arnizamani's picture
Upload 93 files
001f785 verified
Raw History Blame Contribute Delete
264 kB
ڪتاب جو نالو: سرتيون 2006ع
سرتيون ڊسمبر 2006ع
گلبدن جاويد
سرتيون شاهه لطيف چئي:
سَرَ نِسِرِيا پاندَ؛ اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
مون تو ڪارَڻِ، ڪانڌ! سهِسين سُکائون ڪيون.
(سامونڊي)
سوچ ويچار
سرتيون، ڏٺو وڃي ته هڪ پاسي دنيا ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جي منزل ڏانهن وڌي رهي آهي، ته وري ٻئي پاسي جنگين/لڙاين، سڄي دنيا ۾ ٻارڻ ٻاري ڏنو آهي. دنيا جو ڪوبه ملڪ اهڙو ناهي جيڪو دهشتگرديءَ ۽ خونريزيءَ کان بچيل هجي، هر روز ڪٿي نه ڪٿي بي گناهه انساني جانيون موت جو بک ٿينديون رهن ٿيون، فلسطين کان عراق تائين افغانستان کان ڪشمير تائين روز ڪيترا انسان پيا ڪُسجن. هر ملڪ هر خطي جو ”داستانِ غم“ الڳ الڳ آهي، ڌرتي ۽ ديس لاءِ سر ڏيڻ ته وري به ٺهي ٿو پر بنان مقصد بي موت مرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي. گهڻي عرصي کان سنڌ ۾ هڪ پاسي قبائلي جهڳڙن ۾ ماڻهو ماربا رهن ٿا. جن جا فيصلا به قبيلا پاڻ ئي ڪن ٿا. پوءِ ڪجهه نه ڪجهه هڪٻئي کي ڏيئي وٺي (سڱ چٽيءَ ۾ يا لکين رپيا ڏنڊ) وري پاڻ ۾ پرچي سرچي وڃن ٿا. اهڙي نموني ”ڪاروڪاري“ دستور به هڪ ڪاروبار جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کان انتقام وٺڻو هجي ته پنهنجي گهر جي عورت (ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءَ، ڀاڄائي، پڦي، ماسي، پوٽي، ڏهٽي وغيره) کي ڪاري چئي اڳلي ڌُر کي نُنهن تي نچائي سگهجي ٿو. انهي دستور کي به ڪي زمانا ٿي ويا آهن. پر چوندا آهن ته جيئن ٿڌ، تيئن وڌ.“ سو ”ڪاروڪاري“ جي نالي تي روزاني ڪيتريون ئي بي ڏوهي عورتون قتل ٿينديون رهن ٿيون. پر نه ڪو داد نه ڪو فرياد. ڪجهه سالن کان ته عورتن کي اجتماعي صورت ۾ قتل ڪيو ٿو وڃي. وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عورتن کي پنهنجا مڙس ۽ ڀائر پاڪ دامن ۽ پارسا سمجهن ٿا، پر پاڙي وارا (ماما، چاچا، ذات ڀائي) انهن کي قتل ڪري سينو تاڻي گهمندا وتن ٿا، پر ڪير به انهن کي سزا ڏيڻ وارو ناهي، موت، وڇوڙو هونئن ئي اذيتناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ احساس آهي، پر هرڪو ڌڻيءَ جي رضا تي راضي ٿي صبر ڪيو ڇڏي، پر ههڙي نموني معصوم ٻارڙن جي مائرن کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ ڪيڏو ڪربناڪ آهي. ٻار ۽ ماءُ جو هڪ اهڙو رشتو آهي جنهن جو مثال دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، ان معصوم ٻار جي اڳيان سندس زندگيءَ جي سڀ کان ويجهيءِ پياري شيءِ اهڙي نموني کسي وڃي، آهي ڪو سوچڻ وارو! يا ماءُ پيءُ جي سامهون سندن نياڻين کي ڪٺو وڃي. ڇا گذرندي هوندي انهن تي.
انهيءَ ڏس ۾ اسين سرتيون جي پليٽ فارم تان جناب صدر پرويز مشرف کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙن ماڻهن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي، جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ بي ڏوهه عورتن توڙي مردن کي قتل ڪن ٿا. سنڌ سرڪار کي پڻ گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو ازالو ڪرڻ لاءِ قانوني قدم کنيا وڃن!
اولاد هڪ نعمت آهي
صحيح مسلم ۾ روايت آهي، ته هڪ ماڻهوءَ حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کي عرض ڪيو، ته منهنجا ٻه ٻار فوت ٿي ويا آهن. رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ڪا اهڙي حديث ٻڌاءِ، جنهن سان مون کي پنهنجي فوت ٿيل ٻارن جي باري ۾ تسلي ٿئي. حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو ته: بلڪل مان توکي انهيءَ جي باري ۾ حديث ٻڌايان ٿو. پوءِ فرمايائين ته: رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: مسلمانن جا فوت ٿي ويل ٻار، قيامت جي ڏينهن پنهنجي ماءُ پيءُ جي سفارش ڪندا، هن طرح ته جيڪڏهن ان جي ماءُ پيءُ مان ڪوبه هڪ پنهنجي گناهن جي ڪري جهنم جو حقدار بڻيو هوندو ته سندن فوت ٿيل ٻار کين ڪپڙن مان ائين پڪڙيندو، جهڙيءَ طرح توهان جي ڪپڙي جي پلوءَ کي پڪڙيو آهي. (شايد سمجهائڻ جي خاطر ابو هريره ان شخص جي ڪپڙن کي پڪڙيو هوندو) ۽ اهو ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ کي ايستائين نه ڇڏيندو، جيستائين الله تعاليٰ ان ٻار ۽ سندس ماءُ پيءُ کي جنت ۾ داخل نه ڪري.
صحيح مسلم جي هڪ ٻي حديث ۾ هن طرح حضرت ابوهريره رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو ته نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خدمت ۾ هڪ عورت، پنهنجي ٻار کي کڻي آئي ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رسول! صلي الله عليہ وآلہ وسلم هي ٻار سدائين بيمار ٿو رهي. مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هي وفات نه ڪري وڃي، ڇو ته هن کان اڳ ۾ منهنجا ٽي ٻار فوت ٿي چڪا آهن. رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: تنهنجا فوت ٿي ويل ٻار تو لاءِ جهنم جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻبا.
مسلم شريف جي هڪ ٻي روايت ۾ آهي، ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: ٽي اهڙا ٻار جيڪي اَڃا بالغ نه ٿيا هجن.
نوٽ: مٿين حديثن مان معلوم ٿيو، ته عورت ڪيڏي نه ڀلائي واري آهي، جو جنهن جي ڪري الله تعاليٰ اسان کي ٻارن سان نوازي ٿو. پوءِ اهي ٻار جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ٿا وڃن ته اهي ماءُ پيءُ کي جنت ۾ وٺي وڃڻ جو سبب ٿين ٿا.
حديثن مان هيءَ ڳالهه به معلوم ٿي ٿئي، ته عورت پاڻ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ اولاد، هڪ وڏي نعمت آهي، انهيءَ لحاظ سان مڙس کي زال جو شڪر گذار رهڻ سان گڏ ان جو قدر به ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن عورت کي رڳو ڇوڪريون پيدا ٿينديون هجن، مطلب ته انهيءَ جي ڪري عورت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا طلاق ڏيڻ يا مارڻ، مردن کي نه ٿو سونهي، پٽ ۽ ڌيون ڏيڻ اها الله جي هڪ ورهاست آهي. جنهن کي گهري ته پٽ ۽ ڌيون ٻئي ڏي ۽ جنهن لاءِ گهري ته ان کي رڳو پٽ ڏئي ۽ جنهن لاءِ گهري ته بي اولادي بڻائي ڇڏي يعني ان کي اولاد ئي نه ڏئي.
ڳالهه ٿا ڪن، ته هڪڙي مرد پنهنجي گهر واريءَ کي چيو، ڇا ڳالهه آهي جو تون هر دفعي رڳو ڌيئر ٿي ڄڻين پٽ ڇو نه ٿي ڄڻين؟ تنهن تي ان عورت جواب ڏنو ته: الله تعاليٰ فرمائي ٿو، ته عورتون توهان لاءِ زمينون آهن، جيڪو ٻج پوکيندين اهوئي ڦٽندو، ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه.
پيءُ ماءُ کي به تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي
ماءُ ۽ پيءُ کي گهرجي ته اولاد لاءِ بد دعا ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪن، بد دعا ڪرڻ ناجائز آهي. ڇو ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن اسان کي پنهنجي مال ۽ پنهنجي اولاد لاءِ بد دعا ڪرڻ کان منع ڪئي آهي، جيئن صحيح مسلم ۾ هڪ روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو: توهان پنهنجي جان، پنهنجي اولاد ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بد دعا نه ڪندا ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته توهان جي بد دعا وارو وقت الله جي طرف کان قبوليت واري گهڙي هجي، ڇو ته ان وقت ۾ جيڪا به دعا گهري ويندي آهي،ا ها قبول ٿيندي آهي، بلڪ ماءُ پيءُ کي گهرجي ته پنهنجي اولاد لاءِ خير ۽ هدايت جي دعا ڪن ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهوءَ کي پنهنجي لاءِ ۽ مال ملڪيت لاءِ به ڀلائيءَ جي دعا ڪرڻ گهرجي.
(مولوي سليم الله سومرو)
پاڪستان جي صدر پرويز مشرف جو عورت ڪنوينشن اسلام آباد ۽ وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ خطاب
پاڪستان جي صدر پرويز مشرف پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته ”عورتن جي حقن واري بل جا مخالف عورتن کي حقن کان محروم رکڻ گهرن ٿا. انهن قرآن پاڪ ڇاپڻ جي مخالفت ڪئي ۽ قائداعظم کي ڪافر اعظم سڏيو. پاڻ وڌيڪ چيائين ته ”بيبي خديجة الڪبريٰ رضه واپار ڪندي هئي ۽ اڄ اسين چئون ٿا ته عورتن کي گهرن ۾ بند ڪري ڪجهه ڪرڻ نه ڏنو وڃي. اهو غير اسلامي رويو آهي. منهنجي نظر ۾ عورتن جي حقن وارو بل پاس ٿيڻ عورتن ۽ اعتدال پسندن جي فتح ۽ منافقن جي شڪست آهي. اهي ماڻهو پنهنجي سوچ زوري مڙهين ٿا. پاڻ چيائين ته عورتن جي اهليت وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزير عورتون انهن کي مٿي آڻين. يقيني طور عورتن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ٿي ويندي. اسان عورتن کي سياسي خودمختياري ڏئي ڇڏي آهي. سماجي براين جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي. وراثت ۾ حصيداري نه ملڻ مرضيءَ بنان شادي، حق بخشرائڻ جهڙا عمل بدنيتيءَ تي ٻڌل آهن. جيڪو مرد، عورت تي هٿ کڻي ٿو اهو ڪمزور ۽ بزدل آهي. پاڻ وڌيڪ چيائين ته سنڌي ماڻهن جي سوچ اعتدال پسنديءَ واري آهي. اسان جي سماج ۾ عورتن سان سخت ڏاڍائي ٿي رهي هئي، تنهنڪري مون 1300 عورتن کي ضمانت تي آزاد ڪرايو. هي اهي عورتون هيون جيڪي فرياد کڻي ٿاڻن تي ويون، جتي کين نظربند ڪيو ويو هو. عورتن جي حقن وارو بل هڪ شروعاتي قدم آهي ۽ اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. عورتن سان جيڪي به سماج ۾ ڏاڍايون ٿي رهيون آهن، تن کي ختم ڪرائينداسين ۽ عورتن کي معاشي طور مضبوط بڻائينداسين.“
ان موقعي تي عورت ڪائونسلرن لاءِ 2000 رپيا ماهوار وظيفي جو اعلان ڪيو ويو. پاڻ اهو به چيائين ته ”آفيسرن ۽ ملازمن جون پگهارون گهٽ آهن، جن ۾ هر سال بهتري آڻبي.“
(ڪاوش جي ٿورن سان)
سنڌ ۾ صدين کان عورت جو قتل عام جاري آهي. سرچارلس نيپئر هي فرمان انهيءَ حقيقت سببان جاري ڪيو هو:
Proclamation of His Excellency Major – General Sir C.J. Napier, Governor of Scinde
Be it is known to all the Mahomedan inhabitants of Scinde, that I am the Conqueror of Scinde, but I do not intend to interfere with your religion. I respect your religion, but it is necessary that you also should respect mine. We both worship one God, and that God has prohibited us to take away life; but not with standing this, you kill your wifes without pity. I tell you plainly that I will not allow this I am the ruler of the Country, and if any one hereafter kills his wife, I will have the matter investigated by a Court of Justice, and the offender shall be punished according to his crime. This order is to be dully obeyed in Scinde. Let no one break it.
6th August 1844,
"SCINDE IN THE FORTIES"
by:
COLONEL KEITH YOUNG
هز ايڪسيلينسي ميجر جنرل سر چارلس نيپئر، گورنر سنڌ، جو فرمان
”سنڌ جي سڀني مسلمان رهاڪن کي اطلاع ٿو ڏجي ته آءٌ سنڌ جو فاتح آهيان، پر آءٌ اوهان جي مذهب ۾ دخل ڏيڻ نٿو گهران. آءٌ اوهان جي مذهب جو احترام ڪريان ٿو، پر اهو پڻ ضروري آهي ته اوهين پڻ منهنجي مذهب جو احترام ڪريو. اسين ٻئي (عيسائي ۽ مسلمان) هڪڙي خدا جي عبادت ڪريون ٿا، جنهن اسان کي زندگي جو احترام ڪرڻ سيکاريو آهي، پر اُن هوندي به اوهين عورتن کي بي رحميءَ سان قتل ڪريو ٿا.
آءٌ اوهان کي صاف صاف چتاءُ ڏيان ٿو ته مان ان جي هرگز اجازت نه ڏيندس. آءٌ هن ملڪ جو حڪمران آهيان، ۽ هن کان پوءِ جيڪڏهن ڪوبه شخص پنهنجي زال کي قتل ڪندو ته آءٌ ان فعل جي قانوني جاچ ڪرائيندس ۽ ڏوهاريءَ کي سندس ڏوهه مطابق سزا ڏني ويندي.
هن حڪم جي سنڌ ۾ بجا آوري ڪئي وڃي ۽ ڪوبه اُن جي انحرافي نه ڪري.“
6 آگسٽ 1844ع.
شگفته شاهه
تو بنان ڍوليا
تعارف: شگفته شاهه، سنڌ جي اها سڄاڻ شخصيت آهي، جيڪا هڪ ئي وقت مصور، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مقالا نگار، مضمون نويس، ريڊيو فيچر رائيٽر، ريڊيو ۽ اسٽيج ڪمپيئر آهي. نوي واري ڏهاڪي ۾ صحافت سان واڳيل رهي. هن وقت پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ استادياڻي آهي ۽ ان سان گڏ ايم. فل جي شاگردياڻي پڻ آهي.
”سرتيون“ سان پهرين شماري کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سندس ساڳي ڪمٽمينٽ ۽ دلچسپي آهي. سرتيون لاءِ ٽائيٽل ۽ اسڪيچ بنان حساب جي ٺاهيندي رهندي آهي. سندس هيءَ گهريلو ۽ سماجي پسمنظر ۾ لکيل سندس هيءَ ڏاڍي دلچسپ ڪهاڻي آهي. اميد ته پڙهندڙ به پسند ڪندا. ادارو
”مرد ڪڏهن به وفا نٿا ڪري سگهن. معصوم ۽ سڌا سادا نظر ايندڙ مرد صرف هڪ عورت تائين محدود نه رهندا آهن.... فقط موقعو ملڻ جي دير هوندي آهي. هو ان موقعي کي فقط دوستي ڪرڻ يا وقت گذاري خاطر ئي سهي ڀليڪار ضرور ڪندا آهن.“
ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ ليڪچررز جي هڪ گروپ ۾، ”مردن جي نفسيات“ متعلق بحث دوران جڏهن ارم پنهنجو رايو ڏنو ته نفسيات جي لڪچرر ثوبيه جيڪا ليڪچر جي تياري لاءِ هڪ نفسياتي ڪتاب پڙهي رهي هئي، تنهن فقط ڪجهه لمحن لاءِ ڪتاب تان نظرون هٽائي ارم ڏانهن ڏٺو ۽ وري ڪتاب جي مطالعي ۾ مصروف ٿي وئي. نفسيات جي لڪچرر هئڻ جي باوجود به هن کي ان بحث سان ڪا دلچسپي نه هئي. البت بحث ڪندڙ گروپ ۾ شامل مسز انور، ارم جي راءِ تي ڪاوڙ ۾ ايندي چيو:
”توهان اڄڪلهه جون ڇوڪريون ٻه اکر پڙهي پاڻ کي وڏيون عاقل سمجهنديون آهيو. هر ڳالهه ۾ فقط پاڻ کي ئي صحيح سمجهنديون آهيو. آئون ٿي توکي ٻڌايان ته شادي شده مرد، زالن سان بي وفائي نه ڪندا آهن باقي مخصوص شعبن سان لاڳاپيل مرد، اديب، شاعر يا آرٽسٽ عاشق مزاج هوندا آهن ۽ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته سندن واسطو خوبصورت ڇوڪرين سان پوي ٿو. شاديءَ کان اڳ گهڻو ڪري سڀئي ڇوڪرا ڇوڪرين سان دوستي يا عشق وغيره جي چڪر ۾ پوندا آهن پر شاديءَ کان پوءِ جڏهن مٿن ذميواريون پونديون آهن، ۽ هو عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندا آهن ته اهي به سڌري ويندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي زالن سان وفادار رهندا آهن.“
”مون ڪڏهن چيو آهي ته اُهي زالن سان وفادار ناهن. پر گڏوگڏ موقعو ملڻ تي دوستي يا وقت گذاري به ڪري وٺندا آهن. ”ته“ پوءِ زور ڇا تي ٿيو... ”موقعو ملڻ تي“ مسز انور چيو ارم زوردار ٽهڪ ڏنو. جنهن تي وري مسز انور، جنهن جي هر ڳالهه انور صاحب کان ئي شروع ٿيندي هئي ۽ هن تي ئي ختم ٿيندي هئي، وڌيڪ ڪاوڙجي پئي ۽ حسب معمول انور صاحب جو ذڪر آيو:
”مون کي انور صاحب تي پورو ڀروسو آهي، کين هڪ ته ڇا ڏهه موقعا به ملن تڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪندا. بئنڪن ۾ به اڄڪلهه نوجوان ۽ اسمارٽ ڇوڪرين کي نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن. هو ايڏا وڏا آفيسر آهن ۽ ڪيترين ئي بئنڪن ۾ سندن بدلي ٿي آهي، پر اڄ تائين هو ڪنهن به ڇوڪريءَ سان فري نه ٿيا آهن.“
”ٻين لفظن ۾ اسين اهو به چئي سگهون ٿا ته ”لفٽ“ نه ملي هوندي....!“ ارم چيو ۽ سڀئي کلڻ لڳيون. ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ارم ۽ مسز انور وچ ۾ شرط لڳي ويو ته هوءَ (ارم) هڪ مهيني اندر انور صاحب سان دوستي ڪري ڏيکاريندي. مسز انور طنزيه مرڪ سان ارم ڏانهن ڏسندي کيس انور صاحب جي آفيس جو فون نمبر ڏنو. ٿوري دير ۾ ڳالهه جو موضوع بدلجي ويو ته ارم اٿي ثوبيه جي ڀرسان اچي ويٺي ته ثوبيه ڪاوڙ مان ڏسندي چيس:
”هي وري ڇا شروع ڪري ڇڏيئي؟ آخر تون ڪڏهن ٻاراڻيون حرڪتون ڇڏي ميچيئور ٿينديئين؟“
”زندگيءَ کي انجواءِ پئي ڪريان. تو وانگر نه آهيان جو سڄي عمر فقط پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري ڇڏيان.“
ايستائين پيرڊ ختم ٿيڻ جي بيل ٻڌي ارم پنهنجو فائيل کڻي ڪلاس ۾ وڃڻ لڳي ۽ معمول مطابق پنهنجو موبائيل ثوبيه کي ڏيندي چيائين:
”عرفان جي ڪال اڃا نه آئي آهي، پر ڪيڏي مهل به اچي سگهي ٿي. چئجانس ته هن پيرڊ کان پوءِ ڪال ڪري.“
ثوبيه کانئس موبائيل وٺي پاسي تي رکي وري ڪتاب پڙهڻ لڳي.
ثوبيه ۽ ارم گهريون سهيليون هيون. ڪجهه سال اڳ ٻنهي جي هن ڪاليج ۾ گڏ Posting ٿي هئي. ٻنهي جي طبيعتن ۽ عادتن ۾ تمام گهڻو فرق هوندي به سندن سٺي دوستي ٿي وئي. ثوبيه هر وقت سنجيده رهڻ واري هئي ته ارم خوش مزاج ۽ رلڻي ملڻي هئي. زنده دلي سندس شخصيت جو نمايان پهلو هئي. ثوبيه کي خبر هئي ته لاپرواهه نظر ايندڙ ارم زندگيءَ ۾ جن به ماڻهن سان محبت ڪئي انهن سان نڀايو پوءِ چاهي ثوبيه هجي يا عرفان، هوءَ انهن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندي هئي. عرفان ثوبيه جو سوٽ هو جيڪو اسڪالر شپ ملڻ تي لنڊن روانو ٿي ويو هو. هو ۽ ارم هڪٻئي کي چاهڻ لڳا هئا. لنڊن وڃڻ کان اڳ هن چاهيو هو ته سندس ۽ ارم جو مڱڻو ٿي وڃي، پر سندس مائٽ ارم بدران ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان سندس شادي جا خواهشمند هئا، تنهنڪري عرفان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ارم کي تسلي ڏنائين ته هو واپس ايندو ۽ پنهنجي مائٽن کي مڃائي وٺندو. ارم زندگيءَ جي آخري دم تائين سندس اچڻ جي انتظار جو واعدو ڪيو. لنڊن پهچي عرفان، ارم جي گهر ٻه ٽي دفعا فون ڪئي، پر ارم گهر وارن آڏو هن سان ڳالهائي نه سگهي، تڏهن عرفان کيس مشورو ڏنو ته هوءَ موبائل وٺي ته جيئن هو ڪاليج ٽائيم ۾ هن سان ڳالهائي سگهي. ائين ارم موبائيل ورتو، پر عرفان سان فقط ڪاليج ٽائيم ۾ ئي ڳالهائي سگهندي هئي. سندس گهر وارن کي به موبائيل بابت ڄاڻ نه هئي. موبائيل جي رنگ وڳي ته ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪئي. عرفان کان سواءِ ڪنهن جي ڪال ٿي ٿي سگهي. ثوبيه کيس ٻڌايو ته ارم ڪلاس ۾ هئي. ۽ هو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪري. فون بند ڪري هن دل سان دعا ڪئي ته خدا هنن ٻنهي جا خواب پورا ڪري!
ٻئي ڏينهن ارم ثوبيه کي ٻڌايو ته مسز انور سان لڳايل شرط خاطر کيس هڪ ٻيو موبائيل وٺڻو پيو ڇو ته هوءَ پنهنجي موبائيل کي انگيج رکڻ نه چاهيندي هئي، جو عرفان ڪنهن وقت به ڪال ڪري ٿي سگهيو. ثوبيه چيس:
”تون ايڏا ڪارڊ ۽ موبائيل وٺي ڪيڏا پئسا برباد ٿي ڪرين، فقط ٿوري دير جي تفريح خاطر؟“
”توکي خبر آهي ته منهنجن گهر وارن کي منهجي پگهار جي ضرورت ڪانهي ۽ تو وانگر آئون ٻچڙيوال ته آهيان ڪانه، جو ٻارن تي خرچ ڪريان. پوءِ عيش ڇو نه ڪجي. شرط کٽڻ کان پوءِ نئون موبائيل آئون توکي گفٽ ڪندس. مهيني کان پوءِ تنهنجو جنم ڏينهن آهي نه!“ هن مرڪندي چيو.
”توکي خبر آهي ته مون کي موبائيل وغيره سان دلچسپي ناهي. ڪاشان مون کي ڪيترائي ڀيرا سيل فون وٺي ڏيڻ جي آفر ڪئي آهي.“ ثوبيه چيو.
”يار سيل فون صرف فيشن نه، پر اڄڪلهه جي ضرورت به آهي. ۽ جڏهن sms ڪرڻ سکندينءَ ته پوءِ گهٽ پئسن ۾ ضروري ۽ مختصر پيغام جي اهميت کان واقف ٿيندينءَ. مون کي ڏس. عرفان جو هڪ به sms منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ آيل سمنڊ جي دوري به ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ايڏو پري رهي به فقط هن موبائيل ذريعي اسين هڪٻئي سان پنهنجا ڏک سک ۽ پريشانيون ونڊيندا آهيون. هڪٻئي جي اکين ۾ خواب پوکيندا آهيون. ۽ مستقبل جا ڪيئي منصوبا ٺاهي وٺندا آهيون.
۽ پوءِ ارم، ثويبه کي به موبائيل استعمال ڪرڻ سيکاريو ۽ sms جو طريقو پڻ. هاڻي جڏهن به ارم جي غير موجودگيءَ ۾ عرفان جي ڪال ايندي هئي ته پئسا بچائڻ خاطر ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪرڻ بدران ارم جو ٻڌايل پيغام sms وسيلي موڪلي ڇڏيندي هئي. ڪجهه ڏينهن بعد ارم مزو وٺي وٺي ثوبيه کي ٻڌايو ته:
”مسز انور کي مون ٻڌايو ته شروع ۾ لنوائڻ کان پوءِ هاڻي انور صاحب آهستي آهستي مون ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي ته کيس يقين ئي نه پيو اچي. هاڻي ته منهنجي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ مون کي ڏسڻ لاءِ آتو آهي.“
ثوبيه چيس: ”ارم، ڪنهن جي گهر جي ماحول کي اهڙي طرح الجهائي مزو وٺڻ سٺي ڳالهه ته ڪانهي.“
”شرط مسز انور پاڻ رکيو هو. مون نه! کيس منهنجو شڪر گذار رهڻ گهرجي ته آئون کيس اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي رهي آهيان. کيس جيڪو انڌو اعتماد آهي انور صاحب تي مان هن جي اصيلت ڏيکاري رهي آهيان.“
ثوبيه کي ارم جي ڳالهه نه وڻي.... شايد ان ڪري جو اڄڪلهه سندس زندگيءَ ۾ وڏا لوڏا اچڻ لڳا هئا. ان شام کيس ڪاشان جو (ڪراچيءَ مان) اچڻ جو تمام گهڻو انتظار هو ڇو ته ويڪ اينڊ هو. جڏهن کان ڪاشان جي ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي هئي ته پهريائين ته هو هر ويڪ اينڊ تي حيدرآباد ايندو هو. جڏهن ته سال کان مٿي عرصو گذرڻ بعد هاڻي هو ٻن يا ٽن هفتن کان پوءِ اچڻ لڳو هو. ڏوهه ڪنهنجو هو؟ سندس يا ڪاشان جو؟ هوءَ سمجهي نه سگهندي هئي، پر کيس هر گذرندڙ ڏينهن سان سندس ۽ ڪاشان جي وچ ۾ فاصلو وڌندي محسوس ٿيندو هو. اوپرائپ جو احساس ٻنهي جي وچ ۾ پنهنجا پر پکيڙي رهيو هو. اڄ ڪاليج مان اچڻ کان پوءِ هن ٻه ٽي دفعا ڪاشان جي ڪراچيءَ واري گهر تي فون ڪئي، پر فون اٽينڊ نه ڪئي وئي. هن سندس موبائيل تي به ڪوشش ڪئي، پر موبائيل به بند هئي. شام تائين گهر جا ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ وري به ڪوشش ڪندي رهي، پر نتيجو ساڳيو رهيو. رات ٿي وئي. هن ڪاشان لاءِ سٺو کاڌو تيار ڪيو هو کيس الائي ڇو اڄ سندس اچڻ جو وڌيڪ انتظار ٿيو، پر کيس خبر نه هئي ته هو ايندو به يا نه! ٻار ٽيوشن کان فارغ ٿي ٽي. وي ڏسي رهيا هئا. هن وري فون تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪاشان ڳالهايو.
”ڪاشان! تون اچين پيو نه؟“ ثوبيه اُڪير مان چيس.
”نه، هتي آفيس ۾ شام دير تائين مصروفيت رهي ان ڪري في الحال ايڏي لانگ ڊرائيو جي همت ئي نه اٿم. خبر اٿئي ته هاڻي منهنجي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي. هاڻي اڳوڻي همت ڪٿي. اڳئين هفتي آفيس مان جلد نڪرندس.“ ڪاشان جي لهجي ۾ ٿڪاوٽ هئي، پوءِ هن ٻارن بابت رسمي ڳالهيون پڇي فون بند ڪري ڇڏي.
هونئن ته اٺن نون مهينن کان روٽين جي ڳالهه هئي ته ڪاشان ٻن ٽن هفتن جي وقفي سان ايندو هو ۽ ثوبيه کي ڪڏهن به اها ڳالهه ڏکي محسوس نه ٿي هئي، پر اڄڪلهه ارم جڏهن کيس انور صاحب سان سندس فون تي ڳالهائڻ جو هڪ هڪ جملو مزو وٺي وٺي ٻڌائيندي هئي ته سندس ڪنن ۾ هڪ ئي جملو گونجڻ لڳندو هو.
”مرد بي وفا آهي.“
تڏهن رات جو ٻارن کي سمهارڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي بيڊ تي ليٽي پئي ته ننڊ سندس اکين کان ڪيئي ميل پري هئي، ماضيءَ جا سڀئي ورق جيڪي سندس ۽ ڪاشان جي بابن متعلق هئا هڪ هڪ ٿي تصور جي ڪتاب مان نڪري سندس چوڌاري پکڙجي ويا. ۽ گهڻو ڪجهه ياد اچڻ لڳس.
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران ئي ثوبيه ۽ ڪاشان جي ملاقات ٿي هئي. جيتوڻيڪ ٻئي الڳ الڳ ڊپارٽمينٽ ۾ هئا، پر قسمت کين هميشه گڏ رهڻ لاءِ ملايو. ائين ڪيتريون ئي ملاقاتون پهريان پسنديدگي ۽ انڊر اسٽينڊنگ جو سبب بنيون جيڪي اڳتي هلي محبت جي روپ ۾ نروار ٿيون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ملندي ئي ڪاشان ثوبيه سان شادي ڪرڻ لاءِ مائٽن کي چيو. ثوبيه خوبصورت ڇوڪري هئي. سو هنن کي به پنهنجي اڪيلي پت آڏو هار مڃڻي پئي. شادي تمام ڌوم ڌام سان ٿي. شاديءَ کان پوءِ ثوبيه پنهنجي سس ۽ سهري جي ايتري ته خدمت ڪئي جو هو به ساڻس ڏاڍو پيار ڪندا هئا. پنهنجي ڌيءَ ته هئن ڪانه انڪري ثوبيه کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندا هئا. ٻئي پاسي ثوبيه ۽ ڪاشان هڪٻئي سان ملي پاڻ کي ڪهڪشائن تي گهمندي محسوس ڪري رهيا هئا. ٻن ٻارن، پٽ ۽ ڌيءَ ٿيڻ سان فيملي مڪمل ٿي ته سندن گهر هڪ خوبصورت ننڍڙي جنت بنجي ويو. محبت پنهنجي جاءِ تي پر وقت گذرڻ سان گڏ، ثوبيه ۽ ڪاشان کي هڪٻئي جي طبيعتن جي ڄاڻ پوڻ لڳي. ڪاشان ٿڌي مزاج جو هو. جهيڙو سندس طبيعت ۾ ئي نه هو. ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي هيس ته خاموش ٿي ويندو هو يا وري ڪمري کان ئي ٻاهر هليو ويندو هو. جڏهن ته ثوبيه کي ننڍين ننڍين ڳالهين تان ڪاوڙ اچي ويندي هئي ۽ جڏهن هوءَ ڪاوڙجندي هئي ته بنان سوچڻ سمجهڻ جي ڪاشان کي گهڻو ڪجهه چئي ويندي هئي. پوءِ جڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته ڏاڍو شرمسار ٿيندي هئي. ڪاشان کائڻ، پهرڻ ۽ گهر سجائڻ جي معاملي ۾ تمام گهڻو نفاست پسند هو، جڏهن ته ثوبيه وري لاپرواهه هئي. ڪاشان چاهيندو هو ته هوءَ سٺا ۽ سوادي کاڌا تيار ڪري ۽ جڏهن هو اچي ته هوءَ کيس تيار ٿيل ملي، تڏهن هوءَ کلندي لاپرواهيءَ سان چوندي هئي ته:
”لڳي ٿو ته خواتين جا ڊائجسٽ گهڻا پڙهيا اٿئي جو انهن جي افسانن کان متاثر آهين.“
ٻنهي جي جهيڙي جو ٻيو سبب هو ڪاشان جو دوستن کي گهڻو ٽائيم ڏيڻ. آفيس مان اچڻ کان پوءِ ماني کائي هو آرام ڪندو هو ۽ شام جو تيار ٿي دوستن سان گڏ نڪري وڃڻ ۽ رات جو دير سان گهر اچڻ سندس معمول هوندو هو. جڏهن ته هوءَ چاهيندي هئي ته هو شام جو وقت ساڻس گذاري. تڏهن هو به ان کي چوندو هو ته:
”اهو سڀڪجهه به ته فقط عورتن جي ڊائجسٽن ۽ افسانن ۾ ئي هوندو آهي. نه آئون افسانوي هيرو آهيان ۽ نه ئي تون افسانن جي هيروئن.“
تڏهن.... هوءَ مٿس شروع ٿي ويندي هئي. ”ڇا، منهنجي اها خواهش غلط آهي ته تون مون کي ڄمڻ ڏينهن تي وِش ڪرين. توکي ته هاڻي منهنجي سالگرهه جي تاريخ به وسري وئي آهي. شاديءَ کان اڳ ته ائين نه هو.“
”شاديءَ کان اڳ وقت ئي وقت هوندو آهي گهڻو ڪجهه ياد رکڻ لاءِ. هاڻي پاڻ گڏ آهيون. ٻار آهن. ذميواريون وڌي ويون آهن پوءِ ... ڪڏهن زندگيءَ جي هڻ هڻان ۾ ڪيئي ڳالهيون ذهن تان لهي به وينديون آهن، ان ۾ ايڏو جذباتي ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڇا مون توکي اهو سڀڪجهه نه ڏنو آهي جيڪو ڪابه عورت چاهيندي آهي؟ گهر آهي... محبت آهي... سڀڪجهه تنهنجي لاءِ ته آهي.“
هو هميشه جيان ڌيرج سان اهو چوندو هو ته هوءَ لاجواب ٿي ويندي هئي. پر دوستن سان گڏ گهمڻ تي هوءَ هميشه هن سان جهيڙو ڪندي هئي، اهو ڄاڻندي به ته سندس عادت نه مٽبي. پوءِ کيس به مصروفيت ملي وئي. هن کي ڪاليج ۾ ليڪچراري ملي ته هن ڪاشان کي خوشيءَ مان اها خوشخبري ٻڌائي ته هن خوش ٿيڻ جي بدران کيس چيو:
”ثوبي، آئون روايتي مردن مان ناهيان جيڪي پنهنجي زالن تي مرضي مڙهيندا آهن. پر منهنجي خواهش آهي ته تون سروس ڪرڻ بجاءِ گهر ۽ ٻارن تي توجهه ڏين ته بهتر آهي. منهنجي خيال سان معاشي طور تي تنهنجو مسئلو ڪو به ڪونهي جو توکي نوڪري ڪرڻي پوي. وڌيڪ تون خود مرضي واري آهين.“
”ڇا ٿيو آهي گهر ۽ ٻارن کي؟ سال ٻن ۾ ٻئي ٻار اسڪول وڃڻ جيترا ٿي ويندا، پوءِ آئون گهر ۾ ويهي ڇا ڪريان. هونئن به امان ته آهي گهر ۾ پوءِ ڪهڙي پريشاني؟ باقي جيستائين رهي تنهنجي خواهش جي ڳالهه ته ڇا تو منهنجي خواهش جي احترام ۾ دوستن کي ڇڏيو جو آئون اها سروس ڇڏي ڏيان. گهر ۾ ويهي ويهي آئون پاڻ کي بيڪار سمجهڻ لڳي آهيان. گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي ذهانت ڏيکارڻ جو موقعو ته مليو.“
واقعي به ليڪچرر ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجو ٽئلنٽ ڏيکارڻ شروع ڪيو. هوءَ پوزيشن هولڊر هئي. پڙهڻ پڙهائڻ سان بيحد دلچسپي هئس، سو پنهنجي سخت محنت ۽ ذهانت سبب جلد ئي ڪاليج جي مقبول ترين ليڪچرر بنجي وئي. ايڪٽوَ به هئي انڪري مختلف ورڪشاپن ۾ ليڪچر ڏيڻ لڳي ۽ ڪانفرسن ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳي. ڪاليج ۾ ڪو پروگرام هجي ۽ ان ۾ ثوبيه جو نالو نه هجي اهو ممڪن ئي نه هو.
