arnizamani's picture
Upload 93 files
001f785 verified
Raw History Blame Contribute Delete
204 kB
ڪتاب جو نالو: سرتيون 2006ع
سرتيون مارچ 2006ع
ثمينه ميمڻ
اٺين مارچ - عورتن جو عالمي ڏِينهُن!
اٺين مارچ تي ڪيترن مُلڪن ۾ موڪل جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.
اٺين مارچ، جيڪو ”عورتن جي عالمي ڏينهن“ جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري ۾ به ياد ڪيو ويندو آهي.
اٺين مارچ جو ڏينهن سڄي دنيا جون عورتون ملهائينديون آهن.
اٺين مارچ جو ڏينهن پاڪستان ۾ به عورتن جون تنظيمون ملهائينديون آهن.
سنڌ ۾ به اٺين مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.
اٺين مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان، سڄي دنيا ۾ سيمينار منعقد ڪيا ويندا آهن. جلسا ڪيا ويندا آهن. جلوس ڪڍيا ويندا آهن. تقريرون ڪيون وينديون آهن. ٺهراءَ پاس ڪيا ويندا آهن.
اٺين مارچ، عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، ۽ انهيءَ ڏينهن عورتن جا حق به ڪجهه وڌيڪ ياد ايندا آهن. عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جو اظهار به ڪيو ويندو آهي. اڻبرابري، جنسي مت ڀيد، نا انصافي، ڏاڍ ۽ ظلم خلاف وچن ورجايا ويندا آهن. گهُرون ڪيون وينديون آهن. عورت جي عظمت جا ڳڻ ڳاتا ويندا آهن.
عورت، جيڪا ماءُ آهي، ڀيڻ آهي، زال آهي، ڌيءُ آهي، ڪليگ آهي -- انهيءَ جي سنڌ ۾ ڪهڙي حالت آهي؟ سنڌي سماج، جنهن ۾ پاڻان وڏيءَ کي امان، هڪجيڏيءَ کي ادي، ڀيڻ ۽ پاڻان ننڍيءَ کي بابا، پُٽ، ڌيءَ سڏيو ويندو آهي. (يا سڏيو ويندو هو!) -- اڄ ان جي حيثيت ۽ اهميت سنڌي سماج ۾ ڪهڙي آهي، اها اسان سڀني کي خبر آهي.
اولهه جي ملڪن ته ”عورتن جي عالمي ڏينهن“ کي قديم يونان جي عورتن جي تحريڪن، فرينچ انقلاب سان وڃي ملايو آهي. ڇا اسين سنڌي عورتن جي جاکوڙ کي ”مارئي“ سان، سسئي سان، نوريءَ سان نٿا ملائي سگهون؟ ٻاگهُل ٻائيءَ سان نٿا جوڙي سگهون؟ مائي بختاور سان نٿا ملائي سگهون!
انتهائي قديم دَور ۾ سنڌي سماج مائيتو (Motherly) سماج هو، جيڪو پوءِ پيئتي (Fatherly) سماج ۾ تبديل ٿيو پر پوءِ به سنڌي سماج ۾ نياڻين جي ميڙ نه موٽائبي آهي. (يا هئي!) ڌاڙيل به عورتن کي پاتل زيور نه لهرائيندو آهي (يا هو!).
اڄ انهيءَ ئي سنڌي سماج ۾ عورت جو ڍورن وانگر وڪرو، ڏنڊ ۾ عورت ڏيڻ، پلئه ۾ عورت کي خون ڪرڻ، ڪاري ڪري مارڻ بنان غسل ۽ ڪفن جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏڻ.
اٺين مارچ تي اسان کي، توهان کي، ان سنگين صورتحال تي سوچڻ گهرجي ۽ ان جهالت جي دور مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪي عملي اُپاءَ وٺڻ گهرجن.
- ادارو
خط: ايڊيٽر ڏانهن
جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي ۽ وڌي ويجهي سنڌي ساهت.
ادي! هن وقت رات جو ڏيڍ ٿيڻ وارو آهي. منهنجون ٽي ڌيئر حميدان، فهميدان، سسئي ۽ پٽڙا سرمد ۽ سچل توڙي سندم جيون ساٿياڻي وحيدان سنڌو گهري ننڊ ستل آهن. سياري جي آخري رات آهي، بهار جا پهريان پهر شروع ٿي چڪا آهن. اوهان کي پنهنجن گهر ڀاتين ۽ سهيلين سميت ”بسنت رت“ جون واڌايون هجن.
مان هن وقت ننڍڙي سچل ۽ سندس جيجل جي پيرانديءَ کان پلنگ تي پلٿي ماريون توهان ڏانهن هيءُ خط ۽ ماهوار ”سرتيون“ فيبروري 2006ع تي تبصرو ۽ ”سرتيون“ جي بهتريءَ لاءِ تجويزون تحرير ڪري رهيو آهيان.
”سرتيون“ رسالي جو پراڻو پڙهندڙ هجڻ باوجود پهريون ڀيرو ”سرتيون“ لاءِ لکي رهيو هوس.
هن خط لکڻ کان اڳ ۾ ڪشمير جي عظيم سپوت شهيد مقبول بٽ جي خطن جو مجموعو ”شعور فردا“ پڙهي رهيو هوس. شهيد مقبول بٽ ”ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ (JKLF) جو سرواڻ ۽ ڪشميري قوم جو عظيم اڳواڻ هو. هن جا هي خط ”پاڪستان ۽ هندستان“ جي مختلف جيلن ۾ قيد هجڻ وقت لکيل آهن. سماجي ڀلائيءَ جي کاتي جي سوشل ويلفيئر آفيسر محترم محمد سعيد اسد پاران ترتيب ڏنل مقبول بٽ جي خطن جو هي مجموعو مرتب پاڻ مون کي ”آزاد ڪشمير“ جي باغ شهر ۾ 29 مئي 2004ع تي ٿيل آزاد ڪشمير جي سماجي تنظيمن جي پهرين ڪانفرنس ۾ منهنجي ڪيل تقرير ٻڌڻ کان پوءِ هي مختصر نوٽ: ”حسين سارنگ صاحب ڪي جذبئه حب الوطني ڪي نذر“ لکي ڏنو هو.
هن ڪتاب جا ٻه خط جيڪي ٻن عورتن ڏانهن لکيل آهن، اهي ترجمو ڪري ”سرتيون“ ڏانهن موڪلبا.
هن خط ۽ تبصري سان گڏ پنهنجا 25 بيت ”ٻهراڙيءَ جون عورتون“ پڻ توهان ڏانهن موڪلي رهيو آهيان.
ماهوار ”سرتيون“ فيبروري 2006ع ۾ ڇپيل مواد تي تبصرو/ تنقيدي جائزو
ٽائيٽل روايتي سنڌياڻي سنڌي ڳهن ڳٺن ۽ لباس سان سينگاريل آهي. ٽائيٽل جي تصوير/چتر جو خالق ڪير آهي؟ ڪجهه به ڄاڻايل نه آهي. ٽائيٽل جي پٺيان ”سرتيون شاهه لطيف چئي“ ۾ سنڌ جي سورمي سهڻيءَ جي اندروني ڪيفيت، احساس ۽ جذبي جو ترجمان ”بيت“ ڏنل آهي. ان ۾ سهڻيءَ کي ملندڙ مهڻي کي شاهه لطيف ان جي واتان سندس مرڪ چورايو آهي:
-- ادارئي ”سوچ ويچار“ جي عنوان ”اچو ته نئون سماج اڏيون“ ۾ اسان جي سنڌي سماج ۾ عورت جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. آخر ۾ اميد رکي وئي آهي ته، ”اڄ انهن تهذيب يافته عورتن کي جيڪي سنڌ جي تهذيب، روايتن جي مضبوطيءَ جون امين آهن، اڳتي اچي هن زخمي ٿيل سماج جي نئين سر اڏاوت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.“
محترم حفيظ قريشيءَ جو ليک ”منهنجي خاندان جو لطيف شناس عورتون“ ڏاڍو زبردست آهي. اهو مضمون اسان جي سنڌي عورت جي لطيف سان لڳاءُ جو عملي ثبوت آهي. هن ليک ۾ آيل اهڙن بيتن جيڪي بقول حفيظ قريشيءَ کي شاهه جي رسالي ۾ ئي ڪونهن، تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. سڄي ڀارت ۾ سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ پهرين عورت مانائتي ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ جو تحقيقي مضمون ”سنڌي شعر ۾ قدرت جا چٽ“ ڏاڍو وڻيو اهڙي تحقيق جي تمام گهڻي گهرج آهي.
سنڌ ڄائي ”رتنا گوديا رولاڪ“ جي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“ پڙهي سنڌي عورت جي عظمت کي محسوس ڪندي ڪنڌ فخر کان مٿي ٿي ويو. مانائتي رتنا رولاڪ جي سنڌ بدريءَ جي سفر ڪٿا، تعليم سان چاهه، جوان عمريءَ ۾ ڪانگريسي نيتائن/ اڳواڻن جي ست ڏينهن راتيون پهريداري دکدائڪ شاديءَ سان نڀاءُ، سهري ۽ ٽي بيءَ جي مريض وَرَ جي خدمت ۾ سندس امڙ جي جوابي خط پڙهڻ کان پوءِ رتنا جي راءِ ۽ احساس سندس مهانتا کي سلام ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. سندس لفظن: ”مون خط پڙهي چمي چيو امان مان وري ڪڏهن به توکي شڪايت ڪري دک نه ڏينديس. مون کي جيئڻ ۽ جيئارڻ جو مقصد ملي ويو.“ ۾ ڇا ته انسانيت، عظمت ۽ اتساهه آهي.
هن قسم جي آتم ڪٿا جي چونڊ ۽ ڇاپڻ لاءِ ”سرتيون“ سٿ جس لهڻي! ايندڙ قسطون پڙهڻ جو شدت سان انتظار رهندو. آتم ڪٿا جي هر قسط جي منڍ جي باڪس ۾ رتنا رولاڪ جو مختصر سوانحي نوٽ (Biographical Note) لکڻ گهرجي.
ڊاڪٽر نگينه پروين سان ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جي ڳالهه ٻولهه پڻ وڻي. سوالن کان پوءِ گڏيل طور جواب ڏنل آهن. انڪري جواب پڙهڻ وقت سوال کي وري پڙهڻو ٿو پوي.
مانائتي تنوير جوڻيجو صاحبه جي ليک ”اچو ته قانون سکون“ ۾ وقت جي قانون بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏني وئي آهي. اميد ته هن قسم جي قانوني ڄاڻ اڳتي به ڏني ويندي.
ادي، مان بنيادي طور سماجي ۽ سياسي قومي ڪارڪن ۽ پتڪڙو غير معروف شاعر آهيان. ڪهاڻيون گهٽ پڙهندو آهيان. سائين ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کان سواءِ ٻين ڪهاڻيڪارن جون تمام ٿوريون ڪهاڻيون پڙهيون آهن، سڄي رسالي مان توهان جي ڪري (ياد رهي ته منهنجي ننڍي ڀيڻ ستين درجي جي شاگردياڻيءَ جو نالو به ثمينا آهي) توهان جي ڪهاڻي ”وِرِهه وڇوڙا“ پڙهي آهي، توهان جي ڪهاڻيءَ جي منظر نگاري سٺي آهي. ڪهاڻي پڙهندي ائين لڳو ته مان ڪٿي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويٺو آهيان ۽ سڄو منظر پنهنجن اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي رهيو آهيان. مون کي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي منجهيل لڳي. ڇو ته خبر نه ٿي پوي ته ڪهاڻيءَ جي ڪردار ”خالد“ آخر ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو. ڪهاڻيءَ جي نالي ”ورهه وڇوڙا“ مان لڳي ٿو ته ڪردارن سپ ۽ خالد ۾ وڇوڙو ٿيو آهي، پر لکت ۾ ان قسم جو اظهار نه ٿيل آهي، منهنجي راءِ آهي ته ڪهاڻيءَ جو عنوان بدلايو يا آخر ۾ اهڙا جملا ضرور ڏيو جن مان پڙهندڙ کي لڳي ته سپَ ۽ خالد جو وڇوڙو ٿي ويو.
شاعريءَ بابت راءِ/ جو جائزو
ومي سدا رنگاڻيءَ جي آزاد شاعري احساساتي اظهار آهي. سندس ڪوتائن ۾ فطري سونهن، بک جو احساس، وڇوڙي جا وڍ، اڪيلائيءَ جا آلاپ ۽ سچ جي صدا آهي.
69 سالن جو تجربو رکندڙ ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ صاحب جون سانڍڻ جهڙيون سوچون/ قول/ چوڻيون/ ڪهاوتون به شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ ڏنل آهن. انهن کان پوءِ صديقي پنهنجي شعر ”پيغام“ ۾ سنڌي سماج جي هاڻوڪين حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي. شعر جي منڍ ۾ لڳي ٿو ته صديقي صاحب روايتي ماضي پرستي اظهاري رهيو آهي پر آخر ۾ ثبوت ڏئي ٿو ته هو مايوس نه آهي. هو روشن مستقبل لاءِ نه صرف پر اميد آهي. پر ان لاءِ تجويز پڻ پيش ڪري ٿو:
سڌري سماج سگهندو، پر بر طرف ٿئي هي، تعليم جنهن ۾ عملي، ڪو امتزاج ناهي.
(زاهد دارا ابڙو) درياهه جي سڪڻ تي دانهون ڪيون آهن. هو اسان جي نڙگهٽ تي رکيل ڏاڍ جي پير جي کڙيءَ کي ڪو نالو نه ڏئي سگهيو آهي. اهو سندس لاءِ الميو آهي! زاهد جو تخيل ڏاڍو سگهارو آهي. ادا زاهد! سنڌي سٻاجهڙي قوم کي ڳجهارتون نه ڏيو. سنئين سڌي ڳالهه ڪريو، منهنجي خيال ۾ اهو الميو اسان جي قومي غلامي ۽ ڌرتيءَ تي ڌارين جو ڌاڪو ۽ اسانجن وسيلن جي ڦرلٽ آهي.
-- ساگر محمد حسين مهر جا چؤسٽا عورت جي عظمت لاءِ سندس احساس ۽ جذبا آهن. امڙ، سنڌ جي عورت، ليڊي ڊائنا ۽ مدر ٽريسا سندس چئن چؤسٽن جا موضوع آهن. ساگر صاحب سندم ذاتي دوست آهي، هو سٺو ادبي، سماجي ۽ سياسي قومي ڪارڪن آهي، سندس شاعري اڳ ۾ به پڙهيل ۽ ٻڌل آهي. هنن چؤسٽن ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خيالي پختگي آهي.
-- هند جي سنڌياڻي شاعرا مايا راهيءَ جون سوچون ڏاڍيون پختيون آهن. سندس ٻولي به سهڻي سلوڻي ۽ پياري آهي. سندس آزاد شعر ”تون ڪير آن؟“ محبت جو مانائتو اظهار آهي.
بنفشه بهار جو غزل ”عضب ٿي وڃي“ سندس جذبن، اميدن، آسرن ۽ احساسن جو سٺو اظهار آهي، سندس وائي ”ڪا ڇانوَ ڪر“ تتل واريءَ واري ڊگهي سفر تي ويندڙ ٿڪل پيرن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي، هوءَ هلڻ چاهي ٿي پر کيس سهاري جي گهرج آهي. سندس غزل ”کلڪارا ڏي“ سندس وسيع نظريءَ جو ثبوت آهي:
دل جا سڀ نظريءَ بار ڪڍي ڇڏي، اهي مڙيئي مونجهارا ڏي! ماڻهو ڏس ڪيڏا تڙپن پيا، تن کي تون سهارا ڏي!
بنفشه بهار جو شعر ”ڪاري ٿي ڪٺل“ سندس احساسن جو ڀرپور اظهار آهي:
ايڏو پيار نه ڪر مون سان، مان پيار کان ڊنل آهيان. پنهنجن ئي پيارن هٿان، مان ڪاري ٿي ڪٺل آهيان.
بنفشه هن موضوع تي لکيل مانائتي عطيه دائود جي شاعري ضرور پڙهي.
-- (شاد/ شايد/ شاد هجي) جي تخليق ”هڪ ڪويتا“ سندس ذهني سوچن جو اولڙو آهي. هن پاڻ کي ٻين کان نرالو سمجهيو آهي. جڏهن ته پيڙا سڀن لاءِ پيڙا هوندي آهي صرف شدت جوا حساس مختلف هوندو آهي.
ماهوار ”سرتيون“ جي ترقيءَ لاءِ تجويزون/ سڌار ۽ سنوار لاءِ صلاحون
سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ماهوار ”سرتيون“ عورتن جو اڪيلو رسالو آهي. ان جي بهتري، ترقي، سنوار ۽ سڌار لاءِ ڪجهه صلاحون عرض رکجن ٿيون:
* عورتن جي مسئلن جي حل ۽ سندن ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن ۽ ادارن (CSOs) سان رابطو ڪري سرتيون خريدڻ لاءِ سهڪار وٺڻ.
* تعليم کاتي جي معرفت تعليمي ادارن ۾ ”سرتيون“ جي کپت کي يقيني بڻائڻ.
* عورتن جي حوالي سان ضروري ڄاڻ، نون ۽ نرالن موضوعن (دنيا ۾ عورتن جي حيثيت، سنڌي عورت جي سماجي، معاشي سياسي ارتقا ۽ تاريخ، پدرشاهي ۽ سنڌي عورت، سنڌي عورتن جا مسئلا ۽ سندن حل، تنظيم سنڌي عورتون وغيرهه) تي تحقيقي ليک ڇاپڻ.
* رسالي ”سرتيون“ لاءِ اشتهارن جو انگ وڌائي ان جي قيمت اڃا به گهٽ ڪرڻ.
* سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ ”سرتيون“ جي موجودگي يقيني بنائڻ.
* خطن ۽ عورتن بابت لکيل ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ الڳ ڀاڱا ڇاپڻ.
* عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن ۽ تنظيمن توڙي تحريڪن جي ڪارڪردگي ڇاپڻ.
حسين سارنگ
گهوٽڪي، سنڌ
سحر امداد
اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وِمين
اٺين مارچ جي ڏينهن او جيڏي! ٻن اکڙين مان لڙڪ اُگهي ڇڏ!
مَرڪي مَرڪي مَرڪي مَرڪي هٿ ۾ هڪڙو بينر کڻ تون ۽ پوءِ هڪڙو نعرو هڻ تون
اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين، اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين،
سسئي، سهڻي، سورٺ، مومل مارُل، نوري، ليلا، ٻاگهل پنهنجي لوئيءَ جو جهنڊو اُڀ تائين جهولائي جادُل
جهنڊو اُڀ تائين جهولائي پٽ تي پنهنجا پيرَ کپائي ۽ پوءِ اُوچي سُر ۾ ڳائي اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين، اسٽاپ هَريسنگ ورڪنگ وِمين.
سرتيون رپورٽ
”لطيف اسان کي ڇا ٿو سيکاري؟“
انهيءَ عنوان تي 21 فيبروريءَ تي مظهرالحق صديقيءَ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ جي صدارت ۾، سنڌالاجي آڊيٽوريم ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ليڪچر ڏنو. اهو ليڪچر ”شاهه عبداللطيف سيل، سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران رکيو ويو هو. آڊيٽوريم ٻڌندڙن سان سٿيو پيو هو. واڌو ڪرسيون رکيون ويون هيون.
سنڌي ڊپارٽمنٽ جي شاگرد دائود دانش تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي ۽ ان کان پوءِ سڪندر بڙديءَ لاکيڻي لطيف جي وائي ”بوند برهه جي بهار لڳي، درد ونديءَ جو ديس وسي پيو“ ڳائي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه چيئرمن سنڌي ڊپارٽمنٽ آجياڻي تقرير ڪئي. سنڌي ڊپارٽمنٽ جي ريسرچ جرنل ”ڪينجهر“ جو مهورت ڪيو ويو. پوءِ ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ، انچارج شاهه لطيف سيل، سنڌي ڊپارٽمنٽ، پاران، ”سيل“ جي پروگرام، رٿائن بابت ڳالهايو. ان ۾ بنيادي ڳالهيون هي هيون:
* اڻڇپيل معياري مواد هٿ ڪرڻ/ڇپائڻ
* ليڪچر پروگرام جاري رکڻ
* تحقيق لاءِ نوان موضوع ڳولڻ
* ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ چوڻ
* شاهه جي ڪلام ۽ ٻوليءَ بابت ورڪشاپ
ان ڏس ۾ جيڪي مالي مشڪلاتون آهن، انهن کي دُور ڪرڻ جي ڳالهه ڪري، ڊاڪٽر مفتيءَ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ سڏيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي تمهيدي طور چيو ته:”آءٌ نه پروفيسر آهيان، نه ڊاڪٽر. آءٌ اڄ به پاڻ کي ليڪچرار سمجهان ٿو، جنهن حيثيت سان آءٌ يونيورسٽيءَ ۾ آيس.“ پوءِ اصل موضوع ڏينهن ايندي چيائين ته ”شاهه اسان جو ساٿي آهي، اهو مون سدائين محسوس ڪيو آهي. شاهه جي ڪلام جا سرچشما آهن. شاهه اُتان اتساهه ورتو آهي.“ ان ڏس ۾ پاڻ هندي ۽ فارسي شاعريءَ ۽ گرنٿ صاحب مان حوالا ڏنائين. سندس ليڪچر جون بنيادي ڳالهيون هي هيون:
* شاهه شاعر محبت آهي.
* عدم تشدد جو حامي آهي.
* ڪيني جي خلاف آهي.
* هندو سماج/هندو ميٿالاجي
* شاهه سڄو داستان نه چيو آهي، پر اُهي حصا کنيا آهن، جن ۾ جدائي ۽ ڪشمڪش آهي.
* مومل ۽ ليلا جا ڪردار ملن ٿا، ٻنهي ۾ هٺ آهي.
* ليلا به هٺيلي هئي، هن مڻئي تي موهجي، ور وڃايو ۽ ڏهاڳ جو ڏينهن ڏٺائين.
* مارئيءَ ۽ نوريءَ ۾ نياز ۽ نئڙت آهي.
* سسئيءَ تي پنج سُر آهن.
ليڪچر کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کان سوال ڪيا ويا، جن جا پاڻ جواب ڏنائين.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس، ليڪچر ۽ شاهه جي باري ۾ ڳالهايو. آخر ۾ محفل جي صدر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر مظهرالحق صديقيءَ موقعي جي مناسبت سان ڳالهائيندي چيو ته:
* ڪنهن به ذميواريءَ جو بار کڻو ٿا ته اها نڀايو.
* شاهه نهٺائي ۽ سهپ سيکاري ٿو.
* شاهه انساني خوبصورتيءَ جو اظهار ڪري ٿو، جنهن ۾ سخاوت، سهپ ۽ سورهيائيءَ ۽ حب الوطنيءَ جا گڻ اچي وڃن ٿا.
* شاهه انسان جي خوبين ۽ خامين کي اظهاريو آهي.
وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي مظهرالحق صديقيءَ ”شاهه لطيف سيل“ جي مالي مشڪلاتن دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
ان ليڪچر جي سڀ کان سٺي ڳالهه نوجوان شاگردن جي ڀرپور شرڪت هئي ۽ انهن ڏاڍا سٺا سوال پڻ ڪيا، جنهن مان ائين لڳو ته شاگرد شاهه بابت نه رڳو ڄاڻڻ ٿا گهرن، بلڪ هو شاهه بابت گهڻو حساس پڻ آهن.
رپورٽ:ثمينه ميمڻ
سنڌي ادبي بورڊ جي نئين جڙندڙ انتظامي بلاڪ، ميوزيم ۽ ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب
تازو تاريخ 2006/02/15 تي سنڌي ادبي بورڊ جي نئين جڙندڙ انتظامي بلاڪ، ميوزيم ۽ ڊسپلي سينٽر جي پيڙهه جي پٿر رکڻ جي افتتاحي تقريب ٿي، جنهن جي صدارت صوبائي وزير تعليم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرپرسن مئڊم حميده کهڙو جن ڪئي.
ان کان پوءِ تقريب جو باقاعدي آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿيو ۽ اسٽيج تي ويٺل چيئرپرسن سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر حميده کهڙو، وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ بورڊ جي ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين کي روايتي سوکڙيون ۽ گلن جا هار پيش ڪيا ويا. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري انعام الله شيخ آجياڻي تقرير ڪئي ۽ پنهنجي قيام دوران بورڊ جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي. ان کان پوءِ محترم حميد سنڌيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن بورڊ جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪمن کي ساراهيو ۽ چيو ته بورڊ ۾ هميشه ڪم ٿيندا رهيا آهن، هيءُ به هڪ تسلسل آهي. ڪجهه وقت بورڊ جو وهنوار ٺپ هو گرانٽ نه هئڻ سبب، پر هاڻوڪي سنڌ حڪومت ۽ مئڊم حميده کهڙو جي ذاتي دلچسپي هئڻ ڪري بورڊ کي گرانٽ ملي آهي ۽ ڪم وري ٿيڻ لڳا آهن.
بورڊ جي ميمبر پروفيسر فهميده حسين چيو ته آءٌ مبارڪباد ڏيان ٿي بورڊ جي سيڪريٽري انعام شيخ کي جنهن مختصر عرصي ۾ بورڊ کي خرابين کان پاڪ ڪيو. ڪجهه وقت گرانٽ نه ملڻ سبب ڪم بيهجي ويو هو، جيڪو هاڻ سنڌ گورنمينٽ جي ڪوششن سان ۽ مئڊم حميده کهڙو جي ذاتي دلچسپي هئڻ سبب بورڊ جو ڪم جاري ساري ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ جي سيڪريٽري وڏي اتساهه سان اداري کي سنڀاليو آهي ۽ وڌيڪ چيو ته سرتيون رسالي جي معاملي تي ميمبر هئڻ جي ناتي پبليڪيشن سان وابسته هئڻ سبب اهو چونديس ته ڪمپيوٽر جون غلطيون ٿي وينديون آهن، جنهن کي نظرچڪ سمجهي رفع دفع ڪيو وڃي. ان کان پوءِ دانشور ڊاڪٽر غلام علي الانا کي ڳالهائڻ لاءِ دعوت ڏني وئي، جنهن چيو ته ادبي بورڊ هڪ وڏو سفر آهي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان اڄوڪي هن محفل ۾ اچڻ کان پوءِ مان 1946ع ۾ هليو ويو آهيان. اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ هن جي آفيس هئي. غلام رباني، سراج ميمڻ ۽ ٻيا ويهندا هئا، پوءِ ڪراچيءَ مان حيدرآباد ۾ آفيس قائم ٿي. مخدوم صاحب جڏهن چيئرمن هو ته ”امين منزل، ۾ ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون. ادبي بورڊ ۾ جيڪڏهن ابراهيم جويو، ايوب کهڙو ۽ طالب الموليٰ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا ماڻهو نه هجن ها ته ايڏو ڪم نه ٿئي ها. سيد حسام الدين راشديءَ جو بورڊ لاءِ وڏو حصو رهيو آهي. موجوده دور ۾ ارباب صاحب جهڙو علم دوست چيف منسٽر آهي. جنهن گرانٽ جي سلسلي ۾ کلي اجازت ڏني آهي. حميده کهڙو، ايوب کهڙو جي ڌيءُ آهي، نيڪ تمنائن سان انهن کي ۽ انعام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ميمبر به سٺا آهن. ادبي بورڊ غريب اديبن لاءِ فنڊ قائم ڪيو آهي، اها پهرين ڪوشش هن اداري ڪئي آهي. ادبي ڪتابن تي اَوارڊ پڻ سنڌي ادبي بورڊ کي ڏيڻ کپن.
ان کان پوءِ وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي مظهرالحق صديقيءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي همت افزائي ڪرڻ کپي. هيءَ محنت لاجواب آهي. هي بورڊ جا ورڪر جيڪي عظيم ملازم آهن، جيڪي ادب جي خدمت ڪن ٿا، ۽ وڌيڪ چيائين ته اديبن جي فند جو قيام تمام سٺي ڳالهه آهي، سنڌ جا اديب Contribute ڪندا ته برڪت پوندي. ان کان پوءِ ڏاهي، اديب ۽ دانشور ابراهيم جويي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ادبي بورڊ جون ڳالهيون ڪجن ته داستان لکي سگهجن ٿا. مون کي ادبي بورڊ ۾ خدمت جو موقعو مليو، 10 سال سيڪريٽري طور پگهاردار جي صورت ۾ ۽ پنج سال اعزازي طور ڪم ڪيو. ڪل 35 سال نوڪري ڪئي آهي، 15 سال ادبي بورڊ کي ڏنا آهن، جيڪو مون کان پڳو آهي. مون کان اڳ ادبي بورڊ جي سڪار ۽ ڏڪار جون ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن. ادبي بورڊ کي ڪم ڪرڻو آهي، جيستائين سنڌ آهي، سنڌي ٻولي آهي.
اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته پنهنجي ٻوليءَ جي تعليم جي بقا لاءِ سوچڻو آهي، پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين ٻوليءَ کي سڌارڻو آهي. اسين خوشنصيب آهيون جو سنڌي ادبي بورڊ کي مئڊم حميده کهڙو پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي هن اداري لاءِ گرانٽ منظور ڪرائي آهي.
ان کان پوءِ اسڪالر، دانشور، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب کي دعوت ڏني وئي، جنهن پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو ته پنهنجي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو، اڳتي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي ان کان به اڃا اڳتي لاءِ سوچجي. رڳو تعريفون ڪنداسين ته ڪم نه ٿيندو. انعام سٺو ڪم ڪيو آهي. ڀيڻ حميده کهڙو جيڪا وزير آهي، جنهن جي ڪوشش سان گرانٽ ملي آهي. اديب جيڪي لکن ٿا، انهن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ کپي، ريسرچ ڪرڻ کپي، جيڪو به ڪم ڪجي ان کان به وڌيڪ ڪم ڪجي، احسان ڪجي ٿورو ڪجي، قدم اڳيان وڌائڻو آهي. انشاءَ الله واڌارا ايندا رهندا، سڌارا ايندا رهندا.
آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرپرسن مئڊم حميده کهڙو کي سڏيو ويو ته اچي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن. ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه چيو ته آءٌ سڀني آيلن جي شڪرگذار آهيان. ادبي بورڊ جي وڏي حيثيت آهي. اسان جي گهرن جي لانن تي ميٽنگس ٿينديون هيون، مون کي ياد آهي ته منهنجو والد صاحب، حسام الدين راشدي ۽ سائين جي ايم سيد هوندا هئا، جيڪي هڪٻئي سان صلاحون ڪندا هئا. مون هڪ ڳالهه تڏهن نوٽ ڪئي اها هيءَ ته سنڌ جو ادب گم ٿيل آهي، جيڪو عام ماڻهن کي نه پئي مليو. ادبي بورڊ جو ڪارنامو آهي، جن ايڊٽ ڪرايو، شايع ڪرايو. ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“، ”لوڪ ادب“، ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“. لائبرريون اهڙن ڪتابن سان ڀريون پيون آهن. جڏهن مان هن بورڊ جي ميمبر هئس ته ڪم ختم ٿي چڪو هو. ملازم گهڻا هئا، ڪيئن ڪجي، ڇا ڪجي اهي بحث ٿيندا هئا، پئسو نه هو، ڪمن تي اثر پيو.
هاڻوڪي سنڌ حڪومت کي سنڌ جو خيال آهي، حڪومت ايتري خودمختيار ناهي، جهڙي ريت سنڌي ادبي بورڊ خودمختيار آهي. بورڊ جي ترقيءَ لاءِ اٺ ڪروڙ گرانٽ ڏني وئي آهي. بورڊ لاءِ اسان اسڪيم جوڙي آهي. جيئن پهرين اسڪيم تحت ئي ڪم ٿيا آهن.
سنڌ يونيورسٽيءَ کي ريسرچ جو ڪم ڏجي، شاگرد آهن، سهولت آهي، ڪتابن لاءِ نئين ريسرچ ڪن ٿا.
ڪتاب لکڻا آهن، سلسلو جاري رکڻو آهي. تعاون به ڪرڻو آهي. سڀ ادارا گڏجي ڪم ڪن. سنڌي ڊڪشنريون لکڻيون آهن، نوجوان نسل ۾ اسپرٽ آهي. دنيا جو شعور آهي، هن کوهه مان نڪرڻو آهي، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيا ادارا سڀ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اسين نه ٿا چاهيون ته تحقيق جو ڪم لئنگئيج اٿارٽي ڪري. اهو ڪم ادبي بورڊ کي ڪرڻ کپي. اَيوارڊ ليکڪن کي ملڻ کپي. ساليانه اَيوارڊ اسان ڏينداسين، گرانٽ کي 10 ملين تائين آڻينداسين.
سنڌي ادبي بورڊ کي ڪراچيءَ ۾ ڪتابن جي نمائش ضرور ڪرائڻ کپي. ضرورتمند ليکڪن لاءِ فنڊ قائم ڪيو آهي. سنڌي رائيٽرس کي ڪتابن تي اڌ قيمت جي رعايت ڏني ويندي.
ورلڊ ڪلاسڪ کي چونڊڻو پوندو. ويجهڙائيءَ ۾ مهراڻ رسالي جي گولڊن جوبلي ملهائي ويندي. ملازمن لاءِ رهائش جي ڪالونيءَ لاءِ پڻ ويچار ڪيو پيو وڃي.
آخر ۾ ووٽ آف ٿئنڪس لاءِ بورڊ جي ميمبر منصور قادر جوڻيجي کي سڏيو ويو جنهن ٻڌايو ته مون مئڊم حميده کهڙو صاحبه جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي. جڏهن انهن کي منسٽري ملي ته مون کي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ خاص هدايت ڪيائين ۽ چيائين ته ڏس بورڊ ڪهڙي حال ۾ آهي، ڇو ته هيءَ اسان جي وڏڙن جي نشاني آهي. آخر ۾ آءٌ توهان سڀني آيلن جا ٿورا مڃان ٿو، جن هتي اچي اسان کي مانُ ڏنو ۽ هن پروگرام جي آخر ۾ ريفريشمنٽ ڪرائي وئي ۽ ائين پروگرام پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.
آتم ڪٿا قسط ”3“ رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
هاڻ ته ڏينهن ڏٺم نه رات، ڊاڪٽرن وٽ ڪان کي وٺي ڀٽڪندي رهيس. ڊاڪٽرن کي منٿون ڪندي هئس ته ڪيئن به ڪري منهنجي مڙس کي بچايو. هر ڊاڪٽر مون کي سهارو ڏنو. علاج چالو هو ۽ هيڏانهن مان ماءُ بڻجڻ واري هئس. ڊاڪٽر مون تي ترس کائيندا هئا ته مان هنن کي کلي چوندي هئس ته هو اُهو قياس ڪن ٻين لاءِ سنڀالي رکن، مون کي ان جي ضرورت نه آهي. شاديءَ جي ٻارهين مهيني پٽ ڄائو. سڀني خوشيون ملهايون. هاڻ هڪ ٻي چنتا به ستايو ته گهر جو خرچ ته بابا ۽ شيوا جي ڪمائيءَ مان هلي ويندو. پر ڊاڪٽرن جو خرچ ڪٿان ايندو؟ جتي ڪان ڪم ڪندو هو، اُتان مون لاءِ ستارون پوئڻ جو ڪم وٺي آيو. گهر جي ڪم کان پوءِ اُهو ڪم ڪندي هئس. ٻه رپيا روز ملندا هئا. شڪر آ. ٻه رپيا گهر ويٺي ملن ته ٻيو ڇا کپي؟ ڊاڪٽر جو خرچ ته نڪري ايندو. هاڻ ڊاڪٽر چيو ته، ”ڏس، تون سياڻي آهين. جنهن لاءِ جيترو ٿي سگهيئي، مڙس کان پاسو ڪج، هيءَ وچڙندڙ بيماري آهي، ٻار جو به ڌيان رکج.“
”جي ها.“ چئي ته ويس، پر ڇا اهو ممڪن هو؟ نه ڪڏهن به نه، مون کي خبر هئي ڪان جي. هڪ ڏينهن به هو رهي نه سگهندو. هو ڪافي ڪمزور هو. سڄو ڏينهن پيو ڪنجهندو ڪرڪندو هو. هن جي هر مرضي رکي ويندي هئي. سڀني جي هن سان همدردي رهندي هئي. جنهن لاءِ هو ”نه“ ٻڌڻ جو عادي نه هو. گهر ننڍو، هڪ روم، رنڌڻو، ٻاهر روم ۾ بابا ۽ ڏير سمهندا هئا ۽ رنڌڻي ۾ مان ۽ ڪان. هاڻ ٻار به هو. هن هڪ رات غصي ۾ چيو، ”خبر نه آهي گهڻا ڏينهن جيئرو رهان. پوءِ دوائون ڇا جون وٺي پاڻ کي دُکي ڪريان؟ نه ڪندس دوا، پوءِ مران تنهن کان هاڻ مران ته توهان جي تڪليف دُور ٿيندي.“
هن کي سمجهائيندي هئس ته ٿوري وقت جي ڳالهه آهي. بس هاڻ تون جلد ٺيڪ ٿي ويندين. پر هو نه مڙيو. اُها عورت جي ڪيڏي نه مجبوري آهي، نه چاهيندي به هوءَ آواز نه ٿي ڪري سگهي. سماج جو ڊپ هن کي گونگو ڪيو ڇڏي. مان ته گونگي، ٻوڙي، ماس جو هڪ ڳوٿرو ٿي ويئي هئس. جنهن کي روز ڪيترو وقت به کپي مڙس چٿيندو رهي. عورت زبان هوندي به بي زبان ٿي رهي. منهن تي هڪ گهنج نه آڻي. ٿڪ سبب هڪ اوٻاسي به ڪنهن اڳيان ڏيئي نه سگهي. بس، منهنجي حالت به اهڙي هئي، سڄو ڏينهن بابا ڪپڙي جي ڦيري ڪرڻ ويندو هو. ڀلي ڳوٿري مزور کڻي هلندو هوس، پوءِ به ته ٿڪجي پوندو هو. مٿان وري پٽ جي چنتا، هن جي ننڊ کسي ورتي. ڪم لاهي اچي بابا جي پيرانديءَ کان ويهي زور به ڏيندي هئس ۽ حال احوال به ڏيندي وٺندي هئس. کلي چوندو هو، ”پٽ، تنهنجي هٿ لڳڻ سان ساڻن پيرن ۾ جان اچيو وڃي. چڱو وڃ، ٿڪي هوندينءَ.“
۽ پير کڻي ڪرونڊا ڪندو هو. مون کي ته عادت هئي. اُتي پيڪن ۾ پنهنجي پيءُ کي زور ڏيندي هئس ۽ هتي ڪان جي پيءُ کي. اُنهن پلن ۾ ئي مون کي ڪجهه شانتي ملندي هئي. اُن سال منهنجي ڏير شيوا جي شادي ٿي جن جو بسيرو رنڌڻي جي مٿان ٺهيل ٻڇتيءَ تي وسي ويو. هاڻ هڪ کان ٻه ٿياسين. ڪان بيماريءَ ڪارڻ تمام ضدِي ٿي پيو هو. سڄو ڏينهن اسپتال جا چڪر، آخر ڊاڪٽرن هن کي اسپتال ۾ ڀرتي ڪيو. ڇهه مهينا ڪي.ايم. اسپتال ته ڪڏهن ڇهه مهينا سيان ته ڪڏهن سورِي ٽي.بيءَ جي اسپتال. ائين اٺ سال گذري ويا. اُن وچ ۾ مون ٽن ٻارن کي جنم ڏنو، جنهن مان هڪ گذاري ويو، ڇهن مهينن جو پٽ هو. گهر ۾ ڪم ڪندي ڪندي خفي ٿي پيس. سلائي، پينٽ، ستارون پوئڻ. ان وقت منهنجو ساهيڙيون جيڪي اتي مئٽرڪ پڙهنديون هيون، شاهه، سامي ۽ ٻين جا بيت سمجهي نه سگهنديون هيون ته مون وٽ اچي انهن جي معنيٰ پڇنديون هيون. اُنهن کي سيکاريندي سيکاريندي منهنجي من ۾ به چاهه پيدا ٿيو ته مان به مئٽرڪ پاس ڪريان، سؤلي ته آهي. رڳو حساب سکڻا پوندا. ڪمارِي منهنجي تمام پياري سکي هئي، جنهن جي مڙس لڇوءَ مون کي ٻڌايو ته پرائيويٽ مئٽرڪ جو امتحان تون ڏيئي ٿي سگهين. مون بابا کان موڪل ورتي، پوءِ ته مون کي پڙهڻ جو ڄڻ نشو چڙهي ويو. مون گرائونڊ روڊ تي سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول مان فارم ڀريو. ڪوليواڊا ۾ ڀاوناڻي جي ڪوچنگ ڪلاس ۾ ٻه مهينا پڙهائي ڪئي ۽ مهيم ۾ موٽواڻيءَ وٽ حساب سکيس. ان وقت مون کي چئن ڪلاڪن لاءِ سلائيءَ جي نوڪري به ملي هئي. گهر جو سڄو ڪم، رات جو ٻه ٽي ڪلاڪ سڀ پاڙيواريون گڏجي گهر کان ٻاهر پئسيج ۾ پڙهندا هئاسين. 1964ع ۾ امتحان ڏيئي آيس. مان سٺين مارڪن سان پاس ٿيس ته موڪل وٺي ماءُ وٽ اٺن ڏينهن لاءِ رهڻ ويس. منهنجي ماءُ اجمير ڇڏي ناسڪ ۾ اچي اسپتال کولي هئي. سٺي آمدني هئس. منهنجو پيءُ گذاري ويو هو. منهنجي ڀيڻ به آئي هئي. اسان پڪچر ڏسڻ ويا هئاسين ته اڌ ۾ ئي پردي تي انائونس ڪيائون ته اسان جو پيارو جواهر لال نهرو هن دنيا ۾ نه رهيو. واپس گهر اچي ريڊيو هلائي احوال ٻڌندي رهيس ۽ روئندي رهيس. ٻئي ڏينهن ڪماريءَ جو خط مليو ته تون جلدي اچ، لڇو تنهنجي لاءِ نوڪري پڪي ڪري آيو آهي. واپس اچي فائونٽين تي سنئيرا اپريسل ۾ سيٺ منوهر لال واڌواڻيءَ وٽ هڪ سؤ پنجاهه رپيا پگهار سان سپروائيزر جي نوڪري ڪئي. صبوح جو سوير اٿي ٻارن جا ٽفن ٺاهي گهر وارن لاءِ رکي وي. ٽيءَ کان ڊڪندي ڊڪندي ويندي هئس. ٻه سال گذري ويا. منهنجو ڏير الڳ وڃي رهيو. مون کي پاڙي ۾ رهندڙ ستيءَ ماءُ چيو، ”رتنا، منهنجو هڪ ڪم ته ڪر. مون وٽ ويهه هزار رپيا آهن، تون ڪنهن وٽ رکائي ڏي. ڪمپنيءَ ۾ پهلاج سيٺ کي رپيا ڏيڻ ايندو ويندو هو. مون هن کان پڇيو ته چيائين ته ٻن ٽڪن تي ڪمپنيءَ ۾ ئي رک. مون ستيءَ ماءُ کي چيو ته ڏيڍ ٽڪو وياج ملندءُ. هن خوشيءَ سان چيو، ”اڙي، تون ٽڪو ئي ڏي، پر گئرنٽي تنهنجي.“ ائين ڪجهه ڪمائي وڌي ويئي،. هاڻ ڪان بلڪل ٺيڪ هو. پر جيڪو ماڻهو ڏهه سال گهر ۾ بنان ڪم جي رهيو، اُن کان ڪم ڪرڻ ڪيئن پڄندو؟ اوڙي پاڙي واريون ميڙي ويٺو ڪچهريون ڪندو هو. بابا به هاڻ گهر ۾ بيمار رهندو هو. مون کي وڏو آٿت هو جو ٻارن جي سار سنڀال جو اونو نه رهيو. ٽن سالن ۾ سيٺ پگهار نه وڌائي. پر ڪمپنيءَ ۾ منهنجي عزت هئي. ويهه ڪاريگر منهنجي هيٺ هئا. سڀني سان پيار ڪندي ئي ڪم ڪڍائيندي هئس. اچانڪ سيٺ جو دوست جاڪرتا ڇڏي هتي اچي ڪمپنيءَ کولڻ جو ويچار ڪيو. هن جا ڪلڪتي ۾ وڏا دڪان به هئا. اُنهن لاءِ مال اسان جي ڪمپني تيار ڪندي هئي. تنهن جو مون کي ۽ منهنجي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي ڏٺو ته مون کي چيائين ته توکي پارٽنر شپ ڏيندس جي تون مون وٽ هلي ڪم ڪرين ته. مون آهستي چيو ته پهريائين پنهنجي دوست کان ته پڇي ڏس. جي خوشيءَ سان موڪل ڏي ته پئسو مون کي به پيارو آهي. باقي منهنجو ارادو اُهو رهيو آهي ته هڪ سيٺ وٽ ڪم ڪنديس. پوءِ پنهنجو ڪم کولينديس.
سيٺ کان پڇڻ تي دَٻ کائي چپ ٿي ويو.
تڏهن مون سيٺ سان ڳالهايو ته ”يا ته پگهار وڌايو يا منهنجي استعيفا منظور ڪيو. هاڻ منهنجون ضرورتون به وڌيل آهن.“
هن يڪدم چيو ته، ”اسان وٽ جيڪو آرڊر ڊپارٽمينٽ آهي، اُهو مان هلائي نٿو سگهان. تون هلائين ته اڌ - اڌ کڻنداسين، محنت سڄي تنهنجي، قبول؟“
مون ڪجهه سوچي جواب ڏنو، ”اُهو ته برابر آهي، پر پنهنجيءَ گهر واريءَ کان پڇي ٻڌائجو، تڪڙ نه آهي، ڏهه ڏينهن پيا آهن.“
ٻئي ڏينهن کلندي چيائين، ”جوءِ چوي ٿي ته اسان جي لک رپيا لاڳت آهي، پنجاهه هزار تون اسان کي به ڏي.“
ٽهڪ ڏيئي چيومانس، ”ماسٽر، جي مون وٽ ايترا پئسا هجن ها ته مان نوڪري ڇو ڪريان، مان پنهنجو ڪم نٿي کولي سگهان؟“
ان هفتي ئي مون فائونٽين ۾ مسواڙ تي دڪان ورتو. مون وٽ ڪجهه رپيا هئا. ٻيا ويهه هزار سيٺ کان ستيءَ ماءُ وارا وٺي پنهنجو ڪم چالو ڪيم.
مون ڪان کي چيو ته، ”اچي دڪان تي وهج ته مان ٻاهران آرڊر وٺي اينديس.“
اُن ايريا وارا سڀ مون کي سڃاڻيندا هئا. مون ائمبرائڊريءَ جو ڪم کوليو جو تڏهن شرٽ تي مونوگرام ڪرائڻ جو فيشن هو. ڪم ته مليو پر ڪان چيو ته، ”مان سڄو ڏينهن دڪان تي ويهي نه سگهندس ۽ نه ئي مان هنن ڪاريگرن سان مٿو ماري ڪندس. مان ڪمزور لڳو پيو آهيان، منهنجو مٿو ٿو ڦري.“
سمجهايو مانس ته، ”اهو وهم ڪڍي ڇڏ. سڀني ڊاڪٽرن جو اهو ئي رايو آهي ته تون بلڪل ٺيڪ آهين.“
پر هو نه ويٺو. ٻارهن مهينن ۾ ئي مون دڪان اُتان کڻي دادر، گرونانڪ مارڪيٽ ۾ آندو جتي سندري اُتمچنداڻيءَ جي چوڻ تي هڪ ڇوڪري ”بچيءَ“ نالي رکي. ڇوڪري هڪ جوان، ٻي سهڻي، ٽين کل کل ڪندڙ ڪان هاڻ اچي اڌ ڏينهن وهندو هو.
منهنجي ٿوري بيپرواهيءَ ڪري مان وري ماءُ بڻجڻ واري هئس. ويهن ڪلن جي سئمپل بئگ کڻي ڪمپنيءَ ۾ ويندي هئس. آرڊر ته گهڻائي ملندا هئا پر اُن سان گڏ سيٺيون مشڪري ڪري صلاح ڏيندا هئا ته هاڻ توکي آرام ڪرڻ کپي. ڪن ته چيو، ”رتنا، اُتان لنگهندي پائيندي تنهنجي دڪان تي اچي آرڊر ڏيئي وينداسين.“ پر مون نٿي چاهيو ته ڪوئي سيٺ مون وٽ اچي.
نڪتل پيٽ ڍَڪڻ لاءِ اُبتي پلئه ساڙهي پائڻ لڳيس. وقت تي ماءُ وٽ هلي ويس. ڪان کي چيم ته ”مون کي ٻار نه کپي،“ پر هن ضد ڪري چيو ته، ”مون کي پٽ کپي، ٻه ڌيئر آهن ته پٽ به ٻه کپن.“
مان لڪي ڪري هڪ ڏينهن لاءِ ماءُ وٽ ويئي هئس ته ٻار نه کپي، پر هن انڪار ڪندي چيو ته، ”هڪ دفعو دوکو کاڌو اٿم. مون کي تنهنجي حياتي پيارِي آهي. ٻار نه کپيئي ته مون کي ڏيئي ڇڏج، يا هوءَ تنهنجي ساهيڙِيءَ ملڪاڻيءَ جي ڀيڻ کي ڏيئي ڇڏج. هن ويچاريءَ جو به گهر سائو ٿي پوندو. ٻارن کان سواءِ سڃ لڳي پيئي اٿن.“
ڳالهه ائين هئي جو جڏهن مون امتحان جي جي تيارِي پئي ڪئي ته مون کي ٻن مهينن جو گرڀ هو ۽ مون نه ٿي چاهيو. ماءُ وٽ وڃي منٿون ڪيون ته منهنجو آئيندو خراب ٿي ويندو. اڃا ته ٻار ۾ ساهه به نه پيو آهي. امان آخر مڃيو. ساڳئي ڏينهن پيٽ هلڪو ڪري ڇڏيائين. امان اسپتال ۾ هئي ته مائيءَ مون کي ٽماٽي جو سوپ ٺاهي ڏنو. اُن رات منهنجو وات بند ٿي ويو ۽ ڪنڌ ۾ سخت سور.
ڊاڪٽر لالواڻي امان سان ملڻ آيو هو ته امان مون کي ڏيکاري چيو ته، ”ڏس ته هن جو وات ڇو بند ٿي ويو آهي؟“
ڊاڪٽر يڪدم ٻئي ڊاڪٽر سندرداس کي گهرائي ڪري امان کي چيو ته، ”هن کي يڪدم بمبئيءَ جي نائر اسپتال ۾ وٺي وڃ. اسان جي ويچار موجب ٽيٽنس ٿيو اٿس.“
هن وري مون کان پڇيو ته، ”ڪو ڪوڪو وغيره ته توکي نه لڳو آهي؟“
مون ”نه“ ڪئي، پر پوءِ مون کي ياد آيو ته هفتو کن اڳ چمپل جو ننڍڙو ڪوڪو لڳو هو ۽ مون اُهو چمپل ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. پر مان ڳالهائي نه سگهيس. امان يڪدم مون کي رات جو ئي بمبئيءَ وٺي اچي نائر اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي ويهه ڏينهن منهنجو علاج ٿيندو رهيو، پر وات نه کلي، نه کليو. نڙيءَ رستي کير ڏيندا هئا. منهنجو سڄو ماس گم ٿي هڏا اچي بچيا هئا. ڊاڪٽرن جواب ڏنو ته امان منهنجيءَ جو سڏڪو ٻڌم. دل ڦاٽڻ لڳي. ڏاڏِي به اچي مون سان رهي. هن جون اکيون ڀريل هيون. ڊاڪٽر ٻڌايو ته اڄ هڪ وڏي ليڊي ڊاڪٽر ايندي هن کي ڏسڻ. مون کي اندر ۾ سڀ سجاڳي هئي. مون ڊاڪٽر کي هٿ جي اشاري سان چيو ته پنو پين ڏي. مون هنديءَ ۾ لکيو، ”ڊاڪٽر، مان مرڻ واري نه آهيان. مون کي ٻن مهينن کان پوءِ اِمتحان ڏيڻو آهي. توهان منهنجي مائٽن کي آٿت ڏيو.“
ڊاڪٽر پڙهي رهيو هو. ٻين سمجهيو منهنجي آخرين خواهش جي ڳالهه هوندي. چٺي پڙهي کلي امان کي ڏنائين.
ليڊي ڊاڪٽر اچي ڏسي چيو ته، ”مان ڪوشش ڪريان ٿي، پر هن ۾ خون اصل نه بچيو آهي. روز هيتريون سيون هڻندي به.“ اُداس ٿي هلي وئي.
مون کي اچي مونجهه ٿي، سو نڪ ۾ پيل نلي ڪڍي ڇڏيم. ڏاڏيءَ اُهو ڏسي ڪجهه سوچي هيڏانهن هوڏانهن نهاري چمچو کڻي منهنجي وات کي پڪڙي اندر دٻايو ۽ ٻئي چمچي مان کير اندر وجهندي رهي ۽ چوندِي رهي، ”بلي کير پيءُ، جلدي ٺيڪ ٿيندينءَ. پوءِ اسان ولايت هلنداسين.“ نرسن اچي ڏاڏيءَ کي پري ڪيو پر جادو ٿي ويو. منهنجو وات کليو ته مون مشڪي ڏنو. ائين منهنجو مؤت نراس ٿي موٽي ويو. هفتي کن ۾ مون کي گهر وڃڻ جي موڪل ملي. مهيني کن ۾ هڏين تي ماس چڙهي ويو. اُها سڄي مهرباني ڏاڏيءَ جي هئي، جنهن ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٺاهي پئي کارايو. امتحان سٺا ڏيئي آيس.
اهو ئي ڪارڻ هو جو ماءُ منع ڪئي. مان لاچار هئس. هيڏن سالن کان پوءِ ٻار ڄڻڻ ۾ شرم به پئي آيو. اُن دفعي به ڌيءَ ڄائي. منهنجي ماءُ جي سدورن هٿن سان پڇاڙيءَ جي ”اوگهه پوگهه“ نيلم.
سورهن ڏينهن کان پوءِ مان وري آرڊر وٺڻ ويس. منهنجو ڪم هر ڪمپنيءَ کي وڻندو هو. اُن وقت نئشنل رومال ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ ڪافي وڏو آرڊر ڏنو هو ۽ مرارجِي مِل وارن پهريون دفعو پوليسٽر جو ڪپڙو مارڪيٽ ۾ آڻڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ منهنجي دڪان تي ڪپڙو کڻي آيا ته هن مان ڪجهه اهڙو ٺاهي ڏي جيئن ڪپڙي مان خوشبوءِ اچي سڄي جلسي ۾ ڦهلجي وڃي. اسان ٻين کي به ڪپڙو ڏنو آهي. ڏسون ڪنهن جو ٿو ڪم سٺو نڪري. اُن کي ئي آرڊر ڏنو ويندو. پڇيومان، ”جلسو ڪڏهن آهي؟“
”مهيني کان پوءِ.“
مون چيو، ”ٺيڪ آهي، ٽن ڏينهن ۾ هتي اچي سئمپل کڻي وڃجو.“
هنن چيو، ”جي توهان ايندا ته وڌيڪ سٺو ٿيندو، سيٺ سان به گڏجي سگهندا.“
مون چيومان، ”نه، اُن جي ڪا ضرورت نه آهي.“
هن جي وڃڻ کان پوءِ سڄو وقت سوچيندي رهيس ته اهڙو ڇا ٺاهيان، جنهن مان خوشبوءِ اچي. اُن وقت ايمبرائڊري وارو ڪاريگر نئشنل وارن جي رومال جو سئمپل ڏيکارڻ آيو هو. هن کي ڪپڙو ڏيئي چيم ته گلاب جو گل ڀري اَچُ. وچ ۾ ٻيو ڪپڙو وجهي، کيسن وانگر کليل ڇڏجئين جيئن ڪپهه وجهي سگهجي. هو تمام هوشيار ڪاريگر هو. ڏهن منٽن کان پوءِ ٺاهي آيو. مون ڪپهه عطر ۾ ٻوڙي کليل کيسي ۾ وجهي، هن کان وري مٿان ٿورو ڪم ڪرايو. اُن مان رومال ٺاهڻ لاءِ بچيءَ کي چئي، مان مارڪيٽ هلي ويس. گهر وڃڻ مشڪل هو، ڀلي هاڻ گهر اسي ۾ ئي هو. صبوح جو نڪرڻ وقت نيلم کي ٿڃ پياري ايندي هئس. هڪ واپاريءَ وٽان ٿي تڪڙ ۾ وِي. ٽي. اسٽيشن جي ويٽنگ روم جي باٿروم ۾ وڃي کير هاري ايندي هئس. اُن وقت مون کي پنهنجي ڌيءَ جي بکايل معصوم شڪل اَچي ياد پوندي هئي. هوءَ گهر ۾ بازاري کير پئي پيئي ۽ مان هن جي حق جو کير گينڊيءَ ۾ هاري ٿي ڇڏيان. هڪ هٿ سان کير ڪڍندي هئس ۽ ٻئي هٿ سان اکين ۾ آيل ڳوڙها اُگهندي هئس. پنهنجي حالت تي قياس ايندو هو.
