arnizamani's picture
Upload 93 files
001f785 verified
Raw History Blame Contribute Delete
256 kB
ڪتاب جو نالو: سرتيون 2006ع
سرتيون مئي 2006ع
گلبدن جاويد
سوچ ويچار
پورهئي - پورهيت جو قدر ۽ مڃتا
اسان جي ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ آباديءَ جو حصو عورتن تي ٻڌل آهي، ڪنهن به سڌريل سماج جو اهو گُڻ آهي ته هُو پنهنجي ملڪ جي عورتن کي زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ برابريءَ جي بنياد تي گڏ وٺي هلي ۽ ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪري ڇو ته عورت جي شموليت کان سواءِ پائيدار ترقي ممڪن نه آهي. اسان جو موجوده سماج پڻ ان ڳالهه تي عمل پيرا ٿيندي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بڻائيندي، ترقيءَ جي طرف وڌي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ عورتون زندگيءَ سان لاڳاپيل هر شعبي جيئن علم، ادب، شاعري، ڊاڪٽري، انجنيئرنگ، جهاز اُڏائڻ، سياحت، صحافت، سياست وغيره ۾ پنهنجا فرض سچائيءَ ۽ سهڻائيءَ سان نڀائي رهيون آهن.
سرتيون، اسان کي انهن عظيم عورتن کي به وسارڻ نه گهرجي جن جي محنت جو تعلق قلم سان نه، پر نجي هٿ جي محنت سان آهي. جن جا هٿ زخمي آهن، پيرن ۾ پٿون اٿن پوءِ به ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“.
اُهي عورتون جيڪي ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿيون جيئن رونبو، لابارو، ڳاهه ڳاهڻ وغيره ته ڪي وري روڊن تي پٿر ڪٽين ٿيون ته ڪي سِرن جي بَٺي تي ڪم ڪن ٿيون ته ڪي وري سيبي ۽ ٽوپي جو ڪم ڪري ڳاٽي ڀڳي مهانگائيءَ کي مُنهن ڏيندي ٻچن جو پيٽ قُوت ڪن ٿيون.
اسين پهرين مئي پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اهڙين پورهيت عورتن کي سلام پيش ڪريون ٿا. اها پڻ سڀاويڪ ڳالهه آهي ته موجوده حڪومت عورتن جي هٿ جي هنرن کي هَٿي وٺرائي رهي آهي. محنت مزوريءَ سان لاڳاپيل ڀينرن کي اهو به چونداسين ته ڪڏهن به پاڻ کي ٻين کان گهٽ نه سمجهن.
ساڳئي وقت پوري سماج کي به اهو عرض ڪنداسين ته پورهئي جو قدر ڪيو وڃي ۽ پورهيت جي عظمت کي مڃيو وڃي. پورهئي جو قدر ۽ پورهيت جي عظمت جي مڃتا ئي اصل اُجورو آهي، جيڪو اسان کي ادا ڪرڻ گهرجي.
ايڊيٽر
خط ايڊيٽر ڏانهن
اوهان پنهنجون ادبي ذميواريون سنڀاليون آهن، اوهان کي ڀليڪار سان گڏ دِلي دعائون ۽ مبارڪون ڏيان ٿي. اوهان جي ادبي مُحبتن، محنتن، سچائين رنگ لاتو ۽ سچ جي جيت ٿي. منهنجي دعا آهي ته اوهان جي سچائين کي ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳي، اڃا وڌيڪ اُمنگ ۽ محبت سان خدمت ڪري ادبي افق تي نانءُ ڪمائينديون.
نجمه نُور ڦلپوٽو
e.mail:najma_noor@yahoo.com
najmanoor361@hotmail.com.
Phone #: (0792)552673
جيئي سنڌ. وڌي ويجهي سنڌي ٻولي ۽ ساهت. اميد ته پنهنجون ذميواريون نڀائيندي، بهتر مستقبل لاءِ محنت جاري رکنديون. ”سرتيون“ اپريل 2006ع جو پرچو، سواءِ هڪ اڌ لکڻيءَ جي، پڙهيو اٿم. ٽائيٽل ڏاڍو خوبصورت آهي. ساجده يوسف کي ان لاءِ جس هجي. ان جو عنوان ”پاڻي“ بدران ”پاڻياري“ هئڻ گهرجي ها. ”سوچ ويچار“ ۾ ”اچو ته لطيف سائينءَ جو پيغام عام ڪريون.“ ۾ لطيف شناسيءَ بابت ڪارائتيون ڳالهيون ڪيل آهن. ”ڪارو ڪاري“ لاءِ ”پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب“ وارو پهاڪو سونهي ڪونه ٿو. ان موضوع تي مان گذريل ويهن سالن کان لکندو، پڙهندو ۽ ڳالهائيندو رهيو آهيان. اها ڪُڌي رسم نه رڳو سنڌ ۾ ٻاهران آيل آهي، پر ان جا اصل سبب جاگيرداراڻي سوچ، قومي غلامي ۽ معاشي ڦرلٽ آهي. سو، اسان جي لاءِ واقعي لطيف سائينءَ جو فڪر ئي ٻاٽ واٽ ۾ لاٽ آهي.
توهان منهنجي خط ۾ ”ناريون“ کي ”خواتين“ ڪيو آهي، اهڙي ٺاهه ٺوهه صحيح نه آهي.
هر لکڻيءَ هيٺان لکندڙ جو فون/موبائيل نمبر، اِي-ميل، ٽپال ائڊريس ڏيڻ کپي.
اپريل جي ”سرتيون“ ۾ پروفيسر مريم نوحاڻيءَ سان ملهايل شام، عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پريس ڪلب ۾ ميڙاڪي، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ۾ لطيف - ڏهاڙي، سنڌ جي قديم ورثي ”رني ڪوٽ“، بابت رپورٽون لاڀائتيون آهن. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، حبيب الله صديقي، تنوير جوڻيجي، ريٽا شهاڻيءَ جون لکڻيون ڏاڍيون معلوماتي آهن. بيگم زينت عبدالله چنا جي ڪهاڻي ”مِٺي“ سٺي چونڊ آهي. اهڙيون سماجي جاڳرتا ۽ شعور پکيڙيندڙ لکڻيون وڌ ۾ وڌ ڇاپڻ کپن.
حسين سارنگ
e.mail:hsaarang@yahoo.com
mobile:0300-3298966
مان پنهنجي ڪجهه چونڊ شاعري اُماڻيان پئي، اميد ته توهين ڇاپيندا، ڇپڻ کان اڳي ڏسي وٺندا.
پارس عباسي/اسلام آباد
توهان ڏانهن هي منهنجو پهريون خط آهي. ”سرتيون“ هميشه کان منهنجو پسنديده رسالو رهيو آهي.ويتر ان ۾ پنهنجا گهريلو ڏَسَ پڙهي وڌيڪ وڻي رهيو آهي. مان ”بچت“ جي موضوع تي مختصر مضمون موڪلي رهي آهيان. يقيناً اها وقت جي ضرورت آهي. اميد آهي ته جاءِ ڏيندا. هن رسالي ۾ اڄڪلهه منهنجو سڀ کان وڌيڪ پسنديده سلسلو آهي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“، جيڪا رتنا گوديا رولاڪ جي جدوجهد جو داستان آهي. اهو يقيناً ٻين عورتن لاءِ حوصلي جو سبب بڻبو. ٻيا سڀ سلسلا به تمام سٺا آهن. الله ڪري ته هي رسالو اڃا به ترقي ڪري. جيڪڏهن توهان چاهيو ته گهريلو موضوعن تي مختصر تحريرون توهان کي موڪلي سگهان ٿي. ان جو جواب ضرور ڏجو. چڱو هاڻي موڪلاڻي ڪانهي.
(مواد ضرور موڪليو - ايڊيٽر)
نسرين طاهر وفائي
B/8 Prince Town
Phase II Wadhu Wah Road
Hyderabad Sindh.
”سرتيون“ اپريل خوبصورت ٽائٽل سان گڏ بهترين لڳو. ان رسالي کي خريد ڪرڻ کان اڳ آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ”نصرت لاشاريءَ“ جا ڪالم پڙهندو هوس. ان ٻڌايو ته منهنجو ڀارت جو سفرنامو ”سرتيون“ رسالي ۾ شايع ٿي رهيو آهي، پوءِ ته مون کي رسالو هر صورت ۾ وٺڻو پئجي ويو، ڇو ته مون ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته اسان جي اديبن جو ڀارت جو دورو ڪيئن رهيو. جڏهن منهنجي نظر اسٽال تي پيل سرتيون رسالي جي ٽائٽل تصوير سان گڏ نصرت جي تصوير تي پئي ته مان هڪدم رسالو ورتو.
حيدرآباد کان ڳوٺ ايندي مون سفرنامو ته رستي ۾ ئي پڙهي ورتو، تمام بهترين لڳو. پر اڃا ته سفرنامي جي شروعات هئي ۽ شروعات ۾ ئي لکڻ واريءَ جيڪا لفظن جي ترتيب ڏني آهي، اها ساراهه جوڳي آهي، ليکڪا لکڻ جي ته پاڻ اڳي ئي ماهر آهي، بهرحال ڏسون ته سفرنامو اڳيان ڪهڙا رنگ ٿو پَسائي. اسان جي اديبن کي ڀارت ڪيئن لڳو؟ اتان جا سنڌي هنن کي ڪيئن لڳا؟ اسان جي ادب ۽ هنن جي ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اميد آهي ته ليکڪا وٽان اسان کي سٺي ڄاڻ ملندي --!
جڏهن گهر پهچي رسالو پڙهيم ته نه صرف سفرنامو سٺو لڳو، پر ٻيو ڪافي گهڻو ڪجهه هو. ڪزبانو سنڌو جو ناول به پنهنجو مٽ پاڻ هو، جڏهن ته مون ان جي پهرين قسط به ڪانه پڙهي هئي، پر پوءِ به سٺو لڳو. اڳين قسط جو انتظار آهي. بيگم زينت عبدالله چنا جي ”مِٺي“ خبر ناهي ته اڳ مون ڪنهن رسالي ۾ به پڙهي هئي پر ٻيو دفعو پڙهڻ جو پنهنجو هڪ الڳ مزو آهي. بهرحال رسالو سٺو لڳو. سرتيون واقعي سنڌي ادب ۾ عورتن لاءِ هڪ بهترين رسالو آهي. سفرنامي جي حوالي سان منهنجي هڪ گذارش آهي ته ان جون تصويرون رنگين ڇاپيون وڃن ته اسان پڙهندڙن تي توهان جا ٿورا ٿيندا.
اصغر علي سٺيو
ڳوٺ عمر سٺيو ٽنڊو محمد خان
e.mail:sathio26@hotmail.com
sathio26@yahoo.com
Mobile#: 03332667862
ولي رام ولڀ
ڪتاب: بهترين دوست آهي
ڪتاب لِکجندا رهن ٿا. ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا. ڪتاب پڙهجندا رهن ٿا. ڪتاب لکڻ لاءِ لکندڙ گهرجي. ڪتاب ڇپڻ لاءِ ڇپيندڙ گهرجي. ڪتاب پڙهڻ لاءِ پڙهندڙ گهرجي.
جيستائين ڪتاب مسودي جي صورت ۾ موجود آهي، تيستائين ته اُهو ليکڪ جي ملڪيت آهي، پر جڏهن اهو ڇپجي ٿو وڃي تڏهن سڄو جڳ جهان اُن جو وارث آهي. پوءِ به، ڪتاب ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، اُن ۾ ڳڻ آهن ته ان جي ساراهه جو حقدار ليکڪ آهي ۽ اُن ۾ جي اوڳڻ آهن ته به اُهي ليکڪ جي ئي کاتي ۾ ويندا.
ڪتاب مختلف ٻولين ۾ هوندا آهن، اُهي ٻوليون اسين نه ڄاڻندا آهيون. انڪري انهن ڪتابن، انهن جي ليکڪن کان به اسين واقف نه هوندا آهيون. انهن ڪتابن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ لاءِ ترجمو ڪندڙ گهرجن. اهو به سچ آهي ته اصلوڪين تصنيفن سان گڏوگڏ ترجمو ٿيل تصنيفن جي به هڪ خاص اهميت آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ترجمي جي اهميت تخليق کان به وڌيڪ آهي.
ورهاڱي کان اڳي ترجمي جي ڏس ۾ شاندار ڪم ڪيو ويو. پوءِ اُهي درسي ڪتاب هجن يا علمي ادبي ڪتاب. سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو سونن اکرن ۾ لکڻ جهڙو آهي. موجوده دور ۾ ولي رام ولڀ گهڻي ۾ گهڻا ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ رنگارنگ گل ڀري ڇڏيا آهن. تازو پاڻ سنڌي ادب ۾ ”ڪَوِتا - ڦلواڙي“ کڻي آيو آهي. ان ”ڪوِتا - ڦلواڙي“ ۾ 19 ملڪن، پنجن کنڊن جي 26 ٻولين جي 112 شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي.
”ڪوِتا - ڦلواڙي“ جو مهاڳ آصف فرخيءَ لکيو آهي، اُهو به پڙهڻ جهڙو آهي، بئڪ ٽائيٽل تي محمد ابراهيم جويي ساهه سان سانڍڻ جهڙيون سِٽون لکيون آهن.
”ڪوِتا - ڦلواڙي“ ۾ رنگ رنگ جا گل آهن، جن جي پنهنجي پنهنجي سڳنڌ آهي. هي ڪتاب اسان جي عام پڙهندڙ ۽ خاص طور تي، اُهي جيڪي شاعريءَ سان شغف رکن ٿا، تن لاءِ هڪ نصاب جو درجو رکي ٿو، خاص ڪري نثري شاعري ڪرڻ وارن لاءِ.
اهو کٽڪو بهرحال موجود آهي ته نثري شاعري ڪندڙ ان ۾ ڏنل ڪوتائن کي به ڪاپي ڪرڻ لڳندا! پر اهو اردوءَ مان ڪاپي ڪرڻ کان وري به چڱو آهي، ڇاڪاڻ ته ائين هو ”ڪاپي در ڪاپيءَ“ کان بچي پوندا. هتي اسين ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ”ڪَوِتا - ڦلواڙي“ مان ڪجهه ڪَوِتائون ڏئي رهيا0 آهيون. ”ڪتاب - بهترين دوست“ جي عنوان هيٺ. توهين به ڪنهن ڪتاب جو تعارف ڪرائڻ چاهيو ته ڏاڍو سٺو._ امداد حسيني.
منگليش ڊيرال هندي (ڀارت)
بابا جي تصوير
بابا جي جوانيءَ جون ننڍيون ننڍيون کوڙ ساريون تصويرون آهن
اُهي سموري گهر ۾ وکريل آهن
سندس اکين ۾ ڪا خوبصورت شيءِ
چٽي چمڪندي ڏسجي ٿي
اُها شايد چڱائي آهي يا ساهس آهي يا اُميد
تصوير ۾ بابا کنگهي نٿو
وياڪل نٿو ٿئي
سندس هٿن پيرن ۾ درد نٿو ٿئي.
هو جهڪي نٿو، ٺاهه نٿو ڪري
هڪ ڏينهن بابا پنهنجي تصوير جي ڀرسان
بيهي رهي ٿو ۽ سمجهائڻ لڳي ٿو
ڄڻ ماستر ٻارن کي
ڪنهن نقشي جي باري ۾ ٻڌائيندو هجي.
بابا چوي ٿو مان پنهنجي تصوير جهڙو نه رهيو آهيان
پر مون جيڪي نوان ڪمرا ٺاهيا آهن
هن پُراڻي گهر ۾ اُهي تون کڻ
منهنجي چڱائي کڻ اُنهن بُراين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ
جيڪي توکي پنهنجي رستي ۾ ملنديون
تون منهنجي ننڊ نه کڻ منهنجا سپنا کڻ
مان آهيان جو فڪر ڪريان ٿو پريشان ٿيان ٿو
جُهڪندو آهيان ۽ ٺاهه ڪندو آهيان
هٿن پيرن ۾ درد کان ڪنجهان ٿو
بابا وانگر کنگهان به ٿو
ساهس ۽ اُميد جي لاءِ
دير تائين بابا جي تصوير کي ڏسان ٿو.
..........
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
ص و ر ت ح ا ل
(1)
صورتحال اها آهي ته سڄي دنيا جي اَڌ کان مٿي نه سهي، پر اڌ آبادي عورتن جي آهي. اسان جي ملڪ ۾ به اڌ آبادي عورتن جي آهي. سڄي دنيا جون عورتون، زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ادب، سياست، صنعت، بزنيس، راندين، پرفارمنگ، آرٽ، سرڪاري/خانگي نوڪرين ۾ - هر هنڌ - عورت پنهنجي ڀرپور موجودگيءَ جو احساس ڏياريو آهي. ايستائين جو عورت پولار (Space) ۾ به وڃي چڪي آهي.
اسان جي ملڪ ۾ ان ڏس ۾ صورتحال سُڌاري جي اڃا جهڙوڪر پهرين تاڪن تي آهي. توڙي جو اسان جي ملڪ جي عورت به زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. ٻني ٻاري ۾، سياست ۾، ڪارخانن ۾، آفيسن ۾، راندين ۾، درس تدريس ۾، طب ۾، علم ادب ۾، هر هنڌ هوءَ موجود آهي. رستي تي ڏينهن تتي جَو، پٿرن ڪٽڻ کان وٺي، هوائي جهاز اُڏائڻ تائين - هوءَ پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي نمايان ٿي بيٺي آهي.
Women's Expo
عورتن جي ترقيءَ لاءِ، وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر نيلوفر بختيار ”وِمين ايڪسپو“ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عورتن لاءِ اهو بين الاقوامي نماءُ 13 کان 16 اپريل تائين منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ چئني صوبن جون نمائنده عورتون شرڪت ڪنديون.
نيلوفر بختيار هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پاڪستاني عورت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي.
هن چيو ته هاڻوڪي سرڪار کي ويساهه آهي ته ملڪ جي عورتن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ جيڪو بهرو ورتو آهي ۽ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، اُن جي هاڪاري پاسن کان اُجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ان ڏس ۾، انهن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم گهُرجي، جتي اُهي گڏجي سگهن، پنهنجن مسئلن تي ڳالهائي سگهن، پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري سگهن. پنهنجن ڪارنامن تي جشن ملهائي سگهن. عورتن جي ترقيءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ پاڻ پتوڙي سگهن ۽ پنهنجن سماجي خدمتن کي اُجاگر ڪري سگهن، پنهنجي سڃاڻپ جو اظهار ڪري سگهن، جنهن جي نتيجي ۾ سماج جي ميمبر جي حيثيت ۾ پنهنجي لياقت ۽ خودمختياريءَ کي خوشي سان ماڻي سگهن.
نيلوفر بختيار چيو ته وِمين ايڪسپو هڪ اهڙو ئي پليٽ فارم آهي، جتي توقع آهي ته 100،000 پاڪستاني عورتون گڏ ٿي سگهنديون ۽ عورتن جي ترقيءَ واري وزارت وِمين ايڪسپو منعقد ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي.
ان نماءُ جي هڪ مکيه ڳالهه اها به آهي ته ان ڏس ۾ هڪ هال مختص ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي ”هنرمند“. جنهن ۾ چئني صوبن جون هنرمند عورتون پنهنجون، گهر ۾ ٺاهيل شيون رکنديون.
ان ريت گهٽ ۾ گهٽ اهو ته فائدو ٿيندو ته پورهيت عورتن کي نمائندگي ڏيڻ سان سندن همت افزائي ٿيندي. ان ڏس ۾ هڪ ٽرين پشاور کان ڪراچيءَ تائين هلائي ويندي، جنهن ۾ هنرمند عورتن جون ٺاهيل شيون نماءُ لاءِ رکيون وينديون. اها ٽرين 11 اپريل تي پشاور کان هلندي ۽ ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ پهچندي.
سيمينار، ورڪشاپن سان گڏ سِکيا جي ويهڪ پڻ رکي ويندي. ان موقعي تي سڄي ڏينهن جي هڪ ڪانفرنس جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. (”ڊان“ جي ٿورن سان.)
(2)
هاڻوڪي سرڪار عورتن جي ڀلائيءَ، بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا آهن. جهڙوڪ: قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ ۾ انهن جو انگ وڌايو ويو آهي، ضلعي اسيمبلين کان يونين ڪائونسلن جي سطح تي به عورتن جو چڱو انگ ميمبر طور موجود آهي، پر عورت جيڪا ماءُ آهي، ڀيڻ آهي، ڌيءُ آهي، زال آهي. ۽ انهن سڀني حيثيتن ۾ هوءَ پنهنجا فرض سهڻائيءَ سان نڀائي رهي آهي. اُن جو ”حال“ مجموعي طور اڄ به ”بدحال“ آهي. هُن کي ته اسين اُهي حق به نه ڏئي رهيا آهيون،جيڪي اسلام کيس ڏنا آهن. فرق رڳو اهو آهي ته ”دور جاهليت“ ۾ اُن کي ڄمندي ئي نڙيءَ تي ننهن ڏئي دفن ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي اُڌي ساماڻي نياڻيءَ کي ”ڪاري“ ڪري بنان ڪفن کڏ ۾ ڦٽو ڪيو ٿو وڃي! ٻيءَ ڌُر جي ڪنهن ڪونڌر کي ڪُهڻو آهي ته پنهنجي ڌيءَ، ڀيڻ، زال، ايستائين جو ماءُ تي به ڪارنهن جو الزام هڻي ان جو سِر قلم ڪيو ٿو وڃي! اهڙي ئي هڪ ڪڌي رسم ضلعي ”ميانوالي“ ۾ به آهي: وَني يا سوارا! جنهن ۾ ڏوهي قرار ڏنل ڌُر طرفان ”خون بها“ ۾ پنهنجون نياڻيون ڏنڊ طور ڏنيون وڃن ٿيون.
”ڊان“ ۾ ان وَني/سوارا جهڙي ڪُڌي رسم تي ايڊيٽوريل به آيو آهي.
(3)
اڃا ڪي آهين
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ڳالهائيندا آهن ته دل چوندي آهي ته اُهي ڳالهائيندا رهن ۽ اسين ٻڌندا رهون. انهن سان جڏهن ذاتي ڪچهري ٿيندي آهي ته هيٺين لوڪ - سِٽ ياد اچي ويندي آهي:
سَٿَ ويهڻ، موتي پُوئڻ، اِيءُ وينجهارن ڪم!
سو پروفيسر سيد قوي احمد به اهڙن ئي ماڻهن مان آهي. کيس علم ادب، فلسفي، قرآن، فارسي، اردو شاعريءَ جو گهرو مطالعو آهي. خاص طور حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ کي قوي صاحب هڪ مختلف نڪتئه نظر سان پيش ڪري ٿو. مان ۽ امداد قوي صاحب کي سدائين لطيف تي ڪجهه لکڻ لاءِ چوندا آهيون. پر قوي صاحب هڪ اڪنامسٽ به آهي ۽ لفظن کي توري تڪي ادا ڪندو آهي. هن اُم الڪلام پروفيسر مريم نوحاڻيءَ سان ملهايل شام ۾ جيڪي ڳالهايو آهي، اُهو هِنئين سين هنڊائڻ جهڙو آهي. اهي املهه لفظ توهين ”سرتيون“ اپريل 2006ع ۾ ڇپي چڪيون آهيون، پر هتي مان اُهي وري ورجايان ٿي:
”اسان جي معاشري جڏهن کان دولت کي اوليت ۽ علم کي ٻيو درجو ڏنو آهي تڏهن کان اسين پوئتي رهيا آهيون جنهن جو شڪار سڄو ملڪ آهي.“
”آپا مريم سلطانه نوحاڻي اسان جي تهذيب جي علامت آهي.“
”وڏي عرصي تائين عورتن تي ڀروسو نه ڪرڻ سبب مسلمان عورتون تعليم ۾ سڀني کان پوئتي آهن. اهي پڙهي نه سگهيون آهن.“
”اها اقتصاديات جي ستم ظريفي آهي جو عورت جو گهر سنڀالڻ، ٻچن پالڻ وارو پورهيو ڪٿي به نٿو ڳڻيو وڃي ۽ اُن کي معاشيات کان ٻاهر ڪيو ويو آهي.“
سو ويچاري عورت ”پيٽ - گنديءَ“ تي سڄي زندگي گذاري ٿي ڇڏي!
(4)
سچ ۽ ڪچ جي ويڙهه ۾
ڪلثوم بِيبِي ۽ نصرت بِيبِي - ٻئي ڀينرون - هاڻي ته هُو ڪاليج جون شاگردياڻيون آهن. پر جڏهن سندن ڄمار اڃا 6 سال ۽ 8 سال هئي، تڏهن وَنيءَ/سوارا رسم پٽاندر سندن نڪاح مقتول جي پُٽن سان پڙهايو ويو.
ٿيو هيئن ته سندن پيءَ کان خون ٿي ويو. خون جي عيوضي ۾ هُن پنهنجون ڌيئرون مقتول جي پٽن جي نڪاح ۾ ڏنيون
پر جڏهن اُهي ڀينرون - ڪلثوم بِيبِي ۽ نصرت بِيبِي لائق ٿيون - ۽ نيکيٽيءَ جو وقت آيو، تڏهن هنن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻنهي ڀينرن سول ڪورٽ ۾، اهڙي پرڻي خلاف، اپيل ڪئي. ڪورٽ سندن حق ۾ فيصلو ڏنو. پر ان فيصلي کي ٻنهي گهوٽن توڙي قبيلن مڃڻ کان نابري واري.
ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته هو ڪاليج ۾ پڙهن ٿيون، جڏهن ته جن ماڻهن سان سندن نڪاح وڌو ويو آهي، اُهي اڻپڙهيل ۽ ڄٽ آهن. اها به خبر پئي آهي ته پيش امام مذهب جي نالي ۾، اُنهن نياڻين کي وَنِيءَ/سوارا روايت جي پاسداري ڪندي، پنهنجن مڙسن سان وڃڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي.
(5)
اسان جو سماج Male Dominated آهي. مطلب ته اهو مردن جو سماج آهي. سو جيڪڏهن ”عورتن جي ترقيءَ واريءَ وزارت“ تي به مردن جو غلبو آهي ته ان ۾ اچرج جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ان ڏس ۾ قومي اسيمبليءَ کي اهڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. 7 اپريل، جمعي جي ڏينهن قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو ويو ته وزارت ۾ ملازمن جو ڪل تعداد 114 آهي، جن مان 98 مرد حضرات آهن، باقي 16 عورتون آهن! اهڙي ڄاڻ ايم ايم اي جي رڪن سمعيه راحيلا قاضيءَ جي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڏني وئي.
(6)
ڪلثوم ۽ نصرت
ڳري دِيت انهن ٻن نياڻين کي وَنيءَ/سوارا جي سوريءَ تي چڙهڻ کان بچائي ورتو آهي. مٿي نمبر (2) ۽ (4) ۾ اسان ان سلسلي ۾ لکيو آهي. روزاني ”ڊان“ 8 مارچ تي اهڙي خبر ڇاپي آهي ته دائود خيل پوليس ۽ تر جي چڱن مڙسن جي وچ ۾ پوڻ تي 170،000 رپيا دئيت اوڳاڙڻ کان پوءِ مڙسن انهن نينگرين کي طلاق ڏني.
رپورٽون اهي آهن ته اپريل 1985 تي، زمين جي تڪرار تي، امان الله خان کي دائود خيل جي عطاءَ الله خان جي خون جي ڏوهه ۾ جهليو ويو. ميانوالي جي سيشن جج هن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني. ان کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا وڏڙا ۽ هڏ ڏوکي وچ ۾ پيا ۽ منجهن اهو ٺاهه ٿيو ته متاثر ڌر کي 250,000 ڏنا ويندا ۽ قاتل پنهنجون ٻه ڌيئرون به مقتول جي ٻن پُٽن کي وَنِيءَ طور ڏيندو.
ڇهن سالن جي ڪلثوم بِيبِيءَ جو ستن سالن جي اڪرام الله سان ۽ اٺن سالن جي نصرت بِيبِيءَ جو ٻارهن سالن جي سيف الله خان سان 1990ع ۾ زباني نڪاح پڙهايو ويو. وقت گذرڻ سان گڏ ڪلثوم ۽ نصرت گريجوئيشن ڪئي، جڏهن ته اڪرام ۽ سيف اڻپڙهيل ئي رهيا. ڪلثوم ۽ نصرت اين جي اوز ۽ پوليس ڏانهن رجوع ڪيو ۽ نيٺ ان مامري جو نبيرو ڏوڪڙن تي ٿيو.
هتي آخر ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته انهن ٻن نياڻين - ڪلثوم ۽ نصرت - وڏيءَ دليريءَ سان انهيءَ وَنِيءَ/سوارا روايت سان ويڙهه کاڌي ۽ هڪ ڪُڌي رسم جي خلاف آواز اُٿاريو. ۽ ان ويڙهه ۾ هو سوڀاريون ٿيون. سو،- سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ باطل،- جي جنگ ۾، فتح سدائين سچ ۽ حق جي ئي ٿئي ٿي ۽ ڪوڙ جي مُنهن ۾ اُها ئي ڌُوڙ پوي ٿي.
الطاف شيخ
آمريڪا ۾ سواريءَ جو مسئلو
نيويارڪ جي بندرگاهه بروڪلن ۾ پهتاسين ته اسان جي مڪاني آفيس وارن نصيحت ڪئي ته هي ڪارن (شيدين) جو علائقو آهي، سج لٿي کان پوءِ اڪيلا نه نڪرجو. پر جي نڪرو ته به پيدل يا بس ۾ وڃڻ بدران ٽئڪسيءَ ۾ سواري ڪجو. جيڪڏهن ڪو شيدي ڦر لاءِ سامهون ٿئي ته مقابلو يا بحث ڪرڻ بدران هڙ ۾ جيڪي ڪجهه هجي سندس حوالي ڪري ڇڏجو.
بروڪلن ۾ انهن نصيحتن تي عمل ڪندي ڪيترائي ڏينهن گذارياسين. ان بعد آمريڪا جي هڪ ٻئي بندرگاهه چارلسٽن ۾ آياسين ته ان جي آفيس وارن به اها ئي نصيحت ڪئي. بروڪلن جو بندرگاهه ته وري به شهر کي ويجهو هو ۽ ٻه اڍائي ڊالر ٽئڪسي واري کي ڏيئي پيا شهر ايندا ويندا هئاسين. پر چارلسٽن جي بندرگاهه کان شهر ايترو پري هو جيترو پورٽ محمد بن قاسم کان صدر يا طارق روڊ. نتيجي ۾ اسان جهڙن جونيئرن مان پنهنجي خرچ تي ڪنهن به وڃڻ نه ٿي چاهيو. شهر کان اڳ - گهڻو اڳ هڪ وڏي سپر مارڪيٽ هئي، جنهن ۾ هر شيءِ ملي ٿي. اوستائين ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ يا اچڻ ۾ فقط ڇهه ڊالر ڀاڙو آيو ٿي. اها ائين هئي ڄڻ پورٽ قاسم کان پپريءَ جو ڪو دڪان هٽ. سو اسان ٻه ٻه يا ٽي ٽي ٿي ٽئسڪيءَ ۾ شهر وڃڻ بدران ان سپر مارڪيٽ ۾ ويندا هئاسين ۽ اوٽ موٽ جو ڀاڙو پوءِ جهاز تي پهچي پاڻ ۾ حصا پتيون ڪندا هئاسين. ان ڪم يا ٻي ڏيتي ليتيءَ جي حساب لاءِ عاشق ميمڻ کي اڳواڻ ڪيو هئوسين. هو به اسان وانگر ففٿ انجنيئر هو. کيس اسان ان ڪم لاءِ سندس قدبت يا مٿاهين رئنڪ ڏسي نه ڪيو هو، پر حساب ڪتاب ۾ ڀڙ هجڻ ڪري انچارج ڪيو هو. جيڪي ڪجهه اسان وٽ ٿورا گهڻا ڏوڪڙ هوندا هئا اهي هن وٽ ائين سوگها هوندا هئا ڄڻ سئٽزرلئنڊ جي بئنڪ لاڪرن ۾. هڪ دفعي ته بندرگاهه ڇڏڻ وقت ٻه ڊالر بچيا هئا تن کي به ٻن ٽن پوٽڙين ۽ لفافن ۾ ويڙهي سيڙهي وهاڻي اندر لڪائي رکيائين. خبر ناهي ڪنهن کان ڊپ هوس ته چوري ڪندو. اسان کان گهٽ پگهار ته ٻئي ڪنهن جو نه هو. بهرحال پئسي جي حفاظت سان گڏ عاشق اهو به خيال رکندو هو ته ڪنهن شيديءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ نه چڙهجي. پر مجبوريءَ ۾ ٻي ڪا ٽئڪسي نه ملندي هئي ته شيديءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ڀاڙي جو هن کان اڳواٽ ٻولائيندو هو ته جيئن منزل تي لهڻ وقت ڦڏو فساد يا کِٽ پِٽ نه ٿئي.
اهڙيءَ طرح ان بندرگاهه ۾ هڪ دفعي هڪ شيدي ڊرائيور جي ٽئڪسيءَ ۾ اُن سپرمارڪيٽ کان جهاز ڏي موٽياسين. ڊرائيور ڪو نئون هو يا ٻئي شهر جو، يا ٿورو گهڻو پيتل جو بندرگاهه جي ويجهو پهچڻ باوجود کيس بندرگاهه جو رستو ئي هٿ نه پئي آيو. جيتوڻيڪ ڪنهن پل يا مٿاهين رستي تان لنگهيو ٿي ته سامهون اسان وارو جهاز به پئي نظر آيو. جنهن ڏي اشارو ڪري کيس ٻڌايوسين ٿي ۽ هن ساري! ساري! چئي ان طرف رخ رکڻ جي ڪئي ٿي، پر وري ساڳي ڪار! هڪ هاءِ وي تان لهيو وڃيو ٻئي تي چڙهي. ۽ پوءِ واپس عام رستن تي ورڻ لاءِ وڌيڪ ٻه ٽي ميل ڪرڻا پئجي ويس ٿي. نيٺ مس مس اچي جهاز تي ڪڍيائين.
ظاهر آهي گهڻي هلڻ ڪري ميٽر تي ڇهن ڊالرن بدران تيرهن ڊالر ٿي ويا هئا. پر ڀاڙي لاءِ عاشق کيسي مان فقط ڇهه ڊالر ڪڍيا جنهن لاءِ اڳواٽ ٻول ٿيل هئي.
شيدي ڊرائيور ڇهه ڊالر ڏسي چوڻ لڳو: ”تيرهن ڊالر ڪڍو.“ اسان سان گڏ ٽيون راجا رفيق هو. شيدي ڊرائيور جو رنگ هاٺي ۽ قدبت جو جائزو لڳائي اسان ته چپ ٿي پوين صفن ۾ بيهي رهياسين ۽ اڳيان بيٺل پيش امام عاشق کي آهستي تيرهن ڊالر ئي ڏيڻ لاءِ صلاحون ڏيڻ لڳاسين، پر عاشق ”چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي.“ جهڙو قول ڳنڍ ۾ ٻڌي هلندو هو. تنهن بحث ڪندي چيس: ”اسان هر روز ڇهه ڊالر ڏيئي ايندا ويندا آهيون ۽ پنڌ به ڇهن ڊالرن جيترو ئي آهي.“
”پر منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ تيرهن ڊالر بل آيو آهي.“ ڊرائيور ضد ڪيو.
”ته پوءِ تون غلط رستن تان وٺي ڇو آئين؟“ عاشق وراڻيس.
