Download sindhiadabiboard.org/Lateefyat/Book2.txt from arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset: direct link, hf CLI and curl.
- Browser
- Download file 202 kB
-
https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/Lateefyat/Book2.txt
- Command line
-
hf download hf://datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/sindhiadabiboard.org/Lateefyat/Book2.txt
-
curl -L -o Book2.txt https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/Lateefyat/Book2.txt
202 kB
| ڪتاب جو نالو: لطيفي معلومات | |
| لطيفي معلومات | |
| راھب علي لاڙڪ | |
| مرتب پاران | |
| حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي مثال شاعر آھي. ان متعلق جيڪو بھ لکجي اھو تمام گھٽ آھي. ھن ڪتاب کان اڳ ۾ ھن موضوع تي جناب عبدالجبار جوڻيجي، راز شر ۽ ڪمال ڄامڙي سٺو ڪم ڪيو آھي. پنھنجي ڪم کي انھن جي ڪم سان نٿو ڀيٽي سگھان. پر گھڻن سالن کان اندر ۾ اڻ تڻ ھئي تھ مان بھ لطيف سائينءَ جي عاشقن ۾ نالو ڳڻايان. | |
| استاد عبدالقادر کوسي صاحب، شاھھ سائين متعلق سوال ۽ جواب ترتيب ڏيڻ جي صلاح ڏني، پوءِ سچل فقير لاڙڪ جي اوطاق ۾، مرحوم محمد مٺل فقير کان، شاھھ سائين جي بيتن جي تشريح ڪرائيندو ھئس ۽ شاھھ سائين جي ڪلام جي انوکن لفظن جون معنائون بھ فقير صاحب کان پڇندو ھئس. ان سان گڏ شاھھ بابت ڇپيل ڪتابن جو مطالعو بھ ڪندو رھيس. اھڙي طرح ٻن ٽن سالن ۾ ٿورو ٿورو مواد سھيڙي شاھھ سائين جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ سان گڏ ھمعصرن، شاھھ جي دور، شاھھ متعلق اديبن جي تحقيق ۽ لکيل مضمونن ۽ مقالن مان موضوع وار سوال جواب سھيڙي ڪتاب ترتيب ڏيندو رھيس. | |
| اميد تھ منھنجو ھيءُ پورھيو پڙھندڙن اڳيان قبول پوندو ۽ منھنجي غلطين کي نظرانداز ڪندا تھ سندن ٿورائتو رھندس. | |
| مون کي پڪ آھي تھ موضوع وار معلومات تي مبني ھيءُ ڪتاب لطيفي معلومات اسڪولن ۾ ڪوئيز پروگرامن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن توڙي ذھني چٽاڀيٽيءَ وارن مقابلن ۾ حصو وٺندڙ دوستن لاءِ نھايت ڪارائتو ثابت ٿيندو. | |
| فقط | |
| راھب علي لاڙڪ | |
| کاھي راھو | |
| ضلعو نوشھرو فيروز | |
| شاھھ جي زندگي ۽ ان دؤر بابت ڄاڻ | |
| سوال: شاھھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال سڀ کان اول ڪھڙي ڪتاب مان مليو؟ | |
| جواب: فارسي ٻِوليءَ جي مشھور ڪتاب تحفة الڪرام ۾. | |
| سوال: تحفة الڪرام ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: مير علي شير قانع جو. | |
| سوال: ڪتاب تحفة الڪرام جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪنھن ڪيو ۽ ڪھڙي اداري ڇپرايو؟ | |
| جواب: ھن ڪتاب جو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو. | |
| سوال: علي شير قانع کان پوءِ ڪھڙي ليکڪ شاھھ صاحب جو ذڪر پنھنجي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو؟ | |
| جواب: سر رچرڊ برٽن. | |
| ِسوال: سر رچرڊ برٽن پنھنجي ڪھڙي ڪتاب ۾ شاھھ صاحب جو احوال ڏنو آھي؟ | |
| جواب: پنھنجي ڪتاب سنڌو نديءَ جي واديءَ ۾ رھندڙ قومون ۾. | |
| سوال: ڇا رچرڊ برٽن جو مٿيون ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو آھي ۽ ڪھڙي اداري ڇپرايو آھي؟ | |
| جواب: ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ حنيف صديقي ترجمو ڪيو آھي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آھي. | |
| سوال: شاھھ جي زندگيءَ متعلق پھريون ڪتاب ڪھڙو ڇپيو ۽ ڪھڙو ڪارڻ، ان جي لکڻ جو سبب بڻيو؟ | |
| جواب: سر بارٽل فريئر، جنھن جي نالي سان ڪراچي ۾ فريئر حال آھي، ان جي ڌيءَ جي وندر لاءِ شاھھ جي سوانح عمري لکائي وئي. | |
| سوال: مٿيون ڪتاب ڪڏھن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو؟ | |
| جواب: مٿيون ڪتاب ڇپجي نھ سگھيو، ان جو مسودو سنڌي ۽ انگريزي زبان ۾ ڪمشنر صاحب جي ڪتب خاني ۾ موجود آھي. | |
| سوال: اھڙي ڪنھن ٻئي اوائلي ڪتاب بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ شاھھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال ڏنل ھجي؟ | |
| جواب: شاھ صاحب جي زندگي بابت ديوان ڏيارام گدومل پنھنجي ننڍڙي رسالي سنڌ بابت ٿورو ذڪر ۾ گھڻو تڻو شاھھ جي زندگيءَ بابت احوال ڏنو آھي. | |
| سوال: شاھھ جي زندگيءَ بابت اھو ڪھڙو پھريون ڪتاب آھي جنھن ۾ شاھھ جي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي مواد ملي؟ | |
| جواب: مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب احوال عبداللطيف | |
| سوال: شاھھ صاحب جا وڏڙا ڪٿان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا؟ | |
| جواب: شاھھ صاحب جا ابا ڏاڏا ھرات (موجوده افغانستان جي شھر) مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي وڏڙن مان ڪھڙي بزرگ جو احوال معلوم ٿي سگھيو آھي؟ | |
| جواب: سيد مير عليءَ جو. | |
| سوال: سيد مير علي جي ڏينھن ۾ افغانستان تي ڪھڙي حاڪم جو راڄ ھو. | |
| جواب: امير تيمور جو. | |
| سوال: امير تيمور، شاھھ صاحب جي وڏڙن مان ڪھڙن کي برصغير جي الڳ الڳ پرڳڻن جو حاڪم مقرر ڪيو؟ | |
| جواب: امير تيمور 1398ع ۾، شاھھ صاحب جي ڏاڏنگ مان سيد مير علي جي ڇھن پٽن مان ١. مير عبدالباقيءَ کي اجمير جو حاڪم، ٢. مير عبدالواحد کي ملتان جو حاڪم، ٣. مير عبدالرزاق کي بکر جو حاڪم، ٤. مير ابوبڪر کي سيوھڻ جو حاڪم مقرر ڪيو، جڏھن تھ مير شرف الدين خانگاھھ ۾ رھڻ پسند ڪيو ۽ مير حيدر شاھھ کي پڻ حڪومت آڇي وئي، پر ھن انڪار ڪيو. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سيد مير عليءَ جي ڪھڙي پٽ جي اولاد مان آھي؟ | |
| جواب: سيد حيدر شاھھ. | |
| سوال: سيد حيدر شاھھ ھرات کان پنڌ ڪري سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي؟ | |
| جواب: پراڻن ھالن ۾. | |
| سوال: سيد حيدر شاھھ سنڌ جي ڪھڙي ذات مان شادي ڪئي؟ | |
| جواب: ھالا ذات جي شخص شاھھ محمد ھالي وٽان. | |
| سوال: سيد حيدر شاھھ کي ھالا ذات جي گھرواريءَ مان جيڪو پٽ ڄائو ان جو نالو ڇا ھو؟ | |
| جواب: سيد مير علي (جيڪو سندس ڏاڏي جو بھ نالو ھو) | |
| سوال: حيدر شاھھ جي پٽ سيد مير عليءَ پنھنجي پٽ جو نالو ڇا رکيو؟ | |
| جواب: سيد احمد شاھھ. | |
| سوال: شاھھ صاحب جا وڏڙا ڪھڙي نک سان مشھور آھن؟ | |
| جواب: ميرڻ پوٽا. | |
| ِسوال: ميرڻ پوٽن ڪٿي رھائش اختيار ڪئي؟ | |
| جواب: مٽياريءَ (متعلوي) ۾. | |
| سوال: ميرڻ پوٽن مان ڪھڙي سنڌ جي مشھور بزرگن جو احوال ملي ٿو؟ | |
| جواب: شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو. | |
| سوال: شاھھ عبدالڪريم بلڙي واري جو تفصيلي احوال ڪھڙن ڪتاب ۾ ملي ٿو. | |
| جواب: بيان العارفين ۾ جو ميان محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽويءَ سن 1628ع ۾، شاھھ ڪريم جي وفات کان فقط ڇھھ سال پوءِ لکيو. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاھھ ڪريم تائين شجري جو سلسلو ٻڌايو؟ | |
| جواب: شاھھ عبداللطيف سيد حبيب الله شاھھ جو پٽ سيد عبدالقدوس جو پوٽو، سيد جمال شاھھ جو پڙ پوٽو ھو ۽ سيد شاھھ جمال وري شاھھ عبدالڪريم جو ٽيون نمبر پٽ ھو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي والد جو نالو ڇا ھو؟ | |
| جواب: شاھھ حبيب. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي والده سڳوري سنڌ جي ڪھڙي مشھور خاندان مان ھئي؟ | |
| جواب: مخدوم ڌياڻيءَ جي خاندان مان. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ڏاڏي کي سنڌ جو چاسر سڏيو ويندو آھي؟ | |
| جواب: شاھھ ڪريم بلڙي واري کي. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪٿي ڄائو؟ | |
| جواب: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي، ھالا تعلقي جي ھالا حويلي ڳوٺ ۾ ڄائو، جيڪو ڀٽ شاھھ کان ارڙھن ميل پري آھي. | |
| سوال: ٽرمپ جي لکت موجب شاھھ صاحب جو جنم ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: ٽرمپ پنھنجي ترتيب ڏنل شاھھ جي رسالي جي ديباچي ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ شاھھ صاحب 1680ع ۾ ڄائو ۽ 1747ع ۾ وفات ڪيائين. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي جنم بابت اڪثر محقق ڪھڙيءَ راءِ تي متفق آھن؟ | |
| جواب: ان راءِ تي تھ شاھھ صاحب 1689ع يا 1690ع ۾ ڄائو ۽ چوڏھن صفر 1752ع تي وفات ڪيائين. | |
| سوال: شاھھ سائين ڪھڙي بزرگ ھستيءَ جي دعا سان جنم ورتو؟ | |
| جواب: سيد ھاشم شاھھ جي دعا سان. | |
| سوال: شاھھ صاحب آخوند احمد وٽ ڪيترا سال قرآن شريف پڙھيو؟ | |
| جواب: ھڪ سال. | |
| سوال: شاھھ صاحب جو والد شاھھ حبيب، ھالا حويلي کان لڏي ڪٿي اچي آباد ٿيو؟ | |
| جواب: ڪوٽڙيءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي والد شاھھ حبيب ڪڏھن وفات ڪئي؟ | |
| جواب: ١١٥٥ ھجري مطابق 1742ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي محبوب لاءِ ڪھڙو رنگ پسند ڪيو ھو؟ | |
| جواب: ڳاڙھو رنگ (لالڻ) | |
| سوال: انگريز ڪمشنر سر بارٽل فريئر شاھھ سائين جي زندگيءَ جو احوال ڪھڙيءَ سن ۾ لکڻ جو حڪم ڏنو؟ | |
| جواب: 1851ع ۾، اھو ڪم 1851ع کان 1859ع تائين جاري رھيو. | |
| سوال: ڪتاب ھندستاني مسلمان جي صفحي 323 تي شاھھ لطيف جو احوال ڏنل آھي، اھو ڪتاب پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1966ع ۾. | |
| سوال: 2 ۽ 3 مارچ 1973ع تي شاھھ صاحب جي سوانح حيات تي لکيل ڪتابن جي نمائش سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟ | |
| جواب: حيدرآباد شھر ۾. | |
| سوال: 1973ع ۾ لطيف سرڪار جي شاعري ۽ زندگيءَ تي لکيل ڪتابن جي نمائش جي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھھ. | |
| سوال: سنڌي نظم ڪتاب ۾ شاھھ لطيف جي سوانح ۽ شاعري ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: نون صفحن تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب کي مجازي عشق ڪھڙيءَ عمر ۾ لڳو؟ | |
| جواب: ويھن ورھين جي عمر ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور ۾، سنڌي زبان لاءِ ڪھڙو پھاڪو مشھور ھو؟ | |
| جواب: سنڌي وائي قلم نھ آئي. | |
| سوال: شاھھ سائين کاھوڙي ٿيڻ لاءِ ڪيترن اھم اصولن کي اپنائڻ جي ھدايت ڪئي آھي؟ | |
| جواب: ٻن اھم اصولن کي. | |
| سوال: سر کاھوڙيءَ جا سڀ کان وڌيڪ بيت ڪھڙي شاھھ جي رسالي ۾ ڏنل آھن؟ | |
| جواب: بمبئي واري ابوالحسن جي سنڌي ڇاپي ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب ويڙھي جھپ واري ڏھر مٿان اتر اولھھ طرف ھڪ ڄار جي ويڙ ۾ چلو ڪڍيو ھو، ان جاءِ تي پوءِ سندس ڪھڙن فقيرن چلھ ڪشي ڪئي؟ | |
| جواب: يارو فقير ۽ پارو فقير. | |
| سوال: حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ ڪڻڪ ھڪ رپئي جي ڪيتري ملندي ھئي؟ | |
| جواب: اڍائي مڻ. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي وفات وقت ميان سرفراز ڪلھوڙي جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: ھڪ سال. | |
| سوال: شاھھ حبيب پنھنجي پٽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ڪھڙي شھر ۾ ڪپڙي رڱڻ جو ھنر سکڻ لاءِ ويھاريو ھو؟ | |
| جواب: مٽيارين ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور ۾ سنڌ تي سالياني ڪيتري ڍل مڙھيل ھئي؟ | |
| جواب: ويھھ لک روپيا. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور ۾ نادر شاھھ سنڌ مان ڪيترا ڪروڙ ڦرلٽ ڪري پاڻ سان کڻي ويو؟ | |
| جواب: ھڪ ڪروڙ. | |
| سوال: احمد شاھھ ابداليءَ جڏھن سنڌ تي ٻيو ڀيرو حملو ڪيو تھ شاھھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟ | |
| جواب: ان حملي کان اڳ شاھھ صاحب ھن دنيا مان برقعو مٽائي چڪو ھو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ڏينھن ۾ سنڌ جي سالياني اپت اٽڪل ڪيتري ٿيندي ھئي؟ | |
| جواب: اٽڪل اسي لک رپيا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي دور (1739ع) ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي، نادر شاھھ کي ڪيترو ساليانو خراج ڏنو؟ | |
| جواب: ايڪيھھ لک رپيا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي دور ۾ ڪلاچي بندر مان اٽڪل سالياني اپت ڪيتري ٿيندي ھئي؟ | |
| جواب: ڇھھ لک سورنھن ھزار روپيا. | |
| سوال: جڏھن نادر شاھھ ھرات تي قبضو ڪيو تھ شاھھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: اٺٽيھھ سال. | |
| سوال: جنھن وقت نادر شاھھ، سلطان اشرف غلوئيءَ کان ايران آزاد ڪرايو تھ ان وقت شاھھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: ٽيٽيھھ سال. | |
| سوال: جڏھن نادر شاھھ ڪابل تي قبضو ڪيو تھ ان وقت شاھھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟ | |
| جواب: ڇٽيھھ سالن جو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي دور ۾ سنڌي ماڻھن جا عام ڌنڌا ڪھڙا ھئا؟ | |
| جواب: ھارپور، مال چارڻ، مڇي مارڻ، ڪنڀارڪو ڪم ڪرڻ، چرخو ھلائڻ. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور ۾ ڪھڙو شاھي رستو حيدرآباد کان دھليءَ تائين ويندو ھو؟ | |
| جواب: راوري نالي رستو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ احمد شاھھ ابداليءَ ديرھ جات جو علائقو، ميان غلام شاھھ ڪلھوڙي جي حوالي ڪيو؟ | |
| جواب: وفات کان ڏھھ سالن کان پوءِ. | |
| سوال: شاھھ جي ڏينھن ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا ھزار ڪوري، ڪپڙي اڻڻ ۽ رنگ سازي جو ڪم ڪندا ھئا. | |
| جواب: ويھھ ھزار. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ڏينھن ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا اسلامي مدرسا ھئا؟ | |
| جواب: چار سئو مدرسا. | |
| سوال: جنھن وقت نور محمد ڪلھوڙي کي خدايار جو لقب مليو، ان وقت شاھھ سائين جي عمر ۾ ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: ٽيھھ سال. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور ۾ سنڌ سان ڪھڙن ڪھڙن ملڪن جا واپاري تعلقات ھئا؟ | |
| جواب: سلون، بنگال، ھندستان، چين ۽ عرب دنيا سان. | |
| سوال: لاکيڻو لطيف بڊام جي ڪھڙن بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري، پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي سما ننگر جي کنڊرن ۾ پھتو؟ | |
| جواب: جھڏي فقير، خاڪي پير ۽ ڦل فقير جي مزارن تي. | |
| سوال: لطيف سائين جي دور ۾ ڪھڙي عورت ٺٽي جي دبير مسجد جھڙي ھڪ مسجد جوڙائي؟ | |
| جواب: مائي ڄامان. | |
| سوال: شاھ صاحب جي دور ۾ پراڻ نديءَ جا ڪھڙا پتڻ مشھور ھئا؟ | |
| جواب: ڪاھوءَ جو پتڻ، ڪاڪ جو پتڻ، جھلوري، واگھريجي ۽ اٻھاري جو پتڻ. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور ۾ بدين جي سرزمين کي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو ھو؟ | |
| جواب: چا چڪاڻ. | |
| سوال: شاھھ صاحب کي سنڌ جي ڪھڙي شھر سان خاص لڳاءُ ھو؟ | |
| جواب: بدين شھر سان. | |
| (وڌيڪ پڙهو) | |
| سوال: ھي ڪنھن جو قول آھي؟ ٻئي ڪنھن جو مخالف نھ ٿجي پر پنھنجي نفس جو دشمن ٿجي. | |
| جواب: حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جو. | |
| سوال: جنھن وقت ابڙا شاھھ صاحب سان وڙھڻ لاءِ لٺيون کڻي آيا تھ، شاھھ صاحب ابڙن کي ڪھڙو پاراتو ڏنو؟ | |
| جواب: ھوندا ھميشھ پر اوج نھ ڪندا ابڙا. | |
| سوال: شاھھ صاحب قادري طريقي جو ذڪر ۽ تلقين ڪنھن کان ورتي؟ | |
| جواب: پنھنجي والد شاھھ حبيب کان. | |
| سوال: شاھھ حبيب کي ڪھڙي بزرگ جي زيارت ڪرڻ وقت قبر مان آواز آيو تھ اي حبيب! وڃي لطيف کي ونڊ ڏي؟ | |
| جواب: مخدوم سرور نوح جي قبر مان. | |
| سوال: ڪھڙي شھر ۾ شاھھ لطيف ڏھھ سال چلھ ڪشي ڪئي ھئي؟ | |
| جواب: مٽيارين جي موسيٰ پاڙي ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي دور ۾ لقب شھباز ڪوھستان ڪنھن کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: مير عبدالله خان کي. | |
| سوال: ھاڪڙي جي ساڄي طرف ڪھڙي پٽ ۾ لطيف سائينءَ چلو ڪڍيو ھو؟ | |
| جواب: چوٽياريءَ جي پٽ ۾. | |
| سوال: لاکيڻو لطيف جڏھن بھ ٿرپارڪر جي سفر تي نڪرندو ھو تھ ڪھڙي طرف کان سفر شروع ڪندو ھو؟ | |
| جواب: اولھھ کان اوڀر طرف. | |
| سوال: 1740ع ڌاري شاھھ سائين جوڳين سان گڏ سفر تي ڪيڏانھن ويو ھو؟ | |
| جواب: ھنلاج. | |
| سوال: ھنگلاج ياترا وقت شاھھ سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: ايڪونجاھھ سال. | |
| سوال: شاھھ سائين مولانا رومي جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ٽن بيتن ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين تي ڪھڙن ٽن بزرگن جي علميات جو اثر ٿيو؟ | |
| جواب: مخدوم بلاول، مخدوم نوح، ۽ عبدالڪريم بلڙي واري جو. | |
| سوال: شاھھ سائين عبدالرحيم گرھوڙي سان ڪل ڪيتريون ملاقاتون ڪيون؟ | |
| جواب: چار. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف جي تڙ ڏاڏي شاھھ ڪريم جي مرشد جو نالو ڇا ھو؟ | |
| جواب: سلطان ابراھيم ادھم. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دوست مخدوم ٺارو شاھھ جو اصل نالو ڇا ھو؟ | |
| جواب: مخدوم محمد معين. | |
| سوال: ڪوٽڙي ڪبير ڏانھن ويندي شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد صديق قريشيءَ سان. | |
| سوال: شاھھ سائين ملتان ۾ ڪھڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟ | |
| جواب: مخدوم ڀاون شاھھ سان. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ، شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي روضي لاءِ ڪاشي ڪٿان آندي ھئي؟ | |
| جواب: ملتان مان ٻيڙيءَ رستي. | |
| سوال: شاھھ عنايت رضوي نصرپور وارو جنھن سان شاھھ سائين جو واسطو بھ رھيو اصل ڪٿان جو ھو؟ | |
| جواب: روھڙيءَ جو. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڪڏھن وفات ڪئي؟ | |
| جواب: ١٤ صفر ١١٥٥ ھجري مطابق 1752ع تي. | |
| سوال: لطيف سائينءَ کي وفات کان پوءِ غسل ڪنھن ڏنو؟ | |
| جواب: ميان ولي محمد ولد آخوند نور محمد ڀٽيءَ. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي وصيت موجب کين ڪٿي دفن ڪيو ويو؟ | |
| جواب: وصيت موجب کين محمود شاھھ جي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي تربت مٿان ڪھڙي سنڌ جي حاڪم عاليشان قبو اڏايو؟ | |
| جواب: ميان غلام شاھھ ڪلھوڙي (جنھن شاھھ صاحب جي دعا سان جنم ورتو ھو) | |
| سوال: ميان غلام شاھھ ڪھڙي سن ۾ شاھھ جي قبر مٿان قبو اڏايو؟ | |
| جواب: ١١٦٧ھھ مطابق 1754ع ۾. | |
| سوال: ھي قبو ڪھڙي رازي جوڙي راس ڪيو؟ | |
| جواب: سنڌ جي مشھور رازي عيدن ھي قبو جوڙي راس ڪيو. | |
| سوال: عيدن رازو اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو؟ | |
| جواب: سکر جو. | |
| سوال: سنڌ جي ڪھڙن ٽالپر حڪمرانن، شاھھ جي درگاھھ جي وقت بوقت سار سنڀال لڌي؟ | |
| جواب: ٽالپر راڄ ۾ مير نصير خان ان قبي ۽ مسجد جي سٺي مرمت ڪرائي. مير نصير خان جي وڏي ڀاءُ مير نور محمد قبي اڳيان اڱڻ ۾ وڏو کوھھ کوٽايو ۽ سندس سئوٽ مير محمد خان روضي کي چانديءَ جو دروازو لڳرايو. | |
| سوال: شاھھ صاحب ماکوڙي يا ماکاڻيءَ جي ڪھڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟ | |
| جواب: سيد الھھ وسايو سان. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڪنھن کي دعا ڪندي چيو تھھي اسان جون سڪون لاھيندو؟ | |
| جواب: مخدوم امان الله کي. | |
| سوال: کڏي شريف جي جنھن بزرگ سان لطيف سائين روح رھاڻ ڪندو ھو، ان جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: پير ھوندل شاھھ. | |
| سوال: ميين وھين جي مقام ۾ شاھھ لطيف ڪھڙن بزرگن جي قبرن تي قل پڙھيا ۽ دعا گھري؟ | |
| جواب: درويش ٻڍو درس، اسماعيل شاھھ بخاي ۽ مرزا مغل بيگ. | |
| سوال: شاھھ محمود جي درگاھھ تي، شاھھ صاحب قل پڙھي ۽ دعا گھري پوءِ ڪجھھ شعر بھ چوندو ھو. ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟ | |
| جواب: نصرپور ۾. | |
| سوال: نصرپور جي ڪھڙن، ڪوري بزرگن سان، شاھھ صاحب جي تمام گھڻي دوستي ھئي؟ | |
| جواب: عنايت ڪوري ۽ دوسو ڪوريءَ سان. | |
| سوال: نصرپور شھر کان ٻاھران اتر طرف ميل کن جي پنڌ تي شاھھ لطيف، ڪھڙي بزرگ جي مقبري تي حاضرير ڀريندو ھو ۽ دعا بھ گھرندو ھو؟ | |
| جواب: گل شاھھ غوريءَ جي مقبري تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڪھڙي بزرگ جو آزمودو وٺڻ لاءِ کيس چيو تھ، اڄ اسين پلو کائينداسين؟ | |
| جواب: عنايت ڪوريءَ جو. | |
| سوال: دڙي شھر جي ڪھڙي سردار شاھھ لطيف جي تمام گھڻي خدمت ڪئي، تنھن تي راضي ٿي لطيف سائينءَ کيس دعا ڪئي؟ | |
| جواب: سردار دريا خان دل. | |
| سوال: ميان صاحبڏني فاروقيءَ جي ڪھڙي فقير کي شاھھ سائين فيض ڏنو ھو؟ | |
| جواب: چنيح فقير اڄڻ کي. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي جي ڇھين باب ۾ شاھھ جي وڏڙن مان ڪنھن جو احوال ڏنل آھي؟ | |
| جواب: شاھھ ڪريم جو. | |
| سوال: لاکيڻو لطيف بڊام جي ڪھڙن بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري، پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي سما ننگر جي کنڊرن ۾ پھتو؟ | |
| جواب: جھڏي فقير، خاڪي پير ۽ ڦل فقير جي مزارن تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب مشائخ ھوٿي جي ڪھڙن ٻن پٽن جي مقبرن تي حاضري ڀري؟ | |
| جواب: احمد ۽ محمد تي. | |
| سوال: شاھھ سائين ھڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڪنھن ڏانھن ڏياري موڪليو ھو؟ | |
| جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ ڏانھن. | |
| سوال: مشائخ ھوٿيءَ جي قائم ڪيل قديم مدرسي ۾ شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد صابر ولھاريءَ سان. | |
| سوال: لطيف سائين وارياسو ديھھ ۾ ڪھڙي سيد بزرگ جي اولاد سان رھاڻ ڪئي؟ | |
| جواب: سيد دوسن شاھھ جي اولاد سان. | |
| سوال: شاھھ لطيف، لطف الله قادريءَ جي رسالي جو مطالعو ڪٿي ڪيو؟ | |
| جواب: اگھم ڪوٽ يا اگھاماڻو ۾. | |
| سوال: ٻارن کي پاڙھين ويٺو يا کارين ويٺو؟ لطيف سائين ھي لفظ ڪنھن کي چيا ھئا؟ | |
| جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ کي. | |
| سوال: شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟ | |
| جواب: ولھار علائقي جي. | |
| سوال: شاھھ سائين بمڀي ميھار جي مقبري تي حاضري ڏني، ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟ | |
| جواب: ڪامارو شريف واريءَ ايراضي ۾. | |
| سوال: ڪھڙي بزرگ جي مرقد تي شاھھ عنايت ۽ لطيف سائين گڏ ويا ھئا؟ | |
| جواب: ڳاڙھو صدر ولد ڪيوڙي اوٺي جي مرقد تي. | |
| سوال: شاھھ عنايت رضوي ۽ شاھھ لطيف ٿيٻن جي ڳوٺ جي ڀرسان ڪھڙي بزرگ سان ڪچھري ڪئي؟ | |
| جواب: سيد سمن شاھھ سان. | |
| سوال: ڪھڙي سفر ۾ لطيف سائين جون اکيون اٿي (خراب ٿي) پيون ھيون؟ | |
| جواب: سماواتي سفر دوران جنھن وقت مخدوم صابر سان مليو ھو. | |