پوءِ به منهنجو ارادو ڪمزور نه ٿيو، ٿڪجي ڪري دڪان تي ايندي هئس ته ڪان جون شڪايتون چالو ٿينديون هيون. هن ائين ڪيو، هن هيئن ڪيو، هن ڪاريگر ڪلاڪ کاڌي تي لڳايو ۽ هر هر ٻيڙي ڇڪڻ ٿو وڃي. مان هن سان پڄي نٿو سگهان. سنڀال پنهنجو دڪان، مان گهر ٿو وڃان. هن جي ويندي ئي ڪاريگر به دانهن ڪندا هئا ته سيٺ اسان سان سٺو نه ٿو هلي. توهان جو منهن ڏسي رهيا پيا آهيون نه ته اسان کي نؤڪريون کٽيون آهن ڇا؟ مان هنن کي سمجهائيندي هئس ته هو بيمار رهيو آهي هيترو وقت، جنهن ڪارڻ هن جو سڀاءُ اهڙو ٿي ويو آهي. توهان مون کي ڏسو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ مل وارن مان ماڻهو سئمپل کڻي ويو ته سڀاڻي سيٺ جواب ڏيندو. ٻئي ڏينهن مئنيجر آيو، جنهن خوشيءَ مان چيو، ”واه، سيٺ ڪانتيلال کي توهان جو رومال سڀني کان وڌيڪ پسند پيو آهي. ڏهه هزار ننگ کپن، زنانا، مردانا ۽ توهان کي به جلسي جي لاءِ نينڊ ڏني اٿس.
مون اگهه طيءِ ڪري ائڊوانس گهريو ته هن چيو، ”اسان کان اڄ تائين ڪنهن ائڊوانس نه گهريو آهي. توهان کي خبر آهي ته مورارجِي مِلس وارن جي مارڪيٽ ۾ عزت آهي.“
مون تمام نمرتا سان چيو، ”توهين برابر ٿا چئو، توهان جو وڏن ماڻهن سان ڪم پوندو آهي. پر مان وڏو ماڻهو نه آهيان.“
مئنيجر کلندي چيو، ”اسان سان ڪم ڪندا رهندا ته وڏي ماڻهو ٿيڻ ۾ دير نه لڳندوَ.“
”جڏهن اُهو وقت ايندو ته پوءِ ڏٺو ويندو.“
هن هزار رپيا ڏيئي چيو، ”مال وقت تي ئي پهچائجو.“
رات ڏينهن ويهي محنت ڪري مال هن کي پهچايو پر مان جلسي تي وڃي نه سگهيس. بچيءَ جي شادي ٿيڻ وارِي هئي. مون غصي مان هن کي چيو ته، ”جي شادي ئي ڪرڻي هيئه ته ٻن مهينن لاءِ نوڪري ڇو ڪيئي؟“
ڪانَ چيو هو ته مان دڪان تي ايندس. شايد وقت سٺو نه هو منهنجو. دڪان جي ٻن سالن جي ائگريمينٽ ٿيل هئي، پر اُن جي پنجابي مالڪ اچي چيو ته، ”منهنجي نياڻيءَ جي شادي آهي پنجاب ۾ جنهن لاءِ ناڻو کپي. مان دڪان وڪڻڻ ٿو چاهيان. جي تون وٺين ته ڪجهه گهٽ ڪري توکي ڏيندس نه ته ٻيو گراهڪ آهي.“
هو ڀلو ماڻهو هو. هن منهنجي پيرن تي هٿ رکي چيو ته، ”مان توکي قانوناً اُٿاري نٿو سگهان پر تون منهنجي مجبوريءَ کي ڏس.“
”ٺيڪ آ“ مون اُڀو ساهه کڻي چيو.
وڏا سچ چوندا آهن، ”واڻيو هونءَ نه کٽي لڏ پلاڻ ۾ کٽي.“ مون سان به اهڙي ڪار ٿي. بابا سان ڳالهه ڪئي ته صلاح ڏنائين ته، ”گهر ۾ ئي مشينون کڻائي اچ. رنڌڻي جي مٿان ٻڇتي کڻي ٺهراءِ. مان پيو سار سنڀال لهندس. دڪان وارو وقت ٻارن سان گذاري سگهندينءَ.“
گهرن ۾ ئي ڪم هلڻ لڳو. هاڻ رڳو منهنجي ساهيڙي سيتا ئي مون وٽ فال ٺاهڻ جو ڪم ڪرڻ واري هئي. باقي مرد ڪاريگرن کي جواب ڏنم. ٺيڪ اُن وقت ستيءَ ماءُ جنهن ويهه هزار هنڊيءَ تي ڏنا هئا، تنهن چيو ته منهنجي ڌيءَ جون مائٽيون پيون هلن، مون کي پئسا واپس کپن. هنڊيءَ جو وقت پورو ٿيو آهي. مون هن کي سمجهايو ته هڪ سال وڌيڪ ڏي، مان وياج ته توکي وقت سر ٿي پهچايان پر هن کي خبر نه آهي ڇا ٿيو هو جو هوءَ ضد ڪري ويٺي. برابر هوءَ غريب هئي. ولايت مان ايندڙ پراڻا ڪپڙا وڪڻي پئسا جمع ڪيا هئائين. منهنجي ساهيڙيءَ ڪماريءَ اچي چيو، ”ڪهڙي کٽيءَ کنيئه جو هن جا رپيا پنهنجي دڪان تي لڳايئه؟ پنوتي ٿي لڳئه نه! سکي ويٺي هئين نوڪري ڪري.“
مون چيو، ”سڄو جيون ته نوڪري نه ڪريان ها، سکُ، ڪجهه رپيا آهن ۽ باقي منهنجي جيولري آهي. وڪڻي هنن جا قرض لاهينديس.“
ڪان اُهو ٻڌو، لڪائڻ جي ته ڳالهه هئي ڪانه. قرض ورتو اٿم ته لاهڻو به آهي.
ٻئي ڏينهن ڪٻٽ کولڻ ويس ته زيور ڪڍي ستيءَ ماءُ کي ڏيئي اچان. سيتا به ڪم تي اچي ويٺي. بابا هيٺ لٿو هو. ڪٻٽ ۾ چاٻيون هميشه لٽڪيل هونديون هيون، پر اڄ چاٻيون نظر نه آيون. ڪان پلنگ تي ويٺو هو، تنهن کان پڇيم ته، ”چاٻيون ڪٿي آهن؟“
ڪانَ چيو، ”مون وٽ آهن.“
”ڏيو مون کي.“
غصي مان چيائين، ”ڪونه ڏيندس.“
چيومانس، ”ڇا ٿيو آهي توهان کي؟ ستيءَ ماءُ جي اڄ هنڊي پوري ٿي آهي. توهان کي ته خبر آهي ته مون صحيح ڪئي هئي. مشينون وٺڻ لاءِ ڇهه هزار روڪڙا پيا آهن، باقي زيور وڪڻي قرض لاهينديس.“
ڪان تکي آواز ۾ چيو، ”اُهي زيور سڀ منهنجا آهن.“
بابا ٻاهران ايندي چيو، ”ڪان، هيڏي وڏي آواز ۾ ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“
ڪان وراڻيو، ”تنهنجي نونهن سان.“
بابا کي اچي ويو غصو، هن به وڏي آواز ۾ چيس، ”ڀاڙيا سمجهين ڇا ٿو؟ شيوا ڪرڻ ۽ ڪمائي کارائڻ لاءِ تنهنجي زال آهي ۽ وڙهڻ لاءِ منهنجي نونهن آهي. هيءَ منهنجي نونهن نه پٽ آهي.“
پوءِ مون ڏانهن نهاري پڇيائين، ”ڪهڙي ڳالهه تان هي وڏي آواز ۾ ٿو ڳالهائي؟“
مون کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن چيو، ”واجب آهي، پرايو ڌن چاڪوءَ جو ڳن. سبتو ته ٺيڪ آهي، اُبتو خود جو خون پيئندو.“
بابا جو ائين چوڻ ۽ هن جو اُٿي اُلر ڪرڻ. مون هن جي ٻانهن پڪڙي چيو، ”هٿ مٿي جو مٿي رهڻ ڏج. هيٺ آيو ته مون کي به ڪمزور نه سمجهج.“
بس، پوءِ ته ڄڻ هن کي جن لڳي ويو. ”تون مون کي ماريندينءَ؟ نڪر گهر مان. هتي سڀڪجهه منهنجو آهي.“
پوءِ جهولڻ لڳو. پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ هميشه ائين جهولندو رهندو هو ته، ”مون کي ديوي آئي آهي.“
مون سوچيو هاڻ وڃان ٿي ٻاهر ٿوري وقت ۾ نارمل ٿيندو ته سمجهائينديسانس. مون کي مارڪيٽ وڃڻو هو تڏهن کيس چيم، ”منهنجو پرس ۽ رومال ڪڍي ڏي ته وڃان.“
هن انڪار ڪندي چيو، ”نه ڏيندس، اُهو چوڙو به لاهي ڏي.“
هاڻ ته مون کي به غصو اچي ويو، ”هان وٽ چوڙو.“
ٻاهر نڪري آيس. وينديس ڪيڏانهن؟ ماءُ وٽ، ٺيڪ آهي ڀاڙو؟ ساڳيءَ گهٽيءَ ۾ منهنجي ساهيڙي مينا واسواڻي رهندي هئي،هن جي ماءُ گيدن ماءُ جي نالي سان مشهور هئي. هوءَ سنڌي فلمن لاءِ وياج تي رقم ڏيندي هئي. مان وٽس ويس. ڀاڪر پائي گڏِي ”ڪيئن رستو ڀلجي پيئي آهين؟“
منهنجو من ڀريل هو، ڪٿي روئي پنهنجي ڪمزوري نه ڏيکاري وجهان. هن کي چيم، ”پرس گهر وساري آئي آهيان. هڪڙا ڏهه رپيا ڏي ته سڀاڻي واپس ڪنديس.“
گيدن ماءُ چيو، ”صدقي وڃان تو تان. ڏهه ڇا ويهه به ڏيان توکي. مينا ٻاهر ويئي آهي. اڌ رات جو ايندي. چاٻيون ڪٻٽ جون هن وٽ آهن.“
منهنجي دل پٿر جي ته ڪانه هئي. اندر ۾ هاهاڪار مچي ويو. سيتان مون سان گڏ هئي. هن ويچاريءَ کي به سٺ روپيا ڏيندي هئس. اڪيلي هئي. ڏينهن جو ته اسان وٽ کائيندي هئي، رات جو کاڌو، جاءِ جي مسواڙ، ريل جي پاس. ٻه روپيا پرس ۾ هوندا هئس ويندي ويندي ڪجهه خريداري ڪرڻ لاءِ. ٻه روپيا ڏيندي چيائين، ”رتنا، هي رک پاڻ وٽ.“
مون واپس ڪندي چيو، ”نه.“
سيتان چيو، ”منهنجي گهر هل.“
مون چيومانس ته، ”نه.“
هن کي ٽرين ۾ چاڙهي مان اسٽيشن تي اچي هڪ بينچ تي ويهي رهيس. دماغ ۾ هزارين دٻيل ڳالهيون گهمنديون رهيون. هي اُهو ڪان هو جنهن لاءِ مون ٻارهن سال رات ڏينهن هن سان انگ سنگ رهي شيوا ڪئي.
اُن جي ٺيڪ ٿيڻ لاءِ هر ڊاڪٽر کي منٿون ڪندي هئس. جيڪو به ڏس ملندو هو، اُتي ڪشٽ سهي به پهچي ويندي هئس. ڪو ٻائو ٻانڀڻ نه ڇڏيم. وڻي ديوي، شرڙيءَ جي سائين بابا وٽ وڃي هن لاءِ دعا پني آئي هئس. بيمارِي ته لهي ويئي پر ڪو ڀوت اچي هن ۾ رهيو هو. جو خود ٻڌائيندو ۽ منهنجي پٺيان زالون ميڙي اُنهن کي ڏس پتو ڏيندو، هٿ ڏسندو، ڀورڙيون زالون به خوش ته هي به خوش. سڄو وقت زالن جي وچ ۾ پاڻ وندرائيندو هو. مان سڀ ڏسي به اکيون بند ڪري وهندي هئس، ڀلي پاڻ کي خوش رکي نه ته وري ڀوڳڻو مون کي ئي پوندو... وغيره وغيره... خبر نه پئي ڪير اچي منهنجي پاسي ۾ ويهي مون ڏانهن نهاري رهيو هو. ٿورو کن رکي هن آواز ڏنو، ”ممي“.
مان ڇرڪجي ويس، ”اڙي تون؟“
هن چيو، ”مان توهان جي گهر ويو هوس فال کڻڻ ته سڀ چپ هئا. توهان لاءِ چيائون ته خبر نه آهي. بس گهر پئي ويس ته توهان تي نظر پئي، توهان هتي ڇو ويٺا آهيو؟“
چيومانس، ”ناسڪ وڃڻو اٿم، ٽڪيٽ نه آهي. تو وٽ ڏهه روپيا هجن ته ڏي.“
هو منهنجي پٽ کان ٿورو وڏو هو، اُن وقت جون حالتون اهڙيون هيون جو ننڍا وڏا ڪم ڪري گذارو ڪندا هئا. اُن وقت ڏهه روپيا به وڏِي ڳالهه هئي. هو اُٿي بيٺو، چي، ”هلو منهنجي گهر، پوءِ مان ٿو توهان کي ڇڏي اچان.“
منهنجي نه ڪرڻ تي گهران وڃي پئسا کڻي ٻه ٽڪيٽون وٺي، مون کي ناسڪ، ماءٌ وٽ ڇڏي واپس هليو ويو. نه مون هن کي ترسڻ لاءِ چيو نه هو خود ترسيو.
منهنجي ماءُ جو مون کي بنان ٻارن جي اهڙِي حالت ۾ ڏٺو، نيلم ڇهن مهينن جي هئي. عجب ۾ پئجي ويئي. رات جو وقت هو، پڇيائين، ”ماني کاڌِي اٿيئي؟“
”نه.“
مائي ماني کڻي آئي، کائي وڃي ماءُ جي پلنگ تي ليٽي پيس. امان ٿوري دير کان پوءِ اچي منهنجي پاسي ۾ ليٽي. ڀاڪر پائي چيائين، ”اوچتو ڪيئن ياد پيئه منهنجي؟ گهر ۾ سڀ خوش آهن نه؟“
منهنجو آواز ڳرو ٿي ويو، امان جي ڇاتيءَ سان لڳي روئي ويٺيس. سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائيمانس. امان چيو، ”پوءِ به پٽ، گهر ڇڏي اچڻ، ڇهن مهينن جي ڌيءَ... ڪير سنڀال ڪندس؟“
ٻڌايومانس ته، ”هونئن به مان گهر ۾ رهان ڪٿي ٿي، سڄو وقت بابا ۽ ٻار پيا سنڀالينس.“
امان چيو، ”چڱو هاڻي ننڊ ڪر، سڀاڻي ڏٺو ويندو.“
ٻئي ڏينهن منهنجيءَ ڀاڄائيءَ مون کي ڏسي منهن ٺاهي چيو، ”تون ڪيڏيءَ مهل آئينءَ؟“
چيومانس، ”توهان سمهيل هئا.“
هن چيو، ”او، جلدي ماءُ جي سڪ لڳي اٿيئي.“
مون ڪو جواب نه ڏنو. امان جي ساڙهي کڻي، سنان تي هلي ويس. مون کي خبر هئي هن جي سڀاءَ جي، جهڙو جيئرو جنُ. هٿ ته هلندس ڪونه رُڳو وات پيو هلندس. نه امان جو ادب هوس نه ئي سماج جو ڊپ. هوءَ ٻارهن سال منهنجي ڀاءُ کان وڏِي هئي. خبر ناهي ڪيئن لڪي ڇپي منهنجي ڀاءُ سان شادي ڪيائين. امان اڳ ۾ ئي اسپتال هلي ويئي هئي. گهر کان ڏهن منٽن جو پنڌ هو. مان تيار ٿي وڃڻ واري هئس ته آواز ٻڌم ڀاڄائيءَ جو، جيڪا مائيءَ ببن ٻائيءَ کي چئي رهي هئي، ”هن جي ماءُ ڪمائي، اسان ڇو کائون؟ آئي آهي اُن کي لٽائڻ. اڄ اڪيلي آئي آهي، سڀاڻي ٻار گهرائيندي. ڪم ڪرڻ لاءِ مان جو نؤڪرياڻي ويٺي آهيان.“
ببن ٻائيءَ جو آواز هو دُهل جهڙو. هن جواب ڏنس، ”تون ڪهڙو هتي ڪم ٿي ڪرين، سڄو ڏينهن ويٺي هار سينگار ڪرين. بي بي آئي آهي ته ماءُ جو کائيندي، تنهنجي ماءُ جو يا مڙس جو ته نه کائيندي.“
اُهو ٻڌي هن چمپل لاهي مائيءَ ڏانهن اُڇلايو ۽ چيو، ”نوڪرياڻي ٿي وات ٿي ڪرين. مان عاملن جي ڌيءَ آهيان. هنن وانگر نه جو تنهنجو طعنو سهنديس.“
مائيءَ ٻهارو اُتي ئي ڦٽو ڪري چيو ته، ”پوءِ عاملن جون ڌيئر نوڪرن سان بڪواس به نه ڪن. مئڊم جي ڪري چپ آهيون. ٺيڪ آ، وڃي ڪر ڪم. مان وڃان ٿي اسپتال.“
مون کي اُتي بيٺل ڏسي چيائين، ”هل بي بي، مان به اسپتال ٿي هلان.“
مون نه ٿي چاهيو ته گهر ۾، مون تان ڪو بکيڙو کڙو ٿئي. مائيءَ کي سمجهائيندي چيم ته، ”هن جو سڀاءُ ته اهڙو ئي آهي. تون امان کي ڏسُ.“
ببن ٻائيءَ چيو، ”اُن جي ڪري ته هن جون ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون پون روز روز. اسان جو ساهه آهي ماڻهين ۾، هوءَ جهڙي ديوتا ۽ ڪٿي هيءَ راڪاسياڻي وٺي آيو آهي تنهنجو ڀاءُ؟ اهڙي پٽ کي ڇا ڪبو؟“
اسان اچي اسپتال پهتاسين. امان ويم - گهر ۾ هئي، جتان ڪنهن جون رڙيون پئي آيون. امان هن کي آٿت ڏيئي رهي هئي. ”بس اجهو ٻار آيو.“ مان آفيس ۾ اچي ويٺيس. ماڻهو اچي مڙيا هئا، جن جي ڌيءَ هئي، ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ رُنو پئي ته الائي ڇا ٿيندو؟ پڪ ئي پڪ ٻه ٻار هوندس. مون کين چيو، ”توهان جاچ نه ڪرائي ڇا؟“
هنن چيو، ”ها، رڪمڻي چوي ٿي ته هڪ ٻار آهي. کاڌي جي پرهيز ڪري، پر هيءَ ٻڌي ڪٿي ٿي.“
هن جي مڙس اِهو ٻڌي چيو، ”تو ئي ته هن کي هيڏا گيهه، مکڻ پئي کارايا ته ٻار جلدي مکڻ تي ترڪي ايندو.“
مون کي هيڏي دُک هوندي به کل اچي ويئي. ”چڱو مان وڃي ٿي ڏسان ته اڃا گهڻي دير اٿس.“ مون کي ڏِسي هن هڪ وڏِي ڪيڪ ڪئي، ٻئي کن ۾ ٻار جي روئڻ جو آواز. نرس ٻار جو ناڙو ڪٽي، سنان لاءِ کڻي ويئي. ٻي نرس مريض جي صاف صفائيءَ ۾. امان ٻاهر آفيس ۾ اچي ويٺي ۽ هن جي ماءُ کي واڌايون ڏنيون ۽ غصو به ڪيو. ”سمجهين ٿي ته منع ڪرڻ کان پوءِ به هن کي کارائيندي رهينءَ. ٻار تيرهن پائونڊن جو ٿي ويو هو، آپريشن ڪرڻو پوي ها. سک، آئيندي ڌيان رکج.“
هوءَ امان جي پيرن تي ڪري معافي وٺي چوڻ لڳي، ”هڪ ئي ته سڪليڌي ڌيءَ آهي. هن کي ڏسڻ اندر وڃان؟“
امان چيس، ”وڃُ.“
پوءِ ببن ٻائيءَ ڏانهن نهاري چيائين، ”تون ايترو جلد ڪم ختم ڪري آئينءَ، ڀلا ڄيٺيءَ لاءِ نيرڻ ٺاهيئه يا نه؟“
مون ببن ٻائيءَ کي سمجهائي ڇڏيو هو ته امان کي ڪجهه نه ٻڌائج. گذر هن کي ڪرڻو آهي، مان ته وينديس هلي اڄ. انڪري مائيءَ چيو، ”۽ بي بيءَ کي ڇڏڻ آئي هئس، جو اڪيلي پئي آئي.“
”ٺيڪ آ، هيٺان ئي گرم گرم جليبيون وٺي آ، هن کي وڻنديون آهن“ مون ڏانهن نهاري چيائين. ٻائي تڪڙ ۾ وٺي آئي. اسان سڀني گڏجي نيرن ڪئي. مائي رهيل ڪم ڪرڻ لاءِ گهر ويئي. هاڻ اسان اڪيلا هئاسين.
مون چيو، ”امان مان اَڄُ واپس وينديس.“
”هل مان ٿي توکي ڇڏي اچان، ڪان جي ٿوري ڪن پٽائي به ڪري اچان. ٻارن جي به سڪ لڳي آهي.“ مميءَ مشڪندي چيو.
مون چيو، ”گهر مان ڪنهن به حالت ۾ ڪانه وينديس. هاڻ هر وقت هنن جي سامهون ايندي ويندي سوچيندي رهنديس ته ويهه ڪلاڪ ڪم ڪري هن جون سڀ گهرون پئي پوريون ڪيم، مون کي اُن جي عيوض ڇا مليو؟ بي عزتي؟ جنهن جي سک لاءِ، جنهن جي وڏي عمر لاءِ ڀٽڪندي رهيس، اُن هڪ منٽ لاءِ به نه سوچيو ته مان پئسي بنان ڪيڏانهن وينديس، جو پرس ۽ رومال به کڻڻ نه ڏنائين. ٻانهن ۾ تنهنجا ڏنل چوڙا پيا هئا، اُهي به لاهي ورتائين! نه، هاڻي اُن گهر ۾ مان تيستائين ڪانه وينديس جيستائين ڏاسواڻيءَ جو قرض نه لاٿو اٿم.“
امان: ”ٺيڪ آ، توکي روپين جو بندوبست ڪري ٿي ڏيان.“
”نه نه، اُهو منهنجو اپمان ٿيندو. پئسا پيڪن کان کڻي گهر وڃان ۽ ڪان جي هميشه لاءِ ڏنڀ ڏيندڙ ڳالهين جو سور سهندي رهان.“
(هلندڙ)
ڪزبانو سنڌو (قسط پهرين) (ناوليٽ)
چاهت جن جي من ۾
”ممي ڪاليج طرفان ٽوئر جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي. مان به وڃڻ ٿي چاهيان.“ تانيه پنهنجي ماءُ ارم کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”ڪيڏانهن وڃڻ جو پروگرام آهي.“ ارم ٽي.وي جو آواز گهٽ ڪندي چيو.
”ڪينجهر ۽ مڪلي“ تانيه چيو.
”ڇا! ڪينجهر. ناهي ايڏانهن وڃڻ جي ضرورت.“ ارم جذبات مان چيو.
”پليز ممي، سڀ سهيليون وڃن پيون مان به وينديس. اتي جو منظر ڏاڍو خوبصورت آهي.“ تانيه ماءُ جي ويجهو ايندي چيو.
”بس، چيم نه ٻهراڙيءَ جو علائقو آهي ۽ سنسان رستا آهن. مون کي پريشاني ٿيندي.“ ارم سمجهائيندي چيو.
”پليز ممي مان اڪيلي نه آهيان.“ تانيه چيو.
”بلڪل منهنجي ڌيءَ ضرور ويندي“ شهاب ڪمري ۾ ايندي چيو.
”ٿئنڪس پاپا“. تانيه خوش ٿيندي چيو.
”شهاب ڪينجهر گهڻو پري آهي مون کي ٽينشن ٿيندو.“ ارم موڊ خراب ڪندي چيو.
”بيگم انهيءَ ۾ ٽينشن ڇاجو تانيه اڪيلي نه آهي، ڪاليج طرفان پروگرام آهي، ڀلي وڃي.“
”مان به هلنديس ڪينجهر گهمڻ.“ تانيه جي ننڍي ڀيڻ ثانيه ڪمري ۾ ايندي چيو.
”شٽ اپ، ڪا ضرورت نه آهي وڃڻ جي. هيءَ به ٿي وڃي ڪينجهر گهمڻ!“ ارم غصي ۾ چيو.
ثانيه موڊ خراب ڪري ڪمري مان نڪري وئي.
”هروڀرو جذباتي پئي ٿين، اها ئي ته عمر گهمڻ جي آهي، اولاد تي ايتري سختي سٺي نه آهي بيگم.“ شهاب سمجهائيندي چيو.
”شهاب توهان ڇوڪرين جو دماغ خراب پيا ڪريو.“ ارم فڪرمند ٿيندي چيو.
”ارم، تانيه منهنجون ڌيئون نه پر پٽ آهن. جيڪڏهن مون کي پٽ جو اولاد نه آهي ته ڪو به فڪر نه اٿم. منهنجون ٻئي نياڻيون منهنجي زندگي آهن.“ شهاب تانيه جي مٿي تي هٿ رکندي چيو.
ارم مرڪي تانيه ۾ نهاريو.
تانيه ماءُ جو موڊ صحيح ڏسي، خوش ٿيندي پنهنجي ڪمري ۾ آئي.
”اڙي ثانيه جو موڊ اڃا تائين آف آهي. مميءَ جي ڳالهه جو ڏک اٿئي. مميءَ غلط به نه چيو مون کي به مشڪل سان اجازت ملي آهي وري تو ڳالهه ڪري مميءَ جو موڊ خراب ڪري ڇڏيو.“ تانيه، ثانيه کي خاموش ڏسندي چيو.
”ها، ها توکي ته اجازت ملي مون کي نه ملي ته ڇا. ممي، پاپا کي صرف تون ياد آهين، مان ته جهڙي آهيان ئي ڪونه.“ ثانيه ڏک مان چيو.
”اڙي چري مائٽن لاءِ ته سڀ اولاد هڪجهڙو هوندو آهي. تنهنجي اسڪول طرفان گهمڻ جا اڪثر پروگرام ته ٿيندا آهن. تون ويندي به آهين.“ تانيه چيو.
اڄ آچر هو،مئڊم ناياب، جيڪا گرلس ڪاليج جي ليڪچرار هئي، سڀني کي صبح اٺين وڳي پنهنجي گهر اچڻ جو ٽائيم ڏنو هئائين. تانيه تيار ٿي پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ ڊرائيور سان مئڊم جي گهر آئي. سڀ ڇوڪريون ۽ استاد وغيره اچي چڪيون هيون. بس گيٽ تي بيٺل هئي.
”توهان جو ئي انتظار هو.“ مئڊم ناياب تانيه کي ڏسندي چيو.
سڀ اچي بس ۾ ويٺيون. ڊرائيور بس اسٽارٽ ڪري انڊين گانن جي ڪيسٽ لڳائي. سڀ ڇوڪريون آواز سان آواز ملائي گيت ڳائي رهيون هيون.
”هڪ منٽ“ مئڊم پنهنجي سيٽ تان اٿي بيٺي. سڀ خاموش ٿي ويون. ڊرائيور گاني جو آواز گهٽ ڪيو.
”مان طيءِ ڪيو آهي پهريائين ڪينجهر تي هلنداسين. انهيءَ کان پوءِ شاهجهان مسجد ۽ مڪليءَ تي هلنداسين. او ڪي. ڇو ته ٺٽي کان اٽڪل 24 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪينجهر آهي. منهنجو مطلب آهي ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڪينجهر گهمجي. ٺيڪ آ نه.“
”اوڪي مئڊم“ سڀني هڪ ئي آواز ۾ چيو.
مئڊم ناياب پنهنجي سيٽ تي ويٺي ۽ ڊرائيور گاني جو آواز تيز ڪيو.
بس ۾، تاڙين جو شور گونجي ويو.
”حنا تو اڳ ڪڏهن ڪينجهر ڏٺي آهي.“ تانيه پنهنجي دوست کان پڇيو.
”نه ڪڏهن به ڪينجهر ناهي ڏٺي، باقي اسان مڪليءَ تي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ درگاهن جي زيارت ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين.“
”درگاهن تي تو ڪهڙي دعا گهري.“ تانيه پڇيو.
