arnizamani's picture
Upload 236 files
e30f3c4 verified
Raw History Blame Contribute Delete
126 kB
ڪتاب جو نالو: گل ڦل جنوري 2022ع
ايڊيٽر: نجمه پنهور
]13
سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نه آهي سُٿرِي،
لِڪَ لِڪوٽِي لِڪُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي.
سمجهاڻي:
تون پنهنجي سڪ کي سڪائي سڪ (پنهنجي سڪڻ ۾ به سڪ کان ڪم وٺ، ان کي عام نه ڪر، ڦهلاءِ نه، هر تڙو نه ٿيءُ). سڪ جو معاملو سولو ڪونهي (گنڀير مامرو آهي) پنهنجي محبت کي لڪلن کان به لڪاءِ (ان کي ڳجهو ۽ مخفي رک) ته جيئن کرن، کاريندڙن ۽ کريلن (جيڪي تنهنجا هر صورت بدخواه آهن) کي سُڌ ۽ پتو نه پوي.
]14[
کَرُ کارِيندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيتَڻو،
جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِئو.
سمجهاڻي:
رقيب يا بدخواه انهن کي کاري سگهي ٿو (انهن تي اثر انداز ٿيندو) جن جي محبت ۾ ڪا گهٽتائي هجي. ليڪن جيڪي محبت جي جوش ۾ جلي ۽ سڙي چڪا آهن، اهي اٽلو ان کاريندڙ کي ماري مات ڪندا.
]15[
کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻيارو نِڪَري،
اُڀو جو اُوناءِ، سُرڀُرِ سَنِدي سَڄڻين.
سمجهاڻي:
شل هن بدخواه کي ڪو زهريلو نانگ ڏنگي يا مَڻ وارو ڪاريهر نانگ نڪري کائي، ڇو ته هو هر وقت ڪن ڏيئي بيٺو سڄڻن جون سُس پُس واريون ڳالهيون ٻڌي.
]16[
کَرَ جا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي،
تِنھِ ۾ پاڻ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِيو.
سمجهاڻي:
هن دشمن جيڪا کڏ کوٽي هئي ته جيئن محبوب ان ۾ ڪري پوي، تنهن ۾ هوپاڻ وڃي ڪريو ۽ ائين هو گِلا خور پاڻ غرق ٿي ويو.
]17[
اَللهَ کَرَ جِيَنِ، کَرُ مَ مَري هيڪَڙو،
اَسان ۽ پِرينِ جون اُمِيدُون پُڄَنِ،
تِهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنَهِين سُورَ ۾.
سمجهاڻي:
اي منهنجا مولا، اهي دشمن ڀلي جيئرا هجن ۽ هڪڙو به نه مري ۽ ايستائين جيئرا هجن، جيستائين اسان جون يعني منهنجيون ۽ منهنجي محبوب جون دلي اميدون پوريون ٿين. ان کان پوءِ ڀلي انهيءَ سور ۽ تڪليف ۾ مري وڃن!
شاهه جو رسالو
]سُر آسا- داستان ٽئو، محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
امداد جسڪاڻي (پنوعاقل)
دلدار نبي ﷺ
ڏکڙن ۾ سهڪار نبيﷺ آ،
سڀني جو دلدار نبيﷺ آ.
انسانن ۾ اعليٰ سائين،
هر هڪ جو منٺار نبيﷺ آ.
عرش اُتم تي آهي پهتو،
نبين جو سردار نبيﷺ آ.
اسمن ۾ چُم ميم محمّد،
دل جو چين قرار نبيﷺ آ.
رحمت بڻجي سهڻو آيو،
عالم ۾ ٿڌڪار نبيﷺ آ.
نورِ هدايت مدني آهي،
چؤڌاري چمڪار نبيﷺ آ.
ياسين ڪنڀر
نظر ايندي آهي
نگاهون کڻي مان ڏٺم جاڏي جاڏي،
خدا تنهنجي قدرت نظر ايندي آهي.
تون داتا سڀن جو تون مالڪ مِڙن جو،
۽ تنهنجي ئي خلقت نظر ايندي آهي.
مهل بي مهل تون مهربان آهين،
تون ننگن جو سائين نگهبان آهين،
رحم جي نظر سان نهارين ٿو سڀ ڏي،
اها ٻاجهه رحمت نظر ايندي آهي.
سمورن جي سائين سجائي ڪرين ٿو،
بُرن سان به مالڪ ڀلائي ڪرين ٿو،
ڏئي تون نه پيارا پچاريندو آهين،
بندن سان محبت نظر ايندي آهي.
اٿم آسون دل ۾ ته پوريون ڪندين ربّ،
تون منهنجون سڻايون سموريون ڪندين ربّ،
مقدر کي چمڪاءِ ٻهڪي پوان مان،
دعائن ۾ برڪت نظر ايندي آهي.
مان ”ياسين ڪنڀر“ کڻي نيڻ آلا،
اچان ٿو مان تو در مٺا ربّ تعاليٰ،
سوا تنهنجي منهنجو مددگار ڪونهي،
رڳو تنهنجي نصرت نظر ايندي آهي.
نياز پنهور (حيدرآباد)
ننڍڙو گُل
ننڍڙو تون ئي گُل اَلا،
جهولي ۾ تون جُهل اَلا.
تو لاءِ لولي ڳايان ٿي،
سيني توکي لايان ٿي.
هير جيان تون گُهل الا،
آڱر ڏي ته ڏوريان توکي.
آزاديءَ لاءِ گهوريان توکي،
ڇوليءَ وانگيا ڇُل اَلا.
منزل ڪارڻ وڙهندو رهجان،
ويرين سان وڙهندو رهجان.
ڏوري لهجان ڪُل الا،
گيت خوشيءَ جا ڳائي اچجانءِ.
منزل پاڻ ملهائي اچجانءِ،
پوءِ ڪجان هُل اَلا.
ننڍڙو تون ئي گُل اَلا،
جهوليءَ ۾ تون جُهل اَلا.
اياز گُل
گُلن جهڙا ٻار
سُندر سندر خوشبوءَ سان،
ڪر گلشن کي گلزار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
علم آهي بي بها خزانو،
علم جي شمع گهر گهر ٻار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
آڏو تنهنجي رُڃ آهي اُٿ،
تڪليفن جا ڏونگر ڏار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
سنڌ گلشن جو ”گُل“ آهين تون،
پيار پريت جي خوشبوءِ ڌار،
او پيارا گُلن جهڙا ٻار.
نياز مسرور بدوي (حيدرآباد)
نظم
”روشن روشن آهي نيارو،
ٻارن کي آ گل ڦل پيارو.“
مٺڙا حمّد ۽ نعتون، ان ۾،
پڙهي ڏس تون ٻالڪ سارو.
گيت، غزل ۽ مضمون به هن،
ڏيکاري ٿو سهڻو چارو.
پڙهڻ سان من کي فرحت ملي،
لهي وڃي ٿو پڻ مونجھارو.
علم عقل جون ڳالهيون هِن ۾،
دور ٿئي ذهن جو انڌڪارو.
اچو ته هٿ هٿ ۾ ڏيئي ساٿيو،
ديس ۾ ڪريون کيس سوڀارو.
”ناز“ نظر علي ويسر(خيرپور ميرس)
پياري سائيڪل
منهنجي پياري پياري سائيڪل،
ڳاڙهي نيري ڪاري سائيڪل.
سڀ وٽ آهي سائيڪل پر،
هيءَ مون کي پڄائي جلدي منزل.
صبح جو مان اسڪول وڃان ٿو،
اتي وڃي روڪيان بيهاري پيڊل.
منهنجو سائيڪل سان آ پيار،
جنهن تي ڪندو هان سواري هرپل.
”ناز“ هي ڏسي سهڻي سائيڪل،
دنيا چوندي آ ساري هل هل!
احمد خان ’احمد‘
بلور
اچو ته کيڏيون راند بلور،
کيڏيون راند بلو.
وقت شام جو آيو آهي،
ڪم اسڪول جو اچو لاهي.
پوءِ لڳايون بازي زور،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
راند کيڏڻ جو وارو آيو،
ڪريون تنهن جو ٻارو سايو.
لاهيون هيئن جي هور،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
رنگ جنهن جو سونو تيزابي،
ڳاڙهو سائو نيرو گلابي،
ماند جنهن جو ناهي مور،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
بلور سهڻو منهنجو آهي،
اهڙو ڪنهن جو ناهي،
پيارا پيارا تنهنجا پورَ،
ٻارو کيڏيون راند بلور.
جمالا
(ماڊل اسڪول مجنوڀيل جي شاگردياڻي)
آءُ ته گڏي راند کيڏيون
ٽنڊڻي ٽنڊڻي اسين تنهنجا ماڻهو،
چٻينداسين ڏاڙهون،
هي ککر ڪهڙي ستن ڀائرن جهڙي،
ست ئي ڀائرن تڙ تي،
ٻيڙي آئي تڙ تي،
ٻيڙي وارا آيا،
ڇٻ ڇٻيتا آيا هڪ ڇٻي ۾،
موتي ڇٽي پنهنجي پوتي،
ادل کي چئجان،
مامن کي چئجان،
گُڏو گُڏي آڻجان،
سون ۾ تورائجان،
چانديءَ ۾ چمڪائجان،
روپين ۾ تورائجان،
بنگلي ۾ ويهارجان،
آءُ گڏي راند کيڏيون.
اسحاق انصاري
سنڌ
سنڌ اسان جي پياري پياري،
جيڪا آهي جڳ ۾ نياري.
سنڌ اسان جي ساوڪ واري،
جنهن ۾ رهن ٿا هاري ناري.
هاري ئي ٿو انّ اُپائي،
جنهن کي ٻڍو ۽ ٻار ٿو کائي.
تنهنجا هيمو هوشو شيدي،
جنهن کان ڊڄن ٿا سڀ گيدي.
سنڌ اسان جي پياري پياري،
جيڪا آهي جڳ ۾ نياري.
گلشن سنڌو
ضدي ٻار
ضد نه ڪندا ڪريو ضدي ٻار،
ضد جا آهن نقصان اڪيچار.
ماءُ پيءُ به ڏس تنگ ٿين ٿا،
مائٽ به ڪين پسند ڪن ٿا.
استاد به ماري ضدي ٻار کي،
سو ٻار نه وڻي ٿو سنسار کي.
ضديرا هميشه پريشان هوندا،
ميار وري هِن، هُن کي پيا ڏيندا.
ضد جي عادت کي ڪين اپنايو،
معاشري ۾ پنهنجو مقام بنايو.
ضد جي عادت ته آهي خراب،
جنهن سان ٿئي ٿو جيئڻ عذاب.
ضد ئي غصي کي جنم ڏيئي ٿو،
غصي سان ئي ٻار مريض ٿئي ٿو.
ضد کان سدائين پاسو ڪيو پيا،
ڏسو پوءِ سماج ۾ ڪيڏا ٺهو ٿا.
ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ (شڪارپور)
ٻالڪ
سنڌ جا سهڻا سارا ٻالڪ،
پوپٽ وانگر پيارا ٻالڪ.
جڳ مڳ جڳ مڳ سنڌ جرڪائن،
روشن روشن تارا ٻالڪ.
علم هنر جي منزل ماڻي،
خوب ٿين سوڀارا ٻالڪ.
من جا اجرا موتي ماڻڪ،
خوشين جا پڻ کارا ٻالڪ.
روح جي راحت چاهه جا پتلا،
جانب جيءَ جيارا ٻالڪ.
ماءُ پيءُ لاءِ هڪجهڙا سارا،
سهڻا توڙي ڪارا ٻالڪ.
هر جا واٽ سنئين تي هلندا،
”عادل“ امرت ڌارا ٻالڪ.
زاحا علوي
امڙ ٻُڌايون آکاڻيون
ديوَ پريون جن راڻا راڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون سي آکاڻيون ياد پيون.
پوريو هر ڪنهن ڀت ۾ ڀانڊارو،
هاءِ جواني سي ٻاراڻيون ياد پيون.
وسندي مينهن ۾ اڱڻ ۾ ڪيڏا ٿانوَ رکيل،
سانوڻ رُت سان لنوَ لڳائڻ ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون سي آکاڻيون ياد پيون.
ڏاڏي جي سا چاڏي رکيل پچٽيءَ جي،
تنهن ڏي کڄندڙ اکيون نماڻيون ياد پيون،
امڙ ٻڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
پهتو پهو پراڙ پٿاري پئجي وئي،
گهر ڀاتي ۽ رليون پراڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
ڇرڪي جهرڪيون اُڏري ويون جيئن ڪانوَ لٿا،
ننڍڙو آڳر ننڍيون ڪهاڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
راند روند ۾ روا وڏا ٿي تنجيا ويا،
وري نه ڏٺيون سکيون سياڻيون ياد پيون،
اڱڻ سڳوري مٺڙا ماڻهو ايندا هئا.
خوشبوءِ هاڻيون رَس رهاڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون،
ٿڌي گهڙي جيئن من پيو آڪاش ٺري.
هيرون جيڪي هنجهه جون راڻيون ياد پيون،
امڙ ٻُڌايون جي آکاڻيون ياد پيون.
مينا بلوچ
سٺي زندگي
پيار جي کوٽ آهي جهان ۾،
محبت هڪ ٻئي سان وڌائيندا هلو.
ڪتابن کي لڳائي سيني ساڻ،
علم جي اُڃ اُجهائيندا هلو.
وڏن جي عزت ننڍن ساڻ پيار،
اُهو قول سڀني کي ٻُڌائيندا هلو.
بُرائي کان پاسو چڱائي ڏانهن ڏاڪو،
ڏاڪا ڀلائي جا چڙهندا هلو.
غريبن سان پيار آهي جن کي،
محبت جو اُهو ڏيئو ٻاريندا هلو.
مسرت الياس جوکيو
سائنس
ويا زمانا ڏکن جا، هاڻي ته آئي سائنس،
هر ڪم ڪار ۾ آساني بنائي ٿي سائنس.
ٻُڌو محفل موسيقي هلائي ريڊيو ٽيپ ريڪارڊ،
توڙي ٽي.وي ڏيکاري، دل وندرائي سائنس.
اونهاري جي گرم ڏينهن ۾ اگر ٿئي گرمي،
ايئرڪنڊيشن هلائي، گرمي ڀڄائي سائنس.
جنگ جي ميدان ۾ نه ڇُر، ڍال، ڪا توپ، تلوار،
آٽوميٽڪ اوزارن سان ڌم مچائي سائنس.
گڏهه گهوڙن بجاءِ ڪارون، موٽرون، لاريون،
اُڏائي هوائي جهاز سفر ۾، ڪئي سولائي سائنس.
’مسرت‘ اچو ته ڪا پيئون ٿڌي مِٺي ڪا مشروبات،
فرج ۾ بنائي رنگ برنگي قلفي ملائي سائنس.
ڊاڪٽر راجا سيلرو (شڪارپور)
ڪينسر (Cancer)
ڇا آهي؟
سڀ کان اڳ اهو معلوم ڪريون ته ڪينسر ڇا آهي ۽ ڇو ٿي ٿئي، ان کان پوءِ اينداسون ڳچيءَ واري غدود جي باري ۾. ڪينسر کي سرطان به چوندا آهن.
جسم جي بناوت گهرڙن سان جُڙيل آهي. گهرڙي (Cells) کي حياتيءَ جو بنيادي يونٽ يا ايڪو چئبو آهي. انسان جي شروعات به هڪ گهرڙي کان ٿئي ٿي. اهڙو گهرڙو جنسي ميلاپ وقت نَر ۽ مادي جزن جي ڳڀجڻ (Fertilization) سان وجود ۾ ايندو آهي. هڪ گهرڙي مان گهڻا گهرڙا ٺهندا آهن، انهن مان جسم جا مختلف عضوا ۽ نظام وجود وٺندا آهن ۽ انساني جسم وجود ۾ اچي ويندو آهي.
جسم ۾ ڪيترائي نظام (Systems) آهن، جن جو ڪم الڳ الڳ آهي، پر سڀئي سسٽم هڪ ٻئي جا مددگار هوندا آهن. ڪي سسٽم ته سموري جسم تي ڪنٽرول ڪندا آهن. ڪنهن به هڪ سسٽم جي خرابي جو اثر ٻئي سسٽم تي پوندو آهي، نتيجي ۾ سمورو جسم متاثر ٿيندو آهي.
جسم جي واڌ ويجهه (Growth) ڪنٽرول ۾ آهي، ته انسان جو جسم صحيح ڪم ڪري ٿو. هي عضون جي واڌويجهه هڪ حد تائين هوندي آهي، ان کان پوءِ انهن ۾ واڌ نه ٿيندي آهي. اهڙي نموني هر هڪ سيل يا گهرڙي جي واڌ جي حد آهي، جنهن کان پوءِ گهرڙو نه وڌندو آهي. جيڪڏهن جسم ۾ ڪن گهرڙن جي واڌ ڪنهن عضوي ۾ واڌ جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي ۽ ڳوڙهي جي صورت اختيار ڪري ۽ پيدا ٿيندڙ جڳهه کان پکڙجي (Spread) جسم جي ٻين حصن کي به متاثر ڪري، ته اهڙي نوعيت جي واڌ کي ڪينسر (Cancer) چئبو آهي.
