arnizamani's picture
Upload 93 files
001f785 verified
Raw History Blame Contribute Delete
240 kB
ڪتاب جو نالو: سرتيون 2006ع
سرتيون آگسٽ 2006ع
گلبدن جاويد
سرتيون شاهه لطيف چئي:
آيا آسَ ٿِيامِ ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
پَسي پَهَرَ پُنهونءَ جي، نَنهَن سيِئَن نيڻَ ٺَرِيامِ،
گوُندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيوُن.
[سُر حسيني 6-1]
سوچ ويچار
تجزئي نگارن جو خيال آهي ته 21 صدي عورت جي حقن جي صدي آهي. پر ڇا عورت پنهنجا حق حاصل ڪر سگهي آهي، يا عورت پنهنجا حق وٺي ڄاڻي ٿي، انهيءَ پس منظر ۾ ڏٺو وڃي، ته هڪ پاسي عورتون زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڏاڍي سهڻائي ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن - خوش قسمتيءَ سان سنڌ جي نياڻين ۾ تعليم جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جيڪا ملڪي ۽ سماجي ترقي لاءِ هڪ مثبت ڳالهه آهي، حقيقت ۾ سنڌ جي عورت جو ڇوٽڪارو تعليم جي حاصلات ۾ آهي. نياڻي پڙهيل ڳڙهيل هوندي ته سندس زندگي خوشگوار ۽ ڪامياب گذرندي. ڇو ته باشعور نياڻي ڪڏهن به زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي دوکو نه کائيندي. ڇو چيو اٿن ته ”علم انسان جي ٽين اک آهي.“ ڇاڪاڻ ته علم ماڻهوءَ کي سندس فرضن ۽ حقن جي آگاهي ڏئي ٿو، ۽ زندگيءَ جو سليقو سيکاري ٿو ته وقت ۽ حالتن جي نزاڪت سان سماج ۾ پنهنجو وقار ڪيئن قائم رکجي. شعور کان وانجهيل ماڻهو نه فقط پاڻ لاءِ پر پوري سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو. بلڪ انسانذات لاءِ ناسور بڻجيو وڃي. انڪري ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ پنهنجي ٻچن جي تعليم تي ڌيان ڏجي خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي. ڀينرون، نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگاريون ۽ سنواريون ته جيئن اُهي ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ مضبوط سهارو بڻجي پون. ڇو ته عورت نالو آهي امن، محبت، ايثار، قرباني، امن آشتي ۽ شانتي ۽ سڪون جو. جڏهن نياڻين گهڻائيءَ ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿينديون ته پوءِ ڪير به سندن وار ونگو ڪري نه سگهندو! ۽ سماج ۾ ”ڪاروڪاري“، ”بدي جون شاديون“، ”بي جوڙ شاديون“ ڪرائڻ جهڙا ڪَلَور نه ٿيندا! پنهنجي پيرن تي بيٺل باشعور ڇوڪريءَ جي حقن کي ڦٻائڻ جي ڪنهن کي جرئت ٿيندي! پاڻي هميشه هيٺانهينءَ کي ٻوڙيندو آهي. اڄڪلهه نصرت جويو جهڙين سچين، سٻاجهڙين، سلڇڻين نياڻين جون زندگيون، ان ڪري برباد آهن جو اهي تعليم جهڙي مضبوط هٿيار کان وانجهيل آهن، پيار محبت هڪ فطري عمل آهي، پر ننڍي وهيءَ ۾ مائٽڻ کي رنجائي پنهنجيءَ مڃائڻ جي عمل جو نتيجو آخرڪار ناڪاميءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو. جڏهن مرد کي محسوس ٿئي ٿو ته عورت جو هاڻي ڪو اوهي واهي ناهي ته پوءِ اهو مرد، پنهنجي وَنَي لاءِ ور مان ڦري ويري ٿي پوي ٿو ۽ کيس پير جي جتي سمجهي کيس جسماني ۽ روحاني اذيتون ڏئي ٿو، جنهن جو ثبوت نصرت جويو جو بيدردي ۽ بيرحميءَ سان ڦٽيل ۽ ڏنڀيل چهرو آهي. جڏهن وَرُ واهروءَ بجاءِ ويري بڻجي پوي ته پوءِ عورت لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو موت هوندو؟! بهرحال صورتحال ڪهڙي به هجي، ڀينرن کي همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺڻ گهرجي. اهڙن مردن مان هڪدم ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچڙن جي مستقبل لاءِ پاڻ ۾ جيئڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ گهرجي.
ڀينرون، زندگي نالو ئي آهي ڏکن ۽ سکن جي سنگم جو، پوءِ پاڻ ڳارڻ ۽ مارڻ بجاءِ ڏکين حالتن جو مقابلو ڪجي! انهي ڏس ۾ اسين سرتيون پليٽ فارم تان سنڌ سرڪار، عورتن جي تنظيمن ۽ ٻين ادارن کي گذارش ڪريون ٿا ته اهڙين مصيبت ماريل عورتن جي سهائتا ڪن. ماهوار سرتيون آگسٽ 2006ع جو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي، پر ڇو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا. اوهان جي صلاحن تنقيدن ۽ تجويزن جي هميشه جيان آجيان ڪئي ويندي.
- گلبدن جاويد
***
پڙهندڙن جا خط
ايڊيٽر سرتيون
السلام عليڪم، گذارش ته هن گڏ هڪ نظم بعنوان ”سرتيون“ عرض رکان ٿو اميد ته، ايندڙ پرچي ”سرتيون“ ۾ شايع ڪرڻ فرمائيندا ته نهايت احسانمند رهندس.
زياده آداب
مخلص”خاتم“ جانوري
پتو: هائوس نمبر 596 لالا ڳلي، شاهي بازار
حضرت روهڙي شريف
مانواري ايڊيٽر
پنهنجي دوست رکيل مورائيءَ جي مهربانيءَ سان خواتين جي رسالي ”سرتيون“ جو مئي 2006ع شمارو مليو اٿم. ان ۾ توهان جي سمپادڪي ليک ۾ سنڌي عورتن کي وقتائتو سڏ ڏنو ويو آهي، دراصل، ڀارت، پاڪستان اپکنڊ ۾، عورتن جي مسئلن کان سواءِ ٻيا مسئلا پڻ ساڳيا آهن. عورتن کي ساڳيو ئي پيغام ريحانه نظير جي ڪهاڻي ”بنان عنوان“ ۾ پيش ٿيل آهي. ان جي پڇاڙيءَ ۾ ڏيکاريل آهي ته ان جي سورمي جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهي. پر مون وانگر توهان جي ڪيترن پاٺڪن کي به خاطري هوندي ته اهو ائين نه ٿيندو، هوءَ باعزت رهائي حاصل ڪندي.
سرتيون (مئي، 2006ع) جي ڪالم، ”خط ايڊيٽر ڏانهن“ ۾، جناب حسين سارنگ صاحب پنهنجي خط ۾ اپريل 2006ع واري شماري ۾ منهنجي ڪا تخليق شايع ٿيڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. توهان کي عرض آهي ته توهان اهو پرچو ۽ ٻيا پرچا پڻ موڪلڻ فرمائيندا. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي ان عيوض ۾ هي بندو توهان کي سرتيون جي ڏانوَ جون تخليقون موڪليندو رهندو.
هن گڏ پنهنجي هڪ ڪهاڻي ”هنن هنگلاجان هٿ ڪيو“ عنوان سان موڪلي رهيو آهيان. قبول ڪندا!
خلوص وچان توهان جو،
ميم جيم (موتيلال جوتواڻي)
پتو: .................................
محترمه گلبدن جاويد صاحبه!
ڪجهه مواد موڪليان پئي ۽ سالانا ميمبر شپ لاءِ فيس پڻ بڪ اسٽال موڪليان پئي. مهرباني ڪري رسالو منهنجي هيٺين ائڊريس تي ڏياري موڪلينديون رهجو. (مئي ۽ جون وارو پرچو پڻ موڪلجو).
سعيده شاهه
پتو: سيد گلي سيد محله، پوسٽ آفيس ڪوٽڙي ڪبير، تعلقه مهرپور، ضلعو نوشهروفيروز، سنڌ
محترمه ايڊيٽر صاحبه
”سرتين“ جي واري شماري، ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي صاحب جو لکيل مضمون ”شاهه لطيف سائين سراپا سنڌين“ نظر مان گذريو. جيڪو سندس سنڌالاجيءَ ۾ ڏنل ليڪچر جي بنياد تي بيٺل هو. جي حق ۽ انصاف جي ڳالهه ڪجي ته سرڳواسي هوت چند مولچند گربخشاڻي کان پوءِ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ ئي لطيف کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهيو آهي. هن مضمون ۾ لطيف پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي ستن سورمين ۾ جذب ڪري پنهنجي سنڌ سان عقيدت جو ثبوت ڏنو آهي.
هاڻي ڊاڪٽر صاحب وري لطيف جي سورمن ۽ سخي مردن جو اڳتي ذڪرڪندو جن کان سواءِ سندس مضمون نامڪمل ٿو لڳي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ سنڌو ماٿري، ادبي تاريخ ۽ ٻين سڀيتائن سان سنبندن (تعلقات) جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪو قابل تعريف آهي. مون کي هڪ دفعي ياد ٿو اچي ته جڏهن مان لنڊن يونيورسٽي ۾ Ph.d پئي ڪئي تڏهن منهنجي استاد محترم ڊاڪٽر پيٽر لائن PetterLyin سوال پڇيو هو. ته سنڌ جون جاگرافيائي، انتظامي ۽ ثقافتي حدون (Cultural Boundries) ڪهڙيون آهن ۽ سنڌ جو نقشو ڪيئن هجڻ کپي؟ مون ادب سان عرض ڪيومانس ته جن به ماڳن مڪانن جو لطيف پنهنجي رسالي، ۾ ذڪر ڪيو آهي اهي سڀ سنڌ جي Cultral Boundries ۾ اچي وڃن ٿا. انهن ۾ زندگي موجوده سنڌ، پر راجستان جا ٽڪرا، ڪڇ ڀُڄ، جوناڳڙهه، دوارڪا، هنگلاج، بلوچستان، ۽ ڪابل به اچن ٿا ۽ لطيف ساري دنيا کي به دعا ڪئي آهي ۽ ان جو مرڪز سنڌ کي بنايو آهي. انگريز استاد گهڙي کن ته ماٺ ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته ان عظيم شاعر جنهن دنيا کي امن جي دعا ڪئي آهي ان تي Inter- disciplinary Research، تحقيق ٿيڻ گهرجي، وقت گذري ويو آهي. پر استاد جا لفظ اڄ به ياد آهن ۽ ڊاڪٽر جوتيواڻيءَ وري ياد ڏياريا آهن.
ڊاڪٽر صاحب کي ڌڻي وڏي ڄمار ڏئي، اسان جي سنڌ کي ڊاڪٽر جوتيواڻي جهڙن عالمن اسڪالرن جي ضرورت آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي وينتي آهي ته لطيف تي Inter disciplinary Research واري ڳالهه تي به غور ڪن.
ڊاڪٽر مهتاب علي شاهه
شعبو انٽرنيشنل رليشن
پتو: سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو، سنڌ.
اڀياس، تجزيو، تبصرو
گذريل سترنهن سالن کان ڇپجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي عورتن جي اڪيلي رسالي ماهوار ”سرتيون“ جولاءِ 2006ع جو پرچو اکين آڏو آهي.
کوهه/ نار مان پاڻي ڀرڻ لاءِ رسو ڇڪيندڙ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارڙين سان گڏ ٻن سندر نارين زينت صديقي ۽ نصرت لاشاريءَ جون خوبصورت تصويرون ٿر جي پس منظر سان ٽائيٽل کي ڏاڍو زيبائتو بڻائيون بيٺيون آهن .
سوچ ويچار/ ادارئي ۾ گلبدن جاويد جو لکيل هي جملو، ”سچ جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ زندگيءَ جي به پرواهه نه ڪجي.“ ڏاڍو وڻيو اهڙا انمول ويچارئي اسان جي ذهني ۽ نظرياتي سکيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
عنوان ”پرهندڙن جا خط“ بهتر لڳو. مان اڳ ۾ خطن لاءِ مختلف عنوان ڏئي چڪو آهيان. هڪ ڀيرو وري عنوان تجويز ڪجن ٿا جي ”مارن مون ڏي موڪليا“، ”پڙهندڙن جا پيغام“، ”سنيها ساريندڙن جا“ وغيره.
خطن ۾ سائين الطاف شيخ ۽ صبح جي هيرن (نسيم ڏاهريءَ ۽ نسيم لغاريءَ) جا ويچار وڻيا. خاص ڪري الطاف شيخ جو لکپڙهه لاءِ پتو ۽ فون نمبر پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي.
هن ڀيري پڻ ماضيءَ جيان سڀ کان اڳ ۾ ڀارت واسڻ سنڌياڻي رتنا گوديا ”رولاڪ“ جي آتم ڪٿا ”پيڙا جو پڙلاءُ“ پڙهي. سندس لکڻين ۾ ڪيل واقع نگاري، منظر ڪشي، سوچن جي پختگي ۽ گهرائي مون کي هميشه ڏاڍي وڻندي آهي. سندس سوچن ۾ اسان پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي رهنمائي هوندي آهي. هندستان کان دبئي ويندي سندس پهرئين سفر جي ساٿياڻي ۽ پاڻ جهڙي ڏکايل خانم سان مخاطب آهي، ”خانم! اسان ٻئي لاپتي آهيون. اچ ته ان جي ماتم ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪريون!“ ڇا ته سندس سوچ آهي. ڏکن ڀرين گهڙين ۾ به پاڻ کي خوش ڪرڻ جي ڪيڏي ڪوشش ڪري ٿي! نيٺ خانم کان گانا ڳارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي.
استادِ شاعرِ ۽ سماج ۾ مثبت تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ريحانا چنڙ سان گلبدن جاويد جي ڪيل ڳالهه ٻولهه هن پرچي جي جان آهي. ريحانا عورتن توڙي ٻين پڙهندڙن جو جيءُ جهنجوڙيندڙ نراليون ۽ کريون ڳالهيون ڪيون آهن. ريحانا جهڙين نظرياتي باهمت، باعمل، سڄاڻ ۽ سجاڳ عورتن جا انٽرويو هر پرچي ۾ ڏيڻ گهرجن.
سنڌ جي سفير سائين الطاف شيخ جو ليک Not Borin USA سندس ساروڻين سان سرشار ۽ سامونڊي دنيا بابت چڱي معلومات ڏيندڙ آهي. کيس کپي ته ”سرتيون“ لاءِ خاص ليک عورتن جي حوالي سان لکي. الطاف شيخ پنهنجي لکڻيءَ جي پڄاڻي ڏڍاي سٺي انداز ۾ ڪئي آهي ۽ پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي. ”نوڪريءَ دوران ڪيترن ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن يا بندرگاهن تي اسان سڀني کي اهو تجربو ٿيو هوندو. پوليس، ڪسٽم، اميگريشن وارن واٽ ويندي سڏي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو هوندو. فقط انڪري جو اسان جو واسطو پاڪستان، هندستان، بنگلاديش يا برما جهڙي غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪن سان آهي. جن وٽ نه پيٽرول آهي. نه پوليٽيڪل پاور ۽ جن کي تڪليف ڏيڻ سان ڪا گلوبل تبديلي نه اچي سگهندي!
مانائتي تاج جوئي هند جي سنڌي شاعرِ لتا ٽهلياڻيءَ بابت سٺو تاثراتي ليک لکيو آهي. سندس ليک پڙهي، هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ ويساهه وڌي ويو.
نسرين هاشميءَ جي تحرير ”سس ننهن: تجزيو ۽ تبصرو“ ۾ ليکڪا پنهنجن احساسن جو سٺو اظهار ڪيو آهي، پر سندس سوچن ۾ اختلاف آهي. پاڻ ئي پنهنجين ڳالهين کي رد ڪري ٿي. کيس اڻ ڌريو يا ٻنهي پاسي نه، پر هڪ طرفو ٿي لکڻ گهرجي. يا ته روايت پسندي، پراڻ پرستي ۽ صرف ماضيءَ جي مزارن ۾ رهي يا جدت، نواڻ، انوکائپ، ترقي پسندي ۽ مستقبل تي نظر رکندڙ سوچن، خيالن ۽ نظرين جي پٺڀرائي ڪري. سندس سوچ مطابق جڏهن رشتا ماڻهن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪا ٽئين قوت جوڙي ٿي ته پوءِ انهن نام نهاد رشتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن جا ذميوار ماڻهو نه هجڻ گهرجن! سندس ليک مان لڳي ٿو ته هوءَ ڪارائتو مرد کي سمجهي ٿي. گهر جي ڪم کي روايتي مردن جيان ڪم ئي نه ٿي سمجهي. تڏهن ئي ته ليکو اٿائين: ”ڇا ننهن جو اهو فرض نه آهي ته اها جڏهن ڀينرن، ڀائرن ۽ ماءُ لاءِ پيار رکي ٿي ته پوءِ نڻانن، ڏيرن ۽ سس لاءِ اها چاهت ۽ سوچ ڇو نه ٿي رکي؟ جڏهن ڀينرن کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ سوچي ٿي ته نڻانن لاءِ ڇو نه؟! ڇو ته ڪمائي به انهن جي ڀاءُ جي هوندي پوءِ ان تي ان جي ماءُ ۽ ڀينرن جو حق ڇو نه سمجهندي آهي؟“
نسرين هاشمي پنهنجي ليک ۾ مسئلي جي حل لاءِ نصيحتي انداز اختيار ڪيو آهي. سماجي سائنس مطابق جيستائين ڪنهن مسئلي جي سببن ۽ انهن جي علامتن جي پروڙ ناهي، تيستائين ان مسئلي جي حقيقي حل تائين نه ٿو رسي سگهجي. سس ننهن جي جهيڙي جا خاص سبب هي آهي.
صدين کان رائج پيئتو/ پدرسري (Patriacny) نظام.
جاگيرداري نظام جي پيداوار نام نهاد مرداڻي مٿڀرائپ واري سوچ (Male Shownism).
سماجي جوڙ جڪ جي ڀڃ ڊاهه سبب غلط خانداني نظام.
شعور جي کوٽ ۽ اولاد کي ملڪيت سمجهڻ واري رويي جي ڪري ڌرين جي مڪمل راضپي کانسواءِ رشتا جوڙڻ.
سنڌي سماج، سماجي، معاشي ۽ سياسي طور مستحڪم نه هجڻ.
قومي غلامي ۽ نالي ماتر تعليم، سس ننهن جي جهيڙي جو مٿين سببن سان گڏ ظاهري وڏو سبب شعور، سهپ ۽ ذهني ڪشادگي نه هجڻ ڪري پٽ/ مڙس صرف پنهنجي ئي اثر هيٺ هجڻ ۽ پري ٿيڻ جو خوف آهي.
مانائتي ارشاد سومريءَ جو ليک ”عورت جو روحاني قتل“ عورتن جي خاص مسئلي کي اڀارڻ جي ڪامياب ڪوشش آهي. پر ادي ارشاد به نسرين هاشميءَ جيان پنهنجن خيالن ۾ تضاد رکي ٿي، هڪ پاسي پيار پائڻ يا مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ باغي بڻجي گهر کان نڪرندڙ نينگرين کي ”پاڪ محبت“ کان منهن موڙڻ جا مهڻا ڏئي ٿي ته ٻئي هنڌ وري چوي ٿي ته: ”محبت ڪرڻ ڪوبه گناهه ڪونهي. محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سسئيءَ وانگر ڏونگر ڏورڻا پوندا ۽ مومل وانگر مرداڻو ويس پهرڻو پوندو. همت ۽ حوصلي سان ظلم ۽ ڏاڍ جا ڪوٽ ڪيرائي ثابت ڪرڻو پوندو ته انسان جي بلند ڪردار آڏو هر شيءِ تڇ آهي. سماج جي ٺيڪيدارن کي مات ڪرڻ تي مجبور ڪجي، جيڪي جرڳا ڪري عورت جي عصمت ۽ عزت جي قيمت ڪٿين ٿا.“
سال! ادي ارشاد جا هي احساس، جذبا، جوش ۽ هوش سلامت رهن!
مانائتي نصرت لاشاريءَ جي سنڌ جي لکارين سان گڏ ڪيل سفر جي وارتا جو چوٿون حصو پڙهي فخر ٿيو ته هند جا سنڌي ڀائر اڃا سنڌ کي نه رڳو ساريندا، پر ساهه ۾ سانڍيو ٿا اچن. هو معاشي طور هتان جي سنڌين کان سگهارا آهن. شال! اُهي اڃا آسودا ٿين ۽ سنڌ جي قومي آجپي، امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن.
نصرت، هن قسط ۾ تاج محل بابت ڏاڍي ڪارائتي ڄاڻ ڏني آهي. کيس هڪ ڀيرو وري گذارش آهي ته هوءَ پڙهندڙن کي ڀارت جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن کان کليءَ طرح آگاهه ڪندي رهي.
”ڳڻن ڀريون ڳالهيون“ ۾ نجمه پنهور مانائتي زينت صديقيءَ سان اثرائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. زينت صديقي فن جي خدمت سان گڏ جيڪا پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياري آهي ان لاءِ کيس جس ۽ سلام هجي.
بيشڪ زينت گهرو زندگيءَ ۾ ڪافي تڪليفون سٺيون آهن، ان جو صلو کيس صالح اولاد جي صورت ۾ مليو آهي. کيس ڀرپور عوامي موٽ به ملي آهي. پوءِ به سندس هيٺيون جملو مايوسي ڦهلائي رهيو آهي: ”عورت ڪيڏي به محنت ڪري، قربانيون ڏئي پر ان کي ان جو صلو ڪونه ٿو ملي.“ جيڪڏهن عام حوالي سان کڻي مڃجي به سهي، پر ڇا مرد کي صلو ملي ٿو؟ قومي طبقاتي غلام سماج ۾ واقعي، عورت ٻٽي جبر جو شڪار آهي. پر زينت جهڙين شخصيتن کي اهڙي قسم جي ٻولي نه ٻولڻ گهرجي.
زينت ”هور وهيوڙي هور“ گيت لاءِ ٻڌايو آهي ته اهو بدين پاسي سارين ۽ ڪڻڪ جي فصلن پچڻ تي ايندڙ جهار هڪلڻ لاءِ چيو ويندو آهي. اسان وٽ گهوٽڪي ۾ اهو گيت جوئر جي جهار هڪلڻ وقت پڻ چيو ويندو آهي.
اهو پڙهي خوشي ٿي ته حيدرآباد ۾ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي آفيس ۾، آچر ڏينهن اڳ جي سکيا جا ڪلاس ورتا وڃن ٿا.
جولاءِ 2006ع واري ۾ ٻه رپورٽون: ”ميڙو آهي مچ تي“ (رپورٽ: شبانا شاهه) ۽ ليڊيز ڪلب ۾ موسيقيءَ جي شام (رپورٽر: اڻڄاتل) ڏنيون ويون آهن.
ڇا موسيقيءَ جي شام ۾ صرف هڪ گلوڪار ضامن علي شريڪ ٿيو هو؟ محفل ۾ جيڪڏهن ٻيا فنڪار شريڪ ٿيا هئا ته انهن جا نالا به ڏيڻ گهرجن ها.
مانائتي غزالا چنڙ جي تاثراتي ڪهاڻي ”زندگيءَ جي سفر ۾ اڪيلا رهجي ويندڙ وجود“ ڏاڍي سبق آموز آهي. معاشي طور تي مٿڀرائي ۽ وڏ ماڻهپي جي خول ۾ بند ماڻهن جي نفسياتي مسئلن تي لکيل هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي.
سيما قريشيءَ جو عجيب غريب شاگرديءَ جي زماني وارو واقعو پڻ وڻيو. اهڙا عجيب غريب واقعا ضرور ڇاپڻ گهرجن.
نسرين طاهر وفائيءَ جا ”گهريلو ڏس“ پڻ سانڍڻ جهڙا آهن.
ڊاڪٽر خورشيد ميمڻ جي لکڻي مينديءَ رتا هٿڙا ۽ ڪزبانو سنڌوءَ جو ناوليٽ ”چاهت جن جي من ۾“ اڃا پڙهيا ئي نه آهن. انڪري انهن بابت ڪجهه به نه ٿو لکجي.
ڪجهه شاعريءَ بابت:
آصف زيديءَ جي هندي شاعريءَ ”ڀينرون“ جو سنڌي ترجمو نامياري سنڌيڪار ولي رام ولڀ ڏاڍو پيارو ڪيو آهي. شعر ۾ عورتن سان ٿيندڙ انياءَ جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. هي شعر عمل لاءِ اتساهه ۽ آواز آهي، اهڙي قسم جي نثر توڙي نظم کي سنڌي ويس پهرائڻ جي تمام گهڻي گهرج آهي.
سماج سڌارڪ ترقي پسند شاعر ريحانا چنڙ جي شاعري پڙهندڙن جي ذهنن ۾ تحرڪ پيدا ڪندڙ آهي. سندس شعرن جو موضوع عورت ۽ سندن مسئلا آهي. ان سان گڏ هوءَ هاري ۽ مزدور جي دردن لاءِ لکي ٿي. شال! ظالم اک جو ڪنڊو ٿيڻ ۽ سندس پوتي جهنڊو ٿيڻ واريون سوچون سلامت رهن.
تاج جي تاثراتي ليک ۾، هند واسڻ سنڌياڻي لتا ٽهلياڻيءَ جي شاعري سنڌ جي سڪ سان سرشار آهي. سنڌ ڏسڻ کان پوءِ سندس شاعري اڃا وڌيڪ پختي ٿي هوندي. نينگري طيبا سهارڻ جو ڏهين ڪلاس جي شاگردن/ شاگردياڻين جي الوداعي پارٽيءَ لاءِ لکيل شعر ڏاڍو سٺو آهي. طيبا پنهنجي تخيل ۾ زندگيءَ کي جاکوڙ جو نالو ڏنو آهي. ۽ تعليم کي روشنيءَ جو شاگردن/ شاگردياڻين کي سوڀ جا رنگ ڀرڻ ۽ جهنڊا ٿيڻ جو ڏس ڏئي ٿي. خلق جي خدمت کي ئي بندگي سمجهي ٿي ۽ جڳ ۾ محنت کي سوڀارو سڏي ٿي. سندس هي شعر بهتر مستبقل جي نويد آهي.
مانائتي پروين راڄپر جا ست آزاد شعر بئڪ جي انر ٽائيٽل تي ڇاپيا ويا آهن. سندس شاعري پهريون ڀيرو پڙهي. اڳ ۾ ريڊئي ڪمپيئر طور ساڻس سڃاڻپ هئي. روبرو ملاقات نه هجڻ باوجود سندس آواز مون کي وڻندو آهي. سندس آواز کان متاثر ٿي ڪجهه سال اڳ مون ڪجهه بيت پڻ سرجيا هئا.
”ڀوري آهيان مان!“ ۾ پروين پاران اکين کي اڀاڳيون سڏڻ ۽ ڪنهن گهڙيءَ کي خوش قسمت ڪوٺڻ وارو رويو رواجي لڳو. اسان (عورتن توڙي مردن) جا وڏا ويري لفظ قسمت، تقدير، ڀاڳ، مقدر، لکيو نصيب ۽ بخت آهن. پروين جي شعرن جو موضوع وڇوڙو آهي. ”جدائيءَ جو ماتم، چنڊ ٽٽل، تارا ڇنل ۽ روسامو!“ سندس بهترين شعر آهن. سندس تخيل جي اڏام ڏاڍي گهري آهي. صلاح آهي ته ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ساڻس ڳالهه ٻولهه/ انٽرويو ڪيو وڃي.
(پروين راڄپر جو انٽرويو ڊسمبر 2005ع سرتيون ۾ ڇپيل آهي – ايڊيٽر)
حسين سارنگ
الطاف شيخ
جپان ۾ اسلام جي آمد جي تاريخ
لکت ۾ يا ماڻهن جي واتان جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي آهي ان موجب هنن ٻيٽن (يعني جيڪي سڀ گڏجي جپان ٺاهين ٿا) جي ماڻهن کي اسلام بابت پهريون دفعو ڄاڻ 1877ع ۾ مغربي مذهبن جي معلومات حاصل ڪرڻ سان پئي. تقريباً ان ئي سال جي لڳ ڀڳ اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زندگيءَ جو احوال جپاني زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان وقت تائين ڪوبه جپاني ملسمان نه ٿيو هو، بس هڪ تعليم يافته طبقي کي معلومات خاطر اسلام جي ڄاڻ حاصل ٿي هئي جيئن اسان جي يونيورسٽين ۾ پوليٽيڪل سائنس جا شاگرد ڪجهه اهم ملڪن جو آئين پڙهن ٿا يا اسلام آئيڊلاجي يا اسلامڪ هسٽري جهڙن سبجيڪٽن ۾، يهودين، عيسائين، ٻڌن، آتش پرستن، سکن وغيره جي مذهبن جي پڻ ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.
جپانين کي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ٻيو اهم موقعو 1880ع ۾ مليو، جڏهن ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جپان سان سفارتي تعلقات شروع ڪرڻ ۽ جپانين ۽ ترڪ مسلمانن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ هڪ نيويءَ جو جهاز جپان موڪليو. ”ارتغرل“ نالي هي جهاز واپسيءَ تي ٻڏي ويو ۽ 609 ماڻهن مان 540 سمنڊ حوالي ٿي ويا.
هونئن چون ٿا ته ميتسو تارو جيڪو ”تاڪا اوڪا“ ذات جو هو، پهريون جپاني مسلمان هو، جنهن 1909ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ حج ڪرڻ بعد پنهنجو نالو عمر يامااوڪا (Yamaoka) رکيو ۽ ٻيو جپاني مسلمان بوم پاچيرو آريگا هو جيڪو پڻ انهن ئي ڏينهن ۾ واپار جي سلسلي ۾ هندستان ويو هو. ۽ اتان جي مسلمانن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي پنهنجو نالو احمد رکيو باقي ذات ساڳي آريگا رهڻ ڏنائين.
اڄ ڪلهه جپان ۾ اسلام ۽ جپاني مسلمانن تي وڌيڪ Studies ٿيڻ تي معلوم ٿيو آهي ته تراجيرو يامادا (Tarajiro Yamada) گهڻو ڪري پهريون جپاني مسلمان هو جيڪو ترڪيءَ وارن جو جهاز ”ارتغرل“ ٻڏڻ بعد ترڪ مسلمانن جي مرڻ جي همدردي ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو هو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو عبدالخليل رکيو ۽ حج ڪري وطن موٽيو هو.
پهرين وڏي لڙائيءَ دوران (بولشيوڪ انقلاب ۾) وچ ايشيا ۽ روس کان ڪيترائي ترڪومن، ازبڪ، ڪرغيز، ڪراخ ۽ تاتار مسلمان جتي ايران ۽ انڊيا پاسي لڏي ويا، اتي انهن جا ڪيترائي ڪٽنب جپان پڻ آيا جو روس (USSR) جو اڀرندو حصو جپان سان وڃيو لڳي. جپان جي حڪومت طرفان کين جپان ۾ پناهه ڏنو ويو. مسلمان قبيلا جپان جي مختلف شهرن ۾ Settle ٿيا ۽ جپاني جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي، انهن جي وچ ۾ مسلمانن جون هي ننڍيون ننڍيون ڪميونٽيون قائم ٿيون، جتي جتي گهڻا مسلمان هئا اتي مسجدون پڻ ٺهڻ لڳيون، ڪوبي بندرگاهه جتي اسان جي پاڪستاني جهازن جو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو، اتي جي پراڻي مسجد ”ڪوبي مسجد“ 1935ع جي ٺهيل آهي جيڪا اڃا موجود آهي. ان دور جي ٻي مسجد ٽوڪيو ۾ هوندي هئي، جيڪا 1938 ۾ ٺهي.
ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني حڪومت جپانين لاءِ ڪجهه ادارا ٺاهي انهن کي اسلام جي معلومات ڏني ۽ ان دور ۾ اسلام تي هڪ سئو کان مٿي ڪتاب ۽ جرنل جپان ۾ ڇپيا ويا. پر هي سڀ ڪجهه جپان ۾ رهندڙ ڌارين مسلمانن طرفان نه هو. جپان حڪومت پنهنجن ماڻهن کي اسلام جي تعليم انڪري ڏئي رهي هئي، جيئن جپان طرفان فتح ڪيل ملڪ (ملايا، سنگاپور، هانگڪانگ، چين وغيره) جن ۾ ڪيترائي مسلمان رهيا ٿي انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ۽ مٿن ڪنٽرول رکڻ ۾ سهوليت رهي. ايتريقدر جو ٻي وڏي جنگ ۾ ملايا ۽ سنگاپور ۾ جپانين جو ڪو هوائي جهاز ڪريو ٿي ته جپاني پائلٽ ڪلمو پڙهي پاڻ کي مسلمان سڏايو ٿي ۽ مڪاني مسلمان عوام کيس واقعي مسلمان سمجهي نه فقط حفاظت ڏني ٿي، پر شان مان پڻ. 1945ع ۾ جيئن ئي جنگ ختم ٿي ته اهي سڀ جپاني ادارا ۽ فوجي جن اسلام جي هام هنئي ٿي سي ائين غائب ٿي ويا، جيئن بقول اردو چوڻيءَ جي ته ”گڏهه جي مٿي تان سڱ“.