| سوال: مخدوم صابر جي خاندان مان، ڪھڙن بزرگن سان شاھھ لطيف ملاقات ڪئي؟ | |
| جواب: ميون معروف ۽ مييون مقبول سان. | |
| سوال: شاھھ صاحب سيد مير محمد عطا سان ڪھڙيءَ ھنڌ تي ڪچھري ڪندو ھو؟ | |
| جواب: اوطاق جي مٿئين طبقي ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين ڪنھن جي صلاح مصلحت سان پنھنجي شاعريءَ ۾، قرآن شريف جون آيتون شامل ڪندو ھو؟ | |
| جواب: مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ واري جي صلاح سان. | |
| سوال: شاھھ صاحب نقشبندي طريقي جو فيض ڪنھن کان ورتو؟ | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري کان. | |
| سوال: شاھھ صاحب کاھي راھوءَ جي ڪھڙي بزرگ سان ملڻ ايندو ھو؟ | |
| جواب: قاضي محمد ڪامل اول سان. | |
| سوال: شاھھ لطيف کي ڪنھن ڏسي فرمايو: | |
| لطيف جو ڏيئو روشن ٿيندو؟ | |
| جواب: سخي سيد ھاشم شاھھ. | |
| سوال: سيد ھاشم شاھھ جي وفات وقت لطيف سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: ارڙھن سال. | |
| سوال: شاھھ لطيف بلا شاھھ کان ڪيترا سال پوءِ ڄائو؟ | |
| جواب: نو سال. | |
| سوال: لطيف سرڪار بلا شاھھ کان ڪيترا سال اڳ وفات ڪئي؟ | |
| جواب: پنج سال اڳ. | |
| سوال: عمر ۾ بلا شاھھ وڏو ھويا شاھھ عبداللطيف؟ | |
| جواب: بُلا شاھھ. | |
| سوال: فرينڪلن بنجمين جي ڄمڻ وقت شاھھ سائين ڪيترن سالن جو ھو؟ | |
| جواب: سترنھن سالن جو. | |
| سوال: آسٽريا جي موسيقار موزارٽ جي ڄمڻ کان شاھھ سائين ڪيترا سال اڳ ھي فاني جھان ڇڏيو؟ | |
| جواب: چار سال اڳ. | |
| سوال: عظيم شاعر، ڊراما نگار، ناول نويس، جرمن سائنسدان گوئٽي جي ڄمڻ وقت شاھھ سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: سٺ سال. | |
| سوال: لنڊن جي مشھور شاعر ملٽن جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ شاھھ سائين جو جنم ٿيو؟ | |
| جواب: پندرنھن سال پوءِ. | |
| سوال: جرمنيءَ جي موسيقار باچ کان شاھھ سائين ڪيترا سال پوءِ ڄائو؟ | |
| جواب: چار سال پوءِ. | |
| سوال: امير محمود جي وفات وقت شاھھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟ | |
| جواب: پنجٽيھن سالن جو. | |
| سوال: جرمنيءَ جي موسيقار باچ کان شاھھ سائين ڪيترا سال اڳ وفات ڪئي؟ | |
| جواب: ٻھ سال اڳ. | |
| سوال: مرزا اسد الله غالب جي جنم کان ڪيترا سال اڳ شاھھ سائين ھي جھان ڇڏيو؟ | |
| جواب: چوئيتاليھھ پنجيتاليھھ سال اڳ. | |
| سوال: لطيف سرڪار جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ برقيات جي مؤجد فيريڊيءَ جو جنم ٿيو؟ | |
| جواب: اوڻيتاليھھ سال پوءِ. | |
| شاھھ جي رسالي جي ترتيب، | |
| تاليف ۽ ڇپائيءَ بابت ڄاڻ | |
| سوال: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاھھ جي رسالي ۾ سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت ترتيب ڏنا؟ | |
| جواب: ٽيونجاھھ بيت. | |
| سوال: مرشد لطيف جي قلمي نسخن ۾ شروع ۾ سر سسئي ترتيب ڏنل آھي مگر پھريون ڀيرو سسئي بدران سر ڪلياڻ ڪھڙي نسخي ۾ رکيو ويو؟ | |
| جواب: راڳ نامي ۾. | |
| سوال: ڀٽائي جي ميڙي جي موقعي تي يعني جون 1997ع ۾ ڪنھن جو ترتيب ڏنل شاھھ جو رسالو پھريون ڀيرو شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: عثمان علي انصاري جو. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع شاھھ جو رسالو ڪھڙي سن ۾ لکي پورو ڪيو؟ | |
| جواب: 1985ع ۾. | |
| سوال: حڪيم محمد حيات قاضي قانع وارو شاھھ جو رسالو لکي ڪنھن کي ڏنو ھو؟ | |
| جواب: مير امام بخش خان ٽالپر کي. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع شاھھ جي رسالي جو ٻيو قلمي نسخو لکي ڪڏھن مڪمل ڪيو؟ | |
| جواب: 1910ع ۾. | |
| سوال: ٽرمپ جيڪو شاھھ جي رسالي جو متن تيار ڪيو، سو ڪيترن صفحن تي مشمل ھو؟ | |
| جواب: ٻارنھن سئو پندرنھن صفحن تي. | |
| سوال: ٽرمپ پھريائين شاھھ جي رسالي جا ڪيترا سر ترتيب ڏنا، جن مان فقط ڇويھن سرن تي رسالو شايع ڪرايائين؟ | |
| جواب: پنجٽيھھ سر. | |
| سوال: شاھھ جي شارح ٽرمپ جو لاڏاڻو ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: پندرنھن اپريل 1885ع ۾. | |
| سوال: باگوجي ڪنھن کان گنج جو قلمي رسالو اتاريل وٺي ڇپائي پڌرو ڪيو؟ | |
| جواب: سيد پير شاھ عرف فقير وزير علي شاھ کان. | |
| سوال: شاھھ جو رسالو سھڙيندڙ باگوجي پھريون ڇاپو ڪڏھن شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: پھريون ڇاپو 2000ع مطابق ١٤٢١ھھ ۾. | |
| سوال: باگو جيءَ شاھھ جو رسالو ڪيترن سرن ۾ ورھايو؟ | |
| جواب: ٽيتاليھن سرن ۾. | |
| سوال: باگو جيءَ جي ترتيب ڏنل شاھھ جو رسالو جا ٻھ اکر ٽن شخصن لکيا ڪن بھ ٻن جا نالا ٻڌايو؟ | |
| جواب: پروفيسر محمد اسماعيل ۽ الحاج محمد عيدن ناز ميراڻي. | |
| سوال: باگو جي وارو شاھھ جو رسالو ڪنھن جي نالي منسوب ٿيل آھي؟ | |
| جواب: سندس پتا ڏانوجي جي نالي. | |
| سوال: باگو جي واري شاھھ جي رسالي جي شروعات ڪھڙي بيت سان ٿيل آھي؟ | |
| جواب: مـــونــا جــن مــحــراب، جــســـم جــامـــع تـــن جــو، | |
| قلبي نما قلب ڪري، تن کي ڪيائون طواف، | |
| تحقيق جي تڪبير چئي، جسمان ڪيائون جواب، | |
| تن ڪھڙو ڏوھھ حساب، جن ھنئڙي ھادي حل ٿيو. | |
| سوال: باگوجي شاھھ جي رسالي ۾ سر سينھن ڪيڏارو ڪائون نمبر ترتيب ڏنل آھي؟ | |
| جواب: چوٽيھين نمبر تي. | |
| سوال: باگوجي شاھھ جي رسالي جو آخري سر ڪھڙو ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: سر مت. | |
| سوال: شاھھ جو رسالو، سھڙيندڙ باگوجيءَ وارو رسالو ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ھڪ ھزار ھڪ سئو ٽيٽيھ صفحن تي. | |
| سوال: فقير ابوبڪر وارو شاھھ جو قلمي نسخو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ڪنھن ڏنو؟ | |
| جواب: سيد گل محمد شاھھ مٽيارويءَ. | |
| سوال: فقير ابوبڪر شاھھ ھي قلمي نسخو ڪھڙي ھجري سال ۾ لکي پورو ڪيو؟ | |
| جواب: ذوالقعد ١٢٠٦ ھجري ۾. | |
| سوال: ھڪ سئو تيرنھن وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟ | |
| جواب: مرحوم مير علي محمد خان ٽالپر واري قلمي نسخي ۾. | |
| سوال: ارڙھن سئو بيت، ڇوويھھ وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟ | |
| جواب: مرحوم ميان عبدالڪريم طيب ٺٽوي واري قلمي نسخي ۾. | |
| سوال: ڪھڙي ڪاتب شاھھ جي قلمي نسخي ۾ سر مومل راڻي جا ڪل پندرنھن بيت ترتيب ڏنا؟ | |
| جواب: فقير ابوبڪر شاھھ. | |
| سوال: فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي جو پھريون ايڊيشن ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ڏھھ آڪٽوبر 1987ع مطابق ١٤ صفر ١٤٠٨ھھ تي. | |
| سوال: فقير ابوبڪر واري شاھھ جي رسالي جو مھاڳ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. | |
| سوال: فقير ابوبڪر واري شاھھ جي رسالي جي ٻئي ايڊيشن جا ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟ | |
| جواب: ميڊم مھتاب اڪبر راشدي. | |
| سوال: ڪھڙي شخص جي سئو سالھ ورسيءَ جي موقعي تي ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز پاران شاھھ لطيف جو رسالو شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: اسڪالر ارنسٽ ٽرمپ جو. | |
| سوال: رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي عرف انوار الاھي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: قاضير فقير محمد قانع جو. | |
| سوال: رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي عرف انوار الاھي ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: نو سئو اوڻيتاليھھ صفحن تي. | |
| سوال: قاضي قانع وارو شاھھ جو رسالو ڪيترن بابن ۾ ورھايل آھي؟ | |
| جواب: ڇھن بابن ۾. | |
| سوال: قاضي قانع واري شاھھ جي رسالي جو مقدمو ڪيترن صفحن تي ڏنل آھي؟ | |
| جواب: ھڪ سئو اٺن صفحن تي. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا سر ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: ڪل ڇٽيھھ سر. | |
| سوال: سڀ کان پھريان الف ب وار شاھھ جو رسالو ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر محمد عالم سومري. | |
| سوال: ڊاڪٽر محمد عالم سومري ڪھڙي شاھھ جي رسالي کي سامھون رکي الف ب وار شاھھ جو رسالو ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: ڪلياڻ آڏواڻي جو ترتيب ڏنل شاھھ جو رسالو مڪمل کي. | |
| سوال: عبدالغفار گوھر ڪھڙن اديبن جا رسالا ڀيٽي الف ب وارو شاھھ جو رسالو ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: علامھ آءِ آءِ قاضي ۽ غلام محمد شاھواڻي. | |
| سوال: اردو، سنڌي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ شاھھ جو رسالو سنڌ جي ڪھڙيءَ شخصيت سھيڙي تيار ڪيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر درشھوار سيد. | |
| سوال: شاھھ جو رسالو چئن ٻولين ۾ ڪنھن سھيڙي ڇپرايو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر در شھوار سيد. | |
| سوال: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاھھ جي رسالي تي تحقيقي ڪم ڪڏھن مڪمل ڪيو؟ | |
| جواب: 2000ع ۾. | |
| سوال: ڊاڪٽر بلوچ تحقيق ڪري ڪيترن جلدن ۾ شاھھ جو رسالو ترتيب ڏنو آھي؟ | |
| جواب: ڏھن جلدن ۾. | |
| سوال: ڊاڪٽر بلوچ جي ڪھڙي جلد ۾ فقط شاھھ جي شاعريءَ جو متن شامل آھي. | |
| جواب: اٺين ۽ نائين جلد ۾. | |
| سوال: شاھھ جو رسالو گنج لطيف سرڪار جي ڪائين عرس مبارڪ تي شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو ايڪونجاھين عرس جي موقعي تي. | |
| سوال: فضل رحيم سومري جو عربي ترجمو رسالة السيد عبداللطيف بتائي ڇاپو پھريون ڪھڙي ھجري سال ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ربيع الاول سنھ ١٤٠٠ ھجري ۾. | |
| سوال: ڪتاب رسالة السيد عبداللطيف بتائي، مترجم فضل رحيم سومرو، ڇاپو پھريون 1980ع ۾ شايع ٿيو، ھي ڪتاب ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: اٺاسي صفحن تي مشتمل آھي. | |
| سوال: درشھوار سيد جو سھيڙيل شاھھ جو رسالو جلد پھريون، شاھھ لطيف چيئر ڪھڙين چئن ٻولين ۾ شايع ڪيو؟ | |
| جواب: سنڌي، فارسي، انگريزي ۽ اردو. | |
| سوال: ميھار فقير واري شاھھ جي قلمي رسالي ۾ ڪيترا بيت آھن؟ | |
| جواب: پنج ھزار ٽي سئو ستيتاليھھ بيت. | |
| سوال: ڪڇ ۾ شاھھ سائين جو قلمي رسالو گنج ڪنھن لکي پورو ڪيو؟ | |
| جواب: حاجي عبدالمطلب جت. | |
| سوال: ڪڇ ۾ شاھھ سائين جو قلمي رسالو گنج شريف ڪھڙي سال ۾ مڪمل ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ١٣٣٦ ھجري ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو قلمي رسالو ٻارنھن سالن ۾ مڪمل ٿيو؟ | |
| جواب: ڪڇ وارو گنج شريف. | |
| سوال: ڪڇ واري گنج شريف ۾ ڪيترا سر آھن؟ | |
| جواب: ڇٽيھھ سر. | |
| سوال: 1938-39ع ۾ سرود سسئي جي بيتن جو فارسي زبان ۾ ترجمو ڪنھن ڪيو؟ | |
| جواب: ھدايت الله ھالائي. | |
| سوال: ھندي زبان ۾ شاھھ لطيف جي ڪلام جو ترجمو ڪنھن ڪيو؟ | |
| جواب: مني شنڪر دوديديءَ. | |
| سوال: ڊاڪٽر نواز علي شوق ٽرمپ واري شاھھ جي رسالي جو پيش لفظ ڪھڙي انگريزي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟ | |
| جواب: ڏھھ مارچ 1966ع ۾. | |
| سوال: پير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني جو اردو ۾ لکيل رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: آگسٽ 2003ع ۾. | |
| سوال: ١٤٢٤ ھجري ۾ رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ اردو ٻوليءَ ۾ ڪنھن شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: پير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني. | |
| سوال: ڪتاب ڪشف الابيات ۾ ڪيترن رسالن جو مواد ڏنل آھي | |
| جواب: يارنھن رسالن جو. | |
| سوال: ڪشف البيات جو مقدمو ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر درشھوار سيد. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي سالي جي سر حسيني ۾ ڪل ڪيترا بيت درج ٿيل آھن؟ | |
| جواب: ڪل ٻھ سئو اٺونجاھھ بيت. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع شاھھ جي رسالي جي سر ڌناسري ۾ ڪيترا بيت ترتيب ڏنا؟ | |
| جواب: اوڻونجاھھ. | |
| سوال: قاضي قانع واري شاھھ جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت آھن؟ | |
| جواب: ڪل چار ھزار اٺاسي بيت. | |
| سوال: ڀٽ شاھھ ڪلچرل ڪاميٽيءَ شاھھ سائين جي ٽي سئو سالھ جشن ولادت جي موقعي تي ڪھڙو رسالو شايع ڪيو؟ | |
| جواب: شاھھ جو رسالو، آڳاٽو قلمي نسخو، ڪاتب فقير ابوبڪر. | |
| شاھھ جي شاعري | |
| سرن، بيتن ۽وائين بابت ڄاڻ | |
| سوال: ڪتاب عڪس لطيف ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو اردو ترجمو ڏنل آھي؟ | |
| جواب: فقط ھڪ سر ڪلياڻ جو. | |
| سوال: آغا تاج محمد سر ڪلياڻ جي ڪيترن بيتن جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو؟ | |
| جواب: ستھتر بيتن جو. | |
| سوال: غلام محمد شاھواڻي ۽ محمد بخش واصف جو لکيل سر سامونڊي ڇاپو ٻيو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ھي ڪتاب 1966ع ۾، آر ايڇ احمد پبلشر پاران ڇپيو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي سر ڏھر تي ديوان مان سنگھھ ڪھڙوڪتاب ڇپرايو؟ | |
| جواب: جيون ماٿر. | |
| سوال: ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ 1972ع ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي سر بابت ڪتاب شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: سر کنڀات ھڪ مطالعو. | |
| سوال: سر ڪيڏاري ۾ شاھھ سائين ڪيترن بيتن ۾ قرآني آيتون استعمال ڪيون آھن؟ | |
| جواب: پنجن بيتن ۾. | |
| سوال: شاھھ جي بيتن جو براھوي زبان ۾ ترجمو 1986ع ۾ ڪنھن ڪيو؟ | |
| جواب: عبدالقيوم بروھيءَ. | |
| سوال: سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت شيخ اياز، اردو ترجمي سان شاھھ جي رسالي ۾ ترتيب ڏنا؟ | |
| جواب: سورنھن بيت. | |
| سوال: شاھھ سائين نار جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر ڏھر ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين گنگا نديءَ جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر بلاول ۾. | |
| سوال: 1984ع ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي سر تي ڀٽ شاھھ ادبي ڪانفرنس ۾ مضمون ۽ مقالا پڙھيا ويا؟ | |
| جواب: سر ليلا چنيسر. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ جنگ جي معنيٰ ڇا آھي؟ | |
| جواب: بھادر. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ گھوڙي لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: اولاق ڪيڪان. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ آيل لفظ اولاق ڪھڙيءَ ٻوليءَ جو لفظ آھي؟ | |
| جواب: ترڪي ٻوليءَ جو. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع واري شاھھ جي رسالي ۾ ڪل ڪيتريون وايون آھن؟ | |
| جواب: ٻھ سئو پنجونجاھھ وايون. | |
| سوال: حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي لکيل اسلامي چوٿين ڪتاب ۾، شاھھ سائين جا ڪيترا بيت ڏنل آھن؟ | |
| جواب: پنجيتاليھھ بيت. | |
| سوال: اسلامي چوٿون ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: سال 1935ع ۾. | |
| سوال: 1863ع ۾ گولڊ اسمٿ شاھھ لطيف جي ڪھڙي قصي جا بيت ڇپرايا؟ | |
| جواب: سسئي پنھونءَ جا. | |
| سوال: جنات عدن جو ذڪر شاھھ سائين ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سورٺ ۽ رام ڪليءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 249 ھين عرس واري موقعي تي ڪھڙي سر تي مقالا پڙھيا ويا؟ | |
| جواب: سر کاھوڙي تي. | |
| سوال: شاھھ سائين وانگر پنجاب جي ڪھڙي شاعر جو محبوب سر سسئي ھو؟ | |
| جواب: خواجھ غلام فريد جو. | |
| سوال: لطيف سائينءَ لاڙ تان ڀيرو ڪرڻ وقت ڪھڙا سر جوڙيا؟ | |
| جواب: سر گھاتو، سر ڪاموڏ، سر سامونڊي، سر سسئي، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوھياري، سر حسيني. | |
| سوال: ايم مجيب ڪھڙي ڪتاب ۾ شاھھ لطيف ۽ سورٺ جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ڪتاب ھندستاني مسلمان. | |
| سوال: نياز ھمايونءَ شاھھ صاحب جي ڪيترن بيتن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟ | |
| جواب: ستھتر بيتن جو. | |
| سوال: ميمڻ عبدالغفور جو لکيل ڪتاب شرح سر ڏھر ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1978ع ۾. | |
| سوال: علي خان ابڙي شاھھ لطيف جي ڪھڙي سر تي ڪتاب لکيو؟ | |
| جواب: سر سامونڊيءَ تي. | |
| سوال: ھنديءَ ۾ عمر مارئي ڊرامو ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: گورڌن ڀارتيءَ. | |
| سوال: ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي تحقيق مطابق شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن ۾ مجازي شعر چيل آھي؟ | |
| جواب: سر کنڀات، پورب، رپ ۽ سر آسا ۾. | |
| سوال: وائي: تن تڪئا ڇڏا، جي ايھي وره وڌائيا | |
| ڪھڙي سر جي آھي؟ | |
| جواب: سر رام ڪليءَ جي. | |
| سوال: ڪھڙي سر ۾ لطيف سائينءَ سلوار واري اڳٺ جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر ديسيءَ ۾. | |
| سوال: سيد سليمان شاھھ کي ڪھڙا راڳ پسند ھئا، جيڪي شاھھ لطيف جي رسالي جا سر آھن ۽ راڳ بھ آھن؟ | |
| جواب: ڪوھياري ۽ راڻو. | |
| سوال: باگوجي واري شاھھ جي رسالي ۾ آخري ڪھڙو بيت ترتيب ڏنل آھي؟ | |
| جواب: پائي پاند ڳچيءَ، ڪر نت نيازي، | |
| اڳـيــان احـمــد جــي آڻـــج آزي. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ آيل لفظ آرڻ جي معنيٰ ڇا اھي؟ | |
| جواب: جنگ جو ميدان. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ آڪو جي معنيٰ ڇا آھي؟ | |
| جواب: ڪچو گھڙو يا ڪچو دلو. | |
| سوال: شاھھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ اک جي ڦلي لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: موريسر. | |
| سوال: شاھھ صاحب ٿر ۾ ٿيندڙ گاھھ واري ميدان لاءِ ڪھڙو لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: لفظ ويءُ. | |
| سوال: خوني ڊرامي ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ صاحب جا بيت ڪھڙي شخصيت استعمال ڪيا؟ | |
| جواب: احمد ڇاڳلا. | |
| سوال: ھفتيوار سنڌو ۾ شايع ٿيل مضمون سر ماروي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ابن الياس سومري جو. | |
| سوال: 1989ع ۾ شاھھ جي ڪيترن سرن جا بيت چونڊ ڪري شاھھ جو رسالو شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ٽن سرن جا بيت. | |
| سوال: فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڪيتريون وايون ڏنل آھن؟ | |
| جواب: ايڪٽيھھ وايون. | |
| سوال: فقير ابوبڪر واري شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت آھن؟ | |
| جواب: چار سئو سترنھن بيت. | |
| سوال: ھڪ سئو تيرنھن وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟ | |
| جواب: مرحوم مير علي محمد خان ٽالپر واري قلمي نسخي ۾. | |
| سوال: ارڙھن سئو بيت ۽ ڇوويھھ وايون ڪھڙي شاھھ جي قلمي نسخي ۾ ڏنل آھن؟ | |
| جواب: مرحوم ميان عبدالڪريم طيب ٺٽويءَ واري قلمي نسخي ۾. | |
| سوال: ڪھڙي ڪاتب شاھھ جي قلمي نسخي ۾ سر مومل راڻو جا ڪل پندرنھن بيت ترتيب ڏنا؟ | |
| جواب: فقير ابوبڪر. | |
| سوال: ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب بي. اي جي پڙھائيءَ دوران، شاھھ سائينءَ جو ڪھڙو سر صبح جو سوير روزانو پڙھندو ھو؟ | |
| جواب: سر مارئي. | |
| سوال: درشھوار سيد شاھھ جي رسالي جا ڪھڙا سر ترجما ڪيا؟ | |
| جواب: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات. | |
| سوال: قاضي محمد قانع شاھھ جي رسالي جو اٺون سر ڪھڙو ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: سر ڪيڏارو. | |
| سوال: نھائينءَ کان نينھن سک منھنجا سپرين ھن سٽ ۾ اختر ھالائي جي تحقيق مطابق نھائينءَ جي معنيٰ ڇا ٿيندي؟ | |
| جواب: ڪنڀارن جي آوي. | |
| سوال: بيت مڪمل ڪيو؟ | |
| پرچي ويٺو پاڻ تڏھن مرڪن مڇي واريون؟ | |
| جواب: مڪمل بيت: | |
| تــڙ تــمــاچــي آيــو، وري ٿــي وراڻ، | |
| ڪينجھر ٻنھي ڪنڌئين، ھئي رات ڏينھن رھاڻ، | |
| پرچي ويٺو پاڻ تڏھن مرڪن مڇي واريون. | |
| سوال: شاھھ جي ھيءَ وائي ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟ | |
| وائي: پکا پنھوار ڪنڌئين، آءُ ئي سندن سڃاڻان. | |
| جواب: نون سٽن تي مشتمل آھي. | |
| سوال: شاھھ جي وائي: واري آڻ، واري آڻ، ڪوھيارو ڀنڀور ۾. | |
| ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: پنجن سٽن تي. | |
| سوال: فضل رحيم سومري شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟ | |
| جواب: پنجن سرن جو. | |
| سوال: 1980ع ۾ فضل رحيم سومري شاھھ سائين جي ڪيترن بيتن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟ | |
| جواب: ھڪ سئو ٻٽيھھ بيتن جو. | |
| سوال: سر پورب کي عربيءَ ۾ ڪھڙو نالو ڏنو ويو آھي؟ | |
| جواب: لحن الشرق. | |
| سوال: ڪتاب ھٻڪار جي شروع ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو بيت ڏنل آھي؟ | |
| جواب: بيت: سـامــونـڊي آئـيـا، ھـر ھـنـڌ ٿي ھٻڪار، | |
| احسان ڪري اپار، اجھي اڄ عيان ٿيا. | |
| سوال: ڪتاب ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار ۾ شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جو فلسفو بيان ڪيو ويو آھي؟ | |
| جواب: پنجن سرن جو. | |
| سوال: سسي نيزي پاند، ھن عنوان سان ڊاڪٽر بشير شاد، شاھھ سائين جي ڪھڙي سر جون روحاني رمزون ۽ سچي سالڪ جا پار پتا بيان ڪيا آھن؟ | |
| جواب: سر يمن ڪلياڻ. | |
| سوال: ڀينر آءُ ڀلياس ھن عنوان سان ڊاڪٽر بشير شاد شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جي بيتن جي تشريح ڪئي؟ | |
| جواب: سر آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوھياري ۽ سر حسيني. | |
| سوال: ڊاڪٽر بشير شاد سر سورٺ ڪھڙي عنوان سان ترتيب ڏئي، ان جون روحاني رمزون ڪتاب عرفان لطيف ۾ بيان ڪيون؟ | |
| جواب: عنوان جھونا ڳڙھھ جھرندو. | |
| سوال: ڊاڪٽر بشير شاد سر ڏھر، ڪھڙي عنوان سان عرفان لطيف ۾ ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: عنوان: توجا ڀائين اڇ | |
| سوال: ڊاڪٽر بشير احمد شاد عرفان لطيف جي پھرئين ڇاپي ۾، شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جي فڪر بابت روحاني خيال سان سمجھاڻي ڏني؟ | |
| جواب: اٺاويھن سرن جي فڪر بابت. | |
| سوال: ڊاڪٽر بشير احمد شاد، عرفان لطيف جي ٽئين ڇاپي ۾، شاھھ سائين جي ڪيترن سرن جي فڪر بابت روحاني خيال سان سمجھاڻي ڏني؟ | |
| جواب: ٽيھن سرن بابت. | |
| سوال: ڄيٺمل پرسرام جو لکيل ڪتاب شاھھ جون آکاڻيون ڪنھن نئين سر ترتيب ڏئي 1985ع ۾ شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: مشتاق مسرور باريچي. | |