يعني جسم جي ڪنهن به حصي گوشت، هڏي، رت، چمڙي، دماغ، غدود، آنڊي
۾ واڌ ٿئي ۽ پکڙي ته ان کي ڪينسر چئبو آهي، جيڪا ڳوڙهن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. هن جا ٻه قسم آهن:
1. هلڪي ڳوڙهي (Benign)
2. خطرناڪ ڳوڙهي (Malignant)
1. هلڪي ڳوڙهي (Benign)
هي ڳوڙهي جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته قابوءَ ۾ نه ايندڙ (Uncontrolled) واڌ جي نتيجي ۾ ٺهي ٿو، پر جنهن جڳهه تي پيدا ٿئي ٿو ته اتي ئي واڌ کائي ٿو ۽ جسم جي ٻين حصن ڏانهن نه پکڙبو آهي. ٻيو ته اهڙي ڳوڙهيءَ ۾ واڌ به آهستي آهستي ٿيندي آهي، نه وري ٻيو ڪو نقصان پهچائي ٿو. اهڙن ڳوڙهن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
چرٻيءَ جو ڳوڙهو (Lipoma)
ارهه جو هلڪو ڳوڙهو
(Fibroadenoma)
تنتن ۽ تاندورن جو ڳوڙهو
(Nearo Fibroma)
هڏي جو ڳوڙهو (Osteoma)
ڪڏهن ڪڏهن وري هن بي ضرر ڳوڙهي ۾ گهڻي وقت کان پوءِ سرطاني (Carcinoma) تبديلي اچي سگهي ٿي. تنهن ڪري مشورو آهي ته ڪوبه جسماني ڳوڙهو ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي ڇڏي ڏيڻ نه گهرجي، بلڪه ڪنهن ماهر سرجن سان مشوري ۾ اچڻ ضروري آهي، ته جيئن هو ان جي چڪاس ۽ ضروري تپاسون (Investigations) ڪرائي، ان جي نوعيت کان آگاهه ڪندو ته جيئن پوءِ وارن خطرن کان بچي سگهجي.
(2) خطرناڪ ڳوڙهو (Malignant)
هن ڳوڙهي کي سرطان (Cancer) به چئبو آهي ڇو ته اهو شروعات کان ئي خراب هوندو آهي، جنهن جون نشانيون هيٺ ڏجن ٿيون:
اهڙو ڳوڙهو Malignant جسم جي ڪنهن به عضوي ۾ مٿي کان وٺي پيرن تائين عضون ۾ ٿي سگهي ٿو، جنهن جا مختلف نالا آهن. مثلاً:
جيري جو ڪينسر (Liver Cancer)
ڦڦڙن جو ڪينسر (Lungs Cancer)
ارهه جو ڪينسر (Breast Cancer)
آنڊي جو ڪينسر (Intestinal Cancer)
معدي جو ڪينسر (Stomach Cancer)
مثاني جو ڪينسر
(Urinary Bladder Cancer)
پتي جو ڪينسر (Gall Bladder Cancer)
دماغ جو ڪينسر (Cancer of Brain)
بڪيءَ جو ڪينسر (Cancer of Kidney)
چمڙيءَ جو ڪينسر (Cancer of Skin)
هڏي جو ڪينسر (Bone Cancer)
غدود جي ڪينسر کي غدود جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
ڳلي جو ڪينسر (Thyroid Cancer)
ايڊرينل غدود جو ڪينسر
(Adrenal Gland Cancer)
لبلبي جو ڪينسر
(Cancer of Pancreas)
پيروٽڊ غدود جو ڪينسر
(Cancer of Parotid Gland)
پيشاب جي غدود جو ڪينسر
(Prostate Cancer)
ڪينسر جا سبب (Causes of Cancer)
ڪينسر کي سرطان به چوندا آهن، ڇو ته اها جتان اُڀري ٿي اتي به وڌي ٿي ۽ ان کان پوءِ رت ۾ شامل ٿي جسم جي ٻين حصن ۾ پڻ پکڙجي وڃي ٿي ۽ انهن عضون کي پڻ نقصان پهچائي ٿي. ڪينسر جا سبب ته معلوم نه آهن، پر ڪجهه نشانيون اهڙيون آهن جن مان اندازو آهي ته اهي ڪينسر جا سبب آهن ۽ ڪينسر پيدا ڪن ٿا.
(1) ماحولياتي اثر ۽ اندروني ناقص ڪارڪردگي
ٻاهريان ماحولياتي اثر جيئن سج جا ڪرڻا (Ultraviolet Rays) چمڙيءَ جو ڪينسر پيدا ڪن ٿا. نقصان واريون شيون واپرائڻ جيئن ٻيڙي ۽ سگريٽ جي استعمال سان ڦڦڙن ۽ مثاني جو ڪينسر ۽ نڙي ۽ وات جو ڪينسر ٿئي ٿو. اهڙي نموني ڀاڄيون ۽ ميوا گهٽ استعمال ڪرڻ سان وڏي آنڊي جو ڪينسر ٿئي ٿو. گهڻو شراب جو استعمال معدي ۽ جيري جو ڪينسر پيدا ڪري ٿو.
انساني جسم عجيب جهان آهي، هڪڙا جينياتي جُزا (Oncogenes) ڪينسر جو سبب ٿيندا آهن، ٻيا جزا وري ڪينسر کي پيدا ٿيڻ کان روڪين ٿا. انهن کي (Onco Suppressants) چئبو آهي. انهن جزن جي غير توازن (Unbalance) ٿيڻ جي ڪري ڪينسر ٿيڻ جو سبب هوندو آهي.
(2) تابڪاري اثر (Radiation)
تابڪاري عنصرن مان جيڪي شعاع نڪرن ٿا، ته اُهي ڪيترن ئي قسمن جا جسم ۾ ڪينسر پيدا ڪندا آهن. مثلاً ڳلي جو ڪينسر، چمڙي جو ڪينسر ۽ رت جو ڪينسر وغيره.
(3) وائرس (Viruses)
ڪائنات ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جيوڙا آهن، جن جي الڳ دنيا آهي، جيڪي انساني جسم ۾ داخل ٿي، ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ڪن ٿا. انهن مان Viruses به هڪ قسم جا جراثيم آهن، جيڪي ٻين بيمارين سان گڏ ڪينسر جا سبب آهن.
جيئن ڪامڻ جو جراثيم B.C، جيري جو ڪينسر Hepatic Cancer پيدا ڪندا آهن.
(4) ڪيميائي دوائون (Chemical Agents)
صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيئي ڪيميائي دوائون ۽ هوا ۾ ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڪجهه ميڊيڪل علاج خاص طور ڪينسر جي علاج جون دوائون ۽ هارمونز پڻ ڪينسر پيدا ڪرڻ جا سبب هونديون آهن.
(5) متفرق ڪارڻ
گهڻي ٿُلهاڻ، آسائش ۽ ڪثرت (Exercise) نه ڪرڻ پڻ ڪينسر جا سبب ٿي سگهن ٿا.
ڪينسر ٿيڻ جا مٿيان ڪجهه سبب بيان ڪيا ويا آهن، ان جي تصديق لاءِ مريض کان حال احوال (History) ورتي ويندي آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جو اسڪيچ
علي رضا ابڙو، ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس حيدرآباد جو شاگرد، جنهن پنهنجي اسڪول جي ڪاپي تي پينسل سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جو خوبصورت اسڪيچ ٺاهيو.
آچر
هن ڏينھن جو نالو سنسڪرت لفظ آدتيه مان ورتل آهي
جنھن جو مطلب سج آهي، جيڪو اردو ۾ آدتيه وار مان تبديل ٿيندو اتوار ٿي ويو آهي.
انگريزي ۾ ساڳيءَ نسبت سان سنڊي (سج جو ڏينھن) آهي.
شيخ اياز پنهنجي ڪويتا ۾ آچر کي آڏيت پڻ ڪوٺيو آهي.
سنڌي ماڻهو آچر نالو پڻ رکن ٿا.
سومر
هن ڏينهن جو نالو هندي لفظ سوم مان ورتو ويو آهي، جنھن جو مطلب آهي ڀڳوان شيوَ.
هن ڏينھن جو ديوتا چنڊ آهي.
هندي ۾ پڻ ساڳي نسبت سومر کي سوموار چوندا آهن.
رومن هن کي چنڊ جي ديوتا جي نالي سان منسوب ڪن ٿا. ان نسبت کيس منڊي Monday چيو ويندو آهي. سنڌي ماڻهو سومر ۽ سومار نالو پڻ رکندا آهن.
اڱارو
هن ڏينھن جو نالو سنسڪرت لفظ انگارڪ مان ورتو ويو آهي، جنهن جون ٻه معنائون آهن:
1. مريخ گرهه
2. چارڪول (charcoal) يعني اهڙي شيءِ جيڪا بنا هوا يعني هوا جي غير موجودگيءَ ۾ ساڙي وڃي.
هندن ۾ ڪن ھنڌن تي انگارڪ نالو ڇوڪرن تي رکيو وڃي ٿو.
انگارڪ کي منگل ديوتا يعني ڀاڳ جو ديوتا پڻ چوندا آھن، اردو ۾ پڻ ساڳئي نسبت منگل ۽ ھندي ۾ منگل وار آھي.
اربع
هن ڏينهن جو نالو عربي لفظ أربعة مان ورتو ويو آهي، جنھن جي معنيٰ چار آهي.
هن حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جون هيٺيون چوڻيون مشھور آهن:
اَربَع خَطا
ث. چار گناهه (شرع موجب ٽي گناهه معاف ڪيا ويندا آهن). ڳري خطا. معاف نه ٿيڻ جھڙو ڏوهه.
اَربَع خطا ٿِيَڻُ
چوٿون ڀيرو گناهه ٿيڻ.
ناقابل معافي ڏوھ ٿيڻ.
عربن کان پھريان هن ڏينھن کي ٻڌر چوندا هئا، جيڪو پڻ سنسڪرت لفظ ٻڌ مان ورتو ويو آهي، جنھن جي معنيٰ عطارد گرهه آهي. اردو ۾ به هي ڏينھن ساڳي نسبت سان بدهه سڏيو ويندو آهي.
۽ هنديءَ ۾ ساڳي طريقي سان بدهه وار چيو وڃي ٿو.
خميس
هن ڏينهن جو نالو عربي زبان جي لفظ خمس مان ورتو ويو آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهو خمس پڻ چوندا آهن. هن جو مطلب پنج آهي. عربن کان پهرين هن ڏينهن کي وسپت چيو ويندو هو. جيڪو ورسپتي يا بھرسپتي مان ورتو ويو آهي، جنھن جي معنيٰ مشتري گرهه آهي.
جامع سنڌي لغت مطابق؛
وِسپَتِ
ث . هفتي جي ڏينهن جو نالو، خميس.
سنڌي ماڻهو خمسيو نالو پڻ رکندا آهن.
جمعو
هن ڏينھن جو نالو پڻ عربي زبان جي لفظ الجمعة مان ورتو ويو آهي
جنھن جي معنيٰ گڏ ٿيڻ يا گڏجاڻي آهي.
اسلام ۾ هن کي ڏينھن جو سردار چيو ويو آهي. رومين وٽ هن ڏينهن جي ديوي (شُڪر) وينس آهي، جيڪا پيار ۽ پيسي جي ديوي هئي. هن کي سنڌي زهره گرهه چيو ويندو آهي.
هن ڏينهن رومن ان ديويءَ جي عبادت ڪندا هئا. هندي ۾ پڻ هن کي زهره ديوي جي مناسبت سان شُڪروار چوندا آهن.
هن ڏينھن کي عربن کان پھرين ٿانوَرُ چوندا هئا.
سنڌي ماڻهو جمعو نالو پڻ رکن.
ڇنڇر
هن کي ڪٿي ڇنڇار به چوندا آهن.
هي لفظ سنڌي آهي پر، هن جو بنياد پڻ سنسڪرت لفظ شنيهه مان ملي ٿو. شنيهه زحل گرهه ۽ ان جي ديوتا ٻنهي کي چيو وڃي ٿو، جيڪو نحوست جو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. جامع سنڌي لغت مطابق:
ڇنڇر
ذ. [سن. شَنِهه] هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو.
هڪ گرهه جو نالو. زُحل (جو عام طرح نَحسُ سمجهيو ويندو آهي). نُحُوسَت، نڀاڳ، ڪمبختي.
ان لاءِ سنڌي چوڻيون پڻ هن ڳالهه سان نسبت رکن ٿيون؛
ڇنڇر پيرن ۾ هُئڻ.
هڪ هنڌ ٽِڪاءُ نه هئڻ ، نَحُوست جو اثر هئڻ، چڪرن ۾ هئڻ.
ڇنڇرِي
ث. ڇنڇر گِرهه جي نُحُوسَت. نِڀاڳُ، بَدبَختي. (اسم خاص). ٻانڀڻن جو هڪ گروهه (جي ڇنڇر گرهه جي نحوست لاهين).
ڇنڇرِي لاهِڻ
نحوست لاهڻ. نڀاڳ ڪڍڻ. سخت سزا ڏيڻ. (اهو خيال آهي ته ڇنڇر گرهه جو اثر پيل ماڻهو بَد مزاج ٿيندو آهي).
ڏاڍي مارَ ڏيئي سڌو ڪرڻ.
مغرور جي دماغ مان غرور ڪڍڻ.
رقيه عرساڻي (حيدرآباد)
مڇ کجي
روهڙيءَ شهر پاسي مڇ کجيءَ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. اهو نالو هن تي ڪيئن پيو، اچو ته ٻڌايانوَ. هي ماڻهو هو ڏاڍو سُست. اهڙو ته سُست هو، جو ڪو ڪم ڪار پوندو هئس ته ڄڻ ٻرو چڙهي ويندو هئس. هڪڙي ڏينهن ڪيڏانهن پرڀرو وڃڻو هئس، سو سنڀري اُٿي هليو، اڃا ٻه چار قدم ئي ڪين ڀريائين ته اچي مُڙس کي ٽنگ ۾ سور پيو. ڏينهن به البت تتل هو، سو دل ۾ خيال ڪيائين ته ڇو نه هنن کجين جي ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان جيڪر ڪا گهڙي ننڊ ڪري وٺان! ائين چئي اُتي ليٽي پيو. بس اک پورڻ شرط ننڊ کڻي ويس. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ سجاڳ ٿيو، ڏسي ته سندس مُڇ تي هڪڙو کجيءَ جو ڏونڪو ڪِريو پيو آهي. دل ۾ گهڻي شوق ٿيس ته وات ۾ وجهان، پر ايتري تڪليف نٿي پُڄيس جو ڄڀ سان ئي کڻي وات ۾ اندر ڪريس، اُتي ڳڻتيون کائيندي کائيندي هڪڙو واٽهڙو لنگهندو ڏٺائين. ان کي منٿ ڪري چيائين ته ”ادا، هيءَ کارڪ ته پير سان ئي سيري وات ۾ وجهه. مُڇ کجي اهڙن ويٺلن کي چئبو آهي. اهڙن لاءِ دنيا ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا هوندا آهن. جيستائين ڌڪا ڌوما نه کائين ۽ لتن هيٺ نه لتاڙجن تيستائين ماني ٽُڪر به نصيب ڪين ٿئين.
رضوان ٻگهيو گچيرائي
دماغ
دماغ هڪ سخت حفاظتي هڏيءَ ۾ بند آهي، جنهن کي کوپڙي (ڪرينيم) چئجي ٿو. دماغ هڪ نرم تنتي اوڄن (ٽشوز) جو ٺهيل آهي ۽ گلابي اخروٽ جيان نظر اچي ٿو. دماغ انساني جسم ۾ ضابطي جي مرڪز طور ڪم سرانجام ڏئي ٿو. هي جسم جي سمورن حصن مان پيغام وصول ڪري جسم ۾ ڪجهه سرگرمين کي ضابطي هيٺ هلائڻ لاءِ احڪام ڏئي ٿو.
دماغ جا ٽي حصا آهن:
اڳيون مغز يا سيريبرم (Cerebrum)
وچون مغز (Mid Brain)
پويون (Hind Brain)
اڳيون مغز :
مغز جو هيءُ وڏو حصو ٻن اڌ گولن (Hemisphere) ۾ ورهايل آهي ساڄو اڌ گول جسم جي کاٻي حصي ۽ کاٻو اڌ گول جسم جي ساڄي حصي کي ڪنٽرول رکي ٿو. اڳيون مغز يا سيريبرم گھڻن عملن جهڙوڪ: سوچ (Thought)، ڇُهڻ (To touch)، يادداشت (To memoris)، ٻُڌڻ (To hair ) ڏسڻ (To See)، ڳالهائڻ (To Speak)، فيصلو ڪرڻ (Decision) وغيره تي ضابطو رکي ٿو.
وچون مغز
وچين مغز جو تعلق تنتي سرشتي جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ واري حصي سان آهي هي مغز چار ننڍن جسمن تي مشتمل آهي هن جو ڪم نظر جي عڪس، اکين جي چُرپُر ۽ ڪنن وارن حرڪتن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي.