هڪ پاسي ته اهي ڪاميابيون هيون ۽ ٻئي پاسي غير محسوس طريقي سان ڪاشان ۽ سندس وچ ۾ دوريون اچڻ لڳيون. پر هاڻي ثوبيه کي ايتري واندڪائي ئي نه هئي، جو هوءَ ڪا ڳالهه محسوس ڪري ها، نه هاڻي هوءَ ڪاشان جي دوستن کي ٽائيم ڏيڻ سان چڙندي هئي، ڇو ته هوءَ خود ان وقت ڪو ليڪچريا آرٽيڪل لکندي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻار به اسڪول وڃڻ لڳا. زندگي هڪ نئين موڙ تي اچي وئي. ڪاشان ۽ ثوبيه ڄڻ مشين جا پرزا بنجي ويا. پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مخصوص طريقي سان ڪم ڪندي. ثوبيه نفسيات تي ايڏو ڪجهه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ باوجود خود ان شخص جي نفسيات نه سمجهي سگهي، جنهن سان جيون ۽ محبت جو رشتو هو، هاڻي ته هنن هڪٻئي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ يا دخل ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪجهه عرصو ايئن ئي گذري ويو. تبديلي تڏهن آئي جڏهن ڪاشان جي ڪراچي بدلي ٿي وئي. بدليءَ جو آرڊر ملڻ کان پوءِ ڪاشان ثوبيه کي چيو هو:
”مون کي اتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي سال رهڻ کان پوءِ واپس هتي موڪيلندا ان لاءِ پاڻ کي اتي رهڻو پوندو. مون کي اتي گهر پڻ ملندو.“
ثوبيه چيس: ”.... پر.... آئون ڪيئن ٿي ڪراچي هلي سگهان؟ منهنجي نوڪري هتي آهي ۽ هاڻي ته مون ايم. فل ۾ به داخلا ورتي آهي. ايندڙ مهيني کان منهنجا ايم. فل جا ڪلاس شروع ٿي ويندا. توکي ته خبر آهي ته پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ منهنجو خواب آهي.“
”... ۽... انهن خوابن جو ڇا ٿيندو جيڪي اسان هڪٻئي سان هر ڏک سک ۾ نڀائڻ لاءِ ڏٺا هئا؟“ هن ڏک مان چيو:
”پي. ايڇ. ڊي ته ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي. مون کي تنهنجي ضرورت آهي. آئون اتي اڪيلو نه رهي سگهندس.“
ان وقت ثوبيه ايڏي خود غرض ۽ بي حس ڇو بنجي وئي جو هن تي ڪاشان جي ان ڳالهه جو ڪوبه اثر نه ٿيو پر هن کيس چيو:
”آئون، بابا کي چوندس ته هو تنهنجي بدلي واپس حيدرآباد ڪرائن. ايستائين ڪجهه وقت ڏکيو سکيو ڪڍي وٺجانءِ ۽ هر ويڪ اينڊ تي اچي وڃجانءِ. گاڏي ته آهي پنهنجي.... ۽ .... هونئن به تون ته لانگ ڊرائيونگ جو شوقين آهين. دوستن سان گڏ ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ٺٽي ته ڪڏهن ڪٿان اڌ اڌ رات جو ڊرائيو ڪندي. گهر ايندو آهين ۽ ڏس نه اسين هتي هن شهر ۾ هري ويا آهيون، امان بابا، ٻارن ۽ سڄي گهر کي ڪيئن ڊسٽرب ڪجي؟ تون ڏسجانءِ بابا ڪوشش ڪري توکي واپس هتي وٺي ايندو.“
ثوبيه جو اهو جواب ٻڌي ڪاشان وري کيس ڪجهه نه چيو هو. ظاهر آهي ته ثوبيه ساڻس نه وئي ته هو ماءُ پيءُ کي به وٺي وڃي نه سگهيو. ايئن ثوبيه اڪيلي ٿي پوي ها ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ به ان ڳاله جي ڳڻتي هجي ها. کيس پندرهن ڏينهن اندر ڪراچي وڃڻو هو. هو ڏينهن رات اتي وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. ٽي چار ڀيرا ڪراچي به وڃڻو پيس. هو ڪافي پريشان به رهڻ لڳو سندس ۽ ثوبيه جي وچ ۾ هڪ اڻ ڏٺل ديوار ٺهڻ شروع ٿي. پر.... ثوبيه.... پنهنجي مصروفيتن ۾ ايڏي گم جو هن ڪابه ڳالهه محسوس نه ڪئي. ڪراچي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اوچتو ڪاشان جي طبيبت خراب ٿي پئي. کيس شديد بيچيني ۽ گهٻراهٽ محسوس ٿي ۽ پوءِ حالت ايتري خراب ٿيس جو سندس دوست کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو. جنهن ٻڌايس ته فڪر جي ڪابه ڳالهه نه هئي. اي. سي. جي، بلڊ پريشر ۽ ٻيون رپورٽون سڀ نارمل هيون شايد کيس فوڊ پوائزننگ ٿي پئي هجي. اهو سڀ ڪجهه ثوبيه کي رات جو دير سان خبر پئي، ڇو ته اڄڪلهه هوءَ هڪ ورڪشاپ اٽينڊ ڪري رهي هئي ان ڪري شام کان پوءِ گهر اچڻ ٿيندو هوس. گهر ۾ هڪ نوڪر، نوڪرياڻي ۽ امان بابا هئا، ان ڪري کيس رڌ پچاءُ يا ٻارن جو اونو ته هوندو ئي نه هو. ٻئي ڏينهن به هوءَ سڄو ڏينهن هڪ ٽي. وي چينل پاران نفسياتي مسئلن بابت پروگرام جي تياري ڪندي رهي، جنهن ۾ کيس به سڏيو ويو هو. ڪاشان سڄو ڏينهن پلنگ تي ليٽيو رهيو ۽ دوائون کائيندو رهيو، پر ساڻس همدردي ڪرڻ ۽ خيال رکڻ بدران هوءَ کيس چيڙائيندي رهي:
”بس!؟ حوصلو به اهو اٿئي نه؟ ايتري ۾ ئي پريشان ٿي وئين؟“
جڏهن ته سندن ننڍڙيءَ ذونش جڏهن پتڪڙن هٿن سان ڪاشان لاءِ پاڻي ڀري ايندي هئي، مٿي کي زور ڏيندي هئي ۽ سندس سيني تي پيار مان مٿو رکندي هئي ته ڪاشان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ هو ان معصوم کي ڀاڪر ۾ ڀري سندس ننڍڙا ننڍڙا هٿ چمڻ لڳندو هو.
ٻئي ڏينهن تائين هو ٺيڪ ٿي ويو ۽ وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. جڏهن ثوبيه چيس ته هوءَ هلي اتي سندس گهر سيٽ ڪري ڏيندي ۽ بورچيءَ کي پڻ هدايتون ڏيندي تڏهن ڪاشان طنز مان چيو هئس:
”مهرباني، توکي خبر آهي ته گهر کي سيٽ ڪرڻ جي معاملي ۾ آئون توکان وڌيڪ هوشيار آهيان ۽ سڀ ڪجهه توکان وڌيڪ بهتر انداز ۾ سنڀالي سگهان ٿو. پنهنجي Ph.D تي ڌيان ڏيو ته بهتر ٿيندو.“
.... ۽ پوءِ هو ڪراچي روانو ٿي ويو. پهريان هو هر ويڪ اينڊ تي ايندو هو ۽ ٻڌائيندو هو ته هو اتي سڀني کي بيحد ياد ڪندو هو. ثوبيه به هر ويڪ اينڊ تي سندس اچڻ جو انتظار ۽ اهتمام ڪندي هئي. کيس هاڻي ڪاشان جي ڪمي محسوس ٿيندي هئي. شام جو دوستن ۾ هوندو هو ته ڇا هو. نيٺ ته گهر موٽي ايندو هو. سندس جهيڙن جي جواب ۾ خاموش رهندو هو. کيس اطمينان هو ته سندس بابا جلد ئي بدلي ڪرائي وٺندو. ايئن ست اٺ مهينا گذري ويا. هاڻي ڪاشان کي اچڻ ۾ ٻه هفتا به لڳي ويندا هئا، ٻئي پاسي ثوبيه پنهنجي سوشل سرڪل ۽ ايم- فِل ۾ بيحد مصروف ٿي پئي. زندگي وري اِن روٽين تي اچي وئي. هڪ ڀيرو جڏهن ڪاشان ٽن هفتن جي وقفي کان پوءِ گهر آيو ته ثوبيه شرارت مان چيس:
”اتي ڪا ٻي ته نه ڳولي ورتي اٿئي؟“
”ڳولڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، توکي ته خبر آهي ته آئون ڪيترو خوبصورت آهيان. ڇوڪريون منهنجي ڳالهائڻ ۽ دوستي لاءِ آتيون هونديون آهن.“
ثوبيه پڇيو: ”آفيس ۾ ڪيتريون ڇوڪريون آهن.“
ڪاشان مرڪندي چيو: ”آهن ته ٻه ٽي پر خوبصورت صرف هڪ ئي آهي ۽ هوءَ مون سان دوستي ڪرڻ چاهي ٿي.“
”ڪير آهي؟“ ثوبيه اکيون ڦوٽاريندي چيو ته ڪاشان چيس:
”آهي هڪ ڇوڪري، 28 سال عمر اٿس.“
”اوهه! ته عمر جي به خبر آهي. انهن ڇوڪرين کان پري رهجانءِ اهي شل نه تو جهڙو سڌو سادو ”ٻاٻُو ٻُڌُو“ ٽائپ بندو ڏسن ته ڦاسائڻ جي چڪر ۾ هونديون آهن. خبردار رهجانءِ ان مس ٽوئنٽي ايٽ کان. نالو ڇا اٿس؟“
”هاڻي نالو پڇي ڇا ڪندينءَ جڏهن ته تو خود نالو 28 Miss ڏئي ڇڏيس. هونئن به ڀلا ڇا ڪريان. اتي اڪيلو آهيان. ڪمپني ته گهرجي نه.“
”بس ٿوري وقت جي ڳالهه آهي. بابا چيو آهي ته جلد ئي تنهنجي بدلي هتي ٿي ويندي. باقي رهي مس 28 جي ڳالهه ته توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. تون مون سان بي وفائي ڪري ئي نٿو سگهين؟“
”بس.... ان کان وڌيڪ تو مون بابت شايد ڄاڻڻ چاهيو ئي ناهي.“ ڪاشان ڏک مان چيو.
وقت وڌيڪ گذرندو رهيو. سندس بدلي نه ٿي سگهي هئي. ساڳيو روٽين هلندو رهيو. هڪ ڏينهن جڏهن ڪاشان رات دير تائين گهر ۾ به آفيس جي فائلين ۾ مٿو کپائي رهيو هو ته کيس سيني ۾ شديد سور محسوس ٿيو ۽ هٿ پير بالڪل سن ٿي ويس. هن جيئن تيئن اها رات گذاري ۽ ٻئي ڏينهن چڪاس ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر وٽ ويو. هن ڀيري به سڀ رپورٽون نارمل آيس. ڊاڪٽر چيس ته ڪم جي گهڻائيءَ ۽ ذهني دٻاءُ سبب ايئن ٿيو هو ۽ پوءِ کيس آرام ڪرڻ جي هدايت ڪندي سڪون جو دوائون لکي ڏنيون. ان ڏينهن هو آفيس به نه وڃي سگهيو ۽ گهر اچي دوائون کائي ٻنپهرن کان رات تائين ستو رهيو. رات جو اٺين ڌارين اٿيو ۽ رات جي ماني کائي چانهه پيتائين ته پاڻ کي نوبنو محسوس ڪيائين. اوچتو ثوبيه، ٻار ۽ ماءُ پيءُ ياد اچڻ لڳس. آفيس جي انچارج کي فون ڪري طبيعت جو احوال ٻڌائي هفتي جي موڪل گهريائين ۽ پوءِ موڪل جي درخواست ڏئي هو رات جو دير سان حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو. اڌ رستي طئي ڪرڻ کان پوءِ اوچتو وري سيني ۾ شديد سور ٿيس ۽ هٿ پير سن ٿيڻ لڳس. ذهن گهوماٽيون کائڻ لڳس ۽ دل جي ڌڙڪن کيس ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي. هن ڏاڍي مشڪل سان پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس محسوس ٿيو ته اهو ڪو معجزو ئي هو جو، هو جيئن تيئن ڪري باقي رستو طئي ڪري حيدرآباد پهتو. گهر اچڻ بدران سڌو پنهنجي هڪ ڊاڪٽر دوست جي گهر وڃي پهتو. هو هن کي اهڙي حالت ۾ ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ کيس هڪ وڏي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو جنهن سندس سمورو احوال ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪرايل رپورٽن بابت ڄاڻ ورتي ۽ پوءِ سندس چڪاس ڪرڻ بعد ٻڌايائين ته هو جسماني طور تي نارمل هو، پر هو شديد ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. هن کيس ڪيئي دوائون لکي ڏنيون ۽ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو. دوائون وٺي هو رات دير سان گهر پهتو ته سڀئي کيس ان حالت ۾ ڏسي پريشان ٿي ويا. هو دوائون کائي بي سڌ ٿي سمهي رهيو. ائين هفتي تائين علاج هليو پر فائدي بدران حالت خراب ٿي ويس. کيس هڪ مهيني جي موڪل وٺڻي پئي. ٽن هفتن بعد هو ڪافي بهتر ٿي ويو، پر هاڻي اڳوڻو زنده دل ڪاشان الائي ڪيڏانهن ويو. هر وقت ويڳاڻو ٿيو بستري تي پيو هوندو هو. دوست کيس گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ وٺڻ ايندا هئا ته هو کين موٽائي ڇڏيندو هو. جنهن تان هڪ ڀيري ثوبيه کلندي چيو هوس:
”هڪ زمانو هو جو آئون تنهنجي دوستن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ تان چڙندي هيس، پر هاڻي توکي اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ گهر ۾ بند ويٺل ڏسي مونجهه پئي ٿئي. هينئر آئون توکي خود ٿي چوان ته ٻاهر نڪر، دوستن سان گهم ڦر ته ذهن مٽجئي.“
”آئون بلڪل ٺيڪ آهيان. تون فڪر نه ڪر.“ ڪاشان اداسيءَ مان چيو.
هڪ مهيني جي موڪل ڪرڻ کان پوءِ هو ڪافي بهتر ٿيو ۽ وري ڪراچي روانو ٿيو. هن دفعي وڃڻ کان پوءِ ثوبيه سندس رويي ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪئي. هاڻي هو مشڪل سان هڪ اڌ دفعو فون ڪري پنهنجي خيرت ٻڌائيندو هو ۽ گهر وارن جو حال احوال وٺندو هو. ثوبيه جڏهن به گهر تي فون ڪندي هئي ته ڪير به فون نه کڻندو هو ۽ موبائل اڪثر بند ملندو هو. جڏهن هوءَ ان ڳالهه تان ساڻس جهيڙو ڪندي هئي ته هو سدائين اهي ئي ساڳيا جواب ڏيندو هو:
”گهر ۾ نه هئس.“
”دوستن سان گڏ هئس ان لاءِ موبائل اٽينڊ نه ڪيم.“
”موبائل گهر وسري ويو.“
”موبائل ۾ ڪارڊ نه هو.“ .... وغيره.
.... ۽ .... اڄ به.... ساڳيءَ طرح نه هن فون کنيو ۽ نه ئي وري نه اچڻ جو اطلاع ڏنو هو. رات گهري ٿيندي پئي وئي ۽ ثوبيه جون سوچون ڀٽڪي رهيون هيون. ڪيئي وسوسا ڪر کڻي رهيا هئا ۽ دماغ ۾ ارم جو آواز گونجي رهيو هو:
”مرد ڪڏهن به عورت سان وفا نه ڪندا آهن. هڪ عورت جي هوندي هميشه ٻيءَ لاءِ واجهائيندا آهن.“
.... اوچتو.... موبائيل جي تيز وڄندر رنگ ثوبيه کي هوش ۾ وٺي آئي. اڄ ارم موبائيل کيس ڏيندي چيو هو ته هوءَ پنهنجن گهر وارن سان ڪراچي وڃي پئي، انڪري عرفان سان ڳالهائي نه سگهندي، سو هوءَ موبائيل پاڻ وٽ رکي ڇڏي. کيس شايد موبائل بند ڪرڻ وسري ويو هو. هاڻي رنگ ٻڌي ثوبيه پرس مان موبائيل ڪڍي ڪال اٽينڊ ڪئي. رانگ نمبر هو. ثوبيه فون بند ڪرڻ واري هئي ته بلڪل اوچتو ذهن ۾ خيال آيس ته ڇو نه هن اڻ ڄاڻ نمبر تان ڪاشان کي sms ڪري ٿورو تنگ ڪري مزو وٺي ۽ سندس رد عمل ڏسي. هن ڪافي دير سوچيو ته ڇا لکان؟ اڄ کيس ڪاشان جي بيحد ياد اچي رهي هئي. ماضيءَ جون ڪيئي خوبصورت يادون ذهن ۾ تري آيس ۽ پوءِ بيحد اڪير مان هي مختصر پيغام لکي موڪليو:
I love you, I love and I will love you forever.
(مون کي توسان پيار هو، آهي ۽ سدائين رهندو.)
”هاڻي ڏسندس ڇا ٿو ٿئي؟ هن جو ڇا رد عمل آهي... پر.... نه.... هو اهڙو هلڪڙو آهي ئي نه؟! جو ڪنهن اهڙي Unknown نمبر ۽ ماڻهوءَ کي اهميت ڏي.“
هوءَ اڃا اهو سوچي رهي هئي ته موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي. هن فون کڻي اسڪرين تي ڏٺو ته خبر پيس ته ڪاشان پنهنجي موبائيل تان ڪال ڪري رهيو هو. ٿوري دير تائين هوءَ ڄڻ پِنڊ پهڻ ٿي وئي ۽ هن سوچيو ته مون سان ڳالهائڻ لاءِ ته هن وٽ نه وقت هوندو آهي ۽ نه ڪارڊ ۽ رات جو دير سان ايندڙ هڪ نامعلوم شخص ۽ نامعلوم نمبر تان ايندڙ هڪ مختصر پيغام هن لاءِ ايڏو اهم آهي؟!!؟ هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. رنگ وڄي وڄي بند ٿي وئي. ثوبيه جو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. شديد ڪاوڙ ۽ ڏک جا مليل جليل احساس هئا. کيس ڄڻ پنهنجي اکين ۽ ڪنن تي اعتبار ئي نه پئي آيو.
رنگ وري وڄڻ لڳي. ثوبيه ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ڪڏهن سندس دل چاهي ته هوءَ زور زور سان ٽهڪ ڏئي ڪاشان جي (بيخبريءَ ۾) سندس لاءِ ان بيچينيءَ تي کلي ۽ مزو وٺي ته ڪڏهن دل چيس ته هو زور زور سان روئي. ڇا هي اهوئي ڪاشان آهي جنهن تي کيس انڌو اعتماد؟!! رنگ وڄي وڄي بند ٿي وئي. ڏهن منٽن جو وقفو ٿيو. ان وقفي ۾ ثوبيه کي فقط گونگا لڙڪ ڳلن تي وهندي ۽ دل جي تيز تيز ڌڙڪنن جو احساس ٿيو. ڏهن منٽن بعد وري رنگ وڳي. هاڻي هو گهر جي نمبر تان ڪال ڪري رهيو هو. هڪ بي اختيار مرڪ ثوبيه جي چپن تي اچي وئي. ڪاشان کي ڪهڙي خبر ته هو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڪال ڪري رهيو هو جيڪو سندس ان نمبر کان به واقف هو هن سمجهيو ته نامعلوم ماڻهو شايد نئون نمبر ڏسي ڪال اٽينڊ ڪري نيٺ ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪئي پر ڳالهايو نه. ڪاشان چوندو رهيو:
”پليز، توهان ڳالهايو، ۽ مون کي ٻڌايو ته توهان ڪير آهيو. پليز..... ڳالهايو.“
ثوبيه ڳالهائڻ بدران فون ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي. هوءَ روئندي رهي، روئندي رهي..... کيس خبر نه پئي ته ڪيترو وقت گذريو. هاڻي کيس پنهنجو ذهن خالي خالي محسوس ٿيو. اوچتو وري فون جي رنگ وڳي. هن کي ذهن ۾ ڪو خيال آيو ۽ هن فون رسيو ڪيو پر ڳالهايو نه. ٻئي پاسان ڪاشان چوندو رهيو:
”هيلو! توهان ڪير آهيو؟...... ڳالهايو پليز....“
”آئون آهيان.“ ثوبيه پر سڪون انداز ۾ چيو.
”ڪير؟!“
”ڇو؟! هاڻي آواز به نٿو سڃاڻين ڇا؟“
ٻئي پاسان ڪجهه لمحا ته گهري ماٺ رهي ڄڻ ڪاشان کي وهم گمان به نه هو ته هو ثوبيه جو آواز ٻڌندو. تڏهن ثوبيه طنز مان چيس:
”مون سان ڳالهائڻ ته ڇا پر منهنجو فون اٽينڊ نه ڪندو آهين. مون کان ته هڪ نامعلوم ماڻهو به تنهنجي لاءِ اهم آهي جو چار دفعا فون ڪئي اٿئي.“
”ڏس ثوبيه!“ هن گنڀير لهجي ۾ ڌيرج سان چيو: ”مون کي يقين هو ته منهنجو ڪو بي تڪلف دوست مون کي تنگ ڪري مزو وٺي رهيو آهي؟“
”جڏهن يقين هو ته صبر ڪرين ها ايترو اتاولو ڇو ٿي پئين. اهو ته فقط ان وقت ممڪن آهي جڏهن توکي يقين هجي ته اهو پيغام ڪنهن ڇوڪريءَ طرفان ئي هجي.“
”ثوبيه! توکي ته خبر آهي ته آئون ڊپريشن جو مريض بنجي چڪو آهيان، ان ڪري ٿوري دير به ٽينشن جي حالت ۾ رهي نٿو سگهان، بيچيني ٿي پئي ته جلد خبر پوي ته ڪير آهي. ڇوڪريون هڪدم ڪنهن اجنبي نمبر تي اهڙو پيغام ڏئي نٿيون سگهن.“
”اجنبي نمبر ڇو؟! 28 Miss لاءِ ته تون اجنبي نه آهين.“ ثوبيه وري طنز جو تير هنيس.
”مون کي خبر نه هئي ته تو ان معاملي کي ايترو سنجيدگيءَ سان ورتو آهي. بهرحال آئون توکي ڪابه وضاحت ڏيڻ جو پابند ناهيان. هونئن هيءَ موبائيل ڪنهن جو آهي؟“
”منهنجي سهيلي جو آهي. اتفاق سان اڄ مون وٽ آهي.“
”چڱو ٺيڪ آهي. رات گهڻي ٿي وئي آهي. هاڻي تون آرام ڪر.“ اهو چوندي ڪاشان فون بند ڪري ڇڏي. ثوبيه سوچيو ته هاڻي آرام ڪٿي......!!!“
* *
رات جي خبر ناهي ڪهڙي پهر کيس ننڊ آئي. ٻئي ڏينهن موڪل هئي ۽ هوءَ دير تائين ستي رهي. جڏهن اٿي ته پورو ڏينهن ذهن تي عجيب بار محسوس ڪيائين. بار بار سوچيندي رهي ته خبر ناهي سندس سوچ صحيح هئي يا وري ڪاشان. ٻئي ڏينهن ڪاليج ۾ به اداس رهي. وڌيڪ اداس ان وقت ٿي جڏهن ارم ٻڌايس:
”ثوبي، ڪالهه ته مزو اچي ويو. اسان کي ڪراچي وڃڻو هو، پر نه وڃي سگهياسين. پوءِ مون سوچيو ته انور صاحب واري ڪهاڻي جو به هاڻي ڊراپ سين ڪجي، سو کيس چيم ته جيڪڏهن هو مون سان ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ چاهي ٿو ته (فلاڻي) هوٽل ۾ اچي وڃي. آئون توهان کي سڃاڻان ٿي ان ڪري خود توهان سان اچي ملندس. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تيل ڦليل ڪري اچي هوٽل پهتو.“
”تون اتي پهتينءَ ۽ هن سان ملينءَ؟“ ثوبيه چيو.
”پهتس ضرور ۽ سندس ويجهو ئي ٽيبل تي ڀيڻ سان گڏ موجود هيس، پر آئون ڇو هن سان ملان.... هن سان ملڻ لاءِ ”مسز انور جو اچي پهتي.“ ارم مزو وٺي چيو.
ثوبيه حيران ٿي پڇيو: ”اها اتي ڪيئن اچي پهتي؟“
”سامهون جي ڳالهه آهي، مائي ڊيئر ثوبي، مون کيس فون ڪري اطلاع ڏنو ته پنهنجي گهر واري جي اصليت اچي ڏسي. پوءِ نه پڇ ته ڪيئن نه مون ۽ منهنجي ڀيڻ ان گهڙي مان مزو ورتو. گهر وڃي ته مسز انور هن جو ڇا حشر ڪيو هوندو، پر ان مهل انور صاحب جي بيگم صاحبه کي ڏسي جيڪا حالت ٿي اها ٻڌائڻ کان ٻاهر آهي. اڄ مسز انور جي چهري کي ڏٺو اٿئي؟ ايئن ٿو لڳي ته سڄي رات روئندي رهي آهي. اکيون ڳاڙهيون لڳيون پيون اٿس. ڪير پڇيس ٿو ته طبيعت جي خرابي جو بهانو ويٺي ڪري ۽ مون کي خاص طور تي پاسي تي وٺي وڃي چيو اٿس ته ان ڳالهه جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪريان.“ اهو چئي ارم زور زور سان کلڻ لڳي ۽ ثوبيه اداس ٿيندي چيو:
”ارم، ڪنهن جي سڪون کي ايئن برباد نه ڪبو آهي، آئينده وري اهڙي حرڪت نه ڪجانءِ.“
”چڱو محترمه اڳتي ايئن نه ڪندس“ اهو چوندي هن ثوبيه جي هٿ مان پنهنجو موبائيل ورتو جنهن تي عرفان جي ڪال اچي رهي هئي.
*
”Happy Birthday to you!“..... جيئن ئي ثوبيه ڪاليج جي گيٽ اندر قدم رکيو ته پويان ايندڙ ارم کيس وش ڪيو ۽ پوءِ اسٽاف روم ۾ پهچي وري کيس ڀاڪر پائي ”مبارڪ“ ڏني. ۽ موبايئل سيٽ جو تحفو کيس هٿ ۾ ڏنائين. سڄو ڏينهن سڀ ليڪچررز ۽ شاگردياڻيون کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏينديون رهيون ۽ وٽس تحفن جو ڍير ٿي ويو. هن به پنهنجي طرفان سڀني کي ٽريٽ ڏني ۽ گهر ۾ قدم رکيو ته سندس ٻارن ۽ ماءُ پيءُ ”Happy Birthday“ چوڻ شروع ڪيو. انهن اڳ ۾ ئي ٽيبل تي هڪ خوبصورت ڪيڪ گهرائي رکيو هو. هن کان ڪيڪ ڪٽرايو ويو ۽ پوءِ هر هڪ کيس تحفا ڏنا. ايڏيون محبتون پائي ثوبيه جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي ۽ هن بي اختيار رب جا ٿورا مڃيا. پر.... دل .... جي ....... هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪ خال هڪ خواهش هئي:
”هو ڪٿي آهي؟ هن اڃا تائين فون ڇو ناهي ڪئي. مبارڪ ڇو ناهي ڏني؟“
وري پاڻ کي تسلي ڏيندي چيائين ته: ”اڃا ته آفيس ۾ ئي هوندو. واندڪائي ملندس ته فون ضرور ڪندو.“
پر.... صبح کان شام ٿي ۽ شام کان رات ٿي وئي. پر ڪاشان فون نه ڪئي. ثوبيه جا ڪن هن جي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا هئا. سڀ ڪيترو به پيار ڪن پر جي هن ياد نه ڪيو ته پوءِ اهو ڏينهن ڪهڙو اهم ٿيو. نيٺ هن خود کيس فون ڪئي ۽ شڪايت ڪندي چيائين:
”اڄوڪي تاريخ تي ڪو اهم ڏينهن هوندو آهي.... جيڪو هاڻي توکي ياد نه هوندو آهي.“
”اوهه!.... ڪٿي اڄ تنهنجي برٿ ڊي ته نه آهي. ماءِ گاڊ واقعي، منهنجي ذهن تان اها ڳالهه لهي وئي. مون کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لڳو پئي ته هنن ئي ڏينهن ۾ تنهنجو جنم ڏينهن ايندو آهي. اڄوڪي ڏينهن ۾ تنهنجو جنم ڏينهن ايندو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي شڪ هئم پر پڪ نه هئي ان ڪري وش نه ڪيم.“
”سڪ هو ته فون ڪري پڪ ڪري وٺين ها. صبح کان الائي ڪيترن ماڻهن مون کي وش ڪيو آهي، پر منهنجا ڪن فقط توکان ڪي لفظ ٻڌڻ جا منتظر رهيا.“ ثوبيه شڪايتي انداز ۾ چيو.
”چيم نه ته I am Sorry ڏس هن وقت آئون ڪٿي ٻاهر آهيان. مون سان گڏ ڪي ٻيا ماڻهو به آهن، ان ڪري وڌيڪ پوءِ ڳالهائينداسين.“
”ڪاشان! آئون اهي جملا ٻڌي ٻڌي تنگ ٿي چڪي آهيان. تون مون کان لنوائيندو ڇو آهين؟“ ثوبيه ڪاوڙ ۾ چيو.
”چيم نه ته پوءِ ڳالهائينداسين.“ چوندي هن فون بند ڪري ڇڏي ته ثوبيه ويتر چڙي پئي ۽ ڪاوڙ مان وري سندس نمبر ڊائل ڪيائين ته موبائيل بند هو. هوءَ صفا آئوٽ ٿي وئي ۽ سوچيائين ته تون ڇا ٿو چاهين فقط آئون ئي تنهنجي لاءِ مرندي وتان هاڻي آئون به تنهنجي پرواهه نه ڪندس. ائين ڪجهه ڏينهن گذريا. ويڪ اينڊ آيو ته ڪاشان به حيدرآباد آيو. هو بيحد ٿڪل ۽ بيمار ٿي لڳو، پر ثوبيه سندس حال احوال پڇڻ بدران کائنس لنوائيندي رهي. ڪاشان سندس رويي کي محسوس ڪيو پر ڪجهه چيو نه. ٻئي ڏينهن موڪل جو سمورو ڏينهن ائين ئي گذريو. ڪاشان سڄو ڏينهن ماءُ پيءُ جي ڪمري ۾ ويٺو رهيو. شام جو دير سان وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته ثوبيه کي چيائين:
”ڪالهه کان ڳالهائين نٿي پر هاڻي ته مرڪي رخصت ڪر، وري خبر ناهي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اچان.“
”توکي منهنجي مرڪڻ جي ضرورت آهي؟ لڳي ٿو ته هاڻي توکي منهنجي ضرورت ئي نه آهي.“
”ضرورت ڇو نه آهي. پر تو ڪڏهن ويهي منهنجو اندر جو حال پڇيو، توکي ته پنهنجي مصروفيتن مان فرصت ئي ڪانهي. پنهنجي ور جي خوشيءَ کان وڌيڪ توکي Ph.D. جي ڊگري عزيز آهي.“ هن ڏک مان چيو.
”ته ايئن چئو نه ته تون به روايتي مرد نڪتين. جيستائين آئون گهر تائين محدود رهيس، تون مون کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي خوش ٿيندو رهئين. مون نوڪري، ڇا ڪئي توکان منهنجو ٽئلنٽ، منهنجي حيثيت ۽ رتبو سٺو نه ٿيو. منهنجي Ph.D. ڪرڻ توکي شديد احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي......“
.....هميشه جيان ثوبيه جي زبان بي قابو ٿيندي وئي ۽ هوءَ ٻيو به کيس گهڻو ڪجهه چوڻ لڳي ڪڏهن ”ڌوڪي باز“ ته ڪڏهن ”ٻن چهرن“ وارو ته ڪڏهن وري ”بي وفا“.... ۽ .... سدائين خاموشيءَ سان سندس هر ڳالهه ٻڌڻ وارو ڪاشان ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پهريون ڀيرو تيز آواز ۾ چيائين:
”بس ڪر ثوبيه! مون تنهنجون تمام گهڻيون ڳالهيون سٺيون آهن. مون تنهنجي هر ڳالهه کي لنوائي توکي جواب نه ڏنو ته شايد توکي پنهنجي غلطين جو احساس ٿئي. مون تنهنجي لاءِ ڇا نه ڪيو. پر تو منهنجي پيار جو قدر نه ڪيو. هاڻي ايترو ڀرم رهڻ ڏي جو اسان جا اختلاف هن بيڊ روم مان ٻاهر نڪري امان بابا ۽ ٻارن ۽ اڃا به اڳتي نه پهچن.... زبان کي روڪي ڇڏ.... خدا جي واسطي هاڻي بس ڪر.....!“
اهو چوندي هو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. ۽ پوءِ امان بابا جي دعائن جي ڇانوَ ۾ رخصت ٿيڻ لڳو ته پريان بيٺل ثوبيه کي احساس ٿيو ته سفر تي ويندڙن کي محبتن ۽ دعائن جا گل ڏئي رخصت ڪبو آهي نه ڪي نفرتن جا ڪنڊا ڏئي. هو هليو ويو ته ثوبيه کي لاپرواهين جو احساس ٿيندو رهيو ۽ پڇتاءُ وڪوڙڻ لڳس.
