Download sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book12.txt from arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset: direct link, hf CLI and curl.
- Browser
- Download file 283 kB
-
https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book12.txt
- Command line
-
hf download hf://datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book12.txt
-
curl -L -o Book12.txt https://huggingface.co/datasets/arnizamani/Sindhi-texts-big-dataset/resolve/main/sindhiadabiboard.org/sartyoon/Book12.txt
283 kB
| ڪتاب جو نالو: سرتيون جنوري 2006ع | |
| سرتيون | |
| ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا | |
| سرتيون شاهه لطيف چئي: | |
| سَمَرُ جنين نه ساڻُ، هوتُ حِماتي تن جو، | |
| ڪري ڇيڄَ ڇَپَر ۾، پُنهون اِيندو پاڻَ، | |
| ٿِيندي ريِجههَ رِهاڻِ، لَحظي مَنجههِ لَطِيفُ چئي. | |
| سر ديسي | |
| سوچ ويچار | |
| زرينه، اَمرتا ۽ پوپٽي | |
| زرينه بلوچ، اَمرتا پريتم کان پوءِ، پوپٽي هيراننداڻي به اسان کان وڇڙي وئي آهي. انهن ٽنهي هستين ادب ۽ آرٽ کي ڄڻ پنهنجي زندگي اَرپي ڇڏي هئي. زرينه بلوچ سنڌي سنگيت کي وڏي اوڄ ڏني، خاص طور تي لوڪ گيتن کي ته هُن جهڙوڪر نئين سر جيئاريو. ان سان گڏوگڏ هن نئين شاعريءَ ۽ خاص طور تي قومي شاعريءَ کي ڳائي، ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳئي وقت زرينه بلوچ ڪهاڻيون به لکيون ته ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪن ۾ ڪم به ڪيو ۽ اتي به پنهنجو پاڻ مڃايائين. | |
| امرتا پريتم پنجاپيءَ جي هڪ وڏي ليکڪا هئي. هُن به ورهاڱي جو گهاءُ سَٺو ۽ پنهنجي اصل شهر کي، جتي هوءَ ڄائي نپني، وطن ڏسڻ جي اکين ۾ آس کڻي جيئندي رهي، پر جڏهن ٻنهي ديسن، پاڪ، هند - جي حالتن ۾ سُڌارو آيو، ته هوءَ به ان ديس ڏانهن سِڌاري، جتان ڪو به نه موٽيو آهي! ”اَج اَکان وارث شاهه نون“ جهڙي عظيم نظم جي خالق امرتا پرتيم سنڌي پڙهندڙن لاءِ نئين يا اوپري به ناهي. ڇاڪاڻ ته سندس ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن. | |
| پوپٽي هيراننداڻي، حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي نپني، ۽ هوءَ به ورهاڱي جو گهاءُ سيني تي کڻي ۽ اکين ۾ حيدرآباد ڏسڻ جي آس کڻي جيئندي رهي ۽ هن وطن کان جدا ٿيڻ جي گهاءَ کي، پنهنجي لکڻين سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن سڄي ڄمار شادي نه ڪئي ۽ پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. | |
| اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ فنڪار پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکندا، ڳائيندا ۽ ڪم ڪندا آهن، پر اُهي سموري انسانذات لاءِ، پوري عالم لاءِ سک ۽ سڪار، امن ۽ آشتيءَ لاءِ تخليق ڪندا آهن. زرينه بلوچ، امرتا پريتم ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ به ساري سڀ ڄمار هن سموري ڪائنات جي لاءِ لفظ لکيا ۽ سُر پکيڙيا ۽ حسن تخليق ڪيو. اسين سندن يادگار خدمتن عيوض کين خراج تحسين پيش ٿا ڪريون. _____________ادارو | |
| ڊاڪٽر سحر امداد حسيني | |
| ههڙا هاڃا ٿين......! | |
| هڪ نينگريءَ، هڪ عمارت جي مٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. اُن نينگريءَ جو نالو دلجيت ڪور هو--- ۽ اها خبر ڀارت جي هڪ اخبار (21 نومبر) ۾ ڇپي. دلجيت ڪور مٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو يا کيس اڇلايو ويو؟ ٻنهي صورتن ۾ اهو خون آهي، جيڪو دلجيت ڪور جي ساهُرن جي ڳچيءَ ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته اهي دلجيت ڪور کي، گهٽ ڏاج آڻڻ تي، طعنن سان تنبيندا رهندا هئا، ميهڻن سان ماريندا رهندا هئا ۽ دلجيت ڪور جيڪا سندن پُٽ سان پرڻجي، ڪنوار ٿي، گهر ۾ آئي هئي، تنهن سان اهو سانحو پيش آيو. | |
| ڏکڻ ايشيا ۾ اها ڪا نئين ڳالهه به ڪانهي. دلجيت ڪور به انهن هزارن نوجوان ڇوڪرين مان هڪ هئي، جن جو اهوئي حشر ڪيو ويو--- يا ته اُهي ماريون ويون ، يا وري آپگهات ڪيائون. ڪارڻ؟ اُهوئي-- ساڳيو بي رحم، ظالم، اکين پور، ڪنن کان ٻوڙو سسٽم! ڇوڪريءَ مٿان گاسليٽ هاري، تيلي ڏيکاري، ڏاج نه آڻڻ تي، يا ٻين حيلن بهانن سان، ساڙي ٻاري رک ڪري، اهو هُلائڻ ته اهو هڪ حادثو هو--- ۽ اها هتي هاڻي هڪ عام ڳالهه آهي. | |
| چرن پريت ڪور دهليءَ جي هڪ وچولي طبقي ۾ ڄائي، نپني ۽ وڏي ٿي. هن جو پيءُ هڪ پرائمري اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ هن جي ماءُ هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. چرن پريت جڏهن 19 سالن جي ٿي ۽ هاءِ اسڪول ۾ تعليم پوري ڪيائين ته ڄاڻ سڃاڻ وارن هن جي گهوٽ طور ستونت سنگهه جو نالو پيش ڪيو، جيڪو سافٽ ويئر انجنيئر هو ۽ ماهوار ڏهه هزار پگهار هوس، هڪ مڪاني گردواري ۾ ٻيئي ڪٽنب مليا ۽ پاڻ ۾ سڱابندي ڪيائون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چرن پريت ۽ ستونت سنگهه جي شادي ٿي وئي، ڏاج ۽ 250 ڄاڃين جي مانيءَ تي 413000 خرچ آيو، جيڪو ڪنواريتن ڪيو، اسڪولي ماسترن لاءِ اهو هڪ ڳاٽي ٽوڙ خرچ آهي! | |
| اڃا مهينو ئي مس گذريو ته ستونت سنگهه چرن پريت کي چيو ته هوءَ پنهنجن مائٽن کان لک رپيا وٺي اچي ته جيئن هو پنهنجو الڳ سان ڌنڌو ڪري سگهي. چرن پريت جي مائٽن ٻين مِٽن مائٽن کان اوڌر سوڌر تي ڏوڪڙ وٺي پنهنجي ناٺيءَ کي آڻي ڏنا. ڪجهه هفتن کان پوءِ ناٺيءَ ۽ ان جي مائٽن جون گهُرجون ويون وڌنديون، جيڪي چرن پريت جا مائٽ پوريون نه ڪري سگهيا. ان کان پوءِ مهينن تائين هو چرن پريت تي جسماني توڙي ذهني تشدد ڪندا رهيا. | |
| 19 آگسٽ 2005ع تي ستونت سنگهه، اُن جو پيءُ ۽ ماءُ ۽ ڀيڻ چرن پريت کي کنڀي وهنجڻ جاءِ ۾ کڻي ويا، ستونت سنگهه چرن پريت جي وات تي هٿ رکي هن جون رڙيون ۽ ليلڙاٽيون بند ڪيون، پڻس گاسليٽ چرن پريت تي هاريو ۽ تيلي ڏئي اُن کي سڙڻ لاءِ ڇڏي ڏنو، جهٽ کن ۾ ئي باهه سندس پوري جسم کي وڪوڙي وئي. هوءَ ڄڀيون ڄڀيون ڄيرا ڇيرا، وٺي هيٺئين ماڙ ڏانهن ڀڳي، ڪِري ۽ بيهوش ٿي وئي. هن جي مڙس ۽ سهري کي پڪ هئي ته هوءَ ائين سڪرات ۾ ئي هوندي ۽ سولائيءَ سان جهٽ مري ويندي. پر هوءَ مرڻ کان اڳي هوش ۾ اچي وئي ۽ پوليس ۽ مئجسٽريٽ آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايائين، جن کي اسپتال انتظاميا گهرائي ورتو هو. | |
| هاڻي ڪجهه خبرون نِشا شرما بابت جيڪا دهليءَ ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردياڻي هئي. هن جي شادي 11 مئي 2003ع تي هڪ اسڪولي ماستر سان ٿي. هن جي مائٽن اڳواٽ طيءِ ٿيل ڏاج ڏنو، جنهن ۾ زيور، ڪپڙا، فرنيچر، هڪ ٽيليويزن سيٽ، هڪ ريفريجريٽر ۽ موٽر سائيڪل (اهو به ياد رهي ته ڀارت ۾ ڏاج ڏيڻ - وٺڻ غير قانوني آهي!). اڃا شاديءَ جي رسمن ۾ ڪجهه پل ئي هئا ته گهوٽ 12 لک واڌو گهريا شادي ڪرڻ لاءِ نِشا جو اهو ٻڌو ته هن مرڳو شادي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. هن پوليس گهرائي ۽ گهوٽ کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. هن جي همٿ ۽ حوصلي کي سڄي ديس ۾ ساراهيو ويو ۽ هوءَ هڪ ئي رات ۾ هڪ مشهور شخصيت بڻجي وئي. | |
| (ڊيلي ”ڊان“ جي ٿورن سان.) | |
| سوز هالائي | |
| اُترڙو ٿو لڳي......! | |
| (جيجي زرينه جون ڪجهه يادگيريون) | |
| اڄ وري سنگيت کان هڪ سدا بهار سُر وڇڙي ويو آهي، | |
| ساز سڏڪي پيا آهن، | |
| لوڪ گيت نوحا اوساري ٿڪجي پيا آهن، | |
| سهرا ۽ ڳيچ ماتم ڪري رهيا آهن | |
| ڪافيون ڪيڏارو بڻجي پيون آهن، | |
| ۽ ...... هجر جا گهوڙي سوار جيجي زرينه کي الائي ته ڪيڏانهن وٺيو پيا وڃن، | |
| اف خدايا!...... | |
| سنڌي لوڪ گيتن جي مهاراڻيءَ پنهنجي ايام ڪاريءَ جا پويان ڏينهن لياقت نئشنل اسپتال ۾ گذاريا هئا. سڀني پئي چيو ته ”سڄڻ سفر سنڀرڻ وارا آهن“ اجهوڪي اجهو! لا تعداد هٿ دعائن ۾ مصروف ۽ ڪيترائي قلمڪار الوداعي نوحن لکڻ جا منتظر هئا. پر هو وڃڻا ها سو نيٺ ويا، ڪنهن جهل پل ساڻ نه جهلڻا هئا ۽ کين نصير مرزا جا شاندار ۽ شاهڪار ڪلمات به ترسائي نه سگهيا. ڀلا وڃڻ وارن کي به ڪوئي روڪي سگهيو آهي؟!! | |
| جيجي زرينه پنهنجي جيون جا پويان پساهه آڪسيجن تي کڻي رهي هئي، ملڪ الموت سندس گهڙيون، پل ۽ لمحا ڳڻي، آڪسيجن جي نليءَ نڪرڻ جي انتظار ۾ هو ته ڪاتب تقدير وري سندس ساروڻين کي سميٽڻ ۾ مصروف ٿي ويو هو. اها آڪٽوبر 2005ع جي 25 تاريخ ۽ رات ويل هئي، جو درياءَ جي دُنگي جو ”پتڻ“ پورو ٿيو، اونهي ۾ اوهري وڃڻ جو سفر شروع ٿي چڪو هو ۽ وڻجارن وڃڻ جون وايون ڪيون هيون. اوچتو ئي اوچتو رڻ گجيو راڙو ٿيو هو ۽ شاهه لطيف جو بيت هوائن ۾ گونجڻ لڳو: | |
| جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾، تتي تيتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون. | |
| ...... ۽ پس منظر ۾ ڄڻ جيجيءَ جو گيت پئي هليو، الوداع او الوداع او الوداع. | |
| هي جهان مانجهندي جو ماڳ آهي، هتي جو به آيو آهي، تنهن کي ”اڳي يا پوءِ لالڻ لوءِ“ ضرور وڃڻو آهي، سو جيجي به جيون جوڳ ڏيئي ماڳ موٽي ويئي، پنهنجي پويان انيڪ يادون ڇڏي. | |
| پياري نصير مرزا سان گڏجي جيجيءَ جي تڏي تي ويس ته ايئن لڳو ڄڻ ماڻهن جو سمونڊ اٿلي، سوڳوار سٿ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻهو جن ۾ سياستدان، شاعر، اديب، فنڪار، صحافي، ميڊيا وارا، الائي ته ڪٿان ڪٿان ڪهي جيجيءَ کي خراج پيش ڪرڻ آيا هئا ۽ اهو سندس وڏي مانَ ۽ منصب جو ثبوت هو. جيجيءَ جي پٿر تي سوڳوار ساٿين ۾ ويهي، آس پاس جو جائزو وٺندي، سندس ساروڻين کي اجهو هيئن ياد ڪيو هوم. | |
| ماضيءَ جا ورق ورائيندي ياد آيو ته 1962ع ۾ هڪ جواڻ جماڻ فنڪاره ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موسيقي جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ آئي هئي ۽ شاهه لطيف جي ڪافي ”ڇوٿيون ڏيو مون کي متيون متيون“ ڳائي ٽيون نمبر انعام حاصل ڪري، ريڊيو جي ريگيولر فنڪارن جي صف ۾ شامل ٿي وئي هئي. اها غير معروف فنڪاره زرينه بلوچ هئي، جيڪا بعد ۾ جيجي زرينه بڻجي وئي. زرينه کي راڳ سان دلي لڳاءُ هو، هن ان لاءِ سخت محنت ڪئي، استاد جمن کان سُرُ لڳائڻ سکي ته وڏا ڪشالا ڪري سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن، وستين مان لوڪ گيت تلاش ڪري، اڇا اجرا بنائي، طرزن ۽ لفظن ۾ سڌارو آڻي، وراڻيون وجهي نه رڳو ٻڌڻ سڻڻ جهڙو ڪيو پر لوڪ گيتن جي مزاج، سادگي، شائستگي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهي ڳايو ۽ خوب ڳايو، ته لوڪ گيت به سندس سڃاڻپ بنجي ويا ۽ اهو به ثابت ٿي ويو ته لوڪ گيتن جهڙي سادي سودي صنف کي بي تڪي شاعري، بي معنيٰ لفظن ۽ بي ترتيب گائڪي جي رحم ڪرم تي ڇڏي نه ٿو سگهجي. | |
| جيجي زرينه جي ڳائڻ جهڙو ڳڻ اهو به آهي جو هن لوڪ گيتن کي اهو لهجو ڏنو، جنهن علاقي جا اهي گيت هئا، مثال طور: ”جبل مٿي جهڙ“ واري ڪوهستاني گيت کي ڪوهستاني لهجو، لاڙ ۽ دريا پڇاڙ واري گيت ”اترڙو ٿو لڳي“ کي لاڙ ۽ دريا پڇاڙ واري لاڙي مهاڻن وارو لهجو ته نج سماٽڪن ڳيچن ۽ سهرن کي، وچولي سنڌ واري ٻوليءَ جو لهجو عطا ڪيو، سو اهي هيرن موتين جهڙا ڳيچ، لونگن ڦوٽن، پستن بادامن جهڙا سرها سهرا به سنڌي ثقافت جي سونهن ۽ سينگار بنجي ويا. نه صرف اهو پرسنڌ جي رنگ ۾ رتل قومي گيتن کي نعري بازيءَ کان بچائي، صاف سٿرو ڪري عوام آڏو پيش ڪيائين ته اصل واه واه ٿي ويئي. اچو ته ڪجهه اهڙن، هيرن جواهرن جهڙن لوڪ گيتن جو لطف ماڻيون. | |
| هٿين گل ميندي پيرن گل ميندي، لاڏل بوند وسئي شل بوڇڻ تي، لوڏي لونگيءَ پاند، وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو، ائي منهنجو ڇلڙو ڪري پيو کوهه ۾، مور ٿو ٽلي، لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾. وغيره وغيره (اهي سهرا ۽ ڳيچ سنڌي ٻولي جا سدا بهار سُر آهن). | |
| ياد آيو آهي ته 1964ع ڌاري زرينه بلوچ شاهه لطيف جي اسٽيج تي وقت جي صدر محمد ايوب خان جي موجودگيءَ ۾ شاهه عبدالطيف جي وائي ”لڳڙي آهي لغار، لونء لونء ۾ لالڻ جي“ ڳائي ته حاضرين سان گڏ صدر محمد ايوب به جهومي پيو هو، لطيف سائينءَ جي ان وائيءَ ۾ الائي ته ڪهڙو اسرار هو جو سڀني ويٺلن کي اهو يقين ٿي ويو ته سنڌ جي سنگيت ۾ هڪ رسيلي ۽ سريلي آواز جو اضافو ٿي رهيو آهي، ان لطيفي لات جو سندس ڏات تي اهو اثر پيو جو هو سدائين لاءِ لطيفي رنگ ۾ رنڱجي ريٽي ٿي وئي ۽ ان اسٽيج تان ئي سندس سُر جو ستارو روشن ۽ نمايان ٿيو ۽ اتان ئي هي آواز ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجڻ لڳو ۽ گونجندو ئي رهيو ۽ ميڊيا جي مختلف چئنلز کان اسٽيج، قومي ۽ عوامي محفلن تائين، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان سنڌياڻي تحريڪ جي فورمن تائين، سندس موجودگيءَ ۽ پرفارمنس کي بيحد ضروري سمجهيو ويو. | |
| جيجي زرينه رڳو نوجوانن ۽ اسٽوڊنٽس جي پسنديده گائڪا ڪانه هئي، رڳو لوڪ گيت ڪونه ڳايائين، پر مرداني انگ ۾ ڏوهيڙن سان ڪافي ڪلام ڳائڻ واري لهجي کي به برقرار رکيائين. نيم ڪلاسيڪل رنگ ۾ رتل غزل گيت به ڳايائين، ته محمد جمن جي ڏوهيڙن ۾ پيچ پنهل مون سان پائي ۽ جوڳي ڏاڍي ذات جهڙا عارفاڻا ڪلام ڳائي اصل وڻ وڄائي ڇڏيائين. | |
| جيجي زرينه پڙهيل ڳڙهيل ليکڪا ۽ ڊرامه آرٽسٽ پڻ هئي، سندس لکيل شاهڪار ڪهاڻي ”جيجي“ اهڙي ته اثرائتي انداز ۾ لکيائين جو پاڻ ئي جيجي بڻجي وئي ۽ کانئس سينئرس به کيس جيجي سڏڻ لڳا. | |
| مهان ليکڪ علي بابا جي ڊرامه دنگي منجهه درياءَ، جنهن بين الاقوامي ڊراما فيسٽيول ۾ انعام کٽيو هو، اهو به صرف جيجيءَ جي ڪردار ۽ گيت ”اترڙو ٿو لڳي“ جي مرهون منت هو. | |
| جيجيءَ لطيف سائين، سچل سرمست، قلندر لال شهباز ايوارڊ حاصل ڪرڻ کان سواءِ صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ عوامي محبتن جا الائي ته ڪيترا ايوارڊ حاصل ڪيا. اهڙي هڪڙي ايوارڊ جي ياد منهنجي ذهن ۾ به موجود آهي. | |
| 18 مئي 1998ع تي ريڊيو پاڪستان جي گولڊن جبلي جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان اسلام آباد (هيڊ ڪوارٽر) طرفان ملڪ جي مشهور ۽ مکيه آوازن بابت هڪ يادگار آڊيو البم ”خزينه“ جي عنوان سان جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ريڊيو جي اوائلي دور کان گولڊن جبلي تائين مشهور ۽ اهم آوازن کي رڪارڊ ڪيو ويو هو ۽ گولڊن جبلي جي ڪل پاڪستان اردو مشاعري جي هر شاعر کي ٻين تحفن سان گڏ ”خزينه“ جو تحفو به عطا ڪيو ويو هو. (اهو ڪل پاڪستان اردو مشاعرو جيڪو الحمراءِ آڊيٽوريم لاهور ۾ منعقد ٿيو هو ان ۾ مون کي به شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو هو) ”خزينه“ جي آوازن کي مشهور قارين، نعت خوانن، گائڪن گوين ۽ موسيقارن کي عظيم سرمائي طور ريڪارڊ ڪيو ويو هو. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ان اهم البم ۾ جيجيءَ جو ڳايل مشهور پر وساريل گيت ”مور مڇي ادا مون کي آڻي ڏي، ڀائو مون کي آڻي ڏي، لاڙ واري مڇي“ به شامل آهي. بهرحال! ريڊيو پاڪستان جو اهو گولڊن جبلي تحفو جيجيءَ لاءِ ڪنهن به اعزاز کان گهٽ ناهي. | |
| جيجيءَ جي ايام ڪاري مُني صديءَ تي مشتمل آهي. جنهن مان اڌ صدي ته فن کي ارپي ڇڏيائين ۽ ايترو ته مصروف رهي جو کيس مٿي کنهڻ جيتري به فرصت نه ملي ۽ جي ملي ته فقط هجر جي ويل ۽ هجرت جي وقت!! | |
| اهي آڪٽوبر مهيني ۽ پن ڇڻ رُت جا پويان ڏينهن هئا، اڃا اترڙا ڪونه لڳا هئا، سر لوهيڙا به ڪونه ڳڀيا هئا ۽ نه وري ”ڪسر“ نسريا هئا، ته سڏ ٿيو سرڪار جو ”ماڙيون محل ڇڏي ويا، هُين نه ويل وڃڻ جي“. | |
| جيجي زرينه هر زاويه ۽ هر نقطهء نظر کان ويهين صديءَ جي اها مانَ مرتبي واري شخصيت هئي، جنهن جيئري به محبتون ماڻيون ته لاڏاڻي تي به انيڪ محبتون ۽ عقدتمنديون ماڻيون، سندس وڇوڙي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو الائي ته پُر ٿيندو به يا نه؟!! | |
| جيجيءَ جو گيت اترڙو ٿو لڳي وري هوائن ۾ گونجيو آهي، ڪافين، ڪلامن، گيتن، لوڪ گيتن جون صدائون فضائن ۾ پکڙيون پيون آهن، سو آءٌ به پنهنجا ٻاڙا ڪسارا ٻول انهن ٻولن ۾ شامل ڪري ٿو ڇڏيان: | |
| اسين ماڻهو لاڙ جا درياءَ جي پڇاڙ جا اترڙو ٿو لڳي واسرڙو ٿو لڳي اترڙو ٿو لڳي. ......... | |
| عبدالواحد سومرو | |
| ريٽا شهاڻيءَ جي جيون ڪٿا | |
| هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي لکندڙ آهن، جيڪي سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. ان جدوجهد ۾ ڪافي نالا لکي وقت به وقت سنڌي ادب کي خوبصورت بنائڻ جي لاءِ ڪوشان رهيا آهن. ڀل پوءِ هتي سنڌ ۾ يا هند ۾ جنس کان هٽي ڪجهه لکي رهيا آهن. انهن ۾ خاص ڪري پوپٽي هيراننداڻي، جنهن به ڪافي لکيو آهي، ان بعد وينا شرنگيءَ جي ڪتابن جو به چڱو تعداد اچي وڃي ٿو. | |
| ائين هي جيون جي باري ۾ حيدرآباد جي ڄائي پونا ۾ رهائش پذير ريٽاشهاڻي جي آتم ڪٿا تي مبني ڪتاب به اچي وڃي ٿو. | |
| تاج جويي چواڻي ”سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين منهنجي مطالعي موجب چاليهارو کن آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، شيخ اياز، جمال ابڙي ۽ ٻين جون آتم ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون. جيستائين عورت ليکڪائن جو تعلق آهي ته منهنجي نظر مان هن وقت تائين صرف چئن سنڌي ليکڪائن جون آتم ڪٿائون گذريون آهن. | |
| حيرت جي ڳالهه آهي ته چار آتم ڪٿائون اهڙين عورتن جون لکيل آهن، جن چئني جو جنم حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو آهي: | |
| شيخاڻي جي ڊائري (غلام فاطمه شيخ) | |
| منهنجي جيون جا سونا روپا ورق (پوپٽي هيراننداڻي) | |
| گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ ٻپهري جا ٻه پل (ريٽا شهاڻي) | |
| ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (ڊاڪٽر آپا شمس عباسي) | |
| ريٽا شهاڻيءَ جو هي ڪتاب دراصل ٻن حصن ۾ ڇپيل آهي. پهريون ڀاڱو گهنڊ ڄاڻ وڳو، 1993ع ۾ ڇپيو. | |
| ٻيو ڀاڱو ”ٻپهري جا ٻه پل“ جي نالن سان هند ۾ ڇپجي وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. | |
| ريٽا شهاڻيءَ پنهنجي زندگيءَ جي ڪافي نازڪ ۽ نفيس جذبن کان ويندي پنهنجي ذات جي باري ۾ لکيو آهي. | |
| هن جو پهريون ڀاڱو ”گهنڊ ڄاڻ وڳو“ کي پريءَ جي ڪردار سان شروع ڪيو اٿائين. | |
| ٻئي ڀاڱي کي ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ کي خاني کولڻ سان ڪا نه ڪا شيءِ ڪڍي پوءِ پنهنجي جيون جي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائيندي هلي ٿي. | |
| ريٽا هيئن بيان ڪري ٿي ته ”حيدرآباد جي هيرآباد کي سنڌ جو هاليووڊ ڪري ليکيو ويندو هو. ڇوڪرين جي فئشن جي شروعات اتان ئي ٿيندي هئي.“ | |
| ”مان ته عمر ۾ ننڍي هئس، پر هر شام هيرآباد کان تلڪ چاڙهيءَ تائين فئشني ڇوڪرين جون ٽوليون اتان لنگهنديون هيون. ايتري به ڄاڻ اٿم ته ڪي ڪاليجي ڇوڪرا انهن نينگرين جي ديدار خاطر ڪُنڊ پاسيرا ٿي بيٺا هوندا هئا. هڪ ڇوڪرين جي ٽولي مون کي ياد آهي، جيڪا هر شام ساڳي وقت گهر جي سامهون گذرندي هئي. چئن مان هِڪ هِڪ جا وار الڳ الڳ اسٽائيل سان ٺهيل هوندا هئا. هنن کي ڏسي منهنجي ڀيڻ پنهنجي ساهيڙين سان گڏ چوڻ شروع ڪندي هئي. | |
| ٻه چوٽا، ٻه چوٽيون، هڪ چوٽو، هڪ چوٽي.“ | |
| اسان وٽ شروع ۾ اسڪول کان استاد، شاگردن کي موڪليندا هيا ته شاگرد نه آيو آهي ان کي گهران وٺي اچوس، اهڙو منظر هتي ريٽا به پيش ڪيو آهي. ”مون کي ياد آهي ته ڪيئن مون کي صبوح جو ٻن نوڪرن ٽنگاٽولي ڪري رات جي ڪپڙن ۾ ئي اسڪول پهچايو هو. نور محمد هاءِ اسڪول واري سموري گهٽي مون واڪا ڪري رُنو هو. لتون بُجا هنيا هئا. ايتري قدر جو هڪ نوڪر جي قميص به ڦاڙي وڌي هئم“. | |
| ريٽا چواڻي ”مانٽيسوري جو هڪ سال (يا شايد ٻه) ۽ ٽي سنڌي درجا ٽيچرس ٽريننگ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيم جيڪو اسان جي گهر پُٺيان هوندو هو. | |
| ”ٽي درجا ٽريننگ اسڪول ۾ پورا ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مان انگريزي جي پهرئين درجي ۾ پگٽ گرلس اسڪول ۾ ويس ته اتي به هر سال اسٽيج تي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ آئٽم پيش ڪندي هئس. ڊانس جا توڙي راڳ جا، پر سچ پچ ته صحيح معنيٰ ۾ ڊانسر منهنجي ڀيڻ شيلا هوندي هئي“. | |
| ”1947ع ۾ سنڌ ڇڏڻ جو وقت، منهنجي انگريزي چوٿين درجي ۾ شروعات هئي، لکنؤ ۾ مون کي هڪ سال گهر ۾ ويهڻو پيو، پر هڪ هندي پنڊت گهر ۾ پاڙهڻ ايندو هو. 1947ع ۾ ڪرامت حسين مسلم گرلس ڪاليج ۾ سڌو اٺين درجي ۾ داخلا ورتي هئي. حيدرآباد جي ستين انگريزي درجي ۾ مئٽرڪ جو امتحان ته لکنؤ ۾ ڏهين درجي ۾ ٿيندو هو، اهڙي طرح منهنجو ڪو به سال ضايع ڪونه ويو.“ | |
| ريٽا سنڌ ڇڏڻ جو مسئلو هيئن بيان ڪيو آهي: ”فيصلو اهو بيٺو ته دادا کي لکنؤ روانو ڪري، امي ننڍن چئن ٻارن (ڪملو، چئن مهينن جو، منجو، اڍائي سالن جي، منو، ڇهن سالن جو ۽ مان تيرهن سالن جي) کي ساڻ ڪري پاڻ به لکنؤ رواني ٿيندي. اهو 23 جولاءِ 1947ع جو ڏينهن هو، جڏهن اسان حيدرآباد سنڌ کي هميشه هميشه لاءِ الوداع ڪئي هئي. مون کي اهو ٿلهو ڪارو لوهه جو ڪُلف چڱيءَ طرح ياد آهي، جيڪو ٻاهرين دروازي تي مون پنهنجي هٿن سان لڳايو هو. | |
| ”گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اها خبر ڪانه هئي ته اسين سدا لاءِ پنهنجي وطن کان ڌار ٿي رهيا هئاسين. وري اسان کي پنهنجو سامان سڙو ڏسڻ نصيب ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ان تاريخ جي ٽن هفتن بعد، ديش جو ورهاڱو ٿيو.“ | |
| ريٽا شهاڻي پنهنجي جوانيءَ کي به ڏاڍي سهڻي نموني چٽيو آهي! جنهن ۾ هن رک رکاءَ جو مظاهرو نه ڪيو اٿس. | |
| چوي ٿي، ”هُو ڊگهو، سنهو هو ۽ سانورو يعني هو Tall، Dark & Handsome رمليس Rimless عينڪ هوندي هيس. | |
| ”هو مون کي پريان پريان وڻڻ لڳو هو، هن کي پويان ايندو ڏسي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳندي هئي. | |
| اُها رڳو جذبات هئي ٻيو ڪجهه به نه. | |
| ”بمبئي مان موٽڻ کان پوءِ هڪ ٻئي پيار جو جنم ٿيڻ لڳو. طارق جعفري بيگم جو پٽ ٺاهوڪو هو، سمارٽ، ذهين ۽ غير واجبي هوشيار.“ | |
| ڪڏهن ڪڏهن منوءَ هٿان چٺي موڪليندو هو ۽ مون کان ڪن راڳن جي شبدن (ٻولن) جي گهُر ڪندو هو. | |
| ”ڪڏهن مُٺ ڀيڙ ٿي پوندي هئي ته ٻئي شرم وچان پاڻي پاڻي ٿي ويندا هئاسين. بس منهنجي ڪنواري پيار جون حدون ايتريون ئي هيون. | |
| ”هڪ ڳالهه جي پڪ اٿم ته پيار کي دل ۾ سَرڻ (پناهه) ڏيندي ڪڏهن به راجڪمار ۽ طارق سان شادي ڪرڻ جو خيال منهنجي دل ۾ ڪونه گهڙيو هو.“ | |
| ”فيبروري - مارچ 1948ع ۾ مون کي پهريون ڀيرو دم جو دورو پيو. اها تڪليف سڄي عمر هلي. | |
| 1957ع ۾ منهنجي شادي ٿي.“ | |
| ”1961ع ۾ مان پوني ۾ هئس ته اميءَ، دادا ۽ ٻارن سان ڪلڪتي ۾ وڃي گهر ڪيو. ان وقت تائين اسان جو پريوار 122 فيض آباد روڊ جي ان ئي اولهه واري حصي ۾ هو. | |
| ”ٻنهي ڀينرن جو قدبُت ساڳيو هوندو هو. ڪپڙن جي ماپ به ساڳي هوندي هئي. لهاذا اسان جا ڪپڙا ڪامن هوندا هئا. نوان وڳا گهڻو ڪري پهرين شيلا کي پائڻ لاءِ ملندا هئا، جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي واد وواد ٿيندو هو ته امي شيلا جو پاسو کڻندي هئي. | |
| ”هڪ سال (54، 1952ع) ڪرامت حسين گرلس اسڪول ۾ ماستري ڪيم ٽي سال (57 - 54) پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس ۾ ملازمت ڪئي. انگريزي ۾ خط و ڪتابت سکيم. | |
| ”سن 1957ع ۾ پوني مان مائٽي چڙهي آئي. گهر سٺو هو، فئملي بئڪ گرائونڊ سٺو، قد سٺو، رنگ سٺو ته مون رضامندي ڏئي ڇڏي.“ | |
| ”20 آڪٽوبر 1957ع تي پوني ۾ منهنجي شادي ٿي گذري. وشنوءَ جي ماءُ يعني منهنجي سَسُ سان مترتا (دوستيءَ) جو سُنٻند هوس. هن ئي ڳالهين ڳالهين ۾ منهنجي مائٽيءَ جي ڳالهه چوري، وشنو ۽ منهنجي گڏجاڻي بمبئي رکي وئي. | |
| ”اهو سال 1967ع وارو هو يا 1968ع وارو، مون کي چڱيءَ طرح ياد ناهي. پر ڪوشليا سنگتاڻيءَ جي زور پوڻ تي مون جئه هند اسڪول پمپريءَ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين هڪ رواجي ميمبر جي حيثيت ۾، بعد ۾ سيڪريٽري، خزانچي ۽ پوءِ وائيس پريزيڊنٽ جو پد سنڀاليم. ڪوشليا ئي ان وقت مون کي پونا وومينس ڪائونسل جو ميمبر بڻايو. اول صرف ميمبر هئس، سال کان پوءِ مون کي مئنيجنگ بورڊ تي کنيو ويو. باقاعدي چونڊن بعد ۽ پوءِ ڪجهه سالن کان پوءِ سيڪريٽري بڻيس. | |
| ”منهنجو تخليقي دَور اڃا دُور هو. ان دَور تائين پهچڻ لاءِ مون کي ستر واري ڏهاڪي کي پورو ڪري، اَسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعات جو انتظار ڪرڻو پوندو. | |
| ”منهنجو مڙس وشنو ۾ پراپڪار (جان نثاري) ۽ ٻين کي مدد ڪرڻ جو جذبو ننڍپڻ کان اهڙو ته مضبوط جڙ پڪڙيل آهي. | |
| ”وڏي ڳالهه آهي ته هو ٻين کي مدد ڪندو آهي، دل جي سچائيءَ وچان نه ڪنهن اجوري يا فائدي جي لالچ سان، سچ پچ ته هو ڀَلائي ڪري ان کي ڀُلائي به ڇڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ساراهه ڪندو به اٿس ته ڪمرو ڇڏي ڀڄي ويندو آهي.“ | |
| 4 جولاءِ 1982ع جي دعوتي ڪارڊ کي رديءَ جي ٽوڪريءَ جي سپرد ڪندي مان سوچڻ لڳس: | |
| ”ڇا زندگيءَ جي اهڙي ئي ريت ٿيندي آهي؟“ | |
| ڊسمبر مهيني ۾ اوچتو پنهنجي دڪان تي مون کي مراٺي گيت رامايڻ هٿ چڙهيو. ڪئين سال اڳ مون سُڌير ڦڙڪي کي ”گيت رامائڻ“ جو هڪ راڳ ڳائيندو ٻڌو هو. مان شوق وچان ان مراٺي ڪوتا کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ۽ پوءِ گيت رامايڻ جا رڪارڊ هڪ هڪ ڪري خريد ڪرڻ شروع ڪيم. چاهه ۽ ڌيان سان ٻڌڻ لڳس. ڪتاب اڳيان رکي، مارچ ۾ رام نوميءَ جي موقعي تي گيت رامائڻ جي سِلور جُوبلي ملهائي وئي. مان ست ئي راتيون سڌير ڦڙڪي کي ٻڌڻ ويس. وشنوءَ مون کي پورو ساٿ ڏنو. ان وقت الائي ڪٿان من ۾ خيال آيو. | |
| ”مان گيت رامائڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪنديس.“ | |
| جُنبي ويس اُن ڪم ۾. | |
| ”هڪ ڳالهه مان ٻي، ٻيءَ مان ٽين، ٽينءَ مان چوٿينءَ مان پنجين...سلسلو جاري رهيو. سنگيت سرجڻ، نرتيه سرجڻ ۽ ساهت سرجڻ ۾ لڳي ويس. | |
| ”22 نومبر تي 1997ع تي منهنجو ساٿي بنان ڪنهن چتاءَ جي اوچتو ئي اوچتو پنهنجي جيون ياترا پوري ڪري رمندو رهيو. پاڻ سنڀالڻ ۾ مون کي ڪافي وقت لڳي ويو.“ | |
| ريٽا شهاڻي 2001ع ۾ پنهنجي جنم ڀومي گهمڻ آئي هئي. ”هتي (سنڌ ۾) پهچي، مون کي پروڙ پئي ته مان اڪيلي ناهيان. منهنجي زندگي اجائي ناهي منهنجو به ڪو مُلهه آهي. هتي پارکو ويٺا آهن، هو مون کي سڃاڻي سگهيا. مون کي سمجهي سگهيا. | |
| ”هتي (سنڌ ۾) نه اچان ها ته پنهنجي مُلهه جي پروڙ نه پويم ها.“ | |
| ريٽا شهاڻي 1983ع کان لکندي ۽ ڇپجندي پئي اچي. سندس پهريون ڪتاب ”پنک وڄائن شنک“ (شاعري) 1983ع ۾ ڇپيو. ائين ٻيو ڪتاب، ٽيون ڪتاب وڃي پنجويهين ڪتاب ”جتي منهنجا اوٺيئڙا“ (سفرنامو) تي پهچي ٿو. | |
| هن جو جنم 1934ع تي آگسٽ 24 تاريخ تي ٿيو. تيرهن ورهين جي ڄمار بعد وري 2001ع تي سنڌ ڏٺائين. | |
| ريٽا پنهنجي زندگيءَ ۾ تعليم کان وٺي ذاتي پسند ۽ ننڍين شين کي ڪافي بهتر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڀل پوءِ ان جي تعليم انٽر ڇو نه هجي. نوڪري هجي يا عملي زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۽ هر هنڌ تي هن همٿ سان، سچائيءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ پئي پتوڙيو آهي. پسند ڪرڻ، تعليم کان پونا ۾ عورتن جي ڀلائي ۽ بهبود، شادي، گهر، سس، اولاد کان ويندي لکڻ تائين هُن پنهنجي زندگي ڀرپور انداز سان گذاري آهي ۽ گذاري پئي. | |
