diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Safarnama/Book6.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Safarnama/Book6.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Safarnama/Book6.txt" @@ -0,0 +1,750 @@ +ڪتاب جو نالو: موج نه سھي مڪڙي + + + +موج نھ سھي مڪڙي +الطاف شيخ +ليکڪ جا لفظ +سامونڊي زندگيءَ ۾ جتي گھمڻ ڦرڻ آھي، اتي مھم جوئي ۽ ائڊوينچر پڻ آھي. منھنجا پڙھندڙ ملڻ وقت اڪثر اھو پڇندا آھن تھ سمنڊ تي پيش آيل ڪنھن بھ حادثي بابت ٻڌايو. +سامونڊي سفر ھڪ ماڻھوءَ جي ”زندگيءَ“ مثل آھي، جنھن ۾ جيئن ڏک سک، سٺا ۽ خراب ڏينھن اچن ٿا، تيئن سامونڊي سفر ۾ پڻ جتي خوشيون، گھمڻ ڦرڻ ۽ رنگينيون آھن، اتي موسن جون گرميون سرديون، پاڻيءَ جا لاھا چاڙھا، ھوائن جا طوفان ۽ خاموشيون، جھاز جا لوڏا ۽ انجڻ جا دوکا پڻ موجود آھن. ان کان علاوه رستي کان ڀٽڪي وڃڻ، عملي جا بلوا ۽ ھنگاما، ائنڪريج تي ھفتن جا ھفتا اندر بندرگاھ ۾ گھڙڻ لاءِ انتظار، اگھايون سگھايون ۽ ٻيا ڪيترا ئي حادثا ۽ حالتون پيدا ٿين ٿيون. +منھنجي ھميشھ اھا ڪوشش رھي آھي تھ سمنڊ جي زندگيءَ جو بھترين ۽ دلچسپ رخ ٻڌايو وڃي، ڇو جو اسان جي قوم ايڏي گھڻي Seafaring Nation ناھي ۽ کين اٿندي ئي جي اھڙن حادثن ۽ خوفن جون ڳالھيون ٻڌائبيون تھ، ھرڪو ھن زندگيءَ کان ونءُ ويندو. اھو ائين آھي جيئن ڪو سرجن رڳو انھن مريضن جو ويھي ذڪر ڪري، جيڪي آپريشن دوران ھن کان مري ويا ھجن، نتيجي ۾ ان اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ ڪير ايندو؟ اھڙي طرح رڳو جھازن جي حادثن ۽ سامونڊي صعوبتن جون ڳالھيون ڪبيون تھ، ڪھڙو مسافر يا ماڻھو جھاز تي چڙھندو؟ ۽ جي ايندو بھ تھ سمورو وقت پاڻ بھ بي چين رھندو ۽ جھاز ھلائڻ وارن جو بھ سک ڦٽائيندو. +اسان جي مرچنٽ نيويءَ کي ھلائڻ ۽ پنھنجا ماڻھو پيدا ڪرڻ لاءِ چٽگانگ (تڏھن جو اوڀر پاڪستان) ۾ مئرين اڪيڊمي کلي ھئي. اڪيڊمي چٽگانگ شھر کان گھڻو پري خليج بنگال ۾ ھڪ ٻيٽ جلديا تي ھئي. اسان ان اڪيڊمي جا شروعاتي ڪئڊٽ ھئاسين. ھڪ دفعي اڪيڊميءَ جي لانچ ۾ اسان جو سڄو ڪلاس چٽگانگ شھر ڏي گھمڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. رستي تي ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھوا طوفان جو روپ ڌاري سخت Cyclone بڻجي وئي. مٿان آسمان مان بھ پاڻي وسڻ لڳو تھ ھيٺ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون بھ جبلن جيڏيون ٿي ويون. خليج بنگال ۽ ڪرناڦلي نديءَ واري حصي ۾ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي ھئي. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون تھ اسان جي اڳيان ڀڄي ڀور ٿي رھيون ھيون ۽ انھن ۾ ويٺل ماڻھو ٻچن سميت اسان جي اکين اڳيان ٻڏي رھيا ھئا. اسان جي ھمراھن لانچ کي گھڻو ئي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر ان جا پوڙھا بنگالي ملاح بھ دل ھاري ويٺا. +انھن ڏينھن ۾ مون کي لڳاتار مٿي ۾ سور رھندو ھو، جنھن جو چٽگانگ ۾ ڪوششن جي باوجود بھ Diagnosis (تشخيص) ئي نھ پي ٿي سگھيو، تھ ڇا کان آھي ۽ آئون ايڏو تھ پريشان رھندو ھوس جو جيئڻ کان موت کي ترجيح ٿي ڏنم. منھنجي ڀر ۾ منھنجو ڪلاس ميٽ اجتبيٰ زيدي ويٺل ھو. تنھن چيو: يار بچڻ جي ڪا واھي ناھي. ڪو ڪرشمو ٿئي تھ ڪا ٻي ڳالھھ آھي. مون چيومانس: ھڪ ڏينھن مرڻو ئي آھي پوءِ ڇو نھ اڄ ئي. آءٌ تھ زندگيءَ مان چاھ ڪڏھن کان وڃائي ويٺو آھيان. +ياد اٿم تھ ان واويلا جي حالت ۾ اجتبيٰ چيو: ”پر يار! پاڻ کي ھيئن مرڻ نھ کپي، جو ماڻھو سامونڊي زندگيءَ تي ان جو ڏوھ مڙھين ۽ پنھنجا پاڪستاني، جن اڃا ھاڻ ھن زندگيءَ طرف رخ رکيو آھي، دل شڪستا ٿي پون. اڪيڊميءَ جي ھيترن ڪئڊٽن جي موت جي خبر باھ وانگر ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اڪيڊمي ئي بند ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان جا مال بردار جھاز گورن (انگريزن) جي ئي ھٿن ۾ رھندا.“ +اڄ ان کي ويھھ سال ٿي ويا آھن، گورا سڀ ھليا ويا. اسان جي بئج جا تھ سڀ ڪڏھوڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ويا، پر ان کان پوءِ بھ ا��ترا ٿي چڪا آھن، جو پنھنجا جھاز تھ پاڻ ٿا ھلايون، پر اسان جا ھمراھ ڪن ملڪن ۽ ڪمپنين جا جھاز دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ وڏي خير خوبيءَ سان ھلائي رھيا آھن ۽ اسان کي جھازي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بھترين مڃيو وڃي ٿو. منھنجي خيال ۾ گذريل ويھن سالن ۾، درپيش آيل انيڪ حادثا ھاڻ ٻڌائي سگھجن ٿا. انھن مان ڪجھھ قلمبند ڪري رھيو آھيان. ھونءَ بھ ھيستائين پڙھندڙن سمنڊ بابت سٺيون سٺيون ڳالھيون ايتريون تھ ٻڌيون آھن، جو ھي چند حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيندا ۽ ڪو گھرو اثر نھ ڇڏيندا. +بھرحال! ھن ڪتاب ۾ جھاز ۽ سمنڊ بابت پنھنجا نھ، پر ٻين کي پيش آيل مختلف واقعا ڏيئي رھيو آھيان، جيڪي سمنڊ تي بلڪل عام آھن. ھر واقعي جي اڳيان ڪوشش ڪري سمجھاڻيون ڏنيون اٿم، جيئن سامونڊي زندگيءَ کان غير واقف ان کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھن. +ٻي ڳالھھ تھ لکڻ منھنجي وندر آھي، منھنجي زندگي آھي. لکڻ کي مون روزگار جو ذريعو نھ بڻايو آھي ۽ نھ ئي سمجھان ٿو تھ ڪنھن سنڌي ليکڪ کي لکڻ مان ڪو مالي فائدو رسيو ھجي. جيل، دڙڪا، ڌمڪيون ضرور نصيب ٿيون ھوندس. منھنجي ڪتابن جي قيمت جي شڪايت پڙھندڙ اڪثر مون سان ڪن ٿا. سنڌي ڪتاب مھنگا ھجڻ جي شڪايت مون کي بھ آھي. منھنجي ھر وقت اھا ڪوشش رھي ٿي تھ منھنجي ڪتابن جي قيمت اڃا بھ گھٽ رھي. سنڌي ڇپائي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ مھنگي ھجڻ ڪري ۽ ايجنٽن طرفان جھجھي ڪميشن جي گھر ڪري (جيڪا ذري گھٽ ڪتاب جي اڌ قيمت جيتري وڃيو ٿئي) ڪيترا ئي دفعا پبلشرن کي بھ ماڳھين نقصان پيو ھوندو. ساڳي وقت ايجنٽن سان بھ اھو مسئلو ٻڌجي ٿو تھ ھو اھي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائڻ لاءِ مختلف بڪ اسٽال وارن کي ڳاٽي ٽوڙ ڪميشن ڏين ٿا، ڪتابن موڪلڻ تي خرچ ڪن ٿا، پئسن جي وصوليءَ لاءِ ڪيترائي پنڌ ٿا ڪن ۽ ٽائيم سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ٿا ڀرن پوءِ بھ سندن ڪجھھ پئسا ٻڏي ٿا وڃن، وغيره وغيره. +بھرحال! ان ھوندي بھ آئون ھر وقت پبلشرس کي قيمت گھٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رھان ٿو. ان ھوندي بھ ڪو ڀاءُ/ڀيڻ سمجھي ٿو تھ ھو منھنجا ڪتاب نيو فيلڊس يا روشني پبليڪيشن جي معيار جھڙا ڇپائي اڃا بھ گھٽ قيمت ۾ پڙھندڙن تائين پھچائي سگھي ٿو تھ مون کي خوشي ٿيندي ۽ ھو مون سان لھھ وچڙ ۾ اچي سگھي ٿو. +پڙھندڙن جي راءِ/تنقيد ۽ صلاح مشوري جو اوسيئڙو رھندو. +خلوص منجھان +نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ +© Copy Right 2007 Sindhi Adabi Board (Jamshoro), Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org + + +مھاڳ +الطاف، جنھن آفريڪا جي نوجوان نينگريءَ جي ڪاري چھري تي باک ڦٽندي ڏٺي آھي- الطاف، جنھن شاھ بلوط جي ڇانوري ۾ ٻن ڀورن انسانن کي پيار ڪندي ڏٺو آھي- الطاف، جنھن سمنڊ جي شور ۽ جھاز جي الارم ۾ ٿري ماءُ جي لولي گونجندي ٻڌي آھي- الطاف، جنھن اولھھ جي ميداني علائقن ۾ شام ويلي شفق جي ڳاڙھاڻ ۾ سنڌ جي پسين ۽ پيرن جا رنگ نکرندي ڏٺا آھن- الطاف، جنھن اوڀر ۾ ويجھي کان سج اڀرندي ڏٺو آھي- الطاف، جنھن بک وگھئي رم (شراب) پي، خلاصين کي ڪپتان ۽ پنھنجي ھڪ ساٿي خلاصيءَ جو گوشت کائيندي تھ نھ ڏٺو آھي، پر رنگا مٽي جھاز تي چين ولايت ويندي، لڳاتار ست ڏينھن سامونڊي لھرن ۽ طوفان سان پاڻ ۽ پنھنجي ساٿين کي مقابلو ڪندي ضرور ڏٺو آھي، سو پنھنجي ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ جي ورقن مان پاڻ پسائي، اجھو مون سان ڪچھري پيو ڪري. ڄڻ تھ اڇي ٽوپي پايو ”رنگا مٽي“ جھاز جو سکاڻ پڪڙي، شارڪ مڇي ڏيکاري، پيو مشھور غوطا خور روڊني فاڪس جي زخمي ٿيڻ جون ڳالھيون ٻڌائي. +سچ پچ الطاف ڦيٿ ھٿ ۾ کڻي ڌرتيءَ جي گو��ي کي ماپي ورتو آھي. سندس مشاھدي جي ڪئنواس تي ڇا ڇا نھ آيو ھوندو؟ سوچيان پيو، ڪو اھڙو منظر يا ڪو اھڙو عڪس بھ ھوندو، جنھن الطاف جي شعور ۽ ذھن تي ڪو چٽ نھ چٽيو ھجي؟ الطاف جنھن بھ ڪاريگر جو ڪو چڱو چٽ ۽ نقش ڏٺو آھي تھ، اسان سان ان جو ذڪر دل کولي ڪيو اٿائين. ھن بنگال ڏٺو آھي، جنھن لاءِ جوش مليح آبادي چيو ھو تھ، ھڪ ڏينھن ھن ھڪ بنگالڻ دوشيزه کي وھنجڻ کان پوءِ، ڪلھن تي لٽڪايل زلفن مان پاڻيءَ جا ڦڙا ڳڙندي ڏٺا ھئا ۽ ان ڏينھن کان پوءِ مرحوم جوش وھنجڻ شروع ڪيو ھو. الطاف جپان بھ ڏٺو آھي، جتي مون خود بھ ڪيوٽو ۾ شامل ويلي، ڇاتيءَ ويڪرين ۽ برفاني جسمن وارين حسينائن کي سوني مندر Golden Temple وٽ، گھاٽن وڻن جي ڇانو ۾، کيکڙن جا پڪوڙا کائيندي ڏٺو ھو. +”ھڪڙي خوفناڪ سفر“ ۾ مڇريل ۽ بکايل خلاصين جو جھاز جي ڪپتان ۽ ھڪ پنھنجي ساٿيءَ جو گوشت، ڳجھن جيان ڳڙڪائي ڇڏڻ وارو، ھڪ اھڙو عمل آھي، جنھن کي پڙھڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي. اھا بک ئي آھي جيڪا انسان کي وحشي بڻائي، انسان جو رت ٿي پياري. بک جي شدت جو اھو وڏي ۾ وڏو مثال آھي. انسان کي زندھ رھڻو آھي، پوءِ ڇو نھ کيس پاڻ کان ڪمزور ھڪ ٻئي انسان جو گوشت کائڻو پوي. +اسان آفريڪا جي ڏڪاريل انسانن جون انساني ڍانچي جھڙيون تصويرون ڏٺيون آھن ۽ احوال پڙھيا آھن. بکن جي اھڙي عالم ۾ جيڪڏھن بکيو پيءُ پنھنجي پٽ يا ڌيءَ جو پاڻ گوشت نھ کائيندو ھوندو تھ، گھٽ ۾ گھٽ پيءُ پنھنجي جسم مان گوشت جا ٽڪرا ڪوري پنھنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي ضرور آڇيندو ھوندو تھ، ”بابا! ھي کائو.“ الطاف زندگيءَ جي ھن جھڙن حقيقي واقعن ۽ حادثن جا ترجما ڪري، پيٽ جي عالمي مسئلي جي چٽي ۽ صاف تصوير ويھي چِٽي آھي. اسان جي ٿري ۽ جابلو علائقن ۾ اڄ بھ انسان کي ويلن جا ويلا ماني ڀور نٿو ملي. جس ھجي انھن ٿري ۽ جابلو انسانن کي، جن اڃا سوڌو پنھنجي ڀاءُ يا پاڙيسريءَ جو گوشت نھ چکيو آھي. +ھتي مون کي ننڍڙائپ جو ھڪ واقعو ياد اچي ويو آھي. مان وڌ ۾ وڌ يارنھن-ٻارنھن سالن جو ھيس. ٻيا شڪاري ۽ خفتي ڪراڙا ۽ جوان جماڻ ھئا. ڪچي ۾ سڄي رات باھيون ٻاري، اوسر جو شڪار ڪيو ھئوسين ۽ ڏينھن جو جھانگيلي ۽ باھڻيءَ ۾ تڙ جو شڪار ڪيو ھئوسين. بک ايڏو تھ بي وس ڪيو ھو جو ٻوڏ کان پوءِ ڪچي ۾ تازن چڻن جي تازي پوکيل فصل جا ڀتر ۽ کڙا پاسي ڪري، چڻن جا انگور داڻا چونڊي کاڌا ھئاسين. +ساڳئي مضمون ۾ ”ھوا جي بيھي وڃڻ“، ”پاڻيءَ مان چرپر ختم +ٿي وڃڻ“، ”جھاز جو ڏينھن جا ڏينھن ھڪ ھنڌ ٽڪ ٻڌي بيھڻ“ وارا عمل اسان جي معلومات ۾ حيرت وجھيو ڇڏين ٿا. +”جنھن جا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنھن پنھنجي کير پياڪ ٻار کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو.“ +ھي اھي جملا آھن، جيڪي ”موت جي سفر“ مان ورتا ويا آھن. ٻڏڻ کان پوءِ بھ ٻارڙي کي ڇاتيءَ سان لائي رکڻ وارو فطري عمل، ”مامتا“ جو ھڪ لاجواب مثال آھي، جيڪو خوش قسمتيءَ سان اسان کي الطاف ئي ٻڌايو آھي. +”ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس تھ صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھھ نھ وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو، جنھن ۾ نھ بک جو احساس ھو ۽ نھ اڃ جي پيڙا.“ +بک جي احساس ۽ اڃ جي پيڙا جي خوبصورت تصوير چٽيل آھي. ڏڪارين ۽ ڦرلٽ ھٺيلن جي منھن تي ھڪ زوردار چماٽ آھي– الطاف جا مٿيان جملا ساھ ۾ سانڍڻ جھڙا آھن، وري وري پڙھڻ جوڳا آھن. +”سانباھو سمونڊ جو“ جي مھاڳ ۾ اسان جي سڄاڻ ڌرتيءَ ڄائيءَ ڀيڻ نور الھديٰ شاھ لکيو آھي: +”الطاف پنھنجي اندر جي ڪيفيت�� کي ضرور ظاھر ڪري ٿو، پر ھڪ پرچارڪ جي انداز ۾ ۽ ذاتي تجربن جي اظھار کان ڄڻ لنوائي وڃي ٿو. نتيجي ۾ الطاف جا سفرناما ھاڻي ھن اسٽيج تي ورجاءِ جو شڪار ٿيڻ لڳا آھن.