diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Religion/Book5.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book5.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Religion/Book5.txt" @@ -0,0 +1,1148 @@ +ڪتاب جو نالو: حضور پاڪ ﷺجا فيصلا + + + +حضور پاڪ صلي الله عليھ وسلم جا فيصلا +محمد صالح کهڙو + +باب پهريون +نڪاح بابت فيصلا +(1) +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته: +(1) ڪنهن رن زال جو نڪاح انهيءَ جي مرضيءَ کانسواءِ نه ڪيو وڃي. +(2) ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ جو نڪاح به انهيءَ جي اجازت کانسواءِ نه ڪيو وڃي. +اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! ڪنواريءَ جي مرضي جي خبر ڪيئن پوندي؟“ +پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ جو خاموش رهڻ انهيءَ ڳالهه جي سڃاڻپ آهي ته اها انهيءَ نڪاح تي راضي آهي.“ +صحيح بخاري جلد 6 ڪتاب (لااڪراه) ص 107، 108. + +(2) +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ خنساءَ بنت خذام بيوهه هئي. هن جي والد هن جي اجازت يا مرضي کانسواءِ هن جو نڪاح هڪ اهڙي شخص سان ڪيو، جنهن لاءِ هوءَ قطعي راضي نه هئي. اِهو ڏسي خنساءَ بنت خذام حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي والد منهنجي پڇا ڪرڻ کانسواءِ منهنجو نڪاح ڪري ڇڏيو آهي. اهو نڪاح مون کي قبول نه آهي“ اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ نڪاح کي رد ڪري ڇڏيو. +(بخاري شريف جلد (2) الاکراه ص 107) (مشڪواة شريف (2) ص 71) + +(3) +حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڪنواري ڇوڪريءَ جي نڪاح ڪرڻ وقت انهيءَ جي مرضيءَ کي ڏٺو وڃي، جيڪڏهن اها خاموشي اختيار ڪري ته انهيءَ جو راضپو سمجهيو وڃي، جيڪڏهن اها انڪار ڪري ته پوءِ انهيءَ جي مٿان نڪاح لاءِ ڪوبه دٻاءُ نه وڌو وڃي.“ +(سنن ابو دائود-نسائي-مشڪواة جلد 2) ص 72) + +(4) +هڪ شخص پنهنجي ڪنواريءَ نياڻيءَ جي شادي هڪ اهڙي شخص سان ڪئي، جنهن کان ان ڇوڪريءَ کي نفرت هئي، اهو ڏسي اها ڇوڪري رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ دانهن کڻي آئي ۽ ساڻن پنهنجو سمورو احوال پيش ڪيائين. انهيءَ ڇوڪريءَ جي ڳالهه ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي ڇوڪري! توکي اختيار آهي، ته تون انهيءَ نڪاح کي رد ڪرين يا قائم رکين.“ +(مشڪواة جلد (2) ص 72 سنن ابو دائود) + +(5) +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڪوئي مرد ٻي نا محرم عورت سان اڪيلو نه رهي.“ +اِهو ٻڌي هڪ شخص اٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي زال حج تي وڃي رهي آهي، مگر آءٌ انهيءَ سان گڏ نه وڃي سگهندس، ڇاڪاڻ ته مون کي فلاڻين فلاڻين جنگين لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. توهان (صلي الله عليھ وسلم) جن انهيءَ متعلق ڪهڙو ارشاد فرمايو ٿا؟“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تون واپس اوڏانهن هليو وڃ ۽ پنهنجي زال کي جلدي حج ڏانهن وٺي وڃ.“ +(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب نڪاح ص 860) + +(6) +عقبه چوي ٿو ته ”مون هڪ عورت سان نڪاح ڪيو ته هڪ ڪاري رنگ جي عورت آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”هي نڪاح نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته مون توهان ٻنهي کي گڏي کير پياريو آهي، جڏهن مان نهيءَ عورت جي ڳالهه ٻڌي ته پوءِ حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويس ۽ عرض ڪيم ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون هڪ عورت سان شادي ڪئي آهي ته پوءِ اسان وٽ فلاڻي ڪاري رنگ جي عورت آئي ۽ چوڻ لڳي ته مون ٻنهي زال ۽ مڙس کي گڏي کير پياريو آهي، مگر سائين اها عورت بلڪل ڪوڙ ڳالهائي ٿي.“جڏهن مون اهي الفاظ چيا ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پنهنجو منهن مبارڪ ٻئي طرف ڦيرايو ته پوءِ مان وري انهيءَ طرف ويس، جنهن ڏانهن حضور انور صلي الله عليھ وسل�� جن منهن مبارڪ ڦيرايو هو ۽ پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ ٻيو دفعو عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اها عورت سراسر ڪوڙ ڳالهائي ٿي.“ +انهيءَ تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تعجب آهي جڏهن کير پيارڻ واري عورت خود انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته پوءِ تون ڪيئن گڏ کير پيئڻ واري عورت سان نڪاح ڪري سگهين ٿو، يعني اها تنهنجي لاءِ حلال نه آهي.“ ۽ پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”توکي انهيءَ عورت کان الڳ ٿيڻ گهرجي.“ +(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب نڪاح ص 778-779) + +(7) +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ رفاعه بن سموال قرضي پنهنجي زال تميمه بنت وهب کي ٽي طلاقون ڏيئي ڇڏيون ته پوءِ تميمه بنت وهب عبدالرحمان بن زبير رضه سان ٻيو نڪاح ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ عبدالرحمان انهيءَ عورت (تميمه) کي الڳ ڪري ڇڏيو. اِها خبر جڏهن تميمه جي پهرئين مڙس کي پيئي ته پوءِ هن تميمه کي نڪاح ۾ آڻن چاهيو ۽ اهڙيءَ طرح سان هي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ مٿين خواهش جو ذڪر پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن سان ڪيائين. مگر پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن نڪاح ڪرڻ کان منع فرمائي ۽ فرمايو ته ”اي رفاعه! تنهنجي لاءِ اها عورت انهيءَ وقت تائين ڪيئن حلال ٿي سگهي ٿي، جيستائين انهيءَ جو مڙس انهيءَ کي صحيح طلاق نه ٿو ڏئي.“ +(موطا امام مالڪ- سنن نسائي. صحيح مسلم) + +(8) +هڪ دفعي هڪ ڪنواري ڇوڪري حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي والد منهنجي شادي منهنجي سوٽ سان ڪئي آهي، حالانڪه انهيءَ مون کان انهيءَ سلسلي ۾ پڇا به نه ڪئي آهي ۽ نه وري اجازت ئي ورتي آهي. انهيءَ ۾ شاديءَ ۾ منهنجي سوٽ جو مقصد فقط اهو ئي آهي ته هو پهريائين پنهنجي مالي حالت صحيح ڪري، هاڻي انهيءَ متعلق توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟ ڇا انهيءَ معاملي ۾ منهنجو به ڪوئي حق ۽ اختيار آهي؟ ”اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته“ هائو توکي هر قسم جو اختيار حاصل آهي.“ اِهو ٻڌي انهيءَ ڪنواي ڇوڪري چيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! انهيءَ ڳالهه چوڻ جو منهنجو هي مقصد هر گز نه آهي ته مان پنهنجي والد جي طئه ڪيل رشتي کي رد ڪريان يا ٽوڙي ڇڏيان. مان ته فقط اِهو چاهيان ٿي ته منهنجون اسلامي ڀينر هي ڄاڻن ته انهن کي نڪاح جي سلسلي ۾ پورو پورو حق ۽ اختيار حاصل آهي يعني نڪاح ۾ انهيءَ کان (ڪنوار کان) اجازت وٺڻ ضروري آهي.“ + +(9) +هڪ عورت رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ اسلام آندو اسلام آڻڻ کانپوءِ انهيءَ عورت ٻيو نڪاح ڪري ڇڏيو، حالانڪه اها پهريان ئي شادي شده هئي. انهيءَ عورت جي اڳئين مڙس کي جڏهن هن جي ٻئي نڪاح جي خبر پيئي ته پوءِ هو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون به اسلام آندو آهي ۽ اِها عورت اسلام کان چڱيءَ طرح واقف آهي، مان انهيءَ جو مڙس آهيان، انهيءَ هوندي به هن ٻي شادي ڪئي آهي.“ اِهو ٻڌي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهي ءَ عورت کي ٻئي مڙس کان الڳ ڪرايو ۽ انهيءَ کي پهرئين مڙس جي حوالي ڪيو. +(سنن ابو دائود) +(10) +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”ڪنهن عورت کي هي حق حاصل نه آهي ته اها ڪنهن ٻيءَ عورت جو نڪاح ڪري ۽ نه ئي ٻي عورت کي اختيار آهي ته اها پنهنجو نڪاح خود ڪري. انهيءَ جي باوجود جيڪڏهن ڪا ئي عورت پنهنجو نڪاح پ��ڻ بغير ڪنهن وارث جي ڪري ٿي ته اهو زنا ۾ شامل آهي.“ +(ابن ماجھ جلد 2 مشڪواة ج 2 ص 72) + +(11) +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”جيڪا عورت بغير ڪنهن وارث جي نڪاح ڪري ٿي، يعني نڪاح ۾ پاڻ خودمختيار آهي ته انهيءَ جو نڪاح باطل آهي، باطل آهي، باطل آهي، +جنهن عورت جو ڪوئي وارث نه آهي، انهيءَ جو وارث سلطان (حاڪم) آهي. +(ابو دائود- احمد-ترمذي-ابن ماجد- مشڪواة جلد 2 ص 72) + +(12) +هڪ انصاري ڳالهه ڪري ٿو ته ”مون هڪ عورت سان نڪاح ڪري ڇڏيو، مون سمجهيو ته انهيءَ جي پيٽ ۾ ڪو به ٻار نه آهي، مگر جڏهن آئون انهيءَ جي ويجهو ويس ته مون کي معلوم ٿيو ته اها پيٽ سان آهي. تنهن کانپوءِ آءٌ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويس ۽ سڄي حقيقت کان کين آگاهه ڪيو. تنهن تي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اها عورت مهر جي حقدار آهي، ڇاڪاڻ ته تون انهيءَ سان مقاربت ڪري چڪو آهين، ٻار ڄمڻ کانپوءِ اهو ٻار تنهنجو غلام هوندو ۽ پوءِ عورت کي تاز يانو ماريو ويندو ۽ تنهنجي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ عليحدگي ڪئي ويندي.“ + +(13) +غيلان دمشقي جڏهن مسلمان ٿيو ته اسلام آڻڻ کان اڳ ۾ هن کي ڏهه زالون هيون، جڏهن هن جي زالن کي مڙس جي اسلام آڻڻ جي خبر پيئي ته پوءِ هنن به اسلام قبول ڪيو، جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن کي خبر پيئي ته انهيءَ غيلان دمشقيءَ کي حڪم ڏنائون ته +”اي غيلان! تون فقط پاڻ وٽ چار زالون رکي سگهين ٿو ۽ ٻين عورتن کي پاڻ کان الڳ رک يعني طلاق ڏي.“ +(ابن ماجھ/مشڪواة جلد 2 ص 80) + +(14) +نوفل بن معاويه بيان ٿو ڪري ته ”جنهن وقت مون اسلام قبول ڪيو ته انهيءَ وقت منهنجي نڪاح ۾ پنج زالون هيون، آءٌ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دربار ۾ حاضر ٿيس ۽ کانئن انهيءَ جي متعلق پڇا ڪئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته ”اي نوفل! پاڻ وٽ فقط چار زالون رک، انهن منجهان هڪ کي طلاق ڏي.“ +(مشڪواة جلد 2 ص 80) + +(15) +فيروز ويلمي جڏهن مسلمان ٿيو ته هن جي نڪاح ۾ ٻه سڳيون ڀينرون هيون، حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن هن کي حڪم فرمايو ته ”جيڪا توکي انهن ٻنهي گهر وارين منجهان پسند آهي، اها پاڻ وٽ رک، باقي ٻيءَ کي طلاق ڏي.“ +(مشڪواة جلد 2 ص 80) +(16) +هڪ عورت مسلمان ٿيڻ کانپوءِ ٻئي مرد سان نڪاح ڪيو، جڏهن هن جي نڪاح جي خبر هن جي پهرئين مڙس کي پيئي ته پوءَ هي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ مسلمان آهيان، منهنجي گهر واريءَ کي منهنجي مسلمان ٿيڻ جي خبر هئي، پر خبر هوندي به انهيءَ ٻيو نڪاح ڪري ڇڏيو.“ اهو ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ عورت کي پنهنجي اڳين مڙس جي حوالي ڪيو وڃي.“ +شرح السنه ۾ آهي ته ”حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ڪيترن ئي عورتن کي اڳين نڪاح جي ڪري انهن جي اڳين مڙسن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن مڙس ۽ زال ٻنهي ايمان آندو هو.“ + +(17) +وليد بن مغيره جي ڌيءَ صفوان بن اميه جي نڪاح ۾ هئي، جنهن ڏينهن مڪو شريف فتح ٿيو ته انهيءَ ايمان آندو، مگر انهيءَ جي مڙس اسلام قبول نه ڪيو ۽ مڪي شريف منجهان ڀڄي ويو، جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي خبر پيئي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي سوٽ وهب بن عمير کي انهيءَ ڏانهن روانو فرمايو ۽ چوايو ته توکي امان ڏني وڃي ٿي ۽ هيءَ چادر امان جي نشاني آهي، اهو ڏسي صفوان واپس مڪي شريف ۾ آيو ته انهيءَ کي نه فقط امان ڏني ويئي، مگر چئن مهينن جي مهلت ڏني ويئي، ايستائين جو صف��ان اسلام قبول ڪيو ته هن جي زال وليد جي ڌيءَ هن جي نڪاح ۾ رهي. + +(18) +هڪ ٻي عورت ام حڪيم حارث بن هشام جي ڌيءَ هئي، جيڪا عڪرمه بن ابو جهل جي نڪاح ۾ هئي. هيءَ عورت به مڪي جي فتح وقت اسلام ۾ داخل ٿي. مگر هن جي مڙس عڪرمه بن ابو جهل ايمان نه آندو ۽ يمن ڏانهن ڀڄي ويو. اِهو ڏسي امه حڪيم حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ پنهنجي مڙس لاءِ امان طلب ڪيائين، جيڪا درٻار نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي طرفان منظور ٿي. تنهن کانپوءِ امه حڪيم پنهنجي مڙس کي يمن کان وٺي مڪي شريف ڏانهن آئي. عڪرمه بن ابوجهل جڏهن مڪي پاڪ ۾ آيو ته اسلام قبول ڪيائين. انهي ڪري انهن ٻنهي زال ۽ مڙسن جو اڳيون نڪاح برقرار رهيو. +(سيرت ابن هشام، جلد 2، باب فتح مڪه) + +(19) +حضرت حسن بصري رضه چوي ٿو ته ”مان حضرت معقل بن يسار رضه کان ٻڌو جيڪو فرمائي رهيو ته ”مون کي هڪ ڀيڻ هئي، مون انهيءَ جو نڪاح هڪ اهڙي شخص سان ڪيو، جنهن انهيءَ کي شادي کان ڪجهه وقت پوءِ طلاق ڏيئي ڇڏي، جڏهن منهنجي ڀيڻ عدت جا ڏينهن پورا ڪيا ته پوءِ انهيءَ ساڳئي شخص ٻيهرنڪاح ڪرڻ جو پيغام موڪليو ته پوءِ مون انهيءَ کي چيو ته ”مون توسان پنهنجي ڀيڻ پرڻائي، توکي عزت وارو ڪيو ۽ انهيءَ کي تنهنجي لاءِ آرام وارو بنايو، انهيءَ چڱي ڪم جي بدلي تو انهيءَکي طلاق ڏني ته پوءِ ٻيو دفعو ڪيئن وري انهيءَ کي نڪاح ۾ آڻين ٿو. الله جو قسم! ائين ڪڏهن به نه ٿي سگهندو. هاڻي اها ٻيهر آءٌ تنهنجي نڪاح ۾ نه ڏيئي سگهندس.“ اهو شخص ۽ منهنجي ڀيڻ جي به خواهش هئي ته انهيءَ جو نڪاح ٻيهر انهيءَ سان ڪيو وڃي، مگر آءٌ انهيءَ تي راضي نه هيس. تنهن کان پوءِ هيءَ آيت نازل ٿي ”فلا تعضلو هن ان ينکحن“ +تنهن کانپوءِ درٻار النبي صلي الله عليھ وسلم جن ۾ مون کي گهرايو ويو ۽ مون کي فرمان الاهي ٻڌايو ويو، مون عرض ڪيو ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم ! الله تعاليٰ جو حڪم نازل ٿي چڪو، هاڻي منهنجي لاءِ سواءِ انهيءَ حڪم مڃڻ جي ٻيو ڪو به چارو نه آهي.“ +(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب النڪاح) + + +(20) +امه المومنين امه حبيبه رضي الله عليھ کان روايت آهي ته ”آءٌ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويس ۽ عرض ڪيم ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! ڇا توهان کي منهنجي ڀيڻ ابو سفيان جي ڌيءَ چڱي نه ٿي لڳي؟“ اِهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ منجهان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“ مون عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان منهنجي ڀيڻ سان نڪاح ڪريو.“ اِهو ٻڌي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تون انهيءَ کي برداشت ڪري سگهندين؟“ مون کين عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مان به ته توهان جي اڪيلي گهر واري نه آهيان، جهڙي طرح ٻيون منهنجون پهاڄون آهن، اتي جيڪڏهن منهنجي ڀيڻ به هوندي ته ڇا ٿيندو؟ مان چاهيان ٿي ته منهنجي ڀيڻ به مون سان ڀلائي ۾ ڀائيوار هجي.“ +پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”مگر اهو ته منهنجي لاءِ حلال نه آهي ”يعني هڪ مرد وٽ ٻه سڳيون ڀينرون نه ٿيون رهي سگهن.“ +(صحيح مسلم جلد 4 ڪتاب الرضاءِ ص 66) + +(21) +حضرت علي ڪرم الله وجھ چوي ٿو ته ”هڪ ڏينهن مون حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان قريش جي عورتن ڏانهن نڪاح لاءِ لاڙو رکو ٿا، ليڪن اسان ڏانهن ڌيان نه آهي.“ اهو ٻڌي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا ڪائي اهڙي عورت آهي، جنهن سان آءٌ نڪاح ڪري سگهان؟“ مون کين عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم!، هائو توهان جي چاچي حضرت امير حمزي رضه جي نياڻي نوجوان به آهي، خوبصورت به آهي ۽ قريش منجهان به آهي.“ اِهو ٻڌي سرور ڪونين صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اها منهنجي لاءِ جائز نه آهي، ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته امير حمزو رضه منهنجو ٿڃ شريڪ ڀاءُ آهي! جنهن شيءِ کي الله تعاليٰ نسب جي لحاظ کان حرام قرار ڏنو آهي، اهو کير جي رشتي سان به حرام آهي.“ +(صحيح مسلم جلد 4 ص 56، مشڪواة جلد 2 ص 77) + +(22) +حضرت انس رضه بيان ڪري ٿو ته ”حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن کي نو گهر واريون هيون، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن هر هڪ لاءِ وارو مقرر ڪرڻ فرمايو هو، اهڙيءَ طرح سان پهرين گهر واريءَ جو وارو نائين ڏينهن اچي پيو، پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن جنهن گهر واريءَ ڏانهن تشريف فرمائيندا هئا، تڏهن سندن پاڪ گهر واريون گڏ هونديون هيون.“ +(صحيح مسلم جلد 4 ص 78) + + + +باب ٻيو +طلاق بابت فيصلا +(1) +(23) حضرت عبدالله بن عمر رضه بيان ٿو ڪري ته ”مان حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ پنهنجي گهر واريءَ کي اهڙي وقت ۾ طلاق ڏني، جڏهن اها حيض جي حالت ۾ هئي، منهنجي والد (عمر فاروق رضه) کي جڏهن اِها خبر پيئي ته هو حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کين سموري حقيقت ٻڌايائين، اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”عبدالله کي چئو ته رجعت ڪري، پنهنجي زال کي حيض کان پاڪ هجڻ تائين پاڻ وٽ رکي، ان کانپوءِ ٻيهر حيض اچڻ ۽ پاڪ هجڻ تائين روڪي رکي. تنهن کانپوءِ انهيءَ جي مرضي آهي ته انهيءَ کي طلاق ڏئي يا پاڻ وٽ رکي“ ۽ فرمايائون ته ”۽ الله جو هي قول ته عورتن کي ان جي عدت مطابق طلاق ڏيو.“ +(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 870) + +(2) +(24) هڪ دفعي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي اطلاع ڏنو ويو ته هڪ شخص پنهنجي گهر واريءَ کي هڪ ئي مجلس ۾ ٽي دفعا طلاقون ڏنيون آهن. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته جلال ۾ اچي ويا ۽ اٿي بيهي فرمايائون ته ”ڇا الله جي ڪتاب سان مذاق ڪئي وڃي ٿي، حالانڪه اڃا تائين ته آءٌ توهان وٽ موجود آهيان.“ +اهو ٻڌي هڪ شخص اٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! حڪم ڪريو ته آءٌان جو سر ڌڙ کان جدا ڪريان. +(نسائي مشڪواة جلد 2 ص (10) 103) +(3) +(25) رڪانه نالي هڪ شخص پنهنجي زال سيما کي طلاق ڏني، طلاق ڏيڻ کانپوءِ هو حضور سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم الله جو قسم! منهنجو فقط هڪ طلاق ڏيڻ جو رادو هو.“ اِهو ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن اها عورت واپس رڪانه جي حوالي ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ هڪ طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو. +(مشڪواة جلد 2 ص 101) +(4) +(26) حضرت نافع رضه بيان ٿو ڪري ته ”حضرت عبدالله بن عمر رضه کان جڏهن ڪوئي شخص حيض واري عورت کي طلاق ڏيڻ جي متعلق پڇا ڪري پيو ته، حضرت عبدالله رضه چوي پيو ته جيڪڏهن تون پنهنجي زال کي هڪ يا ٻه طلاقون ڏنيون آهن ته تون وري رجوع ڪري سگهين ٿو، پر جيڪڏهن تون ٽي طلاقون ڏيئي چڪو آهين ته پوءِ اها زال تنهنجي لاءِ حرام آهي. ڇاڪاڻ ته رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن به مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو هو. هاڻي جڏهن اها عورت ٻئي مرد سان نڪاح ڪري ۽ اهو انهيءَ کي رضا خوشيءَ سان طلاق ڏئي ته پوءِ تون انهيءَ سان نڪاح ڪري سگهين ٿو.“ +(5) +(27) فاطمه بنت قيس کي پنهنجي مڙس ابو عمرو بن حفص طلاق ڏيئي ڇڏي. اِها طلاق بائن هئي (1) تنهن کانپوءِ عمرو بن حفص شهر ڏانهن هليو ويو ۽ هڪ وڪيل فاطمه ڏانهن موڪليائين، جنهن کي ڪجهه جَوَ به ڏنائين. جڏهن فاطمه وٽ اهو وڪيل جَوَن سميت پهتو ته فاطمه کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چيائين ته ”منهنجو ڪو به حق عمرو بن حفص جي مٿان نه بڻبو.“ تنهن کانپوءِ فاطمه حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويئي ۽ عرض ڪيائين ۽ سموري حقيقت ٻڌايائين. انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تنهنجي لاءِ انهيءَ جي مٿان ڪابه ذميواري نه آهي، سواءِ ويم هجڻ جي صورت ۾“ تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”وڃُ ۽ اُم شريڪ جي گهر پنهنجي عدت جا ڏينهن پورا ڪر.“ تنهن کانپوءِ وري فرمايائون ته ”تنهنجو اتي وڃڻ صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته اُم شريڪ وٽ اڪثر ڪري منهنجا اصحاب ويندا آهن، بهتر آهي ته تون امه مڪتوم جي گهر ۾ وڃ ۽ پنهنجي عدت جا ڏينهن اتي پورا ڪر. ڇاڪاڻ ته هو اکين کان نابين آهي ۽ تنهنجو ويجهو مائٽ به آهي.“ فاطمه بنت قيص ام مڪتوم جي گهر هلي ويئي ۽ پوءِ جڏهن انهيءَ جي عدت جو وقت پورو ٿيو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جو نڪاح اسامه بن زيد رضه سان ڪرائي ڇڏيو. +(صحيح مسلم- جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 11 -16) + +(6) +(28) هڪ شخص پنهنجي زال کي ٽي طلاقون ڏنيون طلاقن ملڻ کان پوءِ انهيءَ جي گهرواريءَ ٻئي شخص سان نڪاح ڪري ڇڏيو، تنهن کان پوءِ ٻئي مرد انهيءَ عورت کي بغير همبستريءَ جي طلاق ڏيئي ڇڏي، جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي انهيءَ متعلق دريافت ڪيو ويو، ته ”ڇا اها عورت پنهنجي اڳين مڙس لاءِ حلال آهي؟“ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هر گز نه جيستائين انهيءَ جو نڪاح جنهن ٻئي شخص سان نڪاح ٿيو آهي، اهو انهيءَ سان همبستري نه ڪري. ايستائين اها پهرئين مڙس لاءِ حرام آهي. يعني اهو انهيءَ عورت سان نڪاح نٿوڪري سگهي. +(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 876) + +(7) +(29) ابو سعيد خدريءَ جي ڀيڻ فريعه بنت مالڪ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان جو غلام (ٻانهو) ڀڄي ويو، منهنجو مڙس انهيءَ کي ڳولڻ لاءِ نڪتو. انهيءَ غلام موقعو تاڙي منهنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. منهنجي مڙس پنهنجي پويان نه ڪوئي گهر ڇڏيو آهي، جتي آئون پنهنجي رهائش اختيار ڪري سگهان نه وري ايتري رقم ڇڏي آهي، جو پنهنجو پيٽ پالي سگهان. هاڻي منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي؟ ڇا پنهنجي خاندان بني خدره ڏانهن هلي وڃان؟“ اِهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هائو تون پنهنجي ڪٽنب ۾ هلي وَڃُ“ ۽ پوءِ فرمايائون ته ”اي عورت! پنهنجي گهر ۾ رهائش اختيار ڪر، ايستائين جو پنهنجي عدت پوري ڪرين.“ +(سنن نسائي – مشڪواة جلد 2 ص 14) + +(8) +(30) ثابت بن قيس جي گهر واري حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي ثابت بن قيس کان ڪابه شڪايت نه آهي. اهو ديندار ۽ اخلاق وارو شخص آهي، انهيءَ جي ورتاءُ کان آءٌ خوش آهيان، مگر مون کي انديشو آهي ته ڪٿي مسلمان هوندي پنهنجي مڙس جي ناشڪري ڪريان، انهيءَ جي احسان کي وساري ڇڏيان ۽ گناهه جو ڪم ڪري ويهان.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت جو مطلب سمجهي ڇڏيو ۽ پوءِ فرمايائون ته ”ثابت رضه جيڪو باغ توکي حق مهر ۾ ڏنو هو، ڇا تون انهيءَ کان دست بردار ٿيڻ کان تيار آهين؟ انهيءَ عورت چيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! هائو“ تنه�� کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ثابت رضه کي حڪم فرمايو ته ”انهيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏ.“ تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي حڪم مطابق انهيءَ کان علحدگي اختيار ڪئي.“ +(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب الطلاق ص 888-890) + +(9) +(31) هڪ عورت حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو مڙس منهنجي ويجهو نه ٿو اچي“ جڏهن عورت اِها شڪايت ڪري رهي هئس ته انهيءَ جو مڙس به اتي اچي نڪتو، جڏهن هن اهي لفظ پنهنجي زال جي واتان ٻڌا ته پوءِ چيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اِها عورت (منهنجي زال) نسورو ڪوڙ هڻي ٿي، جڏهن آءٌ هن جي ويجهو اچان ٿو ته هيءَ ٽال مٽول ڪري ٿي، عذر ۽ بهانا منهنجي اڳيان پيش ڪري ٿي. انهن بهانن جو مقصد هي آهي ته هيءَ مون کان طلاق وٺڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجي اڳئين مڙس ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي. ”انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهو طريقو بلڪل غلط آهي، تون تيستائين طلاق نه ٿو ڏيئي سگهين، جيستائين تون انهيءَ جي ويجهو يعني همبستري نه ٿو ڪرين.