”ڪا ڳالهه ڪانهي. آئون Sorry چوندس ته ڪاوڙ لهي ويندس. هو مون کان ناراض رهي نٿو سگهي.“ هن سوچيو. پر.... هن ڀيري هو سچ پچ ايترو ته ناراض هو جو هن ثوبيه جي ڪابه ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ٻه ٽي ڏينهن ايئن ئي گذري ويا. يا ته ڪاشان جو موبائيل بند هوندو هو يا وري هو سندس ڪال اٽينڊ ئي نه ڪندو هو. هاڻي ته ثوبيه ڏاڍي پريشان ٿي. هڪ ڏينهن کيس ان موبائيل جو خيال آيو جيڪو ارم کيس برٿ ڊي تي گفٽ ڪيو هو. ڪاشان ان ڪري فون اٽينڊ نٿو ڪري جو هوءَ گهر جي نمبر تان فون ڪندي هئي. ڪاشان کي هن موبائيل بابت ڄاڻ نه هئي، ان ڪري هو ان کي ڪنهن ٻي جي ڪال سمجهي ضرور اٽينڊ ڪندو. اهو سوچي موبائيل کڻي ڪاليج وئي. جڏهن ٿورو فري ٽائيم مليس ته ڪاشان جي موبائيل تي ڪال ڪيائين:
”هيلو!“ ٻئي پاسان ڪاشان جو آواز ٻڏائين ته دل چيس ته روئي ڏي. ساڻس وڙهي، شڪايتون ڪري پر.... هوءَ.... ايئن نه ڪري سگهي ۽ فون بند ڪري ڇڏي. دل جي ڪنهن ڪنڊ مان وري درد جاڳيو ته ڪاشان سندس ڪابه ڪال اٽينڊ نه ڪئي، پر هڪ نامعلوم ڪال ضرور رسيو ڪيائين. پهريائين سوچيائين ته اڳي جيان وري کيس پنهنجو آواز ٻڌائي حيران ڪري ۽ ست سريون ٻڌائيس پر سوچيائين ته ايئن ته هوءَ اڳي به ڪري چڪي هئي، جنهن مان ڪجهه به حاصل نه ٿيس ان لاءِ هن ڀيري هن کي دانشمنديءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي ڇو ته هو سندس ڪال ته اٽينڊ ڪندو ئي نه هو. هاڻي فقط هي موبائيل ئي سندن وچ ۾ رابطي جو واحد ذريعو هو، ان ڪري جيڪڏهن کيس خبر پوندي ته اهو ثوبيه جو موبائيل هو ته هو هاڻي ان جي ڪال به اٽينڊ نه ڪندو. هن سوچيو هوءَ اڳ ۾ ئي پنهنجي بي وقوفين سبب پنهنجي گهر جو سڪون برباد ڪري چڪي هئي، پر هاڻي آهستي آهستي احساس جاڳيو ته هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ گهرجي.
ٿوري دير کان پوءِ ارم کي ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ بيهي عرفان سان موبائيل تي ڳالهائيندي ڏٺائين ته کيس پنهنجو ۽ ڪاشان جو شاديءَ کان اڳ وارو دور ياد آيو. ڪنهن زماني ۾ هو به هڪٻئي سان ڳالهائيندي نه ٿڪجندا هئا. هن ڏک سان سوچيو:
”شاديءَ کان اڳ واري محبت الائي ڇو خود اسين پنهنجي ناسمجهين ۽ لاپرواهين سبب پنهنجن ئي هٿن سان وڃائي ويهندا آهيون.“
ان ڏينهن هوءَ ايڏي اداس هئي جو ارم هر هر کائنس پڇي رهي هئي.
”ثوبي! تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه. گهر ۾ ته سڀ خير آهي نه.“
”ها“ هوءَ فقط اهوئي چئي سگهي هئي. ارم سندس گهري ساهيڙي ضرور هئي پر هوءَ ساڻس پنهنجا انتهائي ذاتي مسئلا ڊسڪس نه ڪندي هئي. ان ڏينهن گهر اچي منجهند جي ماني کان پوءِ آرام خاطر بيڊ تي ليٽي ته وري ڪاشان ياد پيس. هاڻي کيس احساس ٿيو ته هن ساڻس ڪيتريون نه ڏاڍايون ڪيون هيون. هن پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن جي باري ۾ سوچيو به نه هو. ڪاشان ته بيحد سٺو انسان هو. انتهائي پيار ڪندڙ ٻين جو احساس رکندڙ. هن به ته ڪڏهن کيس سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. هن بي اختياريءَ مان پنهنجو موبائيل کنيو ۽ ڪاشان جو نمبر ڊائل ڪري رنگ ڏنائين ته جواب ۾ هن به رنگ ڏني. سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي. سڌي طرح نه سهي اڻ سڌي طرح ئي سهي هو کيس سٺو ريسپانس ڏئي رهيو هو، پر.... وري..... هميشه جيان شڪي سوچ.....
”منهنجي لاءِ وقت ڪونهي باقي ٻين لاءِ وقت آهي پوءِ هو چاهي ڪو نامعلوم شخص ئي ڇو نه هجي.“
هن ٻيهر ڪاشان کي رنگ ڏني. هن به رنگ ڏني. ثوبيه پوءِ اطمينان سان سمهي رهي اهو سوچي.
”توکي ٺيڪ ڪرڻ جو طريقو مون سوچي ورتو آهي.“
ٻئي ڏينهن به صبح کان هوءَ بار بار ڪاشان کي رنگ ڏيندي هئي ۽ کيس سٺي موٽ ملندي رهي. منجهند جو ٻار به سمهي رهيا ۽ هوءَ به پنهجي بيڊ تي اچي ويٺي ته موبائيل کڻي سوچيل منصوبي موجب ڪاشان کي sms ذريعي لکيائين:
”مون کي ناهي خبر ته توهان کي منهنجي ڳالهه جو اعتبار ايندو يا نه، پر ڪالهه جڏهن کان مون اتفاق سان مليل توهان جي نمبر تي ڪال ڪئي ته مون کي لڳو ته توهان سٺا انسان هوندا. آئون انتهائي مجبور ۽ ڏکايل ڇوڪري آهيان. آئون توهان کي دوست سمجهي پنهنجي اندر جو حال اورڻ چاهيان ٿي.“
ٿوري دير ۾ ڪاشان ڪال ڪئي. هن رسيو ڪئي. پر ڳالهايو ڪونه، ڪاشان پاڻ ئي چيو.
”آئون شڪر گذار آهيان ته توهان مون کي سٺو انسان سمجهيو. آئون بالڪل توهان جو سٺو دوست ثابت ٿيندس جيڪڏهن توهان مون سان ڌوڪو ڪرڻ بجاءِ مون سان سچ ڳالهائيندا. توهان چاهي ڇوڪري نه هجو، ڇوڪرا ئي هجو، پر ڳالهائيندا ئي نه ته پوءِ توهان مون سان پنهجو ڏک ڪيئن ونڊيندو. توهان ڇوڪرا به آهيو ته پريشان نه ٿيو آئون توهان جو دوست ثابت ٿيندس.“
سندس ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ثوبيه وري sms ذريعي لکي موڪليو.
”نه اها حقيقت آهي ته آئون ڇوڪري آهيان. منهنجي ڪهاڻي ڏکن سان ڀريل آهي. آئون پنهنجي زندگيءَ کان بيزار آهيان. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيان.“ آئون توهان سان ڳالهايئندس نه، پر فقط لکي ڳالهه ڪندس ۽ جواب خاطر توهان کي ڪال ڪري جواب ٻڌندس.“
اهو لکي موڪلڻ بعد هن کيس ٿوري دير بعد ڪال ڪئي ته ڪاشان چيو:
”توهان جي نه ڳالهائڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان کي مون تي اعتماد ئي ناهي ته پوءِ آئون توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندس. باقي ايترو ضرور چوندس ته مايوسي ڪفر آهي. ان لاءِ پاڻ کي ختم ڪرڻ بابت سوچڻ غلط سوچ آهي. توهان مون کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايو. جيڪڏهن آئون توهان جي مدد ڪري سگهندس ته مون کي خوشي ٿيندي مدد نه ڪري سگهيس ته ڪو بهتر مشورو ڏيندس. ايئن به نه ڪري سگهيس ته گهٽ ۾ گهٽ توهان جي ڏک جي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندس مون کي سڀڪجهه ٻڌائڻ سان ٻيو نه ته به توهان جي دل جو بار ئي هلڪو ٿي پوندو.“
ثوبيه لکي موڪليو: ”نه منهنجي ڳالهائڻ جو سبب اهو ناهي ته مون کي توهان تي اعتماد ناهي، پر ان جو سبب اهو آهي ته آئون ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم آهيان. توهان جو خوبصورت آواز ٻڌم ته لڳو ته توهان خود به خوبصورت ۽ سٺا انسان هوندا. سڀاڻي ويڪ اينڊ آهي. آئون رات جو دير تائين جاڳندي آهيان. توهان جيڪڏهن ان وقت واندا هجو ته آئون توهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندس.“
ڪاشان جواب ۾ چيو: ”ها بالڪل آئون واندو هوندس. بلڪه آئون خود هڪ تنها شخص آهيان. اڪيلو رهندو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ توهان جو ساٿ ئي ملي پوندو.“
اها ڳالهه ٻڌي ثوبيه اداس ٿي وئي. پر پوءِ سوچيائين ته نفسيات جي ليڪچرر ٿي به هوءَ کيس سمجهي نه سگهي ۽ کيس اڪيلو ڪري ڇڏيائين. پر هاڻي هوءَ نفسياتي طريقي ڪار سان سندس دل جو حال معلوم ڪندي. ثوبيه جي حيثيت سان نه سهي ڪنهن اڻڄاتل ڇوڪريءَ جي حيثيت سان ئي سهي. هن پوءِ ساڻس رسمي طرح موڪلايو ۽ ٻئي ڏينهن رابطو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ فون بند ڪري سمهي پئي.
ٻيو سڄو ڏينهن ڪاليج ۾ به هوءَ سوچيندي رهي ته آخر اڄ هوءَ ڪاشان کي ڪهڙي ڪهاڻي ٻڌائيندي ۽ پوءِ منجهند تائين نيٺ هن هڪ ڪهاڻي سوچي ورتي هئي. هن ثوبيه جي حيثيت سان ٻه ٽي ڀيرا کيس فون ڪئي، ۽ ڪاشان جي موبائيل تي رنگ ويندي رهي پر هن فون رسيو نه ڪيو.
”خير سائين! ثوبيه جي حيثيت سان تون ڀلي مون سان ناراض رهه، پر اڄ ويڪ اينڊ تون منهنجي ئي ساٿ ۾ گذاريندين.“ هن سوچيو ۽ مرڪي ڏنو.
شام جو هوءَ رڌڻي ۾ چانهه ٺاهي رهي هئي ته هن موبائيل جي رنگ ٻڌي ته بي اختيار مرڪي سوچيائين:
”اوهه! ايڏي بي صبري. يعني منهنجو منصوبو ڪامياب ٿي رهيو آهي.“
هوءَ چانهه جو مگ کڻي ڪمري ۾ آئي. شام جو ٽائيم ٿي رهيو هو. هن sms لکيو:
”جيئن ته پنهنجي ڪهاڻي آئون يڪي نٿي لکي سگهان ان ڪري مون کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ sms جي ذريعي قسطن ۾ لکڻي پوندي، ان ڪري هر sms پڙهڻ کان پوءِ مون کي رنگ ڏجو ته جيئن مون کي خبر پوي ته توهان هر پيغام پڙهي رهيا آهيو. ٻي ڳالهه اها ته آئون هڪ هاسٽل ۾ رهندي آهيان اسان جي هاسٽل جي وارڊن ڏاڍي سخت عورت آهي ۽ هن وقت رائونڊ تي آهي، ان ڪري آئون وڌيڪ ٽائيم نه ڏئي سگهندس. آئون رات جو يارهين کان پوءِ توهان سان رابطو ڪندس.“
پيغام جي جواب ۾ رنگ ٻڌي هن ڪال ڪئي. ڪاشان چيو:
”ٺيڪ آهي. پر پهرين توهان مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.“
”منهنجو نالو رمشا آهي.“ هن لکي موڪليو ۽ رنگ اچڻ تي ڪال ڪئي. ڪاشان چيس:
”رمشا! مون کي توهان جي ڪال جو انتظار رهندو.“ ڪال ختم ٿي ته هن سوچيو.
”ڪافي مزيدار سچئويشن آهي. اڄ لڳي ٿو ته اسان جي زندگيءَ جو هڪ يادگار ڏينهن هوندو.
هن اڄ خريد ڪيل ٻن پنجن پنجن سون جا ڪارڊ موبائيل ۾ فيڊ ڪيا ۽ پوءِ پنهنجي سوچن ۾ گم ٿي وئي.
*
رات جا ساڍا يارنهن ٿيا ته هر پاسي سانت ٿي چڪي هئي. سڀئي پنهنجن بسترن ۾ هئا. ثوبيه بيڊ تي اچي ويٺي. تيز لائٽ آف ڪري هلڪي خوابناڪ روشنيءَ ۾ ويهاڻي جي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ثوبيه موبائيل کنيو ۽ ڪاشان کي رنگ ڏني. جواب ۾ فوراً رنگ آئي. رنگ يڪي وڄندي رهي ته هن ڪال اٽينڊ ڪئي. ڪاشان چيس:
”پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان اڳ پهرين منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏيو. مون ته ٻڌو آهي ته گونگا ماڻهو ٻوڙا به هوندا آهن پر توهان ته سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ سمجهي وٺنديون آهيو.“
جواب ۾ ثوبيه لکي موڪليو:
”اهو ضروري ناهي ته جيڪو ماڻهو گونگو (dumb) هجي اهو ٻوڙو (deaf) به هجي. ها جيڪو پيدائشي ٻوڙو هوندو آهي. اهو گونگو ٿي سگهي ٿو. پر ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي. ڪي ٻار ٻوڙا ته هوندا آهن پر گونگا ناهن هوندا پر جيئن ته هو ڪجهه ٻڌندا ئي نه ته ڳالهائيندا ڇا؟ ان ڪري جو ٻار پهرين ٻڌندو آهي پوءِ اهي ٻڌل الفاظ ڳالهائيندو آهي. اهڙن ٻوڙن ٻارن کي جيڪي گونگا نه هوندا آهن، جيڪڏهن خاص ٽريننگ ڏني وڃي ته اهي به ڳالهائڻ لڳندا آهن. جهڙيءَ طرح مشهور سماجي ڪارڪن Helen Keller هئي. هوءَ نابين ۽ ٻوڙي هئي، پر گونگي نه هئي. ٻن سالن جي عمر تائين هوءَ نارمل ٻار هئي پر پوءِ هڪ شديد بيماريءَ سبب سندس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي. پر پوءِ خاص ٽريننگ ملڻ تي هن اٺن سالن جي عمر ۾ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ٻوڙا ٻار به ڳالهائي سگهن ٿا ته پوءِ جيڪي ٻوڙا نه آهن اهي خاص ٽريننگ سان لکي پڙهي ڇو نٿا سگهن.“
ايترو لکڻ سان هن وقفو ڏنو. ٿوري دير بعد رنگ ٻڌي هن باقي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي. هر مختصر قسط پڙهڻ کان پوءِ ڪاشان کيس رنگ ڏيندو رهيو. ثوبيه لاءِ اهو تجربو بيحد دلچسپ ۽ تجسس وارو رهيو. ڪهاڻي لکندي هوءَ اهڙي ته مگن ٿي وئي، جو کيس محسوس ٿيو ته هوءَ واقعي رمشا هئي. سندس لکيل ڪهاڻي هن ريت هئي:
”آئون پيدائشي گونگي ناهيان. البت جڏهن مون ڳالهائڻ شروع ڪيو ته نارمل ٻارن وانگر آئون سڀ لفظ چٽا نه ڳالهائي سگهندي هيس ۽ اٽڪي اٽڪي ڳالهائيندي هيس. ڊاڪٽرن جو خيال هو ته اها هڪ قسم جي ڪمزوري هئي جيڪا وقت گذرڻ سان ٿي ويندي آهي. اسان جي گهر جو ماحول پرسڪون نه هو. منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي محبت جي شادي هئي، پر مون جڏهن کان هوش سنڀاليو ته کين جهيڙو ڪندي ڏٺو. هو ٻئي شڪي مزاج هئا ۽ هڪٻئي تي شڪ ڪندا هئا ۽ الزام لڳائيندا هئا. آئون ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ سندن ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهي نه سگهندا هئاسين، پر جڏهن کين زور زور سان ڳالهائيندي ۽ هڪٻئي تي رڙيون ڪندي ڏسندا هئاسين ته ڏاڍا خوفزده ٿي ويندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي سان چنبڙي روئڻ لڳندا هئاسين. ڊاڪٽر منهنجن Parents کي چوندا هئا ته اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن آئون خوفزده رهيس ته منهنجي زبان جي ڪمزوري صحيح ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. منهنجا ماءُ پيءُ اهو ٻڌي ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو رويو صحيح ڪندا هئا پر.... پوءِ.... وري ساڳيو هنگامو هوندو هو. نيٺ منهنجي زبان جي ڪمزوري اهڙي ماحول ۾ وڌندي رهي. جڏهن آئون ڪجهه وڏي ٿيس ته سندن ڪافي ڳالهيون سمجهڻ لڳس تڏهن خبر پئي ته ان وقت تائين بابا جي زندگيءَ ۾ هڪ ٻي عورت داخل ٿي چڪي هئي، ان ڪري هاڻي جهيڙن ۾ وڌيڪ شدت اچڻ لڳي هئي. ۽ پوءِ..... هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. هنن ۾ ايتريقدر جهيڙو ٿيو جو ڪاوڙ ۾ بابا امان تي پستول تاڻي بيهي رهيو. اسين ٻار ڏاڍا خوفزده ٿي وياسين. منهنجو ننڍو ڀاءُ روئڻ لڳو ۽ مون کي ته ڄڻ ڪو دورو پئجي ويو ۽ آئون رڙيون ڪندي ڪندي بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش ۾ آيس ته اسپتال ۾ هيس پوءِ منهنجو ڪيترو ئي عرصو اتي علاج هلندو رهيو. مون کي دورا پوندا هئا ته آئون بيهوش ٿي ويندي هيس ۽ منهنجي زبان ته ڄڻ بالڪل بند ٿي وئي. ڪافي علاجن کان پوءِ منهنجي طبيعت ڪجهه بهتر ٿي ته آئون گهر آيس. پر هاڻي گهر ساڳيو نه رهيو هو. سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هو امان ۽ بابا جي وچ ۾ divorce ٿي چڪي هئي. جڏهن مما مون سان ملڻ ايندي هئي ته بابا کيس مون سان ملڻ نه ڏيندو هو. آئون وڌيڪ ٽٽي پيس. ڳالهائڻ جي ٽريننگ ۽ فزيو ٿراپي لاءِ مون کي باقاعده اسپتال موڪليو ويندو هو، پر سچ ته اهو هو ته هاڻي مون کي زندگيءَ ۾ ڪائي ڪشش محسوس نه ٿيندي هئي نه ئي هاڻي مون کي ڳالهائڻ سان ئي ڪا دلچسپي هئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آئون خود ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪنديس ته growing age گذرڻ بعد آئون شايد ڪڏهن به صحيح طرح ڳالهائي نه سگهان، پر مون انهن سان بلڪل به سهڪار نه ڪيو.... اهڙيءَ طرح آئون ڳالهائڻ جي قابل نه ٿي سگهيس. جسماني طرح آئون نارمل هئيس ان ڪري مون وري اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. منهنجو بابا تمام وڏو ماڻهو آهي ان لاءِ هن اسڪول جي انتظاميه ۽ ٽيچرز کي اڳ ۾ ئي منهنجي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ کين منهنجو خاص خيال رکڻ جو تاڪيد ڪيو ان لاءِ سڀ منهنجو گهڻو خيال رکندا هئا ۽ مون کي منهنجي معذوريءَ جو احساس نه ڏياريو ويندو هو. آئون پڙهائي ۾ ٺيڪ ئي هيس. منهنجي لاءِ بابا ٽيوٽر رکيا هئا، ان ڪري مونکي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص ڏکيائي پيش نه آئي. مون ميٽرڪ ڪئي ۽ هڪ پرائيوٽ ڪاليج مان انٽر ۽ بيچلرز ڊگري ورتي. ان ڪاليج ۾ ئي منهنجي ملاقات اويس سان ٿي. اويس مون کان هڪ سال سينيئر هو ۽ منهنجي سٺي سهيلي جو ڀاءُ هو. سندس تعلق مڊل ڪلاس سان هو. مون ضرورت وقت هميشه ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جي مالي مدد به ڪئي. مون کي اويس سان محبت ٿي وئي ۽ جڏهن اويس ان ڪاليج مان ماسٽرز ڊگري ورتي ته مون بابا کان چورائي کيس سٺي نوڪري وٺرائي ڏني. اهو ٻڌائنيدي هلان ته ان دوران بابا ۽ امان ٻي شادي ڪري چڪا هئا. نئين ماءُ کي نه ته مون قبول ڪيو هو نه ئي هن مون کي. جڏهن بابا منهنجي ننڍي ڀاءُ کي نئين ماءُ جي چوڻ تي هاسٽل ۾ داخل ڪرايو ته اهو گهر منهنجي لاءِ وڌيڪ اوپرو بنجي ويو. ويڳي ماءُ جو رويو مون سان ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو ويو. تڏهن مون کي لڳو ته مون وٽ فقط هڪ ئي رستو بچيو هو ته اويس مون سان شادي ڪري مون کي روز روز جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياري. مون جڏهن اويس سان اها ڳالهه ڪئي ته هو مختلف بهانا ڪري جان ڇڏائڻ لڳو. مون کيس چيو ته بابا اسان کي گهر وٺي ڏيندو. مون کي منهنجي معذوريءَ جو احساس هو ان ڪري مون کيس اهو به چيو ته هو چاهي ته پوءِ ڀلي ٻي شادي ڪري...... پر...... هن ته....... مون کي هميشه لاءِ اونداهين ۾ ڀٽڪڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو. پوءِ مون به گهر ڇڏي ڏنو سفارش تي مون کي هڪ پرائيوٽ ڪاليج جي Admin بلاڪ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هاڻي آئون اتي جي هاسٽل ۾ رهندي آهيان. هاڻي منهنجي فقط اها خواهش آهي ته آئون خود خاص ٽريننگ وٺي ڳالهائي سگهان ۽ پاڻ جهڙن ٻارن جي خدمت لاءِ Special Education حاصل ڪريان. سندن مدد ڪريان، خدمت ڪريان. پر ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کان ئي بيزار ٿيڻ لڳندي آهيان.“
ثوبيه ڪهاڻي لکي پوري ڪئي ته سندس اکين ۾ سچ پچ لڙڪ اچي ويا. رات جو هڪ ٿي ويو هو. هوءَ وقفن ۾ اها ڪهاڻي ايڏي دير ۾ لکي سگهي هئي. سندس آڱريون ٽائپنگ ڪري ڪري ٿڪجي پيون هيون. اها ڪهاڻي پڙهي ڪاشان رنگ ڏنس ته هن کيس ڪال ڪئي ۽ سندس ڳالهه ٻڌڻ لڳي.
”منهنجي فرينڊ! مون توهان جي ڪهاڻي تمام غور سان پڌي. پر...... ان ڏک ڀري ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ به آئون توهان سان همدردي نه ڪندس. ڇو ته همدردي انهن ماڻهن سان ڪبي آهي جيڪي ”ويچارا“ هوندا آهن. ۽ پاڻ کي ڪڏهن به ”ويچاري“ نه بڻائجو. توهان ته تمام همٿ واريون آهيو. ٻي ڳالهه آئون اها چوندس ته توهان اويس کي وساري ڇڏيو. هو توهان جي زندگيءَ ۾ آيو ۽ نڪري ويو. جيڪو هليو ويو ان کي وساري ڇڏيو. توهان جي اڳيان ته زندگي پئي آهي. توهان کي ڪو ٻيو ۽ بهتر شخص ملي ويندو ۽ جيڪڏهن توهان مائينڊ نه ڪريو ته آئون اهو چوندس ته هو توهان جي قابل هو ئي نه. هو بيحد ڪم ظرف ڇوڪرو نڪتو.
ٻي ڳالهه ته آئون خود بيحد دکي شخص آهيان. پر اڄ توهان جي ڪهاڻي پڙهي احساس ٿيو ته هن دنيا ۾ مون کان ڪيئي ڀيرا دکي ماڻهو موجود آهن. آئون توهان لاءِ دعا ڪندس. توهان به منهنجي لاءِ دعا ڪجو. پاڻ سٺا ساٿي بنجي سگهون ٿا.... ۽.....“
ثوبيه اڃا ڪاشان جي آواز ۽ لفظن جي سحر ۾ ٻڏل هئي ته سندس ڪمري جي بند دروازي تي زور زور سان ٺڪاءُ ٿيڻ لڳا ۽ سندس ننڍڙي ڌيءُ جو آواز ٻڌائين:
”امي.... امي! در کوليو.“
ثوبيه يڪدم فون ڊسڪنيڪٽ ڪئي ۽ دروازي ڏانهن ڊوڙي. در کولي ذونس کي ڪچ ۾ کنيائين، هوءَ شايد ڪچيءَ ننڊ مان اٿي ڊوڙي وٽس آئي هئي. هن کيس پيار ڪيو ۽ پنهنجي ڀرسان سمهارڻ لڳي، پوءِ هن پيغام لکيو موڪليو:
”هن وقت آئون هاڻي تمام گهڻو ٿڪي پئي آهيان. وڌيڪ سڀاڻي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.“
جواب ۾ ڪاشان ڪال ڪري چيس:
”مون دروازي تي ٺڪاءَ جا آواز ٻڌا هئا (شرارت مان) ڪٿي توهان واري خطرناڪ وارڊن ته نه هئي؟ خير ته آهي نه؟“
”سڀ خير آهي. توهان به هاڻي آرام ڪريو. گڊ نائٽ“
ثوبيه لکيو ته جواب ۾ ”گڊ نائٽ“ جو مئسيج آيو. هن موبائيل آف ڪيو ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي پر ذهن بار بار هڪ ڳالهه تي اٽڪي ٿي پيو ته ڇا ڪاشان فقط هڪ ڏينهن اڳ مليل ڪنهن اجنبي ڇوڪريءَ سان پنهنجا ڏک شيئر ڪري ٿي سگهيو؟؟ مٿس اعتبار ڪري ٿي سگهيو؟ پوءِ الائي ڪيڏي مهل اک لڳي ويس.
*
اڳين ڪجهه ڏينهن ۾ عجيب صورتحال رهي. ڪاشان ثوبيه سان ته ناراض هو، پر رمشا سان روز موبائل تي رابطو رهندو هئس. ٻئي هڪٻئي سان حال احوال اورڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن ته ”ثوبيه“ کي ”رمشا“ جي وجود کان ساڙ محسوس ٿيندو هو ڇو ته ثوبيه ته ڪاشان کان پري ٿي چڪي هئي، جڏهن ته رمشا ڏينهون ڏينهن ويجهي ٿيندي پئي وئي. ڪڏهن ته هوءَ سوچڻ لڳندي هئي ته:
”هي مون ڇا ڪيو؟ خود پنهنجي هٿن سان پنهنجي ۽ ڪاشان جي وچ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو وجود آڻي ڇڏيو. ثوبيه کان هو تمام پري هو، پر رمشا سان هر ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳو هو. هاڻي ڇا ڪريان.....؟ رمشا جي صورت ۾ سندس دوست بنجي سندس ڏکن سکن کي شيئر ڪريان يا رمشا جي وجود کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيان.....؟“
هڪ ڀيري هن (رمشا) ڪاشان کان پڇيو:
”توهان ڪنهن سان محبت ڪئي آهي؟“
ڪاشان چيو: ”لڳي ٿو ته نه. ڇو ته شايد جنهن کي مون محبت سمجهيو اهو دوکو هو. فقط دوستي هئي.“
اهو ٻڌي ثوبيه وڌيڪ سڙي وئي. هن ته سندس نالو هن جي واتان ٻڌڻ ٿي چاهيو. تڏهن هن لکي موڪليو:
”مون کي توهان جي جملي مان ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڪنهن توهان جي دل کي رنجايو آهي. ڏسو مون توهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي هاڻي توهان کي به پنهنجي باري ۾ مون کي سڀڪجهه ٻڌائڻو پوندو.“
.... ۽ پوءِ.... انهن ان رات رابطو رکڻ جو پروگرام ٺاهيو. ثوبيه کي اڻ تڻ هئي ته هاڻي ڏسجي ته هو هڪ اڻ ڏٺي ڇوڪريءَ سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي يا وري سچ.
*
ان رات...... ڪاشان رمشا کي پنهنجي متعلق ٻڌائڻ شروع ڪيو. پڙهائيءَ جو احوال، شادي ٿيڻ جو احوال ۽ شادي کان پوءِ سندن وچ ۾ ذهني هم آهنگي نه هجڻ جو احوال.... هن سڀ ڪجهه سچ پئي ڳالهايو. ثوبيه کي ڪاوڙ لڳي ته هڪ اجنبي ڇوڪريءَ اڳيان هو پنهنجي دل کولي رکندو ۽ سندس بابت سڀڪجهه ٻڌائيندو؟! هن ته ائين سوچيو به نه هو. هو چئي رهيو هو:
”شادي کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته مون ثوبيه کي غلط سمجهيو هو. مون کي سندس بابت جيڪي اميدون هيون هوءَ اهڙي نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته توهان سوچينديون هجو ته آئون توهان کي تصوير جو فقط هڪ رخ ڏيکاري رهيو هجان. يقيناً مون ۾ به گهٽتايون هونديون. شايد آئون به سندس اميدن تي پورو نه لٿو هئس، پر مون جڏهن به هن آڏو پنهنجي دل کولي رکڻ چاهي ته هن مون کي ڪجهه چوڻ ۽ کائنس ڪجهه ٻڌڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. هوءَ هر وقت جهيڙي جي موڊ ۾ هوندي هئي. گهر جي معاملن ۾ دلچسپي نه وٺندي هئي.......“
هو ڳالهائي رهيو هو، پنهنجي ڏکن کي هن سان شيئر ڪري رهيو هو تڏهن ثوبيه سوچيو:
”اڄ رمشا جي حيثيت سان آئون سندس هر ڳالهه صبر ۽ غور سان ٻڌي ۽ سمجهي رهي آهيان...... ڪاش...... ثوبيه جي حيثيت سان ايئن ڪريان ها.“ ڪاشان چوندو رهيو:
”آئون پنهنجي ڪٽنب کان گهڻو پري رهي نٿو سگهان اهو ڄاڻندي به هن مون سان ڪراچي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ نفسيات جي شعبي سان لاڳاپيل هئڻ جي باوجود اهو نه سمجهي سگهي ته آئون ڪراچي وڃڻ کان اڳ ئي ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي رهيو هئس. ”.... پوءِ.... ڪراچيءَ ۾ سڄو ڏينهن هڻ هڻان کان پوءِ جڏهن گهر ايندو هئس ته گهر جي اڪيلائي مون کي ويتر اڪيلو بنائي ڇڏيندي هئي. اها حقيقت آهي ته مون کي اتي اهڙيون ڇوڪريون به مليون جيڪي مون سان دوستي ڪرڻ ۽ تنهائيءَ جو ساٿي ٿيڻ تي به راضي هيون، پر مون سندن آڇ قبول نه ڪئي..... آئون نٿو چوان ته آئون وڏو پارسا آهيان ۽ مون ڪڏهن ڇوڪرين سان دوستي نه رکي هوندي، پر شاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ مون ڪڏهن به حد کان وڌيڪ ويجهو ٿيڻ نه چاهيو. آئون ثوبيه آڏو هڪ مهيني جي موڪل دوران رهيس پر هوءَ پنهنجي پڙهائي، سماجي مصروفيتن ۽ ٻين مصروفيتن سبب ايتري مصروف رهي جو هن ڪڏهن مون کان منهنجو احوال نه پڇيو. ... کيس خبر هئي ته آئون اهڙو ته نه هئس جهڙو هاڻ ٿي ويو هئس.... مايوس... نا اميد.“
........ ڪاشان ايترو چيو ته ثوبيه جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. هو چوندو رهيو.
”.... ۽ ..... پوءِ اتي ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن منهنجي هڪ شفيق ۽ مهربان آفيسر جي فيملي منهنجو خيال نه رکي ها ته آئون جيترو هاڻي ٽٽل آهيان ان کان به وڌيڪ ٽٽي پوان ها. هو مون کي هڪ سٺي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا جنهن ٻڌايو ته آئون شديد ڊپريشن جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي چڪو هئس ته علاج سان گڏوگڏ جيڪڏهن منهنجو آفيسر ۽ سندس گهر واري منهنجو اولاد وانگر خيال نه رکن ها ۽ مون کي پنهنجي گهر گهرائي منهنجو ڏک نه ونڊين ها.... ته..... شايد.....“
ڪاشان جو آواز لڙڪن هاڻو ٿي ويو..... ۽ ثوبيه جا لڙڪ ته ڄڻ لارون ڪري وهڻ لڳا. هن ڪيترو ئي روڪيو، پر لڙڪن کي نه روڪي سگهي. سندس سڏڪن جي آواز تي ڪاشان چيو:
”توهان روئو پيا. پليز ائين نه ڪريو. آئون توهان کي ڏکوئڻ نٿو چاهيان...... توهان اڳ ۾ ئي ڏکويل آهيو.“
ان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ثوبيه جي شخصيت ئي بدلجي وئي. دل چاهيس جيڪر پر هجنس ته اڏامي وڃي ڪاشان وٽ پهچي ۽ هن کي سميٽي ڇڏي. هر ڪوتاهيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو ازالو ڪري. رمشا جي حيثيت سان ته هوءَ اهو سڀ ڪجهه چئي نٿي سگهي، ان ڪري ٻئي ڏينهن آچر تي صبح جي نائين لڳي هن ڪاشان جي ڪراچي جي نمبر تي گهران فون ڪئي. ڪاشان شايد رنگ جي آواز تي ننڊ مان اٿيو هو. سندس آواز ننڊ جي خمار سبب ڳورو هو. ثوبيه چيو:
”ڪاشان! تون ڪيئن آهين؟ ٺيڪ ته آهين نه؟“
”مون کي لڳي ٿو ته مون توکي ننڊ مان اٿاريو آهي.“
”خير آهي.“ هن چيو.
”چڱو تون پهرين فريش ٿي وٺ. مون کي توسان ضروري ڳالهائڻو آهي.“
”ڇو....!؟“ هن طنز سان چيو ”اڄ صبح سان ئي جهيڙي جو موڊ آهي ڇا....؟ جيڪو به چوڻو اٿئي اهو چئي وٺ...! آئون ٺيڪ آهيان؟“
”ڪاشان!“ ثوبيه جذباتي ٿيندي چيو: ”تون ڇو ٿو پاڻ کي اڪيلو سمجهين. آئون آهيان نه. آئون توکي ٽٽڻ نه ڏيندس.... وکرڻ نه ڏيندس.“
”پر.... توکي اوچتو اهو خيال ڪيئن آيو... ۽ ...“
هن انتهائي ڏک مان چيو ”تون خود ئي ته مون کي ٽوڙي چڪين آهين ۽ هاڻي آئون ايترو ته وکري ويو آهيان جو ڪير به مون کي سميٽي نٿو سگهي.“
”ائين نه چئو پاڻ گڏجي پنهنجي گهر کي پر سڪون ۽ خوبصورت بنائينداسين. آئون هاڻي توکي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندس. مون کي هڪ موقعو ته ڏي.“ ثوبيه چيو.
ڪاشان: ”ڪهڙو گهر؟ شايد آئون ئي غلط هئس جو مون سمجهيو ته مون گهر ٺاهيو هو... خدا جي واسطي هاڻي مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي... مون کي ڪجهه به نٿو گهرجي...“
ثوبيه ”چڱو ڀلا! اهو ٻڌائي ته گهر ڪڏهن ايندين. مون وٽ تو لاءِ ڪجهه اهم خبرون آهن.“
ڪاشان: ”ڪهڙيون خبرون؟“
”اهي توکي تڏهن ٻڌائيندس جڏهن پاڻ پنهنجي گهر ۾ آمهون سامهون ويٺل هونداسين. آئون تنهنجو شدت سان انتظار ڪندس.“
ثوبيه جي حيثيت سان ته هن اهو سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو ۽ جڏهن رمشا جي حيثيت سان ساڻس موبائل تان رابطو ڪيائين ته ڪاشان چيس:
”رمشا! توهان ٻڌايو هو ته توهان حيدرآباد ۾ رهو ٿا. آئون هڪ ٻن ڏينهن ۾ حيدرآباد اچان پيو. آئون پنهنجي سٺي فرينڊ سان ملڻ چاهيان ٿو. توهان مون کي پنهنجي ايڊريس ڏيو.“
هاڻي ثوبيه منجهي پئي ۽ پوءِ لکي موڪليائين:
”جڏهن توهان حيدرآباد پهچندا ته پوءِ توهان کي ايڊريس ڏيندس.“
*
هن ڀيري جڏهن ڪاشان گهر آيو ته ثوبيه جي شخصيت ئي بدليل لڳس. خوشي سندس چهري مان ظاهر هئي. هن پنهنجي هٿن سان سندس پسند جون ڊشون ٺاهيون. اڄ هوءَ تمام خوبصورت لڳي رهي هئي. هن تمام سهڻي ڊريسنگ پاتي هئي ۽ هلڪو ميڪ اپ پڻ.
