arnizamani's picture
Upload 93 files
001f785 verified
Raw History Blame Contribute Delete
427 kB
ڪتاب جو نالو: سرتيون نومبر 2005ع
سرتيون
ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا
سوچ ويچار.....!
سرتيون: پل پهرن ڏينهن، راتين هفتن، مهينن، سالن ۽ صدين ۾ بدلجندا رهن ٿا. ائين وقت اڳتي وڌندو رهي ٿو۽ حالتون به بدلجنديون رهن ٿيون. تاريخ جو ڦيٿو اڳتي وڌندو رهي ٿو. زنده ۽ اسريل قومون پنهنجن حالتن کي بدلائڻ جو عزم رکنديون آهن ۽ انهن کي مثبت انداز ۾، پنهنجي حق ۾ بدلائينديون رهنديون آهن. اهڙين قومن جي احوالن سان تاريخون ڀريون پيون آهن، پر اسين انهن مان سبق پرائڻ لاءِ تيار نه آهيون. هتي بحث اهو نه آهي ته اسان جي سماج ۾ عورت مظلوم آهي يا مرد! پر جيڪا ڳالهه اسان جو ڌيان لهڻي اها اها آهي ته سماجي سطح تي جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي رهي آهي. ان ڊهڻ جي پٺيان ڪجهه ٺهڻ جو به امڪان اهي يا نه؟ في الحال ته اهڙا آثار به نٿا ڏسجن، بلڪ اسان به اهڙي ڳنڀير مسئلي تي اڃا سوچڻ جي ابتدا به نه ڪئي آهي. اسان جو ملڪ بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت لاءِ پاڻي لازمي آهي. جيڪو آهي ڪونه! ڍنڍون ڍورا يا ته سڪا پيا آهن، يا زهريلا ٿي چڪا آهن. ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نه آهي ۽ اهي ڪني زهريلي پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. ان ريت ٻني ٻاري جو ڪم ڪندڙ هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي، رونبو ڪندڙ لابارو ڪندڙ سوين هزارين مزور نه رڳو بيروزگار ٿي چڪا آهن. بلڪ پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ حيران پريشان آهن! ٻني ٻاري تي گذران ڪندڙ اهڙن مزورن ۽ پورهيتن ۾ عورتن جو به وڏو انگ آهي، پاڻيءَ جي نه هئڻ ڪري، ڍنڍون ڍورن ۾ زهريلي پاڻيءَ هئڻ جي ڪري سنڌو درياءَ جي سڪڻ جي ڪري _ پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڌنڌا جهڙوڪ مڇي مارڻ، ٻيڙين تي سواريءَ يا مال ڍوئڻ جا ڌنڌا به ختم ٿي چڪا آهن.
ان سڄي اڻوڻندڙ ۽ هٿرادو پيدا ڪيل صرتحال جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اهي سون ساريڪا هٿ، جيڪي روزمره جي پورهئي ڪرڻ کان پوءِ سبڻ ٿرڻ، رلين ٺاهڻ، ڏهائي ميڙائي، پکن توئن ٺاهڻ، تڏون تونرين ٺاهڻ، واڻ وٽڻ ۽ ٻين اهڙن نفعي بخش ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا _ اهي سونڳ ساريڪا هٿ بيک پنڻ لاءِ ٽنگجڻ لڳا آهن.
بدامنيءَ ۽ قبيلائي ويڙهه جا مسئلا الڳ آهن، جيڪي گهٽجڻ ۽ ختم ٿيڻ بدران وڌي وڻ ٿي ويا آهن. انهن مسئلن جي ڪري ويڙها ويران ٿي ويا. انهيءَ قبيلائي ويڙهه جي دوزخ ۾ ڪيترائي بيگناهه ٻارڻ ٿي ويا آهن. نتيجو؟ ڪي خون ٿي وڃن ٿا ۽ خوني يا ته جيل ۾ هليا ٿا وڃن، يا ڦاسيءَ چڙهي ٿا وڃن يا ته ڳوٺ راڄ ڇڏي روپوش ٿي وڃن، ٻين کي به برباد ڪن ٿا، پاڻ به برباد ٿي ٿا وڃن! عورتون بيوهه ٿي وڃن ۽ ٻار يتيم ٿيو وڃن. گذر جا وسيلا نٿا رهن ائين ”گهر“ جي ايڪي وارو تصور محض تصور ئي رهجيو وڃي!
انهيءَ بدامنيءَ قبيلائي ويڙهه، بيروزگاريءَ وسيلن جي اڻاٺ جي ڪري سڀ کانن وڌيڪ متاثر به عورت ۽ ٻار ٿين ٿا. ”گهر“ کي ٺاهڻ هلائڻ ۽ ٻارن کي سنڀالڻ ۾ عورت جو هڪ اهم ڪردار آهي. پر اها حالتن جي آڏو بيوس ۽ لاچار آهي.
هاڻي سوال آهي ته سڄي صورتحال کي ڪيئن سڌارجي؟ ڇا صرف هڪ شعر، هڪ ڪهاڻي هڪ انٽرويو، هڪ فيچر..... لکڻ ۽ ڇپڻ سان اها صورتحال سڌري سگهجي ٿي؟ بهر حال، ايترو ضرور چئبو ته ”سرتيون“ جون لکندڙ ڀينرون، انهن مسئلن کان نه رڳو آگاهه آهن، پر انهن مسئلن تي ويچارين به ٿيون ۽ لکن به ٿيون. ائين اهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿيون. هڪڙي ”بيدرد“ سماج ۾ ”دردمند“ دل رکن ٿيون ۽ پنهنجن جذبن ۽ احساس جو اظهار لفظن جي صورت ۾ ڪن ٿيون. هن ساڙ سڙئي، بغض ۽ عناد سان ڀريل ماحول ۾ نفرت ۽ ڪٽرپڻي کان آجيون ٿي، محبت، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيون. انهن سرتين جي اهڙي ڪردار کي ساراهڻ گهرجي، ”سرتيون“ ۾ اسين انهن سڀني سرتين، ڀينرن ۽ خواتين جي کليل دل سان انتهائي احترام سان، آجيان ٿيون ڪريون.
(گلبدن جاويد)
پڙهندڙن جا خط
ايڊيٽر صاحبه!
اسلام عليڪم،
ادي، مون کي ”سرتيون“ پڙهي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ هر لکڻي لاجواب هوندي آهي خاص ڪري شگفته جبين جي شاعري، شال سدائين ”سرتيون“ ۾ لکندي رهي. مون ٻه نظم موڪليا جيڪي توهان شايع ڪيا ۽ هيءُ ٻه نظم ان اميد سان موڪلي رهي آهيان ته شايع ڪندا.
ڪنول سميجو ميرپور خاص
محترم ايڊيٽر صاحبه!
اسلام عليڪم،
ڀيڻ، سرتيون مارچ 2005ع جو شمارو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ نظر مان گذريو جنهن ۾ پهرين ئي صفحي تي پياري پيغمبر نبيڪريم صلي الله عليه آلهِ وسلم جن جا فرمان پڙهي روضو ڏسي دل خوش ٿي وئي. اوهان جي لکيل سوچ ويچار عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پڙهي ڄاڻ حاصل ڪيم ”خطن“ جو سلسلو به سٺو آهي حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنه جي شخصيت جي حوالي سان به علم ۾ اضافو ٿيو ۽ ومي مدارانگاڻي جي حوالي سان به مواد سٺو هيو. ”سونهين تي سواٽ“ معياري معاشرتي موضوع جي حساب سان چڱو هيو. شاعريءَ وارو سلسلو به سٺو آهي. پر ڪجهه نوان سلسلا به معيار کي وڌائيندا. سچل سرمست پبلڪ اسڪول لائبرري خيرپور ميرس شهر جي تاريخ لائبرري آهي ان ۾ اوهان جو رسالو ”سرتيون“ ڪو نه ٿو اچي. ان ڪري رسالي گهرائن لاءِ اوهان جو طريقي ڪار ڪهڙو آه ان بابت ٻڌائيندا. جيڪڏهن توهان چئو ته آءٌ پروفيسرياڻين ڊاڪٽرياڻين يا سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن جا انٽرويو ڪري موڪليان؟
علي نواز ڪلهوڙو خيرپور ميرس
www. alinawazkalhoro@ yahoo. Com
جواب رسالي گهرائڻ جو طريقيڪار هيئن آهي جو مئنيجر ڪتاب _ گهر، سنڌي ادبي بورڊ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد کي ساليانو چندو 300.00 ۽ پنهنجي ائڊريس ڏياري موڪليندا ته رسالو هر مهيني اوهان تائين پهچي سگهندو.
انٽرويو وغيره ڏياري موڪليو. پر فوٽو هجڻ ضروري آهن
ايڊيٽر صاحبه!
ادي، توهان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. ۽ توهان جي همٿائڻ واري انداز ته دل ۾ سک ڀري ڇڏي لک ٿورا توهان جا ۽ سائين امداد حسيني ۽ سڄي سٿ جا جو منهنجي لکڻين کي قبول ڪيو ٿا. ٻيون سوچون جيڪي ڪاغذ تي لاٿيون اٿم حاضر آهن.
رخسانه سومرو
اسلام آباد
محترمه ايڊيٽر صاحبه!
توهان جو تازو رسالو نظر مان گذريو، جنهن ۾ ميرا ٻائي، رخسانه سومرو، امرسنڌو ۽ شگفته شاهه اڳريون رهيون. سٺي ترتيب لاءِ مبارڪون قبول ڪندا. شاعري ۽ فوٽو گرافس به سٺا لڳا. ان ۾ گهرجي سجاوٽ، ٻارن جي پالنا، اخلاقيات تي به ڪجهه مواد هجي ته بهتر. هڪ ڪامياب انسان ڪيئن ڪاميابيءَ جي حدن کي ڇهي سگهي ٿو. ان بابت ڇا خيال آهي. زندگيءَ جا سڀ رخ ڏيڻ گهرجن.
مضمون ڇپي حوصلو وڌائيندا، مهرباني.
صبا شيخ
جواب: اوهان جو مضمون ايندڙ شماري ۾ شايع ڪنداسين.
باقي جن ڀينرن جا خط پهتل آهن. انهن جا نالا هن ريت آهن:
شگفته جبين، شگفته شاهه، نجمه ميمڻ، شبنم، شمائله ڪريم، عذرا جهتيال، سونهن صديقي، ياسمين ۽ ٻيون.
فرمايو اسان جي پياري پيغمبرصلي الله عليه وسلم
انهيءَ جي عيادت تي به وڃ، جيڪو تنهنجي عيادت لاءِ به آيو هجي.
جيڪو بندن جو شڪر گذار نه آهي، اهو خدا جو به ناشڪرو آهي.
گهڻو نه کل، گهڻي کل دل کي ماري ڇڏيندي آهي.
گهڻي ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڪاشيءِ انسان لاءِ بري نه آهي.
دنيا ۾ ان طرح زندگي گذار، ڄڻ تون پرديسي آهين.
دنيا جي محبت گناهن جي جڙ آهي.
جڏهن اوهان کي پنهنجي سٺي عمل تي خوشي حاصل ٿئي ۽ بري ڪم جو رنج پيدا ٿئي ته پوءِ اوهان ايمان وارا آهيو.
پاڻ ۾ سلام جو رواج ڦهلايو ۽ ان کي عام ڪريو.
سلام ڪرڻ کي عام ڪريو.
مسلمان اهو آهي، جنهن جي زبان ۽ هٿ کان بيا مسلمان محفوظ هجن. جنهن ۾ واعدي جي پابندي نه آهي، ان ۾ دين ڪونهي. وعدو پاڙڻ اخلاقي صفت آهي
جيڪو الله تعاليٰ کان نه گهري، ان تي الله تعاليٰ ناراض ٿيندو آهي.
هر ماڻهو خطاڪار آهي ۽ خطاڪارن مان اهي ڀلا آهن جيڪي دلئون توبهه ڪن ۽ الله ڏي موٽي اچن.
الله جو چوڻ آهي، ته جيڪو مائٽين کي جوڙيندو، مان انهن کي جوڙيندس ۽ جيڪو مائٽين کي ٽوڙيندو مان ان کي ٽوڙيندس.
مٽيون مائٽيون ڇنڻ وارو جنت ۾ نه وڃي سگهندو.
بدترين گهراڻو اهو آهي، جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان برو سلوڪ ٿيندو هجي.
پنهنجي ماتحتن جون غلطيون معاف ڪريو، توڻي جو ستر دفعا ڏينهن ۾ هجن.
مؤمن مؤمن جو آئينو آهي، کيس ان ۾ عيب نظر اچي ته ان جي اصلاح ڪري.
سڀئي ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن. هڪ ٻئي سان دشمني نه رکو، خدا جا ٻانهؤ پاڻ ۾ ڀارئر بڻجي وڃو. سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان بچيل آهي. پاڻ ۾ ڀاڪرين پوندا ڪريو، انهيءَ سان ڪينو صاف ٿيندو آهي. ٻن ماڻهن جي وچ ۾ انهن جي اجازت کان بغير نه ويهو.
کاڌو ٺاري کائڻ سان برڪت پوندي آهي.
سرتيون شاهه لطيف چئي:
نَازَ منجهاران نِڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌُ
پوُن پڻ ”بسم الله“ چئي، راهه چمي ٿي رندُ
اڀيون گهڻي اَدَبَ سين، حورون حيرت هنڌُ
سائينءَ جو سوڳنڌُ، ساجن سڀينئان سهڻو.
(سر بروو)
سرتيون فيچر
لاهين مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا!
پنڻ اسان جو پيشنو ڪونهي، مائي سوڍي پهرئين ته ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ وڏو عيب لڳندو، اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا ھئا. پر هاڻي هري ويا آهيون. زهره
جنھن ڏينھن پنھنجا ڪک ڇڏي ھت ٽه _ واٽي تي اچي جهوپا اڏياسين، تنهن ڏينهن من جو ماڻڪ ٽٽي پيو. مائي سوڍي.
سرتيون فيچر
امان ڪُني ۾ هوندو ته پاٽ ۾ پوندو جيڪر ڪُني ۾ ڪين هوندو ته پاٽ ۾ ڪٿان پوندو..!
زهره رتو
جڏهن منڇر جو اوج هو ته اسين سکيا ستابا هئاسين، ٻه ٽي هزار هفتي ۾ ڪمائيندا هئاسين. هاڻي پنڻ تي مجبور آهيون. ڀل ڏکيا سکيا ٿين! شال سکيا ڏکيا نه ٿين.! فاطمه
جڏهن منڇر ۾ پاڻي زهريلو ٿي ويو، تڏهن اسان کيتي ڪرڻ چاهي، پر زميندار کيڙي جو ڪم ٽيڪٽر ۽ لاباري جو ڪم ٿريشر جهڙين مشينن کان وٺن ٿا. ان ڪري ٻنيءَ تي به اسان کي پورهيو نه مليو. ٻيو ته ٺهيو پر گيريجن تي به پڙهيل ڳڙهيل ڊگريون ورتل نوجوان ڪم ڪن ٿا. اسان جي ڇوڪرن کي مزوري نٿي ملي، پنڻ وڏو عيب آهي ۽ وڏو ڏوهه آهي پر چوندا آهن ته ”بک بڇڙول ٽول، داناه ديوانا ڪري“ وري به شڪر آهي جيڪا مالڪ جي مرضي جي وڻيس ته فقير کي بادشاهه ڪري جي وڻيس ته بادشاهه کي فقير ڪري، هن وٽ دير آهي پر انڌير ناهي. باقي اڄ ڪلهه جي انسان ۾ نه ڪا ڪهل رهي آهي، نه ڪو ڪهڪاءُ (اوڇنگار ڏيندي) چيائين اسان جي ڀٽ ڌڻي بادشاهه فرمايو آهي:
”آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو“
اسان جي آفيس ”سنڌي ادبي بورڊ“ کان ڪجهه قدمن تي سپر هاءِ وي ۽ ريل جي پٽڙيءَ جي وچ تي ڦاٽڪ جي اوريان ڪجهه جهوپڙيون اڏيل آهن ۽ دل چوندي آهي ته گاڏيءَ مان لهي انهن ۾ رهندڙن سان وڃي ملان، پر ٻئي لمحي خيال ذهن تان لهي ويندو آهي. پر اڄ جڏهن اهو ويچار پنهنجي سرتين نجمه پنهور ۽ ثمينه ميمڻ سان ونڊيم ته اهي هڪدم تيار ٿي بيهي رهيون ته هلون ٿا جهڳين جو جهان ڏسڻ.
جڏهن جهوپڙين ۾ داخل ٿياسين ته اٽڪل ڏهاڪو کن جهڙيون نظر آيون. سامهون واري جهوپڙيءَ ۾ ٻه ننڍڙيون ٻارڙيون اڪيليون ويٺيون هيون. پڇڻ تي ٻڌايائون ته سندن ماءُ ڦاٽڪ تي پنڻ لاءِ ويل آهي. اهڙيءَ ريت ٻين جهوپڙين ۾ به هڪ يا ٻه عورتون ۽ ڪو اڙيو ٿڙيو مرد نظر آيو. ڪن جهوپڙين ۾ ننڍا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پتي راند کيڏي رهيا هئا ته ڪنهن ۾ وري ڪو نوجوان بيٽريءَ تي ٽيپ رڪارڊ هلائي موسيقي ٻڌي رهيو هو. باقي مرد، مايون ۽ ڪي ٻار گداگريءَ تي ويل هئا. اسان پتي راند کيڏندڙن کان پڇيو ته ”توهان کي ڪم ڪار ڪونهي جو راند پيا کيڏو؟“ چيائون ته ڇا ڪريون، ڌنڌو ڌاڙي آهي ڪونه سو مڙئي پيا دل خوش ڪريون.“
ٻي جهوپڙيءَ ۾ موسيقي ٻڌندڙ ن نوجوان چيو ته ”مان مزوري ڪندو آهيان. اڄ مزوري نه ملي ته موٽي آيس. زال ۽ ٻار پنن لاءِ ويل آهن.“ ٻي هڪ جهوپڙي جيڪا سڀني جهوپڙين ۾ ڪشادي، صاف ۽ رنگين ڪپڙن سان سينگاريل هئي ان مان هڪ پيرسن مرد ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي اسان کي کيڪاريائين ۽ چيائين ته اچي اندر ويهو. اسان جون نياڻيون آهيو، توهين اسان جي تڏي تي لنگهي آيون آهيو. هڪ هڙ کوليندي چيائين ته مان توهان لاءِ نيون رليون ٿو وڇايان، ڇو ته نياڻيون ته نصيبن وارن جي گهر اينديون آهن، پر مون کيس منع ڪئي ته تڪليف نه ڪريو. پوءِ کانئس حال احوال ورتم. ”منهنجو نالو هوت ماڇي آهي. اصل منڇر ڍنڍ، سيوهڻ تعلقي، ضلعي دادو جا ويٺل آهيون. هتي ڪل ٽي ڪٽنب ماڇي، شيخ ۽ سرائي پيٽ گذران لاءِ اچي ويٺا آهيون. مون کي هڪ ڌيءَ ۽ پنج پٽ آهن. زال پنڻ وئي آهي.“ مون جڏهن هوت ماڇيءَ کان پڇيو ته اوهان جي روزگار جو ذريعو پنڻ ئي آهي؟ ته هن وراڻيو ته ”نه اسان جي ورزگار جو واحد ذريعو منڇر ڍنڍ جي مڇي ۽ پکي هوندا هئا پر جڏهن منڇر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو تڏه اسان کيتي ڪرڻ چاهي، پر زميندار کيڙيءَ جو ڪم ٽريڪٽر ۽ ڳاهه ڳائڻ جو ڪم ٿريشر جهڙين مشينن کان وٺن ٿا. انڪري ٻنيءَ جو پورهيو به اسان کي نه مليو. ٻيو ته ٺهيو پر گئريجن تي به پڙهيل ڳڙهيل ڊگريون ورتل نوجوان ڪم ڪن ٿا. اسان جي ڇوڪرن کي مزوري نه ٿي ملي. پنڻ وڏو عيب آهي ۽ وڏو ڏوهه به آهي. پر چوندا آهن ته بک بڇڙو ٽول داناه ديوانا ڪري. وري به شڪر آهي جيڪا مالڪ جي مرضي جي وڻيس ته فقير کي بادشاهه ڪري، جي وڻيس ته بادشاهه کي فقير ڪري. هن وٽ دير آهي پر انڌير ناهي. باقي اڄڪلهه جي انسان ۾ نه ڪا ڪهل رهي آهي نه ڪو ڪهڪاءُ (اوڇنگارون ڏيندي) چيائين اسان جي ڀٽ ڌڻيءَ بادشاهه فرمايو آهي: ”آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو.“ مان کانئس وڌيڪ ڪجهه پڇي نه سگهيس.
ثمينه ميمڻ کي عورت پنهنجي روئداد ٻڌائيندي چيو، منهنجو نالو زهره آهي ۽ عمر لڳ ڀڳ 25 سال اٿم. ذات جا ماڇي آهيون، بوبڪ شهر ۾ دانستر تي پنهنجا گهر آهن. اسان جي ڪمائيءَ جو ذريعو مڇي هو، منڇر ۾ پاڻي زهريلو ٿيڻ کان پوءِ مڇي ٿئي ئي ڪانه، هاڻي ڪيڏانهن وڃون!؟ ڪو به اتي ڌنڌو ڪونه مليو، مجبوريءَ ۾ هتي پنهنجا ڪک ڇڏي ويٺا آهيون. دانستر وارا گهر بند پيا آهن. مون کي ٽي ٻار آهن، سس ۽ سهرو مون سان گڏ آهن ۽ ٻه ڏير به آهن. منهنجو مڙس، ڏير ۽ مان پنون ٿا. ڏهاڙي هڪ ڄڻو 70 _ 70 ڪمائي ٿو. روز جو خرچ نڪري اچي ٿو. جڏهن مينهن وسندو آهي ته اڀ هيٺان ٻارين ٻچين رب کي پيا ٻاڏائيندا آهيون. سڄي رات ويهي گذاريندا آهيون. پنڻ اسان جو پيشو ڪونهي. پهرين به ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ عيب لڳندو هو، پر هاڻي هري ويا آهيون، پر جيڪڏهن ڪو ڪم ملي پوي ته ڏاڍو سٺو. ڇو ته پنهنجي هٿن جي پورهئي مان ڪمايل روٽي عزت ۽ مان واري آهي. هتي اسان کي چار سال ٿي ويا آهن، ڦاٽڪ تي ئي پنون ٿا، مان ويندي آهيان ته پٺايان منهنجو سهرو منهنجي ننڍي پٽ کي سنڀاليندو آهي. وري اهو پنڻ ويندو آهي ته مان گهر ۾ ويهان ٿي. بس الله جي آسري ويٺا آهيون، ڪو به وسيلو ڪونهي. ڪا به سهوليت ڪانهي، هتان کان پريان واهه وهي ٿو اتان پيئڻ جو پاڻي ڀري رکون. ٻار ۽ اسان ڪپڙا به اتي ڌوئون ۽ وهنجون سهنجون به اتي. پنهنو ڳوٺ پنهنجا ڪک ياد ايندا آهن. مردن کي ڪڏهن مزوري ملي ٿي.
نجمه پنهور جڏهن مائي فاطمه کان پنهنجي باري ۾ پڇيو ته هن ٻڌايو ”جڏهن منڇر جو اوج هو ته اسين سکيا ستابا هئاسين. هاڻي پنڻ تي مجبور آهيون. ڀل ڏکيا سکيا ٿين، شال سکيا ڏکيا نه ٿين. جڏهن منڇر جو پاڻي مٺو هو، تڏهن اسين روز ٽي چار ڪلو ڪلو مڇي ماريندا هئاسين. اهڙا سکيا ڏينهن گهارياسين جو فڪر ئي ڪونه هو. هر هفتي ٻه ٽي هزار ڪمائيندا هئاسين. هاڻي ته ايترو پيسو ڪونهي جو رَڇَ ٺاهيون. ٻيڙيون هلايون، پکي به جام ماريندا هئاسين ڪي مهاڻا ڪينجهر تي هليا ويا، ڪي جهانگارا باجارا هليا ويا. ڪٿي پٽ ميڙيون، جڏهن ڪڻڪون لهن ٿريشر هلن ته اسين ڪريل ان ميڙيون، ان مان پنج رپيا بچندا هئا. پاڪستان جي پهرين نمبر تي منڇر جي مڇي ڪرڙو ۽ موراکو آهي هاڻي مڇي کائڻ جي سڪ ته گهڻي ٿي لڳي پر ڪٿان کائون. سؤرپيا ڪلو مڇي آهي، سا به اهڙي سوادي ڪينهي جهڙي اسان ماري کاڌي.“ ڀرسان ويٺل زهره چيو ته ”امان، ڪُني ۾ هوندو ته پاٽ ۾ پوندو، جيڪر ڪني ۾ ڪين هوندو ته پاٽ ۾ ڪٿان پوندو!“
اتي هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي ته هنن ماڻهن ۾ اداسي گهٽ هئي، پر کل ڀوڳ گهڻو هو، شايد قدرت جو پنهنجو راز آهي. جو انسان کي ڏک به ڏئي ته ان کي سهڻ جي همت به. سو هنن ٽنهي خاندانن جي افرادن هڪ ٻئي سان چرچا به گهڻا پئي ڪيا، پر چڙيا ڪونه پئي ۽ هڪ ڳالهه جنهن مونکي جهوريو سا اها هئي ته اتي هڪ جهوپڙيءَ ۾ هڪ اڪيلي عورت ڪنهن سوچ ۾ گم ويٺي هئي. جنهن لاءِ هر ڪنهن پئي چيو ته اها چري آهي، نه ڪو ڳالهائي، نه ڪو ٻولهائي. توهان انهيءَ وٽ نه وڃجو. ايتري تائين جو ان جا ٻه پٽ به ويٺي کليا، پر هنن به ڪنهن کي نه چيو ته ڇو ٿا اسان جي ماءُ کي چري چئو. مان سڀني جي منع ڪرڻ باوجود هن وٽ ويس. مون کي ڏسي فلڪ ئي نه آندائين، پر مان ڀرسان ويهي رهي مانس ۽ کلي سندس منهن ۾ ڏٺم ته سندس چپن تي مسڪراهٽ اچي وئي. منهنجي پڇڻ تي چيائين ته ”منهنجو نالو سوڍي آهي. سيوهڻ جي سرائي خاندان مان آهيون.“ اسان جا مرد مڇي ماريندا هئا ۽ اسين عورتون گهرن ۾ ڀرت، سلايون، گهرن جون صفايون ۽ رڌي پڪي ڪرڻ ۾ مصروف هونديون هويون سين. جڏهن منڇر جو ڪو اوهي واهي نه ٿيو ته اسان جا مرد مجبور ٿي سفر تي سنبريا ۽ اسان کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. جنهن ڏينهن پنهنجها جهوپڙا ڇڏي هتي ٽه واٽي تي اچي جهوپڙا اڏياسين. تنهن ڏينهن من جو ماڻڪ ٽٽي پيو. ۽ هت اچي مون مڙس ۽ پٽن کي چيو ته ڪير به پنڻ نه ويندو. پٽن کي چوندي آهيان ته جي مزوري مليو ته ماني کائينداسين. جنهن ڏينهن مزوري نه مليو اهو سڄو ڏينهن لنگهڻ ڪاٽجو، پر پنڻ نه وڃجو. منهنجا ٻئي ننڍا پٽ ائين ئي ڪندا آهن. باقي وڏو پٽ، سندس زال ۽ منهنجو مڙس پنن ٿا. انڪري مان هنن سان ناهيان ڳالهائيندي.“ مائي سوڍيءَ جي ڳالهه ٻڌن کان پوءِ مون کي وڌيڪ همت نه رهي ته ڪنهن ٻئي کان سوال ڪريان. سندس ٻار به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ اوتالا هئا پر اسان واپس ورڻ کي ئي بهتر سمجهيوسين. ائين محسوس ٿيو ته هتي جڳهين جو جهان نه پر دردن جو جهان اڏيل آهي. هڪڙا سور ۽ درد هنن پاڻ سڻايا، ٻيا سندن سور بنان ٻڌڻ جي اسان جي اندر ۾ کپي ويا.
آهي ڪوئي اهڙو جيڪو هنن خاندانن جي واهر ڪري. هنن جي اولاد جي اکين ۾ سمايل سپنن کي ساڀيان ڏئي. وري ڪا اهڙي وير وري جو منڇر جو زهريلو پاڻي امرت ٿي پئي ۽ اهي ڏتڙيل ۽ پنهنجي اباڻن ڪکن کان وڇڙيل جهانگي پنهنجي وطن ورن ۽ وري شان ۽ مان سان پورهيو ڪري مڇي مانيءَ وارا ٿين. ان وقت مون هڪ نظر مٿي آسمان تي وڌي ۽ شاهه سائينءَ جي شعر جي هيءَ سٽ ذهن تي تري آئي:
”لاهين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا!“
گلبدن جاويد
روشن ”ناز“ ڌاريجو
ورزش ڇو ضروري آهي
تحقيق مان اهيا ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته جسماني لحاظ کان صحت مند ماڻهو ڪمزور ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جون مشڪون مضبوط رهن ٿيون ۽ اهو طاقتور هوندو آهي. ورزش ڪرڻ اسان جي واڌ ويجهه بهتر ٿيندي آهي ۽ مشڪون ۽ هڏا مضبوط ٿين ٿا. ورزش ڪرڻ سان رت صاف رهي ٿو. صحت هڪ انمول نعمت آهي. صحتمند ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ به چاڪ چوبند رهي ٿو ڇو ته، سندس عضوا توانائي سان ڀرپور، دل دماغ تازو رهي ٿو. سٺي صحت ۽ تندرستي سندس شخصيت کي تندرست باوقار ۽ کل مک بنائي ٿي. ورزش ڪرڻ سان معدو درست، رت جو دورو صحيح، سوچون سالم ۽ ارادا مضبوط رهن ٿا. هڪ عام ماڻهو ۽ رانديگر جي خوراڪ ۾ فرق هوندو آهي. 30 سالن کان 53 سالن جي عمر تائين هر ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ عمر مطابق ورزش ڪرڻ گهرجي. هر راند جي ورزش الڳ الڳ هوندي آهي. مثال طور: ڪرڪيٽ، اسڪوائش، ٽينس، وغيره. ساڳئي نموني سان هر قسم جي راند ۾ ڌڪ به مختلف قسمن جا لڳي سگهن ٿا. جهڙوڪ: ڪرڪيٽ ۾ گهڻو ڪري فاسٽ بالر کي ڌڪ لڳي سگهن ٿا. جنهن ڪري کيس گهرجي ته اهڙن ڌڪن کان بچڻ لاءِ پنهنجيءَ چيلهه، ڪنڌ ۽ ڪلهن جي مشڪن کي سگهارو رکڻ لاءِ ورزش ڪندو رهي، ڪنڌ جون مشڪون ڪلهن جون مشڪون مضبوط ڪري.
بئٽسمين، وڪٽ ڪيپر ۽ اسپنر کي پنهجين مشڪن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عام ٽريننگ کان سواءِ به ورزش ڪرڻ گهرجي ته جيئن سندس مشڪون مضبوط ٿي سگهن ۽ ڪارڪردگي پڻ بهتر ٿئي. رانديگر کي هر حال ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو چاڪ چوبنبد صحتمند ۽ موزون وزن برقرار رکڻ لاءِ ۽ ايندڙ ڏينهن لاءِ تيار رهي. ان لاءِ انتهائي ضروري آهي ته انسان پنهنجي چرٻيءَ تي ضابطو رکي ڇو ته چرٻيءَ جي ڪري ماڻهوءَ جو وزن وڌي ٿو ۽ هو سستيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ورزش ان جو بهتر علاج آهي. ساڳئي وقت ورزش روزمره جي ڪيترين بيمارين جو پن علاج آهي. مثال طور: معدي جون تڪليفون، دل جون بيماريون ماڻهوءَ جي ٿولهه، بلڊ پريشر وغيره ورزش سان گڏ صفائي به ضروري آهي. صفائيءَ سان ماڻهوءَ جو ساهه کڻڻ جو عمل ٺيڪ ٺاڪ رهي ٿو ۽ ڏند صاف رهڻ سان کاڌو پيٽ ۾ صحيح داخل ٿئي ٿو ۽ ماڻهو پيٽ جي بيمارين کان بچيل رهي ٿو. ورزش سان هر ماڻهو جي جسم مان غليظ مادا خارج ٿين ٿا ۽ ماڻهو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري ٿو. ضروري ناهي ته توهان ورزش لاءِ وڏا ڪشالا ڪريو. صحتمند رهڻ لاءِ هلڪي ڦلڪي کاڌي سان گڏ هلڪي ڦلڪي ورزش به ضروري آهي. جيڪا اوهين پنهنجي گهر ۾ به شروع ڪري سگهو ٿا. ورزش جا ڪيترائي سولا طريقا آهن ۽ ٿوري وقت لاءِ به ڪري سگهو ٿا. انهن مان چونڊ ڪري اوهين گهر ويٺي ورزش ڪري سگهو ٿا.
رشيده ڀٽي
آلو بخاري جا فائدا
”آلوبخارا“ گرمين جي موسم ۾ ملندڙ بهترين ميوو آهي. اهو جيتري قدر لذيذ ۽ مزيدار آهي، اوتروئي بيشمار فائدن جو حامل پڻ آهي.
آلو بخارا گهڻي قدر ڪاغذي ليمي جي سائيز جو ٿيندو آهي. سندس رنگ ڪارسرو ڳاڙهو ۽ ذائقي ۾ کٽو مٺو هوندو آهي. هيءُ ميوو تمام قديمي وقت کان استعمال ۾ رهندو آيو آهي. يوناني حڪيمن به آلو بخاري جو ذڪر ”ڪوميليا“ جي نالي سان ڪيو آهي. جيڪو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي.
جيڪڏهن آلو بخاري جو ڪيميائي تجزيو ڪبو ته اسان کي هيٺيان عنصر ملندا:
پروٽين، سڻڀ، کنڊ، (نشاستو) مختلف معدنيات مثلاً ڪئلشم، ۽ فاسفورس وغيره.
”ميوي“ جي طور اسين تازو آلو بخارو وڏي شوق سان استعمال ڪندا رهندا آهيون. خشڪ آلو بخارا وري رڌ پچاءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن. ڇو ته ان جي استعمال سان کاڌن جي لذت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. چٽڻيءَ طور به استعمال ڪبو آهي.
ڀينرون مٿي ذڪر ڪيل استعمال جو تعلق ته ”نارمل صحت“ سان هو. هاڻي هيٺ اسين ڪجهه ذڪر ڪنداسين، بيمارين جي دوران ته ڪيئن نه آلوبخارو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
خشڪ آلوبخاري کي وات ۾ رکڻ (چوسڻ) سان الٽي نه ٿيندي (يعني دل ڪچي ٿيڻ جي صورت ۾)، مثال طور (ڳورهاري عورت) لاءِ بيحت مفيد ثابت ٿيندو ائين ڪرڻ سان غذائيت به ملندي.
شديد لڪ لڳڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن سخت اڃ لڳندي هجي ته آلوبخاري کي چوسڻ سان تمام گهڻو فائدو رسندو. شديد قسم جي الٽي واري ڪيفيت ٿي پوي يا ائين دل ڪچي ٿيندي هجي، يا وري قبضي جي شڪايت ٿي پوي، سڀني ڪيفيتن تي يڪسان طور حاوي ٿيندڙ هيٺيون آسان نسخو استعمال ڪري ڏسو.
هڪ گرم ڪوپ پاڻيءَ جو کڻو ۽ ان ۾ 5 کان 10 داڻا آلوبخارا وجهي ٽي ڪلاڪ کن پسائي رکو، پوءِ هٿن سن مهٽي ڇاڻي ڇڻيل پاڻي مريض کي پياريو. (ضرورت مطابق ڏينهن ۾ ٻه دفعا به استعمال ڪري سگهجي ٿو.)
تيز بخار جي ڪري، جيڪڏهن وات جو ذائقو ڪڙو ٿي ويو هجي، ته پوءِ اهو مٿيون ساڳيو نسخو استعمال ڪرڻ گهرجي.
خاص طور تي هاءِ بلڊ پريشر، الٽي، بدهضمي، بک جو نه لڳڻ، شديد مٿي جو سور، وغيره واري ڪيفيت لاءِ هيٺيون ڏنل نسخو آزمائڻ شرط آهي:
آلوبخارا پنج عدد ، کڻي رات جو سادي پاڻيءَ ۾ پسائي رکو ۽ صبح جو اٿي، هٿن سان مهٽي، ڇاڻي پي ڇڏيو. جيڪڏهن سردين جي موسم هجي ته هلڪو گرم ڪري وٺجن.
جيري جي ڪمزوري ۽ ڪامڻ لاءِ بيحد مفيد نسخو آهي. جن ماڻهن کي نزلو، زڪام ۽ سيني جي سور جي شڪايت هجي ته ان کي استعمال نه ڪن. آلو بخاري جو شربت به بازار ۾ دستياب هوندو آهي. ان جو استعمال به فائديمند آهي.
مهرالنساءِ لاڙڪ سان ڳالهه ٻولهه
ڳالهه ٻولهه رفيعه ملاح
شاگردن کي وڌ کان وڌ علم ڏيو، انهن سان پيار سان پيش اچو، انهن کي تعليم سان گڏ تربيت به ڏيو، ڪم کان ڪڏهن به نه گهٻرايو محنت ۾ ئي عظمت آهي.
س: توهان پنهنجي جنم، اوسر، خاندان ۽ تعليم جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
ج: اڄ کان 45 سال اڳ، منهنجو جنم ”ڀٽ شاهه“ ۾ ٿيو (منهنجي ننڍپڻ ۾ ڳوٺ هو پر هاڻي ترقي ڪري شهر بنجي ويو آهي).
تربيت ۾ ماءُ ۽ ٻئي نمبر ڀاءُ جو گهڻو عمل دخل آهي. جيئن ته اسين ڀٽ شاهه تي ذاڪري خليفا آهيون. ڀٽ شاهه رحه جي مزار تي ٿيندڙ ”سماع“ پڻ منهنجو بابا سائين ۽ چاچا سائين ڪندا هئا، جنهن ڪري سڄو ڏينهٿن مريدي خادمي وارو سلسلو هلندڙ ڏٺوسين.
هر طبقي هر قسم يعني پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، ڳوٺن ۽ شهرن کان ماڻهو ايندا هئا، سڄو ڏينهن ماءُ کي ماڻهن جي جهرمٽ ۾ ڏٺوسين، جنهن ڪري تربيت تي ذڪر ۽ فڪر جو گهرو اثر ٿيو. ايتري مصروفيت باوجود ماءُ، پنهنجي مامتا واري محبت ۽ فرض چڱي طرح نڀايا.
س: ننڍپڻ جي شروعات جا توهان جي يادگيريءَ تي ڪهڙا اثر آهن؟
ج: ننڍپڻ تمام سٺو گذريو چئن ڀائرن جي هڪ ڀيڻ هيس ۽ سڀني کان ننڍي پڻ. اسان گڏيل ڪٽنب ۾ رهندا هئاسين. سوٽ ۽ ماسات گڏ هئاسين. گهر ۾ ماءُ اڪيلي سار سنڀال ڪرڻ واري هوندي هئي ڇو ته منهنجي ماسي جيڪا چاچي پڻ هئي، فوت ٿي چڪي هئي، انڪري سوٽ ماسات هڪٻئي سان بي انتها پيار ڪندا هئاسين. مون کي ننڍپڻ ۾ خبر ڪانه هئي ته ڀائر ڪهڙا آهن يا سوٽ ڪهڙا آهن. گهر ۾ ڀٽائي جي اڱڻ تي کيڏندي ننڍپڻ گذريو. ڳوٺ ۾ ڪنهن جي به گهر وڃڻ جي اجازت نه هئي. صبح جو سوير ڀائرن سان گڏ اسڪول کان سڌو گهر واپس. جيئن ته اسان جي ڳوٺ ۾ انهن ڏينهن ۾ گرلز پرائمري اسڪول ڪونه هو جنهن ڪري ڀائن سان گڏ، ڇوڪرن جي اسڪول ۾ پڙهندي هيس. پڙهائيءَ ۾ بهتر هئس جنهن ڪري استاد تمام گهڻو خيال رکندا هئا. پهرين درجي کان وٺي اٺين تائين ڪنهن به ڪلاس فيلو سان گڏ ڊيسڪ تي نه ويٺس. منهنجي وڏيءَ سوٽ جو پٽ (مرز علي لاڙڪ) منهنجو هم عمر به آهي ۽ ڪلاس فيلو پڻ. اسان کي هڪ ڊيسڪ تي ويهڻو پوندو هو. استادن جي محنت نظرداري هوندي هئي. سليٽ ۽ پٽيءَ جو رواج هوندو هو. روزانو گهران پٽي ۽ سليٽ تي گهران ڪم ڪري اچڻو پوندو هو. جنهن ڪري لکائي پڻ سٺي ٿي. اسان جو هيڊ ماستر مرحوم محرم خان حيدري هوندو هو صرف تڏهن جي فائينل پاس هيس پر هڪ بهترين انتظام سنڀاليندڙ، تعليم سان گڏ تربيت تي پڻ توجه ڏيڻ وارو عظيم انسان تمام شفقت سان پڙهائيندو هو. مون کي ياد آهي، صبح جو 7:30 لڳ اسڪول پهچندا هئاسين ته استاد پهرين موجود هوندا هئا. ڪجهه ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان غريب ٻار پنڌ ڪري پهچندا هئا جن جو منهن به ڌوتل ڪونه هوندو هو هو هيڊ ماستر جي نگرانيءَ ۾ پٽيوالو نلڪو هلائيندو هو ٻار، منهن ڌوئي ٽوال سان صاف ڪري وارن ۾ تيل وجهي، ڦڻي ڏيندا ۽ اکين ۾ سرمو وجهي پوءِ اسيمبليءَ ۾ قطار ۾ بيهندا هئا. ۽ پوءِ ڪلاس شرو ع ٿيندو. رسيس کان پهرين يا پوءِ ڪو به ماستر ڪلاس مان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو. ڪافي ٻيون ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي ڪري اسڪول جو نظام بهترين هوندو هو. ۽ اسان جو اسڪول مثالي هوندو هو. انهن ڏينهن پنجن ڪلاس ۾ اسڪالرشپ جا امتحان ڏيڻا پوندا هئا جيڪي ذهين ٻار هوندا هئا. انهن کي تياري ڪرائي ويندي هئي. اسان جي ڳوٺ مان به سنڌي ۽ اردو پرائمري اسڪول مان ڪجهه ٻارن کي تياري ڪرائي وئي. هالا جي بوائز اسڪول ۾ سينٽر لڳو جتي ڪل 10 ڇوڪريون ۽ ٻيا ڇوڪرا امتحان ڏيڻ آيا، جن ۾ آءٌ پڻ شامل هيس. سختيءَ سان امتحان ورتو ويو. هينئر ڪميشن جو به اهڙيءَ طرح نٿو ٿئي. مهيني ٻن کان پوءِ رزلٽ آئي ته اسان جي ڳوٺ ۾ 3 ٻار پاس ٿيا. آءٌ منهنجو ڀاڻج رمز علي ۽ هڪ اردو ڳالهائيندڙ اسڪول جو ڇوڪرو، سڀ استاد ڏاڍو خوش ٿيا. اسان کي ڪتاب پڻ انعام ۾ مليا. پنج رپيا مهيني جي حساب سان 6 مهينن کان پوءِ 30 روپيا جو چيڪ ايندو هو. ۽ امتحان ۾ پاس ٿيڻ تي 50 روپيا ڪتابن لاءِ ملندا هئا. اها اسڪالرشپ اٺين ڪلاس تائين جاري هئي.
ڀٽ شاهه يونين ڪائونسل طرفان به مون کي ۽ منهنجي ڀاڻج رمز عليءَ کي 5 روپيا مهينو اسڪالرشپ ۽ سالياني امتحان کان پوءِ ڪتاب ملندا هئا. هر سال پهريون ۽ ٻيو نمبر ڄڻ اسان ماسي، ڀاڻج جو هوندو هو.
ننڍپڻ جي محنت، هن مهل تائين ڪم اچي ٿي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ، لکڻ پڙهڻ ۾ لڳيو وڃن ٿا پر خبر ئي ڪانه ٿي پوي.
س: توهان نوڪريءَ ۾ ڪڏهن ۽ ڪنهن جي حڪومت دوران آيون؟
ج: ٻهراڙيءَ ۾ اڳي پڙهيل ڇوڪرين جي ڏاڍي اڻاٺ هوندي هئي. پنج درجا پاس کي به نوڪري ڏيندا هئا. مون 1969ع يا 1970ع ۾ مڊل جو امتحان ڏنو ته مون کي نوڪري ملي ان وقت جنرل يحييٰ خان جو دور (حڪومت) هو. دراصل اسان جي ڳوٺ ۾ ڇوڪرن لاءِ به صرف مڊل اسڪول هو. سو به 1965ع ۾ اسان جي محترم استاد سائين قادن شاهه، ڪوششن سان گورنمينٽ کان منطور ڪرايو، پراڻا سرڪاري ڪوارٽر خالي پيل هئا اتي کوليائين پوءِ جلد ئي، مڊل اسڪول جي 3 ڪمرن ۽ هڪ آفيس تي مشتمل عمارت ٺهي جتي اسان پڻ پڙهيو. صرف 3 ماستر هوندا هئا جيڪي ڪلاس ٽيچر هئا ۽ سڀ مضمون پڙهائيندا هئا. سائين قادن شاهه جي علم سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. مون کي نوڪريءَ لاءِ اجازت به ڪونه پئي ملي پر سائينءَ جن جي ڪوشش سان مون کي پرائمري ماستريءَ جو آرڊر ملي ويو. پهرين ٽنڊي آدم ۾ مليو پوءِ، 1972ع ۾ ڀٽ شاهه گرلز پرائمري اسڪول کليو ته اتي مون کي رکيو ويو مان 72 _ 1970ع تائين P.T.C جو ڪورس پڻ فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري آيس. پوءِ پڙهائيءَ جو سلسلو به هلندو رهيو ۽ نوڪري ۾ ترقي به ٿيندي وئي.
س: ان وقت سماج جو رويو عورتن جي نوڪري ڪرڻ ڏانهن ڪهڙو هو؟
ج: سماجي ديوارون گهڻو بند هيون جن کي ٽوڙڻ ڏاڍو اڻانگو هو. منهنجي ته پڙهائيءَ تي به گهڻن کي اعتراض هو پر ڀائرن رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي. منهنجي ماءُ کي مجبور ڪيو ويو ته، خاندان تان هٿ کڻي پر منهنجي ماءُ ۽ ڀائرن سڀني ڳالهين کي منهن ڏنو ۽ منهنجو بچاءُ ڪيائون اهڙيءَ طرح آءٌ اڳتي وڌندي رهيس.
س: توهان جي لکڻ پٺيان ڪهڙو رومانس هو جنهن توهان کي اتساهيو؟
ج: ننڍ پڻ کان شاعري پسند هئي سنڌيءَ ۽ اردو ٻئي باقي لکڻ جي پٺيان رومانس ته ڪو ڪونهي، پر الميو ضرور آهي. شروع کان طبيعت حساس رهي آهي. پڙهائي ۽ نوڪريءَ دوران ڪيترائي تلخ تجربا ٿيا روز اخبارن ۾ مختلف مسئلا پڙهندي رهيس جن قلم کڻڻ تي مجبو رڪيو. آءٌ Current issue تي به لکندي آهيان خاص طور ملڪي، قومي ۽ مذهبي ڏهاڙن تي پڻ ضرور ڪالم لکندي آهيان. تعليم عورت ۽ سماجي مسئلا، منهنجو خاص موضوع هوندو آهي. منهنجيون ڪهاڻيون پڻ، حقيقت جي قريب ترين هونديون آهن. شاعريءَ ۾ به اهڙائي موضوع شامل هوندا آهن.
س: اوهان جا پسنديده ليکڪ ڪهڙا آهن؟
ج: عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه.
س: اوهان جا پسنديده شاعر ڪهڙ آهن؟
ج: شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه، سچل سائين، استاد بخاري، شيخ اياز، ابراهيم منشي، اقبال ۽ غالب موجوده شاعرن ۾ سائين امداد حسيني.
س: ڊاڪٽريٽ جو عنوان ڇا آهي ۽ ان عنوان کڻڻ جو مقصد ڇا هو؟
ج: سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ شامل شاهه عبدالطيف رح جي شاعري جو تعليمي جائزو (ڪلاس 12 _ 6) ان عنوان کڻڻ جا هي مقصد هئا ته شاهه جي شاعري شامل ڪرڻ سان، گهربل تعليمي مقاصدد پورا ٿي رهيا آهن. يا نه؟
جيڪڏهن ٿي رهيا آهن ته انهن ڪهڙا سبب آهن؟
استادن، شاگردن ۽ والدين کان الڳ الڳ سوالنامي ذريعي معلوم ڪيو ويو ته جواب اهو ئي مليو ته گذريل 15 يا 20 سالن کان ساڳيا بيت شامل آهن انهن کي تبديل ڪري، ننڍا ۽ سولي ٻوليءَ وارا بيت شامل ڪيا وڃن. اهو به ڏسڻو هيو ته آيا جهڙيءَ طرح علامه اقبال جي شاعري، عوام ۾ بيداري آندي اهڙيءَ طرح لطيف سائين جي شاعري ءَ جو به گهرو اثر ٿيو آهي يا نه؟
س: سماجي طرح سنڌي ٻوليءَ جي دانشور، ٻين ٻولين جي دانشورن جي ڀيٽ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
ج: اسان جا دانشور ڪنهن به طرح ٻين ٻولين جي دانشورن يا ليکڪن کان گهٽ ڪين آهن. اسان جي قوم ۾، سياسي سماجي، اقتصادي تبديلي اچي چڪي آهي. موجوده دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جا وڏا دانشور ۽ ڏاها ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڪنهن به طرح ٻين ٻولين جي ڏاهن کان گهٽ ڪين آهن. هو هر طرح سان سماجي پيڙا کي محسوس ڪن ٿا ۽ قلم ۽ عقل ذريعي سماجي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. مظهر الحق صديقي صاحب علم پرور ۽ قدردان آهي. پر هڪ ڳالهه حقيقت آهي ته اسان جلدي ٻين تي ويساهه (اعتبار) آڻيون ٿا. جنهن ڪري ڪافي نقصان ۾ پڻ رهون ٿا.
س: ڇا توهان کي ڪڏهن اهو احساس ٿيو ته عورت بابت سماجي قدرن ۽ روين کي تبديل ٿيڻ گهرجي؟ جي ها ته پوءِ ڪيئن؟
ج: اسان جي معاشري ۾ ڪافي سٺيون تبديليون آيون آهن: اڳي عورت، مرد جي اڳيان ڳالهائي به ڪانه سگهندي هئي. پر هاڻي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورت مردن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. پر اسان جي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ورن علائقن ۾ اڃان به عورت مرد جي نا انصافيءَ جو شڪار آهي. ان جو خاص سبب تعليم جي ڪمي شعور جي گهٽتائي آهي. پر آءٌ ايترو ضرور چونديس ته عورت کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اخلاقي سرحدون نه اورنگهڻ گهرجن ماءُ پيءُ سماجي قدرن قوم جي عزت، ننگ ناموس ۽ وقار جي احترام کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
س: توهان هڪ ماءُ محقق، هڪ ليکڪا شاعر، هڪ استاد هوندي زندگيءَ کي ڪيئن جيو ٿيون ۽ ڪيئن ورهايو ٿيون؟
ج: منهنجا ٻار ننڍا هئا ته، لکڻ لاءِ گهٽ وقت ملندو هو پر ٻار وڏا ٿيڻ سان وڏو سک مليو آهي. زندگي ڏاڍي حسين آهي، هيءَ الله جي امانت آهي زندگي ته روئي به گذري ويندي ۽ کلي به گذري ويندي ڇو نه کلي گذارجي. پاڻ لاءِ ته سڀڪو جيئندو آهي، جئي ڪو ٻين لاءِ. اسان جي زندگيءَ تي نه صرف پنهنجو حق آهي پر ٻين جو به آهي. اولاد، مائٽ، ساهرا، پاڙو، سماج هڪ سٺي ۽ مهذب شهري بڻجڻ سان سماج انتشار کان بچي سگهي ٿو. جيڪڏهن هڪ فرد به بگڙي وڃي ٿو ته ان جو اثر ماحول تي پوي ٿو. تنهنڪري پنهنجي حقن ۽ فرضن کي احسن طريقي سان سرانجام ڏيڻ گهرجي. آءٌ هڪ استاد جي حيثيت سان چونديس ته، اسان تي مستقبل جون ذمه داريون آهن. شاگردن کي وڌ کان وڌ علم ڏيو، انهن ساان پيار سان پيش اچو، انهن کي تعليم سان گڏ تربيت به ڏيو. ڪم کان ڪڏهن به نه گهٻرايو،ڪ محنت ۾ ئي عظمت آهي. نصاب جي سرگرمين ۾ ٻار جي مدد ڪري ان کي بهترين بڻايو.
س: اڄڪلهه لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان توهان جون ڪهڙيون مصروفيتون آهن.
ج: جيئن ئي وقت ملندو آهي ته، شاعري ڪندي آهيان. يا ڪهاڻي لکندي آهيان. ٻارن کي لکڻ پڙهڻ ۾ مدد ڪندي آهيان.
روزانه ”سنڌو“ ۾ 15 روزه ”سورٺ“ صفحي جي انچارج جي حيثيت سان به لکندي رهندي آهيان.
روزانه ”عبرت“ ۽ هفتيوار ”سنڌو ڊائجسٽ“ لاءِ باقاعدي ڪالم ۽ مختلف موضوعن تي آرٽيڪل لکندي رهندي آهيان.
س: توهان جو نالو مهرالنساءِ آهي فارسي زبان ۾ ”مهر معنيٰ ”سج“ ۽ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ”مهر“ معنيٰ ”پيار“ توهان ڪهڙيون مهر آهيو؟
ج: مهرباني واري مهر آهيان ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ”مهر“ جي معنيٰ ”ٻاجهه“ آهي. منهنجي امان مون کي ننڍپڻ ۾ ”ماهرو“ چوندي هئي. ماهه پونم (چوڏهين) + رو منهن/ چهرو.
س: توهين پنهنجين سرتين ڀينرن لاءِ ڪجهه چوڻ چاهينديون؟
ج: هڪ دفعي شاهه ڀٽائي، مخددوم محمد هاشم ٺٽويءَ سان ملاقات ڪئي ته ڪچهري هلندي، شاهه سائينءَ پڇيو ته:
”جو مڙنيئان موچارو، سو آهي ڪڄاڙو“
مخدوم صاحب جوان ڏنو ته:
”هڪڙي صحت سرير ۾، ٻيو پرين جو پاڙو“
اديون پنهنجن مٽن مائٽن، پنهنجي قوم ۽ ملڪ کان وڌ سٺي صحت کان وڌ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
سڄي زندگي جنهن سوال مونکي پريشان ڪري منهنجون خوشيون ڇني ورتيون هيون، مون کي اڄ ان جو جواب پاڻيهي ملي ويو.... ڇا ٿهر عورت نٿ جو بار انهيءَ ڪري نٿي کڻي ته ٻڍاپڻي ۾ کيس اولاد جو سهارو ملي ....؟ اهو سهارو جيڪو دنيا ۾ خدا کان پوءِ سڀ کان وڏو سهارو ٿئي ٿو.... ماءُ پيءُ جي ٻڍاپي جو بار کڻڻ لاءِ اهڙن ئي مضبوط ۽ محبت ڀريل هٿن جي ضرورت ٿئي ٿي نه....؟ڇا اهو پل اهڙو ناهي، جنهن تي سموري زندگيءَ جا سڀ غم قربان ڪيا وڃن...؟ ڇا عورت نٿ جو بار کڻي گهاٽي ۾ رهي آهي....؟ رهي سگهي ٿي....؟
واجده تبسم جي ڪهاڻي نٿ جو بار تان ورتل
رابعه سهارڻ
بيوٽي ٽپس
اونهاري ۾ ٻاهر نڪرڻ سان چمڙيءَ Skin جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ داڻا(Pimples) نڪري ايندا آهن. مختلف شين مان ٺهيل ماسڪ لڳائڻ سان چمڙي صاف ۽ شفاف ٿي سگهي ٿي.
ايلويرا ماسڪ:
ايلويرا جو جوس ڪڍي ان ۾ گلاب جو عرق ملائي منهن تي هڻجي 20 منٽن کان 25 منٽن تائين پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏجي. ائين ڪرڻ سان گرميءَ ۾ به چمڙي فريش رهندي.
(Cucumber)
ولگو:
ونگي جو ماسڪ يا ونگي جوس ڪڍي منهن تي هڻجي. گرمي ۽ ٻاهران اچڻ کان پو چمڙي تي گرميءَ جو اثر نه ٿيندو. اهو ماسڪ به 20 کان 25 منٽن تائين هڻو ۽ پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو.