پويون مغز
هن جا ٽي حصا آهن، جنهن ۾ميڊيولا آبلانگيٽا جنهن جو ڪم هي آهي: دل جي ڌڙڪڻ، اعصابن جي حرڪت، ساهه کڻڻ جي رفتار ۽ رت جي شريانين جي سُسڻ ۽ ڦُنڊڻ ۽ هن جو ٻيون حصو پونس آهي جنهن جو ڪم پنهنجا پيغام ميڊيولا کان مغز جي مٿانهين حصن تائين پهچائيندو آهي. ۽ هن جو ٽيون حصو سيريبلم آهي هي اکين جي پويان هوندو آهي، هن جو ڪم اهو آهي ته جيڪي دماغ ۾ مشڪون هونديون آهن ان کي چُرپُر ۽ جسم کي توازن رکڻ وارن ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
]هي ڪلارڪ ڪير آهي...؟[
آئنسٽائن کي نه ڪاوڙ آئي هئي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر ڪلائنر جي لفظن تي ڏُک ٿيو هو. اصل ۾ هو واقعي پيٽنٽ آفيس ڇڏڻ ئي نه پيو چاهي. ڊاڪٽر ڪلائنر پريشان ٿي زيورخ وارن کي اطلاع ڏنو. ان خالي جاءِ تي ته ڪونه ڪو اچڻو ئي هو. نيٺ ويانا جي ڊاڪٽر فريڊ رِچ آڊلر (Fredrich Adler) اهڙي نوڪري جو ٻيو اميدوار هو. هن کي جڏهن سڄي قصي جي خبر پئجي وئي ته هن زيورخ يونيورسٽي وارن کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن لکيو ته: ”مان توهان جو بيحد شڪر گذار آهيان ته توهان منهنجي مقرري ان عهدي لاءِ ڪيو ٿا، اها منهنجي همت افزائي آهي. آئنسٽائن جون خدمتون ملي وڃن ته مان اهڙي قابل انسان سان مقابلو ڪرڻ پسند نه ڪندس“. ائين ئي زيورخ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جو عهدو جيڪو هر ڪنهن کي ڪيترن سالن جي مسلسل محنت کان پوءِ ئي نصيب ٿيندو هو اهو ساڳيو عهدو البرٽ آئنسٽائن کي 30 سالن جي عمر کان به اڳ ۾ مليو.
]عجيب پروفيسر[
”امڙ! ٿورو ڏس ته سهي، تنهنجو خاموش طبيعت وارو پُٽ پروفيسر ٿيڻ وارو آ، ڇا تو کي اعتبار اچي ٿو.“
ماءُ ڏي خط لکندي آئنسٽائن، پنهنجي مقرريءَ جو ذڪر ڪندي، ڀوڳن ۾ پنهنجي ماءُ کي لکي ٿو. لڳاتار ناڪامين جي لانڍ کان پوءِ، هن کي اڄ اها خوشخبري پنهنجي جيجل کي ٻُڌائيندي ڏاڍي سرهائي پئي ٿئي.
پر تنهن جي باوجود هن کي پنهنجي پروفيسر ٿيڻ تي ڪابه وڏائي نه هئي. هن کي هاڻي ايتري پڪ ٿي وئي هئي ته هن جي سڄي زندگي فزڪس جي تحقيق ۾ گذري ويندي. هن وقت جيڪا به تحقيق ڪئي پئي، اهو هن جو شوق هو، جنهن ۾ هن جو دل ۽ دماغ ٻئي رڌل پئي رهيا، پر هاڻي هو پنهنجي پروفيشن جي قابل استادن ۽ سائنسدانن جي وچ ۾ وڃڻ وارو هو. ميليفا معمول مطابق چُپ رهي، پر هن کي هن خوشگوار تبديلي جي خوشي به ٿي هئي. ڇو جو ”برن“ ۾ ته هن کي ڪڏهن سُک جي گهڙي نصيب نه ٿي هئي، پر هن لاءِ هاڻي هڪ اُميد جو ڪرڻو اُڀريو هو، ته زيورخ ۾ جتي هنن ٻنهي زال مڙسن جي شاگردي وارو دؤر گذريو هو، اتي هاڻي هنن جي خوشيءَ جون بهارون ضرور موٽنديون، پر تمام جلد آئنسٽائن ۽ ميليفا ٻنهي کي پنهنجا جيون هڪ نئين سانچي ۾ سمائڻا پيا. پروفيسر ٿيڻ سان گڏ البرٽ جون سماجي ذميواريون به وڌي ويون. ڇو ته هن جو عهدو وڏو هو. ان ڪري هنن کي گهر وڏو وٺڻو پيو. هنن جو خرچ وڌي ويو، پر هن جي پگهار اها ئي ساڳي پيٽنٽ آفيس واري هئي. ان ڪري هنن کي پنهنجي خرچ کي ضابطي ۾ رکڻو پيو.
انهن سڀني مسئلن جو آئنسٽائن تي ڪوبه فرق نه پيو، ڇو ته تحقيق سان هن جو چاهه هو ۽ سائنس اڳيان ته دنيا جو ڪوبه مسئلو بيڪار هو ۽ پنهنجي ننڍپڻ ۾ پنهنجي پڇيل سوالن جا جواب هٿ نه ڪري، هن کي جيڪا بي آرامي ٿي هئي، هاڻي ان جاءِ تي هن کي اعتماد ملي ويو هو. هن کي ڇا ڪرڻو هو ۽ هو ڇا ڪري رهيو هو. هن کي پورو شعور هو. اهڙي سوچ هن کي روزاني جي مسئلن ۽ پريشانين کان تمام مٿي ڪري ڇڏيو هو.
جنهن انسان جو اهڙو عظيم مقصد هجي ان کي ڀلا ڪٿي ٿو محفلن ۾ ڪپڙن ۽ آدابن جو خيال پوي. اهڙن فارملٽيز تي هن کي کِل ايندي هئي، جڏهن هن جي گهر واري هن کي چوندي هئي ته ”مُئا! هاڻي ته نئون وڳو وٺ، هاڻي ته تون پروفيسر ٿي ويو آهين“.
ان تي آئنسٽائن کي کِل اچي ويندي هئي، اها واقعي ڏاڍي عجيب ڳالهه چئبي، جيڪڏهن ٿيلهي ۾ رکيل گوشت کان وڌيڪ ٿيلهي کي اهميت ڏني وڃي ۽ گوشت جي ڪابه پرواهه نه ڪجي!
هن چيو ”سٺن ڪپڙن سان منهنجو ڪم سٺو ته نه ٿي ويندو، نه چري! مون کي منهنجي هن حال تي ئي ڇڏي ڏي، مون کي هنن ڦاٽل ڪپڙن ۾ مزو ٿو اچي، سڪون ٿو ملي“.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن آئنسٽائن کي احساس ٿيندو ويو ته جن شين جي هن کي اميد هئي، پر اسسٽنٽ پروفيسر هئڻ جي باوجود هن کي، اهي شيون اڃان به نه مليون.
هن جي وقت جو گهڻو حصو، ليڪچر ٺاهڻ، شاگردن کي هدايتون ڪرڻ ۽ آفيس جي ڪمن کي اڪلائڻ ۾ گذري ويندو هو. تحقيق لاءِ هن کي جيڪا خلوت / تنهائي جي کپت هئي، هن لاءِ اوترائي موقعا گهٽ پئي ٿيندا ويا. هتي ويتر آئنسٽائن جو اهو حال ٿي ويو هو، جو جڏهن کان هن جو مضمون شايع ٿيو هو، هن جي دماغ ۾ اڃان به نيون ڳالهيون جنم وٺڻ لڳيون هيون، جن تي هو وڌيڪ ڪم ڪرڻ چاهي پيو، پر هن کي ان لاءِ ڪابه واندڪائي ڪانه هئي.
هن وقت تائين هن جو فزڪس جي باري ۾ نظريو، هڪ نئين اڏاوت جهڙي گهر جيان خالي پڃرو هو. مطلب ته ابتدائي شڪل ته هو ڏيئي چڪو هو.هن جو نقشو به واضح ٿي چڪو هو، پر نظرئي جي تڪميل ۾ اڃان ڪافي ڪم رهيل هو. هاڻي هن کي برن جون پرسڪون راتيون ياد اينديون رهيون. (هن ترجمي ڪرڻ دوران هتي مون کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محترم اياز گل صاحب جون سٽون ذهن تي تري آيون:
يادگيريون سنڀال ڪم ايندي،
ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندي.
(اياز گل)
هن کي اهو به ياد اچڻ لڳو ته ڏينهن جو پيٽنٽ آفيس ۾ ڪيڏي نه فرصت هوندي هئي ۽ هن جي ڪم ۾ ڪو به خلل نه وجهندو هو ۽ راتيون وري معمولي فرنيچر سان سينگاريل چوٿين ماڙ جي هڪ گهر ۾ سهڻيون گذري وينديون هيون، هو ڪيڏو نه مطمئن هو ان ڪم کان.
آئنسٽائن ڏاڍو سادو ماڻهو هو. هو بس ايترو چاهي پيو ته هن کي پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ تنها ڇڏيو وڃي، پر هن جا ڪارناما لڪڻ وارا ڪٿي هئا. جهنگل جي باهه جيان، هن جي شهرت سائنسدانن ۾ پکڙجي وئي هئي. سڄو يورپ هن جي ڪم تي خوش هو ۽ هن کي ڪيتريون ئي سائنسي تنظيمون ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏيئي چڪيون هيون. آئنسٽائن فقط ٿورڙين تنظيمن جي دعوت قبول ڪئي هئي. ڇو ته هو پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي، طويل سفرن ۾ پنهنجو وقت وڃائڻ نه پيو چاهي. هو جتي به ليڪچر ڏيڻ ويندو هو ته هن جي ليڪچر ٻُڌڻ لاءِ دنيا جا مشهور سائنسدان اتي پهچي ويندا هئا. پيرس ۾ ”ميڊم ميري ڪيوري“ (Mari Curi) پنهنجو تجربيگاهه ڇڏي زيورخ جي نئين پروفيسر جو ليڪچر ٻڌڻ آئي هئي، جڏهن هن برسلز (Brussels) ۾ تقرير ڪئي، ته ان وقت پنهنجي دؤر جو عظيم ماهر فزڪس ”ماڪس پلانڪ“ به موجود هو. ليڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ پروفيسر پلانڪ ۽ البرٽ ڪافي دير تائين هڪٻئي سان بحث ڪندا رهيا. هڪ طرف جرمنيءَ جو معتبر رئيس اعليٰ ڪپڙن ۾ هو ته ٻي طرف وکريل وارن وارو نوجوان سادي وڳي ۾ ويٺل هو، پر انهن جي ڪچهري ٻنهي لاءِ فائديمند نڪتي. ائين پئي لڳو ته اهي ٻئي ماڻهو ذهني طرح سان هڪٻئي جا ڀائر آهن.
(هلندڙ)
رضا ياسين گوپانگ
ناني ڪريمان
اسان جي ڳوٺ ۾ ناني ڪريمان نالي هڪ عورت رهندي هئي، کيس سڀ ناني ناني چوندا هئاسين. آئون به کيس ناني چوندو هئس. ناني ڪريمان سڄي ڳوٺ جو نَڪ هوندي هئي. ناني ڪريمان جو هڪ پُٽ هوندو هو، جيڪو مزدوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر رهندو هو. آءٌ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندو هئس. ناني مون کي روز چوندي هئي ته ابا مون کي خط لکي ڏي، مان کيس پڪ ڏئي ٽاري ڇڏيندو هئس، هڪ ڏينهن ته ناني واٽ تي ويٺي هئي ۽ مون کي وڏيون ميارون ڏيڻ لڳي، مون کي گهڻي بُک هجڻ ڪري ۽ جان ڇڏائڻ جي ڪري اُتي ئي کيس خط لکي ڏنم ۽ ناني ڪريمان کِلندي کِلندي خط کڻي وئي. اوچتو هڪ ڏينهن آءٌ بيمار ٿي پيس. رات جو حالت خراب ٿي وئي هئي، ماءُ جيان سڄي رات ناني ويٺي هئي، سندس اکين مان لُڙڪ ڪرندا رهيا ۽ منهنجي وارن کي هٿ ڦيرائيندي رهي ۽ مون کي دعا ڪرڻ لڳي ته ”ابا خدا ڪندو ته ماستر ٿيندين.“ سندس لڙڪ اُتي ڪري رهيا هئا، جيئن صبح سوير ماڪ ڦُڙا گلن کي تازگي بخشي ڇڏيندا آهن، شايد ناني ڪريمان جون دعائون ثاب پيون ۽ ماستر ٿي ويس.
اڄ جڏهن مان صبح جو سوير اسڪول اچي هَنجَن جهڙن حسين ٻارن جون ٻاتيون ٻاتيون ٻوليون ۽ الف ۽ ب پڙهندي ٻڌندو آهيان ته منهنجي سيني ۾ ناني ڪريمان پنهنجي پوري ٻاجهه ۽ شفقت سان جاڳي پوندي آهي ۽ مان ٻارن کي وڌيڪ پڙهائڻ لڳندو آهيان. ڇو ته اُهي ئي ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن.
حسين سارنگ (ڄام شورو)
اڀياس
نومبر 2021ع واري ”گُل ڦُل“ جي پرچي ۾ تيرنهن شاعرن جي شاعري شامل آهي. انهن ۾ حال حيات ۽ وڇڙي ويل شاعر پڻ شامل آهن. سندن شاعريءَ جا موضوع اسلامي، گُل ڦُل، ٻار، ماءُ، صحت، سنڌ جا شهر، استاد، ٻاراڻيون رانديون ۽ پورهيت آهن. هن پرچي ۾ ترتيب جي حساب سان ياسين ڪنڀر جي حمديه شاعريءَ کانپوءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي نعتيه شاعري شامل ڪيل آهي. ان کان پوءِ سنڌي ٻالڪ ساهت جي وڇڙي ويل مالهي اسرار شام جي نظم ۾ ”گُل ڦُل“ جو شان مان ۽ اهميت بيان ڪيل آهي. نظم جي آخر ۾ اسرار شام ٻاراڻي ادب کي بنيادي ادب قرار ڏنو آهي. اديبن کي غافل نه رهڻ جي هدايت ڪندي ٻارن کي ٻڌائي ٿو ته تازو ”گُل ڦُل“ آيو آهي، پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهايو. ثناءُ الله عتيق چنجڻي جو نظم ”سنڌڙيءَ جا سينگار“ هن پرچي جو شاهڪار نظم آهي. سندس ٻولي ٻاجهاري ۽ سنڌيت سان سرشار آهي. هو اڄوڪن ٻالڪن کي دولهه ۽ دودو سڏيندي روئڻ کان روڪي ٿو. هو اڄ جي سنڌ جي ٻار کي وايون، گيت ۽ غزل لکڻ جي پارت ڪري ٿو. هو کيس شاهه لطيف ۽ سچل سائينءَ جي رهبريءَ جي پڪ ڏئي ٿو. عتيق چنجڻي ٻار کي سنڌ جي ڀاڳ ٿيڻ جي اميد رکي ٿو.
لکجانءِ وايون، گيت، غزل،
ٿيندءِ رهبر، شاهه- سچل،
جند، جياپو، جاڳ ٿجانءِ،
سنڌو ديس جو ڀاڳ ٿجانءِ.
عبدالجبار ”مسافر“ ويسر پنهنجي پياري جيجل لاءِ لکيو آهي. غلام محمد ڀٽي ڌڻيءَ جي وڏائي بيان ڪئي آهي. آغا تاج محمد ٻارن کي سوير اُٿي هٿ مُنهن ڌوئڻ، بدن صاف رکڻ، صاف ڪپڙا پهري اسڪول وڃڻ ۽ سٺو ٿي زندگي گذارڻ جي تلقين ڪئي آهي. محترم منصور ويراڳيءَ به ٻارن جو ”گُل ڦُل“ سان پيار بيان ڪيو آهي. هُن علم جي جوت جڳ جڳ جلائڻ سان گڏ عمل سان زندگي ڪامياب ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
مانائتي زيب نظاماڻي صاحبه جي نظم ”نگر نگر جو سير“ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن جو ذڪر سمايل آهي. شڪارپور واسي ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ پنهنجي شعر ۾ استاد جو احترام بيان ڪيو آهي. ڪوٽڙيءَ جي قربدار سرور نواز ٻگهئي ٻارڙن کي ڏاڍي پياري انداز ۾ پڙهڻ جي پارت ڪئي آهي. آخر ۾ هو کين ديس ۽ ويس کي روشن رکڻ جي هدايت پڻ ڪري ٿو. محترم منظور ابڙي ڇوڪرين جي ڦيرين پائڻ واري راند تي ڏاڍو سٺو نظم لکيو آهي. سندس ٻولي پڻ پياري آهي. بابو جوڻيجي وري پورهيت قلفيءَ واري کي ياد ڪيو آهي.
نومبر 2021ع واري پرچي ۾ صرف هڪ عورت شاعره جي شاعري شامل آهي. ”گُل ڦُل“ جي ايڊيٽر عورت هجڻ ڪري عورت ليکڪائن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت وڌ ۾ وڌ هجڻ گهرجي.
آخر ۾ هڪ ميار ته 20 نومبر ٻارن جو عالمي ڏينهن آهي، پر سڄي پرچي ۾ هن حوالي سان ڪو مواد موجود ناهي.
