه جي نينسي ۽ سورجي مھتن جي لکتن مان معلوم ٿيون، جيڪي ھينئر ان ھنڌ جي سردار جي نوڪريءَ ۾ آھن. | |
| پارڪر – ١٨٨٤ع | |
| ضميمو – ج – C | |
| پاري ننگر بابت يادداشت | |
| پاري ننگر جي شھر تي پرمار درني جا پٽ ھاسو ۽ ڀوڏو حڪومت ڪندا ھئا. جن آبوگڊ ڇڏي اچي ھتي ديرو دمايو ھو. ان وقت ھن شھر جي آدمشماري ھن ريت ھئي. ٥٢٠٠ گھر واڻين جا، ٩٠٠ گھر لوھارن جا، ٧٠٠ گھر راجپوتن جا، ١٢٠٠ گھر ٻين مختلف ھنرن وارن ۽ ١٣٠٠ گھر لوھاڻن جا ھوندا ھئا. ھاسي کي گوبند ۽ ڀيم نالي ٻھ پٽ ھئا. جن مان گوبند پاري ننگر جو حاڪم بڻيو. گوبند کي چار پٽ ٿيا. چندن، وير سنگھھ، ويٺلداس ۽ ڀيم. جن مان وڏو پٽ چندن گاديءَ تي ويٺو، چندن وڏو سخي مرد ھو. ھو ھر روز ڏندڻ پاڻي کان اڳ صبح جو سوير اڻ ميو ڌن دان ڪندو ھو. اھڙيءَ ريت ھو لڳاتار ٢٤ ورھيھ خيرات ڪندو رھيو. کيس سائر ۽ نير نالي ٻھ پٽ ھئا، جيڪي ڇڙواڳ ٿي، ڌاڙيل بڻجي ويا. تنھن ڪري حڪومت ڀيم جي ھٿ آئي، جيڪو ھاسي جو ٻيو نمبر پٽ ھو. ڀيم نالي پٺيان پنھنجي خرچ تي ڀئپو نالي ھڪ وڏو تلاءُ کوٽرايو ۽ ١٤٠ کوھھ کڻايائين. ھو مرڻ گھڙيءَ تائين حاڪم رھيو. سندس چالاڻي کان پوءِ، ھاسي جي پيڙھي ختم ٿي وئي. | |
| مٿي ذڪر ڪيل ڀوڏائي باشندن ڀوڏيسر جي نالي ھڪ شھر ٻڌايو ۽ سندس نالي پٺيان ھڪ وڏو تلاءُ پڻ کوٽرايو. پر جيئن تھ تلاءُ ۾ پاڻي ڪونھ بيھندو ھو. تنھن ڪري ھن گھڻي جل خاطر پنھنجي پٽ نورڻ داس کي ٻل چاڙھيو، تھ جيئن ان تلاءَ جو پاڻي کٽي نھ وڃي. ان کان پوءِ، ڌوڻي براھھ جي ٽئين پٽ جي اولاد پرمار ۽ مھيپال جي پنجن پٽن راجسنگھھ، راجيشور، منڊلڪ، ملھار ۽ رامچندر پاري ننگر تي ڪاميابيءَ سان راڄ ڪيو. راجيشور ٽي تلاءُ کوٽرايا، ھڪ ڀيٽو جي ڀرسان، ۽ ٻيا ٻھ وڏھلي ڳوٺ ويجھو کوٽرايائين. انھن کان پوءِ، راجيشور جو پٽ ڀوڄ سنگھھ والي بڻيو. کانئس پوءِ، سندس ڀاءُ ڀوڄراج حڪومت جون واڳون سنڀاليون. ان کان پوءِ، پرمار مالا جو پٽ اڏيسنگھھ تخت تي ويٺو. جنھن کان پوءِ، حڪومت ڀيم جي ننڍي پٽ گوبند جي ھٿ آئي. کانئس پوءِ سندس پٽ کنھگار والي بڻيو. ان کان پوءِ کنگھار جو ڀاءُ ڏيپو حڪومت ڪرڻ لڳو، بعد ۾ (سندس ڀائٽيو، ڏيپي جو پٽ) ڇوڙو تخت تي ويٺو. کانئس پوءِ سندس سوٽ (ڏيپي جو پٽ) ھر ڀيم حڪومت جو وارث بڻيو. ان ئي دؤر ۾ دھلي کان ھڪ ڪٽڪ ڪاھي آيو، جنھن پاري ننگر تي حملو ڪري وڏي تباھي آندي. نتيجي ۾ اھو وسندڙ شھر ويران ٿي ويو. پارڪر واري ڀاڱي ۾ ان ڏانھن اشارو ڪيل آھي. | |
| ضميمو – د – D | |
