Download sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book1.txt from arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset: direct link, hf CLI and curl.
- Browser
- Download file 178 kB
-
https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book1.txt
- Command line
-
hf download hf://datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book1.txt
-
curl -L -o Book1.txt https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book1.txt
178 kB
| ڪتاب جو نالو: سرتيون 1994ع | |
| سرتيون 1994ع | |
| شمشير الحيدري | |
| عورتن جا حق | |
| وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو، عورتن جي تعليمي ۽ معاشي بدحالي دور ڪرڻ لا۽ عورتن کي برابري جا حق ڏيڻ لاءِ زور ڀريو آهي ۽ چيو آهي ته هڪ اهڙو جامع پروگرام تيار ڪيو وڃي، جنهن سان مسئلا حل ڪري، سندن زندگي بهتر بنائي سگهجي. ان ڏس ۾ محترمه بينظير ڀٽو ”وومين ڪميشن“ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن سرڪاري ملازمتن ۽ عورتن لاءِ پنج سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، ۽”وومين بئنڪ“ جون وڌيڪ شاخون قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي، عورتن کي انصاف پلئه وجهڻ لاءِ هن جدا عدالتون قائم ڪرڻ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو آهي، | |
| هونئن، عورت هجڻ جي ناتي، جيڪڏهن اسان جي وزيراعظم عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه سوچي ۽ ڪري ٿي ته اها سڀاويڪ آهي. پر جيڪڏهن انصافي انصاف ڏٺو وڃي ته پوءِ خود مردن کي به مڃڻو پوندو ته عورت، ۽ خاص ڪري اسان جي ملڪ جي عورت، بيحد مجبور ۽ مظلوم آهي. جيتوڻيڪ وقت جي اٿل پٿل سان سجاڳيءَ جي لهر هر هنڌ پهچي رهي آهي، پر تڏهن به عورتن جي آدمشماريءَ جو ڪو ٿورو ئي حصو آهي،جيڪو زندگيءَ جي سهولتن کي ويجهو ۽ آسودو آهي. باقي سندن وڏيءَ آباديءَ کي ته پنهنجن سماجي حقن جي به ڪا خبر ئي ڪانهي، اهي ته ايترو به نٿيون جاڻن ته سندن گهرن جي ڀتين ۽ لوڙهن کان ٻاهر ڇا وهي واپري رهيو آهي، سو، عورت جيڪا زال، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ آهي، مڙني مردن تي به اهو حق رکي ٿي ته کيس هاڻي سندس سماجي حق ٻُڌايا وڃن، ۽ اهي ڏنا ۽ وٺي ڏنا وڃن. خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي عورتن جي مدد ٿيڻ کپي، جنهن لاءِ سندن شهري ڀينرن جون رضاڪار جماعتون ڪارائتو ڪم ڪري سگهن ٿيون، جتي اهڙيون تنظيمون موجود نه آهن،ا تي به ضرورت آهر اهي وجود ۾ اچڻ کپن، جيڪي اٻوجهه، ڏکويل ۽ بيوس ڳوٺاڻين جي سهائتا ڪن. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ عورتن جي بئنڪن، عدالتن ۽ ڪميشن جا اصل فائدا محدود ٿي ويندا ۽ خاص ڪري سنڌ جي پوئتي ڌڪيل علائقي جون عورتون سرڪار جي پيدا ڪيل انهن موقعن کان محروم رهجي وينديون. | |
| ”سرتيون“ جو نئون روپ | |
| هن پرچي کان، ”سرتيون“ کي ماهوار بنائي پيش ڪري رهيا آهيون، اميد ته نئين سال کان سندس اهونئون روپ اوهان کي پسند ايندو،ا سان جي ڪوشش رهندي ته ”سرتيون“ جي انهيءَ نئين روپ کي هر ڀيري نوان سينگار ڏيئي پيش ڪريون، ۽ پڪ اٿئون ته اسان جا مهربان پڙهندڙ ۽ لکندڙ، ڀائر ۽ ڀينرون، پنهنجو سهڪار ساڳيءَ ريت جاري رکندا. | |
| نئين سال جي مبارڪن سان گڏ، ڌڻيءَ در دعا آهي ته سنڌ جي سرتين لاءِ هي سال سڀاڳو ثابت ٿئي ۽ اهي وقت جي واٽ تي اڳڀريون ٿي هلڻ جي سگهه پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهن. | |
| گلبدن جاويد مرزا | |
| ڊاڪٽر فهميده حسين | |
| عورت | |
| ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ٽنگيل هڪ وجود | |
| انساني تاريخ جي اڀياس مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته انسان پنهنجي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي عورت ۽ مرد جي روپن ۾ هميشه هڪٻئي سان سلهاڙيل رهيا آهن انسان جا اهي ٻئي روپ گڏجي سندس مڪمل وجود جي تشڪيل ڪن ٿا ڪوبه هڪ ٻئي کان سواءِ مڪمل چئي نٿو سگهجي هنن گڏجي انساني نسل اپايا ۽ نپايا آهن انهن جي پرگهور لڌي آهي انهن کي اڳتي وڌايو ۽ ترقي ڪرائي آهي جيتوڻيڪ حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب اڄ عورت دنيا جي تقريبن سڀني سماجن ۾ پٺٽي نظر اچي ٿي ۽ دنيا جي سمورن وسيلن تي مرد قابض نظر اچي ٿو پر تڏهن به اينٿرا پالاجي(anthropology) يا علم الانسان جا ماهر جيڪا سندن ارتقا ڏيکارين ٿا، تنهن ۾ عورت جي پورهئي جو پڙ ڳرو نظر اچي ٿو. جيڪڏهن غير جانبداريءَ ۽ انصاف سان ڏسبو ته اهاڳالهه مڃڻي پوندي ته ابتدائي وحشي انسان کي تهذيب ۽ تمدن سيکارڻ واري عورت ئي هئي ۽ هن جو ڪردار مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال رهيو آهي. هڪ بي رحم ۽ وحشي جانور کي ماڻهپي ۾ آڻيندڙ عورت ئي رهي آهي. | |
| اڄ جي سائنسي ترقي جي معراج تي پهتل انسان کي ان جو بنياد عورت وجهي ڏنو ۽ جيڪڏهن تاريخ جي ڪنهن ظالم دور ۾ مٿس اهي پابنديون نه پون ها، جيڪي هن وقت هوءَ لاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته ڪو شڪ ناهي ته انسان اڄ کان وڌيڪ مهذب ۽ ترقي يافته هجي ها. سندس ڪاميابين ۽ ڪارنامن کي ڳڻپ ۾ آڻجي ته ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي تو ته عورت انسان کي ماڻهپو سيکاريو، تهذيب ۽ تمدن سيکاريو، هن تن ڍڪڻ جو هنر ايجاد ڪيو، انسان جي علاج جي لاءِ جڙي ٻوٽين جوا ستعمال ڪري ابتدائي طب جي پيڙهه وڌي، وڻن ٻوٽن مان خوراڪ ۽ ٻيون زندگيءَ جون ضرورتون حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ ائين زراعت جو بنياد وڌو بنيادي هٿ جا ڪم ۽ هنر ايجاد ڪيائين، وهٽ ڌارڻ ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻ، منجهائن گوشت، کير،بيدا ۽ چمڙو حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي، ماءُ جي حيثيت ۾ بنيادي تربيت ۽ شعور ڏيڻ واري به اها ئي هستي هئي، جنهن کيس مختلف فضيلتون سيکاريون ۽ انسانن جي وچ ۾ رهڻ جهڙو انسان بنايو. | |
| اهي سڀ ڳالهيون مفروضن تي بيٺل ڪونه آهن، انهن جي ثابتيءَ ۾د ليل به ڏيئي سگهجن ٿا. | |
| پهريون مثال لباس جو وٺجي ته اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو ته بنيادي انسان جهنگن ۾ اگهاڙو رهندو هو ۽ هو جانورن کان ڪنهن به ريت مختلف ڪونه هو، گرمي سرديءَ جي شدت کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريائين مائرن پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي ڪکن پنن سان ڍڪيو هوندو، ڪي وڏا پن پاڻ ويڙهيا هوندائون ۽ پوءِ مردن به ائين ڪيو هوندو. پر اها هڪ عارضي شيءَ هئي. پوءِ شڪار ڪري آندل جانورن جون کلون سڪائي انهن کي ڪتب آندو هوندائون، مرد ظاهر آهي ته شڪار ڪيل جانور جي گوشت کائڻ سان ئي واسطو رکندا هوندا. جڏهن ته زالن انهن کلن کي اُس ۾ سڪڻ کان پوءِ جنهن حالت ۾ ڏٺو اهاکين ان جي لباس طور استعمال لاءِ مناسب لڳي هوندي. ڪو وقت اهي کلون استعمال ٿيون هونديون، پوءِ کين جانورن جي کلن مٿان چڙهيل وارن يا ڪپهه جهڙن ٻوٽن مان ڌاڳا وٽڻ جو خيال آيو هوندو ۽ ائين هنن ڌاڳو وٽڻ لاءِ نڙانڊيون، اوبڻيون ۽ ائٽ ايجاد ڪيا هوندا. | |
| عورت جوائٽ سان تمام پراڻو تعلق آهي ۽ ائين ڪپڙو اڻڻ جي ابتدا ٿي هوندي ۽ اگهاڙي انسان تن ڍڪيو هوندو. | |
| وري اچو ته عورت جي طب جي ابتدائي ڪردار کي ڏسون. اڄ به اسان جي ڳوٺن جون بنهه اڻ پڙهيل عورتون به اهڙين ستين ڦڪين جي اثرن بابت جاڻنديون آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جي جديد صورت ۾ا چڻ کانپوءِ انهن جي فعاليت گهٽجي ويئي آهي. مريض پوءِ ٻار هجي يا وڏو، ان جي خدمت چاڪري ۽ علاج يا شڪار لاءِ ويل مردن جي زخمي حالت ۾ اچڻ تي سندن پرگهور لهڻ جو ڪم به عورتن ڪيو هوندو، ان ڪري بنيادي نرس ۽ ڊاڪٽرياڻي به عورت کي ئي چئبو. | |
| زراعت جي ميدان ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪم عورتن جي بلي آهي. هر هلائڻ مردن جو ڪم آهي باقي گهڻو ڪري ٻيا سڀ ڪم يا گڏجي ڪن يا صرف عورتون ڪن. عورت ئي زميني پيداوار استعمال ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. زمين جڏهن ابتدائي وحشي انسان جي جهنگن ٻيلن ۾ جانورن جو شڪار ڪرڻ ويندا هئا ته ڪي عورتون ٻار جي پيدائش يا نيپاج لاءِ پويان رهجي وينديون هيون، جن جي پيٽ گذران لاءِ هو وڻن جا پن، گل ٻوٽن جون پاڙون ۽ ٻج وغيره کاڌي طور استعمال ڪنديون هيون ۽ پوءِ تجربي مان هنن اهو به ڄاڻي ورتو ته ٻج مان ٻيو وڻ ڪيئن ٿو ڦٽي سگهي، اهڙيءَ ريت هنن نوان نوان وڻ پوکيا هوندا ۽ ڀاڄيون ميوا ۽ ان حاصل ڪيو هوندو. اها زراعت هئي. هن انهن شين کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪپڻ، ڪٽڻ ۽ پيهڻ جا اوزار به ٺاهيا هوندا. | |
| علم الانسان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پٿر سڌا ڪري جنڊ جي بنيادي صورت ٺاهڻ، ٿانون گهڙڻ جو رواج، کاڌو محفوط ڪرڻ جا طريقا ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ڪم عورت جي ذهني صلاحيتن جو نتيجو آهن، ۽ چئي سگهجي ٿو ته انساني سماج ۾ صنعتي راهه تي پهريون قدم رکندڙ به اها ئي عورت آهي ۽ ايندڙ زمانن ۾ صنعتي انقلابن جو بنياد به ان جو ئي رکيل چئبو. | |
| جانورن جي پالنا، سار سنڀال وغيره به اڪثر عورت جي ذمي هوندي آهي. اڳوڻن وقتن ۾ سندن رهائش گاهن جي ويجهو چرندڙ جانورن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ ات رهندڙ عورتن انهن جي کير مکڻ ۽ ڪن حالتن ۾ گوشٽ وغيره جي استعمال لاءِ انهن کي جهليو هوندو، خاص ڪري جڏهن مرد ٻاهر شڪار تي ويل هوندا ته کين خوراڪ جا ٻيا متبادل ذريعا ڳولڻ دوران اهو به هڪ ذريعو سمجهه ۾ آيو هوندو. پوءِ انهن جا ڌڻ پالڻ جو رواج پيو هوندو. | |
| اڄ جديد دنيا ۾ زراعت ۽ جانورن جي افزائش مان دنيا پنهنجي خوراڪ جو هڪ وڏو حصو حاصل ڪري ٿي ۽ اهو سڄو عورتن جي ان محنت جي ڪري ممڪن آهي. | |
| ٻار جي پيدائش کان پوءِ هن کي کارائڻ پيارڻ، هلڻ گهمڻ جهڙو ڪرڻ واري اها ئي عورت هوندي آهي. تاريخ کان اڳ واري وحشي انسان کي تهذيب ۽ تمدن جي راهه تي قدم اڳتي وڌائڻ لاءِ اها ئي عورت ذميدار چئي سگهجي ٿي، ٻارن کي جسم جي صفائي سٿرائي ڪپڙن پائڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي وڻندڙ بنائڻ جون بنيادي ڳالهيون به مائرن سيکاريون هونديون. اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي فضيلت به هنن ماءُ کي ڏسي سکي هوندي، جو پيءُ ته اڪثر ڪري شڪار لاءِ هليا ويندا هئا. | |
| مطلب ته وحشي انسان کي اونداهيءَ مان روشنيءَ ڏانهن آڻڻ ۾ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي. | |
| بنيادي تهذيب واري دور ۾ اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ مان ملندڙ مختلف تهذيبن جي آثارن مان خبر پوي ٿي ته عورت کي سماج ۾ تمام مٿانهون درجو مليل هو ۽ اهي سماج ماءُ آدرشي سماج هئا. موهن جو درو، هڙپا به انهيءَ قسم جي سڀيتا جا ساکي آهن، انهن تهذيبن ۾ عورت کي ديويءَ جو درجو مليل ۽ زنانين مورتين جي گهڻي تعداد ۾ ملڻ مان اهي انومان ڪڍيا ويا آهن، ته انهن سماجن ۾ عورت کي تمام بلند ۽ اوچو مقام حاصل آهي.اها بلندي ۽ اوچائي مٿي ذڪر ڪيل سندس محنتن جو نتيجو چئي سگهجي ٿي، هوءَ انهن دورن ۾ ڪٽنب جي سربراهه قبيلي جي سردار ۽ مذهبي رتبي جي لحاظ کان ديويءَ جي روپ ۾ اڄ کان هڪ بلڪل مختلف هستي محسوس ٿئي ٿي. | |
| مزي جي ڳالهه اها آهي ته سندس انهن محنتن جي نتيجي ۾ پاڻ جيڪي ڪاميابيون ماڻيائين، اهي ئي سندس پيرن جون زنجيرون بڻيون.زراعت جي ابتدا پاڻ ڪيائين ۽ ائين زرخيز زمين جي ڳولا ۾ جڏهن دريائن ۽ ندين جي ڪنارن تي وستيون ٺاهيون ويون ۽ پنهنجي ضرورت آهر زمين کي کيڙيو ويو، پر پوءِ ان جي مالڪي ۽ ان کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ٿيون ۽ وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ يا وڌيڪ اپت جي لاءِ افرادي قوت وڌائيندڙ ڄاڻي، کيس ٻارن جي ڄڻڻ جي مشين بڻايو ويو، جسماني طاقت جي خيال کان پٽن جي پيدائش کي ڌيئرن تي ترجيح ڏني ويئي،انهي مشين کي پنهنجي قابو ۾ رکڻ لاءِ مٿس پهرا وڌا ويا، پابنديون وڌيون ويون، مال ڌارڻ جي ابتدا عورت ڪئي پر پوءِ پاڻ مال ۽ ملڪيت بڻجي ويئي، جيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ جهيڙا جهٽا به ڪيا ويا ته ان کي خريد ۽ وڪرو به ڪيو ويو ۽ هوءَ ديويءَ جو درجو رکندڙ هستي پنهنجوانساني درجو به وڃائي ويٺي ۽ سندس انهيءَ پستيءَ کي مختلف ڌرمن وسيلي جائز ۽ فطري ثابت ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويئي. جيڪا نفسيات اڄ ڏينهن تائين نظر اچي ٿي. | |
| عورت جي آزاديءَ، خودمختياريءَ ۽ برابريءَ جي خلاف دنيا جي مختلف ڌرمن ۾ اهڙا اهڙا حڪم احڪام موجود ملن ٿا، جيڪي سندس انسان هئڻ واري حيثيت ۾ شڪ ظاهر ڪن ٿا، يهودين، عيساين، هندن، ٻڌن ۽ ٻين مذهبن جي پوئلڳن وٽ عورت بابت مروج مختلف حقارت آميز معروضن جي ڀيٽ ۾ اسلام ۾ عورت کي هڪ آزاد فرد جي حيثيت سان مخاطب ڪيوويو آهي.اسلام جو اهو روح نبي سڳوري جي حياتيءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ خليفن جي خلافت دوران قائم رهيو، پر انهي نئين ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جو عمل بادشاهت يا ملوڪيت جي اچڻ کانپوءِ ممڪن نه رهيو.بادشاهت واري دور ۾مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ا قتدار جي ڇڪتاڻ ۾ هر ڪهن پنهنجي پنهنجي دليلن سان انهن ڳالين جي تفسير ۽ تشريح ڪري وقت جي بادشاهن جي مرضيءَ ۽ مفادن مطابق معنائون ڏنيون ۽ ملن کان فتوائون ورتيون. جنهن جي ڪري مونجهارا پيدا ٿيا. | |
| ان کان پوءِ وري جيئن جيئن اسلام وڌيڪ ملڪن تائين پکڙبو ويو، تيئن تيئن انهن مختلف ملڪن جون ڪلچري روايتون ۽ مفروضا مذهب جي نالي ۾ شامل ٿيندا ويا ۽ هن مذهب ۾ عورت بابت مثبت روين کي منفي انداز ۾ پيش ڪرڻ سان ڳالهه ويئي هٿن مان نڪري. هڪڙو ننڍڙو مثال حق بخشائڻ جي رسم جو ڏيئي سگهجي ٿو، جيڪا مذهب جي نالي ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي، اصل اسلام ۾ رهبانيت يا مذهب جي نالي ۾ شادي نه ڪرائڻ جو ڪو تصور ئي ڪونهي، پراسان وٽ مولوي ان رسم کي مذهبي منظوري ڏيندا رهيا آهن | |
| مٿين سموري اپٽار مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته عورت مرد جي برابر هڪ انسان جي حيثيت ۾ حياتيءَ جي ابتدا ڪئي ۽ پنهنجي ذهني صلاحيتن سان مرد کي ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي هلڻ جي قابل ڪيو. پوءِ انساني تاريخ جي ڪنهن دور ۾ مرد پنهنجي مضبوطيءَ سبب سندس پيرن هيٺيان زمين ڇڪي ورتي ۽ هاڻي هوءَ ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ معلق پنهنجي پاڻ کي مڃارائڻ لاءِ دانهون ڪري رهي آهي.!! | |
| زيڊ_اي شيخ | |
| رسمن ۾ دلي سڪون سمايل آهي؟ | |
| سڀ کان پهرين ته اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اسان جي سماج ۾ عورت جو مقام ۽ حيثيت ڇا آهي؟ اسان جي معاشري ۾ عورت صدين کان وٺي صحيح مقام حاصل ڪري نه سگهي آهي، جڏهن ته اڄ جي عورت وقت جي وڌندڙ رفتار سان گڏو گڏ اڳتي وڌي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي باوجود به مقيد آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به ڪن خاندانن ۾ ڇوڪريءَ جو پيدا ٿيڻ اهڙو ئي معيوب سمجهيو ويندو آهي، جيترو پهرين زماني ۾!حالانڪ وقت سان گڏ حالتون به ڦيرو کائينديون رهيون آهن، ڪڏهن اهو وقت به هو ته عورت جي گهر کان ٻاهر قدم رکڻ وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو هو، پر اڄ ائين نه آهي. عورت ۽ مرد جو قدم سان قدم ملائي هلڻ لازمي سمجهيو ويندو آهي، هونئن به اُهي قومون ترقي جي ميدان ۾ اڳتي تڏهن آهن يا اها قوم اڳتي تڏهن وڌي سگهندي، جڏهن عورت زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي. اسان جي معاشري ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اهم تبديلين لاءِ ڪڏهن، ڪڏهن دل کي تڪليف ۽ اذيت به اچي ٿي ۽ پوءِ اسين وقت ۽ زماني جي تبديلين مان سڀ کان وڌيڪ سوچڻ لڳون ٿا، انهن تبديلين مان سڀ کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ وڏي مصيبت اها پيدا ٿي آهي جو اسان جو دلي سڪون ختم ٿي ويو آهي. وقت پنهنجا پير ايترا ته ننڍڙا ڪري ڇڏيا آهن، جو اسان کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اسين صبح ۽ شام جي وچ ۾ ئي رهجي ويا آهيون، ڪڏهن اسان انهيءَ تي سوچيو آهي ته ائين ڇو آهي؟ انسان زندگيءَ ۾ مصروف رهڻ جي باوجود به مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي، جنهن لاءِ انسان هر گهڙي ٿڪل ۽ اذيت ۾ مبتلا رهندي به چاهي ٿو ته چند گهڙيون خوشي ۽ دلي سڪون حاصل ڪري، حالانڪ ڏٺو وڃي ته وقت ايترو ته سميٽيجي ننڍڙو ٿي ويو آهي، جو اسان وٽ خوشين جي موقعي تي به اهي سڀ خوشيون پري ٿينديون وڃن، جيڪي خوشيون ۽ دلي سڪون عام زندگيءَ ۾ ملڻ گهرجن اهي اسين موقعن ۽ مهلن ۾ تلاش ڪرن لڳا آهيون، هنن جملن لکندي مون کي هڪ اهڙي شاديءَ جي تقريب ياد ٿي اچي جنهن ۾ وڃڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اڄ اسان کان اهڙيون خوشيون ڇو هليون ويون آهن؟ رسمن رواجن ڪڏهن جنم ورتو، تنهن لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي البت انهن خوشين جي موقعن تي رسمون اظهار جو تجلو آهن، جن جي روشني دل ۽ دماغ کي چند گهڙيون روشن ڪري ڇڏي ٿي، اها وقت جي بدلجندڙ مهرباني چئجي يا ناانصاني ڇو ته اهي رسمون وڌندڙ وقت جي سيني ۾ هوريان هوريان دفن ٿينديون وڃن. هاڻي صرف هڪ ملاقات لاءِ محفل ئي رهجي ويئي آهي. آءُ به جڏهن ان شادي جي محفل ۾ ويس ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته چئني پاسي روشنين ۽ زرق، برق لباس وارن جا حيران ڪندڙ نمونا ٻارن جو گوڙ، ڳالهين جا آواز، جيئن ته گوڙ شاديءَ جو روح هوندو آهي، پر ڳائڻ نه هو. | |