بيسڻ جو ماسڪ:
هڪ چمچو بيسڻ، هڪ چمچو ڌؤنرو ۽ اڌ چمچو هيڊ انهن سڀني شين کي چڱيءَ طرح ملائي 20 کان 25 منٽن تائين منهن تي هڻو. ان کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان سج جي تپش کان منهن جي چمڙي بچيل رهندي ۽ توهان جو رنگ به صاف ٿيندو.
زاهده بنگش سان ڳالهه ٻولهه
زاهده هن جو نالو آهي. قبيلو بنگش. هوءَ ماءُ پيءُ ڀاءُ ڀاڄائيءَ (انهن جي ٻارن سان)، ۽ ڏاڏيءَ سان رهي ٿي. هوءَ هڪ ڪاليج ۾ استاد آهي. پر هن جي هڪ ٻي به سڃاڻپ آهي ته هوءَ هڪ نعت خوان آهي هوءَ نعت خوان آهي هوءَ نعت خوان ڪيئن بڻي؟ ان جي جوابن ۾ زاهد بنگش ٻڌايو ته:
”مان اڃا اسڪول ۾ ئي هيس ته نعت خوانيءَ جي هڪ چٽاڀيٽي ٿي، مون به ان ۾ حصو ورتو ۽ هڪ نعت پڙهي آپا مريم نوحاڻيءَ پوءِ پڇيو ته اها نعت ڪنهن پڙهي. کيس منهنجو نالو ٻڌايو ويو. پاڻ مونکي سڏيائين ۽ ساڳي نعت ٻيهر به ٻڌائين.“
آپا مريم نوحاڻيءَ کي سندس ٻڌايل نعت ۽ آواز ۽ انداز ڏاڍو وڻجيو ۽ سندس همٿائڻ تي هوءَ نعتون پڙهڻ لڳي.
زاهده جي مادري ٻولي پشتو آهي، پر هن پشتو ۾ اڄ تائين به ڪا نعت نه پڙهي! باقي هن سنڌي، سرائيڪي، پنجابيءَ ۽ اڙدو ٻولين ۾ نعتون پڙهيون آهن.
زاهده بنگش کي اها ڄاڻ آهي ته خاص ڪري نعت ۾ صحيح اچار ۽ صحيح سر لازمي آهي ۽ هو انهن جو خاص ڌيان رکندي، نعت کان سواءِ هن نوحا، مرثيا ۽ حمد پڻ پڙهيا آهن حمد، نعت مرثئي، نوحي کان سواءِ به هن ڪجهه ڳايو آهي ان سوال جي جواب ۾ زاهده چيو:
”ٿيو هيئن جو اها به هڪ چٽاڀيٽي هئي ڳائڻ جي مون ان ۾ حصو ورتو ان ۾ به مون کي انعام ملويو پوءِ ريڊيو تي انٽرويو ٿيو منهنجو ۽ اتي ڳائڻ جي آڇ پڻ ٿي پر پوءِ منهنجي استاد سر جمن ٽالپر مون کي چيو ته تون اڃا ٻارڙي آهين سٺي گهر جي آهين تون پنهنجو سمورو ڌيان پڙهائيءَ تي ڏي!“ هاڻي هوءَ صرف ميلاد ۽ مجلس ۾ نعت، حمد، مرثيو ۽ نوحو پڙهندي آهي.
هنج ورتل ٻار ۽ ماءُ جو کير
ڳالهه ٻولهه: نجمه پنهور
ماءُ جي کير پيارڻ جي ماهر ڊيبي خالق پنهور سان ڳالهه ٻولهه
هنج ورتل ٻار ۽ ماءُ جو کير
رجسٽرڊ ڊاءِ نيوٽريشن: پريسٽ فيڊنگ ڊيبي خالق پنهور
ماءُ جي کير پيارڻ جي ماهر:
س: توهان پنهنجي باري ۾ ٻڌايو؟
جواب: منهنجو نالو ڊيبي خالق پنهور آهي. آءٌ ۽ منهنجو جيون ساٿي ڊاڪٽر خالق پنهور جي واٽرلي آئيو آمريڪا ۾ رهون ٿا. منهنجو جيون ساٿي پاڪستاني آهي ۽ سنڌ جو رهندڙ آهي. اسان پسند جي شادي ڪئي آهي. آءٌ ۽ خالق هڪ ئي هاسپيٽل ۾ گڏ ڪم ڪندا هئاسين. ۽ شادي جي ڪجهه سالن تائين اسان جي جيون ۾ ننڍڙي ٻارڙي جو هونگارن جو آواز نه هو.
س: توهان ٻار کي هنج ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيئن ڪيو؟
جواب: ٻار کي هنج ۾ وٺڻ جو فيصلو اسان ٻنهي جو گڏيل فيصلو هو، ۽ اهو اسان ٻنهي لاءِ وڻندڙ ۽ خوشگوار تجربو رهيو. جيئن ته آءٌ رجسٽرڊ ڊاءِ نيوٽريشن ۽ بريشٽ فيڊنگ/ ماءُ جي کير پيارڻ جي ماهر آهيان، ۽ جاب ڪندڙ آهيان. جڏهن اسان ٻار هنج ورتو، تڏهن اسان کي احساس هو ته ٻار کي سڀ کان بهتر غذا ڏني وڃي. هونئن به نئين ڄاول ٻار لاءِ ماءُ جي کير کان وڌيڪ ڪا سٺي ڪونهي. توهان کي حيرت ٿيندي ته صرف ٽن ڏينهن جي نوٽس تي جهنڊو (ٻارڙو) مليو. اسان ڪا خاص تياري ڪانه ڪري سگهياسين. اسان ٻنهي يعني ڊاڪٽر ۽ مون گڏجي فيصلو ڪيو ته اسان کي ٻار وڻن ٿا ۽ رب پاڪ اڃا اسان تي راضي ڪونهي. نه ڄاڻ ڪڏهن اسان کي ٻار ٿئي. ۽ هاڻ ته ٻاهرين ملڪن ۾ اهو به رجحان وڌي ويو آهي ته گهڻا ماڻهو ٻار هنج وٺن ٿا. ۽ ان ڳالهه کي خراب به نٿو سمجهيو وڃي. غربت يا ڪنهن ٻئي سبب مائرون خوشيءَ سان ٻار ٻئي جي جهوليءَ ۾ وجهن ٿيون. ان ٻار جو مستقبل ٺهي ٿو پوي. منهنجو ۽ منهنجي گهر واري جو رنگ صاف ۽ ڀورو آهي پر اسان جو ننڍڙو جهندو هڪ شيدي عورت جو ٻار آهي جيڪو بلڪل ڪارو ۽ گهنڊيدار وارن وارو آهي. پرهو هاڻ اسان جي زندگي آهي ان کي پالڻ انسان سان کيڏڻ ۽ هن جي مستقبل جو فڪر ڪرڻ اسان ٻنهي جي ذميواري آهي.
توهان کي اها ڳالهه به ٻڌايان ته ننڍڙي جهنڊو جي ڪري مون ٻن سالن لاءِ موڪل ورتي آهي جيئن آءٌ ٻار کي وقت ڏيئي سگهان ۽ سٺو پاليان.
هاڻي سوال آهي ته ”بريسٽ فيڊنگ“ يعني ماءُ جو ٻار کي کير پيارڻ ڇو ضروري آهي. اهائي منهنجي جاب جي نوعيت به آهي. انڪري آءٌ چڱي طرح ڄاڻان ٿي ته نئين ڄاول ٻار لاءِ سڀ کان بهتر غذا ماءُ جو کير آهي ماءُ جي کير ۾ پروٽين، وٽئمن ۽ هر اها شيءِ آهي، جيڪا ٻار جي واڌ ويجهه لاءِ اهميت جوڳي آهي ۽ ماءُ جي کير ۾ خاص جزا هوندا آهن. جيڪي ٻار کي خاص ڪري بيمارين کان بچائين ٿا. ماءُ جو کير، فارمولا ۽ ڍڳيءَ جو کير برابر نه آهن.
فارمولا ڪمپنيون اها ڪوشش ڪنديون آهن. پر اهو ممڪن ئي ڪونهي ان لاءِ اسين اهو چاهيون ٿا ته سڀ مائرون پنهنجي نون ڄاول ٻارن کي ڇهن مهينن لاءِ پنهنجو کير پيارين ۽ پاڻيءَ جو ڦڙو به نه پيارين، ڇو ته ماءُ جي کير ۾ پاڻي هوندو آهي. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته پاڻي صاف نه هجڻ سبب ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.
س: جڏهن توهان ٻار هنج ورتو تڏهن توهان ڇا محسوس ڪيو؟
جواب: جڏهن جهنڊو اسان جي گهر آيو، تڏهن اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي، اسان پنهنجن پيارن پنهنجن دوستن کي جتي جتي هو رهندا هئا. انهن کي اها خوش خبري اي ميل، فون ۽ فيڪس ذريعي ڏني، جيئن اسان پنهنجي خوشي شيئر ڪري سگهون. ٻيو فڪر اسان کي هن جي کير جو هو. اسان سوچي رهيا هئاسون ته ڪٿي اسان کي به ٻين جيان فارمولا ڪمپنيءَ جو کير واپرائڻو نه پئجي وڃي.
جڏهن ماءُ ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي کير ڏئي ٿي ته ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ هڪ محبت جو احساس جاڳي ٿو. پيار، پنهنجائپ ۽ تحفظ جو احساس ٿئي ٿو.
جيئن ته منهنجو ڪم ئي ماءُ جي کير جي ڄاڻ ٻين مائرن کي ڏيڻ آهي انڪري مون ڄاتو ٿي ته منهنجي ننڍڙي جهنڊو کي به ماءُ جي کير جي ڪيڏي شديد ضرورت آهي! مون کي اهو به سجهيو ٿي ته اسان جي شهر ۾ ڪجهه مائرون اهڙيون آهن. جيڪي پنهنجو کير ڪڍي ننڍڙين پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ وجهي ڊيپ فريزر ۾ رکيو ڇڏين.
آمريڪا ۾ ڪافي مائرون جيڪي نوڪريءَ تي وينديون آهن، اهي پنهنجو کير ننڍڙين ٿيلهين ۾ فريز ڪري رکنديون آهن، ته جيئن جڏهن هو ٻاهر هونديون آهن ته اهو کير ٻار کي سنڀاليندڙ پياري سگهي.
ڪجهه عورتن وٽ وڌيڪ کير هوندو آهي، اهي به پنهنجو کير فريز ڪري رکنديون آهن ته جيئن ٻين ٻارن کي ضرورت پوڻ تي ڏئي سگهن. سو اسان کي به ڪجهه فريز ٿيل کير جلدي جلدي ۾ هٿ ڪرڻو پيو ۽ آءٌ اهو کير پنهنجي پٽ جهندو کي پياريندي آهيان ۽ پيارڻ لاءِ خاص قسم جي بوتل استعمال ڪندي آهيان جنهن کي بريسٽ فيڊنگ ۽ سپليمنينٽري چئبو آهي. جيڪا هڪ بوتل آهي جنهن ۾ ٻه ننڍيون ناليون هونديون آهن. اها بوتل کير سان ڀريل، گلي ۾ لٽڪائي ۽ نلڪي ماءُ جي ڇاتيءَ جي نپل سان گڏ ٻار جي وات ۾ وجهبي آهي، ۽ ٻار چڳڙون ڏيندو آهي ته کير بوتل مان ملندو آهي، پر ٻار، ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳل هوندو آهي. هن بوتل جو مقصد صرف اهو آهي ته ٻار کي کير ماءُ جي ڇاتيءَ مان ملي ۽ ماءُ جي ڇاتيءَ کي چڳڙي ۽ جيئن جيئن ٻار وڌيڪ ماءُ کي چڳڙيندو تيئن تيئن ماءُ جو پنهنجو کير به لهندو.
اسين ڀاڳن وارا آهيون جو اسين پنهنجي پٽ کي ست مهينا ماءُ جو کير مهيا ڪري سگهياسين ۽ جهندو لاءِ منهنجي ڇاتيءَ چڳڙڻ جي ڪري روزانو ٻه ٽي آئونس کير ٿيندو آهي. جتي هوءَ بوتل نه ملندي آهي اتي مائرون وڌ ۾ وڌ پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ سان انهن وٽ پاڻهي کير اچي ويندو آهي.
آمريڪا ۾ وڌيڪ مائرون پنهنجو کير واپرائين ٿيون جڏهن ته آءٌ پاڪستان جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ته نه ٿي رکان پر ڳوٺ محمد بخش پنهور ۾ مون محسوس ڪيو آهي ته سڀ مائرون پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي پنهنجو کير پيارين ٿيون. ايستائين جو ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ عورتون به پنهنجا ڪجهه مهينن جا ٻار کڻي ٿيون اچن ۽ گهاٽن وڻن ۾ لوڏ ٻڌي ٻارن کي سمهارين ٿيون ۽ روئڻ تي کين پنهنجو کير پيارين ٿيون.
ڪجهه عورتون اهو سمجهن ٿيون ته ٻار لاءِ ماءُ جي کير کان وڌيڪ بهتر غذا ڪا به ڪانهي.
آءٌ اهڙين عورتن کي اها صلاح ڏينديس ته وڌيڪ ماني کائين ۽ وڌيڪ پاڻي پيئن ۽ پنهنجي ٻار کي وڌ کان وڌ پنهنجو کير پيارين، جيترو وڌيڪ چڳڙائينديون اوترو کير وڌيڪ ٿيندو. قدرت ڪا به اهڙي ماءُ پيدا نه ڪئي آهي جنهن کي کير نه هجي.
اها به سوچ صحيح ناهي ته کير پياريندڙ ماءُ جي صحت تي ڪو اثر ٿيندو يا سندس ڪا فگر خراب ٿيندي. عورت حمل سان ٿيندي آهي ته ان جي جسم تي ضرور ڪجهه فرق پوندو آهي. اهو ڇاتين سميت پوري جسم تي فرق پوندو آهي.
ڄاڻڻ گهرجي، ته طريقت ۾ ملامت کي ترقي وٺائڻ وارو ان زماني جو مرشد احمدون قصار هو. ان جا ملامت ۾ ڪافي قصا آهن. ان جو قول آهي: ”الملامت ترڪ السلامت“ (ملامت سلامتيءَ جي ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي.) جڏهن ڪو ماڻهو الله جي جلال ظاهر ٿيڻ جي اميد تي پنهنجي سلامتيءَ تان هٿ کڻندو آهي، مصيبتن سهڻ لاءِ تيار رهندو آهي، پنهنجين پيارين شين کي ڇڏيندو آهي، ۽ لڳ لاڳاپن کي ترڪ ڪرڻ چاهيندو آهي، اهو ماڻهو جيترو ماڻهن کان دور رهندو اوترو الله تعاليٰ جي ويجهڙائيءَ مان فائدو وٺندو آهي. ملامت جي عقيدي وارا ماڻهو دنيا وارن جي پياري شيءِ يعني سلامتي جي برخلاف ٿيندا آهن. (ڪشف المحجوب) تان کنيل شوڪت حسين شورو
ڄاڻڻ گهرجي، ته طريقت ۾ ملامت کي ترقي وٺائڻ وارو ان زماني جو مرشد احمدون قصار هو. ان جا ملامت ۾ ڪافي قصا آهن. ان جو قول آهي: ”الملامت ترڪ السلامت“ (ملامت سلامتيءَ جي ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي.) جڏهن ڪو ماڻهو الله جي جلال ظاهر ٿيڻ جي اميد تي پنهنجي سلامتيءَ تان هٿ کڻندو آهي، مصيبتن سهڻ لاءِ تيار رهندو آهي، پنهنجين پيارين شين کي ڇڏيندو آهي، ۽ لڳ لاڳاپن کي ترڪ ڪرڻ چاهيندو آهي، اهو ماڻهو جيترو ماڻهن کان دور رهندو اوترو الله تعاليٰ جي ويجهڙائيءَ مان فائدو وٺندو آهي. ملامت جي عقيدي وارا ماڻهو دنيا وارن جي پياري شيءِ يعني سلامتي جي برخلاف ٿيندا آهن. (ڪشف المحجوب) تان کنيل شوڪت حسين شورو
(ڪشف المحجوب) تان کنيل
شوڪت حسين شورو
سنڌي ادب ۾ جتي شاعري ۽ افسانوي ادب ۾ لکندڙن جي کوٽ ڪانهي، اتي اسان وٽ تحقيق جي ميدان ۾ جاکوڙيندڙ ليکڪ به موجود آهن. اسان جي محققن ۽ عالمن ۾ تمام وڏا وڏا نالا آهن، جن مان ڪي ته جڳ مشهور آهن، پر انهن ۾ عورت محققن جا نالا ڪي ڦلنادائي انهلندا اڻ ڳڻين ٿورن نالن ۾ ڊاڪٽر افروز خواجه شامل آهي. هن سنڌي ناول جي صنف تي وڏي جاکوڙ سان تحقيق ڪري پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. پر هن جي تحقيق جو شوق رڳو ڊگري حاصل ڪرڻ تائين محدود ڪونه رهجي ويو.
جيئن اڪثر اسان وٽ رواج آهي. پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ کان پوءِ اڪثريت جو وڌيڪ لکڻ پڙهڻ سان واسطو ئي ڪونه ٿو رهي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي تحقيقي مواد گڏ ڪندي ۽ لکندي رهي آهي.
ان کان سواءِ هن سنڌي ادب سان لاڳاپيل مختلف شخصيتن جي فن ۽ زندگيءَ تي ڪافي مضمون لکيا آهن. سندس لکيل انهن مضمونن ۾ جيڪو تحقيقي مواد موجود آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي Source Material جي حيثيت رکي ٿو جيڪو اڳتي هلي ايندڙ وقت جي محققن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿيندو.
نظير ناز ٻار ۽ ماءُ جو کير اڄ ڪلهه اهو فيشن ٿي ويو آهي ته ٻار کي دٻي جو کير پيارجي. ڇو ته ٻار کي مائرن پنهنجي ٿڃ پيارڻ ۾ عار محسوس ڪن ٿيون. مائرن کي اهو خيال ذهن ۾ ويهي ويو آهي ته ٻار کي ٿڃ ڏيڻ سان اسين ڪمزور ٿي وينديون سين. اسان جي جواني ۽ خوبصورتي برقرار نه رهندي ۽ جلد پوڙهيون ٿي وينديون سين. ڊاڪٽرن جي تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته کير پياريندڙ ماءُ جي جسماني بيهڪ، جواني ۽ حسن ۾ ڪو به فرق نٿو اچي، بلڪ ٻار کي ٿڃ پيارڻ سان ماءُ ڪنهن اندروني بيمارين کان محفوظ رهي ٿي. تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته جيڪي مائرون، پنهنجي ٻار کي کير پيارين ٿيون، ته انهن ۾ بريسٽ ڪينسر جهڙن مرضن ٿيڻ جا امڪان گهڻو گهٽجن ٿا. حقيقت ۾ کير پياريندڙ ماءُ جي منهن تي عجيب قسم جي چمڪ هوندي آهي.اهو ٻار ماءُ جي گهڻو ويجهو هوندو آهي. انهيءَ ٻار جو ماءُ سان گهڻو پيار ٿيندو آهي ۽ اهو ٻار بااعتماد هوندو آهي. هو پاڻ کي محفوظ سمجهندو آهي. هن احساس جي سبب ٻار ذهني توڙي جسماني طور تندرست رهي ٿو. ماءُ جو کير غذائيت سان ڀرپور هوندو آهي. انهي ڪري ٻار کي حقيقي غذا ۽ طاقت جيڪا پنهنجي ماءُ جي کير مان حاصل ٿي سگهي ٿي اها ٻاهرين کير ڳئون، ٻڪري، مينهن يا دٻي جي کير چاهي ڪيترو به مهانگو ڪنهن ٻاهرين ڪمپنيءَ جو ٺهيل هجي يا هن کير جا ڪيترائي فائدا ڄاڻايل هجن، پر ماءُ جي کير جي برابري نه ٿو ڪري سگهي. ٻار جي غذائي ضرورت فقط ماءُ جو کير ئي پوري ڪري سگهي ٿو. ٻار جي هاضمي جي سرشتي ۽ سهپ جي قوت مطابق فقط ماءُ جو کير ٿي سگهي ٿو، ماءُ جو کير پيئڻ سان ٻار جو هاضمو درست رهي ٿو. دٻي جي کير يا مينهن، ڍڳي، ٻڪري جو کير پيئڻ سان ٻار بيمار رهي ٿو. ٻاهرين کير جي ڪري ٻار سست رهندو آهي. پيٽ ۾ سور رهندو اٿس. تحقيق مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ٻار جي ڄمڻ سان ئي ماءُ جي کير ۾ ڪي اهڙا اهم جزا شامل ٿي ويندا آهن جو ٻار جيڪڏهن اهو کير پيئندو ته تندرست رهندو، جيئن ئي ٻار ڄمي ته ماءُ کي گهرجي ته کيس کير پياري ڇاڪاڻ ته جيئن ٻار کير چوسڻ شروع ڪندو تيئن کير اچڻ شروع ٿي ويندو. ۽ ڇاتي کير گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي. ٻار جيترو کير پيئندو اوترو کير ٻيهر جمع ٿي ويندو. ٻار کي وري وري کير پيارڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. جيئن ٻار کي ماءُ جي کير پيئڻ جي هير پئجي وڃي. ان کان پوءِ ٻار کي هر گهڙي کير پيارڻ جي ضرورت ناهي پوندي بلڪ وقت مقرر ڪري، وفقي سان کير پيارڻ گهرجي. ڪوشش ڪري کير اهڙن وقتن تي پيارجي جيئن رات جو ٻار گهڻي ننڊ ڪري مقرر ڪيل وقت مطابق ٻار کي کير صبح 6 وڳي، پوءِ 9 وڳي، 10 وڳي ائين وقفو ڏيڻ گهرجي . رات جو سمهڻ وقت ٻار کي کير پيارجي، انهيءَ کان پوءِ وچ رات ۾ ٻار کي کير پيارڻ نه گهرجي. ها عادت ٻار لاءِ نقصان ڪار آهي. رات جو کير پيارڻ سان ساري رات جو ماءُ جي ننڊ ڦٽندي، جيڪڏهن ٻار کي کير پيئڻ جي هير نه هوندي ته ٻار آرام سان سمهندو ۽ ٻار جو معدو به آرام سان هوندو ٻار جو هاضمو به صحيح رهندو. جڏهن هاضمو صحيح هوندو ته ٻار تندرست رهندو. شروعات ۾ ٻار کي انهن وقتن مطابق کير پيارڻ سبب تڪليف ٿيندي، جيڪڏهن انهيءَ ٽائيم تي ٻار ستل هجي، تڏهن به ٻار کي جاڳائي کير پيارڻ گهرجي. جيئن ٻار کي ٽائيم جي عادت پئجي وڃي. چوڻي آهي ته ٻار آهي مڇ جو وار جين ورائينس تيئن وري. اسين جنهن نموني ٻار کي عادي ڪنداسين ٻار انهيءَ تي عمل ڪندو. ٻار جي تندرستيءَ لاءِ صفائي به ضروري آهي. کير پياريندڙ ماءُ کي پنهنجي صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، هڪ صفائي پسند ماءُ هڪ صحتمند ٻار کي جنم ڏئي ٿي ۽ ٻار جي ذهبي نشونما سان گڏ جسماني نشونما به بهترين طريقي سان ٿي سگهي ٿي. عذرا سرور جي شاعريءَ م انڊلٺ جا اهي سڀئي رنگ سمايل آهن، جيڪي هڪ عورت جي جذبن جي ترجماني ڪندا آهن. هر عورت جا جذبا ساڳيا هوندا آهن. چاهي اها پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، چاهي اها عورت محلي ۾ رهندي هجي يا روڊ تي پٿر ڪٽيندي هجي پر جذبا ساڳيا هوندا آهن. اهي اها عورت مشرق جي هجي يا مغرب جي، پر فرق فقط ايترو آهي ته مغرب جي عورت جيئڻ جهو گر ڄاڻي ٿي. هن کي بنيادي حق حاصل ڪرڻ جهي سگهه آهي. پر سنڌ جي عورت هاڻي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿاري رهي آهي. ڪٿي اهو آواز شعرن جي روپ ۾ نظر ايندو ۽ کي هاڻي سنڌي عورت جي دل ۾ اها چاهت سمايل هوندي آهي ته ڌرتيءَ تي سک ۽ شانتي هجي. عورت جي دل هڪ مضبوط پناهه گاهه جي متلاشي هوندي آهي. اگر انهيءَ پناهه گاهه ۾ ڪٿي به ڪا وٿي ڪو جهول نظر آيو ته هوءَ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي آهي. الله جي مهربانيءَ سان عذرا سرور جي پناهه گاهه ۾ ڪو به اهڙو جهول ناهي، پر عذرا سرور هڪ حساس دل رکندڙ عورت آهي. اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍايون هن جي برداشت کان ٻاهر آهن. هن جي شاعري ۾ هر موضوع ملندو. وطن دوستي، انسانيت سان پيار، جتي ڪٿي شعرن ۾ پيار جي هڪ تڙپ جي جهلڪ وراڪا ڪندي نظر ايندي. مون محسوس ڪيو آهي. شاعري ڪندڙ جي دل ۾ اڃ آهي. سڪ ۽ درد سمايل آهي. دنيا جون سڀ نعمتون مليل هوندي به هو پاڻ کي اڃايل ۽ اڻ پورو محسوس ڪري ٿو. شاعر کي اها تشنگي قدرت طرفان مليل هڪ ڏات آهي. انهي ڏات سبب شاعري ڪري ٿو ۽ پنهنجي من ۾ سڪ ۽ اڃ کي سانڍي هلي ٿو. عذرا سرور جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”نيلي گگن تلي“. اردو ۾ آهي ”نم جي ڇانوري ۾“ عذرا سرور جو ٻيو ڪتاب آهي. اميد ته پڙهندڙ سندس ڪتاب کي پنسد ڪندا. نظير ناز فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا حدون ٽوڙڻ جا خواب مترجم امر سنڌو حصو اٺون ”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪيهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي.“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قوم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين. فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي. (امرسنڌو) درياهه تي ٿانون جو ڌوپجڻ ياسمينه جي فارم تي پهچڻ ۾ ڪي ڪلاڪ ئي گهربل هوندا هئا. ٿورن ئي ڪلاڪن جو سفر هو پر ائين لڳندو آهي جيئن پڦي حبيبه جي ٻڌايل ڪنهن ڏور پرانهين چيني ٻيٽ تي پهچي ويا هجون. هتي جون عورتون، اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهنديون هيون، جنهن جو تصور به شهري عورتن لاءِ ممڪن نه هو. اهي مڇيءَ جو شڪار ڪنديون، وڻن تي چڙهنديون ۽ ان نديءَ ۾ وهنجنديون هيون، جيڪا سيبو درياهه سان ملي سمنڊ ۾ وڃي ملندي هئي. ٽامون جي اچڻ کان پوءِ انهن عورتن گهوڙي سواريءَ جا مقابلا پڻ شروع ڪري ڏنا هئا. ان کان پهرين اهي ڪڏهن ڪڏهن ئي لڪ ڇپ ۾ گهوڙي تي چڙهنديون هيون. هاڻي ٽامون گهوڙي سواريءَ جا باقاعدي طريقا ٻڌايا ۽ ان کي هڪ جشن جي شڪل ڏيئي ڇڏي جنهن جي آخر ۾ انعام ورهايا ويندا هئا. مقابلي ۾ کٽڻ واري لاءِ، آخر تي اچڻ واري خود ويهي انعام تيار ڪندي هئي، يعني هڪ تمام وڏو ”پسٽِلا“ هو، جيڪا الله جي نعمتن ۾ عزيز ترين آهي. باقر خواني جهڙو پٽسيلا ساڳي ئي وقت مٺو ۽ نمڪين هوندو هو. اندر ڪبوتر جو تريل گوشت، پستا بادام، کنڊ ۽ دارچيني....واه!! ڇا ته سوادي شيءِ هئي، جنهن کي نفاست سان کائڻو پوندو هو، نه ته سڄي چهري تي کنڊ ۽ درچيني لڳي ويندي هئي. پسٽيلا جي تياريءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳندا هئا. گهڻن تهن باقرخاني، تريل خشڪ ميوو ۽ ڪيتريون قسمين قسمين مزيدار شيون تهن ۾ لڪل هونديون هيون. ان لاءِ ياسمينه اڪثر چوندي هئي ته عورتون جيڪڏهن عقلمند هجن ها ته پسٽيلا ٺاهي وڪڻن ها، بجاءِ ان جي جو ان کي گهرو ڪم جو حصو بڻائين. لاله ٿور جو چهرو بيحد سفيد پر چمڙي بيجان هئس. صرف اهائي شهري عورت هئي، باقي سڀئي زالون ۽ انهن جا مهانڊا ڳوٺاڻا هئا. جيئن مراڪش جي جابلو عورتون ٿينديون آهن. لالاٿور پنهنجو ٿهه دار ڪافتان (لباس) گوڏن تائين لڙڪائي گهمندي رهندي هئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ ڪو گهرو ڪم ڪار نه ڪندي هئي. عورتن جي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته گهرو ڪم ڪارين کي ڪيئن دلچسپ بڻائجي ۽ هڪ ڏينهن مبروڪا جنهن کي ترڻ جو ڏاڍو شوق هو، چوڻ لڳي ته گهر جا ٿانو نديءَ تي ڌوتا ويندا. لالا ٿور ڏاڍو اعتراض ڪيو ته هيءَ اسلامي سماج جي خلاف آهي ۽ اهي ڳوٺاڻيون عورتون گهر جي عزت پاڻي ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينديون. جيئن محترم مورخ ابن خلدون ڇهه سؤ سال پهرين مقدم تاريخ ۾ لکيو هو ته اسلام جي ثقافت عين شهري آهي ۽ ان کي ڳوٺن کان خطرو رهندو آهي. اهي جابلو عورتون نيٺ بربادي جو ڪرڻ بڻيون. ياسمينه جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن لاله ٿور پراڻن ڪتابن پڙهڻ بجاءِ ڪوئي ڪم ڪار ڪري ته مسلمانن کي اڃا وڌيڪ فائدو رسندو. لاله ٿور عورتن جي تفريح جي ايتري قدر مخالف هئي جو نيٺ هوءَ اهو معاملو ناني ڏانهن کڻي ويئي. مبروڪا ۽ ياسمينه کي سڏايو ويو ۽ پڇا ڳاڇا ٿي ته انهن چيو ته اسان جاهل ڳوٺاڻيون ته آهيون پر ايتريون گهٽ عقل واريون نه آهيون جو ابن خلدون جي لفظن کي تقدس جو درجو ڏيون. نيٺ به هو هڪ مؤرخ ئي ته هو! پر جيڪڏهن لاله ٿور قروان جي عالمن کان اها فتويٰ ڏياري ته عورت نديءَ ۾ ٿانو نه ٿي ڌوئي سگهي ته هو مڃي وٺنديون، نه ته کين پنهنجي مرضي ڪرڻ ڏني وڃي. نيٺ ندي الله جي تخليق آهي ۽ ترڻ به جيڪڏهن گناهه آهي ته پڇاڻي ڏينهن تي اهي خود خدا کي جواب ڏينديون. ناني کي سندن اها ڳالهه وڻي ۽ ان اهو چئي معاملو ٺاري ڇڏيو ته چڱو آهي ته اسلام ۾ ذميداري هر فرد جو ذاتي معاملو آهي. فارم تي حرم وانگي ڪم ورهائڻ جو سخت انتظام هو. عورتون پنهنجي پنهنجي پسند جون ٽوليون ٺاهي ڪم ورهائي کڻنديون هيون. هر ٽولي جي ذمي اگر هڪ هفتي جو کاڌو پچائڻ ته ٻئي هفتي صفائيڪ پوءِ چانهه پاڻيءَ جو انتظام، پوءِ ڌوئڻ ۽ پنجين گفتي آرام. سڀئي عورتون ملي هڪ ئي وقت ڪونه ڪو ڪم ڪنديون هيون. سواءِ ٿانون ڌوئڻ جي. مبروڪا جي تجويز جي ڪري ان سال جڏهن مان هتي هئس (گهٽ ۾ گهٽ گرمين جي موسم ۾) هڪ اجتماعي مقابلو بڻجي ويوهو. جنهن ۾ رانديگر، تماشائي ۽ عريباز شامل هوندي هئي. عورتون ٻه قطارون ٺاهي نديءَ ۾ بيهي رهنديون هيون. پهرين قطار ۾ سڀئي ڪپڙا پاتل گوڏن تائين پاڻيءَ ۾ بيٺل هونديون هيون ۽ ٻيون ترڻ ڄاڻيندڙ عورتون چيلهه تائين پاڻيءَ ۾ صرف قميص پاتل، جا پڻ پنهنجن ڪڇن ۾ جهلينديون هيون، سندن مٿا اگهاڙا هوندا هئا ڇو ته لهرن سان ويڙهه وقت قيمتي سلڪ جا ڀرت ڀريل رئا پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ جو خطرو به هوندو هئو. پهرين قطار ديڳڙيون ۽ مٽيءَ جون هنڊيون ڪنارن کان جهلينديون هيون ۽ واريءَ سان مانجهي پوءِ ٿانوَ، ٻي قطار ڏانهن ٻيهر صفائيءَ ڏانهن موڪلينديون هيون. بقايا رڌڻي جو سامان لهرن ۾ هيڏانهن هوڏانهن وهندو، هڪ هٿ کان بي هٿ تائين اچڻ تائين تان جو سڄي مٽي ڌوپجي ويندي هئي. آخر ۾ مبروڪا ترڻ جي ماهر پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندي هئي. مبروڪا کي اگاديلر جي ڀرپاسي جي هڪ ساحلي ڳوٺ مان ان وقت اغوا ڪيو ويو هو جڏهن فرانسيسين جي آمد بعد اتي جنگ ٿي رهي هئي. ان جي ننڍپڻ جو مشغلو مٿانهين جابلو ٽڪرين تان سمنڊ ۾ ٽپ ڏيندي هئي. هوءَ مڇيءَ جيا پاڻيءَ ۾ ترندي رهندي هئي. هتي ٿانو ڌوئڻ وقت ان جي ذمي ۾ پاڻيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندڙ ٿانو کي بچائڻ واري ذميواري رکيل هئي. جڏهن هوءَ ڪو به وڃايل ٿانو هنڊِ ۽ ديڳڙي ڳولي مٿي تي کڻي پاڻيءَ مان نڪرندي هئي ته سڀئي زالون تاڙيون وڄائي نعرا هڻندي، هوڪارا ۽ ڪوڪرا هڻنديون هيون ۽ ”ڏوهاري“ اها عورت هئي، جنهن جي هٿان ٿانو ڪري پوندو هو ته سزا طور کيس مبروڪا لاءِ ”فنگي“ (مٺائيءَ جو قسم) ٺاهڻي پوندي هئي. اها ناني جي ٺاهيل شين مان بيمثال بالو شاهي هوندو هو. جڏهن سڀ ٿانو ڌوپجي ويندا هئا ته ياسمينه وٽ گڏ ڪيا ويندا هئا جيڪا وري ڪريشان جي حوالي ڪري ڇڏيندي هئي جيڪو هن مهم جو اهم ترين ڪردار هو. ڪريشان جي معنيٰ هئي ”پيٽو“. اهو نالو انهن عورتن پنهنجي لالڏي ۽ کريل ڪوچوان محمد العزبوي تي رکيو هو، جيڪو يتنجي ۽ فيض جي ميدانن ۾ پيدا ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ فارم کان ٿوروئي پر ڀرو رهندو هو. هو ڪڏهن به ڳوٺ کان ٻاهر نه ويو ۽ نه وري کيس ڪڏهن ڪا ٻاهر وڃڻ جي خواهش ئي ٿئي. هو چوندو هو ته ”سواءِ مڪي جي دنيا ۾ ڪا به حسين جڳهه ناهي.“ ڊگهو قد، مٿي تي سفيد پڳ ۽ نسواري برنوس (پوشاڪ) ۾ هو ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا اهم سرڪاري شخصيت هجي، پر ائين نه هو، هن کي حڪومت ۽ قانون جي تحفظ ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي بس هڪ ڀلو ماڻهو، جنهن کي يقين هو ته الله هر انسان کي ايترو شعور ڏنو آهي ته هو پنهنجي ذميوارين جو خيال رکي. هن جي زال چڱي ٿوهڙ هئي ۽ هو چوندو هو ته ”جيڪڏهن کيس گهرو ڪم ڪار پسند ناهي ته ان جي ڪري مان کيس طلاق نه ٿو ڏيئي سگهان. بس ائين ئي ٺيڪ آهي.“ ڪرشيا ڪو اهڙو معروف ماڻهو به نه هو جڏهن کيس سواري کان فارغ ڪيو ويندو هو ته هو کائيندو، سمهندو ۽ عورتن جي معاملن ۾ اٽڪيو پيو هوندو هو. عورتن جي اچ وڃ جي لاءِ هن جي گهوڙي گاڏي ئي هڪ ذريعو هو، ان ڪري ان کان سواءِ نديءَ ۾ ٿانو ڌوئڻ ناممڪن هو. ڪيترائي ٿانو مثلن وڏيون ديڳڙيون وغيره وڏن گهرن ۾ لازمي هجن ٿيون. سو ڪرشيا جي مدد سان اهي ٿانون نديءَ تي پهچايا ويندا هئا. پيٽو ڪرشيا کاڌي جو ايڏو شوقين هوندو هو ته جيڪڏهن ان کي سندس من پسند ڪوس ڪوس (سوجي) ڪشمش، ڪبوتر جي گوشت ۽ ماکيءَ ۾ پڪل بصر سان ٺهيل کاڌي جي لالچ ڏني وڃي ته هو جبل ٽوڙڻ تي به راضي ٿي وڃي. ڪريشا جي هڪ ذميواري هر ٻن هفتن بعد عورتن کي حمام تي وٺي وڃڻ جي به هئي. حمام ويجهي ئي ڳوٺ سدي سليمان ۾ هو جيڪو فارم کان ڏهه ڪلوميٽر پري هو. ڪريشا سان سواري ۾ خوب مزو ايندو هو. عورتون وقتاً فوقتاً گاڏيءَ مان ٽپ ڏيئي چونديون هيون ته: ”جهنگ جي خيال سان وڃڻو آهي.“ ۽ هو هميشه جوا ب ۾ چوندو هو: ”گاڏيءَ مان نه لهو ڇو ته مون کي توهان سڀني کي سدي سليمان پهچائڻو آهي.“ اهو ٻڌي عورتون وڏا ٽهڪ ڏينديون، جڏهن سدي سليمان تائين پهچندا هئا ته ڪريشا هيٺ هلي، حمام ۾ داخل ٿيندڙ عورتن کي آڱرين تي ڳڻيندو ويندو ۽ چوندو ”عورتون!! ٻاڦ ۾ ڪٿي غائب نه ٿي وڃجو. واپسيءَ ۾ هر هڪ کي حاضر چئي ڳڻپ پوري ڪرڻي پوندي هئي.“ مطلب ته ياسمينه جي فارم تي عجب ديوانگي هئي. ] هلندڙ[
نظير ناز
ٻار ۽ ماءُ جو کير
اڄ ڪلهه اهو فيشن ٿي ويو آهي ته ٻار کي دٻي جو کير پيارجي. ڇو ته ٻار کي مائرن پنهنجي ٿڃ پيارڻ ۾ عار محسوس ڪن ٿيون. مائرن کي اهو خيال ذهن ۾ ويهي ويو آهي ته ٻار کي ٿڃ ڏيڻ سان اسين ڪمزور ٿي وينديون سين. اسان جي جواني ۽ خوبصورتي برقرار نه رهندي ۽ جلد پوڙهيون ٿي وينديون سين. ڊاڪٽرن جي تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته کير پياريندڙ ماءُ جي جسماني بيهڪ، جواني ۽ حسن ۾ ڪو به فرق نٿو اچي، بلڪ ٻار کي ٿڃ پيارڻ سان ماءُ ڪنهن اندروني بيمارين کان محفوظ رهي ٿي. تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته جيڪي مائرون، پنهنجي ٻار کي کير پيارين ٿيون، ته انهن ۾ بريسٽ ڪينسر جهڙن مرضن ٿيڻ جا امڪان گهڻو گهٽجن ٿا.
حقيقت ۾ کير پياريندڙ ماءُ جي منهن تي عجيب قسم جي چمڪ هوندي آهي.اهو ٻار ماءُ جي گهڻو ويجهو هوندو آهي. انهيءَ ٻار جو ماءُ سان گهڻو پيار ٿيندو آهي ۽ اهو ٻار بااعتماد هوندو آهي. هو پاڻ کي محفوظ سمجهندو آهي. هن احساس جي سبب ٻار ذهني توڙي جسماني طور تندرست رهي ٿو. ماءُ جو کير غذائيت سان ڀرپور هوندو آهي. انهي ڪري ٻار کي حقيقي غذا ۽ طاقت جيڪا پنهنجي ماءُ جي کير مان حاصل ٿي سگهي ٿي اها ٻاهرين کير ڳئون، ٻڪري، مينهن يا دٻي جي کير چاهي ڪيترو به مهانگو ڪنهن ٻاهرين ڪمپنيءَ جو ٺهيل هجي يا هن کير جا ڪيترائي فائدا ڄاڻايل هجن، پر ماءُ جي کير جي برابري نه ٿو ڪري سگهي. ٻار جي غذائي ضرورت فقط ماءُ جو کير ئي پوري ڪري سگهي ٿو.
ٻار جي هاضمي جي سرشتي ۽ سهپ جي قوت مطابق فقط ماءُ جو کير ٿي سگهي ٿو، ماءُ جو کير پيئڻ سان ٻار جو هاضمو درست رهي ٿو.
دٻي جي کير يا مينهن، ڍڳي، ٻڪري جو کير پيئڻ سان ٻار بيمار رهي ٿو. ٻاهرين کير جي ڪري ٻار سست رهندو آهي. پيٽ ۾ سور رهندو اٿس.
تحقيق مان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ٻار جي ڄمڻ سان ئي ماءُ جي کير ۾ ڪي اهڙا اهم جزا شامل ٿي ويندا آهن جو ٻار جيڪڏهن اهو کير پيئندو ته تندرست رهندو، جيئن ئي ٻار ڄمي ته ماءُ کي گهرجي ته کيس کير پياري ڇاڪاڻ ته جيئن ٻار کير چوسڻ شروع ڪندو تيئن کير اچڻ شروع ٿي ويندو. ۽ ڇاتي کير گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي.
ٻار جيترو کير پيئندو اوترو کير ٻيهر جمع ٿي ويندو. ٻار کي وري وري کير پيارڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. جيئن ٻار کي ماءُ جي کير پيئڻ جي هير پئجي وڃي. ان کان پوءِ ٻار کي هر گهڙي کير پيارڻ جي ضرورت ناهي پوندي بلڪ وقت مقرر ڪري، وفقي سان کير پيارڻ گهرجي. ڪوشش ڪري کير اهڙن وقتن تي پيارجي جيئن رات جو ٻار گهڻي ننڊ ڪري مقرر ڪيل وقت مطابق ٻار کي کير صبح 6 وڳي، پوءِ 9 وڳي، 10 وڳي ائين وقفو ڏيڻ گهرجي .
رات جو سمهڻ وقت ٻار کي کير پيارجي، انهيءَ کان پوءِ وچ رات ۾ ٻار کي کير پيارڻ نه گهرجي. ها عادت ٻار لاءِ نقصان ڪار آهي. رات جو کير پيارڻ سان ساري رات جو ماءُ جي ننڊ ڦٽندي، جيڪڏهن ٻار کي کير پيئڻ جي هير نه هوندي ته ٻار آرام سان سمهندو ۽ ٻار جو معدو به آرام سان هوندو ٻار جو هاضمو به صحيح رهندو.
جڏهن هاضمو صحيح هوندو ته ٻار تندرست رهندو. شروعات ۾ ٻار کي انهن وقتن مطابق کير پيارڻ سبب تڪليف ٿيندي، جيڪڏهن انهيءَ ٽائيم تي ٻار ستل هجي، تڏهن به ٻار کي جاڳائي کير پيارڻ گهرجي. جيئن ٻار کي ٽائيم جي عادت پئجي وڃي.
چوڻي آهي ته ٻار آهي مڇ جو وار جين ورائينس تيئن وري. اسين جنهن نموني ٻار کي عادي ڪنداسين ٻار انهيءَ تي عمل ڪندو. ٻار جي تندرستيءَ لاءِ صفائي به ضروري آهي. کير پياريندڙ ماءُ کي پنهنجي صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، هڪ صفائي پسند ماءُ هڪ صحتمند ٻار کي جنم ڏئي ٿي ۽ ٻار جي ذهبي نشونما سان گڏ جسماني نشونما به بهترين طريقي سان ٿي سگهي ٿي.
عذرا سرور جي شاعريءَ م انڊلٺ جا اهي سڀئي رنگ سمايل آهن، جيڪي هڪ عورت جي جذبن جي ترجماني ڪندا آهن. هر عورت جا جذبا ساڳيا هوندا آهن. چاهي اها پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، چاهي اها عورت محلي ۾ رهندي هجي يا روڊ تي پٿر ڪٽيندي هجي پر جذبا ساڳيا هوندا آهن. اهي اها عورت مشرق جي هجي يا مغرب جي، پر فرق فقط ايترو آهي ته مغرب جي عورت جيئڻ جهو گر ڄاڻي ٿي. هن کي بنيادي حق حاصل ڪرڻ جهي سگهه آهي. پر سنڌ جي عورت هاڻي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿاري رهي آهي.
ڪٿي اهو آواز شعرن جي روپ ۾ نظر ايندو ۽ کي هاڻي سنڌي عورت جي دل ۾ اها چاهت سمايل هوندي آهي ته ڌرتيءَ تي سک ۽ شانتي هجي. عورت جي دل هڪ مضبوط پناهه گاهه جي متلاشي هوندي آهي. اگر انهيءَ پناهه گاهه ۾ ڪٿي به ڪا وٿي ڪو جهول نظر آيو ته هوءَ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي آهي.
الله جي مهربانيءَ سان عذرا سرور جي پناهه گاهه ۾ ڪو به اهڙو جهول ناهي، پر عذرا سرور هڪ حساس دل رکندڙ عورت آهي. اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍايون هن جي برداشت کان ٻاهر آهن. هن جي شاعري ۾ هر موضوع ملندو. وطن دوستي، انسانيت سان پيار، جتي ڪٿي شعرن ۾ پيار جي هڪ تڙپ جي جهلڪ وراڪا ڪندي نظر ايندي. مون محسوس ڪيو آهي. شاعري ڪندڙ جي دل ۾ اڃ آهي. سڪ ۽ درد سمايل آهي. دنيا جون سڀ نعمتون مليل هوندي به هو پاڻ کي اڃايل ۽ اڻ پورو محسوس ڪري ٿو. شاعر کي اها تشنگي قدرت طرفان مليل هڪ ڏات آهي. انهي ڏات سبب شاعري ڪري ٿو ۽ پنهنجي من ۾ سڪ ۽ اڃ کي سانڍي هلي ٿو.
عذرا سرور جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”نيلي گگن تلي“. اردو ۾ آهي ”نم جي ڇانوري ۾“ عذرا سرور جو ٻيو ڪتاب آهي. اميد ته پڙهندڙ سندس ڪتاب کي پنسد ڪندا.
نظير ناز
فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا
حدون ٽوڙڻ جا خواب
مترجم
امر سنڌو
حصو اٺون
”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي. پر سنڌ جي عورت ايڪيهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگهجي.“ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به هڪ قوم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجهد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.
فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي.
(امرسنڌو)
درياهه تي ٿانون جو ڌوپجڻ
ياسمينه جي فارم تي پهچڻ ۾ ڪي ڪلاڪ ئي گهربل هوندا هئا. ٿورن ئي ڪلاڪن جو سفر هو پر ائين لڳندو آهي جيئن پڦي حبيبه جي ٻڌايل ڪنهن ڏور پرانهين چيني ٻيٽ تي پهچي ويا هجون. هتي جون عورتون، اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهنديون هيون، جنهن جو تصور به شهري عورتن لاءِ ممڪن نه هو. اهي مڇيءَ جو شڪار ڪنديون، وڻن تي چڙهنديون ۽ ان نديءَ ۾ وهنجنديون هيون، جيڪا سيبو درياهه سان ملي سمنڊ ۾ وڃي ملندي هئي. ٽامون جي اچڻ کان پوءِ انهن عورتن گهوڙي سواريءَ جا مقابلا پڻ شروع ڪري ڏنا هئا. ان کان پهرين اهي ڪڏهن ڪڏهن ئي لڪ ڇپ ۾ گهوڙي تي چڙهنديون هيون. هاڻي ٽامون گهوڙي سواريءَ جا باقاعدي طريقا ٻڌايا ۽ ان کي هڪ جشن جي شڪل ڏيئي ڇڏي جنهن جي آخر ۾ انعام ورهايا ويندا هئا.
مقابلي ۾ کٽڻ واري لاءِ، آخر تي اچڻ واري خود ويهي انعام تيار ڪندي هئي، يعني هڪ تمام وڏو ”پسٽِلا“ هو، جيڪا الله جي نعمتن ۾ عزيز ترين آهي. باقر خواني جهڙو پٽسيلا ساڳي ئي وقت مٺو ۽ نمڪين هوندو هو. اندر ڪبوتر جو تريل گوشت، پستا بادام، کنڊ ۽ دارچيني....واه!! ڇا ته سوادي شيءِ هئي، جنهن کي نفاست سان کائڻو پوندو هو، نه ته سڄي چهري تي کنڊ ۽ درچيني لڳي ويندي هئي. پسٽيلا جي تياريءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳندا هئا. گهڻن تهن باقرخاني، تريل خشڪ ميوو ۽ ڪيتريون قسمين قسمين مزيدار شيون تهن ۾ لڪل هونديون هيون. ان لاءِ ياسمينه اڪثر چوندي هئي ته عورتون جيڪڏهن عقلمند هجن ها ته پسٽيلا ٺاهي وڪڻن ها، بجاءِ ان جي جو ان کي گهرو ڪم جو حصو بڻائين.
لاله ٿور جو چهرو بيحد سفيد پر چمڙي بيجان هئس. صرف اهائي شهري عورت هئي، باقي سڀئي زالون ۽ انهن جا مهانڊا ڳوٺاڻا هئا. جيئن مراڪش جي جابلو عورتون ٿينديون آهن. لالاٿور پنهنجو ٿهه دار ڪافتان (لباس) گوڏن تائين لڙڪائي گهمندي رهندي هئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ ڪو گهرو ڪم ڪار نه ڪندي هئي. عورتن جي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته گهرو ڪم ڪارين کي ڪيئن دلچسپ بڻائجي ۽ هڪ ڏينهن مبروڪا جنهن کي ترڻ جو ڏاڍو شوق هو، چوڻ لڳي ته گهر جا ٿانو نديءَ تي ڌوتا ويندا. لالا ٿور ڏاڍو اعتراض ڪيو ته هيءَ اسلامي سماج جي خلاف آهي ۽ اهي ڳوٺاڻيون عورتون گهر جي عزت پاڻي ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينديون. جيئن محترم مورخ ابن خلدون ڇهه سؤ سال پهرين مقدم تاريخ ۾ لکيو هو ته اسلام جي ثقافت عين شهري آهي ۽ ان کي ڳوٺن کان خطرو رهندو آهي. اهي جابلو عورتون نيٺ بربادي جو ڪرڻ بڻيون. ياسمينه جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن لاله ٿور پراڻن ڪتابن پڙهڻ بجاءِ ڪوئي ڪم ڪار ڪري ته مسلمانن کي اڃا وڌيڪ فائدو رسندو.
لاله ٿور عورتن جي تفريح جي ايتري قدر مخالف هئي جو نيٺ هوءَ اهو معاملو ناني ڏانهن کڻي ويئي. مبروڪا ۽ ياسمينه کي سڏايو ويو ۽ پڇا ڳاڇا ٿي ته انهن چيو ته اسان جاهل ڳوٺاڻيون ته آهيون پر ايتريون گهٽ عقل واريون نه آهيون جو ابن خلدون جي لفظن کي تقدس جو درجو ڏيون. نيٺ به هو هڪ مؤرخ ئي ته هو! پر جيڪڏهن لاله ٿور قروان جي عالمن کان اها فتويٰ ڏياري ته عورت نديءَ ۾ ٿانو نه ٿي ڌوئي سگهي ته هو مڃي وٺنديون، نه ته کين پنهنجي مرضي ڪرڻ ڏني وڃي. نيٺ ندي الله جي تخليق آهي ۽ ترڻ به جيڪڏهن گناهه آهي ته پڇاڻي ڏينهن تي اهي خود خدا کي جواب ڏينديون. ناني کي سندن اها ڳالهه وڻي ۽ ان اهو چئي معاملو ٺاري ڇڏيو ته چڱو آهي ته اسلام ۾ ذميداري هر فرد جو ذاتي معاملو آهي.
فارم تي حرم وانگي ڪم ورهائڻ جو سخت انتظام هو. عورتون پنهنجي پنهنجي پسند جون ٽوليون ٺاهي ڪم ورهائي کڻنديون هيون. هر ٽولي جي ذمي اگر هڪ هفتي جو کاڌو پچائڻ ته ٻئي هفتي صفائيڪ پوءِ چانهه پاڻيءَ جو انتظام، پوءِ ڌوئڻ ۽ پنجين گفتي آرام. سڀئي عورتون ملي هڪ ئي وقت ڪونه ڪو ڪم ڪنديون هيون. سواءِ ٿانون ڌوئڻ جي. مبروڪا جي تجويز جي ڪري ان سال جڏهن مان هتي هئس (گهٽ ۾ گهٽ گرمين جي موسم ۾) هڪ اجتماعي مقابلو بڻجي ويوهو. جنهن ۾ رانديگر، تماشائي ۽ عريباز شامل هوندي هئي.
عورتون ٻه قطارون ٺاهي نديءَ ۾ بيهي رهنديون هيون. پهرين قطار ۾ سڀئي ڪپڙا پاتل گوڏن تائين پاڻيءَ ۾ بيٺل هونديون هيون ۽ ٻيون ترڻ ڄاڻيندڙ عورتون چيلهه تائين پاڻيءَ ۾ صرف قميص پاتل، جا پڻ پنهنجن ڪڇن ۾ جهلينديون هيون، سندن مٿا اگهاڙا هوندا هئا ڇو ته لهرن سان ويڙهه وقت قيمتي سلڪ جا ڀرت ڀريل رئا پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ جو خطرو به هوندو هئو.
پهرين قطار ديڳڙيون ۽ مٽيءَ جون هنڊيون ڪنارن کان جهلينديون هيون ۽ واريءَ سان مانجهي پوءِ ٿانوَ، ٻي قطار ڏانهن ٻيهر صفائيءَ ڏانهن موڪلينديون هيون. بقايا رڌڻي جو سامان لهرن ۾ هيڏانهن هوڏانهن وهندو، هڪ هٿ کان بي هٿ تائين اچڻ تائين تان جو سڄي مٽي ڌوپجي ويندي هئي.
آخر ۾ مبروڪا ترڻ جي ماهر پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندي هئي. مبروڪا کي اگاديلر جي ڀرپاسي جي هڪ ساحلي ڳوٺ مان ان وقت اغوا ڪيو ويو هو جڏهن فرانسيسين جي آمد بعد اتي جنگ ٿي رهي هئي. ان جي ننڍپڻ جو مشغلو مٿانهين جابلو ٽڪرين تان سمنڊ ۾ ٽپ ڏيندي هئي. هوءَ مڇيءَ جيا پاڻيءَ ۾ ترندي رهندي هئي.
هتي ٿانو ڌوئڻ وقت ان جي ذمي ۾ پاڻيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندڙ ٿانو کي بچائڻ واري ذميواري رکيل هئي. جڏهن هوءَ ڪو به وڃايل ٿانو هنڊِ ۽ ديڳڙي ڳولي مٿي تي کڻي پاڻيءَ مان نڪرندي هئي ته سڀئي زالون تاڙيون وڄائي نعرا هڻندي، هوڪارا ۽ ڪوڪرا هڻنديون هيون ۽ ”ڏوهاري“ اها عورت هئي، جنهن جي هٿان ٿانو ڪري پوندو هو ته سزا طور کيس مبروڪا لاءِ ”فنگي“ (مٺائيءَ جو قسم) ٺاهڻي پوندي هئي. اها ناني جي ٺاهيل شين مان بيمثال بالو شاهي هوندو هو.