”مڃان ٿو ته غلطي منهنجي آهي پر پليز گِوِ مِي ٿرٽين ڊالرس.“
”پر توسان رستي يا ميٽر جو نه پر ڇهن ڊالرن جو ٻولايو هئوسين.“
”اهو به صحيح آهي، پر گِوِ مِي ٿرٽين ڊالرس.“
اسان جهاز جي ڀر ۾ ئي بيٺا هئاسين. شيديءَ جي دانهن تي ڪيترائي جهازي جهاز جي بل ورڪ ۽ گئنڪ وي تي اچي گڏ ٿيا. سو اهو مڙيئي اسان کي ڏڍ هو ته پنهنجا ويجها آهن. ۽ ان ڏڍ تي ئي شايد عاشق به مڙيو نٿي. جيتوڻيڪ ڊرائيور کي ان ڳالهه جي پرواهه ئي نه پئي ٿي ۽ جيئن عاشق چيس ٿي ته کپنئي ته ”ڇهه ڊالر کڻ وڌيڪ نه ڏينداسين“ تيئن ڏاڏي ڊرائيور ويسٽرن فلمن جي ولين وانگر خوفناڪ رڙ ڪري چيو ٿي:"give me Thirteen Dollars"
ٿوري دير ساڳين ڊائلاگن ۽ نظارن جو ائڪشن Replay ٿيندي ٿيندي اوچتو ئي اوچتو سين بدلجي ويئي. ڊرائيور تي جهڙي کنوڻ ڪري جو هڪدم پلٽو کائي، ولين واري ائڪٽنگ ختم ڪري منٿ واري نموني سان بيحد نرمائي ۽ ڌيرج سان چوڻ لڳو:”اوڪي! مئن ميڪ اٽ سيون.“
ڊرائيور جي ان جملي تي عاشق کي پهرين ته يقين ئي نه آيو پر پوءِ هن جي وري ورجائڻ تي عاشق جهٽ پٽ ڇهه ڊالر سندس هٿ تي رکي چيس:”کپنئي ته کڻ نه ته اسان وڃون پيا.“
ڊرائيور نڪا ڪئي هم نڪا تم. ڇهه ڊالر کيسي ۾ وجهي روانو ٿي ويو. ان ئي وقت مڙي کڻي ڏسون ته اسان جي پويان بندرگاهه جا ٻه پوليس وارا ويسٽرن فلمن جي هيرو وانگر، پستولن تي هٿ رکي پيا اچن. راجا رفيق چيو:
”آءٌ به چوان ته ڊرائيور کي اوچتو ڪهڙي نانگ کاڌو جو تيرهن ڊالرن مان هڪدم ستن تي لهي آيو ۽ خوشيءَ مان ساڳيا ڇهه وٺي ويو.“
***
آمريڪا جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي عاشق ۽ آءٌ بيمار ٿي پياسين. بلڪه بيماريءَ جو بهانو ڪري آفيس جي ايجنٽ سان ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي وچ شهر ۾ آياسين. ڊاڪٽر وٽ ڪجهه مريض اڳ جا ويٺل هئا سو ايجنٽ پاڻ هليو ويو ۽ اسان کي سمجهائي ويو ته جڏهن واندا ٿيون ته ٽئڪسي گهرائي جهاز تي پهچي وڃون. نرس کي پڻ چئي ڇڏيائين ته جيئن اسان واندا ٿيون ته هوءَ اسان کي ٽئڪسي گهرائي ڏي. اسان اسپتال مان واندا ٿي، پهرين شهر جو چڪر هڻي پوءِ نرس وٽ آياسين، جنهن ٽئڪسين جي آفيس ۾ فون ڪري اسان لاءِ ٽئڪسي گهرائي. ٽئڪسي ڊرائيور عورت هئي - پر شيدي عورت. يعني ڏسڻ ۾ ته چڱي خاصي ماڻهوءَ مار هئي، پر وري به آمريڪا جي جهڳڙالو شيدي مرد کان گهٽ شيدي عورت ٿي. اسان جي ويهڻ مهل نرس ٻڌايو ته ڀاڙو اسان پاران اسان جي فلاڻي آمريڪن ڪمپني ڏيندي - جنهن جو سامان اسان پنهنجي جهاز تي کڻڻ آيا هئاسين. پنهنجي خاطر جوئي - ۽ وڏي ڳالهه ته حبشڻ ڊرائيورياڻيءَ کي پڪ ڪرائڻ لاءِ اسان هڪ دفعو رستي تي به کيس ٻڌايو ته ڀاڙو اسان کان نه پر ڪمپنيءَ کان ملندءِ. اسان کي ڊپ هو ته متان لهڻ وقت ڪو ڦڏو ڪري ۽ هيڏي فاصلي جا ويهه ٽيهه ڊالر ڀرڻا نه پون. سو ان کان اڳ فيصلو ڪرڻ ٿي چاهيوسين ۽ جي هوءَ ڳالهه نه ٿي سمجهي ته اڳتي وڌڻ بدران اوستائين ٿيل ٽي چار ڊالر ڀاڙو ڏيئي لهي پئجي پر هن مولائڻ ڪو اعتراض نه ڪيو. FM ريڊيو تان ڳري ميوزڪ وارن گانن تي سڄي واٽ ڪنڌ ۽ مٿيون ڌڙ ڌوڻيندي هلي. عاشق چيو: ”خوش آهي يا شايد گونگي آهي. ڳالهائي نه ٿي سگهي.“
آخر ڪلاڪ مُني بعد بندرگاهه ۾ گهڙياسين ۽ ان بعد جيٽيءَ ڏي جتي اسان جو جهاز لنگر انداز هو. جيٽيءَ جي شروعاتي ڪنڊ وٽ پبلڪ ٽيليفون هو جنهن کان هوءَ ڪا اڳهين واقف هئي جو پري کان ئي بريڪ هڻي پورو ان وٽ اچي بيٺي. اسان کيس ٻڌايو ته ٿورو اڳيان جهاز جي ڏاڪڻ وٽ هل. پر اسان جي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري پنهنجو سيٽ بيلٽ کولڻ لڳي. عاشق چيو: ”ايترو به صحيح آهي، باقي ڪجهه پاڻهي هليا هلنداسين.“ ان تي اسان به پنهنجا بيلٽ ڍرا ڪري لهڻ لاءِ دروازو کوليو ته کلي نه. ان ڪار ۾ دروازو مڪينيڪل نه پر اليڪٽريڪل هو ۽ هئنڊل سان کلڻ بدران ڊرائيور وٽ سئچ دٻائڻ سان کليو ٿي. ڊرائيورياڻيءَ پنهنجو دروازو کوليو ته اسان اشارو ڪيس ته اسان جا دروازا به کول.
هيترو وقت جيڪا گونگي ٿيو پئي هلي تنهن ڇڙٻ ڏيندي چيو: Wait till I confirm. (ترسو جيسين آءٌ پڪ ڪريان) ته توهان جي ڪمپني ڀاڙو ڏيندي يا نه.“ ان بعد کيسي مان ڏهه سينٽ ڪڍي ٽيليفون ڪرڻ لڳي. تيسين اسان ٽيئي ڄڻا جيڪي ان وقت جهاز جا سڀ کان جونيئر آفيسر هئاسين، ميٽر ۾ ڏيکاريل ستاويهه ڊالرن کي ٽن سان ونڊ ڪرڻ لڳاسين. جيڪو ڀاڙو تنهن زماني يعني 1968ع جي ماهياني پگهار چار سؤ رپين تي ملندڙ ٽيهه سيڪڙو فارين ايڪسچينج يعني چوويهه ڊالرن کان به مٿي هو. آفيس ۾ ڪو صحيح دماغ وارو ماڻهو فون تي ملي ويس جو ان ئي گهڙيءَ شيدياڻي ڊرائيور فون واپس رکي موٽڻ لڳي. اسان جا دروازا هڪ ئي وقت کولي چيائين:”اوڪي. يو ڪئن گو - توهان وڃي سگهو ٿا. ڀاڙو توهان جي ڪمپني ڏيندي. باقي مهرباني ڪري فون جا ڏهه سينٽ ڏيندا وڃو، پليز.“
اهڙن تجربن بعد جڏهن آمريڪا جي ٽئين بندرگاهه بالٽيمور ۾ پهتاسين ۽ هڪ هنڌ گهڻي سامان وٺڻ ڪري ٽئڪسيءَ جي ضرورت پيئي ته منجهي پياسين ته ڇا ڪرڻ کپي. نيٺ سامان وٽ رفيق ۽ مون کي ويهاري عاشق مين روڊ تان ٽئڪسي آڻڻ لاءِ روانو ٿيو. هن جهڙيون ئي ٻه چار وکون کنيون ته رفيق رڙ ڪري چيس: ”اهڙي ڪا ٽئڪسي نه آڻڄانءِ جنهن جو شيدي ڊرائيور هجي.“ انهيءَ گهڙي رفيق کي وري ڪو ٻيو خيال اچي ويو، سو ساڳي ساهه ۾ رڙ ڪري چيس: ۽ ”ها. نه وري ڪا شيدياڻي هجي.“
***
بالٽيمور بعد فلڊلفيا آياسين. اتي به جهاز وچ شهر کان تمام گهڻو پري بيٺو. هڪ ته جونيئر هجڻ ڪري انجڻ روم جو اسان لاءِ ڪم گهڻو هو. ٻيو پگهار ٿورو. ٽيون وري شهر گهمڻ جو شوق به پورو ڪرڻ چاهيوسين ٿي. جو اهو سمجهيوسين ٿي ته جهازن جي پڪ نه ٿيندي آهي ته ٻئي سفر ۾ به ساڳي ملڪ ۽ بندرگاهه ۾ اچي. عاشق ميمڻ - بقول سندس ملين ڊالر جي ڳالهه ٻڌائي ته ٻين ملڪن ۽ بندرگاهن وانگر فلڊ لفيا ۾ به ضرور عيسائين جو ڪو ”سي مين ڪلب“ هوندو، جيڪي هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته بي گهر جهازين کي ريهي ريڀي ڪلب ۾ آڻجي جيئن ظاهري طرح ته هو وندر جون گهڙيون اتي مفت گذارين: رسالا ڪتاب پڙهن، ٽي وي ڏسن، رانديون ڪن وغيره. پر اندروني طرح هنن کي عيسائيت جي ترغيب ڏجي.
اسان اهو فيصلو ڪيو ته جي سي مين ڪلب طرفان بس آئي ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو بچائڻ خاطر ان ۾ ڪلب هلي، ٿوري دير ويهي پوءِ شهر جي چڪر تي نڪري پئبو ۽ ٻڌايل وقت تي موٽي واپسيءَ جي بس ۾ جهاز تي هليو اچبو. ڪلب ۾ اهڙي بس موڪلڻ لاءِ فون ڪيوسين ته انچارج چيو:”بس خراب ٿيل آهي. باقي ٿوري دير بعد ڪار موڪليون ٿا پر ان ۾ فقط چئن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، وڌيڪ نه.“
اسان هئاسين ئي ٽي ڄڻا سو کين پڪ ڏنيسين ته هو بي فڪر ٿين. وڌيڪ ويهي ڪار جو چالان نه ڪرائينداسين. ۽ پوءِ کيسي ۾ هٿ وجهي وڏن رئيسن وانگر شوفر ڊرون، مفت جي - بلڪه خيراتي ڪار جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير بعد جهاز جو ريڊيو آفيسر عبدالحئي صاحب جهاز جي ڏاڪڻ لهندو ڏٺوسين. کيس پاڻ ڏي سڏي وڏي آڪڙ مان چيوسين: ”عبدالحئي صاحب! شهر ڪونه ٿا وڃو-؟“
”بلڪل وڃڻ چاهيان ٿو، پر خبر ناهي بس اسٽاپ ڪٿي آهي.“
”فڪر نه ڪريو، توهان کي ڪار ۾ وٺي ٿا هلون.“ اسان ٽرڙپائي ڪندي ٻٽاڪ هنئي، ”بس ڪار اجها آئي ڪا آئي.“
عبدالحئي صاحب جيڪو اسان کان عمر، سامونڊي نوڪري ۽ پگهار ۾ گهڻو مٿي هو سو اسان جي ڳالهه تي اڌ شڪ اڌ پڪ جي حالت ۾ بيهي رهيو. عبدالحئي صاحب جا اسان مڙني تي ٿورا ٿيل هئا سو اڄ ڪجهه ٿورا لاهڻ جو سٺو موقعو هو. نقصان اسان کي به نه هو جو عبدالحئي نه اچي ها ته هڪ سيٽ هونءَ ئي خالي وڃي ها. سيٽون پوريون هجن ها ته پوءِ کيس صلاح هرگز نه ڪريون ها.
جيڪو وقت ”سي - مين“ ڪلب وارن ٻڌايو هو ان ۾ هاڻ ڪي ٻه ٽي منٽ وڃي بچيا هئا ته اتي ڏسون ته جهاز جو ڪرسچن ڊيڪ آفيسر مائيڪل پيو اچي. مائيڪل کي ڏسي اسان سڀ منجهي پياسين ته ڪجي سو ڪجي ڇا. ڄاڻ ته ڪار به آئي. چئن کان وڌيڪ بنهه نه کڻندي ۽ مائيڪل کي جي نٿا کڻن ته اهو ڪم به خراب جو اصل عيسائي جنهن لاءِ سي مين ڪلب آهي اهو پٺيان رهجي وڃي باقي اسان ٺڳ ٺهي ٺڪي ڪار ۾ روانا ٿيون.
بهرحال ان بعد اسان سي مين ڪلب ۾ پهتاسين جو اتان پوءِ شهر جا خوب چڪر هنياسين. پر اهو ياد نه ٿو اچي ته مائيڪل جو مسئلو ڪيئن حل ڪيو هئوسين. ان کي ٽيهه (30) سال اچي ٿيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ عاشق ميمڻ سان ملاقات ٿيڻ تي کيس اهي ڏينهن ياد ڏياريم ته ڪيئن اصلي ڪرسچن کان وڌيڪ وڏا پادري پاڻ ٿي ڪرسچنن جي ڪلب ۾ پهتاسين. پر افسوس جو کيس به اهو ياد نه آيو ته مائيڪل کي ڪهڙي گولي ڏني هئيسين. لڳي پيو ته ان وقت مينهن وسڻ ڪري ريڊيو آفيسر ترسي پيو هو. يا شايد ڪار بدران وئن آئي هئي جنهن ۾ سڀ اتي پهچي ويا هئاسين يا ڪو ٻيو چڪر ٿيو هو، جنهن ۾ لعل به لڌو هو ته پريت به رهجي آئي هئي.
بينا بيدل
زلزلي ۾، مظفرآباد جي هڪ ڊٺل گهر هيٺان آخري چُمي
هڪ پيارو گهر
محنتن ۽ محبتن سان
تولئه جوڙيو هئم پرين!
گهر جنت بڻجي ويو اُن پَل
جڏهن
تو پير چانئٺ تي رکيو
تڏهن
اسان جي ٽهڪن ۾ شامل هئا
ڄڻ هزارين جلترنگ!
اُهي سياري جون ساريون طويل راتيون
منهنجي ڀاڪرن ۾ مون سان
چنبڙي سمهندي هئينءَ تون
۽ اڪثر ڇرڪ ڀري جاڳي پوندي هئينءَ
۽ ڍڪيندي هئينءَ مون مٿان
سِرڪي ويل سَوَڙ
۽ منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي
سمهي پوندي هئينءَ
اڄ به
ساڳئي انداز سان
منهنجي ٻانهن ۾
منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي چنبڙي سمهي پئي آهين
سدا لاءِ تون
موت به توکي مون کان جدا ناهي ڪري سگهيو
محبتن جو ڪاڪ محل جو جوڙيو هو مان چاهه مان تولئه
سو پل هڪڙي ۾ اچي آهي پَٽ پيو
هي زلزلو هو يا قيامت جي گهڙي
اگهُور ننڊ ۾ خبر ئي نه پئي
شايد ڪنهن ڇِپ هيٺان تون ۽ مان آهيون دٻيل
چُپ آهن تنهنجا چَپَ
نه سُڏڪو نه ڪائي رڙ
بس خاموشي ئي خاموشي آهر طرف
رڙ منهنجي پڙاڏو بڻجي موٽي ٿي اچي
ڄڻ راڪاس گهمي ويو آهي شهر مان
ڏينهن آهي يا رات؟ ڪا ناهي خبر
ڪالهه تائين جو گهر هو اڄ آهي قبر!
مڻين مٽيءَ هيٺان
زندگيءَ جي موت سان ويڙهه آ
پر خوش آهيان مان ان احساس سان
ناهين تون مون کان پري - تون مون سان ساڻ آن
ها، پر هيءَ منهجي ٻانهن ڇو ساڻي ٿيندي پئي وڃي؟
ساهه ڇو ٻوساٽبو وڃي!
اڄ وقت به مون تي
بُک جا اُڃ جا
هٿيار پيو استعمال ڪري!
نيٺ مان جنگ اِها کٽي ويم
اُڃ بُک کان نيٺ بي نياز ٿي ويم!
روشنيءَ جو ڪو به ڪِرڻو نه ٿو ڦُٽي
(هڪ) طويل رات آ جا نٿي کُٽي!
جسم بي جان ٿيندو پيو وڃي
ننڊ گهري آ اکين ۾
بس خمار ئي خمار آ پرين
ڏي اجازت هاڻ مان به سمهان
پر سمهڻ کان پهرين
تنهنجن ٿڌن چپن تي
پنهنجا ٿڌا چپ رکان ٿو پرين!
****
ڌرتيءَ کي ڇِڪِي
ڌرتي تنهنجي ڪُک ۾
ڪيترا ارمان کڻي
پلجي پئي جا زندگي
قدرت آڏو
فقط هڪ ڇِڪِيءَ سان
خاموش ٿي وَئي زندگي!
***
8 - آڪٽوبر جا يتيم
معصوم اکين ۾
نه ختم ٿيندڙ سوال
زبان خاموش آهي
ڪنهن وٽ ناهي جواب
سُڪل ڳوڙهن جا نشانَ
گلابي ڳلن تي رهجي ويا
اُگهڻ وارا هٿ،
اهي اُگهڻ کان پهرين ڇڻي پيا!
سُڏڪا سُڏڪندا رهيا
معصوم ٻاتا ٻول سَڏَ بڻجي ويا
ڀاڪُر، پيار ۽ پاٻوهه
مڻين مٽيءَ هيٺان دفن ٿي ويا
هڪ لحظي ۾
مُرڪندڙ زندگيءَ جي
معنيٰ بدلجي وئي!
****
وقت جي راند
موت کي ساٿي ڪري
وقت (جيڪو ڪٿي بيهي نٿو!)
زندگيءَ سان
راند ڪا اهڙي رَچي
موت جنهن کي ويو کَٽي
وئي زندگي هارائجي!
****
هر ڪَتبو هڪ ڪهاڻي
منهنجو سينو ڄڻ ڪو قبرستان آ
جنهن ۾ آهن دفن
ڪيتريون ئي خواهشون، يادون
يادن جا ڏک
پنهنجن جا سُورَ
ڪڏهن ڪڏهن
تنهائي ۽ بيخودي هٿ کان جهلي
اِن قبرستان ۾ آڻي ٿي بيهاري
۽ هتي هر قبر تي هڪ ڪتبو آهي لڳل
۽ هر ڪتبي تي هڪ ڪهاڻي آ درج ٿيل!
زيب نظاماڻي
تاريخ جا ڪارا باب
(آزاد نظم)
زندگي ماتمڪدو!
۽ موت آ رقصان جتي
درد جو ڪاٿو نه ڪو
آه ڪنهن جي....!؟
دانهن ڪنهن جي....!؟
ڪو ماٺ ۾ سڏڪي پيو....
ڪوهه قاف جي پَرِيُن مٿان
قهر اهڙو ڪڙڪيو.
سونهن سڏڪي دانهن ڪَئي
حُسن جي وادين ۾ سهسين
سون ورنيون سوڍيون شهزاديون
پٿرن جي ڍير ۾ دٻجي ويون
مُرڪون مٺيون لُٽجي ويون
معصوم مُرڪن جي چپن جا
گيت، پوپٽ، هاءِ! سڀڪجهه دفن ٿي ويو
پيءَ پوڙهي جي ڪُلهي تي
نوجوان لاشا ڏسو
ماءُ جي جهولي آ خالي
ڀيڻ جي پوتي ڪٿي!؟
هر ڪنوار جو جوڀن
صدين جي ماٺ آ بڻجي ويو
جهانجهرن جا سُر سڀئي
ڌرتيءَ اندر گهُٽجي ويا
ٻار کي پينگهي ۾ لوڏيندي
ماءُ پڻ دٻجي وئي!
هو جو ٻالڪ هيکلو
ڪنهن کي سڏي
ڪير آ
ڏُکُ اُن جو ڪو ٻُڌي!
آهي ڪو جو نينگريءَ کي
ماءُ پيءُ جو ڏس ڏئي
ڪير آ
ڪير آ
ٽيڪ ٿئي جيڪو ٻڍاپي جي
ڀلا هت ڪير آ جو هن لڄ جو رکوالو ٿئي
جو حوالو ٿئي ڀلا انسانيت جو
ڪير آ
ڪير آ
ڍُڪ پاڻي ٿي گهري! اڄ زندگي هُن ديس ۾
جت نديون جهومي نچي
چَپَ چشمن جا چُمي
وهنديون هيون جهوليون ڀري
مات ڏينديون بُک کي ۽ اُڃ کي جيڪي هيون
هاءِ اُت مانيءَ ڳڀي لئي
زندگيون تڙپن پيون
سڏڪن پيون ڦٿڪن پيون
صحت افزا جي هوائون هت هيون
جت اگهائي ڪانه هئي
دارون دوا جي ڪا به حاجت ڪانه هئي
ان ماتريءَ ۾
چاڪ ٿي پوندو هيو بيمار ڀي
اڄ اُتي ناهي دوا جي ڪا ڦڙي
زندگيون تڙپن پيون
سڏڪن پيون ڦٿڪن پيون
هي ڍير مٽيءَ جا ڏسو
ڄڻ ته ڪي آثار ماضيءَ جا هجن
اي خدا
تون رحيم آهين ڪريم آهين
ائين معصوم جيون ڇو ڀلا
جهوري وڌئي!
پل اَپل ۾ زندگيءَ جا سڀ ڏيا
ويا اُجهامي
ڄڻ ٻريائي ڪونه هئا ڪڏهين اُهي
هو ٻارڙو ڇا ٿو چوي
ڪَن ڏئي هن کي ٻُڌو!
صبح جو پهريون پهر
جو نويد آڻيندو آهي زندگيءَ جي
اُن صبح جو سج اَڀاڳو
پر هيءُ ڇا
موت جا ڪارا ڪفن ڪشمير کي پهرائي ويو
حسن کي ڌرتيءَ مٿان
ويو هميشه لاءِ ميساري
کُليو هي آسمان
ڌرتيءَ جي ڇاتي ڏار ڏار
ڪوئي در ديوار آهي ۽ نه گهر
دفتر نه آ
بس رڳو
پٿرن جو قبرستان
اجتماعي ميتن جو آهه مسڪن!
هُن ٻارڙيءَ معصوم ٻُڪ اُڀ ڏانهن کنيا
اي! خدا! منهنجا خدا
رحم جي ڪا ڪر نظر
بي گهر بُکيو آهيان
خدا! منهنجا خدا!
رحم جي ڪا ڪر نظر
نيلم سندي واديءَ جو حسن
جهلم جي ماٿر جو چمن
ترت موٽائي ڏجان
منهنجا خدا!!
درد جنهن جو
وقت ڀي مرهم ڪڏهن
ٿي نه ٿو اُن جو سگهي
ماني ڳڀي جي لئه اجهي لئه
تڙپندڙ هي زندگيون ماٺيون اکيون
جن ۾ لڙڪن جون نديون
وييون سُڪي
هُو ٻڌو خاموش سُڏڪا
ڪنهن جي اچڻ جي لاءِ آتو آهه هر ڪو
زندگي ڪيڏي بڻي آهي حقير
خيرات توکان ٿي گهران
اي خدا! منهنجا خدا!
منهنجي جيجل ماءُ ڌرتيءَ تي
ڏمر اهڙو نه ڪڏهين آڻجان. ڪو قياس اهڙو ڌارجان
هي زلزلن جو داستان
هيئن نه تون دهرائجان
هيئن نه تون ورجائجان
بس ٺَپي ڇڏ
باب هي
تاريخ جا هي ڪارا باب!!
آتم ڪٿا قسط ”5“ رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
هنن چئن مهينن ۾ ماڻهن کي سڃاڻي ورتو هوم. ڪير منهنجي باري ۾ ڇا ٿو چوي، اها چنتا به مون ڇڏي ڏني هئي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. جن منهنجي ساراهه جون پُليون پئي ٻڌيون ته رتنا جهڙي نُنهن ملڻ مشڪل آهي، پنهنجي ڌيئرن، نُنهن کي منهنجو مثال ڏينديون هيون. سڀ جوان ڇوڪريون مون کي ديوانن جيان پيار ڪنديون هيون،جي اڄ تائين به ڪن ٿيون. پر منهنجي هن قدم کڻڻ تي مردن ۽ وڏي عمر وارين زالن کي چڙ لڳي هئي. مرد، جن هميشه زالن تي حڪومت ڪئي هئي، چوندا هئا، ”ڪجهه به ٿي وڃي ها، پر مڙس کي ڇڏي نه وڃي ها. ڀلي هو ڪيڏي به غلطي ڪري، آخر ته مڙس آهي.“
وڏي عمر واريون عورتون پيار ته ڪنديون هيون پر منهنجي هن قدم تي دُکي ٿيندي چونديون هيون، ”جوان ڇوڪري آهي، زمانو ڏاڍو خراب آهي، ڪنهن جي قيد ۾ ڦاسي وڃي ته سڀني جو نڪ ڪٽجي ويندو.“ هڪ اڌ اهڙي به زال هئي جنهن چيو، ”ڏٺئه ساراهه جو نتيجو! سچ چوندا آهن، ”واکڻِي کچڻي ڏندن ۾ اٽڪي.“
مينا واسواڻي مون سان گڏجندي رهندي هئي، جو اُتي ئي ٻارن کي گهرائيندي هئس. اُهي سڀ چوءِ پوءِ جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهندي هئي. گيدن ماءُ هڪ ڏينهن چيو، ”رتنا، تون جوان ۽ خوبصورت آهين، مان توکي فلمن ۾ چانس ٿي وٺي ڏيان. سڀ ڀر..... مون کي سڃاڻن.“ هن جي ڳالهائڻ ۾ گاريون گهڻيون ۽ مطلب ٿورو هوندو هو، پوءِ به ڪجهه وقت لاءِ من بهلجي ويندو هو. ماڻهو ته ماڻهو آهن، ٿورو وقت پچار ڪرڻ لاءِ کپين. مان هاڻي ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي هئس. ماءُ جي دل رکڻ لاءِ ڀيڻ وٽ اچي رهيس. حالت هن جي به سٺي نه هئي پر ٻار سڀ منهنجي ٻارن وانگر سدورا هئس. ماءُ کي ڏينهن جو هر ڪم ۾ مدد ڪندا هئا. جيئن ريڊي ميڊ ڪپڙا سبڻ ۾، يا ڪڻڪ جون ڳوڻيون صاف ڪرائڻ ۾، لائين لڳائي پاڻي ڀرڻ ۾، يا پاپڙ ويلڻ ۾. اڄ سنڌو ونگر جون حالتون بدلجي چڪيون آهن، پر اُتي رهندڙ هر ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سنڌي جڏهن سنڌ کان هتي آيا هئا، انهن ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏنو هو. منهنجي ڀيڻ سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪندي هئي. رات جو مڙس هن کي چار لڳا ئي نه آهن ته آواز ڏيندو هو، ”راڌو، راڌو“ ٻه دفعا چئي. پوءِ ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيئي اُٿاريندو هوس. منهنجي ننڊ ته هئي ڦٽل. ڀيڻ بنان جواب ڏيڻ جي ”هري اوم، هري اوم“ چوندي وڃي اسٽور ٻاري چانهه رکي، منهن ڌوئي ايندي هئي. چانهه مڙس کي ڏيئي، ماني ٺاهڻ ويهندي هئي، ٻه اسٽور ٻاري. هڪ تي ڀاڄي ۽ ٻئي تي ماني پچائي ٽفن ٺاهي رکندي هئي. اهو اسنان ڪري ايندو هو، ٻه منٽ پوڄا ڪندو هو ته جهٽ ڪڏهن مٺي لولي ته ڪڏهن چهري لولي نيرڻ جي لاءِ ڏيندس. جي ٿوري چُڪ ٿي وڃي ته منهنجي ڀيڻ کي ڌڪ هڻندي به دير نه ڪندو هو. مان سوچيندي هئس، ”مرد زال کي نوڪر سمجهي ويٺو آهي. نوڪر به پگهار وٺي هڪ گار تي نوڪري ڇڏي هليو ويندو آهي.“
”آهه، هيءَ زال جي دل ڪهڙي ڌاتوءَ مان ٺاهي آهي ڀڳوان، جو آڳ ۾ جلندي به هن جي ڪائي قيمت نه آهي. اي جڳت جنني، هاڻ ته پاڻ سڃاڻڻ جي ٿوري ڪوشش ڪر، توکان سواءِ هن دنيا ۾ اوندهه ٿي ويندي. پوجا پاٺ ڪرڻ کان تون پنهنجي من اندر پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ته هيءَ دنيا تنهنجي ان کوج جي روشنيءَ ۾ چمڪي اٿندي.“
منهنجي سوچڻ مان ڇا ٿيندو؟ مان هن لاءِ اڄ ڪري به ڇا ٿي سگهان؟ نه مون کي گهر آهي نه گهاٽ رولاڪن جيان ڀٽڪي رهي آهيان، هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين اُميدن جي آسري. ويزا ته نه آئي پر وڪيل وٽان ڪان جا طلاق جا پيپر اچي ويا. پڙهندي پڙهندي سڄو تن من آڳ جيان جلندو رهيو. ڪان هن حد تائين پهچي سگهي ٿو، اهو سپني ۾ به نه سوچيو هوم. وڪيل جئسنگهاڻيءَ وٽ وٺي هلي منهنجي ڀيڻ، جنهن مون ڏانهن نهاري چيو، ”تون ڇا ٿي چاهين؟ مهيني اندر تو ڪو جواب نه ڏنو ته هو ٻي شادي ڪري سگهي ٿو.“
مون وراڻيو، ”هن کي شادي ڪرڻي آهي ته ڀل وڃي ڪري، پر مون تي اهڙا سنگين الزام!.....“
وڪيل منهنجي ڳالهه وچ ۾ ڪٽيندي چيو، ”هي سڀ وڪيلن جي ڀاشا آهي. سستن وڪيلن جو ٻيو ڪم ڪهڙو هوندو آهي. توکي هن جو جواب موڪلڻو آهي ته موڪل.“
مون چيو، ”ٺيڪ آهي، توهان لکي موڪليوس ته ڀلي وڃي ٻي شادي ڪري مون کي ڪو اعتراض نه آهي.“
خبر ناهي ته في ورتائين يا نه، اها سڄي رات مون پنهنجي گذاريل جيون تي هڪ نظر وڌي. مون شادي ڪرڻ نه ٿي چاهي، پر ٿي وئي. هونئن مان سپنن ۾ ڪنهن سهڻي سٺي يُگ پرش سان شادي ڪرڻ ۽ ان سان پريم ڪرڻ جا هر وقت خيال ڪندي هئس. شاديءَ کان پوءِ ڪان منهنجي جيون ۾ پهريون پرش هو، جنهن جو ڇهاءُ مون محسوس ڪيو. نفرت ڪندي به هو منهنجي موه جو مرڪز بڻيو هو. ٻارنهن سال هن جي بيماريءَ ۾ ڊاڪٽرن، ساڌن، سنتن، اسپتالن ۾ ڌڪا کائيندي گذاريا. خوش خواب ۾ رهيس ته ڪان ٺيڪ ٿي ڪمائيندو. ٻار پنهنجا فرض نڀائيندا، ائين عام ماڻهن جيان پاڙيوارن ۽ پنهنجن جو پيار پائيندي جيون گذاري وٺنديس پر ڪان مون کي عام ماڻهن جو جيون جيئڻ نه ڏنو. مان هميشه گهر ۾ سڀني جي اڳيان چوندي رهندي هئس، ‘منهنجي سوڀمان اڳيان هر شيءِ تُڇ آهي’ اهو ئي ڪارڻ هو. رات ڏينهن پنهنجي سڀني سکن کي تياڳي ڇڏيو. سچ چيو آهي لطيف سائينءَ: ‘ڏُک سکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري!’ اڄ سوچيندي آهيان ته جي ڪان منهنجو اپمان نه ڪري ها يا پيار جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏي ها ته اڄ مان رتنا ‘رولاڪ’ نه هجان ها. پر ائين ٿيڻو هو، ٿي گذريو. مون جواب موڪلي ڏنو، ڀلي شادي ڪري. مون اندر پاڻ کي ٽٽوليو ته ان ڳالهه تي مون کي ڪو دک آهي يا ٿيندو ڇا؟ جواب هو، ‘نه، بلڪل نه.’ پاڻ هر رات جي پيڙا کان مڪتي ملندي ۽ گهر سنڀالڻ واري اچي بابا ۽ ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ کاڌو ته کارائيندي. اهو منهنجو پرديس ۾ هجڻ تي وڏو آٿت رهندو. منهنجي ويزا اچي ويئي. هاڻ ٽڪيٽ وٺڻي هئي. ٽي سؤ روپيا کپندا هئا. مون وٽ هو ٺن ٺن گوپال. ڪنهن کان به گهران ها ته ملي ٿي سگهيا. منهنجون ساهيڙيون تمام امير هيون، تن ۾ هڪ هئي جانڪي ويرومل راگهاڻي. ويرومل کي مان رکڙي ٻڌندي هئس. جانڪي ڀاڄائيءَ مون کي پهريائين به مدد ڪئي هئي، جڏهن مون ننڍي ڏير کي جاءِ وٺي ڏني هئي. پنهنجا مڻيا هن وٽ کڻي ويئي هئس، پر هن ڀونڊو ڏيئي چيو، ”ڳڻ ته گهڻا آهن؟ کڻ پنهنجا مڻيا هتان. هي وٺ ٽي هزار روپيا، جڏهن کپني ڏج.“ اُن وقت ٽي هزار وڏي رقم هئي. پوءِ به مون ٻن سالن ۾ واپس ڪئي هئي. اڄ انهن واپس آيل مڻين تي گهر ۾ تڪرار ٿيو هو. ان وقت امان جي ساهيڙي ڪملا آفيس ۾ مون سان گڏجڻ آئي. اها رات مون سان گڏ ڪلياڻ ۾ هلي، ڀيڻ به سڃاڻندي هئس. مون رستي تي هن کي ٻڌايو ته ويزا اچي ويئي آهي، هاڻ ٽڪيٽ جو بندوبست مون کي ڪرڻو آهي. پر ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان ڪنهن کان گهرنديس؟ تون امان سان ڳالهه نه ڪج. پٽ جي ڪري اڳ ۾ ئي گهڻو نقصان ٿيو اٿس، هو دڪان هلائي ڪونه سگهيو. هن مشڪندي چيو ”بي بي، چنتا ڇا جي؟ اٺ مهينا بنان ڪنهن جي مدد جي، گهر کان ٻاهر گذري ويا، ٽڪيٽ به ملي ويندو.“
ٻئي ڏينهن مان آفيس هلي ويس. هيءَ شام جو ناسڪ ٿي واپس ويئي. فون ڪيائين ته تون وي.ٽي. اسٽيشن تي اچي مون سان گڏج. گڏجڻ تي هن ٽي سؤ روپيا ڏيئي چيو، ”قسم اٿيئي منهنجو، ماءُ جا اڌارا سمجهي وٺ.“
پڇيومانس، ”پر تو پئسا آندا ڪٿان؟“
”منگل سوتر وڪڻي ڇڏيم. تون واپس اچي، مون کي ٺهرائي ڏج.“
اُن وقت سون سؤ روپيا تولو هو.
