arnizamani's picture
Upload 93 files
001f785 verified
Raw History Blame Contribute Delete
325 kB
ڪتاب جو نالو: سرتيون 1995ع
سرتيون
ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا
آهه نور شاهين
رُسَ مَ رسڻ گهوريو (سندس شاعريءَ جي مجموعي جو نالو آهي.) جي سرجڻهار محترمه نور شاهين جي اوچتي وڇوڙي ادبي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي. جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي. نورشاهين علم، ادب ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ وڏو مقام پيدا ڪيو آهي. پاڻ سماجي مصلحت ۽ روايتي بندش سان بغاوت ڪندي، شاعري پيش ڪئي اٿائين. ۽ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سندس فن ۽ فڪر وڏي حيثيت رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ تانگهه ۽ تڙپ جو گهڻو عمل دخل آهي _ جيئن هن بيت ۾ چوي ٿي:
”پرينءَ جي پسڻ ڪاڻ، آتا منهنجا نيڻ،
نڪي چاهين ننڊ کي، آءٌ نه چاهيان کيڻ،
اچي مومل تون سيڻ، پرت جا پير ڀري!“
جيتوڻيڪ نور شاهين جي سڃاڻپ هڪ برک شاعره جي حيثيت ۾ ٿئي ٿي _ پر پاڻ افسانا ۽ مضمون به لکيا اٿائين. پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، ملتاني ۽ پنجابي ٻولين ۾ لکيو اٿائين. ان کان سواءِ کيس فارسي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي به سٺي ڄاڻ هئي.
سندس ذات جو هڪ روپ نقاد وارو به آهي. هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”حقيقت ۾ اديب ۽ شاعر اهو آهي جنهن وٽ پنهنجو فڪر آهي. باقي جن وٽ فڪر ناهي اهي لڪير جا فقير بنجي زندگي گذارين ٿا. ۽ اهي صرف گفتار جا غازي آهن _ آءٌ انهن کي پسند نٿي ڪيان.“ انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته پاڻ هڪ سڄاڻ، بردبار، بي ڊپي، بهادر ۽ بيباڪ شخصيت هئي.
اڄ نور شاهين اسان وٽ نه آهي، پر سندس تخليقون هميشه کيس زندهه رکنديون. آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي. ۽ سندس پونئرن کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين!
سندس شخصيت، فن ۽ فڪر تي تفصيلي مضمون ايندڙ شماري ۾ پڙهندا.
نور شاهين جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
سڄڻ دل سان دلڙي ملائڻ هليو آ.
وفائن جو وارو وڄائڻ هليو آ.
تون مطلوب منهنجو تون ئي آهين طالب،
ڪڏهن منهنجي دل تي نه ٻيو ايندو غالب،
وڪوڙيئه ونگن ۾ جگر جان قالب،
محبت کي عرشين پڄائڻ هليو آ.
ڀلا ڀال پنهنجا ڀلائڻ هليو آ.
مان سمجهان ٿي ناهين سڄڻ تنگ دل جو.
رکين ڪين ٿو غير ۽ زنگ ٻيو ڪو،
جفا جي نه چوٽين ڪڏهن جنگ تون ٿو.
تڏهن ٿي چوان دل لڀائڻ هليو آ،
اجهيل ديپ دل جو جلائڻ هليو آ.
سندم درد جو تون ئي درمان آهين،
خدائي سندم جو تون سلطان آهين،
ڪٺل کي ڪهڻ جو تون سامان آهين،
ادائن جون ڪاتيون وهائڻ هليو آ.
غم دوجهان کان ڇڏائڻ هليو آ.
مليا ڇو وڇوڙي جا انعام تنھنجا،
اچن ياد پليل ٿا انجام تنھنجا،
ٻڌائڻ ڀڻي دل جا پيغام تنھنجا،
اهي ڀڻڪا ساڳيا ڀڻائڻ هليو آ.
مون کان منهنجي هستي وڃائڻ هليو آ.
ڊڄي ڪين دنيا کان هي در ڇڏينديس
وفائن جون ماڙيون اتيئي اڏيندس،
جفائن جي دنيا وفا ۾ مٽينديس.
اهو گفتو ڀل آزمائڻ هليو آ.
اچي خود به همت وڌائڻ هليو آ.
سندءِ منهن آ مصحف ۽ قرآن منهنجو،
محبت فقط دين ايمان منهنجو،
ثمر آخرت جو هي سامان منهنجو،
منهنجا پار ملاح رسائڻ هليو آ.
مون کي سرخرو تون بنائڻ هليو آ.
اهي نرگسي نيڻ، ڪاڪل سُنهري،
هو زنجير دل جا، هي بار بحري،
ٻٽا تن ۾ ابرو به ڄڻ ٻآڻ قهري،
انهن ساڻ شاهين کي گهائڻ هليو آ.
اڃايل جي اڃڙي اڃائڻ هليو آ.
سرتيون جي باري ۾:
ماهوار ”سرتيون“ آڪٽوبر 1995ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. اميد ته هن پرچي کي پڙهي جلد کان جلد پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا. جهڙيءَ طرح اوهان (پڙهندڙ) اسان سان تعاون ڪندا رهو ٿا ان لاءِ اسين بيحد ئي شڪر گذار آهيون. اميد ته اوهان جو اهو تعاون هميشه قائم رهندو. ٻيو ته اسان ”سرتيون“ شاعري نمبر ڪڍڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي. انشاءَ الله ان کي به جلدي عملي صورت ۾ آڻينداسين.
گلبدن جاويد رشيده حجاب سان ڳالهه ٻولهه ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: نجمه يعقوب تعارف: رشيده حجاب جنهن جو اصل نالو رشيده بيگم آهي. سندس جنم شڪارپور شهر ۾، 21 آڪٽوبر 1942ع تي نور احمد مغل جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هڪ نيڪ خصلت ۽ خدا ترس انسان هو ۽ سندس شخصيت جو سڌو سنئون اثر رشيده تي پيو، پاڻ پرائمري تعيلم سيد يار محمد شاهه گرلز اسڪول گاڏي کاتو حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بي. ايس. سي 1962ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ۽ ايم. ايس. سي 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي ڊپارٽمنٽ آف باٽني مان پاس ڪئي. پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽي مان 1970ع ۾ ڪئي. ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ٽگرس يونيورسٽي نيو جرسي. آمريڪا مان ڪئي. سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ سائنسي مقالا پاڪستان ۽ آمريڪا جي ريسرچ جرنلس ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت پاڻ 100 افسانه، تنقيدي مضمون، سفرناما ۽ ڊائريون لکيا اٿس. پاڻ شاگرديءَ جي زماني ۾ تمام سرگرم رهي آهي. جيئن ته سائنس سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري، ڪاليج مئگزين جي انچارج، اولڊ اسٽوڊنٽ جنرل سيڪريٽري، ادبي ثقافتي، محفلن ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي رهي آهي. ادبي ۽ علمي ميدان ۾ ڪيتريون ئي سندون حاصل ڪيون اٿائين. پاڻ صرف 32 سالن جي عمر ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿي. جيڪو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي، ۽ ڪجهه وقت ڊاريڪٽر آف ڪاليجز به رهي چڪي آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي جو پاڻ پهرين سنڌي عورت آهي جنهن سائنس سبجيڪٽ ۾، آمريڪا مان P.H.D جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائين ته ”منهنجو يقين آهي ته دنيا جي پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي، ۽ اها عورت جنهن باهه جي کوجنا ڪئي. پاڻ ان دعوى لاءِ ثبوت ڏيندي چيائين: ”روز اول کان ئي کاڌي پيتي لاءِ پاڻ پتوڙڻ عورت جي ئي ذمي رهيو آهي. پنهنجي ڪٽنب لاءِ حيران پريشان عورت ڪنھن مرحلي تي خوراڪ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، ڪا آزمائش ڪئي هوندي ائين باهه کي دريافت ڪري پهرين سائنسدان بني هوندي.“ سندس اهو خيال ڪيتري قدر صحيح آهي. بهرحال دنيا جي سائنسدانن لاءِ هڪ نئين سوچ جي راهه کولي ڇڏي آهي. ڇا واقعي، پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي؟ 8 جون 1969ع ۾ سندس شادي انور علي راڄپر سان ٿي. پاڻ حيرت جهڙي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته مون کي پنهنجي شريڪ حيات جي نالي جي خبر شاديءَ کان صرف ٻه ڏينهن پهرين پئي هئي. مون پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار پنهنجن والدين کي ڏيئي ڇڏيو هو، ڇو ته مون کي يقين هو ته هو منهنجي لاءِ وڌيڪ بهتر سوچي سگهن ٿا. شعبي جي لحاظ سان ٻئي تقريباً هڪ ئي سبجيڪٽ سان واسطو رکن ٿا. جيئن ته سندس سبجيڪٽ باٽني آهي. ۽ علي انور جو سبجيڪٽ فاريسٽ آهي يعني ٻئي گلن ۽ ٻوٽن جا راهي آهن. کين چار نياڻيون آهن، جن جا نالا هي آهن: انيتا، عينا سعديه، امبر پارس ۽ ثنا انور. چارئي ڄڻيون تمام ذهين ۽ حسن اخلاق جو مجسمو آهن. سنڌي افساني جي پس منظر ۾ وڃڻ سان اسان کي هڪ دور اهڙو نظر ايندو جنهن ۾ سنڌي افساني تمام گهڻي ترقي ڪئي. اهو دور جيڪو 1955ع کان 1975ع تائين ڪهاڻيءَ جي عروج جو دور رهيو آهي. ان دور ۾ مردن سان گڏو گڏ، عورتن به بهترين ادب پيش ڪيو، ڪيتريون ئي عورتون ادب جي ميدان ۾ اڳتي وڌيون، پر عورتون جيڪا ”ٽه مورتي“ ان دور ۾ مستحڪم ٿي. ان ادب جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو، ڪيترن ماڻهن ته ائين به چيو ته ”اهي اصل مرد اَٿوَ، ڀلا ڇوڪرين ۾ ڪٿان ايتري صلاحيت آئي؟ يا ايتري آزادي ڪٿان ملي؟؟؟! اِهي ته عام روايتن جي ماريلن جا خيال هئا. اها ”ٽه مورتي“ ثميره زرين، رشيده حجاب، ۽ ماهتاب منور عباسيءَ تي مشتمل هئي. افسانا ڪي آسماني مخلوق جون ڪهاڻيون نه هيون پر معاشري جي پيڙا ۽ ظلم جي خلاف هڪ جهاد جو آغاز هو، ان عورت جي عڪاسي هئي. جيڪا ”پرن هئڻ جي باوجود اُڏام جي قابل نه سمجهي ويندي هئي.“ رشيده حجاب ٻڌايو ته منهنجي ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري هئي. جنهن انٽر سائنس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو، پر ڊاڪٽر انڪري نه بڻجي سگهي، جو سندس مڱيندو مڊل پاس هو. ۽ انجي انا کي ڌڪ ٿي لڳو، دراصل اهڙائي واقعا منهنجي دل جي احساسن کي مجروح ڪندا هئا، ۽ مان بي اختيار ان ڀوڳنا جي اظهار لاءِ لکڻ شروع ڪيو. منهنجي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن مجبور جي گرد گهمندي آهي. شايد، اوهانکي يقين نه اچي، پر حقيقت اها آهي ته تقريباً سڀ ئي سچا ڪردار اٿوَ! پنهنجي خاندان بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجو والد (نور احمد مغل) هڪ عظيم انسان هو، سندس دل تمام حساس ۽ رحم جي جذبي سان ڀريل هئي. حساس د ل هميشه جذبن جي اظهار لاءِ قلم جو سهارو وٺندي رهندي آهي. بابا باقاعده اديب ته نه هو، پر هميشه پنهنجي ڊائريءَ ۾ اهڙا لفطن جا موتي محفوظ ڪندو هو جو ماڻهو پڙهي نئين دنيا ۾ پهچي وڃي. جتي ويندو هو اتان ڪتاب وٺي ايندو هو، منهنجي ادبي شوق کي ائين هٿي ملي. مون کي چوندو هو ته ”بابا هي ڪتاب پڙهه، خاص خاص ڳالهين کي نوٽ ڪر پوءِ پاڻ ان تي بحث ڪنداسين.“ ڪتاب پڙهڻ هڪ جادو آهي. جيڪو ان جادوءَ ۾ ڦاٿو انجو ٻاهر نڪرڻ محال آهي. منهنجو اهو حال هوندو هو جو عين امتحان جي ڏينهن ۾ به ادبي ڪتاب ضرور پڙهندي هيس. شايد پڙهڻ ۽ لکڻ، لازم ملزوم آهن. پڙهڻ جي شوق، لکڻ جي جذبي کي وڌايو. 1954ع ۾ جڏهن اسين ٽنڊي آدم ۾ هئاسين، بابا اُتي S.D.M هو، اسان وٽ انهن ڏينهن ۾ روزانيون ۽ هفتي وار سڀئي اخبارون اينديون هيون. هڪ هفتي وار اخبار ”سنڌ مسلم“ نواب شاهه مان نڪرندي هئي، ان ۾ ٻارن جو صفحو شروع ڪيو ويو، ۽ ٻارڙن کي ”ٻارن جي ٻاري“ لاءِ مواد موڪلڻ لاءِ چيو ويو هو. منهنجي اندر جي شوق مون کي آخر رستو ڏيکاريو، ۽ مون لِڪي لِڪي هڪ آکاڻي لکي. لڪي ان ڪري نه لکي هئم ته مون کي لکڻ لاءِ ڪو منع ڪري ها، پر لڪائڻ جو سبب شرمندگي هئي ته جيڪڏهن خراب هوندي يا شايع نه ٿي سگهي ته سڀ کلندا. سڄو هفتو بيقراريءَ ۽ بي چينيءَ ۾ گذاريو آخرڇنڇر آيو، ان ڏينهن صبح سان ڏهه چڪر دروازي جا ڏنم. ٽپال صبح 8 بجي تائين اچي ويندي هئي. پراُهي ”اَٺ“ ڪيڏو دير سان وڳا اُها منهنجي دل کي خبر آهي. ۽ اُها خوشي، جيڪا پنهنجو نالو اخبار ۾ ڏسي ٿي، ناقابل بيان آهي، مون رڙ ڪري چيو ”اچي وئي اچي وئي“ بابا اما حيران ٿي ويا. ڪير آئي آهي؟ بابا سمجهيو جيجي اما (منهنجي ڏاڏي) آئي آهي يڪدم اُٿي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، مون خوشيءَ مان ڦيرا پائيندي چيو. ”بابا منهنجي ڪهاڻي آهي. اخبار ۾ ”اُن ڏينهن کان پوءِ ڄڻ قلم ۾ مشين لڳي وئي. الائي ڪيترا مضمون ڪهاڻيون شعر، اُصول، چوڻيون، ”نواءِ سنڌ“، هلال پاڪستان، سنڌ مسلم، فردوس، وغيره ۾ ڇپيا. مون اڳي ئي چيو آهي ته پڙهڻ جو شوق حد کان وڌيڪ هو. ان زماني ۾ مون نه صرف ٻاراڻو ادب پڙهيو پر ٻيا به خالص ادبي رسالا ۽ ناول به پڙهيم. اهوئي سبب هو جو مون 1957ع کان نئين زندگيءَ ۾ افسانه لکڻ شروع ڪيا. جن ۾ عام طرح ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو رومانوي تعلق جو به ذڪر هوندو هو، مون جيتري عمر واريءَ ڇوڪريءَ جي لاءِ شايد نامناسب هو. هڪ دفعي چاچا گرامي مرحوم اسان جي گهر آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ رسالو ڏئي چيائين، پُٽ، مبار ڪ اٿئي جو ”نئين زندگي“ تائين پهچي وئي آهين، پر تون اڃا ڪجهه سال ”گل ڦل“ لاءِ لِک پوءِ افسانا شروع ڪجانءِ.“ ”پر چاچا، مان ته اڳي ئي ٻيا به افسانا لکي موڪلي چڪي آهيان؟“ مون روئڻ واري انداز ۾ چيو ته چاچا گرامي کلي پيو . ”واهه پُٽ، ڏاڍي تڪڙي آهين، تون ته ڏاڍو جلدي ٿي وڌين، چڱو ٺهيو ڀلا جي لکڻ جو شوق اٿئي ته لِک.“ پوءِ ته مان هوندي هئس ۽ منهنجو ڪمرو! ان وقت جا افسانا، ڪافي ڳالهين ۾ ڪمزور ٿا لڳن، پر ٿوري ئي وقت ۾ هڪ طرف ثميره زرين جي افسانن سان غير ارادي مقابلو شروع ٿي ويو، ته ٻئي طرف عمر ۽ شعور به وڌڻ لڳا. ۽ هينئر اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجو نالو ڏسي خوش ٿيڻ جو دور گذري چڪو هو. بلڪ آسپاس جا واقعا دل کي حساس بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ قلم انهن جي لاءِ تلوار جي صورت ۾ اُٿڻ لڳو هو، نوڪرياڻيءَ جي ڌيءَ جي طلاق، پاڙي واري هندو ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو مسئلو، پنجن ڌيئن جي ڄمڻ تي مڙس جو بيمار زال کي مارڻ، اڻ پڙهيل زال جي موجودگيءَ ۾ مڙس جو ماڊرن عورتن ڏانهن جُهڪڻ ۽ ان کان علاوه هزارين دل ڏکوئيندڙ واقعا منهنجي ذهن تي غم جا نقش ڪڍي ويندا هئا ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي، انهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندي هيس. ڪهاڻين جو تعداد ٻڌائينديون؟ صحيح تعداد به ياد ڪونهي؟ پورو رڪارڊ به موجود ڪونهي، ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، جيڪي بند ٿي ويا، منهنجي خراب عادت اها هئي (۽ آهي) ته مان ڪڏهن به فيئر نه ڪندي هُيس. هڪ دفعو ويٺس ته افسانو پورو ڪري اٿندي هيس، ان وقت ئي پوسٽ ڪرائي ڇڏيندي هيس. ڪهاڻين نه لکڻ جو سبب ٻڌائينديون؟ ”مان جيڪڏهن روايتي جواب ڏيان ته مصروفيت ته اهو به ڪنهن حد تائين صحيح آهي، منهنجون مصروفيتون ڪجهه اهڙي قسم جون آهن، جو ذهني يڪسوئي جو فقدان آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ اديب صرف اديب بڻجي زندهه رهي نه ٿو سگهي. حياتيءَ جي هر هلائڻ لاءِ هن کي ٻيو به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي. ۽ پوءِ جيڪو ”ٻيو“ ڪجهه آهي انجو هن جي سوچ ۽ احساس تي به اثر پوي ٿو.“ وضاحت ڪنديون؟ ”ها، اديب فطرتاً هڪ حساس ۽ نرم دل آهي، پر جيڪڏهن پيشي طور هو وڃي پوليس ۾ شامل ٿئي ۽ ڏنڊو کڻي پيو سڄو وقت سخت الفاظ ڳالهائي ته آهسته آهسته اها سختي اُنجي احساس ۾ به شامل ٿي ويندي ۽ سندس ادبي هجڻ واري حساس دل جيڪڏهن مري نه ويندي تڏهن به ڪومائجي ضرور ويندي. پنهنجي تعيلم بابت ٻڌائيندي چيائين ته ”مون 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Botany ۾ M.S.C ڪئي ۽ ليڪچرر شپ لاءِ انٽرويو ڏنم. انٽرويو ۾ اسين ٽي ڇوڪريون هيون سين هفتي کان پوءِ ٻن ڄڻين کي تقرريءَ جا آرڊر ڏنا ويا ۽ معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته تنهنجو آرڊر گهر موڪلينداسين. هفتي گذرڻ کان پوءِ ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ کي آرڊر ڏنو ويو ھو، جيڪا انٽرويو ڏيڻ آئي ئي ڪانه هئي. ۽ ٻيو ته M.S.C به ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس هيس. انهيءَ ڳالهه مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، ٽي ڏينهن مسلسل روئندي رهيس، گهر وارن ڏاڍو سمجهايو: توکي ٽن سَون جي نوڪريءَ جي ڇو اهڙي پرواهه آهي. وڃي کڏ ۾ پوي مونکي واقعي نوڪريءَ جي پرواهه ڪانه ھئي، پر افسوس صرف ان ڳالهه جو هو ته منهنجي ناقدري ٿي، مون سان نا انصافي ٿي (ان وقت اها خبر ڪانه هئي ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيا به موقعا ٿيندا). مان دل برداشته ٿي گهر ۾ ويهي رهيس. هڪ ڏينهن منهنجي استاد ۽ باٽني جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر اسلام جو فون آيو، ڊاڪٽر اسلام ڍاڪا جو هو ۽ هو هڪ قابل استاد ئي نه پر تمام سٺو ريسرچ اسڪالر به هو، هن مون کي يونيورسٽي گهرايو ۽ مون کي ريسرچ ڪرڻ لاءِ چيو، مان ايڏي دل برداشته هيس جو ڪجهه ڪرڻ تي دل ئي نه پئي چوي، مون صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي چيو ”ڏس ڌيءُ“ تنهنجين جن ساهيڙين کي هينئر ليڪچرر شپ ملي آهي اهي ٽن سالن کان پوءِ به ليڪچرر ئي رهنديون هنن جي ڪواليفڪشين ۾ ڪو اضافو ڪونه ٿيندو، جڏهن ته تون ٽن سالن کانپوءِP.H.D ڪري ويندينءَ مون کي خبر آهي ته تو ۾ ريسرچ ڪرڻ جي اهليت آهي. تون هڪ ڪامياب ريسرچ اسڪالر بڻجي سگهين ٿي.“ ڊاڪٽر اسلام صحيح هو يا نه، مان سٺي ثابت ٿيس يا نه بهرحال ريسرچ مون کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو. ريسرچ جو هڪ عجيب مزو آهي، جيڪي انسان ريسرچ ڪن ٿا. انهن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته تحقيق جي ڪا انتها نه آهي ۽ تحقيق ڪندڙ سڄي زندگي ان انتها جي جاکوڙ ۾ گذاري ڇڏي. پوءِ توهان ان جاکوڙ کان پاڻ کي جدا ڇو ڪري ڇڏيو؟ مون کانئس پڇيو. ”مون جدا نه ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انسان حالتن کان مجبور ٿي وڃي ٿو. منهنجي شادي ٿي وئي مصروفيتون وڌيون. ٻارن جي پرگهور، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ وڃڻ جي سهولت نه هجڻ سبب مون ريسرچ کي ڇڏي پڙهائڻ شروع ڪيو. اهو تجربو ڪيئن رهيو؟ ”بيحد ڪامياب! شايد منهنجو شمار دنيا جي انهن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جيڪي وقت ۽ حالتن تحت پنهنجو پاڻ کي آسانيءَ سان Adjust ڪري سگهندا آهن. علم حاصل ڪرڻ، علم ڏيڻ ۽ علم ورهائڻ هڪ عظيم ۽ بامقصد پيشو آهي. مون جيترو وقت پڙهايو. نهايت محنت، شوق ۽ پيار سان پڙهايو. رشيده حجاب پنهنجي ان خيال ۾ بلڪل سچي آهي. سندس شاگردياڻيون، سندس ذڪر وڏي احترام ۽ محبت سان ڪنديون آهن، مون جڏهن سندس ڪافي شاگردياڻين کان سندس باري ۾ پڇيوته سڀني هڪ ڳالهه چئي. ”جيڪو ڪجهه اسان ڊاڪٽر رشيده کان پڙهيو اسان کي ٻيهر ياد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي هئي، هوءَ ايترو ته سٺو پڙهائيندي هئي جو سڀ ڪجهه ذهن ۾ نشين ٿي ويندو هو. هن هميشه اسان جي صحيح رهنمائي ڪئي ۽ پڙهائيءَ سان گڏو گڏ اسان جي عام زندگيءَ جي بهتريءَ لاءِ به هميشه مفيد مشورا ۽ نيڪ صلاحون ڏيندي رهي. سندس هڪ شاگردياڻي جيڪا هينئر ڊاڪٽر آهي اها چوڻ لڳي، مان احساس ڪمتريءَ جو شڪار هيس، هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان آئي هيس، ڪلاس ۾ ڪڏهن به سوال جو جواب ڏئي نه سگهندي هيس. هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا هئا. جيڪو ايندو هو، سو به وسري ويندو هو. امتحان ۾ به اهو حال ٿيندو هو. نتيجو اهو ٿيندو هو جو 17_ 18 ڪلاڪ پڙهڻ جي باوجود مان ٽيسٽن ۽ امتحان ۾ فيل ٿيندي هيس. مئڊم رشيده مون کي ڪلاس ۾ جواب ڏيڻ تي همٿائيندي هئي. منهنجي هٻڪڻ تي ڇوڪريون کلنديون هيون ته انهن کي سمجهائيندي هئي. مون کي پنهنجي آفيس ۾ سڏي. سمجهائيندي هئي. مطلب ته هُن هڪ ماهر نفسيات جي طرح منهنجو علاج ڪيو ۽ مون کي مقابلو ڪرڻ سيکاريو. اڄ مان هڪ ڪامياب ڊاڪٽر آهيان. مئڊم رشيده جا احسان مڃيندي رهان ٿي. رشيده حجاب کان ڊاڪٽر رشيده تائين هڪ طويل سفر آهي. خوبصورت گلن کي ڏسندي ڏسندي. هڪ ڏينهن ماهر سرجن وانگر انهن خوبصورت گلن وانگر انهن خوبصورت گلن جو جگر چاڪ ڪري، پنهنجي تحقيق جو آغاز ڪيائين. پهرين ته سندس هٿ ڏڪي ويا. پر پوءِ سوچيائين، انساني زندگيءَ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتيءَ شيءِ ته هن دنيا جي سيني تي آهي ئي ڪانه. ته پوءِ جڏهن ان خوبصورت انسان جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ خود ان قيمتي جان ۾ ڀالو ٽنبي سگهجي ٿو ته پوءِ هي گل ڪهڙي شي آهن، هنن جي خوبصورتي ته محض انساني نظر جي توجه جي محتاج آهي. اهڙيءَ طرح مون ”گلن“ تي ريسرچ شروع ڪئي، مون ريسرچ لاءِ Jute (سڻيءَ) جو انتخاب ڪيو. سِڻي مشرقي پاڪستان ۾ ڪمرشل اسڪيل تي لڳائي ويندي هئي. هن مان ملڪ کي ڪافي فارين ايڪسچينج ملندو هو، انڪري سڻيءَ پاڪستان جو (نمبر ون ڪيش ڪراپ) Number One cash crop چيو ويندو هو، سائنسدانن جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته سندن تحقيق ڪنهن نه ڪنهن طرح مُلڪي معيشت ۾ مددگار ٿئي، سِڻيءَ جا به هزارين لکين ٻوٽا هر سال مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندا هئا. پاڻ وڌيڪ چيائين ته: ”سڻي يعني Jute جي ٻوٽي لاءِ بهترين خاصيت اها آهي ته انجو ريشو Fibre گهڻي کان گهڻو ڊگهو هجي ۽ ريشي ۾ صحيح چمڪ هجي. سڻيءَ جو هڪ قسم سونهري Golden هوندو آهي. ۽ هڪ اڇو يعني Silver هوندو آهي. انهن ٻنهي کي (Cultivated Species) چئبو آهي. جڏهن ته ان کان علاوه سڻيءَ جا سؤ کان وڌيڪ قسم آهن. پر انهن مان اسان کي Fibre ڪونه ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ”ڪوتاهه قد“ هوندا آهن. پر الله تعالى دنيا ۾ بي مقصد ڪجهه به پيدا نه ڪيو آهي. سڻي يا Jute جا اهي (Wild Species) قسم ٻيءَ طرح ڪارآمد ٿين ٿا. انهن مان ڪجهه قسمن کي Fibre yielding (ريشو پيدا ڪرڻ واري قسم) سان Cross ڪري اهڙا قسم پيدا ڪري سگهجن ٿا. جن سان هڪ طرف ريشو وڌيڪ ڊگهو ٿئي ٿو. ته ٻئي طرف عام بيماريون ختم ٿي سگهن ٿيون. اوهان هن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب رهيون؟ ”تمام ڪامياب منهنجي پوري Thesis ان موضوع تي آهي، ان ريسچ جي دوران خوش قسمتيءَ سان هڪ نئون قسم به سائنسي طريقي سان وجود ۾ آيو ان قسم کي پوري دنيا جي Genetictes (جينيٽڪس جي ماهرن) ڏاڍو ساراهيو. اهو ريسرچ پيپر آمريڪا جي رسالي ”سائنس“ ۾ شايع ٿيو. جون 1973ع ۾ مون کي آمريڪا جي اسڪالرشپ Fullbright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران مون jute تي وڌيڪ ريسرچ ڪئي، منهنجي پروفيسر مون کي آمريڪا ۾ وڌيڪ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر مان پنهنجين ننڍڙين ڌيئن جي خاطر واپس موٽي آيس. پاڻ وڌيڪ چيائين، ”جڏهن مان I.I.E International institute of education to defparture Certificate وٺڻ ويس ته اتي جي سيڪريٽري ڏاڍي تعجب سان چيو، منهنجي 33 سالن جي دور ملازمت ۾ اوهين پهرين Asian scholar آهيو. جيڪا وقت پوري ٿيڻ تي واپس وڃڻ ٿي چاهي، نه ته هر ڪو اسڪالرشپ Extend ڪرائڻ لاءِ ايندو آهي.تنهنجو ته Superviser به توکي روڪڻ ٿو چاهي پوءِ به تون آمريڪا ڇڏڻ ٿي چاهين، ڇو؟ ”جيڪو ڪجهه آمريڪا ۾ آهي. اهو شايد مون کي پنهنجي ملڪ ۾ ملي وڃي پر جيڪي ڪجهه منهنجي ملڪ ۾ آهي، اهو مون کي آمريڪا ۾ ڪڏهن به نه ملندو.“ ڇا اوهان جي ريسرچ جاري آهي؟ نه بدقسمتيءَ سان منهنجو ريسرچ سان ناتو تقريباً ٽٽي چڪو آهي، اسانجي ملڪ ۾ ڪاليجن ۾ ريسرچ لاءِ سهولتون بلڪل ڪونه آهن. يونيورسٽيءَ ۾ به ڪو اهڙو انتظام نه هوندو آهي جتي ڪاليج جا استاد پنهنجو ريسرچ جو شوق پورو ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو ايترو اهم ڪم اڌورو رهجي ويو. جيڪڏهن منهنجي Jute تي ريسرچ جاري رهي ها ته مون کي يقين آهي ته ڪنهن وڏي پئماني تي ان ڪم کي اڳتي وڌائي اسان ملڪ ۾ Jute جي پيداوار ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري سگهون ها. مان حڪومت کي مشورو ڏينديس ته ان اهم پيداوار جي باري ۾ ڪو اعليٰ ريسرچ مرڪز ضرور قائم ڪري (هڪ ٻه سينٽر موجود آهن) مان پنهنجيون خدمتون هر طرح سان پيش ڪري خوشي محسوس ڪنديس. اوهان جي شخصيت ٽن روپن ۾ ورهايل آهي توهان پنهنجيءَ شخصيت جي ڪهڙي روپ کان مطمئن آهيو. ”مان به سوچيندي آهيان فطري طور مان هڪ ليکڪ (Writer) آهيان، جيڪڏهن پيشه ورانه طرح به منهنجو تعلق ڪنهن اهڙيءَ شعبي سان هجي هان، ته شايد وڌيڪ خوش ۽ مطمئن هجان ها، يا وري پنهنجي پيشه ورانه شوق يعني ريسرچ سان وابسته هجان ها، بدقسمتيءَ سان مان ٻنهي کان پري هلي وئي آهيان، شايد اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجو پاڻ کي اڪثر مضطرب ڀڳل ٽٽل ۽ نا مڪمل محسوس ڪرڻ لڳندي آهيان“ لطيف اياز پنھور ......... ڳولي ڇا نادان !! ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”ڪوي! آئون دوست آهيان..“ ”دوست!؟ هونئن ! ... ... زندگي جي هن آننت رڃ ۾ گهڙي پل جي ڇانورن کي دوست ٿو سڏين. ڳهيلا! منهنجو دوست مون ساڻ ئي آهي: : مهاڪوي شيخ اياز جي اسپتال منجهان صحتياب ٿي موٽي اچڻ تي لکيل تاثر جيڪو منهنجو ”سڀاڻي“ به آهي _ مون به پاڻ پتوڙي لڌو اٿمانس، تون به جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين، نِرت سان نهار ته سچ ته ڳولهي لهنديس. هت اجايو آيو آهين، تون جيڪي ڀائين پيو، سو هاڻ رهيو ئي ناهي، مون کي ڪنهن جو به انتظار ناهي: ڇو ته منهنجي ولوڙ جو ڪاٿو مان پاڻ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان.... گهڻو ڪجهه مليو ۽ پروڙي پڻ ورتم .... در در جا ڌڪا کائي منهنجو ۽ پنهنجو وقت برباد نه ڪر: وقت جي هن وٿيءَ منجهان مون کي پنهنجي سڀاڻي جو ملهه وٺڻ ڏي_ هاڻ مان تنهنجي هن هيڏي هشام ۽ گوڙ گمسان ۾ گم ٿيڻ لاءِ قطعي طور آماده ناهيان: منهنجو وقت نه وڃاءِ، مهربان! موٽي وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”گهڙيءَ کن جو وقت کپي!“ ڇو!؟“ ”ڇو ته آئون ئي ته تنهنجي سڃاڻ جو ذريعو رهيو آهيان. ياد ڪر ڪوي! مون ڪيترا ڀيرا تنهنجي جٽاءَ لاءِ قلم کنيو آهي! تنهنجا ويچار تنهنجا خيال، مون ڪيترا ڀيرا عام آڏو آندا آهن، آئون قلمڪار آهيان، ڪوي! منهنجو اگهه پنهنجو قد ڏسي سڃاڻ.“ ”قلمڪار! تنهنجون حجتون يا هَلائون سڀ مون آڏو آهن..... تنهنجو اگهه يا تنهنجي نگاهه وسعت پَرکي ئي ته منهنجي ڪَلا، جَلا کاڌي آهي، تنهنجا سڀ روپ ساڃاهيا اٿم: توتي اَرهو به رهيس ته سَرهو به .......... پر هاڻ مون وٽ انهي اجائي ارهائپ يا سَرهائپ تي ويچار جو وقت نه رهيو آهي. منهنجي قد جي ڀيٽا سان پاڻ پرڀاءِ ”پاڻ“ کي کلڻ _ هاب نه ڪر_ ياد رک! منهنجي ڪلا ئي منهنجو قد اٿئي! جيڪو ”سڀاڻ“ تنهنجي به جياپي جو سبب بڻبو. هوش ڪر قلمڪار! ”منهنجي“ نه ته ”پنهنجي“ ئي جياپي لاءِ کڻي مون کي هيکلو ڇڏ ته جيئن ”سڀاڻي“ تون به جيءُ سگهين: ڪنهن اهڃاڻ جي آڌار تي!... بهرحال مون کي پنهنجي ”جيوت“ سان نباهه ڪرڻو آهي، خدارا هليو وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”اوخدايا! وري ڪير!؟“ ”ڪير!؟“ ”ڪامريڊ آئون....“ ”ڪامريڊ!... آها، ها، ها، .....! اڃا ليڪا ڪڍيو يا آجو ٿي آيو آهين؟“ ”تنهنجي خيال موجب ڇا حدون مقرر ڪرڻ نه کپن! ڪيڏو نه مٽجي ويو آهين!!“ ”هن هيڏي لاحد ۾ خود ساخته حدون طئي ڪري ڇڏڻ ڀلو ٿو ڀانئين! آئون انسانيت ۽ سچ کان انڪاري ناهيان ته پوءِ هن ”اننت اڀياس“ جي منڊ جي مام جو ڳالائو، ڀل پنهنجي ئي پر، مگر ڇو نه ٿيان!؟ ڇا آئون ٻاٽ ۽ باک جي وچ ۾ ڳاڍاپي کان انڪاري ٿيان!؟!نه... مان کانئس انڪاري نه ٿيندس منهنجي اهائي تمنا اٿئي ته شل انسان ٿيون! هينئر مون کي پنهنجي مام ۾ ڇڏ ته ڪجهه ڪڻا ٻيا به ميڙي وٺان، مهرباني! موٽي وڃ!“ * ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”وري ڪير!؟“ ”ڪڙو لاهه ڪوي! اڄ مون سان اسهڻو ئي پوندءِ. ڇو ته آئون انت آهيان! “ ”اي انت ڪيترائي ڀيرا مون توکي مات ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته تون برحق آهين: پر ڪلهه جيان اڄ به منهنجي ڪلا توتي ڀاري پوندي! هن صدين جي سوداءُ جڳن جي جنون ۽ سرجڻهار جي سڪ ۽ ساءُ سان سهيڙيل هن شاهڪار کي ڇا تون کن پل ۾ ميساري سگهندين!؟ ناممڪن تنهنڪري موٽي وڃ! ڇو جو آئون امرتا آهيان، مون پاڻ ۾ ڪلهه ۽ اڄ سڀ کي سمايو آهي. انت تون امرت آڏو پاڻ کي پڏائي نه ٿو سگهين. تون منهنجي جند جهوري ڀوري ته سگهين ٿو پرامرتا مارڻ تو وس ۾ ناهي....... مان نه ٿو چاهيان ته تون امرتا آڏو اچي سر جڻهار جي سڄي سرشتي کي لڄائي وجهين! تنهنڪري ڀلائي اٿئي ته اڳ جيان هيل به موٽي وڃ..... ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ موٽ ته کائڻي ئي اٿئي ۽ ياد رک ته مان به کن پل ۾ اکين کان الوپ ٿيڻ وارن مان ناهيان!“