“ +(سنن نسائي جلد 2 ص 454) + + + +باب ٽيون +زنا متعلق فيصلا +(1) +(32) خيبر ۾ يهودي قبيلا آباد هئا، انهن ۾ هڪ شادي شده جوڙي زنا جو ارتڪاب ڪيو، توريت جي حڪمن مطابق انهيءَ جي سنگساري هئي. مگر يهودين نفس جي خواهش مطابق انهن حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو، يهودين سمجهيو ته شايد اسلامي شريعت، موسوي شريعت مطابق نرم آهي. انهيءَ ڪري هنن هي فيصلو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو، يهودين جي چڱن مڙسن پنهنجي يهودين کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن توهان جي حق ۾ فيصلو ڪيو ته پوءِ قبول ڪجو ۽ جيڪڏهن توهان جي حق ۾ فيصلو نه ڏنو ته پوءِ قبول نه ڪجو ۽ انڪار ڪجو.“ +جڏهن يهودين جو وفد حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پهتو ته پوءِ انهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کان پڇا ڪئي ته ”اي محمد صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن شادي شده مرد ۽ عورت زنا جو ڏوهه ڪري وجهن ته انهن لاءَ ڇا حڪم آهي؟“ +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪو آءٌ فيصلو ڪريان ته پوءِ اهو توهان کي منظور آهي؟“ انهن يهودين وراڻيو ته ”هائو! اسان کي توهان جو فيصلو منظور آهي.“ ايتري ۾ حضرت جبرائيل عه الله تعاليءِ جي طرفان هي حڪم نازل ڪيو ”اهڙن گنهگارن جي سزا رجم آهي“ +مٿيون فيصلو ٻڌي يهودين فيصلي مڃڻ کان انڪار ڪيو. حضرت جبرائيل عه حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي مشورو ڏنو ته ”توهان يهودين کي فرمايو ته ”ڇا توهان فيصلي جو امين ابن صوريا کي بنايو ٿا؟“ +اهڙي طرح سان حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن يهودين کي فرمايو ته ”ڇا توهان انهيءَ نوجوان کي سڃاڻو ٿا، جنهنجو رنگ سفيد آهي ۽ هو هڪ اک کان معذور آهي.“ يهودين چيو ”هائو” +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”توهان جو انهيءَ نوجوان متعلق ڪهڙو خيال آهي؟“ +يهودين وراڻيو ته ”هن وقت سڄي زمين جي مٿان انهيءَ جهڙو عالم نه آهي.“ +تنهن کانپو پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن ابن صوريا ڏانهن پيغام موڪليو. جڏهن هي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن قسم ڏيئي انهيءَ کان پڇا ڪئي ته ”اي شخص! توريت ۾ زنا جي متعلق ڪهڙو حڪم آهي؟“ +ابن صوريا وراڻيو ته ”قسم آهي انهيءَ پاڪ ذات جو، جنهن جو توهان قسم وڌو آهي، جيڪڏهن توهان مون کي الله جو قسم نه وجهو ها ��ه مون کي خوف نه ٿئي ها، جيڪڏهن مان غلط بياني ڪئي ته الله جو ڪتاب توريت مون کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي. سچ هي آهي ته اسلامي شريعت وانگيان توريت ۾ به اهوئي حڪم آهي ته شادي شده زنا ڪندڙ عورت ۽ مرد کي سنگسار ڪيو وڃي. مگر اسان جي غلطي اها آهي ته جيڪڏهن امير ۽ دولت وارا زنا جو ارتڪاب ڪن پيا ته انهن کي ڇڏي ڏيون پيا ۽ جيڪڏهن غريب مرد ۽ عورت زنا جو ڏوهه ڪن پيا ته انهنکي سزا ڏيون پيا. انهيءَ کانسواءِ سنگسار جي سزا کي اسان تبديل ڪري ڇڏيو. مثال طور؛ منهن ڪارو ڪرڻ، گڏهه تي الٽو سوار ڪرڻ ۽ ڪوڙا مارڻ وغيره.“ اِهو ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”يا الله! آءُ“ پهريون شخص آهيان، جنهن تنهنجي انهيءَ حڪم کي زنده ڪيو، جڏهن ته انهيءَ کان اڳ وارن انهيءَکي تبديل ڪري ڇڏيو.“ +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن ٻنهي زاني مرد ۽ زاني عورت کي سنگسار ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ کين سنگسار ڪيو ويو. +(صحيح بخاري ڪتاب الحدود جلد 2 ) + +(2) +(33) هڪ دفعي ڪجهه يهودي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته ”سائين! اسان منجهان هڪ مرد ۽ هڪ عورت زنا جو ڪم ڪيو آهي. انهيءَ متعلق توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پڇا ڪئي ته ”توريت ۾ زنا جي متعلق ڪهڙو حڪم آهي؟“ +يهودين وراڻيو ته ”اسين زنا ڪندڙن کي ذليل ڪندا آهيون ۽ انهن کي ڪوڙا هڻندا آهيون.“ +عبدالله بن سلام انهيءَ وقت درٻار ۾ موجود هو. انهيءَ يهودين جي ڳالهه ٻڌي چيو ته ”توهان ڪوڙ ٿا هڻو. توريت ۾ انهن جي لاءِ سنگسار ڪرڻ جو حڪم آهي.“ +تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو توريت آندو ويو ۽ پوءِ يهودي انهيءَ جا ورق اٿلائڻ لڳو. جڏهن رجم جي آيت آئي ته يهودي انهيءَ جي مٿان پنهنجو هٿ رکيو. تڏهن عبدالله بن سلام چيو ته ”ڪجهه پنهنجو هٿ ته پري رک“ اهو ٻڌي يهودي هٿ پري ڪيو ته رجم جي آيت موجود هئي. +اِهو ڏسي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن زاني عورت ۽ زاني مرد کي سنگساري ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ کين سنگسار ڪيو ويو. +(موطا امام مالڪ- صحيح بخاري جلد 6) + +(3) +(34) هڪ شخص سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو بيان ڪيائين ته ”هن کان زنا جو ڪم ٿيو آهي ۽ هاڻي کيس پاڪ ڪيو وڃي.“ +جيئن ته هن شخص پاڻ اقرار ڪيو هو، تنهن ڪري حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن درٻار منجهان هڪ شخص کي ڪوڙي آڻڻ جو حڪم فرمايو. اهو شخص اُٿيو ۽ هڪ ٽٽل دُرو کڻي آيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هي دُرو ٽٽل آهي، هن کان بهتر دُرو آڻيو.“ تنهن کانپوءِ اهو شخص هڪ نئون دُرو کڻي آيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن اِهو ڏسي فرمايو ته ”هي دُرو تمام سخت آهي، انهيءَ کان ڪجهه نرم دُرو آڻيو.“ +تنهن کان بعد اهڙو دُرو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو پيش ڪيو ويو، جيڪو استعمال ٿيل هو، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حد جاري ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. اهڙي طرح سان انهيءَ جي اقرار ڪندڙ شخص جي مٿان حد جاري ڪئي ويئي. +تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن ارشاد فرمايو ته ”اي انسانو! توهان لاءِ وقت آيو آهي ته توهان الله جون مقرر ڪيل حدون نه لتاڙيون، آءٌ الله تعاليٰ جي ڪتاب (حڪم) مطابق عمل ڪندس.“ +(موطا امام مالڪ) +(4) +(35) هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ٻه شخص حاضر ٿيا ۽ پنهنجو مقدمو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو پيش ڪيائون. انهن منجهان هڪ شخص عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان جي وچ ۾ الله جي ڪتاب مطابق فيصلو فرمايو.“ +ٻئي شخص به چيو ته ”هائو يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان جي مقدمي جو فيصلو الله جي ڪتاب مطابق فرمايو. توهان مون کي اجازت فرمايو ته آءُ سموري صورتحال توهان جي آڏو پيش ڪريان.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کي بيان ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. انهيءَ شخص چيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو پٽ هن شخص وٽ ملازم هو. منهنجي پٽ هن شخص جي زال سان زنا جو گناهه ڪيو. ڪجهه ماڻهن منجهان مون کي معلوم ٿيو ته منهنجي پٽ جي مٿان رجم جي حد جاري ڪئي ويندي. مان پنهنجي پٽ جي جان بچائڻ خاطر فديي ۾ هن شخص کي هڪ سئو ٻڪريون ۽ هڪ ٻانهي ڏيئي ڇڏي. ان کانپوءِ به منهنجو ضمير مطمئن نه ٿيو ۽ پوءِ مون عالمن جو دروازو کڙڪايو، انهن مون کي چيو ته ”تنهنجي پٽ کي هڪ سئو دُرا هنيا وڃن ۽ هڪ سال لاءِ کيس جلاوطن ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنوارو آهي ۽ انهيءَ شخص جي زال جي مٿان رجم جي حد جاري ڪئي وڃي، تنهن ڪري آءٌ توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان.“ +ٻنهي شخصن جو بيان ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”قسم آهي انهيءَ ذات جو، جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، آءٌ توهان جي وچ ۾ الله جي ڪتاب مطابق فيصلو ڪندس ۽ اهو فيصلو هي آهي ته ”اي شخص! تو کي تنهنجون ٻڪريون ۽ ٻانهي ڏني وڃي ۽ تنهنجي پٽ کي هڪ سئو دُرا ماريا وڃن ۽ هڪ سال لاءِ جلاوطن ڪيو وڃي.“ +اهڙيءَ طرح سان انهيءَ شخص جي پٽ کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي فيصلي مطابق سزا ڏني ويئي ۽ ٻئي شخص جي زنا ڪندڙ عورت کي به سنگسار ڪيو ويو. +(صحيح بخاري جلد 6 ص 2) + +(5) +(36) ما عزبن مالڪ قبيلي اسلم جو هڪ يتيم ڇوڪرو هو، جنهن جي پرورش حضرت هندال رضه ڪئي هئي. انهيءَ يتيم ڇوڪري هڪ آزاد ٿيل ٻانهيءَ سان زنا جو ڪم ڪيو. حضرت هندال رضه کي جڏهن خبر پيئي ته انهيءَ ماعزبن مالڪ کي انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪيو ته هو خود حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪري. ٿي سگهي ٿو ته رسالت مآب صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار منجهان هن کي ڪائي واٽ ملي وڃي. +اهڙيءَ طرح سان مسجد نبويءَ ۾ هي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن وٽ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي پاڪ ڪيو وڃي، مون کان زنا جو عمل ٿيو آهي.“ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن هن جي ڳالهه ٻڌي پنهنجو منهن مبارڪ ٻئي طرف ڪيو ۽ فرمايو ته ”ها موٽي وڃ ۽ الله سائين کان پنهنجي گناهن جي معافي گهر ۽ توبه تائب ٿيءُ.“ تنهن کانپو به اهو شخص اتان نه ويو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي اڳيان آيو ۽ اچي ساڳي ڳالهه ڪيائين. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن پنهنجو منهن مبارڪ ٻئي طرف ڪيو، تڏهن به اهو شخص نه مڙيو ۽ ٽيون دفعو به حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو ساڳي ڳالهه دُهرائي، ليڪن حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن هن دفعي به پنهنجو منهن مبارڪ ڪونه ڦيرايو. حضور ابوبڪر صديق رضه انهيءَ وقت ساڻن گڏ ويٺو هو ۽ ماعز کي خبردار ڪيائين ته ”ڏِسُ جيڪڏهن تو چوٿون دفعو پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪيو ته پوءِ حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن تنهنجي مٿان حد جاري ڪرڻ فرمائيندا.“ +هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ”ماعز پهريائين حضرت ابوبڪر صديق رضه وٽ ويو هو، انهيءَ کيس توبه ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي، مگر انهيءَ کي تسلي ڪانه ٿي ۽ پوءِ هي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آي�� ۽ ڏوهه جو اعتراف ڪيائين ته ”مون کي پاڪ ڪريو، مون زنا جو ڏوهه ڪيو آهي.“ بهرحال حضرت ابوبڪر رضه جي سمجهائڻ تي به هن عمل ڪونه ڪيو ۽ چوٿون دفعو به حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي اڳيان عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي پاڪ ڪريو، مون زنا جو ڏوهه ڪيو آهي.“ +جڏهن هن چوٿون دفعو پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪيو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ماعز جي طرف متوجه ٿيا ۽ فرمايائون ته ”تون نشي ۾ ته نه آهين؟ شراب ته ڪونه پيتو اٿئي؟” ماعز وراڻيو ته ”نه سائين! بلڪل نه“ تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پاڙي وارن کان پڇا ڪئي ته ”هي ديوانو ته نه آهي“، ليڪن انهن چيو ته ”هي چريو نه آهي، بلڪل سياڻو آهي.“ +تنهن کانپوءِ سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن هن جي پيءُ هندال کي فرمايو ته ”ڪاش! تون هن جي مٿان پردو ڪرين ها ته اهو تنهنجي لاءِ بهتر هو.“ +تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ کيس هڪ ميدان ۾ آندو ويو ۽ کيس ماڻهن سندس مٿان پٿر وسائڻ شروع ڪيا، جڏهن هن جي مٿان پٿر وسڻ لڳا ته هي ڀڄڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”مون کي خدا جي واسطي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن وٽ وٺي هلو، مون کي منهنجي قبيلي وارن ڌوڪي سان مارايو آهي، مون کي غلط تسلي ڏني ويئي هئي ته رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن تنهنجي مٿان رحم نه ڪندا.“ مگر ماڻهن هن کي پٿر هڻي هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. +جڏهن هن جي صورتحال جي خبر پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي پيئي ته فرمايائون ته ”ڪاش! توهان انهيءَ کي ڇڏي ڏيو ها ۽ اهو مون وٽ اچي ها، شايد اهو سچي دل سان توبه ڪري ها ۽ الله ان جي توبه قبول ڪري ها.“ +(صحيح بخاري جلد 6 ص 16-33) + +(6) +(37) هڪ دفعي ڪجهه ماڻهو هڪ عورت کي سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ وٺي آيا، جنهن کان زنا جو ڏوهه سرزد ٿيو هو. حصور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڪير آهي؟ جيڪو ان عورت سان زنا ۾ شريڪ ٿيو آهي؟“ انهن ماڻهن عرض ڪيو ته ”هي فعل انهي شخص ڪيو آهي، جيڪو معذور ۽ لولو لنگڙو آهي ۽ اهو شخص حضرت سعد بن عباده رضه جي باغ ۾ رهندو آهي.“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي پاڻ وٽ گهرائن لاءِ فرمايو. انهيءَ کانپوءِ انهيءَ شخص کي ٽيڪن جي ذريعي آندو ويو. تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته هن کي کجي جي سُنڍن سان ختم ڪيو وڃي.“ تنهن کانپوءِ هن جو ڪم ختم ڪيو ويو. +(سنن نسائي جلد 3 ص 468) +(7) +(38) هڪ عورت ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان زنا جو ڏوهه ٿيو آهي ۽ مان حمل (پيٽ) سان آهيان.“ اِهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي سرپرست کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايو ته ”هن عورت کي پاڻ وٽ رکُ ۽ چڱي طرح سان هن جي سار سنڀال ڪر. جڏهن هن کي ٻار ڄمي ته پوءِ مون کي اطلاع ڪر.“ +جڏهن هن کي ٻار ڄائو ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي اطلاع ڏنو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن هن کي گهرايو ۽ سنگسار ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. +تنهن کانپوءِ هن کي سنگسار ڪيو ويو ۽ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جنهن جي جنازي پڙهڻ جو حڪم فرمايو. تنهن تي حضرت عمر فاروق رضه عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان هن زاني عورت جي جنازي نماز پڙهائيندا.“ تنهن تي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ” مون کي قسم آهي ان��ي ذات پاڪ جوجنهن جي قبضي ۾ منهن جي جان آهي. هن عورت اهڙي توبه ڪئي آهي، جيڪڏهن اها توبه مديني جي ستر رهواسين ۾ ورهائي وڃي ته اهي بخشجي وڃن. هيءَ عورت خود آئي ۽ اعتراف ڪيائين. +(سنن ابو دائود جلد 2) +(8) +(39) حضرت انس بن مالڪ رضه بيان ٿو ڪري ته ”آئون حضور ڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويٺو هئس ته هڪ شخص اتي آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان اهڙو گناهه جو ڪم ٿيو آهي، جنهن جي مٿان حد جاري ڪري سگهجي ٿي.“ مگر رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ڏانهن متوجه نه ٿيا. ايتري ۾ نماز جو وقت ٿيو. انهيءَ شخص پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ نماز ادا ڪئي، جڏهن نماز کان پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن فارغ ٿيا ته اهو شخص وري پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان اهڙو گناهه ٿيو آهي، جيڪو حد جي قابل آهي، توهان الله جي ڪتاب مطابق منهنجي مٿان حد جاري ڪريو.“ +انهيءَ تي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تون اسان سان گڏ نماز پڙهي آهي؟“ انهيءَ شخص وراڻيو ته ”هائو سائين پڙهي آهي.“ تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”بس هليو وڃ. الله سائين تنهنجا سڀ گناهه معاف ڪري ڇڏيا ۽حد به معاف فرمائي آهي.“ +(صحيح بخاري جلد 6 ڪتاب المحاربين) + +(9) +(40) هڪ دفعي بنو غامديه جي عورت سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان زنا جو ڪم سرزد ٿيو آهي، مون کي پاڪ ڪريو.“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”واپس هلي وَڃُ“ تنهن کانپوءِ اها عورت واپس موٽي وئي، مگر ٻئي ڏينهن به حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان شايد مون کي انهيءَ لاءِ واپس ڪريو ٿا، جيئن توهان مالڪ جي پٽ ماعز کي واپس ڪيو هو، مون زنا جو ڏوهه ڪيو آهي، مون کي پاڪ ڪريو، آءُ پيٽ سان آهيان.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ وقت تائين هلي وَڃُ، جيستائين ٻار ڄمئي ۽ پوءِ اچُ.“ +اهڙي طرح سان اها عورت هلي ويئي ۽ جڏهن ٻار ڄايس ته پوءِ ٻار سميت آئي ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هيءُ منهنجو ٻار آهي، مون هن کي ڄڻيو آهي، هاڻي مون کي پاڪ ڪريو.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن وري کيس فرمايو ته ”انهيءَ وقت تائين هلي وَڃُ، جيستائين ٻار کير پيئڻ ڇڏي ڏي ۽ اناج کائڻ جي قابل ٿئي ۽ پوءِ موٽي اَچُ.“ اُها عورت هلي ويئي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ وري درٻار نبوي صلي الله عليھ وسلم ۾ حاضر ٿي ۽ انهيءَ وقت سندس ٻار کير پيئڻ ڇڏي ڏنو هو. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن هڪ شخص کي فرمايو ته ”هن عورت کان ٻار وٺ ۽ هن جي سار سنڀال لهڻ جو ذمو تنهنجي مٿان آهي.“ +انهي کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت جي سنگسار ڪرڻ جو حڪم فرمايو. تنهن کانپوءِ انهي عورتءَ کي سنگسار ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ عورت اهڙي توبه ڪئي آهي، جيڪڏهن ناجائز ٽيڪس وٺڻ وارو به اهڙي توبه ڪري ته انهيءَ جي بخشش ٿي ويندي“ تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي حڪم مطابق انهيءَ عورت جي جنازي جي نماز پڙهي ويئي ۽ کيس دفنايو ويو. +(صحيح مسلم جلد 4 ڪتاب الحدود ص 322) + +(10) +(41) حضرت جابر رضي الله تعاليٰ عنھ بيان ٿو ڪري ته ”هڪ شخص ڪنهن عورت سان زنا ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي ڪوڙن لڳائڻ جو حڪم فرمايو، مگر جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي خبر پيئي ته ڏوهي شادي شده هو ته پوءِ فيصلي کي بدلايو ويو ۽ انهيءَ شخص کي سنگسار ڪرڻ جو فيصلو فرمايو.“ +تنهن کانپوءِ کيس سنگسار ڪيو ويو. + +(11) +(42) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کان ٻانهيءَ سان زنا ڪرڻ جي متعلق پڇا ڪئي ويئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن ٻانهي زنا ڪرائي ۽ انهي جي زنا ثابت ٿي وڃي ته پوءِ انهيءَ جي مٿان دُرن جي حد مقرر ڪئي وڃي. مگر زبان سان انهيءَ کي ملامت نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن اها حرام ڪاريءَ کان باز نه اچي ته پوءِ انهيءَ کي دُرا ماريا وڃن، ٽيون دفعو زنا ڪري ته انهيءَ کي دُرا ماريا وڃن، مگر سزا ڏيڻ کانپوءِ انيءَ کي وڪرو ڪيو وڃي. چاهي توهان کي هڪ رسي جيتري قيمت ملي.“ +(صحيح بخاري جلد 6 ڪتاب المحاربين ص 26) + +(12) +(43) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ارشاد فرمايو ته ”جن شخصن کي توهان ڇوري بازيءَ جي عمل ۾ ڏسو ته انهن ٻنهي فاعل ۽ مفعول کي قتل ڪري ڇڏيو.“ + +(13) +(44) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن مرد مرد سان هم جنسيءَ جو عمل ڪري ته اهي ٻئي زاني آهن ۽ جيڪڏهن عورت عورت سان بدفعلي جو ارتڪاب ڪري ته اهي ٻئي زانياڻيون آهن. ٻنهي حالتن ۾ سندن مٿان حد جاري ڪئي ويندي.“ +(بيهقي شرح الزرقاني) + +(14) +(45) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪو شخص ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري ٿو ته پوءِ انهيءَ کي قتل ڪريو ۽ انهيءَ جانور کي به انهيءَ سان گڏ ڪهي ڇڏيو.“ +حضرت عبدالله بن عباس رضه جيڪو ان حديث جو راوي آهي، انهيءَ کان سوال ڪيو ويو ته ”جانور ته بي زبان آهي، انهيءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جو انهيءَ کي سزا ڏني وڃي.“ +حضرت عبدالله بن عباس رضه جواب ڏنو ته ”حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جانور جي متعلق ڪجهه به ڪونه فرمايو، مگر ايترو ضرور محسوس ٿيو ته رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ڳالهه کي مڪروهه سمجهيو ته اهڙي جانور جو گوشت کاڌو وڃي يا انهيءَ کي ڪم ۾ آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان بدفعلي ڪئي ويئي آهي.“ +(سنن ابي دائود- ترمذي شريف – مشواة شريف) + +(15) +(46) حضرت علي ڪرم الله وجھ بيان ڪري ٿو ته ” هڪ ٻانهيءَ کان زنا جو ڏوهه ٿيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حد جاري ڪرڻ جو حڪم فرمايو، جڏهن آءٌ حد جاري ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس ته مون کي خبر پيئي ته اها عورت ٻار ڄڻڻ واري آهي. انهيءَ جو ذڪر مون رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن سان ڪيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تون چڱو ڪم ڪيو آهي، جو انهيءَ جي مٿان حد جاري ڪانه ڪئي.“ +هڪ ٻي روايت ابو دائود ۾ آهي ته ”حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هن وقت هن عورت کي ڇڏي ڏي، جڏهن هن جو خون بند ٿئي ته پوءِ حد جاري ڪجانءِ.“ +(صحيح مسلم – مشڪواة شريف) + +(16) +(47) عمرو بن حمزه اسلمي صلح حديبيه جي موقعي تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هو ۽ پوءِ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن سان مديني ۾ آيو. تنهن کانپوءِ باديه ڏانهن وڃڻ جي اجازت طلب ڪئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن اجازت ڏيئي ڇڏي ته پوءِ هي باديه ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن عمرو بن حمزه ضبوعه جي جڳهه تي پهتو ته جيڪا مديني پاڪ کان مڪي شريف جي هڪ منزل تي واقع آهي. هن جي انهيءَ جڳهه تي هڪ اهڙي ٻانهيءَ تي نظر پيئي هئي، جيڪا حسين ۽ خوبصورت هئي. شيطان هن کي ڀڙڪايو ۽ ��ي زنا جو ارتڪاب ڪري ويٺو. انهيءَ وقت عمرو بن حمزه جي شادي ٿيل نه هئي، تنهن کانپوءِ هي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن عمروءَ جي مٿان حد جاري ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ کين ڪوڙا لڳايا ويا. +(طبقات ابن سعد جلد 4) +(17) +(48) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ هڪ عورت نماز جي ارادي سان اچي رهي هئي ته واٽ تي هڪ شخص انهيءَ کي پڪڙي ورتو ۽ زبردستيءَ سان انهيءَ سان زنا ڪئي ۽ پوءِ فرار ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته عورت شور ڪري رهي هئي. اتفاق سان انهيءَ گهڙي هڪ ٻيو شخص اتان گذري رهيوهو، عورت سمجهيو ته اِهو ئي شخص ڏوهي آهي ته پوءِ انهيءَ جي متعلق چوڻ لڳي ته ”هن مون سان بدفعلي ڪئي آهي.“ ايتري ۾ مهاجرن جا ڪجهه ماڻهو آيا ۽ عورت جي گوڙ ڪرڻ تي انهيءَ شخص کي پڪڙي وڌائون، حالانڪه اهو شخص بيڏوهي هو. عورت به چيو ته ا”اِهو ئي شخص آهي، جنهن منهنجي عصمت دري ڪئي آهي.“ تنهن کانپوءِ انهيءَ شخص کي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. +هيڏانهن اصل ڏوهيءَ کي جڏهن خبر پيئي ته هڪ بيگناهه جي مٿان حد جاري ٿيندي ته اهو پاڻ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!هي شخص بيڏوهي آهي، زنا جو ارتڪاب مون ڪيو آهي.“ +اِهو ڏسي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن عورت کي فرمايو ته ”الله تنهنجي بخشش فرمائي“ ۽ پوءِ حڪم ڏنائون ته ڏوهيءَ کي سنگسار ڪيو وڃي.“ تنهن کانپوءِ کيس سنگسار ڪيو ويو. +(مشڪواة شريف جلد 2 ص 36) + +(18) +(49) لجلاج بيان ڪري ٿو ته ”آءٌ بازار ۾ ويٺو هيس ۽ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيس ته هڪ عورت پنهنجي ٻار کي ڇاتيءَ سان لڳائي اتان گذري. ماڻهو هن جي پويان هئا. آءٌ به انهيءَ جي پٺيان لڳي پيس، اها عورت جڏهن انهن ماڻهن سان گڏ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پهتي، ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت کان دريافت ڪيو ته ”انهيءَ ٻار جو پيءُ ڪير آهي؟