“ +الطاف جي سفرنامي ”جاني تھ جھاز ۾“ جو مھاڳ لڳندي، زبيده ميتلو لکيو آھي: +”ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھن کي چوندو ٻڌم تھ، الطاف شيخ جي لکت ۾ تخليق جو عمل بلڪل ڪونھي – رڳو ملڪن جي رپورٽ جون جھلڪيون آھن.“ +زبيده، الطاف جو دفاع ڪندي لکيو آھي تھ تخليق کي ٻيا ڪھڙا سونا سڱ ھوندا آھن؟ ڇا ٻوليءَ جي پختگي، لکت ۾ ڏانءَ ۽ ڏاھپ جو لاڙو، جنون جو جمال تخليق ناھي ٿيندي؟ +مون بھ سوچيو ھو تھ ٻولي، گرامر، اصطلاحن ۽ جملن جي غلط استعمال جا مثال ڏيئي الطاف کي ”رنگ“ ۾ ڦاسائي، ٻھ چار جڊو – ڪراٽي جا داءَ ڪيان، پر ائين نھ ڪري سگھيس. ان ڪري نھ تھ ھو مون کان وڌيڪ طاقتور ۽ چوبڪو پھلوان آھي، پر ھيٺين حقيقتن ڪري: +”وايون وڻجارن جون“ جي منڍ ۾ الطاف پنھنجين اھڙين اوڻاين جو ذڪر بھ ڪيو آھي تھ اعتراف بھ – ان ڏس ۾ مان چوندس تھ الطاف جون اھي نالي ماتر خاميون ۽ اوڻايون سندس لکڻين جي تخليقي عمل تي ڪڏھن بھ اثر انداز نٿيون ٿي سگھن. سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح، الطاف جي ڏات ۽ ڏانو واريءَ سھاڳڻ جي چنيءَ تي تخليقي عمل جا ٿورا گھڻا چٽ ضرور آھن. +اسان جي سڄاڻ محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڳالھيون تنھن جپان جون“ جي مھاڳ ۾ الطاف کي ڏنل ادبي حيثيت ۽ اھميت پڙھي وڌيڪ ٿڌو ٿي ويس. +”بندر بازاريون“ جو مھاڳ لکندي سدا حيات جانيئڙي امر جليل لکيو آھي: +الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آھي، تنھن ڪري ھو دنيا جي جنھن بھ حصي ۾ ويندو آھي، اتي سنڌي سٻاجھڙن جي ڳولا ڪندو آھي.“ +وري لکي ٿو: +الطاف شيخ ڪولمبس ناھي، پر ھن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آھي.“ +سندس ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ بابت پيارو ليکڪ حميد سنڌي لکي ٿو: +جيتوڻيڪ سندس پھريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رخن کان خالي ٿا ڏسجن، پر ھن سفرنامي ۾ سندس نظر چوڌاري ۽ گھري آھي. مون کي تھ ھن سفرنامي ۾ الطاف اڳي کان وڌيڪ گنڀير ۽ سندس لکڻي فڪر انگيز ٿي لڳي.“ +بس، الطاف ۽ الطاف جي لکڻين بابت اسان جي سڄاڻ مٿين ليکڪن جي مھاڳ پڙھڻ کان پوءِ الطاف تان منھنجي ڪاوڙ بھ ختم ٿي وئي – الطاف پاڻ بھ تھ ايڏو مٺو ۽ محبتي يار آھي، جو مٿس ڪاوڙ ڪرڻ بھ تھ اخلاقي گناھ آھي. +”ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھھ“ ۾ جھونپڙي ”سرناس“ +۽ سندس ساٿارين جو خوفناڪ سمنڊ جھاڳي تختن مان جوڙيل ٻيڙيءَ وسيلي، پولاپ ٻيٽ کان ترڪ ٻيٽ ڏانھن وڃڻ، جستجوءَ جي علامت جو پيارو مثال آھي – جھاز کي ويجھو ڏسي، ھمراھن نھ دانھن ڪئي نھ وري ڪنھن بھ قسم جي مدد لاءِ پڪاريو. ھو جھاز تي سوار ٿيڻ لاءِ تيار ئي تڏھن ٿيا، جڏھن جھاز جي ڪپتان سندن ٻيڙيءَ سوڌو جھاز تي سوار ٿيڻ وارو شرط مڃيو. ڦٽن جي پيڙا ۽ بک لاءِ سوچڻ جي بجاءِ ناکئي سرناس سميت، سڀني ملاحن جو پنھنجيءَ ڀڳل ٽٽل ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ، سڙھ سڪائڻ، ڦاٽل سڙھ سبي ساڄا ڪرڻ، ناريل مان ٺھيل رسا ڇڪي ٻڌڻ واري جدوجھد ثابت ٿي ڪري تھ، سندن ھٿن سان جوڙيل سندن ٻيڙي، کين ڪيڏي نھ پياري ھئي. جيئڻ لاءِ جھيڙڻ واري عمل ۾، ھنن لاءِ اھا ننڍڙي ٻيڙي ڪنھن بھ وڏي جھاز کان گھٽ نھ ھئي. +الطاف سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اسان کي ڇا ڇا نھ چيو آڇي؟ الطاف اھو وڻجارو آھي، جنھن وٽ وکر ڍيرئون ڍير آھن. جيڪو ولايت مان ھر وڻج ۽ وڙ جون ٻوريون ۽ خرزينون ڀري اچي ٿو. بنا اگھھ– پار ڳالھائڻ جي اسان اڳيان کوڙ ڪري، ڀل تھ ھو ڪيترو بھ محصول ۽ قيمت ادا ڪري اسان وٽ پھچي، پر اسان کي وڙ وڙ جو وکر بنا ملھھ پيو آڇي. +الطاف جي لکڻين مان تخليقي عمل مينھن جي گوھن وانگر وھندو نظر اچي ھا، جيڪڏھن ھو واسطو رکندر ملڪ جي سماجي تاريخ، ثقافتي، اقتصادي حالتن، مسئلن ۽ ادبي لاڙن ۽ رخن جو ڳوڙھو ۽ ڀرپور مطالعو ۽ مشق ڪري پوءِ ويھي ڪتاب لکي ھا – پوءِ ڇو نھ ھو ٽن ڪتابن جي جاءِ تي ھڪ ڪتاب ڏئي ھا. تنھن ھوندي بھ مان ائين چوندس تھ، ھن جو بھ وکر وھايو آھي، سو پئي پراڻو نھ ٿيندو. +آئرلينڊ جي ڪناري ڀرسان آمريڪي جھاز ”لوسيتانيا“ جي ٻڏڻ واري ڀيانڪ منظر جو اھڙو تھ سريلو ۽ سيبائيندڙ ترجمو ٿيل آھي، جو ان لکڻيءَ کان متاثر ٿي مون کي چوڻو ٿو پوي تھ الطاف فقط اسان جو آھي ۽ نھ ڪنھن ٻئي جو. +ھن حادثي کي پڙھڻ کان پوءِ مان سوچيان ٿو تھ ھزارين ماڻھن کي سمنڊ ۾ ٻڏندو ڏسي، جرمن ڪپتان ”سويگر“ کي جا خوشي ٿي ھوندي، ان جو بھ جواب ناھي. +”مرندي مرندي بچڻ“ ۾ الطاف لکيو آھي: +”...... انھيءَ علائقي ۾ مان اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي.“ +شارڪ جي سمنڊ تي حڪمراني، سندس دٻدٻو ۽ انسان جي مجبوري ۽ بي وسيءَ جا ڪھڙا نھ عمدا ۽ سچا عڪس آھن. +”لکين سج لھي ويا، کيڙيندي کارو“ جي تعارفي حصي ۾ الطاف اسان کي ظلم ۽ استحصالي قوتن جي ڪردار واريون اھڙيون تھ ڳالھيون ٻڌايون آھن، جيڪي جيتوڻيڪ اسان جون ٻڌل ۽ پڙھيل بھ آھن، تڏھن بھ ڇرڪائي ٿيون ڇڏين. ظلم ۽ ظالم، پيڙڻ ۽ پيڙيندڙن جي غير انساني عمل خلاف آواز اٿارڻ لاءِ الطاف جون اھي ڳالھيون اسان جي قلم ۾ قوت ۽ آواز ۾ سگھھ ٿيون پيدا ڪن. +آفريڪا جي ڏڪاريل ۽ پٺتي پيل ملڪن مان غلامن جا ٽولن جا ٽولا خريد ڪري اچڻ، غلامن ۽ قيدين جا چپن ھلائڻ، سندن اگھاڙين پٺين تي چھبڪ وسائڻ، بکيا ھجن توڙي ڏکيا، پر جھاز ضرور ھلائين. مالڪن، جھازرانن ۽ ڇاڙتن جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ، ھوڏانھن وري انھن ستايل غلامن ۽ قيدين جا بلوا ڪري جھاز جي مالڪن ۽ سندن ڇاڙتن کي ماري سندن گوشت کائي ڇڏڻ وارا اوائلي واقعا، الطاف جي ڪتاب ۽ سندس لکڻين کي امر بڻائڻ وارا واقعا ۽ حادثا آھن. اسان کي خبر ٿي پوي تھ جھازن کي جڏھن انجڻين سان نھ پر چپن ۽ سڙھن وسيلي ھلايو ويندو ھو، تڏھن ھڪ طاقتور انسان، ٻئي مجبور انسان سان ڪھڙو ورتاءُ ڪندو ھو؟ +ڪنھن بھ تخليقڪار جي تخليقن جو تنقيدي جائزو وٺندي، ڏسڻو اھو آھي تھ ليکڪ ادب ۽ زندگيءَ جي جديد تقاضائن ۽ لاڙن سان ٺھڪندڙ، اسان کي ڪھڙيون شيون ڏنيون آھن؟ وقت ۽ ماحول جي ڪھڙي ڳالھھ ڪھڙي انداز سان ڪئي اٿائين؟ ڪھڙو نئون گس ۽ ڪھڙي نئين لاٽ ٻاري اٿائين؟ ھن ڪنھن مخصوص ٽولي يا گروھ لاءِ ڪو پرچارڪ مواد تھ نھ ڏنو آھي؟ سندس لکڻين ۾ ڪيڏي وسعت ۽ نواڻ آھي؟ پراڻين ڳالھين جي ورجاءِ کان ئي سندس ادبي کيت ۾ ڪھڙا تخليقي عمل جا گل کڙيل آھن؟ ھن ڊپلوميسيءَ کان ڪم ورتو آھي يا ڪنھن سان جاندار رھيو آھي؟ +الطاف جي شروعاتي سفرنامن ۾ تخليقي عمل بيشڪ گھٽ ٿو ملي، مگر وقت گذرڻ سان ھو ان غير تخليقي ڌٻڻ مان ٻاھر نڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين سوڀارو ٿيو آھي. مون ٺري ويل خاڪ ھٽائي، چڱيءَ طرح ڏٺو آھي تھ، الطاف جي تخليقي آويءَ مان تازا تيار ٿيل گھڙا اڳ وارن گھڙن کان نھ رڳو سٺا پڪل آھن، پر مٿن اڪريل چٽ بھ موھيندڙ آھي. ڀٽائي ويندي ويندي اھڙن سامونڊي وڻجارن لاءِ تڏھن تھ چيو ھو: +”ويا جي عميق ڏي، منھن ڪائو ڏئي، +تن سپون سوجھي ڪڍيون پاتاران پيھي، +پسندا سي ئي، املھھ اکڙين سين.“ +(شاھھ) +تاجل بيوس + + +انسان ۽ سمنڊ +سمونڊ جو منھنجي زندگيءَ تي تمام گھڻو اثر رھيو آھي، ان جو تصور ئي منھنجي لاءِ اتساھ پيدا ڪندڙ آھي. مون ڪيترو ئي وقت سمنڊ ڪناري ويھي، مست ڇولين کي ڏسندي من پرڀايو آھي. سياري جي سرد راتين ۾ سمنڊ جي ڪناري، عابده پروين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ”گھڙولي“ ٻڌي آھي. مان انسان جي سيني ۽ وشال سمنڊ جي ڀيٽ ڪندو آھيان، جن جي اندر سوين طوفان لڪل ھوندا آھن ۽ جڏھن اھي طوفان اٿندا آھن تھ ھر شيءِ کي لوڙھي ويندا آھن. +”منھنجو ساگر منھنجو ساحل“ کان وٺي الطاف شيخ جا سفرناما پڙھيا اٿم. سندن سفرنامن سان منھنجي چاھ جو بنيادي ڪارڻ اھو ئي سمنڊ آھي. سندس سفرنامن ۾ سمنڊ جون ڳالھيون پڙھي مون کي آسيس ملندي رھي آھي. سڀ ڪم ڇڏي، سندس ڪتاب پڙھندو آھيان، جن ۾ ديس ديس جون دلچسپ ڳالھيون، معلومات، مزي وارا جملا، تشبيھون ۽ حسن جو ذڪر ھوندو آھي. +الطاف جڏھن ڪجھھ لکڻ لاءِ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏنو، تڏھن اتفاق سان مون کي ھڪ ٽي وي پروگرام لاءِ، ماھيگيرن جي زندگيءَ بابت فلم ٺاھينڊڙ ٽيم سان گڏ سمنڊ ۾ وڃڻو پيو. رات جو ئي مون مسودي جو جائزو ورتو، جنھن ۾ سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. ٻئي ڏينھن اسان ھڪ ننڍڙي موٽر بوٽ ۾ سوار ٿي، ٽي چار ميل ٻاھر سمنڊ ۾ نڪري وياسين. اڄڪلھھ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ ماٺو آھي، پر اسان جي بوٽ جيئن جيئن ڪناري کان پري ٿيندي وئي، ڇولين جو ڇوھ وڌندو ويو. اسان ڇولين جي رخ طرف وڃي رھيا ھئاسين ۽ جيئن ئي ھڪ ڇولي گذرڻ سان ٻي ڇولي پھتي ٿي، بوٽ ”ڇپاڪ“ جي آواز سان پاڻيءَ سان ٽڪرائي ٿي. جيڪڏھن ڇوليون بوٽ جي پاسي ۾ ٽڪرائجن ھا تھ، اھا ضرور اونڌي ٿي پوي ھا. ان وقت مون کي ذھن ۾ الطاف جي ھن ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ جا ڪجھھ واقعا ذھن تي تري آيا ۽ مون پاڻ کي بھ ھڪ اھڙو ئي ڪردار تصور ڪيو. ان وقت مون کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. مست ڇولين کي مون پاٻوھ مان ڇھڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. پورا ٽي ڪلاڪ اسان ان سمنڊ ۾ شوٽنگ ڪندي گذاريا. (گھٽ ۾ گھٽ منھنجي لاءِ ھڪ بوٽ ۾ ٽي ڪلاڪ گذارڻ پھريون تجربو ھو) +مٿي ٻڌايو اٿم تھ ھن ڪتاب ۾ سمنڊ جي طوفانن ۽ حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. الطاف شيخ جي پڙھندڙن کيس خط لکيا ھئا تھ، ھو سندس سامونڊي زندگيءَ ۾ ساڻس پيش آيل حادثن ۽ تڪليفن تي بھ ڪجھھ لکي، پر جيئن تھ سامونڊي زندگيءَ ۾ اسان اڃا قدم رکي رھيا ھئاسين ۽ اسان جو ملڪ ۽ ماڻھو جپاڻين ۽ انگريزن وانگر Seafaring ناھي، تنھن ڪري کين سامونڊي زندگيءَ جي خوفائتن واقعن ٻڌائڻ سان بددل ڪرڻ بجاءِ ھن ھميشھ سامونڊي زندگيءَ جو بھتر ۽ دلچسپ رخ پئي ڏنو آھي. اھا حقيقت آھي تھ پنھنجي دلچسپ تحريرن سان ھن سامونڊي زندگيءَ لاءِ ماڻھن جو چاھ وڌايو آھي، پر خوفائتن واقعن نھ ٻڌائڻ وارو نظريو ايترو مناسب ناھي. اھڙا واقعا ٻڌائڻ گھرجن، جيئن ماڻھن ۾ ڏکاين کي منھن ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ ھو ذھني طرح ھر ڳالھھ لاءِ تيار رھن. اھا زندگي ڪھڙي جنھن ۾ خطرا نھ ھجن؟ خطرن کي منھن ڏيڻ ئي زندگيءَ جو رومان آھي. مون کي ياد آھي تھ ننڍي ھوندي مان اردو ڊائجيسٽ ۾ اھڙا واقعا دلچسپيءَ سان پڙھندو ھوس، جن ۾ سامونڊي جھاز ڪنھن طوفان يا ٽارپيڊو جو شڪار ٿي تباھ ٿي ويندا ھئا ۽ ان جا مسافر ٻيڙين ۾ بُک ۽ اڃ جو مقابلو يا تھ منزل تي پھچندا ھئا، يا ڪنھن شارڪ مڇيءَ جو کاڄ ٿي ويندا ھئا. تڏھن مان سوچيندو ھئس تھ، سنڌيءَ ۾ اھڙيون ڪھاڻيون ڇو نھ آھن؟ سچي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ سنڌي لٽريچر ۽ ائڊوينچر بابت نھ ھئڻ جي برابر لکيو ويو آھي. مان ان لاءِ اديبن کي ڏوھ نٿو ڏيان، ڇو تھ ھن سماج ۾ زندھ رھڻ ۽ پنھنجي ۽ قومي مسئلن کي منھن ڏيڻ ئي وڏو ”ائنڊوينچر“ آھي. +بھرحال! ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ الطاف ٻين کي پيش آيل سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنيون آھن، ھڪ سٺو قدم آھي ۽ اھو سلسلو جاري رھڻ گھرجي. +الطاف پاڻ چوي ٿو: ”سامونڊي سفر ھڪ ماڻھوءَ جي زندگيءَ وانگر آھي، جنھن ۾ کل خوشي بھ آھي تھ، ڏک ڏاکڙا بھ.