”ڇو اڄ وري ڪنهن پروگرام ۾ وڃڻو اٿئي؟“ هن پڇيو.
”نه... ڇو...؟“
ڪاشان سندس سموري وجود جو جائزو وٺي لاپرواهيءَ سان چيو:
”نه... بس... ايئن لڳو ته... خير.“
اڄ سڀني گڏجي رات جي ماني کاڌي ۽ پوءِ جڏهن سڀ پنهنجن ڪمرن ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته ڪاشان پڇيس:
”توکي شايد ڪجهه اهم خبرون ٻڌائڻيون هيون.“
ثوبيه: ”ها! پهرين ته اهو ٻڌايو ته توهان هڪ اجنبي ڇوڪريءَ سان دل جو حال اوريندا رهيا ۽ مون کان ڇو پري ڀڄندا رهيا؟“
ڪاشان: ”ڇا مطلب؟... ڪهڙي اجنبي ڇوڪري؟“
ثوبيه: ”ڪاشان! تون ڄاڻين ٿو ته آئون ڪنهن جي ڳالهه پئي ڪريان. منهنجو اشارو رمشا ڏانهن آهي.“
ثوبيه ته سمجهيو هو ته رمشا جو نالو ٻڌي هو ڇرڪي پوندو، ڪنفيوز ٿي ويندو. پر... هن... هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو... ۽ پوءِ چيائين:
”ها، رمشا!... مون ان ڪري هن سان دل جو حال اوريو جو هوءَ مون کي سمجهي ٿي. مون کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي ۽ مون کان دل جو حال پڇي ٿي. هوءَ مون سان ملي نٿي، پر فقط منهنجي لهجي جي اسٽائل مان ئي سمجهي ٿي وڃي ته آئون ڪهڙي موڊ ۾ آهيان، ڪهڙيون ڳالهيون مون کي خوشي ٿيون ڏين ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڏک. هوءَ منهنجي سچي فرينڊ آهي. مون ان لاءِ به هن سان دل جو حال اوريو ته هوءَ انتهائي سادي يا بيوقوف آهي، پر اجنبي بهرحال نه آهي؟“
ثوبيه: ”ڇا مطلب؟.... تون....؟؟!!“
ڪاشان: ”ها! پهرين ڏينهن آئون يقيناً ٻڏتر ۾ هئس ته رمشا واقعي حقيقت آهي يا ڌوڪو پر جلد ئي خبر پئجي وئي ته هوءَ ڪير آهي.“
ثوبيه: ”ڪير آهي هوءَ ۽ ڪيئن خبر پئي توکي.“
ڪاشان: ”ياد اٿئي جڏهن هن مون سان ڳالهايو پئي ۽ دروازي تي زور دار ٺڪاءَ ٿيا هئا؟“
ثوبيه: بي اختيار ”ها“ چيو. ڪاشان وري کلندي چيو:
”هن بيوقوف پنهنجي پر ۾ ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هئي، پر حقيقت ۾ لائن disconnect نه ٿي هئي ۽ مون سندس ۽ پنهنجي بيحد پياري ننڍڙي ذونش جو آواز ٻڌو پئي....“
”اوهه! ته اها ڳالهه آهي.“
”ان کان علاوه....“ هن وڌيڪ مزو وٺندي چيو:
”منهنجي ڳالهين دوران هڪ ڀيرو هن ويچاريءَ ”گونگيءَ“ بي اختيار ”هون“ چيو هو. ڇا آئون تنهنجي ”هون“ به نه سڃاڻندس؟!....“
”اوهه!“ ثوبيه کلندي چيو ”يعني ته منهنجو منصوبو ناڪام ويو. ابتو آئون ئي بيوقوف بڻجي ويس.“
”جيڪي ماڻهو ٻين کي بيوقوف بنائيندا آهن اهي درحقيقت پاڻ کي بيوقوف بنائيندا آهن.... پر.... نه.... آئون ان منصوبي کي ناڪام نه سمجهندس. ڇو ته رمشا جي حيثيت سان تو مون کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو موقعو ڏنو.... جيئن ته هوءَ ويچاري گونگي هئي انڪري خاموشيءَ سان منهنجي ڳالهه ٻڌندي رهي نه ته ثوبيه ته ڳالهائڻ ڄاڻندي آهي ٻڌڻ نه....! چڱو هاڻي ٻي خبر ٻڌاءِ. اها ته پراڻي نڪتي.“
”ٻي خبر هيءَ آهي.“ ثوبيه هن ڏانهن هڪ پيپر وڌائيندي چيو ته ڪاشان اهو پڙهي ڪجهه حيران ٿيو ۽ چيائين:
”تون Long Leave لاءِ اپلاءِ پئي ڪرين. ڇو؟ ۽ هو تنهنجو Ph.D. جو پروگرام.... تنهنجي جاب، تنهنجو ٽئلنٽ....“
ثوبيه چيو: ”تو کان وڌيڪ ڪجهه به ته نه آهي. اها ڳالهه مون هاڻي سمجهي. آئون توکي هاڻي اڪيلو نه ڇڏينديس. مون توکي ڏاڍي تڪليف ڏني آهي. پاڻ ئي ڀوري ڀور ڪري ڇڏيو آهي اڳي وري نه چئجان ته تون اڪيلو آهين. اسين سڀ ڪراچي هلي رهنداسين.“
”نه.... هاڻ: ان جي ضرورت ڪونهي.“
ثوبيه: ”لڳي ٿو ته اڃا ناراض آهين.“
ڪاشان: ”نه.... پر.... مون وٽ به هڪ اهم خبر آهي.“ هن به پنهنجي فائيل مان هڪ پنو ڪڍي ثوبيه کي ڏنو. هن پڙهيو ۽ پوءِ حيرت ۽ خوشي مان چيائين:
”تنهنجي بدلي حيدرآباد ٿي وئي آهي.“
ڪاشان: ”اها به منهنجي شفيق ۽ مهربان آفيسر جي مهرباني آهي، جنهن خود ڪوشش ڪري اهو ڪم ڪرايو.“
”آءِ ايم ساري ڪاشان! ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪي ماڻهو گڏ رهندا آهن هڪٻئي کي سمجهي نه سگهندا آهن ته ڪڏهن اهي ماڻهو جيڪي غير هوندا آهن. جلد هڪٻئي کي سمجهي اجنبيت جون ديوارون ڊاهي ڇڏيندا آهن. آئون تنهنجون پريشانيون سمجهي نه سگهيس، پر هڪ غير شخص تنهنجا مسئلا سمجهيا ۽ تنهنجي خوشيءَ جو احساس ڪيو.“ اهو چوندي ثوبيه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
”غلطيءَ جو احساس ٿي وڃي ته اهو اڳتي اهڙيون غلطيون نه ڪرڻ ڏيندو آهي. مون کي تنهنجي خوشي عزيز آهي. تون جاب ڪرڻ چاهين يا پڙهڻ، آئون توکي نه روڪيندس. بس هڪڙي گذارش آهي ثوبيه جي حيثيت سان منهنجي ڳالهه نه سمجهين سگهين ته پوءِ رمشا ٿي وڃجانءِ.“
”ڇا مطلب؟.... توکي ثوبيه کپي يا رمشا؟“
.... ۽ تو اهو ڇو چيو ته تو محبت ناهي ڪئي ۽ ڪنهن توسان محبت ناهي ڪئي؟.... ۽ .... هاڻي توکي فيصلو ڪرڻو آ ته ثوبيه کپي يا رمشا؟“
”ڏس“ .... هن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”شروع ڪري ڇڏيئي نه جهيڙو. مون کي ٻيئي کپن.“
ثوبيه چڙندي چيو: ”آخر ٻئي ڇو؟.... هاڻي.... رمشا جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“
”دراصل....“ ڪاشان کلندي چيو: ”رمشا ۾ هڪ اهڙي خاص خوبي آهي جيڪا هر شادي شده مرد جي دل وٽان آهي.“
”ڪهڙي خوبي آهي اها....؟!“ ثوبيه حيران ٿي پڇيو ته ڪاشان مزو وٺندي چيو:
”خوبي اها آهي ته هوءَ ”گونگي“ آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي ثوبيه کي به کل اچي وئي ۽ ٻنهي کي کلندي ڏسي ڄڻ سندن ننڍڙي گهر جو ذرو ذرو به ساڻن گڏ شامل ٿي ويو. گهر جو ماحول ئي بدلجي ويو.
شبانه سنڌي
وشواس گهات
حويليءَ جو وڏو ڪاٺ جو در ٽپي ٿلهي تي چڙهيس ته ٻهاري ڏيندڙ نوڪرياڻيءَ پري کان ئي رڙ ڪندي چيو، ”ابا، هيڏي ڪاڏي پيو اچين. ٻاهر ٿي بيهه ته مان اچان ٿي.“
مان جتي بيٺو هيس اتي ئي بيهي رهيس ۽ چيومانس، ”ماسي، مون کي جيجيءَ پاڻ گهرايو آهي.“ اهو ٻڌي هوءَ ٻهارو ڇڏي مون وٽ آئي هئي. مائيءَ جي ڏسڻ جو انداز اهڙو هو جو مان سمجهي ويس ته کيس منهنجو حويليءَ اندر اچڻ سٺو نه لڳو هو. دل ۾ آيم چوانس ته، ”ماسي، اندر اچڻ کان ته مان به لنوايان ٿو. ڇو جو مان هاڻي وڏو ٿي ويو آهيان. ننڍو هوندو هيس ته سڄو ڏينهن پيو کيڏندو هيس پر تڏهن ٻي ڳالهه هئي ۽ هينئر ته مون کي به ڦڪائي ٿي ٿئي. پر جيجيءَ کي ڪير سمجهائي، مهيني ڏيڍ کان مٿي عرصو ٿو ٿئي ته جيجي ڏوراپا ڏياري ٿي موڪلي، چوارئي ٿي اماڻي ته وساري ڇڏيو اٿئي، اڳي سڄو ڏينهن پيو هتي رانديون ڪندو هئين ۽ هاڻي شهر پڙهڻ ٿو وڃين ته پاڻ کي سمجهڻ لڳو آهين. ٻه مهينا اڳ ۾ جي ڳالهه آهي، چيومانس،
”جيجي، مان هاڻي وڏو ٿي ويو آهيان، مان اندر ڪونه ايندس ٻاهر بيهندس ۽ اوهان کي ڪو ڪم ڪار هجي ته ٻڌائجو. اهو ٻڌندي ئي جيجي ڪاوڙجي پئي.“ چيائين،
”شابس، هجيئي ابا،تنهنجي وڏن مان به ڪنهن اهڙي ڳالهه نه ڪئي. تنهنجو ڏاڏو، چاچا ۽ ماما سڀ هن حويليءَ ۾ کيڏندي وڏا ٿيا. توهان ته پيڙهين کان اسان جا خاص ماڻهو آهيو. تنهنجي ڏاڏي ۽ منهنجي سهري جي ٿڃ گڏيل آهي، تنهنجي پيءُ منهنجي سائين سان گڏ ٿڃ پيتي آهي. اصل کان وٺي ئي توهان جو هن حويليءَ اندر اچڻ وڃڻ رهيو آهي ۽ هاڻي تون ٿو چوين ته مان نه ايندس.“
جيجيءَ جي ائين چوڻ تي مان ڏاڍو ڦڪو ٿيو هيس.
”ابا، ڀلا اندر به هلندي يا اتي ئي بيٺو هوندي.“ مائيءَ جي آواز تي مان ڇرڪي پيس ۽ پوءِ هوءَ مون کي جيجيءَ جي ڪمري ۾ وٺي آئي.
جيجي، پينگهي ۾ پئي لُڏي. مون تي جو نظر پيس ته اتان ئي چيائين،
”ابا مجيد، خوش آهين؟“ مان وڌي جيجيءَ کي پيرين پيس ۽ چيم،
”ها جيجي، دعائون آهن اوهان جون.“ ائين چئي مان هيٺ فرش تي رکيل صندليءَ تي ويهي رهيس.
”ابا، ماءُ ڀينر سڀ خوش اٿئي؟“ جيجيءَ گهر وارن جو پڇيو.
چيم، ”ها جيجي، اوهان جي دعائن سان سڀ ٺيڪ آهي.“
”صفا لهي ويو آهين، ابا. ماني گهٽ ٿو کائين ڇا؟“
”نه جيجي، ماني ته ڍؤ ڪري کائيندو آهيان.“ مون مرڪي جواب ڏنو.
”تنهنجي سڪ لڳي هيم ابا. تڏهن تو ڏانهن نياپو ڪيم. تون پاڻهي اچڻ کان ته وئين. ٿورو وڏو ڇا ٿيو آهين اسان کان به پردو ڪرڻ سکيو آهين. مون کي ياد آهي هڪڙي ڀيري تنهنجي پيءُ به ائين ڪيو هو. اندر اچڻ بدران در تي بيهي در جو ڪڙو کڙڪايو هئائين ۽ امان وڏيءَ کي جڏهن اها خبر پئي هئي ته هن پاڻ وڃي پڻهين کي ڇنڊ پٽ هئي. چيو هئائينس،
”توکان ڪير لڪي ٿو ڇا؟“
توهان وڏن کان اسان جا نمڪ حلال ۽ وفادار ماڻهو آهيو. اسان کي توهان تي ڀروسو آهي، پڪو وشواس آهي. توهان هميشه اسان جي عزت جو خيال رکيو آهي. وري جي ائين ڪيو اٿئي ته پوءِ پاڻ ٿو ڀانئين. ان ڏينهن کان پوءِ پڻهين وري ڀلجي به اهڙي حرڪت نه ڪئي هئي.
جيجيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي مون مرڪندي چيو.
”نه جيجي، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. واندو ئي ڪونه ٿو ٿيان شهر مان پڙهي اچان ته وري بابا جو دڪان سنڀاليان. ادا ته ڪو ڪم ئي ڪونه ٿو ڪري بابا جو خيال به نٿو پويس. گهڻو ئي امان به سمجهائيندي اٿس پر ادا تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر نٿو ٿئي پوءِ ڇا ڪريون.“
مان نه چاهيندي به جيجيءَ سان ادا، جي شڪايت ڪري ويٺس.
”ها، ابا، ٻه ٽي ڏهاڙا اڳ پڻهين به آيو هو دانهن ڏيڻ. ڪالهه ڀاڻهين آيو هو مون به گهڻو ئي سمجهايومانس. چئي پيو،
”مان ته گهڻو خيال رکندو آهيان بابا جو، ڪم به مان ئي ته گهڻو ڪندو آهيان. بابا کي هونئن ئي مون کان شڪايت آهي امجد بابا کي مونکان وڌيڪ ٿو وڻي نه. تڏهن ئي بابا هن جي نيڪيءَ ۽ منهنجي گلا ڪندو ٿو وتي هر ڪنهن سان. گاهه به مان ڪري اچان، مال جي به مان ڪريان پوءِ به ڪو ڪم نٿو ڪريان.“
”ها جيجي، ڪم ته ڪري ٿو پر خراب سنگت کي نٿو ڇڏي. بابا جهليس ٿو ته انهن سان نه گهم اهي توکي به پاڻ جهڙو ڪري ڇڏيندا. پر هو ٿو چوي ته مان گهمندس انهن سان ڀلي ڇا به ٿي پوي.“
منهنجي ائين چوڻ تي جيجيءَ چيو.
”ابا امجد، آهيو ته توهان ٻئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر پر ٻنهي جي طبيعتن ۾ وڏو فرق آهي. تون ننڍو آهين پر ڳالهه کي سمجهڻ وارو ۽ نرم طبيعت جو مالڪ آهين ۽ هو آهي تيز طبيعت جو. جهٽ ۾ ڪاوڙجي پوڻ وارو. سو ابا، مون به گهڻو نه چيومانس. ڪيئن به آ پر اچي ته روز ٿو نه. ويچارو روز اچي پڇي ته ڪو ڪم ته ڪونهي جيجي؟ پوءِ جي ڪو ڪم هوندو ته چوندي آهيانس نه ته ويٺو هوندو پيو مذاق ڪندو ۽ ڇوڪرين کي کلائيندو.
نوڪرياڻي چانهه کڻي آئي ته چانهه پي مان به اٿيس.
”ويهه ته سهي ابا، ڀيڻ سان ته مليو وڃ.“ جيجيءَ مون کي چئي وري مائيءَ کان پڇا ڪئي:
”ائي زليخان، عائشه ڪٿي آهي؟“ سڏ ته ڪرينس.
”جيجي، سانئڻ ته پنهنجي ڪمري ۾ جيجي سورٺ سان ڪچهري ويٺي ڪري.“
مائيءَ جي ائين چوڻ تي جيجيءَ مون ڏي نهاري چيو،
”شهر مان ماسات آئي اٿس نه، سو ان سان ويٺي آهي.“ ۽ پوءِ مائي کي چيائين،
”ائي، سڏ ڪرينس ته اچي ڀاءُ سان ملي. ٻڌائينس ته ڀاڻهين امجد آيو آهي.“
مون هڪدم چيو،
”مان وڃان پيو جيجي تڪڙو آهيان. وري جلدي ايندس ته پوءِ جيجي عائشه سان به ملندس. ائين چئي، جيجيءَ کي پيرين پئي مان جلدي ٻاهر نڪري آيس.
واٽ تي مون کي سعيد ملي ويو ۽ مون کي حويليءَ واري رستي کان ايندو ڏسي سمجهي ويو ته مان حويليءَ مان ٿيو پيو اچان سو مون کي پيرين پوندي چيائين،
”سائين بسم الله، اسان غريبن جي پارت هجيو، سرڪار دعا پيا ڪجو.“ ائين چوندي هو ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
مون کي ڪاوڙ اچي وئي، چيومانس،
”بڪ نه ڪر سڌي طرح ڳالهاءِ.“
هو پوءِ به نه مڙيو ۽ چيائين،
”ڀلا، سائين جن ڪاڏي تيار آهن؟“
اهو ٻڌي مون به ڪاوڙ ۾ چيومانس،
”شيطان مون کي تنهنجي دانهن ڏني آهي ته سعيد اهي ڪم پيو ڪري جيڪي مون کي ڪرڻا آهن. جهلينس نه ته سٺو نه ٿيندس. سو مان توکي ئي سمجهائڻ پئي آيس پر چڱو ٿيو جو تون هتي ئي ملي وئين.“
منهنجي ان ڳالهه تي هو ماٺ ٿي ويو ۽ پاسو ڏئي هلي ويو. سعيد کان جان ڇڏائي اڳتي وڌيس ته رحمان ملي ويو. هٿ ملائيندي پڇيائين،
”ڪٿان، پيو اچين؟“
چيم، ”جيجيءَ سڏرايو هو اوڏانهن ويو هيس.“
اهو ٻڌي هن مرڪي چيو،
”يار، توهان جا وڏا توهان تي وڏو ٿورو ڪري ويا آهن. توهان جي وڏن جي سڄي عمر جي خدمت ۽ نمڪ حلاليءَ جي ڪري ئي سيدن جو توهان ۾ وشواس آهي. تڏهن ئي ته توهان کي حويليءَ اندر وڃڻ جي اجازت آهي. اسان پارا ته سڪن پيا پر توهان جا عيش آهن.“
رحمان جي ان ڳالهه تي مون کي ڪاوڙ اچي وئي. وڙهي پوانس ها جي رستي تي بيٺل ٻين ماڻهن جو خيال نه اچينم ها.
گهر آيس ته ادا ويٺو هو. مون کي ايندو ڏسي کٽ تان اٿي بيٺو، پڇيائين،
”ڪاڏي ويو هئين؟“
چيم، ”جيجيءَ سڏايو هو حويليءَ ويو هيس.“
چيائين، ”ڪم ڪهڙو هيئي؟“
ته مان چئي ويٺس، ”تون جو روز ويندو آهين. روز ڪم هوندو اٿئي ڇا؟“
منهجي ائين چوڻ تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين:
”ها، مان ته ڪم سان ئي ويندو آهيان، پر تون پڪ اڄ منهنجي دانهن کڻي ويو هوندين.“ ادا ائين چيو ته مون کان کل نڪري ويئي.
۽ هو ڪاوڙجي ٻاهر نڪري ويو. پنج ڏهه منٽ مس گذريا ته وري اندر آيو. مون ڏانهن نهاريندي بيحد رکائيءَ مان پڇيائين:
”گاجي شاهه جي ميل تي ويندين ڇا؟“
چيم، ”اڳ ۾ ڪڏهن ويو آهيان جو هاڻي ويندس.“
چيائين، ”الا“، تو وارا دوست سنبريا آهن. چيائون پئي ته توکي به وٺي ويندا.“
چيم، ”نه مان ڪونه ويندس.“ ائين چئي مان ڪوٺيءَ اندر هليو آيس.
ٿوري دير کان پوءِ ٻاهر نڪتس ته ادا، امان کان پئسا گهُري رهيو هو.
مون تي جو نظر پيس ته چيائين.
”امان کان پئسا ٿو گهران تنهنجي گلا ڪونه ٿو ڪريان.“
مون کي کل اچي ويئي، چيم، ”ادا، هي توکي ڇا ٿي ويو آهي. تون ايترو بدگمان ڇو ٿي ويو آهين.“
هو چڙي پيو. چيائين، ”بدگمان مان ٿيو هان يا توهان، دانهون تون ۽ بابا پيا ڏيندا وتو. مون ته ڪنهن کي به اوهان جي ڪا دانهن نه ڏني آهي.“
شگفته جبين
ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد زندگي
ازل کان وٺي وقت جي ساز تي زندگي جو رقص جاري و ساري آ... ليڪن لمحن ۽ ساعتن جي جوڙ جڪ ۾ ورهايل منهنجو وجود اڄ به ڪلراٺيل ۽ ڪچين ديوارن جي بند دروازي پويان عذابن جو اهڃاڻ بڻيل آهي... چو طرف بظاهر ته سانتيڪو ماحول، ليڪن هر ڏسا ۾ بي وسي ۽ بيسڪي جو واسو....
ڪچي آڳنڌ ۾ مهڪيل موتئي جي سڳنڌ ڄڻ ته سڄي ڪائنات کي مهڪائي ڇڏيو هو. ۽ گڏوگڏ اتر جي پاڳل ۽ ڇڙواڳ هوائن وحشتن جو راڳ پي الاپيو.... ته درد جا ساڳيا مرحلا ۽ ساڳيون مندون آهن...
زندگي جا ويهه سال گهٽ ته ناهن هوندا جيڪي مون تنهنجي غلامي جي نٽهڻ اس ۾ گهاريا. حياتيءَ جو هڪ طويل ”... ٿڪائيندڙ سفر مون تنهنجي همسفري ۾ گهاريو. سچ پڇين ته جيڪڏهن من کي پرکڻ جا پيمانا هجن ها ته سڀ کان پهرئين مان تنهنجي من ۾ لڪيل دولاب کي پرکين ها. جنهن مون کان سڀ ڪجهه کسي ورتو. منهنجي محبت سان گڏوگڏ جيئڻ جو حق به ڦري ورتو آهي... پل پل جو جيئڻ پل پل جو مرڻ... اها به ڪا زندگي آهي.
هن جي لاءِ نفرت جو هڪگهرو احساس من ۾ اڀري ٿو اچيس... هو ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ٿي وڃي ۽ خيالن جا واچوڙا هن کي وڪوڙي ٿا وڃن...
طارق منهنجي سڳي ماسيءَ جو پٽ هو. اسان ٻنهي جي گهرن جون ڀتيون ته پاڻ ۾ گڏيل هيون ليڪن اسان جي وڏن جي دلين ۾ نفرتون وڌي پهاڙ بڻجي چڪيون هيون...
اجاين ۽ خسيس ڳالهين تان دلين ۾ فاصلا وڌندا ٿي ويا. بس ڪو معجزو ئي هنن جي نفرتن کي قربتن ۾ بدلائي ٿي سگهيو. في الحال ته ڪنهن معجزي جو پري پري تائين آثار نظر نٿي آيو...
مان ۽ طارق پنهنجي انجام کان بي خبر....
محبت جي سر مستي ۾ گم هئاسين....
اسان ٻنهي جي گهراڻن جي دشمني سان گڏوگڏ اسان جي معصوم محبت به پروان چڙهندي رهي. ليڪن هر لمحي هر پل هڪ نامعلوم خوف اسان جو پيڇو ڪندو رهندو هو...
طارق جو وڏو ڀاءُ جيڪو عمر ۾ طارق کان ڪافي وڏو هو، هو هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ رهندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪو وڏو فساد ٿئي ۽ اهو فساد ڪا سنگين صورت اختيار ڪري...
هزار ڪوشش باوجود نڄاڻ ڪهڙيءَ طرح... طارق جي وڏي ڀاءُ کي اسان ٻنهي جي ڀڻڪ پئجي وئي هئي...
۽ مان خوف وچان... حراسجي وئي هيس. ته هاڻي نڄاڻ ڪهڙو ممڻ مچندو، نڄاڻ ڪهڙي قيامت ايندي... هر پل هر لمحي منهنجي اکين ۾ خوف جا آثار نظر ٿي آيا...
انهن وهمن انديشن ۽ وسوسن ۾ کوڙ سارا ڏينهن گذري ويا. هر طرف خاموشي ۽ گهرو سڪون ڏسي پڪ ڄاتم ته هر طرف خير لڳو پيو آهي... ۽ مان هرو ڀرو اجاين وهمن جو شڪار ٿي پئي آهيان. اهو سوچي مان پنهنجي سادگي ۾ ذهن تان هر بوجهه لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو... ۽ هڪ دفعو ٻيهر هر ڳالهه کان بيخبر ٿي زندگيءَ جي رنگينين ۾ گم ٿي ويس...
انهيءَ دوران طارق نڄاڻ ڪهڙي طرح پنهنجي گهر وارن کي آزيون نيزاريون منٿون ميڙون ڪري منهنجي سڱ جي گهر ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو هو... اها خوشخبري هو مون کي ٻڌائڻ لاءِ تمام گهڻو بي چين هو... هو جلد از جلد مون تائين اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ اتاوَلو پي ٿيو ۽ مان به هن جي انهي معصوم خواهش کي رد ڪري نه سگهيس، تڏهن ته رات جي پوئين پهر ان سان ملڻ جو واعدو ڪيو هيم... ساڳي ڏينهن نماشام ڌاري ئي سموريون گهٽيون ۽ رستا سياري جي سرد هوائن سبب ويران ٿي نظر آيا... چؤطرف ويراني ۽ خاموشي جو راڄ هو...
نه ڪنهن انسان جي آواز نه وري ڪنهن قدمن جي آهٽ بس هڪ گهري چپ هئي...
جيئن جيئن رات گذرندي ٿي وئي، تيئن تيئن سردي ۾ اضافو وڌندو ٿي ويو...
هر شيءَ ڄڻ ته ڪنهن اڻ ڄاتل خوف جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هئي...
سمورا گهر ڀاتي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ اگهور ننڊ ۾ ستل هئا... پر منهنجي اکين ۾ ننڊ ڪوهين ڏور هئي...
ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي محبت جي تڪميل لاءِ هر اهو قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پوندا آهيون. جيڪو پاڻ سان گڏوگڏ پنهنجي خاندان جي به بدنامي جو باعث بڻجي پوندو آهي. ليڪن ان مهل اهو سڀ ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ڪٿي رهندي آهي!
شايد ان پل مان... به انهن مان هيس. جيڪي محبت جي تڪميل خاطر سوچڻ سمجهڻ جون سموريون صلاحيتون وڃائي ويهندا آهن... تڏهن ته سجاڳ اکين ۾ سندر سپنن کي سجائي انتظار جي اذيت سهي رهي هيس...
تقريباً آڌي رات گذري چڪي هئي... ته اچانڪ هڪ هلڪو کڙڪو محسوس ٿيو... مان... خوشي ۽ خوف جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ اٿي ويهي رهيس...
گهر جي پوئين ڪچي حصي ۾ رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي اگهاڙي پيرين رواني ٿي ويس...ڇاڪاڻ ته گهر جو اهو حصو عموماً ويران رهندو هو... جتي رات ته ڇا پر ڏينهن جو به اڪثر گهر جا ماڻهو وڃڻ کان لهرائيندا هئا...
هر لمحي هر ساعت ائين ٿي لڳو ڄڻ ته... زندگي ۽ موت جي وٿي ۾ صرف ڪجهه وکن جو مفاصلو آهي...
منهنجو سمورو جسم سخت سردي هجڻ جي باوجود به پگهر ۾ شم ٿي ويو هو...
ڪچي حصي جي ٻاهرين ڀت وٽ هڪ پاڇولو ڏسي پڪ ڄاتم ته... طارق آهي. طارق... مون سرگوشي واري انداز ۾ هن کي سڏ ڪيو... بي آواز قدمن سان هلندي اڃان هن تائين پهتي به ڪو نه هيس جو اوچتو نڄاڻ ڪهڙي پاسي کان فضا ۾ فائر جو آواز اڀريو...
فائر جي آواز سان موت کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪندي جسم جو سمورو رت ڄڻ ته برف جيان ڄمي ويو هو... حيرت ۽ دهشت وچان منهنجا قدم اتي ئي زمين ۾ لهندا ٿي ويا... نڄاڻ ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح حوصلا درست ٿيا... جڏهن هوش ۾ آيس ته سڀ ڪجهه لٽجي چڪو هو... منهنجي اڳيان طارق جو رت ۾ ٻڏل بي جان جسم پيو هو... ۽ مان ان کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهيس هيس... پل کن ۾ هي ڇا ٿي ويو. فائر جي آواز تي گهر وارن سميت آس پاس جا ماڻهو به سجاڳ ٿي پيا هئا...
هر ڪو پنهنجي سوچ آهر پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو...
هر طرف آواز ئي آواز ڪنهن چيو پي ته چوري جي غرض سان آيو هوندو، تڏهن ته ٿڏي تي ئي مارجي ويو.
جيترا منهن هئا اوتريون ڳالهيون هيون... منهنجي ماءُ شايد منهنجي چهري تي ڦهليل دهشت ۽ منهنجي چپن جي گهري چپ مان گهڻو ڪجهه سمجهي وئي هئي، تڏهن ته هڪ سئي سٽ سان مون کي ڪمري ۾ ڌڪي ڇڏيو هئائين... ان پل مان ته بچي وئي هئس، ليڪن طارق بي گناهه هوندي به منهنجي وڏي ڀاءُ جي هٿان موت جو کاڄ بڻجي ويو هو...
گهر جي ڪنهن به ماڻهو کي مون تي ڪنهن به قسم جو شڪ نه هو ليڪن منهنجي ماءُ جي خاموش نگاهن ۾ انيڪ سوال لڪيل هئا. جن کان مان لنوائيندي ٿي رهيس... ليڪن هو منهنجي ماءُ هئي. منهنجي چهري جي اداسي بي وسي هن جي من ۾ نڄاڻ ڪيترن انديشن کي جنم ڏيندي هئي. پر... هو به ته مون جيان مجبور هئي. بي وس هئي. هو منهنجي لاءِ ڪري به ڇا ٿي سگهي. هن جي وس ۾ هو ئي ڇا جو منهنجي لاءِ ڪجهه ڪري ها ۽ جيڪڏهن ڪو آواز اٿاري به ها ته منهنجي زندگي تان هٿ کڻڻو پويس ها... ان لاءِ هن پنهنجي چپن تي هميشه لاءِ خاموشي جي مهر هڻي ڇڏي...
ان کان پوءِ ڪيترائي ڏينهن خاموشي جي نظر ٿي ويا... ته هڪ ڏينهن اچانڪ منهنجي وڏي ڀاءُ منهنجي شادي جي تاريخ طئي ڪري ڇڏي. ڪنهن به منهنجي مرضي پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي سڀ ڪجهه انتهائي خاموشي ۽ سادگيءَ سان طئي ٿي ويو...
مون کي ته اها به خبر نه هئي ته منهنجو گهوٽ ڪير آهي. ڪهڙو آهي. ڇا ٿو ڪري؟ مان ته بي حسي ۽ خاموشي جي علامت بڻجي پنهنجي پاڻ کي حالات جي نذر ڪري ڇڏيو هو... چوندا آهن ته پنهنجي ذات جو انڪشاف ڏاڍو ڏکيو عمل هوندو آهي. ليڪن هي ڪهڙو انڪشاف هو جنهن منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي ڇڪي ورتي هئي... ۽ شادي جي پهرئين رات ئي مون کي مجرم بڻائي ڇڏيو هو... ها ان رات ڪيڏي نه سفاڪانه، ظالمانه ۽ انتهائي سرد لهجي ۾ هن مون کي چيو هو ته مان ۽ طارق گهاٽا دوست هئاسين انهيءَ ڪري اسان ٻنهي جي ڪابه ڳالهه هڪ ٻئي کان لڪل نه هئي. هو تنهنجي متعلق هر ڳالهه مون سان شيئر ڪندو هو... هن غور سان منهنجي اکين ۾ نهاريندي هڪ ڀرپور مڪروهه ٽهڪ ڏنو... ٻڌ مان طارق جي هر راز کان واقف هيس. انهيءَ ڪري ان رات مون ئي تنهنجي ڀاءُ کي طارق بابت ڄاڻ ڏني هئي. ڇاڪاڻ ته هن ڏي منهنجو هڪ پراڻو حساب رهيل هو... ان رات طارق ته ٿڏي تي مارجي ويو ۽ منهنجو رستو صاف ٿي ويو. هڪ مڪروهه مسڪراهٽ هن جي چهري کي وڌيڪ ڀيانڪ بڻائي ڇڏيو. مون کي ائين ٿي لڳو ته ڄڻ ڪنهن... منهنجي وجود کي ڌرتي ۽ اڀ جي وچ ۾ ٽنگي ڇڏيو هجي...
ڪيڏو نه ڀيانڪ انڪشاف هو...
انهيءَ انڪشاف سان نه ڌرتي ڌڏي نه وري ڪو طوفان آيو. بظاهر ته سڀ ڪجهه نارمل هو، پر من اندر جي تهخاني ۾ تاريڪي ويتر وڌي وئي... انهيءَ تاريڪي ۾... وقت جا پيرا کڻندي ويهه سال گذري چڪا آهن جيڪي مون هن جي جبر ۽ قهر جي نٽهڻ اس ۾ گهاريا آهن...
ليڪن اڄ سوچان ٿي ته...
زندگي جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد مان اها قيدياڻي آهيان جيڪا آزادي جي اوسيئڙي ۾ هجي ۽ جنهن کي بلڪل اچانڪ... جنم قيد جي سزا ٻڌائي وڃي...
بنان ڪنهن جرم ۽ بنا ڪنهن ڏوهه جي!
نسرين سيد
شاعراڻو نثر
* عورت تنهنجو پنهنجو ڇا آهي؟ تنهنجو وجود به ته مرد جي ملڪيت آهي.
* ڇا تون منهنجي محبت جو ڪاٿو لڳائي سگهين ٿو اگر تنهنجو جواب ها ۾ آهي ته مون وٽ نه.
* اچجانءِ ڇو جو محبت جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي.
