diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Religion/Book3.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book3.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book3.txt" @@ -0,0 +1,1609 @@ +ڪتاب جو نالو: نعتيه ڪلام + + + +نعتيه ڪلام +مقدمو +سردار علي شاهه ذاڪر (مرحوم) جي ڪلام جو مطالعو ٿي ڪيم ته زبان جي تفاوت جي باوجود حافظ شيرازيءَ جي ڪلام جي سِڪَ پئي لٿي ۽ دل ائين ٿي گهُريو ته جيڪر مون کي به اهڙو شعر چوڻ اچي ها. مان سمجهان ٿو ته هن جي ڪلام ۾ اهو تاثير ٻين شاعرانه خ`بين کان علاوه، اظهار خيال ۾ هڪ منفرد اسلوب اختيار ڪرڻ جو ڪرشمو آهي. جو دل ۽ دماغ کي ايتريقدر متاثر ڪري ٿو. +شاهه صاحب سان 1949ع کان وٺي منهنجا دوستانه تعلقات رهيا آهن. شروع ۾ ڪجهه عرصو گڏ به رهيا آهيون. انهيءَ ڪري مون کي سندس علم ۽ فهم جي چڱي ڄاڻ آهي. موجوده دؤر جي صحافين ۾ هڪ ڪامياب صحافي هجڻ جي حيثيت ۾ سندس لياقتن جو قائل رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته مون ڏٺو آهي ته کيس نه فقط قومي ۽ بين الاقوامي مسائل کان آگاهِي آهي، پر مشاهده ۾ گهرائي ۽ فڪر ۾ پُختگي به اٿس، جنهنڪري ڪنهن به مسئلي جي تجزيي ڪرڻ بعد صحيح نتيجه اخذ ڪرڻ ۾ ناڪام نه رهندو آهي. مون کي هن جي اندازِ بيان ۾ نُدرت ۽ مافي الضمير جي ادائيگيءَ تي قدرت جي به خبر آهي. پر هن جي جنهن خوبيءَ مون کي سڀ کان زياده موهيو آهي، سا آهي هن جو حق جي حمايت ۾ سِينه سپر رهڻ ۽ ڪنهن به مشڪل مرحلي پيش اچڻ تي ”بسم الله مَجرٖيها و مُرساها“ چئي، ميدانِ ڪارزار ۾ ٽپي پوڻ. +صحافت وانگر شعر و ادب سان سردار علي شاهه (مرحوم) جي دلچسپيءَ جو علم به مون کي شروع کان ئي هو. مان سندس شاعرانه طبيعت کان ۽ سندس تخلص ”ذاڪر“ کان به واقف هوس. پر مون کي اهو پتو نه هو ته ڪهڙي صنف تي طبع آزمائي ڪري ٿو ۽ ڪهڙي معيار جو شعر ٿو چوي. ان جو سبب اهوئي ٿي سگهي ٿو ته ايتري قربت هوندي به، نه مون ڪڏهن سندس شعر ٻڌڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ نه پاڻ ئي ٻڌائڻ ضروري سمجهيائين. +1967ع ۾ کيس نظر جي ڪَميءَ جي شڪايت ٿي پئي، جنهنڪري روزمره جا مشاغل تَرَڪ ڪري ڪجهه عرصي جي لاءِ گهر ۾ رهڻ تي مجبور ٿيڻو پيس. گهر ۾ ٻارن جي چهچٽي ۽ ڊاڪٽرن جي آمد و رفت جي باوجود ڪنهن حد تائين يڪسوئي نصيب ٿيس. انهيءَ يڪسوئيءَ جي عالم ۾ قصيده بُرده جي مصنف امام بوصيري رحمة الله عليہ وانگر خيال ڪيائين ته شفايابيءَ لاءِ ظاهري علاج سان گڏ روحاني علاج جي به ضرورت آهي. آقائي دو عالم رسول اڪرم ﷺ جن جي دامن ۾ پناهه وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه آهي. اهو خيال ڪندي ئي سندس توجه، جو اڳ ۾ زيادهه تر صحافت ڏانهن هوندو هو، هاڻي شاعريءَ ڏانهن منعطف ٿي ويو ۽ نعت جي رنگ ۾ درد ڀريون دانهون مديني جي مِير جي حضور ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيائين. آقا پنهنجي غلام جون دانهون ورنايون ۽ ڪمال شفقت سان انهن جو ترت تدارڪ ڪيائين. جڏهن شفاياب ٿيو ۽ مون سان مليو، ته مون کي هڪ نعتيه غزل ٻڌايائين، جنهن جو هي بيت ٻڌم ته حيرت ۾ پئجي ويس! + +جانِ جمالِ اوّلين، يا نغمهء سازِ اَلَست، +هر زاويه کان هُوبَهوُ، صَلُوا عليه و آلِہٖ. + +اها حيرت ڳچ عرصي تائين قائم رهي ۽ رکي رکي اهو سوچيندو رهيس ته ”هر زاويه کان هوبَهو“ جو راز هن تي ڪيئن منڪشف ٿيو، ۽ حقيقتٖ محمّديءَ جي هن اهم نُڪتي کي ايڏي اختصار ۽ سولائيءَ سان ادا ڪرڻ ۾ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪيائين. +انهيءَ بيت جي پوئين مصرع مون کي مسحور ڪري ڇڏيو. منهنجي دل ۽ دماغ جي مٿان حاوي ٿِي وئِي ۽ مان نه صرف تنهائيءَ ۾ ان کي جهونگاريندو رهيس، پر ڪنهن ڪنهن وقت اُٿندي ويهندي اضطراري حالت ۾ خودبخود زبان تي جاري ٿيڻ لڳي. +ان کان پوءِ جڏهن به ملڻ ٿيو، ته مون کي سندس نعتيه ڪلام ٻڌڻ جو موقعو ملندو رهيو. هر دفعي اڳي کان وڌيڪ محظوظ ٿيس ۽ غير معمولي ڪَيف ۽ سُرُور محسوس ڪيم. رڳو انهيءَ ڪري نه، ته مون کي انهن نعتن ۾ پنهنجي جذبا جي عڪاسي نظر ٿي آئي ۽ پنهنجي آقا ۽ موليٰ جي ثناگوئي ۽ ستايش گَري ٻُڌي، ايمان ۾ تازگي ۽ باليدگي پيدا پئي ٿي، پر هنن نعتن جو رنگ ئي اور هو. نئون اسلوب، نئون لهجو، نوان نڪتا، نيون تشبهيون، نوان استعارا، زبان ۾ شهد ۽ شَڪَر جو ميٺاج ۽ ادائگيءَ ۾ آبشارن جي رواني. انهن نعتن طبيعت ۾ نئون طلاطم برپا ڪيو ۽ وري ڪجهه عرصي کان بعد هڪ نعتيه غزل جو هيءُ مطلع ذهن جي مٿان حاوي ٿي ويو؛ + +تصورات جي حد کان مٿي، گُمان کان مٿي، +مقام صاحبِ لولاڪ، لامڪان کان مٿي. + +سنڌيءَ ۾ نعت جو چڱو ذخيرو موجود آهي. هر شاعر پنهنجي علم ۽ فهم آهر خوب نعت چئي آهي اسان جي پيش و شعراءِ ڪرام مان جيڪي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن، انهن نعت گوئيءَ جي حق ادا ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. مگر جيستائين لب و لهج ۽ رنگ ڍنگ جو تعلق آهي، منهنجي خيال ۾ سردار علي شاهه مرحوم جو ڪلام پنهنجو مثال پاڻ آهي. +عربي، فارسي ۽ اردو ۾ نعتيه ڪلام ايتري مقدار ۾ موجود آهي. جو ان جو اندازو لڳائڻ آسان نه آهي. قارئين ڪرام مان جن صاحبن جو انهن زبان سان تعلق رهيو هوندو، انهن جي نظر کان عربيءَ جا نعتيه قصيدا، قطعا ۽ مفرد اشعار، ۽ فارسي ۽ اردو جا نعتيه قصيدا، نعتيه غزل، مثنوين جي ابتدا ۽ حمد کان بعد نعتيه ابيات ۽ ڪن غير نعتيه غزلن جي اندر تَغَزلُ جي رنگ ۾ نعتيه گذريا هوندا. اهي صاحب جڏهن سردار علي شاهه هو سنڌيءَ ۾ چيل نعتيه ڪلام پڙهندا، ته کين گهڻي ڪمي محسوس نه ٿيندي. هي مجموعه هونءَ ئي سندن هٿن ۾ آهي ۽ هو پاڻ ئي سندس نعتيه ڪلام پڙهي منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪري سگهن ٿا. +هي نعتيه ڪلام جو مجموعو، جو ”وارداتِ عشق ‏“ (عرف زادِ ذاڪر) جي نالي سان منظرعام تي اچي رهيو آهي، سي حَرفي، حمد، نعت، غزل، ڪافي، گيت، نظم، رباعي ۽ قطعه جي صنفن تي مشتمل آهي. +مجموعي جي ابتدا ۾، خالقِ ڪائنات، مالڪِ ارض وسَماوات الله تبارڪ و تعاليٰ جي حمد و ثنا ۾ هڪ ٽيهه اکري (سِي حرفي)، ۽ ٽي غزل آهن. +فرشتا، جِن ۽ انسان، بلڪ ساري مخلوق، الله تعاليٰ جو حمد و ثنا ڪري ٿي. مگر ڪوبه سندس حمد و ثنا جو حق ادا ڪري نٿو سگهي. اسين جيڪڏهن حمد ڪريون ٿا ته پنهنجي مخلوق هجڻ جو اقرار ڪرڻ، پنهنجي بندگيءَ جو اظهار ڪرڻ ۽ ٻنهي جهانن ۾ سعادت ڪرڻ لاءِ ٿا ڪريون، ورنه، الله تعاليٰ بي نياز نه آهي. هن کي اسان جي حمد ڪرڻ سان يا نه ڪرڻ جي پرواهه نه آهي. اسان جي حمد ڪرڻ سان هن جي عظمت، تقدس ۽ ڪبريائيءَ ۾ اضافو نٿو ٿئي ۽ حمد نه ڪرڻ سان سندس شان ۾ ڪمي ڪانه ٿي ٿئي. فردوسيءَ حمد بيان ڪندي، پنهنجي عاجزيءَ جو اعتراف ڪيو ته: +ندانم چهِ ئي، هر چه هستي توئي. +(مون کي خبر نه آهي ته تون ڇا آهين، پر جيڪي به آهين، تون ئي آهين). +خود حضور انور رسول اڪرم ﷺ جن کي چوڻو پيو ته ”لاَ اُحصِي ثَنَاءُ عَليِڪَ آنتَ ڪَمَا اَثّنيتَ عَلي نَفسَڪَ“ (جيئن تو پاڻ پنهنجي تعريف ڪئي آهي، تيئن مان ان جو احاطو ڪري نه ٿو سگهان). جڏهن حضور جن جهڙو عقل ڪُل، افصح العرب والعجم ۽ مظهم آتَم يعني ”هر رازويه کان هُوبَهو“ پنهنجي عجز جو اعتراف ٿو ڪري ته فردوسي غريب ڪير آهي جو پنهنجي بي مايگيءَ جو اقرار نه ڪري، ۽ وري فردوسيءَ ڪي شاعرانه ڪمالات جي اڳيان سردار علي شاهه جي شاعري ڇا آهي، جنهن جي آڌار تي حمد جي حق ادا ڪرڻ جي دعويٰ ڪري سگهجي. تاهم هر شاعر پنهنجي علم ۽ فهم آهر حمد بيان ڪري ٿو ۽ ان ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر جي اظهار جي پوري پوري ڪوشش ٿو ڪري. سردار علي شاهه به ڪوشش ڪئي آهي، جا هڪ ڪامياب ڪوشش آهي. مان سمجهان ٿو ته پڙهندڙ سندس انوکي اسلوب کي پسند ڪندا ۽ ان کان مطمئن ٿيندا. +هڪ حمديه غزل ۾ چوي ٿو: +خورشيد بَڪفَ آهه تنهنجي حسن جي تاباني، +هڪ جلوو جلائي ٿو ڇڏي طور جي پيشاني. +تخليق دو عالم تنهنجي قدرت جو ڪرشمو آ، +تنظيمِ مڪمل تنهنجو اعجازِ همه داني. + +طورسينا واري واقعي تي ڪيترن ئي شاعرن خيال آرائي ڪئي آهي ۽ ان جي هر پهلوءَ تي عجيب و غريب نڪته آقريني رنگ آميزي ڪئي اٿن. خاص طور تي تجليات الاهيءَ جي بي پناهه تاباني ۽ ان جي تابش کان حضرت موسيٰ ۽ طورسينا جو متاثر ٿيڻ گهڻن شاعرن جي غور ۽ بحث جو موضوع رهيو آهي. پر الله تعاليٰ جي جمال ۽ جلال جي ذڪر لاءِ ههڙو منفرد اسلوب اختيار ڪرڻ ۽ فَلَما تَجلّي وَ بعه لِلُجَبَلِ جَعَلَه دَڪّا وّ خَرّ مُوسيٰ صَعِقَا جي سر گذشت تي هن انداز ۾ روشني وجهڻ ته تنهنجي حسن جي تاباني هر وقت ”خورشيد بڪف“ رهي ٿي ۽ ان جو فقط هڪڙو ئي جلوو طور جي ”پيشاني“ کي جلائي ٿو ڇڏي، شايد ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيو هجي، بلڪ هيئن چوڻ زياده صحيح آهي ته اهو اعزاز سردار علي شاهه جي حصي ۾ آيو آهي، جنهن جي وجدانَ، الله جي جمال ۽ جلال جي بَيَڪ وقت اثراندازيءَ کي محسوس ڪيو ۽ ان کي بيان ڪرڻ ۾ انتهائي سحر طرازيءَ کان ڪم ورتائين. +جمال ۽ جلال جي، بَبَڪ وقت اثراندازيءَ جي اظهار لاءِ ”خورشيد“ جو لفظ منتخب ڪرڻ شاعر جي ندرت خيال جو اهڙو مثال آهي، جو سؤ فيصد درست آهي، ڇاڪاڻ ته مجازي طور تي خورشيد خود بَبَڪ وقت جمال جو مظهر به آهي ۽ جلال جو مظهر پڻ. +اهڙيءَ ريت الله تعاليٰ هن ڪائنات جي نظام ۾ جا باقاعدگي، هم آهنگي ۽ ربط ۽ تسلسل پيدا ڪيو آهي ۽ ان کي پنهنجي تدبير، ۽ ڪمال قدرت سان هلائي رهيو آهي، ان جو اعتراف رڳو شاعرن نه، پر سڀني دانشورن به ڪيو آهي ۽ هر شاعر ۽ دانشور، الله تعاليٰ جي حضور ۾ سندس انهيءَ تدبير ۽ تدبر تي خراج عقيدت پيش ڪندو رهيو آهي، پر سردار علي شاهه الله تعاليٰ جي انهن صفتن کي سندس ”هَمَہ دانِيءَ جو اعجاز“ سڏي، جنهن نازڪ خياليءَ جو ثبوت ڏنو آهي، ان جو ڪو جواب ٿي نه ٿو سگهي. +”خورشيد بڪف“ ۽ ”اعجاز همہ داني“ منهنجي خيال ۾ اسان جي ادب جي اندرِ نيون ترڪيبون آهن ۽ انتها درجي جون خوبصورت، لطيف ۽ مَن موهيندڙ ۽ انهن کان به وڌيڪ من موهيندڙ آهي. شاعر جو اهو وِجدان ۽ عرفان، جنهن انهيءَ ازلي ۽ ابدي حقيقت کي محسوس ڪيو ۽ ان کي سهڻن الفاظن ۽ سهڻي انداز ۾ پيش ڪيائين. منهنجي سخن فهمي ۽ نڪته رسي، شاعر جي انهيءَ پاڪيزه احساس کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي ۽ منهنجي توحيد پرستي ۽ ذات آحَدِيَتَ سان غلامانه عقيدتمندي انهيءَ مقدس قلم کي چمڻ ٿي گُهري، جنهن سان حو حمديه غزل لکيو ويو. +مان سمجهان ٿو ته اهو نامناسب نه ٿيندو، جيڪڏهن مان هن حمديه غزل جي تخليق جو پس منظر بيان ڪريان. +سردار علي شاهه، ڳچ عرصي کان نعت زياده چوندو رهيو آهي. مون کي معلوم ٿيو آهي ته هڪ دفعي کيس خيال آيو ته جيڪڏهن منهنجو آقا و موليٰ حضور انور رسول اڪرم ﷺ مون کان بازپرس ڪري ته ”فقط منهنجي مدح سرائي ڪندو رهين ٿو ۽ ”منهنجي الله“ جو حمد ڇو نه ٿو چوين؟ ته مان ڪهڙو جواب ڏيندس.“ انهيءَ خيال مٿس هيبت طاري ڪري ڇڏي ۽ ان کي هڪ قسم جو القاءُ يا فرمان سمجهي انتهائي خشوع ۽ خضوع سان پنهنجن احساسن کي الفاظن جي شڪل ڏنائين: +خورشيد بڪف آهه تنهنجي حسن جي تاباني، +هڪ جلوو جلائي ٿو ڇڏي طُور جي پيشاني. + +حمد واري حصي جي شروعات سي حرفيءَ سان ٿئي ��ي. سنڌيءَ ۾ ڪيئي ”ٽيهه اکريون“ لکيون ويون آهن، جن مان ڳچ جيتريون ”سنڌي ادبي بورڊ“ ڇپائي پڌريون پڻ ڪيون آهن، پر سردار علي شاهه ”ذاڪر“ جي سِي حرفي جو انداز بالڪل منفرد آهي. الفاظ جي پوچَ ۽ بيهڪ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. مضمون آفريني، سلاست ۽ رواني لاجواب آهي خصوصاً ”الف“ ۽ ”ي“ وارا بَندَ (يعني پهريون ۽ آخري) ته پنهجي اندر لطافت ۽ معنيٰ جو سمنڊ سمايو بيٺا آهن. +وري حمديه غزلن مان پهريون هن مطع سان شروع ٿو ٿئي. +جڳائي صرف واحد کي وڏائي، +ازل کان جنهن جي قائم ڪبريائي. + +هيءُ سڄو غزل اول کان آخر تائين مجيد جي انهن آيتن جو تفسير معلوم ٿئي ٿو، جن ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات ۽ صفات جو ذڪر آهي ۽ موليٰ سائين پاڻ پنهنجي الوهيت، رَبُوبيت، وحدت، عظمت ۽ شان ڪبريائيءَ کي اهڙي منفرد ۽ دلنشين پيرايه ۾ بيان فرمايو آهي، جو انسان جي امڪان کان ٻاهر آهي. +حمد جي ٽئين غزل چوڻ وقت شاعر جو جمالياتي حِس پوريءَ طرح بيدار نظر اچي ٿو ۽ هو پهرئين ۽ ٻئي غزل چوڻ وقت جيتري قدر الله جي جلال کان متاثر ڏسڻ ۾ ٿي آيو، اوتري قدر ئي هن غزل ۾ سندس جمال کان متاثر ٿو ڏسجي، چوي ٿو: +تخليقِ ڪائنات جا نقش و نگار سڀ، +تنهنجي ڪمال شوق جا هي شاهڪار سڀ. + +حمد کان پوءِ نعت شروع ٿئي ٿي ۽ هر نعتيه غزل محبت ۽ عقيدت جو مظهر ۽ ايمان ڪامل جو آئينه دار نظر اچي ٿو. +حضور جن جي ذات بابرڪات سان جذبئه خلوص جي اظهار لاءِ نعت گوئيءَ جو سلسلو سندن بعثت کان پوءِ ۽ هجرت کان اڳ ۾ شروع ٿيو آهي، جنهن لاءِ حضرت ابوطالب سائين جا نعتيه اشعار، حضرت حسان بن ثابت جا قصائد، حضرت ڪعب بن زهير جو قصيدو ”بانَت سُعَاد“ ۽ ڪن اهل بيتن ۽ اصحابن رضوان الله عليهم اجمعين جا اشعار شاهد آهن. +گذشته چوڏهن سؤ ورهين ۾ امتِ محمديءَ جي اندر لکها افراد پيدا ٿيا آهن، جن حضور جن جي مدح سرائيءَ جي سعادت حاصل ڪئي آهي. انهن ۾ شاعر به آهن ۽ غير شاعر به، شاعرن منظوم ڪلام چيو آهي ۽ غير شاعرن منثور ڪلام. پر هت چئن ته شعر و شاعريءَ جو ذڪر هلي رهيو آهي، تنهنڪري هن بحث کي، جو اڳ ۾ ئي مختصر آهي، صرف منظوم ڪلام جي سرسري ذڪر تائين محدود رکيو وڃي ٿو. +رسول عربيءَ صه جي امت ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين هر دور، هر ملڪ، هر رنگ ۽ هر نسل سان تعلق رکندڙ شعراء ڪرام حضور جن سان غلاميءَ جي نسبت کي قائم رکڻ لاءِ نعت ضرور چئي آهي ۽ نعت گوئيءَ کي پنهنجي نجات ۽ فلاح جو وسيلو سمهجيو اٿن. اڪثر شاعرن کي سندن فني ۽ فطري محاسن جي ڪري خوب شهرت ملي ۽ سندن محبت ۽ عقيدت جي جذبي جي صدقي غير معمولي مقبوليت نصيب ٿي، پر عربي زبان ۾ حضرت حسان جي قصائد کان پوءِ جيڪا شهرت ۽ مقبوليت قصيده برده کي نصيب ٿي، اها ٻئي ڪنهن جي حصي ۾ اچي نه سگهي ۽ فارسي زبان جي بيشمار شعراء ڪرام مان جا سعادت جامِيءَ جي مقدر ۾ لکي وئي، ان تي فارسي شاعري قيامت تائين ناز ڪندي رهندي. +نعت گوئيءَ لاءِ عشق رسول جي نعمت سان مالا مال هجڻ ضروري آهي. شاعر جي دل ۾ ايڏو درد هجڻ گهرجي، جو ان جو منور شمع جي شعاعن وانگر ڪلام مان جهلڪيون ڏئي نڪرندو رهي ۽ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي مٿان وجد طاري ڪري ڇڏي. اندر ۾ آنڌ مانڌ، طبيعت ۾ بيتابي، دل ۾ ماهيت محمديءَ کي سمجهڻ جو ولولو ۽ آخرڪار نتيجو اهو نڪري، جو ان کي به عشق رسول جي لذت ۽ سُرور سان سرشار ڪري وجهي. +عشق رسول ۽ دردِ دل سان گڏ نعت گوئيءَ ۾ انتها درجي جي احتياط جي ضرورت آهي ۽ حضور جن جي ادب ۽ احترام کي پوريءَ طرح ملحوظ رکڻو آهي. عرفي هڪ نعتيه قصيد ۾ پاڻ کي تنبيهه ٿو ڪري ته: +آهسته، ��ه ره بَرَدم تيغ است قلم را. +۽ ساڳي وقت شريعت جي حدن کان تجاوز به نه ڪرڻو آهي، نه ته ٻنهي صورتن ۾ اعمال، بلڪ خود ايمان جي ضايع ٿيڻ جو به خطرو آهي. +دراصل حمد ۽ نعت چوڻ عبادت آهي، ۽ ايمان ڪامل ۽ صحتمد ذهن جي علامت، هڪ ضعيف الايمان ۽ بيمار ذهن رکندڙ شاعر حمد ۽ نعت چوڻ کان محروم رهي ٿو ۽ انهيءَ نعمتِ عظميٰ کان محروميءَ سبب صرف ڪفرانِ نعمت جو مرتڪب نٿو ٿئي. پر شاعرن جي قطار ۾ شمار ٿيڻ جي لائق به نٿو رهي. +(وڌيڪ پڙهو) + + +هن دور ۾ نعمت گوئيءَ جي رجحان ۾ ڪجهه تبديلي اچي وئي آهي. اڳئين دور جا شعراءِ ڪرام حضور جن جي ڪمالاتِ نبوت کان علاوه سندس ذاتي اوصاف ۽ خاص طور تي سندن حسن و جمال جو ذڪر به تفصيل سان ڪندا آهن، مگر هاڻي گهڻو توجه سندن اولوالعزامي، استقامت، خود اعتمادي ۽ هڪ ڪامل ۽ مثالي انسان هجڻ تي ڏنو وڃي ٿو. اهو رجحان ذهني ترقيءَ جي موجوده دور ۾ انسان جي فڪر ۽ شعور ۾ پيدا ٿيل تبديليءَ جو نتيجو آهي، ۽ ان جو مقصد حضور جن جي امتيازي عظمت ۽ فضائل کي زياده کان زياده اُجاگر ڪرڻ آهي. +خبر نه آهي ته ڪڏهن، هن ڳالهه تي به غور ڪيو ويو آهي يا نه، ته ان ڏينهن کان وٺي جڏهن زمين آدم جا قدم چميا آهن،. اڄ تائين ڪنهن به انسان جي ايڏي ثنا گوئي ۽ ستايش گري نه ڪئي وئي آهي،جيتري گذريل چوڏهن سؤ ورهين ۾ محمّد عربي جي ڪئي وئي آهي، مگر ايڏي ثنا ۽ ستايش جي باوجود ڪڏهن به ڪنهن اهل سخن کي اهو اطمينان نه ٿيو آهي ته هن کي جيڪي چوڻ گهربو هو، سو هن چيو، ۽ هاڻي نعمت گوئي جي ذوق جي سيرابيءَ لاءِ وڌيڪ چوڻ جي ضرورت نه آهي. ان جي برعڪس اهو ذوق، ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. نعمت گو حضرات جون زندگيون نعمت چوندي ختم ٿي ويون ۽ هنن جي دلين ۾ نعمت گوئيءَ جي حق ادا ڪري نه سگهڻ جو افسوس رهجي ويو. +مون مٿي ”چوڏهن سؤ ورهين“ جي حد بندي حضور جن جي ظهور پُرنور جي پيش نظر ڪئي آهي، ورنه اڳيان انبياء ڪرام حضور جن جي باري ۾ جيڪي چوندا ويا آهن، ان کي ڏسي ٿو ته هن چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نظر نٿو اچي ته اهو سلسلو ازل کان جاري آهي ۽ ابد تائين جاري رهندو. ان جو سبب ظاهر آهي، ۽ انساني تاريخ ۾ انسان ذات کي حضور جن جهڙو بهتر ۽ برتر، بلڪ هر پهلوءَ کان ڪامل ۽ مڪمل انسان نظر ڪو نه آيو آهي. +حضرت حسّان بن ثابت، جو اکين ڏٺو شاهد آهي انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪندي، چوي ٿو: +وَ اَجُمَلَ مِنُڪَ لَم تَرَ قَطّ عَيَب +وَ اَڪمَلَ مِنُڪَ لَم تَلِہِ النَّساء +خُلقتَ مُبَرَّاءٰ مِن ڪُلّ عَيب +ڪَانَّڪَ قَدُ خُلقتَ ڪَمَا تَشَاء +(تو کان وڌيڪ سڻهو انسان ڪنهن به اک، ڪڏهن ڪِين ڏٺو ۽ تو کان وڌيڪ ڪامل ۽ مڪمل پٽ ڪنهن ماءُ نه ڄڻيو آهي. تو کي سڀني عيبن کان پاڪ پيدا ڪيو ويو آهي. ائين ٿو ڀانئجي ته توکي بالڪل اَو نين پيدا ڪيو ويو آهي. جيئن تو پاڻ چاهيو آهي). +جيئن الله پاڪ جي ذات اطهر جي حمد بيان ڪرڻ جو حق ادا ڪري نٿو سگهجي، تيئن حضور جن جي ذات جامع الڪمالات جي مدح وثنا جو حق به ڪو شاعر يا دانشور ادا ڪري نٿو سگهي: +لاَ بمڪِل الثَّنَاءُ ڪَمَا ڪَانَ حَقُه +الله تعاليٰ حضور جن کي انتها درجي جي عظمت ۽ بلندي بخشي آهي. ايتريقدر جو حضور جن جو ذڪر الله جي ذڪر سان گڏ ڪيو وڃي ٿو، بلڪ الله تعاليٰ خود حضور جن جي ذڪر ۾ رطُبُ اُلّلسِان رهي ٿو. انهيءَ ڪري حضور جن جي ماهيت الله ئي سمجهي ٿو. انسان جو علم ۽ فهم حضور جن جي فضائل ۽ محاسن جو ا‎حاطو ڪرڻ کان قاصر آهي. امام بُوصيِريِ رحمة الله عليه چيو آهي: +فَانَّ فَضلَ رَسُولِ الله لَيس لَه +حَدّ، فَيعُرِبَ عَنُه نَاطِقُ بِغَمِ +(حضور جن جي فضل ۽ ڪمال جي ڪا انتها آهيئي ڪانه، جو ڪو شخص ان کي بيان ڪري سگهي). +جڏهن صورتحال اها آهي ته هن حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته حضور جن جي ثنا گوئي ۽ ستايش گريءَ هو حق ادا ڪرڻ ناممڪن آهي، مگر نعت انهيءَ هوندي به چئي وڃي ٿي. حضور جن جي ذات والاصفات سان محبت ۽ عقيدت جي اظهار لاءِ، ايمان جي تڪميل ۽ تازگيءَ لاءِ، ۽ قلب ۽ روح جي تسڪين لاءِ هڪ عرب شاعر چيو آهي ته: +مَا اِن مَدَ حُتُ مُحَّداَ بِمَقَالَتِي +لا ڪِنُ مَدِ حُتُ مَقَالَتِي بِمُحَمَّدِ +(يعني مان پنهنجي ڪلام ۾ حضور جن جو نالو سندن تعريف ۽ توصيف لاءِ نٿو کڻان، پر پنهنجي ڪلام جي زيب ۽ زينت لاءِ استعمال ٿو ڪريان). +هر شاعر تعريف ۽ توصيف جو حق ادا ڪرڻ کي ناممڪن سمجهڻ جي باوجود، يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حضور جن جي تعريف ۽ توصيف ڪرڻ بعد مقطع ۾ هيئن چوڻ تي مجبور ٿيو آهي: +غالب ثنائٻي خواجه به يردان گذاشتيم +کان ذاتِ پاک مرتبه دان محمّد است +سڀني شاعرن مدح سرائيءَ جي باوجود گهڻو ڪري پنهنجي علم ۽ ادراڪ جي ڪوتاهي ۽ فڪر ۽ خيال جي ٻي پَروبالِيءَ جو اعتراف ڪيو آهي، مگر سڀ کان سهڻي ڳالهه، جا اختصار جي باوجود پنهنجي اندر جامعيت رکي ٿي، شاهه عبدالعزيز دهلويءَ چئي آهي: +بعد از خدا بزرگ توئي، قصد مختصر +ها، ته حمد کان پوءِ نعت آندي وئي آهي، هڪ نعتيه غزل هن طرح آهي: +تصوّرات جي حد کان مٿي، گمان کان مٿي +مقام صاحب، لولاڪ لامڪان کان مٿي +حضور جن جي ارفع ۽ اعليٰ مقام کي هن مطع جي اندر جنهن صحيح ۽ بهترين طريقي تي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان کان وڌيڪ بهترين طريقي تي بيان ڪرڻ مشڪل هو. الفاظ به سهڻا آهن. انهن جي بندش به چُست ۽ دلڪش آهي ۽ معنوي اعتبار کان به جا ڳالهه چئي وئي آهي، اها حرف بحرف درست آهي. مگر انهيءَ اظهار حقيقت جي اندر انساني فڪر جي ڪوتاهيءَ جو راز به پوشيده نظر اچي ٿو، جو شاعر حضور جن جي مقام جي ”مٿانهينءَ“ جو تعين ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ ”مٿٻي“ جو اکر استعمال ڪري، پنهنجي فڪر جي ڪوتاهيءَ تي پرده وجهڻ لاءِ مجبور ٿيو آهي. +هن خوبصورت غزل جي اندر لفظي ۽ مغوي دلشڪي، فڪر جي صحت ۽ اندازِ بيان جي ندرت جي لحاظ کان هيٺيون مصراعون شاهڪار جي حيثيت رکن ٿيون ۽ سنڌي شاعري انهن تي فخر ڪري سگهي ٿي: +1. رسول پاڪ جو رتبو اڃا مٿان کان مٿي +2. عطائي عشق محمد متاع جان کان مٿي +3. قدم ۾ قيصرو ڪسريٰ، هٿن ۾ هفت اقليم +”مٿان کان مٿي“ واري فقري ۾ جو بي ساختگيءَ جو انداز ۽ قدرتي ترنم ۽ نغمگي آهي، اهو حافظ شيرازيءَ جي مشهور مطع: +اکر آن ترک شيرازي بدست آرد دِل مارا +جي مصرعہ ثاني جي آخري فقر. +....................... سمرقند و بخارا را +جي يادگيري ٿو ڏياري. حافظ جي انهيءَ غزل مان بيت الغزل جي طور تي اگرچه ٻيا بيت منتخب ڪيا ويا آهن، مگر انهيءَ هوندي به اهو فقره پنهنجين بي پايان لفظي ۽ معنوي لطافتن جي ڪري غزل جي جان آهي، ۽ تعجب آهي ته اهل ذوق انهيءَ فقره ڏانهن اهو توجه ڇو نه ڏنو آهي، جنهن جو هو مستحق آهي. +سردار علي شاهه جي غزل ۾ ”مٿان کان مٿي“ واري فقري ۾ اهو ئي ”سمرقند و بخارا را“ وارو زيرو بَمّ، شيريني ۽ شگفتگي موجود آهي. اهي الفاظ هڪ طرف انسان جي ادارڪ کي حضور جن جي بي انتها بلندين ۽ وسعتن ڏانهن متوجه ڪن ٿا، ۽ ٻئي طرف انهن جي نغمگي، ذوق سليم کي تسڪين ٿي بخشي، هڪ ناقابل بيان حَظ ۽ لذت سان آشنا ٿي ڪري ۽ بقول عرفيءَ جي: +فِتاد سامعه درمَوجِ کوثر وتسنيم +جهڙي سرمدي ڪيفيت سان همڪنار ڪري ٿي ڇڏي. +مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو، جنهن کي ”تصورات جي حد کان مٿي“ واري غزل جي تخليق جو سبب چئي ٿو سگهجي. شيخ سعدي جي مشهور نعتيه بيت ”بلغ العليٰ بڪمالہٰ“ جون گهڻيون ئي تضمينون چيون ويون آهن. فارسيءَ ۾ به ۽ اردوءَ ۾ به. اردوءَ جي هڪ تضمين قواليءَ جي طرز تي ريڊيو تان به نشر ڪئي ويندي آهي. هڪ دفعي سردارعلي شاهه اها تضمين ٻڌي رهيو هو. جڏهن قوال اصلي بيت جي پهرئين فقر بلغ العليٰ بڪاله تي تضمين جو هيءَ فقره دهرائڻ لڳو. +کوئي حد هه آن که عروج کي؟ +ته عروج جي تصور ۾ هن جا هٿ بي اختيار مٿي کڄڻ لڳا، ۽ کڄندا رهيا، تان جو اضطراري حالت ۾ اٿي بيٺو، ۽ ”هيترو مٿي، هيترو مٿي؟!!“ جڏهن سندس قد ۾ هٿن جي حد پوري ٿي، تڏهن کيس ڪجهه ڪجهه هوش اچڻ لڳو ۽ نيم مدهوشيءَ جهڙي ڪيفيت ۾ چوڻ لڳو: +تصورات جي حد کان مٿي، گُمان کان مٿي، +مقامِ صاحبِ نولاڪ لامڪان کان مٿي. +اها عشق جي واردات آهي ۽ اهل بصيرت جي سمجهڻ جي ڳالهه. +هڪ ٻئي غزل جو مطع آهي: +لطف و ڪرم جو گنج محمّدصه جي ذات آ، +ڪاسه بدست جنهن جي اڳيان ڪائنات آ. +هن شعر ۾ لفظن جو صحيح انتخاب، انهن جي سهڻي بندش، حقيقت بياني ۽ بي ساختگيءَ جو انداز تحسين جي لائق آهي. هي شعر صُوري اعتبار کان ”سهل ممتنع“ آهي ۽ معنوي لحاظ کان اِنمَا اَنَا قَاسِمُ وَ الله يُعطِي جي مڪمل تشريح، اگرچه اهو اعطاءُ ۽ اها تقسيم علم جي متعلق آهن، مگر مان انهن جي تَعِمُيُمَ جو قائل آهيان. +هن غزل جا سمورا اشعار هڪجھڙا لطيف، دلڪش، بامعنيٰ ۽ روان دوان آهن ۽ ان جي حرف حرف مان محبت ۽ عقيدت جا جذبا جلهڪي رهيا آهن، مگر اها تخصيص رڳو هن غزل جي نه آهي، سمورو ڪلام اهڙوئي لطيف ۽ دلڪش آهي. مان اختصار جي خاطر چند نعتيه غزلن مان نموني طور فقط هڪ هڪ شعر پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو. پر اهو انتخاب نه آهي، صرف نمونو آهي. انتخاب اتي ڪبو آهي، جتي حشو جو احتمال هوندو آهي. حشو گهٽ هجي ته انتخاب جي گهڻي ضرورت نٿي پوي. + +رسي راحت، مِٽيا رنج والم سڀ، +شَہِ لولاڪ جا لطف وڪرم سڀ. + +نگاهه ناز جو آهي اثر سڀ، +سُڪونِ قلب ٿيو زيرو زبر سڀ. + +شفيح المذنبين جي سام آهيون، +انهيءَ جي هٿ اسان جي آبرو سڀ. +هن شعر مان رڳو شاعر جي دل جون ڌڙڪڻون ٻڌڻ ۾ نه ٿيون اچن، پر اهو، رسول عربيءَ جي سڀني غلامن جي ضمير جو آواز آهي ۽ منهنجي دل شاهدي ڏئي رهي آهي ته هيءُ شعر جي شفاعت جوسبب ٿي سگهي ٿو. فني لحاظ کان هي شعر سهل ممتنع جو ايڏو اعليٰ شاهڪار آهي، جو موجوده دور جي سنڌي شاعرن ان جو نظير پيش ڪرڻ کان معذور نظر اچي ٿي. +مٿين غزلن ۾ رديف ساڳيو آهي ۽ قافيو الڳ الڳ. هن مجموعي ۾ اهڙا غزل ٻيا به آهن، جن ۾ رڳو قافيه جي ردوبدل ڪري، ساڳي زمين ۾ طبع آزمائي ڪئي وئي آهي ۽ گهڻو ڪري سڀني شاعرن ائين ئي ڪيو آهي. شعراءِ ڪرام کي ائين ڇو ته ڪرڻو پوي، ان جو سبب غالباً اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته شاعر جي طبيعت ۾ البيلائي ۽ جذبات ۾ تلاطم پيدا ڪري جڏهن مَتَنَوع مضامين جي بي پناهه آمد شروع ٿئي ٿي، ۽ مستي ۽ مخموريءَ جي عالم ۾ هو انهيءَ ڪيفيت کي الهامي واردات سمجهڻ لڳي ٿو، تڏهن هن جي دل گُهري ٿي ته اهو اهي سمورا نادر ۽ نازڪ خيالات غزل جي ذريعي منظرِ عام تي آڻي. پر غزل هڪ ۽ خيالات بيشار قَلَّ وَ دَل تي عمل ڪندي غير معمولي بلاغت جو مظاهرو ٿو ڪري ته غزل جي نفاست ۽ نزاڪت متاثر ٿي ٿئي ۽ خيالات جي سيلاپ کي روڪڻ به هن جي وس ۾ نٿو رهي، جنهنڪري انهن کي رواني سان جاري رکڻ لاءِ کيس راهه هموار ڪرڻي ٿي پوي ۽ ساڳي زمين ۾ قافيه ۽ رديف جي معمولي تبديليءَ سان هڪ کان وڌيڪ غزل چوڻ شروع ڪري ٿو. +شايد اهڙي ئي صورتحال پيش اچڻ سبب غالب کي چوڻو پيو هو ته: +بقدر ذوق نبين ظرف تنگنائه غزل +کچهه اور چاهه وسعت ميري بيان کي لئه +نعت جو نمونو: +جانِ جمالِ اَوّلين، يا نغمه سازِ الست +هر زاويه کان هُو بَهُو، صَلّواعليه وآلہٰ + +انهيءَ کان وڌ نه ڪا تعريف ان جي +خدا خود آ ثنا خوانِ محمدّ + +خدا بخشي ڇڏي ان کي خدائي +محمدّ ٿيو جڏهن مهمان اُن جو + +اها وضح پير مُغان سِندي، اهو ميڪدي جو مزاج آ جي ڪري ڪو عرض ”اَڃا، اَڃا“، ملي جام جلد وري وري سخن شناس سمجهي سگهن ٿا ته هن ڪيف اور ۽ نشاط بخش شعر جي اندر لفظي ۽ معنوي محاسن جا ڪيترائي مئخانا پوشيده آهن. خاص طور تي ”ميڪده جو مِزاج“ واري معنيٰ خيز ترڪيب ۾ جا رعنائي ۽ دل آوبزي آهي، ان کي صرف وجدان ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. الفاظن ۾ ايڏي وسعت ۽ همه گيري ڪٿي آهي جو ان جي گَهَرائيءَ ۽ نُڪته آفريني جو احاطو ڪري سگهن. +عرشِ بَر يِن تي خاڪ نشين جي خوش آمديد +اهلِ سَما ۾ عظمتِ انسان جي ڌُوم آ + +تنهنجي اغجازِ همه دانيء فطرت تان نثار +اهلِ دانش جي سڄي فلسفه داني- جاني!! + +گلشن دهر جي دامن تي عجيب نقش ونگار +رنگِ اعجازِ رسولِ مَدنِي کي ته ڏسو. +ڪي ڪي نعتيه اشعار طبيعت کي ايڏو ته محور ۽ متاثر ڪري ٿا وجهن جو اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو ته هيءَ معافي ۽ بيان جي سدا بهار گلشن جا رنگ برنگي گل آهن، جي اکين کي طراوت ۽ روح کي راحت ٿا بخشين يا خضر جهڙي ساقيءَ جي هٿان عطا ٿيل آب حيات جون لذت بخش ۽ سُرُور انگيز سُرڪيون آهن، جي عشق محمدي جي مخموريءَ ۾ سرمست ڪري ٿيون ڇڏين. سردار علي شاهه جي نعتن پڙهڻ سان انهيءَ تاثر ۾ وڌيڪ پختگي پيداٿي ٿئي ۽ اضطراري حالت ۾ انهن کي جهونگاريندو رهڻ لاءِ دل بيتاب ٿي رهي. +بهرحال، هنن نعتن اها حقيقت واضح ڪري ڇڏي آهي ته شاعر، محمديءَ کي سرمايهء حيات، بلڪ سرمايهء ۽ ايمان بنايو آهي ۽ هيءُ سڄي نغمه سنجي هن جي جذبهء عشق جي آئينه دار آهي. شاعر خوش نصيب معلوم ٿئي ٿو، ۽ هن جي خوش نصيبيءَ تي رشڪ ٿو اچي، جو آقا ۽ موليٰ هن کي پنهنجي مداحيءَ جو شرف بخشيو آهي. +غزل کان علاوه ڪيئي نعتون برنگ ڪافي پڻ مجموعي ۾ موجود آهن، هن جي جيتري تعريف ڪجي ٿوري آهي. ڇا ته سندن الفاظ جي پوچ آهي، ڇا ته منجهن ترنم ريزي آهي ۽ ڇا ته اثر انگيزي آهي. بس پڙهڻ سان ئي تعلق رکن ٿيون. +آخر ۾ صنف منقبت تي به خوب طبع آزمائي ڪئي وئي آهي، ۽ امام عالي مقام سيّدنا و سيّد الشهدآء، حضرت حسين عليه السلام جي حضور ۾ نذرانهء عقيدت پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي وئي آهي: +خدا جي دين جي دولت، حسين ابن، علي، +متاعِ عشق و محبت حسين ابن، علي، +نصابِ حق جي عبارت حسين ابن، علي، +رديف نظم رسالت حسين ابن، علي، +هي سڄي منقبت اهڙي ئي رنگين ۽ دلپذير آهي، شهد ۽ شڪر کان مٺي ۽ ڪوثر ۽ تسنيم کان وڌيڪ لذت ڀري، جنهن جي ملاحظه ڪرڻ سان رڳو شاعر جي شاعرانه ڪمالات جو پتو نٿو پوي، پر آلِ رسول سان سندس عشق و محبت ۽ شهيدِ ڪربلا جي عظمت ۽ منزلت جو اظهار به ٿئي ٿو. +آل رسول سان شاعر جي والهانه جذبات جو، ۽ بحيثيت شاعر جي سندس صحيح فڪر ۽ پاڪيزه زبان جو اندازو هن ”منقبتي غزل“ جي مطلع مان ۽ خاص طور تي ”حسين مطلغ“ جي ابتدائي فقرن: +نصابِ حق هي عبارت ............................ +۽ +رديف نظمِ رسالت ................................. +مان لڳائي سگهجي ٿو. انهن فقرن مان ائين محسوس ٿو ٿئي، ته اهو آلِ رسول سان عشق جو فيضان آهي، جنهن شاعر کي آلِ رسول جي ارفع ۽ اعليٰ مقام جي ادراڪ ۽ عرفان جي توفيق بخشي ۽ کيس ان جي اظهار تي ايڏي قدرت عطا ٿي�� جو هو پنهنجي احساسات کي انتها درجي جي سهڻن لفظن ۽ سهڻي لهجي ۾ ادا ڪري سگهيو. +مان سمجهان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي ته اهو شعر ادب عاليه جو اهڙو حسين و جميل شهپارو آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي حسن و جمال ۾ غير معمولي اضافو ڪيو آهي، ايتريقدر جو هوءَ جيڏين سرتين جي سٿَ ۾ يعني ٻين مشرقي زبانن جي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ فخر سان منهن مٿي ڪري سگهي ٿي. +حضرت امام عالي مقام جي شهادت عظميٰ ڏانهن هڪ نعتيه غزل ۾ به اشارو ڪيو ويو آهي: +سردار صبر جميل ڀي، تَہِ تيغ سَرّ بَسجُود ڀي، +هي مقام آل رسول آ. ڪري ڪير اُن سان برابري. + +ــــ حافظ خير محمد اوحدي (مرحوم) + + +شهرت جو گُهري خير ته ڪوشان جو خير، +زرمال جو، اولاد جو، ڪو جان جو خير، +هرڪو ٿو گهري توکان باندازهء فڪر، +يارب! مان گهران دولتِ ايمانَ جو خير. + +(ٽيهه اکري) +حمد باري تعاليٰ + +الف_ اول آخر ذات الاهي، +ٻي سڀ مخلوقات الاهي، +تو هٿ موت حيات الاهي، +عزّت ذلّت، ساهه پساهه_ لاالــٰـہ الاّ الله. +ب_ باري برحق بات الاهي، +قرآن ۾ ڪلمات الاهي، +ارض و سما آيات الاهي، +وڻ ٽڻ ٻوٽا گل ڦل گاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ت_ تن ۾ تنهنجي تات الاهي، +هر ڪنهن وائي وات الاهي، +حمد پڙهن حَشرَاتِ الاهي، +سائين، ڪن تنهنجي سارهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ث_ ثابت پاڪ صفات الاهي، +هَمَہ صِفَتِ حَسَنَات الاهي، +بندن تي برڪات الاهي، +امنُ امانُ ۽ رحمُ رفاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ج_ جلوا تنهنجا جڳمڳ جاني، +طور رجلي، نور نشاني، +تارن ڪَتيِّنَ جي تاباني، +شمسُ قمرُ يا مهر وماهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ح_ حمد جڳائي توکي جاني، +لاشڪ ذات صفت لاثاني، +ناهه شريڪ ٻيو تنهنجو شاني، +واحَد تُنهنِجي وحدت واهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +خ_ خادم تنهنجي خلق سموري، +آبي خاڪي ناري نُوري، +ان لئه تنهنجو ذڪر ضروري، +شڪر ادائي شاهنشاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +د_ دائم قائم تنهنجي قدرت، +دهشت، همت، هيبت، حشمت، +ليڪن جبر قدر جي نسبت، +رحمت تنهنجي