| اڄ ڪلهه اهو ئي رواج آهي جنهن مان هن وقت جي ماڻهن ۾ وقت جي احساس ۽ قدر جي خبر پئجي ٿي، هاڻي شادي ”هال“ ۾ ڪئي ويندي آهي، اهڙا شادي هال شهرن ۾ چئني پاسي ٺهيل آهن، هرڪو اچي هال ۾ گڏ ٿئي ٿو، نه خبر ڪنواريتن جي ۽ نه ئي خبر گهوٽيتن جي البته جنهن شاديءَ ۾ ويس اهو گهوٽتين سان گڏجي وڃڻو هو. گاڏين ۾ چڙهي اچي هال ۾ پهتاسين. چئني پاسي خاموشي لڳي پيئي هئي، عورتون زرق برق لباس ۾ ڪي ڪرسين تي ويٺل هيون ته ڪي هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريون. نه ڳائڻ نه وڄائڻ. ڄڻ هڪ قسم جي پارٽي هئي، آءُ عجيب بيچيني محسوس ڪرڻ لڳس شادي، خوشي آهي ۽ اهي مهلون موقعا زندگيءَ ۾ بار بار نه ايندا آهن ۽ انهي جو اظهار ڳائيندي ڪيو ويندو آهي، اڳي شادين ۾ راتيون وهامي وينديون هيون ته به سوڻ ساٺ ختم نه ٿيندا هئا، (تٿِ) وٺندي ئي زالون دهل تي هٿ هڻنديون هيون روز رات جو پنهنجون توڙي پاڙي واريون اچي گهوٽتين ۾ ڳائينديون هيون جيستائين شادي نه ٿئي، پر اڄ مڃجي ٿو ته وقت انسان کي اڳتي کڻي ويو آهي، پر اهي خوشين جا طريقا انهيءَ وڌندڙ وقت ۾ گم ٿيندا ويا آهن، جيڪا زندگي اڄ اسين گذاريون پيا اها حقيقت ۾ ڏسجي ته ڏاڍي مصروف ۽ بي رونق آهي، جنهن لاءِ اهڙا خوشي جا موقعا ائين بي رونق ۽ بي سڪون، خوشيءَ کان سواءِ بڻائي ڇڏا اٿئون؟ جيتوڻيڪ اسان کي اهڙا موقعا ڪڏهن، ڪڏهن ملن ٿا... ها ته ڳالهه پئي ڪيم شاديءَ جي،جن ڪرسين تي اسين ويٺل هئاسين، بلڪل انهيءَ جي سامهون صوفه سيٽ رکيل هو، جنهن تي ڪنوار کي ويهاريو ويو هو، چند گهڙين کان پوءِ گهوٽ کي به اچي ويهاريو ويو فلم ڪڍڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ ۾ ئي خبر نه پئي... ٿوري دير کان پوءِ چوڻ لڳا ته هلو...هلو ڀڄ ڀڄان شروع ٿي ويئي آءُ به اچي گاڏي ۾ ويٺس ۽ سوچڻ لڳس ته اسان وٽان شاديءَ جون اهي رسمون، اهي رواج جيڪي صدين کان شاديءَ جو روح ۽ زندگيءَ جون زنده رونقون هيون انهن کي ڪيتري نه بي درديءَ سان چيڀاٽيو ويو آهي، ڏسڻ ۾ ته اهي رسمون بي معنيَ آهي. پر اُن ۾ خوشيءَ جو ڪيڏو اظهار آهي يا ڏاوڻ ڏائڻ کارڪ ڇڏائڻ يا کير مان هڪ ئي آڱر سان منڊي ڳولڻ...ڦل چونڊڻ ٻُڪي وجهڻ اهي سڀ ڇا آهن؟ زندگيءَ جا اهي خوشين جا اظهار آهن، جن سان انسان نه چاهيندي به خوش ٿئي ٿو، اهي خوشيون ۽ دلي سڪون انسان جو پيدائشي حق ۽ جز آهي، جنهن کي اسان پاڻ ئي پنهنجي هٿن سان وڃائي ڇڏيو آهي اسين چاهيون ته اڄ به اهي خوشيون ۽ دلي سڪون اهڙين تقريبن ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا. | |
| حسين مسرت شاهه | |
| وڻجاري | |
| شاهه جي شاعري سنڌ جي سڀيتا جي محافظ آهي. شاهه جو هر سُر سنڌ جي سماج تهذيب، ثقافت، معيشت ۽ مذهب جي تصوير آهي. شاهه جي شاعري احساسن ۽ لطيف جذبن جي شاعري آهي. ان ڪري سنئون سڌو دل تي اثر ڪري ٿي. | |
| سر سامونڊيءَ ۾ شاهه سائين عورت جي اصلي فطرت جي عڪاسي ڪئي آهي. شاهه سائين هن سُر ۾ عورت کي تمام حساس، بي وس، ڪمزور ۽ هيڻو پيش ڪيو آهي، ائين ٿو لڳي ته شاهه صاحب ان عورت جي دل ۾ ويهي شاعري ڪئي آهي. سر سامونڊي شاهه ڀٽائيءَ جي مشاهدي جو زبردست دستاويز آهي. | |
| شاهه سائين ان سر ۾ وڻجاري جي لطيف جذبن، احسانن، وهمن ۽ خوشين جو بهترين نموني اپٽار ڪئي آهي، جيڪڏهن وڻجاريءَ کي شاهه صاحب جي اٺين سورمي چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. | |
| سر سامونڊيءَ ۾ شاهه ڀٽائي انهن وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي سمنڊ ذريعي واپار ڪندا هئا ۽ واپار سانگي ڏورانهين ديس جو سفر ڪندا هئا سنڌي وڻجارا تمام محنتي ۽ جفا ڪش هوندا هئا هو پنهنجي معاشي حالت ۽ ديس جي ترقي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي طويل خوفائتا سفر ڪندا هئا. | |
| وڻجارو پنهنجي استريءَ (زال) کي ڇڏي ڏيساور ٿو وڃي هوءَ گهڻو ئي روڪيس ٿي پر وڻجارو ترسي نٿو. | |
| سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا | |
| رئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟ | |
| وڻجاري پنهنجي دل جي ڪيفيت ماءُ کي ٿي ٻڌائي ته ڪيترو به روڪڻ جي باوجود، جوڀن ڏينهن ۾ وڻجارو سفر تي هليو ويو. لڙڪ عورت جو پهريون ۽ آخري هٿيار آهن. ويچاري پريشان ٿي ماءُ کي چوي ٿي ته؛ هيءُ روئڻ سان به نٿو رهي هاڻ هن کي ڪيئن روڪيا. جن رسا ڇوڙي ٻيڙا سير ۾ هاڪاريا سي ڪٿي ٿا ترسن، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري اڳيان وڌندا هجن انهن جي نظر ۾ اکين جي پاڻيءَ جي ڪابه اهميت ڪانهي، جيڪي سمنڊ جي تهه مان موتي ڪڍيو اچن اهي اکين جي تهه مان نڪتل املهه موتين جي قيمت کان بي خبر هوندا آهن. | |
| وڻجاري خواهش ٿي ڪري ته جيڪر ٻيڙيءَ جي رسيءَ ۾ چنڀڙي پوان ها. وڻجارو سال کان پوءِ اچي ٿو پر اچڻ سان وڃڻ جون ڳالهيون ٿو ڪري ته وڻجاري تنگ ٿي چويس ٿي ته | |
| وڃيئي وسري شال! جو تو سودو سکي | |
| هوءَ واپار کي پنهنجي ۽ ڪانڌ جي وچ ۾ جدائيءَ جو سبب ٿي سمجهي تڏهن محبت کان مجبور ٿي، پنهنجي معاشي حالت جي پرواهه نه ڪندي دعا ٿي ڪري ته شل کيس اهو سودو وڻج واپار وسري وڃي. هوءَ پنهنجي غربت ۽ مسئلن کي نظر انداز ڪري صرف ۽ صرف پنهنجي جذبي کي اهميت ڏي ٿي جڏهن سامونڊي گهڻا ڏينهن ٿو لائي ته هوءَ سوچي ٿي ته اهو رشتو ڏک ۽ غم وارو آهي، سامونڊي سان محبت جي ناتي کيس رڳو انتظار ۽ لڙڪ مليا آهن پر انهن سورن باوجود ان تعلق کي ٽورڻ جي باري ۾ سوچي نٿي. سمنڊ جي ڪناري تي هيڪل ويا ڪل اڪيلي هنجون پئي هاري. کيس عورتن وارامخصوص وهم ۽ وسوسا پريشان ٿا ڪن. | |
| لاهيان جي نه چتان، الا انُ م وساران | |
| جيڪو هر وقت سندس دل ودماغ تي حاوي آهي اهو کيس وساري نه ڇڏي ان لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائي ٿي. وري اهو وهم ستائيس ٿو ته ڪٿي سمنڊ جي وير ته ڪونه چڙهي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کيس ٻوڙي نه ڇڏيو هجي. | |
| سر نِسِريا پاند، اتر لڳا، آءُ پرين! | |
| مون تو ڪارڻ، ڪانڌ! سهسين سکائون ڪيون. | |
| هوءَ ڪانڌ جي ورڻ لاءِ هڪ ٻه نه پر سوين سکائون باسي ٿي. جڏهن ساوا سلا اڀرن ٿا ۽ اتر جو واءُ لڳي ٿو ته هن کي جدائي جهوريو وجهي. | |
| وڻجاري کي سندس محبت صفا ڪم عقل بنائي ڇڏيو آهي هو ڪمزور عقيدي جي ڪري سمنڊ جي پوڄا ٿي ڪري ڏيا ٻاري، وڻن تي جهنڊيون ٻڌي سکائون ٿي باسي ۽ سمنڊ ۾ مشڪ ۽ عنبر وجهندي چوي ٿي ته؛ ”اي وشال سمنڊ! منهنجي ڪانڌ جو وار به ونگو نه ڪجانءِ جڏهن هوءَ هر لحاظ کان بي وس ٿي ٿئي تڏهن سکائون ٿي باسي. | |
| جدائي هاڻ صفا سندس ست ڪڍي ڇڏيو آهي هوءَ صفا هيڻي ٿي چڪي آهي ۽ کيس پنهنجي ڪمزوريءَ جو پوري طرح احساس آهي، ته بندر کانئس پري آهي نه ته جيڪر گهڻوئي اڳتي وڌي ها پر سندس هڙ ۾ به ڪجهه ڪونهي. آخر صفا بي وس ٿي دليل ٿي ڊوڙائي ته ضرور سڄڻ هن ۾ ڪو عجيب ڏٺو آهي تڏهن ايترين آزين نيازين کان پوءِ به ترسيو ڪونه، نه ته هو ته تمام ٻاجهارو آهي. اها وڻجاري جي محبت جي انتها آهي جو هوءَ وري به سامونڊيءَ کي ڏوهه نٿي ڏي. | |
| هاڻ سندس انتظار جي حد ٿي ويئي آهي ۽ قوتِ برداشت ختم ٿي ويئي آهي هوءَ ونجهه کي ڀاڪر وجهيو روئي چوي ٿي ته جدائي کيس هاڻ ماري ڇڏيندي. جدائيءَ سندس جيءُ جهوري ڇڏيو آهي کيس بچڻ جو ڪو به آسرو ڪونهي. | |
| پر وقت آخر گذريو وڃي. ڪانگ جي لات کيس آٿت ڏي ٿي. سامونڊين جي اچڻ جو آسرو ٿيو آهي. | |
| تڙين تنوارين، ماءِ! سامونڊي آئيا، | |
| مون کي جيارين، وايون وڻجارن جون | |
| سندس سکائون پوريون ٿيون، هوءَ تڙ تان سامونڊين جون لاتيون پئي ٻڌي ، وڻجاري ڏک، سور ماءُ سان سلي ٿي ۽ وري خوشيءَ جي خبر به ماءُ کي ٿي ٻڌائي ته سامونڊي اچي ويا آهن انهن جا آواز سندس مئل روح کي جيارين پيا، مرده جسم ۾ ڄڻ ته ساهه پئجي ويو آهي. جيڪا وڻجاري ونجهه کي چنبڙيو ساڻي ٿي پئي هئي اها هاڻ خوشي مان ٽپ پئي ڏي ماءُ کي ٻڌائڻ کان پوءِ سهيلين وٽ آئي آهي چوي ٿي ته، جنهن ويل سامونڊي اڱڻ تي ايندو ته هوءَ هيرا موتي، املهه ماڻڪ مٿانس گهوريندي، ڇو ته سندس اصل ملڪيت، دولت، املهه ماڻڪ ته وڻجارو آهي، دنيا وي دولت جي کيس ڪابه هوس ڪانهي. ڌڻيءَ سندس دعائون قبول ڪيون، رب جي ڪرم سان وڻجارو لهرون اُڪري ڪناري رسيو ۽ وڻجاريءَ لاءِ ڄڻ ته عيد ٿي ويئي. | |
| لهرون لنگهيائون، لطق سان لطيف چئي | |
| ثريا سوز ڏيپلائي | |
| (لوڪ داستان) | |
| وندل ٻائي | |
| لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ آهن جيئن اکيلبو، تيئين امُلهه ماڻڪ پڌرا ٿيندا، سچو سون سهيڙي سگهبو ۽ اهڙي سُرهاڻ سُڳنڌ پولار ۾ پکڙندي، جيڪا ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي من کي مست بنائي ڇڏيندي. ڪڏهن خوشي ۽ ڪڏهن دک درد جا جذبا اندر مان اڀري، گيتن جي گونجار بنجي پيا پڌرا ٿيندا آهن ته ڪڏهن وري حقيقتون، داستانن جي روپ ۾، سر جي سامهون اينديون آهن. ڪڏهن ماءُ جو پيار ڪڏهن ڀيڻ جو پيار، ڪڏهن وري سجنيءَ جي سار ۽ سڪ، داستان جو روپ ڌاريو. انهن سمورن سچن سڱن ۾، ڪنهن به ڊول تي، ”عورت“ ۽ ”مرد“ جو ناتو برقرار رهيو ۽ پيار جو بنياد بڻيو. پر وندل ٻائيءَ جي ڪهاڻي ٻن عورتن جي ڪهاڻي ۽ قصو آهي. وندل ٻائي ”نُنهن“ آهي ۽ اُن سان جنهن ويل وهايا، سابه هڪ عورت آهي سس جي صورت ۾، جنهن پُٽ جي ونيءَ کي نه سَٺو! | |
| ظالم به عورت ته مظلوم به عورت! | |
| ”شهزادي وندل ٻائي“ ستن ڀائرن جي دادلي ڀيڻ هئي، جنهن جي اَرهي سرهي منهن ڏي نهارڻ وارا سوين هئا، سا جڏهن وڌي وڏي ٿي ته سونهن ۽ سيرت ۾ سڀني کان سرس ثابت ٿي. سوين سڌ ڪري آيا، پر سپنو سچو آخر هڪ سودا گر جو ٿيو، جنهن جي ماءُ پڻ اِها آس سيني ۾ سانديو ويٺي هئي ته پنهنجي شهزادي لاءِ ڪا ملوڪ مُک ۽ ساڃهه ڀريل سيرت رکندڙ نياز ۽ نوڙت رکندڙ ناري آڻيان، جنهن کي پنهنجي اوٽي اڱڻ تي هلندو ڏسي هاءُ ٺاريان! ستن ڀائرن جي سڪيلڌي، مائٽن جي مٺڙي، سوداگر جي سجني ٿي، اچي اوٽي چڙهي سس به ڏاڍا ساٺ سوڻ ڪيا، هڪ ئي ته ”ڇُوتو“ (سڪيلڌو پٽ جيڪو پريت جي پاڇن ۾ پروان چڙهيو هجي) هئس جنهن جي موڙ ڏسڻ جي من ۾ مراد هئس! | |
| سس سمجهيو ته سڀڪجهه منهنجو آهي، پر سوداگر کي ته شهزادي وندل ٻائيءَ سوا ڪي سجهي ئي نه! سوداگريءَ ڪاڻ سوين سفر ته ڪرڻا هئا، سو سڄو وقت ”وندل“ جي ور ونهه ۾ ئي ويٺو هوندو هو جيڪا ساعت سپرينءَ جي ساٿ سنڀري، سا سون سريکي ٿي سمجهيائين. | |
| سس ڪيئن کائي ڪَس، تنهن کي پنهنجي آندل ”وندل“ اصل نه آئڙي، سڪيلڌي پٽ کي پرين جي پچار ۽ پريت جي پيچ ۾ پوتل ڏسي، سيني ۾ سٽ سِٽڻ لڳي. ڪُڇي ڪنهن وٽ ڪجهه ڪونه. مُنهن جي مِٺي ٿي واتان وڃايائين ڪونه، پر مَن ۾ متل مانڌاڻ کي ويٺي ولوڙيائين، سمجهيائين ٿي ته سوداگر سلهاڙيندو سودي جي سٺي، وندل وهندي مون وٽ، وڻندم سو ورتاو ڪنديس! | |
| سچ پچ سوداگر سنبريو سودي لاءِ سامان سڙا کڻي، سُپرين کي سدا ڪاهري ماءُ جي سپرد ڪري سهي سنڀري ٿيو روانو. | |
| ”وندل“ ويچاري، سڀ ويچار وساري، ساجن سان گڏ گهاريل گهڙين کي ساري، پَل پَل پور پچائيندي، آئيندي جي آس رکندي سپنا سجائيندي ڏينهڙا گهنگهر ۾ گهاريندي رهي. سس کي سمجهيائين ٿي ماءُ، سمجهائين ٿي سس ڏيندي سوداگر جوساءُ، پر سس ته گهڙي گهڙي ڏٺو ٿي گهرو گهاو! | |
| مٿان وري نڻانون به ناز ڪنديون روز پيون ماءُ سان رمزون ڪنديون هيون ”وندل“ ويچاريءَ ته ناز ڇڏيا، نخرا ڇڏيا ور ولهي ته ڪونه هئي، پر وَرِ ته ويو واپار تي پاڻ ته هئي سس ۽ نڻانن جي آڌار تي، تنِ من ۾ پائي ميل، کيڏيو هڪڙو کيل چي؛ ”هل ته هلون سير تي، مُند آهه مزيدار، درد نه دل ۾ ڌار، مونجهارا مٽائي“! | |
| ”وندل“ ويچاري، ساجن کي ساري ترت ٿي تيار، ڪيئن ڪري انڪار سسِ جي سٽ نه سمجهي،ڀانيائين نڻانون ڀيڻ، تن واهه جا وڌس ويڻ! | |
| ڪوٺي ويون ڪپ تي، ڪاتيءَ ڪُٺائون وَر ور وڍي ويچاري، ڏٽي ڇڏيائون خوش ٿي کليائون، ”وندل“ ويئي ووءِ ووءِ ڪندي ڏينهن گهڻا ويا گذري، ”وندل“ ويئي وسري! آخر سوداگر ساريو وڻج ڇڏي واپار وساريو اچي پهتو گهر! ورتائين خير خبرٰ | |
| ”سڀ آهه سڻائي!“ ماءُ چيو مرڪي سوداگر ساهي نه پٽي ڪاهيائين ڪوٺي (ڪمري) ڏانهن اندر هئي اُنڌاهه، دل مان نڪتس دانهن! | |
| ”وندل“ جو ويچار وٺي ويس، ڍونڍيائين چوڌار، ماءُ جو موڙو ڇڏي پڇيائين پتو پار ”ويئي هئي جنڊ تي اڃا نه آئي!“ ماءُ ڏني واڌائي. | |
| جنڊ، جنڊ جاچيو، جهڄندو آيو، ”وندل“ ويئي ڪيڏانهن؟ | |
| ”جيڏين“ سرتين ساڻ، ڪندي هوندي رهاڻ ماءُ ڏنو هي ڏس، ويچارو وري ويو، جيڏيون جاچيائين، سرتيون سڃاتائين، ”وندل“ نه ويڙهي! موٽي اچي ماءُ کان ٽيهر پڇيائين. | |
| ”ويئي“هوندي تڙ تي!“ ماءُ ڏنو مِهڻو! متان ويئي مائٽين وِندل شهزاديَ ڪوه ڄاڻان ڪوه ٿيو، ڪهڙي ٿي تعدي! نيٺ ويوويڙهي، جتي رت ڏٺئين ريلا، سڌي سنواٽي پٽ تي تازاڪي تيلا (ڍڳيون) من ۾ مونجهه وڌي ويس، اڃا وڌي اڳتي ، ڇير ڪئي ڇمڪار ”وندل“ ويئي مري نورن گهنگهرن جي گونجار ”ڪنوار“ ويئي ڪُسجي!! سوداگر جي سيني مان نڪتي اهڙي ”آهه“ | |
| اڀ مان آنسو وسڻ لڳا، ڌرتيءَ ”اگهڙي باهه“ وندل تون وِسار، ونيون تولئه کوڙ! | |
| ماءُ مِيٽيو مامرو اکر چئي اِي، وڃي ڪيائين توڙ ”وندل“ هئي منهنجي وني، ساتو ڪانه سٺي، سوداگر جي سورن ريءَ ڪونهي ڪا گهٽي | |
| تو ڪومل ڪئين ڪُٺي، | |
| ”ماڻهپو“ تو مان ويو مٺي! | |
| ماءُ وڌو تو وير! | |
| يا موٽڻ ۾ مون کان ٿي اوير؟ | |
| شبنم گل | |
| تنهائيءَ جي خوشبوءِ | |
| هوءَ ڪيتري دير کان بس اسٽاپ تي بيٺي هئي ۽ بس هئي جنهن اچڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. هوءَ ڪيترين نظرن جو مرڪز هئي. عجيب قسم جي شرمندگيءَ جي احساس تحت سندس پيشاني پگهر جي ڦڙن سان جرڪڻ لڳي. عورت هئڻ جو هڪ عجيب احساس جرم....زندگي ڄڻ ته مداريءَ ۽ ڀولڙي جو ڪو تماشو هجي. اوچتو پري کان بس ڪنهن نخريلي محبوب جيان لڏندي لمندي نروار ٿي ته هن سُک جو ساهه کنيو، بس ڀرسان اچي بيٺي. هوءَ پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳي ماڻهو هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا بس مان لهي چڙهيارهيا هئا، وقت جو زيان ڪرڻ وارن کي پنهنجي منزل تي پهچڻ جي ايڏي تڪڙ ڇو آهي؟ هوءَ سوچڻ لڳي. ان وچ ۾ ڪنڊيڪٽر فرشتي جيان منظر تي ظاهر ٿيو، ”اڙي بابا! ڪجهه ته سوچ ڪريو، ليڊيز کي چڙهڻ ڏيو.“ | |
| ڪنڊيڪٽر جي صدا تي هجوم پاسيرو ٿيو ۽ مايون بس ۾ چڙهڻ لڳيو، هوءَ به پنهنجي سيٽ تي وڃي ويٺي، ڪو زمانو هو، جڏهن مرد عورت جي احترام ۾ رستو ڇڏي بيهندا هئا، سندن احترام ۾ اُٿي کين سيٽ ڏيندا هئا ۽ اڄ هيءَ ڪهڙي هوا گُهلي آهي، جنهن ۾ انسان جي حيثيت ڪک جيتري به نه آهي. نه رڳو عورت جي حيثيت! هوءَ ٽشو پيپر سان پگهر اُگهڻ لڳي. بس ۾ ماڻهن جي پيهه پيهان پئي هئي، ٿوري دير کان پوءِ بس هلڻ لڳي، حد کان وڌيڪ رش هئڻ ڪري، اڪثر ماڻهو بيٺا هئا، جن ۾ هڪ پوڙهي مائي به هئي، هڪ بيٺل ماڻهو سيٽ تي ويٺل نوجوان کي مخاطب ٿيندي چيو. | |
| ”ڀائو ڪجهه خيال ڪيو مائي ويچاري بيٺي آهي ۽ توهان آهيو جو ايڏي لئي سان ويٺا آهيو!“ | |
| پٺيان يونيورسٽيءَ جي ڇوڪري رڙ ڪئي شيم...شيم... | |
| نوجوان کي مهانگي کدر جو سوٽ پيو هو، جوانيءَ جي غرور ڪري سندس ڪنڌ کي ڄڻ ته ڪلف لڳل هو. ڪاوڙ ۾ وراڻيو، | |
| ”هل ميان وڃي پنهنجو ڪم ڪر، تنهنجي ڪا ماسي لڳي ڇا جو ايڏو پيو ڦٿڪين....؟“ | |
| بس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. | |
| پوءِ ته ماڻهوءَ جا هٿ وڃي نوجوان جي ڪلف لڳل ڳچيءَ ۾ کتا ۽ جهيڙو شروع ٿي ويو. | |
| نيشا مٿي تي هٿ رکي سوچڻ لڳي. | |
| يا خدا! ڇا پناهه ڪٿي به ناهي !گهرن، گهٽين، پاڙن، بازارن ۾ جهيڙا.... انسانن ۾ تفريق، ننڍ وڏائي، قوميت جا جهيڙا. انسان ڪڏهن ان حقيقت کي سمجهندو ته هو فقط پيار ڪرڻ ۽ پيار ورهائڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. هيءَ زندگيءَ ته عارضي آهي. پل جو جهوٽو، هيئنر سڀ ڪجهه آهي. خيال جذبا ۽ خواب ۽ گهڙيءَ کان پوءِ ڪجهه به نه آهي.. جيئري جاڳندي وجود جي جاءِ تي فقط هڪ گمان هڪ پاڇو، ماضيءَ جو ڪو وڃايل سپنو، خواهش جي اکين مان لڙي آيل ڪوبي قيمت لڙڪ. | |