وڌي ۽ ويجهي سنڌي ٻالڪ ساهت
پروفيسر رشيده ڀٽي (ڄام شورو)
ٻارڙن جي بنيادي تعليم بابت
منهنجي خيال مطابق ٻارڙن کي تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏيارڻ کپي، ڇو ته ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج کان وٺي پنهنجن پيرن تي بيهڻ تائين ۽ پوءِ اردگرد جي ماحول ۾ جيڪي آواز ٻُڌي ٿو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُهي سڀ مادري ٻوليءَ ۾ هوندا آهن. اهڙي طرح هو شعوري طور ۽ فطري طور جيڪو ڪجهه پنهنجي لاشعور ۾ محفوظ ڪري ٿو، سو سڀ ڪجهه مادري زبان ۾ هجي ٿو. ان ڪري، جڏهن هو پڙهڻ ۽ لکڻ لائق ٿي وڃي ٿو ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ مليل تعليم کي تمام آسانيءَ سان سمجهي ۽ ذهن نشين ڪري سگهي ٿو. تمام ٿورڙي وقت ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري وٺي ٿو. پنهنجي منزل تي پهچي ٿو. جڏهن ته ٻي ٻولي سکڻ لاءِ توڙي جو هُن وٽ صلاحيت بيشڪ موجود هجي ٿي، پر پوءِ به سکڻ جي رفتار تيز نه ٿِي ٿي سگهي. ها، اهو ضرور آهي ته لسانيات جي ماهرن مطابق ننڍڙي ٻار ۾ جيئن ته سکڻ جي صلاحيت تيز هوندي آهي، ان ڪري هو ڌاري ٻولي به ڪجهه عرصي بعد آسانيءَ سان سکي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ريل جي آتم ڪهاڻي
ٻارو! مان هڪ ريل گاڏي آهيان. تمام گهڻو وزن کڻندڙ ريل گاڏي، دونهون اڏاريندڙ، گوڙ مچائيندڙ ۽ رڙيون ڪندڙ ريل گاڏي.
ٻارو! مان فولاد جي متوازي پٽڙين تي ڊڪندي آهيان. منهنجو وزن ايترو گهڻو هوندو آهي، جو جيڪڏهن منهنجي هيٺان فولادي پٽڙيون نه هجن ها ته مان زمين ۾ دٻجي وڃان. منهنجي وزن دار رفتار کان منهنجي چوڌاري زمين ڏڪڻ لڳندي آهي. مان هزارين ماڻهو، هزارين ٽن مال و اسباب پنهنجي مٿان کڻي ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، شهر شهر ڦران ٿي، مسافرن کي انهن جي منزل تائين پهچايان ٿي ۽ ضرورت جو سامان ضرورت واري جاءِ تي کڻي وڃان ٿي.
آنڌي هجي يا طوفان، گرمي هجي يا سردي، منهنجي رستي ۾جبل هجن يا درياهه، نديون هجن يا واهه، بيابان هجن يا جهنگل منهنجي پابنديءَ ۾ ڪوبه فرق نه ٿو اچي. منهنجي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت مقرر آهي. مان ڪنهن جو به انتظار نه ڪندي آهيان. ان ڪري مسافر وقت کان اڳ اسٽيشن تي پهچي ويندا آهن. اتفاق سان ڪڏهن ڪڏهن دير ٿي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي، پر منهنجي خواهش هوندي آهي ته وقت جي پابنديءَ جو سختيءَ سان خيال رکان. ڇو ته وقت جي پابندي هڪ سٺي عادت آهي ۽ ان ۾ سڀني جو فائدو آهي. مان ڪڏهن به پنهنجي رستي کان ڪونه هٽي آهيان. پاڻيءَ جي وڏن وڏن جهازن کانسواءِ دنيا جي ڪابه سواري بار برداري جي معاملي ۾ منهنجو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي. دنيا جا گهڻا ماڻهو خشڪيءَ تي سفر منهنجي ذريعي ئي ڪندا آهن. دنيا ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هجي، جنهن منهنجي ذريعي سفر نه ڪيو هجي. ٻارو! توهان ئي حساب لڳايو ته توهان ڪيترا دفعا منهنجن دٻن ۾ ويهي آرام سان سفر ڪيو آهي؟
منهنجي آتم ڪهاڻي چڱي خاصي ڊگهي آهي. منهنجي دٻن جي قطار به ڊگهي آهي پر مان توهان کي مختصر ڪري ٻڌايان ٿي.
تقريباً ٽي سؤ سال اڳ منهنجو وجود ئي ڪونه هو. ماڻهن کي پري پري سفر ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي ۽ وقت به تمام گهڻو خرچ ٿيندو هو. ان ڪري ئي ان وقت دنيا ۾ ترقيءَ جي رفتار به گهٽ هئي.
پوءِ ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن هڪ ڇوڪرو بورچيخاني ۾ ويٺو کاڌي جو انتظار ڪري رهيو هو. هن جي ماءُ چلهي تي ويٺي هئي ۽ هنڊي تي ڍڪڻ رکيل هو ته جيئن ان ۾ پيل شيءِ جلدي اُٻري ۽ رجهي وڃي. جڏهن ٻاڦ ٺهڻ شروع ٿي ته ٻاڦ جي طاقت سان ڍڪڻ مٿي ٿيڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڍڪڻ هنڍيءَ جي مٿان نچڻ ٽپڻ لڳو. ڇوڪري کان پنهنجي بُک وسري وئي ۽ سوچڻ لڳو ته ٿورڙي ٻاڦ جيڪڏهن ڍڪڻ کڻي سگهي ٿي ته پوءِ گهڻي ٻاڦ گهڻو وزن کڻي سگهندي.
تنهنڪري، 1698ع ۾ ٽامس سيوري ۽ ٽامس نيوڪامين ٻاڦ جي انجڻ ايجاد ڪري ورتي. اهڙيءَ خودڪار انجڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي. ان زماني ۾ توانائي جي لاءِ ڪوئلو استعمال ڪيو ويندو هو ۽ ماڻهن کي توانائيءَ لاءِ پريشان ٿيڻو پوندو هو. ٻاڦ جي طاقت سان هلڻ واري انجڻ ڪوئلي جي کاڻين مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو، ته ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا. گهڻن ئي ماڻهن ڪڏهن به ٻاڦ جي طاقت تي غور نه ڪيو هو. قدرت انسان کي بي شمار وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، پر اڪثر ماڻهو پنهنجي آسپاس جي شين جو جائزو ئي نه وٺندا آهن. جيڪي ماڻهو مشاهدا ۽ انهن مشاهدن تي غور ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، اهي ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا نئين شيءِ دريافت ڪري وٺندا آهن.
هڪ انگريز موجد جيمز واٽ (1736-1819ع) ريل جي پهرين انجڻ ٺاهي. انجڻ ۾ هڪ وڏو بائلر هوندو هو، جنهن جي هيٺان ڪوئلن جي باهه ٻاري ويندي هئي. ٻاڦ ٺهڻ کان پوءِ جڏهن والوِ (Walve) مان گذرندي هئي ته ان جي طاقت سان انجڻ ۽ ڦيٿا گردش ۾ اچي ويندا هئا. انجڻ ۾ ٻيا پُرزا به هوندا هئا. جن جي مدد سان رفتار گهٽ يا وڌ ڪئي ويندي هئي ۽ انجڻ کي روڪي سگهبو هو.
بس پوءِ ڇا ٿيو؟ ٻاڦ جي طاقت سان هلڻ واري ريل جي انجڻ ايجاد ٿيندي ئي صنعت جي دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. دور دراز جاين جو سفر آسان ٿي پيو ۽ بار برداريءَ جون دُشواريون به ختم ٿيڻ لڳيون.
دنيا جي سڀ کان پهرين مسافر ريل گاڏي 27 سيپٽمبر 1828ع ۾ برطانيه جي شهر اسٽاڪٽن کان ڊارلنگٽن تائين هلي. جلد ئي ٻين ملڪن ۾ منهنجا چرچا شروع ٿي ويا.
منهنجي ڊوڙڻ لاءِ منهنجون فولادي پٽڙيون وڇائڻ جو ڪم انجنيئرنگ جي دنيا جو هڪ عظيم ڪارنامو آهي. جيڪڏهن توهان ڪڏهن مون تي سوار ٿي دريائن جي پُلين، وادين، اوچن اوچن جبلن، جهنگلن ۽ بيابانن مان گذرندا هوندؤ ته توهان اندازو لڳايو هوندو ته هي ڪم ڪيترو نه مشڪل آهي ۽ منهنجي پٽڙين جي ڄار وڇائڻ ۾ ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ دشواريون پيش آيون هونديون، سگنل جا ٿنڀا ۽ تارون پٽڙين سان گڏ لڳائڻ هڪ ٻيو عظيم مرحلو هو.
آهستي آهستي منهنجين انجڻين جي طاقت وڌندي رهي. هاڻي ته ڪوئلن تي هلڻ واريون انجڻيون تمام پوڙهيون ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي جاءِ ڊيزل ۽ بجلي والاري ورتي آهي. مان جڏهن پنهنجي نئين نسل جون ريل گاڏيون ڏسان ٿي ته حيران ٿي وڃان ٿي. هتي ريل ڪاريون آهن ته هُتي وري جاپان ۾ هڪ پٽڙيءَ تي لڏڻ واري مونو ريل.
توهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائيندي هلان. شايد توهان کي معلوم نه هجي. منهنجي طاقتور انجڻين جو هر قسم انهن جي ڦيٿن مان سڃاتو وڃي ٿو. مثال طور: ”بريٽانيا“ قسم جي ريلوي انجڻ جي ڦيٿن جي ترتيب ”4-6-2“ هوندي آهي. ان جو مطلب هي آهي ته سڀ کان اڳيان چار بوگي وهيلز ٿيندا آهن. جيڪي انجڻ جي اڳئين حصي جو وزن سنڀاليندا آهن، ٻيا ڇهه ڦيٿا هلائڻ وارا يعني ڊرائيور وهيلز هوندا آهن، جيڪي پاڻ شافٽ جي ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ ٻه پويان ڦيٿا انجڻ جي پوئين حصي جو وزن سنڀاليندا آهن. اهڙيءَ طرح ”2-6“ واري ترتيب کي ”مغل“ چوندا آهن. ”4-6-2“ واري ترتيب کي ”ايٽلانڪ“ چوندا آهن ۽ ”2-8-4“ واري ترتيب کي ”ميڪاڊو“ چوندا آهن.
پاڪستان ۾ منهنجو نالو ”پاڪستان ريلوي“ آهي. منهنجو وڏو گهر لاهور ۾ آهي ۽ منهنجي متوازي فولادي پٽڙين جو ڄار سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي. منهنجون وڏيون لائينون ۽ برانچون آهن. جن تي مان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ هر گهڙي روان دوان رهان ٿي. منهنجا دٻا به قسم قسم جا هوندا آهن. مال و اسباب جي باربرداريءَ جا دٻا الڳ هوندا آهن ۽ سوارين جا دٻا الڳ هوندا آهن. منهنجو سفر جيئن ته ڊگهو هوندو آهي ان ڪري مسافر جي سهولت جو هر ممڪن خيال رکيو ويندو آهي. مان سڄي پاڪستاني قوم جي امانت آهيان. ان ڪري مون کي وقت جي پابنديءَ سان روان دوان رکڻ ۽ مون کي صاف سٿرو رکڻ اوهان سڀني جو قومي فرض آهي. مون کي جيڪڏهن ڪنهن مهل دير ٿي ويندي آهي ته توهان کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي.
مان هاڻي اوهان کي ڪجهه ضروري هدايتون ٻڌائيندي هلان ٿي، جيڪي ريل گاڏيءَ ۾ سفر وقت هميشه توهان کي ڪم اينديون.
·سفر کان اڳ پنهنجي جاءِ ضرور محفوظ ڪرايو.
·وقت کان اڳ اسٽيشن تي پهچي وڃو ته جيئن اوهان کي پوءِ پريشان نه ٿيڻو پوي.
·گهٽ سامان پاڻ سان کڻو، جيڪڏهن گهڻو سامان کڻڻو هجي ته ان کي بريڪ وين ۾ رکائڻ جو انتظام ڪريو. سامان کي سٺيءَ طرح ٻڌي ڇڏبو ته جيئن ڪا شيءِ ڪِري نه پوي.
·ٽڪيٽ کان سواءِ هرگز سفر نه ڪريو. ائين ڪرڻ قومي امانت ۾ خيانت ڪرڻ آهي ۽ قانون جي نظرن ۾ ڏوهه به.
·هلندڙ گاڏيءَ مان لهڻ چڙهڻ کان پرهيز ڪريو. اها هڪ خطرناڪ ڳالهه آهي، پنهنجو مٿو ۽ ٻانهون دريءَ مان ٻاهر نه ڪڍو.
·پنهنجن همسفرن سان اخلاق سان پيش اچو ۽ ڪائي اهڙي ڳالهه نه ڪيو، جنهن سان ٻين کي تڪليف پهچي، پنهنجو دٻو صاف سٿرو رکڻ جي ڪوشش ڪريو.
جيڪڏهن توهان اهي ڳالهيون ياد رکيون ته يقيناً اوهان جو سفر سٺو گذرندو.
سهڻا سخن
·مشهوري اعليٰ عملن جي خوشبوءِ جو نالو آهي. (سقراط)
·علم جي طلب ۾ شرم مناسب نه آهي، ڇو ته جهالت شرم کان وڌيڪ بُري شئي آهي. (لقمان حڪيم)
·تجربو انسان جو بهترين علم ۽ زندگيءَ جون ٺوڪرون تعليم جو بهترين ذريعو آهي. (اسپينسر)
·وڻ ميوي سان، انسان دوستيءَ سان ۽ قومون اخلاق سان سڃاتيون وينديون آهن. (مها ڀارت)
·بي شُڪر نه ٿجي، ڇو ته بي شُڪري جهڙي مصيبت ٻي ڪانهي.
·ٻين جي ڳجهين ڳالهين ۾ هرگز دلچسپي نه وٺ.
·پئسو ويو ته ڪجهه نه ويو، صحت وئي ته ڪي ڪجهه ويو ۽ جي اخلاق ويو ته ڄڻ سڀ ڪجهه ويو.
(صدا ممتاز علي، ڄام شورو)
امر ادريس درس (ميرپورخاص)
اڌ رستو
اٺون ڪلاس پاس ڪري نائين ۾ پڙهندو هئس، تعليم جو اڌ سفر طئي ڪري چڪو هئس، مون کي خبر هئي ته ان رستي تي محنت ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو صرف اڳتي وڌندو آهي، جيڪو شاگرد ان رستي تي هلي ان کي گهرجي ته پٺيان مڙي نه ڏسي، صرف اڳتي وڌندو وڃي پر جڏهن آءٌ پنهنجي ٽٽل سائيڪل کي ڏسندو آهيان ته منهنجي همت جواب ڏيو وڃي.
بنيادي طور تي آءٌ اخبار وڪڻندو آهيان، اخبار جي ڪمائي صرف ايتري آهي جو پيٽ جو گذارو ٿي سگهي. صبح جو 6 بجي اخبارون کڻي نڪرندو آهيان، جڏهن اخبارن مان واندو ٿيندو آهيان ته اسڪول جو وقت ٿيو وڃي. مون ٻڌو آهي ته مشهور سائنسدان ٿامس ايڊيسن پڻ اخبارون کپائيندو هو ۽ تعليم حاصل ڪندو هو ۽ جنرل آئزن پاور به ننڍپڻ ۾ اخبارون وڪڻي پنهنجو تعليمي سفر جاري رکندو هو. تڏهن منهنجو رت ۽ حوصلو وڌي ويندو، سوچيندو هئس ته ڇا ايڊيسن ۽ هاور وٽ به اهڙيون سائيڪلون هيون جهڙي مون وٽ آهي؟
اخبارون ڏيڻ مهل مون کي صرف سائيڪل جي پنڪچر ٿيڻ يا چين ٽٽڻ جو ڊپ هوندو هو، ڇو ته صبح جي پهر ۾ مستري جو دڪان به بند هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن طوفاني بارش به هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن عضوا سُن ڪندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ سردي به ٿيندي آهي، پر منهنجي سائيڪل ڪنهن سچي ساٿي جيان ساٿ نڀائيندي رهندي آ، ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ڪندو هئس ته منهنجي سائيڪل وٽ به هڪ عدد دل آهي ۽ ان ۾ مون لاءِ همدردي آهي. جڏهن اسڪول ۾ ڪنهن شاگرد جي نئين سائيڪل چوري ٿي ويندي آ ته مون کي پنهنجي پراڻي ۽ ٽٽل سائيڪل تي وڏو فخر ٿيندو آهي.
پيٽ کانسواءِ منهنجون ٻيون ضرورتون هيون، شهر ۾ مٺائي ۽ آئسڪريم جا دڪان ڏسي وات ۾ پاڻي اچي ويندو هو. پين، قلم ۽ ڪاپي جي ضرورت ٿي پوي ته پهريان سوچڻو پوندو هو، ان کانسواءِ سائيڪل جون به ضرورتون هيون، اهي ضرورتون ڏسي آءٌ پنهنجون ضرورتون وساري ڇڏيندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن اخبار جي موڪل هوندي هئي، اهو ڏينهن منهنجي لاءِ عيد جيان هو، اهڙي عيد جنهن ۾ نه نوان ڪپڙا هجن ۽ نه وري خرچي.
آءٌ ميرپورخاص شهر جو چڱي طرح واقف هئس، آءٌ شهر کي ۽ شهر مون کي سڃاڻندو هو. اهو سڀ ڪجهه به منهنجي سائيڪل جي ڪري هو.
شهر جا سجيل دڪان ڏسي دل چوندي هئي ته خريداري ڪريان. شهر جا پارڪ ڏسي دل چوندي هئي ته انهن ۾ سير ڪرڻ وڃان.
تڏهن سوچيندو هئس ته نيٺ هي اڌ رستو پورو ٿيندو، ان ڏينهن مان خوب خريداري ڪندس. هر هڪ پارڪ ۾ سير ڪندس. ان ڏينهن مون وٽ سائيڪل نه هوندي ان جي جڳهه تي مون وٽ موٽرسائيڪل هوندي ۽ مون وانگر ٻيو ڪير گهرن ۾ اخبارون وڪڻندو، مان کيس خرچي ڏيندس، سندس همٿ افزائي ڪندس، کيس اڳتي پڙهڻ جي لاءِ هر هر چوندو رهندس.