اسلام هوڏانهن اتر آفريڪا کان ويندي اسپين ۽ فرانس تائين پکڙيو ته هيڏانهن اوڀر ۾ چين، سنڌ، هند، برما ۽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان ٿيندو ڏکڻ فلپين ۾ اچي بلاڪ ٿي ويو. اتر فلپين پاسي وارا اسپين جي ڪالوني هئا ۽ اتان اسپيني پادري مٿي هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ جپان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ اسلام جي تعليم جپان تائين نه پهچي سگهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ چين فتح ڪرڻ تي جپانين جو چيني مسلمانن سان ميل ميلاپ ٿيو ۽ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا. انهن نو مسلم جپانين 1953ع ۾ پهرين جپاني مسلم آرگنائيزيشن ٺاهي جنهن جو نالو ”دي جپان مسلم ائسوسيئيشن“ رکيو ۽ ان جو سهڪاري مرحوم صادق ايمائي زومي ٿيو. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ هو 1989ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ان ائسوسيئيشن جو صدر مرحوم عمر ميتا ٿيو جيڪو پڻ سچو مسلمان ۽ اسلام جو خدمتگار ماڻهو هو. مرحوم عمر ميتا جپان طرفان قبضي هيٺ آيل حصي ۾ منشور ريلوي ڪمپنيءَ جو آفيسر هو. اتي چيني مسلمانن کان متاثر ٿي پيڪنگ ۾ مسلمان ٿيو. هن قرآن مجيد جو جپاني ترجمو پڻ ڪيو.
جپانين کي اسلام بابت 1973ع بعد به گهڻي ڄاڻ ٿي جڏهن تيل جا اگهه چڙهي ويا ۽ ڏسڻا وائسڻا ملڪ عربن جي چمچاگيري ڪرڻ لڳا. جپاني ٽي ويءَ تي اسان پهريون دفعو عرب دنيا جا ملڪ، عربن جي رهڻي ڪهڻي، مڪي ۽ مديني جا نظارا حج وغيره ڏٺو. ان کان سواءِ جپان جي ٽي ويءَ تي ٻانگ ۽ قرآن جي تلاوت اچڻ لڳي. ڪيترن جپانين اسلام ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا.
هڪ جپاني نو مسلم نور دين موريءَ چيو: ”اسلام علم جو مذهب آهي ۽ بنان علم حاصل ڪرڻ جي اسين صحيح مسلمان ٿي نٿا سگهون.“ نوردين ويجهڙائيءَ ۾ مڪي جي يونيورسٽيءَ مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ گرئجيوئيشن ڪري آيو آهي. ساڻس گڏ ٻيا به چار کن جپاني ٻاهران اسلامي تعليم حاصل ڪري آيا آهن جيڪي هاڻ پنهنجي زبان ۾ پنهنجن ماڻهن کي اسلام بابت تعليم ڏيئي سگهن ٿا. نه ته بقول نوردين موريءَ جي گذريل چاليهه سالن ۾ ٻڌن جي هن ملڪ جپان ۾ جيڪي به تبليغ لاءِ آيا اهي ڌارين ملڪن جا هئا.
نوردين موريءَ سان گڏ جيڪي ٻيا چار ڄڻا ٻاهران پڙهي آيا آهن انهن مان هڪ موريءَ سان مڪي جي ام القرا يونيورسٽيءَ مان گرئجويئيشن ڪئي، هڪ اسلامڪ يونيورسٽي مديني مان، هڪ دعويٰ ڪاليج ٽرٻولي مان، هڪ قطر يونيورسٽيءَ مان.
هن وقت ڏٺو وڃي ته جيتوڻيڪ جپان ۾ مسلمان جو في سيڪڙو گهڻو ناهي، پر بقول نور دين جي ”جپان جي نئين ٽهيءَ کي اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي وڏي جستجو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن ائين ٻڌڻ ۾ اچي ته اسلام جپان جو پاپولر مذهب آهي.“
altafshaikh2004@yahoo.com.pk
***
ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي
هنن هنگلاجان هٿ ڪيو
وچولو قد، مٿي تي دستار، هٿ ۾ تسبيح، بدن جي ڪپڙن مٿان سائو چوغو، ڪاريون ڪاريون اکيون، نوراني پيشاني مينديءَ لڳل سونهاري، ڏيا ۽ ميا جي مورت، شاهه حبيب صبح جو پنهنجي اوتاري ۾ گديءَ تي اچي ويٺو. پريان پريان آيل سندس پوئلڳ سندس ديدار لاءِ صفون ٻڌي ويٺا هئا. انهن مان ڪي تن جا روڳي، ته ڪي من جا، ڪي وري ٻنهي تن ۽ من جا مريض. هاڻي هو بيمارن کي ڪف، پت ۽ وات جي بدني سرشتن مان ڪنهن هڪ سرشتي جي خرابيءَ کي يا ٽنهي جي گڏيل خرابيءَ کي درست ڪرڻ لاءِ ڦودني، جاڻ، زيري، سؤنف، الايچي، آنولي وغيره جا ديسي نسخا ٻڌي ڏيندو.
هڪ پوئلڳ پاڻ سان گڏ اناج جي گاڏي ڀرائي کڻي آيو هو. شاهه صاحب جي سامهون ايندي ئي هن هٿ ٻڌي چيو، ”سائين، ٻاهر هتان جي لنگر لاءِ اناج جي گاڏي لهرائي اٿم. نذرانو قبول ڪريو ۽ دعا ڪريو.......“
شاهه حبيب سندس چهري ۾ نهاريو ۽ کانئس پڇائين، ”پر به مراد علي، تون اهڙو پِيلو پِيلو ڇو ٿي ويو آهين؟.....“
مراد علي ڇا چوي؟ سائينءَ کان ڀلا ڇا لڪل رهي سگهي ٿو؟ سائينءَ سندس نبض جاچي. چيو، ”مراد، تون سوچين گهڻو ٿو. اڙي ڀائي، من منجهيل رهندو ته تن ۾ پڻ مونجهارا پيدا ٿيندا..... ڪرڻ ڪرائڻ وارو هو پاڻ آهي، پوءِ ڇو ڪين تون پاڻ کي هن هڪ خدا کي سپرد ڪري پنهنجي حصي جو ڪم صحيح نموني ڪندو رهين؟..... ٻڌين ٿو؟“
مراد عليءَ وراڻيو، ”هائو سائين، ٻڌان ٿو....“
شاهه صاحب هڪ بيت چئي کيس گس ڏسيو:
هيِ ڪن گَڏُهڻا وِڪڻي، ڪن ڪي ٻئا ڳنهيج، سَندي پِريان ڳالهڙيِ، تِنينِ سي سُڻَيج.....
تنهنجا اهي ڪَنَ ڪنهن گڏهه جا ڪَنَ آهن. تون هڪ ڪن کان ٻڌين ٿو، ٻئي ڪَنَ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿو. اهي ڪن وڪڻي ڪري ڪي ٻيا ڪن ڳنهه....“
مراد عليءَ سوچيو، سائين ٺيڪ ٿو چوي، مان اجائي چوراکورا ۾ لڳل آهيان. پنهنجو ڪم ڪريان. هِن هُن جي ڳڻتي ڇو ڪريان؟
شاهه صاحب کيس سُتيون - ڦڪيون، گهوٽا - ڪاڙها ڏنا ۽ هو قطار کان ٻاهر نڪري پنهنجي گهر روانو ٿيو.
هاڻي ان قطار ۾ ڪنهن سڌڙئي شاعر جو وارو هو. اهو نوجوان شاعر اصلاح لاءِ شاهه صاحب وٽ ايندو رهندو هو.کيس ڏسي شاهه صاحب پڇيو، ”ڪر خبر سُومرا، ڇا اَڃا تائين تون مجاز ۾ مبتلا آهين؟.... ڪا نئين شيءِ چئي اٿيئي؟“
سُومري وراڻيو، ”سائين، مجازي عشق ۾ ڪنين ڪنان وچ سيرَ ۾ آهيان... هاڻي اُتي آهيان، جتي مان يا ته پاڻ ٻوڙيندس، يا ته پنهنجو سر بچائيندس.“
شاهه صاحب کان اُمالڪ ”واهه واهه“ نڪري ويئي. چيائين، ”واهه واهه! تنهنجو اِهو عڪس ته هِڪَ اعليٰ علامَتَ بڻجيِ پيو آهي... ‘هاڻي وِچَ سير ۾ يا ته پاڻ ٻوڙيندس، يا ته پنهنجو سِر بچائيندس.’ واهه واهه!“
سُومري پنهنجو آندل بيت ٻُڌائڻ لاءِ آتو ٿي ڏٺو. شاهه صاحب چيو، ”هائو سومرا، پنهنجو بيت چئه.“
سومري ٺهه پهه پڙهيو:
ٿِيان مان جهرڪُ، وِهان پرينءَ جي ڇڄ تي، مانَ ڪري ڊڙڪ، ٻولي ٻاجهاريءَ سين.“
شاهه صاحب جون نظرون سومري جي چهري تان اُٿي سندس مَنَ تائين گهڙي ويئون. ڏٺائين، سندس اهڙي نِهَار ڪري سومرو شڪجي - شرمائجي ويو آهي. هن هڪ کن ۾ ئي فيصلو ڪيو ته هو کيس وڌيڪ شرمسار نه ڪندو. چيائينس، ”سومرا، هن بيت ۾ تو پنهنجي ذهني ڪشمڪش پيش ڪئي آهي. تون مجازي عشق ۽ حقيقي عشق جي ڪشمڪش ڪنڌيءَ وڃي پهتو آهين. قدرت جي هر هڪ شيءِ سان، هن بيت ۾ آيل جهرڪ سان پڻ، وحدت قائم ڪري، پرينءَ جي ڊرڪ ڊرڪ ٻاجهاري ٻولي ٻُڌڻ لاءِ آتو آهين.....“
سومري جي چهري تي لهي آيل پردو وري مٿي کڄيو. هو سائينءَ کان ساراهه ٻُڌيِ سُرهو ٿِيو.
پر جلد ئي سائينءَ چيو، ”پر.........“
پَرَ ٻُڌي سومري جي سَرهائي پَرَ ڪري اُڏامي ويئي. اکيُن ۾ اِنتظاريءَ وچان پُڇيائين، ”سائين، پر؟....“
”پر تون پنهنجي جذبات کي پنهنجي لفظن ۾ جاءِ ڏي. تنهنجا اهي الفاظ اوپري جاءِ ۾ ويٺا آهن. اهو بيت ته ٻه اڍائي صديون اڳ اسحاق آهنگر چيو هو..... تو ڪٿان ٻڌو؟“
سومري کي شرم اچي ويو. هو شرمساريءَ جي درياهه جي وچ سير ۾ ٻڏي ويو. شاهه صاحب کيس اُتان ڪڍي ڪناري تي آڻيندي چيو، ”ڏِس ، سومرا! تو وٽ تنهنجو پنهنجو گهڻو ڪجهه آهي. اُن کي ٻاهر ڪڍ. جيسين من ۾ لياڪو پائي هن هڪ جو ۽ هن هڪ جي جوڙ جنسار جو مشاهدو نه ماڻيندين، تيسين اصلوڪو نه ٿي سگهندين، اصلوڪو نه چئي سگهندين............“
وري هڪ کن رکي پنهنجي ڳالهه پُوري ڪندي چيائين، ”اسان جا وڏا چئي ويا آهن ته جيسين اسان لوڪ ڏانهن ليڪا بند نه ڪيا آهن، تيسين پرينءَ جو پورو پسڻ نه ٿي سگهندو.... اهو پورو پسڻ ڇا آهي؟ پرينءَ کي ۽ پرينءَ جي جوڙ جنسار کي پسڻ ئي پورو پسڻ آهي..... هاڻي به ويل ويئي ڪانهي. هاڻي کان ئي سَڌَ ڇڏي، سِڌُ جي ڪوشش ڪر.“
سومرو سندس پيرن تي ڪري پيو. شاهه صاحب کيس مٿي اٿاري سندس پٺي ٺپريندي چيو، ”هتان ائين نه وڃج، لنگر ڪري وڃج.“
سومري جي اتان کسڪي وڃڻ کان پوءِ شاهه صاحب پنهنجن ٻين پوئلڳن سان ملاقي ٿيندو رهيو. ساڻن حالي حوالي ٿيندي کين جوڳيون صلاحون ڏيندو رهيو. انهن مان ڪن کي جڙين ٻُوٽين جا نسخا ڏيندو رهيو، ڪن نون شاعرن جي اصلاح ڪندو رهيو ته ڪن ماڻهن کي قرآن جون ڪي آيتون پوريءَ ريت سمجهه ۾ نه اچڻ تي اهي آيتون سمجهائيندو رهيو.
ايتري ۾ سندس اندر واريءَ گهڙيءَ کيس ٻڌايو ته سج ڪاپار تي هو، ۽ هو اتان اٿي اوتاري جي ٻئي حصي ۾ وڃي پوئلڳن سان گڏ ويهي لنگر ۾ شرڪت ڪري. اڄ سومري سان ٿيل ملاقات کان پوءِ سندس ڌيان ور ور ڪري پنهنجي نوجوان پُٽ لطيف ڏانهن ٿي ويو. لطيف، سومري جو هم عمر آهي. هو سومري ۽ ٻين اهڙن نوجوانن مان لطيف جون سڪون لاهيندو رهيو آهي.... پر لطيف الاجي ڪٿي هوندو؟ ٽي سال کن گهر ۾ بنان ڪجهه ٻڌائي هو الائجي ڪيڏانهن نڪري ويو هو. هن جدا جدا هنڌن جي پوئلڳن کان پڻ هن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي هئي. پڪ ئي پڪ، هو انهن جوڳين سنياسين سان دور دراز هنڌن تي رٽن ڪندو هوندو جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو. هو به سومري وانگر ڪنهن وقت مجاز ۾ ڦاٿل هو ۽ پوءِ جلد ئي حقيقيءَ کان پڻ واقف ٿيو هو. هڪ ڏينهن مجاز ۽ حقيقيءَ جي گڏيل غلبي هيٺ لڳاتار ٽي ڏينهن غش ۾ پيو هو. مٿانئس واريءَ جا ڪوٽ چڙهي ويا هئا. هي ته ڀلو ٿئي اسان جي هڪ مريد ٻڪرار جو، جنهن اچي اسان کي خبر ڏني ته هو ان وقت ڪٿي پيو هو. مان اتي پهتس ۽ سندس حالت ڏسي منهنجي وات مان ازخود دانهن نڪري ويئي هئي:
”لَڳي لَڳي واءُ، وِيا اَنگڙا لَٽجي“
ته هُنَ نِيم هوشيءَ منجهان وراڻيو هو:
”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“
شاهه حبيب سوچي رهيو هو، ”اسين پاڻ ڪيترو به توڪل. تحمل جي واٽ تي هلندا هجون ۽ اها واٽ پنهنجن مريدن ۽ عقيدتمندن کي ٻڌائيندا هجون، ليڪن..... ليڪن جڏهن پاڻ تي ٻري اچي ٿي، ته ان جو سيڪ اسان کي پهچي ٿو.“
هو هڪ وڏو ٿڌو ساهه کڻي اٿيو ته واهه! هُن ڇا ڏٺو!.... ڪڏهن ڪڏهن ڪو پَل وقت جي صحيح سڃاڻپ ٿي پوندو آهي. اهو هڪ پَل هڪ پُل بڻجي ويندو آهي. اهڙي هڪ پُل، جيڪا لنگهي، پار ڪري، اهو شخص اچي سامهون بيهندو آهي، جنهن کي اسين شدت سان ساريندا سنڀاريندا آهيون. جنهن سڄڻ ساٿيءَ کي ياد ڪندا آهيون، سو سڄڻ ساٿي اسان کي پڻ انهيءَ پل، انهيءَ گهڙيءَ ياد ڪندو آهي. هن ڏٺو، ماشاءَ الله! لطيف اچي سندس سامهون بيٺو آهي. ڳڀرو جوان، اکين ۾ نور، سنهو پر مضبوط، ڪاري ڏاڙهي، ڪاريون مڇون. ڪاپار وارو سج گرمي ۽ روشني پکيڙي رهيو آهي. هن هم نه ڪئي تم، کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ اوتاري ۾ آواز ڏنائين ”اڙي ٻڌو ٿا، ڏسو ته اسان وٽ ڪير واپس وري آيو آهي....!“ سندس آواز تي اوتاري جي ٻئي حصي مان مريد اچي ڪٺا ٿيا. شاهه حبيب ٻيئي هٿ مٿي کڻي پالڻهار جا ٿورا مڃيا. مريدن پڻ پنهنجي مرشد جي شڪرادائيءَ ۾ شرڪت ڪئي.
حويليءَ ۾ لطيف جي اچڻ جي ڳالهه سڳنڌ جيان پکڙجي وئي. اتي به شادمانا ٿيڻ لڳا. رونق لڳي ويئي. شاهه حبيب، لطيف کي ساڻ ڪري حويليءَ پهتو ته سڳوريون مٿي تي ڪپڙو ڪري، گوڏن ڀر جهڪي، ڌڻيءَ جا ٿورا مڃڻ لڳيون.
ايتري ۾، منجهند جو جمال پڻ لنگر جي ماني ورتائڻ ۽ ساهي پٽڻ لاءِ ٻنيءَ تان اچي سهڙيو. جمال کي پڻ ويساهه ۾ نٿي آيو ته لطيف سندس اکين اڳيان هو. هن لطيف سان ڳلي لڳي پڇيو، ”ادا لطيف، هيترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ اسان جو ته حال هيڻو ٿي ويو هو!“
خوش گفتار لطيف وراڻيو، ”ڀائڙا، اتي ڪٿي ئي هوس.“
سڳورين لطيف ڏانهن ممتا ڀريل اکيون کڻي ڏٺو ۽ سندس اکين ۾ آنسن جا موتي چمڪڻ لڳا. هنن سخي هاشم شاهه نالي درويش کان لطيف پني ورتو هو. درويش دعا ڪئي هئي ته کيس پٽ ٿيندو. اهو پٽ قطب تاري جيان جڳ مٿان جڳمڳ جڳمڳ ڪندو. سندس نالو ان درويش جي چوڻ تي عبداللطيف رکيو ويو.... سڀ لطيف کي نهاريندا رهيا. اهي سڀ پنهنجي ان نهار ۾ لطيف ڪيڏانهن ڪيڏانهن سير سفر ڪندو رهيو هو، انهن هنڌن جي تلاش ڪندا رهيا.
شاهه حبيب پٽ کان پاٻوهه مان پڇيو، ”پٽ، تون هنگلاج ويو هئين؟..... اسان جي هڪ مريد توکي اتي جوڳين سنياسين سان گڏ ڏٺو هو ۽ اسان کي خبر ڪئي هئائين. اسين جيستائين اتي تو تائين پهچون، تون اتان نڪري الائجي ڪيڏانهن هليو ويو هئين......“
لطيف وراڻيو، ”هائو بابا، جن جوڳين سنيساين سان مان گڏ هوس، اهي هڪ هنڌ گهڻا ڏينهن ڪونه رهندا آهن... مان پنهنجي ان سير سفر ۾ سنڌ جي ستن ئي سورمين جا هنڌ ڏسي آيو آهيان، انهن سان سندن ڄاڻ سڃاڻ جي ماحول ۾ ملاقاتون ڪري آيو آهيان.... بابا، مان اوهان کي ڇا ڇا ٻڌايان؟...“
وڏي بيگم کيس وچ ۾ ئي ڪٽيندي چيو، ”پر پٺيان اسان جي ڇا حالت ٿي رهي هئي، ان جو شايد توکي اندازو ڪونه هو..“
”جيجان، اسين سڀ هڪ ئي ناڙي ۾ ٻڌل آهيون. اسين ڀلا هڪٻئي کان جدا ڪٿي هئاسين؟“
هنگلاج جيترا واري ڳالهه شاهه حبيب جي من ۾ اٽڪي پيئي هئي. اڄ کيس الاجي ڇا ٿيو هو. هن ماءُ ۽ سندس پُٽ جي گفتگو ٻڌي اڻٻڌي ڪري چيو، ”لطيف، هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ....“
لطيف چيو، ”پڇو، بابا.“
شاهه حبيب پيءُ جي سڀاويڪ ڪردار ۾ پڇيو، ”پٽ، ڌڻي هن هنڌ به آهي، پوءِ اهي ڪاپڙي اجايو هنگلاج ڇو ويا؟....“ هن پنهنجي ان ڳالهه کي بي ساخته هڪ بيت ۾ آڻي چيو:
”ناٿ جنهين ننڌ، تت نه نهاريو جوڳين، ڪي ڪُويساهيا ڪاپڙي، پُريا پراهين پنڌ، ڪو هِنهين هنڌ، ٿي هُنهين ويا هنگلاج ڏي.“
لطيف تحمل سان وراڻيو، ”هائو بابا، ڌڻي هن هنڌ به آهي ته هن هنڌ به آهي، سڀني هنڌن تي آهي. ليڪن جوڳين ڌڻيءَ کي هنگلاج ۾ پاتو.....“
لطيف انسان ذات جي هڪ اپاسنا گهر/ عبادت گاهه ڏانهن، يا مندرن، مسجدن وغيره جي وحدت ڏانهن اشارو ڪيو هو ۽ چيائين:
”ناٿ جنهين ننڌ، تت به نهاريو جوڳين، سي سُويساهيا ڪاپڙي، پُريا پراهين پنڌ، هو هئو هن هنڌ، هنن هنگلاجان هٿ ڪيو.“
شاهه حبيب دور دور افق ڏانهن نهاريو، ۽ جهٽ کن رکي چيائين، ”ابا، سچ ٿو چوين..... چڱو چڱو، اهي سڀ ڳالهيون پوءِ ڪنداسين. سڀيئي هلو ته گڏجي ڪرتار جو ڪُڻڪو ورنايون....“
۽ شاهه حبيب، لطيف ۽ جمال اوتاري جي ٻئي حصي ۾ لنگر ڏانهن اڳتي وڌي ويا.
سنڌيا شاهه
بيوسين جي پاڙ
درياءَ نيرن جي مانيءَ لاءِ اٽو پئي ڳوهيو جو پکين جا ولر هيٺ لهي اچي آڏو ٿي ٻولڙيون ٻولڻ لڳس. جهرڪيون، ڪٻريون، هيڙها ۽ ڪانوَ روز اچي اٽو وٺندا هيس ۽ انهن جون ٻولڙيون ٻڌي درياءَ جهڙو ٺري پوندي هئي ۽ اٽي جا گولڙا ٺاهي لپ لپ ڪري اڇلي ڏيندي هين ته پکي انهيءَ لپ تي جهنجي جهٽ ۾ وري ڏانهس نهارڻ لڳندا هئا ته کلندي چوندي هين: ”حاضر حاضر اجهو ٿي ڏيان“ ڀِت تي پاڻيءَ جو پاٽوڙو ڀري رکندي هين جنهن مان اهي پکي ئي نه ٻليون ۽ نوريئڙا به اچي پاڻي پي ويندا هئا.
پکين پنهجون پنهنجون ٻولڙيون ٻولڻ شروع ڪيون ته درياءَ جهٽ جهٽ ڪري اٽي کي اٽاڻ ڏيئي اٽي جو چاڻو ٺاهي لپ ۾ گولڙيون اٽي جون ٺاهي اڇليائين جن پکين کي اٽو هٿ آيو سي اڏري ويا ۽ ٻيا ويجهو ويجهو ٽِپڙا ڏيڻ لڳس ته ٻيون گولڙيون ٺاهڻ لڳي. اڃا گولڙا ٺاهيائين پئي جو هڪ ڪانوَ ڀت تي ويهي ٽاڙڻ لڳو........ ڪان........ ڪان........ ”ائي مان صدقو وڃانءِ ڪانگڙا، مٺي لولي پچائي ڏيانءِ ٻڌاءِ! منهنجو ٻچڙو اچي پيو نه؟..........“ درياءَ تڪڙ تڪڙ ۾ اٽي جو چاڻو ٺاهي ان ۾ کنڊ وجهي ٻئي چاڻي سان ڍڪي ويلڻ لڳي ته ڪانءُ ڪان ڪان ڪندو اولاهين ڪنڊ ڏانهن اڏري ويو ته هنيانءُ ٺري پيس. خوشيءَ مان ڳائڻ لڳي. ”اڄ ايندو اڱڻ منهنجو ڍولڻو....!“ ”ڪهڙو ڍولڻو پيو اچئي امڙ؟........“ نورل گهر ۾ داخل ٿيندي ڪلهي تان ڪوڏر لاهي ڪنڊ ۾ رکندي پڇيس ته خوشيءَ مان ٻڌائڻ لڳس: ”سخي ٿو اچي اڄ، اجهو هاڻي هاڻي ڪانءُ ٻڌائي ويو آ.“
نورل نلڪي ڏانهن ويو ۽ ماءُ جي خوشيءَ تي مرڪندي هٿ منهن ڌوئي کٽ تي ويهندي پوتڙيءَ سان منهن اگهندي چيائين: ”وارو ڪر امان، نبن کي پاڻيءَ تي بيهاري آيو آهيان، مس مس ته ڪو پاڻيءَ جو وارو آيو آ.“
”هائو ابا اجهو گهڙيان ٿي پئي ماني.“ درياءَ بُسري تئي ۾ اٿلائي ٻي ماني گهڙيندي چيس.
”چاچي.......... الا..........“ اندران ڪوٺيءَ مان حوران اوچتو رڙ ڪئي ته ٻئي ڇرڪجي ويا ۽ ڀڳا اندر ڪوٺي ڏانهن. حوران چيلهه کي ٻئي هٿ ڏيو ڦٿڪندي چيو: ”چاچي سور ۾ عضوا ٿا ڦاٽن..............“ درياءَ سندس حالت ڏسندي نورل کي چيو: ”ابا وارو ڪر، ڀڄ دائي حسنه کي وٺي اچ. چئينس اصل دير نه ڪري.“ ”هائو امان اجهو ٿو وڃان.“ نورل تڪڙو دائي حسنه کي وڃي وٺي آيو. دائي حسنه حوران کي ڏسي درياءَ کي چيو: ”ادي ويم ڏکيو ٿيندس، منهنجي مڃ ته بنان دير کڻائينس مڊم ڏانهن.“
مڊم جو نالو ٻڌي درياءَ وسامي ويئي. وساميل آواز سان چيائينس: ”تون جهڙي ڏاهي آهين تون ڪجهه ڪر نه.“
”ادي مان ڇا ڪريان؟......“ دائي حسنه لاچاري ڏيکاريندي چيس: ”هجي منهنجي وس جي ڳالهه ته ڪجهه ڪريان به.“ درياءَ منهن پاسي ڪري بيوسيءَ مان چيو: ”اسان به ته ٻار ڄڻيا، اسان ته ڪڏهن مڊم جو منهن ڪونه ڏٺو!.....“ ”ادي........“ دائي حسنه ڪلهي تي هٿ رکندي چيس: ”اسان جي ڀيري ۾ اهي بيماريون به ڪونه هيون جيڪي هاڻي ٿي پيون آهن. ڪالهه ئي رمضان واري نُنهن جو ويم ٿيو. چڱي ڀلي ٿلهي متاري مائي پوءِ به ڊاڪٽرياڻيءَ چيو ته رت ڪونهيس آپريشن کان سواءِ ٻار ڪونه ٿيندو. آپريشن کان پوءِ به يا ٻار بچندو يا ماءُ! ڊاڪٽرياڻي ته چڙ پئي ڪري ته توهان اڳواٽ چيڪ اپ ڇو نه ٿا ڪرايو ته جيئن اڳواٽ اُپاءُ وٺي ڇڏجي.“
درياءَ سندس ڳالهيون ٻڌي چيو: ”ڊاڪٽرياڻين کي به ته پنهنجي ڪمائي ڪرڻي آهي نه! اهي ائين ڇو نه چونديون!...“
”تون ڪانه سمجهندينءَ، مان نورل کي ٿي چوان.“ دائي حسنه ڪوٺيءَ مان ٻاهر وڃي نورل سان ڳالهايو ته نورل به منجهي پيو: ”هينئر ايترا پئسا ڪٿان اچن!..........“
”مان باقي چرچا پئي ڪريان ڇا!......“ درياءَ هاريل آواز ۾ چيو ۽ مٿو پڪڙي ويهي رهي.
”ابا وڌيڪ توهان جي مرضي باقي ڳالهه زور اٿوَ.“ دائي حسنه ٻنهي جي حالت ڏسي پاڻ به چپ ڪري اندر هلي ويئي ته نورل ماءُ ڏانهن ڏٺو ۽ درياءَ ڏانهس ڏٺو ۽ ٻنهي جا ڪنڌ جهڪي ويا. ان مهل ئي ٻاهريون در کليو ۽ سخي ٿيلهو ڪلهي تي رکيو گهر ۾ داخل ٿيو. ٻنهي کيس ڏٺو ته ڄڻ ٻنهي ۾ ساهه پئجي ويو. ٻئي ڏانهس ملڻ لاءِ وڌيا. سخي ساڻن ملندي سندن منهن تي پريشاني ڏسي کانئن پڇيو: ”خير ته آهي پريشان پيا لڳو؟.........“ نورل جو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ ڪجهه به ڪڇي نه سگهيو ته درياءَ ٿڌو ساهه کڻندي حوران بابت ٻڌايس. سخي خوش ٿيندي چيس: ”ته پوءِ وٺي هلو ڀاڄائيءَ کي ڊاڪٽر ڏانهن.“
”ڪٿان وٺي وڃونس!.....“ نورل هيڻائيءَ مان چيو: ”هڙ ۾ ٽڪو هجي ته وڃون نه ڊاڪٽرن ڏانهن. گهر ۾ هڪڙو ڇيلو هو آڌيارو اهو به قرض ۾ پورو ٿي ويو، سودي وارن سودي کان به ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو آ ٻيو ڪنهن کان اوڌر گهران؟...... اڄ جنهن ڏي اميد سان نهار ته اهو اڳي ئي ٿو منهن ڦٽائي! ڪاڏي وڃئون!........ ڏکيو سکيو ته وقت گذري ٿو وڃي بيماريءَ بڙيءَ ۾ ڇا ڪريون!.......“
”ادا مان جو آيو آهيان!...........“ سخيءَ پاسي واري کيسي مان هزار هزار جا ڏهه نوٽ ڪڍي ڏيکاريندي چيس: ”ڇهن مهينن جي پگهار مان جيڪو بچندو هو سو رکندو ويس هي گڏ ٿيا آهن ته ڳوٺ آيو آهيان. وٺي هلو ڀاڄائيءَ کي ڊاڪٽر ڏانهن.“
نورل ۽ درياءَ جي جسم ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو. نورل ڀڳو گاڏي ڪرائڻ لاءِ ۽ درياءَ ڀڳي اندر حوران کي تيار ڪرڻ لاءِ. گاڏي آئي ته حوران کي وٺي ڀر واري شهر ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ ڏانهن وٺي آيا. ڊاڪٽرياڻيءَ حوران جي حالت ڏسي کين ڪاوڙ مان چيو: ”توهان ماڻهو آهيو يا جانور؟....... هڪ عورت جي توهان وٽ ڪا به قيمت نه آهي!....... توهان قدر ڪٿان ڪندؤ ڪنهن عورت جو، توهان وٽ ته ڍورن ڍڳن کان به سستي آ نه عورت! هڪ مرندي ته ٻي پرڻجي ايندؤ! اها به مرندي ته ٽين، چوٿين آڻيندؤ! توهان وٽ ته ڏيڻ لاءِ بدلي ۾ به ڪيئي ڇوڪريون هونديون، هڪڙي ڏيئي ٻيو سڱ وٺندؤ، ڇوڪري نه هوندؤ ته وياج تي پئسا وٺي به ٻي شادي ڪندؤ! توهان لاءِ ته راند آ نه شادي ڪرڻ!“
ڊاڪٽرياڻيءَ نرس کي دوائون سمجهائيندي گهڙي کن ترسي نرس جي ويندي ئي وري چوڻ شروع ڪيو: ”توهان هوٽلن تي ويهي وقت وڃائيندؤ! توهان جو ڇا گهر ۾ ٻڌل ڍورن جهڙين عورتن سان! اهي ته توهان جون ٽڪن ورتل غلام آهن، جيڪي توهان جي ۽ توهان جي ٻارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيون آهن! توهان ڇو هنن کي انسان سمجهي هنن جو چيڪ اپ ڪرائيندؤ. توهان کي ته اهو به احساس نه هوندو ته نقصان رڳو ڪنهن عورت جو نه، اوهان جي ٿيڻ واري ٻار جو به ٿي سگهي ٿو. توهان کي ته شايد ٻار جو مرڻ به وڏي ڳالهه ڪونه لڳندو هوندو! توهان وٽ اڳي ئي ڌڻ جو هوندا آهن. هڪڙيءَ مان نه ته ٻيءَ مان ئي ڌڻ ٿي پوندا. هڪڙو ٻار مئو به ته ڇا!.......“
”ائين ڪونهي ڊاڪٽر صاحبه!....“ ڪنڌ جهڪايو ويٺل نورل ۽ درياءَ جي وچ ۾ ويٺي نيٺ سخيءَ ڊاڪٽرياڻيءَ کي چيو: ”اصل ۾ هيءُ منهنجو ڀاءُ نورل هڪ هاري آهي. هارپي تي ٻني ڪاهيندو آهي. اڳي واٽر جو پاڻي هوندو هو ته بچت به ٿيندي هئي، هاڻي ٽيوب جي ڳڌي پاڻيءَ تي ڪاهجندڙ فصل پيٽ ڀرڻ جيترو ڇهه ماهيءَ جو ان مس ڏيئي سگهندو آ. ادي وٽ ايترا پئسا ڪونه هئا جو ڀاڄائيءَ کي وٺي اچي چيڪ اپ ڪرائي ها. اسان جي گهر جو خرچ منهنجي پگهار تي هلندڙ آ. مان شهر ۾ هڪ هوٽل تي ماني پچائيندو آهيان ۽ ٻئي ٽئين مهيني گهر موٽندو آهيان. هن ڀيري ڇهه مهينا کن گهر ڪونه آيو هيس، اهو سوچي ته ڪجهه پئسا گڏ ڪري پنهنجي ڪوٺي ٺهرائيندس پر اڄ گهر آيس ته ڀاڄائيءَ جي طبيعت خراب ڏسي ان کي اوهان وٽ وٺي آياسين.