تاريخ ارڙهين، مهينو سيپٽمبر، اڻويهه سؤ اڻهٺ ۾ مان گڏجي آئي هئس. ويرومل جهاز تي ڇڏڻ آيو هو. جهاز تي ايڏي ته رش هئي جو هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندي اڳتي وڌڻو ٿي پيو. مون وٽ هڪ بئگ هئي، ٻه جوڙا/وڳا، باقي ماڌوءَ وٽان آيل چٺيءَ وارو سامان. منهنجو ڪولي هو جنهن تڪڙ ۾ هيٺ وڃي چادر وڇائي بئگ رکي، جاءِ والاري. مٿي اچي مزوري وٺي هليو ويو. ويرومل اهڙي حالت ڏسي چيو، ”ڇڏ تون هيءُ جهاز، هل گهر. هفتي کان پوءِ مان توکي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي ڏيندس.“
مون چيومانس، ”نه ڀاءُ، هاڻ نه روڪ.“
هن جون اکيون ڀرجي آيون. ويندي چيائين، ”تو جهڙي ضدي ڇوڪري نه مون ڏٺي، نه ٻڌي.“
دل منهنجي به ڀريل هئي، پوءِ به کلي چيم، ”توهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو ته نه ٻڌي، نه ڏٺي آهي. مون کي هيڏن سالن کان جو ڏسندا ٿا اچو.“
هن ڀاڪر پائي موڪلايو. مان هيٺ وڃي پنهنجي ٺهيل بستري تي ويٺيس. سوچيم ڀيڙ گهٽ ٿئي ته مٿي وڃي وهنديس. ٿوري وقت لاءِ ليٽي رهيس، اکيون بند ڪري. پر من ڀٽڪندو رهيو. صبح ٻارن سان گڏ بابا به مون کي آسيس ڪرڻ آيو هو. منهنجي پيرين پوڻ تي چيائين، ”پٽ،مون جهڙو مجبور ماڻهو هن دنيا ۾ ڪونه هوندو پوءِ به واعدو آهي ته تنهنجي ٻارن کي جان سان جوڙي رکندس.“
مون ڀريل من سان چيو، ”بابا، ان آسري تي ته پرديس وڃي رهي آهيان. بس آسيس ڪريو ته ويهه هزار ڪمائي ڏاسوائيءَ جو قرض چڪايان. پوءِ هتي اچي ڪو ڪم هٿ ڪري ٻار وٺي وينديس. ها ٻيو توهان جي پٽ طلاق جو نوٽيس موڪليو هو، مون به جواب موڪليو.“
بابا چيو، ”مون کي خبر آهي ته اها سڄي شرارت ڪنهن جي آهي. مان ته هاڻ ڪمائڻ کان لاچار آهيان. ڪان هاڻ فالن جو ڪم هلائيندو آهي پر پئسا خرچ ڏيڻ لاءِ نه جهڙا ٿو ڏي.“
مون بابا کي چيو، ”توهان چنتا نه ڪريو. مهيني ٻن جي ڳالهه آهي، مان خرچ موڪلي ڏينديس.“
چوڻ کان ته چئي ويس، هاڻ سوچيم پئي ته نوڪري جلد ملندي يا نه؟ ماڌوءَ ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون. پر پيئندڙ ماڻهوءَ تي وشواس ڪرڻ ڇا واجب آهي؟ ٺيڪ آ، ڏسي وٺبو.
جهاز هلڻ لڳو. ملاقاتين جي ڀيڙ گهٽ ٿي ويئي ۽ هيٺ ٻوسٽ پئي ٿيو، مان وڃي مٿي ڊيڪ تي ويهي رهيس. ڊيڪ تي به گهڻن اڳ ئي بسترا وڇائي ڇڏيا هئا. شايد پاڻيءَ جي جهاز ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. چؤڌاري سامان رکي وچ ۾ فئمليءَ سارو جاءِ ڪوليءَ جي مدد سان والاري وهندا هئا. ڄڻ ته ننڍو ڳوٺ هو، بنان ڀتين جي. ڪجهه به ڪنهن کان لڪل نه هو. هيٺ منهنجي پاسي کان هڪ ڀاٽياڻي پنهنجن ٻن ٻارن سان وڏي جاءِ والاري ويٺي هئي. هن مون کي کلي کيڪاريو. پاڻ سنهي سيپڪڙي هئي پر آواز دهل جهڙو، سڀني جو ڌيان ڇڪائيندڙ هوس. نالو هوس ‘هيتي’. پڇيائين، ”تون ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“
چيومانس، ”دبئي.“
هيتي: ”اتي تنهنجو ڪير آهي؟ اسان به سالن کان اتي ئي رهندا آهيون. هر ٻئين مهيني کان پوءِ مان انڊيا ايندي آهيان سامان کڻي، وڪڻي واپس ويندي آهيان. چار پئسا چڱا مڙس کي ڪمائي ڏنا اٿم. هي ڇوريون جو ويٺيون آهن، تن لاءِ به ته کپي. مڙس کي آهي نوڪري، پر دبئيءَ ۾ سڀ ائين ئي ڪندا آهن. انهن جو گهر هيءُ جهاز ئي آهي.“
ايڏي ڳالهائڻ ڪارڻ يا جهاز کي جو وڏو لوڏو آيو ان لاءِ هوءَ ڌيئرن کي پڪڙي ليٽي رهي. مٿي ته آنند لڳو پيو هو. مان جهاز جي ڪناري تي اچي سمنڊ جون جوشيليون لهرون ڏسندي رهيس. ڪي لهرون جهاز سان ٽڪرائجي سڄي جهاز کي لوڏي پيون ڇڏين ۽ انهن جون ٿڌيون ڦيهنگيون اچي منهنجو منهن ڌوئي پئي ويون. ٻڏندڙ سج جي لالائي سڄي وايومنڊل کي ايترو ته پرڪشش ڪري ڇڏيو جو مان مدمست ٿي، ان جي درشن ۾ کوئجي ويس. هڪ الؤڪڪ شانتي من کي گهيري ويئي هئي. ڪڏهن سورج وڃي رات جي چادر ۾ لڪو، خبر ئي نه رهي. خبر تڏهن پئي جڏهن هڪ وڏي لوڏي مون کي ڇرڪائي ڇڏيو ۽ پاسي ۾ بستري تي ليٽيل هڪ ٻڍڙيءَ مائيءَ وڏي آواز سان چيو، ”ڌيءَ سنڀال. هن کان به وڏا وڏا لوڏا ايندا، تون هتي منهنجي بستري تي ويهي رهه.“
مون وراڻيو، ”نه امان، منهنجو بسترو هيٺ وڇايل آهي.“
هن چيو، ”پر هيٺ ته ڪراچيءَ کان پوءِ ٻوساٽ ٿيندءِ. مان ڪراچيءَ لهي وينديس. تون هتي اچي بسترو وڇائج.“
”او.ڪي.“ چئي مان هيٺ هلي آيس. ‘ماني ماني’ ڪري مهراج چلائي رهيو هو. ٿورن ورتي، باقي گهڻي ڀاڱي هرڪو پنهنجي لاءِ دٻا ڀري ماني کڻي آيو هو. هيتيءَ چيو، ”اسان جي ماني کائي ڏس. اسين آهيون ڀاٽيا، ٿوم بصر نه کائيندا آهيون، جنهن لاءِ ستن ڏينهن جو سڪو کاڌو کڻي ايندا آهيون، جو خراب نه ٿئي. مون کي به منهنجي ڀيڻ مٺيون ۽ چهريون لوليون پچائي ڏنيون هيون ۽ ڪريلا به ٿوم ۾ ٺهيل ۽ پٽاٽا تري ڏنا هئائين. منهنجي ڀيڻ جي کاڌي ۾ ايترو ته چس هو جو جيڪو به هڪ دفعو کائيندو هو ته سڄي عمر ياد رکندو هو. ڪلاڪ جي اندر سڀ گوڙ شور ختم ٿي ويو. هاڻ بلڪل شانتي هئي ته مٿان مردن جو هڪ ٽولو هيٺ لهي آيو ۽ هڪ هنڌ اچي ويٺا. مون هيتيءَ کي چيو ته، ”مٿي هلندينءَ؟ نائيٽ ڊريس پائي اچون.“
هيتيءَ چيو، ”هل،
اُٿي مڙس کي آواز ڏنائين، ”هيڏانهن، مان وڃان پيئي، سامان جو ڌيان رکجو!“
تڏهن سڀني جون نظرون مون تي پيون. هلندي پٺيان ٻڌم ڪنهن چيو، ”يار، ڪو نئون پنڇي ٿو ڏسجي!“
جهاز جي رفتار وڌي ويئي هئي. اسان سنڀالي سنڀالي لوڏن کان خود کي بچائيندي آخر اچي وري هيٺ ويٺاسين سچ پچ هاڻي مٿو پئي ڦريو. جهاز ۾ منهنجي پهرين مسافري هئي. دل به ڪچي ڪچي پئي ٿي. هيتي ڦودني ٽڪي ڏيئي چيو، ”هيءَ وات ۾ وجهي ڇڏ ته دل ڪچي ڪانه ٿيندءِ. اڃا سوير آهي، هل ته هتي هلي ويهون. پنهنجي مڙس تي نظر به رکنديس نه ته اِهي هن کي ڪٿي بيئر ٻيئر نه پيئارين. اصل شيطان جا نانا اٿيئي.“
هٿ کان اٿاري اٿي وٺي هلي. ڏٺم سڀ مرد گوڏيون ٻڌي، بوتلون کڻي گلاس ٽڪرائي، ڏند ڪڍي هيتيءَ جي مڙس کي چيائون، ”آئي اٿيئي ماڻهين جاسوسي ڪرڻ.“
مون کي شرم اچي ويو. مان اٿي وري مٿي ڊيڪ تي وڃي بيٺيس. هاڻ طوفان ٿمجي ويو هو. چنڊ پنهنجي ستارن جي فوج وٺي سڄي آسمان تي قبضو ڄمايو هو. آسمان جي اها سونهن ڏسي مون کي سنڌ جو اهو وقت ياد آيو جڏهن نانيءَ کي رسي مٿي چوٽ تي وڃي وهندي هئس. سڄو آسمان تارن سان ڀريل هو. ڏسندي ڏسندي هو ڪڏهن ڊڪ پائي ڪنهن سان ملڻ ويندا هئا شايد. مان اهو سوچيندي هئس ته اهڙو آسمان رڳو منهنجي ڳوٺ ۾ آهي. پر ناني چوندي هئي ته آسمان هڪ ئي آهي، سڀني هنڌين ساڳيو. شاديءَ کان پوءِ بمبئيءَ جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ سڀ زالون مٿي چوٽ تي وڃي سمهنديون هيونسين ۽ اڌ اڌ رات تائين ويٺيون بڪ بڪ ڪنديون هيونسين. ان وقت به ڪڏهن مون کي ڀريل تارن سان آسمان ڏسڻ ۾ ايندو هو. جڏهن بادلن جي بارات نه هوندي هئي. پر هاڻ سالن کان پوءِ اهڙو آسمان ڏٺم ته سنڌ جي ياد اچي ويئي. پڪ هيءُ آسمان سنڌ جو ئي هوندو، هڪ نه ٻه. هڪ مٿي ته ٻيو پاڻيءَ ۾ لهي اچي لهرن سان راند پيو ڪري، سپني جيان پئي لڳو. وڏن کان ٻڌل سرڳ به اهڙو ئي هوندو. لهرن جو جوش ڏسي پرڻ ڪيم ته مان به پنهنجي جيون ۾ هميشه جوش ڀري رکنديس. ڪنهن کي به پنهنجن دکن ۾ ڀائيوار نه ڪنديس. سکن ۾ بنان ڪنهن سوارٿ جي هنن جي دکن ۾ وڃي ڀائيوار ٿينديس. منهنجي ڀاءُ ويرومل جڏهن موڪلائڻ وقت ڀريل اکين سان چيو، ”رتنا، تون ڪهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ٿي سفر ڪرڻ وڃين، مون کي ته هنن کي ڏسي ڪراهت پئي اچي. هلندي هلندي پيا ڌڪا ڏين.“
ان وقت مون هن جا پير ڇهي چيو هو، ”ايشور مون کان امتحان ٿو وٺي، آسيس ڪيو ته اهو پاس ڪري سگهان.“
هيتيءَ اچي منهنجن انهن خيالن ۾ ڀنگ وجهي چيو، ”مائي، هتي ٿي ولهه پئي پوي. ائين نه ٿئي ته دبئي پهچندي پهچندي توکي ڪولي هيٺ کڻي هلن. هل هيٺ، اٺ ڏينهن گذارڻ لاءِ سڀني سان ميل ميلاپ ڪرڻو پوندو آهي. هل هنن سڀني سان تنهنجي واقفيت ڪرايان. هو ڳالهائڻ جا ڪهڙا به هجن، پر آهن شريف. مان سالن کان هنن سان اچان وڃان پئي. هل هيٺ.“ ٻانهن کان پڪڙي هيٺ وٺي آئي. هنن سڀني جي سامهون وهاري چيائين، ”او، هيءَ رتنا، دبئيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٿي وڃي. شايد ڪنهن مٽ مائٽ وٽ.“ مون ڏانهن اشارو ڪري چيائين، ”هاڻ هنن جي واکاڻ ٻڌ.“
هي اٿيئي گدورو، پر گڏهه نه چاڙهيندو آهي، پر گڏهن جيان مال ڍوئيندو آهي. دبئيءَ کان بمبئي ۽ بمبئيءَ کان دبئي. هيءُ اٿيئي ڪشن ڪارو، ٻاهر جو ڪارو آهي پر اندر جو اڇو، جنهن لاءِ هن جو ٻيو نالو آهي ماڇي. مهاڻو نه سمجهج هن کي. هيءُ اٿيئي مامو اٺاني وارو. هو بمبئيءَ مان اٺ آني جا سڪا سچي گيهه جي دٻي ۾ وجهي دبئي کڻي ايندو هو. هاڻ سڪن جو واپار ته بند ٿي ويو، پر هن جو نالو هلي پيو اڃا نه ته ڪو سڃاڻي ڪيئن سگهندو ته ڪهڙو مامو، هتي ته گهڻيئي ماما آهن. ائين به سمجهي سگهن ٿا ته هي مامو ڪڻس کان گهٽ نه آهي. هو ڏس سامهون جو ڏند ڪڍي کلي پيو سو آهي موهن ڪوئو. هن جو گهر گهاٽ هيءُ جهاز ئي آهي. ڪوئي جيان ٻر کوٽي هتي رهيو پيو آهي. جهاز ٻه چار ڏينهن بيهندو آهي ته هي بازاريون پيو گهمندو آهي. دبئي هجي يا بمبئي. هي ڀاٽيو نه آهي، ڀائيبند آهي. جوءِ سان هڪ اڌ رات گذاري ايندو آهي. ٻيا ويا آهن مٿي مهراج کي رشوت ڏيئي سٺو کاڌو ٺهرائي ايندا يا پاڻ ٺاهيندا. ماس مڇي نه واپرائيندا آهن. بس رڳو دارونءَ جا دنگ چاڙهيندا رهندا آهن جو ان ۾ هڏو نه آهي جو هنن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي. هاڻي هن کي ماڇيءَ چيو، ”چپ وهڻ ڪونه ٿو اچيئي، پنهنجي مڙس ڀر..... جي ڳالهه ته ٻڌائين ڪونه ٿي.“
هيتي: ”پر به هو ويو ڪيڏانهن؟“
گدوري: ”ويندو ڪيڏانهن؟ مٿي وڃي ڪنهن سان اک لڙائيندو هوندو، هونئن ته گهر ۾ سڄو ڏينهن اڳٺ سان ٻڌي رکيو اٿيئي، غلام ٿي پيو هلي تنهنجي اڳيان، ڀاڙيو ڪٿان جو! هتي ته سک جو ساهه کڻڻ ڏينس. ماٺ ڪري ويهه، جڏهن ڏس ته جاسوسي پئي ڪرين.“
مامي وڏي آواز سان چيو، ”هلو کائي اچون. جلدي ننڊ ڪريون. سڄي ڏينهن جو ٿڪ آهي.“
گدوري: آءٌ سمجهان ڪين ٿو ڇا؟ هٿن ۾ خارش پئي ٿئيئي، نالو ننڊ جو.“
مامي اٿندي چيو، ”سالا سڀ آهيو ٺڳ، مان سمجهان ڪين ٿو ڪيئن؟“
موهن مون ڏي نهاري چيو، ”ڀيڻ، هنن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏج، هي اٿيئي گهر ۾ سڀ زالن جا پڪا ڀڳت. زالن هنن کي چيو آهي ته جهاز ۾ جوئا نه ڪجو پر هي آهن جوئا جا ڀڳت. ان جي پوڄا نه ڪندا ته جي نه سگهندا، شريفن جا پٽ.“ ائين چئي هن هيتيءَ ڏانهن نهاريو.
هيتيءَ هن کي ڀونڊو ڏيندي چيو، ”تون ڪهڙو شريف آهين؟ هجيئي جَوءِ هتي ته لاهي پادر هڻي توکي.“
موهن: ”برابر، جيئن تون هڻندي آهين مڙس کي.“
ايتري ۾ کاڌي واري اچي آواز ڏنو ‘آقي باقي آقي باقي.’ رڌڻو ڏهن منٽن کان پوءِ بند ٿيندو، جنهن کي کائڻو هجي ته جلدي هلي کائي اچي. ائين ان ڏانهن جو وادوواد اتي پورو ٿيو. مردن جي راند جي چوڀاري شروع ٿيڻ واري هئي. زالون سڀ وڃي ڄڻ پينگهي ۾ سمهيون، آرام سان ننڊ اچي وين. ٻئي ڏينهن صبح جو سويل چانهه واري جي آواز تي اک کلي. مان برش ڪرڻ هلي ويس. برش ڪندي جهاز جي لوڏن ڪري منهنجي چولي جو سڄو ڇاتيءَ وارو حصو آلو ٿي ويو. هيتي ٻارن کي وٺي آئي هئي ضروري حاجت ڪرڻ، مون کي ڏسي کلي چيائين، ”تون ته ٻارن کان به چٽ آهين. منهن ڌوئندي سڄو ڪڙتو آلو ٿي ڪرين. ڇاتيءَ تي ٽوال وجهي وڃجانءِ هتان. سڀ اسان جي مڙسن جيان شريف نظرن وارا جهاز ۾ ته نه چڙهيل آهن.“
منهنجي اڄ تائين اها عادت آهي شايد جو منهن ڌوئڻ تي ڪپڙا آلا ٿي ٿا وڃن. ناني به سمجهائيندي هئي ته: ”ڌيءَ ڌڻ آهين، ائين ڪرڻ سٺو نه آهي.“ مان چوندي هئس، ”ڄاڻي واڻي ته ائين نٿي ڪريان.“
ناني: ”پر ڌيان به ته نٿي ڏين.“
مان اتي ترسي هيتيءَ سان گڏجي هيٺ آيس. مرد اڃا سڀ سمهيل هئا. خبر نه آهي رات جو ڪهڙي وقت سمهيا هوندا.
هيتيءَ چيو، ”هي سڀ هاڻ ڏينهن کي ڀتر هڻي اٿندا. هل تيستائين سڀني زالن سان ملي اچون. هن ته چيو ته ”گهڻو ڪري ڀاٽيا اٿيئي جي سالن کان دبئيءَ ۾ رهندا آهن“ هن منهنجي منهن ۾ نهاري چيو ته، ”دبئيءَ ۾ رهنديءَ ته سڀ خبر پئجي ويندءِ. پر به تون وڃين ڪنهن وٽ ٿي؟“
مون چيو، ”ماڌوداس وٽ.“
”ماڌو! اهو جنهن کي گهٽيءَ ۾ فرنيچر ٺاهڻ جو دڪان آهي؟ مندر تي گهر اٿس؟“
مون: مون کي اها خبر نه آهي.“
هيتي: ”هو ڳائيندو به آهي. پر..... چئي چپ ٿي ويئي.
پڇيومانس، ”توهين هن کي سڃاڻو؟“
هيتي: ”دبئي آهي گهڻي؟ ٻن هٿن جيتري. هتي سڀ هڪٻئي کي سڃاڻون.“
(هلندڙ)
هيءَ نعيمه سومرو جي شاعري آهي. رتاڻن ڳوڙهن سان ڪوري پني تي لکيل شاعري، جنهن ڀيڻ جو جُواڻ جماڻ ڀاءُ، پنهنجي نيم موجب، ڪم تي ويو هجي، ۽ اُتي هڪڙي هروڀرو جي ڦڏي ۾، جنهن سان هن جو ڪو واسطو به نه هجي، خون ٿي وڃي ۽ اُن جو لاش گهر پهچي ته اسين اُن مُٺل ڀيڻ جي ري ڪاتيءَ ڪُٺل احساسن کي محسوس ڪري سگهون ٿا!
نعيمه سومرو کان اُهو ڀاءُ نه وسري سگهيو آهي. نه ئي وسري سگهندو! اُها ئي ”سار“ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري آهي. جيڪا اسين ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.
- ادارو
نعيمه سومرو
ڪيئن وساريان؟
تنهنجون اُهي اُداس ڳالهيون،
اُهي ڀِنل ڀِنجر
اُهي آليون اکيون
اُهي بي قرار نظرون
اُهي ڳوليندڙ نگاهون
ڪيئن وساريان،
تنهنجي آواز جي لرزش،
اُها ٽُٽل لفظن جي ڪهاڻي
اُهي معصوم افسانا!
ڪيئن وساريان؟
تنهنجي اُها مِٺڙي مُشڪ،
اُجري اُجري صُورت
شرم حيا جي مُورت،
ڪيئن وساريان؟
موڪلاڻيءَ مهل،
اُهي ڪجهه پَل،
جن توکي،
منهنجي نظر ۾،
ڪري ڇڏيو اَمُل!
****
ياد اچين ٿو!
مون کي تون ياد اچين ٿو
تڏهن
جڏهن
رات جي ڪاراڻ، صبح جي اَڇاڻ ۾ مَٽجي ٿي
۽ چوڌار پکڙجن ٿا سج جا ٿڌا ڪِرڻا
پکي لنون ٿا لاتيون
ٿڌيون هوائون ٿيون لڳن.
تون ياد اچين ٿو
تڏهن
جڏهن
وِهامي ٿي اُماس رات
۽ نڪري ٿو نئون چنڊ
پکيڙي ٿي چانڊوڪي نُور.
تون ياد اچين ٿو
تڏهن
جڏهن
ماڪ موتي وسائي ٿي
مکڙيون گل بڻجن ٿيون
فضا معطر ٿي وڃي ٿي.
تون ياد اچين ٿو
تڏهن
جڏهن
رُت جهڙالي هوندي آهي
ڪڪر گَجندا آهن
وسندا آهن مِينهَن
تڏهن
جڏهن
سمنڊ ۾ چڙهندي آهي وِيرَ!
****
نجمه نُور ڦلپوٽو
گيت جشنِ بهاران
چوڏس آهي ميگهه ملهار، جَشنِ بهاران جي آ بهار.
جاٿي ڪاٿي مُکڙيون مُرڪيون، پن ڇڻ پَسجي آر نه پار، جشنِ بهاران جي آ بهار. ٽاري ٽاري ڦُلڙن واري، ڪوئل ڪوڪي چؤڌار، جشنِ بهاران جي آ بهار.
صحرا ۾ ڄڻ ساگر پَلٽيو، ڪُونجون اُڏريون ڪري قطار، جَشنِ بهاران جي آ بهار.
ڌرتيءَ پنهنجا سُور نه ساريا، اوٺي آيا موڙي مَهار، جشنِ بهاران جي آ بهار.
ٿيو جَڳُ سارو نينهن نظارو، پِياسَ ٻُجهائي پيار جي ڌار، جَشنِ بهاران جي آ بهار.
”نُور“ بسنتي چادر اوڙهي،
هم رنگ ٿي ويا رَنگ هزار، جَشنِ بهاران جي آ بهار.
چوڏس آهي ميگهه ملهار، جَشنِ بهاران جي آ بهار.
پارس ”عباسي“
غزل
لهندڙ سج تڪيندا آهيون، ڇڻندڙ پَن ڳڻيندا آهيون.
آکيرن ڏانهن ورندڙ پَنڇي، ڪِرندڙ پنک جهَٽيندا آهيون،
پاڻيءَ تي ڪجهه ليڪا پائي، پنهنجا درد ونڊيندا آهيون.
اوسيئڙي ۾ نيڻ وڇائي، ننڊ جا پير جهليندا آهيون.
کوڙ ڏينهن کان پوءِ اَدِي، ڪنهن ڏانهن ايندا ويندا آهيون.
غزل
باغ ڪيڏو ڀريل، آءُ پوپٽ ڪو جهَل.
نيڻ منهنجا تلاءُ، مُرڪ تنهنجي ڪنول! من - هرڻ، کيچلو، ياد، سائو جبل!
ڏينهن ۽ رات ڄڻ، تنهنجو گجرو، ڪجل!
ڪيڏي خوشبو گهُلي، ڪا دري آ کُليل! سانجهه سنڌوءَ مٿان، يا ڪوئي رنگ مهل.
گرهڻ مان چانڊاڻ!
(ٽيڙو)
بختن جو لوڏو،
هٿ جي چمپا گل هيا -
بڻجي ويا ڇوڏو!
***
جا گلڙن منجهه جهُلِي،
جو اَجگر جيڏي شهر ۾ -
سا نينگر وئي رُلِي!
***
ڪيڏي ٿي ڪاراڻ،
ڪجهه ڪجهه روشن پوءِ به هئي -
گرهڻ مان چانڊاڻ!
***
خالي گهر ۽ مان،
پاڇا پائن بانبڙا -
گهري درد جيان!
***
سنجها سرواڻ
ڪاش
ڪاش!
مان هن کي
سمجهائي سگهان
ته جيئن هو سوچي ٿو
ائين ڪڏهن به
ٿيڻو ڪونه آهي
پوءِ ڇو هُو ائين سوچي
پاڻ کي عذاب ڏئي پيو
۽ پاڻ سان گڏ
مون کي به ڀوڳرائي پيو.
***
سون ساريڪا هٿڙا
(پورهيت نينگري)
زيب النساءَ
ڪاش، ڪاش ئي رهجي وئي!
منهنجي عمر 20 سال آهي. جڏهن 9 سالن جي هئس ته ماءُ جي پوتي جهلي ساڻس گڏ گهرن ۾ ڪم ڪرڻ ويندي هئس. پوءِ آهستي آهستي ڪم به سکي ويس. ڪم ۾ ايتري ته ڀَڙ ٿي ويس جو امان چيو ته هاڻي تون الڳ ڪنهن بنگلي تي بيهه، پوءِ مان اُتي ئي ٻئي بنگلي تي ڪم تي بيٺيس. نئين مالڪڻ مون کي رڌپچاءُ سيکاريو. اُتي گهر جا ٻالڪ صبح جو نيرن به ڪونه ڪندا هئا، پر مون چيو ته مان توهان کي صبح جو سوير اچي نيرن ٺاهي ڏينديس. هاڻ هو سڀ صبح جو مون سان فرمائشون ڪندا آهن ته هي ٺاهي ڏي، هُو ٺاهي ڏي. مون کي خوشي به ٿيندي آهي ته ڏک به ته هيڏو ڪجهه ڪريان ٿي پر آخر ٿيندو ڇا؟ سڀ منهنجون محنتون، سچايون ۽ وفاداريون جنهن جو مُلهه 1500 سَو رپيا فقط 1500 سَو رپيا، سي به مون کي ڪم ۾ نه ٿا اچن، 800 سَو رپيا گهر ۾ ڏيندي آهيان ۽ 500 سَو رپيا ويسي رکندي آهيان 200 رپيا ڀاڙي جا رکندي آهيان. جڏهن ته ڀاڙو ته روز 10 رپين جي حساب سان 300 سَو رپيا ٿو ٿئي. بس ڇا ڪجي؟ هيتري ڪم ۾ هيڏا هاڃا! سوچيان ٿي ته لڳي ٿو ته مون کي سَو کن ته بيماريون هونديون، پر جي نه سوچيان ته بس....
آءٌ صبح جو اٺين ڌاري بس ۾ ويندي آهيان. شام جو چئين وڳي واپس ايندي آهيان، بوهرين جي گهر صدر ۾ ويندي آهيان. ماني ٻوڙ ٺاهيندي آهيان، صفائي ڪندي آهيان. ٿانوَ ڌوئيندي آهيان. آءٌ اڌوراڻا ڪپڙا ڪانه وٺندي آهيان، پر اڻسبيل ڪپڙا ملندا اٿم ته وٺندي آهيان. نيرن به اتي ڪندي آهيان ۽ منجهند جي ماني ٺاهيندي ۽ کائيندي به اُتي آهيان.
ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته منهن واهه ڪري ڀڄي وڃان! گهر ۾ جڏهن پُورت نه ٿي ٿئي ته منهنجي ڪٿان پورت ڪندا! منهنجي عمر جون ڇوڪريون ڏسندي آهيان ته گهر ۾ مائٽن سان نخرا ڪنديون آهن، فرمائشون ڪنديون آهن ته ڏک ٿيندو اٿم ته منهنجي قسمت ۾ ايئن ئي لکيل هو! ماءُ به پورهيو ڪري ۽ آءٌ به! بس ۾ جڏهن چڙهندي آهيان ته پڙهيل لکيل ڇوڪريون ڏسندي آهيان ته دل چوندي اٿم ته ڪاش مان به پڙهيل هجان ها! پر اِها ڪاش ڪاش ئي رهجي وئي!
دل ڏاڍي اُداس ٿيندي اٿم، ته هاڻ ڪيڏو ڪم ٿي ڪريان پر قدر اِهو 1500 سؤ رپيا اٿم، ڪو ته اهڙو هجي جيڪو مون کي هنن عذابن مان ڇڏائي ۽ وٺي وڃي ڪنهن نئين ديس ۾! جتي مان صرف پنهنجي گهر جو ڪم ڪريان ۽ هُن سان پيار ڀريون ڳالهيون ڪريان! پر ڪير ايندو؟ ڪڏهن ايندو؟ بس اميدن تي جيئري آهيان. 9 سال ٿي ويا اٿم ڪم تي ويندي. گهڻن ماڻهن کي روز ڏسڻ سان ماڻهن جا چهرا پڙهي ويندي آهيان. گهڻا ته رستي ويندي تنگ ڪندا آهن، پر جواب ڪانه ڏيندي آهيان، پوءِ شايد پاڻهي سمجهي ويندا هوندا ته هيءَ اهڙي ڪانهي!
بيگم صاحبه مون کي تمام گهڻو ڀائيندي آهي. شايد آءٌ هِن سان هِري مِري وئي آهيان، مون کي هنن ماڻهن تي جيترو اعتماد آهي ۽ هنن سان جيترو پيار آهي، اوترو شايد پنهنجي مائٽن سان به ڪونهي، ڇو ته جيترو احساس هو ڪن ٿا، اوترو ڪير به ڪونه ٿو ڪري. 500 رپيا وي.سي رکي هئم، جيڪا 25000 رپيا کلي جنهن مان فرج ۽ ٽي وي ورتم ۽ گهر وارن کي سک ڪري ڏنم، پر آءٌ پيسي لاءِ سڪي وئي آهيان، سوچيندي آهيان بس ايترو بچي جو سڄو مهينو ڀاڙو ڪري سگهان.
مان چاهيان ٿي ته پنهنجن ۾ شادي نه ڪريان، ڇو ته اسان جي خاندان جون سموريون عورتون پورهيو ڪن ٿيون. شاديءَ کان پوءِ وري مون کي اهڙي نموني محنت ڪرڻي پوندي، اهڙي خدمت آءٌ پنهنجي ساهُرن جي ڪريان ته سٺو.
برياني ۽ قورمو سٺو ٺاهيندي آهيان. چائنيز ۽ هر شيءِ سٺي ٺاهي وٺندي آهيان. هُن گهر جي ايتري ڄاڻ ٿي وئي اٿم جو هڪ ڏينهن به نه وڃان ته گهر اچي وٺي ويندا آهن. سڄي گهر جي ذميواري مون تي آهي، گهر ۾ ڪهڙي شيءِ کُٽل آهي، ان جي گهر ڀاتين کي خبر ڪانهي. مان هڪ ڏينهن به موڪل ڪانه ڪندي آهيان. صرف ڪم ۽ ڪم. هينئر جواني اٿم گهڻو ڪم ڪري سگهان ٿي.
رپورٽ: نجمه پنهور
ڳڻن ڀريون ڳالهڙيون
انٽرويو: گلبدن جاويد
ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ سان ڳالهه ٻولهه
سرتيون: اوهين پنهنجي ڪٽنب بابت ڪجهه ٻڌايو؟
ڊاڪٽر رخسانه: اسان پنهنجي ڪٽنب ۾، ماءُ پيءُ کان علاوه پنج ڀائر ۽ ڀينرون آهيون. ٻه ڀائر آهن هڪ ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو رياضيءَ (Mathematics) ۾ ايم ايس سي (M.Sc) ڪرڻ کان پوءِ اڄڪلهه ليڪچرر طور ڪم ڪري ٿو. ڀينرن مان هڪ ڀيڻ رياضي (Mathematics) ۾ ايم ايس سي (M.Sc) آهي ۽ ايس ايس طور ڪم ڪري پئي ۽ ٻي ڀيڻ سِول انجنيئر آهي. آءٌ پاڻ ڊاڪٽر آهيان.
سرتيون: اوهان جي شادي پنهنجي پسند سان ٿي يا مائٽن جي پسند سان؟
ڊاڪٽر رخسانه: منهنجي شادي منهنجي پسند ۽ مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي. مطلب ته شادي سڀني جي رضامنديءَ سان ٿي.
سرتيون: ڪامياب شادي گذارڻ لاءِ ڪهڙا گُڻ ضروري آهن؟
ڊاڪٽر رخسانه: هن سوال جي جواب ۾ آءٌ ته ايئن چونديس ته اهڙيون ڪي به طيءِ ٿيل ڳالهيون ناهن جو چئجي ته اِهي ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي ڪنهن شخصيت ۾ هجن ته شادي ڪامياب ٿيندي! بس، هڪ مساوات برابري آهي. هڪ Equation آهي، اها اگر ٻن فردن وچ ۾ قائم ٿي وئي، ته شادي ڪامياب ٿي ويندي، نه ته يا ته رشتا ٽُٽڻ جي فطري عمل مان گذرندا يا وري سمجهوتي Compromise جهڙي انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال جي نذر ٿي وڃبو.
سرتيون: اوهان جي ڪهڙي ڳالهه اوهان جي گهر واري کي وڻندي آهي؟
ڊاڪٽر رخسانه: اهو سوال ان کان ئي پڇو ها ته بهتر ٿئي ها.
سرتيون: اوهان جي ڪهڙي ڳالهه ڊاڪٽر صاحب کي نه وڻندي آهي؟
ڊاڪٽر رخسانه: مان گهڻن ماڻهن جي موجودگي برداشت نه ڪري سگهندي آهيان. منهنجي هڪ پنهنجي طبيعت آهي. مون کي پرسڪون ماحول وڻندو آهي. هو هڪ سياستدان آهي. ظاهر آهي ته هن کي اها ڳالهه گهڻي پسند نه هوندي!
سرتيون: اختلاف ٿيڻ وقت پهرين ڪير پرچائيندو آهي؟
ڊاڪٽر رخسانه: اختلاف ٿيڻ ته فطري ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي وڙهي پوندا آهيون ته پوءِ ٻئي ڏينهن، سوچڻ سمجهڻ کان پوءِ، جيڪو سمجهندو آهي ته منهنجو ڏوهه وڌيڪ آهي ته اهوئي پرچائي وٺندو آهي. هونئن اسان جي وچ ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون ورلي ئي ٿينديون آهن.
سرتيون: اوهان کي گهڻا ٻار آهن؟
ڊاڪٽر رخسانه: اسان جا ٻه ننڍڙا پٽ آهن همير ۽ ڪبير.
سرتيون: ٻارن جا ههڙا خوبصورت نالا ڪنهن رکيا؟
سرتيون: ٻارڙن جا نالا مون ۽ ڊاڪٽر گڏجي رکيا آهن. وڏي پُٽ همير جو اسڪول ۾ نالو محمد صالح آهي جيڪو ڊاڪٽر جي والد صاحب جو نالو آهي.