| پهاڪو | |
| پهاڪي جي معنيٰ آهي ڏاهپ جو قول، سياڻپ، دانائي يا ڪنهن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو: | |
| ”پهاڪو“ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه چوڻ جو فن آهي، اهي ڪنهن چيا؟ ڪڏهن چيا؟ ان جي ڪا به سُڌ نه آهي. انهن پهاڪن جي ٻوليءَ، ڪردارن، واقعن سان ڪنهن دور جو تعين ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي اُهو هڪ ڏکيو مرحلو آهي. | |
| انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ”پهاڪو“ اسان جي اتهاس جي ڪا آڳاٽي صنف آهي، جنهن ۾ ڏاهپ جا نقطا نروار ڪيل آهن. هتي اسين ڪجهه ”پهاڪا“ ڏئي رهيا آهيون. جن جا خاص طور تي ”عورتاڻي سماج“ سان تعلق آهي. مجموعي طور تي ”پهاڪن“ بابت هتي ٻه مکيه ڳالهيون توهان آڏو رکجن ٿيون. | |
| 1. انهن پهاڪن جي پس منظر ۾ هڪ ڪهاڻي آهي. پهاڪا نثر ۾ به آهن ۽ نظم ۾ به. | |
| مثال طور هي پهاڪو آهي: | |
| عقل ريءَ عذاب، گهڻو پَسنديءَ جندڙي، | |
| ڪنهن ”سورٺي“ جي سٽ لڳي ٿي. ممڪن آهي ته ڪنهن دور ۾ اهو مڪمل سورٺو هجي، يا پورو بيت هجي. ۽ ان جي ٻي سيٽ ۽ ٻيون سِٽون وقت جي ڊگهي سفر ۾ ڪٿي رهجي ويون هجن. ____ ادارو | |
| آءٌ به ويندي پيڪي،مون به لهندي سِڪ: | |
| ڪنهن ڪنوار کي، ساهرن ۾ گهڻو سک هوندو هو ته به پيڪن جي پيئي پچار ڪندي هئي چي، منهنجا لَک لهن پيڪا، قرب جا ڪوڏيا پيڪا! هڪ دفعي جڏهن پيڪي (پيءُ جي گهر) آئي، تڏهن ڪنهن ڳالهه تان، سندس ڀاڄائيءَ کيس کڻي ڏنو. آخر نتيجو اهو نڪتو، جو ڀاڄائنس، هن ويچاريءَ کي روئاري ڪڍيو. پوءِ ته کانئس پيڪن جي سِڪ به لهي ويئي. | |
| اَبو گَسي، ڌيءَ وَسي: | |
| هندن ۾ رواج آهي ته ڌيءَ کي جهجهو ڏاج ڏين. ڪنهن سيٺئي، ڌيءَ کي ايترو ته ڏاج ڏنو، جو پاڙي وارن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. تنهن تي ڪنهن پاڙي واري ائين چيو: | |
| مطلب: اَبي جي کٽي، اَدي کپائي، | |
| ڪمائي هڪڙو ته کائي ٻيو. | |
| اُٺ ڪڍن سسئي! | |
| جڏهن پنهونءَ جا ڀائر، رات جو چوريءَ، سسئي جي پاسي مان پنهون ڪڍي، ڪيچ روانا ٿيا، تڏهن سسئي ويچاريءَ صبح سان ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺا. ڀنڀور کي باهه ڏيئي، اڪيلي سر، پيرين پيادي، ڏونگر ڏورڻ لڳي. هڪ پنڌ اڻانگو، ٻيو مسافر لنبي، ته به ويچاري پنڌ مٽيندي پئي ويئي، پر ڪٿي ڀنڀور، ڪٿي ڪيچ! ڪنهن، سسئيءَ جي اهڙي حالت کي ڏسي ائين چيو: مطلب آهي ته: پٿر ۽ پوٺي، رڻ ۽ رائي، جهَر ۽ جهنگ، دَڙي ۽ دَنگ کي پار ڪرڻ لاءِ اُٺ سسئي کي ڪيچ پهچائي سگهندا. ڇا ڪاڻ ته پنهونءَ کي به اُٺ تي کڻي ويا هئا. | |
| مطلب: جڏهن ڪو ڏکيو پنڌ هوندو آهي، يا ڏکيو مسئلو درپيش ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي. | |
| اِهو سونُ ئي گهوريو، جو ڪَن ڇني: | |
| اهوڪم ئي گهوريو، جنهن مان فائدي بدران نقصان يا خرابي ٿئي. | |
| ايران، نوشيروان کان به اڳ، ڪَنَ جو زيور، ”سونو والو“ هوندو هو. ”روپو“ ۽ ”لوهو والو“ ڪنيز (ٻانهيءَ) جو هوندو هو. پوءِ ”سونن دُرن“ جو رواج نڪتو ۽ پوءِ نوشيروان جي ڏينهن ۾، ”موتين جي دُرن“ جو رواج پيو. انهيءَ وچ ۾ ترڪستان جي زالن ۾ ”مَرِ واريد“ ۽ ”سونن جهومڪن“ جو رواج پيو. نوشيروان جي حرمَن، ”جهومڪن“ جي گهر ڪئي. تنهن تي نوشيروان فرمايو: ”يا دو گوش بايد، يا دو نيلم.“ يا ڪن جو خير گهرو، يا (ڳرا) جهومڪ (دونيلم) پايو. (لغت- ملاهمداني گورگاني) اڄ تائين ايران ۾ جهومڪن جو رواج نه پيو آهي. | |
| نوشيروان جي فرموده جو ترجمو ٿيو: اهو سون ئي گهوريو، جو ڪَن ڇِني. | |
| ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪر ڀَڄي گهڻن تي: | |
| ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ ان جي عوض لوڙهين گهڻا. | |
| چون ٿا ته سسئيءَ جي مزار تي آيل هر مسافر کي ٻه مانيون ۽ وَٽو کير جو ملندو هو. هڪڙي دفعي ڪو آيل مسافر، کير کائڻ بعد، وَٽو پاڻ سان کنيو ويو. انهيءَ کان پوءِ ماني ته بدستور ايندي رهندي هئي، مگر کير، وٽي جي بدران ٺڪر جي جمني ۾ ملڻ لڳو! | |
| انهيءَ تان ڪنهن سالڪ چيو آهي: | |
| ”ٿانءُ کڻي هڪڙو ۽ ٺِڪَر ڀڄي گهڻن تي.“ | |
| روزينه جوڻيجو | |
| انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جو دورو | |
| ڪجهه ڏينهن پهريان، چرچ ورلڊ سروس پاڪستان افغانستان طرفان، هڪ ليٽر آيو ته سندن ادارو هڪ ايڪسپوير وزٽ جو بندوبست ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ جيڪڏهن توهان جي آرگنائيزيشن ٽي آر ڊي حصو وٺڻ چاهي ته اسان کي خط لکي ٻڌايو. | |
| اهو، ياد رهي ته سي ڊبليو ايس پاران، سيد معظم ترتيب ڏئي رهيو هو. جڏهن اسان جي ڊائريڪٽر ظفر اها ڳالهه مون سان ڪئي ته مون چيو ته مان ته ضرور وينديس هن وزٽ تي، ڇو ته اهو سکڻ جو سٺو موقعو آهي. هونئن به مان مختلف آرگنائيزيشنز ڏسڻ ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي سمجهڻ ۾ دلچسپي رکان ٿي. انڪري مون سوچيو ته موقعو نه وڃائڻ گهرجي. پوءِ ٻين ساٿين سان به مشورو ڪيو ويو ته ڪير هلڻ چاهي ٿو، ٽن ماڻهن پنهنجو شوق ڏسيو، مان، زڪيه جوڻيجو ۽ نجمه بالادي. معظم صاحب وزٽ پروگرام ڏاڍو سٺو ترتيب ڏنو هو. اسان سوچيو ته سکڻ سان گڏ ڏاڍو مزو به ايندو. پروگرام جي ترتيب هن ريت هئي ته 15 نومبر 2005ع تي اسان کي ڪراچيءَ پهچڻو هو، پر اسان پهتاسين 2005/11/14 تي. اتي جو وڃون ته ڪا ڳالهه ئي نه ۽ نه ئي ٻيا شرڪت ڪندڙ ساٿي اتي موجود هئا. پوءِ اسان معظم صاحب ڏي فون ڪئي ته معلوم ٿيو ته پروگرام ته 16 تاريخ کان آهي ۽ اسان کي 15 تاريخ تي اچڻو هو. خير اسان کان غلطي ته ٿي ويئي، هاڻي اسان معظم صاحب کي چيو ته اسان کي گيسٽ هائوس کولائي ڏي ته رات ته رهون، پورن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ گيسٽ هائوس کليو. ان کان پوءِ اسان اندر داخل ٿياسين، ڏاڍو خوبصورت گيسٽ هائوس اسان جو منتظر هو. ڏک به ٿيو ته هڪ ڏينهن اڳ گهر ڇڏي آيا آهيون، پوءِ اسان ٽنهي ڏاڍي ڪچهري ڪئي ۽ وقت کي وڃائڻ نه ڏنو. بهرحال سٺو ٽائيم پاس ٿي ويو. آخرڪار اهو ڏينهن به آيو جنهن جو اسان کي انتظار هو. اسان جي وزٽ جي تياري ٿي. اڄ 2005/11/16 تي صبح جو 10:00 وڳي معظم صاحب ۽ ٻه ٻيون اديون ارين خان ۽ جانيٽ ڊيسوزا آيون. | |
| پروگرام جي شروعات ٿي ته معظم صاحب سڀني آرگنائيزيشن کي وزٽ جو شيڊول ڏنو. ٻن ڏينهن جو يعني 16 ۽ 17 تاريخ جو. ٽوٽل ڇهه آرگنائيزيشنز هيون، جن هن وزٽ ۾ حصو ورتو، انهن جا نالا هي آهن: | |
| (1) Bhittai Development Organization (Dadu). | |
| (2) Lower Sindh Rural Development Association (LSRDA) Mirpurkhas. | |
| (3) Participatory Village Development Program (PVDP) Hyderabad. | |
| (4) Trust for Rural Development (TRD) Hyderabad. | |
| (5) Poverty Eradication Network (PEN) Khairpur. | |
| (6) Personers and Orphans Welfare Association Khairpur. | |
| معظم صاحب شيڊول ڏيڻ کان پوءِ سڀني جو تعارف ٿيو. ان کان پوءِ اسين خوبصورت گيسٽ هائوس ڇڏي گاڏيءَ ۾ ويهي وزٽ تي نڪتاسين. اڄ 2005/11/16 تي اسان جي شيڊول مطابق ٻن Ngos جي وزٽ هئي. جنهن ۾ پهريان اسان لايرس فار هيومن رائيٽس ۽ ليگل ايڊ Lawyers For Human Rights and Legal Aid وياسين. اسان سڀني آرگنائيزيشن جو تعارف ٿيو. ان کان پوءِ (LHRLA) مددگار هيلپ لائين پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ محمد عليءَ ٻڌايو ته هيءَ پهرين چائلڊ هيلپ لائين آهي، جنهن ۾ اسان مختلف زيادتين جا ڪيس کڻندا آهيون، جن ۾ ٻارن تي تشدد، ٻارن جي تجارت، جنسي ڏاڍائي ۽ اهڙا کوڙ ڪيس اسان وٽ آهن. هنن ٻڌايو ته اسان هن وقت تائين 20،000 کان وڌيڪ ڪيس ڪڍي چڪا آهيون ۽ 200 کان وڌيڪ ادارا اسان سان ڪم ڪن ٿا. هنن ٻڌايو ته مددگار ڊيٽابيس ڊپارٽمينٽ اخبار ۾ اغوا ٿيل ٻارن جو تفصيل ڏسي انهن جي مالڪن سان رابطو ڪندا آهيون. مس تهمينه ٻڌايو ته اسان روزانو ٽوٽل 26 اخبارون وٺندا آهيون، جن ۾ اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارون شامل آهن. ان کان پوءِ اسان کي هڪ ٻار بابت فلم ڏيکاري ويئي ۽ مددگار هيلپ لائين پنهنجي پوري آفيس وزٽ ڪرائي، جيڪا تمام سهڻي نموني ترتيب ڏنل هئي. خاص ڪري فائيل سسٽم ۽ ميٽنگ هال ڏاڍو سٺو هو. ان کان پوءِ انهن کان اجازت وٺي اچي لنچ ڪئيسين ۽ وري اسان کي ٻيءَ تنظيم وٽ به وڃڻو هو. اسان وري هاڻي وياسين پناهه وومين شيلٽر (Panah Woman Shelter). اتي اسان جي ملاقات ايڊووڪيٽ انيلا انصاريءَ سان ٿي. اسان جو تعارف ٿيو. ان کان پوءِ مس انيلا اسان کي ٻڌايو ته اسان جي شيلٽر هوم ۾ ٽوٽل 10 روم آهن، جن ۾ هڪ عورت کي پناهه ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن عورت پرڻيل آهي ته ان جي ڌيءُ به رهي سگهي ٿي، عمر جو ڪو به قيد نه آهي، باقي جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ۽ عمر 10 سالن کان مٿي اٿس ته اسان ان کي شيلٽر هوم ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. انيلا صاحبه وڌيڪ ٻڌايو ته هتي پوري پاڪستان کان عورتون اينديون آهن. اسان جي گهڻي کان گهڻي ڪوشش هوندي آهي ته 3 مهينن ۾ اسان ان عورت جو ڪيس هلائي فيصلو ڪرائي ختم ڪريون ته جيئن اها عورت ٽن مهينن کان پوءِ هتان هلي وڃي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪيس ۾ اسان کي سال به لڳي ويندو آهي. شيلٽر هوم ۾ انيلا صاحبه اسان کي وٺي ويئي، پر اسان سان گڏ جيڪي مرد هئا، انهن کي شيلٽر هوم ۾ وڃڻ جي اجازت نه ملي. اتي اسان ٽوٽل 4 عورتن سان ملياسين. جن مان هڪ جو ڪيس هو ته سندس مڙس گم آهي ۽ سندس ڏير هن کي تنگ ڪري ٿو ۽ ٻي عورت جو مسئلو هو ته هن جو ڀاءُ هن کي پئسن جي خاطر کپائڻ چاهي ٿو ۽ هوءَ شادي شده هئي. هن جو مڙس دبئيءَ ۾ هو، جيستائين هن کي گهرائي تيستائين هوءَ هتي رهڻ پئي چاهي. هن جي ماءُ هن کي هتي رهايو هو پٽ کان لڪائي. انهن تفصيلن دوران انيلا وڌيڪ ٻڌايو ته ڪي ڪيس اهڙا ته خطرناڪ هوندا آهن، جو اسان کي ڌمڪيون ملنديون آهن. ماڻهو گاڏيون ڀري هتي اچي اسان کي ڌمڪائيندا آهن. اسان کي پنهنجي جان جو خطرو هر وقت هوندو آهي، پر اسان ڪڏهن به پنهنجو ڪم نه روڪيو آهي. | |
| ”پناهه“ جي وزٽ کان پوءِ اسين واپس گيسٽ هائوس آياسين ۽ اسان موٽي وري معظم صاحب کي وزٽ بابت بريفنگ ڏني. ان کان پوءِ چانهه پي ٿورو آرام ڪيوسين. اسان جي دل ۾ پهرئين ڏينهن کان خواهش هئي ته CWS وارن جو گيسٽ هائوس چرچ ۾ آهي، انڪري اسين ڇو نه چرچ ڏسون. پوءِ مون، نجمه ۽ زڪيه اهو فيصلو ڪيو ته اسين چرچ ضرور ڏسنداسين. جڏهن اسان گيسٽ هائوس جي چوڪيدار کان پڇيو ته ڇا اسان کي چرچ ڏسڻ جي اجازت آهي؟ هن چيو ته:”نه“ خير اسان همٿ نه هاري. وري اسان هڪ ٻئي ماڻهوءَ کان پڇيو ته هن چيو ته چرچ اربع ۽ آچر تي کُلندو آهي. ان ڏينهن توهين ڏسي سگهو ٿيون. اربع تي چرچ ٻه ڪلاڪ 7 کان 9 وڳي تائين کليل هوندي آهي. اڄ اربع آهي ۽ اسين 7 وڳي تيار ٿي چرچ جي اڳيان ويهي رهياسين ته دروازو کلي ته اسين اندر وڃون. اسان پنهنجي خاطريءَ لاءِ هڪ ٻن ٻين ماڻهن کان به پڇيو ته اسين مسلمان آهيون، چرچ ۾ وڃڻ کان ڪير روڪيندو ته ڪونه؟ اسان چرچ ڏسڻ چاهيون ٿا؟ عبادت ڏسڻ چاهيون ٿا؟ ڇا اسان کي اجازت آهي؟ هنن چيو ته ڪا ڳالهه نه آهي. پوءِ اسين انتظار ڪندا رهياسين، چرچ 7 وڳي بدران 8 وڳي کُلي ۽ رات 10 وڳي تائين انهن جي عبادت هلي ۽ اُتي اسان کي ايترو ته سڪون مليو جو شايد پهرين ڪڏهن به نه مليو هجي ۽ اهي ٻه ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا؟ خبر به نه پئي! بهرحال پوءِ اسان وڃي پنهنجي گيسٽ هائوس ۾ ڊنر ڪئي ۽ ٿوري ڊاڙ ٻٽاڪ ڪري سمهي پياسين، جو صبح جو وري ٻي وزٽ هئي ۽ صبح جو سويل اٿڻو هو. | |
| 17 تاريخ نيم پٽاندر اسين صبح جو سوير اٿياسين، تيار ٿياسين، ناشتو ڪيوسين ۽ پوءِ معظم صاحب به 10 وڳي تائين اچي ويو ۽ اسين هڪ روم ۾ گڏ ٿياسين. شيڊول تي بحث مباحثو ٿيو. پوءِ وري وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. اڄ جنهن آرگنائيزيشن جي وزٽ هئي، اها هئي: Human Rights Commission of Pakistan (HRCP). روز وانگر پهرين اسان سڀني جو تعارف ٿيو ۽ پوءِ اتي موجود اختر بلوچ صاحب ۽ امرناٿ ڪائونسلر اسان کي ٻڌايو ته اسين حڪومت سان گڏ به ڪم ڪندا آهيون ۽ پنهنجي طور تي به ڪندا آهيون. اسان پهرين شروعات ڪئي هئي حيدرآباد کان ۽ هاڻي اسين ڪراچيءَ ۾ ڪم پيا ڪريون. پر اسان جو لِنڪ پوري سنڌ سان آهي. هنن جي پنهنجي انگن اکرن مطابق رپورٽ هيءَ آهي ته جنوري 2005ع کان آڪٽوبر 2005ع تائين 74 ماڻهن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ 45 مرد ۽ 29 عورتون آهن. اهڙيءَ طرح انهن ٻڌايو ته جنوري 2005ع کان آڪٽوبر 2005ع تائين 32 مرد ۽ 11 عورتون ۽ 25 ٻار اغوا ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح جنوري 2005ع کان آڪٽوبر 2005ع تائين ٽوٽل 94 قتل ٿي چڪا آهن. | |
| ان کان پوءِ اسان انهن کان اجازت ورتي ۽ لنچ ڪئيسين. پوءِ وري اسان جي اڄ ٻِي وِزٽ هئي ”Pawla“ ۾ Pakistan Women Lawyer's Association. ”پاولا“ ۾ اسان جي ملاقات مس شمين بخاري، عابده محمود ۽ نور ناز آغا سان ٿي، جتي ڪجهه ٻيون ايڊووڪيٽ به هيون. پهرين اسان جو تعارف ٿيو، پوءِ انهن اسان کي پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻڌايو ته ”پاولا“ 80 جي ڏهاڪي ۾ ان مقصد لاءِ عمل ۾ آئي ته پوري پاڪستان ۾ خواتين تائين ڄاڻ پهچائجي ۽ انهن کي درپيش ازدواجي ۽ معاشي، قانوني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مشورا ڏنا وڃن. ”پاولا“ مختلف اين جي اوز ۽ حڪومت سان گڏجي وسيع بنيادن تي قانوني آگاهي فراهم ڪندي آهي ته جيئن خواتين جا مسئلا حل ڪري سگهجن ۽ امتيازي قانونن جي خلاف جدوجهد ڪري سگهجي. ”پاولا“ جو مقصد مشڪل حالات ۾ خواتين جي ڪائونسلنگ ڪرڻ ۽ قانوني امداد فراهم ڪرڻ ۽ خواتين ۾ قانوني آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن انهن جو مستقبل محفوظ رهي. هن ٻڌايو ته پروگرام کي هلائڻ لاءِ سيمينار ڪندا آهيون، ماڻهن کي جاڳرتا ڏيڻ لاءِ ۽ اسان ڪجهه ڊراما به رڪارڊ ڪيا آهن، اهي سچين ڪهاڻين تي ٻڌل آهن. هنن ٻڌايو ته ماڻهن کي باخبر ڪرڻ لاءِ اداري جا ڪجهه ڪتاب پڻ ڇپايل آهن. هن چيو ته اسان کي پاڪستان مان ڪنهن به Ngos عورتن جي سهائتا جي حوالي سان اسان سان رابطو ڪيو ته اسين ساڻن گڏجي ڪم ضرور ڪنداسين ۽ پوءِ اسان انهن کان اجازت ورتي ۽ پوءِ گيسٽ هائوس ۾ واپس آياسين. اتي وري آخري بريفنگ سڄي وزٽ جي پروگرام جي ٿي. جنهن ۾ معظم صاحب چيو ته توهان کي ڪيئن لڳي هيءَ وزٽ؟ ۽ توهان جو رايو ڇا آهي؟ مان پنهنجو رايو اهو ٻڌايو ته پنهنجي پنهنجي حساب سان سڀ ڪم سٺو آهي، پر خدا ڪري جن جي لاءِ هي ڪم ٿي رهيو آهي انهن کي سٺو فائدو ملي. پر مون کي ”پناهه“ جو ڪم وڌيڪ سٺو لڳو ۽ ٻئي نمبر تي ”مددگار“ جو ڪم. ان کان پوءِ معظم صاحب چيو ته ڀلا توهان کي رهائش ڪيئن لڳي؟ جنهن تي سڀني شرڪت ڪندڙن چيو ته هونئن ته سڀ ٺيڪ هو، پر توهان کي واش روم تي ٿورو توجهه ڏيڻ گهرجي. مسئلو هي هو ته CWS وارن هڪ روم ڏنو ڇوڪرين کي ۽ هڪ روم ڇوڪرن کي. روم ته وڏا هئا. هر ڪنهن کي سنگل بيڊ ڌار هو، ليڪن ٻنهي رومن ۾ واش روم هڪ هڪ هو، يعني ڇوڪرن جو ڌار ۽ ڇوڪرين جو ڌار. اسين جڏهن صبح جو اٿندا هئاسين ته لائين لڳي پئي هوندي هئي. هر ڇوڪريءَ جي اها خواهش هوندي هئي ته پهرين مان واش روم ۾ وڃان، ته جيئن سڀني کان پهريان تيار ٿيان. انهن ڏينهن اسان کي پنهنجي هاسٽل جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي. اتي به جڏهن صبح جو ڇوڪريون يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ تيار ٿينديون هيون ته ائين ئي واش روم جا دروازا ٺڙڪائي چونديون هيون، ڪير آهي اندر؟ پليز جلدي ڪر، مون کي به وهنجڻو آهي. | |
| بهرحال هڪ واش روم هوندي به اسان گيسٽ هائوس ۾ به مزو ورتو ۽ وزٽ ۾ به. ۽ پوءِ اوچتو ظفر جي فون آئي ته منهنجي اڄ ميٽنگ آهي هتي ڪراچيءَ ۾، واپسيءَ تي جيڪڏهن توهين هلو ته کڻي هلانوَ! اسان جو به ڪم ختم ٿي چڪو هو، سو سوچيوسين ته رهي ڇا ڪبو؟ هلجي. ۽ ائين اسان سڀني کان موڪلائي، گاڏيءَ ۾ سوار ٿي، پنهنجي منزل طرف روانا ٿياسين. | |
| رشمي راماڻي | |
| هوا | |
| ڌيري سان ايندو | |
| هوا جو هڪ جهوُٽو | |
| جلد ئي پتو پئجي ويندو تو کي | |
| شايد | |
| بدلجي وئي آهي موسم | |
| تنهنجي بيحد قريب کان لنگهندي جڏهن جڏهن هوا | |
| ته | |
| محسوس ڪندين تون | |
| ٻنين ۾ تيار فصل جي خوشبوءِ | |
| سمنڊ جي ڪناري | |
| جڏهن نهاريندي تون افق ڇولين ڏانهن | |
| سوچيندي سمنڊ جي باري ۾ | |
| تڏهن | |
| اچانڪ لوڻياٺي هوا ڇهندي تنهنجا چپ | |
| جلد ئي ڄاڻي وٺندين تون هوا ۽ سمنڊ جو | |
| رشتو. | |
| * * * | |
| ٽُٽڻ ۽ جُڙڻ | |
| ٽٽڻ ۽ جُڙڻ جو احساس | |
| انڌيري رات | |
| سرڪي رهي آهي | |
| صبوح جي روشنيءَ ڏانهن | |
| اُجهامي رهيو آهي | |
| منهنجي زندگيءَ جو پرڪاش | |
| تيزيءَ سان گذرندڙ هن رات جي باقي گهڙين | |
| ۾ | |
| سميٽي وٺ واريءَ جهڙو منهنجو وجود | |
| پنهنجي ٻُڪ ۾ | |
| صرف هڪ رات جي لاءِ ئي | |
| هر – هر ٽُٽي ڪري جُڙندي رهيس مان | |
| ٽُٽڻ ۽ جُڙڻ | |
| شايد، تون سمجهي نه سگهندين. | |
| سوالنامو: وشنو ڀاٽيا | |
| سوالن جي سلسلي مان اڀرندڙ اِميج | |
| پوپٽي هيراننداڻي جي شخصيت | |
| اڪثر ائين ٿيو آهي ته ڪنهن به شخص کان انٽرويو وٺندي جوابن ۾ انٽرويو وٺندڙ لاءِ رچناڪار جو لهجو پڪڙڻ ڏکيو بڻجي پوندو آهي. اِنڪري جئن ليکڪا جي شخصيت سان گڏ، ليکڪا جي ئي ڀاشا ۽ نوع اُن ۾ اَچي. ان لاءِ پوپٽي هيراننداڻيءَ اڳيان مون سوالن جو سلسلو پيش ڪيو، جن جي جوابن مان ليکڪا جي مخصوص سلسلي ۽ شخصيت اڀري آهي. | |
| پاٺڪن جي دلچسپيءَ لاءِ مون کانئس سندس خانگي زندگي ۽ ساهت بابت اڻ واسطو رکندڙ سوال پڇيا. خانگي زندگيءَ بابت سندس جنم، تعليم، ڪنواري رهڻ پٺيان ڌارڻا، اڪيلي رهڻ پٺيان مجبوري، ياترائن، شاگرد ۽ پروفيسر جي رشتي، گهر، سندس رشتي، گهر ۽ ٻاهرين رشتن جي ميزان، سندس شونقن، ڊيلي روٽين، سندس سڀاءَ، سندس سپنن، سندس مشغولين، ڪَوڙين مِٺين يادگيرين، لَوِ اَفيئر ۽ ان بعد ساهتڪ سطح جا سوال پيش ڪيا. سلسليوار سوالن ۽ جوابن معرفت اِنٽرويو پيش آهي. | |
| سوال: وشنو ڀاٽيا جا: | |
| 1. ساهت جي لڳ ڀڳ هر شاخ تي قلم آزمائي ڪندي، ڪنهن به شاخ ۾ اسپيشلسٽ بڻجڻ بدران پنهنجي شخصيت کي ورهائي ڇڏڻ ۾ توهان کي اِئين نه لڳو ته توهان سنڌي ساهت ۾ پنهنجو مخصوص اِميج ٺاهي نه سگهيا آهيو؟ | |
| 2. اڪثر مخصوص اِميج جي عدم موجودگيءَ ۾ اوهان سنڌي ساهت ۾ خود کي ڪٿي ٿا چاهيو؟ | |
| 3. لکڻ جو اتساهه توهان کي ڪنهن ڏياريو؟ يا توهان جو عقيدو آهي ته اُهو توهان ۾ خود سمايل هو. توهان ان کي ڪوشش وٺي اجاگر ڪيو؟ | |
| 4. ساهٿ ۽ اوهان جو نظريو؟ | |
| 5. وچ ۾ توهان لنبين ڪهاڻين لکڻ جو سلسلو چالو ڪيو هو. جن مان ”ڪانتا“ ۽ ”داغ“ ڪهاڻين پاٺڪن جو چڱو ڌيان ڇڪايو هو. ان بعد توهان جون لنبيون ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ نه مليون آهن، ڇو؟ | |
| 6. سير سفر بابت لکندي اوهان جا ليکه محض اِنفرميٽو ۽ بياني بڻجي ٿا وڃن. اتي جي شخص جي جيون جي گهرائي نٿي ملي. ان جو ڪارڻ وقت جي محدودگي آهي يا اوهان جي آبزرويشن جي ڪوتاهي؟ | |
| 7. توهان جي اڪثر ليکن ۾ عورت جي طرفداري ڪٿي ڪٿي تمام نعريبازي کان ڪم ورتو ٿو وڃي. ۽ مرد جي ڪردار کي لوئيو ٿو وڃي؟ ڇا اِهو ڪنوينشنل نظريو ڪونهي جڏهن ته اڄ هر کيتر ۾ عورت مرد جي برابر ٿي بيٺي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته هوءَ مرد کان تمام اڳيان نڪري ٿي وڃي؟ | |
| 8. عورت ۽ مرد هڪٻئي جا پورڪ آهن. جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ اسان وٽ بدنام اِتهاس پئي رهيو آهي. عورت کي پيڙيو ويو آهي. عورت ۽ مرد جي رشتي کي کڻي توهان وٽ نئون نظريو آهي؟ | |
| 9. شاديءَ جي سنسٿا بابت توهان جا ويچار؟ شاديءَ بنان عورت ۽ مرد جي گڏ رهڻ سان سماج جي روپ ريکا؟ انسان خود ۾ ”اڪيلائپ جو آئلئنڊ“ ڪونهي؟ پر ستل زندگيءَ ۾ ”ٻئي“ کي اڪوموڊيٽ ڪرڻ ڇا ممڪن آهي؟ | |
| 10. ڌرم ۽ اَڌياتم، زندگيءَ لاءِ ڪارگر ٿي سگهن ٿا؟ | |
| 11. سڀ فلسفا جڏهن زندگي اڳيان هارائي ويهن ٿا ۽ ڌرم کي آڌار بڻائي جنگيون لڙيون ويون ۽ مهنتن گاديون آباد ڪيون. تڏهن ڇا اِن جا ٺيڪيدار، انسان کي ڪا راهه ڏيکاري سگهن ٿا؟ | |
| 12. ويدانت ڇا زندگيءَ کان فراريت ناهي؟ جڏهن ته مان سمجهان ٿو زندگي بهتر نموني جيئڻ ۽ ماڻڻ لاءِ آهي. اتي مڪتيءَ لاءِ هدايتون محض دنيا کان ڀڄڻ لاءِ نصيحت ناهي؟ | |
| 13. سٺي ۽ خراب جي ويچار ڌارا تي جنگيون لڙيون ويون آهن. انسان ماڪوڙين جيان ماريا ويا آهن. جنگ شروعات کان غير انساني ائڪٽ نه رهيو آهي؟ سٺي ۽ خراب جي ڌارڻا جي بنياد تي ئي پراڻي ساهت جو آڌار آهي؟ ان ۾ تبديليءَ جي گنجائش ڇا توهان محسوس نٿا ڪريو؟ | |
| 14. نئين ساهت ۽ ساهتيڪار بابت توهان جو رخ؟ | |
| 15. ترقي پسندن جي ساهتڪ دين کي ريٽيندي مان پڇڻ چاهيندس ته ساهتڪار سميلن ۾ ساهتڪارن کي پريان رکي واپارين کي ترجيح ڏيڻ پٺيان مجبوري آهي يا ڪرسيءَ سان چنبڙي رهڻ جي منورتي؟ | |
| 16. ديوناگريءَ جي حمايتن ڦڙتي ڏيکاري هر هٿ آيل موقعي جو ناجائز فائدو ورتو آهي، جڏهن ته اسان پنهنجن جائز حقن ڏانهن به سجاڳ ناهيون؟ | |
| 17. پئسي بابت توهان وٽ ڪو حل؟ سنڌيءَ جي پرچار لاءِ مشنري اسپرٽ سان ڪم ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون ويون آهن؟ | |
| 18. سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺندي ساهتڪار جي رچنا شڪتي ڌيري ڌيري ناس ٿئي ٿي يا وڪست؟ | |
| 19. پاٺڪن جي کوٽ پٺيان توهان کي لڳي ٿو ته سنڌي ٻولي اڳتي هلي سروائيو ڪري سگهندي؟ | |
| جواب پوپٽي هيراننداڻي جا: | |
| ** جنم: حيدرآباد سنڌ، 17 سيپٽمبر 1924ع ۾. | |
| ** تعليم: بي- اي. (سيڪنڊ ڪلاس) بنارس هندو يونيورسٽي سنسڪرت ۽ هندي اسپيشل سبجيڪٽس. | |
| ** ڪنواري رهڻ پٺيان ڌارڻا: پنهنجي شاديءَ جي باري ۾ هڪ ٻن هنڌ سوديبازي ٿيندي ڏسي دل بغاوت ڪندي فيصلو ڪيو ته اهڙي ملهه تي شادي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. | |
| ** اڪيلي رهڻ پٺيان ڌارڻا ياترائون: جواب مٿيون ساڳيو آهي. پيار جي شاديءَ جو رواج تن ڏينهن ۾ هو ئي ڪين يا ائين چئجي ته اسان جي ڪٽنب ۾ اهو رواج نه هو. | |
| منهنجو پتا فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ گشتي نوڪري ڪندو هو. مون پنهنجي پتا سان گڏ سنڌ جا ڳوٺ ڏٺا هئا. مئٽرڪ کان پوءِ ڪندنمل اسڪول جي ماسترن، ماسترياڻين سان گڏ پڪنڪ ڪندي حيدرآباد جون پسگردايون يعني ٽنڊا (ٽنڊو آدم، ٽنڊو قيصر وغيرهه) ۽ باغ (جي جهجهائي هئا) ڏٺم. هڪ دفعو سنڌ جي سير تي نڪتاسين ۽ دادو، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ موهن جو دڙو پڻ گهمياسين. اسڪولي جيون ۾ ڪوئٽيا، چمن ۽ زيارت گهمڻ ويئي هيس. بنارس ۾ امتحان لاءِ وڃڻ ۽ موٽڻ وقت لاهور، امرتسر، دهلي، هردوار ۽ مسوري ڏٺي هيم. هندستان ۾ اچڻ بعد گانڌيڌام، راجڪوٽ، ويراول، جهوناڳڙهه، انڊور، اجين، ڀوپال، مئسور، بئنگلور، اُوٽي، مئٿران، مهابليشور، پونو، لوناوالا، ڪانپور، لکنو، ڪلڪتو، احمد آباد، بڙودو ۽ ٻيا شهر ڏٺا اٿم. هندستان کان ٻاهر اوڀر ۾ سينگاپور، مليشيا، انڊونيشيا، هانگ ڪانگ، جپان، ڪوريا، تائپي ۽ اولهه ۾ لنڊن، پئرس ۽ ڪئنري آئلنڊس (اسپين) گهمي آهيان. يعني ڌڪ گهٽ اڌ دنيا باريڪيءَ ۽ تفصيلن سان ڏٺي اٿم. | |
| ** شاگرد ۽ پروفيسر جو رشتو: اسڪول جي ماسترياڻي هوندي نهايت ضابطي ۽ محڪمتا سان ورتاءُ ڪندي هيس، جنهنڪري شاگردياڻيون مون کان ڏاڍو ڊڄنديون هيون. پر اڄ منهنجا شاگرد ڪاليجي آهن، انڪري انهن سان مترن جهڙو ئي وهنوار ڪندي آهيان. ان جا ٻه سبب آهن: (1) شروعاتي وقت وارو غصي ٿيڻ وارو سڀاءُ تياڳي ڇڏيو اٿم. (2) زمانو گهڻو بدلجي چڪو آهي. | |
| ** گهر ۽ منهنجو رشتو: منهنجو پتا سرڳواس ڪري ويو. ان وقت منهنجي ماتا جي عمر 32 سال هئي. هن جي پيءُ جي سختي ۽ ماءُ جي نرمي گڏي اسان ستن ڀائرن ڀينرن جي پالنا ڪئي. پر بعد ۾ منهنجي ڀيڻ جي ديهانت هن جي صحت ۽ همٿ ٻئي ٽوڙي ڇڏيون. منهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مون 14 ورهين ۾ ئي ڪمائڻ شروع ڪيو. مون ماستري ڪئي ۽ هن ڪلارڪي. ان طرح سڀ پڙهي لائقيءَ رسياسين. هن وقت منهنجا ڀائر مون سان ويجهي متر جيان ۽ ڀاڄايون ساهيڙين جيان ئي هلنديون آهن. | |
| ** گهر ۽ ٻاهرين رشتن ۾ ميزان: اَميءَ سان منهنجو نهايت گهرو سنٻنڌ هو. هن جي هلي وڃڻ بعد مان گهر کي گهر ئي نه سمجهندي آهيان. جڏهين هوءَ حيات هئي، منهنجي ميٽنگن تي وڃڻ تي هوءَ ڏاڍو ناراض ٿيندي هئي. گهر ۾ ويهڻ وقت به مان ڪتاب منهن ۾ يا هٿ ۾ قلم کڻي ويهندي هيس ته هوءَ ڏاڍو ڇنڀيندي هئي، پر انهن ڳالهين کي ”نه“ ڪرڻ جو ته سوال ئي نه ٿي اٿيو. ٻيءَ ڪنهن ڳالهه ۾ گهر جي ڀاتين کي ناراض ٿيڻ جو ڪارڻ ڪڏهن به نه مليو آهي. رڌڻ، سبڻ، گهر جو ڪم پوريءَ طرح سان نڀائجي ته گهرُو ۽ ٻاهرين رشتن ۾ ميزان رکي سگهجي ٿو. گهرُو ڪم ڪرڻ ۾ زال جو قدرتي طرح چاهه رهي ٿو. دلپسند کاڌو تيار ڪري کارائڻ ۾ هوءَ عجيب سنتشٽي حاصل ڪري ٿي. مون کي ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به دقت محسوس نه ٿيندي آهي. لکڻ ۽ رڌڻ جي وچ ۾ سمجهوتو ڪري ڇڏيو اٿم. | |
| ** منهنجا شونق: ننڍي هوندي ٽي شونق هئم: باغات، ڊانس ڪرڻ ۽ شاعره ٿيڻ. پويان پورا ٿي نه سگهيا. انڪري منهنجو لاڙو ڳائڻ ڏانهن وڌيو. باجو، بئنجو ۽ دلربا وڄائڻ سکيس. حقيقت ۾ 14 ورهين ۾ نوڪري ڪيم ته Music Teacher ئي بڻي هيس! پر پوءِ پڙهڻ پاڙهڻ جو ڪم ڪندي ان شونق پالڻ لاءِ گهربل سهوليت نه ملي. هاڻ ڪجهه سهوليت اٿم، ان ڪري غزل، دادرا ۽ ٺُمري سکندي آهيان. جيتوڻيڪ سبڻ ۽ ڀرت جا امتحان پاس ڪيل اٿم، پر سبڻ سان ايتري دل نه اٿم جيتري رڌڻ سان. باقي گهمڻ ۽ لکڻ منهنجن شونقن ۾ ضرور شمار ٿيندا. | |
| ** ڊيلي رُوٽين: صبوح جو ساڍي 5 بجي اٿي، يوگه آسڻ ڪري، پنڌ ڪندي ڪاليج وڃان. اتان موٽي 3 کان 6 تائين هر روز سڀا جي آفيس ۾ ڪم ڪريان، جتان سڌو ئي ريڊيو - ڪلب جي لائبريريءَ ۾ وڃان. جن ڏينهن تي ڪاليج دير سان هجي، انهن ڏينهن تي استاد صبوح جو سنگيت سيکارڻ ايندو آهي ۽ مان ڪجهه رڌي به وٺندي آهيان. ڪاليج ۾ هڪ ليڪچر ۽ ٻئي جي وچ ۾ جهجهو وقت ملندو آهي جنهن ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري سگهبو آهي. ڪجهه خاص لکڻو پڙهڻو هجي ته صبوح جو اڃا به وڌيڪ سويل اٿندي آهيان. رات جو مان دير تائين جاڳي نه سگهندي آهيان. | |
| ** منهنجو سڀاءُ: ننڍي هوندي کان وٺي جوابدار ڪم سنڀالڻ ڪري ۽ 14 ورهين ۾ ماستري ڪرڻ ڪري منهنجي سڀاءَ ۾ Bossism جو انگ پئجي ويو آهي. ان Element of domination ڪري منهنجي سڀاءَ ۾ هڪ ٻي خرابي پيدا ٿي هئي جا هئي ”جلد ئي غصي وچان تپي باهه ٿي وڃڻ.“ ان خرابيءَ تي هينئر ضابطو پائي ويئي آهيان، مگر پهرين خرابيءَ تي غالب پئجي نه سگهي آهيان. پنهنجي ماءُ جي خاندان وٽان ورثي ۾ سڀاءَ جي هڪ خوبي به مليل اٿم جا آهي ٽهڪ ڏيڻ. خوشيءَ وقت ته مڪت ۽ بيباڪ ٽهڪ ڏيندي آهيان. بس، منهنجي سڀاءَ ۾ ان طرح جون مخصوص خوبيون - خاميون اهي ئي آهن. | |
| ** سپنا: منهنجو هڪ ئي سپنو آهي ته اسان کي پنهنجي پرانت (State) هجي جيڪر! پرانت نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ گهر (Home Town) ته ضرور هجي اسان کي! | |