”اسان غريب مجبور هوندا آهيون ڊاڪٽرياڻي صاحبه! بيحس يا ظالم نه. اوهان ته اخبارن ۾ خبرون پڙهي يا ٻڌي اهوئي سمجهنديون هونديون ته اسان غريب ماڻهو....... ماڻهو نه جانور هوندا آهيون جيڪي جانورن وانگي جيئندا آهيون ۽ جانورن وانگي مرندا آهيون پر ائين ڪونهي!......... حقيقت ۾ اسان زندگيءَ کي نه آهيون گهاريندا زندگي اسان کي گذاري ڇڏيندي آهي ۽ خبر تڏهن پوندي آ جڏهن اسان جي هٿ جا زندگيءَ لاءِ سبيل لباس اسان لاءِ ئي ڪفن بڻجي پوندا آهن. مجبوري سڀ کان وڏو عذاب هوندي آ ڊاڪٽرياڻي صاحبه ۽ ان کان وڏو عذاب هوندي آ بيوسي. غربت جي بيوسي، پيٽ بکئي جي بيوسي ۽ اگهاڙي انگ جي بيوسي! سڀ کان وڏي بيوسي ته اها به هوندي آ ڊاڪٽرياڻي صاحبه ته اسان غريبن جي مٿن تي ڇت نه هوندي آ، پر ڪا ڀت به نه هوندي آ! تڏهن لوڙهن کان بيهي هر ڪوئي اسان جا اگهاڙا انگ ڏسي اسان تي ٺٺولي ڪري سگهندو آ.........!“ سخيءَ ڳيت ڏيئي ڳوڙها پيئندي ڪجهه دير ترسي وري ٿڌو ساهه کڻندي چيو: ”وڏيون ڳالهيون ڪندڙ ڪو مسيحا هتي آهي به ته ڪونه جنهن وٽ بنان پئسي جي وڃي سگهجي. اڄ جي مان نه اچان ها ته ڪنهن به اسپتال ۾ ڀاڄائيءَ کي داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي ها ۽ ڪو ئي به ڊاڪٽر سندس علاج ته ٺهيو کيس ڏسڻ لاءِ به ڪونه اچي ها!.........“
سندس تلخ ڳالهيون ٻڌي گهڙي کن ته ڊاڪٽرياڻي چپ ٿي ويئي. اچرج مان نهاريندي نيٺ پڇيائينس: ”توهان چيو ته توهان بورچي آهيو پر توهان جي ڳالهين مان ته لڳي ٿو........“
”بورچي به ماڻهو هوندا آهن ۽ اهي پڙهيا لکيا به ٿي سگهن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڇي به سگهن ٿا.“
”هون......“ ڊاڪٽرياڻي شرمساري لڪائڻ لاءِ دوا جون پرچيون اٿلائيندي پيڊ تي ڪجهه لکندي پڇيس: ”عام طور بورچي گهٽ پڙهيا هوندا آهن ۽ اوهان گهڻو پڙهيل ٿا لڳو.“
”گهڻو نه، انٽر پاس آهيان. اسان غريبن جي انٽر به اوهان جهڙن ماڻهن جي ڊگرين کان وڌيڪ مهانگي هوندي آهي. مون کي وڌيڪ پڙهڻ جو شوق هو پر گهر جي حالتن وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنو. مان هاڻي واندڪائيءَ ۾ جنرل ناليج جا ڪتاب پڙهندو آهيان. ۽ اخبارون وغيره به پڙهندو رهندو آهيان.“
”انٽر پاس ماڻهوءَ ۾ ايترو اعتماد!...... پهريون ڀيرو پئي ڏسان.“
”شايد انڪري جو مون ڊگري نه، تعليم پرائي آ ۽ تيز اسپيڊ سان هلندڙ سواريءَ وانگي لتاڙي ويندڙ زندگيءَ کي گذارڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿم. شايد انڪري خبر اٿم ته زندگي ڇا آهي؟ ۽ ڇا آهن انهيءَ جون ضرورتون!“
”هون.......“ ڊاڪٽرياڻيءَ اٿندي چيو: ”پهريون ڀيرو اوهان جهڙي ڪنهن بورچيءَ سان ملڻ ٿيو آ. خوشي ٿي مون کي. اوهان جو دفاع ۾ ڳالهائڻ وڻيو. معاف ڪجو مون واقعي به ڪجهه غلط ڳالهايو.“ ڊاڪٽرياڻي مرڪي اڳتي وڃي وري بيهي پوئتي ڪنڌ ورائي کانئس پڇيو: ”فرض ڪريو، اڄ اوهان وٽ پئسا نه هجن ها ۽ ائين ئي مريضه کي آڻيو ها ۽ مان ڏسڻ کان انڪار ڪريان ها ته؟.....“
”ته شايد........“ سخي تلخ مرڪندي چيو ته ”مان به اوهان وانگي ئي اوهان جي ضمير جاڳائڻ لاءِ ڪا جذباتي تقرير ڪريان ها!........“
”هون!.........“ ڊاڪٽرياڻيءَ مرڪيو ۽ ”صحيح!......“ چوندي حوران کي وڌيڪ ٽريٽمينٽ ڏيڻ لاءِ هلي ويئي.
سنڌيا شاهه
ٽيڙو
دل سان ٿا ٻولن، پڙهندي ٻار قرآن ڏاڍو ٿا جهولن!
ٻارن جي خيرات، مينهن ڪڻيءَ جي لاءِ- پٿرين تي صلوات!
ڪارڙو ڪمارڙو جو جلوس، قدرت ڄڻ مرڪي پئي- ڏسي ٻارن جو خلوص!
..................
ڪائي واٽ ڏيکار هاڻي بس او موليٰ! ڪائي واٽ ڏيکار.
سوڙهيون ٿي ويون هن، اوچتو دلين جون ڀتيون- پوڙهيون ٿي ويون هن!
پنهنجو ئي گهر، اوپرو ٿي ويو آهي- هي ساڳيو ئي در!
سُڪيءَ تان تِرڪي پئي، هلندي خيالن تار تان- پاڇي کان ڇرڪي پئي!
دڪانداري آ، هلي ڏي وٺ سان- رشتيداري آ. --------
پيڙا پيرن جي، ساک ڏين ٿا- ساٿ سويرن جي!
لوڙهي جي اندر، آس لڇي ٿي ڪا- ڳوڙهي جي اندر!
ثواب ٿي پوکي، اکين جي اُکريءَ ۾- خواب ٿي پوکي!
ريحانه نظير
موبائيل ۽ مِس
”ائي ٻڌ! هي S.M.S پڙهيو اٿئي،“ هڪ ٽيچر ڪلاس ۾ ويٺل ٻيءَ ٽيچر کي چيو.
ٻي ٽيچر جيڪا هڪ ڇوڪريءَ جو سبق ٻڌي رهي هئي تنهن يڪدم کانئس پڇيو. ”ڪهڙو؟“
”اهو مِس وارو ڏس ڪيڏو نه سٺو لکيل آهي.“
پاسي واري مِس هن ڏانهن آئي. ٻئي هڪٻئي ڏي ڏسي کلڻ لڳيون. ڇوڪري جيڪا سبق پڙهي رهي هئي سا سبق پڙهندي رهي. ۽ هي ٻئي ڄڻيون هڪٻئي سان S.M.S بابت ڳالهائڻ لڳيون. ايتري ۾ ڪلاس ۾ ويٺل هڪ ٻي ڇوڪري مِس کي چيو.
”مِس هيءَ غلط ٿي پڙهي، سڄو سبق ڪچو اٿس.“
پر مِس جو منهن اهوئي موبائيل ۾. سندس منهن ۾ ڪنهن مهل خوشي ڪنهن مهل گهُنڊ ۽ وري ڪنهن مهل تجسس پئي جاڳيو. ڇوڪريون هڪٻئي پٺيان ائين ئي سبق پڙهنديون رهيون. ”ٻڌاءِ ته ڇا تي پئي ٿي کلين؟“
پاسي واري مِس پڇيو؟ ايئن ئي S.M.S پئي ڏسان ماڻهو ڪيڏا نه بيوقوف آهن. ڪهڙا ته S.M.S ٺاهيا اٿن.
ڇوڪري: ”مِس مِس هيءَ غلط پئي پڙهي.“
مِس نائله کي تمام گهڻو خراب لڳو ته هن مون کي Distrub ڇو ڪيو. هڪدم اٿي ان کي چماٽ هنيائين.
”سڄي شرارت تو ۾ آهي. رڳو اٿئي ٽپال ڏيڻي. هاڻي بس ڪري ويهه“. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هن نماڻين نظرن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ شروع ڪيو.
ڪلاس ۾ ويٺل مِس شمائله جنهن کي اڪثر گوڏن ۾ سور جي تڪليف هوندي آهي. تنهن چيو:
”نائله ٻڌ، هن مون واري ڪلاس جي ڇوڪريءَ کي به هڪ چماٽ وهاءِ. ڏاڍو ٿي گوڙ ڪري.“
مِس نائله ڀرسان ويٺل ڇوڪريءَ کي چماٽ وهائي ڪڍي.
”انهيءَ کي چو هنيئي، صائمه کي چيو مانءِ... پر خير تون به گهٽ ڪونه آهين. توکي به چڱو ٿيو جو لڳي.......“
ڪرسيءَ تي ويٺل مِس شمائله پنهنجي گوڏن کي زور ڏيندين ڳالهائڻ شروع ڪيو،
”سڄو ڏينهن ڪِر.. ڪِر.. ڪِر.. ڪِر، مٿي ۾ ئي سور وجهي ٿيون ڇڏين“ اڳي ئي اسان کي گهرن جا مسئلا گهٽ آهن، هتي اچون ٿا ٻه ٽي منٽ ساهه کڻڻ. سو به نه ٿو ملي.“
مِس نائله ”ادي اصل بس ڪري ويهه! وري ٿيون چون ته مِسون نه ٿيون پڙهائين سڄو الزام اسان جي مٿان.....“
”هنن کي خاموش ڪرائيندي اسان جو گلو ئي سڪي ٿو وڃي. ائي صبا وڃ گهران پاڻي ته کڻي اچ.“
”مِس مون سان گڏ ثنا ۽ سڪينه به هلن.“
ڇوڪريءَ نخري سان چيو.
”ها ها توهان به وڃو، پر جلدي اچجو.“
ڇوڪريون پاڻي کڻڻ ويون، ايتري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موبائيل وڳي ”هيلو، هيلو امان ڪهڙا حال آهن؟“ نائله پنهنجي ماءُ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
شمائله جيڪا ڪاپيون چيڪ ڪري رهي هئي، تنهن جو سڄو ڌيان ان فون ڏي هليو ويو.
مِس نائله پنهنجي ماءُ سان ڳالهائڻ ۾ لڳي وئي ته ڇوڪريون به پنهنجا پير ڊيسڪن تي رکي هڪٻئي سان ڳالهائڻ لڳيون.
هڪڙيءَ چيو ”نيٺ مار مليئي نه!‍......... نه مِس کي ڏَسين ها نه ئي مار ملئي ها...‍‍‍‍!“
زهره جو سبق ڪچو هو. مون مِس کي چيو پر مِس ته ٻڌو ئي ڪونه.“
”هرو ڀرو مار کاڌئي.“
مِس شمائله: ”ڇوريون بس نه ٿيون ڪريو. ڏسو نه پيون ته مِس فون تي پئي ڳالهائي. اٿي بيهو ۽ وات تي اڱر رکو. مِس جي حڪم تي ڇوڪريون اٿي بيٺيون ۽ آڱر پنهنجي چپن تي رکيائون.
ائين ئي مِس وري وڃي ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ ڪاپيون چيڪ ڪرڻ لڳي. پر سندس ڌيان اهوئي فون جي طرف هو. مِس نائله فون تي پنهنجي ماءُ سان ساهرن جون گلائون ڪري رهي هئي.
”امان، مون سان ته ظلم آهي. ڪمائڻ وارو منهنجو مڙس ۽ کائڻ وارا ست ڄڻا. اڃا گهر ۾ مِس ڪو شيءِ جو ذرو ايندو ته سڀني جو وات ڄرڪي جيان ڦاٽو پيو هوندو. رڳو ٻليءَ وانگر پيا تڪيندا ته ڪيڏي مهل ٿو ملي“.
”سس کي هڪ صوف ڏينديس ته چوندي ته عمر لاءِ به رکجانءِ، ان کي به صوف وڻندا آهن. دل ٿي چوي ته جهلي ڇڏيانس ته فروٽ آڻي ئي نه، پر ڇا ڪريان رابيل ۽ سيما ماني ته کائين ئي ڪونه. رڳو فروٽ کائيندا آهن. جهليان ته جهليان ڪيئن......؟!“
ماءُ: ”بس، امڙ اهي ڏکيا ڏينهن اسان به گذاريا. اهي جزائون ته هر ڪنهن جي نصيب ۾ لکيل آهن.“
ماءُ ڌيءَ کي آٿت ڏيندي چيو.
”امان ٻيو ته ٺهيو، پر جي ڪڏهن هوٽل تي ماني کائڻ وڃون ته به پڦي چوندي ته منهنجي لاءِ به ڪجهه وٺيون اچجو. گهر جي ماني کائي کائي بيزار ٿي پيا آهيون.
خبر اٿئي تو وارو نياڻو ڇا چوندو آهي!
حاضر امان، ڇو نه!
مون کي ته اصل نُهن کان چوٽيءَ تائين باهه لڳيو وڃي. ڏائڻ، ڪجهه به نه ٿي سهي!
ايتري ۾ ڇوڪريون پاڻي کڻي آيون. سندن جسم مان پگهر ڳڙي رهيو هو ۽ هو سهڪي رهيون هيون.
”چڱو امان وڌيڪ پوءِ ڳالهائينداسين.“
مِس نائله فون رکي پاڻي پيئڻ شروع ڪيو.
ڇوڪريون پنهنجين پوتين سان پگهر اگهڻ لڳيون.
”ڪيڏي نه ڌپ اٿو پگهر ۾، وهنجنديون ڪونه آهيو ڇا؟“.
مِس نفرت مان ڇوڪرين ڏانهن نهاريندي چيو،
چڱو هاڻي هلي ويهو.“
ڇوڪريون لڄي ٿيندي وڃي ڊيسڪن تي ويٺيون.
”پاڻي مان به پيئندس.“ ٽيچر شمائله چيو.
مِس نائله بوتل مان پاڻي گلاس ۾ وڌو ۽ هٿ وڌائي کيس ڏنائين.
هن پڇيو: ”امان جي فون هئي!“
”ها ادي، ماءُ پيءُ ته نياڻيءَ جو ڀلو سوچيندا آهن، پر گهر به ته سٺو ملي نه؟“
”ها، ادي ها! سچ ٿي چوين.“ مِس ڏک مان چيو.
”ڀلا ٻڌ، اڃا تائين اهوئي آزار اٿئي ڇا؟.....“
”تنهنجي ڏيرن کي اڃا ڪا نوڪري ڪانه ملي آهي؟“
مِس شمائله همدرديءَ وچان پڇيو.
”ها ادي، بس مڙئي پيا زندگي گذاريون، منهنجو مڙس ويچارو ڏاڍو خيال رکندو آهي، تنهنڪري انهن ڇورن سان به منهن پيان ڏيون.“
”جيڏي مهل ڏس ته منهنجي سس چوندي ته ابا عمر کي ته ڀاڙي جا پئسا ڏي، ۽ شازيه کي به ڪاليج جي في ڏيڻي آ!“
”رڳو ڪِر ڪِر ۽ نڀاڳ.“
”جهڙوڪ عمر نوڪري ڪري اسان کي پڳ ٻڌرائيندو.“
مِس نائله پنهنجي دل جو سور ٻڌايو چيو.
ايتري ۾ وري مِس شمائله جي فون وڳي.
”هيلو، هيلو، ڪير...... ڪير؟“
ٻي مِس ٻارن کي خاموش رهڻ لاءِ چيو.
ڪجهه دير ڳالهائن کان پوءِ فون بند ٿي وئي.
”ڪنهن جي فون هئي؟“ مِس نائله مِس شمائله کان پڇندي چيو.
”امان جي فون هئي منهنجي ٽيون نمبر ننڍڙي ڌيءَ جي طبعت ٺيڪ نه آهي، سو چيو اٿس ته موڪل وٺي اچ.“
”وڏي آپا کان وڃي موڪل وٺ.“
مِس نائله مِس شمائله کي مشورو ڏيندي چيو.
”ها چوانس ٿي، پر توکي خبر نه آهي ته هوءَ ڪهڙي آهي! ڪنهن جي به مجبوري نه ٿي سمجهي، ڄڻ خدا ڏي ته هلڻو ئي ڪونهيس.“
”اهڙو ته منهن پڪو ڪري جواب ڏيندي آهي جو وري ڪنهن جي به دل نه چوندي آهي.“ مِس نائله چيو.
مِس شمائله افسوس ڪندي چيو،
”هوءَ ته برابر سخت آهي پر اسان ماسترياڻين ۾ رِيس به ته ڪيڏي آهي. ڪالهه نه ڏٺئي ته مون موڪل گهري مانس ته هڪدم زاهده چيو ته آپا مون کي به موڪل ڏيو.“
”پوءِ تو ڏٺو ته آپا جو منهن ڪيئن خراب ٿي ويو.“
مِس شمائله هن کي وڏي آپا بابت سمجهائيندي چيو.
”ڀلا تون پنهنجو گهر ڇڏي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ ڇو ٿي رهين؟“ مِس نائله کانئس وضاحت گهري.
”ادي نه پڇ، منهنجا چار ٻار وري سڄي گهر جو خرچ به منهنجي مرس مٿان. جيڪو ڪمائي سو ته چٽ پر وري گلا. هونئن به آصف ته آهي ئي منهنجي هٿ ۾ جيئن چوانس تيئن ڪري. سو چيومانس ته هتي اسان جو ڪجهه به ڪونه ورندو. هل ته هلي امان وارن وٽ رهون. ته جيئن پنهنجا ٻار به سٺي نموني زندگي گذارين.“
”پر ادي، اهي ٻار به ان نسل جا آهن. انهن ڏانئڻن اهڙو ته جادو ڪيو اٿن جو سڄو ڏينهن ٿا انهن کي سارين.“
”سِدرا کي ته بخار ٿي پيو آهي. سو امان چيو ته جلدي گهر اچ!“ ڇوڪريون هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي بيٺيون رهيون. آخر مِس کي رحم آيو ۽ هنن کي ويهڻ لاءِ چيائين پوءِ ڇوڪريون ڪچهري ڪنديون رهيون ۽ هاڻي رسيس جو ٽائيم ٿي چڪو هو ۽ کين بک به لڳي رهي هئي.
مِس شمائله هيڊ مسٽريس کان موڪل وٺڻ لاءِ وئي.
مِس نائله ڇوڪرين کي سبق پڙهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ وري ٻئي ڪلاس ڏانهن هلي وئي. ڇوڪريون ڪتابن ۾ منهن وجهي پڙهڻ لڳيون.
”تمام سخت محنت ۽ دل لڳائي پڙهڻ سان اسان جو مستقبل روشن ٿيندو.“
ايتري ۾ وري موبائيل وڳي.
ڪتابن مان ڌيان هٽائيندي ڇوڪرين رڙ ڪئي.
”منهنجي مِس جي فون آهي.“
”نه، نه، منهنجي مِس جي فون آهي.“
ڏس اها ڌن آهي نه ته ”اڪ پرديسي ميرا دل لي گيا“ نه تنهنجي مِس جي ڌن آهي: ”اگر تم مل جائو زمانا چهوڙ دين گي هم“.
آخرڪار فون وڄي وڄي بند ٿي وئي. ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهڻ لڳيون.
”انڌي تو چيو“
”نه پهرين تو چيو“
”منهنجي مِس جي فون ڀلي آ.“ ”نه منهنجي مِس جي فون ڀلي آ!“ بس ڪر، تون ، نه تون.....
ايئن ئي ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهڻ لڳيون. ڪلاس ۾ گوڙ ٿي ويو. هڪ ڇوڪري ڀڄندي ڀڄندي پنهنجي مِس نائله جيڪا ٻئي ڪلاس ۾ ويٺي هئي. ان کي چيو.
”مِس ڪلاس ۾ سڀ ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙهن پيون!“
”هل ته اچان ٿي، رڳو اٿئي ٽپال ڏيڻي.“
ايتري ۾ مِس شمائله ڪلاس ۾ آئي ۽ برقعو پائڻ لڳي. ڇوڪرين کان بنان پڇڻ جي ته ڇا ڳالهه آهي. سونٽي کڻي هر هڪ کي وهائي ڪڍيائين.
ڇوڪريون ڊپ ۽ حراس ۾ چپ ڪري ويهي رهيون. ايتري ۾ وري ٻئي ڪلاس ۾ ويٺل مِس نائله جي فون وڳي.
مِس شمائله هڪ ڇوڪريءَ کي چيو، ”وڃ مِس کي چئه ته تنهنجي فون پئي وڄي.“
مِس برقعي جا بٽڻ هڻڻ لڳي.
”ايتري ۾ مِس نائله جنهن تيزيءَ سان ڊوڙندي آئي. ڄڻ ته ڊوڙ جو مقابلو هجي. پر فون وڄي وڄي آخر بند ٿي وئي.
”اوهه: بند ٿي وئي. ڪنهن جي هئي؟ فرزانه جي هئي.“
هن موبائيل ۾ نالو ڏسندي چيو.
”موڪل مليئي؟“
”ها! مڙئي منٿون ايلاز ڪرڻ کان پوءِ ڏنائين ۽ چيائين ته سڄي مهيني ۾ وري نه چئجان.“
هن شڪايتي انداز ۾ چيو.
پوءِ هوءَ پرس کڻي ٻاهر وئي. نائله وري موبائيل ۾ ڏسڻ لڳي. ايتري ۾ مِس فوزيا ڪلاس ۾ آئي.
”ڪنهن جي فون هئي؟“
”فرزانه (ڀيڻ) جي هئي.“
”هيءَ وري ڪاڏي وئي!؟“
”ڇوڪريءَ جي طبيعت ٺيڪ نه هئس. ماڻس فون ڪيس ته جلدي اچ.“
هن منهن ٺاهيندي چيو.
”نه ڪو، مڙئي ڪوڙ ٺاهي پوءِ ٿيون اسڪول اچن ۽ هاف ڊي وٺن. ادي نصيب اٿن جو ملين ٿو.“
مِس فوزيا ڏند ڪرٽيندي چيو.
”وري ڏس! مڙس وٺي ماڻس جي گهر پئي رهي. ته متان هو پنهنجو ماءُ پيءُ کي ڪجهه ڏئي.“
”بلي! مائي جي هُشي ته ڏس، نيٺ ادي پيءُ ماءُ جو به ته ڪو حق آهي يا نه؟ آخر اسين به اولاد وارا آهيون خدا کان به ڊڄڻ گهرجي ان کي الائي ڇا منظور!“
مِس فوزيا پنهنجي ڪلاس ڏانهن وئي ته مِس نائله دڙڪو ڏئي ڇوڪرين کي سماجي اڀياس پڙهڻ لاءِ چيو.
مِس جي موبائيل ٽيهر وڳي ۽ سڀني ڇوڪرين جو ڌيان وري ڌن ڏانهن ڇڪجي ويو.
هاڻي مِس فون تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڇوڪريون آهستي آهستي پڙهڻ لڳيون.
”اسين ٻار ئي هن ملڪ جا معمارآهيون. سڀان اسان کي ئي هن ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون آهن. ٽڻ... ٽڻ... ٽڻ... ايتري ۾ رسيس جي گهنٽي وڳي.
مِس S.M.S پڙهي رهي هئي. ان کي ڪابه خبر ڪانه پئي. ڇوڪريون ائين گم ٿي ويون، جيئن بندوق جي ٺڪاءُ تي پکي اڏامي ويندا آهن.
مِس نائله وڃي اسٽاف روم ۾ ويٺي جتي ٻيون ٽيچرس اڳ ۾ ئي ويٺيون هيون.
هر ڪنهن مِس پاڻ سان آندل کاڌو ميز تي رکيو.
هاڻي کائڻ سان گڏ ڪچهري ڪنديون رهيون. ايتري ۾ ٽڻ ٽڻ ٽڻ رسيس بند ٿيڻ جو گهنڊ وڳو.
سڀني ڇوڪرين کي ٻڪرين جي ڌڻ وانگر ايمڻان پٽيوالي لڪڻ ڏيکاريندي اندر ڪندي وئي. ڇوڪريون ته ڪلاس ۾ پهچي ويون، پر سڀ ماسترياڻيون اسٽاف روم ۾ هڪ ٻئي جي S.M.S پڙهڻ ۾ رڌل رهيون. ۽ هر هڪ ڪلاس جي ڇوڪري پنهنجي پنهجي ٽيچر کي وٺڻ آئي.
هر ڪا ٽيچر پنهنجي موبائيل ۾ منهن وجهي S.M.S پڙهڻ ۾ ايترو ته مشغول هئي، جو هن کي در تي بيٺل ڇوڪرين جو آواز ڄڻ ٻڌڻ ۾ ئي نه پئي آيو.
ڇوڪرين هيڏانهن هوڏانهن نهاري پاڻ ۾ فيصلو ڪيو.
”هلو ته وڏي آپا کي ٿا چئون!“
۽ ايئن ئي سڀ ڇوڪريون گڏجي هيڊ ماسترياڻيءَ جي آفيس ڏانهن ويون.
”توهان جون ماسترياڻيون ڪٿي آهن؟“
مئڊم رعبدار آواز ۾ پڇيو.
”اهي اسٽاف روم ۾ ويٺيون آهن.“
هڪ ڇوڪريءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.
”مئڊم يڪدم پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ۽ پنهنجي منهن ڳالهائيندي (اهي ڪونه سڌرنديون) چوندي ڇوڪرين سان گڏ اسٽاف روم ڏانهن آئي.
ماسترياڻيون هڪدم ڇرڪجي اٿي بيهي رهيون. ڪن جي ته هٿن مان تڪڙ ۾ موبائيل به ڪري پيا.
”ڪجهه خدا جو خوف ڪريو، ڪجهه حلال ڪري به کائو.“
توهان به پنهنجي ٻچن واريون آهيو! هي به توهان جا ٻار ئي ته آهن، جيڪر هنن جو ڀلو ڪندؤ ته خدا توهان جي ٻچن جو پڻ ڀلو ڪندو.“
مئڊم چڙ ۽ ڪاوڙ مان ايئن چئي آفيس ڏانهن رواني ٿي.
ماسترياڻيون هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳيون.
”سڄو ڏينهن مٿو هڻجي ۽ نتيجو وري اهو ٿو ملي!“
هڪڙي ٽيچر شڪايتي انداز ۾ چيو.
”پاڻ کي ته ڏسي سڄو ڏينهن آفيس ۾ ويٺي آهي. ڪلاس ۾ ويهي ته خبر پويس ته ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي.“
ٻي ٽيچر پهرين جي ڳالهه کي وزن وٺرائيندي چيو. ”تقرير ته ڪيئن ٿي ڪري! پاڻ به ته حلال ڪري کائي نه!“.
ٽئين ٽيچر ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو،
”هلو ته ڪلاسن ۾ هلون، نه ته اڃا وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻو پوندو.“
سڀ ٽيچرز پنهنجي ڪلاسن ۾ ويون.
ڇوڪرين جن مئڊم کي دانهن ڏني هئي، سي ڊنل سهي جيان ويٺيون هيون.
پر ٽيچر جي نظرن کان بچڻ ڪٿي، ممڪن هو.
”ڇوري، وات پٽي توسان آهيان! هيڏي اچ...... اهڙو پڙهڻ جو به شوق اٿئي جيڏي ٽپال تڪڙي ٿي پهچائين“. ايئن ئي مِس نائله سندس ساڄي ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي.
ڇوڪري ڪنڌ هيٺ ڪندي، اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ڊيسڪ تي وڃي ويٺي. اهڙي نموني سڀني ٽيچرز پنهنجي پنهنجي ڪلاس ۾ ڪارروائي ڪئي.
”ها ٻڌايو! ڪهڙو سبق پئي پڙهيو. رسيس کان اول!“
”مس، استادن جو احترام“. هڪ ڇوڪريءَ جوش واري انداز ۾ چيو.
سبق: ”استاد اسان جي ملڪ جو قومي سرمايو آهن. انهن جي ئي بدولت سماج ترقي ڪري ٿو.“
اڃا ڇوڪريءَ ايترو پڙهيو ته هنن جي بس اچي وئي. مِس اسان جي بس آئي آهي اسان وڃون؟
ڪيتريون ئي ڇوڪريون ٿيلها کڻي ٻاهر وڃڻ لڳيون. ايتري ۾ وري موبائيل جي رنگ وڳي.
۽ مِس هڪ دفعو ٻيهر S.M.S پڙهڻ ۾ مشغول ٿي وئي.
ڇوڪرين پنهنجي منهن سبق پڙهڻ شروع ڪيو.
سبق: ”اسان کي گهرجي ته ايئن ڪريون، جيئن اسان جا استاد ڪن.“
S.M.S ڏکي انگريزيءَ ۾ هو. جيڪو مِس جي سمجهه کان ٻاهر هو. مِس جو ڇوڪرين ڏانهن ڪوبه ڌيان نه هو. اها ته ويچاري پنهنجي ئي پريشاني ۾ هئي ته
آخر هي ڇا لکيل آهي؟
نيٺ ٻئي ڪلاس جي ٽيچر کان S.M.S جي معنيٰ پڇڻ وئي. پوءِ ٻئي ٽيچرز موبائيل ۾ S.M.S پڙهي ان جي مختلف معنيٰ ڪڍنديون رهيون ۽ سوچينديون رهيون.
اڃا کڻي ڏسن ته موڪل ٿي چڪي هئي. پورو اسڪول خالي هو ۽ پٽيوالو نماڻين نظرن سان کين ڏسي رهيو هو ته ڪيڏيءَ مهل وينديون ته هو به اسڪول بند ڪري گهر ڀيڙو ٿئي!
صبا قريشي
امڙ
پيدا ٿيس جڏهن کان
سوچڻ لڳس تڏهن کان
ڪيڏو نه حسين پيار آ تنهنجو
مٿانهين آهين تون سڀ کان
سور مٿان سور برداشت ڪري
ڏک پري مون کان ڪري
زندگي ڪئي آ، پنهنجي قربان
منهنجيون خواهشون پوريون ڪري
رات جا اوجاڳا ڪيا هن
اڻ هوندي سڀ ڪجهه ڏنو تو
ان رشتي جو ڪو ملهه ئي ناهي
روئڻ بعد پرچايو تو
توکان وڇڙي خوشي ناهي
تو کان وڌيڪ ٻيو ڪير ناهي
تنهنجي ڪري منهنجو وجود آ
تو کان بغير سوچيو ناهي
لکڻ پڙهڻ تو سيکاريو
”امڙ“ لفظ چوڻ تو سيکاريو
هر ڳوڙهي جو حساب ڪيئن ڏيان
زندگيءَ ۾ قدم کڻڻ تو سيکاريو
تنهنجا سڏڪا ٻڌان ٿي مان
دردناڪ ڪهاڻيون ٻڌان ٿي مان
اڄ صرف تنهنجي ڪري
گل جي خوشبو پسان ٿي مان
پاڻ بکيو رهي کارايو تو مون کي
سدائين خوشي رسائي دل کي
پيار تنهنجو احسان ڪونهي
ٻڌايان ٿي مان هر هڪ کي
تون آهين ته جهان آهي
تنهنجي هجڻ سان رنگت آهي
سچ چوان ٿي مان
مون کي تو سان محبت آهي
جنت نصيب توکي ٿئي شل
ڏک بدران سک اچن شل
گل وانگر ٽڙين تون شل
مرڪون اچن ويجهو تنهنجي شل
منهنجي ”امڙ“ سدائين خوش رهه تون
اها تمنا پوري ٿئي ”صبا“ جي شل!
نجمه پنهور
آزاد فضا
شام جا ست ٿيندي ئي سڀ ٻارڙا کُڏين نما فليٽن مان نڪري ڪاريڊور ۾ اچي ويا. پوءِ ٻارن جي راند به شروع ته ننڍڙا ننڍڙا جهيڙا به شروع. ننڍا ننڍا گهر ڄڻ گُڏين جا گهر هجن، ڇو ته هر فئمليءَ ۾ ٻه ٻار يا هڪ ٻار. مائرن مان ڪا ٻارن لاءِ سئنڊوچ پئي ٺاهي ته ڪا گلاس ۾ جُوس کڻي بيٺي آهي.