”ياد نه اٿم ڪافي وقت ٿي چڪو آهي.“ حنا ورندي ڏني.
ميوزڪ مستيءَ ۾ هنن کي خبر نه پئي، ڊرائيور گاڏي ٺٽي شهر ۾ روڪي.
”ڇوڪريون توهان ڪجهه کائڻ چاهيو ٿيون ته ڪجهه وٺو. اڌ ڪلاڪ لاءِ توهان کي اجازت آهي.“ مئڊم مرڪندي چيو.
سڀ ڇوڪريون بس مان لهڻ لڳيون. تانيه ۽ حنا ڪولڊ ڊرنڪ ورتيون. سڀني ڪجهه نه ڪجهه ورتو. وري اچي بس ۾ ويٺيون. بس هلڻ لڳي... ۽ ڪينجهر تي اچي گاڏي رُڪي.
هت ته ڏاڍو مزو آهي، ڄڻ پوري دنيا هت هجي. سهڻا نظارا ڏسندي سڀني چيو ۽ بس مان لٿيون.
سڀ پنهنجي ئي موج ۾ پاڻيءَ جي لهرن ۽ خوبصورت منظرن کي ڏسي رهيون هيون.
ٻيڙيون پاڻيءَ جي ڇولين ۾ رقص ڪري رهيون هيون. ڪجهه لانچون ۽ ٻيڙيون ڪناري تي بيٺيون هيون.
”نوريءَ جي مزار ڪٿي آهي؟“ تانيه ۽ حنا لانچ واري کان پڇيو.
”ڍنڍ جي وچ ۾ آهي. اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جو فاصلو ٿيندو.“ لانچ واري چيو.
”او ماءِ گاڊ.“ تانيه حيرت مان چيو.
”ڇا خيال آهي ڏسڻ گهرجي.“ حنا ڪجهه ڇوڪرين کان پڇيو.
”بلڪل ڏسڻ گهرجي. وري اچڻ الائي ڪڏهن ٿئي.“ فهميده چيو.
ڪجهه ڇوڪريون هلڻ لاءِ تيار ٿيون ۽ ڪجهه ڇوڪرين انڪار ڪيو.
”ڇا جو پروگرام ٺهي رهيو آهي؟“ مئڊم ناياب چيو.
”مئڊم اسان نوريءَ جي مزار تي وڃون ٿيون، توهان به هلو.“ حنا چيو.
”دراصل مون کي ته ڊپ پيو ٿئي، پاڻي تمام گهرو آهي. مان ته نه هلنديس. پر توهان کي به منهنجو مشورو آهي ته نه وڃو ته بهتر.“ مئڊم پاڻيءَ جي گهرائيءَ کي ڏسندي چيو.
”مئڊم نوريءَ جي مزار نه ڏٺي سين ته ڪينجهر تي اچڻ جو ڪهڙو فائدو. اسان وڃون ٿيون، الله رحم ڪندو. توهان اسان کي رڳو ڇڏي نه وڃجو.“ تانيه مذاق ڪندي چيو.
”ٺيڪ آ، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿيون ته ڀلي وڃو، پر پنهنجو خيال رکجو. الله خير ڪندو.“ مئڊم ناياب هن جو شوق ڏسي کين اجازت ڏني. ٻه لانچون ڀاڙي تي ڪري هو چڙهن ٿيون. ڪنارو پري ٿيندي کين نظر اچي ٿو. چؤطرف پاڻي پاڻي. تانيه پاڻيءَ مان ٻڪ ڀري حنا کي هڻي ٿي.
”يار ڪيڏو نه مزو آهي. دل چوي پئي هت روز اچون. ڌرتي ڪٿي نظر ئي نه پئي اچي. آڪاش ڄڻ ڪينجهر کي ڇهي رهيو هجي. هو ڏس سج پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي رهيو آهي. حنا سج ڏانهن اشارو ڪندي چيو جيڪو پاڻيءَ ۾ نظر اچي رهيو هو.“
”هو ڏسو، نوريءَ جي مزار.“ فهميده خوش ٿيندي چيو.
نوريءَ جي مزار ويجهو ايندي سڀني خوشيءَ مان نعرا هنيا. جيئن ئي تانيه ڏسڻ لاءِ ڪنڌ ورايو، وڃي پاڻيءَ ۾ ڪري. سڀني رڙيون ڪيون. ”تانيه ٻڏي وئي. تانيه کي بچايو.“ هنن جون رڙيون ٻڌي لانچ وارو پريشان ٿي ويو. ٻنهي لانچن ۾ دانهون ئي دانهون هيون ۽ مدد لاءِ پڪاري رهيون هيون.
هڪ لانچ هن جي ڀر مان گذري ڪنهن نوجوان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. کن پل ۾ تانيه کي پاڻيءَ مان ڪڍي پنهنجي لانچ ۾ وڌائين. ٽئي لانچون هڪٻئي جي ويجهو هيون.
”پليز توهان خاموش ٿيو، توهان جي دوست زنده آهي.“ نوجوان کين ڏسندي چيو. تڏهن به رڙين جو سلسلو جاري هو.
”پليز توهان خاموش رهو، توهان جي دوست زنده آهي.“ هڪ دفعو ٻيهر نوجوان کين چيو ۽ پوءِ سڀ خاموش ٿي ويون.
نوجوان تانيه کي کڻي نوريءَ جي مزار ۾ فرش تي ليٽايو.
سڀ ڇوڪريون مزار تي آيون.
”تانيه ٺيڪ ته آهيو.“ حنا کيس جهنجهوڙيندي چيو.
”پليز توهان فڪر نه ڪريو. توهان جي دوست ٺيڪ آهي، شڪر ڪريو مان وقت تي پهچي ويس نه ته... خير بس ٿوري دير ۾ هوش ۾ اچي ويندي.“ نوجوان کين حوصلو ڏيندي چيو.
تانيه اکيون کوليون.
”اي منهنجا رب تنهنجو شڪر.“ حنا تانيه جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکندي چيو.
سڀني دعا لاءِ هٿ کنيا.
”تون ٺيڪ آهين تانيه. توکي خدا سائينءَ نئين زندگي ڏني آهي.“ حنا روئندي چيو.
تانيه اٿي ويٺي ته هن جي وات مان پاڻي نڪتو، ، هوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي، اکين مان لڙڪ وهڻ لڳس.
”ادا ڏسو، تانيه ٺيڪ آهي.“ حنا پريشان ٿيندي چيو.
”چيم نه پريشانيءَ جي ڪا ضرورت نه آهي.“ ڇوڪري چيو.
”تانيه تون ٺيڪ آهين؟“ فهميده تانيه جا لڙڪ اگهندي چيو.
”ها مان ٺيڪ آهيان.“ تانيه وڏو ساهه کڻندي چيو.
”تانيه ايتري وڏي پاڻيءَ مان توکي هن شخص ڪڍيو آهي.“ حنا نوجوان ڏانهن اشارو ڪري ٿي، ”نه ته... خبر نه آهي ڇا ٿي وڃي ها.“
”ٿئنڪس توهان اسان تي تمام وڏو احسان ڪيو آهي. سڀ ڇوڪريون هن جو شڪريو ادا ڪندي چوڻ لڳيون.
”مان ڪو به توهان تي احسان ناهي ڪيو. بلڪه انسانيت جي ناتي منهنجو فرض هو. هن کي مون نه خدا بچايو آهي. اسان نوريءَ جي مزار تي هئاسين توهان جون رڙيون ٻڌيونسين، ايترو فاصلو نه هو، اسان پهچي وياسين. توهان جي دوست کي نئين زندگي مبارڪ هجي.“ نوجوان تانيه ڏانهن نهاري چيو.
تانيه مسلسل گهٻرايل هئي. ڪپڙا آلا هئڻ جي ڪري ڏڪي رهي هئي.
نوجوان پنهنجي ڪلهي تان اجرڪ لاهي، حنا کي ڏنو ۽ چيو ته توهان تانيه کي اجرڪ اوڍايو. ”اسان هاڻي هلون ٿا، گهٻرائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، ٺيڪ آ.“
تانيه منهن تي هٿ رکي روئڻ لڳي.
”تنهنجي طبيعت ته صحيح آهي، روئين ڇو پئي!؟“ حنا پريشانيءَ ۾ پڇيو.
”مون کي ڊپ ٿو لڳي وري به پاڻيءَ مان هلڻو پوندو. مان نه هلنديس.“ تانيه سڏڪا ڀريندي چيو.
”يعني رات توکي هتي ئي گذارڻ جو ارادو آهي!“ نوجوان مرڪي چيو.
”پليز يار همٿ ڪر، اٿي دعا گهر ته هلون. مئڊم انتظار ڪندي هوندي.“ حنا حوصلو ڏيندي چيو.
”حوصلو ڪٿان آڻيان!“ تانيه لڙڪ اگهي چيو.
”پليز توهان اسان جي ڪافي هيلپ ڪئي آهي، اسان کي ڊپ ٿو ٿئي. توهان اسان جي لانچ ۾ هلو.“ تانيه پريشان ٿيندي نوجوان کي چيو.
”ٺيڪ آ، پر توهان جي لانچ ۾ گنجائش نه آهي. اسان جي لانچ ۾ صرف اسان ٽي دوست آهيون، جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسان جي لانچ ۾ ويهي سگهو ٿيون.
”اوڪي مان ۽ حنا توهان جي لانچ ۾ هلون ٿيون.“ تانيه گهٻرائيندي چيو.
سڀ اچي لانچن ۾ چڙهيون. تانيه ۽ حنا نوجوانن سان گڏ لانچ ۾ چڙهيون.
”توهان ڪٿان کان آيا آهيو.“ نوجوان هن کان پڇيو.
”اسان ڪراچيءَ کان آيا آهيون.“ حنا جواب ڏيندي چيو.
”ڪاليج جون اسٽوڊنٽ آهيو؟“ نوجوان پڇيو.
”جي. مئڊم ۽ ڪجهه ڇوڪرين هلڻ کان انڪار ڪيو، پر اسان کي شوق هو، نوريءَ جي مزار ڏسڻ جو، خبر نه هئي ته هيءُ مسئلو ٿيندو اسان سان.“ حنا چپ ڀڪوڙيندي چيو.
”هت ته ڪافي حادثا ٿيندا آهن. ماڻهو به احتياط ڪن. لانچن ۾ گهڻو لوڊ هئڻ جي ڪري، اڪثر ماڻهو لانچن ۾ چڙهي پاڻيءَ سان کيڏندا آهن. مستي ڪندا نعرا هڻندا آهن، اهو نه سوچيندا آهن ته اسان جي لاپرواهي اسان جي جان به کسي سگهي ٿي. پر توهان جي دوست ڪيئن ڪري.“ ڇوڪري چيو.
تانيه روئي پئي.
”پليز هاڻي نه روئو. خدا توهان جي جان بچائي، توهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي.“ نوجوان کيس حوصلو ڏيندي چيو.
”ها اسان به پنهنجي مستيءَ ۾ هيونسين، پاڻيءَ سان کيڏي رهيون هيونسين. خبر ئي نه پئي ڪنهن مهل تانيه ڪري پئي، زور سان آواز ٿيو، جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته...!“
”جيڪر مان نه هجان ها ته ڪوئي ٻيو هجي ها.“ نوجوان وراڻيو.
”توهان پنهنجو نالو نه ٻڌايو.“ حنا مرڪي چيو.
”توهان پڇيو ئي نه. منهنجو نالو سڪندر آهي. هيءُ منهنجا دوست آهن طارق ۽ ارباب. ۽ توهان جو نالو حنا توهان جي دوست جو نالو تانيه.“ مرڪي تانيه ۾ نهاري چيائين.
”جي“ حنا ٽهڪ ڏنو.
هاڻي توهان پنهنجي دوست کي ته کلايو، هوءَ ته گهٻرايل آهي.
”مان هن واقعي کي شايد زندگيءَ ڀر وساري نه سگهان!“ تانيه لڙڪن کي روڪيندي چيو.
”تانيه صاحبه، زندگي آهي ئي مختصر. ڏک سک جيون جو حصو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجون تڪليفون ڏکن کي ياد ڪري هلنداسين ته جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. خوشي ويجهو نه ايندي ۽ اهڙو جيون جيئڻ بي معنيٰ، بي مقصد آهي. صرف اذيت آهي. بهتر آهي انهيءَ واقعي کي وساري ڇڏجو، ٺيڪ آ نه.“
”ٿئنڪس سڪندر صاحب. مان توهان جو شڪريو به ادا نه ڪيو. مان ڪوشش ڪنديس ته هن واقعي کي وساري ڇڏيان.“ تانيه همت ڪندي چيو. ”شڪر ٿيو توهان کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هو ڏسو ڪنارو به نظر اچي پيو.“ سڪندر مرڪي چيو.
ٽئي لانچون ڪناري تي اچي بيٺيون. مئڊم اڳ ڪناري تي بيٺل هئي. ”توهان اچڻ ۾ ڪافي دير ڪئي. مئڊم ناياب حيرت مان تانيه ۽ حنا ڏانهن ڏسندي چيو، جيڪي الڳ لانچ ۾ ڇوڪرن سان گڏ هيون.
تانيه روئڻ لڳي.
”ڇا ٿيو، ڇو ٿي روئين؟ “مئڊم ناياب ۽ ٻين استادن ۽ ڇوڪرين پريشان ٿيندي پڇيو.
مئڊم تانيه کي خدا سائينءَ نئين زندگي ڏني آهي، جيڪڏهن هيءُ نوجوان نه هجي ها اسان ۽ توهان هن ڪنڊيشن ۾ نه هجون ها. پر خدا سائين انسان جي روپ ۾ هن فرشتي کي موڪليو، نه ته... ۽ حنا سڪندر ڏانهن نهاري چيو.
”مون کي فرشتي جو لقب نه ڏيو. مان هڪ انسان آهيان. جيڪڏهن مان نه هجان ها ته ڪوئي ٻيو هجي ها. انسانيت جي ناتي مون توهان جي مدد ڪئي.“ سڪندر اهو چئي ڪار ۾ ويهي وڃڻ لڳو.
حنا مئڊم کي پوري حقيقت ٻڌائي.
”او ماءِ گاڊ!“ مئڊم پريشان ٿي وئي. ”توهان کي مون چيو ته نه وڃو. انڪري مان نه هليس. انهيءَ ڪري نه ته مان ڊڄڻي ۽ بيوقوف آهيان، پر مون کي پاڻيءَ جي گهرائيءَ جي خبر آهي. توهان جو شوق ڏسي خاموش رهيس. مون کي به انهيءَ نوجوان جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ها، جنهن توهان کي هيڏي پاڻيءَ مان بچايو، نه ته ڪير پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ٻين جي زندگي بچائيندو. واقعي فرشتو هو. تانيه الله جو شڪر ڪر صحيح سلامت هلون پيا. خير هاڻي اچو ته لنچ ڪريون. هاڻي ڪاڏي به نه هلنداسين، سڌو ڪراچيءَ هلنداسين.“ مئڊم سڀني کي لنچ لاءِ اتي وٺي وئي. جتي بس بيٺل هئي.
ماني هوٽل تان آرڊر تي تيار ڪرائي آندائون، ڪجهه ڇوڪريون چادر وڇائي ماني لڳائين ٿيون.
”او ماءِ گاڊ، هيءُ اجرڪ ته سڪندر جو آهي، مون کيس واپس نه ڪيو. هو ته ويو هليو. ڇا سوچيندو، مان کيس ڇو نه ڏنو.“ تانيه پاڻ کي اجرڪ اوڍيل ڏسي چيو.
”تانيه، هل ماني کائون، مئڊم سڏي پئي.“ حنا کيس پريشان ڏسي چيو.
”حنا هيءُ اجرڪ ته مان هن کي واپس نه ڪيو.“
”اڙي يار اهو ڪو مسئلو آهي، اجرڪ واپس نه ٿيو ته ڇا ٿيو، غريب ٿورئي هو، رئيس پئي لڳو. وي آءِ پي ڪار هيس.“ حنا نخرو ڪري چيو.
تانيه اجرڪ لاهي بس ۾ رکيل بيگ ۾ رکيو. لنچ کان پوءِ اچي بس ۾ ويٺيون.
ستين وڳي هنن جي بس ڪراچيءَ پهتي. مئڊم ناياب ۽ حنا تانيه سان هن جي گهر اچن ٿيون، سڀ ٽي وي تي ويٺل هئا.
”اڙي تانيه، جلدي اچي ويون،“ ثانيه خوشيءَ مان چيو.
ارم، مئڊم ناياب ۽ حنا سان هٿ ملائي کين ويهڻ لاءِ چيو. ”ڇا ڳالهه آهي، توهان ڪجهه ڊسٽرب پيا لڳو.“ ارم تانيه ۾ نهاري پڇيو.
تانيه، ارم کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي.
”ڇا ٿيو آهي. تانيه ڇو ٿي روئين.“ شهاب پريشان ٿيندي چيو.
ارم ۽ ثانيه پريشان ٿي ويون.
”رليڪس، پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. مئڊم اٿندي چيو. دراصل ڇوڪرين جو شوق هو نوريءَ جي مزار گهمڻ جو.“ مئڊم پوري حقيقت ٻڌائي ٿي.
”او ماءِ گاڊ. واهه مئڊم، ايترو وڏو مسئلو ٿيو آهي، توهان چئو ٿا پريشانيءَ جي ڪا به ضرورت ناهي. منهنجي نياڻي موت جي منهن مان موٽي آهي.“ شهاب پريشانيءَ مان چيو.
”شهاب صاحب مڃان ٿي پريشانيءَ جي ڳالهه هئي، بلڪ آهي. توهان رليڪس ٿيو، خدا جو شڪر مڃو، آفت آئي پر ناڪام ٿي موٽي وئي. رب اسان تي رحم ڪيو، توهان جي نياڻي صحيح سلامت موٽي آهي.“ مئڊم ناياب چيو.
”توهان ٺيڪ پيا چئو، رب اسان تي احسان ڪيو آهي. مان انهيءَ نوجوان کي ساري عمر دعائون ڏينديس، جنهن اسان جي نياڻيءَ کي ڪينجهر جي پيٽ مان بچايو. خدا کيس سدائين خوش رکي.“ ارم دعا ڏيندي چيو.
”پوءِ هاڻي اسان هلون ٿيون، بس گيٽ تي بيٺل آهي.“ مئڊم حنا موڪلائيندي چيو.
”ٿئنڪس توهان تانيه سان گڏجي آيون.“ ارم شڪريو ادا ڪندي چيو.
مئڊم ناياب ۽ حنا ويون هليون.
”ثانيه ڀيڻ لاءِ کير گرم ڪري اچ.“ ارم چيو.
ثانيه کير جو گلاس ڀري آئي. ارم کيس کير پياري سندس ڪمري ۾ وٺي وئي. ”آرام ڪر پٽ تنهنجي تڪليف مون محسوس ڪئي هئي. اڄ سارو ڏينهن بيچينيءَ ۾ گذاريم. ”ڀيڻ جو خيال رکجان ثانيه. ڀلي آرام ڪري.“ ارم تانيه کي مٺيون ڏيندي پنهنجي بيڊ روم ۾ آئي...
شهاب فائيو اسٽار هوٽل جو مالڪ هو. اڄ هن اعلان ڪيو هو ته هوٽل ۾ اڄوڪو ڏينهن کاڌو مفت آهي. جڏهن ته هن هوٽل ۾ اڪثريت اميرن جي هوندي هئي پر اڄ هر طبقي جو ماڻهو اچي رهيو هو. ڇو ته گيٽ تي پوسٽر لڳل هو. غريبن کي خاص دعوت هئي. ماڻهو سڀ حيران هئا ته سيٺ شهاب هيڏو خير ڇيو ڪيو آهي.
شام جو ٽائيم هو، ارم جي ڀيڻ شائستا ۽ انهيءَ جي ڌيءُ رقيه ۽ پٽ نعمان، تانيه کي پڇڻ آيا هئا. سڀ ڊرائنگ روم ۾ ويٺل هئا. ارم کين ساري حقيقت ٻڌائي رهي هئي.
”اسان تانيه لاءِ آيا آهيون، ڪٿي آهي نظر نه پئي اچي.“ رقيه بيزاريءَ مان چيو.
”ثانيه ڀيڻ کي چئو ته ماسيءَ سان اچي ملي.“
ارم چيو ”جي ممي مون ٻڌايو آهيس.“
ڪم واري مائي چانهه جي ٽري کڻي آئي ثانيه چانهه سڀني کي ڏني.
تانيه ڊرائينگ روم ۾ ايندي، سڀني سان ملي. شائسته کيس پاڻ سان گڏ صوفن تي ويهاريو.
”ڪيئن آهين پٽ طبيعت صحيح آهي.“ شائسته پيار مان چيو.
”جي آنٽي.“
”مون کي فون ڪري ارم ٻڌايو. منهنجي ته جان ئي نڪري وئي. بس نعمان کي چيم. اسان کي هينئر ئي وٺي هل. نعمان به پريشان ٿي ويو. دير ئي ڪانه ڪئيسين.“ شائسته ڪجهه گهڻو ئي چئي وئي.
”ها ادي توهان کان سواءِ اسان جو آهي ئي ڪير، توهان کي فڪر نه ٿيندو ته ڪنهن کي ٿيندو!“ ارم خوش ٿيندي چيو.
تانيه هنن جي گفتگو مان بور ٿي رهي هئي.
ثانيه هن جي بوريت کي محسوس ڪري رهي هئي.
”هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي، رقيه جو پيءُ اڪيلو گهر ڇڏي آيا آهيون.“ شائسته واچ ڏسي چيو.
”ادي ائين وري ڪيئن. ڊنر جو ٽائيم آهي، ڊنر ڪري پوءِ وڃجو.“ ارم روڪيندي کين چيو.
”ضد ڪرين ٿي ته پوءِ ڀلا ڊنر ڪريو پوءِ ئي وڃون ٿا.“
ثانيه توهان پاپا کي فون ڪري چئو اسان کي اڄ هوٽل تان ماني موڪلي، منهنجي ڀيڻ ڊنر هت ڪندي.“ مائي جلدي ماني تيار ڪري نه سگهندي.
”ييس ممي. خبر اٿئي آنٽي اڄ پاپا سارو ڏينهن کاڌو مفت ۾ هلايو آهي. تانيه کي الله سائينءَ نئين زندگي ڏني، انهيءَ خوشيءَ ۾ پاپا خير ڪيو.“
ثانيه ڄاڻي واڻي شائسته کي ٻڌايو ته توهان کي به اهو ئي کاڌو ملندو. ثانيه ۽ تانيه اهو نٿي چاهيو ته هي ڊنر لاءِ رُڪجن.
ارم غصي مان ثانيه کي گهوري ڏٺو.
ثانيه هلي وئي.
شائسته رقيه ۽ نعمان ڊنر کان پوءِ موڪلائي هليا ويا.
ثانيه ۽ تانيه پنهنجي بيڊروم ۾ آيون.
”تانيه، آنٽيءَ جو توتي ڏاڍو چاهه آهي، لڳي پيو آنٽيءَ جي نيت ڪجهه خراب آهي.“ ثانيه پنهنجي بيڊ تي ليٽندي چيو.
”ڇا مطلب؟“
”سسٽر صاحبه، ايتري ڀوري به نه آهين، جو نه سمجهين.“ ثانيه نخرو ڪندي چيو.
”سچي مان نه پئي سمجهان.“
”نعمان توکي ڪيئن ٿو لڳي؟“ تانيه چيو.
”بس ٺيڪ ٺاڪ آهي.“ تانيه چيو.
”مطلب پسند اٿئي.“ ثانيه چيو.
”پسند توکي هوندو!“ تانيه چڙ مان چيو.
(هلندڙ)
فيچر: ثمينه ميمڻ
چلهه تي ڪچهري
تازو تاريخ 2006/1/28 تي شام ڌاري سنڌالاجيءَ جي خوبصورت لان ۾ جنهن ۾ وچ تي باهه جو مچ ٻاريو ويو ۽ چوڌاري عورتون ويٺل هيون، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، انسٽيٽيوٽ آف وومين ڊولپمينٽ اسٽڊيز طرفان پهريون ڀيرو عورتن لاءِ ”چلهه تي ڪچهري“ جو پروگرام رٿيو ويو هو. هن پروگرام جي صدارت آپا مريم نوحاڻي جن ڪئي ۽ خاص مهمان آپا اختر جبين صديقي جن هيون.
پروگرام جي شروعات زاهده بنگش نعت پڙهڻ سان ڪئي. ڊاڪٽر پروين شاهه سڀني کي ڀليڪار ڪئي ۽ ”چلهه تي ڪچهري“ پروگرام تي روشني وڌي. آپا مريم نوحاڻيءَ ۽ خاص مهمان آپا اختر جبين کي چنيون اوڍايون ويون. اُن کان ڊاڪٽر پروين شاهه چيو ته هيءَ اسان جي ننڍڙي ڪوشش آهي ته اسان جون ڀينرون هڪ هنڌ گڏ ٿين ۽ هڪٻئي سان ويچار ونڊين. ”علم سوجهرو اسڪول قاسم آباد“ جي ٻارڙن تمام سهڻو ٽيبلو پيش ڪيو.
ان کان پوءِ محفل جي صدر آپا مريم هن پروگرام جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته آءٌ شڪر گذار آهيان ادا عثمان منگيءَ، شوڪت شوري ۽ ڊاڪٽر پروين شاهه جي، جن مون کي مانُ ڏنو. اڄ منهنجي دل خوشيءَ سان سرشار آهي، جتي نياڻيون پنهنجي تهذيب، ثقافت جي اظهار لاءِ شريڪ ٿيون آهن. جسُ لهڻن اُهي سڀ تنظيمون جن اڄ اِهو سوچيو آهي ته پنهنجي تهذيب، ثقافت کي اجاگر ڪرڻو آهي. اُهي قومون لازوال آهن، جن جي دلين ۾ ثقافت لاءِ پيار آهي. هيءَ ڪچهري حقيقت آهي، معاشري جو اظهار آهي. هتي سڀ نياڻيون شعور واريون آهن. اُهي رڌين ٿيون، ڀرين ٿيون، ڳيچ ڳائن ٿيون، اهڙو مثال ٻئي هنڌ گهٽ ملي ٿو.
آپا عزيز چنا انهيءَ ڪچهري کي وڌائيندي چيو ته اسان جي گهرن ۾ ائين ئي مچ ٻرندو هو. اسان جي امان، ناني، سوٽ، سوٽيون سڀ چوڌاري ويٺا هوندا هئاسين. اسان جي گفتگو گهڻو ڪري مذهب ۽ ادب تي هوندي هئي. ٽوٽڪا به هڪٻئي کي ٻڌائبا هئا، ڀرتن جون ڳالهيون به ڪبيون هيون.
آپا سڪينه پڻ اها ئي ڳالهه ڪئي ته جيئن عزيز ٻڌايو ته اسان جي گهرن ۾ ائين ئي چلهه تي سڀ گڏجي ويهندا هئاسين ۽ اسان جي پاڙي ۾ هڪ ڇوڪرو رهندو هو، اُهو اسان کي الف ليليٰ جا داستان، امير حمزي ۽ چار درويش جو قصو کڻي ٻڌائيندو هو. اڳي حجاب نه هوندو هو. هڪٻئي جي گهرن ۾ ايندا ويندا هئاسين. رڌڻ پچائڻ جو ڪم شروع ٿيندو هو ته هڪ هنڌ گڏ ٿينديون هيونسين، اڳ ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج هو، هڪٻئي وٽ وڃي رليءَ ڪٽڻ جا مختلف نمونا هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين.
هن ڪچهريءَ جي خاص مهمان آپا اختر جبين چيو ته، پهرئين گڏيل ڪٽنب هوندا هئا ته اُهي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. سڀ وڏيون آکاڻيون ٻڌائينديون هيون. پاڙي مان ڪا دائي به اچي وئي ته انهن کان به حڪمت بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي.
ان کان پوءِ اُتي آيل ماسي زهره دائيءَ کان سوال ڪيا ويا ته اڳ ۾ ٻار ڄمندو هو ته ڄمڻ سان ٻار کي ماکي چٽائبي هئي پر هاڻ ڊاڪٽر ڪا به ستي ڦڪي نه ٿا ڏين. پاڻي به پيارڻ کان منع ٿا ڪن. توهان ٻڌايو ته ٻار لاءِ ڄمڻ کان پوءِ اُهي ماکيون، ستيون ڦڪيون ڏيڻ گهرجن؟ تنهن تي ماسي زهره دائيءَ ٻڌايو ته ٻار کي ماکي چٽائڻ کپي. ٻار کي پيٽ ۾ سور ٿئي ته ان لاءِ ستين کي ڪاڙهي ان جو پاڻي پيارجي. ستين ۾ سونف، ٻير، املداس، آهو ٻير، مٺي ڪاٺي پنير اُهي سڀ شيون پاڻيءَ ۾ ڪاڙهجن ۽ پوءِ پاڻي ٻار کي اڌ چمچو ضرور پيارجي. جيڪڏهن زڪام ٿئي تڏهن به اهو ڪاڙهو ڪاڙهي پيارجي.
