diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Religion/Book2.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book2.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book2.txt" @@ -0,0 +1,428 @@ +ڪتاب جو نالو: تذڪرة المراد + + + +تذڪرة المراد (قطب الاقطاب سيد محمد حسين ملقب شاهه مراد شيرازي ٺٽويءَ جي زندگيءَ، خانداني حالات، بزرگي ۽ ڪرامتن جو احوال) +(قطب الاقطاب سيد محمد حسين ملقب شاهه مراد شيرازي ٺٽويءَ +جي زندگيءَ، خانداني حالات، بزرگي ۽ ڪرامتن جو احوال) +از +حاجي محمد حسين صفائي ٺٽوي +مترجم +ڊاڪٽر عبدالرسول قادري +بسم الله الرحمٰن الرحيم +مترجم طرفان مهاڳ + +الحمد لله رب العالمين والصلاة و السلام عليٰ سيد المرسلين و عليٰ آله واصحابه اجمعين. +سنڌ ۾ روهڙي، سيوهڻ ۽ مڪلي، ننگر ٺٽو الله وارن جا مشهور مرڪزي ماڳ رهيا آهن. لاڙ پٽ مڪلي ۽ ٺٽي ۾ گهڻائي الله وارن جا آستان ۽ پاڪ پروردگار جي پهتل پيارن ٻانهن جي فيض ۽ برڪت ۽ ڪرامت جا واهه ۽ واهڙ، اڏون ۽ اونهيون ڪسيون وهندڙ آهن. هر بزرگ پنهنجي پنهنجي زماني ۾ بنا لوڀ ۽ لالچ جي خدا ڪارڻ علمي ۽ روحاني فيض جي اڻ کٽ پالوٽ پئي ڪئي آهي. شيطان جي چنبي ۾ ڦاٿل ۽ نفس جي اري ۾ اڙيل ماڻهن جي رهنمائي ڪري، انهن موڙهيل ماڻهن کي حق جي هدايت جو رستو ڏيکاريو. صالحن جي صحبت ڪري گنهگار به نيڪ صالح بنجي پيا. +عالمن استادن، اديبن ۽ شاعرن وري علم ۽ قلم ذريعي، فڪر ۽ فهم، ادب ۽ علم جو نور پکيڙيو. مطلب ته انهن فيض ۽ برڪت جي وهڪرن ۽ مٺن چشمن مان هر دور ۾ ماڻهو سڪ ۽ سوز، محبت ۽ عقيدت مطابق فيض ياب ٿيندا رهيا آهن. +اهڙي ريت ننگر ٺٽي ۾ حضرت قطب الاقطاب سيد محمد حسين ملقب شاهه مراد شيرازيءَ (وفات: 893 هه) جي فيض ۽ برڪت جو سلسلو به روشن رهيو آهي. جنهن جي سوانح ۽ احوال و آثار بابت هي ڪتاب ”تذڪرة المراد“ (عربي) شاهد آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو اهل سنڌ جي سامهون حاضر آهي. +حضرت شاهه مراد وڏي ڪمال ۽ تصرف وارو بزرگ هو. ان جي صحبت ۽ فيض مان ونڊ وٺي فيضياب ٿيل مريد هن ڪتاب ”تذڪرة المراد“ جو مصنف حاجي حسين صفائي ٺٽوي به هڪ آهي. + + +ڇپائيندڙ پاران +سنڌي ادبي بورڊ ويجهڙ واري دور ۾ اشاعتي سرگرميءَ ڏانهن سرگرميءَ سان ڌيان ڏيندي نهايت علمي، ادبي ۽ تاريخي شهپارا شايع ڪري هڪ مثال قائم ڪيو آهي. هينئر هيءُ جيڪو ڪتاب ”تذڪرة المراد“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، سو به ساڳئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. +هيءُ تذڪرو تاريخي شهر ٺٽي سان واسطو رکندڙ بزرگ سيد محمد حسين شاهه شيرازي، جنهن کي عرف عام ۾ شاهه مراد شيرازي ٺٽوي چيو وڃي ٿو، متعلق آهي، جيڪو حاجي محمد حسين صفائي ٺٽويءَ ڏهين صدي هجريءَ ۾ لکيو. ڪتاب جو اصل مسودو عربي متن ۾ تيار ڪيو ويو. جنهن جو سنڌي ترجمو عربي ۽ فارسيءَ جي هاڪاري عالم جناب عبدالرسول قادريءَ سنه 1426هجريءَ ۾ تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو. بورڊ ترجيحي بنيادن تي هن ڪتاب کي ڇپي باذوق پڙهندڙ حضرات لاءِ هڪ وڌيڪ ڪارائتي ۽ مفيد ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي. +بورڊ جي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش آهي، ته سنڌ جي علم و ادب ۽ تاريخ سميت انهن بزرگ شخصيتن تي به تحقيقي ۽ تاليفي ڪم ڪيو وڃي، جيڪي نه رڳو سنڌي سماج بلڪ پوري دُنيا ۾ وڏو علمي مقام رکن ٿا. هونئن به تاريخ ۽ علم و ادب جو اصل سرچشمو ۽ روح وري به اعليٰ شخصيتون ئي هجن ٿيون. انهيءَ تسلسل ۾ اسان چاهيون ٿا، ته انهن موضوعن تي بي شمار ڪتاب شايع ڪري پاڻ تي رکيل ذميداري احسن طريقي سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪريون. +انعام الله شيخ +سيڪريٽري + + +پيش لفظ + +بسم الله الرحمٰن الرحيم +بسم الله الرحمٰن الرحيم + +الصلواة و السلام عليٰ رحمة للعالمين + +سنڌ ۾ صوفين سڳورن جي تذڪرن، سوانح حيات، شعر ۽ ملفوظات جو تحريري مواد گهڻو ڪري فارسي ۽ سنڌي ٻولي�� ۾ موجود آهي. البت ڪن صوفي بزرگن، مشائخن ۽ عالمن سڳورن جو احوال عربي ٻوليءَ ۾ به دستياب آهي. +سردست دستياب هيءُ قلمي ڪتاب ”تذڪرة المراد“ عربي، نائين صدي هجري، پندرهين صدي عيسويءَ جي مشهور بزرگ حضرت سيد محمد حسين شاهه شيرازي ٺٽويءَ رحمته الله عليه بابت تذڪرو آهي ۽ مڪلي، ٺٽي جي تاريخ جو روشن باب آهي. هن ڪتاب ۾ حضرت شاهه مراد شيرازيءَ ٺٽويءَ جي حسب نسب، ولادت، ننڍپڻ، تعليم و تربيت، اخلاق سڀاءُ، سخاوت، فيض و ارشاد، خليفن مريدن، ملفوظات، شرعي پابندي، سنت نبويءَ جي پيروي، ڀلائي، وفات ۽ ڪرامتن جو مختصر ۽ سربستو احوال سمايل آهي. +الله تعاليٰ جي نبين سڳورن جا معجزا ۽ الله جي نيڪ دوستن ولين جون ڪرامتون برحق آهن. قرآن مجيد، احاديث نبوي، سيرت، تاريخ ۽ تصوف جي تذڪرن ۾ انهن معجزن ۽ ڪرامتن جو ثبوت موجود آهي. +ان زماني ۾ به تذڪره نويسيءَ جو اهوئي تحريري اسلوب ۽ نمونو هو. +هـيءُ تـذڪرو حضـرت شـاهه مـراد شـيـرازي ٺٽويءَ جي سچي مريد ۽ خليفي حافظ حاجي محمد حسين صفائي ٺٽويءَ (وفات 931 هجري) عربي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. وڏي محبت ۽ عقيدت سان مرشد جي سوانح حيات، ڪرامتن ۽ روايتن کي سهڻي نموني محنت سان يڪجاءِ ڪيو آهي. +تذڪري ۾ ان دور جي حڪمران ڄام نظام الدين سمي ”ڄام نندي“ (وفات 914 هه) ۽ همعصر شخصيتن جو به ضمناً ذڪر آيل آهي. +بهرحال حضرت شاهه مراد شيرازي ٺٽويءَ جي عربي تذڪري جو سنڌي ترجمو، اهل سنڌ لاءِ طريقت ۽ شريعت، فيض ۽ فڪر، تصوف ۽ حقيقت جو آئينو آهي. اميد ته ڪتاب پڙهڻ سان ڪٽيل ۽ زنگيل دليون روشن ٿينديون ۽ دلي محبت ۽ روحاني سڪون حاصل ٿيندو. + +آگي ڪيا اڳهين نسورو ئي نُور، +لاخوف عليهم ولاهُم يحزنون، سچن ڪونهي سور، +مولي ڪيو معمور، انگ ازل ۾ اُن جو. +(شاهه) + +ڊاڪٽر عبدالرسول قادري +تاريخ: 28 ڊسمبر 2005ع + + +مصنف جي زندگيءَ جو احوال +”معارف الانوار“ ۾ آهي، ته (شيخ حسين صفائيءَ جو مرشد) حضرت سيد محمد حسين شاهه مراد شيرازي هر ڪم ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي تابعداري ۽ سنت جي پيروي ڪندو هو. جيئن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جا مشهور چار خليفا آهن، اهڙي طرح شاهه مراد، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي طريقي موجب پيروي ڪندي، پنهنجا وڏا چار خليفا مقرر ڪيا: 1. سيد مير علي (سندس وڏو ڀاءُ) 2. شيخ البو (ڄام مارڪ) 3. شيخ حسين صفائي 4. ميان احمد (ماله)(1) +هن مان ظاهر آهي ته، شيخ حسين صفائي، حضرت شاهه مراد جو مريد ته هو، پر کيس خدمت ۽ ڪمائيءَ جي ڪري، مرشد طرفان خلافت به مليل هئي ۽ ٽيون نمبر خليفو هو. + +نالو ۽ ننڍپڻ +سندس نالو محمد حسين لقب صفائي(2) پاڻ حافظ ۽ حاجي به هو.(3) +اصل ۾ هن جي والده، سيد (شاهه مراد) صاحب جي جاءِ تي (خدمتگار) ۽ ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ هي ننڍڙو (حسين) ماءُ جي پوئتان هوندو هو. هڪ دفعي سندس ماءُ، سيد (شاهه مراد) صاحب کي عرض ڪيو ته، ”منهنجي پٽ کي پنهنجي ڪوزي مان پاڻيءَ ڍڪ پياريو ۽ دعا ڪريوس، ته صالحن مان ٿئي.“ پاڻ پاڻي چرون پياري، دعا فرمايائونس. پوءِ ته جو ڪجهه ٿيڻ وارو هو، تنهن راهه تي هلڻ لڳو.(1) +مرشد طرفان ولايت ۽ فيض ملڻ +”تحفة الطاهرين“ ۾ به مٿئين احوال جي هن ريت تصديق آيل آهي: +هڪ ڏينهن حضرت سيد مرادرح وضو پي ساريو. وضوءَ جو بچيل پاڻي ان کي پيئڻ لاءِ ڏنو. شيخ حسين صفائيءَ جي عجيب حالت ٿي وئي. ان ئي وقت ولايت جي درجي تي وڃي رسيو ۽ اولياء الله جي جماعت ۾ شامل ٿيو.(2) +مرشد جي خدمت ۽ مرشد جي مهرباني +شيخ حسين صفائي سڄي زندگي، ننڍپڻ کان وٺي پوين پساهن تائين، مرشد جي حياتي ۽ بعد ۾ سندس درگاهه جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي. +مولانا دين محمد وفائيءَ سندس خدمت ۽ مٿس مرشد جي مهربانيءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي: +”شيخ حسين صفائي سموري ڄمار سيد (شاهه مراد) صاحب جي نماز ۽ وضوءَ لاءِ ڪوزو ۽ مصلو سنڀاليندو هو. جڏهن مصلو پراڻو ٿيندو هو، ته ان جون ٽوپيون ٺاهي پائيندو هو. سيد صاحب سان ايڏي معيت رهيس، جو هڪ دفعي فرمايائونس، ته فقير هن جهان ۽ ٻئي جهان ۾ اسان سان گڏ هوندو.“(3) +محمد صالح ٺٽي واري به ”معارف الانوار“ ۾ لکيو آهي: +”پوءِ شيخ حسين صفائي هميشه مرشد (شاهه مراد) جي خدمت ۾ حاضر رهندو هو ۽ سندس والده به شاهه مراد جي حويليءَ ۾ خدمت ڪندي رهي ۽ (ٻنهي) باقي عمر خدمت ڪندي گذاري ڇڏي.“(4) +دنيا کان بي پرواهي ۽ بي نيازي +شيخ حسين صفائي مرشد جي محبت ۽ خدمت ۾ ايتري قدر ته محو هوندو هو، جو دنيا ۽ دنيا وارن جي لوڀ ۽ لالچ، غرض ۽ غايت کان بي پرواهه رهندو هو. مرشد جي وصال کان پوءِ ته، دنيا سان صفا ناتو ٽوڙي ڇڏيائين. عام ماڻهو پنهنجي جاءِ تي، پر وقت جي حڪمرانن کان به بي نياز هو. +”شاهه حسين ارغون (وفات 962 هه) ٻه دفعا شيخ (حسين صفائي) جي زيارت ڪرڻ جي خواهش ڪئي، ليڪن کيس اجازت ڪانه ڏنائين.“(3) +معارف الانوار جي مصنف سندس دنيا داريءَ کان بي رغبتيءَ بابت پارس پٿر جي هيءَ عجيب حڪايت لکي آهي: +”هڪ ڀيري سندس مرشد شاهه مراد جي مريدن مان هڪ مريد احمد آباد مان هلي، شيخ حسين صفائي وٽ ننگر ٺٽي آيو. شيخ ان کي (مرشد وارو سلسلو) ۽ شريعت محمدي وارو طريقو ٻڌايو. اهو احمد آبادي ماڻهو ڳچ ڏينهن شيخ حسين وٽ رهي پيو. ان ڏٺو ته مرشد جو خليفو(حسين صفائي) مسڪينيءَ جي ڪري، صبر شڪر سان گذران ۾ ڏکيا ڏينهن گذاري رهيو آهي. اهو احوال ڏسي (احمد آبادي) شيخ حسين کي عرض ڪيو ته،”مون وٽ دنيا دولت جهجهي آهي، جيڪر ان مان ڪجهه قبول فرمايو ته خدمت ۾ پيش ڪريان.“ شيخ فرمايو ته، ”تنهنجي مرضي.“ ان احمد آبادي مريد پارس پٿر جو ٽڪرو کيس ڏنو. پوءِ موڪلائي احمد آباد روانو ٿي ويو. +ٻن ٽن سالن کان پوءِ اهو شخص احمد آباد مان ٺٽي زيارت لاءِ موٽي آيو ۽ اچي شيخ حسين صفائي جي زيارت ۽ قدم بوسي ڪيائين. ڏٺائين ته شيخ جو ساڳيو غريباڻو حال آهي، ان پارس پٿر جي ڪري، ڪابه دنيا جي فراواني ۽ آسودگي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. شيخ ساڳي پراڻي جاءِ ۾ عبادت ۾ مشغول آهي. جاءِ جي ڇت به ڪانهي. بنا ڇت جي پاڻ ويٺو الله الله ڪري! +احمد آبادي شخص عجب ۾ پئجي ويو. شيخ حسين کان حيران ٿي، عرض ڪيائين ته، ”سائين! مون جيڪو اوهان کي پارس پٿر هديو ۽ سوکڙي طور ڏنو هو، ان جي ڪري به ظاهر خوشحاليءَ جو ڪوبه اثر ڪونه ٿو ڏيکارجي؟“ +شيخ حسين فرمايو ته، ”مون کي الله، الله جو رسول ۽ مرشد ڪافي آهي، تنهنجي پارس پٿر جي ضرورت نه آهي. آءٌ جيڪي پٿر، طهارت ۽ وٽ لاءِ استعمال ڪندو آهيان، مون انهن پٿرن جي ڍڳ ۾ تو وارو (پارس) پٿر به اڇلي ڇڏيو هو. اهو پٿر تنهنجي امانت آهي، اتي پٿرن مان وڃي اهو پٿر سڃاڻي کڻ.“ +ان شخص وڃي ڏٺو ته، سڀ پٿر پارس ٿيا پيا آهن. پوءِ اهو شيخ جي هيءَ ڪرامت ڏسي، حيرت ۽ عبرت ۾ پئجي ويو. هن الله تعاليٰ جو شڪر بجا آندو ۽ شيخ حسين صفائي ۾ ويتر اعتقاد وڌي ويس.(1) +عبادت ۽ رياضت +پاڻ هڪ پراڻي ڦٽل جاءِ ۾ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. هميشه الله تعاليٰ جي خوف ۾ گريه زاري ڪندو رهندو هو. جنهن جاءِ ۾ رهندو هو، ان جي ڇت ۽ ڀتيون جهريل هونديون هيون. پنهنجي مرشد جي وصال کان پوءِ، باقي زندگي انهيءَ پراڻي جاءِ ۾ عبادت ڪندي گذاري ڇڏيائين. اها جاءِ اڃا تائين موجود آهي ۽ ”تخت شيخ حسين“ جي نالي سان مشهور آهي.(2) + +تصنيف ۽ تاليف +حاجي حسين صفائي جي تعليم، مدرسي ۽ سندس استاد جو احوال ڪو نه ٿو ملي، جنهن مان معلوم ٿئي ته، پاڻ ڪيترو علم پرايائين ۽ ڪهڙا ڪتاب يادگار ڇڏي ويو. البت هن ڪتاب جي مقدمي ۾ پاڻ کي حاجيءَ سان گڏ حافظ لکيو اٿس. ان مان ظاهر آهي ته، پاڻ قرآن شريف جو حافظ به هو. ان سان گڏ عربي ٻوليءَ جو وڏو عالم هو. جنهن جي شاهديءَ طور عربي ٻوليءَ ۾ لکيل سندس هي ڪتاب موجود آهي. جيتوڻيڪ ٺٽي جي مشهور مؤرخ مير علي شير ”قانع“، ”تحفته الڪرام“ ۾ سندس تفصيلي احوال ڪونه آندو آهي، پر حاجي حسين صفائي جي مرشد حضرت شاهه مراد جي ذڪر ۾ ضمناً سندس نالو ۽ مرشد بابت لکيل ڪتاب جو نالو هن ريت لکيو آهي: +”چون ٿا ته (سيد حسين شاهه مراد) ڄمڻ وقت اکيون نه ٿي کوليون. شيخ عيسيٰ (لنگوٽي) کي وڃي ٻڌايائون ته، هو زيارت لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ هن، شيخ عيسيٰ جي منهن تي اکيون کوليون. شيخ ڏسي چيو ته، ”هيءُ ئي اهو ماڻهو آهي، جنهن جي مريديءَ لاءِ مون کي انتظار هو. الحمد لله جو مراد پوري ٿي.“ تنهن کان پوءِ ٽئين ڏينهن گذاري ويو. باقي ٻيون ڪرامتون جي حمل، ٿڃ پياڪي، ٻالپڻي ۽ ٻين وقتن تي کانئس ظاهر ٿينديون هيون، سي حاجي محمد حسين ”صفائي“ جي جوڙيل رسالي “تذڪرة المراد” (عربي) ۾ بيان ٿيل آهن.“(1) +سيد حسام الدين راشدي، هن ڪتاب جي تاريخي اهميت بيان ڪندي لکيو آهي ته، ”هن تذڪري ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد حسين ولد سيد احمد شيرازي المعروف به سيد مراد (متوفي: 893 هه) جو احوال ۽ سندس ملفوظات آهن ۽ منجهس ضمناً تاريخي واقعات ۽ ان دور جي ٻين بزرگن ۽ معاصر مشائخن جو به ذڪر آهي. ازانسواءِ ان دور جي درويشاڻي ۽ سنڌ جي صوفياڻي ماحول جو به هن ڪتاب مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب نادر الوجود آهي.“(1) + +وفات ۽ مزار +شيخ حسين صفائي، پنهنجي مرشد جي وصال (893 هه) کان اٺٽيهه (38) سال پوءِ ظاهري ڏکيا سکيا ڏينهن گهاري، مرشد جي فراق، الله تعاليٰ جي ياد ۽ عبادت گريه زاري ڪندي گذاري ڇڏيا. +ٺٽي ۾ سال 931 هه ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي مرشد شاهه مراد جي پيرانديءَ کان مدفون ٿيو. +پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿئي(2) +سندس وفات جو سال ”هو خير البقا“ مان نڪري ٿو.(3) + +931 هه +شخصيت ۽ عظمت +”تذڪره او لياء سنڌ“ ۾ آهي ته، ”هيءُ بزرگ سمن جي دور جو آهي. وفات 931 هه - 1524ع“(4) تحفته الطاهرين ۾ لکي ٿو: ”شيخ ڪامل بزرگيءَ کان سرفراز ۽ اهل حاجت جي مرادن پورين ڪرڻ کان ممتاز هو.“ (5) +معارف الانوار سندس مرشد وٽ مقبوليت بابت رقمطراز آهي ته، ”شيخ حسين صفائي مرشد جو ايتري قدر ته پيارو ۽ رتبي وارو خليفو هو، جو مرشد شاهه مراد وٽ سندس حياتيءَ ۾ ايندڙ سوالين جا عرض مرشد جي خدمت ۾ پيش ڪندو هو (۽ انهن سوالين کي جواب وٺي ڏيندو هو) پر مرشد جي وصال کان پوءِ به سندس مزار تي سوالي ماڻهن جي سوالن جا ڪشف ذريعي جواب وٺي ڏيندو هو.“(1) +اعجاز الحق قدوسي تحرير ڪيو آهي ته، ”ننگر ٺٽي جي اوليائن ۾ هڪ وڏي شان وارو بزرگ ٿي گذريو آهي... پاڻ فقر درويشيءَ جي وصف کان بي پرواهه ۽ بي نيازيءَ جي صفت سان اتم درجي سينگاريل هو.“(2) +مولانا وفائي، ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ۾ سندس بزرگي هڪ جملي ۾ قلمبند ڪئي آهي ته، ”(شيخ) عارف ڪامل تارڪ دنيا (هو).“(3) +ننگر ٺٽي جي جديد مؤرخ مولانا محمد طفيل احمد نقشبندي، شيخ حسين صفائي جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”سندس نالو پنهنجي مرشد (حسين) شاهه مراد وانگر حسين آهي، لقب صفائي آهي، حضرت شاهه مراد جي وڏن خليفن مان ڳڻيو وڃي ٿو. ٺٽي جي اولياء الله ۾ وڏي مرتبي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي.“(4) + + +------------- +تذڪرة المراد +سنڌ اندر تصوف جي تاريخ ۾ اوليائن ڪرامن جي سوانح، ملفوظات ۽ مڪتوبات جو ذخيرو فارسي ٻوليءَ ۾ گهڻو موجود آهي. البت عربي ٻوليءَ ۾ ڪي ٿورا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب ملن ٿا. انهن مان هي ڪتاب ”تذڪرة المراد“ عربي به آڳاٽي دور جو، لڳ ڀڳ پنج سؤ سال پراڻو تذڪرو آهي. +اصل ۾ هيءُ ڪتاب ٺٽي ۽ مڪليءَ جي مشهور صاحب تصرف و ارشاد اولياء حضرت سيد محمد حسين ملقب شاهه مراد شيرازيءَ جي سوانح حيات، ڪرامتن، تلقين، فيض ۽ بزرگيءَ بابت تذڪرو آهي. +هيءُ تذڪرو شاهه مراد جي مخلص مريد ۽ خليفي با صفا حافظ حاجي محمد حسين صفائي ٺٽويءَ مرشد جي محبت ۽ ياد ۾ تحرير ڪيو. مصنف تذڪري جي مقدمي ۾ لکيو آهي: +”فقير حقير حافظ حاجي (محمد حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو ته، آءٌ حضرت سيد (محمد) حسين (شيرازي) جو مريد آهيان، جيڪو سيد مراد شاهه (شاهه مراد) جي لقب سان مشهور آهي. بيشڪ منهنجو مرشد (وقت جي) اوليائن کان ڀلارو آهي. هيءُ مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻارنهن باب آهن. الله تعاليٰ مراد جي سڀني مريدن کي هن ڪتاب ” تذڪرة المراد“ مان نفعو پهچائي!“ +ڪتاب ۾ مقدمو ۽ ٻارنهن باب آهن. جنهن ۾ حضرت شاهه مراد جي ولادت، ننڍپڻ، تعليم و تربيت، ڪرامتن، سڀاءَ ۽ سخاوت، طريقت ارشاد، حسب نسب، خليفن، تلقين هدايت، شان ۽ بزرگي ۽ وفات جو احوال سمايل آهي. مواد حڪايتن جي صورت ۾ آهي، جيئن ان وقت اهو طريقه ڪار مقبول ۽ رواج ۾ هو. +ڪتاب جو لب لباب هيءُ آهي: ”حضرت شاهه مراد جو نالو محمد حسين، والد جو اسم سيد احمد شيرازي آهي، سندس نسب جو سلسلو شاهه مراد کان نبي صلي الله عليه وسلم جن تائين، ان کان ويندي ابراهيم خليل الله عليه السلام تائين تحرير آهي. سندس ولادت 830 هجريءَ ۾ ٿي. پاڻ ڄمندي ڄام هو، ان ڪري ظاهري استادن وٽ بسم الله ۽ الحمد الله ... کان وڌيڪ پڙهڻ جي ضرورت نه رهي. +پندرهن سالن کان وعظ نصيحت ۽ عبادت جي ڀرپور ڪوشش ڪيائين. چاليهن سالن کان پوءِ تلقين ارشاد فيض ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي پونئيرن مان شيخ صدر الدين ملتان مان سندس زيارت لاءِ ٺٽي ڪهي آيو. سندس فيض ۽ ڪرامت ڏسي کيس ”مراد“ جو لقب ڏنو. +شاهه مراد هر ڪم ۾ شريعت محمديءَ جي پيروي ڪندو هو ۽ عاشق رسول الله صلي الله عليه وسلم هو. شاهه مراد پنهنجي تلقين ۾ چيو آهي ته: ”آءٌ بدعت کان بيزار آهيان ۽ سنت جماعت جو آهيان.“ +پاڻ تارڪ دنيا، بدعت ۽ سماع کان بيزار ۽ سخي هو. هر سال گهر جي سڀ سامان جي لُٽ ڪندو هو. سندس وفات 893 هجري ۾ ٿي. ان وقت سندس عمر 63 سال هئي. +سنڌ جو عادل حڪمران ڄام نظام الدين سمو (ڄام نندو) به سندس بزرگيءَ ۽ ڪرامت جو معتقد هو. سندس فيض درياء جي پالوٽ وانگر هو. +مطلب ته هيءُ ڪتاب هڪ سچي مريد جو پنهنجي ڪامل مرشد جي خدمت ۾ نذرانه عقيدت جو يادگار آهي ۽ بهترين شاهڪار نمونو آهي. +” تذڪرة المراد“ عربي جو قلمي نسخو 33 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتابت عربي نوعيت جي جلي قلم سان ٿيل آهي. صفحي جي ڊيگهه (8'') اٺ انچ، ويڪر (6'') ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ ڏهن کان سترنهن سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور چوڏنهن لفظ آهن. ڪتاب ۾ تاليف جو سال لکيل ڪونهي. البت شاهه مراد جي نالي جي آخر ۾ ”قدس الله تعاليٰ سره“ ۽ ”عليه الرحمته و الغفران اليٰ يوم الجزاءِ“ لکيل آهي. ان مان ظاهر آهي ته، هي ڪتاب شاهه مراد جي وفات کان پوءِ جو لکيل آهي. +شاهه مراد جي وفات جو سال 893 هجري آهي. ڪتاب جي ليکڪ شيخ حسين صفائيءَ جي وفات شاهه مراد کان اٺٽيهه سال پوءِ 931 هجري ۾ ٿي آهي. هن مان معلوم ٿيو ته سال 893 هه ۽ 931 هه جي وچ وارن اٺٽيهن سالن درميان هيءُ ڪتاب تحرير ڪيو ويو هوندو. تنهن ڪري ٿلهي ليکي ڏسبو ته، هن ڪتاب کي تحرير ڪئي تقريباً پنج سؤ سال ٿيا آهن ۽ هيءُ ڪتاب نادر الوجود قلمي نسخو آهي. +” تذڪرة المراد“ سنڌ جي هنن ڪتب خانن ۾ موجود آهي: ڪتب خانه ڳڙهي ياسين، ڪتب خانه مولوي محمد طفيل احمد نقشبندي مڪلي ٺٽو، آشيانه ادب لائبريري ڳڙهي ياسين ۽ هاشميه قادريه لائبريري دڙي مگسي سڪرنڊ. +حاجي حسين صفائي ” تذڪرة المراد“ ۾ حڪايتن ۽ روايتن سان گڏ هيٺين ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن: +* بزار (مسند) +* تواريخ +* حساب الاحتساب +* الاخلاصة +* الدستور +* سيرت گاذروني +* شجره السادات الطيبين الطاهرين +* قاضي بيضاوي +* قرآن مجيد +* مواهب اللدنيه +” تذڪرة المراد“ ۾ ڪاتب جو نالو لکيل ڪونهي. البت ڪتاب جي آخر ۾ ڪتابت جي هيءَ تاريخ تحرير آهي. 3 - ربيع الاول 1347 هه. +آخر ۾ گذارش ته هيءُ افراتفري ۽ نفسا نفسي جو دور آهي. اڪثر ماڻهو رزاق کي ڇڏي رزق لاءِ سرگردان آهن. زماني جي ڪمن ڪارين ۾ وٺ وٺان ڪري، ڄڻ ته ڪنهن کي مٿي کنهڻ جي به واندڪائي ڪانهي. خاص ڳالهه ته دنياوي ترقيءَ جي باوجود دلي سڪون ڪونهي. ان ڪري الله وارن جي محبت دل ۾ سانڍي، هن صاحب تصرف ۽ ڪامل اولياء جي تذڪري جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو آهي. اميد ته الله وارن جي فيض نظر سان، دلي سڪون يا اطمينان قلبي نصيب ٿيندو ۽ محنت، محبت وارن وٽ قبوليت ماڻيندي ۽ سنڌي ادب ۾ به واڌارو ٿيندو. +آءٌ مهربان علم دوست ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جو شڪر گذار آهيان، جنهن حسب دستور ”سکر سيمينار“ جي موقعي تي شايع ٿيندڙ ڪتاب ”مختصر تاريخ سنڌ“ (از: سيد محب الله بکري) جي فارسيءَ مان منهنجي ڪيل سنڌي ترجمي وانگر، هينئر ”ٺٽي سيمينار“ لاءِ به هن ڪتاب ” تذڪرة المراد“ عربي جي ترجمي ڪرڻ لاءِ شوق ڏياريو ۽ سنڌي ترجمي جو محرڪ بڻيو. الله تعاليٰ کيس شاد آباد ڪري! +”هو جي فنا ٿئا فقير، هلو تڪيا پسون تن جا.