هِي چار فليٽ ائين ٿا لڳن ڄڻ چار ڏيراڻيون آمهون سامهون رهنديون هجن. هڪٻئي سان ٺهن يا نه؟ پر ٻارن جي دوستيءَ جي ڪري کين به مِٺو مُنهن ڪري ڳالهائڻو ٿي پيو. پوءِ اُهي ڳالهيون ذاتي ئي ڇو نه هجن، ڀِت ڀِت سان مليل، چاهيندي به ڪجهه لڪائي نه ٿو سگهجي! هر گهر جي ٻئي گهر کي ڄاڻ. مائرون گهڙي ساعت لاءِ دروازن ۽ درين مان نِهار ڪري وري پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ جنبي ٿي ويون. ڪم به ڪهڙو گهڻو؟ هر گهر ۾ نوڪر! ڪرڻي به صرف ماني رات جي، سا به ڪا ڪري، ڪا هلي وڃي پنهنجا ٻار وٺي گهمڻ لاءِ، وري سڄو ڪاريڊور خالي ۽ اُداس.
ڊاڪٽر سائره ۽ ريحانه صبح جو سوير نوڪريءَ تي هليون وڃن، انڪري صبح وارو وقت مصروف هجڻ ڪري شام جو هو پنهنجا رهيل ڪم پورا ڪن ۽ پنهنجن ٻارن کي ٽائيم ڏين.
ٻارن پنهنجون سائيڪلون پئي هلايون، ڊاڪٽر سائره سڀني جي سنڀال پئي ڪئي ۽ کين غور سان ڏسي رهي هئي، ڄڻ ڪجهه سوچي رهي هجي!
ريحانه ڪِچن ۾ ٻارن لاءِ جُوس ٺاهي رهي هئي. ڪِچن جي دريءَ مان ٻنهي هڪٻئي کي هيلو هاءِ ڪيو ۽ وري ڪم کي لڳي ويون.
سائره چيس ته ”جلدي واندي ٿي اچ ته هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ!“
”ڇو خير ته آهي؟ وري ڪو هاسپيٽل ۾ مسئلو ٿيو آهي ڇا!؟“
”نه، نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي.“ ريحانه ڪم کي جلدي اُڪلائي ٻاهر آئي.
سائره: ”خبر اٿئي ته ڊاڪٽر فوزيه کي مڙس گهر مان جهيڙو ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي.“
”نه سائره...! ائين ڪيئن هوندو!“
بس ڀيڻ هي مرد به پنهنجي مطلب وارا آهن. صبح جو فوزيه روئندي پنهنجي ننڍڙي کي کڻي پنهنجي پيءُ سان گڏ هلي ويئي، ڪيڏي نه پياري آهي فوزيه! ۽ ڪيڏو نه سُهڻو پٽ ڄائو هئس، پر مڙس قدر ڪونه ڪيس.“
”انهيءَ ماڻهوءَ سان الائي ڪهڙو مسئلو آهي؟“ ريحانه کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي.
”سائره، مسئلو ڪهڙو هوندس؟ ٻين ماين جي پويان پنهنجو ٺهيل ٺُڪيل گهر پيو برباد ڪري ٻيو ڇا!!“
”مون کي ڏاڍو ڏک ٿي پيو آهي!“ سائره جي لهجي مان ڏک ڇلڪيو. ”فوزيه ويچاري مون سان پنهنجو هر مسئلو شيئر ڪندي هئي.“
”مڙئي خير ٿيندوءِ، ريحانه ڄڻ پاڻ کي آٿت ڏنو. اچي ويندي، ڀلا گهڻا ڏينهن رُٺي مائٽن ۾ رهندي....!؟“
سائره ٿڌو ساهه ڀري، ڇڏيو.
هن ڀيري ته نه ٿو لڳي ته موٽندي! چڱو تون پريشان نه ٿيءُ.“
”ريحانه جيڪا پڙهيل لکيل عورت آهي، ان جي گهر ۾ ڪا به اهميت ڪانهي. منهنجو ئي مثال وٺ. آءٌ ڊاڪٽر آهيان. گهر سنڀاليان، ٻار سنڀاليان پر گهر ۾ وري به ٽَڪي جيتري حيثيت. فرسٽ فلور واري ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي ڇا نالو اٿس، رضيه، اُن جي گهر ۾ روز جهيڙو! اُن ڏينهن مٿي تي ڌڪ لڳل هئس، چئي پئي مُڙس ماريو اٿم.“
”بس سائره، زندگيءَ جو گاڏو مڙئي آهي گهلڻو، نه ته رکيو ڇا آهي زندگيءَ ۾! هر گهر ۾ مسئلا آهن، پر نوعيت چينج آهي. اِهو به سٺو ته دل جا سور هڪٻئي کي ٻڌائي، مَن جا بار لاهي ٿا ڇڏيون.“
سامهون واري فليٽ ۾ شبنم انڪم ٽيڪس آفيسر جي زال، اڻپڙهيل آهي، پر گهر ۾ جيئن ٿي چاهي، تيئن ٿو ٿئي. هڪڙو نوڪر سامان سڙي وٺڻ لاءِ، هڪڙي مائي گهر جي ڪم ڪار لاءِ. ٻارن لاءِ ڌار مائي بيٺل، اٺئي پهر، پر سدائين ڏُکي!، تيسين شبنم پاڻ ٻارن کي ٻاهر وٺي آئي.
”اَئي خوش آهيو، چاڪ آهيو؟“
”ها اسين خوش آهيون، تون ٻڌاءِ! ٻارڙا ٺيڪ آهن نه؟“ سائره پڇيو.
”بيبي ٺيڪ ڪانهي. پاڻ پنهنجن ڪمن سان هليو وڃي، اسين هتي ويل ۾. هڪڙو منٽ ڪونه ٿو مليم ته ڦڻي ڏئي وار سؤلا ڪريان. سدائين ڪاوڙيو گهمي.“
”ڇو؟ ڪو ڪارڻ ته هوندو نه!“ ريحانه پڇيو.
۽ ٻيئي ريحانه ۽ سائره، شبنم جي مُنهن ۾ نهارڻ لڳيون.
”چئي ٿو ماني سُٺي ڪانه ٿي کارائين!“ شبنم ٿڌو ساهه ڀريو. ”پر آءٌ به ڇا ڪريان، ٻارن کي سنڀاليان! ماني ٽِڪي ڪريان! مون کان ته ڪونه ٿو پُڄي. رکي ته رکي نه ته ڀل مائٽين اُماڻي. ڪو اسان ڏوهه ڪيو ڪيئن!!“ ريحانه ۽ فوزيه هڪٻئي ڏي نهاري مرڪي پيون.
”هيءَ صوفيه ڪيڏانهن وئي آهي؟“
”صوفيه وئي پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان ٻاهر ماني کائڻ.“
”هائو بروبر“ شبنم وارو وٺايس. ”اِهي مايون چڱيون. سدائين مڙسن کان پنهنجي مڃائين ۽ مڙسن کي سمجهن به پير جي جُتي!“
”ڪنهن جي ڀاڳن سان ڪهڙي ريس!“ سائره ٿڌو ساهه ڀريو ”مڙس جي گهمائي ڦيرائي ٿو ته ڀل وڃي گهمي، پاڻ ڇو اَرها ٿيون!“
شبنم:”ته اسان وري ڪو ڏوهه ڪيو آهي ڇا، جو پڃرن ۾ پکين جيان بند پيا آهيون!“ شبنم احتجاج ڪيو. ”آءٌ به مڙس سان ايترو ڪين وِرچان، مائي ڪپڙا ڌوئي ته آءٌ به ماني ڪين ڪريان، ڀلي هوٽل جي کِين، ائي جنهن ۾ فون تي ماني گهرائي ڀي آهي، مون به ماني گهرائي ڏنيمس، کِين يا نه.... پاڻ کان هلاڪيون ڪين پڄن!“
سائره: ”بس ادي تون به زور آهين!“
”ڇو سچ ڪين ٿي چوان! جيتري عزت ڏين اوترو من وڌيو وڃين!“ شبنم کي اوچتو ڄڻ ياد آيو ”اَئي ها، ٻڌم ته ڊاڪٽر فوزيه مڙس سان وڙهي هلي ويئي!“
”هوءَ نه پر مڙس وڙهيس“ سائره صفائي پيش ڪئي. ”نه ڀاڄي آڻي ڏئيس، نه ٻار لاءِ ڪا شيءِ! سڄو ڏينهن هيٺ وڃي سامان سڙو وٺندي هئي. مٿان وري سانجهي صبح هاسپيٽل ۾ ڊيوٽي به ڏيندي هئي. بس ڪجهه چوندي هئي ته گهر ۾ جهيڙو!“
”ڪهڙي نه چڱي هئي!“ شبنم فوزيه جو تصور ڪندي چيو. ”سهڻي سدا ملوڪ، سيبتي. اڄڪلهه ته مڙسن کي اهڙيون مايون وڻن ئي ڪِينَ!“
”ٻوڙ چاڙهي آئي آهيان هلڪي سيڪ تي.“ سائره اُٿندي چيو، ”توهان جي ڳالهين ۾ ته منهنجو سج لهي ويندو، مان ته وڃان ٿي، ٻارن جو خيال رکجو. سائره، جلد اچج!“ شبنم پٺيان سڏ ڪيس.
سائره گئس جو چلهو بند ڪري موٽي ”وري ڇا ٿيو؟“
”سائره تون اسان سڀني ۾ آهين ڏاهي!“ شبنم هن جي ساراهه ڪرڻ لڳي ”تون ون ڊِش جو پروگرام ٺاهين. نئين سال جي پارٽي ڪرين، ٻيا سڀ نمونا تون ڄاڻين، آءٌ ته آهيان ڪوري ڄٽ!“
هان ٺهيو پاڻ کي اهڙو به نه سمجهه!“ سائره ٽوڪيس. ”سدائين اسان جي پروگرام ۾ هوٽل تان به گهرائي کارائين، مڙسهن وٽ ڏوڪڙ آهن جام، سو ويٺي لُٽائين!“
”اَئي مِين کي رڌڻ پچائڻ اچي ڪونه، اڄڪلهه ته الاءِ ڪهڙا ڪهڙا نالا آهن کاڌن جا! ها ها ها....“ زور سان کلندي. ”پوءِ توهان جون مائرون ڪي ڏاهيون هيون. مِينجي ته ماءُ ويچاريءَ کي اهڙا کاڌا ٺاهڻ ئي ڪِينَ ايندا هئا. سو مِينکي وري ڇا ايندا! هروڀرو ٽوڪون ته نه ڪريو!“ هوءَ ماڻو ڪري رُسي ويئي.
”چڱو چڱو.“ سائره کيس پرچائڻ لاءِ چيو. گاڏيءَ جو بندوبست ڪر ته ڪو پروگرام ٺاهيون.
”ها ها، گاڏيون جام تون رڳو حڪم ڪر!“ هوءَ پرچي وئي.
ٻارن کي جو خبر پئي ته سڀ خوشيءَ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا. ”ڏاڍو مزو ايندو سڀ گڏجي گهمڻ هلنداسين، پر هلبو ڪيڏانهن؟“
اسين بدين جا ماڙُهو چئون ته جت وڃون اُتي پلو ۽ مڇي کِيون، سو درياهه تي هلون به کڻي، پر درياهه ۾ ته پاڻي به ڪونهي ڪو، سو پلو مڇي وري ڪٿان ايندو!“
سائره ۽ ريحانه ٻارن جي صلاح سان واٽر پارڪ هلڻ جو پروگرام رِٿيو. آچر جو ڏينهن مقرر ٿيو.
ٻئي ڏينهن کان سنبت شروع ٿي وئي. ڪنهن پلاءُ کنيو ۽ ڪنهن مڇيءَ جا ڪوفتا، ڪنهن ڪباب جون ٽِڪيون ته ڪنهن تريل پلو ۽ ماني کنئي. شبنم سدائين جيان بوتلون ۽ فروٽ کنيو.
ريحانه، سائره ۽ صوفيه جو گوڙ شبنم جي در تي ته فائنل ٻڌاءِ ته صبح جو گاڏي ڪيڏي مهل ايندي؟ گاڏيءَ ۾ ڪيتري گنجائش هوندي...!
شبنم: گهر ۾ ويل ڪري ڏنو، وڏو صاحب واندو نه هجي ته مائيءَ جي ڳالهه ٻڌي. گاڏيءَ لاءِ ها ڪري ڇڏيائين. ڊرائيور وڃي گاڏي سروِس ڪرائي آيو، چئني فئملين جو سڄو زور شبنم تي هو ته پروگرام خراب به ٿيندو ته تنهنجي ڪري.
شبنم کلندي ورندي ڏني! ڇو ڀيڻ گهر مان ٻه گهر ته ڪونه ڪرائڻا اٿوَ! اهڙو گهر ۾ گوڙ ڪيو اٿم گاڏي ملندي ضرور ملندي. توهين سڀ صبح جو پنهنجن کاڌن پيتن سان تيار رهجو!“
رات جو سڀني پنهنجا کاڌا تيار ڪيا ۽ شبنم جي ڳالهه به صحيح ثابت ٿي. حڪم جو غلام ڊرائيور گاڏيءَ سميت حاضر هو. سڀئي تيار ٿي واٽر پارڪ تي هليون ڳائينديون وڄائينديون، شبنم جي رعب جي ساراهه ڪنديون وڃي واٽر پارڪ پهتيون.
بند فليٽن مان - گهُٽ ٻُوسٽ مان هو نڪري آيون هيون. کليل آسمان، آزاد فضا، گهُلندي گهُلندي هوا، جهومندڙ وڻ - ۽ هو به ٻارن سان ٻار بڻجي ويون!
سهيڙيندڙ: امر سنڌو
هڪ شخصيت 100 سوال: تنوير جوڻيجو
نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟
تنو.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟
ڇهين فيبروري 1952ع
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
مِٺي.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
ناناڻو ڳوٺ ”ٻورڙي“.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
حيدرآباد سنڌ.
شهر جو دل کي نه آڙبو هجي؟
خدا جي ڌرتي خوبصورت آهي.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
ڪراچيءَ ۾ ماءَ جي وفات تي.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
زندگي جهول ۾ مُرڪون وڌيون. اڳتي به شل مُرڪون وجهي.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
زندگيءَ جو هر لمحو تقريباً مهربان رهيو.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
................
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
................
وڻندڙ موسم؟
ٿڌو مٺو سيءُ.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
آچر.
ڏينهن جي چوويهن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
ٽپهريءَ کان سانجهي.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
منهنجو گهر جتان بيٺي پير، نظارا پسان ٿي.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ڪاڪا جا پئسا چوري ڪرڻ.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
اهو دور پئسي جي لحاظ کان محرومين جو دور هو پر محبتن جو دور هو.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
هر خواهش پوري ٿي.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
انگل جيڪي گهڻو ڪري پورا ٿيا.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
جواني آئي گذري وئي خبر ئي نه پئي.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
خواب جو دور ئي ڪونه هو.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
................
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
موسيقيءَ سان پيار آهي هر نئون گيت وڻندو آهي.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟
................
ڏک جي آخري پناهه گاهه؟
فون تي دوستن سان ڪچهري.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
ٿورڙي رڙ، ٿورڙو واڪو.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟
دراصل ننڊ اهڙو ڪوبه ويلو ڏسڻ نه ڏيندي آهي.
اڪيلائي جو احساس؟
وڻندڙ آهي.
تاريڪي جو احساس؟
ڊيڄاريندڙ.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪا ميار ناهي، قدرت ايتري مهربان ٻئي جنم ۾ به رهي.
خالي رستن جا احساس؟
وسعت بخشيندڙ ۽ وڻندڙ
قد کان اڀيون ديوارون؟
ساهه منجهائيندڙ
دوستي؟
دوستي، زندگي آ.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي ...........؟
دنيا گول آ، هر ڪو وريو اچيو ٽڪرائجي.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪا ميار ناهي.
پيار؟
سچائي آ.
عشق؟
نوجوانيءَ جي اڇل ۽ اڌمو.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
وڻندڙ ۽ خوبصورت
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
ويهي پٽجيس.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
انهيءَ ۾ ئي سونهن آهي بقا آهي.
ڪلا کيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
منهنجو پيءُ منهنجو ڀاءُ.
پهرين مڃتا؟
1973ع جي پهرين ڪهاڻي.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
تنقيد جيڪا ساڙ منجهان ڪيل هجي.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ڪهاڻي.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
1973ع کان.
سڃاڻپ جو حوالو؟
تحقيقي مضمون.
سڀ کان وڏو نقاد؟
عام پڙهندڙ.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
هر تعريف دل کي خوش ڪندي آهي. پوءِ ڀل اها ڪوڙي ئي هجي.
پسنديده شاعر؟
شيخ اياز
پسنديده نثر نگار؟
ڪابه هلڪي سلڪي شيءِ جا دل کي ڇهي.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
گيتادت.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
تبي منهنجي ڀيڻ.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
خوشبو استعمال ڪندي آهيان تبت جو پائوڊر.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
هلڪي ٿڌ
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
ميرو، واڱڻائي ۽ هيڊو.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ٻار.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
جيڪو سامهون اچي ان تي لاهجي.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟
ڳالهائڻ جو نرم انداز.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ٽرڙا ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
سٺو کاڌو ۽ وڻندڙ موسيقي.
پيڙا جو ڪو پل؟
آيا ۽ ويا هليا ۽ وري ايندا ۽ ويندا رهندا.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
ٻار تي جنسي تشدد/جنسي تشدد.
ڪٽنبي زندگي؟
تمام اهم تمام ضروري.
نفرت؟
اڻ وڻندڙ فرعون قسم جي ماڻهن سان.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
نفرت ۽ محبت، اهي ايندڙ ويندڙ جذبا آهن.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
جذبو پر هئڻ عقل کي گهرجي.
عقيدو؟
عبادت الله جي، اطاعت رسول جي ۽ اهو تعلق شخصي آهي.
عبادت؟
زندگي جو ڏڍ تنهن کان سواءِ زندگي بي معنيٰ.
وقت؟
وقت جو قدر ضروري آهي، ويل وقت واپس نه ايندو.
موت؟
هڪ تلخ حقيقت
زندگي؟
قدرت جو خوبصورت تحفو اگر حالتون ساٿ ڏين ته .
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
دعائن جا ڪتاب – پنج سورة.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
ڪافي فلمون جن ۾ باغبان به آ ته ديوداس به.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
................
تاريخ جي پسنديده هستي؟
پنهنجو پيارو نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم.
سياست؟
من کي منجهائيندڙ لڳندي آ.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
...............
وڻندڙ مشروب؟
چانهه
وڻندڙ اخبار؟
عبرت/ ڪاوش
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
سوني ميڪس
پسنديده اداڪارا؟
راڻي مڪرجي.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ٽانگو
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
ننڊ مختلف خواب ڏيکاريندي آه، پر بابا اڪثر نظر ايندو اٿم.
خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟
الحمد الله سڀ خواب پورا ٿيا.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
باقي زندگي سڪون سان گذري.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
ڪڇونءَ جي چال ۾ گهڻو ڪري هر ڪاميابي ملي.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
هر خوشي ملي.
آزادي؟
هر انسان لاءِ ضروري آ.
ڇڙواڳي؟
مائٽن لاءِ قهر.
ڌرتيءَ سان پيار؟
قدرتي جذبو.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
انساني ڪردار جي سونهن؟
سچائي، سادگي، نوڙت.
انساني روين جو رنگ جيڪو رئاڙي؟
جڏهن پنهنجو، پرائو بڻجي وڃي.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪاش! خيروءَ جيان في البديهه ڳالهائي سگهان. امر سنڌوءَ جيترو علم رکان.
تقدير تي ويساهه؟
آهي.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
اها قابليت ڪانهي جا هجڻ کپيم.
زندگيءَ جو اعتراف؟
اهوئي اعتراف آهي.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
جيڪا آهيان، پر ذهني طور هوشيار ۽ ٻين کي متاثر ڪري سگهڻ واري صلاحيت سان.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟
......................
پيغام؟
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
(شاهه)
امداد حسيني
غزل
ڪا خاص ڳالهه ڪانه هئي جا چوان کڻي، اهڙي ته ڪابه چوٽ نه هئي جا لکان کڻي.
اهڙو ته ڪجهه به ڪونه ڪيم ۽ چيم، لکيم، هن ڇو اَلئه مٿي تي ڏنو آسمان کڻي.
رسم ۽ رواج آهه اها ريت نِيت آهه، نا مهربان کي ڇو نه چوان مهربان کڻي؟
ڪنڊي جيان چڀي ويو دل جي گلاب ۾، منهنجي کسي بهار، ڏنائين خزان کڻي.
جي رات ٿي وڃي ته ڏيي سان جلان کڻي، پوئين پهر پرهه جي پکين سان لنوان کڻي! هي سور، لڙڪ، زهرِ مليو جو به تو هٿان، هڪ تِڪَ پي وڃان ٿو سڀئي تنهنجو نان کڻي. مون ڏي اچي ته هوند ڏيا آڱريون ڪريان، مون کي سڏي ته هوند اکين سان پُڄان کڻي. چَو ڦير گهٽ گَهير، جهُڙالي اُماس رات، تارا پني تي ڇو نه ڀلا ٽانڪِيان کڻي!
هڪ عمر جنهن جي راهه نهارڻ ۾ صرف ٿي، ڪنهن ڏينهن منهنجي رهه به نهاري متان کڻي.
آتم ڪٿا قسط ”7“ رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
صبح جو سويل سندر اچي سڄو مال کڻي حساب ڏيئي ويو. مون ٻه هزار رکي باقي هن کي واپس ڪيا. هزار ستيءَ ماءُ جي گهر موڪليو. پنج سئو بابا کي زوريءَ ڏنا ته ٻارن کي خرچي ڏيئي سگهي. چئين بجي مان ناسڪ هلي ويس. اها رات مون ماءُ سان گذاري. هوءَ هر هر مٿي تي هٿ ڦيري چوندي رهي، ”ڀڳوان ڪندو لکن ۾ کيڏيندينءَ.“ منهنجي ڏاڏي به آيل هئي. تنهن چيو، ”مون توکي لولي ڏيندي چيو هو ته جهازن ۾ گهمندينءَ. سو برابر نڪتو نه! هوءَ هميشه اهو چوندي رهندي هئي. جيئن مان به جهازن ۾ پيئي گهمان، تون به گهمندينءَ. پر رُلج نه گهڻو سمجهيئه! آهين رولاڪ!“
ڪملا کي گهرائي وٺي ويس بازار هن جو منگل سوتر جو منهنجي ڪري ٽٽو هو، اهو ٺهرائي ڏنم. هن ورتو نه پئي. ان ڏينهن واپس آيس. منهنجي ڀيڻ به ملڻ آئي هئي. اسان جي پاڙي ۾ هڪ ماڻهو روز ڪلياڻ، منهنجي ڀيڻ جي گهر پاسي، دڪان جي ڪم سان ويندو هو. تنهن ڀيڻ کي ٻڌايو هو. چار ڏينهن ائين گذري ويا. پنجين ڏينهن مون ڪجهه خريداري ڪئي ۽ ڇهين ڏينهن جهاز ۾ ٻارن کي دلداري ڏيئي چيم، ”بس ٿورو وقت آهي. واپس موٽي هتي اچي ڪوئي دڪان کولينديس. تيستائين توهان هڪٻئي کي سنڀالي وٺجو. خرچ جي توهان کي ڪابه شڪايت نه رهندي.“
ڪان جو منهن سڄيل هو، تنهن چيو ”مون کي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
مون سمجهيو ته شايد پنهنجي شاديءَ جي باري ۾ ڳالهائڻو اٿس. ”چئه، ڇا چوڻو اٿيئي؟“
”مان هاڻ ڪمائي رهيو آهيان. فالن جي ڪمپني کولي اٿم. ”نيلم فال“ جي نالي تو واريون مشينون ڪم اچي ويون.“
ٻارن کي خرچ ڏين ڪونه ٿو، پوءِ تنهنجي ڪمائي ڪهڙي ڪم جي؟“
”جيڪو واجب سمجهندو آهيان، بابا کي خرچ ڏيندو آهيان. باقي ٻارن کي ڏيڻ لاءِ مان ٻڌل نه آهيان. تنهنجا آهن، تون ئي وڃي سنڀال. تون هتي اچي رهه.مان توکان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.“ ڪان غصي ۾ چيو.
”ٺيڪ آ، ٻئي دفعي اچي ٻارن ۽ بابا جو بندوبست ڪري وينديس. هاڻ وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“
هاڻي وري دبئيءَ هٿين خالي اچي پهتيس. پر هاڻ ڪم هو جو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. ٽي مهينا رات رات تائين ويهي ڪم ڪندي هئس. هري جيڪو اتي رهندو هو، تنهن کي سيٺ پاڻ وٽ وڃي رهايو. بي بي انڊيا ويئي ته اڃا واپس ڪانه آئي هئي. روز سلائيءَ لاءِ جو ڪپڙا ايندا هئا، تنهن مان مون کي هر نئين فئشن جي خبر ٿي پئي. جنهن لاءِ هر هفتي جي ڪمائيءَ مان، ڪجهه ماڌو کي مسواڙ جا ڏيئي، باقي ڪنهن نه ڪنهن کي چئي، سامان گهرائي رکندي هئس. ٽن مهينن کان پوءِ وري انڊيا وڃڻ جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي. هاڻ اڳيون ڊپ لهي ويو هو. خريداريءَ ۾ ڪجهه مال پنهنجن پئسن سان ورتل هو، جنهن لاءِ اڳي کان ڪجهه وڌيڪ رپيا بچيا، ”ڇهه هزار“، ٻارن، مٽن مائٽن کي ڏيئي وٺي. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي. اهي رپيا ان وقت ٿورا نه هئا. ڏاسواڻيءَ کي گهرائي، سڀني جي سامهون پنج هزار ڏنم. هوءَ اهڙي خوش ٿي ڄڻ لاٽري لڳي هئس. ڪان ڏانهن نهاري چيائين، ”هاڻ ڏس هي نوٽ! تو چيو هو نه ته هوءَ ڇا ڏيندي؟ پئسن تان هٿ کڻي ڇڏ. هاڻ هوءَ ايندي ته مان وڃڻ نه ڏيندوسانس. هاڻ ٻڌاءِ هيءَ رتنا آهي يا ٻي ڪا! هوءَ هتي رهي يا دبئيءَ ۾، منهنجا روپيا ميرا نه ٿيندا.“ هوءَ پنهنجو مليل پارسل کڻي ويندي رهي.
ان ڏينهن ڪان گهر ۾ هو. چيائين، ”هاڻ تون نه وڃين ته سٺو.“
”ٺيڪ آ، نٿي وڃان. تون مون کي منهنجا زيور ۽ پئسا موٽائي ڏي ته وڪڻي ڏاسواڻيءَ جو قرض لاهيان.“
”زيورن جو نالو نه وٺ. اهي منهنجي مرڻ کان پوءِ تنهنجا ٿيندا.“ ڪان وڏي آواز ۾ چيو.
مان چپ رهيس، جو بابا جو ٻاهر آواز آيو، ”پٽ پاڻيءَ ڍڪ ته پيئار. ذرا گرم ڪري ڏج.“
مون اٿي هن کي پاڻي ڏيئي چيو، ”بابا، مان ٽڪيٽ بڪ ڪرائڻ ٿي وڃان.“
”چڱو پٽ.“
مون گهر مان نڪرڻ ٿي چاهيو. منهنجو دم گهٽجي رهيو هو. مان واپسيءَ جي ٽڪيٽ دبئيءَ مان وٺي آئي هئس. مون ٻاهر نڪري سوچيو ته هاڻ وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟ چڱو، اڄ ديويءَ وٽ ٿي وڃان.موٽا مارڪيٽ مان ڪجهه سامان به وٺي اينديس. بٽڻ، ليس ۽ ڌاڳو اتي مهانگو ملندو هو، جنهن لاءِ هتان وٺي وڃڻو هو. کائڻ لاءِ به ڪجهه شيون جيئن چهرو مال، سچو گيهه وغيره. هٿ ۾ ڪجهه روپيا ايندا آهن ته مون کي خارس ٿيندي آهي، اهي خلاص ڪرڻ جي شايد! اڄ ڏينهن تائين اها عادت ويئي ڪانهي. ٽئڪسيءَ لاءِ بيٺي هئس ته ڪان جو دوست گڏيو، جو شايد دادر ۾ ئي رهندو هو، گهڻي ڀاڱي راهه ويندي ملي ويندو هو، ڀلي اها اسٽيشن هجي يا بازار جو رستو. سامهون بيهي ائين مشڪندو ۽ ڳالهائيندو هو ڄڻ اڳئين جنم کان مون کي سڃاڻي. ڀلي منهنجون ساهيڙيون به ساڻ هجن، پڇندو هو ڪان لاءِ پر دل ۾ ڪجهه ٻيو ڳالهائڻ جي خواهش هوندي هئس. قدرت استريءَ کي هڪ ٽين اک به ڏني آهي جا سامهون واري پرش جي بدنيت پرکي وٺندي آهي. مون کي هن کان بڇان ايندي هئي. هن کي ڏسندي ئي مان ٻئي پاسي هلي ويندي هئس. پر اڄ مان پنهنجن خيالن ۾ هئس. هن ايندي شرط پڇيو، ”ڪڏهن آئينءَ؟“ خوش ته آهين نه؟ ويچارو ڪان! توکان سواءِ اٻاڻڪو ٿي پيو آهي. هاڻ ته ڪمائي به پيو. تون ڇو ڪونه ٿي اچي هن سان رهين؟ ڏينهن ته هو اسان جهڙن يارن ۽ ڪم ۾ گذاري ٿو وڃي، پر رات هن جي ڪيئن گذرندي؟“ هن شيطاني کل کلندي چيو. هن جي ائين کلڻ جي عادت هئي. هڪ دفعي منهنجي هڪ ساهيڙي، جا مون سان گڏ بيٺي هئي، هن جي کل ڏسي مون کي چيو هو، ”هن جي کل، لکنئو جي خاص ماڻهن جهڙي لڳندي آهي.“
”مئي، توکي ڪيئن خبر پيئي؟“
”ان ڏينهن مون کي هڪ ڇوڪرو ڏسڻ آيو هو. هن به ڪنهن ڳالهه تي ائين ئي کليو هو ته منهنجو سئوٽ جو لکنئو کان آيو هو، تنهن ڇوڪري جي ويندي چيو اهڙو لکنئو جو نه..... کپي.“
مون هن کي جواب نه ڏنو ۽ ٽيڪسيءَ واري کي هٿ ڏنو. ٽيڪسيءَ ۾ تڪڙ ۾ چڙهي پيس ته هن دروازو بند ڪندي چيو، ”ٻڌو اٿم ته تون اتي ڪنهن مرد سان گڏ رهندي آهين؟ هاڻ ڪان به گهڻو وقت اڪيلو رهي نه سگهندو.“
ان ڏينهن منهنجي طيبعت ئي خراب ٿي ويئي. اهو سڄو ڏينهن مون مارڪيٽ ۾ ديويءَ سان گڏ گذاريو. ڀلي هن مون سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو هو، پوءِ به منهنجي اسڪول جي ساهيڙي هئي. ٻاهر هوندي به منهنجي من گهر ٻارن سان جلدي ملڻ ٿي چاهيو. ڪان جي دوست جو منهنجي موڊ خراب ڪري ڇڏيو هو، واپس ايندي به هن جي باري ۾ ئي سوچي رهي هئس. ڪن ڪن ماڻهن جي عادت ٿيندي آهي، ڪا ڇوڪري ڏٺي نه آهي ته گگ پيئي ڳڙندن ته هن سان واقفيت وڌائي پنهنجي گندن خيالن جو نماءُ ڪجي، پوءِ ڀلي موچڙا ڇو نه کائڻا پون. مون کي ياد آيو ته جڏهن مان به دادر پنهنجي ساهيڙيءَ سان ڪجهه خريداري ڪرڻ پئي ويس، ان وقت به اتي شام جي وقت ايڏي ته رش هوندي هئي جو سنڀالي هلڻو پوندو هو. اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون پئي ويونسين ته ڪنهن اچي ٽڪر هنيو. لالا چيو، ”اڙي، انڌا هئه ڪيا؟ اتني خالي جگه پڙي هئه، وو ڇوڙ ڪي هماري بيچ آڪي مرا.“
ڇوڪرو هن تي چڙهائي ڪري ويو، ”توهان ڏسي نه ٿيون سگهو ڇا؟ توهان مون کي ڏسي پاسي ڇو ڪونه ٿيون؟“
مون کي ان تي ايترو غصو آيو جو هن جو ڪالر پڪڙي چيومانس، ”تو اهو ڏٺو ته اسان ڳالهائي رهيا هئاسين، تڏهن تو ان جو فائدو ورتو آهي نه، ته هان هي وٺ! هڪ ٺڪاءُ ڪري چماٽ وهائي ڪڍيامانس.