| ٻڌيسر جي گرو جي ڪنٽوجاجي رکيل قلمي ڪتابن وٽ مان چونڊ ٽڪرا: | |
| سنھ ١١٠٣ع ۾ جڏھن ٽي پتلا پٽڻ ۾ ارپن ڪيا ويا، تن جا نالا ھئا: نارائڻ گوڙجي، نورن گوڙجي ۽ گوڙيڇوڙ جي. پويون پتلو يعني گوڙيڇو جي ساميگا پارڪر آندو ھو. ڀوڏيسر اٽڪل ٻھ ھزار ٽي سؤ اٺھٺ ورھيھ اڳ اٽڪل (٥١٢ ھھ) ۾ آباد ٿيو ھو. پارڪر ھڪ وڻندڙ ۽ فرحت بخش ملڪ آھي. سندس آسپاس وارا ضلعا پڻ خوبصورت آھن. اھي ائين آھن، ڄڻ ڪنھن خوبصورت عورت جا ڳھڻا ۽ تائٿ ھجن. ائين جيئن گيتا (ھندو شاسترن) ۾ سڀني کان پوتر ڪتاب آھي، جيئن سيتا (رامچند جي گھر واري) سڀني عورتن کان مھانڊي ۽ مان واري آھي، جيئن ڀير ٻين سازن کان وڌيڪ مانائتو ۽ مشھور ساز آھي، ۽ جيئن مارو پھاڙي ٽاور ٻين سڀني کان مٿاھون آھي. آخر ۾ اھو چوڻ صحيح ٿيندو، تھ جيئن اندر سڀني ديوتائن ۾ مشھور آھي ۽ جيئن چنڊ سڀني سيارن ۾ وڌيڪ وڻندڙ آھي، تھڙيءَ ريت پارڪر دنيا جي ٣٥ ھزار ملڪن ۾ اڳ ئي مشھور ھو. ٻڌيسر اھو شھر آھي، جتي امن ۽ آشتي سونھن ۽ سرھائي آھي. ھتي پرمار کينگھر جو راڄ آھي ، جتي گھڻو ئي واپار وڙو ھلندو رھي ٿو. ھتان جون عورتون ايڏيون تھ سھڻيون آھن، جھڙيون پريون، جيڪي تمام ھوشيار ۽ چالاڪ آھن. ان وقت واڻين جا ٻھ ھزار ڪٽنب ڏياريءَ جي موقعي تي راڻي جي سلام تي ويندا ھئا. پر ھو کين اڳي وانگر عزت ڪانھ ڏيندو ھو، تنھن ڪري ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، تھ ٻي ڏياري کان اڳ پارڪر ڇڏڻ گھرجي. نيٺ ھنن لڏپلاڻ ڪئي، جن مان ڪي سنڌ جي ڪڇ ھالار ۽ مارواڙ وغيره ڏانھن لڏي ويا. ڪجھھ وقت کان پوءِ، اھي جيڪي سنڌ لڏي ويا ھئا، سي بھ ڪڇ ھليا ويا. انھن ڏينھن کان پوءِ، کين ڪڇ اوسواڙا سڏيو وڃي ٿو. ان زماني سنڌ تي سومرن جي حڪومت ھئي. اھڙيءَ ريت پارڪر ڀڙڀانگ ٿي ويو. | |
| ضميمو – ھھ – E | |
| فارسي سندن جو ترجمو | |
| ھن سند جي مالڪن، دلير ۽ بھادر | |
| راھمان قبيلي جي اساريا اربابن کي معلوم ھجي، تھ سنڌ جي اميرن (ٽالپرن) جي حڪومت ۾ راھمان جي اربابن کي ڏيپلي جي پيداوار مان جيڪي لوازما ملندا ھئا. برٽش حڪومت جي دؤر ۾ سندن اھي لوازما جاري نھ رھندا، پر ان جي عيوض سنڌ جي گورنر سرچارلس نيئپير جي – سي – بي اوھان ۽ اوھان جي پوين لاءِ ساليانو ١٧٥ روپيا منظور ڪرڻ فرمايا آھن. | |
| ھيءَ سند ستن سالن تائين يعني اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان ١٤ آڪٽوبر سنھ ١٨٥١ع تائين بحال رھندي. ھن مدي کان پوءِ، سرڪار ھن سند ۾ ضرورت آھر ڦير ڦار ڪري سگھي ٿي. توھان جي حق ۾ سرڪار سڳوريءَ جي خواھش آھي، تھ توھان سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ڪوشش ۽ محنت ڪندا رھو. | |