سرتيون: ڊاڪٽر ٿيڻ، اوهان جو شوق هو يا مائٽن جو؟
سرتيون: ڊاڪٽر ٿيڻ جو پنهنجو شوق به ٿورو گهڻو هو، پر مائٽن جو تمام گهڻو شوق هو ته وڏي ڌيءَ ڊاڪٽر ٿئي. جيئن هر ماءُ پيءُ جو خواب هوندو آهي. منهنجو پنهنجو گهڻو لاڙو حسابن ڏانهن هو.
سرتيون: اوهان خواب ڏسنديون آهيو؟
ڊاڪٽر رخسانه: ظاهر آهي هر حساس ماڻهو، هر سوچيندڙ ماڻهو هڪ تصور رکي ٿو، هو خواب اُڻي ٿو ۽ آءٌ به خواب ڏسندي آهيان. محبتن کي ماڻڻ جا خواب، انسانيت جي خوشحاليءَ جا خواب، فرسوده رسمن کان ڇوٽڪاري جا خواب، آزاد زندگيءَ جا خواب.
سرتيون: اهڙي خواهش جيڪا چاهيو ته پوري ٿئي؟
ڊاڪٽر رخسانه: ها! منهنجي هڪڙي خواهش آهي ته مان سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار امرجليل سان ملاقات ڪريان. بلڪه ان سان ڪچهري ڪريان. بلڪل فطري انداز سان. باقي هن جو فون نمبر يا ائڊريس حاصل ڪرڻ ظاهر آهي منهنجي لاءِ ايڏي وڏي ڳالهه ڪانهي.
سرتيون: اسان جو سماج ويڳاڻپ جو شڪار آهي، ڇو؟
ڊاڪٽر رخسانه: اها سماجي ويڳاڻپ ڪنهن به هڪ مسئلي، هڪ ڳالهه يا هڪ سبب جي ڪري ناهي، بلڪه سببن جو هڪ تسلسل آهي، جيڪو هڪ فرد کان ٿيندي مٿي ڏاڍ ۽ اڻبرابريءَ تي ٻڌل رياستي سرشتي تائين ٿئي ٿو. انڪري هر فرد کي پنهنجو پنهنجو ڪردار هاڪاري (Positive) انداز ۾ نڀائڻ گهرجي. سماج جي تضادن کي سمجهڻ گهرجي. انهن تي نظر رکڻ گهرجي. انهن جو حل تلاش ڪرڻ گهرجي. باقي اها ڳالهه هر باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو ته سماجي ويڳاڻپ جو حل تبديليءَ ۾ آهي ۽ سماجي تبديليءَ جو هڪ ئي گس آهي ۽ اهو آهي سياسي گس. اصلاحي پروگرام ڀلي کڻي ڪيترا به آندا وڃن پر تبديلي سياسي رستي سان ئي ممڪن آهي.
سرتيون: اسان جي سماج ۾ عورتن لاءِ الڳ پريشر گروپ يا الڳ تنظيمن جي ڪنهن حد تائين ضرورت آهي؟
ڊاڪٽر رخسانه: اسان جي سماج ۾، عورتن جي هڪ مضبوط تنظيم جي انتهائي سخت ضرورت آهي. هن جنسي متڀيد واري سماج ۾ ڪو ته اهڙو پليٽ فارم هجي جيڪو هن اڌ آباديءَ جو آواز بڻجي اعليٰ ايوانن تائين پهچي، جتي قومن جا فيصلا ٿين ٿا، جتي قانونسازي ٿئي ٿي. عورت کي پنهنجو وجود مڃرائڻ لاءِ برابريءَ واري حيثيت مڃرائڻ لاءِ خود کي هڪ ڊگهي ۽ منظم جدوجهد ڪرڻي پوندي.
سرتيون: اڄ جي اديبن جي ادبي تخليقن مان ڪيتريون مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر رخسانه: اڄ جي اديب جي ادبي ڪاوشن مان اسان مطمئن آهيون يا نه، ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ کان اڳ ان ماحول تي ڳالهائڻ گهرجي جيڪو هڪ قلمڪار جي لکڻ لاءِ ضروري آهي. اڄڪلهه ڪهڙا ادارا آهن، اهڙا ڪهڙا معياري ڪتاب/مخزن آهن. ڪهڙيون ادبي ويهڪون آهن جيڪي اديبن جي تخليقن کي ڇنڊي ڇاڻي انهن جو ڪو معيار مقرر ڪن. اديب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪوشش ڪن پيا، پر اَسان جي تخليقڪارن جو گهڻو ڪري تعلق مڊل/وچولي طبقي سان آهي. اڄڪلهه معاشي بدحالي، ڪمرشلائيزيشن جو زمانو ۽ معياري پبليڪيشن جي کوٽ جي ڪري ڪافي سٺو مواد پڙهندڙن تائين نه پيو پهچي. پر مان يقين سان چوان ٿي ته جيڪڏهن ادارا مضبوط ڪيا وڃن، معياري رسالا باقاعدگيءَ سان ڪڍيا وڃن، سنڌي ادبي سنگت، پنهنجو ڪردار بهتر انداز سان نڀائي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ پنهنجي شاخن کي فعال بڻائي ته جيئن نئين ٽيلنٽ جي همت افزائي ٿئي ۽ انهن جي لکڻين ۾ جيڪي ڪوتاهيون آهن، اهي به بحث هيٺ اچن ته ڪو شڪ ناهي ته اسان جا تمام بهترين ليکڪ منظر تي نه اچن.
سرتيون: اوهان ڪهڙن ماڻهن سان ملي خوش ٿينديون آهيو؟
ڊاڪٽر رخسانه: مون کي انهن ماڻهن سان ملي خوشي ٿيندي آهي جن سان ذهني هم آهنگي هجي، جيڪي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ سان گڏ ٻين جي ڳالهه ٻُڌڻ جا به عادي هجن. طبيعت گهڻي حساس هجڻ ڪري مان گهڻي سوشل ناهيان. ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به نه ٿي سگهي آهيان. ڊاڪٽري پروفيشن ۽ ادبي دنيا ۾ منهنجا ڪجهه Friends آهن، جيڪي مون کي تمام ويجهو آهن.
سرتيون: دوستي اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر رخسانه: آءٌ توڙي جو تمام گهڻا Friends نه ٿي رکان، پر مان پنهنجي ڪجهه Friends جي معاملي ۾ ڏاڍي جذباتي آهيان. انهن جي ڪا به تڪليف مون کان برداشت نه ٿي سگهندي آهي. دوست اهو ماڻهو آهي، جنهن سان بنان ڪنهن مطلب/مصلحت جي اندر اوري سگهبو آهي. ان کي زندگيءَ جي معاملن تي مشورو ڏئي سگهبو ۽ وقت اچڻ تي مشورو وٺي سگهبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دوست ويجهن مائٽن کان به وڌيڪ ويجها محسوس ٿيندا آهن.
سرتيون: محبت کي ڪيئن بيان ڪنديون؟
ڊاڪٽر رخسانه: محبت کي هڪ وصف جي ڪارب ۾ نه ٿو آڻي سگهجي. محبت جنهن جي ڊيگهه، ويڪر، اوچائي، گهرائي، مُلهه، مقدار سدائين اَڻ ڪٿيو ئي رهيو آهي، اڃا رياضيءَ اهڙو ڪو ماپو ئي ايجاد ناهي ڪيو، جنهن ۾ محبتن کي مقدار ۾ ماپي سگهجي. هي بس هڪ احساس آهي، جيڪو ارپبو ۽ جذب ڪبو آهي. بقول استاد بخاري:
منهنجي توسان محبت مٺا ايتري، ڇا چوان ڪيتري، ڇا ڪٿيان ڪيتري، جيتري ڪير سوچي سگهي تيتري، ياد يارن جي استاد سانڍي ڪٿي، زندگيءَ کان ڊگهي، وقت کان ويڪري.
سرتيون: عشق جي باري ۾ اوهين ڇا چونديون؟
ڊاڪٽر رخسانه: هي تمام وڏو منصب آهي. اسان انتهائي ادنيٰ انسان آهيون. بس شاهه سائينءَ جو هي شعر چونديس:
ڪپي ڪپي انگڙا، سڄڻ سڄو ڪن، اياڻا الجهن، ڏسي وَڍَ وجود جا.
سرتيون: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ڊاڪٽر رخسانه: زندگي صرف صبح ٿيڻ، شام ٿيڻ، رات ٿيڻ، وري صبح جو اٿڻ جو نالو ڪونهي. خاص ڪري مان پنهنجي سرتين، پنهنجي ڀينرن کي چونديس ته زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيو. مڃون ٿا تمام گهڻا ڪم ڪاريون اوهان جي حوالي ڪيون ويون آهن، پر پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي آهي. اسين انسان آهيون، اهو سماج کي مڃرائڻو پوندو.
سرتيون: اڄ جي دَور ۾ هر ماڻهو دُکي آهي، پر جڏهن مريض بيمارين جا درد کڻي اوهان وٽ اچن ٿا ته اوهين ڪيئن ٿيون محسوس ڪريو؟
ڊاڪٽر رخسانه: اسان ڪو به درد نه ڏٺو آهي، اسان ڪا به تڪليف نه ڏٺي آهي، سچ پڇو ته پنهنجي مريضن کي ڏسي بار بار احساس ٿيندو آهي ته اسان هنن لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيا آهيون. هنن جا درد اسان جي ڏنل دوائن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهن. هر ”سور مان نڪتل دانهن“ جو علاج ٻه Pain Killer Tablet نه ٿيون ٿي سگهن. جڏهن مون هڪ مريض کي دوا ڏيندي چيو هو ته ”هي ٻه گوريون ڏينهن ۾ ٽي دفعا مانيءَ کان پوءِ کائجان ۽ هيءَ هڪ گوري ٽي دفعا ڏينهن ۾ مانيءَ کان اڳ کائجان.“ ته ان جون اکيون ڀرجي آيون هيون، چتائي منهن ۾ پئي ڏٺائين. پڇيم ”ڇا ٿي ڏسين؟ ڪو مسئلو آهي ڇا!؟“
ڀريل اکين سان مرڪندي چيائين ”ڊاڪٽر، اسين ته ماني ٽن ڏينهن ۾ هڪ دفعو کائيندا آهيون.“ ڏاڍي تڪليف ٿي هئي. مان هن مريض کي ڪجهه به ڪونه چئي سگهيس ۽ دوائن جو لکيل پنو هن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو هوم.
ڇا ان ڳالهه جو جواب سماج جي مڪمل تبديليءَ ۾ لڪل ناهي؟
سرتيون: سنڌ کي سکيو ستابو ڪيئن بڻائجي؟
ڊاڪٽر رخسانه: شاهه سائينءَ جي سٽ آهي:
”سپرين سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ملي.“
سرتيون: پسند جو کاڌو؟
ڊاڪٽر رخسانه: آءٌ گهڻي کائڻ پيئڻ جي شوقين ناهيان، پر تنهن هوندي به ڪجهه شيون وڻنديون آهن، جيئن پلو، گوار، ڪڙهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪڙهائي کائڻ تي دل چوندي آهي. رات جو مان کنڊ پيل اڇا چانور کائيندي آهيان، مون کي ڏاڍا وڻندا آهن جنهن تي سڀ کلندا به آهن.
سرتيون: پسند جو لباس؟
ڊاڪٽر رخسانه: مون کي مختلف ڊيزائين ۾ ٺهيل سلوار قميص ئي وڻندي آهي. عام پائڻ لاءِ. باقي خاص ڏڻن/موقعن تي ساڙهي پائيندي آهيان.
سرتيون: پسند جو گل؟
ڊاڪٽر رخسانه: مون کي موتيي جو گل پسند آهي.
سرتيون: پسند جو رنگ؟
ڊاڪٽر رخسانه: ڳاڙهو، برائون، هلڪو پرپِل، ميرون وڻندا آهن. ڪارو رنگ به ڪڏهن پائيندي آهيان.
سرتيون: ننڍپڻ ۾ ڪي رانديون کيڏيون، پنهنجي پسند جون رانديون ٻڌايو؟
ڊاڪٽر رخسانه: مون کي ڪرڪيٽ راند تمام گهڻي پسند آهي ۽ پاڻ ۾ کيڏڻ لاءِ اسڪريبل ۾ تمام گهڻو مزو ايندوآهي، جيڪا اسان اڪثر ڀائر ۽ ڀينرون جڏهن گڏجندا آهيون ته کيڏندا آهيون.
سرتيون: ڪهڙي ڊش وڌيڪ سٺي رڌينديون آهيو؟
ڊاڪٽر رخسانه: سٺي کاڌي رڌڻ جي ڳالهه نه ڪريو، باقي سڀ ڪجهه رڌيندي آهيان. ايترو وقت ئي ناهي جو رڌپچاءَ ۾ به ماهر ٿيان.
سرتيون: پسند جا سنڌي شاعر/شاعرائون؟
ڊاڪٽر رخسانه: سنڌي ٻوليءَ جا تمام گهڻا سٺا شاعر آهن، جيڪي مون پڙهيا آهن، نالا انهن جا ئي کڻنديس، ڪافي شاعرن کي مون نه پڙهيو آهي. جن کي پڙهيو آ انهن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، ادل سومرو، اياز گل، سميع بلوچ، روبينا ابڙو، عطيه دائود، وسيم سومرو، بخشل باغي، ايوب کوسو، حليم باغي، مريم مجيدي، آسي زميني، راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، فياض چنڊ مون کي پسند آهن.
سرتيون: شاهه جو شعر جيڪو اوهان کي پسند هجي؟
ڊاڪٽر رخسانه: شاهه جو هي شعر مون کي بيحد پسند آهي:
اڃا تو منجهاءَ، ڪک ڇُتي رت نڪري، مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهَليندين گهاءَ، سو تُون ڪُڄاڙياءَ، سِڪڻ جون سَڌون ڪرين. سرتيون: اوهان جي پسند جا فلم ۽ ٽي وي فنڪار ڪهڙا آهن؟
ڊاڪٽر رخسانه: فلم ۾ مون کي اميتاب بچن، نصيرالدين شاهه، سنجيو ڪمار، راجڪمار، منوج باجپائي، وحيد مراد، شبانه اعظمي، ريکا، ممتاز، زينت امان ۽ ڪاجول پسند آهن.
ٽي وي فنڪارن ۾ طلعت حسين، شفيع محمد شاهه، امانت مغل ۽ سڪينه سمون پسند آهن.
سرتيون: شاعره ڪيئن بڻيون؟
ڊاڪٽر رخسانه: شاعري ڏات الاهي آهي، جيڪا مون کي قدرت طرفان عطا ٿي. ان ۾ منهنجي شعوري ڪوشش شامل نه آهي.
سرتيون: شاعريءَ جا مجموعا؟
ڊاڪٽر رخسانه: ”پياسيون اکيون، جل ٿل خواب“ مجموعو اچي ويو آهي.
سرتيون: ”سرتيون“ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
ڊاڪٽر رخسانه: ”سرتيون“ پڙهندڙ سرتين ڏانهن منهنجو پيغام آهي ته هو گهڻي کان گهڻو پنهنجي پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان ڏين ۽ ادبي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ جي ڪوشش ڪن، انهن سان ئي هو باشعور بڻجي سگهنديون ۽ پنهنجي شخصيت جي سڃاڻپ ڪرائي سگهنديون.
آءٌ ”سرتيون“ پڙهندڙ ڀائرن کي به پيغام ڏينديس ته اوهان پنهنجي عورتن، پنهنجي ساٿياڻين ڏانهن پنهنجا رويا مثبت رکو. بلڪه هڪٻئي لاءِ به سٺو سوچيو. مڃون ٿا ته ڪجهه اوڻايون، ڪجهه غلطيون، ڪجهه اهڙا قدم انسانن کان کڄي وڃن ٿا، جيڪي اسان جي سماج لاءِ قابل قبول ناهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ننڍڙي ڳالهه تي ڪنڌ ڪيرائي وجهجن، هي ڪنڌ عظيم مقصدن تي ڪرڻ لاءِ آهن، نه ڪي ننڍي وڏي ڳالهه تي!
رخسانه پريت
غزل
آسمان اداس ڪنهن تارا کڻي ڇڏيا، ۽ چوطرف ڌرتيءَ تان نظارا کڻي ڇڏيا.
آخر ته محبتن جو ڀي رکڻو ڀرم هيو، الزام جي لڳا اسان سارا کڻي ڇڏيا.
قدرت اسان کي سامهون ئي منزل کي ڏيکاري، ۽ وڃڻ وارا سڀئي چارا کڻي ڇڏيا.
سَولن سڌن رستن جي هت سڀني کي هُئي تلاش، اسان ئي بس گوندر سان گذارا کڻي ڇڏيا.
جا ناو هئي لهرن لٿي منزل تي سا پُڳي، پوئتي رهيا جنين ها ڪنارا کڻي ڇڏيا.
جو اوچتو نظر پئي رنگ برف جو ڏٺو، پتو نه پيو ته وار ڪنهن ڪارا کڻي ڇڏيا. ڏاڍو متل هو شور هن دنيا ۾ چوطرف، جاٿي ڏٺاسين نينهن جا نعرا کڻي ڇڏيا.
غزل
اڃا جيئون هر سزا مليل آ، اهڙي ڪنهن جي دعا مليل آ.
تنهائي ۽ اڀ چانڊوڪيون، چاهت آ يا چِتا مليل آ.
مڃيون حياتي سور سڀن جي، درد هي دل جو جدا مليل آ.
ڪوٽن کي اورانگهي وئي آ، شايد هن سان هوا مليل آ.
چپ چپ ۾ سڀ ڪجهه چئي پيو ٿو، هن کي اهڙي ادا مليل آ.
ڪئي مسيحا، پر پيو ڳولي، جنهن کان هن کي شفا مليل آ.
هن کي ڪيئن ماري تون سگهندين، هن سان آخر خدا مليل آ.
غزل
جي اکڙيون ٿينديون ٿاڪ پرين، ڪئي رهندا ات رولاڪ پرين.
تو گهر جي در جي ڳالهه ڪئي، مون دل جا کوليا تاڪ پرين.
هڪ پيار جي دل ۾ چڻنگ دُکي، ٻيو چنڊ ڪري دل چاڪ پرين.
ڇا سُرڪي تن سيراب ڪري، جي عرصن جا هيراڪ پرين.
ٿا پهرڻ هي جذبا چاهن، ڪا پيار سندي پوشاڪ پرين.
هت ڪو ته اچي مومل کي ماڻي، ڪو ته ڪڪوري ڪاڪ پرين.
ريشما ناز مٺل سومرو
بهار ۾ ڇڻيل گُل
ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميهڙ ننڍي شهر راڌڻ اسٽيشن جي پرائمري اسڪول ۾ اسان چئن ڇوڪرين جي پاڻ ۾ تمام گهڻي گهري دوستي هوندي هئي. اسان ويهنديون، کيڏنديون، گهمنديون، کائينديون گڏ هيونسين. اسان هوشيار به ڏاڍيون هيونسين. اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪو دوستيءَ جو مثال ڏيندو هو ته اسان چئن سرتين جو ڏيندو هو. اسان سرتين جا نالا هي آهن:ريشمان مٺل سومرو، رضيه، سلميٰ ۽ انيتا.
رضيه جو گهر ته پرائمري اسڪول جي ڀرسان هوندو هو، باقي منهنجو ۽ سلميٰ جو گهر جامع مسجد جي ويجهو هڪ ئي ڳليءَ ۾ هوندو هو. باقي انيتا جو گهر اسان ٽنهي سرتين جي وچ تي هوندو هو. اسان چئن کي جيڪڏهن اڃ لڳندي هئي ته اسڪول مان نه پر، رضيه جي گهر مان وڃي پاڻي پيئنديون هيونسين ۽ رضي جي گهر وارا به رضيه کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. انڪري هو اسان کي به تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. مان ۽ رضيه ته هڪٻئي سان واعدو به ڪري چڪيون هيونسين، ته اسان، پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ به گڏ پڙهنديونسين ۽ نوڪري به ساڳيءَ ۽ هڪ جاءِ تي ڪنديونسين.
خير پرائمري ته هڪ ئي اسڪول ۾ ڪئي ۽ وري ڇهين ۾ به اسان گڏ داخلا ورتي ۽ وري اتي نائين ڪلاس تائين گڏ پڙهيون سين. جڏهن ڏهين ڪلاس ۾ پهتيونسين، ته اوچتو رضيه جي طبيعت ڪجهه خراب ٿي پئي ۽ رضيه اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. رضيه جي اسڪول نه اچڻ سان منهنجي، سلميٰ ۽ انيتا جي بلڪل پڙهائيءَ ۾ دل نه لڳندي هئي. پر تنهن هوندي به اسان اسڪول وينديون هيونسين ۽ موڪل ۾ رضيه کي ڏسڻ لاءِ رضيه جي گهر وينديون هيونسين. ائين ڪندي ڪندي ڪجهه مهينن کان پوءِ رضيه اسڪول آئي ۽ هڪ مهينو مس آئي ته وري هن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. جڏهن مان رضيه جي گهر ويس ته رضيه جي طبيعت خراب هئي ۽ هن جو جسم سُڄي ويو هو ۽ هوءَ ڦڪي ٿي وئي هئي. هن جي گهر وارا تمام غمگين ويٺا هئا. پڇيومانِ ته ”ماسي ڇا ڳالهه آهي؟ توهان هيئن غمگين ڇو ويٺيون آهيو؟“ تنهن تي رضيه جي وڏي ڀيڻ چيو ته ”ڀيڻ ريشمان، تنهنجي دوست رضيه جي جيري تي سوڄ ٿي پئي آهي. سو ڊاڪٽرن جواب ڏنو آهي.“ تنهن تي مون هنن کي دلداري ڏني ۽ رضيه سان ملڻ ان جي ڪمري ۾ ويس ته رضيه مون سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. بس ائين ڪندي وڃي اسان جا امتحان ويجها ٿيا. آخرڪار اسان امتحان ڏنو ۽ رضيه امتحان نه ڏنو. وري مان اڳتي پڙهڻ لاءِ خيرپور ناٿن شاهه تي پنهنجي وڏي چاچي نياز جي گهر وڃي رهيس ڇو جو ان وقت راڌڻ ۾ ڪاليج نه هوندو هو. تڏهن مون خيرپور ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي ۽ رضيه راڌڻ ۾ مئٽرڪ ۾ ورائي داخلا ورتي ۽ سلميٰ ۽ انيتا مئٽرڪ پاس ڪري گهر ۾ ويهي رهيون ۽ جڏهن مون فرسٽ ايئر پاس ڪري انٽر ۾ داخلا ورتي، تڏهن راڌڻ ۾ به ڪاليج کليو. ۽ رضيه اتي ئي فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي. جڏهن مون انٽر پاس ڪئي ته واپس اچي پنهنجي شهر راڌڻ ۾ رهيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن رضيه جي گهر ويندي هيس ۽ ائين رضيه به انٽر پاس ڪئي. ان کان پوءِ وري رضيه جي طبيعت خراب ٿي پئي. نيٺ اسان راڌڻ کي ڇڏي ڪوٽڙيءَ لڏي وڃي رهيا هياسين ۽ مان آخري دفعو رضيه کان موڪلائڻ ان جي گهر ويس ته رضيه مون کي چيو ته ”ريشمان تون ڪوٽڙيءَ نه وڃ. مان اڪيلي ٿي وينديس.“
تڏهن مون رضيه کي چيو ته مان جڏهن به راڌڻ اينديس ته توسان ضرور ملڻ اينديس.“ تڏهن رضيه دل نه جهلي ۽ هن روئي ڏنو ۽ آخر ۾ هن هڪ گانو ڳايو ۽ موڪلايو.
”ڇڏي وڃڻ جي ڳالهه نه ڪر،
متان توکان اڳي منهنجو ساهه وڃي،
ساهه وڃي، ها ساهه وڃي.“
ته مون جواب ۾ هي گانو ڳايو:
”هجيئي حياتي
شل ڪوسو نه توکي واءُ لڳي،
واءُ لڳي، واءُ لڳي ها واءُ لڳي!
ائين ڪندي اسان هڪٻئي کان آخري ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ ڪوٽڙيءَ جي غريب آباد، نزد بهار ڪالونيءَ ۾ اچي رهياسين. اتان جي موسم، هوا ۽ ماحول تمام زبردست ۽ ڏاڍو سٺو هو. پر انهن خوشين ۽ مزن کي ڏسي خوشي به ٿئي پئي ۽ ڏک به ٿئي پيو. ۽ پنهنجي سرتين جي ياد به ايندي هئي ۽ رضيه جي ته ڏاڍي ياد ايندي هئي. ڪوٽڙيءَ ۾ اسان کي رهندي ٻه سال مس گذريا ته مون کي رضيه جي يادگيري آئي ۽ مان هن سان ملڻ جڏهن راڌڻ پنهنجي چاچي انور علي سومرو جي گهر آيس ته چاچي مون کان حال احوال ورتا: ”خير ۾ اچڻ ٿيو.“
ته مون چيو ته:”چاچا مان پنهنجي دوست رضيه سان ملڻ آئي آهيان.“ ته اتي منهنجي ماسيءَ چيو ته ”تنهنجي دوست رضيه کي ته ٻه سال ٿيا آهن ته هوءَ فوت ٿي وئي آهي!“
اهي لفظ ٻڌڻ سان ئي منهنجي پيرن جي هيٺان زمين نڪري وئي ۽ منهنجي سڄي جسم مان ساهه نڪري ويو ۽ مان بُت بڻي بيٺي رهيس. جڏهن مون کي هوش آيو ته مان ڏاڍو رُني هيس ۽ دل جهلي رضيه جي گهر پهتيس ته جيئن رضيه جي ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي ۽ ڀائرن مون کي ڏٺو ته هنن سڀني روئڻ شروع ڪري ڏنو ۽ چيائون ته ”ريشمان تنهنجي دوست رضيه تنهنجي وڃڻ کان پوءِ جلدي توکي ۽ اسان کي هميشه لاءِ ڇڏي هلي وئي ۽ هن جي ڀائرن ته روئي روئي هيڻا حال ڪري ڇڏيا. ننڍي ڀاءُ مني کي ته ڄڻ هوش ئي نه هو ڇو جو رضيه جا ٽئي ڀائر رضيه کي تمام گهڻو پيار ڪندا هئا.“
حقيقت ۾ روئڻ ته مون کي به تمام گهڻو پئي آيو، پر تنهن هوندي مون انهن کي آٿت ڏني. ۽ مون دل ۾ سوچيو ته اسان چئن دوستن ڇا سوچيو هو ۽ ڇا ٿي ويو! بندي جي من ۾ هڪڙي، الله جي من ۾ ٻي.
الله کي به هميشه سٺن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي. ڀلا رضيه جي عمر ئي ڇا هئي. هُن هن دنيا ۾ ڏٺو ئي ڇا هيو. ان جي وڃڻ جي عمر ڪانه هئي پر هوءَ هڪ سٺي ڇوڪري هئي. الله سائينءَ کي ان جي ضرورت هئي ۽ الله رضيه کي پاڻ ڏانهن گهرائي ورتو. بس مان رضيه جي گهر ڀاتين کان ۽ چاچا انور ۽ ماسيءَ کان موڪلائي واپس ڪوٽڙيءَ گهر آيس ۽ جيئن ئي کٽ تي ليٽيس ته مهينو پورو مون کي بخار رهيو ۽ جڏهن هوش آيو ۽ چاڪ ٿيس ته مون قرآن شريف پڙهي رضيه جي روح کي بخشرايو. ۽ منهنجي رب کان هميشه اها ئي دعا هوندي آهي ته الله رضيه کي جنت نصيب ڪري.
***
ڪنول سميجو
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
نثار ۽ نجمه زندگيءَ جا ساٿي هئا ۽ پنهنجي زندگي ڏاڍي خوشيءَ سان گذاري رهيا هئا. نجمه سُلڇڻي ۽ سگهڙ زال هئي ۽ گهر جو هر ڪم تمام سهڻي نموني ڪندي هئي. سندس پيڪا به پنهنجي نياڻيءَ جي اخلاق تي ناز ڪندا هئا. نثار جون ڀينرون ۽ ڀائر کيس چوندا هئا ته ”تون خوشنصيب آهين جو ههڙي سيبتي زال ملي اٿئي.“ نجمه ساهرن جي عزت پنهنجي مائٽن وانگر ڪندي هئي ۽ هو به کيس ڌيءَ وانگر ڀانئيندا هئا. سندن خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون. جڏهن نجمه کي چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اويس رکيائون. گهر جا سڀ ڀاتي ننڍڙي اويس کي ڏسي پيا ٺرندا هئا ۽ ٻلهار پيا ويندا هئا. نثار جو ته اويس ۾ ڄڻ ساهه هوندو هو. جڏهن اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو ته پڻس کيس پنهنجي هٿن سان نيرن ڪرائي تيار ڪري اسڪول ڇڏي ايندو هو. ائين ئي خوشين جون گهڙيون ڄڻ پرديسين پکين جيان پَرَ ڪري اُڏاڻيون جو هڪ ڏينهن اوچتو نثار جي طبيعت خراب ٿي پئي. سندس چهرو لٿل ۽ دل وساڻيل ڏسي سڀئي گهر ڀاتي پريشان ٿي ويا ۽ کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيائون. پر هن ڊاڪٽر کان تپاس ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن نثار جيئن ئي آفيس مان آيو ته بيهوش ٿي ڪري پيو. سڀ گهر ڀاتي گڏ ٿي ويا ۽ جلديءَ ۾ ايمبولينس گهرائي کيس اسپتال کڻائي ويا. ڊاڪٽرن کي في الحال ته ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. هوش ۾ اچڻ تي کيس گهر موڪلي ڇڏيائون ۽ چيائون ته چڪاس رپورٽون شام اچي کڻي وڃجو. جيئن رپورٽون اچن ڪا خير جي خبر پوي تيسين سڀني جو ساهه مٺ ۾ هو. سڀني دعائون پئي گهريون. شام جو نثار جو ڀاءُ امتياز لئبارٽريءَ تان چڪاس -رپورٽون کڻي لاڳاپيل ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر رپورٽون ڏسي پريشان ٿي ويو. ڊاڪٽر ڪجهه چوڻ پئي چاهيو پر چئي نه پئي سگهيو. امتياز چيو، ”ڊاڪٽر صاحب! خيريت ته آهي نه؟
امتياز.....۽ ڊاڪٽر خاموش ٿي ويو.
آخر رپورٽن ۾ آهي ڇا؟ توهان جي خاموشي منهنجي ڳڻتي وڌائي رهي آهي.“
ڊاڪٽر چيو: ”نثار کي ڪئنسر ٿي ويو آهي.“
اهو ٻڌي امتياز کان بي اختيار رڙ نڪري وئي ۽ ڊاڪٽر کي چيائين ته ڊاڪٽر صاحب ائين .... ٿي نه ٿو سگهي!“
ڊاڪٽر کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ امتياز چيو:”ڊاڪٽر صاحب نثار کي ان مرض مان ڇوٽڪارو ڏياريو. اسان سڀڪجهه داءَ تي لڳائي ڇڏينداسين، فقط نثار کي ڪجهه نه ٿئي! جي هتي علاج ممڪن ناهي ته اسين ٻاهر وڃڻ لاءِ به تيار آهيون.“
”امتياز، اسان جي وس ۾ جيترو به هوندو اسين نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائينداسين، باقي ٻاهرين ملڪ وڃڻ سان ڪو فرق نه پوندو! مان توهان کي دوکي ۾ رکي پرديس رُلائڻ نه ٿو چاهيان. توهان کي حقيقت جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هاڻي نثار ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي. ٿي سگهي ٿو ته علاج مان ڪو فائدو مليس. وڏي دل ڪريو، قدرت تي ڀروسو رکو!“
ڊاڪٽر جون ڳالهيون ٻڌي امتياز درد جو پهاڙ سِر تي رکي ٻاهر نڪتو ۽ سوچيندو رهيو ته اها خبر مان گهر ۾ ڪيئن ٻڌايان! امان ۽ بابا ته بلڪل به سهي نه سگهندا ۽ ڀاڄائيءَ جو ڇا حال ٿيندو!؟ يا الله هي ڪهڙي آزمائش آهي. آخر مان ڇا ڪريان. سڄي واٽ اندر ۾ روئندو ۽ سوچيندو نيٺ اچي گهر پهتو. نجمه يڪدم ڊوڙي آئي ۽ امتياز کي چيائين ”ادا خير ته آهي نه! ڊاڪٽر ڇا چيو؟“
امتياز جو منهن لٿل ڏسي سڀ پريشان ٿي ويا. امتياز ۾ بلڪل به همت نه هئي جو کڻي ڪجهه ٻڌائي، اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳس ۽ رپورٽون کڻي ڀاڄائس کي هٿ ۾ ڏنائين. نجمه يڪدم رپورٽون کولي پڙهيون. خبر پيس ته نثار کي ڪئنسر آهي. دانهن نڪري ويس ۽ ڪاغذ هٿن مان ڪري پيس ۽ سڀني گهر ڀاتين کي اصل حقيقت جي خبر پئجي وئي، ڄڻ ته سڀني جون دليون ٽُٽي پيون هجن، ڪنهن ۾ به همت نه هئي جو ٻئي کي حوصلو يا آٿت ڏئي.
هڪٻئي سان ڀاڪر پائي خوب رنا ۽ پوءِ اهو طيءِ ٿيو ته نثار کي سندس بيماريءَ بابت ڪجهه به ناهي ٻڌائڻو ۽ پوءِ نثار جي سامهون سڀ نارمل ٿي ويندا هئا.
نثار سندن اُداس چهرا ڏسي سمجهي ويو ته هنن کي منهنجي بيماريءَ جي خبر پئجي چڪي آهي پر مائٽن جي اڳيان پاڻ کي بي خبر محسوس ڪرايائين. سندس علاج ڊاڪٽر ڪري رهيا هئا. ڊاڪٽرن چيو ته نثار وٽ هاڻي بلڪل ٿورو وقت آهي، توهين کيس ٻڌائي ڇڏيو ته هن کي ڪئنسر آهي. هنن گهڻي ڪوشش ڪئي ته کيس ٻڌائن، پر ٻڌائي نه سگهيا. جڏهن نثار سمجهي ويو ته هي مون کي ڪجهه ٻڌائڻ ٿا چاهين ته کين چيائين ”توهان اهو ٿا چوڻ چاهيو ته مون کي ڪئنسر آهي.“ سڀ حيرت ۾ پئجي ويا ته آخر نثار کي خبر ڪيئن پئي! هن چيو ته ”جڏهن شروع ۾ منهنجي طبيعت خراب ٿي هئي ته مون چڪاس ڪرائي هئي ان وقت مون کي خبر پئجي وئي هئي ته مون کي ڪئنسر آهي. پر مون توهان کان لڪائڻ پئي چاهيو ته جيئن توهين پريشان نه ٿيو. نثار جا اهي لفظ ٻڌي سڀ زاروزار روئڻ لڳا ۽ سندس بهادريءَ تي حيران هئا ته هن هيڏو درد پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو. نثار به ساڻن گڏ روئڻ لڳو. ۽ پوءِ کين چيائين ته ”مان پنهنجي زال ۽ پٽ، الله ۽ توهان جي سهاري ڇڏيو پيو وڃان.... اويس اڃا معصوم آهي. مون کي خبر آهي ته اويس مون کان وڌيڪ توهان کي پيارو آهي، پر پيءُ جي ناتي وري به توهان کي پارت ٿو ڪريان. ۽ مون نجمه کي ڪڏهن جهِڻڪيو به نه آهي. پر ڇا ڪجي، بيوس اُٺن بار ڇڏيا آهن.“
نجمه، تنهنجي باقي زندگيءَ جو فيصلو توتي ٿو ڇڏيان، ٿي سگهئي ته مون کي وساري ڇڏجانءِ!