“ اها عورت خاموش رهي، مگر هڪ نوجوان اڳتي وڌي چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم انهيءَ ٻار جو پيءُ آءٌ آهيان.“ +انهيءَ تي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت ڏانهن مخاطب ٿيندي فرمايو ته ”ٻڌاءِ ته انهيءَ ٻار جو پيءُ ڪير آهي؟“ عورت وري به خاموش رهي، ليڪن انهيءَ نوجوان وري چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ انهيءَ ٻار جو پيءُ آهيان.“ +انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ٻين ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ”هي شخص چريو ته نه آهي؟“ +سڀني ماڻهن عرض ڪيو ته ”سائين هي شخص چڱو ڀلو آهي.“ اهو ٻڌي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کي فرمايو ته”ڇا تون شادي شده آهين؟“ ته انهيءَ شخص هائو ڪئي. تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص جي سنگسار ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ انهي کي سنگسار ڪيو ويو. +(سنن ابي دائود جلد ٻيو ڪتاب الحدود) + + + +باب چوٿون +شراب نوشي متعلق فيصلا +(1) +(50) حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”جيڪو شخص شراب واپرائي، انهيءَ کي تازيانو ڏيو، جيڪڏهن اهو باز نه اچي ۽ چار دفعا شراب واپرائي ته پوءِ انهيءَ جو سِرُ ڌڙ کان الڳ ڪريو.“ +تنهن کانپوءِ هڪ شخص کي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو، انهيءَ چوٿون دفعو شراب پيتو هو.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته ”شرابيءَ کي تازيانه ماريا وڃن.“ +(مشڪواة شريف جلد 2 ص 175) + +(2) +(51) نعي��ان کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اهڙي حالت ۾ آندو ويو، جڏهن ته هي شراب جي نشي ۾ مست هو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي جلالي اچي ويئي ۽ حاضرين کي حڪم فرمايائون ته ”انهيءَ شخص کي خوب ماريو ۽ ڪٽيو“ ته پوءِ موجود ماڻهن انهن کي مارڻ ڪٽڻ شروع ڪيو. +حضرت انس رضه جو بيان آهي ته ”حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جڏهن انهيءَ کي مارڻ جو حڪم صادر فرمايو ته پوءِ شرابي کي کجيءَ جي ڇڙين ۽ جوتن سان ماريو ويو. +(صحيح بخاري جلد 5 ص 56) + +(3) +(52) حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هڪ اهڙي شخص کي آندو ويو، جنهن شراب پيتو هو، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن اصحابن کي حڪم فرمايو ته ”هن جي مٿان حد جاري ڪريو.“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو اهو ارشاد ٻڌي. ڪنهن اصحابي انهيءَ کي هٿن سان ماريو، ڪنهن جوتن سان ۽ ڪنهن ڪپڙو استعمال ڪيو. +(صحيح بخاري جلد 5 ص 651) + +(4) +(53) هڪ شخص جنهن جو نالو عبدالله هو، ماڻهو انهيءَ کي ”حمار“ جي لقب سان سڏيندا هئا. هي طنز و مزاح ۾ به مشهور هو. +هڪ ڏينهن هن کي شراب جي نشي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي مٿان حد جاري ڪئي، تنهن کانپوءِ انهيءَ جي مٿان ڪوڙا ماريا ويا. موجود شخص منجهان هڪ شخص انهيءَ شرابيءَ تي لعنت ۽ ڦٽڪار هنئين.” پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن لعنت هڻڻ کان کيس منع فرمائي. +(صحيح بخاري جلد 5 ص 652) + +(5) +(54) هڪ شخص يمن کان آيو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اچي عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان يمن ۾ جوئر منجهان هڪ قسم جو شراب تيار ڪندا آهيون ۽ انهيءَ کي واپرائيندا آهيون. انهيءَ متعلق توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“ +اِهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا انهيءَ شراب ۾ نشو آهي؟“ +يمني جواب ڏنو ته ”هائو يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!“ اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ٻڌو! الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته جيڪو نشي وارو شربت استعمال ڪري ٿو، انهيءَ کي طية الجنال پياريو ويندو.“ +اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم طية الجنال ڪهڙي شي جو نالو آهي؟“ +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اِهو دوزخين جو پگهر ۽ انهن جي زخمن جي پونءِ آهي.“ +(صحيح مسلم-مشڪواة شريف-سنن نسائي) + +(6) +(55) ويلم حميري بيان ٿو ڪري ته ”اسين حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿياسين ۽ عرض ڪيوسون ته يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان سخت محنت، تڪليف ۽ مشقت جو ڪم ڪريون ٿا، انهيءَ ڪري اسان شراب پيئڻ لاءِ مجبور آهيون، تان ته اسان سرديءَ کان به محفوظ رهون ۽ پنهنجي تندرستي ۽ توانائي به بحال رکون.“ +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا اهو شربت نشه آور آهي.؟“ +مون کين عرض ڪيو ته ”هائو سائين!“ +اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ کي بلڪل ترڪ ڪري ڇڏ.“ +مون کين عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان جا ماڻهو انهيءَ شراب کي ڪيئن ترڪ ڪندا.!“ +اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن تنهنجا ماڻهو انهيءَ کي ترڪ نه ڪندا ته پوءِ انهن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪر.“ +(سنن ابي دائود-مشڪواة جلد 2 ص 183) + +(7) +(56) حضرت ابو موسيٰ اشمعوي رضه بيان ٿو ڪري ته ”حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن مون کي يمن ڏانهن گورنر ڪري موڪليو. مون کين عرض ڪيو ته ”يمن ۾ ٻن قسمن جو مشروب استعمال ڪيو وڃي ٿو، منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي ته ڪهڙو مشروب استعمال ڪريان؟“ +اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ مشروبات ۾ نشو ته ڪونه آهي.“ +مون کين عرض ڪيو ته ”هائو انهن ۾ نشو آهي؟“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهي مشروبات ڪهڙن شين منجهان بنايا وڃن ٿا؟“ +مون کين عرض ڪيو ته ”هڪ ماکيءَ منجهان ۽ ٻيو جون جي کاڌي منجهان.“ +پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن انهن ۾ نشو آهي ته پوءِ انهن کي ڪڏهن به استعمال نه ڪر. +ڇاڪاڻ ته نشي وارين شين کي حرام قرار ڏنو ويو آهي. +(سنن نسائي جلد ٽيون) + + +باب پنجون +چوري ڪرڻ متعلق فيصلا +خاتم النبين صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جڏهن زاني زنا ڪندو آهي ته ايمان جي نعمت کان محروم ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح چور جڏهن چوري ڪندو آهي ته ايمان جي دولت انهيءَ کان کسجي ويندي آهي، شرابي جڏهن شراب پيئندو آهي ته ايمان هن کان پري ڀڄي ويندو آهي ۽ جيڏهن رهزن ۽ ڌاڙيل ڦر ۽ ڌاڙو هڻندو آهي ته اهو به ايمان جي نعمت هٿن کان وڃائيندو آهي، يعني اهي ڪڌا ڪرتوت انسان کي ايمان کان پري ۽ ڪفر جي قريب ڪندا آهن. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 340) + +(1) +(58) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو، هن اقرار ڪيو ته هن چوري ڪئي آهي، تلاشي وٺڻ کان بعد هن کان ڪجهه به ڪونه نڪتو، اِهو ڏسي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ائين معلوم ٿئي ٿو ته تون چوريءَ جو عمل ئي ڪونه ڪيو آهي.“ انهيءَ شخص عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ اقرار ڪريان ٿو ته مون چوري ڪئي آهي.“ انهيءَ تي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هن کي وٺي وڃو ۽ هن جو هٿ ڪپي ڇڏيو ۽ پوءِ مون وٽ وٺي اچوس.“ اهڙيءَ طرح سان هن جو هٿ وڍيو ويو ۽ پوءِ هن کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. +رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! چئهُ ته آءٌ الله تعاليٰ جي حضور ۾ توبهه ڪريان ٿو ۽ انهيءَ کان معافي جو طلبگار آهيان.“ +انهيءَ تي انهيءَ شخص چيو ته ”آءُ سچي دل سان توبهه ڪريان ٿو ۽ الله سائينءَ کان معافي جو طلبگار آهيان.“ تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هٿ مبارڪ مٿي کڻي دعا فرمائي ته ”اي الله! پنهنجي هن عاجز ٻانهي کي معاف فرماءِ.“ +(سن نسائي جلد ٽيون ص 342) + +(2) +(59) هڪ شخص مسجد نبويءَ جي هڪ جڳهه صفتھ النساءَ منجهان هڪ ڍال چورائي. انهيءَ ڍال جي قيمت ٽي درهم هئي، جڏهن انهيءَ چور کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو آندو يو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ چور جي لاءِ حڪم فرمايو ته ”هن چور جو هٿ وڍيو وڃي“ ۽ تنهن کانپوءِ وڌيڪ ارشاد فرمايائون ته ”هر چور جو هٿ وڍيو وڃي. توڙي جو اهو دينار جي چوٿين پتي يا ان کان وڌيڪ چوري ڪري.“ +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 351) + +(3) +(60) هڪ شخص چوري ڪئي، پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي قيد ۾ وڌو ۽ پوءِ انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 372) + +(4) +(61) هڪ عورت جي عادت هوندي هئي ته ماڻهن کان جيڪا شيءِ اُڌاري وٺندي هئي ته واپس ڪانه ڪندي هئي، بلڪه صاف انڪار ڪندي هئي، زيور وٺندي هئي ته اُهي به واپس ڪانه ڪندي هئي، جڏهن انهيءَ عورت جي انهيءَ بدعادت جي خبر رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي پئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايائون ته ”توبهه ڪر ۽ ٻين جو جيڪو مال تو وٽ آهي ته اهو به مالڪن کي موٽائي ڏي“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن اهو حڪم کيس ڪيترا دفعا ياد ڏياريو، مگر عورت پهريائين لنوائيندي رهي ۽ پوءِ صاف انڪار ڪيائين. تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”هن عورت جو هٿ ڪپيو وڃي“ ۽ اهڙي طرح سان انهيءَ عورت جو هٿ وڍيو ويو. +(سنن نسائي) + +(5) +(62) سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هڪ شخص کي آندو ويو، جنهن چوري ڪئي هئي، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو حڪم صادر فرمايو ۽ فرمايو ته ”ڪٽيل هٿ انهيءَ جي ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڇڏيو.“ تنهن کانپوءِ چور جو هٿ ڪٽيو ويو ۽ ڪٽيل هٿ هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪايو ويو . +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 365) + +(6) +(63) حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جڏهن ڪوئي غلام چوريءَ جو ڪم ڪري ته انهيءَ کي وڪڻي ڇڏيو، چاهي انهيءَ جي قيمت ويهه درهم وصول ٿئي.“ + +(7) +(64) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هڪ شخص کي آندو ويو، جنهن چوري ڪئي هئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل ڪرڻ جو حڪم فرمايو. مگر درٻار ۾ موجود ماڻهن عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! انهيءَ شخص چوري ڪئي آهي، تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي ساڄي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو. تنهن کانپوءِ سندس ساڄو هٿ ڪٽيو ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هي چوري ڪرڻ کان نه مڙيو ۽ چوري ڪيائين، جنهن ۾ پڪڙجي پيو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل ڪرڻ جو حڪم فرمايو. مگر درٻار ۾ موجود ماڻهن چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هن ٻيو دفعو چوريءَ جو ڪم ڪيو آهي ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هن جو کاٻو پير ڪٽيو وڃي“ تنهن کانپوءِ هن جو کاٻو پير ڪٽيو ويو، ٻه دفعا سزا ملڻ کانپوءِ به هي شخص نه مڙيو ۽ چوري ڪيائين، جنهن ۾ پڪڙجي پيو ۽ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو، ليڪن درٻار ۾ موجود ماڻهن عرض ڪيو ته ”سائين هن چوري ڪئي آهي.“ اهڙيءَ طرح سان رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن هن جي کاٻي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو“ پوءِ سندس کاٻو هٿ ڪٽيو ويو، تنهن کانپوءِ هن چوٿون دفعو چوري ڪئي ۽ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي ساڄي پير جي ڪٽڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ هن جو ساڄو پير ڪٽيو ويو. +ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن پنجون دفعو چوري ڪئي ۽ هن کي پڪڙي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. تنهن کانپوءِ انهيءَ شخص کي ”مربد“ جي جڳهه تي قتل ڪرڻ لاءِ وٺي ويا، اتي هن کي اونڌو ليٽايو ويو، ليڪن هي هٿن ۽ پيرن نه هئڻ جي باوجود به اٿي ڀڄڻ لاءِ زور ڏيڻ لڳو. تنهن کانپوءِ هن جي مٿان پٿرن جو وسڪارو ڪيو ويو جنهن ۾ هي مري ويو ۽ مرڻ کانپوءِ سندس لاش کي کوهه ۾ اڇلايو ويو. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 358) + +(8) +(65) هڪ شخص جنهن جو تعلق مزينه قبيلي سان هو، انهيءَ کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو، انهيءَ شخص جي رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن سان هيئن گفتگو ٿي. +شخص:- يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! جبلن ۾ چرڻ وارن جانورن جي متعلق توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟ جيڪڏهن ڪوئي انهن کي چورائي. +رسول الله صلي الله عل��ھ وسلم:- جيڪڏهن ڪوئي شخص اهڙي قسم جي جانور جي چوري ڪري ته اهو جانور واپس ڪيو وڃي. انهيءَ سان گڏ انهيءَ کي اهڙي قسم جو ٻيو جانور ڏنڊ ۾ ڏيڻو پوندو. انهيءَ کانسواءِ انهيءَ کي سزا به ڏني ويندي، ليڪن انهيءَ چوري ڪرڻ جي بدلي ۾ انهيءَ جو هٿ نه ڪٽيو ويندو. +هائو جيڪڏهن ڪوئي شخص اهڙو جانور چوري ڪري ٿو، جيڪو واڙي اندر هجي ۽ توڙي جو انهيءَ جي قيمت ڍال کان به گهٽ هجي ته پوءِ اهو جانور واپس ڪيو ويندو ۽ انهيءَ چور کي ڪوڙا به لڳايا ويندا. +شخص:- يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان جو اهڙي ميوي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي، جيڪو وڻ ۾ آهي ۽ انهي کي چورايو وڃي؟“ +رسول الله صلي الله عليھ وسلم:- جيڪڏهن ڪوئي سخت ضرورتمند شخص ضرورت جي وقت وڻ منجهان ميوو چوري ڪري يا پٽي انهيءَ جي مٿان ڪوبه ڏنڊ نه آهي، ليڪن شرط اِهو آهي ته ميوو ڪنهن ڪپڙي ۾ ٻڌي نه لڪائي. مگر جيڪڏهن ڪوئي شخص عام حالت ۾ ميوو چورائي يا پٽي ته پوءِ ان کي ٻيڻو ميوو واپس ڪرڻو پوندو، انهيءَ کي سزا به ڏني ويندي. جيڪو ميوو مالڪن پٽي هڙن ۾ ٻڌو هوندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهو چورايو هوندو ته پوءِ انهيءَ جو هٿ ڪٽيو ويندو، چاهي انهيءَ ميوي جي قيمت ڍال جي رقم کان گهٽ هوندي ۽ انهيءَ کي ڪوڙا به لڳايا ويندا. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 356) + +(9) +(66) ام المومنين بي بي عائشه صديقه رضي الله عنھ کان روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ عورت جو جنهن چوري ڪئي هئي هٿ ڪٽرايو. سزا ملڻ کانپوءِ اها عورت هميشھ مون وٽ ايندي هئي ۽ آءٌ انهيءَ عورت جي ضرورت جي شين جي سفارش رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪندي هيس ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي ضرورت پوري ڪندا هئا ۽ انهيءَ عورت توبهه ڪئي ۽ نيڪ بنجي ويئي.“ +(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الحدود ص 660) + +(10) +(67) هڪ شخص چوري ڪئي، پڪڙجي پيو ۽ حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. هن توبهه ڪئي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي معاف فرمايو. مگر اهو شخص چوري ڪرڻ کان نه مڙيو، پڪڙجڻ کان بعد توبهه ڪندو رهيو، چار دفعا چوري ڪيائين ۽ هر دفعي پڪڙيو ويو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي معاف فرمايو، هي هر دفعي توبهه ڪندو رهيو. هن پنجون دفعو چوري ڪئي ۽ پڪڙجي پيو ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو، تنهن کانپوءِ هن جو هٿ ڪٽيو ويو. مگر هي چوري ڪرڻ کان نه مڙيو ۽ ڇهون دفعو چوري ڪيائين، پڪڙيو ويو، رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هن جي ٻئي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو. انهيءَ کانپوءِ به هي چوري ڪرڻ کان نه مُڙيو. ستون دفعو جڏهن هن رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن هن جي ٻئي پير جي ڪٽڻ جو به حڪم فرمايو ۽ پوءِ هن جو ٻيو پير به ڪٽيو ويو. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 358) + +(11) +(68) هڪ شخص کي ٻارن چورائڻ جي عادت هئي، حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو حڪم صادر فرمايو، مگر حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي کائڻ وارين شين چورائڻ تي معاف فرمايو. + +(12) +(69) صفوان بن اميه رضه کان روايت آهي ته هي فرمائي ٿو ته ”آءُ“ هڪ ڏينهن مسجد ۾ پنهنجي چادر مٿي جي هيٺان رکي سمهيو پيو هيس، جنهن جي قيمت ٽيهه درهم هئي، هڪ شخص آيو، انهيءَ چادر کي آهستي آهستي منهنجي مٿي جي هيٺان کسڪائي چادر کڻي ڀڄي و��و. +چور کي پڪڙي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو، پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو. اِهو ڏسي مون عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آئون فقط ٽيهن درهمن لاءِ انهيءَ جو هٿ نه ڪپيندس. توهان مهرباني ڪري انهيءَ کي معاف فرمايو، آئون انهي چادر کي انهيءَ وٽ وڪڻان ٿو.“ انهيءَ تي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن ارشاد فرمايو +”هاڻي الله جو قانون ۽ حڪم ٽري نه سگهندو، مون وٽ آڻڻ کان اڳ پهريان ئي تون انهيءَ سان ائين ڇو نه ڪيو؟“ +(ابو دائود ص 602- سنن نسائي جلد ٽيون 342) + +(13) +(70) هڪ عورت جنهن جو تعلق بنو مخزوم قبيلي سان هو، انهيءَ عورت فتح مڪي جي دوران چوري ڪئي، ماڻهو انهيءَ عورت کي وٺي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ وٺي آيا. هيءَ عورت هڪ وڏي قبيلي منجهان هئي، هن جي قبيلي وارا سفارش لاءِ اسامه بن زيد رضه وٽ آيا ته جيئن هي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن وٽ انهيءَ عورت جي سفارش ڪري. انهن جو خيال هو ته هن جي سفارش تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت کي معاف فرمائيندا. +جڏهن سفارش ڪرڻ لاءِ اسامه بن زيد رضه حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن سخت جلال م آيا ۽ فرمايائون ته ”اي اسامه! بني اسرائيل فقط انهيءَ ڪري تباهه ٿي ويا، جو انهن منجهان ڪوئي وڏو ماڻهو چوري ڪري يا ٻئي ڏوهه جو ڪم ڪري پيو ته انهيءَ کي درگذر ڪيو وڃي پيو، مگر جڏهن انهن منجهان ڪوئي غريب ۽ مسڪين ماڻهو چوري يا ڏوهه ڪري پيو ته انهيءَ کي سزا ڏني وڃي پئي. جا توهان چاهيو ٿا ته الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن منجهان هڪ حد توهان لاءِ ٽوڙي وڃي. +انهيءَ پاڪ ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، جيڪڏهن فاطمه بنت محمد صلي الله عليھ وسلم به چوري ڪري ته آءٌ انهيءَ جو به هٿ ڪپيندس.“ تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت جو هٿ ڪپڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ انهيءَ عورت جو هٿ ڪپيو ويو. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 245) + +(14) +(71) عباد بن شرجيل رضه بيان ٿوڪري ته ”مديني ۾ هڪ سال سخت ڏڪار پيو، مون کي انهيءَ سال مديني شريف ڏانهن وڃڻ ٿيو. جڏهن آءٌ اتي پهتس ته بک کان لاچار هئس. کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪين هو. منهنجو گذر هڪ باغ منجهان ٿيو، اهو باغ انگورن جو هو، مان بک جي حالت ۾ باغ ۾ ويس ۽ انگورن جو هڪ ڇُڳو پٽيم ۽ کائي ڇڏيو ۽ ڪجهه ٻيا ڇُڳا پٽي کڻي چادر ۾ وجهي هلڻ لڳس، ايتري ۾ باغ جو مالڪ به اچي پهتو ۽ مون کي پڪڙي وڌائين. مون کي نه فقط مالڪ مار ڏني، ليڪن ڪپڙو به کسي ورتو. آءُ انهيءَ حالت ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيس ۽ سموري حقيقت پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي ٻڌائي. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن باغ جي مالڪ کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ فرمايو ته ”جڏهن هي شخص بکيو هو، ته پوءِ انهيءَ کي تو کاڌو ڇو نه کارايو؟ جيڪڏهن اهو بي خبر هيو ته تو انهيءَ کي ٻڌايو ڇو نه؟ هاڻي منهنجو حڪم ٻُڌ، وڃ ۽ وڃي انهيءَ کي ڪپڙو واپس ڪر.“ +(سنن ابن ماجھ جلد ٻيو ص 37) + +(15) +(72) رافع بن عمرو الغفاري رضه بيان ڪري ٿو ته ”مون هڪ ڏينهن هڪ انصاريءَ جي کجين ۾ کارڪون حاصل ڪرڻ لاءِ پٿر اڇلايا ته ايتري ۾ کجين جو مالڪ اچي ويو ۽ مون کي پڪڙي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ وٺي ويو ۽ سڄو واقعو کين ٻڌايائين. +انهيءَ تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي ڇوڪرا! تون وڻ کي پٿر ڇو هنيا هئا؟“ +مون عرض ڪيو ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيئن آءٌ کارڪون حا��ل ڪري کاوان.“ +انهيءَ تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڏسو! کجين کي پٿر نه هڻو، مگر جيڪي کارڪون زمين تي ڪرن اهي کڻي کائو.“ +(سنن ابن ماجھ جلد ٻيو ص 37) + + + +باب ڇهون +”لعان“ متعلق فيصلا +(1) +(73) حضرت عبدالله بن عباس رضه بيان ڪري ٿو ته جڏهن قرآن مجيد جي هي آيت نازل ٿي، جنهن جو ترجمو هي آهي ته ”۽ جيڪي شخص پاڪدامن عورتن تي تهمت لڳائن ٿا ۽ ثبوت لاءِ چار شاهد پيش نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ انهن کي اسي ڪوڙا لڳايو ۽ ڪڏهن به انهن جي شاهدي قبول نه ڪريو. اهڙا ئي ماڻهو فاسق آهن.“ +ته انصارن جي بنو خزرج جي سردار سعد بن عباده حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اچي عرض ڪيو ته ”ڇا هيءَ آيت اهڙيءَ طرح نازل ٿي آهي؟“ +سعد بن عباده رضه جو بيان ٻڌي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن انصارن کي فرمايو ته +”اي انصارو! توهان پنهنجي سردار جون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيو.“ +اتي موجود ماڻهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان سعد کي ملامت نه ڪريو، گهڻي غيرت جي سبب انهيءَ جي منهن جا اهي الفاظ نڪتا آهن. ”انهيءَ تي سعد بن عباده خود عرض ڪيو ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجا ماءُ پيءُ توهان جي مٿان قربان. منهنجو ايمان آهي ته اهي آيتون حق آهن، جيڪي الله تعاليٰ نازل فرمايون آهن. مگر پريشانيءَ واري ڳالهه اِها آهي ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي زال کي ڪنهن مرد سان اعتراض واريءَ حالت ۾ ڏسان ته ڇا آءٌ حق تي نه آهيان؟ ۽ انهيءَ حالت ۾ انهن کي قتل ڪريان ته پوءِ ڇا منهنجي لاءِ ضروري ٿيندو ته مان چار شاهد ڳوليندو رهان ۽ جيستائين گڏ ڪريان ته جوابدار پنهنجو مطلب پورو ڪري ڀڄي وڃي.“ +انهيءَ آيتن جي نازل ۽ سعد بن عباده رضه جي گفتگو کي ٿورو وقت گذريو ته هلال بن اميه سان اهو واقو پيش آيو. ڇا ٿيو سومهڻيءَ جي وقت جڏهن هو پنهنجي زمين کان واپس گهر ڏانهن آيو ته هن هڪ مرد کي پنهنجي زال سان ڏٺو، ڳالهيون به ٻڌائين، ليڪن ڪوبه قدم ڪونه کنيائين. صبح ٿيندي ئي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ سمورو قصو ٻڌايائين. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن اهو واقعو ٻڌي سخت رنجيده ٿيا. ايتري ۾ انصارن جا ٻيا ماڻهو به اتي پهتا ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته ”اسان جي سردار سعد بن عباده جيڪا ڳالهه چئي، اسين مونجهاري ۾ پئجي ويا هئاسون. هاڻي هلال چار شاهد پيش ڪري.“ +هلال چيو ته ”الله جو قسم! مون کي الله جي ذات تي ايمان آهي ته اهومون کي ذليل نه ڪندو.“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”اي هلال چار شاهد پيش ڪر نه ته تنهنجي پٺي جي مٿان اسي ڪوڙا لڳايا ويندا.“ +هلال بن اميه عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! قسم آهي، انهيءَ پاڪ ذات جو، جنهن توهان کي نبي ڪري موڪليو آهي، آءٌ پنهنجي دعويٰ تي سچو آهيان، الله سائين ضرور منهنجي لاءِ ڪائي نه ڪائي واٽ ڪڍندو، جيڪا مون کي اسي ڪوڙن کان بچائيندي.