رشيده حجاب سان ڳالهه ٻولهه ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: نجمه يعقوب تعارف: رشيده حجاب جنهن جو اصل نالو رشيده بيگم آهي. سندس جنم شڪارپور شهر ۾، 21 آڪٽوبر 1942ع تي نور احمد مغل جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هڪ نيڪ خصلت ۽ خدا ترس انسان هو ۽ سندس شخصيت جو سڌو سنئون اثر رشيده تي پيو، پاڻ پرائمري تعيلم سيد يار محمد شاهه گرلز اسڪول گاڏي کاتو حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بي. ايس. سي 1962ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ۽ ايم. ايس. سي 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي ڊپارٽمنٽ آف باٽني مان پاس ڪئي. پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽي مان 1970ع ۾ ڪئي. ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ٽگرس يونيورسٽي نيو جرسي. آمريڪا مان ڪئي. سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ سائنسي مقالا پاڪستان ۽ آمريڪا جي ريسرچ جرنلس ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت پاڻ 100 افسانه، تنقيدي مضمون، سفرناما ۽ ڊائريون لکيا اٿس. پاڻ شاگرديءَ جي زماني ۾ تمام سرگرم رهي آهي. جيئن ته سائنس سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري، ڪاليج مئگزين جي انچارج، اولڊ اسٽوڊنٽ جنرل سيڪريٽري، ادبي ثقافتي، محفلن ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي رهي آهي. ادبي ۽ علمي ميدان ۾ ڪيتريون ئي سندون حاصل ڪيون اٿائين. پاڻ صرف 32 سالن جي عمر ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿي. جيڪو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي، ۽ ڪجهه وقت ڊاريڪٽر آف ڪاليجز به رهي چڪي آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي جو پاڻ پهرين سنڌي عورت آهي جنهن سائنس سبجيڪٽ ۾، آمريڪا مان P.H.D جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائين ته ”منهنجو يقين آهي ته دنيا جي پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي، ۽ اها عورت جنهن باهه جي کوجنا ڪئي. پاڻ ان دعوى لاءِ ثبوت ڏيندي چيائين: ”روز اول کان ئي کاڌي پيتي لاءِ پاڻ پتوڙڻ عورت جي ئي ذمي رهيو آهي. پنهنجي ڪٽنب لاءِ حيران پريشان عورت ڪنھن مرحلي تي خوراڪ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، ڪا آزمائش ڪئي هوندي ائين باهه کي دريافت ڪري پهرين سائنسدان بني هوندي.“ سندس اهو خيال ڪيتري قدر صحيح آهي. بهرحال دنيا جي سائنسدانن لاءِ هڪ نئين سوچ جي راهه کولي ڇڏي آهي. ڇا واقعي، پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي؟ 8 جون 1969ع ۾ سندس شادي انور علي راڄپر سان ٿي. پاڻ حيرت جهڙي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته مون کي پنهنجي شريڪ حيات جي نالي جي خبر شاديءَ کان صرف ٻه ڏينهن پهرين پئي هئي. مون پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار پنهنجن والدين کي ڏيئي ڇڏيو هو، ڇو ته مون کي يقين هو ته هو منهنجي لاءِ وڌيڪ بهتر سوچي سگهن ٿا. شعبي جي لحاظ سان ٻئي تقريباً هڪ ئي سبجيڪٽ سان واسطو رکن ٿا. جيئن ته سندس سبجيڪٽ باٽني آهي. ۽ علي انور جو سبجيڪٽ فاريسٽ آهي يعني ٻئي گلن ۽ ٻوٽن جا راهي آهن. کين چار نياڻيون آهن، جن جا نالا هي آهن: انيتا، عينا سعديه، امبر پارس ۽ ثنا انور. چارئي ڄڻيون تمام ذهين ۽ حسن اخلاق جو مجسمو آهن. سنڌي افساني جي پس منظر ۾ وڃڻ سان اسان کي هڪ دور اهڙو نظر ايندو جنهن ۾ سنڌي افساني تمام گهڻي ترقي ڪئي. اهو دور جيڪو 1955ع کان 1975ع تائين ڪهاڻيءَ جي عروج جو دور رهيو آهي. ان دور ۾ مردن سان گڏو گڏ، عورتن به بهترين ادب پيش ڪيو، ڪيتريون ئي عورتون ادب جي ميدان ۾ اڳتي وڌيون، پر عورتون جيڪا ”ٽه مورتي“ ان دور ۾ مستحڪم ٿي. ان ادب جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو، ڪيترن ماڻهن ته ائين به چيو ته ”اهي اصل مرد اَٿوَ، ڀلا ڇوڪرين ۾ ڪٿان ايتري صلاحيت آئي؟ يا ايتري آزادي ڪٿان ملي؟؟؟! اِهي ته عام روايتن جي ماريلن جا خيال هئا. اها ”ٽه مورتي“ ثميره زرين، رشيده حجاب، ۽ ماهتاب منور عباسيءَ تي مشتمل هئي. افسانا ڪي آسماني مخلوق جون ڪهاڻيون نه هيون پر معاشري جي پيڙا ۽ ظلم جي خلاف هڪ جهاد جو آغاز هو، ان عورت جي عڪاسي هئي. جيڪا ”پرن هئڻ جي باوجود اُڏام جي قابل نه سمجهي ويندي هئي.“ رشيده حجاب ٻڌايو ته منهنجي ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري هئي. جنهن انٽر سائنس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو، پر ڊاڪٽر انڪري نه بڻجي سگهي، جو سندس مڱيندو مڊل پاس هو. ۽ انجي انا کي ڌڪ ٿي لڳو، دراصل اهڙائي واقعا منهنجي دل جي احساسن کي مجروح ڪندا هئا، ۽ مان بي اختيار ان ڀوڳنا جي اظهار لاءِ لکڻ شروع ڪيو. منهنجي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن مجبور جي گرد گهمندي آهي. شايد، اوهانکي يقين نه اچي، پر حقيقت اها آهي ته تقريباً سڀ ئي سچا ڪردار اٿوَ! پنهنجي خاندان بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجو والد (نور احمد مغل) هڪ عظيم انسان هو، سندس دل تمام حساس ۽ رحم جي جذبي سان ڀريل هئي. حساس د ل هميشه جذبن جي اظهار لاءِ قلم جو سهارو وٺندي رهندي آهي. بابا باقاعده اديب ته نه هو، پر هميشه پنهنجي ڊائريءَ ۾ اهڙا لفطن جا موتي محفوظ ڪندو هو جو ماڻهو پڙهي نئين دنيا ۾ پهچي وڃي. جتي ويندو هو اتان ڪتاب وٺي ايندو هو، منهنجي ادبي شوق کي ائين هٿي ملي. مون کي چوندو هو ته ”بابا هي ڪتاب پڙهه، خاص خاص ڳالهين کي نوٽ ڪر پوءِ پاڻ ان تي بحث ڪنداسين.“ ڪتاب پڙهڻ هڪ جادو آهي. جيڪو ان جادوءَ ۾ ڦاٿو انجو ٻاهر نڪرڻ محال آهي. منهنجو اهو حال هوندو هو جو عين امتحان جي ڏينهن ۾ به ادبي ڪتاب ضرور پڙهندي هيس. شايد پڙهڻ ۽ لکڻ، لازم ملزوم آهن. پڙهڻ جي شوق، لکڻ جي جذبي کي وڌايو. 1954ع ۾ جڏهن اسين ٽنڊي آدم ۾ هئاسين، بابا اُتي S.D.M هو، اسان وٽ انهن ڏينهن ۾ روزانيون ۽ هفتي وار سڀئي اخبارون اينديون هيون. هڪ هفتي وار اخبار ”سنڌ مسلم“ نواب شاهه مان نڪرندي هئي، ان ۾ ٻارن جو صفحو شروع ڪيو ويو، ۽ ٻارڙن کي ”ٻارن جي ٻاري“ لاءِ مواد موڪلڻ لاءِ چيو ويو هو. منهنجي اندر جي شوق مون کي آخر رستو ڏيکاريو، ۽ مون لِڪي لِڪي هڪ آکاڻي لکي. لڪي ان ڪري نه لکي هئم ته مون کي لکڻ لاءِ ڪو منع ڪري ها، پر لڪائڻ جو سبب شرمندگي هئي ته جيڪڏهن خراب هوندي يا شايع نه ٿي سگهي ته سڀ کلندا. سڄو هفتو بيقراريءَ ۽ بي چينيءَ ۾ گذاريو آخرڇنڇر آيو، ان ڏينهن صبح سان ڏهه چڪر دروازي جا ڏنم. ٽپال صبح 8 بجي تائين اچي ويندي هئي. پراُهي ”اَٺ“ ڪيڏو دير سان وڳا اُها منهنجي دل کي خبر آهي. ۽ اُها خوشي، جيڪا پنهنجو نالو اخبار ۾ ڏسي ٿي، ناقابل بيان آهي، مون رڙ ڪري چيو ”اچي وئي اچي وئي“ بابا اما حيران ٿي ويا. ڪير آئي آهي؟ بابا سمجهيو جيجي اما (منهنجي ڏاڏي) آئي آهي يڪدم اُٿي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، مون خوشيءَ مان ڦيرا پائيندي چيو. ”بابا منهنجي ڪهاڻي آهي. اخبار ۾ ”اُن ڏينهن کان پوءِ ڄڻ قلم ۾ مشين لڳي وئي. الائي ڪيترا مضمون ڪهاڻيون شعر، اُصول، چوڻيون، ”نواءِ سنڌ“، هلال پاڪستان، سنڌ مسلم، فردوس، وغيره ۾ ڇپيا. مون اڳي ئي چيو آهي ته پڙهڻ جو شوق حد کان وڌيڪ هو. ان زماني ۾ مون نه صرف ٻاراڻو ادب پڙهيو پر ٻيا به خالص ادبي رسالا ۽ ناول به پڙهيم. اهوئي سبب هو جو مون 1957ع کان نئين زندگيءَ ۾ افسانه لکڻ شروع ڪيا. جن ۾ عام طرح ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو رومانوي تعلق جو به ذڪر هوندو هو، مون جيتري عمر واريءَ ڇوڪريءَ جي لاءِ شايد نامناسب هو. هڪ دفعي چاچا گرامي مرحوم اسان جي گهر آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ رسالو ڏئي چيائين، پُٽ، مبار ڪ اٿئي جو ”نئين زندگي“ تائين پهچي وئي آهين، پر تون اڃا ڪجهه سال ”گل ڦل“ لاءِ لِک پوءِ افسانا شروع ڪجانءِ.“ ”پر چاچا، مان ته اڳي ئي ٻيا به افسانا لکي موڪلي چڪي آهيان؟“ مون روئڻ واري انداز ۾ چيو ته چاچا گرامي کلي پيو . ”واهه پُٽ، ڏاڍي تڪڙي آهين، تون ته ڏاڍو جلدي ٿي وڌين، چڱو ٺهيو ڀلا جي لکڻ جو شوق اٿئي ته لِک.“ پوءِ ته مان هوندي هئس ۽ منهنجو ڪمرو! ان وقت جا افسانا، ڪافي ڳالهين ۾ ڪمزور ٿا لڳن، پر ٿوري ئي وقت ۾ هڪ طرف ثميره زرين جي افسانن سان غير ارادي مقابلو شروع ٿي ويو، ته ٻئي طرف عمر ۽ شعور به وڌڻ لڳا. ۽ هينئر اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجو نالو ڏسي خوش ٿيڻ جو دور گذري چڪو هو. بلڪ آسپاس جا واقعا دل کي حساس بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ قلم انهن جي لاءِ تلوار جي صورت ۾ اُٿڻ لڳو هو، نوڪرياڻيءَ جي ڌيءَ جي طلاق، پاڙي واري هندو ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو مسئلو، پنجن ڌيئن جي ڄمڻ تي مڙس جو بيمار زال کي مارڻ، اڻ پڙهيل زال جي موجودگيءَ ۾ مڙس جو ماڊرن عورتن ڏانهن جُهڪڻ ۽ ان کان علاوه هزارين دل ڏکوئيندڙ واقعا منهنجي ذهن تي غم جا نقش ڪڍي ويندا هئا ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي، انهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندي هيس. ڪهاڻين جو تعداد ٻڌائينديون؟ صحيح تعداد به ياد ڪونهي؟ پورو رڪارڊ به موجود ڪونهي، ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، جيڪي بند ٿي ويا، منهنجي خراب عادت اها هئي (۽ آهي) ته مان ڪڏهن به فيئر نه ڪندي هُيس. هڪ دفعو ويٺس ته افسانو پورو ڪري اٿندي هيس، ان وقت ئي پوسٽ ڪرائي ڇڏيندي هيس. ڪهاڻين نه لکڻ جو سبب ٻڌائينديون؟ ”مان جيڪڏهن روايتي جواب ڏيان ته مصروفيت ته اهو به ڪنهن حد تائين صحيح آهي، منهنجون مصروفيتون ڪجهه اهڙي قسم جون آهن، جو ذهني يڪسوئي جو فقدان آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ اديب صرف اديب بڻجي زندهه رهي نه ٿو سگهي. حياتيءَ جي هر هلائڻ لاءِ هن کي ٻيو به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي. ۽ پوءِ جيڪو ”ٻيو“ ڪجهه آهي انجو هن جي سوچ ۽ احساس تي به اثر پوي ٿو.“ وضاحت ڪنديون؟ ”ها، اديب فطرتاً هڪ حساس ۽ نرم دل آهي، پر جيڪڏهن پيشي طور هو وڃي پوليس ۾ شامل ٿئي ۽ ڏنڊو کڻي پيو سڄو وقت سخت الفاظ ڳالهائي ته آهسته آهسته اها سختي اُنجي احساس ۾ به شامل ٿي ويندي ۽ سندس ادبي هجڻ واري حساس دل جيڪڏهن مري نه ويندي تڏهن به ڪومائجي ضرور ويندي. پنهنجي تعيلم بابت ٻڌائيندي چيائين ته ”مون 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Botany ۾ M.S.C ڪئي ۽ ليڪچرر شپ لاءِ انٽرويو ڏنم. انٽرويو ۾ اسين ٽي ڇوڪريون هيون سين هفتي کان پوءِ ٻن ڄڻين کي تقرريءَ جا آرڊر ڏنا ويا ۽ معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته تنهنجو آرڊر گهر موڪلينداسين. هفتي گذرڻ کان پوءِ ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ کي آرڊر ڏنو ويو ھو، جيڪا انٽرويو ڏيڻ آئي ئي ڪانه هئي. ۽ ٻيو ته M.S.C به ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس هيس. انهيءَ ڳالهه مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، ٽي ڏينهن مسلسل روئندي رهيس، گهر وارن ڏاڍو سمجهايو: توکي ٽن سَون جي نوڪريءَ جي ڇو اهڙي پرواهه آهي. وڃي کڏ ۾ پوي مونکي واقعي نوڪريءَ جي پرواهه ڪانه ھئي، پر افسوس صرف ان ڳالهه جو هو ته منهنجي ناقدري ٿي، مون سان نا انصافي ٿي (ان وقت اها خبر ڪانه هئي ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيا به موقعا ٿيندا). مان دل برداشته ٿي گهر ۾ ويهي رهيس. هڪ ڏينهن منهنجي استاد ۽ باٽني جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر اسلام جو فون آيو، ڊاڪٽر اسلام ڍاڪا جو هو ۽ هو هڪ قابل استاد ئي نه پر تمام سٺو ريسرچ اسڪالر به هو، هن مون کي يونيورسٽي گهرايو ۽ مون کي ريسرچ ڪرڻ لاءِ چيو، مان ايڏي دل برداشته هيس جو ڪجهه ڪرڻ تي دل ئي نه پئي چوي، مون صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي چيو ”ڏس ڌيءُ“ تنهنجين جن ساهيڙين کي هينئر ليڪچرر شپ ملي آهي اهي ٽن سالن کان پوءِ به ليڪچرر ئي رهنديون هنن جي ڪواليفڪشين ۾ ڪو اضافو ڪونه ٿيندو، جڏهن ته تون ٽن سالن کانپوءِP.H.D ڪري ويندينءَ مون کي خبر آهي ته تو ۾ ريسرچ ڪرڻ جي اهليت آهي. تون هڪ ڪامياب ريسرچ اسڪالر بڻجي سگهين ٿي.“ ڊاڪٽر اسلام صحيح هو يا نه، مان سٺي ثابت ٿيس يا نه بهرحال ريسرچ مون کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو. ريسرچ جو هڪ عجيب مزو آهي، جيڪي انسان ريسرچ ڪن ٿا. انهن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته تحقيق جي ڪا انتها نه آهي ۽ تحقيق ڪندڙ سڄي زندگي ان انتها جي جاکوڙ ۾ گذاري ڇڏي. پوءِ توهان ان جاکوڙ کان پاڻ کي جدا ڇو ڪري ڇڏيو؟ مون کانئس پڇيو. ”مون جدا نه ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انسان حالتن کان مجبور ٿي وڃي ٿو. منهنجي شادي ٿي وئي مصروفيتون وڌيون. ٻارن جي پرگهور، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ وڃڻ جي سهولت نه هجڻ سبب مون ريسرچ کي ڇڏي پڙهائڻ شروع ڪيو. اهو تجربو ڪيئن رهيو؟ ”بيحد ڪامياب! شايد منهنجو شمار دنيا جي انهن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جيڪي وقت ۽ حالتن تحت پنهنجو پاڻ کي آسانيءَ سان Adjust ڪري سگهندا آهن. علم حاصل ڪرڻ، علم ڏيڻ ۽ علم ورهائڻ هڪ عظيم ۽ بامقصد پيشو آهي. مون جيترو وقت پڙهايو. نهايت محنت، شوق ۽ پيار سان پڙهايو. رشيده حجاب پنهنجي ان خيال ۾ بلڪل سچي آهي. سندس شاگردياڻيون، سندس ذڪر وڏي احترام ۽ محبت سان ڪنديون آهن، مون جڏهن سندس ڪافي شاگردياڻين کان سندس باري ۾ پڇيوته سڀني هڪ ڳالهه چئي. ”جيڪو ڪجهه اسان ڊاڪٽر رشيده کان پڙهيو اسان کي ٻيهر ياد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي هئي، هوءَ ايترو ته سٺو پڙهائيندي هئي جو سڀ ڪجهه ذهن ۾ نشين ٿي ويندو هو. هن هميشه اسان جي صحيح رهنمائي ڪئي ۽ پڙهائيءَ سان گڏو گڏ اسان جي عام زندگيءَ جي بهتريءَ لاءِ به هميشه مفيد مشورا ۽ نيڪ صلاحون ڏيندي رهي. سندس هڪ شاگردياڻي جيڪا هينئر ڊاڪٽر آهي اها چوڻ لڳي، مان احساس ڪمتريءَ جو شڪار هيس، هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان آئي هيس، ڪلاس ۾ ڪڏهن به سوال جو جواب ڏئي نه سگهندي هيس. هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا هئا. جيڪو ايندو هو، سو به وسري ويندو هو. امتحان ۾ به اهو حال ٿيندو هو. نتيجو اهو ٿيندو هو جو 17_ 18 ڪلاڪ پڙهڻ جي باوجود مان ٽيسٽن ۽ امتحان ۾ فيل ٿيندي هيس. مئڊم رشيده مون کي ڪلاس ۾ جواب ڏيڻ تي همٿائيندي هئي. منهنجي هٻڪڻ تي ڇوڪريون کلنديون هيون ته انهن کي سمجهائيندي هئي. مون کي پنهنجي آفيس ۾ سڏي. سمجهائيندي هئي. مطلب ته هُن هڪ ماهر نفسيات جي طرح منهنجو علاج ڪيو ۽ مون کي مقابلو ڪرڻ سيکاريو. اڄ مان هڪ ڪامياب ڊاڪٽر آهيان. مئڊم رشيده جا احسان مڃيندي رهان ٿي. رشيده حجاب کان ڊاڪٽر رشيده تائين هڪ طويل سفر آهي. خوبصورت گلن کي ڏسندي ڏسندي. هڪ ڏينهن ماهر سرجن وانگر انهن خوبصورت گلن وانگر انهن خوبصورت گلن جو جگر چاڪ ڪري، پنهنجي تحقيق جو آغاز ڪيائين. پهرين ته سندس هٿ ڏڪي ويا. پر پوءِ سوچيائين، انساني زندگيءَ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتيءَ شيءِ ته هن دنيا جي سيني تي آهي ئي ڪانه. ته پوءِ جڏهن ان خوبصورت انسان جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ خود ان قيمتي جان ۾ ڀالو ٽنبي سگهجي ٿو ته پوءِ هي گل ڪهڙي شي آهن، هنن جي خوبصورتي ته محض انساني نظر جي توجه جي محتاج آهي. اهڙيءَ طرح مون ”گلن“ تي ريسرچ شروع ڪئي، مون ريسرچ لاءِ Jute (سڻيءَ) جو انتخاب ڪيو. سِڻي مشرقي پاڪستان ۾ ڪمرشل اسڪيل تي لڳائي ويندي هئي. هن مان ملڪ کي ڪافي فارين ايڪسچينج ملندو هو، انڪري سڻيءَ پاڪستان جو (نمبر ون ڪيش ڪراپ) Number One cash crop چيو ويندو هو، سائنسدانن جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته سندن تحقيق ڪنهن نه ڪنهن طرح مُلڪي معيشت ۾ مددگار ٿئي، سِڻيءَ جا به هزارين لکين ٻوٽا هر سال مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندا هئا. پاڻ وڌيڪ چيائين ته: ”سڻي يعني Jute جي ٻوٽي لاءِ بهترين خاصيت اها آهي ته انجو ريشو Fibre گهڻي کان گهڻو ڊگهو هجي ۽ ريشي ۾ صحيح چمڪ هجي. سڻيءَ جو هڪ قسم سونهري Golden هوندو آهي. ۽ هڪ اڇو يعني Silver هوندو آهي. انهن ٻنهي کي (Cultivated Species) چئبو آهي. جڏهن ته ان کان علاوه سڻيءَ جا سؤ کان وڌيڪ قسم آهن. پر انهن مان اسان کي Fibre ڪونه ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ”ڪوتاهه قد“ هوندا آهن. پر الله تعالى دنيا ۾ بي مقصد ڪجهه به پيدا نه ڪيو آهي. سڻي يا Jute جا اهي (Wild Species) قسم ٻيءَ طرح ڪارآمد ٿين ٿا. انهن مان ڪجهه قسمن کي Fibre yielding (ريشو پيدا ڪرڻ واري قسم) سان Cross ڪري اهڙا قسم پيدا ڪري سگهجن ٿا. جن سان هڪ طرف ريشو وڌيڪ ڊگهو ٿئي ٿو. ته ٻئي طرف عام بيماريون ختم ٿي سگهن ٿيون. اوهان هن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب رهيون؟ ”تمام ڪامياب منهنجي پوري Thesis ان موضوع تي آهي، ان ريسچ جي دوران خوش قسمتيءَ سان هڪ نئون قسم به سائنسي طريقي سان وجود ۾ آيو ان قسم کي پوري دنيا جي Genetictes (جينيٽڪس جي ماهرن) ڏاڍو ساراهيو. اهو ريسرچ پيپر آمريڪا جي رسالي ”سائنس“ ۾ شايع ٿيو. جون 1973ع ۾ مون کي آمريڪا جي اسڪالرشپ Fullbright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران مون jute تي وڌيڪ ريسرچ ڪئي، منهنجي پروفيسر مون کي آمريڪا ۾ وڌيڪ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر مان پنهنجين ننڍڙين ڌيئن جي خاطر واپس موٽي آيس. پاڻ وڌيڪ چيائين، ”جڏهن مان I.I.E International institute of education to defparture Certificate وٺڻ ويس ته اتي جي سيڪريٽري ڏاڍي تعجب سان چيو، منهنجي 33 سالن جي دور ملازمت ۾ اوهين پهرين Asian scholar آهيو. جيڪا وقت پوري ٿيڻ تي واپس وڃڻ ٿي چاهي، نه ته هر ڪو اسڪالرشپ Extend ڪرائڻ لاءِ ايندو آهي.تنهنجو ته Superviser به توکي روڪڻ ٿو چاهي پوءِ به تون آمريڪا ڇڏڻ ٿي چاهين، ڇو؟ ”جيڪو ڪجهه آمريڪا ۾ آهي. اهو شايد مون کي پنهنجي ملڪ ۾ ملي وڃي پر جيڪي ڪجهه منهنجي ملڪ ۾ آهي، اهو مون کي آمريڪا ۾ ڪڏهن به نه ملندو.“ ڇا اوهان جي ريسرچ جاري آهي؟ نه بدقسمتيءَ سان منهنجو ريسرچ سان ناتو تقريباً ٽٽي چڪو آهي، اسانجي ملڪ ۾ ڪاليجن ۾ ريسرچ لاءِ سهولتون بلڪل ڪونه آهن. يونيورسٽيءَ ۾ به ڪو اهڙو انتظام نه هوندو آهي جتي ڪاليج جا استاد پنهنجو ريسرچ جو شوق پورو ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو ايترو اهم ڪم اڌورو رهجي ويو. جيڪڏهن منهنجي Jute تي ريسرچ جاري رهي ها ته مون کي يقين آهي ته ڪنهن وڏي پئماني تي ان ڪم کي اڳتي وڌائي اسان ملڪ ۾ Jute جي پيداوار ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري سگهون ها. مان حڪومت کي مشورو ڏينديس ته ان اهم پيداوار جي باري ۾ ڪو اعليٰ ريسرچ مرڪز ضرور قائم ڪري (هڪ ٻه سينٽر موجود آهن) مان پنهنجيون خدمتون هر طرح سان پيش ڪري خوشي محسوس ڪنديس. اوهان جي شخصيت ٽن روپن ۾ ورهايل آهي توهان پنهنجيءَ شخصيت جي ڪهڙي روپ کان مطمئن آهيو. ”مان به سوچيندي آهيان فطري طور مان هڪ ليکڪ (Writer) آهيان، جيڪڏهن پيشه ورانه طرح به منهنجو تعلق ڪنهن اهڙيءَ شعبي سان هجي هان، ته شايد وڌيڪ خوش ۽ مطمئن هجان ها، يا وري پنهنجي پيشه ورانه شوق يعني ريسرچ سان وابسته هجان ها، بدقسمتيءَ سان مان ٻنهي کان پري هلي وئي آهيان، شايد اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجو پاڻ کي اڪثر مضطرب ڀڳل ٽٽل ۽ نا مڪمل محسوس ڪرڻ لڳندي آهيان“ لطيف اياز پنھور ......... ڳولي ڇا نادان !! ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”ڪوي! آئون دوست آهيان..“ ”دوست!؟ هونئن ! ... ... زندگي جي هن آننت رڃ ۾ گهڙي پل جي ڇانورن کي دوست ٿو سڏين. ڳهيلا! منهنجو دوست مون ساڻ ئي آهي: : مهاڪوي شيخ اياز جي اسپتال منجهان صحتياب ٿي موٽي اچڻ تي لکيل تاثر جيڪو منهنجو ”سڀاڻي“ به آهي _ مون به پاڻ پتوڙي لڌو اٿمانس، تون به جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين، نِرت سان نهار ته سچ ته ڳولهي لهنديس. هت اجايو آيو آهين، تون جيڪي ڀائين پيو، سو هاڻ رهيو ئي ناهي، مون کي ڪنهن جو به انتظار ناهي: ڇو ته منهنجي ولوڙ جو ڪاٿو مان پاڻ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان.... گهڻو ڪجهه مليو ۽ پروڙي پڻ ورتم .... در در جا ڌڪا کائي منهنجو ۽ پنهنجو وقت برباد نه ڪر: وقت جي هن وٿيءَ منجهان مون کي پنهنجي سڀاڻي جو ملهه وٺڻ ڏي_ هاڻ مان تنهنجي هن هيڏي هشام ۽ گوڙ گمسان ۾ گم ٿيڻ لاءِ قطعي طور آماده ناهيان: منهنجو وقت نه وڃاءِ، مهربان! موٽي وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”گهڙيءَ کن جو وقت کپي!“ ڇو!؟“ ”ڇو ته آئون ئي ته تنهنجي سڃاڻ جو ذريعو رهيو آهيان. ياد ڪر ڪوي! مون ڪيترا ڀيرا تنهنجي جٽاءَ لاءِ قلم کنيو آهي! تنهنجا ويچار تنهنجا خيال، مون ڪيترا ڀيرا عام آڏو آندا آهن، آئون قلمڪار آهيان، ڪوي! منهنجو اگهه پنهنجو قد ڏسي سڃاڻ.“ ”قلمڪار! تنهنجون حجتون يا هَلائون سڀ مون آڏو آهن..... تنهنجو اگهه يا تنهنجي نگاهه وسعت پَرکي ئي ته منهنجي ڪَلا، جَلا کاڌي آهي، تنهنجا سڀ روپ ساڃاهيا اٿم: توتي اَرهو به رهيس ته سَرهو به .......... پر هاڻ مون وٽ انهي اجائي ارهائپ يا سَرهائپ تي ويچار جو وقت نه رهيو آهي. منهنجي قد جي ڀيٽا سان پاڻ پرڀاءِ ”پاڻ“ کي کلڻ _ هاب نه ڪر_ ياد رک! منهنجي ڪلا ئي منهنجو قد اٿئي! جيڪو ”سڀاڻ“ تنهنجي به جياپي جو سبب بڻبو. هوش ڪر قلمڪار! ”منهنجي“ نه ته ”پنهنجي“ ئي جياپي لاءِ کڻي مون کي هيکلو ڇڏ ته جيئن ”سڀاڻي“ تون به جيءُ سگهين: ڪنهن اهڃاڻ جي آڌار تي!... بهرحال مون کي پنهنجي ”جيوت“ سان نباهه ڪرڻو آهي، خدارا هليو وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”اوخدايا! وري ڪير!؟“ ”ڪير!؟“ ”ڪامريڊ آئون....“ ”ڪامريڊ!... آها، ها، ها، .....! اڃا ليڪا ڪڍيو يا آجو ٿي آيو آهين؟“ ”تنهنجي خيال موجب ڇا حدون مقرر ڪرڻ نه کپن! ڪيڏو نه مٽجي ويو آهين!!“ ”هن هيڏي لاحد ۾ خود ساخته حدون طئي ڪري ڇڏڻ ڀلو ٿو ڀانئين! آئون انسانيت ۽ سچ کان انڪاري ناهيان ته پوءِ هن ”اننت اڀياس“ جي منڊ جي مام جو ڳالائو، ڀل پنهنجي ئي پر، مگر ڇو نه ٿيان!؟ ڇا آئون ٻاٽ ۽ باک جي وچ ۾ ڳاڍاپي کان انڪاري ٿيان!؟!نه... مان کانئس انڪاري نه ٿيندس منهنجي اهائي تمنا اٿئي ته شل انسان ٿيون! هينئر مون کي پنهنجي مام ۾ ڇڏ ته ڪجهه ڪڻا ٻيا به ميڙي وٺان، مهرباني! موٽي وڃ!“ * ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”وري ڪير!؟“ ”ڪڙو لاهه ڪوي! اڄ مون سان اسهڻو ئي پوندءِ. ڇو ته آئون انت آهيان! “ ”اي انت ڪيترائي ڀيرا مون توکي مات ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته تون برحق آهين: پر ڪلهه جيان اڄ به منهنجي ڪلا توتي ڀاري پوندي! هن صدين جي سوداءُ جڳن جي جنون ۽ سرجڻهار جي سڪ ۽ ساءُ سان سهيڙيل هن شاهڪار کي ڇا تون کن پل ۾ ميساري سگهندين!؟ ناممڪن تنهنڪري موٽي وڃ! ڇو جو آئون امرتا آهيان، مون پاڻ ۾ ڪلهه ۽ اڄ سڀ کي سمايو آهي. انت تون امرت آڏو پاڻ کي پڏائي نه ٿو سگهين. تون منهنجي جند جهوري ڀوري ته سگهين ٿو پرامرتا مارڻ تو وس ۾ ناهي....... مان نه ٿو چاهيان ته تون امرتا آڏو اچي سر جڻهار جي سڄي سرشتي کي لڄائي وجهين! تنهنڪري ڀلائي اٿئي ته اڳ جيان هيل به موٽي وڃ..... ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ موٽ ته کائڻي ئي اٿئي ۽ ياد رک ته مان به کن پل ۾ اکين کان الوپ ٿيڻ وارن مان ناهيان!“
رشيده حجاب سان ڳالهه ٻولهه ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: نجمه يعقوب تعارف: رشيده حجاب جنهن جو اصل نالو رشيده بيگم آهي. سندس جنم شڪارپور شهر ۾، 21 آڪٽوبر 1942ع تي نور احمد مغل جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هڪ نيڪ خصلت ۽ خدا ترس انسان هو ۽ سندس شخصيت جو سڌو سنئون اثر رشيده تي پيو، پاڻ پرائمري تعيلم سيد يار محمد شاهه گرلز اسڪول گاڏي کاتو حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بي. ايس. سي 1962ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ۽ ايم. ايس. سي 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي ڊپارٽمنٽ آف باٽني مان پاس ڪئي. پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽي مان 1970ع ۾ ڪئي. ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ٽگرس يونيورسٽي نيو جرسي. آمريڪا مان ڪئي. سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ سائنسي مقالا پاڪستان ۽ آمريڪا جي ريسرچ جرنلس ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت پاڻ 100 افسانه، تنقيدي مضمون، سفرناما ۽ ڊائريون لکيا اٿس. پاڻ شاگرديءَ جي زماني ۾ تمام سرگرم رهي آهي. جيئن ته سائنس سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري، ڪاليج مئگزين جي انچارج، اولڊ اسٽوڊنٽ جنرل سيڪريٽري، ادبي ثقافتي، محفلن ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي رهي آهي. ادبي ۽ علمي ميدان ۾ ڪيتريون ئي سندون حاصل ڪيون اٿائين. پاڻ صرف 32 سالن جي عمر ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿي. جيڪو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي، ۽ ڪجهه وقت ڊاريڪٽر آف ڪاليجز به رهي چڪي آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي جو پاڻ پهرين سنڌي عورت آهي جنهن سائنس سبجيڪٽ ۾، آمريڪا مان P.H.D جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائين ته ”منهنجو يقين آهي ته دنيا جي پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي، ۽ اها عورت جنهن باهه جي کوجنا ڪئي. پاڻ ان دعوى لاءِ ثبوت ڏيندي چيائين: ”روز اول کان ئي کاڌي پيتي لاءِ پاڻ پتوڙڻ عورت جي ئي ذمي رهيو آهي. پنهنجي ڪٽنب لاءِ حيران پريشان عورت ڪنھن مرحلي تي خوراڪ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، ڪا آزمائش ڪئي هوندي ائين باهه کي دريافت ڪري پهرين سائنسدان بني هوندي.“ سندس اهو خيال ڪيتري قدر صحيح آهي. بهرحال دنيا جي سائنسدانن لاءِ هڪ نئين سوچ جي راهه کولي ڇڏي آهي. ڇا واقعي، پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي؟ 8 جون 1969ع ۾ سندس شادي انور علي راڄپر سان ٿي. پاڻ حيرت جهڙي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته مون کي پنهنجي شريڪ حيات جي نالي جي خبر شاديءَ کان صرف ٻه ڏينهن پهرين پئي هئي. مون پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار پنهنجن والدين کي ڏيئي ڇڏيو هو، ڇو ته مون کي يقين هو ته هو منهنجي لاءِ وڌيڪ بهتر سوچي سگهن ٿا. شعبي جي لحاظ سان ٻئي تقريباً هڪ ئي سبجيڪٽ سان واسطو رکن ٿا. جيئن ته سندس سبجيڪٽ باٽني آهي. ۽ علي انور جو سبجيڪٽ فاريسٽ آهي يعني ٻئي گلن ۽ ٻوٽن جا راهي آهن. کين چار نياڻيون آهن، جن جا نالا هي آهن: انيتا، عينا سعديه، امبر پارس ۽ ثنا انور. چارئي ڄڻيون تمام ذهين ۽ حسن اخلاق جو مجسمو آهن. سنڌي افساني جي پس منظر ۾ وڃڻ سان اسان کي هڪ دور اهڙو نظر ايندو جنهن ۾ سنڌي افساني تمام گهڻي ترقي ڪئي. اهو دور جيڪو 1955ع کان 1975ع تائين ڪهاڻيءَ جي عروج جو دور رهيو آهي. ان دور ۾ مردن سان گڏو گڏ، عورتن به بهترين ادب پيش ڪيو، ڪيتريون ئي عورتون ادب جي ميدان ۾ اڳتي وڌيون، پر عورتون جيڪا ”ٽه مورتي“ ان دور ۾ مستحڪم ٿي. ان ادب جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو، ڪيترن ماڻهن ته ائين به چيو ته ”اهي اصل مرد اَٿوَ، ڀلا ڇوڪرين ۾ ڪٿان ايتري صلاحيت آئي؟ يا ايتري آزادي ڪٿان ملي؟؟؟! اِهي ته عام روايتن جي ماريلن جا خيال هئا. اها ”ٽه مورتي“ ثميره زرين، رشيده حجاب، ۽ ماهتاب منور عباسيءَ تي مشتمل هئي. افسانا ڪي آسماني مخلوق جون ڪهاڻيون نه هيون پر معاشري جي پيڙا ۽ ظلم جي خلاف هڪ جهاد جو آغاز هو، ان عورت جي عڪاسي هئي. جيڪا ”پرن هئڻ جي باوجود اُڏام جي قابل نه سمجهي ويندي هئي.“ رشيده حجاب ٻڌايو ته منهنجي ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري هئي. جنهن انٽر سائنس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو، پر ڊاڪٽر انڪري نه بڻجي سگهي، جو سندس مڱيندو مڊل پاس هو. ۽ انجي انا کي ڌڪ ٿي لڳو، دراصل اهڙائي واقعا منهنجي دل جي احساسن کي مجروح ڪندا هئا، ۽ مان بي اختيار ان ڀوڳنا جي اظهار لاءِ لکڻ شروع ڪيو. منهنجي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن مجبور جي گرد گهمندي آهي. شايد، اوهانکي يقين نه اچي، پر حقيقت اها آهي ته تقريباً سڀ ئي سچا ڪردار اٿوَ! پنهنجي خاندان بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجو والد (نور احمد مغل) هڪ عظيم انسان هو، سندس دل تمام حساس ۽ رحم جي جذبي سان ڀريل هئي. حساس د ل هميشه جذبن جي اظهار لاءِ قلم جو سهارو وٺندي رهندي آهي. بابا باقاعده اديب ته نه هو، پر هميشه پنهنجي ڊائريءَ ۾ اهڙا لفطن جا موتي محفوظ ڪندو هو جو ماڻهو پڙهي نئين دنيا ۾ پهچي وڃي. جتي ويندو هو اتان ڪتاب وٺي ايندو هو، منهنجي ادبي شوق کي ائين هٿي ملي. مون کي چوندو هو ته ”بابا هي ڪتاب پڙهه، خاص خاص ڳالهين کي نوٽ ڪر پوءِ پاڻ ان تي بحث ڪنداسين.“ ڪتاب پڙهڻ هڪ جادو آهي. جيڪو ان جادوءَ ۾ ڦاٿو انجو ٻاهر نڪرڻ محال آهي. منهنجو اهو حال هوندو هو جو عين امتحان جي ڏينهن ۾ به ادبي ڪتاب ضرور پڙهندي هيس. شايد پڙهڻ ۽ لکڻ، لازم ملزوم آهن. پڙهڻ جي شوق، لکڻ جي جذبي کي وڌايو. 1954ع ۾ جڏهن اسين ٽنڊي آدم ۾ هئاسين، بابا اُتي S.D.M هو، اسان وٽ انهن ڏينهن ۾ روزانيون ۽ هفتي وار سڀئي اخبارون اينديون هيون. هڪ هفتي وار اخبار ”سنڌ مسلم“ نواب شاهه مان نڪرندي هئي، ان ۾ ٻارن جو صفحو شروع ڪيو ويو، ۽ ٻارڙن کي ”ٻارن جي ٻاري“ لاءِ مواد موڪلڻ لاءِ چيو ويو هو. منهنجي اندر جي شوق مون کي آخر رستو ڏيکاريو، ۽ مون لِڪي لِڪي هڪ آکاڻي لکي. لڪي ان ڪري نه لکي هئم ته مون کي لکڻ لاءِ ڪو منع ڪري ها، پر لڪائڻ جو سبب شرمندگي هئي ته جيڪڏهن خراب هوندي يا شايع نه ٿي سگهي ته سڀ کلندا. سڄو هفتو بيقراريءَ ۽ بي چينيءَ ۾ گذاريو آخرڇنڇر آيو، ان ڏينهن صبح سان ڏهه چڪر دروازي جا ڏنم. ٽپال صبح 8 بجي تائين اچي ويندي هئي. پراُهي ”اَٺ“ ڪيڏو دير سان وڳا اُها منهنجي دل کي خبر آهي. ۽ اُها خوشي، جيڪا پنهنجو نالو اخبار ۾ ڏسي ٿي، ناقابل بيان آهي، مون رڙ ڪري چيو ”اچي وئي اچي وئي“ بابا اما حيران ٿي ويا. ڪير آئي آهي؟ بابا سمجهيو جيجي اما (منهنجي ڏاڏي) آئي آهي يڪدم اُٿي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، مون خوشيءَ مان ڦيرا پائيندي چيو. ”بابا منهنجي ڪهاڻي آهي. اخبار ۾ ”اُن ڏينهن کان پوءِ ڄڻ قلم ۾ مشين لڳي وئي. الائي ڪيترا مضمون ڪهاڻيون شعر، اُصول، چوڻيون، ”نواءِ سنڌ“، هلال پاڪستان، سنڌ مسلم، فردوس، وغيره ۾ ڇپيا. مون اڳي ئي چيو آهي ته پڙهڻ جو شوق حد کان وڌيڪ هو. ان زماني ۾ مون نه صرف ٻاراڻو ادب پڙهيو پر ٻيا به خالص ادبي رسالا ۽ ناول به پڙهيم. اهوئي سبب هو جو مون 1957ع کان نئين زندگيءَ ۾ افسانه لکڻ شروع ڪيا. جن ۾ عام طرح ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو رومانوي تعلق جو به ذڪر هوندو هو، مون جيتري عمر واريءَ ڇوڪريءَ جي لاءِ شايد نامناسب هو. هڪ دفعي چاچا گرامي مرحوم اسان جي گهر آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ رسالو ڏئي چيائين، پُٽ، مبار ڪ اٿئي جو ”نئين زندگي“ تائين پهچي وئي آهين، پر تون اڃا ڪجهه سال ”گل ڦل“ لاءِ لِک پوءِ افسانا شروع ڪجانءِ.“ ”پر چاچا، مان ته اڳي ئي ٻيا به افسانا لکي موڪلي چڪي آهيان؟“ مون روئڻ واري انداز ۾ چيو ته چاچا گرامي کلي پيو . ”واهه پُٽ، ڏاڍي تڪڙي آهين، تون ته ڏاڍو جلدي ٿي وڌين، چڱو ٺهيو ڀلا جي لکڻ جو شوق اٿئي ته لِک.“ پوءِ ته مان هوندي هئس ۽ منهنجو ڪمرو! ان وقت جا افسانا، ڪافي ڳالهين ۾ ڪمزور ٿا لڳن، پر ٿوري ئي وقت ۾ هڪ طرف ثميره زرين جي افسانن سان غير ارادي مقابلو شروع ٿي ويو، ته ٻئي طرف عمر ۽ شعور به وڌڻ لڳا. ۽ هينئر اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجو نالو ڏسي خوش ٿيڻ جو دور گذري چڪو هو. بلڪ آسپاس جا واقعا دل کي حساس بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ قلم انهن جي لاءِ تلوار جي صورت ۾ اُٿڻ لڳو هو، نوڪرياڻيءَ جي ڌيءَ جي طلاق، پاڙي واري هندو ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو مسئلو، پنجن ڌيئن جي ڄمڻ تي مڙس جو بيمار زال کي مارڻ، اڻ پڙهيل زال جي موجودگيءَ ۾ مڙس جو ماڊرن عورتن ڏانهن جُهڪڻ ۽ ان کان علاوه هزارين دل ڏکوئيندڙ واقعا منهنجي ذهن تي غم جا نقش ڪڍي ويندا هئا ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي، انهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندي هيس. ڪهاڻين جو تعداد ٻڌائينديون؟ صحيح تعداد به ياد ڪونهي؟ پورو رڪارڊ به موجود ڪونهي، ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، جيڪي بند ٿي ويا، منهنجي خراب عادت اها هئي (۽ آهي) ته مان ڪڏهن به فيئر نه ڪندي هُيس. هڪ دفعو ويٺس ته افسانو پورو ڪري اٿندي هيس، ان وقت ئي پوسٽ ڪرائي ڇڏيندي هيس. ڪهاڻين نه لکڻ جو سبب ٻڌائينديون؟ ”مان جيڪڏهن روايتي جواب ڏيان ته مصروفيت ته اهو به ڪنهن حد تائين صحيح آهي، منهنجون مصروفيتون ڪجهه اهڙي قسم جون آهن، جو ذهني يڪسوئي جو فقدان آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ اديب صرف اديب بڻجي زندهه رهي نه ٿو سگهي. حياتيءَ جي هر هلائڻ لاءِ هن کي ٻيو به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي. ۽ پوءِ جيڪو ”ٻيو“ ڪجهه آهي انجو هن جي سوچ ۽ احساس تي به اثر پوي ٿو.“ وضاحت ڪنديون؟ ”ها، اديب فطرتاً هڪ حساس ۽ نرم دل آهي، پر جيڪڏهن پيشي طور هو وڃي پوليس ۾ شامل ٿئي ۽ ڏنڊو کڻي پيو سڄو وقت سخت الفاظ ڳالهائي ته آهسته آهسته اها سختي اُنجي احساس ۾ به شامل ٿي ويندي ۽ سندس ادبي هجڻ واري حساس دل جيڪڏهن مري نه ويندي تڏهن به ڪومائجي ضرور ويندي. پنهنجي تعيلم بابت ٻڌائيندي چيائين ته ”مون 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Botany ۾ M.S.C ڪئي ۽ ليڪچرر شپ لاءِ انٽرويو ڏنم. انٽرويو ۾ اسين ٽي ڇوڪريون هيون سين هفتي کان پوءِ ٻن ڄڻين کي تقرريءَ جا آرڊر ڏنا ويا ۽ معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته تنهنجو آرڊر گهر موڪلينداسين. هفتي گذرڻ کان پوءِ ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ کي آرڊر ڏنو ويو ھو، جيڪا انٽرويو ڏيڻ آئي ئي ڪانه هئي. ۽ ٻيو ته M.S.C به ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس هيس. انهيءَ ڳالهه مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، ٽي ڏينهن مسلسل روئندي رهيس، گهر وارن ڏاڍو سمجهايو: توکي ٽن سَون جي نوڪريءَ جي ڇو اهڙي پرواهه آهي. وڃي کڏ ۾ پوي مونکي واقعي نوڪريءَ جي پرواهه ڪانه ھئي، پر افسوس صرف ان ڳالهه جو هو ته منهنجي ناقدري ٿي، مون سان نا انصافي ٿي (ان وقت اها خبر ڪانه هئي ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيا به موقعا ٿيندا). مان دل برداشته ٿي گهر ۾ ويهي رهيس. هڪ ڏينهن منهنجي استاد ۽ باٽني جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر اسلام جو فون آيو، ڊاڪٽر اسلام ڍاڪا جو هو ۽ هو هڪ قابل استاد ئي نه پر تمام سٺو ريسرچ اسڪالر به هو، هن مون کي يونيورسٽي گهرايو ۽ مون کي ريسرچ ڪرڻ لاءِ چيو، مان ايڏي دل برداشته هيس جو ڪجهه ڪرڻ تي دل ئي نه پئي چوي، مون صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي چيو ”ڏس ڌيءُ“ تنهنجين جن ساهيڙين کي هينئر ليڪچرر شپ ملي آهي اهي ٽن سالن کان پوءِ به ليڪچرر ئي رهنديون هنن جي ڪواليفڪشين ۾ ڪو اضافو ڪونه ٿيندو، جڏهن ته تون ٽن سالن کانپوءِP.H.D ڪري ويندينءَ مون کي خبر آهي ته تو ۾ ريسرچ ڪرڻ جي اهليت آهي. تون هڪ ڪامياب ريسرچ اسڪالر بڻجي سگهين ٿي.