هڪ شام PCB گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿي رهيو هو، دل چاهيو ته اتي وڃان آءٌ سيٽلائيٽ ٽائون کان پنڌ نڪري پيس، PCB گرائونڊ فل هو، اتي مون کي مزو نه آيو، آءٌ موٽڻ لڳس تڏهن ڏٺم ته ٻه نيون ڪارون تيز تيز اچن پيون، آءٌ انهن ٻنهي ڇوڪرن کي سڃاڻندو هئس جيڪي ڪارون هلائي رهيا هئا. آءٌ انهن جي بنگلن ۾ اخبار ڏيندو هئس. انهن ٻنهي ڪارن ۾ ٽنڊي آدم ناڪي تي ريس شروع ٿي وئي، پٺيان واري ڪار اڳيان ٿي نڪرڻ چاهيو، اهي ٻئي ڇوڪرا پاڻ ۾ دوست هئا. سندن گهر گڏ هئا، اڄ ڪارن جو مقابلو ڪري رهيا هئا، اچانڪ انهن مان هڪ جي ڪار بي قابو ٿي پئي ۽ وڃي هڪ بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي. ٻي هڪڙي دڪان ۾ اندرهلي وئي، اتي ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو، پر مون وٽ ايترو وقت نه هو ڇو ته مون کي سيٽلائيٽ ٽائون پهچڻو هو، تڏهن مون کي منهنجي پراڻي ۽ ڪمزور سائيڪل ياد اچي وئي ۽ گڏوگڏ ڪُمي ۽ سَهي جي ڪهاڻي پڻ ياد اچي وئي.
تڏهن مون کي يقين ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن منهنجي سائيڪل منهنجو ساٿ نه ڇڏيو ته مان اڌ رستو به جلدي مڪمل ڪري وٺندس، ڇو ته هن وقت آءٌ اڌ رستي تي بيٺو آهيان.
پروانو سيوهاڻي (سيوهڻ) (قسط: 1)
واڳون جي آتم ڪهاڻي
ٻارو! اوهان ڏاڍا خوش نصيب آهيو ۽ وڏا ڀاڳن وارا آهيو، جو اوهان وٽ هڪ خطرناڪ آبي جانور منگهوپير ڪراچي مان اوهان جي شهر سيوهڻ ۾ آيو آهيان. سيوهڻ ۾ ڇو آيو آهيان ۽ ڪيئن آيو آهيان. مان هڪ مقصد سان آيو آهيان. مان ريل گاڏيءَ يا ڪنهن بس يا ٽيڪسيءَ ۾ ٿورئي آيو آهيان، مان ته سنڌو درياهه ۾ ترندو سفر ڪندو، هاڻي سيوهڻ جي بندر تي پهتو آهيان.
ٻارو! پاڻيءَ ۾ سفر ڪرڻ ۾ مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. جيئن پاڻيءَ ۾ ٻيڙي ترندي آهي تيئن مان به ترندو آهيان. مان آبي جانورن ۾ تمام گهڻو خوفناڪ ۽ خطرناڪ جانور آهيان. ماڻهو مون کان ڏاڍو ڊڄندا آهن، ايترو ته مون کان ڊڄندا آهن جو مون کي ڏسي واپس پوئتي وٺي ڀڄندا آهن ۽ دانهون ڪوڪون ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ”اڙي واڳون... ڙي واڳون...“ مان واڳون آهيان، منهنجو هڪ ٻيو به نالو آهي اُهو منهنجو نالو آهي مانگرمڇ.
ٻارو! اِها ڪيڏي نه سُٺي ڳالهه آهي ته هڪ خطرناڪ مانگرمڇ پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائڻ لاءِ سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ جي گلن جهڙن ٻارڙن وٽ پنهنجو پاڻ هلي آيو آهي. مون کان ڊڄو نه، آءٌ اوهان کي ٿورئي کائيندس. آءٌ ته اوهان ٻارن جو دوست آهيان. آءٌ واڳون قلندر لعل شهباز جو پانڌيئڙو ۽ فقير آهيان. ڀلا فقير کان ڪير ڊڄندو آهي جو اوهان مون کان ٿا ڊڄو. آءٌ اوهان کي ڏسان پيو، اوهان منهنجي خوف کان ٿڙڪي رهيا آهيو. منهنجي ويجهو اچو، منهنجي ويجهو اچو... آءٌ اوهان سان پيار به ڪرڻ آيو آهيان ۽ پنهنجي ڪهاڻي به ٻڌائڻ آيو آهيان. سنڌ جا ٻار ته وڏا دودا ۽ دلير هوندا آهن. سيوهڻ جا ٻار ڊڄڻا ڇو آهن. جيڪو ڊڄڻو هوندو آهي، اهو ٻار ڪڏهن به ترقي ڪري ڪونه سگهندو آهي. سدائين پوئتي هوندو آهي. شاباس ٻارو! هاڻي واڳونءَ جي ڳالهه سمجهي ويا هوندؤ.
ٻارو! مان واڳون اوهان جو دوست آهيان ۽ دوست کان ڪڏهن به ڊڄبو ناهي. اها ڳالهه بلڪل صحيح ۽ سچي آهي. دوست جهڙو دشمن ٻيو ڪير به ٿي نٿو سگهي، جڏهن دوست پنهنجون اکيون پوري ڇڏيندو آهي ته اهو دوست کي سڃاڻي به ڪونه سگهندو آهي. پر مان واڳون اوهان کي سڃاڻان ٿو. اوهان ٻار منهنجا دوست آهيو ۽ مان واڳون سيوهڻ جو فقير آهيان.
ٻارو! هاڻي منهنجي آتم ڪهاڻي ڪن ڏيئي غور سان ٻُڌو، پاڻ به ٻُڌو ۽ پنهنجن سنگتين ۽ ساٿين کي به ٻُڌايو ته واڳون پنهنجي زندگي ڪيئن گذاريندو آهي ۽ پنهنجو وقت ڪيئن گذاريندو آهي، ڇا کائيندو آهي؟ پنهنجا ٻچا ڪيئن پاليندو آهي ۽ پنهنجي کائڻ جي خوراڪ ڪيئن حاصل ڪندو آهي. اوهان به کاڌو کائيندا آهيو ۽ آءٌ جانور جو گوشت کائيندو آهيان. مون کان ڊڄجو نه، آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو جو گوشت به ڏاڍي مزي ۽ شوق سان کائيندو آهيان.
ٻارو! جڏهن مان ماڻهوءَ جو شڪار ڪندو آهيان، اهو ڏينهن منهنجي لاءِ عيد جو ڏينهن هوندو آهي. مان واڳون آبي جانورن مان گهڻو چالاڪ ۽ خطرناڪ جانور هوندو آهيان. سڀ آبي جانور مون کان تمام گهڻو ڊڄندا آهن. منهنجي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ذري جو به رحم ڪونه هوندو آهي. مان مِٽي ۽ پاڻيءَ ۾ پنهنجي رهڻ لاءِ گهر ٺاهيندو آهيان. اوهان کي اها خبر آهي ته مون کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ خوفناڪ واڳون هندستان جي وڏي ۾ وڏي گنگا ندي ۾ رهندا آهن. اوهان ڪڏهن به ڪراچي گهمڻ اچو، ته آءٌ اوهان کي چڙيا گهر، منگهوپير ۽ سفاري پارڪ جي پاڻيءَ جي تلائن ۾ اوهان کي ضرور ڏسڻ ۾ ايندس. منهنجي نڙي ۽ ڄاڙي ايتري ته وڏي ۽ ويڪري آهي جو آءٌ سڄو ماڻهو هڪ ئي ڳيت سان ڳهي ويندو آهيان. ماڻهو منهنجي لاءِ هڪڙو ئي گرهه آهي. جڏهن مون واڳونءَ جي بدقسمتي ٿيندي آهي ته آءٌ پنهنجي دشمن شڪاريءَ جي هٿان پاڻ شڪار ٿي ويندو آهيان. خبر اٿوَ منهنجو شڪار ڪير ڪندو آهي. منهنجو شڪار مهاڻا ڪندا آهن، جيڪي سمنڊن ۾ ۽ درياهن ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪندا آهن. ميربحر خطرناڪ شڪاري آهن.
ٻارو! خبر اٿوَ منهنجو قد ۽ بُت ٿلهو ۽ ڊگهو ٿيندو آهي ۽ مون واڳونءَ جو وزن ٻارنهن سؤ کان تيرهن سؤ ڪلوگرام تائين ٿيندو آهي. آبي جانور ڀلي ڪيترو به وڏو ۽ طاقتور هجي، آءٌ انهيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کائي ڇڏيندو آهيان. ويچارو ماڻهو ته مان هڪڙيءَ ڳيت سان ڳڙڪائي ڇڏيندو آهيان. مان واڳون ڪاري رنگ جو به ٿيندو آهيان ته وري اڇي رنگ جو به ٿيندو آهيان. اڇي رنگ واري واڳونءَ جو قد ويهن فٽن کان ٽيهن فٽن تائين ٿيندو آهي ۽ واڳونءَ جا چار قسم ٿيندا آهن. منهنجي جسم تي ننڍڙيون ننڍڙيون قدرتي ڳوڙهيون ڳوڙهيون به ٿينديون آهن. جيڪو اڇي رنگ وارو واڳون ٿيندو آهي، انهيءَ جو قد ٽيهه فٽ ڊگهو ٿيندو آهي ۽ سندس ڄاڙي ڇهه فوٽ ويڪري ٿيندي آهي ۽ اهو واڳون هندستان جي گنگا نديءَ ۾ رهندو آهي. اهو منهنجي نسل جو واڳون ايترو ته طاقتور ٿيندو آهي جو پنهنجي زور ۽ طاقت سان ماڻهوءَ جون ٽنگون به زمين مان ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهوءَ سان تمام گهڻي ويڙهه به ڪندو آهيان. شينهن جهنگ جو بادشاهه هوندو آهي ۽ مان واڳون پاڻيءَ جو بادشاهه هوندو آهيان.
بادشاهه به ڪنهن جي ڪانه ٻڌندو آهي ۽ آءٌ واڳون به ڪنهن جي ڪونه ٻڌندو آهيان. منهنجي نسل جي مادي واڳڻ به ڪُميءَ ۽ ڪڇون وانگر بيدا ڏيندي آهي. اوهان کي خبر آهي آءٌ واڳون خشڪي تي ڪرڙيءَ وانگر گهمندو ڦرندو آهيان، ڪرڙي به ريڙهيون پائي هلندي آهي، واڳون به ڪرڙيءَ وانگر ريڙهيون پائي خشڪيءَ تي پنهنجي شڪار جي ڳولا ۾ هلندو آهي. منهنجو جياپو پاڻي آهي، جيڪڏهن پاڻي نه هجي ها ته شايد آءٌ زندهه نه هجان ها ۽ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوي ها. ڪڪڙ جي آنن مان ننڍڙا ننڍڙا چوزا چون چون ڪري نڪرندا آهن ۽ واڳونءَ جي آنن مان وري ننڍڙا ننڍڙا منهنجا ٻچڙا واڳون نڪرندا آهن. واڳن ۾ نَر به ٿيندا آهن ۽ ماديون به ٿينديون آهن. مادي واڳڻ آنا لاهيندي آهي، اسان ٻنهي جو پاڻ ۾ لڳ به ٿيندو آهي. لڳ ڪرڻ ته سمجهو ٿا نه، جيئن ڪڪڙ جي مٿان ڪڪڙ چڙهندو آهي تيئن واڳڻ جي مٿان واڳون چڙهندو آهي. جڏهن واڳڻ جي آنن مان ٻچا نڪرندا آهن ته واڳڻ چوڪيدار جو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ پنهنجي ٻچن تي پهرو ڏيندي آهي، جيئن ڪڪڙ پنهنجي ٻچن تي پهرو ڏيندي آهي. ڪڪڙ هجي يا واڳڻ سڀني کي پنهنجا ٻچا پيارا هوندا آهن. واڳڻ پنهنجي ٻچڙن سان تمام گهڻو پيار به ڪندي آهي ۽ پهرو به ڏيندي آهي، جيستائين واڳڻ جا ٻچا وڏا ٿين ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهن ۽ گهمي ڦري سگهن. واڳڻ پنهنجي ٻچڙن تي اکيون ڦوٽاري چوڪيداري ڪندي آهي.
ٻارو! واڳڻ جو ٻچڙو اڃان ٿورو مس وڏو ٿيندو آهي ته پاڻيءَ ۾ ترڻ سکندو آهي، جيئن اوهان ٻار سيوهڻ جي اڙل واهه ۾ اونهاري جي موسم ۾ ترندا آهيو ۽ ترڻ ۾ تمام گهڻو مزو ايندو آهي، تيئن مون کي به ترڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي جان ڏاڍي پياري هوندي آهي ۽ واڳونءَ کي به پنهنجي جان پياري هوندي آهي. مان واڳون پنهنجي مُنڍي پاڻيءَ ۾ لڪائي پوءِ ترندو آهيان، متان شڪاريءَ جي هٿان شڪار نه ٿي وڃان. پاڻيءَ ۾ ترڻ منهنجي فطرت آهي، فطرت عادت کي چئبو آهي.
ٻارو! اها ڳالهه ته اوهان کي ٻُڌائڻ ئي وسري وئي، چڱو هاڻي ٿو ٻُڌايان. واڳونءَ جي گهر واري واڳڻ پنهنجا آنا سمنڊ جي ڪنارن، درياهن جي ڪنارن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي لاهيندي آهي ۽ اهي آنا وري چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ سان زمين ۾ پوري ڇڏيندي آهي. واڳڻ کي خوف هوندو آهي، متان ڪير منهنجا آنا چورائي نه وڃي. منهنجي واڳڻ کي پنهنجا آنا ڏاڍا پيارا هوندا آهن ۽ پوءِ واڳڻ پنهنجي آنن تي پاڻ پهرو ڏيندي آهي، اهو خوف هوندو اٿس ته متان ڪو جانور آنن کي نقصان نه پهچائي. واڳڻ انهيءَ انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ هوندي آهي ته ڪڏهن ٿا منهنجي آنن مان ٻچا نڪرن. جڏهن واڳڻ جي آنن مان ٻچا نڪرندا آهن ته اُهي واڳڻ جا ٻچا هوبهو ڪرڙيءَ جي مُهانڊي ۾ هوندا آهن، صفا ڪرڙيءَ جهڙا هوندا آهن. مون کان هڪڙي ڳالهه ٻُڌائڻ وسري وئي، اُها هاڻي ٿو ٻُڌايان، جيئن اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافو اچي. ڄاڻ علم جي کاڻ هوندي آهي.
واڳڻ جي آنن مان ٻچا ڪيئن ٻاهر نڪرندا آهن؟ واڳڻ جي آنن کي جڏهن گرمائش لڳندي آهي ته آنا پاڻهين ڦوڪڻي جيان ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي پوندا آهن ۽ واڳڻ کي پنهنجي محنت جو ڦل ملندو آهي ۽ واڳڻ پنهنجا ٻچا ڏسي تمام گهڻي خوش ٿيندي آهي.
منهنجو نالو ته سنڌي ماڻهن واڳون رکيو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي به آهي ”واڳونءَ وانگر وات ڦاڙيو ويٺو آهين“ وات ڦاڙڻ منهنجي اصل کان عادت آهي. سڄيءَ دنيا ۾ جيتريون به ٻوليون آهن، نالا به مون واڳونءَ جا اوترا آهن. هر ٻوليءَ ۾ مون واڳونءَ جو الڳ الڳ نالو آهي، جهڙي ٻولي اهڙو نالو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کي واڳون چوندا آهن.
(هلندڙ)
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڏهه روپيا
محمد خان هڪ سُلڇڻو سپوت نينگر هو. سندس والدين، مٽ، عزيز ۽ اسڪول وارا کيس گھڻو پيار ڪندا هئا. مائٽن هُن جي تربيت اهڙي ڪئي هئي جو سندس لڇڻ وڻندڙ هئا. هو پنجين درجي ۾ پڙهندڙ هو. پاڙي جي دوست رفيق سان گڏجي صبح جو اسڪول ويندو هو. پهرين ته پنڌ ويندو هو پر پوءِ سندس والد هُن جي لاءِ گاڏي ۽ ڊرائيور جو پڻ بندوبست ڪيو. جنهن ۾ پڻ پنهنجي گھٽيءَ جي دوست رفيق کي وٺي ويندو هو. رفيق هڪ ايماندار ۽ سچو ڇوڪرو هو سندس سنگت تي محمد خان جا مائٽ خوش ٿيندا هئا. رفيق سندن گھر به ايندو ويندو هو ٻئي گڏ پڙهندا به هئا ۽ رفيق جي والده سان پڻ محمد خان جي ماءُ جو اُٿڻ ويهڻ هو، اهڙيءَ طرح ٻنهي گھرن جا لاڳاپا ٻارن پويان ويجھا ٿي ويا. جڏهن محمد خان ڇهين درجي ۾ آيو تڏهن سندس ڪلاس ۾ ٻه سيڪشن ٿي ويا کيس اي (A) سيڪشن مليو ته رفيق کي بي (B) سيڪشن، انهيءَ ڪري سندن گڏ اُٿڻ ويهڻ ۾ فرق اچڻ لڳو ۽ هوم ورڪ پڻ الڳ الڳ نموني جو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هر سيڪشن جو ٽائيم ٽيبل الڳ هو. رفيق ۽ محمد خان ته به اسڪول گڏجي ايندا ويندا هئا، باقي شام جو هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھر ۾ هوم ورڪ ڪندو هو.