| ** منهنجون خانگي مشغوليون: منهنجي زندگيءَ جو ڪتاب بلڪل ئي کليل آهي. ان ۾ لڪل يا ڍڪيل ڪجهه به ڪينهي. گهر، ڪاليج ۽ سڀا اِسٿولي مشغوليون ۽ لکڻ، ڳائڻ، پوکڻ ۽ رڌڻ سوکيم مشغوليون اٿم. | |
| ** ڪَوڙيون مٺڙيون يادگيريون: ”مٺي ياد ”سنڌ“ آهي. هڪ ڇو؟ ان سان انيڪ مٺيون يادگيريون ڳنڍيل آهن. ڪهڙيون ٻڌائي ڪهڙيون ٻڌايان؟“ | |
| ڪوڙيون يادگيريون ٻه ئي آهن. منهنجي ڀيڻ ۽ منهنجيءَ ماتا جو ديهانت. | |
| ** لَوِ Affairs: پيار هڪ جذبات جو نالو آهي. ان جذبات لاءِ عمر ۽ فرصت ”رڪاوٽ ۽ سهوليت“ يا ملڻ ۽ وڇوڙي جو هڪ قسم جو سلسلو، اهي ٽي ڳالهيون ضروري آهن. | |
| منهنجيءَ جذباتي عمر ۾ نه فرصت هئي مون کي ۽ نه سهوليت. گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي، گهر ۾ زنانا ڪم ۽ گهر کان ٻاهر ماستري. ان حالت ۾ پيار ڄمي به کڻي ها ته پلجي نه سگهي ها. | |
| عمر چڙهي وڃڻ بعد پيار ڪرڻ ائين آهي، جيئن سمنڊ ۾ پراڻي ٻيڙي هلائڻ. غير جذباتي عمر ۾ ايتري تڪليف کنئي نه ٿيندي آهي، يعني جذبات جي صدقي رنڊڪن جي سامهون ٿيڻ جو چاهه نه هوندو آهي. | |
| ** جنس بابت: جنس بابت پهرين ڪاليداس جي رچنائن ۾ ۽ بعد ۾ ٻين سنسڪرت ڪوين جي لکڻين ۾ پڙهيو هئم. ان کان پوءِ ڪام سوتر، ڪام شاستر پڻ پڙهيو اٿم، ڏٺو به گهڻو اٿم. پئرس جون نائيٽ ڪلبون، لنڊن ۾ "Oh! Calcutta" وارو شو ۽ جپان ۾ ڪي خاص فلمون. پر ان بابت چوڻو ڇا آهي. | |
| 1. سنڌي ليکڪ جي اسٿتي ٻين ٻولين جي ليکڪن جيان نه آهي. انڪري سنڌيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ليکڪ هڪ کان وڌيڪ ساهتڪ صنفن تي قلم آزمائي ڪن ٿا. هونئن به انسان جي شخصيت يڪ - رنگي نه آهي. انڪري جي ليکڪ ساهت جي ٻن شاخن تي قلم - آزمائي ڪري ٿو ته ڪا اَسڀاويڪ ڳالهه ناهي. ٽئگور مکيه طور ڪوي مڃيو وڃي ٿو پر هن سڦل ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ۽ ناول پڻ لکيا آهن. ليکراج عزيز بنيادي طرح شاعر هو پر هن جا لکيل مضمون، سنڌيءَ جي هر مضمون نويس لاءِ هڪ قسم جي للڪار آهن. | |
| منهنجي سمجهه موجب ليکڪ هڪ احساس جيو آهي جو پنهنجي احساس جو گيت پني تي پلٽي ٿو. جنهن صنف لاءِ کيس گهڻي رچي ٿئي ٿي يا جنهن ۾ گهڻيون رچنائون اٿس، ان سان ئي پاٺڪن وٽ هُو پرسڌ ٿئي ٿو. | |
| 2. اڄ جي آلوچڪن ۽ تبصرا لکندڙن جي منورتيءَ مان اسان کي ”مان ڪٿي آهيان“ جو صحيح جواب ملڻ مشڪل آهي. هرڪو آلوچڪ ڪنهن کينچيل لکشمڻ - ريکا جي اندر ئي ڦري ٿو، ان کان ٻاهر سوچي به کڻي تڏهن به ويوسٿا کان ڊڄي عمل ۾ اُهو سوچيل قدم نه ٿو کڻي. ان حالت ۾ انهن مان سچ ۽ صداقت جي مون کي به اميد ئي ڪينهي! (مثال ڏيان ڇا؟ نالا کڻنديس ته ٻار رسي ويندا!) | |
| 3. شروعات ۾ مان هنديءَ ۾ ئي لکندي هيس. بعد ۾ هندي ڪهاڻين مان Adopt ڪري ڪي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکيون هئم. انهن لکڻين کي ڇپجڻ جو موقعو ملي ويو هو انڪري مان انهن جي ڪري سڃاڻپ ۾ آيس. نه ته مان شعر لکي پاڻ ئي پڙهندي هيس. گهر جي ڀاتين مان ڀيڻ کي ڇڏي باقي ٻين کي ته منهنجين لکڻين جي ڄاڻ به ڪينهي. صرف خبر اٿن ته مان ڪتاب لکندي آهيان! انهن وٽان اتساهه ملڻ جو ته سوال ئي نه ٿو اُٿي. | |
| 4. مون وٽ به ڪو به نظريو ڪينهي. چؤطرف ڦهليل زندگيءَ ۾ ڪجهه سهڻو يا نهايت ئي ڪجهه ڪؤڙو محسوس ٿيندو آهي ته قلم کڻندي آهيان. | |
| 5. منهنجا ننڍڙا ناول ”منجو“ ۽ ”جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات“ وڏيون آکاڻيون ئي آهن. ان کان پوءِ ”ڪانتا“ پڻ هڪ وڏي آکاڻي ئي آهي. (ڪانتا کان اڳ مون هڪ ”سماج جو سئر“ نالي لنبي ڪهاڻي لکي هئي جا ”جاڳرتي“ اخبار ۾ قسطن ۾ ڇپي هئي) پر هاڻي جيڪي به ايڊيٽر ڪهاڻي گهرندا آهن سي ”ننڍي“ موڪلڻ جي ئي هدايت ڪندا آهن. سنڌي پبليشرن جي مجبورين ۽ سينيمائن کي خيال ۾ رکي آکاڻيءَ کي ننڍو ڪرڻو ئي پوندو آهي. | |
| 6. سير سفر ڪندي جيون جي گهرائيءَ کي ڏسڻ يا محسوس ڪرڻ جو وقت نه ملندو آهي. جيون کي ويجهڙائيءَ تان ڏسڻ لاءِ صحبت جي ضرورت پوي ٿي. هونئن به سير سفر جي لکڻين ۾ گهڻي ڀاڱي انفرميشن ۽ بيان ئي اچي سگهي ٿو. جيون جي گهرائيءَ کي پيش ڪرڻ لاءِ ساهت جي ٻي ڪا صنف کپي. | |
| 7. 15- 20 سال اڳ مون ست اٺ اهڙا ليک لکيا هئا، جن ۾ مرد جي ڪن خاص وهنوارن جي نمونن جي نندا ڪيل هئي. ساڳئي وقت زال جي وهنوار کي نندڻ لاءِ به مون چڱيون ئي ڪهاڻيون لکيون هيون: ”برهما جي ڀل“، ”ڦتن چريو“، ”عادت جو علاج“، ”موتين جو ملهه“ وغيرهه. اڄ تائين مون سَو - سوا ڪهاڻيون ۽ ٻه - اڍائي سَو مضمون لکيا آهن. پر خبر ناهي ڇو منهنجين سمورين لکڻين تي انهن ستن اٺن ليکن جو ئي ٺپو هنيو ويندو آهي. | |
| تنهنجي سوال جي جواب ۾ مان جيڪر پڇان ته منهنجن 17 ڇپيل ڪتابن مان گهڻين ۽ ڪهڙين لکڻين ڏانهن تنهنجو اشارو آهي؟ | |
| هندستاني سماج ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي کي صرف هڪ ئي ڦيٿ سان ماپيو ويندو آهي. انهن جي اڳيان ڪو نئون نظريون کڻي اچجي ته اهو انهن کي هضم ئي نه ٿيندو آهي. خود اسان جا ساهتڪار، جن منجهان ڪي دانشور به آهن، پنهنجين لکڻين کان ٻاهر هر انسان لاءِ پراڻي ڦيٿ ئي استعمال ڪندا آهن. | |
| منهنجيءَ سمجهه موجب جيئن ڪو ميڌاوي شخص ٻئي ڪنهن ذهين شخص جو دوست ٿي سگهيو ٿي، تيئن ڪا ذهين استري ذهني سطح تي ڪنهن شخص جي دوست ٿي سگهي ٿي. ان رشتي کي لازمي طرح اسين جسماني لاڳاپي سان ڳنڍي نه ٿا سگهون. | |
| پوءِ به هر هڪ انسان جو ”نجي شخص“ نج پنهنجو آهي ۽ ان کي مخصوص ريت اظهار ڏيڻ جو هن جو پنهنجو طريقو آهي. سماج کڻي ڪيتريون به لکشمڻ - ريکائون کينچي، پوءِ به جنهن مرد يا جنهن عورت کي پنهنجي رشتي نڀائڻ جو طريقو پسند اچي ٿو هُو يا هوءَ نڀائي ٿي. اُن رشتي جي پريڀاشا ٺاهڻ جي مون کي ڪا ضرورت نه ٿي لڳي. | |
| 9. شادي جهوني ۾ جهوني سنسٿا آهي، پوءِ به ان سنسٿا ۾ پهريون دفعو شامل ٿيندڙ کي اِها سنسٿا لڳي ٿي. عورت ۽ مرد شاديءَ بنان گڏ رهن ته ٻنهي لاءِ سماج لاءِ ڳالهه خراب آهي. بنيادي طرح مرد آزاد ۽ نرموهي آهي. سماجڪ ليڪو ئي هن جي زندگيءَ کيPurpose ڏئي ٿو ۽ کيس ڪا راهه پڪڙڻ لاءِ آمادهه ڪري ٿو. زال کي هڪ قسم جي Security کپي. جيڪڏهن شادي نه ٿي ٿئي ته مرد کيس اها Security ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل نه ٿو سمجهي. ان حالت ۾ هوءَ نهايت دکي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته پوءِ هوءَ رات جو محض هڪ وئشيا ۽ ڏينهن جو نوڪرياڻي ئي بڻجي وڃي ٿي! گڏ رهندي به اهڙيءَ زال لاءِ مرد کي عزت نه ٿي ٿئي. | |
| انسان لاءِ اولاد هن جي شخصيت جو Extension آهي. مرد اولاد کي پنهنجي آئيندهه جي نشاني ۽ پنهنجي ڪمائڻ جو مقصد ٿو سمجهي. زال ته ممتا سان ڀريل هڪ ٿانءُ ئي آهي. هوءَ اِها ممتا هارڻ لاءِ هميشه آتي رهي ٿي. | |
| مٿين سببن ڪري زال ۽ مرد لاءِ جيئڻ جو سولو ۽ سڀاويڪ طريقو آهي شادي ڪري گڏ گذارڻ. ائين برابر آهي ته انسان خود ۾ هڪ آئرلئنڊ آهي پر ان آئرلئنڊ تي جي ٿوري وقت لاءِ ئي ڪي ماڻهو اچي رهن ته ان آئرلئنڊ ۾ ”جان“ اچي وڃي ٿي. | |
| شاديءَ ۾ اڪوموڊيٽ ڪرڻ جي نه بلڪ هڪٻئي سان ائڊجسٽمينٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي (ائڊجسٽمينٽ ٻنهي کي ڪرڻي آهي). | |
| تون پاڻ مٿي چئي آيو آهين ته عورت ۽ مرد هڪٻئي جي پورتي ڪندڙ آهن. ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو پڇين ته پرسنل زندگيءَ ۾ ٻئي کي اڪوموڊيٽ ڪرڻ ممڪن آهي يا نه؟ | |
| 10. ڌرم جو صحيح ارٿ ”فرض“ آهي. ڌرم کي In the broad sense of the term ڪري وٺبو ته اُو اڌياتمڪ زندگيءَ لاءِ به اهڙو ئي ڪارگر آهي جهڙو وهنواري زندگيءَ لاءِ. | |
| 11. ڌرم ۽ مهنت لفظن جو پاڻ ۾ لڳ لاڳاپو ئي ڪينهي. جڏهين ڪن ڌنڌوڙي ماڻهن ڌرم جو ارٿ ”وڌيون“ (طريقا يا ليڪا) ڪڍيو تڏهين مهنت جي ضرورت پيئي. | |
| جڏهين مهنت ۽ ليڪا پاڻ ۾ گڏجندا آهن تڏهين صرف کلون ئي وڃي بچنديون آهن. ان حالت ۾ انسان کي راهه ڏسڻ جو ته ڪو سوال ئي نه ٿو اُٿي. | |
| 12. ويدانت ۽ فراريت ٻئي اڻ ٺهڪندڙ لفظ آهن. | |
| مڪتي ڇا مان حاصل ڪرڻي آهي؟ نه دنيا مان بلڪ اڻ ڄاڻائيءَ مان. ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کان پري ڀڄي اچڻو ناهي بلڪ ڄاڻ سان اڻڄاڻائي ائين دُور ڪرڻي آهي، جيئن بتي ٻارڻ سان اوندهه دُور ڪبي آهي. انڌڪار کي ٻهاري پائي يا ٻاٽيون ڀري ٻاهر نه ڪڍبو آهي نه ئي ان کان پري پري ڀڄي وڃبو آهي بلڪ اتي ڏيئو ٻاربو آهي. ويدانت جو ارٿ به اِهو ئي آهي ته پاڻ سڃاڻ يا ڄاڻ. | |
| 13. سٺو ۽ خراب، هر ملڪ جي ان خاص وقت جي خاص سماجڪ نيم ۽ حالتن مان پيدا ٿيل ماڻهوءَ جي نقطئه نظر تي مدار رکي ٿو. | |
| ڪنهن به وقت هڪ ملڪ جي سموري قوم ۾ انسانيت موجود نه پئي رهي آهي. جيئن اڳي تيئن هاڻي به صرف ڪي ڇڊا ماڻهو ئي ”انسان“ هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا ۽ انهن ٿورن جي بدولت ئي اسين انسانيت جي ڪٿ ڪري پئي سگهيا آهيون. | |
| تبديلي ته ايندي ئي رهي ٿي. اسان جي چاهڻ يا نه چاهڻ تي ان جي اچڻ يا نه اچڻ جو مدار ڪونهي. ڪجهه وقت لاءِ ڪي چيزون ”نئون“ جو نعرو هڻي اچن ٿيون ۽ انهن کي ”نئون“ سمجهي پراڻي جي دروازي تي بيهاريو وڃي ٿو. پر پوءِ اهي نعرو هڻڻ ڇڏي ڏين ٿيون ۽ انهن کي اڳيون پنهنجي گود ۾ کڻي وٺن ٿيون. هر زماني ۾ هر چيز سان ائين ئي پئي ٿيو آهي. | |
| 14. (1) نئون ساهت پيدا ڪندڙ ليکڪ پاڻ ڏانهن ايماندار آهن (2) ڪنهن نظريي يا گروپ سان Committed نه آهن (3) ڪهاڻي لکڻ يا ڪوتا جي روپ سنوارڻ لاءِ تجربا ڪن ٿا (4) ڪنهن دوست کي راضي ڪرڻ جي خيال کان نه ٿا لکن (5) پنهنجيءَ لکڻيءَ جي طرز تي ڪا به پابندي وجهڻ نه ٿا چاهين. | |
| مٿيون ڳالهيون ايشور چندر، هريش واسواڻي، موهن ديپ يا تو جهڙي ليکڪ سان لڳن ٿيون. مگر ڪي اهڙا به نئون ساهت پيدا ڪندڙ ليکڪ آهن جي ترقي پسند ليکڪن جي وهنوار کي نندڻ لاءِ ئي قلم کڻن ٿا ۽ ان لکڻيءَ کي تبصرو يا آلوچنا جو نالو ڏين ٿا! ڪنهن به قسم جو Obsession رکي ڪير لکي ته ان کي صحيح معنيٰ ۾ دانشور مڃي نه سگهبو. | |
| اهڙن Obssessed ليکڪن کي ڇڏي باقي ٻين نئون ساهٿ سرجڻ ڪندڙن لاءِ مون کي عزت آهي. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي ائين لڳندو اٿم ته هن جون ڪي لکڻيون ڏڌ جي رُوپ ۾ ئي پيش ڪيل آهن. مون کي قوي اميد آهي ته اڳتي هلي اهي مکڻ ئي اڳيان وڌائيندا. | |
| مان سمجهان ٿي ته ترقي پسند دور بعد نئين ساهت جو دَور ئي مڃڻ کپي. ڇاڪاڻ ته انهن هڪ کان مٿي شاخن تي قلم آزمائي ڪئي آهي. ۽ ليکڪن توڙي لکڻين جي لحاظ کان ان کي صحيح معنيٰ ۾ دَور سڏي سگهجي ٿو. | |
| 15- ان سوال جي جواب ۾ ”سڀا ۽ هلچل“ جو پورو اتهاس، سڀا جو مقصد ۽ هلچل جو صحيح روپ وغيره تي بحث ڪرڻو پوندو. | |
| (a) بهرحال مان پڇڻ چاهينديس ته سڀا ۾ ڪهڙا ڪهڙا ”واپاري“ آهن؟ ڪهڙن ”واپارين“ کي ترجيح مليل آهي؟ | |
| (b) ترقي پسندن کان سواءِ سڀا ۾ ٻيا به گهڻيئي هئا ۽ آهن. اهي سڀا ۾ رهندي تپوسنڪ بڻيا رهيا آهن. انهن جي نپوسنڪتا بابت قلم ڇو ڪونه ٿا کڻو؟ | |
| (c) سڀا جي ”ڪرسيءَ“ ۾ ڪهڙو ”ڳڙ“ يا ”سون“ آهي؟ | |
| (d) ڀارت جي هر ٻوليءَ کي سندس راجيه سرڪار جي سرپرستي مليل آهي. جيڪا ٻولي راجيه - ٻولي ناهي جيئن انگريزي، اردو يا سنسڪرت، ته ان کي وري ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري مرڪزي سرڪار اپنايو آهي. پر سنڌي ٻوليءَ کي نه ڪا راجيه سرڪار ٿي اپنائي ۽ نه ئي مرڪزي سرڪار. ان حالت ۾ سنڌي - ليکڪن کي سرپرستي ڪٿان ملي؟ اڻڄاڻائي، ضد، تيسي ۽ سوارٿ جا مالڪ ڪي ليکڪ، ان نموني جي سرپرستي ”سڀا“ وٽان حاصل ڪرڻ جي اميد رکن ٿا. اميد کي رکندي هو تضادي رايا ۽ وهنوار رکن ٿا. سڀا ۾ ڪم ڪندڙن کي نيم - ليکڪ سڏين ٿا ۽ اهڙن نيم - ليکڪن وٽان ئي کين سرپرستي کپي! | |
| هيءَ هڪ ڀُول ڀُولينئان آهي جا ڪن شخصن، ليکڪن کي جدا جدا زونس ۾ ورهائي کين مقصد تان هٽائڻ لاءِ کڙي ڪئي وئي آهي. | |
| (e) سنڌي وڏيءَ پکيڙ ۾ پکڙيل آهن. هر راجيه ۾ سندن تعليمي مسئلا الڳ آهن، سندن ساهتڪ ۽ سانسترڪ وڪاس لاءِ ڪٿي به ڪي اُپاءَ ورتا نه ٿا وڃن. ان حالت ۾ هڪڙي سڀا. ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻه، ايڏي اٿاهه ڪم ڪندي ايڏي پئماني تي ٿيندڙ خرچ کي ڪيئن منهن ڏين؟ ڪم ڪندڙ اُهي ٻه، پئسا گڏ ڪندڙ اُهي ٻه، لکپڙهه هلائيندڙ اُهي ٻه، اتسوَ جو بندوبست ڪندڙ اُهي ٻه، ان طرح ڪم آخر ڪيئن ٿو هلي سگهي؟ | |
| (f) (1) ديوناگري وارن جو مقصد ”ڀڃ -ڊاهه“، ”گمراهه ڪر ۽ ويڙهاءِ“ آهي. (2) انهن جي آقا جي پهچ مٿي آهي. (3) انهن وٽ ان پهچ - دواران اندروني خبرن جي ڄاڻ آهي. (4) انهن وٽ پئسي جي ڪمي ڪينهي. (5) اهي سڀ جو سڀ هڪ ئي شخص کي Boss سمجهي هن جي حڪم هيٺ هلن ٿا. (6) هڪ شخص جي چئي موجب هلڻ ڪري کين پئسا ۽ عهدا ملن ٿا. | |
| ان جي ابتڙ (1) سنڌي لپيءَ وارن ۾ هرڪو پنهنجو آقا پاڻ آهي. (2) پئسي عهدي جي ”ڀيتي“ اتي ملي نه ٿي سگهي. (3) انهن جي راجيه - سرڪار يا مرڪزي سرڪار وٽ پهچ ڪينهي. (4) انهن کي سنڌي - واپارين يا ڌنوان پئسو نه ٿا ڏين ڇاڪاڻ ته اسان جي جاتي ساهت يا سنسڪرتيءَ جو قدر ڪرڻ سکي ئي ناهي. | |
| 17 - 18 ۽ 19: مان سڀا سان ڳنڍجي ڪم ڪريان ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻئي ڪنهن به هنڌ جاتيءَ جي آئيندي لاءِ (آئيندو جنهن ۾ صرف آجيوڪا جو ويچار ناهي) ڪم ڪيو نه ٿو وڃي. سڀا ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ شخص آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي، جنهن جي صداقت ۾ منهنجو وشواس آهي. | |
| جاتيءَ لاءِ پنهنجي وت - آهر ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ مان پنهنجو ڌرم ٿي سمجهان. حالتون ڏکيون آهن، اميدون جهڪيون آهن، دوستن وٽ غلط فهميون آهن ۽ دشمنن وٽ چالبازيون آهن، پوءِ به انسان هئڻ جي ناتي جنهن کي مان فرض سمجهان ٿي، ان کي نڀائڻ پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهان ٿي. فرض کان مون ڪڏهين به منهن ڪين موڙيو آهي. هن ڌرم کي به مُور ڪين ڇڏينديس. | |
| باقي ڳالهيون وڃي ٻيا سوچين. دماغ جي پيچن لڙائڻ جي مون کي عادت ڪينهي. منهنجي گلا ڪرڻ لاءِ، منهنجي ڪم ۽ لکڻ جي نقط چيني ڪرڻ لاءِ به ڪي ماڻهو مقرر ٿيل ئي آهن، پوءِ مان چنتا ڇو ڪريان؟ | |
| ”ڪونج“ رسالي تان کنيل. | |
| ارشاد سومرو | |
| غزل | |
| هر جڳهه، هر چهري ۾، مون کي آهي، تنهنجي تلاش! ڏينهن جي شور ۾، رات جي تنهائيءَ ۾، هر دم آهي تنهنجو خيال، مون کي آهي تنهنجي تلاش! ڳل تنهنجي تي ڪارو تر، اکڙين تنهنجن جو خمار، جڳ ۾ ناهي تنهنجو مثال، مون کي آهي تنهنجي تلاش! روئي گهريو مون آهي خدا کان، تنهنجي پيار جو نذرانو، هر دعا ۾ آ تنهنجو سوال، مون کي آهي تنهنجي تلاش! رات ڏٺو مون سپني ۾، تنهنجي گهر جو دروازو، در تي ناهي تنهنجو نشان، مون کي آهي تنهنجي تلاش! پنڌ ڪيو مون پيرن سان، راهون چميون مون نيڻن سان، جت به ٿيو آهي تنهنجو گُمان، مون کي آهي تنهنجي تلاش! ساٿ ڇڏيو تو ماڻن سان، منٿون ڪيون مون سياڻن سان، ڪنهن نه ڏنو آهي تنهنجو دان، مون کي آهي تنهنجي تلاش! | |
| اختر افروز شاهه | |
| ڊپريشن به هڪ بيماري آهي | |
| اهو ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ڏُک سُک اسان جي زندگيءَ جو لازمي حصو آهي، جيڪڏهن ڏک نه هجن ته اسين سُکن کي ڪيئن سڃاڻنداسين! دنيا ۾ شايد ئي ڪو شخص هوندو، جيڪو خوشيءَ ۽ غم جي احساس کان واقف نه هجي! ايترو ضرور آهي ته خوشين جي اسين خواهش ٿا ڪريون، جڏهن ته ڏک ۽ پريشانيون، اسان جي نه چاهڻ جي باوجود به، اسان جي پلئه اچيو پون. پر اسان جي صحتمند هئڻ جي علامت اها آهي ته اسين حقيقت قبول ڪري، ڪنهن به تلخ يا | |
| افسوسناڪ واقعي کي وساري خوشين جو سفر جاري رکون ٿا. پر ڊپريشن جي دوران ائين ڪرڻ ممڪن ناهي، ڇو ته ڊپريشن جي ڪري، انسان تي ڏک ۽ پريشاني مستقل طور مسلط ٿيو وڃي. ان حد تائين جو مريض جي اڳيان ڪنهن وڏي خوشيءَ جي به ڪا حيثيت ڪانه ٿي رهي. ان قسم جي ڪيفيت کي عام لفظن ۾ ڊپريشن چيو ٿو وڃي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊپريشن صرف هڪ عام ذهني مرض ئي نه پر هي ذيابيطس وانگي هڪ حياتياتي بيماري آهي، البته ايترو فرق ضرور آهي ته هي مرض نفسياتي آهي. دراصل هن جو سبب انساني ذهن ۾ ٿيڻ واري حياتياتي ڪيميائي تبديليون آهن جو انسان کي زندگيءَ کان مايوس ۽ بيزار ڪري ٿيون ڇڏين. هڪ عام مشاهدي مطابق معاشري جو هر طبقو هن مرض ۾ يڪسان ورتل آهي. انتهائي غريب ماڻهو به ان جو شڪار ٿين ٿا. اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته 90 سيڪڙو ماڻهو محض اهو سوچي علاج ڏانهن راغب نٿا ٿين ته متان ڪٿي ماڻهو اهو سمجهن ته هن کي دماغ جو مسئلو ته ڪونه آهي. يا هي وري ڪٿي چريو ته ڪونه آهي. پر 10 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن جي نه صرف هن مرض کي سمجهن ٿا پر هن بيماريءَ جو علاج به ڪرائڻ ضروري ٿا سمجهن. ڪراچيءَ جي هڪ ماهر نفسيات مطابق، اسان وٽ مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ ڊپريشن جو رجحان وڌيڪ آهي. هر چئن عورتن مان هڪ عورت ۽ 7 مردن مان هڪ مرد کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ڊپريشن سان منهن ضرور ڏيڻو ٿو پوي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اهڙيون عورتون جن جا مڙس گهٽ ڪمائيءَ وارا آهن يا جن جي معاشي حالت انتهائي خراب آهي انهن کي ڊپريشن جو خطرو وڌيڪ آهي، پر ڊاڪٽر چون ٿا، اهو خيال صحيح ناهي ڇو جو گهڻين اعليٰ سوسائٽيءَ جي عورتن کي به ڏٺو ويو آهي جن کي ڪا به مالي پريشاني ڪانه آهي، سي پاڻ گهٽ آمدني رکڻ وارين عورتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿيون. ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻهن جي دل ۾ ڪو افسوسناڪ واقعو يا ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه جو خوف مستقل ذهن تي رهندو آهي. اهو خوف ايستائين رهندو جيسين ان کي يقين نه ٿي وڃي ته جيڪي هو سوچي رهيو آهي اهو غلط آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي، آئينده مشڪل حالتن تي ڪيئن نه ڪيئن ڪنٽرول ڪري وٺندا. پر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته حقيقت تسليم ڪرڻ ۾ انسان کي ڪو به عار نه هئڻ کپي. ڊپريشن جي مريضن کي پراميد زندگيءَ ڏانهن واپس وٺي اچڻ ايترو آسان ڪم نه آهي. طبي لحاظ سان ٻين جسماني مرضن جيان ڊپريشن جي بيماريءَ جي شڪار ماڻهن کي به پيار محبت ۽ علاج جي ضرورت آهي. | |
| مغربي ملڪ ان لحاظ کان وڏا باشعور آهن جو اتي ڊپريشن جي شڪار ماڻهن کي علاج لاءِ نفسياتي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن مشڪل کي منهن ڪونه ٿو ڏيڻو پوي. اتي وڏي کان وڏو ماڻهو به اها ڳالهه قبول ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪونه ٿو ڪري ته ڪو هو ڊپريشن جو مريض آهي. ڊپريشن جي معاملي ۾ دنيا جي مقابلي ۾ شايد اسان جو واحد ملڪ آهي جتي ڊپريشن کي چريائپ تصور ڪيو ٿو وڃي. نفسياتي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ ڏوهه هجي. ماڻهو ان معاملي ۾ خاموش رهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. جڏهن ته ڊپريشن جو شڪار مريض گهر وارن لاءِ ڪو مسئلو پيدا ڪرڻ نٿو چاهي. انڪري خاموش رهي پنهنجي اندر ئي اندر تڪليف سهندو ٿو رهي. خاص ڪري عورتون پنهنجي مرض کي سمجهڻ کان قاصر رهن ٿيون ۽ مڙس سميت خاندان جا ٻيا فرد به انهن کي بيمار سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. هئڻ ته ائين کپي ته ان حالت ۾ مريض کي ڪنهن نفسيات جي ماهر وٽ وٺي وڃڻ کپي پر اسان وٽ ماڻهن جي کلڻ ۽ ٽوڪڻ جي ڪري ان مريض کي ڪير به پرگهور وارو نفسياتي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. نتيجي ۾ بروقت مرض جي سڃاڻپ نه هئڻ سبب ان مرض ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهي ٿو. اڪثر عورتون ننڊ جي دوائن سان پنهنجو علاج پاڻ ڪنديون آهن. شايد انهن کي ان حل کان سواءِ ٻيو ڪو حل نظر ڪونه ٿو اچي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڊپريشن جون تمام سٺيون ۽ مؤثر دوائون موجود آهن پر هن ڳالهه جو خيال رکجي ته ان جو علاج ڪنهن سٺي نفسيات جي ماهر کان ڪرائجي. هن مرض جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته عورت پاڻ کي معاشري ۾ بلڪل اڪيلو ۽ غير محفوظ ٿي سمجهي. چاهي اها عورت هاءِ سوسائٽيءَ مان هجي يا وري مڊل ڪلاس جي عورت هجي. ان جو سبب اهو به آهي ته هڪ ٻئي کان محبتون گهٽ نفرتون وڌيڪ ٿينديون وڃن. اڪثر عورتون اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيون رهن. ايتري قدر جو هڪ گهر ۾ رهڻ جي باوجود به عورتون هڪٻئي سان تعاون يا همدرديءَ جو مظاهرو تمام گهٽ ٿيون ڪن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي هڪ تازي رپورٽ مطابق جيڪڏهن آئندي ٽن سالن ۾ ڊپريشن جو ڪو سدباب نه ڳوليو ويو ته دل جي بيماريءَ کان پوءِ هيءَ ٻي وڏي بيماري هوندي. مرد جي مقابلي ۾ عورتون ان جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون. خدا نه ڪري پر جيڪڏهن توهان ۾ ڊپريشن جي ڪا علامت ڏسڻ ۾ اچي ته هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکو ته ڊپريشن جو علاج خود توهان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي. ڊاڪٽر فقط توهان جو علاج ڪري سگهي ٿو، ليڪن صحتمنديءَ ڏانهن پهرين وک توهان کي پاڻ کي کڻڻي پوندي. | |
| نجمه نور ڦلپوٽو | |
| وڇڙيل سهيليءَ جي ياد ۾ | |
| سِڪ ٿي ساري توکي سَهيلي، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. مينهوڳيءَ ۾ ڀڄندا هئاسين، لوڏَ ٻَڌي لُڏندا هُئاسين، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| مِٺيون مِٺيون ٻوليون ٻوليون، لِڪ لِڪوٽي راند ۾ ڳوليون، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| ڪيڏا پيارا، ڏينهن ها گهاريا، ڪُڪڙ ڪبوتر کاري واڙيا، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| ڪَنڊي تي تو ڪيڏو رنو هو، اُن کي هوريان مون ئي ڪڍيو هو، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| ٽانڊاڻن کي هِتِ هُتِ ڳوليون، مينديءَ وارا وارَ به کوليون، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| پوپٽ ۽ ڀنڀوريون پڪڙيون، وکون ڀريون تڪڙيون تڪڙيون، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| جِندوءَ کي ڪيئن جِنبَ هنياسون، پوءِ ڇاپُڙَ کان ڪيئن بچياسين، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| کِلوءَ جي ڪيئن کَٽاڻِ چورائي، سُرميداڻي کنئي پرائي، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| گڏجي لٽڙا خوب رڱياسين، ڦرڦر سَوٽي راند ڪُڏياسين، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| گُڏي گُڏيءَ جو ڪاڄُ ڪيوسين، ڪَٺو انهيءَ ۾ راڄُ ڪيوسين، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| ڪيڏا پيارا ڏينهڙا هُئاسي، موٽن جيڪر هليا وئڙا جي، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| ”نُور“ جڏهن به ياد اچن ٿا، لڙڪ بنجي اک مان لڙن ٿا، آءُ هلي آءُ هاڻي ٻيلي. | |
| پروين راڄپر | |
| جيءُ جهُريو | |
| جيءُ جهُريو، | |
| من موٽ کاڌي | |
| نيڻن نِيرَ وهايا، | |
| روح بيڪل ٿيو. | |
| ڇو اهو سڀڪجهه ٿيو | |
| ڪجهه ته نئون ئي ٿيو | |
| ڪا ته تار من جي جهُري آهي | |
| جنهن جيءَ کي جهوري وڌو آهي! | |
| ڪنهن؟ ڪڏهن؟ ۽ ڪٿي؟ | |
| منهنجي من مندر ۾ ڏيو ٻاريو آهي! | |
| ڇا اُها ڪا موهڻي مورت آهي؟ | |
| يا ڪا سهڻي صورت آهي! | |
| ڇو هي نيڻ ڀرجي آيا، | |
| ڪنهن جي ياد ۾ | |
| جو دل جون تارون ڇِڙي ويون | |
| ڪيئن هي ٽانڊاڻا سَڄي اُڀ ۾ پکڙي ويا! | |
| ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:زبي پروين | |
| وڏن ڏکن کي سهي ويندڙ ۽ ننڍڙين ڳالهين تي روئي پوندڙ لاچار ماڻهن جي سِر تي کيڏي مدد ڪندڙ ڏکن لاءِ ذهني طور تيار رهندڙ، ڪنهن اڻوڻندڙ ڳالهه تي آسمان مٿي تي کڻندڙ ”شبنم چانڊيو“ سان ڳالهه ٻولهه | |
| زبي پروين: ڀيڻ، سڀ کان پهرين پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو؟ | |
| شبنم،: پورو ۽ قلمي نالو ”شبنم“ ذات چانڊيو، پيءُ جو نالو محمد مراد، جنم هنڌ شاهپور چاڪر، ضلعو سانگهڙ، تعلقو شهدادپور، ضلعو سانگهڙ، جنم جمعي جي ڏينهن 27 ڊسمبر تي ٿيو. | |
| زبي پروين: ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟ | |
| شبنم: تمام سٺو، پڙهائيءَ سان گڏوگڏ راند روند ۾ ۽ آزاديءَ سان بهترين گذريو. | |
| زبي پروين: اوهان کي جيڪا تعليم ملي ان مان اوهين مطمئن آهيو؟ | |
| شبنم: پنجين درجي تائين تعليم پنهنجي شهر جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ ڪڏهن فرسٽ ڪڏهن سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪيم، هن وقت منهنجي تعليم ايفِ اي آهي پر مان پنهنجي تعليم مان قطعي مطمئن ناهيان. | |
| زبي پروين: گهر جي ڀاتين مان بابا وڌيڪ ڀانئيندو هو يا ماءُ يا ڀائر؟ | |
| شبنم: ( بابا جي نالي ٻڌڻ تي ”شبنم“ جي اکين ۾ جر جرڪڻ لڳو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ جواب ڏيندي چئي ٿي) پهريان مون کي بابا تمام گهڻو ڀانئيندو هو ۽ هاڻ منهنجو ڀاءُ مختيار منهنجي هر خوشيءَ جو پورائو ڪري ٿو ۽ مون کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. | |
| زبي پروين: گهر ۾ ٿيندڙ ننڍڙين ڳالهين کي درگذر ڪري ڇڏينديون آهيو، يا آسمان مٿي تي کڻنديون آهيو؟ | |
| شبنم: (وڏو ٽهڪ ڏيندي) جيڪي ڳالهيون درگذر ڪرڻ جهڙيون هونديون آهن سي درگذر ڪندي آهيان ۽ جيڪڏهن ڪا ڳالهه ناهي وڻندي ته آسمان به مٿي تي کڻي ڇڏيندي آهيان. | |
| زبي پروين: غربت وڻندي اٿو يا اميري؟ | |
| شبنم: (ٿڌو ساهه کڻندي) ادي زُبي... نه غريبي وڻندي اٿم، نه اميري، بس وچٿري زندگي گذارڻ ۾ ئي اطمينان ۽ سڪون آهي. | |
| زبي پروين: جڏهن ڪنهن مظلوم ۽ بيواهه ماڻهوءَ کي لاچار ڏسنديون آهيو ته ان وقت اوهان جي اندر جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟ | |
| شبنم: جڏهن به ڪنهن مظلوم ۽ بيواهي ماڻهوءَ کي تڪليف ۾ ڏسندي آهيان ته منهنجي اندر ۾ ڌرتي ڌُٻي پوڻ جهڙي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن ڪو لاچار ماڻهو مدد لاءِ واجهائيندو آهي ته پنهنجي سر تي کيڏي به سندس مدد ڪرڻ چاهيندي آهيان. جڏهن ڪنهن جي روڪ ٽوڪ سبب ڪنهن ماڻهوءَ جي مدد ناهيان ڪري سگهندي ته پين کڻي پني تي پنهنجي بيوسيءَ جا اُڌما اوتڻ ويهندي آهيان. | |
| زبي پروين: ڏک پي وينديون آهيو يا اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا آهن؟ | |
| شبنم: ڪڏهن ڪڏهن وڏي ڏک کي به ضبط ڪري ويندي آهيان ۽ ڪڏهن وري ننڍڙي ڳالهه تي به روئي پوندي آهيان. | |
| زبي پروين: پنهنجو پاڻ تي وڌيڪ سوچينديون آهيو يا سماج تي؟ | |
| شبنم: سنڌ جي بيڪار سماج ۾ هلڻ لاءِ پنهنجو پاڻ تي وڌيڪ سوچيندي آهيان. | |
| زبي پروين: ڪيتريون حساس دل آهيو؟ | |
| شبنم: ايتري حساس جو هڪ رات ڪُتيءَ جو ننڍڙو پلُونگڙو گهٽيءَ ۾ پئي چيخيو، رات جا ٽي وڄي رهيا هئا، بيوسيءَ وچان ڪجهه به نٿي ڪري سگهيس. پين پنو کڻي پلونگڙي تي نظم لکڻ ويٺيس، اُهو نثري نظم هي آهي: | |
| ڳليءَ ۾ | |
| رات سڄي پئي چيخيو | |
| ڪُتيءَ جو پلونگڙو | |
| ۽ اُن جون چيخون | |