“ ڊاڪٽر اسلام صحيح هو يا نه، مان سٺي ثابت ٿيس يا نه بهرحال ريسرچ مون کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو. ريسرچ جو هڪ عجيب مزو آهي، جيڪي انسان ريسرچ ڪن ٿا. انهن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته تحقيق جي ڪا انتها نه آهي ۽ تحقيق ڪندڙ سڄي زندگي ان انتها جي جاکوڙ ۾ گذاري ڇڏي. پوءِ توهان ان جاکوڙ کان پاڻ کي جدا ڇو ڪري ڇڏيو؟ مون کانئس پڇيو. ”مون جدا نه ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انسان حالتن کان مجبور ٿي وڃي ٿو. منهنجي شادي ٿي وئي مصروفيتون وڌيون. ٻارن جي پرگهور، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ وڃڻ جي سهولت نه هجڻ سبب مون ريسرچ کي ڇڏي پڙهائڻ شروع ڪيو. اهو تجربو ڪيئن رهيو؟ ”بيحد ڪامياب! شايد منهنجو شمار دنيا جي انهن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جيڪي وقت ۽ حالتن تحت پنهنجو پاڻ کي آسانيءَ سان Adjust ڪري سگهندا آهن. علم حاصل ڪرڻ، علم ڏيڻ ۽ علم ورهائڻ هڪ عظيم ۽ بامقصد پيشو آهي. مون جيترو وقت پڙهايو. نهايت محنت، شوق ۽ پيار سان پڙهايو. رشيده حجاب پنهنجي ان خيال ۾ بلڪل سچي آهي. سندس شاگردياڻيون، سندس ذڪر وڏي احترام ۽ محبت سان ڪنديون آهن، مون جڏهن سندس ڪافي شاگردياڻين کان سندس باري ۾ پڇيوته سڀني هڪ ڳالهه چئي. ”جيڪو ڪجهه اسان ڊاڪٽر رشيده کان پڙهيو اسان کي ٻيهر ياد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي هئي، هوءَ ايترو ته سٺو پڙهائيندي هئي جو سڀ ڪجهه ذهن ۾ نشين ٿي ويندو هو. هن هميشه اسان جي صحيح رهنمائي ڪئي ۽ پڙهائيءَ سان گڏو گڏ اسان جي عام زندگيءَ جي بهتريءَ لاءِ به هميشه مفيد مشورا ۽ نيڪ صلاحون ڏيندي رهي. سندس هڪ شاگردياڻي جيڪا هينئر ڊاڪٽر آهي اها چوڻ لڳي، مان احساس ڪمتريءَ جو شڪار هيس، هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان آئي هيس، ڪلاس ۾ ڪڏهن به سوال جو جواب ڏئي نه سگهندي هيس. هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا هئا. جيڪو ايندو هو، سو به وسري ويندو هو. امتحان ۾ به اهو حال ٿيندو هو. نتيجو اهو ٿيندو هو جو 17_ 18 ڪلاڪ پڙهڻ جي باوجود مان ٽيسٽن ۽ امتحان ۾ فيل ٿيندي هيس. مئڊم رشيده مون کي ڪلاس ۾ جواب ڏيڻ تي همٿائيندي هئي. منهنجي هٻڪڻ تي ڇوڪريون کلنديون هيون ته انهن کي سمجهائيندي هئي. مون کي پنهنجي آفيس ۾ سڏي. سمجهائيندي هئي. مطلب ته هُن هڪ ماهر نفسيات جي طرح منهنجو علاج ڪيو ۽ مون کي مقابلو ڪرڻ سيکاريو. اڄ مان هڪ ڪامياب ڊاڪٽر آهيان. مئڊم رشيده جا احسان مڃيندي رهان ٿي. رشيده حجاب کان ڊاڪٽر رشيده تائين هڪ طويل سفر آهي. خوبصورت گلن کي ڏسندي ڏسندي. هڪ ڏينهن ماهر سرجن وانگر انهن خوبصورت گلن وانگر انهن خوبصورت گلن جو جگر چاڪ ڪري، پنهنجي تحقيق جو آغاز ڪيائين. پهرين ته سندس هٿ ڏڪي ويا. پر پوءِ سوچيائين، انساني زندگيءَ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتيءَ شيءِ ته هن دنيا جي سيني تي آهي ئي ڪانه. ته پوءِ جڏهن ان خوبصورت انسان جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ خود ان قيمتي جان ۾ ڀالو ٽنبي سگهجي ٿو ته پوءِ هي گل ڪهڙي شي آهن، هنن جي خوبصورتي ته محض انساني نظر جي توجه جي محتاج آهي. اهڙيءَ طرح مون ”گلن“ تي ريسرچ شروع ڪئي، مون ريسرچ لاءِ Jute (سڻيءَ) جو انتخاب ڪيو. سِڻي مشرقي پاڪستان ۾ ڪمرشل اسڪيل تي لڳائي ويندي هئي. هن مان ملڪ کي ڪافي فارين ايڪسچينج ملندو هو، انڪري سڻيءَ پاڪستان جو (نمبر ون ڪيش ڪراپ) Number One cash crop چيو ويندو هو، سائنسدانن جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته سندن تحقيق ڪنهن نه ڪنهن طرح مُلڪي معيشت ۾ مددگار ٿئي، سِڻيءَ جا به هزارين لکين ٻوٽا هر سال مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندا هئا. پاڻ وڌيڪ چيائين ته: ”سڻي يعني Jute جي ٻوٽي لاءِ بهترين خاصيت اها آهي ته انجو ريشو Fibre گهڻي کان گهڻو ڊگهو هجي ۽ ريشي ۾ صحيح چمڪ هجي. سڻيءَ جو هڪ قسم سونهري Golden هوندو آهي. ۽ هڪ اڇو يعني Silver هوندو آهي. انهن ٻنهي کي (Cultivated Species) چئبو آهي. جڏهن ته ان کان علاوه سڻيءَ جا سؤ کان وڌيڪ قسم آهن. پر انهن مان اسان کي Fibre ڪونه ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ”ڪوتاهه قد“ هوندا آهن. پر الله تعالى دنيا ۾ بي مقصد ڪجهه به پيدا نه ڪيو آهي. سڻي يا Jute جا اهي (Wild Species) قسم ٻيءَ طرح ڪارآمد ٿين ٿا. انهن مان ڪجهه قسمن کي Fibre yielding (ريشو پيدا ڪرڻ واري قسم) سان Cross ڪري اهڙا قسم پيدا ڪري سگهجن ٿا. جن سان هڪ طرف ريشو وڌيڪ ڊگهو ٿئي ٿو. ته ٻئي طرف عام بيماريون ختم ٿي سگهن ٿيون. اوهان هن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب رهيون؟ ”تمام ڪامياب منهنجي پوري Thesis ان موضوع تي آهي، ان ريسچ جي دوران خوش قسمتيءَ سان هڪ نئون قسم به سائنسي طريقي سان وجود ۾ آيو ان قسم کي پوري دنيا جي Genetictes (جينيٽڪس جي ماهرن) ڏاڍو ساراهيو. اهو ريسرچ پيپر آمريڪا جي رسالي ”سائنس“ ۾ شايع ٿيو. جون 1973ع ۾ مون کي آمريڪا جي اسڪالرشپ Fullbright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران مون jute تي وڌيڪ ريسرچ ڪئي، منهنجي پروفيسر مون کي آمريڪا ۾ وڌيڪ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر مان پنهنجين ننڍڙين ڌيئن جي خاطر واپس موٽي آيس. پاڻ وڌيڪ چيائين، ”جڏهن مان I.I.E International institute of education to defparture Certificate وٺڻ ويس ته اتي جي سيڪريٽري ڏاڍي تعجب سان چيو، منهنجي 33 سالن جي دور ملازمت ۾ اوهين پهرين Asian scholar آهيو. جيڪا وقت پوري ٿيڻ تي واپس وڃڻ ٿي چاهي، نه ته هر ڪو اسڪالرشپ Extend ڪرائڻ لاءِ ايندو آهي.تنهنجو ته Superviser به توکي روڪڻ ٿو چاهي پوءِ به تون آمريڪا ڇڏڻ ٿي چاهين، ڇو؟ ”جيڪو ڪجهه آمريڪا ۾ آهي. اهو شايد مون کي پنهنجي ملڪ ۾ ملي وڃي پر جيڪي ڪجهه منهنجي ملڪ ۾ آهي، اهو مون کي آمريڪا ۾ ڪڏهن به نه ملندو.“ ڇا اوهان جي ريسرچ جاري آهي؟ نه بدقسمتيءَ سان منهنجو ريسرچ سان ناتو تقريباً ٽٽي چڪو آهي، اسانجي ملڪ ۾ ڪاليجن ۾ ريسرچ لاءِ سهولتون بلڪل ڪونه آهن. يونيورسٽيءَ ۾ به ڪو اهڙو انتظام نه هوندو آهي جتي ڪاليج جا استاد پنهنجو ريسرچ جو شوق پورو ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو ايترو اهم ڪم اڌورو رهجي ويو. جيڪڏهن منهنجي Jute تي ريسرچ جاري رهي ها ته مون کي يقين آهي ته ڪنهن وڏي پئماني تي ان ڪم کي اڳتي وڌائي اسان ملڪ ۾ Jute جي پيداوار ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري سگهون ها. مان حڪومت کي مشورو ڏينديس ته ان اهم پيداوار جي باري ۾ ڪو اعليٰ ريسرچ مرڪز ضرور قائم ڪري (هڪ ٻه سينٽر موجود آهن) مان پنهنجيون خدمتون هر طرح سان پيش ڪري خوشي محسوس ڪنديس. اوهان جي شخصيت ٽن روپن ۾ ورهايل آهي توهان پنهنجيءَ شخصيت جي ڪهڙي روپ کان مطمئن آهيو. ”مان به سوچيندي آهيان فطري طور مان هڪ ليکڪ (Writer) آهيان، جيڪڏهن پيشه ورانه طرح به منهنجو تعلق ڪنهن اهڙيءَ شعبي سان هجي هان، ته شايد وڌيڪ خوش ۽ مطمئن هجان ها، يا وري پنهنجي پيشه ورانه شوق يعني ريسرچ سان وابسته هجان ها، بدقسمتيءَ سان مان ٻنهي کان پري هلي وئي آهيان، شايد اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجو پاڻ کي اڪثر مضطرب ڀڳل ٽٽل ۽ نا مڪمل محسوس ڪرڻ لڳندي آهيان“ لطيف اياز پنھور ......... ڳولي ڇا نادان !! ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”ڪوي! آئون دوست آهيان..“ ”دوست!؟ هونئن ! ... ... زندگي جي هن آننت رڃ ۾ گهڙي پل جي ڇانورن کي دوست ٿو سڏين. ڳهيلا! منهنجو دوست مون ساڻ ئي آهي: : مهاڪوي شيخ اياز جي اسپتال منجهان صحتياب ٿي موٽي اچڻ تي لکيل تاثر جيڪو منهنجو ”سڀاڻي“ به آهي _ مون به پاڻ پتوڙي لڌو اٿمانس، تون به جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين، نِرت سان نهار ته سچ ته ڳولهي لهنديس. هت اجايو آيو آهين، تون جيڪي ڀائين پيو، سو هاڻ رهيو ئي ناهي، مون کي ڪنهن جو به انتظار ناهي: ڇو ته منهنجي ولوڙ جو ڪاٿو مان پاڻ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان.... گهڻو ڪجهه مليو ۽ پروڙي پڻ ورتم .... در در جا ڌڪا کائي منهنجو ۽ پنهنجو وقت برباد نه ڪر: وقت جي هن وٿيءَ منجهان مون کي پنهنجي سڀاڻي جو ملهه وٺڻ ڏي_ هاڻ مان تنهنجي هن هيڏي هشام ۽ گوڙ گمسان ۾ گم ٿيڻ لاءِ قطعي طور آماده ناهيان: منهنجو وقت نه وڃاءِ، مهربان! موٽي وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”گهڙيءَ کن جو وقت کپي!“ ڇو!؟“ ”ڇو ته آئون ئي ته تنهنجي سڃاڻ جو ذريعو رهيو آهيان. ياد ڪر ڪوي! مون ڪيترا ڀيرا تنهنجي جٽاءَ لاءِ قلم کنيو آهي! تنهنجا ويچار تنهنجا خيال، مون ڪيترا ڀيرا عام آڏو آندا آهن، آئون قلمڪار آهيان، ڪوي! منهنجو اگهه پنهنجو قد ڏسي سڃاڻ.“ ”قلمڪار! تنهنجون حجتون يا هَلائون سڀ مون آڏو آهن..... تنهنجو اگهه يا تنهنجي نگاهه وسعت پَرکي ئي ته منهنجي ڪَلا، جَلا کاڌي آهي، تنهنجا سڀ روپ ساڃاهيا اٿم: توتي اَرهو به رهيس ته سَرهو به .......... پر هاڻ مون وٽ انهي اجائي ارهائپ يا سَرهائپ تي ويچار جو وقت نه رهيو آهي. منهنجي قد جي ڀيٽا سان پاڻ پرڀاءِ ”پاڻ“ کي کلڻ _ هاب نه ڪر_ ياد رک! منهنجي ڪلا ئي منهنجو قد اٿئي! جيڪو ”سڀاڻ“ تنهنجي به جياپي جو سبب بڻبو. هوش ڪر قلمڪار! ”منهنجي“ نه ته ”پنهنجي“ ئي جياپي لاءِ کڻي مون کي هيکلو ڇڏ ته جيئن ”سڀاڻي“ تون به جيءُ سگهين: ڪنهن اهڃاڻ جي آڌار تي!... بهرحال مون کي پنهنجي ”جيوت“ سان نباهه ڪرڻو آهي، خدارا هليو وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”اوخدايا! وري ڪير!؟“ ”ڪير!؟“ ”ڪامريڊ آئون....“ ”ڪامريڊ!... آها، ها، ها، .....! اڃا ليڪا ڪڍيو يا آجو ٿي آيو آهين؟“ ”تنهنجي خيال موجب ڇا حدون مقرر ڪرڻ نه کپن! ڪيڏو نه مٽجي ويو آهين!!“ ”هن هيڏي لاحد ۾ خود ساخته حدون طئي ڪري ڇڏڻ ڀلو ٿو ڀانئين! آئون انسانيت ۽ سچ کان انڪاري ناهيان ته پوءِ هن ”اننت اڀياس“ جي منڊ جي مام جو ڳالائو، ڀل پنهنجي ئي پر، مگر ڇو نه ٿيان!؟ ڇا آئون ٻاٽ ۽ باک جي وچ ۾ ڳاڍاپي کان انڪاري ٿيان!؟!نه... مان کانئس انڪاري نه ٿيندس منهنجي اهائي تمنا اٿئي ته شل انسان ٿيون! هينئر مون کي پنهنجي مام ۾ ڇڏ ته ڪجهه ڪڻا ٻيا به ميڙي وٺان، مهرباني! موٽي وڃ!“ * ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”وري ڪير!؟“ ”ڪڙو لاهه ڪوي! اڄ مون سان اسهڻو ئي پوندءِ. ڇو ته آئون انت آهيان! “ ”اي انت ڪيترائي ڀيرا مون توکي مات ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته تون برحق آهين: پر ڪلهه جيان اڄ به منهنجي ڪلا توتي ڀاري پوندي! هن صدين جي سوداءُ جڳن جي جنون ۽ سرجڻهار جي سڪ ۽ ساءُ سان سهيڙيل هن شاهڪار کي ڇا تون کن پل ۾ ميساري سگهندين!؟ ناممڪن تنهنڪري موٽي وڃ! ڇو جو آئون امرتا آهيان، مون پاڻ ۾ ڪلهه ۽ اڄ سڀ کي سمايو آهي. انت تون امرت آڏو پاڻ کي پڏائي نه ٿو سگهين. تون منهنجي جند جهوري ڀوري ته سگهين ٿو پرامرتا مارڻ تو وس ۾ ناهي....... مان نه ٿو چاهيان ته تون امرتا آڏو اچي سر جڻهار جي سڄي سرشتي کي لڄائي وجهين! تنهنڪري ڀلائي اٿئي ته اڳ جيان هيل به موٽي وڃ..... ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ موٽ ته کائڻي ئي اٿئي ۽ ياد رک ته مان به کن پل ۾ اکين کان الوپ ٿيڻ وارن مان ناهيان!“
رشيده حجاب سان ڳالهه ٻولهه
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: نجمه يعقوب
تعارف:
رشيده حجاب جنهن جو اصل نالو رشيده بيگم آهي. سندس جنم شڪارپور شهر ۾، 21 آڪٽوبر 1942ع تي نور احمد مغل جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هڪ نيڪ خصلت ۽ خدا ترس انسان هو ۽ سندس شخصيت جو سڌو سنئون اثر رشيده تي پيو، پاڻ پرائمري تعيلم سيد يار محمد شاهه گرلز اسڪول گاڏي کاتو حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بي. ايس. سي 1962ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ۽ ايم. ايس. سي 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي ڊپارٽمنٽ آف باٽني مان پاس ڪئي. پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽي مان 1970ع ۾ ڪئي. ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ٽگرس يونيورسٽي نيو جرسي. آمريڪا مان ڪئي. سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ سائنسي مقالا پاڪستان ۽ آمريڪا جي ريسرچ جرنلس ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت پاڻ 100 افسانه، تنقيدي مضمون، سفرناما ۽ ڊائريون لکيا اٿس.
پاڻ شاگرديءَ جي زماني ۾ تمام سرگرم رهي آهي. جيئن ته سائنس سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري، ڪاليج مئگزين جي انچارج، اولڊ اسٽوڊنٽ جنرل سيڪريٽري، ادبي ثقافتي، محفلن ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي رهي آهي. ادبي ۽ علمي ميدان ۾ ڪيتريون ئي سندون حاصل ڪيون اٿائين.
پاڻ صرف 32 سالن جي عمر ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿي. جيڪو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي، ۽ ڪجهه وقت ڊاريڪٽر آف ڪاليجز به رهي چڪي آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي جو پاڻ پهرين سنڌي عورت آهي جنهن سائنس سبجيڪٽ ۾، آمريڪا مان P.H.D جي ڊگري حاصل ڪئي.
پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائين ته ”منهنجو يقين آهي ته دنيا جي پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي، ۽ اها عورت جنهن باهه جي کوجنا ڪئي. پاڻ ان دعوى لاءِ ثبوت ڏيندي چيائين:
”روز اول کان ئي کاڌي پيتي لاءِ پاڻ پتوڙڻ عورت جي ئي ذمي رهيو آهي. پنهنجي ڪٽنب لاءِ حيران پريشان عورت ڪنھن مرحلي تي خوراڪ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، ڪا آزمائش ڪئي هوندي ائين باهه کي دريافت ڪري پهرين سائنسدان بني هوندي.“
سندس اهو خيال ڪيتري قدر صحيح آهي. بهرحال دنيا جي سائنسدانن لاءِ هڪ نئين سوچ جي راهه کولي ڇڏي آهي. ڇا واقعي، پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي؟
8 جون 1969ع ۾ سندس شادي انور علي راڄپر سان ٿي. پاڻ حيرت جهڙي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته مون کي پنهنجي شريڪ حيات جي نالي جي خبر شاديءَ کان صرف ٻه ڏينهن پهرين پئي هئي. مون پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار پنهنجن والدين کي ڏيئي ڇڏيو هو، ڇو ته مون کي يقين هو ته هو منهنجي لاءِ وڌيڪ بهتر سوچي سگهن ٿا. شعبي جي لحاظ سان ٻئي تقريباً هڪ ئي سبجيڪٽ سان واسطو رکن ٿا. جيئن ته سندس سبجيڪٽ باٽني آهي. ۽ علي انور جو سبجيڪٽ فاريسٽ آهي يعني ٻئي گلن ۽ ٻوٽن جا راهي آهن. کين چار نياڻيون آهن، جن جا نالا هي آهن: انيتا، عينا سعديه، امبر پارس ۽ ثنا انور. چارئي ڄڻيون تمام ذهين ۽ حسن اخلاق جو مجسمو آهن.
سنڌي افساني جي پس منظر ۾ وڃڻ سان اسان کي هڪ دور اهڙو نظر ايندو جنهن ۾ سنڌي افساني تمام گهڻي ترقي ڪئي. اهو دور جيڪو 1955ع کان 1975ع تائين ڪهاڻيءَ جي عروج جو دور رهيو آهي.
ان دور ۾ مردن سان گڏو گڏ، عورتن به بهترين ادب پيش ڪيو، ڪيتريون ئي عورتون ادب جي ميدان ۾ اڳتي وڌيون، پر عورتون جيڪا ”ٽه مورتي“ ان دور ۾ مستحڪم ٿي. ان ادب جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو، ڪيترن ماڻهن ته ائين به چيو ته ”اهي اصل مرد اَٿوَ، ڀلا ڇوڪرين ۾ ڪٿان ايتري صلاحيت آئي؟ يا ايتري آزادي ڪٿان ملي؟؟؟!
اِهي ته عام روايتن جي ماريلن جا خيال هئا. اها ”ٽه مورتي“ ثميره زرين، رشيده حجاب، ۽ ماهتاب منور عباسيءَ تي مشتمل هئي. افسانا ڪي آسماني مخلوق جون ڪهاڻيون نه هيون پر معاشري جي پيڙا ۽ ظلم جي خلاف هڪ جهاد جو آغاز هو، ان عورت جي عڪاسي هئي. جيڪا ”پرن هئڻ جي باوجود اُڏام جي قابل نه سمجهي ويندي هئي.“
رشيده حجاب ٻڌايو ته منهنجي ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري هئي. جنهن انٽر سائنس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو، پر ڊاڪٽر انڪري نه بڻجي سگهي، جو سندس مڱيندو مڊل پاس هو. ۽ انجي انا کي ڌڪ ٿي لڳو، دراصل اهڙائي واقعا منهنجي دل جي احساسن کي مجروح ڪندا هئا، ۽ مان بي اختيار ان ڀوڳنا جي اظهار لاءِ لکڻ شروع ڪيو. منهنجي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن مجبور جي گرد گهمندي آهي. شايد، اوهانکي يقين نه اچي، پر حقيقت اها آهي ته تقريباً سڀ ئي سچا ڪردار اٿوَ!
پنهنجي خاندان بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجو والد (نور احمد مغل) هڪ عظيم انسان هو، سندس دل تمام حساس ۽ رحم جي جذبي سان ڀريل هئي. حساس د ل هميشه جذبن جي اظهار لاءِ قلم جو سهارو وٺندي رهندي آهي. بابا باقاعده اديب ته نه هو، پر هميشه پنهنجي ڊائريءَ ۾ اهڙا لفطن جا موتي محفوظ ڪندو هو جو ماڻهو پڙهي نئين دنيا ۾ پهچي وڃي. جتي ويندو هو اتان ڪتاب وٺي ايندو هو، منهنجي ادبي شوق کي ائين هٿي ملي. مون کي چوندو هو ته ”بابا هي ڪتاب پڙهه، خاص خاص ڳالهين کي نوٽ ڪر پوءِ پاڻ ان تي بحث ڪنداسين.“
ڪتاب پڙهڻ هڪ جادو آهي. جيڪو ان جادوءَ ۾ ڦاٿو انجو ٻاهر نڪرڻ محال آهي. منهنجو اهو حال هوندو هو جو عين امتحان جي ڏينهن ۾ به ادبي ڪتاب ضرور پڙهندي هيس. شايد پڙهڻ ۽ لکڻ، لازم ملزوم آهن. پڙهڻ جي شوق، لکڻ جي جذبي کي وڌايو. 1954ع ۾ جڏهن اسين ٽنڊي آدم ۾ هئاسين، بابا اُتي S.D.M هو، اسان وٽ انهن ڏينهن ۾ روزانيون ۽ هفتي وار سڀئي اخبارون اينديون هيون. هڪ هفتي وار اخبار ”سنڌ مسلم“ نواب شاهه مان نڪرندي هئي، ان ۾ ٻارن جو صفحو شروع ڪيو ويو، ۽ ٻارڙن کي ”ٻارن جي ٻاري“ لاءِ مواد موڪلڻ لاءِ چيو ويو هو. منهنجي اندر جي شوق مون کي آخر رستو ڏيکاريو، ۽ مون لِڪي لِڪي هڪ آکاڻي لکي. لڪي ان ڪري نه لکي هئم ته مون کي لکڻ لاءِ ڪو منع ڪري ها، پر لڪائڻ جو سبب شرمندگي هئي ته جيڪڏهن خراب هوندي يا شايع نه ٿي سگهي ته سڀ کلندا. سڄو هفتو بيقراريءَ ۽ بي چينيءَ ۾ گذاريو آخرڇنڇر آيو، ان ڏينهن صبح سان ڏهه چڪر دروازي جا ڏنم. ٽپال صبح 8 بجي تائين اچي ويندي هئي. پراُهي ”اَٺ“ ڪيڏو دير سان وڳا اُها منهنجي دل کي خبر آهي. ۽ اُها خوشي، جيڪا پنهنجو نالو اخبار ۾ ڏسي ٿي، ناقابل بيان آهي، مون رڙ ڪري چيو ”اچي وئي اچي وئي“ بابا اما حيران ٿي ويا. ڪير آئي آهي؟ بابا سمجهيو جيجي اما (منهنجي ڏاڏي) آئي آهي يڪدم اُٿي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، مون خوشيءَ مان ڦيرا پائيندي چيو.
”بابا منهنجي ڪهاڻي آهي. اخبار ۾ ”اُن ڏينهن کان پوءِ ڄڻ قلم ۾ مشين لڳي وئي. الائي ڪيترا مضمون ڪهاڻيون شعر، اُصول، چوڻيون، ”نواءِ سنڌ“، هلال پاڪستان، سنڌ مسلم، فردوس، وغيره ۾ ڇپيا.
مون اڳي ئي چيو آهي ته پڙهڻ جو شوق حد کان وڌيڪ هو. ان زماني ۾ مون نه صرف ٻاراڻو ادب پڙهيو پر ٻيا به خالص ادبي رسالا ۽ ناول به پڙهيم. اهوئي سبب هو جو مون 1957ع کان نئين زندگيءَ ۾ افسانه لکڻ شروع ڪيا. جن ۾ عام طرح ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو رومانوي تعلق جو به ذڪر هوندو هو، مون جيتري عمر واريءَ ڇوڪريءَ جي لاءِ شايد نامناسب هو. هڪ دفعي چاچا گرامي مرحوم اسان جي گهر آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ رسالو ڏئي چيائين، پُٽ، مبار ڪ اٿئي جو ”نئين زندگي“ تائين پهچي وئي آهين، پر تون اڃا ڪجهه سال ”گل ڦل“ لاءِ لِک پوءِ افسانا شروع ڪجانءِ.“
”پر چاچا، مان ته اڳي ئي ٻيا به افسانا لکي موڪلي چڪي آهيان؟“ مون روئڻ واري انداز ۾ چيو ته چاچا گرامي کلي پيو .
”واهه پُٽ، ڏاڍي تڪڙي آهين، تون ته ڏاڍو جلدي ٿي وڌين، چڱو ٺهيو ڀلا جي لکڻ جو شوق اٿئي ته لِک.“
پوءِ ته مان هوندي هئس ۽ منهنجو ڪمرو! ان وقت جا افسانا، ڪافي ڳالهين ۾ ڪمزور ٿا لڳن، پر ٿوري ئي وقت ۾ هڪ طرف ثميره زرين جي افسانن سان غير ارادي مقابلو شروع ٿي ويو، ته ٻئي طرف عمر ۽ شعور به وڌڻ لڳا. ۽ هينئر اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجو نالو ڏسي خوش ٿيڻ جو دور گذري چڪو هو. بلڪ آسپاس جا واقعا دل کي حساس بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ قلم انهن جي لاءِ تلوار جي صورت ۾ اُٿڻ لڳو هو، نوڪرياڻيءَ جي ڌيءَ جي طلاق، پاڙي واري هندو ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو مسئلو، پنجن ڌيئن جي ڄمڻ تي مڙس جو بيمار زال کي مارڻ، اڻ پڙهيل زال جي موجودگيءَ ۾ مڙس جو ماڊرن عورتن ڏانهن جُهڪڻ ۽ ان کان علاوه هزارين دل ڏکوئيندڙ واقعا منهنجي ذهن تي غم جا نقش ڪڍي ويندا هئا ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي، انهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندي هيس.
ڪهاڻين جو تعداد ٻڌائينديون؟
صحيح تعداد به ياد ڪونهي؟ پورو رڪارڊ به موجود ڪونهي، ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، جيڪي بند ٿي ويا، منهنجي خراب عادت اها هئي (۽ آهي) ته مان ڪڏهن به فيئر نه ڪندي هُيس. هڪ دفعو ويٺس ته افسانو پورو ڪري اٿندي هيس، ان وقت ئي پوسٽ ڪرائي ڇڏيندي هيس.
ڪهاڻين نه لکڻ جو سبب ٻڌائينديون؟
”مان جيڪڏهن روايتي جواب ڏيان ته مصروفيت ته اهو به ڪنهن حد تائين صحيح آهي، منهنجون مصروفيتون ڪجهه اهڙي قسم جون آهن، جو ذهني يڪسوئي جو فقدان آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ اديب صرف اديب بڻجي زندهه رهي نه ٿو سگهي. حياتيءَ جي هر هلائڻ لاءِ هن کي ٻيو به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي. ۽ پوءِ جيڪو ”ٻيو“ ڪجهه آهي انجو هن جي سوچ ۽ احساس تي به اثر پوي ٿو.“
وضاحت ڪنديون؟
”ها، اديب فطرتاً هڪ حساس ۽ نرم دل آهي، پر جيڪڏهن پيشي طور هو وڃي پوليس ۾ شامل ٿئي ۽ ڏنڊو کڻي پيو سڄو وقت سخت الفاظ ڳالهائي ته آهسته آهسته اها سختي اُنجي احساس ۾ به شامل ٿي ويندي ۽ سندس ادبي هجڻ واري حساس دل جيڪڏهن مري نه ويندي تڏهن به ڪومائجي ضرور ويندي.
پنهنجي تعيلم بابت ٻڌائيندي چيائين ته ”مون 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Botany ۾ M.S.C ڪئي ۽ ليڪچرر شپ لاءِ انٽرويو ڏنم. انٽرويو ۾ اسين ٽي ڇوڪريون هيون سين هفتي کان پوءِ ٻن ڄڻين کي تقرريءَ جا آرڊر ڏنا ويا ۽ معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته تنهنجو آرڊر گهر موڪلينداسين. هفتي گذرڻ کان پوءِ ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ کي آرڊر ڏنو ويو ھو، جيڪا انٽرويو ڏيڻ آئي ئي ڪانه هئي. ۽ ٻيو ته M.S.C به ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس هيس. انهيءَ ڳالهه مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، ٽي ڏينهن مسلسل روئندي رهيس، گهر وارن ڏاڍو سمجهايو: توکي ٽن سَون جي نوڪريءَ جي ڇو اهڙي پرواهه آهي. وڃي کڏ ۾ پوي مونکي واقعي نوڪريءَ جي پرواهه ڪانه ھئي، پر افسوس صرف ان ڳالهه جو هو ته منهنجي ناقدري ٿي، مون سان نا انصافي ٿي (ان وقت اها خبر ڪانه هئي ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيا به موقعا ٿيندا). مان دل برداشته ٿي گهر ۾ ويهي رهيس. هڪ ڏينهن منهنجي استاد ۽ باٽني جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر اسلام جو فون آيو، ڊاڪٽر اسلام ڍاڪا جو هو ۽ هو هڪ قابل استاد ئي نه پر تمام سٺو ريسرچ اسڪالر به هو، هن مون کي يونيورسٽي گهرايو ۽ مون کي ريسرچ ڪرڻ لاءِ چيو، مان ايڏي دل برداشته هيس جو ڪجهه ڪرڻ تي دل ئي نه پئي چوي، مون صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي چيو ”ڏس ڌيءُ“ تنهنجين جن ساهيڙين کي هينئر ليڪچرر شپ ملي آهي اهي ٽن سالن کان پوءِ به ليڪچرر ئي رهنديون هنن جي ڪواليفڪشين ۾ ڪو اضافو ڪونه ٿيندو، جڏهن ته تون ٽن سالن کانپوءِP.H.D ڪري ويندينءَ مون کي خبر آهي ته تو ۾ ريسرچ ڪرڻ جي اهليت آهي. تون هڪ ڪامياب ريسرچ اسڪالر بڻجي سگهين ٿي.“ ڊاڪٽر اسلام صحيح هو يا نه، مان سٺي ثابت ٿيس يا نه بهرحال ريسرچ مون کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو.
ريسرچ جو هڪ عجيب مزو آهي، جيڪي انسان ريسرچ ڪن ٿا. انهن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته تحقيق جي ڪا انتها نه آهي ۽ تحقيق ڪندڙ سڄي زندگي ان انتها جي جاکوڙ ۾ گذاري ڇڏي.
پوءِ توهان ان جاکوڙ کان پاڻ کي جدا ڇو ڪري ڇڏيو؟ مون کانئس پڇيو.
”مون جدا نه ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انسان حالتن کان مجبور ٿي وڃي ٿو. منهنجي شادي ٿي وئي مصروفيتون وڌيون. ٻارن جي پرگهور، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ وڃڻ جي سهولت نه هجڻ سبب مون ريسرچ کي ڇڏي پڙهائڻ شروع ڪيو.
اهو تجربو ڪيئن رهيو؟
”بيحد ڪامياب! شايد منهنجو شمار دنيا جي انهن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جيڪي وقت ۽ حالتن تحت پنهنجو پاڻ کي آسانيءَ سان Adjust ڪري سگهندا آهن. علم حاصل ڪرڻ، علم ڏيڻ ۽ علم ورهائڻ هڪ عظيم ۽ بامقصد پيشو آهي. مون جيترو وقت پڙهايو. نهايت محنت، شوق ۽ پيار سان پڙهايو.
رشيده حجاب پنهنجي ان خيال ۾ بلڪل سچي آهي. سندس شاگردياڻيون، سندس ذڪر وڏي احترام ۽ محبت سان ڪنديون آهن، مون جڏهن سندس ڪافي شاگردياڻين کان سندس باري ۾ پڇيوته سڀني هڪ ڳالهه چئي.
”جيڪو ڪجهه اسان ڊاڪٽر رشيده کان پڙهيو اسان کي ٻيهر ياد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي هئي، هوءَ ايترو ته سٺو پڙهائيندي هئي جو سڀ ڪجهه ذهن ۾ نشين ٿي ويندو هو.
هن هميشه اسان جي صحيح رهنمائي ڪئي ۽ پڙهائيءَ سان گڏو گڏ اسان جي عام زندگيءَ جي بهتريءَ لاءِ به هميشه مفيد مشورا ۽ نيڪ صلاحون ڏيندي رهي. سندس هڪ شاگردياڻي جيڪا هينئر ڊاڪٽر آهي اها چوڻ لڳي، مان احساس ڪمتريءَ جو شڪار هيس، هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان آئي هيس، ڪلاس ۾ ڪڏهن به سوال جو جواب ڏئي نه سگهندي هيس. هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا هئا. جيڪو ايندو هو، سو به وسري ويندو هو. امتحان ۾ به اهو حال ٿيندو هو. نتيجو اهو ٿيندو هو جو 17_ 18 ڪلاڪ پڙهڻ جي باوجود مان ٽيسٽن ۽ امتحان ۾ فيل ٿيندي هيس. مئڊم رشيده مون کي ڪلاس ۾ جواب ڏيڻ تي همٿائيندي هئي. منهنجي هٻڪڻ تي ڇوڪريون کلنديون هيون ته انهن کي سمجهائيندي هئي. مون کي پنهنجي آفيس ۾ سڏي. سمجهائيندي هئي. مطلب ته هُن هڪ ماهر نفسيات جي طرح منهنجو علاج ڪيو ۽ مون کي مقابلو ڪرڻ سيکاريو. اڄ مان هڪ ڪامياب ڊاڪٽر آهيان. مئڊم رشيده جا احسان مڃيندي رهان ٿي.
رشيده حجاب کان ڊاڪٽر رشيده تائين هڪ طويل سفر آهي. خوبصورت گلن کي ڏسندي ڏسندي. هڪ ڏينهن ماهر سرجن وانگر انهن خوبصورت گلن وانگر انهن خوبصورت گلن جو جگر چاڪ ڪري، پنهنجي تحقيق جو آغاز ڪيائين. پهرين ته سندس هٿ ڏڪي ويا. پر پوءِ سوچيائين، انساني زندگيءَ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتيءَ شيءِ ته هن دنيا جي سيني تي آهي ئي ڪانه. ته پوءِ جڏهن ان خوبصورت انسان جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ خود ان قيمتي جان ۾ ڀالو ٽنبي سگهجي ٿو ته پوءِ هي گل ڪهڙي شي آهن، هنن جي خوبصورتي ته محض انساني نظر جي توجه جي محتاج آهي.
اهڙيءَ طرح مون ”گلن“ تي ريسرچ شروع ڪئي، مون ريسرچ لاءِ Jute (سڻيءَ) جو انتخاب ڪيو. سِڻي مشرقي پاڪستان ۾ ڪمرشل اسڪيل تي لڳائي ويندي هئي. هن مان ملڪ کي ڪافي فارين ايڪسچينج ملندو هو، انڪري سڻيءَ پاڪستان جو (نمبر ون ڪيش ڪراپ) Number One cash crop چيو ويندو هو، سائنسدانن جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته سندن تحقيق ڪنهن نه ڪنهن طرح مُلڪي معيشت ۾ مددگار ٿئي، سِڻيءَ جا به هزارين لکين ٻوٽا هر سال مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندا هئا.
پاڻ وڌيڪ چيائين ته:
”سڻي يعني Jute جي ٻوٽي لاءِ بهترين خاصيت اها آهي ته انجو ريشو Fibre گهڻي کان گهڻو ڊگهو هجي ۽ ريشي ۾ صحيح چمڪ هجي. سڻيءَ جو هڪ قسم سونهري Golden هوندو آهي. ۽ هڪ اڇو يعني Silver هوندو آهي. انهن ٻنهي کي (Cultivated Species) چئبو آهي. جڏهن ته ان کان علاوه سڻيءَ جا سؤ کان وڌيڪ قسم آهن. پر انهن مان اسان کي Fibre ڪونه ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ”ڪوتاهه قد“ هوندا آهن. پر الله تعالى دنيا ۾ بي مقصد ڪجهه به پيدا نه ڪيو آهي.
سڻي يا Jute جا اهي (Wild Species) قسم ٻيءَ طرح ڪارآمد ٿين ٿا. انهن مان ڪجهه قسمن کي Fibre yielding (ريشو پيدا ڪرڻ واري قسم) سان Cross ڪري اهڙا قسم پيدا ڪري سگهجن ٿا. جن سان هڪ طرف ريشو وڌيڪ ڊگهو ٿئي ٿو. ته ٻئي طرف عام بيماريون ختم ٿي سگهن ٿيون.
اوهان هن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب رهيون؟
”تمام ڪامياب منهنجي پوري Thesis ان موضوع تي آهي، ان ريسچ جي دوران خوش قسمتيءَ سان هڪ نئون قسم به سائنسي طريقي سان وجود ۾ آيو ان قسم کي پوري دنيا جي Genetictes (جينيٽڪس جي ماهرن) ڏاڍو ساراهيو. اهو ريسرچ پيپر آمريڪا جي رسالي ”سائنس“ ۾ شايع ٿيو.
جون 1973ع ۾ مون کي آمريڪا جي اسڪالرشپ Fullbright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران مون jute تي وڌيڪ ريسرچ ڪئي، منهنجي پروفيسر مون کي آمريڪا ۾ وڌيڪ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر مان پنهنجين ننڍڙين ڌيئن جي خاطر واپس موٽي آيس. پاڻ وڌيڪ چيائين، ”جڏهن مان I.I.E International institute of education to defparture Certificate وٺڻ ويس ته اتي جي سيڪريٽري ڏاڍي تعجب سان چيو، منهنجي 33 سالن جي دور ملازمت ۾ اوهين پهرين Asian scholar آهيو. جيڪا وقت پوري ٿيڻ تي واپس وڃڻ ٿي چاهي، نه ته هر ڪو اسڪالرشپ Extend ڪرائڻ لاءِ ايندو آهي.تنهنجو ته Superviser به توکي روڪڻ ٿو چاهي پوءِ به تون آمريڪا ڇڏڻ ٿي چاهين، ڇو؟
”جيڪو ڪجهه آمريڪا ۾ آهي. اهو شايد مون کي پنهنجي ملڪ ۾ ملي وڃي پر جيڪي ڪجهه منهنجي ملڪ ۾ آهي، اهو مون کي آمريڪا ۾ ڪڏهن به نه ملندو.“
ڇا اوهان جي ريسرچ جاري آهي؟
نه بدقسمتيءَ سان منهنجو ريسرچ سان ناتو تقريباً ٽٽي چڪو آهي، اسانجي ملڪ ۾ ڪاليجن ۾ ريسرچ لاءِ سهولتون بلڪل ڪونه آهن. يونيورسٽيءَ ۾ به ڪو اهڙو انتظام نه هوندو آهي جتي ڪاليج جا استاد پنهنجو ريسرچ جو شوق پورو ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو ايترو اهم ڪم اڌورو رهجي ويو. جيڪڏهن منهنجي Jute تي ريسرچ جاري رهي ها ته مون کي يقين آهي ته ڪنهن وڏي پئماني تي ان ڪم کي اڳتي وڌائي اسان ملڪ ۾ Jute جي پيداوار ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري سگهون ها.
مان حڪومت کي مشورو ڏينديس ته ان اهم پيداوار جي باري ۾ ڪو اعليٰ ريسرچ مرڪز ضرور قائم ڪري (هڪ ٻه سينٽر موجود آهن) مان پنهنجيون خدمتون هر طرح سان پيش ڪري خوشي محسوس ڪنديس.
اوهان جي شخصيت ٽن روپن ۾ ورهايل آهي توهان پنهنجيءَ شخصيت جي ڪهڙي روپ کان مطمئن آهيو.