| آڪٽوبر جي ١٥ تاريخ سنھ ١٨٤٤ع ۾ لکي وئي ۽ شوال مھيني جي ٣ تايخ سنھ ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي. | |
| ضميمو – و – F | |
| نھڙي قبيلي جي ارباب توڳاچيءَ لاءِ سند، ساليانو پنج سؤ روپيا الائونس، جيئن مٿي لکيو ويو. | |
| ضميمو – ز – G | |
| ڏيپلي جي سوڍن سردارن لاءِ سند ٥١٥ روپيا ساليانو الائونس مٿين سند مطابق لکيو ويو. | |
| ضميمو – ح – H | |
| مٺيءَ جي سوڍي سردار لاءِ سند. جنھن ۾ کيس چار سنتيون ڍل جي ڇوٽ ڏنل آھي. چار سنتيون= ايتري زمين جيڪا چئن ھرن سان آباد ڪري سگھجي. | |
| ضميمو – ط – I | |
| اسلام ڪوٽ جي سوڍن لاءِ سند. جنھن ۾ ١٦ سنتيون زمين جي پيداوار تان ڍل جي معافي ڏنل آھي. | |
| ضميمو – ڪ – J | |
| بھادرن ۽ ھمت وارن قبضيدارن، چانڊيا (يا وسائي پوٽا) رحم – علي – لاءِ پڌرو ٿو ڪجي تھ: ضلع اسلام ڪوٽ جي ھيٺ ڄاڻايل ١١ تڙن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن بابت: ڍنيڪاريو سينھار، موڙاڻي، ڍو علي چانگ، ڳجھاڍي، ڌرڻ مودي، وڏا سامي، ڇٽو ڍورو، گلو واءِ، ٽوڪرھار ۽ ڳجھي ھار. | |
| ۽ انھن تڙن جي ڀرواري آباد زمين بابت، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو، تھ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي دؤر ۾ اوھان کي انھن ١١ تڙن ۽ ٻي آباد زمين جي ڍل معاف ھئي. تنھن ڪري سنڌ جي گورنر ميجر جنرل سرچارلس نيپيئر جي – سي – بي، مھرباني ڪري، اوھان کي ھيءَ سند ڏيڻ فرمائي آھي. جنھن موجب اوھان تان انھن ١١ تڙن ۽ ٻي ڀرواري آباد زمين جي ڍل معاف ڪئي وئي آھي. | |
| ھيءَ سند اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان ١٤ آڪٽوبر ١٨٥١ع تائين ستن سالن لاءِ بحال رھندي. | |
| اھو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ، سرڪار جي مرضيءَ تي ڇڏيل ھوندو، تھ جيڪڏھن ضروري ٿيو تھ ان ۾ ڦير ڦار ڪري سگھندي. | |
| چندرا قبيلي کان سواءِ ٻيو ڪوبھ شخص، مٿي ذڪر ڪيل ٿرن تي آباد ھوندو، تھ ان کي قاعدي مطابق ڍل ڏيڻي پوندي. | |
| توھان جي حق ۾ سرڪار سڳوريءَ جي خواھش آھي، تھ توھان سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ڪوشش ۽ محنت ڪندا رھو. جيڪڏھن توھان جي تر ۾ چوريون ٿين، تھ انھن چورن کي جھلڻ اوھان جي ذميداري ھوندي. | |
| ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع تي لکي وئي. ٣ شوال ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي. | |