| چاهيم جهٽ پائي کڻي وٺانس | |
| ۽ ان کي سيءَ جي سَٽ کان بچايان | |
| هڪدم مون کي منهنجي اندر جي ”شبنم“ | |
| سمهارڻ چاهيو | |
| ڄڻ ته جهنجهوڙي چيائين: ”ڇوري، | |
| ڳوٺ جي ماحول ۾ جا رات ٿيندي آ | |
| ان رات جي منظرڪشيءَ ۾ ڪا نياڻي | |
| پنهنجي پڌر جي ڪوٽ کان ٻاهر ناهي نڪرندي، | |
| تنهنجي اُٿڻ سان | |
| تنهنجي ئي ڀڳل کٽ جا چيڪٽ نڪري پوندا، | |
| ۽ اُهي چيڪٽ | |
| تنهنجو ڀاءُ يا تنهنجو پيءُ جاڳائي وجهندا | |
| ۽ انهن جا نيڻ سڌا توتي کُپندا | |
| جي ڳلي ٽِپي وئينءَ ته | |
| توکي ڪاري ڪري ماريو ويندو | |
| شايد.“ | |
| زبي پروين: ڏک وڻندا اٿوَ يا رڳو سُکَ وڻندا اٿوَ؟ | |
| شبنم: سُکن جي ته خبر ناهي، باقي ڏکن لاءِ پنهنجو پاڻ کي ذهني طور تيار رکيو اٿم، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڄائي جو آهيان. | |
| زبي پروين: ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ اوهان جو ڪهڙو نمبر آهي؟ | |
| شبنم: ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ منهنجو ستون نمبر آهي، جڏهن ته ٻه ڀيڻ ڀاءُ مون کان ننڍا آهن. | |
| زبي پروين: ادب جي دنيا ۾ لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪيوَ؟ | |
| شبنم: 1998ع کان. ريڊيو حيدرآباد جي سلسلي ”سونهن“ کان ادب جي دنيا ۾ لکڻ جي شروعات ڪيم. | |
| زبي پروين: اوهان کي پهنهنجي پهرين لکڻي ياد آهي؟ | |
| شبنم: | |
| هر دور ۾ اَوکا سفر، ڪاٽي هليو آ انقلاب، وقت پاران قهر کي، جهاڳي هليو آ انقلاب. هر سوڀ لئه بيشڪ آ منزل پر ڀري، ٽانڊاڻي جيان هر واٽ تي، ٻرندو هليو آ انقلاب. رات ”شبنم“ وسندي هل وس ڀلي تون جا بجا، پڪ اٿم هر ڏينهن کي، جياري هليو آ انقلاب. | |
| زبي پروين: اهي ڪهڙيون ڳالهيون هيون جيڪي اوهان کي لکڻ طرف ڇڪي آيون؟ | |
| شبنم: ٻين پاران جاري ڪيل حڪم ۽ انهن اڻوڻندڙ حڪمن کي بيوسيءَ وچان ويهي ڀوڳڻ مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٻيو وري ريڊيو جا علمي ادبي پروگرام مون کي لکڻ طرف ڇڪي آيا، چاهيندي هيم ته مان به ڪجهه لکان، ته جيئن منهنجون لکڻيون، ٻين ادبي ساٿين جيان منهنجي نالي سان ريڊيو جا باادب ڪمپيئر پڙهن ۽ سچ پچ ”صبح مهراڻ“ جي سلسلي ”سونهن“ ۾ مون کي تمام گهڻو همٿايو ويو، جنهن هفتي نه لکندي هيس ته مون کان پڇا ڪئي ويندي هئي ته مون ڇاجي ڪري سلسلي ۾ شرڪت ناهي ڪئي. | |
| زبي پروين: شاعري محض هڪ اتفاق هئي يا ڪنهن مقصد ماڻڻ لاءِ شعوري ڪوشش؟ | |
| شبنم: شاعري ڪرڻ منهنجي لاءِ هڪ محض اتفاق هرگز ناهي، ها البت سنڌ ۽ ڌرتيءَ سان اَمِٽ رشتن کي لفظن جي روپ ۾ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش ضرور چئي سگهجي ٿي. | |
| زبي پروين: شاعريءَ جي ميدان ۾ اوهين پنهنجي پاڻ کي ڪهڙي منزل تي بيٺل ٿيون سمجهو؟ | |
| شبنم: شاعريءَ جي ميدان ۾ مان پنهنجو پاڻ کي اطمينان بخش ۽ روشن جاءِ تي بيٺل ٿي محسوس ڪريان. | |
| زبي پروين: جيڪو هينئر ادب سرجي رهيو آهي، خاص ڪري شاعري، ان مان اوهان مطمئن آهيو؟ | |
| شبنم: سنڌيءَ ۾ جيڪو ادب هينئر سرجي رهيو آهي، ضروري ناهي ته اهو سمورو مواد معياري هوندو، ليڪن ان ۾ خاص ڪري شاعر جي فڪري ۽ تخليقي سگهه کان، ڪنهن به طرح انڪار نٿو ڪري سگهجي. سچ پچ ته اسان جا نوجوان اهڙو ڪجهه لکي رهيا آهن، جو بي ساخته ”واهه واهه“ ٿا ڪرائي ڇڏين. بهرحال مان هن دور جي ادب مان ڪافي حد تائين مطمئن آهيان. | |
| زبي پروين: عالمي ادب جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب ڪٿي بيٺو آهي؟ | |
| شبنم: عالمي ادب جي حوالي سان مان اها ڳالهه يقين سان ٿي چوان ته سنڌي ادب ۾ به اهي سمورا قدر شامل آهن، جيڪي ٻين قومن جي معياري ادب ۾ شامل آهن. جيڪڏهن سنڌي ادب کي به انگلش ۾ ترجمو ڪري پيش ڪجي ته سنڌي ادب کي به بهترين مڃتا ملي سگهي ٿي ۽ اهو به دنيا جي تخليقي ادب جو باوقار حصو ٿي سگهي ٿو. | |
| زبي پروين: سنڌي ادب ۾ رسالا مئگزين اهو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جيڪو انهن کي ڪرڻ کپي؟ | |
| شبنم: بلڪل، سنڌي ادب ۾ رسالا ۽ ميگزين ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن کي هرگز نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن پڙهندڙ به انهن جي ڪردار جيان پڙهڻ جو جذبو رکن ته شايد سنڌي ادب سنڌ ۾ ضرور عروج تي پهتل هجي، اسان کي گهرجي ته انهن پبليڪيشنن ۽ ادارن ڏانهن منفي لاڙن کان هٽي سنڌي رسالا، ميگزينز ۽ ٻيا ادبي ڪتاب خريد ڪريون ۽ انهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي ڀرپور سهڪار ڪريون. | |
| زبي پروين: سنڌي ادب ۾ صحتمند تنقيد ڇو گهٽجي رهي آهي؟ ۽ ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ | |
| شبنم: صحتمند تنقيد جي گهٽجڻ جو سبب اهو آهي ته اسان ۾ سهپ گهٽ ۽ اسان خوشامدي الفاظ ٻڌڻ جا ڪجهه وڌيڪ عادي ٿي چڪا آهيون. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته تنقيد محبت جو قرض آهي، پر اسان ان ڳالهه کي سمجهون ئي نه ٿا ته تنقيد هڪ بهترين اصلاح آهي، جيڪا پڻ تخليقڪار لاءِ دوستيءَ جو شرف آهي. جڏهن ته بيجا تعريف اسان کي دائميت جي درجي تائين ته رسائي ٿي پر گڏوگڏ غير معياري ڪم طرف به ڇڪي ٿي. مان سنڌي ادب منجهان صحتمند تنقيد گهٽجڻ جو اصل ڪارڻ بيجا تعريف کي ٿي سمجهان، جيڪا تخليقڪار لاءِ شديد دشمني آهي. | |
| زبي پروين: ادب جا بنيادي ڪارج ڪهڙا آهن؟ | |
| شبنم: جتي ادب پکين توڙي انساني حياتين، عشق، محبت، ماڳن، مريادائن، گلن ڦلن، خوشي غمي، سهڻن شهڪارن ۽ اهڙن بيشمار پهلوئن جو هميشه کان ترجمان رهيو آهي. اتي وري ادب جا بنيادي ڪارج به تمام الجهيل ۽ پيچيده رهيا آهن، پر وڏي ڏاهپ سان اسان جي ڪجهه ليکڪن هن اُلجهاءَ واري سبب کي سلجهائي ڇڏيو آهي، جن ۾ اسان جي دور جو شيخ اياز، امر جليل، تاج جويو، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، مئڊم نورالهديٰ شاهه وغيره شامل آهن. | |
| زبي پروين: اوهان جي خيال ۾ معياري ادب ڇا کي ٿو چئجي؟ | |
| شبنم: جنهن ۾ لاڀ جو واس هجي. | |
| زبي پروين: ڇا اديب جو ڪنهن نظرئي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري آهي؟ | |
| شبنم: جي بلڪل نظرئي مان ئي هڪ اديب جو جنم ٿئي ٿو، تنهنڪري هڪ تخليقڪار جو نظرئي سان لاڳاپجڻ ضروري آهي. | |
| زبي پروين: سنڌيءَ ۾ گهڻائي ڇو اڃا تائين محبوب جي ڪارن وارن، ڳاڙهن ڳلن ۾ اٽڪي بيٺي آهي؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ | |
| شبنم: (شبنم کلندي) زُبي هڪ ته سنڌي ماڻهن کي ٺيڪ طرح عشق به نٿو ڪرڻ اچي. خاص ڪري سنڌي عاشق يا ته قرض ۾ ڪارا ٿي جيئندا آهن، يا وري جذبات ۽ اُٻراهيءَ سبب ڪارا ٿي مرندا آهن، تنهن کان بهتر آ شاعر هجڻ جو مونوگرام کڻي پري کان ئي يار جي ڳاڙهن ڳلن ۽ ڪارن وارن تي ويهي شاعري ڪن، بهرحال ان جو هڪ اهم سبب خودغرضي به چئي سگهجي ٿو. | |
| زبي پروين: سنڌيءَ ۾ ناول ڇو گهٽ لکيو ٿو وڃي؟ | |
| شبنم: ان ڳالهه کي فراخدليءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اسان جن تخليقڪارن ۾ لکڻ جو وڌ کان وڌ جذبو آهي. سماجي پهلوئن جي به گهڻائي آهي، پر اسان وٽ اطمينان جوڳو ماحول ناهي، ان جو اهم سبب وقت جو گهڻو درڪار هجڻ آهي. جيڪو اسان جي تخليقڪار وٽ پيٽ گذر ۽ بيجا مسئلن سبب ناممڪن آهي. هر روز نيون پريشانيون اسان کي هڪ جاءِ تي نه ٿيون پيون ويهڻ ڏين. | |
| زبي پروين: عشق ۽ محبت بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ٻئي ساڳيون شيون آهن يا فرق آهي؟ | |
| شبنم: منهنجي خيال ۾ عشق هڪڙائي ۽ محبت ورهاست جو نانءُ آهي. | |
| زبي پروين: ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪيتري قدر لاڳاپو آهي؟ | |
| شبنم: ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ لاڳاپو دل ۽ دماغ جهڙو آهي. سياست ۾ جيڪڏهن ادب جو ڳانڍاپو هر دور ۾ رهندو اچي ها ته شايد ڪنهن به ملڪ جا تختا اونڌا ئي نه ٿين ها، ڇاڪاڻ ته ادب هڪجهڙائي تي ٻڌل سهڻو ميدان آهي. | |
| زبي پروين: شاعري وڻندي اٿوَ يا نثر؟ | |
| شبنم: شاعري خوشيءَ ۽ غميءَ جو سودو آهي ۽ نثر وقت جي ميراث، مطلب ته شاعري ۽ نثر ٻئي وڻندا اٿم. | |
| زبي پروين: هن وقت اوهان وٽ تخليقي مواد ڪيترو ٿيندو؟ | |
| شبنم: تقريباً ٻن ڪتابن جيترو مواد مون وٽ موجود آهي. | |
| زبي پروين: هن سماج جي مردن کان ڪا شڪايت!؟ | |
| شبنم: (ڪجهه پل سانت ۾ رهندي) ڀيڻ، زُبي، شڪايت نه پر ڪيئي شڪايتون آهن. پهرين ته ڪنهن به نياڻيءَ جي اڻپوري تعليم ۽ گهر ۾ بند ڪري ويهارڻ جو ذميوار هن سماج جي ڪُند ذهن مردن کي ٿي سمجهان. | |
| ٻي شڪايت سُسُت مردن کان اٿم. خاص ڪري سنڌي نوجوان طبقي کان جيڪي پڙهائيءَ کان قاصر اوٻاسيون ڏيندي پان ۾ ڳاڙهن لاشن جهڙا ڏند ڪڍي بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ واريون ڳالهيون ڪندي ڏسندي آهيان. وقت وڃائڻ مان فائدو؟ ڦُڙي ڦُڙي تلاءُ آهي. محنت ۾ ئي عظمت جا صلا آهن، جيڪو ڪمايو تنهن مان اڌ کائو اڌ رکو. ائين ڪرڻ سان وڌندا ويجهندا ضرور ڪنهن منزل ڏانهن پهچي پوندؤ. ڇا اها خوش نصيبي اوهان لاءِ ناهي ته الله پاڪ توهان کي هڪ مرد جي حيثيت ڏئي هن دنيا ۾ لاٿو. توهان ته تعليم سان واسجي فاسٽ، اَرڏا، ڦڙت ۽ چست بڻجي لطيف جي ڌرتيءَ تي ناز سان هلو. | |
| گهڻا ٻار پيدا ڪري، لٻاڙون ڊاڙون هڻڻ کان بهتر آهي ته ڪم ڪجي، محنت ڪجي. تعليم انسان کي سٺي سوچ جو مالڪ بڻائي ٿي. اسان وٽ تعليم ناهي ته رڍن اڳيان رباب وڄائجن به ته ڪهڙا! | |
| زبي پروين: ڪهڙا ماڻهو وڻندا اٿوَ؟ | |
| شبنم: جيڪي پنهنجي تعريف پاڻ ناهن ڪندا. سچا، هڏڏوکي، رحمدل، مهمان نواز، خوش طبع، شريف ۽ مُرڪي ملڻ وارا ماڻهو وڻندا اٿم. | |
| زبي پروين: سنڌ ۾ تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ | |
| شبنم: سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو باعث اسين پاڻ آهيون. اصل ۾ تعليم نه پرائڻ ئي تعليم جي تباهي آهي. اسان جا اڻ پڙهيا توڙي پڙهيا لکيا سنڌي ماڻهو بهبود آبادي جا بورڊ ڏسن ئي ڪونه ٿا. هڪ مزدور، هاري، ريڙهي، چاهي مانڊڻيءَ واري جي گهر ۾ به پندرنهن پندرهن ٻار جنم وٺن ٿا، تن مان ڪي بيماريءَ جي ور چڙهي وڃن ٿا، ڪي معذور، ڪي ننڍڙيءَ عمر کان ئي مزدوريءَ سان لڳايا وڃن ٿا. اتي انهن کي خوف نٿو ٿئي، باقي ٻن ٻارن جي جنم کان پوءِ آپريشن ڪرائڻ تي خوف ٿو وٺين ته ٻار بند ڪرائڻ الله جي ڳُجهه ۾ هٿ وجهڻ آهي! مان نه ٿي سمجهان ته ڪي تعليم جي تباهيءَ جا ذميوار استاد، يا تعليمي ادارا آهن، هاڻ ته تعليم بلڪل مفت ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو ٻارن کي هاف ٽائيم تي کير جا پئڪيٽ ۽ بسڪوٽ ڏنا ٿا وڃن. | |
| زبي پروين: سنڌ ۾ تعليم کي موثر بنائڻ لاءِ توهان جي نظر ۾ ڪهڙين ڳالهين جي ضرورت آهي؟ | |
| شبنم: ٻارن جو ٿورائيءَ ۾ پيدا ڪرڻ ۽ بيروزگاريءَ جي خاتمي سان ئي تعليم کي بهتر ۽ موثر ڪري سگهجي ٿو. | |
| زبي پروين: سنڌي موسيقي هن وقت ڪهڙي جاءِ بيٺي آهي؟ | |
| شبنم: مان سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان اياز گل جي انهيءَ ڳالهه سان متفق آهيان ته، سنڌي موسيقيءَ جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي سو سنڌ تي ارغونن جي حملي کان گهٽ ڪونهي! | |
| زبي پروين: سنڌي ڪئسٽن ۾ هينئر جيڪا شاعري ڳائجي ٿي، ان کان اوهان مطمئن آهيو؟ | |
| شبنم: جيڪڏهن مون کي ممتاز لاشاريءَ جي آواز ۾ چندر، استاد بخاري يا احمد خان مدهوش جي شاعري وڌيڪ پسند اچي ٿي يا سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو يا زاهد شيخ جي انقلابي شاعري پسند اچي ٿي ته ضروري ناهي ته ٻيا به اُهو پسند ڪن، جيڪو مان ٿي پسند ڪريان. ڪڏهن ڪڏهن منهنجا ئي دوست مون کي ٽوڪيندا آهن ته هي ڇا ٿي ٻڌين؟ وري ان جي ابتڙ جيڪا شاعري انهن کي پسند آهي، سا مون کي ناهي پسند. مطلب ڳالهه چوڻ جو اهو آهي ته مان سنڌي ڪئسٽن جي شاعريءَ مان مطمئن آهيان به ۽ نه به آهيان. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ٻڌڻ وارن تي ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙي قسم جو خيال ۽ ذوق رکن ٿا. | |
| زبي پروين: اسان جي سنڌ ۾ سطحي شاعريءَ جو ريشو وڌندو پيو وڃي، انهيءَ جو ڪو خاص سبب؟ | |
| شبنم: ان جو خاص سبب اهو آهي ته سنڌ جي تخليقڪارن ۾ ٻاهرئين ادب جو مطالعو نه هئڻ جي برابر آهي. سنڌ ۾ هڪ لک ڇٽيهه هزار شاعرن منجهان چوٿين پتيءَ جيترا تخليقڪار عالمي ليول جي ڄاڻ رکن ٿا، باقي اسان جي حالت اها آهي جو هڪ جاءِ تي مهتاب محبوب ۽ ارون دتيءَ جا ڪتاب رکيل هوندا ته اسين مهتاب جي ڪتاب جي سليڪشن ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اُهو سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب هوندو، پر اُن ۾ اهو ساڳيو رنگ ۽ ڍنگ موجود هوندو جنهن کان اسين باخبر آهيون. توهان ان ڳالهه مان ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسان پنهنجي شاعري يا ٻي ڪا تخليق ڪنهن رسالي، ڪنهن مئگزين، ڊائجسٽ وغيره ڏانهن موڪليون ٿا ۽ ان جي ڇپجي اچڻ تي اسين بار بار پنهنجي ئي ڇپيل تخليق پڙهون ٿا. اهو نه سوچيندا آهيون ته اسان جي تخليق ۾ ۽ ٻئي جي تخليق ۾ ڪهڙو فرق آهي. اسين هر روز سنڌي اخبار پڙهون ٿا، ساڳئي جاءِ تي اسين انگريزي اخبار کڻي پڙهنداسين ته اسان جي ڄاڻ م وڌيڪ اضافو ۽ نواڻ پيدا ٿيندي. سنڌ جا اڪثر تخليقڪار پاڪستان جي ٻين صوبن جي ادب کان ئي پوري طرح واقف ناهن ته پوءِ اسين شاعريءَ جي حوالي سان هڪجهڙائيءَ واري سوچ جا مالڪ نه ٿينداسين ته باقي ڇا! | |
| زبي پروين: محبت اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟ | |
| شبنم: منهنجي نظر ۾ محبت ڪنهن عبادت کان گهٽ ناهي. محبت هڪ اهڙو گل آهي جنهن جي سونهن ويران علائقي کي آباد ڪري سگهي ٿي. محبت انسان کي انسانيت جا گُر سيکاري ٿي، جيئن مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو آهي ته محبت ورهاست جو نانءُ آهي، جنهن جا ڪيترائي ۽ انمول روپ آهن. | |
| زبي پروين: اوهان پنهنجي لکڻين مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟ | |
| شبنم: پنهنجي لکڻين مان مطمئن ٿيڻ: معنيٰ ته ليکڪ جو موت. مان پنهنجي هر نئين لکڻيءَ کان مطمئن ٿيندي آهيان ۽ اڳتي هلي ساڳين لکڻين مان پنهنجو پاڻ کي غير مطمئن ٿيندي محسوس ڪندي آهيان، بهرحال مطمئن ٿيڻ لاءِ بهتر کان بهتر لکڻ جي ڪوشش شايد هميشه جاري رهي. | |
| زبي پروين: ڏک ۽ خوشيءَ جي موقعي تي اوهان جا تاثر ڪهڙا هوندا آهن؟ | |
| شبنم: ڏک جي موقعي تي خوش رهڻ چاهيندي آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڏک پيش پوندا آهن، جو اُهي لڪائڻ ناممڪن ٿي پوندو اٿم! باقي خوشيءَ جي موقعي تي مان تمام گهڻي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي آهيان. | |
| زبي پروين: زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان کان وسري نه سگهيو هجي؟ | |
| شبنم: منهنجو بابا جو فالج جو مريض هئڻ. ست سال علاج ڪرائڻ جي باوجود هو چاق نه ٿي سگهيو هو، هڪ ڏينهن شام ويلي اڱڻ ۾ رکيل کٽ تي ويهي مان سندس هٿن ۽ پيرن جا ننهن لاهي رهي هيس ته هڪ سامهون پاڙي جي گهر منجهان ڀرپور آواز ۾ ”سرمد“ جو ڪلام ”جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين“ گونجڻ لڳو ته ٻئي لمحي ”بابُو“ ”اسان پنهنجي بابا کي بابُو ڪوٺيندا هئاسين“ بيوسيءَ واري عالم ۾ روئڻ لڳو هو، تازو سرمد به گذاري ويو هو. سرمد! ڄڻ اسان جي گهر جو ڪو فرد گذاري ويو هو، ٻيو وري ڊاڪٽرن پاران ”بابوءَ“ جو نه صحتياب ٿيڻ وارو ڏک ۽ ان بعد ڪجهه ئي عرصي ۾ بابوءَ جو گذاري وڃڻ! | |
| اَٺ سال بابوءَ کي گذارئي ٿيا آهن ۽ اُهو ڏينهن اڄ به ڪلهه جي ڏينهن جيان ٿو لڳيم، جنهن ساعت هو مون سان بيوسيءَ وارا ٻول ڳالهائيندي رُنو هو ۽ مان به ساڻس کان وڌيڪ روئي سندس ڳلي سان چنبڙي پئي هئس ۽ ٻين گهر ڀاتين جو گونگي مينهن جي وسي پوڻ جيان روئڻ ياد ٿو اچيم. (شبنم ٻئي هٿ منهن تي رکي روئي ٿي پوي. چانهه جي وقفي کان پوءِ وري ساڻس گفتگو جاري ٿي ڪجي.) | |
| زبي پروين: مرد جو ڪهڙو روپ وڻندو اٿوَ؟ | |
| شبنم: مرد باوقار ۽ گهري سوچ رکندڙ جيون ساٿي، ڀاءُ، پيءُ ۽ ٻين رشتن جي روپ ۾ وڻندا اٿم. | |
| زبي پروين: عورت جي آزادي ڪيتري حد تائين هئڻ کپي؟ | |
| شبنم: ايتري جنهن حد ۾ هوءَ پنهنجي ۽ فيمليءَ جي عزت جي بقا ڪري سگهي. | |
| زبي پروين: اسلام ۾ جيڪي عورتن کي حق ڏنا ويا آهن، اوهان جي نظر ۾ اُهي ڪافي آهن يا...؟ | |
| شبنم: اسلام ۾ جيڪي عورتن کي حق ڏنا ويا آهن منهنجي نظر ۾ ته ڇا هر عورت جي نظر ۾ ڪافي آهن. ان کان وڌيڪ اسان کي گهرجي به ڇا...! | |
| پر جيڪي حق اسلام اسان لاءِ عائد ڪيا آهن ته ڇا اُهي عام طور تي رائج ڪيا ويا آهن؟ قطعي نه... خاص ڪري سنڌي سماج سان واسطو رکندڙمسلمانن هرگز ناهي عورت جي حقن جي پوئيواري ڪئي. | |
| جيڪڏهن اُهي عورتن جي حقن جي پاسداري ڪن ها ته ڪڏهن به سنڌ تي ڪارو ڪاريءَ جو داغ نه لڳي ها! سنڌ جون باحيا مائرون، ڀينرون، ڌيئرون ههڙي واهيات ۽ غليظ روش جي ور هرگز نه چڙهن ها، ۽ جيڪڏهن اسلام پاران رائج حق چٽي طرح بي سمجهه سمجهو، سمجهي سگهن ها ته شايد ڪڏهن به نابالغ توڙي بي جوڙ شاديون عام نه هجن ها. | |
| زبي پروين: عورت جي پردي جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ | |
| شبنم: مان عورت لاءِ سلوار، قميض، سنڌي پوتي يا سنڌي اجرڪ اوڍي هلڻ جي قائل آهيان، جيڪو پڻ اسان جي ورثي جي بقا جو ڀرپور ۽ سهڻو عزم آهي. | |
| زبي پروين: ارينج ميرج کي وڌيڪ اهميت ڏيو ٿيون يا لَوِ ميرج کي؟ | |
| شبنم: ٻنهي ڳالهين ۾ والدين ۽ اولاد جو ففٽي پرسينٽ رضامند هجڻ لازمي آهي. | |
| زبي پروين: ملڪي سياست جو مستقبل اوهان کي ڪهڙو ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟ | |
| شبنم: ڪنهن به سياسي پاليسيءَ جو بنياد طاقت تي رکيو ويندو آهي، پر جنهن ملڪ جا ماڻهو پاڻ ۾ ايڪي ۾ نه هجن ته ان ديس جي مستقبل جي ڪهڙي ٿي اڳڪٿي ڪري سگهجي. | |
| زبي پروين: جيڪڏهن حسن ۽ عشق جي اليڪشن ڪرايون ته توهان ووٽ ڪنهن کي ڏيندا؟ | |
| شبنم: عشق حُسن جو محتاج ناهي هوندو، تنهنڪري جڏهن به اليڪشن ٿي ته پنهنجو کليو ووٽ عشق کي ڏينديس. | |
| زبي پروين: محبت جو رشتو ته ڏاڍو سچو ۽ عظيم آهي پوءِ ماڻهو ان کي بدنام ڇو ڪندا آهن؟ | |
| شبنم: جيڪڏهن توهان مشڪلاتون، ڀوڳنائون، پيڙائون سهندي به پنهنجي محبت جي حوالي سان سچا آهيو ته يقين ڄاڻو ته ساڳيا ئي ماڻهو توهان کي اَمر ڪري ڇڏيندا جيڪي محبت کي بدنام ٿا ڪن. | |
| زبي پروين: ڪنهن جي چاهڻ ۽ ڪنهن جي ٿيڻ واري ٻه - واٽي تي اوهان جا احساس ڪهڙا هوندا؟ | |
| شبنم: اسان جي سماج جا ڪُند ذهن ماڻهو ڪنهن کي پيئارڻ کان هارڻ سهسائيندا آهن ۽ ڪنهن کي جيئندي سپرد ڪرڻ کان ان کي مارڻ سهسائيندا آهن، تنهنڪري ههڙي المئي جي سامهون اچڻ کان پهرين مان پنهنجي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏينديس. | |
| زبي پروين: ڪو چوي ٿو دنيا اسٽيج آهي، ڪو چوي ٿو دنيا راند آهي، اوهان جي نظر ۾ دنيا ڇا آهي؟ | |
| شبنم: منهنجي نظر ۾ دنيا نه سمجهه ۾ ايندڙ گول رانديڪو آهي. | |
| زبي پروين: پيار ۽ پئسي جي اوهان وٽ ڪهڙي اهميت آهي؟ | |
| شبنم: پيار ۽ پئسي جي اهميت مون وٽ اهڙي آهي جهڙي ڏکن ۾ سک جي. | |
| زبي پروين: اوهان جي آئيڊيل شخصيت؟ | |
| شبنم: اڃا تائين ڪا به نه. | |
| زبي پروين: اوهان جي شخصيت ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن؟ | |
| شبنم: مون کان منافقت هرگز ناهي برداشت ٿيندي. گهر توڙي ٻاهر جي ماڻهن ۾ جڏهن به منافقت جو آڙاهه ڀڙڪندي ڏسندي يا محسوس ڪندي آهيان ته ان کي پنهنجي لڙڪن سان اجهائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. مون کان ڪوڙ برداشت ناهي ٿيندو ۽ نه ئي مان ٻئي ڪنهن جي مرضيءَ تي هلڻ جي عادي آهيان ۽ ها زُبي، سڳن ڀائرن کان وڌيڪ دين جا ڀائر پيارا لڳندا اٿم، ڇاڪاڻ ته انهن سان ڏک سک شيئر ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ ناهيان محسوس ڪندي. مون کي ڪچهري ناهي ڪرڻ ايندي، پوءِ به منهنجون کوڙ ساريون دوست آهن، هڪ وڏي خامي اها به اٿم ته مان رٺلن کي ناهيان پرچائي سگهندي. الله پاڪ کان دعا اها ڪندي آهيان ته مون کي ايترو ڪشادو رزق ڏي جو گهر آيل هر مهمان جي بهتر خاطر تواضع ڪري سگهان. هاڻي توهين ٻڌايو ته منهنجي شخصيت ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن. | |
| زبي پروين: هتي هر ماڻهو هڪ ٻئي کي ڪراس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، ڇو؟ | |
| شبنم: ٽئلينٽ جي ڪميءَ جا شڪار ماڻهو ئي ڪراسنگ جي چڪر جا شڪار آهن. | |
| زبي پروين: ڪارو ڪاريءَ جي رسم اوهان جي نظر ۾! | |
| شبنم: منهنجي نظر ۾ ڪارو ڪاري ”رسم“ نه پر هڪ ڀيانڪ، ڪُڌي، غير انساني، غير اخلاقي ۽ وحشياڻي ”روِش“ آهي، جنهن جي مان هر حال ۾ مخالفت ٿي ڪريان. | |
| زبي پروين: محبت جو جذبو ته ماڻهوءَ جي دل ۾ پاڻهي پيدا ٿيندو آهي، پوءِ ان کي بدنام ڇو ڪيو ويندو آهي؟ | |
| شبنم: اڳ واري دَور جي محبت کي پرکيو وڃي ته خبر پوندي ته اها اطمينان جوڳي ۽ سچائيءَ جي هڪ سهڻي سُڌ هوندي هئي، ڪنهن کي ٻِڙڪ ئي نه پوندي هئي. سالن جا سال ته ڪو ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪا محبت هلندڙ آهي، بيشڪ محبت انسان جو فطري حق آهي، پر ڇا هيلوڪي محبت تي مبني محبت جو حق سچائيءَ سان ادا ٿئي پيو. قطعي نه بلڪ هيلوڪي محبت جي بدناميءَ جو باعث اُٻراهي، هلڪڙائي، ٽرڙائپ ۽ بيجا ڊائلاگ بازي آهي، جنهن جا ذميوار هو پاڻ آهن. | |
| زبي پروين: ڀيڻ اوهان جي نظر ۾ لڙڪن جي ڪهڙي اهميت آهي؟ | |
| شبنم: ڪا به نه! | |
| زبي پروين: زندگيءَ جي ڪا خواهش جيڪا پوري نه ٿي سگهي هجي؟ | |
| شبنم: اسان خواهشن جا نه پر هميشه معجزن جا طالب رهيا آهيون ۽ پهرين ڳالهه ته مان خواهشون ناهيان ڪندي، منهنجي خيال ۾ خواهشون اهي ماڻهو رکندا آهن، جيڪي ماڻي سگهن. | |
| زبي پروين: سنڌ جي موجوده حالت تي اوهان جو ڇا خيال آهي؟ | |
| شبنم: بظاهر ملڪ جي خوشحاليءَ جا دهل وڄايا ٿا وڃن، يا ملڪ ۾ ترقياتي ۽ چڱا ڪم ٿي رهيا آهن پر اهي سنڌ جي مفاد ۾ هرگز ناهن. جنهن قوم جا ماڻهو هر روز ڪنهن نئين پريشانيءَ جي ليک جا بينر کنيو، ٽامڻي جهڙن روڊن تي ۽ پٽن تي ڌُوڙ ۾ الوٽ سراپا احتجاج بڻيل، بکئي پيٽ سان سوالي نعرا هڻندي ۽ جوابي نعرا ڏيندي رت جون الٽيون ڪندا ڪنڌار پُٽ ڪرندا ۽ ڦٿڪندا هجن جن جو مستقبل بيروزگاري، بدحالي ۽ تنگ دستيءَ جو آئينو هجي، ملڪي ڪم چاهي ڇو نه آسمان جي بلندين کي ڇُهندا هجن پر اسين ”جيءُ خوش ته جهان خوش“ واري محاوري تي اٽل آهيون. سنڌ اسان جي جند آهي، اُها خوش ناهي ته اسين به خوش ناهيون، سنڌ جي حالت ڏينهن به ڏينهن تمام ڳڻتي جوڳي ۽ افسوسناڪ ٿيندي پئي وڃي. | |
| زبي پروين: توهان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيتريقدر پيار آهي؟ جي آهي ته پوءِ اوهان ان لاءِ ڪهڙي قرباني ڏني آهي؟ | |
| شبنم: منهنجي خيال ۾ هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيڻ ئي هڪ نياڻيءَ جي وڏي قرباني آهي. | |
| زبي پروين: قومپرست پارٽين کي اها موٽ اڃا ڇو نه ملي آهي، جيڪا ملڻ کپي؟ | |
| شبنم: حقيقت ۾ اوڻهين، ويهين ۽ ايڪويهين صدي قومپرستن جي دَور جون صديون رهيون آهن. پر تنهن جي باوجود واقعي انهن کي اها موٽ ناهي ملي، جيڪا کين ملڻ کپي، جنهن جو اصل ڪارڻ هڪ ئي صوبي ۾ پارٽين جا ڌار ڌار ڌڙا اُنهن کي اُها موٽ نه ڏياري سگهيا آهن. منهنجي خيال ۾ وري به ساڳي ڳالهه ڪر کنيو بيٺي آهي ته ڪنهن به قوم ۾ ايڪو هجڻ ئي ان لاءِ وڏي سوڀ آهي. | |
| زبي پروين: سنڌ جي سياسي سماجي ۽ انقلابي ليڊرن کان ڪيتري حد تائين اوهان مطمئن آهيو؟ | |
| شبنم: اسين مطمئن تڏهن ٿينداسين، جڏهن سنڌ جا هي حلالي پٽ سنڌ جي جائز مفادن لاءِ ٻَڌي ڪندا. | |
| زبي پروين: ڀيڻ اوهان ڪهڙين ڳالهين تي گهڻو خوش ٿينديون آهيو؟ | |
| شبنم: گهر ۾ دل گهُرين مهمانن جي اچڻ سان، ادبي دوستن جا اصلاحي ۽ همت افزا خطن اچڻ تي ۽ پنهنجي لکڻين جي ڇپجڻ تي مان تمام گهڻي خوش ٿيندي آهيان. | |
| زبي پروين: هن ڪائنات جي ڪهڙي شيءِ اوهان کي متاثر ڪري ٿي؟ | |
| شبنم: ڌرتي ۽ آسمان. | |
| زبي پروين: کائڻ ۾ ڇا پسند ڪنديون آهيو؟ | |
| شبنم: ڪڪڙ، اڇا چانور ۽ ڏَهي منهنجي پسند جي ڊش آهي. | |
| زبي پروين: ڪهڙن ماڻهن کان نفرت ڪنديون آهيو؟ | |
| شبنم: مون کي نفرت ڪوڙ کي سچ ڪرڻ ۽ سچ کي ڪوڙ ڪرڻ وارن ماڻهن کان، انتظار کان، غربت کان، شڪي مزاج مرد، خواهه عورت کان آهي. | |
| زبي پروين: پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيو؟ | |
| شبنم: جي نه....! | |
| زبي پروين: شهر ڪهڙو وڻندو اٿوَ؟ | |
| شبنم: شاهپور چاڪر، هالا ۽ ملتان. | |
| زبي پروين: رنگ ڪهڙو پسند اٿوَ؟ | |
| شبنم: ناسي، بوسڪي، اڇو ۽ ڳاڙهو. | |
| زبي پروين: خوشبو؟ | |
| شبنم: جيجل ماءُ جي پگهر جي. | |
| پارس راڻي | |
| آڱريون | |
| جڏهن چهري تنهنجي کي ڇُهن ٿيون آڱريون، رات جي راڻيءَ جيان مهڪن ٿيون آڱريون. | |
| جڏهن دردن جا گيت لکن ٿيون آڱريون، گهري زخم جيان ڏکن ٿيون آڱريون. | |
| ڪوري ڪاغذ تي ٻرندڙ لکيم جذبا، لفظ ٺهي ويا ٽانڊا ٽهڪن ٿيون آڱريون. | |
| ايترا رنا آهيون جو جسم رُنو سارو، هٿن لڙڪ وهايا ۽ سڏڪن ٿيون آڱريون. | |
| آءٌ ڪيئن تنهنجو نانءُ پڪاريان؟ دنيا جون مون ڏانهن اُٿن ٿيون آڱريون. | |
| مان مان آهيان، تون آهين ڇا؟ هڪٻئي ڏانهن ڇو کڄن ٿيون آڱريون. | |
| ٽيڙو | |
| ڪاغذ تي يا ڌرتي تي لکي رهيون آهن، ڪيڏيون نه ڪاراٺجي ويون آهن، آڱريون زهر ڄڻ چَکي رهيون آهن. | |
| عادت | |
| تنهائيءَ سان محبت ٿي وئي آهي، چُپ رهڻ پنهنجي عادت ٿي وئي آهي! خود تماشو ۽ خود تماشبين آهيون، پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ٿي وئي آهي! هوش وارن بڻايو آ بيهوش، مدهوشيءَ سان چاهت ٿي وئي آهي! ڪنڊن پنهنجا زخم اُگهندي چيو، هاڻ گُلن کان نفرت ٿي وئي آهي! دشمنن جو خدا خير ڪري شل، دوستيءَ ۾ ملاوت ٿي وئي آهي! پنهنجا هٿ آهن پنهنجي ڳچيءَ ۾، خودڪشي هاڻ راحت ٿي وئي آهي! گهڻو ڊهيو آ گهڻو ٽُٽو آهي، دل تان هر آفت ٿي وئي آهي! وڏي چاهه سان بڻايم پئي گهر، سا جاءِ پنهنجي تربت ٿي وئي آهي! هاڻ مون وٽ آيو آهين ته ڇا، جڏهن چانڊاڻ رخصت ٿي وئي آهي! محبتن جي موت کان پوءِ اي دوست، نفرتن ساڻ الفت ٿي وئي آهي! تنهنجي ظلمن ڏنو آ نئون جنم، پيدا دل ۾ بغاوت ٿي وئي آهي. | |
| امرتا پريتم / گؤري ولڀ | |
| هڪ حسرت هڪ آهه | |
| ڪرمو لوٽي ۾ لسي وجهرائي ۽ پوءِ اڌ کان به وڌيڪ ڀريل لوٽي ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي. ”اڄ وڏي سردارڻ ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هوءَ ٺيڪ ته آهي نه؟“ | |
| سردارڻ نهال ڪؤر، جيڪا ڪجهه منٽ اڳ رڌڻي ۾ آئي هئي. چُلهه تي چڙهيل کيرڻيءَ جي هيٺان باهه جو ڀنڀٽ ڏسندي، ڪاٺيون پويان سوري ورتيون هيون.”ويروُ، کيرڻي ڪڏهن ايتري باهه تي به پچندي آهي؟ کيرڻيءَ جي هيٺان ته تمام ڌيمي باهه ڏبي آهي.“ هوءَ ائين چئي، پوءِ چلهه جي ڀرسان ڪاٺ جي صندلي رکي، مٿانئس ويهي کيرڻيءَ جي ديڳڙيءَ ۾ ڪُڙڇي گهمائڻ لڳي هئي. صبح جو هُن ڏهيءَ جي چاڏي پاڻ ولوڙي هئي، پر لسيءَ کي ڇاڻڻ لاءِ ويرؤ کي چيو هئائين، ڇاڪاڻ جو هن هاڻي ڪجهه دير ساهي پَٽڻ ٿي چاهي. ڪو غريب غربو آيو ٿي ته ويروُ کين لسي ڏيئي ڇڏي ٿي. | |