* تون مون کي ڳوليندو رهجانءِ ۽ اها به ڄاڻ آهي تنهنجي منزل مان نه ٻي ڪا آهي.
* ڪنهن ڪم جي ابتدا ڪرين ته ان جي انجام جو به سوچ.
* عورت تون ڪهڙو سوال آهين جنهن جو ڪنهن وٽ جواب نه آهي.
* پيار عورت ۽ مرد گڏجي ڪندا آهن، سزا لاءِ عورت ئي ڇو؟
* ڪنهن کي سمجهڻ ايڏو اوکو به ڪونه آهي.
* مان توسان ان ڏينهن کان نفرت ڪرڻ لڳي هيم، جڏهن تو چيو هو نسرين ڏس چنڊ ۾ داغ آهي نه؟
* مرد مستقبل جو بهترين ليکڪ ۽ شاعر آهي ڇو ته ان کي عورت جو ساٿ ملندو. عورت کان رهيو کهيو قلم به ڦٽو ڪرايو ويندو.
* تون مون کي ائين نه ڏس جيئن دنيا ڏسي ٿي. تون پنهنجي نظرين سان ڏس.
* عورت کي ٿورو سهي پر سمجهه ته.
* پيار به ڪرين ٿو پري به رکين ٿو.
* چيم سانئڻ نه چوندو ڪر ۽ موٽ ۾ چيائين ”ڇا چوان؟“ ڪيڏو بي خبر آ ”جان“ به چوي ٿو زندگي به سمجهي ٿو اڃا به پڇي ٿو ڪهڙو نانءُ ڏيان.
* ڪير ٿو چوي محبتون ختم ٿينديون پيون وڃن؟ منهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ته ڏس.
* جنهن مهل ڏات منهنجي گهر جو در کڙڪائيندي آهي ته مان دروازو اڃا زور سان بند ڪندي آهيان لوڪ جي خوف کان.
* ڪيڏا چريا آهيون گهري گهاءُ کان وڌ ڪڙا ”لفظ“ ٻڌي پوءِ به کلندا آهيون.
* ڪا شئي تنهنجي پهچ کان پري ٿي وڃي ته ان جي حاصلات لاءِ جستجو اجائي آ؟
* نسرين ايتري حساس نه ٿيءُ دنيا جيئڻ نه ڏيندئي.
* اسان جي زندگي به ڄڻ ڪو رانگ نمبر.
* ايڏا ٽهڪ نه ڏي سڀني کي خبر آهي ته ٽهڪ غمن کي لڪائڻ جو پردو آهي.
* جن ماڻهن کي چاهيو آهي اهي ڏور ٿيو وڃن جيڪي زهر لڳن اهي هر وقت نظرن اڳيان.
* ڪا شئي تنهنجي پهچ کان پري ٿي وڃي ته ان جي حاصلات لاءِ جستجو اجائي آ؟
* نسرين ايتري حساس نه ٿي دنيا جيئڻ نه ڏيندئي.
* اسان جي زندگي به ڄن ڪو رانگ نمبر.
* نه چاهيندي به گهڻو ڪجهه ٿيو وڃي! پاڻ وٽ بچندو به، ڇو، ڇا ۽ وغيره.
* ڪيڏيون ٺوڪرون مليون اٿم پوءِ به سچ ڳالهائڻ کان مڙان ڪونه ٿي.
* هي رسمن جا زنجير ڪيئن ٽٽندا منهنجي لکڻ ۽ چوڻ سان ڇا ٿيندو؟
* ڪاش مان پڙهيل نه هجان ها ڪا خبر پڙهي وکري ته نه وڃان ها.
* منهنجي ڀلي ڪيتري به مخالفت ڪر، الزام مڙهه، اگر تقدير منهنجي حمايت ڪري ته پوءِ؟!
هيڏي هجوم ۽ گوڙ ۾ توکي ڪير ڏسندو ۽ سڏڪو ٻڌندو؟
* ڇا ٿئي ها، اگر منهنجون من ڀاونائون سمجهي ها.
* اهو ڪهڙو ديس آهي جتي محبتون ملنديون آهن.
* او زندگي! هيڏي به نهار ڪو زنده دلي سان تنهنجو انتظار پيو ڪري.
* تون ڪيڏي خاموش هوندي آهين پر اکيون تنهنجون مون سان ڪچهري ڪنديون آهن.
* چون ٿا عورت جي سڃاڻپ مرد آ اگر ها ته ٻڌايو ته مرد جي سڃاڻپ ڪير آهي؟
* تو رڳو ورتو آهي ڪنهن کي ڇا ڏيندين؟
* منهنجي هار به جيت آهي.
* ڪيڏو چريو آهي شڪست کان مايوس ٿي ويو آ؟
* مفلسي هر هنڌ هڪجهڙي هوندي آهي.
* ڇا موت کان پوءِ به ڪا زندگي آهي؟!
* نظر ايندڙ ڳوڙهن کان خطرناڪ اندر جا ڳوڙها هوندا آهن.
* ذرو ذرو ٿي مرڻ کان بهتر آ هڪ دفعو مري وڃجي.
رپورٽ: نجمه پنهور
حدود بل (مذاڪرو)
ٻين ملڪن جيان اسان جي ملڪ ۾ به عورتن لاءِ ڪي قانون جڙيل آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان عورت ڪيترن ئي عذابن ۾ گهيرجي ٿي ويئي. اسان جي ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آهي پر ان جي سماج ۾ حيثيت ڪا چڱي ڪانهي، صرف اسلامي حق عورت کي مليل هجن تڏهن به عورت گهڻي محفوظ آهي، نياڻي جي لاءِ تعليم ڪانهي، هن سماج ۾ عورت جي ڪهڙي حيثيت آهي؟! ٻهراڙيءَ ۾ ته عورت ٻڪرين جيان ڪٺي ٿي وڃي، جيئن اڄ جي اخبار ۾ خبر هئي ته هڪ ئي گهر جي چئن عورتن کي ڪاري ڪري ڪٺو ويو. اهڙي حالت ۾ اسين ڪهڙي قانون جي ڳالهه ٿا ڪريون. اهڙو قانون جوڙيو وڃي ته ڪاري ڪندڙ کي ڦاسي ڏني وڃي. شهرن ۾ عورت آزاد هوندي به عدم تحفظ جي زندگي پئي گهاري. 27 سال اڳ حدود آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو هو. ان آرڊيننس جي خلاف ڪيترن عورتن تنظيمن جدوجهد ڪئي، هن حڪومت ان آرڊيننس ۾ ترميمي بل منظور ڪيو آهي. انهيءَ تي ويچار ونڊڻ لاءِ اسان سنڌ جي ناميارين شاعرائن ليکڪائن، پروفيسرز ۽ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻ عورتن کي مدعو ڪيو. پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ معلومات لاءِ سندن خيال پيش ڪجن ٿا. (ادارو)
پروگرام جي شروعات الله تعاليٰ جي بابرڪت نالي سان ڪئي وئي. نعت پڙهڻ جو شرف حاصل ڪيو .
ڊاڪٽر فخر النساءِ ٽالپر.
پروگرام جي ڪمپيرنگ ڪندي رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر گلبدن جاويد چيو، ”ملڪ تي جڏهن به ڪارا ڪڪر آيا آهن ته عورتن ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي، اهو انهن عورتن جي جدوجهد ۽ قربانيءَ جو نتيجو آهي، جو اڄ حدود بل ۾ ترميم ٿي آهي. اهو هڪ سٺو قدم آهي، پر اڄ جي جديد دور ۾ به عورت ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رهي آهي. کيس ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ عملي ڪم ٿيڻ گهرجن.“
امر سنڌو
نالي واري ليکڪ امر سنڌو چيو ”ته حدود بل جي معنيٰ آهي حدون مقرر ڪرڻ حدود آرڊيننس جي خاتمي لاءِ عورتون 27 سالن کان جدوجهد ڪنديون رهيون آهن. عورتن جي دانهن کي ورنايو نه ويو، پر انهن جي آواز چيڀاٽيو ويو، سماجي طرح سان ڪنهن به عورت جي لا وڏي واڪي آواز نه اٿاريو ويو، ملڪ ۾ 6500 عورتن کي جيل حوالي ڪيو ويو جن مان 80 سيڪڙُو زنا جا ڪيس هئا. هڪ به مرد کي جيل نه موڪليو ويو. عورتن لاءِ ته سزائون رکيون ويون پر ڪٿي به عورت کي لکت ۾ تحفظ ناهي ڏنو ويو. سرڪار کي سڄو آرڊيننس رد ڪرڻ گهرجي ها، پر تنهن هوندي به جيڪو رليف ڏنو ويو آهي. اسين ان جي آجيان ٿا ڪريون. عورتن کي وڌيڪ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، عورتن جي حقن کي قانوني شڪل ڏيڻ گهرجي.“
ممتاز ڀٽو
ڳالهه آهي عورت جي حقن جي. اسلام عورت کي حق ڏنا آهن. پر اسان جي سماج جي جوڙجڪ ۽ ريتن رسمن ان ڳالهه کي اهميت ناهي ڏني. اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن عورت کي وراثت ۾ حق ڏنا آهن. حدود بل ۾ ترميم هڪ چڱي ڳالهه چئبي، پر هڪ قانون تحت پوليس کي فري هينڊ نه ڏنو وڃي. بدي جي شادي، حق بخشائڻ ۽ ڪاروڪاري واري ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ جو به قانون پاس ٿيڻ کپي، سڀ کان پهرين تعليم کي عام ڪيو وڃي ته ماڻهن ۾ شعور اچي ڪورٽن ۾ هزارين ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، بلن بدران سسٽم کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورتن کي اسلام موجب حق ڏنا وڃن.
سحر رضوي
سياست کان سواءِ ته عورتن کي پنهنجا حق نه ملندا نه ئي عورت کي سجاڳي ملندي. توهان سڀني کي خبر آهي ته قانون ڪيئن جڙيو. حالت ته اها آهي ته ڳوٺ جي عورت کي خبر ئي ڪانهي ته حدود آرڊيننس آهي ڇا؟! عورت جي باري ۾ جيڪي جرڳا ڪوٺايا وڃن ٿا ۽ فيصلا ڪيا وڃن ٿا. ڇا عورت کي ان ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت آهي. ڇا عورت پنهنجي بچاءُ ۾ اُتي موجود هجي ٿي.
نذير قريشي
آءٌ نڪو آهيان، رائٽر، نڪو آهيان دانشور پر آئون هڪ ڪڻي آهيان. سماج ۾ جيڪو جاگيرداري سسٽم آهي. ان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري عورتون پنهنجو پاڻ ۾ ٻڌي ڪن، متحد ٿين، عورتن کي اهڙي ڄاڻ ڏيڻي آهي ته جيڪي قانون جوڙيا ويا آهن، انهن ۾ انهن کي ڪهڙا حق مليا آهن. هن دور ۾ به بي جوڙ، شاديون ٿي رهيون آهن. اسان شهر ۾ رهندڙ عورتن کي گهرجي ته اهڙين رسمن جي خلاف آواز اٿاريون. توهان سڀ اچو ته گڏجي سنڌ جي عورت کي سجاڳ ڪريون. ٻهراڙيءَ جي عورت کي ڄاڻ ڏيون ته توهان لاءِ ڪهڙا قانون پيا ٺهن ۽ توهان پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪريو. ڏاڍ ۽ ڏمر کي ختم ڪريو.
نذير ناز
اسان عورتن کي گهرجي ته جدوجهد ڪريون ۽ اڳتي وڌون بل ۾ ترميم جي آجيان ٿي ڪريان پر اڃا گنجائش آهي ڦڙي ڦڙي تلاءَ آهي، اميد ٿي ڪريان ته عورت جي لاءِ بهتر قانون پاس ٿيندا، ۽ ميڊيا جي تعريف ٿي ڪريان ته اخبارن ۽ ميڊيا ماڻهن کي سجاڳ ڪيو آهي. اڳ ٻهراڙي جي عورت ٻاهر نڪرڻ کي عيب سمجهندي هئي پر هاڻ ٿاڻي تي پنهنجي دانهن کڻي ٿي وڃي، اڳ ڪابه عورت اهڙي همت ڪانه ڪندي هئي، پر هاڻ هوءَ به پنهنجي خلاف ٿيندڙ عمل تي اٿي کڙي ٿي ٿئي.
ڊاڪٽر رخسانا پريت چنڙ
ترميمون ٿيون آهن، انهن سان عورتن کي ڪجهه رليف مليو آهي. ڇوڪري جڏهن خوشيءَ سان شادي ڪري ٿي ته ان کي ٿاڻن جا چڪر ڪاٽڻا ٿا پون. هاڻي هوءَ عدالت ۾ وڃي سگهندي. اسان عورتون جيسين جدوجهد نه ڪنديوسين تيسين عورتن کي حق نه ملندا. هڪڙو نسل ٽٽندو، نقصان کڻندو. تڏهن ٻين کي ڪي فائدا ملندا.
روزينه جوڻيجو
ترميم بل جي آجيان ٿي ڪريان، پر اڃا عورتن جا گهڻا مسئلا آهن، عورتن کي گهرجي ته جدوجهد جاري رکن، پنهنجي لاءِ قانون پاس ڪرائين. اجايون رسمون ۽ رواجن عورتن کي پٺتي ڪري ڇڏيو آهي. اسان عورتن کي پاڻ ۾ وڏ ماڻهپائپ پيدا ڪرڻ گهرجي، جيسين پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪنديون سين، تيسين ڪجهه هڙ حاصل ڪونه ٿيندو. ٻئي ڳالهه ته عورتون پنهنجي مسئلن کي پاڻ کڻي وٺن. عورت، عورت سان دشمني نه ڪري.
ڊاڪٽر قمر واحد
آءٌ سمجهان ٿي ته حدود بل ۾ هيءَ ترميمون ڪو چڱائيءَ جو طرف کنيل قدمن جو انجام ٿي سامهون ڪونه ايندو، پر آعاز ئي ليکيو ويندو. صحيح ضرورت عمل جي آهي عمل جي انهيءَ دائري ۾ پوليس ۽ عدالتون به اچي ٿيون وڃن. بهرحال هن وقت ته ٻڏتر واري ڪيفيت آهي. ڏسون ته حدود آرڊيننس ۽ ترميمن واري بل تي ڪيترو عمل ٿو ٿئي. T.V جي پروگرام ۾ ڪنهن پروفيسر چيو ته هي ترميمن وارو بل اسانجي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي انهيءَ حفاظت کان محروم ڪري ڇڏيندو جي اسين ڪري رهيا آهيون. آءٌ ان پروفيسر کان اهو سوال پڇندس ته اها ڪهڙي حفاظت پيا ڪريو جو توهان جي گهر جي گهٽيءَ کان شروع ٿيندڙ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڻ ڪئي جي سزا ڀوڳيندڙ قيد عورتون مڙسن هٿان موچڙا کائيندڙ يا غيرن هٿان ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ، غيرت جي نانءُ ۾ ڪوڙن بهانن هيٺ قتل ٿيندڙ، بنا غسل ۽ ڪفن جي دفن ٿيندڙ، مائيٽاڻي، ملڪيتن کان محروم ۽ ساهراڻي تشدد جو شڪار ٿيندڙ هزارين لکين عورتون شايد توهان جي مائرن ڌيئرن جي حيثيت ڪون ٿيون رکن جو انهن جي حفاظت لاءِ توهين ميدان ۾ ڪونه لٿا آهيو ڪڏهن به انهن جي حمايت ۾ بيان ڪونه ڏنو آهي. ڪڏهن به اهي ڪڌا ڪرتوت بند ڪرڻ جي لاءِ تعليم نه ڏني آهي ۽ ڪڏهن به گڏجي اهڙن واقعن خلاف احتجاج نه ڪيو آهي. اها ڪهڙي حفاظت آهي!
اهڙي حفاظت توهان پاڻ تائين رکو، اسان کي توهان جي حفاظت جي نه پر قانون ۽ ان تي عمل جي ضرورت آهي. اسان پڙهيل لکيل، وڏن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان فارغ التحصيل، ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي فائز عورتون پنهنجي اڻ پڙهيل غريب ڀينرن وانگيان سماجي ڏاڍائيءَ جو شڪار رهيون آهن. جنهن خوف تحت اسان مان هزارين ڀينرون پنهنجي فڪر سوچ ۽ صلاحيت مطابق ڪم ڪرڻ کان روڪيون ٿيون وڃن سو آهي عزت جو خوف ۽ الزام بازي! خود مون جهڙيءَ کي به ڪنهن خوف ۾ مبتلا ڪندا آهن. جي ٻئي نموني ماڻهو اسان کي جهڪائي نه سگهندا آهن ته اتي وري الزام تراشي شروع ڪندا آهن عزت تي الزام هڻي. هڪ عورت کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ هتي هڪ گندي هٿيار طور استعمال ڪيو ٿو وڃي. هنن ترميمن ذريعي ڪوڙو الزام هڻندڙ به ڏوهي شمار ٿو ٿئي. هاڻ گهڻا ماڻهو ان ڊپ کان شايد الزام تراشي ڪرڻ کان پهرين سوچين ته نتيجو ڇا نڪرندو!
شمشاد ميمڻ
سرتيون سٿ ۽ گلبدن کي مبارڪ ٿي ڏيان جن موقعي جي مناسبت سان اهڙو مذاڪرو ڪوٺايو. جيڪو وقت جي ضرورت به آهي. هن بل سان عورتن کي ڪجهه فائدو پهتو آهي. اسان کي اميد آهي ته اڃا به ڪي قانون جڙن ۽ عورتن کي پنهنجو جائز مقام ملي، جيئن هوءَ معاشري ۾ عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهي.
تنوير جوڻيجو
اسان ڪجهه ذڪر ماضيءَ جو ڪريون. اسان جي سماج ۾ جتي عورت هڪ ڪمتر درجي جي انسان ليکي ٿي وڃي، جتي سندس واڳ سندس گهر جي مردن ۽ برادريءَ جي مردن جي هٿ وس آهي. اتي 1979ع ۾ ڪن سياسي سببن باعث عورت کي ويتر ڪمزور ڪيو ويو. عورتن ڪيترن سالن کان جدوجهد ڪئي آهي، آخرڪار هن حڪومت ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ هاڻ اسان اميد ٿا ڪريون قرآن سان حق بخشائڻ، ننڍي عمر جي شادي ۽ بدي جي شاديءَ جي رسمن جي خاتمي جي خلاف قانون جوڙيا وڃن ۽ اهڙي قانون سازي ڪئي وڃي جنهن سان عورتن کي انصاف ملي. ان سان گڏوگڏ عورتن کي گهريلو تشدد کان به آجو ڪيو وڃي ۽ عورت کي معاشي ۽ سياسي طور سگهارو ڪيو وڃي.
گلشن لغاري
مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو مون کي عورتن جي حقن جي تحفظ واري بل پاس ٿيڻ واري موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ سرتيون طرفان موقعو ڏنو ويو آهي. 15 نومبر وارو ڏينهن منهنجي خيال موجب پاڪستاني عورتن لاءِ بيحد اهم ۽ خوشگوار ثابت ٿيو آهي، جو ان ڏينهن تي عورتن جي حقن جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو آهي. ڇو ته حدود آرڊيننس جا قانون عورتن سان ناانصافي ۽ امتياز تي ٻڌل هئا. جيڪي ملڪ ۾ 1979ع ۾ نافذ ڪيا ويا، انهن جو مقصد ملڪ ۾ عورتن جي ڪردار کي محدود ڪرڻ هو. اسان جي ملڪ ۾ عورت کي انسان وارا حق، توڙي، سماجي ۽ مذهبي حق جيڪي اسلام ڏنا آهن. اڃا تائين حاصل نه ٿي سگهيا آهن. ويتر قانون وسيلي عورت لاءِ انصاف جا در پڻ بند ڪيا ويا آهن. جنهن تحت هزارين عورتون، جنسي زيادتي جو شڪار بڻيون، ان ڪري جيلن ۾ بند آهن جو اهي پنهنجي لاءِ شاهد پيش نه ڪري سگهيون، ڇو ته ڏوهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ گواهن جي ضرورت هئي.
جنهن ڪري الٽو انهن کي ڪوڙو الزام هڻڻ جي هيٺ جيل موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته حدود جي قانون مطابق گواهي. لازمي قرار ڏنل هئي جيڪو سراسر ناانصافي تي مبني قانون هو ته جنهن سان ظلم ٿئي، سزا به ان کي ڏني وڃي. هن جديد سائنسي دور ۾ جتي سڌريل ملڪن ۾ ڦاسي جي سزا کي پڻ ختم ڪري عمر قيد ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ان کان سواءِ بدي جي شادي، غيرت جي نالي ۾ قتل، ننڍپڻ جي شادي، حق بخشائڻ هڪ دفعي ٽي طلاقون ڏيڻ، عورت جي حق وراثت لاءِ پڻ قانون ٺهڻ گهرجن، ملڪ ۾ عورتن تي ٿيندڙ جنسي، جسماني ۽ ذهني تشدد خلاف پڻ قانون ٺاهڻ ضروري آهي پر ڳالهه قانون جوڙڻ جي نه پر ان تي عمل ڪرائڻ پڻ انتهائي ضروري آهي.
نجمه پنهور
”صدين کان عورتن ظلم، ڏاڍ، گهرو تشدد ڪارو ڪاري اسٽريٽ حراسمينٽ جو شڪار آهي ۽ مختلف ريتن رسمن، بي جوڙي شادي، بدو، سڱ چٽي، ۽ ٻين ڪيترن سماجي روين جي ور چڙهيل آهي ڪيترين ئي عورتن پنهنجي تنظيم جي پليٽ فارم تان عورت جي حقن لاءِ جاکوڙيو آهي، پر انهن جي آواز کي ايوان جي در تان موٽايو ويو آهي. ڪيترائي قانون جڙيا پر عورتن جي پلئه ۾ اهائي نراسائي ڏک، ڏاڍ ۽ ناانصافي، هن حڪومت حدود بل ۾ ترميم ڪري عورتن کي گهڻو نه پر ڪجهه رليف ڏياريو آهي اسان جو سماج اهو برداشت ئي نٿو ڪري ته عورت ڪنڌ کڻي ڳالهائي سگهي. گهر ۾ عورتون گهرو تشدد جو شڪار آهن ته ٻاهر نڪرندڙ عورتون اسٽريٽ حراسمينٽ جو شڪار آهي، عورت ڪٿي به پاڻ کي محفوظ نٿي سمجهي. هن وقت حدود بل منظور ڪري ڪنهن حد تائين عورتن کي اطمينان ڏياريو ويو آهي پر هاڻ ڏسون ان قانون تي ڪيترو ٿو عمل ٿئي. اسان حڪومت کان گهر ٿا ڪريون ته اهڙا قانون پاس ڪري جنهن سان عورتن جي عزت، وقار ۽ سماجي حيثيت ۾ مثبت تبديلي اچي ان کان سواءِ ٻيا به ڪي اهڙا قانون پاس ٿيڻ گهرجن جنهن سان عورت عدم تحفظ واري ماحول مان نڪري عزت ۽ وقار سان زندگي گهاري سگهي.
عرفانه ملاح
”جنهن به طريقي سان بل پاس ٿيو آهي اهو بهتر قدم آهي. حقن جي حاصلات لاءِ سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي. خاموش قومپرست تنيظيمن کي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر تهمينه مفتي
قانون ته موجود آهن پر ان تي عمل نٿو ٿئي. قانون تي عمل ٿيڻ سان عورتن کي حق ملي سگهندا.
ڊاڪٽر سحر امداد
هن شعر سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو:
ڄِڀَ جي ڪٽجي وئي ته ڇا رَت جي گُرڙي ته ڪَر.
1. حدودو آرڊيننس جي بلن ۾ جيڪا ترميم ڪئي وئي. اها هڪ چڱي ڳالهه آهي پر اُن تي عمل ٿيڻ گهرجي. ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي ايتري آهي جو ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. عام ماڻهوءَ کي ٽن وقتن جي ماني نصيب ناهي. جيڪي ماڻهو اڳي سکيا ستابا هوندا هئا اُهي هاڻي پني پيٽ ڀرين ٿا. عوام جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي.
اعجاز احمد منگي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
”سرتيون جي عملي کي جس هجي جن اهڙو پروگرام ڪرايو آهي، تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اهل دانش اچي شرڪت ڪئي انهن جا ويچار ٻڌاسين. هن قسم جا پروگرام سجاڳي جو پيغام آهن جنهن سان سڄي سنڌ جي ماڻهن کي فائدو پهچندو.“
تنوير جوڻيجو
”دنيا جون شاعر عورتون ۽ سنڌي عورتن جي شاعري“
The Penguin Book of Women Poets
جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”دنيا جون شاعر عورتون“ جي نالي سان ڊاڪٽر فهيمده حسين ترجمو ڪيو آهي ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ان کي ڇپرايو آهي.
سنڌي ادب ۾ عورتن جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو وٺبو ته فهميده حسين جو رتبو ڪجهه مٿانهون نظر ايندو ڇاڪاڻ ته هن نه صرف سنڌي ادب جي مختلف صنفن، جهڙوڪ ڪهاڻي، ڪالم، تحقيق، شاعري، مقالا لکيا. پر ساڳي وقت هن عورتن کي لکڻ لاءِ مضبوط پليٽ فارم به مهيا ڪيو. ستر واري ڏهاڪي ۾ عورتن جو وڏو انگ قلم جي دنيا ۾ داخل ٿيو ۽ خوب لکيو، جنهن جو ڪريڊٽ فهميده حسين کي ڏئي سگهجي ٿو. هڪ طرف فهميده قلم جي مدد سان عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿي. ٻئي طرف هوءَ Women Activist پڻ آهي، جا عملي طور عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي ٿي ۽ عورتن جو آواز ٿي اڀري ٿي. فهميده حسين ڏاڍي سنجيدگيءَ سان علم ادب ۽ تحقيق ذريعي عورت جي مختلف روپن کي اجاگر ڪيو. سندس پي.ايڇ.ڊي واري تحقيق جو موضوع پڻ عورت رهي. ۽ هن ڀيري سندس قلم جو ۽ ذهن جو پورهيو ”دنيا جون شاعر عورتون“ اسان جن هٿن تائين پهتو آهي. جنهن ۾ هن دنيا جي اهم شاعرائن جي شاعريءَ جو ترجمو زمان ۽ مڪان جي قيد کان سواءِ ڪيو آهي. جنهن لاءِ هوءَ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿي. ”هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙي تائين، يونان جي سيفو کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين شاعرائن جي ڏک، درد ۽ احساسن جو ذڪر آهي.“
جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته تخليق، تحقيق ۽ ترجمي ۾ ڪهڙي صنف ڏکي آهي ته جواب ۾ چونديس، تحقيق، پوءِ ترجمو ۽ ان کان پوءِ تخليق. ترجمو، تخليق جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيو اُنڪري آهي، جو پرائي سوچ، پراين نظرين، پرائي فڪر ۽ پراين احساسن کي پنهنجي ذهن ۽ پنهنجي قلم سان اجاگر ڪرڻو آهي. امداد حسينيءَ جي لفظن ۾ ”تخليق ۾ تخليقڪار آزاد آهي، پر ترجمو ڪندڙ نه، آخر روح کي عصر کي ترجمو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ پيڙ کي لفظ جي صورت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ اهو هڪ اهڙو تجربو آهي، جنهن مان تخليقڪار نٿو گذري. هو لاشعوري طور لکي ٿو، پر ترجمي ۾ شعور پيڙهه آهي. ٻنهي ٻولين جنهن مان ترجمو ٿئي ۽ جنهن ۾ ترجمو ٿئي. جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئڻ کپي.“
فهميده حسين هن ترجمي کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. شاعريءَ جي چونڊ کان وٺي احساس ۽ فڪر تائين، سادي سهڻي ٻولي ۽ خوبصورت انداز ۾ شاعريءَ جي چونڊ جي لحاظ کان جنهن گهاڙيٽي فهميده کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي ان لاءِ فهميده لکي ٿي”ترجمي لاءِ مون نثري نظم جي چونڊ ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته انگريزي ترجمن ۾ به اها صنف استعمال ڪيل هئي، ڪٿي ڪٿي ٽه سٽا ۽ چوسٽا به ڏنا اٿم.“ ترجمي جي خوبصورتيءَ جي حوالي سان هدايت بلوچ تحرير ڪري ٿو ”ترجمي ۾ ٻولي سٽاءُ رڌم ۽ ان جي موسيقيت کي برقرار رکيو ويو آهي، ڏکين انگريزي لفظن توڙي محاورن کي نج سنڌي لفظ ڏئي شاعرن جي اصل جذبن جي ترجماني اهڙي نموني ڪئي وئي آهي جو ان جي روح ۽ جذبي کي لهس نه آئي آهي.“
شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ ڪمال، فهميده جي مهاڳ پڻ ڪيو آهي. جنهن ۾ هن سنڌي ادب جي گهڻي ڀاڱي شاعرائن جي شاعري سندن تعارف سان گڏ پيش ڪئي آهي ۽ هن تحقيقي مقالي ۾ جتي هن پاڪستان کان پوءِ جي شاعرائن جو تذڪرو ڪيو آهي اتي پاڪستان کان اڳ جي شاعرائن جو به ذڪر آهي. مرکان شيخڻ جنهن جو تعلق سومرن جي دور سان هو. جنهن پنهنجي مرشد قرهيي ڀانڊاريءَ جي شان ۾ شاعري ڪئي:
”ٻيڙو ڦرهيل پير جو زوران زور ڀريو لک مبارڪون شيخن کي“
ان کان علاوه ارغونن جي دور جي مائي ساران، جادل جتڻي، شاه لطيف جي دور جي مائي نعمت، انگريزن جي دور جي غلام فاطمہ لعل، ان کانسواءِ نماڻو فقير، ڀڳواني، ڀڳوان داسي راما ٻائي، ڪملا ڪيسواڻي، گوپي هڱوراڻي ۽ سندري ٽهلراماڻي جو به ذڪر ڪيو آهي. سندري ڊي جي ڪاليج جي شاگردياڻي هئي. سندس ڪتاب”لهرون“ پڻ ڇپيو جيڪو پهرين سنڌي شاعره جو مجموعو هو. ۽ ان کانسواءِ مسلمان نياڻين ۾ روشن آرا مغل جو به ذڪر ڪيو آهي. پاڪستان کان پوءِ وارين شاعرائن جو فهيمده تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
شمشاد مرزا جي حوالي سان هڪ خوشخبري ته گهڻي وقت کان پوءِ سندس شاعريءَ جو مجموعو ”نيڻن لاٿي جهڙي“ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي.
ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عربيه نور جو ذڪر ڪونهي جيڪا نذير ناز جي پيٽ ڄائي نياڻي آهي.
دنيا جي شاعر عورتن جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اسان جي سنڌي عورتن جي شاعري واريون ساڳيون ڪيفيتون ساڳيا احساس نظر ايندا. ساڳين ئي جذبن جو اپٽار اسان جي سنڌي عورتن جي شاعريءَ ۾ به نظر ايندو. نياڻين جا ڏک، وڇوڙي جا گيت، وطن سان محبت، ثقافتي زندگيءَ جو اپٽار، سماجي ثقافتي تبديليءَ جو ذڪر مطلب ته دنيا جي شاعر عورتن جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو ته اها شاعري سنڌ جي عورتن جي شاعري آهي. يونان جي ڇهين صديءَ جي سفيو جنهن ”ٽماس“ جي ڏک کي محسوس ڪيوآهي ۽ ان جو بيان هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
اسين لوڙهيون ٿا
هيءَ دکي، هن ٻيڙيءَ ۾
انهن اکرن سان ته:
”هن ۾ رک آهي
ننڍي نيٽي ٽماس جي
جنهن کي پَرُ سفيون سان
زوري پوريو ويو هو، اڻ پرڻيل
اونداهي ڪوٺيءَ اندر.
اهڙيءَ طرح فنليئنڊ جي مشهور شاعرِ ۽ لوڪ ڳائڻي پڻ پنهنجي نياڻي سان ٿيندڙ انياءَ جو تذڪرو ڪيو آهي لارن پاراسڪي لکي ٿي ته:
منهنجي ننڍڙي پياري ڌيءَ
ڌرتي تي بي سڌ پيل آهي
منهنجي پکيءَ جا پرڪٽيل آهن
ڪاش آءُ ڄاڻي سگهان
اهو ظالم ڪير آهي؟
هن قسم جي ڪيفيتن جو اظهار عطيه دائود پڻ پنهنجي نظماڻي نثر ۾ ڪيو آهي. جيڪو هن هڪ سچي واقعي کان متاثر ٿي لکيو هو.
اهڙيءَ نياڻيءَ جي سورن جو ذڪر ياسمين کوکر پڻ اهڙن لفظن ۾ ڪيو آهي:
ازل کان عورت رهي آهي مظلوم
نه سمجهيو ويو آهي ڪڏهن به ان کي انسان
مردن سدائين سمجهيو آهي ان کي پنهنجي ملڪيت ۽ ڄاتو آهي ان کي هڪ رانديڪو
ڌيئرن جي ڄمڻ تي
ٿيندو هو ماتم گهرن ۾
۽ دفن ڪيو ويندو هو
جئري ئي انهن کي
چين جي شاعره سائي يين - ٻه سؤ عيسوي جي شاعره لکي ٿي:
هڪ تاتاري سردار کڻائي
زوريءَ مون کي سريت بڻايو
۽ عرش جي ٻئي ڇيڙي ڏانهن نيو
جت ڏاڍا ڏونگر ۽ ڪارا بادل
منهنجي گهر جو رستو روڪين ٿا.
اهڙا احساس اسان کي نور الهديٰ شاهه جي شاعريءَ ۾ به نظر اچن ٿا:
ساڻو ساڻو ساهه
هيءَ ته ڪا ناري آ
ملهه لڳس وچ بازار
ڪنهن سيٺ هٿئون
وڪاڻي آ.
اهڙيءَ طرح وڇوڙي جا گيت پڻ عورتن ڳايا آهن. پنهنجن مردن / مڙسن جا ڏک پڻ سٺا آهن، پر هو پنهنجي ذات ۾ وفا شعار آهن. اهڙا احساس جتي انگلينڊ جي يارهين صدي عيسويءَ جي نامعلوم شاعره جا آهن.
هوءَ لکي ٿي:
آءُ ڏکويل عورت
پنهنجي ڏک ۾ ڳايان ٿي
اهو ڏک اها پيڙا
پنهنجي جنم کان جواني تائين
سٺي اٿم سدائين
اها ڪهاڻي نئين يا پراڻي سمجهو
پر اڄ به سچي آهي دوستو
هن جي دل ۾ الائجي ڇا هو؟
من جو مير لڪائي، ڪوڙي مرڪ سجائي
مون سان ڪيئي قول ڪيا هئائين
هٿ ۾ هٿ جهلي چيو هئائين
”موت وڇوڙيندو توکان مون کي
ٻئي ڪنهن کي طاقت ناهي“
اهو ماضي هو، پر حال ۾ ڇاهي
دوستي اسان جي، پيار اسان جو
جو اڳ هو اهڙو، ڪجهه به ته ناهي
هن کان دوري هاڻي سهڻي پوندي
حياتي اڪيلي جيئڻي پوندي.
اتي وڇوري جا گيت هندستان جي سنسڪرت جي شاعره
سلا ياتريڪا پڻ پيش ڪيا آهن:
منهنجو ور اهوئي ساڳيو آهي
جنهن منهنجو سڱ ورتو هئو
چانڊوڪيون راتيون به ساڳيون آهن
ونڌيا جي ٽڪرين تان جو واءُ گهلي ٿو
موتئي جي مهڪ سان واسيل آهي
آءُ به اهائي ساڳي آهيان
پر ته به سڀ ڪجهه ساڳيو ناهي
اڄ منهنجي دل تڙپي ٿي
نهرجي ڪپ تي سرجي ٻوڙن لاءِ
جيڪي گواهه هئا اسان جا
۽ ان پيار جي انمول اڻ کٽ گهڙين جا!