اهڙيءَ ريت نئين سيڪشن ۾ محمد خان کي هڪ نئون دوست قاسم مليو، جو سندس سيٽ جي ڀر ۾ ويهندو هو. قاسم پڙهائيءَ ۾ ته چڱو هو پر منجھس هڪ وڏي خامي هئي، اها هئي بي سبب مذاق مشڪريءَ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي. جنهن جي ڪري هُو زوريءَ ٻين کي کلائيندو هو. ٽوٽڪا ٻڌائيندو هو ۽ قسمين قسمين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندو هو. پنهنجي انهن ڳالهين جي ڪري سمجهدار ۽ هوشيار ڇوڪرا کانئس پاسو ڪندا هئا، پر محمد خان جو سندس ڀر ۾ ويهندو هو سو آهستي آهستي ان جو عادي ٿيندو ويو ۽ کيس قاسم جي ڪوڙين ڳالهين ۾ ڪو نقص ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو، دل ۾ سوچيندو هو ته، ويچارو جيڪڏهن ڪنهن کي کِلائي دل خوش ٿو ڪري ته ڇا ٿيو؟ اهو ته هڪ بي ضرر ڪوڙ آهي، ڪنهن جو نقصان نٿو ڪري، ڪنهن کي خوش ڪرڻ ته هڪ طرح سان نيڪي آهي. سندس ماءُ کيس سچ ڳالهائڻ جي عادت وڌي هئي، هوءَ کيس ڪوڙ کان هميشه روڪيندي هئي. ”ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌُوڙ، سچ ته بيٺو نچ“، جهڙيون چوڻيون ۽ مثال ڏيئي سندس تربيت ڪيائين، پر حقيقت آهي ته سنگت سان ئي ماڻهو سڃاتو وڃي ٿو، سنگت سُٺي آهي ته ماڻهو مانائتو آهي ۽ جي سنگت خراب آهي ته هرڪو ماڻهو ان کان پاسي ٿي ويندو آهي. محمد خان کان پڻ قاسم جي دوستيءَ جي ڪري سُٺا دوست پاسو ڪرڻ لڳا ۽ هُو قاسم کي ويو پئي ويجهو ٿيندو، ”گدرو گدري کي ڏسي رنگ پڪڙيندو آهي“ سو قاسم جي صحبت ٿوري وقت ۾ محمد خان تي پڻ اثر ڪرڻ لڳي. هو به ننڍي ننڍي ڳالهه ۾ بي سبب ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو ۽ ڪجهه وقت ۾ ايتري ته مهارت سان ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو جو مٿس گمان ئي نه ٿئي ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.
هڪ ڏينهن قاسم کيس چيو ته ”تنهنجي پيءُ جي سڄي دولت آهي ته تنهنجي لاءِ، ٻيو ته ڪو اولاد آهي ڪونه، پوءِ هو توکي ايترا گھٽ پئسا ڇو ٿو ڏئي“؟ تون وڌيڪ جي گھُر ڇو نٿو ڪرين؟ هو سوچڻ لڳو ته، ”بابو ته وڌيڪ پئسا ڪونه ڏيندو ڪو بهانو ڪريان جو کيس خبر نه پوي“ سو پيءُ کي چيائين ته، ”اسڪول ۾ غريبن جي مدد لاءِ فنڊ جمع ڪريون ٿا، مون کي به پئسا ڏيو ته آئون هڪ جيڏن سان گڏ ’غريب فنڊ‘ ۾ پئسا ڏيئي مانائتو ٿيان“ پڻس بلڪل خوشيءَ سان ڪافي پئسا ڏنس. هُن کي محمد خان تي اعتبار هو. اهڙيءَ ريت ٻه ٽي دفعا ڪوڙا بهانا ڪري هن پنهنجي پيءُ کان پئسا کنيا ۽ اهي قاسم سان گڏجي خوب خرچ ڪري ختم ڪيا. چوندا آهن ڪوڙ جا پير نه هوندا آهن سو اهو راز ظاهر ٿي ويو ته محمد خان ڪوڙ ڳالهائڻ سکيو آهي. سندس والده کي خبر پئجي ويئي ته هن جي سنگت صحيح ڪانهي، کيس گھڻو صدمو ٿيو هوءَ تمام سمجهه دار، ايماندار ۽ سلجھيل عورت هئي. هن محمد خان کي ته ڪجهه ڪونه چيو پر پنهنجي مڙس کي ڀروسي ۾ ورتائين ۽ ٻئي سوچ ۾ پئجي ويا ته هن مشڪل مان ڪيئن نڪرون ۽ حل ڳولهڻ لڳا. محمد خان جي پيءُ جو ڪپڙي جو واپار هو ۽ هن جو هڪ گدام پڻ هو، جتي هو ڪپڙو سستي اگهه تي نفعي سان وڪڻندو هو، وٽس جيڪي به ڪم ڪندڙ ۽ مئنيجر هئا سي سڀ نيڪ ۽ کيس فائدو ڏيندڙ هئا ۽ مٿن هن جو اعتبار هو.
هڪ ڏينهن هُو ماني کائي رهيو هو کيس مئنيجر جو فون آيو ته لاهور مان لاٽ ڪپڙن جو آيو آهي، ڪيتري ۾ سودو فائنل ڪريون. ان ڏينهن محمد خان جي والد جي طبيعت ٺيڪ نه هئي هُن پٽ کي چيو ته، ”آئون آرام ڪرڻ چاهيان ٿو تون گدام تي وڃ ۽ مئنيجر کي چئج ته چاليهه روپين ۾ وال تي لاٽ جو فيصلو ٿئي ته سودو ڪري ڇڏ“. ايئن چئي سيٺ صاحب سُمهي رهيو، محمد خان وڃڻ بدران فون تي مئنيجر کي هدايتون ڏنيون پر پنهنجي مشڪريءَ واري ڪوڙ جي عادت مطابق مذاق ۾ ڏھ رپيا وڌيڪ يعني پنجاھ روپيا وال چئي ڇڏيائين. مئنيجر ها ڪري ڇڏي پنهنجي مذاق تي دل ئي دل ۾ کلڻ لڳو. ان ئي رات هو پنهنجي والد جي ڪمري جي ٻاهران گذري رهيو هو ته کيس آواز آيو. سندس پيءُ هن جي والده کي چئي رهيو هو ته محمد خان مون کي ڪٿي جو نه ڇڏيو، سندس انهيءَ ننڍي ڪوڙ يا لاپرواهيءَ جي ڪري ڏهن روپين وڌيڪ چوڻ سان مون کي لکن جو نقصان ٿيو آهي، سڄو لاٽ پوري ٽرڪ جو هو، هزارين وال ڪپڙي تي ڏھ روپيا وڌيڪ مهانگي وٺڻ سان آئون ڪمائيندس ته ٽڪو به ڪونه، پر مرڳو مون تي قرض چڙهي ويندو ۽ گاڏي به وڪڻڻي پوندي.
محمد خان جڏهن ٻڌو ته هُو هڪدم غريب ٿي ويا آهن، سندن گاڏي پڻ نقصان جي ڪري وڪامي رهي آهي کيس وڏو ڇرڪ پيو ته پنهنجي هڪ ننڍي غلط جملي ڳالهائڻ سان منهنجي پيءُ لاءِ جام مصيبت پيدا ٿي آهي. هُو شرم ۾ ئي ٻڏي ويو. پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جون پريشانيءَ جون ڳالهيون ٻڌي سندس تاڪ لڳي ويا، ”ٻه به ويس ته ڇهه به ويس“، ان ڏينهن کي بددعا ڏيڻ لڳو جنهن ڏينهن قاسم سان دوستي ٿي هيس، جنهن اهڙا غلط مذاق ۽ مشڪريون کيس سيکاريا، دل ۾ چوڻ لڳو ته مون ته فقط انهيءَ لاءِ ٿي ڪيو ته، بابا مئنيجر کي دٻون پٽي ڪاوڙ ڪري ۽ هُو معافيون گهري، پر هيءُ ته سڄو قصو ئي اُبتو ٿي ويو آهي. مائٽن جي ڪمري جي ٻاهران سندس دل ٻُڏڻ لڳي ۽ ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، هو روئڻ لڳو ۽ زمين تي ويهي رهيو. سندس ماءُ آواز ٻڌي ٻاهر آئي کيس ڀاڪر ۾ ڀريائين.
محمد خان روئيندي پنهنجي ڪوڙ جو اعتراف ڪيو ته، ”فقط ڏهه روپين وڌيڪ ٻڌائڻ سان اسان کي ايترو نقصان ٿيندو. مون ته سوچيو ئي ڪونه هو، هاڻي آئون ڪڏهن به ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندس ڀلي ڇا به ٿي وڃي. مون کي خدا پاڪ ئي معاف ڪونه ڪندو جي ڪوڙ ڳالهايان“. ماءُ هڪدم سندس منهن تي هٿ رکيو ۽ چيائين، ”نه پٽ ايئن نه چئو“، پر کيس روئڻ ڏنائين ماءُ سمجھيو ته هيءُ پشيمانيءَ جا لڙڪ آهن جن جو ڪرڻ ضروري آهي، اها سچي توبهه آهي هاڻي سندس پٽ صحيح رستي تي اچي رهيو آهي. محمد خان جي پيءُ کيس اٿاري ڇاتيءَ سان لاتو ۽ پنهنجي گھرواريءَ کي آڱوٺي سان فتح جي نشان جو اشارو ڪيائين ۽ هوءَ به مُرڪي پيئي. جيڪڏهن مئنيجر کين فون ڪري سڄي صورتحال نه ٻڌائي ها ته کين اهو ڊرامو ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها پر محمد خان کي سڌي رستي تي آڻڻ جو اهوئي طريقو بهتر هو. انهيءَ سان وڏو فائدو اهو ٿيو ته سندن پٽ مان هميشه لاءِ ڪوڙ جي عادت ختم ٿي ويئي ۽ غلط بياني ڪندڙ، چوري ڪندڙ، هڪ نقصانڪار دوست قاسم جي سنگت مان پڻ پنهنجي پُٽ کي بچائي ورتائون.
مدد علي مڱڻهار
نرمي سان ڳالهايو
نرميءَ سان ڳالهايو: خوف بدران محبت سان رهڻ بهتر آهي. اهڙي نرمي سان ڳالهايو ته متان تيز ڪلامي انهي نيڪيءَ کي جو اسين هتي دنيا ۾ ڪري سگهون ٿا، ختم ڪري نه ڇڏي.
نرميءَ سان ڳالهايو: پوڙهن ماڻهن سان هنن جي ڏکويل دل کي غم نه پهچايو. انهن جي زندگيءَ جا ڪجهه ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، اُنهن کي هن دنيا مان سڪون سان وڃڻ ڏيو.
نرميءَ سان ڳالهايو: هي هڪ ننڍڙي ۽ معمولي ڳالهه آهي، پر اها دل ۾ جڳهه ٺاهي ٿي وٺي، جنهن جي خوشيءَ جو اثر اهڙو ته مٺو ڳالهائڻ پيدا ٿو ڪري، سو هميشه هميشه قائم رهي ٿو.
نور گهلو
پهرين تاريخ ڪڏهن ايندي؟
آخري تاريخون:
راجو پيءَ جي آڱر پڪڙي بازار مان گذري رهيو آهي. ننڍا ننڍا قدم کڻندو دڪانن تي ٽنگيل رانديڪن، شوڪيسن ۾ بند رانديڪن، دڪانن ۽ ريڙهن تي رکيل فروٽ، مٺاين، ٿڌين بوتلن، آئيس ڪريم، قلفي ڏي حسرت ڀرين نظرن سان نهاريندو هلي ٿو. هلندي هلندي سڀني شين تي نظر وجهي پيءَ سان ڳالهائي ٿو.
”بابا!... او بابا...“
”هون...“
”بابا هو رانديڪو وٺي ڏي...“
”نه پٽ!... اڄ پئسا ڪونهن پوءِ...“
”پوءِ ڪڏهن وٺي ڏيندين؟“
”پگهار ملندي ته پوءِ وٺنداسين...“
”پگهار ڪڏهن ملندي، بابا؟“
”پهرين تاريخ!“
”پهرين تاريخ پگهار ملندي بابا!؟“
”ها پٽ!...“
”گهڻا گهڻا پئسا ملندا...“
”ها پٽ!...“
”۽ بابا هوءَ جيڪا ڇوڪري کي چڍي بشٽ پاتل آهي اُها به وٺي ڏيندين؟“
”هون...“
”۽... ۽ شڪلين وارا ڪتاب به...“
”پگهار ملندي پوءِ نه؟“
”ها پٽ!“
”پگهار پهرين تاريخ تي ملندي نه...“
”هون...“
”پهرين تاريخ ڪڏهن ٿيندي بابا؟“
”هاڻي ٿيندي پٽ...“
راجو خوشيءَ مان دڪانن تي رکيل رانديڪن، مٺاين ۽ ٻين شين کي ڏسندي هلي ٿو.
سندس اکين ۾ خوشيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو.
پهرين تاريخ:
راجو پيءَ جي آڱر پڪڙي بازار مان گذري رهيو آهي. ننڍا ننڍا قدم کڻندو دڪانن تي ٽنگيل رانديڪن، شوڪيسن ۾ بند رانديڪن، دڪانن تي، ريڙهن تي رکيل فروٽ، مٺاين، ٿڌين بوتلن، آئسڪريم، قلفيءَ ڏي حسرت ڀرين نظرن سان نهاريندو هلي ٿو، هلندي سڀني شين تي نظر وجهندي پيءَ سان ڳالهائي ٿو:
”بابا... او بابا!“
”هون...“
”بابا... هو رانديڪو وٺي ڏي نه...“
”نه پٽ!... اڄ پئسا نه آهن پر...“
”پر ڪڏهن؟... جڏهن پگهار ملندي...“
”ها پٽ...!“
”پگهار ڪڏهن ملندي بابا؟“
”پهرين تاريخ پٽ“
”پهرين تاريخ پگهار ملندي بابا؟“
”ها پٽ!...“
”گهڻا گهڻا پئسا ملندا...“
”ها پٽ...!“
”پر بابا رانديڪو وٺي ڏيندين نه...“
”ها پٽ!...“
”۽... جيڪا... چڍي بشٽ... ”اها به وٺي ڏيندين؟“
”ها پٽ!...“
”۽ ... ۽ ... مٺائي به وٺي ڏيندين؟“
راجو خوشيءَ مان دڪانن تي رکيل رانديڪن، مٺاين ۽ ٻين شين کي ڏسندو هلي ٿو. سندس اکين ۾ خوشيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳي ٿو.
نارائڻ داس
واپس ناهيان موٽندي
هڪڙي ڏينهن دولت، عقل ۽ عزت پاڻ ۾ گڏجي ويهي ڪچهري پئي ڪيائون، جڏهن ڪچهري ڪري موڪلائڻ تي هئا ته دولت چيو، جيڪڏهن مون سان وري ملڻو اٿئي ته مونکي اميرن، وزيرن ۽ بادشاهن وٽ ڳولجان. تنهن تي عقل چيو ته جيڪڏهن مون سان ملڻو هجئي ته مون کي دانشورن ۽ ڏاهن وٽ ڳولجان.
آخر ۾ جڏهن عزت جو وارو آيو ته عقل ۽ دولت، عزت کان پڇيو ته جيڪڏهن تو سان ملڻو هجي ته توکي ڪيئن ڳوليون؟ تڏهن عزت مايوسيءَ وچان چيو ته آءٌ جتان هڪ دفعو هلي ويندي آهيان ته پوءِ واپس اُتي ناهيان موٽندي.
نظير حيدري (بدين)
خراب سنگت
جيئن ٽڪيٽ وٺي گاڏي ۾ سوار ٿيس ته منهنجي نظر سامهون ويٺل چوڏهن سالن جي هڪ خوبصورت ٻار تي پئي، جيڪو ڪافي پريشان ۽ هيسل نظر اچي رهيو هو. مون سمجهيو ته شايد پريان ويٺل ٻه پيرسن ئي ساٿي يا مائٽ اٿس. تنهنڪري آءٌ هڪ ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويس. مون کي بچايو... بچايو... خدا جي واسطي مون کي ڇڏيو. مون جلدي جلدي پنهنجي چئني طرف ڏٺو. آواز پريان گاڏي جي دروازي کان اچي رهيو هو ۽ ٽرين هڪ ننڍڙي اسٽيشن تي بيٺل هئي. مان تڪڙو اتي پهتس، ٻه ڪاري رنگ جا ماڻهو جيڪي ڏاڍا خوفناڪ نظر اچي رهيا هئا. اُهي ٻار کي ڇڪي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ ٻارڙو دروازي جي لوهن ۾ هٿ ڦاسائي رڙيون ڪري رهيو هو، مون هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي پر ڪو ماڻهو انهيءَ طرف ڪونه هو. هونئن به هن لوڪل گاڏيءَ ۾ عام طرح رش گهٽ هوندي آهي.