جڏهن سڀ ٿانو ڌوپجي ويندا هئا ته ياسمينه وٽ گڏ ڪيا ويندا هئا جيڪا وري ڪريشان جي حوالي ڪري ڇڏيندي هئي جيڪو هن مهم جو اهم ترين ڪردار هو. ڪريشان جي معنيٰ هئي ”پيٽو“. اهو نالو انهن عورتن پنهنجي لالڏي ۽ کريل ڪوچوان محمد العزبوي تي رکيو هو، جيڪو يتنجي ۽ فيض جي ميدانن ۾ پيدا ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ فارم کان ٿوروئي پر ڀرو رهندو هو. هو ڪڏهن به ڳوٺ کان ٻاهر نه ويو ۽ نه وري کيس ڪڏهن ڪا ٻاهر وڃڻ جي خواهش ئي ٿئي. هو چوندو هو ته ”سواءِ مڪي جي دنيا ۾ ڪا به حسين جڳهه ناهي.“ ڊگهو قد، مٿي تي سفيد پڳ ۽ نسواري برنوس (پوشاڪ) ۾ هو ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا اهم سرڪاري شخصيت هجي، پر ائين نه هو، هن کي حڪومت ۽ قانون جي تحفظ ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي بس هڪ ڀلو ماڻهو، جنهن کي يقين هو ته الله هر انسان کي ايترو شعور ڏنو آهي ته هو پنهنجي ذميوارين جو خيال رکي. هن جي زال چڱي ٿوهڙ هئي ۽ هو چوندو هو ته ”جيڪڏهن کيس گهرو ڪم ڪار پسند ناهي ته ان جي ڪري مان کيس طلاق نه ٿو ڏيئي سگهان. بس ائين ئي ٺيڪ آهي.“
ڪرشيا ڪو اهڙو معروف ماڻهو به نه هو جڏهن کيس سواري کان فارغ ڪيو ويندو هو ته هو کائيندو، سمهندو ۽ عورتن جي معاملن ۾ اٽڪيو پيو هوندو هو. عورتن جي اچ وڃ جي لاءِ هن جي گهوڙي گاڏي ئي هڪ ذريعو هو، ان ڪري ان کان سواءِ نديءَ ۾ ٿانو ڌوئڻ ناممڪن هو. ڪيترائي ٿانو مثلن وڏيون ديڳڙيون وغيره وڏن گهرن ۾ لازمي هجن ٿيون. سو ڪرشيا جي مدد سان اهي ٿانون نديءَ تي پهچايا ويندا هئا. پيٽو ڪرشيا کاڌي جو ايڏو شوقين هوندو هو ته جيڪڏهن ان کي سندس من پسند ڪوس ڪوس (سوجي) ڪشمش، ڪبوتر جي گوشت ۽ ماکيءَ ۾ پڪل بصر سان ٺهيل کاڌي جي لالچ ڏني وڃي ته هو جبل ٽوڙڻ تي به راضي ٿي وڃي.
ڪريشا جي هڪ ذميواري هر ٻن هفتن بعد عورتن کي حمام تي وٺي وڃڻ جي به هئي. حمام ويجهي ئي ڳوٺ سدي سليمان ۾ هو جيڪو فارم کان ڏهه ڪلوميٽر پري هو. ڪريشا سان سواري ۾ خوب مزو ايندو هو. عورتون وقتاً فوقتاً گاڏيءَ مان ٽپ ڏيئي چونديون هيون ته:
”جهنگ جي خيال سان وڃڻو آهي.“
۽ هو هميشه جوا ب ۾ چوندو هو:
”گاڏيءَ مان نه لهو ڇو ته مون کي توهان سڀني کي سدي سليمان پهچائڻو آهي.“
اهو ٻڌي عورتون وڏا ٽهڪ ڏينديون، جڏهن سدي سليمان تائين پهچندا هئا ته ڪريشا هيٺ هلي، حمام ۾ داخل ٿيندڙ عورتن کي آڱرين تي ڳڻيندو ويندو ۽ چوندو ”عورتون!! ٻاڦ ۾ ڪٿي غائب نه ٿي وڃجو. واپسيءَ ۾ هر هڪ کي حاضر چئي ڳڻپ پوري ڪرڻي پوندي هئي.“
مطلب ته ياسمينه جي فارم تي عجب ديوانگي هئي.
] هلندڙ[
اختر افروز شاهه
همت مردان
”امان اسان وٽ به.... روبيءَ وانگر گاڏي ۽ بنگلو هجي ها.... ته آءٌ به روز انهن جيان گهمان ها؟ امان اسان وٽ انهن وانگر نه گاڏي آهي، نه بنگلو؟..... امان، بابا کي چئو نه ته گاڏي ۽ بنگلو وٺي.... پاڻ ان ۾ چڙهي ماسيءَ وارن جي گهر هلون؟!“
اهو سوال منهنجي اٺن سالن جي ڌيءَ جو هو... آءٌ ان معصوم کي ڪهڙو جواب ڏيان ته اهي شيون پنهنجي حيثيت کان مٿي آهن.... مون ان کي ٽارڻ لاءِ چيو ”ها ها، ڇو نه تنهنجو بابا گاڏي وٺندو. ۽ منهنجي ننڍڙي گُڏيءَ کي پاڻ سان گاڏيءَ ۾ ضرور چاڙهي گهمائيندو!“
”مون ته تسليءَ لاءِ پنهنجي ڌيءَ سان بهانو ڪري دلاسو ڏئي ڇڏيو. پر مان سوچيان پئي ته هن معصوم کي ڪهڙي خبر ته سندس بابا هڪ ڪلرڪ آهي، سو اسين سندس پگهار مان پنهنجي پيٽ گذران مس ٿا ڪري سگهون..... ته گاڏي بنگلو ڪٿان ٿا وٺي سگهون! پر خوابن ۾ ضرور ڏسي سگهون ٿا ۽ سوچي سگهون ٿا!“
سڀ نصيب جون ڳالهيون آهن جو.... پنجن ڀيڻن مان فقط آءٌ غريب هيس چارئي منهنجو ڀيڻون.... امير ۽ وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ پرڻيل هيون! انهن جا مڙس به وڏين وڏين پوسٽن تي هئا..... پوءِ منهنجين ڀيڻن سان ڪهڙو مقابلو منهنجو..... چوڻ ته مان انهن جي وڏي ڀيڻ آهيان پر شايد منهنجو نصيب سٺو ڪو نه هو!
فقط انڪري جو آءٌ سڀني ڀيڻن کان شڪل ۾ سادي هيس. جيڪو رشتو ايندو هو منهنجي ڀيڻن کي پسند ڪري ويندو هو...... امان، ۽ بابا ويچارا پريشان ٿي ويندا هئا؟ ڇو ته آءٌ سڀني کان وڏي هوندي هيس. سو چاهيندا هئا ته پهرين منهنجي شادي ٿئي!
بابا هڪ پرائمري ماستر هو... ٻيو پٽ جهڙي نعمت کان محروم انڪري بابا جو اسان سڀني ڀيڻن ۾ ساهه هوندو هو.... مون کي پهرين سڀ کان وڏي اولاد هئڻ جي حيثيت ۾ تمام گهڻو ڀائيندو هو منهنجي هر مرضي ۽ هر ڳالهه پوري ڪندا هئا..... ان ڳالهه تي منهنجيون ننڍيون ڀيڻون امان ۽ بابا سان سدائين پيون ڪاوڙبيون هيون. توهان اديءَ کي ڀانيون ٿا باقي اسان کي نه ......... بابا، سڀني کي ڀاڪر پائي پائي کلي چوندو هو. ”توهان سڀ منهنجيون پياريون ڌيئرون آهيو. پر صائمه منهنجي ڌيءَ نه پر پٽ آهي!
بابا ۽ امان جو خيال هو ته پهرين صائمه جي شادي ٿئي. جي صائمه جي پهرئين شادي نه ٿي ته ماڻهو الائي ڪهڙو مطلب ڪڍن ۽ منهنجي صائمه ائين ڪنواري نه ويهي رهي.
ڀلا آءٌ سادي شڪل جي مون کي ڪير پسند ڪندو؟! جيڪو رشتو ايندو هو. اهو منهنجي ڀيڻن کي پسند ڪري ويندو هو.
بابا، جن سخت پريشان هئا.... هڪ ڀيري تمام وڏن ماڻهن جو رشتو آيو، ماڻهو به سٺا ۽ ڇوڪرو به، وڏي شاندار پوسٽ تي هو. بابا ۽ امان اهو رشتو هٿان وڃائڻ نه ٿي چاهيو... ٻڏ تر ۾ هئا ته هاڻ ڇا ڪريون؟ رشتو موٽي وڃڻ جي ڪري منهنجو ڀيڻون به مون کان ناراض رهنديون هيون!
خاص ڪري مون کان ننڍي ڀيڻ عظميٰ مون کي پنهنجي راهه جي رڪاوٽ سمجهندي هئي هڪ ڏينهن نيٺ مون امان ۽ بابا کي چيو ته توهان عظميٰ جو رشتو ڪري ڇڏيو. امان، بابا پهرين ته راضي نه پئي ٿيا پر مون سمجهايو مان ته ائين منهنجي ڪري توهان ڪيترا رشتا موٽائيندا رهندا؟ ائين ته پوءِ رشتا اچڻ ئي بند ٿي ويندا. پوءِ سڀ ويٺيون هونديون. آخر منهنجي ڪري ڪيترا رشتا موٽائيندا؟ منهنجو ڀاڳ مونسان نيٺ منهنجن دليلن بابا ۽ امان کي قائل ڪري وڌو. ائين عظميٰ جو رشتو ٿي ويو. پوءِ هڪ ٻئي پٺيان سڀني ڀيڻن جا رشتا ٿي ويا ۽ سڀ منهنجون ڀيڻون.... پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ خوش هيون!
امان جن جي منهنجي لاءِ پريشاني وڌندي وئي........ امان ان ڳڻتيءَ ۾ بيمار رهڻ لڳي.... آخر منهنجي لاءِ به بابا جي پري جي مائٽن مان رشتو آيو. پر بابا ۽ امان اتي منهنجو رشتو ڪرڻ نه پئي گهريو ڇو جو ڪامران اسان وانگر غريب ڪلرڪ هو. امان بابا چاهيو ٿي ته منهنجو رشتو منهنجي ڀيڻن جيان وڏن ماڻهن ۾ ٿئي. پر جي ائين هجي ها ته پهرئين منهنجي شادي نه ٿئي ها ايترا رشتا ڇو موٽي وڃن ها؟!
امان جي سمجهائڻ تي بابا کي مجبورن راضي ٿيڻو پيو. آخر به ته ٻي واهه ڪانه هئي. بابا به امان وانگر منهنجي شاديءَ جي فڪر ۾ بيمار رهڻ لڳو هو.
آخر منهنجي شادي ڪامران سان ٿي وئي..... ڪامران نيڪ ۽ شريف هو رشوت وٺڻ کي به خراب سمجهندو هو..... لازمي آهي حال آهر مون کي به پنهنجي مڙس جي خوشيءَ ۾ خوش رهڻو هو.
آءٌ پنهنجي گهر ۾ خوش هيس...... پر ٻارن کي ڪهڙي خبر ڇا حالت آهي. ڪيئن پيو وقت گذري معصوم ٻارن کي ڪهڙي خبر ته پئسا آهن يا نه.... انهن کي ته ٻين جهڙيون شيون کپن. جيسين بابا امان حيات هئا تيسين ڀيڻون مون کي ڪجهه ڀائينديون هيون. پر بابا امان جي دنيا مان وڃڻ سان گڏ انهن جي اکين تي پنهنجي وڏ ماڻهپي ۽ پئسي جو غرور چڙهي ويو هو..... مون سان هروڀرو ڪانه پوندي هين. ڇو جو چارئي ڄڻيون بنگلن گاڏين واريون سندن ٻار به سٺن انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندا هئا سندن اٿڻ ويهڻ به اسٽينڊر وارن ماڻهن سان هو. سو مون جهڙي غريب ڪلرڪ جي زال سان انهن کي رکڻ ۽ پنهنجي ڀيڻ سڏائڻ پنهنجي بي عزتي ٿي محسوس ڪيئون. آءٌ به انهن کان پري رهندي هيس. مون سان ڀيڻن جو اچڻ وڃڻ، ڪنهن خاص موقعي تي ٿيندو هو. غربت جي ڪري هنن جو مون سان غيرن وارو رويو هوندو هو. پاڻ ۾ چارئي جٽ هيون. مون کي به پنهنجي خودداري پياري هئي. آءٌ به ڪا کائن گهٽ ڪانه هيس. غريب هيس ته ڇا ٿيو. هيس ته سندن ئي ڀيڻ.
”هن جديد ترقياتي دور جو الميو آهي ته پئسي هتي رشتن ناتن جي سڃاڻپ ختم ڪري ڇڏي آهي! ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي.... هڪ ماءُ هڪ پيءَ جي هوندي به هن پئسي جانب جدا ڪري ڇڏيا آهن. ڀاءُ ڀاءُ کان، ڀيڻ ڀيڻ کان پري! سچ چيو اٿن ”ناڻو نينهن ٽوڙ آهي“ چوندا آهن ته:
”مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڱن ڇڏيو ساهه،
اهڙو لڳو واءُ، جو کيڪارڻ کان به ويا.“
انهيءَ ناتي رشتن ۾ وڇوٽيون وڌيون آهن. ڪوشل غريب نه ٿئي، پوءِ پئسي واري مائٽ کي غريب مائٽ مان ڌپ پئي ايندي. ائين غريب کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪريو ڇڏين. اڄ ڪلهه شريف ماڻهوءَ وٽ پئسو ڪٿان آيو، پئسو آهي انهن وٽ جيڪي رشوتي آهن يا چور بازاري ٿا ڪن، يا جي ٺڳيون ٿا ڪن. شريف ماڻهو ته پنهنجي اشرافت ۽ عزت ايمانداريءَ جي ڪري پٺيان رهجي ويو آهي. اسان جهڙا سڄي عمر ڪمائين ته به انهن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهون. ايمانداريءَ تي ته بنگلو نه گاڏيون ٿينديون. اڄ جي دور ۾ پئسي جي پٺيان ڊوڙ ۽ ديکا ديکي لڳي پئي آهي..... هر ڪو پئسي جي زور تي هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ ٿو چاهي..... ڏاڍو ڏکيو وقت آهي.
”ڳالهه پئي ڪيم منهنجين ڀيڻن جي، انهن کي منهنجي ٻارن جو اچڻ پاڻ وٽ ڏکيو پيو لڳندو هو. آءٌ رهيس غريب، نه مون وٽ گاڏي نه اسين ڪي سٺا اوچا ڪپڙا پائي وڃون، جو انهن کي ٻين سان اسان جو تعارف ڪرائڻ ۾ فخر محسوس ٿئي. ان وقت مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي ائين نظر انداز ڪنديون آهن. ڄڻ انهن سان منهنجو ڪو رشتو ئي نه هجي. ڪيئن ٻين کي مون غريب ڀيڻ جو ٻڌائي پاڻ کي ماڻهن اڳيان شرمسار ڪن. ڏک کان منهنجون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي اينديون آهن.
”پنهنجو پاڻ کي چوندي آهيان، صائمه ڇو تون هتي پنهنجي بعزتي ڪرائڻ ٿي اچين؟ پر ڇا ڪريان متان منهنجا ساهرا سمجهن ته ڀيڻون هن وڏي ڀيڻ کي پڇن ڪونه ٿيون. چوندا آهن ته ننگ جون پاڙون دوزخ ۾، سو مون سان به اها ڪار آهي.
”متان ماڻهو سمجهن ته وڏي ڀيڻ ننڍين ڀيڻن کي ماءُ پيءُ کان پوءِ پڇي ڪانه ٿي، ڇا ڪريان پر انهن کي مون وڏي ڀيڻ لاءِ نه محبت هئي نه عزت!
”عظميٰ جي ڌيءَ جي مڱڻي هئي، سو عظميٰ دعوت ڏيڻ آئي. آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس ته عظميٰ ڪيئن مس مس منهنجي گهر آئي آهي، پر مون کي خبر ڪانه هئي ته منهنجي ڀيڻ دل ڏکوئڻ آئي آهي.
”آپي مان توهان کي دعوت به ڏيڻ آئي آهيان، پر جي هڪڙي ڳالهه چوان دل ۾ نه ڪجان. منهنجي ڌيءَ جي مڱڻي تمام وڏن ماڻهن ۾ پئي ٿئي. آءٌ نه ٿي چاهيان ته تون مڱڻي ۾ اٻالي اچين. آءٌ توکي پئسا ٿي ڏيان. تون ۽ ٻار سٺا ڪپڙا وٺي سبائي پائي اچو. آخر منهنجي عزت جو سوال آهي. منهنجا ٿيڻ وارا سيڻ ڇا سوچيندا ته هن جي ڀيڻ صفا غريب آهي، سو مون کي پنهنجي گهٽتائي ڪرائڻي ڪانه آهي، پر آپي تون دل ۾ نه ڪجان!“
مون کي ايڏو ڏک ٿيو جو مون سمجهيو منهنجي دل بيهي رهندي. مون چيومانس ”عظميٰ اسين غريب ضرور آهيون پر فقير ڪونه آهيون. سٺو ٿيو جو ڪامران گهر ۾ ڪو نه هو، تنهنجون اهي ڳالهيون ٻڌي ان کي ڪيڏو نه ڏک ٿئي ها. اسان جي اچڻ سان تنهنجي بي عزتي ٿيندي ته اسين کڻي نه اينداسين!“
”آپي توکي ڪاوڙ وٺي وئي. مون ته فقط اهو ٿي چاهيو ته توهان ٺيڪ ٺاڪ ٿي ايندا ته توهان جي به عزت ٿيندي، منهنجي به عزت ٿيندي. عظميٰ ائين چئي نخرن سان رواني ٿي. سڄو ڏينهن مان رنس. ٻار ويچارا الڳ پريشان ته امان کي ڇا ٿيو آهي؟!
شام جو ڪامران آفيس مان آيو، منهنجي شڪل ڏسي پريشان ٿي ويو.
”ڇا ڳالهه آهي. تون پريشان پئي ڏسجين، بيو ته خير آهي؟!
”آءٌ به ڏک ۾ ڀري ويٺي هيس. سو سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي مانس، ڪامران مون کي سمجهائيندي چيو، ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، عظميٰ ته هئي بي عقل. تون ان کي آرام سان سمجهائين ها، ته ائين ڪنهن جي دل آزاري نه ڪبي آهي. بس ڳالهه ختم.
ڪامران جي ڳالهه ٻڌي مون کي ويتر ڪاوڙ لڳي وئي، توهان سدائين منهنجين ڀيڻن جو طرف وٺندا آهيو، توهان کي منهنجي بيعزتيءَ جو احساس ڪونه آهي. آءٌ ته هاڻ پنهنجين ڀينرن سان ڪو رشتو ڪونه رکنديس، هو وڏن ماڻهن جون زالون هونديون ته پنهنجي لاءِ، آءٌ غريب آهيان ته پنهنجي گهر ويٺي آهيان، وٽائن پنيو ڪونه اٿم، الله ڪري هو پنهنجي گهر خوش هجن آءٌ پنهنجي گهر خوش.
ڪامران، مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجي خودداري کي وڏو ڌڪ لڳو هو، دل اهڙي ڀڳي جو وري انهن جي در تي ڪانه ويس؟ ڇا ڪبو اهڙن رشتن کي، جن ۾ محبت يا خلوص نه هجي. مون کي ۽ منهنجن ٻارن کي احساس ڪمتري ٿيندي هئي. منهنجين ڀينرن جو وڏو ماڻهپو ڏسي پاڻ کي هميشه گهٽ سمجهندا هئا.
مون دل ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي اسان کي هيءُ شهر ڇڏڻ کپي، جڏهن اسان جي انهن جهڙي حيثيت ٿيندي، تڏهن انهن سان مان اچڻ وڃڻ جو رستو رکنديس!
ڪامران کي مون مجبور ڪيو ته هتان پنهنجي بدلي ڪراءِ ته ٻئي ڪنهن شهر ۾ پاڻ هلي رهون. هتي هونديس ته ائين منهنجيون ڀينرون منهنجي دل کي ڏکوئينديون رهنديون. آءٌ هاڻي هن شهر ۾ ڪڏهن به ڪانه رهنديس.
ڪامران مون کي ڪافي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون هڪ به نه ٻڌي. نيٺ ڪامران منهنجي ضد کان مجبور ٿي وڏي ڪوشش سان ٻي شهر ۾ بدلي ڪرائي.
اسين ٻئي شهر ۾ اچي وياسين، ٻارن کي داخلائون وٺي ڏنيون سين.
اسين جنهن هنڌ اچي رهيا هئاسين، اهو تمام سٺو پاڙو هو ۽ اتي جا ماڻهو به قربائتا هئا، اتي پاسي واري گهر ۾ صدوري نالي عورت رهندي هئي. ان جو مڙس ماستر هو، اسان ٻنهي جي سٺي دوستي ٿي وئي. آءٌ اتي اچي خوش هيس.
هڪ ڏينهن صدوريءَ مشورو ڏنو ته سڀ پاڙي واريون گڏجي ڪا وي سي رکون. پوءِ سڀني پاڙيوارين گڏجي وي سي وڌي سين. ان ۾ منهنجو چوٿون نمبر نڪتو، پئسا مليا، صدوريءَ جي مشوري سان اسان بنهي گڏجي بيوٽي پارلر کوليو. سلائي ۽ ڀرت ڀرڻ جو مرڪز پڻ کوليوسين.
الله جي ڪرم سان اسان جو ڌنڌو ايڏو ڪامياب ٿيو، جو ٻن سالن جي اندر اسان انگلش ميڊيم اسڪول کوليو، سو به ڪاميابيءَ سان هلي پيو. مون پنهنجن ٻارن کي به سٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرايو. چئن سالن ۾ اسان پنهنجو بنگلو ۽ گاڏي به ورتي ۽ اهي ئي منهنجون ڀيڻون جڏهن اسان جي خبر پين ته سلامي ڀرڻ لڳيون.
ڪامران ڪڏهن ڪڏهن مون کي چوندو آهي، صائما جي تون همت نه ڪرين ها ته اسين جتي بيٺا هئاسين، اڄ اتي بيٺا هجون ها، چوندا آهن ته: ”همت مردان، مدد خدا.“
شگفته جبين
زندگيءَ جو اپمان
جنمن جا واعدا ڪرڻ کان اڳ ڪڏهن اهو سوچيو اٿئي ته زندگيءَ جي ڪنهن به ايندڙ لمحي تي اسان جو ڪو به اختيار ناهي هوندو. کن ۾ جيون جون سموريون سندرتائون ساهه جي تند سميت ڇڄيو فنا ٿيو پون.....
پوءِ...... پوءِ ڇا جا انجام ۽ ڇاجا واعدا... سڀ ڪجهه بي معنيٰ ۽ اجايو آهي..... سرڪاري اسپتال جي جنرل وارڊ جي بيڊ تي ليٽيل هن انتهائي جهيڻي آواز ۾ مون ڏانهن نهاريندي چيو.
”چري مايوسيءَ جون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين. هرڪو انسان پنهنجي جياپي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو. مون کي يقين آهي ته تون جلد ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“
مون هن کي آٿت ڏيندي چيو.
”پر احسن اسان ڪيستائين گمان جي ڪيفيت ۾ مبتلا رهي جيون ۾ دولاب جو رنگ ڀرينداسين پيا.
آخر ڪيستائين پاڻ سان گڏو گڏ مون کي به فريب ڏيندو رهندين.“۾ هو ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي سڏڪڻ ٿي لڳي.
”مرڪ.... منهنجو ويساهه ڪنهن اوچتو ٿيندڙ امڪان جي آخري گهڙيءَ تائين برقرار رهندو....“
اهو چوندي مان پنهنجي لهجي جي لرزش گهڻو چاهڻ جي باوجود به لڪائي نه سگهيس. هڪ لمحي لاءِ ته احسن جي مضبوط حوصلي هن ۾ جيئڻ جو هڪ نئون اتساهه پيدا ڪيو، ليڪن ٻئي لمحي هڪ اڻڄاتل خوف هن جي رڳ رڳ ۾ پيهي وڃي ٿو ۽ کن پل ۾ جيون جي سندرتا جا سمورا رنگ ان اڻڄاڻ خوف جي ڪوهيڙي ۾ ڪک پن بڻجي وکري وڃن ٿا. مرڪ جي اکين ۾ اڀرندڙ انيڪ سوالن کان بچڻ لاءِ هو دريءَ جي شيشي مان ٻاهر نهارڻ لڳي ٿو. ڪاريڊور مان مختلف آواز مسلسل ٻڌڻ ۾ اچن پيا. مختلف دوائن، اسپرٽ ۽ فنائل جي گڏيل بوءِ چوڏس پکڙيل هئي.
هن جو ساهه ڄڻ ٻوساٽجڻ ٿو لڳي. ٻي لمحي هو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ماربل جي ٺهيل چاڙهين تان هيٺ لهي اسپتال کان ٻاهر نڪري وڃي ٻاهر کليل هوا ۾ ٿوري ديرلاءِ بيهي وڏا وڏا ساهه ٿو کڻي...... جيڪر ساهه کڻڻ ئي زندگيءَ جي علامت آهي ته پوءِ ايڏي هڻ هڻان ڇاجي لاءِ ...
هو اسٽريٽ بلب جي جهيڻي روشني ۾ مين روڊ تي پيادو هلڻ شروع ڪري ٿو. چوڏس هوا ۾ گلن جي هٻڪار واسيل هئي. سڀ ڪو ماڻهو هڪ ٻئي کان لاتعلق ڄڻ ته ڪنهن کي ڪنهن سان ڪا غرض ئي ناهي. سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو ڪنهن وٽ به ٻئي ڪنهن لاءِ وقت ئي ناهي. سڀ چهرا اجنبي ۽ اوپرا سڀ چهرا هڪ جهڙا بي حس. پوسٽ آفيس جو چونڪ انڪري هو اسٽيشن روڊ جو سڌو رستو وٺي ٿو. جتي دڪانن جون قطارون ۽ مختلف هنڌن تي لڳل سائن بورڊس، رنگين ٽيوب لائيٽس، جي روشنيءَ ۾ جرڪيا پئي. هر سائن بورڊ تي پنجن سالن، ڏهن سالن جي گارنٽي يعني ضمانت جي مهر لڳل. هتي هر شيءِ جي گارنٽي آهي. سواءِ انسان جي . هو ڏکارو ٿي سوچي ٿو.
اوچتو مرڪ جو خيال هانو تي هري ٿو اچيس. جيڪر سڀاڻي چئين وڳي تائين، پيسن جو بندوبست نه ٿيو ته مرڪ جو آپريشن نه ٿي سگهندو ۽ ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته مرڪ جي حياتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ آپريشن ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ آپريشن لاءِ پئسن جو هجڻ، ان کان به وڌيڪ ضروري آهي. پر جيڪڏهن پيسن جو بندوبست نه ٿيو ته... ته..... ڇا مرڪ مري....... ويندي. من جي پاتال ۾ خيال ٿو اڀريس. پنهنجي ئي خيال تي هڪ لمهي لاءِ ڏڪي ٿو وڃي. ڌرتي ڄڻ پيرن هيٺان ڇڏائجي ٿي وڃيس. انسان پنهنجي جياپي لاءِ وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو..... پر.... جيڪڏهن ڪجهه به وس ۾ نه رهي ته.... اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچيس.
هو کيسي ۾ پيل آخري سگريٽ دکائي سموري دونهين کي اندر ۾ اوتي ٿو ڇڏي.... ورهين کان هتي ڪجهه به ناهي بدليو سڀ ڪجهه ساڳيو آهي.... بک، بيروزگاري، بدحالي، غربت تنگدستي، مالي وسيلن جي کوٽ، معاشي الجهنون، ڪجهه به ناهي بدليو. اهي ئي ساڳيون نفرتون، مايوسيون، محروميون، هرڪو انسان ڪنهن نه ڪنهن خوف ۾ ورتل، انسان جو انسان هٿان قتلام، انسانيت جي توهين حيرت آ هن سماج تي. هن سماج تي ٻڌل انهن فردن تي جيڪي درس ڏين ٿا انسانيت جو، محبت جو، امن جو، قرب جو، ليڪن هو احساس کان عاري چهرن تي انسانيت جو نقلي روپ چاڙهي ڏيکارين ٿا. دولاپ جو هڪ نئون دڳ، ها سڀ ڪجهه ساڳيو آهي، ڪجهه به ناهي بدليو.....
اندر ۾ ڄڻ زهر ڀرجي ٿو اچيس. رات جيئن پوءِ ٺرندي ٿي وئي. هو هلندو ٿو رهي. ماڻهن جي هشامن سان گڏ. ليڪن سڀ ڪو هڪ ٻئي کان لاتعلق، چهرن تي انڊلٺ جهڙا نقاب چاڙهي سڀ ڪو پنهنجي ذات ۾ قيد آهي. ڪير به ڪنهن جي درد جي گهرائيءَ تائين پهچي ئي نه ٿو ۽ نه وري من اندر ۾ جهاتي پائي پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.... هتي سڀ ڪو هڪ ٻئي جو معياري آهي. جيڪڏهن اسان سڀ بي ڏوهي آهيون ته پوءِ ڏوهه ڪنهن جو آهي. شايد حالتن جو جن اسان کي اڻ وڻندڙ بڻائي ڇڏيو آهي. محبتن، چاهتن ۽ احساسن جو هڳاءُ ته ڄڻ بي معنيٰ بڻجي ويو آهي.... هو پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿو.
جناح روڊ تي ڪجهه ننڊ ۽ ڪجهه جاڳ جي ڪيفيت ۾ ورتل هو رڻ جهاڳيندڙ راهيءَ جيان هلندو ٿو رهي. سڀاڻي چئين وڳي تائين پيسن جو بندوبست نه ٿيو ته..... ان کان وڌيڪ سوچڻ جي سگهه نٿي رهيس.
مرڪ.... مرڪ........ مون تنهنجي زندگيءَ ڪارڻ هر در تي دستڪ ڏني، تولاءِ ڪٿي ڪٿي ناهيان ڀٽڪيو. ڪٿي ڪٿي ناهيان رليو، پر... پر منهنجي بدنصيبي ته ڏس، هر هنڌان ناڪامي، نراسائي پلئه پئي اٿم. مرڪ... خود غرضي ۽ منافقت جي هن دور ۾ ڪير ڪنهن جو ناهي. هتي سڏ ورائڻ بدران منهن لڪائڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهيو وڃي ٿو. مرڪ مون کي معاف ڪري ڇڏجان مان تنهنجي لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيس. توکي زندگيءَ جو ڪو به سک ڏئي نه سگهيس شاديءَ جي ٻن سالن کان پوءِ نڄاڻ ڪيئن مرڪ کي ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري وڪوڙي وئي هئي. جيڪا صحيح علاج نه هئڻ ڪري وقت سان گڏو گڏ وڌندي ٿي وئي.
انسان ان پل ڪيڏو نه بيوس ۽ مجبور ٿي پوندو آهي. جڏهن هو پنهنجي پيارن کي پل پل موت جي ويجهو ٿيندي ڏسندو آهي. پر انهن لاءِ ڪجهه ڪري ناهي سگهندو. شايد مرڪ به پل پل موت جي...... نه .... نه.... نه دماغ جون رڳون ڦاٽڻ ٿيون لڳنس. من جي ايوانن ۾ ڄڻ ماتم متل هيس.
ان پل صبر جا سڀ پيمانا ڄڻ ڇلڪي پيا هيس. اوچتو هڪ خيال ذهن کي جهنجهوڙي ٿو وجهيس.... منهنجي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. دنيا جو وهنوار ائين ئي هلندو رهندو.... مان هجان يا نه هجان...... پنهنجي ئي خيال تي هڪ عجيب مرڪ چپن تي تري ٿي اچيس.
گهگهه اونداهه ۾ هو پراڻي ڦاٽڪ جي موڦ ڪاٽي ريل جي پٽڙين تي اچي بيهي ٿو ۽ پل کن لاءِ سانت جو ساهه کڻي ٿو. پريان کان ريل جو آواز ويجهو تمام ويجهو ٿيندو ٿو محسوس ٿئيس.
۽ اچانڪ رات جي پوئين پهرٿئي ٿو. زندگيءَ جو اپمان....
۽ جيون جو انت.... موٽ ۾ حاصل ڪجهه به نه........
ليڪن پل کن پل ۾ ڪجهه فنا سڀ ڪجهه فنا....!
طلعت ڪرم علي مرزا
ياسمين
ڪيڏي نه سٺي زندگي پئي گذري، مائٽن جي سڪي لڌي ڌيءَ ياسمين ڀائرن جي پياري ڀيڻ، مطلب ته سڄي خاندان جي پياري ڇوڪري، چنچل، ضدي، هر ڳالهه کي مڃائڻ، هر ڳالهه ۾ ضد ڪرڻ، ائين ڪندي ڪندي عمر جون چوڏهن بهارون گذاري آئي، ۽ هاڻ ياسمين جي رشتي جي ڳالهه پئي هلي. آخر رشتو به ٿيو. مڱڻو ٿيو سال ٻن ۾ ئي شادي ٿي وئي. پهرين ته ياسمين تان سڀ پيا صدقي ٿين، پر هاڻي آهي اصل زندگي. ياسمين جو ساهراڻو ڪٽنب تمام وڏو هو. تنهن جي ناتي ڪم به سڀ ڪرڻو پوندو هئس. آهستي آهستي ياسمين جو مائٽن ۾ اچڻ وڃڻ به بند ٿي ويو. جڏهن مڙس نوڪريءَ تي ويندو هو ته ڪپڙا سڪڻا وجهڻ بهاني ڇت تان مائٽ ڏسندي هئي. سال به سال ٻار ڄڻڻ جي ڪري صحت به صحيح نه رهندي هيس. ٻيو ته ماني به پيٽ ڀري نه ملي ۽ مٿان مڙس بگڙندو هو ته بي رحميءَ سان ماريندو به هوس. ليڪن ياسمين ايتري ته صابرين هئي جو ڪڏهن به مائٽن کي شڪايت نه ڪيائين. آخرڪار هنن کان ڌار ٿي ۽ سک جو ساهه کنيائين. سڀ ڪجهه پنهنجي مرضيءَ سان ڪندي هئي. ڪم ڪار به ڌيئرون ڪنديون هئس.
اڄ ياسمين ڇت تي چڙهي مائٽن کي پئي ڏٺو، پنهنجي ڀاڻيجي سان پئي ڳالهايو. اڄ الائي ڇو حسرت سان سڀني کي پئي ڏسي، ڪپڙا ڌوئي، گهرجي صفائي ڪيائين. سڀ ڪم جلدي جلدي پئي ڪري. اڄ به صبح جو سندس مڙس پٺن ۾ مڪون هنيس جو روئي ويٺي. مڙس ڪڏهن به ياسمين کي پنهنجي برابر نه سمجهيو. خير منجهند جي مانيءَ جو ٽائيم ٿيو. ماني کائي باقي رهيل ڪپڙا ڌوئڻ لڳي. هيٺ پاڻي پيئڻ آئي ته ياسمين کي چڪر آيو، چڪر به اهڙو جو ويچاري ويهي رهي ۽ دانهن ڪيائين سور جي ته مٿي ۾ سور آهي. سور به اهڙو جو ڀتين سان ٽڪر پئي هڻي. سڀ اولاد مٿان، مائٽ به اچي ويا. ايتري ۾ ڊاڪٽر آيو. ان چيو اسپتال کڻائي وڃو. اسپتال پهچڻ تي کيس داخل ڪيو ويو. ٻن ڪلاڪن ۾ ياسمين جي زندگيءَ جو فيصلو ٿي ويو ۽ هوءَ پرسڪون ننڊ سمهي رهي. ڄڻ ته هن جي زندگي خواب هئي.
ياسمين جي زندگيءَ جوباب ته ختم ٿيو، پر منهنجي اندر ۾ سوين سوالن جنم ورتو ته آخر عورتن کي مرد گهٽ ڇو ٿو سمجهي؟ جڏهن ته اڄ جي عورت مرد جي برابر آهي. اڄ به شهرن ۾، ڳوٺن ۾ اهڙا گهر آهن جتي ننهن سان ظلم ڪيو ٿو وڃي، جيڪا ڇوڪري مائٽن ۾ خودمختيار هجي ٿي سا هتي (ساهرن ۾) اچي هر شيءِ لاءِ ڇو ٿي سڪي. خاص ڪري گڏيل ڪٽنب ۾ ائين ئي هوندو آهي. پهرين سس اهو حڪم جاري ڪندي ته گيهه ٿورو استعمال ڪجانءِ. اٽو چانور پورا پورا کڻجانءِ. جيڪي حصي ۾ ماني ملي ان کان وڌيڪ نه کڻجانءِ. اهي ئي ڳالهيون جهيڙي جو بنياد هونديون آهن. ياسمين ته اهي سڀ ڳالهيون درگذر ڪري وقت گذاريو. ڇا اڄڪلهه جون ڇوڪريون اهي ڳالهيون برداشت ڪنديون؟ سس، ننهن کي ڌيءَ ڇونه ٿي سمجهي، ان جي ڌيءَ ڌيءَ آهي ۽ ننهن جانور کان به بدتر زندگي پئي گذاري، ائين ڇو آهي؟ پر جي ياسمين سان مڙس جو ساٿ هجي ها ته ائين نه ٿئي ها.
بلقيس بانو
سرجيس تان سُور
ها، ماسي حميده! توهان واقعي انڊيا ۾ رهنديون هيون. مون ماسي حميده جي ڳالهه کي ڪٽيندي حيرت مان پڇيو.
ها امان اسان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انڊيا ۾ ئي رهندا هئاسين. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته اسين به ٻين مسلمانن سان گڏ هجرت ڪري هتي آياسين پر هن لڏ پلاڻ ۾ اسان ٻيو ته گهڻو وڃايو پر پنهنجي ماءُ کي به وڃايو. اهو ڏک اڃا تائين منهنجي اندر کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. ڇو ته ان وقت مان اڪيلي ٿي وئي هئس ۽ تڙ تڪڙ ۾ جيڪو به سامان اسان کي هٿ آيو اهو کنيو ۽ ريل ۾ چڙهي لاهور لٿاسين ۽ اتي هڪ هندوءَ جي جاءِ ۾ رهياسين ۽ ان جي ڀر ۾ جيڪا جاءِ خالي هئي ان ۾ به هڪ ڪٽنب اچي رهيو هو. سو به اسان وانگي انڊيا مان لڏي آيو هو. مان پنهنجي پيءُ سان اڪيلي هڪ اجنبي شهر۾ اچي رهيس. هتي ته منهنجي ماءُ اوڙو پاڙو، گهر هو، مون کي ڪا خبر نه هوندي هئي، ته گهر ڪيئن هلائبو، لاڏلي هئس، ٻيو ڪو ڀاءُ، ڀيڻ به ڪونه هئم. اوچتو هي سڀ ڪجهه، مان پريشان ٿي وئي هئس. ڪجهه سال ته سمجهه ۾ نه ايندو هو. هت سهيليون سرتيون هونديون هيون. هت اڪيلي ٿي وئي هئس.
ماسي ڳالهه ٻڌائيندي ٿي وئي هن جي اکين ۾ پاڻي لهي ٿي آيو. مون محسوس ڪيو ته جيئن ماسي ڳالهه ٻڌائيندي پئي وئي ته منهنجو تجسس به وڌندو ٿي ويو. ماسي ٻڌائڻ لڳي ته امان، هڪ موڪل جو ڏينهن هو. سوير ئي ڪم ڪار لاهي، مان ڪاٺ جي صندل تي ويٺي هئس. ته مون کي محسوس ٿيو ته ڀت ۾ لڳل ڄاريءَ مان ڪير بيٺو آهي ٿورو ڊڄي ويس ۽ اتان اٿي ڪمري ڏانهن ويس، پر ٽن چئن ڏينهن تائين هو لاڳيتو ڄاري مان ڪو بيهندو هو پر ڪجهه ڏينهن گذريا ته هو جاري ۾ نه نظر آيو.
پر الائي ڇو منهنجون اکيون ان جاري کي نهارڻ لڳيون ۽ هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي سامهون اچي ويو ۽ مان شرمائي هيٺ اکيون ڪري ڇڏيون، ٻئي ڏينهن انهيءَ گهر مان ئي مون لاءِ رشتو آيو، بابا به مون کان پڇيو ۽ مان به شرم مان ڪنڌ هيٺ ڪيو. بابا منهنجي رضامندي سمجهي اهو رشتو قبول ڪيو. منهنجي شادي سادگيءَ سان ٿي. منهنجي گهرواري جو نالو سليم هو. ٻه ٽي سال ته اسين ڏاڍو خوش هئاسين، پر ٻار نه پئي ٿيو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن ٻار نه ٿيڻ جو احساس وڌندو ويو. ڇو ته سليم کي ٻار ڏاڍا وڻندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جي ٻارن کي ڪڇ ۾ کڻي گهر ايندو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن سليم شام جو دير سان گهر آيو. پر هڪ نوجوان ڇوڪري گڏ هئي جيڪا ڳاڙهي وڳي ۾ هئي ۽ زيورن سان سينگاريل هئي. دل کي ان مهل ئي ڌڪ لڳو. ۽ اهو منظر آءٌ ڏسي نه سگهي هئس ۽ ڪمري ۾ هلي آيس. ۽ پوءِ سليم ڪمري ۾ آيو ۽ مون کي چيائين ته ”حميده مون ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي. فقط اولاد لاءِ، پر منهنجو پيار توسان اهو ئي آهي. ۽ پهرين تنهنجو حق آهي، ڇو ته تون وڏي آهين.“
”مون کي ڪابه ڳالهه قبول نه آهي.“ مون وڏي دانهن ڪئي. ۽ جذباتي ٿيندي هن کان ان مهل ئي طلاق جي گهر ڪئي. مون کي انويل ڪا به ڳالهه نه سجهي ۽ مون اهو فيصلو ڪيو، سليم گهڻو ئي سمجهايو پر منهنجي زندگيءَ جو فيصلو مون اتي ئي ڪيو. گهر ڇڏي ٽانگي ۾ چڙهي پيس. پر سمجهه ۾ نه آيو هو ته ڪيڏانهن وينديس. ڪو به سهارو نه هو. بابا به ڪجه سال اڳ گذاري ويوهو. هاڻ ته ڪير به اوهي واهي نه هو ڪنهن جي گهر وڃان، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها بيهن ئي نه پيا. ٽانگي واري جڏهن پڇيو ته مون ازخود اوڇنگارون ڏنيون ۽ مون سڄي ڳالهه ٻڌائي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هاڻ ڇا ٿيندو. پر هيءُ ڪو نيڪ ماڻهو هو جنهن منهنجي مٿي تي هٿ رکيو ۽ پنهنجي گهر وٺي آيو. ۽ پنهنجي زال کي ٻڌايائين. هن عورت به منهنجي بي وسيءَ کي قبول ڪيو. هڪ عورت سمجهي، شروع ۾ ته هوءَ ڏاڍو سٺي هلندي هئي پر وري ٻين پاڙي وارين عورتن جي چوڻ تي لڳي، ۽ انهن هن کي چيو ته تو هڪ اڻڄاڻ عورت گهر ۾ رهائي سٺو نه ڪيو آهي سڀاڻي تنهنجو مڙس ئي هن سان ٺهي ويندو. هوءَ به عورت هئي. پر هنن وٽ ٻيو ڪو سبب نه هئو. هن چوريءَ جو الزام لڳائي مون کي جيل موڪليو پر هن شريف مرد منهنجي گهڻي وڪالت ڪئي ۽ پنهنجي زال کي ان ڳالهه تي مار به ڏني. منهنجو ڪير به ڌڻي سائين نه هو. ڪجهه سال جيل ۾ سڙندي رهيس، ۽ جڏهن جيل ما ڇٽيس اتان جي انسپيڪٽر عورت سان ٿوري ڄاڻ سڃاڻ ٿي ته ان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري سان منهنجو نڪاح ڪرايو. ۽ آءٌ هن پاڙي ۾ پرڻجي آيس، اولاد مون کي هن مان به نه ٿيو پوءِ مون کي اسپتال مان هڪ لاوارث ڇوڪري ملي. جنهن کي مون نپايو. ۽ هيءَ رضيه جيڪا توهان جي سامهون آهي اها مون نپائي آهي. ۽ اها ڳالهه به مون رضيه کان لڪائي نه آهي. ماسي حميده رضيه جي سامهون سموري ڳالهه پئي ڪئي. ۽ مون ماسي حميده جي چهري کي ڏٺو، ۽ رضيه کي ڏٺو جنهن جي اکين ۾ پڻ پاڻي ڀرجي آيو هو ۽ وڌي وڃي ماءُ کي ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ هن ڀاڪر ۾ مون کي لڳو ته ڄڻ ماسي حميده جا سڀ اوجاڳا ۽ ٿڪ لهي چڪا هئا.