“ +گفتگوءَ جي دوران حضرت جبرائيل عھ هيءَ آيت مبارڪ کڻي آيو. +”۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن تي زنا جي تهمت لڳائي ۽ خود انهن کي پاڻ کانسواءِ ڪوبه شاهد نه هجي ته اهڙين مدعين منجهان هر هڪ جي شاهدي هيءَ هوندي ته پهرين چار دفعا الله تعاليٰ کي شاهد بنائين قسم کڻن ته اهو پنهنجي بيان ۾ ضرور سچو آهي. پوءِ پنجون دفعو چوي ته جيڪڏهن آءُ ڪوڙو آهيان ته منهنجي مٿان الله تعاليٰ جي لعنت آهي ۽ جيڪڏهن مڙس جي قسم کائڻ کانپوءِ عورت به چار دفعا الله تعاليٰ کي شاهد بنائي قسم کائي ته هي شخص پنهنجي بيان ۾ سراسر ڪوڙو آهي ۽ پ��جون دفعو چوي ته جيڪڏهن هي پنهنجي بيان ۾ سچو آهي ته منهنجي مٿان الله سائين جو غضب پوي. انهيءَ صورت ۾ عورت جي مٿان سزا ٽري سگهي ٿي.“ +حضرت انس رضه بيان ڪري ٿو ته ”جڏهن اهي مٿيون آيتون نازل ٿيون ته حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن هلال بن اميه کي گهرائي بشارت ڏني ته الله سائين تنهنجي لاءِ واٽ ڪڍي آهي. +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن هلال ۽ انهيءَ جي گهر واريءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايائون ته ”الله تعاليٰ، عليم ۽ خبير آهي، انهيءَ کي سڀ خبر آهي ته توهان منجهان ڪهڙو سچو آهي ۽ ڪهڙو ڪوڙو آهي، توهان منجهان جيڪو ڪوڙو آهي ته اهو توبهه ڪري ۽ سچي ڳالهه بيان ڪري.“ +انهيءَ تي هلال عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجا پيءُ ماءُ توهان جي مٿان قربان وڃن. +مون جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها سراسر سچي آهي، انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ۽ ڪوڙ نه آهي. +تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڪيو ته ٻنهي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ قرآن مجيد جي حڪم مطابق لعان ڪرايو وڃي. انهيءَ لاءِ هلال کي حڪم ڏنائون ته اهو چار دفعا اهي الفاظ دهرائي، جيڪي قرآن مجيد ۾ ذڪر ڪيل آهن. اهڙيءَ طرح هلال چار دفعا اهي الفاظ چيا ته ”آءٌ الله تعاليٰ کي حاضر ناضر ڄاڻي چوان ٿو ته آءٌ پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهيان ۽ پنجين شاهديءَ لاءِ تيار آهيان، ته پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هلال کي چيو ته ”ڏس هلال! خدا جو خوف ڪر، دنيا جي سزا آخرت جي عذاب کان بلڪل هلڪي آهي ۽ الله جو عذاب ماڻهن جي عذاب کان ڳرو آهي. پنجين شاهدي آخري شاهدي آهي. انهيءَ تي فيصلي جو دارومدار آهي.“ +تنهن کان پوءِ هلال چيو ته +”جيڪڏهن آءٌ ڪوڙ ڳالهايان ته منهنجي مٿان الله تعاليٰ جي لعنت هجي.“ +تنهن کانپوءِ هلال بن اميه جي زال اڳتي وڌي، ۽ چيائون ته ”منهنجو مڙس ڪوڙ ٿو هڻين. آءٌ قسم کڻي چوان ٿي ته اهڙو ڪڌو ڪم ڪونه ڪيو آهي. جڏهن پنجون دفعو چوڻ لڳي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کين روڪيو ۽ فرمايو ته ”ياد رک، الله جو عذاب دنيا جي سزا کان وڌيڪ دردناڪ آهي.“ جڏهن انهيءَ عورت اهو ٻڌو، ٿورو وقت چپ رهي پر پوءِ جلد ئي اٿي ۽ چيائين ته آءٌ پنهنجي قوم کي ڪڏهن به ذليل نه ڪنديس ۽ پنجون دفعو چيائين ته ”جيڪڏهن منهنجو مڙس سچو آهي ته الله تعاليٰ منهنجي مٿان لعنت وجهي.“ +جڏهن لعان جي ڪارروائي ختم ٿي ته پوءِ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن زال ۽ مڙس جي وچ ۾ علحدگي فرمائي ۽ حڪم ڏنو ته +1. انهيءَ حمل منجهان جيڪو ٻار ڄمندو، اهو ماءُ ڏانهن منسوب ڪيو ويندو. +2. ڪنهن کي به حق نه آهي ته اهو ٻار تي ملامت ڪري. +3. جيڪڏهن ڪو به شخص الزام تراشي ڪندو ته انهيءَ تي حد جاري ڪئي ويندي. +4. عورت کي اِهو حق حاصل نه هوندو ته هلال کان عدت جي ڏينهن ۾ ڪنهن به شيءِ جو مطالبو ڪري. +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ عورت منجهان جيڪو ٻار پيدا ٿيندو ته ڏسون ته ڪنهن تي سندس مهانڊا ٿين ٿا؟ جيڪڏهن هلال تي آهن ته سمجهو ته هلال جو پٽ آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي مرد تي آهن ته سمجهو ته انهيءَ جو آهي.“ +ٻار پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڏٺو ويو ته اهو ٻار هلال جي مهانڊي نه هو. جڏهن حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن کي اطلاع ڏنو ويو ته فرمايائون ته +”جيڪڏهن الله جو ڪتاب پهريائين فيصلو نه ڪري ڇڏي هان ته آءٌ ضرور حد جاري ڪريان ها.“ +(تفسير سورت نور- صحيح بخاري جلد ڇهون ڪتاب المحاربين) + +(2) +(74) هڪ شخص ۽ انهيءَ جي زال جو مقدمو سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. مڙس زال جي مٿان الزام لڳايو ته هيءَ ٻئي مرد سان اعتراض جوڳيءَ واري حالت ۾ ڏٺي ويئي آهي، ته پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ لعان ڪرايو ويو. +اها عورت پيٽ ڀري هئي، مرد چوي پيو ته هي ٻار هن منجهان نه آهي.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهن ٻنهي جي وچ ۾ علحدگي ڪرائي ۽ فيصلو فرمايو ته ”ٻار ماءُ جو هوندو.“ +(موطا امام مالڪ) +(3) +(75) حضرت عبدالله بن عمر رضه بيان ڪري ٿو ته ”اهڙو هڪ ٻيو معاملو حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو پيش ڪيو ويو. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم ”لعان“ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ فرمايائون ”توهان جو حساب الله تعاليٰ جي مٿان آهي، توهان منجهان هڪ ڪوڙو ضرور آهي.“ +۽ پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن مرد کي مخاطب ٿي فرمايو ته ”هيءَ عورت هاڻي تنهنجي حق ۾ نه رهي، هاڻي تنهنجو تعلق هن سان نه رهيو، تون انهيءَ عورت جي خلاف ڪنهن به قسم جي دست اندازيءَ ڪري سگهين ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي به ڪونه ڪري سگهين ٿو.“ +انهيءَ تي ان شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي مال جو ڇا بڻجندو، جيڪو مون انهيءَ کي ڏنو آهي.“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”توکي مال وٺڻ جو ڪو به حق نه آهي، توکي تنهنجو مال انهيءَ عمل جي عيوض آهي، جيڪو هلال جي صورت ۾ تو انهيءَ منجهان حاصل ڪيو هو ۽ جيڪڏهن تون دعويٰ ۾ ڪوڙو آهين ته به توکان مال عورت وانگر پري هليو ويو آهي.“ +(4) +(76) هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ”لعان“ جي آيت جي تشريح ڪندي فرمايو ته +”جيڪڏهن ڪائي عورت ڪنهن خاندان ۾ اهڙو ٻار کڻي اچي، جيڪو انهيءَ خاندان منجهان نه آهي، يعني حرام منجهان آهي ته اها ان جي رحمت کان پري آهي، اها هرگز جنت ۾ داخل نه ٿيندي ۽ جيڪو مرد پنهنجي ٻار جي نسب کان انڪار ڪري، حالانڪه ٻار انهيءَ کي ڏسي رهيو هجي، يعني انهيءَ جو هجي ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن پنهنجي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ حجاب جو پردو کڻائي ڇڏيندو ۽ اڳين ۽ پوئين مخلوق جي اڳيان انهيءَ کي ذليل ڪندو.“ + +(5) +(77) حضرت عبدالله بن عباس رضه بيان ٿو ڪري ته +”جڏهن زنا جي تهمت لڳائڻ وارن تي حد مقرر ڪئي ويئي ته موجود ماڻهن منجهان عاصم بن عدي اٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي جان توهان جي مٿان قربان ٿئي، جيڪڏهن اسان منجهان ڪوئي شخص پنهنجي عورت کي ٻئي ڪنهن مرد سان ملوث ڏسي، جيڪڏهن اکين ڏٺو واقعو پيش ڪري ٿو ته مٿانهس حد جاري ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن شاهدن جي ڳولا ڪرڻ ۾ نڪري ٿو ته جوابدار ڪم پورو ڪري ڀڄي وڃي ٿو. +ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڇا ٿيو جو، هن جي پنهنجي خاندان ۾ اهڙو واقعو پيش آيو. عاصم جي سوٽ عويمر عجلاتي جي زال خوله جيڪا هن جي ٻئي چاچي جي ڌيءَ هئي. هڪ ڏينهن شريڪ بن سماءَ سان ڏٺي ويئي. هي شريڪ به عاصم جي ٻئي چاچي جو پٽ هو. +عويمر عجلاتي اهو واقعو عاصم کي ٻڌايو، عاصم اهو ڪيس رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽ چيائين ته ”افسوس آهي جو منهنجي خاندان وارا انهيءَ ۾ مبتلا ٿيا آهن.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ڳالهه کي ناپسند فرمايو. +تنهن کانپوءِ عاصم عويمر کي چيو ته ”تون منهنجي لاءِ چڱائي نه ڪئي، آءٌ خود حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اهو فيصلو پيش ڪندس.“ +اهڙي طرح سان عويمر حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن ڪوئي شخص پنهنجي زال کي ڪنهن غير مرد سان اعتراض جوڳيءَ حالت ۾ ڏسي ته انهيءَ کي قتل ڪري يا انهيءَ جي بدلي خود مارجي وڃي، ڀلا ڪري ته ڇا ڪري؟“ ۽ سڄي حقيقت پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو بيان ڪئي. سڄو واقعو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”پريشان نه ٿيءُ، الله تعاليٰ توهان جي ۽ توهان جي زالن جي معاملي ۾ حڪم نازل فرمايو آهي، وڃ ۽ وڃي پنهنجي گهر واريءَ کي مون وٽ وٺي آءُ.“ +اهڙي طرح سان عويمر ۽ انهيءَ جي گهر واري مسجد نبويءَ ۾ آيا. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم ”لعان“ جو حڪم صادر فرمايو ته ”الله تعاليٰ عليم ۽ خيبر آهي، اهو خوب ڄاڻي ٿو، توهان منجهان هڪ نه هڪ ڪوڙو ضرور آهي، جيڪو ڪوڙو آهي ته اهو توبهه تائب ٿئي.“ +ليڪن ڪنهن به توبهه ڪانه ڪئي. تنهن کانپوءِ پهريائين مرد کي قسم پنج دفعا کڻايو ويو، جيڪو انهيءَ کنيو ۽ پوءِ انهيءَ جي زال کي جيڪو انهيءَ کنيو. +اهو ڏسي عويمر عجلاتي پنهنجي زال کي طلاق ڏني. +۽ پوءِ اها سنت قائم ٿي ويئي ته لعان ڪرڻ وارن زال ۽ مڙس جي علحدگي ڪئي وڃي ۽ انهن کي گڏ هڪ جاءِ تي نه رکيو وڃي. +عويمر جي زال پيٽ ڀري هئي، عويمر جو اسرار هو ته ٻار سندن منجهان نه آهي. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +1. ٻار ماءُ جي طرف منسوب هوندو. +2. ٻار ماءُجي ميراث جو حقدار هوندو ۽ نه پيءُ جي.“ +3. ماءُ به انهيءَ جي ميراث جي حقدار هوندي. +(صحيح بخاري جلد چوٿون ڪتاب الطلاق) + +(6) +(78) هڪ شخص رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي هڪ زال آهي، جيڪا مون کي ڏاڍي پياري آهي، ليڪن انهيءَ جو حال اهو آهي ته جيڪو هن کي هٿ وجهي ٿو ته انهيءَ کان هٿ ڇڏائي نه ٿي.“ +اِهو ٻڌي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏ.“ +انهيءَ تي ان شخص عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مگر آءُ ته انهيءَ کانسواءِ رهي نه سگهندس.“ تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تون انهيءَ کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي.“ +جيئن ته مٿيون معاملو ڳجهو هو، رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم مدعيءَ کان وڌيڪ ڪجهه تشريح ڪانه ڪرائي ۽ لعان جو حڪم نه فرمايو. +(7) +(79) هڪ ڳوٺاڻو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي زال کي هڪ پٽ ٿيو آهي، جيڪو ڪاري رنگ جو آهي، آءٌ نه ٿو سمجهان ته اهو منجهان آهي.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تو وٽ ڪجهه اُٺ آهن؟“ +انهيءَ شخص وراڻيو ته ”هائو سائين!“ +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڪهڙي رنگ جا آهن؟“ +انهي ڳوٺاڻي عرض ڪيو ته ”سرخ رنگ جا.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”خاڪي رنگ جا به آهن؟“ +”انهيءَ ڳوٺاڻي عرض ڪيو ته ”هائو سائين.“ +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهو رنگ ڪيڏانهن آيو‎؟“ +انهيءَ شخص وراڻيو ته ”وڏن منجهان ڪنهن جو رنگ اهڙو هوندو.“ +اهو ٻڌي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”شايد انهيءَ ٻار جي ڪنهن وڏي جو رنگ به اهڙو هجي، انهيءَ ڪري توکي حق نه آهي ته انهيءَ ٻار جي نسب جو تون انڪار ڪرين.“ +(صحيح بخاري جلد چوٿون ڪتاب الطلاق) + + +باب ستون +”طهار“ +(1) +(80) هڪ عورت حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! جڏهن منهنجي مڙس مون کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو هو ته انهيءَ وق�� آءٌ نوجوان، حسين، خوبصورت ۽ دلڪش هئس، هن وقت عمر سان گڏ منهنجي وهي به هلي ويئي، گهڻن ٻارن جي ڄمڻ مون کي پوڙهو بڻائي ڇڏيو، جسم ۾ گهنج پئجي ويا آهن. اِهو ڏسي منهنجي مڙس مون کي چيو ته ”تون منهنجي ماءُ جهڙي آهين.“ +سڄي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي مائي! تون هلي وڃ، مون وٽ، تنهنجي لاءِ ڪو به حڪم نه آهي.“ +اِهو ٻڌي اها عورت ليلائڻ لڳي ۽ ايلاز منٿ ڪرڻ لڳي ته ”منهنجي واٽ ڪڍو، منهنجا ننڍا ننڍا ٻار آهن، جيڪڏهن منهنجي مڙس مون کان تعلق ٽوڙيو ته پوءِ انهن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟“ +ايتري ۾ الله تعاليٰ جي طرفان وحي نازل ٿي ۽ هي آيتون نازل ڪيائين. +”۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي گهر وارين کي ماءُ چئي ويهن ته پوءِ پنهنجي قول سان رجوع ڪن ته پوءِ انهن کي همسبتري ڪرڻ لاءِ هڪ غلام آزاد ڪرڻ گهرجي. +اي ايمان وارؤ! انهيءَ حڪم سان توهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته جيڪي توهان ڪريو ٿا، تنهن کان الله خبردار آهي، جيڪڏهن غلام نه ملي ته اهو ٻه مهينا لاڳيتو روزا رکي ۽ جيڪڏهن روزا نه ٿو رکي سگهي ته پوءِ سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائين. اِهو حڪم انهيءَ لاءِ آهي ته توهان الله تعاليٰ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جا فرمانبردار ٿيو ۽ اِهي خدا جون حدون آهن، جيڪو اهي حدون اورانگيندو انهيءَ لاءِ دردناڪ عذاب آهي. +انهن آيتن نازل ٿيڻ کانپوءِ سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت جي مڙس کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايو ته +”ڇا تون هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي طاقت رکي سگهين ٿو؟“ +انهيءَ شخص عرض ڪيو ته ”نه سائين“ +رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تون ٻه مهينا لاڳيتو روزا رکي سگهين ٿو؟“ +انهيءَ شخص وراڻيون ته ”نه سائين آءُ معذور آهيان“ +تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”ڇا تون سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائي سگهين ٿو؟“ +انهيءَ شخص وراڻيو ته ”سائين مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي.“ اهڙي طرح سان رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کي پندرنهن صاءَ ڏنا ۽ هڪ ٻئي شخص کيس پندرنهن صاءَ ڏنا. اهڙي طرح سٺ مسڪينن ۾ کاڌو ورهايو. + +(2) +(81) سلمان بن صحر جيڪو سلمه بن صحر بياضيءَ جي نالي سان مشهور آهي. هڪ ڏينهن انهيءَ پنهنجي زال کي چيو ته ”تون منهنجي ماءُ لڳين ٿي،“ تيستائين جو رمضان جو مهينو گذري وڃي. ليڪن اڌ رمضان شريف مس گذريو ته هن پنهنجي زال سان همسبتري ڪئي ۽ پوءِ هن کي ندامت ٿي ۽ انهيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ سموري ڳالهه کين بيان ڪيائين. +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”توکي هڪ غلام آزاد ڪرڻو پوندو.“ +سلمان وراڻيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي ايتري طاقت نه آهي، جو هڪ غلام آزاد ڪري سگهان. +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ٻه مهينا لاڳيتو روزا رک.“ +سلمان عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون ۾ ايتري طاقت نه آهي، جو ٻه مهينا ساندهه روزا رکي سگهان.“ +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”پوءِ سٺ مسڪينن کي کاڌو کاراءِ.“ +سلمان عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون ۾ ايتري به طاقت نه آهي.“ +تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ اصحابي فروه بن عمر کي حڪم ڏنو ته هن کي کجين جو عرق ڏي ته جيئن هي سٺ مسڪينن ۾ ورهائي سگهي.“ +(مشڪواة جلد پهريون ص 104) + + +بابت اٺون +”قــــذف“ +قرآن مجيد ۾ آهي ته ”جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن جي مٿان تهمت لڳائڻ ۽ پوءِ ثبوت لاءِ چار شاهد نه آڻي سگهن ته انهن کي 80 ڪوڙا هڻو ۽ ڪڏهن به انهن جي شاهدي قبول نه ڪريو، اهڙا ئي ماڻهو فاسق آهن، پر جن ماڻهن انهيءَ عمل کان پوءِ توبهه ڪئي ۽ پنهنجي زندگي سڌاري ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشڻ وارو ۽ رحمت وارو آهي.“ +(سورت نور آيت 65) + +(1) +(82) سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن سن ڇهين هجريءَ ۾ غزوه بني المصطق ۾ تشريف فرما ٿيا. سائين جن سان گڏ ام المومنين بي بي عائشقه صديقه رضه به گڏ هئي. +غزوه جي فارغ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن مديني ڏانهن واپسي فرمائي. واپسيءَ جي دوران هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جيڪو حديث ۽ سيرت جي سڀني ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. ٿيو ائين جو رات جي آخري حصي ۾ ڪوچ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو، انهيءَ وقت ام المومنين بي بي عائشه صديقه رضه حاجت لاءِ جهنگل جي طرف ويل هئي. اتفاق سان بي بي صاحبه رضه جو هار ٽٽي زمين تي ڪري پيو. انهيءَ جي ڳولا ۾ بي بي صاحبه رضه کي دير ٿي ويئي ۽ قافلي کي نه پهچي سگهي. تنهن کانپوءِ هن عقل ۽ ڏاهپ کان ڪم ورتو، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ جي بجاءِ چادر ويڙهي ويهي رهي، رات جو ڪافي حصو گذري چڪو هو ۽ هن کي ننڊ اچي ويئي. +حضرت صفوان بن معطل رضه جي مٿان حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هيءَ ذميواري عائد ڪئي هئي ته قافلي جي پٺيان اچي جيڪڏهن ڪابه شيءِ جيڪڏهن قافلي وارن جي ڪري پوي ته اها حفاظت ۾ رکي، صبح سان جڏهن هي بيٺڪ واري منزل وٽ پهتو، ته ڪنهن سمهيل کي ڏٺائين، جڏهن ويجهو آيو ته بي بي صاحبه رضه کي سڃاتائين، ڇاڪاڻ ته پردي واري آيت جي نازل ٿيڻ کان اڳ ۾ هن بي بي صاحبه رضه کي ڏٺو هو، ڏک ۽ ارمان ۾ هن جي واتان ”انا الله وَ اِنا اليھ راجعونَ“ نڪري ويو، جيڪو بيبي صاحبه رضه جي ڪنن تي پيو ته سندن سجاڳي ٿي ۽ جلد ئي پنهنجو چهرو مبارڪ ڍڪي ڇڏيائين. صفوان رضه بي بي صاحبه رضه جي ويجهو اُٺ کي آندو ۽ پاڻ پري بيهي رهيو. بي بي صاحبه رضه اُٺ تي سوار ٿي ۽ صفوان رح اُٺ جي مُهار پڪڙي اچي قافلي سان مليو. +اِها صورتحال ڏسي منافقن جي سردار عبدالله بن ابيءَ کي موقعو هٿ چڙهي ويو ۽ بهتان بازي شروع ڪيائين. بس پوءِ ڇا ٿيو، جو سادا سودا مسلمان به هن جي ور چڙهي ويا ۽ پٺيان لڳيس. انهيءَ منافق جي بهتان جو چوٻول جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن تائين پهتو، ته پاڻ صلي الله عليھ وسلم جن کي سخت صدمو رسيو ۽ بي بي صاحبه رضه کي به سخت صدمو پهتو. اها ڪيفيت سڀني مومنن ۾ هڪ مهيني تائين رهي، آخر الله تعاليٰ بي بي صاحبه رضه جي پاڪدامن جي حمايت ۾ آيتون نازل فرمايائون. منافقن جي تهمت بي بنياد ۽ ڪوڙي هئي. +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن تهمت هڻڻ وارن کي چئن شاهدن آڻڻ لاءِ فرمايو، جيڪي هو ڪونه آڻي سگهيا، تنهن کانپوءِ انهن جي مٿان حد ”قذف“ جاري ڪئي ويئي، کين اسي دُرا لڳايا ويا. +تنهن کانپوءِ مومنن الله جي در تي توبهه ڪئي ۽ منافق پنهنجي منافقت ۾ غرق ٿي ويا. +(سيرت ابن هشام-تاريخ طبري) + +(2) +(83) عربن جي قبيلي بنو بڪربن ليٽ جو هڪ شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. هن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي اڳيان چار دفعا اقرار ڪيو ته هن کان زنا سرزد ٿي آهي. هن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي عرض ڪيو ته ”هي غير شادي شده آهي.“ +اهڙي طرح سان حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن هن تي حد جاري ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. هن کي هڪ سئو دُرا لڳايا ويا. تنهن کانپوءِ ان شخص جنهن عورت کي پاڻ سان گڏايو هو، انهيءَ کي گهرايو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم ج�� انهيءَ شخص کان شاهد طلب ڪيا، ليڪن ڪوبه شاهد ڪونه پيش ڪيو. اها عورت چوڻ لڳي ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! الله جو قسم هي شخص بلڪل ڪوڙو آهي، انهيءَ منهنجي مٿان بهتان مڙهيو آهي.“ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص جي مٿان حد جاري فرمائي. + + + +باب نائون +الديات والقصاص متعلق فيصلا +قرآن مجيد ۾ آهي ته ”مسلمانو! جيڪي ماڻهو قتل ڪيا وڃن، انهن لاءِ توهان کي قصاص جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن آزاد ماڻهوءَ کي قتل ڪيو وڃي ته انهيءَ جي عيوض اهو ئي قتل ڪيو ويندو، جيڪڏهن غلام قاتل آهي ته انهيءَ غلام کي ئي قتل ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن عورت قتل ڪيو آهي ته عورت ئي قتل ڪئي ويندي.“ +(سورت البقر آيت 179) +”ڪنهن به شخص کي ناحق قتل نه ڪريو، جنهن کي قتل ڪرڻ الله تعاليٰ حرام قرار ڏنو آهي، جيڪو ظلم سان ماريو وڃي ته اسان انهيءَ جي وارث کي قصاص جي مطالبي جو اختيار ڏنو آهي. بس خونريزيءَ ۾ زيادتي نه ڪري.“ +(سورت بني اسرائيل آيت 33) +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته ”سڀ کان وڏا ٽي گناهه آهن، (1) الله تعاليٰ سان ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ، (2) ڪنهن شخص کي ناحق قتل ڪرڻ (3) والدين جي نافرماني ڪرڻ ۽ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ. +(بخاري شريف جلد ٻيو) +پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته +”هڪ انسان جو قتل ڪرڻ سموري انسانيت جي قتل برابر آهي.“ +قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريائين ناحق قتل جو فيصلو ڪيو ويندو.“ +(صحيح بخاري جلد ڇهون) +(1) +(84) عرينه قبيلي جا ڪجهه ماڻهو حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا ۽ اسلام آندائون. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي صفه جي جڳهه ۾ ترسايو. مديني جي آبهوا انهن کي راس نه آئي، بيماري انهن کي اهڙو هيڻو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو جو سڃاڻپ کان ئي ٻاهر ٿي ويا، ائين سمجهيو ته مرڻ جي ڪنڌيءَ تائين پهچي ويا، جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن جي اهڙي حالت ڏٺي ته پوءِ کين ڪجهه اُٺ زڪوات ۾ ڏنائين ۽ کين حڪم فرمايائون ته ”اهي شهر کان ٻاهر وٺي وڃن ۽ اتي رهائش اختيار ڪن. انهن اُٺن جو کير کاڌي طور ۽ پيشاب کي دوا طور استعمال ڪن.“ +انهن ماڻهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي فرمان مطابق کير کي کاڌي طور ۽ پيشاب کي دوا طور استعمال ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي صحتياب ٿي ويا، ليڪن هو تندرست هجڻ کانپوءِ مرتد ٿي ويا ۽ ڌنار کي وڏين تڪليفن سان قتل ڪيائون ۽ بيت المال جي اُٺن کي کڻي اتان ڀڄي ويا. +مٿين خبر حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي منهن انڌيري ۾ ملي ته پوءِ ڪجهه سوارن کي حڪم ڏٺائون ته انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري اچو. انهن سوارن رات گذرڻ کانپوءِ ڏينهن جو انهن مرتدن کي پڪڙي ورتو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن جي لاءِ هيٺيون فيصلو فرمايو. +1. انهن جا هٿ ۽ پير وڍيا وڃن. +2. انهن جي اکين ۾ گرم سيخون ڪري وڌيون وڃن. +3. انهي کانپوءِ انهن کي گرم پٿريلي زمين تي ليٽايو وڃي. تنهن کان بعد کين مٿيون سزائون ڏنيون وڃن. +(صحيح بخاري جلد ڇهون ڪتاب المحاربين) + +(2) +(85) هڪ ڇوڪري مديني شريف ۾ پنهنجي گهر کان نڪتي، هن کي چانديءَ جا زيور پهريل هئا، هڪ يهوديءَ جي نظر انهيءَ جي مٿان پئجي وٺي ۽ زيورن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هي به روانو ٿيو، جڏهن هي انهيءَ ڇوڪري وٽ پهتو ته ڇوڪري زيورن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ يهودي جي وارثن انهيءَ ڇوڪريءَ جو مٿو پٿرن سان چٿي ڇڏيو. ڇوڪريءَ جي وارثن کي خبر پئي ته پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي کڻي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا، جيتوڻيڪ اها ڇوڪري زخمي تمام گهڻي هئي، تڏهن به هن ۾ ڪجهه ساهه هو، سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کان پڇا ڪئي ته ”ڇا توکي فلاڻي ماڻهو ماريو آهي؟