| آخر انسان پنهنجي وجود جي اهميت کان ڪڏهن آگاهه ٿيندو،ڪڏهن خود شناسيءَ جي آئيني آڏو اچي بيهندو، ڪڏهن ان مقصد کي سڃاڻندو، جنهن جي ڪري هو دنيا ۾ موڪليو ويو آهي. جيڪڏهن جسم جون پنهنجون گهُرجون آهن ته روح جا به ڪي تقاضاآهن. روح، جيڪا نظر نه ايندڙ شيءِ آهي، جنهن جو تسلسل احساس سان جڙيل آهي، نظر نه ايندڙ هوائن جيان روح جي پنهنجي موسيقي آهي. | |
| روح، احساس جي تارن تي ڇيڙيل لافاني گيت ڳائڻ لاءِ آهي، روح کي نفس جي پردي ۾ نه لڪايو... روح کي سچائيءَ جي روشني گُهرجي... ماڻهن کي روحاني موت مرڻ کان بچائڻ گهرجي. ماڻهن جيئن، ڌرتي، ادارن ۽ قوميتن کي بچائڻ لاءِ تحريڪون هلائيندا آهن، جيئن ماحولياتي آلودگي جي بچاءُ جي تحريڪ هلائي پئي وڃي. ائين ئي روح کي آلودگيءَ ۽ نفس جي ڪثافتن کان بچاءُ جي تحريڪ هلائڻ گهرجي... | |
| جيئن ماڻهو، ماڻهوءَ سان ائين نه وڙهي. | |
| جيئن روح جو لازوال گيت کيس اهڙي ناقابل تسخيرقوت عطا ڪري، جنهن جي روشنيءَ ۾ هو مستقبل ۾ جهاتي پائي ڏسي سگهي... | |
| جهيڙي ۾ هاڻ ڪجهه ٺاپر اچي ويئي هئي، پر نيشا مسلسل سوچي رهي هئي. هن دريءَ کان ٻاهر نهاريو، جتي منظر تيزيءَ سان بدلجي رهيا هئا، بس ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ کان لنگهي رهي هئي، گند جي ڍيرن تي اڌ اُگهاڙا ٻار بيٺا هئا، هوءَ وري سوچ ۾ وڃائجي ويئي، انهن اڌ اُگهاڙن ٻارن کي مستقبل جو تحفظ ڪير ڏيندو! مان جو هڪ مثالي معاشري جا خواب ڏسندي آهيان، ڇا اڄ تائين ڪنهن هڪ ٻار جو مستقبل بچائي سگهي آهيان! ڇا اسان جو هر ايندڙ نسل مثالي معاشري جا خواب ڏسندو. حالتن سان ٽڪرائجي ائين ئي وکرندو رهندو، مخالفتن جي پٿرن سان ٽڪرائجي ٿاٻا کائي سنڀلڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو. آخر ڪيستائين ..!!! | |
| نيشا جي پوسٽنگ جڏهن کان شهر جي ڪاليج ۾ ٿي هئي، تڏهن کان هوءَ پريشانين ۾ گهيرجي ويئي هئي. هوءَ روز سو ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري ڪاليج پهچندي هئي، هن لاءِ ڊيلي آوٽ بيڪ ڪرڻ وڏو مسئلو هو. خاص ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ايندي ويندي جن تلخ تجربن مان هوءَ گذرندي رهي هئي سي هن لاءِ ناقابل برداشت هئا، هوءَ ڊسٽرب ٿي ويئي هئي. سندس ڪيترا ڪم رُلي ويا هئا،ا يم فل لاءِ ٿيسز لکڻ جي ڪم ۾ اها روز جي مسافري ۽ ٿڪا وٽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي ويا هئا. | |
| ڪجهه ڏينهن اڳ نيشا کي هڪ آسرو مليو هو. شهر ۾ ڪيترا ڪاليج هئا، پر هاسٽل فقط هڪ ڪاليج ۾ هئي. نيشا ان ڪاليج جي پرنسپل جي تعريف ٻڌي هئي، هڪ ڏيهن پرنسپل سان ملي هن کيس پنهنجي مسئلي کان آگاهه ڪيو. | |
| ”توهان جو مسئلو پنهنجي جڳهه تي، پر اسان ڪنهن ٻئي ڪاليج جي ليڪچرر کي پنهنجي ڪاليج جي هاسٽل ۾ جڳهه نه ٿا ڏيئي سگهون!“ | |
| ”منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن شهر ۾ ڪا هاسٽل آهي ته مسئلي جي نوعيت کي سمجهندي مون کي ان ۾ جڳهه ملڻ گهرجي“ | |
| ”اسان جي ڪاليج جا ڪجهه رولز اينڊ ريگيوليشنز آهن.“ | |
| پرنسپل جي ڳالهه ٻڌي هن سوچيو، هر ناجائز ۽ غلط ڪم لاءِ رولز اينڊ ريگيوليشنز ڇو نه هوندا آهن...! | |
| هن پرنسپل کي قائل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. | |
| آءِ ايم ساري، مان اوهان لاءِ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهان.“ | |
| هوءَ مايوس ٿي آفيس مان ٻاهر نڪري آئي، ايندي ايندي هن آفيس ۾ ويٺل هڪ پروفيسر جا رمارڪس ٻڌي ورتا. ”اهي يونيورسٽيءَ جون پڙهيل انٽليڪچوئل ڇوڪريون ڏاڍيون خطرناڪ هونديون آهن.“ | |
| نيشا ڪيترا ڏينهن ان جملي جي پس منظر تي سوچيندي رهي، هر اُهو ماڻهو جنهن ۾ خود شناسي ۽ ذاتي تجربي جي صلاحيت آهي ڇا ٻين لاءِ نقصانڪار آهي! شايد ان ڪري ته ڪوبه ماڻهو نه چاهيندو آهي ته ڪو ٻيو هن کان بهتر هجي. هر ماڻهو کي هڪ رهبر گهرجي. اها ٻي ڳالهه ته رهبر جي ويس ۾ ڪو رهزن لڪل هجي. | |
| هن دور جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته جيڪو ماڻهو جيترو مخلص آهي، اُهو زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اوترو پوئتي آهي، هن پرنسپل جي ڪيڏي نه تعزيت ٻڌي هئي، پر هن سان ملي کيس افسوس ٿيو هو، عورت ته عورت جي مسئلي کي بهتر طور تي سمهجهي سگهي ٿي، پر هتي ته عورت ئي عورت جي مسئلي کان بي خبر آهي پوءِ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي. | |
| هونئن به نيشا هڪ ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي هئي ته ايڊمنسٽريشن ۾ عورتن کان وڌيڪ مرد تعاون ڪندا آهن، جڏهن ته انتظامي معاملن کي سنڀالي، اڪثر عورتن جي مزاج ۾ خلوص ۽ انڪساري بدران سختي ۽ دنيا داري وڌيڪ اچي ويندي آهي. | |
| ”ڪاش! پرنسپل وٽ هڪ درد مند دل هجي ها! هاڻ ڪو ٻيو چارو نه هو، سواءِ ان جي ته ڪٿي پي انگ گيسٽ ئي رهجي. | |
| پر ڪٿي...!!! | |
| هونئن به ڀتين جي ڦهلاءُ سان دليون سوڙهيون ٿي رهيون آهن. گهر جو تصور ساڳيو ناهي رهيو. هاڻ گهر، گهر گهٽ مسافر خانا وڌيڪ لڳندا آهن، جتي فقط ذاتي خوشين جو تصور آهي ۽ جتي ڪوبه هڪٻئي جا ڏس شيئر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. | |
| جتي اجنبيت هجي، اتي دوستي ۽ محبت نه ٿي ٿي سگهي.،انا پرستيءَ جي اوندهه ۾ پنهنجائپ جو ڪو ڪنول نه ٿو کڙي سگهي. نيشا کي رهڻ لاءِ هڪ ڪمروئي کپندو هو. ڪنهن جي ٻڌائڻ تي هوءَ مسز نگار سان ملڻ ويئي، جيڪا پنهنجي انتهائي وسيع بنگلي ۾ پي انگ گيسٽ رهائيندي هئي. مسز نگار کيس ڪمرو وغيره ڏيکاري ڊرائينگ روم ۾ اچي ويهاريو ۽ هن لاءِ چانهه ۽ ڪجهه نمڪين شيون به کڻي آئي. چانهه پيئندي هوءَ ڄڻ ته نيشا جو انٽرويو وٺڻ لڳي. | |
| فرصت جي وقت ۾ ڪهڙا مشغلا اٿو؟ | |
| هونئن فرصت ملندي گهٽ اٿم، پر جيترو وقت ملندو آهي، عبادت ڪندي آهيان.“ | |
| ”عبادت...!!!“ مسز نگار حيران ٿي پڇيو. | |
| ”ذهن جي يڪسوئي ۽ سڪون لاءِ عبادت تمام ضروري آهي.“ | |
| ”عبات لاءِ ته هڪ عمر پئي آهي هيءَ عمر ته انجوائي ڪرڻ جي آهي.“ | |
| ”مذهب زندگيءَ کي مقصد عطا ڪري ٿو.“ | |
| ”۽ اهو مقصد ڇاٿو ٿي سگهي؟“ خبر ناهي ڇو نيشا کي محسوس ٿيو ڄڻ مسز نگار جي لهي ۾ طنز هجي. | |
| ”انفراديت کان وڌيڪ اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ، پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي ڪم اچڻ۽...“ | |
| ”بس بس“ مسز نگار سندس ڳالهه ڪٽي Life is just like a puppet show ۽ اهو غلط آهي ته زندگيءَ کي ڪو مقصد يا ڪا معنيَ آهي. There is only holtinngeesمسز نگار جي ڳالهه ٻڌي نيشا کي خبر نه آهي ڇو ڪاوڙ لڳي. 'We should try to find out beauty and goodness from that nothingness' ”اوهه مسز نگار سندس ڳالهه ٻڌي ٿڌو ساهه ڀريو. | |
| ”زندگي جي تلخ تجزين منهنجي اندر ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي.“ | |
| ”دراصل مان تنهائيءَ کان ڏاڍو خوفزده رهندي آهيان. ان ڪري مان ڪنهن نه ڪنهن کي پاڻ وٽ پي انگ گيسٽ رکندي آهيان. منهنجي خيال ۾ تنهائي هڪ وڏو عذاب آهي.“ | |
| نيشا سوچيو،”تنهائي هر ان ماڻهوءَ لاءِ عذاب آهي، جنهن جي دل ۾ ڪو چوررهي ٿو.“ | |
| تنهائي ته سچ جو آئينو آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي اصليت ڏسي سگهي ٿو.“ | |
| ”تنهنجون ڳالهيون تنهنجي عمر کان گهڻيون وڏيون آهن.“ مسز نگار جي لهجي ۾ خفگي لڪل هئي. | |
| ”حالتن اسان کان عمرن جو فطرت پڻو کسي ورتو آهي.“ | |
| ”لڳي ٿو ڪا گهري چوٽ کاڌي اٿئي.“ | |
| مسز نگار جي ڳالهه ٻڌي نيشا کلي پئي. سندس کل ۾ عجيب بي ساختگي هئي. | |
| ”مان ڳالهه انفرادي حوالي سان نه پئي ڪيان مون سدائين اجتماعي مسئلن تي سوچيو آهي.“ | |
| ”ڇا تنهنجو ڪو بواءِ فرينڊ آهي.؟“ | |
| ”جي....!!!“ | |
| ”مون کي شايد اهڙو سوال نه، پڇڻ گهرجي.“ | |
| توهان اهو ڇو ٿا ڄاڻڻ چاهيو.“ | |
| ”ان ڪري ته تنهنجي ڳالهين ۾ تنهائيءَ جي خوشبوءَ آهي.“ | |
| ”تنهائي جي خوشبو“ مسز نگار جي ڳالهه ڪيڏي نه آرٽسٽڪ آهي نيشا سوچيو. | |
| ”ڇا مون غلط چيو.“ مسز نگار پڇيو. | |
| ”دراصل ڳالهه اها آهي ته رفاقتن جي ڪچن رنگن کان تنهائي جي خوشبوءِ چڱي آهي.“ | |
| ”مون کي اها ڳالهه پسند آئي.“ | |
| ”شڪر آهي توهان کي منهنجي ڪا ڳالهه وڻي ته سهي“ | |
| ”جڏهن جواد مون سان گڏ هو، تڏهن دنيا جي هر شيءِ حسين ۽ وڻندڙ لڳندي هئي.“ | |
| ”جواد ڪير....!!!“ | |
| 'My husband' | |
| ”پوءِ توهين تنها ڇو رهو ٿيون.“ | |
| ”هو مون کان ناراض ٿي الڳ رهي رهيو آهي، هو هڪ ننڍي ڳالهه تي خفا ٿي ويو آهي. خفا ٿيڻ کانپوءِ هو فارين هليو ويو آهي“ | |
| توهين کيس پرچائي سگهو ٿيون.“ | |
| ”منهنجي ڪا انا آهي.“ | |
| ”عورت جي ڪابه انا نه هوندي آهي.“ | |
| نيشا محسوسو ڪيو، هن جي ڳالهه مسز نگار کي خراب لڳي هئي. اسان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهيون.self recognition کان هٽي ڪري اسان معاشري ۾ ڪو مضبوط حوالو کڻي متعارف ٿيڻ چاهيندا آهيون. اهو حوالو دولت به ٿي سگهي ٿي ته ماڊرن ڪلچر به، ڪجهه به هجي اسان کي پنهنجي ثقافت پنهنجي مشرقين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. | |
| پر هوءَ اها ڳالهه مسز نگار کي نه چئي سگهي. خاموشي سان اجازت وٺي ان گهٽيل ماحول کان ٻاهر نڪري آئي. | |
| ”هاڻ ڇا ٿيندو؟“ هن افزا کي، پريشان ٿي چيو، | |
| ”تنهنجو واقعي دماغ خراب ٿي ويو آهي. توا يڏو سٺو موقعو وڃائي ڇڏيو.“ | |
| ”مان ان ماحو ۾ ايڊجسٽ نه ٿي سگهان ها.“ | |
| ”جيڪا تنهنجي مرضي.“ | |
| افزا چپ ٿي ويئي ۽ وري اهو ساڳيو مسئلو هلندو رهيو. پر افزا پنهنجون ڪوششون جاري رکيون. هوءَ دوستي نڀائڻ وارن ماڻهن مان هئي. کيس نيشا جي پريشانيءَ جو اندازو هو. هوءَ کيس هڪ اهڙي گهر وٺي ويئي، جيڪو نيشا کي پسند آيو. گهر جي ڀتين ۾ اوپرائپ بدران پنهنجائپ جي خوشبوءِ هئي. اهو گهر آنٽي شاهه بيگم جو هو، جنهن سان افزا جي گهر وارن جي دعا سلام هئي اُن ئي ڏينهن نيشا سامان کڻي آنٽي شاهه بيگم جي گهر شفٽ ٿي ويئي، نيشا کي هڪ کليل ۽ هوادار ڪمرو مليو هوجنهن جي دري باغ ڏانهن کلندي هئي. | |
| آنٽي شاهه بيگم هڪ بيواهه عورت هئي. جنهن جي هڪ ڌيءَ علينه ڊاڪٽر هئي ۽ آمريڪا ۾ رهندي هئي. هوءَ گهر ۾ پنهنجي ڏهن سالن جي پٽ نومان سان رهندي هئي، گهر جو مٿيون حصو به مسواڙ تي ڏنل هو. ان رات نيشا کي اُهوڪمرو پنهنجي اندر جي سڪون سان هم آهنگ لڳو. ڪمرا به شايد دلين جي وسعتن وانگر فقط انهن کي قبول ڪندا آهن، جيڪي دل جي گهراين ۾ لڪائي رکڻ جهڙا هوندا آهن، هر گهر جي پنهنجي خوشبوءِ هوندي آهي، خوشبوءِ پاڻ ٻڌائي ڇڏيندي آهي ته هن گهر ۾ ڪهڙي قسم جو ماڻهو رهندو آهي. آنٽي شاهه بيگم جي گهر جي پنهنجي الڳ خوشبوءِ هئي. سچائي جي خوشبوءِ، پنهنجائپ جي خوشبوءِ، سادگي ۽ ايمان جي خوشبوءِ، صبر ۽ تابعداري جي خوشبوءِ. | |
| سو مهاڻيءَ جي نماز جو وقت هو جڏهن پنهنجي ڪمري مان آنٽي شاهه بيگم کي سجدي ۾ جهڪيل ڏسندي هئي. ته کيس لڳندو هو، ڄڻ ڪائنات جي هر شيءَ مرڪي رهي آهي. سک جا هٿ سندس بي چين روح کي ڇهي وٺندا هئا. ڄڻ زندگيءَ جي ڪوڙين خوشين ۾ دائمي سچ جا ڪرڻا روح کي ميري ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. | |
| ازل کان روشن رهندڙ سچ اهو ئي ته آهي، جنهن وجود ۾ انفراديت جي خوشبوءِ کي سدائين تازو رکيو آهي. زندگيءَ جي منفي روين ۽ خواهشن جي برتري تي فتح حاصل ڪندڙ سچائيءَ جي روشني ۽ اها عبادت جي روشني هئي، جنهن انٽي شاهه بيگم جي شخصيت کي هڪ انوکو وقار عطا ڪيو هو، سندس وجود جي چوڌاري توڪل جو حصار هو ۽ چهري تي ساحل جي ڪنارن جهڙو اطمينان، آنٽي شاهه بيگم جي وجود مان ايندڙ هڪ ٻي خوشبوءِ به هئي.... | |
| تنهائيءِ جي خوشبوءِ جيڪا سجھي گهر ۾ ڦهليل هئي. گهر جي فرش ۽ فرنيچر ۾ اها هڪ ئي خوشبوءِ سمايل هئي. | |
| هوءَ سراپا خلوص، عجز ۽ نياز هئي سندس گفتگو ۾ تحمل ۽ نرمي هئي. هوءَ جڏهن ڳالهائيندي گهئي ته نيشا جي دل چوندي هئي ته هوءَ سڪون جي انهن لهرن مان لڙهندي رهي... جيئن جيئن ڏينهن گذرندا رهيا، نيشا گهر جي فرد وانگر ان ماحول ۾ جذب ٿيندي رهي. | |
| ڪجهه ڏينهن کان نيشا کي محسوس ٿيو ته، ڄڻ آنٽي شاهه بيگم پريشان هجي. سندس طبيعت به ٺيڪ نه هئي. پري، ڪچن ۾ ٿانو ڌوئي رهي هئي. نيشا ڪچن ۾ جهاتي پائي ڏٺو. پري ڪو پشتو لوڪ گيت ڳائي رهي هئي. نيشا هن کي غور سان ڏٺو. هوءَ فقط چوڻ جي حد تائين پري هئي. وکريل وار، ڦاٽل ڪپڙا چاندي جهڙي چمڪندڙ چهري تي ايترا گهنج جيترا شايد هن جي اندر جا ڏک.... ته به هوءَ ڳائي رهي هئي. نيشا کي پريءَ جي زنده دلي وڻندي هئي. خاص ڪري سندس ساون مرچن جهڙيون تکيون ڳالهيون....زندگيءَ ڏانهن هوءَ جيڏي لاپرواهه هئي رويي ۾ اوتري محتاط، ڪڏهن ڪڏهن بلڊ پريشر هاءِ ٿيڻ ڪري هوءِ تکائيءَ جون سموريون حدون لتاڙي ويندي هئي. ان ئي تکائيءَ جي ڪري سندس پٽن کيس گهر مان بيدخل ڪري ڇڏيو هو. پري پنهنجي ڌيءُ وٽ رهندي هئي. حد کان وڌيڪ خوددار هئڻ ڪري هوءَ بيمار رهڻ جي باوجود به گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندي هئي. | |
| ”پري! گاني جومطلب ٻڌاءِ ته خبر پوي ڇا پئي ڳائين؟“ | |
| ”پنهنجي زندگيءَ جا ڏک پئي ڳايان...“ پري گلاس کي پاڻيءَ سان چمڪائيندي چيو. نيشا کيس غور سان ڏٺو سندس منهن ڳاڙهو هو. | |
| ”طبيعت ٺيڪ نه اٿئي ڇا.؟“ | |
| پري نيشا جي ڳالهه نٽائي ويئي ۽ کيس گاني جي ٻولن جي معنيَ ٻڌائڻ لڳي. | |
| ”منهنجا دوست منهنجي اڱڻ تي ڏاڍي اونداهي آهي، اچي ڀيرو ڪري وڃ جيئن منهنجي قسمت رات جي آسمان تي چمڪندڙ ستارن جيان جرڪي اُٿي.“ | |
| توکي ڪنهن جو انتظار آهي پري!“ نيشا مذاق ڪندي چيو. | |
| ”سکين ڏينهن جو، چڱي وقت جو.“ پريءَ جي لهجي ۾ بي بسي هئي. نيشا سوچڻ لڳي ته هن ڌرتيءَ تي نه ڄاڻ ته ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي رڳو خوابن جي سهاري جيئندا آهن، پريءَ جو به ساڳيو مسئلو هو، تنهائي جو هن پٽ ڌيئون پالي ٻِين لاءِ جوان ڪيا. هن مقدر جي بند سِپَ کي ايترا سال سنڀالي رکيو ۽ عمر جي آخر ۾ کولڻ تي اها سِپَ اندران خالي نڪري پئي. اهو خالي پڻو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي زندگيءَ جو... اڄ جي انسان جو الميو، جيڪو ڏيڻ گهٽ، وٺڻ وڌيڪ چاهي ٿو... | |
| پريءَ جي سڄي وجود ۾ تنهائي جي خوشبوءِ هئي... نيشا کي ان خوشبوءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي، جنهن ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ هئي.... هوءَ عجيب سوال ڪري، پري کي اداس ڪري ڇڏيندي هئي، ان ڪري نيشا اتان بيدليءَ سان اٿي ٻاهر نڪري آئي. آنٽي شاهه بيگم جي ڪمري جي سامهون لنگهندي هن جا قدم بيهي رهيا. هوءَ اندر هلي آئي. آنٽي شاهه بيگم پلنگ تي ليٽيل هئي ”طبيعت ته ٺيڪ آهي نه آنٽي؟“ هن پيار مان پڇيو. | |
| آنٽي شاهه بيگم جي اکين ۾ لڙڪ هئا. جنهن درد کي هن اڄ تائين سنڀالي رکيو هو، اهو سندس چهري جي نس نس مان ظاهر هو. ڪو پنهنجو حال ٻڌڻ وارو ويجهو هجي ته ان جي هئڻ جو پساهه انسان کي ٿڪائي وجهندو آهي... اڄ ان ئي ڪيفيت مان لنگهندي آنٽي شاهه بيگم هن کي گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيو. | |
| ”علينه جو ڇهن مهينن کان ڪو خط نه آيو آهي. ڪيترا ڀيرا فون ڪيم، پر ڪير به نٿو کڻي خبر نه آهي هوءَ ڪٿي هوندي!. | |
| ”آنٽي شاهه بيگم روئڻهارڪي ٿي وئي.“ | |
| هوءَ سوچڻ لڳي ”ڪيڏا بدقسمت آهن اهي ماڻهو جيڪي ڇانو کي ٺڪرائي رڃ کي پاڻي سمجهي، ان جي پٺيان ڊوڙڻ لڳندا آهن، انسان اهم آهي، انسانيت اهم آهي. ٻئي نه آهن ته زندگي ناهي. ان زندگيءَ ۾ ڪا تازگي ڪانهي....ڪنهن جذبي ڪنهن سچ ۽ ڪنهن ڳولا جي روشني ناهي.... | |
| ”توهان علينه کي آمريڪا ڇو موڪيلو؟“ | |
| ”هوءَ هتان جي ماحول ۽ پنهنجن جي روين کان مايوس ٿي هلي ويئي.“ | |
| هيءَ ته محبتن جي سرزمين آهي....جنهن جي پس منظر ۾ ڀٽائيءَ جي لفظن جا گلاب ٽڙندا آهن. ڪاش اسان لفظن جي ان خوشبوءِ کي دل جي گهرائي سان محسوس ڪري سگهون. جيڪڏهن ان لهجي جي سچائي کي سڃاڻي وٺون، ته ڪڏهن به ڪنهن کان رستا نه وڃائجي سگهن! | |
| هوءَ وري سوچن ۾ وڃائجي ويئي. آنٽي شاهه بيگم ٿڌو ساهه ڀري چيو. ”علينه ڏاڍي حساس ڇوڪري هئي. هوءَ ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن پنهنجي چاچي جي گهر رهي هئي. هوءَ رات جو جڏهن واپس ايندي هئي ته گهر ۾ هن لاءِ ماني نه هوندي هئي. ائين ڪيتريون راتيون هن بک تي گذاريون، پوءِ انهن جي رويي کان تنگ ٿي، هوءَ واپس حيدرآباد هلي آئي، هتي ماحول جي گهٽ هن کي پسند نه هئي. هوءَ اڪثر نائٽ ڊيوٽي ڪري موٽندي هئي ته پاڙي وارا کيس شڪ جي نظرن سان ڏسندا هئا، هو اڪثر مون کان پڇندي هئي. | |
| ”مما! هتي عورت لاءِ زندگي ايتري عذاب ڇو آهي. هر طرف طنزيه نظرون هر طرف معني خيز مرڪون....ڇا ٻاهر نڪري ڪم ڪندڙ سڀني عورتن کي ائين خراب سمجهيو ويندو آهي؟“ | |