| ڪجهه ٻين غريبن به سوال ڪيو هوندو، پر نهال ڪؤر کي انهن جي خبر نه هئي. هو اندر ڪمري ۾ هئي، پر هن ڀيري جڏهن هوءَ رنڌڻي ۾ ويٺي هئي ته چانئٺ کان ٻاهر ويٺل ڪرمو جو آواز هن پاڻ ٻُڌو. | |
| ”ٺيڪ آهيان، ڪرمو. تون ته خوش آهين نه؟“ نهال ڪؤر اندران ئي وراڻي ڏني. ڪرمو تيزيءَ سان چانئٺ جي ويجهو اچي اندر جهاتي پاتي ۽ پنهنجي هڪ هٿ سان نرڙ کي ڇهندي چيائين، ”سردارڻ خير هجيئي، سلامت هجين. اڄ تون ڏسڻ ۾ نه آئينءَ ته مون سوچيو ته سردارڻ خيريت سان هجي.“ | |
| نوڪر چاڪر ۽ ڪمي ڪاسبي سڀ سردارڻ نهال ڪؤر تان گهور ويندا هئا ۽ صدقي ٿيندا هئا. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي پر پوءِ به نهال ڪؤر کي ائين محسوس ٿيو ته ڪرمو لسي وٺندي ياد ڪيو هو، ان ۾ ضرور ڪا ڳالهه آهي. نهال ڪؤر جڏهن ڏانهس ڏٺو ته ڪرمو لوٽي جو منهن ڏانهس ڪري رکيو هو. نهال ڪؤر سمجهي ويئي ۽ ويرو ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳي، ”ٻُڌ ڪرموءَ جو لوٽو ڀري ڏيندي ڪر. هن جا لسي، پيئڻ وارا ننڍا ننڍا ٻار آهن.“ | |
| ”خدا توکي گهڻو ڏي. تنهنجي هٿن ۾ ايتري ته برڪت آهي جو ٻار ٻه ٻه ڀيرا لسي پيو ڇڏين.“ ڪرمو وڌيڪ لسي وٺندي چيو. جيتوڻيڪ ان مهل لسي ڏيڻ وارا هٿ ويروءَ جا هئا، پر ڪرمو ان مهل جيڪي ڪجهه چئي رهي هئي، اُهو نهال ڪؤر جي باري ۾ چئي رهي هئي. | |
| ڪرمو هلي ويئي ته نهال ڪؤر کي سندس دعائون وسري ويون. پر سندس چيل هڪ لفظ ياد رهجي ويس ”وڏي سردارڻ ...“ | |
| نهال ڪؤر هڪ ڏينهن ۾ ”سردارڻ“ مان ”وڏي سردارڻ“ بڻجي ويئي هئي. خبر ناهي ته کيس وڏي سردارڻ چوڻ جو خيال سڀ کان اڳ ڪنهن کي آيو هو. شايد سڀني کي گڏ ئي آيو هو. گهر جي نوڪرياڻيءَ کان وٺي ڪارخاني جا سڀ منشي منيب ۽ مزدور کيس ”وڏي سردارڻ“ چوڻ لڳا هئا. ايتري قدر جو گهر جي مالڪ سردار جيءَ به ڪالهه کيس ”وڏي سردارڻ“ چئي سڏيو هو. پوءِ نهال ڪؤر کي اهو خيال آيو ته ٽيون ڏينهن هن پاڻ ئي ته نوڪرياڻيءَ کي چيو هو ته وڃ، ”ننڍي سردارڻ“ کي سندس ڪمري مان سڏي اچ. ننڍي سردارڻ جي موجودگيءَ ۾ سندس وڏي سردارڻ بڻجڻ ضروري هو. نهال ڪؤر کي اهو خيال آيو ۽ پوءِ ڪيترائي خيال ننڍن ننڍن چانورن وانگر سندس من جي کير ۾ پچڻ لڳا. | |
| پچندڙ خيالن ۾ هڪ خيال اهو به هو ته ويروُ جڏهن کان هن گهر ۾ ننڍي سردارڻ بڻجي آئي هئي. تڏهن کان هوءَ سمهڻ کان اڳ، هڪ فرض وانگر سندس ڪمري ۾ ايندي هئي ۽ سندس کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي سندس پير دٻائيندي هئي. نهال ڪؤر کي نه ڪنهن ڌيءَ جي شادي ڪرائي ساهري گهر موڪلڻو هو ۽ نه ئي ڪنهن پٽ کي پرڻائي، ننهن گهر ۾ آڻڻ هئي، پر جڏهن سندس پنهنجي هٿان پرڻايل پهاڄ سندس پير دٻائيندي هئي ته نهال ڪؤر کي هاڻي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ هن ڌيءَ به ڏسي ورتي ته ننهن به. ۽ نهال ڪؤر هڪ ڊگهو ساهه کڻي مرڪندڙ چپن سان پنهنجو پاڻ کي سرچائي ڇڏيو هو ته ويروُ سندس ڌيءَ به هئي ته نُنهن به. | |
| نهال ڪؤر پنهنجي سردارجيءَ جي ٻي شاديءَ جي لاءِ اها ڇوڪري ويروُ ڳولي هئي، مائٽيون ته سٺن گهرن مان به مليون ٿي، پر اهي سڀ مائٽيون سردارجيءَ کي نه پر سردارجيءَ جي حويليءَ کي ٿي مليون. سردارجيءَ جي ڪراڙپ کان ڊڄندي جيڪي ماڻهو به مائٽي کڻي ايندا هئا، انهن مائٽي طئي ڪرڻ کان اڳ، حويلي، پنهنجي ڌيءَ جي نالي ڪرائڻ چاهي ٿي. سردارجيءَ پنهنجي حويليءَ جو وارث ضرور ڳولي رهيو هو. پر هو حويلي انهيءَ عورت جي نالي نٿي ڪري سگهيو، جنهن کي وارث شايد الائجي ڪڏهن جنم ڏيڻو هو ۽ في الحال کيس وارث جي باري ۾ رڳو اڳڪٿي ڪرڻي هئي. سردار ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. پر انهيءَ انڪار ۾ هڪ حسرت ۽ هڪ آهه لڪل هئي. نهال ڪؤر اها آهه ٻڌي هئي ۽ هن هڪ غريب گهر جي هيءَ ويروُ ڳولي پنهنجي سردارجيءَ کي ڏيئي ڇڏي هئي ۽ ان جي بدلي ۾ سندس حسرت ۽ آهه وٺي ڇڏي هئائين. | |
| هڪ ڏينهن سردار جيءَ ڀت ۾ لڳل پنهنجي لوهي الماري کولي ۽ گهڻي دير تائين انهيءَ الماريءَ جي اڳيان بيهي ڪجهه سوچيندو رهيو. ”وڏي سردارڻ ڪيڏانهن ويئي آهي“ سردارجيءَ پريشان ٿي پڇيو. | |
| سردارڻ گهر ۾ نه هئي. سردارجيءَ الماري بند ڪري چاٻي کيسي ۾ وڌي ۽ ڪارخاني ڏانهن ويندي ويروُ کي چئي ويو ته نهال ڪؤر جڏهن به گهر ۾ اچي ته هوءَ هيٺ منشيءَ کي سڏي، سندس هٿان ڏانهنس ڪارخاني ۾ نياپو موڪلي ڏي. جڏهن نهال ڪؤر گهر آئي ته ويروُ ٻاهر حوض وٽ گهٻرايل بيٺي هئي. کيس ان وقت الٽي آئي هئي. | |
| نهال ڪؤر ويروُ کي ٻانهن کان جهلي ورتو. سندس ڪلهن کي ٿورو دٻايائين ۽ کيس اندر وٺي کٽ تي ليٽائي ڇڏيائين، پر ويرو ڪنبندي ڪنبندي پنهنجا پير کٽ تان هيٺ لاٿا ۽ ڊوڙي وڃي نهال ڪؤر جا پير پڪڙيائين. | |
| ”سردارڻ، تو مون کي هڪ ڏينهن چيو هو ته مان تنهنجي ڌيءَ به آهيان ته نهن به. اڄ مون کي پنهنجي ڌيءَ سمجهي بچاءِ يا نُنهن سمجهي.“ ويروُ ٻاڏائڻ لڳي. هٻڪندي ۽ شرم وچان نهال ڪؤر کي ٻڌايائين ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سندس ڀاءُ ساڻس ملڻ آيو هو ته کيس ڪجهه پيسن جي ضرورت هئي. هن کيس ڪجهه پيسا ڏنا هئا، پر اهي تمام گهٽ هئا. انهيءَ ڪري هن سردارجيءَ جي کيسي مان الماريءَ جي چاٻي چورائي الماري کولي هئي ۽ منجهانئس چانديءَ جا ٿانوَ ڪڍي پنهنجي ڀاءُ کي ڏنا هئا.“ | |
| ”هيءَ تنهنجو پنهنجو گهر آهي، ويروُ، جيڪڏهن تون پنهنجو گهر پنهنجي هٿن سان برباد ڪندينءَ ...“ | |
| ڳالهه اڃا نهال ڪؤر جي چپن ۾ ئي هئي ته ويروُ ڇرڪ ڀريو. ”هيءُ گهر نه مون کي پنهنجو لڳو آهي ۽ نه لڳندو پر مان توسان واعدو ٿي ڪريان ته آئيندي مان هن گهر جي ڪابه شيءِ ڪڏهن به ڪنهن کي نه ڏينديس. مون انهيءَ ڏينهن غلطي ڪئي. ائين ئي ڪري ڇڏيم. مون ان کان پوءِ ڏاڍو پڇتايو هو. اوهان کي خبر آهي ته منهنجي پيءُ منهنجي شاديءَ مهل منهنجي ڀاءُ جي ڪاروبار لاءِ اوهان کان ٻه هزار رپيا گهريا هئا ۽ اوهان ٻه هزار رپيا ڏيئي ڇڏيا هئا. منهنجي پيءُ منهنجي شادي ڪري ڇڏي. مون کي وڪڻڻ ۾ ڪهڙي ڪمي رهجي ويئي. ٻن هزار رپين عيوض مون کي پوڙهي سردارجيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. منهنجو پيءُ توڙي منهنجو ڀاءُ منهنجا سڳا ڪٿي آهن ... ڪنهن جو گهر ويران ڪري، سندن گهر ڇو ڀريا ...“ | |
| ”ويروُ!“ نهال ڪؤر ڇرڪي ويروُ جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳي. | |
| نهال ڪؤر ويرو جي عزت رکي ۽ سردارجيءَ کي چيائين ته الماريءَ ۾ پيل چانديءَ جا ٿانو ڪڍي پاڻ وٽان ڪجهه چاندي وجهي، سوناري کي نوان ٿانوَ ٺاهڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيا اٿم. | |
| سردارجيءَ جي پريشاني ختم ٿي ويئي، پر نهال ڪؤر جڏهن به ويرو ڏانهن ڏسندي هئي ته سندس دل ۾ بي چيني شروع ٿي ويندي هئي. ويروءَ جون اکيون ڪاريون ۽ ڀوريون هيون. رنگ ڪجهه ڪڻڪائون هئس. پر سانوري رنگ ۾ جواني سخت اٽي وانگر ڳوهيل هئي. سندس ٻانهون ويلڻ وانگر گول ۽ سخت هيون. سندس گوشت چپٽيءَ ۾ نٿي آيو. نهال ڪؤر کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ سردارجيءَ جي جيڪا آهه هن پنهنجي مٿي تي کڻي ورتي هئي، ويرو اها آهه کانئس وٺي پنهنجي مَن ۾ رکي ڇڏي هئي. | |
| ..... ۽ پوءِ ويروُ جا ڏينهن ڀرجڻ لڳا. حويلي ڏاڍي وڏي هئي. پر مبارڪون ايتريون گهڻيون هيون، جو منجهس ماپي نٿي سگهيون. سردارجيءَ جو پير زمين تي نٿي پيو ۽ نهال ڪؤر ويرو کي پير پٽ تي رکڻ نٿي ڏنو پر ماڻهن ايتريون مبارڪون نه سردار کي ڏنيون ٿي ۽ نه ويرو کي جيتريون نهال ڪؤر کي ڏنيون ٿي. | |
| ”مان ته ڄمڻ سان ئي کيس پنهنجي گود وٺندس. پوءِ نه چئجانءِ. مان وڏي سردارڻ آهيان ۽ تون ننڍي. پهريون ٻار وڏيءَ جو پوءِ جيترن کي جنم ڏيندينءَ، اهي سڀ تنهنجا.“ نهال ڪؤر کي خود سمجهه ۾ نٿي آيو ته سندس دل ۾ به لڪل ڪو ٿورو به دک ڇو نه هو. هن پنهنجي هٿن سان پنهنجو مڙس هڪ پرائي عورت کي ڏيئي ڇڏيو هو. ۽ هاڻي کيس سموري زمين ۽ دولت به هڪ پرائي عورت کي ڏيئي ڇڏڻي هئي. | |
| ”اڙي جادوگرڻ مون ڪهڙي گهڙي تو کي پنهنجي ڌيءَ ۽ ننهن چيو هو! مان ته سچ پچ هڪ سس ۽ ماءُ وانگر خوش آهيان. مون کي ته ڪنهن وقت به ياد نٿو رهي ته تون منهنجي ....“ نهال ڪؤر جي انهيءَ ڳالهه تي ويرو ٽوڪيو هو ۽ کلندي چيو هو، ”سردارڻ، مان کڻي تنهنجي ڪجهه به نه لڳان، پر اها مون کي خبر آهي ته مان تنهنجي پهاڄ ناهيان.“ | |
| نهال ڪؤر واڍي کان جيڪو پينگهو ٺهرايو هو. انهيءَ ۾ چانديءَ جون گهنڊڻيون ٻڌي ڇڏيائين. بخمل جي ننڍڙي سوڙ ٺهرايائين. شهر جو هڪ انگريز آفيسر مهيني جي موڪل تي ولايت وڃي رهيو هو. ”ولايتي سويٽر ريشم وانگر نرم هوندا آهن.“ نهال ڪؤر چيو ۽ انهيءَ انگريز کي ٻه ڀيرا ياد ڏياريو ويو ته هو ننڍا ننڍا ٻه سويٽر اتان ضرور وٺيو اچي. | |
| نهال ڪؤر پنهنجي وقت تي پنهنجو پاڻ کي سمجهدار ۽ تجربيڪار داين کي ڏيکاريو هو ۽ شهرن جي ڊاڪٽرن کي پڻ، پر پنهنجي وقت تي هن ڪنهن ديوي يا ديوتا تي باس نه باسي هئي جڏهن پورا ٽي ڏينهن ويرو جي چيلهه ۾ سور ٿيندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن رت جو داغ به ٿي پيو ته نهال ڪؤر انهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو پنهنجي زندگيءَ جي باس باسي. | |
| اهو ناز ڪرڻ جو وقت هو. ويرو جيڪڏهن چاهي ها ته ڏورانهين هنڌ جي ڪنهن شيءِ جي فرمائش ڪري سگهي ٿي. سردارجيءَ هاڻي سندس منهن ڏانهن ڏسندو هو ۽ سندس وات مان نڪرندڙ ڳالهه جو به انتظار ڪندو هو پر نهال ڪؤر کي خبر هئي ته ويرو جو مطالبو هاڻي به ايترو هو ته جيڪڏهن کيس آچار جي ڦاڪ به گهرڻي هوندي ته هو نهال ڪؤر جي منهن ڏانهن ڏسندي. انهيءَ ڪري نهال ڪؤر پاڻ ئي ويرو جي دل جي ڳالهه جو خيال رکندي هئي. انهيءَ وچ ۾ ويرو جيڪڏهن ڪا ڳالهه زور ڏيئي چئي هئي ته اها ئي چئي هئي ته اڱڻ ۾ گوگڙن جا ٽنگيل هار لاهي رکو. انهن کي ڏسي منهنجي من ۾ ڪجهه ٿيڻ لڳي ٿو. گوگڙن جون سڪل ڦاڪون مون کي ائين ٿيون لڳن ڄڻ ڪنهن جو گوشت لڳڙو ٿيندو هجي.“ ويروُ ايترو چيو هو ۽ سڪل گوگڙن ڏانهن ڏسي کيس الٽي اچڻ لڳي هئي. | |
| ۽ پوءِ ويروُ جي دل ۾ نه ڄاڻ ڇا آيو. جڏهن کيس نائون مهينو هو ته هو ضد ٻڌي بيٺي هئي ته هوءَ ويم جا ڏينهن پنهنجي پيڪي گهر گذاريندي. سردارجيءَ سندس ضد کي نٿي مڃيو. نهال ڪؤر کيس واسطا وجهندي رهي. پر ويروُ هٺ چڙهيل هئي ته سندس پيڪي ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهي دائي رهي ٿي، جيڪا ڏاڍي ڏاهي ۽ سمجهدار آهي رڳو کيس انهيءَ دائيءَ ۾ ويساهه آهي ۽ ٻئي ڪنهن تي به نه، کيس اها پڪ هئي ته جيڪڏهن هوءَ هتي رهي ته شهر جي ڊاڪٽرياڻين جي هٿان مري ويندي. ”اهو ڊپ ڏاڍو خراب ٿيندو آهي.“ ڊاڪٽرن به سردارجيءَ کي صلاح ڏني. پر سردارجيءَ جي دل ۾ڪو ٻيو .... ئي ڊپ هو. نهال ڪؤر کي اڪيلائي ۾ وٺي وڃي چيو ته ”مون کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن کيس ڌيءَ ڄائي ته سندس ماءُ، پيءُ اها ٻئي ڪنهن جي پٽ سان تبديل ڪري ڇڏيندا. مون اهڙيون گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن. کين لالچ هوندي آهي ته جيڪڏهن پٽ هوندو ته وڏو ٿي ملڪيت جو وارث ٿيندو.“ | |
| ”پوءِ انهيءِ جو ته علاج اهو آهي ته ساڻس گڏجي هلي ٿي وڃان. جيڪڏهن مان ساڻس گڏ هونديس ته دايون ڪجهه نه ڪري سگهنديون.“ نهال ڪؤر سوچيندي چيو. | |
| سردار مڃي ويو. ويروُ به ڪو اعتراض نه ڪيو. نهال ڪؤر گهر جي نوڪرياڻيءَ کي به پاڻ سان گڏ کنيو ۽ ويرو جي پيڪي گهر هلي ويئي. | |
| ويروُ جو ويم مشڪل ثابت نه ٿيو. هوءَ نوجوان هئي ته تندرست پڻ. سندس ماءُ ۽ ڀاڄائي ساڻس مذاق ڪنديون هيون: ”هيءَ ته ائين ئي ڊڄي ٿي. پٽ کي جنم ڏيڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي. هڪ ڀيرو رڙ ڪري پٽ کي جنم ڏيئي ڇڏيندي.“ | |
| نهال ڪؤر ويروُ جي پيڪن تي ڪوبه بار پوڻ نه ڏنو هو.هوءَ کُلئي هٿ خرچ ڪندي هئي. سڀئي کيس سردارڻ سردارڻ چوندي ٿڪبا ئي نه هئا. نهال ڪؤر کلندي چوندي هئي، ”هڪ ڀيرو رڙ ڪري پٽ کي جنم ڏي. پر جيڪڏهن ڌيءَ کي جنم ڏيڻو هجيس ته ...“ ويروُ جي ڀاڄائي کلندي کلندي چيو، ”ٻه ڀيرا رڙ ڪري ۽ ڌيءَ کي جنم ڏي.“ | |
| ”ڌيءَ جي ويل ٻه ڀيرا رڙ ڇو؟“ نهال ڪؤر کلندي پڇيو. | |
| ”هڪ رڙ تڪليف جي، ٻي رڙ ڏُک جي.“ ويروُ جي ڀاڄائيءَ چيو، ”خوشي ته پٽن جي ٿيندي آهي، ڌيئن جي ڪهڙي خوشي؟“ | |
| نهال ڪؤر جي دل ۾ جيتوڻيڪ هڪ ڀيرو سخت سُور جي سُوٽ اُڀري، ”مون نه هڪ ڀيرو رڙ ڪئي، نه ٻه ڀيرا ...“ پر هن پنهنجي مرڪندڙ چپن سان اها سُوٽ پي ڇڏي جو سندس سُوٽ سندس منهن ڏانهن ڏسي شرمندي ٿي وئي. | |
| ۽ پوءِ رات جو ويروُ کي سُور ٿيا ۽ سندس ڏندن هيٺان دٻيل چپن انهيءَ سور کي ائين سَٺو جو ٻي ڪنڊ تائين آواز نه پهتو. سندس رڙ رڳو هڪ ڀيرو ٻڌڻ ۾ آئي ۽ پوءِ دائي ويروُ جي سيرانديءَ کان ويٺل نهال ڪؤر کي ڏسي چيو، ”سردارڻ، مبارڪ هجيئي، اچ ته تنهنجي جهولي پُٽ سان ڀري ڇڏيانءِ.“ نهال ڪؤر پٽ کي ۽ مبارڪن کي به جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيو. ۽ صبح جو جڏهن هوءَ سردارجيءَ کي تار موڪلڻ لڳي ته ويروُ نهال ڪؤر کي پاڻ وٽ سڏي پنهنجا ٻئي هٿ سندس پيرن تي رکي ڇڏيا. ”سردارڻ، مان سموري دنيا، اڳيان ڪوڙ ڳالهائي سگهان ٿي، پر تنهنجي اڳيان نه. هيءُ پٽ تنهنجي سردارجيءَ جو ناهي. ....“ | |
| ”ويرو!“ نهال ڪؤر کي ائين لڳو ڄڻ سندس زبان ۾ هٻڪ پيدا ٿي ويئي هجي. | |
| ”مان سردارجيءَ سان سچي ناهيان. توسان سچي آهيان. جيڪڏهن هن ڇوڪري کي رڳو سردارجيءَ جي اڱڻ ۾ کيڏڻو هجي ها ته مون کي ڪوبه اعتراض نه هو.پر مان تنهنجي گود ۾ نٿي ڏيئي سگهان. هيءُ تنهنجي گود لائق ناهي.“ ”هي تون ڇا ٿي چئين، ويروُ؟“ | |
| ”مون جيڪي ڪجهه ڪيو هو، اهو مذاق مذاق ۾ ڪيو هو. پر ڪئين ڀيرا مذاق شايد ائين مصيبت بڻجي ويندي آهي. مان ته توکي سچ ٻڌايان. مان پڇتايان نه پئي، مون کي ڪوبه پڇتاءُ ناهي. جيڪڏهن ڪو پڇتاءُ آهي ته تولاءِ اٿم.“ | |
| ”وي ... روُ .....“ | |
| ”سردارڻ، توکي ياد هوندو ته هڪ ڀيري مان پيڪن ويئي هيس.... گذريل ڀيري .... اوهان جو منشي مون سان گڏ آيو هو. مون کي پيڪن سان ملائڻ ... هتي سڄي ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي هئي ته منهنجي مائٽن پيسا وٺي مون کي هڪ پوڙهي سردارجيءَ سان پرڻائي ڇڏيو آهي. سردارجي هن ڳوٺ ۾ ڪڏهن به نه آيو هو. منهنجو پيءُ مون کي اوهان جي شهر وٺي ويو هو. مان جڏهن ڳوٺ آيس ته هر ڪنهن مون کان اهو پڇيو ته سردارجي ڪيترو پوڙهو آهي. مون کي خبر ناهي ته منهنجي من ۾ ڇا آيو، جو مون ڳالهه ٺاهڻ لاءِ چئي ڇڏيو ته منهنجي شادي ڪنهن پوڙهي سان نه ٿي آهي. اوهان جو منشي جوان هو. خوبصورت به هو. مون پنهنجي ساهيڙين کي ٻڌايو ته هُو ئي منهنجو مڙس هو. سڀئي منهنجي قسمت تي حيران ٿي ويون. منشيءَ کي به اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏيم. هو به چپ رهيو. جڏهن منهنجي ساهيڙين کانئس ڇَلا گهُريا ته هن سوناري کان چانديءَ جا ڇلا خريد ڪري کين ڏنا، مان هتي پنج ڇهه ڏينهن ٽڪيس. هر روز کل مسخري ڪندي مون کي به ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته منهنجي شادي هن سان ئي ٿي هئي، ڪنهن ٻئي سان نه.“ | |
| ”اسان جو منشي مدن سنگهه؟“ | |
| ”هاڻي مان سردارجيءَ جي گهر واپس نه وينديس، ۽ نه هن ڇوڪري کي وٺي وڃڻو اٿم، مان انهيءَ ڪري ضد ڪري آئي هيس. منهنجو ڪيتو منهنجي آڏو آيو. سردارڻ مان تو کان ٻيو ڪجهه نٿي گهران، رڳو هڪ شيءِ گهران ٿي ته سردارجيءَ کي انهيءَ منشيءَ جو نالو نه ٻڌائج، نه ته هو کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندو.“ | |
| ”پر مدن سنگهه جي ته شادي ٿيل آهي، ويروُ، کيس ته ٻه ٻار به آهن.“ | |
| ”انهيءَ ڪري ته هو ڊڄي ٿو ته جيڪڏهن سردارجيءَ کي خبر پئجي ويئي ته هو کيس نوڪريءَ کان جواب ڏيئي ڇڏيندو. هو مون کي پنهنجي گهر ڪٿي رهائي سگهندو؟ مان کيس نوڪريءَ کان جواب ڇو ڏياريان؟ هو جتي به هجي، خوش هجي.... ڇا ٿيو ... مون هڪ ڀيرو اهو ته ڏسي ورتو ته جوان ماڻهو ڪهڙو ٿيندو آهي ...“ | |
| نهال ڪؤر گهٻرائجي اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ جڏهن اکيون کوليون ته ويروُ جي هنج ۾ پيل سندس پٽ سندس ڇاتيءَ جو کير ڌائڻ لاءِ منهن هڻي رهيو هو. | |
| ... ۽ نهال ڪؤر کي ائين محسوس ٿيو ته سردارجيءَ جي جيڪا آهه هن پنهنجي ذمي کنئي هئي، ويروُ اُها آهه کانئس وٺي پنهنجي من ۾ رکي هئي ۽ اهو ڇوڪرو ان وقت اها ئي آهه ويروُ جي ڇاتيءَ مان پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. | |
| ”ظِلِ هُما“ سان ڳالهه ٻولهه | |
| س: توهان جو نالو؟ | |
| ج: منهنجو نالو ظِلِ هُما آهي. | |
| س: شوبز ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟ | |
| ج: شوق هو ڳائڻ جو. | |
| س: ٽي وي ماحول ڪئين ٿو لڳي؟ | |
| ج: سنڀالي قدم کڻڻو پوندو. | |
| س: پنهنجي ڪم مان ڪيترو مطمئن آهيو؟ | |
| ج: ڪو به انسان پنهنجي ڪم مان مطمئن نه هوندو آهي. | |
| س: ڪو اهڙو ڪردار جيڪو اوهين ڪرڻ چاهينديون هجو؟ | |
| ج: شوبز ڇڏي چڪي آهيان. | |
| س: شهرت ڪيئن ٿي لڳي؟ | |
| ج: ڪنهن کي نه وڻندي آ؟ پر عزت واري هجي! | |
| س: عزت، شهرت ۽ دولت مان ڪهڙي شيءِ جي چونڊ ڪنديون؟ | |
| ج: هڪ ئي دعا آهي ته هر شيءِ عزت سان ڏئي. | |
| س: هونئن ته هيءَ دنيا هڪ رنگ منچ آهي، جنهن ۾ اسين سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري پڙدي جي پٺيان هليا ٿا وڃون، پر توهان ڪڏهن اسٽيج تي ڪم ڪيو آهي؟ | |
| ج: ڪڏهن نه ڪيو آهي، نه ئي خواهش آهي. | |
| س: توهين اداڪار نه هجو ها ته ڇا هجو ها. | |
| ج: Banker، منهنجو بابا هڪ Banker هو. | |
| س: گرم مزاج جون آهيو يا ٿڌي مزاج جون؟ | |
| ج: ٻئي. | |
| س: کاڌي ۾ ڇا وڻندو آهي؟ | |
| ج: هوا! | |
| س: ڊريس ڪهڙي قسم جي پسند ڪنديون آهيو. | |
| ج: جيڪا ملي وڃي، پر ساڙهي ڏاڍي وڻندي آهي. | |
| س: رنگ ڪهڙو وڻندو اٿوَ؟ | |
| ج: دنيا. | |
| س: ڇا سٺو رڌي سگهنديون آهيو؟ | |
| ج: بيضو. | |
| س: خوشبو پسند جي؟ | |
| ج: سڀئي. | |
| س: 24 ڪلاڪن ۾ ڪهڙو پهر وڻي ٿو؟ ۽ ڇو؟ | |
| ج: فجر جو، ڇو جو تنهن وقت هر شيطان ستو پيو هوندو آهي. | |
| س: ڪهڙن فنڪارن کان متاثر آهيو؟ | |
| ج: عظميٰ گيلاني، شفيع محمد شاهه. | |
| س: جيڪڏهن فلم لاءِ آفر ٿئي ته؟ | |
| ج: ڪڏهن نه ڪنديس، ڪنهن وقت ۾ ٿي به هئي. | |
| س: ڇا اداڪاريءَ جي فن لاءِ ڪو ادارو هئڻ گهرجي؟ | |
| ج: بلڪل. | |
| س: جيڪي ڇوڪريون/عورتون شوبز ۾ اچڻ چاهين ٿيون، انهن کي توهين ڪهڙي صلاح ڏينديون؟ | |
| ج: پهرين تعليم مڪمل ڪريو ۽ پوءِ ان فيلڊ ۾ اچو ۽ ڪو به اهڙو ڪم يا ڪردار نه ڪيو، جنهن سان توهان جي مائٽن جو ڪنڌ جهُڪي وڃي. اگر شهرت به ملي ته ماڻهو فخر سان پنهنجي ڌيءُ يا ڀيڻ جو نالو کڻن ته ”هيءَ آهي منهنجي ڀيڻ يا هيءَ آهي منهنجي ڌيءُ!“ | |
| (پارس لطيف) | |
| منظور جوکيو | |
| * بئڪ مِرر ۾ هن ڏٺو شيدو، پنهنجي هڪ ٽنگ وڃايو، گهوڙين جي مدد سان رستي تي بيٺل گاڏين جي وچ تان وڃي رهيو هو، هو انسان جو آئيندو هو، پر هن کي پنهنجي آئيندي جي خبر نه هئي. | |
| ................. | |
| * جيڪڏهن سڀ سَرنديءَ وارا هڪ هڪ لاوارث ٻار ايڊاپٽ ڪن ته شايد دنيا مان غربت جو خاتمو اچي وڃي. | |
| نرگس هن ڇوڪر کان ته توهان ڪنهن Pet کي پاليو ها، I mean ڪو، Hush Puppy يا وري ڪا Afghani cat وغيره، گهٽ ۾ گهٽ توهان جي Asthetic Sense جي ته خبر پوي ها. ............... | |
| منظور جوکيو | |
| آئيندو | |
| هو پيشي جي لحاظ کان هڪ بئريسٽر هو. لنڊن جي لنڪولمنس اِن مان بار ايٽ لا ڪري هن ٻن ٽن سالن کان ڪراچيءَ ۾ پريڪٽس ڪري پنهنجو اهڙو ته ڌاڪو ڄمايو هو، جو سينئر وڪيل به کانئس سڙندا هئا. وڪالت ڪرڻ کيس ورثي ۾ ملي هئي، ڇو ته سندس پيءُ ڪراچيءَ جو هڪ مشهور وڪيل هو، جنهن پنهنجي پٽ کي به ساڳئي پروفيشن ۾ آڻڻ لاءِ لنڊن مان تعليم ڏياري هئي. هو ڳالهائڻ جو وڏو ماهر ۽ دليلن ڏيڻ جو قابل هو. ڊگهي قد، ڳوري رنگت، سڌي بيهڪ ۽ خوش لباسيءَ سندس شخصيت کي سنواري بيهاريو هو. سندس زال انتهائي خوبصورت، پڙهيل ڳڙهيل ۽ سوشل هئي. سندس پٽ ۽ ڌيءَ به دنيا جي خوبصورت ٻارن ۾ شمار ٿي پئي سگهيا. جيڪو به، سندن خوبصورت فئملي ۽ ڪامياب زندگيءَ کي ڏسندو هو، هنن جي ساراهه ڪندي نه ڍاپندو هو. هر ڪنهن جي وات تي بس مسٽر جاويد ۽ مسز جاويد هوندو هو. | |
| مسٽر جاويد جڏهن صبح جو تيار ٿي سوير ڪار ۾ ويهي ڊفينس کان هاءِ ڪورٽ لاءِ نڪرندو هو ته سندس گاڏي ڪجهه لمحن لاءِ ئي سهي، پر ڪلفٽن جي مشهور شون چورنگيءَ تي ضرور بيهندي هئي..... ڳاڙهي بتيءَ جي ڪري سيڪنڊن ۾ رستي تي چمڪندڙ گاڏين جي قطار لڳي ويندي هئي. وري جڏهن سائي بتي ٻرندي هئي ته اهي گاڏيون آهستي آهستي سرندي، رفتار پڪڙيندي، وري تيز رفتاريءَ سان ڊڪڻ لڳنديون هيون. شون چورنگيءَ تي صبح جو اڪثر سگنل تي بيهڻ دوران جاويد هيڏانهن دنيا جي رونق ۽ وٺ پڪڙ کي به ڏسي وٺندو هو. انهيءَ سِگنل تي اڪثر کيس هڪ نون ڏهن سالن جو ٻار، صبح جون اخبارون کپائيندي نظر ايندو هو. ظاهر ۾ ته اهو ٻار، ٻين اخبار کپائيندڙ ٻارن وانگر ئي هو، پر الائي ڇو جاويد کي انهيءَ ٻار ۾ هڪ انفراديت نظر ايندي هئي..... اهو ٻار هڪ ڪوجهي صورت وارو هو، رنگ ڪراچيءَ جي اُس ۽ گهميل آبهوا ۾ ڪارو ٿي وڃڻ سان چمڪڻو به ٿي ويو هوس. وار اڪثر ڪري ننڍڙا پر ڦڻي نه ڏيڻ سبب بنان ڪنهن ترتيب جي. ميرا ڦاٽل ڪپڙا، ڪڏهن پيرن ۾ چمپل ته ڪڏهن پيرين اگهاڙو. ٻار جي چهري تي وڏي عمر وارا گهنج ته ڪونه هئا، پر هن جي چهري تي زماني جي سختين ۽ ڏکيائين جي جهلڪ ضرور موجود هئي.... هن پنهنجي عمر کان وڌيڪ پورهيو ڪيو هو، جنهن سبب هن جي اکين ۾ هڪ ٿڪ هو، اهو ننڍڙو معصوم هاڪر ڏاڍو ڦڙت هو. پنهنجي ننڍڙن هٿن ۾ وڏيون وڏيون اخبارون کڻي بيٺل گاڏين مان هڪ گاڏيءَ کان ٻيءَ گاڏيءَ تائين اخبار جي گراهڪن جي ڳولها لاءِ اصل واچوڙي جيان پيو ڦرندو هو. بس ڪنهن اخبار ورتي ناهي هن تيزيءَ سان پئسا وٺي اُن کي بقايا رقم واپس ڪري وري ٻي گاڏيءَ تي لامارو ڏنو ناهي. هن جي انهيءَ مصروفيت، ڦڙتيءَ ۽ تيزيءَ جي ڪري ئي جاويد انهيءَ ٻار ۾ هڪ انفراديت ڏٺي هئي، جنهن کان متاثر ٿيڻ جي ڪري، هو روز صبح جو انهيءَ مصروف سگنل تي بيهڻ دوران هن کي ڏسي، هن جي محنت جو قدر ڪندي دل ئي دل ۾ هن کي داد ڏيندو هو ۽ وري لنڊن جي ٻارن ۽ ڊفينس ۾ رهندڙ ٻارن جي زندگيءَ جي آسائشن سان انهيءَ اخباري هاڪر ٻار جي ڏکيائين، پريشانين ۽ محنتن جي ڀيٽ ڪندو هو ته ڪجهه لمحن لاءِ ڏکارو بڻجي ويندو هو..... پر انهيءَ کي قدرت جو سسٽم سڏي انهيءَ ٻار جي سوچ کي دل مان ڪڍي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اهو اخباري هاڪر ٻار صبح جو وهنجي سهنجي ڌوتل ڪپڙا پائي صاف سٿرو ٿي اخبارون کپائيندي نظر ايندو هوس ته هو دل ئي دل ۾ مرڪي پوندو هو. انهيءَ ٻار کي خوش ۽ صاف سٿرو ڏسي جاويد کي هڪ اڻڄاتل خوشي محسوس ٿيندي هئي.... | |
| شام جو به جاويدکي اهو ٻار اڪثر ساڳئي سگنل تي نظر ايندو هو. هو جڏهن شام جو يا رات جو پنهنجي فئمليءَ سان آئوٽنگ لاءِ يا وري ڊنر ڪرڻ لاءِ ۽ انهيءَ چورنگيءَ تي اچي سگنل بند هجڻ ڪري بيهندو هو ته اهو ٻار کيس وري نظر ايندو هو. شام جو هن جي هٿن ۾ اخبارن بدران گل ۽ گجرا هوندا هئا، جيڪي هو ڦڙتيءَ سان هڪ ڪار کان ٻي ڪار ۾ کپائيندو رهندو هو. صبح جي مقابلي ۾ شام جو هو ڪجهه ٿڪل مزدور نظر ايندو هو، پر هن جي ڦڙتيءَ ۾ گهٽتائي نه هوندي هئي...... | |
| هڪ ڏينهن جڏهن جاويد صبح جو گهران ڪورٽ لاءِ معمول موجب اخبار پڙهي نڪتو ۽ سگنل بند هجڻ سبب شون چورنگيءَ تي اچي بيٺو ته اخباري هاڪر ٻار جي ڀرسان اچڻ تي هن ڪار جو شيشو لاهي هن کان اخبار وٺڻ لاءِ اشارو ڪيو ته ٻار اخبارن سميت اچي هن جي کليل دريءَ وٽ پهتو ۽ پڇا ڪئي...... | |
| ”صاحب ڪهڙي اخبار کپي؟“ | |
| ”بس يار جيڪا توکي سٺي لڳي...“ هن مُرڪندي کيس چيو. | |
| ”صاحب مون کي ڪهڙي خبر ته سٺي اخبار ڪهڙي آهي....“ | |
| ”بس مڙيئي هڪڙي ڏي....“ جاويد کيس جواب ڏنو، ڇو ته هو پنهنجي پسند جي اخبار ته گهر پڙهي آيو هو، پر هن ٻار کان مڙيئي ڪا اخبار خريد ڪرڻ جي بهاني سان ڳالهائڻ پئي چاهيو.... | |
| ”جلدي ٻڌايو صاحب..... ڌنڌي جو ٽائيم آهي...“ ٻار وري جاويد کان پڇيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي پڪ ڪرڻ لڳو ته سگنل ڪٿي کلي ته نه ويو آهي.... | |
| ”بس اها جيڪا مٿان پئي آهي اهائي ڏئي ڇڏ.....“ جاويد هڪ اخبار ڏانهن اشارو ڪندي چيو.... ٻار جهٽ ۾ اها اخبار جاويد کي ڏني، جنهن پنهنجو ويليٽ کولي سوَ جو نوٽ هن کي ڏنو ته ٻار پنهنجي مَر لڳل کيسي ۾ پنهنجو ڪارو هٿ وجهي جهٽ کن ۾ کليا پئسا ڳڻي جاويد کي ڏيڻ لڳو ته هن کانئس، پڇيو.... | |
| ”تنهنجو نالو ڇا آهي....“ | |
| ”شاهد، پر سڀ مون کي شيدو چوندا آهن....“ ٻار تڪڙ ۾ جواب ڏنو ڇو ته سگنل کلي ويو هو ۽ گاڏين آهستي آهستي سرڻ شروع ڪيو هو...... کليا پئسا وٺي جاويد گاڏيءَ کي اڳتي وڌايو ۽ شاهد عرف شيدو به مهارت سان گاڏين مان رستو ٺاهيندي روڊ جي ڀرسان ٺهيل فٽ پاٿ تي چڙهي ويو...... | |
| وري ٻئي ڏينهن به ساڳي طريقي سان جاويد هن کان اخبار ورتي، هن کي پئسا ڏنا، کليل پئسا واپس ورتا ۽ وري ڪجهه سوال ڪري ورتا. | |
| ”توکي شيدو ڇو چوندا آهن.... تنهنجو نالو ته ڏاڍو سٺو آهي....؟“ | |
| ”صاحب ڪارو آهيان نه شايد انهيءَ ڪري....“ شيدي تڪڙ ۾ جواب ڏنو هو. ڇو ته هن کي انهن سوالن جوابن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي..... بس سندس نظر سِگنل ۾ هوندي هئي ته ڪڏهن ٿو اهو کلي يا بند ٿئي، جيئن هو پنهنجو ڪاروبار ڪندو رهي. | |
| هڪ ڏينهن اخبار وٺندي جاويد شيدي کان پڇيو...... ”تنهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي.... هو ڇا ڪندو آهي.....؟“ | |
| ”خبر ناهي صاحب.“ شِيدو ڏکويل ٿي ويو. | |
| ”ڇو....؟؟“ | |
| ”مون کي ڪوبه پيءُ ناهي......“ | |
| ”ڀلا ماءُ.....“ | |
| ”نه ماءُ به ڪانهي....... هنن اخبارن جي ٺيڪيدار کي مان صبح جو ڪٿان لڌو هوس.... انهيءَ نپائي وڏو ڪيو آهي.....“ | |
| وري سگنل کليو هو ۽ شيدو گاڏين جي وچ مان رستو ٺاهيندو گم ٿي ويو هو.... جاويد هن جي پيءُ ماءُ نه هجڻ جو ٻڌي پريشان ٿي ويو هو ۽ هن جي شيدي ۾ دلچسپي تهائين وڌي وئي هئي..... | |
| هاڻي شيدو به هن کي سڃاڻي ويو هو..... هن جي گاڏي سگنل تي بيٺل ڏسي هڪ دم هن وٽ اچي ويندو هو. هن کي اخبار ڏيندو هو ۽ پئسا وٺندو هو.... هڪ ڏينهن سگنل کلي ويو ته کليل پئسا شيدي وٽ رهجي ويا، جيڪي هن ٻئي ڏينهن جاويد کي ڏنا ته هن کيس چيو. | |
| ”اهي پيسا تون رک....“ | |
| ”نه صاحب! منهنجي استاد جو چوڻ آهي ته محنت مزوري ڪري کائبو، پر پنڻو نه آهي....“ | |
| ”هي خيرات ڪو ٿوروئي آهي..... تنهنجي خرچي آهي....“ | |
| ”نه مون کي خرچي به نه کپي.....“ هن رکو جواب ڏنو هو. | |
| جاويد کي حيرت ٿي هئي. هن شيدي کان پڇيو هو.... | |
| ”اهو تنهنجو استاد ڪير آهي....؟؟“ | |
| ”منهنجي اخبارن جو ٺيڪيدار.... استاد رجب علي....“ | |
| ”ٺيڪ آهي تنهنجي مرضي.....!“ جاويد کليا پئسا شيدي کان واپس ورتا ۽ دل ۾ هن کي شيدي تي پيار به اچي ويو ته هن لاءِ احترام به پيدا ٿي ويو..... | |
| بس پوءِ صبح جو روز جاويد کان ٻه ٽي اخبارون وٺندو هو ۽ شام جو وري گجرا ۽ گل وٺندو هو. شيدو به کيس عزت ڏيندو هو ۽ هن جي ڪار کي ڏسي ڊوڙي هن وٽ اچي پهچندو هو. اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي وچ ۾ هڪ عجيب تعلق ۽ رشتو قائم ٿي ويو..... هڪ مسافر ۽ راهگذر جو رشتو، هڪ گراهڪ ۽ دڪاندار جو رشتو ۽ هڪ دوست ۽ سنگتيءَ جو رشتو. | |
| اوچتو انهن رشتن ۽ معمول جي زندگيءَ ۾ رخنو پئجي ويو.... جڏهن جاويد کي شيدو مسلسل هفتو کن نظر آيو.... هن کي نه ڏسي جاويد پريشان ٿي ويو. هن محسوس ڪيو ته ڄڻ هن جي معمول جي زندگيءَ مان ڪا شيءِ کٽي پئي هجي. جڏهن به هن جي گاڏي سگنل تي اچي بيهندي هئي ته هن جون اکيون روڊ تي بيٺل گاڏين جي وچ ۾ گهمندڙ فقيرن، هاڪرن ۽ شيشا صاف ڪندڙن کي ڏسنديون رهنديون هيون، انهيءَ تلاش ۾ ته ڪٿي انهن مان ڪو شِيدو ته نه آهي..... پر مسلسل هڪ هفتي تائين شِيدو هن کي نظر نه آيو..... هن کي شِيدي کي نه ڏسي هڪ عجيب مايوسي ٿيندي هئي.... دل ئي دل ۾ خواهش ڪندو هو ته اڄ سِگنل کليل هجي ته هن کي اتي بيهڻو نه پئي. سِگنل کليل هوندو هو ته سڪون سان گذري ويندو هو... سِگنل بند هجڻ ڪري بيهڻو پوندو هوس ته بي چين ٿي ويندو هو. هن ڪوشش ڪئي هئي ته هو شِيدي کي وساري ڇڏي، پر وساري نه سگهيو هوس. هو نه چاهيندي به سِگنل تي بيهڻ وقت هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو رهندو هو. | |
| هڪ ڏينهن ائين واجهائيندي پريان فٽ پاٿ تي هن کي شِيدو ويٺل حالت ۾ مليو. فٽ پاٿ تي هڪ ميرو ڪپڙو وڇايل هو، جنهن تي شِيدو ويٺو هو..... هو خاموشيءَ سان ويٺو هو....بس هڪ آڱر مٿي کنيو ماڻهن کان خيرات گهري رهيو هو. بيٺل گاڏين مان ڪجهه ماڻهن کيس ڪجهه سڪا اڇلائي ڏنا هئا، جن مان ڪجهه هن جي وڇايل ڪپڙي تي ڪريا هئا ته ڪي وري فٽ پاٿ تي، جيڪي کڻي هو ڪپڙي تي رکي رهيو هو. گهڻو چُري پُري نه پئي سگهيو، ڇو ته هن کي ٽنگ ۾ ڪو زخم هو ۽ کيس پٽيون ٻڌل هيون.... شيدي جي چهري تي اڳي کان وڌيڪ مايوسي، ڏک، پيڙا ۽ ٿڪاوٽ هئي، جنهن کي محسوس ڪندي جاويد کي وڏو صدمو رسيو. هن سائيڊ تي ڪار بيهاري شيدي سان حال احوال ڪرڻ چاهيا، پر سگنل کلي وڃڻ سبب پٺيان بيٺل گاڏين جي هارنن هن کي گاڏي بيهارڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ هو نه چاهيندي به گاڏيءَ کي اسپيڊ ڏئي اڳيان وڌي ويو.... اهو سمورو ڏينهن هو ڪورٽ ۾ بي چين رهيو. گهر موٽي آيو ته به مسلسل ڪنهن گهري سوچ ۾ هو.... بار بار شيدي کي ائين پنندي ڏسڻ وارو تصور ذهن ۾ اچڻ تي هو اداس پئي ٿي ويو. | |
| ٻئي ڏينهن، پنهنجي معمول واري وقت کان ڪجهه وقت اڳ هو گهران نڪتو. شون چورنگيءَ سان لڳو لڳ ڪلفٽن سينٽر جي پاسي ۾ ڪار کي پارڪ ڪري، گاڏيءَ مان لهي پنڌ ئي پنڌ جاويد شون چورنگيءَ جي انهيءَ فٽ پاٿ تي ويو جتي ڪالهه هن کي شيدو پنندي مليو هو. ڀرسان پهچي جاويد شيدي کي سڏ ڪيو.... ”شاهد!“ پر شيدي هن ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو. يا ته هن گاڏين جي آواز ۾ سڏ نه ٻڌو هو، يا وري ڄاڻي واڻي جاويد کي نظر انداز ڪري رهيو هو. وري هن ٻيو سڏ ڪيس ”شاهد!“ پر شيدي وري به توجهه نه ڏنو.... ٿورڙو ڏاڍيان وري جاويد سڏ ڪيس، ”شيدا....!“ شيدا لفظ ٻڌي شِيدي يڪدم هن ڏي توجهه ڏنو. شايد هن کي ڪو شاهد جي نالي سان سڏيندو ئي ڪونه هو. شيدي ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ۽ هن جاويد کي ڏٺو ته مرڪ هن جي چهري تي چمڪي پئي. | |
| ”صاحب تون.....“ شِيدي اٿڻ جي ڪئي، پر ٽنگ ۾ زخم هجڻ سبب اٿي نه سگهيو.... جاويد کيس ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو.... | |
| ”ڇا ٿيو شيدا..... هي ڇاجو ڌڪ لڳو اٿئي؟“ | |
| ”بس صاحب.... رات جو گجرا کپائي رهيو هوس ته ڪو ماڻهو گجرا وٺي بنان پيسا ڏيڻ جي وڃڻ لڳو ته سندس گاڏيءَ جي پٺيان ڊوڙي رهيو هوس ته هڪ شرابيءَ تيز گاڏي اچي مون کي هنئي.... بس ٽنگ ڀڄي پئي....“ شيدو مايوس ٿي ويو. هن جي مرڪ جو چنڊ مايوسيءَ جي ڪنهن گهاٽي ڪڪر ۾ لڪي ويو.... | |
| ”يار اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو...پوءِ هاڻي...“ | |
| ”صاحب ٺيڪيدار صاحب ڊاڪٽر ڏي وٺي ويو هو.... ٽنگ جو علاج ڪرايو آهي.... ڊاڪٽر چيو آهي.... ٽنگ ڪجهه ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي....“ شيدي جي چهري تي آس جي چنڊ جو ڪو ڪنارو نروار ٿي بيٺو. | |
| ”پوءِ...... اخبارون..... گجرا....“ | |
| ”بس صاحب اهي هاڻي کپائي نه ٿو سگهان نه.... ٺيڪيدار وري ٻئي ٺيڪيدار جي حوالي ڪيو آهي..... اهو صبح جو هتي ڇڏي ويندو آهي ۽ رات جو وٺي ويندو آهي.... بس گذر سفر ٿئي پيو.“ شيدي سڪن ڏانهن اشارو ڪيو..... اکين ۾ لهي آيل ڳوڙهن کي جاويد کان لڪائڻ لاءِ هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.... جاويد به هن جي بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ کي ڏسي پنهنجي اکين کي ڳوڙهن سان آلو ۽ نڙيءَ کي خشڪ ٿيندي محسوس ڪيو..... | |
| هن نڙيءَ کي ڳيت ڏئي آلو ڪندي چيو ته ”شيدا! منهنجي ڪنهن مدد جي ضرورت هجي ته ٻڌائجان؟“ | |
| ”نه صاحب! توهان جي مهرباني....“ | |
| ”وري به..... ڪجهه پيسا کپن.....“ | |
| ”نه صاحب... ضرورت پئي ته چوندس...“ | |
| جاويد شيدي کي مٿي تي هٿ رکي هن کان موڪلايو ۽ بنان پوئتي نهارڻ جي پنهنجي ڳوڙهن کي اکين ۾ ڇلڪائيندي پنهنجي گاڏيءَ جو رُخ ڪيو. | |
| اها رات هو سمهي نه سگهيو... دل ۾ هڪ آنڌ مانڌ هوس. هو شيدي کي اخبارون ۽ گجرا کپائيندي نه ڏسي سگهندو هو. هن کي پنندي ڪيئن پئي ڏسي سگهيو! شيدو جيڪو پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ ۾ ويساهه رکندڙ هو ۽ خيرات ۽ خرچي نه وٺندو هو، اڄ پني رهيو هو..... اها ڳالهه کيس ڌونڌاڙي رهي هئي.... سندس رات لڇندي پڇندي گذري. | |
| صبح جو هن فيصلو ڪري ورتو ته هو شيدي کي ائين پنڻ نه ڏيندو..... هن فيصلو ڪري ورتو ته هو شيدي کي ايڊاپٽ ڪندو، هن کي پنهنجي گهر وٺي وڃي رهائيندو. کيس پنهنجي ٻارن جيان نپائيندو ۽ سندس ٽنگ جو علاج ڪرائي، هن سماج ۾ هڪ نارمل ماڻهوءَ جي حيثيت سان زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيندو. هن پنهنجي انهيءَ فيصلي بابت پنهنجي زال مسز نرگس جاويد سان به ڪا صلاح نه ڪئي، ڇو ته هن کي پڪ هئي ته سندس زال به انهيءَ فيصلي کي ساراهيندي ۽ هن جي نيڪ ڪم ۾ ساٿ ڏيندي، ڇاڪاڻ ته نرگس هيومن رائيٽس ڪميشن جي ٻارن واري چيپٽر جي صدر هئي ۽ سندس اها ٿيوري هئي ته جيڪڏهن سڀ سَرنديءَ وارا هڪ هڪ لاوارث ٻار ايڊاپٽ ڪن ته شايد دنيا مان غربت جو خاتمو اچي وڃي. اهو سوچي هن پنهنجي زال سان انهيءَ فيصلي بابت صلاح مشورو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو..... ٻي ڳالهه ته هن پنهنجي زال کي انهيءَ سٺي ڪم ڪرڻ جي سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهي! | |
| شام جو جڏهن ڪورٽ کان واندو ٿيو ته گاڏي سائيڊ تي پارڪ ڪري روڊ ڪراس ڪري شيدي وٽ وڃي پهتو جيڪو اڃا ساڳي حالت ۾ پني رهيو هو. شيدي جيئن ئي جاويد کي ڏٺو ته خوش ٿيڻ لڳو. جاويد هن وٽ وڃي کيس چيو: | |
| ”شيدا..... پُٽ اُٿ..... مان توکي وٺڻ آيو آهيان....“ | |
| ”مون کي وٺڻ آيا آهيو.... ڪيڏانهن.....؟؟“ شيدو حيران ٿي ويو. | |
| ”مان توکي پنهنجي گهر وٺي هلندس.....“ | |
| ”پر سائين....“ | |
| ”پر ٻر ڪجهه نه..... بس اٿ ۽ مون سان هل.....“ | |
| شيدو وائڙو ٿي هن ڏانهن ڏسندو رهيو.... وري سڪن ڏانهن ڏسڻ لڳو..... هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي.... | |
| ”بس اٿ پُٽ.... تون اڄ کان پوءِ منهنجو پُٽ آهين....“ جاويد سهارو ڏئي شيدي کي اٿاريو.... هو ميرو ڪپڙو ۽ انهيءَ جي ڀرسان رکيل هڪ دٻي ۽ سڪا کڻڻ لڳو ته جاويد چيس.... ”ڇڏ انهن کي..... هاڻي انهن جي ڪابه ضرورت ناهي....“ | |
| ”پر صاحب منهنجي ٺيڪيدار کي خبر پئي ته.....“ | |
| ”ڪجهه نه ڪندو..... مان انهيءَ کي توکي پِنرائڻ جي ڏوهه ۾ جيل موڪلي ڇڏيندس.“ | |
| ”پر صاحب هي ته کڻان.....“ شيدي هڪ دٻيءَ ڏانهن اشارو ڪيو.... ”اها ڇا آهي.... تنهنجي دوا....؟؟“ جاويد پڇيو. | |
| ”نه صاحب دوا ناهي.... انهيءَ ۾ بونڊ آهي...؟“ | |
| ”بونڊ....؟؟“ جاويد حيران ٿي پڇيو..... | |
| ”ها صاحب بونڊ آهي.... جڏهن منهنجي ٽنگ جو سور وڌي ويندو آهي ۽ پريشانيون کائڻ لڳنديون آهن ته مان انهيءَ کي سنگهي، سڪون محسوس ڪندو آهيان....“ | |
| ”تون بونڊ سنگهڻ جو نشو ڪندو آهين....“ جاويد بيهي رهيو.... | |
| ”ها صاحب..... ٽنگ ڀڄڻ کان پوءِ انهيءَ جو سهارو ضروري سمجهيم.....“ | |
| ”اها دٻي نه کڻ... توکي انهيءَ جي ضرورت نه پوندي..... مان تنهنجو علاج ڪرائيندس..... اٿ هل ته گهر هلون......“ جاويد شيدي کي سهارو ڏيندو روڊ ڪراس ڪرائيندو ڪار وٽ اچي انهيءَ جو در کولي شيدي کي ويهاري گهر وٺي آيو. | |
| هن سوچيو هو ته شيدي کي گهر آڻڻ تي هن جي زال ڏاڍو خوش ٿيندي ۽ هن جي انهيءَ ڪم کي ساراهيندي. پر ائين نه ٿيو! شيدي، جي آڻڻ تي هن ناراضگيءَ جو کليل اظهار ته نه ڪيو پر هن جيڪي سوال جاويد کان ڪيا، انهن جاويد کي مايوس ڪيو. | |
| ”هي اسان جي گهر ۾ڪيئن ايڊجسٽ ڪري سگهندو؟“ زال پڇيو. | |
| ”پاڻهي ڪري ويندو.... ڪجهه ڏينهن ۾ ايڊجسٽ ٿي ويندو....“ | |
| ”پر هي رهندو ڪٿي؟؟“ | |
| ”گهر ۾.......“ | |
| ”منهنجو مطلب آهي ڪهڙي ڪمري ۾؟“ | |
| ”ٻارن جي ڪمري ۾.....“ | |
| ”ٻار هن کي برداشت نه ڪندا.....“ | |
| ”ته پوءِ مهمانن جي ڪمري ۾.....“ | |
| ”مهمانن جي ڪمري کي مشڪل سان ته ايڏو سٺو ڊيڪوريٽ ڪيو آهي.... هي اتي..... منهنجو مطلب آهي ڇو نه اسان هن کي سرونٽ ڪوارٽر جي انيڪسي ۾ هڪ ڪمرو ڏيون....“ | |
| ”پر اسان هن کي ايڊاپٽ ڪيو آهي.... تون ئي ته چوندي آهين ته هر امير ماڻهو جيڪڏهن هڪ لاوارث ٻار ايڊاپٽ ڪري ته دنيا مان غربت ختم ٿي وڃي....“ جاويد هن کي رضامند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو، ”جيڪڏهن ايڊاپٽ ڪيو آهي ته پوءِ اسان جو اولاد ٿيو نه..... انهيءَ کي پوءِ نوڪرن سان گڏ ڪيئن رهائينداسين.....“ | |
| ”ها پر جاويد اٽ از ڊسگسٽنگ..... مهمان اچي ويا ته اهي ڪٿي ترسندا.... سرونٽ ڪوارٽرس جي انيڪسي ۾....“ نرگس طنز ڪندي، پڇيو هو.... جاويد به هن کي في الحال Convince ڪندي چيو. ”مهمان آيا ته پوءِ هو سرونٽ ڪوارٽر جي انيڪسي ۾ هليو ويندو.... ٺيڪ آهي....“ | |
| جاويد هڪ وڏي آرٿوپيڊڪ ڊاڪٽر وٽ شيدي جو علاج ڪرايو جنهن خبر ناهي ڪيتريون ٽيسٽون ۽ ايڪسريز ڪرڻ کان پوءِ جاويد کي ٻڌايو هو.... | |
| ”هن جي سموري ٽنگ Crippled ٿي چڪي آهي.... انهيءَ کي ڪابه بون سرجري ٺيڪ ڪري نه ٿي سگهي..... مون کي ته ڊپ آهي.... اڳتي هلي هن کي گينگرين نه ٿي پوي..... جيڪا هن جي سموري جسم کي مفلوج بڻائي سگهي ٿي.“ جاويد پريشان ٿي ويو هو. | |
| ”ڊاڪٽر صاحب ڪو علاج ڳولهي لهو..... جيترو خرچ ٿيو مان ڀريندس.....“ | |
| ”ڪوشش ڪريون ٿا......“ | |
| شيدو آهستي آهستي گهر ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ لڳو. ٻار هن سان گهٽ ڳالهائيندا هئا..... جاويد شام جو اڪثر ساڻس ملندو هو. مسز نرگس مهمانن جي سامهون، شيدي سان ڳالهائيندي هئي، نه ته کيس پري پري رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.... شيدو هاڻي شاهد هو....کيس ڪوبه شيدو نه ڪوٺيندو هو. گهر وارا ٻاهر ويندا هئا ته هن کي وٺي ويندا هئا. هو جاويد کي پَپا ۽ نرگس کي مَما سڏيندو هو. هنن جي ٻارن وانگر. هو گهوڙين تي هلڻ لڳو هو.... ڪڏهن ڪٿي ماڻهو هنن کي ڏسي راءِ ڏيندا هئا. ”هي هنن جو پٽ ته نه ٿو لڳي.....!“ ڪو چوندو هو، ”نوڪر هوندن.“ ته وري ڪو پنهنجو خيال ڏيکاريندو هو، ”معذور ماڻهوءَ کي نوڪر ڪيئن رکندا....“ شيدو عرف شاهد اهي ڪمينٽس ٻُڌي ٻُڌي پريشان ٿي ويندو هو.... | |
| ڪجهه ڏينهن جي علاج کان پوءِ ڊاڪٽر مسٽر جاويد کي ٻڌايو ته، ”وڏي ڪوشش ڪئي آهي، پر علاج ڪامياب نه ويو آهي، ڦٽ ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿا وڃن.... بهتر آهي ته هن جي ٽنگ پاڙ کان ڪٽي ڇڏيون،... نه ته گينگرين سڄي جسم ۾ ڦهلڻ جو خطرو آهي....“ | |
| ”جيڪڏهن ٽنگ ڪٽجي ته ڇا مصنوعي ٽنگ لڳي ويندي.....“ جاويد اڃا همت نه هاري هئي..... هو بس شاهد کي ٺيڪ ڏسڻ پيو چاهي. | |
| ”نه...“ ڊاڪٽر مايوسي ڏيکاريندي چيو، ”ٽنگ جيئن ته بلڪل پاڙ مان يعني اسڪيلٽن جي بئڪ بون وٽان ڪٽبي انهيءَ ڪري هن کي آرٽيفيشل ليگ به نه لڳي سگهندي.... هن کي سڄي عمر گهوڙين تي هلڻو پوندو....“ ڊاڪٽر پنهنجي آخري راءِ ڏني هئي..... | |
| پوءِ آخر طيءِ اهو ٿيو ته شاهد جي ٽنگ ڪپي ويندي. جاويد ڏاڍي پيار سان شاهد کي آماده ڪيو هو. شاهد روئندي کيس چيو هو..... ”پَپا هيءَ ته هڪ ٽنگ آهي.... مان توهان تي پنهنجي سموري زندگي ۽ جان قربان ڪري سگهان ٿو.“ تڪليفن ۽ ڏکن شاهد کي پنهنجي عمر کان وڌيڪ سنجيدو ۽ سياڻو بڻائي ڇڏيو هو. | |
| ۽ نيٺ شاهد جي ٽنگ ڪاٽي وئي.... ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هو گهر منتقل ٿي ويو.... سندس چُرڻ پُرڻ محدود هو.... گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهوڙين جي سهاري سان ويندو هو. نوڪرن مان هڪ نوڪر هن جي سار سنڀال لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. ٻار ڪڏهن ڪڏهن هن سان ڳالهائيندا هئا، نرگس مڙس جي مرضيءَ اڳيان بيوس هئي، انهيءَ ڪري خاموش رهندي هئي.... جاويد شاهد جي درد کان واقف هو، اهو سوچي مطمئن رهندو هو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوددار ٻار پنڻ کان ته بچي ويو! جڏهن شاهد ٻارن جي سامهون جاويد ۽ نرگس کي پَپا ۽ مَما چوندو هو ته هنن کي جيلسي ٿيندي هئي.... هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي پنهنجي منهن شڪايت ڪندي چوندا هئا، ”پَپا! اسان جا فرينڊس اسان تي ٽوڪون ڪندا آهن ته اهو Strange ڇوڪرو توهان جو ڀاءُ ڪيئن بڻيو آهي.... پليز هن کي منع ڪيو ته هو توهان کي پَپا ۽ مَما نه چوي.....“ | |
| پوءِ طيءِ اهو ٿيو ته شاهد جاويد ۽ نرگس کي ٻارن ۽ مهمانن جي سامهون پَپا ۽ مَما نه پر صاحب ۽ بيگم صاحبه چوندو. شاهد ائين ڪرڻ لاءِ راضي ته ضرور ٿيو پر هن کي دل ئي دل ۾ ڏاڍو افسوس ٿيو هو! | |
| هڪ ڏينهن گهر ۾ جاويد جا ڪجهه دوست آيا. انهن مان هڪ ريمارڪس ڏنا، ”جاويد ڏي خبر! تنهنجو اهو لاڏلو ڪٿي آهي.... جيڪو تنهنجي نوڪر ٿيڻ جي به قابل ناهي پر تو هن لاءِ خاص نوڪر مقرر ڪيو آهي.“ جاويد انهيءَ دوست کي اهڙا ريمارڪس ڏيڻ تي ٽوڪيو ته هو، پر شاهد جي دل ڄڻ ٽٽي پئي هئي.... | |
| وري هڪ ڀيري نرگس جي هڪ سهيليءَ شاهد جي سامهون نرگس کي صلاح ڏني هئي..... ”نرگس هن ڇوڪري کان ته توهان ڪنهن Pet کي پاليو ها..... I mean ڪو Hush Puppy يا وري ڪا Afghani Cat وغيره.... گهٽ ۾ گهٽ توهان جي Asthetic Sense جي ته خبر پوي ها....“ | |
| شاهد وڏن ماڻهن سان رهندي رهندي اهو سکي ورتو هو ته Hush Puppy ۽ Afghani Cat ڇا ٿيندا آهن. بس پوءِ هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو هو ته هو هي گهر ڇڏي ويندو.... پر هن اهو ضروري سمجهيو ته جاويد کان هو هڪ ڀيرو موڪل وٺي هليو ويندو. | |
| جاويد به ڪافي ڏينهن کان محسوس ڪيو هو ته هن جي زال ۽ ٻار شاهد جي گهر اچڻ تي خوش ناهن. بس هو هن کي چئي نه پئي سگهيا، باقي هنن جي ادا ڪيل جملن ۽ چهري جي تاثرات مان سمجهي ويو هو ته هن جي زال ۽ ٻار شاهد کي گهر ۾ وڌيڪ برداشت نه ٿا ڪري سگهن. جاويد پاڻ شاهد کي گهران ڪڍڻ به نه پئي چاهيو، انهي ڪري خاموش هو. هڪ ڏينهن جڏهن شام جو جاويد شاهد سان ملڻ هن جي ڪمري ۾ ويو ته شاهد هن کي نويڪلائيءَ ۾ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پَپا جي بدران صاحب ڪري ڪوٺيو هو ۽ کيس چيو هو ”توهان جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته مان هي گهر ڇڏي هليو وڃان......“ | |
| ”ڇو......؟“ جاويد رسمي طرح پڇيو هو... | |
| ”بس هاڻي هتي منهنجو رهڻ ٺهي نه ٿو.....“ | |
| ”ڪيڏانهن ويندين...؟؟“ | |
| ”جتان آيو هوس.... فٽ پاٿ تان.....“ | |
| ”پر هاڻي توکي ڇڏڻ.....“ | |
| ”نه صاحب! توهان جي مهرباني..... توهان مون کي پنهنجي گهر ۾ رهايو..... منهنجو علاج ڪرايو... بس مان هاڻي وڃڻ ٿو چاهيان..... مان چاهيان ها ته توهان کان بنان موڪلائڻ جي به وڃي پئي سگهيم، پر ائين ڪرڻ مون مناسب نه سمجهيو..... بس مون کي توهان اجازت ڏيو.....“ | |
| ”ٺيڪ آهي.....“ جاويد جواب ڏنو. | |
| پوءِ ٻئي ڏينهن شاهد صبح جو تيار ٿي نرگس ۽ ٻارن کان موڪلايو. موڪلائڻ مهل نرگس ۽ ٻار چهري مان اداس ضرور پئي لڳا، پر دل ۾ هو خوش ٿي رهيا هئا..... پنهنجي انتهائي مختصر سامان ۽ گهوڙين سان شاهد جاويد سان گڏ ڪار ۾ اچي ويٺو. | |
| ڪار مختلف رستن تان ٿيندي اچي شون چورنگيءَ جي پسگردائيءَ ۾ پهتي ته جاويد شاهد کان پڇيو، | |
| ”شاهد توکي ڪٿي لاهيان؟“ | |
| ”شون چورنگي تي صاحب!“ | |
| ”پر اتي ته هاڻي انڊر پاس ٺهي ويو آهي..... تون اتي لهي ڇا ڪندين؟؟“ | |
| ”ها صاحب واقعي اتي لهي ڇا ڪندس. توهان سان گڏ جڏهن بوٽ بيسن تي گهمڻ هليو هوس ته ڏٺو هوم هڪ رستي واريون گاڏيون بنان بريڪ لڳائڻ جي سرنگهه مان گذري وڃي رهيو هيون ته ٻئي پاسي واريون گاڏيون سرنگهه جي مٿان تيزيءَ سان گذري رهيو هيون.... هاڻي ته اتي ڪوبه سگنل ناهي..... ڪا به گاڏي نه ٿي بيهي.... پوءِ مان اتي لهي ڇا ڪندس؟“ | |
| ”پوءِ ڇا ڪجي.... توکي ڪٿي لاهيان...“ جاويد شاهد جي سور کي چڱي طرح محسوس ڪيو هو. پر ڳيت ڏئي انهيءَ سور جي زهر کي محسوس ڪندي انهيءَ کي پنهنجي اندر ۾ اجهائڻ لڳو. | |
| ”بس صاحب اڳيان ڪنهن سگنل تي لاهي ڇڏيو....“ | |
| پوءِ ڪار ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. ڪار اڳوڻي شون چورنگيءَ وٽان گذري جتي هاڻي ڪابه چورنگي ڪانه هئي..... ڪوبه گاڏين جو بيٺل سمنڊ ڪونه هو. هو ته فقط هڪ انڊر پاس ۽ انهيءَ مٿان هڪ رستو انڊر پاس ۽ رستي تان چلڪڻيون گاڏيون ترڪندي گذري رهيون هيون.... ڪوبه هاڪر، فقير يا صفائيءَ وارو انهيءَ هنڌ تي ڪونه هو. هنن جي گاڏي به انڊر پاس مان زوڪاٽ ڪندي رستي کان پار ڪندي اچي تين تلوار تائين پهتي. نه جاويد ڪجهه ڳالهايو ۽ نه ئي شاهد ڪجهه ڳالهايو..... بس ٻئي فيصلو نه ڪري سگهيا ته شاهد کي ڪٿي لهڻ گهرجي! ايتري ۾ ڪار پراڻي ڪلفٽن برج کي ڪراس ڪندي ميرياٽ ۽ آمريڪي سفارتخاني وٽان ٿيندي ميٽروپول کي پهتي ته جاويد ڪوشش ڪئي ڳالهائڻ جي..... ”شاهد.... توکي ڪٿي لاهيان....“ | |
| ”جتي لاهيو صاحب......“ | |
| هونئن ته شاهد ڪجهه مهينا جاويد جي گهر ۾ ترسيو هو، پر جاويد کي لڳو پئي ڄڻ هو پنهنجي پُٽ کي ڪٿي اڇلائڻ پئي ويو....! هن جي دل ۾ هڪ لمحي خيال آيو ته هو شاهد کي واپس گهر وٺي وڃي.... پر کيس سُجهيو پئي ته اڳي جيان هن جو اهو فيصلو به جذباتي هوندو..... بس ڪجهه لمحن جو Excitement يا وري ڪنهن نيڪي ڪرڻ جو خوشگوار احساس. انهيءَ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ اهوئي جيڪو شاهد سان ٿي چڪو هو.... بس هن دل تي ڳرو پٿر رکي شاهد کي ڪنهن لاش وانگر پٿر سان ٻڌي ڪنهن سمنڊ ۾ اڇلائڻ کي ئي مناسب سمجهيو. | |
| گاڏي زينب مارڪيٽ کي ڪراس ڪري رهي هئي.... شاهد کان هن وري پڇا ڪئي..... | |
| ”شاهد ڪٿي لاهيان.....“ | |
| ”بس صاحب اڳيان سگنل تي لاهي ڇڏيو....“ | |
| پيرا ڊائيز هوٽل جي چوراهي واري سگنل تي ڳاڙهي بتي ٻري رهي هئي. جاويد گاڏي روڪي ڇو ته اتان ئي کاٻي هٿ تي هن کي ڪورٽ وڃڻو هو. اهوئي هنڌ کيس مناسب لڳو جتي شاهد کي لاهي سگهي. شاهد هٿ وڌائي پنهنجي سامان جي ٿيلهي کنئي.... هيٺ لهي گهوڙيون کڻي هو انهن جي سهاري تي بيهي رهيو. ڪار جي دريءَ مان ڪنڌ اندر ڪندي جاويد هن کي چيو..... | |
| ”صاحب..... هڪ ڀيرو مون کي آخر ۾ ”شيدو“ ڪري سڏ ڪيو؟“ | |
| ”ڇو......؟“ جاويد پڇيو. | |
| ”ها صاحب..... مون کي لڳي پيو شيدو يا ته مري ويو آهي يا وري ننڊ پيو آهي.... مان هن کي اٿارڻ ٿو چاهيان.....“ جاويد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا..... شاهد کي ڳل تي ٿڦڪي ڏيندي، | |
| ”شاهد... تون منهنجو پُٽ آهين....“ | |
| ”نه صاحب...... مون کي شيدو چئو....“ | |
| جاويد ڏٺو شيدو سامهون مرڪي رهيو هو.... هن نه چاهيندي به شيدي کي چيو...... | |
| ”شيدا!“ هن جي دل رت جو ڦوڪڻو بڻجي ڦسي پئي.... ڦاٽل ڦوڪڻي مان رت هارجي هن جي رڳن مان ٿيندو، هن جي اکين مان ڳوڙها بڻجي ٽمڻ لڳو. سامهون سگنل جي بتي سائي ٿي وئي. هن ڪار کي هلايو ۽ کاٻي پاسي تي ڪورٽ طرف مڙي ويو...... بئڪ مِرر ۾ هن ڏٺو شيدو پنهنجي هڪ ٽنگ وڃايو.... گهوڙين جي مدد سان رستي تي بيٺل گاڏين جي وچ تان وڃي رهيو هو. هو انسان جو آئيندو هو، پر هن کي پنهنجي آئيندي جي خبر نه هئي.... گاڏين جي وچ تان گهوڙين تي هلندڙ ٻار کي ڏسي گاڏين وارن هن کي خيرات ڏني جيڪا هن نه ورتي.... جاويد پاسي کان گاڏي بيهاري روئندو به رهيو ۽ شيدي کي ڏسندو به رهيو. جيڪو سامونڊي طوفان ۾ ڪنهن جهاز جي ڀڳل تختي جيان، گاڏين جي سمنڊ مان لڙهندي وڃي رهيو هو..... هو گاڏين جي سمنڊ جي لهرن سان ٽڪرائجڻ کان پاڻ بچائيندو اڳيان وڃي رهيو هو..... ڪجهه دير ۾ جاويد محسوس ڪيو ته هن جي اکين ۾ تري آيل ڳوڙهن هن جي اکين ۾ به هڪ سامونڊي طوفان اٿاريو هو جنهن جي ڌنڌ ۾ شيدو ڪٿي غائب ٿي ويو ۽ هن کي نظر نه پئي آيو. هو پنهنجا ڳوڙها اُگهندي ڪار ۾ اچي ويٺو. ڪار اسٽارٽ ڪري هاءِ ڪورٽ جي پٺئين گيٽ کان ڪورٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ لڳو. ڪورٽ جي گيٽ تي لڳل انصاف جي تارازيءَ جا پُڙ اڄ هن کي برابر بيٺل نه لڳا.... هن ڏٺو تارازيءَ جو هڪ پاسو هيٺ هو ته ٻيو مٿي....! | |
| ترجمو: عيني جتوئي | |
| مليريا Malaria | |
| مليريا هڪ خطرناڪ بيماري آهي. هيءَ بيماري بخار هر هر اچڻ ڪري هڪ دفعو اندر ۾ پيدا ٿي ته واپس وڃڻ جو نالو نه وٺندي آهي ۽ نئين سري سان حملو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي . لفظ ”مليريا“ اطالوي "Attalian" زبان جو ٻن لفظن ”Mala“ ۽ ”Aria“ سان ملي ٺهيو آهي. جنهن جي معنيٰ ”خراب هوا“ آهي. هيءَ بيماري سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي. پر گرم علائقن ۾ وڌيڪ ماڻهو ان بيماريءَ جو شڪار ٿين ٿا. | |
| علامتون | |
| مليريا جا ٽي وڏا قسم آهن: | |
| (1) Falciparum. | |
| (2) Vivax. | |
| (3) Malaria. | |
| (1) ٽئين ڏينهن Falciparum جو بخار پکيڙيندو آهي. | |
| (2)Vivax چوٿون بخار پکيڙڻ جو ذميوار آهي. | |
| (3) Malaria ٽئين قسم جو جيوڙو شديد ”ٽئين ڏينهن جو بخار“ چوارائيندو آهي. | |
| هنن ٽنهي علامتن جي هئڻ ڪري بخار جي شدت وڌي ويندي آهي. ۽ بخار هر روز به اچي سگهي ٿو. ۽ هڪ ڏينهن ڇڏي به اچي سگهي ٿو ۽ هر چوٿين ڏينهن به بخار جي ڪيفيت سيءَ لڳڻ واري هوندي آهي. جنهنڪري مٿي ۾ به سور وڌي ويندو آهي ۽ جسم ڏڪڻ به شروع ڪندو آهي ۽ سڄي جسم ۾ سور ٿيڻ لڳندو آهي. بخار اچڻ کان پوءِ پگهر پڻ اچڻ لڳندو آهي ۽ ٽيمپريچر لهڻ شروع ٿي ويندو آهي. مليريا جي بخار سبب جسم ۾ رت جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي ۽ گڙدن تي وڏو اثر ٿيندو آهي ۽ پيچش پڻ ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. | |
| سبب | |
| مليريا هڪ ننڍي جيوڙي جو اثر آهي جنهن کي پلازموڊيئم Plasmodium چيو ويندو آهي. هي ڪجهه ڏينهن لاءِ ماڻهوءَ جي جگر ۾ جاءِ ٺاهيندو آهي ان کان پوءِ وڌيڪ جيوڙا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن جيڪي ڳاڙهن جزن تي حملو ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهڙي طرح هڪ شخص کي بيمار ڪرڻ کان پوءِ ٻئي صحتمند ماڻهوءَ تائين پڻ پهچي ويندا آهن. هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين بيماري پهچائڻ جو ڪم مادي مڇر ”Anophels“ سر انجام ڏيندي آهي. جڏهن بخار واري ماڻهوءَ کي چڪ هڻي ٿي ته ان جي جسم مان جيوڙن واري رت جي ڦڙي کي ڇڪي وٺي ٿي، هي انهيءَ جي جسم ۾ وڃڻ کان پوءِ ان جي Silvary glands اندر پهچي ويندا آهن ۽ انهيءَ انتظار ۾ هوندا آهن ته هي مادي مڇر ڪڏهن ٿا ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ کي چڪ هڻن ته جيئن ان کي بلڊ اسٽريم Blood Streem ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ملي. اهڙيءَ طرح مليريا هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچندي ويندي آهي. | |
| حقيقت ۾ مليريا ٿيڻ جو سبب ٻين مرضن وانگر کاڌ خوراڪ صحيح نه هئڻ به آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن جي جسماني نظام ۾ زهريلا مادا وڌي ويندا آهن. ان جي ڪري ئي بيماريون وڌيڪ وڌن ٿيون ۽ مليريا جا جيوڙا جسم اندر پرورش وٺندا هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ تائين پهچندا رهن ٿا. | |
| اڄڪلهه هٿرادو غذائون مثلاً اڇي کنڊ، اڇو اٽو، ۽ انهن مان تيار ٿيل کاڌا. دٻن ۾ پئڪ ٿيل کاڌا، چانهن ، ڪافي ۽ الڪوحل وارا جوس ماڻهن جي جسماني نظام جي قوت کي ٽوڙي ٿا ڇڏين جنهن جي ڪري به مليريا وڌندي وڃي ٿي. | |
| علاج | |
| مليريا جي خاتمي ۽ علاج لاءِ غذا وڏي اهميت رکي ٿي. ان لاءِ پهريون قدم اهو آهي ته پندرهن ڏينهن تائين اورنج جو جوس نه ڏنو وڃي. | |
| بخار لهڻ کان پوءِ مريض کي ٽن ڏينهن تائين تازو ميوو ڏيڻ گهرجي. هن سلسلي ۾ ڏينهن ۾ پنجن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ وقفي وقفي سان نارنگي، موسمي، مالٽو، انگور، چڪو، صوف، انب ۽ پپيتو وغيره کائڻ لاءِ ڏيندا رهو. | |
| هيءُ عرصو گذارڻ تائين ميوي سان گڏ کير به شامل ڪيو. ۽ انهيءَ سان گڏ، مختلف قسم جا ٻج. نٽس، ان جا داڻا، ڀاڄيون ۽ ميوو شامل هئڻ کپي. وڌيڪ ميوو ۽ ڪچيون ڀاڄيون نه ڏيڻ گهرجن. | |
| مريض کي چانهه، ڪافي، دٻن ۾ پئڪ ٿيل کاڌا، اڇي کنڊ ۽ اڇي اٽي ۾ ٺهيل شيون ۽ هر قسم جو گوشت ۽ الڪوحل جوس پيئڻ کان مڪمل ڪِري ڪرڻ کپي. | |
| ٽيمپريچر لاهڻ لاءِ قدرتي طريقو ٿڌيون پٽيون رکڻ آهي جيڪي مريض جي پوري جسم تي رکڻ گهرجن. اهي پٽيون اهڙي طرح ٺاهيون وينديون آهن جنهن ۾ هڪ وڏي چادر يا بخمل جو چوڪور سائيز ڪپڙو ٿڌي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ويندو آهي ۽ مريض جي جسم ۽ ٽنگن کي چڱي طرح ويڙهي ڇڏبو آهي ۽ ٻه دفعا ائين ئي ويڙهجي پوءِ هڪ ننڍو ڪمبل يا ڪوئي ٻيو گرم ڪپڙو هن جي مٿان وجهي ڇڏبو آهي. عمل ڏينهن ۾ ٽي دفعا ورجايو جيستائين بخار لهي ائين ئي جاري رکو. | |
| گهرو نسخا | |
| ڪجهه گهرو نسخا مليريا جي علاج لاءِ فائديمند آهن. جن ۾ چڪوءَ جو استعمال به شامل آهي. چڪوءَ جو چوٿون حصو ڪٽي پاڻيءَ ۾ اٻاريو ۽ پوءِ ڇاڻي پاڻي پي ڇڏيو. چُن ۽ ليمون مفيد آهي. هيءُ چوٿين ڏينهن واري مليريا لاءِ فائديمند آهي. ان جو طريقو هيئن آهي ته ٽي گرام چُن 60 ملي ليٽر پاڻيءَ ۾ حل ڪيو وڃي. ۽ انهيءَ ۾ ليمي جو رس نپوڙيو وڃي. اِهو مڪسچر بخار چڙهڻ وقت پي ڇڏجي اهڙي طرح دالچيني هر قسم جي زڪام ۽ مليريا لاءِ به مفيد آهي. دالچيني کي ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري وٺو هڪ گلاس ۾ پاڻي وجهو ۽ چپٽي ڪارن مرچن جي وجهي اٻاريو. ڏينهن ۾ ٽي دفعا پيئجي. ڦٽڪي به مليريا لاءِ مفيد آهي انهيءَ کي تئي تي رکي گرم ڪري ٿورو پيهي وٺجي. بخار چڙهڻ مهل ڦٽڪيءَ جي چپٽي کائي پاڻي پي وٺجي. ٻن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پاڻيءَ سان وٺڻ گهرجي. ان سان گهڻو فائدو ٿيندو. | |
| احتياطي اُپاءَ | |
| علاج وانگر هن مرض لاءِ ڪِري ۽ ڪجهه اُپاءَ وڏي اهميت رکن ٿا. ان جو طريقو اهو آهي ته پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکو. ڪابه گندگي آس پاس رهڻ نه ڏيو، ته جيئن مڇر اُتي پيدا نه ٿي سگهن. رات جو ڄاري لڳائي سمهو. يا جسم تي ڪوئي تيل ملجي ته جيئن مڇر آس پاس نه اچن. جيئن ته مڇر ڀتين تي ويهندو آهي ۽ ڏينهن جي وقت گهر جي اونداهن حصن ۾ لڪل رهندا آهن، انهيءَ لاءِ گهر ۾ مڇرن کي مارڻ لاءِ اسپري ڪرائجي. تلسيءَ جا پن به مليريا جي بخار کي ختم ڪرڻ ۾ مفيد آهن. انهن جو روزانو جوشاندو ٺاهي پيئندو رهجي. خاص طور تي مينهن جي موسم ۾ ان جو گهڻو اهتمام ڪجي. يارهن گرام تلسيءَ جي پنن جي جوس ۾ ٽي گرام ڪارا مرچ ملائي پيئڻ سان بخار ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. | |