| سوال: اسين تئان آھيون، جتي کھنبو ناھھ. ھن سٽ ۾ کھنبو لفظ معنيٰ ڳاڙھو رنگ، توھان اھو ٻڌايو تھ ھن سٽ ۾ کھنبو ڇا جي باري ۾ تشبيھھ طور ڪمل آيل آھي؟ | |
| جواب: نفس جي باري ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻڪريءَ جي ڦوڪيل کل لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو اھي؟ | |
| جواب: سيڻاھھ. | |
| سوال: سر پرڀاتيءَ کي عربيءَ ۾ ڇا چئبو آھي؟ | |
| جواب: لحن وقت السحر. | |
| سوال: سر ڪارايل جو عربيءَ ۾ نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: لحن الوز. | |
| سوال: سالياني مخزن ھڳاءُ 1987ع واري پرچي ۾، مضمون سر سارنگ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: گل حسن لغاريءَ جو. | |
| سوال: لاکيڻي لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ سون جي سوداگر لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ھيم ھيڙائو. | |
| سوال: شاھھ صاحب وارياسي سفر جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: شاھ ديھھ لوتڪي يا لوتڙي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: لطيف سائين جو بيت مڪمل ڪيو؟ | |
| امل اساري پئي، ڀوري ڀڳئي جان. | |
| جواب: مڪمل بيت: | |
| امل اساري پئي، ڀوري ڀڳئي جان، | |
| ٻئي اڌ ھٿ ڪري، سري صرافن وان، | |
| تھ سو تنھني تئان، سڄو ڪرائين سيگھھ مان. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ ديون جي معنيٰ ٻڌايو؟ | |
| جواب: دٻدٻو. | |
| سوال: کائڻ واري سوپاريءَ جو ذڪر شاھھ سائينءَ ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر مومل راڻو ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين معراج جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر کنڀات، سر سورٺ ۽ سر بلاول ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي رسالي ۾ ڪيترين زبانن جا لفظ استعمال ڪيا آھن؟ | |
| جواب: ڇھن زبانن جا. سنڌي، ھندي، سرائڪي، عربي، پارسي ۽ بلوچي. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي نفس اماره کي ڇا سان تشبيھھ ڏني آھي؟ | |
| جواب: اٺ (جانور) سان. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ھي بيت ڪيترين سٽن تي مشمل آھي؟ | |
| بيت: فڪر ۾ فنا ٿي، ھئڻ ھاريائون. | |
| جواب: ستن سٽن تي مشتمل آھي. | |
| سوال: بيت مڪمل ڪيو؟ | |
| اٿيو روزو رسول ' کي، سانگي ڪن سوال؟ | |
| جواب: جھـڻ پـيـن جـھـنگل رھن، مارو ڪاھن مال، | |
| اٿيو روز رسول ' کي، سانگي ڪن سوال، | |
| ھھڙا جنين حال، تن سين سڱ ڪرين ٿو سومرا. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪافي، منھنجا ڪيچي قول ڪري ويا ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: پنجن سٽن تي. | |
| سوال: ڪڇ واي گنج شريف ۾ ڪيترا سر آھن؟ | |
| جواب: ڇٽيھھ سر. | |
| سوال: شاھھ سائين جي رزميھ شعر ۾ ڇا جو ذڪر ھوندو آھي؟ | |
| جواب: لڙاين، بھادرن جي عجيب داستانن ۽ قربانين جو. | |
| سوال: شاھھ سائين جو بيت مڪمل ڪيو. | |
| اپاڙي جي ان جو مٿي تي موڙيون | |
| جواب: مڪمل بيت: | |
| گند جنين جي گوڏ ۾، ڪلھن تي ڪوڻيون، | |
| اپاڙي جي ان جون، مٿي تي موڙيون، | |
| اچن سنڀوڙيون، سمي جي سلام تي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي بيت جي سٽ | |
| لالائي جو لطيف چئي، پرھھ نھاريا پي | |
| ھي سٽ ڪھڙي سر جي آھي؟ | |
| جواب: سر ديسيءَ جي. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ھي بيت ڪيترن سٽن تي مشتمل آھي؟ | |
| سٽ: لڪن مان لطيف چئي، نميو ڪري نھار. | |
| جواب: پنجن سٽن تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب جو بيت: | |
| کنيو قرآن ڪڇ ۾ ٿا رليا رلائين، مڪمل ڪريو؟ | |
| جواب: ملان ملان م چئو، اھي آھيڙي آھين، | |
| مرونءَ سندي ماھھ تي، ٿـا ماڻـڪ مٽـائــيـن، | |
| کـنـيـو قـرآن ڪـڇ ۾، ٿـا رلـيـا رلائـين، | |
| انھن تي آھين، لعنتون لطيف چئي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ اڇي رنگ جو ذڪر اٽڪل ڪيترا دفعا ملي ٿو؟ | |
| جواب: اٽڪل سترنھن دفعا. | |
| سوال: ڀٽ ڌڻيءَ سائي رنگ لاءِ فارسيءَ جو لفظ سبزا، ڪھڙي سر ۾ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪيترن بيتن ۾ ڳاڙھو رنگ، اھڃاڻ طور استعمال ٿيل آھي؟ | |
| جواب: اٽڪل نوي بيتن ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين سر مارئي ۾ ڪيترن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: اٺن گاھن جي قسمن جو (آراڙي، چيھو، ڊامڻ، سائون، ڳنڍير، للر، لنب، مکڻي) | |
| سوال: سر مارئي ۾ شاھھ عبداللطيف ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: لاڻي، ڦوڳ، اڪ، کوٽونبا، ڪانڊيرو، گلاب، للر، وونئنڻ. | |
| سوال: سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: لاڻي ۽ ڪپور جو. | |
| سوال: حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سر ڏھر ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ٻن وڻن جو (ڪنڊي ۽ ڏاڙھون) | |
| سوال: شاھھ سائين نار جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر ڏھر ۾. | |
| سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون). | |
| شاھھ جي راڳ،راڳين ۽ سازن بابت ڄاڻ | |
| سوال: شاھھ سائين جو راڳ ڪوھياري ڪھڙي علائقي جو نغمو آھي؟ | |
| جواب: خزدار جو. | |
| سوال: عبدالعزيز شيخ جي تحقيق مطابق ڪارايل جي لغوي معنيٰ ڇا آھي؟ | |
| جواب: حور. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪيترن سرن کي سنڌي موسيقيءَ ۾ ڳايو ويو آھي؟ | |
| جواب: پندرنھن سرن کي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ٽيھن سرن مان ڪيتريون راڳيڻيون ڪلاسيڪي سنگيت مان مقرر ڪيون ويون؟ | |
| جواب: سورنھن راڳڻيون. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪلام ۾ سنڌي موسيقيءَ جي نمائنده راڳڻي ڪنھن کي چيو وڃي ٿو؟ | |
| جواب: ڪوھياريءَ کي. | |
| سوال: ڪوھياريءَ جي ڇيڙ ڪيئن ڪئي ويندي آھي؟ | |
| جواب: آروھي، ساڌاني، ساري، گ، ساري، گ، ساني، ساني سا، امروھي، ساني، ڌپ، م، م م پ، م پ م، گ، ني (ڪومل) ڌپ م گ ري گ ري سا. | |
| سوال: سورٺ راڳڻي جي امروھي ڪيئن آلاپي ويندي آھي؟ | |
| جواب: ساني ڌپ ڌپ م ري تي سا. | |
| سوال: پرڀاتي راڳڻيءَ جي آروھي ڪھڙيءَ طرح آھي؟ | |
| جواب: آروھي: م گ، م پ پ، ڌتي، سا، ساري، ني سا. | |
| سوال: شاھھ سائين جي اھا ڪھڙي راڳڻي آھي، جيڪا بلاول ٺاٺ ۾ آھي؟ | |
| جواب: معذوري. | |
| سوال: ديسي راڳڻي جي ڇيڙ ڪھڙي ريت ڪئي ويندي آھي؟ | |
| جواب: ساري، ري ري، ڌپ ڌپ، م پ، ري، ري، سا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي راڳ ۽ راڳڻين جي ڇيڙ، آروھي ۽ امروھي سان ٿئي ٿي، آروھي ۽ امروھي جي معنيٰ ڇا آھي؟ | |
| جواب: آروھي معنيٰ ھيٺين سرن کان مٿي ۽ امروھي معنيٰ مٿين سرن کان ھيٺ. | |
| سوال: گائڪي جي قانون مطابق ڪنھن بھ راڳ جي آروھي ۽ امروھيءَ ۾ ڪھڙا سر ضرور لڳندا آھن؟ | |
| جواب: کرج، رکب ڪومل، گنڌرا، تيور، ڌيوت، ڪومل ۽ نکاد تيور. | |
| سوال: شاھھ سائين جي راڳڻي، آسا جي ڇيڙ ڪھڙي طرح ڪئي ويندي آھي؟ | |
| جواب: آروھي: ساري گ، م گ پ، ڌني سا. | |
| امروھي: ساني ڌپ، ڌني ڌپ، م، گ، ري سا. | |
| سوال: راڳڻي سامونڊيءَ جي ڇيڙ ڪھڙيءَ طرح ڪئي ويندي آھي؟ | |
| جواب: ساساري ساني ڌني ڌپ پ، م م ري، پ م گ، ري ري سا. | |
| سوال: مارئي راڳڻي سرن جي اصول تي ٺھڪائڻ سان ڪنھن سان مشابت رکي ٿي؟ | |
| جواب: مانجھھ (کماچ ٺاٺ) سان. | |
| سوال: شاھھ سائين جي راڳڻي رپ جي ڇيڙ ڪھڙي ريت ڪئي ويندي آھي؟ | |
| جواب: ساني، ساري، گ م گ پ ڌسا. | |
| سوال: ڪارايل جو سر گم، ڪيئن آلاپيو ويندو آھي؟ | |
| جواب: ساماما، پاپاسا، ماني، ڌي ني، ڌي پا، ڌي، ماپا، گاماپا، گا ري، سا. | |
| سوال: شاھھ سائين جي راڳ کمباوتي جي امروھي ڪھڙي ريت ٿيندي آھي؟ | |
| جواب: امروھي: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، ما، گا، ما، سا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي رسالي ۾، ڪيترن قسمن جا راڳ، استعمال ڪيا ويا آھن؟ | |
| جواب: ٽن قسمن جا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جا اھي ڪھڙا راڳ ۽ راڳڻيون آھن جيڪي فن موسيقي جي ڪتابن ۾ نٿا ملن، پر سنڌ ملڪ ۾ اھي رائج ھئا؟ | |
| جواب: مارئي، ليلان، ڪاپائتي، ڏھر، مومل ۽ ڪارايل. | |
| سوال: اھي ڪھڙا راڳ ۽ راڳڻيون آھن، جيڪي حضرت شاھھ صاحب جن جي ايجاد آھن؟ | |
| جواب: سامونڊي، آبري، معذوري، ڪوھياري، حسيني، گھاتو، ڪيڏارو، رپ، کاھوڙي ۽ بروو. | |
| سوال: محفل سماع جي ابتدا شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳ سان ڪئي ويندي آھي؟ | |
| جواب: ڪلياڻ (شڌ ڪلياڻ) سان. | |
| سوال: صبح جي پھرئين پھر ۾ شاھھ سائين جي، ڪھڙي راڳڻي ڳائبي آھي؟ | |
| جواب: بلاول. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳڻي سج اڀرڻ کان اڳ ڀيرو ٺاٺ جي راڳڻين کانپوءِ ڳائبي آھي؟ | |
| جواب: ڌناسري | |
| سوال: ڇا شاھھ صاحب جي ڪلام جو ڪجھھ حصو ڪونسيو راڳڻي ۾ ڳايو ويندو آھي؟ | |
| جواب: ھا. | |
| سوال: سر ليلان جي ڳائڻ جو وقت ڪھڙو آھي؟ | |
| جواب: پوئين رات ۽ صبح صادق. | |
| سوال: شاھھ صاحب جو ڪھڙو راڳ، قديم گائڪي جي گرنٿن ۾ بھ ملن ٿا؟ | |
| جواب: بروو، کنڀات. | |
| سوال: عيد جي موقعي تي شاھھ سائين جا فقير ڪھڙا سر ڳائيندا آھن؟ | |
| جواب: سسئي جا سر، سورٺ، ڪاموڏ، ڪارايل، پورب. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو سر محرم ۽ ذوالحج مھيني ۾ ڳايو ويندو آھي؟ | |
| جواب: سر ڪيڏارو. | |
| سوال: سنڌ ۾ ڪيترن ۽ ڪھڙن قسمن جي موسيقي موجود آھي؟ | |
| جواب: ٽن قسمن جي. ھڪ ڪلاسيڪي، ٻي علائقائي يا سرن واري، ٽين سنئين سڌي لوڪ گيتن واري. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجو ڪلام ڪھڙيءَ موسيقيءَ جي آڌار تي ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: موضوعاتي موسيقي يا علائقائي موسيقي. | |
| سوال: مقالو سنگيت ساز، سرود ۽ سنڌي ثقافت ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر غلام علي الانا جو. | |
| سوال: سيد منظور نقوي جي تحقيق مطابق شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳ کي حضرت يا جناب راڳ، چيو ويندو ھو؟ | |
| جواب: سريراڳ کي. | |
| سوال: شاھھ جي ڪھڙي راڳ کي پوربي ٺاٺ جو راڳ تسليم ڪري ڳايو ٿو وڃي؟ | |
| جواب: سريراڳ. | |
| سوال: ھي جملو شاھھ صاحب ڪنھن کي چيو تھ منھنجي دل ۾ بھ الاھي محبت جو ھڪ وڻ آھي، جو سماع بنان سڪيو ٿو وڃي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ کي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي موسيقي ڪيترن حصن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻن حصن تي. | |
| سوال: راول فقير جي وفات کانپوءِ، لطيفي راڳ جي چارج ڪنھن سنڀالي؟ | |
| جواب: لال فقير ۽ احمد فقير. | |
| سوال: ويڙھي جھپ واري ايراضيءَ ۾ لطيفي راڳ جو بنياد ڪنھن وڌو؟ | |
| جواب: راول فقير. | |
| سوال: اسماعيل فقير کان پوءِ، لطيفي راڳ جي چارج ڪھڙي فقير کي ملي؟ | |
| جواب: درس باجيت فقير کي. | |
| سوال: شاھھ صاحب رڳن کي ڪھڙي ساز سان تشبيھھ ڏني آھي؟ | |
| جواب: رباب ساز سان. | |
| سوال: شاھھ سائين سسئي جي رڙين کي ڪھڙي سازن سان ڀيٽ ڏني آھي؟ | |
| جواب: سارنگي ساز ۾. | |
| سوال: شاھھ جي راڳڻي معذوري ڪھڙي علائقي جو ديسي نغمو آھي؟ | |
| جواب: لس ٻيلي جو. | |
| سوال: ڪھڙي بزرگ شاھھ سائين جي راڳ جي اڳواڻي، سال 1974-75ع کان سنڀالي؟ | |
| جواب: سيد نور محمد شاھھ. | |
| سوال: محمد حسين ڪاشف جي تحقيق مطابق، شاھھ صاحب ڪھڙي سر ۾ اويسي طريقي جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر کاھوڙيءَ ۾. | |
| سوال: سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت شيخ اياز، اردو ترجمي سان شاھھ جي رسالي ۾ ترتيب ڏنا؟ | |
| جواب: سورنھن بيت. | |
| سوال: ڪھڙي ڪتاب ۾، شاھھ صاحب جا چونڊ بيت، چئن دؤرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو ويو؟ | |
| جواب: ڪتاب ڪامل جو ڪلام. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جون ڪھڙيون راڳڻيون آريائي دور جا راڳ ھئا؟ | |
| جواب: سر ڏھر ۽ گھاتو. | |
| سوال: ھيءَ ڪافي ھت روئان زاور زار، شال ملان | |
| ڪھڙيءَ راڳڻيءَ ۾ ڳائبي. | |
| جواب: روپ جوڳ. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪافي تو ڪيئن دلڙي مٽائي، ھن پاڙيچي پرينءَ کان ڪھڙيءَ راڳڻي ۾ ڳائبي آھي؟ | |
| جواب: روپ پھاڙيءَ ۾. | |
| لطيفي لغتن ۽ لفظي معناعن بابت ڄاڻ | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ اٺ لاءِ بختي لفظ استعمال ڪيو اھي؟ بختي ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي؟ | |
| جواب: عربي ٻوليءَ جو. | |
| سوال: ڪتاب غريب اللغات ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جي معنيٰ ڏنل آھي؟ | |
| جواب: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ فاڪه جي معنيٰ ڇا آھي؟ | |
| جواب: ميوو. | |
| سوال: شاھھ جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغات سلڪ مر واريد ڪنھن تيار ڪئي؟ | |
| جواب: قاضي فقير محمد قانع. | |
| سوال: سلڪ مرواريد جي معنيٰ ڇا آھي؟ | |
| جواب: موتين جي لڙھي. | |
| سوال: شاھھ جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغات سلڪ مرواريد ڪل ڪيترن سرن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: فقط اوڻيھھ سرن تي. | |
| سوال: قاضي فقير محمد قانع شاھھ جي ڏکين لفظن جي لغات سلڪ مرواريد ڪڏھن لکي؟ | |
| جواب: 15 مئي 1936ع ۾. | |
| سوال: سڀ کان پھريائين شاھھ سائين جي رسالي مان ڏکين لفظن جي معنيٰ ڪھڙي اديب پنھنجي ڪتاب جي آخر ۾ ڏني؟ | |
| جواب: ديوان ليلارام سنگ. | |
| سوال: ديوان ليلارام سنگ، شاھھ جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ تيار ڪرڻ لاءِ ڪنھن کان مدد ورتي؟ | |
| جواب: آخوند احمدي کان. | |
| سوال: ڀيرومل ڪيترن ورھين جي محنت کانپوءِ غريب اللغات تيار ڪئي؟ | |
| جواب: ٻارھن ورھين جي محنت کانپوءِ. | |
| سوال: مرزا قليچ بيگ کي لغات لطيفي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترا سال لڳي ويا؟ | |
| جواب: ست سال. | |
| سوال: لغات لطيفي جي ٽئين ڇاپي جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر نواز علي شوق. | |
| سوال: مرزا قليچ بيگ شاھھ سائين جي رسالي جي ڪيترن سرن جي لغت تيار ڪئي؟ | |
| جواب: ستٽيھن سرن جي. | |
| سوال: لطيفي لغات جو ديباچو ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: مرزا قليچ بيگ. | |
| سوال: رسالي جي ڏکين لفظن تي لکيل ڪتاب ٻاروچي ٻولي ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: چار سئو ٽيٽيھن صفحن تي. | |
| سوال: ڪتاب ٻاروچي ٻولي ڪھڙي ھجري سال ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ربيع الثاني، ١٤٠٥ ھھ ۾. | |
| سوال: ڪتاب ٻاروچي ٻوليءَ جو مھاڳ ڪنھن ۽ ڪھڙي تاريخ تي لکيو؟ | |
| جواب: سيد نجف علي شاھھ ڪمتر نقويءَ پھرين سيپٽمبر 1984ع تي. | |
| سوال: ويجھر ۾ شاھھ لطيف جي شاعريءَ جي جامع لغت ڪھڙي ڇپي آھي؟ | |
| جواب: روشني. | |
| سوال: روشني لغت ڪنھن جي ترتيب ڏنل آھي؟ | |
| جواب: نبي بخش خان بلوچ. | |
| سوال: ھيءَ لغت ڪھڙي اداري ڇپرائي پڌري ڪئي؟ | |
| جواب: سنڌي ٻولي اٿارٽي. | |
| سوال: مخدوم فضل الله شاھھ جي رسالي جي شرح ڪڏھن لکي؟ | |
| جواب: ١٢٧١ھھ مطابق 1855ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين سسئي جي پيرن کي ڇا سان تشبيھھ ڏني آھي؟ | |
| جواب: پٽ سان. | |
| سوال: ٻارن جو شاھھ ڪتاب ۾ ڪيترن سرن جي چونڊ لفظن جون معنائون ڏنل آھن؟ | |
| جواب: سترنھن سرن جون. | |
| شاھھ جي ماڳن مڪانن بابت ڄاڻ | |
| سوال: شاھھ سائين ڪشمير جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ لنڪا لفظ استعمال ڪيو آھي لنڪا ڇا آھي؟ | |
| جواب: سريلنڪا جو بندر. | |
| سوال: شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ ڪھڙن شھرن ۽ بندرن جو ذڪر ڪيل آھي؟ | |
| جواب: ڪيچ ۽ عدن بندر جو. | |
| سوال: شاھھ محمود جي درگاھھ تي، شاھھ صاحب قل پڙھي ۽ دعا گھري پوءِ ڪجھھ شعر بھ چوندو ھو. ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟ | |
| جواب: نصرپور ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين گنگا ندي جي وھڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر بلاول ۾. | |
| سوال: لاھوت وارو حصو ڪھڙي جبل جي پيٽ ۾ آھي؟ | |
| جواب: پٻ جبل جي پيٽ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي رسالي ۾ ڪاڪ محل جو نقشو ڏنل آھي؟ | |
| جواب: رسالھ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي عرف انوار الاھي ۾. | |
| سوال: ڪابل شھر جو ذڪر لطيف سائينءَ ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ، رام ڪلي ۽ سر ڪاپائتيءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ياترا وارن ماڳن ھنگلاج ۽ لاھوت بابت ڪھڙو ڪتاب ۽ ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ھنگلاج ۽ لاھوت سال 1992 ۾. | |
| سوال: ڪتاب ھنگلاج ۽ لاھوت ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: بدر ابڙي جو. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ ڀنڀور جو ذڪر ٿيل آھي، يونانين ڀنڀور تي ڪھڙا نالا رکيا ھئا؟ | |
| جواب: بربرائيڪ ۽ باربريڪ. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ سمرقند جو ذڪر ڪيو آھي. اھو شھر ڪھڙيءَ نديءَ تي واقع آھي؟ | |
| جواب: زرفشان نديءَ تي. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾روم شھر جو ذڪر ڪيو آھي، روم کي ڪمال اتاترڪ ڪھڙي سال ترڪيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو؟ | |
| جواب: 1920ع ۾. | |
| سوال: روم شھر ھاڻي ڪھڙي ملڪ ۾ واقع آھي؟ | |
| جواب: اٽلي ملڪ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين افغانستان جي ڪھڙن شھرن جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ڪابل ۽ قنڌار جو. | |
| سوال: شاھھ سائين دھلي شھر جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي، ھي شھر ڪنھن تعمير ڪرايو ھو؟ | |
| جواب: شھاب الدين شاھجھان عيسوي 17 صديءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ دکن شھر جو ذڪر ڪيو آھي، توھان دکن جي معنيٰ ٻڌايو؟ | |
| جواب: ڏکڻ. | |
| سوال: دکن شھر ڪھڙي ملڪ ۾ آھي؟ | |
| جواب: ھندستان ملڪ ۾. | |
| سوال: ھندستان جي مغليھ دور ۾ مکيھ بندر سورت جو ذڪر شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي، شاھھ صاحب جي دور ۾ سورت بندر ڪھڙي لقب سان سڏبو ھو؟ | |
| جواب: باب المدينھ لقب سان. | |
| سوال: سورت بندر ھندستان جي ڪھڙي صوبي ۾ واقع آھي؟ | |
| جواب: صوبي گجرات ۾. | |
| سوال: شاھھ ٿرپارڪر جي سفر دوران سنڌ ۽ ڪاڇي جي وچ ۾ ھلندڙ ڪيترن چارن جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: چوڏھن چارن جو. | |
| سوال: ھاڪڙي جي ساڄي طرف ڪھڙي پٽ ۾ لطيف سائينءَ چلو ڪڍيو ھو؟ | |
| جواب: چوٽياريءَ جي پٽ ۾. | |
| سوال: لاکيڻو لطيف جڏھن بھ ٿرپارڪر جي سفر تي نڪرندو ھو تھ ڪھڙي طرف کان سفر شروع ڪندو ھو؟ | |
| جواب: اولھھ کان اوڀر طرف. | |
| سوال: شاھ صاحب جي دور ۾ پوراڻ نديءَ جا ڪھڙا پتڻ مشھور ھئا؟ | |
| جواب: ڪاھو، ڪاڪ، جھلوري، واگھريجي ۽ اٻھاري. | |
| سوال: شاھھ صاحب مشائخ ھوٿي جي ڪھڙن ٻن پٽن جي مقبرن تي حاضري ڀري؟ | |
| جواب: احمد ۽ محمد تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب سر سارنگ ۾ ڪھڙين ديھن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ديھھ لوتڪي يا لوتڙي. | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: شاھھ لطيف لطف الله قادريءَ جي رسالي جو مطالعو ڪٿي ڪيو؟ | |
| جواب: اگھم ڪوٽ يا اگھاماڻو ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور ۾ بدين جي سرزمين کي ڇا چيو ويندو ھو؟ | |
| جواب: ڇا چڪاڻ. | |
| سوال: شاھھ سائين بمڀو ميھار جي مقبري تي حاضري ڏني ان بزرگ جو مقبرو ڪٿي آھي؟ | |
| جواب: ڪامارو شريف واري ايراضي ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟ | |
| جواب: ولھار علائقي جي. | |
| سوال: ٻيجل ڪھڙي جاءِ تان ھرڻ جا آنڊا ھٿ ڪي سرندو ٺاھيو ھو؟ | |
| جواب: لڙھھ نالي جاءِ تان. | |
| سوال: ڪھڙي سفر ۾ لطيف سائين جون اکيون اٿي (خراب ٿي) پيون ھيون؟ | |
| جواب: سماواتي سفر دوران جنھن وقت مخدوم صابر سان مليو ھو. | |
| سوال: ڪھڙي شھر ۾ شاھھ لطيف ڏھھ سال چلھ ڪشي ڪئي ھئي؟ | |
| جواب: مٽيارين جي موسيٰ پاڙي ۾. | |
| سوال: شاھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ گڙنگ جو ذڪر ڪيو آھي، گڙنگ ڀٽ شاھھ کان ڪيترو پري آھي؟ | |
| جواب: اڌ ميل پري. | |
| سوال: شاھھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ جنھن ڪلاچي بندر جو ذڪر ڪيو آھي اھو ڪھڙي ھنڌ واقع ھو؟ | |
| جواب: موجوده ڪراچيءَ شھر لڳ. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ سر حسينيءَ ۾ ڪھڙن جبلن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ھاڙھو، پٻ، گنجو، ڪانڀو، ڪارو ۽ لمون جبل جو. | |
| سوال: شاھھ سائين ھنگلاج جي سفر دوران جيڪي ماڳ مڪان ڏٺا، تن جو ذڪر رسالي جي ڪيترن سرن ۾ ڪيو اٿس؟ | |
| جواب: ستن سرن ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب کي سر کنڀات واري نالي سان ڪھڙو ماڳ مشھور آھي ۽ ڪٿي واقع آھي؟ | |
| جواب: کنڀات اصل سامونڊي بندر ھو ۽ گجرات ۾ واقع ھو. جيڪو ماڳ ھاڻ ھندستان ملڪ آھي. | |
| سوال: کنڀات بندر جو ذڪر مشھور عربي سياح مسعوديءَ جي ڪھڙي ڪتاب ۾ ملي ٿو؟ | |
| جواب: مروج الذھب ۾. | |
| سوال: لاکيڻو لطيف بڊام جي بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي ڪٿي پھتو؟ | |
| جواب: سما ننگر جي کنڊرن ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڏيپلي تعلقي جي ڪھڙي ڳوٺ جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ويڙيجھپ جو. | |
| سوال: شاھھ سائين ڪشمير جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: ٻڌايو تھ ڪشمير جا سياري ۽ اونھاري ۾ ڪھڙا تخت گاھ ھوندا آھن؟ | |
| جواب: سرديءَ ۾ ڄمون ۽ اونھاري ۾ سري نگر. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي سر ۾ استنبول جو ذڪر آھي. | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: شھر استنبول ڪھڙي ملڪ ۾ آھي؟ | |
| جواب: ترڪيءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ استنبول جو ذڪر ڪيو آھي، استنبول ڪھڙي سن ۾ تعمير ٿيو؟ | |
| جواب: 330ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين ڪھڙي سر ۾ چين ملڪ جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ ۾. | |