“ تنھن ڪري اسان لاءِ ڏک ڏاکڙا پار ڪرڻ لاءِ زھني سکيا حاصل ڪرڻ بھ ضروري آھي ۽ اھو ڪم الطاف پنھنجي فنڪارانھ قلم سان ڪري سگھي ٿو. جيئن ھن ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ ۾ واقعن کي اھڙيءَ طرح پيش ڪيو آھي، جو پڙھندڙ کي محسوس ٿيندو، ڄڻ ھو بھ ان واقعي جو ھڪ ڪردار آھي. ان سان ھو خطرن کي منھن ڏيڻ جي سکيا حاصل ڪري سگھي ٿو. اھا ئي ڪتاب جي خصوصيت آھي. پڙھندڙن جي سولائيءَ لاءِ الطاف ھر ڪھاڻيءَ جي منڍ ۾ سمجھاڻي ڏئي، کين اصل ماحول ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪھاڻين جي عنوان لاءِ شعرن جي چونڊ، ڪتاب کي اڃا بھ دلچسپ بڻائي ڇڏيو آھي. +ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻين ۾ فنڪارانھ Touches ڏئي جنگ جي تباھڪاري، بيٺڪيت ۽ غلاميءَ کي نندڻ سان گڏ، الطاف خوبصورت نموني تاريخ جا ڪجھھ حوالا بھ ڏنا آھن. مون کي يقين آھي تھ ھن ڪتاب جا پڙھندڙ الطاف جي ٻين ڪتابن جيترو ئي مزو ماڻيندا ۽ ڪجھھ پرائيندا. +نصير اعجاز + + +ڪجھھ مون پاران +يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ڪراچي سينٽر جي طرفان اندرون سنڌ جي لئبريرين جو ھڪ ڏھھ ڏينھن جو سيمينار ترتيب ڏنو ويو ھو ۽ 21 ڊسمبر 1082ع تي ان جو افتتاح ھو. ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حيدرآباد کان ڪراچيءَ وئي ھيس. انتظام لياقت نيشنل لئبرري جي عمارت ۾ ڪيل ھو. افتتاحي تقريب کان پوءِ مھمانن لاءِ رسيپشن بھ ھئي. مھمان چانھھ بسڪيٽ کائڻ کان پوءِ تقريبا ھليا ويا ھئا. مان اتي ئي ھئس، جو پھرئين سيشن جي صدارت بھ ڪرڻي ھئي. اتي ڳالھين ۾ مشغول ھئس تھ، دروازي کان ھڪ ڄاتل سڃاتل صورت پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺم. ھٿ ۾ ڪجھھ ڪتاب ۽ منھن تي مرڪ، قدم ٿورا تڪڙا، ويجھو آيو تھ ڏٺم، الطاف ھو. سلام دعا ٿي. پڇيومانس: ھتي ڪيئن؟ چيائين: ”نوان ڪتاب ڇپيا آھن. انھن جون ڪاپيون ڪاپي رائيٽ لاءِ لئبرري ۾ ڏيڻ آيو ھوس.“ ڏاڍي خوشي ٿي. چيومانس ڪتابن تي ڪجھھ لکي تھ ڏيو. بھرحال! ڪتاب ڏيندي چيائين: ھڪ ڪتاب پريس ۾ اٿم، مواد توھان کي موڪلي ٿو ڏيان. پيش لفظ تھ لکي ڏجو. +”حاضر“ کيس اھو نھ ٻڌايم تھ، سندس ڪتاب لاءِ پيش لفظ پاڻ لاءِ اعزاز پئي ڀانيم. +الطاف سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ھڪ لحاظ کان تھ بلڪل واجبي آھي، جو ان کان اڳ صرف ھڪ دفعو سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي ھئي، سا بھ بلڪل مختصر. پاڻ ئي اچي تعارف ڪرايو ھئائين ۽ مسطوارا (سندس گھر واريءَ) سان گڏ تصويرون ورتيون ھئائين. پنھنجي اٿڻيءَ ويھڻيءَ ۽ ھلت چلت ۾ بلڪل سنئون سڌو ۽ طور طريقن ۾ Matter of Fact وارو طريقھ ڪار. اھا شايد سندس طبيعت جي بنيادي خصوصيت ھجي يا سندس پيشي جي تقاضا. پر مون ان فنڪشن ۾ بھ کيس ائين وقت وڃائيندو محسوس ڪو نھ ڪيو. ڏٺم پئي تھ ھن بڪ اسٽالن تي چڪر پئي ھنيا ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن ۽ مون جھڙن اڻ ڄاتن سان بھ واقفيت پئي ڪيائين ۽ فنڪشن جا فوٽو بھ پئي ورتائين. +ھونئن ليکڪ ۽ پڙھندڙ جي حيثيت سان الطاف ۽ منھنجو ناتو پراڻو آھي. الطاف جڏھن کان لکڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان پڙھيو اٿمانس. ھن کان اڳ سندس تحرير کي ڪڏھن تنقيدي نظر سان نھ ڏٺم، جو سندس تحريرون عام پڙھندڙ لاءِ معلومات ۽ دنيا جي ڏورانھين ملڪن جي دلچسپ قصن جا خزانا کنيو اچن. سندس لکت تمام شگفتھ ۽ اتساھ ڏياريندڙ آھي. +اھا ڳالھھ نھ رڳو مان، پر ھر پڙھندڙ محسوس ڪندو ھوندو. ڪنھن بھ واقعي کي بيان ڪرڻ مھل الطاف ان جو پس منظر، پيش منظر، تاريخ جاگرافي ۽ تمام جزئيات اھڙي تھ پيرائتي ۽ اثرائتي نموني سان پيش ڪري ٿو، جو پڙھندڙ جو تحرير کان علاوه، سندس ذھانت ۽ معلومات کان اثر نھ وٺڻ ممڪن نھ آھي. انھن سڀني ڳالھين کي بيان ڪندي، ھن ۾ ڪو تصنع نھ ٿو محسوس ٿئي. لڳندو آھي تھ ليکڪ پاڻ ان ماحول جو ھڪ جز آھي. +سندس لکت ۽ بيان ۾ انھن سڀني خصوصيات جو موجود ھئڻ ان ڳالھھ کي ظاھر ڪري ٿو تھ کيس پنھنجي ڪم سان عشق آھي ۽ ان کان وڌيڪ عشق ان ڳالھھ سان تھ ھو انھن سڀني تجربن ۾ اسان ۽ توھان کي بھ شامل ڪري. +ھن مھل تائين سنڌ جا الائي ڪيترا ماڻھو دنيا جي ڪھڙي ڪھڙي ڪنڊ ۾ نھ ويا ھوندا، پر ڪنھن بھ سنڌي اديب سفرنامي واري صنف کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪابھ اھڙي شعوري ڪوشش نھ ڪئي ھوندي، جھڙي ڪوشش لاشعوري طور تي الطاف ڪري رھيو آھي. +شروع ۾ تھ ھن محض ڪجھھ تجربا ئي بيان ڪرڻ چاھيا ھوندا، پر پوءِ ھر سفر کان پوءِ ڪتاب (اھڙي طرح سفر ۽ ڪتاب... سفر ۽ ڪتاب... ۽ الله ڪري تھ سلسلو جاري رھي) جنھن جو سلسلو اڃا جاري آھي. اھڙي تھ تيزيءَ سان سفرنامن جي لسٽ ۾ اضافو ڪيو آھي، جو سند باد وارو رڪارڊ تھ ڪڏھوڪو ٽٽي چڪو ھوندو، بلڪھ ھن پنھنجا ڪيئي رڪارڊ قائم ڪرائي ڇڏيا ھوندا. البتھ سندباد جي مقابلي ۾ الطاف جا سفر ھيبتناڪ، دھشتناڪ ۽ خوفناڪ نھ پر خوشگوار ۽ دلچسپ رھيا. +الطاف شيخ جا ايڪيھھ ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آھن ۽ جيستائين ھي ڪتاب توھان تائين پھچي، ٿي سگھي ٿو تھ پنج کن ٻيا ڪتاب بھ ڇپجي اچن، ڇو جو جنھن رفتار سان الطاف لکي ٿو، ۽ وري ڇپائڻ لاءِ ڪوشان ٿئي ٿو، تنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تھ رفتار روز بروز وڌندي، گھٽبي نھ. +زير نظر ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ الطاف جي لکيل ٻين ڪتابن کان موضوع جي اعتبار کان ان لحاظ کان مختلف آھي، جو سفرناما تھ ان ۾ بھ بيان ڪيل آھن، پر اھي سفر سندس عمدن سفرن جي ڀيٽ ۾ خوف ڏياريندڙ آھن. +ھن کان اڳ جيترا ڪتاب پڙھيا اٿئون، تن ۾ تھ سامونڊي سفر اھڙو تھ حسين، دلڪش ۽ خوشگوار بيان ڪيو ويو آھي، جو ڀانءَ تھ اڄ ئي جھاز جي ٽڪيٽ کڻي وٺجي. پر ھن ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ شايد ھڪ لمحي لاءِ ڪو سوچڻ تي مجبور ٿي پوي تھ، نھ ٻيلي! سامونڊي سفر ڪو صفا سھنجو بھ ناھي. انھن خوفائتن سفرن بيان ڪرڻ جو الطاف وٽ ھڪ سبب آھي – جيئن پڙھندڙن کي ھن سامونڊي سفر جو خوشگوار پھلو ڏيکاريو آھي، تيئن کين اھو بھ ٻڌايو وڃي تھ سفر کڻي ڪھڙو بھ ھجي، پر ان ۾ Risk بھرحال آھي ۽ سامونڊي سفر ان معاملي ۾ ڪجھھ اڳڀرو ئي ڏسجي ٿو. +انھن سڀني واقعات کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ الطاف جيڪا ھڪ تمام سٺي ڪوشش ڪئي آھي، سا آھي ٽيڪنيڪل اصطلاحات جي وضاحت. ھونئن جي اھي اصطلاحات يا اکر جيئن جو تيئن رکجن تھ شايد پڙھندڙ جي انھماڪ تي ڪوبھ اثر نھ پوي، پر انھن جي وضاحت ھر پڙھندڙ لاءِ لفظن ۽ Terms کي ايترو تھ سولو ڪري ڇڏيو آھي، جو ھر واقعي ۽ واسطي سان واسطو رکندڙ اصطلاحات، پڙھندڙ مزو وٺي پڙھندو ۽ سمجھندو. +الطاف جي اھا شعوري ڪوشش ان ڪري بھ قابل تعريف آھي، جو اھو اضافو سندس تحرير ۽ بيان کي وڌيڪ مقصدي بنائي ٿو. محسوس ٿو ٿئي تھ ليکڪ آڏو پڙھندڙن جو ھڪ تعداد آھي، جن کي ھو پنھنجي وس آھر ھر معلومات مھيا ڪرڻ چاھي ٿو. اھڙي نموني عام پڙھندڙ سان گڏوگڏ ھر اھو ماڻھو، جيڪو سامونڊي سفر ۾ خاص دلچسپي رکندو ھوندو، تنھن لاءِ بھ وڏي مدد ملي ٿي. +جيستائين انداز بيان آھي، الطاف اڳي کان اڳرو پيو ڀانئجي. ٻولي تي سندس عبور چڱي کان چڱي ليکڪ سان ڀيٽي سگھجي ٿو. +ڪتاب پڙھڻ مھل ذھن ۾ ھڪ خيال جيڪو اڀري ٿو، سو اھو تھ جنھن بھ ڪتاب ھڪ دفعو ھٿ ۾ کنيو، سو ان کي پوري ڪرڻ کان سواءِ مشڪل ڇڏي، جو ڪتاب ۾ جيڪي قصا بيان ڪيا ويا آھن، سي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان دلچسپيءَ ۽ تجسس جو جز رکن ٿا ۽ پڙھندڙ لاءِ ان ۾ وڏي ڪشش آھي. +آخر ۾ مان چوڻ چاھيندس تھ الله ڪري تھ الطاف جي سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ جي اسپيڊ ايتري تھ وڌي جو ھلندڙ سال ۾ ئي ھو پنھنجن ڇپيل ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪري. +سڪ مان +مھتاب اڪبر راشدي +21 جنوري 1983ع + + +ٽائٽانڪ ڀلا ڇو؟ +ڇا ٽائٽانڪ جھاز سامونڊي تواريخ ۾ پھريون جھاز ھو جيڪو ٻڏيو؟ نھ، ھرگز نھ. +ڇا ٽائٽانڪ کان اڳ يا پوءِ ڪوبھ جھاز نھ ٻڏو آھي؟ ڪيترا ئي ٻڏا آھن ۽ اڄ تائين ٻڏندا اچن. +تھ پوءِ ڀلا ٽائٽانڪ جھاز جي حادثي تي ايڏي واويلا ڇو؟ ٽائٽانڪ کي ايڏي اھميت ڇو ڏني وئي، جو ان جي ٻڏڻ کان پوءِ جھازن ۽ مسافرن جي سلامتيءَ جو سختيءَ سان خيال رکڻ لاءِ ڪيترا ئي اپاءَ ورتا ويا. ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سئيڊن) ۾ M.Sc ڪرڻ وقت ھڪ اھڙو بھ اسان جو سبجيڪٽ ھو، جنھن ۾ حادثي ھيٺ آيل جھاز تي بحث مباحثو ھلندو ھو. ٽائٽانڪ جھاز جي Case Study مھل انگريز پروفيسر الڊرٽن کي ڏاڍيون خارون اينديون ھيون. چوندو ھو ٽائٽانڪ کان وڌيڪ ٻيا اھم جھاز ۽ حادثا آھن، پر ھن جھاز جي حادثي کي اھم بنائڻ ۾ وڏو ڪردار پريس وارن جو آھي ۽ اخبار وارن ان کي گھڻي اھميت ان ڪري ڏني، جو ھن جھاز ۾ ٻڏي وڃڻ وارا دنيا جا امير ۽ اھم ماڻھو ھئا. آفريڪا جي ڪنھن ڏورانھين ڳوٺ ۾ پنجاھ مزدور مري وڃن تھ، اخبار جي آخري صفحي تي ٽن سٽن جي ھڪ ڪالمي خبر ايندي، سا بھ اخبار ۾ جاءِ بچي تھ. ان جاءِ تي انگلينڊ جو پرائيم منسٽر جان ميجر يا اٽليءَ جي فلم ائڪٽريس صوفيھ لارين جو رستي ۾ ھلندي پير ترڪڻ ڪري موت ٿي پوي تھ، اخبار جي نھ فقط پھرين صفحي تي خبر اچي وڃي، پر لنڊن ۽ روم جون گھٽيون صاف رکڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿي وڃن. +بھرحال! ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ، ٻڏي ويل مسافرن جو وڏو تعداد امير ماڻھن جو ھو. غريب غربي جو نھ ھو، پر ان کان علاوه ٻيون بھ ڪجھھ ڳالھيون آھن، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي حادثي کي اھم بنائين ٿيون. +مسافر جھاز ھونءَ بھ عام جھازن کان بھتر نموني سان ٺھن ٿا. منجھن Safety Factor (سلامتيءَ جو درجو) وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ ھي جھاز تھ ان دور ۾ ٺھندڙ ٻين پئسينجر جھازن کان تمام مضبوط ۽ سلامتيءَ وارو ٺاھيو ويو ھو. ايتري قدر جو ھن جھاز کي Unsinkable جو لقب ڏنو ويو ھو. يعني ان کي اھڙي نموني سان Buoyancy Tank وغيره ٺاھيو ويو ھو،وجھي جو جھاز کي اونڌو ڪري ھيٺ ٻوڙيو وڃي ھا، تھ بھ مٿي اپڙي سمنڊ جي مٿاڇري تي تري ھا. (اھو ائين آھي جيئن ڪنھن ماڻھوءَ جي پٺ سان ھوا سان ڀريل وڏو ڦوڪڻو ٻڌي ڇڏجي. پوءِ ظاھر آھي تھ ھن کي پاڻيءَ ۾ زور ڏئي اندر ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪبي تھ بھ ھو مٿي تري ايندو) +انھن ڏينھن ۾ پئسي وارن ماڻھن کي جھاز ۾ چڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھو، پر کين ۽ سندن دوستن عزيزن کي اھو ڊپ ٿيندو ھو تھ، ڪٿي جھاز ٻڏي نھ وڃي. اھڙي Scenario (تناظر) ۾ ٽائٽانڪ جھاز جي ٺھڻ وارن ڏينھن ۾ ئي سڀني کي ٻڌايو ويو ھو تھ، انگلينڊ جي جھازران ڪمپني ھڪ اھڙو جھاز ٺاھي رھي آھي، جيڪو ٻوڙڻ سان بھ نھ ٻڏندو. نتيجي ۾ ھن جي Maiden Voyage (پھرين سفر) ۾ ئي دنيا جا اھم ماڻھو چڙھي پيا ۽ مڃون ٿا تھ جھازن جا حادثا ٿيندا رھن ٿا – گھڻو ڪري تڏھن جڏھن جھاز پراڻا ٿين ٿا يا انھن جھازن جا گھڻا حادثا ٿين ٿا، جيڪي سادي مال مان ٺاھيا وڃن ٿا، پر ھن جھاز سان اھي ڳالھيون ھرگز لاڳو نھ ھيون. جھاز سال بھ پراڻو نھ ھو. بلڪھ پھرين Voyage (سفر) تي ئي حادثي جو شڪار ٿي، ٻڏي ويو ھو. جھاز تمام سٺي ��ٽيريل مان ٺاھيو ويو ھو. ھر شيءِ اوچي کان اوچي استعمال ٿيل ھئي، پر ھن جھاز ۽ ان ۾ چڙھيل مسافرن جي قسمت ئي اھڙي ھئي جو غلط نموني سان سامان رکڻ ڪري اٿلڻ يا ڪنھن ٻئي جھاز سان ٽڪرائجڻ بدران، ھڪ برف جي ڇپ (Ice berg) سان وڃي لڳو. +برف جون ڇپون Ice berg +دنيا جي اتر قطب (توڙي ڏکڻ قطب) ڏي جيترو ويجھو وڃبو، اوتري گھڻي ٿڌ ملندي. آخر اھڙو ھنڌ شروع ٿي ويندو، جتان کان وڌيڪ اڳيان سخت سيءَ ڪري سڄو سمنڊ برف وانگر ڄميل ملندو. اونھاري جي موسم ۾ سمنڊ جا ڪجھھ برفاني حصا باقي کان ڇڄي ڌار ٿي، پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳندا آھن. اتر ناروي ۽ ڪئناڊا پاسي جھاز ھلائيندي برف جون اھي ڇپون (آئيس برگ) نظر اينديون آھن. اھي آئيس برگ ڪافي وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي تھ جھاز کان بھ ٻيڻا ٽيڻا وڏا ٿين ٿا، پر تعجب جي اھا ڳالھھ آھي تھ سمنڊ جي مٿان نظر ايندڙ ھي آئيس برگ سڄي آئيس برگ جو فقط ھڪ حصو ھوندا آھن. جيئن جھاز جيترو نظر اچي ٿو، اوترو سمنڊ اندر بھ ٿئي ٿو. اھڙيءَ طرح نظر ايندڙ ھيءَ ”برف جي ڇپ“ اصل ۾ ”آئيس برگ“ جي فقط Tip (ذرڙو) ٿئي ٿي، باقي ان جو اٺوڻ يا نائوڻ جيترو حصو سمنڊ اندر ٿئي ٿو. ان ڪري ھنن آفت جيڏن آئيس برگس سان پاڻيءَ جو جھاز ٽڪرائجي تباھ ٿي سگھي ٿو. +· ناٽ: سمنڊ تي ھلندڙ جھاز جي رفتار جو يونٽ ناٽ (Knot) آھي. ھڪ ناٽ معنيٰ ”ھڪ ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ“ رفتار. ڪنھن جھاز جي رفتار 25 ناٽ آھي، معنيٰ ھڪ ڪلاڪ ۾ پنجويھھ ناٽيڪل ميل ھلي ٿو. +· ناٽيڪل ميل: ناٽيڪل ميل زمين جي عام ميل کان ڪجھھ وڏو ٿئي ٿو. ھڪ ناٽيڪل ميل دراصل ھڪ ”منٽ“ آھي، جيڪو حسابن يا جاگرافيءَ جو شاگرد تھ چڱيءَ ريت سمجھي ٿو، پر ھڪ عام ماڻھوءَ جي ڄاڻ لاءِ عرض آھي تھ ھر گول دائري کي 360 ڊگريون ٿين. ان جو مثال ائين سمجھي سگھجي ٿو تھ جيڪڏھن ھڪ گدري جون 360 ھڪ جيڏيون ڦارون ھجن (جيڪو ڪم آھي تھ ڏکيو پر سمجھو تھ ڪا اھڙي وڏي شيءِ آھي، جنھن جون سولائي سان ڪري سگھجن) تھ ھر ڦار جي وچ واري ٻاھرين ويڪر ھڪ ڊگري مفاصلو ٿيو. ھاڻي ان کي وري سٺ حصن ۾ ورھائجي تھ ھر حصي جي ويڪر ھڪ منٽ ٿيو. ڌرتي بھ ھڪ گدري مثل آھي، جنھن جون (360 x×60) يعني 21600 ڦارون ڪجن تھ ھڪ ڦار جي ٻاھرين وچ واري (يعني خط استوا واري حصي جي) ويڪر ھڪ منٽ ٿي ۽ اھو مفاصلو يعني ھڪ منٽ دراصل ھڪ ناٽيڪل ميل ٿيو. ٻين لفظن ۾ خط استوا (Equator) وٽ ڌرتيءَ جو گھيريو ايڪيھھ ھزار ڇھھ سؤ ناٽيڪل ميل آھي. پر ان ساڳي گھيري تي جيڪڏھن ڪار ھلي تھ ان جو ميٽر 25000 کن ميل رڪارڊ ڪندو. يعني ناٽيڪل ميل Statue (زمين تي ماپڻ واري) ميل کان وڏو ٿيو. +· خط استوا: خط استوا (Equator) اھا خيالي ليڪ آھي، جيڪا دنيا جي پوري وچ تان لنگھي ٿي ۽ ڌرتيءَ کي ٻن ھڪ جيڏن حصن ۾ ورھائي ٿي. + + +ٽائٽانڪ جھاز +ويھين صديءَ جي شروع ٿيڻ وارن ڏينھن جي سامونڊي نظاري جو تصور ڪجي تھ، ڪاٺ جي وڏين ٻيڙين سان گڏ ڪيترا ئي وڏي سائيز جا لوھي جھاز، دنيا جي سمنڊن ۾ ھلڻ شروع ٿي ويا ھئا ۽ سامان (Cargo) وارن جھازن کان علاوه مسافر کڻڻ وارا ”پئسينجر جھاز“ بھ ھلڻ شروع ٿي ويا ھئا، جيڪي مسافرن کي يورپ کان يورپ کڻي وڃڻ کان علاوه آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي سير ۽ تفريح لاءِ کڻي ويندا ھئا. ھوائي جھاز تھ اڃا نڪتا نھ ھئا، جن ۾ ماڻھو ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ وڃن. ان ڪري غريب توڙي وڏا ماڻھو پاڻيءَ جي جھازن ۾ سفر ڪندا ھئا ۽ سچ تھ انھن ڏينھن ۾ پاڻيءَ جي جھازن (Passenger Ships) جو وڏو اوج ھو ۽ انھن جھازن تي سير ڪرڻ وڏي ڳالھھ (Status Symbol) سمجھيو ويو ٿي. دنيا جا امير ماڻھو، حسين فلم ائڪٽريسون، حاڪم، راجا، ڳائڻا، رانديگر، ھيرن جا واپاري، وڏا جاگيردار پنھنجين محبوبائن يا آل عيال سان گڏ پاڻيءَ جي جھاز تي سفر ڪندا ھئا. انھن جھازن کي ھلائڻ وارن جي بھ وڏي لئھ ھئي، جو انھن کي سفر دوران وڏين ۽ اھم شخصيتن سان ملڻ جو موقعو مليو ٿي. (اسان تھ جڏھن جھاز ھلائڻ شروع ڪيا تھ ھوائي جھاز ايترا گھڻا، ايترو وڏا، ايترو تيز رفتار ۽ گھٽ ڀاڙي وارا ھلڻ لڳا جو آھستي آھستي مٿي ذڪر ڪيل اھم شخصيتن پاڻيءَ جي جھاز تي چڙھڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ وقت پوري ٿيڻ تي ڳريل يا ٻڏي ويل جھازن جي بدران نون جھازن جنم وٺڻ ڇڏي ڏنو. ظاھر آھي، مالڪن ڏٺو تھ وڏا (امير) ماڻھو ھاڻ پاڻيءَ جي جھاز ۾ چڙھن ئي ڪونھ ٿا، وڌيڪ مسافر جھاز ٺھرائڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ۽ ھاڻ تھ اھڙي حالت آھي جو ڪراچي ۽ ڪلڪتي جي بندرگاھ ۾ ڪم ڪندڙ ڌمالي يا نيوڪئسٽل ۽ ڪيپ ٽائون جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ بھ ھوائي جھاز ۾ ئي سفر ڪن ٿا) بھرحال! ويھين صديءَ جي شروعات ۾ پاڻيءَ جي جھازن جي بلي بلي ھئي. ڪنھن ڪمپنيءَ جو ھڪڙو جھاز ھليو پئي تھ، ھن ٻئي جھاز کي بھ ٺھرائڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو ٿي. ھڪ پراڻو ٿي پنھنجي مقرر حياتي ختم ڪئي ٿي تھ، مالڪن ان ھڪ بدران ٻھ مسافر ٺھرايا ٿي، جو ڏينھون ڏينھن سير يا سفر ڪرڻ وارن سياحن ۽ مسافرن جو تعداد وڌي رھيو ھو. وڏيءَ ڪمائيءَ کان علاوه جھازران ڪمپنين ۽ مالڪن جي وڏي لئھ ۽ ناموس ھئي. جھاز سڙھن (Sails) تي ھلڻ بدران ٻاڦ تي ھلندا ھئا. يعني ھوا ۽ سامونڊي لھرن جي رحم وڪرم تي ڀاڙڻ بدران، جھاز ھلائڻ واري طاقت ٻاڦ ھٿ ۾ ھئي. جھاز جي جنھن وقت وڻي رفتار گھٽائي وڌائي سگھجي ٿي ۽ جھاز کي ساڄي کاٻي موڙڻ پڻ آسان ٿي پيو ھو. +جھاز جو پنکو (Propeller) جنھن جي ھلڻ سان جھاز اڳتي وڌي ٿو، ٻاڦ تي ھلندڙ اسٽيم انجن (يعني پسٽن ۽ سلينڊر واري انجن) يا ٽربائين (جھجھن پرن واري پنکي تي ٻاڦ جو ڦوھارو ھڻي ھلائڻ واري مشين) ذريعي ھلايو ويو ٿي. (پوءِ ٻن ٽن ڏھاڪن سالن بعد ڊيزل انجڻ بھ عام ٿي وئي، جنھن ۾ تيل سنئون سڌو سيلينڊر اندر وجھي ساڙيو ويو ٿي ۽ ڌار ٻاڦ ٺاھڻ وارن بئالرن جي تڪليف کان بچاءُ ٿي ويو) +ويھين صديءَ جي انھن شروعاتي سالن ۾ (جڏھن ٽائٽانڪ جھاز جنم ورتو ھو) پئسينجر (مسافر) جھاز کان ٻھ ڪمپنيون تمام مشھور ھيون: وائيٽ اسٽار (سفيد تاري واري) ڪمپني ۽ ڪنارڊ (Cunard) جنھن جا راڻي ايلزبيٿ ۽ ميري نالي جھاز ھينئر بھ ھليا پئي. +ٻئي جھازران ڪمپنيون انگلينڊ جون ھيون ۽ ٻنھي جو پاڻ ۾ وڏو مقابلو ھليو ٿي. ھر ھڪ چاھيو ٿي تھ ھن جا مسافر کڻڻ وارا جھاز ٻي ڪمپنيءَ کان وڏا ھجن، سھڻا ھجن، تکا ھلندڙ ھجن ۽ سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ وڏيءَ سلامتيءَ وارا ھجن ۽ ھر وڏو ماڻھو ان ڪمپنيءَ جي جھازن ۾ چڙھي. جھاز تي پھرين فقط مسافرن جي رھڻ لاءِ ھنڌ بسترا ھئا. ھنگڻ مٽڻ لاءِ جھاز جي ڇيڙي تي تڏھن تونئرين جي اڏاوت ھوندي ھئي، جتي وڃي ھرڪو فارغ ٿي ايندو ھو. نھ ڪموڊ، نھ پائيپ، نھ گٽر سسٽم، نھ ڇڪڻ جي زنجير، ھر ڪم ڊائريڪٽ ھو. يعني مٿي مسافر سوراخ واري تختي تي ويٺو آھي ۽ ھيٺان سمنڊ پيو وھي. پر پوءِ تھ سائين جيئن جيئن مسافرن جو معيار ۽ ٽڪيٽ جو اگھھ وڌندو ويو تھ جھاز بھ ان مطابق اعليٰ کان اعليٰ ٿيندا ويا. سڀني مسافرن کي ڳاھٽ ڪري ھڪ ڊيڪ تي رھائڻ بدران، جھازن تي ٽي ٽي چار چار ماڙيون ٺھي ويون، جن تي اڪيلن لاءِ، جوڙن جوڙن لاءِ ۽ ٻارن ٻچن سان رھڻ وارن لاءِ خوبصورت ڪمرا ۽ اٽيجڊ باٿ ٺھي ويا. مسافرن جي سھوليت ۽ وندر لاءِ جھازن تي ڪلب، سئمنگ پول، راندين جا ميدان ۽ ڪمرا، ھوٽلون ۽ انھن ۾ ناچ گاني جي بندوبست لاءِ خوبصورت ڳائڻيون ۽ خذمتگار ڇوڪريون رکيون ��يون. فرانس، اٽلي، اسپين وارن جا جھاز پڻ دنيا جي سمنڊن تي ھليا پئي، پر وڏي لئي انگلينڊ وارن جي ھئي، جنھن جي بادشاھ يا راڻي جي حڪومت ڌرتيءَ جي چوڌاري ھئي ۽ جنھن جي حڪومت جي سج لھڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ٻيا مسافر تھ ٺھيو، سندن ملڪ جا انگريز ئي ايترا ھئا، جو ھنن جا جھاز مسافرن سان ھر وقت ٽٻ ٿي ٿي ھليا. ھر ڪمپنيءَ جڏھن نئون جھاز ٿي ٺھرايو تھ پھريان کان بھتر ٿي ٺھرايو ۽ خاص ڪري سندس مقابلي جي ڪمپنيءَ جي جھازن کان تھ ھر صورت ۾ گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاھيو. +1907ع ۾ ڪنارڊ ڪمپنيءَ ٻھ تمام وڏا ۽ تيز رفتار مسافر جھاز ھلائڻ شروع ڪيا. ھڪ ٻٽيھھ ھزار ٽن وزني (ھڪ ٽن ۾ اٺاويھھ مڻ ٿين ٿا) ”لوسيتانيا“ نالي ۽ ٻيو ٽيٽيھھ ھزار ٽن وزن جو ”موريطانيا“ نالي جھاز. ٻنھي جھازن تي ٻاڦ وارا ٽربائين لڳل ھئا. جھاز ٺھرائڻ وقت مالڪن پنجويھھ ناٽ رفتار لاءِ آرڊر ڏنو ھو، پر پوءِ ٺھي راس ٿيڻ مھل ورتل چڪاس (Trial) ۾، توڙي بعد ۾ ان کان بھ گھڻي رفتار سان ھليا ٿي. ڪنارڊ (Cunard) ڪمپنيءَ جي انھن جھازن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، مخالف ڪمپني ”وائيٽ اسٽار“ ان کان بھ وڏا اٽڪل چاليھھ ايڪيتاليھھ ھزار ٽن وزن جي ٽِن جھازن جو آرڊر ڏنو، پر ھنن جي رفتار ٿوري گھٽ ٻاويھھ ناٽ کن رکرائي. اھي ٽي جھاز ھئا: اولمپڪ، ٽائٽانڪ ۽ جائگئنٽڪ (Giagantic). جائگئنٽڪ جھاز جو نالو بعد ۾ بدلائي برٽانڪ (Brittanic) رکيو ويو. برٽانڪ جھاز ٺھڻ بعد وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پاڻ ھلائڻ بدران وڪڻي ڇڏيو ۽ مسافر جھاز ٿي ھلڻ بدران اسپتال ٿي ھليو ۽ ڪجھھ سالن بعد ڀؤنج سمنڊ (Mediterranean) ۾ مائين (Mine) يا ٽارپيڊو لڳڻ ڪري ٻڏي ويو. +اولمپڪ جھاز جنھن 1911ع ۾ ھلڻ شروع ڪيو، ڇھھ ست مھينن بعد (1912ع جي شروع ۾) انگلينڊ نيوي جي ھڪ جنگي جھاز سان ٽڪرائجڻ ڪري ڌڪجي پيو ۽ مسافر کڻڻ بدران خشڪ گوديءَ ۾ مرمت لاءِ ڇھھ مھينا کن اچي بيٺو. ھي اھو وقت ھو جو جھاز جي مرمت پوري ٿيڻ تائين جھاز جي مالڪن، ھن جھاز تان ڪئپٽن (اي، جي، سمٿ)، چيف آفيسر ۽ ٻين کي اولمپڪ جھازن تان بدلي ڪري ٽائٽانڪ جھاز ھلائڻ لاءِ موڪليو، جن بدقسمتيءَ سان پھرين ئي سفر ۾ جھاز کي ٻوڙيو ۽ ٻڏڻ وقت اولمپڪ جھاز جي مرمت مڪمل ٿي چڪي ھئي ۽ ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن کي جن جھازن بچايو، اولمپڪ انھن مان ھڪ ھو. +ھر نئون جھاز ٺھي راس ٿيڻ مھل چڪاس خاطر کلئي سمنڊ ۾، ھر رفتار ۽ ھر نموني سان ھلايو ويندو آھي تھ، ڪٿي ڪو نقص تھ نھ رھجي ويو آھي. انگلينڊ جي ”ھارلئنڊ ۽ وولف“ جھازساز ڪمپنيءَ بيلفاسٽ شھر ۾ 3 مئي 1911ع تي ھن جھاز يعني ٽائٽانڪ جھاز جو لوھي ڍانچو مڪمل ڪري، خشڪي تان ترڪائي پاڻيءَ ۾ آندو. ان بعد ڏھھ يارھن مھينا کن ان ۾ جھاز جو پنکو ھلائيندڙ انجڻ ٽربائين ۽ ٻيون مشينون لڳنديون رھيون. ڪمرا، ھوٽلو ۽ ان ۾ استعمال ٿيڻ جو فرنيچر ۽ ٻيو سامان ٺھندو رھيو. ٻي اپريل 1912ع تي صبح جو ڇھين بجي ٽائٽانڪ آخري چڪاس (Sea Trial) لاءِ جھاز جي مالڪن، جھاز ھلائيندڙن ۽ جھاز ٺاھيندڙن سان گڏ بيلفاسٽ بندرگاھ مان نڪتو. ھر شيءِ کي چيڪ ڪيو ويو ۽ شام جو وري بندرگاھ ۾ آيو، جتي جھاز ٺاھيندڙ مستري مزور لٿا ۽ جھاز مالڪن حوالي ڪيو ويو. +نئون جھاز مالڪن حوالي ڪرڻ بعد بھ ھڪ ٻھ ماڻھو، جھاز +ٺاھيندڙ ڪمپني، ان جھاز تي سال کن لاءِ رکندي آھي، جيئن ڪا ڪمي پيشي ھجي تھ اھي درج ڪندا رھن. سو ھارلئنڊ ۽ وولف جھاز ساز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿامس (جنھن ھي جھاز ٽائٽانڪ ڊزائين ڪيو ھو) جھاز تي ئي ترسي پيو، جنھن کي ھاڻ مسافر کڻي نيويارڪ وڃڻو ھو. (جھاز جي حادثي ۾ اھو ايم ڊي ۽ ڪجھھ ٻيا شپ يارڊ جا انجن��ئر پڻ فوت ٿي ويا) +بيلفاسٽ مان نڪرڻ بعد جھاز سائوٿمپٽن جي بندرگاھ ۾ پنھنجي پھرين سفر (Maiden Voyage) جي تياري لاءِ آيو. ظاھر آھي جھاز ٺاھڻ وارا فقط جھاز ٺاھي ڏيندا – تيل پاڻي، کاڌو پيتو، ھنڌ بسترا تھ نھ ڏيندا. اھي شيون مالڪ يا انھن جا نمائندا: جھاز ھلائيندڙ آفيسر يا جھاز جو ڪاروبار ھلائيندڙ ايجنسي