”مان به سوچيندي آهيان فطري طور مان هڪ ليکڪ (Writer) آهيان، جيڪڏهن پيشه ورانه طرح به منهنجو تعلق ڪنهن اهڙيءَ شعبي سان هجي هان، ته شايد وڌيڪ خوش ۽ مطمئن هجان ها، يا وري پنهنجي پيشه ورانه شوق يعني ريسرچ سان وابسته هجان ها، بدقسمتيءَ سان مان ٻنهي کان پري هلي وئي آهيان، شايد اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجو پاڻ کي اڪثر مضطرب ڀڳل ٽٽل ۽ نا مڪمل محسوس ڪرڻ لڳندي آهيان“ لطيف اياز پنھور ......... ڳولي ڇا نادان !! ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”ڪوي! آئون دوست آهيان..“ ”دوست!؟ هونئن ! ... ... زندگي جي هن آننت رڃ ۾ گهڙي پل جي ڇانورن کي دوست ٿو سڏين. ڳهيلا! منهنجو دوست مون ساڻ ئي آهي: : مهاڪوي شيخ اياز جي اسپتال منجهان صحتياب ٿي موٽي اچڻ تي لکيل تاثر جيڪو منهنجو ”سڀاڻي“ به آهي _ مون به پاڻ پتوڙي لڌو اٿمانس، تون به جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين، نِرت سان نهار ته سچ ته ڳولهي لهنديس. هت اجايو آيو آهين، تون جيڪي ڀائين پيو، سو هاڻ رهيو ئي ناهي، مون کي ڪنهن جو به انتظار ناهي: ڇو ته منهنجي ولوڙ جو ڪاٿو مان پاڻ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان.... گهڻو ڪجهه مليو ۽ پروڙي پڻ ورتم .... در در جا ڌڪا کائي منهنجو ۽ پنهنجو وقت برباد نه ڪر: وقت جي هن وٿيءَ منجهان مون کي پنهنجي سڀاڻي جو ملهه وٺڻ ڏي_ هاڻ مان تنهنجي هن هيڏي هشام ۽ گوڙ گمسان ۾ گم ٿيڻ لاءِ قطعي طور آماده ناهيان: منهنجو وقت نه وڃاءِ، مهربان! موٽي وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”گهڙيءَ کن جو وقت کپي!“ ڇو!؟“ ”ڇو ته آئون ئي ته تنهنجي سڃاڻ جو ذريعو رهيو آهيان. ياد ڪر ڪوي! مون ڪيترا ڀيرا تنهنجي جٽاءَ لاءِ قلم کنيو آهي! تنهنجا ويچار تنهنجا خيال، مون ڪيترا ڀيرا عام آڏو آندا آهن، آئون قلمڪار آهيان، ڪوي! منهنجو اگهه پنهنجو قد ڏسي سڃاڻ.“ ”قلمڪار! تنهنجون حجتون يا هَلائون سڀ مون آڏو آهن..... تنهنجو اگهه يا تنهنجي نگاهه وسعت پَرکي ئي ته منهنجي ڪَلا، جَلا کاڌي آهي، تنهنجا سڀ روپ ساڃاهيا اٿم: توتي اَرهو به رهيس ته سَرهو به .......... پر هاڻ مون وٽ انهي اجائي ارهائپ يا سَرهائپ تي ويچار جو وقت نه رهيو آهي. منهنجي قد جي ڀيٽا سان پاڻ پرڀاءِ ”پاڻ“ کي کلڻ _ هاب نه ڪر_ ياد رک! منهنجي ڪلا ئي منهنجو قد اٿئي! جيڪو ”سڀاڻ“ تنهنجي به جياپي جو سبب بڻبو. هوش ڪر قلمڪار! ”منهنجي“ نه ته ”پنهنجي“ ئي جياپي لاءِ کڻي مون کي هيکلو ڇڏ ته جيئن ”سڀاڻي“ تون به جيءُ سگهين: ڪنهن اهڃاڻ جي آڌار تي!... بهرحال مون کي پنهنجي ”جيوت“ سان نباهه ڪرڻو آهي، خدارا هليو وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”اوخدايا! وري ڪير!؟“ ”ڪير!؟“ ”ڪامريڊ آئون....“ ”ڪامريڊ!... آها، ها، ها، .....! اڃا ليڪا ڪڍيو يا آجو ٿي آيو آهين؟“ ”تنهنجي خيال موجب ڇا حدون مقرر ڪرڻ نه کپن! ڪيڏو نه مٽجي ويو آهين!!“ ”هن هيڏي لاحد ۾ خود ساخته حدون طئي ڪري ڇڏڻ ڀلو ٿو ڀانئين! آئون انسانيت ۽ سچ کان انڪاري ناهيان ته پوءِ هن ”اننت اڀياس“ جي منڊ جي مام جو ڳالائو، ڀل پنهنجي ئي پر، مگر ڇو نه ٿيان!؟ ڇا آئون ٻاٽ ۽ باک جي وچ ۾ ڳاڍاپي کان انڪاري ٿيان!؟!نه... مان کانئس انڪاري نه ٿيندس منهنجي اهائي تمنا اٿئي ته شل انسان ٿيون! هينئر مون کي پنهنجي مام ۾ ڇڏ ته ڪجهه ڪڻا ٻيا به ميڙي وٺان، مهرباني! موٽي وڃ!“ * ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”وري ڪير!؟“ ”ڪڙو لاهه ڪوي! اڄ مون سان اسهڻو ئي پوندءِ. ڇو ته آئون انت آهيان! “ ”اي انت ڪيترائي ڀيرا مون توکي مات ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته تون برحق آهين: پر ڪلهه جيان اڄ به منهنجي ڪلا توتي ڀاري پوندي! هن صدين جي سوداءُ جڳن جي جنون ۽ سرجڻهار جي سڪ ۽ ساءُ سان سهيڙيل هن شاهڪار کي ڇا تون کن پل ۾ ميساري سگهندين!؟ ناممڪن تنهنڪري موٽي وڃ! ڇو جو آئون امرتا آهيان، مون پاڻ ۾ ڪلهه ۽ اڄ سڀ کي سمايو آهي. انت تون امرت آڏو پاڻ کي پڏائي نه ٿو سگهين. تون منهنجي جند جهوري ڀوري ته سگهين ٿو پرامرتا مارڻ تو وس ۾ ناهي....... مان نه ٿو چاهيان ته تون امرتا آڏو اچي سر جڻهار جي سڄي سرشتي کي لڄائي وجهين! تنهنڪري ڀلائي اٿئي ته اڳ جيان هيل به موٽي وڃ..... ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ موٽ ته کائڻي ئي اٿئي ۽ ياد رک ته مان به کن پل ۾ اکين کان الوپ ٿيڻ وارن مان ناهيان!“
لطيف اياز پنھور ......... ڳولي ڇا نادان !! ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”ڪوي! آئون دوست آهيان..“ ”دوست!؟ هونئن ! ... ... زندگي جي هن آننت رڃ ۾ گهڙي پل جي ڇانورن کي دوست ٿو سڏين. ڳهيلا! منهنجو دوست مون ساڻ ئي آهي: : مهاڪوي شيخ اياز جي اسپتال منجهان صحتياب ٿي موٽي اچڻ تي لکيل تاثر جيڪو منهنجو ”سڀاڻي“ به آهي _ مون به پاڻ پتوڙي لڌو اٿمانس، تون به جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين، نِرت سان نهار ته سچ ته ڳولهي لهنديس. هت اجايو آيو آهين، تون جيڪي ڀائين پيو، سو هاڻ رهيو ئي ناهي، مون کي ڪنهن جو به انتظار ناهي: ڇو ته منهنجي ولوڙ جو ڪاٿو مان پاڻ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان.... گهڻو ڪجهه مليو ۽ پروڙي پڻ ورتم .... در در جا ڌڪا کائي منهنجو ۽ پنهنجو وقت برباد نه ڪر: وقت جي هن وٿيءَ منجهان مون کي پنهنجي سڀاڻي جو ملهه وٺڻ ڏي_ هاڻ مان تنهنجي هن هيڏي هشام ۽ گوڙ گمسان ۾ گم ٿيڻ لاءِ قطعي طور آماده ناهيان: منهنجو وقت نه وڃاءِ، مهربان! موٽي وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”ڪير؟“ ”گهڙيءَ کن جو وقت کپي!“ ڇو!؟“ ”ڇو ته آئون ئي ته تنهنجي سڃاڻ جو ذريعو رهيو آهيان. ياد ڪر ڪوي! مون ڪيترا ڀيرا تنهنجي جٽاءَ لاءِ قلم کنيو آهي! تنهنجا ويچار تنهنجا خيال، مون ڪيترا ڀيرا عام آڏو آندا آهن، آئون قلمڪار آهيان، ڪوي! منهنجو اگهه پنهنجو قد ڏسي سڃاڻ.“ ”قلمڪار! تنهنجون حجتون يا هَلائون سڀ مون آڏو آهن..... تنهنجو اگهه يا تنهنجي نگاهه وسعت پَرکي ئي ته منهنجي ڪَلا، جَلا کاڌي آهي، تنهنجا سڀ روپ ساڃاهيا اٿم: توتي اَرهو به رهيس ته سَرهو به .......... پر هاڻ مون وٽ انهي اجائي ارهائپ يا سَرهائپ تي ويچار جو وقت نه رهيو آهي. منهنجي قد جي ڀيٽا سان پاڻ پرڀاءِ ”پاڻ“ کي کلڻ _ هاب نه ڪر_ ياد رک! منهنجي ڪلا ئي منهنجو قد اٿئي! جيڪو ”سڀاڻ“ تنهنجي به جياپي جو سبب بڻبو. هوش ڪر قلمڪار! ”منهنجي“ نه ته ”پنهنجي“ ئي جياپي لاءِ کڻي مون کي هيکلو ڇڏ ته جيئن ”سڀاڻي“ تون به جيءُ سگهين: ڪنهن اهڃاڻ جي آڌار تي!... بهرحال مون کي پنهنجي ”جيوت“ سان نباهه ڪرڻو آهي، خدارا هليو وڃ!“ v ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”اوخدايا! وري ڪير!؟“ ”ڪير!؟“ ”ڪامريڊ آئون....“ ”ڪامريڊ!... آها، ها، ها، .....! اڃا ليڪا ڪڍيو يا آجو ٿي آيو آهين؟“ ”تنهنجي خيال موجب ڇا حدون مقرر ڪرڻ نه کپن! ڪيڏو نه مٽجي ويو آهين!!“ ”هن هيڏي لاحد ۾ خود ساخته حدون طئي ڪري ڇڏڻ ڀلو ٿو ڀانئين! آئون انسانيت ۽ سچ کان انڪاري ناهيان ته پوءِ هن ”اننت اڀياس“ جي منڊ جي مام جو ڳالائو، ڀل پنهنجي ئي پر، مگر ڇو نه ٿيان!؟ ڇا آئون ٻاٽ ۽ باک جي وچ ۾ ڳاڍاپي کان انڪاري ٿيان!؟!نه... مان کانئس انڪاري نه ٿيندس منهنجي اهائي تمنا اٿئي ته شل انسان ٿيون! هينئر مون کي پنهنجي مام ۾ ڇڏ ته ڪجهه ڪڻا ٻيا به ميڙي وٺان، مهرباني! موٽي وڃ!“ * ”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“ ”وري ڪير!؟“ ”ڪڙو لاهه ڪوي! اڄ مون سان اسهڻو ئي پوندءِ. ڇو ته آئون انت آهيان! “ ”اي انت ڪيترائي ڀيرا مون توکي مات ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته تون برحق آهين: پر ڪلهه جيان اڄ به منهنجي ڪلا توتي ڀاري پوندي! هن صدين جي سوداءُ جڳن جي جنون ۽ سرجڻهار جي سڪ ۽ ساءُ سان سهيڙيل هن شاهڪار کي ڇا تون کن پل ۾ ميساري سگهندين!؟ ناممڪن تنهنڪري موٽي وڃ! ڇو جو آئون امرتا آهيان، مون پاڻ ۾ ڪلهه ۽ اڄ سڀ کي سمايو آهي. انت تون امرت آڏو پاڻ کي پڏائي نه ٿو سگهين. تون منهنجي جند جهوري ڀوري ته سگهين ٿو پرامرتا مارڻ تو وس ۾ ناهي....... مان نه ٿو چاهيان ته تون امرتا آڏو اچي سر جڻهار جي سڄي سرشتي کي لڄائي وجهين! تنهنڪري ڀلائي اٿئي ته اڳ جيان هيل به موٽي وڃ..... ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ موٽ ته کائڻي ئي اٿئي ۽ ياد رک ته مان به کن پل ۾ اکين کان الوپ ٿيڻ وارن مان ناهيان!“
لطيف اياز پنھور
......... ڳولي ڇا نادان !!
”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“
”ڪير؟“
”ڪوي! آئون دوست آهيان..“
”دوست!؟ هونئن ! ... ... زندگي جي هن آننت رڃ ۾ گهڙي پل جي ڇانورن کي دوست ٿو سڏين.
ڳهيلا! منهنجو دوست مون ساڻ ئي آهي:
: مهاڪوي شيخ اياز جي اسپتال منجهان
صحتياب ٿي موٽي اچڻ تي لکيل تاثر
جيڪو منهنجو ”سڀاڻي“ به آهي _ مون به پاڻ پتوڙي لڌو اٿمانس، تون به جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين، نِرت سان نهار ته سچ ته ڳولهي لهنديس. هت اجايو آيو آهين، تون جيڪي ڀائين پيو، سو هاڻ رهيو ئي ناهي، مون کي ڪنهن جو به انتظار ناهي: ڇو ته منهنجي ولوڙ جو ڪاٿو مان پاڻ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان.... گهڻو ڪجهه مليو ۽ پروڙي پڻ ورتم .... در در جا ڌڪا کائي منهنجو ۽ پنهنجو وقت برباد نه ڪر: وقت جي هن وٿيءَ منجهان مون کي پنهنجي سڀاڻي جو ملهه وٺڻ ڏي_ هاڻ مان تنهنجي هن هيڏي هشام ۽ گوڙ گمسان ۾ گم ٿيڻ لاءِ قطعي طور آماده ناهيان: منهنجو وقت نه وڃاءِ، مهربان! موٽي وڃ!“
v
”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“
”ڪير؟“
”گهڙيءَ کن جو وقت کپي!“
ڇو!؟“
”ڇو ته آئون ئي ته تنهنجي سڃاڻ جو ذريعو رهيو آهيان. ياد ڪر ڪوي! مون ڪيترا ڀيرا تنهنجي جٽاءَ لاءِ قلم کنيو آهي! تنهنجا ويچار تنهنجا خيال، مون ڪيترا ڀيرا عام آڏو آندا آهن، آئون قلمڪار آهيان، ڪوي! منهنجو اگهه پنهنجو قد ڏسي سڃاڻ.“
”قلمڪار! تنهنجون حجتون يا هَلائون سڀ مون آڏو آهن..... تنهنجو اگهه يا تنهنجي نگاهه وسعت پَرکي ئي ته منهنجي ڪَلا، جَلا کاڌي آهي، تنهنجا سڀ روپ ساڃاهيا اٿم: توتي اَرهو به رهيس ته سَرهو به .......... پر هاڻ مون وٽ انهي اجائي ارهائپ يا سَرهائپ تي ويچار جو وقت نه رهيو آهي. منهنجي قد جي ڀيٽا سان پاڻ پرڀاءِ ”پاڻ“ کي کلڻ _ هاب نه ڪر_ ياد رک! منهنجي ڪلا ئي منهنجو قد اٿئي! جيڪو ”سڀاڻ“ تنهنجي به جياپي جو سبب بڻبو. هوش ڪر قلمڪار! ”منهنجي“ نه ته ”پنهنجي“ ئي جياپي لاءِ کڻي مون کي هيکلو ڇڏ ته جيئن ”سڀاڻي“ تون به جيءُ سگهين: ڪنهن اهڃاڻ جي آڌار تي!... بهرحال مون کي پنهنجي ”جيوت“ سان نباهه ڪرڻو آهي، خدارا هليو وڃ!“
v
”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“
”اوخدايا! وري ڪير!؟“
”ڪير!؟“
”ڪامريڊ آئون....“
”ڪامريڊ!... آها، ها، ها، .....! اڃا ليڪا ڪڍيو يا آجو ٿي آيو آهين؟“
”تنهنجي خيال موجب ڇا حدون مقرر ڪرڻ نه کپن! ڪيڏو نه مٽجي ويو آهين!!“
”هن هيڏي لاحد ۾ خود ساخته حدون طئي ڪري ڇڏڻ ڀلو ٿو ڀانئين! آئون انسانيت ۽ سچ کان انڪاري ناهيان ته پوءِ هن ”اننت اڀياس“ جي منڊ جي مام جو ڳالائو، ڀل پنهنجي ئي پر، مگر ڇو نه ٿيان!؟ ڇا آئون ٻاٽ ۽ باک جي وچ ۾ ڳاڍاپي کان انڪاري ٿيان!؟!نه...
مان کانئس انڪاري نه ٿيندس منهنجي اهائي تمنا اٿئي ته شل انسان ٿيون! هينئر مون کي پنهنجي مام ۾ ڇڏ ته ڪجهه ڪڻا ٻيا به ميڙي وٺان، مهرباني!
موٽي وڃ!“
*
”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“
”وري ڪير!؟“
”ڪڙو لاهه ڪوي! اڄ مون سان اسهڻو ئي پوندءِ. ڇو ته آئون انت آهيان! “
”اي انت ڪيترائي ڀيرا مون توکي مات ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته تون برحق آهين: پر ڪلهه جيان اڄ به منهنجي ڪلا توتي ڀاري پوندي! هن صدين جي سوداءُ جڳن جي جنون ۽ سرجڻهار جي سڪ ۽ ساءُ سان سهيڙيل هن شاهڪار کي ڇا تون کن پل ۾ ميساري سگهندين!؟ ناممڪن تنهنڪري موٽي وڃ! ڇو جو آئون امرتا آهيان، مون پاڻ ۾ ڪلهه ۽ اڄ سڀ کي سمايو آهي. انت تون امرت آڏو پاڻ کي پڏائي نه ٿو سگهين. تون منهنجي جند جهوري ڀوري ته سگهين ٿو پرامرتا مارڻ تو وس ۾ ناهي....... مان نه ٿو چاهيان ته تون امرتا آڏو اچي سر جڻهار جي سڄي سرشتي کي لڄائي وجهين! تنهنڪري ڀلائي اٿئي ته اڳ جيان هيل به موٽي وڃ..... ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ موٽ ته کائڻي ئي اٿئي ۽ ياد رک ته مان به کن پل ۾ اکين کان الوپ ٿيڻ وارن مان ناهيان!“
وشال
غزل
ڇو چوين ٿي ته تو ۾ نه آ دل ڪشي؟
او مٺي! تون محبت جي آن زندگي!
تو بنا دير جو چيو وساري ڇڏيو.
هي ڪٿي ٿي مون کان پر ٿئي خودڪشي!
هي حياتي ته هونئن رات ڪا ڄڻ اماس،
ياد تنهنجي ئي آهي فقط روشني!
ڪجهه چوڻ جي ڪري ٿي وئينءَ چپ تون،
ڇو جهڪايئي اکين جي کلي آرسي؟
غم لڪايان به پر پيار ڪيئن ٿو لڪي،
اڄ سکڻ آءٌ توکان گهران ٿو سکي!
ويس جنهن رنگ جو تون ٿي پائين اهو،
رنگ سڀني رنگن کي ڪري ٿو لڄي!
ڪو به توکي ڏسي جي نه وهه وا ڪري،
پو ته چئبو مري آ وئي عاشقي!
عڪس جنهن ۾ نه تنهنجو ڏسي ٿو وشال،
سا ڀلا مان ڪيئن چوان آهي خوشي!؟!
خنساء بنت عمرو
عرب جي شاعرن مان ته گهڻائي مشهور ٿي گذريا آهن، پر زالن مان خنساء ڌيءَ عمروءَ جي، عربي شاعريءَ ۾ جا ڪماليت حاصل ڪئي. سا ٻئي ڪنهن کي حاصل نه ٿي. هوءَ قبيلي ”بني سليم“ جي سردار ”عمرو بن شريد“ جي ڌيءُ هئي. حضرت محمد صلعم کان ڏهه ورهيه اڳي هوءَ ڄائي هئي. ننڍي هوندي ئي، عربن جي رواجي دستور موجب، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ٻه چار شعر چئي ويندي هئي. جوانيءَ ۾ ڏاڍي حسن واري ٿي: ”ديرد بن الصمة“ ”هوازن“ جي قبيلي جو مشهور ٻڍو شاعر، مٿس عاشق ٿيو. انهيءَ سندس تعريف ۾ وڏا قصيدا لکيا. شاديءَ جي لاءِ هن کي چوايائين. پر هن جواب ڏنو ته ”آءٌ پنهنجي قبيلي جا خوبصورت جوان ڇڏي، تو ٻڍي سان شادي نه ڪنديس.“ تنهن تي ڪاوڙجي، هن ٻيو قصيدو لکيو: انهيءَ جي جواب ۾ وري خنساء پنهنجو قصيدو لکيو. انهيءَ ٻن بيتن جو مطلب هي آهي ته ”بيشڪ تون ڏاڍو فياض آهين _ هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي فياضي ٿي سگهي ٿي، جو تو پنهنجن ڏندن جا موتي به ڏيئي ڇڏيا! جهڙيءَ مشڪلات سان ڪو ٽوٻو سمنڊ مان ڳولي موتي لهي ٿو، تهڙيءَ مشڪلات سان، ماڻهوءَ جي نگاهه، تنهنجي منهن تي تنهنجو اکيون ڳولي ٿي!“ پر اها اڃا خنساء جي شعر گوئيءَ جي شروعات هئي: پوءِ جو هن جا ڀائر قتل ٿيا، ۽ درد غم مٿس ڪاهي آيا، تڏهن ته سندس شاعري ڪماليت کي پهتي. انهيءَ جو مختصر قصو هيئن آهي: انهيءَ قبيلي بني سليم جو، قبيلي بني انس سان وڙهڻ جو اتفاق ٿيو. ان ۾ خنساء جو ڀاءُ، مڪاولي نالي، مارجي ويو. ۽ ماٽيجو ڀاءُ ”صخر“ زخمي ٿيو، ۽ نيزي جي سيني ۾ لڳڻ ڪري ڦڦڙ ئي نڪري آيو هوس. انهيءَ صخر سان خنساء جي ڏاڍي محبت هئي، جو هو ڏاڍو عقلمند سخي ۽ بهادر هو. بيماريءَ ۾ هن جي گهڻي ئي خدمت ڪيائين، پر ورهيه کن کان پوءِ هو به مري ويو. انهيءَ ڏک ۾ هن صخر جي غم ۾ شعر لکڻ شروع ڪيا. اهي مرثيا اهڙا درد ناڪ هئا، جو ٻڌندڙن جي دل ڪباب ٿي ٿِي. شاعريءَ جي اها شاخ، يعني مرثيي گوئي اصل کان خاص زالن جو ئي حق آهي. جي مرثيا مڙسن لکيا آهن، تن ۾ به هنن رڳو زالن جي پيروي ڪئي آهي. رسول صلعم جي ڏينهن ۾ ”بدر“ جي جنگ ۾ گهڻن ڪافرن کي قتل ڪيو هو، ۽ جدا جدا شاعرن پنهنجن پنهنجن سردارن لاءِ مرثيا لکيا: ليڪن جهڙا مرثيا ”فتيله“ هڪڙيءَ قريشيءَ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ چيا آهن. اهڙا ٻئي ڪنهن جا نه آهن. اهي پنهنجا مرثيا پنهجي پيءُ جي قتل ٿيڻ ڪري لکيا هئا. هوءَ اهو مرثيو پڙهندي اچي لنگهي. حضرت رسول جن اصحابن سان گڏ مسجد ۾ ويٺا هئا: هن جو مرثيو ٻڌي ڏاڍو رنائون. ۽ فٽيله کي سڏي ڏاڍادلاسا ڏنائونس، ۽ اڳتي لاءِ حڪم ڏنائون ته جيترو ٿي سگهي اوترو قريشين کي نه ماريو. ”خوله“ جا مرثيا به مشهور آهن، جي پنهنجي ڀاءُ ”اضرار“ جي قيد ٿيڻ تي لکيائين. اهڙن مرثين، بعضي وقت عرب ۾ دنگا فساد ۽ جنگيون مچائي ڏنيون آهن. ليڪن ”خنساء“ انهن سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهي. مثال لاءِ ٻن ٽن بيتن جو مضمون هتي ڏجي ٿو:
”اي منهنجون ٻئي اکيون! اوهين روئو ۽ بس نه ڪريو. ڇو اوهين صخر جي لاءِ نه ٿيون روئو: انهيءَ جوان مرد سردار لاءِ ڇو نٿيون روئو؟“
عرب ۾ دستور هوندو هو ته ٺهرايل وقت تي هر سال ميلو لڳندوهو. جنهن کي ”سوق عڪاظ“ چوندا هئا. ۽ جتي سڀ قبيلن جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. قومي ڪمن لاهڻ کان پوءِ سڀ شاعر گڏ ٿي پنهنجو شعر پڙهندا هئا، ۽ مصنف فيصلو ڪندا هئا ته ڪنهن جو شعر سڀ کان بهتر آهي. انهيءَ ميلي يا قومي مجلس ۾ به ”خنساء“ جو شعر لاجواب ۽ لاثاني ثابت ٿيو. جڏهن اهڙن ميلن ۾ هوءَ اٺ تي چڙهي ايندي هئي. تڏهن سڀ ٻيا شاعر هن جي چوڌاري ڦري بيهندا هئا، ۽ منتظر هوندا هئا ته هن جو ڪو نئون شعر ٻڌون. هڪڙي ڀيري ٻي هڪڙِي مشهور شاعر زال هند بنت عتبه به اتي آئي ۽ خنساء سان مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجا مرثيا پڙهيائين، جو هن تي به خنساء وانگي مصيبت پيل هيون، ۽ سندس پيءُ چاچو ۽ ڀاءُ ٽي ئي جنگ ۾ مارجي ويا هئا. مشهور مرد شاعر نابغه سندس وچ ۾ امين ۽ منصف ٿيو، خنساء جو شعر يعني مرثيو ۽ قصيده ٻڌي حيران ٿي ويو، ۽ فيصلو ڪيائين ته خنساء اڄوڪي زماني ۾ سڀني شاعرن کان مٿي آهي.
خنساء ڏاڍي شريف ۽ اعليٰ طبيعت جي هئي. ڀاڻس صخر به اهڙو ئي وڏيءَ دل وارو هو. ننڍيون تڪليفون هو پنهنجي نفس تي خوشيءَ سان سهي ويندا هئا: انهيءَ ڪري هنن ٻنهي ڀاءُ _ ڀيڻ جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي، جا عرب ۾ ضرب المثل ٿي ويئي هئي. عرب ۾ دستور هو ته هڪڙي قبيلي جو شاعر ٻئي قبيلي جي شاعر جي هجوَ يا سِٺ ڪندو هو: پرخنساء ڪنهن جي به ڪڏهن هجو نه ڪئي. پنهنجي ڀاءُ جي قاتل هاشم لاءِ ماڻهن گهڻو ئي چيس ته انهيءَ جو هجو شعر ۾ ڪر پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ انهيءَ جي بدران هڪڙو مزي جهڙو قصيدو چيائين، جنهن جو پهريون بيت هي آهي:
وقالو الا نهجو فوارس هاشم،
ومالي واهداءِ انحنا ثم ماليا.
(يعني ماڻهو چون هاشم جي سوارن جي هجو ڇونٿي ڪرين، ڀلا مون کي اجائيءَ بڪ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو _ ۽ پوءِ ڪهڙو فائدو؟)
عرب هجو کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا. جو انهيءَ جي ڪري اهو قبيلو ساري ملڪ ۾ بدنام ٿيندو هو. اهڙو هجو ڪرڻ وارو جڏهن ڪنهن تجويز سا نقيد ٿي ويندو هو، تڏهن انهيءَ کي گهوڙي وانگي لغام چاڙهيندا هئا: انهيءَ هوندي به هو ڪين رهندا هئا. هڪڙي هجو ڪندڙ شاعر کي خليفي حضرت عمر ٽي هزار درهم ڏنا هئا ته مسلمانن جي هجو نه ڪري.
خنساء پوءِ نيٺ پنهنجي قبيلي سوڌي مسلمان ٿي، ۽ حضرت جن اڪثر سندس شعر ٻڌندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. خنساء اڪثر بيبي عائشه وٽ وڃي ويهندي هئي، ۽ انهيءَ کي به پنهنجا شعر ٻڌائيندي هئي. خنساء همت واري به ڏاڍي هئي. حضرت عمر جي زماني ۾ ”قادسيه“ جي جيڪا مشهور جنگ ٿي، تنهن ۾ هوءَ پاڻ به حاضر هئي، ۽ سندس چار پٽ به جنگ کان هڪڙو ڏينهن اڳي، هن اهڙن جوش وارن لفظن ۽ شعرن ۾ پٽن کي وڙهڻ لاءِ ترغيب ڏني. جو هنن کي جنگ جي انتظار ۾ رات گذارڻ لڳي. صبح ٿيڻ سان سڀ کان اڳي هو وڃي وڙهيا، ۽ چارئي هڪ ٻئي پٺيان هڪ ٻئي کي ڏسندي قتل ٿي ويا. هي حال ڏسي خنساء پنهنجي جگر تي هٿ ڏيئي ڏاڍو روئڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”خدا جو شڪرانو آهي هو شهيد ٿيا! آءٌ هنن کي انهيءَ هنڌ ملنديس جنهن هنڌ خدا جي رهمت جو پاڇو هنن جي مٿان هوندو.“
حضرت عمر هن جي گهڻي تعريف ڪئي. ۽ سندس چئني پٽن جو پگهار هن کي مقرر ڪري ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ خنساء پنهنجو سڄو وقت گوشي نشين ٿي، خدا جي عبادت ۾ گذاريو. سن 41 هجري (سن 661ع) م 84 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
جين ايڊمز
مشهور فئلسوف سويڊن بورگ لکيو آهي ته ”بنا ڪنهن معاوضي جي ٻين جي خدمت ڪرڻ ئي اصل خدمت خلق آهي.“ جين ايڊمز سچ پچ انهيءَ تعريف جي لائق عورت آهي. هن آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مستحق ۽ نادار ماڻهن لاءِ ”هل هائوس“ نالي شهر آباد ڪيو جيڪو اڄ تمام گهڻو مشهور آهي. جين پنهنجي سڄي زندگي دولت سک ۽ آرام غريب عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اڄ انهيءَ خدمت خلق جي ڪري جين پنهنجي دور جي عظيم عورت ۽ آمريڪا جي مشهور خدمت گذار عورت ليکي وڃي ٿي.
جين ايڊمز آمريڪي رياست الي نائس جي شهر سيڊرويل ۾ 1880ع ۾ ڄائي. هوءَ پنهنجن سڀني ڀيڻن ڀائرن کان ننڍي هئي. ننڍپڻ ۾ ئي هن جي ماءُ وفات ڪري وئي. ۽ جين جي پرورش سندس پيءَ مسٽر ايڊمز ڪئي. هو هڪ وڏو ڪاروباري ماڻهو هو. ۽ رياست جي سينٽ جو 16 سالن تائين ميمبر به رهيو. هن پنهنجن ٻارن کي سدائين پاڻ سان گڏ رکيو. جين پيدائشي طور تي ڪمزور ڇوڪري هئي هن جي پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ور هو، هوءَ سڄي عمر انهيءَ مرض ۾ مبتلا رهي. پنهنجي صحت خراب هجڻ جي باوجود هوءَ فطرت جي هر پهلوءَ جو مطالعو ڪندي هئي، ۽ ڏاڍي جوش خروش سان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف رهي.
جين اڃا ستن سالن جي مس هئي جو هن محسوس ڪيو ته انساني زندگي سڀني لاءِ هڪ جهڙي ڪانهي کيس ان ۾ گهڻو فرق محسوس ٿيو، پر انهيءَ عمر ۾ غربت جو سبب ۽ نتيجو سمجهي نه سگهندي هئي. هن کي اهو احساس هو ته اها نا انصافي آهي جو ڪو غريب هجي ۽ ڪو امير هجي. جين جو چوڻ هو ته ”مون اهو فرق محسوس ڪيو ته ٻهراڙيءَ ۾ غربت جي باوجود ماڻهو صحت مند آهن. پر ننڍي کان ننڍي شهر ۾ به غربت سان گڏ بيماري گند ۽ غلاظت آهي. مون کي ياد آهي ته مون پنهنجي پيءَ کان اهو سوال پڇيو ته هي ماڻهو انهن ننڍڙن ننڍڙن گهرن ۾ هڪ ٻئي سان گڏو گڏ ڇو ٿا رهن؟ منهنجي پيءَ مون کي ان جو جواب ڏنو هو ۽ مون وڏي اعتماد سان اهو ارادو ڪيو هو ته آءٌ وڏي هوندي، وڏي ۽ سٺي گهر ۾ ضرور رهنديس. پر منهنجو گهر وڏن وڏن گهرن بدران اهڙين بدصورت ۽ گندين جهوپڙين جي وچ ۾ هوندو هو.“
جين اڃا اٺن سالن جي هئي ته پهريون ڀيرو هن جي برابريءَ واري خواهش جي آزمائش ٿي. هن جي پيءُ هڪڙو نيري رنگ جو خوبصورت ڪوٽ هن کي وٺي ڏنو هو. جنهن کي جين تمام گهڻو پسند ڪندي هئي. هڪ آرتوار (موڪل) جي ڏينهن تي هوءَ پنهنجي پيءُ سان هڪڙو مدرسو ڏسڻ پئي وئي ۽ اهو ڪوٽ پاتائين، تنهن تي سندس نيڪ دل پيءُ چيس ته هي نئون ڪوٽ پائي نه هل، ڇو ته اتي ٻيا اهڙا ٻار به هوندا جن وٽ پائڻ لاءِ اهڙا سٺا ڪپڙا ڪونهن، ۽ هنن کي ڏک ٿيندو. جين لکي ٿي ته ”مون اهاڳالهه هڪدم مڃي، پر دل سان نه. ڇو ته منهنجي دل ۾ ان وقت ايترو جذبو پيدا ڪونه ٿيو هو جيڪو قرباني ڏيڻ سان پيدا ٿيندو آهي.“
جين جو پيءُ مسٽر ايڊمز اهڙي صلح پسند عيسائي فرقي ۾ پيدا ٿيو هو.
جنهن کي ”ڪويڪر“ ڪري سڏيندا هئا. مسٽر ايڊمز جو خيال هو ته هن جي خيالن ۽ ويچارن جو هن جي اولاد تي اثر هئڻ گهرجي
هو آمريڪي صدر ابرهام لنڪن جو دوست به هو. ابرهام لنڪن مسٽر ايڊمز کي جيڪي خط لکيا هئا. انهن به جين تي وڏو اثر وڌو.
1877ع ۾ جين سترهن سالن جي عمر ۾ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ يوناني ۽ رياضيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. پر هن کي تاريخ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن کي ننڍي هوندي تاريخ جو تمام سٺو استاد مليو هو. جين لکي ٿي ته ”منهنجي پيءُ مون کي ”ملو ٽارڪ“ جون لکيل آتم ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ڏنيون ۽ پڙهڻ کان پوءِ آءٌ کيس اهي ياد ٻڌائيندي هيس ۽ هر ڀيري ٻڌائڻ کان پوءِ مون کي پنج سينٽ انعام طور ڏيندو هو. جڏهن مون کيس جارج واشنگٽن جي حياتيءَ جو احوال پڙهي ٻڌايو ته هر جلد ٻڌائڻ تي مونکي پنجويهه سينٽ انعام ڏيندو هو.“
ڪاليج جي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ جين فيصلو ڪيو ته هوءَ پنهنجي زندگي ڪنهن مقصد لاءِ وقف ڪري. هن جي مرضي هئي ته ڊاڪٽر ٿي غريب ماڻهن جي خدمت ڪري. ڇو ته جيئن جيئن هو وڏي ٿيندي وئي هن ۾ اهو احساس عمر سان گڏ وڌندو ويو. جين فلاڊيلفيا رياست جي عورتن جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. پر پٺيءَ جي ڪنڊي جي تڪليف ڪري گهڻو وقت اسپتال ۾ داخل رهي ۽ پوءِ صحت جي خرابي ڪري ٻه سال يورپ ۾ رهي. اتي هوءَ انهن ملڪن جي پٺتي پيل پاڙن ۾ ويندي هئي. جتي هن کي وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. ۽ اميري ۽ غريبيءَ ۾ گهڻو فرق ڏسي ڏاڍي تڪليف محسوس ڪندي هئي. هن رات جي ٽائيم تي غريب ماڻهن کي رستي تي پيل سڙيل ڀاڄيون کائيندي ڏٺو ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ جين آرٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتي هوءَ انهن مزدور عورتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهي جن جون آڱريون ڪم ڪري ڪري سڄي ۽ سخت ٿي ويون هيون.
جين جو چوڻ آهي ته ”مغربي ملڪن جي سياحت دوران هارين جي خراب حالت ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. آءٌ هڪڙو منظر ڪڏهن به وساري نه سگهنديس. هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙي مئل جانور کي جيڪو ڏڪار جي ڪري مري ويو هو، ۽ ٻين جانورن انهيءَ کي کاڌو پئي پاسي ۾ هڪڙي هارياڻي ۽ سندس ٻن ٻارن نااميديءَ وچان اهو نظارو بيٺي ڏٺو. انهن ٻارن جا وار سخت ۽ سج جي تپش جي ڪري ڪارا ٿي ويا هئا. هنن جا ننڍڙا ننڍڙا پير اهڙا ته ڪارا ۽ سخت هئا ۽ اهڙا نشان هئا جو ڪنهن جانور جا پير ٿي لڳا. جيتوڻيڪ بن مانس جيڪي ماڻهن وانگر هوندا آهن. سي به خوش و خرم لڳندا آهن. پر انهن ٻارن جي منهن تي ڪو به خوشيءَ جو نشان ڪونه هو.“
انسانن جي اهڙي حالتن ۽ منظرن کي ڏسي، جن ۾ انسان حيوان کان بدتر زندگي پئي گهاري، جين کي ڏاڍو ڏک پهچندو هو. هوءَ سمجهڻ لڳي ته انسان جي تهذيب کي جيڪڏهن انسان ذات جي ڀلائي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ته هو خودغرضيءَ جو ذريعو بنجيو وڃي. جين پنهنجي ماحول آرام ۽ سک واري زندگيءَ کان مطمئن ڪانه هئي. هن سوچيو ته شڪاگو ۾ اهڙن ضرورتمند ماڻهن لاءِ اهڙو گهر قائم ڪيو وڃي جتي هوءَ ٻين سان گڏجي هنن جي خدمت ڪري سگهي. انهيءَ ڳالهه ۾ جين جي ننڍپڻ جي ساهيڙي ايلن اسٽار به هن جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
جنوري 1889ع ۾ جين آمريڪا واپس اچي شڪاگو ۾ اهڙي گهر جي ڳولا ڪئي. گهڻي ڳولا کان پوءِ نيٺ هنن کي هڪڙو وڏو گهر مليو، جيڪو اڳتي هلي ”هل هائوس“ جي نالي سان مشهور ٿيو. جين ۽ سندس ساهيڙي اسٽار 1889ع ۾ انهيءَ گهر ۾ رهڻ لڳيون.
انهيءَ گهر جي مالڪياڻيءَ کي جڏهن جين جي ارادي جي خبر پئي ته نه فقط هن مسواڙ ڪانه ورتي پر جين جي انهيءَ منصوبي لاءِ ٻي زمين به ڏني: جنهن تي هل هائوس جا تيرهن ٻيا گهر به ٺهرايا ويا. هل هائوس پهريائين شڪاگو ۾ اهڙي طرف هو. جنهن جي چوطرف اطالوين، يونانين، روسين يهودين جا گهر هئا. ان وقت شهر جون گهٽيون حد کان وڌيڪ گنديون ۽ غليظ هيون. اسڪول تمام گهٽ ۽ گندا هئا. رستن جو فرش ڪچو هو. پاڻيءَ جي نيڪال جو به ڪو بندو بست ڪونه هو. ان وقت جا واپاري ۽ ٺيڪيدار تمام ظالم هئا. هنن دڪانن کي ننڍن ننڍن تهه خانن ۾ بدلائي ڇڏيو هو. انهيءَ گندگي جي ڪري مزدورن جي صحت تمام خراب هئي. جين آهستي آهستي نئين آباد ڪاريءَ جو ڪم شروع ڪيو.
جين کي نئين آبادڪاريءَ لاءِ رضاڪار ملڻ لڳا. هڪڙي عورت صبح جو ننڍڙن ٻارن کي پڙهائڻ ايندي هئي. هڪڙي ٻي مائيءَ ٻارن جو ڪلب قائم ڪيو، جنهن کي ”ننڍڙن هيروئن جي ڪليسا“ جو نالو ڏنو ويو. هوءَ ٻارن کي پراڻي زماني جي بهادرن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. جن کي ٻڌي ٻار به اهڙا ڪردار ٿيڻ جا خواب ڏسندا هئا. هل هائوس ۾ پهرين ڪرسمس جي موقعي تي جين لکي ٿي ته ”جيتوڻيڪ ان وقت منهنجو هٿ تنگ هو ۽ مون کي ٻارن لاءِ مٺائي ۽ بوٽ وٺڻا هئا. مون ان ڪري ابراهام لنڪن جي حياتيءَ تي لکيل ڪتابن جا پنجويهه جلد وڪڻي ڇڏيا.“
ستت ئي هل هائوس ۾ ڇوڪرين کي سلائي ڀرت ۽ رڌ پچاءُ سيکارڻ جو ڪلاس کوليو ويو. ۽ ڇوڪريون سکي، جيڪي ڪپڙا سبنديون هيون سي کين ڏنا ويندا هئا. جين ننڍڙن ٻارن لاءِ نرسري کولي. هوءَ چوي ٿي ته ”اسان کي انهن ٻارن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن جون مائرون سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪرڻ وينديون هيون. پهريائين هو پنهنجن ٻارن کي ڪنهن پاڙي واريءَ جي حوالي ڪري وينديون هيون. انهيءَ پاڙي مان اسان کي ٽي اهڙا ٻار مليا، جيڪي انهيءَ سبب ڪري معذور ٿي ويا هئا. انهن مان هڪڙو ٻار ٽئين منزل جي دريءَ تان ڪري پيو هو. ٻيو سڙي ويو هو، ۽ ٽئين جي ٻٺيءَ جو ڪنڊو مڙي ويو هو جو ٽن سالن تائين هن جي ماءُ هن کي رڌڻي ۾ ميز سان ٻڌي ڪم تي ويندي هئي. ٻار کي رڳو ٻنپهرن جو ٿوري دير لاءِ ڀاءُ ڪم تان اچي کوليندو هوس ۽ ماني کارائي وري ٻڌي ويندو هوس. گرميءَ جي ڏينهن ۾ وري ٻارن کي ڪمري ۾ بند ڪرڻ ممڪن نه هو ته مائون هنن کي گهر کان ٻاهر ڪڍي گهر کي تالو هڻي وينديون هويون. پوءِ ننڍڙا ٻار سڄو ڏينهن گرميءَ ۾ ٻاهر رستي تي ڀٽڪندا وتندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هل هائوس اچي نڪرندا هئا. اسين انهن کي ماني کارائينديون هيون سين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻار ماني کائي مٺ ۾ ڀڪوڙيل گرم گرم پئسو ڪڍي اسان کي ڏيندو هو. جيڪو هن جي ماءُ شيءِ وٺڻ لاءِ ڏيئي ويندي هيس. ٻارن جي اهڙي حالت ڏسي اسان نرسري کولڻ جو انتظام ڪيو نوروز جي ڏينهن تي اسين اپهاهج گهر مان پوڙهن ماڻهن کي دعوت ڏيئي گهرائيندا هئاسين. اسان وٽ اچي هو ٿوري وقت لاءِ پنهنجيون بيماريون ۽ پريشانيون وساري خوش ٿينداهئا. ”جين هر سال محتاج خاني مان ٻن هفتن جي موڪل تي ماڻهن کي هل هائوس ۾ رهڻ لاءِ گهرائيندي هئي. جتي هنن جو خاص خيال رکيو ويندو هو ۽ سٺي ماني کارائي ويندي هئي. واپس وڃڻ مهل اهي ماڻهو ڏاڍو اداس هوندا هئا. ۽ واپس وڃي انهن ٻن هفتن جي خوشگوار ڏينهن کي ياد ڪندا هئا ۽ ايندڙ سال جو انتظار ڪندا هئا.
1890ع ۾ هل هائوس ۾ مزدورن کي سماجي علم سيکارڻ لاءِ ڪلب قائم ڪيو ويو. جتي وڏا وڏا مشهورماڻهو اچي تقريرون ڪندا هئا. مزدور ڇوڪرين جي رهڻ لاءِ به ڪلب کوليو ويو. جنهن جو نالو ”جين ڪلب“ رکيو ويو. جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. هڪڙي ماڻهو ان ڪلب لاءِ ويهه هزار ڊالر چندو موڪليو. پر جڏهن جين کي خبر پئي ته اهو ماڻهو پنهنجي ڪارخاني جي مزدورن کي تمام گهٽ پگهار ڏيندو آهي ته جين اهو چندو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪڙي ٻي نيڪ دل ماڻهوءَ جين ڪلب لاءِ عمارت ٺهرائي ڏني. 1893ع ۾ هل هائوس ۾ موسيقيءَ جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو ويو. جين جو خواب هاڻ حقيقت بنجندو ويو. هل هائوس جي ڪم کان سواءِ جين ٻين محاذن تي به ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف هئي. هن ڪارخانيدارن سان وڙهي الي نائيس اسٽيٽ ۾ اهو قانون پاس ڪرايو جنهن ۾ مٺائيءَ جي دڪانن جي صفائيءَ جا قاعدا مقرر ڪيا ويا. چوڏهن سالن کان گهٽ ٻارن جي پورهئي ڪرائڻ تي بندش وڌي ويئي. جين شهر شهر جو دورو ڪندي رهي ۽ پنهنجين تقريرن ۾ ماڻهن کي بيداري جو سبق ڏيندي رهي. جين جي ڪوشش سان ڪي ٻيا به اصلاح نافذ ڪيا ويا جن ۾ مزدورن ۽ سرمائيدارن جي جهڳڙن کي نبيرڻ لاءِ هڪڙو سرڪاري بورڊ قائم ڪيو ويو، سرڪاري نگرانيءَ ۾ روزگار جي ڳولا لاءِ هڪڙو ادارو قائم ڪيو ويو ۽ مزدورن کي قانوني طور تي ڪجهه رعايتون ڏنيون ان کانسواءِ هن ڪوڪين جي وڪري خلاف وڏي جدوجهد ڪئي.آخرڪار 1908ع ۾ ڪوڪين فروشي کي ڏوهه قرار ڏنو ويو. 1899ع ۾ ڏوهه ڪندڙ ٻارن جي خاص عدالت قائم ڪئي وئي ۽ هل هائوس طرفان ٻارن جي ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي. جين هميشه ٻارن جي راند، ورزش ۽ تفريح تي زور ڏيندي هئي جيئن هنن جو ڌيان ٻين ڳالهين ڏانهن نه وڃي.
جين شڪاگو جي تعليم واري شعبي جي ميمبر به رهي. هن 1910ع ۾ سينٽ لوئيس رياست ۾ رفاحي اصلاحن جي قومي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي.
جڏهن پهرين جنگ عظيم شروع ٿي ته هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ آئينده جنگين کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳي.
هوءَ جنگ خلاف آمريڪي عورتن جي مجلس عامله جي ميمبر ٿي.
عورتن جي تنظيم ”امن جماعت“ جي پهرين ميمبر منتخب ٿي ۽ دائمي صلح لاءِ عورتن جي بين الاقوامي ڪميٽيءَ جي صدر چونڊي وئي. هن 1919ع ۾ جين جي خاص عزت افزائي ٿي جو هوءَ عورتن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي صدر چونڊي وئي. هن 1915ع ۾ هيگ جي مجلس امن 1919ع ۾ زيورچ جي امن ڪانفرنس ۾ 1921ع ۾ ويانا جي امن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.
جين ڪافي ڪتاب به لکيا جن ۾ ”عمراني نظرئي ۽ مستقبل تي جمهوري ۽ سماجي اخلاقيات“،”امن جا نوان نصب العين“ بنا صفيا ۽ هڪ پراڻي ضر!“ ۽ هل هائوس جي باري ۾ ٻه ڪتاب لکيا. جين عورتن جي اظهار راءِ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۽ هو آخري عمر تائين انسان ذات جي ڀلائي جي ڪمن ۾ مصروف رهي.
احسان دانش
سونهن
سونهن
ڪنهن گلاب وانگر آ
جنهن ۾
رنگ
خوشبو، ۽ رعنائي
هوندي آهي
پر تون
پنهنجي سونهن تي غرور نه ڪر.
ڇو ته
سونهن به
گلاب وانگر
پنهنجو جوڀن ماڻي
مرجهائجي
ڇڻي پوندي آهي.
پر تون يقين رک
آءٌ پوءِ به
توسان پيار ڪندس
ڇو ته آءُ
ٽاري مان ڪريل
مرجهايل
گلن سان به
پيار ڪندو آهيان
شايد:
انهيءَ جي ڪري جو
اهي ڪوماڻيل گل
مونکي پنهنجي جوڀن جون
آکاڻيون ٻڌائيندا آهن.
زرينه بلوچ
سرجي تان سور
قسط: 5
مهرباني اڄ توهان نه هجو ها ته.....