مون انهن ٻنهي شخصن کان پڇيو، ڇا ڳالهه آهي؟ انهن مان هڪڙي شوخ نموني سان خوفائتيون اکيون ڪري مون کي ڇڙٻ ڏني، ايتري ۾ ٽرين آهستي آهستي هلڻ لڳي، مون انهن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو، سامهون بيٺل ان شخص کي ڇڪي لت هڻي ڪڍيم، جيڪو ٿاٻڙجندو وڃي پري ڪريو. ٽرين ڪافي تيز ٿي چُڪي هئي، اهو ٻيو شخص اڃان ٻارڙي سان چنبڙيو پيو هو، مون ان کي هڪ زور واري مُڪ هنئي، ٻئي طرف انهيءَ ٻار به هن کي هٿ ۾ چڪ هنيو، جنهن ڪري هو ٻيهر اسان تائين ڪونه پهچي سگهيو، هيٺ ئي رڙيون ڪندو رهيو. مون ٻارڙي کي سهارو ڏئي مٿي ڪيو، هو ويچارو ڪافي ڊنل ۽ پريشان هو. منهنجي همدردي ڏسي روئڻ لڳو. مون هن کي تسلي ڏني ته هو سڏڪڻ لڳو، ڪافي دير کان پوءِ چُپ ٿي ويو. مون کان پڇڻ لڳو، ادا هاڻ ته هو نه ايندا.
نه ... نه! ادا هاڻ اُهي ڪونه ايندا، پر تون اڪيلو ڪيئن نڪتو آهين. هڪ دفعو وري روئڻ لڳو، ٻيهر مون هِن کي چپ ڪرائي منهنجي سمجهائڻ تي هن مون کي ٻڌايو ته آئون گهران ڀڄي نڪتو آهيان. اهي ٻئي شودا اتان منهنجي پويان لڳا آهن. مون کي دلاسا ڏيڻ لڳا، مون کي ڪجهه شئي کائڻ لاءِ ڏنائون، جيڪا مون لڪي هيٺ ڪيرائي ڇڏي. ڀر ۾ ٻه پوڙها ويٺل هئا تنهنڪري مون کي ڪجهه چئي نه سگهيا.
جڏهن اُهي لهي ويا ته پوءِ مون کي ڇڪڻ لڳا ۽ مار به ڏنائون ۽ پوءِ... پوءِ... هو سڏڪڻ لڳو. مون وري به هن کي دِلاسو ڏنو، پوءِ ادا اوهان ئي مون کي بچائي ورتو.
مون وڌيڪ هِن کي پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو، گاڏي اڳئين اسٽيشن تي بيٺي، جتي مون کي لهڻو هو، ڇاڪاڻ ته مان ان شهر جي ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ۽ ڪاليج هاسٽل ۾ رهندو هئس. مان هن کي پاڻ سان وٺي آيس، هاڻي هو ڪافي خوش هو. رات جي ماني تي مون هاسٽل ۾ رهندڙ ٻين دوستن کي به اهو قصوٻڌايو، جيڪي منهنجي ڪارنامي تي گهڻو خوش ٿيا. اها ڳالهه جڏهن اسان جي پرنسپال تائين پهتي، جيڪو به اسان سان هاسٽل ۾ رهندو هو، سو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي دلاسو ڏنائين. اسان رات جو ٻارڙي کان وڌيڪ پُڇا ڪرڻ لڳاسين. هن پنهنجو احوال هن طرح بيان ڪيو.
منهنجو نالو حامد آهي، ۽ والد روينيو آفيسر آهي، مان جيئن ته خراب صحبت ۾ اچي ويو هئس، تنهنڪري پڙهڻ جي طرف منهنجو ڌيان ئي ڪونه هو. هفتن جا هفتا اسڪول کان غائب رهڻ منهنجو معمول هو. جڏهن اها خبر بابا تائين پهتي ته هن مون کي مار ڏني، مون کي اسڪول پڙهڻ تي مجبور ڪيائين.
اها ڳالهه جڏهن مون پنهنجي دوستن سان ڪئي ته انهن مون کي گهر مان ڀڄي وڃڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو مون بنا سوچڻ جي قبول ڪري ورتو. گهران ڀڄي نڪتس ۽ پوءِ هو خاموش ٿي ويو.
پر هاڻي آءٌ ائين ڪونه ڪندس، واپس وڃي مان دل لڳائي پڙهندس.
اسان جي سمجهائڻ تي حامد اسان سان واعدو ڪيو ته هاڻ هو خراب سنگت کان پري رهندو ۽ دل لڳائي محنت ڪندو ۽ پڙهندو. پوءِ اسان ٽيليفون جي ذريعي حامد جي والدين کي اطلاع ڏنو، جيڪي پڻ ڪافي پريشان هئا ۽ رات جو ئي ڪار وسيلي اُتي پهتا، اسان جي گهڻي زور ڀرڻ تي هو رات جو هاسٽل ۾ رهيا.
حامد کي صبح جو مان ۽ منهنجي دوستن ۽ پرنسپال صاحب تحفا ڏنا ۽ دعائن سان خدا حافظ ڪيو. هاڻي حامد مئٽرڪ جو هوشيار شاگرد آهي ۽ منهنجو ننڍڙو ۽ بهترين دوست آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي خط لکي ياد ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته خدارا پنهنجي مائٽن کان بيزار نه ٿيو ۽ انهن جي دڙڪن کان پريشان نه ٿيو. ڇو ته مائٽ وري به مائٽ آهن. اسان جا خيرخواهه آهن نه ڪي دشمن آهن. ٻاهر جي دنيا ڏاڍي خراب آهي، جيڪو ٻار گهر کان بي گهر ٿيو ڄڻ اُهو دربدر ٿيو.
بشير احمد ميمڻ (شڪارپور)
خالد هليو سائيڪل سکڻ!
گامڻ وانگر اڄ خالد کي به سائيڪل سکڻ جو شوق ٿيو ۽ سڌو منهنجي گهر جو در کڙڪايائين، ڪجهه دير کان پوءِ هن کي جواب مليو ته آءٌ گهر ۾ ڪونه آهيان، سو هي نواب ڪاوڙجي هليو ويو.
جڏهن شام جو مان هن سان مليس ته هي مڙس ڳالهائي ئي ڪونه، گهڻا ئي ايلاز منٿون ڪيائين، پوءِ ڪاوڙ جي جواب ڏنائين. اسان توهان جي گهر اچون ته صاحب ملن ئي ڪونه ٿا. مان چيومانس ڊاڪٽر انجيڪشن هنئي اٿئي ڇا؟ جواب ڏنائين ته يار ڇڏ انهن ڳالهين کي، هل ته هلون مان چيومانس ڪيڏانهن هلون، چيائين يار مون کي اڄ سائيڪل سکڻ جو شوق ٿيو آهي.
مون چيومانس ته اهي اجايون ڳالهيون نه ڪر، پوءِ مون کي گهڻائي ايلاز ڪيائين، ايتري قدر جو روئڻ هارڪو ٿي ويو.
مون کِلي چيومانس هل ته سائيڪل کڻون. اُهي لفظ ٻڌي گلاب جي گُل وانگر ٽڙي پيو ۽ کلڻ شروع ڪيائين. چيومانس ايترو نه کِل! پوءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي سائيڪل جي دڪان وٽ پهتاسين.
سائيڪل کڻي سڌو شاهي باغ ڏانهن رُخ ڪيوسين. ٿوري دير کانپوءِ شاهي باغ پهتاسين، هن ٿوري سائيڪل مس سکي ته مون چيومانس مون کي اُڃ لڳي آهي. مان جلدي پاڻي پي ٿو اچان. هي سائيڪل وٽ بيٺو.
مان پاڻي پي آيس، ڏسان ته خالد! روئي پيو. پڇيومانس ته ڇا ٿيو اٿئي؟
جواب ڏنائين ته يار هوڏي ڏس! مان ڏسان ته سائيڪل پاڻي ۾ پئي آهي. مون پڇيومانس سائيڪل پاڻي ۾ ڪيئن ڪِري آهي. مان ڪاوڙ مان هن کي اهڙي چماٽ هنئي جو هي وڌيڪ رُنو...! ۽ چوي پيو امان... او ... امان سائيڪل پاڻي ۾ ڪِري پئي.
مون چيومانس، اُٿ ته ڪڍون ٿا، يڪدم سائيڪل ڪڍيسين، ڏسون ته سائيڪل جي گهنٽي ۽ پيڊل ڀڳو پيو آهي. سائيڪل کي گهليندا اچي سائيڪل جي دڪان تي پهتاسين. خالد مون کي چيو ادا هن کي پئسا ڏي ته هلون. مان سائيڪل جي دڪان واري کي پئسا ڏنا ۽ پوءِ خالد کي چيم جيڪڏهن سائيڪل جو نالو ورتو اٿئي ته پوءِ سمجهين ٿو. پاڻ ڊبل پئسا وٺندوسانءِ، پوءِ ته خالد ڪڏهن به سائيڪل سکڻ جو نالو نه ورتو.
سنڌيڪار: خالد ڀٽي (شڪارپور)
چڱي ڪم جي خواهش
پيٽر هڪ امير گھر جو ٻار هو، جنهن جي زندگي نهايت عيش ۽ آرام سان گذري رهي هئي. زندگيءَ جو سڀ سُک کيس نصيب هو. هو دنيا جي اهنجن ۽ سختين کان گھڻو ڏور هو. هڪ ڏينهن هو فلم ڏسڻ ويو. انهيءَ فلم کي ڪيترن ئي ماڻهن ڏسڻ پئي گھريو. هو به فلم ڏسڻ ”فلم گھر“ ٿوري دير سان پهتو. ان وقت فلم جي آخري ٽڪيٽ هڪ نهايت ئي غريب ٻار ورتي هئي. اهو ٻار ڪيترن ئي هفتن کان انهيءَ فلم جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ واسطي پئسا گڏ ڪري رهيو هو. جڏهن پيٽر کي خبر پئي ته آخري ٽڪيٽ هڪ غريب ٻار ورتي آهي ۽ هن لاءِ ٽڪيٽ ناهي بچي ته، پيٽر ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته ”اها آخري ٽڪيٽ کيس ڏني وڃي.“
غريب ٻار چيو ”مان توکي پنهنجي ٽڪيٽ ڇو ڏيان؟ مان توکان اڳ ۾ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ آيو هئس ۽ مون ٽڪيٽ جا پئسا به ڏنا آهن، جيڪي مون هوريان هوريان گڏ ڪيا هئا.“
پيٽر چيو ”جيئن ته مان توکان وڌيڪ اهم آهيان. مون کي ڏس، مان امير آهيان ۽ تون غريب. ڇا توکي فرق نظر نٿو اچي؟!“ تنهن مهل هڪ ماڻهوءَ اچي پيٽر کي چيو ”هيءَ ٽڪيٽ تون وٺ، انهيءَ ٽڪيٽ تي هن غريب ٻار کان وڌيڪ تنهنجو حق آهي.“ همراهه اها ٽڪيٽ غريب ٻار جي هٿ مان کسي پيٽر کي ڏني، جيڪو آڪڙ ۽ وڏائيءَ سان هلندو، ان غريب ٻار جي ڀرسان لنگھي وڃي فلم گھر ۾ داخل ٿيو. پيٽر جڏهن اندر آيو ته هن کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي تي ته هال ۾ سندس جھڙا ٻيا به امير ٻار موجود هئا. پيٽر پنهنجي جاءِ تي وڃي ويهي رهيو.
پر هي ڇا؟! هو پنهنجي ڪرسيءَ کان ”فلم هال“ جي اسڪرين يعني پردي تي پهچي ويو ۽ فلم جي هڪ ڪردار ۾ تبديل ٿي ويو. فلم ۾ کيس هڪ انتهائي بدنصيب ڇوڪر جو ڪردار مليل هو. ڪڏهن سندس ماءُ پيءُ وڇڙي ٿي ويا، ڪڏهن پنهنجو گھر ڪونه ٿي مليو ۽ ڪڏهن سمورا پئسا گم ٿي ويا ٿي. ڪڏهن هن کي ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻو ٿي پيو، جتان جي ٻوليءَ کان هو اڻ سونهون هو ۽ اتي کيس محنت مزوري ڪرڻي ٿي پئي ته جيئن پنهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ ڀائرن جي مدد ڪري سگھي. انهيءَ فلمي زندگيءَ ۾ ماڻهو هن سان خراب ورتاءُ رکن ٿا، ڄڻ ته هن جا ڪي جذبا ئي ناهن ۽ هو جذبن کان خالي لاش ٿي لڳو. انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ پيٽر کي ڏاڍين مشڪلاتن سان منهن ڏيندڙ ڏيکاريو ويو ۽ زندگي گذارڻ جي لاءِ کيس تمام گھڻي محنت ڪندي ڏيکاريو ويو. فلم ۾ ڪيترائي ڪردار هئا، جن مان پيٽر کي اهڙا ماڻهو به ملن ٿا، جيڪي اميد ۽ آبرو نه لاهڻ لاءِ اتساهه ڏياريندي ڏيکاريا ويا آهن ۽ کيس حوصلو ڏيارين ٿا. اهڙي هر ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي وڻندڙ ٿئي ٿي ۽ هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ امير ماڻهو واهر ڪري ٿو.
جڏهن فلم ختم ٿي ته پيٽر ڪرسيءَ تي موجود هو. هو ڏاڍو حيران هو. کيس حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ هو ڪيڏو ڀاڳن ڀريو آهي، هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد ڪونه ڪئي هئي جو سندس زندگيءَ جي مسئلن جي هڪ چڱي ۽ سهڻي پڄاڻي ٿئي. هو پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو خراب لڳو. هو پنهنجي جاءِ تي ويهي گھڻي دير تائين روئندو رهيو. پوءِ سندس منهن تي مرڪ آئي ۽ هو فلم هال کان هليو آيو. هو خوش هيو … هينئر پيٽر کي ڄاڻ ٿي ته کيس پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇاهي ڪرڻو. کيس انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻي هئي جيڪي ڏکارا هئا، جيڪي مسئلن جو شڪار هئا. کيس اهڙو انسان بڻجڻو هو، جيڪو ماڻهن جي مشڪلاتن کي سهڻي نموني انجام تي رسائي سگھي. گھر ويندي هن کي اهو ماڻهو مليو، جنهن کيس فلم جي ٽڪيٽ ڏني هئي ۽ وري کيس ياد آيو ته هيءُ ته اهوئي ماڻهو آهي، جيڪو فلم جي هر ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ آيو ٿي ۽ ماڻهن جي زندگيءَ کي سنهنجو ۽ آسان ٿي بڻايو.
گل ڦل سنڌي ٻاراڻي ادب جو هڪ نهايت ئي شاندار ۽ مانائتو نالو آهي، جنهن جون ڪاوشون ۽ ڪوششون ٻارن جي ذهني ۽ اخلاقي اوسر ۽ ادب جي واڌ ويجھه ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ ٻارن جي ذهني گلستان کي سچيتائي سان سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گھٽايو آهي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي، اها ٿوري ٿيندي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، انهي گلستان ۾ جيڪي ٻوٽا پنهنجي خوشبوءِ سان ادبي باغ کي هُٻڪاري رهيا آهن، انهن جي آبياريءَ ۾ نجمه پنهور جون تمام گھڻيون محنتون شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ بورڊ جي مانائتن ميمبرن ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ اسد جمال پلي جي لائق سهڪار به وساري نه ٿو سگھجي، جن جي سٿ سان گل ڦل ترقي جون منزلون طئي ڪندي، ادبي معيار جي اونچائين کي ڇُهي رهيو آهي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجي سا ٿوري ٿيندي.
نومبر 2021ع جو تازو شمارو شايع ٿي ويو آهي، اها هڪ سٺي روايت آهي، جو نومبر جو شمارو نومبر ۾ ئي ڇپجي ويو آهي، جڏهن ته گل ڦل هميشه دير سان ايندو رهيو هو، هن شماري جي جلدي اچڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي رهي آهي ته، گل ڦل جو ادارتي عملو محنت ۽ جفا ڪشي ۾ يقين رکي ٿو ۽ عملي طور پڻ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
نومبر جي شماري ۾ نجمه پنهور ٻارن جي حق جي باري ۾ لکي ٿي ته، ”ٻارن جي پالنا ۽ تعليم تي وڌيڪ توجهه ڏنو وڃي. جيئن اسان جي ملڪ جا ٻار هڪ صحتمند سماج جي ٻارن جيان زندگي گذاري سگھن.“
هن شماري ۾ پروفيسر رشيده ڀٽي ”منقه“ يعني ڊاک جي خاصيتن بابت سهڻي ۽ دلچسپ ڄاڻ ڏني آهي ۽ انهن جي طبي فائدن جي باري ۾ معلومات ڏني آهي. اهو تمام سٺو عمل آهي، انهيءَ سان ٻارن جي عام معلومات ۾ واڌارو ٿيندو ۽ سندن ذهني صلاحيت پڻ وڌندي.
مسلم دنيا جي عظيم سائنسدان محمد بن ذڪريا الرازي جي باري ۾ محمد عثمان عباسي نهايت ڪارائتيون ڳالهيون ٻُڌايون آهن. ذڪريا الرازي طبي دنيا ۾ جيڪي ڪارگزاريون ڪيون، تن جي سهڻي نموني اپٽار ڪئي آهي. اميد آهي ته محمد عثمان مسلم دنيا جي ٻين کوجنائي ۽ سائنسي شخصيتن جي علمي ڪارنامن بابت مستقل طور تي لکندو رهندو.
جاويد اسلم سمون سماجي بُرائي گِلا بابت پنهنجن خيالن کي لفظن جو روپ ڏيئي ٻارن کي گِلا ۽ غيبت جي نقصانن کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
گِلا خور انسان يا ٻار کي ڪوبه پسند نه ڪندو آهي. اسان کي به گھرجي ته ڪنهن جي گلا نه ڪريون ۽ نه ئي چُغلي هڻي، پاڻ کي خوار خراب ۽ جڳ ۾ ڏِٺو ڪريون.