| سوال: چين جي مانچو خاندان جي شھنشاھيت جو خاتمو ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: 1911ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين ۽ شاھھ عنايت کي ڪھڙي علائقي جي وڻڪار متاثر ڪيو ھو؟ | |
| جواب: ولھار علائقي جي. | |
| شاھھ جي شاعريءَ ۾ انبياءَ ڪرام جو ذڪر | |
| سوال: شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ الله تعاليٰ کي ڪھڙن نالن سان ياد ڪيو آھي؟ | |
| جواب: آگي، ستار، جبار، داتا، سلطان، رحمان، سبحان وغيره. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ ڪھڙن ٻن مقدس ڪتابن جا حوالا آندا آھن؟ | |
| جواب: قرآن شريف ۽ حديث مبارڪ. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي رسالي ۾ ڪيترن نبين سڳورن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: پنجن نبين سڳورن جو ذڪر. | |
| سوال: شاھھ سائين رسول اڪرم ' جن جي ولادت جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر سارنگ جي وائيءَ اکيون ميگھھ ملھار ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي ڪھڙي سر ۾ نبي ڪريم ' جي سونھن ۽ حسن اخلاق جي ساراھھ ڪئي آھي؟ | |
| جواب: سر کنڀات ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين ائين نبي ڪريم ' جن جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: پنجن سرن ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب حضرت ابراھيم عليھ السلام جي پيءُ جو نالو ڪھڙيءَ وائي ۾ ورتو آھي؟ | |
| جواب: وائي: وجھھ منجھھ خليل، اندر آذر آھين (ابراھيم جو پيءُ آذر، جيڪو بت پرستن جو اڳواڻ ھو) | |
| سوال: شاھھ صاحب حضرت موسيٰ عليھ السلام جو ذڪر پنھنجي ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر آسا ۽ سر رامڪلي. | |
| سوال: شاھھ صاحب حضرت يونس عليھ السلام جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر مارئيءَ ۾. | |
| شاھھ جا سورما، سورميون، | |
| ڏھيسر، ڏاتار ۽ ذاتيون | |
| سوال: سر ڍول مارئيءَ ۾ شاھھ لطيف ڪھڙن ٽن اھم ڪردارن کي ڳايو آھي؟ | |
| جواب: ڍولا (سورمو) مارو (سورمي) امره سمره (بادشاھھ) کي. | |
| سوال: شاھھ صاحب جو سورھيھ پنرو بڊاماڻي کي ڪيترا ڀائر ھئا؟ | |
| جواب: ٻھ ڀائر. | |
| سوال: شاھھ سائين سر بلاول ۾ ڪھڙن حاڪمن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| سوال: شاھھ سائين جي سورمي راجا چنيسر، ديول ڪوٽ تي ڪيترو عرصو حڪومت ڪئي؟ | |
| جواب: ارڙھن سال. | |
| سوال: شاھھ عبدالليف ِڀٽائي يورپي ڦورن لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ڦلنگي. | |
| جواب: دھليءَ جي حاڪم علاؤالدين ۽ سنڌ جي سخي جادم جکري جو. | |
| سوال: سر ديسيءَ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: برفت، بروھي، جت، ھوت. | |
| سوال: ڀٽ ڌڻيءَ مينءَ ذات جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر ڪاموڏ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ جي سورمي چنيسر جو تعلق ڪھڙي ذات سان ھو؟ | |
| جواب: شاھھ جو سورمو چنيسر ذات جو داسڙو ھو. | |
| سوال: شاھھ جا سورما چنيسر ۽ عمر ڪھڙي ذات سان واسطو رکندڙ ھئا؟ | |
| جواب: شاھھ جا سورما عمر ۽ چنيسر ذات جا سومرا ھئا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل جو تعلق ڪھڙيءَ ذات سان ھو؟ | |
| جواب: مومل جو تعلق گجر ذات سان ھو. | |
| سوال: سر ديسيءَ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: برفت، بروھي، جت، ھوت. | |
| سوال: شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ سسئي لاءِ ڪيترا وصفي نالا بيان ڪيل آھن؟ | |
| جواب: پنجويھن کان وڌيڪ. | |
| سوال: لاکيڻي لطيف سسئيءَ وارن سرن ۾ پنھونءَ کي ڪيترن نالن سان ڳايو آھي؟ | |
| جواب: سورنھن نالن سان. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ جي ڪھڙي سورميءَ جي زيارت لاءِ ملتان مان درويش اسماعيل آيو ھو؟ | |
| جواب: سسئي لاءِ. | |
| سوال: شاھھ سائين جي سورمي سسئي ڏوراپي طور پاڻ کي ڪھڙين ذاتين کان گھٽ سمجھيو آھي؟ | |
| جواب: سمن، سومرن، جتن ۽ اوٺن کان. | |
| سوال: سر ڪاموڏ ۾ شاھھ سائين مھاڻن جي ڪھڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: گندرا، ماڱر، جھٻير، ملاح، مھاڻا وغيره. | |
| سوال: ڀٽ ڌڻيءَ مينءَ ذات جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر ڪاموڏ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ جي سورمي چنيسر جو تعلق ڪھڙي ذات سان ھو؟ | |
| جواب: شاھھ جو سورمو چنيسر ذات جو داسڙو ھو. | |
| سوال: شاھھ جا سورما چنيسر ۽ عمر ڪھڙي ذات سان واسطو رکندڙ ھئا؟ | |
| جواب: شاھھ جا سورما عمر ۽ چنيسر ذات جا سومرا ھئا. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ جي سورمي عمر سومري جو اصل نالو ڇا ھو؟ | |
| جواب: فخر الدين عمر بن ڀونگر. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل جو تعلق ڪھڙيءَ ذات سان ھو؟ | |
| جواب: مومل جو تعلق گجر ذات سان ھو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي سورميءَ مومل کي ڪيتريون ڀينرون ھيون؟ | |
| جواب: اٺ ڀينرون. | |
| سوال: مومل جي ڀينرن جا نالا ڪھڙا ھئا؟ | |
| جواب: سومل، سجھان، سوڍي، مرم، مرادان، ڪوڏي، ڪونداھي ۽ مارکي. | |
| سوال: شاھھ جي ڪھڙين ٻن سورمين جو تعلق عمرڪوٽ سان ھو؟ | |
| جواب: مارئيءَ ۽ مومل جو. | |
| سوال: 14 فيبروري 1994ع تي شاھھ سائين جي ڪھڙي سورميءَ جي ورسي ملھائي وئي؟ | |
| جواب: سھڻي ميھار جي. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي سورمي مارئي جو ميلو ڪنھن جي ڪوشش سان پھريون ڀيرو ڀالوا ۾ لڳو؟ | |
| جواب: مير محمد بخش خان ٽالپر جي ڪوشش سان. | |
| سوال: شاھھ جي سورمي مارئي جو پھريون ڀيرو ميلو ڪڏھن لڳو؟ | |
| جواب: 1967ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب اوجاڳي اجاريا ۾ پنجون مقالو شاھھ جي ڪھڙي سورمي جي ڪردار بابت ڏنل آھي؟ | |
| جواب: مارئيءَ جو ڪردار. | |
| سوال: ولي سروريءَ، شاھھ جي سورمي چنيسر تي ڪھڙو مضمون لکيو؟ | |
| جواب: چنيسر جي چت. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين قومن کي ڳايو آھي؟ | |
| جواب: لڳ ڀڳ ٽيھھ قومن کي. | |
| شاھھ جي شاعريءَ ۾ حيوانن، پکين، | |
| وڻن، ٻوٽن ۽ گاھن بابت ڄاڻ | |
| سوال: شاھھ سائين سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن جانورن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: تقريبا تيرنھن جانورن جو. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ ڪتن لاءِ ڪھڙا نالا ڪتب آندا آھن؟ | |
| جواب: جنبور، ڪارايي، ڪلاج، موتيئڙو، کينھو وغيره. | |
| سوال: شاھھ سائين سر سھڻيءَ ۾ ڪجھھ مڇين جو بھ ذڪر ڪيو آھي. توھان ڪن بھ ٻن مڇين جا نالا ٻڌايو؟ | |
| جواب: لوھڻي ۽ ٿيلھي. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ منڍ ۾ عشق کي ڪھڙي جانور سان تشبيھھ ڏني آھي؟ | |
| جواب: نانگ سان. | |
| سوال: نانگ بلائن جو ذڪر شاھھ سائينءَ جي ڪھڙي سر ۾ ملي ٿو؟ | |
| جواب: سر ڪارايل. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ ٻھ يتيم ڪتا پاليا ھئا، سندن نالا ٻڌايو؟ | |
| جواب: موتي ۽ ليمون. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ تاڙي پکيءَ جا ڪھڙا نالا بيان ڪيا آھن؟ | |
| جواب: سارنگ، چاتڪ، ٻاٻيھو ۽ مينھڻ. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي پکي جو ذڪر ڪيو آھي؟ جيڪو عقاب جھڙو ٿيندو آھي. | |
| جواب: ھماءُ پکي جو. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل لفظ چيھو ۽ چکي ڇا جا نالا آھن؟ | |
| جواب: چيھو پکيءَ جو نالو (چيھو گاھھ) چکي ڍنڍ. | |
| سوال: سر رپ ۾ شاھھ سائينءَ ڪانگ کي ٻين ڪھڙن نالن سان سڏيو آھي؟ | |
| جواب: ڪانءُ، کيناتو، ڪانگڙا، ڪانگا، ڪانگل ۽ زاغ. | |
| سوال: شاھھ سائينءَ سر معذوريءَ ۾ ڪھڙن پکين جا نالا بيان ڪيا آھن؟ | |
| جواب: ڪوئل، چتون، ڪونج ۽ باز. | |
| سوال: ٿري ماڻھو مانڌاڻي جا داڻا ڪھڙي فصل جي اٽي سان ملائي استعمال ڪندا آھن؟ | |
| جواب: جوئر ۽ ٻاجھريءَ سان | |
| سوال: ڀٽ ڌڻيءَ سر مارئي ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ڇھن وڻن جو. | |
| سوال: واريءَ جي دڙي تي مينھن جي موسم ۾ ڦٽندڙ کنڀيءَ کي لطيف سائينءَ جي دور ۾ ڇا چيو ويندو ھو؟ | |
| جواب: ڦنگي. | |
| سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون). | |
| سوال: ٿر ۾ ڪھڙي ٻوٽي جي ميوي جو ذائقو، کٽمٺڙي جھڙو ٿيندو آھي؟ | |
| جواب: کاٽو نبو. | |
| سوال: ڍاٽڪيءَ ٻوليءَ ۾ پيرن کي ڇا چيو ويندو آھي؟ | |
| جواب: ماچڪ. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ کھھ ھڪ قسم جو گاھھ آھي ان جو قد ڪيترو ٿيندو آھي؟ | |
| جواب: فٽ کن. | |
| سوال: شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ مانڌاڻو ھڪ قسم جو گاھھ آھي، ان جو قد ڪيترو ٿيندو آھي؟ | |
| جواب: پنج انچ ڊگھو. | |
| سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙي مشھور گل جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: کٽڻھار گل جو. | |
| سوال: شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: اڪ، کٽڻھار، تور. | |
| سوال: شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: چندن، سرکنڊ (صندل)، کٿوري، اگر. | |
| سوال: گيدوڙي يا ليسوڙي لاءِ شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: گوندا. | |
| سوال: شاھھ سائين سر مارئي ۾ ڪيترن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: اٺن گاھن جو ذڪر (آراڙي، چيھو، ڊامڻ، سائون، ڳنڍير، للر، لنب، مکئي) | |
| سوال: سر مارئي ۾ شاھھ عبداللطيف ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: لاڻي، ڦوڳ، اڪ، کوٽوبنا، ڪانڊيرو، گلاب، وغيره. | |
| سوال: سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙن گاھن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: لاڻي ۽ ڪپور جو. | |
| سوال: حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سر ڏھر ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ٻن وڻن جو. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڪھڙي گاھھ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن کي کائڻ سان ٿر جو مال کير ۽ مکڻ وڌائيندو آھي؟ | |
| جواب: لنب گاھھ. | |
| سوال: شاھھ صاحب سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ڏھن وڻن ۽ پنجن ٻوٽن جو. | |
| سوال: سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون). | |
| شاھھ جي شاعريءَ ۾ رنگن جو ذڪر | |
| سوال: شاھھ سائين لاک جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر مومل راڻو، مارئي ۽ سر سارنگ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائيءَ ۾ ڳاڙھي رنگ لاءِ لفظ کنھنبو ڪتب آندو آھي؟ | |
| جواب: وائي: آئي مند ملار کنھنبا ڪنديس ڪپڙا | |
| (سرسارنگ) | |
| سوال: شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سياھي. | |
| سوال: ڪلھن تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي آھي ان جو ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي. | |
| جواب: سر مومل راڻو ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائي ۾ ھندن جي ھوليءَ جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: وائي: زاريءَ ســا زاري، الــو! ڪــوھــيــارل ســاڻ، | |
| ھندوئن جيئن ھولي، ڪري مون ڌوڙ مٿي تان واري. | |
| سوال: حضرت شاھ عبداللطي ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪاري رنگ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آھي؟ | |
| جواب: اٽڪل ٻٽيھھ ڀيرا. | |
| سوال: شاھھ سائين لاک جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر مومل راڻو، سر مارئي ۽ سر سارنگ ۾. | |
| سوال: اھو ڪھڙو رنگ آھي، جيڪو شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ خوشحالي، آسودگي ۽ آباديءَ جي اھڃاڻ طور استعمال ٿيل آھي؟ | |
| جواب: سائو رنگ. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي محبوب لاءِ ڪھڙو رنگ پسند ڪيو ھو؟ | |
| جواب: ڳاڙھو رنگ (لالڻ) | |
| سوال: شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سياھي. | |
| سوال: ڪلھن تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي آھي، ان جو ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي. | |
| جواب: سر مومل راڻو. | |
| سوال: ڪھڙي سٽ ۾ شاھھ صاحب اڇو، اڇاھھ ۽ اڇائي ٽي دفعا ڌار ڌار لفظ استعمال ڪري، اڇي رنگ جي اعليٰ ھجڻ جو تاثر ڏنو آھي؟ | |
| جواب: سٽ: اڇو پيو اڇاھھ تھ اڇا ئي ابھو. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڪھڙي رنگ کي پاڪيزگيءَ جو رنگ ڪوٺيو آھي؟ | |
| جواب: اڇي رنگ کي. | |
| شاھھ جي شاعريءَ ۾ وکرن | |
| ۽ وڻج واپار بابت ڄاڻ | |
| سوال: شاھھ صاحب سر يمڻ ڪلياڻ ۾ دڪان لاءِ ڪھڙا لفظ استعمال ڪيا آھن؟ | |
| جواب: ھٽ ۽ دکاڻ. | |
| سوال: سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙي خوشبوءَ جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: مشڪ، عطر، ڪپور، (ڪافور)، کٿوري ۽ چندن (خوشبودار گاھھ). | |
| سوال: شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ وڻج واپار لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ويمو. | |
| سوال: شاھھ سائين ڪھڙن سرن ۾ چرخي جو ذڪر ڪيو آھي؟ | |
| جواب: سر ڪاپائتي ۽ سر حسينيءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين نار جي چرخي لاءِ ڪھڙو لفظ ڪتب آندو آھي؟ | |
| جواب: ٻائـڙ. | |
| شاھھ تي لکيل ڪتاب ۽ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز | |
| سوال: ڪھڙي انسائيڪلوپيڊيا ۾ شاھھ سائين جو نالو وڏي عظمت سان ورتو ويو آھي؟ | |
| جواب: اطالوي انسائيڪلو پيڊيا. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڀيرومل جو. | |
| سوال: ڪتاب آديسي اٿي ويا ۾ شاھھ لطيف کانسواءِ ڪيترن شاعرن جو تذڪرو ٿيل آھي؟ | |
| جواب: ٽيٽيھھ شاعرن جو. | |
| سوال: ڪتاب ڪشف الابيات ۾ ڪيترن رسالن جو مواد ترتيب ڏنل آھي؟ | |
| جواب: يارھن رسالن جا بيت ترتيب ڏنل آھن. | |
| سوال: ڪتاب ڀٽائي تحقيقي جرنل شمارو ٢ ڪھڙي سال ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جولاءِ 1992ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب سنڌ جو لال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڇاپو ٻيو، ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻٽيھن صفحن تي. | |
| سوال: ڪتاب عڪس لطيف ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو اردو ترجمو ڪيل آھي؟ | |
| جواب: فقط ھڪ سر ڪلياڻ جو. | |
| سوال: ڪتاب اعتراف شاھھ جي فلسفھ جي مومل جو مجازي رخ، ان ڪتاب جا ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟ | |
| جواب: سراج قريشي. | |
| سوال: ڪتاب سنڌ جو لال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ انقلابي شاعر جي حيثيت ۾ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: مولوي عبدالرحمان ڀٽي جو. | |
| سوال: ڪتاب اوسيئڙو کاھوڙي ۽ پنڌ ڇا بابت آھي؟ | |
| جواب: ھن ڪتاب ۾ شاھھ صاحب جي ھنگلاج ياترا واري گس سان ليکڪ جي ڪيل سفر متعلق آھي. | |
| سوال: ڪتاب اوسيئڙو، کاھوڙي ۽ پنڌ ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ڊسمبر 2003ع ۾. | |
| سوال: سفرنامو اوسيئڙو کاھوڙي ۽ پنڌ ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: زوار عبدالستار درس. | |
| سوال: ڪتاب باھيون بيراڳين جون (شاھھ ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جو اڀياس) ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: تاج جويو. | |
| سوال: ڪتاب باھيون بيراڳين جون ۾ ڪيترا مضمون ۽ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: يارنھن مضمون ۽ مقالا. | |
| سوال: ڪتاب باھيون بيراڳين جون ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: اسي صفحن تي. | |
| سوال: شاھھ سائين تي لکيل مقالن جو مجموعو باھيون بيراڳين جون ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: پھريون ڇاپو نومبر 1991ع ۾. | |
| سوال: غلام نبي سڌايو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ڪڏھن مڪمل ڪئي؟ | |
| جواب: 1989ع ۾. | |
| سوال: ڀٽائي جرنل شمارو پنجون ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: سال 1955ع ۾. | |
| سوال: حسن بانو سومرو، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ڪھڙي سال ۾ ڪئي؟ | |
| جواب: 1989ع ۾. | |
| سوال: سنڌ اطلاعات کاتي ڪتاب آواز لطيف سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو ٽيتاليھين عرس مبارڪ جي موقعي تي. | |
| سوال: ڪتاب ڀٽائي جا بيت ڪنھن لکيو ۽ اھو ڪتاب ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جيوتي آسراڻي جو 1966ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب لطيف ذھني چٽا ڀيٽي ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ڪمال ڄامڙي. | |
| سوال: ڪتاب لطيف ذھني چٽا ڀيٽي ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: آگسٽ 2004ع ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي سوانح بابت صحيح معنيٰ ۾ تحقيقي ڪم ڪڏھن شروع ٿيو؟ | |
| جواب: 1880ع ۾. | |
| سوال: لطيف سرڪار ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي مبني ڪتاب ڪلاسيڪي شاعري پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1981ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. | |
| سوال: ڪتاب ٽي عظيم شاعر ۾ ڪھڙين ٽن عظيم شخصيتن جو ذڪر ٿيل آھي؟ | |
| جواب: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي، ڪوي ڪاليداس ۽ وليم شيڪسپيئر جو. | |
| سوال: ڪتاب ٽي عظيم شاعر جو پھريون ڇاپو ڪٿي شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ھندستان ۾. | |
| سوال: ڪتاب ٽي عظيم شاعر جو پھريون ڇاپو ۽ ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: پھريون ڇاپو 1991ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب ٽي عظيم شاعر جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: ھولرام ھسن. | |
| سوال: ڪتاب ٽي عظيم شاعر ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻھ سئو تيرنھن صفحن تي. | |
| سوال: ھولا رام ھنس جي تحقيق مطابق شيڪسپيئر ستٽيھھ ڊراما لکيا آھن، توھان اھو ٻڌايو تھ شاھھ لطيف نظم ۾ ڪيتريون ڪھاڻيون لکيون آھن؟ | |
| جواب: نو ڪھاڻيون. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي شاعري ۽ ڪارناما ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: موتي لال جوتواڻي جو. | |
| سوال: شاھھ صاحب تي ڪتاب ڇپر ڪين ڏي جي محقق جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: ج ع منگھاڻي. | |
| سوال: شاھھ سائين تي لکيل ڪتاب ڇپر ڪين ڏي ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مئي 2000ع تي. | |
| سوال: ڪتاب سر سارنگ (لطيفيات) ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: تاج صحرائيءَ جو. | |
| سوال: اردو ڪتاب عڪس لطيف ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1951ع ۾. | |
| سوال: حاجي حقير بن مڱڻ جو شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل سھڻي ميھار منظوم قصو، ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1964ع ۾. | |
| سوال: شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ مومل ۽ مينڌرو منظوم قصو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: حاجي حقير ابن مڱڻ جو. | |
| سوال: حاجي حقير جو شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل ڪتاب عمر مارئيءَ جون ٽيھھ راتيون ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1955ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب بزم لطيف ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1954ع ۾. | |
| سوال: بزم لطيف جو ليکڪ ڪير آھي؟ | |
| جواب: محبوب علي چنا. | |
| سوال: محمد حسين ڪاشف کي ڪھڙي ڪتاب تي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، طرفان سنڌي ادب جو شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن ڪتاب تي. | |
| سوال: محمد صديق مسافر جو لکيل ڪتاب سر آسا ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1968ع ۾. | |
| سوال: محمد صديق مسافر جو 1948ع ۾ شاھھ جي ڪھڙي سر تي ڪتاب شايع ٿيو؟ | |
| جواب: سر سسئي آبري. | |
| سوال: 1980ع ۾ شاھھ جي ٻن ڪردارن سان منسوب سھڻي ميھار ايوارڊ ٿر جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: موھن ڀڳت کي. | |
| سوال: ڪماري رڪمڻيءَ، شاھھ لطيف تي ڪھڙي ٻوليءَ ۾ ٿيسز لکي؟ | |
| جواب: ھندي ٻوليءَ ۾. | |
| سوال: ڪماري رڪمڻي شاھھ تي ڪھڙي موضوع تي ٿيسز لکي تيار ڪئي؟ | |
| جواب: سسئي اور شاھھ عبداللطيف ڪي ڪوتا ۾ پريم ڪي ڀاونا. | |
| سوال: ڪتاب سر ڪلياڻ عرف تصوف جو آئينو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: رشيد احمد لاشاريءَ جو. | |
| سوال: رشيد احمد لاشاري جو لکيل ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1955ع ۾. | |
| سوال: 1962ع ۾ رشيد احمد لاشاري جو شاھھ جي ڪھڙي سورميءَ تي لکيل ڪتاب شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مارئيءَ تي. | |
| سوال: شاھنواز سوڍر، شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪنھن جي رھبريءَ ۾ ڪئي؟ | |
| جواب: علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي جي رھبريءَ ۾. | |
| سوال: سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي زبان ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر. | |
| سوال: شاھنواز سوڍر شاھھ لطيف تي ٿيسز ڪڏھن مڪمل ڪئي؟ | |
| جواب: 1988ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب سنڌي ثقافت ۽ شاھھ لطيف ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز حيدرآباد، ڪڏھن شايع ڪيو؟ | |
| جواب: 1991ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب اشارات شاھھ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو. | |
| سوال: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ترتيب ڏنل ڪتاب لطيف ڪوئيز ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1978ع ۾. | |
| سوال: لطيفي داستانن بابت اردو ۾ لکيل ڪتاب ماروي ڪي ديس ۾ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: شيخ عبدالرزاق راز جو. | |
| سوال: فھميده حسين کي شاھھ صاحب تي لکيل پي. ايڇ. ڊي ٿيسز تي پھريون ڀيرو ڪڏھن لطيف ايوارڊ مليو؟ | |
| جواب: 1993ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب ڀٽائي ميسيج آف ماسٽر جي مصنف جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: حميد سنڌي. | |