ٽڙي پوندا ٽاريئين ناول قسط نمبر:5 رياض: ”دوستي ۾ romance به شامل هوندو آهي.“ رابيل: ”ته ڇا توهان ڪنهن سان به شادي نه ڪندا؟“ رياض: ”بلڪل ڪندس ڇو نه ڪندس.“ رابيل: ”ته پوءِ آخر مونسان ئي ڇو نه؟ توهان ئي ته چيو آهي ته توهان کي مون سان محبت به آهي.“ رياض: اهڙيون محبتون ۽ دوستيون ته اسان جهڙا مرد ڪندا ئي رهندا آهن. باقي شادي مون کي ڪنهن سادي سودي ۽ گهريلو ڇوڪريءَ سان ڪرڻي آهي. ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان نه جنهن جو تعلق ميڊيا جي ڪنهن شعبي سان هجي نه ئي فن و ادب سان ڇو ته منهنجي زال کي فقط منهنجو هئڻ گهرجي. اها پبلڪ پراپرٽي نه هجي.“ رابيل: ”توهان جي خيال ۾ اهي مرد بيوقوف هوندا آهن جيڪي نه فقط اهڙين ڇوڪرين سان شادي ڪندا آهن پر سٺي گهرو زندگي به گذاريندا آهن. رياض: ”هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف هوندو آهي مون ۾ ايترو ظرف نه آهي.“ رابيل: ”واقعي....... اهو ته اڄ مون ڏسي ئي ورتو آهي. ته توهان ڪيڏا، ڪم ظرف انسان آهيو. آءٌ توهان لاءِ فقط وقت گذاري جي ساٿياڻي ۽ ڪو رانديڪو آهيان ۽ منهنجا ڪي جذبا ناهن. مون اهو سمجهيو هو ته توهان مون ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ اڳتي مون کي پرپوز ڪندا تڏهن ئي اڄ مون توهان سان کلئي نموني ڳالهايو آهي نه ته جيڪر آءٌ ڪڏهن به ائين نه ڪريان ها. توهان منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي.“ رياض: ”ڪم آن يار! تون به عام ڇوڪرين وانگر نڪتئين مون ته سمجهيو هو ته تون آرٽسٽ آهين. وڏي دل واري هوندينءَ، پر تون به سطحي ذهنيت واري نڪتئينءَ. بهرحال پوءِ به آءٌ توکي پنهنجي دوست سمجهندس.“ رابيل: ”شٽ اپ! مون کي تو جهڙن مردن جي دوستيءَ جي نه ته ضرورت آهي ۽ نه ئي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پوندي.“ رياض هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو طنز ۽ حقارت سان ڀرپور رابيل کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن کيس انتهائي بلنديءَ تان هيٺ پستين ۾ ڌڪو ڏنو هجي. هوءَ گهر اچي پنهنجي ڪمري ۾ مٿو جهلي ويهي رهي. سندس دماغ جي اندر ڄڻ گهوگهاٽ ۽ سوساٽ ٿي رهيا هئا. ۽ ڄڻ ڪنن سندس دماغ کي جڪڙي رکيو هجي. هن سوچيو ته ڇا هي اهوئي رياض هو جنهن جا ڊراما ڏسي هوءَ سوچيندي هئي ته هو انتهائي نرم دل، عورت جو احترام ڪندڙ ۽ حساس شخص هوندو. سندس تحريرن ۽ سندس شخصيت ۾ ڪيڏو نه تضاد هو. کيس هن سان محبت هئي نه ئي دلچسپي پر رياض جي رويي کيس اهو محسوس ڪرايو هو ته هو سندس ذات ۾ بي انتها دلچسپي رکندو هو تڏهن ئي هن رياض تي اعتماد ڪندي ايڏو قدم کنيوهو. هن سوچيو: ”ڪهڙي ڪمي آهي مون ۾؟ جاهل ناهيان، بدصورت ناهيان، بدڪردار ناهيان..... بي سليقه ناهيان.... مون وٽ ته انتهائي پيار ڀري دل آهي. نازڪ جذبا آهن. خوبصورت خواب آهن پنهنجي ننڍڙي گهر کي ٺاهڻ جا، سجائڻ جا........ پوءِ .... پوءِ ..... مون کي ڇو ٺڪرايو ويو... هڪ ڇوڪريءَ کي ڇو ايڏو رسوا ڪيو ويو...... اف منهنجا خدا! ڇا آءٌ سڄي عمر اها ذلت وساري سگهنديس... نه ڪڏهن به... نه....“ هوءَ بي اختيار اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي..... ۽ ... پوءِ بي اختيار جنوني نموني اٿي سندس ٺاهيل تصويرون کڻي پٽ تي اڇلائڻ لڳي. پوءِ کيس مليل سرٽيفڪيٽ، ميڊل، ٽرافيون ۽ فوٽو کڻي اڇلائڻ، ڦاڙڻ ۽ ٽوڙڻ لڳي. نه کپن مونکي اهي!.... ناهن منهنجي ڪم جا!....... آءٌ خراب آهيان.... بدڪردار آهيان.... مون کي ڪوئي قبول نه ڪندو.... نه کپن مونکي هي.....“ سندس گوڙ شور تي سندس ماءُ ۽ ڀاڄايون ڊوڙنديون آيون ۽ پوءِ کيس سندس ڀاڄاين نهايت مشڪل سان قابو ڪيو. ايستائين هوءَ روئندي دانهون ڪندي بيهوش ٿي ڪري پئي. ڊاڪٽر کي گهرايو ويو جنهن ٻڌايو ته کيس ڪو شديد ذهني صدمو رسيو هو ۽ پوءِ کيس سڪون جي انجيڪشن هڻي هليو ويو. ائين ڪجهه ڏينهن سندس طبيعت شديد خراب رهي. ماءُ ۽ ڀاڄاين گهڻوئي پڇيس پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو ڪنهن کي پنهنجا دل جا گهاءَ ڏيکاري ها؟..... ڪير سندس ڳالهه سمجهي ها.....!؟ ڪير سندس درد کي محسوس ڪري ها! هوءَ اندر ئي اندر پڄرندي رهي. ٻرندي رهي.... ۽..... پوءِ... ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ماءُ جي زور ڀرڻ تي سندس ماءُ جي پسند تي آصف سان شادي ڪري ڇڏي. اتان کان وري عذابن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. رياض واري تجربي کان پوءِ سندس دل هونئن ئي ايڏي ٽٽي پئي هئي سندس اعتبار آرٽسٽ ۽ انٽليڪيچوئل طبقي مان هونئن ئي کڄي چڪو هو انڪري هن پنهنجي سوشل لائيف شادي کان پوءِ ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ سندس گهرئي سڀڪجهه هو پر آصف به انهن مردن مان نڪتو جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ٿري پيس سوٽ پائي، انگريزي ڳاهائي، اعليٰ سوسائٽيءَ جو سمبل بڻيل ڪنهن ڪلب جا ميمبر ٿي بظاهر ماڊرن ۽ کليل ذهن جا لڳندا آهن پر اندران هو اهوئي روايتي سوچ رکندڙ عام مرد هوندا آهن جيڪي ڪنهن اهڙي عورت کي قبول ناهن ڪندا جنهن جي پنهنجي هڪ ڀرپور شخصيت هجي، سڃاڻپ هجي يا سماج ۾ ڪا اهم حيثيت هجي، جڏهن ته رابيل سڀ ڪجه ڇڏي ڏنو هو ۽ اهوئي سمجهيو هو ته واقعي عورت جو اصل مقام هن جو گهر ئي هوندو آهي سوشل سرڪل نه. هن پنهنجي گهر کي تمام خوبصورت نموني سجايو هو جو هرڪو سندس جي سگهڙائپ جي تعريف ڪندو هو. هوءَ آرٽسٽ ته هئي انڪري گهرجي هر هڪ شيءِ ۾ نفاست ۽ آرٽسٽڪ مزاج جو عڪس ظاهر هوندو هو. هن رڌڻو به سنڀاليو ۽ گهر جون سڀ ذميواريون سهڻي ريت کنيون پر پوءِ به آصف هن مان خوش نه هون ڇو ته سڀ ڪجهه ڇڏڻ جي باوجود به سندس سڃاڻپ ته سوسائٽيءَ ۾ هئي....... ۽ .... اها ڳالهه آصف کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن هوءَ آصف سان گڏ ٿي ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو کيس سڃاڻي هن کان آٽوگراف وٺندا هئا يا هن سان ڳالهائيندا هئا ۽ آصف جو تعارف سندس حوالي سان ڪرايو ويندو هو. ته هن جو موڊ خراب ٿي پوندو هو ۽ پوءِ اهڙين ڳالهين تي هو گهر اچي هن سان جهيڙو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو کيس چوندو هو ته ماڻهو رابيل بابت مختلف ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا ته رابيل کيس سمجهائيندي هئي: ”آصف، توکي مون تي اعتبار هئڻ گهرجي ڇو ته پنهنجو رشتو ته سڀني رشتن کان وڌيڪ ويجهو آهي. آءٌ پنهنجي سموري شخصيت سميت تنهنجي سامهون آهيان پر توکي مون تي نه پر فقط ڪجهه گندي ذهنيت رکندڙ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين تي اعتبار آهي. آءٌ ته آرٽسٽ آهيان public figure رهي آهيان. پر ماڻهو ته يونيورسٽي ويندڙ، ڪاليج ۾ پڙهندڙ، نوڪري ڪندڙ ته ڇا پر گهرن ۾ هڪ هنڌ ويٺل ڇوڪرين کي ئي نه بخشيندا آهن. “ رابيل شاديءَ کان اڳ ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر طور appoint ٿي چڪي هئي. آصف کي سندس جاب ڪرڻ تي به اعتراض هو پر هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ نوڪري ان لاءِ اهم هئي ته رياض واري تجربي کان پوءِ هن جو ذري گهٽ نروس بريڪ ڊائون ٿي چڪو هو تڏهن سندس پيءُ جي دوست ۽ شهر جي سڀني کان وڏي نفسياتي ۽ ذهني ڊاڪٽر احسن کيس دل کي وندرائڻ خاطر اها جاب ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ شاديءَ کان پوءِ به ڊاڪٽر احسن کيس سمجهايو هو ته هوءَ جيڪڏهن ائين سڀ ڪجهه ڇڏي گهر ۾ ويهي رهندي ته وري نفسياتي ۽ ذهني طور بيمار ٿي پوندي. ان ڪري کيس جاب ڇڏڻ نه گهرجي. پر آصف هن سان روز ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ڪندو هو. ائين هوءَ پنهنجي ڪردار بابت صفايون پيش ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي. هوءَ ايڏي ته ذهني اذيت ۾ هوندي هئي جو سندس تخليقي ذهن ته الائي ڪيڏانهن ويو هو. هن مصوري ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني پر ڪڏهن اتفاق سان ڪا تصوير ٺاهڻ ويهندي هئي ته آصف جو موڊ خراب ٿي ويندو هو. رابيل کي ائين محسوس ٿيندو هو ته کيس اهڙي سزا ملي هئي جنهن نه کيس جيئڻ ٿي ڏنو ۽ نه ئي مرڻ ٿي ڏنو. سندس ماءُ سندس تڪليفن کي ڏسي اڃا به دکي ٿي ٿي وئي ۽ کيس احساس ٿيو ته هن جي غلط سوچ سبب ئي رابيل کي اهو سڀ ڪجهه سهڻو پئي پيو. ۽ پوءِ جڏهن شان پيدا ٿيو ته رابيل کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خوشگوار تبديلي محسوس ٿي. هن سوچيو هو ته شايد اولاد کان پوءِ آصف جي رويي ۾ ڪا تبديلي ايندي پر هو ته عجيب ذهني مريض ۽ جنوني شخص هو. گهر ۾ جهيڙا ڪنهن سبب جي ڪري ٿيندا آهن پر هو ته بنان سبب ئي لفظن جي تيرن ۽ تلوارن سان رابيل جي پيار ڀري ۽ نازڪ دل کي گهائي وجهندو هو ڇو ته هو انتهائي شڪي مزاج، تنگ نظر ۽ احساس ڪمتريءَ جو ماريل شخص هو جنهن سبب هو معمولي ڳالهين کي مسئلو بڻائي جهيڙا ڪندو هو. هن کي رابيل جي فون ڪرڻ تي به عجيب شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿيندا هئا. رابيل جو نوڪري ڪرڻ، ڊرائيونگ ڪرڻ تصويرون ٺاهڻ مطلب ته هر ڳالهه تي کيس اعتراض هوندو هو..... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. آصف رابيل جي ڪردار تي حملو ڪري هڪ اهڙو ته گندو ۽ ڪريل سوچ وارو الزام هنيو جو رابيل جو دماغ ڄڻ صفا سن ٿي ويو. نفسياتي مريضه ته هوءَ ان گهٽيل ماحول ۾ هونئن ئي ٿي چڪي هئي پر هاڻي ته حد ٿي وئي هئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ سندس گهران ڪار ڪڍي ماءُ ڏانهن رواني ٿي پر سندس دل ۽ دماغ ۾ آنڌ مانڌ متل هئي ۽ لڙڪ لارون ڪري باربار وهڻ ڪري ڄڻ سندس اکين اڳيان بار بار پردو اچي ٿي ويو. ائين پوءِ تيزيءَ سان هڪ موڙ ڪاٽيندي اوچتو پوءِ هڪ ٻي تيز رفتار ڪار کان بچڻ خاطر هن اسٽيئرنگ کي ٻئي پاسي موڙيو ته ڪار هن کان بي قابو ٿي ڀر ۾ هڪ ديوار سان زوردار نموني ٽڪرائجي وئي ۽ۡ هوءَ شديد زخمي ٿي پئي ۽ پوءِ هوءَ ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ زير علاج رهي ۽ هوش حواس ۾ نه هئي. هوءَ بچي ته وئي، پر کيس ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويا. جسماني طور تي ته هوءَ ٺيڪ هئي پر هوءَ جڏهن دنيا جي نظرن ۾ هوش حواس ۾ آئي ته سندس حواسن تي وڄ ڪيرائڻ لاءِ به هڪ خبر موجود هئي ته ان عرصي دوران آصف کيس طلاق نامو موڪلي ۽ پاڻ شان سميت ڪيڏانهن وڃي چڪو هو. سندس ماءُ هن کي پنهنجي گهر وٺي آئي هئي. ان دوران هن جا ڀائر به پنهنجن گهرن ۾ سيٽل ٿي ويا هئا. هن جي ماءُ سندس حالت تي ويتر دکي ٿي اڳي کان به گهڻو بيمار ٿي پئي. هنن مهينن تائين آصف ۽ شان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪجهه به خبر نه پئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس ماءُ کي به هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هوءَ به گذاري وئي ۽ سندس خواهش ۽ وصيت مطابق جنهن گهر ۾ رابيل پنهنجي سموري حياتي گذاري هئي. شادي شده زندگيءَ جو ڪجهه عرصو ڇڏي. اهو رابيل کي مليو ۽ هوءَ سندس نالي ڪترو ئي بئنڪ بئلنس پڻ ڇڏي وئي. تڏهن رابيل روئي پئي ۽ سوچيائين ته ڇا فقط ڀتين ڇتين سان به گهر نه ٺهندا آهن. گهرن جون رونقون ۽ خوشيون ته گهر جي فردن سان هونديون آهن. پر هاڻي هن گهر ۾ نه ته سندس پيءُ هو ۽ نه ماءُ نه ڀائر هئا ۽ نه ڀيڻون. فقط هوءَ هئي. سندس بيوه ماسي هئي ۽ کيس پاليندڙ بابا پيرو هو. هن سوچيو ته ڇا پئسي سان هو اهي خوشيون خريد ڪري ٿي سگهي. اهي ٽهڪ، اهي رانديون، اهي شرارتون، اهي مرڪون، اهي رونقون ۽ اهي رشتا جيڪي ڪڏهن هن گهر جي اڱڻ تي هوندا هئا...... ڪجهه عرصو اڳ کيس اها به خبر پئي ته آصف هاڻي آمريڪا ۾ هو ۽ شايد نيويارڪ ۾. هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ تڙپندي هئي. روئندي هئي پر سندس وس ۾ ڪجهه به ته نه هو. فيضان رابيل جي ماضيءَ جو احوال ٻڌي سچ پچ ته انتهائي دکي ٿي پيو ۽ پوءِ کيس چيائين: ”رابيل! آءٌ توهان جي ڏک ۽ اذيت کي دل جي گهرائين سان محسوس ڪري سگهان ٿو پر هاڻي اهو به سوچيو ته جيڪو ٿيو سو ته ٿي چڪو پر هاڻي توهانکي پنهنجي لاءِ ڪو مثبت رستو ڳولهڻو آهي. توهان محض پنهنجي ذاتي ڏک ۾ مبتلا ٿي ٻين جي ڏکن ۽ تڪليفن کي وساري ويٺيون آهيو. بحيثيت آرٽسٽ توهان کي صرف پنهنجائي نه پر ٻين جا ڏک به محسوس ڪرڻا آهن. پنهنجي ذات جي خول مان نڪري ڏسو ته توهان جي آس پاس ڪيڏا ماڻهو ڪهڙن ڪهڙن ڏکن ۾ مبتلا آهن. ڪيترين تڪليفن کي منهن پيا ڏين ۽ ڪيتري اذيت ڀري زندگي پيا گذارين. توهان کي انهن لاءِ به ڪجهه ڪرڻو آهي.“ رابيل: ”آءٌ انهن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“ فيضان: ”توهان ئي ته انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگھو ٿيون. خدا توهان کي تخليقي ذهن ۽ هڪ سگهاري ڏات ڏني آهي ۽ هر ڪنهن کي پروردگار اهڙي خوبين سان به نوازيندو آهي. ان مان توهان اهو نٿا سمجهو ته قدرت توهان کان ڪو خاص ڪم وٺڻ ڇاهي ٿي؟“ رابيل: ”ڇا مطلب؟....... آءٌ ڇاتي ڪرين سگهان آخر؟“ فيضان: ”توهان هڪ ڀيرو پنهنجي ذات جي خول مان ٻاهر اچو ۽ ڏسو ته سهي ته اسان جي آس پاس ئي ڪيڏا ڏک آهن؟ غربت آهي، افلاس آهي ظلم آهي جبر آهي، نا انصافيون آهن غلط ريتون ۽ رسمون آهن. انسانن تي انسانن جا ئي ڪيل اذيت ناڪ ظلم آهن. فلسطين ۽ عراق جي ماڻهن جي اذيت ڏسو ڪشمير جي ماڻهن جي ڏکن کي ڏسو.... جتي ڪٿي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم آهن بربريت آهي اخبارن ۽ ٽي وي تي هر روز شهيد ٿيندڙن جا لاش ڏسو، يتيم ٿيندڙ ٻارن ۽ بيوه ٿيندڙ عورتن جي ڪرب کي محسوس ڪريو. هڪ پاسي انهي ڪرب کي پنهنجي برش جي جنبش سان پينٽ ڪري ماڻهن جي ضمير کي جهنجهوڙيو ۽ ٻئي پاسي دکي انسانن جي درد کي گهٽائڻو آهي. ماڻهن کي ڪا مثبت سوچ ڏيو. اسان ۽ توهان ته الاهي طاقتور انسان آهيون اسان وٽ سوچ آهي، ذهن آهي ۽ ڏات آهي ۽ هاڻي اسان کي برش ۽ قلم جي حرمت رکڻي آهي. اچو ته گڏجي ظلم جي خلاف آواز اٿاريون ۽ ڏکويل انسانيت جي عملي طرح به خدمت ڪريون ڇو ته ماڻهن جي دلين ۾ ئي رب رهي ٿو. انهن ماڻهن جي خدمت وسيلي ئي پروردگار جي ويجهڙائي نصيب ٿيندي. ۽ اهائي دل ۽ روح جي سڪون جي واٽ آهي.“ رابيل: ”پر..... آءٌ پاڻ کي ئي نٿي سنڀالي سگهان دنيا کي جو مقابلو نٿي ڪري سگهان ته ڪنهن ٻئي لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“ فيضان: ”غلط آهي توهان جي سوچ دراصل توهان محروميت جو شڪار ٿي ويون آهيو. توهان هر ڳالهه جو فقط اونداهو پهلو ڏسو ٿيون.. روشن پهلوءَ ڏانهن ڏسو ئي نٿيون. فطري نظارن کي ڏسو. انهن جي سونهن کي محسوس ڪريو. انهن کي پينٽ ڪريو. آسمان ۽ سمنڊ جي وسعتن کي ڪئنوس تي لاهيو، گلن، وڻن، بوٽن، پوپٽن، حسين چهرن ۽ مرڪندڙ ٻارن کي پينٽ ڪريو. تڏهن انهن سمورين تصويرن کي پينٽ ڪندي، توهان پاڻ ۾ هڪ مثبت تبديلي ايندي محسوس ڪنديون ۽ اها خوشگوار تبديلي توهان ۾ اعتماد پيدا ڪندي. واعدو ڪريو ته منهنجن انهن مشورن تي عمل ڪنديون ۽ پاڻ کي بدلائينديون.“ رابيل: ” ڪوشش ڪنديس.“ فيضان: ”۽ عيد جي هنن ڏينهن کي ائين برباد نه ڪنديون ۽ روئنديون نه.“ رابيل: ”هون.“ فيضان: ۽ جڏهن به مايوس يا پريشان ٿيو، اداس ٿيو پاڻ کي بيچين محسوس ڪريو ته مون سان ڳالهائجو. آءٌ توهان کي پورو ٽائيم ڏيندس.“ رابيل: ”هون.“ فيضان: ”واعدو؟“ رابيل: ”ها“ فيضان: ”۽ ..... ها.... پنهنجو خيال رکجو.“ فيضان موڪلائي فون بند ڪئي، رابيل به فون رکڻ بعد پنهنجي دل کي هلڪو محسوس ڪيو۽ ڄڻ دل ۽ دماغ تان بار لهي ويو هجيس. ائين پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ رابيل ۽ فيضان هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندا ويا. رابيل جا ڪن هر روز ٽيليفون جي رنگ ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا ۽ فيضان به هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪرڻ لڳو. اهڙي ريت هڪ رات فيضان ڳالهائي رهيو هو. هميشه جيان پهرين هن پنهنجو تعارف ڪرائڻ خاطر چيو: ”هيلو رابيل! آءٌ.....“ رابيل سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو: ”جي! مون کي خبر آهي..... توهان فيضان پيا ڳالهايو.“ تڏهن فيضان ٽهڪ ڏيندي چيوهو: ”ان جو مطلب ته هاڻي اڳتي مون کي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي آواز سڃاڻڻ لڳيون آهيو.“ رابيل: ”مون جڏهن عيد جي ٻئي ڏينهن توهان کي فون ڪئي هئي ته فقط ”هيلو“ چئي فون بند ڪئي هئي تڏهن توهان منهنجي ڳالهايل هڪ لفظ مان ئي منهنجو آواز سڃاڻي رنگ بيڪ ڪري سگهو ٿا ته ڇا آءٌ توهان جو آواز نه سڃاڻنديس؟“ فيضان: ”ٻيو ٻڌايو، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي.“ رابيل: ”ڪافي حد تائين بهتر آهي.“ فيضان: ”منهنجو مشوري تي عمل ڪيو توهان؟“ رابيل: ”ها.“ فيضان: ”ڪيئن ڀلا؟“ رابيل: ”مون الاهي عرصي کان پوءِ ڪجهه نيون تصويرون ٺاهيون آهن.“ فيضان: ”تمام سٺو! پر اسان کي به ته ڏيکاريو نه!! اسين به ته توهان جي فن جي قدردانن ۾ شامل آهيون.“ رابيل: ”ڏيکارينديس ڪڏهن. هن وقت به هڪ تصوير پينٽ ڪري رهي هئس.“ فيضان: ”پوءِ ته توهان کي بلڪل به ڊسٽرب نه ڪبو توهان وڃي تصوير مڪمل ڪريو. آءٌ وري ڪڏهن فون ڪندس! With you best of luck “ رابيل به مرڪي ۽ موڪلائي فون بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ مصوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن بعد هڪ رات هن ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ رڌڻي ۾ برياني پئي ٺاهي ته فيضان جي فون آئي هئي هن پڇيو: ”ڪهڙا حال آهن؟“ رابيل: ”ٺيڪ آهن.“ فيضان: ڇا پيا ڪريو؟“ رابيل: ”ڊنر جي تياري.“ فيضان: ”پوءِ ته شايد آءٌ توهان کي ڊسٽرب پيو ڪريان.“ رابيل: ”نه.... نه.... ڪم ته ختم ٿي چڪو هو. مون کي ته خود توهان سان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي هئي.“ فيضان: ”ڪهڙي ڳالهه؟“ رابيل: ”فيضان! پنهنجي پهرين ملاقات به عجيب طرح سان ٿي هئي اسان کي هڪٻئي سان ملندي به ٻن سالن کان مٿي عرصو پيو ٿئي پر... اڄ ڏينهن تائين توهان جو رويو ڪجهه واضح نه ٿي سگهيو آهي.“ فيضان: ”ڇا مطلب؟“ رابيل: ”مطلب ته پهرين ملاقات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ توهان جي ڳالهين ۽ رويي ۾ ڪو خاص احساس محسوس ڪندي رهي آهيان.“ فيضان: ”ڇا مون ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا توهان کي اڻوڻندڙ لڳي هجي؟ ڇا مون اڄ تائين اهو سڀ ڪجهه چيو آهي جيڪي نوانوي(99) سيڪڙو مرد عورتن کي چوندا آهن؟“ رابيل: ”ٺيڪ آهي. چيو ته ڪجهه به ڪونهي پر محسوس ضرور ڪرايو آهي، اڄ توهان کي اهو تعلق يا احساس واضح ڪرڻو ئي پوندو ته ڇو آخر توهان هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪريو ٿا؟ توهان آخر مون کان ڇا ٿا چاهيو؟“ فيضان: ”رابيل! ان تعلق کي آءٌ دوستيءَ .......(هلندڙ) شبانه سنڌي جيون_ هٿ، درد ريکائون ”فجر جي ٻانگ آئي ته ان سان گڏ ئي ننڍي ٻار جي روئڻ جو آواز اڀريو. نمي، جيڪا رڌڻي ۾ ويهي ماءُ جي لاءِ دعائون گهري رهي هئي سا هڪدم اٿي بيٺي ۽ رڌڻي مان نڪري ڪمري جي دروازي وٽ اچي بيٺي. ٿوري دير کان پوءِ دائيءَ سڏ ڪيس. نمي، او نمي، ڌيءَ ڀينڙي ڄائي اٿئي وڃي ڪوٺيءَ مان ڀيڻ جا ڪپڙا ته کڻي اچ. دائيءَ جي ائين چوڻ تي هوءَ اهو سوچيندي ته ”هاڻي اسين ٻه ڀينرون ٿي ويون سين.“ خوش ٿيندي ڪوٺيءَ مان ننڍڙيءَ جي ڪپڙن واري ڇٻي کڻي آئي. دائيءَ ننڍڙيءَ کي وهنجاري ڪپڙا پارائي ماڻس جي ڀر ۾ سمهاريو ته هن ماءُ جي منهن ۾ نهاريو. تڪليف ۽ پيڙا کان ماڻس جو چهرو صفا هيڊو ٿي ويو هو. هوءَ ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي. دائيءَ جلدي جلدي باقي ڪم به اڪلايو ۽ پوءِ اوٻاسيون ڏيندي اهو چئي اٿي ته سڄي رات ويهي گذاري اٿم. هاڻ ننڊ پئي اچيم، سو امڙ مان وڃان ٿي. وري سج اڀرئي کان پوءِ اينديس. دائيءَ جي وڃڻ کان پوءِ نمي ما ءُ جي ڀرسان ٿي ويٺي ۽ ننڍڙيءَ کي غور سان ڏسڻ لڳي. ڪنهن جهڙي آ الائجي؟ نميءَ دل ئي دل ۾ سوچيو. اوچتو، نميءَ جي نظر ماءُ جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن تي پئي ته هوءَ ڇرڪي پئي. ”امان، روئين ڇو پئي!؟“ هن، معصوميت مان پڇيو. ”بس ائين ئي اکيون ڀرجي آيون.“ سندس ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو. ”ائين ئي ڪيئن امان، مون کي ٻڌاءِ نه ته تون ڇو روئي رهي آهين؟“ نميءَ، ماءُ جي هٿ تي پنهنجو ننڍڙو هٿ رکي ڇڏيو. ”نمي، اهي ڳوڙها تنهنجي ڄمڻ تي به وهيا هئا. اهي ڳوڙها، منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان به وهيا هوندا. شايد اهي ڳوڙها، ڌيءَ ڄمڻ تي هر ماءُ جي اکين مان وهندا آهن.“ نميءَ جي ماءُ چيو. ”پر امان، تون ته ٻڌائيندي آهين ته ”منهنجي ڄمڻ تي تون خوش ٿي هئينءَ.“ نميءَ معصوميت مان پڇيو. نمي، ناراض ته مان هينئر به نه ٿي آهيان، نه ڌيءُ ڄمڻ جو مون کي ڏک آهي. پٽ ڄمڻ جي مون خواهش ئي ڪٿي ڪئي هئي. مون ته چاهيو پئي ته توهان پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ٿي وڃو. هڪ بئي جي ڏک سک جون ساٿياڻيون. ڀاءُ تي ڪهڙو ڀروسو، خيال رکي به الاءِ جي نه! حياتيءَ تي ڪهڙو اعتبار اڄ آهيان سڀاڻي نه هجان ته پوءِ؟؟“ ”ائين نه چئه امان“. نمي گهٻرائجي وئي. ”نمي، مون هاڻ سمجهيو آ ته منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڇو وهيا هوندا. هن کي اڳواٽ ئي منهنجي قسمت جي خبر پئجي وئي هوندي، نه ته مان ته ستن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هيس.“ نمي جي ماءُ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. ”۽ امان، منهنجي ڄمڻ تي تنهنجي اکين مان ڳوڙها جو وهيا!؟“ نميءَ سواليه نظرن سان ماءُ ڏانهن ڏٺو. ماڻس منجهي پئي، پر پوءِ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين ”نمي، تون جنهن رات ڄائي هئينءَ، ته تنهنجو پيءُ موجود هو ۽ ان توکي ڏٺو هو. پوءِ گهر ڇڏي هليو ويو هو. مون کي پنهنجو ڪو فڪر ڪونه هو پر تو بابت سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيا هئا.“ ”۽ امان، هينئر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو آيا؟؟“ ”نمي، تنهنجي پيءُ توکي ڏٺو هو، پر هن معصوم جو ته پيءُ به موجود ڪونهي. مونکي لڳي پيو ته جيستائين هيءَ سمجهه واري ٿئي مان به نه رهنديس. مان به هاڻي گهڻو وقت جي نه سگهنديس.“ ”ائين نه چئه امان، مون کي ڊپ ٿو لڳي.“ نميءَ جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. هن ماءُ جي هٿ کي ايترو زور سان جهليو ڄڻ هوءَ کانئس هينئر ئي جدا ٿي رهي هجي! نميءَ جي ماءُ مريم، اڃا ننڍي هئي ته پيءُ هڪ حادثي ۾ گذاري ويس. وڏو ڀاءُ ڪمائڻ جي لائق هيس ۽ ماڻس به پاڙي وارن جا ڪپڙا سبندي هئي. ائين گهر جو گاڏو پيو گهلبو هو. مريم جي ماءُ پيءُ جي شادي پسند سان ٿي هئي، تنهنڪري نه ته ڏاڏاڻن مان ڪو ماڻهو وٽن ايندو هو نه ناناڻن مان. پٽ جي مري وڃڻ کان پوءِ مريم جو ڏاڏو وٽن آيو هو ۽ کين پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو هئائين، پر مريم جي ماءُ جواب ڏنو هو ته، مڙس جي هوندي توهان نه قبوليو. هاڻي مان به نه هلندس. مريم جا ناناڻا به آيا هئا پر ماڻس انهن کي به موٽائي ڇڏيو هو، ائين چئي ته، مڙس جي جيئري پنهنجو نه ڪيو، هاڻي مون تي قياس کائي آيا آهيو! پر منهنجا ٻچا منهنجو سهارو آهن. ستن پٽن جي ماءُ آهيان، پناهه مليل اٿم پروردگار جي، جيڪو سڀني کي رزق ڏيندڙ آهي. ستن ڀائرن جي ڀيڻ کي ڀاڳواري سمجهيو ويندو آهي. پر مريم کي نڀاڳو سمجهيو ويندو هو، ڇو جو هن جي ڄمڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ هنن جو پيءُ گذاري ويوهو. وڏو ڀاءُ ته ڪوٺيندو ئي نڀاڳي هيس. باقي ڀائر به گهڻو ڪو نه ڀائيندا هيس. فقط جمال ئي هن کي ڀائيندو هو ۽ ساڻس گڏجي راند به ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن لڪي هن جي لاءِ شيءِ به وٺي ايندو هو. مريم، سمجهه واري ٿي ته محسوس ڪيائين ته سندس ماءُ کي به ساڻس پيار نه هو. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. صبح جو اٿي ٻنهي ڪوٺين کي ٻهاري ڏيندي هئي. اڳنڌ ميڙيندي هئي. ڳئونءَ جا ڇيڻا کڻندي هئي. ٿانوَ ڌوئيندي هئي. ماءُ کي اٽو ڳوهي ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄي وڍي ڏيندي هيس. ڪنهن ڏينهن جي ماڻس ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ويهندي هئي ته به ماڻس سان گڏ ويهندي هئي. هر هڪ ڀاءُ کي ماني ۽ پاڻيءَ جو گلاس کٽ تي رکي ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن، وڏي ڀاءُ جي کٽ تي پاڻيءَ جو گلاس رکندي هن جو هٿ لڏيو ۽ گلاس اونڌو ٿي وڃي پٽ تي ڪريو. پاڻي هارجي ويو ۽ ڀاءُ جي هڪ زوردار چماٽ هن جي ڳل تي لڳي. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويس پر دانهن نه ڪيائين. داد ٿيڻ جو ڪو آسرو به ته ڪونه هيس. مٿان ماءُ به دڙڪا ڏنا هيس ته ڇوري، تنهنجو ڌيان ڪٿي ٿو رهي. صحيح طريقي سان ڪم ئي نه ٿي ڪرين! ڀاءُ جمال هن جو پاسو وٺڻ چاهيو ته وڏي ڀاءُ ان کي دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. رات جو ماءُ کي زور ڏيندي سوچيندي هئي، مان هيترو سارو ڪم ڪريان ٿي، پوءِ به نه امان کي وڻان ٿي، نه ڀائرن کي ڇو!!؟؟ ڏک کان دل ڀرجي ايندي هيس. پر روئي به نه سگهندي هئي. سڀ ڀائر ڪمائڻ لڳا هئا ۽ گهر جون حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. مريم به هاڻي وڏي ٿي وئي هئي. ڀائرن جي گهر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو پاڻ کي وڏي رئي ۾ ويڙهي ڇڏيندي هئي. ھن کي ائين لڳندو هو هن جو وڏو ٿيڻ به ڄڻ ڪو گناهه هجي، جنهن کي هوءَ ڀائرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اوڙي پاڙي جون مايون اينديون هيون ته به هوءَ پنهنجي ڇاتيءَ تي رئو ڏئي ڇڏيندي هئي. رئو مٿي تي نه هوندو هيس ته اوگهڙ جو احساس ٿيندو هيس. هڪڙي ڏينهن مريم ٻڌو، ماڻس پاڙي جي ماسي زليخا کي چئي رهي هئي. ”ادي ڀلو ٿيئي، منهنجي ڇوڪريءَ جو به ڪٿ بلو ڪر. ڪو سکيو ستابو گهر ۽ لائق ڇوڪرو نظر ۾ هجيئي ته مون تي ڪرم ڪجانءِ. مان تنهنجو حق ڪونه رکنديس. سڄي عمر دعائون ڪندي سانءِ.“ اهو ٻڌي مريم سوچيو هو ته ”امان کي منهنجو ڪيترو نه فڪر آهي! ماءُ آهي آخر، مان اجايو پئي سوچيان ته امان کي منهنجو ڪو خيال ڪونهي. ان ڏينهن کان هن خواب ڏسڻ شروع ڪيا. هاڻي هوءَ رات جو ئي نه پر ڏينهن جو به خواب ڏسندي هئي، الاءِ ته ڇاڇا ويٺي سوچيندي هئي، پر گهڻو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به، جڏهن هن جي لاءِ ڪو رشتو نه آيو ته مايوس ٿي هن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا ۽ وري ساڳيءَ ريت بنان خواب ڏسڻ جي ڪم ۾ پنهنجو وقت گذارڻ لڳي. پاڙي ۾ هن جي عمر جيتريون سمورين ڇوڪرين جون شاديون ٿي ويون ته هن جي ماءُ ڏک مان چيو، ”منهنجي ڌيءُ به هجي ها سهڻي ته ڪڏهوڪي مان ان بار کان آجي ٿي چڪي هجان ها!“ ان ڏينهن هن ڄاتو ته سندس بدصورتي ئي اهو ڪارڻ هو جنهن جي ڪري هوءَ ڪنهن کي نه ٿي وڻي. آئينو کڻي ڏٺائين ته پنهنجي صورت ڏسي اکيون ڀرجي آيس. هوءَ رڳي رنگ جي ڪاري ئي نه هئي پر نه هن جو نڪ سٺو هو ۽ نه اکيون. ڪيتري دير تائين آئيني ۾ ڏسندي ۽ پوءِ آئينو هڪ پاسي اڇالائي سڏڪا ڀري روئي ڏنائين. اهو جمعي جو ڏينهن هو، ماڻس کي ٻه ٽن ڏينهن کان بخار هو، هوءَ اندر ڪوٺيءَ ۾ کٽ تي ليٽيل هئي، مريم ٻاهر ٿانوَ پئي ڌوتا ته هڪڙي عورت ٻاهرئين دروازي جو پردو مٿي ڪري اندر داخل ٿي ۽ هن کان پڇاڪيائن، ”جبار جو گهر هيءُ آهي؟؟“ ”ها“ مريم صابڻ وارا هٿ ڌوئيندي جواب ڏنو. اها عورت، آڳر ۾ پيل کٽ تي ويهي رهي. ڪڇ ۾ ڇهن ستن مهينن جو ٻار هيس. هيڏي هوڏي نهارڻ کان پوءِ پڇيائين، ”تون جبار جي ڀيڻ آهين ڇا!؟“ ”ها“، مريم حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهي. ”تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ مان جبار جي زال آهيان، وڃي ٻڌايئين ته ننهن آئي اٿئي.“ مريم جي هٿن مان ٿانوَ ڪري پيا، آلا هٿ رئي سان اگهندي، حيرت مان ان عورت کي ڏسندي هوءَ ڪوٺيءَ اندر آئي ۽ ماءُ کي ان عورت متعلق ٻڌايائين. پهرين ته ماڻس جا به حوصلا خطا ٿي ويا، پر جلد هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ چيائين ته هوءَ ان عورت کي اندر وٺي اچي. پوءِ اها عورت ۽ ماڻس پاڻ ۾ الاءِ ته ڇا ڇا ڳالهائينديون رهيون. رکي رکي سندن تيز آواز مريم جي سماعتن سان ٽڪرايا پئي. پر هن جي همت ئي نه پئي ٿي ته وڃي سموري گفتگو ٻڌي. هوءَ رڌڻي جي در وٽ بيهي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف وچان ڏڪندي رهي. چڱيءَ دير کان پوءِ، ماءُ جو سڏ ٻڌائين ته ڳوڙها اگهي ڪوٺيءَ اندر وئي. ”هيءَ تنهنجي ڀاڄائي آهي، هاڻي هيءَ اسان سان گڏ هتي رهندي.“ ماڻس هن کي ٻڌايو هو ته هوءَ خاموش نظرن سان ڀاڄائيءَ ڏانهن ڏسندي رهجي وئي. ڪڇي هڪڙو لفظ به نه. پوءِ هن کي خبر پئي ته سندس ڀاءُ ٻه سال اڳ لڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي. زال کي مائٽن ۾ ئي رهايو هئائين. تازو هنن جي گهر ۾ جهڳڙو ٿيو هو ۽ هنن پنهنجي ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هوءَ پڇا ڪرائيندي هتي اچي نڪتي هئي. مريم جي ماءُ کي پهرين ته ڪاوڙ اچي وئي هئي پر هڪدم ڪاوڙ تي ڪنٽرو ڪري ورتو هئائين. هوءَ سياڻي عورت هئي، پٽ جي اهڙي قدم تي ڏک به ڏاڍو ٿيو هيس پر ننهن کي نه قبولي هن پٽ کي وڃائڻ نه ٿي گهريو. شام جو جڏهن جبار گهر موٽيو ته زال کي ڏسي گهڙيءَ کن لاءِ گهٻرائجي ويو. جڏهن سڄي صورتحال کان واقف ٿيو ته چيائين، ”چڱو ڪيئي جو هيڏانهن هلي آئينءَ“ هيءُ تنهنجو به گهر آهي. اڳي پوءِ توکي هن ئي گهر ۾ اچڻو هو.“ ڀاڻس کي ان ڳالهه جي ذري به پرواهه ڪانه هئي ته ڪو سندس ان عمل جي ڪري ڪنهن کي ڏک پهتو آهي يا ڪو کانئس ناراض آهي. وڏو هجڻ ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيڪو ڪجهه هن ڪيو آهي، اهو غلط ٿي نه ٿو سگهي. هو پاڻ ڪمائيندڙ آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه چيو ته هو گهر ڇڏي وڃي ڪنهن بئي هنڌ رهندو. اهو هن سوچي ڇڏيو هو، پر سڀ چپ هئا، ڪنهن به ڪجهه نه ڪڇيو. ڪنهن کي به هن کان جدا نه ٿيڻو هو. آخر هو سڀني جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گهر ۾ هڪ ڀاتيءَ جو اضافو ٿي ويو هو ۽ ننڍري ٻار جي ڪري گهر ۾ رونق لڳي پئي هوندي هئي. ڪم ڪار ۾ ڀاڄائي به هنن جو هٿ ونڊائيندي هئي. هوءَ واندڪائيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي ڀائٽيي کي کڻي ويهي ساڻس ڪچهري ڪندي هئي، کيس وهنجاري، ڪپڙا پرائي خوش ٿيندي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن سندس ماءُ گذاري وئي، هوءَ رات جو جيئن ستي ته صبح جو اٿي ئي ڪانه! پنهنجي ماءُ جي کٽ کي ڀاڪر پائي مريم اوڇنگارون ڏئي ڏاڍو رني. هن کي شدت سان احساس ٿيو ته هاڻي هوءَ اڪيلي رهجي وئي هئي، ماڻس جي چاليهي تائين ڀاڄائي سندس گهڻو خيال رکيو، پر پوءِ هوءَ ساڳي نه رهي، هن محسوس ڪيو ته ڀاڄايس هن مان بيزار هئي، هوءَ چاهيندي هئي ته پاڻ سڄو ڏينهن آرام ڪري ۽ مريم سڄي گهر جو ڪم ڪري. ننڍين ننڍين ڳالهين تان وڙهي پوندي هيس، ڇڙٻون ڏيئي ڪڍندي هيس ۽ هوءَ صبر سان پئي سڀ ڪجهه سهندي هئي. نيٺ ڪيترو، هڪ ڏينهن مريم جي صبر جي حد ٿي وئي. ڀاڄائيءَ چيس، ”مئي تومان اچي ڦاٿي آهيان، هجين ها سهڻي ته ڪڏهوڪو پرڻجي وڃين ها ۽ ٻارن ٻچن واري ٿي وڃين ها، پر تو جهڙي ڪاري ڪوجهيءَ کي وٺندو ڪير؟، ساهي کڻي وري شروع ٿي وئي. ”مان ڀانيان ٿي تون سڄي عمر لاءِ منهنجي مقدر ۾ لکجي وئي آهين. تو مان جان ڪانه ڇٽندي.“ اهڙا الفاظ ٻڌي مريم چپ نه رهي سگهي. واتان نڪري ويو هيس ته، ”ڀاڄائي! قدرت واري مون کي جيڪا شڪل ڏني تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! مان پنهنجي ابي امان جي گهر ۾ ٿي رهان. پنهنجن ڀائرن جي سهاري ويٺي آهيان توتي بار ناهيان. منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وٽن رهنديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان!“ ڀاڄايس هن کي ان ڏينهن اهڙي ته مار ڏني هئي جو سنڌ سنڌ سور ۾ وٺجي ويو هيس، پر ڀائرن سان هن ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ننڍي ڀاءُ جمال هن جو لٿل منهن ڏسي، ماءُ جو قسم ڏئي پڇا ڪيس ته هوءَ پاڻ تي ضبط ڪري نه سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئي پئي. جمال کي جڏهن سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته ممڻ مچائي وڌائين. ڀاڄائيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ته وڏو ڀاءُ مڇرجي پيس ۽ نتيجي ۾ سڀ ڀائر پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مريم اواڪا دانهون ڪري گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪين پر ڪنهن به هن جي نه ٿي ٻڌي. ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هوءَ هڪڙي ڪنڊ وٺيو روئي رهي هئي. ڀاڄايس کي به مڙس ٺاهوڪي مار ڏني هئي. اها ننڍڙو ڪڇ ۾ کڻي روئي رهي هئي. پوءِ هن ڀاڄائيءَ کي چوندي ٻڌو. ”هاڻي هانءُ ٺريو هوندس، ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڏانئڻ خوش ٿي آهي!“ ٻئي ڏينهن، سندن وڏو ڀاءُ پنهنجي زال ۽ ٻار وٺي ڌار ٿي ويو. ڪير به کيس روڪي نه سگهيو. سال کان به مٿي عرصو ٿي ويو پر نه هنن ڀاءُ کي ياد ڪيو ۽ نه ئي ڀاءُ هنن جي ڪا خبر چار لڌي. مريم ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي. پوءِ اهو سڄو ڏينهن روئندي گذري ويندو هيس. هن گهڻو چاهيو ته ڀائر شاديون ڪن ۽ پنهنجا گهر وسائين. پر ڪنهن به ڀاءُ هن جو چوڻ ڪونه ڪيو. هر ڪو اهو جواب ڏيندو هئس ته، ڇا تون اهو ٿي چاهين ته ادا وانگر، اسان مان به هر ڪو شادي ڪندو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃي. جڏهن تون پرڻجي ويندينءَ ته پوءِ پاڻهي اسين به پرڻجي پونداسين. مردن لاءِ زالون کوڙ. ائين ڪو نه هو ته ڀائرن کي هن جو فڪر نه هو. هن جي قسمت ئي اهڙي هئي جو ڪو مناسب رشتو آيو ئي ڪونه پئي. ڀائرن کي پاڻ لاءِ پريشان ڏسي، هوءَ پاڻ به گهڻو پريشان ٿي ويندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسواڙ تي هنن وٽ هڪڙو ماڻهو اچي رهيو. هنن مٿيو ڪمرو ان کي ڏئي ڇڏيو. هو نه ته ايترو گهڻو خوبصورت هو ۽ نه بدصورت. پوري ساري شڪل وارو وڏي عمر جو ماڻهو هو. نه ڪنهن سان گهڻو ڳالهائيندو هو ۽ نه ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏيندو هو. گهڻو ڪري هنن جو هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ ئي ڪونه ٿيندو هو. ها، ڪڏهن ڪڏهن هو ٻاهر پيو نڪرندو هو ته مريم ڏسي وٺندي هيس. يا وري شام جو مريم ٻاهر کٽون پئي رکندي هئي ته هو ٻاهران ايندو هو ته ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا هئا ۽ بس هن جو ڪنڌ هميشه جهڪيل هوندو هو. ٻنهي ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو هو. هڪڙي ڏينهن مريم رسيءَ تي ڪپڙا وجهي رهي هئي ته هو ٻاهران آيو ۽ هن جي ڀرسان بيهي تمام آهستي آواز ۾ ڪجھ چيائين: ”تون ڏاڍي سٺي آهين، گهڻن ڏينهن کان مان توکي ڏسي رهيو آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن عمر ۾ تون ايتري سنجيده ڇو آهين! اداس ۽ چپ چپ ڇو آهين؟ تنهنجي عمر چپ رهڻ ۽ اداس نظر اچڻ واري ٿورئي آهي!“ مريم ڏڪي وئي هئي، ڪپڙا اتي ڦٽي ڪري بنان جواب ڏيڻ جي اندر هلي وئي هئي. رات جو جڏهن ان شخص جي باري ۾ سوچيو هئائين ته پنهنجي اندر ۾ خوشيءَ جي لهڙ ڊوڙندي محسوس ڪئي هئائين. پهريون ڀيرو ڪنهن مرد هن کي ساراهيو هو. هن جي دل جي سڪي ويل ٽاري سائي ٿي پئي هئي ۽ ان ۾ ڪيترائي رنگ برنگي گل ڦٽي آيا هئا خواهشن جا. ان ڳالهه کي ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته هڪ ڏينهن وري هو ساڳي طرح اچي هن جي ڀرسان بيٺو ۽ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين، ”مان تنها شخص آهيان، هن دنيا ۾ بنهه هيڪلو ماڻهو ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟ هن ڀيري مريم ڏڪي ڪانه هئي حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهجي وئي هئي. ”سوچي سمجهي مون کي جواب ڏجانءِ، مان انتظار ڪندس.“ ائين چئي هو مٿي هليو ويو. پورو هفتو سوچڻ کان پوءِ مريم هڪ اهم فيصلو ڪري ورتو. هن ڄاتو ٿي ته سندس ڀائر ڪڏهن به ان ڳالهه لاءِ راضي نه ٿيندا ته سندن ڀيڻ جي شادي هڪ اهڙي شخص سان ٿئي جيڪو کانئس عمر ۾ ٻيڻ تي وڏو هجي. جيڪو زندگيءَ کان مايوس، ناڪام شخص هجي. هن، هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ کي اهو چوندي ٻڌي ورتو هو ته، اسان جي مسواڙي به الائي ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، زندگيءَ ۾ ناڪام ٿو لڳي. مون کي ته ڏسندي ئي خوف وٺي ويندو آهي. ڪيڏي نه دهشت آ سندس اکين ۾! هن جا حال ۽ حرڪتون ٻڌائين ٿيون ته، يا ته هو خودڪشي ڪندو يا ڪنهن جو خون! اهو سڀ ياد اچڻ سان مريم سوچي ورتو هو ته هوءَ ان شخص کي خودڪشيءَ کان بچائيندي. ساڻس شادي ڪري هوءَ کيس سنڀالي وٺندي. رڳي اها ڳالهه به نه هئي. هن پنهنجي ڀائرن جا گهر به آباد ڏسڻ چاهيا پئي. خبر هيس ته جيستائين هوءَ هن گهر ۾ هوندي سندس ڀائر شاديون نه ڪندا. اها به خبر هيس ته هن جي لاءِ هاڻي ڪو رشتو اچڻ ناممڪن ئي هو. هن کي ان سمي، ڀاڄائيءَ کي چيل لفظ به ياد پيا هئا. چيو هئائين، منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وتن هونديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان! کن لاءِ ارادو بدلائي ڇڏيو هئائين، پر پوءِ هن کي ڀائرن جو ڀلو ان ۾ نظر آيو هو. موقعو مليس ته هن پنهنجي فيصلي کان ان شخص کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهن رات مريم پنهنجو اباڻو گهر ڇڏيو. هوءَ ڏاڍو رني. گهر جي ڀتين کان به روئي موڪلايائين. پيتيءَ ۾ پيل ماءُ جا ڪپڙا ڪڍي اهي پنهنجي سيني سان لائي سڏڪا ڀري رني. ائين ڄڻ ماءُ کان موڪلائيندي هجي. ڀائرن جو گهر ڇڏي شادي ڪري هوءَ ان شخص سان گڏ رهڻ لڳي. چڱو وقت هو کيس ڀائيندو رهيو ۽ سندس خيال رکندو آيو. پوءِ الائي ڇا ٿي ويس، ڳالهه ڳالهه تي هن سان وڙهڻ لڳو ۽ هن کي مارڻ لڳو. تان جو صفا بدلجي ويو. گهران ڀڄي نڪرڻ جو طعنو ڏيڻ لڳس. هوءَ صبر سان سڀ ڪجهه سهندي رهي، صبر ڪرڻ جي عادت پئجي وئي هيس. شڪايت ڪرڻ ته سکي ئي ڪانه هئائين. سندس مڙس هڪڙي مائيءَ جي چڪر ۾ اچي ويو هو. روز چوندو هيس ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ ٻي شادي ڪندس، پيٽ سان ٿي ته هن اهو چوڻ شروع ڪيو، جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ پٽ ڄائو ته هن عورت کي ڇڏي ڏيندس. جنهن رات نمي ڄائي ان رات هو موجود هو. هن جي کٽ ڀرسان بيهي هڪ نظر ڌيءُ تي وجهي، ڪروڌ مان هن ڏانهس ڏسندي چيو هئائين، چيو هو مانءِ ته ڌيءُ ڄڻيندينءَ ته مان توکي ڇڏي ڏيندس. مان وڃان پيو ۽ هي گهر توکي ڏيو ٿو وڃان ته جيئن دربدر ٿيڻ کان بچي وڃين.“ ائين چئي هو هليو ويو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ، هڪ ڏينهن هڪڙو طلاق جا ڪاغذ هن کي در وٽ ڏئي هليو ويو. ان ڏينهن ننڍڙي نميءَ کي ڀاڪر پائي هوءَ ڏاڍو رني هئي ۽ کيس ڀاءُ جا چيل، ان شخص بابت الفاظ ياد آيا هئا ته، ”مون کي لڳي ٿو، يا ته هيءُ خودڪشي ڪندو يا وري ڪنهن جو خون.“ هن جي واتان نڪري ويو هو، ”تون سچو هئين ڀائڙا، تو صحيح سڃاتو هيس. مون کان ئي غلطي ٿي وئي. خودڪشيءَ کان ته مون هن کي بچائي ورتو، پر هو منهنجن جذبن ۽ احساسن جو خون ڪري منهنجي زندگي برباد ڪري ويو!“ سبڻ ڀرڻ جو ڪم ڪري هوءَ پنهنجو پيٽ ۽ نميءَ کي پالڻ لڳي، پر جيئن جيئن نمي وڏي ٿيندي وئي، ضرورتون به وڌنديون ويون. لاچار ٿي هن هڪڙي گهر ۾ ٿانوَ ٻهاري وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. نمي اسڪول وڃڻ لڳي، هوءَ نميءَ کي تيار ڪري اسڪول اماڻي پوءِ پاڻ ڪم تي هلي ويندي هئي ۽ واپسيءَ تي نميءَ کي پاڻ سان گڏ وٺيو ايندي هئي. هڪڙي ڏينهن نمي جيئن ئي اسڪول کان موٽي ته بيحد اداس هئي، پڇڻ تي بيحد معصوميت ما چيائين، ”امان، سڀني ڇوڪرين جا پيءُ آهن، سڀ مون سان انهن جون ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ مون کان به پڇنديون آهن پر مان انهن سان ڪنهن جون ڳالهيون ڪريان؟ منهنجو ته ڪو به پيءُ ڪونهي!“ ”نه نمي، ائين نه چئه، تنهنجو به بابا آهي“ هن ٻڌايس. ”هو، اسان جي لاءِ ڪمائڻ ويو آهي. جڏهن هن وٽ کوڙ سارا پئسا ٿي ويندا ته هو کوڙ ساريون شيون وٺي واپس ايندو. اهو ٻڌي نمي خوش ٿي وئي هئي. هوءَ، جنهن گهر ۾ ڪم ڪندي هئي اتي فقط زال مڙس رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو هڪ مائٽ به وٽن اچي رهندو هو. جڏهن به اهو ايندو هو ته هن کي ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. اهو ماڻهو، هن ڏانهن تڪيندو رهندو هو ۽ هن کي گهٻراهٽ محسوس ٿيندي هئي. نوڪرياڻي هئي ڪجهه ڪڇي ڪانه سگهندي هئي. باقي ان شخص جو ائين گهوري گهوري ڏسڻ اصل نه وڻندو هئيس. اها ستاويهين رجب جي ڀلاري رات هئي. نميءَ آڳر ۾ راند ويٺي ڪئي. هن رڌڻي ۾ ڪم پئي ڪيو ته نميءَ جون خوشيءَ سان ڀرپور رڙيون ٻڌائين، ”بابا اچي ويو، منهنجو بابا اچي ويو.“ هوءَ هڪدم رڌڻي مان ٻاهر نڪري آئي. ڏٺائين ته آڳر ۾ اهو ساڳيو شخص بيٺو هو، ٻنهي هٿن ۾ شامان سان ڀريل ٿيلهيون هيس، جن مان بسڪيٽن جا پڙا نظر پئي آيا. نمي، ان شخص جي ٽنگن سان چنبڙي پئي هئي. هن سمجهيو هو ته سندس پيءُ اچي ويو. ماءُ تي نظر پوندي ئي خوشيءَ مان چوڻ لڳي، ”امان!، ڏس بابا اچي ويو آهي!“ هن چاهيو ته نميءَ جي اها غلط فهمي دور ڪري، پر ان شخص موقعو ئي نه ڏنس ۽ نميءَ کي پڪ ٿي وئي ته اهوئي سندس پيءُ آهي. ان ڏينهن کان پوءِ نمي هر روز ماءُ کان پڇندي هئي ته بابا ڪڏهن ايندو!؟ ماڻس هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ٻڌائي نٽائي ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن نميءَ ڏاڍو ضد ڪيو ته تنگ ٿي ماڻس چماٽ وهائي ڪڍيس ۽ نمي کي تيز بخار ٿي پيو. غشيءَ ۾ به هوءَ پيءُ کي سڏي رهي هئي. ماڻس لڙڪ هاريندي رهي. نميءَ جي بخار سبب هوءَ ٻه ڏينهن ڪم تي نه وئي ته ٽئين ڏينهن تي اهو ماڻهو پاڻ اچي نڪتو. نميءَ کي ايترو بخار ڏسي هو به پريشان ٿي ويو هو. نمي بخار مان اٿي ته ماڻس ريجهائي کيس پيار مان سمجهائڻ چاهيو، ”ڏس نمي! تون سٺي ۽ ڏاهي ڇوڪري آهين نه. هو تنهنجو بابا ڪونهي، پرائو ماڻهو آهي. تنهنجو بابا اچڻ وارو آهي.“ پر نمي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن وٽن ايندو هو ۽ نميءَ جي خوشيءَ خاطر هو کيس اچڻ کان روڪي به نه سهگندي هئي. چڱو عرصو ائين گذري ويو. نمي! هاڻي ڪجهه وڏي ٿي وئي هئي. نه گهڻو ضد ڪندي هئي ۽ نه ئي ماءُ کي تنگ ڪندي هئي. هاڻي هوءَ اهو به سمجهي وئي هئي ته اهو شخص هن جو بابا نه آهي، پر پوءِ به نميءَ جي ان شخص سان دل ٿي وئي هئي، هو، کيس گهڻو ڀائيندو جو هو! اوچتو ئي اوچتو ان شخص جو اچڻ بند ٿي ويو. نميءَ گهڻو انتظار ڪيو، پر جڏهن گهڻا ڏينهن گذري ويا ته هن ماءُ کان پڇا ڪئي. ان ٻڌايس، ”نمي! پاڙي وارا اعتراض ٿا ڪن ته هو توهان جو ڇا ٿئي، جو توهان جي گهر ۾ ٿو اچي!“ ”امان هو اسان وٽ ٿو اچي، ماڻهن جي گهر ۾ ته ڪونه ٿو وڃي، جو ماڻهو ائين ٿا چون“ نميءَ معصوميت مان چيو. نمي، تون ننڍڙي آهين، نه سمجهندينءَ اها ڳالهه، هيءُ سماج نيت جي سچائيءَ کي نه ڏسندو آهي، هتي خلوص جو ڪو به قدر ڪونهي. فقط رشتن کي اهميت آهي ۽ هو، اسان جو رشتي ۾ ڪجهه به ناهي.“ ماءُ جي ائين چوڻ تي نميءَ ڏک مان چيو. ”امان ڇا هاڻي هو ڪڏهن به اسان جي گهر نه ايندو.!!؟“ نميءَ کي ايترو مايوس ڏسي ماءُ چيو، ”هو ضرور ايندو، تون گهٻراءِ نه نمي، هن کي اسان جي گهر اچڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.“ (هلندڙ) ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا به ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي نسرين طاهر وفائي گهريلو ڏس بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن. جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو. مڇرن، مکين ۽ ٻين جيتن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ لوبان جو دونهون ڏيو. روزانو صبح جو خالي پيٽ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جي عادت وجهجي ته ڪڏهن به قبض جي شڪايت نه ٿيندي. ليمي جي رس استعمال ڪرڻ وقت خيال رکجي ته ان جو ٻج پيٽ ۾ نه وڃي. نه ته پيٽ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪوشش ڪجي ته برف جو پاڻي گهڻو نه پيئجي، برف جو پاڻي وقتي طور ته اڃ ختم ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اڃ کي وڌائي ٿو ۽ معدي ۽ ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ زڪام جو سبب بڻجي ٿو. ڏاڙهون کائڻ يرقان، دل جي ڌڙڪي، سيني جي سور، کنگهه ۽ خارش جي بيمارين ۾ مفيد آهي. پيچش کي روڪڻ لاءِ اسپنگر جي دهي پيئڻ مفيد آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ”پائيريا“ جي شڪايت هجي ته ڪنهن بازاري دوا استعمال ڪرڻ بجاءِ، سرنهن جو تيل، لاهوري لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي، ڏندن تي ملڻ سان پائيريا جي شڪايت ختم ٿي ويندي. غلطيءَ سان جيڪڏهن ڪنهن شيشي جا سنها سنها ذرا کائي وڌا هجن ته ان کي تمام گهڻا ڪيلا کارايو، شيشي جا ذرا نڪري ويندا.