| جواب ۾ مان چوندي هئي مانس. | |
| ”ٻين کي خراب سمجهڻ وارن جي پنهنجي دل ۾ خرابي هوندي آهي.“ | |
| پر هوءَ مطمئن نه ٿيندي هئي. | |
| ”عورت کي ڪڏهن انسان سمجهي ان سان انسانن وارو سلوڪ ڪيو ويندو؟ آخر ڪڏهن!!!“ | |
| ”علينه وٽ رڳو سوال هوندا هئا ۽ مون وٽ انهن سوالن جو ڪوجواب نه هوندو هو. هوءِ چوندي هئي اسلامي معاشرو جيڪڏهن عورت کي عزت ۽ تحظ نه ڏيئي سگهي ته اهڙي معاشري کان پرديس ڀلو آهي؛ جتي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن سان ڪا شڪايت ته نه ڪبي. هوءَ اهو به چوندي هئي ته اسلام نيتن جي سچائي جو مذهب آهي. هتي هر طرف مذهب جي آڙ ۾ ايتري ٻيائي ڇو آهي؟ نظر ۾ اوگهڙائپ هجي ته ڇا ڍڪيل جسم شريف ٿي سگهن ٿا! هن کي هن معاشري ۾ اڪثريت ۾ نظر ايندڙ اهڙن شريفن کان نفرت هئي. | |
| مون کي ياد ٿو اچي ته هن جي هڪ غريب سهيلي رتنا هئي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ اچي رهندي هئي. هوءَ ان جي ڪم سان ڪمشنر وٽ وئي هئي. خبر آهي ڪمشنر هن کا ڇا چيو.... | |
| نيشا غور سان هن کي ٻڌندي رهي هوا به ڄڻ پنهنجو ساهه روڪي ڇڏيو هو هر طرف مڪمل خاموشي ۽ سڪون هو. | |
| ان ڪمشنر ان ڪم جي بدلي هن کان هڪ رات نذراني طور گهري هئي...هوءَ درخواست ڪمشنر جي منهن تي اڇلائي آئي ۽ سڄي رات منهنجي جهوليءَ ۾ منهن لڪائي روئندي رهي ۽ پڇندي رهي ته، جنهن معاشري ۾ ڪم جي بدلي عزت نفس جو سودو ڪيو وڃي ڇا ان قابل آهي ته ان ۾ ڪو خود دار ماڻهو جي سگهي.! | |
| نيشا حيرت ۽ صدمي جي ڪري پنهنجي جاءِ تي ڄڻ ته ڄمي ويئي هئي. | |
| ”اهو ڪيئن ممڪن آهي....!!!“ نيشا ان ئي ڪيفيت ۾ سوال ڪيو. | |
| ”هتي عورتن جا سودا ٿيندا آهن. عزتون نيلام ٿينديون آهن پرسڀ چپ هوندا آهن، بي غيرتي جو لباس پائي معزز چورائيندا آهن، ان ڪري هوءَ هي اسلامي ملڪ ۽ مهذب معاشرو ڇڏي ويئي. | |
| ”نيشا کي خبر نه آهي ڇو ننڍپڻ ياد اچي ويو.جڏهن هو موڪلن ۾ ڪوهه مري گهمڻ ويندا هئا، تڏهن برف ۾ بيٺل Snow man کيس ڏاڍا سٺا لڳندا هئا....ايتري عرصي کانپوءِ هاڻ اچتو کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته سندس چوڌاري وسندڙ انسان ڪوڙ ۽ منافقت جي برف سان ٺهيل Snow man هجن، جيڪي سچائيءَ جي اس ۾ رجي ويندا آهن ان ڪري اهي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ اس کان خوف کائيندا آهن، زندگي ته.... اس جي تپش سان جنم وٺندي آهي، خواهشن جي بند ڪوٺيءَ مان نڪري کليل فضائن ۾ زندگيءَ کي ڳولهڻ گهرجي....اچو زندگيءَ کي ملي ڳوليون.... | |
| آنٽي شاهه بيگم جي ساهه ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي. لڙڪ سندس ڳلن تي لڙي آيا. نيشا سوچن مان ڇرڪي کيس نهاريو ۽ خاموشيءَ سان ڪمريءَ کان ٻاهر نڪري آئي. | |
| جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، آنٽي شاهه بيگم جي طبيعت خراب ٿيندي ويئي. نيشا جيستائين ڪاليج کان موٽندي هئي پري اتي موجود هوندي هئي. نيشا جي غير موجودگيءَ ۾ پري سندس سار سنڀال لهندي هئي. نيشا سوچندي هئي علينه آخر ڪهڙي قسم جي ڌيءُ آهي. انهن ڏينهن ۾ علينه جو خط آيو ته آنٽي شاهه بيگم جي اڌ بيماري لهي ويئي. علينه لکيو هو ته گهر تبديل ڪرڻ جي ڪري هوءَ خط نه لکي سگهي هئي. هن پنهنجو فون نمبر لکيو هو. آنٽي شاهه بيگم جي بيماريءَ دوران نومي چپ چپ رهڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن آنٽي شاهه بيگم پننجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ انڪشاف ڪيا. | |
| ”منهنجي ڀيڻ جڏهن گذاري ويئي ته هن پويان هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ڇڏيون. فضل کي ٻي شادي ته ڪرڻي هئي. ان ڪري سندس گهر وارن منهنجو سڱ گهريو. گهر وارن جي مرضي ڏسي مون کي ها ڪرڻي پيئي، فضل مان مون کي هڪ ڌيءَ پيدا ٿي علينه.“ | |
| ”۽ نومي نيشا حيرت مان پڇيو. | |
| ”منهنجي عمر اڃا ٽيهه سال مس هئي ته فضل گذاري ويو. مون سڀني ٻارن کي تعليم ڏياري انهن جون شاديون ڪرايون. سڀني پنهنجي الڳ دنيا وڃي وسائي. علينه جي آمريڪا وڃڻ کان پوءِ مان تنها ٿي ويس، ان ڪري مان نومي کي هڪ يتيم خاني مان کڻي آيس.“ | |
| نيشا جي لاءِ اهو حيران ڪندڙ انڪشاف هو. | |
| ”مون ڏٺو آهي ته بي اولاد ماڻهو اهڙن ٻارن کي وٺڻ کان لنوائيندا آهن. هنن جو خيال آهي ته اهڙا ٻار گناهه جي پيداوار هوندا آهن. ٻار ته معصوم ٿيندا آهن. باقي جيستائين تعلق آهي ٻار جي خراب ۽ صحيح نڪرڻ جو ته اڄ پنهنجو اولاد به منهن موڙي ٿو وڃي ته، بي اولاد ماڻهن کي اهڙا ٻار وٺي ٻار جي مستقبل کي تحفظ ڏين گهرجي. | |
| اهو وڏي نيڪي جو ڪم آهي. ان وقت آنٽي شاهه بيگم، نيشا کي دنيا جي عظيم ترين عورت لڳي. هن سوچيو. ثابت دم ماڻهو جن جا روح آئني جيان شفاف ۽ پاڪ هونداآهن، زندگيءَ ۾ ايترا ڏک ڇو ڏسندا آهن.!!! مون کي مڙس جي جيڪا پينشن ملي مون ان مان هي وڏو گهر ٺهرائي ورتو.سامهون وارا ٻيئي پورشن مسواڙ تي ڏنل آهن، جن مان پنهنجو گذر سفر ڪندي آهيان. مون ڪڏهن به ڀائرن اڳيان هٿ نه ڦهلايو. نفسا نفس جي دور ۾ اڄ هر ڪنهن کي پنهنجي لڳل آهي، ان ڪري ڇو ڪنهن ٻئي کي آزمائش ۾ وجهجي. ڪوشش سان جيئڻ لاءِ ڪونه ڪو وسيلو نڪري پوندو آهي.“ | |
| ”علينه خط ۾ ڇا لکيو آهي.؟“ | |
| ” هن جو چوڻ آهي ته مان هن وٽ آمريڪا هلي وڃان.“ | |
| ”پوءِ توهين وڃو ڇو نه ٿيون؟“ | |
| ”ڪجهه سال اڳ گهمڻ ويئي هيس، پر جلد ئي گهٻرائجي ويس. ان مشيني زندگيءَ ۾ انسان به مشين بڻجي جيئڻ تي مجبور آهي. هاڻ زندگيءَ جا ڪجهه ڏينهن ئي ته بچيا آهن، اهي به گذري ويندا.“ | |
| ”چڱو مان توهان جي لاءِ سوپ ٺاهي اچان.“ | |
| نيشا اٿي بيٺي. آنٽي شاهه بيگم کيس ائين پيار مان ڏٺو ، ڄڻ هوءَ علينه جو ٻيو روپ هجي. | |
| انهن ئي ڏينهن ۾ نيشا جا گهر وارا شهر ۾ شفٽ ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. اها خبر ٻڌي آنٽي شاهه بيگم جي چهري جو رنگ اڏامي ويو ۽ هوءَ اداس رهڻ لڳي. نيشا سوچيندي هئي. انسانيت جو رشتو دنيا جي هر رشتي کان مٿانهون آهي. آنٽي شاهه بيگم سان خون جو ڪو رشتو نه هوندي به، هوءَ سندس ڪيڏو نه ويجهو هئي ۽ سندس ڌيءَ علينه ڪيترو پري . نيشا کي ان گهر ۾ رهي پهريون دفعو احساس ٿيو ته گهر رڳو ڀتين ۽ سٺي ڊيڪوريشن جو نالو نه آهي. گهر پنهنجائپ جي خوشبو نم جي گهاٽي ڇانو جهڙو ڪو احساس اهي. | |
| دليون روشن آهن ته گهر جون ڀتيون به پرنور هونديون آهن، محبتون آهن ته درن جون ٻانهون کليل هونديون آهن. ان گهر جي فضا ۾ يقين، اعتماد ۽ سچائيءَ جو هڳاءُ هو، هڪ عجيب سڪون هو. هر طرف، گهري ننڊ جهڙو سڪون.... جنهن جي ڳولا ويهين صديءَ جي انسان کي آهي. جنهن وجود ۾ توازن جو حسن آهي، اهو وجود سراپا سڪون آهي. نيشا سڪون جي اها رمز پرکي ڏاڍي خوش هئي. | |
| خواهشن ۾ توازن،طلب ۾ توازن، عمل ۾ توازن اهو سڀ ڪجهه هن آنٽي شاهه بيگم کان سکيو هو. | |
| جنهن ڏينهن نيشا وڃي رهي هئي سڀ اداس هئا. نومي، آنٽي شاهه بيگم ۽ پري، جيڪا ڪچن ۾ ٿانو ڌوئيندي پنهنجي ڏکن کي ڳائي رهي هئي، هن ڪچن ۾ جهاتي پائي چيو؛”پري! سکيا ڏينهن ضرور ايندا. چڱو وقت ضرور ايندو.“ | |
| ”انشاءَالله پري ويساهه سان چيو ۽ وري جوش سان ڳائڻ لڳي. آنٽي شاهه بيگم کان موڪلائي در جي چانئٺ تي بيهي هن گهر ڏانهن ڏٺو. | |
| ويهين صديءَ جو الميو. | |
| انسان جي اندر جي اڪيلائي ۽ تنهائي. | |
| ماڻهو ڪيڏي چاهه سان گهر ٺاهيندو آهي، هڪ نئين زندگيءَ جو آغاز ڪندو آهي. | |
| گهر جي ٻوٽي جي آبياري جدوجهد جي پاڻي سان ڪري، ان کي سدا بهار رکندو آهي ۽ پوءِ عمر جي آخري حصي ۾ سڀ پنهنجي پنهنجي دنيا کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا آهن. | |
| ويساهه جو وڻ پتا پتا ٿي وکرندو رهندو آهي. | |
| وڻ لڳائڻ وارو خزان جي سڪل ٽارين هيٺيان بيهي بهار جي خوشبوءِ ڳوليندو آهي ۽ خزان جي سڪل ٽارين جو حصو بڻجي جيئندو آهي. نيشا تنهائي جي خوشبوءِ کي ٿڌو ساهه ڀري، اندر ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي. | |
| تنهائي جي خوشبوءِ... | |
| جيڪا سندس وجود جو اهم حصو بڻجي چڪي هئي، جنهن زندگيءَ جي ڪيترن رازن تان پردو کنيو هو. | |
| جنهن کيس جيئڻ جو ادراڪ ڏنو هو! | |
| (...) | |
| ليوزيهونگ/ شگفته شاهه | |
| (چيني ادب مان انتخاب) | |
| هڪ ننڍڙي خوشي | |
| ليکڪا متعلق؛ (ليوزيهونگLiu xenon ) 1961ع ۾ Guangdong ۾ پيدا ٿي. هن ليکڪا جي ڪهاڻين جي مجموعي جونالو ”تون مون کي بدلائي نٿو سگهين“آهي). | |
| جڏهن آئون سورهن سالن جي هيس ته مون ڪيڏي ڪوشش ڪئي، پر اهڙو تصور به نه ڪري سگهندي هيس ته آئون جيئن ڏهن سالن جي عمر ۾ نظر ايندي هيس، اهڙي ڏسڻ ۾ اچان، ڇا آءُ دليريءَ سان مزو ماڻيندي ننڍڙا وار يا ايس (S) جي شڪل ۾ ڇڪيل ۽ وڪڙ ٺاهيندڙ وار رکائي سگهندي هيس؟...ان وقت تائين ته ائين به ٿي پي سگهيو ته منهنجي چوڌاري هڪ يا ٻه ننڍڙا ٻارڙا هجن جيڪي مون کي ”مم“ سڏي رهيا هجن. | |
| پر ... نه،...مون ڇويهه سالن جي عمر ۾ ڪاليج وڃڻ شروع ڪيو، روزانو چوٿون پيريڊ شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ پوڙهي عورت جي دڪان تي ويندي هيس. جيڪو پڙهائيءَ واري عمارت جي پٺيان هوندو هو، جتان آءُ کير جي شربت جون ٻه بوتلون وٺي پيئندي هيس. | |
| هن کي پئسا ڏيئي، اتي بيهي هڪ بوتل پيئڻ لڳيس، جڏهن آءٌ بوتل پي رهي هيس ته اوچتو پوڙهيءَ مون سان ڳالهائيندي چيو، | |
| ”تون ڪهڙي ڊپارٽمينٽ سان واسطو رکين ٿي؟“ | |
| ”چائينيز سان.“ | |
| ٻئي ڀيري پوڙهيءَ عورت پڇيو، ”ڇا تون هينئر ڪم مان واندي ٿي آهين؟“ | |
| منهنجو خيال هو ته آءٌ اڃا به شاگردياڻي ڏسڻ ۾ ايندي هوندس. جيڪڏهن پوڙهي عورت اهو پڇي ها، ”ڇا تنهنجو ڪلاس ختم ٿي ويو آهي؟“ ته ان تي ايڏو گهڻو نه سوچيان ها، ”ڇا ڪلاس ختم ٿي چڪو آهي؟“ اهو اهڙو سوال هو،جيڪو شاگردن ۽ استادن ٻنهي لاءِ مناسب هو. پر...هن مون کان اهو پڇيو هو، ”ڇا تون هاڻي پنهنجي ڪم مان واندي ٿي آهين؟“ منهنجا جذبات مجروح ٿيا هئا، آخر هن ڇا سوچيو هو ته منهنجي نوڪري ڪهڙي هئي؟....آءٌ ٽائپسٽ هيس، ڊاڪ جا خط پهچائيندي هيس يا وري لائبريرين هيس؟.... آخر هوءَ انهن مان مون کي ڇا سمجهندي هئي؟ بهر حال هن ڄڻ مون کي شاگرد برادريءَ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. | |
| مطلب ته هاڻي آءٌ شاگردياڻي نه پئي سمجهي ويس، جيتوڻيڪ ساڳي وقت آءٌ اڃا به محسوسو ڪندي هيس ته آءٌ ڏسڻ ۾ شاگردياڻي لڳندي هيس، ايستائين جو آءٌ اسڪولي ٻارن جيان هلڪا ڪپڙي جا جوتا پائيندي هيس، ۽ ٻارن جهڙو هئر ڪٽ رکائي مزو وٺندي هيس، ۽ هڪ ڪينوسَ جو فوجي ٿيلهو منهنجي ڪلهي تي لڙڪندو رهندو هو...پوءِ به مون کي شاگردياڻي ڪونه سمجهيو. | |
| زندگي ائين ئي هئي، ڪوبه ماڻهو ان لاءِ ڪجه به نه پئي ڪري سگهيو. | |
| هڪ آچر تي، آءٌ هڪ فيري تي چڙهي دريا پار ڪري ڊپارٽمينٽ جي هڪ دڪان تي ويس ۽ سوٽي استر خريد ڪيم، مون ان کي بعل ۾ دٻايو ۽ تڪڙ ۾ سڙڪ پار ڪيم ته جيئن واپس وڃڻ لاءِ آخري بس پڪڙي سگهان. | |
| سامهون هڪ ٻي پوڙهي عورت کير جو شربت وڪڻي رهي هئي، هوءَ ڪجهه خالي بوتلن کي صاف ڪري رهي هئي، مون کي ايندي ڏسي هوءَ به اڳتي آئي ۽ سڏ ڪيائين؛ | |
| ”ننڍڙي ڇوڪري....!“ | |
| آءٌ ٿورو هٽڪي بيهي رهيس ۽ ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏٺم، ڀر پاسي ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو بيٺل نه هو. پوڙهي عورت منهنجي اڳيان بيٺل هئي.هوءَ مڙي ۽ منهنجي بغل ۾ پيل سوٽي استر کڻي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳي. | |
| ”هي تو ڪٿان ورتو آهي؟...پنجن ”جن“ جو آهي يا ستن ”جن“ جو؟ هي ته تمام سٺو آهي.“ | |
| ”تو هاڻي هاڻي مون کي ڇا سڏيو هو؟“ مون پڇيو. | |
| ”هون!... ڇا مون توکي ڪجهه سڏيو هو؟...اڄڪلهه استر تمام سنهو ٿو ملي، ستن ”جن“ وارا ته ڪافي عرصي کان بازار ۾ ڪونه ٿا ملن...رڳو ٽن يا چئن ”جن“ وارا آهن، تو هي ڪهڙي دڪان تان ورتو آهي؟“ | |
| مون اشارو ڪندي چيو، ”هن تان“. | |
| ”مهرباني ننڍڙي ڇوڪري.“ پوڙهي عورت مُرڪي، پنهنجا هٿ لوڏيا ۽ واپس پنهنجي کير جي شربت واري دڪان تي ويئي هلي. | |
| مون غلط ڪونه ٻڌو هو. يقينن هن مون کي ”ننڍڙي ڇوڪري“ سڏيو هو اوهه! ... ننڍڙي ڇوڪري! | |
| آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس ۽ ڪجهه ڊگها قدم کڻندي پاسي واري پنڌ هلن واري رستي تي ٽپو ڏيئي چڙهيس، مون کيسي مان پئسا ڪڍيا ۽ ٻه کير جي شربت جون بوتلون خريد ڪيم، آءٌ هڪ پاسي بيهي وڏي آواز سان شربت پيئڻ لڳس، ۽ پوڙهي عورت سان گپ شپ ڪندي کلي رهي هيس ۽ پاڻ کي ننڍڙي ڇوڪري سمجهي رهي هيس. | |
| الاهي ٻيا ماڻهو به آيا ۽ انهن به شربت خريد ڪيو ۽ پوءِ پوڙهيءَ کي پيسا ڏيندي جهيڙو ڪندي هليا ويا. | |
| ”کير جو شربت ٿورو گهاٽو آهي.“ ...ڪنهن چيو. | |
| ”اهو اڃان ايڏو گهاٽو ته ڪونه ٿيو آهي، ٿورو انتظار ڪر، ننڍڙي ڇوڪريَ جڏهن خزان ايندي ته کير جو شربت ذري گهٽ آئسڪريم بنجي ويندو آهي، ۽ پوءِ تون ان کي چمچي سان به کائي سگهندينءَ...“ | |
| پوڙهي عورت فقط وڌاءُ ڪري ٻڌائيندڙ ۽ خوش ڪندڙ عورت هئي، هن مون کي ننڍڙو نه پئي سمجهيو، پر کيس اها خبر نه هئي ته مون کي پنهنجي ننڍڙي عمر ٻيهر ماڻڻ جي ڪيڏي نه خواهش هئي... ۽ ان ڳالهه مون کي اها خوشي ڏني هئي، سوٽي استر جي بار کي پنهنجي ٻانهن تي محسوسو ڪندي، مون پنهنجن وارن کي ڍرو ڪري لوڏيو، مٿي پکڙيل وشال آسمان کي ڏٺم ۽ دل جي گهرائيءَ سان ٽهڪ ڏنم. | |
| رستي تي ٻيهر آءٌ هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري بنجي چڪي هيس. | |
| آءٌ ڄڻ راند ڪندي ٽپو ڏيئي فيري جي ڊيڪ تي چڙهيس ،پنهنجي بکايل معدي کي ڀرڻ لاءِ هڪ وڏو مٺو پٽاٽو خريد ڪيم ۽ انتهائي خوشيءَ مان سڙڪ تي هلندي نارنگيون کاڌم ۽ انهن جي کلن کي پري اڇلايم...۽ آخر ۾ مزي سان ڄڻ رستي تان گسڪندي بس ڏانهن وڌيس، اتي مون لاپرواهيءَ سان استر کي ڊگهيري گوڏن تي رکي ڄڻ ٻئي ڪنهن ماڻهو جي ويهڻ جي سيٽ به والاري ڇڏي، اهو خيال نه ڪندي، ته ٻيا ڄڻا اڃا بيٺا هئا. | |
| ...آءٌ ڄڻ ڪنهن معصوم،....يا شايد نالائق ڇوڪريءَ جهڙيون حرڪتون ڪري رهي هئس. | |
| هماليا جا رهاڪو | |
| همالي ماڻهو بلند پهاڙي علائقي ۾ رهن ٿا. | |
| سندن جابلو زندگي ڪيترن ئي ڳالهين جي ڪري عام ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ کان مختلف آهي. | |
| هماليه ۾ اٽڪل 20 ملين ماڻهو آباد آهن، اهي ننڍن ڳوٺن ۾ سوڙهن گهرن ۾ زمين ۽ پهاڙن جي وچ ۾ رهن ٿا. | |
| شڪل شبيهه جي لحاظ کان همالي ماڻهو قد جا ننڍا ۽ جسم ۾ مضبوط ٿين ٿا، سندن وار ڪارا لسا، اکيون ڪاريون ۽ رنگ ناسي ٿئي ٿو،جابلو ماڻهو مڪئي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فصل پوکين ٿا. اٻاريل ۽ تريل پٽاٽا سندن پسنديده کاڌو آهي. | |
| سندن معيشت جو ذريعو زرخيز زمين، وسيع ٻيلا ۽ چراگاهه آهن، معدني زخيرن جي کوٽائي ۽ پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم سخت برفاني پهاڙي علائقن جي ڪري اڃا تائين ٿي نه سگهيو آهي. | |
| وڏو جبل هماليه 30 جبلن جي قطار تي مشتمل آهي جنهن مان ڪجهه 24،000 فٽ سمنڊ جي سطح کان مٿانهان آهن. | |
| همالي قطار ۾ ”نانگا پربت“ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آهي، اوڀر کان ”نامچا باروا“ تبت ۾ آهي. 229،500 اسڪوائر ميل هماليه جبل جي پکيڙ آهي. پهاڙي علائقي مان 19 وڏيون نديون نڪرن ٿيون، جن مان ”سنڌو ندي“ ۽ برهمپترا ندي“ تمام وڏيون آهن. هماليه لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي؛”برف جو گهر.“ ياڪ، Yak (هڪ گهريلو جانور آهي) مينهن جهڙو جانور آهي. هيءُ پهاڙي علائقي جو پسنديده ۽ تمام ڪارائتو جانور آهي. ياڪ مان کير سان گڏ گوشت به حاصل ٿئي ٿو. هن جانور کي هاري هر ڪاهڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ۽ اهو سواريءَ جو ڪم به ڏئي ٿو. | |
| ياڪ جي کل گرم ڪپڙن ۽ بوٽن ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. ان جي سڱن مان موسيقيءَ جا ساز ٺاهيا ويندا آهن. ياڪ جو گوشت تازو يا سڪل به کاڌو ويندو آهي. | |
| هي جانور همالي ماڻهن لاءِ غنيمت آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي هن کي ان وقت تائين نه کائيندا آهن جيستائين اهو زنده رهي سگهي ٿو ۽ ان کي گوشت لاءِ ذبح نه ڪندا آهن، جيستائين تمام ضعيف نه ٿي وڃي. | |
| ياڪ جي کير مان پنير ۽ مکڻ ٺاهيو ويندو آهي. ياڪ جي مکڻ ۽ لوڻ مان ٺهيل چانهه هر عمر جا ماڻهو استعمال ڪندا آهن. | |
| همالين جا گهر پٿر جا ٺهيل آهن، جن ۾ ڪجهه دريون به هونديون آهن، گهرن جون ڇتون سڌيون ۽ لسيون ٿينديون آهن. | |
| گهر ننڍا آهن پر ٻن يا ٽن منزلن تي مشتمل آهن، جن مان ٽين منزل گاهه ۽ کاڌي رکڻ جي استعمال ۾ ايندي آهي. گهڻو ڪري کاڌو ۽ ڪاٺ پهرين منزل تي جمع ٿيل هوندوآهي ۽ سياري جي مند ۾ مال بيهارڻ جي وٿاڻ طور استعمال ٿيندي آهي. ٻي منزل تي هڪ وڏو ڪمرو ٺهيل هوندو آهي جنهن ۾ ڪٽنب جا ڀاتي رهندا آهن. | |