ٻار کي سٽَ پوي ته ننڍڙن ڦوٽن کي پيهي ڦوڪا ڏجن، وات ۾ نڪ ۽ ڪن ۾. پيٽ تي برٿي ٿي پوي ته ٽڪيون ڦوٽا پيهي ان جو اڌ چمچو ٻار کي کارائجي.
اکين ۾ ٻار کي آڍڻ وقت مٺي تيل جو ٻڙو وجهجي ته اکيون پاڻي به نه ڪنديون ۽ پچي به نه پونديون.
ان کان پوءِ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج جي شاگردياڻين کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جن شاديءَ جي رسمن ۾ ونواهه جي رسم، مينديءَ جي رسم ۽ ٻڪيءَ جي رسم تي ٽيبلو پيش ڪيو ۽ سهرا پڻ ڳايا.
ونواهه ڏيڻ مهل هيءُ سهرو ڳايو.
اِها ماڙي ته ڏيکاريو جنهن ۾ ڪنوار آهي،
اهو بنگلو ته ڏيکاريو، جنهن ۾ ڪنوار آهي.
ونواهه جي رسم ۾ سڄو ونواهه جو سامان ڏيکاريو ويو جنهن ۾ تيل، چني، اکيو، اکروٽ، ميندي، بادام، پستا، سڪو ميوو، ڦوٽا، پتاشا هئا.
انهيءَ کان پوءِ ڪنوار کي چني پارائي وئي ۽ هيءُ سهرو ڳايو:
”مون ڏي اُماڻي وَرن واري چنري.“
راڻل جي ڪنوار کي ويهاريو ونواهه ۾،
ويهاريو ونواهه ۾، ڇپر هيٺ ڇانوَ ۾.
ان کان پوءِ ستن سهاڳڻين ونواهه جي رسم ادا ڪئي جنهن ۾ انهن تيل ڪنوار جي مٿي تي لڳايو ۽ وارن جي چڳن کي کولڻ مهل هيءُ سهرو ڳايو:
”پنهنجي ڪنوار کي وينڊيون کوليان.“
۽ پوءِ گهوٽيتين جي ستن سهاڳڻين جي منهن تي اکيو رکي پوءِ ڪنوار جي منهن تي پارايو. ۽ مينديءَ جي رسم ادا ڪئي. جنهن ۾ به ستن سهاڳڻين مينديءَ جي رسم ڪئي ۽ پوءِ گهوٽيتين هيءُ سهرا ڳايا.
”هٿين گل ميندي، پيرين گل ميندي،
لال لڱن کي لايو ڙي، منهنجو ڪالهونڪر
ٿو ڪانگ لنوي، منهنجي اڱڻ ٻاروچو آيو ڙي.
***
هٿڙن تي ميندي، پيرن ۾ پايل، ٻانهن ۾ چوڙو پائي آئي آ.
***
وڄ نگارا وڄ، شاهي نوبت وڄي،
منهنجي راڻل جو ادي، سدا دُهل وڄي.
***
اَلي اَلي منهنجا ماروئڙا،
ماروئڙا مٺڙا منهنجا.
***
ڏاڍو ٿو وڻين، اهڙو سڄڻ ڏس ڇو ٿو وڻين،
ڏاڍو ٿو وڻين، ڙي الا ڏاڍو ٿو وڻين.
***
ان کان پوءِ ڪجهه عورتن ۾ ادي فرزانه ۽ ٻين کان ڀرت جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن مختلف نمونا ڀرت جا ڏيکاريا ۽ ٽاڪا پڻ سمجهايا. ٽاڪن ۾ ڪچيءَ سئي، هرمچو، ڪينويز، بلوچي ڀرت هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هيءُ ڀرت مون کي پنهنجي ماءُ سيکاريو. ٻي ادي شريفان جنهن پڻ سهڻا ڀرت جا نمونا آندا هئا. پاڻ ٻڌايائين ته هن اسلام آباد ۾ لوڪ ورثي ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ اُتي هن جا ڀرت اِلاهي پسند ڪيا ويا ۽ ڪاروبار به سٺو رهيو.
ٻي ادي گلزادي هئي جنهن جي هٿ ۾ جيڪي ڀرت جا نمونا هئا انهن ۾ ڪوٺڙو، مرچو ٽاڪو ڀريل هو.
ان ٻڌايو ته هڪ قميص کي ٺاهيندي ٻه ٻه مهينا لڳي ويندا آهن. قميص جي ڀرت جي قيمت اٽڪل 1500 تائين به هوندي آهي، جيڪڏهن هلڪي ڊيزائين آهي ته پوءِ ان جا 500 به وٺندا آهيون. ڌاڳن جي ميچنگ پاڻ ڪندا آهيون. هن چلهه تي ڪچهريءَ ۾ جيڪي به عورتون شريڪ هيون اُهي تمام گهڻو دلچسپيءَ سان هنرن جي باري ۾ گفتگو ٻڌي رهيون هيون ۽ ڀرت جا نمونا پڻ ڏسي رهيون هيون. ان کان پوءِ ادي فريده ۽ ادي روشن تبسم رِلين جا نمونا پڻ ڏيکاريا. رِلين جو ٽوپو تمام نفاست سان کنيل هو جنهن کي پڻ سڀني ساراهيو ويو.
ان کان پوءِ ٻيو آئٽم پيش ڪيو ويو جيڪو لوليءَ تي هو. ته ٻار ڪيئن ننڍو ٿي وڏو ٿئي ٿو. گيت جا ٻول هئا:
”مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو،
منهنجي امڙ،
پيار منجهان ٿي گود ويهاريو
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو.“
ٻارڙي کي سمهاري وري ٻار جي ماءُ ٽوپو ڏيڻ لڳي ۽ وري ڇڄ ۾ ڪجهه چانور ڇنڊڻ لڳي.
آپا اختر جبين، مئڊم قمر جهان مرزا کان سوال ڪيو ته سياري ۾ ڪهڙا کاڌا کائڻ گهرجن يا جيڪي شوق سان کاڌا ويندا آهن.
مئڊم قمر ٻڌايو ته پنهنجي سنڌ ۾ امير کان غريب تائين کاڌا اهي کاڌا وڃن ٿا جن ۾ پلي، سرنهن جو ساڳ، جوئر جي ماني، ٻاجهر جي ماني، اهي سنڌ جو کاڄ آهن. نيرن ۾ ڳڙ ۾ سچي گيهه ۾ بسريون پچائي کاڌيون وينديون آهن. پنجيري پڻ ٺاهي کاڌي ويندي آهي، اِهو به سياري جو کاڌو آهي. اهو ڪنهن ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي ٺاهڻ ايندو آهي، جنهن ۾ پنج مغز به وجهجن ٿا ۽ کونئر پڻ وڌو ويندو آهي، پنجيري سڪي ميوي مان ٺهندي آهي.
ان کان پوءِ آپا زينت صديقيءَ کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جنهن گيت ٻڌايو:
”ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان،
ڌيئر پرايو ڌڻ اٿئي ڙي امان،
گوڏي تي سمهاري لولي ڏنئي ڙي امان،
لوليون ڏنئي پرديس وڃڻ جون.“
***
”منهنجو پيار نئون تو مومل سان،
منهنجي پريت نئين، منهنجو پيار نئون.“
***
آها... آج ميري من مين سکي بانسري بجائي.
***
زينت صديقيءَ جي نياڻيءَ صائمه آخوند پڻ هيءُ گيت ٻڌايو:
”هر جاءِ پرين، هر محفل ۾،
مون کي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي.“
***
”سهڻل جا سينگار ڏاڍا دل کي وڻن ٿا.“
۽ ان کان پوءِ ائٽم ”علم سوجهرو اسڪول قاسم آباد“ ۽ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج وارن گڏجي هوجمالو پيش ڪيو ۽ عطيه ٻرڙي پنهنجو غزل پيش ڪيو ۽ سڀني آيل ڀينرن کي رات جي ماني کارائي جنهن ۾ هڪ مڇي تريل، ٻاجهر، جوئر، چانورن جي ماني ۽ پليءَ جو ساڳ هو.
آخر ۾ ڊاڪٽر پروين سڀني آيلن جا ٿورا مڃيا.
سندري اُتمچنداڻي
ڀوري
”اَئي اَئي اندر ڇو هلي آئي آهين؟“
”ڀيڻ پاپڙڻ واري....“
”سو ڪير به هجين، ڏسين ٿي ڪو ڪپڙا مٽائيندو هوندو.... اڙي ٻڌين ٿي؟ هيئن ڇو در تي ڄم کائي بيهي رهي آهين؟... ۽ توهين هن پاپڙن واريءَ ڏي ڇو پيا ڏسو، ڪپڙا مٽائڻ به وسري ويا اَٿو!“
”تون ته نيڻو آهين نه؟ ڇو سڃاڻين نٿو ڇا؟“
...........
”مان پاپڙ پيئي وڪڻان اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويو آهين نه؟“
”اچ ويهه، مان ته برابر نيڻو آهيان، پر تون ڀوري آهين يا رڪي اهو سمجهه ۾ نٿو اچيم.“
”رڪي ته منهنجي وڏي ڀيڻ آهي. مان ته ڀوري آهيان. واهه ڪرسي ته مزي واري آهي. هيءَ تنهنجي زال آهي نه؟“
نيڻوءَ ڪنڌ سان ها ڪئي.
”تون چاڪ ته آهين نه. منهن ۾ حيدرآباد وارو ليمڪ ڪونه رهيو اٿيئي.“
”پر ڀوري پهرين پاڻ کي...“
”ها چئه چئه. ماٺ ڇو ٿي وئين؟“
”سشيلا، هي ڀوري اٿيئي، جنهن لاءِ ٻڌايو هو مانءِ ته اسان جي ويهه گهريءَ جي سونهن هئي؟“
”اڇا! هيءَ اها ڀوري آهي. سو هيءَ هئي توهان جي ويهه گهريءَ جي سونهن؟“
ائين چئي سشيلا پنهنجي منهن تي آيل وارن جي چڳن کي ناز سان هٽائي ڇڏيو، مگر سندس چهري تي ڄڻ ڪنهن هيڊ هاري ڇڏي هئي.
ڀوري ڪرسيءَ تي ويهي سڄي ڪمري جي سامان خاص ڪري فوٽن کي ڏاڍي چاهه سان پئي ڏٺو. ڪنهن به سوچ ويچار کان سواءِ چوندي رهي، ”ٽي ٻار ڄاوا، سو رت ست ڏنو هوندو ڪين هميشه ماڻهو ساڳيو ٿورو ئي هوندو. وري ان ۾ رلڻ... نيڻو توکي ٻار ٻچا آهن؟“
پر نيڻوءَ جي اکين ۾ ايڏا وڏا لڙڪ اچي اٽڪيا هئا، جن کي اکين ۾ پيئڻ مشڪل هو ته اکين مان ڪيرائي ڇڏڻ تهائين مشڪل هو. ڏاڍي تڪليف سان چيائين، ”پر ڀوري تنهنجي شڪل هيترو بدلجي ڪيئن ويئي؟“
اول ٻڌو ٿا هوءَ پڇيوَ ڇا ٿي؟ هوءَ پڇيوَ ٿي توهان کي ٻار گهڻا آهن؟ بابلي اسان کي ٻه ٽي ٻار آهن توکي پاپڙ ڏيڻا آهن نه... ۽ ان کان وڌيڪ سشيلا چئي ڪين سگهي. حصي کان سندس چپ ڏڪي رهيا هئا.
”اي ڌيڙو! پٽ ڪاڏي وئين، ساهمي ته کڻي آءُ“
”پٽهن کي ڏيڍيءَ ۾ بهاري آئي هئينءَ ڇا؟“ سشيلا پڇيو.
”ٻيو ڇا ڪريانس. مئي جا پير ته ڏس. ماريو سڄو ڏينهن ٿو رلي. هتي پٽ تي رک ساهمي، پٽ تي ويهي تورڻ ۾ سولائي ٿيندم.“
”پر مائي ڏين گهڻي رتل ٿي؟“
”سشيلا! مائي؟“ نيڻوءَ ڇٻيءَ سان ڪنڌ مٿي کنيو ڄڻ ”مائي، اکرکيس ڇرڪائي ڇڏيو هو.
سشيلا منهن ۾ شور وجهي پتيءَ ڏي ڏسي چيو، ”هون“ ڄڻ چئي رهي هئي، ”مائي نه چوانس تڏهن ميهار جي سهڻي چوانس؟“
نيڻو ڄڻ ڪؤڙي گوري ڳهي ويو. منهن گهنجائي ساڳيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، جنهن تي اول ڀوري ويٺي هئي.
ڀوري هاڻ پٽن تي پاپڙ تورڻ ۾ مشغول ٿي ويئي هئي. هنن جي ڳالهين سان ڄڻ سندس واسطو ئي ڪين هو. ”هيءُ سير، هيءُ ٻه، هيءُ ٽي، ساڍا ٽي سير هيءُ پاڻ چار پاپڙ بچيا اٿم، وٽ اهي به توکي ٿي ڏيان، پر پاپڙ کائي پوءِ چئج ته ڀوري پاپڙ ڏيئي ويئي ڪين کيچا ڏيئي ويئي!“
”پهرين چئه ته رتل گهڻي ٿي ڏين؟“
”يارهين آني رتل وڪڻندي آهيان، توکان وڌيڪ ٿوروئي وٺنديس. رتل تي ٽڪو هڪڙو منهنجو ٻيو پائي ڪين ٿي کان.“
”هاڻي مائي ڪوڙ ته ڪين ڳالهاءِ. ٽڪي جي بچت مان ٽن ٻارن کي پاليندين هوندينءَ“
”نه ڙي ڀيڻ، جيئي شل منهنجو گهوٽ، اهو به ٻه چار رپيا روز ڏيندو اٿم.“
”بس ٻه چار رپيا؟“
”تنهنجو گهوٽ ڇا ڪندو آهي ڀوري؟“ نيڻوءَ پڇيو. ”اڳي ته بڙودي ۾ هئاسين تڏهن ته ڪپڙي جي ڪئبن هئس. هاڻي ٻيڙيون ٻڌندو آهي. ٻيڙين مان ڪمائي پوري ساري آهي، سو مان ئي پيڊر روڊ، ڪولابا، دادر هيڏي هوڏي ٻه ٽي چڪر هڻي روز ٽيهه سير کن پاپڙ وڪڻي ايندي آهيان. ٻه چار رپيا مان به ڪمايان، ڏاڍو سٺو گذر پيو ٿئي. هيءُ ڇورو ڏس. اڙي ڪچو پاپڙ ڇو ٿو کائين؟ رولو ماريو اڄ ٻن ڏينهن کان پوءِ پيدا ٿيو اٿيئي نينو“
”ڪيڏانهن ويو هوءِ ٻه ڏينهن مائي؟“ سشيلا رکي نموني چيو.
”چوي ٿو دادر اسٽيشن تي هوس.“
”کاڌائين ڪٿان؟“
”وڃي مزوري ڪيائين.“
”ڌن آهيو توهين مايون. اسان جو ٻار ته کن کن هيڏي هوڏي ٿئي ته جيڪر ساهه نڪري وڃيئون. پر ڇوڪري جا حال ته ڏس ڪهڙا ڪيا اٿيئي! ڇا آهي مئي جي سونهن... چپن تي ڄڻ سرخي مکي پيئي اٿس. ..ڇا مئي جون ناسي اکيون! پر نڪو سنان نڪو صابڻ، بدن تي رءُ چاڙهي ڇڏي اٿيئيس. اسان جا ٻار هينئر باغ مان موٽندا، ڏسج ڪهڙا اَڇا اُجرا ٿا لڳن.“
”ڀيڻ اَڇا اجرا ڇو نه لڳندا هوندا. مان به سڄو ڏينهن گهر ۾ وهان ته ويهي ٺاهيان جوڙيان. جهڙي تهڙي گراهي وجهي نڪرڻو پوي چڪر تي، ته ڇوڪريون ته ٻئي اسڪول ۾ ڇڏي ايندي آهيان. هن ماريي جو پڙهڻ تي چاهه ئي ڪونهي. چوي ته ”توسان گڏ هلان، مان به ڪمايان.“ تنهن ڏينهن ”نه“ ڪئي مانس ته مرڳوئي ڀڄي ويو. پر سڀاڻي ماستر کان ٽنگون ڀڃائي اسڪول ۾ ويهاري اينديساسن.
”ان کان ته ٻاهر نڪرجي ئي نه. ڪمائين به ٽڪ ۾ ٽي چار رپيا ٿي ڪو لک ٿوروئي ٿي ڪمائين؟“
”اسان لاءِ اهي ڀي ٻه چار به کوڙ آهن. ڪنهن جي محتاجي ته ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي نه؟“
”کوڙ آهن! مائي مون کي ته هن جو ٽي سو رپيا پگهار به ٿورو لڳندو آهي.“ سشيلا اهڙيءَ ته توڏ سان چيو جو هن سمجهيو ته ڀوريءَ کي ضرور ان تي ايرکا لڳندي. ليڪن ڀوريءَ اهڙي ڏيکاري ڏني ڄڻ هن لاءِ ٽي سو رپيا به اهڙا ئي هئا جهڙا سندس ڪمايل ٻه چار رپيا.
”چڱو ڀيڻ هي ساڍا ٽي سير پاپڙ اٿيئي. ٻيا چئين ته سڀاڻي کڻي اچانءِ.“
”سڀاڻي وري ڇا ڪنديس. ٿورا ڏينهن ترسي کڻي اچج. هان وٺ پئسا.“
”چڱو نيڻو... اڙي هل ديرو ساهمي کڻ. سمجها ٿي ويئي.“
”توهين ڪپڙا ته مٽايو. سوٽ ۽ گنجيءَ ۾ ئي ويهي رهيا آهيو.“
”اڙي.... اڙي مون کي ته ڪپڙا مٽائڻ وسري ويا. پر به تون هن طرح ورچين ڇو پيئي؟“
”چڱو، مان پيئي ورچجان نه توهان جي دل ته بهار بهار ٿي ويئي آهي نه؟“
------
”هيڏي رات گذري آهي، اڃا پيا جاڳو؟“
........
”سچ چئو، هيڏانهن نهاريو. توهان کي ڀوري پيئي ياد اچي نه؟“
ڀوريءَ بابت ته برابر سوچي رهيو آهيان پر تون هيئن بي صبر ڇو ٿي رهي آهين؟
”مون سمجهيو، ڀوريءَ بابت ڇا پيا سوچيو...“
”تون ڇا سمجهندينءَ!“
”سمجهائيندا ئي ڪين ته ڪٿان سمجهنديس. مان به چري آهيان جو پڇان ٿي. چڱو نه ٻڌايو بس مان سمهي ٿي پوان.“
سشيلا منهن ورائي سمهي پيئي.
”اڙي پر ٻڌ ته.... ڀلا تو ڇا سمجهيو؟“
”ڇڏيو مون کي. ڀوري توهان کي ڏاڍو موهي ويئي آهي نه؟“
”اڙي پاڳل ته ڪانه ٿي آهين؟“
”چڱو بس مان پاڳل آهيان. اهڙا وائڙا ٿي ٿا نهاريو ڄڻ منهنجي ڳالهه سمجهو ئي ڪونه ٿا. مان اصل چوندي آهيان ته شاعر سان ته شادي ڪڏهن نه ڪجي. هن جو روح رڳو سهڻين ڇوڪرين پٺيان پيو چڪر ڪاٽيندو آهي.“
”اڄ مڙيئي ڪنهن ڳالهه تي خوب مٽي آهين، نه ته ٻار به چوندو ته هن وقت شڪل ۾ تون ئي ڀوريءَ کان وڌيڪ سهڻي ٿي لڳين.“
”هاڻي ٻڌو ٻڌو، پنهنجي زال کڻي حور پري ڇو نه هجي ته به اها ئي گهر جي مرغي دال برابر.“
”هاڻي اجايو نه ڳالهاءِ، شاعر ڇا هر ڪو انسان سونهن جو ڪانکي آهي. باغ ۾ سهنا گل ڏس ڇا اکيون بند ڪري وهندي آهين. سونهن ۾ ته قدرت جي ڪاريگري پسبي آهي.“
”ڀلا ڀوريءَ ۾ ڪهڙي سونهن اچي مورهي هئي؟ ڏٺم ڪان ته هوءَ وڃڻ لڳي ته سندس چال کي ڏسي توهان جو تن من ٺري پيو.“
”سشيلا!“
”ها، ها، سچ ٿي چوان. تپو ڇو ٿا...؟“
”پڳلي، هوءَ ڪنهن جي زال آهي! ٽن ٻارن جي ماءُ آهي!!“
سو ڇا ٿي پيو. ڪنواري هئي ته توهان داديءَ جي چوڻ تي ساڻس شاديءَ جي رضامندي ڏيکاري هئي نه. پوءِ کڻي توهان جي بابا سمجهايو ته پاڻ پڙهيل آهيو ته پڙهيل ڇوڪري وٺو. سو هينئر پڇتايو پيا.“
”پڇتايان ٿو؟ دماغ ته ڪونه خراب ٿي ويو اٿيئي؟ ان وقت مان ايف. اي. ۾ هوس ۽ بابا ته عقل جي ڳالهه ڪئي.“
”جي عقل جي ڳالهه ڪيائين ته پوءِ اڄ هن غريب بوريءَ ۾ گهوري گهوري ڇا ٿي ڏٺو. وڏي ڳالهه ته ڀوريءَ کي ڏسي اصل روئي ويٺا. ڀانيو ٿا اهي ڳوڙها مون توهان جي اکين ۾ ڏٺائين ڪين جي اکين ۾ ئي پي ويا. اڙي زال مرد جي نظر هڪ کن ۾ پرکي ويندي آهي.“
”هاڻي وڃ وڃ اڌ مغزڻ تڏهن ته چيم تون ڪانه سمجهندينءَ.“
”وري ڦري ساڳيءَ ڳالهه تي آيا، ڪجهه سمجهايو“
”سشيلا تو اگر اٺ سال اڳ واري ڀوري ڏٺي هجي به نه“
ها ته تون به شايد هن ڀوريءَ کي ڏسي روئي وجهين ها. هن جي گول گول ڀريل چهري منجهان اڄ نوڪدار هڏين واريون ڄاڙيون نڪري آيون آهن. جيڪي ڳل اڳي گلابي هئا، جن جي سنهيءَ چمريءَ هيٺان هلندڙ رت به پيو نظر ايندو هو سي ڳل ئي سڪي ويا آهن ۽ اکيون ڏسين ها ان وقت ٽمڪندڙ جوتيون هيون پر اڄ انهن جا چمڪندڙ تارا غربت جي حسرتن ڪيڏو نه اندر ڌڪي ڇڏيا آهن. اڇي کير جهڙي چمڙي اڄ اُسن ۾ رلندي ٽامو ٿي ويئي آهي. غريبيءَ جي ڄر جڏهين ڪنهن سندر ٻوٽي کي لهسائي وجهندي آهي تڏهن منهنجي دل چچرجي پوندي آهي!؟
”دل ڪيئن چچرندي؟“
”سشي جڏهن ننڍڙي سروج جي نازڪ چمڙيءَ تي وڏي ماتا چگهه ڇڏي ويئي، تڏهن تو ڪيترو رنو هو ۽ ڇو رنو هوءِ؟“
”مان ته اڄ به هن گلڙي جي سونهن کريل ڏسي ڏاڍو دکي ٿيندي آهيان.“
”سشي جيئن سهڻا گهر، سهڻا رستا، باغ، اسڪول ڪنهن قوم لاءِ فخر آهن، تيئن حسين چهرا به ملڪ لاءِ فخر آهن. پوءِ ڀوريءَ کي ملڪ جي باغ ۾ ٽڙڻ سان ئي مسليل ڏسي دل ڪين دکي ٿيندي؟“
”ڌارين ماڻهن کي ڏسي به دکي ٿبو آهي، اها توهان جي ڳالهه برابر مون کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي.“
”منهنجا سنڌي ڪڏهن ڌاريا آهن؟ سشي! پنهنجي سنڌ جا شيشن آرسين وارا گهر، باغ بوستان، ٻنيون ٻارا، واهه براجون سڀ ڇڏي آياسين، اِنسانن جي چهري ۾ جو نور کڻي آياسين سو به هن طرح بک ۾ اُجهامي ختم ٿي وڃي، حسرت جهڙي ڳالهه ناهي....“
”توهين ماٺ ڇو ٿي ويا.... ڀلا ڀوري وڃڻ لڳي، ان وقت توهين بلڪل خوش ڇو ٿي نظر آيا؟“
”ان وقت مون ڀوريءَ جي ٻي هڪ سونهن ڏٺي.“
”ڀوريءَ ۾ هينئر وري ڪهڙي سونهن نکڙي آئي آهي. توهين شاعر مون جهڙن سڌن سنواٽن ماڻهن کي ته منجهائي ٿا ماريو.“
”منهنجي سشي، ٿورو ڌيان ڏيندينءَ ته توکي به اها سونهن ڀوريءَ ۾ نظر ايندي. اڳين چاڳلي ڀوريءَ جي جڳهه تي اڄ خوددار محنتڻ ڀوري پيدا ٿي آهي. سندس صاف گوئي ۽ بي فڪر هلت ڏٺئه؟“
”ڇوري ڪرسيءَ تي ڪيڏي دخل سان اچي ويٺي!“
”اها ئي سندس سونهن آهي جنهن مون کي بهار بهار ڪري ڇڏيو. هن جي آتما کيس ڪنهن به انسان اڳيان هيٺڀرو نه ٿي ڪري. ۽ هوءَ هيٺڀرو ٿئي ڪيئن؟ هن لاءِ ٻه رپيا ڪمائيندڙ توڙي ٽي سؤ رپيا ڪمائيندڙ هڪجهڙا آهن. ڪنهن جو ٿورو ته کڻي ڪانه ٿي. محنت ڪري ٿي اُجورو طلبي ٿي. پورهيو ڪندي ڀل عمر کان اڳ ٻڍي ٿي ويئي آهي ته به ارمان نه اٿس. سندس پتي ٻه رپيا ٿو ڪمائي، ڏهه رپيا ڇو نه ٿو ڪمائي، ان لاءِ ڪا به شڪايت ڪانه اٿس.“
”ائين ته مون کي به توهان لاءِ ڪا شڪايت ڪانهي؟“
”ڏاڍي ڀورڙي آهين، پنهنجي اندر کان پڇ. شڪايتن جا ڍير لڳا پيا اٿيئي. ٻارن کي ڪانوينٽ ۾ نه ٿا پڙهايو، روز روز شاپنگ ڪرڻ نه ٿا هلو، ڪشمير نٿا گهمايو، ريڊيو ڪونه ٿا وٺي ڏيو، پنکو ڪونه ٿا وجهايو، مون کي ٽئين چئين مهيني پيڪين نٿا وٺي هلو، اڪيلي ڪيئن وڃان.... ۽ هوڏانهن ڀوري آهي جا اڪيلي بي باڪ بڻجي سڄي شهر جا رستا ڦرندي ٿي رهي. هن جي خودداري سندس اڳيان پٺيان پهرو ڏيندي ٿي رهي. وڏي آڪاش هيٺان وڏيءَ ڌرتيءَ تي بي فڪر هلندي هلندي ايڏي ته وشال ۽ مضبوط دل واري ٿي ويئي آهي جو کيس ڪو به ڪوڙو شان نه ٿو ستائي. ڪرم ۾ پاڻ کوهي هوءَ محنت تي تڳندڙ ملڪا... اڙي تون روئين ويٺي؟“
نيڻوءَ پتنيءَ جو منهن ٻنهي هٿن ۾ کڻي جهليو.
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
غزل
ٻڌيءَ ۾ مزو آ، فضيلت به آهي، سُٺِي واٽ آهي، نصيحت به آهي.
اجايا ارادا، اجايا ڪشالا، وڏائي ننڍائي، مصيبت به آهي.
فقط زور سان ڪاميابي نه ٿيندي، چون سوڀَ جنهن کي، هزيمت به آهي.
محبت زماني جي فاتح ٿي سڏجي، اها سوچَ ناهي، حقيقت به آهي.
کِلِي ڳالهه ڪر ۽ جُهڪي هَل، سڌو هَل، اها طرز سهڻي، سُٺِي مت به آهي.
فقيرا ٻَڌي هل، توڪل جو تَرهَو، قلندر جو خرقو، طريقت به آهي.
حبيبا محبت ڪو احسانُ ناهي، محبت تي مائِل، طبيعت به آهي.