ڇوڪري ڪالر ڇڏائيندي چيو، ”مان توهان کي ڏسي وٺندس. هن رستي تان ڪڏهن لنگهي ته ڏسجو.“
ماڻهو اچي مڙيا. جنهن ۾ هڪ وڏي عمر وارو پارسي به بيٺو هو. تنهن هن کي پڪڙي چيو، ”تون ڏسين ڏسين تنهن کان اڳ مان ٿو ڏيکاريان توکي. مون سامهون بيهي سڀ ڏٺو ويٺي ته تو هنن کي ڏسي تڪڙ ۾ اچي، هنن کي ڄاڻي واڻي ٽڪر هنيو.“ ۽ اسان کي چيائين، ”ڏيڪريون، توهان وڃو.“
پوءِ هن جو ڇا ٿيو اها مون کي خبر نه آهي، پر منهنجي ساهيڙيءَ جي منهن تي پگهر اچي ويو. اسان بنان ڪنهن خريداري ڪرڻ جي واپس هليا آياسين.
لالا چيو، ”رتنا، تون ته ڊڄين ڪانه ٿي. هي گنڊا هاڻ اسان جو هميشه پيڇو ڪندا رهندا. تنهنجو هٿ آهي يا هٿوڙو! هن جو ته ڳل ئي ڳاڙهو ڪري ڇڏيئه. بابا، مان تو پهلوان سان وري گڏ نه هلنديس.“
”ته ڇا هن کي ڇڏي ڏيان ها ته ڀلي اهڙا ماڻهو کلي عام ڇوڪرين سان مستي ڪندا رهن. نه، مون کان اهو نه ٿيندو.“
سچ پچ هوءَ مون سان چار سال ڪڏهن گڏ نه هلي ۽ اها ڳالهه اچي سڄي پاڙي ۾ ٻڌايائين.
اهو ياد ڪري اڄ منهنجي هٿ ۾ وري اچي خارس ٿي ته ڪان جي هن دوست کي چماٽ هڻان ها، پر هاڻ ته وقت هليو ويو. ائين سوچيندي سوچيندي گهر پهتيس. ٻارن سان گڏجندي ئي موڊ ٺيڪ ٿي ويو. ڳالهيون ڪندي رات جا ٻارهن ٿي ويا. بابا بتي وسائي چيو، ”هاڻ سمهي رهو.“
ٻار ليٽيا ته ننڊ اچي وين، پر ڪان جاڳي رهيو هو. مان هيٺ ٻارن سان ليٽي رهيس. ڪان مون کي لوڏي چيو ته ”مٿي اچي سمهه.“
چيومانس، ”نه، مان هتي ٺيڪ آهيان.“
”مان اڪيلو سمهي نٿو سگهان.“
”ٺيڪ آ، هيٺ ٻارن سان اچي سمهه. مان ٿي مٿي سمهان.“
”ٻارن کي ڇا ڪندس؟“ ڪان خفي ٿيندي چيو.
”هاڻ مون مان به ڪا اميد نه رک.“
”ڏسندس تون سڀاڻي ڪيئن ٿي وڃي سگهين؟“ ڪان ڌمڪائيندي چيو.
”هاڻ ننڊ ڪر. سڀاڻي جو سڀاڻي ڏٺو ويندو.“
مون پنهنجي منهن تي چادر وجهي ڇڏي. ننڊ ته اڏامي چڪي هئي. سوچيم، ”ڪان سچ ٿو چوي، ٻار منهنجا ئي ته آهن. مون ئي سور سهي ڄڻيا آهن. مان سڄو ڏينهن ڪم ڪري، ٿڪجي ٽٽجي اچي. گهر جو ڪم، ٻارن جو ڪم ۽ ان کان وڌيڪ هن جي شيوا کان پوءِ مون کي لڳندو هو ته منهنجو بدن ٿڪ کان ڪڙهي رهيو آهي. شوڀا کي چوندي هئس ته ”پٽ، ٻه چار لتون ته ڏي.“ هوءَ سڀاڳي اُٿي زور ڏيندي هئي ته منٽ ۾ ننڊ اچي ويندي هئي. اڃا هڪ جهوٽو ئي مس ايندو هو ته ڪان اٿاري چوندو هو ته، ”مون کي ننڊ نٿي اچي، تون آرام سان ننڊون ٿي ڪرين. ائين نه چئج ته تون ڏينهن جو سمهيو پيو هوندو آهين. مٿي اچ نه ته مان هيٺ ٿو اچان.“
مان ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ. نه ته سڄي گهر جي ننڊ خراب ڪندو. هاڻ مان ٽن ٽن مهينن کان پوءِ انڊيا ايندي هئس. ڏيڍ سال گذري ويو. مون ڏاسواڻيءَ جو پندرهن هزار رپيا قرض لاهي ڇڏيو ۽ گهر جي حالت به اڳي کان اڳري ٿي. بابا ۽ ٻارن جي منهن تي پاڻي اچي ويو هو ۽ وجيه جي منهن تي مڇن جي ريهه. ڪان هاڻ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر مان رڳو سوال جو جواب ڏيئي پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندي هئس.
هاڻ مون کي لڳو ته ڪم لاءِ، دبئيءَ وارو گهر ننڍو آهي، جنهن لاءِ ڪو دڪان ملي ته ٻه ٽي ڪاريگر رکي، ڪم وڌايان. ٺيڪ ان وقت ماڌوءَ جو مائٽ، نشيءَ وارو نارائڻداس آيو، جنهن چيو، ”مون سان منهنجي دڪان تي سلائيءَ جي ڪم ۾ اچي ڀائيوار ٿي. ڇهه آنا منهنجا ۽ هن جا ڏهه آنا. وڪيمل جي زال کي اها ڳالهه نه وڻي ته مان دڪان تي وڃي وهان. ”خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو اتي ايندا ماپ ڏيڻ؟“
مون هن کي سمجهايو ته صرف زالون اينديون. منهنجو نارائڻداس سان اهو شرط هو ته مان هر ٽئين ٽئين مهيني انڊيا وينديس. هن خوشيءَ سان ”ها“ ڪئي. ان وقت دبئيءَ ۾ هئي ڪم جي چاندي، رڳو دڪان کوليو. مال ئي مال ڪمائبو هو. ٽن مهينن ۾ دڪان ڄمي ويو. مان واپس انڊيا مان ٿي آيس ته نارائڻداس چيو ته، ”مون ٻيو ماڻهو وهاريو آهي.“
مون صرف چيو، ”هون، پر دادا، توهان مون کي ڇا چيو هو؟“
هن کلندي چيو ته، ”اهو سڀ وساري ڇڏ.“
منهنجي اندر ۾ رودن هو، پر ٻاهران کلندي چيم،
”ٺيڪ آ، محنت ڪرڻ وارن کي ڪم جي کوٽ نه رهندي.“
اهو سڄو ڏينهن مون نه کاڌو نه پيتو. سوچيندي رهيس. اچانڪ ڪو خيال آيو ۽ جهٽ اٿي سامهون رهندڙ روچيرام وٽ ويس. هو ڪپڙي جو واپار ڪندو هو. مون کيس چيو، ”دادا، توهان جي هيتري سڃاڻپ آهي، مون کي ديري تي دڪان وٺي ڏيو.“
هن ٻئي ڏينهن ئي دڪان ڏيکاريو، نشيءَ جي سامهون. ان ڏينهن ئي مالڪ سان ڳالهائي، مسواڙ ڏيئي آيس. گهر مان مشينون کڻائي ۽ ٻه ٻيون وٺي، مهورت ڪيو. ڪاريگر، سنڌي مسلمان ملي ويا. ائين دڪان چالو ڪيم. چار مهينا انڊيا وڃي نه سگهيس. اچانڪ گهر مان تار آئي ته بابا سخت بيمار آهي. ڪٽيل ڪپڙو ائين ئي ويڙهي، ڪاريگرن کي چيم ته، ”دڪان سنڀال جو ٻه چار ڏينهن جو منهنجو سهرو بيمار آهي، ڏسي ٿي اچان.“
هاڻ دبئيءَ ۾ پلين چالو ٿيو هو. اٺ سئو ڀاڙو. مان اچي گهر پهتيس. بابا جي حالت ڏسي، ڊاڪٽر وٽ وڃي صلاح ڪيم. هن چيو، ”ڏس، حالت ٺيڪ نه ٿي ڏسجي. جي ٽاٽا ۾ کڻائي وڃين ته سٺو.“
مون ان وقت ئي شيوا سان صلاح ڪري بابا کي اسپتال ۾ داخل ڪيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ بابا چيو، ”هاڻ مان ٺيڪ آهيان ۽ گهر هلڻ ٿو چاهيان.“
”پر بابا، اتي توهان جي شيوا برابر ٿي نه سگهندي.“
وجيه ۽ شوڀا هڪ وقت ئي چيو، ”اسين شيوا ڪنداسين، اسڪول نه وينداسين.“
لاچار ٿي مان بابا کي گهر کڻائي آيس. هو تمام سرهو پئي لڳو. مون کيس چيو، ”بابا، موڪل ڏيو ته دڪان تي ڪم سمجهائي هفتي کن ۾ واپس اچان.“
هن کلندي چيو، ”مون کي ڪجهه به نه آهي. اجايو وٺي ٻارن گوڙ ڪيو آهي.
مون ڏير کي چيو، ”ڏس مان وڃان ٿي، پر تون ڪيڏانهن به نه وڃج جيستائين مان واپس اچان.“
هن واعدو ڪيو. مان رات جو دبئي پهتيس. شيوا صبح جو ڪلڪتي لاءِ روانو ٿيو. ٻئي ڏينهن ڪاريگرن کي ڪم ڪٽي ڏنم ته ٻئي کي ڪٽنگ خود ڪرڻ لاءِ سمجهايم. هو تمام سٺا هئا. گهر آيس ته پاسي واري مامي چيو ته بمبئيءَ مان تنهنجي لاءِ فون آيو هو. دک جي خبر آهي ته تنهنجو بابا نه رهيو. منهنجا ته ٻه به ويا ته ڇهه به! هاڻ رات جو فلائيٽ ته هئي ڪانه. صبح جو به پلين ڪئنسل ٿيو هو جو ماڻهو گهٽ هئا. شام واري جهاز ۾ رات جو اچي دادر پهتيس. تيستائين ته سڀ ڪجهه سماپت ٿي ويو هو. ڊاڪٽرن چيو هو ته جلدي ڪيو. ٻه ڏينهن رکڻ سٺو نه آهي. مان ته منهن ڏسڻ کان به سڪايل رهجي ويس. ائين ئي ٿيندو آهي شايد، جنهن کي گهڻو پيار ڪبو آهي، انهن جو اتنم درشن ڪرڻ لاءِ نصيب کپندو آهي، جو شايد منهنجو نه هو.
ان ڏينهن منهنجي اندر ۾ اوندهه جي ڪاري رات سمائجي ويئي، جنهن مان نڪرڻ مشڪل هو. ٻارن جو منهن ڏسي من ۾ وڍ پئي پيا. هاڻ هنن جو ڪير؟ هر هر دل ۾ سوالن جو گوڙ مچي رهيو هو. هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڀيڻ آئي امان سان گڏ. امان چيو، ”نيلم کي مان ٿي وٺي وڃان. شڪو راڌيءَ وٽ ڪلياڻ ۾، باقي شوڀا ۽ وجيه پاڻ سنڀالي ٿا سگهن.“
وجيه ايس ايس سي ۾ هو ۽ شوڀا نائين درجي ۾ مون امان کي چيو ته ”تنهن کان ته هڪ سٺي مائي سڄي ڏينهن لاءِ وٺي ڏي ته ٻار هڪ ٻئي کان الڳ نه رهن.“
امان چيو، ”ٺيڪ آ، نان ٻائيءَ کي تو وٽ ڏياري ٿي موڪليان.“ (نان ٻائي، امان جي نوڪرياڻي هئي.)
”نان ٻائي! هوءَ ڏيڍ فوٽي“ منهنجي منهن مان امالڪ نڪري ويو.
”ها، هوءَ ٻارن لاءِ ٺيڪ ٿيندي. ٻارن سان ٻار لڳندي ۽ سڄي گهر جو ڪم به سولو ڪندي. بس، رڳو ٻاهر گهٽ موڪلجوس.“ امان ٻارن ڏي نهاريندي چيو، ”مان اڄ ئي ٿي وڃان. سڀاڻي هوءَ توهان وٽ پهچي ويندي.“
مون چاهيو ٿي ته امان مون وٽ ٻه ڏينهن رهي، پر هن مجبوري ڏيکاري. ٻئي ڏينهن نان ٻائيءَ اچي در تي بيٺي. پٺيان ڏهن ٻارن جو جهنڊ هوس، جي هن کي گهر ڏيکارڻ لاءِ هن جي پٺيان کلندا ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا پئي آيا. نان ٻائي هڪ عجوبو ئي ته هئي. هن جي لنبائي ٻه فوٽ ۽ ويڪر به لڳ ڀڳ ايتري ئي هئي. ماءُ پيءُ مري ويا هئس ۽ رستي تي ويٺي بيک گهريائين. امان هن کي گهر وٺي آئي هئي ته نياڻي آهي، ڪجهه کارايانس. هن کي ماني کارائي روپيو ڏنائين ته هوءَ وائڙن جيان ڏسي چوڻ لڳي، ”روپيو! مان ڇا ڪنديس؟ بس ماني کاڌي.“
امان هن کان پڇيو، ”ڪٿي رهندي آهين؟“
نان ٻائيءَ چيو، ”اڳي ڳوٺ ۾ رهندي هئس ۽ هاڻ چاچو هتي ڇڏي ويو آهي. امي ۽ ابا مري ويا آهن.“
”چڱو، تون مون وٽ ڪم ڪندينءَ؟“
هن هڪدم ”ها“ ڪئي ۽ چيو، ”مون کي سڀ ڪم ايندو آهي. اجي چوندي هئي ته ڪم سکي وٺ. مڙس وٽ ڪم ايندءِ.“ ائين چوندي چوندي هوءَ شرمائجي ويئي. امان کي کل اچي ويئي.
(هلندڙ)
ڪزبانو سنڌو قسط – 6 (ناوليٽ)
چاهت جن جي من ۾
”.............“ حنا پڇيو.
”اهڙي ڳالهه نه آهي. مان ٺيڪ آهيان.“
”مون کان لڪائين ٿي! سچ ٻڌاءِ ڇا مسئلو آهي؟“
”حنا، سڪندر جي مما سڪندر جي شادي ڪرائي رهي آهي.“ تانيه لڙڪن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
”واٽ! توهان کي ڪنهن چيو؟“
”سڪندر.“ تانيه جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ساري حقيقت حنا کي ٻڌايائين.
”او ماءِ گاڊ! سڪندر ماءُ جو چوڻ مڃيو! تانيه اگر سڪندر توهان کي پسند ڪري ها ته ماءُ جو چوڻ نه مڃي ها، منهنجي مڃ وساري ڇڏ سڪندر کي.“ حنا مشورو ڏيندي چيو.
تانيه خاموش اٿي وڃڻ لڳي.
تانيه ڪپڙا چئنج ڪري بيڊ تي ليٽي پئي.
”لنچ نه ڪندينءَ ڇا؟“ ثانيه ڪمري ۾ ايندي چيو.
”توهان هلو مان اچان ٿي.“
”تانيه، سڪندر آيو آهي. سڀ ڊائننگ ٽيبل تي توهان جو انتظار پيا ڪن.“
ڇا سڪندر! ”تانيه خوشي“ مان چيو.
”ييس سڪندر!“ ثانيه مرڪندي چيو.
تانيه ڊائنگ روم ۾ اچي ٿي. ڪرسيءَ تي ويهندي سڪندر کي مرڪي چيائين.
”هاءِ!“ سڪندر هن جي مُرڪ جو جواب مُرڪ سان ڏنو.
”عطيه ڪيئن آهي؟ کيس به وٺي اچين ها!“ تانيه نظرون جهڪائيندي چيو.
”عطيه ٺيڪ آهي. هن جي اينگيجمنٽ آهي سو توهان کي انوائيٽ ڪرڻ آيو آهيان.“
”ڇا! ڪڏهن آهي؟“
”خميس ڏينهن.“
لنچ کان پوءِ، ثانيه سڪندر کي ڪمري ۾ وٺي آئي. ”ثانيه اسين ڳوٺ جا ماڻهو آهيون سو لنچ کان پوءِ هڪدم چانهه ضرور پيئندا آهيون. اگر هڪ ڪپ ملي وڃي ته مهرباني.“ سڪندر صوفي ٿي ويهندي چيو.
”ضرور. ڪجهه ڪجهه توهان جي فطرت جي خبر پئجي وئي آهي. چانهه تيار هوندي کڻي. ٿي اچان.“ ثانيه چانهه کڻڻ لاءِ وڃڻ لڳي. ”ثانيه!“ سڪندر جي سڏ تي هوءَ مُڙي. اگر هڪ عنايت ڪرين ته چانهه تانيه کي چئو ته کڻي اچي.“
”اوڪي ڇا ياد ڪندؤ!“ ثانيه خاص اسٽائيل ۾ چيو.
سڪندر مرڪي ميز تان اخبار کڻي پڙهي ٿو.
تانيه چانهه کڻي ڪمري ۾ اچي ٿي.
سڪندر اخبار منهن تان هٽائي. تانيه کي غور سان ڏٺو.
تانيه ڪپ ميز تي رکي وڃڻ لڳي.
”پليز، ويهو نه! چانهه جو ته رڳو بهانو هو.“ سڪندر تانيه جو هٿ جهلندي چيو.
تانيه سڪندر ۾ نهاريو. سڪندر هٿ ڇڏي ڏنو.
”اگر مان نه ويهان؟!“
”ڪو ڏوهه؟“
”ضروري نه آهي ته ڪو ڏوهه به هجي!“
”اڇا! پوءِ خفا ڇو آهين؟ ويهو نه پليز!“
”اوڪي“ تانيه ڪرسيءَ تي وهندي چيو.
”ٿئنڪس، توهان کي رحم آيو!“ سڪندر مُرڪي چيو.
”رحم ته مظلومن تي ڪبو آهي. توهان ته رئيس آهيو. مرضي جا مالڪ!“ تانيه طنز ڪندي چيو.
”تلخ لهجي جو ڪارڻ ڇا آهي؟“ سڪندر چانهه پيئندي چيو.
”تلخ لهجو توهان الائي ڇو پيا چئو. مون کي ته نه پيو لڳي!“
”هون خير، ڇڏ انهيءَ مسئلي کي توهين ڪيئن آهيو؟ ڪڏهن چاچا سائينءَ سان گڏ ڳوٺ نه آيون!“
”منهنجو ڪهڙو ڪم ڳوٺ ۾!“
”توهان کي ڳوٺ پسند نه آهي؟“
”مان ائين ته نه چيو.“
”پوءِ ان جو مطلب ڇا هو؟“
”جنهن ڳوٺ ۾ منهنجو پاپا جنم وٺي، ڀلا اهو ڳوٺ خراب ڪيئن ٿيندو!“
سڪندر مرڪي. تانيه ۾ نهاري ٿو.
”مرڪين ڇو پيو؟“
”توهان کي ڳوٺ پسند آيو، ان جي خوشي ٿي.“
”طنز پيو ڪرين؟“
”طنز؟ ۽ توهان تي! اهو ته مان سوچي به نٿو سگهان.“
”ته ڇا، مان طنز ڪيو؟“
”مهمان سان ايئن ملبو آهي؟ خوشبو صاحبه!“
”اوهه سوري، تانيه!“ سڪندر مُرڪي چيو.
تانيه حيرت مان سڪندر ڏانهن ڏسي ٿي.
”ڇو خاموش ٿي وئينءَ؟“
”ڇا مطلب؟ مان ته ڳالهايان پئي.“ تانيه ڪنفيوز ٿيندي چيو.
”شايد مان محسوس ڪيو.“ سڪندر ٽهڪ ڏئي چيو.
”مان وڃان ٿي الائي ڇو پيو کلين!“ تانيه اٿندي چيو.
”اوهه، ويهه ته ٻڌايائين.“ سڪندر کيس روڪيندي چيو.
تانيه ويهي ٿي.
”توهان کي ڪاوڙ جلدي ايندي آهي.“
”توهين ڳالهيون ئي اهڙيون ٿا ڪريو.“
”تانيه، هڪ ڳالهه پڇان ٻڌائيندينءَ!“ سڪندر تانيه ۾ نهاريندي چيو.
”ڪهڙي ڳالهه؟
”توهين ڪنهن کي پسند ڪريو ٿيون؟“
تانيه حيرت مان سڪندر کي ڏسي ٿي.
”تانيه، مون کي خبر هئي ته خوشبو توهين ئي آهيو!“
”واٽ تانيه شرم کان نظرون جهڪائي ڇڏيون.
”تانيه، چاهت لفظن ۾ اظهار جي محتاج نه آهي. نظرون ئي محبت جو پيغام ڏين ٿيون. مان توهان کي پسند ڪريان ٿو. صرف توهان کَي مون سان شادي ڪندينءَ؟“ سڪندر تانيه کي غور سان نهاريندي چيو. تانيه سوچي ٿي سڪندر کي ڪيئن خبر پئي. ته مان ئي خوشبو آهيان.“
”خاموش ڇو آهين تانيه؟“ سڪندر اتاولو ٿي ويو.
تانيه نظرون کڻي سڪندر ۾ نهاري ٿي.
”توهان کي خبر ڪيئن پئي ته خوشبو مان آهيان!“
توهان جي موبائيل نمبر جي خبر هيم ٻيو ته توهان جو آواز ڀلا ڪيئن نه سڃاڻندس، جيڪو منهنجي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ فٽ ٿي چڪو آهي.“ سڪندر مرڪي چيو.
”مطلب ته توهان مون کي بيوقوف سمجهيو!“
”نه سٺو لڳو توهان جو مذاق، حقيقت جي خبر پئجي وئي. ڪير آهي اهو جنهن سان توهان جي شادي زبردستي ڪرائي پئي وڃي!“ سڪندر مذاق ۾ چيو.
”او ماءِ گاڊ! واقعي مان مذاق ڪيو.“ تانيه شرمسار ٿيندي چيو.
”مطلب مان توهان کي پسند نه آهيان.“
”مان ائين ته نه چيو.“
”اڇا!“ سڪندر مرڪيو، ”پوءِ ڇا چيو؟“
”اوهه!“ تانيه ٽهڪ ڏنو.
”مون سان شادي ڪندينءَ؟“ سڪندر کن پل نهاريندي چيو.
تانيه خاموش ٿي وئي.
”توهان جي خاموشيءَ کي مان ڇا سمجهان؟“
”توهان جي مما اهو چاهيندي؟“
”شادي مان ٿو ڪريان. مان جو چاهيندس اهو ئي ٿيندو.“
”پر مائٽن جي مرضي به ته هئڻ گهرجي نه!“
”سڀ خوش آهن سڀئي اهو ئي ٿا چاهين ته منهنجي شادي توسان سان ٿئي، بابا سائين، ڏاڏي ۽ عطيه سڀ امان به راضي ٿي ويندي. في الحال خاموش آهي. امان چاهيو ٿي منهنجي شادي شهنيلا سان ٿئي جيڪا حيدر جي ڀيڻ آهي. امان چاهيو ٿي رشتو بدلي ۾ ٿئي حيدر تمام سٺو ڇوڪرو آهي بلڪل عطيه جي لائق، شهنيلا مون کي پسند نه آهي. ڇو ته مان توهان کي چاهيو آهي. صرف توهان کي جت توهان رهو اتي ڪوئي ڪيئن ايندو!“
تانيه نظرون جهڪائي ڇڏيون.
سڪندر وري ڳالهه ڳنڍي.
”حيدر کي جڏهن اها خبر پئي مان توهان کي چاهيو آهي ۽ توهان سان ئي شادي ڪندس. انهي ڪري هن شهنيلا جو رشتو ٻئي هنڌ ڪيو ته ڪٿ امان ضد نه ڪري بدلي ۾ شهنيلا جو رشتو گهري، پهرين ته امان ناراض ٿي عطيه جو رشتو حيدر کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي، پر حيدر جي قابليت، اولاد جي پيار امان کي مڃايو. عطيه لاءِ حيدر کان وڌيڪ ٻيو رشتو ٿي نٿو سگهي!“
”۽ توهان لاءِ؟“ تانيه مرڪي چيو.
”ڇا ڪريان سامهون ويٺي آهي، نخرا پئي ڪري، جواب ڏي نٿي!“
”ڪڏهن آڻيندين چاچا ۽ چاچيءَ کي؟“ تانيه شرمائيندي چيو.
”ڪراچي گهمائڻ؟ في الحال اهڙو ڪوبه ارادو نه آهي!“ سڪندر سمجهندي مذاق ڪيو.
”واٽ؟ مان توهان کي ڪراچي گهمڻ لاءِ چيو.“
”پوءِ ڇا لاءِ چيو.“
”مان نٿي ڳالهايان.“ هوءَ رُسي وئي.
”ساري، توهان جو جواب بهتر لڳو. چوين ته اڄ وٺي اچان!“
”ايتري جلدي به نه آهي عطيه جي اينگيجمنٽ ته ٿيڻ ڏي!“
”تانيه، مان جو ڪجهه چاهيو آهي اهو سڀ حاصل ٿيو اٿم. ڪينجهر ۾ ٿيل واقعي کان پوءِ مان توهان سان ملڻ جي خواهش ڪئي، سا پوري ٿي، توهان کي جيون ساٿي بنائڻ جي خواهش جاڳي، سا پوري ٿي، اڄ توهان منهنجو جيون روشن ڪري ڇڏيو.“
”ٻنهي جي اهائي خواهش هئي. جيڪا خدا قبول ڪئي. مان ته توهان کي ڪڏهن به نه وساريو. هر وقت توهان جي يادن جو عڪس تعاقب ۾ هو. خيال ئي سهي پر سندر هو. اڄ خيال ۾ نه بلڪه حقيقت ۾ توهين منهنجي سامهون آهيو. مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿي.“ تانيه فخر مان چيو. کن پل سڪندر جون نظرون تانيه تي ٽڪي ويون. هڪدم ثانيه ڪمري ۾ آئي.
”آءِ ايم سوري، پليز توهين ناراض نه ٿجو، مان توهان جي ڪچهري ٻڌي رهي هيس.“
”توهان کي شرم نٿو اچي پرايون ڳالهيون ٻڌندي.“
تانيه ڪاوڙ مان چيو.
”شرم ڇو اچي؟ پڇي ڏسينس ادا سڪندر کي ناٽڪ ڪرڻ جو مشورو مون ئي ته ڏنو هو!“
”ريئلي؟“ تانيه جي لهجي ۾ حيرت هئي.
”ڏاڍي ڪا هوشيار آهين! ڪڏهن کان تجربو اٿئي؟“ سڪندر ٽهڪ ڏيندي چيو. تانيه به کلڻ لڳي.
”طنز پيا ڪريو! توهان کان وڌيڪ خوشي ته مون کي ٿي آهي توهان جي شاديءَ جو ٻڌي. الله ڪري توهان جي تمنا پوري ٿئي!“
ثانيه خوش ٿيندي چيو.
”ٿئنڪس ثانيه!“
”اسان ته توهان سان مذاق پئي ڪيو!“ سڪندر مرڪي چيو.
”انهيءَ خوشي ۾ مان توهان کي مٺائي کارائينديس.“ ثانيه ڪمري مان ويندي چيو.
عطيه جي اڄ اينگيجمنٽ هئي، حويليءَ کي سينگاريو پئي ويو. عطيه اداس ڪن خيالن ۾ گم بيڊ تي اچي ويهي ٿي.
”تون اڃا تيار نه ٿي آهين؟ مهمان اچڻ شروع ٿي چڪا آهن!“ وزيران ڪمري ۾ ايندي چيو.
”امان ڪجهه گهران انڪار ته نه ڪندينءَ!“
”ڪهڙيون پئي ڳجهارتون ڏين! ٻڌاءِ ڇا گهرجئي؟“
”امان چاچا وارا اچن پيا. آخر چاچا سائين هن گهر جو وڏو اولاد ۽ وارث آهي. ادا جڏهن تانيه کي پسند ڪري ٿو ۽ انهيءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي ته توهان کي ان تي ڇو اعتراض آهي!؟“
”تون منهنجي وڏي آهين ڇا، جو سمجهائين ٿي! هن گهر ۾ اهو ئي ٿيندو جو مان چاهينديس. توهان جي بابا سان ملڪيت ۾ حصيدار آهيان!“ وزيران غررو مان چيو.
”امان، توهان جي سوچ تي افسوس اٿم، ملڪيت کي اولاد سان نه ڀيٽ. امان گذري ڪهاڻيءَ کي نه ورجا“. پليز.
امان حقيقت توهان جي سامهون آهي. خبر اٿئي هر ماڻهو ادا سڪندر کي چاچا سائين سان تشبيهه ڏيندو آهيان.
(هلندڙ)
”خاتم“ جانوري
غزل
حال دل جو ڇا ٻُڌايان سرتيون، درد جو ناهي ڪو درمان سرتيون.
فرقتِ دلدار کان وحشي ٿيس، ٿي ويو آ مون کي خفقان سرتيون.
عالمِ دنيا ۾ هَي هَي دل سندو، ويو اُجڙ ٿي آهه بُستان سرتيون.
ڪين ٿي مسرور دل منهنجي رهي، ٿو رهان شب روز گريان سرتيون.
درد دائم ٿو رهي دلدار جو، جنهنڪري آهيان پريشان سرتيون.
مُون هٽائڻ جي ڪئي ڪوشش گهڻي، ته به نه هٽيو درد پنهان سرتيون.
ڪشتيءِ بحرِ الم مان ڪيئن بچان، آهي جنهن ۾ تيز طوفان سرتيون.
سڀ دعا گهُرجو ته ”خاتم“ ٿي رهي، دلربا جي در جو دربان سرتيون.
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: گلبدن جاويد
ڳڻن ڀريون ڳالهيون
نسيم خان پنهور سان ڳالهه ٻولهه
تعارف: دراصل سونهن نالو ئي آهي سٺي صورت ۽ نيڪ سيرت جي سنگم جو. منهنجو ايمان آهي ته قدرت جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي نوازيندي آهي ته ان کي خوبصورتيءَ سان گڏ، نيڪ سيرت به ڏيندي آهي. ذهن به ڏيندي آهي ته فهم به ڏيندي آهي. اهڙي ئي هڪ سوڀيا وان سورهيه سرتي، جنهن سان گهڻي عرصي کان نه فقط ڄاڻ سڃاڻ آهي، پر سندس قرب ۽ ويجهڙائپ پڻ ملي آهي. اڄ جڏهن سوچيم پئي ته سرتيون جي هن پرچي ۾ ڪهڙي شخصيت جو انٽرويو هلايان ته صبح جي ٿڌڙي هير جي جهوٽي جي ڇهاءَ سان. نسيم خان پنهور جو نالو هانوَ تي هُري آيو. سو اچو ته ان سان ڳالهه ٻولهه ڪريون.
سرتيون: ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
نسيم خان: ننڍپڻ تمام خوبصورت، دلچسپ گذريو. ان وقت اهو تصور ئي ڪونه هو ته ڪو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ نه کيڏن. انڪري پاڙي جا سڀ ٻار سڄو ڏينهن پيا رانديون ڪندا هئاسين ۽ اهي سڀ رانديون ڪيونسين جيڪي ڇوڪرا ڪندا آهن. ونجهه وٽيءَ کان بلورن کيڏڻ تائين راند ڪئي. اٽي ڏڪر به کيڏيم. اسڪول کان پوءِ گهر اچي ماني کائي ٿوري دير آرام ڪندا هئاسين. پوءِ وري امان اسڪول جو ڪم ڪرائيندي هئي ۽ پوءِ راند لاءِ ٻاهر نڪري ويندا هئاسين. مون کان پهرين ٽي ڀائر آهن ۽ مان چوٿون نمبر ٻار هيس، انڪري لاڏلي به ڏاڍي هيس. لکڻ پڙهڻ جو مون کي شروع کان ئي شوق هوندو هو. ڇو ته منهنجي امڙ ۽ ناناڻو خاندان تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل هو. امڙ اسڪول جي ڪمن سان گڏ قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ جيڪو به گهر ۾ ادبي ڪتاب ايندو هو اهو پڙهندي هيس، انڪري ننڍپڻ کان ئي ادب سان شناسائي رهي.
سرتيون: اوهان جي تعليم ڪيتري آهي؟
نسيم خان: اتي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ اسڪول ڪونه هوندا هئا، تنهن هوندي به مون اٺين ڪلاس تائين تعليم موري ۾ حاصل ڪئي ته منهنجي شادي ٿي وئي ۽ شاديءَ کان پوءِ مون B.A تائين تعليم حاصل ڪئي.
سرتيون: جڏهن اوهان جي شادي ٿي ته ان وقت عمر ڪيتري هئي؟
نسيم خان: مان 16 سالن جي هيس جو خان سان منهنجي شادي ٿي. (ان وقت خوشيءَ ۽ ڏک گاڏڙ احساس سندس چهري تي اڀري آيو).
سرتيون: پوءِ ته يقيناً شادي مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي هوندي؟
نسيم خان: بلڪل، مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي پر مون کان پڇيو هئائون.
سرتيون: شاديءَ کان اڳ اوهان خان محمد پنهور کي ڏٺو هو يا...........؟
نسيم خان: جيئن ته منهنجو ڀاءُ سڪندر ميمڻ ۽ خان پاڻ ۾ گهرا دوست، ادبي، ۽ سماجي ساٿي هئا، انڪري خان جو گهر ۾ تمام گهڻو ذڪر ٿيندو هو. انڪري مون کي اوپرائپ جو احساس ڪونه ٿيو.
