arnizamani's picture
Upload 173 files
75981b5 verified
Raw History Blame Contribute Delete
311 kB
ڪتاب جو نالو: تحفة النسوان
تحفة النسوان
شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ
ديباچو
جڏهن سرڪاري تعليم کاتي جا هاڻوڪار درجيوار سنڌي ڪتاب تيار ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ ٿي آيا، تڏهن، مسلمانن جي اعتراض تي، ڪاميٽيءَ اهو سوال اُٿاريو هو، ته ”مشهور مسلمان مرد خواهه عورتون ڪٿي آهن، جن جو احوال سبقن ۾ ڏجي؟“ نيٺ، مشڪلات سان، ڪي ٿورا اهڙا سبق داخل ڪيا ويا، سي به مڙسن جا، پر مشهور مسلمان عورتن جي ته زياده مشڪلات نظر آئي. انهيءَ مشڪلات لاهڻ لاءِ، ڪنهن معزز دوست جي صلاح سان، مون هيءُ ڪتاب لکيو، جنهن جي پڙهڻ مان هيترو فائدو ٿيندو، ته مسلمان، جي اڃا زناني تعليم تي دل نهاد ٿي سعيو نٿا ڪن، جيئن ٻيون قومون ٿيون ڪن، تن کي جڏهن هن پڙهڻ مان معلوم ٿيندو، ته بيشمار شريف عورتون مشهور ٿي گذريون آهن، تڏهن هو پاڻ به اهڙيءَ تعليم جي پکيڙڻ ۾ سعيو ڪندا.
هن ڪتاب جو مضمون گهڻن عربي، فارسي ۽ اردو ڪتابن تان گڏ ڪيو ويو آهي. گهڻن جو ذڪر تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ڏنل آهي. اُنهن جو تعداد ايترو وڏو هو، جو مون فقط ڪن ٿورن جو مختصر بيان، گهڻو ڪري تاريخي سالن جي ترتيب سان ڏنو آهي، ۽ ٻين جو پڇاڙيءَ ۾ رڳو نالو ۽ نشان ڏنو آهي، نڪي مون انهن جي ڪلام جو ڪو انتخاب ڏنو آهي، جيئن اصل ڪتابن وارن ڏنو آهي. مگر ڪتاب تي نظر ڪرڻ مان هيترو بيشڪ ثابت ٿيندو ته مسلمان عورتون ٻين قومن کان گهٽ مشهور نه آهن. انهن مان ڪي حڪمران مدبر ۽ بهادر ٿي گذريون آهن. ڪي زاهد ، عابد، صالح ۽ فياض ٿي گذريون آهن، ۽ ڪي عالم، فاضل، فصيح بليغ ۽ شاعرا ٿي گذريون آهن.
هي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ وراهيو ويو آهي؛ پهرئين ۾ عرب ۽ عجم جون مشهور عورتون ڏنيون ويون آهن. ٻئي ۾ خاص هندستان جون، ۽ ٽئين ۾ انهن کانسواءِ، ٻين مشهور عورتن جون ياداشتون، مختصر اشاري سان ڏنل آهن.
قليچ بيگ
حيدرآباد
ڇپائيندڙ پاران
ڪتاب ”تحفة النسوان“ ۾ شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ عرب، عجم ۽ هند سنڌ جي 36 شريف ۽ مشهور عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ چواڻي، ته هن ڪتاب جو مضمون عربي، فارسي ۽ اردو ڪتابن تان گڏ ڪيو ويو آهي، ۽ گهڻن جو ذڪر مختلف تاريخن ۾ ڏنل آهي. ڪتاب جي اهميت جي خبر ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ئي پڌري ٿئي ٿي، ته هيءُ ڪتاب اڄ جي سماج ۾ ڪيترو اهم آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان اهائي ڪوشش رهي آهي، ته هو پنهنجي اشاعتي پروگرام ۾ اهڙن ڪتابن کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪري، جن جي اڄوڪي سماج ۾ گهڻي گهرج آهي. ڇو ته عورت هڪ بهتر سماج جي اڏاوت ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، تنهن ڪري اهڙين نامور ۽ تاريخ ساز شريف عورتن جو ذڪر ڪرڻ اڄ جي سنڌي عورت جي سامهون بيحد ضروري آهي. ان خيال کي به نظر ۾ رکي هن ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪيو ويو آهي. هيءُ اصل ۾ ٽيون ڇاپو آهي. هن جا پهريان ٻه ڇاپا سال 1958ع ۾ سال 1975ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا. بورڊ ساڳي ئي جذبي ۽ قدر سان هن ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪري دلي مسرت محسوس ڪري ٿو.
اعجاز احمد منگي
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو ، سنڌ
پيش لفظ
ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارو مدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.
زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب ۽ تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو. نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَون اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل اُملهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو؟ سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان سترهن ڪتاب؛ گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهاز آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الانشاء، گل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت، سڀا جو سينگار، خودياوري، دلارام ۽ مقالات الحڪمت اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي ارڙهون ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي اشاعتي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سرنو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام تحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال_ ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن، جنهن مان عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي، بورڊ اهي ناياب ڪتاب صرف جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو پڌرا ڪري، بلڪه انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر سڌاري ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سيگاري پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نَون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هيءُ پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه سئو قديم خواهه جديد، مگر ناياب ٿيل، ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا خيرخواهه، بورڊ جي جي هنن ڪوششن کي همتائيندا، ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدار مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا.
محمد ابراهيم جويو
25 ڊسمبر 1958ع
حيدرآباد سنڌ
ڀاڱو پهريون
عرب جون نيڪ
۽
بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها
حضرت محمد صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن تي پهرين اسلام آڻڻ واري ۽ سندن پهرين بيبي ”خديجہ“ هئي. هوءَ حضرت محمد ﷺ جن کان پندرنهن ورهيه اڳي ڄائي هئي، ۽ خويلد جي ڌيءُ هئي، جو عرب جي وڏي خاندان گهراڻي مان هو. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ، سڀ دولت هن کي ملي. سندس ماءُ جو نالو ”فاطمہ“ هو. هن ٻه دفعا اڳي شادي ڪئي هئي، پر خدا جي قدرت سان ٻئي مڙس مري ويس، تنهن کانپوءِ گهڻن ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڪئي، پر هن قبول نه ڪئي. پاڻ ڏاڍي دولت واري هئي، ۽ عزت آبروءَ سان پئي رهندي هئي. قريش جي قوم ۾ هن جهڙي مالدار ٻي ڪا زال ٿوري هئي. هوءَ غريب ۽ هوشيار ماڻهن کي واپار ڪرڻ لاءِ مال يا پئسا ڏيندي هئي، ۽ جڏهن اُهي ٻين ملڪن ۾ وڃي وڪرو ڪري ايندا هئا، تڏهن انهن کي نفعي مان چڱو انعام ۽ عيوضو ڏيندي هئي. حضرت محمد ﷺ جن اڃا رسول الله نه ٿيا هئا، ته به امانت ۽ ديانت ڪري اهڙا مشهور هئا، جو ”امين“ جي لقب سان سڏيندا هئن. کين بيبي خديجہ سڏي پنهنجي مال نيڪال ڪرڻ لاءِ شام ڏي موڪليو ۽ ساڻن پنهنجو غلام ”ميسره“ به گڏي ڏنائين. حضرت محمد ﷺ جن اهو مال نفعي سان وڪڻي ۽ ٻيو مال خريد ڪري آيا، جنهنڪري بيبي خديجہ نهايت خوش ٿي. شام جي رستي ۾ هڪڙي عيسائي راهب، ”نسطورا“ نالي، حضرت محمد ﷺ جن کي ڏسي، پنهنجن پاڪ ڪتابن ۾، جي نشانيون آخر زماني جي نبيءَ جون ڏيکاريل هيون سي معلوم ڪري، اُهي پنهنجيءَ پر ۾ غلام ”ميسره“ کي ٻڌايائين، جنهن کي هو سڃاڻندو هو. جڏهن هو موٽي مڪي ۾ آيا، تڏهن غلام بيبيءَ کي اها ڳالهه ٻڌائي. بيبي ڏاڍي عقل ۽ فهم واري زال هئي. حضرت محمد ﷺ جن جي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي اڳيئي خبر هيس، تنهن ڪري ساڻن نڪاح کڻي ڪيائين. بيبيءَ جو چاچو عمرو بن سعد سندس وارث ٿيو، جو پيءُ جيئرو نه هوس، ۽ حضرت محمد ﷺ جا چاچا: هڪڙو ابو طالب ۽ ٻيو حمزه سندن پاسي ٿيا، ۽ دستور موجب، ويهن اُٺن يا پنجن سَون درهمن (يعنيٰ هڪ سئو ايڪٽيهن رپين) جي حق مهر تي نڪاح ٿيو. هن نڪاح جي ڪري. قريش جا گهڻا وڏا ماڻهو، جن کي بيبيءَ جواب ڏيئي ڇڏيو هو، سي ڪاوڙيا، ۽ کلڻ لڳا ته بيبيءَ اجايو هڪڙي مفلس ماڻهوءَ سان کڻي شادي ڪئي آهي، پر بيبيءَ انهن ڳالهين تي ڪوبه خيال نه ڏنو. پاڻ جيڪي ڪيو هئائين، تنهن تي خوش ٿي ۽ فخر ڪرڻ لڳي بيبي حضرت محمد ﷺ جن کي ڏاڍي تعظيم ڏيندي هئي ۽ سندن حڪم تي ۽ سندن مرضيءَ موجب هلندي هئي. ٻيئي هڪٻئي سان نهايت گهڻي محبت رکندا هئا. هن شاديءَ جي ڪري حضرت محمد ﷺ جن کي مفلسيءَ ۽ احتياج جو انتظار سڀ لهي ويو ۽ پاڻ آزاديءَ ۽ فراغت سان عبادت ۾ مشغول رهيا.
بيبي خديجہ کي هڪ ڌيءُ ۽ هڪ پٽ، پهرئين مڙس مان اڳيئي هئا. حضرت محمد ﷺ جن مان پنجن ورهين کانپوءِ، هڪٻئي پٺيان چار نياڻيون: زينب، رقيہ، اُم ڪلثوم ۽ فاطمه ۽ ٻه پٽ، قاسم ۽ عبدالله ٿيا. اهو سڀ اولاد، حضرت محمد ﷺ جن جي نبوت کان اڳي ٿيو. انهن مان پهرين ٽن نياڻين جي شادي ڪئي ويئي. ننڍي نياڻيءَ فاطمہ بيبي رضه جي شادي، ٻئي هجري سال حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه، سان ٿي، جو حضرت محمد ﷺ جن جو سئوٽ هو. انهن کي امام حسن، امام حسين ۽ ٻيو اولاد ٿيو، ۽ حضرت محمد ﷺ جن جو نسل انهن مان ئي اڄ تائين جاري رهيو، جن کي ”سادات“ چوندا آهن. بيبي فاطمہ رضه، پيءُ جي وفات کان ڇهه مهينا پوءِ وفات ڪئي. حضرت محمد ﷺ جن جا ٻه پٽ ته ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا. ڪي ورهيه پوءِ، بيبي ”سلمہ ماريہ“ مان کين هڪڙو پٽ ابراهيم نالي ٿيو، پر اُهو به جلد وفات ڪري ويو.
حضرت محمد ﷺ جن جي پهرين شاديءَ کي پندرهن ورهيه گذري ويا، تنهن کانپوءِ کين نبوت ملڻ جي خوشخبري ملي. پهرين ته اُنهيءَ بابت سچا خواب ڏسڻ ۾ آين، پوءِ ”حرا“ جي غار ۾ حضرت ”جبرئيل“ ڏيکاري ڏنين، ۽ خدا تعاليٰ جي طرفان نبوت جي خوشخبري ڏنائين، پهرين ته شڪل شبها ۽ ڊپ ٿيڻ لڳن، پر پوءِ پَڪ ٿينِ. حضرت محمد ﷺ جن اهو پنهنجو حال پهرين پنهنجي بيبيءَ سان ڪيو، جنهن کي پنهنجو سچو خير خواهه ۽ همدرد رفيق سمجهندا هئا. بيبيءَ سندن ڳالهه تي اعتبار ڪيو، ۽ گهڻو ئي دڙ دلاسو ڏنائين. ۽ همتايائين. هوءَ پنهنجي سئوٽ ”ورقہ“ وٽ وٺي وين، جو ”انجيل“ ۽ ”توريت“ مان چڱيءَ طرح واقف هو. انهيءَ به سندن تصديق ڪئي، جيڪڏهن بيبي حضرت محمد ﷺ سان شامل ۽ سندن مددگار نه ٿئي ها ، ته البت زياده مشڪلات درپيش ٿئي ها، پر مسلماني ظاهر ٿيڻ ۽ ان جي پکڙجڻ ۽ سندن جان بچائڻ ۾، بيبيءَ حضرت محمد ﷺ جن کي گهڻي قدر مدد ڪئي. خاص ڪري جڏهن ٻيا سڀ عزيز خويش، بلڪ ساري قريش جي قوم سندن برخلاف هئي، ۽ کين جان جو خوف هو.
حضرت محمد ﷺ جن جو چاچو” ابو طالب“ جو ظاهري شرم کان مسلمان نٿي ٿيو، پر هر طرح کين مدد ڪندو ۽ بچائيندو آيو، سو به اسي ورهين جي عمر ۾، نبوت جي ڏهين ورهيه وفات ڪري ويو. انهيءَ جو حضرت محمد ﷺ جن کي نهايت گهڻو ڏک ٿيو. سگهوئي پوءِ، بيبي خديجہ رضه پنجهٺ ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن جي جدائيءَ ڪري، حضرت محمد ﷺ جن کي جيڪو ڏک ۽ غم ٿيو، سو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. انهن ٻنهي جي وفات ڪرڻ ڪري، حضرت محمد ﷺ جن اڪيلا ٿي پيا. بيبي صاحبه حضرت محمد ﷺ جن سان چوويهه ورهين ۽ ڇهه مهينا رهي، جو عرصو هنن پاڻ ۾ ڏاڍيءَ محبت ۾ گذاريو. انهيءَ جي وڏي نشاني اها هئي، ته انهيءَ عرصي ۾ حضرت محمد ﷺ جن ٻي شادي ڪانه ڪئي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن جي رسم موجب، ماڻهو گهڻيون ئي زالون پرڻجندا هئا، تنهن کانپوءِ حضرت محمد ﷺ جن ٻيون شاديون ڪيون ته به هميشه بيبي خديجه رضه جي تعريف ڪندا رهيا. جيتوڻيڪ بيبي عائشہ سان حضرت محمد ﷺ جن جي پوءِ گهڻي محبت ٿي، ته به انهيءَ کي به صاف چوندا هئا ته ”خديجہ کان بهتر زال مون کي ڪانه ملي، ڇالاءِ جو جڏهن ٻيا سڀ مون کي ڪوڙو ڄاڻندا هئا، تڏهن هن مون تي ايمان آندو، ۽ جڏهن مون وٽ ڪي به ڪين هو، تڏهن هن مون کي پنهنجي مال ملڪيت سان مدد ڪئي، ۽ خدا هن مان مون کي گهڻو اولاد عطا ڪيو“، ۽ هي به پاڻ فرمايو اٿن ته ”خديجہ زمين ۽ آسمان جي بهترين زالن مان آهي“.
هيءَ بيبي، ديني فضيلتن کانسواءِ، عقل ۽ ڏاهپ هوشياري ۽ رحمدليءَ، سخا ۽ ادب، اخلاق ۽ عالي همتيءَ جي زيورن سان سينگاريل هئي، تنهن ڪري مسلمان ٿيڻ کان اڳي ئي هن کي ”طاهره“ جو لقب مليل هو. سوداگريءَ جو ڪم پنهنجي عقل جي زور تي چڱيءَ طرح هلائيندي هئي، ۽ انهيءَ مان چڱو فائدو حاصل ٿيندو هوس. حضرت محمد ﷺ جن سندس نسبت ۾ چوندا هئا ته ”جڏهن آءٌ ڪافرن کان ڪا ڳالهه ٻڌندو هوس ۽ مون کي ڏکي لڳندي هئي يا نا پسند هوندي هئي، تڏهن اها آءٌ خديجہ سان ڪندو هوس. اها مون کي اهڙيءَ طرح سمجهائيندي هئي، جو انهيءَ کان منهنجيءَ دل کي تسلي ٿيندي هئي، ۽ مون کي اهڙو ڪوبه ڏک يا رنج نه ٿيندو هو، جو خديجہ جي ڳالهين سان هلڪو ۽ آسان نه ٿيندو هو“. انهيءَ حديث مان ظاهر آهي، ته هوءَ ڪهڙي نه مستقل مزاج ۽ وڏي دل واري هوندي هئي، جو انهيءَ کان رسول الله ﷺ جن جهڙي شخص کي همت ملندي هئي! انهيءَ طرح، هوءَ نه رڳو رسول الله ﷺ جي حياتيءَ جي ڀائيوار هئي، پر سڀ ڪم ۾ هن جي گويا مددگار هئي. انهيءَ هوندي به هوءَ سندن ڏاڍي فرمانبردار هئي. رسول الله ﷺ جي هن سان ايتري محبت هئي، جو بيبيءَ جي وفات کانپوءِ جڏهن پاڻ ڪا قرباني ڪندا هئا، تڏهن پهرين بيبيءَ جي سهيلين کي گوشت موڪليندا هئا، تنهن کانپوءِ ٻئي ڪنهن کي ڏيندا هئا. هن جو مائٽ مٽ ڪو وٽن ايندو هو، ته انهيءَ کي ڏاڍي عزت ڏيندا هئا، ۽ انهيءَ جي گهڻي خاطرداري ڪندا هئا. بيبي خديجہ توڙي حضرت محمد ﷺ جن جي ٻين بيبين کي، مسلمان ادب کان ”ام المؤمنين“ يعنيٰ ”مومنن جي ماءُ“ سڏيندا آهن.
بيبي خديجة الڪبريٰ جا گهڻا شعر آهن، جي خاص حضرت محمد ﷺ جي مدح ۾ آهن.
هي ٻه بيت انهن مان آهن:
بذڪر ڪم يطفي الفواد من الوقد،
و رويتڪم فيها شفاءِ اعين الرمد،
ومن قال ”اني اشتفيٰ من هوا ڪم“
فقد ڪذبوا لومت فيہ من الوجد.
(يعنيٰ اوهانجي يادگيريءَ سان دل جي باهه اُجهامي ٿي ۽ اوهان جي ديدار ۾ اُٿيل اکين کي شفا حاصل ٿي ٿئي، جنهن چيو ته آءٌ اوهان جي محبت کان ٿڪجي پيس، تنهن بيشڪ ڪوڙ ڳالهايو، جيتوڻيڪ آءٌ محبت جي مستيءَ ۾ مري پوان.)
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
بيبي فاطمة الزهريٰ رضه
بيبي فاطمہ رضه، جنهن جولقب ”زهرى“ يا ”بتول“ يا ”خير النساء“ هو، سا حضرت محمد ﷺ جي سڀ کان ننڍي نياڻي هئي، ۽ بيبي خديجہ سندن ماءُ هئي. هوءَ نبوت کان هڪ ورهيه پوءِ ڄائي هئي. هوءَ، رسول الله ﷺ جهڙي پيءُ ۽ بيبي خديجہ رضه جهڙي ماءُ وٽ ناز سان پلجي وڏي ٿي، جڏهن سندس ماءُ بيبي خديجہ رضه وفات ڪئي، تڏهن هوءَ چوڏهن ورهين جي هئي. ٽن ورهين کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن، دشمنن جي تڪليف کان پنهنجو وطن مڪو ڇڏي، مديني ۾ اچي رهڻ لڳا. هن بيبيءَ جي سڱ لاءِ خليفي ابوبڪر رضه توڙي خليفي عمر رضه حضرت محمد ﷺ جن کي عرض ڪيو هو، مگر پاڻ قبول نه ڪيائون، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنہ، جو حضرت محمد ﷺ جن جو سئوٽ هو، ساڻن گڏ هڪ گهر ۾ پلجي وڏو ٿيو هو، ۽ بيبي خديجہ رضه کان پوءِ پهريون ئي مڙس هو، جنهن مٿن ايمان آندو هو، تنهن به اڃا شادي ڪانه ڪئي هئي. اهو انهيءَ وقت ايڪيهن ورهين جو هو. دوستن جي صلاح سان، هن بيبي فاطمہ الزهريٰ رضه جي ٻانهن لاءِ حضرت محمد ﷺ جن کي عرض ڪيو، ۽ پاڻ قبول ڪيائون. پڇيائون ته ”حق مهر لاءِ ڪي اٿئي؟“ چيائين ته ”هڪڙو گهوڙو ۽ هڪ زرهه اٿم، ٻيو ڪي به ڪين اٿم“. فرمايائون ته ”گهوڙي جي توکي ضروت ٿيندي. زرهه وڪڻي آءُ“. حضرت علي اها وڪڻي آيو، انهيءَ جي پئسن مان ٿوري خوشبوءِ وغيره بيبي فاطمہ رضه جي لاءِ گهرايائون. پوءِ، اصحابن کي گڏ ڪري، پاڻ نڪاح پڙهيائون. مهر ”چار سئو مثقال چانديءَ جا“ مقرر ٿيو(يعنيٰ ڏيڍ سئو رپيا ڪلدار)، ۽ کارڪن جو هڪڙو طباق ڀريل ماڻهن ۾ ورهائي ڏنائون. اها شادي، مديني ۾ اچڻ کانپوءِ ٻئي ورهيه، رمضان جي مهيني ۾ ٿي. ڏاج هو: هڪڙي چادر، هڪڙو وهاڻو کجيءَ جي نرم گلن سان ڀريل، ٻه سانداريون، ۽ هڪڙو جنڊ، جنهن گهر ۾ صبر ۽ شڪر جو آسرو هو. مهينن جا مهينا چُلهه ۾ باهه نه ٻرندي هئي، فقر ۽ فاقو فخر سمجهڻ ۾ ايندو هو، ۽ جتي حضرت محمد ﷺ جن پاڻ دين ۽ دنيا جا سردار ٿي، عمر هڪڙي تڏي تي گذاريندا هئا، جنهن ڪري بدن تي نشان ٿي ويندا هئن، اتي شاديءَ جو سامان ٻيو ڪهڙو هوندو؟ متان بيبي فاطمه دل ۾ ڄاڻي ته سندس شادي هڪڙي مسڪين ماڻهوءَ سان ٿي، تنهنڪري حضرت محمد ﷺ جن دلاسو ڏيئي چيس ته ”مون تنهنجي شادي اهڙي شخص سان ڪئي، جو دنيا ۾ به سردار آهي ۽ آخرت ۾ به. تون دنيا ۾ مسڪين ٿي گذار، ته بهشت جي عورتن جي سردار ٿين!“ ٻڌندڙن کي حيرت لڳندي ته رسول الله ﷺ جي ڌيءُ ۽ سندس سئوٽ ۽ ناٺي، گهر ۾ ڪيئن گذاريندا هئا: بيبي فاطمہ رضه پاڻ جنڊ پيهندي هئي، ڪڏهن پاڻ ۽ ڪڏهن سندس سس، يعني حضرت علي رضه جي ماءُ ماني پچائيندي هئي ۽ پاڻ حضرت علي رضه ڪاٺيون، پاڻي ۽ اَنُ آڻي موجود ڪندو هو. اهو ڪم هو سڀ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ڪندا هئا. جيتوڻيڪ جنڊ پيهي پيهي، بيبيءَ جي هٿن ۾ لڦون پئجي وينديون هيون، ۽ باهه کي ڦوڪا ڏيئي ڏيئي، سندس اکين اُٻرجي پونديون هيون! هڪڙي ڀيري حضرت محمد ﷺ جن وٽ ڪي ٻانها آيا، بيبي وٽن ويئي، انهيءَ لاءِ ته عرض ڪري ڪو هڪڙو ٻانهو وٺان ته گهر جي ڪم ڪار ۾ هلڪائي ٿئي. حضرت محمد ﷺ جن چيس ته ”بابا، ٻانها ۽ نوڪر دنيا ۾ آرام ٿا ڏين، ۽ آءٌ توکي هڪڙي چڱي صلاح ٿو ڏيان، جنهن مان توکي آخرت جو فائدو ٿيندو: سمهڻ مهل ٽيٽيهه ڀيرا ”سبحان الله“ ٽيٽيهه ڀيرا الحمد الله“ ، ۽ چوٽيهه ڀيرا الله اڪبر، پڙهندي وڃج!“ بس، فرمانبردار ڌيءُ ٻانهي جي ڳالهه وساري ۽ دنيا جي تڪليف جو ڪوبه خيال نه ڪري، آخرت جي چڱائيءَ جي اميد تي، اڳتي ائين ڪندي رهي. حضرت علي رضه بيبي فاطمہ رضه جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو، انهيءَ هوندي به حضرت علي بيبيءَ کي گهڻي تعظيم ڏيندو هو، جو هوءَ رسول الله ﷺ جي پياريء ڌيءُ هئي.
بيبي فاطمہ رضه کي ٽي پٽ ٿيا: حَسن، حُسين ۽ مُحسن، ۽ ٽي نياڻيون، زينب، اُم ڪلثوم ۽ رقيه، جي بيبيءَ جي ٽن ڀيڻن جا نالا هئا. امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه ته مشهور شهيد آهن. هڪڙي کي ته معاويي جو چورت تي سندس زال زهر ڏيئي ماريو، ۽ ٻيو ڪربلا ۾ شهيد ٿيو، محسن ننڍي هوندي ئي وفات ڪئي. اڄ تائين رسول الله ﷺ جن جو اولاد، انهن ٻن امامن مان هليو اچي.
حضرت محمد ﷺ جو پنهنجي ڌيءُ فاطمه رضه سان تمام گهڻو پيار هو، جڏهن پاڻ سفر تي ويندا هئا، تڏهن سڀ کانپوءِ هن سان ملي ۽ هن کان موڪلائي ويندا هئا، ۽ جڏهن موٽندا هئا، تڏهن سڀني کان اڳي هن سان اچي ملندا هئا. هن کي ٿورو ڏک يا ايذاءُ ٿيندو هو، ته پاڻ بي آرام ٿيندا هئا، ۽ ظاهر ظهور چوندا هئا ته ”جيڪو هن کي ايذاءُ رسائيندو، تنهن ڄڻ ته مون کي ايذاءُ رسايو، جو هيءَ منهنجي جسم جو ٽُڪر آهي، ۽ منهنجي جگر جو پارو آهي.“ انهيءَ مدنظر تي، جيسين هيءَ بيبي جيئري هئي، تيسين حضرت علي رضه ٻي شادي نه ڪئي. جيتوڻيڪ انهيءَ وقت گهڻين شادين ڪرڻ جو عام رواج هو. حضرت رسول الله ﷺ جي جهڙي محبت نياڻيءَ سان هئي، تهڙي حضرت علي رضه ۽ سندس پٽن سان هئي. چوندا هئا ته ”جو منهنجو دوست آهي، سو علي رضه جو دوست آهي ۽ علي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڀاءُ آهي.“ ڏهٽن سان ته ايتريقدر محبت هين، جو ڪلهي تي چاڙهي گهمائيندا هئن، ۽ کين جهوليءَ ۾ ويهاري ڏاڍو خوش ٿيندا هئا.. بيبيءَ جي پيءُ سان محبت به ايتريقدر هئي، جو سندن وفات کانپوءِ بيمار ٿي پيئي ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ پاڻ به، ٻارهين هجري سال (633ع) ۾، وفات ڪري ويئي. عمر فقط 28 يا 29 ٿيس. سندس وصيت موجب، حضرت علي رضه ۽ حضرت عباس رضه ۽ سندس ٻن پٽن، رات جو غسل ڏئي، کيس ”بقيعا“ ۾ دفن ڪيو. سندس وفات ڪري، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه توڙي ٻنهي پٽن کي ڏاڍو صدمو پهتو.
بيبي فاطمہ رضه ڏاڍي حيا ۽ قناعت ۽ صبر واري هئي. هميشه صبر ۽ شڪر ۾ رهندي هئي. سچائي منجهس ايتري هوندي هئي، جو بيبي عائشہ رضه جو چوڻ آهي ته ”رسول الله ﷺ جن کان سواءِ، فاطمه رضه کان وڌيڪ مون ڪنهن کي سچو نه ڏٺو. ۽ حضرت محمد ﷺ جن پاڻ فرمائيندا هئا ته ”خديجہ رضه“ فاطمہ رضه، مريم(حضرت عيسيٰ جي ماءُ) ۽ آسيه (فرعون جي زال) اهي دنيا ۾ سڀ کان بهتر زالون آهن، ۽ بيبي فاطمہ رضه جي نالي چيائون ته ”بهشت جي عورتن جي سردار آهي“. علم واري به گهڻي هئي شعر به چوندي هئي. ڀلا حضرت محمد ﷺ جن ”علم جا شهر“ هئا، ۽ حضرت علي رضه ان جو دروازو ڄاتل هو ۽ شعر به چوندو هو، تڏهن سندس بيبي علم کان ڪا خالي رهي ٿي سگهي؟ ننڍي هوندي ئي هن جي طبعيت شريفن جهڙي هئي. هن جون ٻيون ڀيڻون راند ڪنديون هيون، پر هن جي راند سان نه پوندي هئي. ٻيون قبيلي جي گهرن ۾ هليون وينديون هيون، هيءَ هميشه پنهنجي ماءُ وٽ رهندي هئي، ۽ ڪيڏانهن به نه ويندي هئي. هن جون اهي خصلتون ڏسي، رسول الله ﷺ جن هن کي ”بتول“ سڏيندو هو. يعنيٰ دنيا کان تارڪ، ۽ محبت ٻين ڀيڻن کان هن سان زياده، هيس، جيتوڻيڪ اهي هن کان زياده خوبصورت ۽ تيز فهم هيون. هوءَ کائڻ ، پيئڻ، اُ)ٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، لباس، ۽ ٻين ڳالهين ۾ بلڪل پيءُ جي پيروي ڪندي هئي. بيبي عائشہ رضه چوي ٿي ته ”سڀني ڳالهين ۾، حضرت رسول الله ﷺ جن سان سڀ کان زياده مشابهت فاطمہ رضه جي هئي.“ انهن ڳالهين ڪري، حضرت ﷺ جن هن کي ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئا، ايتريقدر جو جڏهن هوءَ وٽن ايندي هئي، تڏهن پاڻ اُٿي بيهندا هئا، ۽ سندس مٿي ۽ اکين تي چميون ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ حضرت علي رضه جي بيبي فاطمہ رضه سان ڏاڍي محبت هئي ۽ سندس گهڻي خاطري ڪندو هو، ته به حضرت رسول الله ﷺ جن وقت بوقت تاڪيد پيا ڪندا هئس، ته هن سان چڱيءَ طرح هلجئين، ۽ هوڏي وري پاڻ ڌيءُ کي چوندا هئا، ته مڙس جو سڀ کان وڏو فرض آهي، تنهن ڪري انهيءَ جي فرمانبردار رهجئين. بيبي فاطمہ رضه شعر به چوندي هئي. حضرت علي رضه ته تمام گهڻو شعر چوندڙ هو. سندس ڪلام، نثر توڙي نظم ۾ گهڻو آهي. گهڻن شعرن ۾ بيبي فاطمہ رضه جي تعريف ڪئي اٿس ۽ نصيحتون ڏنيون اٿس، جن جي جواب ۾ بيبي فاطمہ رضه پاڻ به شعر چيا آهن. ٻه _ چار شعر بيبي فاطمہ رضه جا هتي ڏجن ٿا:
”اني اعطيه ولا ابالي، واوثر الله علي عيالي،
امسوا جياعا و هم اشبالي، اصغر هم يقتل باغتيالي،
للقاتل الويل مع الوبالي.“
(يعني، آءٌ يتيم کي طعام ڏيان ٿي ۽ فُقر جي پرواهه ڪانه ٿي ڪريان، ڇا لاءِ جو خدا منهنجي عيال تي گهڻي بخشش ڪئي آهي، هو منهنجا شينهن جا ٻچا شام جو بک ۾ رهن ٿا، انهن مان ننڍو اوچتو قتل ڪيو ويندو، انهيءَ جي قاتل لاءِ ويل ۽ وبال آهي.)
امرڪ سمع يا عم و طاعت: اطعمہ ولا ابالي الساعت،
ارجوُ اذاشبعت ذا المجاعت، ان ادخل الخلد ولي شفاعت،
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
حضرت بيبي عائشہ رضي الله تعاليٰ عنها
بيبي ”عائشه رضه“، حضرت رسول الله ﷺ جن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر رضه جي نياڻي هئي، هوءَ پيءُ جي طرف قريشي، ۽ ماءُ جي طرفان ڪناني هئي. هوءَ نبوت جي چوٿين ورهيه ۾ ڄائي هئي، ۽ مسلماني رواجي دستور موجب هن جي پرورش ٿي، جڏهن ته حضرت رسول الله ﷺ جن جي پهرينءَ بيبي خديجہ رضه وفات ڪئي، تڏهن سندن خير خواهن کين ٻيءَ شاديءَ جي صلاح ڏني، ۽ ڪي آڇون به ٿيڻ لڳيون. انهيءَ وقت، حضرت محمد ﷺ جن جي عمر پنجاهه ورهيه هئي،. نبوت جي ڏهين ورهيه پاڻ بيبي عائشہ رضه سان نڪاح ڪيائون، جا ڇهن ورهين جي هئي. کين اميد هئي ته انهيءَ شاديءَ جي ڪري خليفي ابوبڪر رضه سان وڏو ڳنڍ پيدا ٿيندو، ۽ اسلام کي مدد ملندي. ساڳئي وقت ۾، بيبي ”سوده“ سان به سندن نڪاح ٿيو. ٽن ورهين کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن، سڀني مسلمانن سميت، مڪي مان هجرت ڪري مديني ويا، ۽ اُتي وڃي رهڻ لڳا. تون ورهين جي عمر کان وٺي ، هيءَ بيبي حضرت محمد ﷺ جن جي صحبت ۾ رهڻ لڳي، جيتوڻيڪ مديني ۾ رهي حضرت محمد ﷺ جن ٻين به گهڻين بيبين سان نڪاح ڪيو، ته به جيتري محبت بيبي عائشہ رضه سان هين، اهڙيءَ ٻيءَ ڪنهن سان نه هين. جيتوڻيڪ ظاهري رواجي سلوڪ سڀني سان هڪجهڙو رکندا آيا. ٻيون ڪي بيبيون هن کان زياده خوبصورت هيون. جيئن ته صفيه ۽ زينب - مگر عقلمنديءَ جي ڪري، هيءَ سڀني ۾ برک هئي. اڪثر جڏهن پاڻ سفر تي ويندا هئا، تڏهن هيءَ بيبي پاڻ سان نيندا هئا. پوءِ ڪڏهن پاڻ سان گڏ ساڳئي اُٺ تي، ۽ ڪڏهن ڌار ٻئي اُٺ تي. حضرت محمد ﷺ جن پڇاڙيءَ وارو حج جو ڪيو، تنهن ۾ به هيءَ بيبي ساڻن گڏ هئي. ۽ ٻيون بيبيون به، انهيءَ ڀيري، حج لاءِ هڪ لک چوويهه هزار ماڻهو آيا هئا. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن وفات ڪئي، تڏهن هيءَ بيبي ارڙهن ورهين جي هئي ۽ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن قريب المرگ ٿيا، تڏهن بيبين جي اجازت سان، بيبي عائشہ رضه جي گهر اچي ترسيا، ۽ دم به اتي ڏنائون. انهيءَ وقت سندن مٿو بيبيءَ جي جهوليءَ ۾ هو. حضرت محمد ﷺ جن جي وفات ڪري سڀني بيبين کي _ خاص طرح بيبي عائشہ رضه کي ڏاڍو مصيبت جهڙو صدمو پهتو، ليڪن صبر ڪري وقت گذاريائين، پر جيسين جيئري هئي. تيسين اهو غم نه وساريائين.
حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کان ٻه ورهيه پوءِ، بيبيءَ کي ٻيو صدمو سهڻو پيو- يعني سندس پيءُ حضرت ابو بڪر رضه جو، جو حضرت محمد ﷺ جن کان پوءِ، سندس جاءِ تي پهريون خليفو مقرر ٿيو هو.
حضرت عثمان رضه، ٽئي خليفي جي قتل ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن حضرت علي رضه خليفو ٿيو، تڏهن حضرت عثمان رضه جي قاتلن کي پيدا ڪري گرفتار ڪرڻ ۽ انهن کي سزا ڏيڻ مشڪل نظر ٿي آيو. ڪن ماڻهن کي اهو شڪ گذريو ته خود حضرت علي رضه جي مرضي نه هئي. ته انهن کي سزا ملي، تنهن ڪري اهي فسادي ماڻهو، بيبي عائشہ رضه کي مديني مان ساڻ وٺي، اُٺ تي چاڙهي، حضرت علي رضه وٽ ڪوفي ۾ وٺي ويا، ۽ انهيءَ سان جنگ ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. انهيءَ کي ”جمل جي جنگ“ چوندا آهن. انهي ۾ نيٺ بيبي عائشہ رضه جو اُٺ گرفتار ٿي پيو، ۽ انهيءَ کي حضرت علي رضه وٽ وٺي آيا، جنهن گهڻيءَ عزت سان هن کي موٽائي مديني ڏي موڪلي ڏنو.
حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کان 47 ورهيه پوءِ، 57 هجري سن ۾ (676ع) ۾ معاويي جي خلافت جي ڏينهن ۾، بيبي عائشہ رضه وفات ڪئي، ۽ ”جنت البقيع“ ۾ دفن ڪئي ويئي. انهيءَ وقت سندس عمر 66 ورهين جي هئي. جيڪي اصحاب ان وقت جيئرا هئا، تن کي سندس گهڻو افسوس ٿيو، جو هوءَ رسول الله ﷺ جن جي پياري بيبي هئي ۽ سندس يادگيريءَ جي هڪڙي نشاني هئي.
بيبي عائشہ رضه جي فضليت ۽ بزرگيءَ لاءِ ايترو بس آهي ته هوءَ رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۽ صحبت ۾ نو ورهيه رهي، ۽ کين گهڻي پياري هئي. هوءَ ڏاڍي قابل هئي. ٻين بيبين کان ته زياده علم واري هئي، پر گهڻي پياري هئي. هوءَ ڏاڍي قابل هئي. ٻين بيبين کان ته زياده علم واري هئي. پر گهڻن اصحابن کان به وڌيڪ هئي. گهڻن مسئلن ۾ ماڻهو کانئس پڇا ڪندا هئا، ۽ هوءَ خوشيءَ سان انهن کي پورا جواب ڏيندي هئي. هـن کي ”اُم المؤمنين“، يعنيٰ مؤمن جي ماءُ ڪري سڏيندا هئا، ۽ علميت ۽ فضيلت جي ڪري سڀ ماڻهو کيس ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئا. ڪن ڳالهين ۾ ته هن جي راءِ ٻين سڀني کان _ بلڪ وقت جي خليفي کان به _ علحدگي هوندي هئي، انهيءَ لاءِ هوءَ قرآن ۽ حديث جي حجت آڻيندي هئي. هن بيبيءَ وٽان حضرت محمد ﷺ جن جون ”هڪ هزار ٻه سئو ڏهه“ حديثون ماڻهن کي مليون ۽ انهن جا بيان ڪندڙ وڏا وڏا اصحابي هئا، جيئن ته حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ انهيءَ جو پٽ عبدالله، ۽ ابو هُريره، ۽ ٻيا. علم سان گڏ هوءَ ذهين، فصيح ۽ حاضر جواب به ڏاڍي هوندي هئي. حديثن جو بيان ڪندي. هن جي تقريرن مان فصاحت ۽ بلاغت ظاهر پيئي ٿيندي هئي. خدا جي عبادت کان پوءِ هو حضرت محمد ﷺ جن جي خدمت چاڪري ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندي هئي. حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ، ته هوءَ سڄو وقت عبادت ۾ گذاريندي هئي. ٿوري خطا ڪندي هئي، ته ورهين تائين شرمندي رهندي هئي. دل جي سختي به هئي. هڪڙي دفعي ستر هزار درهم خيرات ڪيائين، مگر سندس ڪپڙا جي پراڻا ۽ ڦاٽل هئا، تن جي بدران ٻيا نوان وٺي نه ڍڪيائين، ٻئي ڀيري سندس ڀاڻيجي عبدالله هڪ لک درهم ڏانهس موڪليا، سي بيبيءَ ڪجهه غريب مائٽن کي ۽ ڪجهه مسڪينن، محتاجن ۽ فقيرن کي ڏيئي ڇڏيا، ۽ هڪڙو پئسو به نه بچايائين. انهيءَ هوندي به وفات وقت چوڻ لڳي ته ”جي آءٌ هڪڙو پٿر هجان ها يا هڪڙو وڻ هجان ها ته چڱو هو، ته من ماڻهو وڍي اڇلائي ڇڏين ها ۽ دنيا ۾ مون کي ڪوبه نه ڄاڻي سڃاڻي ها، يا جي آءٌ نه ڄمان ها، ته چڱو هو“. بيبي عائشہ رضه جي فصاحت ۽ بلاغت مشهور آهي. سندس قابليت ۽ چڱن اخلاقن ڪري حضرت رسول الله ﷺ جن کيس ٻين بيبين کان زياده پسند ڪندا هئا. ساڻس گهڻي گفتگو ڪندا هئا. ۽ خــانــگي ڪمن ڪارين ۾ اڪثر سندس صــلاح وٺــندا هــئا. جيــڪي زالون حضرت محمد ﷺ جن کان ڪو دين جو مسئلو پڇڻ اينديون هيون، ته بيبي عائشہ رضه جي معرفت پڇنديون هيون، ۽ خود سنديس به اها عادت هوندي هئي، ته جيڪا ڳالهه نه سمجهندي هئي، سا هڪدم حضرت محمد ﷺ جن کان پڇي پڪ ڪندي هئي. انهيءَ ڪري سندس علمي مايو زياده ٿيو، ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ جيڪي ڏکيا ڏکيا ديني مسئلا وٽس ايندا هئا، تن جا فيصلا قرآن ۽ حديث موجب عمديءَ طرح ڪندي هئي. خود خليفا پاڻ ۽ ٻيا اصحاب به،ڪن ڳالهين ۾، هن جي راءِ توڙي حديثون کانئس پڇندا هئا. قديم شاعرن جا شڪر به کيس گهڻا ياد هئا. حشمت واري به اهڙي هئي، جو وڏا حاڪم، عالم ۽ زبردست بهادر به سندس اڳيان ايندي پيا ڏڪندا هئا. سچي ۽ راستباز ۽ انصاف پسند به هوندي هئي. پنهنجي چڱائي وساري، ٻين کي چڱو چوندي هئي. پاڻ لکي ٿي ته ”وفات کان ٿورو اڳڀرو، حضرت محمد ﷺ جن پنهنجين بيبين کي فرمايو ته ”اوهان مان سڀني کان اڳي مون وٽ هُن جهان ۾ اُها بيبي ايندي، جنهن جا هٿ زياده وڏا هوندا.“ حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ، اسين سڀ ڄڻيون، ڀتين تي پنهنجا هٿ ماپينديون هيون سين ته ڪنهن جا هٿ وڏا آهن. اسان مان سڀ کان ننڍا هٿ زينب جا هئا، پر سڀني کان اڳي انهيءَ وفات ڪئي، تڏهن اسان سهي ڪيو، ته وڏن هٿن جي معنيٰ آهي”سخاوت ۽ فياضي“. ڇالاءِ جو زينب اسان سڀني مان زياده سخي هئي.“ بيبي عائشہ رضه انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪندي هئي ته رسول الله ﷺ جي بيبين مان آءٌ ئي هڪڙي ڪنواري آهيان، منهنجا ماءُ _ پيءُ ٻيئي هجرت ڪري مديني ۾ آيل آهن. حضرت محمد ﷺ تي هميشه منهنجي ئي گهر وحي نازل ٿيندو هو، ۽ وفات مهل حضرت محمد ﷺ جن جو مٿو منهنجي جهوليءَ ۾ هو، ۽ هُو منهنجيءَ ئي جاءِ ۾ دفن ٿيا.“ بيبي عائشہ رضه اڃا ننڍڙي هُئي، ته خواب لڌو هئائين ته ”ٽي چنڊ منهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪِري پيا آهن. انهيءَ وقت ته ان جو تعبير ڪنهن کي خيال ۾ نه ٿي آيو، سندس وفات کان پوءِ اهو تعبير ٿيو ته ” اول حضرت رسول الله ﷺ پاڻ، ٻيو پڻس خليفو حضرت ابوبڪر رضه، ۽ ٽيون خليفو حضرت عمر رضه وفات کان پوءِ سندس ڪوٺيءَ ۾ دفن ڪيا ويا.