“ +انهيءَ ڇوڪري مٿي جي اشاري سان انڪار ڪيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن وري ٻئي شخص جو نالو کڻي چيو ته ڇا توکي انهيءَ قتل ڪيو آهي؟“ +تڏهن به انهيءَ ڇوڪري اشاري سان انڪار ڪيو، تنهن کانپوءِ ٽيون دفعو پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن دريافت فرمايو ته ڇا توکي فلاڻي يهوديءَ ماريو آهي؟“ ته پوءِ انهيءَ ڇوڪري اشاري سان هائو ڪئي. +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي حڪم تي انهيءَ يهوديءَ کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي مٿان مسلسل جرح فرمائي، ايستائين جو انهيءَ پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪيو. انهيءَ جي اقرار ڪرڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”قاتل جي مٿي کي به پٿرن سان چٿيو وڃي، جيستائين انهيءَ جو ساهه نه نڪري وڃي.“ +تنهن کانپو انهيءَ يهوديءَ جومٿوپٿرن سان ڪچليو ويو. +(صحيح مسلم، صحيح بخاري) + +(3) +(86) عبدالله بن سهيل ۽ محيصه رضي الله عنھ جن کي ڪنهن هنگامي حالت ۾ ۽ مجبوريءَ جي بنياد تي خيبر وڃڻو پيو، سنن ابن ماجه جي چوڻ مطابق اهي ٻئي رزق جي ڳولا ۾ خيبر ڏانهن ويا. عبدالله ڪجهه پهريائين گهر کان نڪتو هو، تنهن ڪري هن جي اڳيان هو، جڏهن خيمه رضه اتي پهتو ته ڏسي ته عبدالله بن سهيل رضه کي ڪنهن قتل ڪري هڪ وڏي کڏي ۾ اڇلايو آهي، محيصه رضه جلد ئي يهودين وٽ ويو ۽ چيائين ته ”الله جو قسم! توهان ئي عبدالله جا قاتل آهيو“، ليڪن يهودين مڃڻ کان انڪار ڪيو. محيصه رضه پنهنجي قوم جي طرف واپس وريو ۽ انهن کي ساري صورتحال کان آگاهه ڪيو. +اهڙي طرح محيصه رضه انهيءَ جو وڏو ڀاءُ حويصه ۽ عبدالرحمان بن سهيل حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا. محيصه گفتگو ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم ارشاد فرمايو ته ”تون خاموش رَهُه، مجلس جي ادب جو لحاظ رکُ ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ڳالهه ڪرڻ ڏي“ +انهيءَ کانپوءِ حويصه سڄو واقعو حضور صلي الله عليھ وسلم جن کي ٻڌايو، تنهن کانپوءِ محيصه سڄي روئداد بيان ڪئي. +اهو واقعو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”يهودي يا ته خون بها ادا ڪن يا جنگ لاءِ تيار ٿين.“ +تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ سلسلي ۾ يهودين ڏانهن هڪ فرمان جاري ڪيو، فرمان ٻڌڻ کانپوءِ يهودين وراڻيو ته +”الله جو قسم! اسان قتل ڪونه ڪيو آهي.“ +انهيءَ کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حويصه، محيصه ۽ عبدالرحمان ڏانهن مخاطب ٿيا ۽ فرمايائون ته +”ڇا توهان انهيءَ ڳالهه تي قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيو ته عبدالله کي يهودين ئي قتل ڪيو آهي ۽ توهان ئي خون جي قصاص (ديت) جا حقدار آهيو.“ +انهن ٽنهي جواب ڏنو ته +”اسين ڪهڙو قسم کڻي سگهون ٿا ته اي الله جا نبي صلي الله عليھ وسلم! جڏهن ته قتل اسان جي اڳيان نه ٿيو.؟“ +تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”پوءِ توهان يهودين جي قسم تي اعتبار ڪريو.“ +انهيءَ کان پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن اهو خيال ڪيو ته مقتول جو خون رائيگان نه وڃي، تنهن ڪري مقتول جي پٽ کي ”خون بها“ بيت المال منجهان ادا فرمائي ۽ انهيءَ ڏانهن هڪ سئو ڏاچيون موڪلي ڇڏيون. +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو-صحيح بخاري، جلد ڇهون) + +(4) +(87) علقمه جو والد بيان ڪري ٿو ته ”آءٌ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر هيس ته هڪ شخص ٻئي شخص کي وارن کان گهليندو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! هن شخص منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي.“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کان دريافت فرمايو ته ”واقعي تون هن جي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي؟“ ۽ انهيءَ سان گڏ مدعيءَ کي مخاطب ٿي فرمايائون ته +”اي شخص! جيڪڏهن تو قتل جو اقرار نه ڪيو ته توکي شاهد پيش ڪرڻ پوندا.“ مگر جوابدار ڏوهه جو اقرار ڪندي چيو ته ”هائو يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پڇا ڪئي ته ”ڇا جي لاءِ تو انهيءَ کي قتل ڪيو؟“ +اهو شخص چوڻ لڳو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ ۽ هن جو ڀاءُ ڪاٺيون وڍي رهيا هئاسون ته هن جي ڀاءُ مون کي گار ڏني، مون کي سخت غصو لڳو ۽ انهيءَ جي مٿي ۾ ڪهاڙي وهائي ڪڍي، حالانڪه الله جو قسم! منهنجو ارادو انهيءَ کي قتل ڪرڻ جو ڪونه هو ۽ ڪهاڙيءَ جي ڌڪ سان هن جو ڀاءُ مري ويو.“ +اهو ٻڌي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تون خون بها ادا ڪري سگهندين؟“ +جوابدار وراڻيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون وٽ هن ڪهاڙيءَ ۾ چادر کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، آءُ ديت (ڏنڊ) ڪٿان ڏيندس؟“ +رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تنهنجي قبيلي وارا ديت ادا ڪري توکي ڇڏائڻ لاءِ تيار ٿيندا.“ جوابدار عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي قوم ۾ مون کي ايترو مقام حاصل نه آهي جو اهي منهنجي طرف کان ديت (ڏنڊ) ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿين“ +انهيءَ کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن رسي مدعيءَ ڏانهن اڇلائي فرمايو ته ”هاڻي توهان ڄاڻو ۽ هي توهان جو ساٿي.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو فرمان ٻڌندي ئي مدعي (دعويدار) قاتل (جوابدار) کي وٺي هلڻ لاءِ مڙيو، جيئن ئي پٺي ڦيريائين ته رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو. +”جيڪڏهن هن شخص مدعي انهيءَ قاتل کي قتل ڪيو ته پوءِ هي به انهيءَ وانگر قتل جو حقدار ٿيندو.“ +انهيءَ شخص جڏهن ڳالهه ٻڌي ته جلد ئي پلٽو کاڌائين ۽ عرض ڪيائين ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون توهان جو فرمان ٻڌي ورتو آهي، جيڪڏهن مون هن کي قتل ڪيو ته هن (قاتل) وانگر آءٌ به قاتل سمجهيو ويندس. حالانڪه مون توهان جي حڪم مطابق انهيءَ کي پڪڙيو آهي.“ +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”توکي اها ڳالهه پسند نه آهي ته هيءَ قاتل پنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جي گناهن جو ٻوجهه روزانو، پنهنجي سِرَ جي مٿان کڻي گهمندو وتي؟“ +انهيءَ شخص عرض ڪيو ته ”يارسول الله! مون کي منظور آهي.“ +رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهو تنهنجي مٿان آهي ته جڏهن تون انهيءَ کي آزاد ڪرين.“ +تنهن کانپوءِ مدعي (دعويدار) رسي اڇلائي ۽ انهيءَ قاتل کي آزاد ڪري ڇڏيائين. +(صحيح مسلم-جلد چوٿون ص 311) + +(5) +(88) حمل بن مالڪ جو تعلق بني هذيل جي قيبيلي سان هو، هن کي ٻه گهر واريون هيون. هڪ جو نالو ام حفيف بنت سروح هو ۽ ٻيءَ جو نالو مليڪه بنت عويمر هو. انهن ٻنهي جو ڪنهن ڳالهه ته پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيو، جهڳڙي جي نوبت ايستائين پهتي جو ام حفيف خيمي جي لڪڙي جي چهنب هٿ ۾ کنئين ۽ مليڪه کي ايتري زور سان ماريائين، جو ويچاريءَ جو پيٽ ۾ ٻار به ڪري پيو ۽ پاڻ به فوت ٿي ويئي. +مٿين معاملي جو فيصلو حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ٻار جي بدلي هڪ ٻانهون يا ٻانهي ادا ڪئي وڃي ۽ مقتوله جي قصاص ۾ قاتله کي قتل ڪيو وڃي.“ +(صحيح مسلم-صحيح بخاري) + +(6) +(89) برا بن عازب بيان ڪري ٿو ته +”مون پنهنجي مامي ابو برده کي ڏٺو ته هڪ هٿيار کڻي تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو. مون انهيءَ کان پڇا ڪئي ته ”ڪيڏانهن جو ارادو ڪيو اٿو؟“ +انهي شخص وراڻيو ته ”مون کي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ شخص ڏانهن موڪليو آهي. جنهن پنهنجي والد جي نڪاح ڪيل عورت سان شادي ڪئي آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن مون کي حڪم ڏنو آهي ته آءٌ انهيءَ جو سر ڌڙ کان جدا ڪريان ۽ سر کي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو پيش ڪريان.“ تنهن کانپوءِ منهنجو مامو تڪڙو تڪڙو ويو ۽ انهيءَ شخص کي قتل ڪيائين ۽ انهيءَ جو سر وڍي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندائين.“ +(سنن نسائي جلد ٻيو ص 404) +(7) +(90) هڪ شخص ٻئي شخص جي ٻانهن تي تلوار جو وار ڪيو، جنهن سان انهيءَ جي ڪارائي کي سخت ڌڪ رسيو، ليڪن جوڙ سلامت رهيو. اهو ڌڪ لڳل شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ پوري حقيقت کين ٻڌايائين. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن ڌڪ هڻڻ واري کي حڪم فرمايو ته ”هي ديت ادا ڪري.“ انهيءَ تي هن شخص عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي ديت (ڏنڊ) نه گهرجي، مون کي قصاص (بدلو) ڏنو وڃي.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”الله تنهنجي مٿان رحم فرمائي ديت (ڏنڊ) کي ئي ڪافي سمجهو.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو) + +(8) +(91) يعلڪي بن اميه ۽ سلعته بن اميه روايت ڪن ٿا ته ”اسين غزوه تبوڪ ۾ سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هئاسون، اسان سان گڏ اسان جو هڪ ساٿي به هو. هن جو هڪ ٻئي شخص سان جهڳڙو ٿي پيو. جهڳڙي جي دوران انهيءَ ٻئي شخص انهيءَ جي ساٿيءَ کي ٻانهه ۾ چڪ وڌو، چڪ به اهڙو وڌو جو ٻانهن ۾ ڏند گهڙي ويس. انهيءَ شخص ٻانهن کي ڇڏائڻ لاءِ زور سان جهٽڪو ڏنو ته جهٽڪي سان هنجو هڪ ڏند نڪري آيو، يعني ڀڄي پيو. انهيءَ تي اهو شخص (جنهن جو ڏند ڀڄي پيو) حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي انهيءَ جو ديت ڏياريو.“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي مطالبي جو ٻڌي فرمايو ته +”تون هي به چاهين ٿو ته تون پنهنجي ڀاءُ جي بازو (ٻانهن) کي اهڙو چٻاڙي ڇڏين، جهڙو اٺ چٻاڙيندو آهي ۽ وري ديت جو مطالبو به ڪرين ٿو، يعني قصاص به وٺڻ چاهين ٿو ۽ ديت به وٺڻ چاهين ٿو.“ +اهڙي طرح سان پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي ديت کي رد فرمايو. +(صحيح بخاري جلد ڇهون) + + +(9) +(92) هڪ شخص جو قتل ٿي ويو، انهيءَ جو لاش ٻن ڳوٺن جي وچ ۾ پيو رهيو.، قاتل جي خبر نه پيئي پوي. انهيءَ جي قتل جو فيصلو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي جڏهن سڄي حقيقت ٻڌائي ويئي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته ”جتي مقتول جو لاش پيو آهي، انهي جڳهه کان ٻنهي ڳوٺن جي ماپ ڪئي وڃي“، اهڙي طرح سان پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي حڪم سان ماپ ڪئي ويئي، جنهن ڳوٺ جو پنڌ انهيءَ لاش جي ويجهو نڪتو ته پوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ڳوٺ وارن کي قتل جو ذميوار ٺهرايو ۽ فرمايو ته ”انهيءَ ڳوٺ جا ماڻهو قتل جا ذميوار آهن.“ +(10) +(93) حضرت انس رضه جي پڦي ربيع هڪ ڇوڪريءَ کي اهڙي ته زور سان ٿڦڙ هنئي جو انهيءَ جو ڏند ڀڄي پيو، ربيع جا مائٽ انهيءَ ڇوڪري جي قبيلي وارن ڏانهن بخشرائڻ لاءِ ميڙ جي نموني ويا، ليڪن ڇوڪريءَ جي مائٽن کين معاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو. +تنهن کانپوءِ اهي ٻيئي ڌريون حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيون ۽ کين سموري حقيقت ٻڌايائون. ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن قصاص جو حڪم فرمايو. اِهو فيصلو ٻڌي انس بن نصر رضه عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! ڇا ربيع جو ڏند به ڀڳو ويندو؟ انهي الله جو قسم! جنهن توهان کي حق سان گڏ مبعوث فرمايو آهي، ائين هرگز نه ٿيندو.“ +انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انس! هي الله تعاليٰ جي ڪتاب جو فيصلو آهي، قصاص ڏيڻو پوندو.“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو اهو فرمان جڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن ٻڌو ته انهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان قصاص جي مطالبي کان دستبردار ٿيا آهيون، اسان ديت ڏيڻ بعد راضي آهيون.“ +اهڙي طرح سان رسول الله صلي الله عليھ وسلم ديت (ڏنڊ) ڏيڻ جو فيصلو فرمايو. +(صحيح بخاري جلد ڇهون ڪتاب الديات) + +(11) +(94) هڪ شخص کي قتل ڪيو ويو، هن جو لاش ڪجهه گهرن جي آڏو پيل لڌو ويو. گهڻي ڪوشش هوندي به قاتل جي خبر پئجي نه سگهي. اِهو ڏسي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن دعويدار قسم کڻي ته پوءِ ٻي ڌُر خون جي بها ڀري ڏي ۽ جيڪڏهن ٻيئي ڌريون قسم کڻڻ کان انڪاري ڪن ٿيون ته پوءِ ديت جو اڌ حصو جوابدارن جي مٿان هوندو ۽ اڌ حصو انهن کي معاف ڪيو ويندو.“ +(12) +(95) رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته +”جيڪڏهن ڪائي پيٽ ڀري عورت ڄاڻي ٻجهي ڪنهن کي قتل ڪري ٿي ته انهي وقت تائين انهي کي قصاص ۾ قتل نه ڪيو ويندو، جيستائين اها ٻار نه ٿي ڄڻي ۽ انهي کان پوءِ ڪوئي شخص انهي نئين ڄاول ٻار جي ذميواري قبول نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪائي پيٽ ڀري عورت زنا ڪري ويهي ته انهيءَ کي ان وقت تائين سنگسار نه ڪيو ويندو، جيستائين اها ٻار نه ڄڻي ۽ ڪوئي شخص انهي ڄاول ٻار جي ڪفالت (سنڀال) جو ذمو نه کڻي.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو باب الديات) + +(13) +(96) هڪ شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ دانهين ٿي آيو، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن دانهن ۽ رڙين جو سبب دريافت فرمايو ته انهي شخص عرض ڪيو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن مان مالڪ جي ٻانهيءَ کي چُمي ڏيئي رهيو هيس، منهنجي آقا مون کي ڏسي ورتو، انهيءَ سزا جي حساب سان منهنجي پيشاب ڪرڻ واري عضوي کي وڍي ڇڏيو. آءُ اها ئي فرياد کڻي آيو آهيان.“ +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ وقت انهيءَ غلام جي آقا کي پاڻ وٽ طلب فرمايو، انهيءَ شخص جي گهڻي ڳولا ڪئي ويئي ليڪن اهو ڪين مليو، انهيءَ ڪري حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ غلام جي حق ۾ فيصلو صادر فرمايو ۽ انهيءَ غلام کي آزاد فرمايو. هي فيصلو ٻڌي غلام حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن اهو شخص مون کي وري غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ منهنجي مدد ڪير ڪندو؟“ +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”هر مومن ۽ مسلمان جي مٿان فرض آهي ته اهو تنهنجي مدد ڪري ۽ تنهنجي آزاديءَ جي حفاظت ڪري.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو) +(14) +(97) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ هڪ شخص قتل ڪري وڌو، انهيءَ جو مقدمو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن قاتل کي مقتول جي حوالي ڪيو. انهيءَ تي قاتل عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي الله جو قسم آهي ته منهنجو قتل ڪرڻ جو ارادو هرگز ڪونه هو.“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن مقتول جي وارثن کي مخاطب ٿيندي فرمايو. +”جيڪڏهن هي شخص (قاتل) پنهنجي قول ۾ سچو آهي، ته انهيءَ جو قتل تنهنجي لاءِ دوزخ ۾ وڃڻ جو سبب بڻجندو.“ اهو ٻڌندي ئي مقتول جي وارثن قاتل کي بخشي ڇڏيو.؟ آزاد ڪري ڇڏيو. +(سنن ابن ماجھ جلد ٻيو ابو اب الديات) + + +(15) +(98) مقداد بن عمر و ڪندي رضه غزوه بدر ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هو. هن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن جنگ ۾ منهنجو مقابلو ڪنهن ڪافر سان ٿئي ۽ اهو پنهنجي تلوار جي ڌڪ سان منهنجو هٿ وڍي ڇڏي ۽ پوءِ وڻ جي اوٽ ڪري پڪاري اٿي ته مان اسلام ۾ داخل ٿيو آهيان ته پوءِ منهنجي لاءِ انهيءَ جو قتل ڪرڻ لاءِ جائز آهي يا نه؟“ +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي مقداد! انهيءَ شخص جو قتل ڪرڻ تنهنجي لاءِ جائز نه آهي، تون انهيءَ کي اسلام آڻڻ کان بعد قتل ڪندين ته اهو انهيءَ مقام تي هوندو، جنهن مقام تي تون قتل ڪرڻ کان پهريائين هئين. انهيءَ کي قتل ڪرڻ تنهنجي لاءِ ڪفر جي مثال هوندو.“ +(صحيح بخاري جلد ٻيو ڪتاب الديات ص 5) + +(16) +(99) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ هڪ نابين شخص هو، هن کي هڪ ٻانهي هئي، جنهن کي وري ٻه ٻار هئا، اها جڏهن به حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو ذڪر ڪندي هئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪندي هئي، جيتوڻيڪ اهو نابين شخص کيس روڪيندو ۽ ٽوڪيندو هو، تڏهن به هن تي ڪو به اثر ڪونه ٿيندو هو. +هڪ رات ڇا ٿيو جو انهيءَ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي عادت موجب ذڪر ڪندي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. اهو نابين شخص بيان ٿوڪري ته ”آءٌ جوش ۾ اچي ويس، مون هڪ تيز هٿيار کنيو ۽ انهيءَ جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيو، جنهن سان اها عورت مري پيئي.“ صبح جي وقت پاڙيوارن هن کي مئل ڏٺو ۽ انهيءَ موت جو ذڪر حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن سان ڪيو. حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو حڪم فرمايو، جڏهن ماڻهو گڏ ٿيا ته پوءِ موجود ماڻهن کي خطاب فرمايائون. +”آءٌ هن شخص (قاتل) کي قسم ڏيان ٿو ته هن شخص پنهنجي ٻانهيءَ کي ڇو قتل ڪيو، هاڻي هو اٿي بيهي اقرار ڪري ۽ صفائي پيش ڪري.“ +انهيءَ نابين شخص جڏهن ٻڌو ته ڊپ کان ڏڪڻ لڳو ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي بارگاهه ۾ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اِهو قتل مون ڪيو آهي. مقتوله منهنجي ٻانهي هئي، هن جي مون سان حد کان وڌيڪ محبت هئي، انهيءَ کي مون منجهان ٻه ٻار آهن. مگر حضور سائين صلي الله عليھ وسلم! هن ۾ هڪ اهڙي خراب عادت هئي ته توهان جي مٿان هر وقت ڏمريل هوندي هئي ۽ توهان جي شان ۾ گستاخي ڪندي هئي، مون کيس ڪافي سمجهايو، ليڪن هيءَ نه مڙي، گذريل رات هوءَ توهان کي جيئن گهٽ وڌ ڳالهائي رهي هئي ته مون کي ايماني جذبو اچي ويو ۽ تيز هٿيار سان هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. هاڻي توهان جيئن فيصلو ڪريو، مون کي قبول آهي“ نابين شخص جي بيان کانپوءِ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”اي ماڻهو! شاهد رهجو، هن ٻانهيءَ جو خون جائز آهي. هن جو ڪو به قصا ص ڪونه ورتو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن ٻانهيءَ ٻه وڏا ڏوهه ڪيا آهن. +1. رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي. +2. پنهنجي مالڪ جي نافرماني. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 108) + +(17) +(100) حميد طويل ک��ن هڪ روايت آهي ته +”هڪ شخص حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي گهر ۾ دروازي جي سوراخ کان ليئو پاتو، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهي جي اک مارڻ لاءِ پنهنجو تير سڌو ڪيو، ليڪن هو بچي ويو. تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪوئي شخص اجازت کانسواءِ ڪنهن جي گهر ۾ ليئو پائي ته پوءِ انهيءَ کي پٿري هڻو، پوءِ چاهي انهيءَ ليئي پائڻ واري جي اک نڪري پيئي، انهي پٿري مارڻ واري کي ڪو به گناهه نه آهي، نه ديت آهي نه وري قصاص آهي.“ +(18) +(101) غزوه حنين جا ڏينهن هئا، هڪ ڏينهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ٻپهريءَ جي نماز ادا فرمائي ۽ پوءِ آرام فرمائڻ جي مقصد سان هڪ وڻ جي هيٺان ويهي رهيا، انهيءَ وقت اقرءِ بن حالس حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ اچڻ سان ئي محلمه بن حثامه جي قصاص جو مطالبو پيش ڪيائين. +عينيه بن حصن به انهيءَ وقت اتي موجود هو ۽ اهو ٻڌي اٿي کڙو ٿيو ۽ عامر بن الاضبط اشجعيءَ جي قصاص جو مطالبو پيش ڪيائين. +رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن ٻنهي جو مطالبو ٻڌي ارشاد فرمايو ”توهان ديت قبول ڪيو.“ +”مگر انهن ديت وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ قصاص لاءِ چيو تنهن کان پوءِ هڪ شخص يڪتل نالي اٿيو، جنهن جو تعلق بنو ليث سان هو ۽ بارگاهه ۾ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اهي قتل اسلام جي دور کان اڳ جا ٿيل آهن، انهيءَ جي نوعيت ائين آهي، جيئن ٻڪرين جو هڪ ڌڻ ايندو هجي، انهن منجهان ڪجهه ٻڪريون ماريون ويون ۽ ڌڻ منجهان ٻيون ٻڪريون به وٺي ڀڄن“ يعني اهي قتل مجبوري کان ڪيا ويا هئا.“ +انهيءَ تي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي فرمايو ته توهان ڀاءُ جي ديت لاءِ پنجاهه اُٺ هتان مون کان وٺو ۽ باقي پنجاهه مديني پهچڻ وقت توهان کي ڏنا ويندا.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو) +(19) +(102) هڪ شخص ٻئي شخص جي پير کي جانور جي سڱ جي ڌڪ سان زخمي ڪري وڌو. زخمي انهيءَ حالت ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جي درٻار ۾ آيو ۽ قصاص جو مطالبو ڪرڻ لڳو. +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيستائين تنهنجي زخم جو پورو پتو نه پوي تيستائين قصاص جي مطالبي کان باز رهو.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي سمجهائڻ کانپوءِ به هي شخص قصاص وٺڻ لاءِ ضد ڪري بيهي رهيو. تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کان قصاص ورتو، يعني جوابدار جي پير تي سڱ سان ايترو زخم ڪيو ويو، جيترو دعويدار جو هو. +اتفاق جي ڳالهه آهي ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ملزم جو پير ته ٺيڪ ٿي ويو ۽ اهو چاق ۽ چڱو ڀلو ٿي ويو، ليڪن قصاص جو مطالبو ڪرڻ وارو لولو لنگڙو ٿي ويو، انهيءَ کانپوءِ مدعي (لولو لنگڙو) وري حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ شڪايت ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! دشمن ته چڱو ڀلو ٿي ويو، ليڪن آءٌ لولو لنگڙو ٿي ويو آهيان.“ +انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! مون ته پهريائين توکي چيو هو ته جيستائين تنهنجو زخم نه مڙي، خبر نه پوي، تيستائين انتظار ڪر ۽ قصاص جي مطالبي کان پري رهه، نتيجو ڏٺئي، الله جي رحمت کان پري رهين ۽ هميشھ لاءِ لولو لنگڙو بنجي وئين.“ +(20) +(103) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”جيڪو شخص پنهنجي غلام (ٻانهي)کي قتل ڪندو، آءٌ انهيءَ کي قتل ڪندس ۽ جيڪو شخص غلام جو ڪن، نڪ يا ٻيو ڪوئي عضوو ڪپيندو ته آءٌ به سندس اهوئي عضوو ڪپيندس ۽ جيڪو شخص پنهنجي غلام کي خصي ڪندو ته آءٌ انهي کي، خصي ڪندس.“ +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 304) +(21) +(104) ڪنهن نادار (مسڪين) شخص جو غلام هو، انهيءَ ڪنهن مالدار شخص جي غلام جو ڪَنُ ڪپي وڌو. اهو مالدار شخص پنهنجو مقدمو کڻي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سموري حقيقت ٻڌي انهيءَ شخص کي ديت نه ڏياريو. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 307) +(22) +(105) هڪ دفعي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن ڪائي شيءَ تقسيم ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ هڪ شخص سامهون آيو ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي مٿان اهو شخص ايترو جهُڪي ويو، جو پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سخت تڪليف محسوس ڪئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي هٿ ۾ جيڪو لڪڻ هو، انهيءَ سان انهي شخص کي ٿورو آهستي وهائي ڪڍيو. اهو شخص جڏهن هلڻ لڳو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايو ته +”اي شخص! اچ پنهنجو بدلو وٺ“ +انهي شخص عرض ڪيو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون توکي سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏيو.“ +(سن نسائي جلد ٽيون ص 314) +(23) +(106) هڪ ڏينهن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن مسجد جي منبر تي بيٺا هئا ته هڪ اعرابي (ڳوٺاڻو) تڪڙو تڪڙو پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ گفتگوءَ جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ۾ هن اعرابي (ڳوٺاڻي) پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي چادر کي زور سان ڇڪيو، جيڪا پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي ڪلهن مبارڪن تي پيل هئي، چادر جي زور سان ڇڪڻ تي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي ڪلهن مبارڪن تي ڳاڙهائڻ اچي ويئي، ڇاڪاڻ ته چادر مبارڪ سوٽي هئي ۽ پوءِ اهو اعرابي چوڻ لڳو. +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجن اٺن کي اناج سان ڀري ڇڏ، اِهو اناج نه توهان جو آهي ۽ نه وري توهان جي ابي ڏاڏي جو آهي.“ +حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! آءٌ انهيءَ وقت تائين اناج نه ڏيندس، جيستائين تون مون کي جيڪا تڪليف ڏني آهي، انهيءَ جي معافي نه وٺين يا توکان آءٌ انهيءَ جو بدلو نه وٺان.“ +اعرابي وراڻيو ته ”خدا جو قسم! آءٌ بدلي ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان.“ +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن بدلي جي ڳالهه ٽي دفعا دُهرائي، ليڪن اعرابيءَ انهيءَ جو مثبت جواب به ڏنو. اِهو ٻڌي اصحاب سڳورا جيڪي مسجد نبويءَ ۾ موجود هئا، اعرابي ڏانهن وڌيا تان ته اهي هن کي سزا ڏين، ليڪن سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن کين منع فرمائي ته ”ڪو به منهنجي اجازت کانسواءِ حرڪت نه ڪري.“ +تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ شخص کي حڪم فرمايو ته ”اعرابيءَ کي هڪ اٺ جون جو هڪ اُٺ کارڪن جو ڀري ڏي ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن قصاص (بدلو) انهيءَ اعرابي کي ڏيڻ معاف فرمايو. +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 315) +(24) +(107) هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حضرت ابي جهمه بن خديفه رضه ڪنهن جاءِ تي صدقات وصول ڪرڻ لاءِ موڪليو هن اتان صدقات وصول ڪرڻ شروع ڪئي ته هڪ شخص نه فقط صدقو ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، مگر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو.ا هو ڏسي ابي جهم هن جي سخت مذمت ڪئي، تنهن کانپوءِ اهو شخص ۽ انهيءَ جي قبيلي وارا حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ دانهين ٿيا ۽ قصاص جو مطالبو ڪيائون. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”چڱو! هيترو مال وٺو“ تنهن تي به اهي راضي نه ٿيا، وري پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڀلا! اُن کان وڌيڪ ٻيڻو“ تنهن تي اهي ماڻهو راضي ٿيا، تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن چيو ته ”آءُ ماڻهن کي گڏ ڪري آگاهه ڪندس ته توهان ديت تي راضي ٿيا آهيو.“ انهن وراڻيو ته ”بهتر“ تنهن کانپوءِ حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو حڪم فرمايو. ڪافي ماڻهو گڏ ٿيا. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو. +”اي ماڻهو! هي شخص مون وٽ قصاص جو مطالبو کڻي آيا هئا، مون انهن کي ايتري مال جي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته هو انهيءَ تي راضي ٿي ويا آهن، يعني قصاص تان هٿ کنيو اٿئون ۽ ديت منظور ڪيو اٿئون.“ اِهو ٻڌي اهي شخص اٿي کڙا ٿيا ۽ چيائون ته +”اسين انهيءَ تي راضي نه آهيون.“ +اِهو ٻڌي اصحابن سڳورن انهن شخصن کي قول تان ڦرڻ جي ڪري سزا ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي. ليڪن پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي منع فرمائي. تنهن کانپوءِ وري انهن کي فرمايائون ته. +”ڇا توهان ديت کان راضي نه آهيو.“ +انهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسين راضي آهيون.“ +تنهن کانپوءِ موجود ماڻهن جي سامهون حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي مخاطب ٿيندي فرمايو ته +”ڇا توهان کي اسان جو مقرر ڪيل ديت قبول آهي ۽ توهان راضي آهيو.“ +انهن عرض ڪيو ته +”هائو يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان کي ڪابه شڪايت نه آهي.“ +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 316) +(25) +(108) حضرت ثعلبه بن زيد روايت ڪري ٿو ته ”ثعلبه قبيلي جا ڪجهه شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ انهيءَ وقت دانهين آيا، جڏهن پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن خطبو ارشاد فرمائي رهيا هئا. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي خطبي جي دوران هڪ شخص عرض ڪيو ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! بنو ثعلبه جي ڪجهه شخصن توهان جي فلاڻن فلاڻن اصحابن کي قتل ڪيو هو، هاڻي توهان انهن کان قتل ٿيلن جو قصاص (بدلو) وٺو.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! هڪ شخص جي غلطي ۽ قصور جي عيوض ۾ ٻئي شخص جي مٿان گرفت ڪرڻ جائز نه آهي.“ +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 320) +(26) +(109) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته +”جيڪا اک بي نور آهي، مگر پنهنجي جڳهه تي قائم آهي، جيڪڏهن ڪوئي به شخص انهيءَ کي ڪڍي ٿو ته پوءِ انهيءَ کي ٽيون حصو ديت ادا ڪرڻي پوندي. اهڙيءَ طرح سان جيڪڏهن ڪنهن شخص جو هٿ رونڊو يا سڪل آهي ۽ ڪوئي شخص انهيءَ جو سڪل هٿ ڪپي ته انهيءَ ڪپڻ جي مٿان هٿ جو ٽيون حصو ديت پوندو ۽ بيمار ڏند جو به اهو ئي قصاص آهي، يعني جيڪڏهن ڪوئي ڏند ڪيڙي (جيت) لڳڻ سان کاڄي وڃي ۽ ڪوئي شخص انهي کي ڀڃي ته ڏند ڀڃڻ واري جي مٿان ٽيون حصو ديت پوندو.“ +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 332) + +(27) +(110) عمر و بن خرم روايت ٿو ڪري ته هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن يمن وارن ڏانهن هڪ خط تحرير فرمايو. انهيءَ خط ۾ فرض ۽ سنت سان گڏ ديت جا احڪام به درج ٿيل هئا، هي خط (حڪمناما) عمرو کڻي ويو. +مٿيون خط عبدڪلال جي ٽن پٽن شر جيل بن عبدڪلال، يغيد بن عبدڪلال ۽ حارث بن عبدڪلال جي نالي هو. اهي شخص قبيلي ڏي (عين) معافر ۽ همدان جا رئيس هئا. هي خط انهن کي پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ لکيل هو ته +”جيڪو شخص ڪنهن مسلمان کي بغير ڪنهن جواز (سبب) جي قتل ڪري ته انهيءَ جي مٿان قتل ثابت ٿئي ته انهيءَ کان قصاص (بدلو) ورتو ويندو، جيڪڏهن مقتول جا وارث معاف ڪن ته پوءِ ڪوبه حرج نه آهي.“ +ديت جي تشريح هي آهي. +”جان جي ديت هڪ سئو اُٺ. جيڪڏهن سڄو نڪ ڪٽيو وڃي ته پوءَ به ديت هڪ سئو اُٺ آهي. اهڙيءَ طرح سان زبان، چپ، پيٽ ۽ هڏي وغيره جي به پوري ديت آهي، ٻنهي اکين جي ضايع ٿيڻ جي به پوري ديت آهي، جڏهن ته هڪ پير جي ضايع ٿيڻ جي اڌ ديت، جيڪڏهن ٻه پ��ر ضايع آهن ته پوري ديت ٿيندي، جيڪو زخم دماغ ۽ مغز تائين گهرو هجي ته انهيءَ جي ديت اڌ آهي، جيڪڏهن ڪنهن جو هڏ ڀڳل هجي ته انهيءَ جي ديت پندرهن اُٺ آهي، جڏهن هٿن ۽ پيرن جي هر هڪ آڱر جي ديت ڏهه اُٺ ۽ هڪ ڏند جي ديت پنج اُٺ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مرد ڪنهن عورت کي قتل ڪيو ته انهيءَ مرد کي عورت جي بدلي (قصاص) ۾ قتل ڪيو ويندو. جيڪو شخص مالدار ۽ دولتمند آهي ۽ انهيءَ وٽ سون ۽ چاندي جهجهو آهي ته پوءِ انهي جي مٿان ديت هڪ هزار دينار آهي.“ +(سنن نسائي جلد ٽيون ص 334) + + + +باب ڏهون +جهاد متعلق فيصلا +(1) +(111) غزوه بدر ۾ الله تعاليٰ مسلمانن کي فتح نصيب فرمائي. +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”دشمنن جو جيڪو به مال جنهن کي هٿ لڳي، اهو جمع ڪرائي.“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي فرمان مطابق هر مسلمان کي جيڪو به ڪافرن جو مال هٿ لڳو، انهيءَ اهو مال حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن وٽ جمع ڪرايو، مگر مال غنيمت جي ورهاست بابت مسلمان مجاهدن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا. انهن ۾ ٽي وڏا گروهه هئا، جن منجهان هر هڪ جي راءِ مختلف هئي. +1. ڪجهه ماڻهن جو اهو رايو هو ته جيڪي مال انهن گڏ ڪيو آهي، اهو انهن کي ڏنو وڃي، انهيءَ مطالبي کي وزن وارو بنائڻ لاءِ هنن هي دليل پيش ڪيو ته ”پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو هو ته ”مال غنيمت جيتريقدر جنهن کي ملي، اهو انهيءَ جو آهي.“ +2. ٻيو گروهه انهن ماڻهن جو هو، جيڪي ڪافرن کي قيد ڪرڻ ۾ مصروف هئا، انهن جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن اسين ڪافرن کي قيد نه ڪريون ها ته مال غنيمت هٿ نه اچي سگهيا. انهيءَ ڪري انهي جي مٿان اسان جو وڌيڪ حق آهي.“ +3. ٽيون گروهه انهن ماڻهن جو هو، جيڪي دشمن جي يلغار جي خوف کان پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي حفاظت ڪري رهيا هئا، انهن جو خيال هو ته مال غنيمت جي مٿان سڀ کان وڌيڪ حق هنن جو آهي. +مٿين گروهن جي دعويٰ پيش ڪرڻ جي سبب انهن ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيو ۽ نوبت سخت ڪلاميءَ تائين پهتي. اها حالت ڏسي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن الله جي حڪم سان انهيءَ سموري مال غنيمت کي گڏ ڪرڻ لاءِ فرمايو ۽ الله تعاليٰ جي حڪم مطابق تقسيم فرمايو. +(سيرت ابن هشام جلد ٻيو) +(2) +(112) هجرت کان بعد جڏهن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن مديني پاڪ ڏانهن تشريف فرمايو، تڏهن مديني جي بچاءَ لاءِ مديني جي يهودين سان هڪ معاهدو ڪيو، جيڪو تاريخ ۾ ”ميثاق مدينه“ جي نالي سان مشهور آهي، اهو معاهدو هيٺينءَ طرح هو. +1. جيڪڏهن ڪائي ٻاهرين طاقت مديني جي مٿان حملو ڪري ته يهودي مسلمانن سان گڏجي مديني جود فاع ڪندا. +2. ٻاهرين جنگ جي اخراجات ۾ مسلمانن سان گڏ هوندا. +3. مڪي جي قريش سان ڪو به تعلق نه رکندا. +4. مذهبي رواداريءَ کان ڪم وٺندا. +جڏهن غزوه بدر جو واقعو پيش آيو ته يهودين انهيءَ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، مسلمانن جو ساٿ بلڪل ڪونه ڏنو، ليڪن الله تعاليٰ مسلمانن کي فتح عطا فرمائي. +تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ غدار فوج جي متعلق هيٺان فيصلا فرمايا. +بنو قينقاع +(113) غزوه بدر کانپوءِ هڪ مسلمان انصاري عورت پنهنجو ڪجهه سامان وڪڻڻ لاءِ بنو قينقاع جي بازار ۾ آئي، پنهنجو سامان وڪڻي هڪ سوناري جي دڪان تي ويئي ته يهودين انهيءَ مسلمان عورت جي بي حرمتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اِهو ڏسي انهيءَ عورت واويلا ڪئي، دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون ته پوءِ هڪ مسلمان ڊوڙندو آيو ۽ پوءِ سوناري جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين، جنهن تي يهودين وري انهيءَ مسلمان کي شهيد ڪري ڇڏيو. +جڏهن مٿين واقعي جو اطلاع حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن کي مليو ته پوءِ يڪدم بنو قينقاع جي بازار ۾ آيا ۽ بنو قينقاع وارن کي گڏ ڪري ارشاد فرمايائون. +”اي يهوديو! خدا تعاليٰ کان ڊڄو، ڪٿي توهان جو حشر به اهڙو نه ٿئي، جهڙو قريش جو ٿيو آهي، اسلام قبول ڪريو، آءٌ الله جو موڪليل آخري نبي آهيان، جنهن جو ذڪر توهان جي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي.“ +مگر يهودين تي انهيءَ تقرير جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ تڪبر منجهان وڏي واڪ چيائون ته +”(اي محمد صلي الله عليھ وسلم) تون اسان جي قوم مٿان قياس ڪري رهيو آهين، انهيءَ وهم ۾ نه رهجانءِ، تنهنجو مقابلو انهن ماڻهن سان هو، جيڪي جنگي فن کان بلڪل واقف نه هئا ۽ توهان انهيءَ کي زيردست ڪيو. +خدا جو قسم! جيڪڏهن توهان جو واسطو اسان سان پيو ته توهان کي پتو پئجي ويندو ته لڙائي ڪيئن ٿيندي آهي ۽ مرد ڪيئن هوندا آهن؟“ +بنو قينقاع يهودين جو پهريون قبيلو هو، جنهن معاهدي جي ڀڃڪڙي هئي ته پوءِ الله تعاليٰ جو فرمان نازل ٿيو. +”جيڪڏهن توکي ڪنهن قوم جي خيانت جو انديشو ٿئي ته پوءِ تون به انهن سان اهڙي طرح پيش اچ.“ +تنهن کانپوءِ حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن مسلمانن سان گڏجي بنو قينقاع وارن جي مٿان حملو ڪيو. پندرهن ڏينهن انهن جو معاصرو (گهيراءُ) ڪيو ويو، جڏهن بنو قينقاع وارن ڪوبه ڇوٽڪارو نه سمجهيو ته پوءِ هٿيار ڦٽا ڪيائون ۽ پنهنجيو پاڻ کي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن آڏو پيش ڪيائون. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”انهن کي رسن ۾ ٻڌو وڃي.“ انهيءَ کانپوءِ انهن کي رسن ۾ جڪڙيو ويو، ليڪن عبدالله بن اُبي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دامن کي پڪڙيو، ليلايو، گڙ گڙايو ۽ ايلاز منٿ ڪيا، انهيءَ وقت تائين دامن کي پڪڙي ورتو، جيستائين پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن هن جي ڳالهه نه مڃي، تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهن جي قتل ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو ۽ هيٺيون فيصلو صادر فرمايو. +1. بنو قينقاع کي ملڪ بدر (جلاوطن) ڪيو وڃي. +2. انهن جي ملڪيت کي غنيمت جي مال وانگر مسلمانن ۾ تقسيم ڪيو وڃي. +تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن عباده بن صامت کي حڪم ڏنو ته ”بنو قينقاع وارن کي ڳوٺن منجهان ٻاهر ڪڍي اچ“ اهي ڪل ست سئو هئا، جن منجهان چار سئو هٿيارن کانسواءِ هئا ۽ ٽي سئو زرهه پوش هئا ۽ پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن مال غنيمت تقسيم ڪرڻ جو حڪم فرمايو، جيڪو هن طرح هو. +1. خمس وصول ڪيو ۽ عام حصو به +2. ۽ باقي چئن حصن کي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن اصحابن سڳورن ۾ تقسيم فرمايو. +(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 21) +بنو نضير +(114) عمرو بن اميه نمري، مديني شريف ڏانهن واپس اچي رهيو هو، هن واٽ تي بنو عامر جي قيبيلي جي ٻن ماڻهن کي قتل ڪيو، حالانڪه انهن سان هنن جو معاهدو ٿيل هو، عمرو بن اميه انهيءَ معاهدي کان بي خبر هو، بنو عامر قيبيلي جي چڱي مڙس عامر بن طفيل حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي اهو اطلاع ڏنو. پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت علي ڪرم الله وجھ ۽ اسيد بن حضير رضه به هئا. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو ان جڳهه ڏانهن وڃڻ جو اهو مقصد هو ته جيئن بنو عامر جي ٻن مقتولن جي ديت وٺڻ جو بنو نضير وارن کان تعاون حاصل ڪجي. +اهڙيءَ طرح سان پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جڏهن انهيءَ جڳهه وٽ پهتا ۽ بنو نضير وارن کي مدد لاءِ چيائون ته انهن چيو ته ”هائو ابو القاسم! اسان مدد لاءِ تيار آهيون،“ ليڪن يهودين بد ڪردارن جو مقصد ته ٻيو هو ۽ پوءِ اهي يهودي پاڻ ۾ سُسِ پُسِ ڪرڻ لڳا، تنهن کانپوءِ ڇا ڪيائون، جو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جنهن جاءِ جي ديوار (ڀت) کي ٽيڪ لڳايو ويٺا هئا، يهودين سازش ڪئي ته ڪوئي شخص جاءِ جي مٿان چڙهي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح سان چڙهي ته جيئن ڪنهن به مسلمان کي خبر نه پوي، تنهن کانپوءِ هڪ وڏو پٿر کڻي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي مٿان اڇلائي. +اهڙيءَ طرح سان هڪ يهودي عمرو بن حجاش انهي ڪم لاءِ اٿيو. هيڏانهن الله تعاليٰ انهيءَ سازش کان پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي خبر دار ڪيو. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جڳهه تان اٿي کڙا ٿيا، جتي ويٺا هئا ۽ اصحابن کي به اتي ڇڏي ڏنائون ۽ فقط ايترو چيائون ته ”توهان ترسو آءُ جلد ئي اچان ٿو.“ +جڏهن حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن اچڻ ۾ دير ڪئي ته اصحاب ڪرام به اتان هليا، واٽ تي هڪ شخص ٻڌاين ته پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن مديني پاڪ ڏانهن ويا آهن ۽ پوءِ اصحاب سڳورا به سندن خدمت لاءِ مديني ۾ پهچي ويا. +پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن اصحابن کي انهيءَ سموري حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته يهودين سان جنگ ڪرڻ لاءِ به تيار ٿين ۽ پوءِ اصحابن سڳورن کي ساڻ ڪري بنو نضير جي مقابلي لاءِ پهچي ويا ۽ انهن جي گهرن جو محاصرو (گهيراءُ) ڪيائون. اِهو ڏسي يهودي قلعي ۾ ويهي رهيا. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”يهودين جي سڀني وڻن کي وڍي ساڙيو وڃي.“ +يهودي دانهون ڪري اٿيا ته پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن محمد بن مسلمه کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايو ته ”تون يهودين ڏانهن جلدي وڃ ۽ کين چئو ته جلدي منهنجا علائقا خالي ڪن ۽ هتان نڪري وڃن.“ +محمد بن مسلمه آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جو پيغام يهودين تائين پهچايو. يهودي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ٿيا، مگر منافقن جي سردارن عبدالله بن اُبي کيس تسلي ڏني ته جيڪڏهن توهان سان هٿ چراند ڪئي ويئي ته پوءِ اسان جا ٻه هزار نوجوان سپاهي به توهان سان هوندا ۽ ديس نڪالي ڪرڻ جي صورت ۾ اسان توهان سان هونداسين، انهيءَ کان علاوه بني قريظه وارا به توهان جي امداد لاءِ ايندا، ليڪن بني قريضه جي سردار ڪعب بن اسد بلڪل انڪار ڪيو. +سلام بن مشڪ قبيلي بنو نضير جي سردار کي صلاح ڏني ته هو ۽ انهيءَ جي قيبيلي وارا حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جو فيصلو تسليم ڪن نه ته پوءِ وڙهڻ وارا برباد ٿي ويندا، اسان جا ٻار غلام ۽ اسان جون عورتون ٻانهيون بنجي وينديون ۽ سڄو مال ۽ اسباب ضبط ڪيو ويندو، مگر بنو نضير جو سردار حَيُ بن اخطب پنهنجي ڳالهه تي ڄميو رهيو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ پيغام موڪليو ته ”جيڪو به دل ۾ اچيو ته ڪريو، اسين وطن کان ڪونه نڪرنداسين.“ +مٿيون پيغام سراسر جنگ جو پيغام هو، حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن اڃا به وڌيڪ سخت گهيراءُ ڪرڻ جو حڪم فرمايو. +هيڏانهن بنو نضير وارن جي مدد لاءِ به ڪوئي ڪونه آيو، عبدالله بن اُبي ڪونه آيو. پوءِ بيوس ٿي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو اچي هٿيار ڦٽي ڪيائون ۽ درخواست ڏنائون ته +1. هنن کي قتل نه ڪيو وڃي. +2. هنن کي جلاوطن ڪيو وڃي. +3. هنن کي هٿيارن کانسواءِ ٻئي سموري سامان جي کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هنن جي درخواست قبول فرمائي ۽ هيٺيون فيصلو صادر فرمايو. +1. بنو نضير وارن کي قتل نه ڪيو ويندو. +2. هنن کي وطن ۽ زمين کان بيدخل ڪيو ويندو. +3. هنن کي جلاوطن ڪيو ويندو. +4. هي پاڻ سان گڏ مال ۽ اسباب کڻي ويندا. +تنهن کانپوءِ مٿئين فيصلي تي عمل ڪيو ويو. +بنو نضير جي ٻن ماڻهن اسلام قبول ڪيو، هنن جي ملڪيت واپس ڪئي ويئي ۽ کين ملڪ بدر به نه ڪيو ويو. +(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 215) +بني غطفان +(115) غزوه خندق جي موقعي تي ڪافرن ڏهن هزارن جي لشڪر سان مديني جو گهيراءُ ڪري رکيو هو، انهن ۾ بني غطفان قبيلو سر فهرست هو. ڪافرن کانسواءِ مسلمانن لاءِ منافقن جو اندروني خطرو به موجود هو، جيڪي ظاهر ۾ مسلمانن سان گڏ ۽ اندروني طرح ڪافرن سان مليل هئا. گهيراءُ وڌندو پئي ويو. عبدالله بن حصين ۽ حادث بن عوف بني غطفان قبيلي جا اڳواڻ هئا، جن ڏانهن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پيغام ڏياري موڪليو ته اهي مسلمانن جي مخالفت ڪرڻ ڇڏي ڏين، اتحادين کان الڳ ٿين ته پوءِ انهيءَ جي بدلي کين مديني جي گلن جي فصل جو ٽيون حصو ڏنو ويندو. جيڪو شرط بني غطفان وارن قبول ڪيو، ٻنهي طرفن کان صلح ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيون، رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ لکت نامو به پيش ڪيو، مگر فقط انهيءَ تي شاهدن جي صحيحن جي ضرورت هئي، بني غطفان جي سردارن به صلح جي گفتگوءَ لاءِ پوري پوري آمادگي ڏيکاري هئي، +اهڙيءَ طرح سان معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انصارن جي اڳواڻن سعد بن معاذ رضه ۽ سعد بن عباده رضه کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ پوءِ انهن کان بني غطفان سان گفتگو ڪرڻ جي متعلق صلاح ورتائون. انهن ٻنهي جواب ڏنو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن اها توهان جي مرضي آهي ته اسان کي انڪار ڪرڻ جي مجال نه آهي، جيڪڏهن اهو الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته پوءِ انهيءَ تي عمل ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واٽ نه آهي، يا ته توهان انهيءَ ۾ اسان جي ڀلائي ڏسو ٿا“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ ۾ منهنجي ذاتي خواهش جو ڪو به دخل نه آهي، انهيءَ ۾ مون کي فقط توهان جي چڱائي نظر اچي ٿي، ڏسون ٿا ته سڄو عرب متحد ٿي ويو آهي، واٽون بند ٿي ويون آهن. رستا سيل ٿي ويا آهن، آءٌ چاهيان ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انهن جي طاقت کي ٽوڙيان.“ +سعد بن معاذ رضه وراڻيو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هن کان اڳ اسين به هنن وانگر مشرڪ هئاسون، اسان کي خدا جي ذات ۽ عبادت جي ڪابه خبر ڪانه هئي، توهان جي وسيلي اسين ايمان جي دولت سان مالا مال ٿيا آهيون،ا سلام جي برڪت سان اسان کي عزت جو مقام مليو آهي ته پوءِ اسين ڪيئن انهن کي پنهنجو فصل ڏيئي سگهون ٿا.؟ +الله جو قسم! اسان انهن کي ڪڏهن به پنهنجو مال ڪونه ڏينداسين، اسان کي انهن جي شرطن تي صلح ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي، انهن جي جواب ۾ اسان جون تلوارون حاضر آهن، ايستائين جو الله تعاليٰ انهن ۽ اسان جي وچ ۾ ڪوئي فيصلو فرمائي.“ +تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن تحرير نامو سعد بن معاذ رضه کي ڏنو، جنهن اڳين تحرير کي مٽائي ڇڏيو. +(سيرت بن هشام جلد ٻيو ص 248) +بنو قريظه +(116) بنو قريظه جو يهودي قبلو به ”ميثاق مدينه“ ۾ شامل هو. هنن معاهدي جي خلاف ورزيءَ ۾ نه بنو قينقاع جو ساٿ ڏنو ۽ نه وري بنو نضير جي حمايت ڪئي، مگر معاهدي تي ڄميا رهيا. +غزوه احذب جا محرڪ يهودي هئا، انهن ۾ بنو نضير جو سردار حيء بن اخطب سڀ کان اڳڀرو هو، هن ڪافرن کي مديني تي چڙهائيءَ لاءِ همٿايو. ڪافرن جي لشڪر ۾ ڏهه هزار جوڌا هئا، جن ۾ يهودي به شامل هئا. +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن بچاءَ لاءِ مديني جي هڪ طرف کان خندق کوٽائي، پنهنجي مجاهدن جي جماعت ساڻ کنيائون، اهڙي جڳهه تي ترسيا، جتي پويان جبل هو ۽ اڳيان خندق هئي. +انهيءَ کانسواءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن عورتن ۽ ٻارن کي هڪ محفوظ جڳهه تي رهايو ۽ انهيءَ جي مٿان سنڀال لاءِ حسان بن ثابت رضه کي رکيو. +هيڏانهن حَيءُ بن اخطب بنو قريظه جي سردار کي چالاڪيءَ ۽ فريب سان پاڻ سان گڏايو، بنو قريظه جو سردار ڪعب بن اسد هو. +حئي بن اخطب، ڪعب بن اسد کي چيو ته ”آءُ بني غطفان ۽ ٻين قبيلن جو وڏو لشڪر ساڻ کڻي آيو آهيان، جيڪو مسلمانن کي نيست نابود ڪرڻ کانسواءِ هتان نه ويندو، منهنجو انهن سان معاهدو ٿيل آهي“ مگر ڪعب بن اسد حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن سان ڪيل معاهدي کي ٽوڙڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته +”تون منحوس ۽ بدبخت آهين، مون کي منهنجي حالت تي ڇڏي ڏي، آءُ ڪڏهن به رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي مخالفت ڪونه ڪندس.“ +مگر حئي بن اخطب هن کي سبز باغ ڏيکاري پنهنجي چالاڪيءَ جي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو. +جڏهن حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن کي انهن جي خبر پيئي ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سعد بن معاذ رضه (سردار اوس) سعد بن عباده رضه (سردار خزرج) عبدالله بن رواحه رضه ۽ خواث بن جبير رضه کي وڌيڪ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ انهن کي هدايت فرمائي ته ”جيڪڏهن ڳالهه سچي آهي ته اشارن ۾ ڳالهائجو ۽ جيڪڏهن غلط آهي ته لشڪر گاهه ۾ اعلان ڪجو.