سرتيون: گهر، ٻار، تعليم ۽ سماجي سرگرميون انهن سڀني ڪمن کي ڪيئن منهن ڏنوَ؟
نسيم خان: جيئن ته منهنجو ور خان (وري ڏک جي هڪ جهلڪ سندس چهري تي اڀري) علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ تمام سرگرم هوندو هو ۽ سندس مرضي هوندي هئي ته مان ساڻس هر ڪم ۾ گڏ هجان! انڪري مان به سرگرم رهيس. اڪثر ڪري ٻارن کي به پروگرامن ۾ وٺي ويندا هئاسين. گهر ۾ وري، منهنجون نڻانون، ڏيرياڻيون ۽ ڀينرون اسان سان وڏو عرصو گڏ رهيون. انڪري گهر جا گهڻا ڪم سنڀالي وٺنديون هيون.
سرتيون: مطلب ته ادا خان محمد پنهور جي صحبت ۾ رهي اوهين به سماجي خدمتگار ٿي ويون؟
نسيم خان: گل! تون صحيح ٿي چوين پر سماجي ڪم ڪرڻ جو جذبو مون ۾ شروع کان ئي هو. اسڪول ۾ هر فنڪشن ۾ حصو وٺندي هيس، پر خان جي ساٿ جي ڪري مان گهڻو اڳتي آيس. هو چوندو هو ته هر سٺي ڳالهه جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪجي.
سرتيون: ڀلا خان محمد پنهور هڪ مڙس ۽ پيءُ جي حيثيت ۾ ڪيئن هو؟
نسيم خان: گل! (چئي ڪجهه لمحا خاموش وري سرهائيءَ جو تاثر ڏيندي چيائين) ”خان تمام گهڻو محبت ۽ سهڪار ڪندڙ ماٺيڻو ماڻهو هو. ڪاوڙ، غصي، چڙ وغيره جو ته سندس طبيعت ۾ نانءُ نشان ئي ڪونه هو. ڪيڏو به ٿڪل هجي پر هر ڪنهن کي کلي جواب ڏيندو هو. تمام ٿڌي طبيعت وارو بردبار، رحمدل ۽ هڏ ڏوکي انسان هوندو هو. ڪنهن تي ڏکي مهل ڏسي نه سگهندو هو. پنهنجي هڙئون وڙئون هر ضرورتمند جي ضرورت پوري ڪندو هو.
سرتيون: سنڌ جي ٻهرارين ۾ به اوهان جو اڪثر وڃڻ ٿيندو هو ان بابت ڪجهه ٻڌايو؟
نسيم خان: سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت تنظيم جي پليٽ فارم تان اڪثر ٻهراڙين ۾ وڃي پروگرام ڪندا هئاسين، ڪئمپون لڳائيندا هئاسين. مان وڃي عورتن سان ڪچهريون ڪندي هيس. سندن ڏکي زندگي ڏسي ڏک به ٿيندو هو. مايون تمام ساديون هونديون هيون. تمام سخت محنت ڪنديون هيون. هٿ جي هنرن جون ماهر هونديون هيون، پر کين اجورو گهٽ ملندو هو. مان سندن گج، رليون ۽ ٻيون شيون پنهنجي واسطي وارين عورتن کي ڏيئي کين جهجها پئسا ڏياريندي هيس. هنن ۾ خلوص آهي، پيار آهي، سٻاجهڙائپ آهي. ڳوٺاڻي زندگي مصنوعيت کان پاڪ آهي پر انهن جي مسئلن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هنن وٽ روڊ رستا ناهن، صاف پاڻي ناهي، صحت مرڪز ايترا لاڀائتا ناهن ۽ نه ئي نياڻين لاءِ تعليم جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي.
سرتيون: ڪئمپن واري رٿا بندي ڪيتري ڪارائتي آهي؟
نسيم خان: گل! ڪنهن حد تائين ڪارائتي آهي. ٽن ٽن ڏينهن جي ڪئمپن ۾ ڪيترا ئي اکين جا آپريشن ٿين ٿا. گهڻن مريضن جون تپاسون وغيره ٿين ٿيون. مطلب ته اهو ڪلچر رهڻ گهرجي عوام جي سهائتا لاءِ.
سرتيون: اوهان جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ٿيو؟
نسيم خان: مان ٽي مهينا خان جي بيماريءَ جي سلسلي ۾ لنڊن رهيس. اتي فليٽ ورتو هوسين. ان ئي اپارٽمينٽ ۾ شيخ اياز جو ڪٽنب ۽ جسٽس عبدالحئي قريشيءَ جو ڪٽنب پڻ رهيل هو. جنهنڪري مون کي اوپرائپ جو احساس گهٽ ٿيندو هو. اتان جا ڊاڪٽر قابل ۽ هڏ ڏوکي آهن، اسپتالون صاف سٿريون، خان جي آپريشن وقت فقط 14 ڏينهن اسپتال ۾ رهياسين ۽ وري فليٽ ۾. شيخ اياز جي گهر واري زرينا منهنجو ڏاڍو خيال رکندي هئي ۽ سندس ڏوهٽي پنڪي پڻ وندر جو ذريعو هوندي هئي.
سرتيون: ڇا شيخ اياز سان اوهان جي ڪچهري ٿيندي هئي؟
مون وچ ۾ سوال ڪيو.
نسيم خان: ها گل! شيخ اياز صاحب سان به ڪچهريون ٿينديون هيون، پاڻ شعر، ادب، سياست ۽ تعليم تي اڪثر ڳالهائيندا هئا.
سرتيون: لنڊن جي ٻي ڪا يادگيري؟
مون پڇيو.
نسيم خان: انهن ڏينهن ۾، ورلڊ سنڌي ڪانفرنس لنڊن ۾ ٿي هئي ۽ مون به ان ۾ پيپر پڙهيو هو، ڪو سنڌي پروفيسر اچي نه سگهيو هو ان جو پيپر مون پڙهيو. پوري دنيا جا سنڌي عالم، شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيا هئا. سنڌ مان ڊاڪٽر سليمان شيخ فقير محمد لاشاري، ڊاڪٽر ڪريم داد پتافي، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، هدايت پريم وغيره شريڪ ٿيا هئا.
سرتيون: جيڪي عورتون عمل جي ميدان ۾ هونديون آهن، انهن جي لاءِ اسان جو سماج الاءِ ڇا ڇا پيو چوندو آهي، اهڙيون ڳالهيون اوهان به ٻڌيون هونديون. انهن تي اوهان جو رد عمل؟
نسيم خان: ماڻهو چون ٿا چوندا هوندا، پر مون ڪڏهن به ڪن نه ڌريو ۽ ڪا ڳالهه ذهن تي نه رکي. مون پنهنجي فرضن کي ترجيح ڏني ۽ وقت جي رفتار سان هليس. ان جو اهو سبب آهي جو بيحد عزت ۽ احترام مليو ۽ ملندو رهي ٿو.
سرتيون: خان محمد جي وڃڻ کان پوءِ ڏونگر جهڙي حياتي اوهان ڪيئن ڪاٽي؟
نسيم خان: (روئڻ هارڪي لهجي ۾) ڏاڍي ڏکي زندگي گذري ۽ گذري پئي، پر بقول خان ته همت ڪڏهن به نه هارجي، همت مردان مدد خدا. ڪڏهن به ٻارن ۽ گهر ڀاتين کي محسوس نه ڪرائيندي آهيان ته ڏک ڇا آهن ۽ ڪوشش ڪندي آهيان ته ٻار ڪابه ڪمي محسوس نه ڪن. ڏک ۽ سک زندگيءَ جو حصو آهن. انهي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. هرو ڀرو پريشان ڪانه ٿيندي آهيان.
نسيم خان: پنج ٻار آهن. سهڻي، سنڌو، سارنگ، ساهڙ ۽ ننڍڙي سورٺ.
سرتيون: اهڙا خوبصورت نالا ڪنهن رکيا؟
نسيم خان: سندن پيءُ رکيا، پر مون کي به اهي نالا وڻندا آهن.
سرتيون: ٻار جي تربيت ڪيئن ڪجي؟
نسيم خان: تربيت ائين ڪجي جو ٻار سان محبت ۽ دوستيءَ وارو رويو رکجي، ٻار جو هر ڏک، هر سک شيئر ڪجي. هن کي اڪيلو يا ويڳاڻو نه ڇڏجي. ڇو ته ٻار احساس محروميءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا اڪيلي رهڻ سان. انهن تي اعتماد ڪجي ۽ اعتماد ڏيارجي.
سرتيون: اوهان ڪهڙين ڪهڙين تنظيمن ۾ ڪم ڪيو آهي؟
نسيم خان: مان مختلف وقتن تي مختلف تنظمين ۾ رهي آهيان. سياسي حوالي سان جيئي سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ، سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت ۽ اڄڪلهه انجمن بهبودِ خواتين ڄام شوري جي جنرل سيڪريٽري آهيان.
سرتيون: انجمن بهبودِ خواتين جا ڪهڙا مقصد آهن؟
نسيم خان: انجمن بهبودِ خواتين طرفان ٻارن کي قرآن شريف پڙهايو وڃي ٿو. سلائي سينٽر، ٻارڙن لاءِ ٽيوشن سينٽر، ميڊيڪل سينٽر، بيوٽي پارلر آهي. اهي اسان جا ننڍڙا ننڍڙا سينٽر آهن جيڪي ڄام شوري ۾ ڪونه هئا ۽ هڪڙو اسڪول به هلي پيو جنهن ۾ ٻارڙن کي مفت ۾ تعليم ڏني ٿي وڃي.
سرتيون: خوشيءَ جي ڪيفيت کي ڪيئن ماڻينديون آهيو؟
نسيم خان: خوشيءَ کي تمام ڀرپور نموني ملهائيندي آهيان. ڪيترن غمن هوندي خوشي جڏهن به ملندي آهي ته ان کي دل سان ملهائيندي آهيان.
سرتيون: ڏک جي ڪيفيت ۾ ڇا ڪنديون آهيو؟
نسيم خان: ڏک يا پريشانيءَ جي ڪيفيت ۾ خاموش ٿي ويندي آهيان. ٻين تي ظاهر ٿيڻ ناهيان ڏيندي. پاڻ تي جبر ڪندي آهيان. پر ٻين کي ناهيان ٻڌائيندي ته مون تي ڇا گذري رهيو آهي.
سرتيون: زندگيءَ جو اڻ وسرندڙ حسين واقعو ٻڌايو؟
نسيم خان: خان محمد پنهور سان منهنجي شادي ٿي.
سرتيون: کاڌي ۾ ڇا پسند اٿو؟
نسيم خان: هر کاڌو وڻندو آهي، مان هر شيءِ کائي وٺندي آهيان. جيڪا به گهر ۾ رڌبي آهي پر ساڳ ۽ چانورن جي ماني وڌيڪ پسند اٿم.
سرتيون: پسند جو رنگ؟
نسيم خان: اڇو.
سرتيون: پسند جو گل؟
نسيم خان: موتئي جو گل.
سرتيون: پسند جي خوشبو؟
نسيم خان: مٽيءَ جي خوشبو ۽ گلاب جي گل جي خوشبو.
سرتيون: پسند جي مند؟
نسيم خان: بهار جي موسم وڻندي آهي.
سرتيون: ڏينهن ڪهڙو وڻندو اٿو؟
نسيم خان: جڏهن سڄو ڪٽنب گڏ هجي.
سرتيون: پسند جو پهر؟
نسيم خان: صبح جو.
سرتيون: ڪامياب شادي ڇا کي چئجي ٿو؟
نسيم خان: منهنجي نظر ۾ ان کي چئجي ٿو جنهن ۾ ٻيئي زال ۽ مڙس پاڻ ۾ محبت، ٻَڌي ۽ هڪٻئي جو احساس ڪن، هڪٻئي جو احترام ڪن ۽ هڪٻئي کي سمجهن ته اها ڪامياب شادي آهي.
سرتيون: ٻاهرين ملڪ جي عورت ۽ هتان جي عورت ۾ ڪو خاص فرق آهي!
نسيم خان: ٻاهرين مڪلن جون عورتون به بهادر، جفاڪش ۽ محنتي آهن. مون لنڊن ۾ ڏٺو ته صبح جو جيڪي عورتون نوڪرين تي وينديون هيون. ڪِن کي ٿيلها پٺن تي. ته ڪن کي ٻار پٺن تي ته ڪي وري ٻار واڪر ۾ کنيو پنهنجي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي وينديون هيون. هتي ذهني آزادي آهي، پر عورتن ۾ هرو ڀرو جي آوارگي ناهي.
سرتيون: محبت اوهان جي نظر ۾؟
نسيم خان: هڪ پاڪ جذبو به چونديس ته عبادت به چونديس پر جي ڪجي ته.
سرتيون: فرض اوهان جي نظر ۾؟
نسيم خان: ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن سڄي ڄمار فرض نڀائيندي گذري وئي.
سرتيون: خان محمد پنهور جي ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا هميشه ياد رهي؟
نسيم خان: غلام فريده اوهه دي اوهه ڄاڻي، ساڪون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي.
سرتيون: اوهان جي پسنديده شخصيت؟
نسيم خان: منهنجي امڙ.
سرتيون: پسند جو ڪتاب؟
نسيم خان: شاهه جو رسالو.
سرتيون: ڪا اهڙي خواهش جيڪا چاهيو ته پوري ٿئي؟
نسيم خان: منهنجا ٻار شال! سدائين سکيا ستابا رهن. هر مقصد ۾ ڪامياب ٿين.
سرتيون: عبادت اوهان جي نظر ۾؟
نسيم خان:
روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم، اُوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
(شاهه)
سرتيون: اوهان کي ڪهڙي قسم جا ماڻهو وڻندا آهن؟
نسيم خان: سچا، کرا، سوبر، پر خلوص ۽ بي زر.
ان تي مون کيس چيو ته ”پوءِ ته آءٌ توهان کي ضرور وڻندي هونديس. ادي نسيم ٽهڪ ڏيندي. چيو ها گل! انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي. تو جهڙا ماڻهو مون کي وڻندا آهن“.
سرتيون: شاهه سائين جو ڪهڙو شعر هن وقت اسان کي ٻڌائيندو؟
نسيم خان:
محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو! تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو پاتشاهه!
سرتيون: اڄڪلهه پريمي جوڙا عام جام ٿي پيا آهن، ان تي اوهان پنهنجي راءِ ڏيو؟
نسيم خان: گل! مان اهو چونديس ته ٻارن کي ذهني آزادي ڏئي، اڄوڪي نسل کي پنهنجي پسند سان شادي ڪرڻ جو حق ڏيو. ساڻن هر ڳالهه شيئر ڪريو.. سندن مرضي ۽ راضپو معلوم ڪريو ۽ انهن جون الجهنون ۽ مسئلا سمجهو. ٻارن تي اعتماد ڪريو ۽ انهن کي پر اعتماد بڻايو. مائٽ اولاد جو ساٿ ڏين ته جيئن ”پريمي جوڙا ڪلچر“ ختم ٿي وڃي. اولاد تي ايڏي سختي نه ڪجي جو اهي عدالتن ۾ مائٽن جا مخالف ٿي بيهن. ميڊيا جي نذر ٿي وڃن. جيڪو نه ٿيڻ گهرجي!
سرتيون: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟
نسيم خان: هڪٻئي کي ٺڳڻ ۽ منافقت ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اجايو وير پاڙڻ کان پاسو ڪريو. هڪٻئي جو احترام ڪريو ته ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي!
رضيه هڱورو
هڪ سچي ڪهاڻي
اچو ته توهان کي هڪ مسڪين ۽ مجبور ماءُ جي ڳالهه ٻڌايان. هاڻ ته هوءَ هن دنيا ۾ ناهي، پر ان جي قرباني نٿي وسريم. ان جو لُڇڻ ڦٿڪڻ ۽ بيوسي اڄ به جڏهن ياد اچي ٿي، ته اداس ٿي ويندي آهيان. هوءَ به انهن مائرن مان هئي جيڪي پنهنجي اولاد جي قرباني ڏئي ڇڏينديون آهن! ۽ اف به نه ڪنديون آهن! ڇو ته خود سندن مڙس ئي کين مجبور ڪندا آهن.
”ڏاهي ٿي. توکي ان سان ڪهڙو فرق پوندو! توکي ته الله سائينءَ اڳيئي هڪ پٽ ٽي نياڻيون ڏنيون آهن. تون ته ڀاڳن واري آهين. ٿورو سوچ ته پڦيءَ کي ڪو اولاد ڪونهي. تون جيڪڏهن پنهنجو هڪڙو ٻار ان کي ڏيندينءَ ته ڪهڙو فرق پوندو توکي؟“
مڙس جي پڦي، جيڪا هن عورت جي ڀاڄائي به هئي، ۽ هن جي ۽ سندس پڦيءَ جي شادي ته هڪ ئي مهيني ۾ ٿي، پر اها ته رب سائينءَ جي قدرت آهي، جنهن هن کي چار ٻار ڏنا ۽ پڦيءَ کي اولاد کان وانجهيل رکيائين! ان ڳالهه پڦيءَ تي خراب اثر وڌو. چيڙاڪ ٿي پئي. رات جو ننڊ نه ڪرڻ جي ڪري دماغ خشڪ ٿي ويس.“
مڙس هن کي چئي رهيو هو ”پڦي ڪا غير ته ناهي. پنهنجي سڳي مائٽ آهي. هڪ ئي گهر ۾ رهون ٿا. تنهنجي ڀاڄائي آهي بس تون رڳو دل سان راضي ٿي. مان چاهيان ٿو ته هينئر جيڪو توکي ٻار ٿئي، اهو مان پڦيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهان.“
ان صورت ۾ هُن پنهنجي مڙس سان ڪُسندي مُسندي ها ته ڪري ڇڏي، پر اندر ۾ رت پئي روئندي هئي. زال جي ناتي پنهنجي ڀتار کي انڪار نه ڪري سگهي پر هوءَ ماءُ به ته هئي! ۽ ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي ٻئي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ راضي نه پئي ٿي.
قدرت خدا جي هوءَ ڳورهاري ٿي، هن اها ڳالهه لڪائڻ گهري، في الحال هن ڪنهن کي ڪجهه به نه ٻڌايو، اڄاتا کٽڪا پاليندي رهي من ۾، ائين ڏينهون ڏينهن وئي ڪمزور ٿيندي، نه هوءَ مڙس کي جواب ڏئي ٿي سگهي، نه ڀاءُ کي! ڪري ته ڇا ڪري! گهر واري ته اڳيئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي جيڪو به ٻار ٿيو اهو پڦيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهندو، پوءِ ڌيءَ هجي يا پٽ، پنهنجو ڀاڳ اٿن. اهو ٻڌي هو زال ۽ مڙس ڏاڍا خوش ٿيا. شايد سندن ئي دعائن جو اثر هو جو هيءُ جلد ئي اميد سان ٿي!
هڪ ڏينهن هن جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي پئي، شايد گرميءَ جي ڪري! کيس ڊاڪٽر ڏي وٺي ويا. ڊاڪٽر کيس تپاسي ٻڌايو ته پريشان نه ٿيو، ادي اميد سان آهي، بس سندس کاڌي پيتي ۽ آرام جو خيال رکو.
گهر اچڻ تي اها خوشخبري عام ٿي وئي. هوءَ ته راضي نه هئي، پر زور اڳيان زاري آهي، پوءِ ته سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي مٿانئس اور گهور پيا ٿين. پٽ تي پير نه پيو ٽڪين، انهن جي خوشين جو ته ڪو انت نه هو، بس رڳو ڏينهن پيا ڳڻين ته ڪڏهن ٿو رب سندن خواب پورو ڪري! اڳي جيڪي رڳو نالي جا ڀاءُ ۽ ڀاڄائي هئا، اهي هاڻ هن تان صدقو صدقو پيا ٿيندا هئا. هن جو ڏاڍو خيال پيا رکن. ڪم ڪار به نه پيا ڪرڻ ڏينس. ڄڻ ته هن کي ڪو پهريون ٻار پئي ٿيو، نڻان به هر هر پئي پڇيس ته هاڻي ته ٺيڪ آهين نه؟ بس ادي تنهنجا لک احسان، قرب، ٿورا جو خالي جهولي سائي ڪئي اٿئي! هن جو گهر وارو به خير سان اچي پهتو، جيڪو روزيءَ سانگي ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهندو هو. کيس اها خوشخبري اوڏانهن پهچائي وئي هئي. هو زال لاءِ سونا والا وٺي آيو هو. ايندي شرط اهي سونا والا زال کي پارايائين. هن سوچيو ‘مون کي چار ٻار ڄاوا، پر هن شخص ڪڏهن ڪوڙو ڇلو به نه پارايو. هن ڀيري سونا والا وٺي آيو آهي! هي ٻار ته ڪو وڏن ڀاڳن وارو آهي جيڪو پيار ۽ احترام هن ٻار ڀيري مليو اٿم، سو ته اڳي ڪڏهن به نه مليو اٿم!’
هڪ رات گهر واري کي چيائين ته ”سائين، توهين اهو ته ادا ۽ ڀاڄائيءَ کان پڇو، مان نٿي پڇي سگهان، مون کي شرم ٿو اچي، ته جيڪڏهن نياڻي ڄائي ته ڇا هو نه کڻندا؟“
”تون ته صفا ڪا چري آهين“ مڙسهنس پيار مان کيس ڳرهاٽي پائي چيو ”هي ٻار ايترو جلد ته ٿيو ئي هنن جي دعائن سان آهي. هونئن نه ته چار پنج سال وٿي پئجي ويندي هئي. هينئر چوڏهن مهينن ۾ ٻار ٿيو آهي. ته اهو هنن جو نصيب آهي، تنهنجو منهنجو ته صرف بهانو آهي. تون دل جاءِ رک. هو اسان کان به وڌيڪ ٻار جو خيال رکندا. خوش رکندس. هو ته ٻار لاءِ سڪن ٿا. ربّ وڏو بي پرواهه آهي، هنن کي ٻار جي نعمت کان محروم رکيو اٿس. ڏسين نٿي هو ڪيڏا نه خوش آهن. ڪيئن نه پنهنجي حال کان به وڌيڪ تياريون پيا ڪن. تون صرف پنهنجو ارادو پڪو رک، تون رڳو اهو سوچ ته رب هي ٻار رڳو تنهنجي ڪُک ۾ رکيو آهي، نه ته پنهنجو ان تي ڪوبه حق ناهي، مان ته دل جان سان چاهيان ٿو ته ٻار پنهنجي وقت تي خير سلامتيءَ سان ڄمي، ڪابه تڪليف نه اچي ٻار کي، هي ٻار ته قدرت پاران هڪ املهه تحفو آهي!“
جيئن جيئن ٻار ڄمڻ جو وقت ويجهو ايندو ويو، تيئن تيئن ماءُ ويچاريءَ جا ڳچ پئي ڳريا، ڪنهن وقت کلي چوندي هئي ته جيڪا مالڪ جي مرضي. اهو به قدرت جو ڪرشمو آهي ته جڏهن به ڪا عورت ماءُ بڻجي ٿي تڏهن هن جي چهري تي هڪ نور اچي وڃي ٿو! جو اها عورت به حيران ٿيو وڃي! واهه منهنجا مولا تنهنجا عجيب رنگ آهن!
تن ڏينهن ۾ هن ماءُ جي حالت اها هئي جو کانئس پهريان ٻار به وسري ويا. انهن کي به ٽائيم نه پئي ڏئي سگهي. هوءَ سڄو وقت پاڻ سان ئي وڙهندي رهندي هئي ته ڇا ڪريان؟! هوءَ منجهي پئي هئي. هن جي عقل جواب ڏئي ڇڏيو هو، ٻار پيدا ٿيڻ جي خوشي به هئس ته ڏک به.
هڪ ڏينهن همت ڪري گهر واري کي چيائين ”مان توهان سان دل جو حال ڪرڻ ٿي چاهيان، ڇو ته ٻئي ڪنهن سان اهو حال نٿي ڪري سگهان.“ مڙس کي به هن جي نماڻي چهري تي ڄڻ رحم اچي ويو ”ها دل کولي مون سان حال ڪر، مان ڪنهن کي ڪجهه به نه ٻڌائيدس!“ هن ڀنل لهجي ۾ چيو ته ”اها ڪهڙي پڪ آهي ته ڀاڄائي صفا ٺيڪ ٿي ويندي، هن کي دورا نه پوندا!“
”اڙي چري،“ مڙس کيس آٿت ڏيڻ لڳو ”ڊاڪٽر چيو آهي ته هن جي اندر ۾ هڪ خال آهي، جيڪڏهن ٻار جي خواهش پوري ٿيندس ته پوءِ اهي دورا نه پوندس! ڪجهه ترسي چيائين ”ڏسين ڪانه ٿي ته جيئن ٻار جو ٻڌو آهيس، تيئن خوش ٿي تيارين ۾ لڳي وئي آهي ۽ اٺن مهينن تائين دورو نه پيو اٿس!“
”اوهين ٺيڪ ٿا چئو! الله ڪندو ته ٻار ملڻ کان پوءِ به ٺيڪ رهندي. آمين“
”توکي ان جو الله وڏو اجر ڏيندو!“ مڙس چيو.
”مان ٻار کي ڏسي ته سگهندم نه؟ کير به مان ئي هن کي پياريندم!“
”ها ها ڇو نه. هڪ ئي گهر ۾ آهيو! تون رڳو دل نه لاهه.“
آخر ٻار ڄمڻ جي وقت، ماءُ گهڻي پريشان رهڻ ڪري ڪمزور ۽ سست ٿي پئي هئي، هن کي جيئن ٻار جون سنڀارون ٿيون، ته ڊپ ورائي ويس ته الائي ويم ۾ مري نه پوان! سڀني کي پنهنجي ٻچڙن جون پارتون ڪرڻ لڳي، مڙس به آٿت ڏني ته رب ڪندو ته توکي ڪجهه ڪونه ٿيندو. تون جيڪا نيڪي ٿي ڪرين اها رب وٽ اگهامي وئي آهي. رب سڀ سڻائي ڪندو. جيئن جيئن سور وڌندا ويا. تيئن تيئن دل لاهي ويٺي. سندس اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ هئي اها کيس هڪ پل به سک سان سمهڻ نه پئي ڏئي، رب پاڪ هر ان عورت کي اها سگهه ڏيندو آهي جيڪا ماءُ بڻجڻ واري هوندي آهي. هوءَ ڪيڏي به تڪليف ۽ پيڙا مان گذري پر جڏهن هوءَ پنهنجي ٻچڙي جي روئڻ جو آواز ٻڌندي آهي ته سڀ سور سجايا ٿي ويندا اٿس. پر هي سور ڪهڙا هئا جنهن جي صلي ۾ ڪجهه به نه ملڻو هو. هن ڀيري ته سور سوايا ٿي پيا هئس. جيڪي سهڻ جي سگهه وڃائي ويٺي هئي، مڙس کي گهرائي چيائين ته ”مون تنهنجون سڀ ڳالهيون دل سان مڃيون آهن، پر هاڻ منهنجي به هڪڙي ڳالهه مڃ ته هي ٻچڙو ڌيءَ هجي يا پُٽ هجيم، پر مان هن کي اکين سان نه ڏسان، هڪدم کڻي وڃي پڦي جي جهوليءَ ۾ وجهجو، نه مان کير ڏينديس!!؟ ۽ نه ئي مان هنج ۾ کڻنديس جيڪو منهنجو ناهي ته پوءِ مان ڇو هن کي پيار ڪريان؟ ڇو هن کي پنهنجو سمجهان ۽ وڌيڪ ڏکي ٿيان! بس هو به هتان ٻارڙي کي کڻي هليا وڃن، مون کي رب صبر ڏيندو پوءِ ائين ئي ٿيو پُٽ ڄائو، پُڦي ننڍڙو کڻي ٻئي شهر هلي ويئي....
(هلندڙ)
نسرين هاشمي
پُڇڻا نه مُنجهڻا
ذهني ۽ نفسياتي مونجهارا ۽ انهن جو حل
ڀينرن کي گذارش آهي ته پنهنجا مسئلا لکي موڪلين.
سوال(1): ادي جيئن ته مان جلدي سڀني تي اعتبارُ ڪريان ٿي ۽ سڀني کي پاڻ وانگر سمجهان ٿي. ڇو ته مان سچ ڳالهايان ٿي ۽ ٻين جي زبان کي به سچو سمجهان ٿي ۽ مشڪل وقت ۾ به ٻين جي مدد ڪريان ٿي، پر هر دفعي مون کي دوکو ملي ٿو. ان تڪيلف جو منهنجي دماغ تي وڏو اثر ٿئي ٿو. پوءِ ان ڏک مان نڪرڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳيو وڃن جڏهن ته، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ وڌيڪ هوشيار آهيان. خوش مزاج به آهيان، مان پنهنجي پاڻ کي هڪ سُٺي شخصيت ڏيکارڻ ٿي چاهيان. ڇا اهو ممڪن آهي ته جيئن منهنجا والدين منهنجين خوبين جي تعريف ۽ ذڪر ڪندا آهن تئين ٻيا به ڪن؟
مريم خالد - سکر
جواب: توهان جي خط مان توهان جي شخصيت جا انيڪ پهلو نمايان ٿين ٿا، جهڙوڪ توهان خود پسند آهيو. نيڪيءَ جو بدلو جلدي چاهيو ٿيون ۽ خوش فهم به آهيو. توهين چاهيو ٿيون ته ماڻهو توهان جي مرضيءَ تي هلن ۽ جڏهن توهان جي مرضي مطابق اهو نٿو ٿئي ته توهان کي خراب ٿو لڳي ۽ ماءُ پيءُ کان توهان کي محبت ملي آهي ۽ انهيءَ ڪري اهو چاهيو ٿيون ته ٻيا به توهان سان محبت ڪن. پر اهو خيال توهان جو بلڪل صحيح ناهي ته هر ڪو توهان جهڙي سوچ رکي. ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي مدد ڪريو ٿيون. ضروري نه آهي ته هو به توهان جي مدد ڪري! جي نه ته پوءِ توهين ڪنهن سان سٺو هلو ٿيون ته خالص خدا ڪارڻ هلو ته توهان جي دل کي سڪون ملندو ۽ توهان جي نيڪي رائيگان نه ويندي ۽ خوش مزاج يا خوش اخلاق ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته توهان پنهنجي خوش مزاجي ظاهر ڪريو. باقي ماءُ پيءُ ته اولاد کي پيار ڪندا آهن ۽ انهن کي اولاد پيارو لڳندو آهي. تنهن جي ڪري توهين انهن ڳالهين تي سوچي پاڻ کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو. پنهنجي تعليم ڏي ڌيان ڏئي هڪ سٺو مقام حاصل ڪريو. پوءِ توهان ڏسنديون ته ماڻهو خودبخود توهان جي عزت ڪندا ۽ توهان به ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪونه ڪنديون ۽ دوکي کائڻ کان بچي وينديون.
سوال(2): ادي جئين ته منهنجي شاديءَ کي نَوَ مهينا ٿيا آهن. منهنجو مڙس نيڪ سيرت آهي. ساهرا به سٺا آهن. انهن وٽ منهنجي اهميت ۽ عزت به آهي. ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي ڏير جي شادي ٿي آهي. هن گهر ۾ خوشيون اچڻ واريون آهن، پر افسوس جو مان اڃا تائين ماءُ نه بڻجي سگهي آهيان، مان ڏينهن رات پريشاني ۾ آهيان. ڇاڪاڻ جو منهنجي عمر 25 سال آهي ۽ منهنجي مڙس جي عمر 40 سال آهي. اسان جي شادي مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي آهي. مان چاهيان ٿي مون کي به جلدي خوشيون ملن. هاڻي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟ وڃان ته ڪاڏي وڃان! مهرباني ڪري مون کي ڪو مشورو ڏيو.
سلميٰ - خيرپور
جواب: توهين خوشنصيب آهيو جو توهان کي ايترا سٺا ساهرا ۽ ايتري محبت ڪندڙ گهروارو مليو. اڃا شاديءَ کي گهٽ عرصو ٿيو آهي. اولاد لاءِ هروڀرو پريشان نه ٿيو، باقي علاج کي ڪجهه عرصو ڇڏي ڏيو. توهان ۽ توهان جي مڙس ٻنهي جي عمر صحيح آهي. مردن ۾ 40 سالن جي عمر ڪا ايڏي وڏي عمر نه آهي ۽ عورتن ۾ 25 سالن جي عمر ڪا ننڍي عمر نه آهي. ايتري سٺي مڙس هوندي هروڀرو پريشان ٿيڻ غلط ڳالهه آهي. خوش رهڻ جي ڪوشش ڪريو، اجايو سوچڻ ڇڏي ڏيو.