“ (شاهه) +طالب العلم +عبدالرسول قادري بلوچ +ڳوٺ دڙي مگسي، سڪرنڊ +(1) محمد صالح بن زڪريا ٺٽوي- ”معارف الانوار“ فارسي قلمي - ص 291 +(2) ابو السراج طفيل احمد نقشبندي ٺٽوي- ”تحفة الزائرين“ اردو- احمد برادرز، ناظم آباد، ڪراچي، حصو ٽيون، ص. 206. +(3) حاجي حافظ محمد حسين صفائي ٺٽوي- ”تذڪرة المراد“ عربي قلمي، ص. 1. +(1) مولانا دين محمد وفائي-”تذڪره مشاهير سنڌ“- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1986ع، جلد: 3، ص. 47، 48. +(2) شيخ محمد اعظم ٺٽوي، ”تحفته الطاهرين“ فارسي، مرتب: بدر عالم دراني، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، 1956ع، ص. 21. +(3) ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد: 3، ص. 48. +(4) ”معارف الانوار“ فارسي قلمي، ص. 295 +(3) مير علي شير قانع، ”مڪلي نامه“- مرتب: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، تعليقات، ص. 52. +(1) ”معارف الانوار في بيان سيد الابرار وائمه الاطهار و بيان احوال قطب المختار“ فارسي قلمي، ص. 296 +(2) معارف الانوار فارسي، قلمي، ص. 297. +(1) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي- ”تحفته الڪرام“ فارسي مطبع ناصري جلد: 3، ص.189 ايضاً سنڌي ترجمو 473. +(1) سيد حسام الدين راشدي- ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“- انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي- حيدرآباد، 1981ع، ص. 734 +(2) ”شاهه جو رسالو“ مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد 1999ع، 362. +(3) ”معارف الانوار“ فارسي قلمي، ص. 297. +(4) مولانا محمد اقبال نعيمي، ”تذڪره اولياء سنڌ“، اردو، شارق پبليڪيشنز ڪراچي، 1987ع، ص. 66 +(5) شيخ محمد اعظم ٺٽوي، ”تحفته الطاهرين“ مترجم عبدالرسول قادري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1999ع، ص. 22 +(1) ”معارف الانوار“ فارسي قلمي، ص. 295 +(2) اعجاز الحق قدوسي- ”تذڪره صوفياء سنڌ“ اردو، اردو اڪيڊمي سنڌ ڪراچي، 1975ع، ٻيو ڇاپو، ص. 92 +(3) ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 3، ص. 47 +(4) ”تحفته الزائرين“ اردو، جلد 3، ص. 206 + + +متن + +تذڪرة المراد +مقدمو +بسم الله الرحمٰن الرحيم + +رب يسر ولا تعسر و تمم باالخير + +سڀ ساراهه الله تعاليٰ واسطي آهي، جنهن نبين سڳورن کان سواءِ سڀ خلق تي اوليائن ۽ متقي پرهيزگارن کي شرف شان سان نوازيو. اهو الله تعاليٰ حمد ثنا، عظمت ۽ ڪبريائي جو حقدار آهي. اُن ”ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانءَ“ وانگر آسمان کي جوڙي بيهاريو. زمين کي پاڪ پاڻيءَ تي چوڌاريءَ پکيڙيو. ٻانهن کي ڏک سک، هر حال ۾ ان جو حمد ڪرڻ حق آهي. نعمتن تي ان جو شڪر ۽ مصيبتن تي صبر ڪرڻ حق آهي. +محمد صلي الله عليه وسلم جن تي صلوات ۽ سلام هجي، جيڪو انسانن جو سردار، اندر جي اجاريل پاڪ چونڊيل انسانن کان ڀلارو آهي. جهانن لاءِ رحمت آهي ۽ قيامت جي ڏينهن گنهگارن لاءِ شفاعت ڪندڙ آهي. ان جي مٿان الله تعاليٰ جي رحمت هجي. سندس آل اصحابن، پاڪ گهر وارين، اولاد ۽ عزيزن قريبن، انهن سان گڏ سڀني شهيدن تي به الله تعاليٰ جي رحمت وسي! +هن ڪتاب (تذڪرې المراد) جو لکندڙ فقير حقير ڪمزور حافظ حاجي (محمد حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو: ”آءٌ حضرت سيد (محمد) حسين (شيرازيءَ) جو مريد آهيان، جيڪو سيد مراد (شاهه مراد شيرازي ٺٽوي) جي لقب سان مشهور آهي، بيشڪ منهنجو مرشد (وقت جي) اوليائن کان افضل ۽ ڀلارو آهي.“ +حمد صلوات کان پوءِ (احوال ته) هي مختصر ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻارنهن باب آهن. الله تعاليٰ مراد جي سڀني مريدن کي هن ڪتاب ”تذڪرې المراد“ مان نفعو پهچائي! + + +باب پهريون + +ولادت حضرت قطب الاقطاب والافلاڪ سيد حسين ملقب (شاهه) مراد شيرازي رحمة الله عليه + +حڪايت: سيد حسين شاهه شيرازيءَ جو والد سڳورو سيد احمد رحمة الله عليه شيخ عيسيٰ لنگوٽي (ساموئي جو اولياء) جي زيارت ڪرڻ ويو ۽ ان کي چيو ته: ”اي شيخ، مون کي پنهنجي خادمن ۾ شامل ڪر!“ ان تي شيخ (عيسيٰ لنگوٽي) ورندي ڏني: ”آءٌ توکي شاهد ٿو بنايان ته، تنهنجي پٺ مان جيڪا هستي (يعني تنهنجو فرزند سيد حسين شاهه مراد) ظاهر ۽ پيدا ٿيندي، آءٌ ان جو مريد آهيان.“ +حڪايت: هڪ نيڪ عورت شاهه مراد جي والد سيد احمد کي عرض ڪيو ته: ”خدا جي واسطي منهنجي ڳالهه ٻڌ.“ سيد احمد عورت کي چيو ته، ”ڀلي ڳالهه ٻڌاءِ.“ عورت چيو ته، ”مون سان شادي ڪر.“ هيءَ ڳالهه طئي ٿي ته انشاء الله تعاليٰ سڀاڻي نڪاح ٿيندو. سيد احمد وعدي موجب عورت وٽ ويو. ان عورت ڏسڻ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سيد حيران ٿي، ان عورت کان پڇيو: ”چري ته ڪانه ٿي آهين.“ تنهن تي نيڪ عورت ورندي ڏني: ”اي منهنجا سائين! هينئر شادي کان انڪار ڪرڻ جو سبب ٻڌ، مون تو ۾ هڪ شيءِ ڏٺي هئي. تنهنجي منهن ۾ نور ٿي چمڪيو، اهو نور هينئر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.“ (ان نور مان مقصد شاهه مراد هو، جيڪو سندس پيءُ سيد احمد کان سندس گهر واري بيبي فاطمه جي پيٽ ۾ منتقل ٿي ويو هو. ان ڪري نيڪ عورت شاديءَ کان انڪار ڪيو.) +حڪايت: جنهن وقت شاهه مراد جي ولادت جو وقت ويجهو ٿيو، ته سندس ماءُ کي ويم جا تمام سخت گهڻا سور ٿيڻ لڳا. تنهن تي بيبي سڳوريءَ پنهنجي خاوند سيد احمد کي چوڻ لڳي: ”اي سيد! هنن تمام سخت سورن جو ڪهڙو سبب آهي؟“ سيد وضو ڪري نماز پڙهي، تڪليف دور ڪرڻ لاءِ دعا ڪرڻ لڳو ته، سيد جي ننڊ وانگر اک لڳي وئي. ڏسي ته ڪو کيس چئي رهيو آهي ته: ”تنهنجو پٽ ماءُ جي پيٽ ۾ پورو قرآن ۽ قرآني علم پڙهي رهيو آهي. رڳو هڪ سبق باقي رهيل آهي، ٿورو صبر ڪر. ٿوري دير کان پوءِ ٻار از خود هن دنيا ۾ اچڻ وارو آهي.“ +حڪايت: جنهن وقت ٻار ڄائو ته ان جو نالو ”سيد حسين شيرازي“ رکيو ويو. ڄمڻ کان پوءِ اکين تي هٿ رکيل هئس. اکيون ان ڪري نه ٿي کوليائين، جيستائين الله تعاليٰ جي اوليائن مان پهرين نظر اوليا ِّ تي نه پئي هئس. پوءِ اها ڳالهه ٻڌي الله جو ولي شيخ عيسيٰ (لنگوٽي) ان ٻار جي زيارت ڪرڻ آيو، ته پوءِ سيد حسين اکيون کوليون. +جيئن مشهور روايت آهي ته، جڏهن علي بن ابي طالب ڪرم الله وجهه ڄائو هو، ان به اکيون نه ٿي کوليون، جيسين امام الانبياء سيدنا محمد صلي الله عليه وسلم جن جي مٿس نظر پئي. نبي صلي الله عليه وسلم جن آيا، ته پوءِ علي المرتضيٰ اکيون کوليون. تاريخ ۾ هيءُ قصو مشهور آهي. +حڪايت: سيد حسين جڏهن ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر آيو ته، ظاهري ۽ باطني علم ڪشف ٿيل هئس. ٻار اڃا تنجڻن ۾ هو، ته شيخ عيسيٰ (لنگوٽي) ولي الله سندس زيارت ڪرڻ آيو. سندس مرتبو سڃاڻي چيائين: ”اي حسين! پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍ.“ الله تعاليٰ جي قدرت سان ٻار هٿ ٻاهر ڪيو. شيخ عيسيٰ اهو هٿ وٺي چميو. مٿي ۽ اکين تي لڳايو ۽ چيو: ”اوهان جي مريدن مان پهريون مريد آءٌ آهيان، جيڪي آخر وقت ۾ ظاهر ٿيندا.“ شيخ عيسيٰ (لنگوٽي) ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو. +جيئن ته ورقه بن نوفل، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن کي چيو هو: ”آءٌ اوهان جي امتين کان پهريون امتي آهيان، جيڪي آخر زماني ۾ ظاهر ٿيندا. جيڪڏهن ان وقت آءٌ زندهه هوندس، ته ان شاءَ الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندس.“ (ورقه بن نوفل) ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو هو. (هيءُ واقعو تمثيل طور بيان ٿيل آهي.) ۽ هيءُ واقعو حديث جي ڪتابن ۽ تاريخ ۾ مشهور آهي. + + +باب ٻيو +سيد حسين جي ننڍپڻ، تعليم ۽ تربيت جي باري ۾ + +جڏهن پاڻ ماءُ جي کير پيئڻ جي مدت کان پوءِ فارغ ٿيو ته (راند روند جي بجاءِ) الله تعاليٰ جي عبادت جو لاڙو ۽ شوق ٿيس. سندس عمر چار سال چار مهينا ۽ چار ڏينهن ٿي ته، قرآن ڪريم پڙهڻ لاءِ مدرسي ۾ (استاد وٽ) ويهاريو ويو. استاد کيس بسم الله الرحمٰن الرحيم ۽ الحمد الله رب العالمين، الرحمٰن الرحيم (سورت الفاتحه) پڙهائي ته اڳتي پورو قرآن شريف از خود پڙهڻ لڳو. ان کان پوءِ استاد وٽ ڪجهه ڪونه پڙهيو، ڇاڪاڻ ته قرآن شريف ۽ سڀ علم ماءُ جي پيٽ ۾ اڳيئي پڙهي آيو هو، يعني ڄمندي ڄام هو. +البت استاد وٽ بسم الله ۽ الحمد الله (سورت فاتحه) پڙهڻ مان هن ڳالهه ڏي اشارو هو ته، هر طالب العلم لاءِ استاد جو هجڻ ضروري آهي، جيتوڻيڪ شاگرد کڻي اصل ۾ ڪامل هجي. +مشهور آهي ته ٻار جڏهن بسم الله کان سورت فاتحه ۾ الرحمٰن الرحيم تائين سبق پئي پڙهيو ته پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ استاد لاءِ بخشش جي دعا ٿي گهري. ڪتاب جو لکندڙ (حاجي محمد حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو ته، ”ان وقت سندس والد ۽ استاد حيرت ۾ اچي ويا.“ +پاڻ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته ٻين هڪ جيڏن ٻارن کي چوندو هو: ”اي منهنجا دوستو! منهنجي لاءِ منبر وانگر مٿي جاءِ ٺاهيو ته، توهان کي وعظ ۽ نصيحت ڪريان.