| سردين ۾ سڀئي گهر جا ڀاتي باهه جي چوڌاري ويهن ٿا، جتي پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ کاڌو به اتي ئي پچائين ٿا. پر باهه سڄي ڪمري کي دونهين سان ڀري ڇڏي ٿي ڇاڪاڻ ته همالين جي گهرن ۾ منگهه ناهن ٿيندا. اها خبر ناهي ته همالين جي گهرن ۾ منگهه ڇو نه آهن. شايد اهي اڃا تائين آلودگيءَ جي نقصان کان اڻ ڄاڻ آهن. | |
| دنيا ۾ پارليامينٽري عورتن جو تعداد | |
| يونيسيف طرفان گڏ ڪيل انگ اکرن مطابق پارليامينٽ ميمبرن طور عورتن جو ايشيا ۾ تعداد تيرهن سيڪڙو، يورپي ملڪن ۾ تيرهن سيڪڙو، آمريڪا ۾ ٻارنهن سيڪڙو، آفريڪي ملڪن ۾ نوسيڪڙو ۽ عرب ملڪن ۾ چار سيڪڙو آهي. اهڙيءَ ريت مجموعي طرح يارهن سيڪڙو آهي ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ صرف پاڪستان ئي اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو، ٻيو ڀيرو وزيراعظم جي حيثيت ۾ چونڊجي آئي آهي. | |
| ڏٺو وڃي ته دنيا جي قديم ۽ مثالي جمهوريت ۾ عورتن جو تعداد نهايت گهٽ رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ عورتن کي مڪمل حقوق ۽ آزادي حاصل آهي. هونئن به دنيا جون سڀئي جمهوريتون، عورتن کي ووٽ ڏيڻ جون دعوائون به ڪن ٿيون. پر اتي مردن جي بالادستي نمايان نظر ايندي. دنيا جا فقط چار ملڪ، فن لينڊ، گيانا، سوڊان ۽ ناروي اهڙا آهن، جن ۾ عورتون پارليامينٽ جون ميمبر منتخب ٿي آيون. | |
| 1989ع ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون پارليامينٽ جون ميمبر چونڊجي آيون آهن؛ پر 1990ع ۽ 1991ع ۾ عورتن جو تعداد گهٽجي ويو. اهڙا انگ اکر اقوام متحده جي اداري يونيسيف طرفان مهيا ڪيا ويا آهن، | |
| ملڪ جونالو عورتن جو تعداد | |
| پاڪستان هڪ سيڪڙو | |
| ڪينيا هڪ سيڪڙو | |
| ترڪي هڪ سيڪڙو | |
| ڪوريا ٻه سيڪڙو | |
| منگولا ٻه سيڪڙو | |
| مصر ٻه سيڪڙو | |
| جاپان ٻه سيڪڙو | |
| الجزائر ٻه سيڪڙو | |
| مالٽا ٽي سيڪڙو | |
| يمن ٽي سيڪڙو | |
| نيپال ٽي سيڪڙو | |
| البانيه چار سيڪڙو | |
| رومانيه چار سيڪڙو | |
| بار باڊوس چار سيڪڙو | |
| ٿائي لينڊ چار سيڪڙو | |
| جمهوري وچ آفريڪا چار سيڪڙو | |
| ٽوگو چار سيڪڙو | |
| بياماس چار سيڪڙو | |
| تيونس چار سيڪڙو | |
| مالديپ چار سيڪڙو | |
| ارجنٽائين پنج سيڪڙو | |
| سريلنڪا پنج سيڪڙو | |
| 1993ع جو نوبل ادبي پرائيز حاصل ڪندڙ ليکڪا | |
| چونڊيندڙ:فرزانه سليم | |
| عورتن بابت قول | |
| 1993ع جو نوبل ادبي پرائيز حاصل ڪندڙ ٽوني موريسن (Toni Morrison) هڪ افريڪن_امريڪن ليکڪا آهي، جنهن کي 1993ع جو ادبي نوبل وپرائيز سندس ڪتاب 'An essential Aspect of American Reality' (امريڪي جي سچائيءَ جو هڪ اهم ڏيک) تي مليو آهي. | |
| ٽوني وريسن پاڻ ڪاري ورڪنگ ڪلاس ۾ پيدا ٿي آهي. هي اٺين عورت آهي، جنهن کي هن سال نوبل پرائيز مليو آهي. جيڪو 2.7 ملين جي ماليت ۽ سويڊش 2.7 ڪروڙ ماليت جو آهي. | |
| ٽوني موريسن يونيورسٽي آف پرسيٽن، نيو جرسي ۾ انسانيت جي شعبي جي پروفيسر آهي. هن چهه ناول ۽ ڪيترائي مضمون لکيا آهن. | |
| حضور نبي ڪريم صله الله عليه وسلم جن فرمايو ته آءُ توهان کي ٻڌايان ته مرد جو بهترين خزانو ڪهڙو آهي؟ | |
| نيڪ عورت، جا جڏهن ان ڏانهن ڏسي ته کيس خوش ڪري ڇڏي سندس هر حڪم جي خوشيءَ سان پيروي ڪري ۽ جڏهن هو گهر کان ٻاهر وڃي ته سندس هر شيءَ (گهر، ٻارن ٻچن ۽ عزت) جي حفاظت ڪري. | |
| (ابودائود شريف) | |
| پيغمبر خدا صله الله عليه وسلم جن جو قول آهي ته توهان سان سڀ کان وڌيڪ ايمان جو پختو اهو انسان آهي، جو پنهنجي عورت سان اخلاق ۽ محبت سان پيش اچي ٿو. | |
| دنيا متاع آهي ۽ عورت دنيا جي بهترين دولت آهي. | |
| (حديث) | |
| عورت اسان کي وقار، خلق، مروت ۽ اعتماد علي النفس جو سبق ڏيئي ٿي. | |
| (والٽر) | |
| خوبصورت عورت هڪ سچو هيرو آهي ۽ نيڪ عورت هڪ وڏو خزانو. | |
| (سينڊي) | |
| ايئن فيلوئز گورڊن (سوڀون سرگهرن) | |
| انعام شيخ | |
| ايڊٿ ڪاويل | |
| جيئن ڪنهن سرسبز ٻنيءَ لاءِ هوا، پاڻي، روشني ۽ انساني محنت لازمي شيون آهن، تيئن قومن جي ترقي ۽ بقا لاءِ سچائي، سادگي، محبت ۽ قرباني پڻ اڻٽر گهرجون آهن. اهو ئي سبب آهي جو باوقار قومون هر دور ۾ اهڙا عظيم ۽ سورهيه وجود پيدا ڪنديون رهنديون آهن، جيڪي مٿيون خوبيون کڻي اتهاس جي آئيني ۾ پنهنجو مناسب ڪردار ادا ڪندي عظمتن جون منزلون طئه ڪنديون پنهنجي قومي وجود کي زنده رکنديون آهن. انگلستان جي انسان دوست ۽ آدرشي عورت ايڊٿ لوئزا ڪاويل جو نالو پڻ اهڙين امر شخصيتن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جنهن پنهنجي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڀرپور لازوال ڪردار ذريعي انساني ضمير جي شفاف چادر تي بي مثال ڪردار پنهنجو پوتر وجود تسليم ڪرائي ورتو. | |
| بظاهر هڪ عام نرس پر مهانتا جي لحاظ کان هڪ غير معمولي نانءُ درحقيقت ان آفاقي راهه جو راهي آهي، جهن واٽ تي حضرت مسيح جا قدم نقش ٿيل نظر اچن ٿا. ڪاويل سموري زندگي انسانذات جي خدمت ۽ تربيت ۾ صرف ڪئي ۽ انهيءَ پير تي پوئين گهڙيءَ تائين پُختي بيٺي رهي. ايتري قدر جو جڏهن کيس موت جي گمنام واديءَ ڏانهن اماڻن لاءِ تيار ڪيو ويو ته به هُن نهايت سُڪون ۽ سادگيءَ سان هي آخري لفط چيا؛ رڳو حُب الوطني ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي بلڪ اهو ضروري آهي ته مون وٽ پنهجن دشمنن سميت ڪنهن به انسان لاءِ ڪروڌ ۽ نفرت نه هئڻ کپي.“ | |
| ڪردا جي ڪٿ ۾ سورهيائپ جي سونهن رڳو اسان وانگر ٺلهين ڳالهين، واڪڙ واڪڙ ۽ پاڻ پڏاءَ سان نه پر عمل، سوچ ۽ شعور جي تُز پڻي ۽ خيالن کي جُرئت سان پيش ڪرڻ جي صلاحيت سان ٿي سگهندي آهي. سچ پچ ته انهيءَ لحاظ کان انساني تاريخ ۾ هڪ عورت ڪردار جي روپ ۾ چند مهان مائين مون کي متاثر ڪيو آهي. اُنهن ۾ انگلستان جي هيءَ امر ڌيءَ ايڊٿ ڪاويل به آهي جنهن پنهنجي جان جو ٻليدان ڏيئي فاشي سوچ، انسان دشمن قوتن ۽ ڪروڌي جذبن کي شڪست ڏيئي، نفيءَ مٿان اثبات جي سرسي ايڏي ته فهم ۽ فضيلت سان ڪري ڏيکاري جو سندس دُشمنن آڏو به اڙدوءُ جو. هيٺيون شعر فخر سان پڙهجي ته ڪو وڌاءُ نه هوندو. | |
| ڪيا بي مُروت خلق هي سب جمع هين بسمل ڪي پاس | |
| قاتل ميرا تنها رها، ڪوئي نهين قاتل ڪي پاس | |
| (مترجم) | |
| 12 آڪٽوبر اڱاري جي ڏينهن سج اڃا ڪَني مَس ڪڍي هئي. ٿڌ به انگلستان جي ٿڌ کان ڪجهه مڙو ئي سوائي هئي پر بهر حال لنڊن ۽ بروسيلز جي شهرن ۾ ڪافي هڪ جهڙايون آهن. مثال طور؛لنڊن وانگي هتي به ڪوهيڙي جي ڌنڏ ڦهلجن ڪري ماحول سليٽي لڳو پيو هو. هوا منجهان دونهي جي بوءِ ٿي آئي ۽ هر طرف هُل ۽ گوڙ متل هو. ان هوندي به لنڊن ۽ بروسيلز جي وچ ۾ هڪ تفاوت اهو هو ته بروسيلز ”نازي“ هچارن سان ڀريل ۽ سندن قبضي هيٺ آيل داٻي جو شڪار ٿيل، خاموش ۽ ڏکارو شهر هو. اوچتو انهيءَ شهر ۾ نازي فوج جي هڪ اڏي ۽ شهر جي لاڳاپيل حصي شائربڪ جي ”ٽر نيشنل“ نالي جاءِ تي ميخدار هيلمٽن سان سٿيل جرمن سپاهين جون ٻه ڪارون جڏهن اچي بيهن ٿيون، ته هر ڪو ان کي عام رواجي ڳالهه سمجهي نظر انداز ٿو ڪري.پوءِ انهن گاڏين منجهه سوار ٿيل ٻه قيدي ٻاهر اچن ٿا. منجهانئن هڪڙو 35 ورهين جو ”فلپي“ باق نالي بيلجمي عمارت ساز آهي ۽ ٻي اڻونجاهه سالن جي ايڊٿ ڪاويل نالي انگريزياڻي نرس آهي. | |
| هتان ٻنهي ڄڻن کي ”ٽر نيشنل“ جي انتظامي عمارتن وٽان گذاري کين گوليءَ سان اڏائڻ لاءِ جڏهن اڳتي کليل ميدان ۾ آندو ويو ته انهيءَ مهل تيزيءَ سان سج اڀري رهيو هو. ٻنهي جون اکيون ڪپڙي جي پٽين سان سُڪ ٻڌيون ويون ۽ سندن ڄنگهون ٻانهون وري چمڙي جي پٽيءَ سان سوگهيون ڪيون ويون، پر انهيءَ کان اڳ جو منجهائن انگريز عورت کي قابو ڪري جڪڙيو وڃي. هوءَ ٿورڙو جُهڪي ۽ ٻه ڊگهيون ٽاچڻيون ڪڍي ورتائين (جيڪي هُن جرمن ڪمانڊر کان گهري ورتيون هيون) ۽ پنهنجي اسڪرٽ کي ٺاهي مُرن جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيائين. ائين ڪرڻ مان سندس مقصد اهو هو ته جڏهن کيس فائرنگ اسڪواڊ آڏو آڻي موت جي واديءَ ڏانهن موڪليو وڃي ته به سندس بي حرمتي نه ٿئي... ٿورڙي دير کان پوءِ جڏهن رائيفلن جي مُنهن مان گوليون ڇُٽيون ته هڪ ٻئي کان پنجن والن جي وٿيءَ سان ٻئي ڄڻا ابدي ننڊ ۾ سُتل نظر آيا. | |
| هن سڄي داستان جي سورمي ۾ امر ڪردار ايڊٿ لوئزا ڪاويل 4 ڊسمبر 1865ع تي نار فوڪ صوبي جي سوار ڊيسٽن نالي ڳوٺڙي ۾ اتان جي پادري مانواري فريڊ رڪ ڪاويل جي گهر ڄائي. هيءُ ڳوٺڙو ان خوشحال ۽ پر امن دور جوهڪ سکيو ستابو ڳوٺڙو هو. انهيءَ دور ۾ هڪ پاسي ڪرائيمئن واري لڙائي(The Crimean war) پوري ٿي چڪي هئي ته ٻئي طرف آمريڪا ۾ به خون خرابو ختم ٿي ويو هو. جڏهن ته شانائتي راڻي وڪٽوريا پنهنجي ملڪ کي بي مثال سک ۽ امن سان هلائي رهي هئي ۽ سندس سلطنت دنيا جي هڪ عظيم طاقت بڻيل هئي. اهڙي ماحو ۾ فريڊرڪ ڪاويل پنهنجي وڏي ڪٽنب جي تعليم کين گهر ۾ ذاتي طور تي ٽيوشن ڏيندي پئي ڪئي پر ايڊٿ جنهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سمجهه جا ڪڻا سرس هئا ۽ محنتي به وڌيڪ هئي. تنهن کي سٺي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. هُن پڻ انهيءَ خاص مهربانيءَ کي ضايع نه ڪيو ۽ ڏنل سکيا کي سڪارتو بڻايو. جيتوڻيڪ پڙهائيءَ ۾ هوءَ سڀني مضمونن ۾ هوشيار هئي پر فرينچ ٻولي (جنهن جو لهجو سڄي عمر تائين سڌاري نه سگهي) سکڻ ۾ به ڪامياب ٿي. | |
| هن ٻوليءَ سان کيس بيحد پيار هو. انهيءَ ڪري جڏهن ”لارل ڪورٽ پيٽر بورڊ اسڪول“ مان پاس ٿي نڪتي ته کيس وڏي شوق سان بروسيلز جي هڪ وڪيل جي گهر ۾ ٻارن جي آيا مقرر ڪيو ويو. جتي آخرڪار کيس باقي دنيا ڏسڻ، ننڍڙي ڳوٺ مان نڪرڻ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ جو موقعو مليو. جيئن ئي کيس مٿين نوڪريءَ جي پڪ ٿي ته هوءَ اُتساهه وچان فورن اچي بيلجم پهتي. جتي کيس نهايت دلپسند ماحول نصيب ٿيو. هتي ”فرانڪئا“ نالي ڪٽنب جنهن وٽ کيس روزگار مليو سو ڏاڍو کلمک ۽ خوش باش طبيعت وارو خاندان هو. جڏهن ته بروسيلز جو شهري ماحول پڻ هُن لاءِ هڪ چُنو تي (Challenge) ۽ سُرهائي بخش هو. مٿين ذميواري کڻڻ کانپوءِ فورن ئي فرانڪئا ڪٽنب جي ٻارن جي هُن ڏاڍي سٺي تعليم ۽ تربيت ڪئي. جيڪا ڳالهه بروسيلز ۾ اڻويهين صديءَ ۾ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. جڏهن ته ٻارن ۾ به سندس ڳالهيون دل لائي ٿي سکيون ۽ ماٺيڻي انداز ۾ سندس سبق ٿي ورجايا. بلڪ سندس هدايتن مطابق ڪنهن به قيمت تي ڪوڙ ڳالهائڻ کان پرهيز پئي ڪئي. | |
| انهيءَ ڪُٽنب سان ڪجهه سال گذارڻ کان پوءِ،1895ع ۾ مس ڪاويل پنهنجي وطن واپس آئي ته جيئن پنهنجي بيمار پيءُ ۽ پوڙهي ماءُ جي خدمت ڪري سگهي. ڳوٺ پهچڻ کانپوءِ والدين جي دل جي حضور وچان ڪيل سندس پر گهور اهڙو ته جادو ئي اثر ڏيکاريو جو چند مهينن ۾ ئي مسٽر ڪاويل نوبنو ٿي گهمڻ لڳو ۽ کيس واپس بروسيلز وڃڻ جي اجازت ڏنائين. پر ان وچ ۾ هتي انگلينڊ ۾ اچي هُن ٻارن کي پڙهائڻ ڇڏي هڪ ٻي ڪرت شروع ڪرن جو فيصلو ڪيو، جنهن مان کيس فرحت پئي آئي. جيتوڻيڪ ان مهل هوءَ ٽيهن ورهين جي ٿي ويئي هئي، پر ته به وائيٽ چيپل روڊ تي لنڊن اسپتال ۾ عارضي بنيادن تي شاگرد نرس جي حيثيت ۾ وڃي داخل ٿي، جتي هُن سٺن نمبرن سان امتحان پاس ڪيو ۽ ستت ئي کيس مُدي جي بخار واري وبا ۾ورتل مريضن جي علاج لاءِ انچارج نرس مقرر ڪيو ويو. انهيءَ درجي تان جلد ۾ ترقي ڪندي هوءَ لنڊن اسپتال جي مُک نرس(Matron) مقرر ٿي. ٿوري ئي مدي ۾ هن خاموش، پرعزم ۽ نرم وارن واري مائيءَ جي صلاحيتن جي چوطرف واه واه ٿيڻ لڳي. سندس ڪنهن ساٿي نرس اقرار ڪندي هڪ هنڌ لکيو؛”مس ڪاويل جي ڀيٽ ۾ ٻيون عورتون ڏاڍيون نٻل ۽ ٿڪل ٿيون لڳن...“. | |
| اڳتي هلي 1907ع ايڊٿ جي فرانڪئا ڪٽنب سان لاڳاپن کيس موٽائي وري بروسيلز آندو. هاڻي هوءَ ٻائيتاليهن ورهين جي هڪ تجربيڪار نرس هئي. انهيءَ ڪري ئي بيلجم جي سرجن انتوني ڊيپيج کيس 149 ”روڊي لا ڪلچر“ وٽ پنهنجي ڪلينڪ ۾ نوڪريءَ جي آڇ ڏني ڇاڪاڻ جو سندس مُلڪ ۾ سگهڙ نرسن جي ڏاڍي کوٽ هئي. جيئن ته مس ڪاويل جي ڏاڍي ساراهه ٻڏي هئي. ازانسواءِ انگريز نرسن جي جڳ مشهور معيار جو به پتو هُئس تنهن ڪري هن کيس نه رڳو پاڻ وٽ اچڻ جي آڇ ڪئي پر ٻين نرسن جي تربيت جي ذميواري پڻ مٿس رکي. | |
| انهيءَ آڇ کي قبول ڪندي هوءَ جڏهن بروسيلز پهتي ته نه رڳو چند ڪلاڪن جي اندر ئي مريضن جي پر گهور لهڻ شروع ڪيائين پر نرسن جي تربيت پڻ ڪرڻ لڳي. ٿورڙي ئي عرصي ۾ سندس ڪم جي تعريف ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي ويئي. نتيجي ۾ انگلئنڊ، هالئنڊ، فرانس، سئٽزر لينڊ ۽ جرمنيءَ جون قابل نرسون پڻ وٽس پهچي ويون ۽ بيلجم جي نوجوان نرسن جي تربيت ڪرڻ لڳيون. انهيءَ سلسلي ۾ اڳتي هلي هُن مڃيو ته جيڪڏهن ساڻس ٻيون تربيت ورتل نرسون ساٿ نه ڏين ها ته هوءَ بيلجم جي ننڍين نيٽين اڻ پڙهيلن ۽ چلولين نرسن جي جوڳي تربيت نه ڪري سگهي ها. جن مان ڪي ته رڳو سترنهن سالن جون مس هُيون، جڏهن ته سندن ماهانه پگهار 10 پائونڊ کان به گهٽ هئي پر سندن استاد نرس يعني مس ڪاويل منجهن ڪم لاءِ اهڙو اُتساهه ڀريو جو هو اتي رهڻ لاءِ راضي ٿي ويون. بلڪ ٻيون به ٽولن جي صورت ۾ اچي ساڻن گڏ ٿيون. هڪ ڳالهه جنهن انهن نينگرين جي دل موهي ورتي سا اها هئي ته مس ڪاويل سندن سماجي مرتبي جو ڏاڍو خيال رکندي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته جيڪڏهن ڪا نرس ڪنهن خانگي گهر ۾ به نوڪري ڪندي هئي ته ان کي ڪٽنب جو فرد سمجهيو ويندو هو. کيس کاڌي جي ٽيبل تي گڏ پاڻ سان ويهاريو ويندو هو ۽ کيس رڌڻي يا مريض جي ڪمري تائين محدود نه ڪبو هو. بلڪ تربيتي مرڪز يعني (The Clique) ۾ پڻ نوجوان نرسن سان ڊاڪٽرن ۽ مريضن جو سڀاءُ شانائتو هو. انهيءَ سان گڏوگڏ ٻئي طرف نرسن تي سندس اهو به زور هو ته مريض ڪيترو به ضدي يا چيڙاڪ ڇو نه هجي پر سندس مڪمل پرگهور لڌي وڃي. | |
| توڙي جو شاگرد ۽ عملو سندس ساراهه ڪندو هو پر منجهائن ڪيترائي کيس ڳنڀير ۽ ڳوڙهو سمجهندا هئا. هوءَ ته سڄو ڏينهن رڳو پنهنجي ڪم ۽ نرسن جي معيار جي بهتريءَ ۽ تعليمي معار جي واڌاري لاءِ پئي سوچيندي هئي. ”استاد نرس“ هوندي به نه رڳو پاڻ سخت ڪم ڪار ڪندي هئي پر شام جو جڏهن سبق پورا ٿيندا هئا ته سمورن مريضن وٽان آخري چڪر به هڻي ايندي هئي. بعد ۾ پنهنجي روح جي راحت لاءِ نفاست سان اچي پيانو وڄائيندي هئي. سندس ذاتي آرام لاءِ فقط اهو ئي شُغل هو. | |
| 1914ع ڌاري نرسنگ جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ هوءَ عملي طرح سان به انهيءَ پيشي سان لاڳاپيل رهي. سرجن جي نائب جي حيثيت ۾ بروسيلز جي اسپتالن ۾ سندس طلب تمام گهڻي وڌي ويئي. انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن کيس نرسنگ جي شعبي ۾ ماهر بڻجڻ جي صلاح ڏني ويئي ته هن انهيءَ حوالي سان اهو چئي نظر انداز ڪيو ته هن شعبي ۾ لازمي آهي ته نرس هر بيماريءَ سان واسطيداريءَ ۾ اچي. ڇو ته هر نرس کي گهرجي ته هوءَ پنهنجي سموري صلاحيت، جذبي ۽ محنت کي فقط هڪ رخ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪري، ۽ هن نه رڳو ائين ڪري ڏيکايو پر پنهنجين شاگرد نرسن جي به اهڙي تربيت ڪئي، سندن خدمت جو دائرو نشَئي ماڻهن جي پرگهور لهڻ کان وٺي وياميل عورتن جي سار سنڀال لهڻ تائين ڦهليل رهيو. سچ پچ ته هُن پنهنجي سچائيءَ سان هن پيشي کي ايترو ته مرتبي وارو بڻايو جو انهيءَ پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن پنهنجي سموري سگهه سان ايترو ڪجهه ڪيو جيترو ان دور ۾ ممڪن هو. | |
| جولاءِ ۾ جڏهن سندس عُمر 48 ورهيه ٿي ويئي هئي ۽ هوءَ پنهنجي عمر کان وڌيڪ ڪُراڙي پئي نظر آئي ته مس ڪاويل آخري ڀيرو اباڻي وطن پنهنجي ڪٽنب سان ملڻ آئي. جتي اڃا کيس اتي ٽي هفتا مس گذريا هئا جو انگلينڊ ۽ جرمنيءَ وچ ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويئي. جيتوڻيڪ هڪ انگريزياڻيءَ جي حيثيت ۾ هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ رهي هڪ نرس جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض ادا ڪري پئي سگهي، پر ته به خدمت ۽ ذميواريءَ جي خيال کان هُن فورن بروسيلز واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو.ڇاڪاڻ جو سندس نرس دوستن کي هن جي ضرورت هئي ۽ هُن کين دوکو ڏيڻ نه پئي گهريو. اهو سوچي جڏهن بروسيلز پهتي ته اهي نرسون کيس ڏسي ڏاڍيون سرهيون ٿيون. هتي پهچندي پهرين ڪم اهو هو ته هُن جرمن نرسن کي عزت سان واپس پهچائڻ لاءِ سندن وطن واپسيءَ جو بندوبست ڪيو ۽ کين پاڻ وڃي حفاظت سان اسٽيشن تي ڇڏي آئي. هوءَ پنهنجين انهن معصوم ٻالڪين جي جرمنيءَ واپسيءَ تي ڏاڍي ڏکاري هئي، جيڪي سندن لاءِ دشمن ملڪ ۾ اوچتو ئي ڏاڍي نفرت سان ڏٺيون پئي ويون ۽ کين به ڏاڍو ڊپ ۽ هراس پئي ٿيو، ريلوائي اسٽيشن تي الوداع ڪندي هُن کين ڏاڍيون آٿتون ڏنيون ۽ جنگ جي خاتمي کانپوءِ ساڻن ٻيهر ملڻ جا واعدا پڻ ڪيا. | |