سوال (3): ادي منهنجو مڙس پنهنجي مائٽن جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو. مون کان وڌيڪ انهن کي اهميت ڏئي ٿو، اُهي جيڪڏهن مون سان ڏاڍائي ڪن ته به انهن کي نه روڪيندو آهي. اسان جي شادي کي ٻه سال ٿيا آهن. ان دوران جيڪڏهن مان بيمار ٿيان ته منهنجا مائٽ مون کي وٺي ويندا آهن. هميشه انهن ئي منهنجو خيال رکيو آهي، پر منهنجي مڙس منهنجي سار سنڀال ئي نه لڌي. هن کي ان ڳالهه جو بلڪل به احساس نه آهي ته مون تي ڇا گذري رهيو آهي. اسان جي زندگيءَ ۾ سڀڪجهه ٺيڪ آهي، پر مائٽن جي هر ڳالهه ۾ مداخلت منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو ته ڇاڪريان؟
شائسته - لاڙڪاڻو
جواب: توهان جي شاديءَ کان پهرين هي سڀ پاڻ ۾ گڏ رهيا آهن. انهن ۾ حُجَت هجڻ ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي. توهان خط ۾ پنهنجي سس جو ذڪر نه ڪيو آهي، جنهن گهر ۾ سس هجي اتي ٻين جي مداخلت نه هوندي آهي. اڃا توهان جي شاديءَ کي ايڏو عرصو نه ٿيو آهي. توهان کي پنهنجو پاڻ مڃائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. توهين گهروارن لاءِ جيڪو سوچي رهيون آهيو اهو توهان جو وهم به ٿي سگهي ٿو. توهان اصل ۾ زال آهيو انڪري پنهنجي مڙس جي باري ۾ فڪرمند آهيو. ٿوري عقل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. وقت سان گڏ حالتون بهتر ٿينديون ۽ توهين به گهر ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي سگهو ٿيون. جيڪڏهن پنهنجو قدر ۽ عزت ڪرائڻي اٿو ته ٻين جو خيال رکو ۽ انهن جي عزت ڪريو ۽ مڙس سان هر وقت شڪايت نه ڪريو.
سوال(4) اڄ کان ڇهه سال اڳ، مون هڪ شادي شده ۽ ڇهن ٻارن جي پيءُ سان شادي ڪئي. ان مون کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، ته هو پنجن سالن کان پوءِ مون سان مستقل گڏ رهندو. ڇو ته ان وقت تائين سڀني ٻارن جي شادي ٿي چڪي هوندي. هن مون کي الڳ گهر وٺي ڏنو. مون کي سڀ خرچ ملي ٿو. هر سُک مون وٽ آهي. هاڻي اسان جي شاديءَ کي ڇهه سال ٿي ويا آهن. پر گڏ رهڻ وارو واعدو اڃا پورو نه ٿيو آهي. هو ڏينهن ۾ ايندو آهي، پر هميشه وڏي گهرواريءَ سان رهندو آهي. نه ٻارن جي شادي ڪرائي ٿو ۽ نه ئي منهنجو احساس ڪري ٿو. مان اهو چاهيان ٿي ته هو هميشه مون سان گڏ رهي. وڏي زال ان جي هر معاملي ۾ مداخلت ڪري ٿي. انهن سڀني ڳالهين کان بيزار ٿي جڏهن هو مون وٽ ايندو آهي ته مان ان کان اهو ئي مطالبو ڪندي آهيان. منهنجي عمر هن وقت 26 سال آهي ۽ مڙس جي عمر 50 سال آهي. هيءَ شادي مون پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي هئي، انڪري مسئلن سان اڪيلي سِر مُنهن ڏيان ٿي. سوچيان ٿي ته ايڏي مشڪل سان گهر ٺهيو آهي هاڻي ڪيئن ان کي ڇڏيان. مڙس سان محبت آهي ۽ ان کي ڇڏڻ ۽ ڏکائڻ نه ٿي چاهيان.
شاهده - ٺٽو
جواب: مڙس کي اهو اندازو هوندو ته ٻارن جي شادي جلدي ٿي ويندي ۽ ان کان پوءِ توهان گڏ رهندؤ. ان لاءِ هن توهان سان اهو واعدو ڪيو. اڪثر حالتون ماڻهوءَ جي هٿ ۾ نه هونديون آهن. ڪجهه مجبوريون هونديون آهن. توهان کي اڳ ۾ ئي سڀ خبر هئي. آئندي به ائين صبر ۽ شڪر سان وقت گذاريو. جيڪڏهن توهان ۾ اختلاف وڌيا ته هُن کي توهان وٽ به سڪون نه ايندو ۽ پوءِ هُو توهان وٽ نه ايندو. جنهن جو توهان کي گهڻو افسوس ٿيندو. اوهان کي ان ڳالهه جو خود احساس آهي ته هن توهان کي هر سهولت ڏني آهي. هو توهان کي ڄاڻي واڻي پريشان نه ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي طرفان توهان کي هر خوشي ڏئي رهيو آهي. توهان پنهنجن مائٽن سان مخالفت ڪري پنهنجو فيصلو پاڻ ڪيو آهي. مسئلا ته ٿيندا، انڪري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سوچيو. توهان هاڻ هن جي پهرين زال جي باري ۾ نه سوچيو ۽ هاڻي پنهنجن فرضن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪابه ڪوتاهي نه ڪريو ته بهتر. مڙس کي به انصاف ڪرڻ گهرجي. مرد ٻه شاديون ڪري ته وٺندا آهن پر، پنهنجن زالن ۾ انصاف ڪري نه سگهندا آهن.
وسيم سومرو
غزل
پنهنجي وچ ۾ اچي ڏار ڪنهن هي وِڌا، دل ٿي ڦٿڪي مٿس ڄار ڪنهن هي وڌا.
هن قبر سان ته منهنجو ئي هو واسطو، مون کان اڳ ۾ اچي هار ڪنهن هي وڌا.
پنهنجي رشتن کي باهين جون ويريون ڏئي، گهر ڪچا يا پڪا ڌار ڪنهن هي وڌا.
جن ۾ سائي ٿيڻ جي اڃا آس هئي، وڻ وڍي باهه ۾ ٽار ڪنهن هي وڌا.
ڪنهن نِميل وڻ جيان ڄڻ جهُڪي آ پئي، زندگيءَ جي مٿان بار ڪنهن هي وڌا.
هو ڀريندي گهڙا پاڻ کان ٿيون پُڇن، نينهن جي واٽ تي نار ڪنهن هي وڌا.
هڪ طرف روشني ٿي وئي آ وسيمَ، ڏئي ڪُلهي تي اُڇل وار ڪنهن هي وڌا.
عطيه دائود
سانت جو شور
ميڙ ۾ آءٌ گهريل آهيان
پر هر طرف خاموشي واڪا ٿي ڪري
انسان ڄڻ ته پٿرن جون مورتيون
مان انهن ڏانهن ڏسان ٿي
پر پٿر نظرون ڏسڻ نه ڄاڻن
پٿر واسين جي ديس ۾ مورتين جي مندر ۾
مون ڪيترا آهن گهنڊ وڄايا
پر هر طرف خاموشي واڪا ٿي ڪري
منهنجو صدائون پڙلاءُ بڻجي هوا ۾ گڙن پيون
هڪ منهنجي ئي وجود ڪيڏو شور مچايو آهي
دل جي ڌڪ ڌڪ رڙيون ڪري ٿي
ساهن جي سر سر رنڀون ڪري ٿي
رڳن ۾ رت ايئن ٿو ڊوڙي
ڄڻ درياءَ مِ گهارو پيو هجي.
وجود جي اندر جو اهو گوڙ
هاڻي ته هوا ۾ مڙي ويو آهي
سانت جو هي شور
مون کي به ڪٿي ٻوڙو نه ڪري ڇڏي
هر طرف ڇانيل بي حسيءَ واري فضا
مون کي به پٿر بڻائي نه ڇڏي
سهپ
سهپ جي ٻيلي ۾
منهنجي نيڻن مان
تنهنجي ياد جي چڻنگ ڪري پئي
خوشين جي ميلي ۾
دل کي وري غم جي
کڻڪ پئجي وئي
تنهنجي منهنجي وچ ۾
آسمان آهي فاصلو
نهاري نهاري نظر ٿڪجي پئي
رڻ ۾ رلندڙ هرڻي جي اڃ جيان
پريت مرندي جيئندي رهي.
تنهنجي ياد
جدائيءَ جي ٽانڊن تي
تنهنجي ياد جي نيري چادر اوڍي
جڏهن هلان ٿي ته
ٽانڊا گل بڻجي پير چمن ٿا
سڪ منهنجي سرير ۾
ساز بڻجي جڏهن ڇڙي ٿي ته
اکين جا اوجاڳا مرڪن ٿا
جذبن جو سمنڊ ماٺو آهي پر
نيڻ ساحل، هر هر ڇلڪن ٿا.
اڻکٽ سفر جو سلسلو
شهر ڀنڀور جي منظر ۾
تنهنجي منهنجي وچ ۾ هو جو سفر
سو مان ڪري نه سگهيس
جبل منهنجي جذبن آڏو
ميڻ مثل هئا
تنهنجي منهنجي وچ ۾ هو جو ليڪو
سو مان لتاڙي نه سگهيس
باهه برهه جي ماڪ هئي مون لاءِ
تنهنجي ياد جي چڻنگ کي
مان وسائي نه سگهيس
پريت جو پکي توبن ويڳاڻو
منهنجي هٿن ۾ ساڻو ساڻو
ڪيڏو به چاهيم، اڏاري نه سگهيس
اجنبي عورت
آئيني ۾ اوپري عورت ڇا ٿي سوچي
مون پڇيو ڳالهه ڇا آهي هوءَ مون کان ٿي لڪي
مان لبن تي لالي لايان ته هوءَ ٿي سڏڪي
جي ٿي هن سان نيڻ ملايان ته
الائي ڇا ڇا ٿي پڇي
گهر ٻار ور سڀ خوشيون مون وٽ
۽ هن کي الائي ڇا ٿو گهرجي.
هڪ ماءُ جو موت
زندگي منهنجي ٻار جي ڳل جهڙي ملائم
۽ ٽهڪن جهڙي مڌر آهي.
انهن مڌر سرن تي جهومندي سوچيان ٿي
موت ڇاهي.....!؟ موت ڇاهي.......!!؟؟
جيڪا اوڍي، ايتري اوپري مان بڻجي وينديس
پنهجي ٻار ڏانهن به ڏسي نه سگهنديس
موت اوندهه جيان منهنجي رڳن ۾ لهي ويندو!!
آخر ڪيتري گهگهه اوندهه هوندي
ڇا منهنجي ٻار جو چهرو
روشنيءَ جو ترورو بڻجي منهنجي ذهن مان اڀرندو!؟
موت ڪيترو ڏور، آخر مون کي وٺي ويندو
ڇا پنهنجي ٻار جو سڏ به مون کي ٻڌڻ ۾ نه ايندو؟
موت جو ذائقو ڪهڙو هوندو؟
اڃا به ڪڙو يا اهڙو لذيذ
جڏهن ماس چيرجي رڳ رڳ سور ۾ تڙپي هئي
درد جي درياءَ ۾ ٽٻي هڻي
هڪ ٻيو ماس مون تخليق ڪيو هو
مامتا جي آڏو به ڇا
موت جي سمونڊ جي ڇولي تکي آهي،
منهنجي ٻار جا ڳوڙها
ان وهڪري ۾ مون کي وهڻ ڏيندا!
ايڏي، ڪيتري مان چپ ڪنديس
پنهنجي ٻار کي سيني سان لائڻ کانسواءِ
اڇي اجري ڪفن ۾ ويڙهجي
اڪيلي ڪنهن اڻڄاڻ دنيا ڏانهن هلي ويندس
موت منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيل هڪ سوال آهي
۽ زندگي
منهنجي ٻار جي ڏنل چمي آهي.
ومي سدا رنگاڻي
۽ توکي پنهنجي خواب ۾ آڻينديس
مان توکي ياد نه ڪندس
تنهنجي صدقي به نه ويندس
ٻڏندڙ سج به نه ڏسندس
اڀرندڙ چنڊ به نه ڇهندس
مان توکي خط نه لکندس
تنهنجي خواب ۾ به نه ايندس
تنهنجي اڪيلائي دور نه ڪندس
توکي منٿون نه ڪندس
بارش ۾ پسڻ تي به توکي ياد نه ڪندس
تنهنجي خواب ۾ به نه ايندس.
تنهنجي وڃڻ تي ڏينهن نه ڳڻيندس
ماڪ کي پاڻي نه ٺهڻ ڏيندس
رابيل جي مالا نه ٺاهيندس
تنهنجي خواب ۾ به نه ايندس.
ليڪن
مان تنهنجو آواز آهيان
تنهنجو ساهه آهيان
تنهجي سونهن آهيان.
انڪري توکي مان ياد به ڪندس
توسان وڙهندس
توکي خط به لکندس
ڏينهن به ڳڻيندس
تنهنجي خواب ۾ به ايندس
۽ توکي پنهنجي خواب ۾ آڻيندس.
۽ تون مون لاءِ ڇِتِ
منهنجو گهر هجي هڪ جهنگل ۾.
رکي رکي ياد تنهنجي اچي
وڻن جون ٽاريون تنهجيون ٻانهون
۽ هوا جي سرگوشي تنهنجي آهٽ.
منهنجو گهر هجي نديءَ ڪناري.
هر شام تنهنجو انتظار ڪريان
تون لهرن تي لهي اچين ڪِرڻ بڻجي
۽ مان جاڳان ساري رات.
منهنجو گهر هجي ڪنهن پهاڙ تي
تون اڇي برف ۾ لڪي وڃين
مان توکي ڳولهيندي رهان
سڏ گم ٿي وڃي، رهجي وڃي پڙاڏو.
تنهن کان منهنجو گهر هجي ئي نه.
تنهنجيون ٻانهون گهر جون ديوارون
تنهنجيون اکيون گهر جا دروازا
۽ تون مون لاءِ ڇِتِ.
منهنجا خواب سهڻا آهن
مان سندر نه آهيان.
نه منهنجا وار گهٽائن جهڙا آهن
نه ئي مون وٽ آهي جهرڻي جهڙي کل
منهنجي اکين ۾ سمنڊ ڪونهي.
منهنجيون آڱريون تراشيل ناهن
منهنجا پير ننڍا، اڇا ڪونه آهن
منهنجا هٿ سهڻا نه آهن
منهنجن ڳلن ۾ کپون ڪونه پونديون آهن
منهنجا چپ گلابي نه آهن
منهنجا خواب سهڻا آهن.
تون لڪي ويو آهين ڇا؟
هوا
شهر جي سڀني وڻن کي چُمي
اُٿاري ويئي آهي
تون اچڻو آهين ڇا؟
منهنجي کاٻي پاسي واري دريءَ مان
اَڇي بوگن
مون کي ڪجهه اشارا ته ڪري رهي آهي.
در جي ڪنڊ تي ٽڙيل رابيل
کلي رهيا آهن
هر سنگار
پنهنجي سينگار ۾ پوري آهي
تون گهٽيءَ ۾ گهڙيو آهين ڇا؟
مون اکيون بند ڪري
آهستي آهستي
ڏڪندي ڏڪندي
در کولي ڇڏيو.
تون ڪٿي آهين؟
تون لڪي ويو آهين ڇا؟
اسان کي جوڙي رکڻ لاءِ
تون ۽ مان
الڳ الڳ ڪنارن تي هئاسين
وچ ۾ هئي ندي.
پر
ان تي
تنهنجي منهنجي سنيهه جي پل هئي.
تون ۽ مان
الڳ الڳ گهرن ۾ هئاسين
وچ ۾ هئي ديوار.
پر
من جو جهروکو ته سدائين کليل هو.
تون ۽ مان
الڳ الڳ دنيا ۾ هئاسين
۽ وچ ۾ هئا گل ٻوٽا، چنڊ تارا
اسان کي جوڙي رکڻ لاءِ.
زبي پروين ڏاهري
آءٌ گونگي ناهيان!
معلوم اٿم!
هي مرداڻو معاشرو،
عورت کي
”گونگي - گانءِ“ جي روپ ۾
ڏسڻ قبوليندو آ.
”ڳالهائيندڙ“ عورت جو وجود!
برداشت نه ڪندو آ
تڏهن ئي شايد
هر ماءُ!!
پنهنجي ڌيئرن کي
ڄمڻ ويل
ٻين ستين ڦڪين سان گڏ
سهپ ۽ صبر جي ستي به وجهندي آ
جيئن سندس نياڻيون
سدا خاموش ۽ نماڻيون رهن
ڏسن ٻڌن ڀلي، پر
ڪُڇن پُڇن نه
مگر! مون کي زبان هوندي،
گونگي بنجي جيون گهارڻ!
قطعي قبول ناهي.
جڏهن خدا مون کي!
زبان ”ڳالهائڻ لاءِ ڏني آ“
پوءِ ماٺ ڇو رهان...............؟
هر ستم صبر ڪري ڇو سهان؟
آءُ گونگي ناهيان!
آءٌ گونگي ناهيان.........!!
پنهنجا پنهنجا خواب
پنهنجي
روح جي راڻيءَ کي ماڻي
سمجهين ٿو........!
وڏي سوڀ ماڻي ورتي اٿئي!
پاڻ کي فاتح سمجهڻ وارا!
توکي شايد معلوم نه آ
تون فقط!
ان جو جسم حاصل ڪري سگهيو آن!
خوابن ماري انهيءَ ناريءَ جو
روح ته ٻئي هنڌ ڪٿي
رهجي ويو آهي.
هوءَ تنهنجي چاهتن جو،
مرڪز سهي،
پر تون هن جي محبتن جو
محور نه آهين
هن جا خواب
تو لئه نه هئا
ضروري نه آهي ته!
”جن کي اسين چاهيندا هجون،
اهي اسان کي به چاهن.“
هر ڪنهن جا
پنهنجا پنهنجا
خواب ٿيندا آهن،
تون! پنهنجي محبت ته
ماڻي ورتي!
پر،
پنهنجي محبت جي محبت!
ڪڏهن به ماڻي نه سگهندين!
نوحي جهڙو نظم
هر پل توکي ساريان بابا! پل پل پئي پڪاريان بابا!
ڄاڻان ٿي تون اچڻو ناهين، موٽي ٻيهر ملڻو ناهين، پوءِ به در ۾ ديد کپائي.
تنهنجي راهه نهاريان بابا! هر پل توکي ساريان بابا!
توکان سواءِ ڏس تنهنجي نياڻي! ڪيڏي ٿي وئي آهي ويڳاڻي، تو پڄاڻان پيءُ پرين! ڪنهن سان سليان درد ڪهاڻي! جيون جي هن جنگل ۾.
توبن ڪيئن گذاريان بابا! هر پل توکي ساريان بابا!
ڪنهن کي پئي ڪل نه ڪائي، دردن تنهنجي دل وڌائي، پنهنجن توکي گهاءَ ڏنا جي، روز نوان ايذاءَ ڏنا جي.
تن کي ڪيئن وساريان بابا! هر پل توکي ساريان بابا!
منهنجا بابل! تنهنجي شفقت، پٽن کان وڌ ڏنئي اهميت، ڇپر ڇانو هئين تون منهنجي، هر هر ياد اچي ٿي تنهنجي.
روئي هنجون هاريان بابا! هر پل توکي ساريان بابا!
مايا راهي
ٽٽي پونديسانءِ
ايڏو نه موڙ، مٺا!
ٽٽي پونديسانءِ!
قدم قدم تي
مان مڙيس
تون جُڙئين!
منهنجو ڪٻڙو اڀيمان
تنهنجو شاهي شان!
تڏهن ته چوانءِ ٿي
ايڏو نه موڙ مٺا! ٽٽي پونديسانءِ
ليئو پائي
ڏسين ته اندر ۾
ڇڇي پيئي اٿئي
هيانءُ؟
کاڌل اٿئي
ايترو
جو اندر سارو ڀري ڀور ٿيو پيو آهي!
تڏهن ته چوانءِ ٿي
من منهنجا!
ايڏو نه موڙ مون کي! ٽٽي پونديسانءِ.
ارپڻ پتر
حساس دل جي
احساسن جي
ترجماني ڪندڙ
هيءُ
”احساس“
ارپيان ٿي
انهن استري جي
دکي دلين کي
جن جي دانهن،
اندر مان نڪري
ڪڏهن ٻاهر
چپن تي نه آئي
جن جا ڳوڙها،
اکين جي آنچل ۾ ئي
اٽڪيا رهيا
۽ جن
پنهنجي ئي اکين سان
پنهنجن هٿان
پنهنجي دل جي دنيا
دونهين بنا
سدا دکندي ڏٺي!!
تون مري رهي آهين
ڏاڍي ڪانؤد آهين
هيڏو ٿي
ذليل ٿين
ڪتن جهڙي
حالت آ تنهنجي!
پوءِ به
ڪتي جي پڇ وانگر
اهڙي جي اهڙي!
ملي ڇا ٿو توکي؟
رات جو سک
ڏينهن جا ٻه ڦلڪا؟
منگلسوتر
بِندي؟
۽ چپٽي سندُور جي؟
موٽ ۾
جا
ذلالت ٿي سهين
ڍڳي وانگر ٿي وهين
ان جو ڇا؟
چوين ٿي
”مجبور آهيان
منهنجو پيار آ“
ڇا جو پيار؟
ڪنهن جو پيار؟
پيار جو ٺيڪو
ڇا صرف
توئي کنيو آهي؟
پيار پيار ناهي،
ڪانيئرتا آهي،
تون ڊڄڻي آهين
ڪبوتر وانگر،
اکيون ٻوٽي
سوچين ٿي
ٻلو آهي ڪٿي؟
ته اهو ٻلو
هر روز تنهنجو
ٽڪر ٽڪر ماس ڇني
خلاص ڪري رهيو آهي
توکي!
۽ تون؟
پيار جو پهراڻ پائي
روز
رتي رتي ٿي
مري رهي آهين.
نصرت لاشاري
سڄڻ ۽ ساڻيهُه، ڪنهن اَڻاسيءَ وسري،
ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين
(ڀارت جو سفر نامو) حصو پنجون
حيدرآباد دکن ۾ هڪ ڏينهن
حيدرآباد دکن زندهه دل سنڌين جو شهر آهي، دهليءَ مان صبح جو سوير اٽڪل ساڍي ستين وڳي هوٽل جِي ڪانٽينينٽل مان ايئرپورٽ روانا ٿياسين، هي اسان جي سفر جو ٽيون مرحلو هو، پهريون انٽرنئشنل فلائيٽ ذريعي انڊيا پهچڻ، پوءِ ڪوچ ذريعي انڊيا جي وڏي ۾ وڏي صوبي اُتر پرديش (UP) جي تاريخي شهرن لکنؤ، ڪانپور ۽ آگري جو سير ڪري اُتان جي سنڌين جو درشن ڪري هاڻ وري دهليءَ مان ڊوميسٽڪ فلائيٽ (ملڪ اندر جهاز جو سفر) ذريعي حيدرآباد دکن روانا ٿياسين.
دهليءَ جي اندرا گانڌي انٽر نيشنل ايئر پورٽ تان صبح جو ساڍي اٺين وڳي واري انڊين ايئر لائين جي جهاز ذريعي حيدرآباد دکن روانگي ٿي،جهاز ذريعي دهليءَ کان حيدرآباد جو شهر هڪ ڪلاڪ پنجٽيهن منٽن جو آهي ۽ ريل رستي ستٽيهن ڪلاڪن جو سفر آهي، اسين چاليهه ماڻهو هئاسين ٽوٽل. شري سريش ڪيسواڻي جڏهن بورڊنگ پاس کڻي آيا ته اهي تمام وڏي بنديءَ جي صورت ۾ هئا. سڀئي اچي جهاز ۾ سوار ٿياسين. جهاز جا دروازا بند ٿيا، هڪ ٽريڪ تان جهاز ٻي ٽريڪ تي اچي انتظار ڪرڻ لڳو. ائين اڌ ڪلاڪ کان پوءِ رن وي مليو ۽ ٿوري دير ۾ زوزاٽ ڪندو جهاز آسمان ۾ اُڏامڻ لڳو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسين حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ٽرمينل تي لٿاسين. سامان هٿ ڪري ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج ۾ بيٺل ميزبانن جو انتظار ڏسڻ جهڙو هو! اسان جي انتظار ۾ نيڻ وڇايو بيٺا هئا، هتي اسين شري شيام جماڻي (حيدرآباد - سڪندر آباد، سنڌي سيوا سميتي ٽرسٽ جو صدر)، شريمتي لتا جماڻي جيڪا سندن سهڻي جيون ساٿياڻي آهي ۽ سندن دوست مِٽ مائٽ تمام وڏي گروپ جي صورت ۾ آسان کي سنمان ڏئي آڌر ڀاءُ ڪرڻ آيا.
جن ۾ رجني آنٽي، شيلا آنٽي، شميتا جي سندن وڏا اصل شڪارپور جا هئا. هو اڄ به پاڻ کي سنڌ (شڪارپور) جو چونڊي فخر محسوس ڪندا آهن، حيدرآباد جا سنڌي ڪٽنب سڀئي شڪارپوري هئا، هتان جا سنڌي مالي طور تمام گهڻا خوشحال آهن، انڪري زنده دل به ڏاڍا آهن، اسان کي ايئر پورٽ تان رِسيو ڪرڻ شري شام جماڻي، آنٽي لتا جماڻي ۽ سندن ٻيا مٽ مائٽ آيا، اسان جو جهاز چاليهه منٽ دير سان پهتو، ايئر پورٽ جي وي آئي پي لائونچ ۾ ڪُم ڪُم ۽ چندن هار پارائي اسان کي ڀليڪار چيائون، ساڻن ملي ائين لڳو ڄڻ اڳ به نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا مليا هجون! رجني آنٽي انتهائي پرجوش نموني سڪ مان ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پئي پاتا، حيدرآباد جا سنڌي ڏاڍا خوش مزاج ۽ زنده دل هئا، ان جو سبب شايد اهو آهي جو سندن ڪميونٽي انتهائي بااثر نموني هڪٻئي سان جڙيل آهي.
اسان حيدرآباد هڪ ڏينهن لاءِ آيا هئاسين، سو جيئن ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته ڳاڙهي رنگ جي خاص بس جنهن ۾ اڪثر سرڪاري مهمانن کي سير ڪرائبو آهي، سا شيام صاحب اسان کي سير ڪرائڻ لاءِ گهرائي هئي، سڀئي کلندا ان ۾ سوار ٿياسين، ايئرپورٽ ايراضي شهر کان گهڻو پري نه هئي، حيدرآباد دکن جيڪو مون سوچيو هو ان کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ماڊرن، خوبصورت، ويل آرگنائيزڊ، صاف سٿرو شهر آهي، شهر جي بلڪل وچ ۾ تمام وڏي ڍنڍ آهي جيڪا قدرتي نه پر هٿرادو آهي، يقين نه پئي آيو ته ايڏي وڏي ڍنڍ آرٽيفيشل ڪيئن ٿي ٿِي سگهي! ان جو ڪنارو انتهائي صاف سٿرو ۽ اتي ٺهيل ننڍا پر يورپين اسٽائل جا چانهه، ڪافي ۽ وائين شاپس هئا، ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾ مهاتما گوتم ٻُڌ جو پٿر سان ٺهيل عاليشان مجسمو رکيل آهي، جنهن جي هڪ ڪُلهي تي چادر رکيل آهي ۽ ٻئي هٿ سان عالم کي آشيرواد پيو ڏئي، اسان جي ڀٽائيءَ وانگر جنهن چيو آهي ته ”عالم سڀ آباد ڪرين.“ اسان جو ڀٽائي سنڌ سان گڏ هن عالم لاءِ دعاڳو آهي.
سڌارٿ جو مجسمو ڪيترائي سال ڍنڍ ۾ ڪِريو پيو هو، پر ان کي کڻڻ لاءِ ڪابه ڪرين يا مشين نه هئي، پٿر جي مجسمي جو وزن تمام گهڻو هو، نيٺ ٻاهران آنڌرا پرديش گورنمينٽ ماڻهو ۽ مشينون گهرائي ڀڳوان سڌارٿ جي هن مجسمي کي وري سندس ٺاهيل جاءِ تي بيهاريو ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾.
ڳاڙهي بس مان لهي اسين اچي هڪ تمام وڏي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿياسين. حيدرآباد جي موسم هلڪي ٿڌي هئي، گهاٽي جهڙ جي ڪري موسم به ڄڻ ته اسان جو آڌرڀاءُ سنهڙين بوندن سان ڪيو، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اسان مائين رجني آنٽي، لتا آنٽي ۽ اسان سان گڏ ٻين مائين سنڌيءَ ۾ سهرا ۽ گانا ڳائڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ ”ٻيڙي وارا، منهنجا ادا ڙي مهاڻا، لال تي ٿي وڃان!“ کان وٺي ”هو جمالو“ ۽ ٻيا ڪيترائي گانا ڳايا، رجني آنٽيءَ ڊانس ڪئي ۽ اسين ڳائيندا تاڙيون وڄائيندا رهياسين، پندرهن منٽن لاءِ ٻيڙيءَ مان اسان کي لاٿو ويو ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾ بيٺل ڀڳوان جو درشن ڪرڻ لاءِ ۽ فوٽوگرافيءَ لاءِ. اتي آئس ڪريم کارائي وئي، ۽ وري تڙ تڪڙ ۾ اچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿياسين، ڪجهه دير کان پوءِ ساڳي بس ۾ چڙهي وري ڳائيندا وڄائيندا، منجهند جي مانيءَ لاءِ حيدرآباد جي سنڌين جي ريسٽورنٽ ”موٽل ۽ چمني“ ۾ اسان منجهند جي مانيءَ لاءِ پهتاسين، هيءَ ريسٽورنٽ يورپين اسٽائل جي هئي، تمام گهڻي ماڊرن ۽ خوبصورت، ڪلرفل روشنيون، هتي پهچي اسان جا اديب ۽ ڳائڻا باغ بهار ٿي پيا، ٿوري دير کان پوءِ کين پنهنجي پسند جا مشروب ملڻ لڳا، اسين ڪنڊ وٺي ميزبان مائين سان ڪچهري ڪرڻ لڳيونسين. ان وچ ۾ ماني Serve ٿي. ايڏا ته ڊشز هئا جو ڪهڙو کائي ڪهڙو کائجي! مون فريش جوس سان سڀني حيدرآبادي ڊشز مان ٿورو ٿورو ٽيسٽ ڪيو، هن ريسٽورينٽ ۾ ميوزڪ عاليشان پئي هليو! اڃا جو ڏسجي ته ميزبانن سان گڏ اسان جي ٽيم ۾ شامل نوجوان شاعر ۽ هڪ آنٽي اهڙي ڊانس ڪئي ڄڻ ته سندن ڀاءُ جي شادي هجي.
”ڪجرا ري ڪجرا ري تيري ڪالي ڪالي نينا“ تي آنٽي اهڙي ڊانس ڪئي ڄڻ ته ايشوريا راءِ هجي. امداد صاحب، قمر شهباز، شريڪانت ۽ ٻيا به ناچ ۾ شريڪ ٿي ويا. يادگار لنچ ڪري اسين وري اچي بس ۾ سوار ٿياسين. هتان اسين مغلن جي ٺهرايل چار مينار کي ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين، هڪ چؤواٽي تي راجيو گانڌيءَ جو گولڊن مجسمو ٺهيل هو، اُتي رجني آنٽيءَ ٻڌايو ته هي شهر راجيو جو تڪ رهيو آهي ۽ هتان کيس هر ڀيري سوڀ ملي، هاڻ هتان سونيا گانڌي اليڪشن ۾ بيهندي آهي ۽ کيس به عوام ساڳي ڀرپور موٽ ڏيندي آهي.
رجني آنٽيءَ سان ڪچهري ڪندي، هلندي بس مان اوچتو منهنجي نظر ”ڪراچي بيڪريءَ“ تي پئي، مون کان رڙ نڪري ويئي، توهان جي حيدرآباد ۾ ”ڪراچي بيڪري!!“ ۽ اسان جي حيدرآبا سنڌ ۾ ”بمبئي بيڪري“ واهه واهه! پوءِ آنٽيءَ ٻڌايو ته هيءَ شهر جي تمام پراڻي بيڪري آهي، اها پڻ سنڌين جي آهي، روزانو لکين رپين جي سيل ٿيندي آهي، ان جا ڪيڪ ۽ ٻيون شيون سڄي ڀارت ۾ مشهور آهن، هڪ ٻي آنٽي حيدرآباد جي مشهور بازار مان گذرندي ٻڌايو ته هتي ڪپڙي کان وٺي، سون ۽ ٻين شين جو ڪاروبار گهڻو تڻو سنڌين جو آهي، حيدرآباد ۾ ٽوٽل ستر هزار سنڌي رهن ٿا، پر هو تمام گهڻا پڙهيل ڳڙهيل آهن ۽ وڏو طبقو انٽرنئشنل بزنس سان لاڳاپيل آهي، جنهن جي ڪري هتان جي حڪومت ۾ به سندن گهڻو اثر رسوخ آهي، اها ڪچهري ڪندي اسين اچي چار مينار واري علائقي پهتاسين، هي علائقو مسلمانن جو هو، حيدرآباد دکن ۾ مسلمانن جو وڏو تعداد آهي، مشهور ٽينس رانديگرياڻي ثانيا مرزا به چار مينار واري علائقي جي آهي، هتي بازارن ۾ هلندڙ عورتن کي ڪارا برقعا پاتل هئا، ڄڻ سمنڊ ڪناري رهندڙ پينگوئينز هجن ۽ مردن کي اڇا ڪپڙا ۽ ٽوپيون پاتل هيون.