هن بيبيءَ جي شعرن مان ٻه نموني طور هتي ڏجن ٿا:
فلو سمعواني مصر اوصاف خنده
لما بذلوا في سوم يوسف من نقد،
لواحي زليخا لو راين جبينہ،
لاثرن بالقطع القلوب علي الايدي!
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
بيبي اسماء”ذات النطاقين“
هن بيبيءَ جو اصل نالو ”اسماء“ هو، ۽ خليفي حضرت ابوبڪر جي وڏي نياڻي هئي. هن کي ذات النطاقين“ جو لقب مليل هو. عربيءَ ۾ ”نطاق“ چون پٽي کي، ۽ عرب جون زالون چيلهه تي ڪپڙي جو پٽو ٻڌنديون هيون. هڪڙي ڀيري حضرت محمد ﷺ جن، هجرت کان اڳي، خليفي جي جاءِ تي آيا، ڪو ڪپڙي ٽڪر گهربل هو. هن بيبيءَ هڪدم پنهنجيءَ چيلهه جو پٽو لاهي پيش ڪيو. پاڻ اهو ڦاڙي، ٻه پٽيون ڪري ڪم آندائون، ۽ بيبيءَ کي چيائون ته ”خدا هن هڪڙي پٽي جي عيوض توکي ٻه ”پٽا“ (نطاقين) ڏيندو.“
هن جي ”زبير“ سان شادي ٿي، جو وڏو اصحابي هو، جنهن مان هن کي ”عبدالله“ پٽ هو، جو نامور ٿي گذريو آهي. عبدالملڪ بن مروان جي وقت ۾ هن مڪي ۾ نَوَ ورهيه خلافت به ڪئي. نيٺ، مشهور ظالم، حجاج بن يوسف“ کي دمشق کان عبدالله جي برخلاف موڪليو ويو، جنهن مڪي کي اچي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو، بک جي ڪري، عبدالله جا ٻارهن هزار سپاهي کيس ڇڏي هليا ويا، رڳو عبدالله سان سندس ماءُ بيبي اسماء ۽ سندس ٻه پٽ حمزو ۽ حبيب هئا، جن سان اهڙي مشڪل وقت ۾ مشورو ڪندو هو. پاڻ ماءُ کان پڇائين ته ”وڃي حجاج سان وڙهان ۽ مران“ يا وڃي پيش پئي پناهه گهرانس؟“ ماڻس جواب ڏنو ته ”ابا، جي تون وسهين ٿو ته وڃي خدا جي واٽ ۾ وڙهه ۽ سر ڏي! ضعف جي ڪري تابع ٿيڻ، اجايو آهي.“ عبدالله چيو ته ”چڱو، آءٌ ائين ٿو ڪريان، ليڪن هو مون سان تنهنجين اکين آڏو سخت عقوبتون ڪندا، سي تون صبر ڪري سهج، ۽ منهنجي حق ۾ دعا ڪج“.
ماءُ _ پٽ جي وچ ۾ انهيءَ بابت گهڻي گفتگو هلي آهي. جا مزي جهڙي آهي، پر لکڻ جي ضرور ڪونه ٿو ڏسجي. آخر، ماءُ ۽ پٽن کان موڪلائي. عبدالله اٿي هليو. ڀاڪر وجهندي، بيبيءَ اسماءَ کي عبدالله جي ڪپڙن جي اندارن زرهه هٿ سان لڳي، تڏهن هن کي چيائين ته ”عبدالله جيڪي خدا جي واٽ ۾ سر ڏيڻ ۽ شهيد ٿيڻ ويندا آهن، سي زرهون ڪين ڍڪيندا آهن!“ تنهن تي عبدالله اُها زرهه لاهي ڇڏي، ۽ وڃي وڙهيو ۽ مارجي ويو. حجاج سندس سسي عبدالملڪ ڏي موڪلي، ۽ ڌڙ، خليفي جي موڪل اچڻ کانپوءِ ماڻس کي ڏنائين، جنهن پوري ڇڏيو. ڪن جو چوڻ آهي ته زبير جو ڌڙ ٻه ورهيه برابر سوريءَ تي لڙڪيو پيو هو، پوءِ دفن ٿيو، سگهوئي پوءِ، بيبي اسماء به وفات ڪئي. سندس عمر سئو ورهين کان وڌيڪ هئي.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
خنساء بنت عَمرو
عرب جي شاعرن مان مرد ته گهڻائي مشهور ٿي گذريا آهن، مگر زالن مان .خنساءَ“ ڌيءُ ”عمروءَ“ جي، عربي شاعريءَ ۾ جا ڪماليت حاصل ڪئي. سا ٻئي ڪنهن کي حاصل نه ٿي، هوءَ قبيلي ”بني سيلم“ جي سردار، عمرو بن شريد“ جي ڌيءُ هئي. حضرت محمد ﷺ کان ڏهه ورهيه اڳي هوءَ ڄائي هئي. ننڍي هوندي ئي، عربن جي رواجي دستور موجب، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ٻه _ چار شعر چئي ويندي هئي. جوانيءَ ۾ ڏاڍي حُسن واري ٿي ۽ ”دريد بن الصمتہ“ ”هوازن“ جي قبيلي جو مشهور ٻڍو شاعر، مٿس عاشق ٿيو، انهيءَ سندس تعريف ۾ وڏا وڏا قصيدا لکيا، شاديءَ جي لاءِ هن کي چوايائين، پر هن جواب ڏنو ته ”آءٌ پنهنجي قبيلي جا خوبصورت جوان ڇڏي، تو ٻڍي سان شادي نه ڪنديس“. تنهن تي ڪاوڙجي، هن ٻيو هڪڙو قصيدو لکيو. انهيء جي جواب ۾ وري خنساء پنهنجو قصيدو لکيو، انهيءَ ۾ ٻن بيتن جو مطلب هي آهي ته ”بيشڪ تون ڏاڍو فياض آهين- هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي فياضي ٿي سگهي ٿي، جو تو پنهنجن ڏندن جا موتي به ڏيئي ڇڏيا! جهڙيءَ مشڪلات سان ڪو ٽوٻو سمنڊ مان ڳولي موتي لهي ٿو تهڙي مشڪلات سان، ماڻهوءَ جي نگاهه، تنهنجي منهن تي تنهنجون اکيون ڳولي ٿي! پر اها اڃا خنساءَ جي شعر گوئيءَ جي شروعات هئي، پوءِ جو هن جا ڀائر قتل ٿيا، ۽ درد غم مٿس ڪاهي آيا، تڏهن ته سندس شاعري ڪماليت کي پهتي، انهيءَ جو مختصر قصو هيئن آهي: انهيءَ قبيلي”بني سليم“ جو، قبيلي، ” بني اسد“ سان وڙهڻ جو اتفاق ٿيو. ان خنساءَ جو ڀاءُ، معاويي نالي، مارجي ويو، ۽ ماٽيجو ڀاءُ ”صخر زخمي ٿيو، ۽ نيزي جي سيني ۾ لڳڻ ڪري ڦڦڙ ئي نڪريا آيا هئس. انهيءَ صخر سان خنساء جي ڏاڍي محبت هئي، جو ڏاڍو عقلمند ، سخي ۽ بهادر هو. بيماريءَ ۾ هن جي گهڻي ئي خدمت ڪيائين. پر ورهيه کن کانپوءِ هو به مري ويو. انهيءَ ڏک ۾ هن صخر جي غم ۾ شعر لکڻ شروع ڪيا. اهي مرثيا اهڙا دردناڪ هئا، جو ٻڌندڙن جي دل ڪباب ٿئي ٿي. شاعريءَ جي اها شاخ، يعني! مرثيي گوئي، اصل کان خاص زالن جو ئي حق آهي. جي مرثيا مڙسن لکيا آهن، تن ۾ به هنن رڳو زالن جي پيروي ڪئي آهي. رسول الله ﷺ جي ڏينهن ۾ ”بدر“ جي جنگ ۾ گهڻن ڪافرن کي قتل ڪيو ويو هو ۽ جدا جدا شاعرن پنهنجن پنهنجن سردارن لاءِ مرثيا لکيا. ليڪن جهڙا مرثيا ”فتيله“ هڪڙي قريشي ڪنواري ڇوڪري چيا آهن، اهڙا ٻي ڪنهن جا نه آهن. هن اهي پنهنجا مرثيا پنهنجي پيءُ جي قتل ٿيڻ ڪري لکيا هئا. هو اهو مرثيو پڙهندي اچي لنگهي. حضرت رسول الله ﷺ جن اصحابن سان گڏ، مسجد ۾ ويٺا هئا: هن جو مرثيو ٻڌي ڏاڍو رنائون، ۽ فتيله کي سڏي ڏاڍا دلاسا ڏنائونس، ۽ اڳتي لاءِ حڪم ڏنائون ته جيترو ٿي سگهي اوترو قريشن کي نه ماريو. ”خوله“ جا مرثيا به مشهور آهن، جي پنهنجي ڀاءُ ”ضرار“ جي قيد ٿيڻ تي لکيائين. اهڙن مرثين، بعضي وقت عرب ۾ دنگا، فساد ۽ جنگيون مچائي ڏنيون. مثال لاءِ ٻن _ ٽن بيتن جو مضمون هتي ڏجي ٿو. ”اي منهنجون ٻيئي اکيون! اوهين روئو. انهيءَ خوبصورت بهادر جي لاءِ ڇو نه ٿيون روئو، انهيءَ جوان مرد سردار لاءِ ڇو نه ٿيون روئو؟“
عرب ۾ دستور هوندو هو، ته ٺهرايل وقت تي هر سال ميلو لڳندو هو، جنهن کي ”سوق عڪاظ“ چوندا هئا، ۽ جتي سڀ قبيلن جا ماڻهو اچي گڏ ٿي، پنهنجو شعر پڙهندا هئا، ۽ منصف فيصلو ڪندا هئا، ته ڪنهن جو شعر سڀن کان بهتر آهي. انهيءَ ميلي يا قومي مجلس ۾ به خنساء جو شعر لاجواب ۽ لاثاني ثابت ٿيو. جڏهن اهڙن ميلن ۾ هوءَ اُٺ تي چڙهي ايندي هئي، تڏهن ٻيا سڀ شاعر هن جي چوڌاري ڦري بيهندا هئا ۽ منتظر هوندا هئا، ته هن جو ڪو نئون شعر ٻڌون. هڪڙي ڀيري، ٻي هڪڙي مشهور شاعره عورت، ”هنده بنت عتبہ“ به اُتي آئي، ۽ خنساءَ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجا مرثيا پڙهيائين، جو هن تي به خنساء وانگي مصيبتون پيل هيون، ۽ سندس پيءُ، چاچو ۽ ڀاءُ ٽيئي جنگ ۾ مارجي ويا هئا، مشهور مرد شاعر ”نابغه“ سندس وچ ۾ امين ۽ منصف ٿيو. خنساء جو شعر، يعني مرثيو ۽ قصيدا ٻڌي هو حيران ٿي ويو، ۽ فيصلو ڪيائين ته خنساء اڄوڪي زماني ۾ سڀني شاعرن کان مٿي آهي.
خنساءَ ڏاڍي شريف ۽ اعليٰ طبيعت جي عورت هئي. ڀاڻس”صخر“ به اهڙو ئي وڏيءَ دل وارو هو. ننڍيون ننڍيون تڪليفون هو پنهنجي نفس تي خوشيءَ سان سهي ويندا هئا. انهيءَ ڪري هنن ٻنهي ڀاءُ _ ڀيڻ جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي، جا عرب ۾ ضرب المثل ٿي وئي هئي. عرب ۾ دستور هو ته هڪڙي قبيلي جو شاعر، ٻئي قبيلي جي شاعر جي هجوَ يا سِٺ ڪندو هو، پر خنساء ڪنهن جي به ڪڏهن هجوَ نه ڪئي. پنهنجي ڀاءُ جي قاتل، هاشم لاءِ ماڻهن گهڻو ئي چيس ته انهيءَ جي هجوَ شعر ۾ ڪر، پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ۽ انهيءَ جي بدران هڪڙو مزي جهڙو قصيدو چيائين، جنهن جو پهريون بيت هي آهي:
وقالوا الا تهجو فوارس هاشم
ومالي و اهدا انحنا ثم ماليا.
(يعنيٰ ماڻهو ٿا چون ته هاشم جي سوارن جي هجوَ ڇو نٿي ڪرين. ڀلا، مون کي اجائي بڪ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو_ ۽ پوءِ به ڪهڙو فائدو؟)
عرب هجوَ کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا، جو انهيءَ جي ڪري اهو قبيلو ساري ملڪ ۾ بدنام ٿيندو هو. اهڙو هجوَ ڪرڻ وارو جڏهن ڪنهن تجويز سان قيد ٿي ويندو هو، تڏهن انهيءَ کي گهوڙي وانگي لغام چاڙهيندا هئا، انهيءَ هوندي به هو ڪين رهندا هئا. هڪڙي هجوَ ڪندڙ شاعر کي، خليفي حضرت عمر رضه، ٽي هزار درهم ڏنا هئا، ته مسلمانن جي هجوَ نه ڪري.
خنساءَ، پوءِ نيٺ پنهنجي قبيلي سوڌي مسلمان ٿي. ۽ حضرت محمد ﷺ جن اڪثر سندس شعر ٻڌندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. خنساء اڪثر بيبي عائشہ رضه وٽ وڃي ويهندي هئي، ۽ انهيءَ کي به پنهنجا شعر ٻڌائيندي هئي. خنساء همت واري به ڏاڍي هئي. حضرت عمر رضه جي زماني ۾ ”قادسيه“ جي جيڪا مشهور جنگ ٿي، تنهن ۾ هوءَ پاڻ به حاضر هئي، ۽ سندس چار پُٽ به، جنگ کان هڪڙو ڏينهن اڳي، هن اهڙن جوش وارن لفظن ۽ شعرن ۾ پُٽن کي وڙهڻ لاءِ ترغيب ڏني، جو هنن کي جنگ جي انتظار ۾ رات گذارڻ ڏکي لڳي. صبح ٿيڻ سان، سڀني کان اڳي هو وڃي وڙهيا، ۽ چارئي هڪٻئي پٺيان، هڪٻئي جي ڏسندي، قتل ٿي ويا. هيءُ حال ڏسي خنساء پنهنجي جگر تي هٿ ڏيئي، ڏاڍو روئڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته : ”خدا جو شڪرانو آهي، ته شهيد ٿيا! آءٌ هنن کي انهيءَ هنڌ ملنديس، جنهن هنڌ خدا جي رحمت جو پاڇو هنن جي مٿان هوندو،“ حضرت عمر رضه هنن جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ سندس چئني پُٽن جو پگهار هن کي مقرر ڪري ڏنائين. انهيءَ کانپوءِ خنساء پنهنجو سڄو وقت گوشہ نشين ٿي، خدا جي عبادت ۾ گذاريو. سنه 41 هجري (سن 661ع) ۾، 84 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
زبيده خاتون
هيءَ خاتون، جنهن جو ڏاڏو بادشاهه هو، چاچو بادشاهه هو ۽ پٽ به بادشاهه هو، سا پنهنجي جلال، جمال ۽ ڪمال جي ڪري، دنيا ۾ بيمثل ٿي گذري آهي. هوءَ خليفي جعفر بن عبدالله جي ڌيءُ ، ۽ خليفي منصور جي پوٽي هئي. ان جو پيءُ جعفر تمام خوبصورت جوان، ۽عباسي شاهي خاندان ۾ سڀني کان زياده خوبصورت هو. زبيده خاتون، انهيءَ جو پهريون ٻار هئي. هوءَ سن 141هجري (766ع) ۾ پنهنجي ڏاڏي ”منصور“ جي حياتيءَ ۾ ڄائي. هن سان ڏاڏي جي ڏاڍي محبت هوندي هئي. ۽ هڪڙو پل به پنهنجي جهوليءَ کان پري نه ڪندو هوس. دربار ۾ به پاڻ سان رکندو هوس، ۽ هن کي پنهنجي ”تخت جي ٽِڪ“ سڏيندو هو. ان جو اصل نالو ”امة العزيز“ هو. منصور هن کي لاڏ مان”زبيده“ سڏيندو هو. جو نالو نيٺ مٿس پئجي ويو. لقب ”طاهره“ هوندو هوس. زبيده کي ننڍي هوندي تمام چڱي تعليم ملي. جيئن ان وقت جي خليفن ۽ اميرن ۾ رواج هو. علم ادب، شاعري، تفسير،فقہ ۽ صرف و نحو ۾ هوءَ ڏاڍي قابل هئي، ۽ هنرن جي به شوق هوندا هوس. ڪيتريون ئي سون، چاندي ۽ ڪاٺ جن نئين نموني جون شيون _ جدا جدا رنگن جا جوراب جواهرن سان جڙيل، زردوزي جُتيون، قسم قسم جا ريشمي ڪپڙن جا ڀرت ۽ عنبر جون شمعون وغيره ٺاهڻ جا هنر ڪڍيائين.
هن خوبصورت ۽ هر دلعزيز شهزاديءَ جي شادي، سن 164هجري (780) ۾، شهزادي ”هارون الرشيد“ سان ٿي، جو انهيءَ وانگي نيڪ، خوبصورت، هر دلعزيز ۽ علم جو شائق هو. اهي خليفي مهدي جي خلافت جا ڏينهن هئا. انهيءَ وقت زالن جو قدر گهڻو ڪونه هوندو هو. خاص بني اُميه جي زماني ۾_ مگر هن عقلمند ۽ شريف شهزاديءَ پنهنجي ذاتي عزت قائم رکي، ۽ عباسي خاندان ۾ هن جهڙي ٻي معزز زال ڪانه ٿي. هن جو مڙس هارون الرشيد جو نهايت عالي دماغ ۽ خوبصورت بادشاهه هو، انهيءَ تي به هن پنهنجو اثر قائم رکيو. ڪيتريون ٻانهيون، نهايت حسين، جدا جدا بادشاهتن مان سوکڙيءَ طور اينديون هيون، پر هن جي هوندي شاهي محلات ۾ ڪنهن جي به نه هلي. هيءَ سڀني جي سردار ۽ راڻي رهي آهي. هن جي خوش خلقي ۽ رحمدلي مشهور هئي. دربارين مان ڪنهن تي به بادشاهه ڪاوڙيو هو، يا ڪو موقوف ٿيندو هو، يا قيد ۾ پوندو هو، ته هن جي سفارش تي ان کي معافي ملندي هئي. هارون پاڻ به فياض هو، ليڪن زبيده جي فياضي هن کان زياده هئي. بغداد ۾ ڪوبه گهراڻو هن جي احسان کان خالي ڪونه هوندو هو. هن جو دين ۽ مذهب اهو هو، ته انسانذات سان جيتري ڀلائي ٿي سگهي، اوتري ڪريان. هن وٽ دولت ججهي هئي: پنجاهه لک درهم ساليانو ملندو هوس. ليڪن اها سڀ رقم هوءَ عام فائدي جي ڪمن ۾ خرچي ڇڏيندي هئي. بغداد کان دمشق تائين، منزل منزل تي پليون_ کوهه ۽ مهمان سرائون ٺهرائي ڇڏيائين، جن مان ايندڙ ويندڙ قافلن کي ڏاڍو آرام ملندو هو. اڃا تائين اُهي زبيده جي نالي سان مشهور آهن. مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ به هن حاجين جي لاءِ اهڙا سُک ۽ آرام جا بندوبست ڪيا. سڀ کان وڏو ڪم جو هن ڪيو، سو هي ته حجاز ۾ ”عين المشاش“ نالي هڪڙي نهر ٺهرايائين. جو اتي پاڻيءَ جو ڏڪار هو، اها نهر اڃا تائين قائم آهي. ترڪي سلطنت ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ جي مرمت ڪندي اچي. هاڻي انهيءَ جو نالو ”نهر زبيده“ آهي. انهيءَ تي سترهن لک دينار لڳا. يعنيٰ هندستان جا اٽڪل 45 لک رپيا. اها هڪ سئو ويهه ميل ڊگهي آهي. هن ان تي ڪيترائي باغ ۽ گهڻيون محلاتون جوڙايون ۽ ايران جو شهر”تبريز“ به هن نهر تي آباد ڪيو، جو هن پنهنجيءَ جاگير جو مکيه شهر ٺهرايو. علم دوست وري اهڙي هئي. جو پنهنجيءَ جاگير جو مکيه شهر ٺهرايو. علم دوست وري اهڙي هئي، جو پنهنجيءَ محلات ۾ اهڙي ڪابه نوڪرياڻي يا ٻانهي ڪانه رکندي هئي، جا پڙهيل نه هوندي هئي. قرآن شريف سان ڏاڍي دل هوندي هيس. هميشه پنج سئو عورتون سندس محلات ۾ قرآن شريف پڙهنديون رهنديون هيون، پري کان اهڙو ڀڻڪو ۽ آواز پيو ايندو هو، جهڙو مکين جي ماناري ۾ ٿيندو آهي. قرآن جي ياد ڪرائڻ جا مدرسا قائم ڪرايائين، جن مان هزارين مسلمان حافظ ٿي نڪتا، تنهن کانسواءِ علمائن ۽ فقيهن ۽ ٻين بزرگن کي ڳجهه ڳوهه ۾ مدد ڪندي هئي.
هن مان هارون الرشيد کي فقط هڪڙو پٽ، ”امين“ پيدا ٿيو. ٻانهين مان به ٻيا ڪي پٽ ٿيس. مامون، قاسم، صالح وغيره. مگر زبيده سڀني کي هڪجهڙو ڄاڻندي هئي. سڀني جي هڪجهڙي سنڀال رکندي هئي، ۽ انهن کي هڪجهڙي تعليم ڏياريندي هئي. هارون جي وفات کانپوءِ، امين تخت نشين ٿيو، جو هو قانون موجب وارث هو، نه ته ”مامون“ جو ٻانهيءَ جو پٽ هو سو امين کان زياده قابل هو، ۽ ماڻهن جي چاهت به انهيءَ ڏانهن گهڻي هئي. نيٺ درجي بدرجي، زور به اهو وٺي ويو، ۽ آخر امين مارجي ويو، ۽ مامون خليفو ٿيو. انهيءَ وقت ماڻهن زبيده کي گهڻو ئي چوريو ته جيئن خليفي عثمان جي خون لاءِ بيبي عائشہ حضرت عليءَ کان وڙهي بدلو ٿي ورتو، تيئن تون به پنهنجي پٽ جو بدلو مامون کان وٺ، پر زبيده چيو ته ”توبهه، توبهه! خونريزي زال جو ڪم ناهي_ هو به منهنجو ئي پٽ آهي!“ پوءِ مامون کي هڪڙو خط نهايت درد واري شعر ۾ لکيائين جو تمام ڊگهو آهي، اسين فقط پڇاڙيءَ جا ٻه بيت ٿا ڏيون:
فان ڪان ما ابدي لامر امرتہ
صبرت لامر من قدير مقدر
و ان ڪان ما قد ڪان منع تعد يا
علي امير المومنين فعير
(يعني، جيڪي ٿي گذريو آهي، سو جي هن جي حڪم سان ٿيو آهي، ته اي خاوند، آءٌ تنهنجيءَ تقدير تي صابر آهيان ۽ جي هن مون تي ظلم ڪيو آهي، ته تون انهيءَ امير المؤمنين کي پشيمان ڪر.)
اهو خط پڙهي، مامون گهڻو رنو، ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ ائين ڪين ٿو چوان، جيئن امير المومنين علي ابن ابي طالب چيو هو، جڏهن کيس خليفي عثمان رضه جي قتل جي خبر پهتي، ته ”آءٌ نه راضي آهيان، ۽ نه مون حڪم ڏنو“ مگر هيءَ دعا ٿو گهران ته ”يا الله ، تون منهنجيءَ معزز ماءُ طاهره (زبيده) جي دل رنج ۽ غم کان صاف ڪر“. مامون زبيده سان اهڙوئي سلوڪ ڪيو، جهڙو ڪو لائق شهزادو پنهنجيءَ ماءُ سان ڪري. باقي عمر زبيده بغداد ۾ گذاري، ۽ سن 316هه (821ع) ۾ وفات ڪيائين، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.
زبيده خاتون پنهنجي پٽ امين جي ماتم ۾ ڪي فارسي شعر به چيا آهن، جن مان هڪڙي رباعي هتي ڏجي ٿي:
اي جان جهان، جهان ناخوش بي تو
بغداد پريشان و مشوش بي تو
رفتي تو و من بي تو بماندم، فرياد
تو در خاڪي و من در آتش بي تو!
(يعني ته اي جهان جي جان، توکان سواءِ جهان غم ۾ آهي، بغداد توکان سواءِ حيران ۽ پريشان آهي، هاءِ افسوس، تون هليو وئين ۽ آءٌ توکان سواءِ رهجي ويس، تون مٽيءَ ۾ آهين ۽ آءٌ توکان سواءِ باهه ۾ آهيان!)
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
بيبي رابعہ عدويه
بيبي ”رابعه“ اسماعيل جي ڌيءُ هئي، جو عدوي قبيلي مان هو، ۽ بصري جو رهندڙ هو، وڏي ڪماليت وارو ماڻهو هو. رابعه کي ٽي ڀيڻون وڏيون ٻيون به هيون، پاڻ چوٿين هئي، تنهن ڪري ”رابعه“ جو نالو مليس، زهد ۽ تقويٰ توڙي علم ۽ فضل ۾ هوءَ مشهور آهي، علم حديث ۽ قرآن ۾ هوءَ قابل عالمن کان وڌي هئي. تصوف ۾ هن جو تمام وڏو درجو آهي، ۽ ڪشف ڪرامات ۾ به ملڪن ۾ مشهور ۽ ضرت المثل آهي. وڏا وڏا بزرگ ۽ اولياء سندس خدمت ۾ ايندا هئا، ۽ سندس صحبت مان فائدو حاصل ڪندا هئا. خواجه حسن بصري ۽ سفيان ثوري سندس صحبت جا ڏاڍا شائق هئا، ۽ اڪثر کانئس مسئلا پڇڻ ايندا هئا. ابراهيم ادهم به ساڻس ملاقات ڪئي هئي. اهي ٽيئي بزرگ، مشهور اولياء ٿي گذريا آهن. هوءَ سڄي رات نماز پڙهندي هئي. صبح تائين بيٺي هوندي هئي _ اٽڪل هزار رڪعتون هڪ رات ۾ پڙهندي هئي. وفات به سجدي ۾ ئي ڪيائين، جا سنه 185هه (801ع) ۾ ٿي، سندس قبر بصري ۾ آهي. جڏهن رابعه وڏي ٿي، تڏهن پڻس جي مرضي ٿي ته هن جي شادي ڪريان، پر هوءَ خدا جي عبادت ۾ اهڙي محو هئي، جو چيائين ته ”جي آءٌ انهيءَ ”سنت“ تي عمل ڪنديس، ته گهڻا ”فرض“ مون کان ترڪ ٿي ويندا، تنهن ڪري شادي نه ڪنديس“ هوءَ دنيا کان تارڪ هئي، تنهنڪري هوءَ شاديءَ کان نفرت ڪندي هئي. جيئن حضرت عيسيٰ عليه السلام دنيا کان تارڪ ٿي، ڇڙهو رهيو. اهو پهاڪو مشهور آهي،” ته نه سڀ مڙس حضرت عيسيٰ آهن، ۽ نه سڀ عورتون رابعه بصري آهن“. هوءَ اهڙي بي پرواهه رهندي هئي، جو بادشاهه، وزير ۽ امير هن جي خدمت ۾ آيا، پر ڪنهن کي به ڪو ڪم نه چيائين، نه ڪنهن وٽ ڪو احتياج يا ضرورت ظاهر ڪيائين. سڄي عمر توڪل ۽ قناعت سان گذاريائين. هڪڙي ڀيري ڪا شيءِ گهربل هيس، جا وٽس ڪانه هئي، ماڻهن چيس ته فلاڻي شخص وٽ آهي، انهيءَ کان گهرندينءَ ته ملندوءِ. پاڻ چيائين ته ”دنيا جي ڪنهن به شيءِ جو سوال جڏهن آءٌ خدا کي نٿي ڪريان، جو مالڪ الملڪ آهي، تڏهن اهڙي شخص کي ڇا سوال ڪنديس، جو حقيقت ڪري ڪنهن به شيءِ جو مالڪ ناهي!“.
هڪڙي ڀيري، سفيان ثوريءَ دعا گهري ته ”يا الله، اسين توکان پنهنجي سلامتي ٿا گهرون“.اهو ٻڌي بيبي رابعه ڏاڍو رني. جڏهن سبب پڇيائونس تڏهن چيائين ته ”اوهين سلامتي ٿا گهرو، ۽ سلامتي دنيا جي ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي، پر اوهين دنيا ۾ ويڙهيا پيا آهيو. افسوس آهي، ته انسان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش نٿو ڪري، رڳو دعا تي اميد ٿو رکي!“
نقل آهي ته ڪنهن ظريف، بيبي رابعه کي چيو ته “مڙسن جا ٽي رتبا آهن، جي زالن کي نصيب ناهن، هڪڙو ته مڙس پوري عقل وارا آهن، ۽ زالون ناقص العقل مشهور آهن، جو ٻن زالن جي شاهدي هڪڙي مڙس جي مَٽ آهي. ٻيو ته زالن جو دين به ناقص آهي، جو هر مهيني ڪيترا ڏينهن عبادت کان رهجي وڃن ٿيون، ۽ ٽيون ته ڪابه عورت پيغمبريءَ جي درجي کي نه پهتي. بيبي رابعه جواب ڏنو ته ”سچ آهي، ليڪن زالن ۾ وري ٽي فضيلتون آهن، جي مڙس ۾ نه آهن. هڪڙي ته زال کدڙي ڪانه ٿيندي، کدڙا رڳو مڙسن سان لاڳو آهن، ٻيو ته ڪنهن به عورت خدائيءَ جي دعويٰ ڪانه ڪئي، اها بي ادبي ۽ اهو ڪفر رڳو مڙسن کان ٿيندو اچي، ۽ ٽيون ته سڀ پيغمبر، اولياء ۽ ٻيا بزرگ عورت جي پيٽ مان ٿا پيدا ٿين، ۽ هنن جي جهولي ۾ ٿا پلجن!“.
هڪڙي ڀيري” سفيان“ کانئس ”ايمان“ جي معنيٰ پڇي: هن چيو ته ”ايمان اهو آهي، ته ماڻهو الله جي بندگي نه بهشت جو اميد تي ۽ نه دوزخ جي ڊپ کان ڪري. پر محض محبت ۽ شوق کان ڪري“، پوءِ پنهنجا جوڙيل ڪيترائي معرفت جا شعر پڙهيائين. هو تمام چڱو شعر چوندي هئي، جنهن جي معنيٰ حقاني هوندي هئي. ڪنهن شخص پڇيس ته ”رسول الله ﷺ جي محبت تنهنجيءَ دل ۾ ڪيتري آهي؟“ هن جواب ڏنو ”خالق جي محبت، منهنجيءَ دل ۾ ڪنهن به مخلوق جي محبت لاءِ جاءِ ڪانه ڇڏي آهي“. خدا کي ڏسڻ جي نسبت ۾ پڇيائونس. چيائين ته ”ڏسڻ کانسواءِ پُوڄڻ ڪهڙو آهي. جي هن کي نه ڏسان، ته جيڪر سندس پرستش به نه ڪريان!“ پڇيائونس ته ”شيطان کي دشمن رکندي آهين، يا نه؟“ جواب ڏنائين ته ”آءٌ رحمان جي دوستيءَ ۾ اهڙي مشغول آهيان، جو شيطان جي دشمنيءَ بابت خيال ڪرڻ جي فرصت نه اٿم“. پنهنجي نالي چوندي هئي ته ”آءٌ هُن جهان کان آئي آهيان، ۽ وري به هُن جهان ڏي وينديس“ مگر مون کي ارمان اهو ٿو ٿئي، ته ماني هِن جهان جي ٿي کان، ۽ ڪم هُن جهان جو ٿي ڪريان!“
”صالح مِري“ اولياء هڪڙي ڀيري چيو ته ”جيڪڏهن ڪو در پيو کڙڪائيندو، ته نيٺ اهو کلندو.“ رابعه چيس ته ”ڪيستائين پيو کڙڪائيندين ته پٽجي _ پهرين ٻڌاءِ ته در هُن ڪو پوريو به آهي ڇا، جو پٽي؟“ هڪڙي ڀيري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ در بند ڪريو، عبادت ۾ مشغول ويٺي هئي، بهار جي موسم هئي، مينهن وٺو هو، ٻاهر خدائي رنگ ماڻهن پئي ڏٺا، هڪڙي اچي ڪوٺيءَ جي در وٽ سڏ ڪري چيس ته ”بيبي، نڪري ٻاهر ٿيءُ، قادر جي قدرت ڏس!“ هن کي جواب ڏنائين ته ”تون لنگهي اندر آءٌ، ته خود قادر کي ڏسين، ”قادر، جو مشاهدو چڱو، يا سندس ”قدرت“ جو؟“ هوءَ خدا کي سوال ڪندي هئي، ته ”يا خدا“ جيڪا دنيا ۾ منهنجي قسمت ڪئي اٿئي، سا پنهنجن دشمنن کي ڏي، ۽ جيڪا آخرت ۾ منهنجي قسمت ڪئي هجيئي، سا پنهنجن دوستن کي ڏي _ منهنجي لاءِ رڳو تون پاڻ بس آهين!“ هڪڙي ڀيري بيبي رابعه، حسن بصريءَ ڏي ٽي شيون ڏياري موڪليون ، شمع جو ٽڪر، سُئي ۽ وار، ۽ چوائي موڪليائينس ته ”شمع وانگي پاڻ به پيو سڙ، ۽ ٻين کي به روشني پيو ڏي، سُئي وانگي پاڻ اگهاڙو رهه، ۽ ٻين جا ڪپڙا تيار ڪري انهن جو ستر ڍڪ، ۽ وار وانگي ضعيف ۽ نستو ٿي گذار، ته تنهنجو ڪم ٺهي اچي!“
بيبي رابعه جو گهڻو عربي شعر آهي. نموني لاءِ سندس مناجات مان چار بيت ڏجن ٿا.
احبڪ حبين _ حب الهويٰ وحبا لانڪ اهل لذالڪ: فاما الذي انت اهل لہ، فڪشفڪ لي الحجب حتي اراڪ، فاما الذي هو حب الهويٰ، فشغلي بذڪرڪ عمن سواڪ: فلا الحمد في زاد لا ذالڪ لي، ولڪن لڪ الحمد فِي ذا وذاڪ
(يعني، آءٌ توسان ٻه محبتون ٿي رکان _ هڪڙي محبت عشق جي، ۽ ٻي اها جنهن جو تون لائق آهين. پوءِ اُها محبت ، جنهن جو تون لائق آهين، تنهن جي نسبت ۾ آءٌ گهران ٿي، ته تون پردا کولي ڇڏين ته آءٌ توکي ڏسان، ۽ اها جا عشق جي محبت آهي. سا آهي تنهنجي يادگيري ءَ ۾ منهنجو مشغول رهڻ، ۽ توکان سواءِ ٻي سڀ شيءِ وسارڻ: پوءِ شڪر ناهي انهيءَ ۾ تنهنجي لاءِ منهنجو ، پر تنهنجي لاءِ شڪر آهي. هِن ۾ به هُن ۾ به.)
(اشارو: بيبي رابعه بصري ٻي مشهور عورت ٿي گذري آهي، جنهن جي فصاحت ۽ بلاغت به ڪمال درجي جي هئي. جا هميشہ قرآن پڙهندي هئي، ۽ سڀ ڪنهن جي سوال جو جواب به قرآن جي هڪڙيءَ نه ٻيءَ آيت پڙهڻ سان ڏيندي هئي. ڪي ماڻهو ”رابعه عدويه“ کي به ڀل کان ”رابعه بصري“ سڏيندا آهن_ جيتوڻيڪ هيون ٻيئي بصري جون.)
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
بيبي تحفه رضه
هي ڏاڍي عارف ۽ ڪامل عورت ٿي گذري آهي. شيخ ”سري سقطي“، مشهور اولياء ذڪر ٿو ڪري، ته هڪڙيءَ رات مون کي ننڊ نٿي آئي، ۽ سڄي رات بي آراميءَ ۾ گذاريم، جڏهن صبح جو نماز پڙهي بيمارستان (اسپتال) ڏي ويس، تڏهن اُتي هڪڙي خوبصورت ٻانهي ڏٺيم، جنهن کي عمدا ڪپڙا پيا هئا، ۽ منجهانئس خوشبوءِ پئي آئي، ليڪن هٿ پير ٻڌا پيا هئس! مون کي ڏسي، هوءَ روئڻ لڳي ۽ شعر پڙهڻ لڳي، بيمارستان جي داروغي کان پڇيم ته هيءَ ڪير آهي؟ چيائين ته ”هيءَ هڪڙي ٻانهي آهي، جا چري ٿي پيئي آهي، ۽ ان جي ڌڻيءَ هن کي بند ڪري هيڏي موڪليو آهي. هيءَ ڳالهه ٻڌي، اُها ٻانهي وري به زار زار روئڻ لڳي، ۽ عربي شعر پڙهڻ لڳي، جن جو مطلب هو ”اي لوڪو، آءٌ بيگناهه آهيان: آءٌ ظاهر ڪري چري آهيان ليڪن منهنجي دل هوشيار آهي! مون کي بند ڪيو اٿوَ، ليڪن انهيءَ جي (يعنيٰ خدا جي) محبت کان سواءِ، آءٌ پاڻ ۾ ٻيو ڪو گناهه نٿي ڏسان. منهنجي انهيءَ سان محبت آهي، جنهن جي درگاهه جي نافرماني ڪري نٿي سگهان، جيڪا منهنجي لاءِ چڱائي ٿا سمجهن، سا منهنجي لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪا منهنجي خرابي ٿا سمجهن سا منهنجي چڱائي آهي، جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ کي دوست ٿو رکي. انهيءَ جو ڪهڙو گناهه آهي؟“ هن جون اهي ڳالهيون ٻڌي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ روئڻ اچي ويو. هن چيو ته ”اي سِري“، جيڪڏهن تون انهيءَ کي جيئن سڃاڻڻ گهرجي تيئن سڃاڻين، ته الائجي ڪيترو روئين!“ مون پڇيس ته توکي منهنجو نالو ڪيئن آيو، مون کي ڪيئن سڃاتئي؟“ هن چيو ته جڏهن انهيءَ کي سڃاتو اٿم، تڏهن ٻئي ڪنهن کان به آءٌ جاهل نه هونديس!“ پڇيو مانس، ”توکي هتي ڪنهن بند ڪيو آهي؟“ چيائين ته ”منهنجن حاسدن، ٻَڌي ڪري، ائين ڪيو آهي“ پوءِ، دانهن ڪري ڪِري پيئي، جڏهن وري هوش ۾ آئي، تڏهن وري ٻيا شعر پڙهڻ لڳي. مون داروغي کي منٿ آزي ڪئي ته هن ويچاريءَ کي ڇڏي ڏي. هن ڇڏي ڏنس. مون چيو مانس ته ”هاڻ جيڏي وڻيئي تيڏي وڃ.“ هن چيو ته ”آءٌ ڪيڏانهن وينديس؟ هو منهنجو حقيقي مالڪ آهي، ۽ آءٌ سنديس مملوڪ يا ٻانهي آهيان: جڏهن هو راضي ٿي موڪل ڏئي، تڏهن آءٌ وڃان! مون دل ۾ چيو ته ”قسم خدا جو، هيءَ چري ته ڪين آهي، مون کان ڏاهي ٿي ڏسجي! انهيءَ وچ ۾، ”تحفه“ جو ڌڻي به اچي اُتي نڪتو، مون پڇيو مانس ته ”هيءَ ٻانهي مون کي زياده شريف ٿي ڏسجي_ ڪهڙي گناهه ڪري هن کي بند ڪرايو اٿئي؟“ چيائين ته ”چري ٿي پيئي آهي_ نڪي کائي ٿي، نڪي پيئي ٿي، نڪي سُمهي ٿي، هميشہ پيئي روئي، ۽ دانهون ڪري، اسان کي ننڊ ئي ڪرڻ نٿي ڏئي! مون وٽ ڪل ويهه درهم هئا، جي ڏيئي مون هن کي خريد ڪيو، جو هوءَ ڏاڍي ڳائيندڙ آهي: ڀانيم ته راڳ ڳائي منهنجي دل وندرائيندي، پر سگهوئي حقيقي معنيٰ وارا راڳ ڳائي زار زار روئڻ لڳي، ۽ ڳائڻ جو ساز ڀڃي ڇڏيائين _ تنهن کي سال کن ٿيندو“. پوءِ ”تحفه“ کان پڇيم ته ”ائين برابر آهي، ڪيئن؟“ تنهن تي، وري روئي، عجيب شعر پڙهڻ لڳي. تڏهن ”تحفه“ جي مالڪ کي چيم ته ”اِهي پئسا هن جي قيمت جا آءٌ ٿو ڏيان، تون هن کي آزاد ڪر.“ هن قبول ڪيو.