عين اٿاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ذ_ ذڪر سمورو تنهنجو ذاتي، +ڪلمو پاڪ نفي اثباتي، +تنهنجي سڀ ساراهه صفائي، +ازلئون عين عبادت آهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ر_ رحمت تنهنجي رنگ رچايو، +سارنگ جو سڀني تي سايو، +وحدت جي وسڪار وهايو، +دين جي دولت جو درياهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ز_ زينت بخشي تو عالم کي، +حسن حياتي هر هڪ دم کي، +ڪامل ڇو نه چئون هر ڪم کي، +تنهنجو ٺاهوڪو هر ٺاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +س_ سائين سڀ جو آهين سهارو، +جو نه مڃي ان جو منهن ڪارو، +خُمُ بُکّمُ عُمّي سارو، +ٻوڙو، گونگو انڌو آهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ش_ شاهنشاهي شان آ تنهنجو، +قادر ڪُوّنُ مَڪان آ تنهنجو، +جَبّرُ قَدَرَ جولان آ تنهنجو، +باري آهين بي پرواهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ص_ صدق سچائي ڏي تون سائين، +بندي جو ايمان بچائين، +من ۾ منهنجي مَچُ مچائين، +الفت پنهنجي جو آڙاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ض_ ضُعّفُ بدن جو ۽ بيماري، +لاغر حالت ۽ لاچاري، +دل جي هر ڪُنڊ آهي ڪاري، +قلب جي ڪارنهن قادر لاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ط_ طاقت آهه نه مون ۾ تِرَ جي، +زورآوَرَ زاري ذاڪر جي، +شامت هر شيطاني شَرَ جي، +پرور ان کان ڏيئن پناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ظ_ ظاهر باطن ڄاڻ آ تو کي، +پرور پنهنجو پاڻ آ تو کي، +سڀ جي ڄاڻ سڃاڻ آ توکي، +ڏاتر هر هڪ شئي جي ڏاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ع_ عاصي پابند پليد رکي ٿو، +تنهنجي در ۾ ديد رکي ٿو، +رحمت جي اميد رکي ٿو، +واهَرَ تنهنجي ۾ ويساهه __ لاالــٰـہ الاّ ال��ه. +غ_ غيرت ڏي ايمان جي مونکي، +دولت پنهنجي ڌيان جي مونکي، +آگا امن امان جي مونکي، +جُودَ ون ڏي نون جاءِ پناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ف_ فرق سڃاڻڻ نيڪ ۽ بد جو، +طَورُ تغاوت، حد لا حد جو، +حڪم مڃڻ تنهنجو، احمد، جو، +راسخ آهه اهائي راهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ق_ قدرت منجهه ڪمال آ تنهنجو، +جڳ جڳ جاه جلال آ تنهنجو، +موليٰ ڪو نه مثال آ تنهنجو، +جاني حاصل توکي جاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ڪ_ ڪانِهي پنهنجي ڪِرت ڪمائي، +پاند ۾ ناهي پئسو پائي، +هئه هئه پنهنجي پاڻ گنوائي، +عمر اجائي گاهه بگاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ل_ لاشڪ وهم وجود نه تنهنجو، +والد يا مولود نه تنهنجو، +مائٽ ڪو موجود نه تنهنجو، +شرڪ نه گهرجي توکي شاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +م_ مالڪ ۽ مختيار مِڙِن جو، +پرور، پالڻهار مِڙنِ جو، +اوکي ۾ آڌار مڙِنِ جو، +هيڻن جو آهين همراهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +ن_ ناهه شريڪ ڪو تنهنجو شاني، +تنهنجو جوڙ نه ڪوئي جاني، +ڪير سڏائي تنهنجو ثاني، +هر ڪو قدرت ۾ ڪوتاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +و_ واحد! تون هر شئي جو والي، +تنهنجي خوءِ خطا کان خالي، +نعمت تنهنجي آهه نرالي، +جنهن کي چاهين، تنهن سان چاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +هه_ هيڻو حال اسان جو هادي، +قول عمل سڀ وائي بادي، +امر نواهي کان آزادي، +نا صبحَ! ڪر ڪا نيڪ نگاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +لا_ لاشڪ خلق سڄي جو خالق، +فرضي مَسّجُوّ دَنِ کان فائق، +تون ئي حمد وثنا جو لائق، +غير کي سجدو آهه گناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. +عه[1]_ ”اللٰهُمّ سَترّ عوراتي“، +ان سان گڏ ”آمِن روعَاتي“، +سهنجي ڪر تون حال حياتي، +جرم و سزا جي جولانگاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. + +ي_ ياور پنهنجي يار جي صدقي، +محشر جي مهندار جي صدقي، +ان سان پنهنجي پيار جي صدقي، +بخش اسان جا ڏوهه گناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله. + +[1] اي الله پاڪ، منهنجي اوگهڙ ڍڪ. +(وڌيڪ پڙهو) + + +حمديه غزل _1 +جڳائي صرف واحد کي وڏائي، +ازل کان جنهن جي قائم ڪبريائي. +هو خالق مالڪ و مختار موليٰ، +سموري خلق تي هن جي خدائي. +ڄڻيو ڪنهن کي نه ڪنهن جو آءِ ڄايو، +نه هِن جو پيءُ پٽ يا ڀيڻ ڀائي. +هميشه هر جڳهه، حاضر وَ ناظر، +تصوّر کان مٿي رب جي رسائي. +اڪيلو آه آقا، عالن جو، +شراڪت هن جي قدرت ۾ نه ڪائي. +ڏئي عزت يا ذلت جنهن کي چاهي، +سندس هٿ ۾ ڀلائي يا بُرائي. +مقدس ذات جنهن بندن کي بخشي، +رسول هاشمي صه جي رهنمائي. +وجود لم يزل، ذات مقدم، +جمالِ اولين، ضَوّ انتهائي. +هو ستار العيوب آهي سڀن جو، +ڍڪي ٿو ڍول هر هڪ جي ڍلائي. +رسائي رزق ٿو هر نيڪ و بد کي، +هو پرور آه، هن جي پر اهائي. +دعا ”ذاڪر“ جي آهي، شال بخشي، +محمد صه جي مُحابي هر مدائي. + +حمديه غزل_2 +تخليق ڪائنات جا نقش ونگار سڀ، +تنهنجي ڪمال شوق جا هي شاهڪار سڀ. +رفتارِ وقت، گردشِ ليل ونهار سڀ، +لاريب هي شهادتِ حق ۾ شمار سڀ. +بستانُ ڪشت، دشت ودمن، ڪوهسار سڀ، +اهڃاڻ تنهنجي قدر جا اي ڪردگار سڀ. +جن وبشر ملائڪ وحوران لاله رنگ، +آهين تنهنجي آڏو اطاعت گذار سڀ. +ذات وصفات، روح وبدن، جوهر و عَرَض، +هي شان ڪبريائي جا، تنهنجي شعار سڀ. +هر نفس کي تون رزق رسائين ٿو روز شب، +تنهنجي ڪرم سبب ٿا جيئن جاندار سڀ. +راتين مان ڏينهن تون ڪرين، ڏينهن مان راتيون، +مارين جيارين توکي اهو اختيار سڀ. +اي رحمت، تمام، مُحابي نبي صه معاف، +ساريون خطائون منهنجون ۽ مونڏي ميار سڀ. + +حمديه غزل_3 +خورشيد بڪف آه تنهنجي حسن جي تاباني، +هڪ جلوو جالائي ٿو ڇڏي طور جي پيشاني.، +تنهنجي ئي تجلي سان زمين تي هي ضياباري، +سج چنڊ ۽ تارا تنهنجي انوار جي افشاني. +لاريب زماني جي مٿان لطف وڪرم تنهنجو، +مخلوق مٿان تنهنجي عنايات جي ارزاني. +ڇا مور ڇا ماهي تنهنجي تحويل حفاظت ۾، +هر شيءَ جي مٿان تنهنجي نظر، تنهنجي نگهباني. +قخليق، دوعالم تنهنجي قدرت جو ڪرشمو آ، +تنظيم مڪمل تنهنجو اعجاز همه داني. +طوفان ٿو آڻي تنهنجو فرمان فضائن ۾، +هڪ تنهنجي اشاري سان اچي بحر ۾ طغياني. +”ذاڪر“ جي زبان کي تو ڏني قوت، گويائي، +ڪر ان کي عطا جذبهء تعريف و ثنا خواني. +”ذاڪر“ جي دعا آهي اها رحمت، بي پايان، +محفوظ رکين شال منهنجي غيرت ايماني. + +(حمديه رباعيون) +ممنون مرون جيت پرندا تنهنجا، +مخلوق تي احسان خاوندا تنهنجا. +ڪر پنهنجو ڪرم، بخش اسان عاصين کي، +گندا آهيون تاهم بندا تنهنجا. +تاري جي ڪرين غرق، يا ٻوڙي تارين، +کاري جي سنوارين يا سنواري کارين. +يا رب هي سڄي ردو بدل تنهنجي وس، +ماري جي جيارين يا جياري مارين. +ڪاوڙ ٿو ڪرين مونکي خطا ڪوش ڏسي، +عيبن سان ڀريل عرصهء آغوش ڏسي. +يا رب تون مون کان وجه خرافات نه پچ، +مون جرم ڪيا، توکي خطا پوش ڏسي. +ملاح نه ڪشتي، نه ڪنارو باقي، +گرداب ۾ ڪنهن پر نه گذارو باقي. +چندان نه رهي زيت جو چارو باقي، +ان وقت خدا هڪ جو سهارو باقي. +ضرورت ڪنهن کي دينار ودِ رَم جي +سدا سڪ ساهه ۾ ڪنهن کي صَنَم جي +گدائه ميڪده کي مِهّرَ گهرجي +شفيع المذنبين شاهِه آمَمُ جي + +نعتيه غزل _1 +مرحبا صد مرحبا، +بيڪسن جا ڀرجهلا. +تون حبيبِ ڪبريا، +شافعِ روزِ جَزا، +پنهنجي اُمت جا آجها، +امّين جا آسرا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +ڪين مان خلقيا خدا، +صورتن جا سلسلا، +تون انهن جي ابتدا، +لاڏلا لولاڪ جا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +ڪُنن چئي قادر ڪيا، +ڪارناما ڪيترا، +هي مِڙيئي مَرحلا، +تنهنجي خاطَر طَئه ٿيا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +تنهنجي آمد سان اگها، +سيگهه مان ٿيڙا سگها، +درد مندن جي دوا، +ماڙ تنهنجي مصطفيٰ صه__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +تون متاعِ بي بها، +هر غني تنهنجو گدا، +تنهنجو دامن دادلا، +مخزن جود و سخا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +تون اِمامُ الانبيا، +تنهنجي پويان پيشوا، +حشر ۾ هوندا ڪٺا، +قافلن جا قافلا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +جامُ تنهنجو جان فزا، +پي ٿيا سڀ پارسا، +ڇا منجهان ڇا ٿي ويا، +مئي ڪده جا معجزا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +سُرڪَ هڪڙي ساقيا، +جن چکي سي ٿيا چريا، +رقص رندن کي روا، +مئي ڪده جي ماجرا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +خصلتون خيرالوريٰ، +سڀ ڀليون تنهنجون ڀلا، +حِلمُ حُرّمَتَ ۽ حَيا، +دادُ، دلجّوئي دَيا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +جي گناهن ۾ گتا، +نانءَ جي نيڪي نه ڪا، +تُنهنجي لوئي ۾ لڪا، +سام تو وٽ سيّدا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. +واٽ اوکي ۽ ولا، +ڀَئنُه ڀريا اَن ۾ ڀَڏا، +راهّرو رُڪِجِي ويا، +رس اچي اي رهنما__ بيڪسن جا ڀرجهلا. + +مدح تنهنجي مصطفيٰ صه، +دافع رنج و بلا، +ڪر زبون ذاڪر سندا، +ڪل مرض مشڪلڪشا__ بيڪسن جا ڀرجهلا. + + +(2) +اڄ وري اولهه طرف هر ويل ڪُونجن جي قطار، +ڪرڪنديون ڪاڏي وڃن، ڪنهن جو انهن کي انتظار؟ +لال ڳل، ڳوريون ڳچيون، سوڀيا ۾ سهڻيءَ جي مثال، +جهڙ جي ساگر کي تري، اڪرم وڃن ٿيون آرپار. +کَنڀ اهي جن تي چني جا چٽ ۽ اجرڪ جون اکيون، +پدمڻيون جن سان ڍڪن، پنهنجي اُمنگن جو اڀار. +يا وَريون پنهنجي وطن ڏي قاف پربت جون پريون، +جئن ڪي شهزاديون ڪري موٽيون هجن شاهي شڪار. + +مُهڙ ۾ جئن مارئي پويان سهيلين جون صَفون، +کيت پنهنجي ڏي وڃن ٿيون پاند ۾ پائي پيار. +ڄڻ ته ڪي حورون چڙهيل آهن هوا جي دوش تي، +جئن ڪي شهتارا هجن ساگر جي سيني تي سوار. +ڪو ته ڪاڍو آهه جو ڪاهيو وڃن ٿيون ڪيچ ڏي، +کنڀ کُٿا تن جا، اٿن پر ”پهچ پهچان“ جي پچار. +يا ته ڪو پيغام آيو آ پنهل جي پار کان، +يا ٻڌي آهي انهن پٻ جي ڌڻيءَ جي ڪا پُڪار. +مون پڇيو ڪهڙو سبب هن سُر عَتِ پرواز جو؟ +مام ۾ مُرٖڪي چيائون ڳالهه ٻڌ؛ ”ڳهلا ڳنوار“. +هن طرف پنهنجي پرين جي محفل ميلاد آهه، +پهچڻو آهي، متان محبوب ڏِئي مِهُڻو ميار. +آهي ممڪن ٿئي اسان جو واٽ تي ويندي وصال، +هي به هڪ معراج آهي عاشقن لئه افتخار. +تون به ڪر قربان اي ”ذاڪر“ پرين تان زندگي، +ڇو ته بس آهن انهيءَ تي عاقبت جو انحصار. + +(3) +بزم چمن ۾ صبح بهاران جي ڌوم آهه، +جلوه نمائيء رُخ تابان جي ڌوم آهه. +گنجيند حيات ۾ گوهر گهڻا مگر، +لاريب ان ۾ لعل بدخشان جي ڌوم آهه. + +ڪنهن جي اچڻ تي ختم ٿي تاريڪيء جهان، +ظلمت ڪده ۾ شمعِ فروزان جي ڌاوم آهه. +دستِ طلب دراز ٿيڻ تي ملي ٿو دان، +بنده نوازيء درِ جانان جي ڌوم آهه. +عرشِ برين تي خاڪ نشين جي خوش آمديد، +اهلِ سَما ۾ عظمتِ انسان جي ڌوم آهه. +ٿيو مستفيض لطف و عنايت کان هر گدا، +ڪنهن مهربان جي وسعتِ دامان جي ڌوم آهه. +هي محفل نشاط، هي مدح و ثنا درود، +جشنِ ولادت شہِ خوبان جي ڌوم آهه. +ڪنهن جي نگاههِ لطف ڪيا ختم حادثات، +بيچارگيءَ گردشِ دوران جي ڌوم آهه. +”ذاڪز“ جو آهه ان جي شفاعت تي انحصار، +جنهن جي ڪرم، عنايت و احسان جي ڌوم آهه، + +(4) +تصورات جي حد کان مٿي گمانّ کان مٿي، +مقام صاحب لولاڪ لامڪان کان مٿي. +بلند اوج ثُريّا کان ڪهڪشان کان مٿي، +جمال يار جي خَئو هفت آسمان کان مٿي. +انهي جي آڏو ڀلا سيم و زر جي ڇا معنيٰ؟ +عطائه عشق محمد، متاعِ جان کان مٿي. +نه تخت و تاج ٿو پهچي نه بخت، ڀاڳ رسي، +نصيب بنده شاه اُمَمّ بيان کان مٿي. +جهان ۾ آهه متل ان جي دست فيض جي ڌوم، +گدائه خواجهء يثرب، شہِ جهان کان مٿي. +جهُڪِي چُڪِي جا درِ يار تي، جبين نياز، +کڄي سگهي نه ڪڏهن سنگِ آستان کان مٿي. +خطاب طہٰ و ياسين، وَاللضُّحيٰ والُليّل، +رسولِ پاڪ جو رُتبو، اڃا مٿان کان مٿي. +ڪريان ٿو مدح محمد خلوص دل سان، دوست، +ثنائه خواجه مگر طاقتِ زبان کان مٿي. +يقين آهي اهو زندگي ۾ ذاڪر جو، +نه ڪوئي مُونِس غم منهنجي مهربان کان مٿي. + +(5) +رَسِي راحت، مٽيا رنج والم سڀ، +شَہِ لولاڪ جا لطف و ڪرم سڀ. +در و ديوار ۽ گهر گهاٽ، ڳليون، +ديار مصطفيٰ صه جا محترم سڀ. +ڪري پيا ڪوٽ ڪسريٰ جا، جهڪي ويا، +شہِ هر دوسريٰ آڏو صَنَمّ سڀ. +شفيع المُذنبِيّن جي لڙهه لڳڻ سان، +ويا مٽجي گنهگارن جا غم سڀ. +پيغمبر صه کان پِنِيو جو ”پنج ڪڻي“ آ، +اُنهيءَ وٽ هيچ دينار و درَم سڀ. +ڪٿي زر مال، ڪٿ اقبالُ، گهرجي، +اسان جي واسطي خَيّرُ اُلامَمّ سڀ. + +ويا ٿي خَتّمُ احمد صه جي اچڻ سان، +عرب جا عجب، اوها ۾ عَجم سڀ. +ڪيو ”ذاڪر“ مٿان نظر ڪَرَمُ ڪا، +ٿين جنهن ساڻُ گُمّ رَنج و اَلَمّ سڀ. + +(6) +نگام ناز جو آهي اَثر سڀ، +سڪون قلب ٿيو زير و زبر سڀ. +پرين آيو ته گهر آباد ٿيندو، +سوا ان جي سڃا ديوار و در سڀ. +سڄڻ جي سونهن جي آڏو ازل کان، +سر تسليم خم، شمس و قمر سڀ. +هي ڪنهنجي آمَدُ آمَدُ آه جڳ ۾؟ +بَهَرّ سُوّ منتظر جِن و بَشَر سڀ. +مبارڪ خصلتون خير الوريٰ جون، +خدا جون سنهن ته آهن خوبتر سڀ، +جهليو جنهن هٿ ۾ دامانِ محمّد صه، +حوادث ان جي آڏو بي اثر سڀ. +لِب و دندان ان جا لال، ابيض، +لَڄِي تِنِ جي اڳيان لعل و گُهر سڀ. +اچڻ سان ان جي ٿي قائم آخُوّت، +طيور رنگ وبو جي بال و پر سڀ. + +وٺو جيئن ابرِ بارانِ محمّد صه، +ٽڙي ويا ڪفر جا ڪارا ڪڪر سڀ. +ڇڙو ”ذاڪر“ نه محتاج ڪرم آ، +شفيع المُذنَب��ن صه جي دردِ گَر سڀ. + +(7) +هي ڪنهن جي يا ڪنهن جي آرزو سڀ، +گدائي ميڪده، ميخانه رُو سڀ. +خمار انگيز ساقي جون ادائون، +نچن ٿا روز پيسمانا سو سڀ. +حسينان جهان سڀ هيچ آهن، +شَہِ خوبان جي آڏو خوبرو سڀ. +هي ڪنهن جي آجيان عرش برين تي؟ +فرشتا دست بسته، با وضو سڀ. +ڪئي معبود سان جا عبد، سا هئي، +گنهگارن جي حق ۾ گفتگو سڀ. +جمالِ اولين جي جان احمّد صه، +حقيقت سان حقيقت هوبهو سڀ. +اَسِيرِ جانان ساري دنيا، +هُتي اهلِ سما پابندِ مُو سڀ. +شفيع المذنبين جي سام آهيون، +انهي جي هٿ اسان جي آبرو سڀ. +ڏسان ذاڪر مدينو زندگي ۾، +پسان رنگين نظارا روبرو سڀ. +(8) +تنهنجو صورت ۾، نه سيرت ۾ ڪو ثاني، جاني، +منفرد حسنِ ازل جي تون نشاني، جاني. +منڪشف اهلِ نظر تي ٿيا اسرارِ حيات، +تنهنجي آمد سان کليا، رازِ نهاني، جاني. +لَمّ يَزَلّ جنهن کي چئون، تنهنجي تون تشڪيلِ خيال، +سڀ فنا، تنهنجو مگر عشق نه فاني، خيال، +تنهنجي اعجازِ هَمَہ دانيء فطرت تان نثار، +اهلِ داش جي سَڄِي فلسفه داني، جاني. +حق ادا تنهنجي ثنا جو ڇا ڪري ڪنهن جي زبان؟ +عاجز آهن هَمَہ الفاظ و معافي، جاني. +هي سڄي طالب ديدار جي درمان طلبي، +چشم آزرده مان اشڪن جي رواني جاني. +تو جڏهن شاه آمم تاج حقيقت پهريو، +ختم ٿي خوگرِ اوهام جي خاني، جاني. +خلقہِ زلف سِيَہُ، دام نرالو تنهنجو، +يورشِ لشڪرِ مثگان به يگاني، جاني. +باعث لطف و ڪرم مايہِ تسليم و رضا، +تنهنجي تعريف ۽ ذاڪر جي زباني، جاني. + +(9) +جمالِ اولين، جانِ محمّد، +شعاعِ آخرين، شانِ محمّد، +لقب ان جو شہِ لولاڪ آهي، +شفيع المذنبين شان محمّد، +تصور کان مٿاهون مان ان جو، +خدا بس مرتبه دان محمّد، +شفاعت جو خدا کان اِذّنُ ورتو، +اهو اُمت تي احسانِ محمّد، +انهي کان وڌ ڪا تعريف انجي، +خدا خود آ ثناخوانِ محمّد، +ڪري دنيا جي هردم دستگيري، +جنهن جي هٿ ۾ دامانِ محمّد، +اڃايل ڪو اتان خالي نه موٽيو، +خوشا فيض خُمِستانِ محمّد، +حوادث لرزه براندام ان کان، +جنهن جي هٿ دامانِ محمّد، +تمان آهه ذاڪر زندگي جي، +رهان دائم ٿي دربان محمّد، + +(10) +سڄي مخلوق کان وڌ مان ان جو، +شہ لولاڪ آهي شان ان جو، +هلي جن وبشر تي حڪمراني، +فرشتن تي هلي فرمان ان جو، +خدا بخشي ڇڏي ان کي خدائي، +محمّد ٿيو جڏهن مهمان ان جو، +جنهين جي هٿ دامانِ محمّد، +ٿيو هر مرحلو آسان ان جو، +محمّد سان محبت ناهه جنهن کي، +ٿيو ساقط سڄو ايمان ان جو، +بروز حشر هوندو پاڻ حامي، +اتي ٿيندووڏو احسان ان جو، +مقام رحمت آهي پاڪ روضو، +عنايت جي جڳهه ايوان ان جو، +ڏسان شل روضہء اطهر اکين سان، +ٻهاريان عجز سان ايوان ان جو، +ڪرائي پنهنجي ذاڪر کي زيارت، +اچي پورو ڪري ارمان ان جو، +(وڌيڪ پڙهو) + + +(11) +هر طرف حسن جي سيمين بدني کي ته ڏسو! +جلوهء يار جي ظلمت شِڪِنِي کي ته ڏسو! +غنچهء و گل وري صد رنگ جا چوغا پاتا، +سادي گلشن جي گل پير هڻي کي ته ڏسو! +سِر تي سهرن کي ٻڌي آئي بادِ صبا، +باد صرصر جي وري بي ڪفني کي ته ڏسو! +رقصِ طائوس، عنادل جي خوش الحاني، +رنگِ فنڪاري وشرين سخني کي ته ڏسو! +قابلِ ديد ٿي شبنم جي گُهرَ افشاني، +صحن گلشن تي عقيق يمني کي ته ڏسو! +گلبدن آيو بانداز نسيم سحري، +ان جي نازڪ بدني سيم تني کي ته ڏسو! +گلشن دهر جي دامن تي عجيب نقش ونگار، +رنگ اعجاز رسولِ مدني صه کي ته ڏسو! +فصل گل ۾ رهيو دور اوهان کان اي دوست، +پنهجي ”ذاڪر“ جي غريب الوطني کي ته ڏسو! + +(12) +تنهنجي عظمت، تنهنجو اعليٰ شان ختم المرسلين صه، +مدح خوان جِن وملڪ انسان ختم المرسلين صه. +وجہ تخليقات، تمهيد وجودِ ڪائنات، +تنهنجي دم سان عالم امڪان ختم المرسلين صه. +پاسبان عشقِ حق، حسن ازل جي آبرو، +تون جمالِ اولين جِي جان ختم المرسلين صه. +ڪهڪشان ٽيڙو، ڪتيون، سج چنڊ اسبابِ جمال، +حسن تنهنجي تي همه حيران ختم المرسلين صه. +بي سهارن جو سهارو، بيقرار لئه قرار، +تون سڪون قلب جو سامان ختم المرسلين صه. +تون وصي وارث وسيلو، بيڪسن جو ڀرجهلو، +تنهنجا امت تي وڏا احسان ختم المرسلين صه. +تنهنجو نالو وِرّدُ بڻجي ويو زبانِ خلق تي، +پيو پڙهي صلواعليٰ سبحان ختم المرسلين صه. +ڇو ستائي ان کي خورشيدِ قيامت جو خيال، +جنهن تي تنهنجو سايهء دامان ختم المرسلين صه. +مال وزر اولاد ”ذاڪر“ جي اڳيان سڀ هيچ آه، +تو تان قربان، دين ۽ ايمان ختم المرسلين صه. + +(13) +پيار پنهنجي رندن کي مئي عرفان اي ساقي! +سڃاڻي جيئن سگهن تنهنجو، خدا جو شان اي ساقي! +هجي گردش ۾ خم تي خم ۽ پيماني تي پيمانو، +ته مٽجي گردِش ايام جو امڪان اي ساقي! +ڪڏهن ڪو تشنه لب موٽي نه آيو تنهنجي محفل مان، +هي تنهنجو هر اُڃايل تي وڏو احسان اي ساقي! +پيارين جام ٿو جنهن دم، نظر مئي سان ملائين ٿو، +ملي ٿو تنهنجي ميخوارن کي دهرو دان اي ساقي! +وڌي دست طلب کان اڳ ۾ ٿو دستِ سخا تنهنجو، +هي تنهنجو شان اي ساقي، هي تنهنجو شان اي ساقي! +هي تنهنجو مئي ڪدو منهنجي متاعِ زندگي آهي، +درِ ميخانه تي قربان منهجي جان اي ساقي! +اسان ۽ ترڪ ميخواري، اها پڻ تشنه لب هوندي؟ +هي تنهنجي باده مستين تي وڏو بهتان اي ساقي! +هي ويچارا، انهن جي تنهنجي هٿ ۾ آبرو آهي، +اچي پيا سام تنهنجي بي سرو سامان اي ساقي! +عطائي عام جي دوران ملي ڪجهه تنهنجي ”ذاڪر“ کي، +جو آهي گردش ايام ۾ غلطان اي ساقي! + +(14) +ٿئي نه ختم ڪڏهن دور جام اي ساقي! +اسان جو حسن طلب، ناتمام اي ساقي! +پيار پنهنجي هٿن سان تون باده مستن کي، +ملي جي غيرَ کان باده، حرام اي ساقي! +وڃن ته ڪهڙي طرف، تنهنجي ميڪدي کي ڇڏي؟ +ڪٿي ڪو امن جو اهڙو مقام اي ساقي؟ +وري به باده ڪشن جي طرف نگاه ڪرم، +رهن ٿا رند اڃا تشنه ڪام اي ساقي! +انهن کي گرميءَ محشر جو ڇو رهي خطرو، +جي تنهنجي سايه گيسو ۾ سام اي ساقي! +اوهان جي بزم ته سرچشمهء حيات بڻي، +خوشا، هي سلسلهء فيض عام اي ساقي! +انهن کي گرميء محشر جو ڇو رهي خطرو، +جي تنهنجي سايهء گيسو ۾ سام اي ساقي! +جو تنهنجي مدح ۾ نڪتو زبان ”ذاڪر“ مان، +اهوئي فخر جي قابل ڪلام اي ساقي! + +(15) +لطف وڪرم جو گنج محمّد جي ذات آ، +ڪاسه بدست جنهن جي اڳيان ڪائنات آ. +اعجاز ڏس ته ساقيء ڪوثر جو هر گدا، +بزمِ جهان ۾ قاسمِ آبِ حيات آ. +ايڏو ته آهه شافعِ محشر ۾ ڀروسو، +عاصين جي ڄڻ هٿن ۾ ڪليدِ نجات آ. +شمس و قمر نجومِ فلڪ برق کي ملي، +نورالوريٰ جي حسن وضيا مان زڪوات آ. +حُجّت دليل کان مٿي معراج جو مقام، +هي وردات عشق و محبت جي بات آ. +ذوق طلب کي سنگِ در مصطفيٰ ملي، +هي مقصدِ حيات، اها حاصلات آ. +مرده دلين جي جان ۽ هر درد جي دوا، +عشق رسول وجه همه التفات آ. +صَلُو اعليٰ جو ورد زبان تي رهي ته بس، +هر شام غم، بشارت صبح برات آ. +اي بيڪسن جا يار! مدد گار! المدد، +ذاڪر اسير فتنہ لات و منات آ. + +(16) +روزِ ازل جي گفتگو، صلوا عليہ و آلہٖ، +پوشيده رخ يا روبرو، صلوا عليہ و آلہٖ. +خلاق اڪبر کان مليو جنهن کي لقب ”لولاڪ“ جو، +وجہٖ وجود هاؤ هو، صلوا عليہ و آلہٖ. +عشق و محبت کي مليو اعجاز جنهن جي ذات کان، +حسن ازل کي آبرو، صلوا عليہ و آلہٖ. +جن و بشر جي مدعا بحرو بيان جي طلب، +ارض وسما جي آرزو، صلوا عليہ و آلہٖ. +ظلمات کي پهتي ضيا، جنهن شمع تابان جي طفيل، +چمڪاٽ جنهن جو چارسو، صلوا عليہ و آلہٖ. +هر جنس جو جوهر هجي، يا پڻ هجي ان جو عرض، +هر هڪ کي جنهنجي جستجو، صلوا عليہ و آلہٖ. +جنهن جي آڏو رهن سج چنڊ تارا شرمسار، +جنهن کان خجل هرخوبرو، صلوا عليہ و آلہٖ. +جان جمال اوّليّن، يا نغمهء ساز آلست، +هر زاويه کان هُوبَهُو، صلوا عليہ و آلہٖ. +مرَهُون منّت آه جنهن ڪلمي کان ”ذاڪر“ جي زبان، +محروم آ جنهن کان عدو، صلوا عليہ و آلہٖ. + +(17) +دلِ بيقرار جي آرزو، نه ته سيم و زر نه سڪندري، +جا سڪون قلب ڪري عطا، درِ مصطفيٰ جي گداگري. +شہِ دوسريٰ جي حضور مان ٿئي فيضياب ٿو هر گدا، +جي ڪَڻو ملي ته گهڻو، مگر، جي گهڻو ته آه تونگري. +اها