ناول قسط نمبر:5 رياض: ”دوستي ۾ romance به شامل هوندو آهي.“ رابيل: ”ته ڇا توهان ڪنهن سان به شادي نه ڪندا؟“ رياض: ”بلڪل ڪندس ڇو نه ڪندس.“ رابيل: ”ته پوءِ آخر مونسان ئي ڇو نه؟ توهان ئي ته چيو آهي ته توهان کي مون سان محبت به آهي.“ رياض: اهڙيون محبتون ۽ دوستيون ته اسان جهڙا مرد ڪندا ئي رهندا آهن. باقي شادي مون کي ڪنهن سادي سودي ۽ گهريلو ڇوڪريءَ سان ڪرڻي آهي. ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان نه جنهن جو تعلق ميڊيا جي ڪنهن شعبي سان هجي نه ئي فن و ادب سان ڇو ته منهنجي زال کي فقط منهنجو هئڻ گهرجي. اها پبلڪ پراپرٽي نه هجي.“ رابيل: ”توهان جي خيال ۾ اهي مرد بيوقوف هوندا آهن جيڪي نه فقط اهڙين ڇوڪرين سان شادي ڪندا آهن پر سٺي گهرو زندگي به گذاريندا آهن. رياض: ”هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف هوندو آهي مون ۾ ايترو ظرف نه آهي.“ رابيل: ”واقعي....... اهو ته اڄ مون ڏسي ئي ورتو آهي. ته توهان ڪيڏا، ڪم ظرف انسان آهيو. آءٌ توهان لاءِ فقط وقت گذاري جي ساٿياڻي ۽ ڪو رانديڪو آهيان ۽ منهنجا ڪي جذبا ناهن. مون اهو سمجهيو هو ته توهان مون ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ اڳتي مون کي پرپوز ڪندا تڏهن ئي اڄ مون توهان سان کلئي نموني ڳالهايو آهي نه ته جيڪر آءٌ ڪڏهن به ائين نه ڪريان ها. توهان منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي.“ رياض: ”ڪم آن يار! تون به عام ڇوڪرين وانگر نڪتئين مون ته سمجهيو هو ته تون آرٽسٽ آهين. وڏي دل واري هوندينءَ، پر تون به سطحي ذهنيت واري نڪتئينءَ. بهرحال پوءِ به آءٌ توکي پنهنجي دوست سمجهندس.“ رابيل: ”شٽ اپ! مون کي تو جهڙن مردن جي دوستيءَ جي نه ته ضرورت آهي ۽ نه ئي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پوندي.“ رياض هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو طنز ۽ حقارت سان ڀرپور رابيل کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن کيس انتهائي بلنديءَ تان هيٺ پستين ۾ ڌڪو ڏنو هجي. هوءَ گهر اچي پنهنجي ڪمري ۾ مٿو جهلي ويهي رهي. سندس دماغ جي اندر ڄڻ گهوگهاٽ ۽ سوساٽ ٿي رهيا هئا. ۽ ڄڻ ڪنن سندس دماغ کي جڪڙي رکيو هجي. هن سوچيو ته ڇا هي اهوئي رياض هو جنهن جا ڊراما ڏسي هوءَ سوچيندي هئي ته هو انتهائي نرم دل، عورت جو احترام ڪندڙ ۽ حساس شخص هوندو. سندس تحريرن ۽ سندس شخصيت ۾ ڪيڏو نه تضاد هو. کيس هن سان محبت هئي نه ئي دلچسپي پر رياض جي رويي کيس اهو محسوس ڪرايو هو ته هو سندس ذات ۾ بي انتها دلچسپي رکندو هو تڏهن ئي هن رياض تي اعتماد ڪندي ايڏو قدم کنيوهو. هن سوچيو: ”ڪهڙي ڪمي آهي مون ۾؟ جاهل ناهيان، بدصورت ناهيان، بدڪردار ناهيان..... بي سليقه ناهيان.... مون وٽ ته انتهائي پيار ڀري دل آهي. نازڪ جذبا آهن. خوبصورت خواب آهن پنهنجي ننڍڙي گهر کي ٺاهڻ جا، سجائڻ جا........ پوءِ .... پوءِ ..... مون کي ڇو ٺڪرايو ويو... هڪ ڇوڪريءَ کي ڇو ايڏو رسوا ڪيو ويو...... اف منهنجا خدا! ڇا آءٌ سڄي عمر اها ذلت وساري سگهنديس... نه ڪڏهن به... نه....“ هوءَ بي اختيار اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي..... ۽ ... پوءِ بي اختيار جنوني نموني اٿي سندس ٺاهيل تصويرون کڻي پٽ تي اڇلائڻ لڳي. پوءِ کيس مليل سرٽيفڪيٽ، ميڊل، ٽرافيون ۽ فوٽو کڻي اڇلائڻ، ڦاڙڻ ۽ ٽوڙڻ لڳي. نه کپن مونکي اهي!.... ناهن منهنجي ڪم جا!....... آءٌ خراب آهيان.... بدڪردار آهيان.... مون کي ڪوئي قبول نه ڪندو.... نه کپن مونکي هي.....“ سندس گوڙ شور تي سندس ماءُ ۽ ڀاڄايون ڊوڙنديون آيون ۽ پوءِ کيس سندس ڀاڄاين نهايت مشڪل سان قابو ڪيو. ايستائين هوءَ روئندي دانهون ڪندي بيهوش ٿي ڪري پئي. ڊاڪٽر کي گهرايو ويو جنهن ٻڌايو ته کيس ڪو شديد ذهني صدمو رسيو هو ۽ پوءِ کيس سڪون جي انجيڪشن هڻي هليو ويو. ائين ڪجهه ڏينهن سندس طبيعت شديد خراب رهي. ماءُ ۽ ڀاڄاين گهڻوئي پڇيس پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو ڪنهن کي پنهنجا دل جا گهاءَ ڏيکاري ها؟..... ڪير سندس ڳالهه سمجهي ها.....!؟ ڪير سندس درد کي محسوس ڪري ها! هوءَ اندر ئي اندر پڄرندي رهي. ٻرندي رهي.... ۽..... پوءِ... ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ماءُ جي زور ڀرڻ تي سندس ماءُ جي پسند تي آصف سان شادي ڪري ڇڏي. اتان کان وري عذابن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. رياض واري تجربي کان پوءِ سندس دل هونئن ئي ايڏي ٽٽي پئي هئي سندس اعتبار آرٽسٽ ۽ انٽليڪيچوئل طبقي مان هونئن ئي کڄي چڪو هو انڪري هن پنهنجي سوشل لائيف شادي کان پوءِ ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ سندس گهرئي سڀڪجهه هو پر آصف به انهن مردن مان نڪتو جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ٿري پيس سوٽ پائي، انگريزي ڳاهائي، اعليٰ سوسائٽيءَ جو سمبل بڻيل ڪنهن ڪلب جا ميمبر ٿي بظاهر ماڊرن ۽ کليل ذهن جا لڳندا آهن پر اندران هو اهوئي روايتي سوچ رکندڙ عام مرد هوندا آهن جيڪي ڪنهن اهڙي عورت کي قبول ناهن ڪندا جنهن جي پنهنجي هڪ ڀرپور شخصيت هجي، سڃاڻپ هجي يا سماج ۾ ڪا اهم حيثيت هجي، جڏهن ته رابيل سڀ ڪجه ڇڏي ڏنو هو ۽ اهوئي سمجهيو هو ته واقعي عورت جو اصل مقام هن جو گهر ئي هوندو آهي سوشل سرڪل نه. هن پنهنجي گهر کي تمام خوبصورت نموني سجايو هو جو هرڪو سندس جي سگهڙائپ جي تعريف ڪندو هو. هوءَ آرٽسٽ ته هئي انڪري گهرجي هر هڪ شيءِ ۾ نفاست ۽ آرٽسٽڪ مزاج جو عڪس ظاهر هوندو هو. هن رڌڻو به سنڀاليو ۽ گهر جون سڀ ذميواريون سهڻي ريت کنيون پر پوءِ به آصف هن مان خوش نه هون ڇو ته سڀ ڪجهه ڇڏڻ جي باوجود به سندس سڃاڻپ ته سوسائٽيءَ ۾ هئي....... ۽ .... اها ڳالهه آصف کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن هوءَ آصف سان گڏ ٿي ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو کيس سڃاڻي هن کان آٽوگراف وٺندا هئا يا هن سان ڳالهائيندا هئا ۽ آصف جو تعارف سندس حوالي سان ڪرايو ويندو هو. ته هن جو موڊ خراب ٿي پوندو هو ۽ پوءِ اهڙين ڳالهين تي هو گهر اچي هن سان جهيڙو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو کيس چوندو هو ته ماڻهو رابيل بابت مختلف ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا ته رابيل کيس سمجهائيندي هئي: ”آصف، توکي مون تي اعتبار هئڻ گهرجي ڇو ته پنهنجو رشتو ته سڀني رشتن کان وڌيڪ ويجهو آهي. آءٌ پنهنجي سموري شخصيت سميت تنهنجي سامهون آهيان پر توکي مون تي نه پر فقط ڪجهه گندي ذهنيت رکندڙ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين تي اعتبار آهي. آءٌ ته آرٽسٽ آهيان public figure رهي آهيان. پر ماڻهو ته يونيورسٽي ويندڙ، ڪاليج ۾ پڙهندڙ، نوڪري ڪندڙ ته ڇا پر گهرن ۾ هڪ هنڌ ويٺل ڇوڪرين کي ئي نه بخشيندا آهن. “ رابيل شاديءَ کان اڳ ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر طور appoint ٿي چڪي هئي. آصف کي سندس جاب ڪرڻ تي به اعتراض هو پر هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ نوڪري ان لاءِ اهم هئي ته رياض واري تجربي کان پوءِ هن جو ذري گهٽ نروس بريڪ ڊائون ٿي چڪو هو تڏهن سندس پيءُ جي دوست ۽ شهر جي سڀني کان وڏي نفسياتي ۽ ذهني ڊاڪٽر احسن کيس دل کي وندرائڻ خاطر اها جاب ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ شاديءَ کان پوءِ به ڊاڪٽر احسن کيس سمجهايو هو ته هوءَ جيڪڏهن ائين سڀ ڪجهه ڇڏي گهر ۾ ويهي رهندي ته وري نفسياتي ۽ ذهني طور بيمار ٿي پوندي. ان ڪري کيس جاب ڇڏڻ نه گهرجي. پر آصف هن سان روز ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ڪندو هو. ائين هوءَ پنهنجي ڪردار بابت صفايون پيش ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي. هوءَ ايڏي ته ذهني اذيت ۾ هوندي هئي جو سندس تخليقي ذهن ته الائي ڪيڏانهن ويو هو. هن مصوري ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني پر ڪڏهن اتفاق سان ڪا تصوير ٺاهڻ ويهندي هئي ته آصف جو موڊ خراب ٿي ويندو هو. رابيل کي ائين محسوس ٿيندو هو ته کيس اهڙي سزا ملي هئي جنهن نه کيس جيئڻ ٿي ڏنو ۽ نه ئي مرڻ ٿي ڏنو. سندس ماءُ سندس تڪليفن کي ڏسي اڃا به دکي ٿي ٿي وئي ۽ کيس احساس ٿيو ته هن جي غلط سوچ سبب ئي رابيل کي اهو سڀ ڪجهه سهڻو پئي پيو. ۽ پوءِ جڏهن شان پيدا ٿيو ته رابيل کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خوشگوار تبديلي محسوس ٿي. هن سوچيو هو ته شايد اولاد کان پوءِ آصف جي رويي ۾ ڪا تبديلي ايندي پر هو ته عجيب ذهني مريض ۽ جنوني شخص هو. گهر ۾ جهيڙا ڪنهن سبب جي ڪري ٿيندا آهن پر هو ته بنان سبب ئي لفظن جي تيرن ۽ تلوارن سان رابيل جي پيار ڀري ۽ نازڪ دل کي گهائي وجهندو هو ڇو ته هو انتهائي شڪي مزاج، تنگ نظر ۽ احساس ڪمتريءَ جو ماريل شخص هو جنهن سبب هو معمولي ڳالهين کي مسئلو بڻائي جهيڙا ڪندو هو. هن کي رابيل جي فون ڪرڻ تي به عجيب شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿيندا هئا. رابيل جو نوڪري ڪرڻ، ڊرائيونگ ڪرڻ تصويرون ٺاهڻ مطلب ته هر ڳالهه تي کيس اعتراض هوندو هو..... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. آصف رابيل جي ڪردار تي حملو ڪري هڪ اهڙو ته گندو ۽ ڪريل سوچ وارو الزام هنيو جو رابيل جو دماغ ڄڻ صفا سن ٿي ويو. نفسياتي مريضه ته هوءَ ان گهٽيل ماحول ۾ هونئن ئي ٿي چڪي هئي پر هاڻي ته حد ٿي وئي هئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ سندس گهران ڪار ڪڍي ماءُ ڏانهن رواني ٿي پر سندس دل ۽ دماغ ۾ آنڌ مانڌ متل هئي ۽ لڙڪ لارون ڪري باربار وهڻ ڪري ڄڻ سندس اکين اڳيان بار بار پردو اچي ٿي ويو. ائين پوءِ تيزيءَ سان هڪ موڙ ڪاٽيندي اوچتو پوءِ هڪ ٻي تيز رفتار ڪار کان بچڻ خاطر هن اسٽيئرنگ کي ٻئي پاسي موڙيو ته ڪار هن کان بي قابو ٿي ڀر ۾ هڪ ديوار سان زوردار نموني ٽڪرائجي وئي ۽ۡ هوءَ شديد زخمي ٿي پئي ۽ پوءِ هوءَ ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ زير علاج رهي ۽ هوش حواس ۾ نه هئي. هوءَ بچي ته وئي، پر کيس ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويا. جسماني طور تي ته هوءَ ٺيڪ هئي پر هوءَ جڏهن دنيا جي نظرن ۾ هوش حواس ۾ آئي ته سندس حواسن تي وڄ ڪيرائڻ لاءِ به هڪ خبر موجود هئي ته ان عرصي دوران آصف کيس طلاق نامو موڪلي ۽ پاڻ شان سميت ڪيڏانهن وڃي چڪو هو. سندس ماءُ هن کي پنهنجي گهر وٺي آئي هئي. ان دوران هن جا ڀائر به پنهنجن گهرن ۾ سيٽل ٿي ويا هئا. هن جي ماءُ سندس حالت تي ويتر دکي ٿي اڳي کان به گهڻو بيمار ٿي پئي. هنن مهينن تائين آصف ۽ شان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪجهه به خبر نه پئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس ماءُ کي به هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هوءَ به گذاري وئي ۽ سندس خواهش ۽ وصيت مطابق جنهن گهر ۾ رابيل پنهنجي سموري حياتي گذاري هئي. شادي شده زندگيءَ جو ڪجهه عرصو ڇڏي. اهو رابيل کي مليو ۽ هوءَ سندس نالي ڪترو ئي بئنڪ بئلنس پڻ ڇڏي وئي. تڏهن رابيل روئي پئي ۽ سوچيائين ته ڇا فقط ڀتين ڇتين سان به گهر نه ٺهندا آهن. گهرن جون رونقون ۽ خوشيون ته گهر جي فردن سان هونديون آهن. پر هاڻي هن گهر ۾ نه ته سندس پيءُ هو ۽ نه ماءُ نه ڀائر هئا ۽ نه ڀيڻون. فقط هوءَ هئي. سندس بيوه ماسي هئي ۽ کيس پاليندڙ بابا پيرو هو. هن سوچيو ته ڇا پئسي سان هو اهي خوشيون خريد ڪري ٿي سگهي. اهي ٽهڪ، اهي رانديون، اهي شرارتون، اهي مرڪون، اهي رونقون ۽ اهي رشتا جيڪي ڪڏهن هن گهر جي اڱڻ تي هوندا هئا...... ڪجهه عرصو اڳ کيس اها به خبر پئي ته آصف هاڻي آمريڪا ۾ هو ۽ شايد نيويارڪ ۾. هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ تڙپندي هئي. روئندي هئي پر سندس وس ۾ ڪجهه به ته نه هو. فيضان رابيل جي ماضيءَ جو احوال ٻڌي سچ پچ ته انتهائي دکي ٿي پيو ۽ پوءِ کيس چيائين: ”رابيل! آءٌ توهان جي ڏک ۽ اذيت کي دل جي گهرائين سان محسوس ڪري سگهان ٿو پر هاڻي اهو به سوچيو ته جيڪو ٿيو سو ته ٿي چڪو پر هاڻي توهانکي پنهنجي لاءِ ڪو مثبت رستو ڳولهڻو آهي. توهان محض پنهنجي ذاتي ڏک ۾ مبتلا ٿي ٻين جي ڏکن ۽ تڪليفن کي وساري ويٺيون آهيو. بحيثيت آرٽسٽ توهان کي صرف پنهنجائي نه پر ٻين جا ڏک به محسوس ڪرڻا آهن. پنهنجي ذات جي خول مان نڪري ڏسو ته توهان جي آس پاس ڪيڏا ماڻهو ڪهڙن ڪهڙن ڏکن ۾ مبتلا آهن. ڪيترين تڪليفن کي منهن پيا ڏين ۽ ڪيتري اذيت ڀري زندگي پيا گذارين. توهان کي انهن لاءِ به ڪجهه ڪرڻو آهي.“ رابيل: ”آءٌ انهن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“ فيضان: ”توهان ئي ته انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگھو ٿيون. خدا توهان کي تخليقي ذهن ۽ هڪ سگهاري ڏات ڏني آهي ۽ هر ڪنهن کي پروردگار اهڙي خوبين سان به نوازيندو آهي. ان مان توهان اهو نٿا سمجهو ته قدرت توهان کان ڪو خاص ڪم وٺڻ ڇاهي ٿي؟“ رابيل: ”ڇا مطلب؟....... آءٌ ڇاتي ڪرين سگهان آخر؟“ فيضان: ”توهان هڪ ڀيرو پنهنجي ذات جي خول مان ٻاهر اچو ۽ ڏسو ته سهي ته اسان جي آس پاس ئي ڪيڏا ڏک آهن؟ غربت آهي، افلاس آهي ظلم آهي جبر آهي، نا انصافيون آهن غلط ريتون ۽ رسمون آهن. انسانن تي انسانن جا ئي ڪيل اذيت ناڪ ظلم آهن. فلسطين ۽ عراق جي ماڻهن جي اذيت ڏسو ڪشمير جي ماڻهن جي ڏکن کي ڏسو.... جتي ڪٿي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم آهن بربريت آهي اخبارن ۽ ٽي وي تي هر روز شهيد ٿيندڙن جا لاش ڏسو، يتيم ٿيندڙ ٻارن ۽ بيوه ٿيندڙ عورتن جي ڪرب کي محسوس ڪريو. هڪ پاسي انهي ڪرب کي پنهنجي برش جي جنبش سان پينٽ ڪري ماڻهن جي ضمير کي جهنجهوڙيو ۽ ٻئي پاسي دکي انسانن جي درد کي گهٽائڻو آهي. ماڻهن کي ڪا مثبت سوچ ڏيو. اسان ۽ توهان ته الاهي طاقتور انسان آهيون اسان وٽ سوچ آهي، ذهن آهي ۽ ڏات آهي ۽ هاڻي اسان کي برش ۽ قلم جي حرمت رکڻي آهي. اچو ته گڏجي ظلم جي خلاف آواز اٿاريون ۽ ڏکويل انسانيت جي عملي طرح به خدمت ڪريون ڇو ته ماڻهن جي دلين ۾ ئي رب رهي ٿو. انهن ماڻهن جي خدمت وسيلي ئي پروردگار جي ويجهڙائي نصيب ٿيندي. ۽ اهائي دل ۽ روح جي سڪون جي واٽ آهي.“ رابيل: ”پر..... آءٌ پاڻ کي ئي نٿي سنڀالي سگهان دنيا کي جو مقابلو نٿي ڪري سگهان ته ڪنهن ٻئي لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“ فيضان: ”غلط آهي توهان جي سوچ دراصل توهان محروميت جو شڪار ٿي ويون آهيو. توهان هر ڳالهه جو فقط اونداهو پهلو ڏسو ٿيون.. روشن پهلوءَ ڏانهن ڏسو ئي نٿيون. فطري نظارن کي ڏسو. انهن جي سونهن کي محسوس ڪريو. انهن کي پينٽ ڪريو. آسمان ۽ سمنڊ جي وسعتن کي ڪئنوس تي لاهيو، گلن، وڻن، بوٽن، پوپٽن، حسين چهرن ۽ مرڪندڙ ٻارن کي پينٽ ڪريو. تڏهن انهن سمورين تصويرن کي پينٽ ڪندي، توهان پاڻ ۾ هڪ مثبت تبديلي ايندي محسوس ڪنديون ۽ اها خوشگوار تبديلي توهان ۾ اعتماد پيدا ڪندي. واعدو ڪريو ته منهنجن انهن مشورن تي عمل ڪنديون ۽ پاڻ کي بدلائينديون.“ رابيل: ” ڪوشش ڪنديس.“ فيضان: ”۽ عيد جي هنن ڏينهن کي ائين برباد نه ڪنديون ۽ روئنديون نه.“ رابيل: ”هون.“ فيضان: ۽ جڏهن به مايوس يا پريشان ٿيو، اداس ٿيو پاڻ کي بيچين محسوس ڪريو ته مون سان ڳالهائجو. آءٌ توهان کي پورو ٽائيم ڏيندس.“ رابيل: ”هون.“ فيضان: ”واعدو؟“ رابيل: ”ها“ فيضان: ”۽ ..... ها.... پنهنجو خيال رکجو.“ فيضان موڪلائي فون بند ڪئي، رابيل به فون رکڻ بعد پنهنجي دل کي هلڪو محسوس ڪيو۽ ڄڻ دل ۽ دماغ تان بار لهي ويو هجيس. ائين پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ رابيل ۽ فيضان هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندا ويا. رابيل جا ڪن هر روز ٽيليفون جي رنگ ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا ۽ فيضان به هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪرڻ لڳو. اهڙي ريت هڪ رات فيضان ڳالهائي رهيو هو. هميشه جيان پهرين هن پنهنجو تعارف ڪرائڻ خاطر چيو: ”هيلو رابيل! آءٌ.....“ رابيل سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو: ”جي! مون کي خبر آهي..... توهان فيضان پيا ڳالهايو.“ تڏهن فيضان ٽهڪ ڏيندي چيوهو: ”ان جو مطلب ته هاڻي اڳتي مون کي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي آواز سڃاڻڻ لڳيون آهيو.“ رابيل: ”مون جڏهن عيد جي ٻئي ڏينهن توهان کي فون ڪئي هئي ته فقط ”هيلو“ چئي فون بند ڪئي هئي تڏهن توهان منهنجي ڳالهايل هڪ لفظ مان ئي منهنجو آواز سڃاڻي رنگ بيڪ ڪري سگهو ٿا ته ڇا آءٌ توهان جو آواز نه سڃاڻنديس؟“ فيضان: ”ٻيو ٻڌايو، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي.“ رابيل: ”ڪافي حد تائين بهتر آهي.“ فيضان: ”منهنجو مشوري تي عمل ڪيو توهان؟“ رابيل: ”ها.“ فيضان: ”ڪيئن ڀلا؟“ رابيل: ”مون الاهي عرصي کان پوءِ ڪجهه نيون تصويرون ٺاهيون آهن.“ فيضان: ”تمام سٺو! پر اسان کي به ته ڏيکاريو نه!! اسين به ته توهان جي فن جي قدردانن ۾ شامل آهيون.“ رابيل: ”ڏيکارينديس ڪڏهن. هن وقت به هڪ تصوير پينٽ ڪري رهي هئس.“ فيضان: ”پوءِ ته توهان کي بلڪل به ڊسٽرب نه ڪبو توهان وڃي تصوير مڪمل ڪريو. آءٌ وري ڪڏهن فون ڪندس! With you best of luck “ رابيل به مرڪي ۽ موڪلائي فون بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ مصوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن بعد هڪ رات هن ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ رڌڻي ۾ برياني پئي ٺاهي ته فيضان جي فون آئي هئي هن پڇيو: ”ڪهڙا حال آهن؟“ رابيل: ”ٺيڪ آهن.“ فيضان: ڇا پيا ڪريو؟“ رابيل: ”ڊنر جي تياري.“ فيضان: ”پوءِ ته شايد آءٌ توهان کي ڊسٽرب پيو ڪريان.“ رابيل: ”نه.... نه.... ڪم ته ختم ٿي چڪو هو. مون کي ته خود توهان سان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي هئي.“ فيضان: ”ڪهڙي ڳالهه؟“ رابيل: ”فيضان! پنهنجي پهرين ملاقات به عجيب طرح سان ٿي هئي اسان کي هڪٻئي سان ملندي به ٻن سالن کان مٿي عرصو پيو ٿئي پر... اڄ ڏينهن تائين توهان جو رويو ڪجهه واضح نه ٿي سگهيو آهي.“ فيضان: ”ڇا مطلب؟“ رابيل: ”مطلب ته پهرين ملاقات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ توهان جي ڳالهين ۽ رويي ۾ ڪو خاص احساس محسوس ڪندي رهي آهيان.“ فيضان: ”ڇا مون ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا توهان کي اڻوڻندڙ لڳي هجي؟ ڇا مون اڄ تائين اهو سڀ ڪجهه چيو آهي جيڪي نوانوي(99) سيڪڙو مرد عورتن کي چوندا آهن؟“ رابيل: ”ٺيڪ آهي. چيو ته ڪجهه به ڪونهي پر محسوس ضرور ڪرايو آهي، اڄ توهان کي اهو تعلق يا احساس واضح ڪرڻو ئي پوندو ته ڇو آخر توهان هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪريو ٿا؟ توهان آخر مون کان ڇا ٿا چاهيو؟“ فيضان: ”رابيل! ان تعلق کي آءٌ دوستيءَ .......(هلندڙ) شبانه سنڌي جيون_ هٿ، درد ريکائون ”فجر جي ٻانگ آئي ته ان سان گڏ ئي ننڍي ٻار جي روئڻ جو آواز اڀريو. نمي، جيڪا رڌڻي ۾ ويهي ماءُ جي لاءِ دعائون گهري رهي هئي سا هڪدم اٿي بيٺي ۽ رڌڻي مان نڪري ڪمري جي دروازي وٽ اچي بيٺي. ٿوري دير کان پوءِ دائيءَ سڏ ڪيس. نمي، او نمي، ڌيءَ ڀينڙي ڄائي اٿئي وڃي ڪوٺيءَ مان ڀيڻ جا ڪپڙا ته کڻي اچ. دائيءَ جي ائين چوڻ تي هوءَ اهو سوچيندي ته ”هاڻي اسين ٻه ڀينرون ٿي ويون سين.“ خوش ٿيندي ڪوٺيءَ مان ننڍڙيءَ جي ڪپڙن واري ڇٻي کڻي آئي. دائيءَ ننڍڙيءَ کي وهنجاري ڪپڙا پارائي ماڻس جي ڀر ۾ سمهاريو ته هن ماءُ جي منهن ۾ نهاريو. تڪليف ۽ پيڙا کان ماڻس جو چهرو صفا هيڊو ٿي ويو هو. هوءَ ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي. دائيءَ جلدي جلدي باقي ڪم به اڪلايو ۽ پوءِ اوٻاسيون ڏيندي اهو چئي اٿي ته سڄي رات ويهي گذاري اٿم. هاڻ ننڊ پئي اچيم، سو امڙ مان وڃان ٿي. وري سج اڀرئي کان پوءِ اينديس. دائيءَ جي وڃڻ کان پوءِ نمي ما ءُ جي ڀرسان ٿي ويٺي ۽ ننڍڙيءَ کي غور سان ڏسڻ لڳي. ڪنهن جهڙي آ الائجي؟ نميءَ دل ئي دل ۾ سوچيو. اوچتو، نميءَ جي نظر ماءُ جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن تي پئي ته هوءَ ڇرڪي پئي. ”امان، روئين ڇو پئي!؟“ هن، معصوميت مان پڇيو. ”بس ائين ئي اکيون ڀرجي آيون.“ سندس ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو. ”ائين ئي ڪيئن امان، مون کي ٻڌاءِ نه ته تون ڇو روئي رهي آهين؟“ نميءَ، ماءُ جي هٿ تي پنهنجو ننڍڙو هٿ رکي ڇڏيو. ”نمي، اهي ڳوڙها تنهنجي ڄمڻ تي به وهيا هئا. اهي ڳوڙها، منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان به وهيا هوندا. شايد اهي ڳوڙها، ڌيءَ ڄمڻ تي هر ماءُ جي اکين مان وهندا آهن.“ نميءَ جي ماءُ چيو. ”پر امان، تون ته ٻڌائيندي آهين ته ”منهنجي ڄمڻ تي تون خوش ٿي هئينءَ.“ نميءَ معصوميت مان پڇيو. نمي، ناراض ته مان هينئر به نه ٿي آهيان، نه ڌيءُ ڄمڻ جو مون کي ڏک آهي. پٽ ڄمڻ جي مون خواهش ئي ڪٿي ڪئي هئي. مون ته چاهيو پئي ته توهان پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ٿي وڃو. هڪ بئي جي ڏک سک جون ساٿياڻيون. ڀاءُ تي ڪهڙو ڀروسو، خيال رکي به الاءِ جي نه! حياتيءَ تي ڪهڙو اعتبار اڄ آهيان سڀاڻي نه هجان ته پوءِ؟؟“ ”ائين نه چئه امان“. نمي گهٻرائجي وئي. ”نمي، مون هاڻ سمجهيو آ ته منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڇو وهيا هوندا. هن کي اڳواٽ ئي منهنجي قسمت جي خبر پئجي وئي هوندي، نه ته مان ته ستن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هيس.“ نمي جي ماءُ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. ”۽ امان، منهنجي ڄمڻ تي تنهنجي اکين مان ڳوڙها جو وهيا!؟“ نميءَ سواليه نظرن سان ماءُ ڏانهن ڏٺو. ماڻس منجهي پئي، پر پوءِ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين ”نمي، تون جنهن رات ڄائي هئينءَ، ته تنهنجو پيءُ موجود هو ۽ ان توکي ڏٺو هو. پوءِ گهر ڇڏي هليو ويو هو. مون کي پنهنجو ڪو فڪر ڪونه هو پر تو بابت سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيا هئا.“ ”۽ امان، هينئر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو آيا؟؟“ ”نمي، تنهنجي پيءُ توکي ڏٺو هو، پر هن معصوم جو ته پيءُ به موجود ڪونهي. مونکي لڳي پيو ته جيستائين هيءَ سمجهه واري ٿئي مان به نه رهنديس. مان به هاڻي گهڻو وقت جي نه سگهنديس.“ ”ائين نه چئه امان، مون کي ڊپ ٿو لڳي.“ نميءَ جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. هن ماءُ جي هٿ کي ايترو زور سان جهليو ڄڻ هوءَ کانئس هينئر ئي جدا ٿي رهي هجي! نميءَ جي ماءُ مريم، اڃا ننڍي هئي ته پيءُ هڪ حادثي ۾ گذاري ويس. وڏو ڀاءُ ڪمائڻ جي لائق هيس ۽ ماڻس به پاڙي وارن جا ڪپڙا سبندي هئي. ائين گهر جو گاڏو پيو گهلبو هو. مريم جي ماءُ پيءُ جي شادي پسند سان ٿي هئي، تنهنڪري نه ته ڏاڏاڻن مان ڪو ماڻهو وٽن ايندو هو نه ناناڻن مان. پٽ جي مري وڃڻ کان پوءِ مريم جو ڏاڏو وٽن آيو هو ۽ کين پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو هئائين، پر مريم جي ماءُ جواب ڏنو هو ته، مڙس جي هوندي توهان نه قبوليو. هاڻي مان به نه هلندس. مريم جا ناناڻا به آيا هئا پر ماڻس انهن کي به موٽائي ڇڏيو هو، ائين چئي ته، مڙس جي جيئري پنهنجو نه ڪيو، هاڻي مون تي قياس کائي آيا آهيو! پر منهنجا ٻچا منهنجو سهارو آهن. ستن پٽن جي ماءُ آهيان، پناهه مليل اٿم پروردگار جي، جيڪو سڀني کي رزق ڏيندڙ آهي. ستن ڀائرن جي ڀيڻ کي ڀاڳواري سمجهيو ويندو آهي. پر مريم کي نڀاڳو سمجهيو ويندو هو، ڇو جو هن جي ڄمڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ هنن جو پيءُ گذاري ويوهو. وڏو ڀاءُ ته ڪوٺيندو ئي نڀاڳي هيس. باقي ڀائر به گهڻو ڪو نه ڀائيندا هيس. فقط جمال ئي هن کي ڀائيندو هو ۽ ساڻس گڏجي راند به ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن لڪي هن جي لاءِ شيءِ به وٺي ايندو هو. مريم، سمجهه واري ٿي ته محسوس ڪيائين ته سندس ماءُ کي به ساڻس پيار نه هو. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. صبح جو اٿي ٻنهي ڪوٺين کي ٻهاري ڏيندي هئي. اڳنڌ ميڙيندي هئي. ڳئونءَ جا ڇيڻا کڻندي هئي. ٿانوَ ڌوئيندي هئي. ماءُ کي اٽو ڳوهي ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄي وڍي ڏيندي هيس. ڪنهن ڏينهن جي ماڻس ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ويهندي هئي ته به ماڻس سان گڏ ويهندي هئي. هر هڪ ڀاءُ کي ماني ۽ پاڻيءَ جو گلاس کٽ تي رکي ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن، وڏي ڀاءُ جي کٽ تي پاڻيءَ جو گلاس رکندي هن جو هٿ لڏيو ۽ گلاس اونڌو ٿي وڃي پٽ تي ڪريو. پاڻي هارجي ويو ۽ ڀاءُ جي هڪ زوردار چماٽ هن جي ڳل تي لڳي. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويس پر دانهن نه ڪيائين. داد ٿيڻ جو ڪو آسرو به ته ڪونه هيس. مٿان ماءُ به دڙڪا ڏنا هيس ته ڇوري، تنهنجو ڌيان ڪٿي ٿو رهي. صحيح طريقي سان ڪم ئي نه ٿي ڪرين! ڀاءُ جمال هن جو پاسو وٺڻ چاهيو ته وڏي ڀاءُ ان کي دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. رات جو ماءُ کي زور ڏيندي سوچيندي هئي، مان هيترو سارو ڪم ڪريان ٿي، پوءِ به نه امان کي وڻان ٿي، نه ڀائرن کي ڇو!!؟؟ ڏک کان دل ڀرجي ايندي هيس. پر روئي به نه سگهندي هئي. سڀ ڀائر ڪمائڻ لڳا هئا ۽ گهر جون حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. مريم به هاڻي وڏي ٿي وئي هئي. ڀائرن جي گهر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو پاڻ کي وڏي رئي ۾ ويڙهي ڇڏيندي هئي. ھن کي ائين لڳندو هو هن جو وڏو ٿيڻ به ڄڻ ڪو گناهه هجي، جنهن کي هوءَ ڀائرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اوڙي پاڙي جون مايون اينديون هيون ته به هوءَ پنهنجي ڇاتيءَ تي رئو ڏئي ڇڏيندي هئي. رئو مٿي تي نه هوندو هيس ته اوگهڙ جو احساس ٿيندو هيس. هڪڙي ڏينهن مريم ٻڌو، ماڻس پاڙي جي ماسي زليخا کي چئي رهي هئي. ”ادي ڀلو ٿيئي، منهنجي ڇوڪريءَ جو به ڪٿ بلو ڪر. ڪو سکيو ستابو گهر ۽ لائق ڇوڪرو نظر ۾ هجيئي ته مون تي ڪرم ڪجانءِ. مان تنهنجو حق ڪونه رکنديس. سڄي عمر دعائون ڪندي سانءِ.“ اهو ٻڌي مريم سوچيو هو ته ”امان کي منهنجو ڪيترو نه فڪر آهي! ماءُ آهي آخر، مان اجايو پئي سوچيان ته امان کي منهنجو ڪو خيال ڪونهي. ان ڏينهن کان هن خواب ڏسڻ شروع ڪيا. هاڻي هوءَ رات جو ئي نه پر ڏينهن جو به خواب ڏسندي هئي، الاءِ ته ڇاڇا ويٺي سوچيندي هئي، پر گهڻو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به، جڏهن هن جي لاءِ ڪو رشتو نه آيو ته مايوس ٿي هن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا ۽ وري ساڳيءَ ريت بنان خواب ڏسڻ جي ڪم ۾ پنهنجو وقت گذارڻ لڳي. پاڙي ۾ هن جي عمر جيتريون سمورين ڇوڪرين جون شاديون ٿي ويون ته هن جي ماءُ ڏک مان چيو، ”منهنجي ڌيءُ به هجي ها سهڻي ته ڪڏهوڪي مان ان بار کان آجي ٿي چڪي هجان ها!“ ان ڏينهن هن ڄاتو ته سندس بدصورتي ئي اهو ڪارڻ هو جنهن جي ڪري هوءَ ڪنهن کي نه ٿي وڻي. آئينو کڻي ڏٺائين ته پنهنجي صورت ڏسي اکيون ڀرجي آيس. هوءَ رڳي رنگ جي ڪاري ئي نه هئي پر نه هن جو نڪ سٺو هو ۽ نه اکيون. ڪيتري دير تائين آئيني ۾ ڏسندي ۽ پوءِ آئينو هڪ پاسي اڇالائي سڏڪا ڀري روئي ڏنائين. اهو جمعي جو ڏينهن هو، ماڻس کي ٻه ٽن ڏينهن کان بخار هو، هوءَ اندر ڪوٺيءَ ۾ کٽ تي ليٽيل هئي، مريم ٻاهر ٿانوَ پئي ڌوتا ته هڪڙي عورت ٻاهرئين دروازي جو پردو مٿي ڪري اندر داخل ٿي ۽ هن کان پڇاڪيائن، ”جبار جو گهر هيءُ آهي؟؟“ ”ها“ مريم صابڻ وارا هٿ ڌوئيندي جواب ڏنو. اها عورت، آڳر ۾ پيل کٽ تي ويهي رهي. ڪڇ ۾ ڇهن ستن مهينن جو ٻار هيس. هيڏي هوڏي نهارڻ کان پوءِ پڇيائين، ”تون جبار جي ڀيڻ آهين ڇا!؟“ ”ها“، مريم حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهي. ”تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ مان جبار جي زال آهيان، وڃي ٻڌايئين ته ننهن آئي اٿئي.“ مريم جي هٿن مان ٿانوَ ڪري پيا، آلا هٿ رئي سان اگهندي، حيرت مان ان عورت کي ڏسندي هوءَ ڪوٺيءَ اندر آئي ۽ ماءُ کي ان عورت متعلق ٻڌايائين. پهرين ته ماڻس جا به حوصلا خطا ٿي ويا، پر جلد هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ چيائين ته هوءَ ان عورت کي اندر وٺي اچي. پوءِ اها عورت ۽ ماڻس پاڻ ۾ الاءِ ته ڇا ڇا ڳالهائينديون رهيون. رکي رکي سندن تيز آواز مريم جي سماعتن سان ٽڪرايا پئي. پر هن جي همت ئي نه پئي ٿي ته وڃي سموري گفتگو ٻڌي. هوءَ رڌڻي جي در وٽ بيهي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف وچان ڏڪندي رهي. چڱيءَ دير کان پوءِ، ماءُ جو سڏ ٻڌائين ته ڳوڙها اگهي ڪوٺيءَ اندر وئي. ”هيءَ تنهنجي ڀاڄائي آهي، هاڻي هيءَ اسان سان گڏ هتي رهندي.“ ماڻس هن کي ٻڌايو هو ته هوءَ خاموش نظرن سان ڀاڄائيءَ ڏانهن ڏسندي رهجي وئي. ڪڇي هڪڙو لفظ به نه. پوءِ هن کي خبر پئي ته سندس ڀاءُ ٻه سال اڳ لڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي. زال کي مائٽن ۾ ئي رهايو هئائين. تازو هنن جي گهر ۾ جهڳڙو ٿيو هو ۽ هنن پنهنجي ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هوءَ پڇا ڪرائيندي هتي اچي نڪتي هئي. مريم جي ماءُ کي پهرين ته ڪاوڙ اچي وئي هئي پر هڪدم ڪاوڙ تي ڪنٽرو ڪري ورتو هئائين. هوءَ سياڻي عورت هئي، پٽ جي اهڙي قدم تي ڏک به ڏاڍو ٿيو هيس پر ننهن کي نه قبولي هن پٽ کي وڃائڻ نه ٿي گهريو. شام جو جڏهن جبار گهر موٽيو ته زال کي ڏسي گهڙيءَ کن لاءِ گهٻرائجي ويو. جڏهن سڄي صورتحال کان واقف ٿيو ته چيائين، ”چڱو ڪيئي جو هيڏانهن هلي آئينءَ“ هيءُ تنهنجو به گهر آهي. اڳي پوءِ توکي هن ئي گهر ۾ اچڻو هو.“ ڀاڻس کي ان ڳالهه جي ذري به پرواهه ڪانه هئي ته ڪو سندس ان عمل جي ڪري ڪنهن کي ڏک پهتو آهي يا ڪو کانئس ناراض آهي. وڏو هجڻ ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيڪو ڪجهه هن ڪيو آهي، اهو غلط ٿي نه ٿو سگهي. هو پاڻ ڪمائيندڙ آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه چيو ته هو گهر ڇڏي وڃي ڪنهن بئي هنڌ رهندو. اهو هن سوچي ڇڏيو هو، پر سڀ چپ هئا، ڪنهن به ڪجهه نه ڪڇيو. ڪنهن کي به هن کان جدا نه ٿيڻو هو. آخر هو سڀني جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گهر ۾ هڪ ڀاتيءَ جو اضافو ٿي ويو هو ۽ ننڍري ٻار جي ڪري گهر ۾ رونق لڳي پئي هوندي هئي. ڪم ڪار ۾ ڀاڄائي به هنن جو هٿ ونڊائيندي هئي. هوءَ واندڪائيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي ڀائٽيي کي کڻي ويهي ساڻس ڪچهري ڪندي هئي، کيس وهنجاري، ڪپڙا پرائي خوش ٿيندي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن سندس ماءُ گذاري وئي، هوءَ رات جو جيئن ستي ته صبح جو اٿي ئي ڪانه! پنهنجي ماءُ جي کٽ کي ڀاڪر پائي مريم اوڇنگارون ڏئي ڏاڍو رني. هن کي شدت سان احساس ٿيو ته هاڻي هوءَ اڪيلي رهجي وئي هئي، ماڻس جي چاليهي تائين ڀاڄائي سندس گهڻو خيال رکيو، پر پوءِ هوءَ ساڳي نه رهي، هن محسوس ڪيو ته ڀاڄايس هن مان بيزار هئي، هوءَ چاهيندي هئي ته پاڻ سڄو ڏينهن آرام ڪري ۽ مريم سڄي گهر جو ڪم ڪري. ننڍين ننڍين ڳالهين تان وڙهي پوندي هيس، ڇڙٻون ڏيئي ڪڍندي هيس ۽ هوءَ صبر سان پئي سڀ ڪجهه سهندي هئي. نيٺ ڪيترو، هڪ ڏينهن مريم جي صبر جي حد ٿي وئي. ڀاڄائيءَ چيس، ”مئي تومان اچي ڦاٿي آهيان، هجين ها سهڻي ته ڪڏهوڪو پرڻجي وڃين ها ۽ ٻارن ٻچن واري ٿي وڃين ها، پر تو جهڙي ڪاري ڪوجهيءَ کي وٺندو ڪير؟، ساهي کڻي وري شروع ٿي وئي. ”مان ڀانيان ٿي تون سڄي عمر لاءِ منهنجي مقدر ۾ لکجي وئي آهين. تو مان جان ڪانه ڇٽندي.“ اهڙا الفاظ ٻڌي مريم چپ نه رهي سگهي. واتان نڪري ويو هيس ته، ”ڀاڄائي! قدرت واري مون کي جيڪا شڪل ڏني تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! مان پنهنجي ابي امان جي گهر ۾ ٿي رهان. پنهنجن ڀائرن جي سهاري ويٺي آهيان توتي بار ناهيان. منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وٽن رهنديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان!“ ڀاڄايس هن کي ان ڏينهن اهڙي ته مار ڏني هئي جو سنڌ سنڌ سور ۾ وٺجي ويو هيس، پر ڀائرن سان هن ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ننڍي ڀاءُ جمال هن جو لٿل منهن ڏسي، ماءُ جو قسم ڏئي پڇا ڪيس ته هوءَ پاڻ تي ضبط ڪري نه سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئي پئي. جمال کي جڏهن سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته ممڻ مچائي وڌائين. ڀاڄائيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ته وڏو ڀاءُ مڇرجي پيس ۽ نتيجي ۾ سڀ ڀائر پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مريم اواڪا دانهون ڪري گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪين پر ڪنهن به هن جي نه ٿي ٻڌي. ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هوءَ هڪڙي ڪنڊ وٺيو روئي رهي هئي. ڀاڄايس کي به مڙس ٺاهوڪي مار ڏني هئي. اها ننڍڙو ڪڇ ۾ کڻي روئي رهي هئي. پوءِ هن ڀاڄائيءَ کي چوندي ٻڌو. ”هاڻي هانءُ ٺريو هوندس، ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڏانئڻ خوش ٿي آهي!“ ٻئي ڏينهن، سندن وڏو ڀاءُ پنهنجي زال ۽ ٻار وٺي ڌار ٿي ويو. ڪير به کيس روڪي نه سگهيو. سال کان به مٿي عرصو ٿي ويو پر نه هنن ڀاءُ کي ياد ڪيو ۽ نه ئي ڀاءُ هنن جي ڪا خبر چار لڌي. مريم ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي. پوءِ اهو سڄو ڏينهن روئندي گذري ويندو هيس. هن گهڻو چاهيو ته ڀائر شاديون ڪن ۽ پنهنجا گهر وسائين. پر ڪنهن به ڀاءُ هن جو چوڻ ڪونه ڪيو. هر ڪو اهو جواب ڏيندو هئس ته، ڇا تون اهو ٿي چاهين ته ادا وانگر، اسان مان به هر ڪو شادي ڪندو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃي. جڏهن تون پرڻجي ويندينءَ ته پوءِ پاڻهي اسين به پرڻجي پونداسين. مردن لاءِ زالون کوڙ. ائين ڪو نه هو ته ڀائرن کي هن جو فڪر نه هو. هن جي قسمت ئي اهڙي هئي جو ڪو مناسب رشتو آيو ئي ڪونه پئي. ڀائرن کي پاڻ لاءِ پريشان ڏسي، هوءَ پاڻ به گهڻو پريشان ٿي ويندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسواڙ تي هنن وٽ هڪڙو ماڻهو اچي رهيو. هنن مٿيو ڪمرو ان کي ڏئي ڇڏيو. هو نه ته ايترو گهڻو خوبصورت هو ۽ نه بدصورت. پوري ساري شڪل وارو وڏي عمر جو ماڻهو هو. نه ڪنهن سان گهڻو ڳالهائيندو هو ۽ نه ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏيندو هو. گهڻو ڪري هنن جو هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ ئي ڪونه ٿيندو هو. ها، ڪڏهن ڪڏهن هو ٻاهر پيو نڪرندو هو ته مريم ڏسي وٺندي هيس. يا وري شام جو مريم ٻاهر کٽون پئي رکندي هئي ته هو ٻاهران ايندو هو ته ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا هئا ۽ بس هن جو ڪنڌ هميشه جهڪيل هوندو هو. ٻنهي ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو هو. هڪڙي ڏينهن مريم رسيءَ تي ڪپڙا وجهي رهي هئي ته هو ٻاهران آيو ۽ هن جي ڀرسان بيهي تمام آهستي آواز ۾ ڪجھ چيائين: ”تون ڏاڍي سٺي آهين، گهڻن ڏينهن کان مان توکي ڏسي رهيو آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن عمر ۾ تون ايتري سنجيده ڇو آهين! اداس ۽ چپ چپ ڇو آهين؟ تنهنجي عمر چپ رهڻ ۽ اداس نظر اچڻ واري ٿورئي آهي!“ مريم ڏڪي وئي هئي، ڪپڙا اتي ڦٽي ڪري بنان جواب ڏيڻ جي اندر هلي وئي هئي. رات جو جڏهن ان شخص جي باري ۾ سوچيو هئائين ته پنهنجي اندر ۾ خوشيءَ جي لهڙ ڊوڙندي محسوس ڪئي هئائين. پهريون ڀيرو ڪنهن مرد هن کي ساراهيو هو. هن جي دل جي سڪي ويل ٽاري سائي ٿي پئي هئي ۽ ان ۾ ڪيترائي رنگ برنگي گل ڦٽي آيا هئا خواهشن جا. ان ڳالهه کي ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته هڪ ڏينهن وري هو ساڳي طرح اچي هن جي ڀرسان بيٺو ۽ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين، ”مان تنها شخص آهيان، هن دنيا ۾ بنهه هيڪلو ماڻهو ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟ هن ڀيري مريم ڏڪي ڪانه هئي حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهجي وئي هئي. ”سوچي سمجهي مون کي جواب ڏجانءِ، مان انتظار ڪندس.“ ائين چئي هو مٿي هليو ويو. پورو هفتو سوچڻ کان پوءِ مريم هڪ اهم فيصلو ڪري ورتو. هن ڄاتو ٿي ته سندس ڀائر ڪڏهن به ان ڳالهه لاءِ راضي نه ٿيندا ته سندن ڀيڻ جي شادي هڪ اهڙي شخص سان ٿئي جيڪو کانئس عمر ۾ ٻيڻ تي وڏو هجي. جيڪو زندگيءَ کان مايوس، ناڪام شخص هجي. هن، هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ کي اهو چوندي ٻڌي ورتو هو ته، اسان جي مسواڙي به الائي ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، زندگيءَ ۾ ناڪام ٿو لڳي. مون کي ته ڏسندي ئي خوف وٺي ويندو آهي. ڪيڏي نه دهشت آ سندس اکين ۾! هن جا حال ۽ حرڪتون ٻڌائين ٿيون ته، يا ته هو خودڪشي ڪندو يا ڪنهن جو خون! اهو سڀ ياد اچڻ سان مريم سوچي ورتو هو ته هوءَ ان شخص کي خودڪشيءَ کان بچائيندي. ساڻس شادي ڪري هوءَ کيس سنڀالي وٺندي. رڳي اها ڳالهه به نه هئي. هن پنهنجي ڀائرن جا گهر به آباد ڏسڻ چاهيا پئي. خبر هيس ته جيستائين هوءَ هن گهر ۾ هوندي سندس ڀائر شاديون نه ڪندا. اها به خبر هيس ته هن جي لاءِ هاڻي ڪو رشتو اچڻ ناممڪن ئي هو. هن کي ان سمي، ڀاڄائيءَ کي چيل لفظ به ياد پيا هئا. چيو هئائين، منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وتن هونديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان! کن لاءِ ارادو بدلائي ڇڏيو هئائين، پر پوءِ هن کي ڀائرن جو ڀلو ان ۾ نظر آيو هو. موقعو مليس ته هن پنهنجي فيصلي کان ان شخص کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهن رات مريم پنهنجو اباڻو گهر ڇڏيو. هوءَ ڏاڍو رني. گهر جي ڀتين کان به روئي موڪلايائين. پيتيءَ ۾ پيل ماءُ جا ڪپڙا ڪڍي اهي پنهنجي سيني سان لائي سڏڪا ڀري رني. ائين ڄڻ ماءُ کان موڪلائيندي هجي. ڀائرن جو گهر ڇڏي شادي ڪري هوءَ ان شخص سان گڏ رهڻ لڳي. چڱو وقت هو کيس ڀائيندو رهيو ۽ سندس خيال رکندو آيو. پوءِ الائي ڇا ٿي ويس، ڳالهه ڳالهه تي هن سان وڙهڻ لڳو ۽ هن کي مارڻ لڳو. تان جو صفا بدلجي ويو. گهران ڀڄي نڪرڻ جو طعنو ڏيڻ لڳس. هوءَ صبر سان سڀ ڪجهه سهندي رهي، صبر ڪرڻ جي عادت پئجي وئي هيس. شڪايت ڪرڻ ته سکي ئي ڪانه هئائين. سندس مڙس هڪڙي مائيءَ جي چڪر ۾ اچي ويو هو. روز چوندو هيس ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ ٻي شادي ڪندس، پيٽ سان ٿي ته هن اهو چوڻ شروع ڪيو، جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ پٽ ڄائو ته هن عورت کي ڇڏي ڏيندس. جنهن رات نمي ڄائي ان رات هو موجود هو. هن جي کٽ ڀرسان بيهي هڪ نظر ڌيءُ تي وجهي، ڪروڌ مان هن ڏانهس ڏسندي چيو هئائين، چيو هو مانءِ ته ڌيءُ ڄڻيندينءَ ته مان توکي ڇڏي ڏيندس. مان وڃان پيو ۽ هي گهر توکي ڏيو ٿو وڃان ته جيئن دربدر ٿيڻ کان بچي وڃين.“ ائين چئي هو هليو ويو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ، هڪ ڏينهن هڪڙو طلاق جا ڪاغذ هن کي در وٽ ڏئي هليو ويو. ان ڏينهن ننڍڙي نميءَ کي ڀاڪر پائي هوءَ ڏاڍو رني هئي ۽ کيس ڀاءُ جا چيل، ان شخص بابت الفاظ ياد آيا هئا ته، ”مون کي لڳي ٿو، يا ته هيءُ خودڪشي ڪندو يا وري ڪنهن جو خون.“ هن جي واتان نڪري ويو هو، ”تون سچو هئين ڀائڙا، تو صحيح سڃاتو هيس. مون کان ئي غلطي ٿي وئي. خودڪشيءَ کان ته مون هن کي بچائي ورتو، پر هو منهنجن جذبن ۽ احساسن جو خون ڪري منهنجي زندگي برباد ڪري ويو!“ سبڻ ڀرڻ جو ڪم ڪري هوءَ پنهنجو پيٽ ۽ نميءَ کي پالڻ لڳي، پر جيئن جيئن نمي وڏي ٿيندي وئي، ضرورتون به وڌنديون ويون. لاچار ٿي هن هڪڙي گهر ۾ ٿانوَ ٻهاري وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. نمي اسڪول وڃڻ لڳي، هوءَ نميءَ کي تيار ڪري اسڪول اماڻي پوءِ پاڻ ڪم تي هلي ويندي هئي ۽ واپسيءَ تي نميءَ کي پاڻ سان گڏ وٺيو ايندي هئي. هڪڙي ڏينهن نمي جيئن ئي اسڪول کان موٽي ته بيحد اداس هئي، پڇڻ تي بيحد معصوميت ما چيائين، ”امان، سڀني ڇوڪرين جا پيءُ آهن، سڀ مون سان انهن جون ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ مون کان به پڇنديون آهن پر مان انهن سان ڪنهن جون ڳالهيون ڪريان؟ منهنجو ته ڪو به پيءُ ڪونهي!“ ”نه نمي، ائين نه چئه، تنهنجو به بابا آهي“ هن ٻڌايس. ”هو، اسان جي لاءِ ڪمائڻ ويو آهي. جڏهن هن وٽ کوڙ سارا پئسا ٿي ويندا ته هو کوڙ ساريون شيون وٺي واپس ايندو. اهو ٻڌي نمي خوش ٿي وئي هئي. هوءَ، جنهن گهر ۾ ڪم ڪندي هئي اتي فقط زال مڙس رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو هڪ مائٽ به وٽن اچي رهندو هو. جڏهن به اهو ايندو هو ته هن کي ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. اهو ماڻهو، هن ڏانهن تڪيندو رهندو هو ۽ هن کي گهٻراهٽ محسوس ٿيندي هئي. نوڪرياڻي هئي ڪجهه ڪڇي ڪانه سگهندي هئي. باقي ان شخص جو ائين گهوري گهوري ڏسڻ اصل نه وڻندو هئيس. اها ستاويهين رجب جي ڀلاري رات هئي. نميءَ آڳر ۾ راند ويٺي ڪئي. هن رڌڻي ۾ ڪم پئي ڪيو ته نميءَ جون خوشيءَ سان ڀرپور رڙيون ٻڌائين، ”بابا اچي ويو، منهنجو بابا اچي ويو.“ هوءَ هڪدم رڌڻي مان ٻاهر نڪري آئي. ڏٺائين ته آڳر ۾ اهو ساڳيو شخص بيٺو هو، ٻنهي هٿن ۾ شامان سان ڀريل ٿيلهيون هيس، جن مان بسڪيٽن جا پڙا نظر پئي آيا. نمي، ان شخص جي ٽنگن سان چنبڙي پئي هئي. هن سمجهيو هو ته سندس پيءُ اچي ويو. ماءُ تي نظر پوندي ئي خوشيءَ مان چوڻ لڳي، ”امان!، ڏس بابا اچي ويو آهي!“ هن چاهيو ته نميءَ جي اها غلط فهمي دور ڪري، پر ان شخص موقعو ئي نه ڏنس ۽ نميءَ کي پڪ ٿي وئي ته اهوئي سندس پيءُ آهي. ان ڏينهن کان پوءِ نمي هر روز ماءُ کان پڇندي هئي ته بابا ڪڏهن ايندو!؟ ماڻس هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ٻڌائي نٽائي ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن نميءَ ڏاڍو ضد ڪيو ته تنگ ٿي ماڻس چماٽ وهائي ڪڍيس ۽ نمي کي تيز بخار ٿي پيو. غشيءَ ۾ به هوءَ پيءُ کي سڏي رهي هئي. ماڻس لڙڪ هاريندي رهي. نميءَ جي بخار سبب هوءَ ٻه ڏينهن ڪم تي نه وئي ته ٽئين ڏينهن تي اهو ماڻهو پاڻ اچي نڪتو. نميءَ کي ايترو بخار ڏسي هو به پريشان ٿي ويو هو. نمي بخار مان اٿي ته ماڻس ريجهائي کيس پيار مان سمجهائڻ چاهيو، ”ڏس نمي! تون سٺي ۽ ڏاهي ڇوڪري آهين نه. هو تنهنجو بابا ڪونهي، پرائو ماڻهو آهي. تنهنجو بابا اچڻ وارو آهي.“ پر نمي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن وٽن ايندو هو ۽ نميءَ جي خوشيءَ خاطر هو کيس اچڻ کان روڪي به نه سهگندي هئي. چڱو عرصو ائين گذري ويو. نمي! هاڻي ڪجهه وڏي ٿي وئي هئي. نه گهڻو ضد ڪندي هئي ۽ نه ئي ماءُ کي تنگ ڪندي هئي. هاڻي هوءَ اهو به سمجهي وئي هئي ته اهو شخص هن جو بابا نه آهي، پر پوءِ به نميءَ جي ان شخص سان دل ٿي وئي هئي، هو، کيس گهڻو ڀائيندو جو هو! اوچتو ئي اوچتو ان شخص جو اچڻ بند ٿي ويو. نميءَ گهڻو انتظار ڪيو، پر جڏهن گهڻا ڏينهن گذري ويا ته هن ماءُ کان پڇا ڪئي. ان ٻڌايس، ”نمي! پاڙي وارا اعتراض ٿا ڪن ته هو توهان جو ڇا ٿئي، جو توهان جي گهر ۾ ٿو اچي!“ ”امان هو اسان وٽ ٿو اچي، ماڻهن جي گهر ۾ ته ڪونه ٿو وڃي، جو ماڻهو ائين ٿا چون“ نميءَ معصوميت مان چيو. نمي، تون ننڍڙي آهين، نه سمجهندينءَ اها ڳالهه، هيءُ سماج نيت جي سچائيءَ کي نه ڏسندو آهي، هتي خلوص جو ڪو به قدر ڪونهي. فقط رشتن کي اهميت آهي ۽ هو، اسان جو رشتي ۾ ڪجهه به ناهي.“ ماءُ جي ائين چوڻ تي نميءَ ڏک مان چيو. ”امان ڇا هاڻي هو ڪڏهن به اسان جي گهر نه ايندو.!!؟“ نميءَ کي ايترو مايوس ڏسي ماءُ چيو، ”هو ضرور ايندو، تون گهٻراءِ نه نمي، هن کي اسان جي گهر اچڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.“ (هلندڙ) ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا به ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي نسرين طاهر وفائي گهريلو ڏس بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن. جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو. مڇرن، مکين ۽ ٻين جيتن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ لوبان جو دونهون ڏيو. روزانو صبح جو خالي پيٽ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جي عادت وجهجي ته ڪڏهن به قبض جي شڪايت نه ٿيندي. ليمي جي رس استعمال ڪرڻ وقت خيال رکجي ته ان جو ٻج پيٽ ۾ نه وڃي. نه ته پيٽ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪوشش ڪجي ته برف جو پاڻي گهڻو نه پيئجي، برف جو پاڻي وقتي طور ته اڃ ختم ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اڃ کي وڌائي ٿو ۽ معدي ۽ ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ زڪام جو سبب بڻجي ٿو. ڏاڙهون کائڻ يرقان، دل جي ڌڙڪي، سيني جي سور، کنگهه ۽ خارش جي بيمارين ۾ مفيد آهي. پيچش کي روڪڻ لاءِ اسپنگر جي دهي پيئڻ مفيد آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ”پائيريا“ جي شڪايت هجي ته ڪنهن بازاري دوا استعمال ڪرڻ بجاءِ، سرنهن جو تيل، لاهوري لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي، ڏندن تي ملڻ سان پائيريا جي شڪايت ختم ٿي ويندي. غلطيءَ سان جيڪڏهن ڪنهن شيشي جا سنها سنها ذرا کائي وڌا هجن ته ان کي تمام گهڻا ڪيلا کارايو، شيشي جا ذرا نڪري ويندا.