نثار جي ڳالهين تي سڀني جا هانوَ پئي ڦاٽا. نجمه هنجون هارڻ لڳي ۽ جذباتي ٿيندي کيس چيائين ته ”اهڙيون ڳالهيون نه ڪر توکي ڪجهه به نه ٿيندو. هيءَ بيماري توکي مون کان کسي نه ٿي سگهي! تنهنجي منهنجي پيار جي حفاظت قدرت ڪندي. قدرت کي ضرور رحم ايندو.“
بيمار رهڻ جي ڪري ننڊ ته کانئس رُسي وئي هئي ۽ کيس اهو اندازو هو ته باقي حياتيءَ ڏهاڙا چار! سو سڀني گهر ڀاتين سان ويٺو ورونهن ڪندو هو...
۽ هڪ ڏينهن سندس طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ سڄو ڏينهن بيهوش هو ۽ ٻئي ڏينهن هي فاني جهان ڇڏي، سڀني کي دلين ۾ درد ڏيئي هليو ويو.
چوندا آهن ته جوانيءَ جو موت وڻن مان به واڪا ڪڍي ڇڏيندو آهي. نثار جا ماءُ، پيءُ، ڀينرون، ڀائر ۽ سندس روح جي راڻي نجمه، هر ڪنهن وٽ درد جو الڳ الڳ داستان هو. بس هاڻي ته سڀني جي جيئڻ جي آس نثار جي ڇڏيل نشاني ننڍڙو اويس هو. هاڻي نثار جي حصي جو پيار اُن کي ڏيئي، زندگي گذارڻ جو جواز پيدا ڪيو هُئائون ۽ نجمه جي زندگيءَ ۾ نثار جون هزارين يادون هيون. هُن پنهنجي زندگي انهن يادن جي سهاري ائين گذاري ڄڻ حقيقت ۾، هُو ساڻس گڏ هجي.
پاڻياري سر، ٻهڙو، جر تي پکي جيئن، اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾.
رپورٽ:نجمه پنهور
ليڊيز ڪلب حيدرآباد ۾ ميلاد شريف جي محفل
ليڊيز ڪلب حيدرآباد ۾ 12 ربيع الاول جي ڀلاري رات محفل ميلاد شريف منعقد ڪئي وئي.
اسٽيج تمام سهڻو سينگاريو ويو هو. محترمه آپا مريم نوحاڻي، آپا خورشيد ميمڻ، آپا زينت صديقي، انيلا ميمڻ، مس آمنه بلوچ، مس روبينه حبيب، مس زاهده بنگش، مهرالنساءَ، قمرالنساءَ ۽ زهره اسٽيج تي ويٺل هيون. آپا مريم نوحاڻي پروگرام جي شروعات درود تاج پڙهڻ سان ڪئي.
زينت صديقيءَ بحضور سرور ڪونين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي حضور ۾ نعت پيش ڪئي:
يا رسول رب جا زيارت پنهنجي ڪرايو
هي ڏور وڌي جڏهن، ڪنهن جي ٽُٽَڻ جي ناهي.
حب اسان کي آهي، پڃرو پنهنجو پَسايو،
آدم جي پوش ۾ آيو پاڻ کي لڪائي.
تنهنجي در جي آهيان سائل، توتي گهور ٿئي هيءَ گهايل
تنهنجي نينهن جي نمايل، ٻانهيءَ بيٺي ٻاڏايو.
**
لک توتي درود لک توتي سلام،
لک توتي درود لک توتي سلام،
منهنجا محمد مير لک توتي سلام،
منهنجا مديني جا مير لک توتي سلام.
**
مهرالنساءَ ۽ قمرالنساءَ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي شان ۾ نعت پيش ڪئي:
آرزو هي يهي، جستجو هي يهي هي،
تيري جوگن بنون تيري در پي جهڪون،
حال تجهه سي ڪهون يا شاهي مدينه.
**
آپا روبينه حبيب پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شان ۾ نعت پيش ڪئي:
ڪعبي ڪي رونق ڪعبي ڪا منظر،
ديکون تو، ديکي جائون برابر
الله اڪبر، الله اڪبر، الله اڪبر.
تيري ڪرم کي ڪيا بات هي موليٰ،
تيري حرم ڪي ڪيا بات هي موليٰ،
تا عمر ڪردي آنا مقدر.
**
پڙهو پڙهو محمد تي درود سلام
وجهو وجهو محمد تي گلن جا هار
اچو اچو منهنجا آقا ٿي اڄ تيار
اوهان کي ٿو سڏائي پروردگار،
اوهان کي ٿو سڏائي پروردگار.
**
انيلا ميمڻ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي شان ۾ نعت پيش ڪئي:
جسم منهنجو سنڌ ۾ دل منهنجي مديني ۾، اٿم هيءَ آس شل گهاريان عمر باقي مديني ۾. وسايان پيار جون بوندون، درود ۽ سلام، لِڪن بوندون منهنجي هِن نگيني ۾. مديني جو مسافر، منهنجي منزل مديني ۾، محمد جي مشتاقن مان، ٿيان شامل مديني ۾. عنايت جو ڪڪر آهي، نبي آخر زمان يارو، غريبن کي ٿئي حاصل، سلطاني سهاڳ مديني ۾. مرادون دل جون ماڻين ٿا، ڪئين سائل مديني ۾، وڃو اي قافلي وارو - ڇڏيان ڪيئن در محمد جو، لڳي وئي دل مديني ۾.
**
لک توتي سلام، لک توتي سلام،
منهنجا محمد مير لک توتي سلام.
**
زاهده بنگش پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي شان ۾ نعت پيش ڪئي:
اس ڪيف سرور ڪي عالم ۾،
صبح ڪا عالم ڪيا ڪهنا،
وه روز تلاوت پڇلي پهر،
وه سورة مريم ڪيا ڪهنا.
**
آپا مريم نوحاڻيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ اُها ڀلاري رات آهي، جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي ولادت باسعادت ٿي.
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن جي ڪهڙي تعريف ڪجي. پاڻ سراسر نُور آهن. هِن معتبر هستيءَ لاءِ زبان کوليان منهنجو رب مون کي توفيق ڏئي. آءٌ شيدائي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم آهيان، هيءَ بندي جي وس جي ڳالهه ناهي.
آپا خورشيد ميمڻ منهنجي تعريف ڪئي آهي، درحقيقت هُن پنهنجو عڪس آئيني ۾ ڏٺو آهي، جيڪي ٻين جي ساراهه ڪن ٿا، اُهي رب جا پيارا آهن.رب فرمائي ٿو جيڪو منهنجي پيارن سان محبت ڪن ٿا، اُهي مون سان محبت ڪن ٿا شيدائي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن سان پيار ڪرڻ سعادت آهي.
حضرت بلال حبشي اذان ڏيڻ وقت اشهد ڪين چئي سگهندو هو.
عربن پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي شڪايت ڪئي ته بلال اُچار صحيح نه ٿو اُچاري. حضرت بلال حبشي هڪ رات فجر جي اذان ڪانه ڏني، پر تيسين صبح نه ٿيو، جيسين بلال اذان نه ڏني. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جَن فرمايو ته بلال جو اسد چوڻ به مون کي وڌيڪ پيارو آهي.
مولانا قاسمي مون کي ”اُم الڪلام“ جو لقب ڏنو، مون عاجز جو به اهو حال آهي، نه وقت اٿم، نه صحت اٿم، رب اڃا توفيق ڏئيم.
آپا مريم نوحاڻي، زينت صديقي ۽ زهره گڏجي نعت پيش ڪئي:
هو درود تم په ڀي آمنه،
تيري چادر په ڀي سلام.
تيري گود ڪتني عظيم هي،
ملا جسڪو ماهه تمام هي.
بلغ العليٰ بڪمالہ
يه عنايتين يه نوازشين
غم دو جهان سي ڇڙاديا
غم مصطفيٰ تيرا شڪريه
مجهي جينا مرنا سکاديا.
بلغ العليٰ بڪمالہ
مجهي مت ڪهو ڪه غريب هون،
ميرا سڀ سي اونچا نصيب هي،
مين تو بس گدائي رسول هون،
مجهي ڪيا زماني سي ڪام هي،
بلغ العليٰ بڪمالہ
وه گهڙي ڀي آئي خواب مين،
وه دکائين اپني تجليان،
مين ڪهون ڪه آج حضور ني
ميرا سويا ڀاگ جگاديا.
**
لک توتي درود، لک توتي سلام،
منهنجا مديني جا مير لک توتي سلام.
**
انيلا ميمڻ نعت پيش ڪئي:
يا رب مجهي پهنچا دي دربار محمد مين،
مدت سي تمنا هي طيبه ڪا چمن ديکون،
اي جذبه دل لي چل، دربار محمد مين.
آخر ۾ اسٽيج تي ويٺل سڀني آپا مريم نوحاڻي، آپا خورشيد ميمڻ، آپا زاهده بنگش، مهرالنساءَ، قمرالنساءَ زهره، انيلا ميمڻ، آپا آمنه بلوچ، مس روبينه حبيب گڏجي سلام پيش ڪيو.
سلام انهيءَ تي جنهن بيڪسن جي دستگيري ڪئي.
سلام انهيءَ تي جنهن بادشاهي ڏئي فقيري ڪئي.
سلام انهيءَ تي جنهن جي حڪم سان چنڊ ٻه ٽڪر ٿيو.
سلام انهيءَ تي جنهن جي حڪم سان سج موٽي آيو.
سلام انهيءَ تي جيڪو اُمت جي لاءِ راتين جو روئندو هو.
سلام انهيءَ تي جيڪو گرمين ۾ فرش تي سمهندو هو.
سلام انهيءَ تي جنهن جي گهر ۾ چاندي نه سون هو.
سلام انهيءَ تي جنهن جو بسترو ٻوريون ۽ وهاڻا هئا.
آخر ۾ آپا مريم نوحاڻي ڪجهه ٽيچرن جي مٿي تي دعا جو هٿ گهمايو، جن ۾ حليما، صفوران، شڪيلا، ضمير، ثمينا شيخ، هيون. انهن هِن ميلاد منعقد ڪرڻ ۾ جيڪا محنت ڪئي ان کي آپا مريم نوحاڻيءَ ساراهيو.
ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي
شاهه لطيف سائين - سراپا سنڌيت
اسان جي هند - پاڪ اُپکنڊ جو اِتهاس ڏاڍو پراڻو آهي. اِها ڳالهه اسان جي فخر ڪرڻ لائق آهي ته دنيا جو پهريون ڪتاب رگ ويد وسيع تر سنڌ (greater Sindh) ۾ سنڌۆنديءَ جي ڪناري رچيو ويو. اُهو سنڌو درياهه تبت مان نڪري، هند/ڀارت ۾ ليهه (لداخ) وٽان لهي، پاڪستان ۾ گهڙڻ کان پوءِ سنڌ ۾ وهي ٿو. اَڳي ته اسين اُن کي سنڌ جي شههَ رڳ (jugular vein) چوندا هئاسين. اُميد ته اُن جو جلوو ۽ جمال سدائين قائم رهندو.
وسيع تر سنڌ (greater Sindh) ۾ سنڌو نديءَ جي ڪناري چار ويد رچيا ويا هئا. اُنهن ويدن منجهان پهرئين رِگ ويد ۾ سنڌو نديءَ بابت شلوڪ ڏنا ويا آهن. اِنهن شلوڪن جو سنڌي بيت فارم ۾ (هن بندي جو ڪيل) ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
هي ورُڻَ! نديون سڀُ، خوش ٿي وَهَن ست ئي ٿي، وڌيڪ وَهين، اي سنڌُو! منجهان لوڪ ٽنهي!
سنڌُو، تو هلڻ لاءِ، وَرُڻ راهه وڏي جوڙي، اُپائين جهجهو انُ، ندين ۾ تون مٿڀري!
جيئن رنڀي ڍڳو، سنڌوُ! تون ديولوڪ مان، گرجي ميگهه ملهار، تون پاڻي پالوٽ سان!
وَڇڙڻ ساڻُ گانءِ، نديُن ساڻُ سنڌُو وَڌي، ميدانِ جنگ ۾ ڪو راجا وَڌي اَڳتي!
ترشتاما سان ئي نه، پر اي سنڌُو! وَهين تون، سُسَرت، رَسا، شويتيا، گومتي، ڪرمُو ٻيون!
گوري گوري سنڌوُ! تيز ڌار! چمڪ واري، گهوڙيءَ جيان چُست، ڦرت، وڏي پاٽ وارِي!
سُندر گهوڙن، رَٿن، ڳهِڻن ڪَپَڙن واري، اَناج، ماکي، پشم، زرخيز زمين سارِي!
اَنُ - ڌَنُ ڏي، سنڌُو! گهوڙن رٿن سان هَرُ ڪاهي، يگيه ۾ سنڌُو رٿ سندو گُڻگان ڳائي!
(رگ ويد، منڊل 10، سُوڪت 75)
انهن شلوڪن ۾ سنڌو نديءَ کان سواءِ ٻين ڇهن ندين جهڙوڪ ترشتاما، سُسَرت، رَسا، شويتيا، گومَتي ۽ ڪرمُو جو پڻ ذڪر ڪيل آهي. ساڳئي رِگ ويد ۾ ڏيکاريل آهي ته اَسان گڏجي هلون ۽ پنهنجي ڳالهه ٻولهه نيڪ نِيَت سان گڏجي ڪريون.
Move together in unison.
(And) Conduct dialogues
Among yourselves with goodwill.
دنيا ۾ اَڄوڪي هِن گڏجاڻيءَ جيان، ڪيترائي سيمينار، ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿين ٿيون، جن جي شروعات ”اَسان گڏجي هلون ۽ پنهجي ڳالهه - ٻولهه نيڪ نِيَتيءَ سان گڏجي ڪريون“ مُراد سا ٿيندي آهي. اَڄ به اَسين سڀ هِتي اِن مُراد سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڪٺا ٿيا آهيون.
سنسار ۾ جيڪي ڪجهه سار - تَتُ آهي، سو ورهاڱي (1947) کان اڳ اَڻ - ورهايل هندستان (Undivided India) ۾ هو ۽ اُن کان پوءِ هندستان - پاڪستان اُپَکنڊَ ۾ آهي. جيڪي ڪجهه هِند - پاڪ اُپکنڊ ۾ سار - تَتُ آهي، سو اُن هنڌِ (سنڌو ماٿريءَ ۾) جتي انسان پهريون دفعو اَک کولِي، يا چئجي کڻي ته اُن سنڌ جي سِنڌيت (Primordial Sindhism) ۾ موجود آهي. اسين سنڌي آدجڳاد کان سَناتَن سِنڌي آهيون، ۽ اِن کان سواءِ، (سنڌ - سنڌي - سِنڌيت/ هِند - هِندي - هِنديت جي جَدوَل موجب) آڳاٽي زماني کان هِندو ۽ پوءِ مسلمان آهيون، ليڪن آهيون آدجڳاد کان سِنڌي ئي.
اَوهان ڏٺو، ته اسان پهريائين سنسار جِي، پوءِ ورهاڱي کان اڳ اَڻ - ورهايل هندستان جي، ۽ وري پوءِ هِند - پاڪ اُپکنڊ جي ڳالِهه ڪئي. اُن کان پوءِ به وري اسان هندستان ۽ پاڪستان جي سنڌين جِي، جنهن اُپکَنڊ ۾ اَسان سنڌي آهيون، يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته اَسان سنڌي جنهن سنڌو - ماٿري سڀيتا جا وارث آهيون، اُن جي ڳالِهه ڪئي. آهي ڪو اَهڙو بني بشر، جو اِن ڳالهه کي جهُٺلائي سگهي، ته اَسان کي ئي سڀ کان آڳاٽي سنڌو - ماٿري سَڀيَتا جي وراثت ملي آهي؟
اَهڙيءَ ريت، سنڌو ماٿريءَ واري علائقي سنڌ کان پوءِ شهر، قصبي، ڳوٺ ۽ پاڻ/خود (Self) جي ڳالِهه ڪري سگهجي ٿي. ايترو ئي نه، اَسين اِها ڳالهه ٻئي نموني پاڻ/خود کان شروع ڪري جڳت تائين کڻي وڃي سگهون ٿا. دراصل، اِها هڪ ئي ڳالِهه آهي، جدا جدا ڳالهيون ڪين آهن. جيئن هڪ گول چڪر ۾ هڪ مرڪز ۽ اُن جو گهيرو ٿيندو آهي ۽ اَسين ڪڏهن گهيري کان مرڪز پري (Gentrifugal) ڏانهن ويندا آهيون، ته ڪڏهن گهيري کان مرڪز طرف (Gentripetal) ڏانهن وڌندا آهيون، تيئن اسين پاڻ /خود کان جڳت تائين (يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته جيوَ کان برهمانڊ تائين) ۽ جڳت کان پاڻ/خود تائين (برهمانڊ کان جِيوَ تائين) ڳالِهه ڪري سگهون ٿا.
اِهو ائين آهي، جيئن ڌرتي پنهنجي محور تي گهُمندي - گهُمندي سورج جي چوڌاري پڻ گهُمي ٿي. اَسان جو شاهه لطيف سائين پڻ پنهنجي ”سُر سارنگ“ جي هيٺئين بيت ۾ سنڌ ۾ چَوڏِس ۽ چوڌار وِڄُن جي وسڻ جي ڳالِهه ڪري پورب کان پڇم تائين پهچي ٿو، ۽ سنڌ ۾ واپس اَچي اُن ۾ سُڪار هئڻ جي دعا پني ٿو، وري عالم جي آباد هئڻ لاءِ دعاگو ٿئي ٿو:
موٽي مانڊاڻِن جي، واري ڪيائين وار، وِڄوُن وَسڻ آئيون، چوڏِس ۽ چوڌار، ڪي اُٿي ويئيون اِستنبول ڏي، ڪي مَڻيون مغرب پار، ڪي رمِي ويئيون رومَ تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌار، سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست! تون دلدار، عالم سڀُ آباد ڪرين!
جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي ڪوزي ۾ انسان ذات جو سارَ تَتُ ڪَناتار ڀريل آهي. اُن ڪَناتار ڀريل ڪوزي مان انسانيت وهي نڪتي ۽ دنيا ۾ دور دور تائين ڦهلجي ويئي. اَڄ گيان وگيان جي کيتر ۾ جو ڪجهه اهميت ڀريو ڪم ٿيو آهي، تنهن جي شروعات سنڌونديءَ دئاران پوِتر ڪيل کيتر ۾ ٿي هئي. اَسان جي اَڳوڻن دارشَنِڪَن ۽ فيلسوفن، آچاريَن ۽ اُستادن پنهنجين تخليقن ۾ هِن ڪائنات جي گيان - وگيان، سج - چنڊ، گرمي - سردي، رات - ڏينهن، جنم - مرڻ، ڌرتي - آڪاس، وحدت - ڪثرت، شفي - نفي، روايت - جدت، روحانيت - ماديت، پروِرتي- نِورتي، سينٽريفيُوگل - سينٽريپيٽل هلچل وغيره ڏسڻ ۾ ايندڙ تضادن يا وِروڌن (آپوزٽس) کي ڄاتو - سڃاتو، ۽ ٻڌايو ته ڏسڻ ۾ ايندڙ تضادن جي بنياد ۾ ميل - ميلاپ (Harmony) آهي ۽ انسان پنهنجي تصور جي قوَت (ڪلپنا شڪتيءَ) دئاران تضادن ۾ هم - آهنگي پيدا ڪري سگهي ٿو. هُنن وحدت الوَجود (Unity of Existence) جو سبق سيکاري هاڻوڪن دانشورن جهڙوڪ سَر جگديش چندر بوس، آئنسٽين وغيره لاءِ رستو صاف ڪيو ۽ گذريل زماني جي روايت کان هاڻوڪي زماني جي جدت ۾ بدلايو.
سنڌيت ڇا آهي؟ هِند - پاڪ اُپَکنڊ جي سار - تَت جو ٻيو نالو آدجڳاد کان مليل سنڌيت (Primordial Sindhism) آهي. اِن سارَ - تَتَ ۾ هِن اُپکنڊ جا قدر (Values) اَچي وڃن ٿا. جڏهن اسين چئون ٿا ته شاهه لطيف سائين ”سَراپا سنڌيت“ آهي، تڏهن اَسان جو ڇا مطلب آهي؟ هِتي مون کي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پڙهيل پنهجي ئي هڪ پرچي مان ڪجهه حصو پڙهڻ جي، ان حصي جي وڌيڪ تشريح ڪري چوڻ جي اِجازت ڏني وڃي. اُن پرچي ۾ به مون چيو هو، ته شاهه لطيف سائين ”سراپا سنڌيت“ آهي. اُن وقت جي سرڪاري ٻولي فارسيءَ کي ڇڏي، سنڌ ڀُونءِ جي سنڌي ٻولي اَپنايائين. فارسي لوڪ ڪٿائن کي تِلانجلي ڏيئي، (”تِلانجَلي ڏيڻ“ - اِهي سخت لفظ آهن، انهن جي بجاءِ مون کي تڏهن به ”ڇڏي“ لفظ لکڻ کپندو هو) پنهنجين ڄاتل - سڃاتل سنڌي لوڪ ڪٿائن جون تمثيلون جوڙيائين، ۽ سرحد - پار جي هڪ ڌارئي علم عروض جي بجاءِ پنهنجن ئي سنڌي هِندي ڇندن تي آڌاريل سنڌي بيتن ۽ وايُن ۾ تخليق ڪيائين. مون اُن حصي ۾ اِهو ٻُڌائڻ چاهيو هو ته شاهه لطيف سائين سنڌ - ڀُونءِ ۾ جيڪي ڪجهه (اُهو جيڪي ڪجهه، گهڻو ڪجهه آهي) سُڀاويڪ هو، اُهو ڪجهه ڪارگر -ڪارآمد ڄاتو.
سندس اِها ”سنڌيت“ وسيع شيءِ آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي سَڀيَتائن (هندو، ٻُڌ، عيسائين، اسلام، سِک) جا، انهن سَڀيتائن سان وابسته ٻولين (سنسڪرت ۽ سنسڪرت مان نڪتل ٻولين، پالي، فرنگي ٻولي اَنگريزي، عربي - فارسي ٻولين، پنجابي) جا جذبا ۽ خيال نمائندگي پائين ٿا. اَچو ته هن صاحب جو گهڻ - سڀيَتائي نظريو (multi-culturalism) ڏسون. سندس شاهه جي رسالي ۾ هندو ٻانڀڻ سَسئي ۽ مسلمان ٻروچ پنهونءَ ۾ پريت جو پيچ اَڙيل ڏيکاريل آهي. هُو صاحب چوي ٿو:
ڪِنِيزڪ ڪيچين جي، ٻانهي، ٻانهوٽي، ٻئي ٻاروچي هٿ ۾، چڳن سر چوٽي، ٻانڀِڻ کي موٽي، پاڻهي پڄندو پَٻ ڌڻي.
(سُر ڪوهياري).
اِهو بيت ته ٺيهو، اَسين سندس هيٺئين بيت ۾ ڏسنداسين ته ٻڌ ڌرم جي اثر هيٺ برپا ڪيل گورکناٿ جي پنٿ جو ذڪر پڻ ڪيل آهي:
جتي عرش نه اُڀُ ڪو، زمين ناههِ ذرو، نڪو چاڙهائو چنڊ جو، نڪو سِج سَرو، اُتي آديسئن جو الڳ دنگ دَرو، پري پيُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائون ناههِ ۾.
(سُر رامڪلي).
اَهڙيءَ ريت شاهه لطيف سائينءَ کي سنڌيت جو ورثو مليو، ۽ هُن صاحب ان وراثت کي پنهنجي جاچنا شڪتيءَ دئاران، ايندڙ نسلن جي ضرورت کي ڌيان ۾ رکي، پنهنجي وقت ۾ اَهڙيءَ طرح جدت ۾ بدلايو، جو اَڄ به اُها وراثت اَسان سنڌين جي زندگيءَ ۾ ڀرپور لياڪا پائي ٿي ۽ اَسان سنڌين جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور اِشارا ڪري ٿي.
توهان پڇندا ته ڇا اسين سنڌيت جو بيان اُپ - سَڀيَتا (Sub-culture) جي روپ ۾ نه ڪريون؟ هائو، ٻيُن اُپ - سڀيَتائن جيان، سنڌيت جو بيان به اُپ - سڀيَتا جي روپ ۾ ڪري سگهجي ٿو. دراصل، جيئن مون اڳ ۾ ئي چيو آهي، ته هِند - پاڪ اُپَ -کنڊ جي سارَ - تَتَ جو ٻيو نالو آدجڳاد کان سنڌيت آهي، اِها سنڌيت اُپَ - سڀيتا (Over-arching culture) يا پورڻ - ريت سڀيتا (Full-fledged culture) آهي. جهڙي نموني مٿان - ڪمان - واري سڀيتا سان گهڻ - سڀيَتائي نظريو (Multi- culturism) گڏجي هلڻ کپي، تهڙي نموني اسان جي سَناتَن سِنڌيت سان پڻ آهي. اُن ۾ اُپَ سڀيتائن (Sub-cultures) کي پنهنجيون - پنهنجيون خاصيتون برقرار رکڻ جا موقعا ملڻ کپن. شاهه لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ”اِهو“ ائين ٿيو آهي. پر ڇا سنڌي لوڪن ۾ پڻ ”اِهو“ ائين ٿي سگهيو آهي؟ اَسان ڏٺو آهي ته ڪڏهن ڪنهن مذهب جي نالي ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي نالي ۾ اِهو ائين ٿي نه سگهيو آهي. پر اِن لاءِ شاهه لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کان اُتساهه پائي، اَسان سڀني کي ”اِهو“ ائين ڪرڻ کپي. جيستائين سندس شاعريءَ جو اعليٰ ترين نمونو (آدرش) اَسان جي سَماجي ڍانچي ۾ ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، تيستائين اَسان کي سک سان سمهڻ نه کپي. اَسان کي کپي، ته اَسان سڀيئي سندس شاعريءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اُتاريون.
جُڳن کان هِند - پاڪ اُپَ - کنڊ جو اِهو عقيدو پئي رهيو آهي ته سموري ڌرتي هڪ ڪٽنب آهي. وَسُڌئيوَ ڪُٽُمبَڪَم. اسان سڀ هِن ڌرتيءَ جا باشندا هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهيون، پاڻ ۾ ڀائر ۽ ڀينر آهيون. شاهه لطيف سائينءَ جي هيٺئين بيت مان اِها ڳالهه واضح آهي ته نه صرف هِن ڌرتيءَ جا باشندا، بلڪ ڪائنات جا فرشتا وغيره رهاڪُو پڻ هڪ ئي ڏور ۾ ٻڌل آهن. مسلمان ڀائرن جي عقيدي موجب، جڏهن مرده سسئيءَ کي قبر م داخل ڪرڻ کان اَڳ کانئس مُنڪر ۽ نَڪير نالي ٻن فرشتن اَچي پڇيو ته تنهنجو ربُ ڪير آهي ۽ تنهنجو دين ڪهڙو آهي، ته هن کين ”اَدا“ ڪوٺي (فرشتن سان پڻ ڀاءُ - ڀيڻ جو رشتو جوڙي) سندن سوال جو جواب، سوال ۾ ئي ڏنو، ته ”اَدا، ائائين ڪو ويو ساٿُ سڄڻ جو؟“
منڪر ۽ نڪير کي، جڏهن ڏٺائين، اَڳيان اُٿي، اُن کي، پُنهون پُڇيائين، اَدا! اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو؟
(سُر سسئي آبري)
سنڌيت سسئيءَ سان وابسته ان سُر ۾ اِهو ڪٽنبي رشتو قائم ڪرڻ ۾ ئي نه آهي، بلڪ اِها شاهه لطيف سائينءَ جي ستن سُورميُن جي خصلتن ۾ پڻ عيان آهي. سنڌيت هن صاحب جي ستن سورمين - سُهڻي، سسُئي، ليلا، مومل، مارئي، نُوري ۽ سورٺ، جي خاصيتن جو مرڪب آهي. اِهو مرڪب اِسان جي مايه ناز شاعر ڏنڊي - ڪونڊي جي مدد سان، هِماليه پهاڙن تان وهندڙ ۽ مانسَرووَر ڍنڍ مان نڪرندڙ سنڌو نديءَ جي ڏنڊي سان، ۽ سِنڌو ماٿريءَ جي ڪونڊي ۾ پيهي ٺاهيو آهي. ان مرڪب جو نالو آهي. ”پاڻ سُڃاڻڻ“، جو شاهه لطيف سائينءَ پنهنجيُن سورمين جي ذريعي اَسان جي آڏو رکيو آهي.
هو صاحب اَڻ - ورهايل هندستان (Undivided India) جي آڳاٽي رهسيَوادي (Mystic) طريقي کان متاثر هو، جنهن طريقي موجب پاڻَ اِهي سورميون بڻيون - جيڪو مطلوب خدا جي نمائندگي ڪن ٿيون ۽ پنهنجن پنهنجن پريتمن کي پائڻ لاءِ ڪامياب (يا پنهنجي پنهنجي ڪنهن غلطيءَ وچان ناڪام) ڪوششون ڪن ٿيون. اهي سورميون هن صاحب لاءِ روح جي علامت آهن، جي خدا کي پائڻ چاهين ٿيون. اِهو هندستاني طريقو عربستان - ايران جي طريقي کان الڳ آهي، جنهن طريقي موجب اُتان جا شاعر، سورمين جي بجاءِ سُورما بڻجي، پنهنجين - پنهنجين پريتمائن کي (جن ۾ کين خدا جو نُور ڏسڻ ۾ اَچي ٿو) پائڻ لاءِ سَرگردان هوندا آهن.
شاهه لطيف سائين ست سورميون بڻيو آهي. سي سڀيئي اَزخود سُهڻيون آهن. ليڪن هو صاحب سندن سونهن جو وَرنن نٿو ڪري. هو ٻڌائي ٿو، ته سندن پريتمَ (جي خدا جي علامت آهن) اَزحد سهڻا آهن. سندس شاعريءَ ۾ ميهار، پنهون، چنيسر، راڻو مينڌرو، عمر، تماچي ۽ راءِ ڏياچ سونهن جا جيئرا - جاڳندا مثال آهن. سُر سُهڻيءَ ۾ هن صاحب سُهڻيءَ جي واتان ميهار جي سونهن جي هيئن واکاڻ ڪئي آهي:
ڏٺي جن هيڪارَ، صورت ساهڙ ڄام جي، سُک ٿي سُتيون ڪين ڪي، ڀِري ساڻ ڀتارَ، گهِڙيون گهَڙنِئان ڌار، ڪاهي پيئون ڪُن ۾.
جڏهن سُهڻي وچ سير ۾ گهَڙو کڻي گهِڙي ٿي، ته هوءَ پاڻ سان پاڻُ نٿي کڻي. سنساري وسيلن تان ڀروسو هٽائي، سڄا ڪم سُبحان جي مرضيءَ حوالي ڪري ڇڏي ٿي. شاهه لطيف سائينءَ سندس اِن توڪل جو ذڪر هيٺئين بيت ۾ ڪيو آهي:
پاڻُ مَ کڻِج پاڻَ سين، وسيلا وڃاءِ، عشق ساڻُ اُٺاءِ، پير پِرِيان جي پارَ ڏي.
هن صاحب جي هڪ ٻي سورمي سَسُئي آهي، جنهن لاءِ ”شاهه جي رسالي“ ۾ پنج سُر وقف ڪيل آهن. سُر سَسُئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حُسيني. اَسان کي لڳي ٿو ته شاهه لطيف سائينءَ جي سڀ کان پياري سورمي سسئي آهي، جا پنهنجي ڀتار پنهونءَ جي تلاش ۾ پَٻَ جبل جا ڌِڪا - ڌچِڪا کائي ٿي. هوءَ اِن تلاش ۾ هڪ گهڙي به سُک چين سان نه ٿي ويهي.
شاهه لطيف سندس فطرت ڄاڻي چوي ٿو:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاههِ، ڪانهي ويل وِهڻ جِي، متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
(سُر حسيني)
شاهه لطيف سائين سسئيءَ سان وابسته سُرن جي ذريعي سنڌيت جو پرورتي مارگ وارو هڪ اَهم سنيهو ڏنو آهي. پرورتي مارگ (Path of life-affirmation) اَسان کي پنهنجي ڪرم جي راهه تي اَڳتي ۽ اَڳتي وڌڻ لاءِ چوي ٿو.
هو صاحب ”سُر ليلا چنيسر“ جي ذريعي، پنجن وڪارن مان هڪ اَهم وڪار - لوڀ لالچ - نه ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. لِيلا هڪ راڻي هئي، جا پنهنجي ڀتار راجا چنيسر سان، سُکيا ڏينهن گذاريندي هئي، پر هُن هڪ راجڪماريءَ جي ويس ۾ سندس محل ۾ آيل پنهنجي داسي ڪؤنروءَ کان مڻئيءَ جو هار وٺي لوڀ لالچ ڪئي ۽ کيس پنهنجو ڀتار چنيسر، هڪ رات لاءِ ئي سهي، وڪڻي ڇڏيو. پوءِ هوءَ پڇتائي رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي:
مڻئي مٿي جي هئا، تِن چِتن ڦيريُم چِتُ، هار کٽنديس هوڏَ ۾، نيبهه ٿيندُم نِتُ، ڪؤنرُوءَ جو ڪِرتُ، مُونهان مَٿانهون ٿيو.
جڏهن اسين ادوئت يا وحدت الوجود کي ڌيان ۾ رکنداسين، ته اسان کي لڳندو ته مومل جي ڪردار ۾ ڪا وڏي ڪَمي رهجي ويئي هئي. هوءَ پنهنجي ڀتار راڻي مينڌري جو اوسيئڙو ڪندي، پنهنجي ڀيڻ سُومل سان سُمهي پيئي ۽ اهڙيءَ ريت راڻي مينڌري سان سندس يڪ وجودگيءَ ۾ خلل پيدا ٿيو. هن راڻي کي راند ڀانيو، جُڙتو راڻي (سندس ڀيڻ سُومل) کي ريجهايو. سندس ڀتار هونئن ئي ڏُکِڻو، ويتر جڏهن ڏٺائين ته کيس ڌاريو شخص (سُومل) پاندِ پيو آهي، ته ساڻس هيڪڙائي ٽوڙي ڇڏيائين. هاڻي ته هوءَ راڻي مينڌري کي گهڻو گهڻو ياد ڪندي رهندي:
راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِيو ڪيئن وِڙُ رائيين؟ وَرُ وِڏوُڻو ايهين، جئن پَرُ پُڄتوءِ پاندِ، هيءَ! ڀَڳيءَ هيڪاندِ، سوڍو ساريندينءَ گهڻو.
هِتي اسين ڏسنداسين ته لِيلا پڻ لوڀ - لالچ ۾ اَچي ڪري پنهنجي ڀتار چنيسر جو پيار ونڊيو هو. شايد انڪري اِها ڳالهه شاهه لطيف سائينءَ جي تحت الشعور ۾ آئي هوندي، ۽ هن صاحب جتي ٻين سُرن جا سِرا عدد واحد ۾ (جهڙوڪ سُر سُهِڻي، سُرمارئي) ڏنا آهن، اُتي ليلا ۽ مُومل سان وابسته سُرن ۾ عدد جمع (سُر ليلا چنيسر ۽ سُر مُومل راڻو) ڪم آندا اَٿس.