پر مون کي جيئري رهڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اهڙي زندگيءَ کان موت ڀلو آهي.“
ڇا تون مون کي پنهنجي مجبوري ٻڌائيندين؟ ٿي سگهي ٿو ته آءٌ تنهنجي ڪم اچي سگهان.“
”آءٌ توکي ضرور ٻڌائينديس. ڇو ته تو منهنجي حياتي بچائي آهي. مصيبت ۽ خطري وارن گهڙين ۾ جيڪو انسان ذات جي خدمت ڪري ٿو اهو انسان عظيم ليکيو وڃي ٿو. سو هاڻي ته آءٌ ڳوٺ به واپس موٽي وڃي نٿي سگهان. بس هتي پني پيٽ پاليندي آهيان. ۽ مهاڻن جا ڄار ڳنڍيندي آهيان. هاڻي ته ائين ٿو لڳي ته منهنجو پٽ به بکن“ ۾ پاهه ٿي مري ويندو. ڇو ته منهنجي ڇاتين ۾ ڦڙي به کير جي ڪونهي. اسان کي اها جي خبر هجي ها ته هن حال کي رسنداس سين ته ڳوٺ ڇڏيون ئي نه ها.“
ڪومل هڪ اونهو ٿڌو ساهه کڻي مائيءَ کي چيو. ”ٺيڪ ٿي ويندو. تنهنجون به حالتون بدلجي سگهن ٿيون.“ ڪومل جي اکين اڳيان هن فيشني مائيءَ جو ڪتو ۽ کير جي پليٽ ڦرڻ لڳا. هيڏانهن هڪ ماءُ ۽ سندس ٻار بک کان بيحال..... هن جي دل ٻڏڻ لڳي. ”انهيءَ کان ته اسين مري وڃون ته چڱو غريب کي ته جيئڻ جو به حق ڪونهي. هيءَ دنيا ڄڻ ٺهي اميرن ڌارين جي عيش لاءِ آهي ته جيئن هو زندگيءَ جو هر مزو ماڻين.“ ”نه نه آءٌ انهن مان ناهيان.“ مائيءَ جي ڳالهين سندس دل م جهير وجهي ڇڏيا. هوءَ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي هلندي وئي. ۽ سندس اکين آڏو تنبو، بٺيون“ سمنڊ جون ڇوليون ڪتاب، ريشمي ڇٽيون، فيشني مايون، امريڪي جهنڊو ۽ بورڊ تي لکيل اکر ”چينين ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي جهل آهي.“ ڦرندا رهيا.
ڪومل تون گهمڻ هلي وئينءَ. آءٌ وري تنهنجي نوڪريءَ لاءِ شهر هليو ويس. اڄ به مئجسٽريٽ ڪونه مليو. پر تون فڪر نه ڪر توکي نوڪري ملي ويندي. مئجسٽريٽ منهنجو ننڍپڻ جو يار آهي. آءٌ تولاءِ منٿ ڪندو سانس. تون مونکي بلڪل پنهنجو سمجهه نوڪري توکي ملي ويندي.“
ڪومل سوچ ۾ گم ٿي وئي ته ”ڳالهه ته ڳري ٿي نه ڏوڪڙ آهن جو موٽي وڃان نه گهر اٿم.“ وڃان ته ڪيڏانهن وڃان. سؤٽ به نه مليو نوڪري به الائجي ملي يا نه؟“
نبي بخش ڏٺو ته هوءَ ڪنهن گهري سوچ ۾ گم آهي سو وري چوڻ لڳو. ”هتي توکي ڪابه تڪليف ڪانه ٿيندي. تون دلجاءِ ڪر، تو اڄ سڄو ڏينهن ماني ڪانه کاڌي هوندي.“
ڪومل کي نبي بخش جي پنهنجائپ تي يقين اچي ويو. ايتري ۾ نبي بخش پهريدار کي هڪل ڪري چيو ته ”ڪومل لاءِ گهران ماني کڻي اچ.“ پوڙهو ڊوڙندو ماني کڻي آيو. نبي بخش ٻاهر هليو ويو. ڪومل جي اڳيان مانيون ۽ تريل بيضا رکيل هئا. پر ڳڻتي ۽ فڪر کان سندس بک اڏامي وئي هئي.
گهران جڏهن هوءَ پنهنجي ساهيڙي مرڪ وٽ ٽي ڏينهن وڃي رهي هئي. تڏهن هن ڪيترين ساهيڙين کي نوڪريءَ لاءِ چيو هو ۽ پنهنجي سؤٽ جي ايڊريس به ڏني هئي. پر هفتو گذري ويو هو ڪٿان به خط جو جواب نه آيو. هيڏانهن مئجسٽريٽ جي به ڪا خبر نه پي پئي. هاڻ کيس دل ۾ شڪ پيدا ٿيو ته متان ساڻس ڪا ٺڳي ته نه پئي ٿئي. ڇو ته نبي بخش هر ڀيري کيس چيو پئي ته ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. تون فڪر نه ڪر نوڪري ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي رڳو همراهه اچي. ڀلا تون دل ۾ نه ڪرين ته توکان هڪڙي ڳالهه پڇان: تنهنجي شادي ٿيل آهي يا رڳو مڱڻو ٿيل آهي.“ جڏهن به نبي بخش ايندو هو ته ور ور ڏئي کانئس اهو سوال ڪندو هو، ائين 10 ڏينهن گذري ويا، نه مئجسٽريٽ آيو نه وري ڪو خط پٽ! هوءَ نبي بخش جي بڪ ٻڌڻ کان لهرائڻ لڳي. نيرن ڪري سمنڊ جي ڪناري نڪري ويندي هئي. سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي ڏسندي کيس ائين لڳندو هو. ڄڻ سامهون سندس ماءُ شهرو بيٺي آهي. هوءَ چپن ئي چپن ۾ چوندي هئي ”اما! اما!“
هڪڙي ڏينهن جيئن ئي هوءَ سمنڊ جي ڪناري ٽهلي پئي ته ڪنهن اوچتو چيس ته نبي بخش مانيءَ لاءِ تنهنجو انتظار ڪندو هوندو. ڪومل پويان نهاري ڏٺو ته هڪڙو سانورو ماڻهو بيٺي کليو. هن کيس ڪيترائي ڀيرا سمنڊ تي ڏٺو هو، پر ڳالهائڻ جو موقعو پهريون ڀيرو هو. هن نوجوان کي شاگردن وارو خاڪي يونيفارم پاتل هو. وڃ وڃي ماني کاءُ اجايو پاڻ کي بک ماري پنهنجي صحت خراب نه ڪر. آخر ڪومل اٿي وڃڻ لڳي، ويندي ويندي هوءَ نوجوان جي باري ۾ سوچڻ لڳي جيڪو کيس ٻهراڙيءَ جو ته بنهه نه ٿي لڳو. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ سمنڊ تي ويهي ويهي ٿڪجي پوندي هئي ته سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلڻ شروع ڪندي هئي. هوءَ ڪيترا ڀيرا انهن ميڙن وٽ بيهندي هئي، جيڪي اتي گهمڻ ايندا ها.هوءَ خوبصورت بنگلن وٽان گذرندي هئي. هڪ ڏينهن هوءَ خاڪي خيمن ڏانهن وڌي وئي ته کيس ڄار ٺاهيندڙ مائي ۽ سندس ٻار ياد اچي ويا. مائي ته اتي هئي ڪانه پر ٻين مهاڻين ڪجهه رڌيو پئي. هوءَ ويجهو وڃي پوڙهيءَ کان مائي ۽ ٻار بابت پڇڻ لڳي.
”ڪير مهاڻي؟ ڪهڙي مهاڻي؟ هتي ته ڪابه مهاڻي ڪانه رهندي آهي.“
ڪومل مهاڻي کي مائي جا مهانڊا ۽ سندس ٻار جا مهانڊا ٻڌائڻ لڳي. تنهن تي پوڙهي کيس ڏسندي چيو ته ”هن سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيو. کيس ڪرڻ به اهو ئي گهربو هو. ڇو ته هن تمام گهڻو ڀوڳيو هو. ننڍڙي ٻار کي به پاڻ سان گڏ ٻوڙي ڇڏيائين. ڪنهن جي آسري تي ٻار کي ڇڏي ها. ”ايتري ۾ ڪيترائي مهاڻا ڪومل جي چوڌاري مڙي آيا. هنن کي عجب لڳو ته هڪ پڙهيل لکيل عورت ڪيئن نه هڪ غريب مهاڻيءَ جو پڇي پئي. ڪومل ڏاڍي اداس ٿي اتان موٽي سمنڊ جي آلي واريءَ تان هلندي هلندي مهاڻيءَ لاءِ سوچيندي رهي. سندس اکين اڳيان بک کان پاهه ٿيندڙ ٻار ۽ هڏين جو ڍانچو ڦرڻ لڳا. کيس ان وقت پنهجي ماءُ ياد اچي وئي ته ڪيئن نه هوءَ دانهون ڪري چئي رهي هئي. ته ”منهنجو ٻار خدا جي واسطي مون کي واپس ڪريو.“ سندس دل ٻڏڻ لڳي هوءَ آهستي آهستي ٿڪل بدن ۽ ذهن سان پئي وئي: هن چاهيو ته گهر وڃي سمهي پوي.
اوچتو ڪنهن کيس سڏ ڪري چيو ”اڇي ڪبوتري بيهه!“ پوءِ هڪڙو مڪروهه ٽهڪ ٻڌائين. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ٽي چار پٺن اگهاڙا جوان سمنڊ جي واريءَ تي ليٽيا پيا هئا. سندس پاسي ۾ سمنڊ ۾ ترڻ لاءِ رٻڙ جا بتلا ۽ ٻيو گهڻو ئي سامان رکيل هو. ڪئين شراب جون بوتلون خالي ڪجهه ڀريل پيون هيون. ڪومل تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃڻ لڳي ته جيئن هنن کان تمام پري ٿي وڃان ته وري هڪڙو آواز ٻڌائين ”او نرس اڇڙي ڪپهه جي پوڻيءَ جهڙي نرم نازڪ نرس هيڏانهن ته اچ. اسين ڏاڍا ٿڪل آهيون. اچي اسان جي پٺن تي مالش ته ڪر.“
وري گڏو گڏ ٻڌا ٻڌا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هوءَ سمجهي وئي ته سڀ نشي ۾ مست آهن ڇو ته ٻي ته ڪا به کيس ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي. هوءَ تپي ڳاڙهي ٿي وئي. آئي اڃا به تڪڙيون وکون کڻي هلڻ لڳي ۽ پري بيهي اکيون ڪرڙيون ڪري کين گهوري ڏسڻ لڳي، ۽ پوءِ ڏاڍي اعتماد سان آهستي آهستي هلڻ لڳي. وري پٺيان ٽهڪن جي آوازن سان گڏ جملا ٻڌڻ لڳي: ”اڙي ڏسو ذرو به رحم نه آيس ڪيئن نه ڪاوڙ مان نهاري هلي ويئي.“...... ”يار ماري وئي اڇي ڪبوتري.“ اڳيان وڃي ڪومل پنهنجين اکين ۾ آيل لڙڪ اگهڻ لڳي. هوءَ جڏهن ڳوٺ جي ويجهو پهتي ته سج ٽٻيءَ ۾ هو، هلڪي ميرانجهڙي اوندهه ٿي رهي هئي. آسمان تي ڪجهه ڪڪر ڇانيل هئا. ٿڪجي ڳوٺ جي ڀرسان وهندڙ واهه جي ڪناري تي ويهي رهي ۽ ٽڪ ٻڌي وهندڙ پاڻيءَ جي لهرن کي ڏسڻ لڳي. پريان طوفان اچڻ جا آثار پئي لڳا ڇو ته هوا مان مٽيءَ جي خوشبو پئي آئي. هوءَ انهن ڇورن بابت سوچڻ لڳي ته ڪهڙا نه بيهودا هئا ڪيئن نه گندا جملا پئي چيائون پر پوءِ هوءَ هڪ مشهور گيت ڳائيندي واريءَ تي لکڻ لڳي. ”منهنجي اکين ۾ جبلن ۽ دريائن جو عڪس آهي. پوءِ خبر ناهي ڇو منهنجي چولي جو دامن ڳوڙهن سان ڀنل آهي.“
واهه واهه! هي سٽون مشهور شاعر جون آهن نه؟ ڪنهن سندس پٺيان بيهي ڳالهايو. هن مڙي نهاريو ته هڪڙو سانورو جوان کيس داد ڏئي مرڪي رهيو هو. ”ڇا تون شاعره آهين يا شاعري کي پسند ڪندي آهين؟ پر ڏس ته وهندڙ پاڻيءَ جي هر لهر به شاعري پئي ڪري ائين ٿو لڳي ڄڻ لهرن مان هڪڙو مڪمل گيت پيو ٺهي.“ ڪومل اهي اکر ٻڌي شرمائجي وئي. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ۽ واريءَ ۾ ڀريل ڪپڙا ڇنڊڻ لڳي وارن جون چڳون جيڪي هوا جي ڪري پاڻ ۾ ول ويڙهيءَ جيئن ويڙهجي سيڙهجي ويون هيون تن کي منهن تان هٽائيندي چوڻ لڳي ”نه نه ...... مونکي شاعري ڪرڻ نه ايندي آهي.“
ائين چئي هوءَ هلڻ لڳي ته نوجوان چيس ”زوردار مينهن پوڻ وارو آهي. توکي هاڻ گهر وڃڻ گهرجي، پر تون سڄو ڏينهن سمنڊ ڪناري پنهنجو وقت ڇو زيان ڪندي آهين؟“
مهرباني تنهنجي وڏي مهرباني ڪا ڳالهه ناهي.“ پر کيس پڻ خبر نه پئي پئي ته ڇا چئي پئي. کيس ڇا چوڻ گهرجي پوءِ هوءَ تڪڙيون تڪڙويون وکون کڻي وڃڻ لڳي. اڃا هوءَ اسڪول کان ٿورو پرڀرو هئي ته وڏ ڦڙو مينهن وسڻ لڳو. چوڌاري طوفان ۽ انڌوڪار ٿي ويو. هوءَ اڃا به وڌيڪ تڪڙيون وکون کڻي ڊوڙڻ لڳي. مينهن به چئي ته اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان! چوڌاري اوندهه انڌوڪار ٿي وئي ۽ هوءَ رستو وڃائي ويٺي ۽ هڪ چوديواري ڏنل جاءِ جي کليل وڏي گيٽ اندر هلي وئي. پريان ڪمري جي دريءَ جي شيشن مان ايندڙ ڪجهه آواز ٻڌڻ لڳي ۽ پوءِ ڀت جي اوٽ ۾ دريءَ وٽان بيهي ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳي.
”اڙي يار تو هن ڇوريءَ کي ڇا لاءِ پاڻ وٽ ترسايو آهي. توکي پنهنجي زال کان ڊپ نه ٿو لڳي؟ جي کيس خبر پئجي وئي ته تنهنجو ڪهڙو حشر ڪندي.“
”يار ڇڏ انهن ڳالهين کي ڇو ٿو اسان جو موڊ خراب ڪرين قسمت سان اهڙيون سهڻيون ڇوڪريون هسٿ چڙهنديون آهن.“ نبي بخش جي ايتري چوڻ تي سڀئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا. ڪومل جي تن بدن ۾ ڄڻ باهه لڳي ويئي. هوءَ لڪي ليئو پائي ماڻهن کي ڏسڻ لڳي. ٽن بدمعاشن سان نبي بخش شطرنج راند پئي ڪئي ته ڪچهري به پئي ڪئي. هڪڙو ٿلهو بد معاش چوڻ لڳو ”يار نبي بخش اها ڇوري تون مون کي ڏي ته ان جي عيوض منهنجو شهر وارو دوڪان تنهنجو ٿيو. هونءَ ته مون وٽ ٻه سريتيون اڳيئي آهن، پر هيءَ لکيل پڙهيل آهي.“ ڪومل ساهه گهٽي سڄي ڳالهه ٻڌڻ لڳي.“ نبي بخش چوڻ لڳو ”يار اها ڳالهه ڪانهي منهنجي ڇوڪري لاءِ اهڙي ڪانيت بد ڪانهي پر پاڻ ته سڀ دوست ڀائرن وانگر آهيون. توهان کان ڪهڙي لڪ ڪجهه ڏينهن اڳ هو جيڪو الهه ڏنو جج آهي. تنهن مون تي ڪم رکيو هو ته مون لاءِ ڪا پڙهيل لکيل ڇوڪري ڳول . ڇو ته سندس زال منهن مهانڊي جي ڪوجهي آهي سندس منهن تي نٿي پوي. جڏهن منهنجي نظر ڪومل تي پئي ته مون کي الهه ڏني جي يادگيري پئجي وئي سو کڻي ڇوڪريءَ تي رحم کائي ڪجهه وقت لاءِ اسڪول وهاريو اٿم.“ سڀني دوستن جي هٿن ۾ جهليل شطرنج جا مهرا رڪجي ويا هو هڪ ڪنا ٿي ڪومل جي باري ۾ ٻڌڻ لڳا. نبي بخش ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو ته ”بدنصيب اهڙي جو الهه ڏنو جج ڪنهن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڏي شهر هليو آهي ۽ هي ڇوڪري مونکي گهڙيءَ گهڙيءَ نوڪري لاءِ پئي چوي. توهان پاڻ سوچيو ته ڪنهن ڇوڪريءَ لاءِ نوڪري ڳولڻ ڪيڏي نه ڏکي آهي. پر سهڻي ڇوڪري لاءِ نوڪري ڳولڻ ڪو مسئلو ڪونهي.“
”ٺيڪ آهي يار اها ڇوري جج کي نه وڻي ته پوءِ مون کي ڏي. ڏس ته اسان جي زندگي ڪيتري نه مختصر آهي. آءُ اهڙي سهڻي ڇوڪري وڃائڻ نٿو چاهيان هن لاءِ آءُ پنهنجي سڄي دولت قربان ڪري ڇڏيندس.“
اهي ڳالهيون ٻڌي ڪومل جي پيرن هيٺان زمين کسڪندي وئي هوءَ باهه ٿي وئي ۽ جيئن تيئن ڪري پنهنجي ڪمري تائين وڃي پهتي. سندس ڪپڙا مينهن ۾ ڀڄي ويا هئا. هوءَ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون ڏئي وڃي هنڌ تي ڪري. صدمي کان سندس بدن ڄڻ رڦيو پئي. ذهن بلڪل ڪم نٿي ڪيس ته ڇا ڪري. آخر هوءَ آهستي آهستي موٽي پنهنجي حال ۾ آئي ۽ سوچڻ لڳي ته زندگي مٿس ايڏا ظلم ڇو ٿي ڪري، ۽ هوءَ هڪ اهڙي گهر مان ڀڄي نڪتي هئي جتي کيس طوائف ڪري وڪيو ٿي ويو. هوءَ گهر کان جڏهن ٻي دنيا ۾ آئي ته اها دنيا گهر کان به وڌيڪ گند جو ڍير نڪتي. هيءَ وڃي ته هاڻي ڪيڏانهن وڃي. هيڏي وڏيءَ دنيا ۾ ڪير به سندس پنهنجو ڪونه هو جو کڻي کيس پنهنجي اجهي ۾ رهائي. گهڻي رات گذرڻ کان پوءِ جڏهن خيال جي دنيا مان هوءَ موٽي تڏهن اٿي لالٽين ٻاريائين ڏٺائين ته ٽي خط ميز تي رکيا هئا. هن ڏڪندڙ هٿن سان انهن کي کنيو پهرين هڪڙو خط کوليائين، جيڪو سندس ساهيڙيءَ جو هو جنهن ۾ لکيو هوس ته ”تو يونيورسٽيءَ ۾ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. انهيءَ سان گڏ ڏک واري خبراٿئي ته تنهنجي ماٽيجي ماءُ ڪنهن وڏيري جي قرض ۾ ڪاري ٿي چڪي هئي. سا قرض جي ڪري لڪي ڀڄي وئي آهي. تنهنڪري، آءُ توکي نصيحت ٿي ڪريان ته تون هتي موٽي نه اچج.“
”هوءَ ٺيڪ ٿي چوي ته موٽي نه اچج.“ ٻيو خط کوليائين ته ٻي ساهيڙيءَ لکيو هوس ته ”نوڪري ڳولڻ ايتري آسان ناهي جيتري مون ٿي سمجهي تنهنجي نوڪري لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو، پر سڀئي مون تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر دل نه هاري اٿم. تون اچ ته ٻئي گڏجي همت ڪنديوسين. خدا ڪندو نوڪري ملي ويندي!“
محمد عرس اوٺو
غزل
پاڻ بچائيندي کسجي ويو آن،
پيار جي راهه ۾ لٽجي ويو آن.
وسيع دنيا هئي ڪيڏي ليڪن،
تنهن کان مان ته ڪٽجي ويو آن.
پوپٽ بڻجي واس ورتو مون،
واس انهيءَ وٺجي ويو آن.
ڪيئن جيءُ جسم کان ڌار رهندو،
روح بڻجي گڏجي ويو آن.
علي دوست عاجز
وائي
سور هجن ياپور او سانول _ ليکو ناهي!
پنهنجي ڌرتيءَ ۽ دلبر سان،
ٿيندو پاڳل _ ليکو ناهي!
توريءَ منهجا ڪٽجن ڪيئن ٿا،
هي ڪُهٽا پَل _ ليکو ناهي!
ڇا به پرايو، ڇا به وڃايو،
مون ۽ مومل _ ليکو ناهي!
ساگر سان ڪر، ليڪن ٿر سان،
ڪوئي بادل _ ليکو ناهي!
عاجز تنهنجو آهي، منهنجو
توسان پيارل _ ليکو ناهي!
قسط:1
فقير شهمير چانڊيو
جنين ڪاڻ مياس...........!
ڪڏهن ڪڏهن ويٺي ويٺي. ذهن ۾ عجيب ۽ غريب خيال گردش ڪرڻ لڳندا آهن. جو سوچيندو آهيان، ته ڪاش! مان تعليم نه حاصل ڪريان ها. ڇاڪاڻ ته تعليم حاصل ڪرڻ سان، منهنجي طبيعت ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو آهي ۽ ان انقلاب مون کي بزدل بڻائي ڇڏيو آهي. حالانڪه منهنجو جنم ۽ منهنجي پرورش، ڳوٺ جي هڪ سڃي ماحول ۾ ٿي هئي. جتي خاص ڪري مسڪين ماڻهوءَ کي ”ڄٽ“ جي خطاب سان نوازيو ويندو هو. جنهن کي عقل شعور جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي هئي. پر منهنجي ”ڄٽ“ ابي کي الائي ڇا سمجهي آئي، جو رات _ ڏينهن هڪ ڪري، منهنجي پڙهائيءَ ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين يا شايد بابي جو ٻين جوانن وانگر، ڀوتارن جا ظلم ۽ستم سهي. ڪٿي ڌاڙيل نه
بنجي وڃان!
بهرحال پرائمري تعليم جو سلسلو، ڳوٺ کان شروع ڪيم، جيڪو پڻ اڌورو هوندو هو. ان جو سبب اهو هو، ته ماستر ڪڏهن ايندو هو، ته ڪڏهن نه! ان صورتحال کان بابو واقف هو. تنهن وري ڇا ڪيو. جو پٽ سٽ ڪري، پنهنجي پَرَ ۾ شهر وڃي، هڪ هيڊ ماستر سان منهنجي باري ۾ ڳالهائي آيو ۽ پنهنجي مسڪين حال جو واسطو وجهي، مونکي شهر جي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيائين ۽ ان سان گڏو گڏ هڪ هوٽل واري کي ميڙ منٿون ڪري، شام جي ٽائيم تي هوٽل تي ڪم ڪرڻ ۽ اتي رهائش جو بندوبست ڪري ڇڏيائين. هوٽل جو مالڪ خدا ترس انسان هو، جنهن مون کي پنهنجن ٻچن جهڙو مان ڏنو ۽ منهنجو هر طرح سان خيال رکيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اسڪول اچي، ماستر کي منهنجي پارت به ڪري ويندو هو.
بابي جي جاکوڙ ۽ سندس خواهش جو احترام ڪندي، مون به رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏي ۽ هاڻي مان ڪاليجي سطح تي رستو هموار ڪرڻ لڳس. ان دوران بابي جي سؤ ورهيه به اچي پوري ٿي ۽ بابو ملڪ عدم جو راهي ٿي. مون کي، امڙ کي ۽ هڪ ننڍڙي ڀيڻ، (جنهن جي عمر تقريباً 13_ 14 سال هئي) کي دنيا جي اڙانگن پيچرن تي ڌڪا کائڻ لاءِ ڇڏي هليو ويو. اهوئي سبب هو، جو مان انٽر تائين منزل ماڻي سگهيس ۽ اڳتي جي منزل نصيب ۾ نه سمجهي. اوستائين پاڻ کي محدود ڪيم ۽ مقامي اخبار ۾ ڪوشش ڪري، نائيٽ جو سب ايڊيٽر بنجي، امڙ ۽ ڀيڻ جي پوئواري ڪرڻ لڳس، ۽ شهر ۾ مسواڙ تي هڪ جاءِ وٺي ان ۾ رهڻ لڳس.
هتي هيءَ ڳالهه به قابل ذڪر ٿوسمجهان، ته منهنجو ٻالڪٻڻ شهر ۾ ئي جوانيءَ جي ڏاڪڻ تي پروان چڙهيو هو، جو مان پنهنجن عزيزن کي به پورو ڪونه سڃاڻندو هوس _ پر جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ويندو هوس، ته فقط هڪ رات گهر رهي، ٻئي ڏينهن صبح جو سوير شهر هليو ايندو هوس. ۽ وري امڙ وارا جڏهن به مون وٽ شهر ايندا هئا، ته هفتن جا هفتا. ٽڪي پوندا هئا: جڏهن ته مون امڙ جن کي شهر ۾ مسواڙ واري جاءِ ڏيکاري ڇڏي هئي. جو انهن جي اوچتي اچڻ ۽ منهنجي موجود نه هجڻ تي کين ڪا تڪليف نه ٿئي، هڪ کين الڳ چاٻي پڻ ڏيئي ڇڏي هئي.
هڪ رات، مان جيئن پريس مان ڪم ڪار لاهي، گهر موٽيس ته امڙ وارا اُت موجود ڏٺم، ۽ حيرت ان ڳالهه جي ٿي ته امڙ وارن سان گڏ ٻه ٻيون به عورتون هيون، جن مان هڪ جي عمر لهندڙ سج جيان هئي ۽ ٻي جي عمر چڙهندڙ سج جيان! مون پهرين ڪڏهن به انهن کي نه ڏٺو هو، سو وائڙن وانگر ڪيڏيءَ مهل امڙ ۽ ڀيڻ کي ۽ ڪيڏيءَ مهل انهن کي ڏسي رهيو هوس، ته اوچتو امڙ پنهنجي حيراني دور ڪندي فرمايو، ته ”با، هيءَتنهنجي مامي ۽ ماروٽ آهن!“
امڙ جي ان انڪشاف مون اخلاقي طور تي ماميءَ کي مٿي تي هٿ رکي کيڪاريو ۽ چڙهندڙ سج يعني ماروٽ کي شان ۽ بي نيازيءَ سان هٿ جو اشارو ڏيئي، ڀليڪار چيو. ان گهڙيءَ مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ان چڙهندڙ سج جو تاب ايڏو ته تکو آهي، جو مان انکي ڏسڻ جي به سگهه نٿو ساري سگهان ۽ فقط ٽيڏي اک سان ان کي ڏسندو ئي رهجي ويس. منهنجي اندر ۾ ڄڻ هڪ طوفان کڙو ٿي ويو هو، ائين پئي لڳم، ڄڻ ان مجسمي کي قدرت واند ڪائي ۾ تخليق ڪيو آهي ۽ جنهن جي سونهن جي تاب مون وٽ اکرن جي ڪابه تسبيح ناهي، جنهن کي ويهي سوريان! مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اڄ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو، دل مون کان رسي، ڪنهن ٻئي جي ٿي وئي آهي. پوءِ سوچن ئي سوچن ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيم، ته امڙ کي ان سونهن جي ديويءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ راضي ڪندس.
امڙ کان انهن جي اچڻ جو سبب پڇيم. امڙ ٻڌايو ته ”بابا تو وارو مامو سول اسپتال ۾ داخل آهي. ان سلسلي ۾ اهي ماءُ _ ڌيءَ آيون آهن ۽ شايد هفتو کن هتي ترسن.“
مون آيل مهمانن جي خاطر تواضع ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي، جڏهن ته امڙ وارا فقط دال _ ڀاڄيءَ تي گذارو ڪندا هئا. جيسين مهمان گهر ۾ هئا. تيسين مان پريس مان سوير ئي موڪل وٺي. ساڻن ڪچهري ڪندو هوس ۽ ان ڪچهري جهڙي خوشگوار ماحول ۾ جيڏيءَ مهل ڪنهن ڳالهه تان اها ماهه لقا هڪ وڏو ٽهڪ ڏيئي کلندي هئي، ته مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ هڪ ئي وقت مندر ۾ ڪنهن ديو داسيءَ گهنٽين جا چڙا وڄائي ڇڏيا هجن ۽ پوءِ منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي ويندي هئي _ ۽ جڏهن هوءَ زمين ۾ نظرون مرڪوز ڪري مختصر طور ڳالهائيندي هئي، ته مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ سڄي فضا ۾ عابده پروين جهڙي سوز ڀري فنڪاره، مترنم راڳ ”سهڻي“، پکيڙي ڇڏيو هجي.
آخراهو نڀاڳو ڏينهن به آيو، جو مامي جي صحتياب ٿيڻ تي سڀئي موڪلائي هليا ويا ۽ انهن سان گڏ امڙ به هلي وئي. انهن جي وڃڻ کان پوءِ منهنجين راتين جون ننڊون ۽ ڏينهن جا سک سهنج سڀ موڪلائي ويا.
ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ڏاهي چواڻي: ”ننڊ ڪنڊن تي به اچي ويندي آهي.“ مان ننڊ جي هنج ۾ هليو ويندو هوس، ته ان کان اڳ ۾ جيڪو تصور ان ماهه لقا جو ذهن ۾ هوندو هو، سوئي سپنن ۾ ڏسندو هوس ۽ ائين ٻه _ ٽي ڏينهن موڪل وٺي ڳوٺ پهتس ۽ امڙ سان اندر جو غبار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳالهه چوريم. منهنجي ان خواهش تي امڙ باغ بهار ٿي وئي ۽ اوڏيءَ مهل ئي ماميءَ سان اهڙو اظهار ڪيائين. ماميءَ موٽ ۾ امڙ کي چيو، ته تون پنهنجي سؤٽ سان ڳالهائي ڏس، باقي ايترو توکي ٻڌائي ڇڏيان، ته هو به بدي کان سواءِ توسان مائٽي ڪونه ڪندو. امڙ ، ماميءَ جي ان ڳالهه تي حيران ٿي کيس تڪڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي: ”امڙ، تون به انڌير ٿي ڪرين، ڪٿي منهنجي جوان نياڻي ۽ ڪٿي تنهنجو گِگون ڳاڙيندڙ نينگر! ڪڏهن چچي به واڳون ٿي آهي!“
بهرحال امڙ ٻيهر مامي سان ڳالهائڻ جو چئي، آس _ نراس جا مليل جليل تاثرات کڻي واپس گهر آئي. امڙ جي گهر ۾ داخل ٿيندي ئي، مون سندس چهرو پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر امڙ جو چهرو ريکائن کان خالي نظرآيو. پر پوءِ به امڙ مون کي پر اميد ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي: ”بابا تون منهنجو پورهيت پٽ آهين، نياڻيءَ جي مائٽن کي ڇا کپي. مامهن، تو واري ماميءَ کان سمجهدار ماڻهو آهي. رب سائين سڀ سڻايون ڪندو، تون فڪر ئي نه ڪر ۽ دل ننڍي نه ڪر!“
امڙ جي دم دلاسن، مون ۾ اميد جي جوت پيدا ڪري ڇڏي ۽ چيومانس ته ”هن ڀيري مان به اوهان سان گڏ هلندس.“
ٻئي ڏينهن مان به امڙ سان گڏ، مامي وارن جي گهر ويس. ان وقت مامو به کٽ تي ليٽيو پيو هو. اسان کي ڏسي، ان ڪنجهندي اسان کي کيڪاريو ۽نئون سنئون ٿي اسان کي تڪڻ لڳو. مامي کي ائين تڪيندو ڏسي، امڙ به دير ڪانه ڪئي ۽ چوڻ لڳي: ”ادا بچل! مان ڪالهه به آئي هيس، پر تون ويو هئين ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ. ادي مريم گهڻو ئي ترسڻ لاءِ چيو، پر مون کيس ٻئي ڏينهن اچڻ جو چئي. موڪلايو هو. هاڻي رڳو مون کي توسان ئي ڳالهائڻو آهي _ ۽ مون کي ..............“
”مون کي مريم سڀ ٻڌائي ڇڏيو آهي: مان سمجهان ٿو ته مريم جو چوڻ به صحيح آهي _ تون ڀلا ڪيڏانهن ڪندينءَ نياڻيءَ کي؟“ اوچتو امڙ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي مامو بچل چوڻ لڳو. اڃا اوترو ڳالهائي. مامي بس ڪئي، ته اوچتو دروازي تي ڪنهن ٺڪ ٺڪ ڪئي. ۽ پوءِ ڪجهه لمحن بعد مامي مريم، هڪ نؤوارد لحيم شحيم ماڻهوءَ کي ساڻ وٺي، اندر داخل ٿي. مون ان شخص کي پهرين ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو، سو جيئن مان ان کي حيرانيءَ سان ڏسڻ لڳس. ته ماميءَ مريم يڪدم تعارف ڪرائيندي چيو: ”هيءُ ادو موسو آهي، اسان سان ڏاڍو وڙ ڪيا اٿس. اهو نه هجي ها، ته اسان جو الائجي ڪهڙو حال ٿئي ها!! اسان سندس ٿورو لاهي ئي نٿا سگهون.........“ اوچتو حسنا (ماهه لقا) به اندر لنگهي آئي ۽ پوتيءَ جي پلئه ۾ هٿ لڪائي. اچي موسي کي کيڪاريائين. ان جي موٽ ۾ موسي به مٿي تي هٿ رکي، ”بسم الله، منهنجي ڀيڻ، سدا سکي رهين.“ چيو _ ۽ مامي مريم جي ڳالهه اڌ ۾ ئي رهجي وئي.
امڙ ۽ مون کي ان ڌارئي ماڻهوءَ جو اچڻ ڪجهه خراب لڳو، پراسان ڇا ٿي ڪري سگهياسين؛ مٺي به ماٺ ڪري في الحال ويهي رهياسين، جيسين مامي وارن جو محسن موسو اٿي. آخر موسو به ڪجهه دير مامي جي مزاج پرسي ڪري اٿيو ۽ اٿڻ مهل وري به ماميءَ کي چوڻ لڳو: ”جيجان، پئسي پاڻيءَ جي ضرورت هجي ته بي ڌڙڪ چئي ڇڏجو، متان حجاب ڪيو، جيسين يار بچل ٺيڪ ٿئي!“ ان جي موٽ ۾ ماميءَ فقط ”ادا، تنهنجي وڏي مهرباني، توهان اسان کان پري ڪونه آهيو“ جملن تي اڪتفا ڪئي. ان گهڙيءَ مون ان شخص جي سراپا تي نظر ڊوڙائي، مٿي تي شيشن واري سنڌي ٽوپي پيل، شهپر وٽيل، بت تي ململ جو سنهو پهرياڻ، جنهن ۾ لڳل کيسي منجهان سؤ سؤ نوٽ نمايان نظر اچي رهيا هئا، چهرو ڪنهن جابر جيان سوڻل. اڇي شلوار. ۽ پيرن ۾ چيچاٽي بوٽ پهريل ۽ قد تقريباً ڇهن فوٽن کان به سوايو هوس.
بهرحال، ان شخص جي وڃڻ کان پوءِ امڙ ٻيهر پنهنجي مقصد تي موٽي آئي ۽ مامي بچل کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳي، ”ادا بچل، وقت ڏاڍو خراب اٿئي، جوان جماڻ نياڻيءَ ڪيترو وقت ائين ويهاريندين. مان وري به تنهنجي پنهنجي آهيان. منهنجو پٽ به ماشاالله پڙهيل ڳڙهيل ۽ عزت جي نوڪري وارو آهي، تنهنجي نياڻي ڏکي ڪانه ٿيندي. هونءَ ته ڪيئي مائٽيون ملن ٿيون، پر پٽ جو ضد آهي، ته شادي ڪندس، ته ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪندس. باقي جوڻهين وارو شرط ڏاڍو ڏکيو آهي. تنهنجوپٽ اڃا معصوم آهي ۽ منهنجي نياڻي بالغ آهي. ڪڏهن زمين ۽آسمان جو به ميلاپ ٿيو آهي. وڌيڪ تنهنجي مرضي آهي. مان اڄ آئي آهيان، وري ڪانه ايندي سان!“
ايترو چئي امڙ، مامي جي چهري ڏانهن نهارڻ لڳي، جيڪو امڙ جي ڳالهه ٻڌڻ سان گڏو گڏ پنهنجي زال مريم جي منهن ۾ اشارن ئي اشارن ۾ ڪجهه گهر واريءَ جا احڪامات سمجهي رهيو هو _ امڙ جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي چوڻ لڳو،“ ڀيڻ، معاف ڪجئين، کوهه ۾ ٽپو، هڪ ڀيرو ڏبو آهي. نياڻين جا سودا هيرن جواهرن جا ٿيندا آهن، مون کي سوچڻ لاءِ ڪجهه مهلت ڏي، الله مڙيو ئي چڱي ڪندو.“
مامي جي ڳالهه ٻڌي، امڙ يڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ دروازي تي پهچي، وري مڙي مامي کي چوڻ لڳي، ”ادا بچل، تون ڏاڍي غلطي ٿو ڪرين ۽ ڏاڍو پڇتائيندين. مون جهڙي مائٽي وري ڪانه ملندئي!“ ائين چئي، امڙ منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، ٻاهر نڪري آئي.
v
تانيه ٿيٻو
سفارش
ڪيترائي سال اڳ جڏهن مان اسڪول ۾ ويهڻ جهڙو ٿيس ۽ بابا پاڙي اوڙي جي اسڪول جي جانچ پڙتال ڪرائي ته ڪهڙو اسڪول سندس سڪيلڌي پٽ لاءِ موزون ثابت ٿيندو، تڏهن بابا کي خبر پئي ته سڀني اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تمام گهڻي رش هئي. (هونئن به اسان جي ملڪ ۾ موجود سهولتن سان انوسرل پرو پورشنل Inversely proportional آهي.) هونئن بابا کي پنهنجن ٻارن سان پيار تمام گهڻو هو، پر ان پيار جو زور به بابا جي سستيءَ ۽ بي ڌيانيءَ کي ختم نه ڪري سگهيو هو. بهرحال بابا جي ان سستيءَ جي ڪري دير ٿي وئي هئي. هيڊ ماستر بابا کي چيو، ”اسان جو اسڪول شهر جي سٺي ۾ سٺو اسڪول آهي. انڪري اسان وٽ رش گهڻي هوندي آهي، ۽ اوهان تمام دير ڪري اسان وٽ رش گهڻي هوندي آهي. ۽ اوهان تمام دير سان آيا آهيو. اهو جواب ٻڌي بابا سمجهي ويوته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي، پر امان اڻڄاڻائيءَ ۾ گهر مٿي تي کڻي ڏنو (بابا وانگر مان به ان ڳالهه سان متفق آهيان ته عورتون مردن جي مقابلي ۾ بي وقوف هونديون آهن. انهن ۾ سمجهه جي گهٽتائي هوندي آهي.) سندس خيال هو ته هاڻي منهنجو سڪيلڌو پٽ سٺي تعليم کان محروم رهجي ويندو. پر بابا کي خبر هئي ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي، سو بابا ان مهم تي روانو ٿي ويو، جنهن کي ”سفارش“ چوندا آهن.
سو ائين منهنجي زندگيءَ جي پهرين اهم معاملي جي شروعات سفارش سان ٿي، ۽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ته ضرورت نه آهي. مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته اها منهنجي نا اهلي هئي يا منهنجن مائٽن جي لاپرواهي، يا هن سسٽم جي خرابي! پرا ن ۾ ڪجهه چڪر قسمت جو به آهي. توهان ڀلي نه مڃو، پر ڪجهه ماڻهن جي قسمت اڻٽيهين اونداهي جهڙي هوندي آهي. ۽ ڪجهه ماڻهن جي قسمت چوڏهين جي چانڊوڪيءَ جهڙي روشن: ڇو ته ڪي ماڻهو اماس جو چنڊ ۽ ڪي چوڏهين جو چنڊ هوندا آهن. پاڻ به جرڪندڙ ۽ ٻين..............
خير ڳالهه پئي هلي سفارش جي جيڪا منهنجي زندگي جو هڪ اٽوٽ حصو آهي ۽ هميشه رهندي. سفارشن جي مدد سان مان جيڪو ڪجهه به ٿي سگهيو هئس، ان تي مون کي فخر هو، ڇو ته هن ملڪ ۾ ڄمڻ کان مرڻ گهڙيءَ تائين هر نئين پل نئين ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن سفارش جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. ۽ ان محتاجيءَ جو شڪار رڳو مان نه آهيان، پر سفارش هر فرد کي جڏڙو ۽ محتاج بڻائي ڇڏيو آهي. ٻيو ته سفارش ڪنهن ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي چڙهي سگهڻ جي موڪل وٺڻ وانگر پنهنجي توانائي ۽ پنهنجي پيرن جو استعمال ڪرڻو پيوهو. خير هينئر تائين مون جيڪي به سفارشون ڪرايون هيون انهن جو مون کي نه گهڻو افسوس هون نه ئي اهو احساس ته مون جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي اهو مون کي بنا سفارش جي حاصل ڪرڻ کپندو هو. (ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته اها خواهش ڪرڻ بيوقوفي آهي ۽ پاڻ کي دوکو ڏيڻ ۽ پاڻ کي هرو ڀرو اضافي عذابن ۾ مبتلا ڪرڻ جي مترادف آهي.) ڇو ته مون ک پنهنجو پاڻ تي اعتماد به هو ته اهو گمان به ته ڪو جوهري هجي ها ته منهنجي شخصيت کي يقيناً پرکي وٺي هي. پر مون کي اها خبر نه هئي ته مون کي پيار ۾ به سفارش ڪرائڻي پوندي. مون کي پيار به سفارش سان ملندو. ڪنهن جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي کان چورائڻو پوندو ۽ منهنجي شخصيت جي سند ۽ منهنجي ذات جو سرٽيفڪيٽ هن لاءِ ڪافي نه هوندو.
جڏهن مون مهرين کي پهريون دفعو ڏٺو هو ته هوءَ مون کي پهرن نظر ۾ ئي پياري لڳي هئي. تڏهن مونکي اهو يقين هو ته هوءَ به مون سان پيار ڪرڻ لڳندي. شايد ان ۾ ڏينهن لڳن يا مهينا، پر ائين ٿيندو ضرور. بلڪل ائين جيئن ڪٿي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏبي آهي. ۽ پوءِ ويهي انتظار ڪبو آهي ته ڪڏهن ٿي انٽرويو جي ڪال اچي. مان به انتظار ڪندو رهيس ان مرڪ جو جيڪا پيار جي نوڪريءَ جي انٽرويو ڪال هوندي. ان جملي جو جيڪو پيار جي نوڪري جي آڊر وانگر هوندو ، پر نه مان انتظار ڪندو رهيس. شايد منهنجي شخصيت جا ڊاڪيومينٽس ڪافي نه هئا. مان سڄي عمر سوچيندو رهيو هئس ته خدا ۽ انسان جي سوچ ۾ ڳانڍاپي وانگر پيار وارن کي به ڪنهن ذريعي جي ضرورت ناهي پوندي، جيڪو گهرڻو هجي خدا وانگر پنهنجي پياري کان پاڻ گهرجي. پوءِ ها ٿئي يا نه. ۽ اگر نه ٿي ته ان کي ڪو ٽيون ماڻهو يا ذريعو ها ۾ بدلائي نه ٿو سگهي.