| 12 آگسٽ تي مس ڪاويل انگريزي اخبار ”دي ٽائيمس“ ڏانهن خط لکي جنگ ۾ ڌڪي ٿيندڙ انگريز سپاهين جي پرگهور لهڻ جي آڇ ڪئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ٻي به هر ممڪن مدد ڪرڻ جي اپل ڪئي. سندس انهيءَ اپيل جي نتيجي ۾ سڄي دنيا جي لاتعداد ماڻهن دل جي سچائيءَ سان هن جي بيحد مدد ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ اسپتال کي چوويهه ڪلاڪ کولي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ اتي طبي سهولتون فراهم ٿيڻ لڳيون. پر اڃا اسپتال شروع مس ٿي هئي ۽ جنگ کي لڳي هڪ مهينو به نه ٿيو هو جو جرمن فوجن بروسيلز تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ صورتحال ۾ کيس سلامتيءَ سان هالينڊ اچي رهڻ جي آڇ ٿي پر سندس ساٿياڻين ۽ مس ڪاويل انهيءَ آڇ کي اهو چئي رد ڪيو ته هو ڪنهن خاص فرقي يا قوم جون مخالف نه پر سڄي انسانيت جون خدمتگار هيون. سندن لاءِ فرينچ، جرمن، انگريز يا ڪنهن بيلجمي ماڻهوءَ جي خدمت ڪرڻ ساڳي ڳالهه هئي. انهيءَ ڳالهه جي سچائي انهيءَ مان ثابت ٿي جو سيپٽمبر جي وچ ڌاري سندن اسپتال ۾ جرمن فوجين جي ٽهل ٽڪور پڻ ٿي رهي هئي. | |
| هوڏانهن جنگ جيئن پوءِ تيئن اينگهندي ٿي ويئي ۽ بروسيلز جنگ جو مرڪز ٿي ويو. جرمن حڪمران قيصر جو خيال هو ته هو سياري کان اڳ فتحمند ٿي وٺي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي پروگرام تي تيزي سان عمل ڪندو رهيو. نتيجي ۾ اولهه يورپ ۾ جنگ تيز تر ٿيندي وئي. | |
| پر جرمن جرنيلن جي غلطين جي ڪري اوچتو ”مارن“ جي جاءِ تي جرمنيءَ جي پيش قدمي رڪجي ويئي. جنهن ڪري جرمن فوج کي ڪجهه ميل پوئتي هٽڻو پيو ۽ لڙائي هڪ خونخوار لڙاٽيل ۽ محدود رخ ۾ زور وٺي ويئي. وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيڻ لڳيون، پراڻن قبرستانن ۾ نوان صليب کڙا ٿيڻ لڳا. جن ۾ ڪي انگريز صليب هئا ته ڪي جرمن ۽ ڪي وري فرانسيسي. منجهائن هر صليب تي ڌار ڌار ڪُتبا هئا ۽ هر ڪتبي، هڪ نئين الميي جي نشاندهي ٿي ڪئي. انهيءَ صورتحال م جڏهن جرمن فوجون پنهنجي منصوبي بنديءَ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيون ته بدتر ظلم ڪرڻ تي لهي آيون. هنن بروسيلز کان ويهن ميلن جي فاصلي تي ”لووين“ جي يونيورسٽيءَ واري علائقي کي باهيون ڏئي ڇڏيون ۽ رهواسين کي ناحق خون ڪرڻ لڳيون. | |
| جيتوڻيڪ ان وقت هر ماڻهوءَ تي هيبت طاري هئي پر ايڊٿ ڪاويل اهڙي ڪنهن به ڳالهه کي قبول نه ڪيو. هن ڪنهن دوست ڏانهن خط لکندي چيو؛ ”آئون رڳو پنهنجو پان کان پُڇي سگهان ٿي ته هي معصوم انسان ڪهڙي ڏوهه ۾ ماريا پيا وڃن...“ سندس انهيءَ بي خوفيءَ تي جڏهن کيس چتايو ويو ته هوءَ هن لڙائيءَ جي باري ۾ اهڙا ”ڏاهپ کان وانجهيل“ ۽ وقت جي تقاضا کان هٽيل“ رايا نه ڏئي ته هن وراڻيو؛ ۽ ”اهڙي وقت ۾ جڏهن دلين تي دهشت راڄ ڪرڻ لڳي ۽ طاقت هر شئي مٿان حاوي ٿي وڃي ته انسان تي ٺلهي سياڻپ جو مظاهرو ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيون ذميواريون به عائد ٿين ٿيون.“ | |
| هلندي هلندي جنگ ۾ هاڻي اهڙي صورتحال ٿي چڪي هئي جو ڪوبه ڌڪي اسپتال ڏانهن نه پئي آيو. جرمنيءَ وارن پنهنجا زخمي واپس وطن پئي موڪليا۽ اتحادي بروسيلز ۾داخل نه پئي ٿي سگهيا. هاڻي فقط ڪجهه بيلجمي شهري مريض ئي وڃي بچيا هئا. ان وقت جرمن گورنر هڪ حڪم به جاري ڪري ڇڏيو هو ته 18 سالن جا يا ان کان وڏا مرد مريض جڏهن به اسپتال مان فارغ ڪيا ويندا ته کين لازمي طور تي فوجي پوليس کي اطلاع ڏيڻو پوندو. جنهن جو مطلب اهو هو ته کانئن جبري پورهيو ورتو ويندو، ايڊٿ ڪاويل انهيءِ حڪم نامي جي ڀڃڪڙيءَ جو فيصلو ائين ڪيو ته هن فارغ ٿيندڙ هر مريض کي هدايت نامو ڏيڻ شروع ڪيو ته؛ ”جيڪڏهن اوهان کان لڀي سگهي ته فوجي پوليس ٿاڻي تي اطلاع ڏيو نه ته مادام ايڪس جي گهر تي حاضر ٿيو. | |
| ٻئي طرف پنهنجين هفتيوار رپورٽن ۾ هوءَ سچائيءَ سان بيان ڪندي رهي ته هوءَ ماڻهن کي فوجي پوليس ٿاڻي تي پهچڻ جو اطلاع ڏئي ٿي. جرمن فوجين لاءِ البت اها عجيب ڳالهه هئي جو منجهئن آڱرن تي ڳڻجي سگهندڙ ماڻهن کي ئي ٿاڻي جو رستو هٿ پئي آيو. | |
| انهيءَ وچ ۾ فرانسيسي سرحد تي ”مونس“ جي شهر ويجهو بيلجم جي شهزاديءَ ”ڊي ڪروئي“ پنهنجي حويليءَ کي اسپتال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. پهريائين ته ان اسپتال ۾ جنگ ۾ زخميل جرمن سپاهي داخل هئا، پر جڏهن جنگ اوڀرين پاسي يعني ”مارن“ جي طرف زور ورتو ته پوءِ اڪثر ڪري انگريز ۽ فرانسيسي ڌڪيل سپاهي پڻ اچڻ لڳا. انهيءَ صورتحال ۾ هڪ نوجوان ماسترياڻيءَ ”لوئر ٿوليز“ جي مدد سان شهزاديءَ رٿا بندي جوڙي ته اتحادي سپاهين کي ڳجهي طريقي سان ملڪ پار ڪرائي هالينڊ پهچايو وڃي ته جيئن هو اتان آساني سان انگلينڊ پهچي سگهن. هيءُ هڪ نهايت خطرناڪ ڪم هو جنهن جي ڪري ڪڙي سزا ملي پئي سگهي. بهرحال جلد ئي ٻنهي ڄڻين محسوس ڪيو ته وقت اچي ويو آهي، جو اهو ڪارنامو سرانجام ڏجي. انهيءَ سلسلي ۾ شهزادي صاحبه مس ڪاويل کان مدد طلب ڪندي کانئس پڇرايو ته، ڇا اهو ممڪن هو ته هوءَ ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻ وٽ انهن فوجين کي ترسائي پناهه ڏئي جتان پوءَ هو چئن يا پنجن ڄڻن جي ٽولين جي صورت ۾ ڊچ سرحد وٽ ”ٽرن هائوٽ“ جي جاءِ تي پهچي سگهن؟ جتان منزل تي پهچڻ سندن لاءِ عين ممڪن هو.“ ايڊٿ ڪاويل هڪ لحظي وڃائڻ بنان انهيءَ ڳالهه تي رضا مند ٿي. توڙيه جو اهڙي لاپرواهيءَ ڪرڻ سان هن سخت سزا لائق ڏوهه ۾ شامل ٿيڻ تي سندس ڪيترين ساٿياڻين سخت صدمي جو اظهار پڻ ڪيو. | |
| ٿورڙي ئي عرصي ۾ هيءَ رٿابندي ڏاڍي ڪامياب ثابت ٿي. مريضن جي روپ ۾ اتحادي سپاهي پهريائين ڏينهن ٻن لاءِ (بعضي ته هفتن لاءِ به) وٽس اچي رهندا هئا، جتان پوءِ اڪثر ڪري مس ڪاويل پنهنجي سر کين انهن مقرر جاين تائين پهچائيندي هئي جتان کان راهبرن جي معرفت کين ”ٽرن هائوٽ“ واري منزل تي پُڄڻو هوندو هو. اهو ڪاروبار پروگرام مطابق هلندو رهيو پر انهيءَ سال مئي مهيني ڌاري مس ڪاويل کي پڪ ٿي ويئي هئي ته جرمن فوج وارا سندس انهيءَ ڪار گذاريءَ کان واقف ٿي چُڪا آهن. اهو ڄاڻندي به هُن بهرحال انهيءَ سلسلي کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو ۽ اهو پڻ سوچي ڇڏيو ته جيڪڏهن اوچتو ڪنهن ڏينهن جرمن فوج سندس اسپتال تي ڇاپو هنيو ته هوءَ اتحادي سپاهين کي ڪٿي نه ڪٿي لڪائي ڇڏيندي.ا هو ڄاڻندي جرمن فوج ڄڻ ته هڪ چتاءُ طور تي پنهنجي ڳجهي جاسوسي اداري جو مُک مرڪز بروسيلز ۾ قائم ڪيو، جنهن جا ڇهه هزار ڪارندا هر هنڌ ڦهلجي ويا. سندن پُهچ ۾ ڪارخانا، اسپتالون ۽ خانگي توڙي سرڪاري ادارا اچي پئي ويا، جيتوڻيڪ جرمن فوجي مس ڪاويل جي سکيا گهر يعني ”روڊي لا ڪلچر“ واري جاءِ تي ٿيندڙ عجيب چر پر تي حيران ته هئا پر کين ڪا اهڙي ٺوس معلومات ڪونه هئي جنهن جي بنياد تي هو ڪو شڪ ڪري سگهن. | |
| آخر ڪار 5 آگسٽ 1915ع تي سندن توقع مطابق مس ڪاويل کي هن جي نائب سسٽر ”ول ڪنز“ سميت گرفتار ڪيوويو. هن گرفتاريءَ جو بنياد انگلينڊ واپس پهتل ڪنهن بيوقوف سپاهيءَ طرفان ٿورن جي مڃتا سان ڀريل اسپتال ۾ پهتل اهو خط هو جيڪو تلاشيءَ دوران جرمن پڇا ڳاڇا دوران حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندي جاسوس پوليس جي آفيسر کيس چيو، ”توکي پنهنجي سِر اهو ڏوهه قبول ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ جو اهڙن ٻن سپاهين جون اسان وٽ اڳ ئي مڪمل رپورٽون پيل آهن جن کي تو ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي...“ جيئن ته عورتن کان ڌار ڌار پڇائون ڪيون ويون تنهن ڪري معلوم اهو ٿيو ته سسٽر لڪنز مسلسل هر شئي کان انڪار ڪندي رهي. نتيجي ۾ خود سندس لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه اها ٿي جو کيس آزاد ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي طرف مس ڪاويل جنهن پنهنجي مٿين ڪارڪردگيءَ کي لڪائڻ جي ڪا خاص ڪوشش نه ڪئي، تنهن کي آخر ڪار جهليو ويو. | |
| انهيءَ وچ ۾ جرمن فوج پنهنجن جاسوسن جي رپورٽن(جيڪي فرار ٿيندڙ اتحادي سپاهين ۾ به موجود هئا) ۽ ڪجهه مس ڪاويل طرفان ڏوهن جي نتيجي ۾ سڄي بيلجم منجهان گرفتاريون مڪمل ڪري ورتيون. جيئن ته مس ڪاويل جرمن فوجين جي ڏنل انهيءَ تاثر جي مڪمل گهيري ۾ اچي چڪي هئي ( ته ٻين ڪيترن ماڻهن فلاڻيون فلاڻيون ڳالهيون ڏسي کين مڪمل معلومات فراهم ڪئي هئي) تنهن ڪري هن پڻ انتهائي خسيس ڳالهين کان وٺي اهم معاملن تائين پنهنجي ملوث هجڻ جي مڪمل تصديق ڪئي ۽ ڏنل بيان جي آخر ۾ چيو؛ | |
| منهنجا بيان جيڪي هاڻي مون آڏو فرانسيسي ترجمي سميت پڙهيا ويا آهن. تن جو ذرو ذرو سچ تي ٻڌل آهي. اهي ائون مفصل ۽ مڪمل طور تي سمجهان ٿي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي ٽربيونل آڏو پڻ ورجائينديس.“ | |
| صحي ۽ شاهدي طرفان | |
| ايڊٿ ڪاويل | |
| جيتوڻيڪ ڏوهن جي اها باس مايوسيءَ بدران فخر ڀري توڪل وچان ڪيل هئي پر سندس ڪورٽ مارشل ٿيڻ کان پوءِ اختيارين طرفان مقرر ڪيل هن جي وڪيل چيو؛ ”پنهنجي ڪيل باس جي نتيجي ۾ هن بچاءَ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو هو.“ | |
| هن ڪيس ۾ ترت سماعت کانپوءِ جرمن فوجي عدالت طرفان ڏنل سزائن جي جيڪا آخري لسٽ پڌري ڪئي ويئي تنهن ۾ ايڊٿ ڪاويل سان گڏ شهزادي ڊي ڪرائي. لوئيز ٿوليز ۽ بيلجم جونوجوان عمارت ساز فلپ باق شامل هئا. باق نه رڳو سپاهين کي ڀڄائڻ واري معاملي جو مجرم ڄاڻايو ويو هو، پر هن تي الزام هو ته هن غداريءَ سان ڀرپور پمفليٽ پڻ ورهايا هئا. هن سزا کاڌل لسٽ ۾ ڪل پنجٽيهه ڄڻا شامل هئا. | |
| هيءَ مقدمو 7 آڪٽوبر تي شروع ٿيو ۽ جڏهن ڏينهن ٻن کان پوءِ فيصلو ڏنو ويو ته بروسيلز ۾ موجود آمريڪي وزير لنڊن ۾ مقرر پنهنجي سفير کي لکيو؛ | |
| ”...توڙي جو جرمن فريادي وڪيل مس ڪاويل جي اقرار جي نتيجي ۾ مٿس ۽ ساڻس شامل ٻين اٺن ڄڻن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪئي آهي، پر پوءِ به مون کي ڪُجهه اميد آهي ته عدالت اهڙي سخت سزا نه ڏيندي.“ | |
| پر هو غلط ثابت ٿيو. گرفتار ڪيل پنجٽيهه ڄڻن مان اٺن کي آزاد ڪيو ويو. پنجويهن کي ڊگهيون سزائون ڏنيون ويون، جڏهن ته فلپ باق ۽ ايڊٿ ڪاويل کي گوليءَ سان اڏائڻ جي سزا ٻڌائي ويئي. | |
| هوڏانهن جرمن عدالت آمريڪي وزير سميت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن طرفان ڏنل رحم جي درخواست کي رد ڪندي (توڙي جو چند ماڻهن کان سواءِ ڪو انهيءَ ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هو ته فقط اتحادي فوجين کي واپس وطن پهچائڻ جي الزام ۾ ڪوبه دشمن ڪيترو به ظالم ڇو نه هجي. ڪنهن هڪ عورت ۽ سو به نرس کي موت جي سزا ڏيندو. انهيءَ جي باوجود مٿس جاسوسيءَ جوا لزام به نه هجي.) پنهنجو حڪم صادر ڪيو. جنهن تي 12 آڪٽوبر صبح جو ساجهر عمل ڪيو ويو. پنهنجي موت کان چند گهڙيون پهرين جڏهن مرڻ کانپوءِ اوگهڙ ڍڪڻ جي خيال کان مس ڪاويل ٻه چار ٽاچڻيون گهري پنهنجي اسڪرٽ کي ٽوپيو هو تڏهن خاموشيءَ سان ”ٽر نيشنل“ عمارت جي راهداريءَ مان گذرندي ۽ فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون ٿيندي هن پنهنجو مناجاتي ڪتاب کولي منجهس هي آخري سٽون لکيون هيون؛ ”اَمي. آئون 12 آڪٽوبر 1915ع تي صبح جو ستين وڳي مري ويس، پنهنجي امڙ لاءِ اڪير وچان_ايڊٿ ڪاويل.“ | |
| ايڊٿ ڪاويل جي شهادت ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ غير ضروري هئي. ڇاڪاڻ جو سندن خيال مطابق اهڙي تفصيل سان پنهنجا ڏوهه باسڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي. پر انهيءَ هوندي به هن سڄي سانحي جو هڪ غير معمولي نتيجو ٻيو به هو. جيڪو آمريڪي اديب اون وسٽر جي بقول اهو هو ته؛ ”جڏهن ڪاويل انگلينڊ لاءِ پنهنجي جان جو ٻليدان ڏنو ته ان کان پوءِ آمريڪا جا جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ جا امڪان بلڪل ختم ٿي چڪا هئا.“ هن ظلم کان پوءِ آمريڪي عوام جو رويو هيبت ۽ ڪاوڙ وچان سڀ ضابطا ٽوري ويو. توڙي جو صدر ولسن جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان گهڻو ئي لنوايو پر دٻاءُ ايترو وڌي ويو جو کيس ميدان ۾ لهڻو پيو. جنهن جونتيجو آخر اهو نڪتو جو اتحادين جي سوڀ يقيني بڻجي ويئي | |
| ڪاويل جي موت کانپوءِ ڪيترائي بحث شروع ٿي ويا ته هن بهادر عورت، جنهن موت جي سزا ملڻ وقت هڪ گهڙيءَ لاءِ به ڪا فڪرمندي نه ڏيکاري هئي نه ئي موت جي منهن ۾ وڃڻ مهل ڪو لوڏو کاڌو هو. تنهن ههڙا خواري ڀريل اقرار آخر ڇو ڪيا؟ انهيءَسلسلي ۾ سندس شاگرد نرس ”جئڪولين وان ٽل“ جا هيٺيان ويچار شايد درست هجن. | |
| ”نرسنگ جي پيشي ۾ جيڪي خوفناڪ حالتون آهن ايڊٿ ڪاويل تن جو عملي مظاهرو انهيءَ طريقي کان سواءِ ٻئي ڪهڙي بهتر طريقي سان ڪري پئي سگهي؟ ان دور جي ضرورتن مشڪلاتن کي هوءَ ٻئي ڪهڙي نموني سان نروار ڪري ۽ سرانجام ڏيئي پئي سگهي. سندس منزل اها هئي ته نرسنگ جي پيشي جي ذريعي انسانيت جي خدمت ڪئي وڃي.“ | |
| (نوٽ؛هي مضمون Jonn Canning جي ترتيبيل ڪتاب 100 Great Lives of Modern Times جي صفحي نمبر 285 کان 291 تائين ترجمو ڪيو ويو). | |
| مسعود لوهار | |
| (پهريون حصو) | |
| اڳڪٿيون ۽ انسان | |
| نجوم، جوتش، اڳڪٿيون وغيره اهڙا لفط آهن جيڪي پاڻ مان سڀني ضرور ٻڌا هوندا. گهڻا انهن لفظن کي ٻڌي، طنزيه انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪري ڇڏيندا آهن ته وري گهڻا اهڙا آهن جيڪي پنهنجي هر فيصلي کان پهرين ڪنهن نجومي يا جوتشي سان رابطو ضرور ڪندا آهن. انساني تاريخ اهڙن هزارين مثالن سان ڀري پيئي آهي،جنهن ۾ بادشاهه، پنهنجن سرڪاري پگهار دار نجومين کي محض اهڙين صلاحن مصلحتن ۽ ستارن جي نحس سعد چال معلوم ڪرڻ لاءِ رکندا نظر آيا آهن. نه رڳو اهو پر انساني تاريخ جو تمام وڏو دور علم نجوم جي علمي اجاره دا ريءَ هيٺ رهيو آهي. هاڻي جڏهن تهذيب پنهنجي عروج تي پهتي آهي ۽ انسان ٽيڪنالوجي ۽ جديد تعليم جي بدولت وڌيڪ روشن خيال ۽ مصروف ٿي ويو آهي ته ان علم جي اهميت ۽ اثر کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي پر اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ان جي باوجود به ايڪهين صديءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتل دنيا اڃا تائين پوري طرح انهيءَ علم جي ليڪي مان ٻاهر نه نڪتي آهي. ڇا اها حيرت جي ڳالهه نه آهي ته آمريڪا جو صدر ريگن پنهنجي هر فيصلي کان پهرين پنهنجي ذاتي نجومي جئان ڪئگلي سان صلاح مصلحت ڪندو هو بلڪ ائين چئجي ته اهو ئي ڪندو هو، جيڪو مذڪوره نجومي کيس چوندو هو. مشهور جرمن نجومي ڪرافت، هٽلر جو ذاتي ۽ نازي جرمنيءَ جو سياسي نجومي هو. هوڏانهن ڪيترائي بادشاهه، ليڊر، ليکڪ ۽ بزنس مئن، مشهور پامسٽ ۽ نجومي ڪيرو جي اڳيان پويان پيا ڦرندا هئا ته جيئن سندن قسمت جي ڪا جهلڪ پلئه پوين. | |
| جيتوڻيڪ، اڄڪلهه اسان وٽ سنڌ ۾ اڳڪٿيءَ جو علم، علمي حلقن پاران شديد طنز ۽ نظر اندازي جو شڪار آهي. پر جيئن ته دنيا جي ماضي قريب جي تاريخ ۽ حال جي ڪجهه حيرت انگيز واقعن جي باري ۾ مختلف دور جي نجومين تعجب جي حد تائين صحيح اڳڪٿيون ڪيون ۽ دنيا جا ڪافي وڏا پڙهيا لکيا ماڻهو، غير معمولي حد تائين ان علم جي سحر ۾ گرفتار رهندي نظر آيا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته قديم زماني کان وٺي اڄ تائين دنيا جي ناليرن نجومين جو انهن جي حيرت انگيز اڳڪٿين جو جائزو وٺون. | |
| اڳڪٿيون يا غيب جو حال ڄاڻڻ وارن علمن جا آثار دنيا جي قديم ترين تهذيبن جهڙوڪ مصري، سميري، بابلي ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيبن ۾ به ملن ٿا. ان دور جي انسان جو مذهب، اڳڪٿين ۽ سَوڻن سان سلهاڙيل هو. جيئن دنيا جي اوائلي تهذيبن مان يوناني ۽ رومن تهذيبن جي مذهبن ۾ جن ديوين ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي سي نظام شمسيءَ جا اُهي گرهه هئا جن کي پاڻ مشتري، عطارد، مريخ، زحل، پلوٽو، پنچون، يورينس يا سج ۽ چنڊ جي نالن سان سڄاڻون ٿا. مشتري يا جيوپيٽر رحم ۽ سٻاجهائي جو ديوتا مڃيوويندو هو ته وري مريخ يا مارس جنگ و جدل ۽ تباهه ڪارين جو ديوتا ڄاتو ويندو هو، اهڙيءَ طرح انهيءَ دور ۾ اڳڪٿين جي علم النجوم تي ڪافي گهرائي سان ڪم ٿيو، جنهن جي ئي بنياد تي اڄ جي علم النجوم جي پوري عمارت بيٺل آهي. | |
| هاڻي اچو ته ڏسون ته اڳڪٿين ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا استعمال ڪيا ٿا وڃن يا ٻين لفظن ۾ ڪهڙن علمن ذريعي اڳڪٿيون ڪيون ٿيون وڃن. انهيءَ لاءِ هيٺيان چند نالا اهم آهن؛ علم الرمل، جفر، خوابن جي تعبير، پامسٽري، علم الاعداد ۽ علم النجوم. سڀني علمن ۾ گهڻي ڀاڱي حساب ڪتاب، ڳڻپ ۽ اندازن جي بنياد تي اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن جن جي صحيح يا غلط هجڻ جو تعلق ان جي عامل جي مهارت ۽ تجربي سان به هوندو آهي. | |
| سنڌ ۾ وري جانورن ۽ پکين جي آوازن، چرپر ۽ لقائن مان سوڻ وٺي اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن جيئن؛ڪانءُ جي مختلف ٻولين ۽ تنوارن مان سٺي يا خراب خبر جي اڳڪٿي ڪندا آهن. اهڙا مثال شاهه لطيف جي شاعريءَ مان به مليا آهن. جنهن ۾ ڪانءُ کي چوي ٿو ته ٽپڪي ڏئي ڪنهن وڻ جي ٻيسانگ تي ويهه ته ان جو مطلب اهونڪرندو ته پرينءَ سان ملاقات ٿيندي. | |