سُر مارئيءَ ۾ حُب الوطنيءَ جي جذبي کي واکاڻيو ويو آهي. عمرڪوٽ جو حاڪم، عمر، مارئيءَ کي سندس ڳوٺ جي کُوهه تان کنڀي/ڀڄائي کڻي ويو. هتي مان ”ڀڄائي وٺي ويو“ جي بجاءِ ”ڀڄائي کڻي ويو“ جا لفظ ڪم آڻڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ ته ”وٺي وڃڻ“ ۾ مارئي هڪ شخص ۽ ”کڻي وڃڻ“ ۾ هوءَ هڪ سامان (Gargo) جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. هُو کيس ”ڀڄائي“ ته کڻي ويو، پر هوءَ سندس محل ۾ پهچي وري هڪ شخص بڻجي پيئي. هن سندس اُچا ڪپڙا پائڻ ۽ لذيذ کاڌا کائڻ کان صاف اِنڪار ڪري ڇڏيو. هوءَ پنهنجي وطن ملير کي ساريندي رهي ۽ پنهنجي مڱيندي کيت سينَ کي ياد ڪندي رهي:
واجهائي وطن کي، ساري ساههُ ڏيان، هيءُ سِرُ ساڙيهه سامهون، منهنجو نِجِ، ميان! مُيائي جيان، جي وڃي مڙههُ ملير ڏي.
نُوري مُهاڻي هئي. مهاڻي ته هئي، نِماڻي به هئي. ڄام تماچي نِماڻي مُهاڻيءَ تي هِرک هاري ويٺو ۽ کيس پَٽ راڻي بڻايائين. هوءَ کيس وَر - وَر ڪري چوي ٿي:
تون سَمو، آءٌ گندِري، مون ۾ عيبن لَکَ، ڪارڻ رب اَلَکَ، متان ماگُرِ، مَٽِئين!
سندس اِها نِهٺائي ڏسي، ڄام تماچي ساڻس ايتري محبت ڪئي جو هڪ دفعي هو ڄار ڪُلهي تي ڪري مُهاڻن جي وچ ۾ ويٺو. واقعي، عشق اونچ - نيچ سڀ ٻوڙي ڇڏي ٿو.
وري اَوهين سورٺ جو ڪردار ته ڏسو: دانوير راءِ ڏياچ ٻيجل کي سِرُ وڍي ڏئي ٿو، ته سورٺ پنهنجي ڀتار راءِ ڏياچ جي محبت وچان پاڻُ قربان ڪري ڇڏي ٿي. هونئن راءِ ڏياچ پنهنجي هوندي يا اَڻ - هوندي، سورٺ جي قرباني ڪين چاهِي هئِي. پر هوءَ پاڻ مٿس، قربان ٿِي هئِي. شاهه لطيف سائين سُر سورٺ جي آخري وائيءَ ۾، سورٺ کان چوائي ٿو:
اَلوداع، وو! اَلوداع، جاني ڪيو جُدا، هئي! هئي! سورٺ ٿي ساري، سورٺ سَرتين وچ ۾، وو! اُڀي اوساري، ڪنڌ منهنجو ڪاٽِيو، نينهن سندي نعري.
پنهنجي ڀتار جي وڇوڙي ۾ سندس ”وو!“ جي صدا، ٻڌندڙ/پڙهندڙ جي دل جي واديءَ ۾، پڙاڏا ٿي ڪري.
آخر ۾ هڪ دفعو وري اَسين سمجهون، ته هِن بندي سنڌيت کي اُپَ - سڀيَتا (Sub-culture) نه چئي، اُن کي پُورڻ، ريت سَڀيَتا (Full-fledged culture) جو درجو ڏنو آهي. حقيقت ۾ شاهه لطيف سائينءَ جي پيرن جا نشان کڻي، مون سنڌيت کي گيان، ڪرم ۽ ڀڳتيءَ جو يوگ (ميلاپ) چيو آهي. سمورو ”شاهه جو رسالو“ نه صرف گيان (معرفت) سان ڀرپور آهي، بلڪ اُن جي سُر ڪاپائتي، سُر سامونڊي وغيره سُرن ۾ ڪرم يوگ ۽ ڀڳتي يوگ جا پڻ بي - بها مثال آهن. ”ڏات نه آهي ذات تي، وهي سو لهي“ ۾ ڪرم يوگ ۽ ”ڦير مَ هنئون، ڪنڌُ، ڪياڙي، ٿيندءِ هاج هِئائين“ ۾ ڀڳتي يوگ ڏيکاريل آهي. اِن پرمپرا ۾ اَڳتي هلي، چئنراءِ ساميءَ صاف صاف چيو، ”ڪرم، ڀڳتي، گيان، ڳالهه چون ٿا هڪڙي“. اَسان سنڌين ٽنهي يوگن کي هڪ يوگ ڄاڻي اُن کي پنهنجي پنهنجي شخصيت ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ دنيا ۾ سنڌيت جو نادُ وڄايو آهي.
Dr. Motilal Jotwani,
B-14 Dayanand Colony,
Lajpat Nagar, New Delhi-110024
Telephone: 26414044
email: motilal@jotwani.com
........
سنجها سرواڻ
مايوسي
آهي هاڻي ڇا راءِ!
تنهنجي او سَنجها!
مرد جي ذات بابت
وڏو مانَ هوندو هيئي
اَڄ اُهو مانُ آ ڪٿي!
تون ايتري مايوس ڇو آن؟
تون ته چوندي هُئينءَ
مرد بيوفا ٿي نٿا سگهن
هُو دوکا ڪري نٿا ڄاڻن
ڏاڍا پُرخلوص آهن
اڄُ ڇو اُنهيءَ موضوع تي
خاموش آهين سَنجها!
ڇا ڀروسو ختم ٿي ويو
۽ ڀرم ٽُٽي پيو ....
ڇا، حقيقت هئي جا،
تنهن کان واقف ٿي وئي آهين
تڏهن ڪجهه چئي نه ٿي سگهين
تڏهن ايتري اُداس آهين
تڏهن ئي شايد
ايتري مايوس آهين؟
ريحانه نظير
بنان عنوان
اُداسيءَ ۾ انسان جي دل ڪيڏي نه عجيب ٿيندي آهي. ان کي هر شيءَ مان وحشت محسوس ٿيندي آهي. ائين لڳندو آهي ته دنيا جي هر شيءِ ان کي اذيت ڏيڻ واسطي خلقي ويئي آهي. هُن کي هر شيءَ کان ڊپ لڳندو آهي. ايتريقدر جو هوا جا ايندڙ ويندڙ جهُوٽا به هن کي ڊيڄاريندا رهندا آهن. اداس دل بلڪل ان ماءُ وانگر هوندي آهي، جنهن جا سڀ ٻار وڏا ٿي شاديون ڪري پنهنجي پنهنجي ٻارن ۽ زالن سان خوش هوندا آهن ۽ اهي مهيني جو پگهار وٺي ماءُ سان ملڻ ايندا آهن ۽ اُها ماءُ پورو مهينو انهن ٻچڙن جي لاءِ واجهائيندي آهي. دروازي جي هر کُڙڪي تي ڇرڪي نهاريندي آهي ته متان انهن مان ڪو آيو هجي! بلڪل ائين هڪ اداس دل به هر ماڻهوءَ مان اها اميد رکندي آهي ته من ڪير اهڙو لفظ ڪڍي جنهن کي ٻڌندي هيءَ اداسي ختم ٿئي! پر نه... اها اداسي ته ان ويل خوشيءَ جو پاڇو هوندي آهي، جيڪا اسان هروڀرو پنهنجي اندر ۾ ويهاري ڇڏيندا آهيون ۽ ان جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ايڏا مست ٿي ويندا آهيون، جو ڄڻ ته ان کي آڻڻ اسان جي وس ۾ هجي، پر جڏهن اها اسان کي نصيب نه ٿي ٿئي، تڏهن اسان پنهنجي اندر ۾ هڪ تمام اونهي کاهي محسوس ڪريون ٿا ۽ اهو ئي اداسيءَ جو احساس آهي ۽ اهو احساس اسان جي اندر مان نڪرڻ ۾ ڪافي وقت وٺي ٿو. اهڙا ئي وڏا وڏا خواب مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اُٿندي ويهندي مطلب ته هر وقت اٿندي ويهندي سوچيندي هيس ته مان هيئن ڪنديس، مان هونئن ڪنديس....!
مان جتي پيدا ٿيس اهو هڪ ننڍڙو گهر ڪچين سرن جا ٺهيل ٻه ڪمرا، هڪ ورانڊو، ان جي ڀرسان ننڍڙو رڌڻو ٺهيل هو. آڳر تي نم جو وڻ پوکيل هو جنهن جي هيٺان اسين راند ڪُڏندا هئاسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته راند کيڏندي کيڏندي ٿڪجي اتي ئي نم جي وڻ هيٺان، سمهي پوندا هئاسين. منهنجو بابا ٽين دٻي وڪڻڻ جو واپار ڪندو هو. امان کي اسين لاڳيتيون پنج ڌيئر ڄايونسين، ۽ آخر ۾ هڪ پُٽ ڄائو. اسين پنج ئي ڀينر هڪ ڪمري ۾ رهنديون هيونسين ۽ ٻئي ڪمري ۾ امان، بابا ۽ ننڍڙو ڀاءُ رهندا هئا. اسان جو ڪمرو ايترو ننڍو هو جو، ان ۾ پنج کٽون به ماپي نه ٿي سگهيون. تنهنڪري اسين ڀينر پٽ تي رليون وڇائي سمهنديون هيونسين. غربت سبب گهر ۾ ڪا به اهڙي شيءِ ڪانه هئي، جنهن جي سنڀال ڪرڻي پوي. ڏاڏي ۽ ڏاڏو پنهنجي وڏي پُٽ سان رهندا هئا ڇو ته اهو ڪلارڪ هو ۽ ايترو ڪمائيندو هو جو سٺي نموني پنهنجي پيءُ، ماءُ، زال ۽ ٻارن جا حق ادا ڪري سگهي. باقي اسان جو پيءُ ته صبح کان وٺي گاڏڙو ڪاهي ”ٽين جي دٻن وارو، لوهه پراڻي وارو، سڪل مانيءَ وارو“ چوندو سڄو ڏينهن اوسي پاسي جي گهرن مان پراڻو سامان کڻي ڪارخاني تي پهچائيندو هو. صبح کان سج لٿي تائين گاڏڙي ڌڪڻ کان پوءِ به ايترو مس ڪمائيندو هو جو مڙئي گذارو ٿئي.
امان ۽ بابا جا ڪپڙا ايڏا ته پراڻا ٿي ويندا هئا، جو، ڪنهن جي هٿ لڳڻ سان ڦاٽي پوندا هئا. اسان امان کي سال ۾ ڪو هڪ نئون وڳو پائيندي ڏسنديون هيونسين. امان جا مائٽ به ايڏا ته غريب هئا جو پنهنجي گهرن جي پورت ڪرڻ به محال. سو اهي اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندا!؟ گهر ۾ جيڪڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو ته سرڪاري اسپتال ۾ ڏيکاري دوا وٺندا هئاسين. دوا ايڏي ته بيڪار هوندي هئي جو بخار لهندو ئي نه هو بلڪ ڪيترا مهينا بخار هلندو هو. بيماري ختم ٿيندي هئي ته ڪيترن ڏينهن تائين ڪمزوريءَ سبب گهمي ڦري نه سگهندا هئاسين.
ڪمزوري به اهڙي جو چار قدم کڻبا ته بيهوش، ڇو ته غربت سبب نه دوا وٺي سگهندا هئاسين ۽ نه خوراڪ سٺي کائي سگهندا هئاسين، پوءِ جسم اندر طاقت ڪيئن پيدا ٿئي؟ مان سڀني ٻارن ۾ وڏي هيس. مان ٿوري وڏي ٿيس ته پاڙي جي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. مون کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اسڪول کان موٽي گهر ۾ به ويٺي پڙهندي هيس. مون کي شوق سان پڙهندي ڏسي بابا امان کي اڪثر چوندو هو ته ”خالد جي ماءُ، مان نُوريءَ کي ضرور تعليم ڏياريندس! نوڪري وٺي ڏيندوسانس. اهو مان توسان وعدو ٿو ڪريان.“
ائين مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. منهنجون ننڍيون ڀينرون اڃا پرائمريءَ ۾ پڙهنديون هيون. بابا مون کي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني. مان ڏاڍي خوش هوندي هئس. توڙي جو مون کي پائڻ لاءِ سٺا ڪپڙا ڪونه هوندا هئا ته به مان تمام خوش هوندي هيس. منهنجي اندر ۾ اهو عزم ته مان ڪاليج مان جيئن نڪرنديس ته نوڪري ملندي. پوءِ مان به روزاني سهڻا ڪپڙا پائي پرس کڻي لپ اسٽڪ پائوڊر هڻي اسڪول وينديس. ماسترياڻين سان ملنديس. ڪرسيءَ تي ويهي، ننڍڙن ٻارڙن کي پڙهائينديس. سڀ ڪيڏو نه عجيب لڳي رهيو هو. وري ڇوڪرين کي چونديس ته ”هي لکي ڏيکاريو، هي پڙهي ٻڌايو.“ وڃ پاڻي ڀري اچ. ڇوڪري هيءَ ميز خراب لڳي پئي آهي، ڏسين ڪانه ٿي جلدي صفا ڪر، ڇوڪري ڊپ وچان ميز پنهنجي رئي سان اگهڻ شروع ڪندي ته وري چوندي مانس. اڙي رئو ميرو ٿي ويندئي، وڃ وڃي ڪپڙو کڻي اچ ۽ اُگهه.
ڇوڪريون منهنجي لاءِ هر روز ڪٿان نه ڪٿان گُل پٽي کڻي اينديون، جيڪي مان وٺي چونديس ته ”Thank you“ اهي سڀ ڳالهيون جيڪي مان پڙهڻ دوران ڪري آئي هيس، اهي ئي سوچي اندر ۾ ڏاڍي خوش ٿيندي هيس. بس سڄو ڏينهن من ۾ اها چنتا ته ڪڏهن انٽر جا امتحان ٿيندا ته بابا ماستري وٺي ڏيندو، ڇو ته ان کان وڌيڪ پڙهائڻ جي طاقت بابا ۾ به ڪانه هئي. تنهنڪري اسان غريبن لاءِ ماستري به ڪنهن بادشاهيءَ کان گهٽ ڪانه هئي. مان گهر توڙي ڪاليج ۾ رڳو پڙهندي هيس، نه سرتين سان ڪچهريون ۽ نه گهر ۾ ڀينرن سان! مون کي ائين پڙهندو ڏسي امان مون کان گهر جو ڪم به گهٽ ڪرائيندي هئي. ڪاليج ۾ سڀ استاد مون کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ گهر ۾ بابا ۽ امان هر هر پيا چوندا هئا ته نُوري نصيب واري ٿيندي. امان چوندي هئي. هن وانگر پڙهو ته ڪجهه بڻجو نه ته سڄي عمر مون وانگر ٿانوَ ٻهاري ڪندي گذري ويندوَ، يا پڻهين وانگر ”ٽين دٻي وارو“ ڳائيندي گذرندوَ.
اسان جي امتحان جون سلپون اچي ويون. مان به محنت ڪرڻ لڳيس. هڪ ڏينهن اسان جي پرنسپال ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته اسان جي ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب رکي وئي آهي. ان تقريب ۾ مون کي هڪ تقرير ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي ۽ چيو ويو ته وڏو صاحب خاص مهمان آهي. مون رات ڏينهن تقريب جي تياري ڪئي ۽ هر هر آئيني آڏو بيهي اشارا ڪرڻ وري وري پڙهڻ مطلب ته هر قسم جي تياري ڪيم. بابا کي منٿون ڪيم ته نئون وڳو وٺي ڏي، بابا 200 رپين ۾ ڪاٽن جو گلابي وڳو وٺي ڏنو جيڪو امان سبي ڏنو. اسان جا ڪپڙا امان سبندي هئي ڇاڪاڻ ته ايترا پئسا ڪونه هئا جو سلائي ٻاهران ڪرائي سگهون. مان صبح جو اٿي وڳو پائي هر هر پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ لڳيس ۽ تقرير ياد ڪرڻ لڳيس. مطلب ته ايڏي اندر ۾ خوشي جو ڇا بيان ڪريان. ڪاليج پهتيس ته هال مهمانن سان ڀرجندو نظر آيو. نيٺ اها مهل به اچي ويئي.خاص مهمان جي اچڻ بعد پروگرام جو آغاز قرآن شريف جي تلاوت سان ڪيو ويو ۽ تقريب شروع ٿي. جيئن جيئن تقريب هلي رهي هئي، تيئن تيئن منهنجي دل به تيز ڌڙڪڻ لڳي!
نيٺ مون کي تقرير پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو. مان اسٽيج تي آيس ته منهنجي اندر مان خوف گهٽ ٿيو ۽ مون اعتماد سان تقرير ڪئي. هال ۾ ويٺل ماڻهن تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون. مان اسٽيج تان هيٺ لٿيس ته مئڊم (پرنسپال) سڏ ڪيو ۽ چيو ته ”واهه! واهه! نوري تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو!“ مان تمام گهڻي خوش هيس. پروگرام ختم ٿيو. مان گهر وڃڻ لڳيس ته پٽيوالو آيو ته توهان کي مئڊم سڏي ٿي. آفيس اندر ويس ته اتي اهو وڏو صاحب ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو ويٺا هئا. مان اجازت وٺي آفيس ۾ گهڙيس.
مئڊم چيو ته ”نوري سر کي توهان جي تقرير ڏاڍي پسند آئي ۽ اُهي توهان کي ڪجهه انعام ڏيڻ چاهين ٿا، سو هيڏي اچو.“ مان مئڊم جي ڪرسيءَ جي پاسي ۾ بيهي رهيس ته هڪ رعبدار آواز ٻڌڻ ۾ آيو”بابا، هيڏي اچو. هي وٺو توهان جو انعام. توهان تقرير تمام سٺي ڪئي.“ مون ڏٺو ته هن جي مُٺ ۾ 1000 جو نوٽ هيو. مون پهريان ان ماڻهوءَ کي پوءِ مئڊم کي ڏٺو ته مئڊم ڪنڌ سان هائوڪار جو اشارو ڪيو.
مان اعتماد سان وڌندي انعام ورتو ۽ ”ٿئنڪ يو سر!“ چئي آفيس مان نڪري آيس. گهر پهچي بابا وارن کي ٻڌايم ته منهنجي تقرير ايتري ته سٺي هئي جو، سر مون کي هڪ هزار انعام ڏنو. سڀ ڏاڍو خوش ٿيا. مان سڄي رات ان خوشيءَ ۾ ننڊ ڪانه ڪئي. صبح جو ڪاليج ۾ سڀني مون کي مبارڪون ڏنيون. سڄو ڏينهن ڪاليج ۾ خوش گذريو. منجهند جو موڪل مهل اوچتو خبر پئي ته وڏو صاحب آيو آهي، موڪل نه ڪريو. سڀ جلدي جلدي ڪلاس ۾ وڃي ويٺيونسين. اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته پٽيوالو اسان جي ڪلاس ۾ آيو ۽ چيو ته ”نوريءَ کي مئڊم سڏي پئي.“ منهنجي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي ۽ مان ڏڪندي دل سان مئڊم جي آفيس ۾ ويس. مئڊم مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو پر مان اتي ئي ڄمي بيهي رهيس. ان کان اڳ اسان ڪڏهن به مئڊم جي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي نه ويٺيون هيونسين. هميشه پنهنجو مسئلو بيٺي بيان ڪنديون هيونسين، سو اڄ مان ڪيئن ٿي ڪرسيءَ تي ويٺيس! پر وري مون کي اهو ڀيانڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”نوري ويهه!“. مان ڊپ وچان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. مون ڏٺو ته اهو شخص مون کي مسلسل ڏسي رهيو هو ۽ مئڊم کان منهنجي ڪٽنب بابت پڇي رهيو هو. پوءِ مئڊم مون کي وڃڻ لاءِ چيو. مان جلدي جلدي ٻاهر هلي آيس. ٿوري دير کان پوءِ ميڊم ٻاهر آئي ۽ مون کي سڏ ڪري چيو ته ”پنهنجي بابا کي چئجانءِ ته منهنجي گهر اچي، ضروري ڪم آهي.“ وري مئڊم پنهنجي منهن ٿورو کليو ۽ چيو ته ”نوري تنهنجا ڀاڳ کلڻ وارا آهن. تون ته سچ ۾ نوري نڪتينءَ.“
مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي، گهر اچي بابا کي سڄي ڳالهه ٻڌايم ته بابا اهو سمجهيو ته متان صاحب مون کي نوڪريءَ ۾ رکي. نوڪريءَ جي ڳالهه ٻڌي مان بي انتها خوش ٿيس ۽ بابا کي چيم ته ”ها بابا، مئڊم به چوي پئي ته نوري تنهنجا ڀاڳ کلڻ وارا آهن.“
نوڪريءَ جي ڳالهه ٻڌي مان ته خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس. هر هر پئي سوچيم ته اڃا ته امتحان به ڪونه ٿيا آهن. هينئر ئي نوڪري، مان ته اجايو سر کان ڊڄي رهي هيس. هي ته ڪو فرشتو آهي، جيڪو هاڻي ئي ٿو نوڪري وٺي ڏئي. شام ٿيڻ شرط مون بابا جو پراڻو وڳو استري ڪري بابا کي تيار ڪري چوڻ لڳيس ته ”بابا مئڊم سان هيئن ڳالهائجو، تيز نه ڳالهائجو، ڏاڍيان نه ڳالهائجو،“ ڄڻ ته مون کي بابا کان وڌيڪ عقل هجي. بابا ويچارو منهنجون ڳالهيون ٻڌي کلي رهيو هو ۽ تيار ٿي مئڊم سان ملڻ ويو. پورا ٻه ڪلاڪ گذري ويا. اُهي ٻه ڪلاڪ مان آسمان تان زمين جا، زمين تان آسمان جا خواب ڏسندي گذاريا. بابا موٽي آيو. مون کي ڪجهه به چوڻ کان پهرين امان کي ڪمري ۾ سڏي، در ڏيئي ڪجهه چوڻ لڳو. اسان سڀ ڀينر هڪٻئي کي ڏسنديون رهيونسين. بابا ٻاهر نڪتو ته مون کي چيائين ته ڌيءُ سڀاڻي ماڻهو ايندا تيار ٿي ويهجانءِ! بابا ائين چئي ٻاهر هليو ويو. مان امان کان پڇيو، ”امان، ڇا ڳالهه آهي. مئڊم بابا کي ڇا چيو؟“ نوڪري لاءِ ڇا چيائين“، پر امان اها ئي چُپ. ”پر امان ٻڌاءِ نه. مئڊم بابا کي ڇا چيو؟“ منهنجي زور ڀرڻ تي امان چيو ته ”ڪجهه نه آهي ڌيءَ! سڀاڻي ڪجهه مهمان ايندا پڻهين انهن لاءِ سامان وٺڻ ويو آهي.“ مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. بابا ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ هيڪاندو سامان وٺي گهر آيو. رات جو امان ۽ ٻيون ڀينرون دير تائين ڪم ڪنديون رهيون، امان مون کي ڪم ڪرڻ کان جهليو ۽ چيو ته ڌيءَ تون وڃي آرام ڪر. تون سڀاڻي ڪم ڪجانءِ. مان چپ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيس. ٻاهر ڪم ڪرڻ جي ٺڙڪن ڪري ننڊ مون کي ڪانه پئي آئي مٿان وري اها اڻ تڻ ته آخر مئڊم بابا کي ڇا چيو هوندو. سڀاڻي مئڊم اسان جي گهر ڇو پئي اچي. سڄي رات پاڻ کان سوال پڇندي گذري. صبح جو اٿڻ شرط وري سڀئي ڪم ڪار کي لڳي ويون. منهنجون ڀينرون به اسڪول ڪونه ويون ۽ بابا به گاڏڙو ڪاهي ڪونه ويو.
امان سڀني کي سٺا ڪپڙا پائڻ لاءِ چيو. 10 وڳي تائين مئڊم اچي ويئي ۽ مون کي سڏ ڪري چيائين، ”هيڏي اچ، هتي ويهه. مون چيو هو نه ته، تون سچ ۾ ”نوري“ آهين. ڏس ڄام تماچي اچي پيو توکي ”پٽ راڻي“ بنائڻ.“ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. مان اڃا اهو پئي سمجهيو ته ڪير مون کي نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ اچي رهيو آهي. منهنجي دل تيز تيز ڏڪي رهي هئي. مئڊم هڪ بيگ کڻي آئي هئي. مئڊم بيگ کولي ان مان ڪپڙا ۽ پوءِ زيور ڪڍيا ۽ امان کي سڏ ڪيو. امان جيئن ئي اندر آئي ته مئڊم امان کي اشارو ڪيو. امان دروازو بند ڪيو ته مئڊم هڪ عاليشان جوڙو مون کي ڏنو ۽ چيو ته ”نوري هيءُ پائي اچ!“ مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته اوچتو مئڊم ايڏي مهربان ڇو ٿي وئي آهي. مان ايڏا مهانگا ڪپڙا ڇو پايان؟
مان چپ چاپ اتي ئي ويٺي رهيس. مون کي ائين چُپ ڏسي مئڊم چيو ”نوري چُپ ڇو ويٺي آهين، اٿي ڪپڙا پاءِ نه.“ ”پر مئڊم مان ايترا قيمتي ڪپڙا ڇو ۽ ڇاجي لاءِ پايان.“ مئڊم امان ڏي ڏٺو. امان چيو ته ”ڌيءَ، اڄ تنهنجي شادي آهي، ان لاءِ ڪپڙا آيا آهن.“ امان جي منهن مان پريشاني بَکي رهي هئي. مان اهي لفظ ٻڌي ڏڪي ويس ۽ وائڙن وانگر چوڻ لڳيس ته شادي...شادي...شادي.... پر ڪنهن سان....؟ وات مان اهي لفظ مون پنهنجي پوري طاقت لڳائي ڪڍيا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ مان گونگي هجان. وري مئڊم جو آواز ڪن تي پيو. ”منٺار عليءَ سان، چيم نه ته ڄام تماچي اچي پيو توکي پنهنجي پٽ راڻي بنائڻ.“
مون کي مئڊم جا صرف اهي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا ته منٺار علي..... منٺار علي ڪير؟ مون کي ڪاليج ۾ لڳل بينر ذهن ۾ آيو جنهن تي لکيل هو مهمان خاص منٺار علي آهي. هانءُ وسامي ويو ۽ اهي ڀيانڪ لفظ وري منهنجي دماغ اندر ڊوڙڻ لڳا ته ها هيءُ وٺ بابا. مان اڃا ان جاءِ تان چري ئي ڪانه هيس ته ٻاهران گاڏين جا هارن وڄڻ لڳا. آواز ٻڌندي ئي مئڊم چيو ته ”سائينءَ جن اچي ويا.“ مئڊم جلدي اٿي ٻاهر ويئي. امان هڪدم دروازو بند ڪيو ۽ چوڻ لڳي، ”نوري جلدي ڪپڙا پاءِ، صاحب اچي ويو. مان ائين ئي چپ چاپ امان کي ڏسڻ لڳيس، پر امان کي منهنجي ان حالت تي ڪو به رحم نه آيو. دڙڪا ڏيندي چيائين، ”نوري، جلدي ڪر ٽائيم ڪونهي ڪپڙا پاءِ.“ منهنجي جسم ۾ جڏهن ڪا به حرڪت پيدا نه ٿي، تڏهن امان ڪاوڙ منجهان منهنجا ڪپڙا بدلائڻ لڳي ۽ گڏوگڏ ڳالهائيندي به رهي.“ تون ڇا ٿي سمجهين ته اسان توکي خوشيءَ مان پرڻايون پيا. اها ته اسان جي مجبوري آهي. جيڪڏهن انڪار ڪنداسين ته هُو توکي کڻي هليا ويندا. مٿان وري پوليس وارا به ڪيس کي هٿ ڪونه لائيندا. وڏا ماڻهو جو آهن. ”امان منهنجو چولو لاٿو ۽ ٻيو چولو پارايو. مان امان جا هٿ روڪي زاروقطار روئڻ شروع ڪيو.
”امان، مان شادي ڪانه ڪنديس، امان، هو ڏاڍو ڀوائتو ماڻهو آهي. مون کي هن کان خوف لڳندو آهي. امان، مان اها شادي ڪانه ڪنديس.“ مان روئڻ لڳيس، پر، امان تي انهن لفظن جو ڪو به اثر نه ٿي رهيو هو. منهنجون دانهون ٻڌي مئڊم اندر آئي ۽ چيائين ته ”چري ڇوڪري ائين رڙيون ڪبيون آهن. تون ته خوشنصيب آهين. تنهنجي گهر ۾ آهي ڇا. سائين ته توکي محلا تن ۾ رهائيندو. تون ڪراچيءَ ۾ رهندينءَ. پڙهيو ڪونه اٿئي ته روشنين جو شهر ڪراچي. هاڻي تون به اتي رهندينءَ. چري چپ ڪر، متان سر ناراض نه ٿئي.“ مئڊم جا دڙڪا ٻڌي مان ڊڄي ويس ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳيس. مئڊم جلدي سينگار جي پيتي کولي، ڳالهائيندي به رهي ۽ مون کي سينگاريندي به رهي. ”چري، پڙهڻ مان ڇا ملئي ها. وڌ ۾ وڌ ماستري! ان مان ڇا ڪرين ها. سڄي عمر نوڪري ڪرين ها، پوءِ به ههڙا زيور ۽ ڪپڙا ڪونه پائي سگهين ها. هينئر سائينءَ تنهنجي پيءُ کي ٻه لک ڏنا آهن ته جيئن هو ڪو دڪان ڪڍي ويهي. هاڻي نه صرف تون خوش رهندينءَ، پر تنهنجا مائٽ به خوش رهندا! اُن کان وڌيڪ اڃا توکي ڇا کپي!“
هاڻي مون کي سمجهه ۾ آيو ته امان، بابا ائين چپ ڇو آهن. ان جي معنيٰ ته انهن مون کي لکن جي عيوض وڪڻيو آهي. منهنجي اندر باهه ٻري ويئي. مئڊم ٻاهر ويئي ته مون امان کي چيو ته ”امان، مان ته هونئن به ڪمائي سڄي عمر توهان کي ڏيان ها، پوءِ توهان اها تڪڙ ڇو ڪئي؟“ مون ڏٺو ته امان جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ امان چيو، ته ”نه ڌيءَ نه. اسان توکي ڪونه وڪڻيو آهي. پر ڌيءَ اسان ۾ ايڏي وڏي ماڻهوءَ کي جواب ڏيڻ جي همت ڪانه هئي. امان هو تمام وڏا ماڻهو آهن، هي ته شادي پيو ڪري، پر جي ائين ئي توکي کڻائي وڃي ها ته به اسان ۾ ايترو حال ڪونهي، جو توکي موٽائي سگهون ها. بدنامي جدا ٿئي ها. توسان گڏ تنهنجي ڀينرن جي زندگي پڻ تباهه ٿي وڃي ها. انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي، موت کان بخار قبوليو اٿئون.“ امان اهو چئي روئڻ لڳي. ايتري ۾ مئڊم اندر آئي ۽ چوڻ لڳي ته جلدي نُوريءَ کي سيج تي ويهاريو، ٻاهر نڪاح پيو پڙهجي. مون کي زيور پارائي سيج ٺاهي ان تي ويهاريو ويو. ٿوري دير کان پوءِ ٻه ماڻهو منهنجي پيءُ سان گڏ اندر آيا ۽ مون کان نڪاح جي رضامندي پڇڻ لڳا. جڏهن منهنجي وات مان ڪو به آواز نه نڪتو، تڏهن مئڊم منهنجو ڪنڌ پنهنجي هٿ سان هيٺ ڪيو ۽ چيو ته ”قبول آهي.“ مبارڪ... مبارڪ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٻاهران ماڻهو آيو ته هلڻ جي تيار ڪئي وڃي.
مان مسلسل روئي رهي هيس، گهر جي هرهڪ ڀاتيءَ مون کان روئندي موڪلايو. پوءِ مون کي وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو. سڀئي گهر جا ڀاتي ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪري آيا، انهن سڀني جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. وري انهن کي وڏي صاحب جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”هاڻي اوهان لاءِ نوري مري ويئي. اوهان مان ڪڏهن به ڪير نُوريءَ سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪري. باقي اوهان کي هر فصل تي ڪمدار اَنُ پهچائي ويندو ۽ نه وري هاڻ نوري توهان سان ملڻ ايندي.“ سڄي ڪٽنب کي ڏک جي لهر لوڙهي رهي هئي. ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ منهنجي شادي نه ٿي آهي، منهنجو لاش وڃي رهيو آهي. تمام وڏي گاڏيءَ هلڻ شروع ڪيو. مون ڏٺو ته اهو ساڳيو ڀيانڪ آواز وارو ماڻهو منهنجي پاسي ۾ گلن جا هار پايو ويٺو هو. گاڏي آهستي آهستي گهٽين کان نڪرندي هڪ وڏي ويران رستي تي هلڻ شروع ڪيو. رستا بلڪل ويران هئا، بلڪل منهنجي دل وانگر، هيءُ اهو سفر هو جنهن جي ختم ٿيڻ جي آس به نه هئي. ڪراچي جنهن جي لاءِ مئڊم چيو ته ”روشنين جو شهر“ اهو مون کي هڪ اونداهيءَ کڏ وانگر لڳي رهيو هو، جنهن ۾ اڄ کان پوءِ منهنجي وجود کي محفوظ ڪيو ويندو. مان بلڪل اداس ان سڄي حادثاتي واقعي بابت سوچي رهي هيس جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايڏو وڏو طوفان آڻي ڇڏيو. رستي تي اڏامندڙ ڪک پن به مون کي پاڻ کان وڌيڪ مضبوط لڳڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته اهي ته تيز هوا کان اڳ اڏامي وڃي ٻي جاءِ وٺن پيا. يعني ڪنهن ڪنڊ پاسي وڃي ڪرن ٿا. انهن ئي سوچن دوران گاڏي ڌڏڪو کاڌو ۽ بيهي ويئي. مان ڊپ وچان ڏڪڻ لڳيس. هڪ ماڻهوءَ گاڏيءَ جو دروازو کوليو ۽ چيو ته ”جيجي هيٺ لهو.“ جيجي اها وري ڪير آهي؟ مون هيڏي هوڏي نهارڻ شروع ڪيو ته مون کي اهو ئي ڀيانڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”ٻڌئي ڪونه جمن توکي پيو چوي ته هيٺ لهه.“ مان گاڏيءَ مان هيٺ لٿيس، جمن مون کي وٺي اندر ويو. مان جيئن جيئن اندر هلڻ لڳيس، تيئن تيئن مون کي پنهنجي آسپاس هڪ نئين بلڪل نئين دنيا ڏسڻ ۾ آئي. هڪ شاندار بنگلو، هڪ عاليشان ۽ سجايل ڪمرو، قيمتي سامان، جيڪي مون سڄي عمر ڪونه ڏٺا. مان وائڙن وانگر پوري ڪمري کي ڏسڻ شروع ڪيو ته جمن مون کي چيو ”جيجي، هيءُ واش روم آهي. توهان فريش ٿيو. هيءُ توهان جو بيڊ آهي، صاحب هينئر هڪ ضروري ميٽنگ تي ويندو. رات جو وري اُتي محفل رکيل آهي. توهان فريش ٿيو ته مان مانيءَ جو بندوبست ڪري وٺان.“ ائين چئي جمن هليو ويو. ۽ مان ان خوبصورت سجايل بيڊ تي چپ چاپ ويٺي رهيس. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ جمن وري ڪمري ۾ آيو ۽ سامهون ميز تي ماني رکي هليو ويو. پر مان ائين ئي بيڊ تي ويٺي رهيس! الائي ڪيتري دير کان پوءِ مون کي ننڊ اچي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ مون کي ڳائڻ جو آواز ۽ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. مان بيڊ تان اٿي آواز واري پاسي وڃڻ لڳيس. مان ٻئي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳيس ۽ ان ڪمري جي کليل دريءَ مان اندر ڏسڻ لڳيس. مون ڏٺو ته هڪ ننڍي عمر جي سهڻي ڇوڪري ڳائي رهي هئي. ٻه ٽي ٻيون به مايون هيون، جن مان ڪي وري هيٺ ويٺل ماڻهن کي گلاس ڀري ڀري ڏيئي رهيون هيون. سڀ ويٺل ماڻهو واهه! واهه! چئي رهيا هئا ۽ گلاس ڏوڪي رهيا هئا، جيڪي ماين انهن کي ڏنا. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ۽ چپ چاپ ڏسڻ لڳيس. ٿوري دير کان پوءِ مون کي ٻانهن ۾ ڇڪ محسوس ٿي، ڪنهن ڇڪي مون کي اندر ڪيو ۽ چيو ته ”جيجي اهو ڇا پيا ڪريو، صاحب کي خبر پئي ها ته پهرين ته مون کي دفن ڪري ها ۽ پوءِ وري اوهان جي خبر وٺي ها. اهي محفلون هتي روز ٿينديون آهن. اوهان اندر هلي آرام ڪريو. صاحب دير سان واندو ٿيندو.“ مان چپ چاپ اندر بيڊ تي ويهي رهيس ۽ اهي ڳائڻ ۽ رڙين جا آواز ٻڌڻ لڳيس. گهڻي دير کان پوءِ بيڊ تي ليٽي پيس ۽ وري ننڊ اچي وئي. اوچتو مون کي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”نوري، نوري“، ۽ مون کي شديد بدبو اچڻ لڳي. اهو ڀيانڪ آواز ٻڌي مان سڄي ڏڪي ويس. جيئن اکيون کوليم ته ڏٺم ته پنهنجي ڀرسان رڇ جهڙو ماڻهو نظر آيو، جنهن جون اکيون ڳاڙهيون، وات مان بدبو اچي رهي هئي. ان وحشيءَ ماڻهوءَ جنهن سان اڄ منهنجي شادي ٿي هئي، بلڪل وحشي طريقي سان پيش آيو. مون سندس هٿ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دانهون ڪرڻ لڳيس ته ان ڀيانڪ ماڻهوءَ منهنجي وات تي هٿ رکي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون. مان صفا هراسجي ويس ۽ اکيون ڦاڙي ان ماڻهوءَ کي ڏسڻ لڳيس. ان ماڻهوءَ کان شراب پيئڻ ڪري اهو به وسري ويو ته هو جنهن سان زيادتي ڪري رهيو آهي اها ان جي نڪاح ۾ آيل زال آهي. مان ڊپ مان ڪجهه نه ڪڇيس ۽ چپ چاپ ان اذيت ڀريل لمحن مان گذرندي رهيس. ائين اها پهرين رات گذاري صبح جو هوش ۾ اچڻ کان پوءِ صاحب جڏهن منهنجو زخمن سان چچريل جسم ڏٺو ته هن کي ڪو به رحم نه آيو، الٽو چيائين ته ”رات جو مون سان ڪو به بحث نه ڪندي ڪر، نه ته جهڙو رات حشر ڪيو مانءِ، اهڙو روز ڪندو مانءِ! اهو چئي صاحب تيار ٿي وڏي گاڏيءَ ۾ هليو ويو. مان مجبوريءَ مان اٿي غسلخاني ۾ ويس. تيار ٿي وري اچي ساڳي ڪمري ۾ ساڳي بيڊ تي ويٺيس. پورو ڏينهن رات جي واقعي بابت سوچيندي روئندي رهيس ۽ پاڻ کي پٽڻ لڳيس ته مان ڪيئن ڦاٿس! هر هر چئي رهي هيس ڪاش مان بيمار هجان ها، ڪاليج نه وڃان ها، نه تقرير ڪريان ها ۽ نه ان گندي جي نظرن ۾ اچان ها. اهي سڀ ڳالهيون سوچي وري مون روئڻ شروع ڪيو. گهڻي دير کان پوءِ جمن نيرن کڻي آيو ۽ ميز تي رکي، رات وارا ڍڪيل ٿانوَ ڏسي حيرت منجهان چيائين، ”جيجي، هي ڇا، اوهان رات به ماني ڪانه کاڌي.اهو ڇا پيا ڪريو. مهرباني ڪري ماني کائو نه ته بيمار ٿي پوندؤ.“ ائين چئي جمن هليو ويو.