| انيتا شاهه | |
| وڃايل دِل | |
| پري کان تنهنجي موٽڻ جي، | |
| مٺي ڪنهن آرزوءَ ۾ دِل، | |
| گهڻن ڏينهن کان پنهنجي پاڻ کان، | |
| آهي وڃايل دِل | |
| سڳو هي ساهه جو زوريءَ | |
| ٽنگي پيو روز سُوريءَ تي | |
| سندءِ ڳالهيون | |
| سندءِ ڳوڙها | |
| معافيون | |
| ۽ سندءِ سڀڪجهه | |
| ۽ منهنجو تون به نه | |
| ها تون به نه | |
| ڇو تون به نه جاني؟ | |
| مڃان ٿي پيار جو پازيب | |
| مون پيرن ۾ پاتو آ | |
| مڃان ٿي مَحبتون | |
| منهنجي مٿان | |
| تو ائين هاريون هن | |
| جيئن پياسن پٽن تي | |
| سانوڻيءَ ۾ ميگهه وسندو آ | |
| مڃان ٿي | |
| ها مڃان | |
| مان مڃان ٿي او پرين پيارا | |
| مڃان ٿي عشق جو آواز | |
| مون سمجهيو گهڻو ناهي | |
| مگر تون پاڻ ڄاڻين ٿو سڃاڻين ٿو | |
| سندم مجبور چاهت کي | |
| ڏئين ٿو ڏوهه پر آخر | |
| اهو تون ڇو نٿو سمجهين؟ | |
| مون توکي پيار جئن | |
| آهي پَسيو | |
| ۽ بس پَسيو | |
| ڏکئي هن عشق جي | |
| اُنهن عقيدن ساڻ مون کي ڇا؟ | |
| مون بس توکي ڏٺو آهي | |
| رڳو توکي ڏٺو آهي | |
| مان توکي پنهنجي دل جي | |
| آرسيءَ ۾ | |
| پئي ڏسان هَرَ هَرَ | |
| هليا ٻيهار مان | |
| توکي ڏسان | |
| پنهنجين اکين آڏو | |
| الائي ڪيترن وقتن کان | |
| منهنجي دل وڃايل آ | |
| هليا ڳولي ڏي منهنجي دِل | |
| منهنجي دل تو وڃائي آ... | |
| هليا ڳولي ڏي منهنجي دِل! | |
| شگفته شاهه ناول قسط - 13 | |
| ٽِڙي پوندا ٽاريئين...... | |
| ٻئي ڏينهن جڏهن سندس ڪاوڙ به گهٽ ٿي چڪي هئي ته کيس عادت مطابق وري فيضان سان سندس ڪالهوڪي رويي تان شرمندگي محسوس ٿي. هن کيس فون ڪئي ۽ سندس آواز ٻڌندي ئي چيائين: | |
| آءِ ايم ساري، ساري ساري ساري “and that'll all” | |
| فيضان پڇيو: "Sorry for what" | |
| رابيل حيران ٿي پڇيو:”هيءُ جو ڪالهه پاڻ ۾ وري ايڏو جهيڙو ٿيو؟“ | |
| فيضان ٽهڪ ڏيندي چيو:”جهيڙو آءٌ ته نه ڪندو آهيان هميشه تون ئي ڪندي آهين، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن سان مِٺي لهجي ۾ پيار سان به ڳالهايو اٿئي؟“ | |
| رابيل سڪون جو هڪ ساهه کڻندي چيو:”ان جو مطلب ته تون ناراض نه آهين؟ منهنجي دل تي ته الاهي بار هو.“ | |
| فيضان چيو:”تو سنڌي گرامر پڙهي آهي؟“ | |
| ”اسڪول ۾ پڙهي هئي ڪنهن زماني ۾... ڇو...!؟“ رابيل حيران ٿيندي پڇيو. | |
| فيضان:”پوءِ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جا لفظ ته پڙهيا ئي هوندا.“ | |
| رابيل:”ها... ڇو؟“ | |
| فيضان:”ڳالهائڻ جي لفظن مان پنجون نمبر لفظ ڪهڙو آهي؟“ | |
| رابيل حيران ۽ پريشان ٿيندي چيو:”ڪهڙو آهي؟“ | |
| فيضان چيو:”اسم، ضمير، صفت، فعل... ۽ ...“ | |
| ”ظرف؟“ رابيل هڪدم چيو. | |
| ”هون.“ فيضان چيو ”ماڻهوءَ ۾ ظرف هئڻ گهرجي.“ | |
| رابيل چيو:”مڃان ٿي ته تون اعليٰ ظرف آهين. مون وٽ ٿي سگهي ٿو ته ظرف نه هجي پر ڳالهائڻ جو ٻيو لفظ ”ضمير“ ضرور آهي. هينئر ضمير جي آواز کان ئي مجبور ٿي توکان پنهنجي ڪالهوڪي رويي جي معافي وٺان پئي.“ | |
| فيضان چيو:”تنهنجي ضمير توکي هروڀرو ڊسٽرب ڪيو آهي، ان لاءِ بهتر آهي ته ان کي ڊراپ ڪري ”صفت“ کي کڻي وٺ.“ | |
| ٻئي کِلڻ لڳا ۽ پوءِ رابيل چيو:”پر... اهو وري ڇو؟“ | |
| فيضان چيو:”اهو انڪري جو مون کي تنهنجي ڪا به ڳالهه خراب نه لڳندي آهي. اڪثر ته دل چوندي آهي ته خاص طور تي فون ڪري توکان ”تنهنجا سُر“ ٻڌان. هونئن جيڪڏهن تون منهنجي زال هجين ها ته منهنجو ته جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏين ها.“ | |
| رابيل چيو:”آءٌ تنهنجي زال هجان ها ته توکي سڌاري ڇڏيان ها. باقي رهيو منهنجا سُر ٻڌڻ جو شوق ته ان جي ته مون وٽ ڪمي ڪانهي. ڇيڙي ته ڏس.“ | |
| فيضان پوءِ سنجيده ٿيندي چيو:”چڱو هاڻي آءٌ توکي هڪ اهم خبر ٻڌايان ٿو، دل وڏي ڪري ٻڌجانءِ.“ | |
| رابيل پريشان ٿي پڇيو:”اهڙي آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ | |
| فيضان چيو:”اڳئين هفتي آءٌ آمريڪا پيو وڃان.“ | |
| رابيل جي ڪنن ۾ ڄڻ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو. هن ڏاڍي مشڪل سان همٿ ڪري پڇيو:”ڇو... ڇو...پيو...وڃين؟ اهو به اوچتو. تو ته ڪڏهن اهڙي ڳالهه جو ذڪر به نه ڪيو؟“ | |
| فيضان چيو:”اها منهنجي عادت آهي. آءٌ هر ڳالهه اڳ ۾ نه ٻڌائيندو آهيان. جڏهن سمجهندو آهيان ته صحيح وقت پهچي چڪو آهي، تڏهن ٻڌائيندو آهيان.“ | |
| رابيل جي ڪنن ۾ ڄڻ زوزاٽ پئي ٿيا. هن ذري گهٽ روئندي چيو:”فيضان! تون مون کي ائين ڇڏي هليو ويندين؟ توکان سواءِ منهنجي زندگيءَ ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟ آءٌ ڪنهن جي سهاري جيئندس.“ | |
| ”رابيل توکي منهنجي سهاري کان سواءِ جيئڻ جو حوصلو پاڻ ۾ پيدا ڪرڻو آهي.“ فيضان چيو. | |
| رابيل پڇيو:”ڪيتري عرصي لاءِ پيو وڃين؟“ | |
| فيضان ڄڻ خوابناڪ لهجي ۾ چيو:”خبر ناهي ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان کان به اڳتي وڃان ۽ پوءِ اهو سفر ڪٿي ختم ٿيندو ان بابت آءٌ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان.“ | |
| رابيل اداسيءَ مان چيو:”ها! تو مون کي ٻڌايو هو ته تون هڪ هنڌ گهڻو عرصو ويهي نه سگهندو آهين وري نڪري پوندو آهين ڪا نئين دنيا ڏسڻ. پر... آخر اهي سفر ڪڏهن کٽندا ۽ کٽندا به يا نه. ۽ منهنجي پوءِ تنهنجي زندگيءَ ۾ ڇا حيثيت آهي؟“ | |
| فيضان هڪ گهرو ساهه کڻندي چيو:”ماڻهوءَ جي پوري زندگي هڪ سفر ئي ته هوندو آهي ۽ هر مسافر کي ان سفر دوران ڪيترين ئي اسٽيشنن تي لهڻو پوندو آهي. ڪيترائي مسافر ڪجهه وقت لاءِ هن جا همسفر بڻبا آهن. پاڻ به ان سفر ۾ ٿوري عرصي لاءِ همسفر بڻياسين پر اسان جو هڪٻئي سان تعلق ڪڏهن به ٽُٽي نه ٿو سگهي. اڳتي پاڻ سان ڇا ٿيڻو آهي. اها مون کي خبر ڪانهي. في الحال ته توکي ان سفر ۾ اڪيلو ڇڏي مون کي هڪ نئون سفر اختيار ڪرڻو آهي.“ | |
| رابيل چيو: ”پوءِ ... هي سڀ تنهنجا خواب!؟.... هڪ معياري ڪتابي سلسلو، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ۽ ڏکويلن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هڪ ٽرسٽ جو قيام!؟“ | |
| فيضان چيو:”ها!... اهي سڀ منهنجا خواب آهن ۽ مون هڪ ڏيئو ٻاري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏيئي مان ڪيترائي ماڻهو ٻيا ڏيئا ٻاريندا. آءٌ ويندس ته ڪو ٻيو منهنجي آفيس سنڀاليندو. آرٽ سيڪشن لاءِ ته تون موجود آهين.“ | |
| رابيل چيو: ”۽ ... هُو عملي طور تي ڪم ڪرڻ وارو پروگرام ان جو ڇا ٿيندو؟“ | |
| فيضان چيو:”ايڏا ڏينهن آءٌ ان سلسلي ۾ ئي ته مصروف هئس. اهو ٽرسٽ قائم ٿي چڪو آهي ۽ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ تون ان ٽرسٽ جي چيئرپرسن هوندينءَ. هر مهيني ٽرسٽ کي منهنجي اڪائونٽ مان مخصوص رقم ملندي رهندي.“ | |
| رابيل پريشان ٿي چيو:”آءٌ... آءٌ.. اهو سڀ ڪيئن سنڀالي سگهنديس؟ اها ته تمام وڏي ذميواري آهي.“ | |
| فيضان مضبوط لهجي ۾ چيو:”تون ان ذميواريءَ کي کڻڻ جي اهل آهين. مون کي توتي پورو اعتماد آهي.“ | |
| ”پر...فيضان!... آءٌ هڪ اڪيلي عورت... اهو بار ڪيئن کڻي سگهنديس.“ | |
| فيضان چيو:”رابيل! پليز هاڻي نڪري اچ ان هيڻائپ، ڪمزوري ۽ بداعتماديءَ جي خول مان. عورت ڪمزور ڪانهي. تون اهو يقين ڇو نٿي ڪرين ته تون ڪمزور ناهين نه ئي تون اڪيلي آهين. روحاني طور آءٌ توسان هر قدم تي گڏ هوندس ۽ پوءِ جڏهن تون ڏکويل انسانيت جي مدد ڪرڻ لاءِ جيئن ئي قدم ٻه قدم اڳتي وڌندينءَ ته هر قدم تي ڪيترائي ماڻهو پڻ توسان گڏ ان سفر ۾ شامل ٿيندا ويندا. تون فقط پنهنجي دل ۾ عزم ۽ پڪو يقين رک.“ | |
| رابيل ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:”تو بلڪل اوچتو مون کي اهو سڀ ٻڌائي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.“ | |
| فيضان کيس آٿت ڏيندي چيو:”پاڻ کي بلڪل پريشان نه ڪر. پاڻ پوءِ آرام سان ان بابت ڳالهائينداسين.“ | |
| پوءِ ٻنهي موڪلائي فون رکي ڇڏي. | |
| *** | |
| رابيل ته فيضان جي آمريڪا وڃڻ بابت ٻڌي بلڪل اداس ٿي وئي. هوءَ سوچي به نه ٿي سگهي ته سندن ڪهاڻيءَ جو ڊراپ سين ايڏو اوچتو ۽ دکدائڪ ٿيندو. هن جي اکين ۾ ته فيضان جي خوبصورت ساٿ جا سپنا لهي آيا هئا. اڄ کيس به احساس ٿيو ته هن شادي نه ٿيڻ سان هوءَ ايڏي هرٽ نه ٿي هئي جيترو هن جي پري وڃڻ جو ٻڌي ٿي هئي. بيشڪ هو سندس جيون ساٿي نه بڻجي پر اکين جي اڳيان ته هجي. هو ڳالهائي ته سگهن. مون هن سان ڪيڏا جهيڙا ڪيا، پر سندس چپن تي ڪا به شڪايت نه هوندي هئي.“ | |
| اڃا هوءَ ان اوچتي اطلاع تي ئي حيران ۽ پريشان هئي ته فيضان وري کيس هڪ سرپرائيز ڏني. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺل هئي ته بابا پِيروءَ کيس ٻڌايو ته فيضان هن سان ملڻ آيو هو ۽ بابا پِيرو کيس سِٽنگ روم ۾ ويهاري آيو هو. هوءَ بي اختيار اٿي ان ڪمري ڏانهن وئي. ماسي اتي ويٺل هئي ۽ فيضان کان حال احوال وٺي رهي هئي. ۽ پوءِ رابيل کي ڏسي اٿي وئي. رابيل حيران ۽ پريشان فيضان جي اڳيان بيٺي رهي. هو ته کيس ڏسي عادت جي مطابق اٿي بيٺو هو ۽ پوءِ پاڻ سان گڏ آندل ڪيڪ رابيل کي ڏنائين ته هن پڇيو: | |
| ”هي ڇا آهي؟ ڪهڙي خوشيءَ ۾؟“ | |
| فيضان چيو:”هي ڪيڪ آهي اڄ منهنجو Birthday آهي.“ | |
| ”اوهه“ رابيل هن کان ڪيڪ وٺي ٽيبل تي رکيو ۽ پاڻ به هڪ صوفي تي ويٺي ته فيضان به ويهي رهيو. رابيل کيس چيو: | |
| “Happy birthday to you!” | |
| "Thanks!" فيضان چيو. | |
| ايستائين بابا پِيرو چانهن کڻي آيو ته رابيل هن کي ڪيڪ جي ڪٽڻ لاءِ ڇري کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن هو ڇري ڏئي هليو ويو تڏهن رابيل اٿي ڪيڪ کڻي ڪٽيو ۽ هڪڙو پيس کڻي فيضان ڏانهن وڌايو ته فيضان ان پِيس جا ٻه اڌ ڪيا ۽ اڌ پِيس کيس ڏنو ۽ پوءِ ٻنهي ڪيڪ پِيس کاڌو ۽ پوءِ چانهن پيئڻ دوران رابيل هن کي چيو: | |
| ”برٿ ڊي جو گفٽ تون منهنجي پسند تي وٺندين يا پنهنجي پسند تي؟“ | |
| فيضان هن ڏانهن گهرين نظرن سان ڏِسندي چيو:”ٻيو ڪو گفٽ نه پر جيئن تو پنهنجي جنم ڏينهن تي مون کان ڪجهه گهريو هو تيئن اڄ آءٌ به ڪجهه گهرڻ چاهيان ٿو.“ | |
| ”مون وٽ آهي ئي ڇا؟“ رابيل اداسيءَ مان پڇيو. | |
| ”مون سان اڄ تون اهو واعدو ڪر ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ تون وري اڳي جيان نه ٿيندينءَ پر همٿ ۽ حوصلي سان زندگيءَ جي مسئلن کي منهن ڏيندينءَ.“ | |
| رابيل جي اکين ۾ وري آلاڻ جمع ٿيڻ لڳي. هن چيو:”آءٌ تو بنان ڪيئن جي سگهنديس؟ تون ته منهنجي زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهين. ڇا توکي جدائيءَ جو ڏک نٿو ٿئي؟“ | |
| ”بلڪل ٿئي ٿو.“ فيضان به ڏک سان چيو. | |
| رابيل هن ڏانهن ڏسندي چيو:”... ۽ پوءِ به...وڃين ٿو؟“ | |
| ”مجبوري آهي.“ فيضان چيو. | |
| ”ڪهڙي مجبوري؟“ رابيل پڇيو. | |
| فيضان هڪ گهرو ساهه کڻي چيو:”ائين کڻي سمجهه ته تنهنجي زندگيءَ جي خوشي ڳولهڻ ٿو وڃان. منهنجي وڃڻ کان پوءِ پريشان نه ٿجانءِ، پاڻ انٽرنيٽ تي رابطو رکنداسين. اڄ مون کي اهو واعدو گفٽ ۾ ڏي ته اڳتي جيڪي به حالات تنهنجي زندگيءَ ۾ ايندا انهن جو همٿ سان مقابلو ڪندينءَ. اهو ياد رکجانءِ جيڪڏهن تون روئيندينءَ يا وکرندينءَ ته آءٌ ڪٿي به هوندس ته بيچين ٿي پوندس. جيڪڏهن پنهنجو رابطو نه به رهي سگهيو ته پريشان نه ٿجانءِ ۽ دعا ڪجانءِ ته آءٌ توکي تنهنجي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوشي ڏئي سگهان.“ | |
| ”ڪهڙي خوشي؟“ رابيل پڇيو. | |
| فيضان چيو:”وقت اچڻ تي توکي سڀڪا خبر پئجي ويندي.“ | |
| رابيل اداسيءَ مان پڇيو:”فيضان! هڪ ڀيري مون توکان پڇيو هو ته هن اڻ ڄاتل منزل جي سفر ۾ آخر منهنجو مستقبل ڇا ٿيندو. تڏهن تو جواب ڏنو هو ته ان جو فيصلو وقت ڪندو، پوءِ وقت جو هن وقت فيصلو ڇا آهي؟“ | |
| فيضان چيو:”في الحال ته وقتي جدائي آ، پوءِ جي ڪا خبر ڪانهي. وقت پاڻهي ٻڌائيندو.“ | |
| رابيل چيو:”تون ته منهنجي خزان رسيده زندگيءَ ۾ ايندڙ واحد شخص آهين جنهن منهنجي زندگيءَ جي ويران موسم کي بهار ۾ بدلايو... پوءِ ڇا بهار جي موسم ايڏي ئي مختصر هوندي آهي؟“ | |
| فيضان چيو:”هون... شايد. رابيل پرينهن صبح جو منهنجي فلائيٽ آهي آمريڪا جي، اسان وٽ باقي هڪ ڏينهن آهي، سڀاڻي شام جو منهنجي هڪ دوست جي فارم هائوس جي خوبصورت لان تي فورم جي سوشل وِنگ پاران قائم ڪيل ٽرسٽ جي افتتاح جي تقريب آهي، جنهن ۾ توکي ان ٽرسٽ جي چيئرپرسن طور پڻ متعارف ڪيو ويندو ۽ فورم جي ميمبرن پاران منهنجي مانَ ۾ ڊنر پڻ رکي وئي آهي، اڄ ڏينهن تائين مون تنهنجي مرضي رکي ۽ ڪڏهن به توکي مجبور نه ڪيو ته تون مون سان ٻاهر ڪٿي ملين. پاڻ وٽ فقط سڀاڻي جي شام ئي آهي، جنهن کي پاڻ گڏجي گذاري هميشه لاءِ يادگار بڻائي سگهون ٿا.“ | |
| رابيل اداسيءَ مان مرڪي چيو:”يقين ڪر فيضان منهنجي پنهنجي شديد خواهش آهي ته پاڻ ڪجهه وقت گڏجي گذاريون. مون ڪيتري ئي عرصي کان پنهنجي ئي زندگي ڊڄي ڊڄي گذاري آهي. آخر منهنجو به ته زندگيءَ تي ڪجهه حق آهي. آءٌ به انسان آهيان. صرف هڪ شام، ... ها هڪ شام ته منهنجي به نصيب ۾ هجي جنهن ۾ آءٌ پنهنجا سڀئي خوف ۽ انديشا هڪ پاسي رکي ۽ سماج جي ٺاهيل اصولن کي لنوائي پوري اعتماد سان توسان گڏ هلان ڇو ته تو هميشه مون کي محبت ئي نه پر عزت به ڏني آهي.“ | |
| فيضان چيو:”مون کي تنهنجي مسئلن جو احساس هميشه کان رهيو آهي ۽ مون ان ڳالهه جو به خاص ڌيان رکيو ته تنهنجو مقام ۽ عزت ڇا آهي. مون کي خبر آهي ته تون به هن ڌرتيءَ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهين ۽ انڪري مون توکي ڪڏهن به مجبور نه ڪيو هو، ڇو ته ڪنهن پبلڪ مقام تي اسان کي گڏ ڏسي ڪيئي چوٻول ٿي سگهيا ٿي. پر سڀاڻي جي شام اسان جي آهي. اهو پروگرام آهي ئي تنهنجي ۽ منهنجي مانَ ۾، منهنجي هميشه کان خواهش رهي ته پاڻ گڏجي لانگ ڊرائيو تي وڃون. قسمت اسان کي ازخود اهو موقعو ڏئي رهي آهي. منهنجي دوست جو فارم هائوس شهر کان ٻاهر هڪ خوبصورت، سرسبز ۽ فطري حسن سان ڀرپور جڳهه تي آهي. لانگ ڊرائيونگ به ٿي ويندي ۽ هڪ خوبصورت يادگار شام به گڏجي گذارينداسين.“ | |
| رابيل چيو:”يقين ڪر فيضان اها ئي منهنجي به هڪ وڏي خواهش رهي آهي.“ | |
| فيضان چيو:”تڏهن ئي ته چوندو آهيان ته محبت هڪ روحاني تعلق آهي. جڏهن تون ڪجهه سوچين ته آءٌ سمجهي وڃان ۽ آءٌ ڪجهه سوچيان ته تون سمجهي وڃين.“ | |
| پوءِ فيضان هن سان ٻي شام جي پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هليو ويو. | |
| *** | |
| ڪار شهر جي رونقن کان نڪري هاڻي هاءِ وي تي ڊوڙي رهي هئي. فيضان ڪار ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ رابيل سندس ڀرسان ويٺل هئي. ٻئي شاندار لڳي رهيا هئا. فيضان نيوي بليو سوٽ ۾ انتهائي هئنڊسم پئي لڳو ۽ رابيل کي پڻ هڪ خوبصورت سائي ۽ بلو ڪامبينيشن تي هلڪي خوبصورت ڀرت تي سُوٽ پيل هو. ڪنن ۾ سونيون واليون ۽ گلي ۾ خوبصورت چين، کيس پرڪشش بڻائي رهي هئي. ٻئي خاموش هئا. ٻنهي جي گڏ سفر ڪرڻ ۽ هڪ شام گڏجي گذارڻ جي خوشيءَ ۽ ٻئي ڏينهن کان جدا ٿيڻ جي غم جي گڏيل سڏيل ڪيفيتن مان گذري رهيا هئا. شام جا پاڇا آهستي آهستي گهرا ٿي آسمان تي خوبصورت رنگ پکيڙي رهيا هئا. روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڻن ۽ ٻنين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. انهن جي وچ ۾ ڪڏهن هاري ناري گهرن ڏانهن موٽندي نظر ٿي آيا ته ڪٿي وري ڳوٺاڻيون عورتون ۽ ٻار به نظر ٿي آيا. حد نظر تائين فطرت جا خوبصورت رنگ نظر اچي رهيا هئا. رابيل انهن خوبصورت رنگن کي ڏسڻ ۾ محو هئي ته اوچتو فيضان کيس مخاطب ڪيو: | |
| ”رابيل! تو ڪڏهن گلابن جو فصل ڏٺو آهي؟“ | |
| ”نه“. رابيل جواب ڏنو. | |
| فيضان چيو:”جنهن دوست جي فارم هائوس ڏانهن اسين وڃي رهيا آهيون اهو گلابن جي فارمنگ به ڪندو آهي. ٿورو اڳتي کان گلابن جو فارم آهي ۽ پوءِ اڳتي هلي سندس فارم هائوس آهي، ڇا خيال آهي؟ فارم تي هلڻ کان اڳ توکي گلابن جي فصل جو سير ڪرايان؟“ | |
| رابيل مرڪي هن ڏانهن ڏسي چيو:”هون، ضرور شايد اتي پکڙيل فطرت جو حسن منهنجي زندگي جي فنڪار ۾ ٻيهر هڪ نئون روح ڦوڪي هن کي نئين زندگي ڏي.“ | |
| ڪجهه دير کان پوءِ فيضان ڪار کي ڪچي ڏانهن ويندڙ هڪ رستي ڏانهن موڙيو ۽ پوءِ اڳتي هلي هڪ هنڌ ڪار بيهاري رابيل کي چيو: | |
| ”هاڻي اڳتي پنڌ هلڻو پوندو.“ هو ٻئي ڪار مان هيٺ لٿا ته رابيل کي پنهنجي ڪنن ۾ خوبصورت ٽليون وڄندي محسوس ٿيون. هن مڙي ڏٺو ته پريان هڪ ڌراڙ ڌڻ ڪاهي موٽي رهيو هو ۽ مال جي گلي ۾ ٻڌل مختلف سائيز جي ننڍين وڏين ٽَلين جي آواز عجيب سهڻي موسيقي پيدا ڪري ماحول کي وڌيڪ سحر انگيز بڻائي ڇڏيو هو. پري کان ۽ ويجهو کان ايندڙ ڪوئل جي ڪُوڪُو ۽ پکين جا مختلف آواز فطرت جي خاموش فضا ۾ خوبصورت ارتعاش پيدا ڪري رهيا هئا. رابيل آسمان ڏانهن نهاريو. لهندڙ سج جا سهڻا رنگ ۽ گهرن ڏانهن موٽندڙ پکين جا ولر ۽ زمين تي وري ٿورو اڳتي کان حدِ نظر تائين پکيڙيل گلابن جي ٻوٽن رابيل کي ڄڻ سحرزده ڪري ڇڏيو. هو وري اڳتي هليا ته فضا ۾ پکڙيل گلابن جي خوشبوءَ سان سڄو ماحول خوابناڪ ٿي ويو. فيضان هلندي هلندي بيهي رهيو ۽ آسمان تي اڏامندڙ اڇن پکين جي ولر ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو: | |
| ”رابيل! ڏس، هي سڀئي پکي پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي رهيا آهن. ڪڏهن منهنجي به دل چاهيندي آهي ته آءٌ به ڌرتيءَ جي حدن مان نڪري آسمان جي پراسرار وسعتن ۾ گم ٿي وڃان ۽ ڪي نيون دنيائون ڳولهيان.“ | |
| ”مون کي ته تنهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ ئي نه ٿيون اچن.“ رابيل چيو. | |
| فيضان چيو:”توکي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون به نه. بهرحال ڪڏهن نه ڪڏهن تون هي خوبصورت منظر ضرور Paint ڪجانءِ. رابيل! هاڻي اهو وقت به اچي ويو آهي جو تون پنهنجي ذات جي دائري مان نڪري ٻين لاءِ به ڪم ڪرين. فقط پاڻ لاءِ جيئڻ ڪو ڪارنامو نه آهي. بلڪه ٻين لاءِ جيئڻ عظيم ڪم آهي. الله تعاليٰ انسانن جي دلين ۾ رهي ٿو ۽ انسانن کي خوشيون ڏيڻ سان ئي اسين پنهنجي رب کي راضي رکي ٿا سگهون. توکي ڀرپور صلاحيتن ۽ همٿ ۽ حوصلي سان ٽرسٽ کي هلائڻو آهي. فقط لکڻ ۽ تصويرڪشي ڪرڻ سان اسان جون ذميواريون ختم نه ٿيون ٿي وڃن. اسان کي ماڻهن جا ڏک درد ونڊڻا آهن.“ فيضان جهٽ لاءِ چپ رهي، وري ڳالهه جي تند جوڙي. ”اسپتالن ۾ ڏس ته ڪيئن نه غريب ۽ لاچار مريض زندگيءَ آڏو هارائيندا نظر ايندا آهن. معصوم گلن جهڙا ٻارڙا روڊن تي پنڻ لاءِ مجبور آهن. ڪينسر ۽ ٽي بيءَ جا مريض علاج مهانگو هئڻ سبب ۽ سهولتون نه هئڻ سبب ڪيئن نه بي وسيءَ سان تڙپي تڙپي مري رهيا آهن. ماڻهو غربت جي ڪري پنهنجا گُڙدا وڪڻڻ تي مجبور آهن. عدالتن ۾ وڃي ڏس، ڪيترا بي ڏوهي سيخن جي پٺيان ڦاسيءَ جي ڦندي آڏو بيٺا آهن، ڪيترا ئي غريب ۽ لاچار انصاف جي تلاش ۾ آهن. ڳوٺن ۾ وڃي ڏس ته ڪيئن نه غيرت جي نالي بي گناهه عورتن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويندو آهي. | |
| (هلندڙ) | |
| رابعه سهارڻ | |
| بيوٽي ٽپس | |
| سَڻڀي چمڙيءَ لاءِ | |
| 1. بيضي جو ماسڪ (Egg Mask) | |
| بيضو هڪ عدد فقط اڇاڻ ۾ چند ڦُڙا ليمن جُوس ملايو ۽ ايتريقدر مڪس ڪريو جو اُن ۾ گج ٺهي وڃي، پوءِ پنهنجي سڄي چهري تي هڻو. جڏهن ماسڪ خشڪ ٿي وڃي ته منهن ڌوئي ڇڏيو. هي ماسڪ سَڻڀي چمڙيءَ (Oily Skin) لاءِ بهترين ثابت ٿيندو. | |
| 2. ليمن جوس، ڪچو کير، عرق گلاب، ميٽ، صندل جو ٻُورو ۽ نارنگي Orange جي کلن جو سفوف: | |
| سڀني شين کي هم وزن مِڪس ڪري پنهنجي چهري تي 15 کان 20 منٽن تائين هڻي ڇڏيو ۽ پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. هيءُ ماسڪ به سڻڀي چمڙيءَ، خاص ڪري داڻن واري چمڙيءَ لاءِ بهترين آهي. هن ماسڪ سان اوهان جي چهري تي تازگي (Freshness) ايندي ۽ داڻا پڻ ختم ٿي ويندا. | |
| 3. ڪيلي جو ماسڪ (Banana Mask) | |
| ڪيلو هڪ عدد، خشڪ کير هڪ چمچو، ماکي هڪ چمچو. ڪيلي کي ميش ڪري وٺو. خشڪ کير Dry Milk ۽ ماکيءَ Honey کي مِڪس ڪري پيسٽ ٺاهيو ۽ پنهنجي چهري تي لڳايو. پوءِ سئنڊوچ پيپر يا ململ جي سنهي ڪپڙي سان چڱيءَ طرح ڍڪي ڇڏيو. 15 منٽن کان پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو. هيءُ ماسڪ خشڪ چمڙيءَ (Dry Skin) لاءِ بيحد ڪارائتو آهي، Skin کي نَمِي ۽ موئسچرائزر فراهم ڪندو. | |
| 4. ماکيءَ جو ماسڪ (Honey Mask) | |
| ماکي چهري تي لڳائي ڪجهه دير کان پوءِ آهستي آهستي مساج ڪري تازي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. هي ماسڪ نارمل ۽ خشڪ چمڙيءَ واريون خواتين هڻي سگهن ٿيون. | |
| 5. داڻا (Pimples) | |
| داڻا ختم ڪرڻ لاءِ: جيڪڏهن توهان پنهنجي چهري جي Pimples داڻن کي Tuch up ڪرڻ چاهيو ٿا ته Clinic جي ڊيپِ ان سپاٽ لوشن سان چهري جا داڻا ختم/خشڪ ڪري سگهو ٿا. (پينسل ۾ دستياب آهي). | |
| ڊاڪٽر نور افروز خواجه | |
| ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ | |
| ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ پنهنجو خاص مقام حاصل ڪيو آهي. سندس علمي مرتبو نه صرف سنڌ جي لاءِ پر ننڍي کنڊ جي فڪري دنيا جي لاءِ پڻ اهم رهيو آهي. پير علي محمد راشدي صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته:”جنهن ٻوليءَ ۾ هن قسم جو قلم آهي، اها ٻولي نه مرندي.“ سندس انهيءَ راءِ جي روشنيءَ ۾ جڏهن جائزو ورتو ويندو ته معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب هن ٻوليءَ کي نه صرف سنڌ پر هند ۽ ٻين علائقن جي ٻولين ۾ زنده رکڻ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي، محنت ڪئي آهي، تحقيق ڪئي آهي ته تخليق به ڪئي آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب لاءِ لکي ٿو ته:”ڊاڪٽر صاحب علم التعليم، ادبيات، لسانيات، علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسيءَ، لطيف شناسيءَ، لوڪ ادب ۽ سنڌ شناسيءَ تي وڏو دسترس رکندڙ، بين الاقوامي دانشور هجڻ جي حيثيت رکندڙ، سنڌ جو اهو فرزند آهي، جنهن تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن اهو ٿورو آهي.“(1) | |
| ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف مضمونن ۽ موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. سندن وڏو ڪارنامو شاهه لطيف جو رسالو ۽ لوڪ ادب آهي. ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي تحقيق ڪري ڪتاب شايع ڪرايا آهن، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون پاڪستاني عالم ۽ مفڪر آهي، جنهن ڳوٺ ۾ رائج عوامي ادب کي پهريون ڀيرو، (لوڪ ادب) جي نالي سان سڏيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي وصف مقرر ڪئي.“(2) | |
| لوڪ ادب مان مراد آهي، عام ماڻهن جو ادب، يعني اهو ادب جو تصنع، هٿ ناٽ ۽ جڙتو ڪاريگرين ۽ صنعتن ۽ سينگار کان پاڪ ۽ صاف هجي. انسائيڪلو پيڊيا آف امريڪانا ۾ لوڪ ادب جي وصف هن ريت بيان ڪيل آهي: | |
| ”هي اهو علم آهي، جو عام ماڻهن جي قديم مڃتائن، ريتن رسمن، ڀرمن، وهمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل هوندو آهي.“ (3) | |
| ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لوڪ ادب جي وصف هن ريت بيان ڪري ٿو ته: | |
| ”لوڪ ادب کي نج دهقاني ادب به چئي سگهجي ٿو. اهو لوڪ ادب ئي آهي، جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي، جا ڪنهن به وقت انهن ئي انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هيءُ عوام جي احساسن ۽ جذبن، امنگن ۽ اڌمن جي پونجي آهي. ان جو سرچشمو عوام آهي، جنهن جا سينا انهن املهه ۽ اڻلڀ خزانن جا امين آهن. عوام جي زندگي سادي، تنهنڪري سندن ٻول به سادا، عوام جو ماحول سادو، تنهنڪري سندن خيال به سادا. پر انهن سادن ٻولن ۽ خيالن ۾ جا بلندي رهي ٿي، سا سندن ٻڌ جو قوي دليل آهي، جيڪو به ٻول ٻوليندو سو چَٻي چِٿي، وهڃائي، ويچاري، ڳڻي پَهي ۽ ٽلي سَلي، جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوت مشاهده عالي پئي للڪاريندي. اهي پٺن اگهاڙا، پيرين پيادا، کڙيءَ کهه لڳل، لٿرن پيٽيل، سادي قوت قرار، جڏهن به صدري خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا ته سادي سودي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا موتي ملن ٿا.(4) | |
| هر ملڪ جو سينگار اهي ئي لوڪ ادب جا ماڻڪ موتي لعل آهن. سنڌي قوم جي قديم تاريخ جو سرچشمو به لوڪ ادب ئي آهي. سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن، رسم و رواج، زندگيءَ جا لاها چاڙها، ماڻهن جي دلين جون امنگون، جذبا، سندن خواهشون ۽ اميدون ۽ سندن روز مره جي معاشي ڪشمڪش ۽ سماجي جدوجهد جا اڀاريندڙ داستان سڀ لوڪ ادب ۾ موجود آهن. انهن ڳالهين سبب لوڪ ادب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عمارت جي بنهه پيڙهائتي پٿر مثل آهي. خود ٻوليءَ جي حسن بياني ۽ ذاتي تاثر جو تقريباً سمورو دارومدار لوڪ ادب تي آهي. پروفيسر ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي سنڌي لوڪ ادب جي باري ۾ لکي ٿو ته: | |
| ”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جو لوڪ ساهيته ايترو ئي آڳاٽو آهي، جيتري آڳاٽي آهي اسان جي سنڌي ٻولي. سنڌي لوڪ ساهتيه ۾ ڪيترائي اهم جزا به آهن، جن جو بڻ بنياد ويدن ۽ اُپنشدن جي ڪٿائن توڙي ٻئي سنسڪرت ساهتيه ۾ ملي ٿو. رامائڻ، مهاڀارت، پراڻ، برهت ڪٿا، منجري، ڪٿا سُرت، ساگ، پنجنتر، هتوپديش ويتال، پنج وئشتي وغيره سنسڪرت ۾ لکيل اهڙا سرچشما آهن جن مان نه فقط سنڌي پرڀارت جي ڪيترين ٻين ٻولين جي به ڪن لوڪ ڪٿائن، لوڪ گيتن ۽ پهاڪن وغيره جو جنم ٿيو آهي.“(5) | |
| سنڌي لوڪ ادب، تهذيب ۽ تمدن جو هڪ اهڙو مرڪز آهي، جنهن جي محور ۾ مختلف عام ماڻهن جون رهڻيون ڪهڻيون، ٻوليءَ جو معيار، ٻوليءَ جا مخصوص محاورا، مخصوص قومي ڪردار ۽ واقعا چٽا پٽا گردش ڪندي نظر ايندا آهن. | |
| مطلب ته سنڌي لوڪ ادب، سنڌي عوام جي مزاج جو آئينو آهي. سنڌ جو لوڪ ادب سنڌ جي عوام جي تهذيب، تمدن، ريتن، رسمن ۽ ثقافت جو دفتر آهي. ان ۾ عوام کي خطاب ڪيل آهي. عوامي زندگي، عام ماڻهن سان روزانو واسطو رکندڙ جاندارن ۽ ٻين شين سان ئي هوندو آهي. لوڪ ادب سنڌ جي زندگيءَ جو ڄڻ حصو آهي. ۽ ان جو سڄو ذخيرو سگهڙن ۽ سڄاڻن جي سينن ۾ سانڍيل آهي. | |
| ڊاڪٽر بلوچ جيئن ته لوڪ ادب ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. لوڪ ادب هڪ اهڙو ڪشادو موضوع آهي، جنهن تي جيترو ڪم ڪجي، گهٽ نظر ايندو. ”ڀلا صدين جو لَٽيل دفتر پٽڻ ۽ سينگارڻ ۽ سنوارڻ ڪا رواجي ڳالهه ته نه آهي. هت پهڻين مان لعل ڳولڻو آهي. مَٺ ملايل سون کي ادبي ڪوٺاريءَ ۾ ڳاري، اصل ۽ نقل کي جدا ڪرڻو آهي.“ اتي ڊاڪٽر صاحب اهڙي سخت محنت، جاکوڙ واري ڪم ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ لوڪ ادب جي مختلف صنفن تي چوئيتاليهه جلد ڇپايل اٿس، جن ۾ لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ گيت، ڳيچ، ڳجهارت، سينگار، جنگناما، ڪافيون، بيت وغيره شامل آهن. | |
