diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Religion/Book4.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book4.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book4.txt" @@ -0,0 +1,1499 @@ +ڪتاب جو نالو: نماز جنت جي ڪنجي + + + +نماز جنت جي ڪنجي +گل حسن ڪلمتي + + + +بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيم + + +وَلِلهِ الۡاَسۡمَاءُ الۡحُسۡنٰي فَادۡعُوۡهُ بِهَا +ترجمو: الله جا ئي سڀ سٺا نالا آهن. توهان ان کي انهن نالن سان سڏيو. + +حضرت ابوهريرة رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته: +ان لله تسعة وتسعين اسمًا من احصاها دخل الجنة. (بخاري ومسلم) +ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ جا نوانوي نالا آهن. جيڪو به انهن کي ياد ڪري، اهو جنتي ٿي ويو. +حديث ۾ آهي ته انهن نالن کي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ سان انسان جنتي ٿي ويندو آهي. حصول برڪت، رزق ۾ واڌارو، جسماني، روحاني صحت ۽ دين ۽ ايمان جي سلامتي جي لاءِ بهترين مجرب وظيفو آهي. فجر جي نماز کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت مان فارغ ٿي هڪ دفعو اسماء حسنيٰ جو ورد ڪرڻ گهرجي. پاڻ نه ٿا پڙهي سگهو ته ڪنهن کان پڙهائي ٻڌو. انهن اسماء حسنيٰ جي مجموعي جي اها خصوصيت آهي ته ان جي هر نالي سان ان جا عدد رکيا ويا آهن. + + +سورة ياسين +پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته هر شيءِ جي دل آهي. قرآن مجيد جي دل سورة يٰسٓ آهي ۽ هن جي پڙهندڙ لاءِ بهشت جا اٺ دروازا کلي وڃن ٿا، تان ته اهو جهڙي دروازي مان گهري، داخل ٿئي. +٤٤٩ +٤٤٦ +٤٥١ +٤٤٠ +٤٥٢ +٤٤٢ +٤٤٧ +٤٢٥ +٤٢٤ +٤٤٥ +٤٤٨ +٤٤٢ +٤٣٧ +٤٣١ +٤٤١ +٤٤٢ +٤٣٠ +٤٤٠ +٤٢٦ +٤٢٣ +٤٢٨ +٤٢٩ +٤٢٥ +٤٣١ +٤٢٧ +٤٣٣ +٤٢٩ +٤٢٦ +٤٢٩ +٤٢٢ +٤٢٨ +٤٣١ +٤٣٩ +٤٥٥ +٤٢٢ +٤٥٢ +حديث شريف ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو سڪرات جي حالت ۾ هجي، انهيءَ تي سوره يٰسٓ پڙهي وڃي ته ان جي موت ۽ سڪرات جي سختي آسان ٿيندي. +هن سورة جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو ثواب هڪ قرآن مجيد جي برابر آهي. يٰسٓ والقرآن الحکيم لکي جيڪو پاڻ وٽ رکندو ته سڀ ماڻهو انهيءَ جي عزت ڪندا. بيمار جي لاءِ هن جو نقش باعثِ شفا آهي. + + +اآياتها ٨٣ سُوْرَةُ يس"“ مَكِيَّةٌ ركوعها٥ + + +بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيم +شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جو گهڻو مهربان نهايت رحم وارو آهي + + +يس"“ [1]وَالْقُرْاآنِ الْحَكِيْمِ[2] إنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِين[3] عَلبر صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْمٍ[4] تَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْمِ[5] لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اآبَآؤُهُمْ فَهُمْ غَافِلُوْنَ [6] +ترجمو: ياسين قسم آهي حڪمت واري قرآن جو. بيشڪ تون رسولن مان آهين. سڌي رستي تي. جو لاٿل آهي غالب رحم ڪندڙ کان. تان ته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه ڊيڄاريا ويا انهن جا ابا ڏاڏا پوءِ اهي غافل آهن. + +لَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلي“× أكْثَرِهِمْ فَهُمْ لاَ يُؤْمِنُوْنَ [7] إنَّا جَعَلْنَا في“ أعْنَاقِهـمْ أغْلاَلاً فَهـيَ إلَي الأذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ [8] وَجَعَلْنَا مِنْ بَيْنِ أيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهـمْ سَدًّا فَأغْشَيْنَاهُمْ فَهُمْ لاَ يُبْصِرُوْنَ [9] وَسَوَاآءٌ عَلَيْهـمْ ءَأنْذَرْتَهُمْ أمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لاَ يُؤْمِنُوْنَ [10] إنَّمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحمنَ بمالْغَيْبِ فَبَشّـرْهُ بممَغْفِرَةٍ وَّأجْرٍ كَرِيْمٍ[11] إنَّا نَحْنُ نُحْيِ الْمَوْتبر وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَ اآثَارَهُمْ وَكُلَّ شَيْ/ أحْصَيْنَاهُ في“ إمَامٍ مُّبـيْنٍ [12] وَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلاً أصْحَابَ الْقَرْيَةِ إذْ جَآءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ [13] إذْ أرْسَلْنَآ إلَيْهـمُ اثْنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بمثَالِثٍ فَقَالُوْا“ إنَّآ إلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ [14] +بيشڪ ثابت ٿيو الله جو حڪم انهن مان گهڻن تي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا. بيشڪ اسان وڌو انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ پوءِ اهي پهچي ويا کاڏين تائين سو اهي مٿو مٿي کنيل آهن ۽ اسان ٺاهي انهن جي سامهون هڪ ڀت ۽ (وري) انهن جي پٺيان به هڪ ڀت پوءِ اسان کين ڍڪيو پوءِ اهي نه ڏسندا ۽ برابر آهي انهن تي ته انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اهي ايمان نه آڻيندا. رڳو ڊيڄاريندين انهيءَ کي جنهن نصيحت جي تابعداري ڪئي ۽ ڊنو رحمــٰن کان بنا ڏٺي پوءِ خوشخبري ڏي کيس بخشش ۽ عزت واري اجر جي. بيشڪ اسين جيارينداسون مئلن کي ۽ لکون ٿا جيڪي عمل اڳتي موڪليا اٿن ۽ سندن احوال به ۽ هر شيءِ کي اسان محفوظ رکيو آهي واضح ڪتاب ۾. ۽ بيان ڪر انهن لاءِ هڪ مثال ڳوٺ وارن جو، جڏهن انهن وٽ رسول آيا. جڏهن اسان موڪليا انهن ڏي ٻه (رسول) ته کين ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان مدد ڪئي ٽئين سان جن چيو ته تحقيق اسان رسول آهيان. + +قَالُوْا مَآ أنْتُمْ إلاَّ بَشَرٌ مّـثْلُنَا وَمَآ أنْزَلَ الرَّحمنُ مِنْ شَيْ/ إنْ أنْتُمْ إلاَّ تَكْذِبُوْنَ [15] قَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ إنَّآ إلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ [16] وَمَا عَلَيْنَآ إلاَّ الْبَلاَغُ الْمُبـيْنُ [17] قَالُوْا“ إنَّا تَطَيَّرْنَا بمكُمْ لَئِنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُمْ مِنَّا عَذَابٌ ألِيْمٌ [18] قَالُوْا طَآئِرُكُمْ مَعَكُمْ أئِنْ ذُكِّرْتُمْ بَلْ أنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ [19] وَجَآءَ مِنْ أقْصَي الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعبرقَالَ يَاقَوْمِ اتَّبـعُوا الْمُرْسَلِين[20] إتَّبـعُوْا مَنْ لاَّ يَسْألُكُمْ أجْرًا وَّهُمْ مُّهْتَدُوْنَ [21] وَمَا لِيْ لاَ آأعْبُدُ الَّذِيْ فَطَرَنِيْ وَإلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ [22] +(ماڻهن) چيو ته توهان ته اسان جهڙا انسان آهيو ۽ نه نازل ڪئي آهي خدا ڪابه شيءِ، نه آهيو توهان مگر ڪوڙ ڳالهائيندا. (رسولن) چيو اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته اسان اوهان ڏي موڪليل آهيون. ۽ ناهي اسان تي مگر پهچائڻ پڌرو. (ڳوٺاڻن) چيو بيشڪ اسان توهان کي منحوس سمجهيو آهي، جيڪڏهن توهان باز نه ايندوَ ته سنگسار ڪيا ويندوَ ۽ ضرور پهچندو اوهان کي اسان کان ڏکوئيندڙ عذاب. چيو (رسولن) توهان جي نحوست توهان سان آهي. ڇا جيڪڏهن توهان کي نصيحت ڪئي وڃي بلڪ توهان حد لنگهندڙ آهيو. ۽ آيو شهر جي پرين پاسي کان هڪ مڙس ڊوڙندو، چيائين ته اي منهنجي قوم! تابعداري ڪريو رسولن جي. تابعداري ڪريو انهن جي جيڪي نٿا گهرن اوهان کان ڪو اجر ۽ اهي هدايت يافته آهن ۽ مون کي ڇا آهي جو نه عبادت ڪريان ان جي جنهن مون کي پيدا ڪيو. + +ءَأتَّخِذُ مِنْ دُوْنِه* اآلِهَةً إنْ يُّرِدْ =لرَّحمنُ بمضُرٍّ لاَّ تُغْنِ عَنِّيْ شَفَاعَتُهُمْ شَيْئًا وَّلاَ يُنْقِذُوْنِ [23]إنِّيْ “إذًا لَّفِيْ ضَلاَلٍ مُّبـيْنٍ [24] إنِّيْ ا×مَنْتُ بمرَبمّكُمْ فَاسْمَعُوْنِ [25]قِيْلَ ادْخُلِ الْجَنَّةَ قَالَ يَالَيْتَ قَوْمِيْ يَعْلَمُوْنَ[26] بممَا غَفَرَ لِيْ رَبّـيْ وَجَعَلَنِيْ مِنَ الْمُكْرَمِين[27] وَمَآ أنْزَلْنَا عَلي× قَوْمِه* مِنْ بَعْدِه* مِنْ جُندٍ مّـنَ السَّمَآ÷ وَمَا كُنَّا مُنْزِلِين[28] إنْ كَانَتْ إلاّ صَيْحَةً وَّاحِدَةً فَإذَا هُمْ خَامِدُوْنَ [29] يَاحَسْرَةً عَلَي الْعِبَادِ مَا يَاْتِيْهـمْ مّـنْ رَّسُوْلٍ إلاَّ كَانُوْا بمه* يَسْتَهْزِءُوْن [30] ألَمْ يَرَوْا كَمْ أهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِنَ الْقُرُوْنِ أنَّهُمْ إلَيْهـمْ لاَ يَرْجـعُوْنَ [31] +۽ انهيءَ ڏي ئي موٽايا ويندوَ. ڇا مان ٺاهيان ان کان سواءِ ڪو معبود جو جيڪڏهن ارادو ڪري رحمــٰن مون کي تڪليف ڏيڻ جو ته نه ڪم ايندي مون کي سندن شفاعت ڪجهه به ۽ نه مون کي ڇڏائيندا. تحقيق آءٌ ته تڏهن ضرور هوندس واضح گمراهي ۾. بيشڪ مون ته ايمان آندو اوهان جي پالڻهار تي ته منهنجي ڳالهه ٻڌو. چيو ويو ته داخل ٿي وڃ بهشت ۾. چيائين ڪاش منهنجي قوم ڄاڻي ها (انهيءَ کي) جيڪا بخشش ڪئي منهنجي، منهنجي رب ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين ۽ نه لاٿي اسان ان جي قوم تي انهيءَ کان پوءِ ڪا فوج آسمان مان ۽ نه (وري) هئاسون لاهيندڙ. نه هئي مگر هڪ رڙ پوءِ اچانڪ اهي وسامي ويا. افسوس آهي، ٻانهن تي نه ايو انهن وٽ ڪوبه رسول مگر اهي هئا انهيءَ سان مسخري ڪندا. ڇا نه ڏٺائون ته ڪيتريون اسان هلاڪ ڪيون انهن کان اڳ پيڙهيون؟ بيشڪ اهي انهيءَ ڏي نه موٽايا ويندا. + +وَإنْ كُلٌّ لَّمَّا جَمِيْعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُوْنَ [32] وَا×يَةٌ لَّهُمُ الأرْضُ الْمَيْتَةُ أحْيَيْنَاهَا وَأخْرَجْنَا مِنْهَا حَبًّا فَمِنْهُ يَاْكُلُوْنَ [33] وَجَعَلْنَا فِيْهَا جَنَّاتٍ مّـنْ نَخِيْلٍ وَّأعْنَابٍ وَفَجَّرْنَا فِيْهَامِنْ الْعُيُوْنِ [34] لِيَاْكُلُوْا مِنْ ثَمَرِه* وَمَا عَمِلَتْهُ أيْدِيْهـمْ أفَلاَ يَشْكُرُوْنَ [35] سُبْحَانَ الَّذِيْ خَلَقَ الأزْوَاجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنْبـتُ الأرْضُ وَمِنْ أنْفُسِهـمْ وَمِمَّا لاَ يَعْلَمُوْنَ [36] وَا×يَةٌ لَّهُمُ اللَّيْلُ نَسْلَخُ مِنْهُ النَّهَارَ فَإذَا هُمْ مُّظْلِمُوْنَ [37] وَالشَّمْسُ تَجْرِيْ لِمُسْتَقَرٍّ لَّهَا ذ×لِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ[38] وَالْقَمَرَ قَدَّرْنَاهُ مَنَازِلَ جمي عَادَ كَالْعُرْجُوْنِ الْقَدِيْمِ[39] +۽ انهن سڀني کي اسان وٽ حاضر ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني آهي ويران ٿيل زمين جنهن کي اسان آباد ڪيو ۽ منجهانئس اناج ڪڍيو، پوءِ انهيءَ مان کانئن ٿا ۽ انهيءَ ۾ بناياسون کجين ۽ انگورن جا باغ ۽ وهاياسون انهيءَ ۾ چشما تان ته کائين انهيءَ جي ميون مان ۽ نه ٺاهيو انهيءَ کي سندن هٿن. ڇا پوءِ به شڪر نٿا ڪن؟ پاڪ آهي اها ذات جنهن پيدا ڪيا سڀ قسم انهن شين جا جن کي اپائي ٿي زمين ۽ سندن جانين مان ۽ انهن کي جن کي اهي نٿا ڄاڻن ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني آهي رات جنهن مان اسين ڏينهن ڇڪي ٿا ڪڍون پوءِ اونداهيءَ ۾ ٿا رهجي وڃن ۽ سج هلي ٿو پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي اهو اندازو آهي زبردست (الله پاڪ) جو، جيڪو هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي. ۽ چنڊ جون اسان مقرر ڪيون آهن منزلون تانجو پراڻي ڇڙي جيان ٿيو پوي. + +لاَ الشَّمْسُ يَنْبَغِيْ لَهَا أنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ وَلاَ اللَّيْلُ سَابمقُ النَّهَارِ وَكُلٌّ في فَلَكٍ يَّسْبَحُوْنَ [40] وَا×يَةٌ لَّهُمْ أنَّا حَمَلْنَا ذُرِّيَّتَهُمْ فِي الْفُلْكِ الْمَشْحُوْنِ [41] وَخَلَقْنَا لَهُمْ مّـنْ مّـثْلِه* مَا يَرْكَبُوْنَ [42] وَإنْ نَّشَاْ نُغْرِقْهُمْ فَلاَ صَرِيْخَ لَهُمْ وَلاَ هُمْ يُنْقَذُوْنَ [43] إلاَّ رَحْمَةً مّـنَّا وَمَتَاعًا إلى حِيْنٍ [44] وَإذَا قِيْلَ لَهُمُ اتَّقُوْا مَا بَيْنَ أيْدِيْكُمْ وَمَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَ [45]وَمَا تَاْتِيْهـمْ مِّنْ ا×يَةٍ مّـنْ ا×يَاتِ رَبمّهـمْ إلاَّ كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِين[46] وَإذَا قِيْلَ لَهُمْ أنْفِقُوْا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللهُ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ ا×مَنُوْا أنُطْعِمُ مَنْ لَّوْ ي��شَآءُ اللهُ أطْعَمَهُ إنْ أنْتُمْ إلاَّ في ضَلاَلٍ مُّبـيْنٍ [47] +نه (وري) سج کي مناسب آهي جو هو پهچي چنڊ کي ۽ نه (ئي) رات اڳتي وڌندڙ آهي ڏينهن کان ۽ سڀ آسمان ۾ ترن ٿا ۽ نشاني آهي انهن لاءِ ته اسان کنيو سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ۽ اسان پيدا ڪيون انهن جي لاءِ انهيءَ جهڙيون (سواريون) جن تي سوار ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن اسان گهرون ته کين ٻوڙيون پوءِ انهن لاءِ نه ڪو مددگار هوندو ۽ نه اهي بچايا ويندا، سواءِ اسان جي رحمت ۽ ڪجهه وقت تائين فائدي وٺڻ جي ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ڊڄو ان کان جيڪي توهان جي اڳيان آهي ۽ جيڪي توهان جي پٺيان آهي، من توهان تي رحم ڪيو وڃي ۽ وٽن نٿي اچي ڪا نشاني انهن جي رب جي نشانين مان مگر اهي ان کان منهن موڙيندڙ آهن. ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته خرچ ڪريو انهيءَ مان جيڪو اوهان کي رزق ڏنو الله ته ڪافر چون ٿا انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ته ڇا اسان کارايون انهيءَ کي جيڪڏهن گهري ها ته کارائي ها کيس الله نه آهيو توهان مگر پڌري گمراهيءَ ۾. + +وَيَقُوْلُوْنَ مَتبر لهذَا الْوَعْدُ إنْ كُنْتُمْ صَادِقِين[48] مَا يَنْظُرُونَ إلاَّ صَيْحَةً وَّاحِدَةً تَاْخُذُهُمْ وَهُمْ يَخِصّـمُوْنَ [49] فَلاَ يَسْتَطِيْعُوْنَ تَوْصِيَةً وَّلاَ إلى“ أهْلِهـمْ يَرْجـعُوْنَ [50] وَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ فَإذَا هُمْ مّـنَ الأجْدَاثِ إلى رَبِّهـمْ يَنْسِلُوْنَ [51]قَالُوْا يَاوَيْلَنَا مَنْ مبَعَثَنَا مِنْ مَّرْقَدِنَا لهذَا مَا وَعَدَ الرَّحمنُ وَصَدَقَ الْمُرْسَلُوْنَ [52] إنْ كَانَتْ إلاَّ صَيْحَةً وَّاحِدَةً فَإذَا هُمْ جَمِيْعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُوْنَ [53] فَالْيَوْمَ لاَ تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئًا وَّلاَ تُجْزَوْنَ إلاَّ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ [54] إنَّ أصْحَابَ الْجَنَّةِ الْيَوْمَ في شُغُلٍ فَاكِهُوْنَ [55] هُمْ وَأزْوَاجُهُمْ في ظِلاَلٍ عَلَي الأرَاآئِكِ مُتَّكِئُوْنَ [56] +۽ چون ٿا ته ڪڏهن ٿيندو اهو (سچو) انجام جيڪڏهن توهان سچا آهيو. نٿا انتظار ڪن مگر هڪ (اهڙي) رڙ جو، جيڪا کين پڪڙيندي جڏهن جو اهي جهڳڙو ڪندا هوندا. پوءِ نه ڪري سگهندا ڪا وصيت ۽ نه پنهنجي گهر وارن ڏي موٽي سگهندا. ۽ ڦوڪيو ويندو صور ۾ پوءِ ان وقت ئي اهي پنهنجين قبرن مان نڪري پنهنجي رب ڏي ڊوڙندا چوندا ته افسوس! ڪنهن اٿاريو اسان کي اسان جي قبرن مان؟ هي اهو آهي جنهن جو رحمــٰن وعدو ڪيو هو ۽ سچ چيو هو رسولن. نه هوندي مگر هڪ رڙ پوءِ ان وقت ئي اهي سڀ اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا. پوءِ اڄ نه ظلم ڪيو ويندو ڪنهن شخص تي ڪجهه به ۽ نه بدلو ڏنو ويندو توهان کي مگر جيڪي اوهان ڪندا هئا. بيشڪ جنت وارا اڄ پنهنجي شغل ۾ خوشيون ڪندڙ آهن. اهي ۽ سندن زالون ڇانون ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا آهن. + +لَهُمْ فِيْهَا فَاكِهَةٌ وَّلَهُمْ مَا يَدَّعُوْنَ [57]سَلاَمٌ قَوْلاً مّـنْ رَّبٍّ رَّحِيْمٍ[58]وَامْتَازُوا الْيَوْمَ أيُّهَا الْمُجْرِمُوْنَ [59] ألَمْ أعْهَدْ إلَيْكُمْ يَابَنِيْ “ اآدَمَ أنْ لاَّ تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ إنَّه, لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبـيْنٌ [60] وَأنِ اعْبُدُوْنِيْ لهذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ [61] وَلَقَدْ أضَلَّ مِنْكُمْ جـبـلاًّ كَثِيْرًا أفَلَمْ تَكُوْنُوْا تَعْقِلُوْنَ [62] لهذِه* جَهَنَّمُ الَّتِيْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ [63] إصْلَوْهَا الْيَوْمَ بممَا كُنْتُمْ تَكْفُرُوْنَ [64] ألْيَوْمَ نَخْتِمُ عَليד أفْوَاهِهـمْ وَتُكَلِّمُنَآ أيْدِيْهـمْ وَتَشْهَدُ أرْجُلُهُمْ بممَا كَانُو��ا يَكْسِبُوْنَ [65] وَلَوْ نَشَآءُ لَطَمَسْنَا عَلي× “ أعْيُنِهـمْ فَاسْتَبَقُوا الصّـرَاطَ فَأنير يُبْصِرُوْنَ [66] +انهن لاءِ انهيءَ ۾ ميوا هوندا ۽ انهن لاءِ اهو ڪجهه آهي، جو گهرندا. سلام (جو) قول هوندو رب مهربان طرفان. ۽ جدا ٿيو اڄ اي گنهگارو! ڇا اسان توهان کي تاڪيد نه ڪيو هو اي آدم جي اولاد ته نه عبادت ڪريو شيطان جي، بيشڪ اهو توهان جو پڌرو دشمن آهي. ۽ هيءُ ته منهنجي عبادت ڪريو، اهو ئي سڌو رستو آهي. ۽ البته بيشڪ انهي گمراه ڪيو اوهان مان گهڻن ماڻهن کي، ڇا پوءِ اوهان نه ٿي سمجهيو؟ هيءُ آهي اهو دوزخ جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو، داخل ٿيو اڄ ان ۾ جو توهان ڪفر ڪندا هيوَ. اڄ مهر هڻنداسون اسان سندن واتن تي ۽ ڳالهائيندا اسان سان سندن هٿ ۽ شاهدي ڏيندا سندن پير انهيءَ تي جو هو ڪندا هئا. ۽ جيڪڏهن گهرون ته اسان ناس ڪريون سندن اکين کي، پوءِ رستي ڏي وڌندا ته ڪٿان ڏسندا؟ + +وَلَوْ نَشَآءُ لَمَسَخْنَاهُمْ عَلي× مَكَانَتِهـمْ فَمَا اسْتَطَاعُوْا مُضِيًّا وَّلاَ يَرْجـعُوْنَ [67] وَمَنْ نُعَمّـرْهُ نُنَكِّسْهُ فِي الْخَلْقِ أفَلاَ يَعْقِلُوْنَ [68] وَمَا عَلَّمْنَاهُ الشّـعْرَ وَمَا يَنْبَغِيْ لَه, إنْ هُوَ إلاَّ ذِكْر ٌ وَّقُرْا×نٌ مُّبـيْنٌ [69] لِيُنْذِرَ مَنْ كَانَ حَيًّا وَّيَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَي الْكَافِرِيْنَ [70] أوَلَمْ يَرَوْا“ أنَّا خَلَقْنَا لَهُمْ مّـمَّا عَمِلَتْ أيْدِيْنَا أنْعَامًا فَهُمْ لَهَا مَالِكُوْنَ [71] وَذَلَّلْنَاهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوْبُهُمْ وَمِنْهَا يَاْكُلُوْنَ [72] وَلَهُمْ فِيْهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ أفَلاَ يَشْكُرُوْنَ [73] وَاتَّخَذُوْا مِنْ دُونِ اللهِ ا×لِهَةً لَّعَلَّهُمْ يُنْصَرُوْنَ [74] لاَ يَسْتَطِيْعُوْنَ نَصْرَهُمْ وَهُمْ لَهُمْ جُندٌ مُّحْضَرُوْنَ [75] +۽ جيڪڏهن اسان گهرون ته انهن جون شڪليون بدلائي ڇڏيون، پوءِ نه اهي اڳتي هلي سگهندا ۽ نه پٺتي موٽي سگهندا. ۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا تنهن کي بناوٽ ۾ ابتو گهٽايون ٿا، ڇا پوءِ عقل کان ڪم نٿا وٺن؟ ۽ اسان پيغمبر کي شعر نه سيکاريو ۽ نه اهو ان جي لائق آهي. نه آهي اهو مگر نصيحت ۽ ظاهر قرآن. تان ته اهو ڊيڄاري ان کي جيڪو زنده (دل) هجي ۽ ثابت ٿئي حجت ڪافرن تي. ڇا پوءِ ڏٺائون ته اسان انهن جي لاءِ خلقيا انهن مان جن کي ڪيو اسان جي هٿن مال پوءِ اهي انهن جا مالڪ آهن ۽ اسان انهن کي سندن لاءِ تابعدار ڪيو ته انهن مان ڪي سندن سواريون آهن ۽ انهن مان ڪن کي کانئن ٿا ۽ انهن لاءِ منجهن فائدا ۽ پيئڻ جون شيون آهن، ڇا پوءِ شڪر نٿا ڪريو؟ ۽ بنايا اٿن خدا کان سواءِ ڪي معبود ته من سندن مدد ڪئي وڃي. ۽ اهي طاقت نٿا رکن سندن مدد جي ۽ اهي سندن لاءِ لشڪر (مخالف) ڪري پيش ٿيندو. + +فَلاَ يَحْزُنْكَ قَوْلُهُمْ إنَّا نَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ [76] أوَلَمْ يَرَ الإنْسَانُ أنَّا خَلَقْنَاهُ مِنْ نُّطْفَةٍ فَإذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبـيْنٌ [77] وَضَرَبَ لَنَا مَثَلاً وَّنَسِيَ خَلْقَه, قَالَ مَنْ يُّحْيِيَ الْعِظَامَ وَهِيَ رَمِيْمٌ[78]قُلْ يُحْيـيْهَا الَّذِيْ “أنشَأهَآ أوَّلَ مَرَّةٍ وَّهُوَ بمكُلِّ خَلْقٍ عَلِيْمُ[79]=لَّذِيْ جَعَلَ لَكُمْ مّـنَ الشَّجَرِ الأخْضَرِ نَارًا فَإذَاآ أنْتُمْ مِنْهُ تُوقِدُوْنَ [80] أوَلَيْسَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمو "×تِ وَالأرْضَ بمقَادِرٍ عَلي× “ أنْ يَّخْلُقَ مِثْلَهُمْ بَلبر وَهُوَ الْخَلاَّقُ الْعَلِيْمُ[81] إنَّمَآ أمْرُه, إذَاآ أرَادَ شَيْئًا أنْ يَّقُوْلَ لَه, كُنْ فَيَكُوْنُ [82] فَسُبْحَانَ الَّذِيْ بميَدِه* مَلَكُوْتُ كُلِّ شَيْ/ وَّإلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ [83] +پوءِ نه رنج ڏين توکي انهن جا ٻول، بيشڪ اسين ڄاڻيون ٿا جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا. پوءِ ڀلا نه ڏٺو انسان ته اسان کيس پيدا ڪيو نطفي مان پوءِ به هو ظاهر ظهور جهيڙاڪ آهي. ۽ اسان لاءِ مثال بيان ڪري ٿو جڏهن ته ڀلائي ٿو پنهنجي خِلقت کي، چيائين ڪير زنده ڪندو هڏين کي حالانڪ اهي ڳريل هونديون؟ چؤ انهن کي اهو ئي زنده ڪندو جنهن پهريون ڀيرو کين پيدا ڪيو ۽ اهو هر طرح جي خَلق کي ڄاڻندڙ آهي. اهو جنهن ٺاهي توهان لاءِ سائي وڻ مان باهه، جنهن مان توهان حرارت حاصل ڪريو ٿا. ڇا (اها هستي) جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، اهو ان تي قادر نه آهي ته کين ساڳي طرح پيدا ڪري؟ هائو اهو ئي پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي. هن جو حڪم ته (بس) اهو آهي ته جڏهن ڪنهن شيءِ جو ارادو ٿو ڪري ته ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ ته اها ٿي پوي ٿي. پوءِ پاڪ آهي اها ذات جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي ۽ انهيءَ ڏانهن ئي موٽايا ويندوَ. + + + +سورة رحمــٰن + +٣٠٣٠٦ +٣٠٣۰۹ +٣٠٣٧٦ +٣٠٣٠٢ +٣٠٣٠٧ +٣٠٣٠٤ +٣٠٣٩٧ +٣٠٣٠٣ +٣٠٣٠١ +٣٠٣٠٤ +٣٠٣۱۱ +٣٠٣٠٨ +٣٠٣١٠ +٣٠٣٩٩ +٣٠٣٠٠ +٣٠٣٠٥ +حديث ۾ آهي ته جيڪو سورة رحمــٰن پڙهندڙ آهي اهو الله تعاليٰ جي تمام نعمتن جو شڪر ادا ڪندو آهي. اکين جي سور واري کي پڙهي دم ڪري ته الله تعاليٰ بيمار کي شفا بخشي ۽ ٻرهل واري بيمار کي پڙهي دم ڪري ته تندرست ٿئي ٿو. ڪو 11 دفعا هيءَ سورت پڙهي ته پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي. تسخير عام لاءِ هن سورت کي اهڙي طرح پڙهي جو سج هڪ نيزو مٿي اچي ته ان وقت سج جي طرف آڱر سان اشارو ڪري ۽ منهن سج جي طرف ڪري فباي آلاءِ ربکما تکذبان تي سج ڏانهن اشارو ڪري. پهريائين 40 ڏينهن زڪوات جي نيت سان پڙهي ۽ پوءِ روزانو هڪ دفعو پڙهي. پڙهي نه سگهي ته ٽي دفعا فباي آلاءِ ربکما تکذبان پڙهي. مٿي ڏنل نقش کي لکي ڳچيءَ ۾ پائڻ سان هر حاجت پوري ٿيندي. (انشاءَ الله) + + + + +﷡ +شروع الله ٻاجهاري گهڻي رحم واري جي نالي سان + +ألرَّحمنُ [1]عَلَّمَ الْقُرْا×نَ [2]خَلَقَ الإنسَانَ [3]عَلَّمَهُ الْبَيَانَ [4]الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بمحُسْبَانٍ [5] +ترجمو: رحمــٰن. قرآن سيکاريو. پيدا ڪيائين انسان کي. سيکاريو کيس ڳالهائڻ. سج ۽ چنڊ حساب سان هلن ٿا. + +وَالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدَانِ [6]وَالسَّمَآءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيزَانَ [7] ألاَّ تَطْغَوْا فِي الْمِيْزَانِ [8]وَأقِيْمُوا الْوَزْنَ بمالْقِسْطِ وَلاَ تُخْسِرُوا الْمِيْزَانَ [9]وَالأرْضَ وَضَعَهَا لِلأنَامِ[10]فِيْهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الأكْمَامِ[11] وَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ [12]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [13]خَلَقَ الإنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ[14] وَخَلَقَ الْجَآنَّ مِنْ مَّار( ج) مِّنْ نَّارٍ[15] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [16] رَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ [17] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [18] مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ [19]بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لاَّ يَبْغِيَانِ [20] +وليون ۽ وڻ سجدو ٿا ڪن. ۽ آسمان کي انهيءَ بلند ڪيو ۽ رکيائين ترازي. ته نه حد کان لنگهو ترازيءَ ۾. ۽ تور پوري ڪريو انصاف سان ۽ کوٽ نه ڪريو تور ۾. ۽ زمين کي پکيڙيائين ماڻهن لاءِ. انهيءَ ۾ ميوا ۽ کجيون چپڙين واريون آهن. ۽ اَنُ ته�� وارو ۽ خوشبودار گل آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ پيدا ڪيائين انسان کي ٺڪري وانگر وڄندڙ مٽيءَ مان. ۽ پيدا ڪيائين جنن کي باه جي ڄڀي مان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ٻنهي اوڀرن جو رب آهي ۽ ٻنهي مغربن جو رب آهي. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ڇڏيائين ٻن سمنڊن کي ته ٻئي پاڻ ۾ گڏجن. ٻنهي ۾ پردو آهي هڪ ٻئي تي زيادتي نٿا ڪن. + +فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [21] يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَالْمَرْجَانُ [22]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [23] وَلَهُ الْجَوَار(ي الْمُنْشَا×تُ فِي الْبَحْرِ كَالأعْلاَمِ[24]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [25] كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ [26] وَّيَبْقبر وَجْهُ رَبمّكَ ذُو الْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ[27] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [28]يَسْألُه, مَنْ فِي السَّمو "×تِ وَالأرْضِ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ في شَاْنٍ [29] فَبـأيِّ ا×لآ÷رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [30]سَنَفْرُغُ لَكُمْ أيُّهَا الثَّقَلاَنِ [31] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [32] يَامَعْشَرَ الْجـنِّ وَالإنْسِ إنِ اسْتَطَعْتُمْ أنْ تَنْفُذُوْا مِنْ أقْطَارِ السَّمو "×تِ وَالأرْضِ فَانْفُذُوْا لاَ تَنْفُذُوْنَ إلاَّ بمسُلْطَانٍ [33] +پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ نڪرن ٿا انهن ٻنهي مان موتي ۽ مرجان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ۽ سندس ئي آهن سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز پهاڙن جيان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ جيڪو به ڪائنات ۾ آهي سو فاني آهي ۽ باقي رهندو چهرو تنهنجي عزت وعظمت واري رب جو. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ گهرن ٿا ان کان جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، هر روز اهو ڪنهن ڪم ۾ آهي. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اسان ستت ئي واندا ٿينداسين توهان لاءِ اي انسانؤ ۽ جنؤ! پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اي گروهء جن ۽ انسانو! جيڪڏهن ٿي سگهيوَ ته توهان نڪرو آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ته نڪرو، توهان نه نڪري سگهندوَ طاقت کان سواءِ. + +فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [34]يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِنْ نَّارٍ وَّنُحَاسٌ فَلاَ تَنْتَصِرَانِ [35] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [36] فَإذَا انْشَقَّتِ السَّمَاء“ُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِ [37] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [38]فَيَوْمَئِذٍ لاَّ يُسْألُ عَنْ ذَنْبـه* إنْسٌ وَّلاَ جَآنٌّ [39] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [40]يُعْرَفُ الْمُجْرِمُوْنَ بمسِيْمَاهُمْ فَيُؤْخَذُ بمالنَّوَاصِيْ وَالأقْدَامِ[41] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [42]لهذِه* جَهَنَّمُ الَّتِيْ يُكَذِّبُ بمهَا الْمُجْرِمُوْنَ [43] يَطُوْفُوْنَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيْمٍ ا×نٍ [44] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [45] +پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ڇڏي ويندي توهان تي باهه جي ڄڀي ۽ دونهون پوءِ نه بچي سگهندوَ توهان ٻئي. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ پوءِ جڏهن ڦاٽندو آسمان ته ٿي پوندو ڳاڙهو ڳاڙهي چم وانگر. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ پوءِ ان ڏينهن پنهنجي ��ناهه بابت ڪنهن انسان ۽ جن کان پڇيو نه ويندو. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ مجرمَ پنهنجي شڪلين سان سڃاتا ويندا ته کين پڪڙيو ويندو پيشاني جي وارن ۽ ٽنگن کان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ هي اٿوَ اهو جهنم، جنهن کي مجرمَ ڪوڙو ڪندا هئا. ايندا ويندا انهيءَ جي وچ ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ جي وچ ۾. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ + +وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبمّه* جَنَّتَانِ [46] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [47] ذَوَاتبر“ أفْنَانٍ [48] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [49]فِيْهـمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ [50]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [51] فِيْهـمَا مِنْ كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجَانِ [52]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [53] مُتَّكِئِين عَلي× فُرُشٍ بَطَائِنُهَا مِنْ إسْتَبْرَقٍ وَجَنَا الْجَنَّتَيْنِ دَانٍ [54] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [55] فِيْهـنَّ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إنْسٌ قَبْلَهُمْ وَلاَ جَآنٌّ [56] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [57] كَأنَّهُنَّ الْيَاقُوْتُ وَالْمَرْجَانُ [58] +۽ جيڪو ڊنو پنهنجي رب جي اڳيان بيهڻ کان تنهن لاءِ ٻه باغ آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اهي ٻئي گهاٽا آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما جاري آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ هر ميوي جا ٻه قسم آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ٽيڪ لڳايل ويهاڻن تي جن جو استر ٿلهي ريشم جو هوندو ۽ ميوو ٻنهي باغن جو ويجهو هوندو. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ منجهن هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون زالون هونديون جن کي کانئن اڳ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو هوندو ۽ نه ڪنهن جن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ڄڻ ته اهي لعل ۽ موتي آهن. + +فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [59]هَلْ جَزَاآءُ الإحْسَانِ إلاَّ الإحْسَانُ [60]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [61] وَمِنْ دُوْنِهـمَا جَنَّتَانِ [62]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [63]مُدْهَآمَّتَانِ [64]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [65] فِيْهـمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ [66]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [67]فِيْهِمَا فَاكِهَةٌ وَّنَخْلٌ وَّرُمَّانٌ [68]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [69]فِيْهـنَّ خَيْرَاتٌ حِسَانٌ [70] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [71]حُوْرٌ مَّقْصُوْرَاتٌ فِي الْخِيَامِ[72] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [73] لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إنْسٌ قَبْلَهُمْ وَلاَ جَآنٌّ [74]فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [75] +پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ناهي بدلو احسان جو مگر احسان. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ۽ انهن ٻنهي کان سواءِ ٻه ٻيا باغ آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اهي ٻئي ساوا آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ ڦوهارا هڻندڙ ٻه چشما آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن. پوءِ توهان ٻئي پنه��جي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ منجهن خوبصورت عورتون آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ اهي حورون تنبن ۾ بند آهن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ + +مُتَّكِئِين عَلي× رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَّعَبْقَرِيٍّ حِسَان ٍ[76] فَبـأيِّ ا×لآ÷ رَبمّكُمَا تُكَذِّبَانِ [77]تَبَارَكَ اسْمُ رَبمّكَ ذِي الْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ[78] +نه هٿ لاٿو هوندو کين ڪنهن انسان کانئن پهريائين ۽ نه ڪنهن جن. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ ٽيڪ لڳائي ساون وهاڻن تي ۽ سٺين چاندين تي ويٺا هوندا. پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ تنهنجي عزت ۽ عظمت واري رب جو نالو تمام بابرڪت آهي. + + +سورة ملک + +٣٣٢١٠ +٣٣١٩٤ +٢٣١٩٩ +٣٣١٩٦ +٣٣١٩٨ +٣٣٢٠٠ +٣٣١٩٧ +٣٣٢٠١ +٣٣١٩٥ +حضرت ابوهريره رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته قرآن مجيد ۾ 30 آيتن جي هڪ سورت آهي، جنهن پنهنجي پڙهندڙن لاءِ الله تعاليٰ وٽ ايتري تائين سفارش ڪئي جو انهيءَ کي بخشرايائين. اها سورة ملڪ يعني تبارڪ الذي آهي. +حضرت ابوهريره رضي الله عنہ کان پڻ روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته آءٌ ان ماڻهو کي دوست رکان ٿو، جنهن جي دل ۾ سورة مُلڪ هجي ۽ حضرت ابن عباس رضي الله عنهما جا الفاظ آهن ته سورة مُلڪ سورة منجيہ آهي، يعني نجات ڏيارڻ واري. آءٌ گهران ٿو ته هر مؤمن جي دل ۾ هجي جيڪو شخص هن کي 41 دفعا پڙهي ۽ هن جو نقش پاڻ وٽ رکي ته سندس سمورا مطلب پورا ٿين. ان کان سواءِ به هن سورة جا گهڻا ئي فضائل آهن، جن کي هتي بيان نٿو ڪري سگهجي. + + + + +﷡ +الله ٻاجهاري نهايت رحم واري جي نالي سان + +تَبَارَكَ الَّذِيْ بميَدِهِ الْمُلْكُ وَهُوَ عَلي× كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرُ[1]=لَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيَاةَ لِيَبْلُوَكُمْ أيُّكُمْ أحْسَنُ عَمَلاً وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ[2]الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمو"×تٍ طِبَاقًا مَا تَر×ي في خَلْقِ الرَّحمنِ مِنْ تَفَاوُتٍ فَارْجـع( الْبَصَرَ هَلْ تَر×ي مِنْ فُطُوْرٍ[3]ثُمَّ ارْجـع( الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنقَلِبْ إلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ[4]وَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَآءَ الدُّنْيَا بممَصَابميْحَ وَجَعَلْنَاهَا رُجُوْمًا لِّلشَّيَاطِيْنِ وَأعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ[5] +ترجمو: اهو الله وڏي برڪت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي. جنهن پيدا ڪيو موت ۽ زندگيءَ کي هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪير سٺو آهي عمل جي لحاظ کان، ۽ اهو زبردست بخشڻ وارو آهي. جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ!) تون رحمــٰن جي بناوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين، پوءِ تون ورائي نظر ڪر ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو؟ وري به کڻي بار بار نظر کي گهماءِ ڦراءِ ته اها (نظر) توڏي جهڪي ٿي واپس ايندي جڏهن ته اها ٿڪل هوندي. ۽ بيشڪ اسان پهرين آسمان کي سينگاريو ڏيئن سان ۽ بنايو اسان انهن کي شيطان جي چٽڻ لاءِ هٿيار ۽ سندن لاءِ تيار ڪيو باهه جو عذاب. + +وَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بمرَبمّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَبمئْسَ الْمَصِيْرُ[6] إذَا اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهـيْقًا وَّهِيَ تَفُوْرُ[7]تَكَادُ تَمَيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ كُلَّمَا اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَألَهُمْ خَزَنَتُهَآ ألَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ [8]قَالُوْا بَلبر قَدْ جَآءَنَا نَذِيْرٌ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللهُ مِنْ شَيْ/ إنْ أنْتُمْ إلاَّ في ضَلاَلٍ كَبـيْرٍ[9] وَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ أوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا في أصْحَابِ السَّعِيْرِ[10] فَاعْتَرَفُوْا بمذَنْبـهـمْ فَسُحْقًا +صْحَابِ السَّعِيْرِ[11] إنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بمالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّأجْرٌ كَبـيْرٌ[12] وَأسِرُّوْا قَوْلَكُمْ أوِ اجْهَرُوْا بمه* إنَّه, عَلِيْمٌ بمذَاتِ الصُّدُوْرِ[13] +۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جو ڪفر ڪيو، تن لاءِ جهنم جو عذاب (تيار) آهي ۽ (جهنم) بڇڙو ٺڪاڻو آهي. جڏهن به کين ان ۾ اڇلايو ويندو ته ٻڌندا ان جون هينگون ۽ اهو پيو ٽهڪندو. (ڄڻ) اجهو ٿي ڦاٽو ڪاوڙ سببان، جڏهن به منجهس اڇلايو ويندو ڪو ٽولو پڇندو کانئن سندس داروغو ڇا توهان ڏي ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو هو؟ چوندا هائو بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو هو پر اسان (کيس) ڪوڙو ڪيو ۽ چيو الله تعاليٰ ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي، ناهيو توهان مگر وڏي گمراهي ۾ (گرفتار). ۽ چوندا ڪاش! اسان ٻڌون ها ۽ عقل رکون ها ته نه ٿيون ها دوزخ وارا. تڏهن پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندا، پوءِ پري ٿين دوزخ وارا. بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا، تن لاءِ مغفرت ۽ وڏو اجر آهي. ۽ توهان پنهنجي ڳالهه لڪايو يا ان کي ظاهر ڪريو، بيشڪ اهو (خدا) ته دلين جي رازن کي ڄاڻندڙ آهي. + +ألاَ يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبـيْرُ [14] هُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الأرْضَ ذَلُوْلاً فَامْشُوْا في مَنَاكِبـهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِه* وَإلَيْهِ النُّشُوْرُ[15] ءَأمِنْتُمْ مَنْ فِي السَّمَآ÷ أنْ يَّخْسِفَ بمكُمُ الأرْضَ فَإذَا هِيَ تَمُوْرُ [16] أمْ أمِنْتُمْ مَنْ فِي السَّمَآ÷ أنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ[17] وَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهـمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ[18] أوَلَمْ يَرَوْا إلَي الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صَآفَّاتٍ وَّ يَقْبـضْنَ مَا يُمْسِكُهُنَّ إلاَّ الرَّحمنُ إنَّه, بمكُلِّ شَيْ/ بَصِيْرٌ[19] أمَّنْ لهذَا الَّذِيْ هُوَ جُندٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحمنِ إنِ الْكَافِرُوْنَ إلاَّ في غُرُوْرٍ[20] +ڀلا اهو نٿو ڄاڻي سگهي جنهن خلقيو جڏهن ته اهو اونهي نظر رکندڙِ پوري ڄاڻ وارو آهي. اهو الله ئي آهي جنهن زمين کي توهان لاءِ نرم ڪيو ته پوءِ ان جي پاسن ۾ هلو ۽ ان جي رزق مان کائو ۽ ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻو آهي. ڇا توهان ان کان محفوظ آهيو جيڪو آسمان ۾ آهي ته اهو توهان کي ڳهائي ڇڏي زمين ۾ پوءِ اها ڌڏڻ لڳي، يا توهان بي خوف آهيو ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته توهان تي ڪو پٿر وسائيندڙ موڪلي پوءِ توهان ستت ڄاڻي وٺندؤ ته ڊيڄارڻ ڪيئن آهي ۽ تحقيق انهن ماڻهن به ڪوڙو ڪيو هو جيڪي هنن کان اڳ هئا ته پوءِ ڪيئن هو عذاب؟ ڇا نه ڏٺائون ته سندن مٿان پکي پر پکيڙيندڙ ۽ بند ڪندڙ آهن، کين نٿو روڪي رکي مگر خدا تعاليٰ، بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي. ڀلا ڪير اهڙو آهي جو توهان جو لشڪر هجي مدد ڪري توهان جي خدا کان سواءِ؟ نه آهن ڪافر مگر ڌوڪي ۾ (مبتلا) + +أمَّنْ لهذَا الَّذِيْ يَرْزُقُكُمْ إنْ أمْسَكَ رِزْقَه, بَلْ لَّجُّوْا في عُتُوٍّ وَّنُفُوْرٍ[21] أفَمَنْ يَّمْشِيْ مُكِبًّا عَلي× وَجْهـه*آ أهْد×ي أمَّنْ يَّمْشِيْ سَوِيًّا عَلي× صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْمٍ[22] قُلْ هُوَ الَّذِيْ أنشَأكُمْ وَجَعَلَ لَكُمُ السّ��مْعَ وَالأبْصَارَ وَالأفْئِدَةَ قَلِيْلاً مَّا تَشْكُرُوْنَ [23] قُلْ هُوَ الَّذِيْ ذَرَأكُمْ فِي الأرْضِ وَإلَيْهِ تُحْشَرُوْنَ [24] وَيَقُوْلُوْنَ مَتبر لهذَا الْوَعْدُ إنْ كُنْتُمْ صَادِقِين[25] قُلْ إنَّمَا الْعِلْمُ عِنْدَ اللهِ وَإنَّمَآ أنَا نَذِيْرٌ مُّبـيْنٌ [26] فَلَمَّا رَأوْهُ زُلْفَةً سِيْئَتْ وُجُوْهُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَقِيْلَ لهذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بمه* تَدَّعُوْنَ [27] +ڀلا اهو ڪير آهي جو توهان کي رزق ٿو ڏئي، جيڪڏهن الله پنهنجي رزق کي روڪي بلڪ اهي سرڪشي ۽ ڀڄڻ ۾ لڳا پيا آهن. ڇا ڀلا جيڪو پنهنجي منهن ڪرندو هلي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو شخص جو برابر سڌي راهه تي هلي؟ چؤ اهو الله ئي آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ بنايائين توهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون، (تڏهن به) توهان گهٽ شڪر ڪريو ٿا. چئو الله ئي اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ آباد ڪيو ۽ انهيءَ ڏي ئي توهان گڏ ڪيا ويندوَ ۽ چون ٿا ته ڪڏهن پورو ٿيندو هي وعدو جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟ چؤ ته (ان جو) علم رڳو خدا وٽ آهي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. پوءِ جڏهن ان کي ويجهو ڏسندا ته ڪافرن جا منهن بڇڙا ٿي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو ته هيءُ اٿو اهو (عذاب) جنهن جي توهان گهر ڪندا هئا. + +قُلْ أرَأيْتُمْ إنْ أهْلَكَنِيَ اللهُ وَمَنْ مَّعِيَ أوْ رَحِمَنَا فَمَنْ يُّجِيْرُ الْكَافِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ ألِيْمٍ[28]قُلْ هُوَ الرَّحمنُ ا×مَنَّا بمه* وَعَلَيْهِ تَوَكَّلْنَا فَسَتَعْلَمُوْنَ مَنْ هُوَ في ضَلاَلٍ مُّبـيْنٍ [29] قُلْ أرَأيْتُمْ إنْ أصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَنْ يَّاْتِيْكُمْ بممَآ/ مَّعِيْنٍ [30] +چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن مون کي ۽ منهنجن ساٿين کي الله هلاڪ ڪري يا رحم ڪري اسان تي ته پوءِ ڪير ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟ چؤ الله وڏو مهربان آهي، جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ ان تي ئي اسان ڀروسو ڪيو پوءِ سگهوئي ڄاڻندوَ ته ڪير آهي واضح گمراهي ۾؟ چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي سڪي وڃي ته ڪير آهي جيڪو توهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟ + +سورة نوح جي فضيلت +دشمن سان سخت هنگامو ٿي پئي ۽ سندس دفاع ممڪن نه هجي ته هزار دفعا سورة نوح پڙهڻ سان دشمن نابود ٿي ويندو. هڪ ماڻهو پڙهي يا ڪيترا ئي جن جو تعداد اِڪي هجي، ويهي هڪ دفعو ختم ڪن. هن جو تعداد ٧٤٣١٤ آهي. + + + +﷡ + +ا×يَةُ الْكُرْسِيْ + +أللهُ لآ إلخهَ إلاَّ هُوَ الْحَني الْقَيُّوْمُ لاَ تَاْخُذُه, سِنَةٌ وَّلاَ نَوْمٌ لَه, مَا فِي السَّمو "×تِ وَمَا فِي الأرْضِ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَشْفَعُ عِنْدَه, إلاَّ بمإذْنِه* يَعْلَمُ مَا بَيْنَ اَيْدِيْهـمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلاَ يُحِيْطُوْنَ بمشَيْ/ مّـنْ عِلْمِه* إلاَّ بممَا شَآءَ وَسِعَ كُرْسِيُّهُ السَّمو×تِ وَالأرْضَ وَلاَ يَئُوْدُه, حِفْظُهُمَا وَهُوَ الْعَلِني الْعَظِيْمُ +الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. جيئرو آهي ۽ جهانن کي قائم رکندڙ آهي. ان کي نه ڳهر اچي ٿي ۽ نه ننڊ، جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ان جو آهي. ڪير آهي اهڙو جو سندس موڪل کان سواءِ وٽس سفارش ڪري، هو ته انهيءَ سڀ کي ڄاڻي ٿو جيڪي سندن اڳيان خواه پٺيان آهي. پر اهي سندس علم مان فقط ايترو ئي ڄاڻن ٿا جيترو هو گهري. هن جي تخت آسمان ۽ زمينن کي گهيري ڇڏيو آهي ۽ هن جي سنڀال هن کي نه ٿي ٿڪائي. هو سڀ کان مٿانهون وڏائي وارو آهي. + + +آيت الڪرسي جون خاصيتون +حديث شريف ۾ وارد آهي ته جيڪو هر فرض نماز کان پوءِ ��آية الڪرسي“ پڙهندو رهندو ته ان کي بهشت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻيو ڪو پردو ۽ حجاب ڪونه رهندو. فقط موت جو پردو رهندس. يعني موت اچڻ شرط بهشت ۾ هليو ويندو. انهيءَ آيت کي صديق ۽ عابد ئي هميشگي سان ٿو پڙهندو رهي، نه ڪو ٻيو. +تفسير ڪشاف ۾ امير المؤمنين علي مرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته آية الڪرسي ۾ پنجاهه (50) ڪلمان (لفظ) آهن ۽ هر ڪنهن ڪلمه ۾ برڪت آهي. ٻي روايت ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪم درپيش اچي پوي ته آية الڪرسي پڙهڻ گهرجي، ڇو ته سندس هر هڪ حرف ۾ هزار برڪتون ۽ هزار رحمتون آهن. +جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪري آية الڪرسي پڙهندو ته الله هر بلا کان انهيءَ گهر کي سنڀاليندو رهندو ۽ خود اهو پڙهندڙ به رباني حفاظت ۾ هوندو، تانجو موٽي پنهنجي گهر ۾ داخل ٿئي. گهر ۾ گهڙڻ وقت پڙهندو ته الله تعاليٰ انهيءَ کي سڃائي کان پناهه ۾ رکندو. زال ۽ مڙس جو پاڻ ۾ ڪڏهن به نزاع ۽ تڪرار نه ٿيندو. +تفصيل سان ترڪيب نماز سان +فرض – واجب – سنت – مستحب وغيره. +فرض: فرض جي ڇٽڻ سان نماز نه ٿيندي. +واجب: واجب جي ترڪ سان سجده سهو جو لازم ٿيندو آهي. +سنت: سنت جي ترڪ سان ثواب گهٽبو آهي. +مستحب: مستحب جي ترڪ سان گناهه نه آهي. +ترڪيب غسل: پهريائين ٻئي هٿ ڪاراين تائين ڌوئي پوءِ ويهي اڳيان پويان استنجا ڪري ۽ جيڪا پليتي بدن تي معلوم ٿئي، ڌوئي پوءِ وضو ڪري. گرڙيون سان گرڙا ڪري ۽ نڪ ۾ چڱي طرح پاڻي چڙهائي ۽ وارن جي پاڙ آلي ڪري پوءِ سڄي بدن تي ٽي ٽي دفعا پاڻي وهائي. ڪابه جاءِ وار برابر سڪل نه رهي، نه ته غسل نه ٿيندو. +وضو جي ترڪيب: اول نيت ڪري بسم الله پڙهي ٻئي هٿ ڪاراين تائين ڌوئي ۽ ڏندڻ ڏئي، پوءِ ٽي گرڙيون ڪري، پوءِ نڪ ۾ هڏي تائين پاڻي ڏي ۽ کاٻي هٿ سان صاف ڪري. پوءِ منهن پيشاني کان کاڏي تائين ۽ ٻن پاپڙين تائين ڌوئي ۽ ڏاڙهيءَ جو خلال ڪري. پوءِ ٻئي ٻانهون ٺونٺين سميت ڌوئي، پوءِ سڄي مٿي ڪنن ۽ ڪنڌ جو مک ڪري، پوءِ ٻئي پير مرين تائين ڌوئي، تنهن کان بعد ڪلمه شهادت پڙهي. +نواقض وضو: يعني جنهن سان وضو ڀڄي. ماڻهوءَ جي اڳيان يا پويان جيڪي نڪري، نماز ۾ ٽهڪ سان کلڻ، رت يا پونءِ جو وهي هلڻ، نشي ۽ بيماري سان بي هوش ٿيڻ يا چريو ٿي پوڻ، وات ڀري قئي سان ڪرڻ، ٽيڪ لڳائي سمهڻ، انهن شين سان وضو ڀڄي پوندو آهي. +غسل: پنجن سبب سان غسل فرض آهي: صحبت ڪرڻ (شرم گاهه ۾ عضوو داخل ڪرڻ سان ئي ٻنهي تي غسل فرض ٿي ويندو پوءِ ڀلي انزال ٿئي يا نه ٿئي) يا تڙ پوڻ، يا منيءَ جو شهوت سان ٽپو ڏئي نڪرڻ، يا عورت کي حيض جو اچڻ يا عورت کي ٻار ڄمڻ کان بعد رت جو اچڻ بند ٿي وڃڻ. نفاس جي مدت زياده کان زياده 40 ڏينهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن، حيض زياده کان زياده 10 ڏينهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن آهي. + +جهنگل يا مسجد ۾ نماز کان اول بانگ چوڻ سنت آهي + +أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ +الله گهڻو وڏو آهي، الله گهڻو وڏو آهي، الله گهڻو وڏو آهي، الله گهڻو وڏو آهي + +أشْهَدُ أنْ لاَّ إلخهَ إلاَّ اللهُ أشْهَدُ أنْ لاَّ إلخهَ إلاَّ اللهُ +آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي +آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي + +أشْهَدُ أنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللهِ أشْهَدُ أنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللهِ +شاهدي ڏيان ٿو ته حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم الله جو رسول آهي، شاهدي ڏيان ٿو ته حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم الله جو رسول آهي. + +حَى عَلَي الصَّلاَةِ حَى عَلَي الصَّلاَةِ +اچو نماز جي طرف، اچو نماز جي طرف + +حَى عَلَي الْفَلاَح( حَى عَلَي الْفَلاَح( +اچو ڀلائي جي طرف، اچو ڀلائي جي طرف + +جيڪڏهن فجر جي بانگ آهي ته حي علي الفلاح کان بعد ٻه دفعا چوي: + +ألصَّلاَةُ خَيْرٌ مِّنَ النَّوْمِ +نماز پڙهڻ ڀلي آهي ننڊ ڪرڻ کان + +۽ اقامت هجي ته حي علي الفلاح کان پوءِ + +قَدْ قَامَتِ الصَّلاَةُ +تحقيق نماز قائم ٿي وئي +ٻه دفعا چوي، پوءِ چوي: +أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ لآ إلخهَ إلاَّ اللهَ +الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي. نه آهي معبود ڪوبه سواءِ الله جي + +چئن وقتن جي بانگ ۾ حي علي الفلاح کان بعد چوي: + +أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ أللهُ لآ إلخهَ إلاَّ اللهَ +الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي. نه آهي معبود ڪوبه سواءِ الله جي + +۽ بانگ جي ٻڌڻ وارن کي به اهي ئي ڪلمات چوڻ گهرجن، جيڪي بانگو چوي. صرف حي علي الصلواة ۽ حي علي الفلاح جي جواب ۾ هي چوي: + +لاَ حَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ إلاَّ بماللهِ +نه آهي ڦرڻ گناهن کان ۽ قوت عبادت جي مگر ساڻ الله جي. + +بانگ کان بعد هيءَ دعا وسيله پڙهي. +أتجُمَّ رَبَّ لهذِهِ الدَّعْوَةِ التَّامَّةِ وَالصَّلاَةِ الْقَائِمَةِ ا×تِ مُحَمَّدَا =لْوَسِيْلَةَ وَالْفَضِيْلَةَ وَالدَّرَجَةَ الرَّفِيْعَةَ وَابْعَثْهُ مَقَامًا مَّحْمُوْدَا =لَّذِيْ وَعَدْتَّه, وَارْزُقْنَا شَفَاعَتَه, يَوْمَ الْقِيَامَةِ إنَّكَ لاَ تُخْلِفُ الْمِيْعَادَ +ترجمو: اي الله! مالڪ هن دعا ڪامل ۽ نماز قائم ٿيل جا ڏي محمد صلي الله عليہ وسلم کي وسيلو ۽ رتبو ۽ درجو بلند ۽ بيهار ان کي مقام محمود ۾ جنهن جو تو ان سان وعدو فرمايو ۽ نصيب ڪر اسان کي ان جي شفاعت قيامت جي ڏينهن تحقيق تون نٿو ڪرين خلاف وعدي جي +نماز جي نيت +نيت ڪئي مون نماز جي واسطي الله جي (هتي رڪعتن جو تعداد ۽ سنت يا فرض، نفل ۽ وقت جو نالو وٺي) منهن طرف ڪعبي شريف جي الله اڪبر (جنهن وقت جيتريون رڪعتون فرض يا سنت يا نفل جون پڙهڻيون هجن اهي زبان سان چوي ۽) هٿ ۽ منهن قبله جي طرف ڪري ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻي تڪبير تحريمہ (الله اڪبر) چئي (ساڄو هٿ کاٻي هٿ تي رکي، نظر سجدي جي جاءِ تي رکي ثنا پڙهي) + +سُبْحَانَكَ اتجُمَّ وَبـحَمْدِكَ وَتَبَارَكَ اسْمُكَ وَتَعَالى جَدُّكَ وَلاَ إلخهَ غَيْرُكَ +ترجمو: اي الله! تنهنجي ذات پاڪ آهي. خوبين وارو ۽ مبارڪ آهي تنهنجو نالو ۽ اعليٰ آهي تنهنجو شان ۽ توکان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. +ان کان پوءِ پڙهي: +أعُوْذُ بماللهِ مِنَ الشَّيْطَانِ الرَّجِيْمِ +آءٌ شيطان مردود کان خدا جي پناهه ٿو وٺان + +بمسْمِ اللهِ الرَّحمنِ الرَّحِيْمِ +الله رحيم ۽ رحمــٰن جي نالي سان شروع ڪريان ٿو + +ألْحَمْدُ ؛ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ [2] الرَّحمنِ الرَّحِيْمِ [3] مَالِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ [4] إيَّاكَ نَعْبُدُ وَإيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ[5] إهْدِنَا الصـّرَاطَ الْمُسْتَقِيْمَ [6] صِرَاطَ الَّذِيْنَ أنْعَمْتَ عَلَيْهـمْ غَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهـمْ وَلاَ الضَّآلّـيْنَ [7] اآمِين +سڀ ساراهه الله جهانن جي پالڻهار کي جڳائي. وڏو مهربان نهايت رحم وارو. مالڪ انصاف جي ڏينهن جو. اسين تنهنجي ئي عبادت ٿا ڪريون ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا. اسان کي سڌي واٽ تي هلاءِ. جا انهن جي واٽ آهي جن تي تو نعمت ڪئي، نه ڏمر هيٺ آيلن جي ۽ نڪي گمراه ٿيلن جي. دعا قبول ڪر. + +قُلْ هُوَ اللهُ اَحَدٌ [1] اَللهُ الصَّمَدُ [2] لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُوْلَدْ [3] وَلَمْ يَكُنْ لَّه, كُفْوًا اَحَدٌ [4] +چؤ ته الله هڪ آهي، الله بي نياز آهي، نه ڪو هن مان ڄائو آهي ۽ نه هو ڪنهن مان ڄائو آهي، ۽ نه ڪوبه هن جو برابر آهي. + +الله اڪبر چئي رڪوع ۾ وڃي ۽ ٻئي هٿ گوڏن تي رکي ۽ ايترو جهڪي جو مٿو ۽ چيلهه برابر ٿي وڃن ۽ رڪوع ۾ پڙهي: +سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيْمِ +پاڪ آهي منهنجو رب وڏي عظمت وارو + +ٽي يا پنج يا ست دفعا پڙهو. پوءِ: +سَمِعَ اللهُ لِمَنْ حَمْدَه, +ٻڌي الله ڳالهه ان جي جنهن ان کي ساراهيو + +چوندي سڌو ٿي بيهي ۽ هي پڙهي: +رَبَّنَا لَكَ الْحَمْدُ +رب اسان جا! تنهنجي لاءِ سڀ تعريفون آهن + +پوءِ الله اڪبر چئي سجدي ۾ وڃي نگاهه نڪ تي رکي. +سُبْحَانَ رَبِّيَ الأعْلي× +پاڪ آهي منهنجو رب جو گهڻو وڏو آهي + +ٽي يا پنج يا ست دفعا چوي، پوءِ سجدي مان +أللهُ أكْبَرُ +الله گهڻو وڏو آهي + +چوندو مٿو مٿي کڻي ۽ جلسو ڪري. پوءِ وري الله اڪبر چئي ٻيو سجدو پهرئين سجدي وانگر ڪري ۽ اٿي بيهي اهڙي طرح ٻي رڪعت پوري ڪري، قعدي ۾ ويهي ۽ هي التحيات پڙهي: + +ألتَّحِيَّاتُ ؛ وَالصَّلَوَاتُ وَالطَّيّـبَاتُ ألسَّلاَمُ عَلَيْكَ أيُّهَا النَّبـني وَرَحْمَةُ اللهِ وَبَرَكَاتُه, ألسَّلاَمُ عَلَيْنَا وَعَلي× عِبَادِ اللهِ الصَّالِحِين أشْهَدُ أنْ لاَّ إلخهَ إلاَّ اللهُ وَأشْهَدُ أنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُه, وَرَسُوْلُه, +سڀ قولي عبادتون ۽ سڀ فعلي عبادتون ۽ سڀ مالي عبادتون الله جي واسطي آهن. اي نبي! توتي سلام ۽ الله جي رحمت ۽ سندس برڪتون هجن. اسان تي ۽ الله جي نيڪ ٻانهن تي سلام هجي. شاهدي ڏيان ٿو ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي ۽ شاهدي ڏيان ٿو ته محمد سندس ٻانهو ۽ سندس رسول آهي. +جيڪڏهن ٻه رڪعتون نماز آهي ته التحيات کان بعد هيٺيون درود ۽ دعا پڙهي ۽ جيڪڏهن چئن يا ٽن رڪعتن واري نماز آهي ته التحيات کان پوءِ اٿي بيهي ۽ نماز پوري ڪري. + +درود ابراهيمي + +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× مُحَمَّدٍ وَعَلي×آ ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ عَلي× آ إبْرَاهِيْمَ وَعَلي×آ ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَّجِيْدٌ طاَتجُمَّ بَارِكْ عَلي× مُحَمَّدٍ وَّعَلي×آ ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا بَارَكْتَ عَلي× آ إبْرَاهِيْمَ وَعَلي×آ ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَّجـيْدٌ +اي الله! محمد ۽ محمد جي آل تي رحمت نازل ڪر جيئن تو ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي رحمت نازل ڪئي. بيشڪ تون تعريف جو حقدار ۽ بزرگي وارو آهين. اي الله! محمد ۽ محمد جي آل تي برڪت نازل ڪر جيئن تو ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي برڪت نازل ڪئي. بيشڪ تون تعريف وارو ۽ بزرگي جو حقدار آهين. + +أتجُمَّ إنّـيْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ ظُلْمًا كَثِيْرًا وَّلاَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ إلاَّ أنْتَ فَاغْفِرْ لِيْ مَغْفِرَةً مِّنْ عِنْدِكَ وَارْحَمْنِيْ إنَّكَ أنْتَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ +اي الله! مون پنهنجي جان تي گهڻو ظلم ڪيو ۽ توکان سواءِ ڪوبه بخشڻ وارو نه آهي سو پنهنجي خاص بخشش سان مون کي بخش ۽ مون تي رحم ڪر بيشڪ تون بخشڻ وارو مهربان آهين. + +۽ جيڪڏهن گهري ته هيءَ دعا پڙهي: +رَبَّنَآ ا×تِنَا فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِي الم خِرَةِ حَسَنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ +اي رب اسان جا! ڏي اسان کي نيڪي دنيا ۾ ۽ نيڪي آخرت ۾ ۽ بچاءِ اسان کي دوزخ جي عذاب کان. + +پوءِ نماز پوري ڪرڻ لاءِ ساڄي ۽ کاٻي طرف منهن ڦيرائي ۽ چوي: +ألسَّلاَمُ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَةُ اللهِ +اوهان تي الله جي رحمت ۽ سلام هجي. +پوءِ هيءَ دعا گهري: +أتجُمَّ أنْتَ السَّلاَمُ وَمِنْكَ السَّلاَمُ وَإلَيْكَ يَرْجِعُ السَّلاَمُ حَيِّن��ا رَبَّنَا بمالسَّلاَمِ وَأدْخِلْنَا دَارَالسَّلاَمِ تَبَارَكْتَ رَبَّنَا وَتَعَالَيْتَ يَاذَا الْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ +اي الله! تون سلامتي وارو آهين ۽ توکان ئي سلامتي آهي ۽ تو ڏي سلامتي موٽي ٿي. جيار اسان کي رب اسان جا سلامتي سان ۽ داخل ڪر اسان کي سلامتي جي گهر ۾ برڪت وارو آهين تون رب اسان جا ۽ مٿانهون، اي صاحب وڏائي ۽ بزرگي جا. +هر فرض نماز کان پوءِ آية الڪرسي پڙهي. + +أللهُ لآ إلخهَ إلاَّ هُوَ الْحَني الْقَيُّوْمُ لاَ تَاْخُذُه, سِنَةٌ وَّلاَ نَوْمٌ لَه, مَا فِي السَّمو "×تِ وَمَا فِي الأرْضِ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَشْفَعُ عِنْدَه, إلاَّ بمإذْنِه* يَعْلَمُ مَا بَيْنَ اَيْدِيْهـمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلاَ يُحِيْطُوْنَ بمشَيْ/ مّـنْ عِلْمِه* إلاَّ بممَا شَآءَ وَسِعَ كُرْسِيُّهُ السَّمو "×تِ وَالأرْضَ وَلاَ يَؤُدُه, حِفْظُهُمَا وَهُوَ الْعَلِني الْعَظِيْمُ +الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. جيئرو آهي ۽ جهانن کي قائم رکندڙ آهي. ان کي نه ڳهر اچي ٿي ۽ نه ننڊ، جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ان جو آهي. ڪير آهي اهڙو جو سندس موڪل کان سواءِ وٽس سفارش ڪري، انهيءَ سڀ کي ڄاڻي ٿو جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي پٺيان آهي. پر اهي سندس علم مان فقط ايترو ئي ڄاڻن ٿا جيترو هو گهري. هن جي تخت آسمان ۽ زمينن کي گهيري ڇڏيو آهي ۽ هن جي سنڀال هن کي نه ٿي ٿڪائي. هو سڀ کان مٿانهون وڏائي وارو آهي. + +پوءِ سبحان الله 33 ڀيرا، الحمدلله 33 ڀيرا ۽ الله اڪبر 34 ڀيرا پڙهي. + + +وتر نماز پڙهڻ جو طريقو +وتر نماز واجب آهي. هن دعا جو وقت عشا جي فرض کان پوءِ آهي ۽ ان جون ٽي رڪعتون آهن. جيڪو طريقو مٿي لکيل آهي، انهيءَ طريقي سان نماز پڙهي ويندي، پر ايترو فرق آهي ته ٽئين رڪعت ۾ سورة الحمد کان بعد به سورة پڙهي (سورة قل هو الله) (مثال) پوءِ ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چوي، پوءِ هٿ ٻڌي دعاءِ قنوت پڙهي. + + +دعاءِ قنوت +أتجُمَّ إنَّا نَسْتَعِيْنُكَ وَنَسْتَغْفِرُكَ وَنُؤْمِنُ بمكَ وَنَتَوَكَّلُ عَلَيْكَ وَنُثْنِيْ عَلَيْكَ الْخَيْرَ وَنَشْكُرُكَ وَلاَ نَكْفُرُكَ وَنَخْلَعُ وَنَتْرُكُ مَنْ يَّفْجُرُكَ أتجُمَّ إيَّاكَ نَعْبُدُ وَلَكَ نُصَلِّيْ وَنَسْجُدُ وَإلَيْكَ نَسْعبر وَنَحْفِدُ وَنَرْجُوَا رَحْمَتَكَ وَنَخْشبر عَذَابَكَ إنَّ عَذَابَكَ بمالْكُفَّارِ مُلْحِقٌ +اي الله! استين تو کان مدد گهرون ٿا ۽ توکان معافي گهرون ٿا ۽ توتي ايمان آڻيون ٿا ۽ توتي ڀروسو رکون ٿا ۽ تنهنجي ڀلاين جي تعريف ڪريون ٿا ۽ شڪر ڪريون ٿا ۽ ناشڪري نٿا ڪريون ۽ جيڪو تنهنجي نافرماني ڪري ٿو، تنهن کي جدا ڪريون ٿا. اي الله! تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو لاءِ ئي نماز پڙهون ٿا ۽ سجدو ڪريون ٿا ۽ تو ڏي ئي ڊوڙون ٿا ۽ جلدي ڪريون ٿا ۽ تنهنجي رحمت ۾ اميد رکون ٿا ۽ تنهنجي عذاب کان ڊڄون ٿا بيشڪ تنهنجو عذاب منڪرن کي پهچڻ وارو آهي. + +پوءِ رڪوع ڪري باقي نماز حسب سابق ادا ڪري. + + + +جنازي جي نماز + +اول نيت ڪري، نيت هيءَ آهي: +نَوَيْتُ أنْ اُؤَدِّيَ ؛ تَعَالى مَعَ أرْبَعَ تَكْبِيْرَاتٍ صَلاَةَ الْجَنَازَةِ الثَّنَآءُ ؛ تَعَالى وَالصَّلاَةُ لِلنَّبِتر الْكَرِيْمِ وَالدَّعَآءُ لِهذ"َا الْمَيِّتِ إقْتَدَيْتُ بمهذ"َا الإمَامِ مُتَوَجِّهًا إلَي الْكَعْبَةِ الشَّرِيْفَةِ +ترجمو: آئون نيت ڪريان ٿو الله تعاليٰ لاءِ چئن تڪبيرن جي نماز جنازي جي تعريف الله تعاليٰ جي ۽ درود نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم لاءِ دعا هن ميت لاءِ تابعداري ڪئي مون هن امام جي منهن طرف ڪعبي شريف جي + +پوءِ الله اڪبر چئي ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻي ۽ دن جي هيٺان ٻڌي ۽ ثنا پڙهي. + +سُبْحَانَكَ اتجُمَّ وَبمحَمْدِكَ وَتَبَارَكَ اسْمُكَ وَتَعَالى جَدُّكَ وَجَلَّ ثَنَآءُكَ وَلآ إلخهَ غَيْرُكَ +اي الله! تنهنجي پاڪائي تنهنجي تعريف سان گڏ بيان ڪريان ٿو ۽ تنهنجو نالو برڪت وارو آهي ۽ تنهنجو رتبو بلند آهي ۽ تنهنجي تعريف وڏي آهي ۽ نه آهي ڪو معبود سواءِ تنهنجي. + +پوءِ زبان سان الله اڪبر چوي ۽ هٿ نه کولي ۽ درود پڙهي. + +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× مُحَمَّدٍ وَعَلي×آ ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ وَسَلَّمْتَ وَبَارَكْتَ وَرَحِمْتَ وَتَرْحَمْتَ عَلي×آ إبْرَاهِيْمَ وَعَلي×آ ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَّجِيْدٌ +اي الله! تون محمد ۽ محمد جي آل تي رحمت نازل ڪر جيئن تو ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي رحمت نازل ڪئي. بيشڪ تون تعريف جو حقدار ۽ بزرگي وارو آهين. اي الله! تون محمد ۽ محمد جي آل تي برڪت نازل ڪر جيئن تو ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي برڪت نازل ڪئي. بيشڪ تون تعريف جو حقدار ۽ بزرگي وارو آهين. + +پوءِ زبان سان الله اڪبر چئي هٿ نه کڻي ۽ پڙهي: + +أتجُمَّ اغْفِرْ لِحَيـّنَا وَمَيـّتِنَا وَشَاهِدِنَا وَغَآئِبـنَا وَصَغِيْرِنَا وَكَبـيْرِنَا وَذَكَرِنَا وَاُنْثَانَا أتجُمَّ مَنْ أحْيَيْتَه, مِنَّا فَأحْيـه* عَلَي الإسْلاَمِ وَمَنْ تَوَفَّيْتَه, مِنَّا فَتَوَفَّه, عَلَي الإيْمَانِ +اي الله! اسان جي جيئرن ۽ اسان جي مئلن ۽ اسان جي حاضرن ۽ اسان جي غائبن ۽ اسان جي ننڍن ۽ اسان جي وڏن ۽ اسان جي مردن ۽ اسان جي عورتن کي بخش. اي الله! اسان مان جنهن کي جيئرو رکين پوءِ ان کي دين اسلام تي قائم رک ۽ اسان مان جنهن کي مارين ته ان کي ايمان تي مار. + +جيڪڏهن ميت ڇوڪرو هجي ته بجاءِ ان دعا جي هيءَ دعا پڙهي: + +أتجُمَّ اجْعَلْهُ لَنَا فَرْطًا وَاجْعَلْهُ لَنَآ أجْرًا وَذُخُرًا وَاجْعَلْهُ لَنَا شَافِعًا وَمُشَفِّعًا +اي الله! ڪر ان ڇوڪر کي اسان جي لاءِ مير منزل ۽ ڪر ان کي اسان جي لاءِ اجر ۽ ذخيرو ڪر ان کي اسان لاءِ شفاعت ڪندڙ ۽ شفاعت قبول ڪيل. + +جيڪڏهن ميت ڇوڪري جي هجي ته هيءَ دعا پڙهي: + +أتجُمَّ اجْعَلْهَالَنَا فَرْطًا وَاجْعَلْهَالَنَآ أجْرًا وَّذُخُرًا وَاجْعَلْهَالَنَا شَافِعَةً وَمُشَفِّعَةً +اي الله! ڪر تون انهيءَ ڇوڪري کي اسان لاءِ مير منزل ۽ ڪر ان کي اسان لاءِ اجر ۽ ذخيرو ۽ ڪر ان کي اسان لاءِ شفاعت ڪندڙ ۽ شفاعت قبول ڪيل. + +پوءِ الله اڪبر چئي ٻنهين طرفن سلام ورائي ۽ پوءِ چار قل پڙهي سڄي جماعت سڳوري هن ميت لاءِ دعا گهري. جنازي کي قبر ۾ رکڻ وقت هيءَ دعا پڙهي: + +بمسْمِ اللهِ وَعَلي× مِلَّةِ رَسُوْلِ اللهِ +رکيو اسان ساڻ نالي الله جي ۽ دين رسول الله تي + +جڏهن مٽي وجهي، تڏهن ٽي لپون ڀري وجهي ۽ پهرين لپ تي پڙهي: + +مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ +ان مان پيدا ڪيوسون اوهان کي + +ٻي تي پڙهي: وَفِيْهَا نُعِيْدُكُمْ +۽ انهيءَ ۾ اوهان کي موٽائينداسون. + +ٽينءَ تي پڙهي: وَمِنْهَا نَخْرِجُكُمْ تَارَةً اُخْر×ي +۽ انهيءَ مان اوهان کي ٻيو ڀيرو ڪڍنداسون. + +قبر تي مٽي وجهڻ ۽ پاڻي ڇٽڪارڻ کان بعد سورة الحمد شريف هڪ ڀيرو ۽ قل هو الله احد 3 ڀيرا پڙهي ميت لاءِ دعا بخشش جي گهري. + + +روزي رکڻ جي نيت + +وَبمصَوْمِ غَدٍ نَّوَيْتُ مِنْ شَهَرِ رَمَضَانَ +مون سڀاڻي رمضان جي روزي جي نيت ڪئي + +روزي کولڻ جي نيت + +أتجُمَّ إنِّيْ لَكَ صُمْتُ وَبمكَ ا×مَنْتُ وَعَلَيْكَ تَوَكَّلْتُ وَعَلي× رِزْقِكَ أفْطَرْتُ +اي الله! مون تولاءِ روزو رکيو ۽ توتي ايمان آندو ۽ توتي ڀروسو ڪيم ۽ تنهنجي رزق تي روزو کوليم. +تفصيل نماز +فجر +ظهر +عصر +مغرب +عشاء +جمعه +عيدين +رڪعتون فرض جون +٢ +٤ +٤ +٣ +٤ +٢ +- +رڪعتون واجب جون +- +- +- +- +- +وتر ٣ +ٻئي ملائي4 مؤڪده +رڪعتون سنت جون فرض کان اول +مؤڪده ٢ +مؤڪده ٤ +غير مؤڪده ٤ +- +غير مؤڪده ٤ +مؤڪده٤ +- +رڪعتون سنت جون فرض کان بعد +- +مؤڪده ٢ +- +مؤڪده ٢ +مؤڪده ٢ +مؤڪده 6 +- +رڪعتون نفل جو +- +- +- +٢ +٤ +٢ +- +تعداد رڪعتن هر نماز جو +٤ +١٢ +٨ +٧ +١٧ +١٤ +٢ + +نماز جمعہ +سڀ ڪنهن مسلمان مرد عاقل تندرست، مقيم تي جو شهر ۾ هجي، ان تي نماز جمعه فرض آهي. جمع نماز جو وقت اهو ئي آهي جيڪو ظهر جو آهي. جمعه نماز پڙهڻ سان ظهر جي نماز هلي ويندي آهي. جمعه نماز تي خطبه پڙهڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن جي جماعت جو هجڻ ضروري آهي. سواءِ ان ٻن ڳالهين جي جمعه نه ٿيندو. جمعه جون ٻه رڪعتون آهن. انهن جي پڙهڻ جو اهو ئي طريقو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل آهي، مگر نماز کان اول خطبه پڙهڻ ۽ ماٺ ڪري ٻڌڻ ضروري آهي. + +نماز تراويح +رمضان المبارڪ ۾ عشاء جي فرض، سنت ۽ نفل پڙهڻ کان پوءِ وتر کان اڳ ٻه ٻه رڪعتن جي نيت سان ويهه رڪعتون پڙهڻ سنت آهي. افضل هي آهي ته جماعت سان پڙهي ۽ قرآن شريف پورو ڪري. تراويح نماز جو وقت عشاء کان وٺي صبح صادق تائين آهي. امام کي اجرت ڏيڻ مڪروه آهي، ۽ امام جي نيت ڪرڻ کان بعد مقتدين جو سستي سان ويهڻ مڪروه آهي. فرض هڪڙي امام جي ۽ تراويح ٻئي امام جي پٺيان پڙهڻ جائز آهي. + +تراويح جي دعاء +سُبْحَانَ ذِي الْمُلْكِ وَالْمَلَكُوْتِ سُبْحَانَ ذِي الْعِزَّةِ وَالْعَظْمَةِ وَالْهَيْبَةِ وَالْقُدْرَةِ وَالْكِبْرِيَآ÷ وَالْجَبَرُوْتِ سُبْحَانَ الْمَلِكِ الْحَتر الَّذِيْ لاَ يَنَامُ وَلاَ يَمُوْتُ سُبُّوْحٌ قُدُّوْسٌ رَبُّنَا وَرَبُّ الْمَلآئِكَةِ وَالرُّوْح( أتجُمَّ أجِرْنَا مِنَ النَّارِ يَا مُجِيْرُ يَا مُجِيْرُ يَا مُجِيْرُ +بادشاهي ۽ ملڪن جو مالڪ پاڪ آهي، پاڪ آهي صاحب عزت ۽ عظمت ۽ هيبت ذاتي ۽ قدرت ۽ وڏائي ۽ غلبي وارو پاڪ آهي بادشاه جبروت جو نه ڪڏهن ننڊ ڪري ۽ نه ڪڏهن مرندو گهڻو پاڪ آهي، نهايت پاڪ آهي اسان جو رب ۽ ملائڪن جو رب ۽ جبرئيل جو رب آهي. اي الله! بچاءُ اسان کي باه کان اي بچائڻ وارا اي بچائڻ وارا اي بچائڻ وارا +صَلاَةَ بَرْمُحَمَّدْ +محمد مصطفيٰ (صلي الله عليہ وسلم) تي درود هجي. + + +بيان ڇهن ڪلمن جو + +پهريون ڪلمو طيب: +لآ إلخهَ إلاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهِ لخ +نه آهه ڪو عبادت جو لائق الله کان سواءِ محمد الله جو پيغام پهچائيندڙ آهي. + +ٻيون ڪلمو شهادت: +أشْهَدُ أنْ لاَ إلخهَ إلاَّ اللهُ وَحْدَه, لاَ شَرِيْكَ لَه, وَأشْهَدُ أنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُه, وَرَسُوْلُه, +آئون شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ٻيو معبود نه آهي، هڪڙو آهي ان جو ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ شاهدي ٿو ڏيان ته محمد صلي الله عليہ وسلم الله جو ٻانهو ۽ رسول آهي. + +ٽيون ڪلمو تمجيد: +سُبْحَانَ اللهِ وَالْحَمْدُ ؛ وَلاَ إلخهَ إلاَّ اللهُ وَاللهُ أكْبَرُ وَلاَ حَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ إلاَّ بماللهِ الْعَلـيِ الْعِظِيْمِ +پاڪ آهي الله ۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن ۽ نه آهي ڪوبه معبود سواءِ الله جي ۽ الله وڏو آهي ۽ نه آهي بچڻ گناهن کان ۽ نه آهي قوت نيڪين جي سواءِ الله مٿاهين وڏي جي. + +چوٿون ڪلمون توحيد: +لآ إلخهَ إلاَّ اللهُ وَحْدَه, لاَ شَرِيْكَ لَه, لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ يُحْيـيْ وَيُمِيْتُ وَهُوَ حَتي لاَّ يَمُوْتُ أبَدًا أبَدًا ذُوالْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ بميَدِهِ الْخَيْرُ وَهُوَ عَلي× كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرٌ +نه آهي ڪوبه معبود سواءِ الله جي اهو هڪڙو آهي نه آهي ڪوبه شريڪ ان جو، ان جي بادشاهي آهي ۽ انهيءَ لاءِ تعريف آهي، اهو جياري ۽ ماري ٿو ۽ اهو هميشه لاءِ جيئرو آهي جو نه مرندو، صاحب آهي عظمت ۽ بزرگي جو ۽ اهو زنده آهي ان کي هرگز موت نه ايندو. ڀلائي انهيءَ جي هٿ ۾ آهي ۽ هو سڀ شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. + +پنجون ڪلمون استغفار: +أسْتَغْفِرُ اللهُ رَبِّيْ مِنْ كُلِّ ذَنْبٍ أذْنَبْتَه, عَمَدًا أوْ خَطَاً سِرًّا أوْ عَلاَنِيَةً وَأتُوْبُ إلَيْهِ مِنَ الذَّنْبِ الَّذِيْ أعْلَمُ وَمِنَ الذَّنْبِ الَّذِيْ لآ أعْلَمُ إنَّكَ أنْتَ عَلاَّمُ الْغُيُوْبِ وَسَتَّارُ الْعُيُوْبِ وَغَفَّارُ الذَّنُوْبِ وَلاَ حَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ إلاَّ بماللهِ الْعَلـتر الْعَظِيْمِ +آئون الله کان معافي گهران ٿو جيڪو منهنجو رب آهي سڀ ڪنهن گناه کان جو مون ڪيو ڄاڻي واڻي يا ڀلجي لڪ ۾ يا ظاهر ۾ آئون توبه ٿو ڪريان ان جي حضور ۾ ان گناه کان جو مون کي معلوم آهي ۽ ان گناه کان جيڪو مون کي معلوم نه آهي. بيشڪ تون ئي غيبن جو ڄاڻندڙ آهين ۽ ڍڪيندڙ آهين عيبن جو ۽ معاف ڪندڙ آهين گناهن جو ۽ نه آهي ڦرڻ گناهن کان ۽ نه آهي قوت نيڪي جي مگر ساڻ الله مٿانهين ۽ وڏي جي. + +ڇهون ڪلمو رد ڪفر: +أتجُمَّ إنِّيْ أعُوْذُبمكَ مِنْ أنْ اُشْرِكَ بمكَ شَيْئًا وَأنَا أعْلَمُ بمه* وَأسْتَغْفِرُكَ لِمَا لآ أعْلَمُ بمه* تُبْتُ عَنْهُ وَتَبَرَّاْتُ مِنَ الْكُفْرِ وَالشِّرْكِ وَالْكِذْبِ وَالْغِيْبَةِ وَالْبـدْعَةِ وَالنَّمِيْمَةِ وَالْفَوَاحِشِ وَالْبُهْتَانِ وَالْمَعَاصِيْ كُلِّهَا وَأسْلَمْتُ وَأقُوْلُ لآ إلخهَ إلاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهِ +اي الله! آئون پناهه گهران ٿو توسان هن ڳالهه کان جو آئون ڪوبه شريڪ توسان ڪريان ۽ مون کي ان جو علم هجي ۽ معافي گهران ٿو توکان ان گناهه جي جيڪو نٿو ڄاڻان مون ان کان توبه ڪئي ۽ بيزار ٿيس ڪفر کان ۽ شرڪ کان ۽ ڪوڙ کان ۽ گلا کان ۽ بدعت کان ۽ چغلي کان ۽ بڇڙن ڪمن کان ۽ سڀني گناهن کان ۽ مون ايمان آندو ۽ چوان ٿو ته نه آهي ڪو معبود الله کان سواءِ ۽ محمد صلي الله عليہ وسلم الله جو رسول آهي. + +هر هڪ مسلمان تي لازم آهي ته اهي ڇهه ڪلما ياد ڪري. + + +ايمان مفصل + +ا×مَنْتُ بماللهِ وَمَلآئِكَتِه* وَكُتُبِه* وَرُسُلِه* وَالْيَوْمِ الم خِرِ وَالْقَدْرِ وَخَيْرِه* وَشَرِّه* مِنَ اللهَ تَعَالى وَالْبَعْثِ بَعْدَ الْمَوْتِ +ايمان آندو مون الله تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ هن تي ته نيڪي ۽ بديءَ جي تقدير الله جي طرف کان آهي ۽ مرڻ کان بعد اٿڻ تي. + +ايمان مجمل + +ا×مَنْتُ بماللهِ كَمَا هُوَ بمأسْمَائِه* وَصِفَاتِه* وَقَبـلْتُ جَمِيْع( أحْكَامِه* +ايمان آندو مون الله تي جيئن هو پنهنجن نالن ۽ صفتن سان آهي ۽ قبول ڪيا مون سڀ احڪام ان جا. + +درود شريف + +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× مُحَمَّدٍ وَّعَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ مَعْدَنِ الْجُوْدِ وَالْكَرَمِ مَنْبَع( الْعِلْمِ وَالْحِلْمِ وَالْحِكْمِ وَبَارِكْ عَلَيْهِ وَعَلي× أصْحَابمه* وَسَلِّمْ +اي الله! رحمت نازل ڪر محمد ۽ محمد جي آل تي جيڪي خزانا آهن سخا ۽ ڪرم جا، چشما آهن علم ۽ بردباري ۽ حڪمت جا ۽ ��رڪت نازل ڪر ان تي ۽ سندس اصحابن تي ۽ انهن سڀني تي سلامتي موڪل. + +عيدن جي نماز + +عيد الفطر ۽ عيد الضحيٰ ٻنهي عيدن جي نماز واجب آهي. ان ۾ جماعت جو هجڻ ضروري آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ خطبه پڙهڻ سنت آهي. +طريقو: عيد نماز پڙهڻ جو طريقو هي آهي ته پهريائين ٻه رڪعتون واجب عيد نماز جي نيت ڪري ۽ عيد جي جيڪا نماز هجي ان جو نالو وٺي پوءِ امام سان گڏ تڪبير تحريمه (الله اڪبر) چئي هٿ ٻڌي ثنا پڙهي پوءِ الحمد شريف پڙهڻ کان پهرين ڪنن تائين هٿ کڻي ٽي ڀيرا تڪبير الله اڪبر چئي ٻه دفعا هٿ نه ٻڌي پر ٽئين تڪبير چئي پوءِ هٿ ٻڌي ۽ قرائت يعني الحمد ۽ سورت پڙهي رڪعت پوري ڪري. ٻي رڪعت ۾ اول الحمد ۽ سورت پڙهي، پوءِ ٽي تڪبيرون چئي هٿ ڪنن تائين آڻي ۽ هٿ نه ٻڌي چوٿين تڪبير بغير هٿ کڻڻ جي چئي رڪوع ڪري ۽ پوءِ نماز پوري ڪري نماز کان بعد خطبه ٻڌي. + +عيدن جي باري ۾ مسئلا +(1) عيد جي نماز جو خطبو ماٺ ڪري ٻڌڻ سنت آهي. +(2) عيد نماز پڙهڻ کان اول سڀ ڪنهن جڳهه ۾ ۽ عيد نماز پڙهڻ کان بعد فقط عيدگاهه ۾ نفل پڙهڻ مڪروهه آهي. +(3) جيڪو شخص عيد نماز شروع ٿي وڃڻ کان بعد اچي شامل ٿئي پوءِ اهو قيام ۾ يا رڪوع ۾ نيت ڪرڻ کان بعد ٽئي تڪبيرون چئي وٺي. +(4) جيڪڏهن پهرين رڪعت رهجي وئي هجي ته پوءِ ان پهرين رڪعت کي امام جي سلام ورائڻ کان بعد پڙهي، مگر تڪبيرون الحمد ۽ ٻي سورة پڙهڻ کان اڳ چئي. +(5) جيڪڏهن بالفرض ٻئي رڪعتون هن کان اڳ پڙهجي ويون ۽ هي صرف قعدي ۾ اچي شامل ٿيو هجي ته پوءِ ٻئي رڪعتون اٿي پڙهي باقي تڪبيرون قاعدي موجب چوي. + +چنڊ ڏسڻ جي دعا + +اُشْهِدُكَ يَا هِلاَلُ أنَّ رَبِّيْ وَرَبُّكَ اللهُ أتجُمَّ أهِلَّه, عَلَيْنَا بمالأمْنِ وَالأمَانِ وَالسَّلاَمَةِ وَالإسْلاَمِ وَالتَّوْفِيْقِ لِمَا تُحِبُّ وَتَرْضبر +آئون شاهدي ٿو ڏيان اي چنڊ! بيشڪ تنهنجو ۽ منهنجو رب الله آهي. اي الله! چنڊ ڏيکار تون اسان کي امن ۽ سلامتي ۽ حفاظت ۽ اسلام سان ۽ توفيق ان ڪم جي ڏي جنهن کي تون دوست رکين. + +زڪوات جو بيان +زڪوات مذهب اسلام جو چوٿون رڪن آهي. جيڪو مسلمان نصاب جو صاحب آهي، ان تي زڪوات ادا ڪرڻ فرض آهي. جيڪو انڪار ڪندو، اهو ڪافر آهي، ڇو ته قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: واقيموا الصلواة وآتوا الزکواة يعني نماز کي قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. +انهيءَ آيت مان ثابت آهي ته نصاب جي مالڪ کي زڪوات ڪڍڻ فرض آهي. پوءِ جنهن ماڻهوءَ وٽ هڪ سؤ روپيا هوندا ته ان تي اڍائي روپيه ڏيڻ فرض آهي. هڪ سال گذرڻ کان بعد جيڪو نه ڏيندو، سو سخت گنهگار ٿيندو. + + + +حج جو بيان +حج اسلام جو پنجون رڪن آهي. ضروري خرچن ڪڍڻ کان پوءِ جيڪڏهن ايتري رقم آهي، جيڪا حج سفر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته ان شخص تي حج ڪرڻ فرض آهي. پر شرط اهو آهي ته رستي ۾ امن ۽ امان هجي ۽ ڪنهن به طرح جو خطرو نه هجي. اهل عيال کي پورو خرچ ڏئي وڃي يا پاڻ سان وٺي وڃي ۽ تندرست هجي. جيڪو شخص حج کي فرض نه ڄاڻي ته اهو ڪافر آهي ۽ جنهن شخص تي حج فرض هجي ۽ نه وڃي ته وڏو گنهگار آهي. سڄي عمر ۾ هڪ ڀيرو حج ڪرڻ فرض آهي. + +درود تنجينا +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ صَلاَةً تُنِجِّيْنَا بمهَا مِنْ جَمِيْع( الأهْوَالِ وَالم فَاتِ وَتَقْضِيْ لَنَا بمهَا مِنْ جَمِيْع( السَّيّـئَاتِ وَتَرْفَعُنَا بمهَا عِنْدَكَ أعْلَي الدَّرَجَاتِ وَتُبَلِّغُنَا بمهَآ أقْصَي الْغَايَاتِ مِنْ جَمِيْع( الْخَيْرَاتِ فِي الْحَيَاةِ وَبَعْدَ الْمَمَاتِ إنَّكَ عَلي× كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرٌ +پــــــاڻ بــــه پــــڙهــــو ۽ ٻــــيــــن کـــــي بـــ��ه پــــڙهــــايــــو + +بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيم +لاَ إلخهَ إلاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهَ + + +درودن جو تحفو +٧٨٦ +صَلُّوا عَلَي الْحَبُيْبِ +حبيب صلي الله عليہ وسلم تي درود پڙهو +3- جيڪو مون تي هڪ دفعو درود شريف پڙهي ٿو، الله ان لاءِ هڪ قيراط اجر لکي ٿو ۽ هڪ قيراط احد جبل جيترو آهي. (القول البديع) + +ديدار مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم +أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي× سَيِّدِنَا مَوْلاَنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر ا،مِّتر الْحَبـيْبِ الْعَالِي الْقَدْرِ الْعَظِيْمِ الْجَاهِ وَعَلي× ا×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ +بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو ماڻهو هر جمعي جي رات هن درود شريف کي پابندي سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پڙهندو، موت جي وقت سرڪار مدينه صلي الله عليہ وسلم جن جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به، ايستائين جو هو ڏسندو ته سرڪار دوعالم صلي الله عليہ وسلم ان کي پنهنجي رحمت ڀريل هٿن سان قبر ۾ لاهي رهيا آهن. (افضل الصلواة علي سيد السادات) +درود ابراهيمي +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا صَلَّيْتَ عَلي× إبْرَاهِيْمَ وَعَلي× ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَجِيْدٌ اتجُمَّ بَارِكْ عَلي× مُحَمَّدٍ وَ عَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا بَارَكْتَ عَلي× إبْرَاهِيْمَ وَعَلي× ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَجـيْدٌ + +زيارت رسول اڪرم ﷺ جي طلبگارن لاءِ تحفو +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× رُوْح( مُحَمَّدٍ فِي الأرْوَاح( وَ عَلي× جَسَدِه* فِي الأجْسَادِ وَعَلي× قَبْرِه* فِي الْقُبُوْرِ. +حديث: جيڪو ماڻهو هي درود شريف پڙهندو، ان کي خواب ۾ منهنجي زيارت ٿيندي ۽ جنهن خواب ۾ منهنجي زيارت ڪئي، اهو مون کي قيامت جي ڏينهن ڏسندو ۽ جيڪو مون کي قيامت جي ڏينهن ڏسندو، ان جي آءٌ شفاعت ڪندس ۽ آءٌ جنهن جي شفاعت ڪندس، اهو حوض ڪوثر مان پاڻي پيئندو ۽ ان جي جسم کي الله عزوجل دوزخ تي حرام ڪندو. (ڪشف الغمہ – القول البديع) + +نسيان (ڀُل) جو علاج +أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر الْكَامِلِ وَعَلي× ا×لِه* كَمَا لاَ نِهَايَةَ لِكَمَالِكَ وَعَدَدَ كَمَالِه* +اگر ڪنهن شخص کي نسيان (ڀُل) جي بيماري هجي ته اهو مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ ان درود شريف کي ڪثرت سان پڙهي. انشاءَ الله ان جو حافظو قوي ٿي ويندو. (افضل الصلواة) + + +ڇهه لک درود شريف جو ثواب +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا وَمَوْلاَنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِي عِلْمِ اللهِ صَلاَةً دَائِمَةً بمدَوَامِ مُلْكِ اللهِ +شيخ الدلائل بن يوسف مدني رحمة الله عليہ حضرت جلال الدين سيوطي رحمة الله عليہ کان روايت ڪئي ته هن درود شريف کي هڪ دفعو پڙهڻ سان ڇهه لک درودن جو ثواب ملندو ۽ هڪ روايت هيءَ به آهي ته جيڪو شخص هن درود شريف کي روزانو هزار ڀيرا پڙهندو، اهو ٻنهي جهانن ۾ سعادتمند ٿيندو. هن درود شريف کي ”صلواة السعادت“ به چوندا آهن. (دلائل الخيرات) + +قرب مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× مُحَمَّدٍ كَمَا تُحِبُّ وَتَرْضبر + +آب ڪوثر جو ڀريل پيالو +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِه* وَأصْحَابمه* وَأوْلاَدِه* وَأزْوَاجِه* وَذُرِّيَّتِه* وَأهْلِ بَيْتِه* وَأصْهَارِه* وَأنْصَارِه* وَأشْيَاعِه* وَمُحِبِّيْه* وَاُمَّتِه* وَعَلَيْنَا مَعَهُمْ أجْمَعِين يَا أرْحَمَ الرَّاحِمِين +حضرت حسن بصري رحمة الله فرمايو آهي ته جيڪو شخص حوض ڪوثر سان ڀريل پيالو پيئڻ چاهي، اهو هن درود شريف کي پڙهي. + +گناهن جي بيماريءَ کان شفا +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ أفْضَلِ أنْبِيَائِكَ وَأكْرَمِ أصْفِيَائِكَ مَنْ فَاضَتْ مِنْ نُّوْرِه* جَمِيْعُ الأنْوَارِ وَصَاحِبِ الْمَعْجِزَاتِ وَصَاحِبِ الْمَقَامِ الْمَحْمُوْدِ سَيِّدِ الأوَّلِين وَالم خِرِيْنَ +جيڪو شخص هن درود شريف کي ڪثرت سان پڙهندو، انشاءَ الله هر برائي ان کان ڇڏائجي ويندي، عبادت ۾ لطف ايندو ۽ ماڻهو عابد – پرهيزگار بنجي ويندو. + +اسي (80) سالن جا گناهه معاف +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر ا،مِّتر وَعَلي× اِ×لِه* وَسَلِّمْ +سهيل بن عبدالله رضي الله عنہ کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو: جيڪو شخص جمع جي ڏيهن عصر کان بعد اسي دفعا هي درود شريف پڙهندو، الله جل شانہ ان جا اسي سال جا گناه معاف فرمائيندو. (القول البديع) + +سڄو ڏينهن درود شريف پڙهڻ جو ثواب +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ في أوَّلِ كَلاَمِنَا أتجَّمُ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ في أوْسَطِ كَلاَمِنَا أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ في ا×خِرِ كَلاَمِنَا +بزرگن فرمايو آهي ته جو شخص هن درود شريف کي ٽي دفعا ڏينهن ۾ ۽ ٽي دفعا رات ۾ پڙهندو ته ڄڻ هن ڏينهن رات درود شريف پڙهيو. + +دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي لاءِ +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَاِ×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ بمعَدَدِ مَا في جَمِيْع( الْقُرْاِ×نِ حَرْفًا حَرْفًا وَبمعَدَدِ كُلِّ حَرْفٍ ألْفًا ألْفًا +قرآن شريف جي تلاوت بعد جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهندو، اهو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب رهندو. (روح البيان – سورة الاحزاب) + +ايمان سان خاتمو +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ مُّنْطَلِقِ عِنَانِ جَوَادِ الإيْمَانِ في مَيْدَانِ الإحْسَانِ مُرْسَلاً مُرْشِدًا إلى رِيَاح( الْكَرَمِ في رَوْضِ الْجَنَّانِ وَعَلي× ا×لِ مُحَمَّدٍ وَسَلِّمْ +شيخ سعد الدين حموي کان نقل آهي ته هن درود شريف جي ورد سان ماڻهو جو هن دنيا مان ايمان سان لاڏاڻو ٿيندو. + +مال ۾ خير ۽ برڪت لاءِ +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَبْدِكَ وَرَسُوْلِكَ وَعَلَي الْمُؤْمِنين وَالْمُؤْمِنَاتِ وَالْمُسْلِمِين وَالْمُسْلِمَاتِ +صاحب روح البيان فرمائن ٿا ته جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهندو، ان جي مال ۽ دولت ۾ خير ۽ برڪت پوندي. + +هڪ لک درود شريف جو ثواب +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنُّوْرِ الذَّاتِي السَّارِيْ في جَمِيْع( الم ثَارِ وَالأسْمَآ÷ وَالصِّفَاتِ وَعَلي× ا×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ. +هن درود شريف کي هڪ دفعو پڙهڻ سان هڪ لک درود شريف پڙهڻ جو ثواب ملندو. ان کان علاوه ڪنهن کي حاجت درپيش هجي ته هي درود شريف پنج سؤ دفعا پڙهندو ته انشاءَ الله حاجت پوري ٿيندي. (احسن الڪلام فضائل الصلواة) + +دلين کي نوراني بڻايو +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ نُّوْرِ الأنْوَارِ وَسِرِّ الأسْرَارِ وَسَيِّدِ الأبْرَارِ +هن درود شريف کي پڙهڻ سان دل ۾ نور پيدا ٿيندو. + +دين ۽ دنيا جون نعمتون حاصل ڪريو +أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِه* عَدَدَ إنْعَامِ اللهِ وَأفْضَالِه* +هن درود شريف کي پڙهڻ سان دين ۽ دنيا جون بيشمار نعمتون حاصل ٿينديون. + +لاعلاج مرض جو علاج +أتجُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلي× رُوْح( سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ فِي الأرْوَاح( وَصَلِّ وَسَلِّمْ عَلي× قَلْبِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ فِي الْقُلُوْبِ وَصَلِّ وَسَلِّمْ عَلي× جَسَدِ مُحَمَّدٍ فِي الأجْسَادِ وَصَلِّ وَسَلِّمْ عَلي× قَبْرِ سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ فِي الْقُبُوْرِ +حضرت شيخ شهاب ارسلان کان بعض صلحاء خواب ۾ ڏسي پنهنجي مرض جي شڪايت ڪئي ته انهن فرمايو، ترياق مجرب کان ڇو غافل آهيو. هي درود شريف پڙهندا ڪريو. + +درود شفاعت +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× مُحَمَّدٍ وَّأنْزِلْهُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَكَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ +رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهندو، ان لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي. (الترغيب والترهيب) + +هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون +جَزَي اللهُ عَنَّا [سَيِّدِنَا وَمُوْلاَنَا] مُحَمَّدًا [لخ] بممَا هُوَ أهْلُه, +هي درود شريف پڙهڻ واري لاءِ ستر ملائڪ هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکن ٿا. (طبراني) + +يارهن هزار درود شريف جو ثواب +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ وَعَلي× ا×لِه* صَلاَةً أنْتَ لَهَا أهْلٌ وَهُوَ لَهَا أهْلٌ +حافظ سيوطي رحمة الله عليہ فرمايو ته هن درود شريف جو هڪ دفعو پڙهڻ يارهن هزار درود شريف جي پڙهڻ برابر آهي. + +درود شفا +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا وَمَوْلاَنَا مُحَمَّدٍ طَبـيْبِّ الْقُلُوْبِ وَدَوَاآئِهَا وَعَافِيَةِ الأبْدَانِ وَشِفَائِهَا وَنُوْرِ الأبْصَارِ وَضِيَائِهَا وَعَلي× ا×لِه* وَصَحْبـه* وَسَلِّمْ +ڪنهن به مرض کان شفا لاءِ هن درود شريف جو ورد مجرب (آزمودو) آهي. + +دعاءِ خاتمو بالخير +أتجُمَّ يَا أللهُ يَا إلخهَ الْبَشَرِ وَيَا عَظِيْمَ الْخَطَرِ وَيَا سَرِيْعَ الْظَفَرِ وَيَا مَعْرُوْفَ الأثَرِ وَيَا وَاسِعَ الْمَغْفِرَةِ وَيَا عَزِيْزَ الْمَنَ وَيَا مَالِكَ يَوْمِ الدِّيْنِ بمحَقِّ إيَّاكَ نَعْبُدُ وَإيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ أعُوْذُ بماللهِ مِنَ الشَّيْطَانِ الرَّجِيْمِ بمرَحْمَتِكَ يَا أرْحَمَ الرَّاحِمِين +هڪ دفعي شيطان، حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي دربار ۾ حاضر ٿيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته خبيث شيطان! ڇو آيو آهين؟ شيطان عرض ڪيو ته اوهين مون کي خبيث نه چئو. مون کي هڪ دعا ياد آهي، جيڪا آئون روزانو پڙهندو آهيان، ان ڪري منهنجو خاتمو بالخير ٿيندو ۽ مان جنت ۾ ويندس. پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم جن تعجب ۾ پئجي ويا ۽ وحي جو انتظار ڪرڻ لڳا. الله تعاليٰ جي طرفان حڪم آيو ته شيطان صحيح ٿو چوي. اها دعا اهڙي آهي، جنهن کي جيڪو پڙهندو، اهو جنت ۾ ويندو. پر اسين شيطان جي مرڻ کان چاليهه سال اڳ اها دعا کيس وسارائي ڇڏينداسون. ان ڪري شيطان جو خاتمو نه ٿيندو ۽ هو جنت ۾ داخل ٿي نه سگهندو. اسان کي جڳائي ته مٿي ڏنل دعا هڪ دفعو صبح جو ۽ هڪ دفعو رات جو پڙهون. اسي سالن جا گناهه معاف. +ٻن اصحابن سڳورن حضرت ابوهريره ۽ حضرت انس رضي الله تعاليٰ عنهما هڪ حديث شريف نقل ڪئي آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن، نماز کان پوءِ، پنهنجي جاءِ تان اٿڻ کان اڳي اسي دفعا هيءُ درود شريف پڙهي ته ان جا اسي سالن جا گناه معاف ٿيندا. + +أتجُمَّ صَلِّ عَلي× سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ =لنَّبـتر ا،مِّتر وَعَلي× ا×لِه* وَسَلِّمْ تَسْلِيْمًا +حضرت سهل بن عبدالله رضي الله عنہ کان پڻ اهڙي قسم جي روايت آهي ته پاڻ سونهارن صلي الله عليہ وسلم جن ارشاد فرمايو ته جيڪو شخص ج��عي جي ڏينهن عصر نماز کان پوءِ مٿي ڏنل درود شريف اسي دفعا پڙهندو ته ان جا اسي ورهين جا گناه معاف ٿي ويندا. + +شرح صدر جي دعا +رَبِّ اشْرَحْ لِيْ صَدْرِيْ وَيَسّـرْلِيْ أمْرِيْ وَاحْلُلْ عُقْدَةً مِنْ لِّسَانِيْ يَفْقَهُوْا قُوْلِيْ رَبِّ زِدْنِيْ عِلْماً + +بيشمار گناهن جي معافي لاءِ + +هن استغفار لاءِ حضور اقدس صلي الله عليہ وسلم جن جو ارشاد آهي ته جيڪو ماڻهو (رات جو سمهڻ لاءِ) پنهنجي بستري تي اچي ۽ ٽي دفعا هي ڪلما پڙهي: + +أسْتَغْفِرُ اللهَ الَّذِيْ لآ إلخهَ هُوَ الْحَني الْقَيُّوْمُ وَأتُوْبُ إلَيْهِ +الله تعاليٰ ان جا (سڀ صغيرا) گناهه معاف ڪندو، اگرچه اهي سمنڊ جي جهڳ (گج) برابر هجن يا مقام عالج جي واري جي ذرن برابر هجن يا وڻ جي پنن جي برابر هجن يا دنيا جي ڏينهن ۽ رات جي برابر هجن. (ترمذي) + +رزق جي ڪشادگي لاءِ +يارهن دفعا فجر نماز کان پوءِ پڙهو: +فَأقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّيْنِ حَنِيْفًا فِطْرَةَ اللهِ الَّتِيْ فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا لاَ تَبْدِيْلَ لِخَلْقِ اللهِ ذِ×لِكَ الدِّيْنُ الْقَيِّمُ وَلخكِنَّ أكْثَرَ النَّاسِ لاَ يَعْلَمُونَ [سوره روم اآيت :30] + +نماز جي پابندي لاءِ +جيڪو ماڻهو اها خواهش رکندو هجي ته نماز جي پابندي ڪريان ۽ هر برائي کان پري رهان ۽ اجر ملي، فائدو وٺڻ وارو هن دعا کي روزانو 3 دفعا پڙهي پنهنجي مٿان دم ڪري. انشاءَ الله ڪاميابي ٿيندي. +وَأقِمِ الصَّلاَةَ طَرَفَيِ النَّهَارِ وَزُلَفًا مِّنَ الَّيْلِ إنَّ الْحَسَنَاتِ يُذْهِبْنَ السَّيِّاِتِ ذ×لِكَ ذِكْر×ي لِلذَّاكِرِيْنَ وَاصْبـرْ فَإنَّ اللهَ لاَ يُضِيْعُ أجْرَ الْمُحْسِنِين [سورة هود اآيت :114-115] + + +دعائي ايام بيض مڪرم +بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيم +أتجُمَّ إنِّيْ أسْئَلُكَ بمإسْمَائِكَ الْحُسْنبر بمحَقِّكَ يَا اللهُ يَا رَحمنُ الرَّحمنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَو×ي يَا رَحِيْمُ وَكَانَ اللهُ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا يَا مَالِكُ مَالِكِ يَوْمِ الدِّيْنَ يَا قَهَّارُ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ؛ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ يَا قُدُّوْسُ الْمَلِكُ الْقُدُّوْسُ يَا سَلاَمُ السَّلاَمُ الْمُؤْمِنُ يَا مُهَيْمِنُ الْمُهَيْمِنُ الْعَزِيْزُ يَا جَبَّارُ يَا مُتَكَبِّرُ يَا عَزِيْزُ وَكَانَ اللهُ عَزِيْزًا حَكِيْمًا يَا خَالِقُ فَتَبَارَكَ اللهُ أحْسَنُ الْخَالِقِين يَا بَارِئُ الْخَالِقُ الْبَارِيْ يَا مُصَوِّرُ هُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الأرْحَامِ كَيْفَ يَشَآءُ لآ إلخهَ إلاَّ هُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ يَا أوَّلُ يَا ا×خِرُ هُوَ الأوَّلُ وَالم خِرُ يَا ظَاهِرُ يَا بَاطِنُ هُوَ الظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ يَا شَكُوْرُ إنَّ رَبَّنَا لَغَفُوْرٌ شَكُوْرٌ يَا غَفُوْرُ وَكَانَ اللهُ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا يَا وَدُوْدُ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الْوَدُوْدُ يَا قَاهِرُ وَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِه* يَا حَلِيْمُ وَاللهُ شَكُوْرٌ حَلِيْمٌ يَا خَلاَّقُ هُوَ الْخَلاَّقُ الْعَلِيْمُ يَا نُوْرُ اللهُ نُوْرُ السَّمو"ِ×تِ وَالأرْضِ يَا بَاسِطُ إنَّ اللهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَّشَآءُ مِنْ عِبَادِه* وَيَقْدِرُ يَا قَائِمُ قَائِمًا بمالْقِسْطِ لآ إلخهَ إلاَّ هُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ يَا حَني اللهُ لآ إلخهَ إلاَّ هُوَ الْحَني الْقَيُّوْمُ يَا سَمِيْعُ فَسَيَكْفِيْكَهُمُ اللهُ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ يَا بَصِيْرُ إنَّ اللهَ بَصِيْرٌ بمالْعِبَادِ يَا عَلِني وَهُوَ الْعَلِني الْعَظِيْمُ يَا حَكِيْمُ وَكَانَ اللهُ عَزِيْزًا حَكِيْمًا يَا قَادِرُ قُلْ هُوَ الْقَادِرُ عَلي× أنْ يَبْعَثَ عَلَيْكُمْ عَذَابًا يَا رَحِيْمُ إنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ يَا لَطِيْفُ إنَّ رَبِّيْ لَطِيْفٌ لِّمَا يَشَآءُ يَا خَبـيْرُ إنَّ اللهَ كَانَ عَلِيْمًا خَبـيْرًا يَا قَرِيْبُ إنَّ رَبِّيْ قَرِيْبٌ مُّجِيْبٌ يَا بَاعِثُ إنَّ اللهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ يَا رَزَّاقُ وَهُوَ خَيْرُ الرَّازِقِين يَا وَارِثُ وَ؛ مِيْرَاثُ السَّمو"ِ×تِ وَالأرْضِ يَا قَوِيُّ إنَّ اللهَ لَقَوِيُّ عَزِيْزٌ يَا شَهِيْدٌ وَاللهُ عَلي× كُلِّ شَيْ/ شَهِيْدٌ يَا مُبْدِئُ إنَّه, هُوَ يَبْدِئُ وَيُعِيْدُ يَا تَوَّابُ إنَّ اللهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ يَا ذَالْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ يَا وَهَّابُ إنَّكَ أنْتَ الْوَهَّابُ يَا جَمِيْعُ فَاصْبـرْ صَبْرًا جَمِيْلاً يَا وَكِيْلُ وَكَفبر بماللهِ وَكِيْلاً يَا كَافِيْ وَكَفَي اللهُ الْمَؤْمِنِين الْقِتَالَ يَا وَلِني وَهُوَ الْوَلِني الْحَمِيْدُ يَا رَبُّ فَتَبَارَكَ اللهُ رَبُّ الْعَالَمِين يَا غَنِني وَاللهُ الْغَنـني وَأنْتُمُ الْفُقَرَاآءُ يَا مُحْسِنُ وَاللهُ يُحِبُّ الْمَحْسِنِين يَا قَدِيْرُ وَاللهُ عَلي× كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرٌ يَا مَفَضِّلُ وَاللهُ ذُوالْفَضْلِ الْعَظِيْمِ وَيُتِمُّ نِعْمَتَه, عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَقِيْمًا0 يَا مُعِزُّ وَتُعِزُّ مَنْ تَشَآءُ يَا مُذِلُّ وَتُذِلُّ مَنْ تَشَآءُ يَا رَفِيْعُ رَفِيْعُ الدَّرَجَاتَ ذُوالْعَرْشِ يَا شَفِيْعُ مَنْ ذَالَّذِيْ يَشْفَعُ عِنْدَه, إلاَّ بمإذْنِه* يَا كَبـيْرُ إنَّ اللهَ كَانَ عَلِيًّا كَبـيْرًا يَا حَقُّ فَتَعَالَي اللهُ الْمُلِكُ الْحَقُّ يَا بَرُّ إنَّه, هُوَ الْبَرُّ الرَّحِيْمُ يَا وَتْرُ وَالشَّفْع( وَالْوَتْرِ يَا غَفَّارُ إنَّه, كَانَ غَفَّارًا يُّرْسِلِ السَّمَآ÷ يَاغَافِرُ وَأنْتَ خَيْرُ الْغَافِرِيْنَ يَا حَمِيْدُ تَنْزِيْلٌ مِنْ حَكِيْمٍ حَمِيْدٍ يَا مَنَّانُ بَلِ اللهُ يَمُنُّ عَلَيْكُمْ أنْ هَدَاكُمْ لِلإيْمَانِ يَا بَاقِيْ وَيَبْقبر وَجْهُ رَبِّكَ ذُوالْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ يَا أحَدُ قُلْ هُوَ اللهُ أحَدٌ يَا مَتِيْنُ إنَّ اللهَ هُوَ الرَّزَّاقُ ذُوالْقُوَّةِ الْمَتِيْنِ يَا هَادِيْ إنَّ اللهَ يَهْدِيْ مَنْ يَّشَآءُ يَا بَدِيْعَ السَّمو"ِ×تِ وَالأرْضِ عَالِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ يَا فَتَّاحُ هُوَ الْفَتَّاحُ الْعَلِيْمُ يَا رَقِيْبُ إنَّ اللهُ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا يَا مُحِيْطُ وَاللهُ بممَا يَعْمَلُوْنَ مُحِيْطٌ يَا قَاضِيْ وَاللهُ يَقْضِيْ بمالْحَقِّ يَا صَمَدُ قُلْ هُوَ اللهُ أحَدٌ أللهُ الصَّمَدُ يَا حَسِيْبُ إنَّ اللهَ كَانَ عَلي× كُلِّ شَيْ/ حَسِيْبًا يَا نَصِيْرُ نِعْمَ الْمَوْلى وَنِعْمَ النَّصِيْرُ يَا وَاسِعُ وَكَانَ اللهُ وَاسِعًاحَكِيْمًا يَا مُتَعَالُ عَالِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ يَا مَنْ لَّمْ يَلِدْ وَلَمْ يُوْلَدْ وَلَمْ يَكُمْ لَّه, كَفُوًا أحَدٌ وَصَلَّي اللهُ عَلي× خَيْرِ خَلْقِه* مُحَمَّدٍ وَاِ×لِه* وَ أصْحَابمه* أجْمَعِين وَسَلَّمَ تَسْلِيْمًا كَثِيْرًا بمرَحْمَتِكَ يَآ أرْحَمَ الرَّاحِمِين يَا وَلـى الإسْلاَمِ وَأهْلِه* مَسِّكْنَا بمالإسْلاَمِ وَثَبِّتْنَا عَلَي الإيْمَانِ جمي نَلْقَاكَ بمه* وَأنْتَ عَنَّا رَاضٍ غَيْرَ عَضْبَانَ يَا اللهُ يَا رَحمنُ يَا رَحِيْمُ لآ إلخهَ إلاَّ اللهُ الْحَلِيْمُ الْكَريْمُ سُبْحَانَ اللهِ رَبِّ السَّماو×تِ السَّبْع( وَرَبِّ الْعَرْشِ وَالْحَمْدُ ؛ رَبِّ الْعَالَمِين كَمَا هُوَ أهْلُه, بَارِكُ عَلي× فِي الْمَوِْتِ وَفِيْمَا بَعْدَ الْمَوْتِ + +حضرت رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هن مبارڪ دعا کي پڙهي يا پنهنجي ويجهو رکي، الله تعاليٰ ان شخص کي آفتن ۽ بلائن کان محفوظ رکندو. جيڪو شخص هن دعا کي پڙهي يا پنهنجي نزديڪ رکي ان کي تمام گهڻيون ڪرامتون ميسر ٿينديون ۽ ثواب چار پيغمبرن جو ملندو ۽ چار فرشتن جو ملندو. هن دعا کي عزت سان رکي، عظمت هن دعا جي ڪوبه نٿو ڄاڻي سواءِ الله تعاليٰ جي. جيڪو هن دعا کي پنهنجي عمر ۾ هڪ ڀيرو پڙهي، الله تعاليٰ ان کي بخشي. جڏهن اهو شخص قيامت جي ڏينهن قبر مان اٿندو، ان جي صورت چوڏهينءَ جي چنڊ جي مانند روشن هوندي ۽ پهرين ۽ آخري مخلوق کي عجيب حيرت ٿيندي ته هن شخص ڪهڙي نيڪي ڪئي هوندي، ۽ هڪ ٻئي کان پڇندا ته هي ڪهڙو ولي آهي، ۽ ڪهڙو پيغمبر آهي؟ آواز ايندو ته هي نه ولي آهي ۽ نه پيغمبر. هي شخص خدا تعاليٰ جي بندن مان ۽ حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جي امت مان آهي. ان شخص پنهنجي عمر ۾ هڪ دفعو هيءَ دعا پڙهي هن دعا کي جيڪو شخص پنهنجي عمر ۾ پندره ڀيرا پڙهي ۽ تريءَ تي لکي رکي جڏهن قبر مان اٿندو ته هڪ براق ايندو ۽ ان جي زين ڳاڙهي ياقوت سان ٺهيل هوندي ۽ هو قيامت جي ميدان ۾ سوار ٿيندو. آواز ايندو ته هن شخص دنيا ۾ پنهنجي عمر ۾ پندره ڀيرا هيءَ دعا پڙهي. هن کي جاءِ ڏيو. جيڪو شخص هن دعا کي پڙهي ان کي قبر جو عذاب نه ٿيندو، ۽ ٻين عذابن کان امن ۾ رهندو. جيڪڏهن ان جا گناه درياه کان ٻيڻا هوندا، الله تعاليٰ معاف ڪندو ۽ حج ۽ عمري جو ثواب ملندو. جيڪو شخص جمعي جي رات هن دعا کي پنج ڀيرا پڙهي ۽ جناب سيد المرسلين شفيع المذنبين ۽ حبيب رب العالمين سرور انبياءِ مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم کي بخشي، خواب ۾ پاڻ صلي الله عليہ وسلم کي ڏسندو، جيڪڏهن ڪو غم ۾ مبتلا هجي، هن دعا کي پڙهي، الله تعاليٰ غم پري ڪندو. جيڪڏهن ڪو بکيو اڃيو پڙهي، الله تعاليٰ ان جي بُک اُڃ ختم ڪندو ۽ جيڪا حاجت چاهي پوري ٿيندي، جيڪڏهن چوري ٿي وڃي چار رڪعت نماز پڙهي ۽ هر رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ قل هو الله ڏهه ڀيرا پڙهي ۽ جڏهن نماز مان فارغ ٿي مٿو سجدي ۾ رکي اها دعا پڙهي ته الله تعاليٰ وڃايل شيءِ ان کي موٽائي ڏيندو. هن دعا کي جيڪو پڙهي يا ويجهو رکي، جيڪڏهن پڙهڻ نه ڄاڻي ته ٻڌي، دشمنن جي شر ۽ تمام آفتن کان امن ۾ رهندو ۽ جيڪڏهن ڪو اعتقاد سان گڏ پڙهي پهاڙ تي ڦوڪي ته الله تعاليٰ جي حڪم سان پهاڙ ٽٽي پوي. ڇاڪاڻ ته هن دعا ۾ الله تعاليٰ جا بزرگ نالا آهن. جيڪڏهن ڪو نه سيکاري، بخيلي ڪري، اهو گنهگار آهي. حضرت رسول صلي الله عليہ وسلم جن کان روايت آهي ته جيڪو شخص نيڪ روزگار چاهي، هن دعا کي هميشه پڙهي الله تعاليٰ جي فضل سان تنگي دور ٿي ويندي ۽ حضرت خواجه حسن بصري رحمة الله کان روايت آهي ته جناب رسول خدا صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو: ڪا شيءِ هن دعا کان بهتر نه آهي. جيڪو شخص سچي اعتقاد سان هن دعا کي پڙهي ۽ پير زمين تي رکي، عجب ناهي ته ان جي پير سان زمين لڏي. هن دعا کي پڙهڻ واري کي ڪو��ه غم نه ٿيندو. جيڪو شخص هن دعا کي صبح جي نماز کان پوءِ ٽي ڀيرا يا هڪ ڀيرو پڙهي الله تعاليٰ ان شخص جي مدد ڪندو ۽ دشمنن تي فتح پائيندو. جيڪڏهن ڪو قيد خاني ۾ گرفتار هجي، هيءَ دعا پڙهي الله تعاليٰ ان شخص کي قيد خاني مان آزاد ڪندو. جيڪو شخص ٽي ڏينهن صبح جي وقت بِلا ناغه پڙهي الله تعاليٰ ستر هزار فرشتن کيحڪم ڏيندو ته آسمان کان هيٺ اچن ۽ هن شخص کي تمام آفتن ۽ بلائن کان محفوظ رکن. جيڪو شخص هن دعا کي هر روز هڪ ڀيرو پڙهي. الله تعاليٰ ان شخص کي بهشت نصيب ڪندو ۽ ٽيهه هزار شهرستان سرخ ياقوت سان ۽ هر شهرستان ۾ ٽيهه هزار محل ۽ سڀني محلن ۾ ٽيهه هزار سراءِ ۽ سڀني سرائن ۾ ٽيهه هزار گهر ۽ سڀني گهرن ۾ ٽيهه هزار تخت ۽ سڀني تختن تي ٽيهه هزار وڇاڻا ۽ سڀني وڇاڻن تي ٽيهه هزار حورون ويٺل هونديون ۽ ٽيهه هزار ڪرسيون ساڄي هٿ جي طرف ۽ ٽيهه هزار کاٻي هٿ طرف رکيل هونديون ۽ سڀني جاين تي هڪ هڪ خادم ويٺل هوندو، ان لاءِ ته ان جي خدمت ڪن ۽ ٽيهه هزار قسمن جو کاڌو ان کي ملندو. +دعاءِ نور جي فضيلت +أتجُمَّ يَا نُوْرُ تَنَوَّرْتَ بمالنُّوْرِ وَالنُّوْرُ في نُوْرِ نُوْرِكَ يَا نُوْرُ أتجُمَّ بَارِكْ عَلَيْنَا وَادْفَعْ عَنَّا بَلاَئَنَا يَا رَؤُفُ لَبَّيْكَ وَأكْرِمْ لَبَّيْكَ وَأنْ يَّبْعَثَ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ أتجُمَّ ارْزُقْنَا خَيْرَ الدِّيْنِ مَعَ الْقُرْبِ وَالإخْلاَصِ وَالإسْتَقَامَتِ بملُطْفِكَ وَصَلَّي اللهُ عَلي× خَيْرِ خَلْقِه* وَنُوْرِ عَرْشِه* سَيِّدِنَا وَمَوْلاَنَا مُحَمَّدٍ وَا×لِه* وَأصْحَابمه* أجْمَعِين وَسَلَّمَ تَسْلِيْمًا كَثِيْرًا بمرَحْمَتِكَ يَآ أرْحَمَ الرَّاحِمِين + +هڪ ڏينهن پيغمبر صلي الله عليہ وسلم مديني جي مسجد ۾ ويٺا هئا ته جبرئيل عليہ السلام آيو ۽ چيائين: يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم! خدا تعاليٰ توهان کي سلام چيا آهن ۽ پوءِ سلام جو تحفه دعاءِ نور جو موڪليو آهي ۽ چيو آهي ته هيءَ دعا توهان جي امت جي واسطي موڪلي آهي. هيءَ دعا گذريل امتن کي ڪونه ملي، پر تنهنجي امت جي بخشش جو سبب آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ سڄي عمر سجدا ڪيا آهن، هن دعا جي پڙهڻ سان انهيءَ کي هزار شهيدن ۽ صديقن ۽ لوح ۽ قلم ۽ عرش ۽ ڪرسي ۽ طبق آسمان ۽ زمين جي ۽ اٺن جنتن جو ثواب ملندو ۽ جيڪو به تمام عمر ۾ هڪ ڀيرو پڙهي يا نظر سان ڏسي يا ٻُڌي ته ثواب نوح نجي الله جو ۽ ابراهيم عليہ السلام جو ۽ يعقوب عليہ السلام جو ۽ موسيٰ عليہ السلام جو ڏيندو ۽ ثواب جبرئيل ۽ ميڪائيل ۽ اسرافيل جو ۽ عزرائيل جو ڏيندو ۽ ثواب يوسف عليہ السلام جو ڏيندو يا محمد صلي الله عليہ وسلم ان کي ۽ ان جي ماءُ پيءُ کي بخشيندس ۽ يامحمد صلي الله عليہ وسلم! جنهن گهر ۾ هيءَ دعا هجي، هزار گهرن تائين برڪت هوندي. باهه کان ۽ بلائن کان امن ۾ رهندو ۽ هن دعا کي پڙهڻ وارو جنت الفردوس ۾ همسايو حضرت نبي صلي الله عليہ وسلم جو هوندو ۽ ان جي واسطي جنت ۾ محل تيار ٿين ٿا ۽ اهڙا محل ته ان ۾ اسي هزار نديون ۽ اسي هزار ندي جي ڪناري تي پيالا ڀريل آهن. ان جو شمار آسمان جي ستارن جهڙو آهي، ڀريل آهن، شراب طهور ان کي قيامت ۾ پياريندا ۽ هر هڪ ندي ۾ اسي هزار وڻ ۽ هرهڪ وڻ جي اسي هزار ٽاريءَ تي ميون جي ڇڙي آهي، ان جو قدر الله ڄاڻي يا محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جڏهن پڙهڻ وارو هن دعا کي پڙهي ٿو ته جبرئيل عليہ السلام هزار فرشتن سان گڏ قيامت جي ڏينهن تائين حفاظت ڪندا. يا محمد صلي الله عليہ وسلم! جيڪو به هن دعا کي مردي جي ڪفن تي لکندو ان تي سوال م��ڪر ۽ نڪير جو آسان ٿيندو ۽ هن دعا جو ورد رکندو ته ايمان سان گڏ راحت ۽ آرام سان گذاريندو ۽ قيامت جي ڏينهن ان جو منهن چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو روشن هوندو. ماڻهو حشر جي ڏينهن چوندا ته هي پيغمبر آهي يا اولياءُ آهي؟ تڏهن غيب مان آواز ايندو ته هي ماڻهو خدا جو ٻانهو ۽ اُمت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم مان آهي، اولياء يا پيغمبر ناهي. يا محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم! ماڻهن تي لازم آهي ته هيءَ دعا پاڙي در پاڙي پهچائين ۽ بخيلي نه ڪن، جيڪڏهن بخيلي ڪندا ته قيامت ۾ شفاعت نه ٿيندي ۽ ان کي پڙهڻ سان بيماري مان شفا پائيندو ۽ ظالم جي ظلم مان خلاصي ملندي ۽ جنگ ۾ فتح ۽ نصرت ٿيندي ۽ تير ۽ شمشير ۽ بندوق اثر نه ڪندي ۽ هر مشڪل آسان ٿيندي ۽ ڪو سفر ۾ ويندو ته سلامت ايندو. جيڪڏهن بادشاهه جي ويجهو ويندو ته سرخرو ٿي ايندو ۽ هن دعا کي پڙهڻ وارو الله جي جناب ۾ مقبول هوندو، اسناد هن جا تمام گهڻا آهن پر مختصر ڪيا ويا آهن ته جيئن پڙهڻ واري کي ڪا ملال نه ٿئي. + + +دعاءِ حاجات +يَآ أللهُ يَآ أحَدُ يَا وَاحِدُ يَا مَوْجُوْدُ يَا جَوَّادُ يَا بَاسِطُ يَا كَرِيْمُ يَا وَهَّابُ يَا ذَالطَّوْلِ يَا غَنِني يَا مُغْنِيْ يَا فَتَّاحُ يَا رَزَّاقُ يَا عَلِيْمُ يَا حَكِيْمُ يَا حَني يَا قَيُّوْمُ يَا رَحمنُ يَا رَحِيْمُ يَا بَدِيْعُ السَّمو"ِ×تِ وَالأرْضِ يَا ذَالْجَلالِ وَالإكْرَامِ يَا حَنَّانُ يَا مَنَّانُ نَفِّحْنِيْ مِنْكَ بمنَفْحَةِ خَيْرٍ تُغْنِيْ بمهَا عَمَّنْ سِوَاكَ إنْ تَسْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَآءَكُمُ الْفَتْحُ إنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِيْنًا نَصْرٌ مِّنَ اللهِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ أتجُّمْ يَا غَنِني يَا حَمِيْدُ يَا مُبْدِئُ يَا مُعِيْدُ يَا وَدُوْدُ يَا ذُوالْعَرْشِ الْمَجِيْدِ يَا فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ أكْفِيْ بمحَلاَلِكَ عَنْ حَرَامِكَ وَأغْنِيْ بمفَضْلِكَ عَمَّنْ سِوَاكَ وَاحْفَظْنِيْ بممَا حَفِظْتَ بمهِ الذِّكْرَ وَانْصُرْنِيْ بممَا نَصَرْتَ بمهِ الرُّسُلَ إنَّكَ عَلي× كُلِّ شَيْ/ قَدِيْرٌ +جيڪو شخص هر نماز کان پوءِ هن دعا کي پڙهندو يا خصوصًا جمعي جي نماز کان پوءِ پڙهندو ته الله تعاليٰ هر طوف کان پري رکندو ۽ ان جي حفاظت ڪندو. + + +66 الله جو نالو +جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا يا الله پڙهندو، انشاء الله ان جي دل مان سڀئي شڪ ۽ شبها ختم ٿي ويندا ۽ عزم ۽ يقين جي قوت نصيب ٿيندي. جيڪو لاعلاج مريض ڪثرت سان يا الله جو ورد ڪري ۽ ان کان پوءِ شفا جي دعا گهري ته ان کي شفا نصيب ٿيندي. + + +298 وڏو مهربان +298 روزانو هر نماز کان پوءِ 115 دفعا يا رحمــٰن پڙهڻ واري جي دل مان هر قسم جي سختي ۽ غفلت انشاءَ الله ختم ٿي ويندي. + + +258 رحم وارو +جيڪو شخص روزانو هر نماز کان پوءِ 100 دفعا ”يارحيم“ پڙهندو، سڀني دنيا جي آفتن کان محفوظ رهندو ۽ تمام مخلوق ان تي مهربان ٿيندي، انشاءَ الله. + + +90 حقيقي بادشاهه +روزانو صبح جي نماز کان پوءِ ڪثرت سان ”يا الملک“ پڙهڻ واري کي الله تعاليٰ غني يعني مالدار ڪري ڇڏيندو، انشاءَ الله. + + +170 نهايت پاڪ +جيڪو شخص روزانو زوال جي وقت کان پوءِ ان نالي مبارڪ کي ڪثرت سان پڙهندو، انشاءَ الله ان جي دل روحاني مرضن کان پاڪ ٿي ويندي. + + +131 سلامتي ڏيڻ وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم کي پڙهندو رهندو، انشاءَ الله سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص 115 دفعا پڙهي بيمار تي دم ڪندو، الله تعاليٰ ان کي صحت وشفا عطا فرمائيندو +. + +136 امان بخشڻ وارو +جيڪ�� شخص ڪنهن خوف جي وقت هن اسم کي 630 دفعا پڙهندو، انشاءَ الله هر طرح جي خوف ۽ نقصان کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص هن اسم کي پڙهي يا لکي پاڻ وٽ رکي ان جو ظاهر وباطن الله تعاليٰ جي امان ۾ رهندو. + + +145 حفاظت فرمائڻ وارو +جيڪو شخص غسل ڪري ٻه رڪعت نماز پڙهي ۽ صدق دل سان 100 دفعا هي اسم پڙهي الله تعاليٰ ان جو ظاهر وباطن پاڪ فرمائيندو ۽ جيڪو شخص 115 دفعا پڙهندو ته انشاءَ الله پوشيده شين تي مطلع ٿيندو. + + +94 عزت وارو +جيڪو شخص 40 ڏينهن تائين 40 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله، الله تعاليٰ ان کي معزز ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو شخص فجر جي نماز کان پوءِ 41 دفعا پڙهندو رهندو ته انشاءَ الله ڪنهن جو محتاج نه هوندو ۽ ذلت کان پوءِ عزت ملندس. + + +260 عظمت وارو +جيڪو شخص صبح ۽ شام 226 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ظالمن جي ظلم ۽ قهر کان محفوظ رهندو ۽ جيڪو شخص چاندي جي منڊي تي هي اسم نقش ڪرائي پائيندو، ان جي هيبت ۽ شوڪت ماڻهن جي دلين ۾ انشاءَ الله پيدا ٿيندي. + + +662 تڪبر وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان کي عزت ۽ وڏائي عطا فرمائيندو ۽ اگر هر ڪم جي ابتدا ۾ هي اسم بڪثرت پڙهي ته انشاءَ الله ان ۾ هو ڪامياب ٿيندو. + + +731 ٺاهڻ وارو +جيڪو شخص 7 ڏينهن تائين مسلسل 15 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص هميشه هي اسم پڙهندو رهندو ته الله تعاليٰ هڪ فرشتو پيدا ڪندو آهي، جيڪو ان جي طرف کان هميشه عبادت ڪندو ۽ ان سان ان جو چهرو منور رهندو. + + +213 پيدا ڪرڻ وارو +اگر بي اولاد عورت ست ڏينهن روزا رکي ۽ پاڻي سان روزو کولڻ بعد 21 دفعا ”يا باري يا مصور“ پڙهي ته انشاءَ الله اولاد نرينه نصيب ٿيندي. + + +336 هر هڪ کي صورت ڏيڻ وارو +بي اولاد عورت هن اسم مبارڪ کي هن طرح عمل ڪري ته 7 روزا رکي ۽ هر روز افطار جي وقت هنن ٽن نالن کي ”يا خالق يا باري يا مصور“ 21 دفعا پڙهي هڪ گلاس پاڻي تي دم ڪري ۽ انهيءَ پاڻي سان افطار ڪري ته ان کي اولاد حاصل ٿيندي. + + +1281 وڏو بخشڻ وارو +جيڪو شخص جمعي جي نماز کان پوءِ 100 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ان تي مغفرت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳندا ۽ جيڪو شخص نماز عصر کان پوءِ روزانو يا غفار اغفرلي پڙهندو، الله تعاليٰ ان کي بخشيل ماڻهن ۾ داخل ڪندو، انشاءَ الله. + + +306 غلبي وارو +جيڪو شخص دنيا جي محبت ۾ گرفتار ٿيل هجي ۽ اهو ڪثرت سان هن اسم کي پڙهي ته دنيا جي محبت ان جي دل مان انشاءَ الله ختم ٿي ويندي ۽ خدا جي محبت پيدا ٿيندي. + + +14 گهڻو ڏيڻ وارو +جيڪو شخص فقر ۽ فاقن ۾ گرفتار هجي ۽ اهو ڪثرت سان هن اسم کي پڙهي يا لکي پاڻ وٽ رکي يا چاشت جي نماز جي آخري سجدي ۾ 40 دفعا هي اسم پڙهي ته الله تعاليٰ فڪر ۽ فاقن کان انشاءَ الله ان کي حيرت انگيز طريقي سان نجات ڏيندو ۽ اگر ڪا خاص حاجت درپيش هجي ته گهر يا مسجد جي اڱڻ ۾ 3 دفعا سجدو ڪري هٿ کڻي ۽ 15 دفعا هي اسم پڙهي انشاءَ الله حاجت پوري ٿيندي. + + +308 روزي پهچائڻ وارو +جيڪو شخص صبح جي نماز کان پهرين پنهنجي گهر جي چئني ڪنڊن ۾ ڏهه ڏهه دفعا هي اسم پڙهي دم ڪري، الله تعاليٰ ان تي رزق جا دروازا کولي ڇڏيندو ۽ بيماري ۽ مفلسي ان جي گهر ۾ هرگز نه ايندي. ساڄي ڪنڊ کان شروع ڪري ۽ منهن ڪعبي جي طرف رکي. + + +489 کولڻ وارو +جيڪو شخص فجر جي نماز کان پوءِ ٻئي هٿ سيني تي ٻڌي 70 دفعا پڙهندو، انشاءَ الله ان جي دل نور ايمان سان منور ٿيندي. + + +150 ڄاڻڻ وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان يا عليم جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان تي انشاءَ الله علم ۽ مغفرت جا دروازا کولي ڇڏين��و. + + +903 تنگي ڪرڻ وارو +جيڪو شخص ماني جي چئن گرهن تي هن اسم کي لکي چاليهن ڏينهن تائين کائيندو، بک، اڃ، زخم ۽ سور وغيره جي تڪليف کان انشاءَ الله محفوظ رهندو. + + +720 ڪشادگي پيدا ڪرڻ وارو +جيڪو شخص چاشت جي نماز کان پوءِ آسمان جي طرف هٿ کڻي روزانو 10 دفعا هن اسم کي پڙهندو ۽ منهن تي هٿ ڦيرائيندو الله تعاليٰ ان کي انشاءَ الله غني ڪري ڇڏيندو ۽ ڪڏهن ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو +. + +1481 هيٺ ڪرڻ وارو +جيڪو شخص روزانو 500 دفعا يا خافض پڙهندو، الله تعاليٰ ان جون حاجتون انشاءَ الله پوريون ڪندو. جيڪو شخص 3 روزا رکي ۽ چوٿين ڏينهن هڪ جاءِ تي ويهي 70 دفعا ”الخافض“ پڙهي ته انشاءَ الله دشمن تي فتحياب ٿيندو. + + +351 بلند ڪرڻ وارو +جيڪو شخص هر مهيني جي چوڏهين رات تي اڌ رات ۾ 100 دفعا ”الرافع“ پڙهندو الله تعاليٰ ان کي مخلوق کان بي نياز ڪري ڇڏيندو. + + +117 عزت ڏيڻ وارو +جيڪو شخص سومر يا جمع جي ڏينهن مغرب جي نماز کان پوءِ 40 دفعا يا معز پڙهندو، الله تعاليٰ ان کي ماڻهن ۾ باعزت ۽ باوقات ڪندو. + + +880 ذلت ڏيڻ وارو +جيڪو شخص 75 دفعا يا مذل پڙهي دعا ڪري، الله تعاليٰ ان کي انشاءَ الله حاسدن، ظالمن ۽ دشمنن جي شر کان محفوظ رکندو. اگر ڪو خاص دشمن هجي ته سجدي ۾ ان جو نالو وٺي چوي ”اي الله! فلاڻي ظالم يا دشمن جي شر کان محفوظ رک.