وضع پيرِ مغان سندي، اهو ميڪدي جو مزاج آ، +جي ڪري ڪو عرض اڃا اڃا، ملي جام جلد وري وري. +ڪفِ پائي يار جي خاڪ جو ڇا مقام آه ڇا مرتبو، +جي مٿي کي لاءِ ته مشڪ پر، جي اکين ۾ پاءِ اُجاگَري. +بحُضُورٖ قَلبُ ٿِجي فِدا، اچي بارگاهِ جمال ۾، +اها آه عشق جي ارتقا، اها آه ڪار قلندري. +بتِ بي جمال جي نقش ۾ نه ته منهنجي يار جو ڪو نشان، +نڪا زندگي، نڪا دلڪشي، نڪا دلبري، نه دلاوري. +هي شعاعِ شمس و قمبر نه آ، نه ڪو نور آه نجوم جو، +جا ضِياءٖ هر دوجهان آ، اها شمعِ حسنٖ پَيَمبَري. +سرِدار صبر جميل ڀي، تَہٖ تيغٖ سَربَسُجُود ڀي، +هِي مقام آلٖ رسول صه آ، ڪري ڪير ان سان برابري. +تون اي ذات پاڪ پڄاءِ ”ذاڪر“ ڪم نظر کي حجاز ۾، +ته اکين جو نور وڌي وڃي، ٿئي دور ديد جي ڪَمتري. + +(18) +وري بزمِ ناز ۾ حسنِ يار جي ڌوم ڌام بلي بلي، +ڪيو جشن عام جو عاشقن اچي اهتمام بلي بلي. +ڪيو آه اهلِ سما کي ابروئي ناز قيد ڪمند سان، +هِتي ساڪنانِ زمين کي زلفِ سِيہَ جي دام بلي بلي. +رخ بي نقاب کان بهره ياب ٿي آفتاب جي انجمن، +ڏسو بي مثال جمالِ يار جو فيض عام بلي بلي. +ڪئي بو ته ڪنهنجي بدن عطا، اهو لون ڪنهنجي لبن ڏنو، +گل و لاله جي رخ، احمرين کي عام جام بلي بلي. +ٿئي دست فيض دراز، ان کان اڳي نگاهِ ڪرم وڌي، +ڪئي باده خوار جي دور، تشنه لبي تمام بلي بلي. +بَهَزار غمزهء و ناز آئي سڄڻ کان بادِ صبا کڻي، +غمِ دوجهان کي غلط ڪرڻ جو پڪو پيام بلي بلي. +درِ ميڪده تي اچي مڙيا ڪئين رند دير و حرم ڇڏي، +ڏسي بي حساب عطائي عام جو انتظام بلي بلي. +اها ڪنهنجي ذات کان ڏات ”ذاڪر“ جي زبان کي نصيب ٿي، +مِليو بات بات کي معجزه کان مٿي مقام بلي بلي. + +(19) +نظامِ شمس ڏسو، حسن جي برات ڏسو! +رخِ حبيب کان روشن هي ڪائنات ڏسو! +ظهورِ نور کان اڳ ۾، ظهورِ نور کان پوءِ، +جمالِ يار جي صورت ۾ حسنِ ذات ڏسو! +ملي جا سونهه ثريا کي، ڪهڪشان کي جمال، +ضيائي روئي محمد صه منجهان زڪوات ڏسو! +سڪون قلب جو، وسعت نظر جي، دل جو قرار، +تمام مدح محمد صه جا معجزات ڏسو! +مقام بنده و آقا ڪٿي، وصال ڪٿي؟ +نياز و ناز جي وچ ۾ تعلقات ڏسو! +هي ڪنهنجو عرضِ تمنا هو، ڪنهنجو لطف و ڪرم، +جي دل جا دل سان رهن ٿا معاملات ڏسو! +نگاه اهلِ سما منتظر، دليون بي تاب، +لقائي حسن جي خاطر لوازمات ڏسو! +مقام طور تي ڇا ڇا ادب جون تلقينون، +فراز عرش تي ترڪِ تڪلفات ڏسو! +ملي جا گردشِ دوران جي غم کان ”ذاڪر“ کي، +نبي صه جي نعمت سرائي سبب نجات ڏسو! + +(20) +زمين مين، آسمانون مين، فضا مين، بحر مين بر مين، +نه تيرا مثل مظهر مين نه تيرا مثل منظر مين. +عطا کي خلعت، لولاک تجهه کو ربّ اکبر ني، +ملي دارين کي ”دولت“ تيري دامانِ اطهر مين. +وقارِ حسن تو، حسنِ ازل کي آبرو تو هي، +جمالِ اولين کي ضو هي پنهان تيري جوهر مين. +تيري رخسار و لب سي پيرهن سي مستعار آئي، +يه رنگت لاله و گل مين يه خوشبو مشک و عنبر مين. +تيري ميخانه کي اعجاز کا احسان هي مجهه پر، +که حورِ بادهء، عرفان هي رقصان ميري ساغر مين. +مجهي جب ياد آتي هي تيري بنده نوازي کي، +خوشي بن کر سما جاتي هي ميري قلب مضطر مين. +هوئي جب پرشسِ احوال هم سي شافع محشر، +تيري دامن کو بڙه کر تهام لين گي روزِ محشر مين. +خوشا، ميري فضيلت کاتبِ تقدير ني لکهه دي، +سعادت امتِ مرحوم هوني کي مقدر مين. +ملي هي حق سي هر صنف سخن پر برتري اسکو، +جو ”ذاکر“ کي زبان ني کچهه کها نعت پيمبر مين. +(وڌيڪ پڙهو) + + +(رباعيات) +عارض کي ڏٺم صبح طَرَبّ جي صورتم +زلفن کي سِيَہُ رنگيءَ شب جي صورت. +انداز صنم، سحر ــ نظر، هوش ربا، +گل فاميءَ اندام غضب جي صورت. +جيڏهن به ڏسو نور جي برسات آهي، +هر شيءِ ۾ رچيل رنگ ڪمالات آهي. +ٻهڪي ٿو ڀلا ڪهڙي سبب کان ڪونين، +معراج مبارڪ جي ڀلي رات آهي. +ڇا لئه هي سڄي رونق افلاڪ آهي؟ +هي ڪنهن جي سر عرش برين هاڪ آهي؟ +تسبيح رقم آه ڇو اڄ لوح و قلم؟ +مهمانِ خدا، صاحبِ لولاڪ آهي. +دلسوز جڏهن حشر جو منظر هوندو، +خورشيد بسرِ عرصهء محشر هوندو. +اندوه مڪافات جي ان عالم ۾، +پيمانه بڪف ساقيءَ ڪوثر هوندو. +دڙڪا ٿي ڏئين مونکي، اڏين دام ته پوءِ؟ +محشر جو مچائي ڇڏيان ڪهرام ته پوءِ؟ +اي گردشِ دوران، گهڻو گوڙ نه ڪر! +سردارِ دو عالم جي پوان سام ته پوءِ؟ + +نعتيه غزل +محبوب ذاتِ ڪبريا، +ختم الرسل، خير الوريٰ، +معراج جنهن جي متها، +بلغ العليٰ بڪمالہٖ. +دنيا، نه ڪي دستور هئو، +ان دم به حسنِ حضور هئو، +سهڻو سراپا، نور هئو، +”ڪشف الدجيٰ بجمالہٖ“ +لطف و ڪرم مهر و عطا، +شفقت شفاعت ۽ شفا، +حلم و حميت ۽ حيا، +”حَسُنت جميع خصالہٖ“ +لولاڪ جنهن جو شان آ، +تعريف ڪل قرآن آ، +مولا به مدحت خوان آ، +”صلوا عليہ و آلہٖ“ + +(2) +ڪيو آگي اعليٰ شان، محمد صه عربي جو، +مخلوق مٿاهون مان، محمد صه عربي جو. +رحمت رب جي بڻجي آيو، +سهڻل جو سڀني تي سايو، +دارين مٿان دامان ــ محمد صه عربي جو. +خجل ٿيو خورشيد درخشان، +حسن ڏسي ٿيون حورون حيران، +رخ روشن نور نشان ـــ محمد صه عربي جو. +شان شفاعت شاهنشاهي، +عاصين لئه هُو رحم الاهي، +ساري اُمت تي احسان ــ محمد صه عربي جو. +بات سڄڻ جي بات خدا جي، +راه پرين جي راهه هديٰ جي، +هر قول عمل قرآن ـــ محمد صه عربي جو. +علم زمين جو سرت سماوي، +هر حڪمت تي هردم حاوي، +آهي عشق عقل عرفان ـــ محمد صه عربي جو. +ارض و سما آيات پڙهن ٿا، +صَلّ عَليٰ صلوات پڙهن ٿا، +خود موليٰ مدحت خوان ـــ محمد صه عربي جو. +سردار علي سلطان هُجي ڪو، +خسرو يا خاقان هُجي ڪو، +آهي دايو يا دربان ـــ محمد صه عربي جو. + +(3) +تنهنجي چشمن ڪيو بي چين پرين، +تنهنجا آهُوءَ وارا عين پرين. +تنهنجون پنبڻيون ٿيون پيڪان هڻن، +تنهنجون ڪجليون ٻيڻا ڪان هڻن، +بي پرواهيءَ سان بان هڻن، +تنهنجا ڪج آبرُو قَوسَيُنِ پرين. +تنهنجو پرور ڏي پرواز ٿيو، +توتي رب جو ڪيڏو راز ٿيو، +مٿان عرش منجهان آواز ٿيو، +هتي لاه نه تون نعلين پرين. +وه، وصل جو حال حسينُ هيو، +جنهن جو آگو پاڻ امين هيو، +اُتي پردو هو يا ڪين هيو، +تنهنجي مولا جي مابين پرين. +جن جا ڏيل ڏڪيا ٿي ڏوه ڏسي، +پنهنجي عصيان جا انبوهه ڏسي، +آيا تو در تنهنجو توه ڏسي، +تنهنجي سام پيا ثقلين پرين. +جيڪي غرق گناهن منجهه گندا، +اهي حشر جي عالم ڪيئن ڪندا، +تنهنجي لوئي ۾ آخر لِڪندا، +تنهنجي دامن ۾ دارين پرين. +لولاڪ لما تنهنجو شان سڄڻ، +توکي مولا بخشيو مان سڄڻ، +تنهنجي هٿ ۾ محل مڪان سڄڻ، +تنهنجي قدمن ۾ ڪونين پرين. +تنهنجو عشق کپي احسان کپي، +پنهنجي دردن جو درمان کپي، +مون کي داتا توکان دان کپي، +”سردار علي“ هنئين سين پرين. + +(4) +متاعِ عشق کي جيڪي مدام ٿا سمجهن، +حقيقتاً سي محبت جي مام ٿا سمجهن. +مزيد ڪهڙو ڏيون پنهنجي بندگي جو ثبوت، +اسان کي غير به تنهنجو غلام ٿا سمجهن. +پيار پنهنجي هٿن سان ڪو جام اي ساقي، +هي رند خود کي اڃا تشنه ڪام ٿا سمجهن. +حريم ناز ڏي جيڪي ويا، وري نه وريا، +ديارٖ حسن کي دارُ السَلام ٿا سمجهن. +جنون کي ڪيئن نه بنائن سي پيشوا پنهنجو، +جي راهِ عشق کي مشڪل مقام ٿا سمجهن. +رهي ٿو باده پرستن کي بي خودي ۾ شعور، +هو تنهنجي بزم کي بيت الحرام ٿا سمجهن. +هي طالبانِ حقيقت، هي ساجدانِ جمال، +ازل کان عشق کي پنهنجو امام ٿا سمجهن. +عطائي عشق جي صدقي تمام اهلٖ نظر، +اسان کي لائق صَد احترام ٿا سمجهن. +انهن جي ذره نوازي جو ذڪر ڪر ”ذاڪر“، +جي توکي پنهنجي سيادت ۾ سامَ ٿا سمجهن. +ڪافي رنگ +تنهنجي حسن ڪيا حيران پرين، +سڀ جن ملڪ انسان پرين. +ڪٿي حسن حجابي حور سندو، +ڪٿي شعلو تابان طور سندو، +ڪٿي عرش تي جلوو نور سندو، +تون ته هر جلوي جي جان پرين. +تنهنجي سونهن اڳيان سنسار جهڪن، +مہ و انجم جا انوار جهڪن، +هڪ وار نه پر سؤ وار جهڪن، +تون ته صورت جو سلطان پرين. +سردار هجن، سلطان هجن، +پنهنجي ليکي خاني خان هجن، +ڪي خسرو يا خاقان هجن، +تنهنجي در جا سڀ دربان پرين. +توکي محبوبي معراج مليو، +”لولاڪ لما“ جو تاج مليو، +پنهنجي ڏاتر کان جيڪو ڏاج مليو، +سو ته شاهنشاهي شان پرين. +توسان نسبت، تنهنجو نام سڄڻ، +هر عاصي لئي آرام سڄڻ، +”سردار علي“ تنهنجي سام سڄڻ، +ڪر عاجز تي احسان پرين. + +(2) +تنهنجي سونهن بنان سرڪار، +جڳ ۾ اونده انڌوڪار. +سج چنڊ ڪتيون ٽيڙو تارا، +سونهن سنواريا تنهنجي سارا. +جيڪي چمڪن ٿا چوڌار، +آندئون توکان رُوپ اُڌار..... +حسن تنهنجي خيرات ورهائي، +ساري جڳ جي سونهن وڌائي. +توکان آئي بوءِ بهار، +جنهن کان هنڌ هنڌ ٿي هٻڪار...... +چوڏس چمڪيا، نور نظارا، +من موهيندڙ، پيارا پيارا. +هي گل ڦل ۽ هي گلزار، +تنهنجي روپ جا رنگ هزار..... +رحمت تنهنجي رنگ رَچايو، +سانوڻ جو سڀني تي سايو. +لڌي سارنگ جڳ جي سار، +ٿي ويا برپٽ باغ بهار....... +جلوا جڳ مڳ نور نشاني، +ساٺ سڄڻ تنهنجا سلطاني. +هڪ صورت ٻيو سينگار، +جنهن تان ٻيئي جڳ ٻلهار...... +ٻول تنهنجا اڻ مول وڻن ٿا، +مُک مان ڄڻ پکراج ڇڻن ٿا. +تنهنجي گنجينو گفتار، +جنهن ۾ هيرا لعل هزار....... +”ذاڪر“ تو در آه سوالي، +راحم ڪر ان جي رکوالي. +هي لاغر ۽ لاچار، +تنهنجي سام پيو سردار...... +تنهنجي سونهن بنان سرڪار، +جڳ ۾ اونده انڌوڪار. + +(3) +مان ته سيد تنهنجي سام، +اچي ڪر مِهّرَ محمد ڄام. +روئندي رات ڪٽيان ٿو ڪاري، گوندر ڏينهن گذاريان، +وره وڇوڙي جي هڪ ساعت سال برابر ساريان، +دل بيتاب اُداسي اکيون، نيڻين ننڊ حرام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +پنڌ پراهون منزل مشڪل ويتر ڪوسي واري، +بار گناهن جو سر باري سونهون ناه، سواري، +واٽ اڻانگي ۾ ڪر واهر، اوکي ويل امام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +هِجِر جو حال هَنجُنِ جي مسُ سان رات لکيو مون روئي، +هڪڙي سِٽَ ۾ يارَ! سَمهويُم پنهنجو سُور سڀوئي، +تنهنجي ماڙِ بنان اي مُرسلِ، منهنجي مَن اندر ماتام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +دور رهين ٿو دلبر دل جو ڪيئن مان سور سڻايان، +درد جي هيءَ روئداد مان تو وٽ ڪهڙي ريت رسايان، +قاصد ڪونه پڄائي ڪاغذ پانڌي ڪو پيغام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +بات ڪيم بيداد نگر جي همت سان حق گوئي، +جَبرَ جي طرفان ج��ل مليو، ڪر دوست اچي دلجوئي، +تنهنجي ڏَڍَ تي، ڏاڍ جي آڏو هوت هنيئن مون هام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +قيد جي قهر مصيبت سان گڏ، مرضن آه مُنجهايو، +حال غريبي هيڻو پنهنجو ساٿ نه ڪو سرمايو، +دارون درد بچيو بس مون لئه نافع تنهنجو نام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +ڏاڍا پنهنجو ڏاڍُ ڪري مون هِيڻي کي هِيسائِنِ، +هڪڙي ڪيس ختم ٿيڻ تي ٻيو ٿا ڪيس بنائن، +اهڙي