شمشاد مرزا، سنڌ جي نامور شاعره پنهنجي تازي ڪتاب”نيڻن لاٿي جهڙي“ ۾ به، وڇوڙو ساڳين احساسن ۾ ڳاتو آهي
وسريو نٿا وسرن، گڏجي گهاريا جي پل.
بي خواب نيڻ نهوڙيل ڪئي اچيو اٿل
اک ڇنڀ ۾ ٿيون برباد ائين نڪو ٿئي شل
سرٻاٽن ۾، سڏڪن پيا ڪڏهن پرين ته مل
هو ٿيو وڇوڙو جتي شام کڻي اتي مل
ساعتون سوين ماڪ سيڙهائون ٽام تان ٿڪجي ڪريو گُل
هڪ طرف جتي عورتن وٽ وچوڙا آهن اتي ڪي عورتون اهڙيون به آهن جيڪي ماضيءَ تي ڳوڙها ڳاڙڻ بجاءِ عورتن کي اڳتي وڌڻ جو ڏس ڏين ٿيون. نوان رستا نوان پيچرا ٺاهڻ جو گس ڏين ٿيون. انهن ۾ چين جي نائين صديءَ جي يوهئسانچي به آهي. جا پنهنجي پاڙيسري ڇوڪريءَ کي صلاح ڏيندي چوي ٿي:
سچ کان خوف کائي
تون پنهنجي ريشمي ٻانهن سان
پنهنجو منهن لڪائين ٿي
بهار جي راڳ کان ٿڪجي
تون پنهنجو سينگار ڀلائين ٿي.
پنهنجي ڳجهن ڳوڙهن سان
ڇو ٿي تون وهاڻو ڀڄائين
گلن ۾ ڇو پئي ٽٽل دل لڪائين
وڃ وڃي سُنگ يي جهڙوڪو سهڻو ڳول ان بي وفا کي تون ياد ڪرين؟
جنهن جو موٽي اچڻ توسان ملڻ مشڪل آهي اهڙين ڪيفيتن جو اظهار زينت ميرجت به ڪيو آهي ته بجاءِ ڪنهن بي وفا کي ياد ڪرڻ جي اڳتي هلجي
ڪجهه قدم اڳتي هلجي
انهن ماڻهن سان
جيڪي سچ جا پوڄاري آهن
وک وک ۾ ڏيئي
هٿ هٿ ۾ ڏيئي
نئون ساٿ جوڙي
رسمون ٽوڙي
منزل ملڻ تائين
آخرت ٿيڻ تائين
پيءُ ماءُ جي محبت جو مظهر هِتِ به نظر اچي ٿو ته هُتِ به. عام طور چيو ويندو آهي. نياڻين کي پيئر وڻندا آهن ۽ پٽن کي مائرون، اهڙي ڪيفيت جو عڪس هنگريءَ جي مارگٽ ڪافڪا (1880 کان 1918) جي شاعري ”منهنجا مٺڙا بابلا!“ ۾ نظر اچي ٿو:
هو چون ٿا ته هن جون وڏيون عجيب اکيون
قيمتي هيرن جهڙيون ۽ نراليون هيون
جيڪي ڏور پولارن ۾ نهارينديون هيون
هو ڪنهن گلن جي ٻاري تي جهڪي
گلن جي خوشبو، نازڪ پنکڙين بابت
اڌ ڏينهن ڳالهائي ٿي سگهيو
هن عورت ۾ صرف ان جو روح ٿي ڳوليو
هن کي شوق هوندوهو
تصويرن، ڪتابن ۽ اڻ لڀ شين ڳولڻ جو
هن جي دستر خوان تي سدا
عجيب رونق رهندي هئي
ڪرسٽل جي قيمتي گلاسن ۾
پراڻي مڌ جي مهڪ مچندي هئي
اهڙن احساسن ۽ ڪيفيتن جو ذڪر شمشاد مرزا پڻ پنهنجي نظم ۾ هن ريت ڪيو آهي
ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻي جڳ
لڳي ٿو بابل تو کانسواءِ
نيريون اجهاڳ تنهنجيون اکڙيون
سخن سهڻا ٽڙيل مکڙيون
ور ور پيون مرڪن
ڏيئاٽيون ٿيون جرڪن
چندن چهرو موهيل ماهتاب!
ٿيندو هو جهٽ ترين تي حساب
پل ۾ کُلي ويندو هو ڪتاب
علم ادب رنگ - تصوف
ها تنهنجي وجدان جا معرف ڪامل هين عامل هين تون فن هر جو ماهر هين تون ٽيبل تنهنجي سينگاريل اوئين موٽي ايندين جيئن وئين.
ان کانسواءِ وطن سان محبت،ثقافتي تبديلي عورت جي عظمت جو تذڪرو دنيا جي ٻين عورتن به ڪيو آهي جهڙوڪ فنلئنڊ جي سويڊش شاعره ايڊٿ سوڊرگران لکي ٿي:
آءُ هڪ ڏاهي عورت آهيان پر ڪوبه مون کي نٿو سڃاڻي
منهنجا دوست به نه!
هو مون بابت غلط رايو رکن ٿا
آءُ ڪا بي همت عورت ناهيان
ڪنهن شڪاري پکيءَ جي چنبن سان
مون بي همتيءَ کي ٽوريو آهي.
عورت جي همت وڌائڻ لاءِ سنڌ جي نور شاهين
پنهنجا ويچار هن ريت بيان ڪري ٿي:
عورت ڪنهن کان گهٽ ته ناهي مرد تي پيل ڪوڇٽ ته ناهي ڇو وکريل آهي، لٽ ته ناهي همت ڪنديئن ملندئي ماڳ جاڳ سرتي جاڳ!
دنيا جي شاعر عورتن ۽ سنڌ جي شاعر عورتن جي ويچارن ۾ هڪجهڙائي جو هڪ سبب شايد ڊاڪٽر فهميده حسين جي فن پارن جي چونڊ پڻ آهي. ان کانسواءِ مهاڳ ۾ هن شاعر عورتن جي تاريخي پس منظر جو به ذڪر ڪيو آهي. ۽ هي ڪتاب عورتن جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي. ۽ هدايت بلوچ جي لفظن ۾ ”قبل مسيح کان وٺي دور حاضر جي مختلف ملڪن جي سون شاعرائن کي ترجمو ڪري هڪ هنڌ سهيڙي وري انهيءَ ۾ شروعاتي دور کان وٺي اڄ تائين لکندڙ تقريباً چاليهارو سنڌي شاعرائن جي شاعري ۽ سندن مختصر تعارف کي ساڳئي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري ليکڪا ايڏو ته ڪارنامو ڪيو آهي. جنهن سان نه فقط اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ غير ملڪي ۽ سنڌي شاعري پڙهندڙ شاگردن جي رهنمائي ٿيندي، پر هر پڙهندڙ جي ڄاڻ ۾ واڌارو ايندو.“
فهميده حسين جي هي ڪاوش، نهايت خوبصورت ڪوشش آهي، جنهن ۾ فهميده ڪاميابي ماڻي آهي ۽ هي ڪتاب نه فقط خاص پڙهندڙن لاءِ پر عام ماڻهوءَ لاءِ به پسند جو باعث بڻبو.
سهيڙيندڙ: امر سنڌو
هڪ شخصيت 100 سوال: اختر جبين
تعارف: اختر جبين صديقي پاڻ مظهر الحق صديقي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽيءَ جي گهر واري آهي. پاڻ آپا اختر جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي، هن وقت ”انجمن بهبود خواتين“ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو جي سرپرست اعليٰ آهي. عورتن جي تنظيم ”ميلاپ“ اسلام آباد جي عهديدار پڻ آهي ان کان سواءِ عورتن جي ٻين ڪيترن ئي تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي ۽ ڪيترائي پرائمري سطح جا اسڪول سندس سرپرستيءَ ۾ هلندا رهن ٿا.
اختر جبين صديقي هڪ درويش صفت شخصيت آهي. اهوئي سبب آهي جو هر وقت سندس گهرتي مسڪين ۽ لاچار عورتن جا انبوهه نظر ايندا آهن هڪ ڏينهن ڪچهري دوران آپا ڏاڍي حسرت مان چيو، ”ڪاش، سنڌ جي سمورن بي روزگارن کي روزگار ملي.“
آپا جي ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ جي نياڻين کي تعليم پرائڻ جي سهولت ملي ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن هنر سان سرشار هجي.
نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟
اختر.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟
28 فيبروري.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد، سنڌ.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
اسلام آباد.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
اسلام آباد.
شهر جو دل کي نه آڙبو هجي؟
اهڙو ڪو به نه آهي.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
ماءُ جي مرڻ تي.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
ڪاليج ۾ داخلا وقت.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
زندگي خود ڌڻيءَ جي مهرباني آهي.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
مائٽن جو پيار (ماءُ جو پيار).
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
ياد ناهي.
وڻندڙ موسم؟
بهار جي موسم.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
موڪل وارو ڏينهن (آچر جو ڏينهن).
ڏينهن جي چوويهن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
شام جو پهر.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
سمنڊ ڪناري سج لهڻ جو نظارو.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ياد ناهي.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
ڪابه نه آهي.
ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟
اها خواهش هئي ته وڏي شخصيت بڻجان.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
ڪوبه نه.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
..............
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
ڪوبه نه.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
سڀ پل خوبصورت هئا.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
..........
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟
شاهه جو بيت، ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه.
ڏک جي آخري پناهه گاهه؟
پنهنجو گهر.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
الحمدالله، ڌڻيءَ جو شڪرانو ادا ڪرڻ.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟
سج جو غروب ٿيڻ.
اڪيلائي جو احساس؟
ڪوبه نه.
تاريڪيءَ جو احساس؟
بلڪل نه.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
ڪم نه پورو ٿيڻ تي پشيماني.
خالي رستن جا احساس؟
ڊپ جو احساس.
قد کان اڀيون ديوارون؟
ارادا مضبوط هجن ته فرق ناهي.
دوستي؟
خوبصورت رشتو.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي ڪا ياد؟
سٺيون ساٿياڻيون هميشه ياد رهنديون آهن.
دوستن تي ڪا ميار؟
ڪابه ميار ناهي.
پيار؟
بي لوث ۽ پرخلوص جذبو جيڪو امڙ جو ٻچڙن سان هجي، جيڪو ديس سان هجي.
عشق؟
پنهنجي خلقڻهار سان.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
جڏهن ٻار سامهون هجن.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
جتي پيار هوندو آهي، اتي عذاب ناهن هوندا.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
ائين ٿي نٿو سگهي.
ڪلا کيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
پهرين ماءُ، پوءِ گهر وارو.
پهرين مڃتا؟
سٺي استاد هجڻ جي مڃتا.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
جيڪا حسد تي ٻڌل هجي.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
مضمون، تقريرون.
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
..........
سڃاڻپ جو حوالو؟
سماج سڌارڪ.
سڀ کان وڏو نقاد؟
پنهنجو پاڻ
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
جيڪا سچائيءَ سان ڪجي.
پسنديده شاعر؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
پسنديده نثر نگار؟
مرزا قليچ بيگ.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
عابده پروين.
وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟
منهنجو گهر وارو.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
موتيو ۽ چنبيلي.
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
بهار جي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
سڀ هلڪا رنگ.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
ڪائنات جي خوبصورت آهي.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
پهرين ٿورو گوڙ ڪرڻ پوءِ خاموش ٿي وڃڻ.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟
نياز ۽ نوڙت - صبر.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
ظلم - ڪوڙ.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
فيصلو نه ڪري سگهڻ.
پيڙا جو ڪو پل؟
انسان جي مفلسي ۽ اگهائي.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
ڪوڙ ڳالهائڻ يا غلط بياني ڪرڻ.
ڪٽنبي زندگي؟
بهترين.
نفرت؟
ڪنهن کان به نه.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
جيڪو پنهجي غلطي تسليم ڪري.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
عقل ڀاري آهي.
عقيدو؟
الله تي ڪامل عقيدو آهي.
عبادت؟
الله تعاليٰ جي عبادت.
وقت؟
انمول شيءِ جنهن جو قدر ڪرڻ کپي.
موت؟
برحق آهي.
زندگي؟
الله تعاليٰ جو احسان.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
قرآن پاڪ.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
ڪابه نه.
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
سوچيو ناهي.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
قائد اعظم محمد علي جناح.
سياست؟
اها سياست جنهن ۾ عوام جي ڀلائي هجي.
وڻندڙ سياسي شخصيت؟
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو.
وڻندڙ مشروب؟
ڪافي.
وڻندر اخبار؟
عوامي آواز.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
جيئو، اي آر وائي، انڊس ويزن.
پسنديده اداڪارا؟
ڪَاجل.
سواري جيڪا پسند هجي؟
ڪار.
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
منهنجو ديس سدائين سکيو ستابو رهي.
خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟
اهڙو ڪوبه نه.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
هميشه چڱي ڪم جي باري ۾ ۽ ٻين جي ڀلائي جي باري ۾ پلان ڪندي آهيان.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
اعليٰ تعليم نه حاصل ڪرڻ جو افسوس رهندو.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
مسڪين ماڻهن جا مسئلا حل ٿين
آزادي؟
سٺي لڳندي آهي.
ڇڙواڳي؟
سٺي نٿي لڳي.
ڌرتيءَ سان پيار؟
بي حد.
زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
ڪابه نه.
انساني ڪردار جي سونهن؟
انسان سان همدردي ۽ انسان جي مدد.
انساني روين جو رنگ جيڪو رئاڙي؟
نا انصافي ۽ ظلم.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
پنهنجي اصلاح جي لاءِ شڪايت ضروري آهي.
تقدير تي ويساهه؟
معتدل ويساهه.
زندگي جو ڪڙو سچ؟
موت.
زندگيءَ جو اعتراف؟
حقيقت.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
سماج سڌارڪ
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟
جبر ڏاڍ ۽ ظلم تي چڙ ايندي آهي.
پيغام؟
جيئن ته زندگيءَ جي باري ۾ انسان کي ڪا خبر ناهي ۽ ان جو وقت به مقرر ناهي. هر گهڙيءَ کي غنيمت ڄاڻي انسان جي خدمت ڪجي. اٻوجهه ڳوٺاڻن کي تعليم سان گڏوگڏ صحيح رستو ڏيکارجي.
آتم ڪٿا قسط ”12“ رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
مون چيومانس، ”هلو، ماني مون وٽ هلي کائو، ته سڄي ڳالهه ٿي ٻڌايانوَ. هتي دڪان تي ماڻهو پيا اچن وڃن.“
مون گهر اچي نوڪر کي مانيءَ لاءِ چئي، وڃي محبوباڻيءَ سان هال ۾ ويٺيس. ڳالهه شروع ڪئي ته ”رات دڪان بند ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گهر پهتيس، ته ڪجهه سپاهي گهر جي ٻاهر بيٺا هئا، ته ايتري ۾ هڪ ڪار اچي بيٺي. جنهن مان منهنجو پهرين گهر جو مالڪ ڪوست ۽ ٻيو ماڻهو لهي گهر آيا. مون کين ويهاريو، ته هڪ ماڻهوءَ چيو، ”هيءُ هتان جو منسٽر آهي. جڏهن کان تون هتي آئي آهين، ته هيءُ تنهنجي پٺيان چريو ٿي پيو آهي. هيءُ توکي شاديءَ جي آفر ڪرڻ آيو آهي. تون ڪيڏي نه خوشنصيب آهين، جو منسٽر توکي خود شاديءَ جي آڇ ٿو ڪري.“ پوءِ هن جي ساراهه ۽ رعب جي ويٺو ساراهه ڪرڻ.
”مون منسٽر ڏانهن نهاريو، جو مشڪي رهيو هو. مون کي لڳو ته هيءُ ماڻهو مالي جو ٿي نٿو سگهي. هيءُ چوي ٿو، ته منهنجو ڀاءُ آهي. ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، منسٽر سهو، ڊگهو ۽ نيرين اکين وارو هو ۽ ڀاءُ ڪارو، بندرو، هتي جي ماڻهن وانگر ئي. ٿي سگهي ٿو، هتي جي زالن جو ڪو ڀروسو نه آهي. ڪنهن وٽ به وڃي رات گذاري اينديون آهن. منسٽر به چُپ چاپ مون ڏانهن نهاريندو رهيو، پر هُن جي ڀاءُ چيو، ”وڏن ماڻهن کي ”نه“ ٻڌڻ جي عادت نه آهي. نه هتي جون ڇوڪريون هتي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ناڪار ڪنديون آهن. هن کي پنهنجا چار بنگلا آهن، هتي مالي ۾ سٺي عزت ۽ هلندي اٿس.“
مون خفي ٿيندي چيو، ”مان شادي ڪيل، ٻارن ٻچن واري آهيان. منهنجا ٻار به شادي وارا آهن.“
هُن وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”اسان کي اُها سڀ خبر آهي. توهان ۾ ڪهڙو رواج آهي، اهي اتي ئي رهيو. پر توهان هتي ٿا رهو، ته توهان کي هُتان جا رواج هنڊائڻا پوندا.“
دل ۾ سوچيم، ”هيءَ چڱي داداگيري آهي. ‘مان نه مان، مان تنهنجو مهمان’ واري ڪار ٿي.“ مون کي چُپ ڏسي منسٽر وڃڻ لاءِ اُٿيو. مون کي چيائين، ”مان مهيني کن ۾ جواب وٺڻ لاءِ وري ايندس.“ چئي هليو ويو. هاڻي ٻڌايو مان ڇا ڪريان؟
محبوباڻيءَ کي مذاق سجهيو. ”تون هُن سان شادي ڪندينءَ ته اسان سڀني جو ڀلو ٿي پوندو. ٻه چار پوليس وارا تنهنجي اڳيان پٺيان پيا گهمندا. واهه ڀائي واهه! رتنا، تون ته چڙهي پيئينءَ.“
مون چيومانس، ”مهرباني ڪري منهنجي زخمن تي لوڻ نه ٻُرڪيو. واعدو ڪيو، ته جيستائين هتي آهيان، ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو. اسان سڀني جي عزت رهجي ايندي.“
محبوباڻيءَ چيو، ”چري ٿي آهين ڇا؟ اها ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻ جي آهي ڇا؟ ها، پر رڳو جوءِ کي ٻڌائينديس.“
مون چيو، ”پوءِ ته هوءَ مالي ڇڏي ڀڄي ويندءِ.“
”مان به اهو ئي ٿو چاهيان. وڃي ته عيش ڪري وٺون ٿورو.“
”محبوباڻي، ٿورو پنهنجي عمر جو ته لحاظ رکو.“
محبوباڻيءَ چيو، ”ڇو پوڙهن کي عيش ڪرڻ جو حق نه آهي ڇا؟“ چئي هو ويندو رهيو.
هاڻ ٻي ته چنتا نه هئي. بس مال جيترو وڪڻي سگهان، اوترو سٺو نه ته ڀڳڙن جي اگهه ۾ وڪڻي وينديس. انهن ڏينهن ۾ ممبئيءَ جو سڃاتل ڇوڪرو، جنهن جو نالو اشوڪ نيچاڻي هو، پنهنجي جوءِ ۽ ٻين ڇهن ڄڻن سان گڏ آيل هو. تنهن اچي چيو ته، ”هتي سڀ پيا اوڌر تي مال ڏين. جي تون به ڏين، ته مان توکان به چئن ڄڻن جو مال وٺندس.“
مان به هئس خفي، سو چيم، ”ٺيڪ آ، پر ايمانداريءَ سان رپيا پهچائج. توکي ايشور جو قسم آهي. مون انهن کي اڌ دڪان جو مال وڪڻي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن اچي پئسا ڏيئي ويو. چيائين، ”رتنا، مان مهينو کن هتي آهيان. ٻيو توهان کان مال وٺندس. توهان سينگاپور پيا هميشه اچو وڃو، هيءُ پنج هزار ڊالر اٿوَ، منهنجو هيءُ مال پلين ۾ ڏياري موڪلجو.“ سئمپل ڏيکاريائين.
”مان وڃڻي ته آهيان هڪ ٻن ڏينهن ۾، پر مون کي ڇا ملندو؟“
”توهان کي مان ڏهه ٽڪا ڪميشن ڏيندس. تنهن کان پوءِ ٻين ماڻهن لاءِ به توهان وٽان ئي مال وٺندس.“
”ٺيڪ آ.“ ٽڪيٽ چار ڏينهن پوءِ جي ملي.
اشوڪ نيچاڻي روز صبح جو اچي دڪان تي ويهندو هو. دهليءَ وارن جو ڳالهائڻ مٺو هوندو آهي، ڀلي اندر ۾ ڇريون هجن، پر سامهون واري کي پتو ئي نه پوندو آهي. اشوڪ سٺو سيلز مين هو. چئن ڏينهن ۾ هن پاڻ گراهڪن سان ڳالهائي مال وڪيو. اڳ کان ٻيڻو وڪرو ٿيو. مان خوش ٿي ويس. کيس چيم، ته ”منهنجي پٺيان دڪان تون سنڀالج.“
اشوڪ چيو، ”پر رتنا، مان شايد ترويندرم وڃي رهان، جو هتي رهڻ لاءِ مون کي سٺي جاءِ نه آهي.“
مون چيومانس، ”جوءِ سميت منهنجي گهر اچي رهه.“ دڪان جي ۽ گهر جي چاٻي ويندي وقت ڏيئي ويئي مانس.
سينگارپور پهچي ٻن ڏينهن ۾ مال موڪليم اشوڪ جو به ۽ پنهنجو به. فون ڪري چيومانس، ته منهنجو سامان نه وڪڻي، مال انڊيا کڻي وينديس.“
هفتي ۾ واپس آيس، ڏسان ته دڪان ۽ گهر خالي پيو آهي. باقي ٿورو مال نه هئڻ جهڙو ڇڏي. ڪيڏانهن ويو؟ ڪنهن چيو ته هو پنهنجا ماڻهو وٺي انڊيا هليو ويو. چيائين ٿورن ڏيهن ۾ موٽي ايندس. مون ممبئيءَ ۾ هن جي چاچي کي فون ڪري چيو، ته اشوڪ جو فون نمبر ڏيو ۽ کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايم. هن جواب ۾ چيو، ”رتنا، تون مورک جي مورک ئي رهندينءَ. ته پڇين ها ته: هن ٺڳ جي توکي خبر نه آهي. هن کي امير ٿيڻ جو نشو چڙهيل آهي. چوي ٿو ته ڪهڙي به ٺڳيءَ سان امير ٿي ڏيکاريندس. اٿيئي هو دهليءَ جو اول نمبر جو ٺڳ. هاڻ آسرو پلي ويهه.“
مان آسرو پلي ويٺس، ته محبوباڻيءَ به چيو، ”ايڏو وشواس ڌنڌي ۾ ڪرڻ، ڌنڌي جي اصول جي خلاف آهي. هن کان پوءِ تون اهو ياد رک. پر مان نٿو سمجهان ته تون سمجهي سگهندينءَ. ايتري مٺي نه ٿيءُ، جو توکي ڊائبٽيز ٿي پوي.“
مون چيومانس، ”جيڪو ٿيندو، ڏٺو ويندو. هن کان اڳ به هن کان وڌيڪ تڪليفون ڏٺيون اٿم. جيڪو هوندو ڀاڳ ۾، سو پوندو اچي ڀاڳ ۾. هونئن به سڀ هتي ڇڏي وڃان ها. گني کي دڪان ڏيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. گني جي ڀيڻ جي گهوٽ اچي، سڄي لک پڙهه ڪري چاٻي گهري. مون چيومانس ته، ”باقي رقم؟“
چيائين، ”گُني جو فون آيو هو سينگاپور مان، ته رتنا هتي ايندي ته رقم ڏيندوسانس ۽ مون سينگاپور ۾ پڻ آفيس کولي آهي. هاءِ اسٽيٽ ۾.“ مون ائڊريس وٺي چُپ چاپ وڃڻ جي تياري ڪئي. جاءِ واري کي چيم، ته ”هاڻ رقم واپس ڪر، مون ٻئي هنڌ جاءِ ورتي آهي.“
ها ها ڪندي، آخر ۾ چيائين، ته ”تو هتي ڏهه سال رهڻ جو واعدو ڪيو هو، سو هاڻ مون کي گراهڪ ملي نه سگهندو. خالي پيئي هوندي. مان ڏيئي نه سگهندس.“
مون چيو، ”خبر اٿم ته توهان ڀولا ڀالا ماڻهو اندر جا ايترا چالاڪ ٿيندا آهيو.“
هو ڏند ڪڍي کلڻ ويٺو. هنن سان مٿو هڻڻ اجايو آهي. هنن جو ڪهڙو ڏوهه؟ سڄي دنيا کان ڪٽيل، اڌ پيٽ ۽ اڌ انگ تي جيون گذاري رهيا آهن. اهو ايمان هو ڪيئن رکندا، ته مفت ۾ آيل رقم اسان واپس ڪريون؟ مورک ته نه آهن. مون چپ چاپ ممبئيءَ وڃڻ جي ٽڪيٽ ورتي. ترويندرم تي ٻيو جهاز بدلائڻو پوندو آهي، جنهن جي انائونسمينٽ ٿي رهي هئي. مسافر جلدي ڪسٽم جي جاچ ڪرائي ممبئيءَ واري جهاز لاءِ روانا ٿين. جهاز تيار آهي. هن جو پائليٽ آهي ”راجيو گانڌي.“ ماڻهن جي سس پس چالو ٿي ويئي. مان به اچي جهاز ۾ پنهنجي ڊائري ڪڍي لکڻ ويٺيس، ”مالي جي جدائيءَ جو داستان.“ ڪلاڪ ڪيئن گذريو، خبر ئي نه رهي. مڌورائي اچي ويئي. ماڻهو سڀ لهي گهمڻ هليا ويا. مان هونئن به گهڻي ڀاڱي لهندي نه آهيان. پهريائين شوق هو، نئين جڳهين ڏسڻ جو ۽ گهمڻ جو، پر هيڏن سالن ۾ ايندي ويندي دل ڀرجي ويئي هئي. آرام سان لکندي رهيس. ايتري ۾ راجيو گانڌي پنهنجي ڪيبن مان نڪري اچي منهنجي سامهون بيٺو. منهنجي نهارڻ تي چيائين، ”توهان هيٺ نه ويا آهيو؟“
مون کي الائي ڇو راجيو اُداس اُداس پئي لڳو. مون هن کي چيو، ”منهنجي من ۾ به توهان جي لاءِ اهوئي خيال آيو آهي.“
راجيو چيو، ”موڊ نه ٿيو.“ اهو چئي، هُو وري وڃي ڪيبن ۾ ويٺو. ان وقت قلم ته هٿ ۾ ئي هوم، لکيم، ”اهڙو ٻالو ڀولو ماڻهو جي هڪ ڏينهن پرڌان منتري ٿئي ته؟ نه نه، هتي جي سياست ۾ دوکيبازي ۽ چالاڪيءَ سان هڪٻئي کي مارڻ جون يا ڪيرائڻ جون سازشون عام ٿي ويئون آهن، اتي هن جي اهڙي ماحول ۾ سياست ڪرڻ جي جاءِ نه آهي.“ پر هڪ ڏينهن سچ پچ هو پرڌان منتري جي پد تي ويٺو. اندرا گانڌيءَ جو جيل ۾ وڃڻ، هن جي ان ڏينهن جي اداسيءَ جو ڪارڻ هو. ايمرجنسي لڳائڻ هن کي ڀاري پيئي هئي. اندرا گانڌيءَ کي ڇا، مان ته سمجهان ٿي ته هندستان جي سڀني عام ماڻهن لاءِ به ڀاري پيئي هئي. هن ته هندستان جو ڀلو ڪرڻ ٿي چاهيو. جي چار سال کن امرجنسي هلي ها، ته هندستان سر بڻجي وڃي ها. جتي عام ماڻهو اڄ جيان پيڙا نه ڀوڳين ها. خيال پنهنجو پنهنجو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته ان وقت سُڪن سان گڏ آلا به سڙي ويا هئا. پر اهو ته ٿيندو رهندو آهي ۽ اڄ نظر ڦيرائي ڏسو، چؤڌاري دوکيبازي، رشوت کان سواءِ ڪنهن به آفيس ۾ هڪ ڪاغذ به اڳتي نٿو وڌي! آفيسر کان پٽيوالو پيو گهُر ڪري. سچا ماڻهو ڦاسيءَ چڙهيو وڃن ۽ ڪميڻا پيا کُليل بازارن ۾ کڳيون هڻن. انصاف جي ڪرسيءَ هيٺان دولت جي لالچ جو ڪارو نانگ اچي ويٺو آهي. جنهن کي دولت جو کير نه پيئاريندا ته سڄو جو سڄو توهان کي ڳڙڪائي ويندو. مان به الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتي آهيان.