“ اهي جيڏا سرتا ٻار سندس چوڻ موجب ائين ڪندا هئا ته پاڻ مٿانهين هنڌ تي ويهي، هڪ جيڏن ٻارن کي الله تعاليٰ جي قرآن جي حڪمن مطابق وعظ ۽ نصيحت ڪندو هو. اهڙي طرح پندرهن سالن جي عمر تائين انهيءَ سلسلي ۾ مشغول رهيو. +البت جڏهن پندرهن سالن جي عمر کان وڌيو ته ”ڪبي�� مسجد“ (مسجد ولي نعمت) ۾ ويهي جمعي جي ڏينهن ماڻهن کي وعظ نصيحت ڪندو هو. اهڙي ريت چاليهن سالن جي ڄمار تائين اهو سلسلو جاري رکيائين. +جنهن وقت سندس عمر چاليهه سال ٿي ته، پاڻ (باقاعدي) طريقت ۾ ماڻهن کي فيض ڏيڻ، بيعت ۽ مريد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيائون. ان جو ذڪر اسان ڇهين باب ۾ آڻينداسون، ان شاءَ الله تعاليٰ. +ان کان پوءِ هر جمعي جي ڏينهن ”قديم ڪبير مسجد“ ۾ جمعي نماز ادا ڪرڻ لاءِ ويندو هو، ڇاڪاڻ ته قديم جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ افضل ۽ ثواب ۾ وڌيڪ آهي. (پوءِ پاڻ پنهنجي اولاد کي به امر ڪيائين ته) سيد حسين رحمته الله عليه جي اولاد کي لازم آهي ته انهيءَ مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهن، ڇو ته فقيهن جي قول موجب، قديم مسجد جو وڏو رتبو آهي. + + +باب ٽيون +قطب الاقطاب سيد حسين شيرازيءَ جون ڪرامتون + +اصل ۾ سنڌ جا (اڪثر) ماڻهو حضرت مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، (ولادت: 566 هه - وفات: 661 هه) رهمته الله عليه جا مريد هئا. حضرت سيد حسين شاهه مراد جي فيض ۽ ڪرامتن جو غلغلو ٿيو ته، ان وقت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي پونئيرن مان شيخ صدر الدين ملتان واري جو زمانو هو. ان جو ذڪر ان شاءَ الله ڇهين باب ۾ ڪنداسون. +ان جڏهن سيد حسين شاهه مراد جي ڪرامتن ۽ بزرگيءَ جو احوال ٻڌو ته چيو: ”سنڌ ملڪ اسان جي فيض ۽ برڪت سان ڀريو پيو آهي. ٻيو ڪير آهي جو اسان جي ولايت ۾ ولايت ظاهر ٿو ڪري يا ٻئي جي گنجائش ناممڪن آهي؟“ +بزرگ شيخ صدر الدين امتحان طور پنهنجي خادم هٿان شاهه مراد ڏي کير جو ڀريل پيالو ملتان مان ننگر ٺٽي موڪليو ته، هي اسان جي طرفان ان ڏانهن تحفو آهي. ملتان کان ٺٽي تائين ايتري پنڌ تي به کير نه ڦٽو ۽ هڪ ڦڙو به نه هاريو. +شاهه مراد کير جي ڀريل پيالي تي گل کڻي رکيو. مطلب ته اسان جي جاءِ اڃا خالي آهي. جيئن کير جي ڀريل پيالي مٿان گل تري رهيو آهي، تيئن اسان به کير جي پيالي مٿان گل وانگر ترندا رهنداسون. +ڪن چيو آهي ته بزرگ شيخ صدر الدين طرفان سيد (شاهه مراد) ڏي کير موڪلڻ مان هن ڪرامت جو اظهار ڪرڻ هو ته هڪ ته جيڪو کير ٿوري وقت ۾ ڦٽي پوندو آهي، اهو کير (ملتان کان ننگر ٺٽي) مهيني جي پنڌ تي ذائقي ۽ رنگ ۾ نه ڦٽو. ٻيو هي ته اللهوارن ڏي رڳو کير موڪلڻ بهتر آهي. کير کان سواءِ ٻي شيءِ موڪلڻ مناسب نه آهي. +ڪتاب جو لکندڙ (حاجي محمد حسين صفائي ٺٽوي) هن جا ٻه سبب لکي ٿو: +هڪ - گل، کير تي رکڻ. کير جيڪو ڪلاڪ ٻن ۾ ڦٽي پوندو آهي ۽ گل جيڪو ٻوٽي مان پٽجڻ کان پوءِ ته گهڙي پل ۾ مرجهائجي ويندو آهي ۽ ايتري پنڌ تي گل جي خوشبوءِ، ذائقو ۽ رنگ نه مٽيو. گل سر سبز تر ۽ تازو رهيو ته، اها ڪرامت پهرين کير نه ڦٽڻ واري ڪرامت کان وڌيڪ افضل آهي. +ٻيو - هيءُ ته اصل ۾ گل، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي پگهر مان نڪتو آهي. حضرت سيد (شاهه مراد) به نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي جسم مبارڪ جو ٽڪرو آهي. پوءِ ان ڪري هي عزت ۽ ڪرامت به پهرين کان وڌيڪ آهي. +جنهن وقت اهو گل شيخ صدر الدين (ملتاني) کي پهتو ته عجب ۾ پيو. پوءِ هن پنهنجو خادم شاهه مراد ڏي موڪليو ۽ خادم، شاهه مراد کي نياپو ڏنو ته، شيخ صدر الدين توکي پاڻ وٽ (ملتان) گهرايو آهي. +(تنهن تي شيخ صدر الدين جي خادم کي) شاهه مراد چيو ته، شيخ صدرالدين کي وڃي چئو: ”تون ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جو اولاد آهين ۽ آءٌ (محمد صلي الله عليه وسلم) جن جو اولاد آهيان. جيڪڏهن نبي صلي الله عليه وسلم جن ابوبڪر صديق رضه ڏانهن ويندا هئا ته، آءٌ به تو وٽ اچان ۽ جيڪڏهن ابوبڪر صديق رضه، نبي صلي الله عليه وسلم جن وٽ ايندو هو ته، تون بنا فرصت جي اسان وٽ اچ.“ (مطلب ته ابوبڪر صديقرضه هر روز حضور صلي الله عليه وسلم جن وٽ خدمت ۾ ايندو هو ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن ان وٽ ڪڏهن بوقت ضرورت ويندا هئا. هن صورت ۾ اڳئين جي سنت موجب توهان کي مون وٽ اچڻ جڳائي ۽ مون کي اوهان وٽ اچڻ نه ٿو سونهين.) +شيخ صدر الدين ملتاني هن نياپي ملڻ کان پوءِ ننگر ٺٽي شهر ۾ آيو. (شيخ صدر الدين ٺٽي شهر ۾ اچي) پهريان شاهه مراد جي ڪشفي قوت ۽ روحاني طاقت جي امتحان وٺڻ لاءِ هڪ جڳهه جوڙائي ۽ ان ۾ اندر قرآن شريف رکائي ڇڏيو. جنهن وقت سيد حسين شاهه مراد، شيخ صدر الدين جي ملاقات لاءِ آيو ته شيخ، شاهه مراد کي چيو ته: ”تون سيد آهين، آءٌ تنهنجو خادم آهيان، ان ڪري هن بلند جاءِ ۾ ويهه.“ +شاهه مراد باطني ڪشف ۽ فراست سان معلوم ڪري چيو: ”هن جاءِ مان اندران قرآن شريف ٻاهر آڻ ته پوءِ ٿا ويهون.“ ان کان پوءِ گڏجي ويٺا ۽ تفصيلي ملا قات ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي مشهور ”مسجد ڪبير“ ۾ جمعي جو ڏينهن مقرر ڪيائون. +وعدي موجب (ٻئي بزرگ) جمعي جي ڏينهن ”ڪبير مسجد“ ڏي پئي آيا ته، واٽ تي ٻلي مئي پئي هئي. شيخ صدر الدين چيو: ”قم باذن الله“ يعني الله جي حڪم سان اُٿ. ان وقت ٻلي جيئري ٿي پئي. +ان کان پوءِ سيد حسين، خادم کي چيو ته وڃ رستي ۾ جيڪو ماڻهو تو کي ملي، ان کي چئو: ”اسان جو سائين توکي سڏي ٿو.“ پوءِ خادم ويو. ان کي رستي ۾ پوڙهو برهمڻ مليو. خادم ان کي چيو ته: ”اي برهمڻ! اسان جو مرشد تو کي سڏي ٿو.“ جڏهن برهمڻ سيد حسين شاهه مراد جو نالو ٻڌو، ته ان ئي وقت مٿس وجد طاري ٿي ويو. هن اتي ئي جڻيو ڇني ڇڏيو، شاهه مراد جي خدمت ۾ آيو ۽ مسجد ۾ داخل ٿيو. جڏهن سيد حسين نماز پوري ڪري، هڪ نظر برهمڻ تي وڌي، ته برهمڻ چوڻ لڳو: “توهان ڪامل مرشد آهيو، آءٌ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيان ٿو: لااله الاالله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم (الله تعاليٰ کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي، محمد صلي الله عليه وسلم جن الله جا رسول آهن.) +پوءِ شاهه مراد ان نئين مسلمان ٿيل برهمڻ کي چيو: ”منبر تي چڙهي ويهه.“ اهو جڏهن منبر تي ويٺو ته، الله تعاليٰ برڪت سان ان تي ظاهري ۽ باطني علم کولي ڇڏيا، يعني سڀ حجاب هٽي ويا. پوءِ سورة فاتحه. (الحمد شريف) جون چوڏنهن (الڳ الڳ) معنائون بيان ڪيائين. انهن مان شيخ صدرالدين ست معنائون سمجهيون ۽ ست معنائون سمجهي ئي نه سگهيو. جنهن مهل وعظ پورو ٿيو ته اٿي بيٺا ۽ سيد حسين، شيخ صدر الدين کي چيو ته: ”مئل کي جيئرو ڪرڻ نبين سڳورن جو خاص معجزو آهي. مڙس (ڪامل ولي) اهو آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي ذڪر سان مئل دلين کي جيئاري. مئل دليون زندهه ڪرڻ، مئل (ٻلين) کي جيئارڻ کان وڌيڪ افضل - شرعي ڪرامت آهي ۽ اهو غير شرعي آهي.“ +(اهو واقعو ڏسي ۽ ڳالهه ٻڌي) شيخ صدر الدين عرض ڪيو: “اي حسين! جيئن الله تعاليٰ توکي نوازيو آهي، ائين مون تي به مهرباني ڪر.“ پوءِ شاهه مراد مٿس ڪرامت ڀري نظر ڪئي ته، ولايت جي مٿانهين درجي تي پهچي ويو. +پوءِ شيخ صدر الدين چيو: ”اي حسين! تون مشائخن ۽ اسان سڀني جي ”مراد“ آهين، ڇاڪاڻ ته مون ۽ برهمڻ، تو وٽان پنهنجون مرادون ماڻيون.“ چون ٿا ته ان ڏينهن کان پوءِ سيد حسين ”شاهه مراد“ جي لقب سان مشهور ٿي ويو. +شيخ صدر الدين وڌيڪ چيو: ”سيد المراد! مريدن جو خرقو عطا ڪر. (خرقو، مرشد طرفان مريد ڪامل کي تبرڪ طور ڏنل ڪپڙي کي چئبو آهي) جيڪو مريدن لاءِ قبر ۾ حجت توشو ٿئي.” شاهه مراد فرمايو: ”منهنجي مريدن کي خرقي جي ڪا حاجت نه آهي“. شيخ صدر الدين چيو: ”سيد المراد! تون باهه آهين ۽ شيخ صدر الدين ”حليم“. ڇاڪاڻ ته اسان توکي اعتقاد ۽ حلم وارو بردبار لڌو آهي.“ ان کان پوءِ وري شيخ صدر الدين جو نالو ”حليم“ مشهور ٿي ويو. +شيخ صدر الدين ”شاهه مراد“ سان وعدو ڪيو ته، ”جيڪڏهن اوهان جو ڪو مريد مون وٽ مريد ٿيڻ لاءِ ايندو ته، ان کي اوهان ڏي واپس موڪليندس، البت منهنجو ڪو مريد اوهان وٽ مريد ٿيڻ لاءِ خدمت ۾ اچي ته، اختيار وارو آهين.“ هن (گفتگو) کان پوءِ هڪ ٻئي کان (پيار محبت سان) دعا سلام ڪري موڪلايائون. + + +باب چوٿون +حضرت سيد المراد قطب الاقطاب +جي اخلاق، سڀاءَ ۽ سخاوت جو بيان +شاهه مراد کائڻ پيئڻ (اٿڻ ويهڻ) سڀني عادتن ۽ عبادتن ۾ شريعت جي پيروي ڪندو هو. حضرت شاهه مراد وٽ ”دريائي“ نالي خدمتگار رهندو هو. هڪ ڏينهن ڪو سوالي شاهه مراد وٽ آيو. پاڻ ان سواليءَ کي ”دريائي“ ڏي موڪليائون ته، ان کان وڃي ڪجهه ڏوڪڙ وٺي. دريائي، سواليءَ کي چيو: ”مرشد مون کي ڪهڙي دنيا دولت ڏني آهي، جو تو کي ڏيان!“ سوالي فقير موٽي اچي شاهه مراد کي ماجرا ٻڌائي ته، ”سائين! مون کي دريائي فقير ته ڪجهه نه ڏنو.“ تنهن تي پاڻ خاموش رهيو. +ائين ٿوري دير ۾ شاهه مراد وٽ هڪ ٻيو ماڻهو آيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو: “سائين! آءٌ تنهنجو خادم آهيان“ ۽ ٻه شيون خدمت ۾ پيش ڪيائين. هڪ نماز جو مصلو، ٻي سون جي سر. وڌيڪ عرض ڪيائين، ته ”هي سوني سر عدن شهر جي آهي. اسان ٻيڙيءَ ۾ هئاسون ته ٻيڙي ٻڏڻ لڳي. ان وقت اسان ”يا سيد المراد“ پڪارڻ لڳاسون ته توهان جلديءَ ۾ پهچي ويا. (اهڙي طرح ٻيڙي ٻڏڻ کان بچي وئي ۽ اسان سلامت رهياسون.) هينئر هيءُ هديو حاضر آهي. نه موٽائجو، قبول ڪجو، ڇاڪاڻ ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن به هديو نه موٽائيندا هئا.“ +شاهه مراد، سواليءَ فقير کي چيو ته، ”هيءَ سون جي سر دريائي وٽ کڻي وڃ، ان کي ڏي ۽ چئو ته، مرشد طرفان هيءَ سوني سر وٺ ۽ هاڻي ته مون کي خيرات ڏي.“ +حڪايت: حضرت شاهه مراد هڪ دفعي مسجد جي محراب ۾ ويٺو هو ته پاڻ، اوچتو مصلي جي هيٺان پنهنجو ساڄو هٿ وڌائون ته سندن پيشانيءَ مان پگهر ٽمڻ لڳو. اهڙي ريت سندن پهراڻ به پگهر ۾ آلو ٿي ويو. جڏهن مصلي جي هيٺان پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائون ته،ان هٿ مان پاڻيءَ جا ڦڙا ٽمي رهيا هئا. مريدن عرض ڪري سبب پڇيو، ته پاڻ چوڻ لڳا: ”منهنجو هڪ مريد ٻيڙيءَ تي سفر ڪري رهيو هو ته اوچتو برسات ۽ طوفان ان کي اچي وڪوڙيو. مريد ٻڏڻ تي هو ته، ”يا مرشدي يا مرشدي!