| ضميمو – ي – J | |
| ڪنڊي تماچي ميڻاھھ کي ١٩ ٿرن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن تان ڍل جي معافي جي سند ڏني وڃي ٿي. | |
| ضميمو – ڪ – K | |
| بھادرن ۽ ھمت وارن قبضيدارن، چندرا (يا وسائي پوڻا) رحم علي لاءِ پڌرو ٿو ڪجي. ضلع اسلام ڪوٽ جي ھيٺ ڄاڻايل ١١ ٿرن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن بابت: | |
| ڍڪارا، سينھڙي، موراڻي، ڍو-علي چانگ، ڳجھانڙي، ڌرڻ مودي، وڏا سامي، ڇٽو ڍورو، گلو واءِ، ٺوڪرھار، ڳجھي ھار ۽ انھن ٿرن جي ڀرواري آباد زمين بابت، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو، تھ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي دؤر ۾ اوھان کي انھن ١١ ٿرن ۽ ٻي آباد زمين جي ڍل معاف ھئي. تنھن ڪري سنڌ جي گورنر ميجر جنرل سرچارلس نيپيئر جي – سي – بي، مھرباني ڪري، اوھان کي ھيءَ سند ڏيڻ فرمائي آھي. جنھن موجب اوھان کي انھن ١١ تڙن ۽ ٻي ڀرواري آباد زمين جي ڍل معاف ڪئي وئي آھي. | |
| ھيءَ سند اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان ١٤ آڪٽوبر ١٨٥١ع تائين ستن سالن لاءِ بحال رھندي. | |
| اھو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ، سرڪار جي مرضيءَ تي ڇڏيل ھوندو تھ جيڪڏھن ضروري ٿيو، تھ ان ۾ ڦير ڦار ڪري سگھندي. | |
| چانڊيا قبيلي کان سواءِ ٻيو ڪوبھ شخص، مٿي ذڪر ڪيل تڙن تي آباد ھوندو، تھ ان کي قاعدي مطابق ڍل ڏيڻي پوندي. | |
| توھان جي حق ۾ سرڪار سڳوريءَ جي خواھش آھي، تھ توھان سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ڪوشش ۽ محنت ڪندا رھو. جيڪڏھن توھان جي تر ۾ چوريون ٿين، تھ انھن چورن کي جھلڻ اوھان جي ذميداري ھوندي. | |
| ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع تي لکي وئي. ٣ شوال ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي. | |
| ضميمو – ل – L | |
| ڪنڍي تماچي مياڻيءَ کي ١٩ تڙن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن تان ڍل جي معافي جي سند ڏني وڃي ٿي. | |
| ضميمو – م – M | |
| پارڪر جي زميندارن جي ١٨٥٦ع واري ھرجاڻي واري رقم جو وچور | |
| سردار جو نالو | |
| ضلعو يا ڳوٺ | |
| ڪل ھرجاڻو جيڪو | |
| ھينئر منظور ٿيو | |
| راڻوڪرن جي | |
| ننگر ضلعو | |
| ٠٠-٢،١٥٧ | |
| سوڍو لڌوجي | |
| ويرا واه ضلعو | |
| ٠٠-١،٨٠٥ | |
| سوڍو لڪڌرجي | |
| ٻاراڻو | |
| ٠٠-٤٣٢ | |
| سوڍو امرجي | |