آءُ اُهي پئسا گڏ ڪرڻ ويس، جو مون وٽ هڪڙي پائي به ڪانه هئي. حيران سرگردان ٿيو وتيس. رات جو مون کي ننڊ نه آئي. خدا کي پئي سوال ڪيم ته منهنجي مراد پوري ڪر، ۽ مون کي مفلس ٺهرائي خوار نه ڪر. اڌ رات جو هڪڙو ماڻهو، چئن غلامن سان، هڪڙي شمع کڻي اُتي آيو. پڇيو مانس ته ”ڪير آهين ۽ ڇو آيو آهين؟“ چيائين ته ”اڄ رات ”احمد بن مثنيٰ“ مون کي خواب ۾ ملڻ آيو، ۽ اچي حڪم ڪيائين ته پنج بدڙيون سون جون کڻي، ”سري سقطي“ کي وڃي ڏي، ته هو ”تحفه“ کي خريد ڪري، جو ”تحفه“ سان منهنجي گهڻي خاطري آهي“. هيءُ ٻڌي آءٌ خوش ٿيس، پئسا وٺي رکيم، ۽ خدا جو شڪرانو ادا ڪيم، جڏهن صبح ٿيو، تڏهن انهيءَ بيمارستان ۾ ويس، ”تحفه“ جو مالڪ به اُتي آيو، پر روئندو آيو. پڇيومانس،”روئين ڇو ٿو جيڪي پئسا گهريئه ٿي، سي آندا اٿم؟“ هن چيو ته ”اي سري“، اهي پئسا مون کي نه گهرجن، مون ”تحفه“ کي خدا جي واٽ ۾ آزاد ڪيو، ڇالاءِ جو رات خواب ۾ مون کي ”تحفه“ جي لاءِ ڏاڍو ڊيچاريو اٿن، ۽ خوف ڏنو اٿن. آءٌ هن کي ته ڇڏيان ٿو، پر پنهنجو سڀ مال به خدا جي واٽ ۾ ڏيو ٿو ڇڏيان!“ انهيءَ وچ ۾ ”تحفه“ دانهون ڪندي، شعر پڙهندي، جهنگ ۾ گم ٿي ويئي، ۽ ڳولئي به نه لڌي_ جڏهن پوءِ آءٌ مڪي ۾ ويس، تڏهن وري ڏٺومانس _ چرين وانگي، جهنگ ۾ اڪيلي پئي گهمي، ۽شعر پئي پڙهيائين. انهيءَ صورت ۾ اوچتو ڪري پيئي، ۽ مري ويئي. پوءِ اُتي کڻي دفن ڪيوسينس. ”سري سقطي“ ٿو چوي ته هن عورت ۾ مون ايتريون ڪرامتون ڏٺيون، جيتريون ڪنهن ٻئي اولياء ۾ نه ڏٺيم.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
فخر النساء شهده، ”ڪاتبه“
هيءَ بيبي، علامه ابو نصر بن فرج بن عمر ابريءَ جي ڌيءُ هئي. انهيءَ علامه جي وڏن مان ڪو درزڪو ڪم ڪندو هو، تنهن ڪري ”ابري“ سڏيندا هئس، جنهن جي معنيٰ آهي سُئي هلائڻ وارو. هن جو اصل وطن”دينور“ هو، جو ايران ۽ عراق جي وچ ۾ هڪڙي جبلن جي قطار ۾ آهي، ليڪن، زماني جي ضرورتن ڪري اهو علامه پنهنجو وطن ڇڏي، اچي بغداد ۾ رهيو هو. انهيءَ هنڌ اها بيبي ”شهده“ سنه 484هه (1091ع) ۾ پيدا ٿي. ضروري تعليم ڏيڻ کان پوءِ، علامه ابو نصر، پنهنجي ڌيءُ کي وقت جي قابل عالمن جي صحبت ۽ شاگرديءَ ۾ ڇڏيو _ جيئن ته عبدالله حسن بن احمد نعماني، ابو الخطاب بطروني، ابوبڪر شارشي وغيره، جي انهيءَ وقت جا مشهور عالم هئا. جڏهن ”شهده“ تمام قابل ٿي، تڏهن پاڻ مدرسو کوليائين، ۽ گهڻن ماڻهن وٽانئنس علم جو فيض حاصل ڪيو. هوءَ تمام خوشخط هئي، ۽ اکر تمام چڱا لکندي هئي، جنهن ڪري ”ڪاتبه“ جو لقب مليس. هن جي شادي علامه ابو نصر جي وڏي شاگرد علي بن محمد بن يحيٰ سان ٿي، جو علم ۽ فضل ۾ زماني جو يڪتا عالم هو. انهيءَ شاديءَ مان پوءِ تمام چڱا نتيجا نڪتا.
خديجہ بنت القيم
هيءَ خاتون ، حديث ۽ ادب جي علم ۾ امام ٿي گذري آهي. هوءَ ”حمام قيمي ناطوريءَ“ جي ڌيءُ هئي، جو بغداد جو رهاڪو هو. عالمن هن خاتون کي ”اُمة العزيز“ جو لقب ڏنو هو. هوءَ سنه 608هه (1211ع) ۾ ڄائي هئي. انهيءَ وقت جي رواج موجب، هن کي تمام چڱي تعليم ملي. پهريائين وطن ۾ وڏن وڏن عالمن ۽ استادن جي شاگرديءَ ۾ فيض حاصل ڪيائين. پوءِ سفر ڪري شام جي جدا جدا علمائن وٽ علم پڙهيائين. مصر ۾، ابن حميري ۽ علي بن مختار عامريءَ وٽ، گهڻا ورهيه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ڪيائين. حديث جي علم ۾ هن ڏاڍو نالو ڪڍيو، ۽ تاريخن ۾ اڃا تائين هن جي تعريف هلي اچي. هن سنه 699هه (1299ع) ۾ وفات ڪئي.
شجرت الدر
هيءَ خاتون مصر جي ”ايوبيه“ گهراڻي جي ستين بادشاهه، ”ملڪ صالح“ جي سُريت هئي. ننڍي هوندي هن کي کان چڱي تعليم مليل هئي، جنهن ڪري بادشاهه وٽ هن جو ڏاڍو قدر هو. بادشاهه مان هن کي هڪڙو پٽ به ڄائو،جنهن جو نالو ”خليل“ رکيو ويو، ۽ جنهن ڪري هن کي ”اُم خليل“ جي ڪُنيت ملي. مگر اهو جلدئي مري ويو. هن کي بادشاهه پاڻ سان جنگين ۾ به کڻندو هو. بادشاهه ملڪ صالح پاڻ به ڏاڍو نيڪ، عقلمند ۽ بيدار مغز هو. تاريخ وارن هن جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن ملڪ ۾ ڏاڍا سڌارا ڪيا، ۽ فساد بند ڪيائين، ۽ هڪڙو وڏو مدرسو ”قصرين“ ۾ قائم ڪيائين. بحري فوج تيار ڪرايائين. سن 647هه ۾، فرانس جي بادشاهه” لوئي“ سان ”دمياط“ جي ويجهو وڙهڻ لاءِ ويو، ته اوچتو چالهين ورهين جي عمر ۾ ۽ ڏهن ورهين جي حڪومت کانپوءِ، مري پيو. اهڙيءَ پريشانيءَ جي حالت ۾ ”شجرة الدر“ ڏاڍو همت جو ڪم ڪيو: مَلڪ صالح جا ٽي پٽ هئا، مگر انهيءَ وقت فقط هڪڙو پٽ ”توازن شاهه“ جيئرو هو، جو ”ڪيفا“ ۾ هو. ”شجرة الدر“ لشڪر کي بادشاهه جي مرڻ جي خبر نه ٻڌائي، رڳو سخت بيماريءَ جي حالت ظاهر ڪيائين، ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ هڪڙو قاصد ”توازن شاهه“ ڏي موڪليائين، جو آيو، ۽ ”شجرة الدر“ ائين ظاهر ڪيو، ته بادشاهه پٽ کي پنهنجي طرفان مدارالمهام يا جانشين ڪيو آهي. جڏهن هو دمشق ۾ وڃي”مَلڪ اعظم“ جي لقب سان تخت نشين ٿيو، تڏهن بادشاهه جي مرڻ جي خبر ظاهر ٿي. انهيءَ وچ ۾ فرانسيسي لشڪر مسلمانن تي ڪاهه پئي ڪئي، مگر ”شجرة الدر“ تجويز سان انهن کي سامهون پئي ٿي. نيٺ بحري فوج جي مدد سان، هن ”لوئيءَ“ جي لشڪر کي شڪست ڏني. هن جا 115 آفيسر ماريا، ۽ 33 جهاز گرفتار ٿيا. سگهوئي پوءِ، ”لوئي“ پاڻ به گرفتار ٿي پيو، جنهن کي وٺي هوءَ قاهره ۾ آئي.
توازن شاهه، تخت تي ويهڻ کانپوءِ ”شجرة الدر“ جو احسان وساري، سندس برخلاف ٿيو، ۽ هن کي دڙڪا ڏيڻ لڳو. مملوڪن جي فوج ”شجرة الدر“ سان مليل هئي، ۽ اُها فوج ڏاڍي زور ڀري هئي. تنهن توازن شاهه کي ماري وڌو. تخت جو وارث ڪونه هو، تنهن ڪري زور سان شجرة الدر کي تخت تي ويهاريائون، ۽ امير عزالدين ( يا معز الدين) کي لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيائون. (اُهو اصل مَلڪ صالح جو زر خريد غلام هو). هن راڻيءَ مُلڪ جا سڀ فساد بند ڪرائي ڇڏيا، ۽ ڏاڍو سڌارو ڪيائين. هن فرانس سان عهد نامو ڪيو، جنهن موجب ”لوئي“ بادشاهه کي مارايائين: پنهنجا مسلمان قيدي وري ورتائين، ۽ ”دمياط“ جو گهڻن ورهين کان فرانسيسي وٺي ويا هئا، سو موٽائي ورتائين، اَٺ لک دينا، لُٽ جي چٽي، به هنن کان ڀرائي ورتائين. لوئي فرانس پهچڻ شرط عهد شڪني ڪري، جنگ شروع ڪئي، تنهن تي شجرة الدر هن سان جُٺ ڪرڻ لاءِ هڪڙو عربي قصيدو هن ڏي موڪليو، جنهن جو پهريون بيت هن طرح هو:
”قل للفرانس اذا جئتہ، مقال صدق عن قوه من نصيح.“
انهيءَ قصيدي جو مطلب هي هو ته ”اي قاصد تون جڏهن فرانس ۾ لوئيءَ وٽ وڃين، تڏهن چئجئينس ته آءٌ توکي نصيحت ڪندڙ وانگي سچ ٿو چوان، ته تو بي عقلي ڪري پنهنجن پنجاهه هزار سنگيتن کي قبر ۾ وجهي ڇڏيو، جن مان فقط ڪي زخميل وڃي بچيا آهن، جي اسين ٻيو ڀيرو توتي قصد ڪري آياسين، ته اهو ساڳيو مڪان، جتي تون هيترا ڏينهن قيد هئين، اهو تنهنجي لاءِ اڃا خالي پيو آهي!“
هيءُ قصيدو ٻڌي ”لوئي“ شرمندو ٿيو، ۽ جنگ جو خيال لاهي ڇڏيائين.
سگهوئي پوءِ شجرة الدر، سردار عزالدين سان شادي ڪئي. اڳي انهيءَ خاندان مان ڪا زال بادشاهه نه ٿي هئي، تنهن ڪري ماڻهن حلب جي واليءَ، ”ملڪ ناصر“، آخرين عباسي خليفي به پنهنجي دعوي پيش ڪئي. شجرة الدر ڏٺو ته ماڻهن جي راءِ مرد بادشاهه ڏي آهي، ۽ وڙهڻ سان مفت خونريزي ٿيندي، تنهن ڪري پاڻ بادشاهي ڇڏي، پنهنجي مڙس عزالدين جي فرمانبرداري قبول ڪيائين، جو بادشاهه ٿيو. انهيءَ طرح هن راڻيءَ مڙيئي ٽي مهينا حڪومت ڪئي، مگر تمام چڱي ڪئي، ۽ سڀني مصر جي بادشاهن کان مشهور ٿي ويئي. شجرة الدر، مڙس کي حڪومت جي ڪم ۾ مدد ڏيندي آئي، ستن ورهين کان پوءِ ، سنه 655هه (1257ع) ۾، عزالدين ”موصل“ جي حاڪم جي ڌيءُ سان کڻي شادي ڪئي، تنهن تي شجرة الدر ڏاڍي ڪاوڙي، ۽ محسن جوهريءَ سان سازش ڪري، هن کي حمام ۾ مارائي ڇڏيائين. انهيءَ وير وٺڻ لاءِ، عزالدين جي هڪڙي سُريت _ جنهن مان هن کي هڪڙو پٽ هو. ڪنهن بهاني تي پنهنجون ڪي ٻانهيون وٺي، شجرة الدر جي گهي ويئي، ۽ اتي انهيءَ کي خنجر هڻي ماري وڌائين.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
قرت العين
”قرت العين“، جنهن جو اصلوڪو نالو ”زرين تاج“ آهي، سا حاجي مُلا محمد صالح قزوينيءَ جي ڌيءُ هئي، جو ايران جي مشهور ۽ نامور عالمن مان مُک ماڻهو هو. اهو عيسوي اڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ رهندو هو. ملا صالح، فقہ جي علم ۾ قابل هو، انهيءَ جي گهراڻي ۾ ڪيترائي ٻيا وڏا وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا هئا. انهيءَ جو ڀاءُ حاجي محمد تقي، يعنيٰ، قرة العين جو چاچو، قزوين جو مجتهد هو، ۽ ملا محمد تقي جو پٽ ملا محمد نهايت وڏو عالم هو، انهيءَ ڪري قرة العين، خاندانيءَ جي ڪري، روشن دماغ ۽ فاضل ۽ فياض هئي. هن کي علم جي وڌائڻ جو شوق گهڻو هو، غور ۽ خوض ڪرڻ جي عادت هوندي هيس، ۽ علم جي تحصيل ۾ سخت محنت ۽ ڪوشش ڪندي هئي. ننڍڻ کان ئي هن کي علمي مذاق کان سواءِ ٻيو شغل ڪونه هوندو هو. جڏهن ڪٿي سندس فاضل ۽ عالم مائٽ مٽ گڏ ٿيندا هئا، تڏهن علمي مباحثو ۽ تذڪروهلندو هو. انهيءَ ۾ هوءَ شامل ٿيندي هئي، ۽ ڏاڍي ڌيان سان هنن جون ڳالهيون ٻڌندي هئي. انهيءَ ڪري، سندس چاچو خواهه ٻيا مائٽ کيس گهڻو پسند ڪندا هئا، ۽ آفرين ۽ مانُ ڏيندا هئا. هڪڙو ته هن کي خداداد حُسن، حيا ۽ عمدو ذهن هو. ٻيو ته هوءَ پاڪدامن ۽ پرهيز گار هئي، تنهن ڪري سگهوئي قزوين ۾ پنهنجي علميت، قابليت ۽ بلند خياليءَ جي ڪري مشهور ٿي ويئي، ۽ سندس خاندان بلڪ سارو شهر هن تي فخر ڪرڻ لڳو.
قرة العين جي شادي سندس سئوٽ ملا محمد سان ٿي هئي، ليڪن افسوس ته انهن جي اڻبڻت ٿي پيئي ۽ انهيءَ جي پڇاڙي چڱي نه ٿي. قرة العين، هميشہ وانگي پنهنجي علمي ڪمن ۾ مَشغول رهي، بلڪ مذهبي ۽ علمي ڳالهين ۾ سندس شوق ۽ دلچسپي زياده ٿيڻ لڳي. انهيءَ وقت ڌاري هن کي خبر ملي ته هڪڙو نوجوان شيرازي، مرزا علي محمد نالي، ”مهدي“ هئڻ جي دعويٰ ٿو ڪري، ۽ گهڻائي ماڻهو هن جي پيروي ٿا ڪن، انهيءَ سان قرة العين خط ڪتابت ڪرڻ لڳي. نيٺ سچيءَ دل سان هن جي شاگرد ۽ مريد ٿي، ۽ انهيءَ جي تعليم پکيڙڻ ۾ ڪوشش ڪرڻ لڳي. انهيءَ ڪم لاءِ، سفر ڪرڻ ۽ ظاهر ظهور وعظ ڪرڻ لڳي.
مرزا علي محمد جو پيءُ اصل سوداگر هو، ۽ پنهنجي وطن شيراز ۾ سوداگري ڪندو هو. هو پنهنجي پٽ کي ننڍيءَ عمر ۾ ڇڏي مري ويو، ۽ سندس مامي هن کي پالي وڏو ڪيو ۽ تعليم ڏني. مامس هن کي ابي_ ڏاڏي واري ڪم ۾ لڳايو _ يعني سوداگريءَ ۾ _ پر هن جي طبعيت اهو ڌنڌو مناسب نه سمجهيو، تنهن ڪري بيزاريءَ مان شيراز ڇڏي ڪربلا هليو ويو، ۽ حاجي سيد ڪاظم جي مدرسي ۾ وڃي شاگرد ٿيو، جو شيخيه فرقي جي باني شيخ احمد احسانيءَ جو جانشين هو، انهيءَ مشهور بزرگ ۽ عالم وٽ سوين ماڻهو ايندا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ، حاجي سيد ڪاظم وفات ڪئي، ۽ مرزا علي محمد موٽي شيراز هليو ويو. پر، هن جي انهيءَ وچ ۾ پنهنجي قابليت ڏيکاري هئي، ۽ هڪڙو عمدو ڪتاب به تصنيف ڪيو هئائين، تنهن ڪري سڀني شاگردن ۽ مريدن، پاڻ ۾ صلاح ڪري، مرزا علي محمد کي سڏي، کيس سيد حاجي ڪاظم جو جانشين ڪيو. سگهوئي پوءِ مرزا علي محمد ”مهدي“ هئڻ جي دعوا ڪرڻ لڳو، ۽ ”باب“ جو لقب پاڻ تي رکي. هڪڙي نئين شرعيت تيار ڪيائين، ۽ هڪڙي نئين تعليم ڏيڻ ۽ پکيڙڻ لڳو. انهيءَ جا مختصر اُصول هي هئا: ”انسان جي هدايت لاءِ ”مشيت اُوليٰ“، يعنيٰ خدا جي مرضي، هميشہ هڪڙي نه ٻئي انسان جي صورت ۾ حلول ڪري اچي ٿي، اهڙن انسانن کي پيغمبر ٿو سڏجي ، حضرت آدم عليه السلام کان وٺي حضرت محمد ﷺ جن تائين جيڪي پيغمبر ٿي گذريا آهن، تن جون جيتوڻيڪ صورتون علحديون هيون، مگر في الحقيقت هو سڀ هڪ هئا، ۽ مشيت اوليٰ جدا جدا صورتن جي وسيلي يا انهن جي واتان ٿي ڳالهايو. حضرت محمد ﷺ جن کان 1270 ورهيه پوءِ، انهيءَ مشيت اوليٰ، مرزا علي محمد ”باب“ ۾ حلول ڪيو آهي. اهو سلسلو هميشہ قائم رهندو، ۽ انهيءَ جي ڪابه انتها ڪانه ٿيندي. انهيءَ بابت حضرت محمد ﷺ جن اڳي ئي خبر ڏيئي ڇڏي هئي، ته مون کانپوءِ امام مهدي ايندو_ اهـــو ”مهدي“ مرزا علي محمد ”باب“ آهي. انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ ۽ ثابتيءَ لاءِ مرزا علي محمد هڪڙو ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو هن”بيان“ رکيو، جو قرآن مجيد جي جواب ۾ آهي. انهي ”نئين مذهب“ ملڪ ۾ هلچل مچائي ڏني. ساري ايران ۾ هُل پئجي ويو. ماڻهو هن جي رفيقن ۽ شاگردن جي برخلاف ٿيا، ۽ انهن کي ايذاءُ رسائڻ ۽ انهن جا خون ڪرڻ لڳا، قزوين جو مجتهد، حاجي ملا محمد تقي، انهيءَ جو زبردست مخالف ٿيو، اهو اڳي ئي شيخ احمد احسانيءَ ۽ انهيءَ جي مريدن جو مخالف هو، تنهن هينئر” باب“ ۽ انهيءَ جي طرفدارن _ يعني بابين ۽ شيخين _ تي ”ڪافر“ هئڻ جي فتوا ڏني _ پر انهيءَ ساڳئي محمد تقيءَ جي خاندان مان، قرة العين هن نئين فرقي جي طرفدار پيدا ٿي.
مرزا علي محمد ”باب“ ، قرة العين جي تعريف ٻڌي هئي. تنهن انهيءَ کي آڻي پنهنجو مصاحب ڪيو. پوءِ سگهوئي هن ”مهدي“ کان لنگهي، ”رسول“ هئڻ جي دعويٰ ڪئي، ۽ انهيءَ ۾ قرة العين هن کي دل جان سان مدد ڏيڻ لڳي. پهرين ته هوءَ ڪربلا ۾ وڃي فصاحت ۽ بلاغت سان وعظ ڪرڻ لڳي، ۽ هزارين ماڻهو وٽس گڏ ٿيندا هئا. اتي جي حاڪم، عالمن جي ڪفر جي فتوا تي، قرة العين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، پر قرة العين ڀڄي بغداد ڏي ويئي. اتي ترڪيءَ جي سلطان هن کي وعظ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، تنهنڪري هوءَ همدان ۾ آئي. اتي گهڻن عالمن کي بنائي ”بابي“ ڪيائين. مرزا علي محمد هن کي ”طاهره“ جو لقب ڏنو، همدان مان وري قزوين ۾ موٽي آئي، ۽ اُتي هن بهادر ۽ همت واريءَ زال ارادو ڪيو ته تهران ۾ وڃي خود ايران جي بادشاهه کي ”بابي“ ڪريان. هوءَ رواني به ٿي پر پڻس ڪي ماڻهو موڪليا، جي زور ڪري هن کي رستي تان موٽائي وٺي آيا. اهڙيءَ هلت ڪري قرة العين جي مڙس، ملا محمد، کيس طلاق ڏيئي ڇڏي ڏنو.
ملا محمد تقي، قزوين جو مجتهد ۽ قرة العين جو چاچو، پنهنجيءَ پياريءَ ۽ قابل ڀائٽيءَ ۽ نُنهن جي ڪافر هئڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو _ بلڪ ڏک ۽ غم کان رت جون هنجون هارڻ لڳو، ۽ فتويٰ ڏنائين ته اڳتي مرزا علي محمد ”باب“ ۽ شيخ احمد احسانيءَ تي لعنت ڪرڻ ۾ اچي. انهي حرڪت ڪري بابي ڏاڍا ڪاوڙيا، ۽ کيس مارڻ جي پٺيان پيا. سنه 1265هه (1848ع) ۾ ، هڪڙي ڏينهن، مرزا صالح بابيءَ ٻين ٻن ڄڻن سان گڏ، وجهه ڏسي، مسجد ۾ ملا محمد تقيءَ کي ماري وڌو، سندس پٽ ملا محمد، يعني قرة العين جي مڙس، پيءُ جي خون جي تهمت قرة العين تي آندي، جنهن ۾ هوءَ گرفتار ٿي، پر اهو ڏوهه مٿس ثابت نه ٿيو، تنهن ڪري هن کي ڇڏي ڏنائون. انهيءَ کان پوءِ قرة العين پنهنجي وطن. قزوين“ هميشہ لاءِ ڇڏي ڏنو، ۽ خراسان ڏي ويئي، اتي ڪي ڏينهن گذاري، مازندران آئي، ۽ جتي ڪٿي پنهنجي مذهب جي پڌرائيءَ لاءِ وعظ ڪندي رهي. انهيءَ وقت ڌاري، بابين ۽ شاهي فوج جي وچ ۾ سخت لڙائي شروع ٿي. بابي قيد ٿيڻ لڳا، انهن سان گڏ قرة العين به قيدي ٿي، ۽ زنجيرن ۾ ٻڌجي تهران آئي. ايران جو بادشاهه، ناصر الدين شاهه قاچار، هن جي صورت ۽ قابليت ڏسي، حيرت ۾ پيو ۽ مٿس گهڻو رحم آيس، تنهنڪري هن کي آزاد ڪرايائين _ رڳو احتياط لاءِ شهر جي ڪوٽوال جي نظر ۽ حفاظت هيٺ رکايائينس. پر هيءَ تي اتي به نه رهي، ۽ زور شور سان پنهنجي مذهب جو وعظ ڪندي رهي. ان جو اهڙو اثر ٿيڻ لڳو، جو گهڻا سندس پاسي اچڻ لڳا.
سن 1274هه ( 1857ع) ۾ ڏاڍو خراب اتفاق ٿي پيو، اهو هي ته ناصر الدين شاهه کي، شڪار ڪندي، ٽن بابين، تپاچو هڻي، گهوڙي تان ڪيرائي، گهوگهو ڏيئي ٿي ماريو، ته ماڻهن هنن کي پڪڙي وڌو. تپاچو به گسي ويو. انهيءَ تي سرڪاري حڪم جاري ٿيو ته سڀ بابي _ مڙس توڙي زالون _ هڪدم گرفتار ٿين. رڳو جيڪو ”باب“ تي لعنت ڪري، تنهن کي ڇڏي ڏجي. انهيءَ واقعي ۾ هزارين بابي، عذاب کائي. خوشيءَ سان مئا. ويچاري قرة العين به انهيءَ مصيبت کان بچي نه سگهي. ڪوٽوال هن کي شاهي درٻار ۾ وٺي آيو، جتي وڏا وڏا عالم گڏ هئا. انهن جو روبرو، هن کان پڇيو ويو ته ”تون بابي آهين ڇا؟“ قرة العين، ڊپ کان سواءِ چيو ته “آءٌ آهيان. ساهه بچائڻ جي لاءِ پنهنجيءَ دل جي شاهديءَ ۽ سچ جي برخلاف، ٻي ڳالهه نه ڪنديس!“ پاڻ، اُتي بيهي ڏاڍيءَ فصاحت سان پنهنجي عقيدي جي چڱائيءَ جو بيان ڪرڻ لڳي. ساري درٻار حيران ٿي ويئي. جڏهن بس ڪيائين، تڏهن به ڳچ تائين ته بادشاهه توڙي اُمراعه ۽ علماءُ ماٺ ۾ هئا. نيٺ، ڏاڍي رنج ۽ افسوس سان، هن جي قتل جي فتوا ڏنائون. پوءِ هن کي گُهٽي مارائي. هن جو لاش هڪڙي ڦٽل کوهه ۾ وجهي، انهيءَ کي پهڻن سان ڀري ڇڏيائون _ ڪن جو چوڻ آهي، ته انهيءَ کي ساڙي ڇڏيائون. انهيءَ طرح هن لائق، قابل، خوبصورت ۽ ثابت قدم زال جي حياتي پوري ٿي. جيتوڻيڪ هن جو موت هيبتناڪ ۽ خواريءَ جهڙو هو، مگر هوءَ بهادريءَ جي رستي مرڻ سان، اعليٰ درجي جي جوانمردي ڏيکاري ويئي. اهو افسوس جهڙو موت، هن جي قابليت ۽ عزت تي پردو نٿو وجهي.
قدرت قرة العين کي جهڙي ظاهري خوبي ڏني هئي، تهڙي باطني، جهڙي صورت ۾ هوءَ چڱي هئي، تهڙي سيرت ۾ ، نه رڳو فصاحت ۽ بلاغت ۾ هوءَ لاثاني هئي، پر هن جو عربي ۽ فارسي نثر توڙي نظم حيرت جهڙو هو. هن جي غزلن ۽ شعرن مان ڪي ٿورا نموني لاءِ هتي ڏجن ٿا.
اگر اَن صنم ز سر ستم پيء ڪشتنِ من بيگناه، لقد استقام بسيفہ، فقد رضيت بما رضا. تو و ملڪ و جاه سڪندري، من و رسم و راه قلندري. اگر اَن خوش ست تو درخواري، وگر اين بدست مرا سزا. چہ شده ڪه اَتش حيرتي نہ زنم بقبائه طورِ دل، فسڪڪتہ ود ڪڪتہ متد ڪدڪا متزلزلا.
هيءُ غزل مزي جهڙو آهي:
گر بتو افتدم نظر، ديده بديده روبرو، شرح دهم غم ترا نڪتہ به نڪتہ موبمو. زپي ديدنِ رخت همچو صبا فتاده ام، خانہ بخانہ، دربدر ڪوچه بڪوچه، ڪوبڪو. دَور دهان تنگ تو عارض عنبرين خطت، غنچہ بغنچہ، گل بگل، لالہ به لالہ، بوببو. مي رود از فراقِ تو خونِ دل از دو ديده ام، دجله دجلہ، يم بہ يم، چشمه بچشمه، جُو بجُو. در دل خويش طاهره گشت ونديد جز وفا، صفحہ به صفحہ، لابہ لا، پرده بہ پرده، تُوبتو
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
بادشاهه خاتون
هيءَ خاتون ڪِرمان جي ”قراختائي“ گهراڻي جي ڇهين حاڪم يا ملڪہ هئي، ۽ ”صفوة الدين“ جي لقب سان مشهور آهي. هوءَ قطب الدين جي ڌيءُ هئي. ڏاڍي فاضل ۽ قابل، شاعره ۽ خوش نويس هئي. هن کان اڳي، سندس ڀاءُ ”سيور غتمش“ بادشاهه هو، مگر سن 603هه (1206ع) ۾ هيءَ خاتون، پنهنجي ڀاءُ کي ماري پاڻ تخت تي ويٺي، ۽ اٺ سال بادشاهي ڪيائين. نيٺ ”سيور غتمش“ جي زال لشڪر وٺي مٿس ڪاهي آئي، ۽ کيس شڪست ڏيئي، سندس ڀاءُ جي قصاص ۾ قتل ڪيائينس. هيٺيان بيت بادشاهه خاتون جا آهن:
درون پردهء عصمت ڪہ تڪيہ گاهِ من است، مسافرانِ هوا راگذر بہ دشواري است، هميشہ باد سرِ زن بزيرِ مقنعہ...... ڪہ تارو پود وي از عصمتِ نڪو ڪاري است.
****
پريجان خانم
هيءَ ايران جي صفوي بادشاهه”طهماسپ“ پهرئين جي ڌيءُ هئي، ۽ ڏاڍي عالي دماغ ۽ حڪومت جي طلب ڪندڙ هئي. بادشاهه جي مرڻ وقت، حرمخاني جا ماڻهو ٻه طرف ٿي پيا. هڪڙا شاهه طهماسپ جي پٽ حيدر مرزا جي پاسي، ۽ ٻيا حيدر مرزا جي ڀاءُ اسماعيل مرزا جي پاسي. جو ”قهقہ“ جي قلعي ۾ قيد هو. ”پريجان خانم“ اسماعيل مرزا جي طرفدار ٿي، ۽ نيٺ، ڪوشش ڪري، انهيءَ کي ايران جو بادشاهه ڪري، تخت تي ويهاريائين. جيسين هو تختگاهه تائين آيو، تيسين هن خانم پاڻ بادشاهي پئي هلائي، جڏهن اسماعيل مرزا تخت تي قائم ٿيو، تڏهن پريجان جو هٿ سرڪاري ڪمن مان ڪڍي ڇڏيائين. جڏهن هو مئو، تڏهن ماڻهن شاهه عباس جي پيءُ، شاهه محمد کي شيراز مان بادشاهيءَ هلائڻ لاءِ گهرايو _ تيسين پريجان خانم زور ڪري حڪومت جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳي. جڏهن شاهه محمد اچي تخت نشين ٿيو، تڏهن هن پريجان خانم کي مارائي ڇڏيو.
****
بغداد خاتون
هيءَ امير ”چوپان “ جي ڌيءُ هئي، جو مغلن جي بادشاهه سلطان ابو سعيد وٽ امير الامراءَ هو. چوپانين جي بادشاهي چاليهه سال هلي. اُهي چنگيز خان جي اولاد مان هئا. بغداد خاتون ڏاڍي خوبصورت، هوشيار ۽ جرائت واري هئي. هوءَ شيخ ”حسن ڪبير“ جي زال هئي، جو انهيءَ وقت جي بزرگن مان هو. سلطان ابو سعيد هن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو، ۽ انهيءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. تنهنڪري لاچار ٿي، شيخ حسن هُن کي طلاق ڏيئي ڇڏي. چون ٿا، ته چنگيز خاني بادشاهن جو دستور هوندو هو، ته جنهن جي زال ڏي رغبت ڪندا هئا، سو انهيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو هو. سلطان سعيد هن زال کي حڪومت جي ڪم ۾ اهڙو هوشيار ڏٺو، جو بادشاهيءَ جو سڄو ڪم ڪار هن جي حوالي کڻي ڪيائين _ جنهنڪري انهيءَ خاتون کي ”خنڪار“ (يعنيٰ خداونِد ڪار) سڏيندا هئا، جڏهن سلطان سعيد وفات ڪئي، ۽ ”ارپا خان“ سندس جاءِ تي بادشاهه ٿيو، تڏهن هن ”بغداد خاتونءَ تي اها تهمت آندي ته هن سلطان ابو سعيد کي زهر ڏيئي ماريو آهي _ انهيءَ عذر تي کيس مارائي ڇڏيائين.
****
بهروزه خانم
هوءَ شاهه اسماعيل صفوي پهرئين جي بيبي هئي، جو هجري ڏهين صديءَ ۾ ايران جو بادشاهه هو. هوءَ ڏاڍي بهادر ۽ خبردار زال هئي. ”چالدران“ واري جنگ، جا شاهه اسماعيل ، سلطان سليم خان عثمانيءَ سان ڪئي، تنهن ۾ ”بهرزوه خانم“ بادشاهه سان گڏجي وڙهي، ۽ قيد ٿي پيئي، ڪي تاريخ وارا هن جو نالو ”تاجلي خانم“ ٿا لکن، ۽ شاهه اسماعيل جي سُريت ٿا چون ۽ نه پرڻيل زال.
****
تندو خانم
هوءَ حُسين بن اويس جي ڌيءُ هئي، جو ترڪمان سردارن مان هڪڙو هو. هوءَ ڏاڍي حسين، بهادر ۽ قابل عورت هئي. پنهنجي چاچي، احمد بن اويس سان گڏ مصر ۾ آئي. اتي مصر جي چرڪس بادشاهن مان مَلڪ طاهر انهيءَ سان نڪاح ڪيو، پر پوءِ هن کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين، تنهن کان پوءِ، هن پنهنجي سؤٽ ”شاهه وله“ سان شادي ڪئي ۽ موٽي بغداد ۾ آئي اتي هن جو چاچو احمد مري ويو ۽ ”شاهه وله“ تخت ٿي ويٺو، پر”تندو“ مڙس کي ماري، پاڻ بادشاهي وٺي ويٺي. محمد شاهه پٽ قرا يوسف مٿس ڪاهي آيو، ۽ هڪڙو سال برابر بغداد کي گهيرو ڪري ويهي رهيو. ”تندو“ اهڙي چالاڪي ڪئي، جو لِڪي دجله نديءَ جي رستي نڪري، وڃي ”تستر“ جو قبضو ورتائين. اتي جي ماڻهن کيس سندس مڙس جي پوٽي محمود سان گڏ، حڪمرانيءَ جي مسند تي کڻي ويهاريو، پر تندو محمود کي به ماري، سنه 819هه ۾، پاڻ اڪيلي خودمختيار حڪمران ٿي. بصري ۾ عربن سان جنگ ڪيائين، وچ وارا ٻيٽ هٿ ڪيائين. نيٺ، سنه 822هه (1419ع) ۾ وفات ڪري ويئي.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
ڀاڱو ٻيو
هندستان جون نيڪ
۽
مشهور عورتون
رضيه سلطانه
رضيه بيگم، جنهن کي پوءِ ”رضيه سلطانه“ جو نالو ۽ ”بلقيس جهان“ جو لقب مليو، سا سلطان شمس الدين التمش جي ڌيءُ هئي، ۽ سلطان رڪن الدين جي ڀيڻ هئي، سنه 634 هجري، مطابق 1336ع ۾ رڪن الدين کي جڏهن ماڻهن ستن مهينن جي راڄ کانپوءِ دهليءَ جي تخت تان لاٿو، تڏهن سندس ڀيڻ رضيه بيگم کي تخت تي ويهاريائون. هن جو راڄ ٽي ورهيه هليو. جيتوڻيڪ هن حڪومت تمام ٿوري ڪئي، تڏهن به تمام چڱي ڪئي. ”فرشتو“ پنهنجيءَ تاريخ ۾ لکي ٿو، ته، ”هن بيگم ۾ هر طرح جي شاهاڻي لياقت هئي، ۽ منجهس ٻيو عيب ڪوبه ڪونه هو، سواءِ هن جي ته هوءَ زال هئي. هوءَ حڪومت جي ڪم ۾ اهڙي هوشيار ۽ خبردار هئي، جو جڏهن پڻس التمش دکن وارين جنگين تي ويو هو يا جڏهن گواليار فتح ڪرڻ ويو هو، تڏهن پٽن کي ڇڏي ڌيءُ کي ولي عهد ٺهرائي، حڪومت جو ڪم سندس حوالي ڪري ويو هو. جڏهن هوءَ پاڻ بادشاهه ٿي، تڏهن به هن چڱي حڪمراني ڪئي. اميرن مان ٻه فرقا ٿي پيا هئا، ۽ جن ڀاڻس کي تخت تان لاٿو هو، تن مان هڪڙو هن جي تخت نشينيءَ جي به برخلاف هو. انهيءَ جماعت جو مهندار گذريل ٻنهي بادشاهن جو وزير هو، ۽ اُهي ماڻهو اهڙا زور وارا هئا، جي جيڪڏهن دهليءَ تي ڪاهي اچن ها، ته شاهي لشڪر کي شڪست ڏين ها، پر راڻيءَ رضيه جي عقلمندي سندن لشڪر کان زور هئي. هن تجويز ڪري، پنهنجن دشمنن جي وچ ۾ اهڙي بداتفاقي وڌي، جو هنن جو سارو منصوبو ٽٽي پيو، ۽ ماڻهو ڌار ڌار ٿي سندس پيش اچي پيا. پوءِ جيڪي شرارتي۽ فسادي هئا، تن کي مارايائين، ۽ٻين کي مهرباني ڏيکاري پرچايائين ۽ راضي ڪيائين، ۽ سگهوئي ملڪ ۾ سانت ۽ صُلح ٿي ويو. ”ابن بطوطہ“ لکي ٿو، ته ”رضيه مردانو لباس ڍڪي، گهوڙي تي چڙهي ٻاهر نڪرندي هئي، شڪار به ڪندي هئي. هڪڙي ڀيري پڻس التمش شڪار تي ويو هو، رضيه ۽ ٻيون ڪي بيگمون به ساڻس هيون، هڪڙو شينهن التمش تي ڪاهي آيو، رضيه، بهادريءَ سان ترار کڻي، شينهن کي ٻه _ ٽي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو _ جي ائين نه ڪري ها، ته التمش ضرور زخمي ٿي پوي ها. حڪومت جي تخت تي به هوءَ اهڙيءَ حشمت ۽ رعب سان ويهندي هئي، جو امير امراءُ وٽس ڪنبندا ايندا هئا. درٻار ۾ هوءَ شاهي پوشاڪ ڍڪي ويهندي هئي، ۽ پاڻ ڪم جو نيڪال ڪندي هئي. هن قاعدا قانون سڌاريا، ۽ گذريل حڪومت ۾ جيڪي خرابيون ملڪ ۾ اچي پيون هيون، سي سڀ برطرف ڪيائين. مطلب ته انصاف ۽ جرائت سان حڪمراني ڪيائين. پر، هڪڙو نامناسب ڪم ڪيائين، جنهن ڪري ماڻهو منجهانئس ناراض ٿيا: هوءَ پنهنجي حويلي جي حبشي داروغي، ”ياقوت“ تي ڏاڍي مهربان هئي، ۽ انهيءَ کي ”اميرالامراء“ جو خطاب کڻي ڏنائين. اهو هميشه سندس حاضريءَ ۾ رهندو هو، ۽ گهوڙي ته به اهو چاڙهيندو هوس. جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ پاڪدامن ۽ نيڪدل هئي، ۽ ٻيو ڪو گناهه جهڙو خيال ڪونه هوس، ته به سردارن ۽ اميرن کي اها ڳالهه تمام ناپسند آئي، سي فساد ڪرڻ لڳا. مَلڪ اعزالدين، مَلڪ سيف الدين ۽ ملڪ علاو الدين جهڙا گهڻا زور ڀريا امير دشمن ٿي بيٺس، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪري، لشڪر وٺي، دهليءَ کي ڦري آيا، جيڪو ٻاهريون لشڪر رضيه جي مدد لاءِ ٿي آيو، تنهن کي به يا هٽائي ٿي ڇڏيائون، يا ته پاڻ سان ملائي ٿي ڇڏيائون. انهيءَ هوندي به، رضيه سلطانه پنهنجي اڪيلي همت ۽ مردانگيءَ سان اُنهن سڀني کي شڪست ڏيئي ڇڏي. وري لاهور جي حاڪم فساد ڪيو، تنهن تي به پاڻ پنهنجي سر فوج وٺي ڪاهي ويئي، ۽ فساد بند ڪيائين. انهيءَ کانپوءِ، وري ڀٽنڊا جي حاڪم ”التونيه“ ياقوت حبشيءَ جي تڪليفن کان تنگ اچي سرڪشي ڪئي، ته انهي تي به ڪاهي ويئي، پر پنهنجن نوڪرن جي سازش ڪري گرفتار ٿي پيئي، ۽ ”ياقوت“ مارجي ويو. تنهن کانپوءِ اٽڪل ۽ محبت سان ”التونيه“ کي پنهنجو ڪيائين _ بلڪ، ضرورت ڄاڻي، انهيءَ سان شادي به ڪيائين. پوءِ ٻيئي گڏجي، دهلي جي تخت لاءِ، ٻين اميرن سان جنگ ڪرڻ لڳا. انهن مان مُک اعزالدين بُلبني هو، جو التمش جو ناٺي هو، ۽ جنهن جو خطاب ”الف خان“ هو. انهن جي وچ ۾ به وڏيون جنگيون ٿيون، جن ۾ رضيه گرفتار ٿي پيئي، پر ڏاڍي چالاڪي سان قيد مان ڀڄي نئين سر لشڪر گڏ ڪري وڙهڻ لاءِ آئي. ٻه _ ٽي ڀيرا دهليءَ جي تخت لاءِ چوٽ ڏنائين، پر سندس هاڻوڪو لشڪر نئون ڀرتي ٿيل هو، تنهنڪري اهو شڪست کائي ڀڳو، ۽ پاڻ مڙس سميت قيد ٿي پيئي، ۽ ٻيئي قتل ڪيا ويا. پوءِ ڀاڻس معز الدين ”بهرام خان“ کي اميرن تخت تي ويهاريو.