ريت مچايو مون لئه ڪم ظرفن ڪهرام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +مولا توکي پاڻ عطا ڪئي محشر جي مختاري، +درمندن کي تنهنجي ڪافي، دنيا ۾ دلداري، +هُتِ پڻ شاه شفاعت گهرجي، رهبر روز قيام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +تون صاحب ثقلين جو سائين تو وٽ سڀ سرمايو، +مان محتاج مراثي منگتو، تنهنجي در جو دايو، +دان گهران ٿو دانا، ڏي ڪو عاجز کي انعام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. +”ذاڪر“ پيو زندان ۾ تنهنجي مدح محمّد ڳائي، +بند ۾ هي بي واهو، تنهنجي واهر ڏي واجهائي، +ظلم جا ڪڍ زنجير پَڳَن مان، دوست سمورا دام، +اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام. + +(4) +مان ته پاند ڳچي ڳل پايان ڙي، +پنهنجي پريتم کي پرچايان ڙي. +کِلندي کِلندي راءُ رسي ويو، +راءَ کي ڪيئن ريجهايان ڙي..... +ڳلي ڳلي ۾ ڳوليان ان کي، +واٽن تي واجهايان ڙي ..... +ڪفني پايان، تلڪ لڳايان، +ڇير پَڳَنِ ڇمڪايان ڙي ...... +ٻاجهه ڪري شل ٻيهر پنهنجي، +ٻيجل کي ٻاڏايان ڙي..... +ڪِرتِ ڪَچِيءَ جو ڪيتو لوڙيان، +پنهنجي منهن پڇتايان ڙي..... +ساجن کي ”سردار علي“ چئي، +سڪ سان سيس نوايان ڙي. +پنهنجي پريت کي پرچايان ڙي. + +(5) +پکي پيغام پرين جو عجب انداز سان آندو، +کنڀن جي اوٽ ۾ کنياتي رکي ڪنهن راز سان آندو. +سموئي کنڀ سرمائي، +لٿو لامن تان ٽپ کائي، +کلي خوش ٿي، نچي ڳائي، نياپو ناز سان آندو. +نمائي سر ٻڌي ٻانهون، +سڻائي درد جون دانهون، +عجيبن جي اڳيان آهون، ڪري ايلاز سان آندو. +ڪڍي خط قرب جو ڪانگل، +ڏنو اهڙي ڪري اٽڪل، +ٻئي ڪنهن کي نه ڪائي ڪل، دٻيل آواز سان آندو. +چوي ”سردار علي“ سَٿ جو، +مليو انعام اُلفَتَ جو، +شرف نامو شفاعت جو، پکي پرواز سان آندو. + +(6) +توکي ساجن ٻانهن سيراندي، +ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي. +گوندر ۾ سڄي عمر گذاريم، وار نه غم کان واندي، +سورن جي سوغات مون کي تو هوت ڏني هيڪاندي، +ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي. +ديس ڇڏي پرديس پيس مان ته امر لکئي هت آندي، +قسمت مون کي قيد ڪيو هت بيوس آهيان باندي، +ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي. +وڇڙي آهيان يار وڳر کان دوست ڦران درماندي، +سار لهين شل ساٿ ڌڻي مان ته راه سنئين کان راندي. +ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي. +چرخو چوري سوڌيو سرتين سون رپو ۽ چاندي، +هئه هئه منهنجو حال اهو جو پوري آه نه پاندي، +ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي. +جيئري جي ”سردار علي“۾ چئي دور رهيس درماندي، +مرڻ پڄاڻان مانَ مِلي ڪا تنهنجي يار پيراندي، +ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي. + +(7) +ڇڏي ويا جوءِ کي جوڳي، +اچن شل ماڳ تي موٽي. +ڪڙولا پرت جا پائن، +لڱن تي لوهه لڙڪائن، +سناسي ڌوڙ ۾ ڌانئن، +چڳون سر چيڙه سان چوٽي. +دلق مان نفس جي نوڙي، +سڄي سامِنِ ڇڪي ڇوڙي، +گندي پنهنجيءَ کي گاروڙي، +ڏين ٿا عشق جي اوٽِي. +توڪل جا ڪشي توڏا، +سهي لاحد سندا لوڏا، +ٿيا اثبات کي اوڏا، +ٻڌي جن ”لا“ جي لانگوٽي. +چوري ”سردار علي“ سامي، +آهن اڳ پو جا انجامي، +ٿيندا هر حال ۾ حامي، +کري آهيان توڙي کوٽي. + +(8) +لهي ساٿ ڌڻي شل سار، +مان ٻلهار ـــ پنهنجي ٻاروچل تان. +وَرَ کي ڏير وٺي ويا، +ڪري ڌوٻياڻي کان ڌار، +مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان. +ڪاهي وڃان ٿي ڪيچ ڏي، +منهنجي اديون الله توهار، +مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان. +اولو پنڌ پهاڙ جو، +مان ته لاغر ۽ لاچار، +مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان. +ياد رهان شل يار کي، +ڪري پَرپُٺ مانَ پَچَار، +مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان. +”سردار علي“ چئي سيگهه مان، +ڪندو پاڻ پنهون پوئوار، +مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان. +(وڌيڪ پڙهو) + + +(9) +پنهنجي سانگيئڙن کي ساريان ٿي، +ڏکيا گوندر ۾ ڏينهن گهاريان ٿي. +بيوس آهيان هت بندياڻي، +سَيَدَ بِنا ٻيو ڪونهي ساڻي، +هَنجهُون حال پنهنجي تي هاريان ٿي. +پاڻ اچن يا قاصد ڪوئي، +راه تڪيان پئي روئي روئي، +آلا نيڻ کڻي مان نهاريان ٿي. +رات لڳي اَکِ پرهه ڦٽڻ سان، +ٿر ۾ ڌنار ڏٺا مون ڌڻ سان، +پنهنجي کيتَ کي ڄڻ کيڪاريان ٿي. +ياد اچن ٿيون روح رهاڻيون، +ڳالهيون ٻاجهه ڀريون ٻاٻاڻيون، +اهي سک جا ڏينهن سنڀاريان ٿي. +”سردار علي“ چوري سانگي ايندا، +ڏور ڏکيءَ جا سڀ ڏک ٿيندا، +انهي آس ۾ عمر گذريان ٿي، +پنهنجي سانگيئڙن کي ساريان ٿي. + +(10) +ڪالهه هيا هت ڪاپڙي، +اڄ جوڳي ڇڏي ويا جوءِ، +جوڳي ڇڏي ويا جوءِ، +هتي بره جي باس نه بوءِ. +چَڳُون وڪوڙيل چيڙهه سان، +هئا ميرا جن جا موءِ..... +موٽي ڏسن ڪئن ماڳ کي، +جن جي روپ نگر ڏي روءِ..... +ويراڳين ڇَڏي واٽ تي، +سڀ خام خُودي جي خوءِ...... +سَاميئڙَنِ جي ساههَ ۾، +مون کي هور هِنيئن ۾ هوءِ..... +”سردار علي“ چوي سيگَهه مان، +وَڃان ڪاپَڙِين جي ڪوءِ.... +ڪالهه هيا هتي ڪاپڙي، +اڄ جوڳي ڇڏي ويا جوءِ. + +(11) +موٽ مران ٿي مينڌرا اَچُ راڻا رحم ڪري، +راڻا رحم ڪري ـــ الا ـــ تو ري سوڍا ڪين سري. +راڻا حَرَفُ رکِي وئين، ڪنهن ٽَل سان ڪين ٽري. +موٽ مران ٿي مينڌرا..... +ڪَر ڪو توههُ تَتِيءَ تي، منهنجو ٺاڪر هانءَ ٺري، +موٽ مران ٿي مينڌرا..... +جانا هڻن ٿيون جيڏيون، مون کي ٻهڳڻ ٻاڻَ ڀري. +موٽ مران ٿي مينڌرا..... +ڪنول ڦٽا منهنجي ڪاڪ تي، تنهنجو چانگو شال چري. +موٽ مران ٿي مينڌرا..... +”سردار علي“ چوي سپرين، مونکي پانهون ڪر نه پري. +موٽ مران ٿي مينڌرا، +اچ راڻا رحم ڪري. + +(12) +ٿيندو دلبر مون کان دور، مون کي معلوم نه هئو. +ڪندو ايڏو ڪِيس ڪلور، مون کي معلوم نه هئو. +گهور هڻي هر دل کي گهائن، +ڪجليون ڏاڍا ڪيس ڪرائن، +اهو دِيدُنِ جو دَستُورُ، مون کي معلوم نه هئو. +سونهن ٻڌي ساجن جي آيم، +حسن ڏسي سڀ هوش وڃايم، +هتي عقل رهي نه شعور، مون کي معلوم نه هئو. +عشق کي سمجهيم سهج سکن جو، +بره ڏنو پر ڏاج ڏکن جو، +ڇاکي سوز سڏن ڇاکي سور، مون کي معلوم نه هئو. +ننڊ نڀاڳي سان لنءُ لايم، +هوت هٿن مان پاڻ وڃايم، +پنهنجي قسمت جو هي قُصور، مون کي معلوم نه هئو. +”سردار علي“ آهي رنج اجايو، +لايو ٿيندو نيٺ سجايو، +ڪَڍي ٻاجهاري ٻاٻُورَ، مون کي معلوم نه هئو. +ٿيندو دلبر مون کان ڌار، مون کي معلوم نه هئو. +ويندو لُٽجي چين قرار، مون کي معلوم نه هئو. +سور سهي ويٺي نيهن نڀايان، +لوڪ سڄي کان لڙڪ لڪايان، +اهو بره جو ٻيڻو بار، مون کي معلوم نه هئو. +لوڪ سڄو مِهڻن سان ماري، +ساجن پوءِ ڀي ڪين سنڀاري، +اَڻَ پَوَندِيءَ جو هيءُ پار، مون کي معلوم نه هئو. +بحث نه آهي جائز جن سان، +حُجَتَ ڪيئن هلي هوتن سان، +سڀ مون ڏي آه ميار، مون کي معلوم نه هئو. +”سردار علي“ چئي ساجن ايندو، +ڇوريءَ کي هت ڪين ڇڏيندو، +ڪندو پاڻ پرين پوئوار، مون کي معلوم نه هئو. + +(13) +ڪر مون ڏي محب مهاڙ، جاني جاڙ اجائي آ. +آس ۾ گذري ويو اونهارو، +سڪ ۾ تنهنجي سرءُ سيارو، +چيٽ ڪَتي آکاڙ، جاني جاڙ اجائي آ. +ڇوري کي هت يار ڇڏي وئين، +من جي اندر منٺار اڏي وئين، +سورن جي ست ماڙ، جاني جاڙ اجائي آ. +لوءَ لَقَماءُ خجالت خواري، +طعنن مهڻن تُنڪن ماري، +بره جي هي بوڇاڙ، جاني جاڙ اجائي آ. +پرت نه ڪنهن پر آه پسڻ جي، +ڇڏ تون ساجن ريت رسڻ جي، +موٽُ اچِيِ ڪَرِ ماڙِ، جاني اجاڙ اجائي آ. +اڻ هوندي مون عمر گذاري، +ساجن ڪر تون پاڻ ستارِي، +عيبن کي نه آگهاڙ، جاني جاڙ اجائي آ. +”سردار علي“ چئي ٿي تون ساڻي، +وره ڪئي آهيان ويگاڻي، +پرت اچي تون پاڙ، جاني جاڙ اجائي آ. + +(14) +جيڏيون ڏسيو جادو يا مون کي راءِ ريجهائي ڏيو، +پاڻهي مڃائينديس پرين، هڪوار پرچائي ڏيو. +هو راءُ، مان راڻي هيس، هو سر هيو، سينگار مان، +ڪونرو جي ڪوڙي هار تي ڀلجي ڇڏيو ڀوتار مان، +اڄ ٿي چوان هي ڪچ ڪڻيون اُن مُنڌ کي موٽائي ڏيو... +پردو پيل آهي اڃا ڪونرو جي ڪاري ڪار تي، +پڪ آه پنهنجي ڪانڌ کي، هن کي وڪيو مون هار تي، +هونءَ هو مڃيندو ڪينڪي، ڪنهن ڏانءَ سان ڏائي ڏيو... +هڪ لوڪ کان آهيان لڄي، ٻيو ڪانڌ جي آڏو ڪچي، +جي ور اچي موٽي ته مهڻن کان پوان جيڪر بچي، +ڪونرو جي ڪڇ مان ڪانڌ کي چپ چاپ چورائي ڏيو... + +تون ڇا رسي وئين راءُ منهنجي رات ڪاري ٿي وئي، +وائي وڻي ڪنهن جي نه، هر هڪ بات باري ٿي وئي، +هي سب سينهو سور جو منهنجي ور کي ورجائي ڏيو... +سچ ٿيون پڇو سرتيون، چنيسر کان سواءِ آهيان چري، +راجا نه ٿيو راضي ته مِهڻي هابُ ٿي وينديس مري، +”سردار علي“ چئي سرُ گهُرو پَر سيڻُ سرچائي ڏيو... + +(14) +سڪ سوز اندر جو سور، وڃي ناسور ٿيو، +اهو دردن جو دستور، مون کي منظور ٿيو. +عشق سان هر ڪا هام اجائي، +هوش هٽيو هڪ ٺوڪر کائي، +سڄو عقل جو شان شعور، چڪنا چور ٿيو. +جلوو تنهنجو نور نشاني، +سونهن ۾ ڪونهي تنهنجو ثاني، +ڏٺو جنهن ڀي حسن حضور، اُهو وهلور ٿيو. +پختو پيچ پرين سان پاتم، +ساجن پنهنجو صحيح سڃاتم، +اهو محبت جو مذڪور، گهڻو مشهور ٿيو. +محب ڏنو اچي ڏاڻ ڏکي کي، +پنهنجي هٿن سان پاڻ ڏکي کي، +ٿيا ڪَرُب مڙيئي ڪافور، سڄو دک دور ٿيو. +”سردار علي“ آهي ان جو گولو، +جنهن جي چڱاين جو چوٻول، +مٽٻي مُنهن نه اُنهيءَ کان مورُ، جنهن جو مزدور ٿيو. + +(15) +ٿئي محب اچي مهمان، اهڙو احسان نه ڪو، +وڃي هر هڪ وهم گمان، رهي حرمان نه ڪو. +مُحب بنا دل بيحد ماندي، +ساجن کي آهي ٻانهن سيراندي، +هِتي دَردَن جو دهمان، هُتي ارمان نه ڪو. +عَينَ-سيه، صدفين جي صورت، +ڪج ابرو قوسين جي صورت، +هر پنبڻي ڄڻ پيڪان، اهڙو ٻيو ڪان نه ڪو. +طلب اندر ۾ تات پرين جي، +هردم وائي وات پرين جي، +اهو ضبط وڏو خفقان، جنهن جو درمان نه ڪو. +محبت جو ملهه آه مهانگو، +سر سان سوڌڻ عين سهانگو، +جيڪو مرد ڇڏي مَيدان، اهڙو نادان نه ڪو. +”سردار علي“ چئي ساهه پرين لئه، +تن من ڌن هڏ ماهه پرين لئه، +ڪريان جو ڪجهه ڀي قربان، منهنجو نقصان نه ڪو. + +(16) +ڊگهي ڪيچ جي منزل ڪاري، +پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي. +روهه سُجهَنِ ٿا راهه ۾، +ٻي واٽ سڃي، ٽِين واري، +پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي. +اوکي واٽ وندر جي، +مون کي ڏيرن اڄ ڏيکاري، +پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي. +قسمت مون سان قهر ڪيو، +منهنجو محب نه آهي مياري، +پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي. +ٿڪ نه ڀڳئون ڪنهن ٿاڪ تي، +نڪي باهه ٻروچن ٻاري، +پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي. +حجت