| موندرو | |
| ٠٠-١٩٠ | |
| سوڍو سورج سنگھھ | |
| پيٿاپور ضلعو | |
| ٠٠-١٠٧ | |
| راڻو ڪرن جي ۽ سوڍو راءُ جي | |
| اڌيگام | |
| ٠٠-١٣٦ | |
| سوڍو دادوجي | |
| کارڌرو | |
| ٠٠-٦٥ | |
| سوڍو پتوجي | |
| ڪاسبو | |
| ٠٠-٥٠ | |
| سنڌل ڀيم | |
| سابوشن | |
| ٠٠-٣٦ | |
| سوڍو مولوجي | |
| ڇوڙيا | |
| ٠٠-٣٦ | |
| سوڍو نارڻ جي | |
| ڌڱاڻو | |
| ٠٠-٢٠ | |
| مالديو ماڻو | |
| ڌري | |
| ٠٠-١٦ | |
| مالديو رھاوت | |
| کاروڌرو | |
| ٠٠-١٠ | |
| سوڍي ديوجي جي بيوھھ | |
| پاردرو | |
| ٠٠-٩ | |
| مال ديو رڻ مل | |
| ڍيڍ ويرا | |
| ٠٠-٥ | |
| راڙ منگھو | |
| آسلري | |
| ٠٠-٦ | |
| سوڍو پٻ جي | |
| ساڌول وا | |
| ٠٠-٢ | |
| مالديو ڊولو | |
| ڌنيگام | |
| ٠٠-٢ | |
| ٠٠-٥،٠٩١ | |
| ٻاکاسر جي سردار جو وڌيڪ الائونس، جيڪو پئراگراف ١٠٦ موجب مارواڙ منتقل ڪيو ويو. | |
| ٠٠-٣٤٦ | |
| سک پور جي سردار جو وڌيڪ الائونس، جيڪو پئراگراف ١١١ موجب سنھ ١٨٥٣ع ۾ بگڙجي ويو ھو. | |
| ٠٠-٢٧ | |
| ٠٠-٥،٤٦٣ | |
| ضميمو – ن – N | |
| سوڍي لڌيجي پٽ پورڻ جي، سوڍي پورڻ جي پٽ مھرجي ۽ سوڍي نارائڻ جي پٽ مھرجي لاءِ ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر G.C.B گورنر سنڌ پاران منظور ڪيل سند. | |
| سوڍي لڌي جي جي ڪرنل رابرٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪڇ جي معرفت ھڪ عريضي ھن سال جون پھرين تاريخ تي پھتي. جنھن ۾ ھن موکئي واري سن بابت گذارشون ڪيون آھن: | |
| پھريون: ويرا واه شھر جي سموري ڍل. | |
| ٻيو: ويرا واه جي سمورن ڳوٺن جي ڍل جي سرڪاري حصي جي چوٿين پتي. | |
| ٽيون: ويرا واه ضلع جي رھاڪن کي اجازت ڏني وڃي، تھ اھي رقم ڏيڻ کان سواءِ، پنھنجي ضرورت آھر موکي سن مان لوڻ کڻندا رھن. اوھان جي ٽن گذارشن واري عريضي منظور ڪئي وئي آھي. تنھنڪري آءٌ اوھان کي برٽش سرڪار پاران ھيءَ سند ڏيئي رھيو آھيان. جيڪا پھرين مئي ١٨٤٧ع کان عمل ۾ ايندي. | |
| تنھنجي پھرين جولاءِ ١٨٤٧ع واري ٻي عريضي، جيڪا پڻ اسان کي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي معرفت پھتل آھي، جنھن ۾ ويرا واه شھر جي ڍل جي ورھاست لاءِ عرض ڪيل آھي. ٻين ڳوٺن جي ڍل جي چوٿين پتي اڌ ڪسٽم جو، ۽ پن چري جو محصول جيڪو مڪمل طور ملي رھيو آھي. ان کان علاوه ٻي پيداوار جيڪا پنجن حصن ۾ آھي. جھڙوڪ: | |
| ٻھ حصا سوڍي لڌي جي جا | |
| ٻھ حصا سوڍي واگھھ جي | |
| ۽ جڳت سنگھھ جا | |
| ھڪ حصو سوڍي نارائڻ جي جو | |