| سنڌ جي علائقن ٿر ۽ لاڙ ۾ سوڻ وٺڻ عام زندگيءَ جو هڪ حصو بڻيل آهي، جنهن ۾ ديڳڙيءَ ۾ کائڻ جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته ان جي شاديءَ ۾ مينهن پوندو. سنجهي جي صلاح ڪرڻ کان وڏرا هميشه پيا منع ڪندا آهن جو سنجهي جي صلاح ڪرڻ جو مطلب ته ان ئي رات ڪنهن جي مرڻ جي خبر پوندي. تتر جي ساڄي پاسي کان تنوارڻ جي ٻي معنيٰ ورتي ويندي ته وري کاٻي پاسي کان تنوارڻ جو ٻيو مطلب. اهڙيءَ طرح گدڙ جي اوناڙ مان به مختلف معنائون ۽ مطلب پيا ورتا ويندا آهن. | |
| هاڻي انهن سوڻن وٺڻ کي وهم چئجي يا واقعي انهن جو حقيقت سان ڪو تعلق به هوندو ته انهيءِ لاءِ راءَ قائم ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي. باقي پنهنجو هڪ ذاتي مثال آءُ ضرور ٻڌائيندس ته هڪ رات سانجهيءَ ويلي آءُ، منهنجو ڀاءُ ۽ گهر جا ڪجهه ڀاتي گهر جي ڪنهن مسئلي تي صلاح مصلحت ڪري رهيا هئا سين ته اسان مان ڪنهن وڏي منع ڪئي ته سنجهي جي صلاح نه ڪجي. انهيءَ تي ڏاڍو کلياسين ۽ وهمي ۽ دقيانوسي عادت چئي اسان صلاح مصلحت جاري رکي، فيصلو ڪري سمهي پيا سين، رات جو اٽڪل ٽين وڳي اسان کي ڄاڻ ملي ته اسان جي ڏاڏي ، جيڪا ويجهي ڳوٺ ۾ رهيل هئي، سا وفات ڪري ويئي. | |
| آءُ مڃا ٿو ته اهو هڪ اتفاق ئي هو، پر اهڙا اتفاق ڪڏهن ڪڏهن لاشعوري طور تي ماڻهوءَ کي وهمي بنائي ڇڏيندا آهن. | |
| اڳڪٿين ڪرڻ لاءِ مذڪوره علمن تي جيڪڏهن هتي تفصيلي بحث ڪنداسين ته پوءِ مضمون ڊگهو ٿي ويندو ان ڪري مختصرن علم النجوم تي روشني وجهي پاڻ دنيا جي ناليرن جو احوال ۽ سندن اڳڪٿين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين. | |
| علم النجوم، جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين، ته نظام شمسي جي گرهن جي ڇرپر ۽ آسمان جي مخصوص حصن ۾ وڃڻ جي اثرن جي اڀياس کي چئجي ٿو. آسمان کي ٻارنهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي برج چئجي ٿو. اهڙي طڙح ٻارنهن برج ترتيبوار هيئن آهن. حمل، ثور، جوزا، سرطان، اسد، سنبله، ميزان، عقرب، قوس، جدي، دلو ۽ حوت. | |
| هر برج جو مالڪ ڪو گرهه يا سيارو هوندو آهي. جيئن برج حمل جو مالڪ مريخ آهي ته وري برج اسد جو مالڪ شمس يا سج آهي. | |
| علم النجوم جا ٻه قسم آهن. هڪ يوناني ۽ ٻيو هندستاني. جيتوڻيڪ ٻنهي قسمن جون ڪافي ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن پر طريقن ۾ اختلاف آهي تڏهن به اڳڪٿيون ٻنهي جون صحيح آهن. | |
| دنيا جا مشهور اڳڪٿيون ڪندڙ ۽ سندن اڳڪٿيون | |
| ڊيلفي جو مندر: | |
| يونان ڪنهن زماني ۾ تهذيب ۽ تمدن جو وڏو مرڪز هو، سڪندر جهڙن فاتحن کان وٺي افلاطون، ارسطو ۽ سقراط جهڙن فلسفين جو تعلق به هن ڌرتيءَ سان هو، يونان ۾ ڊيلفي ۾ هڪ مندر هو جتي مها راهبه اڳڪٿيون ڪندي هئي ۽ جيڪو به سوال پڇندو هو ته ان جو جواب ڏيندي هئي. اڄڪلهه ته اهو مندر کنڊر ٿيو پيو آهي پر ڪنهن زماني ۾ ان جي اهميت جوا ندازو ان مان لڳائي ٿو سگهجي ته سڪندي اعظم، نيرو ۽ڪروئسس جهڙا بادشاهه ۽ هومر جهڙا شاعر پڻ ان مندر جا چڪر لڳائڻ ۽ پنهنجي نصيب بابت پڇڻ ايندا هئا. | |
| هڪ ڀيري ڊيلفي جي مندر ۾ سڪندر اعظم پنهنجي مستقبل بابت پڇڻ آيو. ”مستقبل جي هٿن ۾ منهنجي لاءِ ڇا آهي.“ ”اي راهبه“ سڪندر اعظم رعبدار آواز ۾ چيو. هو سڄو زرهه پوش ٿيل هو ۽ سندس مٿي تي فولادي ٽوپلو هو. | |
| ”پِٿيا (راهبه) ڪنهن جي غلام ڪانهي. تون اپالو جي مندر ۾ بيٺو آهين ۽ هتي سڀ انسان هڪجهڙا آهن، ڀڄ هتان!“ پوڙهي جهور راهبه جواب ڏنس. ”هي اڳڪٿين ڪرڻ جو وقت ڪونهي.“ | |
| سڪندر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پٿيا کي ٻانهن کان وڃي سوگهو ڪيائين، ”سڪندر لاءِ وقت جون پابنديون ڪا معنيٰ ڪونه ٿيون رکن. مون کي وڌيڪ ڪاوڙ نه ڏيار نه ته وڏو ڦڏو ٿيندو. هينئر جو هينئر مندر جي اندر وڃ ۽ ڏس ته منهنجي نصيب ۾ ڇا لکيل آهي.“ | |
| پٿيا جو بنهه ساهه سڪي ٿي ويو. هن ڳيت ڏئي چيو ”جيڪڏهن تون ڄاڻڻ چاهين ٿو ته ٻڌ! هن چيو، تون دنيا جو فاتح سڏبين، پر تون ڪنهن پرڏيهيءَ ملڪ ۾ مرندين. تون گهڻو نه جيئندين پر تنهنجا دشمن، تنهنجي نالي کي ادب سان وٺندا.“ | |
| وقت ثابت ڪيو ته پوڙهي راهبه صحيح اڳڪٿي ڪئي هئي.سڪندر ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا پر گهڻو قوت جي نه سگهيو. سڪندر ڪڏهن ڪڏهن افسوس ڪندي چوندو هو ته دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ئي ناهي رهيو جنهن کي هو فتح ڪري. هو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڦٽن خراب ٿيڻ ڪري بخار ۾ مري ويو. | |
| يوناني تاريخ دانن موجب، ڊيلفي واري جڳهه چرندڙ ٻڪرين ذريعي هٿ ٿي. جڏهن ڌراڙ ٻڪرين کي انهيءَ جڳهه تي چارڻ ويندا هئا ته ٻڪريون اتان جو گاهه کائي بنهه عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون هيون. هڪ ڀيري هڪ ڌراڙاتي چُر ۾ داخل ٿيو ته هڪدم اڳڪٿين ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ورتائين ۽ ٻين ڌراڙن کي سندن مستقبل جو حال ٻڌائڻ لڳو. پوءِ جيڪو انهيءَ مخصوص چُر ۾ ٿي گهڙيو ته ان کي اڳڪٿين ڪرڻ جي قوت ملي ٿي ويئي | |
| آهستي آهستي اها ڳالهه هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي ۽ پوءِ اتي مندر تعمير ڪيو ويو ۽ هڪ راهبه کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن انهيءَ مندر ۾ اپالو ديوتا جي پوڄا ٿيڻ لڳي ته پوءِ راهبه کي پٿيا جو لقب ڏنو ويو. | |
| پهرين پٿيا جو نالو فيموناءِ هو ۽ ان کي 700 ق. م ۾ مقرر ڪيو ويو. پٿيا صرف ڪنواري ۽ نوجوان ڇوڪري ٿي سگهي ٿي ۽ اها روايت ايستائين هلندي رهي جڏهن هڪ ڀيري هڪ دکدائڪ واقعو ٿيو. | |
| ٿيو ائين جو هڪ نوجوان نالي اشقراط پنهنجي مستقبل جو حال ڄاڻن لاءِ ڊيلفي آيو. نوجوان پٿيا کيس ٻڌايو ته هو هڪ جرم ڪندو ۽ ان جي سزا ۾ کيس قتل ڪيو ويندو. هن ان مهل ئي ان پٿيا سان زنا باالجبر ڪيو ۽ کيس ان مهل ئي قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوءِ پٿيا صرف پنجاهه سالن کان وڏي عمر جي عورت کي بنايو ويندو هو. | |
| روم جي هاڪاري بادشاهه نيرو به سن 67 عيسويءَ ۾ ڊيلفي آيو. اتي پهچڻ لاءِ هن هڪ بنهه ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ مسافري ڪئي هئي. جيئن ئي نيرو مندر اندر گهڙيو ته پٺيان رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ چيائينس، ”ڀڄ هتان، پنهنجي ماءُ جا قاتل، ڀڄي وڃ ۽73 جي انگ کان خبردار رهجان“ | |
| نيرو تپي باهه ٿي ويو. هن حڪم ڏنو ته پٿيا ۽ ٻين راهبن جا هٿ پير وڍي جيئرو دفن ڪيو وڃي. هن پوءِ سڄي مندر کي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو. | |
| نيرو سوچيو ته پٿيا جو مطلب اهو هو ته هو 73 سالن جي ڄمار تائين جيئندو پر بدقسمت نيرو کي اها خبر نه هئي ته پٿيا جو مطلب ڪجهه ٻيو هو. هو ٻي سال گالبا نالي هڪ بادشاهه هٿان قتل ٿي ويو جنهن جي عمر 73 ورهيه هئي. | |
| يونان جي نامياري شاعر هومر پڻ پنهنجي مستقبل جي خبر وٺڻ لاءِ ڊيلفي آيو. هومر انڌو هو. پٿيا کيس چيو ”انسان ذات توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندي“ اها حقيقت آهي ته هومر کي سندس ڪتابن_البئڊ ۽ اوڊيسي_هميشه لاءِ لافاني بنائي ڇڏيو آهي. | |
| سن 600 ق. م ۾ ليڊيا جي شاهه ڪروئسس، فارس جي بادشاهه سائرس تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ ان لاءِ هن پٿيا کان اڳڪٿي ڪرائي ته هو کٽيندو يا هارائيندو. هن پٿيا ڏانهن هڪ ماڻهو موڪليو پر ان کي اڳڪٿي ڪرائڻ کان اڳ ۾ چڪاس ڪرڻ لاءِ چيائين. هن ان ماڻهوءَ کي پٿيا کان اهو پڇڻ جو حڪم ڏنو ته ڊيلفي ڏانهن قاصد موڪلڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ بادشاهه ڪروئسس ڪهڙو ڪم ڪيو؟ | |
| پٿيا جواب ڏنو، هڪ رڍ ۽ ڪُميءَ جي گوشت کي ڪنجهي جي ٿانءُ ۾ رڌائي، ان مٿان واري ٻُرڪي ڪنجهي جي هڪ وڏي ٿانءُ ۾ کڻي رکيو آهي.“ | |
| قاصد واپس اچيڪروئس کي جواب ٻڌايو. ڪروئس حيرت ۾ پئجي ويو جو جواب بلڪل صحيح هو. | |
| هن پنهنجي ايلچيءَ کي وڏا انعام اڪرام ۽ تحفا ڏئي ڊيلفي موڪليو، هاڻي پٿيا ڪروئسس جي سائرس اعظم سان جنگ متعلق هيءُ اڳڪٿي ڪئي؛ | |
| پار ڪندين، جي درياءُ هيلوئس | |
| ته ٻڏ بادشاهه ڪروئسسس! | |
| (باقي حصو ايندڙ واري | |
| هن مضمون لکڻ ۾ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي وئي؛ | |
| 1_ ورلڊ فيمس پروفيسر اينڊ پروڊڪشن | |
| 2_ دَسائڪڪ ورلڊ. | |
| هندستان جي مهانگي اداڪاره سري ديوي لاءِ | |
| ننڍي قد وارا هيرو مسئلو بڻجي ويا | |
| سري ديوي کي گرمي، پگهر ۽ سخت سيءَ کان چڙ آهي | |
| ڳالهه ٻولهه:زاهده ٿيٻو | |
| 1991ع جي پڄاڻي ۾، دهليءَ مان شاهه سچل ـ سامي وارو سيمينار گذاري، خير سان موٽي آيس. اڃا چار مهينا مس گذيا ته وري 25 فيبروري 1992ع تي بمبئي مان دعوت نامو پهتو. اهو دعوت نامو پڻ سيمينار جو هو، جيڪو ”بمبئي ريڊيو ڪلب“ وارن طرفان هو. اهو سيمينار، ”سنڌ جي عورت ڪيتري قدر هن ترقي يافته دور ۾ اڳتي وڌي آهي، انهيءَ باري ۾ هو ۽ وقت هو 5 مارچ، صبح جو 10 وڳي. پهرين سوچيم ته نٿي وڃان، پر پوءِ خيال ڪيم ته منهنجي وڃڻ سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي عورت جي ترجماني ته ٿي سگهندي، سو اهو سوچي تياريءَ ۾ لڳي ويس. | |
| پهرئين دفعي مان دهلي، آگرو، جئپور، اجمير شريف وغيره ته گُهمي آئي هيس، پر بمبئي ڪونه وڃي سگهي هيس، هينئر وري دعوت جو ملي ته بهانو ٿي پيو. مون سان گڏ منهنجي ڀاڻيجي آفيه به جيڪا ڊاڪٽر آهي هلڻ لاءِ تيار ٿي. پنجن ڏينهن ۾ ويزا ۽ ٽڪيٽ جو مسئلو حل ٿي ويو، جڏهن ٻارن کان موڪلايم ته منهنجي ننڍي پٽ چيو ”امي، بامبي ٿيون وڃو، سلمان خان سان ضرور ملجو.“ منهنجي ڀاڻيجي، جيڪو پڻ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي، چيو ته ”سري ديويءَ سان ضرور ملجو.“ مون کلندي چيو مان ته ”ها بابا، سري ديوي ۽ سلمان خان ته رڳو منهنجي انتظار ۾ هوندا.“ | |
| 4 فيبروري تي صبح 10 وڳي، اسين بمبئي ايئر پورٽ پهتاسين، ڪسٽم وغيره کان فارغ ٿي، جڏهن ٻاهر پهتاسين ته اتي چار پنج ماڻهو اسان جي انتظار ۾ بيٺا هئا. انهن سڀني پنهجو تعارف ڪرايو. دادا گورڌن چوڌري هو، دادا گوبند پنجابي هو، ٻيا به ٽي اتان جا اديب هئا اسين هنن سان گڏ سڌو دادا گورڌن جي رهائشگاهه پهتاسين. اتي اسان کي خبر پئي ته اسان جي رهائش دادا گورڌن وٽ آهي، باقي ماني مختلف جڳهين تي آهي. انهيءَ ڏينهن اسان جي ماني دادا گوبند پنجابيءَ وٽ هئي. هٿ منهن ڌوئي، اسين گوبند سان سڏ سندس گهر روانا ٿياسين. گاڏي ۾ ويٺي بمبئيءَ جوسير ڪندا پئي وياسين. هڪ پاسي تمام وڏيون بلڊنگون هيون ته انهن سان گڏ جهوپڙيون به هيون. اميري ۽ غريبيءَ جو سنگم هو. سوچن جي وهڪري ۾ وهندي، خبر ئي ڪانه پئي جو دادا گوبند هڪ عاليشان پنج منزليءَ عمارت جي هيٺيان گاڏي روڪي چيو، ”دادي، گهر اچي ويو.“ اسين هيٺ لٿاسين،خبر پئي ته دادا گوبند جو اپارٽمينٽ ٿرڊ فلور تي آهي لفٽ ۾ سوار ٿي، مون دادا گوبند کان پڇيو، ”دادا، هيءُ ڪهڙو علائقو آهي؟“ چيائين ”هيءُ بمبئي جو مهانگو علائقو، ”کار“ آهي، ۽ هتي گهڻو ڪري سڀ وڏا ماڻهو رهندا آهن.“ اهو پڻ ٻڌايائين ته هتان کان ڏهن منٽن جي پنڌ تي جڳ مشهور ”محبوب فلم اسٽوڊيو“ پڻ آهي. | |
| دادا گوبند جي اپارٽمينٽ ۾ داخل ٿياسين ته اهو تمام سهڻيءَ طرح ڊيڪوريٽ ٿيل هو. سڀ گهر جا ڀاتي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هئا. دادا سڀني سان تعارف ڪرايو. سندس گهر واري، سندس ننهن، پوٽو، پوٽي، سندس ڏهٽو ۽ تمام سهڻي ڏهٽي، رچيتا،ا نهيءَ جو گهر وارو سنجي، سڀ ڏاڍي چاهه ۽ پاٻوهه سان مليا. سنجي ۽ رُچو جي جوڙي مون کي ڏاڍي وڻي. ٻيئي زال مڙس سمارٽ ۽ سهڻا هئا. | |
| اسين ڪچهريءَ ۾ لڳي وياسين، دادا جي ننهن ماني ٺاهڻ لڳي. اتان جي سڀني ماڻهن کي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت سان تمام گهڻي دلچسپي آهي، انهيءَ ڪري رچيتا مون کان سنڌي لباس ۽ ڀرت وغيره جي باري ۾ پڇي رهي هئي. | |
| ٿوري دير کان پوءِ هڪ ٻيو ماڻهو به آيو. رنگ صاف، هيڊو، عمر جو اڌڙوٽ هو. دادا هن سان ملائيندي چيو ته ”هيءُ رچيتا جو سهرو آهي، نالو ساون ڪمار اٿس. فلمون ٺاهيندو آهي. ساون ڪُمار تمام نوڙت سان مليو. اتي ماني به لڳي ويئي.ماني کائيندي، جڏهن فلمن جو ذڪرنڪتو ته سڀني ٻڌايو ته هو پاڪستاني ٽيليوزن جا اردو ۽ سنڌي ڊراما ڏاڍي شوق سان ڏسندا آهن ۽ انهن ڊرامن کان ڪافي متاثر آهن. پوءِ رُچيتا مون کان پڇيو، ”ادي اوهين اسان جون فلمون ڏسندا آهيو؟“ مون چيو، ”اسين ته وڊيو تي اوهان جون سڀ فلمون ڏسندا آهيون.“ اتي ساون ڪمار چيو ته ”اوهان منهجون ٺاهيل فلمون ضرور ڏٺيون هونديون.“ مون کي ياد اچي ويو، هاڻي تازو ته اسان ساون ڪمار جي فلم ”صنم بيوفا“ ڏٺي هئي، جنهن ۾ سلمان خان ۽ هڪ نئين اداڪاره هئي، انهيءَ تي رُچيتا پڇيو، ”ادي، اوهان کي ڪهڙا اداڪار وڻندا آهن؟“ مون چيو، ”پراڻن ۾ دليپ ڪمار ۽ نون ۾ انيل ڪپور، سلمان خان ۽ عامر خان، اداڪارائن ۾ مڌو بالا ۽ سري ديوي.“ اتي ساون ڪمار مرڪندي چيو، ”اڄ پنجين بجي شام جو منهنجي فلم ”چاندڪا ٽڪرا“ جي شوٽنگ آهي. جيڪڏهن اوهان کي ٽائيم هجي ته رُچيتا سان گڏ هليا اچجو، اتي اوهين پنهنجي پسند جي اداڪار ۽ اداڪارا سان ملي ۽ ڪچهري ڪري وٺجو.“ اهو چئي، ساون ڪماراٿيو، سڀني کان موڪلائي چيائين، ”مان هلان ٿو اسٽوڊيو، اتي سيٽ وغيره ڏسڻو آهي، مان هتي رڳو اوهان سان ملڻ آيو هوس. دادا گوبند ٻڌايو هو ته اسان جا مهمان اچڻا آهن سنڌ کان. اهو ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. | |
| ساون ڪمار جي وڃڻ کانپوءِ اسين سڀ وري ويٺاسين ڪچهريءَ ۾ . اتي شام جا چار ٿي ويا، دادا گوبند چيو، ”جيڪڏهن اوهين اسٽوڊيو هلو ته جلدي تيار ٿي وٺو. پوءِ وري اوهان کي ٿورو گهمائڻ هلنداسين.“ مون خوش ٿيندي چيو، ”دادا، اسين ته تيار آهيون، رڳو منهن ڌوئڻو آهي. انهي بهاني ٻن سپر اسٽارن سان انٽرويو پڻ ڪري وٺنديس.“ | |
| شام جو ٺيڪ پنجين وڳي، مان آفيه، رچيتا، سنجي ۽ دادا گوبند تيار ٿي نڪتاسين. سڄو رستو رڳو سري ديويءَ جا خيال هئا، ۽ مان هيس. سري ديويءَ جي لاءِ گهڻو ڪجهه رسالن ۾ پڙهيو هوم ۽ ٻڌو هوم ته ڏاڍي اڪڙ اٿس ۽ گهٽ ڳالهائيندي آهي. اهو سوچي، ڪجهه ويچار ۾ اچي ويس ته الائي مان سوال ڪريانس ۽ جواب نه ڏئي ته؟ وري ڌيان سندس سونهن ڏي ويو. ٻڌو هوم ته رنگ جي ڪاري آهي. اهو سوچيندي، بي اختيار دل مان دعا نڪتي ته الله ڪري سري سهڻي هجي! | |
| محبوب اسٽوڊيو جي چوڪيدار سنجي کي ڏسي هڪدم گيٽ کوليو. ڪار مان لهي، اسين هڪ وڏي هال ۾ داخل ٿياسين، جتي شوٽنگ هلي رهي هئي. هال ۾ تمام گهڻي روشني هئي ۽ گانو هلي رهيو هو. چئني پاسي چنڊ تارا ٺهيل هئا. اسان کي ساون ڪار جيئن ڏٺو ته اتي ڪرسيون رکرائي ڏنيون. پوءِ چيائين، ”اوهين ٿڌو پيئندا يا چانهه؟“ اسان چيو، ”ٿڌو“. هن ڀر۾ ڀيٺل ڇوڪري کي جلدي بوتلون کڻي اچڻ لاءِ چيو. اسين ڪرسين تي ويٺا سين ته ساون ڪمار سنجي کي سڏ ڪري چيو ته ”سين پوري ٿيڻ کانپوءِ مان سلمان ۽ سري ديويءَ کي وٺي هتي ايندس.“ اهو چئي ساون ڪمار ٻاهر ويو. شايد سري دويويءَ جي اچڻ جو ٽائم ٿي ويو هو. مون سنجي کان پڇيو ته ”هن فلم جو اوهان سريءَ کي ڪيترو معاوضو ڏنو آهي؟“ سنجي ٻڌايو ته ”هينئر سڀني کان مهانگي اداڪارا سري ديوي آهي. هن فلم جا رڳو 40 لک ورتا اٿس.“ مون کڻي ماٺ ڪئي. ٿوريءَ دير ۾ ويهه کن ڇوڪريون، ڪاريون ڪاريون ۽ وري مٿان ڪاريون اسڪرٽون پاتل، سيٽ تي پهچي ويون. ٻن منٽن کانپوءِ ساون ڪمار ۽ ان سان گڏ سلمان خان ۽ سري ديوي اندر داخل ٿيا. سريءَ تي نظر پوندي ئي منهنجيون اکيون کلي ويون. ڊگهو قد، سنهڙي ڳچي، ڊيل جيان ننڍڙو منهن، وڏيون وڏيون اکيون، سنهڙي چيلهه، ڊولائتو بت، سحر انگيز شخصيت جي مالڪ سري ديويءَ جا نقش نيڻ ڪمال جا هئا. اهڙيون عجائب عورتون مون زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺيون آهن، رنگت اهڙي، جهڙي گرمين جي اُجري پرهه ڦُٽي هجي. اکيون اهڙيون چمڪدار، جيئن سياري جي چانڊوڪي رات. چپ اهڙا، ڄڻ گلاب جون پتيون. واقعي، هوءَ سري ديوي نه، پر ”پَري ديوي“ لڳي رهي هئي. اڇو سلڪ جو پڙو، چانديءَ رنگ بروڪيڊ جي چولي پاتل هيس، جنهن ۾ هوءَ تهان سهڻي لڳي رهي هئي. ساون ڪمار اسان جو تعارف ڪرائيندي چيو. ”هي اسان جا مهمان، سنڌ، پاڪستان کان آيا آهن.“ کلندي اسان کي ڀليڪار چيائين. ساون ڪمار اسان کي چيو، ”اوهين اڌ ڪلاڪ مئڊم سان ڳالهايو، تيستائي اسين تياري ڪري وٺون.“ | |
| مون سري ديويءَ کان پهريون سوال ڪيو ”اوهان جو قد ڪيترو آهي؟“ کلندي چيائين، منهنجو قد 5 فوٽ ساڍا ست انچ آهي. انهيءَ ڪري ننڍي قد وارا هيرو منهنجي لاءِ مسئلو هوندا آهن. پر اهو منهنجو قد ئي آهي، جنهن مون کي بچايو آهي نه ته منهنجو وزن 63 ڪلو گرام آهي.“ | |
| اتي مون وري غور سان سندس منهن ۾ نهاريو. هن کي فل ميڪ اپ ٿيل هو. وري مون سندس ٻانهن ڏي نهاريو. ٻانهون صاف شفاف هيس. اتي مون وري ٻيو سوال ڪيو؛ ”سري ديوي، اوهان کي ڪهڙيون شيون وڻنديون آهن؟“ هن سنجيده ٿيندي چيو، ”مون کي ٽي شيون تمام گهڻو وڻنديون آهن؛ هر قسم جا گل، پاڻي ۽ ڪوهيڙوMist .“ | |