“ +جڏهن اهي اصحابي سڳورا اتي ويا، جتان جو کين حڪم هو ته ڪعب بن اسد جي چال ۾ سختي ڏٺائون. هن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪري چيو ته ”وڃو اسان ۾ ۽ محمد صلي الله عليھ وسلم ۾ ڪو به معاهدو ڪونه آهي.“ +جيئن ته خبر جي سچي هئڻ جي تصديق ٿي ويئي ۽ جڏهن اهي واپس آيا ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اشارن سان تصديق ڪيائون. +محاصري (گهيراءُ) جي دوران يهودين هڪ ٻيو قيوم کنيو ۽ انهن بدعهديءَ جو سڀ کان وڌيڪ بدترين مثال قائم ڪيو، هنن پنهنجو هڪ مرد انهيءَ جڳهه ڏانهن موڪليو، جتي مسلمان عورتون ۽ ٻار ترسيل هئا، تان ته صورتحال جو مشاهدو ڪري ۽ پوءِ ڪارروائي ڪئي وڃي. +حضرت بيبي صفيه رضه جيڪا حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي پڦي هئي، چوي ٿي ته ”اسان وٽ حسان بن ثابت رضه کانسواءِ ٻيو ڪو به مرد ڪونه هو، جڏهن اهو يهودي اسان جي جاسوسي ڪرڻ لڳو ته ڪٿان حملو ڪرڻ گهرجي؟ ته پوءِ مون حسان بن ثابت رضه کي چيو ته هن يهوديءَ کي قتل ڪر، ليڪن هن انهيءَ کي قتل ڪرڻ کان نٽايو، تنهن کانپوءِ مان خيمي کي کوٽڻ جو هڪ چهنب وارو اوزار کنيو ۽ قلعي کان هيٺ لهي يهوديءَ جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ جو سِرُ وڍي يهودين ڏانهن اڇلايو. تنهن کانپوءِ يهودين کي اسان ڏانهن اچڻ جي ڪابه جرئت ڪانه ٿي“ +انهن ئي ڏينهن ۾ نعيم بن مسعود جنهن جو تعلق بني غطفان قبيلي سان هو، اهو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين. +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ ته اسلام قبول ڪري چڪو آهيان، مگر اها خبر منهنجي قبيلي وارن کي ڪانه آهي، هاڻي سائين جن جو منهنجي لاءِ جيڪو حڪم آهي، آءُ حاضر آهيان“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کيس حڪم فرمايو ته هڪ کيڏجي ذريعي ڪيئن به ڪري قريش ۽ بنو قريظه وارن جي وچ ۾ وڇوٽي وڌي وڃي.“ +تنهن کانپوءِ نعيم بن مسعود ويو ۽ پهريائين پنهنجي هوشياريءَ سان بنو قريظه وارن کي قريشن کان بذطن ڪيائين ۽ پوءِ قريشن وٽ اچي کين بنو قريظه وارن لاءِ شڪ ۽ گمان ۾ رکيائون. +ايتري ۾ الله تعاليٰ طرفان ٻي صورت ۾ ڪافرن جي مٿان عذاب نازل فرمايو ۽ پوءِ قريشن گهيراءُ ختم ڪيو ۽ مڪي جي واٽ ورتائون. +بني غطفان ۽ ٻين قبيلن به پنهنجو رستو ورتو، صبح ٿيندي ئي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن واپس مديني ۾ تشريف فرما ٿيا، سڀني هٿيار لاهي ڇڏيا، ليڪن ٻپهريءَ جي وقت حضرت جبرائيل عه حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ الله تعاليٰ جو حڪم کڻي آيو ته ”جلد ئي بنو قريظه جي طرف پيش قدمي ڪريو.“ +تنهن کانپوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن مجاهدن کي تيار ڪيو ۽ بنو قريظه وارن جو محاصرو ڪيو ۽ اهو محاصرو 25 ڏينهن تائين جاري رهيو، هاڻي يهودين کي يقين ٿي ويو ته جيستائين نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن مقصد ۾ ڪامياب نه ويندا، تيستائين واپس نه ويندا. +هيڏانهن بنو قريظه وارن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ڏانهن پيغام ڏياري موڪليو ته ”اسان جي معاملي جو امين سعد بن معاذ رضه کي بنايو وڃي، انهيءَ جو فيصلو اسان کي منظور هوندو.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن بنو قريظه وارن کي حڪم ڏنو ته اهي قلعن کان ٻاهر نڪري هيٺ لهي اچن، صبح ٿيندي ئي بنو قريظه جيئن هيٺ لهي آيا ته پوءِ کين گرفتار ڪيو ويو.ا يتري ۾ بنو اوس وارا ڊوڙندا آيا ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پهتا ۽ بنو قريظه جي حق ۾ سفارش ڪرڻ لڳا ته ”بنو قريظه جي مٿان رحم ڪيو وڃي.“ +انهيءَ تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي اوس! قبيلي وارؤ! ڇا توهان انهيءَ ڳالهه سان خوش آهيو ته جيڪڏهن آءٌ توهان منجهان هڪ ماڻهو مقرر ڪيان، اهو انهيءَ متعلق جيڪو فيصلو ڪري، اهو توهان کي منظور آهي. +اوس قبيلي وارن وراڻيو ته ”اسان کي قبول آهي.“ +رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ٻڌو! توهان جي سردار سعد بن معاذ کي امين بنايو وڃي ٿو.“ +سعد بن معاذ رضه انهيءَ وقت زخمي هو ۽ مسجد نبويءَ ۾ ترسيل هو. اهو ٻڌندي ئي ماڻهو ڊوڙندا ويا ۽ سعد بن معاذ رضه کي سواريءَ تي کڻي آيا. سعد بن معاذ رضه پنهنجي قبيلي وارن کي چيو ته ”آءٌ الله تعاليٰ جي حڪم مطابق فيصلو ڪندس، اهو توهان کي قبول ڪرڻو پوندو.“ سڀني هائو ڪئي. +تنهن کانپوءِ حضرت سعد بن معاذ رضه جن هيٺيون فيصلو ڪيو. +1. انهن جي سڀني مردن کي قتل ڪيو وڃي. +2. انهن جو مال ۽ ملڪيت تقسيم ڪيو وڃي. +3. انهن جي ٻارن ۽ عورتن کي غلام ۽ ٻانهيون بنايو وڃي. +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ فيصلي جي تصديق فرمائي، تنهن کانپوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن مديني ڏانهن آيا، اتي خندقون (کاهيون) کوٽايائون ۽ پوءِ بنو قريظه جي سڀني مردن کي ننڍن ننڍن ٽولن ۾ آندو ويو؟ پوءِ کين قتل ڪيو ويو. اهو تعداد اٽڪل 700 هو. +تنهن کانپوءِ سندن مال منصفانه نموني طور تقسيم ڪيو ويو. +1. سڀ کان پهريون خمس ڪڍيو ويو. +2. بنو قريظه جي مال، عورتن ۽ ٻارن کي مسلمانن ۾ تقسيم ڪيو ويو. +3. سوارن ۽ پيادن جا حصا مقرر ڪيا ويا. +4. سوار جي لاءِ ٽي حصا ۽ پيادي لاءِ هڪ حصو مقرر ڪيو ويو. +(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 248) +غزوه خبير (7 هجري) +(117) صلح حديبه جي واپسيءَ کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن 2 مهينا مديني پاڪ ۾ ترسيا ۽ پوءِ 7 هجري محرم جي آخر ۾ خيبر لاءِ نڪتا. مختلف منزلون طئه ڪندا رجيع جي مقام تي خيما کوڙيائون. هيءَ جڳهه خيبر ۽ غطفان جي وچ ۾ هئي. مقصد هي هو ته بني غطفان جيڪي خيبر وارن جا ساٿي هئا، اهي خبير وارن جي مدد لاءِ نه اچي سگهن. پهريائين ته بنو غطفان واري مقابلي لاءِ سندرا ٻڌا، ليڪن پوءِ پنهنجي آبادين ڏانهن واپس وريا. +هيڏانهن نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن يهودين جي ڳوٺن کي فتح ڪرڻ شروع ڪيو. فتح ڪرڻ وقت کين ڪافي مال غنيمت هٿ آيو ۽ پوءِ هيٺان حڪم جاري فرمايائون. +1. گهر ۾ پليل گڏهن جو گوشت نه کاڌو وڃي. +2. پيٽ ڀريل قيدي عورتن سان همبستري نه ڪئي وڃي. +3. درندن جو گوشت نه کاڌو وڃي. +4. ورهاست کان پهريائين مال غنيمت جي خريد ۽ فروخت نه ڪئي وڃي. +تنهن کانپوءِ يهودين جي قلعن جو محاصرو ڪيو ويو ۽ اهومحاصرو پورا ڏهه ڏينهن رهيو. تنهن کانپوءِ يهودين تنگ اچي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ درخواست پيش ڪئي ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان کي وطن منجهان ٻاهر نڪرڻ ڏيو ۽ جانين جي امان ڏني وڃي.“ +تنهن کانپوءِ سندن درخواست منظور ڪئي ويئي، فدڪ وارن کي جڏهن خيبر وارن جي حشر جي خبر پيئي ته هنن ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي امان جي درخواست ڏيڻ ۾ پنهنجو ڇوٽڪارو سمجهيو. +اهڙي طرح سان هنن درخواست ڏني ته +1. هنن کي جان جي امان ڏني وڃي. +2. هنن کي جلاوطن ڪيو وڃي. +3. هي پنهنجي سموري ملڪيت مسلمانن لاءِ ڇڏي وڃن. +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هنن جي درخواست هن شرط تي منظور فرمائي ته ”جڏهن به اسان چاهيون، ته توهان کي بيدخل ڪري هتان ڪڍي سگهون ٿا.“ +خيبر وارن سان گڏ فدڪ وارن به انهيءَ شرط تي صلح ڪيو. +انهيءَ کانپوءِ سڄو خيبر مسلمانن لاءِ مال غنيمت قرار ڏنو ويو ۽ جيئن ته فدڪ سواءِ لڙائي جي قبضي ۾ آيو هو، تنهنڪري اهو فقط رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن لاءِ مخصوص ڪيو ويو. +(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 392) +مڪي جي فتح +(118) مڪي جي فتح اسلام جي سربلندي ۽ عظمت جو ڏينهن هو، مڪي جي قريشن اسلام قبول ڪري پنهنجي وڃايل شان ۽ شوڪت کي بحال رکيو، فتح ڪرڻ کانپوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن هر شخص کي جان جي امان ڏني، ايتري تائين جو پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن ڪجهه مخصوص ماڻهن کانسواءِ هر شخص کي معاف ڪري ڇڏيو. جن پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن ۽ انهن جي ساٿين تي هر قسم جا ظلم ڪيا هئا، هجرت کانپوءِ انهن يلغارون ۽ ڪاهون ڪيون هيون ته جيئن اسلام جو نالو نشان ئي زمين تان مٽائي ڇڏين. فقط ڪجهه ماڻهو هئا، جن کي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن واجب القتل ٺهرايو. انهن منجهان، جن ماڻهن سر نوايو ۽ توبهه تائب ٿيا، تن کي به بخشيو ويو ۽ انهن کي به جان جي امان ڏني ويئي. +جيڪي شخص واجب القتل قرار ڏنا ويا، انهن جا نالا هي آهن. +(1) عبدالله بن خطل (2) مقيس بن حبايه (3) قريه (ٻانهي) +(4) حويرث بن نفيد (5)فرتني (ٻانهي) (6) ساره +(7) حبار بن الاسود (8) عبدالله بن سعد بن ابي سرح +(9) عڪرمه بن ابو جهل (10) صفوان بن اميه +(1) عبداالله بن خطل +(119) هن جو تعلق بني تيم بن غالب سان هو، هي مسلمان هو، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن هن کي صدقات وصول ڪرڻ جي ارادي سان عامل بنائي موڪليو. هن سان گڏ هن جو خدمتگار به هو، اهو به مسلمان هو، هلندي هلندي ابن خطل هڪ هنڌ تي ترسيو ۽ پنهنجي خدمتگار کي حڪم ڏنو ته ڇيلو ذبح ڪري کاڌو تيار ڪرائي، حڪم ڏيڻ کان پوءِ سمهي رهيو ۽ هن کي ننڊ اچي ويئي، وري جڏهن سجاڳ ٿيو ته ڏٺائين ته کاڌو تيار ڪونه ٿيو آهي، هن کي غصو اچي ويو ۽ پنهنجي خدمتگار کي قتل ڪري وڌائين ۽ پوءِ مرتد ٿي ويو. هن ٻه وڏا ڏوهه ڪيا. هڪ ناحق قتل ۽ ٻيو ارتداد. +تنهن ڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن هن جي قتل جو حڪم فرمايو. +(2) مقيس بن حبايه +(120) مقيس ۽ هن جو ڀاءُ مسلمان بنجي مديني ۾ آيا ۽ اتي ئي رهڻ لڳا.هڪ انصاري غلطيءَ منجهان مقيس جي ڀاءُ کي قتل ڪري وڌو. انهيءَ لاءِ هن جي ديت ادا ڪئي ويئي. مگر مقيس جو غصو ٿڌو ڪونه ٿيو. اهڙيءَ طرح سان هن م��قعي تي ملندي ئي ڄاڻي ٻجهي انهيءَ انصاريءَ کي قتل ڪري وڌو ۽ پوءِ به هن جو غصو ٿڌو ڪونه ٿيو، مسلمان منجهان ڦري مرتد ٿيو ۽ مديني منجهان مڪي ڏانهن هليو ۽ وڃي مشرڪن سان مليو. +هن جا ٻه وڏا ڏوهه هئا، ناحق قتل ۽ ارتداد. +تنهنڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن هن کي به واجب القتل ٺهرايو. +(3) قريه (ٻانهي) +(121) هيءَ عبدالله بن خطل جي ٻانهي هئي ۽ پنهنجي مالڪ جي حڪم تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي گستاخي ڪندي هئي ۽ انهيءَ کي ڪلام جي انداز ۾ ڳائيندي هئي، هن کي به واجب القتل قرار ڏنو ويو، قتل جي حڪم ملڻ کانپوءِ به هن نه معافي ورتي ۽ نه وري توبهه ڪئي، تنهن ڪري کيس قتل ڪيو ويو. +(4) حوير بن نفيد +(122) جڏهن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن مڪي ۾ قيام پذير هئا، تڏهن هن انهن کي هر قسم جون تڪليفون ۽ ايذاءُ ڏنا. هن جو ٻيو وڏو ڏوهه اهو هو ته حضرت بيبي زينب بنت رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي اٺ کي ڀڄائڻ ۾ هبار بن الاسود سان هي گڏ هو. بي بي سيده رضه اُٺ کان هيٺ ڪري پيئي هئي، جنهن سان هنجو حمل ساقط ٿي ويو هو. هي بدبخت آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن کان معافي ڪونه وٺڻ آيو. انهيءَ ڪري قتل ٿي ويو. +(5) فرتني (ٻانهي) +(123) هيءَ عورت به عبدالله بن خطل جي ٻانهي هئي ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي گستاخي ڪندي هئي ۽ قريبه به انهيءَ ۾ شريڪ هئي، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل جو حڪم صادر فرمايو. هن توبهه ڪئي ۽ جان بخشڻ جي درخواست ڪئي. +تنهن کانپوءِ هن جي جان بخشي ٿي. +(6) ساره +(124) هيءَ بني عبدالمطلب جي ڪنهن شخص جي ٻانهي هئي، هيءَ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي جا شعر سازن تي ڳائيندي هئي، جڏهن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هن جي قتل ڪرڻ جو حڪم فرمايو ته هيءَ توبهه تائب ٿي ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ کيس بخشيو ويو ۽ هن اسلام قبول ڪيو. +(7) هبار بن الاسود +(125) هن بيبي زينب رضه (جيڪا ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ وسلم جن جي نياڻي هئي، جن اُٺ کي زور سان ڀڄايو، جنهن ڪري بيبي صاحبه رضه اُٺ تان هيٺ ڪري پيئي ۽ هن جو حمل ساقط ٿي ويو. آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن هن جي قتل جو حڪم فرمايو. هن جڏهن قتل جي خبر ٻڌي ته پوءِ روپوش ٿي ويو، ليڪن جلد ئي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ توبهه ڪيائين ۽ کين جان جي بخشش ڪئي ويئي. +(8) عبداالله بن سعد بن ابي سرح +(126) هي شخص جڏهن مسلمان ٿيو ته هن کي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن ڪاتب وحي بنايو. مگر ڪجهه وقت کان پوءِ مرتد ٿي ويو ۽ مديني منجهان مڪي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي ويهي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خلاف رٿون رٿڻ لڳو، ايستائين جو چوندو هو ته ”مٿس وحي نازل ٿئي ٿو.“ +مڪي جي فتح جي ڏينهن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن، جن شخصن جي قتل ڪرڻ جو حڪم فرمايو هو ۽ فرمايو هو ته چاهي اهي ڪعتبه الله جي پردن ۾ پناهه وٺن، تڏهن به انهن کي قتل ڪبو، انهن ۾ هي به شامل هو. هن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي مڪي ۾ داخل ٿيڻ وقت حضورت عثمان غني رضه وٽ پناهه ورتي. جڏهن حالتون معمول تي اچي ويون، تڏهن حضرت عثمان غني رضه عبدالله بن سعد کي وٺي امان جي لاءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ امان جي درخواست ڪيائين. پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن پهريائين خاموش رهيا ۽ پوءِ انهيءَ کي معافي فرمايائون. ڪن روايتن ۾ معافيءَ جو بيان نه آهي. +جڏهن هي (عبدالله بن سعد) واپس وريو ته اصحابن سڳورن حضور اڪرم صلي الله عليھ و��لم جن کان خاموش رهڻ جو سبب دريافت ڪيو. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”مون خاموشي انهيءَ ڪري اختيار ڪئي هئي ته ڪوئي الله جو ٻانهو اٿي ۽ انهيءَ (عبدالله سعد) جي گردن اڏاري ڇڏي.“ هڪ انصاري چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان مون کي اشارو ڇو نه پيا ڪريو.“ تنهن کان آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”ڪنهن نبيءَ لاءِ اهو صحيح نه آهي ته اهو ڪنهن کي اشاري سان قتل ڪرائي.“ +(9) عڪرمه بن ابوجهل +(127) هي شخص بنو مخزوم منجهان هو، اسلام ۽ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو سخت دشمن هو، هميشھ مسلمانن جي خلاف سازش ۾ مصروف رهندو هو، مگر مڪي جي فتح کانپوءِ يمن ڏانهن ڀڄي ويو. هن جي گهر واريءَ امه حڪيم بنت حارث اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي مڙس لاءِ بخشش جي درخواست ڪئي. تنهن کانپوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن هن کي معاف فرمايو. سندس زال کيس يمن کان وٺي آئي ۽ توبهه تائب ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ اسلام قبول ڪيائين. +(10) صفوان بن اميه +(128) جڏهن بنو بڪروارن رات جي اونداهيءَ ۾ بنو خزاعه تي حملو ڪيو ته انهيءَ جو محرڪ به انهي معرڪي ۾ شريڪ به صفوان بن اميه هو، جيئن ته بنو خزاعه مسلمان جو حليف ساٿي هو. انهيءَ ڪري حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ديت جو مطالبو ڪيو ته هنن انڪار ڪيو. +مٿين بنياد تي قصاص ۾ صفوان بن اميه کي واجب القتل قرار ڏنو ويو. تنهن کانپوءِ صفوان بن اميه جدي ڏانهن هليو يو، اتان هي يمن ڏانهن وڃڻ چاهي پيو، هن جي لاءِ عمير بن وهب حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اچي هن جان جي بخشي طلب فرمائي. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن اها منظور فرمائي ۽ نشاني طور پنهنجو عمامو شريف عمير بن وهب جي حوالي ڪيو. عمير ويو ۽ صفوان کي امان جي نشاني ڏيکاري. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. هن اسلام قبول ڪرڻ کان ٻن مهينن جي اجازت طلب ڪئي، حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هنکي ٻن جي بدلي چئن مهينن جي اجازت ڏني. +غزوه حنين کانپوءِ هن اسلام قبول ڪيو ۽ هن جي جان بخشي وئي. +(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 469) + + +باب يارهون +جاسوسيءَ جي سزا جو فيصلو +(1) +(129) هڪ دفعي ڪنهن غزوه جي سلسلي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ منزل تي تشريف فرما ٿيا ته اتي هڪ مشرڪ کي ڏٺائون ته هي جاسوسيءَ جي مقصد کان آيو. هن جو اطلاع جڏهن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن کي مليو ته هي (جاسوس) ڀڄڻ لڳو. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته +”جاسوس کي قتل ڪريو.“ +اهڙيءَ طرح سان هڪ شخص جلد ئي گهوڙي تي سوار ٿي هن جي پٺيان پيو، هن کي رستي ۾ پڪڙيو ويو ۽ کيس گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. انهي کانپوءِ مقتول جي سامان کي به قبضي ۾ ڪيو ويو. +جڏهن اهو قاتل حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ته آن حضرت صلي الله عليھ وسلم جن مقتول جو سامان قتل واري مجاهد کي مال غنيمت طور عطا فرمايو. +(صحيح بخاري شريف) +(2) +(130) مسلمه ڪذاب هڪ خط ٻن قاصدن جي هٿ حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ موڪليو، جڏهن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن خط پڙهيو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن قاصدن کان سوال ڪيو ته ”توهان جو مسلڪ ڪهڙو آهي؟“ +هنن قاصدن کي چيو ته ”جيڪو مسلمه بن ڪذاب چوي ٿو، اهو اسان جو مسلڪ آهي.“ +اِهو ٻڌي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهنق قانوني طور سفيرن جو قتل جائز هجي ها ته آءٌ ٻنهي جون گردنون تلوار سان اڏاري ڇڏيان ها.“ +(3) +(131) حضرت جابر رضه چوي ٿو ته +”آنحضرت صلي الله عليھ و��لم جن جنگ احزاب جي دوران فرمايو ته“ +ڪير آهي، جيڪو دشمنن بابت اطلاع اسان تائين پهچائي. اِهو ٻڌي زبير رضه اٿيو ۽ عرض ڪيائين ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ انهي لاءِ تيار آهيان“ +حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ٻيو دفعو فرمايو ته +”دشمنن جي جاسوسيءَ لاءِ ڪير پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري ٿو.“ +حضرت زبير رضه ٻيو دفعو عرض ڪيو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ حاضر آهيان.“ +اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”هر پيغمبر جو هڪ حواري هوندو آهي منهنجو حواري زبير رضه آهي.“ +(صحيح بخاري جلد ٽيون) + +(4) +اهل ڪتاب ۽ جذيو +(132) سن نائين هجريءَ ۾ نجران جي عيسائين جو هڪ وفد حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو. اِهو وفد سٺ ماڻهن جو هو . وفد جي ماڻهن کي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن مسجد نبويءَ ۾ ترسايو. عاقب عبدالسميع وفد جو اڳواڻ (سردار) هو ۽ هنن جو مشير ۽ منتظم (انتظام سنڀاليندڙ) حارثه بن علقه هو، جيڪو اصل ۾ عرب هو ۽ قبيلي بڪر بن وائل منجهان هو، مگر عيسائيت قبول ڪئي هئائين، اهي سڀ ماڻهو رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن سان مناظرو ڪرڻ آيا هئا. تنهن کانپوءِ هنن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن سان مناظرو ڪيو، جنهن ۾ عيسائين کي شڪست آئي ۽ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن کي فتح حاصل ٿي، ليڪن تڏهن به عيسائين مڃڻ کان انڪار ڪيو تنهن کانپوءِ قرآن مجيد جون هي آيتون نازل ٿيون. +(1) الم الله لااِلھ هو الحي القيوم...........لااِلٰھ هو العزيز الحڪيم... +(آل عمران -1، 2) +(2) ان مثل عيسيٰ عندالله کمثل آدم......... لعنتھ الله علي الکاذبين. +(آل عمران 59-61) +انهن آيتن جي نازل ٿيڻ کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن مباهلي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ ٻئي ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجھ، بيبي فاطمتھ الزهريٰ رضه، حضرت امام حسين رضه ۽ حضرت امام حسن رضه جن کي ساڻ کڻي ٻاهر تشريف فرما ٿيا. نجراني عيسائين جڏهن سندن نوراني چهرن کي ڏٺو ته وايون بتال ٿي ويون، مباهلي کان باز آيا ۽ مهلت گهريائون، ليڪن عبدالسميع جيڪو هنن جو سردار هو، انهيءَ کين چيو ته ”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن واقعي ئي سچا نبي آهن. هنن سان ڪڏهن به مباهلو نه ڪجي، مان سندن (حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو) چهرو مبارڪ اهڙو نوراني ڏٺو، جو جيڪڏهن دعا گهرن ها گه جبل به پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃن ها.“ +تنهن کانپوءِ هنن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ صلح جي درخواست ڪئي ۽ ساليانو جزيو ادا ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. اهڙيءَ طرح سان انهن جي درخواست تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن صلح ڪرڻ جو فيصلو فرمايو. انهيءَ مقصد سان هڪ صلح نامون تحرير فرمايو، جنهن جو خلاصو هيٺ پيش ڪجي ٿو. +1. اهل نجران هر سال ٻه هزار ”حله“ ادا ڪندا. هڪ هزار رجب جي مهيني ۾ ۽ هڪ هزار صفر جي مهيني ۾ هر ”حله“ جي قيمت 40 درهم هوندي. +2. اهل نجران وارن جي مٿان لازمي هوندو آهي ته اهي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي هڪ مهيني تائين مهماني ڪندا. +3. يمن ۾ جيڪڏهن ڪائي شورش يا فتنوبوپا ٿئي ته اهل نجراق لاءِ ضروري آهي ته اهي 30 گهوڙا، 20 زرهون ۽ 30 اُٺ ڀريندا ۽ پوءِ بعد ۾ انهن کي اهي شيون ادا ڪيون وينديون. +4. انهيءَ جي بدلي الله تعاليٰ ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم انهن جي جان ۽ مال جا ذميوار آهن، انهن جون ملڪيتون، مال، مذهب ۽ زمينون يعني سڀڪجهه پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندو. +5. جاهليت جي ڪنهن خون جو مطالبو انهن کان نه ڪيو ويندو. +6. انهن جي حدن ۾ ڪو به لشڪر داخل نه ڪيو ويندو. +7. ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ انصاف ڪيو ويندو. +8. وياج کائڻ واري جي اسان جي مٿان ڪابه ذميواري نه آهي. +9. جيڪو شخص ڪنهن سان ڏاڍائي ڪندو ته انهيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي پڪڙ نه ٿيندي. +(فتح الباري جلد اٺون ص 73) + + + +باب ٻارهون +ميراث متعلق فيصلا +(1) +(133) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”مسلمان ڪافر جو ۽ ڪافر مسلمان جو وارث نه ٿيندو.“ +(صحيح بخاري جلد پنجون ص 246) + +(2) +(134) حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”جيڪا ميراث جاهليت جي دور کان وٺي جنهن نموني سان هلندي اچي ٿي، اها ايئن ئي برقرار رهندي، جنهن ميراث جي اڃا تائين ورهاست ڪانه ٿي آهي، اها قرآن مجيد جي حڪمن مطابق ورهائي ويندي.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 160) +(3) +(135) حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”ميراث ۾ جن ماڻهن جو حق آهي، انهن کي پنهنجي حصي مطابق حصو ڏيو، تنهن کانپوءِ جيڪي بچي پوءِ ته اهو انهيءَ مرد جو حق آهي، جيڪو مال واري جو ويجهو رشتيدار هجي.“ +(صحيح مسلم جلد چوٿون ص 337) + +(4) +(136) حضرت سعد رضه جي گهر واري جڏهن رن زال ٿي ته ٻنهي نياڻين سان جيڪي سعد رضه منجهان هئا، وٺي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو مڙس توهان سان عزوه احد ۾ شريڪ هو ۽ شهيد ٿي ويو. هن پنهنجي پٺيان ٻه نياڻيون ڇڏيون، جيڪي توهان جي اڳيان موجود آهن. منهنجي مڙس ملڪيت ۾ جيڪي ڪجهه ڇڏيو آهي، اهو منهنجي مڙس جي ڀاءُ (ڏير) پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي ۽ منهنجي ۽ انهيءَ ٻارن جي لاءِ ڪجهه به نه ڇڏيو آهي.