“ دعا ڪري انشاءَ الله قبول ٿيندي. + + +180 ٻڌڻ وارو +جيڪو شخص خميس جي ڏينهن چاشت جي نماز کان پوءِ 500 يا 50 دفعا ”يا سميع“ پڙهندو، انشاءَ الله ان جون دعائون قبول ٿينديون، ليڪن عمل جي دوران وچ ۾ ڪنهن سان به نه ڳالهائي ۽ جيڪو شخص خميس جي ڏينهن فجر جي سنتن ۽ فرضن جي وچ ۾ 15 دفعا پڙهندو، الله تعاليٰ ان کي نظر خاص سان نوازيندو. + + +302 ڏسڻ وارو +جيڪو شخص جمع جي نماز کان پوءِ 100 دفعا يا بصير پڙهي ته الله تعاليٰ ان جي نظر ۾ انشاءَ الله روشني ۽ دل ۾ نور پيدا فرمائيندو. + + + +68 فيصلو ڪرڻ وارو +جيڪو شخص رات جي آخري حصي ۾ 99 دفعا باوضو هي اسم پڙهندو ته الله تعاليٰ ان جي دل کي انشاءَ الله منور ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو شخص جمع جي رات ۾ هي اسم ايترو پڙهي جو بي حال ۽ بي خود ٿي وڃي ته الله تعاليٰ ان جي قلب کي انشاءَ الله ڪشف ۽ الهام کان نوازيندو. + + + +104 انصاف ڪرڻ وارو +جيڪو شخص جمع جي ڏينهن يا جمع جي رات مانيءَ جي 20 ٽڪرن تي العدل لکي کائيندو، الله تعاليٰ مخلوق کي ان جي لاءِ مسخر فرمائيندو. + + + +129 وڏو باريڪ بين +جيڪو شخص 133 دفعا يا لطيف پڙهي انشاءَ الله ان جي رزق ۾ برڪت ٿيندي ۽ ان جا سڀ ڪم بخوبي پورا ٿيندا، جيڪو شخص فقرفاقي، ڏک، بيماري، اڪيلائپ يا ڪنهن بي مصيبت ۾ گرفتار هجي، اهو چڱي طرح وضو ڪري 2 رڪعت نماز پڙهي ۽ پنهنجي مقصد ۽ مطلب کي دل ۾ رکي 15 دفعا هي اسم پڙهي، انشاءَ الله مقصد پورو ٿيندو. + + + +812 خبر رکڻ وارو +جيڪو شخص ستن ڏينهن تائين هي اسم بڪثرت پڙهندو، انشاءَ الله تعاليٰ ان تي پوشيده راز ظاهر ٿيڻ لڳندا. جيڪو شخص خواهشات نفساني ۾ گرفتار هجي، اهو بڪثرت هن اسم جو ورد ڪري انشاءَ الله ان کي رهائي نصيب ٿيندي. + + + +88 بردبار +جيڪو شخص هن اسم کي ڪاغذ تي لکي ۽ پاڻي سان ڌوئي جنهن شيءِ تي پاڻي ڇڙڪيندو يا مکيندو، انشاءَ الله ان ۾ خير برڪت ٿيندي ۽ آفتن سان اها شيءِ محفوظ رهندي. + + +1020 بزرگ +جيڪو شخص هن اسم جو بڪثرت ورد رکندو، انشاءَ الله ان کي عزت وعظمت نصيب ٿيندي. + + +1286 گناهه مٽائڻ وارو +جيڪو شخص هن اسم جو بڪثرت ورد ڪندو، انشاءَ الله ان جون تمام تڪليفون ۽ رنج وغم ختم ٿي ويندا ۽ مال ۽ اولاد ۾ برڪت ٿيندي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جيڪو شخص سجدي ۾ ”يا رب اغفرلي“ 3 دفعا چوندو، الله تعاليٰ ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ڪندو. + + +5260 صلو ڏيڻ وارو +جيڪو شخص معاشي تنگي ۽ ڪنهن ٻئي ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا هجي ته اهو هن اسم کي 61 دفعا روزانو پڙهي، انشاءَ الله ان کي رهائي نصيب ٿيندي +. + +110 اونچو +جيڪو شخص هن اسم کي هميشه پڙهندو رهي ۽ لکي پاڻ وٽ رکي ته ان کي رتبي جي بلندي ۽ خوشحالي ۽ مقصد ۾ ڪامراني نصيب ٿيندي + +. + +232 وڏو +جيڪو شخص پنهنجي عهدي کان معزول ٿي ويو هجي، اهو ست روزا رکي ۽ روزانو 100 دفعا ”يا ڪبير“ پڙهي، اهو انشاءَ الله پنهنجي عهدي تي بحال ٿي ويندو ۽ ان کي بزرگي ۽ برتري نصيب ٿيندي. + + +998 نگهبان +جيڪو شخص بڪثرت ياحفيظ جو ورد رکندو ۽ لکي پاڻ وٽ رکي، اهو انشاءَ الله هر طرح جي خوف ۽ خطري ۽ نقصان کان محفوظ رهندو. + + +550 روزي ڏيڻ وارو +جيڪو شخص خالي پاڻيءَ جي ٿانءَ ۾ 7 دفعا هي اسم پڙهي دم ڪري ۽ ان مان پاڻ پاڻي پيئي يا ڪنهن ٻئي کي پياري ته انشاءَ الله ان جو مقصد پورو ٿيندو. + + +80 ڪفايت ڪرڻ وارو +جيڪو شخص ڪنهن به ماڻهو يا ڪنهن شيءِ کان ڊڄندو هجي ته اهو جمعرات کان شروع ڪري 8 ڏينهن تائين صبح ۽ شام 70 دفعا ”حسبي الله الحسيب“ پڙهي ته انشاءَ الله هر شيءِ ۽ هر شر کان محفوظ رهندو. + + +73 بزرگي وارو +جيڪو شخص مشڪ وزعفران سان هن اسم کي لکي پاڻ وٽ رکي ۽ بڪثرت ”يا جليل“ جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان کي عزت ۽ عزمت ۽ قدر ومنزلت عطا فرمائيندو. + + +270 ڪرم ڪرڻ وارو +جيڪو شخص روزانو سمهڻ وقت ”يا ڪريم“ پڙهندي پڙهندي سمهي پئي ته الله تعالـى ان کي علماء وصلحاء ۾ عزت نصيب فرمائيندو. + + +312 نگهبان +جيڪو شخص پنهنجي خاندان ۽ مال تي 7 دفعا هن اسم کي پڙهي روزانو دم ڪري ۽ ”يارقيب“ جو ورد ڪري انشاءَ الله اهو سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. + + +137 وسعت ڏيڻ وارو +جيڪو شخص بڪثرت ”يا واسع“ جو ورد ڪري انشاءَ الله ان کي ظاهري ۽ باطني غنا الله تعاليٰ عطا فرمائيندو. + +55 قبول ڪرڻ وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا مجيب“ پڙهندو، انشاءَ الله ان جون دعائون بارگاهه خداوندي ۾ قبول ٿينديون. + +178 حڪمت وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا حکيم“ پڙهندو، الله تعاليٰ ان تي انشاءَ الله علم ۽ حڪمت جو دروازو کوليندو. جنهن شخص جو ڪوئي ڪم پورو نه ٿيندو هجي ته اهو پابندي سان هن اسم کي پڙهي انشاءَ الله ڪم پورو ٿيندو. + + +20 دوستي ڪرڻ وارو +جيڪو شخص هڪ هزار دفعا يا ودود پڙهي کاڌي تي دم ڪري ۽ زال سان گڏ ويهي اها ماني کائي ته انشاءَ الله زال مڙس جو جهڳڙو ختم ٿي ويندو ۽ باهمي محبت پيدا ٿي ويندي. + +57 عزت وارو +جيڪو شخص ڪنهن ڏکوئيندڙ مرض آتشڪ، جزام وغيره ۾ مبتلا هجي ته اهو 13، 14، 15 تاريخ جا روزا رکي ۽ روزو کولڻ کان پوءِ بڪثرت هن اسم کي پڙهي ۽ پاڻي تي دم ڪري پيئي، انشاءَ الله مرض ختم ٿي ويندو. + +573 قبر مان کڻڻ وارو +جيڪو شخص روزانو سمهڻ وقت سيني تي هٿ رکي 101 دفعا ”يا باعث“ پڙهي ته انشاءَ الله ان جو دل علم ۽ حڪمت سان زنده ٿي ويندو. + +319 موجود +جنهن شخص جي زال يا اولاد نافرمان هجي، اهو صبح جي وقت ان جي پيشاني تي هٿ رکي 21 دفعا ”يا شهيد“ پڙهي دم ڪري ته فرمانبردار ٿي ويندو. + +108 ثابت ڪرڻ وارو +جيڪو شخص چوڪور ڪاغذ جي چئني ڪنڊن تي ”الحق“ لکي اسر جي وقت ڪاغذ تي هٿ رکي آسمان جي طرف بلند ڪري دعا گهري، انشاءَ الله گم شده شخص يا سامان ملي ويندو ۽ نقصان کان محفوظ رهندو. + +66 ڪارساز +جيڪو شخص ڪنهن به آسماني آفت جي وقت بڪثرت ”يا وڪيل“ جو ورد ڪندو ۽ ان اسم کي پنهنجو وڪيل ٺاهيندو، اهو انشاءَ الله هر آ��ت کان محفوظ رهندو. + +116 طاقتور +جيڪو شخص واقعي مظلوم ۽ ڪمزور ۽ مغلوب هجي، اهو هن ظالم ۽ طاقتور دشمن کي دفع ڪرڻ جي نيت سان بڪثرت هن اسم کي پڙهي، انشاءَ الله هن سان محفوظ رهندو. (بي محل ۽ ناحق هي عمل هرگز نه ڪري) + +500 گهڻو مضبوط +جنهن عورت کي کير نه هجي ته ”المتين“ ڪاغذ تي لکي ڌوئي پيئي، انشاءَ الله کير گهڻو ٿيندو. + +46 دوست +جيڪو شخص پنهنجي زال جي عادتن ۽ خصلتن کان خوش نه هجي ته اهو جڏهن به ان جي سامهون وڃي، هن اسم کي پڙهي ته انشاءَ الله نيڪ خصلت ٿي ويندي. + + +62 تعريف ٿيل +جيڪو شخص 45 ڏينهن تائين مسلسل 93 دفعا اڪيلائي ۾ ”يا حميد“ پڙهندو ته ان جون سڀئي خراب عادتون ختم ٿي وينديون. + + +148 گهيرڻ وارو +جيڪو شخص ماني جي 20 ٽڪرن تي روزانو 20 دفعا هي اسم پڙهي دم ڪري کائي، انشاءَ الله مخلوق ان جي لاءِ مسخر ٿي ويندي. + + +56 پيدائش جي ابتدا ڪرڻ وارو +جيڪو شخص اسر جي وقت حامله عورت جي پيٽ تي هٿ رکي 99 دفعا ”يا مبدي“ پڙهندو، انشاءَ الله نه ان جو حمل ڪرندو ۽ نه ئي وقت کان پهرين ان جو ٻار پيدا ٿيندو. + + +124 ٻيهر پيدا ڪرڻ وارو +گمشده شخص کي واپس گهرائڻ لاءِ هي عمل ڏاڍو اثر وارو آهي. جڏهن گهر جا سڀئي ڀاتي سمهي پون ته گهر جي چئني ڪنڊن ۾ ستر ستر دفعا ”يا معيد“ پڙهي، انشاءَ الله 7 ڏينهن ۾ يا ته اهو واپس ايندو يا ان جو پتو لڳي ويندو. + + +68 زنده ڪرڻ وارو +جيڪو شخص بيمار هجي، بڪثرت ”المحيي“ جو ورد ڪري يا ڪنهن ٻئي بيمار تي دم ڪري، انشاءَ الله صحتياب ٿي ويندو. جيڪو شخص 89 دفعا ”المحيي“ پڙهي پاڻي تي دم ڪري، اهو هر طرح جي قيد ۽ بند کان انشاءَ الله محفوظ رهندو. + + +490 مارڻ وارو +جنهن شخص جو نفس ان جي قابو ۾ نه هجي، اهو سمهڻ وقت سيني تي هٿ رکي المميت پڙهندي پڙهندي سمهي پئي ته انشاءَ الله ان جو نفس مطيع ٿي ويندو. + + +18 زنده +جيڪو شخص روزانو 3 هزار دفعا ”الحيّ“ جو ورد ڪري ته انشاءَ الله ڪڏهن بيمار نه ٿيندو. جيڪو شخص هن اسم کي چيني جي ٿانو ۾ مشڪ ۽ گلاب سان لکي مٺي پاڻي سان ڌوئي پيئي يا ڪنهن ٻئي بيمار کي پياري، انشاءَ الله شفا ڪامل نصيب ٿيندي. + + +156 پاڻ زنده، ٻين کي زنده ڪرڻ وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان اسم ”القيوم“ جو ورد ڪندو، انشاءَ الله ماڻهن ۾ ان جي عزت ۽ ساک وڌندي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ورد ڪري ته انشاءَ الله خوشحال ٿي ويندو. جيڪو شخص صبح جو نماز کان پوءِ سج نڪرڻ تائين ”يا حيّ يا قيوم“ جو ورد ڪري، ان جي سستي ڪاهلي ختم ٿي ويندي. + + +14 حاصل ڪرڻ وارو +جيڪو شخص ماني کائڻ وقت ”يا واحد“ جو ورد ڪري ته اها غذا ان جي قلب جي لاءِ انشاءَ الله طاقت قوت ۽ نورانيت جو باعث ٿيندي. + + +48 بزرگي وارو +جيڪو شخص اڪيلائيءَ ۾ هي اسم ايترو پڙهي جو بي خود ٿي وڃي ته انشاءَ الله ان جي قلب تي انوار الاهي يعني نور ظاهر ٿيڻ لڳندو. + + +19 اڪيلو +جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا ”يا واحد يا احد“ پڙهندو، انشاءَ الله مخلوق جي محبت ۽ خوف ختم ٿي ويندو. جنهن شخص جي اولاد نه ٿيندي هجي ته اهو هن اسم کي لکي پاڻ وٽ رکي. ان کي صالح اولاد نصيب ٿيندي. + +13 اڪيلو +جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا ”يا واحد يا احد“ پڙهي، ان جي دل مان انشاءَ الله مخلوق جي محبت ۽ خوف ختم ٿي ويندو. جنهن شخص کي اولاد نه ٿيندي هجي ته اهو هن اسم کي لکي پاڻ وٽ رکي، انشاءَ الله ان کي صالح اولاد نصيب ٿيندي. + + +134 بي نياز +جيڪو شخص سحر جي وقت سجدي ۾ مٿو رکي 115 يا 125 دفعا هن اسم کي پڙهي، ان کي انشاءَ الله ظاهري وباطني سچائي نصيب ٿيندي ۽ جيڪو شخص باوضو هن اسم جو ورد جاري رکندو، اهو انشا��َ الله مخلوق کان بي نياز ٿي ويندو. + + +305 طاقت وارو +جيڪو شخص 2 رڪعت نماز پڙهي 15 دفعا ”يا قادر“ پڙهي، الله تعاليٰ ان جي دشمن کي ذليل ۽ رسوا فرمائيندو (اگر اهو حق تي هوندو) اگر ڪنهن کي ڪم ۾ دشواري اچي ته 61 دفعا ”يا قادر“ پڙهي ته انشاءَ الله دشواري ختم ٿي ويندي. + + +744 قدرت وارو +جيڪو شخص سمهي اٿڻ کان پوءِ ڪثرت سان ”يا مقتدر“ جو ورد ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ 20 دفعا پڙهي، انشاءَ الله ان جا سڀ ڪم آسان ۽ صحيح ٿي ويندا. + + +184 وڌائڻ وارو +جيڪو شخص جنگ جي وقت ”يا مقدم“ ڪثرت سان پڙهندو رهي ته الله تعاليٰ ان کي (پيش قدمي) جي قوت انشاءَ الله عطا فرمائيندو ۽ دشمنن کان محفوظ رکندو ۽ جيڪو شخص هر وقت ”يا مقدم“ جو ورد رکندو، اهو انشاءَ الله، الله تعاليٰ جو مطيع وفرمانبردار ٿي ويندو. + + +846 پويان ڪرڻ وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا مؤخر“ جو ورد ڪندو، ان کي انشاءَ الله سچي توبہ نصيب ٿيندي ۽ جيڪو شخص روزانو 7 دفعا هن اسم کي پابندي سان پڙهي، انشاءَ الله اهڙو حق تعاليٰ جو قرب نصيب ٿيندو جو ان جي بغير چين نه ايندو. + + +47 پهريون +جنهن شخص کي پٽ نه ٿيندو هجي، اهو 40 ڏينهن تائين 40 دفعا روزانو ”يا اول“ پڙهي، انشاءَ الله ان جي مراد پوري ٿيندي. جيڪو شخص مسافر هجي اهو جمع جي ڏينهن 1000 هڪ هزار دفعا ”الاول“ پڙهي انشاءَ الله جلد بخيريت وطن واپس پهچندو. + + +801 سڀ کان آخر ۾ رهڻ وارو +جيڪو شخص روزانو هڪ هزار دفعا ”الاخر“ پڙهندو، ان جي دل مان غير الله جي محبت ختم ٿيندي ۽ انشاءَ الله سڄي عمر جي ڪوتاهين جو ڪفارو ٿي ويندو ۽ خاتمه بالخير ٿيندو. + +1106 سڀ کان ظاهر +جيڪو شخص اشراق کان پوءِ 500 دفعا هن جو ورد ڪندو، الله تعاليٰ ان جي اکين ۾ روشني ۽ دل ۾ نور عطا فرمائيندو. + + +62 سڀ کان پوشيده +جيڪو شخص روزانو 33 دفعا ”يا باطن“ پڙهندو، انشاءَ الله ان تي باطني اثر ظاهر ٿيڻ لڳندا ۽ ان جي قلب ۾ الله جي محبت پيدا ٿيندي. جيڪو شخص 2 رڪعت نفل پڙهي ”هو الاول والاخر والظاهر والباطن وهو عليٰ کل شيء قدير“ پڙهي انشاءَ الله ان جون سڀ حاجتون پوريون ٿينديون. + +47 ڪم ٺاهڻ وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا والي“ جو ورد ڪندو، اهو ناگهاني آفتن کان انشاءَ الله محفوظ رهندو. خالي ٿانءَ ۾ هي اسم لکي ان ۾ پاڻي ڀري گهر ۾ ڇڙڪي ته اهو گهر به سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. اگر ڪنهن کي مسخر ڪرڻ چاهي ته 11 دفعا هي اسم پڙهي، انشاءَ الله اهو فرمانبردار ٿي ويندو. + + +551 سڀ کان اونچو +جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا متعالي“ جو ورد ڪندو، انشاءَ الله ان جون سڀئي مشڪلاتون ختم ٿي وينديون ۽ جيڪا عورت حيض جي حالت ۾ هن اسم جو ڪثرت سان ورد ڪندي، ان جي تڪليف ختم ٿي ويندي. + + +202 نيڪوڪار +جيڪو شخص شراب نوشي، زناڪاري ۽ بدڪارين ۾ گرفتار هجي، روزانو 7 دفعا هي اسم پڙهي، ته انشاءَ الله ان جي گناهن ڏانهن رغبت ختم ٿي ويندي. جيڪو شخص دنيا جي حب ۾ مبتلا هجي، اهو هن اسم کي بڪثرت پڙهي دنيا جي حب ان جي دل مان ختم ٿي ويندي. جيڪو شخص پنهنجي ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ 7 دفعا هن اسم کي پڙهي دم ڪري ۽ الله جي سپرد ڪري اهو وڏي ٿيڻ تائين سڀني آفتن کان محفوظ رهندو. + + +405 توبه قبول ڪرڻ وارو +جيڪو شخص چاشت جي نماز کان پوءِ 360 دفعا هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ان کي سچي توبه نصيب ٿيندي ۽ جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم کي پڙهندو، انشاءَ الله ان جا سڀ ڪم آسان ٿيندا. ڪنهن ظالم تي 10 دفعا پڙهي دم ڪجي ته ان کان خلاصي نصيب ٿيندي. + +403 بدلو وٺڻ وارو +جيڪو شخص حق تي هجي ۽ دشمن کان بدلو وٺڻ جي ان ۾ قدرت نه هجي ته اهو 3 جمعن تائين ڪثرت سان ”يا منتقم“ پڙهي، انشاءَ الله، الله تعاليٰ ان جو انتقام وٺندو. + + +156 معاف ڪرڻ وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان ”يا عفو“ پڙهندو، الله تعاليٰ ان جي گناهن کي معاف ڪندو. + + +286 مهربان +جيڪو شخص بڪثرت ”يا رؤف“ جو ورد ڪندو، انشاءَ الله مخلوق ان تي مهربان ٿيندي ۽ جيڪو شخص 10 دفعا درود شريف ۽ 10 دفعا هن اسم کي پڙهندو ته انشاءَ الله ان جو غصو ختم ٿي ويندو ۽ اگر اهو ڪنهن ٻئي غضبناڪ شخص تي دم ڪري ته ان جو غصو به ختم ٿي ويندو. + + +212 ملڪ جو مالڪ +جيڪو شخص ”يا مالک الملک“ کي هميشه پڙهندو رهندو، الله تعاليٰ ان کي انشاءَ الله غني ۽ ماڻهن کان بي نياز فرمائيندو ۽ اهو ڪنهن جو محتاج به نه رهندو. + + +108 عظمت ۽ بزرگي وارو +جيڪو شخص ڪثرت سان “يا ذوالجلال والاکرام“ پڙهندو ته الله تعاليٰ ان کي عزت، عظمت ۽ مخلوق کان استغفاء فرمائيندو. + + +209 انصاف ڪرڻ وارو +جيڪو شخص روزانو هن اسم کي پڙهي، اهو انشاءَ الله شيطاني وسوسن کان محفوظ رهندو ۽ اگر ڪنهن خاص ۽ جائز مقصد لاءِ 7 دفعا هن اسم کي پڙهي، انشاءَ الله مقصد حاصل ٿيندو. + + +114 جمع ڪرڻ وارو +جنهن شخص جا عضوا يا احباب منتشر ٿي ويا هجن، اهو چاشت جي وقت غسل ڪري آسمان جي طرف منهن ڪري 10 دفعا ”يا جامع“ پڙهي ۽ هڪ آڱر بند ڪري اهڙي طرح هر 10 دفعا تي هڪ آڱر بند ڪري، آخر ۾ ٻئي هٿ منهن تي ڦيرائي، انشاءَ الله جلد جمع ٿي ويندا ۽ اگر ڪا شيءِ گم ٿي وئي هجي، ”اللهم يا جامع الناس ليوم لا ريب فيہ اجمع ضالتي“ پڙهي، اها شيءِ انشاءَ الله ملي ويندي ۽ جائز محبت جي لاءِ به هيءَ دعا بي مثل آهي. + + +1060 بي پرواهه +جيڪو شخص روزانو 70 دفعا ”يا غني“ پڙهندو، الله تعاليٰ ان جي مال ۾ انشاءَ الله برڪت عطا فرمائيندو. اهو ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو. جيڪو شخص ڪنهن ظاهري يا باطني مرض يا بلا ۾ گرفتار هجي ته اهو پنهنجي جسم جي سڀني عضون تي ”يا غني“ پڙهي دم ڪري، انشاءَ الله نجات ملندي. + + +1100 بي پرواهه ڪرڻ وارو +جيڪو شخص اول ۽ آخر 11 دفعا درود شريف پڙهي 1100 دفعا وظيفي وانگر هي اسم پڙهي ته الله تعاليٰ ان کي ظاهري وباطني غنا عطا فرمائيندو. صبح جي نماز کان پوءِ پڙهي يا عشاء جي نماز کان پوءِ ان سان گڏ سورة مزمل جي به تلاوت ڪريو. + + +141 روڪڻ وارو +اگر زال سان جهڳڙو يا ناچاقي هجي ته بستري تي ليٽڻ وقت 20 دفعا هي اسم پڙهي، انشاءَ الله جهڳڙو ۽ ناچاقي ختم ٿي ويندي ۽ محبت پيدا ٿي ويندي. جيڪو شخص ڪثرت سان هن اسم جو ورد ڪندو، انشاءَ الله هر شيءِ کان محفوظ رهندو. اگر ڪنهن خاص ۽ جائز مقصد لاءِ پڙهي ته انشاءَ الله حاصل ٿي ويندو. + + +1001 نقصان پهچائڻ وارو +جيڪو شخص جمعي جي رات 100 دفعا ”الضار“ پڙهي، اهو انشاءَ الله سڀني ظاهري وباطني آفتن کان محفوظ رهندو ۽ قرب خداوندي ان کي حاصل ٿيندو. + + +201 نفعو پهچائڻ وارو +جيڪو شخص ٻيڙي يا ڪنهن ٻي سواري ۾ سوار ٿيڻ کان پوءِ ”يا نافع“ ڪثرت سان پڙهندو رهي، انشاءَ الله هر آفت کان محفوظ رهندو. جيڪو شخص ڪنهن به ڪم جي شروع ڪرڻ وقت 41 دفعا ”يا نافع“ پڙهي، انشاءَ الله ڪم ضرور ٿيندو. جيڪو شخص زال سان ملڻ وقت پڙهي، ان کي انشاءَ الله اولاد صالح نصيب ٿيندي. + + +256 روشني ڪرڻ وارو +جيڪو شخص جمع جي رات ۾ 7 دفعا سورة نور ۽ هڪ هزار دفعو هن اسم کي پڙهي ته انشاءَ الله ان جي دل انوار الاهي يعني نور سان منور ٿي ويندي. + + +20 راهه ڏيکارڻ وارو +جيڪو شخص هٿ کڻي آسمان جي طرف منهن ڪري بڪثرت ”يا هادي“ پڙهي ۽ آخر ۾ چهري تي هٿ ڦيرائي، ان کي انشاءَ الله ڪامل هدايت نصيب ٿيندي ۽ اهل مع��فت ۾ شامل ٿيندو. + +86 بغير ذريعي جي پيدا ڪرڻ وارو +جنهن شخص کي ڪو غم يا مصيبت يا ڪا به مشڪل پيش اچي، اهو هڪ هزار دفعا ”يا بديع السموات والارض“ پڙهي، انشاءَ الله ڪشائش نصيب ٿيندي. جيڪو شخص هن اسم کي باوضو پڙهندي سمهي پئي ته جنهن ڪم جو ارادو هجي، اهو انشاءَ الله خواب ۾ نظر اچي ويندو. جيڪو شخص عشاء جي نماز کان پوءِ ”يا بديع العجائب بالخير يا بديع“ 1200 دفعا 11 ڏينهن پڙهي ته جنهن ڪم يا مقصد لاءِ پڙهي، انشاءَ الله اهو پورو عمل ختم ٿيڻ کان پهرين حاصل ٿي ويندو. + + +113 هميشه رهڻ وارو +جيڪو شخص هن اسم کي هڪ هزار دفعا جمع جي رات ۾ پڙهي، الله تعاليٰ ان کي هر طرح جي ضرر ۽ نقصان کان محفوظ رکندو ۽ انشاءَ الله ان جا سڀئي نيڪ عمل مقبول ٿيندا. + +707 مالڪ +جيڪو شخص سج جي نڪرڻ وقت 100 دفعا ”يا وارث“ پڙهي، انشاءَ الله هر رنج ۽ غم، سختي ومصيبت کان محفوظ رهندو ۽ خاتمه بالخير ٿيندو ۽ جيڪو شخص مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ هڪ هزار دفعا پڙهي ته هر طرح جي حيراني وپريشاني کان انشاءَ الله محفوظ رهندو. + +614 سڌي تدبير وارو +جنهن شخص کي پنهنجي ڪم يا مقصد جي ڪا تدبير سمجهه ۾ نه اچي ۽ اهو مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ هڪ هزار دفعا ”يا رشيد“ پڙهي ته انشاءَ الله يا ته خواب ۾ تدبير نظر اچي ويندي يا دل ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ۽ اگر روزانو هن اسم جو ورد ڪري ته سڀئي مشڪلاتون انشاءَ الله ختم ٿي وينديون ۽ ڪاروبار ۾ ترقي ٿيندي. + + +صبر ۽ تحمل وارو +جيڪو شخص طلوع آفتاب کان پهرين 100 دفعا هن اسم کي پڙهي، ان ڏينهن هر مصيبت کان محفوظ رهندو ۽ دشمن ۽ حاسدن جون زبانون بند رهنديون. جيڪو شخص ڪنهن به طرح جي مصيبت ۾ گرفتار هجي، اهو هڪ هزار ويهه دفعا هن اسم کي پڙهي، انشاءَ الله ان کان نجات ملندي ۽ قلب کي اطمينان نصيب ٿيندو. + + +توتي سلام +يا محمّد مصطفيٰ توتي سلام +سربراهه انبيا توتي سلام +بيڪسن جا ڀَرجهلا توتي سلام +اي اَڙين جا آسرا توتي سلام +دردمندن جا ڪرين دک دور ٿو +دافعِ رنج و بلا توتي سلام +پاڪ پرور جا گهڻا پيارا مگر +تون حبيبِ ڪِبريا توتي سلام +راهه سان لاتا اچي گمراهه تو +رهبر، راههِ هُديٰ توتي سلام +دين جي خاطر سهِي جور و جفا +تو ڪئي سڀ سان وفا توتي سلام +تنهنجي جلون سان جهانُ روشن ٿيو +مظهرِ نورِ خدا توتي سلام +ڪنهن ڏٺو آ طُور، ڪنهن چوٿون فَلَڪُ +تو ڏٺو عرشِ عُليٰ توتي سلام +تنهنجا هٿ هيڻن مٿان هوندا هُتي +شافعِ روزِ جزا توتي سلام +رات ڏينهان گل حسن گوپانگ کي +ٿي وڻي تنهنجي ثنا توتي سلام + +مديني ۾ +حيات آهي اسان جو سيّدِ سرور مديني ۾ +سڀن جو پيشوا ۽ رهنما رهبر مديني ۾ +خدا جو دل گُهريو ۽ دلربا مديني ۾ +نظارو نور جو نرمل عيان اظهر مديني ۾ +اڙين آڌر يتيمن جو به آ ياور مديني ۾ +مِلن ٿا دانَ جنهن در تي اهو آ در مديني ۾ +ڏسي جيڪو وڇي ٿو نُور جو منظر مديني ۾ +ڇڏي ٿو ملڪ پنهنجي کي اڏي ٿو گهر مديني ۾ +اتي سڀني جهانن جي هلي ڇيڙي نبيري ٿي +خدا ساري خدائي جو رکيو دفتر مديني ۾ +مٿي آ مرتبي ۾ مانَ ۾ دارا سڪندر کان +ٿيو جيڪو محمّد جو وڃي نوڪر مديني ۾ +خدا کان بعد جنهنجو ناهه ڪو همسر نڪي ثاني +بلندي ۾ اهو بالا، اهو برتر مديني ۾ +خدا کي لامڪان سمجهو، خدا جو ڪو مڪان ڪونهي +اگر آهي ته پو آهي خدا جو گهر مديني ۾ +مديني جون گهٽيون آهن، خزانا ڄڻ ته خوشبو جا +ڇَٽِن ٿا پيا ملائڪ مُشڪ ۽ عنبر مديني ۾ +اسان کي گل حسن گوپانگ ناهي خوف محشر جو +اسان جو آهه ويٺو شافعِ محشر مديني ۾ + +عجب اعلان ٿو سمجهان +وساريو جنهن محمّد کي اهو نادان ٿو سمجهان +نڪي انسان ٿو سمجهان نڪي حيوان ٿو سمجهان +خدا هڪ آ نه ٻيو ٿيندو خدا، جهڪجي خدا آڏو +اهو محبوب مدني جو عجب اعلان ٿو سمجهان +خدا کان پو خدائيءَ ۾ نه ڪو سرور جو آ ثاني +مٿاهون مصطفيٰ جو مرتبو ۽ مانُ ٿو سمجهان +نه جنهن سمجهو سچي سردار جي آمد جي مقصد کي +انهي غافل کي غفلت ۾ صفا غلطان ٿو سمجهان +جنهين دل تي نبي جي نينهن جي ناهي نوازش ٿي +اها دل هر طرح برباد ۽ ويران ٿو سمجهان +خدا قرآن کي نازل ڪيو آهي محمّد تي +محمّد مصطفيٰ کي ناطقِ قرآن ٿو سمجهان +درودِ مصطفيٰ مشڪل ۾ ڀل جان آزمائي ڪو +انهي کي مان ته هرهڪ درد جو درمان ٿو سمجهان +امامُ المتّقين ۽ پيشوائي مُرسلين آهي +سندس آدم نڪي عيسيٰ شريڪِ شان ٿو سمجهان +محمّد جي عقيدت جو ڪيان اظهار مان ڪهڙو +محمّد ڪعبو قبلو دين ۽ ايمان ٿو سمجهان +ثناگر مصطفيٰ جو، گل حسن گوپانگ سڏجان ٿو +اهو الله جو قرب و ڪرم احسان ٿو سمجهان + +ثنا ڪيان +دل ٿي چوي ته ويٺو نبي جي ثنا ڪيان +جنهن جي نه اِنتها ٿئي اُها اِبتدا ڪيان +وِردِ نبي مِٽائي ڇڏي دل جا درد ٿو +مان پاڻ ئي ٿو پنهنجي دُکن جي دوا ڪيان +صلّي عليٰ چوڻ سان ئي خوش ٿو خدا ٿئي +صلوات پڙهندي پاڻ تي راضي خدا ڪيان +مون کي ٻُڌائي منهنجي نبيءَ جو اُصول ٿو +دشمن ڪري دغا ته انهي کي دُعا ڪيان +فرمانِ مصطفيٰ تي ڪيان جي عمل ته پو +جيڪا رضا خدا جي سا پنهنجي رضا ڪيان +حُبِّ نبيءَ سوا نٿو موليٰ ملي سگهي +سجدا سوين يا توڙي لکين حج ادا ڪيان +قسمت جي آهي ڪشتي سمندر جي سِير ۾ +ڪشتي انهيءَ جو مان ٿو نبي ناخدا ڪيان +خالق کنيون رسول جي زلفن جو آ قسم +شاههِ عرب جو شانُ خدا کان پڇا ڪيان +حق تي هلڻ جي لاءِ حديثن جو حڪم آ +حق تي هلان ۽ پاڻ کي حق آشنا ڪيان +جيڪر مران مديني ۾ گوپانگ گل حسن +الله جي ٿو دَرَ تي اِها اِلتجا ڪيان + +مصطفيٰ کي ڄاڻ +اظهار، آشڪار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +نروار نامدار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +دل جو اکين جو ٺار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +هر قلب جو قرار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +جانان جلوه دار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +اُمت، جو افتخار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +توحيد جي چَمن کي خزان جو نه خوف آهه +اِن باغ جو بهار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +نعلين ساڻ عرشِ عُليٰ تي گهميو رسول +بي اَنت باوقار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +جنهن کي وڻيس ان کي ٿو جنّت ڏئي سگهي +اهڙو به اختيار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +يوسف جو حُسن، حسنِ محمّد کان ڪمترين +قدرت جو شاهڪار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +ارڙهن ورهيه پئي عرش تي رَبّ سان ڪيئن رِهاڻ +رَبّ جو به رازدار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +پوڙهِي ڏي ويو پُڇڻ جي ڪري پيرڙا ڀري +ڪافر سان قربدار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ +محشر ۾ مؤمنن جو اي گوپانگ گل حسن +غمخوار، غمگسار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ + +تو جهڙو نه ڪو +يا محمد مصطفيٰ منهندار تو جهڙو نه ڪو +سرورِ عالم سچو سردار تو جهڙو نه ڪو +ڪو ڪليم الله آ ۽ ڪو خليل الله آ +ٿيو خدا جو دادلو دلدار تو جهڙو نه ڪو +تاج تون لولاڪ جو، سر تي ڍڪي سرتاج ٿئين +آ دوعالم ۾ عيان اطهار ٿو جهڙو نه ڪو +تو ڏنو توحيد جو پيغام هر انسان کي +دين ۽ حق جو علمبردار تو جهڙو نه ڪو +تون امامِ انبيا ۽ پيشوائي مُرسلين +آ نبّين ۾ نبي نروار تو جهڙو نه ڪو +جا رضا تنهنجي اُها الله جي آهي رضا +برترين بالا ترين بَسيار تو جهڙو نه ڪو +تون ضعيفن جو به ضامن، ڇورڙن جو ڀي ڇپر +آيو دنيا ۾ يتيمن يار تو جهڙو نه ڪو +تنهنجو نالو ٿا وٺون پئي ٿو صفا اندر ٺري +آ مِٺو منٺار اکين جو ٺار تو جهڙو نه ڪو +تون شفيع المذنبين ۽ شافعِ روزِ جزا +تون ولهين واهر، اڙين آڌار تو جهڙو نه ڪو +ٿو پ��هان صلوات توتي درد ٿا سڀ دور ٿين +گل حسن گوپانگ جو غمخوار تو جهڙو نه ڪو + +نبي نورالهديٰ سمجهو +سهارو بي سهارن جو محمد مصطفيٰ سمجهو +وسيلو به وسيلن جو نبي نورالهديٰ سمجهو +هِتي ڀي رهنما سمجهو، هُتي ڀي رهنما سمجهو +هِتي ڀي پيشوا سمجهو، هُتي ڀي پيشوا سمجهو +خدا جو دلربا سمجهو، حبيبِ ڪبريا سمجهو +نشانبر، نور يا نورِ مبين، نورِ خدا سمجهو +ڪري آسان، جو مشڪل اهو مشڪلڪشا سمجهو +دکي دل جي دوا سمجهو دعا سمجهو شفا سمجهو +سچو سردار ڀي سمجهو، امامِ انبيا سمجهو +زمين جو زيب سمجهو، زينتِ عرشِ عُليٰ سمجهو +رضا جيڪا محمّد جي اُها رب جي رضا سمجهو +خدا هن کان جدا ناهي نڪي هُن کان جدا سمجهو +سياهي ڪفر جي ۾ دين جي تنوير ٿي آيو +سندس تعليم کان پهتي زماني کي ضيا سمجهو +مقدّر ڀي ويا چمڪي، ڪيائين قسمتون روشن +نبي کي ڪاتبِ تقدير يا ڪِلڪِ قضا سمجهو +ڍڪايا ڇورڙن کي ويس عمدا عيد تي احمد +محمّد بارشِ احسان يا ابرِ عطا سمجهو +اڙين جي ٿيندو آڌر، گل حسن گوپانگ محشر ۾ +شفيع المذنبين ۽ شافعِ روزِ جزا سمجهو + +وفائن جو وَکر آيو +حَسينن جي حڪومت جو حقيقي تاجور آيو +خدا خود جنهن مٿان عاشق اهو نورِ نظر آيو +شرافت جو شِجر آيو، صداقت جو ثَمر آيو +عنايت جو ۽ احسانن جو قربن جو ڪڪر آيو +عطائن جو اَکر آيو وفائن جو وَکر آيو +دوائن جو دعائن جو، شفائن جو اثر آيو +نِرالو ۽ نيارو ۽ نشانبر نامور آيو +پيارو پيشوا پڳدار ۽ پيغامبر آيو +خزانو سونهن صورت جو، سراسر سربسر آيو +جمالي جوت جلوي سان جهان ۾ جلوه گر آيو +هدايت جا کڻي هيرا هتي گنج گوهر آيو +ٿيون جنهن کان دليون روشن، اهو روشن قمر آيو +سڀن جو رهنما آيو سڀن جو راهبر آيو +اڙين جو آسرو آڌر ۽ ڇورن جو ڇپر آيو +ٿئي جنهن در تي شفقت ٿي اهو شفقت جو در آيو +ملي جنهن گهر مان رحمت ٿي اهو رحمت جو گهر آيو +ڏيکاريندو محمّد معجزا شام و سحر آيو +اشارو ٿيو اشاري سان اڌو اڌ ٿي قمر آيو +هزارن ”شاد“ پارن جو سهارو ۽ ثمر آيو +ڀلي آيو ڀلي خيرالوريٰ خيرالبشر آيو + +حيات النّبي +آ اسان جو محمّد حيات النّبي +اهڙو پئدا نه ڪوئي پيمبر ٿيو +بي ثمر جو ثمر ڇورڙن جو ڇپر +درد مندن جو آهي، دلاور ٿيو +راههِ رب کان نه ڪوئي ڀي آگاهه هو +ڪفر جو عرب ساري ۾ اونداهه هو +ڄائو جڏهين مڪي ۾ مٺو مصفطيٰ +ٿيون خوشيون ملڪ سارو منّور ٿيو +يوسف آهي حسينن ۾ ماهِ مبين +پر محمّد انهي کان زياده حسين +هُن تي عاشق زليخان ٿي آهي پئي +هن تي عاشق مگر پاڻ پرور ٿيو +حڪم عيسيٰ ڏي آيو الاهي عجب +لاهه جلدي جتي طور جو ڪر ادب +هي ته نعلين پايون ويو عرش تي، +ڪيڏو احمد جو آ شان برتر ٿيو +خضر جي آبُ هو زير فرمان رهيو +۽ هوا جو ٿي حاڪم سليمان رهيو +پر محمّد جا همسر نه آهن ٻئي +هي ته آ شافعِ روزِ محشر ٿيو + +”شاد“ تون شان احمد جو ڳائين پيو +رحمتون پاڻ تي ٿو وَسائين پيو +اهڙو ناهي سڪندر کي رتبو مليو +تون ته سيّد جو آهين ثناگر ٿيو + +ڏکن کان بچي سگهي ٿو +صلوات جيڪو پڙهي نبي تي، اهو نه مشڪل ڏسي سگهي ٿو +انهي جي دل ۾ نه درد ايندا، غمن ڏکن کان بچي سگهي ٿو + +آهي ڏکي قبر جي انڌاري، کُٽڻ جي آهي نه رات ڪاري +اُتي به سردار سار لهندو، ڏکيو پڇاڻو نه ٿي سگهي ٿو + +تکي چون ٿا ترار جهڙي، سنهي ٻُڌون ٿا ته وار جهڙي +نبي جي ٿيندي نظر ته مومن، خوشي سان پُل تان ٽپي سگهي ٿو + +ڪندين نه راضي جي مصطفيٰ کي، لهي سگهين ٿو ڪٿي خدا کي +نبي نوازش ڪري ٿو جنهن تي، اهو خدا سان ملي سگهي ٿو + +نبي جي در تي ٿجان سوالي، اي گل حسن موٽندين نه خالي +نبي جو وجِهه واسطو خدا ��ي، ته عرض تنهن جو اگهي سگهي ٿو + + +اَلحَمدُاللهِ +ڀلي آيو سَڄڻ الحمدالله +پِرين جو ٿيو پَسڻ الحمدالله +ڪئي موليٰ اسان تي مهرباني +مليو ماکي مکڻ الحمدالله +خوشين ۾ پيو کلي سنسار سارو +ويو رُڪجي رُئڻ الحمدالله +سڄي دنيا جي گهر گهر جو آ روشن +ٿيو ايوان اڱڻ الحمدالله +مڪو ٿيو محترم، ٿيو آ انهيءَ ۾ +عجيبن جو اچڻ الحمدالله +حبيبن جي هٿان ڪعبي جي اندر +بُتن جو ٿيو ڀَڄڻ الحمدالله +وڃي ماري ٿو جنّت کي مزي ۾ +مديني جو ڏسڻ الحمدالله +اسان جي ڀاڳ جي آهي نشاني +محمّد جو ملڻ الحمدالله +محمّد جي ملڻ جي ڳالهه نڪري +ته پو گهرجي پڙهڻ الحمدالله +مدينو ”شاد“ کي ڏيکار موليٰ +گهٽين ۾ ٿئي گُهمڻ الحمدالله + +بسم الله +ڀلي آيو محمّد مصطفيٰ بسم الله +پڙهو صلوات سيّد جي مٿان صد بار بِسم الله +زمين کان عرش تي پهتيون، نبي جي نور جون لاٽون +انڌارا ويا هليا، چوڌار ٿيو چمڪار بِسمِ الله +هڻن هر هر ملائڪ پيا مبارڪباد جا نعرا +وڌا، حورن حليمان کي هٿن سان هار بِسمِ الله +چون پيا انبيا گڏجي ته عبدالله جي گهر ۾ +ڀلي آيو اسان جو پيشوا پڳدار جي گهر ۾ +برن ۾ ٿيون بهاريون ۽ سڪر ساڻيهه ۾ آيا +کلي خوشبو هلي هرجاءِ تي هٻڪار بِسمِ الله +وئي هر مونجهه مايوسي مٺي مرسل جي آمد سان +خوشين ۾ ٿيو کلي کيرو، سڄو سنسار بِسمِ الله +ڏڪڻ ڦرڪڻ لڳا بت ۽ ڀڳي بر منهن ڪري بدعت +اچي ويو دين ۽ حق جو علمبردار بِسمِ الله +رکيو رب تاج لولاڪي، سچي سردار جي سر تي +دو عالم جو ويو ٿي مالڪ و مختار بِسمِ الله +مليو رهبر، سخي سرور، اڙين آڌر، ولهين واهر +ضعيفن جو به ضامن ۽ يتيمن يار بِسمِ الله +ولادت مصطفيٰ جي تر ڪري ٿو ”شاد“ شڪرانا +ملي ويو گل حسن گوپانگ کي غمخوارِ بِسمِ الله + +ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +محمّد جو سَڏائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +نبي سان نِينهن لائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +اَٿِي قرآن جو تفسير حضرت جي حديثن ۾ +هنئين سان جي هنڊائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +محمّد مصطفيٰ جون مهربانيون بي شمار آهن +ڳُڻن کي روز ڳائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +نبي جي راهه رستي کان نه پٺتي پير ڪر پنهنجا +وِکون اڳتي وڌائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +شهنشاهي ڪندين ڪاڏي، محمّد جي غلامن ۾ +اگر نالو لکائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +ڏنا آهن نبي نورالهديٰ هيرا هدايت جا +پلئه پنهنجي ۾ پائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +ڇڏي ٻيا نينهن ۽ ناتا نبي سان تون رکي ناتو +اهو ناتو نڀائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +محمّد مصطفيٰ نسخا نصيحت جا ڏسيا آهن +انهن کي آزمائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +عداوت ۾ سچو سرور سٺو ٿو صلح کي سمجهي +خَلل کيٽا کُٽائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ +سچي سردار جي ساراهه ثنا جون، ”شاد“ شعرن ۾ +پيو ٻوليون ٻُڌائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ + +هليو آءُ +دربارَ محمّد ۾ ادا ڀاءُ هليو آءُ +ڪر دل ۾ ڪوئي خوف نه ڊپ ڊاءُ هليو آءُ +سڀ وهم ۽ ويچار اڃا ڇو نه ٿو وارين +دل ڇو ٿو هڻين ڪر نه ڪو سوداءُ هليو آءُ +آئين نه اڃا توسان رُٺل آهي مقدّر +قسمت ۽ قضا سان ڪر پرچاءُ هليو آءُ +ٻڌ غور سان، قرآن سان ملن ٿيون جي حديثون +سردار جي صحبت جو وٺڻ ساءُ هليو آءُ +ايندين جي محمّد ڏي ڏکيو ڏينهن نه ڏسندين +ڪوسو نه زماني ۾ لڳئي واءُ هليو آءُ +رک ايڏي محمّد سان محبّت، جو انهيءَ تان +قربان ڪرڻ واسطي پيءَ ماءُ هليو آءُ +جاٿي به پيمبر جي هلي پيار جو پرچار +ڪن تنهن جي پوي پيار جو پڙلاءُ هليو آءُ +دشمن سان نه ڪر دشمني، ٻڌ حڪم نبيءَ جو +دشمن سان ڪيون دوست جو برتاءُ هليو آءُ +لهه ڳولي دوا لاءِ دواخانو نبيءَ جو +رهندءِ نه طبيعت ۾ تپش تاءُ هليو آءُ +سرور جو ثناگر آ، ثنا آهه ڪندو ”شاد“ +جِتِ ڀي ٻُڌين گوپانگ جو غوغاءُ هليو آءُ + +بيان ڪٿي +نبي جو شان ڪري ٿو سگهان بيان ڪٿي +زبان منهنجي ڪٿي ۽ نبي جو شان ڪٿي +زبان مشڪِ ختن سان، مَليان مَليان، مهٽيان +ته ڀي ادب جو ڪندس پاس، امتحان ڪٿي +هو ڪائنات جو سردار، مان غلام ادنيٰ +زمين آهي ڪٿي، آهه آسمان ڪٿي +ملي حياتي اگر مون کي تا بروز قيام +ته ڀي ثنائي نبي جو، ڪندس ندان ڪٿي +نبي ٿئي ها نه رهبر ته پوءِ امت جو +رسي ها منزلِ مقصد تي ڪاروان ڪٿي +ڪندو مديني جي خوشبو سان همسري يارو +چمن يا باغ يا گلشن يا گلستان ڪٿي +نبي ٿو فرش تان دعوت ۾ عرش تي پهچي +ڪٿان گهرائي ٿو مهمان کي ميزبان ڪٿي +جهڪايان سر کي نبي جو وڃي چمان چائنٺ +ٻيو سجهي ٿو جهڪڻ لئي نه آستان ڪٿي +ڍڪائي ويس ته ڇورا ڇنان به ڪن عيدان +نظر نه آيو محمّد جان مهربان ڪٿي +وڏو آ آسرو احمد ۾ گل حسن گوپانگ +ڇڏيندو حشر ۾ امت جو پاسبان ڪٿي + +روشني پهتي +محمّد مصطفيٰ پهتو، جهان ۾ روشني پهتي +نِدورن غم پِرايو خوشنصيبن کي خوشي پهتي +خزان جو خاتمو ٿي ويو، مٺي مرسل جي آمد سان +بهار آيو دو عالم جي چمن ۾ تازگي پهتي +خدا جو هو تصور ڪونه، انسانن جي ذهنن ۾ +خدا آڏو جهڪيا انسان خدا جي بندگي پهتي +ڪندا ها ڏاڍُ، ڏاڍا پر، ڏري پيا ڏيل ڏاڍن جا +وڃي ملڪِ عدم ۾ بيڪسن جي بيڪسي پهتي +نبي نورالهديٰ تي، مصطفيٰ منهندار مرسل تي +اسان ڪلمو پڙهيو ايمان کي آ پختگي پهتي +مقّدر ٿي ويا روشن، ڀليرا ڀاڳ ٿا ڀانيون +اسان جي قسمتن کي آ بلندي برتري پهتي +ڏسي اخلاق احمد جو، مخالف ميڻ بڻجي ويا +عداوت جنگ جهيڙي ۾ فضائي دوستي پهتي +ڪيو انسانيت کان محسنِ انسانيت واقف +سراپا مرده جسمن ۾ نئين ڪا زندگي پهتي +شڪي ٿيو شرڪ ڏاڍو ۽ ڪِري بر منهن ڀڳي بِدعت +جڏهن قرآن پهتو ۽ نبي جي پيروي پهتي +اسان تي ”شاد“ هي الله جو ٿورو نه ٿورو آ +محمّد رهنما ٿيو رهنما جي رهبري پهتي + +محمّد جي ڪري +روشني آئي ستارن ۾ محمّد جي ڪري +نور ٿو ڏسجي نظارن ۾ محمّد جي ڪري +ڪفر ۽ الحاد جي ساڙي خزان سنسار پئي +وڻي مبّدل ٿي بهارن ۾ محمّد جي ڪري +حسن وارن کي ڏسي هرڪو ٿئي حيران ٿو +حسن آيو حسن وارن ۾ محمّد جي ڪري +جي وجهون ٿا واسطا رب کي رسول الله جا +ٿيون لڳن ڪشتيون ڪنارن ۾ محمّد جي ڪري +دَرسَ دنيا کي ويا، مهرو محبّت جا ملي +قرب آيو قربدارن ۾ محمّد جي ڪري +دين جا دشمن ڪٽا ڪافر به مؤمن ٿي ويا +دين آيو ديندارن ۾ محمّد جي ڪري +مرڪندي مردن ڏنا سر دين تي، پهتي اها +جانثاري جانثارن ۾ محمّد جي ڪري +ڪوبه بدلائي سگهيو ناهي نظامِ ڪائنات +چنڊ اڌو اڌ ٿيو اشارن ۾ محمّد جي ڪري +ڪونه اسان جون صورتون بدليون، اِها آئي ڪمي +آ خدا جي اختيارن ۾ محمّد جي ڪري +”شاد“ جاڳي پيا شفاعت جا اُميدون آسرا +بيڪسن ۽ بي سهارن ۾ محمّد جي ڪري + +رسول جي +هردم هجي زبان تي، مدحت رسول جي +مؤمن اهو آ جنهن کي محبّت رسول جي +هت ڀي اهو، هتي به اهو آهه سرفراز +جنهن جي مٿان رهي ٿي عنايت رسول جي +عشقِ رسول ناهه ته عشقِ خدا فضول +الله سان ملائي ٿي الفت رسول جي +نيڪي بدي جي فرق کي ظاهر ڪيو رسول +جڳ کي هئي تمام ضرورت رسول جي +مهمان مصطفيٰ ته ٿيو ميزبان خدا +عرشِ عُليٰ تي آهه ٿي دعوت رسول جي +ڪريو عمل نبي جي اصولِ حيات تي +انسانيت جو درس آ سيرت رسول جي +حڪمِ خدا نبي ۾ نه آهي ڪو امتياز +راههِ نجات آهي اطاعت رسول جي +لٻ ٿو لڳائي زهر جو زائل ٿئي اثر +حيرت ۾ ٿي وجهي ڇڏي، حڪمت رسول جي +آڱر جي ٿو اشاري سان شقّ القمر ٿئي +هر شيءِ مٿان رهي ٿي حڪومت رسول جي +محشر جي امتحان جو خوف و خطر نه آ +ٿيندي اسان تي ”شاد“ شفاعت رسول جي + +الفت رسول الله جي +جيڪو دل ۾ ٿو رکي الفت رسول الله جي +ٿي رهي ان جي مٿان شفقت رسول الله جي +آهي ٿي اعليٰ اُتم عزّت رسول الله جي +ڪئي خدا قرآن ۾ مدحت رسول الله جي +لٻ لڳائي نانگ کاڌي کي، ڇُٽي آزار کان +ٿي وجهي حيرت ۾ هي حڪمت رسول الله جي +پُٽَ ڪُهِي قربان ڪيئي، جانب اهي جيئرا ڪيا +هئي جڏهن جابر جهلي، دعوت رسول الله جي +تون صلواتون ٿو پڙهين، تنهنجون صلواتون ٿو ٻڌي +ڪين گهٽ سمجهڻ کپي طاقت رسول الله جي +ٿيو نبّين ۾ نبي آ رحمتُ الِلعالمين +ٿي جهانن تي وسي رحمت رسول الله جي +وڻ به حڪمن سان هليا، پٿر به وئي ڪلما پڙهيا +ڏس ذرا کولي اکيون عظمت رسول الله جي +ڀاڳ ها تن جا ڀلا قربان مان تن تان ٿيان +جيڪي خادم ٿيا ڪيئون خدمت رسول الله جي +ڪافرن ڀي آ سڏيو سردار کي صادق امين +ٿا صداقت ۾ ڏسو سبقت رسول الله جي +گل حسن گوپانگ کي هردم اندر ۾ آس آ +شل مديني ۾ ڏسان تربت رسول الله جي + +ٺيڪ ناهي +در نه ڇڏ پنهنجي نرمل نبي جو ٻئي جي در وڃڻ ٺيڪ ناهي +جنهن جي در تي ملائڪ جهڪن ٿا ان کان ڀيرو ڀڃڻ ٺيڪ ناهي + +ڏٺو سرور جو هو ڪنهن نه سايو ڳالهه اهڙي کي ڇو ٿا لڪايو +نور چئه نور چئه مصطفيٰ کي پاڻ جهڙو چوڻ ٺيڪ ناهي + +جام ڪوثر پياري ڇڏيندو پارِ پُل تان اُڪاري ڇڏيندو +جيڪو وارث وسيلو ولهين جو سو وِساري ويهڻ ٺيڪ ناهي + +راهه رستا ٻيا ڀي ڏسيندءِ اهي محشر ۾ ڪم ڪونه ڏيندءِ +راهه رستي نبي جي تي هل تون واٽ ٻي ڪا وٺڻ ٺيڪ ناهي + +”شاد“ پيو صبح کان شام تائين ڪر تون سيّد جي سارهه سدائين +شاعري ۾ ثنا ڪر نبي جي شعر ٻيو ڪو لکڻ ٺيڪ ناهي \ No newline at end of file