| سوال: 1953ع کان 1962ع تائين محڪمھ اطلاعات کاتي شاھھ صاحب تي لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مبني ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟ | |
| جواب: ڇھھ ڪتاب. | |
| سوال: ڪھڙي انگريزي ڪتاب ۾ فيض بخشا پوريءَ شاھھ لطيف کي خراج عقيدت پيش ڪيو آھي؟ | |
| جواب: ڪتاب Poet laureate of Sindh ۾. | |
| سوال: ڪتاب بنگال جو لطيف رابندر ناٿ ٽيگور ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: منصور قادر جوڻيجو جو. | |
| سوال: ڪتاب اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال ڪھڙي اداري شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: اسلامي اڪيڊمي لطيف آباد، حيدرآباد. | |
| سوال: ڪتاب اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ھڪ سئو سورھن صفحن تي. | |
| سوال: ڪتاب اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو. | |
| سوال: ڪتاب اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1987ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال ڪيترن بابن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: پنجن بابن تي. | |
| سوال: سالياني لطيف مخزن 1977-78ع جي ايڊيٽر جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: سليمان سولنگي. | |
| سوال: سالياني لطيف مخزن 1977-78ع ڪنھن جي سرپرستيءَ ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: پروفيسر علي محمد انصاريءَ جي سرپرستيءَ ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ادا قاضي جو. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو، ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ايڪھٺ صفحن تي. | |
| سوال: مضمون شاھھ جو غيب تي ايمان ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ادا قاضي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ڇاپو پھريون ڊسمبر 2000ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب لغات لطيفي جو ٽيون ڇاپو ڪھڙي ھجري سن ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ١٤١٥ ھجري ۾. | |
| سوال: لغات لطيفي جو پھريون ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1914ع ۾. | |
| سوال: سنڌالاجيءَ شاھھ سائين متعلق ھڪ سئو ٻارنھن نمبر ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟ | |
| جواب: ڪتاب ٻاروچي ٻولي. | |
| سوال: رابيل پبليڪيشن، شاھھ سائين متعلق ارڙھون نمبر ڪتاب ڪھڙو شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: شاھھ سچل سامي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ سچل سامي ڪنھن مرتب ڪيو؟ | |
| جواب: اي. جي. اتم. | |
| سوال: اي. جي. اتم جي ترتيب ڏنل ڪتاب شاھھ سچل سامي ۾ شايع ٿيل مقالو، شاھھ تي تنقيد ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: موھن گيھاڻيءَ جو. | |
| سوال: غلام مصطفيٰ کھڙو جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز شاھھ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو ڪڏھن مڪمل ٿي؟ | |
| جواب: 1977ع ۾. | |
| سوال: مقالو علامھ اقبال ۽ ڀٽائي جو عشق رسول ' ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو. | |
| سوال: ٻھ ٽي مارچ 1973ع تي شاھھ صاحب جي سوانح حيات تي لکيل ڪتابن جي نمائش سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟ | |
| جواب: حيدرآباد شھر ۾. | |
| سوال: 1973ع ۾ لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۽ زندگيءَ تي لکيل ڪتابن جي نمائش جي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھھ. | |
| سوال: ميمڻ عبدالغفور جو ترتيب ڏنل ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1969ع ۾. | |
| سوال: ليلارام خاڪي لطيف سائين جي حياتيءَ، فڪر ۽ فن بابت ڪتاب ڪڏھن مڪمل ڪيو؟ | |
| جواب: چوڏھن مارچ 1889ع تي. | |
| سوال: ڪتاب مون مطالع سپرين جا ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟ | |
| جواب: سيد غلام مصطفيٰ شاھھ. | |
| سوال: ڪتاب مون مطالع سپرين ڪڏن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: اپريل 1955ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين تي لکيل ڪتاب مون مطالع سپرين جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر اياز حسين قادري. | |
| سوال: ڪتاب مون مطالع سپرين ۾ ڇا جو ذڪر آھي؟ | |
| جواب: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو اڀياس. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ۽ نوجوان ڪھڙي اداري شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: شاھھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي. | |
| سوال: ڪتاب مون مطالع سپرين ۾ شاھھ جي ڪلام جو اڀياس ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻھ سئو چوويھن صفحن تي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي موسيقي جي نظرثاني ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: استاد محمد حسن. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ آفاقي شاعر ڪھڙي اديب ۽ محقق جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جو. | |
| سوال: ڪتاب ڀٽائي جي وطن جو مستقبل ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1972ع ۾. | |
| سوال: رام پنجواڻي جو لکيل ڪتاب لطيف ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1945ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب سر کنڀات ۽ قرآني تعليم ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: پروفيسر اڪرم انصاري جو. | |
| سوال: ڪتاب ڀٽ جو گھوٽ عرف پارکو پارس جا ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو. | |
| سوال: ڀارت ۾ سڀ کان پھريائين ڪھڙي عالم شاھھ عبداللطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي؟ | |
| جواب: موتي لال جوتواڻي. | |
| سوال: موتي لال جوتواڻيءَ شاھھ عبداللطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪڏھن ڪئي؟ | |
| جواب: 1972ع ۾. | |
| سوال: ڀٽ جو شاھھ ڪتاب جو مھاڳ سورلي ڪھڙي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟ | |
| جواب: ايڪٽيھھ مارچ 1938ع ۾. | |
| سوال: اوجاڳي اجاريا ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر شاھنواز سوڍو جو. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر تي لکيل مقالن تي مبني ڪتاب اوجاڳي اجاريا ڪھڙي اداري شايع ڪيو؟ | |
| (وڌيڪ پڙهو) | |
| جواب: لطيف ساڃاھھ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو. | |
| سوال: ڪتاب اوجاڳي اجاريا ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: پھريون ڇاپو ڊسمبر 2000ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب اوجاڳي اجاريا مصنف ڪنھن کي ارپيو آھي؟ | |
| جواب: گھنور خان ۽ وزير حسين سوڍر کي. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي مقالن تي مبني ڪتاب اوجاڳي اجارياجو مقدمو شاھنواز سوڍر ڪھڙيءَ تاريخ تي لکيو؟ | |
| جواب: ٻھ ڊسمبر 2000ع تي. | |
| سوال: ڪتاب اوجاڳي اجاريا ۾ شاھھ سائين متعلق ڪيترا مقالا ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: ٻاويھھ مقالا. | |
| سوال: ڪتاب اوجاڳي اجاريا ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻھ سئو ٽياسي صفحن تي. | |
| سوال: شاھھ لطيف تي تحقيق ڪتاب ڪنھن سھيڙيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر درشھوار سيد. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف تي تحقيق ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جولاءِ 1995ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف تي تحقيق جو پيش لفظ ۽ مھاڳ ڪنھن ۽ ڪڏھن لکيو؟ | |
| جواب: درشھوار سيد، اٺ جولاءِ 1995ع تي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف تي تحقيق۾ گھڻا مقالا ڏنل آھن؟ | |
| جواب: اٺ. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف تي تحقيقڪيترن صفحن تي مشتمل آھي. | |
| جواب: ھڪ سئو چوئيتاليھھ صفحن تي. | |
| سوال: ڪتاب ڪوڙين ڪن سلام شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو اٺونجاھين عرس جي موقعي تي. | |
| سوال: ڪتاب ڪوڙين ڪن سلام ڪنھن جي نگراني ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: شھناز ايس حامد جي نگراني ۾. | |
| سوال: ڪتاب ڪوڙين ڪن سلام جي ايڊيٽر جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: شھناز قريشي ۽ آفتاب ابڙو. | |
| سوال: مھراڻ اڪيڊمي 2005ع تائين شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح ۽شعر بابت ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا؟ | |
| جواب: اوڻيھھ ڪتاب. | |
| سوال: ڪتاب تحقيقات لطيف ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر نواز علي شوق جو. | |
| سوال: ڪتاب تحقيقات لطيف ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جنوري 2005ع ۾. | |
| سوال: مھراڻ اڪيڊمي شاھھ سائين بابت ڪتاب نمبر ٻھ سئو ڇھھ ڪھڙي نالي سان شايع ڪيو؟ | |
| جواب: تحقيقات لطيف. | |
| سوال: ڪتاب تحقيقات لطيف ۾ ڪيترا چونڊ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: ايڪيھھ مقالا. | |
| سوال: ڪتاب ڪشف الابيات جي سھڙيندڙ جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. | |
| سوال: ڪتاب ڪشف الابيات ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: سيپٽمبر 1995ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: پروفيسر محمد سليم ميمڻ. | |
| سوال: ڪتاب احوال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جو ٽيون ڇاپو 1910ع ۾ ڪھڙي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو؟ | |
| جواب: وڪٽوريھ پريس سکر مان. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي متعلق لکيل ڪتاب تحفھ غريب ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: مرزا قليچ بيگ جو. | |
| سوال: ڊاڪٽر درشھوار سيد پنھنجي دور ۾ ڀٽائي چيئر مان شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر، موسيقيءَ تي مقالن جا ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟ | |
| جواب: ست ڪتاب. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو ڀٽائي چيئر لاءِ ڪنھن سھيڙيو؟ | |
| جواب: آزاد قاضيءَ. | |
| سوال: Social Content in Shah Jo Risalo ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: سيپٽمبر 1998ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب ڇپر جي ڇولي شاھھ سائين جي ڪھڙيءَ سورميءَ جي حوالي سان لفظن جي معنيٰ ڏنل آھي؟ | |
| جواب: سسئي جي حوالي سان. | |
| سوال: ڪتاب ڇپر جي ڇولي ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جون 1999ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب ڇپر جي ڇولي جو مھاڳ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر فھميده حسين. | |
| سوال: ڪتاب The book of Shah Abdul Latif ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: پروفيسر جرڊ ليڪي. | |
| سوال: ڪتاب دي بڪ آف شاھھ عبدالليف جرڊ لپڪيءَ ڪھڙي ٻوليءَ ۾ لکيو؟ | |
| جواب: جرمن ٻوليءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ٻھ سئو ستٽيھين عرس مبارڪ جي موقعي تي محڪمھ اطلاعات کاتي اردوءَ ۾ ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟ | |
| جواب: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و افڪار. | |
| سوال: اردو ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و افڪار جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: احمد مقصود حميدي، ٻارنھن سيپٽمبر 1981ع ۾. | |
| سوال: سنڌ اطلاعات کاتي شاھھ صاحب جي ٻھ سئو اٺٽيھين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟ | |
| جواب: ڪتاب نذر لطيف. | |
| سوال: ممتاز مرزا واري اردو ڪتاب فڪر لطيف ۾ ڪيترا مقالا ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: ڏھھ مقالا | |
| سوال: قيصر نيازيءَ جو ڪھڙو مقالو اردو ڪتاب فڪر لطيف ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مقالو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور ان ڪي شاعري | |
| سوال: ڪتاب فڪر لطيف ۾ اسماعيل سيٺيءَ جو ڪھڙو مقالو شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مقالو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي. | |
| سوال: محڪمھ اطلاعات جي ڪتاب عرفان لطيف ۾ نذرانھ عقيدت ڪنھن لکي؟ | |
| جواب: سيد بشير حسن. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي مثال شاعر جو مھاڳ ڪنھن ۽ ڪھڙي تاريخ تي لکيو؟ | |
| جواب: عبدالغفار سومري پھرين سيپٽمبر 1993ع تي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي مثال شاعر ڪڏھن ڇپيو؟ | |
| جواب: 1993ع تي. | |
| سوال: ڪتاب گوھر لطيف ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: آڪٽوبر 1986ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ٻھ سئو پنجويھھ عرس جي موقعي تي سنڌ اطلاعات کاتي ڪھڙو ڪتاب شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: ڪتاب لطيفي تحريڪ. | |
| سوال: ڪتاب لطيفي تحريڪ ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: فيبروري 1977ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب عرفان لطيف مصنف بشير شاد جو ٽيون ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1998ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب عرفان لطيف مصنف بشير احمد شاد، انتساب ڪنھن جي نالي آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي نالي. | |
| سوال: ڪتاب عرفان لطيف جا ٻھ اکر ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪھڙي تاريخ تي لکيا؟ | |
| جواب: ايڪٽيھھ مارچ تي. | |
| سوال: مصنف محمد خان غنيءَ جو عرفان لطيف، ڪتاب محڪمھ اطلاعات ڪڏھن شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: 1966ع ۾. | |
| سوال: محمد خان غنيءَ جو لکيل ڪتاب عرفان لطيف ڪيترن حصن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻن حصن تي. | |
| سوال: محمد خان غنيءَ وارو ڪتاب عرفان لطيف ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٽياسي صفحن تي مشتمل آھي. | |
| سوال: ڪتاب ھٻڪار ۾ شاھھ سائين متعلق ڪيترا مضمون ڏنل آھن؟ | |
| جواب: ڇھھ مضمون. | |
| سوال: شاھھ سائين جي مضمونن تي لکيل ڪتاب ھٻڪار ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1959ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب ھٻڪار جي شروع ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو بيت ڏنل آھي؟ | |
| جواب: بيت: سـامـونـڊي آئـيـا، ھـر ھـنـڌ ٿـي ھـٻـڪار، | |
| احسان ڪري اپار، اجھي اڄ عيان ٿيا. | |
| سوال: ايم اي عالماڻي جو لکيل ڪتاب ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ھڪ سئو اٺٽيھھ صفحن تي. | |
| سوال: ڪتاب ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو نئون روپ ۽ فلسفو بيان ڪيل آھي؟ | |
| جواب: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سورٺ ۽ سر آسا جو. | |
| سوال: ڪتاب ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار ۾ سر کنڀات جو نئون روپ ڪھڙي عنوان سان ڏنل آھي؟ | |
| جواب: پرواز خيالات. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بيمثال شاعر جو ديباچو ڪنھن ۽ ڪڏھن لکيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (وزير تعليم) چوڏھن آگسٽ 1993ع تي. | |
| سوال: ممتاز مراز جو اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب فڪر لطيف شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو ستيتاليھين عرس مبارڪ جي موقعي تي. | |
| سوال: ممتاز مرزا جو اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب فڪر لطيف ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1991ع ۾. | |
| سوال: اطلاعات کاتي وارن شاھھ سائينءَ جي ٻھ سئو ايڪيتاليھھ ورسيءَ تي ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟ | |
| جواب: پيغام لطيف. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف يادگار ڪميٽيءَ شاھھ صاحب جي ٻھ سئو سالھ ورسيءَ جي موقعي تي ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟ | |
| جواب: ڪتاب ياد لطيف. | |
| سوال: ڪتاب ياد لطيف جو ديباچو ڪھڙيءَ تاريخ تي ۽ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ٻاويھھ آڪٽوبر 1953ع تي نبي بخش خان بلوچ. | |
| سوال: شاھنامو رسالو شاھھ سائين جي ڪھڙي ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو اٺاويھين ورسيءَ جي موقعي تي. | |
| سوال: اردو ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي احوال و افڪار ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ڊسمبر 1981ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب دي بڪ آف شاھھ عبداللطيف شاھھ لطيف چيئر ڪڏھن شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: مئي 2000ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب زندگيءَ جو سفر رومي، شاھھ ۽ اقبال ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: عبدالغفور ڀرڳـڙيءَ. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي موسيقي ڪيترن حصن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻن حصن تي. | |
| سوال: ھي ڪتاب ڪھڙي اداري ڇپرايو آھي؟ | |
| جواب: شاھھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي. | |
| سوال: اردو ڪتاب شاھھ لطيف ڪي شاعري اور فڪر ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ڊسمبر 1994ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب تحقيق جو طريقي ڪار ڀٽائي چيئر ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جولاءِ 1995ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف تي ببلو گرافي ڪنھن کي ارپيو ويو؟ | |
| جواب: صوفي شاھھ عنايت شھيد جھوڪ واري کي. | |
| سوال: تنقيدي ڪتاب شاھھ جو رسالو منھنجي نظر ۾ پھريون ڀيرو سنڌ ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: فيبروري 1995ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ جو رسالو منھنجي نظر ۾ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو. | |
| سوال: ڪتاب قدم ڪاپڙين جا جو ٻيو ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 2003ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب قدم ڪاپڙين جا ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: فقير امداد علي سرائيءَ جو. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ جا سرمور ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: منوھر مٽلاڻي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ جا سر مور سنڌ ۾ ڪھڙي اداري شايع ڪيو ۽ ڪڏھن شايع ڪيو؟ | |
| جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1992ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ جا سر مور ڪيترن عنوانن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ستن عنوانن تي. | |
| سوال: ڊاڪٽر ايس ايم جھانگياڻي شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪڏھن ڪئي؟ | |
| جواب: 1976ع ۾. | |
| سوال: ٿيسز شاھھ عبداللطيف ۽ سندس دور دھليءَ مان ڪڏھن شايع ٿي؟ | |
| جواب: 1986ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب ڀٽائي تي بھتان ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جنوري 1998ع ۾. | |
| سوال: مئي 1968ع تي نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل مضمون شاھھ جي سر سورٺ جي ساک ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: تيرٿداس ھوتچند جو. | |
| سوال: شاھھ متعلق لکيل مقالن تي مبني ڪتاب نرتي تند نياز سين ڪڏھن شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: فيبروري 1988ع مطابق ١٤٠٨ھھ ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو ڀٽائي چيئر ڪڏھن شايع ڪيو؟ | |
| جواب: مئي 1997ع ۾. | |
| سوال: ڀٽائي تحقيقي جرنل شمارو پھريون ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: جولاءِ 1991ع ۾ | |
| سوال: ڪتاب ڀٽائي تحقيقي جرنل پھرئين ۾ ڪيترا مقالا ۽ مضمون ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: يارنھن مقالا ۽ مضمون. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ جو شعر ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: پرسو جيارام گدواڻي. | |
| سوال: ڊاڪٽر تنوير عباسي شاھھ لطيف جي شاعري تي ڪھڙي نالي سان ڪتاب لکيو؟ | |
| جواب: شاھھ لطيف جي شاعري. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي شاعري پھريون ڀيرو ڪڏھن ڇپيو؟ | |
| جواب: 1976ع ۾. | |
| سوال: ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڪھڙي اداري ڇپرايو؟ | |
| جواب: شاھھ عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي. | |
| سوال: ھن ڪتاب جو ناشر ڪير ھو؟ | |
| جواب: سيد غلام مصطفيٰ شاھھ. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي شاعري جو آخري وڌايل ۽ سنواريل ڇاپو ڪڏھن ڇپيو؟ | |
| جواب: جنوري 1995ع ۾. | |
| سوال: ھي نئون ڇاپو ڪھڙي ادارري ڇپرائي پڌرو ڪيو؟ | |
| جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. | |
| سوال: ڪتاب پيغام لطيف ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: جي ايم سيد جو. | |
| سوال: ھي ڪتاب ڪيترن فصلن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: ٻارھن فصلن تي. | |
| سوال: ھن ڪتاب جي پھين ڇاپي لاءِ پبلشر طور ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟ | |
| جواب: محمد عثمان ڏيپلائيءَ. | |
| سوال: ڏيپلائي صاحب ھي ڪتاب ڪھڙي اداري پاران ڇپرايو؟ | |
| جواب: سلسلھ انسانيت پاران. | |
| سوال: ھي ڪتاب شاھھ تي لکيل ٻين ڪتابن کان ڪيئن مختلف آھي؟ | |
| جواب: ھن ڪتاب ۾ پھريون ڀيرو شاھھ صاحب جو اڀياس ھڪ وطن دوست ۽ ترقي پسند شاعر طور پيش ڪيو ويو آھي. | |
| سوال: ڇا محترم جي ايم سيد جو شاھھ تي ٻيو بھ ڪو ڪتاب آھي؟ | |
| جواب: ھا، شاھھ جون وايون ۽ ڪافيون. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ھڪ مطالعو شاھھ لطيف چيئر لاءِ ڪنھن سھيڙيو؟ | |
| جواب: آزاد قاضي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مئي 1997ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ھڪ مطالعو جو مھاڳ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر تنوير عباسي. | |
| سوال: شاھھ سچل سامي ڪتاب سنڌ جي ڪھڙي دانشور جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: محمد ابراھيم جويو. | |