گهر پهتيس ته ڏسان ته نيلم گهر ۾ اڪيلي ۽ اُداس ويٺي آهي. مون کي ڏسي اچي ڀاڪر پائي روئي چيائين، ”ممي، مون توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيو.“
مون به کيس چُمي ڏيندي چيو، ”تون ياد ڪرين ۽ مان نه اچان؟“
نيلم چيو، ”مون ڪله ڀاڄائيءَ کان ڏهه روپيا گهريا، پر هن چيو ته مون وٽ روپيا نه آهن، وڃي پنهنجي ڀاءُ کان وٺ، وجيه اڌ رات جو ايندو، ته ڇا مان هن لاءِ جاڳي ويهي رهان ڇا؟“
مون چيومانس، ”پر به تنهنجا روپيا بئنڪ ۾ پيا آهن، ڪڍائي ڇو ڪانه آئينءَ؟“
”ممي، تون به! بئنڪ کار ۾ آهي. ڏهن روپين لاءِ کار وڃان ڏهه روپيا آٽو واري کي ڏيئي!“
”ساري ساري“ مون ڪنن تي هٿ رکي چيو ۽ هن کي وٺي وڃي سمنڊ واري دريءَ تي ويٺيس. هن جو ڌيان لهرن ڏانهن ڇڪائي چيم، ”واه نيلم! تون ته لستن ۾ ويٺي آهين. گهر ويٺي سمنڊ توسان پيو روز خوش ٿي مسڪرائي. کل هاڻ نه ته سمنڊ جي هوا بند ٿي ويندي. کلندينءَ ته لهرن سان سمنڊ به پيو ٽهڪ ڏيندو.“
اهو ٻڌي هوءَ کلي، منهنجي گود ۾ سر رکي ليٽي پئي. چيائين، ”تون ويٺي ڏس سمنڊ کي، مون کي ته ڏاڍي ننڊ ٿي اچي.“
سڀني ٻارن کي اها عادت هئي، مان ويٺي نه آهيان، ته هي تڪڙ ۾ اچي منهنجي گود ۾ پنهنجو سر رکندا ۽ منهنجو هٿ پاڻ ئي هنن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندو رهندو هو، تان جو ننڊ نه اچي وڃين. نيلم کي به ننڊ اچي ويئي. در تي کڙڪو ٿيو. مون اُٿي در کوليو ته منهنجي نونهن اچي پيرين پيئي. چيائين، ”مان سڀاڻي وڃان ٿي پيڪي، جو ڀاءُ جي شادي آهي. هان ڏسو هيءَ چين ڀاءُ کي ڏيڻ لاءِ وٺي آئي آهيان. پنجن هزارن جي آهي، سٺي آهي نه؟“
مون چيومانس، ”سٺي آهي، پر تون هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، تو وٽ نيلم جي اسڪول لاءِ ڏهه روپيا نه هئا ته هي پنج هزار تو وٽ ڪٿان آيا؟“
بس منهنجو اهو چوڻ ککر ۾ ڄڻ کلو هڻڻ. وڏي واڪي دل کولي گارين جي ڳٺڙي جيڪا مائٽن وٽان کڻي آئي هئي، کولي رکيائين. سامهون واري ماڙواريءَ جي ڌيءَ نڪري آئي، ”ڇا ٿيو آنٽي؟“
”ڪجهه نه پٽ“ در بند ڪري وڃي گروءَ تي ويهي گرنٿ صاحب پڙهڻ ويٺيس. ڪلاڪ کن کانپوءِ من سيتل ٿي ويو. هونئن به هر ڳالهه ۾ ايشور جو ڀاڻو ڪري زهر جا ڍڪ ڀريندي رهي آهيان. هڪ ٻيو وڌيڪ. نڪتيس ته نيلم اُٿي آئي. تنهن پڇيو، ”مان پنهنجي ساهيڙيءَ سان وڃان ڪالهه هن سان هلڻ جو واعدو ڪيو هوم.“
مون چيومانس، ”ڀلي وڃ. هل ڪيڏانهن ويندينءَ؟“
”مون کي سانتا وٽ سانتاڪروز وڃڻو آهي. توهان کي ڇڏيندي ٿي وڃان.“
مون به چاهيو ٿي ته گهر مان نڪران ته سٺو. نيلم کي ايلڪو مارڪيٽ لاهي وڃي ساهيڙيءَ سان ڳالهيون ڪري دل وندرائي. هوءَ به ابي جان، ويسٽ انڊيز ۾ رهندي هئي، پر هاڻ گهڻو ڪري انڊيا ۾. هن سان ئي ڪجهه دل جون ڳالهيون ڪري سگهندي هئس. هفتو کن ٻارن سان رهيس ۽ پوءِ سينگاپور هلي ويس. منهنجي لاءِ ڪو نئون شهر ڪانه هو. خريداريءَ لاءِ هميشه ايندي رهندي هئس. هاڻ به اهو سوچيم ته دڪان جي کٽ پٽ نه ڪنديس. پنهنجو روم آهي، اتان ئي سئمپل ڏيکاري ڪم چالو ڪنديس. گني لاءِ پڇا ڪئي ته خبر پيئي ته هن ڪنهن سان پارٽنرشپ ۾ آفيس کولي آهي ۽ خود انڊيا ويو آهي. سوچيم، ‘آهي ته سهين. مان به هتي آهيان. ڪڏهن ته ملنديسانس.’ ان وقت آمريڪا مان منهنجي ڌيءَ شوڀا جو ڏير آيو هو. پڇا ڪري مون سان ملڻ آيو. ڳالهه ڳالهه تي چيائين، ”ممي، اسان جو به ويچار آهي هتي ڪم ڪرڻ جو، پر اسان وٽ ڪو ماڻهو نه آهي. توهان اسان سان ڪم ڪندا؟“
مون چيومانس، ”توهان مالي اچي به مون کي چيو هو ته مالي ۾ منهجي ننڍي ڀاءُ کي ڪو ڪم کولي ڏيڻو آهي. مون کي آسري ۾ رکيوَ ۽ مون نقصان پاتو. هاڻ مان وڏو ڪم نه ڪنديس. گهر مان ئي او ڪي آهي. چوندا آهن ته الله رسي ته مت کسي.“ مون سان به اها ڪار ٿي. ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيس. هو ٿوري رقم ڏيئي هليو ويو. ائين چوندو ته باقي رقم وقت تي ملي ويندي. ٽي مهينا اڳ دڪان ڳولهي ۽ ٺهرائڻ ۾. مهينو کن ليسن ۽ ويزا وٺڻ ۾ لڳي ويو ڌيءَ شڪوءَ جي به ويزا گڏ وڌي ته ان کي به ويزا ملي ويئي. سوچيم ته گهر وٺي پوءِ ڌيءُ کي گهرائينديس نيل ڪمل نالي سان دڪان کلي ويو. گراهڪ ته جتي وڃ، هئا ئي هئا. انڊيا ۾ مال جي کوٽ هئي. هر ڪنهن کي ولائتي مال کپندو هو. اهو ڪيئن انڊيا ۾ اچي؟ دڪاندارن بس ماڻهو موڪلي، جيترو الائونس ملي اوترو مال گهرائڻ، اهوئي رستو ڳولهي ڪڍيو. جن جو بندوبست هو، تن جو سڀ ڪم راس پئي ٿيو. پر هڪ ڳالهه هئي ته مال ڪم جو هجي. واپاري چٺيون لکي موڪليندا هئا ته هي نه هي مال کپي. جيستائين دڪان کلي ته گهر مان ئي ڪم چالو ڪيم، جنهن ۾ هڪ شانتي هئي، ٻيو خرچ به گهٽ هو. پر هاڻ ليسن جي في، وڪيل جي في، ماڻهن جون پگهارون، انهن جي لاءِ سرڪار وٽ جمع ڪجهه رقم هر مهيني موڪلڻي منهنجو جيڪو ناڻو هٿ ۾ هو خلاص ٿي ويو. مون سيڻ کي فون ڪيو ته چيائين اسان جي رقم فلاڻي وٽ پيئي آهي، ان کان گهرائي وٺ. هن ماڻهوءَ کي فون ڪيم ته هزار هزار ڪري مهيني کن ۾ ڇهه هزار ڏنائين. دڪان تي مال اوڌر ملڻ لڳو. ڪم هلايم پئي. دڪان تي رش هئڻ ڪارڻ ٽي ماڻهو پورا نه پئي پيا. ڌيءُ کي گهرايم. تيستائين هاءِ اسٽيٽ ۾ ئي دڪان جي ڀرسان جاءِ ملي ويئي. هڪ ڪمرو هو، وڏو هال هو. ڪوئي پراڻ نالي جاڪرتا جو ماڻهو دڪان تي مال وٺڻ ايندو هو. هن سان ڳالهه ڪئي ته چيائين ته منهنجي جاءِ آهي، مسواڙ تي ڏيندس. پر هڪ شرط آهي. هڪ ته مان ڇهين ڇهين مهيني سينگاپور ايندو آهيان، جنهن لاءِ ٻه ڏينهن هتي اچي رهندس. مونکي به سخت ضرورت هئي، جنهن لاءِ مون هن جو شرط قبول ڪيو. ٺيڪ آهي، ٻه ڏينهن مهمانن جيان رهي ويندو. دڪان سٺو پئي هليو. اُها سڀني واپارين کي خبر هئي ته نئون دڪان سال کن اسانجو کائيندو آهي ۽ پوءِ پيو اسان کي کارائيندو آهي، جنهن لاءِ صبر نه آيو ۽ چوائي موڪليائين ته منهنجو هاڻ ويچار نه آهي. سو حساب ڪتاب مون کي ڏياري موڪليو. هنن جي رقم ڏيئي جان ڇڏائي. چوڻ جو مطلب ته مان گهر ۾ خوش هئس. اڌ ڏينهن ڪم ڪندي هئس ۽ اڌ ڏينهن آرام. جنهن جي مونکي سخت ضرورت هئي. پوءِ به مان خوش هئس. ڪڏهن ڪڏهن سڀ واپاري رات جو گڏجي ڪنهن ڪنهن جي گهر ماني کائي راند ڪندا هئاسين. مالي وانگر هتي به ڪجهه پل خوشيءَ جا گذري ويندا هئا. خريداري ڪرڻ لاءِ هر مهيني مان هانگ ڪانگ ۽ بئنڪاڪ ويندي هئس. هڪ ڏينهن اچڻ وقت جهاز ليٽ ٿي پيو، سو اڌ رات جو گهر پهتيس. در کولي اندر وڃي ڏسان ته هال ۾ ڪو ماڻهو سمهيو پيو آهي. وائڙي ٿي بتي ٻاري، هن جو منهن ڏٺم ته ياد آيو ته هو سترام روهڙا هو، جو ڀڳونتي ناواڻيءَ سا گڏ ڌڪڙ وڄائيندو هو. ٻه دفعا ڪلياڻ ۾ هنن جي پروگرام تي ويئي هئس. منهنجي ڪمري جو در ٻيڪڙيل هو. اندر جهاتي پائي ڏٺم ته ڀڳونتي ناواڻي صوفا تي ستي پيئي هئي ۽ منهنجي پلنگ تي ڪو مرد پٺي ڏيئي سمهيل هو. ڪير هوندو سوال اٿيو پر ٻئي کن سوچيم ته ڪير به هجي، منهنجو ڇا؟ ڀڳونتيءَ جو ئي ماڻهو هوندو. در ٻيڪڙي باٿروم ۾ سنان ڪرڻ هلي ويس. هڪ جهاز ليٽ ٻيو سڄي ڏينهن بئنڪاڪ جي گرميءَ ۾ پئي واپارين سان مليس. ٿڌي پاڻيءَ جو ڦوهارو کولي ڏهه منٽ هيٺان بيهي رهيس ۽ ٿڌڪار جو آنند ماڻيم. وار گهم سان ڀرجي ويا هئا. اُهو صبر نه رهيو ته سڀاڻي ڌوئان، نه نه، پوءِ ويهي رهيس ٽب ۾ ڏهن منٽڻ کانپوءِ وارن کي ٽوال ۾ ٻڌي، گائون پائي جاپ ڪندي ٻاهر اچي نڪتيس ته ڪو اچي مون سان ٽڪرايو. مون ٽوال اکين کان مٿي ڪيو ته پاڻي ڳرندا وار کلي ويا. سامهون ڀڳونتي بيٺي هئي، جا مون کي ڏسي اکيون ڦاڙي هڪ ٽڪ نهارڻ لڳي. ڪجهه ڊنل به هئي ته مان ڀوت آتما ته نه آهيان. مون هن کي لوڏي چيو ته، ”مان آهيان ڀڳونتي. رتنا ڊبيءَ واري.“
اتي هي سڀ ڪلاڪار مونکي رتنا ڊبئي واري ڪري سڃاڻندا هئا، سو سينگاپور ۾ اڌ رات جو مون کي ڏسي شايد هيءَ ڊڄي ويئي هئي. هاڻ هن اکيون ڇنبي چيو ته، ”مون سمجهو ته ٻاهر ٽنگيل مورت واري اڏامندڙ پري ٻاهر نڪري اچي سامهون بيٺي آهي. مان ان مورتيءَ جي باري ۾ رات سوچيان پئي ته هيڏن وڏن وارن واري ۽ سهڻي ڳاڙهي، سچ پچ ڪا هوندي ڇا؟ يا ڪنهن ڪلاڪار جي ڪلپنا هوندي.“
مون چي، ”او ڀڳونتي، وڃ اندر نه ته....“
پوءِ اسان ٻاهر اچي صوفا تي ويٺيونسين. مون پڇيومانس، ”اندر ٻيو ڪير سمهيو آهي، سترام ته نه ٿو لڳي.“
ڀڳونتيءَ ٻڌايو ته دادا گوبند مالهي آهي. تون هن کي سڃاڻين؟
”سامهون ته نه، پر ڪتابن تي هن جو فوٽو ڏٺو اٿم، جو مان آهيان ڪتابي ڪيڙو. اُن ناتي گوبند مالهي منهنجو سڃاتل ئي آهي. دير ٿي آهي، تون وڃي ليٽ، منهنجو ته اڄ سمهڻ ڇُٽو.“
مان تڪڙ ۾ اٿي گلاس ڀري کڻي آيس. هن واڪو ڪري چيو، ”رتنا، هيتري دوا ڇو ٿي پين؟“
”نه بابا نه“ ائين چئي ڀڳونتي اندر وڃي ليٽي.
مون گلاس خلاص ڪري، واپارين جا بل ڪڍي، سنواري فائيل ۾ وجهي رکيا ته صبوح جي سوجهري اچي روم کي روشن ڪيو. ڀڳونتيءَ کي به ننڊ نه آئي، سو ٻاهر اچي ويٺي. مون هن کان پڇيو، ”چانهه پيئندينءَ؟“
هن ”ها“ چئي پڇيو، ”تون هن گهر ۾ ڪيئن؟ اسان کي ته ڪنهن جاڪرتا واري چاٻي ڏني هئي ته منهنجي گهر پيو آهي خالي، وڃي رهو.“
مون پوءِ هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ”هيءَ ته تون سڃاتل هيئنءَ، نه ته مان ڇا ڪريان ها؟ سڀني کي ڪڍي ٻاهر ڪريان ها. هن پراڻ کي اچڻ ته ڏي.“
ڀڳونتيءَ چيو، ”رتنا، اسان توکي اچي تڪليف ڏني آهي.“
ايتري ۾ گوبند مالهي کنگهندو ٻاهر آيو، مون کي ڏسي ڪجهه سوچي چيائين، ”مون توهانکي ڪٿي ڏٺو آهي، سڃاڻو ٿا؟“
مون دل ۾ چيو، ”صرف فوٽي ۾.“
مالهيءَ چيو، ”اڙي ها، توهان کي مون ٺارو شاهه سنڌ ۾ ڏٺو هو. توهان جي ساڙهي پائڻ جي ڍنگ جي ڏاڍي ساراهه ٿيندي هئي.“
ڀڳونتي مون ڏانهن نهاري ڪجهه چوڻ واري هئي، پر مون هنن کي ٻڌايو ته، ”اها مان نه، منهنجي ماءُ هئي، مونکي ساڙهي پائڻ گهٽ ايندي آهي، جنهن لاءِ هاڻ شرٽ ۽ پئنٽ پائيندي آهيان.“
مالهي تڪڙ ۾ اٿي، باٿروم مان ٿي اچي چيو، ”هاڻ ياد آيو ته هوءَ توهان کان رنگ ۾ ٿوري جهڪي هئي، پر تمام وڻندڙ هئي.“
”برابر، اها منهنجي جيجل ماءُ هئي جا هاڻ هن لوڪ ۾ نه ٿي رهي.“
ڀڳونتيءَ پوءِ پراڻ جي ڳالهه ٻڌائي چيو، هيءُ هن جو گهر آهي.“
”پوءِ ته توکي سٺي ڪمپني ملي ويندي.“
ضمير شيخ
ميڊم ارشاد پنهور جون ڳالهيون
ميڊم ارشاد پنهور گورنمينٽ گرلس پائلٽ هاءِ اسڪول دادو جي اها هيڊ مسٽريس آهي، جيڪا نهايت، محبتي رويو رکندڙ، هر وقت مسڪرائيندڙ، اسٽاف سان پنهنجن وانگر ورتاءَ ڪندڙ، نهايت شفيق ۽ مهربان قسم جي عورت آهي.
ميڊم ارشاد اسڪول جي تعليم بهتر کان بهتر ڪرڻ جو اونو رکندڙ ۽ حساس دل آهي، سندس ئي محنتن جي ڪري هن اسڪول جون ڇوڪريون نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ پوزيشن حاصل ڪنديون رهن ٿيون.
شاگردياڻين سان سندس سلوڪ هڪ ماءُ وارو هوندو آهي، هوءَ شاگردياڻين جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندي آهي.
ميڊم ارشاد جي محبت، خلوص ۽ مهمان نوازيءَ جي جيڪا به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ان شفيق ۽ مهربان شخصيت جون ڳالهيون ٻڌون.
ضمير : اوهان جو تعارف؟
ميڊم ارشاد: منهنجو نالو ارشاد پنهور، تعليم M.A, L.L.B, B.Ed M.Ed مون مئٽرڪ گرلس هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪئي ۽ اڄ ان ئي اداري جي هيڊ آهيان. منهنجو گهر وارو ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ پروفيسر آهي.
ضمير : عورت اوهان جي نظر ۾؟
ميڊم ارشاد: منهنجي نظر ۾ عورت مان، شان، احترام ۽ عزت لائق آهي.
ضمير : اڄ جي عورت ڪيتري آزاد آهي؟
ميڊم ارشاد: اڄ جي عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو سندس حق به آهي، پر ڪافي علائقن ۾ عورت کي بلڪل آزادي نه آهي. هوءَ پڙهڻ لکڻ ۽ نوڪري ڪرڻ ته ڇا، پر پنهنجي راءِ جي اظهار ڪرڻ ۾ به آزاد نه آهي.
ضمير : عورت کي ڪيتري آزادي ملڻ گهرجي؟
ميڊم ارشاد: عورت کي حدن اندر آزادي ملڻ گهرجي، هن کي اظهار جي آزادي ملڻ گهرجي، آزاديءَ جو مطلب ڇڙواڳي نه آهي. مطلب ته جيتري هڪ انسان کي آزادي هجي عورت کي به اهائي آزادي ملڻ گهرجي.
ضمير : شادي لو ميريج ڪجي يا ارينج؟
ميڊم ارشاد: شادي ارينج ميريج ئي بهتر رهي ٿي.
ضمير : اوهان جي شادي لوميريج آهي يا ارينج؟
ميڊم ارشاد: اسان جي ارينج ميريج آهي.
ضمير : گهر ۾ حڪم ڪنهن جو هلندو آهي!؟ اوهانجو يا اوهان جي گهرواري جو؟
ميڊم ارشاد: گهر واري جو/ مڙس جو.
ضمير: گهر ۾ پنهنجي گهر واري کي ڪهڙي نالي سان سڏينديون آهيو؟
ميڊم ارشاد: آءٌ کيس سائين چوندي آهيان.
ضمير: اوهان کي گهڻا ٻار آهن ۽ اهي گهڻو فري ڪنهن سان آهن؟
ميڊم ارشاد: اسان کي ٽي ٻار آهن، جيڪي پنهنجي والد سان گهڻو فري آهن.
ضمير : اوهان جو گهر وارو گهر جي ڪمن ۾ اوهان جو هٿ ونڊائيندو آهي يا نه؟
ميڊم ارشاد: بلڪل به نه....
ضمير : پريمي جوڙن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
ميڊم ارشاد: پريمي جورا ڪورٽ ميريج سواءِ بدنامي ۽ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه نه آهي مائٽ اولاد کي اعتماد ۾ وٺن.
ضمير : ڪارو ڪاري واقعا ڇو ٿا ٿين، انهن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي ۽ ان ڪڌيءَ رسم کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟
ميڊم ارشاد: ڪارو ڪاريءَ جا 90% واقعا ڪوڙ تي ٻڌل هجن ٿا، ڪارو ڪاري جي رسم وڏيرن پنهنجن مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن تي مڙهي آهي، ڪڏهن ڪنهن وڏيري يا جاگيردار جو پٽ يا ڌيءَ ڪارو ڪاري نه ٿا ٿين، ڪڏهن ڪو وڏيرو يا ڪمدار ڪارو نه ٿيو آهي، پر هاري ڪمي ڪاسبيءَ جي ڌيءَ، ڀيڻ، زال هر روز ڪاري ٿي ڪسجي ٿي. ظلم جي انتها اها آهي جو 18 سالن جو پٽ 65 سالن جي ماءُ کي ڪاري ڪريو ماريو ڇڏي.... اهو ظلم ختم ٿيڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي، ڇو ته سماج جا ٺيڪيدار ائين ڪرڻ نه ڏيندا.
ضمير : مرد اوهان جي نظر ۾؟
ميڊم ارشاد: مرد جيڪڏهن پيءُ آهي ته شفيق آهي، ڀاءُ آهي ته مهربان آهي، مڙس آهي ته سهارو آهي، اولاد آهي ته خزانو آهي، مرد کي گهرجي ته پنهنجي عورت سان تعاون ڪري، ۽ ان جو احترام ڪري.
ضمير : اوهين هڪ اداري جون سربراهه آهيو، ان حوالي سان ڪي ڏکيائيون؟
ميڊم ارشاد: اداري کي هلائڻ لاءِ جيڪي ڏکيائيون ۽ تڪليفون پيش اچن ٿيون، انهن کي حوصلي، همت ۽ خوش اصلوبيءَ سان منهن ڏيان ٿي، منهنجو اسٽاف ڪوآپريٽو آهي. اداري جي سربراهه جي حيثيت سان منهنجي خواهش آهي ته مان پنهنجي اداري کي مثالي ادارو بڻايان.
ضمير : عورتون وڌيڪ ذهين آهين يا مرد؟
ميڊم ارشاد: عورتون وڌيڪ ذهين آهن.
ضمير : عورت ظالم آهي يا مظلوم؟
ميڊم ارشاد: عورت مظلوم آهي.
ضمير : اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟
ميڊم ارشاد: اڄ جي عورت عزت جي دائري اندر آزادي ۽ جيئڻ جو حق چاهي ٿي، هوءَ چاهي ٿي ته کيس مردن جيترا حق ملڻ گهرجن.
ضمير : زندگي اوهان جي نظر ۾؟
ميڊم ارشاد: زندگي خدا تعاليٰ جي طرفان مليل هڪ عطيو ۽ حسين تحفو آهي، انهيءَ کي اهڙي نموني گذارجي جو ٻين لاءِ مشعل راه ۽ هڪ سٺي ياد هجي.
ضمير : توهان پنهنجي زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
ميڊم ارشاد: آئون پنهنجي زندگي مان هر طرح سان مطمئن آهيان.
ضمير : اوهان جو اسٽار ڪهڙو آهي؟
ميڊم ارشاد: منهنجو اسٽار ڪيپري ڪون (جدي) آهي.
ضمير : قسمت ۽ اسٽار تي يقين رکنديون آهي؟
ميڊم ارشاد: بلڪل يقين رکندي آهيان.
ضمير : اوهانجيون ڪي به پنج خوبيون؟
ميڊم ارشاد: 1. رحم دل، 2. غريبن جي مددگار، 3. سٺي سوچ رکندڙ، 4. بي ضرر/ ڪنهن کي ڪو به نقصان نه ڏيندڙ، 5. هر ڪنهن سان سٺو ورتاءُ ۽ شفقت سان پيش اچڻ.
ضمير : اوهان جون ٻيون مصروفيتون؟
ميڊم ارشاد: پنهنجي ڊيوٽي پابنديءَ سان ادا ڪرڻ، پنهنجو گهر، ٻار سنڀالڻ، گهر جو سڄو رڌ پچاءُ آءٌ پاڻ ڪندي آهيان، واندڪائي ۾ اخبار ۽ رسالا پڙهڻ يا ٽي- وي ڏسڻ، گهر کان ٻاهر گهٽ نڪرندي آهيان.
ضمير : اوهان جي ڪا خواهش؟
ميڊم ارشاد: ها! منهنجي خواهش آهي ته جج ٿيان ۽ عورتن جي لاءِ جاکوڙيان ۽ انهن کي پنهنجا حق ڏياريان.
ضمير : آخر ۾ ڀينرن لاءِ ڪو پيغام؟
ميڊم ارشاد: پنهنجي زندگي اهڙي نموني گذاريو جو ڪنهن کي به آڱر کڻڻ جو موقعو نه ملي ۽ اوهين ٻين لاءِ مشعل راهه بڻجي وڃو.
***
عاجز منگي
شهدادپور جي سڄاڻ نياڻي آمنه ملاح سان ڳالهه ٻولهه
سوال: ادي، توهانجو تعارف ۽ تعليم؟
جواب: ادا، منهنجو نالو آمنه ملاح آهي، آءٌ شهدادپور جي مشهور پورهيت اڳواڻ محمد قابل ميراڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيس. مون پرائمري تعليم ”مائي بختاور“ پرائمري اسڪول شهدادپور مان حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري تعليم گرلس هائر سيڪنڊري هاءِ اسڪول شهدادپور ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ گرلس ڪاليج شهدادپور مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان سوشالاجيءَ ۾ ايم- اي ڪئي آهي. تعليم پوري ٿيڻ شرط مشهور سماجي اداري سافڪو ۾ 2001ع ۾ جوائن ڪيم.
سوال: سافڪو ۾ رهي توهان عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن؟
جواب: ادا، آءٌ سافڪو ۾ پنج سال اڳ سوشل آرگنائيزر طور شامل ٿيس، هن وقت سافڪو جي سوشل دولپمينٽ سيڪٽر جي پروگرام آفيسر آهيان، هن سيڪٽر جو مکيه ڪم ڳوٺاڻين عورتن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻيون تنظيمون قائم ڪرڻ، عورتن لاءِ هنري مرڪز، صحت جون سهولتون ڏيارڻ، بالغ عورتن جي لاءِ تعليم بالغان تربيتي ورڪشاپ وغيره آهي.
سوال: توهان جي اچڻ بعد عورتن جون گهڻيون تنظيمون قائم ٿيون آهن ۽ انهن جي سرگرميءَ بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب:ادا، منهنجي اچڻ بعد سافڪو ۾ 275 عورتن جون تنظيمون قائم ٿي چڪيون آهن. انهن ۾ سماجي سجاڳي پيدا ٿي آهي. اسان عورتن جي ذهني سجاڳيءَ لاءِ لائبريريون قائم ڪيون آهن ۽ ٻيون پڻ سرگرميون ڪندا رهون ٿا. اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ وڏي ذهانت آهي. انهن کي رڳو تربيت ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي.
سوال: ادي، سافڪو ۾ رهي توهان ٻيون ڪهڙيون سرگرميون ڪيون آهن؟
جواب: ادا، مون پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ عورتن جي بهتري ۽ سجاڳيءَ لاءِ ٿيندڙ پروگرامن ۾ عورتن جي نمائندگي ڪئي آهي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ سنڌي ثقافت جا ميلا ۽ ثقافتي اسٽال لڳايا آهن. ان کان علاوه بنگلاديش ۽ ٿائلينڊ جا دورا ڪري عورتن جي سجاڳيءَ لاءِ ٿيندڙ پروگرامن ۾ سافڪو جي نمائندگي ڪئي آهي.
سوال: پسنديده اخبارون؟
جواب: ڪاوش، تعمير سنڌ ۽ سنڌو.
سوال: پسنديده لباس؟
جواب: سنڌي ثقافتي لباس.
سوال: پسنديده کاڌو؟
جواب: دال ۽ چانور.
سوال: پسنديده شخصيت؟
جواب: جيجل ماءُ.
سوال: واندڪائيءَ جي وندر؟
جواب: رِليون ٺاهڻ.
سوال: عورتن لاءِ پيغام؟
جواب: وقت جو قدر ڪريو. چڱن ڪمن ۾ وقت صَرف ڪيو نفرت گهٽايو، محبت وڌايو.
اوهان جي ائڊريس: هرداس پوره چوڪ نزد مائي بختاور اسڪول شهدادپور.
فون: 3355227-0308
ثمينه ميمڻ
اڄ جو ڏينهن
اڄ جو ڏينهن
تنهنجي نانءُ ڪيان ٿي
جيڪو ساکي آهي
پنهنجي پيار جو
نينهن سَنيهنِ سنديون
شامون ۽ راتيون
پيار ڀريون باتيون
نيون پراڻيون
اڻ کٽ پريم ڪهاڻيون
تنهنجو چاهه هو چريو
منهنجي اندر هو وَريو
ڪڏهن کِلياسين
ڪڏهن رُناسين
ڪيڏا نه روپ ۽ رنگ هئا
تنهنجي منهنجي پيار جا
جيون جو سندر سفر
ڪٽبو رهي ٿو
چاهه وڌندو رهي ٿو
جيون جا چوڏهن سال
تو مون گڏ گذاريا
اڄ جو ڏينهن
تنهنجي نانءُ ڪيان ٿي
جيڪو ساکي آهي
پنهنجي پيار جو.
مهر النساءِ سومرو
آس جو ڏيئو
ڪڏهن ختم ٿيندي هي الجهن
ڪڏهن کڻندس سک جو ساهه
لڳي ٿو هر هڪ پل هت عذاب
۽ ڄڻ هجان بند قيد خاني ۾
ڪڏهن ملندي آزادي
۽ ڪڏهن ٿيندو پورو خواب
ان کان اڳ جو آس جو
ڏيئو اجهامي وڃي
تون اچي پريم جي وٽ سور
*
برکا پنهور
ارم جتوئي خوبصورتيءَ جي ماهر جون صلاحون
ارم جتوئي M.B.A جي شاگردياڻي آهي. پاڻ پڙهائي ۾ تمام گهڻي ذهين آهي، پر موڪلن وارن ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي شوق جي پورائي جي لاءِ مختلف ڪم ڪندي رهندي آهي، ۾ سلائي ۽ ڀرت جو ڪورس، گلاس ورڪ ۽ فلاور ميڪنگ جو ڪورس، رڌڻ ۽ پچائڻ جو ڪورس، بيوٽيشن جو ڪورس وغيره. هوءَ پنهنجي هر هنر ۾ ايتري ته هوشيار ۽ ڏاهي آهي، جو هُن جي هٿ جي ٺهيل شين کي ڏسي خوشي به ٿيندي آهي، ته حيرت به! واقعي، اهڙيون ڏاهيون ۽ هر ڪم ۾ ڀڙ ڇوڪريون به آهن جيڪي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ فخر جو باعث آهن، ارم جتوئي کان سرتيون جي پڙهندڙن لاءِ جيڪي صلاحون ورتيونسين اهي پيش ڪجن ٿيون - برکا.
برکا: پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
ارم: منهنجو اباڻو شهر نوشهروفيروز آهي جتان مون پرائمري، سيڪنڊري تعليم ۽ انٽر گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ شوق هئم ته ميڊيڪل ۾ وڃان ۽ ڊاڪٽر ٿيان، پر نه وڃي سگهيس. هن وقت يونيورسٽي ۾ M.B.A ماسٽر آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي آهيان. ننڍي هوندي کان پڙهائي ۾ هوشيار هئس. مون کي ڪڏهن به فارغ ويهڻ ڪونه آيو. اسڪول جي موڪلن ۾ به سدائين گهر جي ٺاهه جوڙ ڪندي هئس. الماڙين جي سيٽنگ ڪرڻ، ڀرت ڀرڻ، سلائي ڪرڻ ۽ گهر ۾ مختلف کاڌا رڌڻ اهي منهنجا شوق هوندا هئا. انٽر کان پوءِ حيدرآباد آيس، انگلش لئنگيچ ڪورس ڪيم. ڪمپيوٽر جو ڪورس ڪيل اٿم. يونيورسٽي جي پڙهائي ته مشڪل هئي، پر مون هميشه محنت ڪئي ۽ هر سال سٺيون مارڪون کنيون آهن، سيڪنڊ ايئر ۾ سؤٽ سان شادي به ٿي وئي، ان به گهڻو ساٿ ڏنو، ان جي ساٿ ۽ همٿ افزائي سان هر ڪم وڌيڪ آسان ٿي پيو آهي.
منهجي پڙهائي ۾ بابا ۽ امان جو وڏو ساٿ رهيو انهن جي همت افزائي ۽ شوق جي ڪري سدائين پڙهائي ۾ اڳڀري رهيس. سٺي رزلٽ اچڻ جي ڪري بابا جن ڏاڍا خوش ٿيندا هئا ۽ منهنجي به همت وڌندي هئي. ميڊيڪل ۾ نه وڃڻ جي ڪري پريشان ٿيس ته بابا چيو ته ڪيترائي ٻيا شعبا آهن. جن ۾ تون ٽاپ ڪري سگهين ٿي، ان کان پوءِ مان مطمئن ٿي ويس. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران ويجهي مرڪز مان، مختلف ڪورس ڪيم. جيئن سلائيءَ جو ڪورس، ڀرت جو ڪوس، گلاس پينٽنگس جو ڪورس، فلاور ميڪنگ جو ڪورس ۽ بيوٽيشن جو ڪورس ڪيم، هاڻ خاندان ۾ جيڪي به شاديون ٿينديون آهن ته مان سڀني ڇوڪرين کي ميڪ - اپ ڪندي آهيان ۽ ميندي، هيئر اسٽائيل فيشل، وغيره ڪندي آهيان، خوشي ٿيندي اٿم ته منهنجي هنر جي ڪري ڪيترائي ڪم سولا ٿي پوندا آهن. ٻي ڳالهه ته ننڍي هوندي کان اها خواهش به هئم ته مان هر ڪم ۾ ڀڙ هجان ۽ هر ڪم مون کي ايندو هجي. مان اڄ به پنهنجو ڪم ڪنهن کي نه چوندي آهيان مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته، مان درزي کان پنهنجا ڪپڙا ڪانه سبرايان ڇو ته درزي جيتريون منٿون ٿا ڪرائين اهي مان نٿي ڪري سگهان، ان ڪري پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندي آهيان ۽ ڊزائن ڪندي آهيان ۽ ستاري موتي ۽ ڪشميري پٽ ۽ شيشا پاڻ مڙهيندي آهيان ڇو ته پنهنجو ڪم جلدي ڪري وٺبو آهي ۽ ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ڪڍبي آهي. انڪري ئي مون سلائي ۽ ڀرت جو به ڪورس ڪيو. واقعي ارم جي گهر ۾ هر شئي سليقي سان رکيل هئي. لڳو ٿي ڄڻ هاڻ ئي ڪنهن گهر کي ويهي سجايو آهي.
ارم ٻڌايو ته مان وري به چوندس ته اهو ڪارنامو منهنجي گهر واري جو آهي جنهن جي ساٿ جي ڪري مان سڀ ڪم ڪري سگهي آهيان.
برکا: عورت پنهنجي پاڻ کي سينگاري ٿي، ٺاهي ٿي، ڇا اهو ضروري آهي؟
ارم: هر عورت جي خواهش هوندي آهي ته هوءَ سهڻي لڳي زيور به نئين اسٽائل جا هجن. ڪپڙا به سٺا هجن، پر جيڪا اهم ڳالهه ليکي وڃي ٿي سا آهي. مُنهن جي رونق ۽ ميڪ اپ!؟ سادي ۾ سادي ڇوڪري به پنهنجي چهري ۽ چمڙي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهي ته منهنجي ۽ اسڪن صاف، شفاف ۽ چمڪندڙ هجي.
برکا: اسڪن جي سنڀاڻ لاءِ توهان ڪهڙيون صلاحون ڏينديون؟
ارم: مُنهن تي ميٽ، چندن ۽ ڌونئرو مڪس ڪري هفتي ۾ هڪ ڀيرو لڳائڻ سان توهان جي مُنهن جي چمڙيءَ ۾ نکار ايندو. گرمين ۾ اهو نسخو بهترين آهي. ان کان سواءِ عورتون گهڻيون مصروف رهنديون آهن. ڪي نوڪري جي ڪري ڪي گهر جي ڪمن ڪارين جي ڪري اهي پاڻ کي وقت نٿيون ڏئي سگهن، پر مان انهن کي صلاح ڏيندس ته ايلو ويرا هڪ ٻوٽو آهي، ان جي پن مان لڳلڳدار پاڻياٺ نڪرندو آهي. ايلو ويرا (ڪنوار ٻوٽي) کڻي پنهنجي مُنهن تي اڌ ڪلاڪ کن هڻي گهر جو ڀلي ڪم ڪار ڪريو. پوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو. ان سان توهان جو مُنهن ڪافي تازو توانو ٿي ويندو.
مُنهن تي جيڪڏهن داڻا هجن ته تازو ٽماٽو ڪٽي 20 منٽ مُنهن تي هڻجي يا ٽماٽي کي ڪٽي ان جو ليپ ڪري ڇڏجي ته داڻا آهستي آهستي ختم ٿي ويندا ۽ نشان به ڪين ٿيندا.
برکا: فيشل ڪڏهن ڪڏهن ڪرائڻ گهرجي؟
ارم: فيشل جي اصلي معنيٰ آهي مُنهن جي صفائي. ڇو ته ٻاهر، مٽي دونهون ۽ گند ڪچرو ۽ سخت تيز اس ۽ تيز هوا چمڙيءَ جي لاءِ گهڻي نقصانڪار آهي. جيڪي عورتون روز ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ جيڪي عورتون گهر ۾ ويٺيون آهن انهن ٻنهي قسمن جي عورتن جي چمڙي ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي. 20 ۽ 22 سالن جي عمر ۾ فيشل ڪرائجي. پر 30 سالن جي عمر ۾ باقائدي ڪرائجي. فيشل ڪرائڻ سان چمڙي خوبصورت ٿيڻ گڏ بلڊ پريشر به نارمل ٿو رهي ۽ ماڻهو گهڻو رليڪس ٿو رهي. هڪ عورت مون وٽ آئي فيشل ڪرائڻ ان شڪايت ڪئي ته ان کي مٿي ۾ سخت سور ٿو رهي سو هوءَ گهڻي پريشان ٿي رهي. مون ان کي صلاح ڏني ته تون مناسب سمجهين ته فيشل ڪرائيندي رهه تنهنجي تڪليف ختم ٿي ويندي. واقعي لاڳيتو فيشل ڪرائڻ سان هن جو مٿي جو سور بلڪل ختم ٿي ويو، ڇو ته فيشل هڪ مساج آهي ان سان رت جي گردش ٿئي ٿي. ان کان سواءِ هلڪو ميڪ اپ ڪرڻ سان به ماڻهو فريش ٿو رهي ۽ ٻاهر نڪرندڙ عورتون هلڪو سلڪو ميڪ اپ ڪنديون رهن ۽ وارن جي حفاظت ۽ سنڀال سان توهان جا وار نرم ۽ گهاٽا ٿيندا.
گلشن لغاري
پروين شاڪر جي جنم ڏينهن تي
اي محبتن جي شاعره!
اي آسماني اَپسرا!
شاعري تنهنجي آ، ڄڻ جادوگري.
ڄڻ تون هئينءَ ڪا، پرستانن جي پري!
راهه ڀلجي، هن زمين تي آئي هئينءَ.
يا وري،
بارشن جي موسمن ۾ بوند جان،
پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي ۾،
جذب ٿيڻ لئه، ڄائي هئينءَ!
زندگيءَ کي ارپيا تو،
پنهنجي شعرن جا گلاب.
پر ان ڏنا توکي عذاب!
ڇو خوشي بڻجي ويئي تو لئه سراب؟
رهجي ويا سڀ اڌورا تنهنجا خواب!
بي خبر هن لوڪ کي ڪهڙي خبر؟
جنهن وقت ٿي اٿليا تنهنجا نيڻ- ساگر.
تن مان جي موتي ڇڻيا،
شعر هئا سيئي بڻيا!
هاڻ جي آهن بڻيل،
گهايل دلين جي لاءِ مرهم!
اڄ به بي حس، سرد خاني جهڙي دنيا ۾ رهيل،
ڪيترن زندهه لاشن جي دلين ۾ آدُکيل!
تنهنجي ڪَوتائن جي دم سان،
محبتن جي آگ مڌم!
تون مگر وئين ڇو ڇڏي، ”خوشبوءَ“ جا خواب؟
تشنه آرزئون تون ۽ سمورا اضطراب.
بند شعرن ۾ ڪِري، سڀ غم جا باب.
۽ وٺي راههِ اَجل، جل پَريَن جين،
جهٽ ۾ اوجهل ٿي وئينءَ!
تون جا ”اڄ“ ٿيڻي هئينءَ،
ڪيئن ”ڪلهه“ بڻجي وئينءَ؟!
اي محبتن جي شاعره!
اي آسماني اپسرا!
زبير سومرو
ترائيل
سموري ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ ڪيڏي يار! اوندهه آ، اسان جي چاهتن جا چنڊَ، ڏس ته پوءِ به چمڪن ٿا! سهائيءَ جو سنديسو ڏي، اسان لئه گار اوندهه آ، سموري ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ، ڪيڏي يار! اوندهه آ.
اسان جي ديس جي هر ديهه تي ڄڻ بار اوندهه آ، اسان جا سور سهڪن ٿا، اسان جا درد مهڪن ٿا! سموري ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ، ڪيڏي يار! اوندهه آ، اسان جي چاهتن جا چَنڊَ، ڏس ته پوءِ به چمڪن ٿا!
هي نيڻ ميڻ ٿي ٻريا ۽ روشني ڪندا رهيا، ٻري ٻري اسان جون چاهتون به چاندنيون بڻيون! ۽ درد جگنو ٿي وريا ۽ روشني ڪندا رهيا، هي نيڻ ميڻ ٿي ٻريا، ۽ روشني ڪندا رهيا!
ها ميت گيت ٿي وريا، ۽ روشني ڪندا رهيا، دُکي دکي اسان جون دلبريون به سِگريون بڻيون! هي نيڻ ميڻ ٿي ٻريا ۽ روشنيون ڪندا رهيا، ٻري ٻري اسان جون چاهتون به چاندنيون بڻيون!