| ابراهيم جويو صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته: | |
| ”چڱن کي ياد ڪبو آهي ۽ چڱن جي چڱاين کي ياد ڪبو آهي، انسان پنهنجي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ جو معاشرو ايجاد ڪيو ان لاءِ هن چڱائيءَ جي هڪ ئي ڪسوٽي ٺاهي ۽ اها آخر تائين قائم رهڻي آهي ۽ اها آهي گهڻن جو ڀلو، ۽ جنهن ۾ گهڻن جو ڀلو چاهي ٿو ۽ پنهنجي ڀلي کان به پهرين، بلڪه پنهنجو ڀلو ڇڏي، ڏک سهي به ٻين جو ڀلو ڪري ٿو، اهو ئي چڱو آ، ادب ۽ علم ۾ به اهو چڱو آهي، جيڪو ان ڪسوٽيءَ تي پورو ٿي بيهي، يعني جيڪو انسان لاءِ انسان جي انهيءَ چڱائيءَ جي جذبي کي اڀاري ٿو.“(6) | |
| ڊاڪٽر صاحب علم و ادب جي دائري ۾ خاص طور ان چڱي ۾ اسان جو ساٿي آهي، هن انهيءَ ڪم جي لاءِ سنڌ جو ذرو پرزو، جهرجهنگ، ٿربر، وستيون واهڻ، گشٽ ڪري، سگهڙن، سڄاڻن سان ڪچهريون ڪري اهو لوڪ ادب جو ذخيرو قلمبند ڪيو آهي. اها سندس محبت، جذبو، همت ۽ جاڳرتا هئي ۽ آهي، جو هو هر وقت سنڌ جي لاءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ، سنڌي ادب لاءِ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌي قوم ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ تحقيق ۾ جا محنت، جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان هٿ ڪيل سرمائي لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو نالو وٺندي فخر محسوس ڪندي آهي. شيخ محمد اسماعيل نئين زندگيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي انهن خدمتن جي جاکوڙ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: | |
| ”هيءَ رٿا سنڌي ادبي بورڊ جي هئي، پر ان جو روح روان اڪيلو ڊاڪٽر بلوچ هو، جنهن پنهنجي ذاتي دوستن جي مدد سان سڄي سنڌ، صادق آباد، سبي، لس ٻيلي ۽ ٿر ۾ ڪچهريون ڪري سنڌي ٻوليءَ جو قيمتي سرمايو گڏ ڪري نموني طور 44 جلدن ۾ شايع ڪيو. انهيءَ ذخيري ۾ عوامي ادب توڙي معياري ادب جون ٻه نادر جنسون هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويون.“(7) | |
| هن تجويز موجب سنڌي ٻوليءَ جي علم و ادب جون اهي جملي جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي لوڪ ادب جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن.(8) | |
| اسان جي شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو يا معياري ادب جو سرچشمو بڻجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهن ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. | |
| ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي لوڪ ادب تي جيترو ڪم ڪيو آهي، اهو ٻي ڪنهن به عالم نه ڪيو آهي. سندن اهو ڪم واقعي تعريف لائق آهي. سنڌي قوم ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ تحقيق تي ناز ڪري ٿي جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي عالمن، محققن، سنڌي لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، انهن ۾ ڪوڙو مل چندن مل کلڻاڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، عطا حسين شاهه موسوي، ڀيرومل، ماستر الهه بچايو سمون، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اچي وڃن ٿا پر انهيءَ ڪم کي مڪمل ڊاڪٽر بلوچ صاحب ئي ڪيو. | |
| ڊاڪٽر صاحب جو لوڪ ادب تي ايترو ته هٿ ڪيل سرمايو ملي ٿو جو هر هڪ ڪتاب تي تحقيق ڪري جدا جدا مقالا لکي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب تي جيڪي ڪتاب لکيا آهن، اهي ٻن ڀاڱن لوڪ شاعري ۽ لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل آهن. هتي آءٌ صرف لوڪ ڪهاڻين جي باري ۾ لکنديس. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب جهڙي عالم تي لکڻ هر ماڻهوءَ جي وس ۾ نه آهي، پر هيءَ منهنجي هڪڙي ننڍڙي ڪاوش آهي. | |
| لوڪ ڪهاڻيون به لوڪ ادب جو هڪ حصو آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ”ساڳئي ئي وقت تي سمجهه، سياڻپ ۽ نصيحت جو بي بها خزانو پڻ آهن. انهن ۾ عقل ۽ سمجهه جا معنيٰ خيز نڪتا سمايل آهن، جن کي تمثيلي نموني ۾ نهايت ئي شاندار طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي.“ لوڪ ڪهاڻيون لوڪ ادب جو اهم ڀاڱو آهي، جن ۾ هر انساني گروهه جون ۽ مجموعي طور تي سڀني دنيا جي قومن جي پراڻن آثارن جا داستان ۽ دستاويز آهن. ڇاڪاڻ ته انهن سان انسان ذات جي ڪهني زماني جي ريتن رسمن، رواجن، ڀرمن، وسوسن ۽ نفسياتي لاڙن ۽ انهن جي ذهني ارتقا جي تاريخ جي خبر پوي ٿي. | |
| ڊاڪٽر صاحب خود لکن ٿا ته:”لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو نهايت ئي اهم ڀاڱو آهن، ڇاڪاڻ جو نه رڳو اهي لوڪ ادب جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو آهن، پر اهي انساني توهمات، نفسيات ۽ ابتدائي اعتقادات جي آثارن جو آئينو آهن. هر انساني گروهه جون لوڪ ڪهاڻيون ان گروهه جي ننڍپڻ جون وسريل يادگيريون آهن ۽ مجموعي طور سان مڙني قومن جون لوڪ ڪهاڻيون ڄڻ انسان ذات جي ننڍپڻ واري دور جا داستان ۽ دستاويز آهن.“(9) | |
| ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لوڪ ڪهاڻين جي باري ۾ هن ريت لکي ٿو ته:”لوڪ ڪهاڻين ۾ نه رڳو عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن، پر منجهن سُور ويرتا ۽ شجاعت، همت ۽ همدرديءَ جا سوين مثال ملندا. اهي نه رڳو ريجهه رهاڻ ۽ واندڪائيءَ جي وندر جو سهائيندڙ سامان آهي، پر پس پرده، سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق آهن.“ (10) | |
| لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو پراڻي ۾ پراڻو مواد آهي، جنهن جي اهميت، لوڪ ادب جي مڙني صنفن کان مٿانهين آهي. اهي انسانذات جي ڄمڻ کان مرڻ تائين، سندس هنر حرفت، اٽڪل استادي، لياقت ۽ طاقت جا پراڻا دستاويز آهن، جنهن ۾ انسانن جا وهم وسوسا، ڀرم، رسمو رواج، جادو، منتر، ٽوڻا ڦيڻا، سڳا ڌاڳا، عشق و محبت، خوشيون، خوف، مرادون ۽ مقصد، حڪمتون ۽ حيلا وسيلا، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون هر شيءِ واضح ٿئي ٿي. ڊاڪٽر صاحب خود به لوڪ ڪهاڻين جي ترتيب ڏنل ڪتاب جي مقدمي ۾ لکن ٿا ته: | |
| ”لوڪ ڪهاڻين ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن. عقل جي بلوغت ۽ جوانيءَ کان اڳ واري دؤر ۾، وهم ۽ وسوسا، سوڻ ۽ ....، منڊ ۽ منتر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون، جن، ڏائڻيون، انسان جي ڪائنات جا اهم اسباب هئا. انهن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. جهڙيءَ طرح جهونن دڙن ۽ ڀَڙن ۾ آڳاٽين تهذيبن ۽ تمدنن جا آثار محفوظ آهن، اهڙيءَ طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ آڳاٽي نفسياتي رجحانن ۽ ذهني لاڙن جا آثار محفوظ آهن.“ (11) | |
| ڊاڪٽر سنديلو صاحب لوڪ ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته: ”لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب جي گويا آڳاٽي اکر ......(Dictionary) آهي، جنهن ۾ هرهڪ موقعي مهل جي پوري وضاحت ڪيل آهي. لوڪ ڪهاڻيون جن ۾ تر توڙي بر جي تصوير ڇڪيل پر ڍڪيل آهي.“(12) | |
| لوڪ ڪهاڻيون ڪڏهن ٺهيون، ڪنهن ٺاهيون، ڪهڙي علائقي ۾ ٺهيون، اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو آهي. البته ايترو چئي سگهجي ٿو ته ”جيئن ئي انسان جي پيدائش ٿي ۽ منجهس سمجهه، سوچ ۽ تميز جي طاقت تيز ٿي، تيئن ئي هن ٻاهرئين ماحول کان متاثر ٿي، پنهنجي اندر ۾ ويچاري، انهن ڳالهين کي عقلي رندو هڻي، صاف ڪري پيش ڪيو. ٻاهرين ماحول جو اثر هو، جهيڙا جهٽا، ويڙهه جهيڙ، پرين، جنن، ڀوتن جا ڀؤ، هوا، طوفاني، پاڻيءَ جي طغياني، کنوڻ جي کنواٽ، ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ وغيره ۽ فرحت بخش چيزون، جن ۾ چرچو گهٻو، کل مسخري، ناچ گانو وغيره اچي وڃي ٿو.(13). | |
| ڪهاڻين جي شروعات به ڪن ٿورن اکرن سان ٿي هوندي، پوءِ ان ۾ ماحول ۽ حالات کان متاثر ٿي ڪنهن ڪجهه چيو، ڪنهن ڪجهه چيو، اهڙيءَ طرح ٻڌندڙ ان کي وڌائي، مرچ مصالحا ملائي، ڪنهن ان کي مزيدار طريقي سان، ڪي ذهانت جا نقطا ملائي شامل ڪري وڏو ڪري پيش ڪيو هوندو، اهڙيءَ طرح اها مختلف ماڻهن کان وڌندي، نسل درنسل هلندي آئي. ڊاڪٽر صاحب مقدمي ۾ انهيءَ جي وضاحت هن ريت ڪري ٿو ته: ”البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني تاريخ واري ساري گذريل دؤر ۾ ئي سرجيون ۽ سامايون آهن ۽ عوام انهن جي سٽاءَ سڄي ڪرڻ ۾ حصو ورتو آهي. لوڪ ڪهاڻيون اتفاق سان ڪنهن وهم ۽ وسوسي، سماجي سلسلي، ذاتي ڪارنامي يا ڪنهن خاص واقعي سببان، ڳالهه جو ٻج پيو، ٿڏو لڳو ۽ سلو انگوريو، پوءِ ڪنهن هڪڙي ان جي چوڌاري صفائي ڪري، ان سلي کي نروار ڪيو، ڪنهن ڀاڻ جي ٻڪي ڏني ته ڪنهن ان کي پاڻي ڏنو، اهڙيءَ طرح مختلف ماڻهن جي مدد سان اهو سلو ويو ڏينهون ڏينهن وڌندو وڻ ٿيندو. انهيءَ عرصي ۾ ڪنهن ان جو ڪو ڏار ڪپيو، ته وري ٻيا نوان گونچ ٿيا ۽ نوان ڏار نڪتا.“ اڃا به ٻيا مثال ڏجن ته چئجي ته لوڪ ڪهاڻي هڪ فقير جي گودڙي آهي، جنهن ۾ پنج ڪڻي پئي پوي ۽ هر قسم جو اناج توڙي مانيءَ جا ڀور پيا گڏ ٿين، يا لنگر جي ديڳ آهي جا چڙهي پئي آهي، جنهن ۾ جنهن کان جيڪي پڄي سو اچي وجهي. جوئر، ٻاجهري، مڱ، مٽر، ڪڻڪ، تر، چانور، چڀڙ، دال، بصر ۽ کاڌي جي ٻي هر ڪچي جنس، جنهن جيتري ان ۾ وڌي، اوتري پئي پچي، ڪنهن پاڻي وڌو، ڪنهن ڪاٺيون سيريون، ڪنهن ڳن ڏنو ته ڪن ونڊيو ۽ ورهايو. اهڙيءَ طرح قندوري قائم آهي، پر اهو ڪنهن کي معلوم نه آهي ته ديڳ ڪنهن چاڙهي، ڪڏهن چڙهي ۽ ان ۾ هر جنس ڪيتري پئي ۽ ڪنهن ملائي. (14). | |
| شروعاتي ڪهاڻيون ساديون سُوديون هيون، پوءِ دانائن ۽ عالمن، انهن ۾ ڪي حڪومت جا نقطا شامل ڪيا، ڪيترائي ڪردار انهن دليون جوڙيا ۽ ان ۾ ڪيترائي عالمانا خيال شامل ڪيا. مثلاً باطل تي حق کي ترجيح ڏيڻ، بدي ۽ بڇڙائي ختم ڪرڻ، نيڪيءَ جي تبليغ، هنن، جنن، پرين، ديون، انسانن ۽ جانورن جي ڪردارن جي عڪاسي پيش ڪئي. | |
| لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪي ڪردار اهڙا آهن، جن جي تخيل جي ابتدا کي دورن وار تقسيم ڪيو ويو. ديو، پريون، جن وغيره ڪردار انساني تاريخ جي نسبتاً اوائلي دور جا يادگار آهن. اهو انسان جي محدود علم ۽ تجربي وارو دور هو، جڏهن اڃا هو فطرت جي طبعي واقعن ۽ فطري مشاهدن جي ماهيت کان بي خبر هو، سج، چنڊ، باهه ۽ پاڻي، سندس واسطي ديوتا هئا، گوڙ، مينهن ۽ طوفان کي ديون جي اچڻ سان تعبير ٿي ڪيائين ۽ سهڻي سهائي رات کي پرين جي آمد جي تياري تصور ٿي ڪيائين.(15) | |
| جڏهن انساني دماغ ترقي ڪئي ته هنرمند انسانن پنهنجون تجويزون سٽيون ۽ اٽڪلون رٿيون، اهي تجويزون ۽ اٽڪلون عام سمجهه کان مٿي هيون ۽ انهيءَ ڪري اهو ويساهه پيدا ٿيو ته انهن انوکين اٽڪلن ذريعي انسان، ديون، پرين ۽ جنن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. اهي ڪردار جادوگر، جادوگرياڻيون ۽ ڏائڻيون وغيره هئا جيڪي جادوءَ جي نالي سان منڊ منتر، ڇنڊا ڦيڻا ۽ ٻيا ساٺ سنؤڻ ڪري سگهندا هئا. اهي جادو انسان لاءِ مدافعت توڙي مقابلي جو اهم اوزار هئا. | |
| انساني تاريخ جي بلڪل هن پوئين دور جا ڪردار بادشاهه، راڻيون، شهزادا، شهزاديون ۽ وزير هئا. اهڙيءَ طرح جانور به لوڪ ڪهاڻين جا اهم ڪردار رهيا آهن. جانورن جا ڪردار انهيءَ آڳاٽي دور جا يادگار آهن، جڏهن انسان ٻي مخلوق وانگر صحيح معنيٰ ۾ اڃا ڌرتي ماتا جو نيپاج هو. | |
| ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل لوڪ ڪهاڻيون ستن جلدن تي مشتمل آهن جن ۾ 339 ڪهاڻيون شامل آهن. هن مقالي ۾ انهن ستن جلدن تي ٿورو تبصرو ڪجي ٿو. لوڪ ڪهاڻيون جلد پهرين ۾ انساني ڪردارن ۾ بادشاهه، شهزادا، شهزاديون، امير، وزير، سوداگر ۽ عام ماڻهو اچي وڃن ٿا. غيبي ڪردارن ۾ ديو، جن ۽ پريون اچي وڃن ٿا. جادوگر ۽ جادوگرياڻيون، ڏائڻيون ۽ راڪاس پڻ ڪهاڻين جا ڪردار آهن جتي غيبي ڪردار پنهنجن ڪمن ۾ مصروف آهن، اتي سندن مقابلي ۾ انساني طاقتون پڻ پنهنجي پوري قوت آهن. نيڪي ۽ بديءَ جي اها جنگ تڏهن کان هلندڙ آهي، جڏهن کان انسان ۾ غور ۽ ويچار جو مادو پيدا ٿيو. | |
| ديون، پرين، جنن، ڏائڻين ۽ جادوگرن جي جيڪا تصوير ملي ٿي، ان جا ٻه پهلو آهن. هڪڙو ته انهن ڪردارن بابت قديم وهمن ۽ وسوسن وارو تخيل آهي. مثلاً ديو ماڻهوءَ کي اڪيلو ڏسي کڻي ويندا آهن، ديو اڏامندا آهن، ديو پنهنجي صورت بدلائي ٻي صورت اختيار ڪندا آهن. ٻيو ته انهن ڪردارن جي عملي تصوير تي انساني سماج جو رنگ چڙهيل آهي. مثلاً سنڌ ۾ عوام جي نظريي موجب ديو ۽ جن حضرت سليمان جي هٿ ۾ هئا. ۽ ان جا تابع هئا. انهيءَ آڳاٽي نظريي جو عڪس سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو جو ظاهر آهي ته سنڌي سماج جو اثر آهي. | |
| هن مجموعي ۾ ڪل ٻاويهه ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ گل انداز، بادشاهه گل بادشاهه ۽ شوق شهزادو، ڍول شهزادو، سونن وارن واري شهزادي، بادشاهه ۽ ٻڪرار، ڪوڙهيو بادشاهه، ڪدو شهزادو وغيره ڪهاڻيون شامل آهن، هن جُلد جي مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب لوڪ ڪهاڻين جي علمي اهميت، لوڪ ڪهاڻيءَ جي ابتدا، لوڪ ڪهاڻين جا ڪهنا ڪردار، ڪهاڻين جي اوسر جو تاريخي پس منظر ۽ ڪهاڻين جا تر ۽ بر تفصيلي طور تي بيان ڪيا آهن، جيڪي تعريف جي قابل آهن. ڊاڪٽر صاحب هن مقدمي ۾ لکن ٿا ته: | |
| ”لوڪ ڪهاڻيون ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جهونا کنڊر آهن، جن کي ولڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽن وهمن ۽ ويچارن، خوشين ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن، حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين ۽ ناڪامابين جي نوعن ۽ نمونن جا اندازا لڳائي سگهجن ٿا.“ (16) | |
| لوڪ ڪهاڻيون جلد ٻئي ۾ جيڪي ڪهاڻيون شامل آهن انهن ۾ همتون ۽ ڪشالا، وعدي خلافيءَ جي سزا، ڏندڪٿا، سڀاڳ ۽ نڀاڳ، تڪڙ ڪم شيطان جو، مرد جو عقل، عورت جو عقل، دوستيءَ جو ننگ، عشق ۽ محبت، بيوقوفي ۽ نصيحتون وغيره شامل آهن. هنن ڪهاڻين جا مرڪزي ڪردار بادشاهه، وزير ۽ سوداگر وغيره آهن. هن جلد جون مرڪزي ڪهاڻيون شهزادو گل منير، شهزادي ۽ جادو جي منڊي، ڪوڙهيو بادشاهه ۽ وفادار طوطو، بادشاهه ۽ ٽرڙڪان، يانصيب، صبر شهزادو، ٿالهي، گدرو ۽ ڪاتي، عقلمند ڇوڪري، سچ ڇوڪرو وغيره ڪل ٻاويهه ڪهاڻيون شامل آهن. | |
| لوڪ ڪهاڻيون جلد ٽيون جيڪو بلوچ صاحب 1963ع ۾ ترتيب ڏنو، هن مجموعي ۾ ٽيويهه ڪهاڻيون شامل آهن. جن مان اڪثر ڪهاڻين جو مرڪزي خيال همت ۽ ڪشالا ڪڍڻ آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيا موضوع مثلاً: حق جي فتح، بخت جي بازي، عورت جو عقل، جادوگري، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وغيره آهن ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي ٻه ڪهاڻيون شامل آهن، انهن جا ڪردار پريون، ديو ۽ راڪاس، غيبي ۽ غير انساني طاقتون آهن. جادوگر ۽ جادوگرياڻيون، ڏائڻيون ۽ ڌُوتيون، انساني گروهه سان تعلق رکن ٿا. انهن سڀني جا فعل ۽ عمل مختلف آهن. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”هن مجموعي ۾ شامل مڙيئي ڪهاڻيون، ڪلاسيڪي قالب واريون آهن جن جا بنيادي ڪردار، جن، پريون، ديو، ڏائڻيون، جادوگر ۽ جادگرياڻيون آهن ۽ سندن مقابلي ۾ عام معاشري جا انسان آهن. انساني طاقتن جو غيبي طاقتن سان مقابلي جو خيال انساني ارتقا جي نسبتاً پوءِ واري دور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي دور ۾ اهڙي مقابلي جي خيال جو اُسرڻ ناممڪن هو جيئن جيئن انساني معاشرو ترقي پذير ٿيو ۽ انسان جو علم وسيع ٿيو ته وهم ۽ گمان زائل ٿيڻ لڳا. انهيءَ لحاظ سان قصه خوانن پڻ ڪُهنن ڪردارن جي مقابلي ۾ انسان آڻي بيهاريو ۽ ٻنهي جو مقابلو ڪرايو، جنهن ۾ اڪثر فتح انسان جي ٿي.“ | |
| غيبي طاقتن تي انسان جو غالب پوڻ وارو خيال غالباً تڏهن اُسريو جڏهن انساني معاشري ۾ سماجي گروهه بندي ٿي. جدا جدا قبيلا ٺهيا، قومي شعور جاڳيو ۽ پنهنجي قبائلي ۽ قومي بچاءَ ۽ تحفظ جو جذبو جاڳيو. انهيءَ جذبي پيدا ٿيڻ کان پوءِ هر قبيلي جي سڄاڻ ۽ ذهين پنهنجي مخالف قبيلي يا قوم جي ماڻهن کي، جن سان سندن جنگ هئي، تن کي جنن، ڀوتن، ديون ۽ راڪاسن سان تعبير ڪري پنهنجي سربلنديءَ خاطر، پنهنجي قبيلي جي ننڍڙي کان ننڍڙي فرد کي سورمو بڻائي سندن مقابلو ڪرايو ۽ فتح پنهنجي مانجهيءَ جي ئي ثابت ڪئي. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون انساني معاشري جي انهيءَ ارتقاءِ پذير فڪر جو چٽو عڪس آهن.“(17) | |
| لوڪ ڪهاڻيون جلد 4، ڊاڪٽر صاحب 1961ع ۾ ترتيب ڏنو. هن ۾ ايڪويهه ڪهاڻيون آهن، جن ۾ بادشاهن، شاهوڪارن، غريبن، اميرن، ڏاهن ۽ ٺڳن جون ڳالهيون شامل آهن. هنن ڪهاڻين ۾ جن، پريون، ديو يا ڏائڻيون وغيره جي ڪردارن جي حيثيت ۾ شامل نه آهن. بلڪه هنن جا ڪردار مختلف طبقن ۽ طبيعتن جا انسان آهن جن سان اسان جي پوري واقفيت آهي ۽ جن جون تمنائون، ناڪاميون، عقل، دانائيون، حيلا، وسيلا، حرفتون، وفاداريون ۽ شرافتون، نصيحتون ۽ هدايتون، ڪوششون ۽ ڪاميابيون، هنن ڪهاڻين ۾ نمايان طور تي پيش ڪيل آهن. هنن ڪهاڻين جا موضوع خاص طور تي بخت، سياڻپ، هنر ۽ علم، جادو، فريب، چالاڪي، حرفت، خيرات جي برڪت، نيڪيءَ جو عيوض، دوستي، نانگ جو عقل، پکيءَ جو عقل وغيره آهن. هن جلد جون سڀ ڪهاڻيون زندگيءَ جي شعبن جي وڌيڪ ويجهيون ۽ عام سماجي ڪردارن تي شامل، هن قسم جون ڳالهيون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عام مروج ۽ مشهور آهن. هن جلد ۾ روپ بسنت، ماٽيجي ماءُ، وفادار ڪاٺير، وڏڙن جو عقل، دوستيءَ جو ننگ، مڻ جي مڻيا، چاندو ۽ چڪور، مکڻ جي ماڙي، بازيگر ۽ درويش، نيڪيءَ جو بدلو وغيره شامل آهن. | |
| لوڪ ڪهاڻيون جلد پنجين ۾ آکاڻيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪهاڻين، ڳالهين ۽ آکاڻين جا جدا جدا نالا عمداً ۽ اراداتاً استعمال ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ته جيئن سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو تدريجي سلسلو ذهن نشين ٿي سگهي. ڊاڪٽر صاحب هن جلد جي مقدمي ۾ انهن ٽنهي جي وضاحت ڪئي آهي. ”عام اصطلاح موجب (ڪهاڻي) ۽ ڳالهه ۾ ڪو فرق ڪونهي، مگر محض علمي نظريي خاطر ”ڪلاسيڪي“ يا ”ڪهني“ قالب وارين حڪايتن کي ڪهاڻيون سڏيو ويو آهي. جن ۾ ديون، پرين، جنن وغيره غيبي ڪردارن کي خاص دخل آهي، اهي حڪايتون جن ۾ بادشاهه، راڻيون، شهزادا، سوداگر وغيره انساني ڪردارن جو نمايان حصو آهي، انهن کي سهوليت خاطر ”ڳالهيون“ سڏيو ويو آهي ۽ اهي ننڍيون حڪايتون جن ۾ انساني معاشري جي مختلف شعبن جا ننڍا وڏا فرد شامل آهن ۽ جن جو مکيه مقصد ٻارن جي وندر آهي، تن کي آسانيءَ خاطر ”آکاڻيون“ سڏيو ويو آهي.“ (18) | |
| آکاڻيون خاص طور ٻارن لاءِ ”وندر ۽ نصيحت“ طور لکيون ويون آهن، هي بلڪل پوئين دور جون آهن ۽ هنن جي سٽا سادي آهي. هي آکاڻيون ننڍيون ۽ مختصر هونديون آهن پر هنن جو واسطو زندگيءَ جي مختلف شعبن سان هوندو آهي. هن مجموعي ۾ جيڪي ڪهاڻيون شامل آهن، انهن ۾ نصيحتون، هدايتون، کل خوشي، برن جا عمل ۽ نتيجا، چڱن ۽ سٺن کي انهن جي چڱائيءَ جا ڦل، سچار ۽ ايماندار جي ڪاميابي، بخت، خيرات جي برڪت، همت ۽ ڪشالا، اياڻپ ۽ ڀورڙائي وغيره خاص موضوع تي پيش ڪيل آهن. | |
| هن مجموعي جون خاص ڪهاڻيون ڪاٺير مان بادشاهه، ٻڪرار مان بدشاهه، بخت ۽ عقل، چورن مٿان مور، حرامي حلالي، بودلو ڇوڪرو، اڍنگ، عقل جو انڌ، اياڻي زال، بيوقوف ۽ گهيٽو، چرين ۽ رڍن جي ويڙهه، نيت بري، ٿوري برڪت، حاڪم ظالم برڪت ختم وغيره ڪهاڻيون شامل آهن. | |
| هن جلد ۾ شامل آکاڻين ۾ ٻاراڻا ٻول، موزون چوڻيون، نظميه فقرا، ڳجهارتون ۽ ڳاهون پيش ڪيل آهن، جن کي سگهڙن، ٻارن لاءِ دلچسپيءَ خاطر شامل ڪيون آهن. مثلاً پوپٽ نجومي واري آکاڻيءَ ۾ بادشاهه، پوپٽ کي جواب ۾ چوي ٿو ته: | |
| ”بک ٻڌو گهوڙو، جندڙي ڪارڻ هار، | |
| پوپٽ ڀلا ڇا ڪري، ڇڏ ڌڻي پچار.“ | |
| هن جلد ۾ ڪل اٺاسي آکاڻيون شامل آهن، جيڪي سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان حاصل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سکر، دادو، حيدرآباد، ميرپور ماٿيلو، سانگهڙ، پنوعاقل، شهدادپور، ٽنڊوالهيار، ٺٽو، گوني، روهڙي، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ، ماتلي، هالا، ڇاڇرو، بدين وغيره آکاڻيون شامل آهن. | |
| لوڪ ڪهاڻيون جلد ڇهين ۾ جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون پيش ڪيل آهن. هي جُلد ڊاڪٽر صاحب 1964ع ۾ ترتيب ڏنو. هن جلد جون آکاڻيون پنجين جلد جي آکاڻين جي ڪڙي آهن. هي به سڀ آکاڻيون وندر ۽ نصيحت خاطر لکيون ويون آهن. هن جي قدامت جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”قدامت جي لحاظ سان هن قسم جون آکاڻيون غالباً سڀ کان آڳاٽيون آهن. جانور ۽ پکي انسان کي سڀ کان ويجها آهن. جن کي ڏسندي ۽ ساڻن گڏ گهاريندي، ويچارَ وارن انهن بابت پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا هڪ ٻئي کي ٻڌايا، جڏهن انسان جو عقل جوان ٿيو ته هنن پنهنجا دانائيءَ جا قول ۽ نصيحتون، جانورن ۽ پکين جي زباني ادا ڪيا. انهيءَ لاءِ ته اهي سرڪش ماڻهو جي پنهنجن عملن ۽ افعالن بابت نڪته چيني ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، سي هن قسم جي حڪايتن مان نصيحت پرائين. ٻڌ ڌرم جي دانائن ۽ ايران جي عاقلن انهيءَ تدبير مطابق هن علمي شاهڪار ”ڪليله و دمنه“ ذريعي دنيا جي دانائيءَ جو هڪ مکيه باب بڻيون. | |
| ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب لکي ٿو ته ”هي جانورن جون ڪهاڻيون سوين سال اڳ شڪارين ٺاهيون ۽ هي نتيجو ڪڍيائون ته هر جانور کي پنهنجو ڪردار ۽ پنهنجي شخصيت آهي.“ | |
| هن جلد ۾ ڇاهٺ آکاڻيون شامل آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان دستياب ٿيون آهن، جن ۾ سکر، سانگهڙ، حيدرآباد، روهڙي، نوابشاهه، بدين وغيره مان مليون آهن. هنن سڀني آکاڻين ۾ جيڪي پکين ۽ جانورن جون آهن، نصيحت ۽ وندر طور پيش ڪيل آهن. انهن ۾ ڪو نه ڪو نصيحت ڀريو نقطو پيش ڪيل آهي. هٻڇ، لالچ، بيوقوفي، خود ثنائي وغيره کان علاوه ڪي آکاڻيون، محض سگهڙپائي جي سهڻن گفتن ۽ خيالن تي مبني آهن، جن ۾ سگهڙن، جانورن ۽ پکين جي شان جو اعتراف ڪيو آهي. جانورن ۾ گدڙ جون ستاويهه ڪهاڻيون پيش ڪيل آهن، گدڙ سڀني جانورن کان ڄڻ چالاڪيءَ ۾ چؤڻو ۽ ڏاهپ ۾ ڏهوڻو آهي. ان جي خودي ۽ خود اعتمادي، حرفت ۽ حيلو، دوستي ۽ دشمني، هٻڇ ۽ لالچ وغيره تي ڪيتريون ئي آکاڻيون ملن ٿيون. انهيءَ کان سواءِ شينهن، بگهڙ، اٺ، گابا، هرڻيون ۽ پکين ۾ طوطو، ڪڪڙ، ڪانءُ، جهرڪي، هيڙهو، تتر، ڪٻر وغيره ڪردار پيش ڪيل آهن. هن جلد ۾ سلطان گدڙ، ڪڪڙ، قاڙهو، شينهڻ ۽ شينهن، هرڻي ۽ ٻچا، ڏاهو ڇيلو، ڪنگ ۽ ناني، ڏيڏري ۽ اٺ، جهرڪي ۽ ڪُئي، ڪانءُ ۽ ڪٻر وغيره آکاڻيون شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ هن جلد ۾ اٺاويهن آکاڻين ۾ ٻاراڻا ٻول، موزون چوڻيون، نظميه فقرا ۽ ڳاهون پڻ سمايل آهن جيڪي خاص طور تي آکاڻين ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل آهن. مثلاً هڪ آکاڻيءَ ۾ لکيل آهي ته: | |
| ”ڪچي پڪي ٻير کاڌم، | |
| ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، | |
| ڪڪڙ جي کنڀڙاٽي کاڌم، | |
| ڇيڻن چونڊيندي ڇوڪري کاڌم، | |
| باقي توکي نه کان.“ | |
| ڪنگ جي ناني، ڪنگ کي ڳولڻ وقت هيئن ٿي چئي ته: | |
| ”لوهار ڙي لوهار، تو ڪو ڪنگ ڏٺو؟ | |
| منهن موڙيندو، چپ چوريندو، | |
| ناني گهوري، ڪنگ نيرانو ويو نڪري.“ وغيره. | |
| لوڪ ڪهاڻين جو ستون ڪتاب ”مشهور سنڌي قصن ۽ عشقيه داستانن“ تي مبني آهي. هن جلد ۾ جيڪي ڪهاڻيون پيش ڪيل آهن انهن کي مضمون ۽ مقصد جي لحاظ کان پنجن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو. (1) ڪهاڻيون، (2) عشق و محبت جون حڪايتون (3) ڪن مشهور ڪردارن بابت روايتون (4) پوڻ درياء جون يادگيريون ۽ (5) نيم تاريخي حڪايتون. | |
| هن جلد ۾ ڊاڪٽر صاحب جيڪي به ڪهاڻيون ڏنيون آهن، انهن جون مختلف روايتون جيئن مليون آهن، اهي ائين ئي بيان ڪيون ويون آهن. مثلاً: سونل جون ٽي روايتون، ڏمڻ سوناري جون ٻه روايتون ۽ گامون سچار جون ڇهه روايتون. هرهڪ روايت پنهجي سٽاءَ جي لحاظ کان مستقل درجو رکي ٿي. انهن ۾ جيڪي ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن، انهن ۾ اتر سنڌ ۾ ٽي، لاڙ ۾ ٻه ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اٺ رائج رهيون آهن. باقي اوڻيهه سنڌ جي تاريخ يا سڄي سنڌ جي مجموعي روايتن ذريعي معلوم ۽ مشهور آهن. هن جلد ۾ سونل، ڏمڻ سونارو، بوبنا جراڙ، وڪيو ڏاتار، گامون سچار، پڊاماڻي پنرو، انڙ انڙاڻي،. سونل پري، ڄم پونئرو، جسوڌن بادشاهه، همير سومرو، عمر ۽ گنگا وغيره شامل آهن جيڪي تاريخي لحاظ کان اندازاً ڏهين يا يارهين صدي عيسويءَ سان تعلق رکندڙ آهن. | |
| لوڪ ڪهاڻين جي انهن ستن جلدن ۾ جيڪي به ڪهاڻيون شامل آهن، اهي سڀئي ڊاڪٽر صاحب جي محنت ۽ ڪاوش جو نتيجو آهن. انهيءَ کان علاوه انهن ڪتابن جا پيش لفظ ۽ مقدما جيڪي ڊاڪٽر صاحب لکيا آهن، جن ۾ هر جلد ۾ آيل ڪهاڻين، آکاڻين ۽ ڳالهين جي باري ۾ سڄو تفصيل ڏنو آهي ۽ انهن ڪهاڻين جي ڪردارن تي به تفصيل سان لکيل آهي. انهن ڪهاڻين جي تاريخي ۽ سماجي پس منظر جي باري ۾ لکيل آهي. انهيءَ کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب ٻيا به ڪيترائي ڪتاب جن ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون ۽ عشقيه داستان ترتيب ڏنا آهن، اهي سڀئي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي خدمتون جيڪي ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيون، ڪڏهن به نه ٿيون وساري سگهجن. | |
| حوالا | |
| (1) الانا، غلام علي، (ڊاڪٽر: ”هڪ ٻهڳڻو دانشور“)، مقالو، نئين زندگي حيدرآباد، ڊسمبر 2000، ص 7. | |
| (2) ايضاً. | |
| (3) ايضاً. | |
| (4) سنديلو، عبدالڪريم ڊاڪٽر (سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1973ع، ص 2. ۽ مهراڻ 4، 1991ع، ص 69، 70 سنڌي ادبي بورڊ. | |
| (5) حوالو، ص نمبر 1، نارائڻ ڀارتي، سنڌي لوڪ ساهت، سنڌي ٽائمس، الهاس نگر 3، 1988ع، ص 9، 10. | |
| (6) ابراهيم جويو، مهراڻ 1976ع ص 79، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد. | |
| (7) شيخ محمد اسماعيل سگهڙن جو سرواڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نئين زندگي حيدرآباد، ڊسمبر 2000ع ص 29. | |
| (8) ايضاً ص 29. | |
| (9) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: لوڪ ڪهاڻيون جلد پهريون، مقدمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد. | |
| (10) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر:سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ص 2، 1973ع. | |
| (11) حوالو نمبر 9. | |
| (12) حوالو نمبر 10 ص 427. | |
| (13) ايضاً. | |
| (14) ايضاً. | |
| (15) بلوچ، نبي بخش خان: لوڪ ڪهاڻيون جلد(1) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد. | |
| (16) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد (3) سنڌي ادبي بورڊ. | |
| (17) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد (3) سنڌي ادبي بورڊ. | |
| (18) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد (5) سنڌي ادبي بورڊ. | |
| (19) ايضاً لوڪ ڪهاڻيون جلد(6) سنڌي ادبي بورڊ. |