فاطمه ”راڻي“
ماءُ
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو، ڪيڏو حسين ۽ بي مثال آهي،
تنهنجو کلڻ، ڳالهائڻ، مرڪڻ ڇا ته لاجواب آهي.
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو!
هر وقت پنهنجو درد ۽ ڏک سور لڪائي ٻين کي خوش رکڻ واري!
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو
ننڍيون ننڍيون خوشيون گڏ ڪري
پنهنجي اولاد جي لاءِ بنان پرواهه دنيا جي
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو
تنهنجو ڪهڙو بيان ڪريان، تون ته جنت جي حور آهين،
تون ته اولاد جو ڇپر ڇانو ۽ آسرو آهين
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو!
خدا تعاليٰ ۽ منهنجي نبي حضرت محمد مصطفيٰصه کان پوءِ
ٻي سهڻي شيءِ خوبصورت ۽ حسين ماءُ ته آهي
جنهن جي پيرن هيٺان جنت آهي،
تنهنجو چنڊ جهڙو چهرو، ڪيڏو حسين ۽ بي مثال آهي.
ساجده پروين
جاڙ جيان ٿي جيڏيون!
هن جي لنگهي وڃڻ کان پوءِ به فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ هن جي چنيءَ جا رنگ رهجي ويا. پوپٽ جي پرن جهڙا اهي سارا رنگ مون نيڻن ۾ جهٽي ساهه ۾ سانڍي رکيا. گهڻي وقت کان پوءِ هڪ اداس صبح جو مون جڏهن اهي سارا رنگ ايزل تي رکيل وڏي ڪينواس تي اُلٿيا ته هن جي تصوير ٺهي وئي.
انهيءَ شام جو هڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ هڪ غزل پڙهيو هوم:
هن شام سان جڙي آ، هڪ آس ياد تنهنجي، هر گام ۽ گهٽيءَ ۾، نراس ياد تنهنجي. هر روز هو مصور چاهت، جا چٽ چٽي ٿو، هيءَ رنگ برش ريکا، ڪينواس ياد تنهنجي. اڄ پير ڪڙين جي ڌَن تي، نئون گيت ٿو هو ڳائي، اوندهه سندا اُڌما، بنواس ياد تنهنجي. چپ چاپ هي سمندر، لهرون لهر لکي ٿو، هي گيت غزل دوها، احساس ياد تنهنجي. ڪوڪو ڪٿي ڪو ماڻهو، تو جهڙو ڇو لڳي ٿو، جيڏانهن مان وڃان ٿو، آ پاس ياد تنهنجي.
انهن ڏينهن ۾، ”يونيورسٽي فائونڊرس ويڪ“ ملهايو پئي ويو، فائن آرٽس وارن تصويرن جو نماءُ ڪيو هو، سڄي يونيورسٽيءَ جو سانت ماحول حيدرآباد جي پريم پارڪ، شامداس پاڙي ۾ ٻوليندڙ ڪوئلن جي ڪوڪو، ڪٻرين، مينائن جي مٺين لاتين سان ڄڻ ٻري رهيو هجي. سامهون کان فيڪلٽيءَ ڏانهن ايندڙ ڇوڪرين مٿان ابابيلن جو جوڙو لهري واري اُڏام ڪري درياهه ڏانهن اُڏام ڪري ويو هو. ايل.ايم.سي کان ايندڙ پاريلن جو ولر فيڪلٽيءَ ۽ سينٽرل لائبرريءَ مٿان چوطرف ڦيرا ڏئي واپس هليو ويو.
هلڪي جهڙ وارو آسمان تتر کرڙي لڳي پيو هو. صبح جي گهلندڙ ٿڌي هوا ۾ مٽيءَ جي مهڪ شامل هئي.
ڀرپاسي ۾ ڪٿي مينهن پيو آهي...؟؟
منهنجي فلاسفر ۽ اداس دوست تبصرو ڪيو.
مارچ ۾ ڳڙو وسندو آهي، مينهن ڪونه پوندو آهي. مون پنهنجي فطرت کان مجبور ٿي کيس Contraduct ڪيو.
تنهن ڏينهن پڄاڻ اوچتو ئي اوچتو ڪيترائي ڪامريڊ زنده باد ۽ مرده باد، پلئه ڪندس، پلئه ڪندس وارا نعرا هڻندا ڪلاس بند ڪرائي رهيا هئا.
سڀني شعبن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سينٽرل لائبرريءَ ۽ آرٽس فيڪلٽيءَ جي ٻاهران يوڪلپٽس جي وڻن جيان اُداس چپ چاپ بيٺا هئا.
ڇا ٿيو.... ڪنهن ڀڻڪيو...
اڇا - پوليس ڪسٽڊي ۾...
ذوالفقار ڀٽي کان پوءِ هر سنڌيءَ تي بلئڪ وارنٽ نڪري چڪو آهي....
روزانو ڪنهن نه ڪنهن سنڌيءَ تي....
منهنجي فلاسفر دوست پنهنجي عينڪ نڪ تي درست ڪندي وڏي گنڀيرتا سان چيو. جيئن ڀرسان بيٺل ٻيا کيس ٻڌي سگهن.
پر اهي سڀئي بس جي انتظار ۾ بي ڌيانا بيٺا هئا. هنن کيس ٻڌو ئي ڪونه.
”اوچتو مينهن جي ڪڻ ڪڻ وسڻ لڳي.“
ٿوري دير ۾ ڪڻ ڪڻ بند ٿي ويئي. ڪا منڊي ڪڪري اسان جي حال تي روئي هلي وئي. فلاسفر دوست جي بي تڪي تبصري تي کيس ڪوڙي ڪاوڙ منجهان گهوري نهاريومانس.
آءٌ غلط نه ٿو چوان..
سڄي يونيورسٽيءَ ۽ سڄي سنڌ ۾ رڳو تون ئي صحيح آهين ۽ ٻيا سڀ...
هو روزانو ول ڊيورانٽ جو ڪتاب فلسفي جي تاريخ ۽ افانيسيف جو مارڪسي فلسفو پڙهندو هو. کيس هر شيءِ غلط لڳندي هئي. سڄو سماج انارڪيءَ جو شڪار، بي ترتيب، زوال پذير، جاگيرداري لاڙن جو رواج ۽ قانون، هارين جي پگهر ۽ رت جي محنت تي جوان زميندار شاهي، ويڪائو اديب، سياسي محاذ تي بيٺل ڄامڙا اڳواڻ، ثقافتي محاذ تي قابض درٻاري ليکڪ، جعفر زٽلي کان ويل... تون ڪنهن پاڻ جهڙي فلاسفر سان دوستي ڇو نه ٿو رکين... مون کي فلسفي ۽ تنهنجي سوشل، پوليٽيڪل موضوعن جي ڪهڙي ڄاڻ. مون کيس ٽوڪيو...
هو ويچارين نظرن سان مون کي ڏسندو رهجي ويو....پوءِ ڪيترائي ڏينهن مليو ئي نه...
مهيني جي وٿيءَ کان پوءِ کيس ڏاڍو ياد ڪيم. ڳولا تي سينٽرل ڪينٽين جو ڏس مليو.
سينٽرل ڪينٽين جي هڪ تنها گوشي ۾ هو سگريٽ پي رهيو هو. ايش ٽري، سڄي ڀرجي وئي هئي. ڪٿي آهين دوست...
اتي ئي اوهان جي دنيا ۾... هن اداسيءَ سان وراڻيو. يار توکي ڏاڍو مس ڪيم. ناراض آهين، هٿ ٿو ٻڌان...
هن جي اکين ۾ ڄڻ ڪيترائي ڏيئا ٻري پيا، تون ته مون مان ڪڪ ٿي پيو هئين، تڏهن اچي هن ڪنڊ سان دوستي رکيم. ڪالهه سڄو ڏينهن رُوم تي ويٺو رهيس. اڄ آيس ته لڳو ته هن ڪنڊ کيڪاريو هجي، پڇندي هجي ڪٿي هئين ڪالهه... وري سگريٽ دکائي چوڻ لڳو... تنهنجا منهنجا زندگيءَ ڏانهن رويا الڳ الڳ آهن. پر تڏهن به هن يونيورسٽيءَ ۾ رڳو توسان ئي دوستي آهي...
سڄي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ آءٌ ئي ڀوڪ توکي مليس. ٻيو ته ڪو توکي ٻڌي ئي ڪونه ٿو. مون ڀوڳ ڪيو.
هن جي چهري تي هيڪر رنج جا اهڃاڻ اڀري وري هٽي ويا.
نه دوست... انڪري جو تون بي ضرر آهين. پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم فل ڪندڙ هڪ ڇوڪريءَ جيڪا هن جي خاموش چاهت جو مرڪز هئي.. ايم فل ۾ هن، سندس جوڳي مدد به ڪئي، هڪ لڱا، هن پنهنجي اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ دوست سان سندس ملاقات ڪرائي... هن ڏٺو ته کلمک، رنگين دنيا هن جي دوست، هڪ ئي ملاقات ۾ هن کان هن جو چاهت وارو مرڪز کسي ورتو.
هو ٻئي شادي ڪري پهرين اسلام آباد پوءِ ڪينيڊا هليا ويا ۽ هو تنها رهجي ويو... هو ايم فل ڪري رهيو آهي.
سڄي هاسٽل خالي ٿيڻ کان پوءِ به هو هاسٽل ۾ رهيو پيو هوندو آهي، يا يونيورسٽي انتظاميا جي تنگ ڪرڻ تي ڄام شورو ڦاٽڪ تي ڪنهن واقف ڪار جي اوطاق ۾.
توکي خالي هاسٽلن ۾ رهندڙ ڀوت تنگ ڪونه ڪندا آهن.
مون کان وڏو ڪو ڀوت يونيورسٽيءَ ۾ هوندو ڇا!؟ هو مرڪندي جواب ڏيندو هو.
هن ڀيري تون مون سان ڳوٺ هلجانءِ.
نه يار، توکي هت به بيزار ڪيان ٿو ۽ وري ڳوٺ... هن اڌو گابرو جملو ڳالهايو.
منهنجو ته ڪوئي ڳوٺ ڪونهي...
يار تون ...... ٿي ڪري ائين ڇو سوچيندو آهين. هيءَ سڄي سنڌ ۽ هن جا سڀ ڳوٺ تنهنجا آهن.
هن جا ماءُ، پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويا هئا. هڪ ڀاءُ يو ڪي ۽ هڪ ڀيڻ ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي.
منڍ منڍ ۾ هو نيشنلسٽ هو، پوءِ ترقي پسند ٿيو ۽ هاڻ هو پاڻ کي صوفي ۽ انسان دوست سڏائيندو آهي. هو سڀني سياسي تنظيمن کي انٽر پرائز ڪمپنيون چوندو هو.
انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو مون کي ايڊيٽر ڪيو ويو. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ انڪار ڪرڻ جي باوجود پنهنجي فلاسفر دوست کي شامل ڪيم.
هڪ ڏينهن سڀني شعبن جي نوٽيس بورڊ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجا نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ ٻين موضوعن تي مضمون پهچائڻ جو نوٽيس لڳائڻ کان هفتي کن کان پوءِ... هو پنهنجي ساهيڙيءَ سان گڏ آئي هئي. هن جي ساهيڙي ”مشرقي فلسفي جا مغرب تي اثر“ جي عنوان تي ابن رشد تي هڪ شاندار مضمون مئگزين لاءِ ڏنو هو.
اوهان جي هن دوست جو مضمون ڪڏهن ايندو...
مون وٽ اجايو وقت ڪونهي، لکڻ وارا سڀ احساس ڪمتريءَ جو شڪار هوندا آهن. ائين هو پاڻ کي ظاهر ڪندا آهن. منهنجي سوال تي هن هٺيلي نموني وراڻي ڏني.
هي سمورا ڪتاب، هي سڄي سينٽر لائبرريءَ ۾ پيل ڪتاب لکندڙ، سمورا ليکڪ يا ڪجهه خاص ماڻهو.
نه رڳو سنڌ جا ليکڪ، خاص طرح سان جيڪي رڳو داخلي ڪيفيتن تي لکندا آهن ۽ خارجي...
هو هڪ وڏو تبصرو ڪري وئي. مطلب ته اوهان سنڌي ادب کي گهڻو ئي پڙهيو آهي. نه رڳو آءٌ استاد بخاريءَ کي پڙهندي آهيان، اياز - ها پڙهيو اٿم.
پر ڀؤنر ڀري آڪاس، ڪپر ٿو ڪن ڪري، وڄون وسڻ آيون، کان پوءِ هو آدرشي نٿو لڳي... داخليت جو شڪار ٿي ويو...
ان ڏينهن سنڌالاجي ۽ هڪ ادبي رهاڻ ۾ هو هلڪي طوطائي رنگ ۾، هلڪي واڱڻائي ڀرت وارين ڦلڙين واري وڳي ۽ ڪاسنيءَ جو ننڍڙو وڻ لڳي رهي هئي.
هو منهنجي دوست، جنهن کي آءٌ پيارو پروفيسر چوندو آهيان، تنهن ڏانهن وڌي آئي.
سر، ماکيجاڻي اوهان جي تعريف ٿي ڪئي. مون کي هڪ موضوع تي اوهان سان ڊسڪشن ڪرڻي آهي، جڏهن اوهان کي واندڪائي ملي، مون کي ٽائيم ڏيندا.
اوهان وٽ جيڪو واندڪائيءَ جو ٽائيم هجي،آءٌ ته واندو ئي آهيان. فلاسفر دوست وراڻيو.
ٺيڪ آهي.
پوءِ سينٽرل لائبرريءَ جي ريڊنگ هال ۾ وقت مقرر ٿيو. دوست تون به مون سان گڏ هلجانءِ... آءٌ ڏاڍو پزل ٿيندو آهيان. فلاسفر دوست چيو.
پر ٽائيم ته توسان آهي. لازمي طرح سان اوهان جي گفتگو جو موضوع به اهڙو ئي ڳوڙهو هوندو، آءٌ ته بور ٿيندس.
نه تون بور نه ٿيندين. فلاسفر سال کن کان پوءِ پهريون ڀيرو شوخيءَ مان، مون ڏي نهاريو.
ڄام شوري جي موسم تمام سٺي هئي، رات کان اپريل جي مهيني هوندي به هوا اهڙي ٿڌي ڄڻ بسنت جو پهريون هفتو هجي.
ڪلاس ختم ٿي چڪا هئا، انڪري دير سان اُٿيس، نيرن کان پوءِ اوچتو ياد آيو.
اڙي فلاسفر ڪاوڙجي ويندو، اوچتو وات مان رڙ نڪري وئي.
ڀر ۾ نيرن ڪندڙ بادامي اکين واري شوخ ڪپڙا پهريل وڏن وارن واري برگر ڇوڪري مون ڏانهن نهاريو، پوءِ ڪنڌ ۽ ڪلها لوڏي مزي سان نيرن ڪرڻ لڳو.
تڪڙو تڪڙو هلندو پوءِ ڊوڙي ڏاڪڻيون چڙهندو ريڊنگ هال ۾ پهتس.
هو ۽ فلاسفر ۽ هڪ نئون چهرو گڏ ويٺا هئا. دوست معاف ڪجانءِ دير ٿي وئي. مون نظرن سان کانئس معافي گهري، ويهي رهو، ڊسٽرب نه ڪيو، هن وراڻيو.
وڏو ڪو ذليل انسان آهي، اصل ڪميڻو آهي. مون دل ۾ ڪروڌ ڪندي سوچيو.
لئي ته ڏسو مڙس جي... موضوع جي منڍ جي خبر نه هئڻ ڪري آءٌ چپ ويٺو هوس.
چڱو هيءُ منهنجو دوست اوهان جي مدد ڪندو، اوهان سان سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، علامه دائود پوٽه لائبرريءَ گڏجي هلندو.
پوءِ هن مون ڏانهن ڪتابن جي هڪ فهرست وڌائيندي چيو.
هيءَ ادي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل ڪري رهي آهي.
تون گڏجي وڃجانءِ ۽ کيس هي ڪتاب هٿ ڪري ڏجانءِ. ٿورو وقت اٿس، اهي ريفرنس بڪ آهن، انهن مان ڪجهه چيپٽر فوٽو اسٽيٽ ڪرائي اديءَ کي ڏجانءِ...
پوءِ تعارف ٿيو هو. هن جي وڏي ڀيڻ هئي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهي هئي. سندن ڳوٺ خيرپور جي ويجهڙ ۾ هو، پر هو سڀئي حيدرآباد جي نئين وسندي قاسم آباد ۾ رهندا هئا.
پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي فلاسفر دوست سڌ ڏني ته: ايم فل ۾ سهڪار ڪرڻ جي ڪري، کيس ۽ مون کي هن جي گهر ۾ دعوت ڏني وئي آهي.
يار آءٌ ته ڪونه هلندس، علم ۾ ساٿ ۽ سهڪار کي ماني کائي لاهڻ وارو دستور مناسب نه آهي. آءٌ ته ڪونه هلندس. پر هيءَ ته هڪ اهڙي گڏجاڻي آهي. اها دعوت پاڻ ڪونه گهري ورتي آهي. فلاسفر مون کي قائل ڪرڻ لڳو.
ڪٿي تنهنجو ڪو چڪر ته ناهي.
منهنجي انهيءَ ڳالهه تي هن چيو ته يار تون هميشه غلط سوچيندو آهين. هن گهور وجهي مون ڏانهن نهاريو.
اهڙي صورتحال کان پوءِ هو هميشه ڪاوڙجي ويندو هو ۽ پوءِ ڪيترائي ڏينهن گم ٿي ويندو هو. انڪري مون ساڻس گڏ وڃڻ ۽ دعوت قبول ڪندي کيس چيو، چڱو هلبو، پر گفٽ ضرور وٺبي. پر هڪٻئي کي ٻڌائبو ڪونه ته ڇا ورتو آهي.
تو ٻه گفٽ ورتا آهن. بس ۾ فلاسفر منهنجي گفٽن ڏانهن اشارو ڪندي چيو
ها! گفٽ هميشه جوڙو هجي.
مون هن لاءِ ۽ هن جي ڀيڻ لاءِ شاهه جو رسالو جون الڳ الڳ گفٽ ورتي هئي. دعوت تان موٽڻ کان پوءِ فلاسفر هن تي، هن جي گهر وارن ۽ ٻين گهر وارن تي ڳالهائي رهيو هو.
تون ڇو چپ ويٺو آهين.
فلاسفر پڇيو.
توکي مزو ڪونه آيو... سڄي لئي ته تنهنجي هئي. ائين چئي آءٌ چپ ٿي ويس.
هو ٿورو گم سم ويٺو رهيو... پوءِ پاڻهي چيائين...
يار! الاهي ورهين کان ڄڻ پنهنجي گهر ويٺو هجان. مون کي ته گهر جي مزي، گهر ڀاتين گڏ هئڻ جو گهرو احساس پهريون ڀيرو ٿيو. فلاسفر ڳالهائي رهيو هو. هو گهر جي هر هڪ ڀاتيءَ تي ڳالهائي رهيو هو. يار، هن جي ناني ڪيڏي سٺي هئي، مون سان ته ائين ڀاڪر پائي ملي ڄڻ آءٌ به سندس ڏوهٽو هجان... ڀرت ڀريل رئو، آڏي ڳچيءَ وارو هرمچو ڀريل چولو، سوسيءَ جي ليڪائين سٿڻ، ٽونئرن واري جتي ۾ هوءَ ڪا ڳوٺاڻي وڏيري لڳي رهي هئي. مون ته هندوري ۾ ساڻس گڏ ويهي هڪ فوٽو به ڪڍرايو آهي.
گهڻن سالن کان پوءِ مون کيس ايترو خوش ڏٺو هو. هو ساڳيو فلاسفر ۽ اداس نه ٿي لڳو. هن جي زندگيءَ ۾ ڪي رنگ اچي ويا هئا. هاڻ هن جي شيو وڌيل ڪونه رهندي هئي، ڪپڙا به استري ٿيل هوندا هوس.
اسان ٻئي هاڻ وڌيڪ گهاٽا ٿي وياسين. هاڻ هن جي ڳالهائڻ جا موضوع شاعري، محبت ۽ گهر وڃي رهيا هئا.
ساحر کان فراز ۽ فيض تائين، لطيف کان اياز ۽ بخاريءَ تائين سڀني جا ڪتاب هن جي ٽيبل تي رهندا هئا ۽ فلسفي جا ڪتاب ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيا هئائين. هو ڏاڍو خوش رهڻ لڳو هو.
هو فون تي ٿيل ڳالهين جو ذرو ذرو ٻڌائيندو هو، مون کان سواءِ هن جا سمورا گهڻگهرا دوست پڻ ڏاڍا خوش هئا. يار هو ٻئي منهنجي گفٽ کان وڌيڪ تنهنجي گفٽ جي ساراهه ڪن پيون. کيس يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچررشپ به ملي وئي ۽ ڊاڪٽريٽ لاءِ سندس درخواست منظور ٿي ۽ گائيڊ پڻ مليو هوس.
اوچتو ئي اوچتو هو وري ملڻ کان نٽائڻ لڳو. واٽ ويندي مليو هو. چيومانس وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين... پري کان هٿ لوڏي چيائين نه.... توکي ٻڌائيندس.
مون، هن کي پروپوز ڪيو آهي.
هڪ ڀيرو رات جو مهراڻ يونيورسٽيءَ واري رستي تي لوئي پائي پسار ڪندي آڪٽوبر جي هلڪي سياري ۾ اوچتو مليو. ڊوڙي وڃي کيس ڀاڪر پائي مليس. خبرون ورتم طبع معلوم ڪيم. هن بابت خبر پڇڻ تي ٻڌايائين ”گذريل آچر تي هن جي شادي ٿي وئي. يار توکي به دعوت موڪلي هئائين، پر ملاقات نه ٿي سگهي...“ آءٌ پاڻ به شريڪ نه ٿي سگهيس.
اهو ٻڌائيندي ڪا ڳالهه هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي... رات جي وڳڙي ۾ ڳوڙها ته هن جي اکين جا نظر ڪونه آيا...
پر ويٺل نڙي ۽ آواز ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. مون کي لطيف جو بيت ياد آيو:
”ستي سنڀريوم، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو، ڪنڌ وهاڻو ڀنئو، هريو هٿ ٿيوم، سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيان ٿي جيڏيون.
اڃا به هو ڄام شورو جي فضائن ۾ رهندو آهي. هن جي لوندڙين جا وار اڇا ٿي ويا آهن، چال ۾ وڌيڪ ڍرائي اچي وئي آهي. ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيندي، ڪنهن ڪنهن مهل گم ٿي ويندو آهي...
سيد شاهزيب علي شاهه
بنان عنوان
امينه هڪ غريب گهر جي غريب ۽ سٻاجهڙي ڇوڪري هئي. امينه جو پيءُ مزدور هو جنهن جون پنج ڌيئر هيون، هو جيڪو ڪجهه به ڪمائيندو هو، ان جون ضرورتون انهيءَ کان وڌيڪ هيون. امينه سندس وڏي ڌيءَ هئي جنهن جي عمر 18 سال هئي ۽ هوءَ سلائي سينٽر ۾ سلائي سکندي هئي ۽ شام جو ڪپڙا سبي پنهنجو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀينرن جو پيٽ ڀرڻ ۾ مدد ڪندي هئي. سندس پيءُ صبح کان شام تائين مزدوري ڪندو هو پر پوءِ به گهر جي پورت ڏاڍي ڏکي ٿيندي هئي، امينه جي ماءُ پيءَ کي پنهنجن ڌيئرن جي شاديءَ جي به ڏاڍي پريشاني هئي، انهن کي پنهنجي پيٽ جي ئي پورت نه هئي ته هو ويچارا اڳتي لاءِ اولاد لاءِ ڇا سوچيندا. انهن جي ئي پاڙي ۾ جمشيد نالي ڇوڪرو رهندو هو، جنهن کي امينه تمام گهڻي وڻندي هئي، هو روز امينه جي انتظار ۾ سلائي سينٽر جي ٻاهر بيٺو هوندو هو ۽ امينه به هن کي ٿورو گهڻو پسند ڪندي هئي. پر هو پنهنجي گهر وارن ۽ سماج جي ڪري هن سان نه ڳالهائيندي هئي ۽ جمشيد ۾ به همت نه هئي تن کي ڪجهه چئي سگهي.
امينه به هن جي اکين ۾ لکيل سوال پڙهندي هئي پر خاموش رهندي هئي، ۽ ائين ئي وقت هلندو رهيو.
هڪ ڏينهن ڳوٺ جي وڏيري امينه جي پيءُ کي سڏايو ۽ چيائينس ته سندس ڪمدار جنهن جي هڪ زال اڳي ئي مري ويئي هئي، ۽ پاڻ به 50 سالن جو پوڙهو هو ۽ ڪجهه جريب ٻني به هئس ۽ هو امينه جن جي مقابلي ۾ پنهنجي ماني مڇيءَ وارو به هو، رئيس امينه جي پيءُ کي چيو ته ”غريب آهين، تنهنجو پيٽ ئي تنهنجي لاءِ عذاب آهي ته تون نياڻيون ڪيئن اٿاريندين، ڪمدار توکان ڏاج به نه وٺندو ۽ توکي 50 هزار به ڏيندو، جنهن مان تنهنجي ٻين نياڻين جو به ڪو ڏيج ڏيپ ٿي پوندو، تڪڙ ڪانهي پنهنجو نقصان فائدو ڏسي پوءِ فيصلو ڪجان، آءٌ تنهنجو پنهجو آهيان تنهنجي لاءِ يا ٻين ڳوٺ وارن لاءِ آءٌ ائين سوچيندو آهيان ڄڻ پنهنجي اولاد لاءِ، گهر وڃي گهر واريءَ سان صلاح ڪر پوءِ مون کي ٻڌائج.“ امينه جي پيءُ کي هڪ پاسي اها سوچ هئي ته پنهنجي معصوم نياڻيءَ کي پنهنجي هم عمر جي بجاءِ پنجاهه سالن جو پوڙهو ڪيئن ڏيان ته ٻئي پاسي اها پريشاني پئي کائيندي ويس ته پنج ڌيئر هن غربت جي عالم ۾ ڪيڏانهن ڪندس. هن زال سان صلاح ڪئي ۽ آخر اهو فيصلو ڪيائين ته هڪڙيءَ جي زندگي تباهه ڪري ٻين چئن جي زندگي ٺهي ٿي ته ڪهڙي خراب ڳالهه آهي. هن ”ها“ ڪري ڇڏي ۽ شادي جي تاريخ طيءِ ڪري ڇڏي. اها خبر جڏهن جمشيد کي پئي ته هن پنهنجي محبت جو اقرار هڪ خط ۾ لکي امينه کي سلائي سينٽر جي دروازي تي ڏنو. امينه خط پڙهي روئي ڏنو ۽ ماٺ ڪري گهر هلي ويئي. ۽ ماٺ ميٺ سان هڪ قربانيءَ جي دُنبي وانگر ڪسجڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. جمشيد جي ڀيڻ صغريٰ جيڪا امينه سان سلائي سينٽر ۾ گڏ سلائي سکندي هئي ۽ امينه جي سهيلي به هئي، جمشيد انهيءَ کي بهاني سان موڪليو ته ”امينه کي چئو ته هن سان شاديءَ کان پهريان هڪ دفعو ملي، جيڪو ڀلي ئي پهريون ۽ آخري ئي هجي.“ امينه اهو ٻڌي جمشيد جي ڀيڻ صغران کي چيو ته ”جڏهن وقت هو تڏهن جمشيد ۾ همت نه هئي، ۽ هاڻ آءٌ پنهنجي مائٽن جي فيصلي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چڪي آهيان ۽ هاڻ آءٌ نه ٿي ملي سگهان ۽ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهان.“
صغران چيو ته ”امينه جيڪر جمشيد توکي پهريان چوي ها ته تون پنهنجي مائٽن کي ان شاديءَ کان انڪار ڪري سگهين ها.“
”انڪار ته ڪونه ڪري سگهان ها پر توکي اسان جي معاشري جي خبر آهي ته اسان کي پنهنجي زندگيءَ لاءِ به ڳالهائڻ جو حق نه آهي.“ امينه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”امينه جڏهن تون شاديءَ کان انڪار نه ڪري سگهين ها ته پوءِ قدرت جو ئي فيصلو سمجهي ۽ آخري دفعو ملڻ لاءِ ها ڪري ڇڏ، ٺيڪ سڀاڻي سلائي سينٽر جي پويان تون مون سان گڏ هلجان....“
امينه صبح جو سلائي سينٽر جو ٻڌائي گهران نڪتي ۽ صغريٰ کي به گهران وٺندي وئي. جمشيد اڳي ئي سلائي سينٽر جي پويان بيٺل هو، جيئن امينه کي ڏٺائين ته کيس پڇتاءُ ڏنگي رهيو هو ته آءٌ اها همت جي پهرين ڪريان ها ته اڄ امينه منهنجي هجي ها ۽ امينه به جمشيد کي ڏٺو ته سندس اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا.
”امينه توکي آءٌ دل جي گهرائين سان پسند ڪريان ٿو. تون جيڪڏهن چاهين ته اڃا به وقت ويو ناهي، اڃا به الاهي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، تون چاهين ته پاڻ ٻئي گهر ڇڏي ڪنهن ٻئي ڳوٺ يا شهر هليا هلون، جتي پاڻ کي ڪير به نه سڃاڻيندو هجي.
پياريون سرتيون: هن ڪهاڻيءَ جو عنوان ۽ پڃاڻي توهان کي لکي موڪلڻي آهي.
سرتيون رپورٽ
اچو ته هڪڙي پُل اَڏيون
نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج، دهلي سنڌي اڪئڊمي ۽ سنڌي ڪائونسل هند جي اشتراڪ سان ملهايل ”هند - پاڪ مها اُنتسو“ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ جي اديبن ۽ فنڪارن جي هڪ وفد 20 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين هندو جو دورو ڪيو.
وفد جي سرواڻي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر قمر شهباز ڪئي. گروپ جي ٻين مکيه ميمبرن ۾ شوڪت شورو (ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڄام شورو)، حميد سنڌي (اڳوڻو وائيس چانسيلر زرعي يونيورسٽي/شاهه عبداللطيف يونيورسٽي)، پروفيسر سليم ميمڻ (چيئرمن سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي)، انعام الله شيخ (سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ)، ۽ عالمن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، حسين شاهه راشدي ۽ ڪيترائي شاعر، ليکڪ، نقاد، صحافي ۽ آرٽسٽ - جهڙوڪ: امداد حسيني، شمشير الحيدري، تاج بلوچ، ادل سومرو، اياز گل، احمد سولنگي، اسحاق تنيو، اسحاق سميجو، نصرت لاشاري، شبنم موتي، پروين راڄپر، ماهين هيسباڻي، ذوالفقار ۽ مظهر، برڪت علي، سجاد يوسف، وسند ٿري، سونيا ڪنول، نرما ڪنول، خورشيد ڪنول ۽ ٻيا انهيءَ گروپ ۾ شامل هئا.
خير سگاليءَ لاءِ پهتل انهن سنڌي اديبن ۽ فنڪارن 15 ڏينهن هوائي جهاز، ريل رستي ۽ بسن ۾ دهليءَ کان لکنو، ڪانپور، آگري، حيدرآباد، بئنگلور، بمبئي، احمد آباد، اجمير ۽ جئپور شهر ڏٺا ۽ گهميا ۽ اُتي جي سنڌي وسندين سان مليا، جيڪي ورهاڱي جي لڏپلاڻ ۾ هند هليا ويا هئا. اُتي جي سنڌين، هتي جي سنڌين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ سندن لڙڪن ۽ مرڪن سان آجيان ڪئي.
انهن شهرن جي مڪاني تنظيمن پنهنجن مانائتن مهمانن جي راهه ۾ پنهنجا نيڻ وڇائي ڇڏيا. انهن پرانتن (صوبن) جي گورنرن ۽ وڏن وزيرن پاران وفد جي ميمبرن کي روايتي پاکر پهرائي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. هر ننڍي وڏي شهر جي سنڌين انهن تي پنهنجي پيار، سڪ ۽ اُڪير جي مينهن وسايو. لڙڪن ۽ مرڪن جي کين ڀيٽا ڏني. 58 سالن کان وڇڙيل سنڌين جي ملڻ جو عجيب منظر هو! ان منظر کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بس لطيف سائينءَ جو هي بيت ئي هانوَ تي هري آيو آهي:
آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾، پسي پهر پنهونءَ جي، ننهن سين نيڻ ٺريام، گوندر وسريام، سکن شاخون مڪيون.
اهڙيءَ شاندار آجيان تي وفد پاران، قمر شهباز ۽ حميد سنڌيءَ ميزبانن جا ٿورا مڃيا. هنن چيو ته ”اسين توهان جي جنم ڀوميءَ سنڌ مان نيڪ تمنائن، دوستيءَ ۽ امن جو پيغام کڻي آيا آهيون. اسين توهان کي ڏاڍو ساريون ٿا ۽ دل سان توهان کي سنڌ ياترا جي نينڍ ٿا ڏيون. اتي اسين توهان کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ آتا آهيون.“
وڏن هالن، آڊيٽوريمز ۽ ٿئيٽر هالن ۾ تر ڇٽڻ جي جاءِ نه هئي. انهن شهرن جا سنڌي پنهنجي پوري ڪٽنب سان سنڌ مان آيل پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آيا هئا ۽ انهن تاڙيون وڄائي قمر شهباز ۽ حميد سنڌيءَ جي لفظن جي آجيان ڪئي.
سريش ڪيسواڻي، جيڪو انهن ٽنهي سنسٿائن پاران ميزبان هو ۽ انهيءَ سڄي سفر ۾ وفد سان شريڪ هو، تنهن چيو ته: ”سرحد جي هن پار ۽ هن پار جا سنڌي ڀائر آهن ۽ دوستيءَ، امن، خير سگاليءَ جا سفير آهن.
”هند - پاڪ مها اتسو“ ۾ سنڌ مان آيل فنڪارن شاهه، سچل ۽ جديد شاعرن جا ڪلام ڳائي هر هنڌ محفلن کي گرمايو. سنت ڪنوررام جو آواز به ڄڻ زندهه ٿي ويو، جڏهن انهن فنڪارن سنت ڪنوررام جا ڪلام ڳايا - ساڳئي وقت انهن فنڪارن ڌمال (دمادم مست قلندر)، جهولي لال، جمالو ڳائي سامعين کي مست ڪري ڇڏيو. ماهين هيسباڻيءَ ۽ نصرت لاشاريءَ جي ڪمپيئرنگ سون تي سهاڳي وارو ڪم ڪيو ۽ اهي پروگرام سنڌ ٽي. وي تان ٽيليڪاسٽ به ڪيا ويا. انيلا سندر ”جاڳ سنڌي“ جو ٽيبلو پيش ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي مقالا پڙهيا ويا ۽ مشاعرا ڪيا ويا. اُما لالا ۽ دشينت ڪمار به انهن موقعن تي پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو.
دهليءَ جي چيف منسٽر شيلا ڊڪشٽ وفد جي مانَ ۾ ڊنر ڏني ۽ 4 آڪٽوبر تي ڀارت جي وزيراعظم شري من موهن سنگهه سنڌ مان آيل وفد سان ملاقات ڪئي.
وفد جي ميمبرن محبت جو عظيم يادگار تاج محل به ڏٺو ۽ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه تي حاضري ڀري ننڍي کنڊ ۾ امن، پيار، دوستيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري.
مايا راهي
اِسترين جو ڏينهن
اَنتر راشٽريه
اِسترين جو ڏينهن،
اَٺين مارچ
دُنيا ڀر ۾
ملهايو ويندو آهي
ليکو چوکو ڪرڻ لاءِ
ته،
سال سڄي ۾
عورتن مٿان
ظلم ڪيترا ٿيا؟
ڪيترين معصوم،
نياڻين جو ريپ ٿيو
ڪيتريون
مينديءَ رتل
هٿڙن واريون
نوَ وَرنيون
بکُ ٿيون باهه جو!
هن پوري ٿيل سال جي
اَنگن اَکرن کي
ڀيٽيو ويندو
اَڳئين سال جي انگن سان
۽
عورتن مٿان ٿيندڙ
وڌندڙ، اَتياچار ڏسي
پرش،
مانگر مڇي ڳوڙها ڳاري
هڪ ڏينهن جي
همدرديءَ جو مرهم
ٽي سوَ چوهٺ
ڏينهن جي زخمن تي هڻي
وري،
مشغول ٿي ويندو
ايندڙ سال جا
اَنگ، اَکر وڌائڻ ۾!!
ارپڻ پتر
حساس دل جي
احساسن جي
ترجماني ڪندڙ
هيءُ
”احساس“
ارپيان ٿي
اُنهن اِسترين جي
دُکي دلين کي
جن جي دانهن،
اندر مان نڪري
ڪڏهن ٻاهر
چپن تي نه آئي.
جن جا ڳوڙها،
اکين جي آنچل ۾ ئي
اٽڪيا رهيا.
۽ جن
پنهنجين ئي اکين سان
پنهنجن هٿان
پنهنجي دل جي دنيا،
دونهين بنا
سدا دُکندي ڏٺي!!
تلاش
نوڪريءَ جي تلاش ۾
وڏين آفيسن جي
ننڍن ڪرمچارين جا
بي رحم ڌِڪا کائيندي
سرير جو کٿل چمپل
ڇڄي پيو آ
۽
آفيسن بدران
مون
اسپتالن جا
ڌڪا کائڻ
شروع ڪيا آهن
جيئن ڪو
سڙيل زندگيءَ کي
صحت جي چتي هڻي ڏي
۽ مان
چئن ڏينهن جي زندگي
اَٺ ڏينهن جي سگهان
۽
نه ملندڙ اُن
نوڪريءَ جي تلاش ۾
وري ڀٽڪي سگهان.
مُڙدا گهر
مُڙدا گهر ۾
وقت ڏاڍو مزي ۾ گذريو
ٽرين هيٺان آيل عورت
پنهنجي ڌڙ سان
گم ٿيل سسيءَ ۾
نڪ جي ڦلي،
ڪنن جا والا،
۽ گلي جو منگل سُوتر
ڳولهيندي رهي!
آپگهات ڪري آيل
بيروزگار نوجوانُ
پنهنجيءَ زال لاءِ هڪ زيور
پُٽ لاءِ هڪ سائيڪل
۽ ڌيءَ لاءِ
هڪ ئي گُڏي
هر هر خريد ڪندو رهيو!
لمبي بيماريءَ ۾
مَري آيل هڪ مريضُ
ٻين مريضن کان
صحت جو حال پڇندو رهيو
۽ کين مُفيد نُسخا ڏسيندو رهيو! هڪ لاوارث نيتا
وِڃايل ڪرسيءَ تي ويهي
تقرير تي تقرير
۽ انجام تي انجام ڪندو رهيو!
ڪيڏو نه ڪُوڙ چيو ويو آهي!
ته مُئي کان پوءِ
اِنسان ڪجهه نٿو کڻي وڃي!
نجمه نور ڦلپوٽو
8 - مارچ جي حوالي سان
اي عورت غمگين نه ٿي
تون حُرمت آن، تون عزت آن، تون هِمت جرئت عظمت آن، تون رَحمت راحت اُلفت آن، تون نئڙت حُجت هشمت آن، تون شمع شرافت شفقت آن، تون جيون جوت جي وُسعت آن، تون ظرف جي زينت نصرت آن، تون جيون جي عين علامت آن، تون ساڃه جي صاف صداقت آن،
اي عورت غمگين نه ٿي!
تون دوکي جي ديوار نه آن، تون ڦوٽ ڀري ڦٽڪار نه آن، تون تيز تجل تلوار نه آن، تون ڏوهه نه آن، ڏهڪار نه آن، ڏس قدرت جو شاهڪار آن تون، سرهاڻ آن تون سينگار آن تون، ساوڪ جي آن سوالي تون، ڦلواڙيءَ جي آن مالهي تون، اي عورت غمگين نه ٿي!
ڪو تنهنجو ٻاڙو ٻول نه آ، تنهنجي سِڪَ وِکَ ۾ جهول نه آ، تنهنجو دم خالي خول نه آ، تنهنجي هٿ ۾ ڪشڪول نه آ، تو ڌاران ٿئي گهر خالي، توسان ٿئي وَرُ خالي، رَسُ چَسُ تنهنجي احساس ۾ آ، پيار ئي پيار تنهنجي پياس ۾ آ، سڪ سونهن جي ساک سراسر آن، اونده ۾ ”نور“ برابر آن، اي عورت غمگين نه ٿي!
حوا جي ڌيءَ توتي سلام
تون خاص آن، تون خاص آن، هر جنم جو وشواس آن، جنت جي آن رکوال تون، فرعون لاءِ پاتال تون، مريم جو آهين مثال تون، قدرت جو آهين ڪمال تون، خالي ناهي حال تون، هر جڳ جي آهين ڍال تون، خالق جو خاص خيال تون، زينب جو جوش جلال تون، تومان ٿيا پيدا امام، حوا جي ڌيءَ توتي سلام! حوا جي ڌيءَ توتي سلام!
امڙ جي نالي
منهنجي مٺڙي امڙ منهنجو تون مانُ آن، منهنجي هستيءَ جو باعث ۽ احسانُ آن.
منهنجي ممتا آن تون منهنجي مايان آن تون، منهنجي ڪايا آن تون منهنجي ڇايا آن تون، تون ئي منهنجو جياپو ۽ جندِ جان آن.
منهنجي چنتا آ تون، منهنجي سيوا آ تون، منهنجي پوڄا آ تون منهنجي آشا آن تون، ساهه جو سُک ، سُڪُون، منهنجي ڌَنوان آن.
منهنجي مسجد آن تون، منهنجو مندر آن تون، منهنجو دين ۽ ڌرم دل جو دفتر آن تون، مون لئه تون ئي هدايت جو فرمانُ آن.
تنهنجي دم سان ئي منهنجي حياتي هئي، تنهنجي دم سان ئي دنيا سڃاتي هئي، هائو منهنجي اُمنگن جو ارمانُ آن.
توسان ئي هو سَڦل، زندگيءَ جو سفر، تو بنان مون لئه سنسان آهي شهر، پوءِ به يادن ۾ هر دُکَ جو درمانُ آن.
تون هئينءَ مون لئه خوشبو جو ڀنڊار ڄڻُ، تون سرهيون هيون ساعتون سڀ سڄڻ، مون لئه هاڻي به منهنجو گلستان آن.
جيئن دعا لاءِ دامن ٿي ڦهلايو تو، تئن ٿي نازل ٿيو رب جو راضپو، اڄ به مون لئه دعائن جو تون دانُ آن.
مان وڌي باغ تنهنجي دعا سان ٿيم، شاد آباد لطف و عطا سان ٿيم، تون ئي منهنجي مٺي آن ۽ شان آن.
تون بنان هي حياتي اڌوري ئي آ، جهوري آهي جياپو، امڙ! تو سوا، ڀانيان منهنجي ڏکڻ کان پريشان آن.
تون ڇڏي هي جهان، وئي آن جاڏي اَلا! ”نور“ پنهنجي کي تاڏي خدارا گهراءِ، ڪر دعا دل سان، جهڙي مهربان آن.
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ:ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
سيده نجمه سلطانه - هڪ استاد، هڪ منتظم - هڪ ماءُ سان ڳالهه ٻولهه
هن جو نالو سيده نجمه سلطانه آهي. هن جو ڄم 5 جولاءِ 1948ع تي ٿيو آهي. ايم ايس سي (باٽني) تائين پڙهي آهي ۽ هڪ ڪاليج ۾ باٽنيءَ جي پروفيسر آهي. هن کان جڏهن پڇيم ته ”نوڪري ڪندڙ خاتون پنهنجون گهروُ ذميواريون ڪيئن ٿي نڀائي؟“ تڏهن چيائين ته:
** نوڪري ڪندڙ خاتون پنهنجون گهرو ذميواريون سهڻائيءَ سان نڀائي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ وقت جو قدر قيمت ڄاڻي ٿي. هوءَ نوڪريءَ کي گهرو زندگيءَ ۾ رنڊڪ ٿيڻ نٿي ڏئي. هوءَ زندگيءَ ۾ سمورا ڪم وڏي ذميواريءَ سان پورا ٿي ڪري. پنهنجي گهر، وَرَ، ٻارن ۽ ساهرن جو خيال ٿي رکي. جيئن ته نوڪريءَ دوران زندگيءَ ۾ هيٺاهيون مٿاهيون ٿينديون رهنديون آهن ۽ هوءَ ڪم ڪرڻ جو ڍنگ سکي ٿي وٺي ۽ پنهنجون ذميواريون سهڻائيءَ سان نڀائيندي آهي.
* نئين پرڻيل عورت شادي شده زندگيءَ جي مسئلن کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي سگهي؟
** منهنجي خيال ۾ ته عقل، فهم، سمجهه، سياڻپ ۽ وڏڙن (Inlaws)جي عزت- اسان جا سمورا مسئلا حل ڪري ٿي ڇڏي.
* هڪ سٺي استاد جون ذميواريون؟
** هڪ سٺي استاد جون انيڪ ذميواريون آهن - سماج کي سٺا فرد ڏيڻ، سماج ۾ سٺا شاگرد پيدا ڪرڻ، برائين کي پاڙان پٽڻ، ٻارن ۾ اخلاق، تهذيب ۽ ادب آداب پيدا ڪرڻ وغيره.
* ڇا تعليمي ادارن ۾ سياسي عمل دخل کي صحيح ٿيون سمجهو؟
** مان تعليمي ادارن ۾ سياست جي بلڪل خلاف آهيان.
* تعليم جي تباهيءَ جو اصل ذميوار ڪير آهي؟
** تعليم جي تباهيءَ جا اصل ذميوار ڪيترائي عوامل آهن. جن ۾ ناڻي - واڌ، ماءُ پيءُ جو اثر رسوخ، سفارش، رشوت ۽ قابليت کان وانجهيل ٻارن کي سٺين مارڪن سان پاس ڪرائڻ، ناقص استادن جي ڀرتي، استادن جو گهٽ ڌيان، گهرو تربيت جي کوٽ وغيره اچي ٿا وڃن.
* توهين استاد به آهيو ته منتظم به. توهين پاڻ کي ڪٿي بهتر ٿيون سمجهو؟
** مان پاڻ کي هڪ استاد جي حيثيت ۾ بهتر ٿي سمجهان.
* بيروزگاريءَ ۽ لاقانونيت کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ڪهڙيون رِٿون آهن؟
** بيروزگاريءَ ۽ لاقانونيت جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته اسين ايمانداريءَ سان قانون لاڳو ڪريون.
* اوهان جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خوشي؟
** منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوشي منهنجي ٻارن جو سٺو آئيندو آهي، جيڪا هاڻي پوري ٿيڻ واري آهي. منهنجا ٻار هاڻي آئيندي جي مرحلي جي آخري ڏاڪي تي آهن.
* اوهان جا خواب؟
** زندگي هڪ خواب آهي، جيڪو ڪڏهن پورو نه ٿو ٿئي! زندگي رُڃ آهي، جنهن تي پاڻيءَ جو گمان ٿو ٿئي! پر منهنجي زندگيءَ جو خواب الله جي گهر جو ديدار آهي.
رشيده ڀٽي
ماکيءَ جي طبي نقطئه نظر کان اهميت ۽ افاديت
ماکي جنهن کي اُردوءَ ۾ ”شهد“، عربيءَ ۾ ”نحل“، پنجابيءَ ۾ ”شهت“ ۽ انگريزيءَ ۾ (Honey) سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي اهميت ۽ افاديت طبي نقطئه نظر کان تمام اهم آهي. ماکيءَ جو ذڪر قرآن شريف ۾ موجود آهي ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن پڻ ڪيترن ئي موقعن تي بيشمار فائدا ٻڌايا آهن. ڪيترين ئي حديثن مبارڪن ۾ ماکيءَ جي مک ۽ ماکيءَ جو احوال ملي ٿو. جهڙيءَ طرح ماکيءَ جي مکِ گڏيل ”ڀائيچاري“ ۽ ”حڪمت عملي“ جو بي مثال نمونو پيش ڪري ٿي ۽ محنت ۽ همت جو لازوال نمونو پيش ڪري ٿي، ساڳيءَ ريت سندس محنتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ”ماکي“ پڻ ”بي شمار“ فائدن ڏيڻ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته ماکيءَ جي مک ”ماکي“ ٺاهڻ دوران يعني پنهنجي ماناري کي جوڙڻ دوران ڪيتري نه جفاڪشيءَ کان ڪم وٺي ٿي ۽ پوءِ آخر ۾ اُن ”ماناري“ ۾ گڏ ٿيندڙ ”ماکي“ ڪيئن نه مخلوقِ خدا لاءِ ڪارائتو ڪم ڏئي ٿي. اِها مک هڪ طرف محنت، همت ۽ جفاڪشيءَ جو سبق ڏئي ٿي ته ٻئي طرف بني نوع انسان لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارآمد ”محلول نما“ ماکي پيدا ڪري ڏئي ٿي. ان ماکيءَ جهڙو ڪو به نعم البدل پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
”ماکي“ مزاج جي لحاظ کان ”گرم“ ٿيندي آهي. انڪري گهڻي ڀاڱي سياري جي مند ۾ استعمال ڪبي آهي، پر جيڪڏهن اسان طبي نقطئه نظر کان اڀياس ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته ”ماکيءَ“ جو استعمال ڪيڏو نه موثر ۽ افاديت وارو آهي. قرآن مجيد ۾ ماکيءَ جو ذڪر سورة ”نحل“ ۽ سورة ”تحريم“ ۾ موجود آهي. سورة ”نحل“ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”هن ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي.“ جيڪڏهن ماکيءَ جي ”جزن“ جو جائزو ورتو وڃي ته خبر پوندي ته هن ۾ پاڻي، گلوڪوز، ميون جي رس (پاڻياٺ/عرق) ۽ روغني جزن سان گڏ رنگدار مادو مليل هوندو آهي، ۽ تمام ٿوري مقدار ۾ حياتين ”ب“ يعني (Vitamin B) ڪمپليڪس، جا قسم پڻ موجود هوندا آهن. معدنيات منجهان هن ۾ ايلومينيم، چن جا مرڪب، ڪلورين، ٽامو، لوهه (فولاد)، ميگنيشيم، مئگنيز، فاسفورس، پوٽاشيم، سوڊيم ۽ گندرف پڻ موجود هوندا آهن. هيءَ يعني ”ماکي“، دل و دماغ، معدي ۽ جگر کي بي انتها قوت بخشيندڙ شيءِ آهي. ماکي رت اندر ڳاڙهن جزن يعني (Red Cells) ۾ پڻ اضافو ڪري ٿي. اصلي خالص ماکيءَ ۾ قدرت اها خاصيت رکي آهي ته اُن منجهه جراثيم (germs) اندر بلڪل به داخل نٿا ٿي سگهن ۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪندا ته پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. خوردبيني مشاهدي جي دوران ان ڳالهه جي تحقيق ڪئي وئي آهي ته خالص ماکيءَ سان 48 ڪلاڪن اندر ٽائيفائيڊ جراثيم کي ختم ڪري سگهجي ٿو، بشرطيڪ اهو لازمي آهي ته ماکي اصلي ۽ خالص هجي. ان تحقيق جي تصديق به ڪئي وئي آهي ته ماکي نوَن ۽ پراڻن زخمن کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي آهي. سوڄ ۽ ورم کي پڻ زائل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. عهدِ قديم کان وٺي عهدِ جديد تائين سڀني سائنسدانن ماکي جي ”شفائي“ اثرات کي مڃيو (تسليم) ڪيو آهي. نزلي ۽ زڪام واري صورت ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا، اڌ ليمي جي رس سان گرم پاڻيءَ ۾ يا وري چانهه جي پتي (قهوه) واري پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان فوري طور تي آرام اچي ويندو آهي. اعصابي ٿڪ ٿئي ته ان ۾ به جيڪڏهن نيم گرم پاڻيءَ ۾ ٻه چمچا ماکي ملائي پيئبو ته فوري طور تي آرام اچي ويندو ۽ ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي ۽ قوت بحال ٿي ويندي آهي. اڄ ڪلهه ڪيتريون ئي بيماريون جگر جي خرابي ڪري پيدا ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن پنهنجي روزاني غذا (خوراڪ) ۾ ماکيءَ کي شامل ڪيو وڃي ته هوند ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءَ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ماکي ”گردن“ جي تڪليف ۾ به باعثِ شفا ثابت ٿي سگهي ٿي. دراصل ماکي ”دوا“ به آهي ۽ ”غذا“ به آهي. هن سان ساهه جي تنگي دُور ٿئي ٿي ۽ بلغم کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿي. حافظي کي قوت بخشي ٿي ۽ تيز ڪري ٿي. کنگهه، فالج، لقوه، اکين جي مختلف مرضن، ڪن جي تڪليف وغيره ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. معدي جي تڪليف هجي، توڙي زخم هجي، خون جي خرابي هجي يا وري پيٽ ۾ ڪيڙا هجن، يرقان هجي، يا تريءَ ۾ سوڄ هجي، دماغي مرض هجي، يا وري هڏن جي تڪليف هجي، مونجهه ۽ اوڪارا محسوس ٿين، هر تڪليف ۾ ماکيءَ جي استعمال کي مفيد ۽ ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو.
سياري جي موسم هجي يا وري گرميءَ جي، ماکي هر موسم ۾ يڪسان مفيد آهي. سياري ۾ گرم مشروبات سان گڏي استعمال ڪجي ۽ وري گرمين جي مند ۾ پاڻيءَ يا کير وغيره سان گڏي استعمال ڪرڻ گهرجي.
ٽماٽو، اُن جي طبي اهميت ۽ افاديت
ٽماٽو ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزوريءَ کان بچاءَ جو هڪ مؤثر ذريعو.
ڀاڄين منجهه ٽماٽي کي اهم ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي. ٽماٽو جهڙو ته ڏسڻ ۾ خوبصورت ۽ دلڪش آهي، اوترو ئي طبي لحاظ کان به تمام اهم حيثيت جو حامل آهي. طبي ماهرن جو خيال آهي ته ٽماٽو ڪيچپ کائڻ سان ڇاتين جي ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزور ٿيڻ واري عمل ۾ ڪمي ٿي سگهي ٿي. ان جو سبب ٽماٽي ۾ موجود مادو جنهن جو نالو آهي لائيڪوپين (Lycopene)، اِهڙو ڪيميائي مرڪب جنهن جي ڪري ٽماٽو ڳاڙهو پڻ نظر اچي ٿو. گذريل ڪافي سالن کان هلندڙ تحقيق دوران اها خبر پئي آهي ته جيڪي شيون ٽماٽي منجهان ٺاهيون وڃن ٿيون، جن منجهه ”لائيڪوپين“ موجود آهي، اُن جي واپرائڻ سان مردن منجهه پتي جي ڪينسر ۽ مثاني جي ڪينسر (سرطان) کان بچڻ (محفوظ) رهڻ جي شرح وڌي وڃي ٿي.
گذريل ۽ موجوده تحقيقي مطالعي جي بنياد تي اِهو چئي سگهجي ٿو ته ٽماٽي ۾ موجود لائيڪوپين مادو، مردن ۽ عورتن، ٻنهي لاءِ فائديمند آهي.
ڪئناڊا ۾ هلندڙ تحقيق دوران معلوم ٿيو آهي ته پنهنجي روزاني غذا ۾ ٽماٽي کي وڌ ۾ وڌ شامل ڪري، توهان پنهنجي جسم جي هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي سگهو ٿا. هن تحقيق دوران ٻن قسمن جي خلين (Cells) تي لائيڪوپين (Lycopene) جي اثر جو جائزو ورتو ويو. هڪڙي قسم جا خليا اُهي هئا، جيڪي هڏن جي مضبوطي کي قائم رکڻ لاءِ هوندا آهن، جن سان هڏا سخت يعني (ٺوس) (Solid) حالت ۾ رهي سگهندا آهن، ۽ ٻيا خليا اُهي هئا، جيڪي اِن ٺوس پن کي گهٽائيندا آهن. هڏن جي ڪمزور ٿيڻ واري عمل دوران ظاهر آهي ته ٻئي قسم جا خليا وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ اُنهن جو عمل دخل وڌي ويندو آهي. مٿين تحقيق مان معلوم ٿيو ته ”لائيڪوپين“، ان قسم جي خلين جي ڪارڪردگيءَ کي ڪنٽرول رکي ٿي ۽ هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي ٿي.
هڏن جي ڪمزوريءَ کي ”خاموش بيماري“ سڏيو ويندو آهي، ڇو ته جيستائين هن بيماريءَ جو صحيح انداز سان پتو لڳائجي، تستائين هيءَ بيماري ڪافي حد تائين وڌي چڪي هوندي آهي. عام طور تي ان کي ”پوڙهائپ“ جي بيماري ڪري سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته هڏن جو (ٺوس پن) يعني هڏن اندر موجود گودو جنهن کي ”مکُ“ به سڏيو وڃي ٿو، سو 35 سالن جي عمر تائين پنهنجي انتها تي پهچڻ کان پوءِ آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي. انڪري جيڪڏهن ان عمر دوران هڏن جي (ٺوس پن) کي قائم ۽ ساڳي حالت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن هڏن ۾ تڪڙي ڪمزوري نه ٿئي، ان لاءِ ٽماٽي جو استعمال هڪ بهترين غذا سان گڏ ”دوا“ مثل به ڪم ڪندو.