بابو جوڻيجو گل ڦل جي اڳوڻي ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻيءَ جي شخصيت کي ياد ڪيو آهي، ۽ سندس جيون ۾ جھاتي پائي، وسريل ورق کي اجاگر ڪيو آهي. جنهن لاءِ هو شاباسيءَ جو حقدار آهي.
ٻين مضمومن ۾ البرٽ آئنسٽائن جي سوانح حيات، سنڌ ديس جون رانديون، ۽ شڪارپور جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول هاٿيدر جي شاگردن جا انٽرويو ۽ تصويرون، سيد اظهر گيلاني جي ياد ۾، مِٽيءَ جي آتم ڪهاڻي پڻ شامل آهن.
ڪهاڻين ۾ خالد ڀٽي جي ڪهاڻي ”پنج ڏوهاري پنج ڪهاڻيون“ مواد جي لحاظ کان سُٺي آهي ۽ سماجي برائي کي پڻ واضح ڪري رهي آهي.
آپا پروين موسى ميمڻ جي ڪهاڻي ”ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو“ به همدرديءَ جي جذبي تي آڌاريل آهي، اسان جي سماج ۾ اهڙن گڻن جي اڻاٺ ٿي وئي آهي. آپا کي جَسُ هجي جو قلمي جهاد ڪري رهي آهي.
عابده گھانگھرو جي ڪهاڻي مون کي ذاتي طور تي تمام بهترين لڳي، ڇاڪاڻ جو سندس ڪهاڻي سنڌي ٻاراڻي نظم تي آڌاريل آهي ۽ تمام خوبصورت انداز ۾ ان بيت جي نثري صورت ۾ تشريح ڪئي آهي، جيڪا نهايت دل لڀائيندڙ آهي، ڪهاڻي پڙهندي ڏاڍو لطف آيو.
الطاف جوکيو جي ڪهاڻي به لوڪ ادب جو هڪ دلچسپ ورق لڳي. ڪهاڻي پنهنجي پيرايي ۾ ڏاڍي سولي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. سندس ڪهاڻيءَ ۾ وندر جو سڄو سامان موجود آهي الطاف جوکيو بنيادي طور تي ٻوليءَ جو ماهر آهي، سندس.ٻاراڻي ادب ڏانهن واپسي سٺو سنوڻ آهي.
امر ادريس درس جي ڪهاڻي ”سدا بهار ڳوٺ“ به سٺين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگھجي ٿي. جيڪڏهن اسان جي سماج ۾ رهندڙ فردن ۾ اها سوچ پيدا ٿي وڃي ته اسان جو سماج دنيا جي سڌريل سماجن ۾ ڳڻجي سگھجي ٿو.
انهن ڪهاڻين کان سواءِ مختيار احمد (ڪاٺير)، عبدالرشيد سولنگي (جھالت سان جنگ)، اويس ڀٽو (پوپٽ شينهن)، ۽ ٻين سرجڻهارن جون تخليقون شامل آهن.
شاعريءَ جي حصي ۾ سنڌ جي ناليوارن شخصيتن مخدوم محمد زمان طالب المولى، اسرار شام، ثنا الله عتيق چنجڻي، ياسين ڪنڀر، عبدالجبار ويسر، زيب نظاماڻي، ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ، سرور نواز ٻگهيو، منظور ابڙو، بابو جوڻيجو، غلام محمد ڀٽي، آغا تاج محمد ۽ منصور ويراڳي جون تخليقون شامل آهن.
انهيءَ کان علاوه رپورٽون، شاهه لطيف ڪوئيز شاهه شناسي، لطيفا ۽ خط به گل ڦل جي زينت بڻيل آهن.
علي محمد پلهه
مهراڻ جا موتي
ست شيون قبول ڪريو
1. ڀاءُ جو عذر چاهي دل نه مڃي.
2. نصيحت جي ڳالهه چاهي ڪڙي هجي.
3. دوست جو هديو چاهي گهٽ هجي.
4. پنهنجي غلطي چاهي ذلت هجي.
5. غريب جي دعوت چاهي تڪليف هجي.
6. ماءُ پيءُ جو حڪم چاهي ناگوار هجي.
7. پنهنجي زال سان مڙس جي محبت چاهي ڪهڙي به هجي.
ماءُ کان ڪنهن پڇيو ته: ماءُ تنهنجي قدمن مان جنت کسي وڃي ۽ تو کان پڇيو وڃي ته ڪجهه ٻيو گهر ته پوءِ خدا کان ڇا گهرندئين.
ماءُ تمام خوبصورت جواب ڏنو ته مان پنهنجي اولاد جو نصيب پنهنجي هٿ سان لکڻ جو حق گهُرنديس. ڇو ته ان جي خوشيءَ جي اڳيان منهنجي لاءِ جنت ننڍي آهي.
ماءُ تنهنجي وفا کي سلام!
ڪلثوم اختر (ٽنڊو محمد خان)
سچائيءَ جو انعام
”سيما! منهنجي ننڍڙي ادي سيما هيڏانهن ته نهار، هي ڏس مون ڪهڙو ته سٺو گهر ٺاهيو آهي.“
”نه آءٌ نه ڏسنديس اهو گهر. تو مون کي سلميٰ جي گڏيءَ جهڙي گڏي نه وٺي ڏني آهي. تنهنڪري مان تو سان نه ڳالهائيندس.“
”منهنجي ننڍڙي ڀيڻ بابا مون کي خرچي ڏيندو ته مان توکي اهڙي گُڏيءَ آڻي ڏيندس. هاڻ ته تون هي گهر ڏس.“
”سچي ادا!“ سيما ۽ فاروق پاڻ ۾ ٻه ڀاءُ ڀيڻ هئا. فاروق سيما کان پنج سال وڏو هو. هِن جي پيءَ هڪ دڪان کوليو هو، جنهن مان هو گذر سفر ڪندو هو. فاروق ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. سلميٰ هڪ زميندار جي ڌيءَ هئي. هن جي پيءَ هن کي هڪ وڏي گُڏي آڻي ڏني هئي. جڏهن سيما ان گُڏي کي ڏٺو ته هوءَ به ضد ڪرڻ لڳي ته آءٌ به اهڙي گُڏي وٺنديس. هن فاروق کي چيو ته مون کي اهڙي گُڏي وٺي ڏي. فاروق سوچيو آءٌ پنهنجي خرچي گڏ ڪري سيما کي ضرور اهڙي گُڏي وٺي ڏيندس.
هن کي روز ڏهه رپيا خرچي ملندي هئي، جيڪي هو روز رکي ڇڏيندو هو. اڄ هُن پئسا ڳڻيا ته هڪ سؤ رپيا جمع ٿي ويو هو. هن سوچيو ته شام جو سيما کي گُڏي وٺي ڏيندس ته هوءَ ڪيڏو نه خوش ٿيندي. انهي خيال ۾ وڃي رهيو هو ته هن ڏٺو ته هڪ يتيم ڇوڪرو بيٺو هو.
هو اڳتي وڌيو ۽ ان ڇوڪري کان پڇيو. ان ڇوڪري چيو ته منهنجو نالو محمود آهي. مون کي پڙهڻ جو گهڻو شوق آهي، پر مون وٽ ڪتاب ۽ سليٽ نه آهي؟ هن سوچيو مون وٽ هڪ سؤ رپيا آهن. آءٌ ڇو نه هن کي ڪتاب وٺي ڏيان، گهر آيو پئسا کڻي ان ڇوڪري کي ڪتاب، سليٽ ۽ پينون وٺي ڏنائين. هن سيما سان واعدو ڪيو هو ته اڄ هن کي گُڏي ضرور وٺي ڏيندو. هن سيما جي دل کي ٽوڙڻ به نٿي چاهيو، سو گهر کان ٻاهر آيو ۽ سوچيائين ته هاڻي ڇا ڪريان. ان سوچ ۾ هلڻ لڳو. اوچتو هن ڏٺو ته سامهون پنجاهه رپين جو نوٽ پيو هو. هن اهو نوٽ کنيو، هن جي دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه هِن مان ڀيڻ جي گڏي وٺي وڃان. پوءِ وري سوچيائين ته الائي ڪنهن غريب جا پئسا آهن. سو مون کي واپس ڪرڻ گهرجن، هو هلڻ لڳو ۽ اتان گڏين واري دڪان وٽان لنگهيو پئي ته هِن ڏٺو اها گُڏي پئي هئي، وري هن سوچيو ته ڀيڻ لاءِ گُڏي وٺي وڃان. پر ذهن مان اهو خيال ڪڍي ڇڏيائين. اُتي هڪ ماڻهو آيو ۽ ماڻهن کان پڇڻ لڳو ته توهان منهنجا پنجاهه رپيا ته نه ڏنا آهن. ايتري دير ۾ هي اڳتي وڌيو ۽ ان ماڻهوءَ کي ان جا پنجاهه رپيا ڏنائين ۽ اُهو به ٻڌايائين ته اُهي مون ڪٿان لڌا هئا. اُهو ماڻهو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍي ڏنائينس ته هي تنهنجو انعام آهي، پر هن اهي پئسا نه ورتا. هن ماڻهوءَ چيس ته تون هِن دڪان مان ڪجهه وٺ، هِن جو هٿ بي اختيار گُڏي کي وڃي لڳو. ان ماڻهوءَ گُڏي وٺي ڏنس. هو گُڏيءَ وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڊوڙي اچي سيما کي گُڏي ڏنائين، ۽ گُڏي ملڻ کان پوءِ سيما ڏاڍو خوش ٿي. ان وقت کان پوءِ محمود ۽ فاروق گڏجي پڙهندا هئا ۽ محمود جي ڪتابن جو خرچ، فاروق جي پيءَ پاڻ تي کنيو.
پروفيسر رشيده ڀٽي (ڄام شورو)
اُملهه ماڻڪ
حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه جن جو قول مبارڪ آهي ته:
* انسان اُن دولت تي ايترو تڪبر ڇو ڪري ٿو؟ جيڪڏهن ”حلال“ جي ڪمايل آهي ته ”حساب“ ڏيڻو پوي ۽ جيڪڏهن ”حرام“ جي آهي ته پوءِ عذاب سهڻو پوندو!
* ڪتابن کان خالي ڪمرو، بلڪل ائين هوندو آهي، جيئن ڪو انساني جسم، روح کان بغير هجي.
“A room without book is like a body without a soul.”
* پنهنجي ضمير جو محاصرو پاڻ ڪري وٺو، ان کان اڳ جو توهان جو محاصرو ڪيو وڃي.
* اهو ائين ئي آهي جيئن چيو ويندو آهي ته نماز پڙهي وٺو، ان کان اڳ جو توهان جي نماز پڙهي وڃي، محبت ڪڏهن به مري نٿي سگهي، محبت ماري ڇڏيندي آهي.!
* شفيق استاد ۽ مخلص دوست، خدا جي وڏي نعمت هوندا آهن.
* لفظن جو غلط استعمال تمام وڏو گناهه آهي. (سقراط)
* هڪ همراهه شاهي بازار ۾ وڏو پٽڪو ٻڌي لنگهي رهيو هو ته هڪ همراهه هِن کي خط ڏيندي پڙهڻ لاءِ چيو.
هن ماڻهو خط ڏسي چيو ته مان پڙهيل ناهيان. تنهن تي پهرئين همراهه چيس ته هيڏو وڏو پٽڪو ٻڌو اٿئي، تو کي پڙهڻ ڪونه ٿو اچي.
هن همراهه پٽڪو لاهي، ٻئي همراهه جي مٿي تي رکي چيو ته جي پٽڪي ٻڌڻ سان پڙهي سگهجي ته پوءِ تون پڙهه.
(امان الله چانڊيو، ڪوٽڙي)
* پُٽ (ماءُ کي): امان! جي آئون پاس ٿيان ته مون کي ڇا ملندو؟
ماءُ: اَبا، مٺائي.
پُٽ: جيڪڏهن ناپاس ٿيان ته پوءِ ڇا ملندو؟
ماءُ: ته پوءِ جوتا ملندءِ، ٻيو ڇا ملندءِ.
پٽ: امان تڏهن آءٌ ضرور ناپاس ٿيندس. ڇو ته منهنجا جوتا ڦاٽي پيا آهن ۽ مون کي نوان ملندا.
(الطاف حسين ڪاتيار، ميرپور بٺورو)
* هڪ همراه هڪ ڊگهي وڻ تي چڙهي ويو، پر لهي ڪونه ٿي سگهيو، تنهنڪري ياد ڪيائين پنهنجي مرشد کي ”مرشد سائين! مون کي هيٺ لاهه، مان پنجن رپين جي مٺائي ورهائيندس.“ ان کان پوءِ جڏهن همراهه اڌ وڻ تان ڪجهه هيٺ لٿو ته چيائين: ”مرشد سائين، هاڻي اڍائي رپين جي مٺائي ورهائيندس.“ ۽ جڏهن اڃا ٿورو هيٺ لٿو ته چيائين ”مرشد! هاڻ سوا رپئي جي مٺائي ورهائيندس.“ ۽ جڏهن بلڪل هيٺ لهي آيو ته چيائين ”مرشد سائين! جيڪي وڻ تي چڙهن سي مٺايون ورهائين.“
(زمان علي جوکيو، ڪوٽڙي)
* راندين جو ماستر: ليگ بريڪس بال ڇا کي چئبو آهي؟
احمد: سائين اُهو بال جنهن مان ڄنگهه جو نشانو اهڙو وٺجي جو بيٽنگ واري جي ڄنگهه ڀڄي پوي.
(جروار حسين خاصخيلي، محراب پور)
* هڪڙا ٻه بيوقوف رات جو هڪ رستي تان وڃي رهيا هئا، ته هڪ چيو: ”جيڪڏهن مان ٽارچ جي روشني آسمان ڏانهن سڌي ڪريان ته ڇا تون ان تي چڙهي ويندين؟“
ٻئي بيوقوف چيو: ”چڙهي ته ويندس، پر جيڪڏهن تون اوچتو ٽارچ کي وسائي ڇڏين ته پوءِ مان ڌو اچي زمين تي ڪرندس.“
(آغا عرفان الله، حيدرآباد)
مانائتي ايڊيٽر صاحبه
مان گُل ڦُل جو پراڻو پڙهندڙ ۽ لکندڙ آهيان. پنهنجي تجربي جي بنياد تي گُل ڦُل جي مواد کي وڌيڪ سڦلو بڻائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيان ٿو.
ڪجهه تجويزون:
* شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ نون شاعرن خاص ڪري ٻالڪ شاعرن کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي.
* اسان کان وڇڙي ويل شاعرن ۽ شاعرائن جي جنمن ۽ وفات جون تاريخون ڏنگين ۾ ڏجن.
* گهٽ ۾ گهٽ هڪ شعر سائنسي موضوع ۽ هڪ شعر ٻارن جي مسئلن ۽ سندن حل جي حوالي سان هجڻ گهرجي.
* عالمي ڏهاڙن ۽ قومي ڏينهن جي باري ۾ سندن موقعي تي خصوصي شاعري شامل ٿيڻ گهرجي.
شاعريءَ سان گڏ ڪارٽونن/ تصويرن جي چونڊ شعرن جي مفهوم کي چٽو ڪندڙ ٻارن جي نفسيات مطابق هجڻ گهرجي.
اوهان جو پنهنجو
حسين سارنگ
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڄام شورو
محترمه ايڊيٽر صاحبه
آئون پنهنجو هڪ غزل موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪندا.
نوشاد ڀٽي
ايڇ. ايس. ٽي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان
محترمه ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم! اميد ته گُل ڦُل سَٿ خيريت سان هوندي.
سنڌي ادبي بورڊ کي جَس هجي جنهن ٻاراڻي ادب جي واڌاري ۽ ٻارن جي شعوري سگهه وڌائڻ لاءِ شاندار رسالي جو اُجراءُ ڪيو آهي، جيڪو مسلسل ڇپجي رهيو آهي. هاڻي ته مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ صاحب چيئرمين ۽ اوهان جي نگرانيءَ ۾ وڌيڪ بهتر ۽ وقت سر شايع ٿئي ٿو. آئون لطيفي لات جو نتيجو ۽ ڪجهه سهڻا سخن موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪنديون.
ذيشان جمالي
گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول بکر جمالي، مٽياري
ڊسمبر 2021ع جي ماهوار شماري ۾ ”لطيفي لات“ جي سلسلي ۾ ڏنل بيت ”سُر سامونڊي“ جي داستان ٻئي جو چوڏهون نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
هو جيڪي سمنڊ جو سفر ڪن ٿا (ڏينهن رات ان ۾ هلن ٿا)، اهي ئي منهنجا پيارا پرين آهن. آءٌ کڻي ڪيترو به رئان پر اهي ذري برابر ترسڻ لاءِ تيار ناهن. آءٌ کين ڪيترو به روڪيان پر اهي هرگز رڪجڻ وارا ناهن. سندن جدائي ۽ وڇوڙي وارا سور مون لاءِ نسورو ناسور آهن.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* عبدالجبار ”مسافر“ ويسر: سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام.
* جاويد احمد ويسر: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه.
* حسان نوشاد ڀٽي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* عزيز الرحمٰن مگسي: ڪلاس ڇهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* حسنين علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* محمد يوسف ڀٽي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* فرحان شاهه: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* دليپ هيمراج: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* هريش ڪمار: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* راهول ٺاڪر: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* آذان ڀٽي: گورنمينٽ مرزا قليچ بيگ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان حسنين علي جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.