ڪالهه مون ڪجهه نه کاڌو هو، اُنڪري بک به محسوس ڪري رهي هيس، اٿي ٻه ٽي گرهه نيرن جا کائڻ لڳيس ۽ گڏوگڏ روئندي رهيس. منهنجي گهر ۾ فون ڪانه هئي، باقي هر شيءَ هئي. ٽي وي به هلي رهي هئي ۽ ڪيبل به لڳل هئي. اها ڪيبل جيڪا اسين غربت ڪري هڻائي نه سگهيا هئاسين ۽ مان هميشه ڀينرن کي چوندي هيس ته مون کي نوڪري ملندي ته پهرين پگهار مان ڪيبل هڻائينداسين. اڄ اها ڪيبل هلي رهي هئي، پر مون اک کڻي ٽي وي ڪانه ڏٺي. مسلسل روئندي رهيس. ائين رات ٿي ويئي. رات جو دير سان صاحب گهر آيو. مان هن کي ڏسي اکيون ٻوٽي سمهي پيس. هن اهي ئي ٽي سڏ ڪيا نوري، نوري، نوري. مون ڊپ وچان اکيون نه کوليون ته وري اهو رڇ جهڙو انسان، ان ئي وحشي انداز سان پيش آيو. اڄ مان خوف مان ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ چپ چاپ انهن اذيت ڀريل لمحن مان گذرندي رهيس. هن ماڻهوءَ مون سان هڪ لفظ به پيار جو نه ڳالهايو ۽ چپ ڪري سمهي پيو. صبح جو اٿڻ کان پوءِ تيار ٿي هليو ويو. مون ڏٺو ته ڪجهه سامان پيو هو. ٿوري دير کان پوءِ جمن آيو ۽ چيائين صاحب رات توهان لاءِ ڪجهه سامان آندو هو. جمن سامان کولي منهنجي سامهون بيڊ تي رکيو. ان ۾ چار وڳا هئا ۽ هڪ زيورن جو سيٽ. پر سامان ڏسي مون کي ڪا به خوشي ڪانه ٿي. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته مان هن عاليشان محل ۾ هڪ بيوس قيديءَ واري زندگي گذاري رهي آهيان. جيئن ته صاحب ان شاديءَ جو اعلان اڃا ٻاهر ڪونه ڪيو هو انڪري مون کي دروازي کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪانه هئي. باقي وقت تي جمن ماني کڻي ايندو هو. صاحب روز گهر دير سان ايندو هو، اڪثر گهر ۾ محفلون هونديون هيون ۽ اهو ئي رات جو دير سان صاحب نشي ۾ چُور ٿي ايندو هو. ائين الائي ڪيترا ڏينهن گذري ويا. منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا به خوشيءَ جي گهڙي نه آئي. مائٽن لاءِ سڄو ڏينهن روئندي رهندي هيس. ننڍيون ڳالهيون سوچي پئي ڳرندي هيس. هاڻي ڪجهه ڏينهن کان مون کي کائڻ ۾ ڪا به شيءِ نه پئي وڻي، جيڪا شيءِ کاوان الٽي ڪري ڪڍي ڇڏيان، سڄي جسم ۾ سُستي محسوس ٿي رهي هئي. پر اها حالت ڪنهن کي ٻڌايان، گهر ۾ جمن سان مان ڳالهائيندي ڪانه هيس، باقي صاحب سو ان ماڻهوءَ کان مان ته ڊڄندي هيس. جو رات جو سمهڻ مهل جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ٽنگ منهنجي جسم مٿان رکندو هو ته سڄي رات جاڳندي هيس پر ايتري همت نه هوندي هيم جو ان ٽنگ کي هٽائي پاڻ سمهي پوان. انهيءَ ڪري مون ان بيماريءَ جو ذڪر ان ماڻهوءَ سان نه ڪيو. ائين ڏينهن گذرندا ويا. مان سمجهان پئي ته جيڪڏهن اها بيماري ائين هلندي رهي ۽ مون ڪا به دوا نه ورتي ته جلدي مري وينديس ۽ هن عذاب واري زندگيءَ مان منهنجي جان ڇُٽندي. نيٺ هڪ صبح جو مان بيهوش ٿي ويس، ڊاڪٽر کي گهرايو ويو ته ان ٻڌايو ته مان پيٽ سان آهيان. اهو ٻڌي صاحب ڪاوڙ منجهان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر کي چوڻ لڳو ته ”نه کپي مون کي اهو ٻار. مون کي اول ئي گهڻا ٻار آهن. هونءَ به مون هيءَ شادي ٻارن ڄڻڻ لاءِ ڪانه ڪئي آهي. ڪاڏي ڪندس ايترا ٻار. پوءِ وتن ملڪيتن تان جهيڙا ڪندا ۽ مان هن گندي نسل مان ٻار ڄڻڻ نه ٿو چاهيان. مون کي جيڪي خانداني زال مان خانداني ٻار آهن، اهي گهڻا آهن. انڪري مون کي اهو ٻار نه کپي. ڪيئن به ڪري ڊاڪٽر ان ٻار کي ضايع ڪيو ۽ پوءِ آپريشن ڪري ڇڏيوس ته جيئن آئينده ڪڏهن به وري ٻار نه ٿئيس.“ ڊاڪٽر عجب وچان وڏي صاحب کي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ چوڻ لڳي ”پر سر هن جي عمر تمام ننڍي آهي، ان ۾ ٻه آپريشن ٿيڻ هڪ ئي وقت ڪيئن ممڪن آهي. جان جو خطرو ٿيندو. صاحب لاپرواهيءَ سان چيو، اهو توهان ڄاڻو توهان جو ڪم. باقي مون کي ٻار نه کپي سو نه کپي.“ ڊاڪٽر چپ چاپ حيرت مان صاحب کي ڏسندي رهي. ايتري ۾ جمن آيو، ”صاحب گاڏي تيار آهي“ ۽ ٿوري دير ۾ مان ۽ ڊاڪٽر صاحبه گاڏيءَ ۾ ويٺيونسين. مون کي اسپتال پهچايو ويو. منهنجون ٽيسٽون وغيره ڪري ڊاڪٽر چيو ته ”سر ڏينهن تمام گهڻا گذري ويا آهن، سنئون سڌو جان جو خطرو ٿيندو.“ پر صاحب ڪا به ڳالهه نه ٻڌي. مان بلڪل بي جان بت وانگر چپ رهيس ۽ صرف ڊاڪٽر جا اهي لفظ ٻڌي ٿوري دير لاءِ خوش ٿي رهي هيس ته ”سر جان جو خطرو آهي“، فقط ان ڳالهه تي خوش ٿي رهي هيس ته الله ڪندو ته آپريشن ۾ ئي مري وينديس ۽ ان عذاب ڀريل زندگيءَ مان ڇوٽڪارو ملندو. منهنجا ٻه آپريشن ٿيا هڪڙو ابارشن ۽ ٻيو T.L جو. پوري ڏينهن گذرڻ کان پوءِ شام جو مون کي هوش آيو ته ڊاڪٽر ٻڌايو ته ضايع ڪرايل ٻار پٽ هو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته هاڻي مان ڪڏهن به ماءُ ڪانه بڻجي سگهنديس پر مون کي ڪو به ڏک ڪونه هو، جي هو ته به اهو ته مان مري ڇو نه ويس. مان ڪيترا ڏينهن اسپتال ۾ رهيس پر ڪير به مون سان ملڻ ڪونه آيو. بس ڊاڪٽرياڻي ۽ هڪ نرس ۽ ٻيو جمن، جيڪو ماني کڻي ايندو هو. هاڻي ته مون کان اهو به وسري ويو هو ته مون کي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀينرون به آهن. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ مون کي گهر آندو ويو. ڊاڪٽر مون کي ننڊ ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ ننڊ جون گوريون ڏنيون ۽ سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ته روز صرف هڪ کائجان، ڇو ته وڌيڪ گوريون کائڻ جان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. مان گوري کائي سمهي پيس. پوري رات ننڊ پئي هيس. صبح جو دير سان اٿيس ته جمن ٻڌايو ته صاحب ميٽنگ جي سلسلي ۾ ٻاهر ويل آهي رات ايندو پر مون کي ننڊ ته آئي، پر تڪليف تمام گهڻي پنهنجي اندر محسوس ڪري رهي هيس. ٻي رات مان گوري کائي سمهي پيس ۽ مون کي ننڊ وٺي وئي. اڌ رات کان پوءِ مون ڏٺو ته هو مون کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، مان اکين کولڻ جي گهڻي ڪوشش ڪري رهي هيس، پر ننڊ جي گوريءَ سبب منهنجون اکيون ٻوٽجي ويون، پر صاحب جي اندر ۾ ڪو به رحم جو جذبو ڪونه جاڳيو مان هاڻي ان زندگيءَ مان بلڪل بيزار ٿي چڪي هيس. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان ڇا ڪريان. مان اهڙي ماڻهوءَ جي قيد ۾ هيس جتان مان جان ڇڏائي ڀڄي نه پئي سگهيس ۽ ٿاڻي يا مائٽن ڏي به وڃي نه پئي سگهيس. اڄ مون سوچڻ شروع ڪيو ته ڪيئن به ڪري مان هن زندگيءَ مان جان ڇڏائينديس، پوءِ ڀلي اڳتي ڇا به ٿئي. اهو سوچي مان مطمئن ٿي سمهي رهيس. معمول مطابق صاحب رات جو دير سان آيو ۽ نشي ۾ ڌُتِ. مون هڪدم اٿي صاحب کي پاڻي ڏنو، جيڪو صاحب پي ويو ۽ بيڊ تي سمهي پيو، اتي ئي ڍير ٿي ويو. مان خاموشيءَ سان سڀڪجهه ڏسندي رهيس. صبح ٿيڻ تائين صاحب ڪونه اٿيو. جمن اچي وري موٽي ويو ته شايد صاحب ننڊ پيو آهي. شام ٿي ويئي ته جمن وري آيو، چيائين ته صاحب جي ضروري ميٽنگ آهي، انڪري کيس اٿاريو. مون نهايت ئي اطمينان سان جمن کي چيو ته:”جمن، تون ئي وڃي صاحب کي اٿار.“ جمن ڪمري ۾ ويو ۽ گهڻا ئي سڏ ڪيائين، پر جواب نه مليس. آخر پريشان ٿي ڊاڪٽر کي فون ڪيائين. ڊاڪٽر ڏسي چيو ته تمام گهڻي نشي واپرائڻ ڪري موت واقع ٿيو آهي. وڌيڪ خبر پوسٽ مارٽم مان پئجي ويندي. وڏي ايمبولينس آئي ۽ لاش کڻائي اسپتال رواني ٿي. مان چپ چاپ ڪنڊ تي ويهي ان نظاري کي ڏسڻ لڳيس. مون پنهنجي اندر هڪ احساس محسوس ڪيو ۽ اهو خوشيءَ جو احساس هو ۽ مان محسوس ڪري رهي هيس ته مان هاڻي انهن اذيتناڪ لمحن کان آزاد آهيان، هاڻ ڀلي مون کي جيل ۾ وڌو وڃي، پر ان قيد جو به ته انت ٿيندو ۽ مان ضرور ڪنهن منزل تي پهچنديس. باقي جيڪا زندگي مان گذاري رهي آهيان ان جو نه ته ڪو انت هو ۽ نه ڪا منزل!
ڪزبانو سنڌو قسط – 3 (ناوليٽ)
چاهت جن جي من ۾
”توهان جي ڏاڏي صحيح پئي چوي. ڏوهه منهنجو به آهي. آخر آءٌ به ته حشمت جو پٽ آهيان نه!“ شهاب جي ڳلن تان لڙڪ لڙي پيا.
ٻئي ڏينهن شهاب محمود سان گڏجي اوطاق تي آيو. اتي ڪافي ماڻهو عذر خواهيءَ لاءِ ويٺل هئا.
وزيران ۽ ارم پنهنجي سس رحمت سان گڏ ڪمري ۾ ويٺيون هيون. اتي ڳوٺ راڄ جون ٻيون مايون به ويٺيون هيون.
تانيه ۽ ثانيه ٻئي ڪمري ۾ هيون.
عطيه ڪچن ڏانهن پئي وئي، سڪندر کيس روڪي چيو ”عطيه، منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ!“
”جي ادا!“
”عطيه، امان جو رويو چاچيءَ وارن سان صحيح نٿو لڳي. سو توهان کي انهن جو خاص خيال رکڻو آهي!“
”جي ادا، توهين ڪابه ڳڻتي نه ڪريو.“
”ٿئنڪس منهنجي ننڍڙي ڀيڻ، اهو خيال رکجو ته کين ڪابه تڪليف نه ٿئي!“
”جي ادا! ٻيو ڪجهه؟“
”ٻيو ڪجهه ٻڌندينءَ؟“
”ها بلڪل، ٻڌايو!“
”خبر اٿئي تانيه آهي ڪير؟“
”ادا، تانيه چاچا سائينءَ جي وڏي ڌيءَ آهي ۽ منهنجي سڳي سوٽ آهي.“
”اها ته آهي پر.....“ سڪندر کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪيئن ٻڌائي ته تانيه ڪير آهي. بهرحال، لفظ ڳولي ورتائين.
”توهان کي ياد آهي عطيه، ته مون ٻڌايو هو ته نوريءَ جي مزار ويجهو هڪ ڇوڪري لانچ مان ڪينجهر ۾ ڪري پئي هئي!“
”۽ توهان اُن ڇوڪريءَ کي بچائي ورتو هو!“
”تانيه اهائي ڇوڪري آهي!“
”سچي!“ عطيه اچرج مان چيو ”پوءِ توهان کي هتي ڏسي سڃاتائين؟“ ”ها، مون کي ڏسي هوءَ حيران ٿي وئي!“ سڪندر چيو ”۽ مان هن کي ڏسي حيران ٿي ويس! شايد ڪا ڇڪ هئي جنهن مون کي اڇلي ڪينجهر جي ڇولين ۾ وڌو!“ هن ٿڌو ساهه ڀريو ”مان ته ان واقعي کي اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان ۽ نٿي ڄاتم ته تانيا سان هيئن ملاقات ٿيندي!“
”ها ادا، واقعي سچ ٿا چئو. اسان سان پنهنجي وڇڙيل سوٽ ملندي به ته هن صورتحال ۾!“ عطيه جو لهجو غم ۽ خوشيءَ گاڏڙ ٿي ويو، ”پر هوءَ آهي ڪٿي؟“ سڪندر اتاولو ٿي ويو.
”پنهنجي ڪمري ۾ آهي.“
”ٺيڪ آهي، مان اوڏانهن وڃان ٿو. توهان چانهه ٺاهي اچو ..... زبردست قسم جي.“ هن ويندي ويندي جملو پورو ڪيو.
ڪمري ۾ خاموشي هئي، تانيه پنهنجي ئي پورن ۾ هئي ۽ ثانيه ڪمري ۾ اچ وڃ ڪري رهي هئي، نيٺ هن کان رهيو نه ٿيو ۽ سڌو سوال ڪيائين تانيه کان ”تانيه، توهين ادا سڪندر کي ڏسي ڪجهه حيران ڇو ٿي ويون هيون؟“
”ها!!!“ تانيه پورن جي پاتال مان اُپڙي آئي ”اصل ۾ ڇا هو ته....“
هوءَ اڃا جملو پورو نه ڪري سگهي هئي ته سڪندر جو آواز آيو.
”ڇا مان اندر اچي سگهان ٿو؟“
”اچو اچو.“ ثانيه کي جهڙو ڪر وجهه لڳي ويو ”هي توهان جو پنهنجو ئي ته گهر آهي!“
”ٿئنڪس ماءِ لٽل سوويٽ ڪزن!“ سڪندر اندر اچي هڪ صوفا تي ويٺو.
”مسٽر ڪزن، ايڏو تڪلف ڇاجو؟“ ثانيه پاڻ بي تڪلفيءَ مان چيو ”پنهنجا پاڻ ۾ ئي ته آهيون!“ ڪجهه ياد ڪندي ”۽ ها، توهان جي عمر وڏي آهي!“
”اهو وري ڪيئن؟“
”اهو وري هيئن ته هينئر هينئر توهان جو ذڪر پئي هليو.“
”اها ته منهنجي خوشنصيبي آهي. پر اهو ذڪر ڪهڙي حوالي سان پئي هليو؟“ سڪندر تانيه ڏانهن ڏٺو ته هن نيڻ جهڪائي ڇڏيا.
”ادا، ڇڏيو انهن حوالن ٻوالن کي.“ ثانيه ٻئي هٿ لوڏيا ”بس ذڪر هليو پئي. سو هليو پئي!“
”۽ منهنجي اچڻ تي ويچارو منهنجو ذڪر به بند ٿي ويو!“ سڪندر ٿڌو ساهه ڀريو ۽ تانيه ڏانهن ڏٺائين ”لڳي ٿو توهان جي سسٽر کي منهنجو هتي اچڻ سٺو نه لڳو!“
”نه اهڙي ڳالهه نه آهي. تانيه هونئن به گهٽ ڳالهائيندي آهي.“ ثانيه مرڪندي چيو.
”توهين يقين سان ڪيئن ٿيون چئو ته تانيه کي منهنجي اچڻ تي اعتراض نه آهي!“ سڪندر جون نظرون تانيه جي چهري تي هيون.
”مان اعتراض ڇو ڪنديس؟“ دراصل....۽ تانيه جملو اڻپورو ئي ڇڏي ڏنو.
”ڇا دراصل، خاموش ڇو ٿي وئينءَ؟ سڪندر اتاولو ٿي ويو.
”پاپا ڪڏهن ڳوٺ جي باري ۾ اسان کي ڪجهه به نه ٻڌايو هو، اسان لاءِ هيءُ ماحول نئون آهي.“ تانيه آهستي چيو.
”منهنجي باري ۾ توهان جي راءِ ڇا آهي؟ مان ته توهان لاءِ اوپرو نه آهيان!“ سڪندر مرڪي چيو.
ثانيه، حيرت مان تانيه ڏانهن نهاريو.
”مطلب ته توهين هڪٻئي کي اڳ ۾ ئي سڃاڻو ٿا!“ ثانيه هلڪي رڙ ڪئي.
”بلڪل!“ عطيه ڪمري ۾ گهڙي ”ڇا توهان کي خبر نه آهي؟“
”نه، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته خبر ناهي!“ ثانيه چانهه کڻندي چيو. تانيه جو مک لال گلابي ٿي ويو.
”ٻڌايو نه ته توهين هڪٻئي کي ڪيئن سڃاڻو؟ ڪٿي مليا؟“ ثانيه ضد ڪرڻ لڳي.
”مان ته توهان کي ٻڌائڻ واري هيس ته سڪندر پاڻ اچي ويو ۽ مان چپ ٿي ويس!“ ايترو چئي تانيه وري به چپ ٿي وئي. ۽ اها چپ تانيه کان سٺي نه ٿي ۽ هن هڪ شعر پڙهيو:
هُو به چپ، رات به چپ، چنڊ به چپ تاراچپ،
تون نه ڳالهائين ته ٻيو ڪير ڀلا ڳالهائي!
”واهه واهه!“ سڀني ثانيه کي داد ڏنو.
”ڪنهن جو شعر آهي؟“ سڪندر اتاولو ٿي ويو.
”منهنجو آهي، ٻيو وري ڪنهن جو آهي!“ ثانيه رسي ويهي رهي.
”مان ٿي ٻڌايان پنهنجي پياريءَ سوٽ کي.“ عطيه، ثانيه کي، ڳرهاٽي پائيندي چيو.
”ها، توهين ئي ٻڌايو. هنن ٻنهي جي وات ۾ ته مڱ آهن!“ ثانيه تانيه ۽ سڪندر ڏانهن اشارو ڪيو، ”جي، بسم الله!“ هوءَ ٻڌڻ لاءِ ٺهي جڙي ويٺي.
”قصو هيئن آهي ته ادي تانيه ڪينجهر گهمندي ٻيڙيءَ مان ڪري پئي هئي، تڏهن هڪ اجنبي نوجوان سر تان آهو پلي لهرين ۾ ٽپو ڏنو هو ۽ تانيه کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو هو!“
”۽ اهو نوجوان ادا سڪندر هو!“ ثانيه خوش ٿيندي چيو، ڄڻ ڳجهارت ڀڳي هجيس.
”جي!“ عطيه کيس شاباس ڏني ”تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو!“
”او ماءِ گاڊ!“ ثانيه پنهنجي ڳلن تي هٿ رکيا ”اسان ته توهان کي پرپُٺ دعائون پئي ڪيون. توهان ته سچ پچ اسان کي ڪري مُلهه خريد ڪري ورتو هو!“
ثانيه جي ايڪسائٽمينٽ تي تانيه کيس گهوري ڏٺو. تڏهن سڪندر پڇيو ”بس رڳو دعائون پئي ڪيون؟“ هو سنجيده ٿي ويو ”ٻيهر ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي!“ هن جون نگاهون تانيه جي چهري تي ئي ٽڪيل هيون. هن چاهيو پئي ته هن جي سوال جو جواب تانيه ڏئي ۽ تڏهن تانيه چيو:
”ڪوشش ته ڪئيسين، پر....!“ جملو وري به اڻپورو ئي رهيو.
سڀني ڪجهه دير جملي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪيو.
”پر ڇا؟“ ”سڪندر ڳالهايو“ توهين چپ ڇو ٿي ويون؟“
”بس ائين ئي!“ تانيه ڳالهه ٽارڻ گهري.
ثانيه يڪو تانيه جي منهن ۾ ڏسي رهي هئي. سڪندر کيس چيو:
”ڀلا تانيه ۾ ايترو ڇو پئي ڏسين؟ عقل اڌارو وٺندئينس ڇا؟“
”مان ڇو عقل اڌارو وٺنديس ڪنهن کان؟“ هوءَ سڌي ٿي ويٺي ”مان پاڻ عقل واري آهيان.“
”اهو ته صاف ظاهر آهي!“ سڪندر چانهه جو ڪوپ ٽپائيءَ تي رکيو.
”طنز پيا ڪريو!“ ثانيه ڪوڙي ڪاوڙ مان چيو ”ويساهه نه اچيوَ، ته پڇي ڏسو تانيه کان!“
”ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“ سڪندر تانيه ڏانهن ڏٺو. ”توهان جي چانهه ٿڌي ٿي رهي آهي.“
”ها،“ تانيه ڄڻ ڪنهن سپني مان سجاڳ ٿي ۽ چانهه مان سرڪيون ڀرڻ لڳي.
تانيه، سڪندر، عطيه ۽ ثانيه ٻاهر لان تي ويٺا هئا، سڪندر اُداس اُداس هو، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڳالهائجي. تانيه جنهن جي پاري جهڙي صفت هئي، اها به چُپ هئي، نيٺ هن ئي ٿڌو ساهه ڀري هڪ جملو ڇڏيو:
”شام جڏهن به ايندي آهي ته اُداس ڪري ويندي آهي.“
”۽ شام ويندي آهي ته مٿان رات اچي ويندي آهي. ڪاري ۽ ڀاري رات!“
”توهان اڄ ايڏو اداس ڇو آهيو؟“ تانيه سڪندر کان پڇيو.
”وڃڻ وارا ته هليا ويندا آهن، پر انهن جي ياد اسان جي دل ۾ رهجي ويندي آهي. زنده انسان گهڻو ڪجهه چاهي ٿو. ڏاڏا سائين منهنجو دوست به هو. ڏاڏا سائينءَ جي تڪليف مون ڏٺي، محسوس ڪئي، چاچا شهاب ۽ توهان کي ڏاڍو ياد ڪيائين. بابا سائينءَ کي مان موڪليو ته وڃو چاچا سائينءَ کي وٺي اچو!“. سڪندر وڏو ساهه کڻي چيو.
”ڏاڏا سائينءَ پاپا کي گهر مان ڇو ڪڍيو؟ ڪهڙو قصور هو پاپا جو!“ تانيه بيچينيءَ مان چيو.
”اهو چاچا سائينءَ کان پڇو نه ته ڇو توهان کان لڪايائين؟“ ڏاڏا سائين ته صرف هڪ اصول پرست انسان هو. قصور ٻنهي جو آهي. هڪ ڳالهه ياد رکجو ٻنهي فئملين کي ڳنڍڻ يا ٽوڙڻ صرف توهان ۽ چاچي جي وس ۾ آهي.“ سڪندر غور سان تانيه ۾ نهاري چيو.
”مطلب؟“ تانيه پڇيو.
”مطلب صاف ظاهر آهي. چاچا سائينءَ کي خبر هئي ته سندس ماءُ پيءُ جيئرا آهن، پر ڪڏهن به ملڻ جي ڪوشش نه ڪيائون، ڇو؟ اولاد کي ئي سوچڻ گهرجي. والدين جو بلند درجو آهي. ٺيڪ آهي والدين کان ڪا غلطي ٿئي ٿي ته ڇا والدين اولاد کان انهيءَ جي معافي وٺن؟ جي نه ته اولاد کين ڇڏي هليو ويندو!“ سڪندر جذباتي ٿي ويو.
”مان خود حيران آهيان! ڇا مسئلو آهي؟ پاپا سلجهيل ۽ سمجهُو انسان آهي. ائين والدين کي ڇڏي نه ٿو سگهي. مان ته چاهينديس ته رنجشون ختم ٿين!“
تانيه سنجيده ٿي وئي.
”توهان کي جيجي وڏي سڏي پئي!“ ڪم واري ڇوڪريءَ عطيه کي اچي چيو. عطيه وڃڻ لڳي.
”اوڪي، مان به هلان ٿو.“ سڪندر به ڀيڻ سان گڏ هليو ويو.
”تانيه سڪندر ڳوٺ جو ته لڳي ئي ڪونه پيو! مان ته ڏاڍي امپريس ٿي آهيان سڪندر کان. واقعي انسان ۾ شعور هجي ته ان جي شخصيت به وڻندڙ ٿيو پوي.“ ثانيه سڪندر جي تعريف ڪرڻ لڳي.
”چپ ڪري ويهڻ ته توهان کي اچي ئي ڪونه!. هروڀرو ويٺي پرائي تعريف ڪرين!“ تانيه ٽوڪيندي چيو.
”پرائي تعريف؟ سڪندر غير ته نه آهي. پنهنجو فرسٽ ڪزن آهي. مان ته تعريف ئي ڪنديس. توهان کي ڪاوڙ ڇو پئي لڳي؟“ ثانيه نخريلي انداز ۾ چيو.
”توهان سان بحث ڪرڻ فضول آهي!“ تانيه کي آڻ مڃڻي پئي.
ڊنر جو ٽائيم ٿي چڪو هو.
سڀ رحمت جي ڪمري ۾ اچي ويٺا. شهاب ماءُ جي هنج ۾ مٿو رکي ليٽي پيو. رحمت شهاب جي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي.
”امان، مان توهان جو گنهگار آهيان. مون کي معاف ڪريو.“ شهاب جي لهجي ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ”مون کي پُٽ جو اولاد نه ٿيو، جيتوڻيڪ مان پنهنجي نياڻين کي پُٽن وانگر سمجهان ٿو، پر دل ۾ هڪ وهم اٿم. ڪٿي توهان جي بددعا ته نه آهي، جو توهان کي ڇڏي هليو ويو هئس. ڪڏهن به توهان جو حال نه پڇيم!“ شهاب جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
”تو اهو سوچيو ڪيئن. ماءُ پنهنجي اولاد کي بددعا ڏئي نه ٿي سگهي! مون کي ته سدائين تنهنجو فڪر هو. تو ۽ محمود جي اڪثر ملاقات ٿيند رهي. محمود مون کي ٻڌايو ته تون خوش آهين. بس مان مطمئن هيس ته منهنجا ٻچا خوش آهن.“ رحمت شهاب جا هٿ چمندي چيو.
عطيه، تانيه ۽ ثانيه کي وٺي ڪمري ۾ آئي.
”اچو پُٽ، پنهنجي ڏاڏيءَ جي ڀر ۾ اچي ويهو.“ رحمت تانيه ۽ ثانيه کي چيو.“
ٻئي اچي ڏاڏيءَ جي قريب ويٺيون.
عطيه ڪم وارين مايُن کي چئي ڏاڏيءَ جي ڪمري ۾ چادر وڇائي ماني رکي. ”اچو ادا، ماني کائون!“ محمود اٿندي شهاب کي چيو. سڀ گڏجي اچي مانيءَ تي ويٺا ۽ نه چاهيندي به ماني کائڻ لڳا.
”پاپا خبر اٿوَ ته تانيه کي ڪينجهر مان ڪنهن ڪڍيو؟“ ثانيه ويهندي چيو.
تانيه هڪدم ڪنفيوز ٿي وئي.
”ڪنهن ڪڍيو ڇا مطلب؟“ شهاب حيرت مان پڇيو.
سڪندر تانيه ۾ نهاري مُرڪڻ لڳو.
”پاپا، تانيه کي نئين زندگي ڏيڻ وارو ٻيو نه، پر ادا سڪندر هو.“
"What?" شهاب تانيه ۾ نهاري وري سڪندر ڏانهن ڏٺو.
ثانيه ڄڻ انڪشاف ڪيو هو.
وزيران حيرت مان تانيه ۽ سڪندر ڏانهن نهاريو! ڇامسئلو آهي، سوچڻ لڳي.
”اڇا، ته منهنجي ڌيءَ کي توهان بچايو. واهه قدرت! هڪ معجزو ٿي ويو! رت رت کي ڇڪيو، نه ته ڪير ٿو ڪنهن جي لاءِ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي! ٿئنڪس سڪندر. توهان جيڪو اسان تي احسان ڪيو آهي، زندگيءَ ڀر اسين انهيءَ کي ياد رکنداسين.“ شهاب سڪندر جي پُٺي ٺپري.
(هلندڙ)
رابعه سهارڻ
سونهن ۽ سوڀيا
سونهن کي نکارڻ پاڻ کي سنوارڻ عورت جو فطري حق آهي. هزارين سال اڳ عورت پنهنجي سونهن کي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪندي هئي. اڳ سونهن کي وڌائڻ لاءِ ڪي جديد طريقا رائج ڪين هئا پر سادگيءَ ۾ جيڪا سونهن هوندي هئي، ان جو مثال نه ٿو ملي. گهرو ڏس ۽ هٿ سان ٺاهيل ٽوٽڪا سونهن وڌائڻ لاءِ ڪافي هئا. اڳ عورتون رات جو ڪيسوڦل (گلن جو قسم) پُسائي رکنديون هيون ۽ صبح جو اُن سان پنهنجو مُنهن ۽ هٿ ڌوئينديون هيون. رنگ کي صاف ڪرڻ لاءِ پنير ٽڀي ۾ پسائي رکبو هو، صبح جو نيرانو گلاس ڀري پِي ڇڏينديون هيون. ان کان سواءِ لپ اسٽڪ جي جڳهه تي مِسي مساڳ هڻنديون هيون ۽ مکڻ ۾ ٺهيل ڪجل اکين ۾ وجهنديون هيون. هٿن ۽ پيرن تي هٿ جي پيٺل ميندي لڳائي نَنهن تي به مينديءَ جو عرق لڳائي ننهن مينديءَ رتا ڪنديون هيون.
خشڪ چمڙيءَ لاءِ ملائي سان منهن تي مساج ڪبو هو، تيل - ميٽ سان وار ڌوئبا هئا ته وارن کي مضبوط ۽ چمڪدار ڪرڻ لاءِ آوئرا، آريٺا ۽ سڪا ڪائي کي پيهي ميندي ملائي وارن ۾ وجهبو هو.
بيضو ۽ ڌونئري سان به وارن کي ليپ ڏبو هو ۽ ٻيا به ڪيترائي ٽوٽڪا ڪري پنهنجا سورنهن سينگار پورا ڪبا هئا. پر هاڻ ته جديد دور آهي، ان ۾ عورتون پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار لاءِ ڪيترائي هزارين رپيا خرچ ڪن ٿيون. بيوٽي پارلر کلي ويا آهن. اسين رابعه سهارڻ جو سلسلو سونهن ۽ سوڀيا هلائي رهيا آهيون ته جيئن اسان جون ڀينرون ان مان پنهنجي سونهن کي سوايو ڪري سگهن. _ ادارو.