رياض: ”دوستي ۾ romance به شامل هوندو آهي.“ رابيل: ”ته ڇا توهان ڪنهن سان به شادي نه ڪندا؟“ رياض: ”بلڪل ڪندس ڇو نه ڪندس.“ رابيل: ”ته پوءِ آخر مونسان ئي ڇو نه؟ توهان ئي ته چيو آهي ته توهان کي مون سان محبت به آهي.“ رياض: اهڙيون محبتون ۽ دوستيون ته اسان جهڙا مرد ڪندا ئي رهندا آهن. باقي شادي مون کي ڪنهن سادي سودي ۽ گهريلو ڇوڪريءَ سان ڪرڻي آهي. ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان نه جنهن جو تعلق ميڊيا جي ڪنهن شعبي سان هجي نه ئي فن و ادب سان ڇو ته منهنجي زال کي فقط منهنجو هئڻ گهرجي. اها پبلڪ پراپرٽي نه هجي.“ رابيل: ”توهان جي خيال ۾ اهي مرد بيوقوف هوندا آهن جيڪي نه فقط اهڙين ڇوڪرين سان شادي ڪندا آهن پر سٺي گهرو زندگي به گذاريندا آهن. رياض: ”هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف هوندو آهي مون ۾ ايترو ظرف نه آهي.“ رابيل: ”واقعي....... اهو ته اڄ مون ڏسي ئي ورتو آهي. ته توهان ڪيڏا، ڪم ظرف انسان آهيو. آءٌ توهان لاءِ فقط وقت گذاري جي ساٿياڻي ۽ ڪو رانديڪو آهيان ۽ منهنجا ڪي جذبا ناهن. مون اهو سمجهيو هو ته توهان مون ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ اڳتي مون کي پرپوز ڪندا تڏهن ئي اڄ مون توهان سان کلئي نموني ڳالهايو آهي نه ته جيڪر آءٌ ڪڏهن به ائين نه ڪريان ها. توهان منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي.“ رياض: ”ڪم آن يار! تون به عام ڇوڪرين وانگر نڪتئين مون ته سمجهيو هو ته تون آرٽسٽ آهين. وڏي دل واري هوندينءَ، پر تون به سطحي ذهنيت واري نڪتئينءَ. بهرحال پوءِ به آءٌ توکي پنهنجي دوست سمجهندس.“ رابيل: ”شٽ اپ! مون کي تو جهڙن مردن جي دوستيءَ جي نه ته ضرورت آهي ۽ نه ئي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پوندي.“ رياض هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو طنز ۽ حقارت سان ڀرپور رابيل کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن کيس انتهائي بلنديءَ تان هيٺ پستين ۾ ڌڪو ڏنو هجي. هوءَ گهر اچي پنهنجي ڪمري ۾ مٿو جهلي ويهي رهي. سندس دماغ جي اندر ڄڻ گهوگهاٽ ۽ سوساٽ ٿي رهيا هئا. ۽ ڄڻ ڪنن سندس دماغ کي جڪڙي رکيو هجي. هن سوچيو ته ڇا هي اهوئي رياض هو جنهن جا ڊراما ڏسي هوءَ سوچيندي هئي ته هو انتهائي نرم دل، عورت جو احترام ڪندڙ ۽ حساس شخص هوندو. سندس تحريرن ۽ سندس شخصيت ۾ ڪيڏو نه تضاد هو. کيس هن سان محبت هئي نه ئي دلچسپي پر رياض جي رويي کيس اهو محسوس ڪرايو هو ته هو سندس ذات ۾ بي انتها دلچسپي رکندو هو تڏهن ئي هن رياض تي اعتماد ڪندي ايڏو قدم کنيوهو. هن سوچيو: ”ڪهڙي ڪمي آهي مون ۾؟ جاهل ناهيان، بدصورت ناهيان، بدڪردار ناهيان..... بي سليقه ناهيان.... مون وٽ ته انتهائي پيار ڀري دل آهي. نازڪ جذبا آهن. خوبصورت خواب آهن پنهنجي ننڍڙي گهر کي ٺاهڻ جا، سجائڻ جا........ پوءِ .... پوءِ ..... مون کي ڇو ٺڪرايو ويو... هڪ ڇوڪريءَ کي ڇو ايڏو رسوا ڪيو ويو...... اف منهنجا خدا! ڇا آءٌ سڄي عمر اها ذلت وساري سگهنديس... نه ڪڏهن به... نه....“ هوءَ بي اختيار اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي..... ۽ ... پوءِ بي اختيار جنوني نموني اٿي سندس ٺاهيل تصويرون کڻي پٽ تي اڇلائڻ لڳي. پوءِ کيس مليل سرٽيفڪيٽ، ميڊل، ٽرافيون ۽ فوٽو کڻي اڇلائڻ، ڦاڙڻ ۽ ٽوڙڻ لڳي. نه کپن مونکي اهي!.... ناهن منهنجي ڪم جا!....... آءٌ خراب آهيان.... بدڪردار آهيان.... مون کي ڪوئي قبول نه ڪندو.... نه کپن مونکي هي.....“ سندس گوڙ شور تي سندس ماءُ ۽ ڀاڄايون ڊوڙنديون آيون ۽ پوءِ کيس سندس ڀاڄاين نهايت مشڪل سان قابو ڪيو. ايستائين هوءَ روئندي دانهون ڪندي بيهوش ٿي ڪري پئي. ڊاڪٽر کي گهرايو ويو جنهن ٻڌايو ته کيس ڪو شديد ذهني صدمو رسيو هو ۽ پوءِ کيس سڪون جي انجيڪشن هڻي هليو ويو. ائين ڪجهه ڏينهن سندس طبيعت شديد خراب رهي. ماءُ ۽ ڀاڄاين گهڻوئي پڇيس پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو ڪنهن کي پنهنجا دل جا گهاءَ ڏيکاري ها؟..... ڪير سندس ڳالهه سمجهي ها.....!؟ ڪير سندس درد کي محسوس ڪري ها! هوءَ اندر ئي اندر پڄرندي رهي. ٻرندي رهي.... ۽..... پوءِ... ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ماءُ جي زور ڀرڻ تي سندس ماءُ جي پسند تي آصف سان شادي ڪري ڇڏي. اتان کان وري عذابن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. رياض واري تجربي کان پوءِ سندس دل هونئن ئي ايڏي ٽٽي پئي هئي سندس اعتبار آرٽسٽ ۽ انٽليڪيچوئل طبقي مان هونئن ئي کڄي چڪو هو انڪري هن پنهنجي سوشل لائيف شادي کان پوءِ ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ سندس گهرئي سڀڪجهه هو پر آصف به انهن مردن مان نڪتو جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ٿري پيس سوٽ پائي، انگريزي ڳاهائي، اعليٰ سوسائٽيءَ جو سمبل بڻيل ڪنهن ڪلب جا ميمبر ٿي بظاهر ماڊرن ۽ کليل ذهن جا لڳندا آهن پر اندران هو اهوئي روايتي سوچ رکندڙ عام مرد هوندا آهن جيڪي ڪنهن اهڙي عورت کي قبول ناهن ڪندا جنهن جي پنهنجي هڪ ڀرپور شخصيت هجي، سڃاڻپ هجي يا سماج ۾ ڪا اهم حيثيت هجي، جڏهن ته رابيل سڀ ڪجه ڇڏي ڏنو هو ۽ اهوئي سمجهيو هو ته واقعي عورت جو اصل مقام هن جو گهر ئي هوندو آهي سوشل سرڪل نه. هن پنهنجي گهر کي تمام خوبصورت نموني سجايو هو جو هرڪو سندس جي سگهڙائپ جي تعريف ڪندو هو. هوءَ آرٽسٽ ته هئي انڪري گهرجي هر هڪ شيءِ ۾ نفاست ۽ آرٽسٽڪ مزاج جو عڪس ظاهر هوندو هو. هن رڌڻو به سنڀاليو ۽ گهر جون سڀ ذميواريون سهڻي ريت کنيون پر پوءِ به آصف هن مان خوش نه هون ڇو ته سڀ ڪجهه ڇڏڻ جي باوجود به سندس سڃاڻپ ته سوسائٽيءَ ۾ هئي....... ۽ .... اها ڳالهه آصف کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن هوءَ آصف سان گڏ ٿي ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو کيس سڃاڻي هن کان آٽوگراف وٺندا هئا يا هن سان ڳالهائيندا هئا ۽ آصف جو تعارف سندس حوالي سان ڪرايو ويندو هو. ته هن جو موڊ خراب ٿي پوندو هو ۽ پوءِ اهڙين ڳالهين تي هو گهر اچي هن سان جهيڙو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو کيس چوندو هو ته ماڻهو رابيل بابت مختلف ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا ته رابيل کيس سمجهائيندي هئي: ”آصف، توکي مون تي اعتبار هئڻ گهرجي ڇو ته پنهنجو رشتو ته سڀني رشتن کان وڌيڪ ويجهو آهي. آءٌ پنهنجي سموري شخصيت سميت تنهنجي سامهون آهيان پر توکي مون تي نه پر فقط ڪجهه گندي ذهنيت رکندڙ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين تي اعتبار آهي. آءٌ ته آرٽسٽ آهيان public figure رهي آهيان. پر ماڻهو ته يونيورسٽي ويندڙ، ڪاليج ۾ پڙهندڙ، نوڪري ڪندڙ ته ڇا پر گهرن ۾ هڪ هنڌ ويٺل ڇوڪرين کي ئي نه بخشيندا آهن. “ رابيل شاديءَ کان اڳ ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر طور appoint ٿي چڪي هئي. آصف کي سندس جاب ڪرڻ تي به اعتراض هو پر هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ نوڪري ان لاءِ اهم هئي ته رياض واري تجربي کان پوءِ هن جو ذري گهٽ نروس بريڪ ڊائون ٿي چڪو هو تڏهن سندس پيءُ جي دوست ۽ شهر جي سڀني کان وڏي نفسياتي ۽ ذهني ڊاڪٽر احسن کيس دل کي وندرائڻ خاطر اها جاب ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ شاديءَ کان پوءِ به ڊاڪٽر احسن کيس سمجهايو هو ته هوءَ جيڪڏهن ائين سڀ ڪجهه ڇڏي گهر ۾ ويهي رهندي ته وري نفسياتي ۽ ذهني طور بيمار ٿي پوندي. ان ڪري کيس جاب ڇڏڻ نه گهرجي. پر آصف هن سان روز ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ڪندو هو. ائين هوءَ پنهنجي ڪردار بابت صفايون پيش ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي. هوءَ ايڏي ته ذهني اذيت ۾ هوندي هئي جو سندس تخليقي ذهن ته الائي ڪيڏانهن ويو هو. هن مصوري ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني پر ڪڏهن اتفاق سان ڪا تصوير ٺاهڻ ويهندي هئي ته آصف جو موڊ خراب ٿي ويندو هو. رابيل کي ائين محسوس ٿيندو هو ته کيس اهڙي سزا ملي هئي جنهن نه کيس جيئڻ ٿي ڏنو ۽ نه ئي مرڻ ٿي ڏنو. سندس ماءُ سندس تڪليفن کي ڏسي اڃا به دکي ٿي ٿي وئي ۽ کيس احساس ٿيو ته هن جي غلط سوچ سبب ئي رابيل کي اهو سڀ ڪجهه سهڻو پئي پيو. ۽ پوءِ جڏهن شان پيدا ٿيو ته رابيل کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خوشگوار تبديلي محسوس ٿي. هن سوچيو هو ته شايد اولاد کان پوءِ آصف جي رويي ۾ ڪا تبديلي ايندي پر هو ته عجيب ذهني مريض ۽ جنوني شخص هو. گهر ۾ جهيڙا ڪنهن سبب جي ڪري ٿيندا آهن پر هو ته بنان سبب ئي لفظن جي تيرن ۽ تلوارن سان رابيل جي پيار ڀري ۽ نازڪ دل کي گهائي وجهندو هو ڇو ته هو انتهائي شڪي مزاج، تنگ نظر ۽ احساس ڪمتريءَ جو ماريل شخص هو جنهن سبب هو معمولي ڳالهين کي مسئلو بڻائي جهيڙا ڪندو هو. هن کي رابيل جي فون ڪرڻ تي به عجيب شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿيندا هئا. رابيل جو نوڪري ڪرڻ، ڊرائيونگ ڪرڻ تصويرون ٺاهڻ مطلب ته هر ڳالهه تي کيس اعتراض هوندو هو..... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. آصف رابيل جي ڪردار تي حملو ڪري هڪ اهڙو ته گندو ۽ ڪريل سوچ وارو الزام هنيو جو رابيل جو دماغ ڄڻ صفا سن ٿي ويو. نفسياتي مريضه ته هوءَ ان گهٽيل ماحول ۾ هونئن ئي ٿي چڪي هئي پر هاڻي ته حد ٿي وئي هئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ سندس گهران ڪار ڪڍي ماءُ ڏانهن رواني ٿي پر سندس دل ۽ دماغ ۾ آنڌ مانڌ متل هئي ۽ لڙڪ لارون ڪري باربار وهڻ ڪري ڄڻ سندس اکين اڳيان بار بار پردو اچي ٿي ويو. ائين پوءِ تيزيءَ سان هڪ موڙ ڪاٽيندي اوچتو پوءِ هڪ ٻي تيز رفتار ڪار کان بچڻ خاطر هن اسٽيئرنگ کي ٻئي پاسي موڙيو ته ڪار هن کان بي قابو ٿي ڀر ۾ هڪ ديوار سان زوردار نموني ٽڪرائجي وئي ۽ۡ هوءَ شديد زخمي ٿي پئي ۽ پوءِ هوءَ ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ زير علاج رهي ۽ هوش حواس ۾ نه هئي. هوءَ بچي ته وئي، پر کيس ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويا. جسماني طور تي ته هوءَ ٺيڪ هئي پر هوءَ جڏهن دنيا جي نظرن ۾ هوش حواس ۾ آئي ته سندس حواسن تي وڄ ڪيرائڻ لاءِ به هڪ خبر موجود هئي ته ان عرصي دوران آصف کيس طلاق نامو موڪلي ۽ پاڻ شان سميت ڪيڏانهن وڃي چڪو هو. سندس ماءُ هن کي پنهنجي گهر وٺي آئي هئي. ان دوران هن جا ڀائر به پنهنجن گهرن ۾ سيٽل ٿي ويا هئا. هن جي ماءُ سندس حالت تي ويتر دکي ٿي اڳي کان به گهڻو بيمار ٿي پئي. هنن مهينن تائين آصف ۽ شان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪجهه به خبر نه پئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس ماءُ کي به هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هوءَ به گذاري وئي ۽ سندس خواهش ۽ وصيت مطابق جنهن گهر ۾ رابيل پنهنجي سموري حياتي گذاري هئي. شادي شده زندگيءَ جو ڪجهه عرصو ڇڏي. اهو رابيل کي مليو ۽ هوءَ سندس نالي ڪترو ئي بئنڪ بئلنس پڻ ڇڏي وئي. تڏهن رابيل روئي پئي ۽ سوچيائين ته ڇا فقط ڀتين ڇتين سان به گهر نه ٺهندا آهن. گهرن جون رونقون ۽ خوشيون ته گهر جي فردن سان هونديون آهن. پر هاڻي هن گهر ۾ نه ته سندس پيءُ هو ۽ نه ماءُ نه ڀائر هئا ۽ نه ڀيڻون. فقط هوءَ هئي. سندس بيوه ماسي هئي ۽ کيس پاليندڙ بابا پيرو هو. هن سوچيو ته ڇا پئسي سان هو اهي خوشيون خريد ڪري ٿي سگهي. اهي ٽهڪ، اهي رانديون، اهي شرارتون، اهي مرڪون، اهي رونقون ۽ اهي رشتا جيڪي ڪڏهن هن گهر جي اڱڻ تي هوندا هئا...... ڪجهه عرصو اڳ کيس اها به خبر پئي ته آصف هاڻي آمريڪا ۾ هو ۽ شايد نيويارڪ ۾. هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ تڙپندي هئي. روئندي هئي پر سندس وس ۾ ڪجهه به ته نه هو. فيضان رابيل جي ماضيءَ جو احوال ٻڌي سچ پچ ته انتهائي دکي ٿي پيو ۽ پوءِ کيس چيائين: ”رابيل! آءٌ توهان جي ڏک ۽ اذيت کي دل جي گهرائين سان محسوس ڪري سگهان ٿو پر هاڻي اهو به سوچيو ته جيڪو ٿيو سو ته ٿي چڪو پر هاڻي توهانکي پنهنجي لاءِ ڪو مثبت رستو ڳولهڻو آهي. توهان محض پنهنجي ذاتي ڏک ۾ مبتلا ٿي ٻين جي ڏکن ۽ تڪليفن کي وساري ويٺيون آهيو. بحيثيت آرٽسٽ توهان کي صرف پنهنجائي نه پر ٻين جا ڏک به محسوس ڪرڻا آهن. پنهنجي ذات جي خول مان نڪري ڏسو ته توهان جي آس پاس ڪيڏا ماڻهو ڪهڙن ڪهڙن ڏکن ۾ مبتلا آهن. ڪيترين تڪليفن کي منهن پيا ڏين ۽ ڪيتري اذيت ڀري زندگي پيا گذارين. توهان کي انهن لاءِ به ڪجهه ڪرڻو آهي.“ رابيل: ”آءٌ انهن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“ فيضان: ”توهان ئي ته انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگھو ٿيون. خدا توهان کي تخليقي ذهن ۽ هڪ سگهاري ڏات ڏني آهي ۽ هر ڪنهن کي پروردگار اهڙي خوبين سان به نوازيندو آهي. ان مان توهان اهو نٿا سمجهو ته قدرت توهان کان ڪو خاص ڪم وٺڻ ڇاهي ٿي؟“ رابيل: ”ڇا مطلب؟....... آءٌ ڇاتي ڪرين سگهان آخر؟“ فيضان: ”توهان هڪ ڀيرو پنهنجي ذات جي خول مان ٻاهر اچو ۽ ڏسو ته سهي ته اسان جي آس پاس ئي ڪيڏا ڏک آهن؟ غربت آهي، افلاس آهي ظلم آهي جبر آهي، نا انصافيون آهن غلط ريتون ۽ رسمون آهن. انسانن تي انسانن جا ئي ڪيل اذيت ناڪ ظلم آهن. فلسطين ۽ عراق جي ماڻهن جي اذيت ڏسو ڪشمير جي ماڻهن جي ڏکن کي ڏسو.... جتي ڪٿي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم آهن بربريت آهي اخبارن ۽ ٽي وي تي هر روز شهيد ٿيندڙن جا لاش ڏسو، يتيم ٿيندڙ ٻارن ۽ بيوه ٿيندڙ عورتن جي ڪرب کي محسوس ڪريو. هڪ پاسي انهي ڪرب کي پنهنجي برش جي جنبش سان پينٽ ڪري ماڻهن جي ضمير کي جهنجهوڙيو ۽ ٻئي پاسي دکي انسانن جي درد کي گهٽائڻو آهي. ماڻهن کي ڪا مثبت سوچ ڏيو. اسان ۽ توهان ته الاهي طاقتور انسان آهيون اسان وٽ سوچ آهي، ذهن آهي ۽ ڏات آهي ۽ هاڻي اسان کي برش ۽ قلم جي حرمت رکڻي آهي. اچو ته گڏجي ظلم جي خلاف آواز اٿاريون ۽ ڏکويل انسانيت جي عملي طرح به خدمت ڪريون ڇو ته ماڻهن جي دلين ۾ ئي رب رهي ٿو. انهن ماڻهن جي خدمت وسيلي ئي پروردگار جي ويجهڙائي نصيب ٿيندي. ۽ اهائي دل ۽ روح جي سڪون جي واٽ آهي.“ رابيل: ”پر..... آءٌ پاڻ کي ئي نٿي سنڀالي سگهان دنيا کي جو مقابلو نٿي ڪري سگهان ته ڪنهن ٻئي لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“ فيضان: ”غلط آهي توهان جي سوچ دراصل توهان محروميت جو شڪار ٿي ويون آهيو. توهان هر ڳالهه جو فقط اونداهو پهلو ڏسو ٿيون.. روشن پهلوءَ ڏانهن ڏسو ئي نٿيون. فطري نظارن کي ڏسو. انهن جي سونهن کي محسوس ڪريو. انهن کي پينٽ ڪريو. آسمان ۽ سمنڊ جي وسعتن کي ڪئنوس تي لاهيو، گلن، وڻن، بوٽن، پوپٽن، حسين چهرن ۽ مرڪندڙ ٻارن کي پينٽ ڪريو. تڏهن انهن سمورين تصويرن کي پينٽ ڪندي، توهان پاڻ ۾ هڪ مثبت تبديلي ايندي محسوس ڪنديون ۽ اها خوشگوار تبديلي توهان ۾ اعتماد پيدا ڪندي. واعدو ڪريو ته منهنجن انهن مشورن تي عمل ڪنديون ۽ پاڻ کي بدلائينديون.“ رابيل: ” ڪوشش ڪنديس.“ فيضان: ”۽ عيد جي هنن ڏينهن کي ائين برباد نه ڪنديون ۽ روئنديون نه.“ رابيل: ”هون.“ فيضان: ۽ جڏهن به مايوس يا پريشان ٿيو، اداس ٿيو پاڻ کي بيچين محسوس ڪريو ته مون سان ڳالهائجو. آءٌ توهان کي پورو ٽائيم ڏيندس.“ رابيل: ”هون.“ فيضان: ”واعدو؟“ رابيل: ”ها“ فيضان: ”۽ ..... ها.... پنهنجو خيال رکجو.“ فيضان موڪلائي فون بند ڪئي، رابيل به فون رکڻ بعد پنهنجي دل کي هلڪو محسوس ڪيو۽ ڄڻ دل ۽ دماغ تان بار لهي ويو هجيس. ائين پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ رابيل ۽ فيضان هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندا ويا. رابيل جا ڪن هر روز ٽيليفون جي رنگ ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا ۽ فيضان به هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪرڻ لڳو. اهڙي ريت هڪ رات فيضان ڳالهائي رهيو هو. هميشه جيان پهرين هن پنهنجو تعارف ڪرائڻ خاطر چيو: ”هيلو رابيل! آءٌ.....“ رابيل سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو: ”جي! مون کي خبر آهي..... توهان فيضان پيا ڳالهايو.“ تڏهن فيضان ٽهڪ ڏيندي چيوهو: ”ان جو مطلب ته هاڻي اڳتي مون کي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي آواز سڃاڻڻ لڳيون آهيو.“ رابيل: ”مون جڏهن عيد جي ٻئي ڏينهن توهان کي فون ڪئي هئي ته فقط ”هيلو“ چئي فون بند ڪئي هئي تڏهن توهان منهنجي ڳالهايل هڪ لفظ مان ئي منهنجو آواز سڃاڻي رنگ بيڪ ڪري سگهو ٿا ته ڇا آءٌ توهان جو آواز نه سڃاڻنديس؟“ فيضان: ”ٻيو ٻڌايو، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي.“ رابيل: ”ڪافي حد تائين بهتر آهي.“ فيضان: ”منهنجو مشوري تي عمل ڪيو توهان؟“ رابيل: ”ها.“ فيضان: ”ڪيئن ڀلا؟“ رابيل: ”مون الاهي عرصي کان پوءِ ڪجهه نيون تصويرون ٺاهيون آهن.“ فيضان: ”تمام سٺو! پر اسان کي به ته ڏيکاريو نه!! اسين به ته توهان جي فن جي قدردانن ۾ شامل آهيون.“ رابيل: ”ڏيکارينديس ڪڏهن. هن وقت به هڪ تصوير پينٽ ڪري رهي هئس.“ فيضان: ”پوءِ ته توهان کي بلڪل به ڊسٽرب نه ڪبو توهان وڃي تصوير مڪمل ڪريو. آءٌ وري ڪڏهن فون ڪندس! With you best of luck “ رابيل به مرڪي ۽ موڪلائي فون بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ مصوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن بعد هڪ رات هن ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ رڌڻي ۾ برياني پئي ٺاهي ته فيضان جي فون آئي هئي هن پڇيو: ”ڪهڙا حال آهن؟“ رابيل: ”ٺيڪ آهن.“ فيضان: ڇا پيا ڪريو؟“ رابيل: ”ڊنر جي تياري.“ فيضان: ”پوءِ ته شايد آءٌ توهان کي ڊسٽرب پيو ڪريان.“ رابيل: ”نه.... نه.... ڪم ته ختم ٿي چڪو هو. مون کي ته خود توهان سان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي هئي.“ فيضان: ”ڪهڙي ڳالهه؟“ رابيل: ”فيضان! پنهنجي پهرين ملاقات به عجيب طرح سان ٿي هئي اسان کي هڪٻئي سان ملندي به ٻن سالن کان مٿي عرصو پيو ٿئي پر... اڄ ڏينهن تائين توهان جو رويو ڪجهه واضح نه ٿي سگهيو آهي.“ فيضان: ”ڇا مطلب؟“ رابيل: ”مطلب ته پهرين ملاقات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ توهان جي ڳالهين ۽ رويي ۾ ڪو خاص احساس محسوس ڪندي رهي آهيان.“ فيضان: ”ڇا مون ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا توهان کي اڻوڻندڙ لڳي هجي؟ ڇا مون اڄ تائين اهو سڀ ڪجهه چيو آهي جيڪي نوانوي(99) سيڪڙو مرد عورتن کي چوندا آهن؟“ رابيل: ”ٺيڪ آهي. چيو ته ڪجهه به ڪونهي پر محسوس ضرور ڪرايو آهي، اڄ توهان کي اهو تعلق يا احساس واضح ڪرڻو ئي پوندو ته ڇو آخر توهان هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪريو ٿا؟ توهان آخر مون کان ڇا ٿا چاهيو؟“ فيضان: ”رابيل! ان تعلق کي آءٌ دوستيءَ .......(هلندڙ) شبانه سنڌي جيون_ هٿ، درد ريکائون ”فجر جي ٻانگ آئي ته ان سان گڏ ئي ننڍي ٻار جي روئڻ جو آواز اڀريو. نمي، جيڪا رڌڻي ۾ ويهي ماءُ جي لاءِ دعائون گهري رهي هئي سا هڪدم اٿي بيٺي ۽ رڌڻي مان نڪري ڪمري جي دروازي وٽ اچي بيٺي. ٿوري دير کان پوءِ دائيءَ سڏ ڪيس. نمي، او نمي، ڌيءَ ڀينڙي ڄائي اٿئي وڃي ڪوٺيءَ مان ڀيڻ جا ڪپڙا ته کڻي اچ. دائيءَ جي ائين چوڻ تي هوءَ اهو سوچيندي ته ”هاڻي اسين ٻه ڀينرون ٿي ويون سين.“ خوش ٿيندي ڪوٺيءَ مان ننڍڙيءَ جي ڪپڙن واري ڇٻي کڻي آئي. دائيءَ ننڍڙيءَ کي وهنجاري ڪپڙا پارائي ماڻس جي ڀر ۾ سمهاريو ته هن ماءُ جي منهن ۾ نهاريو. تڪليف ۽ پيڙا کان ماڻس جو چهرو صفا هيڊو ٿي ويو هو. هوءَ ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي. دائيءَ جلدي جلدي باقي ڪم به اڪلايو ۽ پوءِ اوٻاسيون ڏيندي اهو چئي اٿي ته سڄي رات ويهي گذاري اٿم. هاڻ ننڊ پئي اچيم، سو امڙ مان وڃان ٿي. وري سج اڀرئي کان پوءِ اينديس. دائيءَ جي وڃڻ کان پوءِ نمي ما ءُ جي ڀرسان ٿي ويٺي ۽ ننڍڙيءَ کي غور سان ڏسڻ لڳي. ڪنهن جهڙي آ الائجي؟ نميءَ دل ئي دل ۾ سوچيو. اوچتو، نميءَ جي نظر ماءُ جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن تي پئي ته هوءَ ڇرڪي پئي. ”امان، روئين ڇو پئي!؟“ هن، معصوميت مان پڇيو. ”بس ائين ئي اکيون ڀرجي آيون.“ سندس ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو. ”ائين ئي ڪيئن امان، مون کي ٻڌاءِ نه ته تون ڇو روئي رهي آهين؟“ نميءَ، ماءُ جي هٿ تي پنهنجو ننڍڙو هٿ رکي ڇڏيو. ”نمي، اهي ڳوڙها تنهنجي ڄمڻ تي به وهيا هئا. اهي ڳوڙها، منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان به وهيا هوندا. شايد اهي ڳوڙها، ڌيءَ ڄمڻ تي هر ماءُ جي اکين مان وهندا آهن.“ نميءَ جي ماءُ چيو. ”پر امان، تون ته ٻڌائيندي آهين ته ”منهنجي ڄمڻ تي تون خوش ٿي هئينءَ.“ نميءَ معصوميت مان پڇيو. نمي، ناراض ته مان هينئر به نه ٿي آهيان، نه ڌيءُ ڄمڻ جو مون کي ڏک آهي. پٽ ڄمڻ جي مون خواهش ئي ڪٿي ڪئي هئي. مون ته چاهيو پئي ته توهان پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ٿي وڃو. هڪ بئي جي ڏک سک جون ساٿياڻيون. ڀاءُ تي ڪهڙو ڀروسو، خيال رکي به الاءِ جي نه! حياتيءَ تي ڪهڙو اعتبار اڄ آهيان سڀاڻي نه هجان ته پوءِ؟؟“ ”ائين نه چئه امان“. نمي گهٻرائجي وئي. ”نمي، مون هاڻ سمجهيو آ ته منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڇو وهيا هوندا. هن کي اڳواٽ ئي منهنجي قسمت جي خبر پئجي وئي هوندي، نه ته مان ته ستن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هيس.“ نمي جي ماءُ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. ”۽ امان، منهنجي ڄمڻ تي تنهنجي اکين مان ڳوڙها جو وهيا!؟“ نميءَ سواليه نظرن سان ماءُ ڏانهن ڏٺو. ماڻس منجهي پئي، پر پوءِ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين ”نمي، تون جنهن رات ڄائي هئينءَ، ته تنهنجو پيءُ موجود هو ۽ ان توکي ڏٺو هو. پوءِ گهر ڇڏي هليو ويو هو. مون کي پنهنجو ڪو فڪر ڪونه هو پر تو بابت سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيا هئا.“ ”۽ امان، هينئر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو آيا؟؟“ ”نمي، تنهنجي پيءُ توکي ڏٺو هو، پر هن معصوم جو ته پيءُ به موجود ڪونهي. مونکي لڳي پيو ته جيستائين هيءَ سمجهه واري ٿئي مان به نه رهنديس. مان به هاڻي گهڻو وقت جي نه سگهنديس.“ ”ائين نه چئه امان، مون کي ڊپ ٿو لڳي.“ نميءَ جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. هن ماءُ جي هٿ کي ايترو زور سان جهليو ڄڻ هوءَ کانئس هينئر ئي جدا ٿي رهي هجي! نميءَ جي ماءُ مريم، اڃا ننڍي هئي ته پيءُ هڪ حادثي ۾ گذاري ويس. وڏو ڀاءُ ڪمائڻ جي لائق هيس ۽ ماڻس به پاڙي وارن جا ڪپڙا سبندي هئي. ائين گهر جو گاڏو پيو گهلبو هو. مريم جي ماءُ پيءُ جي شادي پسند سان ٿي هئي، تنهنڪري نه ته ڏاڏاڻن مان ڪو ماڻهو وٽن ايندو هو نه ناناڻن مان. پٽ جي مري وڃڻ کان پوءِ مريم جو ڏاڏو وٽن آيو هو ۽ کين پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو هئائين، پر مريم جي ماءُ جواب ڏنو هو ته، مڙس جي هوندي توهان نه قبوليو. هاڻي مان به نه هلندس. مريم جا ناناڻا به آيا هئا پر ماڻس انهن کي به موٽائي ڇڏيو هو، ائين چئي ته، مڙس جي جيئري پنهنجو نه ڪيو، هاڻي مون تي قياس کائي آيا آهيو! پر منهنجا ٻچا منهنجو سهارو آهن. ستن پٽن جي ماءُ آهيان، پناهه مليل اٿم پروردگار جي، جيڪو سڀني کي رزق ڏيندڙ آهي. ستن ڀائرن جي ڀيڻ کي ڀاڳواري سمجهيو ويندو آهي. پر مريم کي نڀاڳو سمجهيو ويندو هو، ڇو جو هن جي ڄمڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ هنن جو پيءُ گذاري ويوهو. وڏو ڀاءُ ته ڪوٺيندو ئي نڀاڳي هيس. باقي ڀائر به گهڻو ڪو نه ڀائيندا هيس. فقط جمال ئي هن کي ڀائيندو هو ۽ ساڻس گڏجي راند به ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن لڪي هن جي لاءِ شيءِ به وٺي ايندو هو. مريم، سمجهه واري ٿي ته محسوس ڪيائين ته سندس ماءُ کي به ساڻس پيار نه هو. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. صبح جو اٿي ٻنهي ڪوٺين کي ٻهاري ڏيندي هئي. اڳنڌ ميڙيندي هئي. ڳئونءَ جا ڇيڻا کڻندي هئي. ٿانوَ ڌوئيندي هئي. ماءُ کي اٽو ڳوهي ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄي وڍي ڏيندي هيس. ڪنهن ڏينهن جي ماڻس ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ويهندي هئي ته به ماڻس سان گڏ ويهندي هئي. هر هڪ ڀاءُ کي ماني ۽ پاڻيءَ جو گلاس کٽ تي رکي ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن، وڏي ڀاءُ جي کٽ تي پاڻيءَ جو گلاس رکندي هن جو هٿ لڏيو ۽ گلاس اونڌو ٿي وڃي پٽ تي ڪريو. پاڻي هارجي ويو ۽ ڀاءُ جي هڪ زوردار چماٽ هن جي ڳل تي لڳي. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويس پر دانهن نه ڪيائين. داد ٿيڻ جو ڪو آسرو به ته ڪونه هيس. مٿان ماءُ به دڙڪا ڏنا هيس ته ڇوري، تنهنجو ڌيان ڪٿي ٿو رهي. صحيح طريقي سان ڪم ئي نه ٿي ڪرين! ڀاءُ جمال هن جو پاسو وٺڻ چاهيو ته وڏي ڀاءُ ان کي دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. رات جو ماءُ کي زور ڏيندي سوچيندي هئي، مان هيترو سارو ڪم ڪريان ٿي، پوءِ به نه امان کي وڻان ٿي، نه ڀائرن کي ڇو!!؟؟ ڏک کان دل ڀرجي ايندي هيس. پر روئي به نه سگهندي هئي. سڀ ڀائر ڪمائڻ لڳا هئا ۽ گهر جون حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. مريم به هاڻي وڏي ٿي وئي هئي. ڀائرن جي گهر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو پاڻ کي وڏي رئي ۾ ويڙهي ڇڏيندي هئي. ھن کي ائين لڳندو هو هن جو وڏو ٿيڻ به ڄڻ ڪو گناهه هجي، جنهن کي هوءَ ڀائرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اوڙي پاڙي جون مايون اينديون هيون ته به هوءَ پنهنجي ڇاتيءَ تي رئو ڏئي ڇڏيندي هئي. رئو مٿي تي نه هوندو هيس ته اوگهڙ جو احساس ٿيندو هيس. هڪڙي ڏينهن مريم ٻڌو، ماڻس پاڙي جي ماسي زليخا کي چئي رهي هئي. ”ادي ڀلو ٿيئي، منهنجي ڇوڪريءَ جو به ڪٿ بلو ڪر. ڪو سکيو ستابو گهر ۽ لائق ڇوڪرو نظر ۾ هجيئي ته مون تي ڪرم ڪجانءِ. مان تنهنجو حق ڪونه رکنديس. سڄي عمر دعائون ڪندي سانءِ.“ اهو ٻڌي مريم سوچيو هو ته ”امان کي منهنجو ڪيترو نه فڪر آهي! ماءُ آهي آخر، مان اجايو پئي سوچيان ته امان کي منهنجو ڪو خيال ڪونهي. ان ڏينهن کان هن خواب ڏسڻ شروع ڪيا. هاڻي هوءَ رات جو ئي نه پر ڏينهن جو به خواب ڏسندي هئي، الاءِ ته ڇاڇا ويٺي سوچيندي هئي، پر گهڻو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به، جڏهن هن جي لاءِ ڪو رشتو نه آيو ته مايوس ٿي هن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا ۽ وري ساڳيءَ ريت بنان خواب ڏسڻ جي ڪم ۾ پنهنجو وقت گذارڻ لڳي. پاڙي ۾ هن جي عمر جيتريون سمورين ڇوڪرين جون شاديون ٿي ويون ته هن جي ماءُ ڏک مان چيو، ”منهنجي ڌيءُ به هجي ها سهڻي ته ڪڏهوڪي مان ان بار کان آجي ٿي چڪي هجان ها!“ ان ڏينهن هن ڄاتو ته سندس بدصورتي ئي اهو ڪارڻ هو جنهن جي ڪري هوءَ ڪنهن کي نه ٿي وڻي. آئينو کڻي ڏٺائين ته پنهنجي صورت ڏسي اکيون ڀرجي آيس. هوءَ رڳي رنگ جي ڪاري ئي نه هئي پر نه هن جو نڪ سٺو هو ۽ نه اکيون. ڪيتري دير تائين آئيني ۾ ڏسندي ۽ پوءِ آئينو هڪ پاسي اڇالائي سڏڪا ڀري روئي ڏنائين. اهو جمعي جو ڏينهن هو، ماڻس کي ٻه ٽن ڏينهن کان بخار هو، هوءَ اندر ڪوٺيءَ ۾ کٽ تي ليٽيل هئي، مريم ٻاهر ٿانوَ پئي ڌوتا ته هڪڙي عورت ٻاهرئين دروازي جو پردو مٿي ڪري اندر داخل ٿي ۽ هن کان پڇاڪيائن، ”جبار جو گهر هيءُ آهي؟؟“ ”ها“ مريم صابڻ وارا هٿ ڌوئيندي جواب ڏنو. اها عورت، آڳر ۾ پيل کٽ تي ويهي رهي. ڪڇ ۾ ڇهن ستن مهينن جو ٻار هيس. هيڏي هوڏي نهارڻ کان پوءِ پڇيائين، ”تون جبار جي ڀيڻ آهين ڇا!؟“ ”ها“، مريم حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهي. ”تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ مان جبار جي زال آهيان، وڃي ٻڌايئين ته ننهن آئي اٿئي.“ مريم جي هٿن مان ٿانوَ ڪري پيا، آلا هٿ رئي سان اگهندي، حيرت مان ان عورت کي ڏسندي هوءَ ڪوٺيءَ اندر آئي ۽ ماءُ کي ان عورت متعلق ٻڌايائين. پهرين ته ماڻس جا به حوصلا خطا ٿي ويا، پر جلد هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ چيائين ته هوءَ ان عورت کي اندر وٺي اچي. پوءِ اها عورت ۽ ماڻس پاڻ ۾ الاءِ ته ڇا ڇا ڳالهائينديون رهيون. رکي رکي سندن تيز آواز مريم جي سماعتن سان ٽڪرايا پئي. پر هن جي همت ئي نه پئي ٿي ته وڃي سموري گفتگو ٻڌي. هوءَ رڌڻي جي در وٽ بيهي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف وچان ڏڪندي رهي. چڱيءَ دير کان پوءِ، ماءُ جو سڏ ٻڌائين ته ڳوڙها اگهي ڪوٺيءَ اندر وئي. ”هيءَ تنهنجي ڀاڄائي آهي، هاڻي هيءَ اسان سان گڏ هتي رهندي.“ ماڻس هن کي ٻڌايو هو ته هوءَ خاموش نظرن سان ڀاڄائيءَ ڏانهن ڏسندي رهجي وئي. ڪڇي هڪڙو لفظ به نه. پوءِ هن کي خبر پئي ته سندس ڀاءُ ٻه سال اڳ لڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي. زال کي مائٽن ۾ ئي رهايو هئائين. تازو هنن جي گهر ۾ جهڳڙو ٿيو هو ۽ هنن پنهنجي ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هوءَ پڇا ڪرائيندي هتي اچي نڪتي هئي. مريم جي ماءُ کي پهرين ته ڪاوڙ اچي وئي هئي پر هڪدم ڪاوڙ تي ڪنٽرو ڪري ورتو هئائين. هوءَ سياڻي عورت هئي، پٽ جي اهڙي قدم تي ڏک به ڏاڍو ٿيو هيس پر ننهن کي نه قبولي هن پٽ کي وڃائڻ نه ٿي گهريو. شام جو جڏهن جبار گهر موٽيو ته زال کي ڏسي گهڙيءَ کن لاءِ گهٻرائجي ويو. جڏهن سڄي صورتحال کان واقف ٿيو ته چيائين، ”چڱو ڪيئي جو هيڏانهن هلي آئينءَ“ هيءُ تنهنجو به گهر آهي. اڳي پوءِ توکي هن ئي گهر ۾ اچڻو هو.“ ڀاڻس کي ان ڳالهه جي ذري به پرواهه ڪانه هئي ته ڪو سندس ان عمل جي ڪري ڪنهن کي ڏک پهتو آهي يا ڪو کانئس ناراض آهي. وڏو هجڻ ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيڪو ڪجهه هن ڪيو آهي، اهو غلط ٿي نه ٿو سگهي. هو پاڻ ڪمائيندڙ آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه چيو ته هو گهر ڇڏي وڃي ڪنهن بئي هنڌ رهندو. اهو هن سوچي ڇڏيو هو، پر سڀ چپ هئا، ڪنهن به ڪجهه نه ڪڇيو. ڪنهن کي به هن کان جدا نه ٿيڻو هو. آخر هو سڀني جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گهر ۾ هڪ ڀاتيءَ جو اضافو ٿي ويو هو ۽ ننڍري ٻار جي ڪري گهر ۾ رونق لڳي پئي هوندي هئي. ڪم ڪار ۾ ڀاڄائي به هنن جو هٿ ونڊائيندي هئي. هوءَ واندڪائيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي ڀائٽيي کي کڻي ويهي ساڻس ڪچهري ڪندي هئي، کيس وهنجاري، ڪپڙا پرائي خوش ٿيندي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن سندس ماءُ گذاري وئي، هوءَ رات جو جيئن ستي ته صبح جو اٿي ئي ڪانه! پنهنجي ماءُ جي کٽ کي ڀاڪر پائي مريم اوڇنگارون ڏئي ڏاڍو رني. هن کي شدت سان احساس ٿيو ته هاڻي هوءَ اڪيلي رهجي وئي هئي، ماڻس جي چاليهي تائين ڀاڄائي سندس گهڻو خيال رکيو، پر پوءِ هوءَ ساڳي نه رهي، هن محسوس ڪيو ته ڀاڄايس هن مان بيزار هئي، هوءَ چاهيندي هئي ته پاڻ سڄو ڏينهن آرام ڪري ۽ مريم سڄي گهر جو ڪم ڪري. ننڍين ننڍين ڳالهين تان وڙهي پوندي هيس، ڇڙٻون ڏيئي ڪڍندي هيس ۽ هوءَ صبر سان پئي سڀ ڪجهه سهندي هئي. نيٺ ڪيترو، هڪ ڏينهن مريم جي صبر جي حد ٿي وئي. ڀاڄائيءَ چيس، ”مئي تومان اچي ڦاٿي آهيان، هجين ها سهڻي ته ڪڏهوڪو پرڻجي وڃين ها ۽ ٻارن ٻچن واري ٿي وڃين ها، پر تو جهڙي ڪاري ڪوجهيءَ کي وٺندو ڪير؟، ساهي کڻي وري شروع ٿي وئي. ”مان ڀانيان ٿي تون سڄي عمر لاءِ منهنجي مقدر ۾ لکجي وئي آهين. تو مان جان ڪانه ڇٽندي.“ اهڙا الفاظ ٻڌي مريم چپ نه رهي سگهي. واتان نڪري ويو هيس ته، ”ڀاڄائي! قدرت واري مون کي جيڪا شڪل ڏني تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! مان پنهنجي ابي امان جي گهر ۾ ٿي رهان. پنهنجن ڀائرن جي سهاري ويٺي آهيان توتي بار ناهيان. منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وٽن رهنديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان!“ ڀاڄايس هن کي ان ڏينهن اهڙي ته مار ڏني هئي جو سنڌ سنڌ سور ۾ وٺجي ويو هيس، پر ڀائرن سان هن ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ننڍي ڀاءُ جمال هن جو لٿل منهن ڏسي، ماءُ جو قسم ڏئي پڇا ڪيس ته هوءَ پاڻ تي ضبط ڪري نه سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئي پئي. جمال کي جڏهن سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته ممڻ مچائي وڌائين. ڀاڄائيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ته وڏو ڀاءُ مڇرجي پيس ۽ نتيجي ۾ سڀ ڀائر پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مريم اواڪا دانهون ڪري گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪين پر ڪنهن به هن جي نه ٿي ٻڌي. ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هوءَ هڪڙي ڪنڊ وٺيو روئي رهي هئي. ڀاڄايس کي به مڙس ٺاهوڪي مار ڏني هئي. اها ننڍڙو ڪڇ ۾ کڻي روئي رهي هئي. پوءِ هن ڀاڄائيءَ کي چوندي ٻڌو. ”هاڻي هانءُ ٺريو هوندس، ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڏانئڻ خوش ٿي آهي!“ ٻئي ڏينهن، سندن وڏو ڀاءُ پنهنجي زال ۽ ٻار وٺي ڌار ٿي ويو. ڪير به کيس روڪي نه سگهيو. سال کان به مٿي عرصو ٿي ويو پر نه هنن ڀاءُ کي ياد ڪيو ۽ نه ئي ڀاءُ هنن جي ڪا خبر چار لڌي. مريم ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي. پوءِ اهو سڄو ڏينهن روئندي گذري ويندو هيس. هن گهڻو چاهيو ته ڀائر شاديون ڪن ۽ پنهنجا گهر وسائين. پر ڪنهن به ڀاءُ هن جو چوڻ ڪونه ڪيو. هر ڪو اهو جواب ڏيندو هئس ته، ڇا تون اهو ٿي چاهين ته ادا وانگر، اسان مان به هر ڪو شادي ڪندو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃي. جڏهن تون پرڻجي ويندينءَ ته پوءِ پاڻهي اسين به پرڻجي پونداسين. مردن لاءِ زالون کوڙ. ائين ڪو نه هو ته ڀائرن کي هن جو فڪر نه هو. هن جي قسمت ئي اهڙي هئي جو ڪو مناسب رشتو آيو ئي ڪونه پئي. ڀائرن کي پاڻ لاءِ پريشان ڏسي، هوءَ پاڻ به گهڻو پريشان ٿي ويندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسواڙ تي هنن وٽ هڪڙو ماڻهو اچي رهيو. هنن مٿيو ڪمرو ان کي ڏئي ڇڏيو. هو نه ته ايترو گهڻو خوبصورت هو ۽ نه بدصورت. پوري ساري شڪل وارو وڏي عمر جو ماڻهو هو. نه ڪنهن سان گهڻو ڳالهائيندو هو ۽ نه ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏيندو هو. گهڻو ڪري هنن جو هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ ئي ڪونه ٿيندو هو. ها، ڪڏهن ڪڏهن هو ٻاهر پيو نڪرندو هو ته مريم ڏسي وٺندي هيس. يا وري شام جو مريم ٻاهر کٽون پئي رکندي هئي ته هو ٻاهران ايندو هو ته ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا هئا ۽ بس هن جو ڪنڌ هميشه جهڪيل هوندو هو. ٻنهي ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو هو. هڪڙي ڏينهن مريم رسيءَ تي ڪپڙا وجهي رهي هئي ته هو ٻاهران آيو ۽ هن جي ڀرسان بيهي تمام آهستي آواز ۾ ڪجھ چيائين: ”تون ڏاڍي سٺي آهين، گهڻن ڏينهن کان مان توکي ڏسي رهيو آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن عمر ۾ تون ايتري سنجيده ڇو آهين! اداس ۽ چپ چپ ڇو آهين؟ تنهنجي عمر چپ رهڻ ۽ اداس نظر اچڻ واري ٿورئي آهي!“ مريم ڏڪي وئي هئي، ڪپڙا اتي ڦٽي ڪري بنان جواب ڏيڻ جي اندر هلي وئي هئي. رات جو جڏهن ان شخص جي باري ۾ سوچيو هئائين ته پنهنجي اندر ۾ خوشيءَ جي لهڙ ڊوڙندي محسوس ڪئي هئائين. پهريون ڀيرو ڪنهن مرد هن کي ساراهيو هو. هن جي دل جي سڪي ويل ٽاري سائي ٿي پئي هئي ۽ ان ۾ ڪيترائي رنگ برنگي گل ڦٽي آيا هئا خواهشن جا. ان ڳالهه کي ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته هڪ ڏينهن وري هو ساڳي طرح اچي هن جي ڀرسان بيٺو ۽ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين، ”مان تنها شخص آهيان، هن دنيا ۾ بنهه هيڪلو ماڻهو ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟ هن ڀيري مريم ڏڪي ڪانه هئي حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهجي وئي هئي. ”سوچي سمجهي مون کي جواب ڏجانءِ، مان انتظار ڪندس.“ ائين چئي هو مٿي هليو ويو. پورو هفتو سوچڻ کان پوءِ مريم هڪ اهم فيصلو ڪري ورتو. هن ڄاتو ٿي ته سندس ڀائر ڪڏهن به ان ڳالهه لاءِ راضي نه ٿيندا ته سندن ڀيڻ جي شادي هڪ اهڙي شخص سان ٿئي جيڪو کانئس عمر ۾ ٻيڻ تي وڏو هجي. جيڪو زندگيءَ کان مايوس، ناڪام شخص هجي. هن، هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ کي اهو چوندي ٻڌي ورتو هو ته، اسان جي مسواڙي به الائي ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، زندگيءَ ۾ ناڪام ٿو لڳي. مون کي ته ڏسندي ئي خوف وٺي ويندو آهي. ڪيڏي نه دهشت آ سندس اکين ۾! هن جا حال ۽ حرڪتون ٻڌائين ٿيون ته، يا ته هو خودڪشي ڪندو يا ڪنهن جو خون! اهو سڀ ياد اچڻ سان مريم سوچي ورتو هو ته هوءَ ان شخص کي خودڪشيءَ کان بچائيندي. ساڻس شادي ڪري هوءَ کيس سنڀالي وٺندي. رڳي اها ڳالهه به نه هئي. هن پنهنجي ڀائرن جا گهر به آباد ڏسڻ چاهيا پئي. خبر هيس ته جيستائين هوءَ هن گهر ۾ هوندي سندس ڀائر شاديون نه ڪندا. اها به خبر هيس ته هن جي لاءِ هاڻي ڪو رشتو اچڻ ناممڪن ئي هو. هن کي ان سمي، ڀاڄائيءَ کي چيل لفظ به ياد پيا هئا. چيو هئائين، منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وتن هونديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان! کن لاءِ ارادو بدلائي ڇڏيو هئائين، پر پوءِ هن کي ڀائرن جو ڀلو ان ۾ نظر آيو هو. موقعو مليس ته هن پنهنجي فيصلي کان ان شخص کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهن رات مريم پنهنجو اباڻو گهر ڇڏيو. هوءَ ڏاڍو رني. گهر جي ڀتين کان به روئي موڪلايائين. پيتيءَ ۾ پيل ماءُ جا ڪپڙا ڪڍي اهي پنهنجي سيني سان لائي سڏڪا ڀري رني. ائين ڄڻ ماءُ کان موڪلائيندي هجي. ڀائرن جو گهر ڇڏي شادي ڪري هوءَ ان شخص سان گڏ رهڻ لڳي. چڱو وقت هو کيس ڀائيندو رهيو ۽ سندس خيال رکندو آيو. پوءِ الائي ڇا ٿي ويس، ڳالهه ڳالهه تي هن سان وڙهڻ لڳو ۽ هن کي مارڻ لڳو. تان جو صفا بدلجي ويو. گهران ڀڄي نڪرڻ جو طعنو ڏيڻ لڳس. هوءَ صبر سان سڀ ڪجهه سهندي رهي، صبر ڪرڻ جي عادت پئجي وئي هيس. شڪايت ڪرڻ ته سکي ئي ڪانه هئائين. سندس مڙس هڪڙي مائيءَ جي چڪر ۾ اچي ويو هو. روز چوندو هيس ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ ٻي شادي ڪندس، پيٽ سان ٿي ته هن اهو چوڻ شروع ڪيو، جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ پٽ ڄائو ته هن عورت کي ڇڏي ڏيندس. جنهن رات نمي ڄائي ان رات هو موجود هو. هن جي کٽ ڀرسان بيهي هڪ نظر ڌيءُ تي وجهي، ڪروڌ مان هن ڏانهس ڏسندي چيو هئائين، چيو هو مانءِ ته ڌيءُ ڄڻيندينءَ ته مان توکي ڇڏي ڏيندس. مان وڃان پيو ۽ هي گهر توکي ڏيو ٿو وڃان ته جيئن دربدر ٿيڻ کان بچي وڃين.“ ائين چئي هو هليو ويو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ، هڪ ڏينهن هڪڙو طلاق جا ڪاغذ هن کي در وٽ ڏئي هليو ويو. ان ڏينهن ننڍڙي نميءَ کي ڀاڪر پائي هوءَ ڏاڍو رني هئي ۽ کيس ڀاءُ جا چيل، ان شخص بابت الفاظ ياد آيا هئا ته، ”مون کي لڳي ٿو، يا ته هيءُ خودڪشي ڪندو يا وري ڪنهن جو خون.“ هن جي واتان نڪري ويو هو، ”تون سچو هئين ڀائڙا، تو صحيح سڃاتو هيس. مون کان ئي غلطي ٿي وئي. خودڪشيءَ کان ته مون هن کي بچائي ورتو، پر هو منهنجن جذبن ۽ احساسن جو خون ڪري منهنجي زندگي برباد ڪري ويو!“ سبڻ ڀرڻ جو ڪم ڪري هوءَ پنهنجو پيٽ ۽ نميءَ کي پالڻ لڳي، پر جيئن جيئن نمي وڏي ٿيندي وئي، ضرورتون به وڌنديون ويون. لاچار ٿي هن هڪڙي گهر ۾ ٿانوَ ٻهاري وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. نمي اسڪول وڃڻ لڳي، هوءَ نميءَ کي تيار ڪري اسڪول اماڻي پوءِ پاڻ ڪم تي هلي ويندي هئي ۽ واپسيءَ تي نميءَ کي پاڻ سان گڏ وٺيو ايندي هئي. هڪڙي ڏينهن نمي جيئن ئي اسڪول کان موٽي ته بيحد اداس هئي، پڇڻ تي بيحد معصوميت ما چيائين، ”امان، سڀني ڇوڪرين جا پيءُ آهن، سڀ مون سان انهن جون ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ مون کان به پڇنديون آهن پر مان انهن سان ڪنهن جون ڳالهيون ڪريان؟ منهنجو ته ڪو به پيءُ ڪونهي!“ ”نه نمي، ائين نه چئه، تنهنجو به بابا آهي“ هن ٻڌايس. ”هو، اسان جي لاءِ ڪمائڻ ويو آهي. جڏهن هن وٽ کوڙ سارا پئسا ٿي ويندا ته هو کوڙ ساريون شيون وٺي واپس ايندو. اهو ٻڌي نمي خوش ٿي وئي هئي. هوءَ، جنهن گهر ۾ ڪم ڪندي هئي اتي فقط زال مڙس رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو هڪ مائٽ به وٽن اچي رهندو هو. جڏهن به اهو ايندو هو ته هن کي ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. اهو ماڻهو، هن ڏانهن تڪيندو رهندو هو ۽ هن کي گهٻراهٽ محسوس ٿيندي هئي. نوڪرياڻي هئي ڪجهه ڪڇي ڪانه سگهندي هئي. باقي ان شخص جو ائين گهوري گهوري ڏسڻ اصل نه وڻندو هئيس. اها ستاويهين رجب جي ڀلاري رات هئي. نميءَ آڳر ۾ راند ويٺي ڪئي. هن رڌڻي ۾ ڪم پئي ڪيو ته نميءَ جون خوشيءَ سان ڀرپور رڙيون ٻڌائين، ”بابا اچي ويو، منهنجو بابا اچي ويو.“ هوءَ هڪدم رڌڻي مان ٻاهر نڪري آئي. ڏٺائين ته آڳر ۾ اهو ساڳيو شخص بيٺو هو، ٻنهي هٿن ۾ شامان سان ڀريل ٿيلهيون هيس، جن مان بسڪيٽن جا پڙا نظر پئي آيا. نمي، ان شخص جي ٽنگن سان چنبڙي پئي هئي. هن سمجهيو هو ته سندس پيءُ اچي ويو. ماءُ تي نظر پوندي ئي خوشيءَ مان چوڻ لڳي، ”امان!، ڏس بابا اچي ويو آهي!“ هن چاهيو ته نميءَ جي اها غلط فهمي دور ڪري، پر ان شخص موقعو ئي نه ڏنس ۽ نميءَ کي پڪ ٿي وئي ته اهوئي سندس پيءُ آهي. ان ڏينهن کان پوءِ نمي هر روز ماءُ کان پڇندي هئي ته بابا ڪڏهن ايندو!؟ ماڻس هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ٻڌائي نٽائي ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن نميءَ ڏاڍو ضد ڪيو ته تنگ ٿي ماڻس چماٽ وهائي ڪڍيس ۽ نمي کي تيز بخار ٿي پيو. غشيءَ ۾ به هوءَ پيءُ کي سڏي رهي هئي. ماڻس لڙڪ هاريندي رهي. نميءَ جي بخار سبب هوءَ ٻه ڏينهن ڪم تي نه وئي ته ٽئين ڏينهن تي اهو ماڻهو پاڻ اچي نڪتو. نميءَ کي ايترو بخار ڏسي هو به پريشان ٿي ويو هو. نمي بخار مان اٿي ته ماڻس ريجهائي کيس پيار مان سمجهائڻ چاهيو، ”ڏس نمي! تون سٺي ۽ ڏاهي ڇوڪري آهين نه. هو تنهنجو بابا ڪونهي، پرائو ماڻهو آهي. تنهنجو بابا اچڻ وارو آهي.“ پر نمي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن وٽن ايندو هو ۽ نميءَ جي خوشيءَ خاطر هو کيس اچڻ کان روڪي به نه سهگندي هئي. چڱو عرصو ائين گذري ويو. نمي! هاڻي ڪجهه وڏي ٿي وئي هئي. نه گهڻو ضد ڪندي هئي ۽ نه ئي ماءُ کي تنگ ڪندي هئي. هاڻي هوءَ اهو به سمجهي وئي هئي ته اهو شخص هن جو بابا نه آهي، پر پوءِ به نميءَ جي ان شخص سان دل ٿي وئي هئي، هو، کيس گهڻو ڀائيندو جو هو! اوچتو ئي اوچتو ان شخص جو اچڻ بند ٿي ويو. نميءَ گهڻو انتظار ڪيو، پر جڏهن گهڻا ڏينهن گذري ويا ته هن ماءُ کان پڇا ڪئي. ان ٻڌايس، ”نمي! پاڙي وارا اعتراض ٿا ڪن ته هو توهان جو ڇا ٿئي، جو توهان جي گهر ۾ ٿو اچي!“ ”امان هو اسان وٽ ٿو اچي، ماڻهن جي گهر ۾ ته ڪونه ٿو وڃي، جو ماڻهو ائين ٿا چون“ نميءَ معصوميت مان چيو. نمي، تون ننڍڙي آهين، نه سمجهندينءَ اها ڳالهه، هيءُ سماج نيت جي سچائيءَ کي نه ڏسندو آهي، هتي خلوص جو ڪو به قدر ڪونهي. فقط رشتن کي اهميت آهي ۽ هو، اسان جو رشتي ۾ ڪجهه به ناهي.“ ماءُ جي ائين چوڻ تي نميءَ ڏک مان چيو. ”امان ڇا هاڻي هو ڪڏهن به اسان جي گهر نه ايندو.!!؟“ نميءَ کي ايترو مايوس ڏسي ماءُ چيو، ”هو ضرور ايندو، تون گهٻراءِ نه نمي، هن کي اسان جي گهر اچڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.“ (هلندڙ) ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا به ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي نسرين طاهر وفائي گهريلو ڏس بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن. جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو. مڇرن، مکين ۽ ٻين جيتن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ لوبان جو دونهون ڏيو. روزانو صبح جو خالي پيٽ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جي عادت وجهجي ته ڪڏهن به قبض جي شڪايت نه ٿيندي. ليمي جي رس استعمال ڪرڻ وقت خيال رکجي ته ان جو ٻج پيٽ ۾ نه وڃي. نه ته پيٽ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪوشش ڪجي ته برف جو پاڻي گهڻو نه پيئجي، برف جو پاڻي وقتي طور ته اڃ ختم ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اڃ کي وڌائي ٿو ۽ معدي ۽ ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ زڪام جو سبب بڻجي ٿو. ڏاڙهون کائڻ يرقان، دل جي ڌڙڪي، سيني جي سور، کنگهه ۽ خارش جي بيمارين ۾ مفيد آهي. پيچش کي روڪڻ لاءِ اسپنگر جي دهي پيئڻ مفيد آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ”پائيريا“ جي شڪايت هجي ته ڪنهن بازاري دوا استعمال ڪرڻ بجاءِ، سرنهن جو تيل، لاهوري لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي، ڏندن تي ملڻ سان پائيريا جي شڪايت ختم ٿي ويندي. غلطيءَ سان جيڪڏهن ڪنهن شيشي جا سنها سنها ذرا کائي وڌا هجن ته ان کي تمام گهڻا ڪيلا کارايو، شيشي جا ذرا نڪري ويندا.