حيدرآباد دکن ۾ اسان سان ڪابه پوليس يا ٻيو ڪو سيڪيورٽي عملو گڏ نه هو، ان مان اهو ظاهر پئي ٿيو، ۽ شهر جي عام زندگيءَ مان به اهو پئي لڳو ته هي پُر امن شهر آهي، هتي موٽر سائيڪل هلائيندڙ ڇوڪريون به نظر نه آيون، ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ چار مينار واري تمام رش واري علائقي مان چار مينار جي ڀرسان پهتاسين. گاڏيءَ مان لهڻ کان منع ڪيو ويو، انڪري جو وقت گهٽ هو، ڀوري ۽ ناسي رنگ جا چار مينار ڏسڻ جهڙا هئا، سهڻي تعمير ٿيل هين. عاليشان تعمير سازي جو هڪ نمونو آهي، اتان ٿي واپسيءَ ۾ ساڳيا رستا ٽپي اسان کي اسراڻي انٽرنيشنل هوٽل آندو ويو جتي اسان جي رهڻ جو بندوبست ٿيل هو، ساڍي پنجين کان ستين تائين فريش ٿيڻ جو وقت ڏنو ويو دل چيو ته بازار وڃجي پر وقت نه هو، تيار ٿي ستين بجي اسان ڪلچرل شو لاءِ روانا ٿياسين.
اٺونجاهه سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو حيدرآباد دکن جا سنڌي، سنڌ جي سنڌين سان گڏجي رهيا هئا، هي پروگرام ”ڀارتيا وديا ڀون“ ۾ 23 سيپٽمبر جي شام جو رکيل هو. هن پروگرام جي پبلسٽيءَ لاءِ سنڌ ڪرانيڪل ماهوار مئگزين سنڌ مان آيل سڀني مهمانن، اديبن، فنڪارن ۽ شاعرن جا نالا به ڏنا هئا ۽ شري سريش جِي جيڪي صدر آهن، سنڌي ڪائونسل آل انڊيا جا ۽ سنڌي اڪئڊمي دهلي، آندرا پرديش جي گورنر شري شڪال ڪمار شندي، سندس زال شريمتي اُجالا شندي جا پيغام شامل ڪيا ويا. ان کان سواءِ جماڻي آئيس ڪريم، سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ، وشال بازار، ڪنچن گارمينٽ، بالاجي وشنو سوئيٽ هائوس، شيلا آرٽس ڪرافٽ، گيانيز جيولرز، پان آمريڪا، ڪومل ڪريشن، سيتا ايڪسڪليويز، جماڻي هولسٽڪ سينٽر ۽ ٻين سنڌين پنهنجا اشتهار، پيغام ۽ نيڪ تمنائن جا پيغام ڏنا.
اسين شام جو ست لڳي پندرهن منٽن تي ”ڀارتيا وديا ڀهون جي هال ۾ پهتاسين ٻاهران سيڪيورٽي جي فقط هڪ گاڏي عام گاڏين سان بيٺل هئي، خبر پئي ته اندر گورنر آندرا پرديش پهچي چڪو آهي، هتان جي ماڻهن جي ڪاميابيءَ جو راز ان ۾ به آهي ته ماڻهو وقت جا ڏاڍا پابند آهن، اسان وٽ ماڻهو اُن کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دير سان پهچي، اسان کي اڳيان وارين سيٽن تي وهاريو ويو، شري سريش ڪيسواڻيءَ جن تقرير ڪئي. هن سنڌ جي تاريخ، ڪلچر ۽ ثقافت تي روشن وڌي، شري شيام جماڻيءَ جن پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ گورنر صاحب جا ٿورا مڃيا.
آندرا پرديش جي گورنر تقرير ڪندي چيو ته ”هي جيڪي سنڌي ڀائر آهن اسان کي انهن تي فخر آهي، اڄ هو خوشحال آهن. ڀارت جي خوحشالي ۽ ترقيءَ ۾ سندن اهم ڪردار آهي، پر جڏهن هو اٺونجاهه سال اڳ هتي لڏي آيا هئا تڏهن سندن کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، رهڻ لاءِ اجهو نه هو پر آءٌ اها ڳالهه دعويٰ سان ٿو چوان ته مون ڪنهن سنڌيءَ کي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگيندي نه ڏٺو آهي، هي ڏيڻ وارن مان آهن وٺڻ وارن مان ناهن، اسان کي فخر آهي جو اهي اڄ اسان جو حصو آهن“. اهي لفظ شري شڪلا ڪمار شندي جن چئي اسان جي پنهنجن سنڌين جي عزت اسان جي نظر ۾ اڃا به وڌائي ڇڏي. مون مووي ٺاهي گورنر جي تقرير جي. اسان سان گورنر صاحب جو فوٽو سيشن ٿيو، ان کان پوءِ ذوالفقار ۽ مظهر حسين گڏجي ڪلچرل ميوزيڪل ايوننگ جو آغاز ڪيو، پوءِ واري واري سان ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، پروگرام ختم ٿيو ته اسان سان ٽوئين سٽي حيدرآباد ۽ سڪندر آباد شهر جا سنڌي ملڻ آيا، انهن ۾ گهڻو ڪري جوڙا هئا. ڪي نوجوان زال مڙس ۽ ڪي وڏي عمر جا. هڪ وڏي عمر جي چاچا مون کان پڇيو تنهنجي شادي ٿي آهي، مون چيو نه .چيائين هي منهنجي زال ۽ مان گذريل چاليهن سالن کان (ڀاڪر پائيندي) هيئن گڏ آهيون، ”تو شادي ڇو ناهي ڪئي، هاڻ هتان واپس وڃي ضرور ڪجان.“ مون کلندي کين جواب ڏنو شادي ضرور ڪنديس پر اهڙو وفادار ماڻهو ملي جيڪو چاليهه سال مون سان گڏ هجي،“ ان تي سڀ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا. سڀني کان موڪلائي اسين واپس هوٽل پهتاسين، هاڻ احساس ٿيو ته ڏاڍا ٿڪل آهيون، رينو جِي مان ۽ ماهين هڪ ڪمري ۾ رهيوسين، ٿوري دير فريش ٿيڻ کان پوءِ هوٽل جي لائونج ۾ سڏايو ويو. اسان لاءِ خاص چار مينار جا مانيومينٽس تيار ڪرايا ويا هئا. اهي تحفي ۾ ڏنا ويا، ان کان پوءِ ڪمري ۾ پهچي بس بيڊ تي ليٽڻ سان ئي ننڊ اچي ويئي. صبح جو ڇهين لڳين اٿي تيار ٿي، هتان جي سنڌين جي پاڙي ۾ ٺهيل سنڌو ڀون مندر ۽ سنڌين جا پاڙا مسٽر ۽ مسز شيام جماڻيءَ سان گڏجي ڏٺاسين. هتان جا مرد ۽ عورتون زال مڙس ڏاڍا لبرل ۽ پروگريسو سوچ وارا آهن، عورتن کي پنهنجن ڪاروباري معاملن ۾ گڏ رکندا آهن، هتي حيدرآباد ۾ آفيس توڙي گهريلو زندگيءَ جا فيصلا اڪثر عورتون ڪنديون آهن.
اسين شري شيام جماڻي ۽ سندن سهڻي ساڙهيءَ ۾ ملبوس شريمتي لتا جِي کان موڪلائي، ايئرپورٽ روانا ٿياسين، ساڳي ڳاڙهي بس ۾ ايئرپورٽ پهچي سامان روانو ڪري، پاڻ اچي ڪافي شاپ ۾ ويٺاسين حميد سنڌي جن منهنجي مٿي تي هٿ رکي چيو ”هيءَ اسان جي دلبر صحافي دوست جي ڌيءُ آهي، لڇمڻ ڪومل کين وراڻيو ”ها يار ڏاڍو پيارو ماڻهو هو اصل وسري ئي نٿو!“
راشدي صاحب اچي چيو ”رڳو چانهيون ڪافيون پيئڻ ۾ مصروف آهيو، سامهون گفٽ شاپ اٿو وڃي حيدرآبادي هيرن سان جڙيل چوڙيون وٺو ڪا شاپنگ ڪيو.“ اُما چيو ته هي ايئرپورٽ وارا دڪان ڏاڍا مهانگا آهن، مون ماهين کي چيو ”هل ڀلا. وٺون نه، ڏسي ته اچون،“ ڏاڍيون سهڻيون چوڙيون هيون، مون ٻه سيٽ تخليق ۽ رچنا لاءِ ورتا، دڪان تي اخبارون رکيل هيون. ٽن اخبارن ۾ اسان جا فوٽو هئا، هڪ ته دڪاندار پاڻ کڻي ڏني ”هي توهان جو فوٽو آهي نه“ آءٌ کلي پيس ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم، فوٽو ڏسي خوشي ٿي، اخبار جو نالو دکن ڪرانيڪل انڊيا سٽي هو، فوٽوءَ ۾ مون گورنر جي تقرير ريڪارڊ پئي ڪئي، تصوير جو ڪيپشن هيءُ هو:
سنڌ، پاڪستان مان آيل مهمان ناري گورنر شري شڪلا ڪمار شنديءَ جي تقرير رڪارڊ ڪندي. ساڻن ملهايل شام ڀارتيا وديا ڀون ۾ پاران سنڌي مهااُتوسو (On Friday) فوٽ by Pavan حيدرآباد مان ننڍيون وڏيون ڪي ٽيهه اخبارون انگريزي، اردو ۽ هنديءَ ۾ نڪرن ٿيون.
ائين اسين هڪ ڏينهن، هڪ رات جو حيدرآباد دکن جو يادگار ٽرپ هڻي، چوويهين سيپٽمبر 2005ع تي صبح جو نوين لڳي جهاز ۾ چڙهي بينگلور روانا ٿياسين.
تنوير جوڻيجو
حميره نور - محبتن جي کاڻ
ان کان اڳ جو حميره نور جي ڪتاب ”زائفان ذات“ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريان، اهو ضروري ٿي سمجهان ته حميره سان پنهنجي تعلق تي به روشني وجهان. حميره جيڪا محبتن ۽ نوڙت جي کاڻ آهي. جنهن نه رڳو قلم پر عمل ذريعي به سماج جي ڏکايل عورتن جي خدمت ڪئي آهي. ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ محبت ۽ پنهنجائپ جي جوت جلائي آهي. اتي جي ڪنڊ ڪڙڇ کي اتان جي ريتن رواجن کي مشاهدي هيٺ آندو آهي.
حميره ادب ۾ شاعريءَ جي ذريعي جنم ورتو، سندس شاعري کنڀين مثل، هڪ دم ادب جي وارياسي سر زمين تي اسري ۽ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻي. حميره پنهجي ادبي ذوق ۽ عورتن سان محبت باعث عورتن لاءِ پروگرام ”سگهڙين سٿ“ ۾ به باقاعدي خط اماڻيندي هئي. انهيءَ حوالي سان ساڻس تعلق جڙيو، پر ادب جي دنيا ۾ خاص طرح شاعريءَ جي دنيا ۾ سڳنڌ جيان پکڙي ۽ منهنجي به ڌيان جو مرڪز بڻي، ”عوامي آواز“ ۾ عورتن جي صفحي تي سندس شاعريءَ جا بجا نظر ايندي هئي، جا زندگيءَ جي نهايت قريب ۽ روزمره جي ڏکوئيندڙ حالتن جو عڪس هوندي هئي. ۽ ٻي ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهه سندس نالو هو حميره شمس شيخ، ڊاڪٽر شمس شيخ اسان جي سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد جنهن سان ڀائپيءَ وارو تعلق رهيو. سو هڪ وار گلبدن کان پڇيو هئم، جواب ۾ گلبدن ٻڌايوهو ته حميره جو والد صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر نه، پر ٽنڊوڄام ۾ پروفيسر آهي. ۽ ان کان پوءِ سنڌي شاعرائن تي هڪ تحقيقي سروي ڪئي هئم. جنهن ۾ وڌيڪ حميره بابت ڄاڻ حاصل ٿي هئي. اهو ڏينهن به ياد اٿم جڏهن سوشالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪٽر شمس شيخ هڪ مهمان کي وٺي آيو. ايم اي لاءِ ٿيسز جمع ڪرائڻ لاءِ، مون ٿيسز هٿ ۾ کنئي. ٿر جي عورتن تي ڪيل تحقيق هئي ۽ تحقيق ڪندڙ جو نالو حميره شمس شيخ. ”هيءَ ته منهنجي پنهنجي نياڻي آ“. مون چيو، حميره جي والد صاحب جيڪو ڊاڪٽر شمس شيخ سان گڏ ٿيسز جمع ڪرائڻ لاءِ آيو هو. ان ذريعي خبر پئي ته حميره ٿر ۾ ڪم ڪري رهي آهي. پوءِ هڪ وارو S.P.O جي سالياني گڏجاڻيءَ ۾ اسلام آباد وڃڻ جو اتفاق ٿيو. رات جو سالياني ڊنر جي موقعي تي هڪ نماڻي نياڻي مرڪندڙ اکين ۽ مرڪندڙ چپن سان اچي ملي هئي: ”آپا مون کي سڃاتو!“..... مان هن جي پنهنجائپ ۽ پيار کي ڏسي مرڪڻ لڳيس ۽ پوءِ هن ٻڌايو ته ”مان حميره آهيان“ ۽ حميره جيڪا منهنجي نياڻيءَ سمان آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي قدرت واري جي مهربانين تي اچرج به ٿيندو آهي ۽ مان الله پاڪ جي شڪرگذار به ٿيندي آهيان ته مون کي ڪيتريون پيار ڪرڻ واريون نياڻيون مليون. حميره، گلبدن، نجمه، سنڌو، غزاله، منيره ۽ اڃا ٻيون به کوڙ ۽ کوڙ سارا پٽ به مليا. جن جي محبتن ۾ حوصلو بلند رهندو آهي.
۽ هاڻي ذڪر ”زائفان ذات“ جو سڀ کان پهرين ته مبارڪباد پيش ڪنديس حميره نور کي ته هن اهو ڪتاب ڇپرايو. ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ خاص طرح عورتن جي حوالي سان گهڻا ڪتاب موجود ناهن. هن ڪتاب ۾ هونئن ته انيڪ اهم ۽ نيون ڳالهيون آهن، پر سڀ کان اهم ڳالهه عورتن جا پروفائليس آهن.
عام طرح سنڌي خواتين جا پروفائيلس تحرير ڪيا ويا آهن. پر اهي عورتون، ماحول جن جي جهوليءَ ۾ هيرا موتي نه سهي، پر بهتر حالتون وڌيون ۽ انهن جي موٽ ۾ هنن سماج لاءِ بهتر ڪم سر انجام ڏنا ۽ نتيجي ۾ وري سماج، موٽ ڏني ۽ انهن جا ڳڻ ڳاتا.
پر هي اهي عورتون، جيڪي سماج ۾ جهڙوڪر ڌرتيءَ جي ڌوڙ مثل آهن. جن جي جهولي محض ڏکن ۽ سورن سان ڀريل آهي. جن کي زندگي رڳو ڏکوئيو آهي!
ٻي اهم ڳالهه جيڪا هن ڪتاب جي حوالي سان آهي ته حميره پنهنجي لکڻين ۾ هڪ طرفو ٿي نه لکيو آهي، ۽ ڏک رڳو مردن جي سبب نه ڄاڻايا اٿس. ان لاءِ عورتن کي به ڀاڱي ڀائيوار ڄاڻايو اٿس.
هوءَ لکي ٿي ته ”عورت جي زوال پذيريءَ ۾ عورت جو به هٿ هوندو آهي. سماج ۾ جتي مرد، عورتن جا سڄڻ ناهن هوندا اتي عورتون به عورتن کي پنهنجو کاڄ بڻائينديون آهن.“ پوءِ اهي پهاڄ جي صورت ۾ هجن يا ڏيرياڻين ، نڻانن جي، سس جي روپ ۾ هجن يا نُنهن جي، ماءُ جي صورت ۾ هجن يا ڀيڻ جي صورت ۾! اهي ڳالهيون تحقيق طلب به آهن. جن تي تحقيق ڪري علم جا نوان گس کولي سگهجن ٿا. حميره پنهنجي هن ڪتاب ۾ ٻيا به ڪيترا مضبوط مفروضا عورت جي حوالي سان پڙهندڙن اڳيان آندا آهن. عام طرح ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪو تحقيق جو طالب علم اڳتي وڌندو آهي. تحقيق جيڪا اڄ ڪلهه علم جو لازمي جز بڻجي چڪي آهي. پر حميره جو ڪتاب ڌيان سان پڙهڻ سان ڪيترا مضبوط مفروضا ۽ موضوع آڏو اچن ٿا جن تي تحقيق ٿي سگهي ٿي جيئن ٿر جي باهمت عورت، ڪامريڊ سونا ٻائيءَ جو ڪردار. انهيءَ ڪردار جو تجزيو ڪندي حميره لکي ٿي ”ڪامريڊ سونا ٻائيءَ جون ڳالهيون ٻڌي منهنجو تجربو ان ايمان ۾ بدلجي وڃي ٿو ته زماني جون ستايل، جوانيءَ ۾ بيواهه ٿيندڙ طلاق يافته، وڏي عمر جون ڪنواريون ۽ ڏاڍائيءَ جو شڪار عورتون نهايت بهادر ٿين ٿيون، جن کي زماني جي ريتن رسمن ۽ دستور جي ڪا پرواهه نٿي رهي ۽ نه هو انهن کان خوف کائين ٿيون. انهيءَ قسم جون عورتون، سماج ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. حميره انهن عورتن جي چڱائيءَ کي سڃاتو آهي هن شعر وانگي.
ڍونڍ اجڙي هوئي لوگون مين وفا ڪي موتي، يه خزاني تجهي ممڪن هي خوابون مين ملين.
حميره جي حقيقي ڪردار ۾ اهڙا به ڪردار آهن جيڪي زندگيءَ جو ڌڪ جهلي نه ٿا سگهن ۽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي موت جي گود ۾ پناهه وٺن ٿا جهڙوڪ ”هڪڙي هئي لڪشمي“ اڪثر اخبارن ۾ ڪولهڻين، ڀيلياڻين ۽ ٻين اهڙين ذاتين جي عورتن جا واقعا ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نظر ايندا، جن کي مرد، ڍورن جيان سڄو ڏينهن پيا ڪٽيندا آهن. نتيجي ۾ بيزار ٿي اهي عورتون پنهنجن ٻچن کي اڪيلو ڪري پاڻ کي موت جي حوالي ڪنديون آهن. مائي رحمت هڪ ڪردار جو نالو نه، پر هڪ روايت جو نالو آهي جيڪو غربت سبب بيوسيءَ ۽ بدحاليءَ جي پيداوار آهي. اڄڪلهه آرٽس فيڪلٽيءَ اڳيان، سوسائٽيءَ جي بنگلن جي درن تي اهڙا ڪردار جا بجا نظر اچن ٿا. بزرگ جيڪي اسان جي همدرديءَ ۽ محبت جا مستحق آهن تن کي اسان سونو آنو ڏيندڙ ڪڪڙ مثل بڻائي ڇڏيو آهي. چڱن چوکن گهرن جا چڱو چوکو ڪمائيندڙ پنهنجن بزرگن سان انتهائي ڪريل سلوڪ ڪن ٿا. پيرسن ماڻهو کائيندو ئي ڇا هوندو؟ ٻه گرهه ويلي تي ۽ بس. سال ڏيڍ کان آرٽس فيڪلٽي اڳيان انڌڙو پيرسن بزرگ ڏسندي آهيان. جنهن جا سکيا ستابا مائٽ ڄام شوري جي تپندڙ ڌرتيءَ تي کيس بيل گاڏيءَ ۾ وهاري ڇڏي ويندا آهن. هو نهايت ڏک ۽ پيڙا وچان ”الله الله“ جي صدا هڻندو آهي ۽ ماڻهو سندس جهول ۾ سڪا وهجي ويندا آهن. انهيءَ بزرگ کي يونيورسٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ ايل ايم سي نيو ويندو آهي، جتي شام تائين هو ڪرونڊڙو ٿيو ويٺو صدائون هڻندو آهي. انهيءَ بزرگ کي ڏسندي ٻئي به هڪ سکئي ستابي ڪٽنب، جنهن جا جانٺا جوان ڪمائڻ جوڳا پٽ آهن. هڪ سو سالن کان به وڌ ڄمار جي انڌڙيءَ ۽ سچ پچ هڏين جي مُوڙيءَ کي فيڪلٽيءَ آڏو پٿرن تي اُس ۽ لُڪ ۾ وهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ڪنهن کي رحم اچي ٿو ته ڪو ڇولن جي پليٽ ۽ پاڻيءَ ڍڪ ان امڙ کي پياري وڃي نه ته ٿيو خير! سو خبر ناهي ته ان روايت کي قبول ڪجي يا نه ڪجي! حميره نور هونئن ته ڪافي ڪردارن تي لکيو آهي، پر هڪڙو ناميارو ڪردار منهنجي شهر جي ڇوڪري جنهن تي هروڀرو رحم کائڻ بجاءِ هن تجزياتي طور ان ڪردار جو جائزو ورتو آهي ۽ ان جو ذڪر پڻ هن انداز ۾ ڪيو آهي. ”خوش شڪل پڙهيل ڳڙهيل باروزگار منهنجي شهر جي ڇوڪري روز نوان بيان ۽ نيون فرمائشون عوام اڳيان آڻي رهي آهي. شائسته هيترين سارين سهوليتن مان ناجائز فائدو وٺي نه رڳو پاڻ کي پر ٻين کي به نقصان پهچائي رهي آهي. هت شائسته سنڌ جي پهرين يا آخري نياڻي ناهي جنهن عشق ڪيو ۽....... هت روز نوان جوڙا ٺهندا ۽ ڊهندا رهن ٿا! انڪري اهڙو مثال قائم ڪجي جو امر ۽ لازوال هجي.“
حميره جنهن جي تحرير ۾ حقيقت ۽ سچائي آهي. تحرير جو انداز نهايت سادو سلوڻو همدرد دل ۽ ذهن تي اثر ڇڏيندڙ. ان ۾ نه فلاسافي آهي نه آلجبرا ۽ نه فارسي. جو هن ڏٺو، محسوس ڪيو، سو قلم ذريعي چٽيو. دعا آهي خداوند پاڪ سندس قلم کي سگهارو ڪري. ۽ سندس قلم سماج جي سڌاري جو باعث بنجي.
رپورٽ: خان محمد جروار
نامياري ليکڪا حميره نور جي ڪتاب ”زائفان ذات“ جي مهورت جي رپورٽ
ٿرپارڪر سنڌ پاران ناليواري ليکڪا ۽ شاعره حميره نور جي ڪالمن ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب ”زائفان ذات“ جي مهورت سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ مترجم: وليرام ولڀ صدارتي تقرير ڪندي چيو ته حميرا پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙن ڪردارن تي لکيو آهي، جن کي ڏسي هر ڪو نظر ڦيرائي يا ڪن لاٽار ڪري هليو ويندو آهي.
تنوير جوڻيجو چيو ته ”حميره محبت ۽ نوڙت جي کاڻ آهي، جنهن ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ وڃي محبت سان ماڻهن کي پنهنجو ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ پڻ عورت جي درد کي چڱي نموني پرکي سگهجي ٿي.“
ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته ”حميره سماج لاءِ پاڻ پتوڙي لکي رهي آهي، جنهن ۾ عورت کي برابري ڏيڻ لاءِ اسان کي گڏجي سندس آواز کي سگهارو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سندس لکڻيون بامعنيٰ آهن، جن جو اثر ضرور هن سماج تي پوندو.“
مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ چيو ته ڪتاب زائفان ذات ۾ کوڙ سارا ڪردار ٿر جي عورتن جا آهن ۽ اڄوڪي هيءَ تقريب، حميره نور جي اهڙي ڪاوش کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رچائي وئي آهي.“
ڪتاب جي ليکڪه حميره نور چيو ته ”ٿر سان منهنجو تعلق مستقل ۽ اڻٽُٽ آهي. ٿر جي عورتن تي لکڻ جو خاص مقصد اتي جي سماجي زندگيءَ کي نروار ڪرڻ آهي، جنهن ۾ عورت سختيون سهي پئي ۽ زندگي کي ڀوڳي پئي.“
حفيظ ڪنڀر چيو ته ”حميره اهڙن موضوعن تي لکيو آهي جن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ اڄ به گناهه سمجهيو وڃي ٿو.“
حميره جي پيءُ شمس الدين شيخ چيو ته ”حميره جڏهن ننڍڙي هئي ته تڏهن هڪ ڀيري مون کي چيائين ته ڊيڊي مون کي پنهنجو نالو اخبارن ۾ لکيل نظر اچي ٿو. تڏهن مون چيو ته تو ايترو پڙهيو ئي ڪونهي ۽ لکيو به ڪجهه ڪونهي پوءِ تنهنجو نالو اخبارن ۾ ڪيئن آيو؟؟؟“ ان سوال جو جواب مون کي اڄ ملي ويو آهي. منهنجن ستن ٻارن ۾ حميره ئي واحد اولاد آهي جنهن جو نالو اخبارن ۾ لکجي ٿو، مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر تهمينه مفتي ۽ ٻين ناليوارن اديبن ۽ شاعرن پڻ خطاب ڪيو.
سون ساريڪا هٿڙا
پورهيت ماءُ جي پورهيت ڌيءَ مائي اميران جو احوال
دنيا جي ترقي ۽ انساني اوج توڙي ماڻهوءَ جي مهانتا ۽ عظمت بنيادي طور ذهني ۽ جسماني ڪم ڪندڙ پورهيتن جي محنتن جو ڦل ۽ سندن ئي ڪارنامو آهي. پورهيت ساري دنيا کي پالن ٿا، پر انهن جي اڪثريت سماجي، معاشي ۽ سياسي طور ڦرلٽ جو شڪار رهي ٿي. پورهيت اڪثريت ۾ هوندي به اقليت جي انياءَ ۾ پيسجي رهيا آهن. ايئن ڇو آهي؟ پورهيتن سان ٿيندر ڏاڍاين جي خاتمي لاءِ خود پورهيتن ۽ سندن سهڪارين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پورهيتن جي زندگي سک، سلامتيءَ، امن، انصاف، آزاديءَ ۽ آسودگيءَ سان ڪيئن گذري سگهي ٿي؟ انهن سڀني سوالن کي سوال ئي رهڻ ڏجي ٿو.
مان سالن کان سنڀرندو هوس ته پورهيت ماڻهن جي زندگين، ڏکن، ڏاکڙن، اهنجن، ايذائن، مشڪلاتن، محنتن، جفاڪشي، ڪاميابين ۽ ناڪامين تي لکان. ان لاءِ موضوع جي چونڊ ”پورهئي هٿ سڪار“ شاهه لطيف جي هيٺئين بيت مان ڪئي هئي:
ڏکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا، پورهئي هٿ سڪار، تو وس آهن هٿڙا.
(لطيف)
هن سال 2006ع جي منڍ کان عورتن جي اڪيلي سنڌي رسالي ماهوار ”سرتيون“ لاءِ لکڻ شروع ڪيو آهي. رسالي جي سلسلي ”سون ساريڪا - هٿڙا“ کي پنهنجي پراڻي خيال جي پورڻتا ۽ سپني جي ساڀيان سمجهي پورهيت ماءُ جي پورهيت ڌيءَ مائي اميران سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جو سربستو احوال پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيو آهيان – ليکڪ
سندس شناختي ڪارڊ موجب 12 جون 1975ع تي پورهيت ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ڳوٺ ”شاهه واهه“ لڳ، وزير آباد ضلعي شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ نينگري مائي اميران جا وڏا اصل ”پٺاڻ ڳوٺ“ لڳ مبارڪ پور تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد جا رهواسي هئا. اميران جي ماءُ مارئي هارپي سان گڏ ويهارو کن سال سلائي ۽ ڀرت جو پورهيو پڻ ڪيو هو. اميران اڃا ٻارڙي ئي هئي ته سندس مائٽ گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ صالح مهر ۾ لڏي آيا.
اميران ٻڌائي ٿي ته سلائي ۽ ڀرت جو ڪم پنهنجي ماءُ کان سکيس. منڍ ۾ ڪم تي گهڻو ڌيان نه ڏيڻ ڪري امان مارون به ڏنيون. اڳ ۾ ٽوپين ٺاهڻ سان گڏ هرمچي ۽ ڪچي ٽاڪي توڙي ڪنڍيءَ جو ڪم ڪندي هيس، پر هاڻي رڳو سلائيءَ جو ڪم ڪندي آهيان. پنهنجن ٻارن جا ڪپڙا ڀريندي آهيان پنهنجون رليون پاڻ سبندي آهيان. ڪڙمت/ هارپي جو ڪم به ڪندي آهيان.
هن ٻڌايو ته هوءَ عورتاڻا ۽ ٻاراڻا ڪپڙا سبندي آهي. في وڳو عورتاڻو پنجاهه رپيا ۽ ٻاراڻو ويهه رپيا وٺندي آهي. پنهنجي ڳوٺ ۽ تر جي چئن ڳوٺن جون عورتون ڪپڙا سبڻ لاءِ کيس ڏينديون آهن. روزانو ٽي چار وڳا تيار ڪري ويندي آهي. جڏهن کانئس پڇيم ته ”کيس پورهئي مان ڇا حاصل ٿيو آهي؟“ جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”گذريل ڏهاڪو سالن ۾ گهر جو خرچ هن پنهنجي پورهئي سان ئي ڪيو آهي. هن مهل تائين پورهئي جي پئسن مان پکو، اٽي لاءِ ڊمي، 12 سوڙيون، 20 رليون، ڇهين هزار جي رنگين ٽي وي، استري، ٽن هزارن جي سلائيءَ واري مشين، ٽي ٻڪريون ۽ تولي جي تور جيترو سونو ڪنگڻ پنهنجي پورهئي مان خريدي چڪي آهي. ۽ هڪ ڪمرو پڻ ٺهرايو آهي. هڪ گيني ٻٽيهن سون (3200) ۾ وٺي چئن مهينن کان پوءِ پنجن هزارن ۾ وڪڻي 18 سؤ وڌيڪ ڪمايا اٿائين. مڙس جي آپريشن تي آيل 30 هزار ۽ سندس ننڍي پٽ اشفاق جي بيماريءَ تي ڏهه هزار خرچ ۾ گهڻو حصو سندس سلائيءَ جي ڪمائيءَ جو آهي. هوءَ پنهنجي ڏکويل زندگيءَ جو ورق ورائيندي ٻڌائي ٿي ته ”هن ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلايو آهي“. ابي امان ۽ پنهنجن ويجهن عزيزن جا ڳڻ ڳائيندي چوي ٿي ته ”ڏکئي وقت ۾ انهن منهنجي واهر ڪئي آهي“. ياد رهي ته مائي اميران جي پهرين شادي سندس ڏاڏاڻن ۾ ٿيل هئي، جتان کيس بغير ڪنهن ڏوهه جي طلاق ڏني وئي. کيس هڪ پٽ قدير سندس اڳئين مڙس مان آهي. پوئين مڙس مان کيس چار ٻار (زائر، اشفاق، سائره ۽ اسرار) آهن“.
پنهنجي جيون ساٿيءَ جي راضپي سان ٻه سال اڳ خانداني منصوبي بنديءَ تي مڪمل طور عمل ڪري چڪي آهي.
هن هارپي جي اپت بابت ٻڌايو ته ”ان مان ڪا خاص بچت نه ٿيندي آهي. ڪڏهن ته زميندار جو قرض رهجي ويندو آهي. هن سال ڏيڍ ايڪڙ زمين مان ڪڻڪ جي ان جي لپ به نه آئي. پاڻي پئسن (ٽيوب ويل) جو هو انڪري بچت بجاءِ زميندار جو قرض رهجي ويو.
عورتون جهيڙا ڇو ڪنديون آهن؟ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”عورتون ننڍين ننڍين ڳالهين تي انڪري وڙهنديون آهن جو انهن جي ذهنن کي زنگ لڳل آهي. هو مردن سان پڄي نه سهگنديون آهن. ان ڪري ڪاوڙ، عصو ۽ چڙ ٻارن ۽ ٻين عورتن مان ڪڍنديون آهن . ان جو وڏو سبب عورتن کي تعليم شعور نه هجڻ آهي. غربت ۽ ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي پڙهڻ جو ماحول نه هجڻ ڪري عورتون الجهيل رهن ٿيون“. پاڻ پڙهي نه سگهڻ تي افسوس جو اظهار ڪري ٿي. کيس اڄ به پڙهڻ جو شوق آهي پر ڪو/ ڪا پڙهائڻ وارو/ واري هجي. کيس ٽي وي ڏسڻ جو ننڍپڻ کان شوق آهي. ٻڌايائين ته ”هن ٽي ويءَ مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. کيس طاهره واسطي، سعديا امام ۽ شهزاديءَ جي اداڪاري ۽ حميرا چنا جي گلوڪاري وڻندي آهي“. گلابي ۽ نيرو سندس پسند جا رنگ آهن. کيس گلاب جو گل ۽ خوشبوءَ وري رابيل جي وڻندي آهي. ”سرتيون“ پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن خاص ڪري عورتن لاءِ مائي اميران جو پيغام آهي ته محنت ڪريو هڪٻئي سان ساڙ نه ڪريو. پاڻ کي مردن کان هيڻو يا گهٽ نه سمجهو. گهرو ماحول کي بهتر رکڻ لاءِ هر ڪم گهر ڀاتين جي صلاح سان ڪريو. ٻارن جي تعليم ۽ صحت جو خاص خيال رکو. پرهيل لکيل عورتن کي گهرجي ته اڻ پڙهيل عورتن کي لکائين پڙهائين. ائين ئي اسان عورتون سُکي زندگي گذاري سگهنديونسين!.