| سوال: ھن ڪتاب جا ڪيترا ڇاپا ڇپجي چڪا آھن؟ | |
| جواب: ڇھھ ڇاپا. | |
| سوال: ھن ڪتاب جا آخري ٻھ ڇاپا ڪھڙي اداي ڇپرايا؟ | |
| جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ، سچل، سامي ۾ ڇا بابت مواد ڏنل آھي؟ | |
| جواب: سنڌ جي ٽن لافاني شاعرن شاھھ، سچل ۽ ساميءَ جي دور جي سماجي تاريخ ڏنل آھي. | |
| سوال: شاھھ جي شاعريءَ جو سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي تقابلي جائزي تي ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو. | |
| سوال: ان ڪتاب جو نالو ڇا آھي؟ | |
| جواب: لطيفي لات. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي سير و سفر بابت ڪھڙو ڪتاب لکيل آھي؟ | |
| جواب: لطيفي سير. | |
| سوال: ڪتاب لطيفي سير ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ جو. | |
| سوال: ڪتاب شاھاڻو شاھھ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: لال چند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جو. | |
| سوال: شاھھ لطيف تي انب گوپانگ جو ڪھڙو ڪتاب شاھھ لطيف چيئر 1999ع ۾ شايع ڪرايو؟ | |
| جواب: ڇپر جي ڇانو. | |
| سوال: لطيف سائينءَ جي ڪھڙي شارح جي خواھش ھئي تھ لطيف سائين جي ڪلام تي ڪتاب لطيفي ٻوليءَ ۾ شايع ڪرايان مگر سندس اھا خواھش پوري نھ ٿي؟ | |
| جواب: سيد نجف علي شاھھ ڪمتر نقوي جي. | |
| شاھھ تي لکيل مقالا ۽ مضمون | |
| سوال: مقالو شاھھ جو رسالو ۽ قرآن ڪريم ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر خالد ٽالپر. | |
| سوال: مضمون شاھھ جو ڪانگل ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: عنايت بلوچ جو. | |
| سوال: ڪتاب باھيون بيراڳين جون ۾ ڪيترا مضمون ۽ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: يارنھن مضمون ۽ مقالا. | |
| سوال: تاج جويي ڪھڙي سال سڪرنڊ ۾ ڪتاب شاھھ، سچل، سامي تي ٿيل تنقيدي ڪچھريءَ ۾ مقالو پڙھيو؟ | |
| جواب: 1976ع ۾. | |
| سوال: مضمون شاھھ ڀٽائي ۽ شھباز جو شڪار ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: مولانا در محمد خاڪ. | |
| سوال: محبوب علي سمي جو مقالو شاھھ لطيف جي فڪر تي حملو سترھن ڊسمبر 1993ع ۾ ڪھڙي اخبار ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: اخبار ھلال پاڪستان ۾. | |
| سوال: 22 جنوري 1994ع تي اخبار خادم وطن ۾ مضمون امن جو ماڳ ۽ سيد لطيف ڪنھن جو شايع ٿيو؟ | |
| جواب: محمد راھمي جو. | |
| سوال: مقالو ڀٽائي لغات جو ماھر ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: وقار حسين ٻانڀڻ. | |
| سوال: لھرون محزن ۾ تقرير شاھھ ۽ سامي ڪھڙي اديب جي شايع ٿي؟ | |
| جواب: نارائڻ داس ڀمڀاڻي جي. | |
| سوال: مقالو رڪ وھندي راند (سر ڪيڏاري ۾ سورھيائي جو قصو) ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاھھ. | |
| سوال: مقالو لطيف جو سر کاھوڙي ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: حافظ محمد بخش خاصخيلي. | |
| سوال: مقالو سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر (مختصر اڀياس) ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: ملڪ نديم | |
| سوال: مضمون مسلماني ڀٽ ڌڻي جي نظر ۾ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: علي نواز جتوئي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي زندگيءَ ۽ ڪلام تي مبني اردو مضمونن جو ترتيب ڏنل ڪتاب مفڪر مھران، ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1963ع ۾. | |
| سوال: مقالو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ايڪ آفاقي شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: محمد علي صديقي جو. | |
| سوال: مقالو Latifs Message of Man Kind لطيفس ميسيج آف مئن ڪائنڊ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: عبدالحليم شيخ جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ لطيف عظيم رھبر ۽ لافاني شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: نورالدين چنا جو. | |
| سوال: ڪھڙي اخبار ۾ فقير محمد لاشاري جو تحرير ڪيل مضمون شاھھ لطيف ھڪ سماجي مفڪر آچر 24 جولاءِ 1994ع تي شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ڪاوش اخبار ۾. | |
| سوال: مضمون لطيف تي حڪمرانن جي گھيرو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: شبير نظاماڻي جو. | |
| سوال: مقالو شاھھ جي شاعريءَ ۾ فن جي اپٽار ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جو. | |
| سوال: مقالو سنڌ ۽ لطيف جو پيغام ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: شازيھ انصاريءَ جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جا مختلف انداز ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: يوسف شيخ جو. | |
| سوال: مضمون لطيف سدا حيات شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: اياز لطيف پليجو. | |
| سوال: لطيف سائين سنڌ جا محقق ۽ غلطين وارو معاملو ھي مقالو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: سيد سلطان شاھ ساقي جو. | |
| سوال: مضمون عورت جو مرتبو ۽ شاھھ سائين جي ڀيٽا ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ياسين قربان کونھارو. | |
| سوال: 1967ع ۾ خادم درس مارئي جي ميلي ۾ ڪھڙو مقالو پڙھيو ھو؟ | |
| جواب: مقالو پکن سندي پريت | |
| سوال: شاھ جي سورمي مارئي تي لکيل مقالو پکن سندي پريت پھريون ڀيرو ڪھڙي رسالي ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ماھنامو اديون اپريل 1969ع ۾ شايع ٿيو. | |
| سوال: ڊرامو ماسوري ۽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪٿي تيار ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ملائيشيا ۾. | |
| سوال: ڊرامو ماسوري ۽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪڏھن ٽيليڪاسٽ ٿيو؟ | |
| جواب: ڊسمبر 2004ع تي. | |
| سوال: شاھنواز سوڍر جو نئين زندگي رسالي ۾ سڀ کان پھريائين مقالو، شاھھ صاحب تي ڪھڙي عنوان سان شايع ٿيو؟ | |
| جواب: شاھھ لطيف ۽ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۽ تجارت. | |
| سوال: شاھنواز سوڍر جو مقالو شاھھ لطيف ۽ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۽ تجارت ماھوار نئين زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: فيبروري 1988ع ۾. | |
| سوال: شعبان بخت شاھھ لطيف جي ڪھڙين سورمين تي ناٽڪ لکيا؟ | |
| جواب: سھڻي ميھار ۽ عمر مارئي. | |
| سوال: مضمون سر پرڀاتيءَ ۾ سمايل راز آفتاب اخبار ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 23 ڊسمبر 1993ع. | |
| سوال: 23 ڊسمبر 1993ع ۾ آفتاب اخبار ۾ شايع ٿيل مضمون سر ڀرڀاتيءَ ۾ سمايل راز ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ثاقب سومرو ابڙاني جو. | |
| سوال: مضمون سرتاج الشعراءَ شاھھ عبداللطيف جي ليکڪ جو نالو ٻڌائيندا؟ | |
| جواب: حاجي الطاف حسين. | |
| سوال: ماھوار سنڌ سڀيتا ۾ 15 جنوري کان 15 فيبروري 2006ع تي شايع ٿيل مضمون سر ڪاپائتي ۾ شاھھ صاحب جو فڪر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: امداد مجيداڻي جو. | |
| سوال: اربع 25 جنوري 2006ع تي روزاني عبرت اخبار ۾ شاھھ لطيف جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ شايع ٿيل مضمون عشق ۽ انقلاب ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: اعجاز منگيءَ جو. | |
| سوال: مقالو ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو ڪوٽڙيءَ ۾ اچڻ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: الطاف اثيم جو. | |
| سوال: لطيف مخزن 1977-78ع واري شماري ۾ مضمون لاکو ڦلاڻي ۽ مھر راڻي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: حسين بخش ڪولاچيءَ جو. | |
| سوال: لطيف مخزن 1977-78ع واري شماري ۾ مضمون سو ڏيھھ پسندئينءَ مارئي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: پير علي محمد راشديءَ جو. | |
| سوال: مقالو ڀٽائيءَ جي سنڌ، دانشور ۽ شڪارين جو انتظار ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ارباب نيڪ محمد جو. | |
| سوال: مقالو شاھھ جي ٻولي ڀاشا وگيان ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ليلور چنداڻي جو. | |
| سوال: اي جي اتم جي ترتيب ڏنل ڪتاب شاھھ سچل ساميءَ ۾ ڪيترا مقالا ڏنل آھن. | |
| جواب: ڏھھ مقالا. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو ۾ ڪيترا مضمون ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: يارھن مضمون. | |
| سوال: مضمون ڀٽائي اڄ بھ سنڌين لاءِ ٻڌي ۽ ايڪتا جو تسلسل آھي ڪنھنجو لکيل آھي؟ | |
| جواب: حميد سنڌيءَ جو. | |
| سوال: رسالو سرتيون نومبر 2004ع ۾ شايع ٿيل مضمون شاھھ جي ڪلام ۾ عورت جو ڪردار ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: سعيده شفيق ميمڻ جو. | |
| سوال: شاھھ جا مضمون فيچر جي صورت ۾ ڪھڙي ريڊيو اسٽيشن تان نشر ڪيا ويا؟ | |
| جواب: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان. | |
| سوال: ڪتاب مون مطالع سپرين ۾ مقالو شاھھ ۽ قسمت ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر اياز حسين قادري جو. | |
| سوال: مقالو شاھھ جو رقيب ڪنھن ترتيب ڏنو؟ | |
| جواب: اياز حسين قادري. | |
| سوال: مضمون شاھھ عبداللطيف جا آئيڊيل جوڳيئڙا ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: نذير ناز جو. | |
| سوال: 5 جولاءِ واري عبرت اخبار ۾ مضمون لطيف سنڌ سنڌي زبان ۽ پورھيت 1994ع ۾ ڪنھن جو شايع ٿيو؟ | |
| جواب: شيخ ثناءُ الله جو. | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق مقالو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: فوزيھ ابڙو جو. | |
| سوال: مضمون ڀٽائي گھوٽ جو ڪلام ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: جوھر بروھيءَ جو. | |
| سوال: مضمون لطيف سائين جي قومي تحريڪ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: طفيل مگسيءَ جو. | |
| سوال: ھفتيوار سنڌوءَ ۾ شايع ٿيل مضمون شاھھ لطيف عوامي شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڪريم عباسيءَ جو. | |
| سوال: ھفتيوار سنڌو ۾ شايع ٿيل مضمون، سر ماروي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ابن الياس سومري جو. | |
| سوال: ڀٽائي ڏانھن فرياد مضمون ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: مدھوش مير محمد پيرزادي جو. | |
| سوال: سنڌ ڇو نھ لطيف تي ناز ڪري مضمون ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: حفيظ الله ڪورائيءَ. | |
| سوال: ارباب علي ڇڄڙي جو شاھھ لطيف متعلق ڪھڙو مضمون ھفتيوار سنڌوءَ ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مضمون شاھھ عبداللطيف ڀٽائي بحيثيت قومي شاعر | |
| سوال: لطيف ايوارڊ ھڪ جائزو مضمون 22 ڊسمبر 1981ع ۾ ڪھڙي اخبار ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ھفتيوار برسات ۾. | |
| سوال: مقالو شاھھ جي ٻوليءَ تي ھندي ۽ پنجابي ٻولين جو اثر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر ھدايت پريم جو. | |
| سوال: مقالو شاھھ جي ڪلام ۾ سنڌي لباس ڏانھن اشارا ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: احمد ڪيريو جو. | |
| سوال: لطيف جي ڪلام ۾ سجاڳي جو سڏ مقالو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڪمال ڄامڙي جو. | |
| سوال: ڪتاب تحقيقات لطيف ۾ ڪيترا چونڊ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟ | |
| جواب: ايڪيھھ. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ ۽ سنڌ جلد ٻيو جو مضمون حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور عشق رسول ' ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر گوھر نوشاھيءَ جو. | |
| سوال: اردوءَ ۾ مقالو شاھھ لطيف آستانھ حسين پر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڪريم بخش خالد جو. | |
| (وڌيڪ پڙهو) | |
| سوال: مضمون شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور منظر ڪشي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: پروفيسر غلام مصطفيٰ اعواڻ جو. | |
| سوال: اردوءَ ۾ مضمون شاھھ لطيف ڪا طرز احساس ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر تبسم ڪاشميري. | |
| سوال: مضمون شاھھ لطيف ڀٽائي کا پيغام ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: الطاف احمد. | |
| سوال: نذر لطيف ۾ مولانا غلام رسول مھر جو ڪھڙو اردوءَ ۾ مضمون شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مضمون احوال شاھھ عبداللطيف. | |
| سوال: مضمون شاھ ۽ سر ڪيڏارو ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ايس. تبسم. | |
| سوال: 1988ع ۾ چوٿين شاھھ لطيف ڪانفرنس ۾ اردو مقالو شاھھ لطيف آفاقي مفڪر ڪنھن پڙھيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. | |
| سوال: مقالو شاھھ لطيف سائسندان جي نظر ۾ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: ايم. آءِ رياض عمراڻي. | |
| سوال: سنڌيڪا پڌرنامو فيبروري 1994ع ۾ ھدايت پريم جو شاھھ سائين تي لکيل ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟ | |
| جواب: سنڌي ٻوليءَ جا لھجا ۽ شاھھ. | |
| سوال: سچل جي ڪلام ۾ شاھھ وارا مضمون مضمون ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ عبداللطيف اينڊ سچل ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: آفتاب ابڙي جو. | |
| سوال: ماھوار سھڻي حيدرآباد، پرچو ڇھون - ستون 1991ع ۾ مضمون شاھھ سچل سامي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: مرليڌر جيٽلي جو. | |
| سوال: روزانو جاڳو ڪراچي 24 اپريل 1991ع ۾ مشتاق مغل جو سچل سائين ۽ شاھھ سائين تي لکيل ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟ | |
| جواب: مضمون سچل سائينءَ جي شاعريءَ تي لطيف سائين جي شاعريءَ جو اثر. | |
| سوال: ايڪيھھ سيپٽمبر 1995ع ۾ مضمون شاھھ عبداللطيف اينڊ سچل ڪھڙي انگريزي روزنامي ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: انگريزي روزنامھ مارننگ نيوز ڪراچي ۾. | |
| سوال: ملڪ نديم جو چوويھھ اپريل 1991ع تي، روزانو جاڳو ۾ سچل ۽ شاھھ سائين جي شاعريءَ تي ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟ | |
| جواب: سچل سائين جي شاعريءَ تي لطيف سائين جي شاعريءَ جو اثر. | |
| سوال: مقالو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪي انسان دوستي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: پروفيسر يوسف شيدا جو. | |
| سوال: ماھوار نئين زندگي مئي 1993ع ۾ مضمون شاھھ لطيف مصوري جي روپ ۾ ڪنھن جو شايع ٿيو؟ | |
| جواب: پروفيسر مظھر علي قريشيءَ جو. | |
| سوال: ماھوار نئين زندگي ڊسمبر 1993ع ۾ مضمون شاھھ جي سسئي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر فھميده حسين جو. | |
| سوال: انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ابيات عبداللطيف جي ليکڪ جونالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: گدومل ھرجاڻي. | |
| سوال: تقرير تعمير ۽ ترقي شاھھ لطيف جي وطن ۾ 1960ع تي ھي عنوان ڪنھن جي تقرير جو ھو؟ | |
| جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تقرير جو. | |
| سوال: ڪتاب آواز لطيف (سنڌي اردو) شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 243 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي. | |
| سوال: محڪمھ اطلاعات واري ڪتاب عرفان لطيف ۾ ڪھڙي وزير جو پيغام شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: غلام نبي ميمڻ، وزير اطلاعات قانون ۽ پارلياماني امور جو. | |
| سوال: محمد خان غني جي ھديھ عقيدت شاعران سنڌ جو تون آھين رھبر يا لطيف ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟ | |
| جواب: نوي سٽن تي. | |
| سوال: مضمون شاھھ جو عشق ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي. | |
| سوال: اردو ۾ مقالو شاھھ لطيف کان تصوف ڪنھنجو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر محمد اجمل جو. | |
| سوال: چار آگسٽ 1993ع ۾ تاجدار عادل جو لکيل مضمون شاھھ لطيف شاعر ڪامل ڪھڙيءَ اخبار ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: روزانھ جنگ ۾. | |
| سوال: مئي 1993ع ۾ علي مير شاھھ جو لکيل مضمون لطيفي لات ڪھڙي رسالي ۾ شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ماھوار آبادگار ۾. | |
| سوال: ماھوار رسالي پيغام جولاءِ آگسٽ 1991ع ۾ مضمون شاھھ جو رسالو سنڌيءَ ٻوليءَ جو شاھڪار ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: نصرت حسين ابڙي جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ لطيف ھڪ سيلاني جي حيثيت ۾ ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: علي احمد بروھيءَ. | |
| سوال: مضمون شاھھ لطيف جو زندگيءَ بابت نظريو ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: عبدالحميد آخوند جو. | |
| سوال: لطيف ڊائجسٽ ۾ شايع ٿيل مضمون شاھھ لطيف ۽ سندس شاعري ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: منظور پٺاڻ جو. | |
| سوال: تقرير لطف اللطيف تي محققانھ نظر يارھين ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ڏھھ نومبر 1950ع تي ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: جناب محبوب علي چنا. | |
| سوال: مقالو ڀٽائي گھوٽ ۽ حافظ شيرازي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: الله بخش سرشار عقيليءَ جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ جي شاعريءَ ۾ سماج سڌار سوچ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: نور محمد واڍي جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ ڀٽائي ايڪ تجزياتي مطالعا ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: قاضي جاويد جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ لطيف ڪي شاعري ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: وقار عظيم جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ لطيف سچو سيلاني ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: قاضي عبدالحئي قائل جو. | |
| سوال: مضمون فھم لطيف اور ھم ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: صوفي قمرالدين. | |
| سوال: مقالو سنگيت ساز، سرود ۽ سنڌي ثقافت ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر غلام علي الانا جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شعر جا تاريخي واقعا ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: خادم حسين مستوئيءَ جو. | |
| سوال: اينميري شمل جرمنيءَ ۾ شاھھ سائين جي فن ۽ فڪر تي ڪيترا ليڪچر ڏنا؟ | |
| جواب: يارنھن. | |
| سوال: مقالو شاھھ عبداللطيف جو مذھب ۽ فلاسافي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر ايس ايم جھانگياڻيءَ جو. | |
| سوال: مضمون ڪلام لطيف اور عصر حاضر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر قمر واحد جو. | |
| سوال: اردو مضمون شاھھ لطيف تاريخ سنڌ ڪا زنده شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: قاسم ٻگھيو جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ جو عرفان تمثيل جي روشنيءَ ۾ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: گل حسن لغاري. | |
| سوال: مئي 1967ع تي نئين زندگي ۾ شايع ٿيل مضمون شاھھ جو شيدائي نارو ڀڳتڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: شيخ عزيز جو. | |
| سوال: مقالو ساھتي پرڳڻي ۾ شاھھ لطيف جا ھمعصر شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: حامد علي قريشي جو. | |
| سوال: مھراڻ اخبار ۾ 5 جنوري 1962ع تي شايع ٿيل مقالو شاھھ جي دور ۾ شاعرانھ محفلون ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: محمد سومار شيخ جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ جي حياتيءَ تي نئين روشني ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي. | |
| سوال: شاھھ جون ملاقاتون ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: محمد سومار شيخ جو. | |
| سوال: مضمون شاھھ جي حياتي تي نئين روشني پھريون ڀيرو ماھوار سنڌوءَ ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟ | |
| جواب: 1933ع ۾. | |
| سوال: مقالو شاھھ جي سر ڪلياڻ ۾ جسماني عضون جو ذڪر ڪنھن ترتيب ڏنو. | |
| جواب: ارشاد حسين سومري جو. | |
| سوال: لطيف ڪانگريس ۾ آڪٽوبر 1978ع ۾ مضمون رحمان بابا ۽ لطيف محبت جا شاعر ڪنھن پڙھيو؟ | |
| جواب: تاج جويو. | |
| سوال: ڪينجھر تحقيقي جرنل، شماري ڏھين ۾، شايع ٿيل مضمون، لاکيڻي لطيف جي سر ڪاموڏ جو جو اڀياس ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جو. | |
| سوال: مقالو سر ليلا چنيسر ۾ ريتن رسمن بابت اشارا ۽ نصيحتون ڪنھن لکيو؟ | |
| جواب: احمد خان آصف مصراڻيءَ. | |
| سوال: مقالو او ڪو ٻيو فھم ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: شيخ عبدالحليم جو. | |
| سوال: ڪتاب ڪوڙين ڪن سلام ۾ شايع ٿيل مضمون حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: پروفيسر محمد معين الدين جو. | |
| سوال: ڪھڙيءَ اخبار ۾ نورالدين چنا جو تحرير ڪيل مضمون شاھھ لطيف عظيم رھبر ۽ لافاني شاعر آچر تيرنھن فيبروري 1994ع تي شايع ٿيو؟ | |
| جواب: عبرت اخبار ۾. | |
| سوال: مضمون شاھھ جا پورھيت ۽ شاھھ جا پکي ڪنھن جا لکيل آھن؟ | |
| جواب: سيد ماڪن شاھھ رضويءَ جا. | |
| سوال: مقالو سارنگ سائي سٽ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: شاھنواز سوڍر جو. | |
| سوال: جنوري 1934ع ۾ ماھوار سنڌوءَ ۾ مضمون شاھھ عبداللطيف جو ھمعصر خواجھ محمد زمان ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻيءَ جو. | |
| سوال: مضمون سر مارئي ۾ ٿر جي جھلڪ ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: بشير احمد ميمڻ جو. | |
| شاھھ جا ھمعصر ۽ بزرگ | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر فرمايو تھ، مومن جي نشاني آھي تھ، الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنھن جن ۽ بشر کان نھ ڊڄي؟ | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر ڪتاب مقولات تصوف لکيو؟ | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر فرمايو تھ، مومن جي نشاني آھي تھ، الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنھن جن ۽ بشر کان نھ ڊڄي؟ | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري. | |
| سوال: خواجھ محمد زمان زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ڪھڙو بيت ورجائيندو ھو. | |