رياض: ”دوستي ۾ romance به شامل هوندو آهي.“
رابيل: ”ته ڇا توهان ڪنهن سان به شادي نه ڪندا؟“
رياض: ”بلڪل ڪندس ڇو نه ڪندس.“
رابيل: ”ته پوءِ آخر مونسان ئي ڇو نه؟ توهان ئي ته چيو آهي ته توهان کي مون سان محبت به آهي.“
رياض: اهڙيون محبتون ۽ دوستيون ته اسان جهڙا مرد ڪندا ئي رهندا آهن. باقي شادي مون کي ڪنهن سادي سودي ۽ گهريلو ڇوڪريءَ سان ڪرڻي آهي. ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان نه جنهن جو تعلق ميڊيا جي ڪنهن شعبي سان هجي نه ئي فن و ادب سان ڇو ته منهنجي زال کي فقط منهنجو هئڻ گهرجي. اها پبلڪ پراپرٽي نه هجي.“
رابيل: ”توهان جي خيال ۾ اهي مرد بيوقوف هوندا آهن جيڪي نه فقط اهڙين ڇوڪرين سان شادي ڪندا آهن پر سٺي گهرو زندگي به گذاريندا آهن.
رياض: ”هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف هوندو آهي مون ۾ ايترو ظرف نه آهي.“
رابيل: ”واقعي....... اهو ته اڄ مون ڏسي ئي ورتو آهي. ته توهان ڪيڏا، ڪم ظرف انسان آهيو. آءٌ توهان لاءِ فقط وقت گذاري جي ساٿياڻي ۽ ڪو رانديڪو آهيان ۽ منهنجا ڪي جذبا ناهن. مون اهو سمجهيو هو ته توهان مون ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ اڳتي مون کي پرپوز ڪندا تڏهن ئي اڄ مون توهان سان کلئي نموني ڳالهايو آهي نه ته جيڪر آءٌ ڪڏهن به ائين نه ڪريان ها. توهان منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي.“
رياض: ”ڪم آن يار! تون به عام ڇوڪرين وانگر نڪتئين مون ته سمجهيو هو ته تون آرٽسٽ آهين. وڏي دل واري هوندينءَ، پر تون به سطحي ذهنيت واري نڪتئينءَ. بهرحال پوءِ به آءٌ توکي پنهنجي دوست سمجهندس.“
رابيل: ”شٽ اپ! مون کي تو جهڙن مردن جي دوستيءَ جي نه ته ضرورت آهي ۽ نه ئي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پوندي.“
رياض هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو طنز ۽ حقارت سان ڀرپور رابيل کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن کيس انتهائي بلنديءَ تان هيٺ پستين ۾ ڌڪو ڏنو هجي. هوءَ گهر اچي پنهنجي ڪمري ۾ مٿو جهلي ويهي رهي. سندس دماغ جي اندر ڄڻ گهوگهاٽ ۽ سوساٽ ٿي رهيا هئا. ۽ ڄڻ ڪنن سندس دماغ کي جڪڙي رکيو هجي. هن سوچيو ته ڇا هي اهوئي رياض هو جنهن جا ڊراما ڏسي هوءَ سوچيندي هئي ته هو انتهائي نرم دل، عورت جو احترام ڪندڙ ۽ حساس شخص هوندو. سندس تحريرن ۽ سندس شخصيت ۾ ڪيڏو نه تضاد هو. کيس هن سان محبت هئي نه ئي دلچسپي پر رياض جي رويي کيس اهو محسوس ڪرايو هو ته هو سندس ذات ۾ بي انتها دلچسپي رکندو هو تڏهن ئي هن رياض تي اعتماد ڪندي ايڏو قدم کنيوهو. هن سوچيو:
”ڪهڙي ڪمي آهي مون ۾؟ جاهل ناهيان، بدصورت ناهيان، بدڪردار ناهيان..... بي سليقه ناهيان.... مون وٽ ته انتهائي پيار ڀري دل آهي. نازڪ جذبا آهن. خوبصورت خواب آهن پنهنجي ننڍڙي گهر کي ٺاهڻ جا، سجائڻ جا........ پوءِ .... پوءِ ..... مون کي ڇو ٺڪرايو ويو... هڪ ڇوڪريءَ کي ڇو ايڏو رسوا ڪيو ويو...... اف منهنجا خدا! ڇا آءٌ سڄي عمر اها ذلت وساري سگهنديس... نه ڪڏهن به... نه....“
هوءَ بي اختيار اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي..... ۽ ... پوءِ بي اختيار جنوني نموني اٿي سندس ٺاهيل تصويرون کڻي پٽ تي اڇلائڻ لڳي. پوءِ کيس مليل سرٽيفڪيٽ، ميڊل، ٽرافيون ۽ فوٽو کڻي اڇلائڻ، ڦاڙڻ ۽ ٽوڙڻ لڳي.
نه کپن مونکي اهي!.... ناهن منهنجي ڪم جا!....... آءٌ خراب آهيان.... بدڪردار آهيان.... مون کي ڪوئي قبول نه ڪندو.... نه کپن مونکي هي.....“
سندس گوڙ شور تي سندس ماءُ ۽ ڀاڄايون ڊوڙنديون آيون ۽ پوءِ کيس سندس ڀاڄاين نهايت مشڪل سان قابو ڪيو. ايستائين هوءَ روئندي دانهون ڪندي بيهوش ٿي ڪري پئي. ڊاڪٽر کي گهرايو ويو جنهن ٻڌايو ته کيس ڪو شديد ذهني صدمو رسيو هو ۽ پوءِ کيس سڪون جي انجيڪشن هڻي هليو ويو. ائين ڪجهه ڏينهن سندس طبيعت شديد خراب رهي. ماءُ ۽ ڀاڄاين گهڻوئي پڇيس پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو ڪنهن کي پنهنجا دل جا گهاءَ ڏيکاري ها؟..... ڪير سندس ڳالهه سمجهي ها.....!؟ ڪير سندس درد کي محسوس ڪري ها! هوءَ اندر ئي اندر پڄرندي رهي. ٻرندي رهي.... ۽..... پوءِ... ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ماءُ جي زور ڀرڻ تي سندس ماءُ جي پسند تي آصف سان شادي ڪري ڇڏي. اتان کان وري عذابن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. رياض واري تجربي کان پوءِ سندس دل هونئن ئي ايڏي ٽٽي پئي هئي سندس اعتبار آرٽسٽ ۽ انٽليڪيچوئل طبقي مان هونئن ئي کڄي چڪو هو انڪري هن پنهنجي سوشل لائيف شادي کان پوءِ ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ سندس گهرئي سڀڪجهه هو پر آصف به انهن مردن مان نڪتو جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ٿري پيس سوٽ پائي، انگريزي ڳاهائي، اعليٰ سوسائٽيءَ جو سمبل بڻيل ڪنهن ڪلب جا ميمبر ٿي بظاهر ماڊرن ۽ کليل ذهن جا لڳندا آهن پر اندران هو اهوئي روايتي سوچ رکندڙ عام مرد هوندا آهن جيڪي ڪنهن اهڙي عورت کي قبول ناهن ڪندا جنهن جي پنهنجي هڪ ڀرپور شخصيت هجي، سڃاڻپ هجي يا سماج ۾ ڪا اهم حيثيت هجي، جڏهن ته رابيل سڀ ڪجه ڇڏي ڏنو هو ۽ اهوئي سمجهيو هو ته واقعي عورت جو اصل مقام هن جو گهر ئي هوندو آهي سوشل سرڪل نه. هن پنهنجي گهر کي تمام خوبصورت نموني سجايو هو جو هرڪو سندس جي سگهڙائپ جي تعريف ڪندو هو. هوءَ آرٽسٽ ته هئي انڪري گهرجي هر هڪ شيءِ ۾ نفاست ۽ آرٽسٽڪ مزاج جو عڪس ظاهر هوندو هو. هن رڌڻو به سنڀاليو ۽ گهر جون سڀ ذميواريون سهڻي ريت کنيون پر پوءِ به آصف هن مان خوش نه هون ڇو ته سڀ ڪجهه ڇڏڻ جي باوجود به سندس سڃاڻپ ته سوسائٽيءَ ۾ هئي....... ۽ .... اها ڳالهه آصف کي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن هوءَ آصف سان گڏ ٿي ٻاهر نڪرندي هئي ته ماڻهو کيس سڃاڻي هن کان آٽوگراف وٺندا هئا يا هن سان ڳالهائيندا هئا ۽ آصف جو تعارف سندس حوالي سان ڪرايو ويندو هو. ته هن جو موڊ خراب ٿي پوندو هو ۽ پوءِ اهڙين ڳالهين تي هو گهر اچي هن سان جهيڙو ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو کيس چوندو هو ته ماڻهو رابيل بابت مختلف ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا ته رابيل کيس سمجهائيندي هئي:
”آصف، توکي مون تي اعتبار هئڻ گهرجي ڇو ته پنهنجو رشتو ته سڀني رشتن کان وڌيڪ ويجهو آهي. آءٌ پنهنجي سموري شخصيت سميت تنهنجي سامهون آهيان پر توکي مون تي نه پر فقط ڪجهه گندي ذهنيت رکندڙ ماڻهن کان ٻڌل ڳالهين تي اعتبار آهي. آءٌ ته آرٽسٽ آهيان public figure رهي آهيان. پر ماڻهو ته يونيورسٽي ويندڙ، ڪاليج ۾ پڙهندڙ، نوڪري ڪندڙ ته ڇا پر گهرن ۾ هڪ هنڌ ويٺل ڇوڪرين کي ئي نه بخشيندا آهن. “
رابيل شاديءَ کان اڳ ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر طور appoint ٿي چڪي هئي. آصف کي سندس جاب ڪرڻ تي به اعتراض هو پر هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ نوڪري ان لاءِ اهم هئي ته رياض واري تجربي کان پوءِ هن جو ذري گهٽ نروس بريڪ ڊائون ٿي چڪو هو تڏهن سندس پيءُ جي دوست ۽ شهر جي سڀني کان وڏي نفسياتي ۽ ذهني ڊاڪٽر احسن کيس دل کي وندرائڻ خاطر اها جاب ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ شاديءَ کان پوءِ به ڊاڪٽر احسن کيس سمجهايو هو ته هوءَ جيڪڏهن ائين سڀ ڪجهه ڇڏي گهر ۾ ويهي رهندي ته وري نفسياتي ۽ ذهني طور بيمار ٿي پوندي. ان ڪري کيس جاب ڇڏڻ نه گهرجي. پر آصف هن سان روز ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ڪندو هو. ائين هوءَ پنهنجي ڪردار بابت صفايون پيش ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي. هوءَ ايڏي ته ذهني اذيت ۾ هوندي هئي جو سندس تخليقي ذهن ته الائي ڪيڏانهن ويو هو. هن مصوري ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني پر ڪڏهن اتفاق سان ڪا تصوير ٺاهڻ ويهندي هئي ته آصف جو موڊ خراب ٿي ويندو هو. رابيل کي ائين محسوس ٿيندو هو ته کيس اهڙي سزا ملي هئي جنهن نه کيس جيئڻ ٿي ڏنو ۽ نه ئي مرڻ ٿي ڏنو. سندس ماءُ سندس تڪليفن کي ڏسي اڃا به دکي ٿي ٿي وئي ۽ کيس احساس ٿيو ته هن جي غلط سوچ سبب ئي رابيل کي اهو سڀ ڪجهه سهڻو پئي پيو. ۽ پوءِ جڏهن شان پيدا ٿيو ته رابيل کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خوشگوار تبديلي محسوس ٿي. هن سوچيو هو ته شايد اولاد کان پوءِ آصف جي رويي ۾ ڪا تبديلي ايندي پر هو ته عجيب ذهني مريض ۽ جنوني شخص هو. گهر ۾ جهيڙا ڪنهن سبب جي ڪري ٿيندا آهن پر هو ته بنان سبب ئي لفظن جي تيرن ۽ تلوارن سان رابيل جي پيار ڀري ۽ نازڪ دل کي گهائي وجهندو هو ڇو ته هو انتهائي شڪي مزاج، تنگ نظر ۽ احساس ڪمتريءَ جو ماريل شخص هو جنهن سبب هو معمولي ڳالهين کي مسئلو بڻائي جهيڙا ڪندو هو. هن کي رابيل جي فون ڪرڻ تي به عجيب شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿيندا هئا. رابيل جو نوڪري ڪرڻ، ڊرائيونگ ڪرڻ تصويرون ٺاهڻ مطلب ته هر ڳالهه تي کيس اعتراض هوندو هو..... ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. آصف رابيل جي ڪردار تي حملو ڪري هڪ اهڙو ته گندو ۽ ڪريل سوچ وارو الزام هنيو جو رابيل جو دماغ ڄڻ صفا سن ٿي ويو. نفسياتي مريضه ته هوءَ ان گهٽيل ماحول ۾ هونئن ئي ٿي چڪي هئي پر هاڻي ته حد ٿي وئي هئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ سندس گهران ڪار ڪڍي ماءُ ڏانهن رواني ٿي پر سندس دل ۽ دماغ ۾ آنڌ مانڌ متل هئي ۽ لڙڪ لارون ڪري باربار وهڻ ڪري ڄڻ سندس اکين اڳيان بار بار پردو اچي ٿي ويو. ائين پوءِ تيزيءَ سان هڪ موڙ ڪاٽيندي اوچتو پوءِ هڪ ٻي تيز رفتار ڪار کان بچڻ خاطر هن اسٽيئرنگ کي ٻئي پاسي موڙيو ته ڪار هن کان بي قابو ٿي ڀر ۾ هڪ ديوار سان زوردار نموني ٽڪرائجي وئي ۽ۡ هوءَ شديد زخمي ٿي پئي ۽ پوءِ هوءَ ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ زير علاج رهي ۽ هوش حواس ۾ نه هئي. هوءَ بچي ته وئي، پر کيس ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويا. جسماني طور تي ته هوءَ ٺيڪ هئي پر هوءَ جڏهن دنيا جي نظرن ۾ هوش حواس ۾ آئي ته سندس حواسن تي وڄ ڪيرائڻ لاءِ به هڪ خبر موجود هئي ته ان عرصي دوران آصف کيس طلاق نامو موڪلي ۽ پاڻ شان سميت ڪيڏانهن وڃي چڪو هو. سندس ماءُ هن کي پنهنجي گهر وٺي آئي هئي. ان دوران هن جا ڀائر به پنهنجن گهرن ۾ سيٽل ٿي ويا هئا. هن جي ماءُ سندس حالت تي ويتر دکي ٿي اڳي کان به گهڻو بيمار ٿي پئي. هنن مهينن تائين آصف ۽ شان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪجهه به خبر نه پئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس ماءُ کي به هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ هوءَ به گذاري وئي ۽ سندس خواهش ۽ وصيت مطابق جنهن گهر ۾ رابيل پنهنجي سموري حياتي گذاري هئي. شادي شده زندگيءَ جو ڪجهه عرصو ڇڏي. اهو رابيل کي مليو ۽ هوءَ سندس نالي ڪترو ئي بئنڪ بئلنس پڻ ڇڏي وئي. تڏهن رابيل روئي پئي ۽ سوچيائين ته ڇا فقط ڀتين ڇتين سان به گهر نه ٺهندا آهن. گهرن جون رونقون ۽ خوشيون ته گهر جي فردن سان هونديون آهن. پر هاڻي هن گهر ۾ نه ته سندس پيءُ هو ۽ نه ماءُ نه ڀائر هئا ۽ نه ڀيڻون. فقط هوءَ هئي. سندس بيوه ماسي هئي ۽ کيس پاليندڙ بابا پيرو هو. هن سوچيو ته ڇا پئسي سان هو اهي خوشيون خريد ڪري ٿي سگهي. اهي ٽهڪ، اهي رانديون، اهي شرارتون، اهي مرڪون، اهي رونقون ۽ اهي رشتا جيڪي ڪڏهن هن گهر جي اڱڻ تي هوندا هئا...... ڪجهه عرصو اڳ کيس اها به خبر پئي ته آصف هاڻي آمريڪا ۾ هو ۽ شايد نيويارڪ ۾. هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ تڙپندي هئي. روئندي هئي پر سندس وس ۾ ڪجهه به ته نه هو.
فيضان رابيل جي ماضيءَ جو احوال ٻڌي سچ پچ ته انتهائي دکي ٿي پيو ۽ پوءِ کيس چيائين:
”رابيل! آءٌ توهان جي ڏک ۽ اذيت کي دل جي گهرائين سان محسوس ڪري سگهان ٿو پر هاڻي اهو به سوچيو ته جيڪو ٿيو سو ته ٿي چڪو پر هاڻي توهانکي پنهنجي لاءِ ڪو مثبت رستو ڳولهڻو آهي. توهان محض پنهنجي ذاتي ڏک ۾ مبتلا ٿي ٻين جي ڏکن ۽ تڪليفن کي وساري ويٺيون آهيو. بحيثيت آرٽسٽ توهان کي صرف پنهنجائي نه پر ٻين جا ڏک به محسوس ڪرڻا آهن. پنهنجي ذات جي خول مان نڪري ڏسو ته توهان جي آس پاس ڪيڏا ماڻهو ڪهڙن ڪهڙن ڏکن ۾ مبتلا آهن. ڪيترين تڪليفن کي منهن پيا ڏين ۽ ڪيتري اذيت ڀري زندگي پيا گذارين. توهان کي انهن لاءِ به ڪجهه ڪرڻو آهي.“
رابيل: ”آءٌ انهن لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“
فيضان: ”توهان ئي ته انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگھو ٿيون. خدا توهان کي تخليقي ذهن ۽ هڪ سگهاري ڏات ڏني آهي ۽ هر ڪنهن کي پروردگار اهڙي خوبين سان به نوازيندو آهي. ان مان توهان اهو نٿا سمجهو ته قدرت توهان کان ڪو خاص ڪم وٺڻ ڇاهي ٿي؟“
رابيل: ”ڇا مطلب؟....... آءٌ ڇاتي ڪرين سگهان آخر؟“
فيضان: ”توهان هڪ ڀيرو پنهنجي ذات جي خول مان ٻاهر اچو ۽ ڏسو ته سهي ته اسان جي آس پاس ئي ڪيڏا ڏک آهن؟ غربت آهي، افلاس آهي ظلم آهي جبر آهي، نا انصافيون آهن غلط ريتون ۽ رسمون آهن. انسانن تي انسانن جا ئي ڪيل اذيت ناڪ ظلم آهن. فلسطين ۽ عراق جي ماڻهن جي اذيت ڏسو ڪشمير جي ماڻهن جي ڏکن کي ڏسو.... جتي ڪٿي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم آهن بربريت آهي اخبارن ۽ ٽي وي تي هر روز شهيد ٿيندڙن جا لاش ڏسو، يتيم ٿيندڙ ٻارن ۽ بيوه ٿيندڙ عورتن جي ڪرب کي محسوس ڪريو. هڪ پاسي انهي ڪرب کي پنهنجي برش جي جنبش سان پينٽ ڪري ماڻهن جي ضمير کي جهنجهوڙيو ۽ ٻئي پاسي دکي انسانن جي درد کي گهٽائڻو آهي. ماڻهن کي ڪا مثبت سوچ ڏيو. اسان ۽ توهان ته الاهي طاقتور انسان آهيون اسان وٽ سوچ آهي، ذهن آهي ۽ ڏات آهي ۽ هاڻي اسان کي برش ۽ قلم جي حرمت رکڻي آهي. اچو ته گڏجي ظلم جي خلاف آواز اٿاريون ۽ ڏکويل انسانيت جي عملي طرح به خدمت ڪريون ڇو ته ماڻهن جي دلين ۾ ئي رب رهي ٿو. انهن ماڻهن جي خدمت وسيلي ئي پروردگار جي ويجهڙائي نصيب ٿيندي. ۽ اهائي دل ۽ روح جي سڪون جي واٽ آهي.“
رابيل: ”پر..... آءٌ پاڻ کي ئي نٿي سنڀالي سگهان دنيا کي جو مقابلو نٿي ڪري سگهان ته ڪنهن ٻئي لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهان؟“
فيضان: ”غلط آهي توهان جي سوچ دراصل توهان محروميت جو شڪار ٿي ويون آهيو. توهان هر ڳالهه جو فقط اونداهو پهلو ڏسو ٿيون.. روشن پهلوءَ ڏانهن ڏسو ئي نٿيون. فطري نظارن کي ڏسو. انهن جي سونهن کي محسوس ڪريو. انهن کي پينٽ ڪريو. آسمان ۽ سمنڊ جي وسعتن کي ڪئنوس تي لاهيو، گلن، وڻن، بوٽن، پوپٽن، حسين چهرن ۽ مرڪندڙ ٻارن کي پينٽ ڪريو. تڏهن انهن سمورين تصويرن کي پينٽ ڪندي، توهان پاڻ ۾ هڪ مثبت تبديلي ايندي محسوس ڪنديون ۽ اها خوشگوار تبديلي توهان ۾ اعتماد پيدا ڪندي. واعدو ڪريو ته منهنجن انهن مشورن تي عمل ڪنديون ۽ پاڻ کي بدلائينديون.“
رابيل: ” ڪوشش ڪنديس.“
فيضان: ”۽ عيد جي هنن ڏينهن کي ائين برباد نه ڪنديون ۽ روئنديون نه.“
رابيل: ”هون.“
فيضان: ۽ جڏهن به مايوس يا پريشان ٿيو، اداس ٿيو پاڻ کي بيچين محسوس ڪريو ته مون سان ڳالهائجو. آءٌ توهان کي پورو ٽائيم ڏيندس.“
رابيل: ”هون.“
فيضان: ”واعدو؟“
رابيل: ”ها“
فيضان: ”۽ ..... ها.... پنهنجو خيال رکجو.“ فيضان موڪلائي فون بند ڪئي، رابيل به فون رکڻ بعد پنهنجي دل کي هلڪو محسوس ڪيو۽ ڄڻ دل ۽ دماغ تان بار لهي ويو هجيس.
ائين پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ رابيل ۽ فيضان هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندا ويا. رابيل جا ڪن هر روز ٽيليفون جي رنگ ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا ۽ فيضان به هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪرڻ لڳو. اهڙي ريت هڪ رات فيضان ڳالهائي رهيو هو. هميشه جيان پهرين هن پنهنجو تعارف ڪرائڻ خاطر چيو:
”هيلو رابيل! آءٌ.....“ رابيل سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو:
”جي! مون کي خبر آهي..... توهان فيضان پيا ڳالهايو.“
تڏهن فيضان ٽهڪ ڏيندي چيوهو: ”ان جو مطلب ته هاڻي اڳتي مون کي تعارف ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي آواز سڃاڻڻ لڳيون آهيو.“
رابيل: ”مون جڏهن عيد جي ٻئي ڏينهن توهان کي فون ڪئي هئي ته فقط ”هيلو“ چئي فون بند ڪئي هئي تڏهن توهان منهنجي ڳالهايل هڪ لفظ مان ئي منهنجو آواز سڃاڻي رنگ بيڪ ڪري سگهو ٿا ته ڇا آءٌ توهان جو آواز نه سڃاڻنديس؟“
فيضان: ”ٻيو ٻڌايو، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي.“
رابيل: ”ڪافي حد تائين بهتر آهي.“
فيضان: ”منهنجو مشوري تي عمل ڪيو توهان؟“
رابيل: ”ها.“
فيضان: ”ڪيئن ڀلا؟“
رابيل: ”مون الاهي عرصي کان پوءِ ڪجهه نيون تصويرون ٺاهيون آهن.“
فيضان: ”تمام سٺو! پر اسان کي به ته ڏيکاريو نه!!
اسين به ته توهان جي فن جي قدردانن ۾ شامل آهيون.“
رابيل: ”ڏيکارينديس ڪڏهن. هن وقت به هڪ تصوير پينٽ ڪري رهي هئس.“
فيضان: ”پوءِ ته توهان کي بلڪل به ڊسٽرب نه ڪبو توهان وڃي تصوير مڪمل ڪريو. آءٌ وري ڪڏهن فون ڪندس! With you best of luck “
رابيل به مرڪي ۽ موڪلائي فون بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ مصوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي.
ڪجهه ڏينهن بعد هڪ رات هن ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ رڌڻي ۾ برياني پئي ٺاهي ته فيضان جي فون آئي هئي هن پڇيو:
”ڪهڙا حال آهن؟“
رابيل: ”ٺيڪ آهن.“
فيضان: ڇا پيا ڪريو؟“
رابيل: ”ڊنر جي تياري.“
فيضان: ”پوءِ ته شايد آءٌ توهان کي ڊسٽرب پيو ڪريان.“
رابيل: ”نه.... نه.... ڪم ته ختم ٿي چڪو هو. مون کي ته خود توهان سان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي هئي.“
فيضان: ”ڪهڙي ڳالهه؟“
رابيل: ”فيضان! پنهنجي پهرين ملاقات به عجيب طرح سان ٿي هئي اسان کي هڪٻئي سان ملندي به ٻن سالن کان مٿي عرصو پيو ٿئي پر... اڄ ڏينهن تائين توهان جو رويو ڪجهه واضح نه ٿي سگهيو آهي.“
فيضان: ”ڇا مطلب؟“
رابيل: ”مطلب ته پهرين ملاقات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ توهان جي ڳالهين ۽ رويي ۾ ڪو خاص احساس محسوس ڪندي رهي آهيان.“
فيضان: ”ڇا مون ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا توهان کي اڻوڻندڙ لڳي هجي؟ ڇا مون اڄ تائين اهو سڀ ڪجهه چيو آهي جيڪي نوانوي(99) سيڪڙو مرد عورتن کي چوندا آهن؟“
رابيل: ”ٺيڪ آهي. چيو ته ڪجهه به ڪونهي پر محسوس ضرور ڪرايو آهي، اڄ توهان کي اهو تعلق يا احساس واضح ڪرڻو ئي پوندو ته ڇو آخر توهان هر ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪريو ٿا؟ توهان آخر مون کان ڇا ٿا چاهيو؟“
فيضان: ”رابيل! ان تعلق کي آءٌ دوستيءَ .......(هلندڙ)
شبانه سنڌي
جيون_ هٿ، درد ريکائون
”فجر جي ٻانگ آئي ته ان سان گڏ ئي ننڍي ٻار جي روئڻ جو آواز اڀريو. نمي، جيڪا رڌڻي ۾ ويهي ماءُ جي لاءِ دعائون گهري رهي هئي سا هڪدم اٿي بيٺي ۽ رڌڻي مان نڪري ڪمري جي دروازي وٽ اچي بيٺي. ٿوري دير کان پوءِ دائيءَ سڏ ڪيس. نمي، او نمي، ڌيءَ ڀينڙي ڄائي اٿئي وڃي ڪوٺيءَ مان ڀيڻ جا ڪپڙا ته کڻي اچ. دائيءَ جي ائين چوڻ تي هوءَ اهو سوچيندي ته ”هاڻي اسين ٻه ڀينرون ٿي ويون سين.“ خوش ٿيندي ڪوٺيءَ مان ننڍڙيءَ جي ڪپڙن واري ڇٻي کڻي آئي. دائيءَ ننڍڙيءَ کي وهنجاري ڪپڙا پارائي ماڻس جي ڀر ۾ سمهاريو ته هن ماءُ جي منهن ۾ نهاريو. تڪليف ۽ پيڙا کان ماڻس جو چهرو صفا هيڊو ٿي ويو هو. هوءَ ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي. دائيءَ جلدي جلدي باقي ڪم به اڪلايو ۽ پوءِ اوٻاسيون ڏيندي اهو چئي اٿي ته سڄي رات ويهي گذاري اٿم. هاڻ ننڊ پئي اچيم، سو امڙ مان وڃان ٿي. وري سج اڀرئي کان پوءِ اينديس. دائيءَ جي وڃڻ کان پوءِ نمي ما ءُ جي ڀرسان ٿي ويٺي ۽ ننڍڙيءَ کي غور سان ڏسڻ لڳي.
ڪنهن جهڙي آ الائجي؟ نميءَ دل ئي دل ۾ سوچيو. اوچتو، نميءَ جي نظر ماءُ جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن تي پئي ته هوءَ ڇرڪي پئي.
”امان، روئين ڇو پئي!؟“ هن، معصوميت مان پڇيو. ”بس ائين ئي اکيون ڀرجي آيون.“ سندس ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو.
”ائين ئي ڪيئن امان، مون کي ٻڌاءِ نه ته تون ڇو روئي رهي آهين؟“ نميءَ، ماءُ جي هٿ تي پنهنجو ننڍڙو هٿ رکي ڇڏيو.
”نمي، اهي ڳوڙها تنهنجي ڄمڻ تي به وهيا هئا. اهي ڳوڙها، منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان به وهيا هوندا. شايد اهي ڳوڙها، ڌيءَ ڄمڻ تي هر ماءُ جي اکين مان وهندا آهن.“ نميءَ جي ماءُ چيو. ”پر امان، تون ته ٻڌائيندي آهين ته ”منهنجي ڄمڻ تي تون خوش ٿي هئينءَ.“ نميءَ معصوميت مان پڇيو.
نمي، ناراض ته مان هينئر به نه ٿي آهيان، نه ڌيءُ ڄمڻ جو مون کي ڏک آهي. پٽ ڄمڻ جي مون خواهش ئي ڪٿي ڪئي هئي. مون ته چاهيو پئي ته توهان پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ٿي وڃو. هڪ بئي جي ڏک سک جون ساٿياڻيون. ڀاءُ تي ڪهڙو ڀروسو، خيال رکي به الاءِ جي نه! حياتيءَ تي ڪهڙو اعتبار اڄ آهيان سڀاڻي نه هجان ته پوءِ؟؟“
”ائين نه چئه امان“. نمي گهٻرائجي وئي.
”نمي، مون هاڻ سمجهيو آ ته منهنجي ڄمڻ تي منهنجي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڇو وهيا هوندا. هن کي اڳواٽ ئي منهنجي قسمت جي خبر پئجي وئي هوندي، نه ته مان ته ستن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هيس.“ نمي جي ماءُ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون.
”۽ امان، منهنجي ڄمڻ تي تنهنجي اکين مان ڳوڙها جو وهيا!؟“ نميءَ سواليه نظرن سان ماءُ ڏانهن ڏٺو. ماڻس منجهي پئي، پر پوءِ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين ”نمي، تون جنهن رات ڄائي هئينءَ، ته تنهنجو پيءُ موجود هو ۽ ان توکي ڏٺو هو. پوءِ گهر ڇڏي هليو ويو هو. مون کي پنهنجو ڪو فڪر ڪونه هو پر تو بابت سوچيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيا هئا.“
”۽ امان، هينئر تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڇو آيا؟؟“
”نمي، تنهنجي پيءُ توکي ڏٺو هو، پر هن معصوم جو ته پيءُ به موجود ڪونهي. مونکي لڳي پيو ته جيستائين هيءَ سمجهه واري ٿئي مان به نه رهنديس. مان به هاڻي گهڻو وقت جي نه سگهنديس.“
”ائين نه چئه امان، مون کي ڊپ ٿو لڳي.“ نميءَ جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. هن ماءُ جي هٿ کي ايترو زور سان جهليو ڄڻ هوءَ کانئس هينئر ئي جدا ٿي رهي هجي!
نميءَ جي ماءُ مريم، اڃا ننڍي هئي ته پيءُ هڪ حادثي ۾ گذاري ويس. وڏو ڀاءُ ڪمائڻ جي لائق هيس ۽ ماڻس به پاڙي وارن جا ڪپڙا سبندي هئي. ائين گهر جو گاڏو پيو گهلبو هو. مريم جي ماءُ پيءُ جي شادي پسند سان ٿي هئي، تنهنڪري نه ته ڏاڏاڻن مان ڪو ماڻهو وٽن ايندو هو نه ناناڻن مان. پٽ جي مري وڃڻ کان پوءِ مريم جو ڏاڏو وٽن آيو هو ۽ کين پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو هئائين، پر مريم جي ماءُ جواب ڏنو هو ته، مڙس جي هوندي توهان نه قبوليو. هاڻي مان به نه هلندس. مريم جا ناناڻا به آيا هئا پر ماڻس انهن کي به موٽائي ڇڏيو هو، ائين چئي ته، مڙس جي جيئري پنهنجو نه ڪيو، هاڻي مون تي قياس کائي آيا آهيو! پر منهنجا ٻچا منهنجو سهارو آهن. ستن پٽن جي ماءُ آهيان، پناهه مليل اٿم پروردگار جي، جيڪو سڀني کي رزق ڏيندڙ آهي.
ستن ڀائرن جي ڀيڻ کي ڀاڳواري سمجهيو ويندو آهي. پر مريم کي نڀاڳو سمجهيو ويندو هو، ڇو جو هن جي ڄمڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ هنن جو پيءُ گذاري ويوهو. وڏو ڀاءُ ته ڪوٺيندو ئي نڀاڳي هيس. باقي ڀائر به گهڻو ڪو نه ڀائيندا هيس. فقط جمال ئي هن کي ڀائيندو هو ۽ ساڻس گڏجي راند به ڪندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن لڪي هن جي لاءِ شيءِ به وٺي ايندو هو. مريم، سمجهه واري ٿي ته محسوس ڪيائين ته سندس ماءُ کي به ساڻس پيار نه هو. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. صبح جو اٿي ٻنهي ڪوٺين کي ٻهاري ڏيندي هئي. اڳنڌ ميڙيندي هئي. ڳئونءَ جا ڇيڻا کڻندي هئي. ٿانوَ ڌوئيندي هئي. ماءُ کي اٽو ڳوهي ڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄي وڍي ڏيندي هيس. ڪنهن ڏينهن جي ماڻس ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ويهندي هئي ته به ماڻس سان گڏ ويهندي هئي. هر هڪ ڀاءُ کي ماني ۽ پاڻيءَ جو گلاس کٽ تي رکي ڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن، وڏي ڀاءُ جي کٽ تي پاڻيءَ جو گلاس رکندي هن جو هٿ لڏيو ۽ گلاس اونڌو ٿي وڃي پٽ تي ڪريو. پاڻي هارجي ويو ۽ ڀاءُ جي هڪ زوردار چماٽ هن جي ڳل تي لڳي. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويس پر دانهن نه ڪيائين. داد ٿيڻ جو ڪو آسرو به ته ڪونه هيس. مٿان ماءُ به دڙڪا ڏنا هيس ته ڇوري، تنهنجو ڌيان ڪٿي ٿو رهي. صحيح طريقي سان ڪم ئي نه ٿي ڪرين! ڀاءُ جمال هن جو پاسو وٺڻ چاهيو ته وڏي ڀاءُ ان کي دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي. هوءَ سڄي گهر جو ڪم ڪندي هئي. رات جو ماءُ کي زور ڏيندي سوچيندي هئي، مان هيترو سارو ڪم ڪريان ٿي، پوءِ به نه امان کي وڻان ٿي، نه ڀائرن کي ڇو!!؟؟ ڏک کان دل ڀرجي ايندي هيس. پر روئي به نه سگهندي هئي. سڀ ڀائر ڪمائڻ لڳا هئا ۽ گهر جون حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. مريم به هاڻي وڏي ٿي وئي هئي. ڀائرن جي گهر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو پاڻ کي وڏي رئي ۾ ويڙهي ڇڏيندي هئي. ھن کي ائين لڳندو هو هن جو وڏو ٿيڻ به ڄڻ ڪو گناهه هجي، جنهن کي هوءَ ڀائرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اوڙي پاڙي جون مايون اينديون هيون ته به هوءَ پنهنجي ڇاتيءَ تي رئو ڏئي ڇڏيندي هئي. رئو مٿي تي نه هوندو هيس ته اوگهڙ جو احساس ٿيندو هيس.
هڪڙي ڏينهن مريم ٻڌو، ماڻس پاڙي جي ماسي زليخا کي چئي رهي هئي. ”ادي ڀلو ٿيئي، منهنجي ڇوڪريءَ جو به ڪٿ بلو ڪر. ڪو سکيو ستابو گهر ۽ لائق ڇوڪرو نظر ۾ هجيئي ته مون تي ڪرم ڪجانءِ. مان تنهنجو حق ڪونه رکنديس. سڄي عمر دعائون ڪندي سانءِ.“
اهو ٻڌي مريم سوچيو هو ته ”امان کي منهنجو ڪيترو نه فڪر آهي! ماءُ آهي آخر، مان اجايو پئي سوچيان ته امان کي منهنجو ڪو خيال ڪونهي. ان ڏينهن کان هن خواب ڏسڻ شروع ڪيا.
هاڻي هوءَ رات جو ئي نه پر ڏينهن جو به خواب ڏسندي هئي، الاءِ ته ڇاڇا ويٺي سوچيندي هئي، پر گهڻو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به، جڏهن هن جي لاءِ ڪو رشتو نه آيو ته مايوس ٿي هن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا ۽ وري ساڳيءَ ريت بنان خواب ڏسڻ جي ڪم ۾ پنهنجو وقت گذارڻ لڳي.
پاڙي ۾ هن جي عمر جيتريون سمورين ڇوڪرين جون شاديون ٿي ويون ته هن جي ماءُ ڏک مان چيو، ”منهنجي ڌيءُ به هجي ها سهڻي ته ڪڏهوڪي مان ان بار کان آجي ٿي چڪي هجان ها!“ ان ڏينهن هن ڄاتو ته سندس بدصورتي ئي اهو ڪارڻ هو جنهن جي ڪري هوءَ ڪنهن کي نه ٿي وڻي. آئينو کڻي ڏٺائين ته پنهنجي صورت ڏسي اکيون ڀرجي آيس. هوءَ رڳي رنگ جي ڪاري ئي نه هئي پر نه هن جو نڪ سٺو هو ۽ نه اکيون. ڪيتري دير تائين آئيني ۾ ڏسندي ۽ پوءِ آئينو هڪ پاسي اڇالائي سڏڪا ڀري روئي ڏنائين.
اهو جمعي جو ڏينهن هو، ماڻس کي ٻه ٽن ڏينهن کان بخار هو، هوءَ اندر ڪوٺيءَ ۾ کٽ تي ليٽيل هئي، مريم ٻاهر ٿانوَ پئي ڌوتا ته هڪڙي عورت ٻاهرئين دروازي جو پردو مٿي ڪري اندر داخل ٿي ۽ هن کان پڇاڪيائن، ”جبار جو گهر هيءُ آهي؟؟“ ”ها“ مريم صابڻ وارا هٿ ڌوئيندي جواب ڏنو. اها عورت، آڳر ۾ پيل کٽ تي ويهي رهي. ڪڇ ۾ ڇهن ستن مهينن جو ٻار هيس. هيڏي هوڏي نهارڻ کان پوءِ پڇيائين، ”تون جبار جي ڀيڻ آهين ڇا!؟“ ”ها“، مريم حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهي.
”تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ مان جبار جي زال آهيان، وڃي ٻڌايئين ته ننهن آئي اٿئي.“
مريم جي هٿن مان ٿانوَ ڪري پيا، آلا هٿ رئي سان اگهندي، حيرت مان ان عورت کي ڏسندي هوءَ ڪوٺيءَ اندر آئي ۽ ماءُ کي ان عورت متعلق ٻڌايائين. پهرين ته ماڻس جا به حوصلا خطا ٿي ويا، پر جلد هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ چيائين ته هوءَ ان عورت کي اندر وٺي اچي. پوءِ اها عورت ۽ ماڻس پاڻ ۾ الاءِ ته ڇا ڇا ڳالهائينديون رهيون. رکي رکي سندن تيز آواز مريم جي سماعتن سان ٽڪرايا پئي. پر هن جي همت ئي نه پئي ٿي ته وڃي سموري گفتگو ٻڌي. هوءَ رڌڻي جي در وٽ بيهي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف وچان ڏڪندي رهي. چڱيءَ دير کان پوءِ، ماءُ جو سڏ ٻڌائين ته ڳوڙها اگهي ڪوٺيءَ اندر وئي. ”هيءَ تنهنجي ڀاڄائي آهي، هاڻي هيءَ اسان سان گڏ هتي رهندي.“ ماڻس هن کي ٻڌايو هو ته هوءَ خاموش نظرن سان ڀاڄائيءَ ڏانهن ڏسندي رهجي وئي. ڪڇي هڪڙو لفظ به نه. پوءِ هن کي خبر پئي ته سندس ڀاءُ ٻه سال اڳ لڪ ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي. زال کي مائٽن ۾ ئي رهايو هئائين. تازو هنن جي گهر ۾ جهڳڙو ٿيو هو ۽ هنن پنهنجي ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي هوءَ پڇا ڪرائيندي هتي اچي نڪتي هئي. مريم جي ماءُ کي پهرين ته ڪاوڙ اچي وئي هئي پر هڪدم ڪاوڙ تي ڪنٽرو ڪري ورتو هئائين. هوءَ سياڻي عورت هئي، پٽ جي اهڙي قدم تي ڏک به ڏاڍو ٿيو هيس پر ننهن کي نه قبولي هن پٽ کي وڃائڻ نه ٿي گهريو.
شام جو جڏهن جبار گهر موٽيو ته زال کي ڏسي گهڙيءَ کن لاءِ گهٻرائجي ويو. جڏهن سڄي صورتحال کان واقف ٿيو ته چيائين، ”چڱو ڪيئي جو هيڏانهن هلي آئينءَ“ هيءُ تنهنجو به گهر آهي. اڳي پوءِ توکي هن ئي گهر ۾ اچڻو هو.“ ڀاڻس کي ان ڳالهه جي ذري به پرواهه ڪانه هئي ته ڪو سندس ان عمل جي ڪري ڪنهن کي ڏک پهتو آهي يا ڪو کانئس ناراض آهي. وڏو هجڻ ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيڪو ڪجهه هن ڪيو آهي، اهو غلط ٿي نه ٿو سگهي. هو پاڻ ڪمائيندڙ آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه چيو ته هو گهر ڇڏي وڃي ڪنهن بئي هنڌ رهندو. اهو هن سوچي ڇڏيو هو، پر سڀ چپ هئا، ڪنهن به ڪجهه نه ڪڇيو. ڪنهن کي به هن کان جدا نه ٿيڻو هو. آخر هو سڀني جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گهر ۾ هڪ ڀاتيءَ جو اضافو ٿي ويو هو ۽ ننڍري ٻار جي ڪري گهر ۾ رونق لڳي پئي هوندي هئي. ڪم ڪار ۾ ڀاڄائي به هنن جو هٿ ونڊائيندي هئي. هوءَ واندڪائيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي ڀائٽيي کي کڻي ويهي ساڻس ڪچهري ڪندي هئي، کيس وهنجاري، ڪپڙا پرائي خوش ٿيندي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن سندس ماءُ گذاري وئي، هوءَ رات جو جيئن ستي ته صبح جو اٿي ئي ڪانه! پنهنجي ماءُ جي کٽ کي ڀاڪر پائي مريم اوڇنگارون ڏئي ڏاڍو رني. هن کي شدت سان احساس ٿيو ته هاڻي هوءَ اڪيلي رهجي وئي هئي، ماڻس جي چاليهي تائين ڀاڄائي سندس گهڻو خيال رکيو، پر پوءِ هوءَ ساڳي نه رهي، هن محسوس ڪيو ته ڀاڄايس هن مان بيزار هئي، هوءَ چاهيندي هئي ته پاڻ سڄو ڏينهن آرام ڪري ۽ مريم سڄي گهر جو ڪم ڪري.
ننڍين ننڍين ڳالهين تان وڙهي پوندي هيس، ڇڙٻون ڏيئي ڪڍندي هيس ۽ هوءَ صبر سان پئي سڀ ڪجهه سهندي هئي. نيٺ ڪيترو، هڪ ڏينهن مريم جي صبر جي حد ٿي وئي.
ڀاڄائيءَ چيس، ”مئي تومان اچي ڦاٿي آهيان، هجين ها سهڻي ته ڪڏهوڪو پرڻجي وڃين ها ۽ ٻارن ٻچن واري ٿي وڃين ها، پر تو جهڙي ڪاري ڪوجهيءَ کي وٺندو ڪير؟، ساهي کڻي وري شروع ٿي وئي.
”مان ڀانيان ٿي تون سڄي عمر لاءِ منهنجي مقدر ۾ لکجي وئي آهين. تو مان جان ڪانه ڇٽندي.“ اهڙا الفاظ ٻڌي مريم چپ نه رهي سگهي. واتان نڪري ويو هيس ته، ”ڀاڄائي! قدرت واري مون کي جيڪا شڪل ڏني تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! مان پنهنجي ابي امان جي گهر ۾ ٿي رهان. پنهنجن ڀائرن جي سهاري ويٺي آهيان توتي بار ناهيان. منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وٽن رهنديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان!“
ڀاڄايس هن کي ان ڏينهن اهڙي ته مار ڏني هئي جو سنڌ سنڌ سور ۾ وٺجي ويو هيس، پر ڀائرن سان هن ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ننڍي ڀاءُ جمال هن جو لٿل منهن ڏسي، ماءُ جو قسم ڏئي پڇا ڪيس ته هوءَ پاڻ تي ضبط ڪري نه سگهي ۽ سڏڪا ڀري روئي پئي. جمال کي جڏهن سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته ممڻ مچائي وڌائين. ڀاڄائيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ته وڏو ڀاءُ مڇرجي پيس ۽ نتيجي ۾ سڀ ڀائر پاڻ ۾ اٽڪي پيا. مريم اواڪا دانهون ڪري گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪين پر ڪنهن به هن جي نه ٿي ٻڌي. ڀائر پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هوءَ هڪڙي ڪنڊ وٺيو روئي رهي هئي. ڀاڄايس کي به مڙس ٺاهوڪي مار ڏني هئي. اها ننڍڙو ڪڇ ۾ کڻي روئي رهي هئي. پوءِ هن ڀاڄائيءَ کي چوندي ٻڌو. ”هاڻي هانءُ ٺريو هوندس، ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڏانئڻ خوش ٿي آهي!“
ٻئي ڏينهن، سندن وڏو ڀاءُ پنهنجي زال ۽ ٻار وٺي ڌار ٿي ويو. ڪير به کيس روڪي نه سگهيو. سال کان به مٿي عرصو ٿي ويو پر نه هنن ڀاءُ کي ياد ڪيو ۽ نه ئي ڀاءُ هنن جي ڪا خبر چار لڌي. مريم ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي. پوءِ اهو سڄو ڏينهن روئندي گذري ويندو هيس. هن گهڻو چاهيو ته ڀائر شاديون ڪن ۽ پنهنجا گهر وسائين. پر ڪنهن به ڀاءُ هن جو چوڻ ڪونه ڪيو. هر ڪو اهو جواب ڏيندو هئس ته، ڇا تون اهو ٿي چاهين ته ادا وانگر، اسان مان به هر ڪو شادي ڪندو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃي. جڏهن تون پرڻجي ويندينءَ ته پوءِ پاڻهي اسين به پرڻجي پونداسين. مردن لاءِ زالون کوڙ.
ائين ڪو نه هو ته ڀائرن کي هن جو فڪر نه هو. هن جي قسمت ئي اهڙي هئي جو ڪو مناسب رشتو آيو ئي ڪونه پئي. ڀائرن کي پاڻ لاءِ پريشان ڏسي، هوءَ پاڻ به گهڻو پريشان ٿي ويندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مسواڙ تي هنن وٽ هڪڙو ماڻهو اچي رهيو. هنن مٿيو ڪمرو ان کي ڏئي ڇڏيو. هو نه ته ايترو گهڻو خوبصورت هو ۽ نه بدصورت. پوري ساري شڪل وارو وڏي عمر جو ماڻهو هو. نه ڪنهن سان گهڻو ڳالهائيندو هو ۽ نه ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏيندو هو. گهڻو ڪري هنن جو هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ ئي ڪونه ٿيندو هو. ها، ڪڏهن ڪڏهن هو ٻاهر پيو نڪرندو هو ته مريم ڏسي وٺندي هيس. يا وري شام جو مريم ٻاهر کٽون پئي رکندي هئي ته هو ٻاهران ايندو هو ته ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا هئا ۽ بس هن جو ڪنڌ هميشه جهڪيل هوندو هو. ٻنهي ڪڏهن به هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو هو.
هڪڙي ڏينهن مريم رسيءَ تي ڪپڙا وجهي رهي هئي ته هو ٻاهران آيو ۽ هن جي ڀرسان بيهي تمام آهستي آواز ۾ ڪجھ چيائين: ”تون ڏاڍي سٺي آهين، گهڻن ڏينهن کان مان توکي ڏسي رهيو آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن عمر ۾ تون ايتري سنجيده ڇو آهين! اداس ۽ چپ چپ ڇو آهين؟ تنهنجي عمر چپ رهڻ ۽ اداس نظر اچڻ واري ٿورئي آهي!“
مريم ڏڪي وئي هئي، ڪپڙا اتي ڦٽي ڪري بنان جواب ڏيڻ جي اندر هلي وئي هئي.
رات جو جڏهن ان شخص جي باري ۾ سوچيو هئائين ته پنهنجي اندر ۾ خوشيءَ جي لهڙ ڊوڙندي محسوس ڪئي هئائين. پهريون ڀيرو ڪنهن مرد هن کي ساراهيو هو. هن جي دل جي سڪي ويل ٽاري سائي ٿي پئي هئي ۽ ان ۾ ڪيترائي رنگ برنگي گل ڦٽي آيا هئا خواهشن جا. ان ڳالهه کي ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته هڪ ڏينهن وري هو ساڳي طرح اچي هن جي ڀرسان بيٺو ۽ بيحد اداس لهجي ۾ چيائين، ”مان تنها شخص آهيان، هن دنيا ۾ بنهه هيڪلو ماڻهو ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟
هن ڀيري مريم ڏڪي ڪانه هئي حيرت مان ڏانهس ڏسندي رهجي وئي هئي.
”سوچي سمجهي مون کي جواب ڏجانءِ، مان انتظار ڪندس.“
ائين چئي هو مٿي هليو ويو.
پورو هفتو سوچڻ کان پوءِ مريم هڪ اهم فيصلو ڪري ورتو. هن ڄاتو ٿي ته سندس ڀائر ڪڏهن به ان ڳالهه لاءِ راضي نه ٿيندا ته سندن ڀيڻ جي شادي هڪ اهڙي شخص سان ٿئي جيڪو کانئس عمر ۾ ٻيڻ تي وڏو هجي. جيڪو زندگيءَ کان مايوس، ناڪام شخص هجي. هن، هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ کي اهو چوندي ٻڌي ورتو هو ته، اسان جي مسواڙي به الائي ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، زندگيءَ ۾ ناڪام ٿو لڳي. مون کي ته ڏسندي ئي خوف وٺي ويندو آهي. ڪيڏي نه دهشت آ سندس اکين ۾! هن جا حال ۽ حرڪتون ٻڌائين ٿيون ته، يا ته هو خودڪشي ڪندو يا ڪنهن جو خون! اهو سڀ ياد اچڻ سان مريم سوچي ورتو هو ته هوءَ ان شخص کي خودڪشيءَ کان بچائيندي. ساڻس شادي ڪري هوءَ کيس سنڀالي وٺندي.
رڳي اها ڳالهه به نه هئي. هن پنهنجي ڀائرن جا گهر به آباد ڏسڻ چاهيا پئي. خبر هيس ته جيستائين هوءَ هن گهر ۾ هوندي سندس ڀائر شاديون نه ڪندا. اها به خبر هيس ته هن جي لاءِ هاڻي ڪو رشتو اچڻ ناممڪن ئي هو. هن کي ان سمي، ڀاڄائيءَ کي چيل لفظ به ياد پيا هئا. چيو هئائين، منهنجا ڀائر جيستائين چاهيندا مان وتن هونديس. تو وانگر ناهيان جو مائٽن جي مرضيءَ بنان مڙس ڪري ڇڏيان!
کن لاءِ ارادو بدلائي ڇڏيو هئائين، پر پوءِ هن کي ڀائرن جو ڀلو ان ۾ نظر آيو هو. موقعو مليس ته هن پنهنجي فيصلي کان ان شخص کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهن رات مريم پنهنجو اباڻو گهر ڇڏيو. هوءَ ڏاڍو رني. گهر جي ڀتين کان به روئي موڪلايائين. پيتيءَ ۾ پيل ماءُ جا ڪپڙا ڪڍي اهي پنهنجي سيني سان لائي سڏڪا ڀري رني. ائين ڄڻ ماءُ کان موڪلائيندي هجي. ڀائرن جو گهر ڇڏي شادي ڪري هوءَ ان شخص سان گڏ رهڻ لڳي. چڱو وقت هو کيس ڀائيندو رهيو ۽ سندس خيال رکندو آيو. پوءِ الائي ڇا ٿي ويس، ڳالهه ڳالهه تي هن سان وڙهڻ لڳو ۽ هن کي مارڻ لڳو. تان جو صفا بدلجي ويو. گهران ڀڄي نڪرڻ جو طعنو ڏيڻ لڳس. هوءَ صبر سان سڀ ڪجهه سهندي رهي، صبر ڪرڻ جي عادت پئجي وئي هيس. شڪايت ڪرڻ ته سکي ئي ڪانه هئائين.
سندس مڙس هڪڙي مائيءَ جي چڪر ۾ اچي ويو هو. روز چوندو هيس ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ ٻي شادي ڪندس، پيٽ سان ٿي ته هن اهو چوڻ شروع ڪيو، جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته مان توکي ڇڏي ڏيندس، ۽ پٽ ڄائو ته هن عورت کي ڇڏي ڏيندس.