ناهي هوت سان، +مان ته آڀري ذات هُو آري، +پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي. +”سردار علي“ چئي سيگهه مان، +ڪندو پاڻ پنهون پوئواري، +پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي. + + +(17) +اڃا ڪالهه وريا وڻجارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي. +حاڪم منهنجي ��انءَ جا، +منهنجي دل جا راج دُلارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي. +روئان رهن ٿا ڪينڪي، +توڙي نيڻ بڻيا نيسارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي. +ساٿ ڇڏن پيا سپرين، +جيڪي منهنجا سور سهارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي. +قسمت ڪاري آهيان، +وٺان ڪنهن کان ڀاڳ ڀلارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي. +اٿم آس الله ۾، +من ميڙ مَڃين موچارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي. +”سردار علي“ چوي سپرين، +مون تي ٻاجهه ڪندا ٻاجهارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي. + +(18) +دل ڌڙڪ ڌڙڪ ڌم لائي- آئي مند يار ملڻ جي. +گل ڦل ٻوٽا باغ بهاريون، +وڻن ٽڻن جون ٽهڪن ٽاريون، +ٿي ساوڪ ۽ سرهائي- آئي مند يار ملڻ جي. +چيٽ ڦٽڻ جو ٿيو چوٻولو، +اُسريو آهنج لهي ويو اولو، +هاڻي ڳڻتي آهه اجائي- آئي مند يار ملڻ جي. +ٿڌڙي هير هنئين کي ٺاريو، +سور مٽيا ڳڻتين کي ڳاريو، +اچي مونجهه اندر جي مٽائي- آئي مند يار ملڻ جي. +ڪوئل ڳيچ خوشي جا ڳائي، +بلبل سڪ جا ساز سڻائي، +ڏني وڻ وڻ کي واڌائي- آئي مند يار ملڻ جي. +سردار علي چئي ساجن ايندو، +مرڪي ڏيهه مبارڪ ڏيندو، +ٿيندي ڀوريءَ ساڻ ڀلائي- آئي مند يار ملڻ جي. + +(19) +تنهنجو محب مراثي آهيان، +ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي. +رخ روشن پُر نور پيشاني، +جلوو تنهنجو جڳ مڳ جاني، +تنهنجي حسن جي هاڪ هلايان، +ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي. +وار تنهنجا وَاللّيلِ جي صورت، +منهن مهتاب مثالي مورت، +ڪهڙو سونهن جو حال سڻايان، +ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي. +تنهنجي پڌر پينار اچن ٿا، +ننگ ڇڏي فروار اچن ٿا، +مان ڀي پڳين ڇمڪايان، +ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي. +جلوا تنهنجا هر جا ظاهر، +اُتر ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر، +توکي لوڪئون ڪيئن لڪايان، +ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي. +”سردار علي“ توتان اولِي گهولي، +ٻانهپ واري توسان ٻولي، +تنهنجو چاڪَرُ ڇونه چوايان، +ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي. + +(20) +منهنجا هوت هلي هت ايندا، +ٿيندا اچي حامي منهنجي حال ۾. +محب ايندا منهنجي ماڳ تي، +مون کي ڏيهه مبارڪ ڏيندا، +ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾. +دارون ڪندا منهنجي درد جو، +اچي ڏاڻ ڏکي کي ڏسيندا، +ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾. +اٿم آس الله ۾، +هِتي ڇورِي ڪِينَ ڇڏيندا، +ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾. +مهر ڪندا معذور تي، +اچي ٻاجهه ڀريو ٻوليندا، +ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾. +”سردار علي“ چئي سپرين، +وٺي نالِ نماڻي نيندا، +ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾. + +(21) +مون سان مولا محب ملايا، +آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي. +حجت جن سان ناهه ڪا، +تن پنهنجا ڀال ڀلايا، +آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي. +محب مليا، مانڊاڻ ٿيا، +رت رم جهم جي رنگ لايا، +آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي. +دوست ڏنيون اچي دلبريون، +مان ته ڳيچ خوشي جا ڳايا، +آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي. +سڄڻ رسيا اچي سيگهه ۾، +منهنجا آگي عرض اگهايا، +آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي. +قرب قريبن جا ڏسي، +ويا اُڏري وهم اجايا، +آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي. +”سردار علي“ چوي سپرين، +مون سان پيچ نوان اچي پايا، +آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي. + + + +(22) +پنهنجي ويڙهيچن جا وٿاڻ ڏسي، +رئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي. +منهنجا مارو ويا مون کان منهڙو مٽي، +سُکيو ساههُ، سَقَرَ ۾ سيڻَ سَٽي. +هتي عمرِ اڀاگي ڪيئن ڪَٽي؟ +پنهنجي ڀر ۾ ڀڪوڙيل ڀاڻ ڏسي. +رُئان رت ٿي اُجَڙَ اهڃاڻ ڏسي. +ڪٽي قيد اچي هت ڪال ڏٺم، +نڪور مارو ڏٺم، نڪي مال ڏٺم. +جهُڳا جهُورُ پکا پامال ڏٺم، +ڏڪي ڏيل ٿو سڃ کي ساڻ ڏسي، +رُئان رت ٿي اُجَڙَ اهڃاڻ ڏسي. +جن کي سڪندي ڪيئي سال ٿيا، +وڃي کائر ۾ خوشحال ٿيا، +هتي ههڙا منهنجا حال ٿيا، +وڃ�� پرت وندي کي پاڻَ ڏسي، +رُئان رت ٿي اُجَڙَ اهڃاڻ ڏسي. +مان ته ٻاٻاڻن جي ٻول ٻَڌِي، +ويا ويڙهيچا مون کان ڏُورِ وَڌِي، +موٽي سانگيئڙن نه ڪا سارَ لَڌِي. +منهنجي قرب ۾ ڪهڙي ڪاڻ ڏسي، +رُئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي. + +مون کي ويڙهيچا نه وساريندا، +سگهو واڳ وطن ڏي واريندا، +منهنجي پاپن کي نه پچاريندا، +مون کي عاجز ۽ اڻ ڄاڻ ڏسي، +رُئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي. +وڄون نيٺ وريون سارنگ ساٺ ڪيو، +اجهو ڏوٿيئڙن جو ڏرت ويو، +”سردار علي“ کي ڀي ساهه پيو. +وري مِينُهَنِ جا مانڊاڻَ ڏسي، +رُئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي. + +(23) +مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين، +چڪي چاڪ ٿيا ناسُورَ پرين. +تنهنجا ارڏا نيڻ اُچائِنَ ٿا، +هڻي گهُورَ دِلينِ کي گهائِنِ ٿا، +تکا ابرو تيغ وَهائِن ٿا، +ڪن ڏاڍا ڪيس ڪلور پرين، +مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين. +تنهنجا وار سڄڻ وَاللَّيل عجب، +جن ۾ تازا تيل ڦليل عجب، +اهي نانگ هڻن ٿا نيل عجب، +تنهنجي دام جو هي دستور پرين، +مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين. +تنهنجا ڏند سڄڻ دلبند چوان، +لب لعل شهد ۽ قند چوان، +تنهنجا عارض صاف سُڳَندِ چوان، +تنهنجي پيشاني پُر نُورُ پرين. +مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين. +تنهنجو جوڀن حسن جمال بلي، +رخ روشن مِهر مثال بلي، +تنهنجي انگ انگ جو احوال بلي، +تنهنجو مُک مُک تي مذڪور پرين، +مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين. +تنهنجي سونهن ٻڌي ”سردار علي“، +آيو در تنهنجي دلدار هلي، +ڪر ان سان اچي ڀوتار ڀَلِي، +جيڪو وِک وِک تي وهلور پرين، +مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين. + +(24) +پنهنجي لالڻ وٽ ليلائي منگتا مانُ وٺي ويا، +ٻڌي ٻانهون سر نِوڙائي در تان وٺي ويا. +هستي هوڏ حرام ڪري- ويٺا هٺ کي هيسائي، +نئڙت منجهه نهال ٿيا- ويا ساجَنُ سَرچائي، +پڪو پيمان وٺي ويا... +ڪين ڏسي وڻڪار ڏي- ڪا وسندي واجهائي، +ڇانو ڇپر ٻيو ڇا ڪندا- جيڪي ساجن جي سائي، +تنبو طولان وٺي ويا... +مرض سڃاتو ڪينڪي- ڇڏيو ويڄن وچڙائي، +دارون دردمندن جو- ڪيو هاديءَ هَٿ لائي، +دُکي درمان وٺي ويا... +راضي ٿيندو راءُ- مگر ڪو ٻانهپ ٻولائي، +ڪين ڇڏيندو ڪارڻي- ويو ستگر سمجهائي، +گُر کان گيان وٺي ويا... +سام پيو ”سردار علي“- شل محب نه موٽائي، +واٽ اويڙيءَ مان ڪڍي- شل دلبر دڳ لائي، +جهڙو ڪي جوان وٺي ويا... + +(25) +تنهنجا عين وجهن آنبُورَ، +دل ۾ دام دخل سان. +ڪن ڪيڏا ڪيِس ڪلور، +ڪارا نين ڪجل سان. +رخ تنهنجو رحمان جي صورت، +پيشاني پُر نوُر، +آهي نسبت هوت حضور، +تنهنجي حسنِ ازل سان. +تنهنجي عين اشاري سان ٿيو، +غين جو ختم غرور، +ٿيا موذي سڀ مفرور، +تنهنجي ٻانهن اڇل سان. +ڪن فيڪون جا قصد ڪروڙين، +جنت، طيبا، طور، +ٿيا ماٺ مڙيئي مشهور، +تنهنجي رنگ محل سان. +سام پيو ”سردار علي“، +ڪئي مُحب مِٺي منظور، +ٿيا درد مڙيئي دور، +ديدن جي درمل سان. + +(26) +سڻ بي واهي جي بات- راڻا، رات رهي وڃ. +تنهنجي طلب اندر ۾ تات- راڻا، رات رهي وڃ. +روئندي روئندي رات وهاڻي، +پرهه ڦٽي پرڀات- راڻا، رات رهي وڃ. +پل پل تنهنجا پور پون ٿا، +وَلِ وَلِ وائي وات- راڻا، رات رهي وڃ. +پانڌي آندي پر هيڪاندي، +سُورن جي سوغات- راڻا، رات رهي وڃ. +آءُ اڪيلو ٻانهن نه ٻيلي، +هَوُلَ ڀريا حالات- راڻا، رات رهي وڃ. +ڏيهه سڏي شل ڪين ڏها ڳڻ، +هُوندي شال حيات- راڻا، رات رهي وڃ. +نيڻ بنجي ويا نيسارا، +بند نه ٿئي برسات- راڻا، رات رهي وڃ. +تو بِنَ راڻا ٿيا ويڳاڻا، +مومل جي محلات- راڻا، رات رهي وڃ. +سام پيو ”سردار علي“، +ڪو مرض اچي سڀ مات- راڻا، رات رهي وڃ. + +(27) +توکي ساري منهنجو س��هه- راڻا، رات رهي وڃ. +ڪر نرمل نيڪ نگاهه- راڻا، رات رهي وڃ. +تنهنجي اچڻ جي آس اندر ۾، +روز تڪيان ٿي راهه- راڻا، رات رهي وڃ. +پاند ڳچي پائي پرچايان، +گنديءَ منجهه گُناهه- راڻا، رات رهي وڃ. +سهڻا، لوڪ ڪري ٿو مون کي، +طعنن ساڻ تباهه- راڻا، رات رهي وڃ، +آههِ مَدَدَ ۾ مينڌرا، +تنهنجي واهر ۾ ويساهه- راڻا، رات رهي وڃ، +مان لڄ تنهنجي، شال لڪائين، +سوڍا ڪر ساڃاهه- راڻا، رات رهي وڃ، +رحم وجهي تنهنجي روح ۾، +توکي آڻي شال الله- راڻا، رات رهي وڃ، +سام پيس ”سردار علي“ چئي، +تنهنجو پاندُ پناهه- راڻا، رات رهي وڃ. + +(28) +خدا جي دين جي دولت، حسين ابن عليؑ، +متاعِ عشق و محبت، حسين ابن عليؑ، +نصابِ حق جي عبارت، حسين ابن عليؑ، +رديف نظم رسالت، حسين ابن عليؑ، +حصار شهرِ شريعت، حسين ابن عليؑ، +حفيظ تاج طريقت، حسين ابن عليؑ، +نشان راهِ حقيقت، حسين ابن عليؑ، +عطائه عشق جي رفعت، حسين ابن عليؑ، +درود صبح جي دعوت، حسين ابن عليؑ، +نمازِ عشق جي نوبت، حسين ابن عليؑ، +نفس نفس جي نصيحت، حسين ابن عليؑ، +قدم قدم جي قيادت، حسين ابن عليؑ، +شَهه اُمَم جي امانت، حسين ابن عليؑ، +عظيم تحفہِ اُمّت، حسين ابن عليؑ، +شهيدِ حق وصداقت، حسين ابن عليؑ، +بقائي دِين جي بشارت، حسين ابن عليؑ، +تمنا آهه اها زندگي ۾ ذاڪر جي، +ڪرائي پنهنجي زيارت، حسين ابن عليؑ. + + + + + + +(رباعيات) +سلطان شهيدن جو، ولين جو ولي، +عالي نسبي آقا، اصلي نسلي، +ايثار ۾ يڪتائي زمان لم يزلي، +سو ابن علي آهه حسين ابن علي. +جنهن اذن شهادت جي ٻڌي بات ڀلي، +لبيڪ چئي ان جي اڳيان جهولي جهلي، +سر ڏيئي ڪئي پنهنجي حياتي سڦلي، +سو ابن علي آهه حسين ابن علي. +هڪ انگ شهادت جو لکيل هئو ازلي، +ناقابلِ تسنيخ اهو لفظ جلي، +جنهن ان جي پروڙي سڄي حڪمت عملي، +سو ابن علي آهه حسين ابن علي. \ No newline at end of file