شبانه سنڌي
غزل
پيار جي پڄاڻيءَ تي روئي ڏنوسين وڇوڙي جي ڪهاڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
درد دل ۾ لڪائي جا مرڪندي رهي ٿي، ان ڇوڪري سياڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
تو ساڻ هلندي سمنڊ ڪناري او ساٿي! ياد ڪنهن پراڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
ڪئي پاڻ هيئسن جا چوڏهينءَ رات، ان روح رهاڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
جا سدائين درد ڏيندين رهي اسان کي، ان ڇوڪري اياڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
ڏنئي پاڻ پيڙا وري روئي ٿي پوي، اک لڙڪ هاڻيءَ تي روئي ڏنوسين.
غزل
کوڙ التجائون گلابن ۾ رهجي ويون، ڪيئن چٺيون ڪتابن ۾ رهجي ويون.
خطن ۾ لکي سوال اُماڻيا مون ڏانهن، چند ڳالهيون جوابن ۾ رهجي ويون.
زماني جي پرواهه ڪئيسين ڇا مليو، ٻه زندگيون عذاين ۾ رهجي ويون.
ملي ڪانه سگهياسين حقيقت ۾ پرين، ملاقاتون بس خوابن ۾ رهجي ويون.
ساٿي سمورا ته اڳتي نڪري ويا گهڻو، اسان جون نظرون نقابن ۾ رهجي ويون.
جيون بڻجي ويو صحرا جهڙو آ ”سنجها“، سڀ سوچون سرابن ۾ رهجي ويون.
وسيم سومرو
گيت
نماڻا پکي ديس جا نماڻا، مٺا ٻول ٻولي، اجهو کنڀ کولي،
هوا ۾ اڏاڻا! روڪ نه تن کي، ٽوڪ نه تن کي، اڏرڻ ڏين هوا ۾، اڏري، اڏري ڀل هڪٻي تي، پاڇا ٿين هوا ۾. آليون اڃ ٿينديون، رئي رڃ ٿينديون،
پکين جي پڄاڻا!
ڪجهه ڀل گهرجي ڇت تي ويهندا، ڪجهه پل لامون لڏندا،
ڌرتيءَ جو ٿي خواب فضا ۾، ڦڙڪي ڦڙڪي اڏندا،
چٽي ٽاري ٽاري، متان او شڪاري!
ڪرين ڀينگ ڀاڻا!
فطرت جي تصوير لڳن ٿا، پٿر تي يا جرتي، پيار کڻي جي چوڳو ڏيندين، ايندا تنهنجي در تي،
ونڊيندا ونڊيندا، دعائون ڇنڊيندا، چڳي چار داڻا!
ارم محبوب
ان کان اڳ جو...
ان کان اڳ جو پان وساريون...
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
جدا جدا جيون راهن تان لنگهندي
ان کان اڳ جو ساريون يادون،
باقي جيون رک بڻائين،
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
ڪومل ڪومل پنهنجون يادون،
پوپٽ رنگ جهڙيون يادون،
ان کان اڳ جو گذريل منظر
ايندڙ هر پل زهر بڻائين
هڪ وار ئي گڏجي ڇو نه ڀوڳيون
ڇو نه گڏ جي يادون ٻاريون!
دل کان روحن تائين جو...
گهاريل گهاريل امر سفر...
ڇو نفرتن ۾ بدلائي،
پنهنجو پاڻ جلايون،
ان کان اڳ جو پاڻ وساريون
ڇو نه گڏجي يادون ٻاريون!
فرزانه پروين شيخ
چوڙيون
مان ان جي ڀيڻ آهيان
جيڪو ڀاءُ
ٻين جي ڀينرن کي
چوڙيون پارائيندو آهي
اڄ ان ڀاءُ جي
ڀيڻ جون
چوڙيون
چورايون ويون آهن.
عورت
عورت مظلوم
۽ مجبور هوندي به
هڪ گهاٽي وڻ
وانگي آهي
توڙي ان کي ڪپيو
۽ ڪٽيو وڃي ٿو
تڏهن به ڇانو ڏيڻ
ڪانه ڇڏي
عورت به ائين ئي آهي
خاص ڪري
سنڌ جي عورت!
پيار
آسمان ايترو اوچو نه هوندو
چنڊ ۾ ايتري چانڊوڪي نه هوندي
سج ۾ ايتري روشني نه هوندي
۽ دنيا ايتري وڏي نه هوندي
جيترو منهنجو توسان پيار آهي
مان
مان توسان پيار ڪنديس
ساٿ ڏينديس
قرب ونڊينديس
پر...
مان تنهنجي ٻانهي،
غلام ٿيان
اهو مون کان نه پڄندو
بيشڪ...
دل ۾ پيار گهڻو آهي
پر مان توکي
پيرين نه پونديس!
درد
درد اسان کي مليو آهي
زندگي ۾ عشق به
چوريءَ ٿيو
۽ درد به چوريءَ مليو
هاڻي مان ڇا ڪيان!؟
پاڻ پنهنجي دل کي جلايو آهي
راحتن جو زمانو
ويو گذري
ياد ماضي ڪرڻ اجايو آهي
لوڪ سمجهي نه ٿو حقيقت کي
شاعريءَ ۾ اسان ٻُڌايو آهي
دردُ اسان کي مليو آهي.
رانديڪو
چوندا آهن ته ”ٻار بادشاهه آهن.“
ٻار جڏهن
خوشيءَ مان
ڪو رانديڪو وٺي ٿو
ان سان کيڏي
پوءِ ان کي ڀڃي
اڇلي ڦٽو ڪري ٿو
ڇا قدرت ۾ قادر يه
ان ٻار وانگر آهي
جو انسان سان کيڏي
پنهنجو مقصد پورو ڪري
ان کي اڇلائي ڇڏي ٿو
ڇا مون کي به
ائين رانديڪي وانگر
استعمال ڪري
کيڏي
پوءِ اڇلي
ڦٽو ڪيو ويندو.
پڙهندڙن جا خط
محترمه ڌيءَ! گلبدن جاويد مرزا!
سرتيون جو پرچو مليو، منهنجو انٽرويو (امر سنڌو وارو سهيڙيل) ۽ (شعر آئينو) ڇپيل هو. ڪيترن دوستن علم ادب سان دلچسپي رکندڙن پڙهيو. خوش ٿيا تقاضا ڪيائون ته اسان کي رسالو گهرائي ڏيو انڪري ٻه اکر لکان ٿو ته
سرتيون جون پنج ڪاپيون وي پي ڪري موڪليو/موڪلرايو. ڇو ته هتي ڪنهن به بوڪ اسٽال/ ڪتاب گهر وٽان نه ملي سگهيو آهي. دادو مان نه مليو آهي.
احمد خان مدهوش
جوهي، ضلع دادو
سنڌي ادبي بورڊ جي ادبي رسالي ”سرتيون“ پاران حدود ترميمي بل بابت مذاڪري جي خبر روزانه ڪاوش 26- نومبر 2006ع تي پڙهيم، دل چيو ته اوهان کي مبارڪ ڏيان ته اسان جو ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ادبي رسالو هاڻي اهڙن معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو آهي. رسالا اهڙا مذاڪرا ڪرائي فائدا حاصل ڪري سگهن ٿا، آئينده به اهڙا مذاڪرا ٿيڻ گهرجن!
حزب الله.آءِ.سومرو
سومرا محلو ويجهو ماچيس
فيڪٽري، سول اسپتال روڊ، خيرپورميرس
آئون رسالي جي مستقل لکندڙ/پڙهندڙ آهيان، جيئن ته اسان دادو جي هڪ ڳوٺ ۾ رهون ٿا، انڪري حيدرآباد اچڻ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي، لکڻ جو مطلب آهي ته اسان وٽ دادو شهر، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه کان ويندي سيوهڻ شريف تائين ڪٿي به توهان جو رسالو ”سرتيون“ نٿو ملي، مهرباني ڪري انهيءَ طرف توجهه ڏيندا.
لالي مصراڻي
ادي، مان ڪيترن سالن کان سرتيون رسالي جي ميمبر آهيان، اوهان جي همت ڏيارڻ تي، نثر توڙي نظم لکندي رهان ٿي، پر افسوس جو رسالو اسان کي يا ته تمام گهڻي دير سان ملي ٿو، يا مورڳو نٿو ملي. ڪيترا دفعا بڪ اسٽال تي فون ڪرڻا ٿا پون. مهرباني ڪري رسالو وقتائتو موڪليندا.
شگفته جبين
ميرپورخاص
نومبر 2006ع وارو پرچو سٺو لڳو، اوهان جا لائق جو اعزازي ڪاپي ڏياري موڪليو، باقي گذريل ٻن مهينن کان ”سرتيون“ گهوٽڪي شهر ۾ اچڻ بند ٿي ويو آهي.
حسين سارنگ
ادي، ڪنهن سهيليءَ وٽان سرتيون نومبر 2006ع وارو پرچو مليو، خاص ڪري ٽائيٽل تي سنڌي نارين جون تصويرون ڏاڍيون وڻيون، گهڻو عرصو اڳ ريحانه نظير جي ڪهاڻي بنان عنوان سرتيون ۾ پڙهي هيم، وري سندس انٽرويو پڙهڻ جو موقعو ڏيئي اسان جي دل خوش ڪري ڇڏي اٿو، اميد ته هميشه جيان نئون ٽئلنٽ متعارف ڪرائيندا رهندا.
اوهان جي پنهنجي
روزينا بخاري، سامارو
توهان جو سهيڙيل سرتيون تمام سٺو لڳو، پر جيڪڏهن هن ۾ اسٽارس (برج، ستارا) به هلايو ته بهتر ٿيندو. رڌ پچاءُ جا پيج به وڌايو ته ڏاڍو سٺو. گهريلو ڏَسَ نسرين طاهر وفائي جو لکيل سٺو سلسلو هو، اهو وري هلايو. هڪ شخصيت 100 سوالن ۾ احمد خان مدهوش جي جوابن ڏاڍو متاثر ڪيو.
شهناز بلوچ
ڀان سعيدآباد
ايڊيٽر صاحبه!
هيءُ رسالو اسان ليکڪ عورتن لاءِ هڪ بهترين راهه آهي ۽ اسان پنهنجون لکڻيون سرتيون ۾ موڪلينديون رهون ٿيون ۽ هميشه اسان کي سٺي موٽ ملندي رهي آهي. پر هڪ شڪايت ته مون ”فلمي ميلي“ جي رپورٽ توهان کي موڪلي هئي، پر اها اڃا نه شايع ڪئي وئي آهي. اميد ته ايندڙ رسالي ۾ ضرور شايع ڪنديون. سرتيون ۾ هڪ سلسلي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي سو آهي، سفرنامو، ننڍا ننڍا سفرناما ڏجن ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. سنڌ جي ڳوٺن ۾ توهان جو رسالو نٿو پهچي. منهنجي تجويز آهي ته ڳوٺن تائين رسالو پهچايو وڃي ته جيئن اتان جون عورتون به هن سفر ۾ حصو وٺي سگهن.
روزينا جوڻيجو
ايڊيٽر صاحبه!
جيئن ته هيءَ رسالو سنڌ جي عورتن لاءِ نڪرندڙ واحد رسالو آهي، جيڪو مان شوق سان پڙهندي آهيان. هن ۾ خاص طور تي سنڌ جون اهي شخصيتون آهن جيڪي ٽي. وي تي نظر نه اينديون آهن، اهي سرتيون ۾ ڏسي انهن بابت ڄاڻ ملي ٿي ۽ سندن خيالن جي ڄاڻ پوي ٿي. منهنجي تجويز آهي ته هن رسالي کي ٻهراڙيءَ ۾ متعارف ڪرايو وڃي. ته جيئن ٻهراڙيءَ ۾ ”ڊش ڪلچر“ جي جاءِ تي علم ادب اچي. ڇو ته اُتي ڊش ڪلچر ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي، ۽ سنڌي عورتون ڏينهون ڏينهن ان ڏانهن وڌي رهيون آهن. وري به توهان کي جس هجي جو ڪيترين مشڪلاتن باوجود باقاعدگي سان رسالو شايع ڪري رهيون آهيو.
نجمه بالادي
امبر ايوب ٻرڙو
ازل کان...
تو اڻڄاڻيءَ ۾ هڪ رشتو جوڙيو جيڪو ننڍپڻ کان تنهنجي ذات سان جڙيل هو، ان رشتي جو پهرين ته ڪو نانءُ نه هو، پر ننڍپڻ جي شرارتن ۾ گذريل وقت ان رشتي کي دوستي جو نالو ڏئي ڇڏيو. اها دوستي جي جيڪا تمام گهري ٿي وڃي ۽ دل ۾ ڪي خوبصورت احساس پيدا ٿين ته پوءِ اها دوستي دل ۾ ڪا ٻي جڳهه ٺاهي وٺندي آهي. دوستي ته پهريون قدم آ، پر جڏهن ڳالهه اڳتي وڌي ٿي ته اها دل جو روڳ بڻجي ويندي آهي. جڏهن تون دوستيءَ کان اڳتي وڌي وئين ته توکي پاڻ کي اها خبر نه هئي ته ڪيترو اڳتي وڃي رهيو آهين. تو ته هڪ دوستي جي رشتي کي اڳتي وڌايو ۽ اهو ايترو وڌيو جو آخر تنهنجي دل ۾ ان لاءِ ڪجهه ٻيا احساس پيدا ٿيڻ لڳا. تو هر وقت ائين پئي چاهيو ته اسين ٻئي دنيا جهان کان بيخبر پنهنجي دنيا ۾ مگن هجون صرف هڪٻئي لاءِ هجون ڪوبه ٽيون اسان جي وچ ۾ نه اچي، ڇو ته توکي پنهنجي ذات سان ڪنهن ٻئي جي مداخلت بلڪل به پسند نه هئي ۽ اهو ماڻهو توکي زهر لڳندو هو. جيڪو اسان جي وچ ۾ اچي.
ائين ناهي ته تو پاڻ ڪڏهن جهڳڙو نه ڪيو هجي جڏهن به ملياسين ته موڪلائڻ کان پهرين ضرور وڙهندا هئاسين، ڀل اها ڪيتري به ننڍي ڳالهه ڇو نه هجي، پر وڙهڻ لازمي هوندو هو. هر اها ملاقات تيستائين ختم نه ٿيندي هئي، جيسين تون نه وڙهين ۽ ڪافي دفعا ته ائين به ٿيو جو مون سان ڪاوڙجي هليو ويندو هئين ڳالهه بلڪل به ننڍڙي هوندي هئي، جنهن جو نه ڪو مطلب، نه ڪا معنيٰ. پر پوءِ به هڪ ضد ته تو هيئن ڇو ڪيو؟ مطلب ته بي بنياد ڳالهيون ڪري ڪاوڙجي وڃڻ ۽ وري ناراض ٿيڻ کان پوءِ بي سڪون ٿي وڃڻ. ذهن ۾ هڪ ئي ڳالهه ته مون کي ائين نه چوڻ گهرجي ها، اها ته بلڪل ننڍڙي ڳالهه هئي، اها به ڳالهه هئي جنهن تي اسين بلڪل به ننڍپڻ وانگر پئي وڙهياسين: بس دل ۾ صرف اهو احساس ئي ڪافي هو، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن دلين ۾ هڪٻئي جي لاءِ ڪيترو پيار ڀريل آهه. پر وري ڳالهه اچي پرچائڻ جي ته پهرين شروعات ڪير ڪري، ٻئي ضد ۾ ته هو پرچائي هو چوندو ته هو پرچائي. مان جيستائين تون کي سڃاڻان ته جيڪڏهن تنهنجو ٿورو به قصور هوندو ته ضرور تون پرچائڻ جي شروعات ڪندي، پر جي تو ائين سمجهيو ته مان قصوروار ئي نه آهيان ته تون ڪڏهن به پنهنجي ضد تان نه لهندي هئين. ڀل ته تنهنجي دل ڪيتري بيچين هجي. پر تون پنهنجي اندر ۾ تڙپندو هئين، پر ٻاهر ڪجهه نه ۽ آخر ۾ مان اچي توکي پرچائيندي هئس ڇو ته اڪثر ئي توکي پرچائيندي هئس توکان گهڻو واقف جو آهيان ته تون ڪيترو ضدي آهين پر خبر ناهي ڇو تون ان رشتي کي صرف دوستي واري پيار جو نالو ٿو ڏين تون ائين مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهين ته تون مون سان تمام گهڻو پيار ٿو ڪرين، ايتري قدر جو جيڪڏهن اها تنهنجي زندگي مان هلي وئي ته پوءِ تون بلڪل ان گل وانگر ٿي ويندين جيڪو ٽاري کان پٽجڻ کان پوءِ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو آهي.
مان تنهنجي ڪافي ڳالهين کان چڱي نموني واقف ٿي چڪي آهيان. منهنجو تنهنجي هر ڳالهه ۾ ذڪر ضرور هوندو آهي. تون هميشه ائين ئي چوندو آهين ته ان جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو ٿي ئي نٿو سگهي، ان جهڙو ڪوئي به مون کي چاهي نٿو سگهي. ان کان وڌيڪ مون کي ڪوئي به سمجهي نٿو سگهي. بس تنهنجي هر ڳالهه ۾ منهنجو هجڻ ئي مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ويو ۽ آخر جڏهن اها ڪنهن ٻئي جي ٿيڻ واري آهي ته تنهنجي دل اهو مڃڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي مسلسل چوڻ کان پوءِ به تو صرف ائين چيو ته ها مان به ان سان تمام گهڻو پيار ٿو ڪريان اها منهنجي تمام سٺي دوست آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪڏهن به پنهنجي زندگي ۾ ٻئي ڪنهن سان ايترو پيار نه ڪري سگهندم، تو اهو سڀ چيو پر اهو نه مڃيو ته مان ان کي پنهنجو بڻائڻ پيو چاهيان. تنهنجي هر ڳالهه مان صاف ظاهر هو ته جڏهن مان ڪنهن ٻئي جي ٿيندس ته تون بلڪل به ٽٽي پوندين، ۽ توکي تمام گهڻو ٽائيم لڳندو پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۾. پر مان به تنهنجي لاءِ ڪجهه نه پئي ڪري سگهيس، ڇو ته تو ائين به چيو ته هوءَ هاڻي هوندي ته منهنجي اکين جي اڳيان، پر اها منهنجي نه هوندي، بلڪ منهنجي ئي گهر ۾ ڪنهن ٻي جي نالي سان ايندي، ته جنهن جي نالي سان هوءَ اچي رهي آهي اهو مون کي تمام گهڻو پيارو آهي. بس هاڻي اها اذيت مون کي پوري عمر سهڻي پوندي ته جڏهن اسان پري هوندا هئاسين ته جدائي جو ايترو احساس نه ٿيو، پر هاڻي ايترو ويجهو هوندي به هيءَ ويجهڙائي جدائي جو تمام گهڻو احساس ڏياريندي، ۽ تو ائين چيو ته مان ڪڏهن به هن کي ان ڳالهه جو قصوروار نه بڻائيندس، ڇو جو جيڪو ڪجهه به اسان سان ٿيو آهي اهو زماني وارن ئي ڪيو آهي ۽ زمانو ته ازل کان وٺي پيار ڪرڻ وارن جو دشمن رهيو آهي، انهن ڪڏهن به پيار ڪرڻ وارن کي ملڻ نه ڏنو آهي، انهن کي ڪو به احساس نه هوندو آهي ته جڏهن ٻه دليون هڪئٻي کان جدا ٿينديون آهن ته انهن ٻنڌڻ، انهن جا ٽهڪ عرش تي گوجندا آهن. پر اهو سڀ هي ظالم زمانو نه سمجهندو ڪڏهن به نه!؟ انهيءَ ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي هن بيدرد زماني جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو آهي ۽ وري فيصلو آسمان وارو ڪندو!
سمرا گلزار
نيرن اسان جي لاءِ ضروري آهي
اسان مان ڪيترا ماڻهو اهڙا هوندا جيڪي نيرن کي ڪا خاص اهميت ڪونه ڏيندا آهن، جڏهن ته ڏينهن جي شروعات ڀرپور نيرن سان ڪرڻ گهرجي. ڏٺو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو ڊبل روٽي جي هڪ سلائس ۽ چانهه جي ڪوپ سان نيرن ڪندا آهن، ڪاش، اها نيرن اسان جي دل کي ڪو فائدو پهچائي سگهي. چڪنائي کان بغير نيرن اسان روز ڪريون ٿا، پر اها اسان جي صحت لاءِ فائدي واري ناهي. سٺي خبر اها آهي ته صحت بخش نيرن اسان کي ڀرپور طاقت ڏئي ٿي، صبح جي نيرن اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. ڪهڙي نيرن ڪجي جيڪا اسان جي صحت ۽ دل جي لاءِ فائدي واري هجي.
ڀرپور نيرن جي لاءِ ٽن ڳالهين کي پنهنجي پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيو پهرين شيءِ فائبر توهان کي اناج جي ٺهيل شين مان ملندو جهڙوڪ بريڊ، ماني، ڪڻڪ جو ڏارو. ٻيو ته ميوو ضرور کائڻ کپي، ٽئين شئي آهي پروٽين جيڪا توهان کي بيضي، مچي، کير ۽ گوشت وغيره مان ملندو، اهي ٽئي شيون هڪ سٺي نيرن لاءِ تمام ضروري آهن. فائبر خاص ڪري اسان جي لاءِ اهم آهي، ڇو ته ان سان دل جي بيمارين ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي اچي سگهي ٿي. فائبر جنهن مان ملي سگهي ٿو ان ۾ وٽامن بي، فولڪ ايسڊ آهن، هڪ سروي جي مطابق 27 کان 44 سالن جون عورتون روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار مائڪرو گرامز فوليٽ وٺي سگهن ٿيون. سان هائي بلڊ پريشر جي ليول گهٽ ٿيندي، جيڪڏهن توهان گهڻو فائبر استعمال ڪريو ته توهان جي ڪوليسٽرول جي ليول به گهٽ ٿي وڃي ٿي. فورٽي فائيڊ بريڊ اهڙي شئي آهي جنهن مان اسين فائبر حاصل ڪري سگهون ٿا. نيرن ۾ ان جو استعمال تمام بهترين آهي، ڪجهه کاڌا ۽ ڀاڄيون اهڙيون آهن، جن مان اسان پنهنجي مرضيءَ مطابق فائبر حاصل نٿا ڪري سگهون. هر صبح جو 5. 4 گرام فائبر ضرور هجڻ گهرجي. چڪن پيس ۾ گهڻو فائبر هوندو آهي. گجرون ۽ بغير ڇڻيل اٽي جي ماني يا بريڊ ۾ فائبر هوندو آهي،
ماهرين جي خيال ۾ روزانو اڍائي ڪپ ڀاڄيون 2 ڪوپ ميوو وٺڻ فائدي وارو آهي.
توهان پنهنجي کاڌي ۾ تازا ميوا خاص ڪري صوف جو اضافو ڪريو ته توهان وٽامن اي، سي ۽ اِي به حاصل ڪري سگهو ٿا. سڀ کان گهڻو فائدو صوفن ۾ آهي. نيرن نه ڪرڻ ايترو ئي نقاصانڪار آهي. جيئن نيرن ۾ بسڪيٽ ۽ ڪافيءَ جو استعمال. نيرن نه ڪرڻ سان، صرف توهان گهڻو فائبر ڇڏي رهيا آهيو. پر دل جي لاءِ صحت مند غذا ڇڏي رهيا آهيو ۽ ان سان توهان جو وزن وڌي سگهي ٿو. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو صبح جو نيرن ڪن ٿا انهن جو وزن وڌيل نه هوندو آهي. پر انهن جي ڪوليسٽرول جي ليول به گهٽ هوندي آهي.
توهان اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو ته نيرن ضرور ڪرڻي آهي، پر فاسٽ فوڊ ۽ گهڻي سڻڀ کان پاسو ڪريو. پنير ۽ ساس وغيره کان احتياط ڪريو. هڪ فهرست ٺاهي ڇڏيو ته نيرن ۾ ڇا کائڻو آهي. اسان توهان کي ڪجهه صلاحون ڏينداسين ان تي عمل ڪرڻ سان توهان دل جي بيمارين کان بچاءُ به ڪري سگهو ٿا ته ذائقيدار کاڌا به واپرائي سگهو ٿا.
بيضي جو سينڊوچ:
اناج سان ٺهيل ڊبل روٽي 2 سلائز کڻو. هڪ بيضو ترڻ جي لاءِ نان اسٽڪ پين جو استعمال ڪريو. ان تي تيل جو صرف اسپري ڪريو. هڪ سلائس پنير ۽ هڪ ٽماٽو، هڪ سلائس، 1 عدد ڪوپ، ملائي لٿل کير، بوائل بيضو، مکڻ کان بغير ٽوسٽ ۽ هڪ تازو صوف، ملائي کان سواءِ چانهه، توهان جي صحت ۽ نيرن لاءِ ڪافي آهي.
سلميٰ چانڊيو
وارن کي خوبصورت ۽ مضبوط بنائڻ جا ديسي نسخا
وار قدرت طرفان انسان لاءِ هڪ انمول ۽ خوبصورت تحفو آهن: جيڪڏهن وار نه هجن ها، ته انساني چهرو پُر ڪشش ۽ جاذبِ نظر نه بنجي ها. اڪثر خواتين، وارن جي باري ۾ گهڻيون پريشان رهن ٿيون. ڪن جا وار تيزيءَ سان ڇڻندا رهن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ وارن جي چمڪ پڻ ختم ٿيندي ٿي وڃين. وار، ان وقت سهڻا لڳندا آهن، جڏهن اهي نرم، چمڪدار ۽ صحتمند هجن، ان ڪري وارن جي خوبصورتي ۽ سار سنڀال جي سلسلي ۾ جيڪي ڳالهيون ضروري آهن، سي هيٺينءَ ريت ڄاڻائجن ٿيون.
اڪثر عورتون وارن کي ڌوئڻ لاءِ مختلف قسمن جا صابڻ ۽ شيمپو استعمال ڪن ٿيون، ان کان بهتر آهي ته پنهنجو ديسي طريقو اختيار ڪيو وڃي. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ڏينهن ۾ ارڙهن يا ان کان گهٽ وار ڇڻن ٿا، انهن جي جاءِ تي ٻيا وار جلدي ڦٽي اچن ٿا، البته جيڪڏهن تيزيءَ سان ڇڻن ٿا ته پوءِ تشويش لازمي آهي. ان لاءِ اوهان کي گهرجي ته ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا وار کولي، چڱي طرح ڦڻيءَ سان سلجهايو، ان عمل سان رت تيزيءَ سان گردش ڪندو ۽ اهڙي طرح وارن جي جڙ کي خوراڪ ملي ويندي. پر جيڪڏهن اڃا به وارن جي جڙن کي مضبوط ڪرڻ چاهيو ته بيسڻ سان مٿي کي ڌوئو، ان سان به وارن جون جڙون مضبوط ٿي وينديون.
جيڪڏهن اوهان جا وار کهرا ۽ بي رونق آهن، ته زيتون جو تيل ننهن سوسوڙو ڪري، وارن کي لڳايو، ته ان سان به جڙون مضبوط ٿي وينديون. اوهان جا وار نرم ۽ چمڪيلا بنجي ويندا، پر جيڪڏهن وار تيزيءَ سان ڇڻي ان حد کي پهچن جتي گجني ٿيڻ جو خطرو هجي، ته ان لاءِ انجو مؤثر علاج اهو آهي ته آريٺي جي کلن سان وارن کي ڌوئو ۽ پوءِ ڪَٿي جي ٻجن جو تيل، ۽ ليمي جو رس ملائي، باقاعده استعمال ڪرڻ سان خطرو ٽري سگهي ٿو.
هي نسخو به وارن لاءِ بهتر آهي ته آنوارا، آريٺا ۽ سڪا ڪائي پيهي، رات جو پاڻيءَ ۾ پسائي رکو. ۽ ڏينهن جو ان کي باهه تي ٽهڪو ڏياري، ٿڌو ڪري مٿو ڌوئڻ سان وار خوبصورت ۽ مضبوط ٿيندا.
وارن جي حسن کي برقرار رکڻ لاءِ اهو پڻ ضروري آهي. ته کاڌي ۾ ڀاڄين سان گڏوگڏ گوشت، آنا ۽ کير به ان مناسبت سان استعمال ڪريو ۽ سڻڀين شين کان پرهيز ڪريو.
ان کان علاوه انهن ڳالهين جو به خيال رکڻ گهرجي ته هفتي ۾ ٽي چار ڀيرا تيل وارن کي هڻندا ڪريو، جيڪڏهن اوهان اهو به نه ٿا ڪري سگهو ته مٿو ڌوئڻ کان پهرين 10 منٽ اڳ ۾ تيل هڻو، پوءِ مٿي کي ڌوئي ڇڏيو. اهو به خيال رهي ته آلن وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ سان وارن جون جڙون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون.
رات جو سمهڻ وقت وارن کي ڍلو ڪري ٻڌ جي يا کولي ڇڏجي ته کليا رهن. ۽ ڪوشش ڪجي ته خوشبودار تيل کان پرهيز ڪجي، ڇاڪاڻ ته خوشبودار تيل هڻڻ سان وار جهٽ اڇا ٿي ٿا وڃن ۽ انهن جون پاڙون به ڪمزور ٿي ٿيون وڃن.
* وارن کي ميٽ سان به ڌوئجي.
* وارن کي بيضو ۽ ڌونئرو ملائي ڪلاڪ ٻه هڻي ڇڏيو. ايئن ڪرڻ سان وارن ۾ خشڪي نه ٿيندي.
* ميندي پسائي رکو ڪلاڪ ٻن کان پوءِ وارن ۾ ليپ ڪري ڇڏيو. ان سان وار مضبوط ٿيندا ۽ ميندي ۾ هڪ قسم جو ڪنڊيشنر آهي.
* بيضي ۽ ليمي کي ملائي هفتي ۾ هڪ ڀيرو وارن کي هڻو. وارن جي خشڪي ختم ٿيندي ۽ وار چمڪندا.
* هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪڙو تيل کڻي گهر ۾ وارن ۾ هڻو ۽ مالش ڪريو وارن ۾ جونءَ ڪونه پونديون.
باک پنهور
رڌ پچاءُ
فرائي فش سان ساس
گهربل شيون:
مڇي: اڌ ڪلو
سڪل ٿوم: ٻه چمچا
جيرو: ٻه چمچا
ڪارا مرچ: ٽي چمچا (يا ضرورت مطابق)
ڳاڙها مرچ: هڪ چمچو
بصر: ٽي عدد
ٽماٽا: چار عدد
هيڊ ايتري جو سڄي مڇيءَ کي چڱيءَ طرح لڳي وڃي.
ترڪيب:
مڇي پيس ڪري ان کي ڌوئي صاف ڪري، لوڻ، سڪا ڌاڻا ۽ هيڊ ڏئي ٻن ڪلاڪن لاءِ رکي ڇڏيو. سڪل ٿوم، هيڊ، جيرو، ڪارا مرچ، ڳاڙها مرچ، ٿورو لوڻ، جيرو ۽ ڌاڻا سڀ ملائي ان کي ڪٽيو انهن سڀني مصالحن کي چڱيءَ طرح سان مڇيءَ جي ٽڪرن تي لڳايو. اڌ ڪلاڪ لاءِ رکي ڇڏيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ تئي تي ايترو گيهه، يا آئل گرم ڪريو جنهن ۾ مڇي ترجي وڃي، مڇي مصالحي سميت هلڪي باهه تي تريو. جيئن برائون ٿي وڃي.
هاڻ بصرن کي ڳاڙهو ڪري ان ۾ ٽماٽا ڀڃي مڪسچر ٺاهيو، لوڻ، مرچ، سڪا ڌاڻا وجهو ۽ هاڻ تريل مڇيءَ جي مٿان اهو ساس وجهو 10 منٽ هلڪي باهه تي رکو هاڻ مڇي ڊش ۾ وجهي چانورن يا نان سان کائو.
مڇيءَ جا ڪباب
گهربل شيون:
مڇي: اڌ ڪلو
بيضا: ٽي عدد
ٿورو مکڻ، ساوا ڌاڻا، ڦودنو، ساوا مرچ، ڳاڙها مرچ، ڪارا مرچ، لوڻ، هڪ ليمو ۽ ڊبل روٽيءَ جو چورو.
ترڪيب:
مڇيءَ جي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي اُٻاريو پوءِ ان جي کل ۽ ڪنڊا الڳ ڪريو هاڻي ان کي هٿن سان پيهيو ان ۾ سائو مصالحو سنهون ڪٽي ۽ ليمي جو رس وجهي ملايو ٿورو مکڻ به ان ۾ ملايو ۽ بيضي جي زردي ان ۾ ملائي ڪباب ٺاهيو. فرائي پين ۾ مکڻ وجهو ڪبابن کي بيضي ۽ ڊبل روٽي جو چورو لڳائي تريو.
فرچ ٽوسٽ
گهربل شيون:
ڊبل روٽي: هڪ عدد
بيضا: چار عدد
کير: هڪ پاءُ
کنڊ: اڌ پاءُ
ملائي: اڌ پاءُ
گيهه: اڌ پاءُ
پستا ۽ چانديءَ جا ورق.
ترڪيب:
ڊبل روٽي جا 8 ٽوسٽ کڻي ان جا ڪنارا ڪٽيو، ۽ بيضا هڪ ٿانو ۾ وجهي خوب ملايو، هاڻ ان ۾ کير ۽ کنڊ به ملايو، هاڻ ان ۾ ٽوسٽ ڪجهه دير پسائي رکو. ان کان پوءِ هڪ فرائي پان ۾ گيهه وجهو ۽ هڪ هڪ ٽوسٽ ترينديون وڃو هاڻ هڪ وڏي پليٽ ۾ لاهي رکو ۽ مٿان بادام پستا وجهو ۽ چانديءَ جا ورق لڳايو..
قيمي ۽ پٽاٽن جا ڪٽلس
گهربل شيون:
قيمو: هڪ پاءُ
پٽاٽا: هڪ ڪلو
گيهه: هڪ پاءُ
بصر: هڪ پاءُ
ٿوم: اٺ ڳڙيون
ادرڪ: هڪ انچ جو پيس
لوڻ، ڳاڙها مرچ، گرم مصالحو، پيٺل ڌاڻا، ضرورت مطابق. سرڪو ٻه چمچا، ٽماٽو هڪ عدد، بيضا ٽي عدد.
ترڪيب:
بصر گول ڪٽي گيهه ۾ وجهو، بادامي رنگ ٿيڻ تي قيمو وجهي ڀڃو، هاڻ ان ۾ پيٺل ٿوم، ادرڪ ۽ سمورا مصالحا وجهي. ڳرڻ لاءِ رکو هاڻ چڱيءَ طرح ڀڃو، ان کان پوءِ لاهي رکو، گيهه تمام گهٽ هجي. پٽاٽا اٻاري ڇلي انهن کي پيهو، پيٺل پٽاٽن ۾ لوڻ، مرچ ۽ سرڪو ملايو هاڻي ٽن بيضن کي ٽوڙي ٻن جي ذردي پٽاٽن ۾ ملايو. باقي هڪ بيضو سفيدي سميت ملايو. هاڻي پٽاٽن جا رول ٺاهيو انهن جي سائيز پنهنجي پسند موجب رکو هاڻي انهن ۾ ٿورو ٿورو قيمو رکي انهن جو منهن بند ڪري هڪ ئي شڪل ٺاهيو ڊبل روٽيءَ جو چورو ۽ بيضو لڳائي ترينديون وڃون ڳاڙهي رنگ ٿيڻ تي سمجهو ته تيار ٿي ويا آهن ۽ گرم گرم ڪنهن چٽڻيءَ سان پيش ڪريو. قيمي جي جڳهه تي ڪڪڙ جو گوشت به استعمال ڪري سگهجي ٿو.