“ +اِهو ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن خاموش ئي رهيا ته پوءِ انهيءَ عورت وري چيو ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هاڻي جڏهن ماڻهو عورت جو مال ڏسي عورت سان نڪاح ڪن ٿا، ته پوءِ هن يتيم نياڻين سان بغير مال جي ڪير نڪاح ڪندو.“ +انهيءَ کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”الله تعاليٰ جي اڳيان هن جو معاملو آهي، اهو ئي ان جو فيصلو ڪندو ۽ ضرور انهيءَ جي معاملي ۾ ڪوئي حڪم نازل فرمائيندو.“ تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت کي واپس ڪري ڇڏيو. آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن ڪجهه ڏينهن الله تعاليٰ جي حڪمن جي انتظار ۾ رهيا، جيستائين الله تعاليٰ ميراث جي متعلق آيت نازل فرمائي. +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سعد بن ربيع جي بيوه زال ۽ ڀاءُ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هيءَ آيت تلاوت فرمائي +”الله تعاليٰ اولاد جي متعلق هي حڪم ڏئي ٿو ته پٽ جو حصو نياڻيءَ جي حصي جي برابرآهي، جيڪڏهن ”ميت“ پنهنجي پويان ٻه يا ٻن کان وڌيڪ نياڻيون ڇڏي وڃي ته انهن کي 2/3 حصو ڏنو ويندو. +تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن سعد جي ڀاءُ کي حڪم ڏنو ته ”سعد جي زال کي اٺون حصو ادا ڪريو، سعد جي نياڻين کي 2/3 حصو ادا ڪريو، جيڪو باقي بچي اهو تنهنجو آهي. + +(5) +(137) حضرت بيبي عائشه صديقه رضه کان روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”اسان نبين جو ڪوئي وارث (ميراث) نه هوندو آهي، اسين جيڪو پنهنجي پويان ڇڏي ويندا آهيون، اهو صدقو ڪيو ويندو آهي.“ +حضرت ابو هريره رضه بيان ڪري ٿو ته رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”منهنجي وارثن جو هي حق نه آهي ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پويان هڪ دينار به ڇڏي وڃان ته اهي پاڻ ۾ تقسيم ڪن، مگر جيڪا به ملڪيت ڇڏي وڃان، سڀ کان پهرين انهيءَ منجهان منهنجي گهر وارين جو خرچ الڳ ڪيو وڃي، انهيءَ کانپوءِ باقي ج��ڪو بچي، اهو صدقو (خيرات) ڪيو وڃي.“ +(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب فزائض اوالاحڪام) + +(6) +(138) هڪ شخص فوت ٿي ويو، هن جي پويان فقط هڪ غلام کانسواءِ ٻيو ڪو به وارث ڪونه هو. +جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هي معاملو پيش ڪيو ويو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”فوتي (ميت) جو ڪوئي وارث به آهي“ +اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! ٻيو ته ڪوئي به نه آهي، فقط هڪ غلام آهي، جنهن کي به فوتي وفات کان اڳ آزاد ڪري ڇڏيو هو.“ +تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ” +فوتيءَ جي ميراث هن جي آزاد ڪيل غلام جي حوالي ڪئي وڃي، اهو ئي هن (فوتي) جو وارث آهي. +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 158) +(7) +(139) آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هڪ شخص آيو ۽ عرض ڪيائين ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو پوٽو فوت ٿي ويو آهي، هن پنهنجي پويان جيڪا ميراث ڇڏي آهي، ڇا انهيءَ ۾ منهنجو به ڪوئي حصو آهي؟“ +اِهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! انهيءَ جي ملڪيت منجهان ڇهون حصو توکي ڏنو ويندو.“ +حضرت عبدالله بن عباس رضه کان روايت آهي ته ”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن ڏاڏيءَ کي به ميراث منجهان ڇهون حصو ڏياريو. +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 152) + +(8) +(140) ٻه شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا ۽ سندن اڳيان ميراث جي متعلق مقدمو پيش ڪيائون. ٻئي شخص پنهنجي پنهنجي دعويٰ کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ بضد هئا، ليڪن ٻنهي کي شاهد ڪونه هئا. +انهن جي دعويٰ ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”غور سان ٻڌو! آ انهيءَ جي متعلق جنهن شخص جي حق ۾ فيصلو ڏيندس، جيڪڏهن اها شيءِ واقعي انهيءَ جي نه آهي، ۽ انهيءَ جي مخالف جي آهي ته پوءِ انهيءَ مال جي حيثيت باهه جي مثال آهي، جيڪو انهيءَ کي ڏنو وڃي ٿو.“ +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو فرمان ٻڌي ٻيئي اٿي بيهي رهيا ۽ چيائون ته +”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي هي مال نه گهرجي، آءٌ پنهنجي ڀاءُ جي حق ۾ دستبردار ٿيان ٿو.“ +تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”وڃو ۽ پنهنجي رضامنديءَ سان پاڻ ۾ تقسيم ڪريو، ليڪن حق سان ورهاست ڪريو.“ +(مشڪواة جلد ٻيو ص 205) +(9) +(141) حضرت عبدالله بن عمر رضه بيان ڪري ٿو ته +”رباب بن حذيفه، ام وائل بنت معمر سان نڪاح ڪيو، ام وائل منجهان رباب کي ٽي ٻار ٿيا. ڪجهه وقت کانپوءِ انهيءَ ٻارن جي ماءُ فوت ٿي ويئي ته پوءِ انهيءَ جا ٻار انهيءَ جي زمين ۽ ملڪيت جا وارث قرار ڏنا ويا.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 154) +(10) +(142) عروه بنت حمزه بيان ڪري ٿو ته +”منهنجي هڪ ٻانهي هئي، انهيءَ جو انتقال ٿي ويو، هن پنهنجي پويان فقط هڪ ڌيءَ ڇڏي، اهڙي طرح آءٌ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيس ۽ انهيءَ جي متعلق حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”انهيءَ ٻانهيءَ جي ملڪيت منجهان هڪ حصو مون کي ۽ هڪ حصو انهيءَ جي ڌيءَ کي ڏنو وڃي.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 154) +(11) +(143) حضرت جابر بن عبدالله رضه روايت ڪري ٿو ته ”هڪ دفعي آءٌ سخت بيمار ٿي پيس، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ منهنجي عيادت لاءِ تشريف فرما ٿيا، انهيءَ وقت آءُ بيهوش هُيس، تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن وضو ڪيو ۽ وضوءَ جو پاڻي منهنجي مٿان ڇڻڪايو ته مون کي هوش آيو. تنهن کان پوءِ مون عرض ڪيو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءُ پنهنجي مال جو ڇا ڪريان؟“ هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته جابر عرض ڪيو ته ”منهنجون ڪيئي ڀينر آهن، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ وقت خاموش رهيا، ايستائين جو ملڪيت جي تقسيم جي متعلق هيءَ آيت نازل ٿي. +(سورت نساءَ آيت 11، 12) +(صحيح بخاري جلد پنجون) +(12) +(144) حضرت عبدالله بن مسعود رضه بيان ٿو ڪري ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته +”نياڻيءَ کي ملڪيت منجهان اڌ حصو ملندو، جيڪڏهن نياڻي اڪيلي وارث هجي، پوٽيءَ کي ڇهون حصو ۽ باقي مال ڀيڻ کي ملندو.“ +(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الفرائض) + +(13) +(145) حضرت بي بي عائشه صديقه رضه بيان ڪري ٿي ته: حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو هڪ غلام هو، اهو کجيءَ جي وڻ تان ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو، هن غلام جي نه ته ڪائي اولاد هئي ۽ نه وري هن جا ڪي رشتيدار هئا ته پوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”هن غلام جي ڳوٺ وارن منجهان ڪنهن هڪ ويجهي مائٽ کي هن جي ملڪيت ڏني وڃي.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 155) +(14) +(146) حضرت سعد بن ابي وقاص رضه بيان ڪري ٿو ته +”حجتھ الوداع جي موقعي تي آءُ مڪي شريف ۾ اهڙو بيمار ٿيس جو بچڻ جي ڪابه اميد نه رهي، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن منهنجي عيادت ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا ته مون حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ گذارش ڪئي. +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءُ بستري تي موت جي حالت ۾ پيل آهيان، مون وٽ تمام گهڻي دولت آهي، مگر هڪ نياڻي آهي، انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به وارث نه آهي، منهنجي تمنا آهي ته پنهنجو 2/3 مال الله جي راهه ۾ خيرات ڪريان، انهيءَ ۾ توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“ +تنهن تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي سعد! هرگز ائين نه ڪجانءِ.“ +مون عرض ڪيو ته ”پوءِ اڌ مال؟“ +رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهو به صحيح نه آهي.“ +مون عرض ڪيو ته ”سائين! جيڪڏهن اجازت ڏيو ته مال جو ٽيون حصو خيرات ڪريان؟“ +رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي سعد! بس ٽيون حصو ڪافي آهي، تنهنجي لاءِ اهو صحيح آهي ته پنهنجي اولاد کي ڪنگال نه ڇڏي وڃ ۽ اهي ڪنهنجا محتاج نه رهن.“ +(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الفرائض) +(15) +(147) جڏهن ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ وسلم جن عمرو شريف ادا ڪري فارغ ٿيا ۽ معاهدي جو وقت به پورو ٿيو ته پوءِ قريش جا ڪجهه ماڻهو حضرت علي ڪرم الله وجھ وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا ته +”اي علي رضه! وقت پورو ٿي ويو چڪو آهي، هاڻي پنهنجي صاحب (حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن) کي چئو ته اهي جلد ئي مڪي منجهان هليا وڃن.“ +اهڙي طرح سان پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن مڪي منجهان هلڻ جو حڪم فرمايو، تڏهن حضرت امير حمزي رضه جي نياڻي چاچا پڪاريندي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي پويان ڊوڙي اِهو ڏسي حضرت علي رضه سائين جن انهيءَ ڇوڪري کي کنيو ۽ حضرت بي بي فاطمتھ الزهريٰ رضه کي ڏيندي چيو ته +”هي تنهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي، هن کي سنڀال.“ +انهيءَ تي حضرت علي رضه سائين، حضرت زيد رضه۽ حضرت جعفر رضه جي وچ ۾ چپقلش پيدا ٿي پئي. هر هڪ جو مطالبو هو ته ڇوڪريءَ جي مٿان انهيءَ جو حق زياده آهي، تنهن ڪري ڇوڪري هن کي ملي. +حضرت علي رضه سائين جو چوڻ هوته ”هيءَ منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي ۽ منهنجو حق زياده آهي.“ +حضرت جعفر رضه جو چوڻ هو ته ”هي منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي ۽ انهيءَ جي ماسي منهنجي نڪاح ۾ آهي.“ +جڏهن ته زيد رضه جو چوڻ هو ته هيءَ منهنجي ڀاءُ جي ڌيءَ آهي، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جڏهن اها صورتحال ڏٺي، ته ٽنهي کي گهرايو ۽ فرمايو ته ”ڇوڪريءَ جي مٿان سڀ کان وڌيڪ جعفر رضه جو آهي، انهيءَ کي ڏني وڃي. اهڙي طرح هيءَ ڇوڪري پنهنجي ماسيءَ وٽ رهندي. ماسي هن جي ٻين کان وڌيڪ سنڀال ڪندي.“ + +(16) +(148) عتبه بن ابي وقاص پنهنجي ڀاءُ سعد بن ابي وقاص رضه کي وصيت ڪئي ته ”اي سعد رضه! ڏس زمعه بن قيس جي ٻانهيءَ جي پيٽ منجهان جيڪو پٽ پيدا ٿيو آهي، اهومنهنجي نطفي منجهان آهي، تنهن ڪري جڏهن مڪي شريف وڃڻ ٿيئي ته انهيءَ ڇوڪري کي پنهنجي قبضي ۾ آڻجانءِ“ +جنهن سال مڪو شريف فتح ٿيو ته حضرت سعد بن ابي وقاص رضه به آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هو. حضرت سعد رضه جڏهن انهيءَ ڇوڪري (عبدالرحمان) کي ڏٺو ته پڪڙي وڌو ۽ چوڻ لڳو ته +”هي منهنجو ڀائٽيو آهي، منهنجو آهي، منهنجي ڀاءُ مون کي وصيت ڪئي هئي ته انهيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ وٺان.“ +اهو ڏسي عبد بن زمعه به اٿي کڙو ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته +”نه ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، هي منهنجو ڀاءُ آهي، منهنجي والد جي بستري تي پيدا ٿيو آهي، منهنجي پيءُ جي ٻانهيءَ جي پيٽ منجهان پيدا ٿيو آهي. +اهڙي طرح سان ٻنهي ۾ جهڳڙو پيدا ٿيو ۽ پوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا ته سعد بن ابي وقاص رضه چوڻ لڳو ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هي ڇوڪرو منهنجو ڀائٽيو آهي، منهنجي ڀاءُ عتبه مون کي وصيت ڪئي هئي ته آءٌ انهي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺان.“ +تنهن کانپوءِ عبد بن زمعه چوڻ لڳو ته ”نه يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي ۽ منهنجي پيءُ جي بستري تي پيدا ٿيو ۽ منهنجي پيءُ جي ٻانهيءَ انهيءَ کي ڄڻيو آهي.“ +ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”اي عبد بن زمعه! هيءُ ٻار وٺ، انهيءَ تي تنهنجو حق آهي، ٻار انهيءَ جو هوندو آهي، جنهن جي بستري تي پيدا ٿيندو آهي ۽ زاني لاءِ پٿر آهن، انهيءَ کي سنگسار ڪيو وڃي.“ +تنهن کانپوءِ اهوٻار عبد بن زمعه کي ڏنو ويو. +(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الفرائض) +(17) +(149) بنو فزاعه جو هڪ شخص فوت ٿي ويو، ماڻهو انهيءَ جي ميراث حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن وٽ کڻي آيا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جو وارث ڪو به ڪونه هو، حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن کي اهو احوال ڏنائون . تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”بنو فزاعه جي ڪنهن چڱي مڙس جي ڳولا ڪريو ۽ فوتيءَ جي ملڪيت انهيءَ جي حوالي ڪريو.“ +(مشڪواة جلد ٻيو ص 58) +(18) +(150) اوس بن ثابت رضه جي بيوه گهرواري آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو مڙس فوت ٿي ويو آهي، هن پنهنجي پويان ٻه نياڻيون ۽ هڪ نابالغ پٽ ڇڏيو آهي. عرب جي قديم دستور مطابق اوس جي ٻن سئوٽن اچي مرحوم جي ملڪيت تي قبضو ڪيو آهي، مون کي ۽ منهنجي اولاد کي ڪجهه به نه ڏنو آهي. +يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون اِها به ڪوشش ڪئي ته منهنجي مڙس جا سئوٽ منهنجي ٻنهي نياڻين سان نڪاح ڪن، ليڪن هنن انهي جو به جواب ڏنو.“ +اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن هيٺيون فيصلو فرمايو. +1. زال کي سڄي ملڪيت جو اٺون حصو ڏنو وڃي. +2. باقي مال جو اڌ هن جي پٽ کي ڏنو وڃي. +3. باقي جيڪو اڌ بچ،ي اهو ٻنهي نياڻين ۾ برابر تقسيم ڪيو وڃي. +4. فوتيءَ جي سئوٽ کي وارثت کان محروم ڪيو وڃي. + + + +بابت تيرهون +هيٺ ڪريل شين متعلق فيصلا +(1) +(151) سلمان بن ربيع چوي ٿو ته ”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جو دور هو، هڪ دفعي مون کي هڪ سئو اشرفيون واٽ تي ڪريل مليون، آءٌ اهي اشرفيون کڻي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم ج�� جي درٻار ۾ آيس ته جيئن اشرفين بابت حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کان دريافت ڪريان. +پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”هڪ سال انهيءَ جي متعلق اعلان ڪندو رهه ته شايد انهيءَ جو مالڪ ملي وڃي، اهڙي طرح سان آءُ هڪ سال تائين اعلان ڪندو رهيس، مگر انهن اشرفين جو مالڪ نه مليو ۽ پوءِ مان ٻيو دفعو سندن خدمت ۾ ويس ۽ کانئن دريافت ڪيو ته ”هاڻي منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن ٻيو دفعو ساڳيو حڪم فرمايو ته ٻيو سال به انهيءَ اشرفين جي مالڪ جي ڳولا ۾ رهيس ۽ آءٌ ٻيو سال به ڳوليندو رهندس. +۽ وري ٽيون دفعو آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته ”هاڻي منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو +”سلمان! اشرفين جي مالڪ جي چڱيءَ طرح ڳولا ڪر، جيڪڏهن سال ۾ توکي اهو نه ملي ته پوءِ اشرفين جومالڪ تون ئي آهين.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 93) + +(2) +(152) زيد بن خالد بيان ڪري ٿو ته ”هڪ شخص آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کان سوال ڪرڻ لڳو ۽ انهيءَ شخص آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن کان گم ٿيل اٺ بابت دريافت ڪيو ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +”اي شخص! توکي آخر انهيءَ اٺ کي پڪڙڻ جو فڪر ڇو آهي؟ گهمڻ لاءِ انهيءَ کي پير آهن، کائڻ پيئڻ لاءِ پيٽ آهي، اهو خودهلي گاهه کائيندو، پاڻي پيئندو، وڻن جي پنن سان پيٽ ڀريندو، ايستائين جو انهيءَ جو مالڪ (الله) انهيءَ کي پاليندو.“ +تنهن کانپوءِ انهي شخص ٻيو دفعو عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! گم ٿيل ٻڪري متعلق توهان ڇا فرمايو ٿا؟“ تنهن تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ کي پڪڙي پنهنجي قبضي ۾ رکُ، جڏهن انهيءَ جو مالڪ اچي ته انهيءَ کي ڏج، نه اچي ته اها تنهنجي آهي. نه ته اها بگهڙ جي خوراڪ بڻجندي.“ + + +باب چوڏهون +متفرق فيصلا +(1) +(153) آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ڪجهه ماڻهو حاضر ٿيا ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ هڪ جهوپڙيءَ جو مقدمو پيش ڪيائون، انهيءَ جهوپڙيءَ تي ٻه شخص بضد هئا جن منجهان هر هڪ چوي پيو ته اها جهوپڙي هن جي آهي. +اِهو ٻڌي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن حذيفه بن اليمان رضه کي حاڪم بنائي، انهيءَ جهوپڙيءَ ڏانهن وڃي فيصلي ڪرڻ جو حڪم فرمايو. +حذيفه رضه جهوپڙي ڏانهن ويو ۽ فيصلو ڪيائين ته ”جنهن شخص جو رسو انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ ٻڌل آهي، اها جهوپڙي انهيءَ جي آهي.“ +فيصلي ڪرڻ کانپوءِ اهو شخص آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ ٻڌايل فيصلو پيش ڪيائين، تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ فيصلي کي صحيح فرمايو. +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 88) +(2) +(154) حضرت ابو موسيٰ اشعري رضه بيان ڪري ٿو ته +”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ٻن شخصن کي آندو ويو، جيڪي هڪ جانور جي متعلق پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا، ليڪن ڪوبه اهڙو شخص ڪونه هو، جيڪو انهن ٻنهي منجهان هڪ جي حق ۾ شاهدي ڏي ته اهو جانور انهيءَ جو آهي. +اهو ڏسي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن اِهو جانور انهن بنهي ۾ برابر تقسيم فرمايو. +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 45) +(3) +(155) هڪ دفعي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ٻه شخص پيش ٿيا. هڪ جو تعلق ڪندهه سان ۽ ٻئي جو تعلق حضر موت سان هو. هنن ٻنهي جومقدمو زمين بابت هو، جيڪا يمن ۾ واقع هئي. +حضري عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هن ڪنديءَ جي والد منهنجي زمين تي قبضو ڪيو هو ۽ اها ئي هن جي قبضي ۾ آهي.“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تو وٽ ڪوئي شاهد آهي؟“ حضري چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! شاهد ته ڪوئي به نه آهي، هائو جيڪڏهن هي شخص قسم کائي ۽ الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي چوي ته هن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر نه آهي ته هن جي پيءُ غائبانه قبضو منهنجي ايراضيءَ تي ڪيو هو ته پوءِ آءُ دستبردار ٿيان ٿو.“ اِهو ٻڌي ڪندي قسم کائڻ لاءِ تيار ٿي ويو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو. +”قسم کڻي ڪنهن جو به مال ڦٻائڻ هرگز جائز نه آهي، ڪوڙي قسم کڻڻ وارو جڏهن الله تعاليٰ جي حضور ۾ حاضر ٿيندو ته حالت اها هوندس ته هٿ هن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل هوندو.“ +ڪنديءَ جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي ڳالهه ٻڌي ته پڪاري اٿيو. +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءُ قسم نه ٿو کڻان، تسليم ڪريان ٿو ته هيءَ زمين حضريءَ جي آهي.“ +اهڙي طرح سان زمين حضريءَ جي حوالي ڪئي ويئي. +(سنن ابو دائود – مشڪواة جلد ٻيو ص 207) + +(4) +(156) ام المومنين بي بي عائشه صديقه رضه بيان ڪري ٿي ته +”هڪ شخص هڪ غلام خريد ڪيو، خريد ڪرڻ واري انهيءَ غلام کان مزدوري به ورتي، انهيءَ دوران انهيءَ (غلام) ۾ ڪوئي عيب نڪري آيو، ته پوءِ انهيءَ غلام واپس ڪيو. انهيءَ کي وڪڻڻ وارو آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته +”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! انهي شخص منهنجي غلام کان مزدوري ڪرائي آهي ۽ پوءِ واپس ڪري ٿو”، تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فيصلو فرمايو ته ”غلام وڪرو ڪرڻ واري جو هوندو ۽ غلام جي واپسيءَ جو اختيار خريدار کي ٽن ڏينهن تائين هوندو آهي، انهيءَ کانپوءِ نه هوندو آهي.“ +(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 22) + +(5) +(157) هڪ دفعي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جو لنگهڻ هڪ اهڙي جاءِ تا ٿيو، جتي اناج جو انبار لڳل هو، پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ان جي ڍير جي ويجهو ويا ۽ پنهنجو هٿ مبارڪ انهي ڍير جي اندر هنيائون ته ڍير جي اندر ڪجهه آلاڻ محسوس ڪيائون، تنهن کانپوءِ فرمايائون ته ”هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي؟“ +انهيءَ شخص چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اناج جي مٿان برسات پيئي هئي، مون اهو آلو اناج خشڪ جي هيٺان لڪايو آهي.“ +اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! تون جڏهن معاملو ڪرين ته ٻئي شخص کي صاف صاف ٻڌاءِ، ڏيتي ليتيءَ ۾ ڌوڪو ۽ فريب نه ڪر.“ +(صحيح مسلم- صحيح بخاري- مشڪواة شريف) + +(6) +(158) حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته +”هڪ شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي عهد مبارڪ ۾ پنهنجو باغ هڪ ٻئي شخص کي هڪ سال لاءِ ٺيڪي (مقعادي) تي ڏنو. انهيءَ وقت باغ جي وڻن ۾ ڦرڪو نه هو، اتفاق اهڙو ٿيو جو انهيءَ سال وڻن ۾ ڦرڪو نه ٿيو، تنهن ڪري خريداري وڪرو ڪرڻ (ٺيڪي ڏيڻ) واري کي چيو ته آءٌ باغ ايستائين ڪونه ڇڏيندس، جيستائين وڻن ۾ ڦر ڪونه ٿيندو ۽ انهيءَ منجهان فائدو حاصل ڪندس، مگر ٺيڪي ڏيڻ واري انڪار ڪيو ته ”مون هي باغ توکي هڪ سال لاءِ ڏنو هو، ڦر جو آءُ ذميوار نه آهيان.“ +اهڙيءَ طرح سان ٻئي شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ مقدمو کڻي آيا، آنحضرت ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي ٺيڪي ڏيڻ واري کي فرمايو ته +”ڇا خريدار تنهنجي باغ منجهان فائدو حاصل ڪيو آهي؟“ +انهيءَ شخص وراڻيو ته ”نه سائين.“ +تنهن تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هن جو مال تنهنجي لاءِ ڪيئن جائز ٿيندو؟“ +انهيءَ کانپوءِ حڪم فرمايائون ته ”تون جيتري رقم هن کان ورتي آهي، اها واپس ڪر ۽ ٻڌو آئنده انهيءَ وقت تائين سودو نه ڪريو، جيستائين وڻن ۾ ڦر نه اچي.“ +(سنن ابن ماجه ٻيو ص 33) +(7) +(159) چئن شخصن هڪ خالي پيل زمين کي آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هر هڪ شخص طرفان ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي پيشڪش ڪئي. +هڪ چيو ته ”زمين منهنجي طرف کان هوندي.“ +ٻئي چيو ته ”“ٻج آءُ ڏيندس.“ +ٽئين چيو ته ”ڏاندن جو جوڙو آءٌ ڏيندس.“ +چوٿين چيو ته ”محنت ۽ مزدوري جو ڪم آءُ ڪندس.“ +اهڙيءَ طرح سان سڀني پنهنجو پنهنجو ڪم پورو ڪيو، فصل پچي ويو ۽ لڻيائون جڏهن بٽئي جو وقت آيو ۽ ورهاست جو مسئلو اٿيو ته چئن ئي جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو، تنهن کانپوءِ چئن ئي شخصن پنهنجو فيصلو آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽ پنهنجي پنهنجي دعويٰ به پيش ڪئي. +چئن ئي شخصن جون ڳالهيون ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته +1. مالڪ زمين جي دعويٰ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي زمين هئي ئي ڪانه. انهيءَ کي ڪجهه به نه ڏنو وڃي. +2. ڏاندن ڏيڻ واري کي اجرت ڏني وڃي. +3. مزدوري ڪرڻ واري کي محنت معاوضو ادا ڪيو وڃي. +4. باقي فصل سمورو ٻج وجهڻ واري جو آهي. + +(8) +(160) هڪ شخص ٻئي شخص جي اجازت کانسواءِ انهيءَ جي زمين ۾ کجيءَ جا وڻ لڳايا، ڪجهه وقت کان پوءِ ٻنهي شخصن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو ۽ اهي ٻيئي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا. +ٻنهي جا بيان ٻڌي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فيصلو فرمايو ته +”زمين زمين جي مالڪ جي آهي، باقي وڻ لڳائڻ واري کي حڪم ڏجي ٿو ته اهو پنهنجا وڻ اتان پٽي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ بغير اجازت جي وڻ لڳايا هئا.“ + +(ختم ٿيو) \ No newline at end of file