رضيه سلطانه، ظاهري حُسن کان سواءِ، باطني حسن به رکندي هئي، ۽ گهڻن علمن مان واقف هئي. مذهب جي ڏاڍي پابند هئي. دهاڙي قرآن پڙهندي هئي. شعر به گهڻو پڙهندي هئي، ۽ پاڻ شعر به چوندي هئي. پردي کانسواءِ تخت تي ويهي ، درٻار جو ڪم ڪندي هئي ۽ مقدما فيصل ڪندي هئي. سڀ فرمان اڪثر هن جي قلم سان جاري ٿيندا هئا. جنگ ۾ فوج جي سپهه سالار به پاڻ ٿيندي هئي.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
ارجمند بانو بيگم
هيءَ ”تيمورلنگ“ يا ”تمرلنگ“ بادشاهه جي بيبي (زال) هئي. هن جو اصل نالو ”امة الحبيب“ هو، ۽ سلطان يزدانيءَ جي ڌيءُ هئي. جو ايران جي ”ڪاؤسي“ نسل مان هو، ۽ آتش پرست هو، جو پوءِ اسلام تي آيو هو. هن جا ڪي وڏا به ، خليفي عمر رضه جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيا هئا. ”امة الحبيب“ جا پيءُ _ ماءُ مسلمان ٿيا، ليڪن پاڻ في الحال نه ٿي _ نڪي هنن کي زور ڪيو. هوءَ ڏاڍي هوشيار ۽ قابل هئي، تنهن ڪري آزاد رهندي هئي. نيٺ تيرهن ورهين جي عمر ۾ هوءَ مسلمان ٿي.
هوءَ اهڙي همت واري ۽ مرداني هئي، جو مڙساڻي پوشاڪ ڍڪيندي هئي، ڇوڪرن وانگي علمي توڙي جنگي تعليم وٺندي هئي، ۽ گهوڙي سواري، تير اندازي ۽ سپاهگيريءَ جو هنر چڱي طرح سکي. شريف ماڻهن جي صحبت ۾، هن جي اخلاقي تعليم به گهڻي وڌي. تنهن کانپوءِ، هوءَ ڀرتي ٿي. بادشاهي جنگي مدرسي ۾ سورهن مهينا وڃي رهي، جنهن ۾ هن کي جنگي عملدار ٿيڻ جي سَنَد ملي. گهڻن شهزادن ۽ وڏن ماڻهن شاديءَ لاءِ ڇڪيس، پر هن سڀني کي جواب ڏيئي ڇڏيو، جو ڄاتائين ته بهادر عورت جي لاءِ اهو هڪڙو قيد ۽ بند آهي.
اڻويهين ورهين جي عمر ۾ هوءَ تُرڪي جي سلطان ”بايزيد، جي فوج ۾ وڃي بيٺي، ۽ سگهوئي پنهنجي هوشياريءَ، چالاڪيءَ، ايمانداريءَ ۽ عقلمنديءَ جي ڪري ”ليفٽيننٽ“ جو عهدو حاصل ڪيائين. هيءَ خوبصورت عورت، چوويهن ورهين تائين فوجي نوجوانن جي وچ ۾ اهڙيءَ پاڪدامنيءَ سان رهي، جيئن ڪا ڀيڻ پنهنجن ڀائن جي وچ ۾ رهي. سلطان بايزيد هن جي جرائت ۽ بهادريءَ جي بيحد تعريف ڪندو هو، ۽ ڏاڍا گهڻا انعام ڏيندو هوس.
انهيءَ وقت ڌاري بايزيد جي تميور بادشاهه سان جنگ شروع ٿي، ۽ ”امة الحبيب“ به انهيءَ جنگ ۾ وڙهي. آخر بايزيد کي شڪست آئي، ۽ ”امة الحبيب“ ٻين بهادرن سان گڏ قيد ٿي پيئي. انهيءَ وقت هن کي زرهه ۽ هَود پيل هو، ۽ هٿيار لڳل هوس. تيمور هن کي دشمن جي طرف وارن مان، سڀني کان زياده بهادريءَ ۽ همت سان وڙهندي ڏٺو هو، تنهنڪري هن ڏي سندس خاص ڌيان ٿيو. هن جي ڪشادي پيشاني، ڪشادو سينو، مضبوط هٿ _ پير ۽ خوبصورت شڪل ڏسي، سڀڪو حيران ٿي ويو. جڏهن پهريندي سڀ قيدي آيا، تڏهن تيمور حڪم ڪيو ته سڀني کي قتل ڪريو. هيءُ حڪم ٻڌي، ”امة الحبيب“ تيمور جهڙي شوخ، ضدي ۽ خونخوار بادشاهه کي جرائت ڪري، عرض ڪيو ته ”اي امير، مون کي ڪو عرض ڪرڻو آهي، ۽ جيسين آءٌ پنهنجيءَ دل جو احوال ڪري نه رهان، تيسين مون کي روڪ نه ٿئي“. تيمور جي اجازت ملڻ تي هن هڪڙي ڏاڍي دلچسپ تقرير ڪئي، جنهن جو مختصر مطلب هي هو ته ”اي بادشاهه، تو جو بي سبب بايزيد تي چڙهت ڪئي، ۽ هزارن خدا جي بيگناهه بندن جي خونريزي ڪئي، سو تو اهڙو ڳرو گناهه ڪيو آهي، جنهن جو ٻوجهه قيامت تائين تنهنجيءَ گردن تي رهندو تو ڏاڍيءَ بيرحميءَ سان ستر هزار بيگناهه تُرڪ ٺڳيءَ سان سُرنگهه جي وسيلي اڏائي ڇڏيا، ۽ انهن جي پيارن ٻچن کي يتيم، ۽ زالن کي بيوهه ڪيو. بوجو توکي يقين رکڻ کپي ته تو انهن بهادر ترڪن جي رت ۾ پنهنجي گهوڙي جا سُنب نه ڀريا، پر اسلام جي بيخ ڪني ڪئي، ۽ جن مسلمانن يورپ ۾ فتحون ڪيون، ۽ ڪيئي بادشاهتون زير و زبر ڪيون، تن تي تو بيرحمي ۽ ظلم ڪيو! جيتوڻيڪ بادشاهه بايزيد، نياز سان، خلق جي بچاءَ لاءِ، توکي صلح جو پيغام موڪليو ته به تو هٺ ۽ وڏائيءَ کان هن جي ڳالهه نه مڃي: پڪ ڄاڻج ته نيٺ هڪڙي ڏينهن تنهنجي به حياتي پوري ٿيندي، ۽ خدا جي اڳيان توکي حاضر رهڻو پوندو _ پوءِ انهيءَ جي سوال جو ڪهڙو جواب ڏيندين؟ آءٌ هن بابت ٻيو وڌيڪ چوڻ نٿي گهران، فقط هيترو عرض ڪريان ٿي ته جڏهن اسين سڀ قيدي ٿيا آهيون، ۽ اسان جا هٿ پير زنجيرن سان ٻڌل آهن. تڏهن تون اهو ڪهڙو بُزدلي ۽ نفرت جهڙو حڪم ٿو ڏين ته هن بيوسيءَ جي حالت ۾ اسان کي قتل ڪن!“ ائين چئي، ”امة الحبيب“ مٿي مان پنهنجو لوهه جو خود لاهي هيٺ اچلايو، ۽ چوڻ لڳي ته ”ڏس، ڏس! اي بادشاهه، آءٌ هڪڙي ناتجربيڪار عورت آهيان: انهيءَ مان ئي تون کڻي قياس ڪر ته جنهن قوم جون زالون اهڙيون بيڊپيون ۽ همت واريون آهن، تن جا مرد ڪهڙا نه بهادر ۽ دلير هوندا!“.
تيمور توڙي ٻيا درٻاري، هن جي گفتگو ٻڌي ۽ هن جي صورت ڏسي، حيران ٿي ويا. تيمور جهڙي زبردست ۽ قهار شخص هن کي نرميءَ سان فقط هيترو چيو ته ”اي بهادر خاتون، جيڪي تو چيو سو سڀ درست ۽ بجا آهي، ليڪن حقيقت هي آهي ته جدا جدا فتحن حاصل ٿيڻ ڪري، اسان کي هيءُ نئون خيال دل ۾ آيو، هاڻ وڃ، مون توکي ۽ تنهنجن نثار قيدين کي معافي ڏني.“
هيءُ ٻڌي، ”امة الحبيب“ بادشاهه کي سلام ڪيو، ۽ پنهنجن همراهن سميت آزاد ٿي، وري وڃي بايزيد جي لشڪر سان گڏي. هن جي وڃڻ کانپوءِ تميور شاهه سلطان يزدانيءَ ڏي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ جو پيغام موڪليو. هن تميور کي خونخوار بادشاهه ڄاڻي انڪار ٿي ڪيو، پر جڏهن ڌيءُ سان صلاح ڪيائين ۽ هن جو اعتراض ڪونه ڏٺائين، تڏهن قبول ڪيائين. تيمور ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻئي ڏينهن يارهن هزار فوج وٺي ”جبل الطير“ جي ميدان ۾ آيو، جتي يزدانيءَ جي ٻاويهه هزار فوج لٿل هئي، اتي هن جو نڪاح ٿيو، ۽ تيمور ڪابِين ۾ چين جو ملڪ لکي ڏنو. يـزدانيءَ به پنهنجيءَ ڌيءُ کي ججهو ڏاج ڏيئي ۽ چڱيون نصيحتون ڪري رخصت ڏني، ۽ ”امة الحبيب“ شاهي محلات ۾ اچي داخل ٿي. سندس نالو مٽائي، ”حميده بانو بيگم“ رکيو ويو. جيتوڻيڪ تيمور کي اڳيئي ٽي بيگمون ٻيون به هيون، ته به هن بيگم سگهوئي پنهنجي ظاهري ۽ باطني حسن، روشن دماغيءَ، بيدار مغزيءَ چڱن اخلاقن ۽ عادتن جي ڪري، نه رڳو تيمور جهڙي جابر ۽ قهار بادشاهه کي، پر ساري حرمسراءِ جي بيگمن کي موهي ڇڏيو، ۽ اهڙي هر دلعزيز ٿي ويئي، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر! انهيءَ کانپوءِ جڏهن به ڪڏهن بادشاهه جنگ تي ويندو هو، تڏهن حميده بانو بيگم ساڻس رهندي هيس، ۽ اڪثر خوفناڪ وقتن ۽ هنڌن تي، هٿيار ڍڪي، بهادرن جهڙي جوانمردي ڏيکاريندي هئي.
هڪڙي ڀيري ”اصطخر“ جي حاڪم شريف حسن فساد ڪيو، ۽ باغي ٿيو، حميده بانو، زور ڪري بادشاهه جي اجازت وٺي، ٻارهن هزار فوج ساڻ ڪري اوڏي وئي، شريف حسن، ٺڳي ڪري ڏانهنس نياز نامو لکيو، جنهن ۾ هن عذر خواهي ڪئي ۽ معافي گهري، ۽ لکيائين ته جنهن وقت بيگم ايندي، تنهن وقت قلعي جو دروازو کولي ڇڏيندس. انهيءَ تي ڀروسو ڪري، بيگم منزلگاهه ۾ بيخبر سُتل هئي، ته رات جو اوچتو دغاباز شريف حسن لشڪر سميت اچي مٿن پيو ۽ بيگم تنبوءَ کي گهيرو ڪري ويو. حميده بانو بيگم هڪدم اُٿي، ۽ هٿيار ڍڪي اڪيلي ٻاهر آئي. ڊڄڻ کانسواءِ، هڪل ڪري چيائين ته ”اي دغا باز ٺڳ شريف حسن، ڪٿي آهين؟ نڪري هيڏي ٿيءُ ۽ پنهنجي بهادري ڏيکار!“ شريف حسن جو جوان پٽ سندس سامهون آيو، تنهن کي جهٽ ۾ هڻي ڪيرائي وڌائين، پوءِ لشڪر ۾ تير هڻن لڳي. شريف حسن جو حڪم هو ته هن کي ماريو نه، پر جيئرو قيد ڪريو. ايتري ۾ بيگم جا پهري وارا پنج سئو سوار به ٿيار ٿي اچي پهتا ۽ پيادا به آيا، پوءِ دشمن جي وچ ۾ ڪاهي پيا. بيگم خود پنهنجيءَ ترار سان ڪيترائي ماڻهو ماري وڌا، دشمن کي خوف ٿيو، جو سمجهائون ته سڄو لشڪر اچي اسان تي ڪاهي پيو آهي، سي ڊپ ۾ اٿي ڀڳا ۽ حميده بانو بيگم فتحياب ٿي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ هن کي تمام گهڻا زخم رسيا. اُتان ڪوچ ڪري، ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي ”سلطانيه“ جي ڳوٺ ۾ اچي منزل ڪيائين، جتي ڦٽن جو علاج ڪيائين، ۽ سگهوئي ڇُٽي چڱي ڀلي ٿي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ بيگم جا ٽي هزار ماڻهو ماريا ۽ گهڻا زخمي ٿيا. انهيءَ هوندي به، هن بهادر بيگم وري ”اصطخر“ تي ڪاهيو، ۽ باغي حاڪم سان وڃي وڙهي. نيٺ يارهين ڏينهن قلعو فتح ڪيائين. شريف حسن جنگ ۾ مارجي ويو، ۽ هن جي زال ۽ ٻار گرفتار ٿي هن وٽ آيا. انهن سان هن ڏاڍي مهربانيءَ جي هلت ڪئي. پوءِ ”اصطخر“ ۾ ٻيو هڪڙو معتبر فوجي عملدار ڇڏي، پاڻ موٽي تيمور وٽ آئي.
هيءَ بيگم، عربي ۽ فارسي زبان کانسواءِ، چيني ۽ زردشتي ٻولي به ڄاڻندي هئي، ۽ راڳ يا علم موسيقيءَ ۾ به ماهر هئي، شاعره به هئي. عربيءَ ۽ ترڪي زبان ۾ شعر چوندي هئي _ اڪثر انهيءَ جو مضمون بهادريءَ ۽ همت جو هوندو هو. حاضر جواب في البديهه شعر چوڻ واري به ڏاڍي هئي، نثر ۾ به چڱي انشاء پردازي ڪندي هئي. گهڻا فرمان سرڪاري عهديدارن ڏي سندس هٿ جا لکيل هوندا هئا، ۽ جيڪي رپورٽون يا عريضيون بادشاهه وٽ اينديون هيون، تن جا جواب به بادشاهه جي حڪم سان هوءَ پاڻ لکندي هئي. هن ڪي ڪتاب به تصنيف ڪيا _ خاص ٻه ڪتاب جي تميور جي مرڻ کانپوءِ هن قسطنطنيه ۾ رهي لکيا، تن مان هن جي قابليت ثابت ٿئي ٿي. هڪڙي جو نالو”خواتين ترڪي“ آهي. ۽ ٻئي جو امير تميور جا ”فتوحات هنديه“.پهريون تمام وڏو ڪتاب آهي. جو ترڪيءَ جي شريف زالن بابت آهي، ۽ انهيءَ ۾ زالن کي چڱيون چڱيون نصيحتون به ڪيل آهن، ۽ ٻيو ڪتاب ”فتوحات“ ته هڪڙو تاريخي خزانو آهي، جنهن ۾ امير تيمور جي بهادرين، عادتن، اخلاقن، توڙي ٻئي ملڪي ۽ قومي احوال جو بيان آهي. انهن ٻنهي ڪتابن جو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، ۽ انهيءَ مان وري ٻين يورپي ٻولين ۾ به ترجمو ٿيل آهي.
حميده بانو بيگم کي سبڻ _ ڀرت ڀرڻ جو به شوق هوندو هو، ۽ زرهون به ٺاهي ڄاڻندي هئي، تيمور بادشاهه سندس هٿ جون جڙيل زرهون جنگ ۾ ڍڪيندو هو، هڪڙي ڳالهه سا هن جي بابت ناخوشيءَ جهڙي هئي، ته هوءَ دين اسلام جي سخت پابند نه هئي، نڪي پنج ئي وقت نماز پڙهندي هئي _ فقط نالي جي مسلمان هئي. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ ته پنهنجي اڳوڻي زردشتي مذهب ڏي ميل رکندي هئي. هن جا مذهبي خيال هڪڙي وڏي خط مان معلوم ٿا ٿين. جو هن هڪڙي مشهور آتش _ پرست سردار ڏي لکيو هو. اهوئي سبب آهي جو عربي نويس هن کي اڪثر مُلحد ۽ ڪافر سڏيندا آهن.
مٿي چيو ويو آهي ته تيمور کي ٻيون به ٽي بيگمون هيون: انهن مان ٻه تميور جي حياتيءَ ۾ مري ويون. ۽ باقي حميده بانو بيگم ۽ فخر النساءَ بيگم رهيون. جڏهن تيمور سخت بيمار ٿيو، تڏهن حميده، پيار مان پڇيس ته ”حضور، منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ تيمور چيو ته پياري حميده، آءٌ حڪم ڪريان ٿو ته مون کان پوءِ توکي تخت تي ويهارين“. پوءِ ته سگهو ئي تيمور مري ويو، ۽ حميده بيگم جو ماٽيجو پٽ، يعني فخرالنساء جو پٽ ميرالنشاهه، ٻين ڪن سردارن سان ڏاڍي ڪُشت خون ڪرڻ کانپوءِ بادشاهه ٿي تخت تي ويٺو. حميده بانو بيگم، پنهنجو زر ۽ جواهر ساڻ کڻي، سڌي گرجستان جي تخت شهر ”ٽفلس“ ۾ وڃي رهڻ لڳي.
تيمور بادشاهه 36 ورهيه بادشاهي ڪئي، ۽ سنه 807هه (1404ع) ۾، ايڪهتر ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. حميده بانو بيگم کي تميور مان ست ٻار ٿيا، پر اهي سڀ ننڍي هوندي ئي مري ويا، تنهن ڪري اولاد جي نه هئڻ ڪري، هوءَ ڪتابن پڙهڻ سان دل وندرائيندي هئي. پردو ڪونه ڪندي هئي، ۽ باغن، جهنگلن ۽ بازارن ۾ گهوڙي تي چڙهي گهمندي هئي. گهڻن خود غرض سردارن کيس مخفي طرح چيو ته ”جي چوين ته اسين ميرالنشاهه کي ماري، توکي تخت تي ويهاريون، جيئن تيمور بادشاهه جي مرضي هئي، مگر هن نيڪ خاتون کي بادشاهيءَ جي لالچ نه ٿي، ۽ هنن کي صاف چيو ته ”مون کي دين ۽ دنيا جي سرخرو ئي گهرجي.“
ٽفلس ۾ جڏهن حميده بانو بيگم جي نسبت ۾ خوف جون خبرون اُٿڻ لڳيون، تڏهن هوءَ وري قسطنطنيه ۾ اچي رهي، جتي وفات ڪيائين. حميده بانو بيگم وٽان مُئي کانپوءِ، ڪو مال خزانو ڪونه نڪتو. هڪڙو وڏو ڪتبخانو نڪتو، جنهن ۾ اٽڪل پوڻا ٻه لک ڪتابن جا هئا. انهن مان گهڻا مڙئي علم هيئت ۽ تاريخ جا هئا. هن جي عمر پوري اڻهٺ ورهيه هئي. ٽن ڏينهن جي تپ کان پوءِ وفات ڪري وئي.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
نور جهان
نورجهان، جنهن جو اصلوڪو نالو”مهرالنساء بيگم“ هو، ۽ جنهن کي پهرين ”نور محل“ جو لقب مليو هو، سا مرزا غياث الدين جي ڌيءُ هئي. هن مرزا جي پيءُ، يعني نورجهان جو ڏاڍو محمد خان تڪلو، اصل ايران هو،تهران جو ويٺل هو، ۽ سرڪاري وڏي عهدي تي هو. پر مرزا غياث غريب ٿي ويو، ۽ پنهنجيءَ حالت سڌارڻ لاءِ، ايران مان نڪري، ٻين ملڪن ڏي سفر ڪرڻ لڳو، جيسين قنڌار تائين پهتو، تيسين زياده مفلس ۽ مسڪين ٿي ويو. قنڌار ۾ پهچڻ شرط ”نورجهان“ ڄائي. اهڙيءَ ڪمبختيءَ جي حالت ۾، پرديس ۽ سفر جي وچ ۾، معصوم ٻار جي پرورش ۽ پرداخت ڪرڻ به هنن کي بار ٿي لڳو، تنهنڪري، لاچار ٿي، ماءُ _ پيءُ ٻار کي شاهي سَڙڪ جي ڪناري سان کڻي ڇڏيو، جتان سُجهين ٿي ته خود سندن قافلو صبح جو لنگهڻو آهي. قافلي جي هڪڙي سوداگر جي انهيءَ تي نظر پئجي ويئي، ۽ خوبصورت ٻار تي ڏاڍو قياس ۽ رحم آيس، تنهن انهيءَ کي کڻي کنيو، ۽ ارادو ڪيائين ته انهيءَ کي پنهنجو ٻار ڄاڻي پرورش ڪندس ۽ تعليم ڏيندس. قافلي ۾ ٻي ڪا زال کير پيارڻ واري هٿ اچي نه سگهي، تنهن ڪري آسانيءَ سان خود سندس ماءُ کي، اُجورو ڏيئي، دائي ڪري رکيائين. انهيءَ ٻار جي صدقي، انهيءَ سوداگر، ٻار جي ماءُ _ پيءُ ۽ انهيءَ جي پٽن جي گهڻي سنڀال لڌي. هن مرزا غياث توڙي سندس وڏي پٽ کي رواجي ماڻهو نه سمجهيو، جو سندن هلت شريفن جهڙي هئي _ جيتوڻيڪ هو مسڪين هئا.
تنهنڪري هو انهن کي مدد ۽ مانُ ڏيڻ لڳو. جڏهن اُهو سوداگر دهلي ۾ آيو، تڏهن انهن کي اڪبر بادشاهه وٽ نيائين، جتي پيءُ ۽ پٽ کي ڪا گهٽ عهدي جي نوڪري ملي، جنهن مان هو پنهنجي لياقت ۽ هوشياري ڏيکاري، مٿي چڙهڻ لڳا. انهيءَ وچ ۾ نورجهان وڌندي وڏي ٿيندي ويئي، ۽ جنهن ٿي ڏٺس سو سندس حُسن تي حيران ٿي ٿيو.
ماڻس اڪبر بادشاهه جي محل سراءِ ۾ ويندي هئي، اُنهيءَ سان گڏ نورجهان به ويندي هئي. اُتي شهزادي سليم يعني ”جهانگير“ جي مٿس نظر پيئي، ۽ هو مٿس عاشق ٿي پيو. هن جي گستاخي جي هلت نورجهان جي ماءُ کي نه وڻي، تنهن راڻيءَ سان شهزادي جي شڪايت ڪئي. راڻيءَ اڪبر جي ڌيان تي اها ڳالهه آندي، جنهن شهزادي کي سخت فهمائش ڪئي، ۽ مرزا غياث کي صلاح ڏنائين ته ڌيءُ کي پرڻائي ڇڏي، جيئن هوءَ محل سراءِ مان نڪري وڃي، ۽ جهانگير هن کي وري نه ڏسي. ان موجب، نورجهان کي ”شيرافگن خان“ هڪڙي ايرانيءَ جوان سان پرڻائي ڇڏيائون جو تازو آيل هو، ۽ بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو هو. انهيءَ خان کي اڪبر بادشاهه بنگال ۾ هڪڙي جاگير ڏني، جتي هو زال سميت هليو ويو، پر، انهيءَ ڪري جهانگير بس ڪري نه ويٺو. جڏهن اڪبر بادشاهه وفات ڪئي، ۽ جهانگير تخت تي ويٺو، تڏهن پهرئين ئي ورهيه کان پوءِ هن وجهه وٺي، پنهنجي ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ قطب الدين ڪوڪلتاش کي بنگال جو صوبيدار ڪري موڪليو ۽ هن کي سمجهائي ڇڏيائين ته نورجهان کي منهنجي لاءِ هٿ ڪرڻ جو بندوبست ڪجئين. هن گهڻائي مٿا هنيا ته شيرافگن خان _ جنهن جو اصل نالو ”علي قلي خان“ هو، ۽ شينهن کي يڪي سر مارڻ ڪري اهو لقب مليو هوس. زال کي بادشاهه جي خوشيءَ لاءِ طلاق ڏئي، پر هو غيرت وارو شخص هو، تنهن صاف انڪار ڪيو، ۽ سرڪاري نوڪريءَ کان به اسعيفا ڏيئي ڇڏيائين. پوءِ قطب الدين هن کي پاڻ وٽ حڪم رکي گهرايو. شيرافگن وٽس خنجر لڪائي کڻي ويو. جڏهن هن بي آبروئيءَ جهڙي گفتگو ڪئي، تڏهن خنجر ڪڍي قطب الدين کي هڻي ماري وڌو، انهيءَ جي نوڪرن پوءِ، شيرافگن کي به اتي جو اتي ماري رکيو. صوبيدار جهڙي حاڪم جي خون جي سزا جي عذر تي، نورجهان کي قيد ڪري، دهليءَ ڏي ڏياري موڪليائون، اُتي ستت ئي جهانگير کيس، منٿون آزيون ڪري، شاديءَ جي رٿ پيش ڪئي، پر نورجهان پهرين هن کي پنهنجي پياري مڙس جو خوني سمجهي، هن کان نفرت ظاهر ڪئي، پوءِ هن جي گهڻي ستائڻ تي، زياده زبردستيءَ جي ڊپ کان، نيٺ راضي ٿي، ۽ سندس شادي وڏي شاهي تجمل سان جهانگير سان ٿي.
نورجهان کي اهڙو اعليٰ درجو نصيب ٿيو، جو هندستان ۾ اڳي ڪنهن به راڻيءَ کي نه ٿيو هو. هن جو پيءُ وزيراعظم مقرر ٿيو، ۽ ”عماد الدوله“ جو خطاب مليس، هن جي ڀاءُ ابو الحسن کي به هڪڙو وڏو سرڪاري عهدو مليو، ۽ ”آصف جاه“ جو خطاب مليس، شهنشاهه جهانگير ڪوبه ڪم نورجهان جي مرضيءَ کانسواءِ نه ڪندو هو. مطلب ته هن جي مرضي قاعدو هو. ڪي نورجهان جي صحبت ڪري، ۽ ڪي پڻس وزير جي ڪري _ جو ڏاهو ۽ انصاف وارو هو_ جهانگير پنهنجي چال گهڻي سڌاري، ۽ ملڪ ۾ گهڻا سڌارا ٿيا. اڃا به شوخ ۽ ظالم هوندو هو. مگر جهڙا قهر اڳي ڪندو هو، اهڙا وري نه ڪيائين _ جيتوڻيڪ اڃا به شراب نوشيءَ کان بس نه ڪئي هئائين، ته به رات جو پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪي پيئندو هو، ۽ ڏينهن جو اميرن جي اڳيان درٻار ۾ حاضر رهندو هو.
نورجهان شاهي درٻار ۾ به گهڻا سڌارا ڪيا، ۽ خرچ گهڻو گهٽايو، زنانيون پوشاڪون نئين نموني جون پيدا ڪيائين، ۽ گلابي عطر به سندس صنعتگري سمجهيل آهي.
جهانگير کي جيڪي موهيو هو، سو نه رڳو هن جي خوبصورتيءَ ۽ ناز انداز، پرسندس حاضر جوابيءَ ۽ في البديهه شعر گوئيءَ ۾ به_ سنه 1021 هه (1612ع) ۾ جڏهن ميواره سان جنگ ٿي، تڏهن شهزادو ”خورم“ يا ”شاهجهان“ اوڏي موڪليو ويو، ۽ اهو فتح سان موٽي آيو. شاهجهان جو ڏاڍو مان ٿيو. هو تازو نورجهان جي ڀائٽيءَ ”نور محل“ سان پرڻيو هو، تنهنڪري نور جهان به سندس طرفدار ٿي کيس چاڙهڻ ۾ مدد ڏني، ۽ نيٺ اهو ولي عهد مقرر ٿيو، جيتوڻيڪ کانئس وڌو”پرويز“ ويٺو هو، جنهن کي دکن ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو، ۽ هو اتي وڃي فتحياب ٿيو سگهوئي پوءِ جهانگير ”مندوءَ“ ۾ سخت بيمار ٿي پيو. پرويز تڪڙو دهليءَ ڏي ويو، پر اُتان موٽايو ويو، ۽ خسرو، جو اُتي هو، سو اوچتو مري ويو يا ماريو ويو، تنهنڪري شاهجهان جي شهنشاهه ٿيڻ جي پڪ ٿي. پر، ملڪ ۾ فساد ئي انهيءَ ڳالهه تان هو.نورجهان جنهن جي مدد هن کي ضروري هئي، سا هاڻ پري رسي، انهيءَ وقت ڌاري، نورجهان، پنهنجي ڌيءُ جا شيرافگن مان هيس، سا بادشاهه جي ننڍي پٽ”شهريار“ سان مڱائي هئي، تنهنڪري به هاڻ سندس خيال انهيءَ ڏي ٿيو، ۽ نه شاهجهان ڏي. تنهن کان سواءِ هيستائين پڻس وزير روڪيندو آيس، سو به اتفاق سان هاڻ مري ويو. تنهن ڪري جهانگير سڄوئي سندس هٿ ۾ هو، ۽ ڀاڻس آصف جاه _ جنهن جي ڌيءُ شاهجهان جي گهر ۾ هئي – سندس هٿ ۾ چڱو اوزار هو، تنهن ڪري هوءَ شاهجهان جي برخلاف ۽ ”شهريار“ جي فائدي ۾ ٿي بيٺي، انهيءَ وقت ڌاري، ايراني قنڌار تي اچي قابض ٿيا هئا. نور جهان جي صلاح سان، بادشاهه”شهريار“ کي وڏي لشڪر سان اوڏي روانو ڪيو، ۽ مُک عهديدار ۽سردار، جي شاهجهان سان دکن ۾ هئا، تن کي به حڪم مليو ته شهريار سان وڃن. شاهجهان جون جاگيرون به بدلجي شهريار کي مليون، ۽ کيس چيو ويو ته گجرات ۽ دکن ۾ پنهنجي لاءِ جاگيرون ڳولي. انهيءَ ڪري شاهجهان فساد برپا ڪيو ۽ جهانگير _ جو ڪشمير گهمي لاهور ۾ آيو هو _ شاهجهان تي ڪاهي آيو، ۽هو پاسو ڪري هليو ويو. ”خانخانان“ ۽ ”مهابت خان“ سردار ۽ ”پرويز“ پٺيانئس روانا ڪيا ويا، جن بنگال ۾ هن کي وڃي شڪست ڏني ۽ هو وري دکن ڏانهن ڀڄي ويو. نيٺ تنگ ٿي، سنه 1035هه ۾ 1625ع ۾ اچي پيءُ وٽ پيش پيو. پوءِ نورجهان مهابت خان جي پٺيان پيئي. ۽ هن کي دهليءَ ۾ گهرايائين. پر مهابت خان کي شڪ پيو، سو راجپوتن جو لشڪر وٺي جهانگير جي منزل تي ڪاهي اچي پيو _ جو ڪابل ڏي ٿي ويو _ ۽ هن کي کڻي قيد ڪيائين. هيءُ ٻڌي، نورجهان، مردانو ويس ڪري، ڏوليءَ ۾ چڙهي، بادشاهه جي جاءِ تي لشڪر ۾ ويئي، ۽ پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻين سردارن کي سڏي هنن کي ڌمڪايائين، ۽ لشڪر ساڻ وٺي، بادشاهه کي ڇڏائڻ لاءِ، مهابت خان جي منزل گاهه تي ڪاهي ويئي. گهڻيءَ مشڪلات سان درياه لنگهي، ڏاڍا حملا ڪيائين، ۽ تمام گهڻي بهادري ڏيکاريائين. ڏاڍا تير لڳس. هاٿيءَ جو هود ئي رت سان ڀرجي پيو، ۽ نيٺ خود سندس هاٿي به زخمي ٿي پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. آخر نورجهان ڀڄي نه سگهي، تڏهن ارادو ڪيائين ته بادشاهه سان گڏ پاڻ به قيد ۾ رهي، ته من هڪٻئي سان مشورت ڪندا رهن _ آخر ائين ڪيائين. نورجهان جي صلاح سان، بادشاهه مهابت خان جي خوشامد ڪرڻ لڳو، ۽ هن کي پنهنجو خير خواهه سڏيائين، ۽ نور جهان جي نالي ڪوڙ ڪري چيائين ته هوءَ اسان جي خير خواهه نه آهي. انهيءَ تي هو ٺڳجي ويو. نورجهان، مخفي طرح نئون لشڪر جاسوسي نائبن جي معرفت گڏ ڪري، راجپوتن کي جيتي، بادشاهه کي قيد مان ڪڍائي ويئي، ۽ پاڻ به نڪتي، اهڙو زور ڏيکاريائين، جو مهابت خان لاچار ٿي ساڻس شرط ٺهرائي صلح ڪيو، ۽ بادشاهه سان پرتو. بادشاهه پوءِ کيس شاهجهان تي ڪاهي وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. پاڻ وري ڪابل مان لنگهي موٽي لاهور آيو، ۽ پوءِ ڪشمير روانو ٿيو. پر رستي ۾ سخت بيمار ٿي پيو، ۽ ٻيءَ منزل تي مري ويو، سندس عمر سٺ ورهيه هئي. بس، بادشاهه جي مرڻ تي نورجهان جو زور به پورو ٿيو. ڀاڻس آصف جاه شاهجهان جو طرفدار ٿيو، ۽ ڀيڻ کي کڻي نظربند ڪيائين، لاهور ۾ شهريار تي ڪاهي ويو، ۽ لڙائيءَ ۾ هن کي ماريائين. سنه 1628ع، شاهجهان آگري ۾ شهنشاهه مقرر ٿيو. نورجهان گوشه نشين ٿي گذاريو. ساليانو ساڍا ستٽيهه لک رپيا خرچ لاءِ ملندا هئس. مڙس کانپوءِ اڇي سادي پوشاڪ ڍڪيندي هئي ۽ ٻئي رنگ جو ڪوبه ڪپڙو نه ڍڪيندي هئي. ڪوبه تماشو نه ڏسندي هئي، ۽ مڙس جي ماتم ۾ رهي. نيٺ، سن 1056هه (1646ع) ۾ مري ويئي. لاهور ۾ جهانگير جي قبي جي ويجهو جيڪو قبو پنهنجي لاءِ ٺهرايو هئائين، تنهن ۾ دفن ڪئي ويئي.
مٿئين بيان مان معلوم ٿيندو ته نورجهان ڪهڙي نه مرداني، عقل ۽ تجويز واري عورت هئي، ۽ حڪمرانيءَ جو ڪم ڪهڙو نه چڱو ڄاڻندي هئي. جڏهن بادشاهه سان شڪار تي ويندي هئي، تڏهن اڪثر هڪڙيءَ ئي گوليءَ سان شينهن ماريندي هئي. هڪڙي ڀيري چار شينهن گڏ نڪتا، ته هڪڙيءَ ئي گوليءَ سان ٻه شينهن ماريائين، جنهن تي هڪڙي شاعر ترت هيءُ بيت چيو ته:
نور جهان گرچہ بصورت زن ست در صف مردان زن شيرافگن ست.
هتي”زن شيرافگن“ جي معنيٰ علي قلي خان شيرافگن جي زال به آهي، ۽ شينهن ماريندڙزال به آهي. جهانگير فقط نالي جو شهنشاهه هو، نه ته سچي پچي شهنشاهه هوءَ پاڻ هئي. سِڪي تي به ٻنهي جو نالو اُڪرڻ ۾ ايندو هو، ۽ هيءُ بيت مٿس ڇاپبو هو:
بحڪم شاهه جهانگير يافت صد زيور بنام نورجهان بادشاهه بيگم زر.
۽ خاص شاهي مهر تي هيءُ بيت اُڪريل هوندو هو:
نور جهان گشت بفضل الله،
همدم و همراز جهانگير شاهه.
جهانگير جڏهن بيمار ٿيو، تڏهن گهڻا طبيب مٿا هڻي ڪڪ ٿيا، آخر نورجهان پاڻ مجرب نسخا ڪم آڻي، هن جو علاج پاڻ ڪرڻ لڳي، ۽ نيٺ هو شفاياب ٿيو. انهيءَ بابت جهانگير پاڻ ”تزڪ جهانگيريءَ ۾ لکي ٿو: ”نورجهان بيگم ڪہ تدبير و تجربہ او ازين اطبا بيشتر است، خصوص ڪہ از روي مهرباني و دلسوزي باشد، اگرچہ پيش ازين هم علاجي ڪہ اطبا ميڪردند بصلاح و صوابديد او بود، ليڪن درين وقت مدار بر مهربانيءَ او نهادم و شراب را بتدريج ڪم ڪرد و چيزهاي نامناسب و غذاهاي ناموافق محافظت نمود، اميد ڪہ حڪيم حقيقي از شفاخانئه غيب صحت _ ڪامل نصيب ڪناه“.
نور جهان جي فارسي شعر جو نمونو هي آهي:
نام تو بردم و زدم آتش بجانِ خويش، درآتشم چو شمع ز دست و زبانِ خويش، دقيقہ هاي معنايش در سواد حروف، چو در سياهي شب روشني پروين است. ****
ارجمند بانو بيگم”ممتاز محل“
هيءَ نامور شهزادي شاهجهان بادشاهه جي پهرين بيگم هئي، جنهن جي دلفريب حسن ۽ خداداد عقل هن کي ملڪن ۾ مشهور ڪيو، هوءَ نورجهان جي ڀاءُ جي ڌيءُ هئي. هن جي اعليٰ قابليت، عالي دماغيءَ، بلند خياليءَ، شاهاڻي تهذيب ۽ تعليم جي ڪري، بادشاهه مٿس مستانو هو. جيتوڻيڪ شاهجهان جي ٻي بيگم عزيز النساء به ڏاڍي لائق ۽ قابل ۽ حسين هئي، پر جيڪا قدرتي خوبي خدا هِن ۾ رکي هئي، سان هُن ۾ ڪانه هئي. هوءَ خليق ۽ تحمل واري هئي، ۽ مشڪل مشڪل ڪمن ۾ مشاورت ڪرڻ مهل بادشاهه کي اهڙي پڪي راءِ ڏيندي هئي، جا تمام چڱي ۽ فائدي واري ثابت ٿيندي هئي. هوءَ خير ڪندڙ ۽ فيض واري به ڏاڍي هئي، پنهنجي دولت هوءَ غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن تي خرچيندي هئي، جي هميشه سندس پاڇي هيٺ رهي کيس دعائون پيدا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري، سندس عزيز خويش سڀ مٿانئس ساهه قربان پيا ڪندا هئا. هن جي سخاوت جو هڪڙو مثال هي آهي، ته جڏهن شاهجهان تخت تي ويٺو، تڏهن هُن خوشيءَ ۾ ٻه لک رپيا هن بيگم کي انعام ڏنا، ۽ هن انهيءَ وقت بادشاهه جي مٿان اُهي گهمائي، صدقو ڪري، فقيرن ۽ محتاجن کي ڏيئي ڇڏيا. ٻين وقتن تي به ”اڪثر هوءَ ائين ڪندي هئي، ۽ انهيءَ مان ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هيس. هن کي رواجي خرچ لاءِ سورنهن لک رپيا ملندا هئا، ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪي بادشاهه کان عطا ٿيندو هوس، ته به جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن سندس خانگي خزاني ۾ ڪي به ڪين رهيو. سڀ پنهنجي جيئري ئي خيرات ڪري ڇڏيائين. اهڙن نيڪ اخلاقن ڪري بادشاهه مٿس قربان هوندو هو، ۽ هن بيگم جو گهر ۾ هئڻ پنهنجي خوش قسمتي سمجهندو هو.
هيءَ بيگم محل سراءِ ۾ بلڪل آزاد رهندي هئي، جيڪي وڻندو هوس، سو ڪندي هئي. بادشاهه جو مٿس اهڙو اعتبار هو، جو ڪنهن به قسم جو گمان منجهس نه پوندو هوس. هن کي لکڻ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو گهڻو شوق هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن ”ديوان“ پڙهڻ ۾ محو هئي، ۽ بيخود ٿي هڪڙو شعر وري وري پئي پڙهيائين، ته شاهجهان پٺيان اچي بيهي رهيو. بلڪه سڏ به ڪيائينس، ته به نه ٻڌائين. جڏهن سامهون آيس، تڏهن ڇرڪ ڀري ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺي. هن بانوءَ جو وقت اڪثر خانه داري جو انتظام، بادشاهه جي خدمت، ۽ شهزادن ۽ شهزادين جي تربيت ۽ تعليم ۾ گذرندو هو. هن بيگم جي نسبت ۾ ڪن تاريخ لکندڙن _ خاص يورپين _ ڪي اهڙيون نامناسب ڳالهيون لکيون آهن، جن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. هنن رڳيون واهيات خبرون لکيون آهن، نه ته هيءَ بيگم هر طرح عقلمند ۽ قابل هئي. هن مان شاهجهان کي چوڏهن ٻار ڄاوا. جيڪي جيئرا رهيا، تن مان چار نامور شهزادا هئا، جن جا نالا هي آهن. داراشڪوه، شاهه شجاع، مراد مرزا ۽ اورنگزيب عالمگير، ٽي شهزاديون به ٿيس، جن جا نالا هي آهن. انجمن آرا، گيتي آرا ۽ جهان آرا، هيءَ راڻي ايڪيهه ورهيه بادشاهه سان گڏ رهي. هن سنه 1040هه (1630ع) ۾، ذوالقعد جي 17 تاريخ وفات ڪئي. مرڻ کان اڳ هن بادشاهه سان اهڙي درد ڀري ۽ اثرناڪ گفتگو ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه جي دل ڪباب ٿيو ٿي ويئي. بيگم جي مرڻ ڪري، بادشاهه جو حال تمام غمزده ٿي پيو، سڀ خوشي ڇڏي ڏنائين ۽ هميشہ تائين هن جي يادگيري ڪندو رهيو. هن جي محبت جي هيءَ به هڪڙي نشاني آهي، جو هن ”ممتاز محل“ تي اهڙو هڪڙو روضو يا قبو جوڙايو، جو اڄ تائين ”تاج محل“ نالي سان ساريءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي. لفظ ”تاج محل“ به ”ممتاز محل“ مان نڪتل ٿو ڏسجي، ”تاج بيبيءَ جو روضو به چوندا اٿس“. انهيءَ تي پنجاهه لک رپيا خرچ ٿيا، ۽ ٻارهن ورهيه انهيءَ تي ڪم هليو. انهيءَ سان لاڳو دڪان ۽ ٻيون جايون به جوڙايون ويون، جن مان ٻه لک رپيا پيدائش ٿيندي هئي.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
جهان آرا بيگم
هيءَ بيگم، شاهجهان بادشاهه ۽ ارجمند بانو بيگم (ممتاز محل) جي ننڍي ڌيءُ هئي، ۽ سنه 1023هه (1614ع) ۾ ڄائي هئي. انهيءَ وقت جهانگير بادشاهه هندستان جي تخت تي هو، جنهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون. هن کي ننڍي هوندي تعليم ڏيڻ لاءِ پوڙها ۽ تجربيڪار معلم چونڊي رکيائون. سگهوئي هن قرآن شريف ۽ فقہ جا ڪتاب پڙهي عربي شروع ڪئي، جنهن ۾ ٿورن ورهين جي اندر چڱي تحصيل ڪيائين. هوءَ هميشه قران شريف ۽ حديث جا ڪتاب پڙهندي رهندي هئي. ۽ عبادت ۾ به مشغول رهندي هئي، جو شاهجهان مذهب جوڏاڍو پابند هو. هن جو زهد ۽ عبادت ڏسي شاهجهان جي ساڻس تمام گهڻي محبت ٿي. جهان آرا بيگم فارسي ۽ عربي انشاء پردازيءَ ۾ ڏاڍي هوشيار هئي. ۽ گفتگو تمام مٺي ڪندي هئي، تُرڪي ٻولي به ڄاڻندي هئي. شعر به چڱو چوندي هئي، جو اڪثر اخلاقي مضمون تي هوندو هو. هوءَ جيتوڻيڪ طبعيت جي ڪري عالي دماغ ۽ ضدي هوندي هئي، ته به هلت تمام نياز واري هوندي هيس. خانه داري جو ڪم چڱو ڄاڻندي هئي، ۽ تمام سخي هوندي هئي. سندس مهمان نوازي ۽ فياضي مشهور هوندي هئي. سادي لباس ۾ رهندي هئي. انهيءَ هوندي گبه جرائت ۽ حشمت ڏاڍي هوندي هيس. هيءَ پنهنجن ٻين ٽن ڀيڻن ۽ چئن ڀائن کان گهڻين ڳالهين ۾ وڌيڪ هئي، تنهنڪري پيءَ ماءُ کي گهڻو وڻندي هئي. هن کي هميشہ لکن جا لک انعام ڏيندا هئا، جي هوءَ خير جي ڪمن ۾ خرچيندي هئي. ماءُ جي محبت جي ثابتي اها، ته جڏهن ارجمند بانوءَ وفات ٿي ڪئي، تڏهن بادشاهه کي وصيت ڪيائين ته منهنجيءَ ملڪيت جو اڌ خلاصو جهان آرا بيگم کي ملي، ۽ باقي اڌ ٻئي اولاد کي ورهائي ڏجي _ پر افسوس آهي ته عالمگير، شاهجهان جي وفات کانپوءِ، اها وصيت واري تقسيم شرع جي برخلاف ڏيکاري، ڀڃي ڇڏي.
سنه 1052هه (1642ع) ۾، جهان آرا جي سالگرهه جي ڏينهن آگري ۾ هڪڙو وڏو جشن ڪيو ويو. رات جو خوشي ڪندي، ٻانهين جي هٿن ۾ جي شمعون هيون، تن مان جهان آرا بيگم جي ڪپڙن کي اوچتو باهه لڳي ويئي، ۽ ڏاڍي مشڪلات سان اُها محلات جي ماڻهن اُجهائي. چار نوڪرياڻيون ته سڙي ويون. خوشيءَ جي بدران، محلات ۾ غم ۽ افسوس پئجي ويو. حڪيم اچي گڏ ٿيا. سٺ هزار رپيا بادشاهه خيرات ڪيا، ۽ شهزاديءَ جي شفا لاءِ دعائون گهريون ويون. مس مس، پنجن مهينن کانپوءِ، هوءَ چڱي ڀلي ٿي. انهيءَ وچ ۾ بادشاهه ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ رهندو هو، ۽ اڪثر محلات کان ٻاهر ويندو هو ۽ پيٽ ڀري ماني نه کائيندو هو. شهزاديءَ جي چڱڀلائيءَ جي خوشيءَ ۾ بادشاهه وري ٻيو جشن ڪيو، جنهن مان نه رڳو فقير، پر امير، عالم ۽ فاضل به شاهي فيض کان بهره ياب ٿيا. شهزاديءَ کي سون سان توري، اُهو سون مسڪينن ۽ محتاجن کي ڏنو ويو. انهن خوشين ۾ ڪُل اٺاسي لک رپيا خرچ ٿيا.
جهان آرا بيگم نه رڳو حسن ۽ جمال جي ڪري، پر عقلمنديءَ ۽ سياڻپ جي ڪري به ماڻهن کي موهي ڇڏيندي هئي. نه رڳو هندستان ۾ پر ساري ايشيا کنڊ ۾ مشهور ٿي ويئي.
انهيءَ وقت ڌاري شهزادي اورنگزيب عالمگير ڪا اهڙي هلت ڪئي، جنهن ڪري بادشاهه مٿس گهڻو ڪاوڙيو، سندس جاگير ضبط ڪري ڇڏيائين، ۽ دکن جو صوبو جو سندس حوالي هو، سو ”خان دوران“ جي بلي ڪري ڇڏيائين. هن جي معافيءَ جي لاءِ وڏن اميرن عرض ڪيو، پر بادشاهه قبول نه ڪيو. نيٺ شهزادي جي ماءُ ۽ محلات جي ٻين بيگمن، جهان آرا بيگم کي اچي منٿ ڪئي، تنهن وڃي بادشاهه کي سفارش ڪئي. تڏهن مس مس عالمگير کي معافي ملي، ۽ پنهنجي جاگير ۽ درجو وري مليس. انهيءَ احسان جو هو هميشہ پاڻ تي حق سمجهندو هو ۽ شاهجهان جي وفات کان پوءِ به هن جهان آرا بيگم کي ڪڏهن تڪليف ڪانه ڏني، ۽ هميشہ هن کي عزت آبرو ڏيندو هو.
جهان آرا بيگم جيتوڻيڪ عالي دماغ هوندي هئي، ته به جڏهن ڪا غلط فهمي ڪندي هئي، تڏهن هڪدم قبول ڪندي هئي. هڪڙي ڀيري سورت بندر جي متصديءَ محمد امين تي ظلم جي پڪار هئڻ ڪري، بادشاهه هن کي موقوف ڪري گهرايو، ۽ قتل جو حڪم جاري ڪيائين. سورت بندر جو محصول جهان آرا بيگم کي ملندڙ هو. انهيءَ متصديءَ جي مائٽن جي منٿ تي، هڪڙو سفارش جو خط پيءُ ڏي دربار ۾ لکي موڪليائين. بادشاهه اُهو پڙهي، محمد امين کي قتل جي معافي ڏني ۽ رڳو قيد جي سزا جو حڪم ڏنائين. مگر، جڏهن محلات ۾ آيو، تڏهن ڌيءُ کي سمجهايائين ته اهو متصدي ڏاڍو ظالم آهي. ڏاڍيون خرابيون ڪيون اٿس ۽ اهڙيءَ سفارش جو لائق نه هو، تنهن تي جهان آرا بيگم پنهنجي غلط فهمي قبول ڪئي، ۽ پيءُ کان معافي گهريائين.
انهن مثالن مان معلوم ٿيندو، ته بادشاهه جهان آرا بيگم کي تمام گهڻو پيار ڏيندو هو. سندس حقيقي ڀاءُ دارا شڪوه سان به گهڻي محبت هوندي هيس، جو حقيقت ڪري وڏو پٽ هو ۽ ولي عهد هو، مگر اورنگزيب عالمگير جي حرفت ڪري، اهو شڪست کائي قتل ڪيو ويو. پر جهان آرا جيستائين حيات هئي، تيسين اورنگزيب هن سان ڪڏهن به بدسلوڪي ڪانه ڪئي. جيتوڻيڪ ”برنيز“ صاحب لکي ٿو ته اورنگزيب هُن کي آگري مان ڪڍي دهلي ۾ آندو، جتي هوءَ گهڻي مدت تائين قيد رهي، پر اها ڳالهه برابر نٿي ڏسجي.
جهان آرا بيگم سن 1092هه ( 1681ع) ۾ وفات ڪئي، ۽ نظام الدين اولياء جي درگاهه سان لڳ هڪڙي مزي جهڙي قبي ۾ دفن ڪئي ويئي. هيءَ بيگم چشتي طريقي جي معتقد هئي. هن ٽي ڪروڙ خرچي، اها پنهنجي قبي جي جاءِ خريد ڪئي هئي، مگر عالمگير ٻه ڪروڙ سندس مرڻ کانپوءِ زور سان موٽائي ورتا، جو چيائين ته شرعي قاعدي موجب پيءُ جي ملڪيت مان ڌيءُ کي چوٿين حصي کان زياده نٿو ملي سگهي.
جهان آرا جي قبر جي سير انديءَ، سنگمرمر جي تختيءَ تي، سندس هيءُ بيت لکيل آهي.
بغير سبزه نپوشد ڪسي مزار مرا، ڪہ قبر _ پوشِ غريبان همين گياه بس است.
(يعنيٰ ساوڪ کان سواءِ ڪوبه منهنجيءَ قبر تي ٻيو پوش نه وجهي، ڇا لاءِ جو غريبن جي قبر جو پوش اهو گاهه بس آهي.)
جهان آرا بيگم جي شعرن مان هڪڙو قصيدو تمام عمدو آهي، جو هن بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو، ۽ جنهن لاءِ پنج هزار رپيا انعام مليو هوس. انهيءَ جي هڪڙو بيت هي آهي:
تا سر زده از شمع چنين بي ادبي، پروانه ز عشق شمع را سوخته است مرزا محمد علي”ماهر“ جهان آرا جي شان ۾ هڪڙي مثنوي لکي هئي، جنهن جي لاءِ هن کيس پنج سئو رپيا انعام ڏنو. انهيءَ مان هڪڙو بيت هي آهي:
بذاتِ او صفاتِ کرد گارست، کہ خود پنهان و فيضش آشکارست.
(يعني، انهيءَ بيگم ۾ خدا واريون صفتون آهن، جو پاڻ لڪل آهي ۽ سندس فيض ظاهر آهي.)
ڪتاب ”مونسن الاروا،“ جهان آرا بيگم جو جوڙيل آهي
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
روشن آرا بيگم
هيءَ بيگم اورنگزيب جي ننڍي ڀيڻ هئي، ۽ طبع ۾ هن سان گهڻي مشابهت رکندي هئي، انهيءَ جي ماءُ ارجمند بانو بيگم هئي، جنهن جو مشهور لقب”ممتاز محل“ هو. انهيءَ جي سنڀال هيٺ، هن ننڍي هوندي کان پرورش پاتي. شاهجهان هن جي تعليم ستي النساء خانم جي حوالي ڪئي، جا مشهور ملڪ الشعراء ”طالب آملي“ جي ڀيڻ هئي ۽ ”نظيرا“ جي زال هئي، جو ٻئي مشهور شاعر ”رڪنا ڪاشيءَ“ جو ڀاءُ هو. ستي النساء خانم ڏاڍي قابل عورت هئي. طب، قرات، ۽ ٻين علمن ۾ ڏاڍي هوشيار هئي. شاعري ته سندس ورثو هو. هوءَ گهڻو وقت ”ممتاز محل“ جي صحبت ۾ رهندي هئي، ۽ هاڻي هوءَ روشن آرا کي باقاعدي تعليم ڏيڻ لڳي، جنهن ڪري سگهوئي هن علم ۽ هنر ۾ ڪماليت حاصل ڪئي. روشن آرا جي وڏي ڀيڻ جهان آرا هئي، جا شاهجهان جي راڄ ۾ سندس حڪومت جو ڄڻ ساهه هئي. انهيءَ جي صلاح کان سواءِ، بادشاهه ڪوبه ڪم نه ڪندو هو. انهن ٻنهي ڀيڻن جي وچ ۾ هميشہ اڻبڻت رهندي هئي. جيسين شاهجهان جو بخت زور ۽ ستارو غالب هو، تيسين جهان آرا جو اقبال روز بروز وڌندڙ هو، ۽ روشن آرا جو حسد به زياده ٿيندو ويو.
نيٺ، سنه 1064هه (1653ع) ۾، روشن آرا جو نصيب تازو ٿيڻ لڳو، ۽ شاهجهان جي بيماريءَ هن جي پٽن ۾ خانه جنگي پيدا ڪئي. اورنگزيب عالمگير به، دکن مان، ڏاڍي زور سان تختگاهه آگري ڏي روانو ٿيو، رستي ۾ دارا شڪوه جي لشڪر کي شڪست ڏيندو آيو، ارادو ڪيائين ته آگري جو قلعو قبضي ۾ آڻي. انهيءَ وقت پڻس شاهجهان، محبت جو خط لکي، کيس سڏيو. اورنگزيب وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. بادشاهه قلعي جي سنڀال لاءِ اندر توڙي ٻاهر پورو بندوبست رکايو هو. قلعي جو هيءُ انتظام ڏسي، روشن آرا لڪ چوريءَ پنهنجي ڀاءُ اورنگزيب کي چوائي موڪليو ته قلعي ۾ متان اچين، نه ته خير ڪونه ٿيندو. هي خبر ٻڌي اورنگزيب پيءُ وٽ وڃڻ جو ارادو رد ڪيو، ۽ روشن آرا جي خير خواهيءَ ڪري سندس گهڻو شڪر گذار ٿيو. انهيءَ وقت کان وٺي، روشن آرا سان هن جي محبت قائم ٿي، تنهن کانپوءِ به هوءَ هميشہ قلعي جي اندر جون خبرون هن کي ڏيندي رهندي هئي.
ڀائن جي توڙي پيءُ ۽ پٽن جي وچ ۾ جيڪا خانه جنگي هلي، تنهن جو آخر نتيجو اهو ٿيو ، جو اورنگزيب عالمگير پنهنجي چالاڪيءَ سان قلعو پنهنجي قبضي ۾ آندو، ۽ پاڻ بادشاهه ٿيو. هن جي تخت تي ويهندي ئي، روشن آرا جو ستارو چمڪيو. شاهي خاندان ۾ هاڻي انهيءَ جي عزت سڀ کان زياده ٿيڻ لڳي. ملڪي ڪمن ۾ بادشاهه هن جي صلاح مشورت تي هلڻ لڳو. جهڙيءَ طرح اڳي شاهجهان، جهان آرا جي مشورت تي هلندو هو. هن جي جاگير وڌائي ويئي، ۽ سڀ امير اُمراء هن وٽ نذر پيش ڪندا هئا، ۽ هوءَ انهن کي خلعتون عطا ڪندي هئي.
جهان آرا بيگم وانگي، هوءَ به ڏاڍو شان شوڪت ۽ تجمل رکندي هئي. ”برنيز“ صاحب پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته ”روشن آرا جي سواريءَ کان زياده تجمل واري سواري، خيال ۾ اچي نه سگهندي. هيءَ بيگم ”پيگوءَ“ جي تمام عمدي ۽ وڏي قد واري هاٿيءَ تي اهڙِ هودي ۾ چڙهي ٿي، جنهن جي سونهري ۽ لاجوردي رنگن جي چمڪاٽ ڏسڻ جي لائق آهي. سندس هاٿيءَ جي پٺيان ڇهه ٻيا هاٿي هلن ٿا، جن تي محل جون معزز زالون ويهن ٿيون، جن جا هودا به گهڻو ڪري اهڙا ئي ٺاهه ٺوهه وارا آهن. شهزاديءَ جا وڏا وڏا ۽ خاص خاص خواجه سرا قيمتي پوشاڪن ۾ گهوڙن تي سوار ٿين ٿا، ۽ هٿن ۾ لڪڻ اٿن. هن جي هاٿيءَ جي چوڌاري ڪشميري ۽ تاتاري زالن جو رسالو هلي ٿو. اهي ڏاڍي سينگار سان، خوبصورت ۽ تکن گهوڙن تي چڙهيل آهن. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي خواجه سرا گهوڙن تي هلن ٿا، جن سان گڏ گهڻائي پيادا نوڪر، وڏيون لٺيون کنيو، شهزاديءَ جي کٻي، سڄي ۽ اڳيان، ماڻهن کي پاسي ڪندا هليا هلن. انهن سٺ _ ستر هاٿين جو آهستي آهستي هلڻ، هودن جو چمڪڻ، خوبصورت ۽ عمديون پوشاڪون، ۽ بيشمار خدمتگارن جو انبوهه، ڏسندڙ جي دل تي شاهي شان ۽ شوڪت جو هڪڙو عجيب اثر ٿو وجهي. جي آءٌ انهن کي عقل جي نظر سان نه ڏسان، ته جيڪو جاهلن وانگر بيشڪ انهن کي ”ديويون، سڏيان. هودن ۾ ويٺل هي حسين بيگمون ائين پيون ڏسجن، جو ڄڻ ته پريون هوا ۾ پيون اُڏامن!“
مطلب ته روشن آرا جي عروج، عالمگير جي سلطنت جي شروع ۾ ئي ڪمال ڪيو پر سگهوئي پوءِ انهيءَ کي زوال آيو، انهيءَ جو سبب هيءُ ته عالمگير ستت ئي بيمار ٿي پيو، ۽ حڪومت جو سڀ ڪم ڪار روشن آرا پنهنجي ذمي ڪيو. سڀ حڪم احڪام سندس ئي نالي سان جاري ٿيڻ لڳا، شاهي مهر به سند حوالي ٿي، جا فرمانن تي هوءَ پاڻ هڻندي هئي. اميرن کي هن بادشاهه وٽ اچڻ ۽ هن جي خير عافيت پڇڻ يا هن کي حال احوال ڏيڻ کان روڪيو. بلڪه محلات جون بيمگون به بادشاهه کي پنهنجن اکين سان نٿي ڏسي سگهيون. عالمگير جو علاج به سندس ئي حڪم موجب ٿيندو هو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو ڪاوڙجڻ ۽ بدگمان ٿيڻ لڳا. عالمگير جي جيڪا تمام پياري هندوراڻي هئي، تنهن کي به اچڻ نه ڏنائين. بلڪ هن کي ڳل تي ڏاڍي چماٽ هنيائين. جڏهن ڪن ڏينهن کانپوءِ عالمگير بهتر ٿيو، تڏهن روشن آرا جون اهي ڳالهيون ٻڌي، هو ڏاڍو ناراض ٿيو بادشاهه جو رنج ڏسي محلات جون سڀ زالون هن جي طرفداري ڇڏي ڏيڻ لڳيون. انهيءَ هوندي به ، بادشاهه هن جي جاگير گهٽائي ڪين، ۽ نه هن کي ڪا زياده تڪليف ڏنائين، ته به روشن آرا بلڪل نااميد ۽ دل شڪستي ٿي، ۽ بادشاهه کان موڪلائڻ لڳي، انهيءَ لاءِ ته وڃي ٻئي هنڌ رهي، پر بادشاهه موڪل نه ڏنيس، ڇالاءِ ته انهن ڏينهن ۾ هوءَ بادشاهه جي ڌيئن کي تعليم ڏيندي هئي، ۽ هن کان بهتر انهن جي سنڀالڻ واري ٻي ڪانه ٿي سجهي. انهيءَ طرح ڪي ڏينهن گذاري هن دهليءَ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ دفن به اتي ئي ٿي. روشن آرا جي وفات بابت بادشاهه پنهنجي ڪتاب ”عالمگير نامه“ ۾ گهڻو ئي ڪي لکيو آهي، جنهن مان هن جي گهڻي تعريف معلوم ٿي ٿئي، ٿوري جنسي فارسي عبارت هتي ڏجي ٿي: ”آن ملڪه عصمت بخصايل حميده و شمايل پسنديده و محبت باگرامي برادر انصاف داشت، بادشاهه روشن آرا از مهاجرت چنين محترمہ شفيقہ دل غمگين و ديده نمي شد. ناکام برضاي قادر مختار پرداختہ زاد راحلہ بجا آورد، و خيرات و مثوبات بخوشنوديءَ ارواح پاک نزاد مهيا ساخته، متعلقان مرحوم را از کور اناث بفراوان عنايت و رعايت از لباس تعزيت بيرون آور دند.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
زيب النساء بيگم
هيءَ شهزادي، هندستان جي مشهور شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جي ڌيءُ هئي، جو شاهجهان جو پٽ، جهانگير جو پوٽو، ۽ اڪبر بادشاهه جو پڙ پوٽو هو. زيب النساء کي چار ٻيون ننڍيون ڀيڻين به هيون _ جن جا نالا زينت النساء بيگم، بدرالنساء بيگم، مهر النساء بيگم، ۽ بادشاهه بيگم هئ _ ۽ پنج ڀاءُ هيس. هوءَ ڏهين تاريخ شوال سنه 1048هه ( 1639ع) جي ڄائي، ۽ بادشاهه جي پياريءَ ڀيڻ روشن آرا بيگم جي نظر هيٺ رکي ويئي، شاهي دستور موجب، هوءَ هڪڙيءَ دائيءَ جي حوالي ڪئي ويئي، جا هن کي پهرين کير پياريندي هئي، ۽ پوءِ پڙهائيندي هئي. انهيءَ جو نالو”ميا ٻائي“ هو، جا ڏاڍي نيڪ ۽ ديندار عورت هئي. چئن ورهين جي ڄمار ۾ مُلا”جِيوَن، شاهي خاندان جي اُستاد، هن کي قرآن پڙهايو، ۽ اٺن ورهين جي عمر ۾ هوءَ قرآن شريف جي حافظ ٿي. انهيءَ خوشيءَ ۾ پڻس ٽيهه هزار اشرفيون صدقي ڪيون ۽ هڪڙو وڏو جشن ڪيائين، خود زيب النساء بيگم کي به ٽيهه هزار اشرفيون انعام ڏنائين. پوءِ هوءَ ملا”سعيد اشرف“ وٽ فارسي، عربي ۽ فقہ وغيره پڙهي، اُهو خود عالمگير جو به استاد هو، ۽ نامور مصنف هو. هوءَ، مشقون پچائي، ڏاڍي خوشنويس به ٿي. انهيءَ وقت ۾ هن شهزاديءَ کي شعر پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ناصر علي ”هندي“ مشهور شاعر هو، جو سرهند جي ناظم نواب ذوالفقار خان وٽ رهندو هو، ۽ مرزا محمد علي ”صائب“ ٻيو مشهور شاعر به ايران کان آيل هو ٽيون ”برهمن“ نالي شاعر به نواب وٽ هو. اهي سڀ اچي بادشاهه عالمگير وٽ گڏ ٿيا ۽ انهن سان زيب النساء طبع آزمائي ۽ شعر بازي ڪرڻ لڳي. ”غني“ ڪشميري، ”عاقل“ لاهوري، ۽ ”بهروز“ شاعر به انهيءَ وقت موجود هئا، ۽ نعمت خان ”عالي“ به انهيءَ وقت جو مشهور شاعر ۽ عالم هو.
ڊاڪٽر ”برنيز“ صاحب اورنگزيب جي ڏينهن ۾ هندستان جو سفر ڪيو هو، تنهن پنهنجي سفر نامي ۾ زيب النساء جو مفصل بيان ڏنو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته هوءَ خوبصورت هوندي هئي، ليڪن ڪپڙا سفيد ۽ سادا ڍڪيندي هئي. انهيءَ وقت ۾ ڪي زالون هندو نموني جا ڪپڙا ڍڪينديون هيون ۽ ڪي ايراني نموني جا: زيب النساء ايراني وضع جا ڪپڙا ڍڪيندي هئي، ۽ زيور به تمام ٿورا ڍڪيندي هئي. پيءُ وانگي، مذهب ۾ سُٺي هئي، ۽ اوليائن ۽ دين جي بزرگن جو گهڻو ادب رکندي هئي. پيءُ جي تخت نشينيءَ کان اڳي، امامن جي ماتمداري ۽ تعزيه داريءَ جون مجلسون به ڪندي هئي. جيئن هڪڙي بيت ۾ چوي ٿي ته:
دوستي با دشمنِ آل پيمبر چون ڪنم، من کہ لافِ دوستي با آلِ حيدر ميکنم.
هوءَ طبعيت ۾ رحم واري، بردبار ۽ چڱي اخلاق واري هئي. هميشہ خوش مزاج ۽ کلڻي هوندي هئي. سندس مهرباني ڏسي، شاعر ته ساڻس گستاخي به ڪندا هئا، جي کيس برقعي سان باغ ۾ سير ڪندي يا ٻين هنڌن تي ڏسندا هئا، ۽ ڳالهائيندا به هئا.
زيب النساء کي آزادي ايتريقدر پسند هئي، جو هن شاديءَ جو اصل خيال ڪونه ڪيو. بلڪ دنيا ئي عيش عشرت ۽ نفساني لذتن کان نفرت ڪندي هئي. ڪي چون ٿا ته سندس پيءُ بادشاهه، دارا شڪوه جي پٽ سان سندس مڱڻو ڪيو هو، پر جڏهن انهيءَ کي بادشاهه مارائي ڇڏيو، تڏهن زيب النساء ڏک کان شاديءَ جو خيال لاهي ڇڏيو. ڪن ته هيئن به لکيو آهي_ جيتوڻيڪ اهو اعتبار جي لائق نه آهي _ ته بادشاهه جي وزير جو پٽ عاقل خان زيـــب الــــنساء تــي عاشـــق هــو، ۽ زيب النساء جي به ساڻس محبت هئي. هو لاهور جو ناظم هو. جڏهن بادشاهه، بيماريءَ سبب، سنه 1071هه (1660ع) ۾، هوا بدلائڻ لاءِ لاهور ويو، تڏهن هنن ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو، ۽ پسند ڪيو. موٽي دهليءَ وڃڻ کانپوءِ، زيب النساء پيءُ کان به هن سان شادي ڪرڻ جي رخصت گهري، ۽ انهيءَ ڪم لاءِ بادشاهه عاقل خان کي دهليءَ ۾ گهرايو، پر ڪن حاسدن عاقل خان کي شڪ وڌو ته توکي بادشاهه مارائڻ لاءِ گهرايو آهي، تنهن عذر ڪري جواب لکيو ته، شاديءَ کان ته مون کي معافي ملي، پر نوڪري به ڇڏيان ٿو. انهيءَ طرح، ڊپ ۾ نوڪري ڇڏي. هو لڪي دهليءَ آيو، جتي لڪڇپ ۾ زيب النساء سان ملاقات پيو ڪندو هو. جڏهن بادشاهه کي ڪن دشمنن انهيءَ جي خبر ٻڌائي. تڏهن بادشاهه جاسوس رکي هڪڙي ڏينهن باغ ۾ اچي نڪتو. هو ٻيئي باغ ۾ هئا. عاقل خان، ڊپ کان هڪڙي ديگ ۾ ڍڪ هيٺ لڪي ويهي رهيو. جڏهن بادشاهه کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن ديگ جي هيٺان باهه ٻارايائين ۽ انهيءَ طرح هن کي جلائي مارايائين. مگر هن بلڪل ڪڇيو ئي ڪين، ۽ سڙي مري ويو.
انهي کانپوءِ بادشاهه زيب النساء کي سليم ڳڙهه جي قلعي ۾ قيد ڪيو، پر نيٺ پوءِ هن کي آزاد ڪيائين. باقي عمر هن اڪيلائيءَ ۽ گوشي گيريءَ ۾ گذاري، جتي شاعريءَ جي شغل ۾ رهي، ۽ قسمت جي شڪايت شعر ۾ ڪندي رهي. نيٺ، سنه 1100هه (1688ع) ۾، اٺن ڏينهن جي تپ جي بيماريءَ کان پوءِ، هوءَ مري ويئي. سندس وصيت موجب، سندس لاش، پڻس جي اجازت سان لاهور ۾ نئين جوڙايل ڪوٽ ۽ باغ ۾ دفن ڪيو ويو. سند وفات جي تاريخ وارو بيت هي آهي:
سال تاريخ از خرد جستم، گفت هاتف کہ ”ماه مخفي شد،
پنهنجو مقبرو هن پنهنجي جيئري ئي ٺهرائي ڇڏيو هو، تنهن ۾ هوءَ رکي ويئي، اُهو مقبرو تمام سهڻو سنگ مرمر جو هو، ۽ سونا ڪلس هئس، مگر ڪجهه سکن جي راڄ ۾ ۽ ڪجهه انهيءَ کانپوءِ، اُهو ڀڄي ڀُري ويو آهي، ۽ هاڻ مٿانئس ريل جو رستو جاري آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ دهليءَ جي ”زينت المساجد“ ۾ دفن آهي، پر حقيقت ڪري اتي سندس ڀيڻ ”زينت النساء“ رکيل آهي.
مغلن جي وقت ۾، حڪومت جي ڪم ۾ اڪثر بيگمون گهڻو حصو وٺنديون هيون. جيئن جهانگير جي ڏينهن ۾ ورتو ويو _ ۽ شاهجهان جي ڏينهن ۾ پهرين ممتاز محل ورتو. ۽ پوءِ سندس ڌيءُ جهان آرا بيگم ورتو، انهيءَ طرح، عالمگير جي حڪومت ۾ به پهرين سندس ڀيڻ روشن آرا بيگم، جا زيب النساء جي ماءُ هئي، تنهن حصو ورتو. جيڪا خانه جنگي ڀائن جي وچ ۾ پئي هلي، تنهن ۾ هوءَ عالمگير جي مددگار هئي، ۽ قلعي جون سڀ خبرون عالمگير کي پهچائيندي هئي، جنهن ڪري عالمگير سندس احسان مند هوندو هو، ۽ ساڻس ڏاڍي محبت رکندو هو، سڀ حڪم احڪام انهيءَ جي راءِ تي منحصر هوندا هئا. پر، جڏهن زيب النساء جوان ٿي، ۽ سندس روشن دماغي ظاهر ٿي، تڏهن بادشاهه جي ساڻس زياده محبت ٿيڻ لڳي. سنه 1057هه ( 1664ع) ۾ جڏهن عالمگير تمام بيمار ۽ بيهوش ٿي پيو، تڏهن روشن آرا ڪنهن کي به هن وٽ اندر وڃڻ نٿي ڏنو، ۽ چوڌاري زالن جو پهرو بيهاري ڇڏيو. سندس ارادو هو ته جي عالمگير وفات ڪري، ته سندس جاءِ تي ان جو وڏو پٽ شاهه عالم نه ويهي، پر سندس ننڍو ڀاءُ اعظم شاهه ويهي، جنهن ڪري انهيءَ جي وڏي هئڻ تائين بادشاهي خود سندس هٿ ۾ رهي، تنهن ڪري هوءَ شاهي مهر هٿ ڪري، اعظم شاهه جي نالي سان فرمان ڪڍڻ لڳي. نه ٻاهر نه اندر، محل سراءِ ۾ ڪنهن کي خبر هئي ته بادشاهه جيئرو آهي يا مري ويو. نيٺ، بادشاهه جي هندو راڻي، پهرين وارين زالن کي رشوت ڏيئي، بادشاهه وٽ آئي، جو بيهوش پيو هو. روشن آرا کي خبر پيئي، تنهن راڻيءَ کي منهن تي ڏاڍي چماٽ هنئي. بادشاهه جي انهيءَ راڻي سان ڏاڍي محبت هئي. _ ايتري قدر، جو مذهبي خيال وساري به، محل سراءِ ۾ انهيءَ راڻيءَ کي بت پرستي ڪرڻ پيو ڏيندو هو. انهيءَ راڻيءَ شاهه عالم کي حوال ڏنو، تنهن روشن آرا جي ڪم ۾ گهڻي روڪ ڪئي. فساد اٿڻ جو گهڻو امڪان هو، پر اوچتو بادشاهه عالمگير بهتر ٿيو، بادشاهه روشن آرا کان رنج ٿيو، ۽ راڻيءَ کي وڏو انعام ڏنائين ۽ هڪڙو خطاب عطا ڪيائين. بس، روشن آرا جو زوال ٿيو، ته زيب النساء جو عروج ٿيو. تنهن کان پوءِ بادشاهه سندس راءِ تي هلندو هو. هن جو علم ۽ عقل، فضيلت ۽ دانشمندي، هر طرح ظاهر ڏسڻ ۾ آيا. انهيءَ وقت سندس عمر پنجويهن ورهين جي هئي. بادشاهه اڃا پوري شفايابي نه لڌي هئي، زيب النساء ڪشمير ۾ هلي هوا بدلائڻ جي صلاح ڏنيس، ليڪن گرميءَ جي موسم هئي ۽ پڻس شاهجهان جي جيئري هئڻ ڪري هن کي وڃڻ پسند نه آيو، ته متان فساد شروع ٿئي. بادشاهه جو ارادو هو ته، ڀائرن ۽ ڀائٽين وانگي، پيءُ کي به مارائي. انهيءَ بابت هن زيب النساء سان مشورت ڪئي. هن ڏاڍي وزير سان اهڙي پاپ جهڙي ڪم جي برخلاف راءِ ڏني، ۽ سمجهايائينس ته ”ڏاڏو 75 ورهيه عمر جو پير مرد آهي، اوهين ٿورو صبر ڪريو، هو ڪو گهڻا ورهيه وڌيڪ نه جيئندو، اهڙي حالت ۾ اهڙي وڏي گناهه ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو، ۽ ملڪ ۾ پڻ بدنامي ٿيندي“. نيٺ، سـگهوئي، شاهجهان مري ويو. تنهن کانپوءِ زيب النساء وري به ڪشمير جي سفر جي رٿ پيش ڪئي، ۽ عالمگير راضي ٿيو، ۽ 6 ڊسمبر جي بادشاهه دهليءَ مان روانو ٿيو. برنيز صاحب لکي ٿو، ته انهيءَ وقت بادشاهه سان پنجٽيهه هزار سوار ۽ ڏهه هزار پيادا همراهه هئا، ۽ ستر توبون هيون، زيب النساء هڪڙي خوبصورت هاٿيءَ تي چڙهيل هئي، جنهن جو هودو سون جو جڙيل هو، ۽ منجهس تمام قيمتي جواهر لڳل هئا، هاٿيءَ جي آساپس خواجه سرا، يعني ناظر ۽ قلمانيون، يعني زالن جو لشڪر پئي هليو، انهيءَ جي پٺيان ٻين بيگمن جا هاٿي هئا، انهيءَ سفر ۾ زيب النساء ڏاڍي سخاوت ۽ دريا دلي ڏيکاري.
جيتوڻيڪ زيب النساء ڏاڍي صرفي واري هئي، ته به هن گهڻائي فياضيءَ جا ڪم ڪيا. کيس فقط چئن لکن جي سالياني جاگير مليل هئي، جنهن جي پيدائش جو گهڻو ڀاڱو علمي شوق جي پوري ڪرڻ ۾ خرچ ٿي ويندو هوس. هن تمام عمدو ۽ وڏو ڪتب خانو گڏ ڪيو هو، ۽ وڏا وڏا فاضل، عالم ۽ مصنف وٽس گڏ ٿيندا هئا. جيڪي بچندو هوس، تنهن مان هر سال سوَن ماڻهن کي پئسا ڏيئي حج موڪليندي هئي، ۽ رنن زالن ۽ يتيمن جي پرورش ڪندي هئي. لاهور جو برجن وارو مشهور باغ به هن پنهنجي خرچ سان جوڙايو، جو هن پوءِ پنهنجي دائيءَ”ميا ٻائي“ کي انعام ۾ ڏيئي ڇڏيو، انهيءَ جا نشان اڃا پيا ڏسجن. زيب النساء ڏاڍي علم دوست هئي، ۽ شاعرن ۽ مصنفن کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏيندي هئي. خوشنويس ڪاتب وٽس نوڪر هئا ۽ ڪـتاب نقل ڪندا هئا. ملا شفيع الدين، عنايت احمد ڪشميريءَ قرآن شريف جو تفسير سندس نالي لکيو، جنهن جو نالو ”زيب التفاسير“ آهي. هوءَ شعر چوڻ ۾ ڏاڍي هوشيار هئي، هڪڙو فارسي ديوان اٿس، جو تمام پسنديءَ جهڙو آهي. سندس تخلص ”مخفي“ آهي. جيتوڻيڪ ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سندس نه آهي، ٻئي شاعر جو آهي. زيب النساء گهڻا بيت ته في البديهه، خيال کانسواءِ، چئي ويندي هئي. جيئن ته هڪڙي ڀيري هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ اتفاق سان هڪڙي چين جي قيمتي آرسي ڀڃي وڌي، ڏڪندي ڏڪندي شهزاديءَ کي چيائين:
از قضا آئينہ چيني شکست!
شهزادي کلي چيو ته:
خوب شد، اسبابِ خود بيني شکست!
(”خود بينيءَ“ جي معنيٰ هٺ ۽ وڏائي به آهي، ۽ پنهنجو منهن ڏسڻ به آهي.)
هيٺيان بيت، نموني لاءِ سندس ديوان مان ڏجن ٿا:
بلبل از گل بگذرد گر در چمن بيند مرا، بُت پرستي کي گند گر برهمن بيند مرا! در سخن پنهان شدم مانند بو در برگِ گل، هر کہ ديدن ميل دارد، در سخن بيند مرا!
(يعني، بلبل جي مون کي باغ ۾ کڻي ڏسي، ته جيڪر گل کي ڇڏي ڏئي، ۽ جي ڪو برهمڻ کڻي ڏسي، ته بت جي پوڄا ڇڏي ڏئي! جيئن خوشبو، گل جي پن ۾ لڪل رهي ٿي، تيئن آءٌ پنهنجي شعر ۾ لڪل آهيان، جنهن کي مون کي ڏسڻو هجي، سو مون کي منهنجي شعر ۾ ڏسي.)
دولتي خواهي کہ باشد پائدار و برقرار، نيست اين دولت ميسر غيرِ گنجِ خلوتي.
(يعني، جيڪڏهن اهڙي دولت گهرين جا هميشہ جٽاءُ ڪري، ته اُها گوشي نشينيءَ کان سواءِ نه ملندي.)
هڪڙي غزل ۾ پنهنجي نسبت ۾ هيئن چيو اٿس:
گرچه من ليليٰ اساسم، دل چو مجنون در نواست، سر بصحرا ميزنم، ليکن حيا زنجير پاست. بلبل از شاگرديم شد همنشينِ گل بباغ، در محبت کا ملم، پروانه هم شاگردِ ماست. دختر شاهم و ليڪن رو بفقر آورده ام، زيب و زينت بس همينم نامِ من ”زيب النساء“ ست.
هي بيت به چڱو آهي
بنگر به تهيدستيءَ ما کز سرِ همت، بر سفرهءِ حاتم نه نشيند مگسِ ما!
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
بادشاهه بيگم
هيءَ بيگم، اورنگزيب عالمگير بادشاهه جي ڌيءُ ۽ محمد اعظم شاهه جي حقيقي ڀيڻ هئي، جو پڻ ”دلرس بانوءَ جي پيٽان هو، هن کي دستور موجب، ننڍي هوندي کان قرآن شريف پڙهائڻ کانپوءِ مذهبي تعليم ڏني ويئي. ٿورن ورهين ۾ هوءَ لکڻ پڙهڻ ۾ ڏاڍي هوشيار ٿي. ذهن تمام چڱو هوس، تنهن ڪري هڪڙو ٻڍو عالم پڙهائڻ لاءِ رکي ڏنائونس، جنهن ضروري علم سڀ سيکاريس. بادشاهه پاڻ مذهب جو پابند هو، سو اڪثر هن جو امتحان وٺندو هو، ۽ هن جي ترقي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري عالمگير ڪنهن جنگ کان موٽي آيو، تڏهن درٻار جي شاعرن فتح جي مبارڪباديءَ لاءِ ڪي قصيدا پيش ڪيا، بادشاهه بيگم به هڪڙو قطعو جوڙي محلات جي بيگمن جي طرفان موڪليو. بادشاهه خوش ٿيو، مگر هو اڪثر شعر کي پسند نه ڪندو هو، تنهن اُنهيءَ ڪاغذ جي پٺيان لکيو ته ”برخوردار من! شاعريءَ جي اجائي ۽ لاحاصل مشغوليءَ ۾ رهڻ توکي مناسب نه آهي. هيءُ هنر، جو فخر جي لائق آهي، ته عام ماڻهن لاءِ آهي، نه عزت ۽ اعليٰ درجي وارن ماڻهن لاءِ،“ انهيءَ وقت کان وٺي، شهزاديءَ شاعريءَ کان توبهه ڪئي، ۽ رڳو مذهب جي ضروري علم، ۽ رياضي ۽ هيئت جي علمن جو محاورو ڪندي هئي. قرآن شريف سان خاص محبت هوندي هيس. هن جي علمي لياقت ڏسي، بادشاهه کيس گهڻو پسند ڪندو هو. شهزاديءَ ”بدر النساء“ جي ماءُ نواب ٻائيءَ کي ريس ٿيندي هئي، ۽ بادشاهه کي چوندي هئي ته تون ”دلرس بانوءَ“ جي اولاد جي پاسداري ٿو ڪرين. بادشاهه ٻنهي ڀيڻن جو سندس روبرو امتحان وٺندو هو، جنهن ڪري نواب ٻائي شرمندي ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ بدر النساء به گهڻو پڙهيل هئي، ته به بادشاهه بيگم ڏاڍي ذهين ۽ قابل هوندي هئي.
بادشاهه بيگم ڏاڍي خوبصورت هئي، ۽ شرم ۽ حيا به گهڻو هوندو هوس. علم ۽ تدبر، دانائي ۽ بردباريءَ، ۽ عالي حوصلگيءَ ۽ فياضيءَ ۾ محلات جي بيگمن ۾ لاثاني هئي. عالمگير جهڙو خبردار ۽ خدا پرست ماڻهو، جو هن جي تعريف ڪندو هو، سو بي سبب نه هو. جيتوڻيڪ هوءَ فضول خرچ ۽ اسراف واري نه هئي، ته به خير ۽ فيض جا ڪم گهڻا ڪيائين. فيض الله خان ڪوڪو، جو بادشاهه بيگم جو ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ هو، ۽ ڏاڍو صالح ۽ پرهيز گار ماڻهو هو، سو ديوانو ٿي پيو، تنهن تي هن ڪيترائي هزار رپيا خرچيا ۽ ٻيا به گهڻائي فيض جهڙا ڪم ڪيائين.
****
صاحب جي بيگم
هيءَ بيگم، اميرا لامراء نواب علي مراد خان جي ڌيءُ هئي، جو شاهجهان بادشاهه جي راڄ ۾ سڀني اميرن کان مٿي هو، ۽ ڪشمير ۽ پنجاب جي صوبن جو حڪم هو. بلخ جي اُزبڪ بهادرن سان جنگ ڪرڻ ۾ هن نالو ڪڍيو هو. هڪڙي ڀيري هن بادشاهه کي پاڻ وٽ مانيءَ جي دعوت ڏني هئي، ته سئو رڪابيون سون جون ڍڪن سان، ۽ ٽي سئو چانديءَ جون، دسترخاني تي رکيون هئائين. هن لاهور ۾ راوي نديءَ مان هڪڙي نهر شهر ۾ آندي هئي، جنهن جي ڪناري تي مشهور ”شالامار باغ“ تيار ٿيو، جنهن تي اٺ لک رپيا لڳا. انهيءَ نواب جي اها ڌيءُ، امير خان ”مير ميران“ جي زال هئي، جو ڪابل جو مشهور حاڪم هو. ڪابل ۾ مغلن جي بادشاهيءَ منجهه تمام گهڻا فساد ۽ جنگيون ٿيون هيون. عالمگير جي زماني ۾ به افغانن فساد ڪيو، ۽ ايمن خان بادشاهه ٿي ويٺو، تنهن کي جيتي، بادشاهه حڪومت امير خان جي حوالي ڪئي، جنهن بهادريءَ سان فساد بند ڪيو، ۽ عقلمنديءَ ۽ تجويز سان ماڻهن کي ٺاهي فرمانبردار ڪيو. هيءَ بيگم ڪابل جي حڪمرانيءَ ۽ انتظام ۾ مڙس سان شامل ۽ شريڪ رهندي هئي، ۽ انهيءَ جي مشورت سان ملڪرانيءَ جو ڪم تمام چڱي طرح هلندو هو.
هڪڙي ڀيري اورنگزيب عالمگير بادشاهه، رات جي وقت خلاصگيءَ ۾، صوبن جون رپورٽون پئي پڙهيون، ته ڪابل جي رپورٽ ۾ هن نواب امير خان جي وفات جي خبر لکيل ڏٺي. بادشاهه کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي. ڪابل جي فسادي ماڻهن جو حال سجهيس ٿي. نواب ارشد خان، جو گهڻا ڏينهن ڪابل ۾ ديوان ٿي رهيو ۽ اُتي جو چڱو واقف هو، تنهن کي هڪدم گهرائي چيائين ته ”امير خان مري ويو. اهڙي سرڪش ملڪ جو حاڪم کان سواءِ رهڻ، خوف کان خالي نه آهي _ ڊپ آهي ته ٻئي صوبيدار جي پهچڻ کان اڳي، بغاوت نه پکڙجي وڃي“. ارشد خان جرﺃت ڪري عرض ڪيو ته قبلا، امير خان جيئرو آهي، ڪير ٿو چوي ته مري ويو آهي“! بادشاهه چيو ته ”ڪابل جي رپورٽ ۾ ائين لکيل آهي“ ارشد خان چيو ته ”حضور، اهو برابر هوندو، مگر افغانستان جي حڪومت جو انتظام ”صاحب جي بيگم“ جي عقلمنديءَ ۽ سياڻپ تي منحصر آهي، جيسين اُها اُتي هوندي، تيسين بد انتظاميءَ جو ڊپ ڪونهي.“ بادشاهه هڪدم فرمان جاري ڪيو ته ”جيسين شهزادو شاهه عالم ڪابل ۾ اچي، تيسين اها بيگم حاڪم ٿي رهي“.
انهيءَ وچ ۾ صاحب جي بيگم کي ڏاڍيون مشڪلاتون پيش آيون، جي هن بهادريءَ سان اُڪاريون. خوفناڪ ڪوهستان مان صحيح سلامت لشڪر وٺي اچڻ، ڏاڍن جوانمردن جو ڪم آهي. هيءَ بيگم، لشڪر جو انتظام قائم رکي، اهو ڪوهستان لنگهي، ميدان ۾ آئي. پنهنجي مڙس امير خان جي مرڻ جي ڳالهه بلڪل ڳجهي رکيائين. هڪڙو شخص پنهنجي خير خواهن مان، جنهن جي امير خان جهڙي شڪل هئي، تنهن کي انهيءَ جي پوشاڪ ڍڪائي ۽ آئينه دار پالڪيءَ ۾ ويهاري، فوج کي منزل بمنزل ڪوچ ڪرائيندي آئي. سپاهين توڙي عملدارن _ سڀني ائين پئي ڄاتو ته سردار جيئرو آهي، ۽ ڏهاڙي صبح جو دستور موجب، پالڪيءَ وٽ اچي سلام ڪري ويندا هئا. جڏهن لشڪر ڪوهستان لنگهي ميدان تي آيو، تڏهن هن بيگم حقيقت جي ڳالهه ظاهر ڪئي، ۽ پاڻ مڙس جي ماتمداريءَ ۾ ويٺي. افغان سردار سڀ پري پري کان تعزيت جي لاءِ آيا، ۽ انهيءَ عذر سان اچي هنن لشڪر جو بندوبست تمام پورو ڏٺو، جنهن ڪري فساد جو خيال دل ۾ نه آين. بيگم هنن کي ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان ملي. جڏهن هو معذرت ڪري پنهنجن پنهنجن جاين تي ويا، تڏهن بيگم چوائي موڪلين ته ”جيڪڏهن بادشاهه جي فرمانبرداريءَ ۾ هليا ايندؤ، ته اوهان جو جيڪو وظيفو مقرر آهي، سو دستور موجب پيو ملندوَ، پر جي فساد يا سرڪشيءَ جو خيال هجيوَ ته بسم الله، آءٌ به تيار آهيان ۽ منهنجو لشڪر به تيار آهي، اچو ته ميدان ۾ فيصلو ڪريون. جي آءٌ زال ماڻهو فتحياب ٿيس، ته قيامت تائين منهنجو نالو مشهور رهندو، پر جي خدانخواسته اوهين فتحياب ٿيؤ، ته زال ماڻهوءَ سان جنگ ڪرڻ ۽ جيتڻ ڪري اوهان جو نالو نه ٿيندو، بلڪل بدنامي ٿينديوَ_ ۽ فساد کي ته پوءِ بادشاهه پاڻ به نيٺ بند ڪري سگهندا“ افغان سردارن کي پڪ هئي ته ”صاحب جي بيگم“ ڪا رواجي بيگم نه آهي، سو هڪدم سر جهڪائي فرمانبردار رهيا، ۽ آئيندي جي خير خواهيءَ جو انجام ڪري، پنهنجي پنهنجي وطن هليا ويا. شاهه عالم کي ڪابل پهچڻ تائين گهڻو وقت لڳي ويو، تيسين ”صاحب جي بيگم“ بلڪل خاطر خواهه بندوبست رکيو آئي.
ٻه ورهيه برابر هن ڪابل جو انتظام رکيو، ۽ اتي جي حڪومت هلايائين، پوءِ برهانپور ۾ شاهي درٻار ۾ اچي حاضر ٿي، جتي بادشاهه تمام گهڻو مانُ ڏنس، ۽ تنهن کانپوءِ، بادشاهه کان موڪل وٺي، حج پڙهڻ ويئي. عربستان ۾ به هن سخاوت حد کان وڌيڪ ڏيکاري . مڪي جا شريف ۽ ٻيا معزز ماڻهو، سندس استقبال لاءِ اڳيان آيا.
”صاحب جي بيگم“ کي پنهنجو اولاد ڪونه هو، پنهنجي مڙس جو اولاد هوس، جنهن کي هوءَ پنهنجي اولاد وانگي سنڀاليندي هئي. اُهي، هن بادشاهه جي برهانپور واريءَ درٻار ۾ کيس حوالي ڪيا، جن کي بادشاهه چڱا چڱا عهدا ڏنا.
هڪڙي ڀيري ”صاحب جي بيگم“ جي پالڪي هڪڙي گهٽيءَ مان لنگهيو ٿي وئي، ته اوچتو هڪڙو مست بادشاهي هاٿي سندس سامهن آيو. بيگم جي چوبدارن گهڻو ئي پيلبان کي رڙيون ڪري چيو ته هاٿيءَ کي پاسي ڪر، پر هو ڪجهه به ڪري نه سگهيو. جڏهن هاٿي سڌو پالڪيءَ کي ويجهو آيو، تڏهن بيگم جي ماڻهن انهيءَ کي سونڊ ۾ تير هنيا. هاٿيءَ ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي. ۽ هڪدم پالڪيءَ تي سونڊ لاتائين. ڪهار، ڊپ کان پالڪي زمين تي اڇلائي، هڪڙي پاسي ڀڄي ويا. بهادر بيگم بيحواس نه ٿي: جيئن هاٿيءَ جي سونڊ پالڪيءَ تي آئي، تيئن ٽپ ڏيئي، پالڪيءَ مان لهي، پاسي واري هڪڙي صراف جي دڪان ۾ گهڙي ويئي، ۽ در بند ڪري ڇڏيائين. پر، انهيءَ ڳالهه جي ڪري امير خان ڏاڍو ڪاوڙيو، جو چيائين ته بيگم پردو ڇڏي ٻاهر نڪتي. ٿوري عرصي کانپوءِ، بادشاهه جي سمجهائڻ سان، هنن جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو. بادشاهه چيس ته ”بيگم ائين ڪرڻ سان پنهنجو به پردو رکيو، ۽ تنهنجي به ناموس قائم رکيائين، جي هاٿي سونڊ ۾ کڻي پري اڇلائي ڇڏييس ها ته ڪهڙو حال هئي ها؟“
****
پونجي خاتون
هيءَ خاتون دکن هندستان جي بادشاهه، يوسف عادل شاهه، جي بيبي هئي. انهن ڏينهن عادل شاهي گهراڻي جو تخت _ شهر بيجارپور هو.
سنه 916هه (1510ع) ۾ جڏهن يوسف عادل شاهه وفات ڪئي، تڏهن سندس صغير پٽ اسماعيل عادل شاهه تخت تي ويٺو، ۽ڪمال خان دکني نائب السلطنت مقرر ٿيو، جو ننڍڙي شهزادي جي نالي تي حڪومت هلائيندو هو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ کي دل ۾ خيال آيو ته ”ڇو نه اهو نالو به لاهي ڇڏيان، ۽ آءٌ خود بادشاهه ٿيان!“ پونجي خاتونءَ کي سندس ارادي جي خبر پئجي ويئي، تنهن ڪوشش ڪئي ته ڪمال خان کي برطرف ڪريان، پر درٻار جا امير ۽ فوج جا سردار سڀ ڪمال خان جي حوالي هئا _ هوءَ ويچاري ڇا ڪاري ٿي سگهي؟ هن کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه ٿي ڏٺائين، ته يا ڪمال خان کي گم ڪجي، يا عادل شاهي خاندان گم ٿي وڃي. هن وجهه ڏسي، يوسف تُرڪ کي، جو صغير شهزادي اسماعيل جو ”ڪوڪ“ يا ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ هو _ سمجهائي، ڪمال خان ڏي موڪليو، جنهن ماٺ ماٺ ۾ هڪڙي ئي خنجر جي ڌڪ سان ڪمال خان کي پورو ڪري ڇڏيو. يوسف ته هڪدم پڪڙيو ويو، ۽ اُتي جي اُتي قتل ڪيو ويو.
ڪمال خان جي ماءُ، انهيءَ وقت ڪمال خان جي پٽ صفدر خان کي سڏي، کيس همٿايو ته”اسماعيل عادل شاهه ۽ پونجي خاتون کي ماري، تون تخت تي ويهي رهه، جو اهو وجهه چڱو آهي، ۽ ساري فوج توسان شامل رهندي“. پوءِ سمجهايائينس ته ”پيءُ جي مرڻ جي خبر ظاهر نه ڪر، ماڻهن کي وڃي چئو ته ڪمال خان ٿو چوي ته مون کي اسماعيل عادل شاهه جي سسي گهرجي، سا لاهي آڻي ڏيو“ .
پونجي خاتون کي اڳئي ئي سُجهيو ٿي ته اسان تي آفت اچڻي آهي. قلعي ۾ انهيءَ وقت ڪمال خان جي طرف جا ٽي سئو مغل ۽ ٻه سئو دکني ۽ حبشي سپاهي موجود هئا، انهن کي پونجي خاتون سڏي چيو ته ”اوهان کي خبر آهي ته هيءُ تخت عادل شاهه جو آهي، اسماعيل اڃا ٻار آهي، ڪمال خان، اسان کي برطرف ڪري، پاڻ بادشاهه ٿيڻ ٿو گهري: اوهان مان جيڪي اسان جا خيرخواهه، طرفدار ۽ وفادار آهن. سي قلعي ۾ رهي اسان جي مدد ڪريو، ۽ جيڪي پنهنجو ساهه پيارو ڪن، سي قلعي مان نڪري وڃن. اوهين دشمنن جي گهڻائيءَ کان نه ڊڄو ڪمال خان کي پنهنجي نمڪ حرامائيءَ جي پاڻيهي سزا ملندي“. پڪ هئي ته اهڙيءَ حالت ۾ ڪير ٿو پونجي خاتون جو طرف وٺي؟ ٽن سون مغلن مان اڍائي سئو، ۽ حبشين ۽ دکنين مان فقط سترهن سپاهي پونجي خاتون جا طرفدار ٿيا، ٻيا سڀ، قلعي مان نڪري، وڃي صفدر خان سان گڏيا. اها عقلمندي ڪري. هن خاتون دشمنن کي قلعي مان ڪڍي ڇڏيو، نه ته جيڪر پهرين خود انهن مان خرابي پهچيس ها، تنهن کانپوءِ هن هيئن ڪيو جو چئني پاسن کان قلعو کڻي بند ڪيائين، انهن ٻن _ ٽن سون سپاهين کي محلات جي ڇت تي بيهاري ڇڏيائين، ۽ پاڻ پونجي خاتون، دلشاد آغا خواجه سراءِ، يوسف عادل شاهه جي ڀيڻ، ۽ ٻيون ڪي زالون، اسماعيل عادل شاهه سان گڏ، تير _ ڪمان هٿ ۾ کڻي، ڇت تي بيهي رهيون. صفدر خان وڏو لشڪر وٺي قلعي تي ڪاهي آيو. ڇت تان پونجي خاتون ۽ سندس طرفدارن، انهن تي پهڻ آڻي وسايا، اتفاق سان، انهيءَ وقت مصطفيٰ آقا، عادل شاهي خاندان جو هڪڙو قديم نمڪ حلال سردار، پنجاهه توبون توپچين سميت وٺي، خاتون جي مدد لاءِ اچي نڪتو _ اُهي مٿي اچي توبون هڻن لڳا، صفدر خان پنهنجيءَ ماءُ جي حڪم پٺيان، موٽي ويو ته وڏيون توبون آڻي قلعي کي ڀڃي ڀوري اُڏائي ڇڏي. پونجي خاتون ۽ ٻين زالن ڏٺو ته جي اهي توبون آيون، ته پوءِ اسين ڪي به ڪري نه سگهنديونسين، انهيءَ کان اڳي ڪا تجويز ڪبي، ته ڪري سگهبي. سو، سڀني اهو ٺهراءُ ڪيو ته مرد سپاهي سڀ لڪي وڃن، ۽ زالون اتي بيٺيون رهن دشمن سمجهندو ته سپاهي زالن کي قلعي ۾ ڇڏي، پاڻ ڀڄي ويا آهن. نيٺ ائين ڪيائون _ سپاهي هيڏي هوڏي لڪي ويا، ۽ زالون بيهي رهيون. دشمنن جڏهن فقط زالن کي ڏٺو ، تڏهن خوش ٿي قلعي تي ڪاهي آيا، ۽ قلعي جو دروازو ڀڃي وڌائون، زالن آڱر به نه چوري بيٺي تماشو ڏٺائون. صفدر خان مرضي هئي ته پهريون دروازو ڀڃي ٻيو به ڀڃي، ته اوچتو لڪيل سپاهين ٻاهر نڪري مٿن اهڙي زور سان حملو ڪيو، جو هي بيهي نه سگهيا. انهيءَ طرح، ٻن _ ٽن سون ماڻهن، هڪڙيءَ وڏيءَ فوج سان وڙهي، هنن کي شڪست ڏني، ۽ پنهنجو قلعو بچايو.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
جانان بيگم
هيءَ بيگم، عبدالرحيم خان ”خان خانان“ جي زال هئي، جو بهرام خان جو پٽ هو. هوءَ علم ۽ فضل ۾ ڪمال کي پهتل هئي. قرآن شريف جو هڪڙو تفسير به لکيو هئائين. جهانگير بادشاهه، سندس جمال توڙي ڪمال جي تعريف ٻڌي. ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڪئي، پر هن بيگم، آزاديءَ جو ٻيو اُپاءُ نه ڄاڻي، پنهنجا ڏنڊ ڀڃي ۽ پنهنجا وار سڀ ڪتري، ڳنڍڙي ٻڌي، جهانگير ڏي ڏياري موڪليا. بادشاهه سندس معنيٰ سمجهي ۽ کيس پاڪدامن ڄاڻي گذر ڪري ويو، ۽ سندس تحسين ڪيائين. هن سنه 1070هه (1659ع) ۾ وفات ڪئي. هيءُ بيت جانان بيگم جو آهي:
عاشق ز خلقِ عشقِ تو پنهان چسان ڪند، پيداست از دو چشمِ ترش خون گريستين!
(يعني، عاشق پنهنجو عشق خلق کان ڪهڙيءَ طرح لڪائي ٿو سگهي. سندس ٻنهي آلين اکين مان ظاهر آهي ته هو رت ٿو روئي!)
****
چاند خاتون(چاند بيبي)
چاند خاتون يا چاند بيبي، حسين نظام شاهه بحريءَ جي ڌيءُ هئي، جو دکن هندستان جي نظام شاهي خاندان مان هو. هن قريب سوا سئو ورهيه دکن ۾ حڪومت ڪئي، ۽ سندس تخت _ شهر احمد ننگر هو. هوءَ علي عادل شاهه جي بيبي هئي، جو عادل شاهي خاندان مان هو، ۽ جنهن جو تختگاهه بيجارپور هو. علي عادل شاهه جي مرڻ تي، هوءَ بيجا پور مان احمد ننگر ۾ اچي رهڻ لڳي.
اڪبر بادشاهه جڏهن وچ ۽ اُتر هندستان جو ڪم لاهي رهيو، تڏهن دکن جي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. شاهه مراد ۽ مرزا خانخانه کي انهيءَ لاءِ موڪليائين. انهيءَ وقت احمد ننگر جي تخت تي برهان نظام شاهه هو. نظام شاهه برار جو صوبو اڪبر کي نذرانو ڪري ڏنو هو، پر انهيءَ ڪم پوري ٿيڻ کان اڳي ئي برهان شاهه مري ويو، ۽ برار تي اڪبر جو قبضو ٿي نه سگهيو. شهزادو مراد ۽ خان خانان لشڪر سميت گجرات ۾ لٿا پيا هئا، ته من انهيءَ جي هٿ ڪرڻ جو وجهه ملي. انهيءَ وچ ۾ برهان شاهه جي جانشين ابراهيم شاهه، اميرن کي ماري وڌو، ۽ منجهو خان شاهي وڪيل، آهنگ خان ۽ اخلاص خان _ انهن ٽنهي اميرن جي وچ ۾ تخت نشيني جي لاءِ جهيڙو هو. هر ڪنهن پنهنجو پنهنجو بادشاهه بنايو. نيٺ منجهن نفاق وڌيو، ۽ خونريزي ٿيڻ لڳي. منجهو خان ڪاوڙ ۽ ساڙ مان شهزادي مراد کي لکيو ته ”نظام شاهي حڪومت جي قوت گم ٿي وئي، اوهين هيڏي اچو ته آءٌ اوهان کي احمد ننگر جو قلعو حوالي ڪريان“. مراد اُٿي اوڏي هليو، ۽ خانخانان به بدخشان جي واليءَ شاهه رخ مرزا، شهباز خان، راجا جگناٿ، راجا درگا، رامچندر ۽ ٻين اميرن کي وٺي روانو ٿيو. جڏهن اُهي سڀ احمد ننگر کي ويجهو آيا، تڏهن منجهو خان جي اک پٽي، ۽ هو پنهنجي تڪڙ ۽ اُٻهرائيءَ تي ڏاڍو پشيمان ٿيو، ڇالاءِ جو انهيءَ وچ ۾ هو ٻين کي دٻائي پاڻ زور وٺي خودمختار ٿي ويو هو _ لاچار قلعو ڇڏي ٻاهر نڪتو.
چاند خاتون ڏٺو ته اسان جي ابي _ ڏاڏي جي حڪومت ٿي گُم ٿئي، تنهن پڪو ارادو ڪيو ته ڪنهن به طرح پنهنجي بادشاهي بچائينديس. پهرين ته هن ڪن مخالف اميرن کي تجويز سان قلعي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڪن کي وري پرچائي ٺاهي ڇڏيائين. گولڪنڊا جي بادشاهه قطب شاهه ۽ بيجارپور جي بادشاهه عادل شاهه کان مدد گهريائين، ۽ قلعي کي چوڌاري مضبوط ڪري، شهزادي مراد ۽ خان خانان جي لاءِ منتظر ٿي ويهي رهي. 23 تاريخ ربيع الثاني سنه 1004هه (1595ع) جي، شهزادي پنهنجي فوج قلعي تي آندي. چاند خاتون به حڪم ڏنو ته اسانجين توبن جا منهن کولي ڇڏيو. اهو سارو ڏينهن مراد مٿا هنيا ته قلعي تائين وڃون، پر اڳتي چُري نه سگهيو. شام جو مراد ٿڪجي موٽي ويو. ٻئي ڏينهن شهزادو مراد، شاهه رخ مرزا خانخانان، شهباز خان، راجا جنگنه ناٿ ۽ ٻيا، قلعي کي چوڌاري گهيرو ڪري ويهي رهيا. چاند خاتون جي مدد لاءِ ڪي نظام شاهي امير آيا، پر خانخانان انهن کي قلعي ڏي وڃڻ نه ڏنو. اهو گهيرو مهينن جا مهينا هليو، پر ته به هو قلعو وٺي نه سگهيا. هوڏي چاند خاتون جي مدد لاءِ عادل شاهه پنجويهه هزار سوار آندا، قلب شاهه پنج _ ڇهه هزار سوار ۽ ڪي پيادا آندا، ۽ منجهو خان، اخلاص خان ۽ آهنگ خان نظام شاهي اميرن به پنهنجي فوج آندي: انهيءَ طرح هڪ زبردست فوج گڏ ٿي ويئي. هيءَ خبر ٻڌي، شهزادو مراد ڊڄي ويو. نيٺ، صلاح ڪري ٺهراءُ ڪيائون ته انهيءَ مددي فوج جي اچي پهچڻ کان قلعو وٺجي، پر وڙهي اندر وڃڻ ته مشڪل هو! ٽن مهينن ۾ هنن قلعي جي ٺُل تائين پنج ڳُجهيون سرنگهون کوٽيون، ۽ انهن ۾ باروت وڌائون، انهيءَ لاءِ ته انهن کي باهه ڏيئي قلعو اُڏائي ڇڏين. پر چاند خاتون کي انهن سرنگهن جي خبر پئجي ويئي. هڪدم انهن سرنگهن جو باروت ڪڍائي، انهن کي مٽيءَ سان ڀرائڻ لڳي. مراد کي ته تڪڙ هئي ته انهيءَ قلعي جي فتح رڳو منهنجي نالي ٿئي. خان خانان جو نالو ئي نه ٿئي، سو هن کي خبر ڏيڻ کانسواءِ، ٻنپهرن جو لشڪر وٺي آيو ته باروت باهه ڏيئي قلعو اُڏائي ايتري ۾ چاند خاتون ٻه سرنگهون ڀرايو هيون، ۽ ٽي پئي ڀرايائين، ته شهزادي باروت کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڏنو. اهڙو اوچتو ٺڪاءُ ٿيو، جو ماڻهن ڀانيو ته گوڙ، سان آسمان ڦاٽي پيو، ۽ ڪوٽ جي ڀت جا پنجاهه گز ڪِري پيا. سامهون شهزادو، پنهنجن راجپوتن ۽ مغلن جي لشڪر سان، نظر آيو. بس، قيامت لڳي ويئي. ڪم ڪرڻ وارن پنهنجو ڪم ڇڏي ڏنو، سپاهين جا هٿ پير ساڻا ٿي پيا، ۽ لشڪر جا سردار ڀڄي ويا: مطلب ته ساري قلعي ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. چاند خاتون جي همت ڏسو! هڪدم هٿيار ٻڌي، گهوڙي تي چڙهي ۽ ترار کڻي، پردي کان ٻاهر ٿي. شهزادي اڃا پئي ويچار ڪيو ته باقي ٻه سرنگهون به ڇٽُن، ته پوءِ قلعي تي حملو ڪريان، پر خبر تڏهن پيئس، جڏهن جهٽ ۾ چاند خاتون انهيءَ ڀڳل ڀت وٽ سوين توبون بيهاري ڇڏيون، ۽ ساري فوج کي همتائي ۽ دڙدلاسو ڏيئي، جنگ لاءِ تيار ٿي بيهي رهي. مغل ۽ راجپوت ڏاڍي زور شور مان ڪاهي آيا. شهزادي ڏاڍا مٿا هنيا، پر چاند خاتون هڪڙو انچ به اڳتي وڌڻ نه ڏنس. اها جنگ اهڙي همت ۽ دليريءَ سان هن ڪئي، جو شام تائين قلعي جي کاهي راجپوتن ۽ مغلن جي لاشن سان ڀرجي ويئي. آخر، شهزادو نااميد ٿي موٽي ويو. رات جو چاند خاتون هٿيار ٻڌي اچي ڀڳل ڀت وٽ بيٺي. ۽ پنجاهه ئي گز وري کڙا ڪري، جوڙائي ڇڏيائين. صبح جو مراد کي اها ڀت صحيح سالم ڏسي، حيرت لڳي ويئي. مراد ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ همت هارجي ويس. نااميديءَ ۾، سڀني اڪبري اميرن پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪئي. جڏهن ڏٺائون ته هيءُ قلعو وٺڻ آسان نه آهي. تڏهن صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. چاند خاتون_ جنهن کي انهيءَ لڙائيءَ کان پوءِ ”چاند سلطانه“ جو خطاب ڏنو ويو _ پهرين صلح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جو پڪ هيس ته هنن کي سگهوئي ڀڄائي سگهبو، پر جڏهن ڏٺائين ته قلعي اندر رهندڙ ماڻهو گهڻا مهينا بند رهي رهي ٿڪجي پيا هئا، تڏهن انهن جي منٿن تي لاچار صلح منظور ڪيائين، ۽ جيئن فوتي بادشاهه انجام ڪيو هئو، انهيءَ موجب، برارجو صوبو شهزادي مراد جي حوالي ڪيائين.
چاند بيبيءَ جي نسبت ۾ ڪتابن وارن عجيب عجيب ڳالهيون لکيون آهن. خافي خان پنهنجيءَ تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”هن پهرين مغلن جي لشڪر تي چانديءَ جا گولا توبن مان هنيا، ۽ جڏهن اهي کپي ويا، تڏهن ٽامي جا هنيائين، ڪي چون ٿا، سون جون اشرفيون به هنيائين، ۽ جڏهن اهي پوريون ٿيون ۽ جواهرات به کٽڻ تي آئي، تڏهن صلح ٿي پيو“.
****
دائود خان جي بيبي
هيءَ بيگم اصل ته هڪڙي هندو زميندار جي ڌيءُ هئي، جا پوءِ مسلمان ٿي هئي. سردار دائون خان پِنيءَ سان انهيءَ جي شادي ٿي هئي. هيءُ سردار احمد آباد گجرات جي صوبي جو حاڪم هو. قوم جو افغان هو، ۽ ڏاڍو زبردست ۽ دلير هو.
جڏهن فرخ سير دهليءَ جي بادشاهه جو سندس سپہ سالار ۽ امير الامراء حسين علي خان سان تڪرار ٿيڻ لڳو، ۽ حسين علي خان جي سرڪشي بادشاهه کي ڏاڍو تنگ ڪيو، تڏهن بادشاهه هن کي ناس ڪرڻ لاءِ هيءُ بهانو ڳولي ڪڍيو، جو هن کي حڪم ڏنائين ته گجرات جي سردار دائود خان پِني سان وڃي وڙهه. جڏهن حسين علي خان وڏو لشڪر وٺي احمد آباد کي ويجهو آيو، تڏهن دائود خان کي چواڻي موڪليائينس ته اچي نئين بادشاهه جي فرمانبرداري قبول ڪر. دائود خان انڪار ڪيو. ڪي چون ٿا ته بادشاهه جي اشاري سان هن انڪار ڪيو ۽ وڙهيو، انهيءَ سان وڏا وڏا سپاهي سردار شامل هئا. ٻئي طرف جنگ جي تياري ڪرڻ لڳا.
دائود خان جي بيبيءَ جي پنهنجي مڙس سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. ۽ دائود به هن جي چڱين وصفن ۽ اخلاقن ڪري هن تان ساهه صدقو ڪندو هو. جڏهن جنگ جي لاءِ سنبري نڪرڻ تي ٿيو، تڏهن پهرين زال کان موڪلائڻ آيو. بيبيءَ روئي چيس ته ”منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ دائود خان چيو ته ”پياري، تون هڪڙي آبروءَ واري سردار جي ڌيءُ آهين، ۽ هڪڙي بهادر سپاهيءَ جي ننگ ناموس جي مالڪياڻي آهين. توکي ڪنهن هدايت ڪرڻ جو ضرور ڪونهي توکي پنهنجي مڙس جي درجي جي خبر آهي. ۽ هن جي عزت آبرو رکڻ جو رستو توکي اچي ٿو. مون توکي خدا جي حوالي ڪيو، ۽ پنهنجو ننگ ناموس تنهنجي حوالي ڪيو. دائود خان ائين چئي، جنگ جي ميدان ڏي روانو ٿيو. عقلمند ۽ بهادر بيبيءَ پنهنجي محلات ۽ جنگ جي ميدان تائين ماڻهو بيهاري ڇڏيا، ته گهڙيءَ گهڙيءَ کيس جنگ جي خبر ڏيندا رهن. نيٺ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي. ٻيئي طرف تمام چڱا وڙهيا، ۽ ٻنهي ڏاڍي بهادري ۽ همت ڏيکاري. نيٺ حسين علي خان جو لشڪر غالب ٿيڻ لڳو، تڏهن دائود خان پاڻ حسين علي خان سان ڪوشش ڪري وڙهڻ لاءِ نڪتو. دائود خان جي بيبيءَ کي اهو سڀ احوال معلوم پئي ٿيو. جڏهن ڏٺائين ته مڙس جا سڀ بهادر سردار مارجي ويا، ۽ پاڻ وڙهڻ لاءِ ويو آهي. تڏهن هوءَ پاڻ پنهنجي لاءِ رٿ ڪرڻ لڳي. هن پنهنجي خاص نوڪرياڻيءَ کي حڪم ڏنو ته ”خان جو خنجر کڻي آڻي منهنجي پاسي ۾ رک“. نوڪرياڻيءَ ته حڪم بجا آندو، ليڪن ساري محلات ۾ هر ڪنهن کي _ ڪي پنهنجي لاءِ، ۽ ڪي بيبيءَ جي خوفناڪ ارادي کان _ دل ۾ بي آرامي پيدا ٿيڻ لڳي. پڪ هين ته خان جي مارجڻ جي خبر ٻڌي ضرور پاڻ کي به ماريندي. هنن کي هن ڪري به فڪر زياده ٿيو، جو بيبي پيٽ سان هئي. اُتي، نوڪرن اچي خبر ڪئي ته هاڻي دائود خان جو هاٿي دشمن جي لشڪر ۾ گهڙي پيو آهي، ۽ گهڻي اميد ڪانه ٿي نظر اچي. تڏهن بيبيءَ پنهنجي خاص دائيءَ کي پاڻ وٽ سڏائي ويهاريو، ۽ لڙائيءَ جي آخرين نتيجي جي لاءِ منتظر ٿي ويٺي. ستت ئي نوڪر اچي روئي خبر ڏني ته ”دائود خان مارجي ويو“ هيءَ خبر ٻڌي، ساري محلات ۾ قيامت جهڙو گوڙ مچي ويو. بيبيءَ ٻين وانگي رنو پٽيو ڪين، پنهنجي پڇاڙيءَ جي فڪر ۾ رهي. جيڪو خنجر گوڏي هيٺ مسند تي رکيو هوس سو جهٽ ڏيئي کنيائين، ۽ آرام سان پنهنجي پيٽ کي چهڪ ڏيئي، پيٽ مان ستين مهيني جو ٻار ڪڍي، پنهنجي دائيءَ کي ڏنائين، ۽ چيائينس ته ”هن يتيم جي سنڀال سان پرورش ڪجئين، جو اها دائود خان جي نشاني ڀلي ته ياد رهي،“ ائين چئي ۽ ٻار هن جي حوالي ڪري، پوءِ انهيءَ ساڳئي خنجر سان پاڻ کي به پورو ڪري ڇڏيائين. هي حال ڏسي، ساري محلات ۾ هاءِ هاءِ ٿي ويئي. سگهوئي حسين علي خان جا ماڻهو دائود خان جي محلات جو قبضو وٺڻ آيا. بيبيءَ جو هي حال ڏسي، سڀ وائڙا ٿي ويا. جهڙو دشمن تهڙو دوست جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. حسين علي خان پاڻ ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ ساري حقيقت لکي بادشاهه ڏي دهليءَ رواني ڪيائين. ٿوري ئي عرصي ۾، اها ياد رکڻ جهڙي همت ۽ بهادريءَ جي ڳالهه، ساري هندستان ۾ ڳائجي وئي.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
زمانيه بيگم ۽ قدسيه بيگم
هي ٻيئي بيگمون ائوڌ جي بادشاهه نصير الدين حيدر جون بيبيون هيون، جنهن جو تختگاهه لکنوءَ ۾ هو، ۽ جو ڏاڍو فياض بادشاهه ٿي گذريو آهي. يورپ جا ماڻهو جي لکنوءَ ۾ ايندا هئا، تن به هن جي گهڻي تعريف لکي آهي. هن بادشاهه کي ته گهڻيون ئي بيبيون هيون، ليڪن انهن مان ٻه مشهور ٿي گذريون آهن. هڪڙي نواب ملڪه زمانيه بيگم، ۽ ٻي نواب قدسيه بيگم.
زمانيه بيگم جو عروج، هن بادشاهه جي راڄ جي شروعات ۾ هو. جنرل سليمن، لکنوءَ جو ريزيڊنٽ پنهنجي ڪتاب ۾ هن بيگم کي سچو پچو ائوڌ جو حڪمران ٿو سڏي. هو لکي ٿو ته، هيءَ بيگم اصل هڪڙي ڪڙميءَ جي ڌيءُ هئي. سندس نالو ”دلاري“ هو. هڪڙي ماڻهوءَ، فتح مراد نالي، هن جي پيءُ کان قرض ۾ انهيءَ جي ٻانهن ورتي هئي، ۽ فتح مراد جي ڀيڻ ڪرامت النساء انهيءَ کي پنهنجي ڌي ڪري پاليو. جڏهن هوءَ جوان ٿي، تڏهن انهيءَ جي شادي هڪڙي شخص رستم خان نالي سان ڪيائون، جو نواب مجيب خان سپهه سالار جو نوڪر هو. هو رستم ننگر ۾ رهندا هئا. دلاريءَ کي هڪڙو پٽ محمد علي، ۽ هڪڙي ڌيءُ زينت النساء ڄائي. مڙس مري ويس. تنهن ڪري ڏاڍو تنگ گذاريندي هئي. بادشاهه نصير الدين کي انهن ڏينهن ۾ هڪڙو پٽ ڄائو. اِهو اُهوئي ”منا جان“ هو، جنهن جي تخت نشينيءَ تي ڏاڍي خونريزي ٿي، ۽ جو باقي عمر بادشاهه بيگم سان چنار ڳڙهه جي قلعي ۾ قيد رهيو. انهيءَ جي لاءِ دائي گهربل هئي، ۽ ”دلاري“ دائي ٿي محل سراءِ ۾ داخل ٿي. هن جي لياقت ۽ چالاڪي ۽ ٻيا اخلاق ڏسي، بادشاهه هن کي ڏاڍو پسند ڪيو، ۽ بادشاهه بيگم کان موڪل وٺي، انهيءَ سان نڪاح ڪيائين، ۽ ”نواب ملڪه زمانيه“ خطاب مليس.
هي بيگم ڏاڍي عقل واري ۽ دور انديش هئي. ڪن ڏينهن تائين لکنوءَ جي قسمت هن جي هٿ ۾ هوندي هئي. هڪڙي وڏي جاگير هيس، جنهن جي پيدائش ڇهه لک رپيا هئي، شاهي انعام اڪرام تنهن کان سواءِ. پٽس محمد علي کي ”ڪيوان جاهه“ خطاب مليو، ۽ بادشاهه انهيءَ کي ولي عهد ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر انگريز سرڪار اها رٿ منظور نه ڪئي. سندس ڌي زيب النساء جي شادي نواب ممتاز الدوله سان ٿي، جنهن ۾ ٽيهه لک رپيا خرچ ٿيا. هڪڙي ڀيري بادشاهه حڪم ڪيو ته سڀ عزيز اقربا حاضر ٿي، بيگم جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪن. سڀني لاچار ائين ڪيو، ليڪن نواب نصير الدوله (يعني محمد علي شاهه) جي اکين مان پاڻي پئي وهيو. جڏهن نصير الدوله پاڻ تخت تي ويٺو، تڏهن بيگم حيات هئي. بادشاهه گهڻو ئي سڏيس پر هوءَ بيماريءَ جو عذر ڏيئي حاضر نه رهي ۽ باقي عمر گوشي نشينيءَ ۾ گذاريائين. هو ڏاڍي فياض هئي. سَون هزارن ماڻهن جي هن جي وسيلي پرورش ٿيندي هئي. هن جي سخاوت لکنوءَ ۾ اڃا تائين مشهور آهي. اولاد نه ٿيندو هوس. تنهن ڪري حضرت عباس جي درگاهه تي هر سال ويندي هئي. ۽ ڏهه هزار رپيا نذر نياز ۾ خرچيندي هئي. نيٺ، 22 ڊسمبر سنه 1259هه (1843ع) ۾ وفات ڪيائين. لکنوءَ ۾ هڪڙو عاليشان امام واڙو ۽ مسجد، سندس جڙيل، اڃا موجود آهن.
ملڪ زمانيه بيگم جو عروج، جو جلد پورو ٿيو. سو انهيءَ ڪري جو ملڪه قدسيه بيگم جو عروج شرع ٿي ٿيو. هيءَ بيگم به ڪنهن وڏي خاندان مان نه هئي. پهرين ملڪه زمانيه وٽ اچي نوڪرياڻي ٿي. هڪڙي ڏينهن بادشاهه نصير الدين حيدر، راڻيءَ وٽ آيو، ۽ پاڻي گهريائين، قدسيه سوني گلاس ۾ ٿڌو پاڻي کڻي آئي. بادشاهه پاڻي پِي، ٿورا پاڻيءَ جا ڦڙا قدسيه تي کڻي وڌا. قدسيه بلڪل جي ڊڄي ٿي. بادشاهه تي بهکڻي پاڻيءَ جا ڦڙا وڌا. تنهن تي بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين ته ”بادشاهه سان ايتري گستاخي“ قدسيه چيو ته ” راند ۽ چرچي ۾، بادشاهيءَ ۽ غريبيءَ جو ڪهڙو تفاوت آهي“ بادشاهه کي هن جي حاضر جوابي پسند آئي. تنهن کانپوءِ، جڏهن محلات ۾ ايندو هو، تڏهن هن سان زور ڪري به ٻه ٽي ڳالهيون ڪندو هو. نيٺ ڪن ڏينهن کانپوءِ، هن سان شادي ڪيائين.
قدسيه تمام حسين هئي، ۽ طبع جي ڏاڍي سخي هئي. بادشاهه کيس ويهه لک رپيا فقط زيورن وغيره جي لاءِ ڏنا ۽ ڇهن لکن رپين جي جاگير ڏنائينس. هن کي پڙهڻ لکڻ جو ڏاڍو شوق هو. هڪڙي مغلياڻي بيگم هن کي تعليم ڏيندي هئي. عقل ۽ سمجهه ته اصل خدائي مليل هيس. انهيءَ ڪري، ملڪي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندي هئي، ۽ عملدارن جي مقرريءَ، موقوفيءَ ۾ به هٿ هوس. هڪڙي ڀيري بادشاهه ٽن لکن رپين کي سٿائي انهن جو ٿلهو ٺهرائي، انهيءَ تي هن کي ويهاري، اهي رپيا خيرات ڪري ڇڏيا. هوءَ ايترو گهڻو خرچ ڪندي هئي، جو ڪن اميرن کي ڊپ هو ته جي هيءَ وڌيڪ جيئري رهي ته ائوڌ جو خزانو خالي ٿي ويندو. هيءَ بيگم طبع جي شوخ ۽ ڪاوڙ واري هوندي هئي. جيتوڻيڪ باداهه جي ڏاڍي محبت ساڻس هئي ۽ سندس سڀڪا مرضي رکندو هو، ته به هوءَ ڪڏهن ڪڏهن هن سان شوخي ڪندي هئي، ۽ تکو ڳالهائيندي هئي. نيٺ انهيءَ ڪري هن کي نقصان پهتو. ان جو مختصر قصو هيئن آهي:
هڪڙي ڏينهن بادشاهه ۽ بيگم ”دلڪشا“ محلات ۾ هئا. بادشاهه ٻاهر ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. دريءَ مان هڪڙي وڻ تي ڪي ڀولڙا ويٺل ڏٺائين. سو اندران بندوق گهرايائين. انهيءَ لاءِ ته ڀولڙن کي هڻي. راجا بختاور سنگ به حاضر هو، تنهن چيو ته اهو پاپ جهڙو ڪم آهي، نه ڪجي ته چڱو. پر بادشاهه بندوق هڻي ٻه _ چار ڀولڙا شڪار ڪيا، پوءِ محل سراءِ ۾ هليو ويو. اندر ويندي ئي، قدسيه بيگم سان جهيڙي ڪرڻ جو اتفاق ٿيس. بيگم چڙ ۾ چيس ته ”انشاءَ الله، آءٌ هونديس ئي ڪانه“ بادشاهه ڪاوڙ ۾چيو ته ”وات سان چوڻ سولو آهي، ڪرڻ ڏکيو آهي“. ائين چئي، ٻاهر هليو ويو. بيگم ڏاڍي غيرت واري ۽ تند مزاج هئي. هڪدم وڃي پيٺل سنکيو کائي. مٿان کٽي ليمي جو عرق پي ڇڏيائين. ستت ئي رت جا دست ٿيس. محلات ۾ گوڙ مچي ويو. بادشاهه ٻاهران ڊوڙي محلات ۾ آيو. راڻي چيس ته ”ڏٺوَ، جيڪي چيم سو ڪيم يا نه“ بادشاهه ڏک جي گهڻائيءَ کان اتي وڌيڪ رهي نه سگهيو، لکنوءَ کان پرڀرو هڪڙو بنگلو هو. تنهن ڏي هليو ويو. طبيبن گهڻوئي علاج ڪيو، پر ڪجهه نه ٿيو. آخر بيگم، چوويهن ورهين جي عمر ۾، سنه 1250هه (1834ع) ۾ وفات ڪئي. شهر ۾ هٽتاڙ ٿي ويئي. بادشاهه توڙي امير، غريب سڀ چاليهن ڏينهن تائين ماتم ۾ سياهه پوش رهيا.
”بادشاهه بيگم“ کي به گهڻو افسوس ٿيو. مادري محبت جي ڪري، بادشاهه وٽ دڙ دلاسي ڪرڻ لاءِ ويئي. مگر ڪارا ڪپڙا نه هئس، انهيءَ ڪري بادشاهه کي رنج ٿيو، چيائينس ته توکي قدسيه بيگم جو ڏک ڪونهي، پاڻ خوش ٿي آهين“ آخر اهڙو ڪاوڙيو، جو بيگم کي چيائين ته ”هي محل سراءِ ڇڏي وڃي الماس ۾ رهه، بيگم چيو ته هيءَ محلات منهنجي مڙس جي آهي، آءٌ ڪين ڇڏينديس“ انهيءَ تي ماءُ، پٽ ۽ سندس طرفدارن جي وچ ۾ بندوقون لڳيون. بيگم جون ڪيتريون ئي ٻانهيون مارجي ويون، ۽ شاهي فوج جا به ماڻهو ماريا، تنهن کان پوءِ بادشاهه غم ۾ رهندو هو ۽ ڪيترن مهينن تائين راڻيءَ قدسيه بيگم، جي قبر تي پيو ويندو هو. نيٺ، سنه 1250هه (1834ع) ۾، وري جڏهن عزيزن خوشين جي زور تي ٻي شادي ڪيائين، تڏهن ڪنهن حال ۾ آيو، تنهن کانپوءِ ته ٻيون به ڪيتريون شاديونو ڪيائين.
جنرل سليمن ۽ سيد محمد مير انهيءَ لڙائيءَ جو مفصل بيان لکيو آهي، ۽ مسز پارڪ هڪڙي سياح مئڊم، به محل سراءِ جو احوال لکيو آهي، پر هتي هن کان زياده احوال ڏيڻ جو ضروري نٿو ڏسجي.
****
شاهجهان بيگم
نواب شاهجهان بيگم، ڀوپال جي جهانگير خان، شمشير جنگ ۽ نواب سڪندر بيگم جي نياڻي هئي. هوءَ سنه 1254هه (1838ع) ۾ ڀوپال ۾ ڄائي، ۽ 15 محرم سنه 1263هه (1846ع) ۾، نون ورهين جي ڄمار ۾ انگريز سرڪار جي حڪم سان، پنهنجي پيءَ جي تخت تي ويٺي. هن بيگم جي خاندان جو باني سردار دوست محمد خان هو، جنهن جي هوءَ نائين پيڙهي هئي. انهيءَ سنه 1139هه (1726ع) ۾ ڀوپال جي حڪومت جو پايو وڌو. هو اصل ڪري پٺاڻ هو، سنه 1108هه (1696ع) ۾ هندستان آيو، اورنگزيب جي راڄ ۾ ڀوپال جو صوبيدار ٿيو، ۽ اورنگزيب جي مرڻ تي هو خودمختيار ٿيو. جڏهن هو مئو تڏهن سندس پٽ گاديءَ تي ويٺو. آسپاس وارن مرهٽن سردارن جي مرضيءَ جي برخلاف، سنه 1192هه (1778ع) ۾، هن انگريز سرڪار جي لشڪر کي بنگال مان بمبئيءَ ڏي وڃڻ ۾ مدد ڪئي، تنهن ڪري مرهٽا ساڻس ڪاوڙيا، ۽ سندس ملڪ تي ڪاهيائون. نواب وزير محمد خان، جو انهيءَ وقت گاديءَ تي هو، تنهن ڀوپال کي بچايو. انهيءَ جر مرڻ تي، سندس پٽ نواب نظر محمد خان انگريزن سان دوستيءَ جو عهد نامو ڪيو، جو اڃا تائين قائم آهي. سنه 1857ع ۾ جڏهن هندستان جو بلوو ۽ فساد ٿيو، تڏهن نواب سڪندر بيگم، جا انهيءَ وقت ڀوپال جي گاديءَ تي ويٺل هئي، تنهن سرڪار کي چڱي مدد ڏني. هوءَ پندرهن ورهيه حڪومت ڪري، سنه 1285هه (1668ع) ۾ مري وئي، جنهن کانپوءِ سندس نياڻي ”نواب شاهجهان بيگم“ گاديءَ تي ويٺي.
هن بيگم پنهنجيءَ ماءُ جي خاص نظر هيٺ پرورش ۽ تعليم حاصل ڪئي، ۽ فارسيءَ ۽ عربي علم ۾ چڱو مايو حاصل ڪيائين. خط وڪتابت چڱي ڪندي هئي. مُلڪرانيءَ ۽ حڪومت جي انتظام جو ڪم چڱيءَ طرح ڪندي هئي. جيتوڻيڪ پردو ڪندي هئي، ته به ملڪ جو گشت به پاڻ ڪندي هئي، ۽ سرڪاري ڪم به پاڻ ڪندي هئي. سنه 1288هه(1871ع) ۾، سرڪار جي منظوري سان هن جي شادي نواب صديق حسن خان بهادر سان ٿي، ۽ ٻئي سال ۾ هن کي ”گرانڊ ڪمانڊر، اسٽاف آف انڊيا“ جو خطاب، بمبئي سرڪار جي طرفان عنايت ٿيو. سنه 1292هه ( 1875ع) ۾، جڏهن شهزادو”پرنس آف ويلس“ ڪلڪتي ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن بيگم صاحب پنهنجي مڙس سان گڏ اُتي ويئي، ۽ ”پرنس آف ويلس“ هن کي هڪڙو نئون تمغو عنايت ڪيو. نواب صديق حسن خان قنوج جي بخاري سيد خاندان مان هو، ۽ وڏو علامہ قابل شاعر ۽ مصنف هو. شعر ۾ سندس تخلص ”نواب“ هو. شروعات ۾ ڀوپال ”امير الانشائيءَ“ جي عهدي تي مقرر ٿيو هو.
نواب شاهجهان بيگم ڏاڍي ديندار ۽ مذهب جي پابند هئي. شعر جو گهڻو شوق هوندو هوس. هڪڙو اڙدو ديوان لکيو اٿس، جنهن ۾ سندس تخلص ”شيرين“ آهي. فارسي شعر به چڱو چيو اٿس _ انهيءَ مان ڪي بيت نموني لاءِ هيٺ ڏنا ويا آهن:
نواب شاهجهان بيگم جي وفات کانپوءِ، سندس ڏوهٽي ”نواب سلطانه بيگم“ گاديءَ تي ويٺي جا اڃا حيات آهي. اُها به ڏاڍي قابل ۽ هوشيار آهي. تعليم جو سڌارو تمام گهڻو ڪيو اٿس. دواخانا، طبي مدرسا ۽ سردارن جي پُٽن جي تعليم لاءِ مدرسا برپا ڪيا اٿس. پاڻ ڪي ڪتاب به لکيا اٿس، جي ڇاپيا اٿن. حج به ڪيو اٿس. ۽ هاڻ تازو انگلينڊ ۽يورپ جو سير به ڪري آئي آهي. قسطنطنيہ ۾ وڃي سلطان سان به ملاقات ڪئي هئائين. انگريز سرڪار مان ڏاڏايَس وارو ساڳيو خطاب مليو اٿس. هن سال (1912ع) جڏهن بادشاهه ايڊورڊ پنجون ۽ ملڪه معظمہ هندستان ۾ آيا هئا، تڏهن بيگم جي ملڪ ۾ به ويا هئا ۽ شڪار ڪيو هئائون.
نواب شاهجهان بيگم جو فارسي ۽ اردو شعر:
(فارسي)
افتاد بگورم گذر آن سرو روان را، من مرده خوشم زيست، مبارڪ د گران را. اي چرخ چہ ڪردي بسليمان و سڪندر، ڪز تو هوَس عيش بود ”شاهجهان“ را. ***
از بو زاهدان بوي ريا آمد بجان، بهرِ نمازِ عاشقان باشد مصلاي دگر! من ميدوم سوي حرم، دل ميڪَشد سوي صنم، من ميدوم جاي دگر، دل مي برد جاي دگر. اي مونس و عمخوارِ من، خلقي پيءِ آزار من، بس مهرِ ايزد يار من، دارم نه پرواي دگر. شاهه جهانه بيگمان، هم تاجور در هنديان، جز يادِ داور درجنان، دارم نہ سوداي دگر.
(اردو)
اُگي گا خاڪ سي ميري درخت مهندي ڪا، هوا هون بسمل و ڪشتہ حنائي هاٿون ڪا. خسروا، غره نه هو، اڪ دن جدا هو جائينگي
جان ڪوتن تن ڪو سر، اور سر ڪو افسر ڇوڙ ڪر. نه مجهي تخت ڪي خواهش هي، نه افسر ڪي تلاش، هان، مگر دل ڪو ميري رهتي هي دلبر ڪي تلاش.
آدمي ڪيا هماري جانين قدر، نور چشمِ ”فرشته خان“ هين هم.
هماري لب سي نه نڪليگا رنج مين ناله، وه هم جرس هين ڪه هر گز صدانهين رکهتي.
دنيا و عقبيٰ هين دو ڀينين سگي، شرع مين هي اجتماع ان ڪا غلط. گرچه صندل هي درد سرڪي دوا، ليڪ گِهسنا هي درد سر ديکا .
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
بهو بيگم
هيءَ بيگم محمد شاهه بادشاهه جي ڌيءُ، ۽ ائوڌ جي حاڪم شجاع الدوله جي بيبي هئي. ڏاڍي لائق، قابل ۽ فياض عورت هئي. آصف الدوله انهيءَ جو پٽ هو، جو پڻ ڏاڍو فيض وارو هو. هن بيگم وٽ وڏو خزانو هوندو هو، جو هوءَ خير جي ڪم ۾ خرچيندي هئي. هڪڙي ڀيري پٽ کي چوٽيهه لک رپيا نقد، ۽ ڇٽيهن لکن جو سامان ڏنائين. خود آصف الدوله جي سخاوت بابت لکنوءَ ۾ هيءَ پهاڪو مشهور ٿي ويو آهي ته ”جنهن کي ڏئي موليٰ، تنهن کـــي ڏئــي آصف الدوله“ ”بهو بيگم“ وٽ پيادا ۽ سوار هوندا هئا سوين هاٿي، گهوڙا ۽ سون جا توڙي جڙائو ساز سامان هوندا هئا، ۽ لک کان زياده سندس نوڪر ۽ ملازم هئا.
انهن ڏينهن ۾ ائوڌ جو تخت، شهر فيض آباد هو، جتي بهو بيگم رهندي هئي، هن بيگم، دور انديشي ڪري، انگريز سرڪار (يعني ايسٽ انديا ڪمپني) سان دوستيءَ جو رستو رکيو، ۽ انهيءَ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنائين. انهيءَ لاءِ ته کانئس پوءِ سندس عزيزن ۽ ملازمن کي سرڪار مان پينش ملندي رهي. ان موجب اڄ تائين لکنوءَ جي سفيد پوشي قائم آهي، ۽ هزارين ماڻهو بَهو بيگم جو مقرر ڪيل وظيفو حاصل ڪن ٿا. انهيءَ کانسواءِ، بَهو بيگم، ٽي لک رپيا پنهنجي مقبري لاءِ هڪ لک رپيا پنهنجي ماتمداريءَ جي لاءِ ۽ ڏهن هزارن رپين سالياني جي جائداد پنهنجي قبي جي مجاورن جي پرورش لاءِ، مقرر ڪيا. اهو قبو داراب علي خان جوڙائڻ شروع به ڪيو، پر افسوس ته اُهو اڻپورو رهجي ويو، ۽ رپيا خورد برد ٿي ويا. جي اهو قبو سندس خواهش موجب عمدو نه ٺهيو ته حرڪت ڪانهي، سندس نالو ته اڄ تائين قائم آهي. اُردو شعر چڱو چوندي هئي. تخلص ”جاني“ رکندي هئي. نموني لاءِ، فقط هڪڙو بيت هتي ڏجي ٿو:
دل جس سي لگايا، وه هوا دشمنِ ”جاني“، ڪچهه دل ڪا لگانا هي همين راس نه آيا. ****
عزيز النساء بيگم
هيءَ بيگم، خواجه فريد الدين احمد ”دبيرالدوله“ جي نياڻي هئي _ جو اڪبر شاهه ثانيءَ جو وزير هو _ ۽ مرحوم سر سيد احمد جي والده هئي. هوءَ ڏاڍي عقلمند، عالي دماغ ۽ قابل بيبي هئي. عربي فارسي چڱي پڙهيل هئي. پنهنجين ڏوهٽين ۽ پوٽين کي پاڻ پڙ هائيندي هئي. هوءَ ڏاڍي فياض ۽ رحمدل هئي. پنهنجي پيدائش مان پنج رپيا فيصدي خدا جي نالي ڌار ڪري رکندي هئي، ۽ انهيءَ مان غريبن، يتيمن ۽ بيواهه زالن کي مدد ڪندي هئي. غريب مائٽن کي ڳجهيءَ طرح شادي وغيره ۾ مدد لاءِ ڏيندي هئي. هن کي مذهبي تعليم چڱي مليل هئي، جنهن ڪري تعويذ، جهاڙ ۽ نذر نياز وغيره تي گهڻو اعتقاد ڪونه هوندو هوس _ بلڪه انهيءَ کي شرڪ سمجهندي هئي. هن جو ڀروسو سڄو خدا تي هوندو هو، نڪي سعد ۽ نحس ڏينهن جي ڳڻتي رکندي هئي. هوءَ ماڻهوءَ جي نيت، سچائي ۽ ڪم جي حقيقت ڏي نهاريندي هئي. ظاهري راهه رسم وغيره جي بلڪل پرواهه نه رکندي هئي. جڏهن سندس وڏي پٽ، سيد محمد خان، ستٽيهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس، پر سواءِ اکين مان هُنجن هارڻ جي، ٻيو ڪي به ڪين ڪيائين. پاڻ انهن ڏينهن ۾ ٻيو ڪم ڪار ڇڏي به، نماز ۽ خدا جي بندگيءَ ۾ مشغول رهي. اتفاق سان ڪنهن عزيز جي ڌيءُ جي شادي انهن ڏينهن ۾ مقرر ڪيل هئي، جا انهن هن قضيي جي ڪري مهمل رکڻ ٿي گهري. پاڻ پُٽ جي ٽيجهي تي هنن جي گهر ويئي، ۽ چوڻ لڳي ته ٽن ڏينهن کان وڌيڪ ماتم ڪرڻ جو حڪم ڪونهي، اوهان گهڻو خرچ ڪيو آهي. شادي مهل تي نه ڪرڻ ۾ گهڻو نقصان ٿيندو. خدا جي جيڪا مرضي هئي سا ٿي، مون اُنهي تي صبر ڪيو، اوهين بيشڪ شادي ڪريو: آءٌ پاڻ اوهان کي شاديءَ جي موڪل ٿي ڏيان، ۽ انهيءَ ۾ پاڻ شامل ٿينديس“ هيءَ ڏاڍي عقل واري، دور انديش ۽ نيڪ صفات بيبي هئي. هندستان جي فساد وقت هوءَ دهليءَ ۾ هئي. جڏهن انگريز سرڪار فساد بند ڪري دهلي ورتي، تڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ سميت هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾وڃي ويٺي، سندس پٽ سر سيد احمد، جو انهيءَ وقت ميرٺ ۾ هو، سو اچي وٽس نڪتو. ٽي ڏينهن برابر هن کي کاڌو پاڻي نه مليو هو. اهي تڪليفون هن صبر ڪري ڪاٽيون. سر سيد هن کي ماني ۽ پاڻي موجود ڪري ڏنو. ۽ سرڪار کان موڪل وٺي کيس ميرٺ وٺي ويو، جتي هن بيبيءَ سنه 1874هه مطابق سنه (1857ع) ۾ وفات ڪئي.
****
سيد النساء بيگم
هوءَ شيخ قاضي بدر الدين احمد جي نياڻي هئي، هن جو ڏاڏو، مغلن جي عهد ۾، ”قاضيءَ“ جي عهدي تي هو. هن جي ماءُ ”محمدي جان“ يا ”عباسي بيگم“، شيخ امان الله قريشي پاڻيپٽ واري جي ڌيءُ هئي، هي پاڻ ڏاڍي قابل ۽ شاعر عورت هئي. هوءَ سنه 1285هه (1867ع) ۾ ڄائي هئي. انهن ڏينهن ۾ هن جا مائٽ غريب هئا. هن جي ماءُ بيمار ٿي پيئي. ميرٺ ڏي ماءُ سان گڏ ويندي، نديءَ ۾ ڪِري پيئي. هن لاءِ ماڻهو ٽپايائون. ڏاڍيءَ مشڪلات سان هوءَ جيئري، نديءَ جي ڪناري تي لُڙهي اچي نڪتي. اُتي رهي، هن تعليم حاصل ڪئي. پوءِ هوءَ پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ هلي ويئي. سندس ماءُ سبڻ _ ڀرڻ تي گذارن ڪندي هئي. سنه 1292هه ۾، هوءَ زناني نارمل اسڪول ۾ داخل ٿي. اتي هن جي استاد ”فاطمہ سلطان بيگم“، مرزا فرخ جي ڌيءُ هئي. گهڻيون امير زاديون ۽ نوابزاديون انهيءَ مدرسي ۾ پڙهنديون هيون. انهن جي وچ ۾ سيد النساء بيگم پڙهي هوشيار ٿي، ۽ شعر به چوندي هئي، جنهن ۾ هن جو تخلص ”خفي“ هو. سنه 1877ع ۾ هن جي شادي، سندس استادڻ جي معرفت، پاڻيپٽ ۾ حڪيم خواجه جعفر حسن سان ٿي، جو پاڻيپٽ جو رئيس هو ۽ شاعر به هو. شاديءَ کان پوءِ، جيتوڻيڪ هوءَ مدرسي ۾ نه پڙهندي هئي، مگر زالن جي تعليم لاءِ هميشہ ڪوشش ڪندي هئي، ۽ اخبارن ۾ توڙي ڪتابن ۾ مضمون لکندي رهي، ۽ تقريرون به ڪندي هئي. سنه 1896ع تائين حيات هئي. سيد النساء بيگم جا ٻه _ ٽي بيت، هڪ غزل مان ڪڍي، لکن ٿا. جي حضرت محمد ﷺ جي مدح ۾ آهن.
گرچه ظاهر هي مديني ۾ قيام احمد، عرش اعليٰ سي ڀي اعليٰ هي مقام احمد. ٿا يه اعجاز ڪي ڪفار ٿي لائي ايمان، سنگدل موم ٿي سُن سُن ڪي ڪلامِ احمد. جائي اس طرح مديني مين”خفي“ هويه دعا، دل مين صلواة هو، اور لب په هو نام احمد ****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
ڀاڱو ٽيون
ٻين مشهور عورتن جو مختصر احوال
عرب جون ٻيون ڪي مشهور ۽ بهادر عورتون
عرب جي بهادر عورتن مان _ جن شام ملڪ جي فتحن ۾ وڏو حصو ورتو_ ڪن ٿورين جا نالا هي آهن:”اُم حڪيم“، ”هند“، اُم ڪثير“، ”اَسماء“، ”اُم ابان“، ”اُم عماره“، ”خوله“، ”لُبنيٰ“، ۽ ”عضيره“. انهن جو بيان ”واقدي“ جي ڪتاب ۾ ڏنل آهي، جنهن مان معلوم ٿيندو، ته انهن اهڙيون جنگي خدمتون ڪيون، ۽ اهڙي شجاعت ۽ مردانگي ڏيکاري، جا مرد ماڻهن کان به نه پڄي سگهي.
****
حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ جي زماني ۾، ”عتبہ بن غزوان“ سندس طرفان امير هو، انهيءَ جي زال ازده بنت حارث هئي، جا هڪڙي مشهور طبيب جي ڌيءُ هئي. جڏهن مڙس ”مدينه الفرات“ جي ماڻهن سان جنگ ۾ مشغول هو، تڏهن هوءَ پاڻ پنهنجيس جوش وارين تقريرن سان مڙس جي طرف وارن کي همتائيندي هئي.
وري، عتبہ جي ڌيءُ، ”اُم ابان“ نالي، ايان بن سعيد جي زال هئي، جو دمشق جي عيسائي حاڪم ”توما“ جي هٿان جنگ ڪندي شهيد ٿيو. هيءَ عورت، پنهنجي مڙس جي وير وٺڻ لاءِ، جنگ جا هٿيار ٻڌي نڪتي، ۽ گهڻي تائين دشمن سان وڙهندي رهي. دمشق جو لشڪر جيتوڻيڪ قلعي ۾ بند هو، ۽ چوڌاري گهيرو ٿيل هو، ته به ٺُلن ۽ ڀتين تان مسلمانن پاران پئي وڙهي. ”ام ابان“ اهڙي هوشيار تير انداز هئي. جو ڪوبه تير نه گسندو هوس. انهيءَ جنگ ۾ هڪڙو پادري، سون جي صليب هٿ ۾ ڪري، فتح جي لاءِ دعا گهرڻ واسطي لشڪر ۾ نڪري آيو. هن عورت، ارادو ڪري، چتائي، اهڙو تير هنيو جو هن جي هٿان صليب ڪيرائي ڇڏيائين، جا مسلمانن کڻي ورتي، عيسائي، انهيءَ کي مذهبي بي آبرو ئي سمجهي، ڪاوڙ مان، گهيري ڪيل قلعي جو در کولي، مسلمانن تي ڪاهي آيا. اهڙو زور وارو حملو ڪيائون، جو مسلمان ڊڄي ويا. رومي لشڪر انهيءَ صليب جي وري هٿ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا مٿا هنيا، پر دال نه ڳرين. جيـڪي ٿـــي ويـــجهو آيا، تــن تـي ”اُم ابان“ ٿي تيرن جو وسڪارو ڪرايو. نيٺ هن چتائي اهڙو هڪڙو تير هنيو جو ”توما“ جي اک ۾ وڃي لڳو، ۽ هو دانهون ڪندو اٿي ڀڳو. انهيءَ وقت اُم ابان خوشيءَ ۾ هيءُ شعر اتي جو اتي ٺاهي پڙهيو:
اُم ابان فا طلبي بثارڪ، صولي عليهم صولة للتدارڪ، قدضج جمع القوم من نبالڪ.
(يعني، اي ام ابان! تون پنهنجو وير وٺ، ۽ هنن تي هڪٻئي پٺيان حملا ڪندي وڃ، هو تنهنجن تيرن کان دانهون ڪري ڀڳا.)
****
”يرموڪ“ جي مشهور لڙائي ٿي گذري آهي، جنهن ۾ مسلمان زالن ڏاڍي بهادري ڏيکاري. انهيءَ غزوه ۾ مسلمانن کي، رومين ذري گهٽ شڪست ڏيئي ڀڄائي ٿي ڇڏيو، جي زالون تررايون ڪڍي سندن مردن جي مدد لاءِ نه اچن ها. هند، خوله، اُم حڪيم، ۽ ٻيون ڪي قريشي عورتون، مرداڻو حملو ڪري آيون. خليفي ابوبڪر رضه جي نياڻي ”اَسماء“ (جنهن جو ذڪر مٿي آيل آهي)، هڪڙي گهوڙي تي چڙهي، پنهنجي مڙس زبير سان ٻِٽُ بِيٺي هئي، ۽ هن سان گڏ ترار پئي هنيائين.
****
”صفين“ جي مشهور جنگ ۾ ڪيتريون ئي مسلمان عورتون، حضرت علي رضه الله تعاليٰ عنہ جي طرفان، جنگ ڪرڻ شريڪ هيون. جوش واريون تقريرون پئي ڪيائون، شعر به پئي پڙهيائون، ۽ تراريون به پئي هنيائون. انهن مان ”زرقا“، ”عڪرشه“ ۽ ”اُم الخير“ مشهور آهن.
****
سن 77هه ۾ جڏهن عبدالملڪ شام ۾ خليفو هو، ۽ حجاج ثقفي عراق جو حاڪم هو، تڏهن شبيب خارجي موصل ۾ فساد برپا ڪيو. خوارج جو فرقو انهن ڏينهن ۾ خونريزيءَ ڪري ڏاڍو مشهور هو، انهيءَ شبيب جي زال ”غزاله“ ۽ سندس ماءُ ”جهيزه“ به جنگ م شامل هيون. حجاج، شبيب کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنج سردار هڪٻئي پٺيان موڪليا، ليڪن هڪڙو به جنگ جي ميدان مان جيئرو موٽي نه آيو. نيٺ لاچار ٿي. عبدالملڪ نيون فوجون شام مان موڪليون، جي حجاج پاڻ وٺي وڙهڻ لاءِ نڪتو. شبيب موصل مان هلي ڪوفي ۾ آيو، ليڪن حجاج اڳي ئي اتي اچي لهي پيو هو.
”غزاله“ نذر مڃيو هو ته “آءٌ مري جَهري، ڪنهن به طرح ڪوفي جي مسجد ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهنديس“ ڏينهن مٿڀرو ٿيو، ته هوءَ مڙس سان گڏ، فقط ستر ماڻهو وٺي، جامع مسجد ۾ آئي _ جيتوڻيڪ شهر سڄو دشمن جي لشڪر سان ڀريو پيو هو _ شبيب پاڻ ترار کڻي مسجد جي در تي بيهي رهيو، ۽ ”غزاله“ اندر وڃي آرام سان نماز پڙهڻ لڳي. وري نماز به رواجي هلڪي نه پڙهائين. خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ ان جي مدد گهرڻ لاءِ، قرآن شريف جون تمام وڏيون سورتون پڙهائين، جي ياد هيس. پهرينءَ رڪعت ۾ سوره ”بقر“ پڙهيائين، ۽ ٻيءَ ۾ سوره، ”آل عمران“ _ اهي ٻيئي سورتون ٻه _ ٻه اڍائي _ اڍائي پارا آهن! ”غزاله“ نماز پڙهي، موٽي پنهنجي منزلگاهه تي آئي، ۽ حجاج جي ساري فوج ڏسندي رهي.
جڏهن لڙائيءَ جو وقت آيو، تڏهن حجاج ڪوفي، بصري ۽ شام جو لشڪر وٺي نڪتو. انهن جي مقابلي ۾ شبيب جو لشڪر ڪي به ڪين هو، ليڪن اهو ڏاڍيءَ همت ۽ بهادري سان وڙهيو. حجاج پنهنجي لشڪر جي پٺيان بيٺو هو، ۽ هنن کي پئي همتايائين. ائين، ڪاهيندي ڪاهيندي، هن خوارج جي مسجد قبضي ۾ آندي.
”غزاله“ ۽ ”جهيزه“ به لڙائي ۾ مشغول هيون. حجاج ڪي ماڻهو موڪليا، جن لڪي لڪي پٺيان وڃي ”غزاله“ کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. ”ابن خلڪان“ پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”جهيزه“ به انهيءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويئي، مگر ”ابن اثير“ ۽ ”طبري“ لکن ٿا ته انهيءَ کان ٿورا ڏينهن پوءِ به هوءَ جيئري هئي.
شبيب لاچار هٽي ٻئي پاسي هليو ويو، ۽ ”دجله“ ندي لنگهندي، پُل تان پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو، ۽ زرهه جي بار کان ٻُڏي مئو.
انهيءَ جنگ ۾ ”غزاله“ خود حجاج سان به وڙهي هئي، جنهن ۾ هن کي ڀڄائي ڇڏيائين _ حجاج اهڙو زبردست هو، جنهن سڄو عراق ۽ حجاز ڪنبائي ڇڏيو هو. هڪڙي شاعر انهيءَ جنگ تي شعر به چيو هو، جنهن جو هڪڙو بيت هي آهي:
هلا برزت اليٰ غزالہ في الوشي: بل ڪان قلبڪ في جناح الطائر!
(يعني، اي حجاج، تون لڙائيءَ ۾ غزاله سان سامهون ٿيڻ لاءِ ڇو نه نڪتين: ڀلا، ڪيئن نڪرندين، جو تنهنجي دل پيئي ڌڙڪي!)
سنه 90 هه ۾، وليد بن عبدالملڪ جي خلافت ۾ مسلمانن بخارا تي فوج ڪشي ڪئي، فوج جو سپهه سالار ”فتيبہ“ هو. عرب ۾ ”اُزد“ جو قبيلو بهادريءَ جي ڪري مشهور آهي. انهيءَ جا گهڻا ماڻهو هن سان هئا. بخارا جا تُرڪ به، ڏاڍي تياري ڪري، مسلمانن سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. جڏهن ٻيئي لشڪر سامهون ٿيا، تڏهن اُزد وارن چيو ته ”اُنهيءَ وقت جي دَستور موجب، پهرين اسان کي هڪ _ هڪ ٿي دشمن سان زور آمائڻ جي موڪل ملي. ترڪن ۾ به چونڊ چونڊ ماڻهو هئا، انهن اهڙو سخت مقابلو ڪيو، جو اُزدي هٽندا هٽندا منزل تائين آيا. اتي ترڪن زور سان مسلمانن تي حملو ڪيو. زالن 0ٺو ته هاڻ ٿا مسلمان شڪست کائين. تڏهن اهي هڪدم اٿي کڙيون ٿيون: پنهنجن مڙسن کي اڳيان ڦري آيون، ۽ لٺين سان هنن جي گهوڙن کي ماري، دشمن جي سامهون ٿيڻ لاءِ هنن کي موٽايائون. انهيءَ ڪري، مسلمانن کي شرم کان همت پيدا ٿي، ۽ اهڙي زور سان هو ترڪن تي ڪاهي ويا، جو هنن کي ڀڄائي ڪڍيائون. هتي جيتوڻيڪ زالن ترار نه هنئي، مگر اها فتح رڳو زالن جي همت، غيرت ۽ ڪوششن جو نتيجو هئي.
****
سنه 178هه (794ع) ۾، هارون رشيد جي زماني ۾، وليد بن طريف خارجيءَ ”خابور ۽ نصيبين“ ۾ بغاوت ڪئي. خليفي مشهور سردار يزيد شيبانيءَ کي انهيءَ فساد بند ڪرڻ لاءِ موڪليو. گهڻين لڙاين کان پوءِ خارجين شڪست کاڌي، ۽ وليد مارجي ويو. وليد جي ڀيڻ ”فارعہ“ کي _ جنهن کي ڪي ”فاطمہ“ ۽ ”ليليٰ“ به سڏين ٿا _ جڏهن کيس پنهنجي ڀاءُ جو حال معلوم ٿيو. تڏهن هوءَ پاڻ زرهه ڍڪي. هٿيار ٻڌي. گهوڙي تي چڙهي، شاهي لشڪر تي ڪاهه ڪري آئي. سردار يزيد ٻين کي هٽائي، پاڻ انهيءَ سان مقابلو ڪرڻ آيو، ۽ ”فارعہ“ جي گهوڙي کي هڪڙو نيزو هنيائين، ۽ هن کي چيائين ته ”تون ڇو ٿي پنهنجي مڙس کي بدنام ڪرين، موٽي هلي وڃ!“ ”فارعہ“ ميدان کان موٽي، ليڪن اکين مان هنجون پئي وهيس ۽ پنهنجو جوڙيل قصيدو پئي پڙهيائين، جو تمام وڏو آهي، ۽ اهڙي علميت منجهس ڏيکاريل آهي جو عالم انهيءَ جي تعريف ڪندا آهن. انهيءَ قصيدي جو هڪڙو بيت هي آهي.
فيا شجر الخابور ماليءَ مورقا، ڪانڪ لم تجزع علي بن طريف؟
(يعني، اي خابور جا وڻ، اوهين ڇو سرسبز آهيو _متان اوهين وليد جي موت جي ڪري بيقرار آهيو؟)
سنه 153هه (808ع) ۾، منصور جي خلافت ۾، روم جي قيصر ”ملطيہ“ (مالٽا) تي ڪاهه ڪئي، ۽ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيائين. خليفي منصور، قيصر کي سيکت ڏيڻ لاءِ فوج موڪلي، صالح بن علي ۽ عباس بن محمد انهيءَ جا سپهه سالار هئا. انهن پهرين وڃي ”ملطيہ“ کي نئين سر آباد ڪيو، پوءِ فوج وٺي قسطنطنيه ڏي هليا، ۽ قيصر جا گهڻائي شهر هٿ ڪيائون.
”ام عيسيٰ“ ۽ ”لبابہ“ _ اهي ٻيئي عورتون صالح بن علي جون ڀيڻون ۽ خليفي منصور جون پُڦيون هيون. هنن اڳي ڪا اها سُکا ڪئي هئي ۽ اهو نذر مڃيو هو ته جڏهن بني اُمين جي حڪومت برباد ٿيندي، تڏهن اسين جهاد ڪنديونسين. انهيءَ سُکا يا نذر پوري ڪرڻ لاءِ، هي جهاد ۾ اچي شامل ٿيون هيون. انهيءَ جنگ ۾ هو اهڙيءَ بهادريءَ سان ته وڙهيون، جو مڙسن کان گهٽ ليکجڻ ۾ نٿي آيون.
انهيءَ کانپوءِ جيڪي ”صليبي“ جنگيون ٿيون، تن ۾ نه رڳو مسلمان زالون، پر عيسائي زالون به بهادريءَ سان مڙسن وانگي وڙهيون. مثلاً: هڪڙو مسلمان امير، ”اُسامه“ نالي جنگ ۾ وڙهيو هو، ته ساڻس گڏ سندس ماءُ ۽ ڀيڻ به هٿيار کنيو پئي وڙهيون.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
عرب جون ڪي ٻيون مشهورعالم، فاضل ۽ شاعرائون
(1) آمنہ بنت وهب: حضرت محمد ﷺ جن جي ماءُ، ڏاڍي قابل، سندس گهڻا شعر چيل آهن.
(2) آمنہ؛ عبدالله بن عبيدالله، مشهور عربي شاعر جي زال، ڏاڍي علم واري، ۽ قابل شاعره.
(3) آمنه بنت علي، دمشقي؛ مشهور محدثہ، حديث جي تعليم ڏيندڙ هئي، وفات جو سن 798هه.
(4) اخت المزني: ابو ابراهيم المزني جي ڀيڻ، امام شافعي جي مصاحبہ، فقہ ۾ قابل.
(5) اخت زهير: ابوبڪر بن ابي مردان جي ڀيڻ، مشهور طبيبڻ ۽ عالم. وفات جو سن 596هه.
(6) ابنة عقيل: حضرت علي رضه جي وڏي ڀاءُ، عقيل رضه جي ڌيءُ، ڏاڍي فصيح ۽ شاعره.
(7) اسماءَ بنت محمد: محمد بن مصريءَ جي ڌيءُ، دمشق جي ويٺل، محدثہ، عالمہ ۽ شاعره، وفات جو سن 733هه
(8) امامہ: حُر بن حارث جي ڌيءُ، مشهور شاعره.
(9) امة الخالق: عبداللطيف المنادي العقيءَ جي ڌيءُ، مشهور محدثہ ۽ عالہ، عمر 107ورهيه، وفات جو سن 920هه
(10) اُم الخير البغداديہ: مشهور نالو”جمال النساء“ ڏاڍي عالم ۽ فاضل، گهڻا حج ڪيائين، وفات جو سن 64هه.
(11) اُم الفتح: احمد بغداديءَ جي ڌيءُ، علم حديث ۾ ڪامل، لقب”بنة الاسلام“، وفات جو سن 600هه
(12) اُم ڪحہ: اويس بن ثابت انصاريءَ جي ڌيءُ، صحابيہ هئي، مڙس ”احد“ جي جنگ ۾ ماريو، قابل عورت.
(13) اُم هاني: جنهن جو شاگرد علامہ ”سيوطي“ هو، مشهور محدثه، وفات جو سن 870هه.
(14) اُم هاني: علامہ سيف الدين جي ماءُ، عالم هئي، گهڻا ڪتاب لکيائين، وفات جو سن 871هه.
(15) الحلية السلطانيہ: اصل نالو ”مونسہ“ مصر جي ايوبي سلطان، عادل ابوبڪر جي ڌيءُ، عالمہ ۽ محدثہ.
(16) اروي بنت الحارث: حارث بن عبدالمطلب جي ڌيءُ، ڏاڍي هوشيار قابل زال، معاويي جي وقت ۾ هئي.
(17) اروي بنت عبدالمطلب: مشهور شاعره هئي، حضرت محمد ﷺ جي ڏاڏي جي ڌيءُ هئي.
(18) اسماء بنت عبدالله ۽ اسماء بنت يزيد النصاريہ، (”اسماء“ جي نالي سان ٻه ٻيون به عالم ۽ شاعره زالون هيون).
(19) اعرابيہ: بني عباسين جي زماني ۾ ڏاڍي قابل زال.
(20) اماميه بنت خزوج: عالم ۽ شاعره، عربي زال.
(21) امة العزيز، شريفيه: اُندلس جي شاعره.
(22) اُم الدرداء، محدثہ، سندس مڙس عمير، مشهور حڪيم ۽ حضرت محمد ﷺ جن جو همعصر هو.
(23) اُم حڪيم البيضاء: حضرت عبدالمطلب جي ڌيءُ، چڱي شاعره.
(24) اُم العلاء: اُندلس جي هڪڙي تاجر يوسف جي ڌيءُ، ڏاڍي فصيح ۽ شاعره زال، وفات جو سن 500هه
(25) اُم النساء: عبدالمؤمن تاجر جي ڌيءُ، شاعره.
(26) اُم الهناء: قاضي ابو محمد عبدالحق اندلسيءَ جي ڌيءُ في البديہ شعر چوندي هئي.
(27) اُم الهشيم: صحابيہ هئي، چڱا شعر لکندي هئي.
(28) اُميمه بنت عبدالمطلب: في البديهه ۽ تمام عمدي شعر چوڻ واري.
(29) اُم زينب فاطمه: عباس جي ڌيءُ فقہ ۾ قابل، ۽ واعظ، دمشق جي ويٺل، وفات جو سن 741هه.
(30) بثينه: يحيٰ جي ڌيءُ، عمدي شاعره.
(31) بدويہ: مصر جي فاطمي خليفي ”آمر“ جي زال، ڏاڍي فصيح ۽ بليغ، شعر به چوندي هئي.
(32) بره: ارويءَ جي ڀيڻ، ۽ عبدالمطلب جي ڌيءُ، شعر ۾ هوشيار.
(33) بنان: خليفي”متوڪل“ جي زماني ۾ مشهور شاعره.
(34) تقيہ المناريه: مشهور عالم”ابوالفرج“ جي ڌيءُ، ۽ ابوالحسن جي ماءُ، دمشق جي ويٺل عالم، فاضل ۽ شاعره، وفات جو سن 653هه.
(35) ثريا: عبدالله جي ڌيءُ، ۽ عبدالعزيز جي زال، وڏي عالم ۽ چڱي شاعره.
(36) حبابه: مشهور عالم ۽ فاضل، ابو البتوذڪي انهيءَ جو شاگرد هو.
(37) حبيبه: عبدالعزيٰ العورا جي ڌيءُ عالم، فاضل ۽ شاعره.
(38) حبيبه بنت زين الدين مقدسي: محدثہ، وفات جو سن 737هه.
(39) حجناءَ: ”نصيب“ شاعر جي ڌيءُ عباسي خليفي مهديءَ جي زماني ۾ هئي، پيءُ جهڙي هوشيار شاعره.
(40) حسانة التميمہ: مشهور شاعر ابو الحسن اندلسيءَ جي ڌيءُ، چڱي شاعره.
(41) حفصه بنت الحاج: اُندلس جي مشهور شاعره.
(42) حفصه بنت حمدون: اُندلس جي مشهور شاعره.
(43) حڪيمه دمشقيہ: عارفہ ۽ شاعره.
(44) حڪيمه بنت حمدون: عارفہ ۽ شاعره.
(45) حميده بنت واثق: بغداد جي، هوشيار محدثہ.
(46) حنيفه بنت القمني: عبدالرحمان جي ڌيءُ، امام ”سيوطيءَ“ جي خاندان مان، علم حديث ۾ قابل.
(47) خديجه بنت بدران عرف”اُمه سلمه“، مولانا شهاب الدين جي ڌيءُ، محدثه، وفات جو سن 808هه.
(48) خديجہ اُم الفضل: عالم فاضل عورت هئي.
(49) خديجہ بنت احمد: عالم فاضل عورت هئي.
(50) خرنق بنت قحافہ: مشهور شاعره.
(51) خزانه: خالد بن جعفر جي ڌيءُ، عراق جي جنگ ۾ سعد بن ابي وقاص سان گڏ هئي، چڱي شاعره.
(52) خولہ بنت الازور: صحابيہ، اعليٰ درجي جي شاعره، ”ضرار“ جي ڀيڻ، هيءَ بهادر به هئي، ۽ جنگ ۾ به وڙهي.
(53) دفره: بصري جي محدثہ عورت.
(54) دهناء: ”مسمل“ جي ڌيءُ، ۽ ”حجاج“ جي زال، عمدي شاعره.
(55) رجب بنت احمد القليجي: محدثہ، امام ”سيوطيءَ“ جي استاد، وفات جو سن 869هه.
(56) رقيہ بنت محمد القشريہ: مصر جي رهاڪو محدثہ هئي.
(57) رامہ بنت الحصين: نجد جي رهاڪو، چڱي شاعره.
(58) ريا العلقية: وڏي شاعره.
(59) رابعه بصري: قرآن مجيد ۽ حديث جي علم ۾ قابل، قرآن مجيد جي آيت پڙهڻ کان سواءِ ڪنهن کي جواب نه ڏنائين.
(60) رابعہ غدويہ: مشهور اولياء (جنهن جو بيان ڌار ڏنل آهي)
(61) رمله بنت ستيبة: صحابيہ، پڻس بدر جي جنگ ۾ ماريو ويو، شاعره هئي.
(62) سڪينہ رضه: امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي نياڻي، علم ادب ۽ شعر ۾ ڪمال رکندي هئي، عائشہ بنت طحہ بن عبيدالله جي همعصر (ٻنهي کي ”عقيلتي قريش“ يعني قريش جون ٻه عقلمند عورتون، سڏيندا هئا، گهڻا عالم ۽ شاعر وٽانئن فيض پرائيندا هئا.
(63) ضبيعه بنت جزيمہ انصاري: شاعره هئي.
(64) عمره بنت جزيمه، انصاري: شاعره هئي.
(65) عڪرشہ بنت الطريش: معاويي جي وقت ۾ ڏاڍي بهادر ۽ قابل عورت.
(66) فاقره: ”مره“ اسديءَ جي زال، قابل ۽ شاعره
(67) متمنيہ، لقب ”فارعہ“ هشام ثقفيءَ جي ڌيءُ، حضرت عمر رضه جي وقت ۾، شاعره.
(68) ملڪہ: ”سبا“ جي بادشاهه جي ڌيءُ، ڏاڍي قابل عورت.
(69) مليون بنت بجدل: معاويي جي وقت ۾، شاعره.
(70) هنده بنت عتبہ: ابو سفيان جي زال، ڏاڍي قابل زال، پهرين حضرت محمد ﷺ جن جي دين جي برخلاف هئي، پوءِ مسلمان ٿي.
اشارو _ هنن کان سواءِ، ٻيون به ڪيتريون عربي عالم ۽ فاضل عورتون ٿي گذريون آهن، جن پنهنجن پٽن کي اهڙي تعليم ڏني، جو هو وڏا عالم ٿي گذريا آهن. جيئن ته امام ”ابن جوزي“ ٽن ورهين جو هو ته پڻس مري ويو، ۽ کيس ماڻس تعليم ڏني، امام ”بخاري“ به پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ وٽ تعليم حاصل ڪئي، ۽ امام ”ربيقه الراي“، جو امام ”مالڪ“ ۽ حسن ۽ بصريءَ جو استاد هو، سو اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هو، ته پڻس مري ويو، ۽ پوءِ ماڻس هن کي تعليم ڏني.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
ڪي ٻيون عارف، عابد، زاهد ۽ صالح عورتون
حضرت رسول الله ﷺ جي بيبين کانپوءِ، اڪثر اوليائن جي تذڪري وارن ڪتابن ۾، هيٺين زالن جو بيان ڏنل آهي:
(1) بي زائده: خليفي حضرت عمر رضه جي ٻانهي هئي،
(2) بيبي شعوانه: عجم جي هئي، خوش آواز، وعظ ڪندي هئي، ۽ وڏا بزرگ هن جو وعظ ٻڌندا هئا، سنه 175هه ۾ وفات ڪيائين.
(3) بيبي غفيره: بصري جي هئي، خدا جي لاءِ ايترو رنائين، جو انڌي ٿي پيئي، وفات جو سن 180هه.
(4) بيبي نفسه: حسن بن زيد جي ڌيءُ، مصر جي رهاڪو، ۽ امام ”شافعي“ جي همعصر، وفات جو سن 208هه.
(5) بيبي فاطمہ نيشاپوريه: هيءَ مشهور عورت خراسان جي هئي، ۽ پوءِ، مڪي جي رهاڪو ٿي، شيخ ”بايزيد بُسطامي“، مشهور اولياء، هن جي نهايت گهڻي تعريف ڪئي آهي، قرآن شريف جي معنيٰ تمام چڱي سمجهندي هئي، وفات جو سن 220هه.
(6) بيبي اُم عيسيٰ: ابراهيم عربيءَ جي ڌيءُ، فقہ ۾ فتوائون ڏيندي هئي، وفات سن 338هه.
(7) بيبي اُم محمد: شيخ ابي عبدالله”خفيف“ جي والده، مشاهدي ۽ مڪاشفي واري هئي، پٽ سان گڏ حجاز جو سفر ڪيائين.
(8) بيب اُمة الواحد: اصل نالو ”ستينه“ ڌيءُ حسين بن اسماعيل حاڪميءَ جي، قرآن مجيد، حديث، فقہ ۽ نجوم جي علم مان خوب واقف هئي، وفات جو سن 377هه ۽ عمر 90 ورهيه.
(9) بيبي اُمة السلام: قاضي ابوبڪر بن ڪامل جي ڌيءُ ۽ محمد بن اسماعيل بصلانيءَ جي شاگرد هئي، وري ابو علي سندس شاگرد هو. اهي سڀ مشهور بزرگ آهن، وفات جو سن 390 هه.
(10) بيبي ميمونه، واعظه: ڌيءُ شاقوله جي، قرآن جي حافظه، تمام عمدو وعظ ڪندي هئي، هڪڙو ئي پهراڻ 47 ورهيه ڌوئي ڍڪيائين، وڏي ڪرامت واري هئي، وفات جو سن 393هه.
(11) بيبي خديجه، واعظه: شيخ عبدالقادر جيلانيءَ رحمته الله عليہ جي چاچي، وڏي ڪرامت واري هئي.
(12) بيبي اُم محمد بن علي: ابن مسعود جي همعصر ۽ مصاحب، ڏاڍي پرهيز گار، وفات جو سن 460هه.
(13) بيبي ڪريمه مروزيه: احمد بن محمد جي ڌيءُ، ظاهري ۽ باطني علم واري، علم حديث پڙهائيندي هئي.
(14) بيبي فاطمہ، واعظه: حسين بن حسن جي ڌيءُ، شهر جي عورتن کي وعظ ڪندي هئي، وفات جو سن 521هه
(15) بيبي فاطمه: نصر بن عطار جي ڌيءُ، سيد گهراڻي جي، ڏاڍي رياضت ۽ مجاهدي ۽ زهد واري، وفات جو سن 573هه.
(16) بيبي ساره: شيخ نظام الدين، مشهور دهليءَ واري اولياء جي ماءُ، فاضله، عالمه ۽ زاهده هئي.
(17) بيبي فاطمه”سام“، مشهور عارفه شيخ نظام الدين ۽ شيخ فريد الدين گنج شڪر هن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ چيو آهي ته هوءَ مرد هئي، پر عورتن جي صورت ۾ پيدا ٿي، وفات جو سن 643هه.
(18) بيبي قرسم: شيخ فريد الدين گنج شڪر جي والده، مشهور عارفه، وفات جو سن 648هه.
(19) بيبي زليخا: شيخ نظام الدين اولياء جي والده، ڏاڍي ڪرامت واري، وفات جو سن 643هه.
(20) بيبي اولياء، دهليءَ جي ويٺل، مشهور صالحه، وفات جو سن 655هه.
(21) بيبي راستي: رڪن الدين ملتانيءَ جي والده، ڏاڍي عابده ۽ زاهده، قرآن مجيد جي حافظ، شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي ننهن، وفات جو سن 695هه.
(22) بيبي لکڪشميري: اصل هندو هئي، پوءِ مسلمان ٿي، بلبل شاهه جي مريدياڻي، مشهور عارفه ۽ ڏاڍي ڪرامت واري، هن جا گهڻائي نقل ڪتابن ۾ لکيل آهن، گهڻا شعر به چيا اٿس. وفات جو سن 756هه.
(23) بيبي فاطمه سيده، گيلاني: ميران محمد شاهه”موج درياء“ بخاري لاهوريءَ جي بيبي، ۽ سيد صفي الدين جي ماءُ، ڏاڍي عابده ۽ زاهده، ”بيبي ڪلان“ جو لقب مليل هوس، وفات جو سن 1016هه.
(24) جمال خاتون: ميان مير لاهوريءَ جي ڀيڻ، ۽ قاضي ساينده جي ڌيءُ، ڏاڍي ڪرامت واري ٿي گذري آهي، وفات جو سن 1049هه.
(25) بيبي لبانه: بيت المقدس جي ويٺل، ڏاڍي ڪرامت واري.
(26) بيبي مريم: بصري جي ويٺل، بيبي رابعه جي همعصر هئي، ۽ سندس خدمت ۾ رهي.
(27) بيبي والهه: بصري جي عابده، صالح مُري جي همعصر، عمدا شعر پڙهندي هئي.
(28) بيبي معاذه: بيبي رابعه واري ”عدوي قبيلي جي، ۽ سندس مائٽياڻي، چاليهه ورهيه منهن مٿي آسمان ڏي نه ڪيائين، نه ڏينهن جو کاڌائين، نه رات جو سُتي.
(29) بيبي ڪرويه حفصه: بصري يا اهواز جي ويٺل، بيبي ”شعوانه“ جي خدمت ۾ رهي.
(30) بيبي رابعه شاميه: احمد بن ابي الحواريءَ جي بيبي، خدا جي عشق ۾ ڏاڍا شعر پڙهندي هئي.
(31) بيبي حڪيمه دمشقيه: شام جي سيدن مان هئي ۽ رابعه شاميه جي اُستاد هئي.
(32) بيبي حفصه: سيرين جي ڌيءُ، ۽ مشهور محمد سيرين جي ڀيڻ، ڏاڍي زاهده ۽ عابده.
(33) بيبي آم حسان: ڪوفي جي زاهدن مان هئي، سفيان ثوري سندس زيارت ڪندو هو، ڏاڍي ڪرامت واري هئي.
(34) بيبي فاطمه زيتونه: ابو حمزي، جنيد ۽ نوري مشهور اوليائن جي خدمت ڪيائين، ڏاڍي ڪرامت واري هئي.
(35) بيبي اُم علي: احمد بن خضرويه، مشهور اولياء جي بيبي.
(36) بيبي فضه: شيخ ابو الربيع مالڪيءَ هن جي گهڻي تعريف لکي آهي.
(37) بيبي فاطمه: ابو بڪر ڪتاني جي ڌيءُ، خدا جو ذڪر ٻڌندي مري ويئي.
****
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
تيموريه گهراڻي جون ٻيون ڪي مشهور عورتون
(1) اختر محل: تيموري گهراڻي جي شهزادي هئي، شاعره هئي، سن 1280 هجري ۾ هئي.
(2) فخر النساء بيگم: تيمور بادشاهه جي ٻي بيگم، جا اصل ”سينا“ جي هئي، ۽ بيوهه هئي، اها ميران شاهه جي ماءُ هئي، جو تيمور کان پوءِ تخت تي ويٺو، اها ڏاڍي قابل ۽ سخي زال هئي.
(3) عظمت النساء بيگم: هيءَ تيمور بادشاهه جي ٽين زال هئي، اصل برهمڻ هئي ۽ نالو ”ارجني“ هوس، هر دوار جي هئي.
(4) آرام دل: همايون بادشاهه جي زماني ۾ خان زمان جي زال هئي، جو اڪبر جي ڏينهن ۾ امير الامراء ٿيو، هوءَ خان زمان کي ڪن چورن جي هٿان ملي هئي، تاريخ ۾ مشهور آهي.
(5) آسائش بانو بيگم: شاهجهان جي پوٽي، شهزادي مراد جي ڌيءُ هئي. هيءَ ڏاڍي قابل ۽ روشن دماغ شهزادي هئي، 1089هه ۾ وفات ڪيائين.
(6) آغا بيگم: ميران شاهه مرزا جي ڌيءُ، ۽ تيمور جي پوٽي، ڏاڍي تيز عقل ۽ فياض هئي، سعد گورگاني سردار جي زال هئي، ترڪن سا لڙائي به ڪيائين.
(7) عازم بانو: سيادت خان صفويءَ جي ڌيءُ، جو شاهجهان جي دربار ۾ وڏي درجي وارو ماڻهو هو، هيءَڏاڍي ذهين ۽ تيز فهم هئي، فوج ۾ به وڙهي، شهزادي محمد ڪام بخش سان انهيءَ جي شادي ٿي.
(8) آرام جان بيگم، يا آرام بيگم: جهانگير بادشاهه جي پنجين بيگم هئي. ڏاڍي علميت واري هئي، شعر چوندي هئي، ۽ بادشاهه جي ٻين بيگمن، حيات النساء ۽ نور جهان سان طبع آزمائي به ڪندي هئي، اهي مشهور فارسي بيت انهيءَ جا آهن، جن ۾ انهيءَ جو نالو اچي ٿو. نورجهان چيو ته ”تو بادشاهه جهاني ”جهان“ ز دست مده، ڪہ بادشاهه جهانرا”جهان“ بڪار آيد“. حيات النساء چيو ته ”جهان خوش است و ليڪن ”حيات“ مي بايد، اگر ”حيات“ نباشد جهان چہ ڪار آيد“ ! فناء النساء هڪڙيءَ خدمتگارڻ چيو ”جهان“ و ”حيات“ اين همہ بيوفاست، ”فنا“ را طلب ڪن ڪہ آخر فناست“ ۽ آرام خان چيو ته ”شاهه دو رخ بده تو”دلارام“ رامده، پيل و پياده پيش ڪن و اسپ گشت مات“!
(9) امة الحبيب: اورنگزيب عالمگير جي پٽ، محمد معظم شاهه جي بيگم، هوءَ گهڻو ڪري پنهنجيءَ همنام حميده بانو بيگم جهڙي هئي، ۽ جنگين ۾ به شامل ٿي.
(10) قدسيه بيگم، يا ارحم ٻائي: بهادر شاهه جي پوٽي، ۽ جهان شاهه جي پٽ محمد شاهه جي بيگم، ڏاڍي هوشيار ۽ بيدار مغز هئي _ جيتوڻيڪ محمد شاهه پاڻ عيش پسند ۽ شرابخور رهيو.
(11) اعزالنساء، يا عزيز النساء، يا اڪبر آبادي: شاهجهان جي ٻي بيگم، ڏاڍي عقل واري، وفات جو سن 1088هه، هن ”اڪبري مسجد“ ۽ ”فيض بازار“ دهليءَ ۾ جوڙايون، جي اڃا مشهور آهن.
(12) اورنگ آبادي محل: عالمگير جي چوٿين بيگم، ظاهري ۽ باطني حسن هوس، ”اورنگ آبادي مسجد“ انهيءَ جي جوڙايل آهي. هن جي پيٽان اورنگزيب کي مهرالنساء ڌيءُ ڄائي، جا سندس چئني ڌين کان زياده هوشيار هئي، ۽ قابليت ۾ نالو ڪڍيائين، ۽ زيب النساء سان اڪثر نه ٺهندي هئي، وفات جو سن 1116هه.
(13) آئي بيگم: هيءَ امير زادي، نجابت خان ولد سر بلند خان جي ڀيڻ هئي، جو عالمگير جي فوج جو وڏو سردار هو، قابل زال هئي، وفات جو سن 1088هه.
(14) بدرالنساء بيگم: عالمگير جي پنجين ڌيءُ، ڏاڍي قابل هئي، وفات جو سن 1180هه.
(15) بخت النساء بيگم: همايون بادشاهه جي ڌيءُ ۽ اڪبر جي ڀيڻ، ڏاڍي بهادر ۽ عقل واري. هن اڪبر جي طرفان جهانگير کي سمجهائڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي.
(16) بهار بانو بيگم: جهانگير جي ڌيءُ، ڏاڍي تند خُو هئي. شهزادي دانيال جي پٽ، طهمورث، جي زال هئي.
(17) بيگم سلطان: ابراهيم عادل شاهه، بيجاپور جي واليءَ، جي ڌيءُ شجاعت، سخاوت ۽ فياضيءَ جي ڪري مشهور، احمدنگر جي گهيري ۾ چاند بيبيءَ سان مددگار هئي، جنهن جو ذڪر ڌار آيل آهي.
(18) بيبي ٻائي: شير شاهه افغان جي ڀائٽي، سليم شاهه جي زال ۽ فيروز شاهه جي ماءُ، ڏاڍي پاڪدامن ۽ لائق زال هئي.
(19) پرهيز بانو بيگم: شاهجهان بادشاهه جي وڏي ڌيءُ”قنڌاري محل“ جي پيٽان، ۽ عالمگير جي ڀيڻ، ڏاڍي علميت واري.
(20) ثريا بانو بيگم: شاهجهان جي ڌيءُ، عزيز النساء يا اڪبر آباديءَ جي پيٽان ڄائي، ڏاڍي علم ۽ عقل واري _ شاهجهان جون ٽي ڌيئون ”ممتاز محل“ مان. جهان آرا ۽ گيتي آرا ۽ انجمن آرا هيون.
(21) دولت بانو بيگم: محمد عظيم شاهه، ولد اورنگزيب عالمگير بادشاهه، جي ڌيءُ، جهڙي هئي حسين تهڙي هئي فصيح ۽ بليغ ۽ قابل.
(22) زينت النساء بيگم: اورنگزيب جي ڌيءُ ۽ زيب النساء جي ڀيڻ، دهليءَ جي ”زينت المساجد“ انهيءَ جي جوڙايل آهي، جتي سندس قبر به آهي. ڏاڍي قابل زال هئي، سندس هيءُ بيت سندس قبر تي اُڪريل آهي:
”مونسِ مادر لحد فضلِ خدا تنها بس ست
سايه از ابرِ رحمت قبر پوشِ ما بس ست“
(23) گلبدن بيگم: بابر بادشاهه جي ڌيءُ، فارسي شعر چڱو اٿس.
(24) گلچره بيگم: بابر بادشاهه جي ڌيءُ، چڱي شاعره هئي.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
عجم[ ايران، ترڪستان وغيره] جون ٻيون ڪي عالم، فاضل ۽ شاعره عورتون
1. آسيه خانم: فتح علي شاهه، ايران جي بادشاهه جي والده، ڏاڍي نيڪ ۽ سخي زال، وفات جو سن 1217هه
2. انهيءَ نالي سان سندس بيبي به هئي، جا سردار امير خان جي ڌيءُ هئي، ڏاڍي قابل ۽ فاضل هئي.
3. آغا: مرزا عبدالڪريم معتدالدوله جي ڌيءُ ايران جي شاهي نسل مان، شاعره هئي. سندس ڌيءُ ”آغا ڪوچڪ“ به شاعره هئي.
4. آغا باجي: ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه جي مشهور بيبي، ۽ ابراهيم خان شوشيءِ جي ڀيڻ، ترڪي ۽ فارسيءَ ۾ عمدو شعر چوندي هئي، ڏاڍي قابل هئي.
5. آفاق: فارس جي ويٺل، ڏاڍي فصيح ۽ بليغ هئي.
6. آقا بيگم: هرات جي ويٺل، عالي خاندان جي هئي، ۽ فصيح ڪلام ۽ شعر چوندي هئي. ٻي هن نالي سان محمد خان ترڪمانيءَ جي ڌيءُ به هئي، جا پڻ شاعره هئي.
7. آني فاطمه خانم: قسطنطيه جي ويٺل، شهزادي امير آغا جي بيبي هن جو ترڪي ديوان مشهور آهي.
8. اسماء عبرت: احمد آقا جي ڌيءُ، ۽ محمود جلال الدين جي زال، سلامبول جي ويٺل، ڏاڍي خوشخط هئي.
9. آغا دوست: علم ۽ ادب ۾ قابل ۽ شعر چڱو چوندي هئي. ٻي به انهيءَ نالي سان شاعره هئي. درويش قيام جي ڌيءُ.
10. آرزو: سمرقند، جي رهاڪو، چڱو شعر چوندڙ.
11. ارسلان خاتون: ايران جي سلجوقي بادشاهه طغرل بيگ جي ڀائٽي عباسي خليفي قائم جي زال.
12. آتون يا توني آتون: هرات جي والي مير نظام الدين جي مصائب ملا بقائيءَ سان خوب شعر آزمائي ڪيائين.
13. آقائي يا آقا بيگم: محمد خان ترڪمان جي مصاحبه، قابل شاعره.
14. اتابڪ عيش: سعد بن اتابڪ ابوبڪر جي ڌيءُ، جنهن بادشاهه جي نالي پٺيان”شيخ سعدي“ جو نالو”سعدي“ ورتو، هلاڪو خان جي پٽ منگوءَ جي زال، جا سن 662هه ۾ شيراز جي تخت تي ويٺي، ڏاڍي قابل زال هئي، وفات جو سن 686هه.
15. انيس الدوله: ايران جي بادشاهه جي بيگم، ڏاڍي قابل زال.
16. بيگم جان خانم: فتح علي شاهه قاچار جي نياڻي، تمام قابل زال، نيڪ ۽ سخي.
17. بيگي: هرات جي واليءَ امير علي شير جي ڀاءُ، امير درويش عليءَ جي زال، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.
18. بيدلي: شيخ عبدالله ”ديوان“ جي ڀيڻ، فضل ۽ ڪمال ۾ مشهور، شعر چڱو چوندي هئي.
19. بدويه: مصر جي خليفي آمر فاطميءَ جي بيبي، ڏاڍي حسين ۽ قابل عورت.
20. بيجہ: ايران جي مشهور نجومڻ، ۽ شعر گوئيءَ ۾ قابل.
21. بزم عالم: سلطان عبدالمجيد خان جي والده، ۽ محمود خان ثانيءَ جي راڻي، تمام گهڻا خير جا ڪم ڪيائين.
22. پختيه حاجيه: مصر جي سيد خاندان جي هڪ خاتون، مسجدون ۽ مدرسا جوڙايائين، ڏاڍي قابل ۽ فياض، وفات جو سن 1319هه
23. ترخان خديجه سلطان: سلطان ابراهيم خان عثمانيءَ جي بيبي، ۽ سلطان محمد خان چوٿين جي والده، نيڪ عورت.
24. ترڪان: خوارزم شاهي، شاهه بن ايل ارسلان، جي والده، ۽ ٻي، انهيءَ نالي سان، سلطان جلال الدين جي ڌيءُ _ ٻيئي قابل زالون هيون.
25. توتي: ايران جي مشهور حسين، شيرين زبان ۽ لطيفه گو شاعره.
26. جان فدا قادين: عثماني سلطان مراد خان ٽئين جي بيبي، قابل ۽ خير ڪندڙ زال.
27. جميله: بني حمدان واري بادشاهه ناصر الدوله جي ڌيءُ، ڏاڍي سخي، ديندار ۽ پڙهيل زال. ٻي جميله اصفهاني شاعره هئي.
28. جهان خانم: ناصر الدين شاهه قاچار جي والده، ڏاڍي عاقل، قابل ۽ همت واري عورت.
29. جهان خاتون : شيراز جي هڪڙي مشهور عورت.
30. جهان: ايران جي بادشاهه اسماعيل صفويءَ جي بيبي، چڱو شعر چوندي هئي.
31. حاجي قادين: سلطان بايزيد جي وزير سڪندر خان جي ڌيءُ اسلامبول جي هڪڙي تمام قابل عورت.
32. حبيبه خانم: علي پاشا جي ڌيءُ، ۽ محمد افنديءَ جي زال، ترڪي شعر تمام چڱو چوندي هئي. سن 1262هه ۾ ڄائي.
33. حليمه بيگي آغا: سلطان حيدر ترڪمان جي زال، حسن بيگ جي ڌيءُ، ۽ شاهه اسماعيل صفوي پهرئين جي ماءُ، مشهور قابل عورت، شاهه اسماعيل سن 892هه ۾ ڄائو هو.
34. حياتي: نور علي شاهه خراسانيءَ جي زال، هن جي مرڻ کانپوءِ، ملا محمد جي زال هوشيار شاعره، ڏهه هزار شعر موجود اٿس.
35. حاجيه: ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه جي هڪڙي بيبي، شعر چوندي هئي.
36. حليمه بنت محمد صادق: اسلامبول جي مشهور زالن مان، خوشخط ۽ علم ۾ قابل هئي.
37. حجابي: ”هلالي“ شاعر جي ڌيءُ، استرآباد جي ويٺل، چڱو شعر چيو اٿس.
38. حيات خانم: شاهه اسماعيل صفويءَ جي هڪڙي بيبي، جا شعر چوندي هئي.
39. خان زاده: مير يادگار تبريزيءَ جي ڌيءُ، شعر چوندي هئي.
40. خديجه خانم: ايران جي بادشاهه ڪريم خان رند جي بيبي ۽ محمد شاهه جي چاچي، هوشيار ۽ قابل عورت.
41. دلشاد خاتون: امير چوبان جي پٽ تمرتاش جي ڌيءُ، امير شيخ حسن ابلڪانيءَ جي زال، ۽ سلطان اويس جي ماءُ مشهور شاعره. انهيءَ نالي سان ٻي، امير علي جلاير جي ڌيءُ ۽ امير حسين جلاير جي زال، جو بلخ جو حاڪم هو، _ اها به شاعره هئي.
42. رشحہ ڪاشاني: ”بيگم “ به نالو هوس، ”هاتف“ ڪاشانيءَ جي ڌيءُ، مرزا علي اڪبر ”نظيري“ شاعر جي زال، ۽ مرزا احمد ”ڪشته“ جي ماءُ، وڏي شاعره، ٽي هزار شعر موجود اٿس.
43. سيده بيگم: جرجان جي سيد ناصر جي ڌيءُ، ”وطواط“ جي همعصر، چڱو ۽ گهڻو شعر چيو اٿس.
44. فاطمه خانم: جودت بادشاهه جي ڌيءُ، اسلامبول جي، ڏاڍي پڙهيل ۽ مشهور عورت، يورپ جون ٻوليون به ڄاڻندي هئي، گهڻا ڪتاب به لکيا اٿس.
45. ڪوڪب: تخلص ”ستاره“ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازيءَ جي ڌيءُ، چڱو شعر چوندي هئي.
46. ڪنيز فاطمه: شاهه سليمان ڪابليءَ جي والده، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.
47. مهري: حڪيم عبدالعزيز هراتيءَ جي بيبي، مشهور شاعره، شاهه رخ مرزا، جو گوهر شاهه بيگم جو مصاحب هو، تنهن جي زماني ۾ هئي.
48. مهستي: گنج يا نيشاپور يا بدخشان جي مشهور عورتن مان هئي، ۽ شاعره هئي، سلطان سنجر سلجوقيءَ جي حضور ۾ وڏي عزت هيس.
49. نهاني: شاهه سليمان جي والده جي مصاحبہ، پڻس امير هو، تمام قابل ۽ شاعره عورت.
50. همدمي: ايراني جي جرجان وارن سيدن مان، ڏاڍي قابل ۽ شاعره عورت.
51. ياسمين بُو: مرزا عسڪري داغستانيءَ جي بيبي، هوءَ دکن هندستان ۾ به پيءُ سان گڏ آئي هئي _ ڏاڍي خوش نويس هئي، ۽ شعر به چڱو چوندي هئي.
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29
هندستان جون ڪي ٻيون قابل ۽ شاعرائون
(1) اقبال بيگم: تخلص” پرده نشين“ حيدرآباد دکن جي رهاڪو، اصل ترڪ ڏاڍي قابل زال، اڃا حيات آهي.
(2) آمنہ بيگم: برهان نظام شاهه جي بيگم، ڏاڍي قابل ۽ هوشيار زال، ”آمنہ پور“ جو شهر، سن 929هه ۾ انهيءَ ٻڌايو، حسين نظام شاهه ۽ عبدالقادر شهزادا سندس پٽ هئا.
(3) ”ادا“: امير بيگم جو تخلص، 1200هجريءَ ۾ رهندي هئي، مرزا عباس جي شاگرد، شاعره هئي.
(4) ”اچپل“: هينگن جان جو تخلص، طوائف هئي، چڱو شعر چيو اٿس.
(5) ”امير“: امير صاحبہ طوائف يا ڪڃري، لکنوءَ جي ويٺل، چڱو شعر چيو اٿس.
(6) ”امير“: امير بيگم جو تخلص، دهليءَ جي هئي، ريخته ۽ ٻيو شعر چڱو اٿس، فخر الدين احمد دهلويءَ جي شاگرد هئي.
(7) ”اشڪ“: دهليءَ جي شهزادين مان هئي، غزل چڱا چيا اٿس، سن 1292هه تائين حيات هئي.
(8) اماني: زيب النساء بيگم جي ٻانهي هئي، انهيءَ سان شعر آزمائي به ڪندي هئي.
(9) ”انار ڪلي“: لاهور ۾ اڪبر بادشاهه جي محل وارين جي نوڪرياڻي هئي، ڏاڍي خوبصورت هئي، جهانگير جي ساڻس خاطر ٿي، تنهن ڪري اڪبر انهيءَ کي جيئري پورائي ڇڏيو، جڏهن جهانگير بادشاهه ٿيو، تڏهن مٿس عمدي قبر ٺهرايائين. لاهور جي مشهور ”انار ڪلي بازار“ انهيءَ جي نالي پٺيان ٿي سڏجي.
(10) انور خاتون: برار جي حاڪم صلابت خان جي بيبي، شهر ايلچپور ۾ هڪ محلو ”انور پوره“ انهيءَ جي پٺيان ٿو سڏجي.
(11) ”بيگم“ دهليءَ جي شاعره، جا فارسي شعر چڱو چوندي هئي.
(12) ٻي: انهيءَ تخلص سان لکنوءَ جي رهاڪو، مشهور شاعره مير تقيءَ جي نياڻي ۽ سندس شاگرد.
(13) ٽي: انهيءَ تخلص سان، تارا بيگم نالي، اردو شعر چڱو چوندي هئي.
(14) چوٿين: انهيءَ تخلص سان، ”رشڪ محل“ نالي، پنجاب جي رهاڪو، واجد علي شاهه لکنوءَ جي بادشاهه وٽ ڪلڪتي ۾ سندس قيد جي زماني ۾ رهندي هئي،ڳائڻ ۾ ۽ اردو شعرچوڻ ۾ قابل.
(15) ”بهوُ“: نواب يوسف علي خان بهادر، رامپور جي رئيس جي خاص بيبي، نالو بهوُ بيگم هوس، اردو شعر ۾ ڏاڍي نازڪ دماغ هئي.
(16) بزرگي: ڪشمير جي هڪڙي شاعره زال، جهانگير جي عهدي ۾، فارسي شعر چڱو چوندي هئي، پهري طوائف هئي، پوءِ توبهه ڪري پرده نشين ٿي، شاعرن سان طبع آزمائي ڪندي هئي.
(17) بستي خانم: طالب آمليءَ جي ڀيڻ، طب ۽ قرﺃت ۾ قابل، اڪثر شهزاديون سندس شاگرد هيون _ خاص جهان آرا بيگم، جنهن پنهنجي مُهر به کيس رکڻ لاءِ ڏني، وفات جو سن 1056ع.
(18) بسم الله: دهليءَ جي رهڻ واري هڪڙي پرده نشين شاعره، منشي انعام الله جي شاگرد هئي، اردو شعر چڱو چوندي هئي، هندستان جي فساد کانپوءِ به جيئري هئي.
(19) بني خانم: دهليءَ جي بادشاهه محمد علي شاهه جي هڪڙي امير، نواب نجم الدوله جي بيبي، پوءِ فيض آباد ۾ اچي رهي. شجاع الدوله هن کي آبرو ڏيندو هو، ۽ پنج هزار رپيا ماهوار ڏيندو هوس. ڏاڍي پرهيز گار، نيڪ ۽ فياض زال هئي. يتيم ڇوڪرين جي ڏاڍي سنڀال ڪيائين، ڏاڍي قابل ۽ لائق زال.
(20) بنو: دهليءَ جي هڪڙي خانگي زال، جنهن جي عشق ۾ گلاب سنگهه ”آشفته“ پاڻ کي ڪُٺو، ۽ انهيءَ جي ڏک ۾ هوءَ پاڻ به مري ويئي، اردو شعر تمام چڱو چيو اٿس.
(21) ”جان“ صاحب جان طوائف، ويٺل فرخ آباد جي، اُردو شعر چڱو اٿس.
(22) جينا بيگم: مرزا بابر جي ڌيءُ ۽ مرزا جهاندار شاهه ولي عهد شاهه عالم بادشاهه جي بيبي، اردو شعر چڱو چوندي هئي.
(23) ”چندا“: مهه لقا طوائف جو تخلص، حيدرآباد دکن جي رهاڪو، شير محمد خان”ايمان“ جي شاگرد، اسپ تازي، نيزي بازي، تيراندازي ۽ شعر گوئيءَ ۾ هوشيار، چار_ پنج سؤ سپاهي ۽ شاگرد هوندا هئس.
(24) ”حجاب“ بني جان طوائف جو تخلص، بنارس جي ويٺل، اردو شاعره.
(25) ”حور“: مناجان طوائف جو تخلص، لکنوءَ جي ويٺل، محمد رضا ”طور“ جي شاگرد، اردو شاعره.
(26) ”دلبر“: ڇوٽي بيگم، ويٺل حيدرآباد دکن جو تخلص، اردو شاعره.
(27) ”دلهن“ بيگم: نواب بهو، جا انتظام الدوله خان خانان بهادر جي ڌيءُ، ۽ آصف الدوله جي بيبي هئي، اردو شاعره.
(28) ”زهره“ مني طوائف، ويٺل ڪشمير جو تخلص رهندڙ ڪلڪتي جي، نهايت قابل چڱي شاعره.
(29) انهيءَ تخلص سان، اُمراؤ جان طوائف، لکنوءَ جي، مشهور شاعره هئي.
(30) زينت: دهلي جي هڪڙي طوائف، مرزا ابراهيم بيگ سان لکنوءَ ۾ رهندي هئي، اردو شاعره.
(31) سلطان: نواب معتمدالدوله بهادر جي ڌيءُ، چڱو اڙدو شعر چيو اٿس.
(32) ”شرم“: تخلص شمس النساء بيگم جو، جا حڪيم قمر الدين خان”بنارس“ ويٺل لکنوءَ جي ڌيءُ هئي، ۽ شاعر ”وزير“ جي شاگرد هئي، هن جو سڄو اردو ديوان آهي.
(33) انهيءَ ساڳئي تخلص سان، لکنوءَ جي طوائف ڇوٽي صاحب به هئي، جا ڪلڪتي ۾ به هئي، اردو شاعره.
(34) ”شيرين“: بيگا طوائف جو تخلص،لکنوءَ جي ويٺل، مير مهدي ”سپهر“ ۽ امداد علي”بحر“ جي شاگرد، اردو شعر جو سڄو ديوان اٿس.
(35) ”صاحب“: تخلص امة الفاطمہ بيگم جو، جنهن کي ”صاحب“ به سڏيندا هئا، لکنوءَ جي ويٺل، دهليءَ ۾ به آئي. مومن خان دهلويءَ پنهنجي مثنويءَ ۾ هن جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. چڱي شاعره هئي.
(36) طاهره عرف قمر الدين بيگم: لکنوءَ جي هڪڙي شريف زادي، اصل غريب هئي، ڏاڍي قابل ۽ هوشيار ٿي.
(37) ”ظرافت“: دهليءَ جي هڪڙيءَ خانگي زال جو تخلص، اردو شاعره.
(38) عالم: لکنوءَ جي بادشاهه واجد علي شاهه جي بيبي، چڱو شعر چوندي هئي، ۽ ستار چڱي وڄائيندي هئي، سڄو اُردو ديوان اٿس.
(39) عزيز؛ دهليءَ جي هڪڙي طوائف، سعادت يار خان”رنگين“ جي شاگرد، اُڙدو شاعره.
(40) ”عِفت، نجم النساء بيگم: رهندڙ لکنوءَ جي تخلص، مقصود عالم جي شاگرد.
(41) فرخ: فرخ بخش طوائف، ويٺل ڪانٺ، اُردو شاعره.
(42) ”قمر“: حيدري بيگم عرف ماه طلعت بيگم جو تخلص، جا مرزا همايون بخت جي ڌيءُ هئي، مرزا محبوب علي ”قوس“ جي ڀيڻ، ۽ واجد علي شاهه لکنوءَ جي بادشاهه جي بيبي، ڏاڍي ذهين ۽ قابل زال، علم موسيقيءَ ۾ به هوشيار هئي، فارسي ۽ اردو شعر گهڻو چيو اٿس. سن 1281هه ۾ وفات ڪيائين.
(43) ”ماه“: منجلي بيگم جو تخلص، ويٺل لکنوءَ جي، اردو شاعره.
(44) ڪامله بيگم: دهليءَ جي ويس، اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ هئي، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.
(45) گنا بيگم: لکنوءَ جي هڪڙي شيرين ڪلام زال، اردو شاعره.
(46) ماه لقا: اصل نالو چندا پري، حيدرآباد دکن جي طوائف، فارسي شعر چڱو چيو اٿس. نواب نظام علي خان، خلف نواب نظام الملڪ آصف جاهه جي زماني ۾ اميرن وانگي هوندي هئي، تمام دولتمند هئي، شاعرن ۽ فقيرن سان صحبت هوندي هيس. مرداڻو ويس ڪندي هئي، ۽ هٿيار کڻي گهوڙي تي گهمندي هئي. هڪڙي چڱي مسجد جوڙايائين، هڪڙي شاعر انهيءَ مسجد جي تاريخ جو هيءُ بيت چيو، جنهن ۾ ٻيءَ معنيٰ سان سندس ڌنڌي جو اشارو به آهي، اهو اهڙو پسند آيس، جو هزار رپيا انعام ڏنائينس:
(47) چو محرابش سُجودِ خاص و عام است،
(48) فلڪ گفتا ڪہ ”اين بيت الحرام است“.
(49) ”محبوب“: واجد علي شاهه جي سُريت، ”محبوب محل“ جو تخلص، اردو شاعره.
(50) محمدي جان: اصل نالو عباسي بيگم، سيد النساء جي والده( جنهن جو بيان اسان ڏنو آهي)، پاڻ چڱي ۽ قابل زال ۽ شاعره هئي، سن 1266هه ۾ ڄائي.
(51) ”مستور“: مستور بيگم ويٺل لکنوءَ جي، اردو شاعره.
(52) ”مشتري“: قمر جان طوائف جو تخلص، ويٺل لکنوءَ جي، آغا علي شمس جي شاگرد، خوشنويس ۽ خوشگو، تمام چڱو ۽ گهڻو اردو شعر اٿس.
(53) ”منتظر“ تخلص گنا بيگم جو ، جا علي قلي خان جي ڌيءُ هئي، نواب عماد الملڪ غازي الدين جي بيبي هئي، جو عالمگير ثانيءَ جو وزير هو، قمر الدين جي شاگرد هئي. اردو شعر چڱو اٿس.
(54) ”مهتاب“: بريليءَ جي هڪڙي طوائف، اردو شاعره.
(55) ”ناز“: تخلص هو بيجان طوائف، فرخ آباد جيءَ جو، اردو شاعره هئي.
(56) ”نزاڪت“: رمجو طوائف جو تخلص، جا دهليءَ جي رهاڪو هئي، شعر چڱو ۽ گهڻو چيو اٿس.
(57) نُوران: هيءَ فرخ آباد جي ميراسڻ هئي، اردو شعر چڱو چيو اٿس
نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
21 22 23 24 25 26 27 28 29