“ چئي مون کي پڪارڻ لڳو. مون ان جو سڏ ٻڌو ۽ ورنايو. مصلي جي هيٺان هٿ وجهي بحر عميق مان ان مريد جي ٻيڙي تاريم.“ +ڪن چيو آهي، ته هيءُ ٻي ٻيڙيءَ جو واقعو آهي. چيو ويو آهي، ته هيءَ اها ٻيڙي آهي، جنهن جو ذڪر حڪايت ۾ ٿي گذريو آهي. +حڪايت: سال جي پڄاڻيءَ تي پاڻ شاهه مراد گهر مان ٻاهر نڪري، فقيرن کي سڏ ڪندو هو. فقيرن کي چوندو هو ته: ”اچو منهنجي گهر مان جو ڪجهه توهان کي وڻي، مال ملڪيت، ميوات، ڪپڙا، سڀ کڻو. مون لاءِ پوئتي ڪابه شيءِ نه ڇڏيو.“ +اهو سندن سخاوت جو حال هو. جيسين تائين سندس حياتي هئي، هر سال ائين ڪندو هو. +شاهه مراد هر ڪم ۾ شريعت محمدي جي پابندي ۽ عشقِ رسول صلي الله عليه وسلم جن جي پيروي ۽ تابعداري ڪندو هو. جڏهن حديثن ۾ ٻڌائين ته، محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن چاليهن سالن جي زندگيءَ ۾ جيڪي جوَ کاڌا آهن، پاڻ به ٽيٽيهن سالن ۾ اوترا جوَ کاڌائين. +حڪايت: حضرت سيد شاهه مراد جي خادمن مان عثمان نالي هڪ سچو خادم هو. هڪ ڏينهن سيد جي خدمت ۾ ويٺو هو ته، نماز جو وقت ٿي ويو. شاهه مراد ان خادم کا�� نماز لاءِ ڪپڙو ورتو. ان چادر ۾ پيسا ٻڌل هئا. شاهه مراد اهي پيسا فقيرن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيا. +ٻئي ڏينهن سيد، خادم (عثمان) کي چيو ته، ”تنهنجي چادر ۾ جيڪي پيسا هئا، انهن جو حساب ٻڌاءِ (ته توکي ڏيان). ان تي خادم وراڻيو ته،”سائين اوهان سان ڪهڙو حساب ۽ ليکو؟ آءٌ ۽ منهنجو اولاد به اوهان تان گهور آهي.“ +اهو محبت وارو جواب ٻڌي، شاهه مراد خادم کي چيو: ”اميد ته الله تعاليٰ قيامت ۾ به تو کان حساب نه وٺندو، يعني پنهنجي مهربانيءَ سان بخشي جنت ۾ داخل ڪندو.“ +(مثال طور) جهڙي ريت روايت آهي ته، تبوڪ جي جنگ وقت حضرت عثمان بن عفان (شهادت 35 هجري) رضي الله تعاليٰ عنه سون ۽ چانديءَ جا خچر حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ مدد لاءِ موڪليا هئا. پوءِ جڏهن الله تعاليٰ مسلمانن کي تبوڪ جي جنگ ۾ فتح ۽ ڪاميابي ڏني ته، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جنگ تان فتح ۽ نصرت جي ڪري خوش ٿي موٽيا ۽ حضرت عثمان غني رضي الله عنه کي فرمايائون: ”اي عثمان! تو جيڪو سون ۽ چاندي اسان کي ڏنو، ان جو حساب ڪر ته تو کي هينئر ڏيون.“ +حضرت عثمان غني رضي الله عنه عرض ڪيو ته: ”اي الله جا رسول صلي الله عليه وسلم! منهنجو پيءُ ماءُ، اولاد ۽ مال ملڪيت سڀ اوهان تان قربان. منهنجو اوهان سان ڪهڙو حساب ۽ ليکو آهي.“ +(هيءُ محبت ڀريو جواب ٻڌي) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”الله جي اِذن سان آءٌ تنهنجو ضامن آهيان. الله تعاليٰ قيامت ۾ به تنهنجو حساب نه ڪندو.“ بنا شڪ شبهي جي هيءَ حديث مشهور آهي. + + +باب پنجون +مسجد صفه مان بتن ڪڍڻ جو احوال +حضرت شاهه مراد جو هي واقعو ڄام نندي (ڄام نظام الدين سمو - وفات: 914 هجري) جي حڪومت جي پوئين دور جو آهي. ڄام نظام الدين معروف ڄام نندو پنهنجي وقت جو عادل ۽ سخي بادشاهه هو. هو روزانو صبح جو دعا گهرندو هو ته: ”اي منهنجا الله! آءٌ ڪنهن به بادشاهه تي ظلم سان حملو نه ڪندس. هن صبح جي برڪت سان اسان تي به هرو ڀرو ظلم سان ڪو حملو نه ڪري!“ +جڏهن ڄام نندي بادشاهه حضرت شاهه مراد جي سخاوت، ڀلائي، زهد ۽ ڪرامت جي ڳالهه ٻڌي، ته ان ڏي هديو موڪليو. +حڪايت: ڄام نندو وضو ڪرڻ لاءِ ويهندو هو، ته ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هو. آسمان ڏي به بنا وضوءَ جي نه نهاريندو هو. +هڪ ڏينهن پاڻ وضو ڪرڻ لاءِ ويٺو ته، کيس هما پکيءَ جي خبر ٻڌايائون. (هما، هڪ مشهور پکيءَ جو نالو آهي، جنهن ماڻهوءَ تي ان پکيءَ جو پاڇو پوندو، ته اهو ماڻهو بادشاهه ۽ ڀاڳ وارو ٿيندو.) پاڻ چيائين ته: ”آءٌ بنا وضوءَ جي آهيان، ان ڪري مٿي (آسمان ڏي) نه ڏسندس.“ ايتري ۾ هما پکي اڏامي هليو ويو، پر وضوءَ کان سواءِ ان ڏي مٿي نظر نه ڪيائين. جيتوڻيڪ کيس هما پکي ڏسڻ جو دل ۾ تمام گهڻو شوق هو. ڄام نندو گذريل زماني ۾ شريعت جو پابند حڪمران هو. +حڪايت: جڏهن حضرت شاهه مراد، ڄام نظام الدين سمي جي ديوان (لکي مل) جي جاءِ مان بتن ڪڍڻ جو حڪم ڪيو. هندو دانهن کڻي ڄام نندي بادشاهه وٽ ويا ته: ”بادشاهه! تون عدل انصاف وارو حڪمران آهين، تنهنجي وقت ۾ اسان سان هيءُ ظلم ٿي رهيو آهي.“ بادشاهه پڇيو ته: ”توهان سان ڪهڙو ظلم آهي؟“ انهن هندن چيو ته، ”اصل ۾ آڳاٽو اسان جي وڏن، ابن ڏاڏن (هن جاءِ ۾) بت رکيا هئا. هينئر توهان جي وقت ۾ سيد مراد انهن بتن ڪڍڻ جو حڪم ڪيو آهي.“ +ڄام نندي (پنهنجي ڀاڻيجي) ڄام مارڪ کي، شاهه مراد کي گهرائڻ لاءِ موڪليو. ان کان پوءِ نٿر نالي ماڻهوءَ کي موڪليو. ان بعد آخر ۾ شيخ ماله کي موڪليو. هن جاءِ جو قصو انشاء الله ڇهين باب ۾ آڻينداسون. +جڏهن ڄام نندي، شاهه مراد ڏي موڪليل پنهنجن ٽن ماڻهن کان سندس ولايت ڪرامت جو بيان ٻڌو ته چوڻ لڳو: ”آءٌ شاهه مراد جي خادمن مان هڪ خادم آهيان. هو هن معاملي ۾ اختيار وارو آهي.“ پوءِ ته ان هدين پويان هديا ۽ سوکڙين پٺيان سوکڙيون شاهه مراد ڏي موڪليون. شاهه مراد وري اهي سوکڙيون ۽ هديا فقيرن ۽ غريبن کي ڏيندو ويو. پوءِ ته ماڻهن ۾ سندس وڏو نالو مشهور ٿي ويو. پاڻ ماڻهن کي جاءِ مان بتن ڪڍڻ جو امر ڪيائين ۽ فرمايائين: ”اي سچا محب خادم مسلمانو! هن جاءِ مان هندن جا بت ٻاهر ڪڍو.“ ماڻهن کي جيئن امر ڪيو هئائين، ماڻهن به جاءِ مان بت ٻاهر ڪڍي ڇڏيا. ان ئي وقت اها جاءِ مسجد ۾ تبديل ڪئي وئي. هينئر اها جاءِ عام ماڻهن ۾ سيد مراد جو صفو مشهور آهي. + + +باب ڇهون +سيد شاهه مراد جو طريقت ارشاد ۽ فيض +ظاهر ڪرڻ جو بيان + +جنهن وقت شاهه مراد جي عمر چاليهن سالن کي پهتي ته، پاڻ ماڻهن کي طريقت ۽ سلوڪ ۾ بيعت ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيائون، پر کيس پنهنجي والد (سيد احمد شيرازيءَ) روڪيو ته، ”جيسين مڪي شريف جي بزرگن اوليائن کان اجازت نه ملي، تيسين خاموش رهه.“ سندس والد اجازت نامي ملڻ لاءِ مڪي شريف خط لکيو. مڪي شريف مان هيءُ جواب آيو: +”اي سيد (احمد)! پنهنجي فرزند (سيد محمد حسين شاهه مراد) کي نه روڪ. کيس اجازت ڏي (ته ڀلي فيض ونڊي). طريقت ۽ فيض جي باري ۾ تو کان ۽ اسان کان گهڻو ڄاڻي ٿو.“ +مڪي شريف مان آيل خط مان کيس اجازت نامي ملڻ کان پوءِ سندس والد سڏي چيو ته: ”اي پٽ! هينئر توکي اجازت ۽ اختيار آهي. تون پنهنجي ڳالهين ۾ سچو آهين.“ +هن اجازت نامي کان پوءِ شاهه مراد اعلان ڪيو ته: ”جيڪو به الله تعاليٰ جي هدايت ۽ فيض جو طالب هجي، اهو بنا دير اسان وٽ اچي.“ +اهو اعلان ٻڌندي ئي ماڻهو جٿن جا جٿا سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ (امتحان طور) عرض ڪرڻ لڳا ته: ”اسان کي ڪرامت ڏيکار.“ پاڻ فرمايائين: ”ڪهڙي ڪرامت ٿا طلبيو ”؟“ سڀ ماڻهو چوڻ لڳا: ”هن وقت سڀ پکي اوهان وٽ اچي حاضر ٿين، پوءِ توهان کي مڃينداسون.“ +هيءَ ڳالهه ٻڌي پاڻ ان ئي وقت پکين کي سڏ ڪيائين. تنهن تي سڀ پکي مسجد ۾ اچي الڳ الڳ ٻوليون ٻولڻ لڳا. ماڻهن جڏهن اها ڪرامت ڏٺي ته، محبت ۽ عزت واسطي سندس هٿ چمي، اکين تي رکي چوڻ لڳا: ”تون ڪامل مرشد آهين. پنهنجي فيض ۽ ارشاد ۾ سچو آهين.“ +هن کان اڳ گذريل بابن ۾ به سندس گهڻيون ڪرامتون بيان ٿي آيون آهن. هن ڪرامت ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو سندس هٿ چمي مريد ٿيڻ لڳا. +هن کان اڳ پنجين باب ۾ (شاهه مراد) ۽ ڄام نندي وارو واقعو هلندڙ هو ته، جڏهن ڄام نندي هندن جي جاءِ مان بتن کي ٻاهر ڪڍڻ جي دانهن بابت، شاهه مراد کي وٺي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪليو هو، ان ماڻهوءَ جو نالو ڄام مارڪ هو. ان ماڻهوءَ اچي شاهه مراد جو زور سان دروازو کڙڪايو. شاهه مراد ان تي هڪ نظر ڪئي (ته ڄام مارڪ جي تقدير بدلجي وئي) پاڻ ان وقت دروازي تي بيٺو هو. چيو وڃي ٿو ته، ان جاءِ جي دروازي وٽ بيٺو هو ته الله تعاليٰ جي قدرت ۽ گهر سان جنهن مهل ڄام مارڪ تي سندس فيض ڀري نظر پئي ته، ان ئي مهل ولايت جي مٿانهين درجي جي ولين مان ولي بنجي ويو ۽ سندس ڪرامت جي چانئٺ جو رهاڪو ۽ خدمتگار بنيو. +ڪجهه گهڙي گذري ته، نٿر نالي هڪ ماڻهو شاهه مراد کي وٺڻ آيو ۽ اهو به زور سان دروازو کڙڪائڻ لڳو. شاهه مراد جي مٿس فيض واري نظر پئي ته، الله تعاليٰ جي ارادي ۽ شاهه مراد جي فيض ۽ برڪت سان (شيخ نٿر به) ڪامل ولي بنجي ويو. +ٿوري دير کان پوءِ ٽيون ماڻهو ماله، ڪي چون ٿا، ته احمد نالي ماڻهو کيس وٺڻ آيو ۽ اڳين ماڻهن وانگر تمام زور سان دروازو کڙڪايو. ان سان گڏ اهو ماڻهو اڳين ماڻهن جي حفاظت ۽ جاچ لاءِ به آيو هو. شاهه مراد دروازي تي بيٺي، ان تي فيض ۽ ارشاد واري نظر وڌي ته، الله تعاليٰ جي حڪم سان اهو ٽيون ماڻهو ماله - احمد به ولي بڻجي ويو. +جڏهن ڄام نندي انهن سڀني ماڻهن کان شاهه مراد جي ڪرامت ۽ ولايت جي ڳالهه ٻڌي ته چوڻ لڳو: ”آءٌ شاهه مراد جي خادمن مان هڪ آهيان. تون هن معاملي ۾ اختيار وارو آهين.“ +مطلب ته ڄام مارڪ، فيض واري نظر سان ڪامل ولي ۽ تارڪ دنيا ٿيو ته، مائٽ کيس گهر وٺيو پئي ويا. بازار ۾ ڄام مارڪ واڍي کان خدا ڪارڻ کائڻ جي شيءِ گهري. ان به کائڻ جي ڪنهن شيءِ جو ذرو کيس ڏنو. مارڪ ان کان اها شيءِ وٺي هلندي بازار ۾ کائڻ لڳو. سندس سڀني مٽن مائٽن ڏسي چيو ته، هيءُ چريو ٿي پيو آهي. سندس حال به پينو فقيرن جهڙو آهي. ائين چئي کڻي کيس ڇڏيائون. +ڄام مارڪ اتان خوش ٿيندو، پنهنجي مرشد شاهه مراد جي خدمت ۾ آيو. مرشد کيس ڏندڻ آڻڻ لاءِ چيو. ڄام مارڪ جنهن جاءِ تي هينئر دفن ٿيل آهي، اتي سڄو ڏينهن ڏندڻ ڀڃڻ لاءِ کٻڙ جي وڻن هيٺان ٿئي ويو ته، وڻن جي هيٺان سون ۽ چانديءَ جي وهندڙ نهر ڏسڻ ۾ ٿئي آيس. پوءِ هيءُ وري ان کي مٽيءَ سان لَٽڻ لڳي ٿي ويو. سڄو ڏينهن ائين ڪندي گذاري ڇڏيائين. مرشد وري کيس وڻ جي ٽاري نه، پر کٻڙ جي وڻ جي پاڙ جو ڏندڻ آڻڻ لاءِ امر ڪيو. وري به سڄو ڏينهن ساڳي حالت ۾ گذري ويس. نيٺ وڻ جي ٽاريءَ جو ڏندڻ ڀڃي کڻي آيو. مرشد چيس ته: ”اي مارڪ! سڄو ڏينهن ڇا پئي ڪيئي؟