جنهن رات نمي ڄائي ان رات هو موجود هو. هن جي کٽ ڀرسان بيهي هڪ نظر ڌيءُ تي وجهي، ڪروڌ مان هن ڏانهس ڏسندي چيو هئائين، چيو هو مانءِ ته ڌيءُ ڄڻيندينءَ ته مان توکي ڇڏي ڏيندس. مان وڃان پيو ۽ هي گهر توکي ڏيو ٿو وڃان ته جيئن دربدر ٿيڻ کان بچي وڃين.“ ائين چئي هو هليو ويو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ، هڪ ڏينهن هڪڙو طلاق جا ڪاغذ هن کي در وٽ ڏئي هليو ويو. ان ڏينهن ننڍڙي نميءَ کي ڀاڪر پائي هوءَ ڏاڍو رني هئي ۽ کيس ڀاءُ جا چيل، ان شخص بابت الفاظ ياد آيا هئا ته، ”مون کي لڳي ٿو، يا ته هيءُ خودڪشي ڪندو يا وري ڪنهن جو خون.“ هن جي واتان نڪري ويو هو، ”تون سچو هئين ڀائڙا، تو صحيح سڃاتو هيس. مون کان ئي غلطي ٿي وئي. خودڪشيءَ کان ته مون هن کي بچائي ورتو، پر هو منهنجن جذبن ۽ احساسن جو خون ڪري منهنجي زندگي برباد ڪري ويو!“
سبڻ ڀرڻ جو ڪم ڪري هوءَ پنهنجو پيٽ ۽ نميءَ کي پالڻ لڳي، پر جيئن جيئن نمي وڏي ٿيندي وئي، ضرورتون به وڌنديون ويون. لاچار ٿي هن هڪڙي گهر ۾ ٿانوَ ٻهاري وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
نمي اسڪول وڃڻ لڳي، هوءَ نميءَ کي تيار ڪري اسڪول اماڻي پوءِ پاڻ ڪم تي هلي ويندي هئي ۽ واپسيءَ تي نميءَ کي پاڻ سان گڏ وٺيو ايندي هئي. هڪڙي ڏينهن نمي جيئن ئي اسڪول کان موٽي ته بيحد اداس هئي، پڇڻ تي بيحد معصوميت ما چيائين، ”امان، سڀني ڇوڪرين جا پيءُ آهن، سڀ مون سان انهن جون ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ مون کان به پڇنديون آهن پر مان انهن سان ڪنهن جون ڳالهيون ڪريان؟ منهنجو ته ڪو به پيءُ ڪونهي!“
”نه نمي، ائين نه چئه، تنهنجو به بابا آهي“ هن ٻڌايس. ”هو، اسان جي لاءِ ڪمائڻ ويو آهي. جڏهن هن وٽ کوڙ سارا پئسا ٿي ويندا ته هو کوڙ ساريون شيون وٺي واپس ايندو. اهو ٻڌي نمي خوش ٿي وئي هئي. هوءَ، جنهن گهر ۾ ڪم ڪندي هئي اتي فقط زال مڙس رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو هڪ مائٽ به وٽن اچي رهندو هو. جڏهن به اهو ايندو هو ته هن کي ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. اهو ماڻهو، هن ڏانهن تڪيندو رهندو هو ۽ هن کي گهٻراهٽ محسوس ٿيندي هئي. نوڪرياڻي هئي ڪجهه ڪڇي ڪانه سگهندي هئي. باقي ان شخص جو ائين گهوري گهوري ڏسڻ اصل نه وڻندو هئيس.
اها ستاويهين رجب جي ڀلاري رات هئي. نميءَ آڳر ۾ راند ويٺي ڪئي. هن رڌڻي ۾ ڪم پئي ڪيو ته نميءَ جون خوشيءَ سان ڀرپور رڙيون ٻڌائين، ”بابا اچي ويو، منهنجو بابا اچي ويو.“ هوءَ هڪدم رڌڻي مان ٻاهر نڪري آئي. ڏٺائين ته آڳر ۾ اهو ساڳيو شخص بيٺو هو، ٻنهي هٿن ۾ شامان سان ڀريل ٿيلهيون هيس، جن مان بسڪيٽن جا پڙا نظر پئي آيا. نمي، ان شخص جي ٽنگن سان چنبڙي پئي هئي. هن سمجهيو هو ته سندس پيءُ اچي ويو.
ماءُ تي نظر پوندي ئي خوشيءَ مان چوڻ لڳي، ”امان!، ڏس بابا اچي ويو آهي!“
هن چاهيو ته نميءَ جي اها غلط فهمي دور ڪري، پر ان شخص موقعو ئي نه ڏنس ۽ نميءَ کي پڪ ٿي وئي ته اهوئي سندس پيءُ آهي. ان ڏينهن کان پوءِ نمي هر روز ماءُ کان پڇندي هئي ته بابا ڪڏهن ايندو!؟ ماڻس هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ٻڌائي نٽائي ڇڏيندي هئي. هڪ ڏينهن نميءَ ڏاڍو ضد ڪيو ته تنگ ٿي ماڻس چماٽ وهائي ڪڍيس ۽ نمي کي تيز بخار ٿي پيو. غشيءَ ۾ به هوءَ پيءُ کي سڏي رهي هئي. ماڻس لڙڪ هاريندي رهي. نميءَ جي بخار سبب هوءَ ٻه ڏينهن ڪم تي نه وئي ته ٽئين ڏينهن تي اهو ماڻهو پاڻ اچي نڪتو. نميءَ کي ايترو بخار ڏسي هو به پريشان ٿي ويو هو.
نمي بخار مان اٿي ته ماڻس ريجهائي کيس پيار مان سمجهائڻ چاهيو، ”ڏس نمي! تون سٺي ۽ ڏاهي ڇوڪري آهين نه. هو تنهنجو بابا ڪونهي، پرائو ماڻهو آهي. تنهنجو بابا اچڻ وارو آهي.“
پر نمي اها ڳالهه مڃڻ لاءِ بلڪل به تيار نه هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن وٽن ايندو هو ۽ نميءَ جي خوشيءَ خاطر هو کيس اچڻ کان روڪي به نه سهگندي هئي. چڱو عرصو ائين گذري ويو. نمي! هاڻي ڪجهه وڏي ٿي وئي هئي. نه گهڻو ضد ڪندي هئي ۽ نه ئي ماءُ کي تنگ ڪندي هئي. هاڻي هوءَ اهو به سمجهي وئي هئي ته اهو شخص هن جو بابا نه آهي، پر پوءِ به نميءَ جي ان شخص سان دل ٿي وئي هئي، هو، کيس گهڻو ڀائيندو جو هو!
اوچتو ئي اوچتو ان شخص جو اچڻ بند ٿي ويو. نميءَ گهڻو انتظار ڪيو، پر جڏهن گهڻا ڏينهن گذري ويا ته هن ماءُ کان پڇا ڪئي. ان ٻڌايس، ”نمي! پاڙي وارا اعتراض ٿا ڪن ته هو توهان جو ڇا ٿئي، جو توهان جي گهر ۾ ٿو اچي!“
”امان هو اسان وٽ ٿو اچي، ماڻهن جي گهر ۾ ته ڪونه ٿو وڃي، جو ماڻهو ائين ٿا چون“ نميءَ معصوميت مان چيو. نمي، تون ننڍڙي آهين، نه سمجهندينءَ اها ڳالهه، هيءُ سماج نيت جي سچائيءَ کي نه ڏسندو آهي، هتي خلوص جو ڪو به قدر ڪونهي. فقط رشتن کي اهميت آهي ۽ هو، اسان جو رشتي ۾ ڪجهه به ناهي.“ ماءُ جي ائين چوڻ تي نميءَ ڏک مان چيو. ”امان ڇا هاڻي هو ڪڏهن به اسان جي گهر نه ايندو.!!؟“
نميءَ کي ايترو مايوس ڏسي ماءُ چيو، ”هو ضرور ايندو، تون گهٻراءِ نه نمي، هن کي اسان جي گهر اچڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.“
(هلندڙ)
ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا به ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي
نسرين طاهر وفائي
گهريلو ڏس
بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن.
جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو.
مڇرن، مکين ۽ ٻين جيتن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ لوبان جو دونهون ڏيو.
روزانو صبح جو خالي پيٽ هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جي عادت وجهجي ته ڪڏهن به قبض جي شڪايت نه ٿيندي.
ليمي جي رس استعمال ڪرڻ وقت خيال رکجي ته ان جو ٻج پيٽ ۾ نه وڃي. نه ته پيٽ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڪوشش ڪجي ته برف جو پاڻي گهڻو نه پيئجي، برف جو پاڻي وقتي طور ته اڃ ختم ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ اڃ کي وڌائي ٿو ۽ معدي ۽ ڏندن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ زڪام جو سبب بڻجي ٿو.
ڏاڙهون کائڻ يرقان، دل جي ڌڙڪي، سيني جي سور، کنگهه ۽ خارش جي بيمارين ۾ مفيد آهي.
پيچش کي روڪڻ لاءِ اسپنگر جي دهي پيئڻ مفيد آهي.
جيڪڏهن ڪنهن کي ”پائيريا“ جي شڪايت هجي ته ڪنهن بازاري دوا استعمال ڪرڻ بجاءِ، سرنهن جو تيل، لاهوري لوڻ ۽ ليمي جي رس ملائي، ڏندن تي ملڻ سان پائيريا جي شڪايت ختم ٿي ويندي.
غلطيءَ سان جيڪڏهن ڪنهن شيشي جا سنها سنها ذرا کائي وڌا هجن ته ان کي تمام گهڻا ڪيلا کارايو، شيشي جا ذرا نڪري ويندا.
ڊاڪٽر عريبيه نور
عورتن جو سياست ۾ حصو
هن ڪائنات کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾ عورت به برابر جي حصي دار آهي. ٻوٽن ۾، جانورن ۾ ۽ انسانن ۾ هر هنڌ نر ۽ مادي گڏو گڏ موجود نظر اچن ٿا. انهن مان ٻوٽن ۽ جانورن ۾ مڪمل برابري نظر اچي ٿي. انهن جا هڪ جهڙا حق آهن ۽ پنهنجي هم جنس تي ڪا به برتري حاصل ناهي.
پر اها ڏاڍي دل ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته خدا پاڪ جي اشرف المخلوقات يعني انسان عقل و شعور هوندي به عورت کي حقير سمجهيو آهي. هن جا حق غضب ڪيا آهن. جانورن ۾ به برابري آهي پر انساني نسل ۾، عورت کي گهٽ درجي جي مخلوق سمجهيو ويندو آهي.
دنيا جي سڀني سماجن ۾ عورت ۽ مرد گڏجي نسل وڌائن ٿا ۽ دنيا جي ٻين مسئلن کي منهن ڏين ٿا ۽ ٻئي معاشرتي قومي ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ هڪ جيترو ڀاڱي ڀائيوار آهن. ٻين سماجن عورت کي سندس جائز مقام نه ڏنو. هن کي گهر جي خادمه ۽ ڪنيز بنايو، کيس والدين ۽ گهر واري جي ملڪيت ۾ وارث نه بڻايو. اسلام جي اچڻ کان اڳ فقط ٽن مستمدن سماجن يوناني، ايراني ۽ هندستاني سماجن جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انهن سماجن ۾ عورت جي حيثيت نهايت بدترين هئي. عورت کي نهايت نجس ۽ ناپاڪ تصور ڪيو ويندو هو. کيس مذهب ۽ عبدت ۾ ڪو به حق ڪونه هو اتفاق سان ڪنهن به عورت جو جيڪڏهن ڪنهن بت کي هٿ لڳي ويندو هو ته هٿ جي انهيءَ جاءِ کي ڪوريو ويندو هو ۽ اهو بت ناپاڪ تصور ڪيو ويندو هو. عورت کي ننڍپڻ ۾ والدين، جوانيءَ ۾ مڙس ۽ پوڙهائپ ۾ اولاد جي حڪم ۽ هدايتن موجب هلڻو پوندو هو. نه وارثت ۾ ڪو حصو. نه ملڪيت ۾ ڪا پتي. عورت کي جيڪا ملڪيت هوندي هئي. سا سڀ مرد جي ملڪيت بنجي ويندي هئي. مرد کي اختيار هو ته عورت کي وڪڻي، جتي وڻيس شادي ڪرائي يا نه ڪرائي. يا ڪنهن ٻئي مقصد سان استعمال ڪري. ننڍي هوندي نياڻيءَ کي جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري جي نالي ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ جي اهو ڇوڪرو مري ويو ته عورت سڄي عمر وري شادي نه ڪري سگهندي هئي. عورت فقط مرد جي خدمت چاڪري ۽ دل ڌتارڻ واري شيءِ سمجهي ويندي هئي نه هن کي علم حاصل ڪرڻ جو حق هو، نه هنر ۽ فن ۾ عورت کي ڪا حيثيت هئي. معمولي غلطيءَ تي موت جي سزا جي مستحق سمجهي ويندي هئي. هن کي محفلن ۽ مجلسن ۾ راڳ ۽ ناچ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو. وڪرو ڪرڻ وقت کيس ننگو ڪري، مٿانهين جاءِ تي بيهاريو ويندو هو.
اهڙيءَ ريت ايران، عربستان ۽ هندستان ۾ عورت سان ظلم ٿيندا هئا. غلاميءَ جي بازار گرم هئي. سون جي تعداد ۾ حسين عورتون خريد ڪري انهن سان دولت ڪمائي ويندي هئي. عورت کي شاعر، شيطان سان تشبيح ڏيندا هئا. عورت کي چيچيلائي مارڻ سندن زندگيءَ جو معمول هو. ڳورهاري عورت جو پيٽ چيريو ۽ ڦاڙيو ويندو هو.
مطلب ته ڪئين صديون گذري ويون عورت مٿان مصيبتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون ويون. آخر الله پاڪ عورت کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي رحمت جو پيغام اسلام ذريعي موڪليو ۽ پنهنجو مقدس ڪتاب قرآن شريف نازل ڪيو. جنهن عورت جي صحيح مقام کان انسان کي آگاهه ڪيو.
الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي:
(الله اهو آهي جنهن توهان سڀني کي هڪ ذات مان پيدا ڪيو ۽ ان مان سندس جوڙو بنايو ته جيئن هو ان طرف سڪون حاصل ڪري)
(الا عراف 189)
ڪاروبار هلائيندڙ بظاهر مرد آهن پر حقيقت ۾ پردي اندر انهن جون ڪارڪن عورتون آهن. همت افزائي ڪري صلاح ڏئي وڻيس ته مرد کي سڌي رستي ڏانهن راغب ڪري، وڻيس ته باطل جي قريب ڪري. اسلام انهيءَ ڪري عورت کي علم ۽ معرفت حاصل ڪرڻ فرض ڪيو آهي. ۽ پنهنجي گهر جي انتظام ۽ گهر جي پرسڪون ماحول لاءِ ذميدار بنايو آهي. عورت جي محبت ڀري دل جي ڪا قيمت نه آهي. جا گهر کي جنت ٿي بڻائي. اسان جي پياري رسول صلي الله عليه وسلم عورت جي اها تعظيم ڪئي، جو هوءَ مقدس اسلامي جماعت ۾ داخل ٿي، دين اسلام جي جدوجهد ۽ جنگ جي ميدان ۾ مردن سان گڏ حصي وٺڻ جي قابل ٿي وئي. اهڙيءَ طرح عورت به پنهنجي وجود جي بقا خاطر زندگيءَ سان لاڳاپيل هر شعبي ۾ وڌڻ شروع ڪيو. سياسي طور تي به عورت پنهنجي وجود کي مڃرايو آهي. تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته اسلام جي شروعاتي دور ۾ بيبي عائشه تنهن کان پوءِ رضيه سلطانه، چاند بيبي ۽ دودي سومري جي ڀيڻ ٻاگهل ٻائي سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو. ماضيءَ ۾ نظر وجهون ته انگريزن جي خلاف جيڪا آزادي جي هلچل هلي. انهيءَ ھلچل ۾ مردن سان گڏ عورتن به حصو ورتو. سڀ کان پهرين مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جي والده بي امان به پنهنجي پٽن سان گڏ سياسي ميدان ۾ قدم رکيو.
اها ملڪ جي پهرين مسلمان عورت هئي جنهن سياسي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي ننهن بيگم محمد علي کي به سياست جي ميدان م آندو. انگريز سامراج جي خلاف سنڌ ۾ پير صبغت الله شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ حر تحريڪ هلي ته ان ۾ به مردن سان گڏو گڏ عورتن به گهڻي تعداد م حصو ورتو هو. وطن دوستي ۽ جانثاري جي جذبي سان سرشار ٿي ان تحريڪ کي اڳتي وڌايو. مجاهدن کي رسيد پهچائڻ ۽ گرفتار ٿيڻ تي ٻاڦ به نه ڪڍڻ عورتن جو ڪارنامو هو. ان کان علاوه سنڌ جي زمين انگريزن کان ڇڏائڻ ان وقت به سنڌ جون عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي قرباني لاءِ تيار هيون، جنهن جو مثال بختاور شهيد آهي. سڀ کان پهرين 1936ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڪوشش سان آل انڊيا مسلم ليگ تنظيم قائم ڪئي وئي ان ڪاميٽي تي بيگم محمد علي کي صدر مقرر ڪيو ويو. جنهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دورو ڪري صوبن جي هر هڪ ضلعي ۾ آل مسلم ليگ وومين جون شاخون قائم ڪيون.
سنڌ مان آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽي تي بيگم نصرت عبد الله هارون کي مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ بگم نصرت کان سواءِ بگم انور هدايت الله ۽ بيگم جي الانا به هيون. مسلمان عورتن جي سب ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو، يعني بيگم عبد الله هارون ۽ پنجاب ۾ ڪاميٽيءَ جي بيگم شفيع تحريڪ پاڪستان تي تقريرون ڪيون. سنڌ جي مسلمان عورتن جو ٻيو جلسو به ڪراچي ۾ ٿيو. جنهن ڪانگريس طرفان انتها پسند عورتن کي جلسي کي درهم برهم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، پر مسلمان عورتن همت سان مقابلو ڪري سندن ان سازش کي ناڪام بڻايو. ان کان پوءِ بيگم هدايت الله سنڌ صوبي جو دورو ڪيو. جتي هن سنڌي پٺاڻ ۽ بلوچي عورتن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني.
23 مارچ 1940ع جي اجلاس ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ٿيو. قائد اعظم پنهنجي تقرير ۾ مسلمان عورتن جي ڪارڪردگيءَ جوش ۽ ولولي جي بي انتها تعريف ڪئي چيائين ته مسلمان عورتون پاڪستان کي حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ۽ واقعي ائين ئي ٿيو، عورتن محترمه فاطمه جناح جي رهبريءَ ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصور ورتو.
ٻيا جيڪي به قابل زڪر نالا آهن، بيگم رعنا لياقت، بيگم شائسته اڪرام، بيگم زينت چنا، آپاشمس ۽ ٻِيون ڪيتريون عورتون هيون. عورت کي جت جت به موقعو مليو آهي. هن پاڻ کي موکيو آهي. قائد اعظم محمد علي جناح به عورتن جي صلاحيتن تي پورو ڀروسو ڪندو هو ۽ عورتن کي گهر جي چوديواري ۾ بند رکڻ جو قائل نه هو. جناح جي نظرئي مسلمانن جي پڙهيل ڳڙهيل خاندان تي تمام گهڻو اثر وڌو ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ عورتن پاڪستان جي تحريڪ آزادي ۾ حصو ورتو. هندستان ورهاڱي کان پوءِ عورتن ئي پاڪستان ۾ آبادڪاري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو ۽ اهي ئي عورتون هيون، جيڪي تحريڪ پاڪستان ۾ شامل هيون. بيگم رعنا لياقت علي خان 1948ع ۾ عورتن جي هڪ تنظيم ”ويمن والنٽيئر سروس“ ٺاهي، جنهن جو مقصد عورتن کي اهڙيءَ طرح منظم ڪرڻو هو، جو هو سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن. انهيءَ تنظيم جي تمام سٺي نموني آجيان ڪئي وئي، ڇو ته اها تنظيم عورتن جي روايتي ڪردارن جو هڪ سلسلو هو، پر جڏهن 1949ع ۾ رعنا لياقت علي خان ”نيشنل ويمن گارڊ ۽ پاڪستان ويمنز نيول ريزرو“ ٺاهي ته انهن جي ڀرپور طريقي سان آجيان ڪونه ڪئي وئي. ڇو ته اهي ٻئي تنظيمون عورتن جي دفاعي تربيت جي لاءِ ٺاهيون ويون. 1954ع ۾ جڏهن بيگم رعنا لياقت علي خان سفير بنجي ملڪ کان ٻاهر وئي ته اها تربيت به بند ٿي وئي.
1949ع ۾ ئي بيگم رعنا لياقت علي خان اپوا تنظيم قائم ڪئي. هن تنظيم جو مقصد عورتن ۾ تعليمي شعور ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ هو. اها تنظيم شهرن تائين محدود هئي. ۽ اڃا تائين انهيءَ جو اهو ئي ڪردار آهي. انهي ئي دور ۾ هڪ تنظيم انجمن جمهوريت پسند خواتين به ڪم ڪندي هئي، جنهن جو ايجنڊا مڪمل طور تي سياسي هو. جنهن جو مقصد طبقاتي نظام جي خلاف جدوجهد ڪرڻ هو، جيئن ماڻهن جي اڪثريت جي مشڪلاتن کي ختم ڪري سگهجي.
پاڪستان جي وجود جي ابتدائي دور ۾ عورتن جي جدوجهد جا آثار ملن ٿا ته اها صرف قانون ٺاهيندڙ اسيمبلي ۾ ٻه عورتون ميمبر بيگم شاهنواز ۽ شائسته اڪرام هيون. بيگم شاهنواز جي جدوجهد جي نتيجي ۾ پرسنل لا آف شريعت 1948ع ۾ نافذ ٿيو. جنهن ۾ عورتن جي ملڪيت جي حق کي مڃيو ويو. هڪ اهڙي اسيمبلي جيڪا جاگيرداريت سان ڀريل هئي، تنهن ۾ همت ۽ بهادريءَ جو ڏيکاءُ ڪندي، انهن پنهنجي ڳالهه مڃرائي.
1956ع ۾ جيڪو آئين منظو ٿيو، انهن ۾ عورتن جي لاءِ 3 سيڪڙو سيٽون رکيون ويون ۽ عورتن کي ٻن طريقن سان نمائندگي ڏني ويئي، هڪ عام سيٽ لاءِ ٻي عورتن کي مخصوص سيٽن لاءِ. 1954ع ۾ بيگم جهان آرا شاهنواز جنهن ڊرافٽ بل آف چارٽر آف ويمنز تي ڪم ڪيو، تنهن جا مطالبا هي هئا ته:
”عورتن کي برابر جا حق ملن، تعليم ۽ صحت وغيره“ ۾ هن چارٽر کي اسيمبلي منظور ڪيو. جيڪا عورتن جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي هئي. 1958ع ۾ پاڪستان ۾ ايوب خان مارشل لا هنيو، جنهن سان گڏ تمام سياسي سرگرمين تي پابندي لڳي وئي. ايوب خان جي دور ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ فيملي لاز آرڊيننس پيش ڪيو ويو. هن ۾ انهن سفارشن کي تحفظ ڏنو ويو، جيڪي 1956ع ۾ پيش ڪيون ويون. عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ انهيءَ کي پنهنجي ڪاميابي سمجهن ٿا. پر اهو قانون عورتن کي مناسب حد تائين تحفظ ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو قانون تمام گهڻو سخت ڪونه هو. پر ديني عالمن انهيءَ جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي، ۽ انهيءَ کي غير اسلامي قرار ڏنو، پر عورتن انهن جو به چڱي طريقي سان مقابلو ڪيو، هڪ جلوس بيگم نسيم جهان جي قيادت ۾ ڪڍيو ۽ انهيءَ جي اختتام تي مولانا عباس علي خان جو بوتو ساڙيو، جيڪو انهيءَ آرڊيننس جي سخت خلاف هو. هي آرڊيننس منظور ته ٿي ويو آهي، پر اڃا به عورتن جي گهڻائي انهيءَ ۾ ڏنل حقن جو استعمال نٿي ڪري.
ايوب خان جي دور ۾ عورتن جي حوالي سان اهم واقعو محترمه فاطمه جناح جو صدارتي اليڪشن ۾ بيهڻ هو. فاطمه جناح انهي عرصي ۾ جيڏانهن به وئي سندس ڀرپور نموني سان آجيان ٿي. جنهن سان اها خبر پوي ٿي ته عورتون به اوتريون ئي مشهور ليڊر ٿي سگهن ٿيون. جيترو مرد، اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو، عورت ليڊر جي حيثيت سان قبول ڪن ٿا.
1969ع ۾ انجمن جمهوريت پسند خواتين قائم ٿي. جن پهريون ڀيرو عورتن لاءِ ”برابر جو ڪم ۽ برابر جو معاوضو“ جو نعرو بلند ڪيو. اها واحد عورتن جي تنظيم هئي، جنهن جو بنياد مارڪسي خيالن تي ٻڌل هو.
انهيءَ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جو دور ٿو اچي. ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت سنڀالڻ شرط آئين جي ٺاهڻ لاءِ ضروري اپاءَ کنيا، آئين جي جوڙ جڪ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ ٻن عورتن کي به ميمبر طور کنيو ويو، هڪ بيگم نسيم جهان ۽ ٻي بيگم اشرف عباسي.
1973ع جو آئين پاڪستان جي ٻين جي ڀيٽ ۾ عورتن جي حقن جو گهڻو تحفظ ڪري ٿو، ۽ برابري جي سطح تي رکي ٿو.
1973ع جي آئين ۾ عورتن جي لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ الڳ الڳ سيٽون رکيون ويون. انهيءَ حڪومت ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. هڪ خاتون ڪنيز فاطمه کي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. اشرف عباسي کي نيشنل اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر مقرر ڪيو.
1975ع ۾ عورتن جو عالمي سال تمام گهڻي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ميڪسيڪو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي بيگم نصرت ڀٽو ڪئي ۽ پاڪستان (Maxico deceleration) تي صحي به ڪئي.
ٻئي طرف سياسي طور تي قوت وٺڻ لاءِ پيپلز پارٽي عورتن جي هڪ الڳ ونگ ٺاهي، جنهن سان عورتن جي نمائندگي اڀري سامهون آئي.
5 جولاءِ 1977ع ضياءُ الحق مارشل لا هڻي، ڀٽو کي گرفتار ڪري پاڻ حڪومت سنڀالي ورتي. پاڪستان ۾ خواتين جي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ تارڪ دور ڪو ڪونهي جنهن جماعت اسلامي کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. مارچ 1978ع ۾ ضياءُ الحق پاڪستان پينل ڪوڊ کي اسلامي طرح سان تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن حڪومت هڪ مهم شروع ڪئي. جنهن جو مقصد هو ته ماڻهو اسلامي طريقي سان زندگي گذارين. هن مهم جا اثر عورتن تائين به پهتا، عورتن جي راندين تي پابندي وڌي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي ڪار ڊرائيونگ تي به اعتراض ڪيو ويو. 1979ع کان پوءِ حڪومت اهڙا قانون ٺاهيا آهن. جنهن سان سماج ۾ عورتن جي حيثيت گهٽ ٿي، 1979ع ۾ حدود آرڊيننس جاري ڪيو ويو. حڪومت اهڙو ماحول تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان عورت کي زندگي جي سڀني شعبن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، وئي ۽ کيس گهر جي اندر محدود ڪرڻ جو عمل ڪيو ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ عورت جي قانوني حيثيت به گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ته جيئن کين ٻئي درجي جو شهري قرار ڏنو وڃي، انهن قانون ۾ حدود آرڊيننس، شهادت قصاص ۽ دين جا قانون شامل آهن. هڪ اهڙو دور، جنهن ۾ مارشل لا جي خلاف ڪير آواز اٿارڻ جي لاءِ تيار نه هو. انهيءَ دور ۾ عورتن انهيءَ قانون جي خلاف آواز اٿاريو ۽ انهن کي هر سطح تي چئلينج ڪيو، ۽ انهيءَ چئلينج جي نتيجي ۾ انهن قانونن جي تحت ٿيندڙ سزائن تي اڪثر عمل نٿي سگهيو.
1983ع ۾ هلندڙ جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪ ۽ عورتن جي تحريڪ جي پريشر تحت ضياءُ الحق 1985 ۾ غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن جو اعلان ڪيو. سڀني سياسي جماعتن انهيءَ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. 13 عورتون عام سيٽن تان اليڪشن جي لاءِ بيٺيون. جيتوڻيڪ انهن مان هڪ ڪامياب ٿي، جيڪا عابده حسين هئي، انهيءَ سال ضمني اليڪشن جي نتيجي ۾ اڃا هڪ عورت قومي اسيمبليءَ ۾ پهتي. جڏهن ته پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ ٻه ميمبر عورتون هيون، فرحت رفيق ۽ ساجده عابدي.
1988ع ۾ ضياءُ الحق جي مرڻ کان پوءِ جماعتي بنيادن تيا اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪرايو ويو. انهيءَ اليڪشن جي نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو پهرين خاتون مسلمان وزير اعظم جي حيثيت سان قسم کنيو. انهيءَ اليڪشن جي نتيجي ۾ چار عورتون عام سيٽن تان قومي اسيمبلي ۾ پهتيون. انهن مان 3 پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيون ويون هيون. جڏهن ته هڪ آزاد اميدوار هئي. انهيءَ کان سواءِ 20 عورتون مخصوص سيٽن تان چونڊجي اسيمبليءَ ۾ پهتيون. پر 1988ع جي اليڪشن کان پوءِ اهو قانوني شرط جنهن جي نتيجي ۾ 20 سال جي لاءِ عورتن جون سيٽون مخصوص ڪيون ويون هيون، ختم ٿي ويو. 1990ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي صرف ٻن عورتن بي نظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو کي ٽڪيٽون ڏنيون. 1993ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ 13 عورتون عام سيٽن تان اليڪشن لاءِ بيٺيون، پر انهن مان 4 ڪامياب ٿي، قومي اسيمبلي تائين پهتيون، جنهن ۾ هڪ بي نظير ڀٽو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد اسيمبلي مان هر اسيمبلي مان هڪ عورت عام سيٽ تان سليڪٽ ٿي، انهن کان سواءِ هڪ عورت اقليتي سيٽ تان سليڪٽ ٿي، انهن کان سواءِ هڪ عورت اقليتي سيٽ تان به چونڊجي آئي.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سواءِ بلدياتي ادارن ۾ به عورتن جي نمائندگي تمام گهٽ آهي، جو عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ووٽ جو حق گهٽ استعمال ڪنديون آهن، ڇو ته انهن تي به مرد جو گهڻو اثر هوندو آهي. گهڻو ڪري عورتون پنهنجي مڙس ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي ووٽ ڏينديون آهن، ڪوشش انهيءَ ڳالهه جي لاءِ ڪئي وڃي ته سڀئي فرق ختم ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي پهچ مطابق هجن، عورتن کي جمهوريت جي اهميت جي پهچ مطابق هجن، عورتن کي جمهوريت جي اهميت ۾ تسليم ڪيو وڃي، ۽ انهن کي پاليسي ٺاهڻ ۾ برابر جا حق ڏنا وڃن. اسيمبلي ۾ عورتن کي برابر جون سيٽون ڏنيون وڃن.
نسرين طاهر وفائي
گهريلو ڏس
ليمي جو رس پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان سيني جو ساڙو ختم ٿي ويندو آهي.
ليمو گرم ڪري کنڊ ملائي چوسڻ سان هانءُ ڪچو ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي.
ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻي ته ڏاڍي تڪليف ۽ ساڙو ٿيندو آهي. ان لاءِ بصر ڪٽي ڏنگ واري جاءِ تي زور ڏئي جهليو. سور به ختم ٿي ويندو ۽ زهر به بي اثر ٿي ويندو.
فوم يا اسفنج جو هڪ صاف سٿرو ٽڪرو هر وقت فريزر ۾ رکو. جڏهن به ڪو ڌڪ لڳي يا رهڙ اچي وڃي يا وري ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوچ ٿي پئي ته اسفنج کي ان جاءِ تي لڳايو. تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ سوڄ به ختم ٿي ويندي.
جسم جو ڪو به حصو سڙي پئي ته تازو پٽاٽو ڪٽي ان جو ٽڪرو سڙيل جاءِ تي لڳايو، ساڙو به ختم ٿيندو ۽ فلوڪڻو به نه ٿيندو.
بيڪنگ پائوڊر ٿورڙو پاڻيءَ ۾ ملائي، پيسٽ ٺاهي، سڙيل جاءِ تي ملم وانگر هڻجي ۽ پوءِ صاف ڪپڙي جي پٽي ٻڌي ڇڏجي ته تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو.
خالص ماکي ۽ زيتون جو تيل ملائي هلڪو گرم ڪري، سنڌن جي سور واري جاءِ تي هلڪي هلڪي مالش ڪجي ۽ پوءِ ان تي ڪپڙو ٻڌي ڇڏجي ته سور ۾ تڪڙو آرام ملندو.
وارن ڌوئڻ لاءِ گرمين ۾ ٿڌو پاڻي ۽ سردين ۾ هلڪو گرم پاڻي استعمال ڪريو. تيز گرم پاڻيءَ سان وار ڌوئڻ سان مٿي ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي.
وهنجڻ کان پهرين جيڪڏهن وارن ۾ تيل هڻي چڱي طرح ڦڻي ڏجي ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته مٿي ۾ ڄميل مير ۽ خشڪي ڌوپجي صاف ٿي ويندي ۽ ٻيو ته وارن جون پاڙون به مضبوط ٿينديون ۽ وار نرم ۽ چمڪدار به ٿي پوندا.
خوشبودار بازاري تيلن جي بجاءِ سرنهن ۽ ناريل جو خالص تيل استعمال ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.
ڪجهه ماڻهن کي سيءُ وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن روزانو سائي چانهن (green tea) ۾ ماکي ملائي پيئن ته انهن کي سيءُ گهٽ لڳندو.
ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ مٺي سوڍا ٽوٿ برش تي هڻي ان جي مٿان پيسٽ رکي، پوءِ برش ڪجي ته ڏند چمڪي پوندا.
ليمي جون کلون سڪائي ساڙي، انهن جي خاڪ ۾ لوڻ ملائي منجن وانگر ڏندن تي هڻجي ته ڏند چمڪي پوندا ۽ مهارون به مضبوط ٿينديون.
مٿي ۾ خشڪي يا سنهيون ڦرڙيون هجن ته مينديءَ جي پاڻيءَ سان مٿو ڌوئڻ سان فائدو ٿيندو.
ناريل جو تيل ۾ ميندي ڀڄائي، اهو تيل مٿي ۾ هڻڻ سان وار ڪرڻ بند ٿي ويندا ۽ مٿي جي سور ۾ به فائدو ٿيندو.
نم جا پن پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، ان پاڻيءَ سان گرڙيون ڪجن ته مهارون مضبوط ٿينديون ۽ ڏندن جو سور به ختم ٿيندو.
شاعري
رخسانه سومرو
تنهنجي اکين جا منڊ
ڄڻ بي جام مستي
پيار جي سحر ۾
ساعتن جا جنڊ
دل جي ڌڙڪن
سمنڊ جي ڇولين تي
مست هوا جو رقص
ڄڻ مور نچي بن
جهانجهر جي ڇم ڇم
وصل ۾ مک تي انڊلٺ اڀرڻ
وڇوڙي جو پل ۾
اکين لائي جهم جهم
پيار رڳو ويساهه گهاتي بار بار
خواهش جي مزار تي
حسرتن جي چادر
روح سمورو تار تار
آزاد نظم
شيشي جي ڀت
ماضي، مستقبل جيان
پٿر جي ڀت ناهه
ماضي ته شيشي جي ڀت آ
شيشي جي ڀت جنهن جي
آر پار سڀ ڪجهه
ڏسي سگهجي ٿو
لمحن جي مٺ مان نڪتل
يادگيريون، سپنا، حسرتون
وقت جو کسيل ۽ چورايل
هڪ هڪ پل ڪلن جيئان
ماضيءَ جي سيني ۾
گهپيل هوندو آ
ٿوري شيشي تي
ڦٽ اڊڙي پوندو آ
اندر پيڙجي ويندو آ
سٿيل سور مترڪي جيئان
دل سنداڻ تي
وسڪو ڪندا آهن
اندر جي ڀڃ ڊاهه ۾
سڄي هستي ڀور ٿي وڃي ٿي
پر!
ماضيءَ جي ڀت پوءِ به
قائم رهي ٿي
وقت جا عڪس ميڙي ٿي.
آزاد نظم
زبر دستيءَ جون محبتون
سور سدا
ناسور بڻجي ٽميا
اکين ۾ پوءِ به رڻ رهيو
مان!
ڇڳل داوَن
لڦون پير
۽ منزل جي ڌوڙ آ
منهنجي اندر ۾ ڄڻ
واريءَ جا دڙا هن
جيڪو اڳتي وڌڻ نه ٿا ڏين
هڪ ئي چهرو آ
جيڪو اکين ۾ پيهجي ويو آ
هي ٻيا سڀ
ٺلها ناتا هن
ڪڻڪ جو قرض آ
ڪڻڪ سان لاهي ڇڏ
جنهن ناتي ۾ خلوص آ
بي لوث پيار آ
تنهن ناتي کي
خلوص ۽ بي لوث
پيار سان لاهي ڇڏ
ترشتا ۽ تعلق
جوڙڻ ته سولو آ
رشتا نڀائڻ اوکو آ
جيڪي رشتا ڄاول ٻار جي
اکين ۾ قيد هوندا آهن
۽ بند مٺ ۾
لڪل هوندا آهن
اهي ناتا ئي ته سچا هن
جڏهن انهن رشتن ۾
سچائي ۽ خلوص نه مليو آ
ته ڀلا!
پاڻ جوڙيل ناتن ۾
محبت ۽ ڇڪ ڪٿي آ
جيڪي رشتا ٽٽي وڃن ٿا
دلين ۾ ٽنگ ڪن ٿا
اهو سڀ بيڪار آ
سڀ بيڪار آ
سڀ ڪوڙا ناتا هن
زبردستيءَ جون محبتون
انسان کي رولي ڇڏن ٿيون
۽
روح جون رڙيون ٽهڪن ۾ ٻڌجن ٿيون
سيما گل
خوشفهمي
هوءَ سمجهي ٿي ته مان ساڻس محبت ڪريان ٿو.
هوءَ مون تي مري جيئي ٿي.“
”پر مون کي فقط تون پياري آهين جانانا!
هوءَ ته خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهي.“
سندس مڙس نئين پريمڪا کي مرڪندي چيو.
بلائينڊ فيٿ
هوءَ منهنجي هر ڳالهه تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪندي آهي. جڏهن ته مان ساڻس ڪڏهن به سچ ناهي ڳالهايو. جيڪو ڪجهه ڪندو آهيان ان جي سمڪ به نه پوندي اٿس جيڪو ناهيان ڪندو اهو ٻڌائيندو آهيانس. هوءَ ڏاڍي بلائينڊ فيٿ آهي.
عذرا سومرو
مون کي تون ڳولي وٺجان
پنهنجي اندر کي ڇولي وٺجانءِ
يادن جو ڪتاب کولي وٺجانءِ
يادن جو ڪتاب کولي وٺجانءِ
جداين جو حساب ڳولي وٺجانءِ.
ڄام صنم سنڌي
ان ڏينهن سمجهجان
جڏهن ڪڪر ڪارا اچن
خوش ٿي ٿر وارا نچن
۽ سنگ سارا پچن
ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ
جڏهن مور نچن مستيءَ مان
هلي هوڏ وڃي هر هستيءَ مان
۽ پيار اڀري پستيءَ مان
ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ
جڏهن هر ماڻهو هالار هجي
ڀٽائيءَ سندو سالار هجي
۽ سنڌوءَ ۾ جالار هجي
ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ
جڏهن جوان جمالي تي ڪڏن
بانوريون باغ ۾ پينگهه لڏن
۽ ڪونجون ڪري قطارون اڏن
ان ڏينهن سمجهجان سنڌ سکي آ
قطعو
گهاڻو پڪاري ٿو بلاول کي
هر روح ساري ٿو بلاول کي
ڏسو سنڌ جي صورتحال
ڪو نه ڪو روز ماري ٿو بلاول کي
ماها عطا
بسنت ڪونه آيو
اسان کان بهارن جڏهن موڪلايو
تڏهن کان هتي ڪو بسنت ڪونه آيو
گلابن جي موسم ڏسڻ لاءِ سڪياسين
مقدر اسان کي ڪنڊن ۾ ملايو
نه رابيل ٻهڪيا نه موتيو ئي مهڪيو
رتين ڀي عجب آه جلوو پسايو
لڳي هاءِ! ڪنهن جي نظر وئي اسان کي
جو دردن هتي آهه ديرو دمايو
سٺا گهاءَ ڪيڏا اسان هن دلين تي
بڇي هر مصيبت اوهان آزمايو
سدائين نشاني اوهان جي تي آهيون
سزائن جو ڪارڻ اوهان ئي ٻڌايو
اسان رات ڪاري اکين تي گذاري
جلي جاڳ جنهن لئه صبح ڪونه آيو
اڃا پي اسان جون اميدون مندن ۾
ڪٿان چيٽ ڀلجي اجهو ڄاڻ آيو.
پناهه لغاري
کڙيل ستارو
مرڪندي چيائين
ڇا پئي تڪين آڌيءَ سمي
آڪاش جي ڪاراڻ ۾
چيو مانس انتظار آ
چيائين ڇا جو؟
چيو مانس چمڪندڙ ستاري جو
مرڪندي چيائين
ماڻھو ته اڀرندڙ سج جو انتظار ڪندا آھن
چيو مانس
تڏهن ته ستاري جو انتظار آ
حيران ٿيندي پڇيائين....
ڪيئن؟
چيو مانس
صبح جي ستاري کان پوءِ ئي ته سج نڪرندو آ
ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ.....
چپن تي مايوس مرڪ ڦهلائي
چيائين.......
جنهن ستاري جو توکي انتظار آ
اهو ته کڙي چڪو آ!
توکي ارپيل گل
مان هي سمورا گل
توکي ارپيان ٿي
ڇو ته.....
مون پنهنجي پيار جي
سموري ماڪ
هنن مٿان وسائي آ
نينهن
سهيلين جي سٿ ۾ ويٺي هئي
رنگا رنگي ڪپڙن سان
چيومانس هيڏا سهڻا ڪپڙا ڪيئن ٺاهيندي آهين
چيائين پوپٽن جا رنگ چورائيندي آهيان
چيو مانس گهر ۾ ته سڄو ڏينهن پئي
پوپٽن سان ريهاڻيون ڪندي آهين
۽ هتي به........
چيائين پوپٽن سان نينهن جو اٿم
چيو مانس ٻيو ڀلا ڪنهن سان نينهن اٿئي
چيائين جن سان پوپٽن جا نينهن آهن
چيم.... يعني گلن ساڻ.....
مرڪندي چيائين........
اڃا به ڪنهن سان..... شرم ۾ لال ٿي وئي
(سمجهي ويس) چيو مانس
ان نينهن ۾ ته شفق جا رنگ به اچي گڏيا آهن
معنيٰ هي نينهن نرالو اٿئي
مرڪي پئي......
مرڪڻ سان ڳلن ۾ ننڍڙا چگهه پئجي ويس
اهڙي، مٺي مرڪ....
لڳم ڄڻ سموري ڪائنات جو حسن مڙي سندس مک تي سمائجي ويو هجي
اوچتو جهٽڪي سان سموريون سهيلين وچ مان
ڊوڙندي هلي وئي
لڳم ڄڻ ڪو پوپٽ ڪنهن گل تان تازو اڏاڻو هجي
۽ گل ويڳاڻو ٿي ويو هجي.
ڪنول سميجو
حسين يادون
ڪجهه يادون هونديون آهن، عظيم يادون
ان يادن ۾ آهن منهنجي ننڍپڻ جون يادون
انهن ڏينهن ۽ راتين کي ڪيئن مان وساريان
جيڪي منهنجي زندگيءَ جو عظيم سرمايو آهن
انهن ڏينهن کي ڪيئن مان وساري ڇڏيان
سوچان ٿي ڪاش! اهي ڏينهن موٽي اچن
پر اهي ڏينهن وري نه ٿا اچي سگهن
جڏهن ڏسندي آهيان ننڍن ٻارن کي
انهن ۾ نظر ايندو آهي منهنجو ننڍپڻ
ڪجهه يادون هونديون آهن حسين يادون.
فراز پروين شيخ
نثري نظم
اقرار
توکي ڏٺو ناهي
توکي پرکيو ناهي
توسان ڳالهايو ناهي
پوِءِ به
تنهنجي نانءَ ٻڌڻ سان
ڇرڪي پوڻ
تنهنجو ذڪر بار بار ڪرڻ
تو لئه عزت احترام وارا
جذبا رکڻ
سمورا پل توکي سوچڻ
سمورا پل توکي سوچڻ
سمورا پل توکي ارپڻ
۽ توکي پنهنجو سمجهڻ
ڇا اهوئي پيار آهي؟
اگر اهو ئي پيار آهي ته
مان توسان پيار ڪريان ٿي
اڄ ان جو اظهار ڪريان ٿي
ته مان توسان پيار ڪريان ٿي
پاڻ وڃايوسين
وقت بدلجي وڃي ٿو
موسمون بدلجي وڃن ٿيون
انسان ساڳيا نه رهيا
جذبا ساڳيا نه رهيا
سوچيو هيوسين
منزل جي ويجهو آهيون
پر ”اوپرين“
توکي چاهڻ
منزل تائين پهچڻ
ڏاڍو ڏکيو نڪتو
پيار لاءِ ماڻهو
ڪيئن نه باغي ٿي پوندا آهن
پر اسين ته
حالتن کان گهٻرائجي وياسين
۽
پاڻ ئي وڃايوسين
ها
پاڻ ئي وڃايوسين
ٻڌو آهي
ٻڌو آهي
تو مون کي
وساري ڇڏيو آهي
جي ائين آهي ته پوءِ
مان زنده ڇو آهيان؟
تنهنجون ڳالهيون
زندگي رئندي آهي
ڏک تڙپائيندا آهن
جڏهن تنهنجون ڳالهيون
ياد اينديون آهن
ڪڏهن ڪڏهن
ڪڏهن ڪڏهن
دل چوندي آهي
چپ چاپ هن دنيا مان هلي وڃان
ڪنهن کي به سڌ نه ڏيان
سمنڊ جي مست ڇولين ۾
پنهنجي وجود کي وڃائي
گم ڪري ڇڏيان
زندگي پنهنجي
چؤ سٽو
هر گل ۾ تنهنجو عڪس
هن دل ۾ تنهنجو عڪس
فرزانه ويٺي ڏسان
پليل تنهنجو عڪس
روشن ناز ڌاريجو
امڙ جو عڪس
توکي وساريان ته ڪيئن وساريان امان
توکي وساريان ڪيئن امان؟
تون منهنجي روح ۽ منهنجي دل ۾ آهين دفن
تون منهنجي روح ۾ رچيل دل ۾ سمايل آهين امان!
ڪڏهن ڪڏهن اداس
ٿي اڪثر سوچيندي آهيان
ته ڪير آهستي مون کي سڏي رهيو آهي
۽ شفقت ڀريا هٿ مٿي تي گهمائي رهيو آهي
۽ ڪير منهنجي مٿي کي چمي رهيو آهي
۽ ائين محسوس ٿيندو اٿم
ڪير مون کي ٻاجهه مان چئي رهيو آهي
تون ايڏي اڪيلي ايڏي اداس ڇو آهين؟
مون اکيون کڻي ڏٺو
ٿڏو ساهه ڀري چيم، امان! منهنجي مٺڙي امان!
۽ ٻئي ٻانهون مٿي کوليم ڀاڪر پائڻ لاءِ
ليڪن افسوس!
منهنجون ٻانهون کليل ئي رهجي ويون
هوءَ منهنجي ماءُ نه پر ان جو عڪس هو.
تولاءِ
تولاءِ
پنهنجي اندر جا اڌما
مان وساري سگهان ٿي
تولاءِ
سڀ رشتا ناتا
ها، مان ساري سگهان ٿي
تولاءِ
پنهنجو پاڻ به
پر ائين نه جو سڀ
تولاءِ
وساريندي رهان
۽ مون کي تون وساري ڇڏين!؟
مظهر ”امر“
ڪارو ڪاري
جيون جي هن راهن ۾
بي معنيٰ سڀ خواب ٿيا
اجاڙ رستن جي چانڊوڪي
مقتل ڏي ٿي پير کڻي
هر گل ڇڻي ٿو خاڪ جيان
هر لاش مٿان
ڪا پرهه ٿي هاري ماڪ ڦڙا
هو گلڙن جهڙا حسين بدن
پنهنجون معنائون ڳولي
بي مقصد ڇڻي هن خاڪ ٿيا
ڪالهه ڪنهن جي ڪهاڙي
چمڪي هئي
جا ڪنڌ لڻي وئي ٽاريءَ جيان
هيءُ ڪنهن جا پير ٿو
وقت ڪٿي
ڪي پير ڊهي ويا واريءَ تان.
گلبدن جاويد
ڌتارڻ لئه دل کي بهانا ٿا گهرجن
ٽٽل تار دل جي ڇيڙ جي
محبت جو ميڙو وري ميڙ جي
ڀلا وقت سان جهيڙو ڪو جهيڙ جي
۽ پاڻيءَ بنان فصل گل کيڙجي
ڌتارڻ لئه دل کي بهانا ٿا گهرجن
اڃا گهاءُ دل جو به ناهي ڀريو
وري ياد جو آهي جهوٽو وريو
وري چنگ چاهت جو آهي چريو
ستل سور سالن جو ٻيهر ٻريو
هجي تير بڻجي جگر ۾ هريو
وسارڻ لئه توکي زمانا ٿا گهرجن
ڌتارڻ لئه دل کي بهانا ٿا گهرجن.
زبيده ميتلو
درد ڇڏي ويا
نيٺ ته ورندا
پيڙائن کي
ساهه ۾ سانڍي
لوچي ٿو
نيٺ ته ورندا
من مندر ۾
پيڙهه جو پٿر
جيڪي رکي ويا
درد ڇڏي ويا
روئندي روئندي
نيڻ سڪي ويا.
نيٺ ته ورندا
......................
سورج، پنهنجن ڪرڻن سان
منهنجو اندر اجاري ٿو
من پڌر کي مهڪائي ٿو
جيوت جڳ، سنواري ٿو
کائو نه خارون اي يارو
ڪوي، سڄڻ ڌتاري ٿو.
جهاتي، پائي ڪڪرن مان،
چنڊ ڏسو ته نهاري ٿو.
جنم جنم جاڳي ڪو ساٿي
جاڳ جو سج اڀاري ٿو.
غفلت جو هي ڳجهو هٿيار،
ڪمائتا عضوا کاري ٿو.
جيو جي جرئت ساڻ جوان
ته موت جلد پڪاري ٿو.
حميره نور
غزل
توسان دوستي ڪيم،
دل سان دشمني ڪيم.
اڻڄاڻائيءَ ۾ الائي ڇو،
تنھنجي بندگي ڪيم.
واءُ وريو ڪو اوچتو،
تولئه شاعري ڪيم.
پريم ڪھاڻي درد ڀري،
ڳوڙھا زندگي ڪيم.
يادن گل، امر پنھنجي،
خوشبوءَ ڊائري ڪيم.
....................................
ٿر کي ڏسي ٿي،
گھر کي ڏسي ٿي،
ڪمائي کڻي ويندڙ.
ڪمائي کڻي ويندڙ،
ور کي ڏسي ٿي.
بکايل پيٽ ڪارڻ
در کي ڏسي ٿي.
کائي ڇو نه مرجي،
زھر کي ڏسي ٿي.
عذرا سرور ڪنڌر
پٿر جو ماڻهو
عشق جي ماڳ تي جو اڌورو آ
اهو ماڻهو نه آپٿر آ
پيار ڪرڻ وارن جو ويري آ
اهو ماڻهو نه آ پٿر آ
جنهن نسورو نير روئاريو آ
اهو ماڻهو نه آ پٿر آ
جنهن جيون سڄو جهوريو آ
اهو ماڻهو نه آ پٿر آ
جنهن نينهن ۾ نهوڙيو آ
اهو ماڻهو نه آ پٿر آ
جنهن انگ انگ ساڙيو آ
اهو ماڻهو نه آ پٿر آ
ريشمي راماڻي
منهنجو جيون
اولهه جي افق ۾ لهندڙ سج جيان جڏهن
بچيل هوندا منهنجي زندگيءَ جا ڪجهه لمحا
نه سوچينديس اڻپوري حسرتن جي باري ۾
نه ئي ياد ڪندس
گذريل ڏينهن جي ڪشٽن کي.
جيترو وقت
مان هن ڌرتيءَ تي گذاريو
هر گهڙيءَ محسوس ڪيو
جيئڻ کان وڌيڪ ڪجهه به خوبصورت ۽ اهم ڪونهي
سنسار ۾
سڀني جڳهين تي جيون آهي
۽ هن سان جڙيل مان.
زندگي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڇا آهي؟
ايندڙ رات جيان
گهري خاموشي، ڊگهي سانت گهاٽي اوندهه
صرف هڪ زندگي ختم ٿيڻ سان
ڪڏهن به
سڀ ڪجهه ختم نه ٿيندو آهي.
نه مرندس مان ڪڏهن به هوا جي سواسن ۾
پاڻيءَ جي وهڪري ۾
آڪاس جي سخاوت ۾
ڌرتيءَ جي راڳ ۾
باهه جي تپش ۾
زنده رهندس مان سدائين
پنجن تتون ۾ ليه ٿي
پنجتتو بڻجي
جهور وڻ جيان ڊهندو
منهنجو جهونو پراڻو سرير
ڪنهن عزيز دوست جيان
ڌرتي مون کي سنڀاليندي پنهنجي مظبوط ڀاڪر ۾
گرميءَ جي برسات جيان
هڪ ڏينهن وسندس مان به
سڪل گاهه جي جسم تي
اس ۾ چمڪندو اجرو پاڻي.
خاموش ڌرتي کڻندي اڀو ساهه
سڏ ڪندي مٽيءَ کي
وري پئدا ٿيندو نئون ٻوٽو
جنهن جي ٽارين تي مرڪندس مان
گل بڻجي.
ڪوشش ڪندس
اجايو نه وڃي جيون هن سنسار ۾
ڪنهن ننڍڙي پکيءَ جيان
اڏامندي رهندس اننت آڪاس ۾
ٽمڪندي رهندس ٽاندآڻي وانگر رات ۾
ترندي رهندس هوا جي لهرن تي ڪک بڻجي.
نور شاهين
قطعات
هٿ وڌائي ڏي، مسڪرائي ڏي،
ڏي مگر ساقي، ڪجهه وڌائي ڏي،
ننگ ساقي گري آهي اي دوست:
ظرف منهنجو نه آزمائي ڏي.
هڪ ڀيري ويس ڪعبي، بتخانو نظر آيو،
بتخانو ڦري ٻيهر، پئمانو نظر آيو،
وک جلدي کنيم ”شاهين“ نظرن سان وڌي پيتم
جو ساقي نظر آيو، مئخانو نظر آيو.
ڪجهه ته چئو اي دوست، وئي ڪيڏانهن اها تنهنجي جواني
هر قدم تي هو فسون تنهنجو، ڪڏهن سحر بياني
حسن تي ڇانيا اٿئي اڄ جو هي آثار قديم
تلخ ٿي هاڻي لڳي هئي جا شيرين گدائي
تنهنجي دنيا تنهنجي آهي، منهنجي منزل ناهه دوست
تنهنجي الفت مان حاصل نه ٿيڻي آهه دوست
وقت جو مرهم چڙهيو هٿ آهه ڏاڍو لاجواب،
توکي ”شاهين“ جو وسارڻ هاڻي مشڪل ناهه دوست،
ترائيل
صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري،
ڪجهه تڙپ مان نه ٿيو آهي نڪي ٿيندو ڪڏهن،
ڪا گهڙي نيٺ ملي ويندي محبت جي ڪري،
صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري،
ڇا تون تڙپين تي اي دل پستيءَ همت جي ڪري،
عشق حاصل ٿيندو پر هوندي هي همٿ به جڏهن،
صبر ڪر ڪين تڙپ، قرب جي راحت جي ڪري،
ڪجهه تڙپ مان نه ٿيو آهي نڪي ٿيندو ڪڏهن.
نسرين ٿيٻو
پرهه ڦٽي
پرهه ڦٽيءَ جو سهائي ۾،
منهنجون راتو ڪيون رنل اکيون
سستيون پيون هيون
اوچتو پلڪ ڪنبجڻ لڳا
اميد جي ٿڌڙي هير سان
وکريل وار منهنجا سلجهڻ لڳا
اوچتو محسوس ڪيم آلاڻ ڳوڙهن جي
ڪوئي نرم آڱر ڇهي ٿي
سوچيم شايد ڪوئي خواب مون کي
وندرائي ٿو
ڪوئي درد مون کي ريجهائي ٿو
نيٺ هوريان هوريا کوليم اکيون
حيران ٿي مرڪي ڏٺم
سج جو پهريون ڪرڻو
پيشانيءَ تي مون کي چمي
منهنجو هٿ جهلي ان ۾ سمائجي ويو
حيران ٿي هٿ کي ڏٺم
ڪرڻي جي روشنيءَ ۾
پنهنجو پاڻ کي ڏٺم
جيڪا مون کي ڏسي مرڪي رهي هئي
صبح جي سهائي ۾ سوچيم
ڪئي بار سوچيم
رات ڇو رنيس پئي آءٌ
منهنجي خوشي منهنجي هٿ ۾ آ
پوءِ آءٌ رات ڇو رنس پئي.