توهين پاڻ به سٺو ميڪ اپ ڪري سگهو ٿيون
شخصيت ۾ انفراديت پيدا ڪرڻ جي خواهش هر انسان ۾ هوندي آهي. سينگار ته عورتن جي هونئن به ڪمزوري آهي.
ڏينهن جو ميڪ اپ:
سامان: فائونڊيشن، پين اِسٽڪ، بِلش آن، ڪلينزنگ ڪريم، اسڪن ٽانڪ، مسڪارا، لِپ اِسٽڪ، آءِ برو پينسل، ڊسڪو پينسل، ڪلر فائونڊيشن.
ميڪ اپ ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪلينزنگ ڪريم سان چهري ۽ ڳچيءَ کي چڱيءَ طرح صاف ڪريو. چهري کي خشڪ ڪرڻ کان پوءِ چهري تي فائونڊيشن پين اِسٽڪ هڻو ۽ آڱرين سان چڱيءَ طرح چهري جي چمڙيءَ ۾ جذب ڪريو.
بِلش آن:
جيڪڏهن ٻُوري/پائوڊر جي شڪل ۾ هوندو ته گهڻي دير هلندو. بِلش آن اک جي هيٺان هڏي تي هڻڻو آهي.
آءِ بِرو پينسل:
اکين جي ميڪ اپ کان پهرين آءِ بِروز درست ڪري وٺو. جيڪڏهن گهڻو سنها هجن ته برائون پينسل سان انهن کي درست ڪري شيپ ڏيو.
آءِ شيڊو:
ڏينهن جي ٽائيم آءِ شيڊو لائيٽ ڪلر ۾ استعمال ڪريو. پائوڊر جي شڪل ۾ بهتر رهندو.
مسڪارا:
مسڪارا استعمال ڪرڻ وقت تمام گهڻي احتياط جي ضرورت هوندي آهي. پهرين مٿين پنبڻن تي هڻو ۽ پوءِ هيٺين تي. مسڪارا هڻڻ سان پنبڻ گهاٽا نظر ايندا.
لِپِ اسٽڪ:
جنهن رنگ جي لِپ اِسٽڪ توهين استعمال ڪري رهيون آهيو، انهيءَ رنگ جي ٿلهي لِپ پينسل سان چپن جي آئوٽ لائين ٺاهيو. پوءِ لِپ بُرش جي مدد سان لِپ اِسٽڪ انهيءَ آئوٽ لائين جي اندر احتياط سان هڻو. ڏينهن جو هلڪي رنگ جي لِپ اِسٽڪ خوبصورت تاثر ڏئي ٿي.
ميڪ اپ جي معياري شين جي لسٽ:
1. لوز پائوڊر
2. فائونڊيشن
3. مسڪارا
4. آءِ لائنر
5. آءِ شيڊز
6. لِپ اِسٽڪ لائينر
7. لِپ اِسٽڪ
8. مختلف سائيز جا بُرش
9. اِسپنج
10. بِلش آن
11. بِلش آن جي لاءِ وڏو بُرش
12. فيس پائوڊر
13. آءِ بِرو پينسل
14. لائيٽ ڪلر جي نيل پالش
15. ڪلينزنگ ڪريم
نصرت لاشاري
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري
ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين
(ڀارت جو سفر نامو) حصو ٻيو
امر هوٽل ۾ سڀئي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي ٿانيڪا ٿيا، آءٌ ۽ ماهين هيسباڻي روم نمبر 210 الاٽ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجون بيگون هوٽل اسٽاف جي ڇوڪرن کان کڻائي پنهنجي ڪمري ۾ پهتيونسين، مينهن جو سلسلو ساڳي رفتار سان جاري هو، ڪرول باغ جو علائقو نئين دهليءَ جي بلڪل وچ ۾ آهي، جيئن ڪراچيءَ جوصدر آهي، ائين، هوٽل جي ٻنهي پاسي PCO هئا، سامهون باغ هو، باغ سان گڏ گهٽيءَ ۾ باندرا بازار هئي، جتي شاپنگ لاءِ هر طرح جو سامان موجود هو. اها معلومات اسان هيلپر ڇوڪري کان ورتي، ڪلاڪ کان پوءِ رسيپشن تان فون وڄڻ شروع ٿيا، ته سريش صاحب جي گهر وڃڻ لاءِ گاڏيون تيار آهن، سڀ لهي اچو.
هميشه ڇوڪرين لاءِ چئبو آهي ته دير ڪنديون آهن، پر اسين ان روايت کي ٽوڙيندي جلدي تيار ٿي هيٺ لهي آيونسين. سڀ تيار بيٺا هئا روانگيءَ لاءِ، پنجن پجارو گاڏين ۾ سوار ٿي، سريش ڪيسواڻيءَ جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين، حسين شاهه راشدي، امداد حسيني ۽ شوڪت شورو ويٺا. دهليءَ جي رستن تان گذرندي آسپاس جن جن جاين کي ڪراس پئي ڪيوسين، انهن کي توجهه سان پئي ڏٺوسين، جيئن هڪ ديس کان ٻئي ديس وڃڻ وارا اڪثر ڪندا آهن. چوواٽا ڏاڍا ڪُشادا ۽ سُهڻا ٺهيل هئا. ڪٿي وڏا، ڪٿي ننڍا، ٽريفڪ به ڪراچيءَ وانگر گهڻي هئي، پر ٽريفڪ پوليس وارا تمام گهٽ نظر پئي آيا، پر پوءِ سگنل تي سڀني صبر سان بيهي پنهنجي سگنل کلڻ جو انتظار پئي ڪيو، ڊرائيور ٻڌايو ته هتي جيڪڏهن ڪو سگنل ٽوڙي به وڃي ته پوليس ان مهل ڪابه ڪارروائي نه ڪندي، انڪري جو متان کيس ڪا ايمرجنسي هجي! ان جو بس نمبر نوٽ ڪري کيس گهر جي ايڊريس تي چالان موڪلبو آهي.
اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيوِ کان پوءِ ڊرائيور ٻڌايو ته ساڄي هٿ تي نظر ايندڙ ميدان ۾ گانڌي خاندان جون سماڌيون آهن، جن ۾ مهاتما گانڌي، اندرا گانڌي ۽ راجيو گانڌي شامل آهن. اندرا ۽ راجيو ڀارت جا وزيراعظم رهي چُڪا آهن، جن مان اندرا گانڌيءَ جو موت سندس ئي سيڪيورٽي عملي جي هڪ سِک پاران ٿيو ۽ سندس پٽ راجيو گانڌيءَ جو موت هڪ جلسي ۾ خودڪش حملي ۾ ٿيو. سندس سياسي قتل 1991ع ۾ ڪيو ويو، اندرا گانڌي ذوالفقار علي ڀُٽي جيان پنهنجي ملڪ توڙي انٽرنئشنل سياست جو هڪ اهم ڪردار هئي، مرڪ واري مُکڙي تي سدائين رونق هوندي هيس، اندرا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ٻئي ننڍي کنڊ جا اهڙا سياستدان هئا جن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن جون واڳون ان مهل سنڀالڻ لاءِ مليون، جڏهن سندن ملڪ انتهائي ڏکئي وقت مان گذري رهيا هئا، ان وقت هنن باشعور ليڊرن سياسي سمجهه کان ڪم وٺندي وقت جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، تمام اهم فيصلا ڪيا، جن ۾ سڀني کان اهم شملا معاهدو (2 جون 1972ع) ۽ پاڪستاني فوج جا جنگي قيدي (جن جو تعداد 93000 هزار) هو.
ڏکڻ ايشيا جي هنن ٻين ليڊرن جي ڪوششن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگين لڳڻ جو سلسلو بند ٿيو ۽ ٻئي ملڪ سٺن پاڙيسرين جيان پنهنجو ناتو نڀائڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪشمير مسئلو گڏوگڏ هلندو رهيو.
اٽڪل چاليهن منٽن جي ڊرائيوِ کان پوءِ ڪيسواڻي هائوس دهلي پُهتاسين. مينهن تيز ٿي چڪو هو، ڪيسواڻي هائوس کي سهڻي نموني لائيٽنگ سان سجايو ويو هو. هڪ هزار گز جي ڊبل اسٽوري بنگلي جي هيٺئين پورشن ۾ ڪيسواڻي صاحب جي آفيس ۽ مٿي رهائش هئي. اسان لاءِ مانيءَ جو بندوبست هيٺ ٿيل هو ۽ مٿي راڳ جي محفل متل هئي، هتي اسان کي مسٽر ۽ مسز سچديو، سريش ڪيسواڻي، ديپڪ، سندراگناڻي، اُما لالا، رينوادناڻي، مايا راهي، ڪرشن راهي، گيهاڻي ۽ ٻيا اديب مختلف شهرن مان اسان سان ملڻ آيا هئا. مانيءَ ۾ ڪيترائي گوشت ۽ سبزين جا طعام هئا، سلاد ۽ ڪولڊ ڊرنڪس هيون، چڪن جا ڪباب ۽ پالڪ پنير، پوريون، دال وغيره موجود هئا، هن ملاقات ۾ اسين سڀ هڪٻئي سان تعارف ڪرائڻ ۾ مصروف هئاسين. تقريباً ساڍي يارهين لڳي اسان جي واپسي هوٽل ڏانهن ٿي، اُتي پهچندي اهو ٻڌايو ويو ته سڀاڻي منجهند جو گيهاڻيءَ آفيسرز ڪلب ۾ اسان جي دعوت ڪئي آهي. صبح جو نائين کان ٻارهين تائين جنهن کي شاپنگ ڪرڻي هجي يا ڪو پنهنجو ڪم ڪار هجي ته ڪجو. اسين گاڏي هٿ ڪري صبح جو ڏهين بجي اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيوِ ڪري پالڪي بازار روانا ٿياسين. هيءَ بازار شهر جي وچ ۾ هئي. مٿان سائي پهاڙي. ان پهاڙيءَ ۾ اندر ڏهه پندرهن ڏاڪا لهي وڃي جو ڏسون ته ڇا ته حسين بازار هئي! اُتي مون کي بابا وڏي (منهنجي ڏاڏي محمد حسن لاشاري) جون ننڍپڻ ۾ ٻڌايل ڪهاڻين ۾ پرستان جي پرين جي ڪهاڻي ياد آئي، مُرڪي پيس. ماهين چيو ”ڇا ٿيو؟“ کلي چيومانس ”هتان جون پريون سڀئي بنان ٻانهن جي ڪپڙا ٿيون پائين ۽ رنگ جون به سانوريون آهن، بازار ۾ دڪانن ٻاهران ڏاڪڻين وٽ ننڍا ننڍا مندر هئا، ڀڳوان جي سامهون ڪافور جو دونهون ڪيو ويو هو، هر مذهب ۾ صبح جي شروعات ڌڻيءَ جي نالي سان ڪبي آهي، جيئن اسان وٽ صبح جو ياسين شريف پڙهي گهران نڪربو آهي. هتي پوڄا پاٺ ڪري ڀڳوان کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي، هتان جا دڪاندار وڏا ٺڳ هئا، هر شيءِ جي قيمت ٻيڻي پئي ٻڌايائون. مون ٻه ساڙهيون ورتيون. پروين راڄپر، ممتاز ڀٽو، شبنم موتي ۽ ماهين به ٿوري شاپنگ ڪئي، شاپنگ انڪري به گهٽ ڪئي، جو اڃا اسان کي بمبئي ۽ حيدرآباد دکن مان شاپنگ ڪرڻي هئي، پر پوءِ به اسان ماين کان وڌيڪ ساڙهيون حُسين شاهه راشديءَ ورتيون. اسان کلي کيس تنگ ڪرڻ لڳاسين ”ايڏيون ساڙهيون ڪنهن جي لاءِ آهن؟“ راشدي صاحب مخصوص مُرڪ مُرڪندي جواب ڏنو ”بس ابا ٻچڙيوال آهيون.“ ائين مختصر شاپنگ ڪري هوٽل واپس پُهتاسين ته دعوت ۾ وڃڻ لاءِ سڀئي تيار هئا، اسان به ڪمري ۾ وڃي ڏهن منٽن ۾ فريش ٿي هيٺ پهتاسين. سڀئي گاڏين ۾ سوار پئي ٿيا، آفيسرز ڪلب دهليءَ جي پوش علائقي ۾ هئي، جن رستن تان گذر ٿيو، اُتي دهلي گورنمينٽ جي وزيرن جا سرڪاري بنگلا هئا. ٻنهي پاسي تمام ڪُشادا روڊ، ساوا چهچ وڻ، شهر جي سونهن کي سوايو ڪري رهيا هئا. اسان جي اڳيان اڇي Foxy ڪار پئي ويئي، خبر پئي ته ايڏي ماڊرن دؤر ۾ به هتان جا وزير مشير توڙي پارليامينٽ جا ميمبر انهن گاڏين کان سواءِ، ڪنهن ٻيءَ لگزري گاڏيءَ ۾ سفر نه ٿا ڪري سگهن، سرڪاري عهدي تان لهڻ کان پوءِ سندن مرضي. خان مارڪيٽ کان اڳيان خوبصورت چَوواٽو ٽپياسين ته هڪ گهر تي ”راجيو گانڌي نِواس“، لکيل بورڊ تي نظر پئي. مون کان رڙ نڪري ويئي. راجيو گانڌيءَ جو گهر! سڀني جو ڌيان ان پاسي ڇڪجي ويو. دعوت ۾ اسان کي ويلڪم ڪيو ويو. گيهاڻي صاحب تمام وڏو انڊسٽريلسٽ آهي. ڀارت چيمبرس آف ڪامرس جو ميمبر ۽ دهليءَ جو تمام ائِڪٽِوِ سنڌي آهي. پاڻ ڀارت مان پاڪستان آيل وفد ۾ به شامل هو. مان پاڻ سان اسٽل ڪئمرا سان گڏ هئنڊي ڪئمرا به ريڪارڊنگ لاءِ کڻي ويئي هئس. عاليشان دعوت کان پوءِ فوٽو گرافي ڪري اتان اسان لاءِ رشين ڪلچرل سينٽر ۾ تعارفي شروعاتي پروگرام رٿيل هو، اُتي پهتاسين. هال ۾ هزار ماڻهن جي گنجائش هئي، اسان مهمانن لاءِ هڪ پورشن ريزرو ٿيل هو. هتي دادا هري موٽواڻي سنڌي ”ڪونج“ رسالي جو ايڊيٽر ۽ سنڌ جو سچو عاشق، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، رام ڄيٺملاڻي (جيڪو پارليامينٽ جو ميمبر ۽ قانوني ماهر هجڻ سان گڏوگڏ ايل ڪي آڏاوڻيءَ جو ويجهو دوست پڻ آهي) هن پروگرام ۾ خاص مهمان هو. پروگرام جو سلسلو اسٽيج جي کاٻي پاسي رکيل ميڻ بتيون ٻاري ڪيو ويو. اسٽيج تي اسان جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ قمر شهباز، سريش ڪسواڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻين کي ويهاريو ويو. اسان مهمانن تي گلن جي ورکا ڪئي ويئي. سنڌي اڪئڊمي دهليءَ جي مينو سهڻي بليو ساڙهيءَ ۾ سندر پئي لڳي. اُن سڀني مهمانن کي ڳاڙهي رنگ جون چُنريون پارايون. ان کان پوءِ امداد حسيني شاعري ٻُڌائي. تقريرن ۾ جيڪا سڀني کان اهم هئي اها رام ڄيٺملاڻيءَ ڪئي، سنڌين لاءِ چيائين ته ”اسين دنيا ۾ ڪٿي به هجون، ڪيڏي به ترقي ڪري وڃون، جيستائين اسان مان چڙهت، چغلي، ۽ گلا ڪرڻ جي عادت ختم نه ٿيندي، تيستائين اسان ڪا به ترقي نه ٿا ڪري سگهون.“ رام جِي جيئن ته مڃيل وڪيل آهي، سنڌ مان گهڻي دير سان لڏي ويو هو، سندس تقرير جو فن ڏاڍو امپريسو (Impressive) هو. هتي رتنا گوديا سان ملاقات ٿي هئي، هيءَ مردن جهڙي مائي هئي، بولڊ ڏسڻ ۾ به هئي ته پنهنجين لکڻين ۾ به. (هن جي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“ ”سرتيون“ ۾ هلي رهي آهي).
پروگرام ختم ٿيو ته سڀئي چانهه پيئڻ لاءِ گڏ ٿياسين. هتان واندا ٿي اسين دهليءَ جي سي ايم شريمتي شيلا ڊڪشٽ جي گهر ڊنر تي وڃڻ لاءِ گاڏين ۾ سوار ٿياسين. دهليءَ جي مختلف رستن تان ٿيندا سي ايم هائوس جي عاليشان بلڊنگ جي گيٽ تي اچي بيٺاسين. گيٽ جي ٻاهران پوليس جو ڪو به گشت نظر نه آيو. گيٽ کان اندر سيڪيورٽي عملو موجود هو. هن دعوت ۾ اسان سان هند جا اديب ريٽا شاهاڻي پوني مان آئي هئي، مايا راهي، ڪرشن راهي، سندر اگناڻي ۽ ٻيا به اُت موجود هئا. فرسٽ فلور تي ڪُشادين گهٽين ۽ ڏاڪڻ مان ٿيندا هڪ وڏي هال ۾ داخل ٿياسين، اسان سان گڏ فنڪارن کي فني جوهر ڏيکارڻ جو اهم موقعو مليو، سونيا ڪنول ۽ نرما ڪنول جون سنڌي ڀرت ڀريل ڊريسون سڀني لاءِ ڏاڍيون پرڪشش پئي لڳيون، مظهر حسين ۽ ذوالفقار علي ۽ برڪت عليءَ پنهنجي فن جو عاليشان مظاهرو ڪيو. ايتري ۾ شريمتي شيلا ڊڪشٽ آئي. اسان سڀني جو ساڻس تعارف ڪرايو ويو، سنهڙي، ننڍي قد جي دهليءَ جي سي ايم پيلي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هئي. ڏاڍي سهڻي ڍنگ سان اسان کي کيڪاريائين. اسان سان فوٽو گرافي ڪرائي. ڪلاڪ کن اسان کي اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ هلي وئي. ڊنر ۾ بيهن جو ٻوڙ، تريل ڪريلا، پالڪ، پنير، چانور، چڪن ڪباب، فريش جوس، سلاد ۾ رشين سلاد ۽ ٻيون ڊشز موجود هيون، پر کائبو ايترو ئي هو جيتري گنجائش هئي. ڪباب Serve ڪرڻ لاءِ ويٽرز موجود هئا، رات جو اٽڪل ٻارهين بجي ڪرول باغ جي علائقي ڏانهن روانا ٿياسين.
صبح سان اُٿي تيار ٿي ناشتو ڪري آءٌ ويڻا شرنگيءَ کي فون ڪرڻ لڳيس ته جيئن سندس مدد سان ڀارت جي سينيئر صحافي ڪلديپ نيَر کان انٽرويو لاءِ ٽائيم وٺي سگهان، سندس موبائيل بند هو. گهر واري نمبر تان ڪنهن ٻڌايو ته پروگرام ۾ ويل آهي. پوءِ دادا هيرو ٺڪر کي فون ڪري کيس عرض ڪيم ته ڪُلديپ نيَر کان ٽائيم وٺي ڏي. ٿوري دير کان پوءِ دادا هيرو فون ڪئي ته منجهند جو ٻارهين وڳي جو ٽائيم مليو آهي، ان مهل ساڍا نَوَ پئي ٿيا. هوٽل مان ڪانفرنس لاءِ روانا ٿياسين، جنهن علائقي ۾ اها بلڊنگ هئي ان جي آسپاس WWF انڊيا، IUCN انڊيا ۽ ٻين Ngos جون آفيسون هيون.
علائقو دهليءَ جو ڊفينس پئي لڳو. خان مارڪيٽ وٽان گذرياسين، جيڪا آچر جي ڪري بند هئي. ڪانفرنس جي شروعات اٽڪل ساڍي ڏهين وڳي ٿي. سڀني اديبن پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرايو، پوءِ ان سيشن جي خاص مهمان حميد سنڌي صاحب کي اسٽيج تي ويهڻ جي دعوت ڏني ويئي. قمر شهباز ۽ سريش ڪيسواڻي ”سنڌي مهااُتسو“ پاران ڪرايل ڪانفرنس ۾ سنڌي ميڊيا ۽ ان سان درپيش ايندڙ مسئلا ۽ انهن جي حل تي پنهنجا ويچار ونڊيا. ايتري ۾ حميد ڀٽي اچي نياپو ڏنو ته ٻاهر هيرو ٺڪر توهان جو انتظار پيو ڪري، آءٌ پنهنجو بيگ کڻي تڪڙي ٻاهر نڪري آيس، اتان ڪلديپ نيَر جو گهر ڪلاڪ جي ڊرائيوِ تي هو. ايڊريس دادا هيري وٽ هئي، ”وسنت وِهار“ جو علائقو گلشن اقبال جي بنگلن واري علائقي جيان هو. ڏاڍي ڳولهڻ کان پوءِ اچي ڪلديپ نيَر جي گهر ادا حميد ڀٽو، علي اڪبر ۽ عارف گاد ڪئمرامين، دادا هيرو سان جيئن ڪلديپ صاحب جو در ٽپياسين ته سندس ملازم اسان کي ڊرائنگ روم ڏانهن وٺي ويو. رستي ۾ ننڍڙو ڪمرو هو، جتي صوفي تي اسان جو انتظار ڪندي ڪلديپ صاحب کي ننڊ اچي ويئي هئي. اسان جو آواز ٻڌي اُٿي پيو. سلام ڪيومانس، سلام جو جواب ڏيندي چيائين ”ٻه ڏينهن اڳ هرنيا جو آپريشن ڪرايو اٿم، طبعيت ٺيڪ ناهي، پر خبر پئي ته سنڌ پاڪستان مان هڪ صحافيءَ جي ڌيءَ انٽرويو ڪرڻ ٿي چاهي ته آءٌ منع نه ڪري سگهيس.“ ان ڳالهه کان پوءِ سندس شخصيت مون لاءِ وڌيڪ معتبر ٿي پئي. ايتري ۾ سنڌ ٽي وي جا ڪئمرامين ريڪارڊنگ لاءِ پنهنجون ڪئمرائون ۽ لائيٽنگ سيٽ ڪرڻ لڳا. ڪلاڪ کن جو انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪلديپ صاحب کان موڪلايو. مون دادا هيرو کي چيو ته واپس ان رستي کان هلجو، جتان پاڪستان ايمبسي ڏسي سگهجي، ان تي داد کلي پيو، ٿوري دير ۾ ئي اسان دهلي گيٽ ڪراس ڪري ايمبيسيز جي علائقي ۾ داخل ٿياسين، هن رستي جي ٻنهي پاسن کي گاهه جي سائي ويڪري پٽين سان سجايو ويو هو. عاليشان ڪُشادو روڊ جنهن جي ٻنهي پاسي مختلف ملڪن جا سفارتخانا هئا، ساڄي پاسي جپان جي سفارتخاني جي ڀرسان پاڪستان جو سفارتخانو هو. ڏاڍي آرٽسٽڪ مين گيٽ تي بليو ڪلر جو قبو ٺهيل هو، جنهن جي بلڪل وچ تي پاڪستان جو جهنڊو لڳل هو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پندرهن ويهن ملڪن چائنا، جرمني، فرانس، پاڪستان، جپان، برطانيا، آمريڪا، نيوزيلئنڊ، يو اي اي، اٽلي، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جون هاءِ ڪميشن ڏسي حيرت به ٿي ۽ ڏاڍو سٺو به لڳو. ڪراچيءَ ۾ رشيا جي ايمبسي باٿ آئلئنڊ ۾ آهي، ته سعودي ڊفينس ۾، ته آمريڪن ايمبسي ميرٽ روڊ تي، سڀ سفارتخانا مختلف علائقن ۾ آهن، ان رستي تان مون ڪئمرا ڪڍي پاڪستان هاءِ ڪميشن ريڪارڊ ڪرڻ چاهيو. اڃا ٿوري ريڪارڊنگ ڪيم ته سيڪيورٽي گارڊز ۽ ٻيا پوليس اهلڪار مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ لڳا. سو هڪدم ڪئمرا بند ڪرڻي پئي.
دادا هيرو اسان کي لنچ ٽائيم تي اچي ڪانفرنس هال ۾ ڊراپ ڪيو، لنچ ڪري وري سڀ ڪانفرنس روم ۾ آياسين ته ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت قمر شهباز جي هئي ۽ خاص مهمان شمشيرالحيدري هو. اسپيڪرز ۾ آءٌ ۽ تاج بلوچ هياسين، تاج بلوچ کان پوءِ مون ڳالهايو. ان کان پوءِ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، پنجين بجي ڌاري ڪانفرنس پوري ٿي ته اسان جو ٻيو پروگرام ساڌو واسواڻي سنڌي اسڪول دهليءَ ۾ رکيل هو. اسان کي ٽڪريءَ تي ٺهيل هن اسڪول جي عمارت گهمائي وئي. عاليشان بلڊنگ جي سڄي انتظاميا سنڌين پئي هلائي. ڪلاس رومس جي ٻاهران هر ڪلاس جو نمبر ۽ ڊانس جا ڪلاس هئا ته ان جي ٻاهر واري ديوار تي ڊانس ڪندڙ نرتڪين جا فوٽو هئا، هن اسڪول جو ميڊيم انگريزي آهي، پر پوءِ به هتي سنڌي هڪ سبجيڪٽ طور پڙهايو وڃي ٿو. پر اها سنڌي اسان ڪونه سمجهون! ان لاءِ جو ان جو اسڪرپٽ ديوناگريءَ ۾ آهي. ان بلڊنگ جو نظارو اسان شام جو ڪيو. ان مهل بلڊنگ خالي هئي، پر اسڪول جي ٻاهران ڇهه ست بسون مختلف شهرن مان ڀرجي آيو هيون، جن اسان کي ڀليڪار به چئي ۽ ميوزيڪل ايوننگ، جيڪا پڻ ”سنڌو مهااُتسو“ ۽ سنڌي اڪئڊمي دهلي پاران رٿي وئي هئي، ان جو آغاز ڪرڻ لاءِ جيئن ئي آءٌ هال ۾ داخل ٿيس ته شريڪانت ڀاٽيا مائيڪ تي منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته ”هن ميوزيڪل شام جي ڪمپيئرنگ نصرت لاشاري ڪندي.“ بنان ڪنهن نوٽيس جي هي سڏ عجيب لڳو، پر پوءِ به نڀائي ويس. اڌ پروگرام کان پوءِ ماهين هوٽل کان اچي پُهتي ته ان کي به سڏي ورتم ته اچي پنهنجو ڪم سنڀالي. پروگرام جي باقي ڪارروائي ان هلائي. اتان وري اسان کي شري رام ڄيٺملاڻيءَ جي گهر ڊنر تي وڃڻو هو. تقريباً نوين وڳي ڄيٺملاڻي هائوس پُهتاسين. عاليشان دعوت ۽ اسان وارن فنڪارن کي ڳارائڻ لاءِ هڪ اسٽيج ٺهيل هئي. هن دعوت ۾ ريلوي منسٽر لالوپرساد يادَو، صحافي، پارليامينٽ ميمبر شري ڄيٺملاڻيءَ جي تمام ماڊرن ڌيءَ شيبا به هئي، تمام هاءِ ڪيليبر جي ماڻهن جي دعوت جو آغاز ميوزڪ سان ڪيو ويو، جنهن ۾ سجاد يوسف، صائمه منظور، سونيا، نرما، صادق فقير، برڪت علي ۽ ذوالفقار سريلا راڳ ٻڌائي لالوپرساد کي به جهومائي ڇڏيو، لالوپرساد ڏاڍو ڪو مقبول هو. سڀئي ان سان فوٽو گرافي ڪرائڻ ۾ مشغول هئا. هڪ پاسي فريش جوس ۽ اسٽاٽر ڪباب پئي سروِ (Serve) ٿيا ته ٻئي پاسي ميوزڪ ۽ سنڌي راڳ تي انڊين اديبن ڪرشن کٽواڻي جيڪو ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ جهڙي اهم ڪتاب جو ليکڪ آهي، واس ديو موهي، دهلي پريس ڪلب جا ميمبر جن مان پرڪاش جي سان شريڪانت منهنجو تعارف ڪرايو. ان پڇيو ته ڇا ڪشمير مسئلو حل ٿيندو؟ مون چيو ته ڪشمير مسئلو جيڪڏهن انڊيا ۽ پاڪستان حل ڪرڻ چاهين ته بلڪل ٿي ويندو. پر هڪ ڳالهه اهم آهي ته هينئر گهٽ ۾ گهٽ خون خرابو ڪشمير ۾ بند ٿيڻ کپي، جيڪو ڪشميرين جي Basic Human Rights ۾ شامل آهي.
هن دعوت ۾ ڏيڍ سَو ڊشز رکيل هيون، پنجويهن قسم جا سلاد، اُتي ئي ڪباب پئي ٺهيا ۽ سروِ (Serve) ٿيا. دوسا، ساڳ، سڄي دنيا جي کاڌن، چائنيز کان وٺي پاڪستاني، انڊين، رشين نه ڄاڻ ڪهڙن ملڪن جا ڪهڙن قسم جا کاڌا، ڪسٽرڊ، قُلفيون، پوڊنگز، چانور، ڪشميري ڊشز جا اسٽالز لڳل هئا. مان، آپا ممتاز ۽ ادا اسحاق تنيو گڏجي ان سڄي پوزيشن جو جائزو وٺي آياسين ۽ هڪٻئي کي ڏسي کلي چيوسين ايڏيون شيون آهن، ڇا کائجي؟ شروعات سلاد کان ڪئيسين، ٻي به هڪ ٻه سبزيءَ واري ڊش ٽيسٽ ڪئي ته پيٽ ڀرجي ويو. ٻين شين کي ٽيسٽ ڪرڻ جي حسرت رهجي ويئي! اهڙيءَ ريت اسان جي زندگيءَ جي هيءَ عاليشان دعوت پُڄاڻيءَ تي پهتي ۽ اسان هوٽل روانا ٿياسين.
هي اسان جي زندگيءَ جو مصروف ترين ڏينهن هو، جنهن جو هڪ هڪ منٽ ڪم سان گذريو. آءٌ به ڏاڍي پرسڪون هيس، جو گهران ڪلديپ نيَر جي انٽرويو لاءِ سوالنامو ۽ سندس متعلق پڙهي نڪتي هيس. سو اهو ڪم به خوش اسلوبيءَ سان پورو ٿيو. صبح لاءِ ڪپڙا ڪڍي ماهين سان ڳالهائيندي نه ڄاڻ ڪيڏي مهل ننڊ اچي ويئي. خبر ئي نه پئي. صبح جو اٺين وڳي انٽرڪام گهري ننڊ مان اُٿاريو. ماهين ڄاڻي واڻي اهڙي پاسي سُتي جنهن پاسي لئمپ رکيل هو. ننڊ مان اُٿڻ جي به ڏاڍي ڏکي، پر اُٿي وڃڻ کان پوءِ فٽافٽ تيار هوندي هئي. نائين بجي تائين تيار ٿي اچي ناشتو ڪيوسين. ان کان پوءِ وري ٻئي ڏينهن جي پهرئين سيشن لاءِ ڪانفرنس هال ۾ داخل ٿياسين. منجهند جي مانيءَ تائين ڪانفرنس پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتي. منجهند جي ماني اُتي ئي کاڌيسين. منجهند جو واپس هوٽل وڃي سامان جي پيڪنگ ڪرڻ شروع ڪئيسين، جو رات جو لکنؤ روانو ٿيڻو هو. سامان جيڪو پاڻ سان کڻي وڃڻو هو، اهو الڳ ڪيوسين ۽ ٻيو سامان هوٽل جي اسٽور ۾ رکرايو ويو. هوٽل ٻاهران ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ اچي چڪي هئي جنهن ۾ سوار ٿي اسان کي انيلا سندر ۽ سندس ڌيءَ رچنا جو بيلي ڊانس پروگرام اٽينڊ ڪرڻو هو. ڪوچ ۾ سوار ٿي اسين هڪ عاليشان بلڊنگ جي آڊيٽوريم ۾ داخل ٿياسين. هال ۾ ٻه هزار ڪرسيون رکيل هيون، جيستائين پروگرام جي شروعات ٿئي هتي موجود ماڻهن سان هڪ هڪ ڪري سڀني ميمبرز کي پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو ويو. هر دفعي تعارف انڪري پئي ڪرائڻو پيو، جو اسان سان گڏجڻ لاءِ، دهليءَ کان سواءِ انڊيا جي ٻين علائقن مان به سنڌ مان اٺونجاهه سال اڳ لڏي ويل سنڌي ملڻ پئي آيا. کين پنهنجا شهر، گهر، گهٽيون ۽ ڳوٺ ياد هئا. اُتي ٻه بزرگ اچي مون سان مليا. پڇيائون ”ڪهڙي شهر جي آهين؟“ مان چيو ”لاڙڪاڻي جي!“ اهو ٻڌي لاڙڪاڻي مان لڏي ويل دادا موهن جو منهن مهڪي پيو. ٻئي چيو ”مان ٺارو شاهه مان ميٽرڪ ڪئي، پوءِ اسان جي لڏپلاڻ ٿي ۽ اسان کي سنڌ ڇڏڻي پئي!“ ائين چوندي هو ڍنڍڪرون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ مون کي به روئاري وڌائين.
ٿوري دير ۾ ئي اسٽيج تان پردو کڄي ويو ۽ بيلي شروع ٿيو. هن ڊرامي جي ڊائريڪٽر انيلا سندر ۽ سندس ٽيم خاص اسان لاءِ هي ڊرامو ڪرڻ بمبئيءَ مان آيا هئا. هن ڊرامي جو اسڪرپٽ ٻن مهينن جي ريسرچ سان دادا سُندر اگناڻيءَ (جئپور واري) ۽ سندس هڪ ٻئي ساٿيءَ جيڪو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر هو (سندس نالو وسري ويو اٿم) ان لکيو هو. هن ۾ سنڌ جي ڪهاڻي هئي ۽ اها ڪهاڻي ”وقت“ ٻڌائي ٿو، پنهنجي پڙاڏجندڙ آواز ۾. سنڌ ڪڏهن کان سرجي، هن ڌرتيءَ جي گولي تي سنڌ جو وجود ڪڏهن کان سنڌ سڏجڻ لڳو، سنڌو درياهه ان جي اهميت، مختلف حڪمرانن پاران سنڌ تي ڪاهون، سومرن، سمن، ڪلهوڙن، راجا ڏاهر، ٽالپرن جو دَور، شاهه عبداللطيف جي شاعري، ان جون سورميون، پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ لڏپلاڻ! وقت جي مختلف وهڪرن مان وهندڙ سنڌ اڄ ڪٿي بيٺي آهي؟ هن نرت ناٽڪ ذريعي ان کي ڏاڍي سهڻي نموني پيش ڪيو ويو هو. مون پنهنجي هئنڊي ڪئمرا سان ريڪارڊنگ ڪئي، هن نرت - ناٽڪ جي Duration ٻه ڪلاڪ هئي. ڊرامي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان سڀني مهمانن کي ڪلاڪارن سان ملايو ويو ۽ فوٽو گرافي به ڪئي وئي. اتان واندا ٿي اسين ڪوچ ۾ سوار ٿي، لکنؤ لاءِ دهليءَ مان روانا ٿياسين.
ساڳئي ڏينهن تي منجهند جو مرزا غالب ۽ امير خسرو جي مزار تي به حاضري ڀريسين. هنن وڏن شاعرن جي مزارن تي ميلي جهڙو سمان هو، جتي قبرون ٺهيل هيون، ان جي اندر عورتن جو وڃڻ منع هو. دل ۾ سوچيم ته مرزا غالب عورت جي حُسن جو پوڄاري هو. هيءَ پابندي سندس روح لاءِ پريشان ڪندڙ هوندي. اسين ٻاهران ئي قُل پڙهي موٽي آياسين. (هلندڙ)