“ (هن سڄي ماجرا ٻڌائي) پوءِ شاهه مراد چيس ته: ”تون هاڻي ’البو‘ يعني بي طمع آهين.“ +ان کان پوءِ ڄام مارڪ جو نالو ”پير البو“ يعني بي طمع پير مشهور ٿي ويو. پوءِ پير البو گهڻو وقت مرشد جي خدمت ڪندو رهيو. ويتر وليءَ مان ڪامل اولياء الله ٿي پيو. مرشد جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو. مرشد جي امر سان جنهن جاءِ تي دفن ٿيل آهي، اتي مدفون ٿيو. +حڪايت: هڪ ڀيري شاهه مراد، آچر جي ڏينهن پير البي جي زيارت لاءِ ٿي ويو. عمر نالي هڪ فقير واٽ تي شاهه مراد جي ديدار لاءِ انتظار ۾ ٿي بيٺو. جڏهن شاهه مراد، پير البي تان فاتحه پڙهي، دعا گهري (ٻي واٽ کان) گهر ڏي موٽي آيو ۽ هو (عمر) فقير اتي ماڻهن کان پڇندو رهيو ته، بزرگ گهر ڏي موٽي ويو يا نه؟ ماڻهن چيو ته بزرگ گهر ڏي موٽي ويو. هفتي کان پوءِ وري ايندو. فقير (عمر) به سڄو هفتو زيارت لاءِ انتظار ۾ اتي بيٺو رهيو. شاهه مراد وري به دعا گهري موٽي آيو ته، مريدن کيس ٻڌايو ته: ”هتي هڪ فقير هفتي کان اوهان جي زيارت ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺو آهي.“ +تنهن تي شاهه مراد ان فقير وٽ ويو. الله جي گهر ۽ بزرگ جي فيض واري نظر سان، انهي وقت اهو فقير الله جي اوليائن مان ولي بنجي ويو. شاهه مراد فقير عمر کان پڇيو ته: ”تنهنجو مطلب مقصود ڇا آهي؟“ ان فقير عرض ڪيو ته، مون کي پنهنجو مريد ڪر. پوءِ بزرگ پنهنجو هٿ ان کي ڏنو، فقير هٿ چمي کڻي اکين تي رکيو. (فقير جي اهڙي سچائي ۽ محبت ڏسي) شاهه مراد کيس فرمايو، ”تون سچو بابو آهين.“ (يعني تون بابو جهڙو آهين، جو شايد ان وقت ڪو مشهور فقير رياضت ڪندڙ هو.) +(اهو عمر فقير ”بابو“) ڳچ وقت کان پوءِ سير سفر لاءِ ڪڪرالي جي طرف وڃي نڪتو. چورن مال ملڪيت جي گمان ڪري کيس ناحق ماري وڌو ۽ هن مرشد جي برڪت سان شهادت جو رتبو ماڻيو. شهادت کان پوءِ پنهنجو سر تريءَ تي کڻي (ٺٽي مڪلي) ڏي آيو. هينئر جتي دفن ٿيل آهي، جنهن مهل اتي سندس سر پهتو ته، ماڻهن ڏسي چيو: ”هيءُ اهو ماڻهو آهي، جيڪو مرڻ کان پوءِ پنهنجو سر تريءَ تي کڻي آيو آهي.“ پوءِ سندس سر، زمين تي اچي پيو ۽ انهيءَ جاءِ تي ان کي دفن ڪيائون. بابو شهيد سيد نه آهي. +حڪايت: شاهه مراد جي زماني ۾ بهاء الدين نالي عابد زاهد صالح شخص هو. اهو شاهه مراد جي زيارت ڪرڻ آيو. بزرگ کيس فرمايو: ”تنهنجو مقصود ڪهڙو آهي؟“ حاجي بهاء الدين عرض ڪيو ته: ”مون کي پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪر، جيڪي زماني ۾ ظاهر آهن.“ وڌيڪ عرض ڪيائين: ”سهڻو قرب ڪر، جيئن الله توتي سهڻو قرب ڪيو آهي.“ پوءِ مرشد مٿس فيض واري نظر ڪئي ته، الله جي ولين مان ولايت جي درجي تي وڃي پهتو. ان عابد زاهد بيت الله شريف جو حج به پڙهيو هو. + + +باب ستون +سيد مراد جو حسب نسب +هن جو حسب حيدري، نسب حسيني، وطن شيراز، دل عرفاني، طريقو شرعي، جهانن جو قطب ۽ خاتم المرشدين آهي. (سندس نالو سيد محمد حسين ۽ والد جو نالو سيد احمد آهي.) سندس نالي وار شجرو هن ريت آهي. +سيد (محمد) حسين عرف شاهه مراد (وفات 933 هه) پٽ سيد احمد پٽ سيد محمد شيرازي پٽ سيد محمود شيرازي (وفات 694 هه مدفن شيراز) پٽ سيد محمد (وفات 714 هه) پٽ شاهه محمود (وفات 753 هه) پٽ سيد ابراهيم (وفات 645 هه مدفن شيراز) پٽ سيد قاسم (وفات 620 هه مدفن شيراز) پٽ سيد زيد (وفات 609 هه مدفن جنت المعليٰ مڪو شريف) پٽ شاهه حمزه (وفات 549 هه مدفن ڪربلا) پٽ شاهه هارون (وفات 532 هه مدفن ڪربلا) پٽ سيد عقيل (وفات 512 هه مدفن ڪربلا) پٽ سيد عقيل ثاني (وفات 492 هه مدفن سرمن ريءَ) پٽ سيد اسماعيل (وفات 439 هه مدفن سرمن ريءَ) پٽ سيد علي اصغر پٽ سيد علي جعفر پٽ سيد محمد پٽ سيد علي نقي پٽ امام علي رضا پٽ امام موسيٰ ڪاظم پٽ سيد امام محمد جعفر پٽ سيد امام محمد باقر پٽ سيد امام زين العابدين پٽ امير المؤمنين سيد امام حسين پٽ علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجهه. الله سڀني تي رحمتون ڪري! حضرت علي المرتضيٰ، حضور نبي (محمد صلي الله عليه وسلم) جن جا سؤٽ آهن. +حضرت محمد صلي الله عليه وسلم بن عبدالله بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبد مناف بن قصي بن ڪلاب بن مره بن ڪعب بن لوي بن غالب بن فهر بن مالڪ بن نضر بن ڪنانه بن خزيمه بن الياس بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان بن اد بن همسع بن ارد بن حمل بن قيدار بن اسماعيل بن ابراهيم خليل الله. سڀني نبين سڳورن ۽ صالحن تي الله تعاليٰ جون رحمتون هجن! +اهڙيءَ طرح ڪتاب ”سيرت گاذروني“ جي باب ”ذڪر آباء النبي صلي الله عليه وسلم“ ۾ آيل آهي. +سيد مراد جي نسب جو سلسلو حضرت نبي محمد صلي الله عليه وسلم جن تائين ستاويهن (27) واسطن سان پهچي ٿو. يعني سندس ابتدائي نالي سيد حسين کان وٺي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن تائين. اهڙيءَ ريت محمد صلي الله عليه وسلم جن کان وٺي ابراهيم (خليل الله) عليه السلام تائين به ايترن واسطن سان نسب جو سلسلو ملي ٿو. +ٻارنهن امام آهن، انهن مان ست خلافت سان نوازيل هئا: 1. امام زين العابدين 2. امام جعفر صادق 3. امام موسيٰ ڪاظم بن جعفر صادق 4. امام شاهه علي بن موسيٰ ڪاظم 5. امام محمد تقي 6. امام علي نقي بن امام محمد تقي 7. امام حسن عسڪري بن امام علي نقي رضي الله عنهم. +چوڏنهن (14) معصومن جي رتبي تي هي ڀلارا پهتل آهن: 1. محمد اڪبر بن (علي) المرتضيٰ 2. عبدالله بن امام حسن 3. علي (زين العابدين) بن حسين 4. حسين بن زين العابدين 5. صالح بن امام محمد باقر 6. علي اصغر بن محمد باقر 7. عبدالله بن امام جعفر صادق 8. يحيٰ بن امام جعفر صادق 9. صالح بن امام موسيٰ ڪاظم 10. طيب بن امام موسيٰ ڪاظم 11. جعفر بن امام تقي 12. جعفر بن امام حسن 13. قاسم بن امام محمد مهدي 14. امام محمد مهدي صاحب الزمان. +اهڙي طرح ڪتاب ”شجرة السادات الطيبين الطاهرين“ ۾ لکيل آهي. + + +باب اٺون +قطب الارشاد سيد مراد شيرازي جا فيض وارا خليفا +سيد شاهه مراد جا مريدن جي خدمت ۽ سار سنڀال لاءِ اسي (80) خليفا آهن. اهي فيض وارا خليفا رات ڏينهن هر وقت مرشد جي مريدن جي خدمت لاءِ هڪيا حاضر ويٺا هوندا هئا. انهن سڀني خليفن مان وري چار وڏا خليفا فيض يافته هئا. 1. پير البو 2. (شيخ) نٿر 3. حسين صفائي (هن ڪتاب تذڪرې المراد عربيءَ جو مصنف) 4. احمد. ڪي چون ٿا ته (شيخ) ماله چوٿون خليفو هو. مرشد جي فيض ۽ برڪت واري نظر سان اهي چار ئي وڏا خليفا الله جي اوليائن مان ڪامل ولي هئا..... +سڀني خليفن ۾ ”پير البو“ خلافت فضيلت ۾ مشهور هو. +پڻ محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جا چار خليفا مشهور آهن. 1. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه 2. حضرت عمر فاروق رضي الله عنه 3. حضرت عثمان غني ذوالنورين رضي الله عنه 4. حضرت علي حيدر ڪرار رضي الله عنه. +رسول الله صلي الله عليه وسلم جن وٽ اسي (80) اصحابي رهندا هئا، جن کي ”اصحاب صفه“ چئبو هو. هي نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جا سچا عاشق ۽ سر ساهه صدقي ڪرڻ وارا سرويچ هئا. اهي اصحاب صفه وارا هميشه رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي مسجد نبويءَ (لڳ صفه) ۾ رهندا هئا. +هي اسي (80) ڄڻن جي تعداد جو رڳو مثال آهي. باقي اصحاب صفه وارن سان فضيلت، سخاوت، عبادت، شجاعت ۽ همت ۾ ڪير به مٽ نه آهي. +نبي صلي الله عليه وسلم جن کان پوءِ سڀني ماڻهن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه ڀلارو آهي. اولياء الله به خلق ۾ داخل شامل آهن. خلفاء راشدين ۽ نبي صلي الله عليه وسلم جن جا سڀ اصحاب سڳورا سڀني اوليائن کان وڌيڪ ڀلارا آهن. +اهڙيءَ طرح شاهه مراد جا خليفا به ان وقت جي ٻين ولين جي خليفن کان شان ۾ سوايا آهن. انهن جي وچ ۾ آسمان زمين جيترو فرق سمجهون ٿا. پوءِ هي تعداد ۾ مناسبت مثال طور آهي. حضرت شاهه مراد رحمته الله عليه هر ڪم ۾ شريعت جو عامل ۽ طلبگار هو. +حڪايت: هڪ ڏينهن سيد شاهه مراد جي مجلس ۾ خليفا ويٺا هئا. انهن خليفن عرض ڪيو ته: ”يا مرشدي! (دلي تمنا آهي ته) اوهان سان گڏ هلي (ڪعبته الله جو) حج ڪريون.“ +شاهه مراد خليفن کي چيو: ”اسان تي حج فرض نه آهي، ڇاڪاڻ ته آءٌ (دنيا کي ڇڏيندڙ) تارڪ فقير آهيان. آءٌ هن وقت به الله جو گهر (بيت الله) اکين سان ڏسي رهيو آهيان. رستي ۾ اهل البدعته ماڻهو رهن ٿا. ان سبب ڪري اسان اوڏانهن ڪونه ٿا وڃون.“ خليفن عرض ڪيو ته، ”سائين اهل البدعته مان ڪهڙا ماڻهو مراد آهن؟“ شاهه مراد ارشاد فرمايو: ”اهي رافضي ماڻهو آهن. انهن کان الله تعاليٰ جي پناهه ٿا گهرون! انهن رافضين جي سبب ڪري ئي اسان جي وڏن پنهنجو وطن (شيراز - ايران) ڇڏيو ۽ (پيار ۽ امن واري سر زمين) سنڌ ۾ اچي رهيا.“ +هن ڳالهه کان پوءِ خليفن ڏي فيض جي نظر سان ڏٺائين ته سڀيئي خليفا مڪاشفي وارا ٿي ويا (يعني انهن جي سامهون حجاب هٽي ويا) مرشد وانگر اتي ويٺي ڪعبته الله جو ديدار ڪيائون. +شاهه مراد جا خليفا سندس حياتيءَ ۾ گذاري ويا هئا. ان ۾ به حڪمت آهي. الله تعاليٰ جي حڪمتن مان هيءَ حڪمت به حڪمت کان خالي نه آهي. +محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جا خليفا سندن وصال کان پوءِ هن دنيا مان گذاري ويا. ان ۾ به حڪمت آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي نبي پاڪ جا خليفا سندن حياتيءَ ۾ اڳ ئي گذاري وڃن ها ته، پوءِ نبي صلي الله عليه وسلم جن جي وصال کان بعد نبي صلي الله عليه وسلم جن جي ظاهري غير موجوگيءَ ۾ جهان برباد ٿي وڃي ها، ڇو ته دنيا جهان جو نظام نبي صلي الله عليه وسلم جن جي نبوت تي موقوف ۽ بيٺل آهي. +شاهه مراد جي خليفن جي حياتي ۽ مماتي هڪ جهڙي آهي، ڇاڪاڻ ته بيشڪ شاهه مراد جو پنهنجو اولاد سندس وفات کان پوءِ سندس گادي نشين ٿيو. ڪرامت ۽ طريقت جو سلسلو سنڀاليو. اهي سڀ هن ذڪر ڪيل ڪمن ۾ محقق آهن. جيئن مشهور آهي ”فعل الحڪيم لا يخلوا عن الحڪمته“ يعني حڪيم جو ڪم حڪمت کان خالي نه هوندو آهي. هيءُ مناسبت جو مثال تعداد ۾ آهي، باقي سڀني ڪمن ۽ فضيلت ۾ برابر نه آهي. +ان ڪري مصنف (حاجي حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو: ”اي انسانو! ڄاڻو ته هي مرشد ۽ مريدن جو جيڪو تعداد ۾ مثال بيان ٿيو آهي، اهي سڀ مرشد ۽ مريد، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جا امتي آهن. اسان سڀ (مرشد ۽ مريد) نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي شفاعت جا اميدوار آهيون. هو رحمته اللعٰلمين - جهانن لاءِ رحمت آهي. قيامت جي ڏينهن اسان ۽ سڀني گنهگارن جي شفاعت ڪندڙ آهي. اي الله! اسان کي دين محمدي تي متقي پرهيزگار ڪري جيئار ۽ مار. اي الله! اسان کي پنهنجي ديدار جي نعمت نصيب ڪر. اسان کي (محمد) مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي شفاعت کان نااميد نه ڪر. اي الله! نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي اهلبيت جي صدقي اسان کي دنيا ۾ سندس (فرمانبردار) امت ۾ داخل ڪر. قيامت ۾ سندس دين اسلام تي اٿار. آخر ۾ سندس (شفاعت جي) جهنڊي هيٺان بيهڻ نصيب ڪر ۽ اسان کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي شفاعت جو حقدار ڪر! (آمين).“ + + +باب نائون +شاهه مراد جي نَون مريدن لاءِ تلقين جو بيان +جڏهن ڪو ماڻهو شاهه مراد وٽ (مريد ٿيڻ لاءِ) ايندو هو ته، پاڻ ان کان پڇندو هو: ”تون مون وٽ ڪيئن آيو آهين؟“ اهو ماڻهو عرض ڪندو هو ته، ”مون کي پنهنجي خادمن ۾ داخل ڪريو.“ پوءِ پاڻ پنهنجو هٿ ان مريد ڏي وڌائيندو هو ته، اهو مريد محبت ۽ عزت خاطر سندس هٿ چمي اکين ٿي رکندو هو. +پاڻ ان نئين مريد کي پهريان ٽي روزا رکڻ جو امر ڪندو هو. هر حال ۾ سچ چوڻ لاءِ تاڪيد ڪندو هو. پوءِ ان سچ چوڻ جي ڪري ٻڌندڙ خوش ٿئي يا رنج ٿئي. وڌيڪ نصيحت ڪندا هئا ته: ”حق جو طالب هر حال هر ڪم ۾ شريعت تي ثابت قدم رهي. +ڪوڙ ڪپت، خراب ڳالهين، گلا غيبت، چغلي بهتان، تعزيه تي روئڻ پٽڻ ۽ دف (دهل) وڄائڻ، جيتوڻيڪ نڪاح لاءِ هجي، انهي سڀني ڳالهين کان (مريد کي) منع ڪرڻ جي تلقين ۽ هدايت ڪندا هئا. +”جيڪو به انهن ڪمن جي موافقت ۽ هميشگي ڪندو، اهو منهنجو مريد آهي، آءٌ ان جو مرشد آهيان.“ +ان کان پوءِ مريد کي تلقين ڪندا هئا، چئو ته: ”آمنت بالله ڪما هو باسمآئه و صفاته و قبلت جميع احڪامه.“ +(ترجمو: مون ايمان آندو الله تعاليٰ تي، جيئن هو پنهنجن نالن ۽ صفتن سان آهي ۽ مون ان جا سڀ حڪم قبول ڪيا.) +آمنت باالله و ملائڪته و کتبه و رسله واليوم الاخر و القدر خيره و شره من الله تعاليٰ و البعث بعد الموت. +(ترجمو: مون ايمان آندو (الله تي)، سندس فرشتن تي، سندس ڪتابن، سندس رسولن ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ ان ڳالهه تي ته، هر هڪ چڱائي ۽ برائي ان جي قدرت ۽ علم کان آهي ۽ موت کان پوءِ زندهه ڪرڻ تي.) +آءٌ چوان ٿو: اشهد ان لا الٰه الالله وحده لاشريڪ لہ و اشهد ان محمداً عبده و رسولہ. +(ترجمو: آءٌ شاهدي ڏيان ٿو، ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي، هو اڪيلو آهي ۽ آءٌ شاهدي ڏيان ٿو، ته محمد صلي الله عليه وسلم ان جو ٻانهو ۽ رسول آهي.“) +(هر مريد لاءِ سندس اها جامع تلقين هوندي هئي.) +هن وقت يادگيريءَ ۽ نصيحت طور عيد جي ڏينهن اها پوري تلقين، سندس اولاد جي سامهون پڙهندا آهن. اهو تلقين ۽ نصيحت جو سلسلو سندس وقت کان هن وقت تائين هليو ٿو اچي ۽ جاري آهي. +اي مريدو! ڄاڻو ته حضرت شاهه مراد وٽ سماع (راڳ) ڪونه هو. جيئن هينئر عيد ۽ ٻين (شادين مرادين) جي موقعن تي دف (دهل وڄايو) راڳ رنگ ڪيو وڃي ٿو. اهو سڀ غير مشروع يعني جائز نه آهي. +ڪن ماڻهن چيو، ته ڪتاب جي مصنف تي هيءُ شبهو اعتراض آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف ڪتاب جي هر باب ۾ اهو لکيو آهي ته: ”شاهه مراد شريعت جو پابند هو“، ان ڪري (راڳ جي منع ڪرڻ جي) هتي هي ڳالهه لکي اٿس؟ +مصنف (حاجي حسين صفائي) جواب ۾ چوي ٿو ته: انهن معترضن جو دليل هيءَ حديث آهي: +”حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه!، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ آيا ته، ٻه ڇوڪريون دف وڄائي رهيون هيون. اهو عيد جو ڏينهن هو. انهن وٽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ويٺا هئا. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه! انهن کي جهڻڪيو ۽ روڪيو ... رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”اي ابوبڪر رضي الله عنه! انهن کي ڇڏي ڏي. هر قوم جي خوشي عيد آهي. هيءَ اسان جي عيد، خوشي آهي.“ +ان ڪري هن حديث مان ڪراهت معلوم ڪانه ٿي ٿئي. +شاهه مراد پنهنجي تلقين ۾ چيو آهي ته: ”آءٌ بدعت کان بيزار آهيان ۽ آءٌ سنت جماعت جو آهيان.“ +هيءُ دليل تلقين ۾ موجود آهي. +(ڪتاب) ”الدستور“ جي مصنف لکيو آهي ته. ”سماع (راڳ ٻڌڻ) ۾ ڇهه شرط آهن: +1. ان (سماع جي) مجلس ۾ سهڻا ڇوڪرا نه هجن. +2. سڀ هڪ خيال ۽ جنس وارا هجن يعني فاسق، اهل دنيا ۽ عورتون به نه هجن. +3. سماع ڪندڙ قوال جي نيت سچي هجي. ماني ۽ کاڌي پيتي جو ارادو ۽ نيت نه هجي. +4. ماڻهو به کائڻ پيئڻ لاءِ گڏ نه ٿين. +5. ماڻهو، ڪنهن سبب يا علت کان سواءِ نه اچن يا پرائي پچار ۽ گلا غيبت نه ڪن. +6. هرو ڀرو سماع ٻڌڻ وقت وجد ڪرڻ، جهومڻ، ٽپا ڏيڻ نه گهرجن. جيڪر حقيقي طور وجد ٿئي ته منع نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪن الله وارن عارفن چيو آهي ته،”ڦند ۽ ڪوڙو وجد ڪرڻ گلا غيبت کان به سخت گناهه آهي.“ +حاصل مطلب ته، سماع جي باري ۾ اجازت جنيد بغدادي (وفات 297 هجري) رحمته الله عليه جي زماني ۾ به ڪانه هئي. ان به سماع (ڪرڻ ۽ ٻڌڻ) کان توبهه ڪئي هئي. +سوال: سماع ۾ رقص ناچ جائز آهي؟ +جواب: جائز نه آهي. +ڪتاب ”الخلاصته” ۾ فتويٰ نقل ڪيل آهي ته: ”غير شرعي آواز ٻڌڻ، تلوار جي وار وانگر (ايمان کي وڍيندڙ) ۽ حرام آهي.“ +”الدستور“ ڪتاب جي مصنف لکيو آهي: ”هن روايت موجب دف، دهل، شرناء وڄائڻ وغيره اجايو وقت وڃائڻ جو ڪم آهي. شاديءَ جي رات نڪاح وقت اهي ساز آواز حرام آهن. جڏهن ته انهن (سازن سرودن وڄائڻ) کان سواءِ به نڪاح جو اعلان حاصل ٿي سگهي ٿو، ان ڪري حرام آهي. تنهنڪري ماڻهن کي شاديءَ جي رات نڪاح وقت (ساز سرود) وڄائڻ کان روڪيو وڃي.“ +جيئن معترض، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي هن قول مان ساز ۽ سماع جي جواز جو دليل وٺن ٿا: ”اعلنوا النڪاح ولو بالدف“ مطلب ته نڪاح جو اعلان ڪريو توڙي دف سان. +ڇاڪاڻ ته حديث جو مقصد آهي، نڪاح جو اعلان ۽ هروڀرو دف جو وڄائڻ مقصد نه آهي. جيڪڏهن ان جو دف وڄائڻ مقصد هجي ها ته، حديث جا لفظ هن نموني اچن ها: ”اعلنوا النڪاح بالدف“ يعني نڪاح جو دف سان اعلان ڪريو. پوءِ دف وڄائڻ مباح نه آهي. اهڙي طرح ڪتاب ”حساب الاحتساب“ ۾ ذڪر آيل آهي. +حضرت سيد شاهه مراد جي حياتيءَ کان هي سهڻو سلسلو هلندڙ آهي ته، جڏهن عيدن جي نماز تان پاڻ جاءِ تي موٽندو هو ته، ڪجهه وقت صفي ۾ اچي ويهندو هو. وٽس مجلس ۾ قرآن شريف جا حافظ قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا. اهو سلسلو اڃا (تائين) سندس پونير اولاد وٽ جاري آهي. +اي الله! سندس اولاد کي سندس طريقي تي ثابت قدم رک! يا اڪرم الاڪريمن يا ارحم الراح��ين! + + +باب ڏهون + +شاهه مراد طرفان مريدن کي ٻين اولياء الله جي زيارت +۽ انهن وٽ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو بيان +حضرت شاهه مراد رحمته الله عليه پير البي جي حق ۾ فرمايو ته: ”اي مارڪ! (پير البي جو اصل نالو) تنهنجي پڳ آخر زماني ۾ ظاهر ٿيندي.“ +مصنف (حاجي حسين صفائي ٺٽوي) چوي ٿو ته، هن عبارت مان مراد آخر زماني ۾ ڪرامت ۽ ولايت سان سندس نالو مشهور ۽ روشن ٿيڻ آهي. +جيئن پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد علي (اول) شيرازي (وفات: 877 هه) جي حق ۾ چيو هئائين. هڪ دفعي سيد شاهه مراد گهوڙي تي چڙهيو پئي آيو. (سيد علي) سندس گهوڙي جي اڳيان اڳيان پنڌ هلندو پئي آيو. دل ۾ خيال ڪيائين ته، آءٌ به ٻين سڀني مريدن وانگر آهيان. شاهه مراد جڏهن باطني فراست ۽ ڪشف ذريعي پنهنجي ڀاءُ (سيد علي) جو دلي ارادو ۽ خيال معلوم ڪيو ته پوءِ ان جي حق ۾ چيو: ”ابيضڪ الله في الدنيا والاخره“ مطلب ته الله تعاليٰ تنهنجو (منهن) دنيا ۽ آخرت ۾ روشن ۽ چمڪدار ڪري! +وڌيڪ اهو به فرمايو ته: ”اسان جي اولاد مان جنهن جي عمر وڏي ٿيندي، اهو علم تفسير، حديث ۽ فقه ۾ ماهر هوندو ۽ انهن علمن تي عمل به ڪندو.“ (ڪتاب جو مصنف حاجي حسين صفائي) چوي ٿو ته، اهو حق آهي، پاڻ جيئن فرمايائين ائين ٿيو ..... +شاهه مراد جي مريدن مان ڪنهن پڇيو ته، اسان مريدن مان ڪو مريد (ٻين) اوليائن جي زيارت ڪرڻ وڃي ته اجازت آهي؟ +(ان سلسلي ۾ هيءَ حڪايت مشهور آهي) +حڪايت: شاهه مراد جي مريدن مان الهه ڏني نالي مريد هو، پر ان جو پنهنجي مرشد ۾ ڪامل اعتقاد ڪونه هو. ان جي ڪري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر جمعي تي شيخ (پير) پٺي (وفات 606 هه) رحمته الله عليه جي درگاهه تي ويندو هو. (الهڏني کي) پنهنجي ڀيڻ جهليو ته، ”اي منهنجا ڀاءُ! اسان کي پنهنجي مرشد طرفان ٻين اوليائن تي مقصد کڻي وڃڻ جي منع ٿيل آهي. (باقي رڳو زيارت ڪرڻ جي اجازت آهي.)“ +ان شخص پنهنجي ڀيڻ کي چيو ته، ”توکي ڪهڙي خبر؟ شاهه مراد وٽ ماڻهن جي تمام گهڻائي ۽ مصروفيت آهي. پير پٺي تي واندڪائي ۽ فرصت آهي.“ +پوءِ اي مريدؤ ڄاڻو (ته الله وارن جي غيرت آهي) ۽ ٻڌو! ته اهو شخص هڪ ڏينهن گهر ۾ ويٺو هو. هڪ سوالي عورت خيرات وٺڻ لاءِ اتي آئي. (الهڏني کي ڏسي ان سوالي عورت چيو) ”اي الهڏنا! منهنجي مٿي ۾ سخت سور هو. ائين هڪ رات مون کي ننڊ اچي وئي ۽ مون خواب ۾ ڏٺو ته، هڪ (بزرگ) ماڻهو بيٺو آهي. چوي ٿو ته: اي منهنجا خادمو! هن عورت کي وٺو ۽ سر ڪپيو ۽ هن مان سور ٻاهر ڪڍو. منهنجو مٿو وڍي سور ۽ بيماري ڪڍيائون ته منهنجي مٿي جو سور لهي ويو. (ڇرڪ ڀري) ننڊ مان جاڳي پيس. جيئن خواب لڌو هوم تيئن سور به لهي ويو.“ +(الهڏني) اهو خواب جو واقعو ٻڌي، ڳالهه ڦيرائي پنهنجي ڀيڻ کي سمجهائيندي چيو ته، پير پٺي جي ڪرامت ڏٺئي؟ شاهه مراد وٽ ته ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي فرصت ئي ڪانهي. سندس ڀيڻ ته چپ ٿي وئي، پر ان ڳالهه ۽ ڀاءُ جي هن عادت کان پريشان رهندي هئي. +سندس ڀاءُ هر جمعي تي پير پٺي تي ويندو رهيو. ائين ڪندي ڳچ عرصو گذريو ۽ سندس ڀيڻ هڪ رات خواب لڌو ته، ماڻهو شهر مان ٻاهر نڪتا بيابان ڏي پيا وڃن. ماڻهن کان پڇيائين ته، ”ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ اهي ماڻهو چوڻ لڳا: ”حضرت شاهه مراد جي مريدن مان هڪ مريد (پنهنجي مرشد کي ڇڏي) پير پٺي وٽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٿو وڃي. هينئر مرشد ان کي مارڻ جو حڪم ڪيو آهي. ان ڪري اسان (ان کي مارڻ لاءِ) اوڏانهن پيا وڃون.“ +پوءِ عورت چيو ته،”آءٌ به توهان سان گڏ هلان ٿي.“ ماڻهو هلندي شاهه مراد جي درگاهه تي ڏاڪڻ وٽ هيٺ پهتا ۽ اچي ان شخص تي مڙيا. اوچتو اهو شخص رستي ۾ مئو پيو هو. پوءِ مون ان مئل ش��ص جي منهن ڏي چتائي ڏٺو ۽ سڃاتم، ته هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي. پوءِ ان تي تمام گهڻو روئڻ لڳيس ۽ روئڻ جي ڪري ننڊ مان جاڳي پيس، اها ڇنڇر جي رات هئي. +منهنجو ڀاءُ جمعي تي پير پٺي تان ٿي گهر آيو، اچي ستو. ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو آءٌ ڀاءُ جي گهر ويس ته، راتوڪو خوفناڪ خواب ڀاءُ کي وڃي ٻڌايان. + + +باب يارهون +قطب الاقطاب سڳوري سيد جي ڀلائي ۽ ڄمار جو بيان +(مشهور آهي ته) سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه (بغدادي، 470 هه - 561هه) جو ڪل ولين جي مٿان قدم آهي، پر ٻئي (سيد عبدالقادر جيلاني ۽ سيد حسين شاهه مراد شيرازي ٺٽوي) محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي اولاد هجڻ ڪري برابر آهن. حضرت سيد شاهه مراد (سيد عبدالقادر جيلانيءَ کان سواءِ) گهڻن اوليائن کان شان ۾ سرس ۽ فيض بزرگيءَ ۾ ڀلارو آهي. +حڪايت: ڪنهن مڪاشفي واري اولياء خواب ۾ ڏٺو ته، سيد (عبدالقادر جيلاني) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ سيد مراد، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي سٿر مبارڪ تي ويٺو آهي. ان بزرگ حضور صلي الله عليه وسلم جن کان عرض ڪري پڇيو ته: ”سيد مراد اوهان جي سٿر مبارڪ تي ويٺل آهي ۽ سيد عبدالقادر جيلاني اوهان جي ساڄي پاسي ويٺو آهي؟“ +رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”هائو، ٻئي منهنجو اولاد آهن ۽ منهنجي سنت تي هلندڙ پيروڪار آهن. خاص ڪري (هن وقت) منهنجو هيءُ پٽ (سيد مراد) هر هڪ قول ۽ فعل ۾ منهنجي شريعت جي تابعداريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ موافق آهي.“ +سوال: سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي خادمن مان ڪنهن خادم هن باري ۾ بحث ڪيو ته، سيد عبدالقادر بالاتفاق سڀني اوليائن کان ڀلارو آهي. ان لاءِ سندس هيءُ قول مشهور آهي: ”ان جو قدم اوليائن جي مٿان آهي.“ ان لاءِ توهان جو ڪهڙو جواب آهي؟ +جواب: اسان لاءِ ان واسطي قرآن شريف ۾ بيبي مريم سلام الله عليها جي قصي ۾ دليل موجود آهي: +يا مريم ان الله صطفٰک و طهرک واصطفٰک عليٰ نِسآءِ العالمين. +(پارو 3، سورت آل عمران، آيت 41) +(ترجمو: بيشڪ الله توکي چونڊيو ۽ توکي پاڪ ڪيو ۽ اڄ توکي جهانن جي عورتن تي چونڊيو.) +هتي بيبي مريم جي ڀلائيءَ مان مراد سندس وقت جي عورتن تي ڀلائي آهي. +ان سان گڏ چيو اٿن ته، حضرت خديجه رضي الله عنها، حضرت عائشه رضي الله عنها ۽ حضرت فاطمه رضي الله عنها بالاتفاق بيبي مريم کان شان ۾ ڀلاريون آهن. +(مثال طور) اهڙي طرح سيد عبدالقادر جيلانيءَ جو قدم به پنهنجي وقت جي اوليائن تي هو. اسان جو مرشد (سيد شاهه مراد) ٻي وقت ۾، ۽ انهيءَ قول کان مستثنيٰ يعني جدا ٿيل آهي. جيئن ان جو دليل قرآن شريف مان بيبي مريم سڳوريءَ جي قصي مان مٿي ڏنو ويو آهي. +ان جو دليل طرفان جي دعا ۾ آيو آهي، جيڪو سندس اخلاق واري باب ۾ گذري آيو. (؟) +ان سان گڏ اسان اهو چيو آهي ته، بيشڪ اسان جو مرشد حضرت سيد مراد ان سان برابر آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن جا اهلبيت (اولاد) آهن. +اسان اهو ڪونه ٿا چئون ته، مرشد شاهه مراد، سيد (عبدالقادر جيلانيءَ) کان وڌيڪ ڀلارو آهي، پر اسان انهن ٻنهي کي (پنهنجي پنهنجي وقت ۾) ڀلائيءَ ۾ هڪجهڙو مڃون ٿا. +اهڙي طرح اهڙو سوال وقت جي قطب مخدوم سرور نوح هالائي رحمته الله عليه (وفات: 998 هه) کان به پڇيو ويو هو ته: ”يا مخدوم! سيد (عبدالقادر جيلاني) چيو آهي: ”منهنجو هر وليءَ جي مٿان قدم آهي.“ ان جي معنيٰ ۽ مطلب ڇا آهي؟“ +مخدوم سرور نوح رحمته الله عليه فرمايو: ”هائو! اها ڀلائي سندس زماني ۾ هئي.“ +محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي ڀلائي اول کان آخر تائين هڪ جهڙي آهي. ان کان اڳ ۾ يا بعد، ڪوبه شان ۾ وڌيڪ ڀلارو نه آهي. +باقي اوليائن واسطي پنهنجي پنهنجي وقت ۽ زماني ۾ شان ۽ ڀلائي هوندي آهي. +شاهه مراد جي ولادت 830 هجري تي ٿي. (حاشيه تذڪرې المراد عربي قلمي ص. 31) حضرت سيد مراد جي عمر، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي عمر جيتري ٽيهٺ (63) سال هئي. + + +باب ٻارهون +شاهه مراد جي وفات جو بيان +حضرت شاهه مراد جي هن فاني دنيا مان موڪلائي دارالبقا ڏي لاڏاڻي ڪري وڃڻ بابت مختلف ڳالهيون آهن. +هن ڳالهه تي سڀني اتفاق ڪيو آهي، ته حضرت شاهه مراد جو وصال ربيع الاول ۾ ٿيو آهي. ڪن مريدن جو چوڻ آهي ته، سندس وصال وقت مهيني ربيع الاول جو ٻيو ڏينهن هو. هن مهيني جو چنڊ خميس جي رات ڏٺو هو. ان سبب ڪري درگاهه تي ماڻهو جمعي تي اچي گڏ ٿين ٿا. +ڪن چيو آهي ته، ان مهيني جو چنڊ آچر جي رات ڏٺو هو. ان ڪري ٻيو ڏينهن (يا ٻي تاريخ آچر؟ (سومر) جو ڏينهن ٿيندو. +مطلب ته شاهه مراد جو وصال ٻي تاريخ، ربيع الاول مهيني ۾ ٿيو. سومر جو ڏينهن سنه 893 هجري هو. +هن سنڌ ملڪ ۾ سندس عرس مشهور آهي. پوءِ سيد علي ثاني (وفات: 981 هجري) جي هٿان هيءُ عرس گهڻو مشهور ٿيو. سيد علي ثاني، شاهه مراد جي ڀائٽي (سيد جلال بن سيد علي اول) جو پٽ هو. +سيد علي اول (ولادت: 795 هه - وفات: 877 هه) شاهه مراد جو سڳو ڀاءُ آهي. سيد علي ثاني، شاهه مراد جي تاريخ وصال بابت ٻه سبب ڏنا آهن. +1. ان جي ننڍي ڏاڏي ربيع الاول جي ٻئي ڏينهن (تاريخ) تي وفات ڪئي. +2. حضرت سيد مراد رحمته الله عليه جي وڏي ڏاڏي محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ربيع الاول جي ٻي يا ٻارهين (تاريخ تي برقعو مٽايو) (ٻارهين ربيع الاول تي) سڀ متفق آهن. +اصل ۾ سيد علي (؟) رحمته الله عليه جي وقت ۾ شاهه مراد جو عرس مسجد ۾ ٿيندو هو. اهو عرس شروع ربيع الاول جي ٻي تاريخ تي ٿيندو هو. +هن وقت عرس جي ابتدا ربيع الاول جي پهرين تاريخ کان ٿئي ٿي. +جيئن سيد علي رحمته الله عليه ٻنهي جهانن جي سردار محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم) جن جي برقعي مٽائڻ بابت ٻه مختلف قول (ڪتابن ۾) ڏٺا. اهڙي طرح نبي صلي الله عليه وسلم جن جي برقعي مٽائڻ بابت مختلف روايتون آهن. +ڪتاب مواهب (اللدنيه) ۾ آهي ته، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ربيع الاول جي ٻي تاريخ تي برقعو مٽايو. اهو سومر جو ڏينهن منجهند جو وقت هو. پاڻ سڳورن جي هن دنيا ۾ تشريف آوري به سومر جي ڏينهن ٿي هئي ۽ مديني منوره ۾ سومر جي ڏينهن منجهند جو پهتا هئا ۽ مڪو شريف فتح به سومر جي ڏينهن منجهند جو ٿيو هو. +(نبي صلي الله عليه وسلم جن جي برقعي مٽائڻ بابت) اڪثر روايتن ۾ اتفاق آيو آهي ته، ربيع الاول مهيني جي ٻارهين تاريخ هئي. +پوءِ ڄاڻو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن بنا شڪ شبهي سومر جي ڏينهن برقعو مٽايو آهي. +ابن مسعود رضي الله عنه جي حديث ۾ آهي ته، نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن جي برقعي مٽائڻ واري تاريخ يارهين رمضان المبارڪ آهي. ان حديث کي “بزاز” روايت ڪيو آهي. +ٻي روايت موجب، اتفاق سان مهينو ربيع الاول (12 تاريخ) سومر جو ڏينهن منجهند جو وقت هو. ائين ”قاضي بيضاوي“ لکيو آهي. الله تعاليٰ حقيقت حال وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ۽ الله تعاليٰ ڏي موٽڻو آهي. +---- پورو ٿيو ---- +پوءِ ان ڪري الله تعاليٰ جو تمام گهڻو حمد ۽ شڪر آهي. +(ڪتابت: 3- ربيع الاول 1347 هجري) + + +ساٿي ۽ سونهان +(مترجم جي مهاڳ ۾ حوالي طور آيل ڪتاب) +1- ”تحفة الزائرين“- از مولوي محمد طفيل احمد نقشبندي، اردو، حصو 3، ڪراچي، 1988ع +2- ”تحفة الطاهرين“- شيخ محمد اعظم ٺٽوي فارسي- سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، 1956ع +3- ”تحفة الطاهرين“- (سنڌي ترجمو) عبدالرسول قادري بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1990ع +4- ”تحفة الڪرام“ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، فارسي، مطبع ناصري دهلي +5- ”تحفة الڪرام“ (سنڌي ترجمو) مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع +6- ”تذڪرة اولياء سنڌ“ محمد اقبال نعيمي، اردو، شارق پبليڪيشنز ڪراچي 1987ع +7- ”تذڪرة صوفياء سنڌ“ اعجاز الحق قدوسي، اردو، اردو اڪيڊمي سنڌ ڪراچي، 1975ع +8- ”تذڪرة المراد“ (عربي- قلمي) شيخ محمد حسين صفائي ٺٽوي +9- ”تذڪرة مشاهير سنڌ“ مولوي دين محمد وفائي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، جلد 3، 1986ع +10- ”شاهه جو رسالو“ مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا، حيدرآباد، +1999ع +11- ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“- سيد حسام الدين راشدي، انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي، +1981ع +12- ”مختصر تاريخ سنڌ“- سيد محب الله بکري، مترجم عبدالرسول قادري، سکر سيمينار سکر، سنڌ. +2001ع +13- ”معارف الانوار في بيان سيد الابرار وائمته الاطهار و بيان احوال قطب المختار“ (فارسي- قلمي) از محمد صالح بن زڪريا ٺٽوي +14- ”مڪلي نامه“- مير علي شير قانع، مرتب: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، +1967ع \ No newline at end of file