پر منهنجي انهن خيالن منهنجي لاءِ اميد جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا. جيڪڏهن منهنجو نظريو صحيح آهي ته پوءِ ڪا اميد رکڻ بيوقوفي ٿيندي. مون کي پنهنجي چوڌاري اوندهه ئي اوندهه نظر آئي. هاڻي ڇا رهيو هو! مون زندگيءَ ۾ هميشه پيار کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني هئي. ۽ منهنجو خيال هو ته جيڪڏهن خدا مون مان خوش هوندو ته مون کي انعام طور اها نعمت ڏيندو. جيڪڏهن مان ڪنهن خوشيءَ جي لائق آهيان ته پوءِ مون کي ان خوشيءَ کان محروم نه رکندو. پر مون کي پنهنجين اميدن تي پاڻي ڦرندي پئي نظر آيو. هاڻي ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي. پر نه مان غلط هئس. ڪيترائي مهينا انتظار ڪرڻ کان پوءِ مون کي خيال آيو ته اڄ تائين زندگي ۾ هر معاملي ۾ سفارش جو سهارو وٺڻو پيو آهي. (صرف مون کي ئي نه هن سسٽم سان لاڳاپيل هر ماڻهوءَ کي. پر پيار ته زندگيءَ جي هر معاملي کان مختلف آهي.) هينئر تائين ڪهڙي شي بنا سفارش جي ملي آهي جو پيار بنا سفارش جي ملندو. اهو خيال مون کي شروع ۾ ٿورو عجيب لڳو. مان سوچن جي جهنگ ۾ خيالن جي خيما کوڙي ويهي رهيس. ۽ پاڻ سان بحث ڪرڻ لڳس.
ائين ڪيئن هوندو! اگر هوءَ مون سان پيار نه ٿي ڪري ته پوءِ ڪنهن نئين جي وچ ۾ پوڻ سان ڇا ٿيندو؟ ڪنهن جي دل ڪو سرڪاري آفيس ته نه آهي جنهن ۾ ڪو ڪامورو ويٺو هجي ۽ پيار جا بل پاس ڪرڻ يا نه پاس ڪرڻ ، نوڪرين جا آرڊر ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ جو بنياد ڪنهن وڏي سفارش کي بنائجي.
هوءَ مون سان پيار ڪندي ته بنا ڪنهن سفارش جي ڪندي، ۽ جي نه ته پوءِ هن جي نه کي ها ۾ بدلائڻ لاءِ ڪنهن سفارش جو سهارو وٺڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. ڇو ته مسئلو ڪنهن کي شاديءَ لاءِ راضي ڪرڻ جو هجي ته پوءِ اتي واقعي سفارش ڪم ڏئي ويندي آهي. پر جڏهن توهان چاهيو ته ڪوئي توهان سان پيار ڪري ته پوءِ ان جي لاءِ سفارش ڪرائڻ ..... ان ڳالهه کي منهنجو دماغ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.
پر جڏهن ڪيترائي مهينا انتظار ڪرڻ کان پوءِ به مون کي هن جي دل ۾ پيار جي چڻنگ ٻرندي نظر نه آئي تڏهن مون پنهنجو پاڻ کي چيو هينئر تائين ته زندگيءَ جي جنهن به موڙ تي ڪا اٽڪ اڳيان آئي آهي ان کي ڪنهن صحيح ۽ موزون وقتائتي سفارش ختم ڪري ڇڏيو آهي. متان پيار ۾ به ائين ٿيندو هجي؟
جڏهن مان پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪري ويس. تڏهن مون ڪنهن موزون ماڻهوءَ جي ڳولا بلڪل ائين شروع ڪئي. جيئن ڪنهن نوڪري وٺڻ لاءِ ڪنهن موزون ماڻهوءَ جي سفارش ڳولهبي آهي. ۽ منهنجي پهرين ۽ آخري نظر پنهنجي سوٽ سليم تي پئي. ها، سليم ان ڪم لاءِ بلڪل موزون هو. توهان کي اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته مهرين به ڌاري نه بلڪه اسان جي پري جي مائٽياڻي هئي. پر سليم جي هوءَ ڪجهه ويجهي مائٽياڻي هئي ۽ سليم جو هنن جي گهر اچڻ وڃڻ به گهڻو هو. سو مون فيصلو ڪيو ته سليم کي پنهنجو رازدار بنايان مون شروع ۾ ئي پنهنجا شڪ شبها هن جي اڳيان رکيا ڄڻ چوندو هجان ”اميد ته ڪانهي پر تون ڪجهه ڪري ڏس!“ ”سليم ڇا پيار به سفارش سان حاصل ٿي سگهي ٿو.“ مان اهو پڇڻ کان رهي نه سگهيس.
”ماڻهو سفارش ذريعي پنهنجا بل آفيسن مان پاس ڪرائي سگهي ٿو. پر ڪنهن ڇوڪريءَ جو پيار به حاصل ڪري گهي ٿو! مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿا اچي.“
”جڏهن تنهنجو ڪم ٿي ويندو نه تڏهن توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. ”سليم جواب ڏنو.
”ايڏي ڪاروباري ٻولي استعمال نه ڪر.“ مون کي سندس ڳالهه ڪرڻ جو اهو انداز نه وڻيو.
”هن دنيا ۾ هر ڳالهه ڪارو باري بڻجي وئي آهي. هر ڳالهه ۾ ماڻهن پيسي جو فائدو وٺڻ شروع ڪيو آهي. ۽ جنهن ڳالهه ۾ هنن کي اهو فائدو نظر نه ٿو اچي. اها ڳالهه کيس بي معنيٰ ٿي نظر اچي. اڄڪلهه ماڻهو پهرين واري پيار ۾ ڪو يقين نه ٿا رکن . ٻئي جي سماجي حيثيت ڏسي پوءِ پيار ۾ مبتلا ٿا ٿين. By the way تون مهرين تي ڪائين نظر ۾ عاشق ٿيو هئين؟“
”پهري ن نظر ۾ “ مون هڪدم جواب ڏنو.
”نه اهو ته ڪوڙ آهي. پهرين نظر ۾ تنهنجي نظر پئي هوندي چاچا جي سماجي رتبي تي، پوءِ ان ڳالهه تي ته مهرين جي حصي ۾ ڇاڇا ايندو. ها باقي ٽين نظر ۾ تو مهرين کي غور سان ڏٺو هوندو ۽ پوءِ توکي لڳو هوندو ته مهرين تي عاشق ٿيڻ کپي. يعني تون مهرين تي ٽين نظر ۾ عاشق ٿيو هوندين.
”چڱو ڇڏ انهن بيڪار ڳالهين کي. اهو ٻڌاءِ ته تون ان سلسلي ۾ ڇا ٿو ڪري سگهين.“ مون هن کان پڇيو.
”اهو توکي مان مهيني کان پوءِ ٻڌائيندس.“ هن ڪيلينڊر تي هڪ نظر وڌي.
”مهيني کان پوءِ؟“ مون رڙ ڪندي چيو.
”صبر ڪر!“ سليم وراڻيو.
”صبر ئي ته نه ٿو ٿئي.“ مون چيو.
”هڪڙو ته ڪم ڪرائين سفارشن تي ٻيو صبر نه ڪندين.“ سليم مذاق ۾ جواب ڏنو.
”چڱو ڪندس بابا ڪندس پر......؟!“ مون ايترو مس چيو ته امان ماني لاءِ سڏ ڪيو. ۽ اسان ٻئي اٿي ڊائنگ روم ڏانهن ماني کائڻ ويا سين.
مهيني تائين سليم مون سان ڪو به ڪانٽيڪٽ نه ڪيو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو سليم منهن ڪڍيو ”يار ڪيڏاهن گم ٿي ويو هئين. نه ڪا خبر نه چار.“ مون رڙ ڪندي چيو. ”تنهنجي ڪم سان لڳو پيو هوس.“
”ڇڏ هاڻي اهي ڪوڙ.“ مون پنهنجي خوشي دل ۾ لڪائيندي چيو.
”نه سچي. روز باقائدگيءَ سان مهرين وارن جي گهر ويندو هوس.“
”ڇو؟.“
”تنهنجي ڪم سان.“
”منهنجي ڪم سان پوءِ ڪا پروگيس ٿي؟“ ڏاڍي اٻهري انداز ۾ چيم.
”ها جڏهن به ويندو هئس تنهنجو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ذڪر ڪندو هوس.“
”سٺو يا خراب؟“ مون احمقانه سوال پڇيو.
تنهنجون ڪوڙيون تعريفون ڪري ڪر ي منهنجي ڄاڙي سور ٿي ڪري.“ ”ڪوڙي تعريف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. مون ۾ توکي ڪا خوبي نه ٿي نظر اچي.“ مون جواب ۾ چيو.
”خوبيون ته تو ۾ لک هونديون. پر مون کي انهن جي خبر ڪانهي. ۽ جن جي مون کي خبر هئي اهي ڪنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪارگر ثابت ڪونه ٿين ها سو. مون کي مجبوراً اهڙيون خوبيون بيان ڪرڻيون پيون. جيڪي تو ۾ ناهن.“
”ڀلا انهن جو ڪجهه اثر ٿيو؟“
”نه شروع ۾ ڪو خاص اثر ڪونه ٿيو. باقي گهر جا سڀ ڀاتي ٿورا الرٽ ٿي ويا ته سليم . مظهر جو وڪيل آهي ڇا؟“
”۽ مهرين تي ان جو ڇا اثر ٿيو؟“
”اڃا ان جي ڪا خبر ناهي پئي.“ سليم بي پرواهيءَ سان چيو.
”ڇا مطلب؟ اڃا خبر ناهي پئي. مون هلڪي ڪاوڙ مان پڇيو. جيڪا مون کي مهرين تي هئي.
مون تنهنجو فائل مهرين جي دل جي آفيس ۾ پهچايو آهي. هاڻي هوءَ ڪڏهن ٿي ان کي کولي پڙهي. ڪڏهن ٿي ان تي پنهنجا ريمارڪس لکي. ۽ ڪڏهن ٿي ان کي فارورڊ ڪري: ان سڄي پروسيس Process ۾ ٽائيم ته لڳندو نه. “
”ڪيترو؟“ مون اٻهرائيءَ مان پڇيو.
”گهڻو ٽائيم ڪونه لڳندو. پر تون ڏاڍي بي صبري پيو ڏيکارين ائين ڪم ڪونه ٿيندو هڪڙو ته سفارش.....“
”وري اهو لفظ پنهنجي زبان تي نه آڻجانءِ مون کيس ڪاوڙ مان چيو. مون کي سفارش لفظ کان نفرت ٿي پئي هئي.
تون ان لفظ کان هاڻي ئي ايڏو چڙين ٿو ان اصل ڪردار ته اڃا شروع ئي ناهي ٿيو.“ سليم کلي چيو.
”اهو وري ڪڏهن شروع ٿيندو؟“
”جڏهن مان مهرين سان ڊائريڪٽ تنهنجي باري ۾ ڳالهائيندس.“
”پر ڪڏهن؟“
”تمام جلد، پر تون رڳو صبر کان ڪم وٺ.“
”مون کي ته هي ڪو چڪر ٿو لڳي جيئن چوندا آهن نه ته جيڪڏهن زڪام جو علاج ڪبو ته اهو ستن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿيندو، نه ڪبو ته هفتو لڳندو. معنيٰ ته جي سليم کي وچ ۾ آڻبو ته به صبر ڪر ڻو پوندو ۽ جي نه آڻبو ته به صبر ڪرڻو پوندو. پوءِ باقي ٻنهي ڳالهين ۾ فرق ڪهڙو ٿيو؟“ مون پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
”جي سليم کي وچ ۾ آڻبو ته ڪجهه عرصي لاءِ صبر ڪرڻو پوندو. جي نه آڻبو ته پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين صبر ڪرڻو پوندو. اهو اٿيئي فرق.“
”توکي پنهنجي صلاحيتن تي يقين آهي.“ مون کي ان ڳالهه تي ساڙ به ٿيو پئي ۽ ٿوري خوشي به ڇو ته سليم جي صلاحيتن ۾ يقين رکڻ جو مطلب هو ته ڪم پڪ ٿيندو. پر مهيني گذرڻ کان پوءِ به جڏهن حالتن ۾ ڪا بهتري نه آئي ته مان هڪ دفعو ٻيهر نا اميديءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳس. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته مهرين به پهرين نظر ۾ ئي مون تي ائين عاشق ٿي پوي ها. جيئن مان مٿس ٿيو هوس. پوءِ هن سليم جي سفارش ....... مون کي ان لفظ کان سخت چڙ ٿي پئي هئي.
منهنجيون خوشيون ان لفظ جون محتاج هيون. پر اڃا تائين مون کي اهاڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته سليم ڪيئن مهرين جي دل ۾ منهنجي لاءِ پيار پيدا ڪندو. مون کي اها ڳالهه ٿوري عجيب ۽ چريائپ واري پئي لڳي. سليم وٽ ڪو علاءُالدين جو چراغ ته ڪونهي. ڪٿي مهرين منهنجي بدران سليم سان ته سيريس نه ٿي ويندي....... مان انهن سوچن ۾ غرق ٿي ويس. مون کي اها ڳالهه هميشه کان وٺي ٻه ۽ ٻه چار وانگر لڳي هئي. ته مان جنهن سان پيار ڪندس: جنهن کي پسند ڪندس اها ضرور مون سان پيار ڪندي.
مون پنهنجي دل کي هميشه جگسا پزل Jigsaw juzzel جو هڪ ٽڪرو سمجهيو هو. جيڪو دل جي خاني ۾ فٽ اچڻو هو. اها جنهن دل جي خاني ۾ اهو ٽڪرو فٽ اچڻو هو اها دل مهرين وٽ هئي. مون کي حيرت ان ڳالهه جي هئي ته هن جون اکيون اهو ڇو نه ٿيون ڏسن ته منهنجي دل جو ٽڪر، هن جي دل جي جگسا پزل جي هڪ خاني لاءِ بلڪل فٽ سوٽيبل هو. هوءَ ان حقيقت کان ڇو اڻ ڄاڻ هئي.
گرمين جي هڪ شام جو جڏهن مهرين جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هئس ته اوچتو سليم الائي ڪٿان اچي نڪتو. ڇو ته مون ٻڌو هو ته هو اسلام آباد ويل هو: پر هن جي پيرن کي هڪ جڳهه تي ٽڪڻ ڪڏهن آيو ئي ڪونه هو. سليم آئسنٽائن جي انسرٽينٽي Unsertainity urinceple جي جيئري جاڳندي تصوير هو.
”پڇيو مانس ڪٿان پيو اچين؟“
دادوءَ مان فرج مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍندي جواب ڏانائين.
سليم انهن ماڻهن منجهان هو. جيڪي هوندا آهن. ان ماحول ان سچويشن جو حصو لڳندا آهن. ۽ مان انهن ماڻهن منجهان هئس جيڪي پنهنجي گهر تر ۾ به اڌارا لڳندا آهن.
”مهرين جي سوٽ جي شادي هئي. سو مون کي چيائون ته تون به هل مون چيو ٺيڪ آهي. ان بهاني شايد مهرين جي طبيعت کي وڌيڪ سمجهڻ جو موقعو ملي وڃي.“ ۽ پنهنجي اصل موضوع تان هٽي چيائين. ”يار ڏاڍي ڪامپليڪسڊ نيچر واري ڇوڪري آهي.....“
اهو جملو يقيناً مون کي چيڙائڻ لاءِ هو ڇو ته پهرين ڪڏهن به سليم مهرين جي باري ۾ اهو ريمارڪ نه ڏنو هو.
”تون دادوءَ ۾ ڪيترا ڏينهن رهئين؟“ مون پڇيو.
”دادوءَ ۾ هفتو رهيس.“
”هفتو“ وڻي نه وڻي وچان گرهه کڻي.“ مون ٽوڪيندي چيو.
توکي خبر ناهي ته مان مهرين وارن جي گهر جي ڀاتين وانگر آهيان.
”جڏهن کان منهنجي سفارش واري مشن تي لڳو آهين؟“ مون طنز ڪئي. پر تير نشاني تي لڳو.
”ها ائين ئي سمجهه.“ کلي چيائين.ڇو ته سليم مون وانگر نه ئي انا جو ماريل هو نه ئي ڪنهن احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا.
هن جو نارمل ريئيڪشن ڏسي مان نارمل ٿي ويس. ۽ نارمل لهجي ۾ چيم ”هاڻي گهڻو وقت ٿي ويو آهي. سو ان ڊرامي جو ڊراپ سين ٿيڻ گهرجي. بس ڳالهه هڪ پاسي ٿيڻ کپي.“
جيڪڏهن تڪڙ ڪندين ته پوءِ ڳالهه هڪ پاسي ضرور ٿيندي. پر ان پاسي ڪانه ٿيندي جنهن پاسي تون ٿو چاهين.“
”منهنجي ڪنڌ تي ڄڻ ڪا تلوار لٽڪيل آهي مان چاهيان ٿو ته اها هٽي يا.......“
”چڱو هاڻي ڊرامي بازي نه ڪر“ سليم منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو.“ ٻئي دفعي توکي ٻڌائيندس ته اينڊ ٽريجڪ ٿيڻي آهي يا ڪامڪ.“
بهر حال اهو آخري دفعو اچي ويو، جنهن جو سليم ذڪر ڪيو هو. منهنجي انديشن جي ابتڙ منهنجي هڪ طرفي پيار جي ڊرامي جو ڊراپ سين ڪامڪ ٿيو. سال جي اندر اسان ٻنهي جون دليون، ۽ گهر هڪ ٿي ويا. ۽ ان کان پوءِ منهنجو سفارش جي طاقت ۾ اعتماد ۽ اعتبار وڌي ويو. ۽ پنهنجي باري ۾ جنهن احساس ڪمتريءَ جي شروعات ان سفارش ڪرائڻ جي ڪري ٿي هئي اها به آهستي آهستي گهٽ ٿيندي وئي.
سچ چوندا آهن ته وقت وڏو مرهم آهي.
پر مون کي ان ڳالهه جو افسوس هميشه رهندو ته مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به بنا سفارش جي ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيس. اسڪول ۾ داخلا کان وٺي پيار تائين هر دروازو سفارش جي چاٻيءَ سان ئي کليو.سفارش کان سواءِ ڪجهه نه مليو: نه نوڪري نه ڇوڪري نه پيار....... لسٽ تمام وڏي آهي. پر مون کي خبر آهي ته مون وانگر توهان جو وقت به تمام گهڻو قيمتي آهي.
v
زيتون بانو/ ترجمون: مجيد گل
ميڻ جا لڙڪ
پشتو ۾ پهريون افسانو 1917ع ۾ لکيو ويو ٻيو. 1919ع ۾: ان کان پوءِ گهڻو عرصو ڪو به افسانو سرجي نه سگهيو. پر تحريڪ آزاديءَ سان گڏ کوڙ سارا افسانا نگار منظر عام تي آيا. ۽ پشتو زبان ۾ سٺن افسانن ۾ اضافو ٿيو. انهن ۾ هڪ نانءٌ زيتون بانو جو به آهي. پشتو زبان ۾ ادب ۾ ايم. اي. ڪيل اٿس. ۽ شعبه تدريس سان وابسته آهي. 1_ ڀڳل چوڙيون، 2_ آئينو، 3_ شيشم جو پن. افساني مجموعن جي سرجندڙ زيتون بانو پنهنجي ماحول جي حوالي سان ثابت به ڪيو آهي ۽ رد به ته وقت درد غم جو فطر علاج آهي. زيتون بانو جي اڪثر افسانن ۾ ڪجهه درد انگيز حقيقتون معاشري جي نا آسودگي کي بي نقاب ڪن ٿيون. هتي پڙهندڙن لاءِ هڪ مختصر افسانو _ ”ميڻ جا لڙڪ“ پيش ڪجي ٿو. مترجم
ناني مري وئي. امان پنهنجي اڪيلي ڀاءُ کي گهر وٺي آئي. نانو ته اڳئي وفات ڪري چڪو هو. امان جي شاديءَ کان گهڻو اڳ. اهو ئي سبب هو جو امان ڀاءُ کي گهر وٺي آئي. ۽ اهو اسان جي گهر ۾ وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان رهڻ لڳو. چون ٿا ته منهنجي مامي جون عادتون تمام سٺيون هيون. تمام نيڪ ايتري قدر جو ننڊ ستل ماڻهوءَ کي به جاڳائڻ گناهه سمجهندو هو.
ٻڌندا آيا آهيون ته نيڪ ماڻهو جي زندگي مختصر ٿيندي آهي. منهنجي مامي سان به اهو ئي ٿيو. ٻه ڏينهن بخار رهيس ٽئين ڏينهن هي فاني جهان ڇڏي ويو. اما روئي روئي بي حال ٿي وئي. ٻئي ڏينهن ڀاءُ جي قبر تي وئي ته غم جي شدت کان بيهوش ٿي قبر تي ڪري پئي.
اسان جون ٻيون مائٽياڻيون امان کي بيهوش ڏسي گهٻرائجي ويون . انهن به روئڻ شروع ڪري ڏنو. روڄ راڙو شروع ٿي ويو. خود مان به ننڍي هيس زور زور سان روئڻ لڳس. قبرستان جو چوڪيدار شوضل چاچا گوڙ ٻڌي ڊوڙي آيو. هن جي هٿ ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو هو. اسانجي هڪ مائٽياڻيءَ پاڻيءَ جو پيالو امان جي مٿان هاري ڇڏيو ته امان کي هوش آيو ۽ اٿي ويٺي ۽ سندس ڪپڙا به پسي ويا هئا. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته امان ديوانن وانگر لڳي رهي هئي. مون کي ائين لڳو ته امان به مامي وانگر مري ويندي. ۽ سفيد ڪفن ۾ کيس ڏسڻ جو تصور ڪري مان ڪنبي ويس. ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏهن امان مامي جي قبر تي وئي ته مون کي ۽ اسانجي نوڪرياڻي ولا جان بيبي کي وٺي هلي. اوچتو امان جي حالت ابتر ٿي وئي ۽ بيهوش ٿي وئي. وري به قبرستان جو چوڪيدار شوضل چاچا مدد لاءِ پهتو، ۽ ولاجان بيبيءَ کي چون لڳو ”گهر وارن کي چئي ڇڏيو ته بيگم صاحبا کي قبرستان نه اچڻ ڏين. خواه مخواهه روڳ لڳي ويندس. اگر گهڻو مجبوري سمجهو ۽ صبر نه اچيس ته ڪجهه ڏينهن رکي اچي. ائين آهستي آهستي غم هلڪو ٿي ويندس.“
امان هوش ۾ آئي ته ولا جان بيبي شوضل چاچا جا چيل لفظ چئي ٻڌايا. امان روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ”اڪيلي ڀاءُ جو ڏک به ڪڏهن گهٽ ٿيندو. جنهن اڃان ڪنوار جي منهن تان گونگهٽ به نه کڻي ڏٺو هو. موت کي به ترس نه آيو.“ امان روئڻ لڳي. پيءُ ماءُ جي آخري نشاني ، امان پنهنجي ڀاءُ سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي. موت کان پوءِ به امان جا ڪهڙا ڪهڙا ارمان هئا. پڪي قبر ٺاهڻ جي آرزو ان تي ڳاڙها ۽ ساوا جهنڊا لهرائڻ جي حسرت! پر خدا ڄاڻي ائين ٿيو ڇو ڪونه. پوءِ ته ڪو به اهڙو ڏينهن نه هو جو امان قبرستان نه وڃي. ڀاءُ جي قبر تي هٿ رکي زارو قطار نه روئي. مان ته حيران ٿيندي هئس ته لڙڪن جو روان دوان قافلو ختم ڇو نه ٿو ٿئي. اهو ايترو پاڻي ڪٿان ٿو اچي. ائين ٿو محسوس ٿئي. جگر پگهرجي قطرو ٿي وهي رهيو آهي. پوءِ قرآن شريف پڙهي. سڏڪندي تلاوت ڪري. پر لڙڪ گهٽ ٿين ئي ڪونه پر احتياط ڪندي هئي ته ڪرندڙ لڙڪ قرآن پاڪ جي صفحن کان کاٻي پاسي ڪرن .
پوءِ پنجسوره کڻي وڃڻ لڳي. امان ۽ مان ئي قبرستان وينديو ن هيون سين پوءِ آهستي آهستي قبرستان وڃڻ گهٽ ٿيڻ لڳو. پوءِ جمعي جمعي رات پوءِ مهيني ۾ هڪ ڀيرو ائين هڪ مهينو گذري ويو. عيد اچي ته امان مامي جي قبر تي هلي وڃي. پوءِ اهو وقت آيو مان امان کي چوندي هيس ”امان مامي جي قبر تي ناهي هلڻو ڇا؟ هاڻي ته ٻه سال پورا ٿي ويا آهن؟! تڏهن ڇرڪ ڀري ٿڌو ساهه کڻي چوندي ”ها ڌيءَ هن جي وئي ٻه سال گذري ويا آهن. جهڙوڪ هو ڪالهه اسان جي نظرن کان اوجهل ٿيو آهي. ۽ امان جو ن اکيون لڙڪن ۾ ترٿي وينديون هيون. تڏهن مون کي اهيو وقت ياد اچي ٿو. جڏهن امان ڏک مان روئندي روئندي قبر تي بيهوش ٿي ويندي هئي. ڪيترو فرق هو تڏهن ۾ ۽ هاڻي ۾ پوءِ اهو وقت به اچي ويو امان قبرستان وڃڻ ڇڏي ڏنو. هن کي نه ياد رهندو هو نه فرصت ملندي هئي. توڙي جو مان ننڍي هيس پر مون کي ياد آهي ان سال تمام تيز برساتون وٺيون هيون ۽ شوضل چاچا اها خبر ڏني هئي ته ماما جي قبر بلڪل زمين ۾ لهي وئي آهي. ۽ تختا ٽٽي پيا آهن. مون کي ته ان خبر سان اهو خوف ٿيو ته امان کي ٻيهر دورو نه پوي پر ڪجهه ڪونه ٿيو. امان تي ان خبر جو ڪوبه اثر نه ٿيو هن تمام سڪون سان اها خبر ٻڌي. منهنجي ڀاءُ چيو. ”امان تون چوندين ته مان ڪنهن کي گڏ وٺي وڃي قبر ٺيڪ ڪري اچان“ پر امان ڪنهن احساس کان بغير سرد لهجي ۾ چيو ”ڇا وڃي گپ ۾ هٿ هڻندين، شوضل چاچا کي چئي ڇڏ مزور وٺي ٺيڪ ڪرائي ڇڏي.“ ۽ پوءِ اوچتو بابا جي ٽرانسفر ٿي وئي ۽ اسان سڀ هليا ويا سين. سڀني عزيزن مائٽن سان ڀاڪر پائي مليا سين. دعوتون ٿيون. پر ڪنهن کي اهو ياد نه آيو ته ماما جي قبر تي گل رکي اچون.
ائين بدليون ٿينديون رهيون ۽ وقت گذرندو رهيو. ڏينهن مهينا سال گذري ويا. بابا کي پينشن ملي: اسان ڳوٺ واپس آيا سين. منهنجو خيال هو ته وطن ورندي ئي امان جلد ماما جي قبر تي ويندي مان ان انتظار ۾ هيس. هفتو گذري ويو. مهينو گذري ويو ٻه مهينا گذري ويا پر ڪنهن کي به ڪو خيال نه آيو. مو ڊڄندي ڊڄندي امان کان پڇيو ”امان قبرستان نه ويندينءَ ڇا؟“ امان مون کي اهڙي طرح ڏٺو ڄڻ ذهن تي زور ڏئي مون کي ڪجهه چوڻ چاهيندي هجي.“ ها هلنداسين نه، پر اڃا ته دعوتون ئي ختم نه ٿيون آهن. سامان هيڏانهن هوڏانهن کنڊڙيو پيو آهي.“ پر مون ضد ڪيو ”نه امان اڄ هلندا سين ماما جي قبر تي.“ ڪجهه دير ته امان غير ارادي طرح مون ڏانهن ڏسندي رهي. پوءِ هلڻ لڳي. پهريان ته وسيع ۽ ڦهليل قبرستان کي اسان حيرت سان ڏٺو. ائين معلوم ٿي رهيو هو ته هاڻي وڌيڪ هڪ قبر جي به گنجائش ناهي رهي. اَڪَ به ختم ٿي چڪا هئا. ۽ اهو ننڍڙو ميدان به نظر نه ٿي آيو. جنهن ۾ جنازي جي نماز پڙهي ويندي هئي. ماما جي قبر وٽ هڪ توت جو وڻ هو اهو به گم هو. گهڻو جاکوڙ ۽ تلاش جي باوجود مامي جي قبر جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي. امان پنهنجو سفيد برقعو پوئتي ورائي ڇڏيو هو. جنهن جي زمين ڇهڻ سان برقعي جي ڪناري ۾ قبر ستان جو سڪل گاهه ۽ ڪنڊا چبڙي پيا هئا. امان برقعو لاهي هڪ پاسي رکي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي ”هاڻ ته ويچاري جي قبر جي ڍيري به نه ٿي ملي. نالو نشان به مٽجي ويو! اچ هلون ”امان واپس ٿيڻ لڳي امان جو رويو نه رڳو عجيب پر برو به لڳم، منهنجي ننڍپڻ جون يادون تازيون ٿي ويون. سڀ ڪجهه ياد اچي ويو. مامي جي قبر تي امان جي ڇا حالت هوندي هئي. مون حيرت مان سوچيو يا الله هي اها عورت آهي جا چند سال پهريان ڀاءُ جي موت تي رت جا لڙڪ هاريندي هئي. ۽ قبر تي اچي بيهوش ٿي ويندي هئي. ۽ هاڻي هن جي دل پٿر جهڙي ٿي وئي آهي.
مون چيو مانس ”امان تون ته چوندي هئينءَ “ مامي جي قبر پڪي ٺهرائينديس“ ”ها ڌيءَ ڇا فرق پوي ٿو؟ مان سون جي قبر به ٺهرائي ڇڏيان ها ته مون کان پوءِ ڪير هو هن کي ياد رکڻ وارو. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهو به مٽي ٿي وڃي ها. نشان تائين به نه رهي ها. جيئن هاڻي نه پيو ملي.“ امان واپسيءَ جو ارادو ڪري رهي هئي. پر منهنجي دل نه ٿي مڃيو. امان کي ڇڏي مان چوڪيدار جي ڪوٺڙيءَ طرف ويس. ۽ سوچي رهي هيس. شوضل چاچا زنده به هوندو الائي نه ٺيڪ ان وقت مون سفيد ڏاڙهيءَ واري شخص کي ڏٺو جيڪو هڏين جو پڃرو هو . اچانڪ خيال آيو اهوئي شوضل چاچا هوندو! ويجهو پهتيس غور سان ڏٺم اهو شوضل چاچا ئي هو. پڇيو مانس: ”چاچا اوهان کي ياد هوندو گهڻو وقت اڳ هڪ نوجوان هن قبرستان ۾ دفن ٿيو هو. صبح جو هن جي ڀيڻ قبر تي آئي هئي ۽ روئندي روئندي بيهوش ٿي وئي هئي. مون کي ياد آهي اوهان ٻيهر ان کي اچڻ کان منع ڪيو هو ته خواه مخواه روڳ لڳي ويندس پر هاڻي ان جي قبر نه ٿي ملي.“ ان کان پوءِ مون هن کي پنهنجي پيءُ جو نالو ٻڌايو ۽ اهو به ته اها قبر منهنجي مامي جي هئي. شوضل چاچا غور سان ڏسي منهنجو جائزو ورتو پوءِ اطمينان سان چوڻ لڳو. ”بيبي هتي تمام گهڻيون مائرون ۽ ڀينرون پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن جي قبرن تي بيهوش ٿينديون رهن ٿيون. اهي سڀ قبرون ۽ مٽيءَ جون ڍيريون اوهان کي نظر اچن پيون انهن ۾ دفن ٿيل پيارن جي لاءِ زخمي دلين جو کوڙ سارو رت لڙڪن جي صورت ۾ وهندو رهي ٿو. پوءِ آهستي آهستي وقت جا ڌاڳا انهن گهرن زخمن کي سبي ڇڏيندا آهن. لڙڪن جي جاءِ آهن ورتي آهي. ۽ پوءِ اهي آهون به وقت جي آنڌيءَ اڏائي کڻي ويندي آهي. ۽ ماڻهن جي دلين مان پنهنجن پيارن جون يادون ميڙي گڏ ڪري کڻي ويندي آهي. وقت جي اها ئي آنڌي قبرن تان به گذري آهي. قبرن کي ڍير ۾ بدلي ڇڏيو اٿس. هوءِ هڪ وقت ايندو جو هي مٽيءَ جون ڍيريون به اڻلڀ ٿي وينديون. ۽ پوءِ ماڻهو پنهنجن پيارن جي قبرن تي هر هلائيندا.“
خدا ڄاڻي شوضل چاچا ٻيو ڇاڇا چوندو رهيو مان نه ٻڌي سگهيس: ڇو ته امان بلند آواز سان سڏي رهي هئي.
”اچ ڌيءَ گهڻي دير ٿي وئي آهي“ مون بي وسيءَ مان امان ڏانهن ڏٺو ۽ هلي آيس.
نذير ناز
ٻار آهي مڇ جو وار
(10 سيپٽمبر پريس ڪلب ٺٽو ”سڄڻ“ نيٽ ورڪ جي سيمينار ۾ پڙهيل مقالو.)
سنڌ جي مشهور چوڻي آهي ته ”ٻار آهي مڇ جو وار. جيئن ورائينس تيئن وري. ”اها چوڻي سورهن آنا سچ آهي. هڪ ٻار پنهنجي ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪجهه پنهنجن والدين کان سکندو اهو ئي ڪندو يا جيڪي ڪجهه ماحول مان حاصل ڪندو.اهو ئي ماحول کي موٽائي ڏيندو.
هڪ ننڍڙو ٻار گل جي مکڙيءَ جيان نازڪ ۽ خوبصورت هوندو آهي. ننڍپڻ کان مٿس معصوميت جو پڙدو چڙهيل هوندو آهي. ۽ اها معصوميت ۽ پاڪيزگي تڏهن قائم رهندي، جڏهن انهيءَ ٻار جي پالنا تي ڀرپور توجهه ڏنو ويندو.
هڪ ٻار جي سار سنڀال جو ڪم، هڪ چئيلينج آهي. ٻار جي پالنا ٻار جي سوچ ۽ روين مطابق هئڻ گهرجي. جيئن ٻار ان کي دلي طرح قبول ڪر وٺي ۽ سندس تسڪين ٿي سگهي. ٻار کي اها تسڪين تڏهن ملي سگهندي، جڏهن هن جي تربيت پوري هوشياريءَ ۽ سمجهداريءَ سان ڪئي وڃي. ٻار جي تربيت اهڙي هئڻ گهرجي جو هن جي معصوم ۽ ننڍڙي دماغ تي بار جو اثر نه، بلڪه پرسڪون جو اثر محسوس ٿئي. ٻار جي تربيت جو اثر واريءَ تي نڪرندڙ ليڪ وانگر نه پر پٿر تي اڪريل ليڪ وانگر هئڻ گهرجي.
واڌ ۽ ويجهه جو عمل جاري آهي. جيئن جيئن ٻار ۾ واڌ جو عمل ٿئي ٿو، تيئن جسماني واڌ سان گڏ ذهن به وڌي ٿو. انهيءَ جسماني ۽ ذهني اوسر دوران اسان صرف ٻار جي جسماني صلاحيتن کي اکين آڏو رکون ٿا. پر هن جي ذهني ساخت يا عقل کي نظر انداز ڪري ڇڏيون ٿا. جنهن جي ڪري اڳتي هلي، انهيءَ ٻار کي سمجهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آهي.
اهو سچ آهي ته هڪ ٻار جي هڪ الڳ ٿلڳ دنيا آهي. هڪ ٻار چاهيندو آهي ته مون کي ڪجهه سمجهن، ۽ گهر ۾ اهميت هئڻ گهرجي. انهيءَ ڪري گهر ۾ پنهنجن دوستن جي وچ ۾ پنهنجو اوچو مقام رکڻ چاهيندو آهي. انهيءَ لاءِ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي. پنهنجي بهادريءَ جو مظاهرو ڪندو آهي. پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ لاءِ عجيب و غريب حرڪتون ڪندو آهي. انهيءَ مهل ٻار ۾ ڀرپور اعتماد هوندو آهي. اهڙي وقت ماءُ پيءُ کي گهرجي ته اهڙو طريقو اختيار ڪن جيئن ٻار جي جيڪا تمنا آهي سا صرف هوائي ڪلپنا نه بڻجي. بلڪه هو پنهنجين تمنائن ۽ چاهنائن جي حقيقت جي وچ ۾ تفاوت سمجهي سگهي. ۽ اڳتي هلي پنهنجي ارادي ۽ مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي.
ٻار جي ذهني تربيت سان گڏ جسماني تربيت تي به توجهه ڏيڻ گهرجي، جسماني صحت لاءِ صفائي جي تمام وڏي اهميت آهي. جيئن چوڻي آهي، صفائي نصف ايمان آهي.“ جيڪي ماءُ پيءُ پاڻ صفائي اختيار ڪندا ۽ پنهنجي ٻار کي صفائيءَ جو عادي بڻائيندا ته اهو صفائي پسند ٻار صحتمند هوندو ۽ اڳتي هلي سٺو شهري ثابت ٿيندو. پر افسوس اسين ٻارن جي صحت تي ايترو توجهه نه ٿا ڏيون.
تازو هڪ اخبار ۾ ليک ڇپيو هو ته ”آمريڪا وارن تازي تحقيق کان پوءِ اهو اندازو لڳايو آهي ته دنيا ۾ هر سال 80 لک ٻار موت جو کاڄ بڻجن ٿا. دنيا جي ويهه سيڪڙو ٻار خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، جنهن جي ڪري هر سال وچڙندڙ ۽ خطرناڪ بيمارين جا ٽڪا نه لڳڻ سبب 80 لک ٻار مري وڃن ٿا.“
ڪيڏي افسوس ناڪ ۽ ڏکائيندڙ خبر آهي. صرف ماءُ پيءُ جي لاپرواهيءَ سبب ڪيترائي ٻار موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. انهيءَ ڪري ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي خطرناڪ بيمارين کان بچاءَ لاءِ ٽڪا لڳايا وڃن. ٻار قوم جو هڪ نازڪ خزانو آهي. ٻار ڪومل گلن جيان آهن. انهن جي پوري سار سنڀال ۽ پالنا اسان جو اولين فرض آهي.
ٻارن کان جبري پورهيو وٺندڙ ڌريون سچ ته ٻارڙن تي ظلم پيون ڪن. عالمي اداري يونيسيف جي هڪ تازي روپورٽ موجب ”پاڪستان ۾ هن وقت 80 لکن کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ تائين ٻارڙا پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ ۽ پنهنجن گهر ڀاتين جي گذر سفر خاطر سخت محنت ۽ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن.“
گلن جهڙا ٻارڙا جن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ گهرجن ۽ اسڪول جي ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهي علم جي زيور سان آراسته ٿيڻ گهرجن. تن جي هٿن ۾ گريس لڳل پانا ۽ گرم گرم سرون آهن. نٽهڻ اس سندن مقدر بڻيل آهي. انهيءَ عمر ۾ سندن ننڍڙا معصوم هٿڙا سرون ڍوئڻ، غاليچا اُڻڻ، ڪارخانن ۾ مشينون هلائڻ، ورڪشاپ ۾ گاڏين جي مرمت ڪرڻ، پيٽرول پمپن تي گاڏيون صاف ڪرڻ ۽ هوٽلن ۾ پليٽون صاف ڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن. ۽ کين انهيءَ بدلي ۾ جهڻڪن ۽ مار موچڙي سميت مشڪل سان ٻن ويلن جي ماني نصيب ٿيندي آهي.
ٻارن جي تعليم ۽ سندن مستقبل کان ڪن لاٽار ڪرڻ انهيءَ جو ثبوت آهي ته اسين هڪ بي حس قوم آهيون. اسين اڃا ترقيءَ جي منزل تي رسي نه سگهيا آهيون. ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ مستقبل ٻار هوندا آهن. اهي ئي مستقبل جا معمار هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ اڄ گهڻي ۾ گهڻو ڌيان ايندڙ نسل تي ڏنو ٿو وڃي. سندن پالنا ۽ پرگهور جو ڪم ملڪ جي جوڙجڪ ۾ اول درجي تي آهي: ٻي ڳالهه ته ٻارن جي جسماني گهرجن سان گڏ سندن ذهني گهرجن تي وڌيڪ ويچار ڪيو ٿو وڃي.
اڄ هر ڪنهن جون نظرون ايڪويهين صديءَ ڏانهن آهن. اڄوڪو ٻار ايندڙ صديءَ جو رهواسي هوندو. جيڪڏهن اڄ جو بهترين ٻار آهي ۽ امن پسند آهي ته پوءِ ڪو شڪ ناهي جو ايندڙ صديءَ ۾ امن هجي. ائين چئجي ته اڄ جو ٻار ئي ايندڙ صديءَ جو ابو آهي. ۽ اهو ئي ٻار ايندڙ صديءَ جي سڃاڻپ آهي.
ٻارڙن جي دنيا به هڪ عجيب دنيا آهي. ڏٺو ويو آهي ته ٻار کي مٽيءَ ۾ راند ڪندي سڪون ملي ٿو. مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ، واريءَ جا گهر اڏڻ، ڪوڏيون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ گڏ ڪرڻ، بلور کيسي ۾ وجهي کڙڪائڻ ۽ گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ان کي لڪائي رکڻ ۾ ٻارن کي خوشي محسوس ٿئي ٿي. ٻارڙن کي پنهنجي مزاج مطابق جدا جدا رنگ وڻن ٿا. هو ڀل انهن رنگن جو مطلب سمجهي نه سگهندا هجن تڏهن به رنگ سندن اکين کي وڻن ٿا. ۽ سندس من وندرائن ٿا. ٻار سڌو جنت مان اچي ٿو. هو پاڻ سان گڏ سڪون، خوشي، ايمانداري، پيار ۽ نيڪي کڻي ٿو اچي. ٻار جي دل ماڪ جي بوند وانگر پاڪ شفاف هوندي آهي.“
اڄ جو ٻار آئيندي جو ابو آهي. نئين پيڙهي آهي. پنهنجي قوم جو آئيندو روشن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته نئين نسل جي اهڙي تربيت ڪريون جو مستقبل جو بنياد پڪو ۽ پختو بڻجي پوي. افسوس اهو آهي جو اسان کي پنهنجو بنياد پڪو ڪرڻ لاءِ وقت ڪونهي. اسين پنهنجي هڻ هڻان ۾ آهيون. ٻارڙا وڃي وڊيو گيم جي ور چڙهيا آهن يا ڊش اينٽينا ڏسي ڏسي پنهنجي فطري معصوميت وڃائي رهيا آهن. اخلاقي قدر واريءَ جيان مٺ مان کسڪي رهيا آهن. اڄ جو ٻار وڏن کان وڌيڪ نفسياتي دٻاءَ جو شڪار آهي.
اسان کي سوچڻ گهرجي. ٻارن جي صحت ۽ انهن جي تربيت بابت اسان ماءُ پيءُ ئي ڪجهه ڪري سگهون ٿا. معاشري کان پهرين والدين جو فرض آهي. اسان ٻارن جي بهترين تربيت ڪندا سين ته پوءِ ڪو شڪ ناهي جو اسان جو معاشرو مثالي معاشرو بڻجي پوي. بهترين مثالي معاشرا ملڪ جي ترقيءَ ۽ ناماچاريءَ جا ضامن هوندا آهن.
v
عاجز ڀٽي
غزل
پريــــــــــــــــــــن! تنهنجي ســـــــــــونـــــهن جي،
چــنـــڊ ٻـــڌائي ڳـــــــــــــــــــــالهـــــــــــــــــــه آ.
هــــيـــــل تـــــــنــــهنجي اچــــــــڻ جــــــــي،
مــــــنـــــــد ٻــــــڌائـــــي ڳــــــــــــــــــــالهــــــــــــه آ،
ڪـــــوڙا ســـــــڀـــــــئـــــــــي رهبـــــــــــــــر هــــن،
ســـنــــڌ ٻـــڌائي ڳــــــــــــــــالهـــــــــــــــــــــــه آ.
مــــــــنـــــــــزل هــــــــــــــــــــاڻي ويــــــــــــجهــــي آ،
پـــــنـــــڌ ٻـــــڌائــــــي ڳـــــــــــــــــــــالهـــــــــــــــه آ.
ســـــــــــــاجــــن ايــــنـــــدو ســـــــــــپـــنــــــــي ۾،
نـــــنــــڊ ٻـــــــڌائــــي ڳـــــــــــــــــــــــــــــالهـــــــــه آ
ساگر ڀٽي
وائي
جوڀن ۾ پيار جون،
هر پل يار جون،
ڳالهيون ٿينديون آهن.
چنڊ سان منهنجون،
پرينءَ جي پار جون،
ڳالهيون ٿينديون آهن.