اڄ ڪالهه ڪئناڊا جا سائنسدان ان ڪم ۾ مشغول آهن ته جيڪڏهن ٽماٽي جي (ستَ) منجهان جيڪڏهن گوريون (Tablets) ٺاهيون وڃن ته هوند جيڪر، هڏن جي ڪمزوري وارن انسانن تي ڪهڙو اثر پوندو، يعني ته مريضن ۾ ڪهڙو فرق ايندو. هن مهل تائين سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته جيڪڏهن روزانو ٽماٽي جو اٺ آئونس (عرق/جوس)، پيتو وڃي ته جسم ۾ ”لائيڪوپين“ جو مقدار مناسب سطح تي رهندو، جيڪو ”هڏن“ کي فائدو رسائيندو رهندو.
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته اسان جو جسم تازي ”ٽماٽي“ منجهان ايتري سٺي مقدار ۾ ”لائيڪوپين“ نٿو حاصل ڪري سگهي، جيترو وري ڪيچپ / ساس وغيره منجهان حاصل ٿئي ٿو، يعني جذب ڪري سگهي ٿو.
مطلب هيءُ آهي ته تازي ٽماٽي جي بنسبت يعني پروسيسڊ ٿيل ٽماٽي منجهان ”لائيڪوپين“ وڌيڪ حاصل ٿئي ٿي، جيڪا انساني جسم جي ضرورتن کي مڪمل ڪري ٿي.
ڪجهه عرصو پهرين ”مثاني جي ڪينسر“ متعلق ٿيل تحقيق دوران خبر پئي ته جيڪڏهن ٽماٽي جو ڪيپ / ساس، هفتي ۾ ٻه دفعا ستعمال ڪجي ته مردن منجهه مثاني جي ڪينسر جو خطرو هڪ حصو گهٽجي سگهي ٿو.
آمريڪا جي هڪ غذائي ماهر جي مطابق بيشڪ ٽماٽو ڪيچپ ”لائيڪوپين“ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي.
هن جي تياريءَ جو عمل ڪجهه اهڙي نموني ٿيندو آهي جو ”ٽماٽي“ منجهان، وڌ کان وڌ ”لائيڪوپين“ جذب ڪري وٺندو آهي. توڙي جو صوف، هنداڻو ۽ گلابي رنگ جا چڪوترا پڻ ”لائيڪوپين“ ۾ ڀرپور آهن، پر ”ٽماٽو“ بهترين ذريعو آهي ڇو ته ٽماٽو هڪ عام جام ملندڙ ڀاڄيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري آخر ۾ عرض آهي ته روزاني جي کاڌن ۾ ٽماٽي سان گڏوگڏ ڪيچپ جو استعمال به مناسب مقدار ۾ رکڻ گهرجي.
نسرين طاهر وفائي
گهريلو ڏَس
** زيور چمڪائڻ لاءِ ٽوٿ پيسٽ ۾ پاڻي ملائي زيور سڄي رات ان ۾ ڀڄائي رکو. صبح جو ڪنهن پراڻي ٽوٿ برش سان هلڪو رڳڙي صاف ڪيو. خاص طور تي چانديءَ جا زيور.
** فرش کي صاف ڪرڻ کان پهرين پوچي واري پاڻيءَ ۾ جيڪڏهن گاسليٽ جا ڪجهه ڦڙا وجهجن ته فرش به چمڪي پوندو ۽ ڪولين ۽ ماڪوڙين کان به نجات ملندي.
** بصر ڪٽڻ کان پوءِ، صابڻ سان هٿ ڌوئڻ جي باوجود هٿن مان بوءِ نه ويندي آهي، ان لاءِ بصر ڪٽڻ کان پوءِ هٿن تي ٿوري ٽوٿ پيسٽ مليو ۽ پوءِ هٿ صابڻ سان ڌوئو، نتيجو توهان پاڻ ڏسندؤ.
** ٽامي ۽ پتل جي ٿانون کي صاف ڪرڻ لاءِ لوڻ ۽ سرڪو ملائي انهن کي مهٽيو ته ٿانوَ چمڪي پوندا.
** پتل جي ٿانون جي صفائيءَ ۽ چمڪ لاءِ ليمي کي ڪٽي ٿانوَن تي رڳڙيو ته ٿانو چمڪي پوندا.
** پتل جي ٿانون کي چمڪائڻ لاءِ ڪاٺين ۽ ڇيڻن جي خاڪ سان مليو ته حيرت انگيز نتيجو ڏسندؤ.
** ڇري، چاقو يا ڪنهن به ٿانوَ مان جيڪڏهن بصرن جي بوءِ ختم نه ٿئي ته پاڻيءَ ۾ ليمي جي رس ملائي، ان ۾ اهي شيون ڪجهه دير تائين ڀڄائي ڇڏيو، بوءِ ختم ٿي ويندي.
** ڪپڙي تان تازي رَتَ جا داغ، لوڻ مليل پاڻيءَ سان ڌوئڻ سان ختم ٿي ويندا آهن.
** ڪجل ۽ مس جي داغن تي لوڻ مهٽيو ته داغ لهي ويندا.
** ٿانوَ ۾ ڪا شيءِ سڙي وڃي ته ان ۾ گرم پاڻي ۽ لوڻ وجهي سڄي رات ڀڄائي ڇڏيو. صبح جو ڌوئڻ سان صاف ٿي ويندو.
** بورچيخاني جو ڪاٺ جو سامان، جيئن ته ڏويون، چمچا ۽ وراڻيون وغيره، هفتي ۾ هڪ دفعو هلڪي گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ ۽ ٿورو سرڪو ملائي، ان ۾ ڀڄائي ڇڏجن ۽ پوءِ ڪنهن برش ۽ صابڻ سان صاف ڪجن، هفتي ۾ هڪ دفعو انهن کي اُس ۾ به رکڻ گهرجي.
** ڪپڙن تي جيڪڏهن رنگ جا داغ لڳي وڃن ته ان کي نيل پالش رموور سان صاف ڪيو.
** ڪپڙن تي جيڪڏهن گريس، مشين جي تيل يا گاڏي وغيره جي تيل جا داغ پئجي وڃن ته انهن داغن کي آلو ڪري انهن تي سرنهن جو تيل ۽ واشنگ پائوڊر وجهي مهٽيو ۽ پوءِ ڌوئو. اهو عمل تيستائين ڪندا رهو جيستائين داغ لهي وڃن، آخر ۾ صرف واشنگ پائوڊر سان ڌوئو.
** جيڪڏهن توهان جي استريءَ جو هيٺيون حصو خراب ٿي ويو هجي ۽ ڪپڙن تي چنبڙندو هجي ته ان کي يا ته زيرو نمبر جي واري پني سان مهٽي صاف ڪريو يا وري ڪنهن پاٺي تي لوڻ وجهي استري گرم ڪري ان تي زور زور سان مهٽيو ته استري صاف ٿي ويندي.
** جيڪڏهن هٿن تي مسُ جا داغ پئجي وڃن ته ليمي جي رس مهٽڻ سان لهي ويندا آهن.
** جيڪڏهن توهان جو ريفريجريٽر ميرو ۽ خراب ٿي ويو هجي ته گرم پاڻيءَ ۾ کائڻ واري سوڍا ملائي نرم ڪپڙو ان ۾ ٻوڙي فرج کي صاف ڪريو. هڪ ڪوپ پاڻيءَ ۾ هڪ وڏو چمچو سوڍا ڪافي آهي.
** جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته بوٽ پالش وڌيڪ چمڪدار ٿئي ته پالش ۾ ٿورڙو سرڪو ملايو، جوتا وڌيڪ چمڪدار ٿي پوندا.
** جيڪڏهن ڪني پاڻيءَ جي نالي بند ٿي وئي هجي ته هڪ ڪوپ مٺي سوڍا، هڪڙي ديڳڙي تيز گرم پاڻيءَ ۾ ملائي ناليءَ ۾ وجهي ڇڏيو، ڪجهه وقت کان پوءِ نالي کلي ويندي. هيءَ ترڪيب بورچيخاني جي ناليءَ لاءِ آهي.
** مائيڪرو ويو اوون جي صفائيءَ لاءِ پاڻي ۽ مٺي سوڍا جي پيسٽ ٺاهي اوون جي اندرئين پاسي چڱي طرح هڻي سڄي رات ڇڏي ڏيو. صبح جي وقت ڪپڙي يا فوم جي ٽڪريءَ سان صاف ڪريو. صفائيءَ لاءِ ٻي ڪا شيءِ استعمال نه ڪريو.
** باٿ روم جون نلڪيون، ٻجيون ۽ هينڊل وغيره تي ڄميل مير کي لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي صاف ڪريو.
** نقلي گلن کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٿيلهيءَ ۾ لوڻ وجهي ان ۾ گل وجهو ۽ ٿيلهيءَ کي زور زور سان لوڏيو، ائين ڪرڻ سان گلن مان مٽي ۽ دز صاف ٿي ويندي، توهان ڏسندؤ ته لوڻ ميرو ٿي چڪو هوندو.
** استعمال ٿيل ڏندن جا برش ڦٽي ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪريو. بوتلن جي صفائي، ڪپڙن جا ڪالر ۽ ڪپڙن تان کاڌي پيتي جي شين جا داغ صاف ڪرڻ جي ڪم اچي سگهن ٿا.
** پراڻا شيونگ برش به وري استعمال ڪريو، انهن سان خاص طور تي ڪاٺ جو فرنيچر جنهن تي ڪارو رنگ (Carving) ٿيل هجي ۽ گل ڦل اڪريل هجن، انهن کي صاف ڪري سگهجي ٿو.
** ڪپڙن تان پان جا داغ صاف ڪرڻ لاءِ، داغن تي بصر جي رس مليو ۽ پوءِ واشنگ پائوڊر سان ڌوئو.
** پتل جي خراب ۽ بي رنگ ٿانون کي لوڻ ۽ گدامڙيءَ جو گهاٽو پاڻي ملائي ان سان رڳڙيو پوءِ صابڻ سان ڌئو ته چمڪي پوندا.
** ڪپڙن تان ميڻ جا داغ صاف ڪرڻ لاءِ ڪپڙي کي ڪجهه دير فريزر ۾ رکو. ميڻ ڄمي ويندي ۽ آسانيءَ سان لهي ويندي.
** جيڪڏهن توهان جو ٿرماس خراب ۽ ميرو ٿي ويو هجي ته ان کي سرڪي مليل پاڻيءَ سان ڌوئو به بلڪل صاف ٿي ويندو.
عذرا سرور
تنهائيءَ جو سفر
چنڊ جي هلڪي هلڪي چانڊاڻ، انب ۽ ڄمونءَ جا ڊگها ڊگها گهاٽا گهاٽا وڻ.
هر طرف خاموشي ۽ سناٽو، انبڙين ۽ ڄمن جي ٻور جي مليل سليل مهڪار.
تنهائيءَ جو شديد احساس، سوچيائين، وري وري سوچيائين.
اهي ٽي شيون ور، گهر، ٻار، جن جي چوڌاري عورت جو چوڏول گهمي ٿو.
بس اهائي ٽن شين تي مشتمل ڪل ڪائنات، جيڪي سڀ بي بقا آهن، بي وفا.
ور نه ته گهر به نه، ٻار، اڙٻنگ ضدي پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ آباد.
۽ هوءَ... ۽ هوءَ ويچاري سدا اڪيليءَ، سڀني جي ڏکن سورن ۾ برابر جي شريڪ.
سندس ڳلن تان ڳوڙهن اگهڻ وارو ڪير به نه، دردن جو سفر اجهاڳي ڇڏي متل مانڊاڻ.
هڪ ڏينهن راهه عدم ڏانهن ٿيندي رواني، ويچاري عورت صدين جي ستايل عورت.
ڪالهه جي ڳالهه
اها ته ڪالهه جي ڳالهه هئي
اڄ وري ڇو ان کي ياد ڪيم
وڇوڙي جي رات هئي
اڄ ڇو وري ان کي ياد ڪيم
پيار ته پيار آ ناهي ان کي فنا
ان پيار کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم
اڄ به ڏک آهن زندگيءَ ۾ ڪلهه به هئا
انهن ڏکن سورن کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم
هر لمحو گذارڻ تو بنان محال هو
گذريل لمحن کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم
رُلائي وئين رڻ ۾ ڏيئي فراق جا صدما
انهن صدمن کي اڄ وري ڇو ياد ڪيم.
بنفشه بهار
ڊڄان ٿي
ڊڄان ٿي ڪٿي وڇڙي نه وڃان، پن پن ٿي ڪٿي وکري نه وڃان!
رُڃ ۾ بيٺل ڪنهن سڪل وڻ وانگي، تيز هوائن ۾ ڪٿي اُکڙي نه وڃان!
ڪيسين بيهان بادِ مخالف جي سامهون، ٿڪجي پوان ڪٿي اُڏري نه وڃان!
نصيب منهنجو ڌڪي ٿو ڪيڏانهن؟ ضد پنهنجي ۾ ڪٿي ڀٽڪي نه وڃان!
پنهنجو پاڻ کي ڀلائي هلڻ ڏاڍو محال، پاڻ کان ئي ڪٿي وسري نه وڃان!
بهار پاڻ کي گڏ کڻ زماني سان، زمانو نڪري وڃي ڪٿي رهجي نه وڃان!
ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي
غزل
دل داغ داغ آهي ۽ روح روح روڳي، ڪيڏي ته مون سزا هت، جيئڻ جي آههِ ڀوڳي!
گهر گهر گهٽيءَ منجهائون، ڏيندا ويا صدائون، رمتا هليا ويا سڀ، ڪوئي رهيو نه جوڳي!
جاٿي اصول چڱڙا، چورن به ها ڪي ٺاهيا، پر ننگ ۽ نياڻي، ڄاڻن نه ٿا هي ٺوڳي!
هاڻي ملڻ نه ٿيندو، هن جو اچڻ نه ٿيندو، منهنجي اي دل اجايو، ماندين مرين ٿي موڳي!
رابعه سهارڻ
بيوٽي ٽپس Beauty Tips
(1) سڻڀي چمڙيءَ (Oily Skin) جو (Oil) گهٽائڻ:
چهري جي (Oil) کي گهٽ ڪرڻ ۽ کليل پورن جي لاءِ ڪجهه ڦڙا ليمي جو رس، Dry Milk هڪ چمچو ان ۾ مڪس ڪري، ان سان گڏ عرق گلاب به ايتري مقدار ۾ شامل ڪري ليپ/پيسٽ چهري تي هڻڻ کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي وٺو. اهو ليپ/ماسڪ 15 کان 20 منٽ هڻڻو آهي.
(2) سڻڀي چمڙيءَ (Oily Skin) جي صفائي:
سڻڀي چمڙيءَ (Oily Skin) جي صفائيءَ جي لاءِ هڪ چمچو بيسڻ، ان ۾ ٿورو پاڻي ملائي، ليپ/پيسٽ ٺاهي، پنهنجي چهري تي هلڪي هٿ سان مساج ڪريو ۽ 15 کان 20 منٽن کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو. ان سان چمڙي (Skin) نرم ۽ صاف ٿي ويندي. هي عمل هفتي ۾ ٻه ڀيرا يا روزانو ڪري سگهجي ٿو، ان جو ڪوبه نقصان نه ٿيندو.
(3) منهن جي رنگ صاف ڪرڻ جي لاءِ:
گليسرين ۾ ليمن جوس شامل ڪري رکي ڇڏيو ۽ روزانو صبح جو منهن ڌوئڻ کان پوءِ ان جي مالش چهري تي ڪريو، ان سان توهان جو رنگ صاف ٿي ويندو.
(4) ٿولهه گهٽائڻ لاءِ:
هڪ عدد ليمون، هڪ گلاس تازي پاڻيءَ ۾ ملائي، صبح جو نيرن ڪرڻ کان اڳ ۾ پيئڻ سان وزن/ويٽ گهٽ ٿيندو. هيءُ عمل هڪ مهيني تائين روزانو ڪرڻو آهي.
(5) وارن کي خوبصورت ڪرڻ جي لاءِ:
هڪ گلاس پاڻيءَ ۾ هڪ چانهه جو چمچو سرڪو ۽ ٽي ڦڙا ڦودني جو تيل ملائي ان سان وارن جو مساج ڪريو ۽ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ شيمپو ڪري ڇڏيو. پاڻي گرم نه هجي. هيءُ عمل هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪرڻ سان توهان جا وار سلڪي ۽ شائني ٿي ويندا.
(6) وار ڊگها ڪرڻ لاءِ:
پاڻيءَ ۾ چانهه جي پتي وجهي، ان کي اوٻاري وٺو. جڏهن ٿورو ٿڌو ٿي وڃي ته ان کي چڱيءَ طرح وارن ۾ هڻو. وارن کي ڌوئڻو ناهي. ان کي توهين 24 ڪلاڪن کان پوءِ ڌوئي سگهو ٿا. ان سان توهان جا وار ڊگها ٿي ويندا، پر ان ۾ مستقل مزاجي پهريون شرط آهي.
ايڊريس:
رابيز بيوٽي پارلر اينڊ ٽريننگ سينٽر
انجمن بهبود خواتين سينٽر
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڄام شورو.
امداد حسيني
هڪ نظم
بوند گهريائين
بوند آڇيم
ڍُڪُ گهريائين
ڍُڪ آڇيم
لَپَ گهريائين
لپ آڇيم
ٻُڪُ گهريائين
ٻُڪُ وڌايم
نهر گهريائين
نهر وهايم
گهرندي گهرندي
ندي گهريائين
۽
مون سوچيو
بُوند ۾، ڍُڪ ۾،
لَپ ۾، ٻُڪ ۾،
نهر لهر ۾
جيڪو ڪونه ٻُڏو
ندي اُنهيءَ کي ڇا ٻوڙيندي؟!
ڇو ته ٻُڏڻ جي لاءِ ته هڪڙو لڙڪ به ڪافي هوندو آهي.
غزل
او سنڌو! او جل داتا! سَرتَا! اوءِ پِتا! او ماتا!
تو بن جندڙي ٿي ويئي، پاراتا ئي پاراتا!
تولئه سانوڻ سياري ۾، مون ڳاتا گيت اڻ ڳاتا.
هٿڙن سان ڏِيا موهيم، اکڙيڻ ساڻ اَکا پاتا.
مانسروور اوريان تو، ڪيڏانهن ڏينهن وڃي لاتا!
سنڌيڪار: فردوس شاهي
لڙائي ۽ بک
*هڪ ڀيري لڙائيءَ کي ڏاڍي بک لڳي.
- هوءَ مانيءَ جي ڳولها ۾ آسپاس نڪري وئي.
- انهيءَ دوران هن جي نظر هڪ نٻل عورت تي وڃي پيئي. اها عورت نهايت ٿڪل ۽ پريشان نظر اچي رهي هئي. سست ۽ بدحال، سندس لٽا ڪپڙا ميرا پراڻا ٿي ويا هئا. اڻڀا وار، سڪل منهن، هيڊو ٿي ويو هوس.
”هيڏانهن ته آءُ.“ لڙائيءَ هڪدم چيس: ”مائي! تون ڪير آهين؟“
”ڪير؟ مان.“
ها - تون.“
”تون ئي کڻي هيڏانهن اچ، مان هلڻ کان هلاڪ آهيان.“
”ڇو؟“
”بس!“ عورت هيڻي آواز ۾ چيس.
لڙائي ڦڪي مرڪ مرڪي، هن عورت وٽ هلي آئي ۽ وري به پڇيو:
”تون ڪير آهين؟“
”مان بک آهيان!“
”هان! تون بک آهين...؟“
”هائو.“
”پر....پر.... بک ته مون کي لڳي آهي.“
لڙائي چيو: ”مون کي قرب ڪري ڪجهه ته کائڻ لاءِ ڏي.“
”ڇو؟“
”بک جو لڳي آ.“
”هيترا ماڻهو ماري کاڌئي، تڏهن به تنهنجي بک ڪانه لٿي آهي.“ ان عورت سانتيڪي ٿي چيو: ”تنهنجي بک ڪڏهن به نه لهندي: مار! ايڏي بک.“
”ها. اصل بک ۾ ساهه ٿو وڃي.“
”پوءِ - وڃي وڌيڪ ماڻهو ماري کاءُ.“
”مون کي ماڻهو نه گهرجن. ماڻهن کي ڪير ٿو کائي؟ مون کي نانُ گهرجي. مون کي ماني گهرجي ماني!“ لڙائيءَ وراڻيو: ”ماني ڏي.“
- بک کيس ڏٺو.
ڪيترو وقت هوءَ لڙائيءَ کي ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي ۽ پوءِ پنهنجي منهن تي سک آڻيندي چيو:
”پوءِ هل.“
”ڪيڏانهن؟“
”مانيءَ جي ڳولها ۾.“
”پر... ڪيڏانهن؟“
”تو وانگر مان به ڪيترن ڏينهن کان مانيءَ جي ڳولها ۾ آهيان، ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملي ويندي.“
- پوءِ لڙائي، بک جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳي.
(”جديد هندي ادب“ مان چونڊ)
حميرا نور
مان، تنهائي ۽ گهر
درد جي پيڙا ۾ پڄريل
مان، تنهائي ۽ گهر.
وجود ۾ ڇانيل آهي
سوچن جي هر سٽ منجهيل
مان، تنهائي ۽ گهر.
تارن جي هن جهرمٽ ۾
ماڻهو وانگي چنڊ هيڪل
مان، تنهائي ۽ گهر.
اي چنڊ تون ٻڌاءِ کڻي
مون لئه جاڳي پيو پنهل!
مان، تنهائي ۽ گهر.
دروازي تي اٽڪيل هن
ورهين کان هي اکيون ڀنل
مان، تنهائي ۽ گهر.
ڌرتيءَ تي هي جيون
پڄريو آهي هر هڪ پل
مان، تنهائي ۽ گهر.
***
ڳوڙهن ۾ لڙهيل
اکڙين جو پڌر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل
پيڙائن کان پوءِ
تو لئه هي پٿر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
سسئيءَ جو توبن
پنهون! شام سحر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
ڪَڻ ڪَڻ مينهن وٺو
غريبن جو گهر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
تتل جيون ۽ ڌرتي
هارياڻي ۽ هر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
اجهو وسندو ڀٽ تي
ڪارو هي ڪڪر
ڳوڙهن ۾ لڙهيل.
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي
آهيان بادل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
لهرن جيان اچ پرين
آهيان ساحل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
تو کان ڪجهه گهريو هو
آهيان سائل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
پٺتي تڪ ته سهي
آهيان پايل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
پيار ۽ آزاديءَ جي
آهيان قائل مان
مون کي ڏس تون ڌرتيءَ تي.
***
اکڙيون ميگهه ملهار
ساجن تنهنجي سار
اکڙيون ميگهه ملهار.
لهرون لهرون گونج
سهڻيءَ جي پڪار
اکڙيون ميگهه ملهار.
اي چنڊ تون ٻڌاءِ
پرين جا پار
اکڙيون ميگهه ملهار.
بي چين اٿم من
نه جيت نه هار
اکڙيون ميگهه ملهار.
ڪيئن وڃان، اچڻ بعد
محبت آهه ڄار
اکڙيون ميگهه ملهار.
کڻي ”خوشبو“ يادن جي
ٿيس قلم ڪار
اکڙيون ميگهه ملهار.
***
سڏڙا پئي ٻڌان
خاموش نگر مان
پوئين پهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ڪنهن آ ڳالهايو!
خاليءَ گهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
سرندو پيو وڄي
هئه هن تر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
جنهن ڪيو امر
ان گيت امر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ڏُور ناهي ڪو
شايد ڀر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ڪيڏو پيار رُنو
سهڻيءَ لهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
هوءَ ڪمري اندر بند
زنده قبر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
مُورک وئين هليو
ڊگهي سفر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
سس پس ڄار ۾
اجڙيل پڌر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
ماڪ روپ ڳوڙها
اڄ به سحر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
شڪ، غيرت، ڪاري
ڪالهوڪي قهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
اڄ به ٻچڙا بک ۾
پوڙهي پگهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
اجڙي وئي جيجل،
اک جي ڪڪر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
اچين ڇو نه ٿي
مٺيءَ شهر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
هاڻ اٿي ”خوشبو“
پنهنجي اندر مان
سڏڙا پئي ٻُڌان.
رُشمي راماڻي
فرق
فرق آهي
وقت گذارڻ
۽
زندگي جيئڻ ۾.
زندگي
مون توکي دل سان جيئڻ ٿي چاهيو
هر گهڙي هر ڏينهن
پر
وقت گذرندو رهيو پنهنجي رفتار سان
توسان گڏ آيا جيڪي
منهنجا ڏينهن رات؟
ڪي اڏامي ويا، سڪيل پنن جيان
ڪجهه گم ٿي ويا رات جي انڌير ۾
منهنجي پاڇي جيان.
ڪجهه وهي ويا واريءَ وانگر مُٺ مانڍن
ياد رکڻ لائق ته ڪجهه به نه رهيو.
ڪيتري ڪوشش ڪيم
پنهنجيءَ ڪنهن ڪاميابيءَ تي خوش ٿي سگهان
پر،
هر مرڪ ۾ سمائجي ويندي هئي
لڙڪن جي آلاڻ
انڌيري رات ۽ گهري ننڊ جي باوجود
اچانڪ
گم ٿي ويندا هئا سپنا به ٽانڊاڻن جيان.
ناڪاميءَ جي ڪن گهڙين ۾
اٿاهه پيڙا سهڻ کان پوءِ به
زندگي
توکي جيئڻ جي ڪوشش
مان سدائين ڪندس
ڇاڪاڻ
ڪنهن خاموش لمحي ۾
اوچتو
مون کي مليا ڪجهه رنگ، هڪ ننڍڙي مرڪ،
ڪجهه خُوبصُورت لفظ،
پيار جو احساس ۽ مؤت پڻ
صرف ايترو ئي ڪافي آهي
هڪ شاعر جي زندگي جيئڻ لاءِ.
لڙڪ
ڪيترا سک مليا زندگيءَ ۾
ڪڏهن ڪوشش ڪرڻ سان
ته، ڪڏهن اوچتو رستي ويندي.
لڳندو هو
هر سک ساٿ نڀائيندو دُور تائين
شايد سدائين.
پر،
انسان جو من؟
ڪيترو ناسمجهه
۽، لالچي به
پنڌ ڪندي ٿڪجي پوندا آهن پير
ڪوئي به سک ڪڏهن نه پهچائيندو آهي
اُن منزل تي
جتي انتظار ڪندي آهي اسان جي انسانيت.
ڪڏهن - ڪڏهن
لڙڪ جي صرف هڪ بوند
آلو ڪندي آهي اندر جي خشڪ زمين کي
ته حيران ٿيندا آهيون اسان
ڇاڪاڻ، جلدي ئي
لڙڪ ڀنل ڌرتيءَ مان نڪري ايندا آهن
انسانيت جا نرم سلا.
****
خط
مون توکي هڪ خط لکيو هو
منهنجي خط ۾ هئي
هڪ ننڍڙي آس ۽ گهرو وشواس.
تو
منهنجو خط پڙهيو،
پر
خط جي جواب ڏيڻ جي باوجود
تنهنجو خط مون کي نه مليو
ڇاڪاڻ
خط تو ڪنهن کوهه ۾ اُڇليو هو.
ڇا فرق پيو توکي؟
پر
منهنجي زندگيءَ جي معنيٰ بدلجي ويئي
مري وئي آس
ٽٽي پيو وشواس.
وشواس جو ٽٽڻ
۽ آشا جو مؤت ڇا ٿيندو آهي
پڇجي اُن تاري کان
جيڪو ٽٽندو آهي اچانڪ آسمان مان.
ڪڏهن ڪڏهن
ڪڏهن - ڪڏهن
مون کي پنهنجي اندر جي ڪاراڻ
ايتري صاف نظر ايندي آهي
جو گم ٿي ويندو آهي منهنجو وجود
گهاٽي اُوندهه ۾.
ڪڏهن - ڪڏهن
لڳندو آهي شانتي
هڪ گم ٿي ويل شيءِ آهي
انسان کي تڏهن ملندي آهي
جڏهن
هو پاڻ ختم ٿي ويندو آهي
ڪڏهن - ڪڏهن
منهنجي من ۾ هوندي آهي
اٿاهه خوشي.
مڌر سنگيت جا سُرَ
سمائجي ويندا آهن منهنجي اندر ۾
چپن تي ايندي آهي مرڪ
پر
ڇو ائين ٿيندو آهي
گهڙي - پل ۾ سنگيت جا سُر
چيخ بڻجي ويندا آهن
جيڪا ترندي آهي وايو منڊل ۾
شوڪ گيت بڻجي
واٽ وسريل مسافر جيان
گم ٿي ويندي آهي
منهنجي مرڪ به پيچرن ۾.
***