| جواب: بيت: اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو، | |
| لـھـي تـو مـٿـاءُ، سـنـدو مـٽـيءَ مـامـرو. | |
| سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟ | |
| بيت: صنم سوئي ڀانءِ، جو دل رھائي دوست کان، | |
| ٿـئـا سـڀـئـي ٿـانءِ، جـي ھـمـيـشـھ حـضـور ۾. | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواري واري جو. | |
| سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟ | |
| بيت: صوفين صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو، | |
| تـڏھـن تـن ٿـيـو، جيئري پسڻ پرينءَ جو. | |
| جواب: خواجھ محمد زمان. | |
| سوال: شاھھ لطيف، مخدوم محمد زمان لنواري واري جي شان ۾ ڪھڙو سر چيو آھي؟ | |
| جواب: سر کاھوڙي. | |
| سوال: ھي قول شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟ | |
| قول: مرشد آھي کوھھ وانگر، مريد آھي ٻوڪي وانگر، جيڪڏھن پھرئين ۾ پاڻي نھ ھوندو تھ ٻئي ۾ ڪيئن پوندو؟ | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري جو. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ھمصعر خواجھ محمد زمان جا ڪيترا چونڊ قول ملن ٿا؟ | |
| جواب: چار سئو چاليھھ. | |
| سوال: شاھھ سائين خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري سان ملاقات دوران ڪيترا بيت چيا؟ | |
| جواب: پنج بيت. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي ھمعصر خواجھ محمد زمان جي سنڌي بيتن جو تعداد ڪيترو آھي؟ | |
| جواب: ٻيانوي بيت. | |
| سوال: ڀٽ ڌڻي جو ڪھڙو ھمعصر فرمائيندو ھو تھ اسان وٽ فقط اھي شخص اچن ٿا، جن جي سڀاڳ جو انگ اڳيئي لکيل آھي؟ | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواري جن. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو ھمعصر سلطان اولاليا جي لقب سان مشھور آھي؟ | |
| جواب: خواجھ محمد زمان لنواري وارو. | |
| سوال: خواجھ محمد زمان جي ھڪ مريد لطيف سرڪار جي منزل بنسبت پڇا ڪرڻ تي سندس مرشد ڪھڙو جواب ڏنو؟ | |
| جواب: خواجھ صاحب فرمايو: ھن جي منزل اوھان وانگر آھي، يعني ھو بھ اوھان وانگر صاحبدل آھي. | |
| سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي ھمعصر خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري ڪھڙي ڏينھن ۽ ڪھڙي ھجري سال ۽ تاريخ تي ھي فاني دنيا ڇڏي؟ | |
| جواب: ذوالقعد ١١٨٨ھھ ڇنڇر جي ڏينھن ڌڻي تعاليٰ سان وڃي مليا. | |
| سوال: ڪتاب ھٻڪار ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو ذڪر ٿيل آھي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو. | |
| سوال: ڪتاب سنڌي نظم ۾ شاھھ صاحب جي ڪھڙن ھمعصرن جو ذڪر ٿيل آھي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، خواجھ محمد زمان، شيخ عبدالرحيم گروھڙيءَ جو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ڪھڙي ھمعصر کي ميان غلام شاھھ قاضي القضات جو لقب ڏنو؟ | |
| جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ کي. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي ڪھڙي ھمعصر عربيءَ ۾ اٽڪل ڏيڍ سئو ڪتاب لکيا؟ | |
| جواب: مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي. | |
| سوال: وصيت نامھ ڪتاب شاھھ صاحب جي ڪھڙي ھمعصر جو تصنيف آھي؟ | |
| جواب: محمد ھاشم ٺٽويءَ جو. | |
| سوال: شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ قرآن جي آيتن ڏيڻ بابت سنڌي جي ڪھڙي بزرگ سان صلاح ڪندا ھئا؟ | |
| جواب: شاھھ صاحب جن مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ واري سان اھڙي صلاح ڪندا ھئا. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ھمصر مخدوم ميان محمد ڪبير ڪوٽڙيءَ واري جي وفات جو سال ٻڌايو؟ | |
| جواب: ١١٣١ھھ. | |
| سوال: شاھھ صاحب ماکوڙو يا ماکاڻي جي ڪھڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟ | |
| جواب: سيد الھھ وسايو سان. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڪنھن کي دعا ڪندي چيو تھھي اسان جون سڪون لاھيندو؟ | |
| جواب: مخدوم امان الله کي. | |
| سوال: کڏي شريف جي جنھن بزرگ سان، لطيف سائين روح رھاڻ ڪندو ھو، ان جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: پير ھوندل شاھھ. | |
| سوال: شاھھ جي دور جو بزرگ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو ۽ سندس ذات ڪھڙي ھئي؟ | |
| جواب: اصل ڪڇ جو، ذات جو مينڌرو، ڪجھھ ڪتابن ۾ ذات ڏاھي لکيل آھي. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڪھڙي بزرگ جو آزمودو وٺڻ لاءِ کيس چيو تھ، اڄ اسين پلو کائينداسين؟ | |
| جواب: عنايت ڪوريءَ جو. | |
| سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي دور جي ڪھڙي شاعر جو آھي؟ | |
| بيت: نڪا سڪ سمھڻ ۾، نڪو جاڳڻ ۾ جس، | |
| نـڪـي خــيــر کــلـڻ ۾، نــڪــي روئـڻ ۾ رس. | |
| جواب: روحل فقير جو. | |
| سوال: ڪتاب سنڌيءَ جو سينگار ۾ شاھھ صاحب جي ڪيترن ھمصعرن جي سوانح ڏنل آھي؟ | |
| جواب: نون ھمعصرن جي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي وفات وقت سامي ڪيترن سالن جو ھو؟ | |
| جواب: نون سالن جو. | |
| سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي دور ۾ ڪھڙي شاعر چيو آھي؟ | |
| بيت: ھـنـئـيـن حـبـيـبـن، ڀري ناوڪ نينھن جي، | |
| تڏھن طبيبن، ڦڪيون سڀ ڦٽي ڪيون. | |
| جواب: ساميءَ جو. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور جي بزرگ شاھھ ولي الله ڪيترا ڪتاب لکيا؟ | |
| جواب: ستيتاليھھ ڪتاب. | |
| سوال: ڪھڙي علائقي جي شاعر شاھھ صاحب جي بيتن جا فقرا پنھنجي بيتن ۾ سمايا ۽ سموھيا؟ | |
| جواب: لس ٻيلي جي شاعر. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ھمعصر مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ ڪيترا مولود چيا؟ | |
| جواب: ستر مولود. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو ھمعصر ڀلن گھوڙن جو شوقين ھو؟ | |
| جواب: شاھھ عنايت. | |
| سوال: پھريون ڀيرو حسن ۽ عشق جو ذڪر شاھھ سائين جي ڪھڙير ھمعصر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو؟ | |
| جواب: شاھھ عنايت جي ڪلام ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر ڪتاب وطن نامھ لکيو؟ | |
| جواب: عثمان احسانيءَ. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ھمعصر عثمان احساني اصل ڪٿان جو رھاڪو ھو؟ | |
| جواب: اصل ڀاڳناڙيءَ جو. | |
| سوال: ڪھڙو فقير پنھنجو ڪلام شاھھ لطيف کان اصلاح ڪرائيندو ھو؟ | |
| جواب: عنايت فقير ڏيرو. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ھمعصر دوست محڪم الدين سيلانيءَ جو مقبرو ڪٿي آھي؟ | |
| جواب: سماسٽا اسٽيشن، صوبي پنجاب ۾. | |
| سوال: ڪتاب ادبي اھڃاڻ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن ھمعصرن جو ذڪر ٿيل آھي؟ | |
| جواب: ميون شاھھ، عنايت رضوي ۽ خواجھ محمد زمان لنواري وارو. | |
| سوال: شاھھ سائين جي دور جو بزرگ مخدوم عبدالرحمان عرف ميان درسلطان جو انتقال ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: ١١٠٨ھھ ۾. | |
| سوال: لطيف سائين جي دور جي بزرگ ھستي سيد نور محمد شاھھ ڪنڍائيءَ جي ولادت ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ١١٣٧ھھ ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب جو ھمعصر حاجي فقير الله علوي، ڪٿي ڄائو ھو؟ | |
| جواب: جلال آباد شھر ۾. | |
| سوال: حاجي فقير الله علوي جي شڪارپور ۾ تشريف آوريءَ وقت، شاھھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: اٺيتاليھھ سال. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ھمعصر حاجي فقير الله علوي جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ١١٩٥ھھ ۾. | |
| سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي ھمعصر جو آھي؟ | |
| بيت: ڪربـلا ۾ ڪـوچ ٿـيـو لائو لھن شير، | |
| پر ڄڻ ڏيئي پير، گھوٽ کڻي گھر آئيا. | |
| جواب: عبدالرحيم گروھڙيءَ جو. | |
| سوال: شاھھ صاحب ڪھڙيون ٽي سوکڙيون ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ کي ڏنيون ھيون؟ | |
| جواب: ھڪ جمني، ھڪ تلوار ۽ ھڪ لٺ (عصا). | |
| سوال: شاھھ سائين ھڪ الفي، ڪشتو ۽ قرآن شريف ڪنھن ڏانھن ڏياري موڪليو ھو؟ | |
| جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ ڏانھن. | |
| سوال: مشائخ ھوٿيءَ جي قائم ڪيل قديم مدرسي ۾ شاھھ سائين جي ملاقات ڪھڙي بزرگ سان ٿي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد صابر ولھاريءَ سان. | |
| سوال: لطيف سائين وارياسو ديھھ ۾ ڪھڙي سيد بزرگ جي اولاد سان رھاڻ ڪئي؟ | |
| جواب: سيد دوسن شاھھ جي اولاد سان. | |
| سوال: ٻارن کي پاڙھين ويٺو يا کارين ويٺو؟ لطيف سائين ھي لفظ ڪنھن کي چيا ھئا؟ | |
| جواب: ميين محمد صابر ولھاريءَ کي. | |
| سوال: ڪھڙي بزرگ جي مرقد تي شاھھ عنايت ۽ لطيف سائين گڏ ويا ھئا؟ | |
| جواب: ڳاڙھي صدر ولد ڪيوڙي اوٺي جي مرقد تي. | |
| سوال: شاھھ عنايت رضوي ۽ شاھھ لطيف ٿيٻن جي ڳوٺ جي ڀرسان ڪھڙي بزرگ سان ڪچھري ڪئي؟ | |
| جواب: سيد سمن شاھھ سان. | |
| سوال: مخدوم صابر جي خاندان مان، ڪھڙن بزرگن سان شاھھ لطيف ملاقات ڪئي؟ | |
| جواب: ميون معروف ۽ مييون مقبول سان. | |
| سوال: شاھھ صاحب سيد مير محمد عطا سان ڪھڙي ھنڌ ڪچھري ڪندو ھو؟ | |
| جواب: اوطاق جي مٿئين طبقي ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب کاھي راھوءَ ۾ ڪھڙي بزرگ سان ملڻ ايندو ھو؟ | |
| جواب: قاضي محمد ڪامل اول. | |
| سوال: شاھھ لطيف کي ڪنھن ڏسي فرمايو تھ لطيف جو ڏيئو روشن ٿيندو؟ | |
| جواب: سخي سيد ھاشم شاھھ. | |
| سوال: سيد ھاشم شاھھ جي وفات وقت لطيف سائين جي عمر ڪيتري ھئي؟ | |
| جواب: ارڙھن سال. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي دور ۾ لقب شھباز ڪوھستان ڪنھن کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: مير عبدالله خان کي. | |
| سوال: لاکيڻي لطيف جي ھمعصر سيد مير محمد عطا جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ١١٧٨ ھجري ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي سچي عاشق ۽ شارح قاضي فقي محمد قانع جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ١٢ ذيقعد ١٣٥٥ھھ مطابق 25 جنوري سومر ڏينھن سن 1937ع ۾. | |
| سوال: ڪتاب ڪلاسيڪي شاعري ۾ لطيف سرڪار جي ڪھڙن ھمعصرن جو ذڪر ڏنل آھي؟ | |
| جواب: شاھھ عنايت رضوي ۽ خواجھ محمد زمان جو. | |
| سوال: جنوري جون 1982ع اخبار تعليم ۾ مقالو خواجھ محمد زمان ۽ شاھھ لطيف ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: محمد ابراھيم قاضيءَ. | |
| سوال: مقالو ساھتي پرڳڻي ۾ شاھھ لطيف جا ھمعصر شاعر ڪنھن جو لکيل آھي؟ | |
| جواب: حامد علي قريشي جو. | |
| شاھھ جي شارحن، محققن ۽ مرتبن بابت ڄاڻ | |
| سوال: شاھھ سائين جي شارح ارنسٽ ٽرمپ جو جنم ڪھڙي انگريزي تاريخ تي ٿيو؟ | |
| جواب: تيرھن مارچ تي. | |
| سوال: ڪھڙي شخص جي سئو سالھ ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز پاران شاھھ لطيف جو رسالو شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: اسڪالر ارنسٽ ٽرمپ. | |
| سوال: ڊاڪٽر درشھوار سيد پنھنجي دور ۾ ڀٽائي چيئر مان شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر، موسيقي ۽ مقالن تي ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟ | |
| جواب: ست ڪتاب. | |
| سوال: ڪتاب The book of Shah Abdul Latif ڪنھن لکيو ۽ ليکڪ ڪھڙي ملڪ جو ھو؟ | |
| جواب: شاھھ جو پارکو پروفيسر جرڊ ليڪي جرمنيءَ جو ھو. | |
| سوال: شاھھ جو پارکو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ڄائو؟ | |
| جواب: حيدرآباد ۾. | |
| سوال: شاھھ صاحب جو محقق ڪاڪو ڀيرومل چند آڏواڻي ڪڏھن گذاري ويو؟ | |
| جواب: ست جولائي 1950ع ۾. | |
| سوال: شاھھ جي شيدائي شاھھ جي فلسفي کي عام ڪندڙ آغا تاج محمد کي خان صاحب جو لقب ڪڏھن عطا ٿيو؟ | |
| جواب: 1945ع ۾. | |
| سوال: آغا تاج محمد جو جنم ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو؟ | |
| جواب: سورھن سيپٽمبر 1904ع تي ڳوٺ باگڙجيءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي شاعري جي وڏو پارکو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ شعرن لکڻ جي ابتدا ڪڏھن ڪئي؟ | |
| جواب: 1953ع ۾. | |
| سوال: لطيف جي محقق ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪڏھن وفات ڪئي؟ | |
| جواب: پنجويھھ نومبر 1999ع ۾. | |
| سوال: ڪھڙي اديب جي خواھش ھئي تھ لطيف، سچل ۽ ٻين جديد سنڌي شاعرن جو ڪلام يورپ تائين پھچائجي. | |
| جواب: تيرٿداس ھوتچند. | |
| سوال: ڪھڙو اديب مھرڻ رسالي ۾ مستقل طور ادب لطيف جي عنوان ھيٺ بھترين مضمون لکندو ھو؟ | |
| جواب: جھامنداس ڀاٽيا. | |
| سوال: شاھھ جون آکاڻيون لکندڙ ڄيٺل پرسرام گلراجاڻيءَ جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ڇھھ جولائي 1948ع تي. | |
| سوال: سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي زبان ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر. | |
| سوال: محقق شاھنواز سوڍر، شاھھ لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪنھن جي رھبريءَ ۾ ڪئي؟ | |
| جواب: علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي جي رھبريءَ ۾. | |
| سوال: شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر درشھوار ڪڏھن وفات ڪئي؟ | |
| جواب: ڇويھھ ڊسمبر 1997ع تي. | |
| سوال: شاھھ جي محقق مير عبدالحسين سانگي ڪھڙيءَ تاريخ تي وفات ڪئي؟ | |
| جواب: ٻارھن جون 1924ع تي. | |
| سوال: شاھھ سائين جو ڪھڙو محقق غريب تخلص سان مشھور ھو؟ | |
| جواب: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي. | |
| سوال: نجف علي شاھھ ڪمتر نقوي ڪيترا سال شاھھ عبدالليف جي رسالي ۽ سندس ڪلام جي معنيٰ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏوريندو رھيو؟ | |
| جواب: پنجٽيھھ سال. | |
| سوال: شاھھ جي ڪھڙي شيدائيءَ جي اھا خواھش ھئي تھ مرڻ کان اول شاھھ جي رسالي جو ھڪ ڇاپي نسخو اکين سان ڏسان؟ | |
| جواب: غلام محمد شاھواڻيءَ جي. | |
| سوال: شاھھ جي شيدائي ۽ نامياري وڪيل اي. ڪي بروھيءَ جو جنم ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: چوويھھ ڊسمبر 1915ع تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب جو محقق بدر ابڙو ڪڏھن ڄائو ھو؟ | |
| جواب: اوڻيھھ ڊسمبر 1953ع تي لاڙڪاڻي ۾. | |
| شاھھ جي فقيرن، مريدن، عقيدتمندن | |
| ۽ فنڪارن بابت ڄاڻ | |
| سوال: ڪھڙو فقير شاھھ سائينءَ جي موجودگيءَ ۾ سندس ڪلام کان سواءِ ٻين صوفي بزرگن جو ڪلام ڳائيندو ھو؟ | |
| جواب: تمر فقير. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس دمبورو ڪھڙي فقير استعمال ڪيو؟ | |
| جواب: تمر فقير. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي خاص خليفي تمر فقير کي ڪھڙو اولاد ھو؟ | |
| جواب: تمر فقير شادي ئي ڪانھ ڪئي ھئي. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي لکپڙھھ ڪھڙا فقير ڪندا ھئا؟ | |
| جواب: مير ھاشم علوي ۽ محمد رحيم فقير. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ان عورت عقيدتمند جو نالو ٻڌايو جنھن کي شاھھ جو گھڻو ڪلام ياد ھوندو ھو؟ | |
| جواب: مائي نعمت. | |
| سوال: شاھھ صاحٻ جي ان مريد جو نالو ٻڌايو جيڪو فارسيءَ زبان جو ڄاڻو ھو؟ | |
| جواب: ميون محمد صلاح. | |
| سوال: شاھھ جي ان مريد جو نالو ٻڌايو جيڪو شاھھ جي ڪچھريءَ ۾ مولانا روم جي مثنوي پڙھي ان جي معنيٰ بيان ڪندو ھو؟ | |
| جواب: ميون محمد صلاح. | |
| سوال: ان شاھھ جي فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو درگاھھ تي ايندڙ پانڌيئڙن کي نماز سيکاريوندو ھو؟ | |
| جواب: عارف فقير ٿيٻو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ان فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو سندس جت ھو؟ | |
| جواب: فقير عنايت وساڻ. | |
| سوال: شاھھ صاحب ويڙھي جھپ واري ڏھر مٿان اتر اولھھ طرف ھڪ ڄار جي ويڙ ۾ چلو ڪڍيو ھو، ان جاءِ تي پوءِ سندس ڪھڙن فقيرن چلھ ڪشي ڪئي؟ | |
| جواب: يارو فقير ۽ پارو فقير. | |
| سوال: ست سال ھر جمعي جي رات پيرين پيادو شاھھ صاحب جي درگاھھ تي اچي ڪھڙو شخص حاضري ڀريندو ۽ راڳ ٻڌندو ھو؟ | |
| جواب: دريا خان گھانگھرو. | |
| سوال: ھي بيت شاھھ سائين جي ڪھڙي فقير جو آھي؟ | |
| بيت: جي تون آسائو آھين، تان ڀٽ تي ڪر ڀيرو، | |
| سـونـھـاري سـيـد جو، ديـک وڃي ديرو، | |
| تــرت ۾ تــيــرو، مــطــلــب مــڙوئــي ٿـئي. | |
| جواب: طيب فقير جو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي شان ۾ ھي بيت ڪنھن چيو آھي؟ | |
| بيت: مـيـان صـاحـب پـيـر مـنـھـنـجا ڀلا ڀٽ ڌڻي، | |
| تنھنجي آھي تڻي، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانھ ڪا. | |
| جواب: محمود فقير جو. | |
| سوال: ڀٽائيءَ جي ساراھھ ۾ ھي بيت ڪھڙي فقير جو آھي؟ | |
| بيت: ٻنبڻيون پير ڪري، ستبه ڏانھن سعيد، | |
| جمعون شاھھ جمال جو عبداللطيف عيد، | |
| مٿـان مون مرشـيد، قـرض لاھھ قبي ڌڻي. | |
| جواب: بلال فقير جو. | |
| سوال: ضلعي بدين جي فقير ساجن چانگ، شاھھ لطيف ۽ ٻين ننڍن وڏن شاعرن جا ڪيترا بيت ۽ شعر ياد ڪيا آھن؟ | |
| جواب: چار ھزار کان وڌيڪ. | |
| سوال: دڙي شھر جي ڪھڙي سردار شاھھ لطيف جي تمام گھڻي خدمت ڪئي تنھن تي راضي ٿي لطيف سائينءَ کيس دعا ڪئي؟ | |
| جواب: سردار دريا خان دل. | |
| سوال: مراد فقير جو وصال ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: سورھن صفر ١٣٠٤ ھھ تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي درگاھھ جو فقير الھورايو ڪڏھن گذاري ويو؟ | |
| جواب: خميس ڏھھ شوال ١٣٧٤ھھ ۾. | |
| سوال: لطيفي درگاھھ جي مريد ميان ڀائي خان وساڻ جو وصال ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: جمع ٻاويھھ ذوالحج ١٣٣٩ ھھ ۾. | |
| سوال: لطيفي درگاھھ جي فقير ميان ڇٽو ولد آيل فقير جو وصال ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: چار ربيع الاول ١٣٦٧ھھ تي. | |
| سوال: لطيفي درگاھھ جي مجاور آچر فقير وساڻ جو وصال ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: پنجويھھ جمادي الاول ١٣٨٠ھھ يارھين وڳي اڱارو (عمر سئو سال) ۾. | |
| سوال: لطيف سائين جي مزار تي چلا ڪڍندڙ فقير محمد جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ١٢ جمادي الاول ١٣٧٦ھھ (1956ع) تي. | |
| سوال: ڪھڙي فقير جي مزار تي ٻھ ڊسمبر 1967ع ۾ شاھھ جي ورسي ملھائي وئي؟ | |
| جواب: ٻيڙي فقير جي مزار تي. | |
| سوال: شاھھ جي پارکو ٻيڙي فقير جو لاڏاڻو ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: ٻھ جنوري 1977ع تي. | |
| سوال: راول فقير جي وفات کانپوءِ، لطيفي راڳ جي چارج ڪنھن سنڀالي؟ | |
| جواب: لال فقير ۽ احمد فقير. | |
| سوال: ويڙھي جھپ واري ايراضيءَ ۾ لطيفي راڳ جو بنياد ڪنھن وڌو؟ | |
| جواب: راول فقير. | |
| سوال: اسماعيل فقير کان پوءِ لطيفي راڳ جي چارج ڪھڙي فقير کي ملي؟ | |
| جواب: درس باجيت فقير کي. | |
| سوال: شاھھ سائين جو فقير عارف فقير ٿيٻو ڪٿي دفن ٿيل آھي؟ | |
| جواب: ڪامارو جي ڀرسان (ڳوٺ ميوو فقير ٿيٻو ۾) | |
| سوال: لطيفي راڳ جي اڳواڻ سيد جمن شاھھ ۽ سندس ساٿين ڪھڙي سال شاھھ جو راڳ پيرس ۾ ڳايو ۽ داد حاصل ڪيو؟ | |
| جواب: 2000ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي درگاھھ جا فقير، قربان لنجواڻي، خان محمد چانڊيو ۽ فقير قادر بخش فرانس جي دوري تي ڪھڙي سال ويا ھئا؟ | |
| جواب: 1988ع ۾. | |
| سوال: واھھ، واھھ جو شاھھ ڀٽائي آ، ھي ڪلام شاھھ سائين جي شان ۾ ڪنھن ڳايو آھي؟ | |
| جواب: علڻ فقير. | |
| سوال: چاڪر چانڊيو جي آواز ۾ شاھھ لطيف جي ڪھڙي ڪافي پھريائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ٿي؟ | |
| جواب: ٻول: ڪھڙو ڏوھھ ڏيان پنھنجي ڏيرن کي. | |
| سوال: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪھڙي پروگرام ۾ چاڪر چانڊيو شاھھ لطيف جي پھريون ڀيرو ڪافي ڳائي؟ | |
| جواب: نواءِ شوق پروگرام ۾. | |
| سوال: چاڪر چانڊيو کي لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: ايڪيھھ مئي 2000ع تي. | |
| سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ چاڪر چانڊيو ڪڏھن فوت ٿيو؟ | |
| جواب: ٻھ نومبر اربع جي رات 2005ع مطابق اٺاويھھ رمضان ١٤٢٦ھھ تي. | |
| سوال: حسين بخش خادم کي شاھھ جي ڪلام کي بھتر انداز سان ڳائڻ سبب لطيف ايوارڊ ڪھڙي سال مليو؟ | |
| جواب: 1988ع ۾. | |
| سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ فنڪار حسين بخش خادم راڳ جي سکيا ڪھڙي استاد کان ورتي؟ | |
| جواب: مصري فقير کان. | |
| سوال: 1988ع ۾ آراضيءَ جي ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: حسين بخش خادم سروريءَ کي. | |
| سوال: ماسٽر اياز علي، لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام ٽي وي تي پھريون ڀيرو ڳايو؟ | |
| جواب: ٻول: دوست پيھي در آيو. | |
| سوال: ڪھڙي سال ماسٽر اياز علي لطيف سائين جو ڪلام دوست پيھي در آيو ڪراچي ٽيليويزن تي ڳايو؟ | |
| جواب: 1967ع ۾. | |
| سوال: سنڌ جي عوامي فنڪار جلال چانڊيي کي ڪھڙي سال شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: 1999ع تي. | |
| سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ عوامي فنڪار جلال چانڊيي ڪڏھن وفات ڪئي؟ | |
| جواب: ڏھين جنوري 2001ع تي. | |
| سوال: شفيع محمد جمن لطيف جو ڪھڙو ڪلام ھر محفل ۾ ڳائيندو ھو؟ | |
| جواب: ڪانگل نيئي تھ ڏيو، مون ڏکي جو ڏوراپو. . . | |
| سوال: شفيع محمد جمن کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 2002ع ۾. | |
| سوال: ريڊيو حيدرآباد تي شاھ سائين جون ڪجھھ وايون اردو ترجمي سان ڪنھن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آھن؟ | |
| جواب: عابده پروين جي آواز ۾. | |
| سوال: وڌ ۾ وڌ شاھھ لطيف ايوارڊ ڪھڙيءَ فنڪاره کي مليل آھن؟ | |
| جواب: عابده پروين کي. | |
| سوال: ڪھڙي فنڪاره چيو تھ ھاڻي شاھھ لطيف ايوارڊ مون کي ڏيڻ بدران ٻين فنڪارن کي ڏنو وڃي؟ | |
| جواب: عابده پروين. | |
| سوال: عابده پروين کي شاھھ لطيف جي سورميءَ سھڻي سان منسوب سھڻي ايوارڊ ڪھڙي سال مليو؟ | |
| جواب: 1980ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ورسيءَ جي سلسلي ۾ ٿيل ھڪ تقريب ۾ شاھ سائين جو ڪھڙو ڪلام برڪت عليءَ پھريون ڀيرو ڳايو؟ | |
| جواب: لــڳــڙي آھــي تــنـوار، او يـار، | |
| لونءَ لونءَ، مون کي لالڻ جي. | |
| سوال: پروگرام سنڌ سينگار ۾ شاھھ جو ڪلام راڻا جي رجپوت ڪنھن ڳايو ھو؟ | |
| جواب: استاد امير علي. | |
| سوال: مٺا خان زرداي ڪھڙي سال ڀٽ شاھھ ۾ ميڙي جي موقعي تي راڳ جي محفل ۾ پھريون ڀيرو اسٽيج تي اچي گھڙو وڄايو؟ | |