سيٺ ۽ نوڪر وچ ۾،
روڪڙا اڌار جون،
ڳالهيون ٿينديون آهن.
نيگرين ۾ اڪثر ڪري،
هار سينگار جون،
ڳالهيون ٿينديون آهن.
يوسف لغاري
غزل
هاءِ ڪهڙو ڀاڳ اسانجو،
مٽيو سهڻن ماڳ اسانجو.
دل کي هاڻ نٿو بهلائ،
ڪهڙو آهي راڳ اسانجو،
لکندو نيٺ زمانو سائين،
هڪڙي ڏينهن مهاڳ اسانجو،
آڻيون چاڙهيون يار ڏهاڙي،
کاڄ آهي ساڳ اسانجو
فضه غزل
هائيڪا
سنڌوءَ ڪناري،
ويهي ڪنهن جي سار ۾ سکي _
لڙڪ ٿي هاري.
مايوسين جا پل،
صدين کان منهنجا _
هي نيڻ هن ڀنل.
ڏس وري ساڳيو،
جو درد هو من جو _
ٻيهر آ، جاڳيو.
ڪنهن جي چاهه ۾،
پير جو وڌندا رهيا _
رڻ جي هن راهه ۾.
سڪايل نهال چانڊيو
غزل
دل ۾ آهن سارون تنهنجون _
من ۾ يار پچارون تنهنجون.
جيون خوشيون توکي ارپيم،
پوءِ ڀي يار ميارون تنهنجون!!
منهنجي قسمت پن ڇڻ وانگي
هڙئي آهن بهارون تنهنجون.
جهوپن ۾ آگذر اسانجو،
اڄ به سڪايل کي او ساجن!
تن ۾ آهن تنوارون تنهنجون.
جاويد امر اشرفاڻي
ها! اڳي کان اڳي....
دين جون، ڌرم جون،
ذات جي ڀرم جون.
رنگ جون، نسل جون،
شان جون، شرم جون.
رنڊڪون راهه ۾.
ماٺ ڪئيسين ميان!
ائين سمجهين متان،
پيا رڙهون،
پيا وڌون،
ها، اڳي کان اڳي،
چاهه ۾.
ڏک ۾ سک ۾،
اڃ ۾ رڃ ۾،
پاڻ سان گڏ سدا،
سانڍيو پيا هلون،
سونهن کي سچ کي،
سنڌ کي ساهه ۾.
جوهڙ فرزانه ڪوثر
غزل
پيغام محبت، سلام محبت،
مرڪڻ تنهنجو، انعام محبت،
اکيون آهن، ڄڻ جام محبت،
اچڻي آهي، ها! شام محبت،
ڪونهي ڪوئي، نظام محبت،
ملي ئي نه ٿو، آرام محبت.
پريم پتافي
گيت
آءُ اسان ڏي آءُ،
گهليو پورب واءُ.
توبن ڪيڏو سرتي آهي،
ماٺي مند ۾ تاءُ...
تون جي ايندينءَ، موٽي ايندو،
پن ڇڻ رُت ۾ ساءُ.....
گوري تنهنجن نيڻن جا الا _
گهرا گهرا گهاءُ
عمر مدهوش
غزل
سونهن تنهنجي نروار ٿي پئي،
اسان تي نوازش ٿي پئي،
ڪڏهن ڪين سوچيو هيم جاني،
ياد تنهنجي هڪ آڌار ٿي پئي.
ڇا نه ڪيئي ٿي کينچل مون سان،
سمجهيم، سهڻي اڄ ٻار ٿي پئي.
جڪڙيا آهيون پاڻ ائين رسمن ۾،
دنيا ساري ڄڻ ڄار ٿي پئي.
مهڪائي وئي ساري اڱڻ کي،
هوا ۾ خوشبوءَ جي هٻڪار ٿي پئي.
ستار سومرو
غزل
جيون ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ جيئن،
ڄڻ ٿر جي سڪل واريءَ جيئن.
نيڻ ۽ جذبا خاموش منهنجا،
مظلوم نماڻائي ڪنهن ناريءَ جيئن.
ٿڪجي پيس توکي ڳولهي،
محنت ڪش ڪنهن هاريءَ جيئن.
مطلب آهي مرڪ تنهنجي،
لالچيءَ ڪنهن واپاريءَ جيئن
خواهشون ٿيو اڻ پوريون ستار،
ويهاريل ڌيءَ ڪنواريءَ جيئن.
حاجي گبول
آئون انسان جي،
حفاظت جي لاءِ جڙيو آهيان،
پر جيڪو مون کي ڪرڻ گهربو هو،
افسوس ته اهو
مان نه ڪري سگهيو آهيان.
آئون پاڻ به ڏوهاري آهيان،
ڇو ته ڪجهه نه ڪرڻ جي باوجود،
مان خودڪشي لاءِ سوچيان ٿو.
هوءَ چاهي ٿي،
آئون صبح سان اٿي ڪري،
ٻه تازا گل آڻيان،
هوءَ نئين ڪنوار:
هڪ گل پنهنجي چوٽيءَ ۾ هڻندي
۽ هڪ گل،
روز جيان هڪ،
گمنام قبر تي رکندي،
جيڪا تازي ٺهيل آهي.
مشتاق ڀرڳڙي
نثري نظم
هن جي محبوبه،
هن کي ٺڪرايو ته،
هن کان شاعري،
رسي وئي،
۽ انهيءَ غم ۾ هن
خودڪشي ڪري ڇڏي.
وقت وڏو وحشي آهي،
صدين کان اکين ۾،
سانڍيل سپنا،
گهڙي پلڪ ۾ ساڙي،
اکين ۾ رک ڀري ڇڏيندڙ آهي،
۽ پوءِ اسان جون اکيون،
مڙني خوبصورتين کي،
پسڻ کان،
محروم رهجي وينديون آهن.
ماريندي ريل گاڏي به آهي،
ماريندي پستول جي گولي به آهي،
ماريندو زهر به آهي،
پر سڀ کان انوکي انداز ۾ مارڻ،
ڪجلن نيڻن جو ئي آهي.
هوتو سنڌو ”پياسي“
غزل
ويران زندگيءَ کي شاداب ڪيئن ڪريون؟
اجڙي جا آرزو سا، ڪامياب ڪيئن ڪريو؟
روشن نه ڏسون پنهنجي مقدر ۾ انڌيرون،
هن رات کي اجلو ۽ آفتاب ڪيئن ڪريون؟
پاليون نه زهري جيو کي، پنهنجي ٿا روح ۾،
دل صاف رکون سٿري، دولاب ڪيئن ڪريون؟
جنهن سان لڳايو نيهن نڀايون ٿا انهيءَ سان،
الفت ۾ پنهنجي يار سان، حساب ڪيئن ڪريون؟
سهڻو لڳي ٿو دل کي سدا، حسن سان نورو،
خود پنهنجي دل جي چاهت بينقاب ڪئين ڪريون؟
ڊاڪٽر غلام عباس
طلاق، طلاق ۽ طلاق
طلاق طلاق ۽ طلاق!!!
هنن ٽن لفظن کانپوءِ
مرد ۽ عورت جي نڪاح
واري ڏوري هميشه لاءِ ٽٽي پوندي آهي،
هنن لفظن جي مالڪي مرد کي مليل آهي،
کير جي گهاگهر تي،
ٻلي کي نگهبان ڪيو ويو آ،
هو جڏهن به چاهي،
۽،
جنهن وقت به چاهي،
طلاق ڏئي ونيءَ کي،
ٽن ڪپڙن ۾ ڪڍي سگهي ٿو،
پر ڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته،
مڙس کي زال چيو هجي،
تون منهنجي هلائڻ جي قابل ناهين،
۽ منهنجي توکي،
طلاق، طلاق ۽ طلاق آهي.
۽ هو ٽن ڪپڙن ۾،
گهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هجي!!!
علي اڪبر ”اسير“ قريشي
غزل
نظر ناز جي سان نهاري ڇڏين ها!
شب، عيد آهي، جياري ڇڏين ها!
گهرائين نه ها غير جي گهر ۾ مون کي،
ڪرم اهڙي کان مون کي ماري ڇڏين ها!
اچين ها، اڱڻ تي، ته آٿت رسي ها!
ٻريل باهه دل تي آ، ٺاري ڇڏين ها!
جيئن دل سان دعوت ڏئي تو گهرايو،
تيئن در تان دشمن ڌڪاري ڇڏين ها!
اهو سور دل ۾ نه وٺيو وڃا ها!
هو دم لبن تي نهاري ڇڏين ها!
متاثر ٿيان ٿو، مان پٿر ناهيان،
ائين ڪين ڳڻتين ۾ ڳاري ڇڏين ها!
”اسير“ آه تنهنجي عطائن جي آڌار،
خطائون ٿيون جي وساري ڇڏين ها!.
زرينه غزل
غزل
اڱڻ اسان جي آءُ او ڍوليا،
آئون نهاريان تنهنجي راهه اوڍوليا!
سور نه سمهڻ ڏين، وري گوليءَ جو ٺڪاءُ....
اچي لهو سورن جو سماءُ او ڍوليا!
هڪ ته تنهنجا پور ٻيو چنڊ وڌي آگهور....
ڪنهن سان سليان تنهنجا سور او ڍوليا!
اڱڻ اسان جي آءُ او ڍوليا!
آئون نهاريان تنهنجي راهه اوڍوليا!.
پر ڪاش جو ذادر
”منهنجون ڪلپنائون“
منهنجون ڪلپنائون،
وکريل سپنن جيان آهن،
جيڪي ڪڏهن به گڏ نٿيون ٿي سگهن.
منهنجون ڪلپنائون
ساگر جيان آهن،
جنهن جا ڪنارا
ڪڏهن به نه ٿا ملي سگهن.
منهنجون ڪلپنائون هڪ سڪل وڻ جيان آهن،
جيڪي ڪڏهن به سايون نٿيون ٿي سگهن.
تڏهن به سوچيندو آهيان
ته اهڙيون ڪلپنائون.
منهنجي اندر ڇو جاڳن ٿيون؟
۽.........
مون کي ڇو تڙپائن ٿيون؟
سميع ڪنڌر
وائي
جيون سندر ٿي پوي
تون جي اچين او سانوري.
نيري نيري اڀ جيان
منهنجو اندر ٿي پوي.
تون جي اچين او سانوري.
منهنجو ننڍڙو گهر الا،
مسجد مندر ٿي پوي.
تون جي اچين او سانوري.
امين اڏيرائي
وڇوڙي جي شام
لهندڙ سج لاءِ مون ۽،
ڏور افق لالاڻ ۽ تنهنجو ڀنل اکيون،
مون کي ياد آهي اڃا تائين
اهو منظر،
جنهن منهنجي وجود ۾
وڇوڙي جو زهر ڀريو هو ۽،
منهنجا معصوم جذبا ٽياس تي ٽنگجي ويا هئا.
منهنجون حسرتون، بي موت
مري ويون هيون ۽ تنهنجن خيالن جو تاج محل
ڀورا ڀورا ٿي ويو هو.
مون کي ياد آهي اهو ڌماڪو.
جيڪو منهنجي نازڪ دل جي ٽٽڻ جو آواز هو.
ان ويل،
نه تو ڪجهه چيو هو ۽ نه مون ڪجهه
ڪڇيو هو..... بس صرف ڏڪندڙ چپ ۽
ڏڪندڙ هٿ هئا ۽
نظرن ۾ هزارين سوال.
جن جو ڪو به جواب نه هو.
جنهن وقت پکي پنهنجي آکيرن ڏانهن
قربتن ۽ چاهتن جا پيغام کڻي موٽيا هئا، تڏهن آئون
پنهنجي گهر ڏانهن وڇوڙي جو گهاءُ کڻي
موٽيو هوس.
ها_ ! مون کي ياد آهي اُها شام:
جيڪا پنهنجي ”وڇوڙي جي شام“
هئي!
حميده اتم
وائيِ
نيٺ ته ٿيندا پورا ساٿي،
پنهنجا گيت اڌورا ساٿي.
مقتل ٿي ويا آهن ڇو؟
پريم جا گس سمورا ساٿي
پنهنجا گيت اڌوارا ساٿي.
رسي ويا هن ميت الا،
ڏک هاڃا پيڙا ساٿي_
پنهنجا گيت اڌوارا ساٿي.
پريم پکيئڙو اڏري ويو آ،
خالي من، آکيرا ساٿي.
پنهنجا گيت اڌوارا ساٿي.
مشتاق بخاري
غزل
احساس ڪمتري چڱي ناهي،
احساس برتري به چڱي ناهي.
جهاتي پائي آيو ۽ ڇڏي به ويو،
دل ۾ دري به چڱي ناهي.
الفت سڀ کي کي ڏجي ۽ سڀ کان وٺجي،
نفرت جي پر ذري به چڱي ناهي.
گهر کي دوزخ بڻائي ٿي جيڪا،
اهڙي عورت پري به چڱي ناهي،
مون کي مڪمل ڏئي ڇڏ، يا هن کي،
جو چاهت وچ ٿري به چڱي ناهي.
زاهد پتافي
غزل
چنڊ ستارا مرڪن ٿا،
رستا سارا مرڪن ٿا.
پاڻ مليا سين ڇولين ۾،
سمنڊ ڪنارا مرڪن ٿا.
گوري! تنهنجن نيڻن ۾،
ڪتيون تارا مرڪن ٿا.
جون آف آرڪ جي ڪهاڻي
باب ڏهون
شهزادي جي تاجپوشي
اسين اهو سوچي سگهون ٿا ته جون جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اها هجي ها ته هوءَ هڪدم پيرس تي حملو ڪري انگريزن جي چيلهه مڪمل طور ڀڃي وجهي ها. ڇاڪاڻ ته پيٿيءَ جي مقابلي کين بيحال ڪري ڇڏيو هو. پر جون جي سوچ وري ٻي هئي. هن اهو سوچيو پئي ته جيڪڏهن چارلس مقدس تيل مان غسل ڪري، ريمس ۾ سڀ تقريبون پوريون ڪري، بادشاهه بڻجي ته ٿي سگهي ٿو ته انگريزن جو پاسو کڻندڙ فرانسيسي به هن جي پاسي اچي وڃن. نقشي تي نگاهه وجهڻ ساڻ اهو احساس ٿئي ٿو ته ريمس پيرس جي مقابلي ۾ آرليئنز کان الاهي پرتي آهي ۽ اتي اولهه ڪنڊ ۾ واقع آهي پر وري به جون جا حوصلا بلند هئا ۽ هن شهزادي کي وٺي ريمس پهچائڻ پئي گهريو ته جيئن سندس تاجپوشي ٿي سگهي.
شهزادو آرليئنز کان ڏکڻ طرف ڪجهه مفاصلي تي واقع هڪ ڳوٺ گين Gien ۾ آرام ڪري رهيو هو. کيس ته فوج جي اڳواڻي ڪندي اڳيئن ماحاذ تي هجڻ گهرجي ها، پر هن آرام کي سڀني شين تي ترجيح پئي ڏني. سندس سست ۽ مڪار ساٿين کيس ٻڌايو ته ريمس جو سفر ڏورانهون ۽ ڏکيو آهي. تنهن کان سواءِ رستي تي الائي ڪيترا اهڙا شهر آهن جن تي اڃا به دشمنن جو قبضو آهي جيڪي کين اتان گذرڻ ڪون ڏيندا.
جون وراڻيو ته کيس سڀني مسئلن جي ڄاڻ آهي، پر هوءَ انهن کي ليکي ئي ڪونه ٿي. هن کي ايتري طاقت آهي جو هوءَ هنن سڀني قلعن ۽ شهرن جا دروازا کولرائي سگهي ٿي. هن شهزادي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق اتي ئي ڇڏيو ۽ پنهنجي سپاهه ساڻ ملڪ جي ڏورانهن هنڌ ڏانهن نڪري وئي. شهزادي وٽ پنهنجن فوجين کي پگهار ڏيڻ لاءِ ٽڪو به ڪونه هو. پر سوين سپاهي وٽس هلي آيا. ته هو هن ڇوڪريءَ جي ڪري بهادريءَ جي مثال پيش ڪرڻ ۾ ڪو نه ڪيٻائيندا.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سڀني ماڻهن کي جون کي بادشاهي ڏيڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته هوءَ هن بيوقوف شهزادي کان هزارين ڀيرا بهتر هئي پر فرانسيسي قانون ۾ انهيءَ جي اجازت نه هئي ۽ هونئن به جون کي پنهنجي لاءِ ڪابه شيءِ نه پئي گهرجي. کيس رڳو فرانس کي آزاد ڪرائڻ جو جنون هو ۽ تنهن کان پوءِ سندس خواهش هئي ته پنهنجي رهيل حياتي پنهنج ماءُ سان گذاري.
شهزادو وري به پنهنجي سست انداز ۾ جون ۽ سندس ڀائرن جو ٿورائتو هو. هن جون ۽ سندس ڀائرن پيٽر ۽ جان کي اعليٰ رتبو ڏيندي، کين حفاظت خلعت ۽ خطاب سان نوازيو هو. هن جون کي شاهي تلوار انعام طور ڏني هئي ۽ ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ کي گڏيل خطاب طور ڊولائيس Dulys جو لقب عطا ڪيو هو.
جون اها خلعت ڪڏهن به ڪونه پهري. سندس ڀائر هر ڪنهن جنگ ۾ تقريباً هن ساڻ هوندا هئا. هو ٻئي سٺا ويڙهاڪ هئا پر ڪڏهن به عام رتبي کان مٿي ڪونه چڙهيا.
جون جي وڃڻ کان پوءِ شهزادي آخرڪار پنهنجو ذهن انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته کيس ريمس جو رخ ڪرڻ گهرجي. رستي ۾ پهرين ٽرائس Troyes جو قلعو آيو پئي. اتان کان جي شروعات ٿي ته مڙني قلعن ۽ شهرن مٿس پنهنجا در کولي ڇڏيا. اهو سڀ ائين ٿيو جيئن جون کيس ٻڌايو هو. ٽرائس ۾ هو اٺين جولاءِ پهتو هو. جتي ڪجهه ماڻهو جيڪي انگريزن جي طرف هئا، سندس مخالفت ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهريو. هنن اٺين ۽ نائين جولاءِ تي ڪجهه وڙهت کاڌي. ڊيونوئس جي چواڻيءَ موجب شهزادي جا ساٿي جنگ کان لهرائي رهيا هئا، پر جون کين صاف صاف چئي ڇڏيو. جيڪا هاڻي وري شهزادي جي سفر جو ٻڌي موٽي آئي هئي ۽ ٽرائس وٽ اچي ساڻس گڏي هئي.
”مانائتا ولي عهد هنن صلاحڪارن مان جان ڇڏايو. ٽن ڏينهن اندر مان توهان کي هن شهر اندر وٺي هلندس.“
ڊيو نوئس جي چواڻيءَ موجب هن شهر جي چوڌاري کوٽيل خندق کي ڀرائڻ جو ڪم تيزيءَ سان شروع ڪرايو. ٽرائس جي شهرين کي جڏهن جون جي نالي جي خبر پئي ته هنن بنا ڪنهن ويڙهه جي آڻ مڃي ڇڏي ۽ هو شهر اندر داخل ٿي ويا.
اتان هو ريمس لاءِ روانا ٿيا ۽ ريميس جي وڏي پادريءَ ۽ ماڻهن شهر کان ٻاهر اچي هنن جو استقبال ڪيو ۽ سندس حق ۾ نعرا هنيا. سترهين جولاءِ تي ولي عهد سڀني معززين ۽ جون سان گڏجي گر جا ۾ پهتو. جتي کيس تاج پهرائڻ کان پهرين مقدس تيل جي رسم مان گذاريو ويو. چارلس جي بادشاهه بڻجڻ مهل جون سندس ڀرسان جهنڊو هٿ ۾ کنيو موجود هئي. اهي لمحا خوشيءَ جون آخري گهڙيون هيون. مئي جي مهيني جي شروعات ۾ حالت اها هئي جو ائين پئي لڳو ته انگريز آرليئنز ڦري وٺندا، لوئر جي هر ڪناري تي سندن قبضو هوندو. فرانس تي قبضو ڪري ولي عهد کي اسپين وٺي ويندا يا يا وري سمنڊ ٽپائي اسڪاٽ لينڊ وٺي ويندا ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيتري عرصي تائين انگريزن جي حڪومت شروع ٿي ويندي. پر رڳو ٻن مهينن اندر جون انگريزن کي پيرس تائين ڌڪي ڇڏيو هو ۽ ولي عهد کي بادشاهه بڻائي ڇڏيو هئائين. رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ جون بادشاهه جي قدمن ۾ جهڪندي خوشيءَ وچان روئي ڏنو.
”مهربان شهنشاهه!“ هن پهريون ڀيرو شهنشاهه جو لفظ اچاريو. ”اڄ هنن گهڙين ۾ خدا جو حڪم پورو ٿيو آهي.“
۽ سندس انهيءَ جملي تي مڙني معززين جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ خوشيءَ جا ڳوڙها هر ڪنهن جي اکين مان ٽمڻ لڳا.
ماڻهن جي انبوهه ۾ هڪ ڳوٺاڻو به پنهنجيءَ حيثيت مطابق بهترين لباس ۾ موجود هو. اهو جون جو پيءُ هوءُ. جنهن کي ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ اڄ پهريون ڀيرو ڏسي رهي هئي. ۽ کيس شايد اهو اندازو نه هو ته هي ڪو ديدار جو آخري موقعو آهي.
شهنشاهه کيس پنهنجي لاءِ تحفن ۽ انعام اڪرام جي چونڊ ڪرڻ لاءِ چيو. جون اها درخواست ڪئي ته سندس ڳوٺ ڊومريمي جي ماڻهن مٿان حڪومتي ٽيڪس بند ڪيا وڃن شهنشاهه سندس ڳالهه مڃي ۽ ڊومريمي تان سڀ ڍلون ۽ ٽيڪس ختم ڪيا ويا. ۽ اهو سلسلو ايندڙ ٽي سؤ سال هلندو رهيو. فرانس جي هر شهر ۽ ڳوٺ جي ڍل ۽ ٽيڪس پيار ڻ واري ڪتاب جو جائزو وٺبو ته ڊومريمي ۽ سندس ڀر پاسي واري ڳوٺ گرو ڪس Greux لاءِ لکيل آهي.
”ڪجهه به نه..... جون جي ڪارڻ.“
اهو حڪم نامو جنهن ۾ شهنشاهه اهو فرمان جاري ڪيو ته اهو علائقو ڪجهه به ادا نه ڪندو. اڃا تائين ڏسي سگهجي ٿو. جنهن تي جولاءِ 1429ع جي آخري تاريخ لکيل آهي.
جون جو پيءُ جڏهن اها خبر کڻي ڳوٺ پهتو هوندو ته ڊومريمي جا ماڻهو ڪيترا نه خوش ٿيا هوندا اهو ڏينهن جون جي خوشيءَ جو آخري ڏينهن هو. ريمس ڏانهن ايندي ماڻهن کائنس هڪڙو سوال ور ڏئي پئي پڇيو ته ”ڇا هوءُ ڪنهن شيءِ کان ڊڄي ٿي؟“
”ڪنهن به شيءِ کان نه ٿي ڊڄان مان.....“ هن وراڻيو هو بس بغاوت ۽ غداري نه ٿئي.“
واقعي انهيءَ ڏينهن کان ئي بادشاهه جا صلاحڪار هن جي ڪڍ پئجي ويا هئا.
جڏهن جون ريمس مان پئرس طرف وڃي رهي هئي ته ماڻهن هن جو والهانه استقبال ڪيو پئي. هن خوشيءَ وچان چيو پئي ته هو سڀ مهربان ماڻهو آهن. ۽ هوءَ سندن قبرستان ۾ دفن ٿيڻ پسند ڪندي ... هوءَ .... جنهن کي ڪڏهن دفن ٿيڻو ئي نه هو.
” جون“ وڏي پادريءَ پڇيو هو ته ”تون ڪهڙي هنڌ مرڻ پسند ڪندينءَ؟“
”جتي ڌڻي راضي ٿئي ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهڙيءَ ۽ هنڌ بابت ته مونکي به تو جيتري ئي ڄاڻ آهي. هونئن هاڻي مان پنهنجو فوجي لباس لاهي ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ پسند ڪنديس.“
جڏهن کان هن پنهنجي پيءُ کي ڏٺو هو تڏهن کان هن لاءِ پنهنجي ماءُ جي سڪ وڌي وئي هئي.
هن کان پوءِ بادشاهه ۽ سندس حوارين ڪڏهن به جون جي ڳالهه نه مڃي ۽ سڀ ڪجهه غلط ٿي ويو.
باب يارهون
پيرس ۾ ڌوڪو
فرانسين کي جون جي ڳالهه هاڻي ڏکي لڳي رهي هئي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هو جون جي اڳواڻيءَ ۾ پيرس جو رخ رکن ها پر هو هتي هُتي رلندي وقت برباد ڪندا رهيا. جيتوڻيڪ قدرت کين موقعا ڏيندي رهي پر هنن اهي وڃائڻ ۾ ئي سٺو محسوس ڪيو.
برگونڊيءَ جي هڪڙي آفيسر، ”انگيؤرينڊ ڊي مانسٽريليٽ (Enguerrand De, Monstrelet ) پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو ته هڪ ڏينهن فرانسيسي ۽ ڊيوڪ آف بيڊ فورڊ جون فوجون آمهون سامهون ٿيون پر هنن جنگ نه ڪئي. ٻئي دفعي وري انگريزن ۽ اسڪاٽن جون جهڙپون تيز پئي ٿيون ۽ موقعي جو فائدو وٺي سگهجي پيو جيڪو نه ورتو ويو.
ڪامپين (Cpompeigne) نالي هڪ مضبوط شهر الائي ڪيترا ڀيرا وري فرانسسن جي قبضي ۾ اچي ويو هو. جون جو مٿس قبضي ڪرڻ کان پوءِ، شهنشاهه پنهنجيءَ عادت مطابق اتي ترسي پيو ۽ آرام ڪرڻ لڳو. سندس سستيءَ مٿان وري سون تي سهاڳي اهو ٿيو جو ڊيوڪ آف برگونڊيءَ مٽس سفير موڪلڻ شروع ڪيا ته پيرس اجهو ڪي اجهو اوهان جي حوالي ٿيو.
ان مهل پيرس ۾ انگريز فوج جي کوٽ هئي. شهر جو عوام جون ۽ شاهه جي طرف هو ۽ پيرس هٿ ڪرڻ جو اهو بهترين موقعو هو. شهنشاهه برگونڊيءَ سان ٺاهه جي اميد ۽ وقت وڃائيندو رهيو.
جون اهو سڀ ڏسندي . ايلن ڪان ساڻ سينٽ ڊينس (Saient Denis ) جو رخ رکيو. سينٽ ڊينس اها جاءِ هئي جتي فرانس جي بادشاهن کي دفن ڪيو ويندو هو.
سينٽ ڊينس، فرانس جو هڪڙو ولي هو بلڪل ائين جيئن سينٽ جيارج انگلينڊ لاءِ سينٽ اينڊريو اسڪاٽ لينڊ جي لاءِ هئا.
ان جاءِ تي ئي برگونڊي ۽ جون جو مقابلو ٿيو. جون اڳين محاذن تي وڙهي رهي هئي ۽ بادشاهه کي سينٽ رڙهندو پئي آيو. آخرڪار ايلن ڪان بادشاهه کي سينٽ ڊينس تائين گهلي آيو. پر تيستائين هڪ طاقتور پر جوش ۽ تازي تواني انگريز فوج جي مدد اتي پهچي وئي ۽ انگريزن جي حالت سگهاري ٿي وئي.
جون پنهنجن ۽ ايلن ڪان جي جوانن کي همت ڏياريندي، پيرس شهر جي شهر پناهه جي هڪ وڏي دروازي ”پورٽ سينٽ هانر“ Port St; Honore تي حملو ڪرڻ لاءِ چيو. ايلن ڪان جي همراهن منجهان هڪڙي ”پر سيول ڊي ڪائني Percival De Cagny جنگ کان پوءِ ٻڌايو.
”جنگ خطرناڪ ۽ ڊگهي هئي. ڪڪرن وانگر تيرن جو هڪ ڌنڌ هو ۽ توب جي ڌماڪن ڪن پئي ڦاڙيا. جون پاڻ هيٺ شهر پناهه جي پاڙن ۾ هلي وئي جتي هن جا ڪيترائي ساٿي زخمي ٿي ويا. ڪيترن کي ئي تير لڳا هئا ۽ ڪيترا پٿر جي گولن جو بک بڻيا هئا پر ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان زخمي خطرناڪ حالت ۾ نه هئا. اسين منجهند کان رات تائين وڙهندا رهيا سين. سج لٿي کان پوءِ جنگ هلندي، هڪ تير جون جي ٽنگ ۾ کپي ويو. زخم گهرو پئي لڳو پر تڏهن به هوءَ اڳواڻي ڪندي نعرا هڻي رهي هئي ته ”اچو پيرس اسان جو آهي.“ پر رات ٿيڻ سان ئي بادشاهه جا ماڻهو اچي پهتا جيڪي کيس سندس مرضيءَ جي خلاف زوريءَ کڻي ويا.“
ٻئي ڏينهن جون جلدي جاڳي ايلن ڪان وٽ وئي. جنهن کيس ڪڏهن به مايوس نه ڪيو هو. بگل وڄايا ويا ۽ هڪ ٻئي فوجي سالار بيرن ڊي مانٽمورنسي (Baron De Montmorency) کان مدد ورتي وئي . جنهن جا سٺ مسلح ۽ ڦڙت جوان به هنن ساڻ گڏجي ويا. اڃا هنن پيرس جو رخ ڪيو ئي مس ته بادشاهه جو حڪم اچي ويو ته انهيءَ حملي کان باز اچجي.
هاڻي وري هنن کي بادشاهه سان ملڻ لاءِ سينٽ ڊينس وڃڻو پيو. ايلن ڪان سين نديءَ تي ڪاٺ جي هڪ پل ٺهرائي هئي. جتان لشڪر جو لنگهڻ سولو ٿي پيو هو. هنن جو خيال هو ته شهنشاهه سان ملي. ان پل واري رستي ذريعي پيرس جو رخ ڪبو پر شرمساري ان ڳالهه جي آهي ته بادشاهه پاڻ اها پل ٽڪرا ڪرائي ڇڏي ۽ هاڻي ايلن ڪان ۽ جون وٽ سين ندي ٽپڻ لاءِ ڪا راهه نه بچي.
انگريزن جو رچرڊ هڪ يا هينري پنجون، اسڪاٽ لينڊ جو جيمس چوٿون اهي حرڪتون ڪن ها ته ڪا ڳالهه به هئي . هي ته انهيءَ بادشاهه جو ڪارنامو هو جنهن کي شهزادي چارلس مان ، ”چارلس ستون“ بنائڻ ۾ جون جون ڪوششون شامل هويون، جيڪو لوئس نديءَ جي ڪناري تي جين شهر ۾ آرام ڪري رهيو هو .
پر سيول ڊي ڪاگنيءَ چواڻي ”ان ڪري ئي بادشاهه جي فوج ۽ جون جي دل هاڻي ڀڄي پئي هئي.“
ايلن ڪان اڃا تائين پنهنجي فوج سهيڙيو ويٺو هو. هن بادشاهه کي عرض ڪيو ته جيڪڏهن هن کي ۽ جون کي اجازت ڏني وڃي ته هو انگريزن جي مضبوط ترين ڳڙهه نارمنڊيءَ Normandy تي حملو ڪري سگهن ٿا. پر بادشاهه هاڻي اهڙي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ نه پئي گهري.
مايوس ٿي جون هاڻي پنهنجي زرهه سينٽ ڊينس ۾ لاهي رکي هئي. سندس ڏنل مدي مان يعني هڪڙي سال مان ڇهه مهينا گذري چڪا هئا. بادشاهه هن مهل به لوئر جي ڪناري تي مختلف ڳوٺن ۾ آرام ڪري رهيو هو. جڏهن ته کيس پنهنجي گاديءَ جي هنڌ پيرس ۾ هئڻ گهرجي ها.
ان وچ ۾ انگريزن جون جا فتح ڪيل ڪجهه شهر وري حاصل ڪري ورتا هئا. سندن ظلم جو دائرو وڌي رهيو هو ۽ جون لاءِ هاڻي صرف پراڻي نموني ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ حملي ڪرڻ جي راهه بچي هئي.
باب ٻارهون
ڪجهه شهرن تي قبضو
هوشيار بادشاهه پنهنجي ڏاهپ جو هڪ ٻيو ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ ڊيوڪ آف برگونڊيءَ ساڻ هڪ ٻيو معاهدو ڪيو ته هو ٻئي 1430ع جي ايسٽر تائين ڪا به جنگ ڪونه ڪندا. جڏهن ته هو پاڻ انگريزن سان وڙهي سگهي ٿو. جيڪو بادشاهه کان ڪڏهن به نه پئي پڳو.
انگريزن ڊيوڪ آف برگونڊيءَ کي پيرس جو گورنر مقرر ڪيو. پيرس فرانس جو گاديءَ جو هنڌ هو ۽ هڪ اهم شهر جو. جنهن لاءِ جون جي خواهش هئي ته ڪيئن به ڪري هٿ ڪجي. پر بادشاهه چواڻيءَ تي هو پيرس تي حملو نٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته اهو برتگونڊيءَ جي حڪمرانيءَ ۾ آهي ۽ انگريزن جو مٿس ڪو به عمل دخل ڪونهي. اهو مڙئي جنگ کان جان ڇڏائڻ لاءِ بهانو هو. جون جي سوچ هئي ته انگريزن ۽ هنن جي جوان ولي عهد هينري ڇهين کي فرانس مان ڌڪي ڪڍجي ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ته وڃڻ وارا ئي نه هئا. انگريزن وٽ اڃا به لوئر جي ڪناري تي ڪيترائي شهر قبضي هيٺ هئا. جن ۾ سينٽ پيري لا موسٽيئر (St; Pierre _ La _ Moustier ) ۽ لاشيرائيٽ (La Chaeite) به شامل هئا.
جون بورجيس (Bourges) وئي ۽ اتي وڃي ڊي البرٽ (D’ Albert ) نالي همراهه سان گڏجي فوج ترتيب ڏنائين. ڊي البرٽ ۽ جون گڏجي پيري لا موسٽيئر تي حملو ڪيو. جڏهن هنن ڀتين ۾ سوراخ ڪري وڌا ۽ اندر وڃڻ لاءِ لوهه ڪيائون ته اندر موجود انگريز قوت ۾ تمام گهڻا هئا ۽ هنن فرانسين کي ماري ڀڄايو. ان وقت جون جو بهترين مددگار ڊيو آلون ذخمي هو. جنگ ۾ هڪ تير سندس کڙيءَ ۾ لڳي ويو هو ۽ زخمي پير جي ڪري ڊيو آلون هاڻي ڪاٺ جي گهوڙيءَ وسيلي چر پر ڪري پئي سگهيو. هن ڏٺو ته جتي فرانسين جا جٿا موٽ کائي رهيا هئا اتي اڪيلي جون ۽ سندس ڪجهه ساٿي وڙهت کائي رهيا هئا. ڊي آلون هڪ گهوڙي تي چڙهي جون وٽ پهتو ۽ کيس ان خطرناڪ هنڌ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيائين.
”تون هتي ذري گهٽ اڪيلي ڇا پئي ڪرين؟“
هن پنهنجو ٽوپلو لاٿو ۽ وراڻيائين.
”مان اڪيلي ته ناهيان، منهنجا پنجاهه هزار ساٿي مون ساڻ آهن“ هن جو اشارو شايد خدائي مدد ڏانهن هو.“ ۽ مان ايستائين هتان نه وينديس جيستائين هي شهر فتح نه ڪيان.“
ڊي آلون کيس ٻڌايو ته چئن پنجن همراهن ساڻ جنگ وڙهڻ به ڪا عقلمندي ناهي، تنهن تي جون کيس حڪم ڏيندي چيو ته ڪاٺين جا ڍير کڻائي اچي ته قلعي هيٺ کاهيءَ کي ڀري ڪاهه ڪجي.
”ڪاٺين جا ڍير کپن... ڳنڍيون کپن...... کڻي اچو.“
جون رڙ ڪئي. سندس پوئلڳن هن جو حڪم مڃيو کاهي ڀرجي وئي فوج ان مٿان لنگهندي وري قلعي تي زور آزمائي ڪرڻ لڳي ۽ هاڻي ڪاميابي سندن قدم چميا، انگريزن هارايو ۽ شهر جون جي حوالي ٿي ويو.
اهو سڀ بلڪل ائين ئي ٿيو هو جيئن لاس ٽوريلاس ۾ هن جي فوج پوئتي هٽڻ واري ئي هئي جو جون رڙ ڪئي هئ.
”هڪڙو حملو ٻيو به ڪبو.“
۽ سندس ساٿين همت سان لبريز ٿي، ڀرپور حملو ڪيو هو ۽ انگريز سندن شڪست نه مڃڻ واري سگهه ڏسي ڊڄي ويا هئا. پيري لا موسٽيئر جي فتح ان قسم جو آخري مثال هئي. جون ته لاشيرائٽ کي به گهيري ۾ آندو پر بادشاهه کيس خوراڪ جو ذخيرو تمام گهٽ موڪليو هو. نتيجي ۾ جون ۽ سندس ساٿين کي واپس موٽڻو پيو هو.
ان ساڳئي وقت ۾ جون لاءِ هڪ ٻيو ڏچو پيدا ٿي ويو هو. جيڪو هڪ خاتون جي صورت ۾ هو. هن خاتون جو نالو لاروشيل جي ڪيٿرائن Catherine of La Rochelle هو. هيءَ هڪ شادي شده خاتون هئي. جنهن اها دعوا ڪئي هئي ته هڪ رات جو وٽس هڪ سهڻي عورت آئي جنهن کي سون جو لباس پهريل هو. ان عورت ڪيٿرائن لاروشيل کي ٻڌايو ته خزانه ڪٿي لڪل آهن. اهي خزانا ڳولڻ تمام ضروري هئا. ڇاڪاڻ ته انهن جي مدد سان فوج لاءِ ساز سامان هٿ ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي ها.
جون جي اها راءِ هئي ته ڪيٿرائن جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ کان پهرين هن سان ملڻ ضروري آهي. هن ڪيٿرائن ساڻ سڄي رات ڪچهري ڪئي پر هوءَ جون کي مطمئن نه ڪري سگهي.
جن صبح ساڻ ئي ڪيٿرائن کي چيو ته هوءَ خزانن واريءَ ڳالهه تان هٿ کڻي. پنهنجن ٻارن ۽ مڙس جي سار سنڀال لهي ۽ وڃي گهر سنڀالي. اهو سچ آهي ته ڪيترائي ماڻهو اهڙين پراسرار قوتن جا مالڪ هوندا آهن پر هنن لاءِ ضروري آهي ته وٽن همت هجي. جيڪا صرف جون جهڙن وٽ ئي ٿي سگهي ٿي.
ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪيٿرائن کيس اهو چيو هجي ته .تون جي منهنجي امير خاتون کي ٿي ڏسي سگهين ته مان به ته تنهنجن ولين کي نه ٿي ڏسان نه ئي هنن جا ڪي آواز ٿي ٻڌان.“
فرق صرف اهو هو جو جون جي قوتن گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو هو ۽ ڪيٿرائن رڳو ڳالهه ڪئي هئي. خزانو لهڻ سندس وس کان ٻاهر هو.
عطا قاضي
غزل
مرڪ جو احسان ٿو ٿيندو وڃي،
درد جو درمان ٿو ٿيندو وڃي.
هاڻ هو احساس سمجهڻ آلڳو،
هاڻ هو انسان ٿو ٿيندو وڃي.
کوکلن ٽهڪن پٺيان ائين ٿو لڳي،
ڄڻ دفن ارمان ٿو ٿيندو وڃي.
تنهنجي هوندي ڀي پرين! دل جو شهر،
ڇو ڀلا، ويران ٿو ٿيندو وڃي!
غور ڪر مظلوم جي هر آهه منا،
تيز تر طوفان ٿو ٿيندو وڃي.
تنهنجي پوڄا کي ڏسي هاڻي عطا!
هو به ڏس! ڀڳوان ٿو ٿيندو وڃي.
حبدار سولنگي
غزل
جذبا ساڳيا هر پل رکجن!
سندر سندر ڪومل رکجن!
آس، مرڪ چاهت ۽ سڪ،
سندس ڏيئا ٻاريل رکجن!
خوشبوئن سان سارا گهر،
گهٽيون رستا واسيل رکجن!
مرڪن سان چهرا ماڻهن جا،
”حبدار“ سدا جرڪيل رکجن!
مرحوم جي ياد ۾
هڪ ڏينهن مرزا صاحب ۽ مان ورانڊي ۾ گڏو گڏ ڪرسوين وجهي چپ چاپ ويٺا هئا سين. جڏهن دوستي پراڻي ٿي وڃي ته گفتگوءَ جي ضرورت بلڪل نه پوندي آهي. ۽ دوست هڪ ٻئي جي خاموشيءَ مان به مزو ماڻي سگهندا آهن. ساڳي حالت اسان جي به هئي. اسان ٻئي پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ غرق هئاسين. مرزا صاحب ته خدا ڄاڻي ڇا سوچي رهيو هو. پر مان زماني جي ناسازگاريءَ تي غور ڪري رهيو هئس. پرروڊ تي ٿوري وقفي کان پوءِ ڪا موٽر گذري پئي وڃي. منهنجي طبيعت ڪجهه اهڙي واقع ٿي آهي جو جڏهن به ڪنهن جي موٽر ڪار ڏسندو آهيان ته مون کي زماني جي ناسازگاريءَ جو خيال ضرور ستائيندو آهي ۽ مان ڪا اهڙي ترڪيب ضرور سوچڻ لڳندو آهيان جنهن سان دنيا جي تمام دولت سڀني انسانن ۾ برابر ورهائي سگهجي. جيڪڏهن مان روڊ تي پنڌ وڃي رهيو آهيان ۽ ڪا موٽر ڪار ان ادا سان گذري وڃي جو ڌوڙ ۽ مٽي منهنجن ڦڦڙن منهنجي دماغ منهنجي پيٽ ۽ منهنجي جيري تائين پهچي وڃي ته ان ڏينهن گهر اچي ڪيميسٽري جو اهو ڪتاب ڪڍندو آهيان. جيڪو مان ٻارهين جماعت ۾ پڙهيو هو. ۽ ان غرض سان ان جو مطالعو ڪندو آهيان ته شايد بم بنائڻ جو ڪو طريقو هٿ اچي وڃي.
مان ڪجهه دير تائين ٿڌا ساهه ڀريندو رهيس. مرزا صاحب ڪو ڌيان ئي نه ڏنو. آخر مون پاڻ خاموشي ٽوڙيندي مرزا صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو:
”مرزا صاحب اسان ۾ ۽ حيوانن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
”مرزا چيو، ادا ڪو ته هوندو آخر.“
”مان ٻڌايان توکي؟“
چوڻ لڳو. ”ٻڌاءِ.“
”مون چيو ڪو فرق ڪونهي ٻڌين ٿو مرزا ڪو فرق ڪونهي. اسان ۽ حيوانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ۽ حيوان ۾ ته ڪو فرق ڪونهي.ها، ها، مان ڄاڻان ٿو ته تون خاميون ڪڍڻ جو ماهر آهين. چوندين حيوان پنهنجي خوراڪ پيٽ مان ٻيهر وات ۾ آڻي چٻاڙي سگهندا آهن. تون ائين نه ٿو ڪري سگهين. انهن کي پڇ هوندو آهي توکي ڪونهي پر انهن ڳالهين سان ڇا ٿو ٿئي؟ ان مان ته صرف اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهي مون کان افضل آهن. پر هڪ ڳالهه ۾ مان ۽ اهي بلڪل برابر آهيون. اهي پنڌ ڪندا آهن مان به پنڌ ڪندو آهيان. ان جو تون وٽ ڪهڙو جواب آهي؟ جواب ڪونهي . ڪجهه آهي ته چئو... بس چپ ٿي وڃ تون ڪجهه نٿو چئي سگهين. جڏهن کان مون هارايو آهي تڏهن کان پنڌ هلان پيو.“
”پنڌ....... پنڌ جي معنيٰ نه ٿو ڄاڻين، پنڌ جي معنيٰ آهي زمين جي ڇاتيءَ تي اهڙِي طرح حرڪت ڪرڻ جو ٻنهي پيرن مان هڪ زمين تي ضرور رهي. يعني سڄي عمر منهنجي حرڪت ڪرڻ جو طريقو اهو ئي رهيو آهي. جو هڪ پير زمين تي رکندو آهيان ۽ ٻيو کڻندو آهيان. هڪ اڳيان ٻيو پويان. خدا جو قسم اهڙي زندگيءَ جي ڪري دماغ سوچڻ جي قابل نه ٿو رهي. حواس بيڪار ٿي ويندا آهن. خيال مري ويندا آهن _ ماڻهو گهر کان بيگانو ٿي ويندو آهي.