| تڪر ۾مون سوال پئي سوچيا، سو جيڪي سوال ذهن ۾ آيا پئي، سي پڇيم پئي؛ ”ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته اوهان جو وزن وڌي ويو آهي ۽ ڪڏهن اوهين بلڪل سنهيون لڳنديون آهيو. انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟“ مرڪندي چيائين، ”خوشقسمتيءَ سان مان جلدي پنهنجي وزن تي ڪنٽرول ڪري وٺندي آهيان. رڳو مان آئيس ڪريم ۽ پيسٽريون کائڻ تي ڪنٽرول ڪندي آهيان ته سنهي ٿي ويندي آهيان...پر ڇا، اوهين اسان جون سڀ فلمون ڏسندا آهيو جو اوهان کي ايتري خبر آهي؟“ | |
| مون وراڻيو، ”منهنجي خيال ۾ ته اوهان وٽ اوهان جون فلمون رليز ئي ڪونه ٿينديون آهن ته اسان وٽ اهي ويڊيو ۾ پهچي وينديون آهن.“ | |
| انهيءَ تي هن خوش ٿيندي چيو، ”ته ڇا، پاڪستان ۾ ماڻهو مون کي پسند ڪندا آهن؟“ مون چيو، ”تمام گهڻو. منهنجي ڀاڻيجي ته دعا ڪئي هئي ته خدا ڪري منهنجي اوهان سان ملاقات ٿئي، ۽ ڏسو هن جي گهريل دعا جي ڪري مان اوهان سان مليس، اوهان سان ڳالهيون ڪيم.“ انهيءَ تي هن جي خوبصورت منهن تي اڃا وڌيڪ رونق اچي ويئي. | |
| ”اوهان جي لاءِ مون ڪافي پڙهيو آهي ته اوهين گهڻو خاموش رهنديون آهيو. صحيح آهي؟“ مون پڇيومانس. | |
| جواب ۾ چيائين، ”مان شروع کان وٺي ائين آهيان. سڀ کان وڌيڪ مان پنهنجي فيمليءَ سان ويجهو آهيان، ۽ مان انهن کان سواءِ ڪنهن سان فري ڪانه ٿيندي آهيان. گهر ۾ به مان گهٽ ڳالهائيندي آهيان. پر مان بور ڇوڪري ڪانه آهيان.“ | |
| سين جي تياري مڪمل ٿيڻ واري هئي. مون جلدي وري سوال ڪيو، ”اوهان جو ستارو ڪهڙو آهي؟“ چيائين Leo... پر مان Typical Leoنه آهيان، ڇو جو اهي گهڻو ڪري سخت هوندا آهن ۽ مان نرم آهيان. اهي گهڻو ڳالهائيندا آهن، مان گهٽ ڳالهائيندي آهيان.“ | |
| ”اوهان جي پسنديده شخصيت؟“ هڪدم چيائين ته ”مائيڪل جيڪسن. جنهن نموني سان ڳائي ٿو ۽ جنهن نموني سان ڊانس ٿو ڪري، مان سمجهان ٿي، هو سئو دفعا مون کان بهتر آهي.“ | |
| ”سري ديوي، اوهان جو پسنديده رنگ ڪهڙو آهي؟.“ | |
| ”مون کي چانڊوڪيءَ وانگي پيار آهي،اڇي رنگ سان.“ ”ڀلا ڪهڙين ڳالهين کان اوهان کي چڙ آهي؟“ | |
| ”گرمي، پگهر ۽ تمام سخت سيءَ کان.“ | |
| ”ڀلا اوهان جي زندگيءَ جوڪو اڻ وسرندڙ لمحو؟“ | |
| سوچيندي چيائين، ”جڏهن مان ننڍي هيس ۽ مون کي فلم ۾ Child artist طور ڪم ڪرڻو هو، تڏهن سائوٿ جي هڪڙي هيروئن (مان انهيءَ جو نالو ڪونه کڻنديس) مون کي چيو ته تون ان فلم ۾ ڪم ڪونه ڪري سگهندينءَ.“ | |
| مون وري هڪدم ٻيو سوال ڪيو ته ”اوهان جو شاديءَ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ کلندي چيائين، ”شادي هڪ ضروري شيءَ آهي، خاص طرح اسان جي سماج ۾. مان به ضرور شادي ڪنديس. پر پهرين ڪو سٺو ڇوڪرو ته ملي.“ | |
| مون چيو، ”سٺي مان اوهان جي مراد ڇا آهي؟“ | |
| ٿورو شرمائيندي چيائين، ”منهنجو مطلب آهي سنهڙو، قداور نوجوان. منهنجي مڙس کي اهڙو هجڻ کپي. انهيءَ سان گڏ هن جو اخلاق به سٺو هجي. ضروري ناهي ته هو امير هجي، پر بيڪار به نه هجي.“ | |
| ”اوهين شاديءَ کان پوءِ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون“ | |
| ”اهو منهنجي مڙس جي مرضيءَ تي هوندو... پر اها شادي ٿئي ته سهي!“ | |
| اهو چئي هن بي اختيار ٽهڪ ڏنو. مون کي به کل اچي ويئي. | |
| ”اوهان کي پنهنجي ڪهڙي عادت ڪانه وڻندي آهي؟“ | |
| ننڍڙين اسڪول جي ڇوڪرين وانگي، زبان ڪڍي چٻرا ڏيڻ.“ | |
| اوهان جي ڪا اهڙي خواهش، جيڪا پوري نه ٿي هجي؟“ | |
| منهنجون سڀ خواهشون پوريون ٿي چڪيون آهن.“ هن سڪون سان جواب ڏنو. | |
| واقعي، هن کي ٻيو ڇا کپندو هو؟ عزت، دولت، شهرت سڀ ڪجهه هن جي قدمن ۾ آهي. هوءَ ”نمبر ون“ آهي. | |
| مان اڃا اهو ئي پئي سوچيو ته سلمان خان به اچي ويهي رهيو دل ۾ سوچيم ته هڪ تير سان ٻه شڪار ڇونه ڪجن؟ سلمان سان به ڪچهري ٿي وڃي. اهو خيال ڪري، مون سري دويءَ کان آخري سوال پڇيو، ”اوهان جو پنهنجن پاڪستاني مداحن ڏانهن ڪو خاص پيغام؟“ | |
| چيائين، ”مان سندن شڪر گذار آهيان جو اهي مون کي پسند ڪن ٿا. زندگي ۾ ڪڏهن موقعو مليو ته ضرور پاڪستان اينديس.“ اهو چئي، هوءِ سين پڪچرائيز ڪرائڻ لاءِ اٿي بيٺي. مون هن کي تصويريون ڪڍائڻ لاءِ چيو. پوءِ اسان تصويريون ڪڍايون. سلمان خان مون کي چيو، ”مان شوٽنگ کانپوءِ اچي اوهان سان ڳالهايان ٿو. | |
| مون کي بي انتها خوشي هئي. هڪ ته سري ديويءَ سان ملاقات جي، ٻيو هن سان ڳالهائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي. جيڪي غلط فهميون هيون ته هوءَ الائي ڪيئن هوندي، آڪڙ هونديس وغيره، سڀ مٽجي ويون هيون. شڪ شبها ختم ٿي چڪا هئا. واقعي،سري ديوي ديوي آهي، جيڪا ماڻهن جي دلين تي حڪومت ڪري ٿي. | |
| مصنف: ڊاڪٽر نور محمد جويو | |
| مترجم:عطا محمدعطائي | |
| آتم ڪهاڻي | |
| (قسط نمبر 3) | |
| 22 نومبر 1976ع تي سيشن ڪورٽ نمبر 5 ڪراچيءَ جي جج جناب عبدالعزيز ميمڻ صاحب قلم 302 جي ڪيس مان بفضل خدا مون کي باعزت آزاد ڪري ڇڏيو.در حقيقت مان ان مقدمي ۾ بلڪل بي قصور هئس مون سان جيڪو واقعو ٿيو آهي اهو هڪ عجيب قسم جو واقعو آهي، ۽ مان خدا تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي هي داستان بيان ڪري رهيو آهيان مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، اهو شل ڪنهن سان نه ٿئي هِن کان اڳ جو مان اُهو واقعو ۽ داستان بيان ڪيان، ضروري ٿو سمجهان ته پڙهندڙن کي پنهنجي متعلق ٿوري ڄاڻ ڏيان ان بعد هن داستان کي شروع ڪندس، مان پيشي جي لحاظ کان حڪيم ۽ ڊينٽسٽ آهيان، (موجوده وقت نه) ان وقت ماچيس فيڪٽري لانڍي ڪراچي نمبر 22 ۾ عرصي 20 سالن کان مقيم هئس. منهنجو اصل ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي قمبر علي خان ۾ آهي. ذات جي لحاظ کان جويو خاندان سان تعلق اٿم. جيڪو حيرت انگيز واقعو مون سان پيش آيو آهي. تنهن جو تفصيل هن طرح آهي؛ | |
| پوءِ منهنجي دل ۾ا ها خواهش پيدا ٿي ته اهو جهاز ڇت مٿان لنگهڻ بعد ٻئي دروازي کان ضرور ڏسڻ ۾ ايندو. اهو خيال ايندي ئي مان جهٽ ڏيئي ٻئي دروازي تي وڃي پهتس ۽ غور سان آسمان طرف ڏسڻ لڳس، مگر ڪٿي به مون کي هوائي جهاز ڏسڻ ۾ نه آيو. تعجب جي ڳالهه هيءَ محسوسو ٿيڻ لڳو، جو جهاز جي گڙ گڙاهٽ صاف ٻڌڻ ۾ پي آئي! | |
| هينئر منهنجي دل ۾ خوف جون لهرون اُڀرڻ لڳيون ۽ وسوسو پيدا ٿيو، ته شايد انهيءَ جهاز ۾ منهنجا دشمن ته سوار ڪونهن، جن جو منصوبو هجي ته منهنجي بئرڪ جي مٿان بم ڪيرائي مون کي ختم ڪيو وڃي. مان انهيءَ سوچ ۾ هوس ته ان گڙ گڙاٽ سان گڏ هڪ خوفناڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”هاڻي تون بچي نٿو سگهين. اسان تو سان گڏ پوري جيل کي بم سان اُڏائي ڇڏينداسين. تون ۽ تو سان سڀ قيد ختم ٿي ويندا.“ مون دل ۾ چيو؛ منهنجو رب منهنجو مدد گار آهي. اڃان مان پنهنجي سمهڻ واري هنڌ تي پهتو ئي نه هوندس ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو. اهو ڌماڪو ايڏو ته زبردست هو، جو مان خوف سبب بيهوش ٿي ويس جڏهن هوش ۾ آيس، ته منهنجي ڪنن ۾ دانهن، ڪوڪن، رئڻ رنڀڻ جا آواز اچڻ لڳا. اُهي آواز اهڙي قسم جا هئا جيئن ڪو ڪنهن کي ماريندو ڪٽيندو هجي. ڪو پيو چئي ته؛ ”صاحب، مون ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو ماريو ٿا اهو شور هاڻي منهنجي ويجهو ٿيندو ويو، مان خوف وچان هنڌ مان اُٿي، بئرڪ جي سامهون ليئو پائي ڏٺو ته منهنجا لڱ ڪانڊراجي ويا! گهڻي تعداد ۾ مون کي ماڻهو نظر آيا، جن کي بي رحميءَ سان ماريو پئي ويو. ڪيترن ماڻهن جي ڪلهن تي ٿلها لڪڻ ٻن ڦٽن جا رکيل هئا، جن کي هنن جي ٻانهن سان ٻڌو ويو هو ۽ سندن جسم لوهه جي زنجيرن سان قابو جڪڙيل هئا سپاهي پڻ گهڻي انداز ۾ انهن کي ڪُٽي رهيا هئا. انهن سپاهين جون ورديون عجيب رنگ جون هيون، جيڪي فوجن جون ٿي لڳيون ۽ عجب جهڙيون ٽوپيون سندن ڪنن وٽان لڙڪي رهيون هيون، ڄڻ اُهي سپاهي نه هجن پر مسخرا هجن. انهن سپاهين ۾ هڪ خوبصورت ماڻهو تمام قيمتي ڪيمخوابي لباس پاتل ڏسڻ ۾ آيو. ڄڻ هو هنن جو آفيسر هجي. سڀ سپاهي هن جي حڪم هيٺ هئا هاڻي انهن آفيسر سپاهين کي حڪم ڏنو ته انهن سڀني کي خوب ماريو وڃي ۽ پوءِ وڏي صاحب وٽ پيش ڪيو وڃي. انهيءَ سان گڏ قيدين کي غليظ گاريون ڏيئي رهيو هو. اوچتو انهيءَ هجوم ۾ هڪ حسين عورت ڏسڻ ۾ آئي . | |
| روبينه ابڙو | |
| غزل | |
| مان اُجهامي ڪِران، تون تي ٻارجان. | |
| مهنجون ڪوتائون، جيسين مان ٻيهر وَران. | |
| آخري آخري گيت جيڪو بچي، | |
| تنهن کي جُهونگارجان تون، پيو ڳائجان | |
| ٿورو اوسيئڙو، ڍوليا، ڍوليا، | |
| روپ ٻيو ڪو وٺي مان اجهو ٿي اچان. | |
| هاءِ، لهجا سڀئي تنهنجا لهجا لڳن، | |
| تو چيو ڏور ٿي ڪين، تون سارجان. | |
| سوچ، جذبا وچن ٿو اڏاري وڃي، | |
| اوچتو اوچتو وقت واچوڙي جان. | |
| پاڻ سان رات ساري تو ڳالهائيو، | |
| ماٺِ تنهنجيءَ منجهان آءُ سمجهي وڃان | |
| جي نه مان سڏ ڏيان، جي نه موٽي سگهان | |
| مان فنا ٿي ويس، تون نه اينءَ سمجهجان. | |
| ناز توتي ڪندي سنڌ صديون پئي، | |
| هڪ دفعو جند تون تنهن مٿان وارجان. | |
| منهنجي گيتن اندر آهي اَمرت ڀريل، | |
| ڪين ڪڏهن پِرين سو ته تون هارجان. | |
| سوچ نڪري وئي ذهن جي قيد مان، | |
| ڪنهن چيئي سوچ جي حدّ اورانگهجان. | |
| تنهنجي آڏو اچن، راهه روڪي وجهن، | |
| ڏونگرن سان ڪٺي ڏيل ڀي ڏارجان. | |
| صفيه ڪنول ابڙو | |
| (آزاد نظم) | |
| برکا رات | |
| وسندڙ مينهن ڪڻين ۾، | |
| ڄڻ ڪي درد ٻولين ٿا؛ | |
| آشائون سڏڪا بڻجي، | |
| برکا رات جي ڪرندڙ قطرن جي جلترنگ ۾ | |
| گونجن ٿيون: | |
| ۽ اهي آلاپ، | |
| يادن جي نگر ۾، | |
| اڃايل پکين جيان ڀٽڪن ٿا. | |
| *** | |
| فياض مهر | |
| عشق...؟ | |
| وصل جون چند گهڙيون | |
| ۽ | |
| وڇوڙي جي طويل | |
| اکٽ رات. | |
| مون ڌرتيءَ جي | |
| هر انچ تي | |
| جتي ڪٿي | |
| تنهنجا خواب | |
| تنهنجون يادون | |
| پوکي ڇڏيون آهن | |
| جڏهن اُهي ڦُٽي | |
| وڻ ٿينديون | |
| ته مان | |
| انهن جي ڇانو ۾ | |
| پنهنجو ٿڪ ڀڃندس | |
| ۽ نيڻ ٺاريندس. | |
| راهي چنا | |
| (نظم) | |
| منهنجو ابو | |
| : منهنجو ابو وڏو ليکڪ آهي: | |
| هر وقت اسٽيج تي تقريرون ڪري ٿو، | |
| ۽ ڏاڍا شعر پڙهي ٿو، وڏا ليک لکي ٿو | |
| عورتن جي حقن ۽ آزاديءَ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪري ٿو: | |
| وڏو روشن خيال ۽ اصول پرست آهي، | |
| عورتن جي آزاديءَ جو علمبردار ٿو سڏجي. | |
| ليڪن اڄ تائين، | |
| هُن ڪڏهن پنهنجي گهر ۾، | |
| منهنجن ڪارن وارن ۾، | |
| چانديءَ جي تارن کي چمڪندي ناهي ڏٺو: | |
| منهنجي مک تي پيل گُهنج ناهن ڏٺا: | |
| ۽ سرد راتين جي سانت ۾، | |
| مون کي سگريٽ جيان دکندي ناهي ڏٺو. | |
| پوءِ به هو عورت جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو: | |
| ڪيڏي نه لٻاڙ هڻي ٿو، | |
| منهنجو ابو! | |
| وڏو ليکڪ آهي، | |
| هر وقت اسٽيج تي تقريرون ڪري ٿو، | |
| وڏا وڏا ليک لکي ٿو، | |
| عورت جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو | |
| : منهنجو ابُو! | |
| خليل عارف سومرو | |
| وائي | |
| ڄامل جو ڄائي، ڏاڏيس ڏمرجي پَئي. | |
| اڳي ٽي ٿوريون هيون، چوٿين به آئي... | |
| ”پڻهين بس ٻي پرڻبو، ٻُڌئي، ڄَمندڙ مائي... | |
| ڄامُل ماءُ پئي سوچي؛ ”مون ته ناهه بڻائي“!... | |
| جئن جئن ٿي ننڍڙيءَ رُنو، تئن ٿي آيس تائي.. | |
| پوٽو ڏئي ها ڀل خدا، پوٽي ڇو ڄائي... | |
| الله آدم سان گهڏ، حوا ڇو بنائي... | |
| عزيز ڪنگراڻي | |
| وائي | |
| هيڪل آءُ، سَکِي! | |
| ڪنڌي ڀانيان ڪوڙڪي. | |
| ڪانڌ پڄاڻا ڪاڇي ۾، گهڙي گهڙي ڇَسِي... | |
| پورهئي ڪارڻ ويو پري، لُونءَ لُونءَ لوري لَڳي... | |
| هيل آ سانوڻ سوڳ ۾، تَرَ ۾ توئنس تَنگِي... | |
| هُن سين روح رهاڻ ۾، ڦَٽن ڪاڻ ڦَڪِي... | |
| شال وري هُو سيگهه سان، يادن آءُ. ڪَکِي... | |
| ايندو نيٺ ”عزيز“ هُو، پيار جي پَت رکِي... | |
| معشوق ڌاريجو | |
| وائي | |
| هو ڪالهه ڪُٺي، | |
| ڪاريءِ جي الزام ۾. | |
| ننڍي نيٽي نينگري، آهي موت جَهٽي.. | |
| ڪنڌ ڪهاڙيءَ آ ڪُٺو، ڌڙ کان ڌار سسي... | |
| ٻهراڙيءَ جي ٿي لڳي، وينگس، يارَ، پئي... | |
| اوهان جا خط | |
| ايڊيٽر جو خطن سان متفق هئڻ ضروري ناهي | |
| مانواري ايڊيٽر! | |
| سرتيون 4/93 ۾ هڪ خط ڇپيو آهي. جنهن ۾ منهنجي ڪالم ”ماءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط“ کي کڻي مانواري فريال عمبرين (عنبرين) منهنجي ۽ امداد حسينيءَ جي ”خاندان“ تائين وڃي پهتي آهي. امداد حسينيءَ جو خاندان جيڪو منهنجو به خاندان آهي، تنهن ۾ شاهه ڪريم، شاهه لطيف،ڏاڏو حافظ شاهه، سيد اسد الله شاهه ”فدا“ (ڏاڏو)، ميران محمد شاهه (اول) ميران محمد شاهه (دوئم)، جي. ايم سيد، حافظ شاهه حسيني، ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود حسيني، شبير هاتف ۽ نور الهديٰ شاهه به اچي وڃن ٿا،. جيڪڏهن خاندان مان مراد اسان جو گهر آهي ته، محترمه کي اسان جي ٽئلنٽ ۽ ذهانتن تي الاءِ شڪ آهي ـ الاءِ اعتراض آهي ـ يا الاءِ ٽئلينٽ ۽ ذهانتن جي هڪڙي گهر ۾ ڪٺي ٿيڻ تي اعتراض آهي، جڏهن ته مان اهو به مڃا ٿي ته: ”اسان جا ٻار اسان کان وڌيڪ ذهين آهن.“ ”سنڌي ماڻهو ته اڃا رڳو سنيءَ کان ئي واقف آهن، جڏهن ته اسان جي ڌيءَ اسان کان ٻه قدم اڳتي وڌي انگريزيءَ کي پنهنجو Medium of expression بڻايو آهي. اهائي شاعري جيڪڏهن هوءَ سنڌيءَ ۾ ڪري ته محترمه فريال عمبرين(جنهن کي پنهنجونالو به صحيح لکڻ نٿو اچي) ان بابت ته ڪهڙو حڪم صادر ڪندي؟ ڇو ته لڳي ائين ٿو ته اسان کي پنهنجي خانداني لياقتن ۽ اهليتن لاءِ محترمه فريال عمبرين يا جن جي هوءَ نمائندي آهي، تن کان پهرين سرٽيفڪيٽ وٺڻو آهي. | |
| پوءِ ئي ادبي ميدان ۾ ڪونتل ڪڏائڻا آهن. مون کي اچرج رڳو ان تي آهي ته مان جا گذريل سورنهن سالن کان ”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“ ۾ رهان ٿي پئي ۽ مان مانواري ”فريال عمبرين جهڙي لائق هيري“ جي هِتي هئڻ کان ”نابلد“ آهيان. | |
| سحر امداد | |
| ايسوسيئيٽ پروفيسر | |
| شعبو سنڌي ادب سنڌ يونيوسٽي، ڄام شوروڍ | |
| محترمه ڀيڻ! | |
| سرتيون 4/93 مون ۽ منهنجي گهر واري ڏاڍي اُتساهه سان پڙهيو. وري جي ماهوار ڪڍڻ جو پڙهيو سون ته ويتر خوشي وڌي ويئي. سنڌيءَ ۾ عورتن جي رسالي جي شديد اڻاٺ آهي، گهر ۾ واندڪائي ۽ فارغ وقت ۾ ٻين ٻولين جون مئگزينون ۽ ڊائجسٽ ان ڪري ڪيترن گهرن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، جو معياري ۽ باقاعده رسالا (جن ۾ عورتن جي General دلچسپي هجي جو عنصر هجي) سنڌي ۾ گهٽ ٿا نڪرن. پر سرتيون، جيڪڏهن لڳاتار نڪرندو ته اڻاٺ ختم ٿي ويندي. | |
| امرتا پريتم سان زاهده ٿيٻو جي ”ملاقات“ تمام گهڻو پسند آئي. جذبن جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڇهندڙ ان ليکڪا سان ڏيٺ واقعي ساراهه جوڳي هئي. ڪهاڻين جو سيڪشن مجموعي طور بهتر هو. سواءِ رڌ بچاءُ جي، باقي عورتن جي دلچسي لاءِ سڀ ڪجهه هو. | |
| ڪهاڻي ”اڇو گل“ سلمان سومرو جي ترجمو ٿيل هئي پر اصل ليکڪ يا ڪتاب جو ڪوبه حوالو ڪونه هو ساڳي ڳالهه زبيدهه ميتلو جي ترجمي ”ٻارن جي نفسيات لاءِ به سچ آهي. ترجمن ڏيڻ سان گڏ اسم جو اصل حوالو ڏيڻ ضروري آهي. | |
| احسان لغاري گهوٽڪي | |
| عوامي ميڊيڪل اسٽور، گهوٽڪي | |
| مانواري ڀيڻ! | |
| اءُ پهريون ڀيرو ”سرتيون“ ۾ خط لکي رهيو آهيان، اميد اٿم ”ڊسٽبن“ کان بچائيندا. ”سرتيون“ سرت اسان ڀريو پيو آهي، هر لکڻي لکن جي مٽ محترمه روبينه ابڙو منهنجي شهر جي سڄاڻ ليکڪا جي شاعري تي فياض لطيف جو مقالو موهيندڙ محسوس ڪيم. هڪ عرض فياض کي ته هو اگر روبينه جي شاعريءَ سان گڏ سندس ڪهاڻِن جو به ٿورو ذڪر مقالي ۾ ڪري ها ته تمام سٺو ٿئي ها. شاعري سيڪش ۾ روبينه ابڙو، آدرش، سليم، احمد شاملو، ۽ خليل عارف سومرو جي ڪوتائن ”سرتيون“ جي سونهن کي سرس ڪيو آهي امر لغاري، عاليه آغا، شبنم گل ۽ ٻين جون ڪهاڻيون سندر آهن. نثار ابڙي جو مضمون هڪ بهترين ڪاوش آهي. سرسري طور ”سرتيون“ رعنائيءَ سان ڀريل آهي. هڪ نماڻي فرمائش ته اگر اوهان روبينه ابڙو جو انٽرويو ”سرتيون“ ۾ شايع ڪريو ته بهتر ٿيندو. | |
| حبدار سولنگي ڳيريلو، لاڙڪاڻو | |
| ڀيڻ! | |
| ”سرتيون“ جو تازو شمارو پڙهيم، معياري مواد سان وزنائتو ڀاسيو. ايڊيٽوريل ۾ اهو پڙهي سرهائي ٿي ته، جنوري 94 کان سرتيون ماهوار نڪرندو. جنوري 94 کان سرتيون ۾ هڪ سلسليوار ناول شروع ڪريو ۽ گڏوگڏ ڪو سفر نامو شروع ڪريو ته بهتر ٿيندو. | |
| قيدي عورتن جا انٽرويوز اگر هلايا وڃن ته بهتر ٿيندو انهيءَ سان هڪ ته قيدي عورتن جا مسئلا ۽ جيل حڪام وارن جو رويو ڪهڙو آهي، اها خبر پوندي ٻيو ته سالن کان جيڪي بي گناهه عورتون جيل جون صعوبتون پيون ڀوڳين، انهيءَ جي باري ۾ به پروڙ پوندي. | |
| ساگر ڀٽي،فضل ڀنڀرو. |