| جواب: 1952ع ۾. | |
| سوال: مٺان خان زرداري کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟ | |
| جواب: 1989ع ۾. | |
| سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ استاد محمن جمن کي ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 1980ع ۾ (پھريون ڀيرو) | |
| سوال: محمد جمن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻا لطيف ايوارڊ مليا؟ | |
| جواب: ٻھ لطيف ايوارڊ. | |
| سوال: سڀ کان پھريون شاھھ لطيف ايوارڊ سنڌ جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: محمد يوسف کي. | |
| سوال: محمد يوسف کي پھريون ڀيرو شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: ايڪٽيھھ مارچ 1980ع تي. | |
| سوال: موھن ڀڳت کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟ | |
| جواب: 1989ع ۾. | |
| سوال: شاھھ جي شيدائي فنڪار موھن ڀڳت جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ڏھھ مارچ 1995ع تي. | |
| سوال: استاد نياز حسين، شاھھ جي راڳ، وائيءَ جي سکيا ڪنھن کان ورتي؟ | |
| جواب: سيد غلام شاھھ کان. | |
| سوال: فقير عبدالغفور سنگ واري انداز ۾ شاھھ صاحب جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي پنھنجي فن جو مظاھرو پيش ڪيو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو ارڙھين عرس مبارڪ جي موقعي تي. | |
| سوال: فقير عبدالغفور پھريون ڀيرو ڪھڙي سال شاھھ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي فن جو مظاھرو ڪيو؟ | |
| جواب: ايڪيھھ اپريل 1970ع تي. | |
| سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ ڍول فقير جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: ٻاويھھ جون 1992ع ۾. | |
| سوال: انائونسر عبداللطيف، شاھھ جي ڪلام جي معنيٰ ۽ مفھوم ڪھڙي فنڪار کي سمجھائيندو ھو؟ | |
| جواب: ماسٽر محمد ابراھيم کي. | |
| سوال: انور وسطڙي کي پھريون ڀيرو لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 1993ع ۾. | |
| سوال: 1993ع ۾ ڪھڙي بينن جي بادشاھھ کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: الله بچايو کوسو. | |
| سوال: آمريءَ جي ڪھڙي فنڪار کي 1992ع ۾ لطيف ايوارڊ مليو؟ | |
| جواب: علڻ فقير کي. | |
| سوال: حيدرآباد شھر جي ڪھڙي مشھور موسيقار فنڪار کي 1986ع ۾ شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: استاد فيروز گل کي. | |
| سوال: شاھھ سائين جو بيت جا ڀونءَ پيرين مون، ساڀونءَ مٿي سڄيڻ ڪھڙي فنڪار جي قبر تي لکيل آھي؟ | |
| جواب: ماسٽر محمد ابراھيم جي قبر تي. | |
| سوال: لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام محمد ابراھيم جي سڃاڻپ بڻيو؟ | |
| جواب: ايندو سڄڻ سائين الا، منھنجو ايندو ڍولڻ سائين. | |
| سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ استاد منظور علي خان جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: 9 سيپٽمبر 1980ع تي. | |
| سوال: فلم جيئي لطيف ۽ عمر مارئي جا گانا ڪنھن ڪمپوز ڪيا؟ | |
| جواب: موسيقار محمد علي. | |
| سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ فنڪار سھراب فقير جو جنم ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: 1934ع ۾. | |
| سوال: محمد جمن جي آواز ۾ ريڊيو تي سڀ کان پھريائين شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام رڪارڊ ٿيو؟ | |
| جواب: ٻول: دوست پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو. | |
| سوال: محمد جمن قلم ڪالو ۾ شاھھ صاحب جو ڪھڙو ڪلام ڳايو؟ | |
| جواب: آءُ جيھائي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين! | |
| سوال: ڪنھن جي آواز ۾ شاھھ جو ڪلام بنا سازن جي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي رڪارڊ ٿيو؟ | |
| جواب: استاد محمد جمن جي آواز ۾. | |
| سوال: لطيف سائين جي ڪلاڪار محمد جمن جو لاڏاڻو ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: چوويھھ جنوري 1990ع صبح جو پنجين وڳي. | |
| سوال: ايس ايم لياري اسڪول ۾ ملھايل شاھھ عبدالليف ڀٽائي جي ڏھاڙي تي راڳ رنگ جو مقابلو ڪھڙي فنڪار کٽيو؟ | |
| جواب: عبدالله پنھور. | |
| سوال: عبدالله پنھور شاھھ صاحب جو ڪھڙو ڪلام 1948ع ۾ ھڪ جشن ۾ ڳايو، جنھن تي کيس ڏھھ روپيا انعام مليو؟ | |
| جواب: پيرين پوندي سان، چوندي سان، رھي وڃ رات. | |
| سوال: عبدالله پنھور کي شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام تمام گھڻو پسند ھو؟ | |
| جواب: ٻول: آھيان ڏونگر ڏوري الا، ٻاروچل کي ڪا ٻاجھھ پئي. | |
| سوال: شاھھ جي ڪلاڪار عبدالله پنھور جو جنم ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: پھرين فيبروري 1937ع تي. | |
| سوال: ڪتاب شاھھ لطيف جي موسيقي جي نظرثاني ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: استاد محمد حسن. | |
| سوال: محمد يوسف کي ڪل ڪيترا شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنا ويا؟ | |
| جواب: چار شاھھ لطيف ايوارڊ. | |
| سوال: لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ محمد يوسف جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: چوڏھن فيبروري 1997ع تي. | |
| سوال: ڪھڙو فنڪار شاھھ سائين خاطر پنھنجي مادري ٻولي وساري سنڌي ٻولي سکيو ھو؟ | |
| جواب: عبدالله ڪڇي. | |
| سوال: عبدالله ڪڇي شاھھ سائين جي ڪلام جو صحيح اچار ڪنھن کان سکيو؟ | |
| جواب: شاعر گوھر سروريءَ کان. | |
| سوال: عبدالله ڪڇي پھريون ڀيرو لطيف سائينءَ جو ڪھڙو ڪلام ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڳايو؟ | |
| جواب: والي واري آڻ، الا! ٻاروچا ڀنڀور ۾. | |
| سوال: عبدالله ڪڇيءَ جي آواز ۾، لطيف سائين جو ڪھڙو ڪلام، گرامو فون تي پھريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو؟ | |
| جواب: گلا ڪام ڪري، لا، لکيو تان نھ ٽري. | |
| سوال: شاھھ جي شيدائي عبدالله ڪڇيءَ جي وفات ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: اٺين مئي 1998ع تي. | |
| سوال: شاھھ جو شيدائي باگوجي ڪڏھن وفات ڪئي؟ | |
| جواب: 1994ع ڌاري اٽڪل اسي ورھين ۾. | |
| سوال: فنڪار انور حسين وسطڙي شاھھ صاحب جو ڪھڙو ڪلام سڀ کان پھريائين ريڊيو تي ڳايو؟ | |
| جواب: ٻول: جن ستي ساجن مليو. | |
| سوال: 1993ع ۽ 1995ع ۾ ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ مليو؟ | |
| جواب: فنڪار انور حسين وسطڙي کي. | |
| سوال: لطيف جي فقيرياڻي ڪھڙيءَ گلوڪاره جو لقب ھو؟ | |
| جواب: بيگم فقيرياڻيءَ جو. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ڪلام سان عقيدت رکندڙ فنڪاره بيگم فقيرياڻي جر ولادت ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: 1925ع ۾. | |
| سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ مائي ڀاڳيءَ ڪھڙي تاريخ تي وفات ڪئي؟ | |
| جواب: ست جولاءِ 1986ع تي. | |
| سوال: شاھھ صاحب جي ڪلام سان عقيدت رکندڙ فنڪاره مائي ڀاڳي جو جنم ڪڏھن ۽ ڪٿي ٿيو؟ | |
| جواب: 1921ع ٿر جي شھر مٺيءَ ۾. | |
| سوال: جمن چارڻ ڪھڙي شھر جو رھواسي ھو؟ | |
| جواب: گمبٽ شھر جو. | |
| سوال: فنڪار الھڏنو جوڻيجو، شاھھ سائينءَ جي ڪافي، ٿيندو تن طبيب، دارون منھنجي درد جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ٽيويھھ اپريل 1994ع ۾ ڪھڙي پروگرام ۾ ڳائي؟ | |
| جواب: پروگرام لطيفي لات ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪافي سانگياڻي، باندياڻي، عمر ادا ڙي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پھريائين ڪھڙي فنڪار جي آواز ۾ رڪارڊ ٿي؟ | |
| جواب: لکاني بلوچ جي آواز ۾. | |
| سوال: ڳوٺ الھداد چنڊ جي ڪھڙي فنڪاره کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: جيجي زرينھ بلوچ کي. | |
| سوال: زرينھ بلوچ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 1987ع ۾. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 201 عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪافي، آءُ ڪيئن وطن وساريان منھنجو ملڪ ملير ڪنھن ڳائي؟ | |
| جواب: عبدالستار پيرزادي. | |
| سوال: سيد سليمان شاھھ کي ڪھڙا راڳ پسند ھئا، جيڪي شاھھ لطيف جي رسالي جا سر آھن ۽ راڳ بھ آھن؟ | |
| جواب: ڪوھياري ۽ راڻو. | |
| سوال: مظھر حسين شاھھ جي وائي ڳائڻ جو فن ڪنھن کان سکيو ھو؟ | |
| جواب: نور محمد شاھھ کان. | |
| سوال: مظھر حسين ڪھڙي سال شاھھ جي وائي ڳائڻ جو فن سکيو؟ | |
| جواب: 1985ع ۾. | |
| سوال: شھنيلا علي پي ٽي وي جي پروگرام پرک ۾ شاھھ سائين جو ڪھڙو ڪلام پھريون ڀيرو ڳايو؟ | |
| جواب: راڻل تو بن رات، مون کي ويٺي ورھھ لنگھي ويا. | |
| سوال: فقير عبدالغفور پھريون ڀيرو ڪھڙي سال، شاھھ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي فن جو مظاھرو ڪيو؟ | |
| جواب: ايڪيھھ اپريل 1970ع تي. | |
| شاھھ سان وابسطھ عرسن، ڏھاڙن، | |
| جشنن ۽ ڪانفرنسن بابت ڄاڻ | |
| سوال: ٻھ مارچ 1941ع ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران شاھھ سائين جي ورسي ڪٿي ملھائي وئي؟ | |
| جواب: خالق ڏني حال ڪراچي ۾. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت ڪنھن قائم ڪئي؟ | |
| جواب: سيد ميران محمد شاھھ. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي عبدالستار پيرزادي پھريون ڀيرو سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو؟ | |
| جواب: 201 عرس جي موقعي تي. | |
| سوال: 1953ع عبدالستار پيرزادي شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالانھ عرس جي موقعي تي سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾، جيڪا افتتاحي تقرير ڪئي ھئي، ان جو عنوان ڪھڙو ھو؟ | |
| جواب: شاھھ جي حب الوطني. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 207 عرس مبارڪ جو افتتاح ڪنھن ڪيو؟ | |
| جواب: صدر محمد ايوب خان. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 203 عرس مبارڪ جو مھمان خاص ڪير ھو؟ | |
| جواب: محمد ايوب کھڙو. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 219 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: جيون ماٿر. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي اردو تقرير، سنڌي ترجمي سان تعيمر ۽ ترقي شاھھ لطيف جي وطن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪئي وئي؟ | |
| جواب: 208 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 209 عرس مبارڪ تي نظم پيارا لطيف ڪھڙي شاعر پڙھيو؟ | |
| جواب: محمد اسماعيل عرساڻي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 210 عرس مبارڪ تي، ادبي ڪانفرنس جو افتتاح ڪنھن ڪيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. | |
| سوال: اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب فڪر لطيف شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو ستيتاليھھ عرس مبارڪ جي موقعي تي. | |
| سوال: ڪھڙي سال، لطيف سائين جو عرس مبارڪ 14 آگسٽ کان شروع ٿيو ھو؟ | |
| جواب: سال 1992ع ۾. | |
| سوال: 1993ع ۾ لطيف سرڪار جو ڪھڙو عرس مبارڪ ملھايو ويو؟ | |
| جواب: 249 ھون عرس مبارڪ. | |
| سوال: 249 ھون عرس مبارڪ ڀٽ شاھھ تي ڪھڙي انگريزي تاريخ تي ملھايو ويو؟ | |
| جواب: چوڏھن آگسٽ تي. | |
| سوال: نظريھ پاڪستان فائونڊيشن طرفان لاھور ۾، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرس ۽ ميلي جو پروگرام ڪھڙي انگريزي تاريخ ۽ سال تي ملھايو ويو؟ | |
| جواب: پھرين جون 2001ع جمعي جي ڏينھن. | |
| سوال: 257 ھين عرس شاھھ صاحب جو لاھور ۾ ٿيو، اھو ڪھڙي اسلامي تاريخ ۽ سال تي ملھايو ويو؟ | |
| جواب: اٺ ربيع الاول ١٤٢٢ ھھ تي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي پھرين جون 2001ع تي ملھايل ميلي جي لاھور ۾ ڪمپيئرنگ ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: ڪنول ۽ عائشھ زاھد. | |
| سوال: 257 ھين سالياني عرس جي موقعي تي شاھھ جو ميلو جيڪو لاھور ۾ منعقد ٿيو، ان ميلي جو مھمان خاص ڪير ھو؟ | |
| جواب: اڳوڻو چيف جسٽس سيد نسيم حسن شاھھ. | |
| سوال: 23 مئي 2003ع تي سگا طرفان جشن لطيف سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ملھايو ويو؟ | |
| جواب: مورو شھر ۾. | |
| سوال: 2005ع ۾ ٿيل عرس جي موقعي تي، سيد نثار علي شاھھ کي، شاھھ صاحب جو لباس ڪھڙي ڏينھن تي پارايو ويو؟ | |
| جواب: آچر جي ڏينھن صبح جو ساڍي ڏھين وڳي. | |
| سوال: شاھھ سائين جي ٻھ سئو پنجاھين ورسي جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟ | |
| جواب: ڪتاب لغات لطيفي. | |
| سوال: جشن لطيف سنڌ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فورم ڪراچي طرفان، سال 2003ع ۾ ڪھڙي تاريخ تي ملھايو ويو؟ | |
| جواب: 26 جولائي ڇنڇر تي. | |
| سوال: سگا طرفان 19 کان 20 ڊسمبر 2004ع تي ڪوٺايل شاھھ، سچل، سامي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ڀارت جا ڪيترا اديب شريڪ ٿيا؟ | |
| جواب: ٽيھھ کن اديب. | |
| سوال: 19 ڊسمبر 2004ع تي ڪوٺايل شاھھ، سچ، سامي ڪانفرنس جو افتتاح ڪنھن ڪيو؟ | |
| جواب: ميان محمد سومري. | |
| سوال: لطيف فائونڊيشن جو اجلاس 2005ع سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿيو؟ | |
| جواب: جھول شھر ۾. | |
| سوال: لطيف فائونڊيشن جي اجلاس جي صدارت ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: سيد نثار حسين شاھھ. | |
| سوال: لطيف فائونڊيشن لاءِ مريدن ڪيترو نذارنو ڏنو؟ | |
| جواب: ساڍا ٽي لک روپيا. | |
| سوال: 2005ع تي ڀٽ شاھھ ۾ ٿيندڙ عرس مبارڪ جو افتتاح ڪھڙن ٻن وزيرن ڪيو؟ | |
| جواب: شبير قائمخاني ۽ منظور پنھور. | |
| سوال: شاھھ سائين جي 261 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي اوقاف کاتي زائرين ۾ ڪيتريون چادرون ورھايون ھيون؟ | |
| جواب: پنج ھزار کان وڌيڪ. | |
| سوال: يوم لطيف ھر سال علمي، ادبي ۽ ثقافتي تقريبن جو رواج ڪنھن وڌو؟ | |
| جواب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ شيخ عبدالرزاق راز. | |
| سوال: سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ 1963ع جي يوم لطيف جي تقريب جي صدارت ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ. | |
| سوال: انڊيا ۾ سائين غلام شبير شاھھ جي دور ۾ لطيف ڊي ملھايو ويو، ان پروگرام جي صدارت ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: سائين نثار حسين شاھھ صاحب. | |
| سوال: انڊيا ۾ ملھايل لطيف ڊي پروگرام ۾ لطيف ايوارڊ شاھھ سائين جي ڪھڙي گادي نشين کي مليو؟ | |
| جواب: سيد نثار حسين شاھھ کي. | |
| سوال: ھندستان ۾ لطيف ڊي پروگرام ۾ سيد نثار حسين شاھھ کي لطيف ايوارڊ ڪنھن ڏنو؟ | |
| جواب: ھندساني وزيراعظم اندرا گانڌي. | |
| سوال: لطيف اڪيڊمي ڪراچي پاران 1989ع ۾ گولڊ ميڊل ڪنھن کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: قاضي خضر حيات کي. | |
| سوال: سنڌي ادبي بورڊ طرفان سڏايل لطيف بابت يادگار ڪچھري ڪنھن ڪرائي؟ | |
| جواب: ولي محمد رونجھي، سال 1963ع سٽي ڪاليج حيدرآباد. | |
| سوال: شاھھ سائين جو 253 ھون عرس مبارڪ، 1997ع جي ڪھڙي مھيني، تاريخ ۽ ڏينھن کان شروع ٿيو؟ | |
| جواب: جمعي جي ڏينھن ويھھ جون کان شروع ٿيو. | |
| سوال: شاھھ ڪلچرل ڪاميٽيءَ شاھھ سائين جي ٽي سئو سالھ جشن ولادت جي موقعي تي ڪھڙو رسالو شايع ڪيو؟ | |
| جواب: شاھھ جو رسالو آڳاٽو قلمي نسخو، ڪاتب فقير ابوبڪر. | |
| سوال: ڪتاب ڪوڙين ڪن سلام شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو اٺونجاھين عرس جي موقعي تي. | |
| سوال: شاھھ لطيف عالمي ڪانفرنس 1986ع ۾ تنظيم فڪر و نظر پاران ڪھڙي شھر ۾ ڪرائي وئي؟ | |
| جواب: سکر شھر ۾. | |
| سوال: چوٿين ڪل پاڪستان شاھھ عبداللطيف ڪانفرنس ڪھڙي تاريخ ۽ سال تي ملھائي وئي؟ | |
| جواب: 15-14 آڪٽوبر 1988ع تي. | |
| سوال: شاھنامو رسالو شاھھ سائينءَ جي ڪھڙيءَ ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟ | |
| جواب: ٻھ سئو اٺاويھھ ورسيءَ جي موقعي تي. | |
| سوال: پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان ڪوٺايل لطيف ڪانفرنس 1983ع جي افتتاحي تقرير ڪنھن ڪئي؟ | |
| جواب: جناب مظھر الحق صديقي 29 نومبر 1983ع تي. | |
| سوال: شاھھ لطيف عالمي ڪانفرنس 1986ع ۾ ڪھڙي ملڪ جي اديبن جو قائد ھن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ھو؟ | |
| جواب: چين ملڪ جو. | |
| سوال: شاھھ لطيف جي دروازي وٽ ثقافتي ڪانفرنس پھريون ڀيرو ڪڏھن ٿي؟ | |
| جواب: 1929ع ۾. | |
| سوال: شيخ اياز، شاھھ عبداللطيف اجلاس ۾ اسلام آباد اندر صدارتي خطبو ڪھڙي تاريخ تي پڙھيو ھو؟ | |
| جواب: ٽيھھ مئي 1979ع ۾ | |
| سوال: 1979ع ۾ ڪل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف اجلاس، ڪھڙي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو ھو؟ | |
| جواب: قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾. | |
| سوال: ڪل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ صدارتي تقرير ڪھڙن شخصن ڪئي؟ | |
| جواب: شيخ اياز ۽ اي ڪي بروھي. | |
| سوال: فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف اجلاس، ڪھڙري ھجري سال ۾ ٿيو؟ | |
| جواب: ٽي چار رجب ١٣٩٩ھھ ۾. | |
| سوال: لطيف ڪانگريس ۾ آڪٽوبر 1978ع ۾ مضمون رحمان بابا ۽ لطيف محبت جا شاعر ڪنھن پڙھيو؟ | |
| جواب: تاج جويو. | |
| سوال: بلوچستان يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ڪھڙي سال شاھھ لطيف جو ڏينھن ملھايو ويو؟ | |
| جواب: اوڻيھھ جولاءِ 1990ع تي. | |
| سوال: مارچ 1941ع ۾ لطيف ڪانفرنس سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟ | |
| جواب: ڪراچي شھر ۾. | |
| سوال: 1993ع ۾ اسلام آباد ۾ ڀٽائي قومي ڪانفرنس ڪھڙي تاريخ تي شروع ٿي؟ | |
| جواب: 28 آڪٽوبر آچر جي ڏينھن. | |
| سوال: ابراھيم حيدريءَ ڪراچيءَ ۾ جشن لطيف 1985ع ۾ ڪھڙي تاريخ تي ملھايو ويو؟ | |
| جواب: 25 جولاءِ تي. | |
| سوال: ڪراچي يونيورسٽي جي شاھھ لطيف چيئر جي پھرين ڊائريڪٽر جو نالو ٻڌايو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر اياز علي قادري. | |
| سوال: ڊاڪٽر درشھوار سيد کانپوءِ ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر ڪنھن کي مقرر ڪيو ويو؟ | |
| جواب: پروفيسر فتح محمد برفت کي (عارضي) | |
| سوال: شاھھ عبداللطيف چيئر جي لائبريريءَ جو ڪيٽلاگ ڪھڙي سال ٺاھيو ويو؟ | |
| جواب: 1992ع ۾. | |
| سوال: پروفيسر محمد سليم ميمڻ کان پوءِ ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر ڪير ٿيو؟ | |
| جواب: ڊاڪٽر فھميده حسين، ٽي فيبروري 1998ع ۾. | |
| سوال: پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگرس، شاھھ عبداللطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ ڪھڙي تاريخ ۽ عيسوي سال تي ڪوٺايو ويو؟ | |
| جواب: تاريخ ايڪٽيھھ مئي 1979ع تي. | |
| سوال: ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، ايڪٽيھھ مئي 1979ع تي فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ لطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ لطيف سائين متعلق ڪھڙي عنوان سان تقرير ڪئي؟ | |
| جواب: لطيف جو عظيم پيغام. | |
| سوال: ڀٽ شاھھ ريسٽ ھائوس ڪڏھن ٺھيو؟ | |
| جواب: 1955-56ع ۾. | |
| سوال: شاھھ جي باغ جو افتتاح ڪڏھن ٿيو؟ | |
| جواب: 29 آڪٽوبر 1985ع ۾. | |
| سوال: ڀٽ شاھھ ڪامپليڪس جو سنگ بنياد ڪنھن ۽ ڪڏھن رکيو؟ | |
| جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽو جنوري 1974ع ۾. | |
| شاھھ لطيف ايوارڊ | |
| سوال: بينظير ڀٽو صاحبھ کي ڪنھن پنھنجن ھٿن سان لطيف ايوارڊ ڏنو؟ | |
| جواب: سائين غلام شبير شاھھ. | |
| سوال: مخدوم طالب الموليٰ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟ | |
| جواب: 1961ع ۾. | |
| سوال: ڪھڙيءَ اڪيڊميءَ 1989ع ۾ شاھھ جي اسڪالر محترمھ درشھوار سيد کي لطيف گولڊ ميڊل ڏنو؟ | |
| جواب: لطيف اڪيڊمي. | |
| سوال: مٺان خان زرداري کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟ | |
| جواب: 1989ع ۾. | |
| سوال: شاھھ لطيف ايوارڊ استاد محمن جمن کي ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 1980ع ۾ (پھريون ڀيرو) | |
| سوال: محمد جمن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻا لطيف ايوارڊ مليا؟ | |
| جواب: ٻھ لطيف ايوارڊ. | |
| سوال: سڀ کان پھريون شاھھ لطيف ايوارڊ سنڌ جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: محمد يوسف کي. | |
| سوال: محمد يوسف کي پھريون ڀيرو شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: ايڪٽيھھ مارچ 1980ع تي. | |
| سوال: لطيف ڪانفرنس سکر جي موقعي تي 1985ع ۾ لاڙ جي ڪھڙي اديب کي ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: محمد سومار شيخ کي. | |
| سوال: 1980ع ۾ شاھھ جي ٻن ڪردارن سان منسوب سھڻي ميھار ايوارڊ ٿر جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: موھن ڀڳت کي. | |
| سوال: زرينھ بلوچ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 1987ع ۾. | |
| سوال: لائق لطيف ايوارڊ ڪنھن کي ڏنو ويو؟ | |
| جواب: عابده پروين کي. | |
| سوال: حميد ھارون کي لطيف ايوارڊ پھريون ڀيرو ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 1993ع ۾. | |
| سوال: 1993ع ۾ ڪھڙي بينن جي بادشاھھ کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: الله بچايو کوسو. | |
| سوال: ماھتاب محبوب کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪنھن جي ھٿان ۽ ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: ان دور جي پاڪستان جي صدر فاروق احمد لغاري جي ھٿان 1994ع ۾. | |
| سوال: ماسٽر محمد ابراھيم جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ، سندس پونئرن کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: 27 سال پوءِ. | |
| سوال: 1981ع ۾ ڪھڙي ڪھاڻيڪار، صحافي، اديب، محقق ۽ تعليمي ماھر کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو؟ | |
| جواب: حميد سنڌيءَ کي. | |
| سوال: قاضي خضر حيات کي لطيف اڪيڊميءَ پاران گولـڊ ميڊل ڪڏھن مليو؟ | |
| جواب: 1989ع ۾. | |
| سوال: راشد مورائيءَ کي لطيف ايوارڊ ڪھڙي اداري پاران مليو؟ | |
| جواب: پوليٽڪنڪ انسٽيٽيوٽ سکر پاران. | |
| سوال: روھڙيءَ جي ڪھڙي مشھور ڪھاڻيڪار، ناول نگار کي ايڪيھھ مئي 2000ع تي لطيف ايوارڊ مليو؟ | |
| جواب: امر جليل کي. | |
| سوال: 1993ع ۽ 1995ع ۾ ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ مليو؟ | |
| جواب: فنڪار انور حسين وسطڙي کي. | |
| سوال: پبلڪ اسڪول سکر پاران شاھھ جي محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي ڪھڙو ايوارڊ ڏنو ويو؟ | |
| جواب: شاھھ لطيف ايوارڊ. |