مرزا صاحب منهنجي هن تقرير دوران ڪجهه اهڙي بي پرواهيءَ سان سگريٽ پيئندو رهيو. جو سندس بي ڌيانيءَ تي دل روئڻ گهري پئي _ مان حقارت ۽ نفرت مان منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. ۽ ائين لڳي پيو ته مرزا کي منهنجي ڳالهين تي يقين ئي نٿو اچي. يعني مان جيڪي پنهنجيون تڪليفون بيان ڪري رهيو هجان اهي خيالي هجن. يعني منهنجي پنڌ هلڻ خلاف شڪايت ڪرڻ ڌيان جي قابل ئي ناهي ۽ مان ڪنهن سواريءَ جو حقدار ئي ناهيان. مون دل ۾ چيو: ”مرزا ائين ئي سهي ڏس ته مان ڪيان ڇا ٿو......“
مون پنهنجا ڏند ڀيڪوڙي ڇڏيا ۽ ڪرسيءَ جي ٻانهن تي جهڪي مرزا جي ويجهو ٿي ويٺس ته مرزا صاحب مون ڏي ڏٺو. مان کليس پر منهنجي کل ۾ زهر مليل هو. جڏهن مرزا ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي ويو ته مان چٻي چٿي چوڻ لڳس.
”مرزا صاحب مان هڪ موٽر خريد ڪرڻ وارو آهيان.“
اهو چئي مان وڏي بي نيازيءَ سان ٻئي طرف ڏسڻ لڳس.
مرزا چيو.
”ڇا چيو تو؟ ڇا خريد ڪرڻ وارو آهين؟“
مون چيو: ”ٻڌو نه تو ته مان موٽر ڪار هڪ اهڙي گاڏي آهي. جنهن کي گهڻا ماڻهو موٽر چوندا آهن. گهڻا ماڻهو ڪار، پر جيئن ته تون ضرورت کان وڌيڪ ذهين آهين ان ڪري مان ٻئي لفظ استعمال ڪيا آهن، ته جيئن توکي سمجهڻ ۾ ڪا دقت نه پيش اچي.“
مرزا چيو:
”هونهه!“
هن ڀيري مان بيپرواهيءَ سان سگريٽ پيئڻ لڳس. ڀرون مٿي چاڙهي پوءِ سگريٽ وارو هٿ منهن تائين ان انداز ۾ کڻي پيو اچان ۽ موٽايان جو وڏا وڏا اداڪار ان تي رشڪ ڪن. ٿوري دير کان پوءِ مرزا وري چيو ”هونهه.“
مون سوچيو اثر ٿي رهيو آهي. مرزا تي رعب پئجي رهيو آهي _ مان چاهيان پيو ته مرزا ڪجهه چوي ته جيئن مون کي معلوم ٿئي ته ڪيستائين مرعوب ٿيو آهي. پر مرزا ٻيهر به چيو.
”هونهه!“
مون چيو: مرزا جيستائين مون کي ڄاڻ آهي ته تون اسڪول ڪاليج ۽ گهر ۾ ٻه ٽي زبانون سکيون آهن ان کان سواءِ توکي ڪيئي اهڙا لفظ به ايندا آهن. جيڪي ڪنهن اسڪول، ڪاليج يا شريف گهراڻي ۾ ڳالهايا نه ويندا آهن. پوءِ به هن وقت تنهنجو ڪلام ”هونهه، کان اڳيان نه ٿو وڌي. تون سڙين ٿو مرزا _ هن وقت تنهنجي جيڪا ذهني ڪيفيت آهي تنهن کي عربي ٻوليءَ ۾ حسد چوندا آهن.
مرزا صاحب چوڻ لڳو: ”نه اها ڳالهه ڪانهي.“ مان ته صرف خريد ڪرڻ جي لفظ تي غور ڪري رهيو آهيان. تو چيو ته مان هڪ موٽر خريد ڪرڻ وارو آهيان. ته ميان خريد ڪرڻ هڪ اهڙو عمل آهي. جنهن لاءِ پئسن وغيره جي ضرورت هوندي آهي. ”وغيره“ جو بندوبست ڪيئن ڪندين؟“
اهو نڪتو نه سوچيو هو، پر مون همت نه هاري، مون چيو:
مان پنهنجون قيمتي شيون وڪڻي سگهان ٿو.“
مرزا چيو ”مثلا“
مون چيو: ”هڪ ته مان پنمهنجي سگريٽ جو ڊٻو ( سگريٽ ڪيس) وڪڻي ڇڏيندس.“ مرزا چوڻ لڳو. ”ٺيڪ پنجاهه رپيا ته اهي ٿي ويا باقي سٺ ستر هزارن جو انتظام ائين ئي ٿي ويندو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
ان کان پوءِ ضروري لڳو پئي ته گفتگو جو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ روڪي ڇڏجي. تنهن ڪري مرزا کان بيزار ٿي خاموش رهيس. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ماڻهو پئسو ڪٿان آڻيندا آهن؟ ڏاڍو سوچيو ۽ آخر ان نتيجي تي پهتس ته ماڻهو چوري ڪندا آهن _ ان سان ڪجهه اطمينان ٿيو.
مرزا چيو:
”توکي هڪڙي ترڪيب ٻڌايان _ هڪ سائيڪل وٺي وٺ.“
مون چيو، ”هو رپين جو مسئلو ته پوءِ به اتي جو اتي رهيو.“
چوڻ لڳو ”مفت، مان حيران ٿي پڇڻ لڳس.
”مفت..... اهو ڪيئن؟“
چوڻ لڳو، مفت ئي سمجهه آخر دوست کان پئسا وٺڻ ڪٿان جي شرافت آهي، باقي تون احسان قبول ڪرڻ پسند نه ڪندين ته اها ٻي ڳالهه آهي.،
اهڙن موقعن تي جيڪا کل مان کلندو آهيان. ان ۾ معصوم ٻار جي کل، جوانيءَ جي خوشي آبشارن جي موسيقي ۽ بلبلن ج نغمو سڀ هڪ ٻئي سان گڏ مليل هوندا آهن. تنهن ڪري مان اهاکل کليس ۽ اهڙي طرح کليس جو کليل ڳل ڪلاڪن تائين پنهنجي جاءِ ته واپس نه موٽيا.
ان ڪري مون کي يقين ٿي ويو ته اچانڪ ڪنهن خوشخبري ٻڌڻ سان دل جي حرڪت بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي. ان کان محفوظ آهيان. مون دل ٻڌي پڇيو.
”آهي ڪنهن جي.....؟“
مرزا چيو، ”مون وٽ هڪ سائيڪل پئي آهي. اها تون کڻ.“
مون چيو: ”وري چئو... وري چئو.“
چوڻ لڳو. ”ادا هڪ سائيڪل مون وٽ آهي. يعني منهنجي آهي ته تنهنجي آهي تون اها کڻ.“
يقين ڄاڻو منهنجي مٿان دريا هارجي پيو. شرم کان پگهرجي ويس، پندرهين صديءَ ۾ اهڙي بي غرضي ۽ قرباني ڀلا ڪٿي ٿي نظر اچي. مان ڪرسي کسڪائي مرزا وٽ ڪئي. سمجهه ۾ نه آيو ته پنهنجي ندامت ۽ شرمساريءَ جو اظهار ڪهڙن لفظن ۾ ڪيان.
مون چيو: ”مرزا صاحب پهرين ته مان ان گستاخيءَ بدتميزي ۽ بي ادبي جي معافي ٿو گهران. جيڪا هينئر مون گفتگوءَ ۾ جاري رکي. ٻيو مان اڄ تنهنجي سامهون هڪ اعتراف ڪيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪيان ته تون منهنجي صاف گوئي جو داد ڏيندين، ۽ مون کي پنهنجي رحمدليءَ جي صدقي ۾ معاف ڪري ڇڏيندين. مان هميشه توکي ڪميڻو، خود غرض ۽ شيطان قسم جو انسان سمجهندو رهيو آهيان. ڏس ناراض نه ٿجانءِ انسان کان غلطي ٿي ئي ويندي آهي، پر اڄ تو پنهنجي شرافت ۽ دوست پروريءَ جو ثبوت ڏنو آهي، ۽ مون تي ثابت ڪيو اٿئي ته مان ڪيترو قابل نفرت تنگ خيال ۽ حقير شخص آهيان. مون کي معاف ڪري ڇڏ.“
منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. دل چاهيو ته مان مرزا جي هٿن کي چمان ۽ سندس هنج ۾ مٿو رکان پر ائين ڪري نه سگهيس. مرزا صاحب چوڻ لڳو:
”واهه ان ۾ ڪهڙي فياضي آهي، مون وٽ هڪ سائيڪل آهي. جنهن تي مان سوار ٿيس ائين ئي تون سوار ٿئين.“
مون چيو. ”مرزا مفت ۾ نه وٺندس. اهو هر گز نٿو ٿي سگهي.“
مرزا چوڻ لڳو ”بس ان ڳالهه کان ڏڪندو آهيان، تون ايترو حساس آهين جو ڪنهن جو احسان کڻڻ برداشت نٿو ڪرين جڏهن ته خدا گواهه آهي.... احسان ته ان ۾ ڪو ڪونهي.“
مون چيو، ”خير ڪجهه به سهي پر تون مون کي ان جي قيمت ٻڌاءِ.“
مرزا چيو: قيمت جو ذڪر ڪري ڄڻ تن مون کي عذاب ۾ وجهين ٿو ۽ جنهن قيمت تي مون خريد ڪئي هئي، اها تمام گهڻي هئي ۽ هينئر ته اها ايتري جي نه رهي آهي.“
مون پڇيو، ”تو ڪيتري ۾ خريد ڪئي هئي.“
چوڻ لڳو ”مون پورن ٻارنهن سون ۾ خريد ڪئي هئي. پر ان وقت سائيڪل جو رواج ڪجهه گهٽ هو _ ان ڪري. قيمت ڪجهه وڌيڪ هئي.“
مون چيو ”ڇا گهڻي پراڻي آهي؟“
چيائين، ”ايتري پراڻي به ڇا هوندي منهنجو پٽ ان تي ڪاليج ايندو ويندو هو. ۽ ان کي ڪاليج ڇڏيندي اڃا ٻه سال به نه ٿيا آهن. پر ايترو ضرور آهي جو اڄڪلهه جي سائيڪلن کان ڪجهه مختلف آهي. اڄڪلهه ته سائيڪلون ٽين جو ٺهن ٿيون، جن کي ڪاليج جا مٿو ڦريل ڇوڪرا سستو سمجهي خريد ڪندا آهن. پراڻين سائيڪلن جا ماڊل مظبوط هوندا هئا.“
”پر مرزا ٻارنهن سؤ ته مان هر گز نه ٿو ڏئي سگهان ايترا پئسا مون وٽ ڪٿان آيندا مان ته ان جي اڌ قيمت به نه ٿو ڏئي سگهان.“
مرزا چوڻ لڳو .ته مان توکان قيمت وٺان ڪٿي ٿو.... پهرين ته قيمت وٺڻ نه ٿو چاهيان ... پر....“ مون چيو ”نه مرزا قيمت ته توکي وٺڻي ئي پوندي ۽ ائين ٿا ڪريون مان تنهنجي کيسي ۾ ڪجهه پئسا وجهي ٿو ڇڏيان تون گهر وڃي ڳڻي وٺجانءِ جيڪڏهن قيمت منظور پوي ته سڀاڻي سائيڪل موڪلي ڏجانءِ نه ته پئسا موٽائي ڏجانءِ هاڻي هتي ويهي مان توسان سودو ڪري چڪو آهيان.“
مرزا چيو ”ادا، جيئن تنهنجي مرضي ما هينئر به اهو ٿو چوان ته قيمت کي ڇڏ پر مون کي خبر آهي تون نه مڃيندين.“
مان اٿي اندر ڪمري ۾ ويس _ مون سوچيو استعمال ٿيل شين جي قيمت ماڻهو اڌ ڏيندا آهن _ پر جڏهن مرزا کي چيو هو ته اڌ قيمت به نه ٿو ڏئي سگهان ته مرزا ان تي اعتراض نه ڪيو هو. اهو ويچارو بلڪل اهو چوي پيو ته تون مفت ئي کڻ. پر مان ڪيئن وٺان آخر سائيڪل آهي هڪ سواري آهي، گهوڙن، موٽرن، موٽر سائيڪلن ۽ ٽانگن جي خاندان ۾ شامل ٿيندي آهي.پيتي کولي هتان هُتان ملائي معلوم ٿيو ڪل پوڻان ٽي سؤ روپيا آهن. پوڻان ٽي سؤ ڪا ٺيڪ رقم ناهي. ٽي سؤ هجن ته به صحيح آهي. جيڪڏهن پوڻان ٽي سؤ ڏيڻا آهن ته اڍائي سؤ ڇو نه ڏنا وڃن. جن رقمن جي آخر ۾ ٻڙي هوندي آهي بس اڍائي سؤ ڏيندس.“
خدا ڪري مرزا قبول ڪري:
ٻاهر آيس، اڍائي سؤ هٿ ۾ دٻائي مرزا جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ۽ چيو ”مرزا هن کي قيمت نه سمجهجانءِ پر هڪ دوست جي حقير رقم منظور ڪجانءِ توکي پنهنجي توهين محسوس نه ٿئي ته سائيڪل موڪلي ڏجانءِ.
مرزا وڃڻ لڳو ته مان ٻيهر چيو. ”مرزا سڀاڻي صبح جو ئي موڪلي ڏجانءِ موڪلائڻ کان پهرين هڪ ڀيرو ٻيهر چيو.
”سڀاڻي صبح جو اٺين وڳي تائين پهچي وڃي... .. دير نه ڪجانءِ ... خدا حافظ وڏي مهرباني.. مان تنهنجو شڪر گذار آهيان ۽ منهنجي غلطي کي معاف به ڪجانءِ ڏس نه ڪڏهن ڪڏهن ائين ئي بي تڪلفي ۾..... سڀاڻي صبح اٺين وڳي تائين...... ضرور .... خداحافظ..“
مرزا چوڻ لڳو ”ٿورو ان کي ڌوئي پوئي صاف ڪجانءِ ۽ تيل وغيره به وجهرائجانئس. منهنجي نوڪر کي فرصت هوندي ته ان کي چوندس نه ته مان پاڻ ئي وجهرائي ڇڏيندس نه ته تون پاڻ وجهرائجانءِ.“
مون چيو: ”ها اهو سڀ ڪجهه ٿي ويندو. تون سڀاڻي ضرور موڪلي ڏجانءِ ياد سان اٺين وڳي يا ساڍي اٺين وڳي تائين پهچي وڃي.... چڱو خداحافظ.“
رات جو هنڌ تي ليٽي سائيڪل تي گهمڻ جا مختلف پروگرام تيار ڪرڻ لڳس. اهو ارادو پڪو ڪري ڇڏيم ته ٻه _ ٽي ڏينهن ڀرپاسي وارين مشهور تاريخي جاين ۽ دڙن کي نئين سر ڏسندس. ان کان پوءِ ايندڙ گرمي (اونهاري) جي موسم ۾ ٿي سگهيو ته سائيڪ تي سڄي حيدرآباد گهمندس. صبح صبح هوا کائڻ لاءِ هر روز المنظر تائين ويندس. ۽ شام جو المنظر تي جتي ٻياماڻهو گهمڻ ويندا مان به ويندس. مان روڊ جي صاف سٿري سطح تي هلڪي هلڪي خاموشي سان ٽينس جي بال وانگر گذري ويندس. غروب ٿيندڙ سج جي روشني سائيڪل جي چمڪندڙ حصن تي پوندي ته سائيڪل جرڪي پوندي. ۽ ائين لڳندو جيئن ڪو آسماني پکي زمين سان گڏ اڏامندو هجي. اها کل جنهن جوذڪر مان اڳ ڪري چڪو آهيان. اڃا تائين منهنجي چپن تي کيڏي رهي هئي. ڪيئي ڀيرا دل چاهيو ته ڊڪي وڃان ۽ مرزا کي ڀاڪر پايان. رات جو خواب ۾ دعائون گهرندو رهيس ته خدا ڪري سائيڪل ڏيڻ تي راضي ٿي پوي. صبح جو جاڳيس ته اٿندي ئي نوڪر اها خوشخبري ٻڌائي ”سائين سائيڪل اچي وئي.“
مون چيو: ”ايترو سوير؟“
نوڪر چيو .اها ته رات جو ئي اچي وئي هئي. توهان سمهي پيا هئا. مون جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو. ۽ ها، مرزا جو ماڻهو پيچ (نٽ) کي مضبوط ڪرڻ جو اوزار به ڏيئي ويو آهي.“
مان حيران ٿيس ته مرزا صاحب سائيڪل موڪلڻ ۾ ايتري جلدي ڇو ڪئي. پر ان نتيجي تي پهتس ته ماڻهو انتهائي شريف ۽ ديانتدار آهي. پئسا ورتا اٿس ته سائيڪل ڇو روڪي ها.
نوڪر کي چيم ”اهو اوزار هتي ئي رک ۽ سائيڪل کي ڪنهن ڪپڙي سان چڱي طرح ڇنڊ، ۽ ڦاٽڪ تي جيڪو سائيڪل وارو آهي ان کان وڃي سائيڪل ۾ وجهڻ جو تيل وٺي اچ اڙِي ڳاٽي ڀڳا ڪيڏانهن ٿو وڃي مان توکي چوان پيو سائيڪل واري کان تيل جي دٻي وٺي اچ ۽ جتي جتي تيل ڏيڻ جي ضرورت هجي، اتي تيل ڏجانءِ. سائيڪل واري کي چئجانءِ ڪو بيڪار قسم جو تيل نه ڏئي جنهن سان خراب ٿي پون. سائيڪل جا پرزا تمام نازڪ ٿيندا آهن. ۽ سائيڪل ٻاهر ڪڍي رک مان هينئر ڪپڙا بدلائي اچان ٿو.“
تڪڙو تڪڙو غسل خاني ۾ وڃي ڏاڍي جوش خروش ”دانه په دانه“ ڳائڻ لڳس. ان کان پوءِ ڪپڙا بدلائي اوزار کيسي ۾ رکي ڪمري کان ٻاهر نڪتس. ورانڊي ۾ آيس ته هڪ عجيب غريب مشِن پئي آهي. ٺيڪ طرح سڃاڻي نه سگهيس ته ڇا شيءِ آهي. نوڪر کان پڇيم ”اڙي ڇورا اها ڇا شيءِ آهي؟“
نوڪر ٻڌايو ”سائين اها سائيڪل آهي.“
مون چيو. ”سائيڪل؟ ڪنهن جي سائيڪل؟“
چوڻ لڳو ”مرزا صاحب اها اوهان لاءِ موڪلي آهي.“
”۽ اها سائيڪل جيڪا رات جو ان موڪلي هئي اها ڪيڏانهن وئي؟“
”اها ئي ته آهي سائين.“
”ڪهڙِي بڪواس پيو ڪرين مرزا صاحب جيڪا سائيڪل ڪلهه رات موڪلي هئي اها اها آهي؟“
چوڻ لڳو ”جي ها.“
”ته پوءِ ان کي صاف ڇو نه ڪيو اٿئي؟“ ۽ مان ان کي تڪڻ لڳس.
”سائين ٻه ٽي ڀيرا صاف ڪئي آهي.“
”ته پوءِ ميري ڇو آهي؟“
نوڪر ان جو جواب ڏيڻ شايد چڱو نه سمجهيو.
”تيل وٺي آئين؟“
”ها سائين وٺي آيو آهيان.“
”ڏنئي؟“
”سائين جيڪي تيل ڏيڻ جا سوراخ هوندا آهن. اهي نٿا ملن.“
”ڇا جي ڪري؟“
”سائين سڄيءَ سائيڪل تي زنگ ڄميل آهي. سو اهي سوراخ بند ٿي ويا آهن.“
آهستي آهستي مان ان شيءِ جي ويجهو آيس. جنهن کي منهنجو نوڪر سائيڪل چئي رهيو هو. ان جي مختلف پرزن تي غور ڪيم ته پڪ ٿي ته اها سائيڪل ئي آهي.پر عجيب نموني مان اهو صاف ظاهر هو ته ڪيريئر گراريون ۽ باڊي اڄ ڪلهه جي جديد ايجادن کان مختلف آهن. پوءِ ڦيٿي کي گهمائي گهمائي سوراخ ڪيم جتي ڪنهن زماني ۾ تيل ڏنو ويندو هو. پر هينئر سوراخ ۾ اچڻ وڃڻ جو سلسلو بند هو تنهن ڪري نوڪر چيو.
”سائين اهو تيل ته هيڏانهن هوڏانهن وهي وڃي ٿو. وچ ۾ وڃي ئي نه ٿو.
مون چيو ٺيڪ آهي مٿي ئي وجهي ڇڏ اهو به سٺو ٿيندو آهي.“
آخر ڪار سائيڪل تي سوار ٿيس. پهريون ئي پير هلائڻ سان سمجهيم ته جيئن ڪو مئل ماڻهو هڏيون ٽڙڪائي پنهنجي مرضيءَ خلاف زندهه ٿيندو هجي. گهر کان نڪرندي ئي ٿوري چاڙهي هئي. ان تي سائيڪل پنهنجو پاڻ هلڻ لڳي. پر ان رفتار سان جيئن تارڪول زمين تي وهندو آهي ۽ ان سان گڏ مختلف حصن مان قسمين قسمن جا آواز اچڻ شروع ٿيا. انهن آوازن جا مختلف خاندان هئا. چي چان چون جي قسم جا آواز گهڻا (گدي) سيٽ جي هيٺان ۽ پوئين ڦيٿي مان نڪرن پيا... کٽ، کڙ، کرڙ کرڙ جي قبيلي جا آواز مڊ گارڊ مان اچن پيا. چر چر قسم جا سر وري زنجير ۽ پيڊل مان نڪرن پيا. زنجير ڍلي هئي. جڏهن به پيڊل تي زور وجهان پيو ته زنجير ۾ هڪ ڇڪ پيدا ٿي پئي وڃي. جنهن سان اها ڇڪجي چرڙ ڪري ڳالهائڻ شروع ڪري پئي ۽ ٻيهر ڍلي ٿي پئي وڃي. اڳيون ڦيٿو گهمڻ کان علاوه جهومي به پيو، يعني هڪ ته اڳيان هلي پيو ۽ ان کان علاوه ساڄي کان کاٻي ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي حرڪت به ڪري رهيو هو. ان ڪري روڊ تي جيڪي نشان ٺهي رهيا هئا. تن کي ڏسي ائين لڳي پيو ته ڄڻ ڪو نانگ لهرائيندو نڪري ويو آهي.
اڳيئن ڦيٿي جي ٽائر ۾ هڪ وڏو جوڙ لڳل هو. جنهن ڪري ڦيٿو هر چڪر ۾ هڪ ڀيرو مٿي اٿي وڃي پيو. ۽ منهنجو مٿو ائين جهٽڪا کائي رهيو هو ڄڻ ڪو مسلسل کاڏيءَ جي هيٺان مڪون هڻندو هجي. پوئين ۽ اڳئين ڦيٿي کي ملائي چون چون ڦٽ ڦٽ چڄون، چڄون، جي صدا نڪري رهي هئي. جڏهن هيٺان روڊ تي سائيڪل ڪجهه تيز ٿي ته فضا ۾ هڪ هلچل مچي وئي ۽ سائيڪل جي ڪيئي پرزا جيڪي هينئر تائين ستل هئا. ڄڻ جاڳي پيا. هيڏانهن هوڏانهن ماڻهو پريشان ٿيا. مائرن پنهنجن ٻارن کي ڇاتي (سيني) سان لڳايو. کرڙ کرڙ جي وچ ۾ ڦيٿن جو آواز الڳ ٻڌڻ ۾ اچي پيو. پر جيئن ته سائيڪل هينئر پهرين کان تيز هئي. تنهن ڪري چون چون ڦٽ ڦٽ جا آواز هاڻي چڄون ڦٽ چڄون ڦٽ واري صورتحال اختيار ڪري ورتي هئي. سڄي سائيڪل ڪا آفريڪي ٻولي ڳالهائي رهي هئي.
ايتري قدر تيز رفتاري سائيڪل جي نازڪ طبيعت تي نا گوارا محسوس ٿي. تنهنڪري ان ۾ هڪدم ٻه تبديليون اچي ويون هڪ ته هئنڊل هڪ پاسي گهمي ويو. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته مان وڃان ته سامهو پيو، پر منهنجو سڄو بدن ساڄي پاسي مڙي ويو. ان کان علاوه سائيڪل جي گدي (سيٽ) اندازاً ڇهه انچ هيٺ ٿي وئي. تنهن ڪري پيڊل گهمائڻ لاءِ جڏهن مان ڄنگهون هيٺ مٿي ڪري رهيو هيس ته منهنجا گوڏا کاڏيءَ تائين پهچي پيا وڃن. چيلهه ٻيڻي ٿي ٻاهر نڪري آئي هئي. ۽ اڳئين ڦيٿي جي مستين جي ڪري مٿو مسلسل جهٽڪا کائي رهيو هو.
گدي جو هيٺ ٿيڻ گهڻي حد تائين تڪليف ڏيندڙ ٿابت ٿيو. انڪري مون مناسب اهو سمجهيو ته ان کي ٺيڪ ڪرائي ڇڏيان. سو مان سائيڪل بيهاري ۽ هيٺ لٿس. سائيڪل جي بيهندي ئي ڄڻ دنيا ۾ سڪون ڇانئجي ويو. ائين لڳو جيئن ڪنهن ريل جي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيو هجان. کيسي مان اوزار ڪڍي، هيندل ٺيڪ ڪري ٻيهر سوار ٿيس. ٻه قدم مس هليو نه هيس ته هينڊل هڪدم هيٺ ٿي ويو. ايتري قدر جو گدي هاڻي هينڊل کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ فوٽ کن مٿي هئي. منهجو سڄو بدن اڳيان جهڪيل هو. سڄو وزن ٻنهي هٿن تي هو جيڪي هينڊل تي رکيل هئا. ۽ جهٽڪا کائي رهيا هئا. اوهان منهنجي حالت کي تصور ڪيو ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته مان پريان کان ائين لڳي رهيوهوس جيئن ڪا مائي اٽو ڳوهيندي هجي. مون کي ان مشاهبت جو احساس تمام تيزيءَ سان ٿيو. جنهن جي ڪري منهنجي نرڙ تي پگهر اچي ويو. مان اکيون آڏيون ڪري هيڏانهن هوڏانهن جي ماڻهن کي ڏسندو پيو وڃان. هونئن ته هر شخص ميل کن پهرين ئي مڙي مڙي ڏسي رهيو هو. پر انهن ۾ ڪو به اهڙو نه هو، جنهن لاءِ منهنجي اها نازڪ حالت قابل رحم هجي. هينڊل ته صفا هيٺ ٿي ويو هو. هڪ ڇوڪري چيو. ”ڏسو اهو ماڻهو ڇا پيو ڪري.“ ڄڻ ان جي نظر ۾ مان ڪو ڪرتب (تماشو) ڏيکاريندو هجان. مان لهي وري هينڊل ۽ گدي کي مٿي ڪيو.
پر ٿوريءَ ديرکان پوءِ انهن مان هڪ نه هڪ وري وري هيٺ ٿي پيو وڃي. اهي لمحا جن دوران منهنجا هٿ ۽ جسم ٻئي برابر هڪ ئي بلنديءَ تي اچن تمام گهٽ هئا ۽ ان دوران به اهو سوچيندو رهيس ته هينئر گدي هيٺ لهندي يا هينڊل تنهنڪري بهادر ٿي نه ويٺس پاڻ کي گديءَ کان ڪجهه مٿي ئي رکان پيو. پر ان سان هينڊل تي ايترو وزن پئي پيو جو اهو هيٺ ٿي پيو وڃي.
جڏهن ٻه ميل گذري ويا ۽ سائيڪل جي اٿ ويهه باقاعدگي اختيار ڪئي . تڏهن فيصلو ڪيم ته ڪنهن مستريءَ کان وڃي نٽ مظبوط ڪرائجن، سو سائيڪل هڪ دڪان تي کڻي ويس.
سائيڪل جي کرڙ کرڙ ۾ جيترا ماڻهو ڪم ڪري رهيا هئا. سڀ ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏسڻ لڳا. پر مان به آڪڙجي چوڻ لڳس. ”ٿورو هن جي مرمت ڪري ڏيو.“
هڪ مستري اڳيان وڌيو. لوهه جي هڪ شيخ ان جي هٿ ۾ هئي جنهن سان هن سائيڪل جي مختلف حصن کي وڄائي (هڻي) ڏٺو. لڳو ته هن ڏاڍي تيزيءَ سان حالتن جو جائزو ورتو. پر پوءِ به مون کان پڇڻ لڳو. ”ڪهڙي ڪهڙِي پرزي جي مرمت ڪرائيندين!“
مون چيو: ”ڏاڍو نالائق آهين تون، ڏسين پيو ڏسين پيو ته صرف هينڊل ۽ گديءَ کي مٿي ڪرائڻو آهي.بس ٻيو ڇا؟“ مهرباني ڪري انهن کي ٺيڪ ڪري ڏي. ۽ ٻڌاءِ ڪيترا پئسا وٺندين.
مستري چوڻ لڳو ”مڊ گارڊ به ٺيڪ ڪري ڇڏيان؟“
مون چيو: ”ها اهو به ٺيڪ ڪري ڇڏ.“
چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن باقي شين کي به ٺيڪ ڪرائي وٺندين ته بهتر ٿيندو.“
مون چيو ”چڱو ٺيڪ ڪري ڇڏ.“
چيائين ته ائين ڪيئن ٿي سگهندو ڏهن پندرهن ڏينهن جو ڪم آهي. اوهان ان کي هتي ڇڏي وڃو....“
”۽ پئسا ڪيترا وٺندين؟“
چيائين ”بس ڏيڍ ٻه سؤ لڳندا.“
مون چيو. بس ٿي چڪو ڪم جيڪو ڪم توکي چيو آهي اهو ڪر باقي معاملن ۾ دخل نه ڏي.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ هينڊل ۽ گدي ٻِيهر مٿي ڪري مضبوط ڪري ڏنائين. مان هلڻ لڳس ته مستري چيو.
”مان ٺيڪ ته ڪري ڏنا آهن پر پيچ جون چوڙيون گسي ويون آهن. هينئر ٿوري دير ۾ ئي سڀ ڍلا ٿي ويندا.“
مون چيو. ”بدتميز ڪٿي جا، پنج رپيا مفت جا ورتا اٿئي؟“
چيائين، ”سائين، اوهان کي اها سائيڪل به ته مفت ۾ ملي هوندي. اها اوهان جي دوست مرزا صاحب جي آهي نه؟ للو هي اها سائيڪل آهي جيڪا گذريل سال مرزا صاحب هتي وڪڻڻ آيو هو. سڃاتي تو ”ادا صديون گذري ويون پر ان سائيڪل جي خطا معاف ٿيڻ ۾ ئي نٿي اچي.“
مون چيو ”مرزا صاحب جوپٽ ان تي ڪاليج ايندو ويندو هو. ان کي اڃا ڪاليج ڇڏئي ٻه سال به پورا ڪونه ٿيا آهن.“
مستري چيو ”ها اهو ته ٺيڪ آهي پر مرزا صاحب پاڻ جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندا هئا ته سندن وٽ به ته اها ئي سائيڪل هوندي.“
اهو ٻڌي منهنجي طبيعت ڪجهه مردار ٿي وئي. مان سائيڪل کڻي آهستي آهستي پنڌ هلڻ لڳس. پر پر پنڌ هلڻ به مشڪل هو. ان سائيڪل کي هلائڻ ۾ اهڙو ته عضون تي زور پيو هو. جو عام سائيڪل هلائڻ ۾ نه ٿيندو آهي. سو ڄنگهن، ڪلهن، چيلهه، ۽ ٻانهن ۾ ايتري قدر تڪليف ٿي رهي هئي. جو برداشت کان ٻاهر مرزا جو خيال رکي رکي اچي پيو. پر مان هر ڀيري ڪوشش ڪري ان کي دل مان هٽائي پيو ڇڏيان. نه ته مان چريو ٿي وڃان ها. ۽ جنون جي حالت ۾ پهرين حرڪت مون کان اها ٿئي ها جو مرزا جي گهر جي سامهون. بازار ۾ هڪ جلسو ڪيان ها. جنهن ۾ مرزا جي مڪاري بي ايماني ۽ دغابازيءَ تي هڪ وڏي تقرير ڪيان ها. ايندڙ نسل کي مرزا جي ناپاڪ فطرت کان واقف ڪيان ها. ۽ ان کان پوءِ باهه ٻاري ان ۾ ٽپو ڏئي سڙي مري پوان ها.
مون چڱو اهو سمجهيو ته جنهن طرح به ٿئي هاڻي ان سائيڪل کي گهٽ وڌ وڪڻي جيڪو وصول ٿئي ان تي صبر ۽ شڪر ڪندس. ڀلي پنجاهه سٺ روپين جو نقصان ٿئي. اڍائي سؤ جا اڍائي سؤ ته ضايع نه ٿيندا. رستي ۾ هڪ سائيڪلن جو دڪان ڏسي اتي بيهي رهيس.
دڪاندار وڌي مون وٽ آيو. پر منهنجي زبان کي ڄڻ تالو لڳي ويو هجي. سڄي حياتي ڪنهن شِيءِ کي وڪڻڻ جي نوبت نه آئي هئي. مون کي اها به ڄاڻ نه هئي ته اهڙن موقعن تي ڇا چئبو آهي. آخر ڏاڍي سوچ ويچار کان پوءِ وات مان صرف ايترو نڪتو ته ”اها سائيڪل آهي.“
دوڪاندار چيو ”پوءِ؟“
مون چيو ”وٺندين؟“
چوڻ لڳو ”ڇا مطلب؟“
مون چيو ”وڪڻان ٿو مان.“
دڪاندار مون کي اهڙين نظرن سان ڏٺو جو مون کي لڳو جيئن منهنجي مٿان چوري جو شڪ ڪري رهيو هجي. پوءِ سائيڪل کي ڏٺئين..... ٻيهر مون کي ڏٺائين. ائين لڳي پيو ته فيصلو نٿو ڪري سگهي. ماڻهو ڪهڙو آهي ۽ سائيڪل ڪهڙي آهي. آخر چيائين.
”ڇا ڪندا توهان ان کي وڪڻي....؟“
اهڙن سوالن جو جواب خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو آهي. مون چيو ”تون اهو پڇڻ چاهين ٿو ته جيڪي پئسا مون کي وصول ٿيندا. انهن جو ڇا ڪندس؟“
چوڻ لڳو. ”اهو ته ٺيڪ آهي پر ڪو ان کي وٺي ڇا ڪندو؟“
مون چيو ”ان تي چڙهندو ٻيو ڇا ڪندو.“
چوڻ لڳو. ”چڱو چڙهي ويو پوءِ ....؟“
مون چيو. هلائيندو ٻيو ڇا؟“
دڪاندار چيو ”چڱو هونهه..... خدا بخش ٿورو هيڏانهن اچ اها سائيڪل وڪڻجڻ آئي آهي.“
جنهن حضرت جو نالو خدا بخش هو. ان پري کان ئي ڏٺو بو سونگهيندو هجي.
ان کان پوءِ ٻنهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي. آخر ۾ جنهن جو نالو خدابخش هو. مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو. اوهان هن کي واقعي وڪڻي رهيا آهيو؟“
مون چيو ”ته ٻيو ڇا. محض اوهان سان ڳالهائڻ جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ مان گهران اهو بهانو بنائي آيو هيس ڇا؟“
چوڻ لڳو: ”ته وٺندا ڇا اوهان.“
مون چيو ”تون ئي ٻڌاءِ؟“
چوڻ لڳو، ”سچ سچ ٻڌايان؟“
من چيو. ”ها“
ٻيهر چوڻ لڳو. ”سچ سچ ٻڌايان؟“
مون چيو. ”هاڻي ٻڌائيندين به يا ائين ئي ترسائيندين؟“
چوڻ :ڳو. ”پنجاهه رپيا ڏيندس، ان جا.“
منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو ۽ هٿ پير چپ ڪاوڙ جي ڪري ڏڪڻ لڳا. مون چيو.:
”اي صنعت ۽ حرفت سان پيٽ پالڻ وارا خصيص انسان! مون کي پنهنجي توهين جي پرواهه ڪانهي پر تو پنهنجي هلڪڙائپ سان ان بي زبان شيءِ کي جيڪو صدمو پهچايو آهي. ان لاءِ مان توکي قيامت تائين معاف نه ٿو ڪري سگهان. ”اهو چئي مان سائيڪل تي ويهي تيز تيز پير هلائڻ لڳس.
مشڪل سان ويهه قدم به نه ويو هوندس ته خبر پئي ته مان زمين تي. ڄڻ زمين جي اندران گذري ويو هجان ۽ هيڏانهن هڏانهن جي عمارتن هڪٻئي سان پنهنجي جاءِ تبديل ڪئي هجي. جڏهن هوش آيو ڏٺم ته مان زمين تي اهڙي بي تڪلفيءَ سان ويٺو آهيان، ڄڻ گهڻي مدت کان پوءِ جنهن شيءِ جو شوق هو. اڄ پورو ٿيو هجي. آمهون سامهون اهو دڪان هيو هينئر مان پنهنجي ناڪام ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ختم ڪيو هو. مون غور ڪيو _ خبر پئي منهنجي سائيڪل جون اڳيون ڦيٿو بلڪل الڳ ٿي روڊ جي ٻئي پاسي پهچي چڪو هو ۽ باقي سائيڪل مون وٽ پئي هئي. مون هڪدم پاڻ کي سنڀاليو. جيڪو ڦيٿو الگ ٿي ويو هو ان کي هٿ ۾ کنيم ۽ ٻئي هٿ ۾ بچيل سائيڪل پڪڙي هلڻ شروع ڪيم. اها محض هڪ غير فطري حرڪت هئي، نه ته اها سائيڪل مون کي هر گز ايتري پياري نه هئي. جو ان کي اهڙي حالت ۾ کڻي ڦران ها.
جڏهن مان اهي سڀ کڻي هلڻ لڳس ته مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو . ”اهو تون ڇا ڪري رهيو آهين.ڪيڏانهن پيو وڃين؟ تنهنجو ارادو ڇا آهي؟ اهي ٻه ڦيٿا ڇو کڻي پيو وڃين؟“
سڀني سوالن جو جواب اهيو مليو ته ڏٺو ويندو. في الحال تون هتان هل، اهي سڀ ماڻهو توکي ڏسي رهيا آهن. ڪنڌ مٿي رک ۽ هلندو رهه ۽ جيڪي کلي رهيا آهن. انهن کي کلڻ ڏي. اهڙي قسم جا بيهوده ماڻهو هر قوم ۽ هر ملڪ ۾ هوندا آهن. آخر ڇا ٿيو؟ محض هڪ حادثو. بس هيڏانهن هوڏانهن نه ڏس. هلندو رهه.
ماڻهن جا طنزيا جملا به ٻڌڻ ۾ اچن پيا. هڪ آواز آيو: حضرت ڪاوڙ ٿا ڪيو، ٻئي چيو. ”بي حيا سائيڪل گهر پهچي توکي مزو چکائيندس.“ هڪ بزرگ پنهنجي پٽ جي آڱر جهلي وڃي رهيو هو، مون ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳو: ”ڏس پٽ اهيا سرڪس جي سائيڪل آهي ان جا ٻئي ڦيٿا الڳ ٿيندا آهن.
پر مان هلندو رهيس. ٿوري دير کان پوءِ آباديءَ کان ٻاهر نڪري آيس. هاڻي منهنجي رفتار ۾ گهٽتائي اچي چڪي هئي. منهنجي دل جيڪا ڪافي دير کان ڪشمڪش ۾ گهيريل هئي. هاڻي گهڻي هلڪي ٿي چڪي هئي. مان مسلسل هلندو رهيس. ايتري قدر درياءَ تي وڃي پل جي مٿان بيهي ٻنهي ڦيٿن کي هڪ هڪ ڪري اهڙي بي پرواهيءَ سان درياءَ ۾ ڦٽو ڪيو، ڄڻ جيئن ڪو ليٽر بڪس ۾ خط وجهندو آهي. پوءِ واپس شهر روانو ٿيس. سڀ کان پهرين مرزا جي گهر ويس.
دروازو کوليو، مرزا چيو ”اندر اچ.“
مون چيو. ”اوهان ٿورو ٻاهر اچو. اوهان جهڙن خدائي بزرگن جي گهر ۾ وضو ڪرڻ کان بغير ڪيئن داخل ٿي سگهان ٿو.“
مرزا صاحب ٻاهر آيو ته مون اهو اوزار ان جي خدمت ۾ پيش ڪيو، جيڪو هن سائيڪل سان مفت ۾ مون کي عنايت ڪيو هو. ۽ چيو ”مرزا صاحب اوهان ئي ان اوزار سان شوق فرمايو. مان هينئر ان کان بي نياز ٿي چڪو آهيان.“
گهر پهچي مون ٻيهر ڪيميسٽريءَ جي ڪتاب جو مطالعو شروع ڪيو. جيڪو مون ٻارهين جماعت ۾ پڙهيو هو.
رڌ پچاءُ
زبيده پنهور
آچار گوشت
گهربل شيون: گوشت اڌ ڪلو ڌؤنرو اڌ ڪلو سونف، ڪلونجي ٻه چانهه جا چمچا، بصر ٻه عدد ڳاڙها مرچ ڇهه سڄا لوڻ ذائقي مطابق، گيهه اڌ پيالي، ساوا مرچ ٻه ڪٽيل، سڄا ڌاڻا ٻه چانهه جا چمچا،
ترڪيب: گيهه ۾ بصر وجهي برائون ڪجي ۽ گوشت وجهجي سٺي نموني ڀڃجي ساوا مرچ ڳاڙها مرچ سڄا ڌاڻا پيهي ڌؤنري ۾ وجهجن ۽ گوشت ۾ گڏائجن، جڏهن گوشت اڌ ڳري وڃي ته سونف ۽ ڪلونجي وجهجي پوري طرح ڳارجي. جڏهن گوشت ڳري وڃي ته ان کي چڱيءَ طرح ڀڃجي. جڏهن گيهه ڇڏي ۽ خوشبو اچي ته پوءِ لاهي وٺجي.
بيضن جا ميسو:
گهربل شيون: بيضا ڇهه عدد بادام هڪ ڇٽانگ، ساوا ڦوٽا پنج عدد، گيهه اڌ پاءُ عرق گلاب هڪ چمچو. کنڊ هڪ پاءُ.
ترڪيب: بادام ڇلي سنهڙا پيهو. ڦوٽن جا داڻا به پيهو. هڪ ديڳڙي ۾ بيضا (ٽوڙي) کنڊ ۽ گيهه ۾ وجهي هلڪي باهه تي ايتري دير پچايو جو گيهه بيضن ۾ حل ٿي وڃي. چمچو لاڳيتو هلائيندا رهو. پوءِ تسري ۾ ٿورو گيهه لڳائي بيضي کي ان ۾ ڦهلائي ڇڏيو ۽ بادام، ڦوٽا ۽ سونف مٿان ڇٽيو. ٿورو ٿڌو ٿئي ته پوءِ پنهنجي پسند سان چوڪور يا ڊگها ٽڪرا ڪٽيو. ميسو تيار آهي.
مٺا سموسا:
گهربل شيون: ميدو هڪ ڪلو، ڪشمش هڪ ڇٽانگ، بادام هڪ ڇٽانگ، ڇنهارا هڪ ڇٽانگ، ناريل هڪ ڇٽانگ گيهه ضرورت موجب.
ترڪيب: ڪشمش، بادام، پستا، ڇهارا ۽ ناريل سنهڙا ڪترا ڪجن کند جي چاش تيار ڪجي، هاڻي ميدي ۾ هڪ ڇٽانگ گيهه مٺي سوڍا ۽ ڪٽيل شيون ملائي سٺي طرح ڳوهجي ميدو سخت هئڻ گهرجي يعني وڌيڪ نرم نه هاڻي ميدي کي ٻه حصا ڪجي ۽ هر حصي ۾ ڳوهيل ميدو وجهي ٽڪنڊا سموسا ٺاهي، ترجن هلڪا برائون ٿيڻ تي لاهي رکجن.