| مٿي ذڪر ڪيل آمدني، اوھان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڻ ۾ ورھائي کڻو ۽ سرڪار جي سھڻي نموني خدمت ڪندا رھو. پر اوھان کي ويرا واه واري زمين جو تخمينو سرڪاري حڪمن خلاف نھ لڳائيندا. ان سان گڏ سرڪار اوھان جي ماڻھن کي اجازت ڏئي ٿي، تھ اوھان سڀ موکئي سن مان پنھنجي ضرورت آھر لوڻ کڻندا رھو. پر اوھان کي لوڻ جي وڪري ڪرڻ جي اجازت نھ آھي. | |
| ضميمو – س – O | |
| ننگر پارڪر جي قبضيدار بھادر راڻي ڪرن جي جي سڌ لاءِ پڌرو ٿو ڪجي تھ: | |
| ١-سنڌ ملڪ ۽ ننگر پارڪر ضلع جيڪو سنڌ حڪومت جي تابع آھي، سو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي قبضي ھيٺ آھي. جيئن تھ تون ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ ڪرنل رابرٽ جي معرفت عرض ڪيو آھي. موجوده صورتحال ۾، تنھن جي خواھش جي مدنظر ۽ تنھن جي نيڪ نيتي ۽ وفاداريءَ کان سرڪار سڳوري واقف آھي. تنھنڪري ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر جي – سي – بي گورنر سنڌ مھرباني ڪري، توکي ھيءَ سند ڏني آھي. جنھن موجب توتان رن پور ۽ سوراشن جي ڳوٺن جون ڍلون ۽ ذميداريون معاف ڪيون ويون آھن. | |
| ٢- ھيءَ سند ستن سالن لاءِ بحال رھندي. يعني اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان، آڪٽوبر ١٨٥١ع تائين. اھو مدو گذرڻ کان پوءِ، اھو سرڪار جي مرضيءَ تي ڇڏيل ھوندو، تھ ان ۾ ضرورت مطابق ڦيرڦار ڪري سگھي. | |
| ٣- جيتريقدر ضلع ننگر پارڪر جي ٻين ڊويزنن جو تعلق آھي، تھ برٽش سرڪار اتان جي سموري ڍل ان ريت اڳاڙيندي، جيڪا رعايا توڙي سرڪار لاءِ لاڀائتي ھوندي. | |
| ٤- ننگر پارڪر جي رھواسين ۽ تنھنجن مٽن مائٽن تان ڍل معاف ڪئي وئي آھي. تنھن لاءِ سند جاري ڪئي وئي آھي. | |
| ٥- اھي ماڻھو جن کي سند ڪانھ ڏني وئي آھي، سي ڍل ادا ڪندا رھندا. | |
| ٦- جيئن تھ سرڪار سڳوري اوھان تي مھربان آھي، تنھن ڪري اوھان جو بھ فرض آھي، تھ ھر طرح سرڪار جي خدمت ڪندا رھو. | |
| ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع تي لکي وئي. شوال جي ٣ تاريخ ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي. | |
| ضميمو – ع – P | |
| ننگر جي راڻي جي منشي ۽ نائب اکي مالدي لاءِ سند جنھن موجب کيس موڳلي ڳوٺ جي ڍل معاف ڪئي وڃي ٿي. | |
| ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو | |
| ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 | |
| ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس |