arnizamani's picture
Upload 93 files
001f785 verified
Raw History Blame Contribute Delete
301 kB
ڪتاب جو نالو: تنقيد ۽ تنقيد نگاري
تنقيد ۽ تنقيد نگاري (چند تنقيد ۽ تحقيقي مضمونن جو مجموعو)
(چند تنقيد ۽ تحقيقي مضمونن جو مجموعو)
احسان بدوي
پيش لفظ
منهنجي تحقيقي، ۽ تنقيدي مضمونن جو هي پهريون منتخب مجموعو آهي.
هنن مضمونن ۾، جيڪي به ڳالهيون ڪيون ويون آهن، اُهي ڪي نيون ڪونه آهن. مگر ايترو چوڻ لازمي آهي، ته هنن جو وجود، ڪنهن خاص نڪتہ نظر کان ٿيو آهي. اُهو نڪتہ نظر منهنجي اڳيان، تنقيد جا سائنٽيفيڪ اُصول آهن، جن جي وضاحت ڪرڻ منهنجو تنقيد سان دلچسپيءَ جو باعث آهي؛ ۽ جن کان سواءِ، ادب جي روح کي سمجهڻ آسان نه آهي.
تنقيد زنده قومن جي ادب ۾، خاص مقام رکي ٿي. اِن جو سبب هي آهي، ته ادب زندگيءَ ۽ سماج جي رشتي کي، هڪ اِهڙيءَ منزل تي اچي ڳنڍي ٿو، جنهن جو نتيجو حسن ۽ دلڪشي آهي. اُن سونهن، ۽ سوڀيا کي ظاهر ڪرڻ، تنقيد جو ڪم آهي. اِن مان مطلب هيءُ آهي، ته ادب سماجي زندگيءَ جو مکيه ڪردار آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته سماجي زندگي هر دفعي، ۽ هر گهڙيءَ بدلبي رهي ٿي. اِن ڪري ادب ۾ به تبديليءَ، ۽ ڦيري جو پيدا ٿيڻ اِنتهائي لازمي آهي. اِن تبديليءَ، ۽ ڦيري جون جي مختلف تصويرون بڻجن ۽ بگڙجن ٿيون، اُنهن جو عڪس اسان کي ادب جي آئيني ۾ ئي نظر اَچي ٿو. اُن عڪس جو جڏهن به، ۽ جيڪو به شعور اديب جي دل تي پيدا ٿئي ٿو، سوئي صحيح معنيٰ ۾، سماجي زندگيءَ جو شعور آهي؛ ۽ هن جي غور، ۽ فڪر کي پوءِ ادب جي ميدان ۾، اهميت حاصل ٿئي ٿي.
اُن اهميت کي ظاهر ڪرڻ، يا تصوير جي ڌنڌيل نقشن کي اُجاگر ڪرڻ، وري تنقيد جو ڪم آهي. تنقيد ادب کي صحيح معنيٰ ۾، ادب بڻائي ٿي، ۽ صحيح رستي تي هلائي ٿي. اِن جو ڪم اِهو نه آهي، ته صرف ادب جي نڪتہ چيني، يا اُن جي بيجا مدح ۽ تعريف ڪئي وڃي. تنقيد اِن کان گهڻو بلند آهي.سڀ کان پهريائين ته اُها رستي جي مشعل آهي، منزل جي رهبر جو ڪم ٿي ڏئي. ٻيو، اِها عوام ۾، صحيح ادبي ذوق به پيدا ڪري ٿي، ۽ اَدبي قدرن Literary Values کي پکيڙڻ به اِن جو ئي ڪم آهي. اِن کان سواءِ، تنقيد ادب لاءِ هڪ سازگار فضا به پيدا ڪري ٿي. اِن جو نتيجو اِهو نڪري ٿو، ته لکڻ ۽ پڙهڻ وارا ٻئي، اِن جي طرف زياده توجهه ڏين ٿا. اِهو ئي سبب آهي، جو منهنجو تنقيد جي طرف زياده دلچسپيءَ جو ميلان پئي رهيو آهي.
سنڌي ادب ۾، جيتوڻيڪ تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن لکڻ جو سلسلو، هڪ عرصي کان وٺي جاري آهي: ۽ بهترين مضمونن جو اضافو پڻ ٿيل آهي. مگر اِن هوندي به، تنقيد سان دلچسپي رکڻ وارا تمام ٿورا آهن. صحيح ۽ بهتر تنقيد لکڻ وارا اڃا به گهٽ آهن، ۽ پڙهڻ وارن جو تعداد ته بنہ نه هئڻ جي برابر آهي. منهنجي ادبي مضمونن جو هي مجموعو، به خالص اِن ئي جذبي جي ماتحت آهي، ڇو ته مون محسوس ڪيو آهي، ته تنقيد ادب کان جدا ٻي ڪابه چيز ڪانه آهي. اها ته خود ادب آهي. ادب جي لاءِ جي خصوصيتون لازمي، ۽ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون، اُهي سموريون اِن ۾، جلوه گر ٿين ٿيون. اِها به ادب جيان نقاد جي تاثرات جي فنّي اظهار جو نالو آهي. اِن کان سواءِ، فنّي خصوصيتون، جن جي تخليقي ادب ۾ هئڻ ضروري آهي، سي تنقيد ۾ به اسان کي ملن ٿيون. تنقيد به اُهائي بلند آهي- جنهن ۾ اِهي خاصيتون سمايل آهن. حقيقت هئن آهي، ته اِها ئي هڪ اِهڙي خاصيت آهي، جنهن جي ڪري پڙهڻ وارو، اِن سان دلچسپي رکي ٿو، ۽ زياده کان زياده اُن جي طرف ڌيان ڏِئي ٿو.
مون ادب جي، هڪ طالبب علم جي حيثيت سان، ڪوشش ڪئي آهي، ته پنهنجن تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن کي، اِنهن ئي ڳالهين جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي. منهنجي هن مجموعي ۾، جيڪي به مضمون آيل آهن، اُنهن ۾ جيتوڻيڪ ڪي به زياده اُصولي بحث ڪونه آيل آهن، مگر مضمونن جو روح، اُنهن کان خالي نه آهي. منهنجي مضمونن ۾، سڀکان پهريائين اوهان کي، ادب جي موضوع، ۽ اُن جي ماحول جي طرف توجهه نظر ايندو، جنهن ۾ اُهو تخليق ڪيو ويو آهي. اُن کان پوءِ، اِهو به نظر ايندو، ته تخليق ڪرڻ وارو، ڪيتريءَ حد تائين، اُن ماحول کان متاثر ٿيو آهي، ۽ اُن تاثر اديب تي جو اثر وڌو آهي، اُهو صحت مند آهي، يا غير صحت مند آهي، ۽ اُن ۾ فنّڪار جي شخصيت جلوه گر ٿي آهي يا نه؟ هيءُ ئي اُهي ڳالهيون آهن، جي هڪ تنقيد نگار جي اڳيان رهڻ لازمي آهن.
هن مجموعي جا سمورا مضمون، ڇپجي چڪا آهن. هي مضمون، ڪن خاص وقتن، ۽ حالتن جي مدنظر لکيا ويا هئا. هن مجموعي ۾، اڪثر اِهڙا مضمون به آيل آهن، جن ۾ ڀڃ گهڙ، ۽ اضافي جي ڪافي گنجائش نظر ايندي.
اِن کان سواءِ، مختلف وقتن تي لکيل اِهڙن مضمونن ۾، خيالن ۽ جملن جو تڪرار به نظر ايندو. مگر مون نه ته مضمونن ۾ ترميمون آنديون آهن، ۽ نه اِنهن تڪرارن کي گهٽ ڪرڻ جي ئي ڪوشش ڪئي آهي. اِن جو سبب اِهو آهي: ته هي مضمون، منهنجي ادبي ۽ تنقيدي شعور جا پهريان نقش آهن، جنکي اصلي حالت ۾ رکڻ ئي مناسب سمجهو اٿم. مضمونن جي ترتيب ۾ به، ڪا خاص ترتيب ڪانه رکي اٿم. پر ايترو خيال ڪيو اٿم، ته هم موضوع مضمونن کي هڪ هنڌ ئي رکيو وڃي. سنڌي ادب ۾، جي لکڻ جون حالتون سازگار رهيون، ته ڪن بنيادي عنوانن تي مستقل مضمونن لکڻ جو ارادو اٿم.
ڪراچي
30 ڊسمبر، 1958ع - احسان بدوي
----------
سچل جو اردو ڪلام
سنڌ جي زمين، پنهنجيءَ گود ۾، جن باڪمال شاعرن ۽ اديبن کي پاليو آهي، ۽ اُنهن جي ادبي ڪاوشن جي نشونما جو حصو ورتو آهي، تنهنجو ذڪر ۽ بيان ايترو ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي؛ جو اُن کي پڙهي خوشيءَ ۽ حيرت جي انتها نٿي رهي. حقيقت ۾، سنڌ جي صحرائي خطي مان، اهڙن گلن جو پيدا ٿيڻ، جي پنهنجيءَ لازوال خوشبوءِ سان، اِن کي معطر ڪندا رهيا آهن؛ پنهنجيءَ نوعيت جو اڪيلو مثال آهن. شايد اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي اِنهن خصوصيتن کان متاثر ٿي، شاه ڀٽائيءَ پنهنجي مشهور دعا واري سٽ، سنڌ لاءِ ڇڏي آهي:
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
حقيقت ۾، اسين جئن جئن سنڌ جي ادبي تاريخ جو مطالع ڪندا رهنداسين: ته اسان جي اڳيان گوناگون چيزون ظاهر ٿينديون رهنديون. اِها گهٽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه نه آهي، ته سنڌي شاعرن، نه فقط پنهنجي طبع آزمائيءَ جا جوهر، سنڌي شعر و شاعريءَ ۾ ڏيکاريا آهن، بلڪ اُنهن جا تخيلات ايترا ته وسيع آهن: جو هو سنڌ جي تنگ دائري کان نڪري، هندستان ۽ ايران جي حدن تائين پهچي چڪا آهن. آءٌ سمجهان ٿو، ته شايد اِهي فقط اسان جائي شاعر هئا، جن پنهنجيءَ مادريءَ زبان ۾ شعر چوڻ جو علاوه، عربيءَ، پارسيءَ ۽ اُردو ۾ به، اُهي ته ڪمال جا شعر لکيا آهن، جي اسان جي فخر جو سبب آهن ۽ سنڌ اِنهن تي جيترو به ناز ڪري سو ٿورو آهي.
شايد اِهو ئي سبب آهي، جو جناب لطف اللهه بدويءَ، پنهنجيءَ بي مثل تصنيف تذڪره لطفيءَ ۾، سنڌ جي مختلف پارسي گو شاعرن جي تذڪره کي قلم بند ڪري؛ هڪ طرف، سنڌ جي هن سرمايه کي زماني جي بادوباران کان محفوظ ڪيو آهي ۽ ٻي طرف، سنڌ وارن کي پنهنجي عظيم ڪارنامن کان واقف ڪيو آهي. آءٌ شايد هت، هن ڳالهه جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهان، ته اِهو ڪيترو نه بهتر ٿئي ها: جو جناب لطف الله صاحب، ان سان گڏ، جيڪڏهن انهن شاعرن جو به ذڪر ڪري ها، جن پنهنجي دل ۽ جگر جو خون ڏيئي اردو شاعريءَ جي چمنستان جي آبياري ڪئي آهي، ته سندس تصنيف زياده جامع ٿي پوي ها. هن سلسلي ۾ ڪي قدر، پير حسام الدين راشديءَ، پنهنجي هڪ مقالي ۾، سنڌ جي اُردو شاعرن جو ذڪر، اُردو زبان ۾ ڪيو آهي، جو گذريل سال اُردو رسالي جي ڪنهن اشاعت ۾ ڇپجي چڪو آهي(1). مگر هي مقالو، ڪن چيزن جي نه هجڻ ڪري ايترو جامع نه آهي، ۽ اسان جي پياس کي مٽائي نٿو سگهي. بهرحال راشدي صاحب جو اِهو ڪارنامو، تحسين جي لائق آهي، جو هن صاحب، ڪنهن حد تائين سنڌ جي اُردو شاعرن کي منظر عام تي آڻي: کين اُردو دان طبقي سان روشناس ڪيو آهي ۽ اُنهن تي اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته اسان شاعر، سنڌي زبان جي تنگ دائري ۾ ڪڏهن به رهي نه سگهيا آهن. هن مقالي ۾، آءٌ سنڌ جي بلندپايه صوفي منش شاعر، سچل سرمست جي اُردو ڪلام کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
اُن کان اڳ، جو آءٌ سرمست سچل جي اُردو شاعريءَ جو بيان ڪيان ۽ اُن جي ڪلام جي مختلف خصوصيتن کي واضح طور تي ظاهر ڪيان، بهتر ائين آهي؛ ته آءٌ اُن زماني جي ادبي ۽ تاريخي پس منظر جو جائزو وٺان. سچل جنهن دور جو پيداوار آهي، اُهو ميرن جي صاحبيءَ جو عهد هو. تاريخي نڪته نگاه کان، ميرن جي صاحبي، جيتوڻيڪ سنڌ لاءِ ڪو يادگار نه ڇڏيو آهي، تاهم هو پنهنجي حڪمت عمليءَ ۽ دور انديشيءَ کان نهايت ئي قابل ذڪر ٿي گذريا آهن. مير صاحب، جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ ۾ ڪن سياسي چالبازين جي ڪري، سنڌ کي ڳچ وقت لاءِ غلاميءَ جو طوق پهرائي ويا، مگر اِن هوندي به، هو رعيت جا گهڻگهرا هئا ۽ امن امان جا ڪوڏيا هئا. نه فقط مير صاحب حڪمران هئا، مگر اُنهن جي درٻار هميشہ شاعرن ۽ اديبن جو مسڪن به هئي. جيتوڻيڪ اسين هن عهد کي، بقول مصنف تذڪره لطفي، سنڌي شاعريءَ جو سونهرو دور چئي سگهون ٿا؛ مگر اِن سان گڏ، پارسي زبان کي، نه فقط درٻار جي قربت حاصل هئي، مگر ڪيترائي ٽالپر حڪمران پارسي زبان جا نهايت ئي بلند پايه شاعر به هئا، جن پنهنجي ڪلام جا مڪمل ديوان يادگار ڇڏيا آهن. ظاهر آهي، ته اهڙي ماحول ۾، جتي حڪمران طبقي جا فرد شعر و شاعريءَ جي محفل ۾ شمع بڻجي اَچن، اُتي جي رعيت جا ڪي فرد، پروانا ٿي پچڻ اچن، ته ڪا تعجب جي ڳالهه ڪانه آهي.
سچل سرمست به اِن دور جو پيداوار آهي ۽ مٿس به پارسي شعر و شاعريءَ جي خد و خال جو اثر پوڻ لڳو ۽ هن پنهنجو مڪمل پارسي ڪلام، ديوان آشڪارا ۾ ڇڏيو آهي. مگر هي منهنجي مقالي جو موضوع نه آهي. ان ڪري، آءٌ پنهنجي مقصد ڏانهن وڌان ٿو. جيتري قدر سنڌ جي ادبيات جو مطالع، منهنجي رهنمائي ڪري ٿو، ته اِهو معلوم ٿي رهيو آهي، ته سرمست سچل کان اڳ به ڪن سنڌي شاعرن، اُردو زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. مگر جيترو سچل جو ڪلام مڪمل ۽ جامع آهي، ايترو شايد ٻي ڪنهن شاعر جو نه آهي. سچل کان پوءِ، فقير قادر بخش بيدل پنهنجي اُردو ڪلام جو مڪمل ديوان ڇڏو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي تخيل جون جي جولانيون ڏيکاريون آهن، اُهي ڪنهن به طرح اُردو جي اُستاد شاعرن کان گهٽ نه آهن. بهرحال، سچل سرمست به پنهنجي دور جو هڪ خاصو شاعر ٿي گذريو آهي. هن زماني ۾، سنڌ جي حدن کان ٿورو اڳتي، هندستان جي سر زمين تي، اُردو جا باڪمال شاعر، جهڙوڪ: انشا، مصحفي، نظير، رنگين ۽ نصير رهيا ٿي ۽ جن پنهنجي ڪلام کي هر پهلوءَ کان مڪمل ڪري ورتو هو. سچل به ريخته جو مالڪ آهي. ان وقت اُنهن شاعرن، جنهن نموني جو شعر چيو ٿي، تنهن سان جيتوڻيڪ سندس ڪلام جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي، تاهم هن جو ڌاريءَ زبان ۾ طبع آزمائي ڪرڻ ۽ اُن ۾ نفيس خيالن جو نڀائڻ، تحسين جوڳو آهي.
سچل جي ڪلام تي نظر وجهڻ سان، اسان جيءَ دل تي، جا پهرين پهرين چيز اثر ڪري ٿي: سا آهي سندس زبان داني. سچل جي اُردو ڪلام جي زبان، جيتوڻيڪ ايتري پختي ۽ مڪمل نه آهي، پر اِها زبان ڪنهن به طرح قديم دکني زبان کان گهٽ نه آهي. آءٌ هن سلسلي ۾، سچل سرمست جا ڪي اشعار هيٺ نقل ڪري، ڪن دکني شاعرن سان مقابلو ڪريان ٿو:
بيمار هون تيرﻵ بره کا چهوڻن ميرا مشکل هوا
يه درد ميرا ديکهه کر افلاطون لايعقل هوا
اﻵ يار تم آتا نهين مجهه پر شفا بخشي کرو
اِس درد ميرﻵ کي دوا آنا تيرا اک پل هوا
منهنجي اڳيان، قطب شاهي سلاطين مان، سلطان عبدالله قطب شاه جو ڪلام آهي؛ آءٌ ان مان چند شعر پيش ڪيان ٿو:
گلشن هـﻶ تو پياري بلبل هـﻶ دل همارا
رنگ بانس دونون تجهه مين پهل هون پهليا نظارا
---------
تيرﻵ درشن کون اﻵ محبوب آتـﻶ هين حبيبان سب
دکها درشن جو هووين راکهه جل رشکون رقيبان سب
ولي دکني جنهن کي ڪن حلقن ۾ اُردو غزل جو مؤجد ليکيو وڃي ٿو، ان جي زبان به ڏسو:
دل بيتاب کي اک آن نهين اُسکو قرار
زلف دلدار سون همسر هـﻶ پريشاني مين
مدت هوئي سجن نـﻶ دکهايا نهين جمال
دکهلا کـﻶ اپنـﻶ قدکون کيا نہين نہال
مٿين چند مثالن کي پڙهڻ کانپوءِ، شايد هيءَ حقيقت واضح ٿئي، ته سچل جي ڪلام کي پڙهندي، هڪ منٽ لاءِ به اِهو شڪ نٿو رهي؛ ته ڪو اسان هي اُردو ڪلام سنڌي نرﱞاد شاعر جي زبان کان ٻڌي رهيا آهيون.
سچل پنهنجي زماني جو هڪ صوفي منش شاعر ٿي گذريو آهي. ان ڪري ظاهر آهي، ته سندس ني مان جي نغما نڪتا هوندا، سي به اِن ئي رنگ ۾ رنڱيل هوندا.
سندس شعر ۾ مقامات تصوف جو سمورو احوال ملي ٿو. صوفيانه شاعريءَ جي جدا جدا عنوانن تي، هُن نهايت ئي صفائي سان بحث ڪيو آهي. صوفي بزرگن وٽ يقين هڪ نهايت ئي اهم ڳالهه آهي. معرفت کي سمجهڻ لاءِ اِهو ضروري آهي، ته پهريائين هنن وٽ يقين هئڻ گهرجي. سچل هن مسئلي کي ڪهڙي نه آسان طريقي سان نڀايو آهي:
اگر اِثبات کر جانو نه هرگز تم گدا هوگا
يقين کرنا گدا گرهـﻶ و ليکن خود خدا هوگا
وحدة الوجود جو مسئلو، اسلامي تصوف جو تاڃو پيٽو آهي، ۽ انتي تصوف جي ساري عمارت کڙي ڪيل آهي. اِن همہ اوست جي باريڪ نڪتن کي ڪهڙي نه عمدي نموني نڀايو اٿس:
نہين ديدار کوئي دوجہان نه جائـﻶ ديکہن کي
نظر کي جائي تمہاري هـﻶ ببين تا خود لقا هوگا
زمين پر کيا فلک پر کيا، کيا پر عرش کرسي پر
درون بيرون همه اندر که هر جا بجا هوگا
هوالاول، هوالاخر، هوالظاهر، هوالباطن
اِدهر وهي اُدهر وهي سچو کہہ تم کجا هوگا
اِهڙي نموني، سچل جو اُردو ڪلام، تصوف جي باريڪ مسئلن سان ڀرپور آهي، جنهن ۾: نفي ۽ اِثبات، فنا ۽ بقا، ذڪر ۽ فڪر، حال ۽ قال، همہ اوست ۽ وحدة الوجود جهڙا دقيق مسئلا؛ نهايت ئي آسان نموني سمجهايل آهن.
هنن ڳالهين کان سواءِ، سندس اُردو ڪلام ۾، حسن و عشق جو بيان، هجر ۽ وصال جو ذڪر، درد ۽ محبت جون ڳالهيون وغيره به سمايل آهن. نه فقط ايترو، پر هن پنهنجي شعر ۾، محبوب جي بي اعتناين ۽ عاشق جي حال زار جو داستان به دلگداز انداز ۾ ڳايو آهي.
هڪ هنڌ پنهنجي درد انگير ڪيفيت جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو:
کس نون مين کہه سنائون ميرا يار هـﻶ خيالي
ميرا حال پوچہتا نہين هـﻶ اصل لا اُبالي
ڪهڙُ نه درد ڀريو داستان! عاشق، پنهنجي درد جو احوال دلبر سان اورڻ گهري ٿو، مگر هو ايترو ته بي پرواه آهي، جو ڏانهس خيال به نٿو ڪري. لا اُبالي لفظ ۾، ڪيترو نه زور آهي ۽ منجهس ڪيتري قدر نه محبوب جي طريقهءِ ڪار جو نقش چٽيل آهي. وري ٻي هنڌ، ساڳي ئي رقت خيز انداز سان، درد جو احوال اوريو اَٿس:
تيرﻵ درد مجهه کو جانا اب بـﻶ خبر کيا هـﻶ
مجروح ميري دل کو اُس اِک نظر کيا هـﻶ
سچل صرف ايستائين نٿو وڃي، بلڪ اِن کان به ڪجهه اڳڀرو وڃي، معشوق جي شڪايت ۽ پنهنجي جذبات جي ترجماني ڪري ٿو؛ چوي ٿو:
تيرﻵ هجر مين پيارا روتا هون زار زار
وعده نـﻶ تيرﻵ هم کو اب منتظر کيا هـﻶ
محبوب جي جدائي جو ذڪر ۽ اُن جي شڪايت ته شاعر ڪئي آهي، مگر سچل هنن سٽن ۾ وعدي تي منتظر رهڻ جا الفاظ آڻي؛ هجر ۽ فراق جي ڪيفيت کي نهايت ئي دلگداز بڻائي ڇڏيو آهي ۽ شعر ۾ جان پيدا ڪئي آهي. محبوب جي بي اعتنائي جو بيان، ته هر شاعر نهايت ئي درد خيز طريقي تي ڪيو؛ مگر محبوب کي اُن جي بي اعتنائي ياد ڏياريندي، اِئين چوڻ ته تو به ڪڏهن اسان جي ڳليءَ مان گذر ڪيو آهي، سو سچل جو ئي ڪم آهي:
اِتني يه بـﻶ نيازي دلبر نه کر سچل سـﻶ
اُسکي گلي سـﻶ تم نـﻶ اک دن گذر کيا هـﻶ
محبوب جي بي پرواهيءَ، بي نيازيءَ ۽ لا اُباليءَ هوندي به، سچل سندس حسن جو شيدائي آهي. سندس حسن تي، فقط هو مفتون نه آهي، بلڪه جنهن جي به مٿس نظر پوي ٿي، سو سندس لازوال حسن تي حيران ۽ مستان آهي:
بيچاره ايک نہين مين آشفته اُس صنم کا
کتنـﻶ هوئـﻶ هين حيران ديکهه حسن لايزالي
سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾، نه فقط محبوب جي صفت ڪئي آهي، بلڪ سندس اڳيان اُها زندگي پٿر کان به پري آهي، جنهن ۾ عشق جو واسو نه آهي. ڪهڙي نه عمدي نموني هن خاصيت کي ظاهر ڪيو اٿس:
پهتر هـﻶ ايسي زندگي، بن عشق هـﻶ شرمندگي
جسکو سجن کا درد هـﻶ رويت اُسکي زرد هـﻶ
اڳتي هلي عاشق جي خاصيت کي اڃا به وڌيڪ واضح طريقي تي بيان ڪيو اَٿائين:
عاشق وهي جس غم هوا دونون جگت اک دم هوا
دن رات اُس ماتم هوا اکہيان کا اَب آگم هوا
سچل، جيئن ته هڪ اهل دل ۽ سوز گداز جي مڪمل تصوير هو، اِن ڪري مٿس عشق جا ڪشف و ڪرامات ۽ اُن جا واردات وقت بوقت ظاهر ٿيندا پئي رهيا. هن ڪيفيت جو هڪ هنڌ هئن ٿو ذڪر ڪري:
عشق عجب آفات هـﻶ ناکشف کرامات هـﻶ
تقويٰ نه کوئي طاعات هـﻶ تن مين نه مرجوعات هـﻶ
سر مست سچل جو اُردو ڪلام، اهڙيءَ طرح حسن و عشق جي ڳالهين ۽ سوزو گداز جي جذبات سان پُر آهي؛ جنهن کي پڙهندي: دل ۽ دماغ تي هڪ ڪيف ڇانئجي وڃي ٿو ۽ شاعر جي جذبات جي صحيح تصوير اکين اڳيان ڦري وڃي ٿي. اُن کان اڳ، جو مان پنهنجي مضمون کي ختم ڪريان، اِهو ضروري سمجهان ٿو ته، هن ڳالهه جو به هت ذڪر ڪري ڇڏيان، ته سنڌ جي ڪنهن به اديب، اڄ تائين سچل جي اُردو ڪلام ڏانهن توجهه نه ڏنو آهي؛ حتيٰ ڪ مرحوم آغا صوفي جو پوئين دور جي اديبن مان، سچل سرميت جي ڪلام جو جامع ۽ شارح آهي؛ ان به پنهنجي ضخيم تصنيف ۾ صرف چئن غزلن تي اڪتفا ڪئي آهي. هينئر وقت آيو آهي ته سچل جي اُردو ڪلام کي، جو ٽڙيل پکڙيل آهي، تنهن کي گڏ ڪري مٿس بصيرت افروز مقدمو لکي، منظر عام تي آندو وڃي.
-----------
(1) ڏسو رسالو اُردو ڪراچي جولاءِ ۽ آڪٽوبر 1951ع
سنڌي ادب ۽ افسانه نگاري
قصن ڪهاڻين جو ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، انسان جي فطرت ۾، ازل کان داخل آهي. اِن جو سبب، جيتري قدر ظاهر ۾ معلوم ٿي رهيو آهي، اِهو آهيِ ته انساني دل ۽ دماغ، هميشہ لطيف ۽ پر حساس جذبات ۽ ڪيفيت کان متاثر ٿيندا رهيا آهن. قصن ۽ ڪهاڻين ۾، انساني زندگيءَ ۽ اُن جا سمورا واقعات ۽ جذبات، احساس ۽ ڪيفيتون چٽيل آهن؛ ۽ جن ۾، اسان جي روزمره زندگيءَ جو عڪس سمايل آهي. شايد اِهوئي سبب آهي، جو پروفيسر وقار عظيم، افساني کي مادي ۽ روحاني ڪيفيتن جو مجموعو سڏيو آهي.
اسين جڏهن، دنيا جي اديبات تي نگاه ڊوڙايون ٿا، ته هر ترقي يافته قوم جي زندگيءَ ۾، اسان کي افسانه ملن ٿا. مشرق کان وٺي مغرب تائين، هر جڳهه افساني جي ابتدائي شڪل، هزار سال پهريائين ملي ٿي، جڏهن تهذيب ۽ تمدن جو پرتو، انساني زندگيءَ تي اڃا نه پيو هو، ۽ دنيا اخلاق جي بندشن کان آزاد، صرف فطرت جي آغوش ۾ پلجي رهي هئي. اُن زماني ۾، انسان کي صرف پنهنجيءَ ذات سان محبت هئي ۽ افساني ۾، هن جي هستي مختلف صورتن ۾ جلوه گر ٿي نظر آئي.
افساني جي دنيا تي، جيڪڏهن نگاه ڊوڙائي وڃي، ته اسان بخوبيب محسوس ڪري سگهنداسين، ته انسان جڏهن پهريائين پهريائين دنيا ۾ پيدا ٿيو: ته هن جي زندگيءَ جون ضرورتون ۽ خواهشون زياده هيون ۽ اُنهن کي حاصل ڪرڻ جا ذريعا نهايت ئي محدود خواهشون غالب پئجي رهيون هيون، ۽ اُن جي تڪميل نظر نٿي آئي! ظاهر آهي، ته انسان اِن حالت ۾ ضرور پنهنجي قؤت بازوءَ ۽ دليريءَ تي ڀروسو رکي، اُنهن کي حاصل ڪيو هوندو. ان کان سواءِ، ٻي اهم ۽ ضروري ڳالهه جنهن ابتدائي انسان جي ذهن تي اثر وڌو؛ سا هئي انساني تعلقات ۽ جنسي خواهشن جي تسڪين لاءِ مختلف واقعا- عورت ۽ عورت جي محبت سان، انسان کي هميشہ دلچسپي رهي آهي ۽ عورت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه مرد هميشہ هڪ ٻئي کان غير مطئمن رهيا آهن. نتيجو ظاهر آهي، ته انسان جو ان خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ، هميشہ تلوار تي هٿ رهيو ٿي ۽ خون خرابيءَ لاءِ آماده. زندگيءَ جي هن پهرين منزل جو عڪس، به لازمي طور تي اهڙو ئي هئڻ گهربو هو. اِن ڪري قريب قريب هر ملڪ جا ابتدائي قصا، عموماً جانبازيءَ ۽ دليريءَ جي افسانن سان ڀريل آهن. بهادريءَ جي قصن کان پوءِ افسانوي دنيا تي مذهب جو اثر نظر اچي ٿو. مذهب انسان جي دل تي، هر جڳهه ۽ هر زماني ۾، اثر وڌو آهي ۽ جو اڄوڪي تهذيب ۾ به قائم آهي. اِهو اثر ابتدائي زماني ۾، نهايت ئي عميق هو، جنهنجي ثبوت لاءِ، اُهي افسانه پيش ڪري سگهجن ٿا، جي مذهبي روايتن کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ لکيا ويا. اهڙا قصا، عموماً هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ لکيا ويا آهن، ۽ هر زبان ۾ اِهڙن قصن جو ڪافي تعداد، افسانوي ادب جو پيشرو آهي.
مذهبي قصن کان پوءِ، عام طرح اِهڙا قصا لکيا ويا، جن جو مقصد تلقين ۽ اخلاق هو. هر هڪ ملڪ ۽ هر زبان ۾ اِهڙن افسانن جو هڪ خاص دور رهيو آهي، ۽ هي قصا ڪيترين زبانن ۾ ايترا ته مقبول آهن، جو اڄ به اِنهن جي اهميت اِهڙي آهي، جهڙي اڳ هئي. اِهڙن افسانن ۾، ايسپ جون آکاڻيون پيش ڪري سگهجن ٿيون. اِنهن اخلاقي قصن کان پوءِ، رومانس ڪجهه دخل ڪيو ۽ يورپ جي ادب ۾، خصوصاً ڪهاڻين ۽ قصن ۾ رومانس ۽ محبت جي عنصر کي اهم سمجهيو ويو. مگر جئن ته، انهن ڪهاڻين ۾، لطيف فن ۽ سحرڪاري ڪانه هئي، ان ڪري يورپ جي هر حصي ۾ ناول جو دور رهيو، جنهن ۾ فرانس ۽ اٽليءَ کي امتياز حاصل آهي.
مگر مختصر افسانو اسان جي، پنهنجي زماني جي پيداوار آهي. هن جي بناوت تي نظر ڊوڙائڻ سان، ائين معلوم ٿيندو، ته افسانو جنهن زماني جي چيز آهي، اُن زماني جي مزاج جي سموري خصوصيت اِن ۾ سمايل آهي. زمانو تيز رو آهي ۽ هو پنهنجي اِن تيز رويءَ کان جلد ٿڪجي پوي ٿو. هن زماني جي مشغول ۽ مصروف انسان کي، پنهنجيءَ دلچسپيءَ لاءِ، ڪنهن اِهڙيءَ چيز جي ضرورت آهي، جا هن جو زياده وقت صرف نه ڪري، جنهن کان هو جلد ٿڪجي نه پوي، جنهن کان هنجي دل ۽ دماغ تي ڪو بار نه پوي. هن کي، ڪنهن اِهڙيءَ چيز جي ضرورت آهي، جنهن ۾ فن جي نزاڪت هجي، مختصر ۽ دلچسپ هجي، تفصيل کان زياده تصور آفريني هجي ۽ هن جي جذبات تي تيزيءَ سان اثر انداز ٿيڻ کان سواءِ، هن جي تخيل کي عمل جو موقعو ڏي. هن مصروف ۽ مشغول، ٿڪي ۽ ماندي انسان کي، حقيقت جي تلخ ۽ ترش دنيا کان بچائي، ٿوريءَ دير لاءِ، پنهنجي نازڪ ۽ نرم ٻانهن ۾ پناه ڏئي سگهي. افساني، نئي زماني جي انسان لاءِ، اُهو سڀ ڪجهه مهيا ڪيو آهي؛ جنهنجي کيس ضرورت هئي. افساني اِن ڪري آهسته آهسته مقبوليت حاصل ڪئي آهي ۽ اڄ ادب جو هڪ اهم حصو آهي(1).
افساني جي متعلق مختلف رايا آهن. افساني جي تعريف، اڊاگرالن پو هئن ٿو ڪري: افسانو هڪ اهڙو نثري داستان آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾، اسان کي اڌ ڪلاڪ تائين وقت لڳي ٿو. مگر هيءَ تعريف ايتري جامع نه آهي، ۽ افساني جي ٻين خصوصيتن کي قطعي نظر انداز ڪيو ڇڏي. هڪ ٻي مغربي نقاد جو رايو آهي ته: افسانو، هڪ اهڙو مختصر فڪري داستان آهي، جو ڪنهن هڪ خاص واقعي، ۽ ڪنهن هڪ خاص ڪردار تي روشني وجهي ٿو. ان ۾ پلاٽ هجي، اُن جا واقعات هڪ ٻي ۾ ڳتل هجن، ۽ ان جو بيان ايتري قدر ته منظم هجي، جو ان جو اثر متحد ٿي پوي. هيءَ راءِ ظاهري طرح، ٻين گهڻن راين کان بهتر آهي. ليڪن پروفيسر وقار عظيم جي چوڻ موجب، اڄ جو افسانو فن جي حيثيت کان برابر اڳتي وڌندو رهي ٿو، ۽ جا اڄ اُن جي تعريف ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ شايد سڀاڻي خامي نظر اچي. اِن جو سبب اِهو آهي، ته افساني جي هر پهلو تي، نفسيات جي نون نون نظرين جو اثر پوندو وڃي ٿو.
افسانو، جنهن شڪل ۽ صورت ۾، اڄ اسان جي اڳيان اچي ٿو، اُن جا نقّاد چار قسم مقرر ڪيا آهن: طويل افسانو، طويل مختصر افسانو، مختصر افسانو ۽ خاڪو.
افساني لاءِ جي چيزون ضروري آهن، سي آهن: پلاٽ يا رٿا ۽ ٻيو ڪردار نگاري. افساني جو، هڪ باقاعدي پلاٽ هئڻ گهرجي، ۽ جي واقعات ان ۾ بيان ڪيا وڃن، ان سان گڏ ڪردار به اهڙائي پيدا ڪيا وڃن؛ جئن اُنهن جو پلاٽ سان گهرو سٻنڌ يا ربط قائم رهي. هتي هي بيان ڪرڻ به لازمي آهي، ته افساني جو موضوع نهايت ئي وسيع آهي: يعني دنيا جي هر شيءِ، ۽ ڪائنات ۾ پکڙيل هر چيز، افساني جي دنيا ۾ سمائجي سگهي ٿي. بهشت ۽ دوزخ جا خيالي ۽ حقيقي تصورات، افساني ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، رومانس ۽ محبت کان سواءِ، روحانيت ۽ ماديت جا ڪرشما به هن ۾ جلوه گر آهن. خواب ۽ خيال جي دنيا، هن جو دلچسپ موضوع آهي. حسن ۽ عيب، گناه ۽ پاڪدامني، فطرت ۽ اُن جون رنگينيون، فلسفو ۽ اُن جي باريڪ بيني، نفسيات ۽ اُن جون هيٺ مٿاهيون؛ غرض هر چيز افسانو جو مواد ٿي سگهي ٿي.
هن طويل، مگر مختصر تمهيد کان پوءِ، آءٌ پنهنجي مقصد ڏانهن وڌان ٿو، جو، اسان جي اڄ جي صحت جو موضوع آهي. سنڌي ادبيات تي نگاه ڊوڙائڻ سان، اسان کي، ڪابه اِهڙي حقيقت نطر نٿي اَچي، جنهن مان صحيح طرح اندازو لڳائي سگهجي، ته سنڌي ادب ۾ افسانه نگاريءَ جي ابتدا ڪڏهن ٿي. مگر جيتري قدر، منهنجو مطالع منهنجي رهنمائي ڪري سگهي ٿو، ته اِئين معلوم ٿئي ٿو، ته انگريزن جي دور ۾، سنڌي ادب ۾ قصه نويسيءَ ۽ افسانه نگاريءَ جي ابتدا ٿي چڪي هئي. هي اُهو زمانو آهي، جڏهن فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتہ ۾، ڊاڪٽر جان گلڪرائسٽ جي تحريڪ سان، مير اَمن ۽ سيد حيدر بخش حيدري باغ و بهار ۽ آرائش محفل ۾ چئن درويشن جي قصي ۽ حاتم طائي جي سير ۽ سفر کي لکي رهيا هئا. سنڌي اديب به ان حقيقت کان غافل نه هو. هن اِنهن قصن کي سنڌي زبان ۾ آندو. مرحوم حاجي امام بخش خادم چار درويش، حاتم طائي ۽ الف ليلہ جي قصي کي سنڌي زبان ۾ لکيو. ان کان پوءِ، مرحوم لطف الله هالائي، جان عالم ۽ انجمن آرا جي قصي کي، گل خندان جي نالي لکيو؛ جو براه راست، مرزا رجب علي بيگ سرور جي ڪتاب، فسانهءِ عجائب جو ترجمو آهي. ان کان پوءِ، ڪجهه ٻيا به مافوق الفطرت ۽ نيم تاريخي قصا سنڌي زبان ۾ نظر اچن ٿا. مگر هيءُ سمورو سرمايو، نه ته ناول جي دائري ۾ اَچي سگهي ٿو، ۽ نه افساني جي. مگر اِنهن جو هت ذڪر ڪرڻ، اِن ڪري ضروري محسوس ڪيم، ته جئن اسان تي اِهو روشن ٿئي؛ ته سنڌي ادب ۾ ڪئن افسانه نگاريءَ جون ابتدائي منزلون طي ٿي رهيون هيون.
هنن مافوق الفطرت ڪتابن کان سواءِ، ٻه ٻيا ڪتاب به نظر اچن ٿا؛ جي آهن: ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، ۽ سڌا تورو ڪڌا تورو. هنن قصن جو پلاٽ، اخلاق ۽ نيڪيءَ تي رکيل آهي. افسانوي دنيا ۾، هنن ڪتابن کي، اِن ڪري اهميت حاصل آهي؛ جو چار درويش ۽ گل خندان جي برعڪس، هنن قصن ۾، روزمره زندگيءَ جا واقعات ۽ حقيقي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن، ۽ منجهن مقامي رنگ به سمايل آهي.
سنڌي ادب ۾، حقيقي افسانه نگاريءَ کي، شروع ٿئي، ڪو گهڻو وقت ڪونه گذريو آهي: مشڪل سان ٽيهه سال گذريا هوندا. جيتوڻيڪ، سنڌي ادب ۾، افسانه نگاريءَ ڪا نمايان ترقي ڪانه ڪئي آهي، مگر ابتدائي منزلون طي ڪري، سنڌي افسانو، اڄ جنهن منزل تي پهتو آهي، سو ڪنهن به حالت ۾؛ اُردو افساني کان گهٽ نه آهي.
سنڌي ادب ۾، پهريائين پهريائين ڪنهن افسانو لکيو، تنهن جو اندازو لڳائڻ، جي ناممڪن نه آهي، ته به مشڪل ضرور آهي. مگر اِن هوندي به، مختلف سنڌي رسالن کي اُٿلائيندي، جي افسانه نگار نظر اچن ٿا، اُهي شيخ عبدالله عبد ۽ محمد عثمان حبيب الله آهن؛ جي علمي دنيا ۾ افسانا لکندا رهيا ٿي. عبدالله صاحب جي افسانه نگاري، زياده تر اخلاقي مسئلن ڏانهن مائل آهي؛ جنهن ۾ ماسترياڻي امتيازي درجو رکي ٿي. ان کانسواءِ، هنجي ڪيترن افسانن ۾ رومانيت جو عنصر به آهي، جنهن ۾ اتفاق ذڪر جي لائق آهي.
هن زماني جي لڳ ڀڳ، شڪارپور مان سنڌو رسالو نڪرن شروع ٿيو؛ جنهن ۾، ادب جي مختلف موضوعات تي لکيو ٿي ويو، ۽ جنهن ۾، ادب جي مختلف موضوعات تي لکيو ٿي ويو، ۽ جنهن ۾ افساني به پنهنجي لاءِ جڳهه حاصل ڪري ورتي. حقيقت ۾، سنڌو رسالي، سنڌ ۾ افسانه نگاريءَ کي گهڻو فروغ ڏنو، ۽ افساني کي، صحيح معنيٰ ۾، پيش ڪرڻ جون ڪامياب ڪوششون شروع ٿي ويون. هن زماني جي افسانه نگارن ۾: لطف الله بدوي، مرزا نادر بيگ، ڌرمداس مير چنداڻي، آسانند مامتورا، تارا چند ڦٽيل ۽ گوبند مالهي اهم آهن. هنن افسانه نگارن ۾، جن کي امتيازي شان حاصل آهي، اُهي آهن: لطف الله بدوي، نادر بيگ ۽ آسانند مامتورا.
لطف الله بدويءَ جي افسانه نگاري، جامع خصوصيتن جي حامل آهي. هنجي افسانن تي، حقيقت نگاريءَ سان گڏ، مقامي رنگ، نهايت ئي گهريءَ طرح ڇانيل آهي. هو صاحب، شايد اُهو پهريون افسانه نگار آهي، جنهن ڪائنات جي رنگ ۽ بوءِ ۾ رهي به، زندگي جي تلخ ۽ ٺوس حقيقتن کي پنهنجي افساني جو موضوع بڻايو آهي، ۽ زمين وارن سان تعلق رکندڙ مسئلن تي، سوچيو ۽ لکيو آهي. ان ڪري، کيس افسانه نگاريءَ ۾ اوّليت جو درجو حاصل آهي؛ جو هن پنهنجي زندگيءَ کي، پنهنجي فن جو موضوع بڻايو آهي. هنجي اِهڙن افسانن ۾، غريبيت ۽ خوفناڪ بدلي کي امتيازي شان حاصل آهي. مرزا نادر بيگ مرحوم کي به، افسانه نگار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾، اهميت حاصل آهي. مرزا صاحب، هندستان وارن جي رسمن ۽ انهن جي گهرو مسئلن کي، پنهنجي افساني جو موضوع بڻايو آهي- ننڍپڻ جون شاديون ۽ غميون، فضول خرچيءَ جا مهلڪ نتيجا، قرض ۽ بي راه رويءَ جون مصيبتون ۽ مشڪلاتون. اِن خيال کان، هن زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي پنهنجي افساني جو پلاٽ بڻايو آهي. مگر هڪڙي ڪمزوري جا نظر اچي ٿي، سا اِها آهي، ته مرزا صاحب سنڌ جي مقامي رنگ کان دور ٿي، هندستان جي هندن جي مسئلن تي گهڻو بلڪ اڪثر سوچيو ۽ لکيو آهي، ۽ اِن ڪري مٿس سدرشن جو رنگ نمايان آهي. بهرحال، اِهي افسانا به اسان جي سنڌي ادب جي هڪ خال کي گهڻي حد تائين ڀرين ٿا. اَسانند مامتورا جي افسانن کي پڙهندي، اسان جي دل تي، جو اثر ويهي ٿو، سو آهي ته مٿس رومانيت جو اثر گهريءَ طرح ڇانيل آهي، ۽ هن عشق ۽ محبت جي داستان کي، پنهنجي افساني جو موضوع بڻايو آهي.
هن زماني ڌاري، سندر ساهتيه جي نالي سان ڪتابي صورت ۾، هڪ رسالو شروع ٿيو؛ جنهن کي ميلا رام منگترام ترتيب ڏئي رهيو هو. سندر ساهتيه ۾، جي افسانا ڇپجي رهيا هئا، اُهي زياده تر بنگالي، هندي ۽ اُردو افسانن تان ترجمو ٿيل هئا. ميلا رام منگترام ۽ هنجي حلقي ۾، جي ٻيا افسانه نگار پيدا ٿيا، سي آهن: سرائي اُميد علي ۽ دلدار حسين موسوي. هنن ٻن افسانه نگارن، ڪيترائي افسانه ترجمو ڪيا، ۽ پنهنجي افسانن ۾ زبان جي سادگيءَ ۽ سلاست کي برقرار رکيو آهي. ۽ ظاهر آهي، ته هن نئي رجحان جو اثر، اسان جي افسانن تي پئجي رهيو هو، ۽ اِهڙن افسانه نگارن ۾، منشي پريم چند جي افسانه نگاري، نهايت ئي گهريءَ طرح سان اثر انداز ٿي رهي هئي، ايتري قدر، جو اُن وقت، منشي صاحب جي ڪيترن افسانن کي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جن ۾ ميلا رام جو ترجمو ڪيل افسانو، لوڻ جو داروغو اهميت رکي ٿو.
عثمان علي انصاريءَ به ڪجهه طبعزاد افسانا لکيا آهن، جي پنج جي نالي سان، شايع ٿي چڪا آهن. انصاري صاحب، وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، مختصر افسانا لکي، سنڌي افسانه نگاريءَ، ۾ اهم درجو حاصل ڪيو آهي. انصاري صاحب جا افسانا: طرز تحرير کان سواءِ، موضوعن جي خيال کان به، نهايت ئي دلچسپ ۽ بلند پايه آهن. هنجي افسانن جو مرڪزي خيال، زياده تر رومانيت ڏانهن آهي، مگر هن جي ڪن افسانن ۾ انساني فطرت ۽ نفسيات جو به تجزيه ٿيل آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب رهيو آهي، ۽ اِن خيال کان، هو سنڌي افسانه نگاريءَ ۾، هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.
شيخ اياز، سنڌي افسانه نگاريءَ ۾ جو رنگ پيدا ڪيو آهي، اُهو بلڪل نئون آهي، ۽ شايد هن وقت، اياز کان زياده ڪامياب افسانه نگار، ٻيو ڪوبه نه آهي. هن جي افسانن ۾، اسان کي رومان ۽ حقيقت جو امتزاج ملي ٿو، جو اسان جي روزانه زندگيءَ ۽ فطرت جي عين مطابق آهي. اياز جو اسلوب بيان ۽ طرز ادا به دلڪش آهي، ۽ اِهڙيءَ شعريت سان ڀرپور ۽ مٺڙي زبان، شايدئي ڪنهن سنڌي افسانه نگار کي نصيحت هوندي. اياز جي افسانن جو مجموعو، سفيد و حشي جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. هن سلسلي ۾، هڪ ٻي نوجوان افسانه نگار جو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي؛ جو آهي: رام امر لعل پنجواڻي، رام جي افسانن تي فرانسيسي افسانه نگار، موپاسن جو نهايت ئي گهڻو اثر پيل آهي، ۽ هن جا افسانا، جن ۾ جنسي پهلو نمايان آهي؛ سي آهن: انساني مرغي، ٻيڙيءَ جو گهر ۽ راشننگ گرل.، مٿين، مختصر خاڪي مان چڱي طرح معلوم ٿيندو، ته اسان جو افسانو، مختلف منزلون طي ڪندو، پنهنجي آخري منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي؛ جو نهايت ئي درخشده ۽ چمڪندڙ آهي.
سنڌي ادب ۾، سماجي ۽ سياسي حالتن تي به ڪي افسانا موجود آهن. سنڌي افسانن ۾ هن رجحان کي پيدا ڪرڻ ۾، ٻن رسالن، باغي ۽ نئين دنيا نمايان حصو ورتو آهي. آءٌ ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾؛ اِنهن تي تفصيلي بحث ڪندي.
(ريڊيو پاڪستان، 1953)
(1) فّنِ افسانه نگاري سيّد وقار عظيم (ديباچو).
سنڌي غزل جي ابتدا
غزل جي لغوي معنيٰ، عورت سان گفتگو ڪرڻ آهي. عورت دنيا ۾، انسان لاءِ، هميشه لطيف ترين ۽ محبوب ترين چيز رهي آهي؛ ۽ هر دل ۽ دماغ تي، هر زماني ۽ هر عهد ۾، بي پناه اثر وڌو آهي. اِن حالت ۾، ظاهر آهي، ته غزل ۾، بقول احسن مارهروي، صرف اُن جذبات ۽ واردات جو ئي اظهار ڪيو ويندو آهي، جو اُنس ۽ محبت، عشق ۽ معشوق سان وابسته هجي.
دنيا جي وڏن وڏن شاعرن، مصنّفن ۽ فلسفين، عورتن جي متعلق عجيب عجيب ڳالهيون لکيون آهن. عورت، حقيقت ۾، جئن هارگريو چيو آهي: دنيا جي شاعري آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح ستارا آسمان جي شاعري آهن. مگر عورت، هڪ اهڙو ستارو آهي، جو انساني قسمت تي حڪومت ڪري ٿو. ان حالت ۾، شاعريءَ جي دنيا، غزل کي پنهنجو موضوع بڻائي ۽ عرصي تائين، عورت ۽ مرد جي تعلقات کي بيان ڪندي رهي، ته اِن ۾ تعجب جي ڳالهه نه آهي. عّلامه شبلي نعمانيءَ شعر العجم ۾ لکيو آهي:
غزل جي تحريڪ، عشق ۽ محبت جي جذبات سان ٿئي ٿي. پر ايران ۾ مّدت تائين، جنگي جذبات جو زور رهيو آهي. غزل جي ترقيءَ جي منزل، تصّوف سان شروع ٿئي ٿي. تصّوف جو وري تعلق، گهڻي حد تائين، خارجي اثر ۽ جذبات سان آهي، ۽ اِن جي تعليم جو پهريون ابجد عشق ۽ محبت آهي. تصّوف جي ابتدا، جيتوڻيڪ ٽين صديءَ جي آغاز سان ٿي، پر پنجين صدي اُن جي شباب جو زمانو هو، ۽ اِهو ئي زمانو، غزل جي ترقيءَ جو سمجهيو وڃي ٿو.
(جلد 5)
عشق ۽ محبت، هميشه انسان سان گڏوگڏ هلندا آيا آهن، ۽ بلڪل اِهڙيءَ طرح، جهڙيءَ طرح انسان سان زندگي ۽ موت ڳنڍيل آهن. دنيا ڪيترو به مشين ۽ سائنس جي جهڳڙي ۾ جڪڙجي وڃي، ڪيترو به عقل ۽ خرد جي لباس ۾ ڍڪجي وڃي، دنيا تي تهذيب ۽ تمدن جي ديوي ڪيترو به ڇانئجي وڃي، ۽ سندس جذبات کي سرد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري؛ پر دنيا، اِن جذبي کان پنهنجي دامن کي ڪڏهن به بچائي نه سگهندي. دنيا جي بهترين دماغن، اسان جي اڳيان، عشق ۽ محبت جي تعريف ۾، بهترين خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ۽ اِن کي بهترين لباس ۾ ظاهر ڪيو آهي. لوئين گزلير Leon Gozler لکيو آهي: عشق ئي سڀ ڪجهه آهي. اِهو ته خود خدا آهي. رشٽر چوي ٿو: اُها جڳهه فردوس برين آهي، جتي عشق ۽ محبت جو راڄ آهي. اِهي ۽ اِن جهڙا ڪيترائي مثال، دنيا جي ادب ۾ اسان کي ملندا؛ جن ۾ عشق ۽ محبت جي نغمات کي ڳايو ويو آهي. اِهو موضوع، جنهن جي آفاقيت جو سڪو، انسان ذات تي ويٺل آهي، سو ڪڏهن به پراڻو ٿي نٿو سگهي. جرمنيءَ جي مشهور شاعر هين لکيو آهي: عشق ۽ محبت اگرچ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جا پراڻي ٿي چڪي آهي، پر اِن جي باوجود نئين معلوم ٿئي ٿي. دنيا جي دماغن، جيتري طبع آزمائي، عشق ۽ محبت جي موضوع تي ڪئي آهي، ايتري شايد ئي، ٻي ڪنهن موضوع تي ڪئي هوندي. هر هڪ پنهنجي اظهار لاءِ مختلف ۽ علحدا علحدا نمونا اختيار ڪيا آهن، ۽ اِن چيز کي زنده ۽ جاويد بڻايو آهي. غزل به اِهڙن خيالن جي اظهار جو، هڪ اسلوب، ذريعو ۽ طريقو آهي. نه فقط ايترو، بلڪ غزل جو هڪ هڪ شعر، اسان جي اڳيان هزارين اِهڙيون چيزون ٿو آڻي رکي، جنهنجي پس منظر ۾، اسين تهذيب ۽ روايتن کي بي نقاب ڏسون ٿا ۽ اِهي سڀ چيزون پاڻ ۾ گڏجي، اسان تي لطف ۽ انبساط جي ڪيفيت جي حالت ٿيون طاري ڪن.
مختصر طرح، غزل مٿين حقيقت جي پيش نظر، سڀني شاعريءَ جي صنفن ۾ نازڪ، سڀ کان لطيف، ۽ سڀ کان مشڪل آهي. منهنجيءَ راءِ ۾، غزل جذبات جي اصلي مصوريءَ، قلبي واردات جي ترجمانيءَ، تخيّل جي نزاڪت، ۽ محاڪات جي لطافت جو نالو آهي.
عشقيه شاعريءَ جي هيءَ صنف، اسان کي، ايراني شاعريءَ مان ملي اهي. ايران ۾، اِن جو ٻج رودڪي جي هٿن کان پيو؛ جنهن کي اڄ به غزل جو مؤجد ۽ ابو چيو ويندو آهي. ان کان اڳ، ايران جي شاعريءَ ۾، غزل کي ڪو به علحدو وجود نه هو، ۽ ايراني شاعريءَ ۾؛ قصيده گوئي جو رواج هو، ۽ عشقيه شاعريءَ کي به قصيده ۾ ئي جڳهه ڏني ويندي هئي، ۽ شاعر اِن ۾، پنهنجي طبع جو زور ڏيکاريندا هئا. اُهو ٽڪرو، جنهن ۾ عشقيه شاعري هوندي هئي، تنهن کي تشبيب چيو ويندو هو. رودڪيءَ، قصيده مان اِن عشقيه اشعار کي الڳ ڪيو، پر ان جي صورت ۾، ڪا به تبديلي ڪانه آندي، ۽ اڄ اسين، اِن الڳ ٽڪري کي غزل جي نالي سان ڄاڻو ٿا. رودڪيءَ جي غزلن ۾، دلڪشي آهي، ۽ هو پنهنجي وقت جو مسلم الثبوت استاد آهي. عنصري کيس هن نموني خراج تحسين ڏنو آهي:
غزل رود کي وار نيکو بود
غزلهائـﻶ من رود کي وارنيست
غرض، رودڪيءَ اِن ٻوٽي کي لڳايو، ۽ مختلف شاعرن، مثلاً: دقيقيءَ، سنائيءَ، عراقيءَ، مولانا روم، سعديءَ، خسرو ۽ حافظ، اِن کي جگر جو خون پياري، سرسبز ۽ شاداب رکيو، ۽ نئين نئين رنگ جا گل ۽ ٻوٽا پيدا ڪيا.
هر ملڪ ۽ هر زماني جي شاعريءَ تي، اُن ملڪ ۽ زماني جي حالتن، ۽ خصوصيتن جو اثر پوي ٿو. ملڪ جي آب و هوا، قدرتي منظر، رسم ۽ رواج، معاشرتي طرز، عادتون ۽ اخلاق: غرض ڪا به اِهڙي چيز نه آهي، جنهن زبان ۽ شاعريءَ کي متاثر نه ڪيو آهي. سنڌ جي حڪومتن ۾، جيتوڻيڪ ڪيترائي انقلاب آيا، پر سندس شاعريءَ جي خمير ۾، ڪجهه اِهڙا عنصر موجود هئا، جن اِنهن تبديلين ۽ خصوصيتن کي تمام دير سان، قبول ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي زمين، پارسي زبان سان ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾، آشنا ٿي چڪي هئي، ۽ ان دور ۾، ڪيترائي پارسي زبان جا شاعر پيدا ٿيا، ۽ خود وقت جا حاڪم، خصوصاً: شاه حسن ارغون تخلص سپاهي، ۽ مرزا غازي بيگ وقاري، پارسي زبان جا بهترين شاعر هئا؛ پر اِن جي باوجود، سنڌي شاعر پنهنجي خيالات کي هڪ مخصوص طرز ۾، ظاهر ڪندا رهيا، ۽ پارسي زبان جي، ڪنهن به لفظ، ترڪيب يا محاوره کي قبول نه ڪيائون. سندن شاعريءَ ۾، سنڌ جي اُها ئي، صاف ۽ سادي زندگي جي تصوير نڪتل آهي، ۽ ڀٽن جي قصن ڪهاڻين جي اُپٽار سمايل آهي. مگر ميرن جي دور ۾، سنڌي شاعريءَ يڪايڪ پاسو بدلايو، ۽ مٿس پارسي شاعريءَ جو اثر پوڻ لڳو.
ميرن جي صاحبيءَ جو شعر، جو اسان تائين پهچي ٿو، ان ۾، عربي ۽ پارسيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون ڪم آندل آهن، ۽ سنڌي شاعريءَ تي، پارسي شاعريءَ جو اثر نظر اچي ٿو. ان جو مکيه ڪارڻ، شايد اِهو هجي، ته گهڻو ڪري ميرن جي دور جي سنڌي شاعرن به، پارسي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ اُن جو اثر، سندن خيالن ۽ زبان تي به رهيو آهي، جو بلڪل فطري آهي.
سنڌي شاعري، جئن ته پارسي شاعريءَ جي خيالن ۽ لفظن جي جوڙجڪ کي قبول ڪري چڪي آهي، تنهنڪري لازمي هو، ته ڪو اِهڙو صنف سخن هجي، جو سنڌي نما پارسي خيالات کي ظاهر ڪري. سنڌي شاعريءَ تي نظر وجهڻ سان، اسان کي اِها ڳالهه صاف نظر ايندي، ته سنڌي شاعرن ڪنهن به دور ۾، بادشاهه يا امير جي مدح ۾ نه قصيدو لکيو آهي، ۽ نه کين ساراهيو آهي. تنهنجو هڪڙو سبب اِهو ٿو نظر اچي، ته سنڌين جي غيور ۽ خوددار فطرت رهي آهي؛ ۽ ٻيو ته اُن وقت تصّوف ۽ صوفيانه خيالات جو هر شاعر تي رنگ چڙهيل هو. ظاهر آهي، ته اِن ماحول، ۽ اِن زماني ۾ ڪنهن اِهڙيءَ صنف سخن جي ضرورت پئي هوندي جا نه فقط تصّوف ۽ صوفيانه خيالات جي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏي، پر ساڳي وقت عشق ۽ محبت جي ڪار فرمائين جا به گيت ڳائي - ۽ اِهڙين ڳالهين کي، فقط غزل ئي پنهنجي دامن ۾ لڪائي سگهي ٿو. اِن ڪري اِئين چئي سگهجي ٿو، ته سنڌي موزون شاعريءَ جي شروعات غزل سان ئي ٿي آهي.
عام طرح، اِئين خيال ڪيو ويندو آهي، ته غزل جو مؤجد خليفه گل محمد هالائي آهي. مگر ان کان اڳ به ڪن شاعرن، خصوصاً: سچل سرمست جي ڪلام کي پڙهندي، معلوم ٿيندو ته سنڌي غزل جي ابتدا، خليفه گل محمد کان اڳ ٿي چڪي هئي. سچل جي رسالي کي پڙهندي معلوم ٿيندو، ته سنڌي زبان غزل جي دولت کان سچل سرمست جي زماني ۾ ئي مالامال ٿي چڪي هئي. اگرچ، وزن، ڪٿ گهٽ يا وڌ نظر اچي ٿو؛ مگر قياس اِئين ئي چئي ٿو، ته سلطان سچو، غزل ۾، وزن کي تاڪيدي جاءِ ڏني آهي. مگر شايد لکندڙن، ۽ گڏ ڪندڙن جي غفلت کان، وزن هيٺ مٿي ٿيل نظر اچي ٿو. جنهن سچل جو ديوان آشڪارا پارسيءَ ۾ پڙهيو هوندو، تنهن کي چٽيءَ طرح خبر هوندي، ته سچل کي، علم و عروض ۾، ڪيتري نه دسترس آهي. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سچو سائين پارسيءَ ۽ عربيءَ جو عالم هو، ۽ انهيءَ ڪري ئي سندس شعر ۾، پارسي زبان جي جهلڪ گهڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سچل فقير کي، نه فقط پارسي ۽ عربي زبان جي واقفيت هئي، مگر کيس، ان وقت جي، اردو زبان جي به پوري پوري ڄاڻ هئي. پاڻ ريخته جا مالڪ هئا. ان وقت درد، مصحفي ۽ شاهه نصير، جنهن نموني ۾ چيو آهي، بعينه سائين سچل به چيو آهي؛ مثال لاءِ هيٺ شعر ڏيان ٿو:
بيمار هون تيري بره کا، چهوٽن ميرا مشکل هوا
يه درد ميرا ديکهه کر افلاطون لا يعقل هوا
اي يار تم آتا نهين، مجهه پر شفا بخشي کرو
اِس درد ميرﻵ کي دوا، آنا تيرا اک پل هوا
مگر هي منهنجي مقصد کان گهڻو پري آهي. اُردو زبان جي ذڪر ڪرڻ سان، منهنجو مقصد اِهو آهي، ته سرمست سچل تي، اُن وقت جي مروج زبانن جو نه فقط اثر هو، بلڪ کيس اِنهن زبانن تي عبور به حاصل هو. اِنهن سڀني حالتن کي پيش نظر رکي، اِئين چئي سگهجي ٿو ته: سنڌي غزل جي شروعات، سرمست کان سمجهڻ گهرجي. اگرچ، پاڻ الف ب وار، ڪو ديوان نه ڇڏيو اٿن، مگر سندن سنڌي شعر ۾، پارسي لفظ، بندشون ۽ محاورا بعضي بعضي ڪم آيل آهن، سي هيٺ ڏيان ٿو:
تيز تير انداز چشمن يار جن خوني خطاب
ناز پرورده نظر سان ٿيون ڪرڻ عاشق ڪباب
خلق جي پاسو ڪري، يڪگبارگي نيڻون نقاب
ٿي هئي تنجي ڏسڻ سان خلق ساري ئي خراب
ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب
قتل جي اُن کان ٿيا، تنتي ٻيو ڪهڙو حساب
پيا جڏهن قطرا ڪري، بحرين سان ها پر آب
ٿيا سچو روشن اُتاهون آفتاب و ماهتاب
ٻي هنڌ:
آهي اِنهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو
ويٺو وٺي مان آهيان، ڪامل قرار تنهنجو
هن تي ڪرم وڏو ڪيو، جو درد دل پهچايو
ساريان لطف سنڀاريان، آءٌ بيشمار تنهنجو
چاهيو ٿيو، اوهان جو دامن لڳي جو آهيان
سچو غلام غاڻي، هي دغدار تنهنجو.
ٽي هنڌ:
آءٌ اَدا سالڪ سهي ڪر، تون طلسمات کي
ڀڄ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي
سر اِهو سارو سڃاڻج ڪن نه ڏي ڪرامات کي
ظاهر ٿي تان ذات مان ۽ سمجهه هن صفات کي
بي اعتباريءَ سان ڪرين، هر هر نفي اثبات کي
اثبات کان اڳيان لنگهي، ڪر تون طاعات کي
سچو روئين ڇو ايترو، بس ڪر تون برسات کي
تصديع تون ڇو ڏين، محبوب جي محلات کي
مٿين شعرن کي پڙهندي، ڪير چئي سگهندو ته سچل غزل جي، سمورن لوازمات کي نه نڀايو آهي. وزن، رديف، قافيه ۽ لفظن جي جوڙجڪ ڏسي، هن ڳالهه جو قائل ٿيڻو پوي ٿو، ته سرمست سچل، غزل جو مؤجد آهي، ۽ هن سنڌي شعر کي، هڪ نئين دنيا سان آشنا ڪيو آهي.
(1951)
سنڌي مرثيو
شاعري، جيڪڏهن جذبات نگاريءَ جو نالو آهي، ته مرثيه کان زياده حزن ۽ درد و غم جي ترجماني، ٻيو ڪو به شعر نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن، اسين انگلستان جي فلسفي شاعر مل Mill جو رايو قبول ڪيون، ته انساني جذبات ۽ احساسات، شاعريءَ جا روح روان آهن، ته پوءِ، مرثيه کان زياده، ٻيو ڪو به شعر، مؤثر ٿي نٿو سگهي. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو جناب لطف الله بدويءَ مرثيه متعلق لکيو آهي:
جذبات غم، جنهن کي شاعريءَ جو اصلي
روح چئجي، اسان کي ٻين قسمن ۾ گهٽ، ۽ مرثيه ۾ اول کان آخر تائين ملي ٿو.
(تذڪره لطفي، ج 2)
اصناف سخن ۾، مرثيه کي قدامت به حاصل آهي. جيڪڏهن هي سچ آهي، ته شاعريءَ جي ابتدا، حضرت آدم عليہ السّلام کان ٿي، ته پوءِ اُهو پهريون، شعر، جو زمين تي موزون ڪيو ويو، سو مرثيو هو. مصنّف بحر الفصاحت لکي ٿو:
شعر جي ابتدا، آدم عليہ السّلام سان ٿي. جڏهن قابيل هابيل کي قتل ڪيو، ته
حضرت آدم صفي الله، هن جي ماتم ۾، جي اشعار موزون ڪيا، اُهي مرثيه ۾ آهن.
مرثيو حقيقت ۾، شعر جي اُها صنف آهي، جنهن ۾، ڪنهن عزيز يا دوست، امير يا رئيس جي وفات جو واقعو، حزن ۽ ملال سان بيان ڪيو وڃي. مگر اڄ، مرثيه اُهو آهي: جنهن ۾، حضرت امام حسين ۽ اُن جي ساٿين جي شهادت جو حال، ۽ ڪربلا جي واقعي جو ذڪر ڪيل هجي. شروعات ۾،‏ جئن رام بابو سڪسينه لکيو آهي: مرثيه جا اشعار، ممدوح جي صفات حُسنه تائين محدود هوندا هئا، ۽ اُنهن جي موت تي، غم جو اظهار ڪيو ويندو هو. مگر جئن وقت گذرندو ويو، ته اُن ۾، مختلف قسمن جا نوان نوان مضمون، داخل ٿيڻ لڳا؛ جئن: چهرو، ممدوح جي فضيلت، دشمن جا عيب، جنگ جو نظارو، مناظر قدرت، رجز خواني، گهوڙي ۽ تلوار جي تعريف ۽ جنگ جو سامان وغيره. اِن قسم جي مضمونن جي اضافي سان، مرثيه جو رتبو وڌي ويو، ۽ آخرڪار، اِها شاعريءَ جي مستقل شاخ ٿي پئي آهي.
عرب فطرتاً جذباتي آهن، ۽ شاعريءَ جي ابتدا به، عرب ۾ ٿي. ظاهر آهي، ته جذبات جي اظهار لاءِ، هڪ اِهڙو ذريعو گهربو هو؛ جو هنن جي جذبات جي پوري پوري ترجماني ڪري. ان ڪري، بقول عّلامه شبلي نعماني: عرب ۾ شاعريءَ جي ابتدا، مرثيه سان ٿي، جا عين فطرت جي اُصل جي مطابق هئي. يعني اُهي جذبات، جي دل ۾ پيدا ٿيندا ها، اُهي ئي شعر ۾ ادا ڪيا ويندا ها. حقيقت ۾، جذبات ۾ درد ۽ غم جو جذبو، ٻي ڪنهن به جذبي کان، قوي تر آهي. جاهليت جي زماني ۾ ئي، مرثيه جي نشو و نما ٿي چڪي هئي، ۽ نهايت ئي بلند پايه جا مرثيه لکيا ويا. ان زماني جا ٻه شاعر يادگار آهن: خنساءِ ۽ متمم بن نويره. خنساءِ، هڪ عورت هئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ صخر جي موت تي مرثيه لکيو. متمم بن نويره به پنهنجي ڀاءُ جي موت تي مرثيه لکيو، جو خالد بن وليد جي هٿان مارجي ويو هو(1). اُن زماني ۾، مرثيه صرف اُهو ماڻهو چوندو هو، جنهن تي، ڪا غير معمولي حالت طاري ٿيندي هئي. مگر جڏهن شاعريءَ جي اصلي حالت ۾ ڦيرو آيو، ۽ معاش جو هڪ ذريعو ٿي پئي، ته مرثيه جي اهميت گهٽجي وئي، ڇو ته مدحيه قصائد جي مقابلي ۾، هن مان ڪجهه به ملڻ جي اُميد ڪانه هئي. هن ئي زماني ۾، دنيا ڪربلا جي المناڪ ۽ قيامت خيز واقعي کي اشڪبار اکين سان ڏٺو. هي اِهڙو واقعو آهي، جو ان وقت جي حادثن کي اڄ به ياد ڪري، خون جا ڳوڙها وهن ٿا، ۽ تن بدن ۾ هڪ لرزش پيدا ٿي وڃي ٿي. مگر جئن ته بنو اُميه جي سطوت ۽ ڄباري ڇانيل هئي، تنهنڪري عربن جي جذبات مرده ٿي چڪي هئي، ۽ هي فن، هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. عّلامه شبليءَ لکيو آهي:
هي هڪ اِهڙو واقعو هو، جو جيڪڏهن
عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها، ته
اِهڙا ته زوردار مرثيه لکيا وڃن ها، جو
سڄي دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.
ايراني شاعري، تڪلف، آورد ۽ مداحيءَ تي قائم آهي. اِن ڪري اُها شاعري، جنهن جو تعلق جذبات سان آهي، سا ايرانين مان مفقود آهي. جيتوڻيڪ فردوسيءَ، سهراب جي قتل تي، سندس ماءُ جي واتان مرثيه چوايو آهي، مگر اُن ۾، ايترو زور نه آهي، جو جذبات کي برانگيخته ڪري سگهي. پر ايران ۾، هڪ اُهو به دور آيو، جو تاتارين جو سياهه طوفان اُٿيو، جنهن عباسي خاندان کي اِهڙي نموني ختم ڪيو، جو مرثيه لکڻ وارا به نه رهيا؛ ۽ درياهه دجله جو پاڻي به سرخ ٿي ويو. ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن کي هلاڪو غارت ڪيو؛ ۽ ايران تي قنوطيت ڇانئجي وئي. ادب جو پيدا ٿيو، اُهو اُنهن جو صحيح مرقعہ بڻجي ويو. هن دور ۾، بنو عباس جي خاتمي، ۽ عام تباهيءَ تي، مختلف شاعرن، مرثيا لکيا. سعديءَ به اِن ۾ حصو ورتو، مگر صرف هن حد تائين:
آسمان را حق بود گرخون ببارد بر زمين
بر زوال ملک مسطعصم امير المومنين
صفوي خاندان، جو مذهباً شيعه خاندان هو، اُن کي جڏهن عروج حاصل ٿيو؛ ته مرثيه گهڻي ترقي ڪئي. شاهه طهماسپ؛ جنهن کي خاندان رسالت سان عشقيه نيازمندي هئي، تنهنجي زماني ۾، مرثيه اڃا به عروج حاصل ڪيو. هن زماني ۾، محتشم ڪاشي، هڪ بلند پايه مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي، ۽ سندس مرثين کي، حد کان زياده مقبوليت حاصل ٿي. مگر جئن ته قصيده ۽ مدح جو رواج زياده هو، ان ڪري، ان جو رنگ مرثيه تي ڇانئجي ويو، ۽ مرثيه دٻجي ويو.
اُردو شاعريءَ ۾، مرثيه نگاري ڪڏهن شروع ٿي، تنهنجو اندازو لڳائڻ، البته ڏکيو آهي. مگر مختلف تذڪرن کي اُٿلائيندي، اِها خبر پوي ٿي: ته ميان مسڪين، شايد اُهو پهريون شاعر هو، جنهن مرثيه کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻايو. هن نهايت ئي گهڻا مرثيه لکيا آهن. سودا جي، هن شعر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ميان مسڪين کي، مرثيه نگاريءَ ۾ ڪمال حاصل هو:
اسقاط حمل هو ته کهين مرثيه ايسا
پهر کوئي نه پوچهي ميان مسڪين کهان هي.
اُردو جي مرثيه گو شاعرن ۾، مرزا رفيع سودا جو نالو ورتو وڃي ٿو. مگر جئن ته سودا، طبعاً خوش باش ۽ بي فڪر انسان هو، ان ڪري هو رنج ۽ غم جي اثر کان متاثر ٿيڻ؛ ڄاڻندو ئي ڪونه هو. اِهو ئي سبب آهي جو هن جي مرثين ۾ جذبات جو فقدان آهي، ۽ لفاظيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اُردو ۾ مرثيه کي، جن جي هٿان عظمت حاصل ٿي، اُهي انيس جي خاندان جا فرد هئا. مير انيس جي هن مصرع مان: پانچوين پشت هي شبير کي مّداحي مين، مان ثابت ٿئي ٿو، هن هن فّن کي گويا مذهبي فرض سمجهيو ويندو هو. ظاهر آهي، ته جڏهن ڪنهن به چيز کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي ٿو، تڏهن ان ۾ جي جولانيون ڏيکاريون وڃن ٿيون، اُهي حقيقي ٿين ٿيون، ۽ جذبات ۽ احساسات جي پوري ترجماني ڪن ٿيون. غرض، مير ضمير، ۽ مير خليق کان مرثيه تدريجي ترقي ڪندو، مير انيس ۽ مرزا دبير تائين پهتو، تڏهن اُن ۾، جي جوهر پيا ٿيا، اُهي دنيا جي ڪا به شاعري مشڪل سان پيش ڪري سگهي ٿي. واقعن ۽ ڪيفيتن جي، جا تصوير ڪڍي وئي آهي، اُها ذڪر کان بي نياز آهي. حقيقت ۾، هنن فرسوده ۽ پراڻين ڳالهين ۾، نوائي ۽ جّدت پيدا ڪئي، جا هڪ لامحدود صلاحيت جو کليو دليل آهي. مير انيس کي، شايد اِن ڳالهه جو احساس هو؛ جو هڪ هنڌ فخريه چوي ٿو:
لگا رها هون، مضامين نوکـﻶ پهر انبار
خبر کرو ميرﻵ خرمن کـﻶ خوشه چينون کو
سنڌي شاعريءَ ۾، مرثيه جي ابتدا، ڪڏهن ٿي، تنهنجو اندازو لڳائڻ جي مشڪل نه آهي، ته به ايترو آسان نه آهي. شاهه عبداللطيف جي رسالي جو سر ڪيڏارو، جو ڏانهس منسوب ڪيل آهي؛ اُهو درحقيقت احسان فقير ۽ فتح فقير جو چيل آهي، جنهن متعلق مرحوم دين محمد وفائي لکي ٿو:
.... سر ڪيڏاري بابت، يقيني طرح چئي
نه سگهبو نه ڪو شاهه جو چيل آهي، پر
جيڪڏهن هنن چيو وڃي، ته شاهه صاحب
جو چيل ئي نه آهي، ته ڪنهن حد تائين
درست آهي.
(لطف اللطيف: ص: 141)
تنهن ۾، اسان کي دوهن جي صورت ۾، امام حسين ۽ ڪربلا جي واقعات، جنگين ۽ لڙاين جو نظارو وغيره، چڱي طرح چٽيل نظر اچي ٿو. هڪ هنڌ جنگ جي تياريءَ جو نظارو هئن ٿو اچي:
ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، سائو سلحدار
هڪ ڀائر، ٻيا ڀائٽيا، ٽيا جاني جگردار
حورن ٻڌا هار، سهرا شهيدن کي
ٻي هنڌ ڪربلا جي ميدان ۾ اچڻ جو نظارو، هئن نڪتل آهي:
ڪامل ڪربلا ۾، آئيا جُنگ جوان
ڌرتي ڌٻي لرزي، ٿرٿليا آسمان
ڪره هئن ڪان، هو نظارو نينهن جو
هيٺين سٽن ۾، شهيد جي شهادت تي، ساري ڪائنات ماتم ڪندي نظر اچي:
حسن مير حسين کي رنو ٽن ٽولن
گهر ماڙهين، جهنگ ۾ مرون، اُڀن ۾ ملڪن
پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن
الا شهزادن، سوڀون ڏيين سچا ڌڻي
هنن سٽن کي پڙهندي، جيتوڻيڪ دل تي رقت طاري ٿئي ٿي، مگر اُهي خصوصيتون، جي مرثيه لاءِ ضروري آهن سي اڻ لڀ آهن. سر ڪيڏاري جي شعر کي، هونءَ به رزمي شعر جي دفعي ۾ آڻي سگهجي ٿو: جنهن لاءِ خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رايو موجود آهي:
سر ڪيڏاري کي رزمي شعر جي قطار ۾ آڻي سگهجي ٿو. ڪن ڪن بيتن ۾ مرثيه جي
لغار لڳل آهي.
(مقدمہ: ص: 157)
سر ڪيڏاري جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ، اسان کي قديم مرثيه گو شاعر نظر اچن ٿا؛ اُنهن ۾ مخدوم عبدالله ٺٽوي، سيّد خير شاه ۽ مولوي احمد اهم آهن. ڪجهه سگهڙن جا نالا به نظر اچن ٿا. اُنهن ۾ چنڻ فقير جو نالو ذڪر جي لائق آهي. چنڻ فقير جي متعلق ڪجهه به معلوم ٿي نٿو سگهي. اسان کي سندس هڪ سلام ملي ٿو، جنهن ۾ نهايت ئي رقت آميز لفظن ۾، امير مسلم ۽ سندس ٻن پٽن جي شهادت جو ذڪر ڪيل آهي. بياض سنڌي مرثيه، جوهري سنگهه، تاجر ڪتب سکر واري، 1900ع ۾ ڇپايو هو، تنهن ۾ اِهو موجود آهي. ٿورا شعر پيش ڪيان ٿو:
جان ڪي آءٌ جيئرو رهان
هي حادثو ساريو ڳران
هن وڇوڙي کان مران
اي منهنجا آغا حسين
ڪوفي ۾ آيا هلي
دعوت دغا جي تن ملي
بيعت ڪيون تنهنجي ڀلي
اي منهنجا آغا حسين
دغا ڏئي در بند ڪياءُ
سڏي مسلم شہ ڪٺاءُ
ٿي شهيد معراج ڪياءُ
اي منهنجا آغا حسين
ڳولهي شهزادن کي لڌائون
لب فرات نيئي ڪٺائون
اِهو ستم مرڪي سٺائون
اي منهنجا آغا حسين
مخدوم عبدالله ٺٽوي (متوفي 1753ھ، شهادت نامو لکيو آهي. شهادت نامي ۾، حضرت حسن جي شهادت کان وٺي، حسيني قافلي جي دمشق پهچڻ تائين، مفصل ذڪر ڪيل آهي. هي شهادت نامو، قديم سنڌي، يعني ابوالحسن ۽ ضياءالدين واري نوع ۾ لکيل آهي، ۽ هڪ تاريخي ڪتاب کان زياده اهميت نٿو رکي.
سيُّد خير شاهه پرديسي، هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. تذڪره لفطيءَ ۾ آهي: ته سيد خير شاهه ثابت علي شاهه جو همعصر هو. سيّد خير شاهه جو ڪلام، تمام گهڻو آهي، جنهن ۾ جنگ نامي جي مقابلي ۾، ٿورو وسيع آهي، يعني هن ۾، جدا جدا نبين، جي تڪليفون ۽ سختيون سٺيون آهن، تن کان وٺي، امام حسين جي شهادت ۽ ڪربلا جي واقعن تائين بيان ڏنل آهي. جنگ نامي تي تذڪره لطفيءَ جو صاحب لکي ٿو:
...... مگر جنگ نامي جو شعر، ثابت علي شاهه جي موتين سان مٽ پئجي نٿو سگهي.
(ج: 2 ص: 299)
جنگ نامي مان هڪ سعر پيش ڪيان ٿو:
قلم قضا جو، ڪاتب لکيو، ريءَ رب تنهنکي ڪير رسي
خاوند جي گهر جنهن پر جهڙي، تنهن پر تهڙو مينہ وسي
جيڪي ڄاڻي ڄاڻڻ وارو، ٻئي نه ڪنهين کي ڪل قصي
ايڏا ڪم ڪريم سندا، جو دشمن سانڍيو دوست دسي
آل عبا سان غير گنہ، ڪيڏو قهرستان ٿيو.
ملا حسين ڪاشفيءَ جي ڪتاب، روضة الشهدا جو سنڌي ڏوهيڙن ۾ ترجمو، مولوي احمد ڪيو آهي. روضة الشهدا پارسي نثر ۾ لکيل آهي. هن ۾ به امام سڳورن جي زندگيءَ جو مفصل ذڪر ڪيل آهي.
قديم مرثيه گو شاعرن جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ، مان اُنهن شاعرن جو ذڪر ڪريان ٿو، جن موزون شاعريءَ ۾ مرثيه گوئي ڪئي آهي، ۽ دنيا ئي مرثيه نگاريءَ جي سمورين خصوصيتن ۽ لوازمن کي، سنڌي مرثيه سان آشنا ڪري، ان کي وسعت ۽ بلندي بخشي آهي. پهريون مرثيه گو شاعر، جنهن جي مرثين ۾ سڀ خصوصيتون نظر اچن ٿيون، اُهو سيّد ثابت علي شاهه آهي.
سيّد ثابت علي شاهه، ميرن جي دور جو يادگار شاعر آهي. ايران جي صفوي خاندان جيان، مير صاحب به اهلبيتن جي حب رکندڙ هئا. ازانسواءِ، مير صاحب خود به شعر ۽ شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙ هئا، ۽ هنن جي دور ۾، سنڌيءَ شاعريءَ جي، نه فقط پارسي شاعريءَ سان آشنائي ٿي، پر اُن جي تتبع تي، سنڌيءَ ۾ شعر گوئي ٿيڻ لڳي. اِهي سڀ ڳالهيون هيون، جو ميرن جي درٻار ۾، مرثيه نگاريءَ جي، نه فقط سرپرستي ڪئي وئي، مگر ان نشونما به پاتي. ثابت علي شاهه، ميرن جي درٻار جو رڪن هو. ان ڪري مٿس ايراني شاعريءَ، ۽ درٻار جي ماحول جو اثر پوڻ لازمي هو.
ثابت علي شاهه، مرثيه لکي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ انقلاب آندو آهي. نه فقط ايترو، پر جيڪڏهن اِئين چئجي، ته هو سنڌي مرثيه جو مؤجد آهي، ته به ڪنهن حد تائين صحيح آهي. ان متعلق خود لکي ٿو:
مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪونه اصلي سنڌ ۾
جي ڪوهو تان پڻ نه هو مشهور هن پر هرڪجا
مرزا قليچ بيگ، سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي:
ثابت علي شاهه، اصل نئون طرز اختيار ڪيو، ۽ وزن پارسي بيهاريو، ۽ سنڌي شعر سان گڏ، پارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح اِهڙا بيهاريا جو هن جي شعر پڙهندي ڏاڍي لذت ٿي اَچي.
(سنڌي مرثيه: ج 1)
سيّد ثابت علي شاهه جي مرثين ۾، اسان کي اُهي سڀ خوبيون ملن ٿيون، جي مرثيه ۾ هئڻ گهرجن. جيتوڻيڪ مسڪين ۽ مقتل جا ڪيترائي مرثيه ترجمو ڪيا اَٿائين، جنهن جو خود به اقرار ڪري ٿو:
تنهن تون بي حد مرثيا مسڪين مقتل ترجما
ٿي چيم، جئن مومنن سڀ ڪنهين دفتر ڪيا.
مگر اُنهن کي پڙهندي، ڪڏهن به اِئين محسوس نٿو ٿئي، ته ڪو اِهي مرثيا، ترجمو ٿيل آهن. حقيقت ۾، ثابت علي شاهه کي، جا شهداءِ ڪربلا ۽ آئمه معصومين سان حب هئي، اُها عشق جي منزل تي پهچي چڪي هئي. جنهن ڪري، جو ڪجهه به هن جي زبان مان نڪرندو ويو، اُهو درد ۽ غم جي تصوير هو، ۽ بي حد رقت خيز! شايد اِهو ئي سبب آهي، جو اسان کي، سندس مرثين ۾: بلا جو سوز ۽ گداز ملي ٿو. سندس مرثين ۾، اسان کي ڪربلا جي واقعن جي صحيح پر مؤثر ملي ٿي. لفظن جو انتخاب، واقعات جي ترتيب، جنگ ۽ پهلوانيءَ جو ذڪر؛ نهايت ئي وڻندڙ انداز ۾ ڪيل آهي. مرثيه نگاريءَ ۾، ثابت علي شاهه کي، جا بلندي حاصل آهي، تنهن جو اعتراف، پوين مرثيه نگارن پڻ ڪيو آهي. آخوند محمد عالم، سندس هڪ مرثيه جو تتبع ڪندي، کيس هئن ٿو خراج تحسين ڏي:
سيّد ثابت علي جو آهي هي عالم غمگين غلام
جنهن جي مرثيه جو تتبع ڪيائين طرفه تمام
نه فقط ايترو، پر اڳتي هلي پاڻ کي ثابت ثاني سڏائڻ ۾ فخر وٺي ٿو:
عالما مثل فصيح آهين تون افصح بڪلام
بعد ثابت علي، منجهه سنڌ تون ثابت انجام
مير حسن علي حسن، جو پاڻ به هڪ ڪامياب مرثيه گو شاعر آهي، تنهن به، ثابت علي شاهه جي عظمت جو اقرار ڪيو آهي:
چئي جيڪي ثابت علي شاهه ويو
ٻيو سنڌ ۾، ڪنهن شعر اِهڙو نه چيو
ڪلام اُن جو مون غور سان جڏ ڏٺو
ڏٺم ڄڻ ڪنهن قالب مان پلٽي ڪڍيو
نه هو شعر هئي تازگي روح جي
سخن اِهڙو ٻيو ڇا ڪري سگهندو چئي
سيّد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاريءَ جي اهميت اِتي ختم نٿي ٿئي؛ پر سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙن به؛ کيس هڪ قادر الڪلام شاعر تسليم ڪيو آهي. سندس مرثيه تي تذڪره لطفيءَ جو صاحب، ناقدانه نظر وجهندي فرمائي ٿو:
..... هي ان جو اعجاز آهي، جو سنڌ ۾ پوءِ به ڪي مرثيه گو گذريا آهن، مگر ساڻس ڪو به مٽ نه پئجي سگهيو آهي.
سيّد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاريءَ تي، هن کان اڳ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، مگر جو ڪجهه مٿي لکي آيو آهيان؛ اُهو شايد اڌورو رهجي ويندو: جيڪڏهن آءٌ هن جي ڪن خصوصيتن جو بيان نه ڪندس. پياس ۽ اُن جو اثر، خاص ڪري اُن حالت ۾ - جڏهن نهر سامهون وهندي هجي، ۽ اُن تائين پهچڻ لاءِ سڀ واٽون بند هجن، تڏهن اُها شّدت اختيار ڪري ٿي:
ساقيءَ ڪوثر جو پوٽو اڃ کان جڏهن بيتاب ٿيو
تڏ ولد صالح وارائي واڳ والد ڏي هليو
چئين: اي بابا العطش ڏس مون کي اُڃ بيتاب ڪيو
ان جگر گهايل اچي پنهنجي جگر جانيءَ کي چيو:
منهنجا اڪبر، آءٌ ۽ تون اڄ بي اُڃا ٿيندا شهيد
هل تون ڪؤثر جام پي هن جي پر وڻي رب الوحيد
جڏهن اُڃ جو اهل بيت تي طوفان ٿيو تمام
معصوم شير خوار زبان خشڪ و تشنه ڪام
ٻاڪار کان ٻچن جي قيامت مچي ٿي قيام
فرياد العطش پئي در خيمهءِ امام
هـﻶ هـﻶ کجاست ساقيءِ کوثر که شربتي
آرد به اهل بيت خود از روئي شفقتي
جذبات نگاتر، مرثيه جو اهم جزو آهي. سيّد ثابت علي شاه جا اڪثر مرثيه، جذبات جي زير ۽ بم سان ڀريل آهن.
مثال طور: علي اڪبر، جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ کان اڳ، جا پنهنجي عزيزن سان موڪلاڻي ڪري ٿو، سا نهايت ئي رقت خيز آهي:
شاهه گهوڙي تان لهي ڀاڪر وڌو فرزند کي
ڳل ڳراٽي پائي دلبر دادلي دلبند کي
رت هنجون روئي چمي منهن پٽ جگر پيوند کي
چئين ابا، ڇا عذر جي، اِهڙي وڻي خاوند کي
آهي اڪبر تنهنجو منهن ساڳيو محمّد جو جمال
هل محمّد کي هلي ڏيکار منهن لوهون سين لال
اي پڦي زينب ابي جي ڀيڻ پياري الوداع
تنهنجا ٻئي پٽ ٿيا ابي تان جان نثاري الوداع
قاسم نو شهه امان شهه ڪاڄ واري الوداع
آءٌ به قاسم گڏ ڪسان، مونکي رضا ڏيو صاحبو
مر خدا راضي رهي، ائين پڻ رضا ڏيو صاحبو
رزم مرثيه جي خاص خصوصيت آهي. ثابت علي شاهه اڪبر جي لڙائي جو ذڪر هئن ٿو ڪري:
ٿي اڃا هيءَ گفتگو ان ساڻ ڪئي اُن نابڪار
تا علي اڪبر اچي هل من مبارز ڪئَي پڪار
شير ڪئي شمشير هٿ ۽ چيو قضا درڪار زار
لافتا اِلا علي لاسيف اِلا سيف اِلا ذوالفقار
صاحب دلدل جي پٽ رڻ ۾ ٿي جولان ڪيا
ها ملڪ مدهوش وڪرو بي به ٿي قربان ڪيا
ٿي ڪڏهن مارئين ميمنه ملحدن تي مرد تيغ
ٿي ڪڏهن ڪاهئين ميسره جي مشرڪن تي بي دريغ
سرڪشن جا سر وڍي رڻ ۾ وسائين مثل ميغ
ان زبردست ٿي جهان، زير و بر ڪيا مثِل ضيع
جئن که ڏاڏس مرتضيٰ بدر و احد ڪافر ڪٺا
تئن ٿي اڪبر ڪربلا ۾ شام جا لشڪر ڪٺا
ٻئي هنڌ جنگ جو نظارو هئن ٿو ڪڍي:
ڪربلا رڻ ۾ قضا جڏهن موت جي بازار ڪئي
جنس تيغ و تير خنجر آڻي اُت انبار ڪئي
بوترابن ان خريداريءَ تي پنهنجي وار ڪئي
مرتضا جي فرزندن سودي جي سٽ يڪبار ڪئي
(1) مواز نه انيس و دبير عّلامه شبلي نعماني، ص: 11
هڪ هنڌ سج جي تپش جو بيان هئن ٿو ڪري:
۽ سوار ان جو به سج بر صفحهءِ محشر ٿيو
اڀرندي سو تاءُ ڪئن جئن سو قيامت قهر ٿيو
ثابت علي شاهه جي مرثين مان، تمام ٿورا مثال ڏنا اٿم. هونءَ به، هن جي مرثين تي، گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. تاهم به ڪي چيزون رهن ٿيون، جن کي آئينده صحبت لاءِ ڇڏيان ٿو. سيّد ثابت علي شاهه کان پوءِ، جي مرثيه گو ٿي گذريا آهن، اُنهن ۾: سچل سرمست، فقير بيدل، شاهه نصير نقشبندي، مير حسن، مرزا ٻڍل بيگ، عبدالحسين سانگي مرزا قليچ بيگ، ۽ خواجه ناصر علي اهم آهن.
سچل سرمست، هڪ صوفي منش شاعر هو. پر جيڪڏهن هنجي ڪلام ۾، اسان کي موزون مرثيه به نظر اچن؛ ته اِها هنجي شاعرانه عظمت آهي. سچل جا ٻه مرثيه نظر مان گذريا آهن- جي چار بيتي آهن. مرثيه جو مسلسل هئڻ لازمي آهي؛ يعني جو واقعو بيان ڪيو وڃي؛ اُهو ترتيب وار هجي، ۽ منجهس ربطه ۽ تسلسل قائم رهي. مگر سچل جا مرثيه، اِن جي برعڪس آهن. سچل، هڪ ئي مرثيه ۾، ڪربلا جا سمورا واقعات بيان ڪري ٿو. سچل، جئن ته ثابت علي شاهه جو همعصر هو، ان ڪري، سندس مرثيه نگاريءَ تي، ثابت علي شاهه جو رنگ چڙهيل؛ ايتري قدر جو هڪ بند ۾ ته ثابت علي شاهه جو خيال به اَدا ڪري ويو آهي. ڏسو ثابت علي شاهه چوي ٿو:
يا نبي تنهنجي نواسي نامور کي ظالمن
سر وڍي ڌڙ خاڪ ۽ رت ۾ ڇڏي ويا بي دفن
تنهن تن بي سر کي اڄ پاراءِ ڪوئي تون ڪفن
چار تڪبيرون جنازه چئي دفن ڪر با جتن
هاءِ هي مظلوم آهي، دلربا تنهنجو حسين
ڏئي دغا ڪوٺي ڪٺوا هل جفا تنهنجو حسين
سچل سرمست کي ڏسو ڇا ٿو چوي:
يا نبي تنهنجي نواسي جا سڀئي خورد و ڪلان
پٽ تي پيا پرزن تي پرزا ڪوفيان و شاميان
ڌڙ ڇڏي ڌرتيءَ تي، سر چاڙهائين بر نوڪ سنان
واستم واحسرتا ڏس يا محمّد الغياث!
اِنهن ڳالهين جي باوجود، اسان کي سچل جي مرثين ۾؛ جذبات نگاري ۽ واقعه نگاري نهايت ئي بلند درجي تي ملي ٿي. امير مسلم جي پٽڻ جي نااُميديءَ جي حالت، ڪهڙي نه جذبات خيز نموني ۾ ڪڍي ٿو:
ظلم جون زيلان ڪرن، داور سندي درگاه ۾
ڪئَن وڌءِ آغا اسان کي، هئن اِنهي اونداه ۾
هئي نه بابا سان ويا سي قتل جي جنگاهه ۾،
ڪئن ڏسون هي ڏک سڀيئَي، گرفتاري يا حسين!
قاسم شادي ڪري، پنهنجيءَ نئين شادي ڪيل زال کان موڪلائي، جڏهن ڪربلا جي ميدان ڏانهن وڃي ٿو، تڏهن سندس زال وڇوڙي جو سور پي، فقط خدا کان شڪايت ٿي ڪري:
ورڄي وڇڙڻ کون ونيءَ في الحال ڪيو فرياد آه
چئين هي قادر آه ڪهڙو، قهر باري بادشاه
ٻي هنڌ، قاسم جو ڪربلا جي ميدان ۾ وڃڻ جو واقعو، اڃا به دلگداز طريقي تي بيان ڪيو اَٿائين:
سو به نو رنگِ نهالِ باغ المجتبيٰ
لاڏلو لائون لهي، ورنهن ونيءَ کان ٿيو جدا
سر ٻڌي سهرا وڃي، رڻ ۾ رسيو رب جا رضا
پير ۽ هٿڙا مٺا ڏس يا محمّد الغياث!
هيءَ ته ٿي جذبات نگاري، پر سچل واقعه نگاريءَ ۾ به ڪمال ڪيو آهي. خاص طرح، جڏهن امام حسين عليہ السّلام، گهوڙي تي چڙهي، جنگ جي ميدان ۾ اَچي ٿو، تڏهن جو جنگ جو نظارو ڪڍيو اٿائين، اُهو قابل تعريف آهي:
سان ٻڌڻ گهوڙو واريو، جوان جابر جنگ ۾
تان پوي ڪاهي اُمالڪ تاب تيرون تنگ ۾
تير ۽ تيغون کتيون، ۽ خار نيزا ختنگ ۾
هيءَ مشقت پاڻ تي گهوڙي گذار يا حسين!
شاهه جو گهوڙو پيو ڪاهي گهڻي گهمسان ۾
هي ترارون تار ڪيو، هي جنگ هو جولان ۾
اَسپ جون اکڙيون هيون، هن نر جي نيشان ۾
آسمان ڌرتي برابر ڌنڌڪاري يا حسين!
هيٺين مصرع ۾، سنب جو هڪ معمولي لفظ آڻي؛ شاعر نه فقط زور پيدا ڪيو آهي، بلڪ محاڪات ۽ حسن بلاغت جو به بهترين مثال پيش ڪيو آهي:
سنب گهوڙي جا برابر جنگ ۾ جلوا ڪرن
مون هت، نهايت مختصر طرح، سچل جي مرثيه نگاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. حقيقت هي آهي، ته سندس مرثين ۾، جذبات نگاريءَ ۽ واقعه نگاريءَ کي، وڏو دخل آهي.
سچل جيئن ته صوفي هو، ان ڪري آل رسول جي حب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، ۽ ان ئي جذبات جو اظهار مرثين ۾ ڪيو اَٿائين.
مير حسن علي حسن کي، سنڌي شاعريءَ ۾، هڪ رزمي شاعر جي حيثيت سان، پيش ڪيو ويو آهي. مگر درحقيقت، مرثيه نگاريءَ ۾، هن کي بلند درجو حاصل آهي؛ چوي ٿو:
يقين ڄاڻو هيءَ ڳالهه اي سامعان
نه ٻي شعر ڪنهن تي هلندي منهنجي زبان
بجز مدح آل رسول ڪرام
عليہ الصّلواة و عليہ والسّلام
هن مان ظاهر آهي، ته سندس مرثين ۾، ڪيتري نه سوز و گداز جي تصوير چٽيل هوندي. مير حسن جي مرثين کي، گلزار ماتم جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي. مير صاحب جي مرثين کي، ٽن ڀاڱن ۾ وراهي سگهجي ٿو؛ جنهن لاءِ خود جناب احسن ڪربلائي لکي ٿو: سندس مرثيه ٽن قسمن جا آهن: ترجمه، تتبع ۽ خود ساخته. هن جي مرثيه تتبع ڪيا آهن، تن ۾ غضب جي رواني، ۽ درد سمايل آهي. سيّد ثابت علي شاهه جي هڪ سلام جو تتبع ڪيو اَٿائين، ڏسو ۽ ڀيٽيو:
ڪربلا جي قتل جي، ڪر ڪا خبر اي آسمان
ڪئن ڏٺئي نيزن چڙهيا، شاهن جا سر اي آسمان
هي خدا جا قطب تارا، عرش ڪرسيءَ جا جڙاءَ
هي رسول الله جا، شمس و قمر اي آسمان
حسن جو سلام:
مرتضا جو قتل ٿيو پيارو پسر اي آسمان
ڪئن رهين هن حادثي کان، بي خبر اي آسمان
سر شهيدن جا چڙهي، نيزي مٿي روشن ٿيا
يا منّور هوا سندءِ، شمس و قمر اي آسمان
توکي رئڻو هو جڏهن، لب تشنه هو شاهه شهيد
ان کان پوءِ هي ڇا ڪبا، تنهنجا ڪڪر اي آسمان
جڏ حسين ابن علي، گهائل ٿي گهوڙي تان ڪريو
توکي گهربو هو ڪرڻ، تڏ بي اثر اي آسمان
مير صاحب، ثابت علي شاهه کان پوءِ، جيڪڏهن مرثيه نگاريءَ کي تڪميل تي نه پهچايو، تڏهن به هن جا مرثيه جامع ۽ مڪمل آهن. هڪ هنڌ فخريه چوي ٿو:
شعر جي ميزان جو، پله پيو زمين تي بس گران
تون حسن ارزان ڪري، چاڙهيو به اوج آسمان
مرثيه گوئي جو قطعاً ڪونه هو اڳتي گمان
ٿي پڙهيا هر سال نوح، ڪنهن پراڻا داستان
مرثيه گوئي ۾ تو جادو فني ڪئي اختيار
جنهن کي دعويٰ هجي هي گوءِ هي ميدان بيار
هيءَ معمولي دعويٰ نه آهي. شايد مير انيس جي هن شعر کان متاثر ٿيو آهي:
سبک هو رهي تهي ترازئـﻶ شعر
مگر هم نـﻶ پله گردان کرديا
مري قدر کر اي زمين سخن
تجهـﻶ بات مين آسمان کر ديا
مير حسن جي هيءَ دعويٰ، جيتوڻيڪ تعليءَ جي حد تائين پهچي ٿي، مگر جئين مٿي چيو ويو آهي، هن جا مرثيه، سنڌي مرثين م بلند آهن. شوڪت الفاظ ۽ خيالات جي بلند پروازيءَ کان، نهايت ئي پاڪيزه آهن. نه فقط ايترو، مگر منجهن رواني به غضب جي آهي. ان روانيءَ ۾، جو خلوص ۽ درد سمايل آهي، سو خاص اهميت رکي ٿو. مير حسن، ڪربلا جي مختلف الميه واقعات کي، هڪ مؤثر طريقي تي بيان ڪيو آهي؛ جنهن ڪري منجهس بي حد درد، رقت ۽ سوز و گداز به سمايل آهي، مير حسن پنهنجي مرثين ۾، ڪثرت سان نهايت ئي جاذب صنائع ۽ بدائع ڪم آندا آهن. امير مسلم جي پٽن جي سونهن کي، هڪ هنڌ هئن ٿو تشبيہ ۾ آڻي:
چئين دل ۾، هي ته تمثال ملڪ يا ڪو بشر آه
گويا ته درختن ۾ نهان، قرص قمر آه
هيٺين بند ۾، امير مسلم جي پٽن جي خوف جو محاڪاتي طور تي جو نظارو ڪڍيو اٿائين، سو سندس مرثين کي بلند مقام ڏئي ٿو:
تڏ چيائين ڪير آهيو اوهين، هن هنڌ ٿيو پنهان
ٻئي ويا ڏڪي پاڻيءَ ۾ ڏڪي جئن مہ تابان
رعشو هو بدن تي، ۽ سڄا بيد جئن لرزان
چئون مسلم مظلوم جا آسين آهيون دل و جان
مگر مير حسن جو اصلي جوهر، تڏهن ٿو کلي، جڏهن هو ڪربلا جي واقعات تي لکي ٿو. هي هن جو ڪمال آهي، جو هڪ معمولي واقعي کي به، نهايت ئي وضاحت سان پيش ٿو ڪري؛ جنهن ڪري جزئيات هن جي مرثيه نگاريءَ جو عنصر ٿي پيو آهي. جڏهن امير مسلم، جي شهادت جي خبر، امام حسين کي پوي ٿي، تڏهن هن جي قبر بابت به پڇي ٿو؛ جنهن ڏانهن شايد ڪنهن جو توجهه به نه وڃي:
روئندي روئندي تڏهن پڇيو شاه ڪربلا
اُن هڻي هٿ سر تي، چيو فرياد يا شاه هدا
ڇا پڇيو تو مون کون، اي فرزند شاه اوليا
غسل ڪنهنجو ڪنهن ڪفن ڪنهنجي قبر ۽ دفن ڇا
ان طرح ڪو دفن ڪمتر آهي ٿيو منجهه ڪائنات
پيءُ جو مڙه خندق ۾، لاشا پٽن جا منجهه فرات
عباس، جڏهن مشڪ پاڻيءَ جي ڀري، ٻاهر ٿو نڪري تڏهن شامي جنهن نموني مٿس ڪاهي ٿا اچن، اُهو هن طرح آهي:
مشڪ دريا مون ڀري عباس نڪتو تشنه ڪام
جئن اَچي طوفان تئن آيا مڙي اِشرار شام
هو تن تنها ۽ هوڏي فوج جو هو ارﱞدهام
ٿي وسيا غازيءَ تي هر سو نيز و تير و حسام
شام جي لشڪر ۾ ڏاڍو هن طرح جو شور هو
مڙس جي آهيو نه ائين، عباس کي جيئرو ڇڏيو
هر طرف کان ٿي چيو فوج عدوئي نابڪار
اڄ اسين هونداسون يا جيئرو هي هوندو نامدار
مشڪ پاڻيءَ جي بدران، رت جي وهندي جوئي بار
جي ٿي سوءُ ماريائين تان، حاضر اچي ٿيو ٿي هزار
سر وڍيو عباس جو، هو شام جي لشڪر ۾ شور
هن سان وابسته آهي، شير جي لشڪر جو زور
امام حسين، جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾، اڪيلو رهجي وڃي ٿو، تڏهن هن جي بي ڪسيءَ جو نظارو ته ڏسو ڪهڙو نه دردناڪ ڪڍيو اَٿائين:
شاهه مظلوم تي هر سو کون بلا رخ هو ڪيو
ماه زهرا تي وڏو گره جو طوفان هو چڙهيو
هو نه ڀاڻيجو نڪو ڀاءُ ۽ نڪو ڀائيٽو هيو
صبح کون لشڪر اِشرار صرف آرا ٿي ٿيو
زخم پٿرن جا سهيو رخ ڪئن تلوارن ۾
ماريو شبير کي، هو شور ستمگارن ۾
زخمي بازو هو ڪمر خم هئي نه هو تن ۾ تاب
نڪري پيا سيّد مظلوم جي پيرن ۾ رڪاب
اُڃ جي گرمي کون هو سيني ۾ جگر سارو ڪباب
لعل لب خشڪ زبان خشڪ هئي ۽ چشم پُر آب
شدت ضعف کون ڪنهن هنڌ جي بيهي ٿي رهيو
تن نازڪ مان لنگهي تير ستت پار ٿي پيو
نه فقط ايترو، پر خود امان حسين کي، پنهنجي بي ڪسيءَ جو احساس ٿي چڪو هو:
ناهي ڪو مون کي گو بيڪس و ناچار آهيان
سر نوائڻ تهه شمشير تي تيار آهيان
صاحب جود و سخا آهين آءٌ لاچار آهيان
وقت مشڪل ۾ عنائت جو طلبگار آهيان
تنهنجي سجدي ۾ هي سر تن کان جدا ٿي، يا رب!
عهد طفليءَ جو سندم وعدو وفا ٿي، يا رب!
مير حسن جي مرثين ۾، هڪ ٻي به خاصيت آهي، جو اُن ۾ مڪالمه عمديءَ طرح نڀايل آهن. هڪ هنڌ امام حسين کي خود ڪلامي (Soliloquy) ڪندي ڏيکاريو اَٿائين:
اڄ صبح جو هو قاسم و عباس ۽ اڪبر
هن وقت ۾، منهنجا سي ويا يار ۽ ياور
آءٌ خود تن تنها ۽ هزارين ٿيا ستمگر
آءٌ وچ ۾ ابا چار طرف ظلم جو لشڪر
اڪبر ابا بابا جي خبر ڪا اَٿيئي اڪبر
ني نورا اکين ۾ آهي، ني هوش آهي درسر
توهان اندازو لڳايو، ته واقعي مير حسن جي شاعريءَ جو جوهر ڪربلا جي واقعات بيان ڪندي کلي ٿو يا نه. هڪ هنڌ اُڃ جو بيان ٿو ڪري:
نهر ڀر تي جام پاڻيءَ جو ملڻ دشوار هو
طفل پاڻيءَ کي ٿي ترسيا وس نڪو اختيار هو
شاهه چيو: ڪونين جو، اِهڙو عهد ۽ اقرار هو
نهر ڀر تي قحط پاڻيءَ جو هو طغيان يا نصيب!
ٻيءَ جڳهه تي، هن جو گرميءَ جو منظر پيش ڪيو آهي؛ سو مير انيس جو سڪون ٿو لاهي:
لڪ نه هئي باه وسي ٿي ۽ زمين سوزان هئي
لوکون ماهي به تهه آب ٿي بريان ٿي
ڪربلا جي شهادت کان پوءِ، جو هن منظر پيش ڪيو آهي، اُن کي پڙهي؛ دل تڙپي اُٿي ٿي:
تازيانه ظلم جا ها ۽ يتيمانِ حسين
پير پياده پنڌ پري بيڪس غريبانِ حسين
رات ڏينهن رئندا هليا بي پر عزيزانِ حسين
معاويه جي پٽ جي مجلس ۽ اسيران حسين
شاهه کان پوءِ هٿ ۾ عابد جي اُٺن جي هئي مهار
ڪونه هو پرسان تن ظلمن جو غير از ڪردگار
مون کي ڏک ٿو ٿئي، جو آءٌ مير حسن علي جي مرثين کي جلدي ختم ٿو ڪيان، ورنه وٽس، اِهڙيون چيزون به آهن، جو اُنهن تي، جيترو لکيو وڃي، اُهو بلڪل ٿورو آهي.
آخوند محمّد عالم خيرپوري، هڪ فصيح ۽ پُرگو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مرثين جو مجموعو، لٿو ۾، هري سنگهه تاجر ڪتب سکر، جي طرفان شايع ٿي چڪو آهي. عالم جي مرثين تي نظر وجهڻ سان، هڪ ڳالهه بخوبي معلوم ٿئي ٿي، ته هن اِهي مرثيه مجلس عزا جي لاءِ طبع ڪيا آهن. ان ڪري، نازڪ خيالي، جا شاعريءَ جي جان آهي، سا منجهس عنقا آهي. جيتوڻيڪ سندس مرثين ۾، جذبات نگاريءَ جو عنصر به آهي، مگر اُهو جذبات خيز نه آهي. جذبات نگاريءَ جا ٿورا مثال ڏيان ٿو:
اڪبر جي رخصت:
اڪبر چيو هاڻي بغچو ته ڪپڙن جو گهرايو
پوشاڪ جو اعليٰ هوئي، سا مون کي ڍڪايو
اي امان اڄ سرمو به اکن منهنجي ۾ پايو
پوءِ ڏيو ڦڻي زلفن اُتي، ۽ عطر به لايو
پوءِ نقش محبّت جو مٽايو منهنجي امان
راضي به رضا ٿي ۽ رضا ڏيو منهنجي امان
قاسم جي شادي:
اڄ ڪاڄ ۾ قاسم جي، اونده جو عالم ٿيو
هڪ طرف کان شادي ٿي، ٻي طرف کون ماتم ٿيو
ڪو خّرم خندان ٿيو، ڪو ديدهء پرنم ٿيو
ڪبران کي ڏسي بانؤ چيو: غم تي عجب غم ٿيو
هڪ ڳالهه، جنهن ڪري عالم جي مرثين جي اهميت بلند ٿي وڃي ٿي، سا اِها آهي: ته مڪالمه جو زور سندس هر مرثيه ۾ آهي. مثال طور، جڏهن قاسم ماءُ کان رخصت وٺي، ڪربلا جي ميدان ۾ وڃي ٿو، ته سندس وني کيس پلاند کان وٺي بيهاري ٿي. اُن وقت، جا گفتگو ٿي آهي، سا رقت خيز آهي:
پوءِ هئن چئي ماءُ، پٽ پنهنجي کي رخصت ڪئي
تسليم ليءِ امان جي، گردن جهڪي قاسم جي
جنهن دم ٿي هليو دلهو، دلهن وٺي دامن ڀي
پر شرم سين گهونگهٽ ۾ دلهن چيو روئي:
ڏس ٻانهين ڀڃان ٿي مون سر خاڪ وسايان ٿي
وٺ آئينو ۽ بولو بي، نٿ نڪ مون به لاهيان ٿي
_________
هڪ عرض مڃو منهنجو، نوشاهه ونا صاحب
ڏئي پنهنجي نيشاني وڃ ڪا، مونکي منهنجا صاحب
جو ساهه ۾ سانڍيان مون، سر ساڻ سدا صاحب
تعويذ ڪريان دل جو، اي دل جا صفا صاحب
گڏ پنهنجي اکن رکندس، رئندس ڏسي نيشاني
گڏ دلتي ڌري ڪرندس چاچي جا جگر جاني
_________
هئن سڻنديئي ڦاڙيائين، پوءِ ٻانهون پيراهن
چيائين: وٺ هيءَ نيشاني ٿي، رک پاس پنهنجي دلهن
مون کي به نيشاني ڏي، اي پاڪ دل و دامن
جو مون به رکان سر سان جيسين هوئي سر به تن
دلهن به ڇني سر مون ڪي وار ڏنا اُن کي
هو وار وٺي دولهه ٿيو ٻڌڻ ته ڳاني تي
اِنهن چيزن کان سواءِ، منجهس رزم آرائي جو به جهجهو سامان ملي ٿو. اڪبر کي لڙائيءَ لاءِ جو جوش آهي، تنهن کي هئن ٿو ظاهر ڪري:
اڪبر کي اِرادو هو شمشير زنيءَ جو
۽ شوق هو اون شير کي، نت صف شڪنيءَ جو
مشتاق هو ڳل چهره گلگون ڪفنيءَ جو
بلبل هو شهادت جي جهاد اِدنيءَ جو
مرثيه نگاريءَ ۾، مرزا ٻڍل بيگ کي نهايت ئي بلند مقام حاصل آهي. ثابت علي شاهه کان پوءِ، جنهن مرثيه کي پايهءِ تڪميل تي پهچايو، اُهو مرزا ٻڍل بيگ آهي. هو مير انيس جيان خانداني ۽ پيشه ور مرثيه گو شاعر هو:
پي ڏاڏي کان هي پيشو اسان جو، هليو اچي
پيڙهي به پيڙهي سخن جو، سودو هليو اچي
هن مان ظاهر آهي، ته ٻڍل پنهنجي شاعريءَ کي، صرف واقعهءِ ڪربلا لاءِ مخصوص ڪيو، ۽ ساري عمر ان ئي موضوع تي لکندو رهيو.
مولانا الطاف حسين حاليءَ، پنهنجي ڪتاب مقدمہء شعر و شاعري ۾، مرثيه متعلق لکيو آهي:
مرثيه کي، جيڪڏهن ڪربلا جي واقعات لاءِ
مخصوص ڪيو وڃي، ۽ سڄي عمر اِن هڪ ئي
مضمون کي، محض ثواب جي خاطر دهرايو وڃي،
ته اِن ۾، ڪو به اعتراض ڪونه آهي. مگر
شاعريءَ جا فرائض ان کان زياده هئڻ گهرجن.
هينئر هي ڏسڻو آهي، ته ثواب حاصل ڪرڻ کان سواءِ، ٻڍل، شاعريءَ جي فرضن کي، ڪيتري حد تائين نڀايو آهي. بهتر ٿيندو، ته هت ميان هدايت علي نجفي (تارڪ) جو رايو، جو هن پنهنجيءَ ننڍڙيءَ تصنيف تاريخ شعرائي سنڌ ۾، ٻڍل جي مرثيه نگاريءَ بابت ڏنو آهي؛ اُهو به درج ڪيو وڃي، ته پوءِ شايد ڪجهه وضاحت سان بحث ٿي سگهي:
مرثيه نگاريءَ ۾ باڪمل هو. ثابت علي شاهه،
سچل ۽ محمد عالم جي مرثين کي، مات ڪيو
اَٿائين. جهڙيءَ طرح لکنوءَ ۾، مرزا سلامت علي
دبير ۽ مير انيس ٿي گذريا آهن، اهڙيءَ
طرح، سنڌ ۾، مرزا صاحب ٿيو آهي.
حقيقت هئن آهي، ته ٻڍل بيگ جي مرثيه نگاريءَ تي، مير انيس ۽ مرزا دبير جو رنگ ۽ اثر، نهايت ئي گهرو چڙهيل آهي. ايتري قدر، جو ٻڍل، لکنوءَ جي هنن ٻنهي بلند مرتبه شاعرن جي مرثين جا، ٽڪرن جا ٽڪرا ترجما ڪيا آهن. مگر اِن جي باوجود، ٻڍل جي مرثين ۾، ڪجهه اِهڙيون به خصوصيتون اسان کي ملن ٿيون، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هو هن فن ۾ يڪتا آهي، ۽ هڪ فنڪارانه عظمت رکي ٿو.
ٻڍل جي طبيعت جّدت پسند آهي، ۽ هن ڌار ڌار چيزن جو علحده علحده بيان ڪيو آهي؛ جئن گهوڙي، تلوار ۽ اسلحهء جنگ ۽ جنگ جون صفتون وغيره. ان کان سواءِ، ٻڍل جي مرثين ۾، فصاحت ۽ بلاغت به اُتم درجي تي موجود آهي. هن جي مرثين ۾، منظر نگاري، رجر ۽ رزم جو ذڪر، جنگ ۽ معرڪي جي شور ۽ غل جو بيان، نهايت ئي جاذت ۽ مؤثر طريقي تي اَدا ٿيل آهي. اِها حقيقت آهي، ته اِهي چيزون، سندس ئي حصي ۾ آيون آهن، ۽ پاڻ اُنهن ۾ يڪتا درجو رکي ٿو.
جهڙيءَ طرح، قصيدي ۾، تشبيب يا تمهيد ٿئي ٿي، اِهڙيءَ طرح، مرثيه ۾، دعا يا تعلي يا انڪساري يا بهار يا ٻي ڪنهن قسم جو موضوع داخل ڪيو ويندو آهي. ۽ اُن کي چهرو سڏبو آهي. ٻڍل، اُهو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي مرثيه ۾، چهري کي ايجاد ڪيو آهي، ۽ اُن ۾، ڪمال رکي ٿو. ٿورا شعر پيش ڪريان ٿو:
وارد جڏهن ٿيو دشت ۾، مهمان ڪربلا
ٿيو سبز پوش ساروئي، ميدان ڪربلا
خورشيد کان ضيا وٺي، ذرو ٿيو زيبور
چئين خوش نصيبي منهنجي، جو آيو آ سرور
______
جڏهن ٿيو دشت جفا خيز ۾ سامان سحر
يڪ بيڪ ٿيڻ لڳا چاڪ گريبان سحر
تر لڳي ڪرڻ هنجن ساڻ پوءِ دامان سحر
سير طوبيٰ تي ويو نالهءِ مرغان سحر
غيب کان آئي ندا، صبح شهادت آيو
عرش کان آئي صدا، روز قيامت آيو
______
يا سبط نبي لطف زبان مون کي عطا ڪر
بلبل به ٿي ساڪت و بيان مون کي عطا ڪر
مقبوليت از دو جهان مون کي عطا ڪر
مضمون جي پله جو نشان مون کي عطا ڪر
محروم سندءِ در کان نه بندو ٿئي مولا
تان حشر سندم نام جهان ۾ رهي مولا
______
پرجوش آهي قلزم طبع روان سندم
ٿيو معدن جواهر مضمون دهان سندم
سلڪ سخن در آب ٿيو گويا بيان سندم
هر بيت ظاهر آهي، نه آهي نهان سندم
لفظن ۾، ضوفشان قمر آشڪار آه
هر بيت هن جو قصر جواهر نگار آه
______
هاڻي اچو ته ٻڍل جي مرثين جو، ڪن عنوانن هيٺ، مثال ڏيئي ثابت ڪيون، ته هو واقعي ڪامياب مرثيه نگار شاعر آهي؟ جذبات نگاري، مرثيه جو خاص موضوع آهي. حقيقت ۾، انساني جذبات، ۽ احساسات، اِهڙيون چيزون آهن، جن کي اک نٿي محسوس ڪري، مگر دل تي، اُن جو بيحد اثر ٿئي ٿو. صغرا پيءُ کان دور ٿي، جو خط لکيو آهي ۽ ان ۾ جذبات نگاريءَ جي، جا تصوير ڪڍي وئي آهي، سا هن طرح آهي:
جنهن وقت کان ٿيو آهي، اوهان جو هتان سفر
بدتر قبر کان آهي سندم، واسطي هي گهر
شامل بخار سان ٿو رهي، مون کي درد سر
پيوسته استخوان ۾، حرارت جو ٿيو اثر
طاقت اُٿڻ ويهڻ جي نه ٿي، هن ضعيف کي
آب و غذا ٿيو زهر، آهي هن نحيف کي
جذبات نگاريءَ کان پوءِ، جو مرثيه جو خارجي پهلو آهي، اُهو آهي مناظر قدرت. ٻڍل، جيتوڻيڪ هت انيس جي خيالن جي ترجماني ڪئي آهي، پر تڏهن به کيس مناظر فطرت پيش ڪرڻ ۾، ڪمال حاصل آهي. هڪ هنڌ صبح جو نظارو ٿو ڪڍي:
جنهن وقت شمس پنهنجي ڪيو رخ کي بي نقاب
ابواب سحر ويا کلي از پردهءِ حجاب
معدوم ٿيا فلڪ تي ستارا پو بي حساب
مهتاب سمجهو پاڻ کي آهيان آءٌ بي رڪاب
چرخ ڪُهن جو رنگ ٿيو تبديل در زمان
معدوم چوطرف ٿيا چراغان در جهان.
________
. . . فلڪ کان ڪواڪب ٿي ويا روان
چونڊين جنهن طرح سان، گلن کي ٿا باغبان
آئي بهار ۾، گل مهتاب تي خزان
اُن دم ڪرڻ لڳا ثمره شاخ ڪهڪشان
رونق ڏيکاري باد سحر، اُت سموم جي
غنچن تي چوطرف کان تباهي عموم جي.
گرميءَ جو سمان:
هو گرميءَ جو مهينو دور منزل
نه هو نزديد دريا ۽ نه ساحل
هو ريگستان تپش کان در تزلزل
سراب دشت هو دريا کان تمثل
______
نه سايه دار وڻ هو ۽ نه راحت
لڳي ٿي باد صر صر ساڻ شّدت
هو ريگستان ويا دشت پر آفت
پر آفت ڪئين چوان بل هئي قيامت
واقعه نگاري به مرثيه جو اهم جزو آهي. عّلامه شبليءَ لکيو آهي ته: ڪنهن به واقعه يا حالت جي تصوير ڪڍڻ کي، انگريزيءَ ۾ Scene چئبو آهي؛ جو واقعه نگاريءَ جو هڪ قسم آهي. ٻڍل، حر جي نزع جي واقعي کي هئن ٿو بيان ڪري:
ڊوڙيو هتان پوءِ حر جي طرف سيّد اُمم
حر کي ڏسي حسين جي غم کان ٿي پشم خم
۽ خلد کان رسيو اُتي حيدر بچشم نم
آئي ندا رسول جي اُن وقت دمبدم
هي هي ابا هي دوست سندم جان فدا حسين
هن لئي ڪنداسين خلد ۾ ماتم بشور شين
جنگ جي تياري ۽ جوش
ميدان ۾ رسيو جڏ خلف حيدر ڪرار
اچ وڃ ٿي وئي مابين صف فوج ستمگار
نعرن کان ٿيو لَرزان سڄو لشڪر غدار
آواز اسد گنبد گردون کان ٿيو آرپار
ٿيو چوڻ شمر کي پسر سعد بد اختر
معلوم ڪيو ڪهڙو آهي طفل دلاور
________
هو فوج ۾ هر شخص تي اُت عالم حيرت
مفتاح زبان کون جو کليو باب فصاحت
آئي جو لبن تي شہ صفدر جي حڪايت
لرزان ٿيا خوف کان هر بانيءَ بدعت
هئي تيغ زبان ساڻ فصاحت جي معطر
سينن ۾ لعينن جي چڀي ٿي ڄڻ نشتر
تلوار جي تعريف:
بجليءَ جي هئي روش اُن تيغ آبدار ۾
ٽانڊا وسڻ لڳا پوءِ صف ڪار زار ۾
آفت بپا هئَي قوم ضلالت شعار ۾
گيتيءَ تي زلزلو هو طلاطم بحار ۾
اعدا جي سر ڪپڻ ۾، نه مطلق ڪو باڪ هو
سرتي ڪري جي ڪنهن جي ته سينو به چاڪ هو
هئي دست ۾ دلير جي شيرين زبان تيغ
رڻ ۾ ڦري ٿي ليلئي نصرت نشان تيغ
موذيءَ جي سرتي ٿي ڪري ڪوه گران تيغ
جي سر وڍي مٿي هلي تان ڪهڪشان تيغ
ڪامل سموري طرز سندس باڪمال هئي
چمڪي جي بدر هئي جي ڪري تان هلال هئَي
گهوڙي جي وصف:
ڪنهن طرح لکان صفت اسپ با وفا
صورت ۾ رشڪ حور، آمد ۾ هو صبا
دهشت ۾ شير، حسن ۾ معشوق مہ لقا
آهو مثال چشم، سندس صاف دست و پا
سارو هلڻ خرام ۾ ڪبڪ دريءَ جو هو
سيني ۾ شير ببر ۽ منہ ڄڻ پريءَ جو هو
پاماليءِ عدو ۾ نه هو اُن کي تاب و صبر
في النار گشت ۾ ٿي ڪيائين اُتي گبر
نعرائي دشت ۾ ڪين هردم مثال ببر
رفتار ۾ غزال هو، حملي ۾ هرﱞر بر
جنهن دم صفن تي ٿي ويو دلدل جي شان سان
آئي ٿي الامان جي صدا آسمان کان
عرب ۾ رواج هو؛ ته جڏهن هو ميدان ۾ نڪرندا هئا: تڏهن رجز پڙهندا هئا- يعني پنهنجيءَ شجاعت ۽ دليريءَ جو خود اظهار ڪندا هئا. مگر، امام حسين عليہ السّلام جي زبان مان، پهلوانيءَ جو اظهار ڪرڻ، اُن جي رتبي کان گهٽ هو. ان ڪري، هن اڪثر رجز ۾، فضيلت ۽ اظهار ڪيو آهي. ٻڍل اِن ۾ ڪافي حصو ورتو آهي:
مشڪل ڪشائي هر دو جهان ڪنهنجي آهي ذات
ڪون و مڪان ۾ ڪير آهي فخر ڪائنات
عيسيٰ کي بخشيو ڪنهن آهي، سرمايہءِ حيات
يونس کي بطن ماهيءَ مان، ڪنهن پر ملي نجات
گلزار نار ٿي وئي، ڪنهن پر خليل تي
لکيل آهي ڪنهن جو نام پر جبريل تي
والله بهترين عرب هو سندم پدر
روز ازل کان عاشق رب هو، سندم پدر
ايجاد آسمان جو، سبب هو سندم پدر
عالي نسب بلند حسب، هو سندم پدر
آ حڪم مثل ڪعبہ سندم احترام جو
فرزند آهيان مشهور ڪون و مقام جو
مرزا ٻڍل بيگ جا مرثيه، ٻن جلدن ۾، شگوفہء ماتم جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن.
مرزا قليچ بيگ، جا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، اُها ڪنهن به تذڪره کان بي نياز آهي. مرزا قليچ بيگ، سنڌي شاعريءَ ۾، هڪ مقام رکي ٿو. ٻين صنف سخن سان گڏوگڏ، هن مرثيه کي به پنهنجي طبع آزمائي سان نوازيو آهي. مرزا صاحب جا مرثيه، ۽ نوحا تحفہءِ اماميہ ۾ ڇپيل آهن. سندس مرثين متعلق، آءٌ ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪيان ٿو؛ ته اِهي سندس پيشرو يا همعصر مرثيه نگارن کان، ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. مرزا صاحب جي مرثين ۾، تلوار جي تعريف، جنگ جو جوش، ۽ رزم آرائي وغيره جو بيان، نهايت ئي دلڪش ۽ جاذب طريقي تي ٿيل آهي.
لڙائي جو نظارو:
تن تنها شہِ دين اُت ٿي هزارن سان وڙهيو
ري سپر نيزه گذارن جي قطارن سان وڙهيو
هيڏي پيادن سان وڙهيو، هوڏي سوارن سان وڙهيو
صورت شير خدا، ظلم شعارن سان وڙهيو
اسد الله جان ڪل خلق تي او غالب هو
ڇو ته هو ٿيو جان علي ابن ابوطالب هو
درياهه جي موجن جان چري فوج به يڪبار
۽ تيغون علم ٿي ويون در هر صف ڪفار
ڍالن جا ٿيا ڪارا ڪڪر رڻ ۾ نمودار
بدلي جا هوا، مينهن جان تيرن جي ٿي وسڪار
ويو شير گهري تيغ بڪف اهل جفا ۾
چمڪڻ لڳي وڄ اُن گهڙيءَ مقتل جي هوا ۾
تلوار جي تعريف:
نڪتي شمشير دوسر فوج تي آفت آئي
چري ڌرتي ۽ لڏيو عرش قيامت آئي
شهه جي خدمت ۾، مٿان فتح ۽ نصرت آئي
ڪافرن کي ڏسي سا، حسرت ۽ هيبت آئي
ڪڏهن هِت ۽ ڪڏهن هُت ٿي وئي وڄ جا تنهن وير
مينهن جان رت ۾ سسيون ٿي وهيون، جت ڪٿ ٿيا ڍير
ڪڏهن ڍالن تي ڪري، ۽ ڪڏهن تلوارن تي
آئي پيادن تي ڪڏهن، ۽ ڪڏهن هسوارن تي
ڪڏهن ترڪش مٿي پئي، ۽ ڪڏهن سوفارن تي
ڪڏهن لاهيندي سسيون پهتي ڪماندارن تي
چمڪي هن ميڙ تان اُڀري ته هن انبوه ۾ وئي
ڪڏهن وئي بحر ۾ ڪڏهن بر ۾ ڪڏهن ڪوه ۾ وئي
منهنجو مضمون، نهايت ئي طويل ٿي ويو آهي. مگر تنهن هوندي به، ائين محسوس ڪيان ٿو، ته مون کان، اڃا گهڻيون ئي ڳالهيون رهجي وڃن ٿيون. ان کان سواءِ، مون پنهنجي خيالات جي تائيد ۾، به تمام ٿورا مثال پيش ڪيا آهن. حقيقت ۾، مرثيه شاعريءَ جي، هڪ جامع ۽ همه گير صنف آهي، ۽ اُن ۾؛ هر قسم جا خيالات سمائجي سگهن ٿا. ان خيال کان، مون مٿي، جن به شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، سي نهايت ئي پُرگو آهن، ۽ جيڪڏهن اُنهن تي، جدا جدا مضمون لکيا وڃن، ته تڏهن به شايد اُهي پورا نه پون. بهرحال، هن دفعي، هن مختصر مضمون تي اڪتفا ڪيان ٿو، ۽ باقي، جي مرثيه نگار شاعر؛ خصوصاً: خواجه ناصر، زمان شاه ساقي، گدا ۽ سانگي، ڇڏجي ويا آهن؛ اُنهن تي آئينده صحبت ۾ لکندس، ۽ پڻ پوئين دور جي مرثيه نگارن جو ذڪر ڪندس. بهر ڪيف، عّلامه اقبال جي هن شعر تي مضمون کي ختم ڪيان ٿو:
ماز تخليق مقاصد زنده ايم
از شعاع آزرو تابنده ايم
(1954)
--------------
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
سنڌ جو بهترين اديب ۽ محقق
ويجهڙائي زماني ۾، جن سنڌي اديبن، شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جي حالات، ۽ اُن جي ڪلام متعلق، سوچيو، ۽ لکيو آهي: اُنهن ۾، مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو، هميشہ زنده رهندو. آءٌ جيڪر اِئين چوان، ته جيستائين شاه لطيف، ۽ اُن جي رسالي کي پڙهڻ وارا زنده آهن، ۽ اُن بر گزيده هستيءَ لاءِ سندن دلين ۾، توقير، محبّت ۽ شوق آهي؛ تيستائين سنڌ وارا، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. حقيقت هئن آهي، ته جڏهن به، اسان شاه ڀٽائي جي رسالي متعلق خيال ڪيون ٿا، ته ڊاڪٽر صاحب جو نالو، ۽ اُن جو تدوين ڪيل رسالو، اسان جي دل تي، ازخود تري اچي ٿو. هن حقيقت ۾، ڪوبه وڌاءُ نه آهي، ته گربخشاڻيءَ، شاه جي رسالي کي ترتيب ڏئي، سنڌي ادب ۾ نه فقط مٿاهين جڳهه حاصل ڪئي آهي؛ پر مٿس هڪ لازوال احسان به ڪيو آهي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، 8 مارچ 1884ع ۾، حيدرآباد (سنڌ) ۾ تّولد ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ننڍپڻ ڪهڙيءَ طرح گذريو، تنهن بابت، ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو آهي. حقيقت ۾، اُهي اديب يا شاعر، جن ادب ۾، پنهنجي بي نظير ڪارنامن سان، بلند جڳهه حاصل ڪئي آهي، تن جي ابتدائي زندگي، عام جي نگاهن کان هميشہ ڇپيل رهي آهي؛ ۽ اُن ڪجهه عرصي گذرڻ کانپوءِ، افسانن ۽ من گهڙت روايتن جو روپ اختيار ڪيو آهي. هن هقيقت جو احساس، خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي به هو؛ جئن شاه لطيف جي سوانح عمريءَ ۾، هڪ هنڌ لکيو اَٿائين:
مشرقي دماغ، افسانه پردازيءَ لاءِ، نهايت قابل
آهي، ۽ ڪرامتن ۽ معجزن جون خواهان؛ ڄڻ ته
ڪنهن بزرگ جي حياتي ئي، هڪ وڏو معجزو
نه آهي. ڪنهن به بزرگ يا شاعر جي سوانح عمري،
جاچي ڏسبي: ته سندس ساري حياتي، هڪ غيب
جي دائري ۾، عجيب ۽ غريب ڳالهين سان
گهيريل ڏسڻ ۾ ايندي.
(مقدمہ: ص: 1-2)
ساڳيءَ طرح، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي اوائلي حياتي متعلق، اسان کي هڪ افسانو ملي ٿو؛ جو آنجهاني ديوان لعل چند جڳتياڻيءَ، سنڌو رسالي جي، 1942ع واري خاص اشاعت ۾ لکيو آهي. ديوان صاحب جي لکڻ موجب؛ ڊاڪٽر صاحب- ننڍپڻ ۾، نهايت ئي نحيف ۽ ڪمزور هو؛ ۽ مٿس اڪثر بيمارين جا حملا ٿيندا رهيا ٿي. قدرت کي شايد اِهوئي منظور هو؛ ته ابتدا ۾، هن نحيف ۽ اَڀري جسم کي تڪليفن سان دوچار ڪري، هڪ اِهڙي ڪم لاءِ تيار ڪيو وڃي. جو نه فقط صبر آزما هجي، بلڪ کيس اَدبي دنيا ۾ به غير فاني ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تعليم تي، نگاه ڊوڙائڻ سان، معلوم ٿئي ٿو؛ ته سندس والدين، کين تعليم کان محروم نه رکيو؛ بلڪ اعليٰ تعليم سان کيس سينگاريو.ا بتدائي ۽ ثانوي تعليم کي ختم ڪري، ڊاڪٽر صاحب، 1900ع ۾ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي- جو اُن وقت سنڌ جي تعليمي ريگستان ۾، ڪڪر ۽ برسات ٿي وسي رهيو هو. ڊاڪٽر صاحب 1905ع ۾، بي- اي جو امتحان امتيازي شان سان پاس ڪري، ايم- اي لاءِ بمبئيءَ جي ولسن ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1907ع ۾، ڊاڪٽر صاحب تعليم جي سلسلي کي ختم ڪري، ولسن ڪاليج ۾ ئي انگريزيءَ، ۽ فارسيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. مگر وطن، ۽ اُن جي ڀٽن ۽ ڀاڻن جي محبت ۽ ڪشش، اِهڙي نه هئي، جو هن کي پان کان دور رکي سگهي. ٿيو به اِئين، جو هو ٻي سال، يعني 1908ع ۾، ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾، پارسيءَ جي پروفيسر جي حيثيت سان داخل ٿيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين اُن ئي ڪاليج ۾، مختلف عهدن تي فائز رهيو، ۽ اُنهن کي خوش اُسلوبيءَ ۽ ديانتداريءَ سان، نڀائيندو رهيو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب، اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪو هو، مگر اِن جي باوجود، سندس علمي تشنگي ٻجهي نه هئي. عّلامه اقبال جي اُن شعر مطابق، جو هن يورپ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وقت، التجائي مسافر ۾ لکيو هو:
چلي هـﻶ لـﻶ کـﻶ وطن کـﻶ نگارخانـﻶ سـﻶ
شراب علم کي لذت کشان کشان مجهکو
هن علم جي پياسي کي، 1928ع ۾، مغرب وڃڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر صاحب، لنڊن يونيورسٽي ۾ رهي، هڪ مقاله، انگريزي شاعريءَ ۾ تصّوف، متعلق لکيو؛ جنهن تي، کيس ڊاڪٽريءَ جي سند ملي. 11 فيبروري 1947ع ۾، ڊاڪٽر صاحب جي مستعار حياتي جو چراغ، هوا جي هلڪي جهٽڪي سان وسامي ويو. ان وقت، ڊاڪٽر صاحب، ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾، پرنسپال جا فرض اَدا ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر هرو سدارنگاڻيءَ، سندس وفات تي، هڪ مرثيه لکيو آهي؛ جنهن مان چند شعر هيٺ ڏيان ٿو:
بيرنگ سنڌ جي ٿو ادب جو چمن ڏسان
افسوس دست ظلم هلايو مٿس خزان
جو گل ادب ۽ علم جي گلشن جو زيب هو
باد سموم موت جي مرجهايو ناگهان
ڌاڙو هڻي نه ڪهڙو دليرانه ڏينهن ڏٺي
گنج ادب اسان جو کڻي وئين، اي آسمان!
ڊاڪٽر گربخشاڻي، هڪ اديب جي حيثيت ۾، سنڌي ادب ۾ هڪ درجو رکي ٿو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب جون تصنيفون ٿوريون آهن؛ مگر پنهنجي موضوع، ۽ تحقيقات جي نقطه نگاه کان اهم، ۽ اعليٰ آهن. ڊاڪٽر صاحب، شاه جي رسالي کان سواءِ، ٻه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن؛ جي آهن: نورجهان ۽ لواريءَ جا لعل.
نورجهان، جا ڪنهن وقت، نه فقط شهنشاه جهانگير جي دل، ۽ دماغ تي، حڪمراني ڪري رهي هئي، بلڪ هندوستان، ۽ مغليه سلطنت جي قسمت جي مال ڪپڻ آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هي ڪتاب، 1915ع ۾ لکيو؛ جڏهن هن، ادبي دنيا ۾ نئون نئون قدم رکيو هو. جيتوڻيڪ هي ڪتاب، سندس ابتدائي ڪاوشن جو نتيجو آهي، مگر اِن جي باوجود، هن ناول مان، سندس ادبي پختہ ڪاريءَ، ۽ ذوق جو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، جئن هن ڪتاب جي منڍ ۾ ڄاڻايو آهي، ته هن ڪتاب جو پس منظر تاريخي آهي، مگر ان جي باوجود، هن ڪتاب جي حيثيت، هڪ ناول کان زياده نه آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪيتري قدر هڪ ڪامياب ناول نگار آهي؛ سو پنهنجيءَ جڳهه تي هڪ جدا بحث آهي. مگر هن ڪتاب کي پڙهندي، دل، ۽ دماغ تي هڪ ڪيفيت ڇانئجي وڃي ٿي، ۽ اِن کان سواءِ واقعات ۽ ٻوليءَ جو، جو امتزاج ملي ٿو، سو هڪ ڪامياب ناول جي خاصيت آهي. تحرير جي طرز، ۽ اُسلوب بيان، منظر نگاري، ۽ عشق و محبّت جو داستان، ڏک ۽ سک جا واقعات، ۽ ڪردار نگاري، نهايت ئي دلڪش، ۽ وڻندڙ طريقي تي بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب مان، ڊاڪتر گربخشاڻيءَ جي اصليت، چڱيءَ طرح نمايان ٿئي ٿي.
داڪٽر گربخشاڻيءَ جي ادبي تخليقات ۾، شاه جو رسالو هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب جي مطالع مان، اسان کي، ڊاڪٽر جو محققانه شان، ۽ هن جي ادبي بالغ نظري، نهايت ئي نمايان طور تي نطر اچي ٿي. ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ ادبي تخليق، نه فقط سنڌي ادب ۾ اضافو آهي، بلڪ اِن مان، هن جي محقق، عالم ۽ نقاد، هئڻ جو پڻ ڪافي ثبوت ملي ٿو. هن ڪتاب مان، اسان کي نه فقط، سندس عربيءَ، ۽ پارسيءَ جي وسيع علميت جي ڄاڻ پوي ٿي، بلڪ سنڌي زبان، جنهن نموني ٺهي آهي، ۽ جن ٻولين جي ذريعي جڙي آهي، يعني پراڪرت، جا سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي؛ تنهن بابت به هنجي گهري مطالع جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ، ڊاڪٽر صاحب، شاه ڀٽائي جي صحيح ڪلام کي گڏ ڪري، هڪ مستند نسخو، سنڌي ادب کي ڏنو آهي، جنهن ڪري، شاعر جي ڪلام جون سموريون خصوصيتون، ۽ ان جي شاعريءَ جو اصلي زيب، ۽ زينت ظاهر ٿي پيو آهي.
اِن کان اڳ، جو رسالي جي خوبين، ۽ خامين تي بحث ڪيو وڃي؛ هت اِهو ضرور آهي، ته رسالي جي ترتيب؛ ۽ اُن جي پس منظر تي نگاه وڌي وڃي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، پهريون اديب نه آهي، جنهن شاه جي ڪلام کي گڏ ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب کان اڳ به، سرڪاريءَ طرح ۽ غير سرڪاريءَ طرح؛ ڪيترن ئي ٻين اديبن، شاه جي ڪلام کي گڏ ڪيو آهي. انهن ۾، هڪ مستشرق عالم ڊاڪٽر رنسٽ ٽرمپ، ۽ شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ جا نالا اهم آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ جو رسالو، جرمنيءَ جي لپسيا شهر مان 1866ع ۾، ڇپجي پڌرو ٿيو. جيتوڻيڪ هڪ مغربي عالم جي هيءَ ڪوشش، تحسين جي نگاه سان ڏٺي وڃي ٿي، مگر ڇاڪاڻ ته هن رسالي ۾، ڪيتريون ئي تلّفظ وغيره جون غلطيون آهن. ان ڪري، اِن کي صحيح نسخو نٿو سڏي سگهجي. مرزا قليچ بيگ، خود پنهنجي نسخي کان مطمئن نه آهي. مرزا صاحب، ڪتاب جي شروعات ۾، ان ڳالهه ڏانهن هن طرح اشارو ڪيو آهي:
صحيح ۽ سچو نسخو، شاه جي رسالي جو، اڃا به
گهربل آهي. سگهو ئي، ڪنهن علم واري کي
دل ۾ خيال پوندو، جو اِهڙو ڪتاب ڇاپائي
پڌرو ڪندو.
اِنهن ڳالهين کي خيال ۾، رکي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، شاه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ جو گران بار، پنهنجي سر تي کنيو. حقيقت ۾، اِهو نهايت ئي مشڪل آهي، جو هڪ اِهڙي شاعر جي ڪلام جو صحيح نسخو تيار ٿئي، جنهن جا اڳ ۾ ئي، تمام گهڻا نسخا موجود هجن. هن ڳالهه جو، خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي به احساس آهي: جئن ته رسالي جي جلد اول ۾ ڄاڻايو اٿس:
خوشيءَ جو باعث ٿيندو، جڏهن اهڙو
ڪو عالم ساماڻبو، جو هن ڇاپي
کي به منسوخ ڪري، نئين سر محنت
وٺي رسالي جو هن کان به بهتر نسخو تيار
ڪري ڇپائيندو.
مگر اِن هوندي به، ڊاڪٽر صاحب، ڪمال احتياط ۽ خبرداريءَ سان، هڪ صحيح، ۽ مستند نسخي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاه جي ڪلام کي، باشرح چئن جلدن ۾ لکيو آهي. جنهن جا ٽي جلد ترتيب وار: 1923، 1924 ۽ 1931ع ۾، شايع ٿي چڪا آهن. هتي هن ڳالهه جي افسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو باقي چوٿون ۽ آخري حصو به تحت طبع ٿئي ها، ته اسان کي شاه جي آخري ڪلام جو ڪي قدر، صحيح نسخو مڪمل صورت ۾ حاصل ٿي وڃي ها. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي رسالي کي ترتيب ڏيڻ وقت، اُنهن سڀني شايع ٿيل نسخن کي ڀيٽيو آهي، جي اُن وقت، موجود هئا، ۽ ان کان سواءِ ٻيا قلمي نسخا، جهڙوڪ: بلڙيءَ ۽ ڀٽ وارا قلمي نسخا، مرحوم مير عبدالحسين خان ٽالپر وارو قلمي نسخو، ۽ پرٽش ميوزيم لنڊن واري نسخي سان ڀيٽي، شاه جي صحيح ڪلام پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو، اِهڙو نه هو جو اُن وقت جي علمي، ۽ ادبي ماحول ۾، هبحان، ۽ طرفان برپا نه ڪري؛ تحسين، ۽ نڪته چينيءَ جي گڏيل جذبات جو، اظهار ٿي رهيو هو. هڪ طرف، مرحوم قاضي اسدالله شاه، مرحوم مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوا رام؛ ۽ ڀيرومل مهرچند، ٻي طرف، ڄيٺمل پرسرام، ۽ ليلا رام وطڻ مل، سندس ڪيل محنت تي، ڪڙي نڪته چيني ڪري رهيا هئا. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان، ڊاڪٽر صاحب تي، مختلف ڳالهين جي پيش نظر، اعتراض ٿي رهيا هئا. مکيه اعتراض، جو مٿس ٿي رهيو هو، سو اِهو هو؛ ته ڊاڪٽر صاحب، هزار جي قريب بيت، رسالي مان ڪڍي ڇڏيا آهن. خود مرزا قليچ بيگ ان متعلق لکيو هو:
پروفيسر گربخشاڻيءَ، جيڪي هڪ هزار بيت
ڪڍي ٿو ڇڏي، تن لاءِ ڪا سند ڏئي، ڇو ته
اِنهيءَ جي جوابداري مٿس آهي.؟
ڊاڪٽر صاحب، ڪيتري قدر، اِنهن بيتن جي ڪڍڻ ۾ حق بجانب هو، سو هڪ علحده بحث آهي، ۽ آءٌ ان کي اُنهن لاءِ ڇڏيان ٿو، جي آئينده، شاه جي رسالي کي ترتيب ڏيندا. هتي صرف، هي ڏيکارڻو آهي، ته اُن وقت جي ٻن اخبارن، ڀارت واسي، ۽ پرڪاش، ۾ مهينن جا مهينا، رسالي تي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، ۽ اِن ڇڪتاڻ ۾، ڄيٺمل پرسرام، ۽ ڀيرومل مهرچند، مکيه حصو وٺي رهيا هئا. هن ڇڪتاڻ جو مفصل ذڪر، ديوان ڀيرومل مهرچند، سنڌو رسالي جي، 1938ع واريءَ مختلف اشاعتن ۾، ڏنو آهي. مگر اِها حقيقت آهي، ته ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي طرف کان بلڪل، خاموش رهيو، ۽ ڪابه صفائي پيش نه ڪيائين. هو پنهنجي نڪتہ نگاه کان صحيح هو، ۽ پنهنجي خيالات تي آڏول. اِها به حقيقت آهي، ته اِها نڪته چيني، رسالي جي اهميت کي گهٽ نه ڪري سگهي، ۽ اڄ به، جيڪي شاه جي مختلف سرن جون شرحون، يا معنائون لکيون ٿيون وڃن، اُهي سموريون يا ته ڊاڪٽر صاحب جي رسالي تان نقل ٿيل آهن، يا اڪثر جڳهن تان، اُن جون خوشه چينيون ڪيون ويون آهن.
هينئر هي ڏسڻو آهي، ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي جي اهميت، اڄ به، مسلم ڇو رهي آهي؟ پهرين ڳالهه جنهن ڏانهن، اسان جو فوري توجهه وڃي ٿو، سو آهي رسالو جو مقدمہ. هن ۾، ڊاڪٽر صاحب، شاهه جي حياتيءَ، تصوف، شعر و شاعريءَ، ۽ ان سان ٻين لاڳاپو رکندڙ موضوعن تي، سير حاصل بحث ڪيو آهي، ۽ انهن ڳالهين جي روشنيءَ ۾، شاه جي شعر ۽ شاعريءَ، ۽ ان سان متعلق ٻين عنوانن کي ڏٺو آهي. مقدمہ، بذات خود هڪ علحده تصنيف جي حيثيت ٿو رکي. شاه جي سوانح حيات، ۽ اُن جي ڪلام جي متعلق، جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، اُنهن ۾، ڪابه نوائي ڪانه آهي. مگر مقدمہ، جديد طرز تي لکيو ويو آهي. مقدمہ ڏهن بابن تي مشتمل، آهي ۽ هر باب، پنهنجي مضمون، ۽ موضوع جي لحاظ کان، اهم، ۽ مڪمل آهي. شاه لطيف جي سوانح عمريءَ متعلق، جي به زباني روايتون مليون ٿي، تن کان پاسو ڪري، ڊاڪٽر صاحب، شاهه جي زندگيءَ جي مختلف واقعن کي، حقيقتن، دليلن جي روشنيءَ ۾ ڏٺو، ۽ پرکيو آهي. حقيقت هئَن آهي، ته جهڙي طرح، اردو ادب ۾، مولانا حاليءَ جي مقدمہء شعر و شاعريءَ کي، پروفيسر فراق گور کپوريءَ، اردو جي جديد شاعريءَ جو، باقاعدي اعلان نامه (Manifesto) چوي ٿو؛ بلڪل اِهڙيءَ طرح، شاه جي سوانح حيات، ۽ اُن جي شاعريءَ تي، آئينده تحقيقات جو بنياد، هن ئي ڪتاب تي رکي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب، هن ڪتاب ۾، اِهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن؛ مثال طور: ڊاڪٽر صاحب، اسلامي تصّوف، ۽ ويدانت کي هڪ ٻي جي، نزديڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يا شاه جي مذهب متعلق، جي خيالات ظاهر ڪيا آهن؛ تن سان، اسين متفق نه به ٿيون، مگر اِن حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ته هن جديد مضمون نگاريءَ ۽ تاليف، ۽ تصنيف جي اُصولن کي، ڪامياب نموني نڀايو آهي. ڊاڪٽر صاحب، سنڌيءَ زبان جي ساخت، شاه جي سنڌيءَ، ۽ شعر و شاعريءَ تي، مفصل بحث ڪيو آهي. اِها ڪا ٿوري ڳالهه چئبي؟
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو، جنهن بابت آءٌ مٿي ٿورو ذڪر ڪري چڪو آهيان، سنڌي ادب ۾، پنهنجي نوعيت جو اڪيلو مثال آهي. جنهن طرز تي، رسالي کي گڏ ڪيو اَٿائين، يا جا ترتيب رکي اَٿائين، سا جيتوڻيڪ پراڻي آهي، ته به نئين روشني وڌي اَٿائين، تنهن رسالي جي افاديت کي وڌائي ڇڏيو آهي. شاه جي رسالي جا، جيڪي به ڇاپا، اڳ يا پوءِ نڪتا آهن، تن ۾، سواءِ لفظي معنائن جي، ٻيو ڪجهه به نه آهي. رسالي جا، ڪي ٿورا سر ڌار ڇپيل آهن، ۽ اُنهن جون شرحون به ڏنيون ويون آهنه؛ جئن مرزا قليچ بيگ جو سر سهڻي؛ مگر سڄي رسالي جي تشريح، ۽ شرح مفصل طرح، ڪنهن به سنڌي اديب، هن مهل تائين ڪانه لکي آهي. اِن ڪري، اِئين چئي سگهجي ٿو، ته ان خيال کان، کيس اوليت جو به شرف حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب، شاه جي بيتن جي شرح ڏيندي، تصّوف، ۽ ٻين ڳالهين تي به، بحث ڪيو آهي، ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن. نه فقط ايترو، پر جتي ضروري سمجهيو اٿائين، اُتي ٻين شاعرن جا شعر ڏيئي، شاه جي شعر سان مقابلو ڪيو اَٿائين. لفظن جون معنائون ڏيڻ وقت، اُنهن جو اشتقاق به ڄاڻائيندو ويو آهي، ۽ ان خيال کان، سندس معنائن، هڪ ننڍيءَ لغت جي صورت اختيار ڪئي آهي. اِئين به صحيح نه آهي، ته شرح يا معنيٰ لکندي، هن ڪي لغزشون نه کاڌيون آهن. مگر اُهي لغزشون، اِهڙيون نه آهن، جي هڪ انسان کان، سر زد نه ٿي سگهن، يا رسالي جي، ٻين خصوصيتن کي لڪائي ڇڏين. هتي هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ، شايد بي جا نه ٿي، ته سنڌي اديبن کان سواءِ، ڪن مغربي اديبن به، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي، ۽ اُن جي شرح کي، قدر جي نگاه سان ڏٺو آهي. ڊاڪٽر ايڇ- ٽي- سورلي پنهنجي تصنيف، شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۾، ڊاڪٽر صاحب جي هنن لفظن ۾، تعريف ڪئي آهي. لکي ٿو:
پروفيسر گربخشاڻيءَ جو رسالو، شاعر، ۽ ان جي
شاعريءَ کي، نهايت ئي عالمانه طريقي تي ظاهر
ڪري ٿو. (ص: 170)
ٻي هنڌ، اڃا به وڌيڪ لفظن ۾ تعريف ٿو ڪري:
مرزا قليچ بيگ، ۽ ايڇ- ايم- گربخشاڻيءَ جي
سنڌي ادب جا چوٽيءَ جا عالم آهن، تن هر هڪ
جي به ڇاپا، ۽ اُنهن جون شرحون لکيون آهن،
اُهي عالمن کي، مشرقي شاعريءَ ڏانهن خصوصاً
متوجهه ڪن ٿيون. (ص: 225)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تنقيدي نظريات تي، مشرقي رنگ چڙهيل آهي. جيتوڻيڪ هنجي لکڻ جو انداز، مغربي آهي، ۽ هن قدامت پسنديءَ، ۽ روايت پرستيءَ کان پاسو ڪيو آهي؛ مگر اِن جي باوجود، هنجي سوچڻ جو انداز سمورو مشرقي آهي. ان جو سبب اِهو آهي: ته هن هميشہ ادب جو صحيح جائزو وٺڻ گهريو ٿي. هو مغربي اُصولن کان واقف آهي، مگر ان جي روشنيءَ ۾، مشرقي ادب کي ڏسڻ نٿو گهري. هڪ نقاد، ۽ محقق کان سواءِ، ڊاڪٽر صاحب جي هڪ ٻيءَ به خصوصيت جو اندازو، رسالي مان، ۽ خصوصاً مقدمہ مان لڳائي سگهجي ٿو، جو آهي، هن جو جمالياتي جذبات ۽ ذوق (Aesthetic emotions & sense). جماليات جو موضوع، حسن ۽ فنون لطيفہ آهي؛ يعني جماليات فلسفو آهي، حسن ۽ فنون لطيفہ جو. ڊاڪٽر صاحب، جي هن جمالياتي احساس جو اندازو، اسين مقدمہ جي باب ٽين، ۽ چوٿين مان، بخوبي لڳائي سگهون.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ٽيون، ۽ آخري ڪتاب لواريءَ جا لال آهي، جو 1934ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ به، ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي تحقيقاتي روايت، ۽ حققانه شان کي قائم رکيو آهي. هن ڪتاب ۾، ڊاڪٽر صاحب، حضرات اولياءِ ڪرام لواريءَ جي حالات کي قلم بند ڪيو آهي. هن ڪتاب جو سمورو مواد، ڊاڪٽر صاحب کي منهنجي محترم اُستاد پروفيسر پير سعيد حسن کان مليو، جنهن ۾، مرغوب احباب خاص اهميت رکي ٿو. فاضل مؤلف، فقط مرغوب احباب تي اڪتفا نه ڪئي آهي، بلڪ هنجي اڳيان، ٻيا به پارسي، ۽ عربي نسخا رهيا آهن، جن تان عبور ڪري؛ هن ڪتاب کي تاليف ڪيو آهي. اُهي ڪتاب، جن تان، هن مدد ورتي آهي، اِنهن جي فهرست هيءَ آهي: 1- لطيفة التحقيق، 2- فردوس العارفين، 3- الجواهر البدائع، ۽ 4- صقال الصنمائر. ڊاڪٽر صاحب، جئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، هي فقط، لفظي ترجمو نه ڪيو آهي، بلڪ اُنهن ڪتابن مان ذخيره هٿ ڪري، اُن کي سجلائي، سليس سنڌي عبارت ۾ آندو آهي. ( منڍ ص: ٽ) حقيقت ۾، جئن ڊاڪٽر صاحب به لکيو آهي، ته لواريءَ جي هر هڪ بزرگ جي حياتي، بذات خود، ايتري ته وسيع آهي، جو هر هڪ تي علحده ڪتاب لکي سگهجي ٿو. مگر ڊاڪٽر صاحب، جو هي ڪمال آهي، جو هن، هن ننڍيءَ تصنيف ۾، انهن بزرگن جي حالات، فرمودات، ۽ هدايات کي، هڪ اِهڙي ته نموني تي بيان ڪيو آهي، جو اُهي مختصر هوندي به، جامع محسوس ٿي رهيا آهن. هڪ ٻي ڳالهه، جنهن جو انڪشاف، ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، سو آهي؛ ته شاه عبداللطيف ڀٽائي، پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾، ڀٽ مان ڪهي، حضرت سلطان اوليا خواجہ محمد زمان ڪلان سان ملاقات لاءِ ويو هو. هن حقيقت جي ظاهر ٿيڻ سان، شاه لطيف جي، ڪيترين ئي ڳالهين تي روشني وجهي سگهجي ٿي. ڪتاب جي شروعات ۾، ڊاڪٽر صاحب، جو اسلامي تصوف، ۽ نقشبندي طريقي تي مقاله لکيو آهي، اُهو نهايت ئي قيمتي آهي. هن مقاله مان ڊاڪٽر صاحب، جو تصّوف، ۽ اُن جي جدا جدا شاخن بابت ڄاڻ جو، بخوبي پتو پوي ٿو. ڊاڪٽر صاحب، جي طرز نگارش؛ هميشہ بي ساخته، ۽ روانيءَ واري رهي آهي. هن ڪتاب ۾، ته اِها خاصيت، اڃا به اُتم درجي تي نظر اچي ٿي، ۽ پنهنجي موضوع جي لحاظ کان، نهايت ئي ٺهڪندڙ آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ٻين ڪتابن جيان، هن ڪتاب تي به، مرحوم مولانا دين محمد وفائيءَ، توحيد ۾ ناقدانه نگاهه وڌي آهي.
مون هن مضمون ۾، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي سمورن ڪتابن تي تبصره، ۽ مختصر تنقيدي نگاه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مگر اِن هوندي به، هن مضمون کي ناڪافي، ۽ مختصر سمجهان ٿو. ڊاڪٽر صاحب، حقيقت ۾، خيالات، ۽ نظريات جو هڪ سڪول آهي، جنهن جي مطالع، ۽ تحقيقات لاءِ، اڃا به گهڻي گنجائش، ۽ ضرورت آهي. منهنجي بزرگ اديبن مان، جن جو ڊاڪٽر صاحب سان سڌيءَ، يا اڻ سڌيءَ طرح قريبي رستو رهيو آهي، اُنهن مان ڪو نڪري اَچي، ۽ هن فراموش ٿيندڙ اديب، ۽ مصنّف جي خيالات تي زياده مفصل طرح، ۽ وسيع طريقي تي لکي، جئن هن جون باقي خصوصيتون، جي مون کان ڇڏجي ويون آهن، تن کي ظاهر ڪري، بهرحال، هن مضمون کي، پروفيسر لطف الله بدوي صاحب جي، هن شعر تي ختم ڪريان ٿو:
جي محبت ۾ مئا، تن کي نه ڄاڻج تون مئو
زندهء جاويد آهن، عاشقان نيڪنام
(1954)
قاضي نذر الاسلام
بنگال جو باغي شاعر
ڊاڪٽر اختر حسين رائيپوريءَ، پيام شباب(1) جي شروعاتي صفحن ۾، بنگال کي اٽليءَ سان تشبيهه ڏيندي لکيو آهي، ته آب و هوا هنن ٻنهي قومن ۾، رومان ۽ نغمي لاءِ محبت پيدا ڪري ڇڏي آهي. سچ به هيئن آهي، ته جيڪڏهن ٻنهي قومن کي، پنهنجي پنهنجي حالت تي ڇڏيو وڃي، ته هو بلڪل امن پسند آهن- ۽ اهڙين سڀني چيزن جون شوقين، جيڪي برسات، ۽ گرميءَ ۾ طبيعت کي وڻنديون آهن. هنن جي زبان شيرين، ۽ قدري نسوانيت ڀريل آهي. هنن جو ادبي ذوق حقيقت جي طرف نه، بلڪ رومان جي طرف گهڻو لاڙ رکي ٿو- ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اٽليءَ جيترا درويش، ۽ بنگال جيترا ساڌو ۽ سوامي پيدا ڪيا آهن، اوترا شايد ئي، ڪنهن ملڪ پيدا ڪيا هجن. علم ۽ ادب، شعر ۽ نغمي، ۽ سياسي جدوجهد جي لحاظ کان به، بنگال هندستان جي ٻين صوبن کان اڳتي رهيو آهي. اُڻويهين صديءَ کان وٺي اڄ تائين، بنگال ادبي ميدان، ۾ وڏا وڏا شاعر، ناول نگار، افسانه نويس، ۽ ڊرامه نگار پيدا ڪيا آهن.
بنگالي ادب جي موجوده دور کي، ٽيگور جو دور چيو وڃي ٿو. ٽيگور جي شخصيت، هونئن ته بنگالي ادب جي، هر شاخ تي ڇانيل آهي؛ مگر اسين هت فقط سندس شاعريءَ جو ذڪر ٿا ڪريون: ٽيگور جو هي ڪمال آهي، جو هن بنگال جي روح کي ڳولي لڌو. بنگالي زبان جي ميٺاج کي، هن زياده مٺو بنايو، ۽ اُتان جي آبهوا کي، هن پنهنجي نظمن ۾ سمايو. بنگالي شعر جي صنفن ۾ به، هن انقلاب آندو. بنگالي شاعريءَ کي، هن خيالات جي بلندي، ۽ شعله فشاني ڏئي، وڏو مرتبو بخشيو آهي: مگر جيستائين غلاميءَ کان نفرت، سرمائيداري کان بغاوت، ۽ اقتصادي ڪشمڪش کان نجات جو تعلق آهي، ٽيگور ڪابه اڳواڻي ڪانه ڪئي آهي. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، ٽيگور غير ملڪي حڪومت جو دشمن آهي؛ پر ان سان گڏ، هيءُ به قبول ڪرڻو پوي ٿو، ته هو هندستان جي طبقاتي ڪشمڪش کان نهايت ئي دور هو. ۽ اهو ئي سبب آهي، جو هن بنگال جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾، پنهنجي تخيّل کي، شانتي نڪيتن جي روپ ۾ حقيقت بخشي، ۽ پوءِ هو رقص و سرود، نغمه و چنگ، ۽ آسماني تصورات ۾ گم ٿي ويو: هن زندگيءَ جي عڪاسي ته ڪئي، مگر اها ڪنهن حد تائين عينياتي ۽ تصوراتي هئي.
ٽيگور جنهن اَمن، ۽ عافيت جو تصّور قائم ڪيو هو، اُن ۾ ڪڏهن ڪڏهن دهشت پسندن جا بم گولا به گونجيا ٿي؛ ۽ ائين معلوم ٿي ٿيو، ته هي حسن، ۽ نيڪيءَ جو خواب، جو ڪاليداس جي زماني کان شروع ٿيو آهي، سو جلد ئي ختم ٿيڻ وارو آهي. عدم تعاون جي تحريڪ، اسان جي سياسي تاريخ جو، هڪ اهم واقعو آهي. هن تحريڪ جي اهميت، هن ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو هن ۾، هارين به حصو ورتو هو. ان وقت، ائين معلوم ٿي رهيو هو، ته اُهو آتش فشان جبل، جو مدت کان سرد هو، سو هينئر اندرينءَ باه کان گرم ٿي رهيو آهي، ۽ سندس غلاميءَ جون زنجيرون، اجهو رجي پاڻي ٿي ختم ٿي وڃڻ واريون آهن. بنگالي عوام، جو قومي تحريڪن جي پيداوار هو، هن هيجان جو خاموش تماشائي نه هو. حقيقت ۾، هندستان ۾، بنگالين کان وڌيڪ ٻيو ڪو به وطن پرست نه آهي؛ پر هنن جو جوش، اُن نديءَ جيان آهي، جنهن جي جواني، سانوڻيءَ جي موسم جي دم تائين آهي. جڏهن هوءَ اَمنگ ۾ ايندي آهي، ته پنهنجي اڳيان، سمورن بندن کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي. هن هنگامه خيز دور ۾، اُتي جيتريون به سياسي تحريرون قلمبند ڪيون ويون، تن جو شمار نه آهي. بنگال ۾ هيءُ سياسي جوش ته آيو ويو، پر جيڪا چيز باقي رهجي وئي، اُهو نئون دور هو؛ جو بنگال جي آرٽ، ۽ ادب ۾ شروع ٿيو، ۽ اڄ تائين هليو اچي ٿو. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي، جو زمانو وڏن وڏن انقلابن، ۽ هنگامن جي ياد؛ صرف اُنهن چند سٽن، ۽ ٿورن جملن ۾ ڇڏي ٿو، جي ڪنهن ملڪ جي تعمير جي طرز، ۽ بيان جي نموني ۾ رهجي وڃن ٿا!
هن نئين دور جي بانيءَ، ۽ علمبردار جو نالو، قاضي نذرالاسلام آهي. نذر الاسلام، پنهنجا باغيانه خيالات، ۽ نوان مضمون پيدا ڪيا، ۽ پراڻن مضمونن کي اهڙيءَ طرح نظر انداز ڪيو، جو ٽيگور اسڪول جا حامي، حيران رهجي ويا. اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته ٽيگور جا شائق، ۽ اُن جي شاعريءَ تي جهومڻ وارا بيشمار هئا؛ پر اُنهن ۾ گهڻو تعداد وري انهن جو هو، جي هن پراڻيءَ، ۽ بيڪار سماج کي زنده رکڻ لاءِ آتا هئا: هو رات ڏينهن گل وريحان، نغمه وسرود، ۽ چنگ و رباب جي سرمستين ۾ غرق هئا؛ جن جي اڳيان انقلاب، ۽ بغاوت جي معنيٰ صرف لفظن تائين هئي؛ جي زمين کان پري ٿي چنڊ، سج، قوس و قزح، بادلن، ۽ ستارن جا خواب ڏسندا هئا، ۽ ٻيءَ صف ۾؛ بنگال جا اُهي نوجوان هئا، جي نذرالاسلام جي انقلابي ترانن کي پڙهي، دولت، ۽ سرمائيداريءَ، ظلم، ۽ ستم جي خلاف مورچي بندي ڪري رهيا هئا.
آهه، ٻڌو!
جڏهن مون پهريون دفعو دنيا ۾ اکيون کوليون،
ڀيانڪ طوفان منهنجي مرحبا ڪئي،
گهر جي ڇت طوفان جو لقمو ٿي وئي.
۽ دروازا طوفان جو تاب نه جهلي، چُور چُور ٿي ويا!
نذرالاسلام مغربي بنگال جي بردوان جي هڪ ڳوٺ چوريليا ۾ 1897ع ۾، پيدا ٿيو. هن جو خاندان، پنهنجي غربت کان مشهور هو. اِها ڳالهه، ته سڀڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ته بنگال جي هارين جي اقتصادي حالت، نهايت ئي زبون آهي. اِهو ئي حال، نذرالاسلام، ۽ ان جي خاندان جو هو. سندس ڄمڻ کان ٿورا سال پوءِ سندس پيءُ ماءُ گذاري ويا، ۽ سندس پرورش هن جي چاچيءَ ڪئي. هوءَ نذرالاسلا، کي، نهايت ئي پيارو گهرندي هئي، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو کيس تعليم ڏيڻ جي خيال کان، هن ٿورا پئسا به گڏ ڪري رکيا هئا. نذرالاسلام کي پهريائين، سندس ڳوٺ ۾، هڪ مولويءَ وٽ پارسي زبان سکڻ لاءِ ويهاريو ويو، مگر هن جي ڇڙواڳ طبيعت، ڪتابن تي ڄمي نه سگهي- ته به هن پارسي، عربي، بنگالي ۽ ڪجهه انگريزي تعليم حاصل ڪري ورتي.
پهرين عالمگير لڙائيءَ جو زمانو هو. بيشمار هندستاني بک، ۽ بيروزگاريءَ جي وڌندڙ تڪليفن کان گهٻرائجي، فوج ۾ ڀرتي ٿي رهيا هئا. نذرالاسلام هي سڀ ڏسي رهيو هو. هن جو پيٽ خالي هو- مٽ مائٽ، بک، ۽ غريبيءَ جي زد ۾ هئا. بنگال جا ڪڙمي، اناج پيدا ڪرڻ جي باوجود، فاقا ڪڍي رهيا هئا. نذرالاسلام هي سڀڪجهه ڏٺو، ۽ پاڻ کي خطري ۾ وڌو: پر اِها حقيقت آهي، ته هن جي فطرت کي، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ ئي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو مليو. هن ڪراچي ڪئمپ مان، پنهنجي ذهني ڪيفيت، هڪ خط جي ذريعي، هيئن بيان ڪئي آهي:
هينئر اسان کي تياريءَ جو حڪم مليو آهي، ۽ جلد ئي عربي سمنڊ پار ڪرڻ کان پوءِ، ميسو پٽيما جي باهه ۾ ٽپي پونداسين. مون باهه جي خواهش ڪئي هئي- صرف باهه جي: مون خواهش ڪئي هئي ته هوا ۾، آسمان ۾، ۽ هيڏانهن هوڏانهن، چئني طرفن کان باهه جون ڄڀيون اُٿن ۽ مان انهن ڄڀين جي وچ ۾ بيٺو هجان! هڪڙي خواهش ٻي به هئي- رت پيئڻ جي. دل چاهي ٿي، ته سڄي دنيا جي انسانن جي رڳن جو خون چوسي، پنهنجي پياس کي مٽايان- پر ڇا پياس مٽجي ٿي؟ سوچيان ٿو، ته مون کي آخر انسانن سان ايتري دشمني ڇو آهي؟ مگر مان ان جو جواب ڏيئي نٿو سگهان؛ ڪنهن کي خبر، ته فطرت، ۽ طبيعت جي اندر جفاڪاري، ۽ ستمگريءَ جي خواهش ڇو ٿي جاڳي! مان بنسريءَ جي سريلي تان ڇيڙي، هرڻيءَ کي پنهنجي ويجهو آڻيان ٿو... ۽ وري ان جي سيني ۾ خنجر ٿو ٽنبيان- ۽ ان ۾ ئي منهنجي خواهش جي پورائي آهي!
خط جي هن ٽڪر مان، هيءَ ڳالهه ظاهر آهي، ته نذرالاسلام جي فطرت ۾ جوش، ۽ همت، ۽ شجاعت جو هڪ سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، ۽ اُن جي هر موج ۾، بي پناهه جولانيون آهن.
رات ڇائنجي چڪي هئي- هڪ ڀيانڪ رات! هر طرف خاموشي، ۽ انڌيرو! ڪڏهن ڪڏهن فضا م، هوائي جهاز جي گڙ گڙاهٽ کان هلچل مچي ٿي وئي. کاهين ۾ سپاهي راحت جي ننڊ ڪري رهيا هئا. پر نذرالاسلام جاڳي رهيو هو. ان وقت، هو پنهنجي اندر ۾ عجيب بيقراري، ۽ بي چيني محسوس ڪري رهيو هو، ۽ هن جي دماغ ۾، سڄي ڏينهن جي هولناڪ جنگ جو گهرو نقشو هو، ۽ ان نقشي لفظن جو لباس ٿي پهرڻ گهريو. پر هو لکي، ته لکي ڇا؟ هر طرف اونده هئي- روشنيءَ جو هڪ ذرو به نه هو؛ ته به هن پنهنجي بيقرار جذبات کي، لفظن جو جامو پهرايو، ۽ صبح جو انهن جملن کي ڏسي، هن جي حيرت، ۽ تعجب جي حد ئي نه رهي! هن بنا ارادي، هڪ نظم لکي ڇڏيو. هيءُ هن جو پهريون مطبوعه نظم شط العرب آهي.
جنگ جا هولناڪ شعلا دٻجي چڪا هئا، ۽ هر طرف صلح جو پيغام گونججي رهيو هو. هوائي جهازن جي گڙگڙاهٽ ۽ توبن جو شور گهٽجي چڪو هو. رهيل سپاهي، پنهنجي پنهنجي ديس ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. مايوس ۽ نااميد! هلندي هلندي هنن سوچيو ٿي، ته جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان کين ڇا مليو؟ انهن جي تمنائن جي مکڙي نه ٽڙڻي هئي، سا نه ٽڙي؛ ۽ انهن جي خواهشن تي، اڳي جيان اونداهي ڇانيل هئي. نذرالاسلام به هڪ حوالدار بڻجي آيو. پر جڏهن هو هندستان پهتو، ته ان وقت خلافت جي تحريڪ، ۽ عدم تعاون جي چنگاري، هيڏانهن هوڏانهن ڦهلجي چڪي هئي. انگريزي شهنشاهيت کان عوام بيزار ٿي ڏسڻ ۾ آيو. هي سڀ ڪجهه ڏسي، هو نهايت ئي خوش ٿيو. ڇو ته جا باهه، هو پنهنجي سيني ۾ دٻائي کڻي آيو هو، ۽ جنهن جا شعلا، هن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪا هئا، سي هو ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان، ٻيءَ ڪنڊ تائين، چڱيءَ طرح ڏسي رهيو هو.
هندستان جي هن بي چينيءَ، ۽ بي قراريءَ کي ڏسي، هن باغيءَ جهڙو لازوال نظم لکيو- هن جو اهو نظم، جنهن کيس باغي شاعر (دروهي ڪوي) جو لقب لکيو آهي
باغي اسان جي ادب ۾، پنهنجي قسم جي هڪ نرالي چيز آهي. وڪٽر هيوگو (طوفان)، سوئين (هرٿا)، ۽ لارڊ بائرن (تخريب) جهڙن باڪمال شاعرن، هن موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي؛ پر باغي جي رفعت، ۽ عظمت هن کان بلند آهي. هن ۾ بلا جو زور آهي، ۽ جا خوبي هن جي ذرن ۾ موجود آهي، تنهن شاعر کي، هڪ باه جو مجسم بڻائي ڇڏيو آهي. بغاوت جو اهڙو رنگ، مشڪل سان ڪٿ ٻيو ملي سگهي ٿو.
چئي ڏي، اي جوان مرد! چئي ڏي ته مان سر بلند آهيان!
ايترو سر بلند، جو هماليه جي چوٽي به منهنجي اڳيان جهڪيل آهي.
مان سرڪش، سنگدل، ۽ آتش زبان آهيان
مان قيامت جو دوست آهيان، تباهي آهيان، دهشت آهيان:
مان دنيا جي لاءِ سراپا هلاڪت آهيان:
چئي ڏي، اي جوان مرد! چئي ڏي ته، مان سر بلند آهيان!
مان باغي آهيان ۽ وطن جو سرڪش اولاد؛
منهنجي راه ۾ جيڪا چيز اچي ٿي، تنهنکي مان چور چور ڪري ڇڏيان ٿو؛
پنهنجي خوديءَ کان سواءِ، ٻئي ڪنهن جي به زير احسان ڪين آهيان؛
مان اسرافيل جي صور جو پڙاڏو آهيان؛
قيامت جي ديوتا جو جهنڊو، ۽ جبريل جي لٺ آهيان؛
جڏهن بگڙجي اُٿان ٿو، ته آسمان به مون کان لرزش کائي ٿو؛
۽ جهنم به مون کان ڪنبي ٿو؛
مان شهاب ثاقب، مريخ ۽ دمدار ستارو آهيان؛
زهريلي نانگ جي ڦڻ آهيان؛
مان اُن ڏينهن مطمئن ٿيندس، جڏهن مظلوم جي آه آسمان ۾ نه گونجندي؛
جڏهن جنگ جي ميدان ۾ تلوارن، ۽ خنجرن جا خوفناڪ ترانا ٻڌڻ ۾ نه ايندا!
دروهي (باغي) جي اشاعت، بنگال جي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڏني. اخبارن ۾ مهينا، هن نظم جو چرچو ٿيندو رهيو. قدامت پسندن، سخت واويلا مچائي ڏني. حقيقت ۾، هن جا نوان بحر، ۽ نوان مضمون، هڪ نئين دور جو، اعلان ڪري رهيا هئا. ٽيگور اسڪول جي حامين کي ياد نه آهي، ته ڪنهن بنڪم چٽرجي، ۽ ڊي. ايل راءِ جي روايتن کي ٽوڙي، پنهنجي لاءِ ڪڏهن ڪو نئون رستو بڻايو هو. بنگالي ادب کي، نذرالاسلام هيءَ هڪ بي بها سوکڙي ڏني هئي. پر سڀ کان زياده اهم اُهو پيغام هو، جو هن پنهنجي قوم لاءِ آندو هو. هي اُنهن جانبازن جو پيغام هو، جي انسانيت کي نجات ڏيارڻ لاءِ، ديس پرديس ۾، سوريءَ تي چڙهي رهيا هئا، ۽ موت جي ڪوٺڙين ۾ بند هئا. پر اُها طرز، جنهن جي وسيلي، هن پنهنجي پيغام کي پيش ڪيو، سا گهٽ اهم نه هئي. شاعريءَ، يا ادب جي هر شعبي ۾، طرز ۽، اُسلوب کي، سڀ کان زياده مرتبو حاصل آهي، ۽ سٺي ۾ سٺو مضمون به، اُسلوب جي نقص ڪري، بي اثر، ۽ بي جان رهجي وڃي ٿو. نذرالاسلام، هن راز کي سمجهيو، ۽ پنهنجي جذبات جي اظهار لاءِ، هن جيڪو لباس چونڊيو، تنهنجي چمڪ ڌمڪ نرالي هئي.
هن قسم جي نظمن جي اشاعت جو، هي لازمي نتيجو هو، جو اسان جي شاعر کان حوالداري کسي وئي، ۽ هن جي مختصر پينشن به بند ڪئي وئي. نه صرف ايترو، بلڪ حڪومت هن جي نظمن جا مجموعا به ضبط ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ هن کي ٻه دفعا جيل به موڪليو.
هڪ دفعي، نذرالاسلام، پنهنجي ٿورن دوستن سان، ڪجهه وقت جي لاءِ ڪوميلا ويو. موٽڻ بعد، هن ڪلڪتي مان، بنگالي زبان ۾، هڪ هفتيوار اخبار ڌوم ڪيتو، جي نالي جاري ڪئي. هن اخبار جي جاري ٿيڻ سان، بنگالي ادب ۾، انقلاب جي لهر ڊوڙي وئي. انقلابي نوجوانن جي رهنمائي هيٺ، اشتراڪيت جو جهنڊو بلند ڪيو، ۽ سرمايه داري جي خلاف تحريڪ جي ابتدا ڪئي. نتيجو هيءُ نڪتو، جو هن جي مشهور نظم آگمني (آمد) جي اشاعت کان پوءِ، جلد ئي حڪومت هن جي نالي، گرفتاريءَ جو وارنٽ جاري ڪيو. پر، هي پوليس کان پاڻ بچائي، حال في الحال روپوش ٿي ويو. ڪيترن ڏينهن جي پريشانيءَ کان پوءِ، پوليس کيس ڪوميلا ۾ گرفتار ڪيو.
جيل جون لوهي سيخون، مرده دلين جي همت کي پست ڪري ڇڏينديون آهن، پر ارادي جي قوت، پخته دل، ۽ دماغ وارا، هتان ئي مٿي چڙهندا آهن. بغاوت، ۽ سرڪشيءَ جي چڻنگ، جا اندر ئي اندر دکيل هئي، سا هت شعلو ٿي پئي. نذرالاسلام جي رڳن ۾ عوام جي محبت ڪم ڪري رهي هئي، پوءِ ڀلا، کيس جيل جي انڌيري ڪوٺڙيءَ ۾، ڪيئن ٿو آرام ملي! حڪومت مٿس تشّدد پسنديءَ جو الزام لڳايو، ۽ کيس جيل، اِن لاءِ بند ڪيو، جيئن سندس سورش پسندي وڌي نه وڃي. پر جڏهن، سمنڊ جون موجون طوفان بڻجي پونديون آهن، تڏهن اُنهن جي اڳيان؛ ڪابه چيز سلامت نه رهي سگهندي آهي. اهائي حالت، نذرالاسلام جي هئي. موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ به، هن جو شعور بيدار رهيو- جذبات ۾، اُمنگ پيدا ٿيندا رهيا، ۽ خيالن ۾ تيزي وڌندي رهي.
پر هو، پنهنجي باغي خيالن کي گڏ ڪيئن ڪري؟ ڪاغذ، ۽ قلم هُت ڪيئن ٿي ملي سگهيو! هو پريشان ٿي اُٿيو، ۽ پريشاني جي عالم ۾، سيخن پٺيان گهمڻ لڳو. يڪايڪ، هن جي نگاه آڱرين جي ننهن تي پئي؛ سوچڻ لڳو: هنن آڱرين کان خنجر، ۽ چاقوءَ جو ڪم وٺي ٿو سگهجي. هنن ننهن کي، پنهنجي رڳن ۾ پيوسته ڪري، خون ڪڍي ٿو سگهجي، ۽ اهي ئي ننهن، ديوار تي خيالات جمع ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿا سگهن. مان اِنهن ئي ننهن سان، ديوار تي لکندس. ۽ نذرالاسلام، موت جي ڪوٺڙيءَ جي ديوار کي، پنهنجي دماغ ۾ جمع ٿيل خيالات سان سرخ بڻائي ڇڏيو. ديوار تي، سفيديءَ جي بدران سرخي ئي سرخي نظر اچڻ لڳي. هن جي دل جي گهراين ۾، انگريز، ۽ اُن جي سامراجيت خلاف، شديد نفرت جو احساس جاڳي اٿيو هو. هن نٿي چاهيو، ته هندستان جو غريب طبقو، اِن سامراجيت جي شڪنجي ۾ پيڙبو رهي. هن هر پيٽ کي ڀريل، ۽ هر دل کي آسودو ڏسڻ ٿي گهريو. جيئن ته نذرالاسلام، خود هڪ هاريءَ جو پٽ هو، ۽ هن هارين جي تڪليفن، ۽ مصيبتن جي ڀيانڪ تصوير ڏٺي هئي، ان ڪري، هو هڪ گهڙيءَ لاءِ، به هي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ته ڪو چانديءَ، ۽ سون جا ديوانا، پنهنجي ظلم، ۽ ڏاڍ کي جاري رکندا رهن. افلاس جي گود ۾، هن اکيون کوليون، ۽ افلاس جي ڇانوَ ۾ هو وڌيو، ۽ مٿي چڙهيو:
اي افلاس، تو ئي مون کي هيءَ عظمت بخشي آهي!
عيسيٰ جي مٿي تي، ڪنڊن جو تاج ڪهڙو نه سهڻو ٿو لڳي؛ مرحبا، جو تو مون کي به اِن زينت سان سرفراز ڪيو، ۽ اها جوالمردي عطا ڪيئي؛
منهنجي اکين کي آتش فگن، ۽ زبان کي تند خو بڻايو؛ ۽ هيءَ تنهنجي ئي تربيت آهي، جو منهنجو نغمو اُڀيءَ تلوار کان به تيز آهي!
نذرالاسلام ئي اُهو پهريون شاعر آهي، جنهن صدين جي پراڻين، ۽ بي جان چيزن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن بار بار، پنهنجي نظمن ۾، اسان کي هي سبق ڏنو آهي ته: زندگيءَ جو ٻيڙو، هميشہ اڳتي وڌندو ٿو رهي. هو مزور، ۽ هاريءَ جو همدم، ۽ همنوا آهي. هن تهذيب جي، اُنهن کنڊرن کي ٽوڙي ڇڏيو، جي ڊيڄاريندڙ لاشن وانگر، انسان کي اڄ گهوري رهيا آهن. هو زندگيءَ جو گيت ڳائي ٿو- هو مزور، ۽ هاريءَ جو گيت ڳائي ٿو، جن جي کيتن مان، نئون سورج اُڀرڻ وارو آهي:
اُها گهڙي اچي وئي آهي!
جنهن هٿوڙن سان پهاڙن کي ڪاٽيو ٿي،
۽ جنهن جي ٻنهي طرفن کان هن جا هڏا پکڙيل آهن،
اُهو ئي. صرف اُهو ئي مزور مڪمل انسان آهي.
۽ مان اُن جا گيت ڳايان ٿو.
هن جي دکايل دل هڪ نئين زندگيءَ جي تعمير ڪندي.
هيءَ اُميد نه رک، ته ڪو هي خاڪ نشين، صرف اِن ڪري تنهنجي عزت ڪندا،
ڇاڪاڻ ته تون بالا نشين آهين.
جي ماڻهو محبت وچان زمين کي پنهنجو بستر بنائين ٿا،
انهن کي اها زمين بخشي ڇڏ؛
مان اُنهن قدمن کي چمان ٿو، جن تي هيءَ خاڪ پاڪ لڳل آهي
اڄ مظلومن، ۽ بيڪسن جي خون ۾ رڱجي، زمين جي پيٽ مان آفتاب ٿو اُڀري؛
هينئر اِنهن سڀني ٻنڌڻن، ۽ بندشن کي ٽوڙي اڇلائي ڇڏ.
اڄ آسمان کي گهرجي، ته هو اسان جي گهر تي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪِري؛
اسان جي مٿي تي چنڊ، ۽ ستارا گل ٿي ڪرن، ڇو ته اسان هڪ نئين جهان جو ٻج پوکيو آهي.
ساريءَ دنيا ٻڌو آهي، ته اسان سڀ هڪ ئي قافلي جا مسافر آهيون،
جيڪڏهن هڪ کي تڪليف پهچندي، ته سڀ ان جي درد کي محسوس ڪن ٿا،
هڪ جي بيعزتي انسانيت جي بيعزتي آهي:
نئين دنيا، نون خواهشن، ۽ نون ارادن سان، زندگيءَ جي راه تي گامزن آهي،
جنهن کي ڏسي، خدا مشڪي ٿو، ۽ شيطان خوف کان لرزش ۾ آهي.
1926ع جو سال، نذرالاسلام لاءِ بلڪل منحوس ثابت ٿيو. ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان وٺي، ٻيءَ ڪنڊ تائين، فرقيوار فساد جي باهه ڀڙڪو کائي اٿي هئي، ۽ بغض، ۽ نفرت جا شعلا، تيزيءَ سان بلند ٿيندا ٿي ويا.
هنن شعلن جي ڄڀيءَ ۾، ايترو ته تاءُ هو، جو نذرالاسلام به ان کان بچي نه سگهيو. هن جي خلاف، هر طرف کان حملا شروع ٿي ويا- هندو، هن جي خون جا پياسي ٿي پيا، ڇو ته اُنهن ڏينهن ۾، هن هڪ هندو ڇوڪريءَ پرميلاسين سان شادي ڪئي هئي. حڪومت جو قهر، پنهنجي جڳہ تي قائم هو. مسلمان به، هُن کان بگڙجي چڪا هئا. نذرالاسلام پنهنجي هڪ نظم آتم ڪهاڻي ۾، هن ڪيفيت کي هيئن پيش ڪيو آهي:
مان موجوده زماني جو شاعر آهيان: مستقبل جو پيغمبر نه آهيان.
مون کي شاعر چئو، يا ٻيو ڪجهه؛ بهرحال مان سهندو رهان ٿو.
ڪو چوي ٿو، ته جيل جي هوا کائي برباد ٿي چڪو آهيان،
ڪو ٿو چوي، ته جيل جي اندر ئي بهتر هوس:
مولوي منهنجي چهري تي ڏاڙهي نه ڏسي، مايوسيءَ وچان پنهنجي ڏاڙهي کنهي ٿو:
هندو چون ٿا، ته مون هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي، ان ڪري فرقي پرست آهيان.
عدم تشّدد جو اوتار، خفي آهي، ته مان بغاوت جا گيت ڳايان ٿو.
مرد سمجهن ٿا، ته مان عورت پرست آهيان؛
۽ عورتون، مون کي نسوانيت جو دشمن سمجهن ٿيون.
دوستو! مون کي اِن جي پرواهه نه آهي، ته ڪو مستقبل مون کي ياد ڪندو يا نه:
منهنجي تمنا صرف هيءَ آهي، ته ٽيٽيهن ڪروڙ خدا جي خلق کي، بک ۾ تڙپائڻ وارن لاءِ، منهنجي هيءَ خونچڪان تحرير، موت جو پيغام ثابت ٿئي!
نذرالاسلام جي باغيانه شاعريءَ جي، سڀ کان زياده خصوصيت هيءَ آهي، ته هن جي اندر، بلا جو جوش، ۽ غضب جو طوفان آهي. هو رستي ۾، حائل ٿيندڙ هر چيز کي ٽوڙي اڳتي وڌي ٿو، ۽ ٻين کي به اهو ئي پيغام ٿو ڏئي. هو انقلاب جو لقب، ۽ غلاميءَ جو دشمن آهي؛ هو پنهنجي هڪ نظم اڳيان ويندڙ واٽهڙو ۾ نوجوانن کي هيئن ٿو خطاب ڪري:
اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!
نوجوانو هٿيار کڻي وٺو!
ڪٿي آهي هٿوڙو ۽ _ڏاٽو؟
ساٿيو ڪوچ جو وقت اچي ويو آهي، دير نه ڪيو:
اسان ٻرندڙ ڏئي جي تيز لاٽ آهيون، اسان بهادر آهيون:
اسان نئين بهار جا ٻج ٿا پوکيون:
اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!
آئرلنڊ، عرب، مصر، ڪوريا، چين،
ناروي، اسپين، روس،
هر جڳهه اسان جي خون جا قطرا موجود آهن؛
۽ اسان سڀ ساٿي، هڪ ئي دک جا شڪار آهيون:
اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!
اسان مٺي ننڊ، ۽ ٿورين گهڙين جي خوشي نٿا چاهيون:
اسان نٿا چاهيون، ته ڪو ٿورين گهڙين جي لاءِ،
راحت، ۽ سڪون، مخمل، ۽ قالين امن، ۽ سستي شهرت
حاصل ڪيون.
هيءَ سڀ سڙيل دولت آهي!
اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!
مان ڇا ٻڌي رهيو آهيان!
نئي صبح جو راحت ڀريو گيت:
ساٿيو، توهان به ٻڌو!
هينئر تيار ٿي وڃو وڌو-
اڳتي اڃا اڳتي!
پنهنجي حق تي قبضو ڄمايو!
اڳيان ويندڙ واٽهڙو، اڳتي وڌو!
نذر الاسلام هندستان جي شاعرن ۾، اُهو پهريون شاعر آهي؛ جنهن جيئريءَ جاڳنديءَ زندگيءَ جا گيت ڳايا، زندگيءَ جا اُهي گيت، جي اڳتي وٺي هلن ٿا. هن اسان جي، پراڻين روايتن سان بغاوت ڪئي آهي. زندگيءَ جي واديءَ ۾، گهمي ڦري، هن هي صاف ڏٺو آهي، ته دنيا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي. هڪ طرف، انسانن جي اڪثريت جهالت، ۽ افلاس ۾ گهٽجي رهي آهي، ۽ ٻئي طرف، اُنهن جي محنت جو ميوو، ٿورا مطلب پرست انسان هڙپ ڪري رهيا آهن. اِن ڪري هن ڪڏهن به هندستان جي ٻين شاعرن جيان، تصّوف جو آڌار نه ورتو آهي، ۽ نه وري، هن زندگيءَ جي بي ثباتيءَ، ۽ انسان جي مجبوريءَ تي ماتم ڪيو آهي: بلڪ هن، ذهني غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي، اهڙن خيالن کي جنم ڏنو آهي، جنهن مان بيداري، ۽ سجاڳي پيدا ٿئي ٿي.
هينئر المناڪيون ختم ويون آهن، ۽ شعلا بلند ٿيڻ لڳا آهن؛
دانهون ڇاتي ڦاڙي ٻاهر نڪري رهيون آهن؛
سمنڊ پلٽجي پيو آهي؛ آسمان ۾ لرزش اَچي وئي آهي؛ ۽ هوا ۾ بجلي پوشيده آهي؛
ڌرتي ڏڪي رهي آهي؛ ۽ ديوتائن ڍالون سنڀاليون آهن:
ڏسو، شهاب ثاقب، ڪائنات کي ابتو ڪري رهيو آهي:
اڄ مان ڪيترو نه خوش آهيان، ۽ خوشيءَ وچان، منهنجي چمن جون مکڙيون، به ٽڙي پيون آهن.
اڄ ريگستان جا خشڪ چپ مشڪي رهيا آهن؛
پهاڙن، ۽ جهنگلن ۾ لرزش اچي رهي آهي؛
هيبتناڪ طوفان اچي ويو آهي؛ سمنڊ جا بند ٽٽي پيا آهن؛
بيقرار دل پاڳلن جيان ڊوڙندي رهي ٿي:
ڏسو، اڄ سموري ڪائنات ۾، خوشين جا نغما ڇڙي پيا آهن!
هڪ ٻئي نظم ۾، هن جي شعلي باري ڏسو:
جوان مرد، تيز قدمن سان جنگ جي ميدان ۾ وڃي رهيا آهن-
هٿن ۾ خوني تلوارون اٿن:
بگل وڄڻ جو آواز قيامت برپا ڪري ٿو ڇڏي-
موت جو ڀوت ڀڄي ويو، ڏک، ۽ تڪليفون مٽجي چڪيون آهن؛
هزارين سج جا شعاع ڌرتيءَ تي ڦهلجي چڪا آهن!
هو قدم قدم روان دوان آهن-
ڪڏهن ريگستانن جي تتل ميدانن ۾، ڪڏهن همت شڪن پربتن تي.
هنن کي ڪنهن جي به پرواه نه آهي1
پنهنجي بدناميءَ جي داغ کي، خون جي سرخ قطرن سان صاف ڪري رهيا آهني
هن عجيب ۽ غريب قربانيءَ کي ڏسي، مندر جو گهڙيال ڏڪي رهيو آهي؛
۽ قديم زماني جا ظالم، ۽ سفاڪ سورما آسمان مان لڪي لڪي ڏسن ٿا؛
ڏسو، گهنگهور بادلن ۾، برباديءَ جو جهنڊو ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو آهي،
۽ آزاديءَ جي طبل جي شور کان، آسمان جي ڇاتي ڌڙڪي رهي آهي!
نذرالاسلام جو هيرو اُهو آهي، جو هن ڏاڍاين ڀريل نام کي بدلائڻ لاءِ لڙي ٿو. باغي، هن ئي مجاهد جو ترانو آهي، ۽ ايترو عظيم جو اِن کي ٻڌي، اسان حيرت ۾ رهجيو وڃون ٿا، ۽ دير تائين اِئين ٿا محسوس ڪيون؛ ڄڻ ته هر طرف تاريڪي ئي تاريڪي آهي، ۽ ويجهو ان تاريڪيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ، ڪڪرن ۾ ڪا بجلي تڙپي رهي آهي. درحقيقت، نذرالاسلام ئي اُهو شاعر آهي، جنهن جي شاعري، سنبل، ۽ ريحان، تصّوف، ۽ تصّور جي موضوعات کان دور، انقلاب، بغاوت، ۽ مساوات جي گود ۾ پلجي وڏي ٿي آهي. هن زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي ڏٺو آهي، ۽ فراريت کان دور رهيو آهي. هو جبر، ۽ تشدد جي باه ۾ جلڻ جي باوجود، مشڪندو اُٿي ٿو، ۽ بزدلن کي پيغام ٿو ڏئي:
هيءَ زندگيءَ ڪڏهن به فنا نه ٿيندي: هن کي بقا حاصل آهي-
جي زنده انسانن جيان رهڻو اٿوَ، ته پنهنجي مٿان طوفان جي سايي کي رهڻ ڏيو؛
۽ پنهنجي پيرن مٿان، موت جي دريا کي وهڻ ڏيو؛
زندگيءَ جو پيالو جوانيءَ جي شراب سان ڀري پيو؛
مست ٿي وڃو، ڇو ته طوفان سان همرڪابي ڪرڻي اٿو!
(1954)
(1) هن مضمون کي لکندي، منهنجي اڳيان پيام- شباب، ۽ شاهراه دهلي رهيا آهن.
زينت
هڪ سنڌي ناول جو مطالع
انگريزي دور جي اثر هيٺ، لکڻ جا جي نمونا، اسان جي ادب کي حاصل ٿيا آهن؛ اُنهن مان، ناول کي اهميت حاصل آهي. مشرقي ادب ۾، هونءَ ته قصي نويسيءَ، ۽ داستان سرائيءَ جو رواج، صدين کان وٺي هلندو آيو آهي؛ جنهن ۾، ڪنهن تاريخي، يا نيم تاريخي شخصيت کي، قصي يا داستان جو هيرو بڻائي، هڪ اهڙي تخيّل جي دنيا پيدا ڪئي ويئي آهي، جنهن جو حقيقت سان، دُور به تعلق، ۽ واسطو ڪونه آهي. داستان، ۽ قصي ۾، هڪ اهڙي ڪائنات ٿئي ٿي، جتي ديوَ، پريون، ۽ عجيب الخلقت هستيون، چُرنديون ڦِرنديون نظر اچن ٿيون. اِن لحاظ کان، قصو يا داستان، مافوق الفطرت ڪهاڻين کان، زياده اهميت نٿو رکي. مگر اِن جو مطلب اِهو نه آهي، ته ڪو قصن، ۽ داستانن کي، ڪا اسان جي ادب ۾، جڳهه ئي حاصل ڪانه آهي. پروفيسر ڪليم الدين احمد جي لفظن ۾: جيڪڏهن اسان هن دنيا جي متعلق، جا پنهنجي دل ۾ بي اعتقادي رکون ٿا، تنهن کي ٿورو وقت پاسيرو ڪري رکون، ته اسان لاءِ هڪ دلچسپ دنيا جو دروازو کلي پوي ٿو، ۽ هن دنيا جو سير، محض وقت وڃائڻ نه آهي، بلڪ اسان جي تخيّل، اسان جي دماغ، ۽ اسان جي روح کي تازگي نصيب ٿئي ٿي. اِن کان سواءِ قصن ۾، اڳ جي واقعن، ۽ مادي حالتن جو پڻ عڪس ٿئي ٿو. اڄ افسانن، ۽ ناولن ۾، زندگيءَ جي جنهن منتر، ۽ جادوءَ کي پکيڙيو وڃي ٿو، اُهو ساڳيو ئي حياتيءَ جو اَفسون، قصن ۾ به پکڙيل آهي. مگر غير شعوري طرح، ۽ اِهو سڀ ڪجهه، اُنهن انسانن جو هڪ بي بها؛ ۽ اَملهه خزانو آهي.
داستان، قصو، حڪايت، افسانو، ۽ ناول حقيقت ۾، هڪ ئي چيز جا مختلف نالا آهن. مگر انهن مختلف شين جي تعريف، ۽ اُنهن جي عمل جو دائرو به، هڪ ٻي کان جدا آهي. هت جئن ته ناول سان اسان جو واسطو آهي، اِن ڪري، اچو ته ڏسون ته ناول ڇا آهي.
ناول اسان جي، پنهنجي، معاشري کان متاثر ٿيل ادب جي هڪ شاخ آهي. دنيا جو ادب، سائنس جي روزانہ ترقيءَ سان گڏ پاسا بدلائي رهيو هو، ته زندگيءَ جي نظريي، هڪ خاص شڪل اختيار ڪئي؛ ۽ تحقق، ۽ ڄاڻڻ جو بنياد پيو. انسانن جي سيرت تي، غور ٿيڻ لڳو، ۽ انساني خواهشن، ۽ خيالن جا سبب دريافت ٿيڻ لڳا. مطلب ته داستان، ۽ حڪايتن کي، سائنس جي ترقيءَ، حقيقت نگار بڻايو، ۽ اِن ادبي دنيا ۾، هڪ خاص جڳهه والاري، ۽ ادب جو هڪ مکيه نمونو بڻجي پيو؛ ڇو ته اِن ۾، اسان جي موجوده دور جي پيچيدگين جي عڪاسي ٿيڻ لڳي. اهڙيءَ طرح، ناول جا گهڻا ئي قسم ٿي پيا: جي موضوع جي خيال کان، ڪيترن ئي نمونن ۾ ورهائجي ويا، جئن اُهي، پنهنجي وقت، ۽ حالتن جي نه صرف ترجماني ڪري سگهيا ٿي؛ بلڪ اُن جو ساٿ به ڏيندا رهيا. اِن مان ائين نه سمجهڻ گهرجي، ته ڪو هڪ قسم جو ناول، ٻي قسم جي ناول کان، بلڪل مختلف ٿئي ٿو. اڪثر طرح هڪ قسم جي ناول ۾، مختلف قسمن جي ناولن جون خصوصيتون، اهڙيءَ طرح گڏيل ملن ٿيون، جو اُن کي ڪنهن خاص قسم جي ناول سڏڻ ۾؛ ڪي قدر تڪليف ٿئي ٿي. ان هوندي به، خاص ناول جي هيئت ۾، ڪجهه اهڙيون به صفتون ضروري ملن ٿيون، جو اُن کي، هڪ ئي قسم جو ناول سڏي سگهجي ٿو. هن بحث کي ڇڏي، فقط ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي؛ ته انساني نسل جو هڪ قديم جذبو، جو داستان، ۽ قصي گوئي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، سو داستان، ۽ حڪايت جون جدا جدا منزلون طي ڪري؛ موجوده فنّي ناول جي لباس ۾، اڄ پنهنجي عروج، ۽ ڪمال تي پهچي چڪو آهي.
سنڌي ادب جو، پنهنجي همعصر Contemporary ادب کان متاثر ٿيڻ لازمي هو. اِن کان سواءِ، سنڌي ادب ۾، نون نون تجربن ٿيڻ جا قوي امڪان موجود هئا. ڇو ته اُن وقت، هو هڪ اهڙي معاشري، ۽ ماحول ۾ پرورش پائي رهيو هو، جنهن جو، ان تي اثر پوڻ لازمي هو. سنڌي ادب ۾، جيتوڻيڪ قديم قصي نويسيءَ(1) جو رواج پئجي چڪو هو؛ مگر ان هوندي به، کيس هڪ اهڙيءَ ادبي صنف، يا شاخ جي ضرورت هئي، جا پنهنجي وقت، ۽ ماحول جي پوري پوري، ۽ صحيح معنيٰ ۾، نمائندگي ڪري سگهي.
مرزا قليچ گيت (مرحوم)، انهن ضرورتن کي غور، ۽ فڪر سان ڏسي محسوس ڪيو؛ ته سنڌي ادب به زماني جو ساٿ ڏيئي، ۽ پنهنجي ماحول ۾ پاسا بدلائي اُٿي. اِن خيال کان، مرزا قليچ گيت سنڌي ادب ۾، ناول نگاريءَ جو رواج رائج ڪيو، ۽ پنهنجو پهريون ناول زينت(2) سنڌي ادب کي پيش ڪيو آهي. هن ناول کي پڙهڻ کان پوءِ، ان حقيقت جو اندازو، چڱي طرح لڳائي سگهجي ٿو، ته کيس ناول جي صحيح مقام جي پوري پوري ڄاڻ هئي، ۽ پاڻ انهن سمورين چيزن کان واقف هو، جي ناول لاءِ لازمي سمجهيون وڃن ٿيون. ۽ اِن حقيقت جو اظهار، به مختصر طرح هيئن ڪيو اٿائين. لکي ٿو:
اِهو هڪڙو نئون رٿيل خيالي قصو آهي،
جنهن ۾ زماني جي گردش، ۽ حال چال جو
بيان گهرو اصطلاح ۾ ڏنل آهي. اڳوڻي زماني
جي قصن وانگر، هن ۾، جن ڀوت، يا پريءَ
ديوَ، يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي. هن ۾،
اِهڙا واقعا ڏنل آهن، جي شدنيءَ جهڙا آهن،
۽ جي سڀ ڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا.
مرزا قليچ بيگ مٿين جي عبارت، ڪيتري قدر نه واضح آهي، ۽ هو ڪيترو نه پنهنجي ماحول، ۽ معاشري کان واقف آهي. هن حقيقت جو، پروفيسر لطف الله بدويءَ، پڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾، هن طرح اظهار، ڪيو آهي:
هي هڪ معاشرتي ناول آهي، جنهن کي
مرزا قليچ بيگ صاحب، انگريزي جديد ناول
نگاريءَ کان متاثر ٿي، ۽ آڳاٽي ملڪي
قصّہ نويسيءَ کان هٽجي، لکيو آهي. هن
ڪتاب کي، قديم قصّہ نويسيءَ، ۽ جديد
افسانه نگاريءَ جي حد فاصل چئجي ته به
بجا آهي.(1)
زينت هڪ معاشرتي ناول آهي. اِن خيال کان هي ناول معاشري جي تصوير به آهي؛ ۽ اُن جي تنقيد به. هيءُ ناول، وقت جي اهم ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ؛ بلڪ هڪ، چڱي خاصي طبقي جي ترجماني هئي. زينت جي پس منظر ۾، اسان کي ميرن جي آخري دور، ۽ انگريزن جي ابتدائي زماني جي، نمايان تصوير نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ سنڌ، انگريزن جي قبضي ۾ اچي وئي هئي؛ پر ميرن جي صاحبيءَ کي ختم ٿئي، اڃا ڪو زياده عرصو نه گذريو هو. اِن خيال کان، جيتوڻيڪ نئين قوم جي تهذيب، ۽ ٻين ڳالهين جو اثر، ڏيهي ماڻهو قبول ڪري رهيا هئا؛ تاهم به اُهي پراڻيون ريتون، ۽ رسمون ايتريون جهونيون نه ٿي ويون هيون، جو اُنهن کي هڪدم وساريو وڃي ها. ان ڪري، انگريزي تعليم سان گڏ فارسي، ۽ سنڌي ٻولين جي تعليم اڃا به ڏني ٿي وئي، ۽ سرڪاري طرح اِنهن زبانن کي قبول ٿي ڪيو ويو. مرزا صاحب ان طرف هيئن اشارو ڪيو آهي: تنهنکي ننڍي هوندي کان، هنن چڱي تعليم ڏياري هئي، سو سنڌي. فارسي پڙهي ته هوشيار ٿيو هو، پر انگريزيءَ ۾ به چالاڪ هو. اِن کان سواءِ، ڪجاون، ۽ ڏولين تي پرده دار عورتن جو، اڃا به اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي، ۽ اِن کي شريف خاندان ۾، اڃا به ضروري سمجهيو ٿي ويو. انگريزي تهذيب جو اثر، اسان جي نوجوانن تي پئجي رهيو هو، تنهن جو مرزا صاحب، بار بار ذڪر ڪيو آهي. هڪ هنڌ صاف لکي ٿو ته: ڇوڪرا انگريزي پڙهي کري پيا آهن. ٻاهر جا ڪم ته بگيڙيا اٿن، هاڻ وري اندرين زنانن ڪمن ۾ ٿا هٿ وجهن. نيون ٻوليون ٿا ٻولين. جيڪي سندن ابي ڏاڏي ڪيو، تنهن تان ٿا عيب وٺن.
هن پس منظر ۾، مرزا صاحب زينت کي لکيو آهي. مرزا صاحب قدامت پسند هو، مگر هو مغرب جي وڌندڙ تهذيبي طوفان کان؛ بي خبر نه هو. حڪومتن جي بدلجڻ ڪري، جنهن قوم کي نقصان رسيو هو، سا هئي مسلمان قوم- مسلمانن ۾ به اُهو وچون طبقو هو، جنهن کي ڪافي دقتون پيش اچي رهيون هيون. مرزا صاحب، زينت جو سمورو پلاٽ، مسلمانن جي وچين طبقي جي مسئلن تي رکيو آهي، ۽ هڪ اِهڙي خاندان کي مثال طور پيش ڪيو آهي، جو زماني جي گردش ۾ تباهه ٿيڻ جي باوجود، پنهنجي عزت، ۽ شان کي برقرار رکڻ لاءِ؛ اڃا به ڪوشش ڪري رهيو هو. فتح خان سرائي جو خاندان، مرزا صاحب جي نڪته نگاه کي، چڱيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو. ان کان سواءِ، مرزا قليچ بيگ، جو ڪجهه علي نواز مغل جي خاندان جو ذڪر، هن ناول ۾ ڪيو آهي، تنهنجو مرزا صاهب جي خانداني حالات سان، گهري نسبت رکي ٿو. ديوان ڀيرومل مهر چند، اِن بابت لکي ٿو:
انهيءَ ڪتاب ۾، پنهنجو، ۽ آڪهه
جو ٿورو احوال، ڏاڍيءَ اٽڪل سان
آندو اٿس.
مرزا قليچ بيگ، زينت ۾، جنهن مسئلي کي، واضح طور تي بيان ڪيو آهي، سو عورت، ۽ عورت جي عظمت سان تعلق رکي ٿو. مرزا صاحب بجا طور تي محسوس ڪيو، ته عورت جي اصلاح کان سواءِ، معاشري جي اصلاح ناممڪن آهي؛ ڇو ته معاشرت ۾، عورت کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. مسلمان عورت، تعليم کان بي بهره، ۽ پردي جي سخت رواج جي ڪري، پنهنجي زماني کان ڪيتريون ئي صديون پوئتي آهي. کيس هن ڳالهه جو پورو احساس آهي، ته جيڪڏهن عورت کي صحيح تربيت ڏني وڃي، ته هوءَ به پنهنجي فهم، ۽ فراست، يا عقل، ۽ سمجهه جي ذريعي، گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ان ڪري، مرزا صاحب، عورتن کي سليقہ مند، زماني جي حالتن کان باخبر، ۽ خدمت گذار بنائڻ لاءِ، هي مقصدي ناول لکيو. ان لاءِ مرزا صاحب، ڪي زنانيون تحريڪون به پيش ڪيون آهن؛ جن ۾، زناني تعليم کي وڏو دخل آهي. مرزا صاحب، اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، هڪ اهڙي زنانہ اسڪول جو بنياد رکيو، جتي قوم جون نياڻيون، آسانيءَ سان دنياوي، ۽ ديني تعليم حاصل ڪري سگهن. مرزا صاهب اِن رٿ کي، نهايت ڪارائتو ۽ ڪامياب بڻايو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته عورت دنيا ۾، جو ڪجهه چاهي سو ڪري ٿي سگهي. اِن ڪري هن عورت کي، سمورين انساني ڪمزورين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ، ۽ پنهنجي نفس کي، پنهنجي مقصد تي قربان ڪرڻ لاءِ، اِهو ئي هڪ اڪيلو رستو ڳولهي ڪڍيو آهي.
پردي جي متعلق به، مرزا صاحب جا خيال واضح آهن. مرزا صاحب پردي کان نه انڪار ٿو ڪري، ۽ نه وري، اُن جي سختيءَ سان پابندي ٿو سيکاري. پردو هن جي اڳيان، هڪ نهايت ضروري چيز آهي. مگر اُهو ڪنهن به طرح، فقط منهن ڍڪڻ سان پردو نٿو ٿي سگهي. مرزا صاحب جو خيال آهي، ته عورت جي دل تي پردو هئڻ گهرجي، يعني ته اُها اخلاقي طرح، نهايت ئي بلند هجي. باقي ظاهري پردي مان، ته ڪو خاص فائدو ڪونه آهي؛ بلڪ اِهو ته، عورتن جي ترقيءَ، ۽ واڌاري ۾؛ هڪ رنڊڪ پيدا ٿو ڪري. دنيا هڪ عجيب عجائب خانو آهي، ۽ اُن جي هر چيز پنهنجيءَ پَرَ ۾، هڪ مڪتب گاهه آهي. اِن مڪتب گاهه مان، جيڪڏهن ڪجهه به حاصل نه ٿيو، ته پوءِ هيءَ حياتي؛ گوشت، ۽ هڏن جو هڪ پتلو بڻجي وڃي ٿي. عورت کي اِن ڪري، اِن مصنوعي ڪمزوريءَ کان دور ڪري، کيس جيڪڏهن سماج جو مکيه جزو بنائڻو آهي، ته کيس دنيا، ۽ زماني جي حالتن جو آزمودو سيکارڻ؛ نهايت ئي ضروري آهي؛ جئن هوءَ پنهنجي ڪمزور جسم کان مصيبت، ۽ تڪليف جي وقت ڪم وٺي سگهي، ۽ اُن کان گهٻرائجي نه وڃي؛ بلڪ اُن جو همّت، ۽ استقلال سان مقابلو به ڪري سگهي. اِنڪري عورت جي مناسب، ۽ شائستي طريقي تي پرورش ڪئي وڃي، ۽ پردو ڏنو وڃي.
شادي جي متعلق به، مرزا صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. مرزا صاحب، سڱاوتيءَ جي سودي کي ناپسند ڪيو آهي. اِن ڪري، مرزا صاحب اُها شادي ڪامياب سمجهي ٿو، جا هڪ طرف سڱ واري هجي. هنجي خيال موجب، اُهائي شادي ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جتي زال، ۽ مڙس هم خيال آهن، ۽ هڪ ٻي سان سچائي، ۽ صداقت رکندڙ آهن. هن جي خيال ۾ اُها عورت جا پڙهيل نه آهي، سا ڪڏهن به پنهنجي مڙس، ۽ گهر جي خوشنوديءَ جو سبب نٿي ٿي سگهي، ۽ اُها عورت؛ پوءِ نه فقط مڙس لاءِ بار آهي، بلڪ پوريءَ قوم لاءِ هڪ بوجو آهي. ساڳيءَ طرح، مرد به اهڙوئي هئڻ گهرجي، جو پنهنجيءَ زال سان، نه فقط محبّت ڪندڙ هجي، بلڪ هن جي خيالن، ۽ جذبات جو احترام به ڪندڙ هجي. مرزا صاحب، پنهنجي اِن خيال کي، عملي جامي پهرائڻ لاءِ زينت، ۽ علي رضا جو، هڪ اهڙو جوڙو تخليق ڪيو آهي؛ جنهن ۾ اِهي سموريون خوبيون، ۽ خاصيتون موجود آهن؛ ۽ جي هڪ مثالي نموني جا ٿي سگهن ٿا.
مرزا صاحب، اهڙيءَ طرح معاشرتي ڳالهين سان واسطي رکندڙ، ٻين به ڳالهين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
زينت ۾ گهرو ڳالهيون- سڱابنديءَ جو ڏي وٺ، ڏک سک، خيال خطرا، عام جذبا ۽ ارادا- نهايت صفائي سان بيان ڪيل آهن، ان کان سواءِ، اجايون ريتون رسمون ۽ رواج، جي اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، تن جو پڻ بيان ڪيل آهي، ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ، به ڪي ضروري، ۽ مؤثر ڳالهيون، ۽ اپاءَ ٻڌايا ويا آهن.
مرزا صاحب جي ڪردار نگاري، ايتري جامع، ۽ جاذبيت واري نه آهي، جيتري هئڻ گهربي هئي. هن جي ڪردار پيش ڪيا آهن، سي، يا ته سمورا فرشتي سيرت آهن، يا بنہ شيطان سيرت، مرزا صاحب، ٿورو گهڻو به حقيقت نگاريءَ کان ڪم نه ورتو آهي. ايتري قدر، جو عورتن جو پاڻ ۾ ڏيڻ وٺڻ وقت رنجش جو اظهار، يا پٽ پاراتي، ۽ حسد بغض جو به ڪٿي ڪو معمولي اشارو نه ڪيو آهي. مگر ڪٿي ڪٿي عام جذبا، ضرور بيان ڪيا اٿس؛ جئن ماءُ جو اولاد لاءِ پيار، مڙس لاءِ سڪ، ۽ محبت. حامد جي کرجي پوڻ کان پوءِ، مائي شربانوءَ تي، جي تڪليفون اچن ٿيون، يا حامد تي جڏهن خون جي تهمت اچي ٿي، تڏهن ماءُ جي نيڪ، ۽ پاڪ جذبي کي نهايت ئي ديانتداريءَ سان ظاهر ڪيو اٿائين-سڌريل جي کريل، ته به نيٺ اولاد، مائٽ جي دل لاءِ وڏي وٿ آهي.
ان هوندي به، مرزا صاحب جا ڪي ڪردار، نهايت ئي جاندار آهن. اهڙن ڪردارن ۾، زينت، ۽ علي رضا جا ڪردار، وڌيڪ نمايان آهن. زينت جنهن ماحول ۾، اسانجي اڳيانج اچي ٿي، تنهن مان بخوبي پتو پوي ٿو ته، هوءَ ڪيتري نه نيڪ خصلت، ۽ نيڪ سيرت ڇوڪري آهي. حقيقت ۾، مرزا صاحب ائين ئي ته چاهيو ٿي. ان ڪري، مرزا صاحب زينت جي ڪردار کي چٽڻ ۾، انتهائي محنت ڪئي آهي، ۽ هڪ بي عيب ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي. زينت سان اسانجي پهرين واقفيت، ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن هوءَ پنهنجي گهر ۾، قرآن جو دور ڪندي نظر اچي ٿي، ۽ اهو سڀڪجهه شروع شروع ۾ ئي اسانکي معلوم ٿئي ٿو. ڪامياب ناول نگار جي، اِها پهرين خوبي ليکي ويندي آهي، ته هو پنهنجي مکيه ڪردار کي، منڍ ۾ ئي واقف ڪرائي ڇڏيندو آهي، جئن پڙهندڙ جي ذهن تي، اُن جا ارتقائي نشان واضح ٿيندا وڃن. مگر مرزا صاحب هت به اِن عيب کان بچي نه سگهيو آهي، ڇو ته هنجي مکيه ڪردارن ۾، ڪي به ارتقائي منزلون اسان کي نه ٿيون ملن. مگر اُهي ابتدا ۾ ئي، اسان جي اڳيان مڪمل بڻجي اچن ٿا. مگر اِنهن ڪامل ڪردارن جي جهڙي تصوير ڪشي، مرزا صاحب ڪئي آهي، اُها بي مثال آهي. زينت هن جو مثالي ڪردار آهي، ۽ هن جو تعارف هئن ٿو ڪرائي:
پردي واري گهر جو ٻار هو، ۽ سک سان پليو هو، تنهنڪري هوءَ ڏاڍي نازڪ بدن هوندي هئي. طبيعت اِهڙي چڱي هوندي هيس، جو اُهو ڪونه هوندو هو، جنهن سان هن مرڪڻ ڌاران ڪڏهن ڪي ڳالهايو هوندو- جيڪي پڙهيو هئائين، يا ٻڌو هئائين، تنهن مان هنکي هيترو فائدو حاصل ٿيو هو، جو هوءَ پنهنجو وقت سجايو ڪم آڻيندي هئي. مهل تي لکندي پڙهندي هئي، مهل تي سبندي ڀريندي هئي. گهر مان، جا ڪوٺي خلاصي مليلج هيس، تنهن ۾ شيءَ شڪل، اِهڙيءَ تجويز سان پنهنجي پنهنجيءَ جاءِ تي رکيل هوندي هئي، جو جيڪو اوڙي پاڙي جو ڪڏهن اتي ويندو هو، ته سندس سگهڙپائي جي تعريف مان ڊاپندو ئي ڪين هو. هن تهذيب جي پتليءَ، ۽ اخلاق جي مشين کان، شروع کان آخر تائين، ڪوبه اهڙو ڪم نٿو ٿئي، جنهن مان اِهو اندازو لڳائي سگهجي ته: انسان خطا جو به گهر آهي. بهرحال، مرزا صاحب، جئن مٿي چيو ويو آهي، اُن تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. زينت جي سيرت ۾، سڀ کان وڏي خاصيت هنجي سليقہ مندي آهي، جنهن ڪري هوءَ باوقار، سنجيده، ۽ سمجهه واري آهي. هوءَ پنهنجي عزت، ۽ب عصمت کان چڱيءَ طرح واقف آهي. هوءَ تعليم يافتہ آهي، ۽ پنهنجيءَ برائيءَ، ۽ ڀلائيءَ کان آگاه آهي. هوءَ ڏک ۾ صبر ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ، اُهي سموريون خاصيتون، جي هڪ وچين سڌريل گهراڻي جي نياڻين ۾ هئڻ گهرجن، سي سموريون منجهس موجود آهن. هن ۾ سگهڙپائي آهي، هڏ ڀڳي آهي، ۽ پنهنجي مرد جي خدمت چاڪري ڪرڻ ۾، خوشي محسوس ٿي ڪري. زينت اِن خيال کان، هڪ فرض شناس آهي، ۽ هڪ مڪمل ڪردار جو نمونو پيش ٿي ڪري.
اِهڙيءَ طرح، علي رضا جو ڪردار به مڪمل صورت ۾، اسانجي اڳيان اچي ٿو، ۽ ڪردار جون ارتقائي منزلون، بنهه غائب ٿي وڃن ٿيون، مرزا صاحب اُن جو هئن ٿو تعارف ڪرائي: اگرچه پڙهيو رڳو سنڌ جي سڪولن ۾ هو، مگر ذهين طبع جو هو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي آزمودي ڪري زياده هشيار ڏسڻ ۾ ايندو هو. اِهو سڀڪجهه اِن ڪري هو، جو هو هڪ ته صاحبلوڪن جي صحبت ۾ رهيو هو، ۽ ٻيو هنجي اُٿ ويهه به عزت وارن ماڻهن سان هئي، اِن ڪري هلت چلت سنديس تمام پسنديءَ جهڙي هئي، ۽ منجهس لياقت ۽ فضيلت به گهڻي هوندي هئي.طبع جو حليم هو. اِهڙو جو شهر جا هندو، خواه مسلمان، سندس صحبت لاءِ مشتاق هوندا هئا. اِهو سڀ ڪجهه اِن ڪري آهي، جو هو خود دار محنتي، ۽ جفاڪش آهي؛ ۽ منجهس نهايت ئي مستقل مزاجي آهي. هو ڪنهنجي تقليد نٿو ڪري، بلڪ پنهنجيءَ لياقت، ۽ قابليت جي آڌار تي اعليٰ، ۽ ممتاز عهدي تي پهچي ٿو. هن عهدي تي پهچي، جنهن فهم ۽ فراست، قابليت ۽ تّدبر جو ثبوت ٿو ڏئي، سو لاجواب آهي. ترڪي جي سلطان خلاف، جنهن نموني منصوبي کي هٿ ٿو ڪري، سا ڳالهه پڻ هنجي سياسي تّدبر کي ظاهر ٿي ڪري. هو زماني جي بدلجندڙ حالتن کان واقف آهي، ۽ انسانيت جو دوست. ايترين خوبين هوندي به، هو مشين جي پرزن جيان چري پري ٿو، ۽ مصنّف جي اشارن تي هلندو نظر اچي ٿو.
ناول ۾، ڪي اِهڙيون به خاميون رهجي ويون آهن، جي ڪن حالتن ۾، ته ناول جي خوبين تي به ڇانئجي وڃن ٿيون. مرزا قليچ بيگ،. ناول ۾ مقصديت کان ايترو ته ڪم ورتو آهي، جو ڪڏهن ته ناول کي، ناول چوڻ تي دل ئي نٿي چئي. ناول جي پوئين حصي کي، محض زينت جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ جي حادثي تي بيهاري، مرزا صاحب، نه فقط پنهنجي مقصديت کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪ زينت جو سمنڊ مان سلامتيءَ سان نڪرڻ، ۽ پوءِ جا سمورا واقعا، داستان گوئي جي ياد ٿا ڏيارين. اِهو شايد اِن ڪري هجي، جو مرزا صاحب ممڪن آهي، ته اُن وقت تائين، پنهنجي ذهن کي، قصي نويسيءَ کان آجو نه ڪري سگهيو هجي. ان کان سواءِ، مرزا صاحب نصيحت ڏيڻ جي خاطر به، هر هنڌ اخلاق، ۽ مذهب بابت ليڪچر ڏيندو ويو آهي، جنهنڪري، نه فقط ناول جي پلاٽ مان دلچسپيءَ جو عنصر گهٽ ٿي ويو آهي، بلڪ جا نصيحت ۽ مقصد هو ٻڌائڻ گهري ٿو، تنهن تائين پهچندي پهچندي اُن جو اثر زائل ٿي وڃي ٿو. اِنهن ڪمزورين جي باوجود، ناول جي موضوع ۾، ڪا گهڻي لغزش پيدا نٿي ٿئي، ۽ اُن جي عظمت تي، ڪو خاص حرف نٿو اچي، ڇو ته اسان مرزا صاحب جي، هن ڪتاب کي، ناول اِن ڪري چوڻ تي مجبور آهيون، جو هو پهريون شخص آهي، جنهن اسانجي اُن زماني جي معاشرت جي، پهرين، ۽ سچي تصوير ڪڍي آهي. ۽ هن جا ڪردار، سمورا هن چُرندڙ ڦرندڙ دنيا جا انسان آهن، ۽ خواب، ۽ خيال جي ڪائنات سان واسطو نٿا رکن.
زينت، نه رڳو اِن ڪري دلچسپ آهي، پر اِن ۾، وڌيڪ دلچسپي، اِن ڪري به آهي، جو منجهس سليس، صاف، ۽ فصاحت سان ڀريل گهرو ٻولي، ۽ گهرو اصطلاح ڪم آيل آهن، ۽ اُها حياتي، جا اُن زماني ۾، سنڌ جي سڌريل گهرن ۾ نظر ايندي هئي، سا چڱيءَ طرح ڏيکاري آهي. (1958ع)
(1) سنڌ جي قديم داستانن متعلق، ڏسو، پروفيسر لطف الله صاحب بدويءَ جو مضمون؛ جو مهراڻ رسالي جي، نمبر 4-1955ع ۾، ڇپجي چڪو آهي.
(2) مرزا قليچ بيگ، هي ناول 1 آڪٽوبر 1890ع ۾ لکي پورو ڪيو هو.
(1) نئين زندگي، آگسٽ 1954ع.
بال جبريل
اقبال جي هڪ تصنيف جو مطالع
علامه اقبال جي شاعريءَ، ۽ هنجي فڪر، ۽ خيالات متعلق، ايترو ته لکيو ويو آهي، جو آءٌ حيران آهيان، ته ڪهڙيءَ ڳالهه کي ڇڏيان، ۽ ڪهڙيءَ تي لکان. اِها حقيقت آهي، ته اقبال پنهنجي فڪر، ۽ شاعريءَ مان، جو ڪجهه ڏنو آهي؛ سو ايترو ته گهڻو آهي، جو اُن تي جيترو به لکيو وڃي، اُهو ٿورو ٿيندو. مگر اِن مان، ائين سمجهڻ نه گهرجي، ته هو ڪو گهڻي لکڻ جو عادي هو. هن حقيقت ۾، صحيح آرٽ کي پيدا ڪرڻ ٿي گهريو. اِهو ئي سبب آهي، جو اسانکي، هنجي ڪتابن ۾، واضح، ۽ منتخب خيال ملن ٿا، ۽ جي هنجي گهري فڪر جو نتيجو آهن. آرٽ پرکڻ لاءِ، اِهو ضروري آهي، ته اسان ايترو اندازو لڳايون، ته فنڪار، جنهن فّن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ اُن ۾، هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي. ان خيال کان ڏسبو، ته اقبال جا ڪتاب، اردو ۽ فارسي شاعريءَ ۾، شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ان ۾، ڪوبه وڌاءُ نه آهي، ته اُن وقت جو هندستان؛ هنجي ڪتابن جي مقابلي ۾، مشڪل سان ڪو ڪتاب پيش ڪري سگهيو ٿي.
علامه اقبال، جي پنهنجي شعر جا ڪتاب ڇڏيا آهن؛ اُنهن مان، بال جبريل تي، آءٌ نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. اُن کان اڳ، جو بال جبريل تي سوچيو وڃي، اِهو ضروري آهي، ته اُنهن حالتن کي ڏٺو وڃي، جن ۾، ان ڪتاب جي نظمن جنم ورتو آهي.
بال جبريل، پهريائين پهريائين جنوري 1935ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان اڳ، اقبال جون مشهور تصنيفون، جهڙوڪ: پيام مشرق، اسرار و رموز، زبور عجم، ۽ جاويد نامو؛ ظاهر ٿي چڪيون هيون. اقبال، هنن ڪتابن ۾، پنهنجي نظريه يعني خودي کي پيش ڪري چڪو هو. اُهي انقلاب، ۽ دنيا جون ٻيون حالتون، جن ۾ هو پرورش پائي رهيو هو؛ سي سندس ئي سامهون ٿي گذريون هيون؛ جن کان، هو نه فقط متاثر ٿيو هو، پر ان جو ڪجهه محسوس ڪيو هو، تنهن کي به بيان ڪري چڪو هو. مگر، اهو سڀ ڪجهه، پارسيءَ زبان ۾ هو. ان ڪري اقبال لاءِ اهو لازمي هو، ته انهن ڳالهين کي، هو اردو شاعريءَ ۾ به ٻڌائي. اهو ئي سبب آهي، جو اقبال، بال جبريل ۾ لکيو آهي:
اُڻهه که خورشيد کا سامان سفر تازه کرين
نفس سوختہء شام و سحر تازه کرين
انهيءَ سوخته نفس، لاءِ هو جنهن شام، ۽ سحر کي تازو ڪري رهيو هو، تنهنجو پيغام هن بال جبريل ۾ ڏنو آهي.
بال جبريل کان اڳ، هنجي اُردو نظمن جو مجموعو، بانگ درا، 1922ع ۾ شايع ٿي چڪو هو. هنن ٻنهي ڪتابن جي وچ۾، تيرهن سالن جو عرصو هو، ۽ اِهو وچون عرصو، جئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي؛ هنجي پارسي شاعريءَ جو آهي. اسان کي، هنجي پارسي شاعريءَ سان، بحث ڪرڻو نه آهي؛ مگر صرف ايترو ٻڌائڻو آهي، ته هن وٽ مينا عجمي آهي، يا هندي، مگر شراب اُهو ئي ديسي آهي. اقبال پارسي شاعريءَ ۾، جن ڳالهين تي تفصيلي بحث ڪيو آهي؛ تن کي اردو شاعريءَ ۾، فقط اشارن ۾ بيان ڪيو اَٿائين. ان ڪري، اهو مشڪل آهي، جو بال جبريل جي نظمن جو، ڪو خاص زمانو مقرر ڪري سگهجي. ڪجهه نظمون، هن گول ميز ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان اڳ لکيون، ڪي انگلنڊ ۾، ڪجهه اسپين ۾، ۽ ڪجهه فلسطين ۾.
بال جبريل ۾، اقبال جيتوڻيڪ، خوديءَ جي فلسفي جو، تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي، مگر اِن هوندي به، اِهڙا ڪيترائي مضمون اچي ويا آهن، جي هنجي پنهنجي زماني سان واسطو رکندڙ آهن؛ جن ۾: لينن خدا جي حضور ۾، جاويد کي، فلسفو ۽ مذهب، مسوليني، خوشحال خان جي وصيت، ساقي نامو، وغيره؛ جهڙيون بهترين، ۽ لازوال نظمون شامل آهن. بال جبريل اِن ڪري، عبدالله انور بيگ جي لفظن ۾: نهايت ئي پرجوش ڪتاب آهي، ۽ اُردو شاعريءَ ۾ بلند جڳهه والاري ٿو.
بال جبريل جي شروعات ۾، ڪل 62 غزل آيل آهن. هنن غزلن جي، جا ترتيب، ۽ طرز رکي وئي آهي، سا شاعر جي عميق خيالن، ۽ هنجي گهريءَ نگاه کي ظاهر ڪري ٿي. اقبال، غزل گوئي جي روايت پرستيءَ کان پاسو ڪري، پنهنجي غزل کي، جا وسعت ڏني آهي، سا اُردو غزل، اِن کان اڳ، ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. حاليء جنهن وسعت، ۽ نئين انداز جو تمنّائي هو، ۽ عشق عاشقيءَ جي مضمونن کي ڇڏڻ ٿي گهريو، سو سڀ ڪجهه، اقبال جي غزلن ۾ موجود آهي. اقبال جي غزل ۾، جتي بيان جي شوخي آهي، اتي اسانکي تغّزل به ملي ٿو. جيتوڻيڪ، هن بلڪل نوان مضمون غزل لاءِ سوچيا آهن، مگر اِن هوندي به، اُنهن جي ڪيفيت ۾، ڪٿي به گهٽتائي محسوس نٿي ٿئي.
بال جبريل جو پهريون ئي غزل، هڪ اهڙي انسان جي عزم، ۽ اِرادي کي ظاهر ٿو ڪري، جو ڪائنات جي ذري ذري ۾، پنهنجي نوا سان، هڪ غلغلو، ۽ شور پيدا ڪرڻ گهري ٿو:
ميري نوائـﻶ شوق سـﻶ شور حريم ذات مين
غلغله هائـﻶ الامان بتکدهءِ صفات مين
اقبال جا تخيلات، اهڙا نه آهن، جو انکان حورون، ۽ فرشتا بچي سگهن. نه فقط ايترو، پر هنجي نگاه ايتري ته تيز آهي، جو ذات باريءَ جي تجليّن ۾، به خلل پيدا ٿي پوي ٿو:
حورو فرشتہ هين اسير ميرﻵ تخيلات مين
ميري نگاه سـﻶ خلل تيري تجليات مين
هن غزل جي شوخي، ۽ توانائي، ايتري ته تيز آهي؛ جو دل ۾، هڪ ولولو، ۽ جوش محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. هي غزل، هڪ ئي وقت، حياتي بخشيندڙ، ۽ زندگي پرور آهي. بال جبريل جي ٻي غزل کي ڏسو:
اگر کج رو هين انجم، آسمان تيرا هـﻶ يا ميرا
مجهـﻶ فکر جهان کيون هو، جهان تيرا هـﻶ يا ميرا
اگر هنگام هائـﻶ شوق سـﻶ هـﻶ لامکان خالي
خطا کس کي هـﻶ يا رب! لامکان تيرا هـﻶ يا ميرا
اُسـﻶ صبح ازل انکار کي جرات هوئي کيونکر
مجهـﻶ معلوم کيا! وه رازدان تيرا هـﻶ يا ميرا
هن غزل کي پڙهو، ته هنجي جرات مندي جو اقرار ڪرڻو پوي ٿو. انسان، هن ڪائنات ۾، اِن مقصد سان نه آندو ويو آهي، ته هو ڪو مجبور، ۽ محڪوم ٿي رهي. پر ان لاءِ، ته پنهنجيءَ عزت، پنهنجيءَ قوت، ۽ پنهنجي شان شوڪت کي به محسوس ڪري. اقبال، انسان جي عظمت کي محسوس ڪيو آهي، ۽ هنجي حيثيت کان متاثر نظر اچي ٿو.
اقبال، پنهنجي غزل ۾، هڪ پيغام ڏئي ٿو. هنجي اڳيان، هڪ مقصد آهي. مگر اُهو مقصد، هڪ منزل تي پهچي ختم نٿو ٿئي، بلڪ ان جون ڪيتريون ئي منزلون آهن. زندگي، برابر وڌندي، ۽ ويجهندي رهي ٿي، ۽ ان جي راه ۾، ڪابه رڪاوٽ نه آهي. گهڻو ڪجهه ٿيو، ته منزل تي پهچي، ٿوري دير لاءِ آرام ڪري وري هلڻ شروع ڪندي. هيءَ ڪيفيت، اقبال هڪ غزل ۾، هن طرح بيان ٿو ڪري:
ستارون سـﻶ آگـﻶ جهان اور بهي هـﻶ
ابهي عشق کي امتحان اور بهي هـﻶ
قناعت نه کر عالم رنگ و بو پر
چمن اور بهي آشيان اور بهي هـﻶ
اسي روز و شب مين اُلجهه کر نه ره جا
که تيرﻵ زمان و مکان اور بهي هـﻶ
اقبال ان ڪري، هڪ نئينءَ دنيا جو تمنّائي رهيو آهي، ۽ اُن جي بڻائڻ لاءِ فڪرمند. هن پنهنجي خيالي دنيا ۾، هڪ اهڙو ئي جهان ڳولهي لڌو هو؛ ڇو ته هو موجوده دنيا جي ڪاروبار کان راضي نه هو:
پرانـﻶ هين يه ستارﻵ فلک بهي فرسوده
جهان وه چاهئـﻶ مجهکو که هو ابهي نوخيز
اقبال کي خبر آهي، ته هيءَ دنيا ڪيتري به حسين، ۽ خوبصورت ڇونه هجي؛ پر جيڪڏهن ان خوبصورتيءَ، ۽ دلڪشيءَ جي بڻائڻ وارن هنرمندن، ۽ محنت ڪشن کي، ڪجهه به حاصل نه آهي، ته پوءِ اِها دلربائي ڇا ڪبي. اقبال، انهن هنرمندن جي پائماليءَ لاءِ هئن ٿو چوي:
يا رب يه جهان گذران خوب هـﻶ ليکن
کيون خوار هين مردان جفا کيش و هنرمند
ان ڪري، هنجي نگاه ڪوفي، ۽ بغداد ڏانهن نه آهي، مگر اُنهن زنده دل جوانن ڏانهن جي هڪ نئين بستي تعمير ڪرڻ وارا آهن.
کرين گـﻶ اهل نظر تازه بستيان آباد
مري نگاه نهين سوئـﻶ کوفہ و بغداد
اِتي پهچي، اقبال اُن انسان کي پسند ڪرڻ لڳي ٿو، جنهن جي طبيعت خطر پسند آهي، ۽ جو سڪون، ۽ عيش عشرت کي ڌڪاري ٿو:
خطر پسند طبيعت کو سازگار نهين
وه گلستان که جهان گهات مين نه هوصياد
اقبال ان ڪري، اُن شاهين کان نفرت ٿو ڪري، جو ڳجهن جي صحبت ۾ رهي، پنهنجي شاهبازيءَ کي وساري ڇڏي ٿو:
وه فريب خورده که پلا هو کر گسون مين
اسـﻶ کيا خبر که کيا هـﻶ ره و رسم شاهبازيءَ
اقبال جي خودي، هنجي زنده احساسن جي تصوير آهي. هن خوديءَ کي، اِن ڪري، ڪائنات جي ذري ذري ۾ سمائي ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي؛ جو هو سج، چنڊ، ۽ تارن تي ڪمند اُڇلائي رهيو آهي. هنجي خوديءَ، ۽ سرمستيءَ جو هي حال آهي، جو هو پنهنجي ابتدا کان بي پرواه، فقط اِنتها تي نگاه رکي ٿو.
خرد مندون سـﻶ کيا پوچهون که ميري ابتدا کيا هـﻶ
که مين اس فکر مين رهتا هون ميري انتها کيا هـﻶ
هو فقط، اِن تي راضي نٿو رهي، بلڪ انسان کي ڪائنات تي به، حڪمراني ڪرائي ٿو:
خودي کو کر بلند اتنا که هر تقدير سـﻶ پهلـﻶ
خدا بندﻵ سـﻶ خود پوچهـﻶ بتا تيري رضا کيا هـﻶ
هي نهايت ئي خطرناڪ هٿيار آهي، جو هٿياربند سامراج جي مقابلي ۾، هڪ محڪوم قوم جي اُسرندڙ آزاديءَ جي تحريڪ ۾، هنجي جذباتي، ۽ داخلي ڪيفيت کي مضبوط بڻائي ٿو. ڪاڊويل ان سلسلي ۾ لکيو آهي:
او زار هٿن کي نئين ڪم لاءِ تيار ڪن ٿا، ۽ شاعر نئين مقصد لاءِ دل کي تيار ڪري ٿو.
بال جبريل جو ٻيو حصو، هنجي مختلف مضمونن تي لکيل لفظن تي ڇانيل آهي. اُهي نظمون، اقبال ڪجهه اسپين جي مشهور عمارتن، جڳهن تي لکيون آهن، جڏهن هو، ٻئي گول ميز ڪانفرنس کان پوءِ، اسپين جي سير تي ويو هو. ان کان سواءِ، ڪجهه اهڙيون نظمون به آهن، جن ۾، هن پنهنجي سياسي، ۽ قومي خيال کي به ظاهر ڪيو آهي. اقبال جون اُهي نظمون، هنجي خيالن جي تسلسل، روانيءَ، عقيدت، محبّت، ۽ جذبات کان خالي نه آهن. انهن نظمن ۾، هڪ نهايت ئي مشهور نظم ساقي نامو به موجود آهي. مولانا عبدالسّلام ندويء جي خيال موجب: ساقي نامو اردو جي مشهور مثنويءَ سحر البيان جي طرز تي لکيل آهي. مگر اِها حقيقت آهي، ته اقبال هن نظم ۾، جنهن جوش، مستيءَ ۽ رنگينيءَ کي پيدا ڪيو آهي، سو اسان کي سحر البيان ۾ نٿو ملي.
اقبال جي هنن نظمن مان، اسان هنجي خيال، فّن، ۽ فڪر جو، بخوبي اندازو لڳائي سگهون ٿا. اقبال هي نظمون اُن وقت لکيون، جڏهن هن جا سياسي، سماجي ۽ معاشرتي خيال، پختا، ۽ پڪا ٿي چڪا هئا. هنن نظمن جي لکڻ وقت، ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو انقلاب، به ٿي چڪو هو، ۽ هنجي نگاهن انهن جڳهن کي به ڏٺو هو، جتي مسلمانن جي ماضيءَ جون بهترين روايتون دفن هيون. حقيقت هئن آهي، ته اقبال جا خيال، تاريخ جي جنهن دور ۾ پرورش پائي رهيا هئا، سو دور قومي، ۽ بين الاقوامي تاريخ ۾ اهميت رکي ٿو. اقبال سياستدان نه هو، مگر هنجي دل ۾، مسلم سماج کي سڌارڻ جي تمنا هئي. ان ڪري، هنجي شاعريءَ ۾، اسان کي، سر سيّد، حالي، ۽ شبلي جي خيالن جو امتزاج به ملي ٿو. هن مان مطلب آهي، ته اصلاح پسنديءَ، ۽ ماضي پرستيءَ جا ٻئي خيال، اسان کي، هنجي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. مگر اها به حقيقت آهي، ته اقبال برڪ، ۽ ڪارلائل کان نڪري، هيگل، نئٽشي، ۽ برگسان تائين به پهچي ويو هو، ۽ ڪٿي ڪٿي، هو ڊارون، مارڪس ۽ لينن کان به متاثر نظر اچي ٿو. ان ڪري، چئي سگهجي ٿو، ته هنجي شاعري، هڪ ئي دور جي شاعري آهي جنهن ۾ نيون خواهشون، ۽ نيون تمنّائون اسان کي نظر اچن ٿيون، جي اميد سان ڀريل آهن؛ ۽ حوصلي واريون آهن.
هتي پهچي، اقبال جي ان جذبي تي سوچڻ به لازمي آهي، جو هن ۾، روس جي انقلاب پيدا ڪيو. اقبال مزدور طبقي جي هٿان، جڏهن سامراج، ۽ سرمائيداريءَ جو تختو اُبتو ٿيندو ڏٺو، ته هنجي اکين اڳيان، هڪ نئون آفتاب اُڀرندو نظر آيو. علي سردار جعفريءَ، پنهنجي ڪتاب ترقي پسند ادب ۾، هن بابت اشارو ڪيو آهي ته: اقبال، هندستان جي انهن ٻن ٽن شاعرن مان هو، جو روس جي انقلاب جي مرحبا ڪئي آهي. اقبال پنهنجي آخري زماني ۾، اشتراڪيت جي طرف مائل ٿيندو ٿي ويو، هنکي مارڪس ۽ لينن جي تعليم ۾، سچائي، ۽ صداقت نظر ٿي آئي. مگر ان هوندي به، هنکي هن تحريڪ جي ڪن بنيادي چيزن سان اختلاف هو. هنجي اڳيان، هي خالص ملحدانہ، ۽ مادي تحريڪ هئي، جنهن جو بنياد، خدا پرستيءَ جي بجاءِ، شڪم پرستيءَ تي قائم هو:
دين آن پيغمبرﻵ حق ناشناس
بر مساوات شکم دارد اِساس
اقبال پنهنجيءَ، ان روحانيت کي، هڪ نظم لينن خدا جي حضور ۾، هن طرح ظاهر ڪيو آهي:
اﻵ انفس و آفاق مين پيدا تري ذات
حق يہ هـﻶ که زنده و پائنده تري ذات
آج آنکهه نـﻶ ديکها تو وه عالم هوا ثابت
مين جسکو سمجهتا تها کليسا کـﻶ خرافات
هم بنده شب و روز مين جکڙﻵ هوئي بندﻵ
تو خالق اعصار و نگار ندهءِ آنات
مگر هتي به هو، مزدور طبقي جي تڪليفن کان بي خبر نه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن لينن جي زبانيءَ، خدا کان پڇيو آهي:
تو قادر و عادل هـﻶ مگر تيرﻵ جهان مين
هين تلخ بهت بندهءِ مزدور کـﻶ اوقات
کب ڊوبـﻶ گا سرمايہ پرستي کا سفينہ
دنيا هـﻶ ترﻵ منتظر روز مکافات
اقبال سامراج، ۽ سرمائداري جي خلاف؛ جنهن نفرت جو اظهار ڪيو آهي، ان جو مثال، اسان کي هنکان اڳ، اردو ادب ۾ نٿو ملي. هنجي اها نفرت، صرف ظلم، ۽ زبردستي تائين نه هئي، بلڪ هن مزدور طبقي لاءِ، جو پيغام ڏنو آهي، اُهو ايترو ته جاندار، ۽ اميد ڀريو آهي؛ جو شايد لينن، ۽ مارڪس جي انقلابي تحريڪن ۾ به نه ملي. هن نظم ۾، هنجو لهجو نهايت ئي تند، تيز، ۽ انقلاب انگيز آهي:
اُڻهو ميري دنيا کـﻶ غريبون کو جگا دو
کاخ اُمرا کي درو ديوار هلادو
گر ماوُ غلامون کا لهو سوز يقين سـﻶ
کنجشک فرومايہ کو شاهين سـﻶ لڙادو
جس کهيت سـﻶ دهقان کو ميسّر نهين روزي
اُس کهيت کـﻶ هر گوشہء گندم کو جلا دو
مگر ان جي باوجود، هنجي اڳيان، سلطنت جو نظام، فقط مذهب، ۽ اخلاق تي ئي قائم ڪري سگهجي ٿو؛ ڇو ته، کيس خوف آهي، ته جمهوريت، ۽ اشتراڪيت، اڳتي هلي، شايد ملوڪيت جو روپ اختيار ڪري، ته پوءِ اُها، چنگيزي جو لباس پهري ويندي:
زمام کار اگر مزدورون کـﻶ هاتهون مين هو پهر کيا
طريق کوهکن مين بهي وهي حيلـﻶ هين پرويزي
جلال پادشاهي هو که جمهوري تماشا هو
جدا هو دين سياست سـﻶ تو ره جاتي هـﻶ چنگيزي
ممڪن آهي، ته اقبال کي ڪي ترقي پسند نه به سمجهن، مگر هنجي رجعت پرستيءَ ۾، جي ترقي پسنديءَ جا جواهر لڪل آهن، اُنهن کي ڇڏڻ، نهايت ئي نقصان ڪار آهي.
اقبال کي، جيتوڻيڪ مغربي تهذيب کان نفرت هئي، مگر ان هوندي به، هن اُن تي جا نگاه وڌي آهي، سا تعميري آهي. مغربي تهذيب کان، هو اِن ڪري نفرت نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته اُها جديد آهي، بلڪ ان ڪري، ڇاڪاڻ ته اُها صدين جي پراڻي تهذيب کي ناس ڪندڙ آهي. هو مغرب جي مادي پرستيءَ جو قائل نه آهي، مگر هر چيز کي هو روحانيت جي اک سان ڏسي ٿو. ان کان سواءِ، هو زندگيءَ کي، جنهن نگاه سان سنوارڻ گهري ٿو، سا انسان جي پنهنجي جدوجهد هئڻ گهرجي. بال جبريل ۾، هن جاويد کي، جو خط لکيو آهه، اُن ۾ اِن ڏانهن هئن اشارو ڪري ٿو:
آڻها نه شيشہ گران فرنگ کـﻶ احسان
سفّال هند سـﻶ مينا و جام پيدا کر
اقبال جي شاعريءَ ۾، جو تصوف، ۽ صوفيانہ خيالن جو رنگ آهي، اُهو ايشيا جي هڪ وڏي صوفيءَ شاعر، رومي جو ئي اثر آهي. حقيقت ۾، جئن اٽليءَ جي شاعر ڊانثي لاءِ ورجل رهنما هو، اِهڙيءَ طرح رومي اقبال جو روحاني مرشد هو. اقبال پنهنجن سڀني ڪتابن ۾، گهڻو ڪري رومي ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ۽ هن کان جو اثر قبول ڪيو اَٿائين، تنهنجو اظهار پڻ ڪيو اَٿائين. پيام مشرق جي شروع ۾، رومي لاءِ هيترو به چيو اَٿائين:
مرشد رومي حکيم پاک زاد
سّر مرگ زندگي بَرما کشاد
بال جبريل ۾ به، اقبال هڪ نظم، پير و مريد جي عنوان سان لکي آهي. هي نظم، گفتگو ۾ آهي، ۽ رومي سان مختلف مسئلن، جهڙوڪ: علم، روح وغيره تي، بحث ڪيو اَٿائين. هيءَ نظم، اقبال جي خيالن، ۽ دل جي ترجماني ڪري ٿي:
مريد هندي: علم سـﻶ هـﻶ دين زار و زبون
چشم بينا سـﻶ هـﻶ جاري جوئـﻶ خون
پير رومي: علم رابر تن زني مارـﻶ بود
علم رابر دل زني يارـﻶ بود
بال جبريل ۾ اقبال هڪ ٻيءَ نظم ۾ به، جبريل ۽ ابليس مٿين نظم جيان، گفتگو ۾ لکي آهي. آل احمد سرور، هن نظم لاءِ لکيو آهي ته: هي نظم، اُردو جي بهترين نظمن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي. ان نظم جي هڪ هڪ شعر ۾، جا معنيٰ ۽ مطلب آهي، سو ايترو ته وسيع آهي، جو اُن لاءِ هڪ دفتر جي ضرورت آهي. هن نظم ۾، گوئٽي ۽ ملٽن جي خيالن جو پورو پورو عڪس نظر اچي ٿو. دل چاهي ٿي، ته ان کي هت پيش ڪريان، مگر ٻيءَ صحبت لاءِ ڇڏيان ٿو، ڇو ته هيءَ نظم، تفصيل سان بيان ڪرڻ جي قابل آهي. بهرحال، هن نظم ۾، جيتري لفظن جي بلندي آهي، ايتري ئي خيالن جي- هن نظم جي پڙهڻ کان پوءِ، اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا، ته جيڪڏهن ابليس، ۽ يزدان ۾ رد بدل نه ٿئي ها، ته اسان شايد زندگي جي حسن کان محروم رهجي وڃون، ۽ پوءِ ابليس به شايد، جبريل کي فخر وچان هئن نه چوي ها:
گر کبهي خلوت ميّسر هو تو پوچهه الله سـﻶ
قصّہ آدم کو رنگين کر گيا کس کا لهو؟
اقبال جي بال جبريل تي، مون نهايت ئي مختصر نظر وڌي آهي. حقيقت ۾، اقبال هن ڪتاب ۾، ايتريون ته ڳالهيون ڪيون آهن، ۽ پنهنجي خيالن کي ايترو ته واضح طور تي، ظاهر ڪيو اٿائين، جو جيڪڏهن، اسان هنجي ٻين ڪتابن کي ڇڏي، فقط هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون، ته اقبال جي فڪر، هنجي شاعريءَ، ۽ آرٽ کي سمجهڻ آسان ٿي پوي. اقبال کي سمجهڻ لاءِ، جئن مون محسوس ڪيو آهي، اسانکي هندوستان، ۽ دنيا جي سياسي، ۽ سماجي حالتن جي پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي، ۽ ان کان پوءِ ئي، اسان هنجي شاعريءَ، ۽ فڪر جو قدر ڪري سگهنداسون، نه ته جئن شاعر خود چيو آهي:
پهول کي پتي سـﻶ کٽ سکتا هـﻶ هيرﻵ کا جگر
مرد- نادان پر کلام نرم و نازک بـﻶ اثر! (1956)
مسدس اٻوجهو
قومي ڪردار، ۽ قومي زندگيءَ کي، برتر ڪرڻ لاءِ، يا انساني فطرت ۾؛ قوميت جي روح کي بيدار ڪرڻ لاءِ، جن چيزن کي دخل رهيو آهي، اُهو شاعر، جنهن جي رڳ رڳ ۾، قوميت جو احساس ڀريل آهي، يا اُن جي تعمير ۾، هن پنهنجي تخيّل، ۽ خيالات کي وقف ڪيو آهي، سوئي صحيح معنيٰ ۾، قومي معمار آهي. ظاهر آهي، ته اُن معمار جي، نه فقط ماضيءَ جي ڳالهين تي نگاه آهي، بلڪ هو حال جي واقعات کان متاثر ٿي، مستقبل تي سوچيندو رهي ٿو. قومي معمار، جڏهن انهن چيزن تي سوچي ٿو، تڏهن سندس خيالات جي دائري ۾، تاريخي، سياسي، معاشرتي، ۽ تمّدني معلومات جو ذخيرو رهي ٿو، جنهن کي؛ وقت بوقت، هو پنهنجي قلم جي نوڪ تي آڻيندو رهي ٿو.اِن قومي معمار جي قلم مان، پوءِ جو پيغام نڪري ٿو، اُهو پنهنجي اندر ۾، نه فقط باه، ۽ طوفان ٿو رکي ، بلڪ پاڻ ۾، تعميري خصوصيت به رکي ٿو، ۽ اُها چيز صحيح معنيٰ ۾، قوم ۾ برتريءَ جو احساس، ۽ قومي غيرت، ۽ جذبات به اُڀاري ٿي، ۽ اُها شاعري، جا قومي حميت، ۽ تعمير جو جذبو پيدا ڪري ٿي، سا به پنهنجي لاءِ، هڪ جاويد مقام حاصل ڪري ٿي.
سنڌي قوم، فطرتاً خاموش، ۽ مرنج مرنجان رهي آهي. هن صوفين، ۽ فقيرن جي بستيءَ ۾، جيڪڏهن ڪو اِهڙو هنگامي واقعو رونما ٿيو به آهي، ته تڏهن به، سندن جذبات کي ڀڙڪائي، يا منجهن طلاطم، ۽ هيجان پيدا نه ڪري سگهيو آهي. مگر اِن مان، اِهو نه سمجهڻ گهرجي، ته ڪا سنڌي قوم بي حس، ۽ بي حرڪت، يا غيرت، ۽ حميت کان بي بهره رهي آهي. سنڌ جي تاريخ تي نظر ڪرڻ سان، معلوم ٿيندو، ته سنڌي قوم، اُن وقت، جڏهن سندس ماٺيڻي، ۽ بي حرڪت جذبات جي درياه ۾، ڪو پٿر اُڇلايو ويو، ته هنن پنهنجي جوانمرديءَ، همّت، عزم ۽ استقلال جو، پورو پورو ثبوت ڏنو آهي، ۽ مردانہ وار، اُنهن چيزن جو مقابلو ڪيو آهي، جن سندن پر سڪون زندگيءَ ۾، هنگامي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ جا صفحا، اهڙن بهادرن سان ڀريا پيا آهن، ۽ اسين اُنهن تي، جيترو به فخر ڪيون ٿورو آهي.
سنڌ جا قديم شاعر به، جئن ته اِن مٽي مان پيدا ٿيا آهن؛ اِن ڪري، اُنهن جي شاعري به تصّوف، ۽ اخلاق جي ڳالهين سان ڀرپور آهي، يا زياده تر، پنهنجي ملڪ جي نظارن، اُتان جي ڀٽن، ڀاڻن، ۽ اِهڙين ٻين چيزن کي ڳائيندا، ۽ سُرائيندا رهيا آهن. مگر هي چيزون، اهڙيون نه آهن، جي ڪڏهن به، اُن چيز کي اُڀاري نه ٿيون سگهن، جي هڪ قومي تعمير لاءِ ضروري آهن. قوم ۾ جوش، ۽ ولولي پيدا ڪرڻ لاءِ، اِهو نهايت ئي ضروري آهي، ته کين ماضيءَ جون ڳالهيون ٻڌائي، حال جي لاءِ سوچڻ جي توفيق، ۽ قوت بخشي وڃي. جئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي؛ سنڌ جي قديم شاعري، اِن خصوصيت کان عاري آهي، ۽ ڪنهن به قديم شاعر، اِن موضوع تي قلم نه کنيو آهي. وقت جي تقاضا اڻ ٽر آهي. جئن وقت گذرندو ويو، تئن هن قسم جي شاعريءَ جي ضرورت، شّدت سان محسوس ٿيڻ لڳي؛ تان جو سنڌ جي زمين، هڪ اِهڙو شاعر پيدا ڪيو، جنهن پنهنجي قوم جي بي حسيءَ، ۽ بي راهه رويءَ کان متاثر ٿي، پنهنجي ڪلام کي، قوم جي اصلاح لاءِ وقف ڪيو، ۽ اُن ۾ اوليت جو درجو حاصل ڪيو.
مولوي الله بخش اٻوجهو، اُها باڪمال شخصيت هئي، جنهن قوم جي اصلاح ۾، پنهنجي زندگي ۽ فڪر وقف ڪيو هو. مرحوم الله بخش، سنڌ جي اُنهن چند هستين مان آهي، جن سنڌ جي مسلمانن ۾، سياسي، ۽ تعليمي انقلاب آڻڻ ۾ حصو ورتو آهي. سندس زندگيءَ تي، نگاه ڊوڙائڻ سان، ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته مرحوم انگريزي دور جي ابتدائي زماني ۾، رهيو ٿي. هي اُهو دور هو جڏهن مسلمانن جي سماجي، معاشي، ۽ معاشرتي بدحالي، انتها کي پهچي چڪي هئي، ۽ جنهن مسلمانن جي مستقبل کي، تاريڪ بڻائي ڇڏيو هو. غدر کي گذري، ٿورو عرصو گذريو هو. مگر اُن جا خوني نشان، اڃا تائين هندوستان جي در، ۽ ديوار تي نمايان هئا. انگريزن، مسلمانن کان حڪومت کسي هئي؛ اِن ڪري، هو حڪمران قوم جي نگاهن ۾، ڪنڊي جيان چڀندا رهيا ٿي. انگريز، مسلمانن کي بدامنيءَ، ۽ فساد جو سرچشمو، ۽ امن، ۽ عافيت جو دشمن خيال ڪندا رهيا ٿي. نتيجو اِهو نڪتو، جو مسلمان پنهنجي آئينده کان نااُميد، ۽ وقت جي حاڪم کان ڪوهين دور ٿي ويا. هن مايوسيءَ، جي مسقبل کي تابناڪ بنائڻ لاءِ اُميد ڏياري. هندوستان جي سرزمين، اِهڙيءَ شخصيت کي جنم ڏنو، جا پنهنجي همہ صفت خصوصيات کان، بلند، ۽ بالا هئي. سر سيّد احمد خان، انساني فطرت جو نبض شناس هو. هن مسلمانن جي حالت جو غور سان مطالع ڪيو، ۽ اُنهن کي سماجي، معاشرتي، ۽ اقتصادي اعتبار کان بلند ڪرڻ جو عزم ڪيو، ۽ مسلمانن ۾، هڪ ذهني انقلاب پيدا ڪرڻ جو خيال ڪيو هو. سر سيّد احمد خان جي اصلاحي تحريڪ، جنهن چيز تي زور ڏنو، سا تعليم هئي. تعليم قومن جي زندگيءَ ۾، اهميت رکي ٿي. سر سيّد جي تحريڪ، جيتوڻيڪ سياسي هئي، مگر تعليم جي طرف، اِن جو توجهه زياده هو. سر سيّد احمد خان، هن سلسلي ۾، علي ڳڙه ۾ پنهنجو درسگاه کوليو، ۽ مسلمانن ۾، جديد علوم ۽ فنون کي ڦهلائڻ لاءِ، هڪ سائنٽيفڪ سوسائٽي به قائم ڪئي. هن تحريڪ جو، مسلمانن تي گهرو اثر پيو، ۽ مسلمانن ۾، رفتہ رفتہ، هڪ ذهني انقلاب پيدا ٿيڻ لڳو. اصلاح جو خيال، موجون مارڻ لڳو، ۽ سوچڻ جي انداز ۾، تبديلي ٿيڻ لڳي. علم جي پياس، ۽ تهذيبي، ۽ ثقافتي اعتبار کان، ترقي ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيڻ لڳي.
اِنهن سڀني ڳالهين، نه فقط مسلمانن جي مجموعي حالت ۾ تغير آندو، بلڪه ڪجهه اِهڙيون به هستيون پيدا ٿيون، جي پنهنجي زماني جي رائج الوقت ادبي رجحانات کي ڇڏي، سر سيّد جي اصلاحي تحريڪ ۾، نمايان حصو وٺڻ لڳيون. اِهڙين هستين ۾، شمس العلماءَ الطاف حسين حالي ۽ هن جي مسّدس کي، اهم درجو حاصل آهي. مولانا حاليءَ، پنهنجي هيءَ بي نظير نظم، 1879ع ۾ مدوجز راسلام جي نالي سان لکي، قوم کي پنهنجي حالت سڌارڻ، ۽ اُن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏني.
شاعريءَ جي نڪتہ نگاه کان، هيءَ نظم بلند نه هجي، مگر پنهنجي موضوع، ۽ بيان جي سادگيءَ کان، نهايت ئي بلند، ۽ اهم آهي. ڊاڪٽر عبادت بريلويءَ جي لفظن ۾: هيءَ نظم، هڪ ڏکويل دل جي پڪار آهي، هڪ سچي مسلمان جي دل جي گهرائين مان نڪتل آواز آهي. هڪ مخلص انسان جي اکين مان ڪريل ڳوڙها آهن. هڪ مصلح جو پيام آهي رهنما جو نعرو آهي. مسلمان قوم، جنهن دگرگون حالت، ۽ انحطاط کي پهچي چڪي هئي، تنهنجو مولانا حاليءَ کي شديد احساس هو. مسّدس حالي، اِن ڪري، هڪ زوال آماده قوم جي برباديءَ تي مرثيو آهي. هن ۾ سوگوارانہ ڪيفيت آهي، ۽ مايوسيءَ جو احساس به آهي. مگر اِن جي باوجود، اِن جي نوعيت تخريبي نه آهي، بلڪ تعميري آهي. حاليءَ هن نظم ۾، جو پس منظر پيش ڪيو آهي؛ اُهو تاريڪ آهي. مگر اُن ۾، روشنائي جا ڪرڻا به نظر اچن ٿا، ۽ محسوس ٿي رهيو آهي، ته حاليءَ جي اڳيان، هڪ شاندار مستقبل جي تصوير آهي، ۽ اِن ڪري هن نظم کي، هڪ اصلاحي نظم چئي سگهجي ٿو.
هندوستان جي هن قومي اصلاحي تحريڪن کان، سنڌ وارا بي خبر نه هئا، هن تحريڪ، جن سنڌي بزرگن کي متاثر ڪيو، تن ۾ خانبهادر حسن علي آفندي، ذڪر جي لائق آهي. مرحوم آفندي، سنڌ جو مايہ ناز فرزند آهي. هو ازل کان، هڪ اِهڙي دل وٺي آيو هو، جا پنهنجي، ۽ پرائي جي غم کان بيقرار، ۽ بي تاب ٿي اُٿندي هئي. مرحوم آفندي، سنڌ جي مسلمانن جي پستيءَ، ۽ بي حس، ۽ بي حرڪت زندگيءَ تي غور، ۽ فڪر ڪيو، ۽ اُن کي سمجهيو. هن جي همّت، ۽ استقلال جو نمايان مظهر، سنڌ مدرسة الاسلام آهي، جو اڄ به پنهنجي خاموش زبان سان، ان وقت جي داستان کي دهرائيندو رهي ٿو، جڏهن سنڌي مسلمان جو ڪو به پُرسان حال ڪونه هو. مرحوم حسن علي آفندي، هڪ اِهڙي شمع هو، جنهن تي پروانن جو اَچي مڙڻ، ۽ پچڻ لازمي هو. اُنهن پروانن ۾، جن پنهنجون حياتيون، قومي اصلاح لاءِ وقف ڪيون، تن ۾ مرحوم الله بخش اٻوجهو، بلند مقام رکي ٿو.
مرحوم الله بخش اٻوجهو، جئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت کي سڌارڻ، ۽ سنوارڻ ۾، اڳرو رهيو. حقيقت ۾، مرحوم اٻوجهو، تعليم ۽ اُن سان متعلق ٻين چيزن لاءِ، پنهنجي زندگي وقف ڪري چڪو هو. سنڌ مدرسة الاسلام جي قائم ٿيڻ سان، هو اِن اداره سان مرڻ گهڙيءَ تائين وابستہ رهيو، ۽ اُن جي بهبوديءَ لاءِ پنهنجي ترقي، ۽ واڌاري جي بهترين جڳهن تان به هٿ کڻڻو پيس. مگر هڪ تعليمي ماهر، ۽ تعليمي ڳالهين سان دلچسپي رکڻ کان سواءِ، هو هڪ قومي شاعر جي حيثيت ۾ به، سنڌي ادب ۾ هڪ مٿانهون درجو رکي ٿو.
اٻوجهو سنڌي ادب ۾، شاعريءَ جي اُن دور سان تعلق رکي ٿو، جڏهن قاسم، فاضل، گدا، بلبل، ۽ سانگيءَ جهڙا باڪمال شاعر، پنهنجي نغمہ نوازيءَ، ۽ سخن سنجيءَ سان سنڌ کي مست ڪري رهيا هئا. سنڌي شاعريءَ جو، هن دور ۾، زياده تر رجحان تغّزل جي طرف هو. مرحوم الله بخش اٻوجهو به شاعر هو، ۽ هڪ پُر حساس دل جو مالڪ. هن جي طبع موزون هئي، ۽ جيڪڏهن هو چاهي ها، ته خود به پنهنجي همعصر شاعرن جيان، پنهنجي ڪلام ۾ حسن، ۽ محّبت جون ڳالهيون ڪري سگهي ها. مگر هن جي دل، قومي درد سان ڀريل هئي، ۽ مسّدس حاليءَ، هن جي سامهون، هڪ اِهڙو ڪتاب هو، جو اُن کان متاثر ٿيڻ، هن لاءِ ناممڪن نه هو. اِن ڪري، قومي ڪلام چوڻ جو شرف، مرحوم اٻوجهي کي نصيب ٿيو، ۽ اِن ۾ نه فقط، کيس اوليت جو درجو حاصل آهي، اُن سان گڏ، هڪ بلند مقام به رکي ٿو. ماستر محمد صديق مسافر اِن بابت لکي ٿو:
سنڌ جي قديم خواه جديد شاعرن ۾، پهريون پهريون شاعر، مولوي الله بخش مرحوم ئي آهي، جنهن جو ڪلام، نج قوميت جي رنگ ۾ بهاريل آهي، ۽ وطني حب جي سامان سان سينگاريل آهي.
(تمهيد: مسدس اٻوجهو)
مرحوم الله بخش اٻوجهي مّسدس حاليءَ، کي سنڌي نظم ۾ آندو آهي. اسلام جو گذشتہ عروج، ۽ اُن جو گذريل شان، ۽ شوڪت، هڪ اِهڙي چيز آهي، جنهن کي نه فقط وساري نٿو سگهجي، بلڪ اُن مان عبرت به حاصل ڪري سگهجي ٿي. عّلامہ شبلي نعماني مرحوم، جيان، اٻوجهي مرحوم جي نگاه به، اسلام جي گذريل شاندار واقعات تي هئي. هو مسلمانن جي آئينده زندگيءَ کي، روشن ڪرڻ جو متمني پڻ هو. مرحوم اٻوجهي لاءِ، اِن ڪري مسّدس حاليءَ کان سواءِ، ٻيو ڪو به ڪتاب هن جي اِن تمنّا کي، پورو نٿي ڪري سگهيو. هي آهي مسّدس اٻوجهي جي تيار ٿيڻ جو پس منظر. مگر اِها حقيقت آهي، ته مرحوم اٻوجهي، مسّدس جي سموري مضمون کي، بلڪل صفائي سان ترجمو ڪيو آهي ايتري قدر، جو پڙهندڙ جيڪڏهن مسّدس حاليءَ کان غير واقف هوندو، ته ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪندو، ته اِهو ڪو اُردو نظم جو ترجمو آهي. پروفيسر لطف الله صاحب بدويءَ، اِن ترجمي متعلق هئن ٿو لکي:
مسّدس حاليءَ جي هن ترجمي کي پڙهڻ سان خبر پوندي، ته اٻوجهي اُن جي ترتيب کي، ۽ مطلب کي برقرار رکڻ ۾، سخت ڪوشش ورتي آهي. هن ترجمي کي بهترين ترجمو سڏي سگهجي ٿو.
(تذڪره لطفي: ج 3)
هن هيٺ مسّدس حالي مان، چند بند پيش ڪيا وڃن ٿا، تان جو مسّدس اٻوجهي جي ترجمي سان، اُن جو آسانيءَ سان موازنو ٿي سگهي. حقيقت ۾، جئن بيگم صالحہ عابد حسين، يادگار حاليءَ ۾ لکيو آهي ته: مسدس ۾ بعض مقامات، پنهنجي جڳهه ايتري قدر ته پُر اثر ، دلڪش، ۽ فنّي اعتبار کان لاجواب آهن، جو اُهي اُردو ادب لاءِ هميشه فخر جو باعث رهندا. ساڳيءَ طرح، گوڪ هي مرحوم اٻوجهي جو ترجمو آهي، مگر اِن جي باوجود، هي ڪتاب ايترو ته سليس، ۽ دلڪش آهي، جو صدين تائين زنده رهي سگهي ٿو. پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي نعت ۾؛ سالن کان ڇا ڇا نه لکيو، ۽ چيو ويو آهي. مگر هيٺين بندن ۾، جا عقيدت، محبّت، ۽ صداقت جو اظهار ڪيل آهي؛ سا هڪ نرالي چيز آهي:
يکايک هوئي غيرت حق کو حرکت
بڙها جانب بوقيس ابر رحمت
اَدا خاک بطحانـﻶ کي وه وديعت
چلـﻶ آتـﻶ جس کي ديتـﻶ شهادت
هوئي پهلوئـﻶ آمنہ سـﻶ هويدا
دعائـﻶ خليل اور نويدِ مسيحا
هوئـﻶ محو عالم سي آثار ظلمت
که مطالع هوا ماه برج سعادت
نه چهڻکي مگر چاندني ايک مّدت
که تها ابر مين ماهتاب رسالت
يه چاليسوين سال لطفِ خدا سـﻶ
کيا چاند نـﻶ کهيت غارِ حرا سـﻶ
مرحوم اٻوجهي مٿين بندن جو هن طرح ترجمو ڪيو آهي.
ڏسو ته ڪيترو نه سليس ۽ وڻندڙ آهي:
آئي اوچتو غيرت حق کي حرڪت
وڌيو جانب بوقيس ابر رحمت
ڪئي خاڪ بطحا ادا سا امانت
ٿي ڏيندا پي آيا جنهين جي شهادت
ٿي هو پهلوئي آمنہ کان هويدا
دعائي خليل ۽ نويد مسيحا
ٿيا محو عالم کان آثار ظلمت
جو اُڀريو اَچي ماهتاب سعادت
عرب ۾ ڇٽي چاندني بعد مَّدت
جهڙن ۾ هو هو ماهتاب رسالت
وڏو لطف ۽ مهرباني خدا جي
جو قسمت وري ڦيرين غار حرا جي.
مسلمانن جي گذريل عروج جي تصوير، هن طرح چٽي اَٿائين:
نهين اس طبق پر کوئي بّرِ اعظم
نه هون جس مين ان کي عمارات محکم
عرب، هند، مصر، اندلس، شام، ويلم
بنائون سـﻶ هـﻶ ان کي معمور عالم
سر کوہ آدم سـﻶ تا کوه بيضا
جهان جاؤگـﻶ کهوج پاؤگـﻶ اُنکا
_________
هوا اندلس ان سي گلزار يکسر
جهان اُن کـﻶ آثار باقي هين اکثر
جو چاهـﻶ کوئي ديکهه لـﻶ آج جاکر
يه هـﻶ بيت حمراء کي گويا زبان پر
که تهـﻶ آل عدنان سـﻶ ميرـﻶ باني
عرب کي هون مين اس زمين پر نشاني
مسّدس اٻوجهي ۾، اِنهن بندن کي جنهن نموني پيش ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ ساڳي ئي سادگي، ۽ فصاحت قائم رکي وئي آهي:
نه آڪره شرقي تي ڪو بّر اعظم
عمارات ناهن جتي تن جون قائم
عرب، هند، مصر، اندلس، شام، ويلم
اُنهن جي بنائن کان معمور عالم
وٺو ڪوه آدم کان تان ڪوه بيضا
وڃو ۽ ڏسو پير پڌرا اُنهن جا
__________
ٿيو اُندلس تنهن کان گلزار يڪسر
جتي تن جا آثار ڏسجن ٿا اڪثر
ڏسو جي وڃي سڀ نشانيون سراسر
ڪري بيت حمراء ٿو هيءَ ڳالهه ظاهر
ته ها آل عدنان جا منهنجا باني
رهيس هن زمين تي عرب جي نشاني
حالي چيو وڃي ٿو، ته قطرتاً اُداس، ۽ غمگين رهڻ جو عادي هو. مگر هن جي هيءَ اُداسي، ۽ غمگيني هن کان عمل، ۽ تعمير جو جذبو کسي نٿي وٺي. حالي اِن احساس جو اظهار هئن ٿو ڪري:
وگر نه هماري رگون مين لهو مين
همارﻵ اِرادون مين اور جستجو مين
دلون مين زبانون مين اور گفتگو مين
طبيعت مين فطرت مين عادت مين خو مين
نهين کوئي ذره نجابت کا باقي
اگر هو کسي مين تو هـﻶ اتفاقي
_______
نه قومون مين عزت نه جلسون مين وقعت
نه اپنون سي الفت نه غيرون سي ملت
مزاجون مين سستي دماغون مين نخوت
خيالون مين پستي کمالون سي نفرت
عداوت نهان دوستي آشکارا
غرض هي تواضح غرض کي مدارا
مرحوم اٻوجهي اِهڙيءَ طرح، سموريءَ مسّدس کي، نه فقط سليس، ۽ وڻندڙ بڻايو آهي، بلڪ اُن جي مطلب، ۽ مفهوم کي به ڪمال طريقي تي قائم رکيو آهي.
مسّدس اٻوجهي جو ٻيو حصو، سنڌ مدرسة الاسلام، ۽ اُن وقت جي سماجي، سياسي، ۽ تعليمي ڳالهين تي مشتمل آهي. هي حصو، مرحوم جو طبعزاد آهي. سنڌ ۾ اُن زماني ۾، جو سماجي، ۽ معاشرتي بحران هو، اُن تي مرحوم اٻوجهي تفصيلي روشني وڌي آهي. مسلمان ڪهڙي حالت ۾، اُن دور مان گذري رهيا هئا، تنهنجو مختصر خاڪو، مٿي بيان ڪيو ويو آهي. اِن جو احساس سنڌين کي به هو. مرحوم اٻوجهي اِن جو هن طرح اظهار ڪيو آهي:
جڏهن هاڻ اڻ هوند گهيريو گهرن کي
ورايو اَچي وير اسلامين کي
پئي ڪل عظمت جي هاڻ ئي ڪرين کي
ورايو اَچي تار پاڻيءَ پين کي
تڏهن ٿيا ڪرڻ پاڻ دانهن تي دانهون
ته تاري ڪو هي تار پاڻي اُتاهون
ٿيون سنڌ ۾ پوءِ مشهور خبرون
ته دانهون پيون ساب اسلامين جون
پيون هند ۾ مدرسن جون بنائون
سڌاري جا مضبوط پايا وڌائون
ڪئي وئي هئي پهرين ڪوشش شتابي
پريندي اِنهيءَ ۾ ٿي ناڪاميابي
مگر هن ناڪاميابيءَ، منجهن نااُميدي پيدا نه ڪئي، بلڪ هڪ بيداريءَ، ۽ خود شناسيءَ جي عملي صورت پيدا اختيار ڪئي. ۽ جيڪي به تحريڪون، اُن زماني ۾ پيدا ٿيون هيون، تن جو مرحوم اٻوجهي مفصل ذڪر ڪيو آهي. مرحوم اٻوجهي، ۽ خانبهادر حسن علي آفندي، اُن وقت جي مجمع محمدي ڪلڪتہ، جنهن جو روح روان، مرحوم سيد امير علي هو، تنهن کان بي حد متاثر ٿيل هئا. مرحوم اٻوجهي، اِن طرف هئن اشارو ڪيو آهي:
هي دانهون ڪيون جيڪي بيدار مغزن
صدائون وڃي پيون سرڪار جي ڪن
ضرورت ڏسي ڪئي امداد ڏاهن
ڪئي ٻاجهه ٻڏندن مٿي ٻاجهه وارن
چي علم ۽ هنر ۾ وڃي ڀاڳ ڳوليو
وٺو پنهنجا مڪتب وڃي ڌار کوليو
اِهڙيءَ طرح، مرحوم اُن زماني جي سمورين حالتن جو، مسّدس ۾ ذڪر ڪيو آهي؛ جنهن مان سندس عزم، استقلال، ۽ همّت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، ته سنڌ مدرسة الاسلام، مرحوم آفندي جي اَڻ ٿڪ، ۽ نيڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. مگر جن مسّدس کي غور سان پڙهيو هوندو، اُهي هن ڳالهه جو بخوبي اندازو لڳائي سگهن ٿا. ته مرحوم آفنديءَ کي، مدرسہ کي قائم ڪرڻ وقت، جي مالي مشڪلاتون، ۽ عوام جي طرفان جي مخالفتون ٿي رهيون هيون، تن جي دور ڪرڻ ۾، اٻوجهو مرحوم ساڻس نه هجي، ته هي خواب شايد حقيقت نه بڻجي ها. مگر اِن جي باوجود، مرحوم اٻوجهي هن سموري ڪارنامي جو جَسُ مرحوم آفنديءَ کي ڏنو آهي. هن مان سندس بي نظير شخصيت، ۽ عالي ڪردار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا
انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا
وڏي هوش سان ڪارخانا هلايا
وڏي عقل سان ٺاه ڏاڍا ٺاهيا
سڀئي مشڪلاتون ويون حل ٿينديون
۽ آسانيون پير پنهنجا ڀرينديون
سٻوجهي ڪيون هوشمنديءَ جون کيڏون
نهاري ڏسو هن آفنديءَ جون کيڏون
انهيءَ طالع ارجمنديءَ جون کيڏون
سندس هوش ۽ عقلمنديءَ جون کيڏون
وٺي ميمبرن فوج جنهن پار آيو
وڌائين سڀئي مشڪلاتون وڃايو.
مرحوم اٻوجهو، پنهنجي زماني کان مطمئن نه آهي. هن کي هن ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي، ته هن جا هم وطني، نه فقط پنهنجي فرض کان ناآشنا ٿي چڪا آهن، بلڪ منجهانئن انساني خصوصيتون به غائب، ۽ فنا ٿي چڪيون آهن. جڏهن هو، پنهنجي زماني جي هيءَ عام روش ڏسي ٿو، تڏهن سندس قلم مان جو هڪ هڪ لفظ نڪري ٿو، سو درد ۾ ٻڏل آهي:
نه صحبت نه الفت محبت اسان ۾
نه ڪا هڪ ٻين سان مروت اسان ۾
نه ڪا يار جي غرض سنگت اسان ۾
نه ڪا پنهنجي پيرن تي بنگت اسان ۾
بگهڙ ٿو ڏسي هر ڪوئي هڪ ٻين کي
واجهائن پيا يار واگهو وجهن کي
دلين ۾ اثر يا نه ڪو ڊپ ٿئي ٿو
نه ڪوڪن جي واعظن پٽاندڙ هلي ٿو
سڀو راه دلخواه پنهنجي وٺي ٿو
وڻيس دل کي جو ڪم اُهو ڪري ٿو
ڏسو حق نظر سان چئو سچ ڇا هي
اِها واقعي ڳالهه آهي ڪ ناهي
مرحوم اٻوجهي، قوم جي انحطاط جي، ڪهڙي نه حقيقت سان ڀريل تصوير ڪڍي آهي، ۽ هڪ اهڙو آئينو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ زوال آماده قوم جو هر فرد، پنهنجي صورت ڏسي سگهي ٿو.
مگر اٻوجهو رئڻ ۽ رئارڻ جو عادي نه آهي. هو ڪڏهن به نااُميد نٿو رهي، ۽ ياسيت، ڪڏهن به هن کي پنهنجو شڪار نٿي بڻائي سگهي. اِها ئي هڪ چيز آهي، جا کيس قومي شاعر ٿي بڻائي. هن وٽ اِنڪري، زندگيءَ جي تغيّر جو شعور موجود آهي، ۽ زماني جي بدليل حالتن جي سانچي ۾، هو قوم کي وجهڻ گهري ٿو. البت هي سڀ ڪجهه، هو انگريزن جي زير سايہ ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته هن جي خيال ۾، انگريزن سنڌ کي امن، ۽ امان ڏنو هو، ۽ ترقي جا طريقا ٻڌايا ها:
ڏسو ٿا عجائب انهن جا سڌارا
ڪيا جن هزارين عجائب پسارا
وڏا تن جا ڪيا علم و فن جا وڌارا
کنيا تن سڌاري ڪرڻ جا اُجارا
مشقت وٺڻ تن جي فطرت ۾ آهي
ذرو ڀور سستي طبيعت ۾ ناهي
_____
ڏسو ٻاجهه سرڪار جي ماڻهن تي
سڀئي اختياريون عطا ٿيون اُنهن تي
ٻڌو ڪوٽ سارو سندن مرضين تي
رکيائين سڀئي ڪم ڪاريون سڀن تي
ملي مٺ ڪري پنهنجا نائب هلايو
سٺي تي سڀئي ڪم ڪاريون هلايو
حقيقت ۾، اٻوجهو اُن وقت، سر سيد جي اصلاحي تحريڪ کان متاثر ٿيل هو، اِن ڪري هن لاءِ هي نهايت ئي ڪٺن هو، جو هو اُن وقت جي خيالات، ۽ تحريڪن کان، پاڻ کي علحدو رکي سگهي.
مسّدس اٻوجهو، حقيقت ۾، هڪ افادي نظم آهي. اِن افاديت ۾، جيتوڻيڪ ڪنهن به گهري فلسفيانه نظريہ کي دخل نه آهي، مگر اِن جي باوجود، اِن ۾ هڪ پيغام آهي، جو قوم کي عمل ڪرڻ لاءِ اُٿاري ٿو، ۽ تعميري ڪمن ڏانهن کين آماده ڪري ٿو. اِئين برابر آهي، ته اٻوجهي جو پيغام، سادن، ۽ معمولي لفظن ۾ آهي، مگر اُهو هڪ اُميد افزا آهي، ۽ روشن مستقبل جو نشان ٻڌائي ٿو:
جڏهن ڪم پنهنجا پرايا ڪري ٿو
نه ڪا غرض مطلب منجهس ڪا رکي ٿو
عبادت ۾ سو ڪم داخل ٿئي ٿو
وڏا اَجر اعظم خدا کي لهي ٿو
جڏهن ڏيتي ليتيءَ جو بازار لڳندو
سچو سڪو هلندو ۽ کوٽو نه هلندو
_____________________
ته يعني رکو پاڻ ۾ ملنساري
رهو پاڻ ۾ ٿي برادر پياري
ڪريو مشڪلاتن ۾ هڪ ٻي جي ياري
ته برڪت پوي ڪار ۾ ڪردگاري
اِهي سڀ اُپاءُ ٿئي اسان جي ملڻ جا
محبت ۾ هڪ ٻي جي خوش ٿي رهڻ جا
_____________________
جو ٻي جي چڱائي ڀلائي گهري ٿو
ڀلو خير خلق خدائي گهري ٿو
چڱو ٻين جي پڻ چڱائي گهري ٿو
ڀلائي صفائي سدائي گهري ٿو
رکي جو سڀن سان هو صاحب سلامت
نه زحمت ڏسي ڪا مصيبت ۾ آفت
مرحوم اٻوجهو، مذهب جي بندشن کان نهايت ئي بلند آهي. هو انسان جي ڪنهن به دين، ۽ مذهب سان غرض نٿو رکي، بلڪ هن جي طرز عمل، ۽ هن جي ڪارنامن سان کيس دلچسپي آهي، اِها ئي هن جي اڳيان، هڪ انساني عظمت به آهي.
ڪوئي ڪهڙو ئي دين و مذهب رکي ٿو
انهي کان خدا آخرت ۾ پڇي ٿو
انهيءَ ڳالهه جو ڪم خدا سان پوي ٿو
حساب اُن کان سڀ ڪوڙ سچ جو وٺي ٿو
وٺو ٿا اوهين ليکا ڇو هڪ ٻين جا؟
کڻون ٿا هي ڏوراپا ڇو هڪ ٻين جا؟
______________
اڙي ڀائرو هوش ۽ ڌيان ڌاريو
هي پرڪار سارا اڍنگا وساريو
ذرو ملڪ جي فائدن ڏي نهاريو
ڪڍي ڪفر دل مان ملي مٺ گذاريو
سکي ٿي پوي ڏيهه ۾ خلق ساري
وڃي ڏرت نڪري لهي بي قراري
چڱا ٿا رکن دل ۾ ٻئي جي چڱائي
چڱا روز ڪن پهرين ٻئي جي ڀلائي
لڱا ٿا رکن من ۾ ٻئي جي لڱائي
برا روز ڪن فائدا منجهه برائي
خدا وٽ چڱن کي چڱائي ملي ٿي
برن کي اُها ئي برائي ملي ٿي
__________
صلح سانت سان جي سڀئي گڏ گذاريو
اِنهي ڳالهه ۾ جي سچي سمجهه ڌاريو
نمي ننگ وطني اوهين جي نهاريو
اِنهي ڳالهه کي غور سان جي وچاريو
ته ڪهڙو نه سک ٿي پوي سڀ ڪنهين کي
ٿئي سنڌ ڪشمير وطني ٻنهين کي
مسّدس اٻوجهو، پنهنجي موضوع جي خيال کان، سنڌي ادب ۾، نه فقط هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، بلڪ هڪ لحاظ کان اِها عظيم نظم پڻ آهي. هن نظم جي عظمت، هن ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو مرحوم اٻوجهي، پنهنجي دور جي مذهبي، تعليمي، معاشي، معاشرتي، ۽ سياسي حالتن کي، وضاحت سان پيش ڪيو آهي. مسّدس اٻوجهو، ٻوليءَ، ۽ زبان جي لحاظ کان، هڪ سادي سودي نظم آهي، مگر هن سموريءَ نظم تي، اٻوجهي جو بي پناه خلوص ڇانيل آهي. اِن ڪري هن نظم، گويا زندگيءَ جي افادي زاويہ نظر جي تخليق ڪئي آهي. نه فقط ايترو، بلڪ اِن مان، وقت جي فڪري رجحانات ۽ عمل جي معلومات به ملي ٿي. ماستر محمد صديق مسافر جو، هن نظم بابت رايو، ڪيترو نه صداقت سان ڀريل، ۽ معنيٰ خيز آهي. چوي ٿو:
هن ڳالهه ۾ ذرو به وڌاءُ ڪونهي ته مضمون جي مد نظر تي، مسّدس اٻوجهو، مسلمانن جي ماضي، ۽ حال جي سڄي تصوير، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت، ۽ ترقيءَ جي روشن تاريخ، ۽ سنڌ جي رهاڪن، خاص طرح مسلمانن لاءِ، قيمتي نصيحت نامو آهي.
(تمهيد: مسدس اٻوجهو)
(1955)
_____________
ادب ۽ شعور
ادب جو عام موضوع انسان آهي. چڱو انسان، وڏو انسان، معمولي اعتدال پسند انسان، ۽ غير معمولي انتها پسند انسان. ادب ۾، جيتوڻيڪ ٻين ڳالهين جو ذڪر به ٿئي ٿو، مگر انسان ٻين موضوعات تي ڇانيل آهي.
اديب، ڪڏهن پنهنجي متعلق ڪجهه چوندو آهي، ۽ ڪڏهن ٻين جي. ڪڏهن پنهنجيءَ ڪهاڻيءَ جي پردي ۾، جهان جي آکاڻي ٻڌائي ٿو، ۽ ڪڏهن دنيا جي آکاڻي ٻڌائيندي، پنهنجي زندگيءَ جي نشيب ۽ فراز جو جائزو وٺي ٿو. انسان، قدرت جي سڀ کان پيچيده تخليق آهي. هن جي دل ۽ دماغ جو، سڀ کان مشڪل معمو اِهو آهي، ته هو ڪڏهن به هڪ جڳهه تي خاموش نٿو رهي. هو پنهنجيءَ انفراديت مان اُڀري، سماج جي هر قيد ۽ بند کي ٽوڙي ٿو، ۽ وري ڪڏهن سماج ۾ اِهڙيءَ طرح ملي ٿو وڃي، جو هن جي انفراديت جو امتياز ڪرڻ به مشڪل ٿيو پوي. ڪڏهن هن جون عادتون ۽ اعمال، بلڪل واضح ٿين ٿا؛ ۽ هر شخص، هن جي ظاهري معنيٰ کي سمجهي سگهي ٿو. ڪڏهن هن جي هر حرڪت تي، هزارين پردا پيل ٿين ٿا، جن کي دور ڪرڻ نهايت ئي دشوار ٿيو پوي. هو اُن وقت کلي ٿو، جڏهن هن مان رئڻ جي اُميد رکجي ٿي. هن جي ڳوڙهن پٺيان، خوشي ليئا پائي ٿي، ۽ متبّسم چهري جي هيٺان، اٿاه غم جو سمنڊ لهريون ماريندو رهي ٿو. اِهڙيءَ طرح، انسان جو مطالع، هر قدم تي دشواريون پيدا ڪري ٿو.
نفسيات جي ماهرن، هن جي هر حرڪت، ۽ هر چرپر، قول ۽ فعل، ۽ اُن جي جذبات جي ڇپائڻ، ۽ ظاهر ڪرڻ مان، ڪيترائي نتيجا ڪڍيا آهن. اديبن، نفسيات جي ماهرن جي انهن نتيجن کي، سامهون رکي، انسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي خارجي، ۽ داخلي عمل، ۽ احساس جي تصوير، اِهڙيءَ طرح بڻائي آهي، جو اُن جي سيرت بي نقاب ٿي پئي آهي.
بهرحال ادب کي، انساني نفس جي مطالع سان، هميشہ واسطو رهيو آهي. هتي هي نه وسارڻ گهرجي، ته جيستائين، اسين عمل جي محرڪات کي نٿا سمجهون، تيستائين اسين عمل جي سچي تصوير پيش نه ڪري سگهنداسين، ۽ ڪڏهن محرڪات، ايترا ته گهرائي ۾ ٿين ٿا، جو نفس جو ماهر ئي اِن ڀيد کي سمجهي سگهي ٿو، ۽ نه اديب، ۽ نه وري خود عمل ڪرڻ وارو. هن حالت کي گهرائي جي لحاظ کان، ڪڏهن لاشعور چيو ويندو آهي، ۽ ڪڏهن نيم شعور، يا تحت شعور.
لاشعور، ۽ نيم شعور جو ذڪر، هونءَ ته نفسيات ۽ ادب ۾ ايندو رهيو آهي. مگر ويهين صديءَ جي شروعاتي زماني، هن کي هڪ مخصوص معنيٰ ۾ ظاهر ڪيو آهي. تحليل نفسيءَ جي ماهرن، ٻڌايو آهي، ته انسان جي اندر ۾، سڀ کان زياده عمل جو محرڪ، اُن جو .... جذبو آهي؛ جو ماءُ جي رحم ۾ ئي پيدا ٿي وڃي ٿو. هي جذبو سماج، اخلاق، تهذيب، ۽ جسماني صحت جي پيچيدگين جي سبب کان، کيس اظهار جو موقعو نٿو ڏي، ۽ پوءِ تحت شعور ۾ لڪي وڃي ٿو. مگر جئن ته، هي بنيادي محرڪ آهي، اِن ڪري، هي مري نٿو وڃي، پر پنهنجي شڪل ۽ راه بدلائيندو رهي ٿو. خواب ۾ ظاهر ٿئي ٿو، فنون لطيفه ۾، اشارن ۽ علامتن ۾، اسان جي بيداريءَ جي عالم ۾، ننڍين ۽ وڏين حرڪتن ۾ نمايان ٿيندو رهي ٿو، جنهن کي نه هر اک ڏسي سگهي ٿي، ۽ نه هر دماغ ان کي سمجهي سگهي ٿو. جنسي جذبات، ۽ خواهشات، اِهڙيءَ طرح دٻجي ۽ گڏ ٿي، هڪ مهلڪ بيماري ٿي پون ٿا، ۽ شعور، کين پنهنجي رنگ ۾ رنڱي تابع ڪري ٿو ڇڏي.
اِنهن جديد نفسياتي نظرين تي، علمي حلقن ۾، ڪافي بحث ٿيندو رهي ٿو. مگر ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، اُن کي هر شخص تسليم ڪري ٿو، ته تحت شعور جو اثر، انساني عمل تي ڪافي نمايان آهي. فرائڊ ۽ اُن جي ساٿين، پنهنجي انتها پسنديءَ جو ثبوت ڏيندي اِئين به چيو آهي: ته لاشعور آئيس برگ جي، اُن حصي جيان آهي، جو پاڻيءَ جي مٿان نڪتل رهي ٿو اصل ته شعور آهي، جو پاڻيءَ جي هيٺان لڪل رهي ٿو، ۽ ان ۾ شڪ نه آهي، ته ظاهري حصو، لڪل حصي جي مقابلي ۾؛ نهايت ئي ننڍو ٿئي ٿو. هن مان، هي نتيجو نڪتو، ته لاشعور جي مقابلي ۾، شعور جي ڪائي به حقيقت نه آهي. هتان ئي اختلاف وڌن ٿا؛ ڇو ته انساني عمل، ۽ اِرادي جي زندگيءَ ۾، شعور اصلي چيز آهي.
ويهين صديءَ جي، ڪيترن ئي وڏن يورپي، ۽ آمريڪي اديبن، لاشعور ۽ اُن جي جنسي محرڪات کي، ادب جو موضوع بڻايو، ۽ ڪردارن جي انفرادي زندگيءَ جي، ايتري ته ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جو فرد جو، سماج سان رشتو ٽٽي پيو آهي. هيءَ حقيقت آهي، ته تحليل نفسيءَ جو علم، بيمارن جي علاج جي سلسلي ۾ پيدا ٿيو، ۽ فرائڊ ۽ اُن جي ساٿين، بيمارن جي ئي ذهني تجزيہ کي نئين علم جو بنياد بڻايو. اِهڙا سڀ انسان، فرائڊ جي نظر ۾، ڪنهن نه ڪنهن طرح، غير معمولي يا غير معتدل (Abnormal) ها. اسان جي مصنفّن، اديبن، شاعرن، ۽ افسانه نگارن وري معتدل (Normal) انسان ۾، ذهني ۽ جنسي بيمارين جي تلاش شروع ڪئي. عام طرح، صحت مند انسان جي ذهن ۾، اُهي جنسي اُلجهن نٿا ٿين، جي هن جي شعور کي داغدار بڻائين. صحت مند انسان، جو ڪجهه ڪري ٿو، سو پنهنجي اِرادي سان ڪري ٿو، ۽ اڪثر طرح، هو پنهنجي محرڪات کي ئي ڄاڻي ٿو. عام ماڻهو، جنهن سان ملي ٿو، يا جنهن سان هن جو ڪم پوي ٿو، تنهنجي ذهن، ۽ اِرادي مان به، هو واقف رهي ٿو.
اِهڙيءَ طرح، سماجي زندگيءَ ۾، عموميت پيدا ٿئي ٿي، ۽ زندگيءَ جا اُصول مّرتب ٿين ٿا. مگر جو اديب، پنهنجي سموري توجهه جو مرڪز، فرد جي اِهڙين ڪيفيتن کي بڻائي ٿو، جو اڪيلو اُنهن جي جبلي قوتن جو نتيجو آهي، ۽ اُنهن جي جنسي دٻاءَ مان پيدا ٿين ٿا؛ اُهو گويا، فرد کي الڳ ٿو ڪري، ۽ هڪ اهڙي ڊاڪٽر جيان آهي، جو فقط مريض جي زندگيءَ سان واسطو رکي ٿو، باقي آب و هوا، ماحول، غذا، ۽ ٻين اثرن کي نظرانداز ڪيو ڇڏي.
فرد جو شعور ئي نه، بلڪ اُن جو تحت شعور به، سماجي حالتن کان متاثر ٿئي ٿو، ڇو ته جيستائين سماجي پابندين، ۽ فرد جي خواهشن ۾ تصّادم نه آهي، جيسين فرد ڪنهن ٻي خيال کان پنهنجي جنسي جذبات کي دٻائڻ، يا ڪنهن ٻي رستي تي لڳائڻ تي مجبور نه آهي؛ تيستائين، تحت شعور ۾، جنسي خواهش جي پوشيده هئڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اخلاق يا سماج جو اظهار، فرد تي نه آهي؛ خود جنسي جذبو، اُن وقت انفرادي خواهش کان ٻاهر ٿو اچي. اسان جڏهن، ان کي سماج جي رشتي ۾، سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، تڏهن فرد جي شعور ۽ لاشعور ٻنهي جي حيثيت سماجي ٿي پوي ٿي.
اِن سلسلي ۾، هڪ ٻي ڳالهه به غور طلب آهي، ته ڪو به اديب، فرد جي تحت شعوري نفسيات جو تذڪرو ڪري ئي ڇو ٿو؟ هي بيان، محض بيان جي لاءِ ٿئي ٿو، يا ان جي ذريعي، فرد جي ذهني ڪشمڪش کي پيش ڪيو وڃي ٿو، جئن انساني ذهن، ۽ نفس جي پابندين ۽ آزادين جو پتو پئجي سگهي.
ادب برائي ادب جو قائل، پهرين حالت کي قبول ڪندو، ۽ ادب برائي زندگيءَ کي مڃڻ وارو، ٻئي حالت کي. ادب زندگيءَ جو بيان آهي. اِن تنقيد، ۽ تخليق جو تذڪرو، جيڪڏهن زندگيءَ جي تشريح ڪري ٿو، ته پوءِ ان جو مقصد، بيماري نه، بلڪ صحت هئڻ گهرجي. نيم شعور اُلجهن، ۽ دٻاءَ مان، پيدا ٿيندڙ ذهني بيمارين جو علاج، اِهڙيءَ طرح ڪيو ويندو آهي، جئن لاشعور، ۽ تحت شعور کي شعور بڻايو وڃي، ۽ پوءِ بيمار جو ذهن هلڪو ٿي پوندو آهي. ادب ۾، اِن ڪري، جڏهن لاشعور، ۽ نيم شعور جو تجربو ڪيو وڃي ٿو، ته اُن کي اخلاق ۽ سماج جي گهٽتائين، ۽ اُن جي عدم توازن جو نقاد ٿيڻ گهرجي. اِهڙيءَ طرح، خيالات لاشعور ۾ ڍڪجي وڃن ٿا، ۽ پوءِ غير معمولي، غير معتدلي ۽ انوکن تجربن جو بيان ئي نه ٿو ٿي؛ بلڪ عام زندگيءَ سان پنهنجو رشتو به جوڙي ٿو.
ادب کي، ڪيترائي نقاد، ۽ اديب، اڄ به، بي مقصد سمجهن ٿا. مگر اِن جي باوجود، ايترو ته هو به تسليم ڪن ٿا، ته اِن مان روحاني حظ، نفس جو اِهتراز، سونهن جو احساس، ۽ خوشيءَ جا جذبات، پيدا ٿي سگهن ٿا؛ ۽ ڪجهه اِهڙي قسم جي فڪر مان، اِهڙا به نتيجا نڪرن ٿا، جي ان جي بلڪل برعڪس به ٿين ٿا. لاشعور جي تذڪري مان، اِهڙو ئي مقصد پيدا ٿيڻ گهرجي. مگر مشڪل هيءُ آهي، ته لاشعور جو ميڪانڪي تصّور رکڻ وارو، جنس کي هڪ جبلي قوت تسليم ڪري ٿو، ۽ ان جو چوڻ آهي، ته جبلي قوتن ۾، تبديلي نٿي ٿئي. اِن ڪري، هن جو ذهن برائي کي چڱائي ۾ بدلائڻ جي طرف مائل نٿو رهي. هو هي نٿو سوچي، ته انساني شعور تان، جي بار هٽايو وڃي، ته هو سماج جو هڪ بهتر فرد بڻجي سگهي ٿو، ۽ جيستائين ادب، زندگيءَ جي تخليق ڏانهن اشارو نٿو ڪري، تيستائين اُن جو اعليٰ ادب ۾، شمار ٿيڻ مشڪل آهي. فني لحاظ، ۽ ادبي ڪاوش جي حيثيت ۾، اِن جو مرتبو تڏهن بلند ٿي سگهندو، جڏهن انساني نفس، يا ڪم از ڪم صحت مند انساني نفس، ان مان اُن وقت آسودو ٿي سگهندو، جڏهن هو روح ۾، هيجان پيدا ڪري ٿو.
لاشعور جي تجزيہ، فنون لطيفہ کي، نهايت ئي فائدو پهچايو آهي، مگر، جيڪڏهن لاشعور ڪيفيات جو رشتو، سماجي شعور، يا عدم شعور سان جوڙيو وڃي ٿو، ته ان مان ادب، ۽ ٻين فنون لطيفہ کي، وڌيڪ فائدو پهچي سگهي ٿو. ان مان گهرائي، تنوع، وسعت، ۽ رنگيني پيدا ڪري سگهجي ٿي. مگر اِن کي سمجهڻ لاءِ وقت درڪار آهي
(ماخوذ)
(1956)
تنقيد ۽ تنقيد نگاري(1)
انسان ۾، جڏهن شعوري قوتون پيدا ٿينديون آهن، تڏهن هو، نه فقط پنهنجي گرد ۽ پيش جي چيزن کي ڏسندو آهي، بلڪ ان تي غور، ۽ فڪر به ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو انسان جي فطرت ۾، انهن چيزن کي ڏسڻ، پنهنجو ڪرڻ، ۽ ان تي سوچڻ جون قوتون به موجود آهن، جنهنڪري هو ترقيءَ جون، ايتريون منزلون آسانيءَ سان طي ڪري چڪو آهي. نه ته زندگي، هڪ جڳهه تي بيهي وڃي ها، ۽ انسان اُن جي، ڪنهن به شعبي کي، بدلجندو نه ڏسي ها، ۽ دنيا ۾، تهذيب ۽ تمدن جو نالو نشان به نه هجي. بس انسان،، جهڙيءَ طرح دنيا ۾ آيو هو، ان ئي نموني، زندگي بسر ڪري ها. زندگي جون هي نيون نيون تبديليون، اسان کي، هن ڳالهه جو يقين ڏيارين ٿيون، ته زندگي هميشہ اِنقلاب، ۽ تبديلي سان همڪنار رهي آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي، جو انسان زندگيءَ کي زياده کان زياده حسين، ۽ دلڪش بڻائي ٿو. هي خواهش انسان ۾، اُن وقت پيدا ٿئي ٿي، جڏهن هو زندگيءَ تي، گهري نظر وجهڻ کان پوءِ، ان جي خامين کي محسوس ڪري ٿو. ۽ هن جو شعور اِهو به سمجهي ٿو، ته جو ڪجهه زندگيءَ ۾، اڄ اسان کي ملي ٿو، ان ۾، جيڪڏهن اسان ٿوري تبديلي آڻيون، ته اِها زياده دلڪشي پيدا ڪري سگهي ٿي. نه فقط ايترو، پر انسانيت جي لاءِ، اها چيز زياده کان زياده مفيد به ٿي سگهي ٿي، ۽ زندگي ٿورو اڳتي هلي، ترقيءَ جي منزل سان همڪنار ٿي سگهي ٿي. انسان جو اِهو ئي احساس، سڀ ڪجهه آهي، ۽ ان ئي احساس کي، اسان تنقيد جي معنيٰ ۾ وٺون ٿا.
زندگيءَ سان گڏوگڏ، اها چيز ادب لاءِ به لازمي آهي. ڇو ته ادب، بهرحال زندگيءَ جو ترجمان آهي، ۽ اِن سان گڏ هلندو رهي ٿو. اِن ڪري، جن چيزن جو زندگيءَ تي اثر پوي ٿو، تن جو ادب تي پوڻ به لازمي آهي. زندگيءَ جيان، ادب کي به صحيح رستي تي لڳائڻ، ان جي متعلق سوچڻ، ان لاءِ صحيح راءِ قائم ڪرڻ، ۽ ان ۾ زياده کان زياده دلڪشي، ۽ ڪيفيت پيدا ڪرڻ، ادب سان دلچسپي رکڻ وارن جو پهريون، ۽ مکيه فرض آهي، ۽ جو بلڪل فطري آهي. ادبي دنيا ۾، اِن ڪري، تنقيد جو آواز زياده ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. چنانچه ادب ۾، تنقيد کي پنهنجي اهميت آهي، ۽ ان ڪري هڪ مستقل فّن جي حيثيت حاصل آهي.
ادبيات ۾، سڀ کان بلند چيز تخليقي ادب (Creative Literature) آهي؛ جنهن جو مطلب آهي زندگيءَ جي تشريح. اِن ڪري، هڪ بلند تنقيد جي صحيح معنيٰ، هيءَ هئڻ گهرجي ته: ادب کي اُنهن سڀني چيزن تي غور ڪرڻ گهرجي، جنهن جي ذريعي، زندگيءَ جي تشريح ڪئي وڃي ٿي. ان غور مان نتيجو نڪري، اُهو ئي هڪ نقاد جو فيصلو آهي. ٻين لفظن ۾، ائين به چئي سگهجي ٿو؛ ته جنهن وقت، ادب جي تخليق جي شروعات ٿئي ٿي، تنهن وقت، تنقيد وجود ۾ اچي ٿي، ۽ هي خيال صحيح به آهي. ڇو ته، تخيّل جي سهاري، جڏهن اَسان، ان زماني تي نظر ڊوڙايون ٿا جنهن وقت، انسان اِبتدائي پيدائش مان اچي، هن دنيا ۾ پنهنجو پهريون تخليقي ڪارنامو پيش ڪيو هو، ته اِئين محسوس ٿئي ٿو، ته اُن وقت هن جي دل ۾، ضرور هي خيال پيدا ٿيو هوندو، ته هن جي تخليق ٿوريءَ ڦير ڦار کان پوءِ، زياده خوبصورت، ۽ وڻندڙ ٿي سگهي ٿي. اِن جو هڪ واضع ثبوت، هي آهي، ته وحشت جي دور جو آرٽ، ابتدا ۾، گندو نظر اچي ٿو، مگر وقت سان گڏوگڏ، جئن جئن دنيا تهذيب، ۽ تمدن جي سانچي ۾ پلٽبي وئي، ته اُن ۾ زياده کان زياده سونهن، ۽ سوڀيا پيدا ٿيندي وئي. اِهو انسانن جي فنّي شعور جي پختگيءَ کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به نه آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته تنقيد جو ذوق، بلڪل فطري آهي، ۽ اُن جو وجود، دنيا جي پيدا ٿيڻ کان وٺي آهي. مگر صدين جي لڳاتار انقلابن کان پوءِ، اِن باقاعدي علم جي صورت، هن صديءَ ۾ اختيار ڪئي آهي. نياز فتحپوريءَ، پنهنجي ڪتاب انتقاديات ۾، تنقيد جي قدامت تي بحث ڪندي لکيو آهي ته: عرب ۾، هيءُ فن، اِبتدائي منزل تائين محدود رهيو، ۽ جيڪڏهن اسم الرجال ۽ حديث جي اُصول کي مذهبي ادب سمجهي، جدا ڪيو وڃي، ته لغت کان سواءِ، هنن وٽ ٻيو ڪو به تنقيدي سرمايو ڪونه آهي. مغربي مصّنفن، هن فّن تي، ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. مگر اوليت جو شرف، يونان کي حاصل آهي. روم جا رهاڪو، جڏهن قسطنطنيه جي فتح کان پوءِ، اطاليہ ۾ اچي رهيا، ته اُتان جي اميرن، علم، ۽ ان جي اشاعت ۾، تمام گهڻي مدد ڪئي. ان ۾ تنقيد جو فّن به آهي. پوئين زماني ۾، علم ۽ فّن جي گهڻائي ٿي، ۽ هڪ ئي موضوع تي، ماڻهن مختلف رايا پيش ڪرڻ شروع ڪيا. ضرورت هئي، ته اُنهن مختلف خيالن جي اسڪول کي سمجهڻ لاءِ، ڪوئي صحيح معيار قائم ڪيو وڃي. اِن ڪري يورپ، جي سڀني قومن، هن طرف توجهه ڏنو، ۽ خصوصيت سان فرانس جتان جي ماڻهن کي غور، ۽ فڪر، ۽ ذهن رسا سان گڏ، ظرافت جو به حصو هو - ۽ جو تنقيد جي فّن لاءِ نهايت ئي ضروري آهي، هن ڏانهن زياده ڌيان ڏنو.
تنقيد جي لغوي معنيٰ: پرکڻ يا چڱي ۽ بري جو فرق معلوم ڪرڻ آهي. اصطلاح ۾، محاسن ۽ معائب جو صحيح اندازو لڳائڻ، ۽ اُن تي ڪا به راءِ قائم ڪرڻ کي، تنقيد چيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾، تنقيد جي لاءِ Criticism جو لفظ استعمال ٿئي ٿو، جنهن جي اصلي معنيٰ، عدل يا انصاف آهي. اِن خيال جي پيش نظر، هڪ انگريزي نقاد، هڊسن لکيو آهي: ادبي نقاد، ان کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾، ڪنهن فّن جي شہ پاري جي سمجهڻ، ۽ ان تي غور ڪرڻ جي خاص صلاحيت هجي. هن فّن جي ماهر جو، هي ڪم آهي، ته ڪنهن فّني تخليق کي ڏسي سمجهي، غور ڪري، ۽ اُن جي چڱاين، ۽ براين جي جاچ ڪرڻ کان پوءِ، اُن جي قدر، ۽ قيمت جو صحيح اندازو لڳائي. مگر جڏهن اسان تنقيدي ادب جو ذڪر ڪيون ٿا، ته عدل، انصاف، ۽ راءِ ڏيڻ، يا ڪنهن ٻي قسم جو خيال ظاهر ڪرڻ ئي تنقيد نه آهي؛ بلڪ اُهو سمورو ادب، تنقيد ۾ اچي وڃي ٿو، جو ادب جي ٻين شعبن متعلق لکيو ويو آهي؛ پوءِ اهو، ادب جي قسمن جي تشريح ڪري، تجزيو ڪري، يا ان جي قدر، ۽ قيمت کي معلوم ڪري. تنقيد، ادب جي سڀني شعبن، يعني شاعريءَ، افسانہ نگاريءَ، ڊراما نويسيءَ، ۽ خود تنقيد نگاريءَ سان واسطو رکي ٿي. اِن ڪري، اگر اسان اهو قبول ڪيون، ته ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي؛ ته پوءِ ادب جي ترجماني، وري تنقيد ڪري ٿي. ان مان ثابت ٿئي ٿو، ته تنقيد ادبيات ۾، خاص رتبو رکي ٿي.
تنقيد جي تعريف ۾، اختلاف آهن. مختلف لکڻ وارن، تنقيد جي جدا جدا نموني تعريف ڪئي آهي. ڪيترن جو خيال آهي، ته تنقيد جي ضرورت ئي ڪانه آهي. تنقيد کان سواءِ، به ادب زنده رهي سگهي ٿو، ۽ وڌي ويجهي ٿو. ڪيترن ماڻهن، هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي، ته تنقيد صرف فنڪارن جي ذلت جو ذريعو آهي، ۽ تنقيد نگار اُهو ٿئي ٿو، جو تخيلي ادب جي ميدان ۾ ناڪام ٿئي ٿو، ۽ پوءِ تنگ ٿي تنقيد نگاريءَ جو پيشو اختيار ڪري ٿو. آئزڪ ڊز ريلي هڪ جڳهه تي لکيو آهي: تنقيد نگار اهو ٿئي ٿو، جنهن کي ادب ۽ آرٽ ۾ ناڪامي ٿئي ٿي. مگر حقيقت انهن سڀني ڳالهين جي، بلڪل برعڪس آهي. تنقيد ادب ۾، بي انتها ضروري، ۽ اهم آهي. اِها ادب کي مضبوط بڻائي ٿي، ۽ ادب کي سنواري ٿي. ان ڪري، ان جو وجود به لازمي آهي. تنقيد نگار، حقيقت ۾ تخليقي چيزن کي پيش ڪرڻ وارن جي برائي نٿو ڪري، بلڪ اُن کي صحيح رستي تي لڳائي ٿو، ۽ اُن کي نيون نيون ڳالهيون سمجهائي ٿو. جي ماڻهو، فنڪارن جي صرف برائي ڪن ٿا، تن کي صحيح معنيٰ ۾، تنقيد نگار چئي نٿو سگهجي. تنقيد نگار، اُنهن سڀني چيزن کان بلند ٿئي ٿو. تنقيد نگار جي لاءِ، ائين چوڻ؛ ته هو ادب ۽ آرٽ جي دنيا م ناڪام ٿيڻ کان پوءِ تنقيد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، سو ڪنهن به طرح عقل تي مبني ٿي نٿو سگهي. تنقيد خود تخليقي ادب جي شاخ آهي، ۽ تنقيد کي تخليقي ادب ۾ شمار نه ڪرڻ، هڪ وڏي غلطي آهي. ڪنهن تخليقي شاهڪار جي متعلق، ڪجهه به چوڻ، بذات خود هڪ تخليق آهي، ۽ جڏهن تنقيد نگار ادب جي جمالياتي خوبين سان، ان کي سينگاري پيش ڪري ٿو، تڏهن ان کي، تخليقي تنقيد قبول ڪرڻ، ۾، ڪو به عذر ڪونه آهي. ان ڪري، تنقيد تخليقي ادب جي هڪ شاخ آهي؛ جا پنهنجي نوعيت کان، ادب جي ٻين شعبن؛ يعني شاعري، افسانہ نگاريءَ، ۽ ڊراما نويسيءَ کان مختلف آهي. مگر ان کي ڪنهن به طرح، ادب جي اُنهن شاخن کان گهٽ اهميت نٿي ڏيئي سگهجي.
اسان کي، هاڻي هي ڏسڻو آهي، ته هن فّن، ادبيات کي ڪيتري حد تائين متاثر ڪيو آهي. اڳين زماني ۾، تنقيد جو مدار اُهي اصول، ۽ قاعدا هئا، جي متقدمين علم، ۽ فّن مان ورتا هئا. مثلاً: جيڪڏهن ڪوئي شخص، علم لغت تي ڪو ڪتاب لکي ٿو، ته اُهو اُن وقت تائين صحيح تسليم ڪيو ويندو، جيستائين آئمہ لغت جي ڪلام مان ماخوذ ٿئي ٿو، يا ان جي مقرر ڪيل اصولن تي تيار ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته، قدماء جي اصولن کي، لازوال حقيقت تسليم ڪيو ويندو هو، مگر ارڙهين صديءَ کان علوم، ۽ فنون جو نئون دور شروع ٿئي ٿو، ڇو ته ان زماني ۾، فنون جي ترقيءَ جو مدار، صرف بحث، ۽ تجربو سمجهيو ويو هو. اُهو زمانو، جڏهن ارسطو جا قول، هڪ صحيح حقيقت جي حيثيت رکندا هئا، گذري ويو، ۽ دنيا جي جديد تمدن سان گڏوگڏ انڌي تقليد، ۽ قدماءَ جي تسلّط کان آزاد ٿي، بجائي ماثوره قول جي، صرف مشاهدي ۽ تجربي، بحث ۽ نقد کي معيار سمجهيو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو سموري علم ۽ فّن ۾، نمايان ترقي ٿيڻ لڳي، ۽ هڪ هڪ مسئلي تي اهم ڪتاب تصنيف ٿيڻ لڳا. انهن ۾، هڪ تنقيد جو فن به آهي، جنهن اڳتي هلي، هڪ مستقل صورت اختيار ڪئي آهي.
هن سلسلي ۾، نياز فتحپوري جي راءِ درج ڪرڻ، دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. چوي ٿو: هن فّن جي ضرورت، صرف ايتري تائين آهي، ته تصنيفن، ۽ ان جي موضوع تي بحث ڪيو وڃي، ۽ مصنّف ۽ مصنّف جي باهمي مناسبت کي ظاهر ڪري، اُنهن ڪتابن سان مقابلو ڪيو وڃي، جي ڪنهن خاص موضوع تي مختلف وقتن، ۽ ملڪن ۾ لکيا ويا آهن. اڳتي هلي، هن پنهنجي خيال کي، اڃا به واضح ڪيو آهي: علمي راين تي اظهار ڪرڻ، نقاد جو ڪم نه آهي؛ ڇو ته نقاد جي لاءِ، هر موضوع تي مهارت رکڻ به ضروري نه آهي؛ البت هر عهد، ۽ هر ملڪ جي علمي تاريخ مان واقفيت رکڻ، يقيناً لازمي آهي؛ ڇو ته تنقيد جي فّن، ۽ علم ۽ ادب جي تاريخ جو، پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. منهنجو اردو جي هن بالغ نظر نقاد سان اختلاف آهي. هڪ نقاد لاءِ نهايت ئي ضروري آهي، ته هن کي دنيا جي سموري علم، ۽ فّن تي عبور حاصل هجي، ڇو ته بالغ نظري؛ گهرو مطالع، ۽ غور ۽ فڪر ئي، هڪ نقاد کي صحيح راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ۽ تنهن کان پوءِ ئي، هو ادب جي مختلف پهلوئن جو جائزو وٺي سگهي ٿو. ان ڪري، هڪ نقاد کي دنيا جي سموري علوم، ۽ ادب جي ڄاڻ لازمي آهي. ڊاڪٽر مولوي عبدالحق جو چوڻ به اِن سلسلي ۾ اهم آهي، چوي ٿو: صحيح تنقيد اُن وقت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ادب جي هر رخ کي ڏٺو، ۽ جاچيو وڃي.
تنقيد جي مختلف نظرين جو، هت جائزو وٺڻ به ضروري آهي. پهريائين پهريائين، جنهن نظريي تي، اسان جي نظر پوي ٿي؛ اُهو ڪلاسيڪي نظريو آهي. حقيقت ۾، ڪلاسيڪي تنقيد جي اثر هيٺ، اِهو خيال ڪيو ويندو هو، ته ادب ۽ آرٽ، زندگيءَ جو نقل آهي؛ جنهن جو ڪم ان کان سواءِ، ٻيو ڪو به نه آهي، ته اُهو انسان جي تفريح جو سامان گڏ ڪندو رهي. اُڻويهين صديءَ کان اڳ، تنقيد جو جو وجود رهيو، اُن ۾، ڪنهن به سائنٽيفيڪ نقطہ نظر کي دخل نه هو. مگر اُڻويهين صدي ۾، يورپ اهڙا ڪيترائي نقاد پيدا ڪيا، جن مختلف انداز سان ادب ۽ آرٽ کي، سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر ان ۾، جذبات کي گهڻو دخل رهيو. ان دور جا نقاد اسان کي ٻڌائين ٿا: ته ادب، ۽ آرٽ ڇا آهي، ۽ ڪهڙين خصوصيتن جو حامل آهي. پر اِن لاءِ، وٽن ڪي دليل ڪونه هئا. ان کان پوءِ، جذباتي، ۽ روحاني تحريڪ جي ابتدا ٿي، ۽ ادب برائي ادب جو نظريو عام ٿيو. ان نظريي جي علمبردارن ۾: ڪيٽس، پيٽرا، ۽ آسڪروائلڊ، وغيره آهن. هنن نٿي چاهيو، ته ڪو ادب ۽ شاعريءَ کي، ڪنهن مقصد جو پابند بڻايو وڃي. حسن جو احساس هئڻ، بذات خود هڪ وڏي ڳالهه آهي؛ ڇو ته اِن مان، انسان کي، هڪ اَبدي مسّرت حاصل ٿئي ٿي. مذهب، ۽ اخلاق کي ادب سان وابسته ڪرڻ، هنن لاءِ عبث هو. هنن جو خيال هو، ته فنڪار بري ۾ بري چيز، ۽ بدصورت کان بدصورت چيز کي، فّن جي سهاري، خوبصورت بڻائي پيش ڪري سگهي ٿو. ادب جو، هي خالص جمالياتي تصور، ڪافي عرصي تائين، ادبي دنيا تي ڇانيو رهيو. مگر جئن ته، حسن جو تصور، انسان کي ڪو به سڪون نٿو پهچائي سگهي. اِن ڪري اِن جو ردعمل ٿيڻ لازمي هو، جنهن جي نتيجي ۾، ڪي اهڙيون تحريڪون به پيدا ٿيون، جن ادب ۽ آرٽ کي بامقصد بڻايو. انهن تحريڪن جو مقصد هو، ته ادب صرف حسن ڪاري ئي نٿو ڪري، بلڪ انسانيت کي بلند، ۽ برتر بنائڻ ۾ به ان جو حصو آهي.
هي ڪارل مارڪس، ۽ اينگلز جا خيالات هئا. جن کي سڄي دنيا ۾ هڪ انقلاب آڻڻ جي تمنّا هئي. انهن جي خيال ۾، ادبي تنقيد نگاريءَ جو بنياد، هروڀرو جمالياتي فلسفي تي قائم نه ٿو ڪري سگهجي، يعني جيستائين، اُن تي سائنس جي روشنيءَ ۾، غور نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ان جو پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچڻ، مشڪل آهي. درحقيقت، جئن ممتاز حسين لکيو ته: مارڪسي تنقيد، دنيا جي اديبن کان، هڪ عالمگير نظريي جي توقع رکي ٿي. هوءَ زندگيءَ، ۽ نفسيات کي، الڳ الڳ نٿي ڏسي، بلڪ هڪ ئي وقت، زندگيءَ جي ڀرپور طاقت کي ڏسڻ گهري ٿي. مارڪسي تنقيد کي، ان سان ڪو به واسطو نه آهي، ته ڪوئي اديب يا شاعر،محنت ڪش طبقي جي حمايت ڪري ٿو، يا نه، بلڪ پوريءَ سماجي زندگيءَ کي، هڪ ئي وقت، ۽ هڪ ئي ڪردار جي زندگيءَ ۾، منعڪس ڏسڻ چاهي ٿو. اِن جو مطلب آهي، ته ادب، ۽ آرٽ لاءِ؛ ٻه چيزون ضروري آهن: يعني ادب اِفاديت Utility ۽ جماليات Aesthatics جي خوبين جو حامل هئڻ گهرجي. هي گهٽ وڌ، اُهو ئي نظريو آهي، جو مٿيو آرنلڊ پيش ڪيو آهي. هن جي اڳيان: ادب زندگيءَ جي تنقيد آهي. هن مان، هن جو مقصد هو؛ ته ادب زندگيءَ کي، بهتر بنائڻ جو ڪم ڪري ٿو، ڇو ته انسان لاءِ اڳتي هلڻ جو خيال، سڀ کان زياده اهم آهي. مارڪس، ۽ اينگلز جي اِن خيال، آرٽ جي اندر، حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ کي هوا ڏني، جنهن جو بنياد سائنٽفڪ ۽ عقلي خيالن تي قائم آهي.
هنن تنقيدي خيالن، ۽ تنقيدي نظرين، ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا آهن. هن دور ۾، جي طرح طرح جون تنقيدي تحريڪون هلي رهيون آهن، تن پنهنجي نقطہ نظر کان، ادب ۽ آرٽ جي جمالياتي، ۽ اِفادي پهلوئن جي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ سڪول جو خيال آهي، ته صرف جمالياتي نظر سان ئي، ادب کي ڏسڻ گهرجي. اُنهن جي خيال ۾، ادب مان، سماج کي ڪو به فائدو ڪونه آهي. هو قديم جمالياتي نقادن جيان، اَڄ به ادب، ۽ آرٽ کي، سواءِ ادب، ۽ آرٽ جي، ڪنهن ٻئي چيز سان ڳنڍڻ نٿا گهرن. هو نه فلسفيانہ اهميت جا قائل آهن، ۽ نه زندگي جي هم آهنگي Harmony سان، اهڙن ماڻهن جو تعلق، ڪلاسيڪي، ۽ روماني تنقيد نگارن جي نظرين سان آهي. اِن فڪر ۾، هڪ رجحان هي به آهي، ته فنّي تخليق کي، اُن وقت تائين نه سمجهي سگهيو؛ جيستائين اسان کي، اُن زماني جي ذهني، ۽ سماجي حالتن جو اندازو نه ٿيو آهي؛ ڇو ته، انهن حالتن ۾ ئي تخليق جو راز لڪل آهي. هن نظريي ۾، ڪيترائي اضافا ٿيا آهن، ۽ مارڪسي تنقيد جو بنياد اِن تي ئي قائم آهي.
هڪ ٻيو رجحان، جو تنقيد نگاريءَ ۾ پيدا ٿيو آهي؛ اهو علم تحليل نفسيءَ سان واسطو رکي ٿو. تحليل نفسي Psycho-Analysis جي نظريي جو علمبردار، فرائڊ آهي، جو ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ، ادب، ۽ آرٽ کي به، اُنهن دٻيل خواهشن جي اثر جو نتيجو سمجهي ٿو، جي انسان جي تحت شعور Sub Conscious ۾ پيدا ٿين ٿيون. جيڪڏهن هن نڪتہ نظر سان ڏٺو وڃي، ته اَدب، ۽ آرٽ کي، ان وقت تائين سمجهي ئي نه سگهبو، جيستائين اُن جي تخليق ڪرڻ واري جي نفس جو تجزيو نه ڪيو ويو آهي.
اِن کان سواءِ، سائنس جا تجربا، جئن جئن وڌندا رهن ٿا، تئن تئن تنقيد جو دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو. ڇو ته، سمورا نظريا، علم تحليل نفسيءَ جي نظريي جيان، اُن تي اثر انداز ٿيندا وڃن ٿا. ٽي ايس ايليٽ جي خيال ۾؛ سڀ کان زبردست رجحان، موجوده تنقيد ۾ اِهو آهي، ته هو پنهنجي دائري کي، وسيع ڪري رهيو آهي، ۽ زندگيءَ جي ساريءَ ڪشمڪش، ايجادن جا ڪرشما، ۽ نظرين جون سموريون هيٺ مٿانهيون، اِن ۾ بي نقاب نظر اچن ٿيون. غرض، اهڙيءَ طرح دنيائي ادبيات ۾، تنقيد جا جدا جدا نظريا قائم آهن.
ادب ۾، تنقيد کي بلند درجو حاصل آهي. تنقيد، نه صرف ادب کي سينگاري، ۽ سنواري ٿي، بلڪ هڪ فنّڪار جي صحيح رهنمائي به ڪري ٿي. حقيقت ۾، تنقيد جي پرورش ڪرڻ، نهايت ئي ضروري آهي؛ ۽ جيڪڏهن ادب ۾، تنقيد کي اهميت نه ڏني ويندي، ته فنڪار پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ويندو؛ جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو، جو اَدب، ۽ آرٽ بلند تخليق ٿي ئي نه سگهندو.
(1955)
___________
(1) هن مضمون جي لکڻ وقت، منهنجي اڳيان هيٺيان ڪتاب رهيا آهن:
1. اُردو تنقيد کي ارتقا- ڊاڪٽر عبادت بريلوي.
2. انتقاديات- نياز فتح پوري.
3. An Introduction to the study of Literature
By: W.H.Hudson