وٺندي آھي. انھن ڏينھن ۾ جھاز تي ٻارڻ لاءِ تيل بدران ڪوئلو استعمال ٿيندو ھو. انگلينڊ ۾ ڪوئلو جام آھي پر ٽائٽانڪ جھاز جي بدقسمتي چئجي، جو انھن ڏينھن ۾ ڪوئلي وارن جون اسٽرائيڪون ھلي رھيون ھيون ۽ پوءِ بندرگاھ ۾ بيٺل وائيٽ اسٽار جھازران ڪمپنيءَ جي ٻين جھازن کان ٿورو ٿورو ڪوئلو اوڌر تي وٺڻو پيو. پوءِ بھ جيترو ڪوئلو کتو ٿي، اوترو ملي نھ سگھيو ۽ ٽائٽانڪ کي گھٽ ڪوئلو کڻي Sail ڪرڻو پيو. +جھاز جي لنگر کڻڻ ۽ سائوٿمپٽن بندرگاھ ڇڏڻ جي تاريخ اربع ڏينھن 10 اپريل (1912ع) مقرر ڪئي وئي ھئي ۽ وقت اندر مسافر ۽ مال جھاز تي چڙھي ويو. ڪابھ اھڙي تھڙي ڳالھھ نھ ٿي. جملي ٻھ ھزار ٻھ سؤ پنجٽيھھ مسافر چڙھيا، جن ۾ 337 فرسٽ ڪلاس جا، 271 سيڪنڊ ڪلاس جا، 712 ٿرڊ ڪلاس جا ۽ جھاز ھلائيندڙ ۽ ٻيو عملو 915 ڄڻا ھئا. مسافرن ۾ چون ٿا تھ ڪيترا ئي امير ماڻھو ھئا. ڏھھ کن تھ ڪروڙ پتي آمريڪن ھئا، جيڪي انگلينڊ گھمڻ بعد ھاڻ پنھنجي ملڪ آمريڪا موٽي رھيا ھئا. باقي ماڻھو مشھور شخصيتون ائڪٽر، ائڪٽريسون، سياستدان، وڏين نوڪرين وارا، سرڪاري ڪامورا ۽ واپاري ھئا. انھن مسافرن ۾ اولمپڪ جھاز جا بھ مسافر ھئا، جنھن جو جنگي جھاز سان ٽڪر ٿي پيو ھو ۽ مرمت ھيٺ ھو ۽ ڪجھھ مسافر ساڳيءَ ڪمپنيءَ جي ھڪ ٻئي جھاز ”اوشنڪ“ جا بھ ھئا، جنھن جھاز ڪوئلو نھ ملڻ ڪري پنھنجو نيويارڪ وڃڻ جو سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو ھو. مسافرن کان علاوه جھاز تي ٽپال جا ٽي ھزار کن ٿيلھا، ڇھھ ھزار ٽن ٻارڻ ۽ ٻاڦ ٺاھڻ لاءِ ڪوئلو ۽ مسافرن جو ھزار کن ٽن سامان ۽ ڪارگو ھو. چيو وڃي ٿو تھ جھاز تي چڙھيل مسافرن جي سامان ۾ ڪيترا ئي قيمتي ھيرا جواھر ۽ ڳھھ ڳٺا ھئا. (پر سخت ڳولا بعد بھ ايتري مال ملڻ جي پڪ ٿي نھ سگھي آھي، جو ٻڏل جھاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪائي ٻاھر ڪڍائڻ جو خرچ ڪجي) +ٽائٽانڪ جھاز جو سائوٿمپٽن مان نڪرڻ بھ حادثي کان خالي نھ رھيو. ٽگن کيس ڇڪي بندرگاھ کان ٻاھر ڪڍيو ۽ ھاڻي پنھنجي انجڻ ذريعي رفتار وڌائي رھيو ھو تھ (اتي چئنل ۾ ئي آمريڪن لائين ڪمپني جو ”نيويارڪ“ نالي بيٺل جھاز ڀرسان اچي لنگھيو. سوڙھي چئنل مان ٻن جھازن جي چوچ ۾ اٿيل لھرن ”نيويارڪ“ جھاز کي ڍڪي طرف کڻي ڌڪو ڏنو ۽ ھن جا پويان رسا ڇڄي پيا. ٽائٽانڪ جھاز يڪدم کڻي پنھنجي انجڻ بند ڪئي ۽ ”نيويارڪ“ جھاز سان ٽڪرائجڻ کان بچي ويو. بھرحال! اتان نڪرڻ بعد ٽائٽانڪ جھاز چربورگ ۽ پوءِ ڪئنس ٽائون (آئرلينڊ) پھتو، جتي ڪجھھ مسافر لٿا ۽ ڪجھھ چڙھيا ۽ پوءِ خميس ڏينھن (11 اپريل 1912ع) منجھند جو ٻي وڳي ڪئنس ٽائون (Queens Town) کان نيويارڪ ڏي روانو ٿيو. +برطانيھ ۽ نيويارڪ (آمريڪا) جي وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آھي ۽ اڄ بھ ان رفتار وارا جھاز چئن پنجن ڏينھن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪريو، ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃيو نڪرن. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو تھ نيويارڪ ۽ انگلينڊ (برطانيھ) آمھون سامھون لڳن ٿا، پر اھو ائين ڪاغذ جي نقشي تي لڳي ٿو. ڌرتي ڪاغذ وانگر سڌي ناھي، پر بال وانگر گول آھي. ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرڻ لاءِ ڪجھھ گولائي وٺڻي پوي ٿي. حقيقت ۾ ٽائٽانڪ جي ڏينھن کان وٺي – بلڪھ ان کان بھ اڳ کان انگلينڊ کان آمريڪا وڃڻ لاءِ، ٻھ ٽي رستا عام ھئا، ۽ اڄ بھ اھي ئي اختيار ڪيا وڃن ٿا. انھن مان ھڪ Great Circle وارو رستو سڏجي ٿو، جنھن ۾ ٿورو اتراھون پاسو ڏئي، سمنڊ پار ڪرڻ ۾ سمنڊ اندر ڇوليون (ڪرنٽ)، ڪن ۽ سمنڊ مٿان لڳندڙ ھوائون جھاز لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ بھتر رفتار ۽ گھٽ لوڏن سان جھاز دنيا جي ٻئي پاسي کان وڃيو نڪري. ٽائٽانڪ جھاز بھ اھو ئي رستو ”گريٽ سرڪل“ وارو ورتو ۽ جنھن رستي جھاز Fastnet Rock نالي ٻيٽ (42oN, 47oW) کان لنگھي Nantucket ٻيٽ وٽان ٿي، نيويارڪ پھچي ٿو. اھو روٽ اتر قطب واري برفاني علائقي کان ٻاھر آھي، پر بھرحال ڪن ڪن ھنڌن تي سال جي ھنن ڏينھن ۾ برف جون ڇپون Ice berg نظر اچن ٿيون. +خميس ڏينھن ٻي بجي ڌاري ھي ٽائٽانڪ جھاز آئرلينڊ جي شھر ڪئنس ٽائون مان نڪتو. شام جو ڊنر تي سڀني مسافرن کي ھڪ ٻئي سان ملڻو ھو. وائيٽ اسٽار ڪمپني اعليٰ مسافرن ۽ اوچي کاڌي کان مشھور ھئي. سڀ مسافر سٺا ڪپڙا پائي، رات جي مانيءَ تي آيا. کاڌي جي دوران ملڪ جي بھترين بئنڊ ميوزڪ وڄائيندي رھي. جھاز جو ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر مسافرن سان مليا ۽ خبر چار ڪيائون. کاڌي بعد شراب ۽ ڊانس پارٽي ھلندي رھي. موسم صاف سٿري ھئي، سو جھاز کي لوڏا نھ پئي آيا. پر جي اچن بھ ھا تھ بھ مسافرن جي خوشين ۾ ڪو فرق نھ اچي ھا، ڇو جو جھاز ھلائيندڙن ۽ جھاز ۾ چڙھيل مسافرن کي خبر ھئي تھ، وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پنھنجي ڪمپني ۽ ملڪ جو نالو ۽ ساک مٿاھين رکڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري ھي جھاز اھڙو ٺھرايو آھي، جنھن جي ست اٺ مختلف حصن مان ڪنھن ۾ بھ جيڪڏھن پاڻي ڀرجي وڃي، تھ بھ ھي جھاز ھرگز ٻڏي نٿو سگھي. ھڪ حصو تھ ٺھيو، پر ٽي حصا ڦاٽي پون ۽ پاڻي انھن سڀني ۾ ھليو وڃي (جيڪو آھي تھ ناممڪن ڇو جو ڪو ٻيو جھاز پاسي کان اچي ٽڪر ھڻندو تھ بھ فقط ھڪ حصو ڦاٽي پوندو ۽ ان ۾ ئي پاڻي ڀرجي سگھندو. سو جي ٻھ ٽي حصا بھ ڦاٽي پون) تھ بھ جھاز ٻڏي نھ سگھندو ۽ واقعي اھا حقيقت آھي جو ان ۾ بيانسي (Bouyancy) جو حساب ڪتاب ڪجھھ ان ريت رکيو ويو ھو. (اھو حساب ائين آھي، جيئن لوھي دٻي جي تر ۾ ھڪ وڏو ڦوڪڻو ھوا سان ڀري ٻڌي ڇڏجي، پوءِ ان کي ڪنن تائين پاڻيءَ سان تار ڪبو، تھ بھ اھو دٻو پاڻيءَ ۾ اندر ٻڏي نھ سگھندو. سو ٽائٽانڪ ۾ بھ اھڙو حساب رکيو ويو ھو ۽ ٻھ ٽي حسا پاڻي ڀرجڻ تي اھو ڪجھھ ھيٺ ٿي سگھيو ٿي، پر ٻڏي نٿي سگھيو. شايد ان ”حد کان وڌيڪ“ ڀروسي ڪري (يا اڃا پھريون ڏينھن ھجڻ ڪري) جھاز ٻڏڻ تي جھاز ۾ رکيل Life Boats (ٻيڙيون) بھ چڱيءَ طرح نھ ڏٺيون ويون ھيون ۽ اھو ئي سوچيو پئي ويو تھ جڏھن جا مينھن تڏھن جون چڪون. جڏھن جھاز ٻڏندو، تڏھن ڏٺو ويندو ۽ ھينئر ڪھڙو ٿو ٻڏي. +ڪنھن کي ڪھڙي خبر تھ قسمت ۾ ڇا لکيل آھي؟ اھو جھاز جنھن جي ٺھڻ وقت کان سڄي دنيا کي ٻڌايو پئي ويو تھ، ھي جھاز ٻڏي نھ سگھندو، ٻين لفظن ۾ ٽائٽانڪ جھاز Unsinkable آھي، اھو ائين ٻڏي ويو ڄڻ ڪو خواب ھجي. ھو ڇا چوندا آھن تھ قدرت چاھي تھ ٻڏا ٻيڙا بھ پار اڪاري ڇڏي. پن ٻوڙين پاتال ۾ پھڻ تارين تون وارو حساب آھي. ڪنھن کي خبر تھ جھاز جو ھڪ نھ ٻھ پر ذري گھٽ سڀ حصا ڦاٽي پوندا ۽ جھاز ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويندو. جان بچائڻ لاءِ ٻيڙين جو وڏو تعداد ھوندي بھ مونجھاري ۾ انھن جو چڱيءَ طرح استعمال ٿي نھ سگھندو ۽ ڪيترا مسافر مرڻ گھڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ چرچو سمجھندا رھندا. شايد ھڪ اھو بھ سبب آھي جو ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ ھڪ اھم خبر ۽ واقعو چيو وڃي ٿو ۽ ٽائٽانڪ کي وڏي اھميت ڏني وئي آھي، نھ تھ پاڻيءَ وارا جھاز تھ اڄ ڏينھن تائين ڪيترا ئي ٻڏندا رھن ٿا. +عام طرح جھازن جي ٻڏڻ جا ڪجھھ سبب ھي آھن: +1. جھاز پراڻو ٿي وڃي. ڏھھ پندرھن سال سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ رھڻ ڪري ڪٽ لڳڻ سبب ان جون لوھي پليٽون ڳري سڙي وڃن ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن اوچتو سمنڊ جي تکي ڇول ۾ جھاز جي پاسن يا تري جون ڳريل چادرون اکڙي وڃن ۽ سمنڊ جو پاڻي اندر گھڙي وڃي. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ کان پوءِ جيڪي سخت قائدا ٺاھيا ويا، انھن موجب جھاز جون لوھي چادرون ٿلھيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون ۽ ھر پنجين پنجين سال ھڪ ھڪ پليٽ جي چڪاس ڪئي وڃي ٿي ۽ ٿورو ئي ڳرڻ تي ان جو وڏو حصو ڪٽي، نئين پليٽ لڳائي وڃي ٿي. اڄڪلھھ ان سبب ڪري گھٽ جھاز ٻڏن ٿا، پر ٽائٽانڪ وارن ڏينھن ۾ اھي حادثا عام ھئا. +2. جھاز جو ٽڪر ٿيڻ تي ڀڄي پوڻ ۽ پاڻيءَ جي اندر گھڙي اچڻ ڪري ٻڏي وڃڻ. اھو ٽڪر سامھون ايندڙ ٻئي جھاز سان بھ ٿي سگھي ٿو. کاٻي يا ساڄي کان ايندڙ جھاز پاسو چيري سگھي ٿو. سامھون ڪنھن ٻيٽ تي جھاز چڙھي وڃي ۽ سندس سڄو ترو رھڙجي وڃي. سامھون سمنڊ اندر يا ڪجھھ ٻاھر نڪتل ٽڪريءَ سان وڃي لڳي. برف جي ڇپن سان لڳڻ ڪري جھازن جو ڀڄي پوڻ پڻ ھڪ عام ڳالھھ ھئي، جيئن ٽائٽانڪ جھاز جو سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي ڇپ (Ice berg) سان ٽڪر ٿيڻ ڪري حادثو ٿيو ۽ قسمت جي بدنصيبي اھا تھ ان برف جي ڇپ جي موجودگيءَ جي اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي ھئي ۽ جھاز ھلائڻ واري نيويگٽر (فرسٽ آفيسر) ٽائٽانڪ کي ان ترندڙ برف جي جبل کان جھاز کي ذري گھٽ پاسو ڪرائي ورتو ھو. پر پري ٿيندي ٿيندي جھاز جو سڄو ساڄو پاسو (جنھن کي جھازي زبان ۾ اسٽار بورڊ سائيڊ سڏجي ٿو) برف جي ڇپ (Ice berg) سان اھڙو تھ بريءَ طرح رھڙيو، جو ٽائٽانڪ جھاز جي ان پاسي جون سموريون لوھي چادرون ڇوڏن وانگر چيرجي ويون ۽ پاڻيءَ اندر ڌوڪي پيو. +جھاز ھلائيندڙ جيتوڻيڪ سمجھي ويا تھ جھاز جي پاسي کي نقصان رسيو آھي، پر ھنن کي ايڏي پرواھ نھ ھئي جو جھاز جيڪو ڇھن ستن حصن ۾ ورھايل ٿئي ٿو، ان جي ھڪ حصي ۾ پاڻي اچڻ ڪري ٿورو چٻو (پاسيرو) تھ ضرور ٿئي ٿو، پر ٻڏي نٿو ۽ ٽائٽانڪ جھاز تھ اھو اڻ ٻڏندڙ (Unsinkable) جھاز ٺاھيو ويو ھو جنھن کي اھڙا برف جا جبل يا جھاز ھڪ بدران ٻھ ٽي اچي پاسي کان ٽڪر ھڻن ۽ جھاز جا اھي ٻھ ٽي حصا پاڻي سان ڀرجي وڃن، تھ بھ جھاز ٻڏي نھ سگھي! پر قدرت کي تھ ڪجھھ ٻيو ئي منظور ھو. جيئن چوندا آھن تھ، ’بندي جي من ۾ ھڪڙي رب جي من ۾ ٻي‘ يعني Man proposes God disposes وارو حساب ھو. جھاز ٺاھيندڙن يا ھلائيندڙن اھو سوچيو بھ نھ ھو تھ، ھڪ ئي برف جي ڇپ جھاز جي پاسي سان اھا ويڌن ڪندي جو ٻھ يا ٽي بم بھ نھ ڪري سگھن. جيئن جيئن جھاز ۾ پاڻي ڀربو ويو، جھاز سمنڊ ۾ ويو ٻڏندو. جھاز ھلائيندڙن توڙي مسافرن جا ھوش خطا ٿي ويا. بلڪھ سندن ھوش تھ پھرين ئي خطا ٿيل ھئا، جو شام واريءَ پارٽيءَ ۾ سڀ پي اھڙو مست ۽ بي اونو ٿي ويا ھئا جو کين سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ڇا وھي واپري رھيو آھي ۽ پوءِ جيئن جيئن حالتن جو جائزو وٺڻ لڳا تھ ڊيڄاريندڙ صورت سندن اکين آڏو اچڻ لڳي تھ مار! جھاز جو ھڪ يا ٻھ حصا نھ، پر پنج ڇھھ ئي حصا ڦاٽي پيا آھن ۽ جھاز پيو وڃي سمنڊ اندر گھڙندو. الو رک ڌڻي! +انھن ڏينھن ۾ پري جي شيءِ ڏسڻ لاءِ فقط دوربين (Telescope) ھوندو ھو. اڄ وانگر رڊار يا ٻيون اھڙيون شيون نھ ھيون، جن سان بند ڪمري اندر ويھي، ٽيھھ چاليھھ ميل پري جون شيون – نھ فقط سمنڊ جي مٿان، پر سمنڊ اندر پڻ ڏسي سگھجن ٿيون. انھن ڏينھن ۾ ھڪ يا ٻھ خلاصي جھاز جي اڳ واري کوھي (Mast) تي مٿي چڙھي، اتان وڃي ڏسندا ھئا تھ سامھون ڪا اھڙي شيءِ تھ نھ اچي رھي آھي، جنھن سان جھاز لڳي ٽڪرائجي پوي. ان کوھي جي چوٽيءَ تي مينھن، جھڙ ۽ سيءَ کان بچڻ ۽ ويھڻ لاءِ ٿوري اڏاوت ٿيل ھوندي آھي، جنھن کي ڪانگ جو آکيرو (Crow’s Nest) سڏبو ھو. ٽائٽانڪ جھاز جي ان ”ڪرو نيس��“ تي ھڪ نھ، پر ھر وقت ٻھ ٻھ ڄڻا Look out (جانچ لاءِ) بيٺا ٿي، جن برف جي ھن ڇپ کي چڱو اڳواٽ ڏسي ورتو ۽ سيٽيون ۽ بيوگل وڄائي ”برج“ تي بيٺل ھمراھن کي سامھون موجود خطري کان آگاھ ڪيو. (جھاز کي جنھن ھنڌ تي بيھي نقشن موجب ھلائجي ٿو، ان کي برج سڏجي ٿو) پاڻيءَ جي جھاز جي اھا خرابي آھي تھ ان کي اڳيان يا پويان تھ ھلائي سگھجي ٿو، پر بريڪ نھ ھجڻ ڪري يڪدم ھڪ ھنڌ بيھارڻ يا اڳيان ھلندڙ جھاز کي بيھاري يڪدم پٺيان نٿو ھلائي سگھجي. ويندي ساڄي يا کاٻي پاسي موڙڻ ۾ بھ وڏي ڪاريگريءَ جي ضرورت پوي ٿي، جو ھڪ آفت جيڏي جھاز کي جيڪو اڌ پاڻيءَ ۾ آھي، اڌ ٻاھر، ان کي موڙڻ وقت رفتار ۽ Momentum کي ڌيان ۾ رکڻو پوي ٿو ۽ ٻيو سمنڊ مٿان ۽ اندر تکيون سامھونڊي لھرون ۽ ھوا جي ڦرندڙ گرندڙ رخ کي پڻ خيال ۾ رکڻو پوي ٿو. جھاز جو ڪئپٽن اي. جي. سمٿ تمام جھونو ڪئپٽن ھو ۽ ھو ھن کان اڳ ٽائٽانڪ جيڏو ئي اولمپڪ نالي جھاز ھلائي چڪو ھو، پر ھن دفعي ماڻھن جو موت لکيل ھو، سو برف جي ڇپ کان بچائيندي بچائيندي بھ، ان سان اھڙو گھڪو ڏياري ويو جو جھاز جي ٻڏڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيو. اھڙيءَ طرح وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جي ٻيڙي (ٽائٽانڪ) ٻوڙي ڇڏيائين. +مٿي ٻڌايل سببن کان علاوه جھاز ٻڏڻ جا ڪجھھ ٻيا بھ ڪارڻ آھن، جھڙوڪ: صحيح طرح سامان نھ رکڻ. ھڪ ٽرڪ کي سڄو بھھ سان ڀري پوءِ مٿان ڪار يا ٽريڪٽر جھڙي ڳري شيءِ رکبي تھ ڇا ٿيندو؟ تيز رفتار ۾ موڙڻ سان ٽرڪ وڃي پٽ تي ڦھڪو ڪندي. اھڙي طرح پاڻيءَ جي جھاز ۾ بھ ھيٺان ھلڪو سامان رکي مٿان ڳرو رکڻ بعد جيڪڏھن سمنڊ يا موسم خراب ملي تھ جھاز وڏي لوڏي بعد واپس سڌو ٿيڻ بدران، اونڌو ٿي ليٽي پوندو يا سامان کي چڱيءَ طرح نھ ٻڌڻ سان بھ جھاز ٻڏي سگھي ٿو. ھونءَ تھ جھاز وارا سامان کي رسين، ڪوڪن ڪلن، ڪاٺ جي چپرن سان اھڙو سوگھو ڪري ٻڌن ٿا، جيئن لڏي نھ سگھي ۽ پوءِ بھ سمنڊ تي صبح شام ان جي چڪاس ڪندا رھن ٿا ۽ ڪابھ رسي يا ڪلو ڍرو ٿيڻ تي سوگھو ڪن ٿا، پر ان معاملي ۾ ٿوري سستي ڪرڻ ۽ ويتر جي سخت طوفان تي رسا ٽٽڻ تي سامان جو تھ نقصان ٿئي ٿو، پر ڪڏھن جھاز بھ ھڪ طرف جھڪي ٻڏيو وڃي، جو سامان جون ھزارين پيتيون، کوکا، دٻا، ڳٺڙيون، ڊرم پنھنجين جاين تان اڇل کايو ھڪ پاسي وڃيو ڍير ٿين ۽ جھاز ان پاسي جھڪيو ٻڏيو وڃي. ٽائٽانڪ جھاز بھ جڏھن سمنڊ ۾ اندر وڃڻ شروع ڪيو تھ گھڻي جھڪاءَ ڪري سامان کلي ان پاسي ھليو ويو ۽ پوءِ ٻڏڻ ۾ وڏي جلدي ڪيائين. +جھاز تي ڪڻڪ، چانور يا ڪو ٻيو ان کڻڻ سان بھ جھاز ٻڏڻ جو خوف رھي ٿو. اناج ۾ پاڻي چوسڻ جي خاصيت آھي ۽ نھ فقط چوسي ٿو، پر اڀامي بھ پوي ٿو. (ٿورا چانور رڌڻ سان ڪيترو گھڻو ڀت ٿئي ٿو) جھازن ۾ ٿورو بھ سيمو (Leakage) ٿيڻ تي سمنڊ جو پاڻي اندر وڃي گڏ ٿيڻ بدران (جنھن کي ٻيءَ صورت ۾ پمپن ذريعي ڪڍي سگھجي ٿو) اناج ۾ جذب ٿيو وڃي ۽ پوءِ اھو اناج ڏينھن ٻن اندر ايڏو اڀاميو پوي، جو ھيڪاندي دٻاءَ ڪري جھاز جون ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ جھاز ٻڏيو وڃي. +باھ لڳڻ ڪري بھ جھاز تباھ ٿيو وڃي، پر افسوس جي اھا ڳالھھ تھ گھڻا جھاز باھ کان نھ، پر باھ وسائڻ کان ٻڏندا آھن. باھ لڳڻ تي ان کي پاڻيءَ جي ڦوھارن سان وسايو وڃي ٿو. جھاز جي چوڌاري پاڻي تھ جام آھي، سو ٿوري ئي ھمت ڪرڻ سان باھ وساميو وڃي ۽ پاڻيءَ کي پوءِ تري مان پمپ ذريعي ڇڪي ٻاھر سمنڊ ۾ واپس اڇلايو ويندو آھي، پر پمپ خراب ٿيڻ يا پائيپ چوڪ ٿيڻ تي اھو باھ جو وسايل پاڻي، اتي ئي رھجي ويندو آھي، جيڪو ھزارين ٽن وزن جو ٿئي ٿو ۽ موسم خراب ٿيڻ تي جھاز جي ٿوري ئي لوڏي تي اھو پاڻي لوڏي واري پاسي لڙھي، جھاز کي ان پ��سي اھڙو جھڪائي ڇڏيندو آھي، جو وري مٿي اڀو ٿيڻ بدران اونڌو ٿيڻ لڳندو آھي. +ھونءَ پاڻيءَ جو جھاز ھوائي جھاز وانگر يڪدم ڦاٽي تباھ نٿو ٿئي. پاڻيءَ وارو جھاز ڪڏھن ڪڏھن ٻڏڻ ۾ ھفتو ھفتو يا مھينو بھ وٺي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن تھ ڏينھن اڌ ۾ ٻڏيو وڃي. جھاز جي ٻڏڻ تي ماڻھن جي بچاءَ لاءِ ھر جھاز تي ٻيڙيون ٿين ٿيون، جن ۾ اھڙن موقعن تي چڙھي پنھنجي جان بچائي سگھجي ٿي. مثال طور: ڪنھن جھاز ۾ مسافرن ۽ ھلائڻ وارن جو ڪل تعداد ٽي ھزار آھي ۽ ھر ٻيڙي ٽي سؤ ماڻھن واري آھي، يعني سڀ ماڻھو چڙھڻ لاءِ ڏھھ ٻيڙيون گھرجن، پر جھاز تي ڏھھ بدران ويھھ ٻيڙيون رکبيون آھن. ڏھ ھڪڙي پاسي تھ ڏھ ٻئي پاسي. ڇو جو ٻڏڻ مھل جھاز جنھن پاسي جھڪندو آھي، ان پاسي جون ٻيڙيون استعمال نھ ڪري سگھبيون آھن، ان ڪري ھر جھاز تي مسافرن جي گھرج کان ٻيڻي تعداد ۾ ٻيڙيون رکيون وڃن ٿيون ۽ ھر ٻيڙيءَ ۾ مسافرن مطابق پاڻي، کنڊ، بسڪيٽ رکيا ويندا آھن، جيڪي ماڻھن لاءِ ٻھ ٽي ڏينھن ھلي سگھن، جيسين ٻڏل جھاز +جي سگنل تي اوسي پاسي کان ويندڙ جھاز بچاءَ لاءِ اچي سگھن. +بھرحال ماڻھن مطابق ٻيڙين جي تعداد تي اڄڪلھھ سختي آھي. باقي ٽائٽانڪ وارن ڏينھن ۾ ڪو قائدو قانون يا وٺ پڪڙ نھ ھئي. جھازن جي مالڪن جي مرضي تي ڇڏيل ھوندو ھو تھ جيئن وڻين تيئن ڪن. ٽائٽانڪ جھاز تي مسافرن جي ٻچاءَ لاءِ ٻيڙيون ضرور ھيون، پر خوف ۽ ھراس ۾ مسافرن توڙي جھاز وارن کي ھوش ئي نھ پئي آيو تھ، ڪھڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترن مسافرن جي ويھڻ جي قوت (Capacity) ۽ کاڌو پيتو (راشن) آھي؟ ھيڏي ھل ھنگامي تي بھ مسافرن کي پھرين سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ڇا ٿي ويو آھي ۽ ڇا ڪرڻ کپي؟ ڪيترن کي تھ خبر ئي نھ پئي تھ بوٽ ڊيڪ (جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙھجي) ڪٿي آھي؟ ۽ شروع جون جيڪي ٻيڙيون لاٿيون ويون، انھن ۾ سؤ يا ڏيڍ سؤ ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش ھئي، پر پنجويھھ ٽيھھ کن ماڻھو مس ويٺا. اڄڪلھھ ھر ٻيڙي (Life boat) تي لکيل ٿئي ٿو تھ، ان ۾ ڪيترن ماڻھن جو راشن آھي ۽ اوترا ويھي سگھن ٿا، پر انھن ڏينھن ۾ ائين نھ ھو. ويندي جھاز جي آفيسرن کي بھ خبر نٿي پئي تھ ڪھڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترا ماڻھو ويھن؟ جھاز کي بھ بندرگاھ مان نڪتي اڃا ڪو ڏينھن ٻھ ٿيو ھو، سو جھاز جي آفيسرن اڃا نھ ڊيوٽيون مقرر ڪيون ھيون (تھ ڪھڙن جھازين کي ڪھڙي ٻيڙي ھلائڻي آھي؟) ۽ نھ مسافرن کي مشق ڪرائي وئي ھئي تھ ڪھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڪھڙا مسافر ويھندا؟ دراصل ھڪ تھ جھاز نئون ٺھيو ھو ۽ ڪنھن ٿي سوچيو تھ پھرين سفر جي شروع ٿيڻ تي ئي ٻڏي ويندو؟ سو بھ ھي جھاز ٽائٽانڪ جيڪو سامونڊي تاريخ ۾ اڻ ٻڏندڙ يعني Unsinkable جھاز ٺاھيو ويو ھو. +بھرحال افراتفري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ٻيڙيون کٽي ويون. ماڻھو رھجي ويا، پر جيترا ماڻھو ھر ٻيڙيءَ ۾ ويھڻا ھئا، اوترا ويھن ھا تھ بھ سڀ مسافر چڙھي نھ سگھن ھا، جو اھي ٻيڙيون اڄ جي قانون مطابق مسافرن ۽ جھاز ھلائيندڙن جو تعداد ڌيان ۾ رکي نھ رکيون ويون ھيون. اڄڪلھھ دنيا جي مسافر توڙي مال بردار جھاز تي جيڪڏھن ٻيڙيءَ ۾ وڌيڪ مسافر ويھڻ جي گنجائش ناھي تھ وڌيڪ ماڻھو جھاز تي سفر ڪري نٿو سگھي. ڀلي جھاز تي ڪيترا ئي ڪمرا خالي پيا ھجن، ڀلي جھاز تي ڪيترو بھ فالتو کاڌو ھجي. ڪناري تي بيٺل جھاز تي ھو ان ۾ رھي ۽ کائي پي سگھي ٿو، پر جھاز ھلڻ مھل فقط اوترا ماڻھو جھاز تي ھلي سگھندا، جيتري Boat Capacity ھجي– يعني جيترا ماڻھو ٻيڙي کڻي سگھي ۽ اوترن ئي ماڻھن جو ان ۾ راشن رکيل ٿئي ٿو، جيڪو ٽئين چوٿين مھيني بدلائي نئون رکبو آھي. +رات جو اٽڪل ساڍي يارھين وڳي ٽائٽانڪ جھاز جو برف جي ڇپ سان ٽڪر ٿيو. اڌ ڪلاڪ ۾ ئي ٻوڙ ٻوڙان جو سلسلو شروع ٿي ويو. سوا ٻارھين بجي کان ٻيڙين ذريعي مسافرن کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو. ٻي بجي ڌاري آخري ٻيڙي لاٿي وئي. ڪجھھ ماڻھن زوري بھ ڪئي، نھ تھ گھڻي ڀاڱي ماڻھن صبر کان ڪم ورتو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي پھرين لھڻ جو موقعو ڏنو ويو. ڪيترن مسافرن ۽ جھاز جي ماڻھن وڏي ھمت سان منھن ڏنو. جھاز جي بئنڊ وارا آخر تائين ڊيڪ تي بيھي ميوزڪ وڄائيندا رھيا. آخري ٻيڙي لھڻ کان پوءِ ڪي پندرھن منٽ رکي جھاز پٺ کان ھيٺ سمنڊ ۾ ڍرڪڻ شروع ڪيو ۽ ويو ھيٺ سمنڊ ۾ پيھندو. ٻين لفطن ۾ پاڻي مٿي چڙھندو آيو. بئنڊ وڄائڻ وارا سڀئي ھمراھ ان ئي جذبي سان بئنڊ وڄائيندا رھيا. آخر ۾ ھو ھر وقت Nearer my God to Thee وڄائيندا رھيا. پاڻي ھنن جي پيرن ھيٺان ٿيندو گوڏن تائين پھتو ۽ پوءِ مٿي ڇاتيءَ تائين، ھو اٺ ئي ڄڻا ائين ئي بيٺا رھيا، تان جو پاڻي ھنن جي مٿان وري ويو ۽ جھاز سان گڏ ھي بئنڊ وارا ۽ ٻيا بچيل ماڻھو ٻڏي ويا، جن جو تعداد گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ ھزار ٿيندو. +ٽائٽانڪ جھاز يا ڪوبھ پاڻيءَ جو جھاز جڏھن ٻڏي ٿو يا ان کي باھ ٿي لڳي ۽ جھاز ھلائيندڙ اھو سمجھيو وڃن تھ ھن جھاز جو ھاڻ بچڻ ڏکيو آھي، تھ پوءِ جھاز کي ڇڏڻ (Abandon ڪرڻ) ئي بھتر آھي. ان لاءِ بيوگل، سيٽي يا لائوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان ڪيو وڃي ٿو تھ، ھاڻي جھاز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران فقط ضروري ڪاغذ پٽ کڻي گرم ڪپڙن ۽ لائيف جئڪيٽ ۾ جھاز جي Boat Deck تي اچي حاضر ٿيو. جھاز جو ”بُوٽ ڊيڪ“ اھو آھي، جنھن تي ٻيڙيون رکل ٿين ٿيون، جيڪو Weather Deck (جھاز جي عام ڊيڪ– عرشي) کان ٻھ يا ٽي ماڙ مٿي ٿئي ٿو. ان ماڙ تي گھڻو ڪري چيف انجنيئر، چيف آفيسر، ڪئپٽن ۽ جھاز جي مالڪ جون ڪئبنون (ڪمرا) ٿين. ماڻھن جي بچاءَ لاءِ موٽر بوٽ (لانچون) بھ ٿين تھ چپن تي ھلڻ واريون ٻيڙيون بھ. بلڪھ موٽر بوٽن ۾ بھ چپون رکيل ٿين ٿا، جيئن متان ٻيڙيءَ جي انجن اسٽارٽ ٿي نھ سگھي تھ چپن کان ڪم وٺي سگھجي. ھونءَ زندگي بچائڻ جون اھي ٻيڙيون جيڪي Life Boats سڏجن ٿيون، مسافري جي خيال کان نھ ھوندون آھن جو وچ سمنڊ تي حادثو ٿيڻ تي، اھا ٻيڙي وڏو سفر ڪري ڪناري تائين نٿي پھچي سگھي. اھا وڌ ۾ وڌ اٺ ڏھھ ڪلاڪ مس ھلي سگھي ٿي، جو ھڪ ٻيڙيءَ ۾ (ڪار وانگر) ڪيترو پيٽرول رکي سگھجي ٿو. ساڳي وقت ماڻھن جي بار کان علاوه انھن جي ڏينھن ٻن جو راشن پاڻي پڻ رکيو وڃي ٿو، جنھن جو پڻ ڪجھھ نھ ڪجھھ وزن ٿيو. ھنن ٻيڙين جو فقط اھو مقصد ٿئي ٿو تھ جھاز کان جان ڇڏائجي ۽ پوءِ سمنڊ ۾ لھڻ تي ان ٻيڙيءَ کي اصل جھاز کان سندس انجڻ يا چپن ذريعي پري رکجي، متان جھاز کي وڪوڙيندڙ باھ جون ڄڀون ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي ساڙي رکن يا اونڌو ٿي ٻڏندڙ جھاز ھيٺان سڄي ٻيڙي اچي، اھا بھ نھ ٻڏي وڃي. ان ڪري بوٽ ڊيڪ تان ٻيڙيءَ ۾ چڙھي، پوءِ رسن کي کولبو آھي تھ ٻيڙي اچي ھيٺ سمنڊ جي سطح تي پوندي آھي. ان بعد انجڻ اسٽارٽ ڪري ٻرندڙ يا ٻڏندڙ جھاز کان ميل اڌ پري ٿي بيھبو آھي. +ٻڏندڙ يا ٻرندڙ جھاز کان گھڻو بھ پري نھ وڃجي. جھاز سڄو غرق ٿي وڃي، تھ بھ ان جي ئي پسگردائيءَ ۾ رھجي، جيئن ان ئي ڏينھن يا ٻئي ڏينھن بچائيندڙ جھاز توھان کي ڳولي مٿي کڻي سگھن. جھاز ڇڏڻ وقت ڪيترن ئي قسمن جا سگنل ڏنا وڃن ٿا، جيئن اوسي پاسي جا جھاز سمجھي وڃن تھ جھاز ٻڏي رھيو آھي ۽ ان کي مدد جي ضرورت آھي ۽ اھو جھاز ڪھڙي ھنڌ ٻڏي رھيو آھي؟ جيئن ان ھنڌ تي پھچن. انھن سگنلن مان ھڪ تھ رنگين ڦٽاڪا ٿين ٿا، جيڪي پستول ذريعي مٿي آسمان ڏي ڇوڙيا وڃن ٿا. مٿي پھچي ان ڦٽاڪي مان رنگين روشني نڪري ٿي ۽ رات جي وقت ڏھاڪو کن ميلن جي گھير ۾ لنگھندڙ جھاز ڏسي سمجھي وڃن ٿا ۽ بچاءَ لاءِ ان ھنڌ ڏي رخ رکن ٿا. جھاز جي وائرليس سيٽ ذريعي بھ چوڌاري ٽي سؤ ميلن جي فاصلي تي موجود جھازن کي اطلاع ڪري سگھجي ٿو تھ اسان جو جھاز ٻڏي پيو ۽ اسان جي جھاز جي ھيءَ پوزيشن آھي. يعني ھيتريون ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ Latitude ۽ ھيتريون ڊگھريون ڊگھائي ڦاڪ Longitude، جيئن ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏن وارو ھنڌ ٻائيتاليھھ ڊگريون اتر ۽ ستيتاليھھ ڊگريون مغرب ھو. پر جي جھاز اوچتو ٻڏي وڃي تھ بھ ھر جھاز ۾ ھڪ سسٽم ٿئي ٿو، جنھن کي ايس او ايس (Save Our Souls) سڏجي ٿو. اھو جھاز ٻڏڻ بعد جھاز جي ٻڏڻ واري پوزيشن جو سگنل چوڌاري ھلندڙ يا بيٺل جھازن ڏي Transmit ڪري ٿو. اھو سگنل ايس او ايس اھڙو آھي، جو ٻين جھازن جا وائرليس سيٽ کڻي بند ھجن، تھ بھ اھو نياپو انھن تائين پھچي وڃي ٿو ۽ ھر جھاز جو اھو فرض آھي تھ اھو نياپو ملڻ سان پنھنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، ٻڏندڙ جھاز جي ماڻھن کي بچائڻ لاءِ ان جھاز جي پوزيشن ڏي رخ رکي. ان ڪري ٻيڙين ۾ ويٺل ماڻھن لاءِ ضروري آھي تھ ھيڏانھن ھوڏانھن وڃڻ بدران پنھنجو پاڻ کي ٻڏل جھاز جي ويجھو رکن، جيئن بچائيندڙ جھاز ھنن جي مدد ڪري سگھن، ڇو جو بچاءَ لاءِ ايندڙ جھاز تھ اوڏانھن جو رخ ڪندا، جتي جھاز ٻڏو آھي. +ٻي ڳالھھ تھ بچاءَ لاءِ لائيف بوٽ ۾ جھاز جي بوٽ ڊيڪ تان ئي سولائيءَ سان چڙھي سگھجي ٿو. ھڪ دفعو جيئن ئي ٻيڙي ھيٺ لھي سمنڊ تي اچي ٿي تھ پوءِ ان ۾ چڙھڻ تمام ڏکيو آھي. اھا سمنڊ جي اڀامندڙ ڇول سان گڏ ويھھ ويھھ ٽيھھ ٽيھھ فوٽ وھڪ (Current) سان گڏ وير ۾، ھيڏانھن ھوڏانھن وھيو وڃي ۽ منٽ ٻن ۾ ڪڏھن اڌ ميل ھيڏانھن تھ اڌ ميل ھوڏانھن ٿيو وڃي. ھڪ اھو بھ سبب آھي تھ ان کي ٻڏندڙ جھاز کان پري رکيو وڃي ٿو، متان ان سان ٽڪرائجي چڪنا چور ٿي وڃي. بچاءَ لاءِ ايندڙ جھازن کي بھ ٻيڙين مان ماڻھو ڪڍڻ ۾ وڏي دقت پيش اچي ٿي، پر پوءِ مڙيئي ھڪ ھڪ ڪري ڪڍيو وٺن. ھيليڪاپٽر ذريعي ٻڏندڙن کي مٿي ڇڪڻ ۾ بھ ساڳي تڪليف ٿئي ٿي. ھيليڪاپٽر تھ مٿان ھڪ ھنڌ گھڻو ئي ٽِڪ ٻڏي بيھي ٿو، پر جيسين کن پل لاءِ اڀامندڙ ڇول کي سامت اچي ۽ ٻڏندڙ جا ھٿ لڙڪيل رسيءَ ۾ ڦٻي وڃن، تيسين ٻيڙي ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙندي رھي ٿي. +ٽائٽانڪ جھاز تان لاٿل ٻيڙين ۾ غلط بندوبست ۽ اڻڄاڻائيءَ ڪري ٿورا ٿورا مسافر چاڙھيا ويا. ڏيٺ سؤ ٻھ سؤ Capacity واري ٻيڙيءَ ۾ پنجويھھ کان پنجاھ کن مس ويٺا ۽ پوءِ آخري ٻيڙيءَ جي لھڻ بعد بھ سورھن سترھن سؤ کن ماڻھو جھاز تي بچي پيا ۽ جھاز ٻڏندو رھيو. آخر ۾ جھاز جي ھڪ ڪنڊ وڃي بچي ۽ سڀ ڊوڙي اتي اچي بيٺا ۽ پوءِ اھا ڪنڊ بھ ٻڏي وئي ۽ سمنڊ جي ڇول ماڻھن کي سمنڊ ۾ کڻي وئي. ھڪ تھ رات جو وقت ھو، ڪجھھ نظر نھ پئي آيو، پر پوءِ بھ اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيڙين – خاص ڪري جن ۾ ٿورا ماڻھو ھئا، ٻڏندڙن کي مٿي کڻڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر گھڻي ڪاميابي نصيب نھ ٿين. ڪيترا تھ ٻيڙيءَ جي انڌ سان لڳي زخمي ٿي پيا. ھڪ ٻھ ٻيڙي تھ ٻين کي بچائڻ جي چڪر ۾ اونڌي ٿي پئي. ھڪ ٻن ٻيڙين ۾ ويٺلن جو ٻين کي بچائڻ جي ذڪر ۾ پاڻ ۾ اچي جھيڙو ٿيو. ”ماڳھين اسين بھ ٿا مرون.“ اھڙن موقعن تي ھر ھڪ کي پنھنجي جان پياري ٿئي ٿي. گذريل ھفتي فلپين ۾ ھڪ فيري اونڌي ٿي پئي. ھٿوراڙيون ھڻي پاڻ بچائڻ وارن ۾ ھڪ پيءُ بھ ھو، جنھن کان جڏھن پڇيو ويو تھ تنھنجي ڀر ۾ جڏھن تنھنجو پٽ ٻڏي رھيو ھو ۽ توکي بچائڻ لاءِ ليلائي رھيو ھو تھ تو ھن جي مدد ڇو نھ ڪئي؟ +ھن ٻڌايو تھ ھو تمام گھڻو ٿڪل ھو. پٽ کي بھ پاڻ سان کڻڻ تي ھو تري نھ سگھي ھا ۽ پاڻ بھ ٻڏي وڃي ھا. +صبح تائين جڏھن ٽائٽانڪ جھاز جي ماڻھن جي بچاءَ لاءِ ھتان ھتان کان جھاز اچي گڏ ٿيا تھ سمنڊ تي چوڌاري لاش ئي لاش ھئا. ٻيڙين ۾ ويٺلن مان بھ ڪجھھ مري چڪا ھئا، جنھن جو وڏو سبب ھڪ تھ خوف ۽ ھراس ھو، جو ڪنھن بھ مسافر (توڙي جھاز ھلائيندڙ) اھو سوچيو ئي ڪونھ ھو تھ، ٽائٽانڪ جھاز ٻڏي سگھي ٿو ۽ ٻيو وڏو سبب سيءُ ھو. سمنڊ تي ڪرڻ وارن جا سيءَ ڪري وڏا موت ٿين ٿا – خاص ڪري اتراھن علائقن ۾ ايڏي تھ قھر جي ٿڌ ٿي پوي، جو اتي جو رھندڙ ئي اندازو لڳائي سگھي ٿو. ان ڪري ھر جھازي – خلاصي توڙي آفيسر کي جھاز تي وڃڻ کان اڳ جيڪو Survival جو ڪورس ڪرايو ويندو آھي، ان ۾ پڻ ان کي سختيءَ سان سمجھايو ويندو آھي تھ جھاز ڇڏڻ مھل جيتري قدر ٿي سگھي، گھڻا گرم ڪپڙا پائي پوءِ ٻيڙيءَ ۾ لھجي. جنھن رات ٽائٽانڪ جھاز ٻڏو ھو، ان رات تھ ھيڪاندي گھڻي سردي ھئي ۽ شام کان سخت ٿڌي ھوا پئي لڳي. +ھونءَ جھاز ٻڌڏڻ وقت جو تصور ڪجي تھ ڏاڍي ڏک واري حالت ھوندي. جنھن وقت جھاز پاڻيءَ ۾ ويو آھي ۽ جھاز جا مسافر ۽ جھاز ھلائيندڙ جھاز تي بيھي نھ سگھيا آھن ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيا آھن، ان وقت انھن جو تعداد سورھن سترھن سؤ کن ھو، جن مان پوءِ ست کن ٻيڙين ڪجھھ ماڻھو بچايا، باقي ڏيڍ ھزار کن نھ بچي سگھيا. بھرحال! جھاز جي ڊيڪ تان پير ھٽڻ سان ۽ سمنڊ ۾ غوطو کائڻ سان جيڪا ھنن کي تڪليف رسي ھوندي ۽ دل ڏاريندڙ دانھون ڪيون ھوندائون – ڪيڏو غمناڪ نظارو ھوندو. رات جي اونداھي، سخت سيءَ ۾ پاڻيءَ ۾ ڪري پوڻ ۽ ھر ھڪ کي پنھنجو موت اڳيان ھجي ۽ بچڻ جي ڪا اميد نھ ھجي. پاڻيءَ ۾ ھڪڙو غوطو اچڻ ڪري (ڦڦڙن ۾ پاڻي وڃڻ ڪري) تڪليف ٿئي ٿي ۽ ھتي لڳاتار غوطا کائڻ، ائين بھ نھ آھي تھ سمنڊ ۾ ڪرڻ سان ماڻھوءَ جو ساھ نڪريو وڃي ۽ وڌيڪ تڪليف کان بچيو وڃي. جلد جلد تھ بھ ڪجھھ منٽ لڳيو وڃن. بيزاري، بيماري، مايوسي يا ٻين سببن ڪري جيڪي ماڻھو پاڻ کي مارڻ چاھيندا آھن، اھي بھ پھرين غوطي بعد پنھنجو ارادو بدلائي، موت کان منھن موڙي، ان ڏکيءَ زندگيءَ سان ٺاھ ڪرڻ ۾ بھتري سمجھندا آھن ۽ ھتي تھ ڪنھن بھ مرڻ نٿي چاھيو، ڪوبھ زندگيءَ مان بيزار نھ ھو. ويتر ھر ھڪ کي پنھنجي زندگيءَ سان پيار ھو ۽ ان زندگيءَ جا مزا ماڻڻ لاءِ ٻڪ ناڻي جا ڏئي گھمڻ لاءِ نڪتا ھئا ۽ ھينئر ھنن لاءِ ڄڻ تھ قيامت ھئي. جيڪو انھن مان بچي ويو، اھو ڳالھھ ٿو ڪري تھ پري پري تائين سوين ماڻھن جون التجا واريون رڙيون ھيون تھ خدارا اسان کي بچايو ۽ پوءِ اھي آسمان ڦاڙيندڙ رڙيون آھستي آھستي ٿي جھڪيون ٿي ويون ۽ پوءِ مڪمل ماٺ ٿي وئي. فقط سامونڊي ڇولين جي شپڪي جو آواز ھو ۽ چوڌاري ميلن تائين ماڻھن جا لاش ئي لاش ھئا. درد ڀريو ھي نظارو ڪيترن سالن تائين بچي ويلن جي دل ۽ دماغ تي تاري رھيو. ان رات جي ان سين جو سوچي ھو ڏڪي ٿي ويا. جھاز ٻڏڻ جي انڪوائري (Senate Enquiry) ٿي تھ ڪيترن شاھدن حادثي جي ان حصي بابت جواب ڏيڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو. +بچاءَ لاءِ جيڪو پھريون جھاز پھتو، اھو ”ڪارپاٿيا“ (Carpathia) +ھو، جيڪو پوري چئين بجي حادثي واري ھنڌ پھتو – يعني ٽائٽانڪ جھاز جي مڪمل ٻڏي وڃڻ کان پورو ھڪ ڪلاڪ چاليھھ منٽ رکي. رات جي اونداھيءَ ۾ پھرين تھ ڪو مسافر يا ٻيڙي نظر ئي نھ پئي آئي. پوءِ جيئن جيئن صبح جي ھلڪي روشني ٿي تھ ميلن تائين پکڙيل لاش ۽ ٻيڙيون نظر آيون. ڪارپاٿيا جھاز جي ڪئپٽن پنھنجي جھاز جون ٻيڙيون يڪدم لھرايون ۽ پھرين لاشن جي چڪاس ورتي وئي تھ متان ڪو جيئرو ھجي تھ پھرين ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٻيڙيءَ ۾ رکجي. ڪڏھن ڪڏھن ائين بھ ٿيندو آھي تھ خوف ۽ ھراس ۾ ماڻھو بيھوش ٿي ويندو آھي ۽ سندس جسم نھرو نھ ھجڻ ڪري پاڻيءَ مٿان ترندو رھندو آھي. پر افسوس جو انھن ۾ ھڪ بھ جيئرو نھ ھو. (جيئرو ماڻھو پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي پر پوءِ مرڻ تي لاش اڀامي پوي ٿو ۽ جيڪو پاڻي اھو لاش Displace ڪري ٿو، اھو ان جي وزن (Mass) کان گھڻو ھجڻ ڪري لاش ترڻ لڳي ٿو. اھو ئي اصول سئيءَ جي ٻڏڻ يا جھاز يا ٻيڙيءَ جي ترڻ جو آھي) +ڪجھھ دير بعد ٻيا جھاز بھ پھچڻ لڳا، جن ۾ ساڳي ڪمپني جو جھاز اولمپڪ پڻ ھو. اولمپڪ جھاز مرمت ٿيڻ بعد ھاڻ سائوٿمپٽن (انگلينڊ) کان نيويارڪ (آمريڪا) ڏي وڃي رھيو ھو تھ کيس ٽائٽانڪ جھاز ٻڏڻ جو سگنل مليو. ھي اھو جھاز آھي جنھن جو ڪئپٽن ٽائٽانڪ جھاز تي ٽرانسفر ٿي آيو ھو. اولمپڪ جھاز وارن بھ پنھنجيون ٻيڙيون لاٿيون ۽ ترندڙ لاش کنيائون. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻيڙين ۾ بچيل سمورا ماڻھو (اٽڪل ست سؤ يارھن کن) ڪارپاٿيا جھاز پاڻ سان کنيا ۽ کين نيويارڪ وٺي ھليو. باقي ماڻھو اولمپڪ ۽ ٻيا جھاز انگلينڊ جي مختلف شھرن ڏي کڻي ھليا. +ھن حادثي کان پوءِ جيڪي قاعدا ٺاھيا ويا ۽ اڃا تائين ھلي رھيا آھن، اھي ھن ريت آھن: +1. ھر جھاز تي جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيون (Life Boats) ايتريون ھجن، جن ۾ جھاز جا سڀ ماڻھو (مسافر ۽ جھاز ھلائيندڙ) ويھي سگھن. +2. ھڪ يا ٻھ ٻيڙيون انجڻ تي ھلندڙ ھجن. +3. ھر ٻيڙيءَ تي ماڻھن جو تعداد ضرور لکيل ھجي، جيئن خبر پوي تھ فلاڻي يا فلاڻي ٻيڙي ڪيترا ماڻھو کڻي سگھي ٿي؟ +4. بندرگاھ مان جھاز جي نڪرڻ سان بوٽ ۽ ايمرجنسي ڊرل ڪرائي وڃي ۽ ان بعد ھر ھفتي ڪئي وڃي. گھڻو ڪري دنيا جي ھر جھاز تي ڇنڇر تي ھي مشقون ڪيون وڃن ٿيون. جھاز تي رھندر ھر ماڻھوءَ کي ٻڌايو ويندو آھي تھ جھاز ٻڏڻ تي ھن کي ڪھڙيءَ ٻيڙيءَ اڳيان اچي بيھڻو آھي ۽ پوءِ جھاز ڇڏڻ جي فيصلي تي ڪنھن کي ڪھڙو ڪم ڪرڻو آھي؟ مثال طور: ڪنھن کي رسو ڍرو ڪرڻو آھي، ڪنھن کي ڪنڍو کولڻو آھي، ڪنھن کي ٻيڙيءَ جو ڪور کولڻو آھي. ان بعد ٻيڙيءَ جي مسافرن کي ان ۾ ويھي ٻيڙيءَ کي آھستي آھستي ڪري ھيٺ سمنڊ ۾ لاھڻو آھي ۽ جھاز کي ڏنڊي سان ٿيلھو ڏئي، ٻيڙيءَ کي جھاز کان پري ڪرڻو آھي. +اھا مشق (Drill) ھر وقت ان ڪري ڪئي وڃي ٿي، جيئن ھر ھڪ کي خبر ھجي تھ خطري جي وقت ھن کي ڪھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙھڻو آھي ۽ ھن جي ڪھڙي ڊيوٽي آھي ۽ جھاز ڇڏڻ وقت اھو سڀ ڪم تڪڙي کان تڪڙو سرانجام ڏيئي سگھجي ۽ ڪنھن بھ قسم جي افراتفري پيدا نھ ٿئي. +ان کان علاوه ٻي مشرق (Drill) باھ وسائڻ جي ڪئي ويندي آھي، جيئن جھاز کي باھ لڳڻ سان ھر ھڪ پنھنجي ڊيوٽي مطابق وٺ وٺان ڪري ڏئي ۽ باھ وسائي سگھجي. +5. جھاز ران ڪمپنين طرفان پنھنجي جھاز ھلائيندڙن کي لکت ۾ اھو حڪم ڏنو وڃي تھ، ھنن کي ڪٿي بھ ”برف جون ڇپون“ نظر اچن يا ٻين کان معلوم ٿئي تھ سمنڊ جي فلاڻي يا فلاڻي ٽڪري ۾ برف جون ڇپون Ice berg آھن تھ ان علائقن ۾ جھاز جي رفتار گھٽ رکن ۽ ان علائقي کان ٿورو پرڀرو ٿي ھلن. +ڪمپني طرفان اھو حڪم ضروري آھي، نھ تھ جھازن جا سيٺ جھاز ھلائڻ وارن تي ڪاوڙ ڪندا رھندا تھ جھاز جي رفتار ڇو گھٽايانو يا پرڀرو ٿي وڃڻ ڪري جھاز کي ٻي منزل (بندرگاھ) تي پھچڻ ۾ دير ڇو ڪرايانو؟ +بھرحال! پراڻا جھاز يا جنگ جي ڏينھن ۾ تھ ڪيترا ئي جھاز ٻڏندا رھن ٿا، پر ٽائٽانڪ اھو جھاز ھو جيڪو پر امن ڏينھن ۾، پر امن موسم ۾ ٻڏي ويو ۽ سو بھ نئون جھاز پنھنجي زندگيءَ جي پھرئين ئي سفر تي. ھي اھڙو حادثو ھو جيڪو ٿوري ڪوشش ۽ ھمت سان روڪي بھ سگھجيو ٿي ۽ ايترين زندگين جو نقصان بھ نھ ٿئي ھا– جيڪڏھن ٻيڙين جو تعداد ڪجھھ وڌيڪ ھجي ھا ۽ ماڻھو صحيح طرح ويھن ھا. + + +ٽائٽانڪ جھاز جا اھم ڪردار +ٽائٽانڪ جھاز جي ”ٻڏڻ واري پوزيشن“ جوزف نالي فورٿ آفيسر ڪڍي ھئي. (جھاز جي ڪئپٽن ک��ن پوءِ ٻئي نمبر تي سمنڊ تي رستو ڳولڻ وارو نيويگيٽر آفيسر، جيڪو چيف آفيسر (يا فرسٽ آفيسر) سڏجي ٿو. يعني چيف آفيسر کي پروموشن ٿيڻ تي ھو ڪئپٽن ٿئي ٿو. فرسٽ آفيسر کان پوءِ ھيٺ وارو آفيسر سيڪنڊ آفيسر سڏجي ٿو، پوءِ ٿرڊ آفيسر، پوءِ فورٿ آفيسر ۽ ان بعد ڊيڪ ڪئڊٽ، فورٿ آفيسر ۽ ڪئڊٽ ڪيترن ئي جھازن تي ھڪ کان وڌيڪ ٿين. پاڻيءَ جو جھاز ڏينھن رات ھلائڻو پوندو آھي. ھفتي جا ست ئي ڏينھن ۽ مھيني جا ٽيھھ ئي ڏينھن. ان ڪري واري وٽيءَ تي، ڪو سامونڊي نقشن تي پينسل سان رستو ٺاھيندو آھي، ڪو چنڊ، تارن ۽ ڏينھن جو سج جي پوزيشن Sextant اوزار ذريعي معلوم ڪري ڏسندو آھي تھ واقعي جھاز ان ٺاھيل رستي تي پيو ھلي يا ھيڏانھن ھوڏانھن ٿڙيو ٿو وڃي؟ ڪو لڳاتار سامھون ڏسندو رھندو آھي تھ سامھون يا پاسي کان ڪا شيءِ جھاز لاءِ رنڊڪ تھ پيدا نٿي ڪري؟ ھينئر رڊار بھ آھي، جنھن جي اسڪرين تي ٽيھھ چاليھ ميل پري جي بھ خبر پئجيو وڃي تھ سمنڊ جي مٿان ۽ ھيٺان ڇا آھي، نھ تھ اڳئين زماني ۾ - يعني ٽائٽانڪ جھاز وارن ڏينھن ۾ ٻھ ڄڻا کوھي (ٿنڀي) تي مٿي چڙھي اتان ڏسندا ھئا تھ ڪا شيءِ سامھون ھجي تھ اڳواٽ نظر اچي وڃي. سو ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ کان اڳ، جيتوڻيڪ سخت افراتفري ۽ نفسانفسيءَ جو عالم متل ھو پر فورٿ آفيسر جوزف تارن ذريعي ٽائٽانڪ جھاز جي پوزيشن معلوم ڪري ورتي تھ ان وقت ٽائٽانڪ جھاز دنيا جي گولي تي ڪھڙي ھنڌ تي آھي؟ ۽ وائرليس ذريعي جيستائين نياپو ويو ٿي، اطلاع ڪرائي ڇڏيائين تھ ٽائٽانڪ جھاز ٻڏي رھيو آھي. اوسي پاسي ۾ بيٺل ۽ لنگھندڙ جھاز ان پوزيشن (42oN, 47oW) وٽ پھچي، ٽائٽانڪ جي ٻڏندڙ ماڻھن جي مدد ڪريو. +فورٿ آفيسر وائيٽ اسٽار جھازران ڪمپنيءَ ۾ لڳاتار رھيو ۽ فورٿ آفيسر مان پروموشن ٿيندي ٿيندي آخر ۾ فرسٽ آفيسر ٿيو ۽ ڪنارڊ ڪمپني جي جھاز اڪيتانيا (Aquitania) تي آخر ۾ Sail ڪيو. 1967ع ۾ ھو 83 ورھين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. ھن جي وصيت موجب سندس لاش کي ساڙي، ان جي ڦلھير کي سمنڊ جي ان حصي تي ڇٽيو ويو، جتي ٽائٽانڪ جھاز ٻڏل آھي. +· ڪارپاٿيا جھاز جيڪو ٽائٽانڪ ٻڏڻ بعد پھريون جھاز ھو، جنھن اچي ٽائٽانڪ جھاز جا ماڻھو کنيا، پھرين جنگ عظيم ۾ مسافر ۽ فوجي ڍوئيندر جرمن جھازن جي ٽورپيڊو جو شڪار ٿي ويو ۽ Bishop Rock کان 170 ميل پري ٻڏل آھي. +· جھاز جي کوھي تي ٺھيل Crow’s nest (ڪانگ جي آکيري) ۾ ويھي سامھون ايندڙ جبل، جھاز، ٻيٽ يا ٻي آفت جي چڪاس لاءِ ويٺل ٻھ ڄڻا، جن برف جي ڇپ ڏسي، برج تي نيويگيشن آفيسر کي اطلاع ڪيو، انھن مان ھڪ خلاصي گريڊرڪ کي ٻيڙيءَ ۾ جاءِ ملي وئي ھئي ۽ سندس جان بچي وئي. ٽائٽانڪ بعد ھن ٻيا بھ 24 سال کن سامونڊي نوڪري ڪئي. ان بعد ”ھارلئنڊ ائنڊ وولف“ جھاز ساز ڪارخاني ۾ ڪم ڪيائين. اتان رٽائرڊ ٿيڻ بعد زندگيءَ جا آخري سال ھو سائوٿمپٽن بندرگاھ جي گھٽين ۾ اخبارون وڪڻي پيٽ گذر ڪندو رھيو. سائوٿمپٽن سندس ڳوٺ پڻ ھو، جتي ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. جنروري 1945ع ۾ سندس زال جي گذاري وڃڻ بعد ھن ڪپڙن سڪائڻ واري رسيءَ سان پنھنجو پاڻ کي ڦاھي ڏئي ڇڏي. ان وقت سندس عمر 76 سال ھئي. +· ٽائٽانڪ ۽ اولمپڪ جھڙا جھاز انگلينڊ جي وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جا ھئا. جيڪا ڪمپني بذات خود انٽرنيشنل مرڪنٽائيل مئرين (IMM) ڪمپنيءَ جي ھڪ شاخ ھئي. ٽائٽانڪ جھاز ٻڏڻ تي انشورنس ڪمپنيءَ طرفان کيس ويھھ لک پائونڊ مليا ۽ کيس وڏي نقصان جي قيمت ملي وئي، پر ٽائٽانڪ جھاز ٻڏڻ بعد ھيءَ ڪمپني وري نالو ڪڍي نھ سگھي ۽ آھستي آھستي ٿي گمنام ۽ ماٺ ۾ ھلي وئي. +· مسٽر بروس ”وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ“ جو ايم ڊي (مئنيجنگ ڊائري��ٽر) ھو ۽ IMM ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ھو. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ بعد جيڪي آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ انڪوائري لاءِ ڪميٽيون ٺھيون، انھن جي سخت سوالن جي جواب لاءِ مسٽر بروس کي منھن ڏيڻو پيو ٿي. اھي ڪميٽيون آخر تائين ڪجھھ ثابت تھ نھ ڪري سگھيون، پر ھنن جو اھو ئي خيال ھو تھ مسٽر بروس کي مسافرن کان اڳ جھاز نھ ڇڏڻ کپندو ھو. آخر ۾ تھ ڪمپنيءَ جي مالڪن بھ اھو سوچي تھ متان ڪمپني بدنام ٿئي ۽ ڌنڌي تي اثر ٿئي، ھن کي ڏوھاري بنايو. نتيجي ۾ پاڻ بھ بيزار ٿي پيو ۽ 1913ع ۾ ڪمپني ڇڏي آئرلينڊ پنھنجي ڳوٺ گال وي ۾ اچي رھيو. اڳتي ھلي ھو ڊائبٽيز (مٺي پيشاب) جو مريض ٿي پيو. تن ڏينھن ۾ انسولين يا ٻي ڪا دوا ايجاد نھ ٿي ھئي. سندس ھڪ ٽنگ بھ خراب ٿي پئي، جيڪا کيس ڪٽائڻي پئي. ان بعد ھو انگلينڊ موٽي آيو ۽ 74 سالن جـي ڄـمار ۾ گذاري ويو. +(وڌيڪ پرهو) + + +· جھاز ڏي رخ رکڻو آھي ۽ ماڻھن جي مدد ڪرڻي آھي) بھرحال! ثابت نھ ٿيڻ جي باوجود ڪئپشن اسٽينلي جي جھازران ڪمپني ”ليلئنڊ لائين“ ھن کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو. ان بعد ڪئپٽن اسٽينلي ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ ماڻھن جي دلين ۾ ويٺل غلط فھمي دور ڪئي وڃي، پر ھن جو ڪيس نھ ٻڌو ويو. گھڻو گھڻو پوءِ پيٽر پئڊ فليڊ نالي مئرين جي ھڪ مشھور ليکڪ 1960ع ۾ ھڪ ڪتاب The Titanic the Californian نالي ڇپيو، جنھن ۾ ھن بھترين نموني سان ثابت ڪيو آھي تھ ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ وقت ڪئليفورنين جھاز ويجھو نھ ھو. ڪئپٽن اسٽينلي 84 ورھين جي ڄمار ۾ 1962ع ۾ گذاري ويو. +· وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جو اولمپڪ جھاز جيڪو سائيز ۽ شڪل ۾ ٽائٽانڪ جھڙو ھو، (ان ڪري سسٽر شپ سڏبو ھو) ان کي شپ يارڊ ۾ وڌيڪ مضبوط بنايو ويو، جيئن ٽائٽانڪ جھڙي حالت درپيش اچي تھ مقابلو ڪري سگھي. ورلڊ وار ون (پھرين وڏي لڙائيءَ) ۾ اولمپڪ جھاز کي پئسينجر جھاز مان بدلائي ”ٽروپ ڪئريئر“ بنايو ويو – يعني آرامده ڪمرن بدران فوجين کي کڻڻ لاءِ سادا سودا ڪمرا ٺاھيا ويا ۽ مٿانئس توبون فٽ ڪيون ويون. لڙائيءَ دوران اولمپڪ جي توبن ذريعي ھڪ ٻھ جرمن يو بوٽس تباھ بھ ڪيون ويون، جن اولمپڪ جھاز تي حملو ٿي ڪيو. جنگ جي ختم ٿيڻ بعد ھن جھاز کي ڪوئلي بدران تيل تي ھلائن جو بندوبست ڪيو ويو. مئي 1934ع تي ھن جھاز جو نيويارڪ ويجھو ھڪ ٻئي جھاز سان ٽڪر ٿي پيو. سخت ڌنڌ ۽ ڪوھيڙي ڪري ھڪ ٻئي کي ڏسي نھ سگھيا. ٽڪر ٿيڻ تي ٻيو جھاز جيڪو ڪافي ننڍو ھو، اھو ٻڏي ويو ۽ ان جا ست ماڻھو مري ويا. آمريڪن حڪومت وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ کي نقصان ڀري ڏيڻ لاءِ چيو. 1935ع ۾ اولمپڪ جھاز کي اسڪرئپ ڪيو ويو – (يعني ڀڃي لوھ جي قيمت ۾ وڪيو ويو) +مٿي سسٽر شپ (Sister - Ship) جي ڳالھھ لکيل آھي. دراصل ڪي بھ ھڪجھڙا جھاز سسٽر شپ سڏجن ٿا. جھاز کي مؤنث سمجھيو وڃي ٿو، ان ڪري ”بردر شپ“ بدران سسٽرشپ چئجي ٿو ۽ جھاز لاءِ انگريزي ۾ She ضمير استعمال ٿئي ٿو، نڪي He. جھاز جڏھن بھ بيھي ٿو تھ Buoy سان ٻڌو وڃي ٿو. بئاءِ لوھ جا کوکلا پڃرا ٿين، جيڪي زنجير ذريڳي سمنڊ جي تري سان سوگھا ھوندا آھن. جھاز بندرگاھ ٻاھران بيھڻ وقت پنھنجو رسو Buoy سان ٻڌي بيھي ٿو، جيئن ھوا ۽ لھرن جي چرپر تي جھاز ھيڏانھن ھوڏانھن نھ ٿئي. ٻي ڳالھھ تھ سمنڊ تي کاري ھوا ڪري جھاز کي ڪٽ لڳي ٿي. ان ڪري جھاز کي ھر وقت رنگ روغن سان چمڪائڻو پوي ٿو. سو جڏھن ڪو چوندو آھي تھ جھاز کي مذڪر بدران مؤنث ڇو ٿو سمجھيو وڃي تھ جواب اھو ڏنو ويندو آھي تھ ان ڪري جو جھاز ھر وقت بئاءِ (ڇوڪر) ٿو ڳولي ۽ ھو ھر وقت عورتن وانگر رنگ روغن ڪري ٿو. ان ڪري جھاز ھڪ ڇوڪريءَ يا عورت مثل آھي. +· ”ڪارپاٿيا“ جھاز جو ڪئپٽن آرٿر جنھن ٽائٽانڪ جھ��ز جا گھڻي کان گھڻا ماڻھو پنھنجي جھاز تي چاڙھيا، ھن ڪارپاٿيا جھاز بعد ماريطانيا جھاز جي ڪمانڊ ورتي – معنيٰ ان جھاز جو ڪئپٽن ٿيو. ان بعد 1928ع کان 1931ع تائين ھڪ ٻئي جھاز جو ڪئپٽن ۽ دنيا جي مشھور جھازران ڪمپني ڪنارڊ فليٽ (Cunard Fleet) جو ڪموڊور ٿيو. 1940ع ۾ گذاري ويو. +· ٽائٽانڪ جھاز تي نھ فقط انگريز ۽ آمريڪن ھئا، پر مسافرن ۾ ڪجھھ ٻين بھ ملڪن جا پڻ ھئا. جيئن 1956ع ۾ ريڊرس ڊائجسٽ وارن ھڪ ڪتاب A Night to Remeber ڇپرايو، جنھن ۾ لکيل آھي: ”جان بچائڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چڙھڻ وقت فقط انگريزن (Anglo Saxons) فضيلت کان ڪم ورتو. باقي فرينچ، اٽليءَ وارا، آرمينين، جپاني ۽ چيني خود غرض ۽ بي افعالا ثابت ٿيا.“ +اھڙن حادثن وقت پھرين عورتن ۽ ٻارن کي بچائڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چاڙھيو ويندو آھي ۽ پوءِ مردن کي. جان ھر ھڪ کي پياري آھي، جڏھن سر تي اچي ٿي تھ پوءِ ڪيترن کان اھڙا ڪتابي اصول وسريا وڃن. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن کي لاھڻ وقت جھاز جي آفيسرن پوري پوري ڪوشش ڪئي تھ زالون، ٻار ۽ پوڙھا پھرين چڙھن، پر ڪن ڪن مسافرن ۽ جھاز جي ماڻھن – خاص ڪري بورچين ٻيڙيءَ ۾ زوريءَ چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جھاز جي ڊيوٽي آفيسرن کين منع ڪئي. ٻين آفيسرن وٽ تھ پستول ھئا، جن اھڙي بي قائدگيءَ وقت ھوائي فائر بھ ڪيا ٿي. +· جھاز ۾ ھڪ جپاني مسافر ماسابومي ھوسونو نالي پڻ ھو. ھن جي ان وقت عمر 42 سال ھئي ۽ جپان جو سرڪاري ڪامورو (Bureaucrat) ھو. پاڻ جپان جي وزارت ٽرانسپورٽ ۾ ھو ۽ يورپ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ جو تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ آيو ھو. ھاڻ آمريڪا (نيويارڪ) وڃي رھيو ھو، جتان پوءِ ٻئي جھاز ۾ پئسفڪ سمنڊ پار ڪري، ھوائي ٻيٽ کان ٿيندو، جپان موٽڻو ھو. ھو ٽائٽانڪ جھاز تي سائوٿمپٽن بندرگاھ مان چڙھيو ۽ ھن جي ڊائري مطابق، جيڪا ھن ٽائٽانڪ جھاز جي ليٽر ھيڊ تي حادثي کان پوءِ لکي آھي، ھو ستو پيو ھو تھ ڪنھن سندس سيڪنڊ ڪلاس جي ڪئبن جي در کي زور سان ٿڏو ھنيو. ھن اٿي در کولي ڏٺو تھ جھاز جو اسٽيوورڊ ھو، جيڪو ھن کي سندس حصي جي ھڪ لائيف جئڪيٽ ڏئي اڳتي ٻئي کي ڏيڻ لاءِ وڌي ويو. پينٽ قميص ۽ اوورڪوٽ پائي، مسٽر ”ھوسونو“ منجھيل دماغ سان ٻاھر نڪتو. ڊنر واري ڊانس پارٽيءَ توڙي شراب ڪواب سڀني جا مٿا ڳرا ڪري ڇڏيا ھئا. ويتر ڪچي ننڊ مان اٿڻ ڪري ھر ھڪ جون وايون بتال ھيون. ھي پھرين مٿين ڊيڪ ڏي ٿي ڀڳو، پر ماڻھن جي پيھھ پيھان ڪري وري ٻئي پاسي کان ڦري بوٽ ڊيڪ تي پھتو تھ ڏٺائين تھ لائيف بوٽن ۾ ماڻھن کي چاڙھي ھيٺ سمنڊ ۾ لاٿو پيو وڃي. اونداھ ڪارونڀار ڪري ڪا ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ پئي آيس ۽ ھر ھڪ ماٺ مٺوڙي ۾ ائين پئي ھليو ڄڻ سڀ ڪم ڳجھھ ڳوھ ۾ ٿي رھيو ھجي. ان ھوندي ’ھوسونو‘ پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي: ”منھنجي دل اندران رڙي رھي ھئي. مون ذھني طرح پنھنجو پاڻ کي ھر ڳالھھ لاءِ تيار رکيو. پنھنجو پاڻ کي موت جي آخري سفر لاءِ ريجھايم. مون ڪابھ اھڙي ڳالھھ نٿي ڪرڻ چاھي، جنھن سان منھنجي ملڪ ۽ ماڻھن جو ناموس خراب ٿئي. پر ساڳي وقت آئون اھا بھ اميد رکيو ويٺو ھوس تھ، شل مون کي بھ ٻيڙيءَ ۾ ويھڻ جو موقعو ملي وڃي ۽ پوءِ جھاز جي ھڪ آفيسر رڙ ڪئي: ”ٻيڙيءَ ۾ اڃا بھ ٻن ڄڻن جي جاءِ آھي.“ ھوسونو پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي ”آئون جيڪو اھو سوچي رھيو ھوس تھ ھاڻ آئون پنھنجي پياري زال ۽ ٻارن کي ڏسي نھ سگھندس، آفيسر جا اھي لفظ ٻڌي کڻي ٻيڙيءَ ۾ ٽپ ڏنم.“ +بعد ۾ ھوسونو کي ڪارپاٿيا جھاز ۾ کڻي نيويارڪ پھچايو ويو. ٻن مھينن بعد جڏھن ھوسونو پنھنجي وطن جپان پھتو تھ ھن کي ھرڪو شڪي نگاھن سان ڏسڻ لڳو تھ ھن کي زندگي ڪنھن ٻئي جي موت جي بدلي ۾ ملي ��ھي. يعني ڪنھن ٻئي جو وارو – خاص ڪري ڪنھن عورت يا ٻار جو موقعو ماري پاڻ چڙھيو آھي. جپان ۾ اڄ بھ ضمير جي ملامت يا ٻئي جو پاڻ لاءِ خراب رايو، سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالھھ سمجھي وڃي ٿي. جنگ کان اڳ تھ جپان ۾ اڃا بھ گھڻو شرم جو ڪلچر ھو. جپانين شرم جي زندگي گذارڻ کان ٻڏي مرڻ بھتر سمجھيو ٿي. ماڻھن جي افواھن ۽ اخبارن ۾ غلط سلط خبرن ڪري جپان حڪومت ھوسونو کي 1914ع ۾ نوڪريءَ تان لاھي ڇڏيو. ھن ان بعد 1923ع تائين ھڪ خانگي آفيس ۾ ڪم ڪيو. ھن جي پوٽن ڏھٽن ٻڌايو تھ ھوسونوءَ شرم کان مرڻ گھڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جو ذڪر نھ ڪيو. ھوسونو 1939ع ۾ گذاري ويو ھو. ھوسونوءَ جي اھا ڊائري اڄڪلھھ ٽائٽانڪ فائونڊيشن وارن وٽ آھي، جيڪا ھنن نمائش طور رکي آھي. +· آخر ۾ ڪجھھ ٽائٽانڪ جھاز بابت: جھاز آھستي آھستي ٿي +سمنڊ جي تري ۾ ھليو ويو. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ واري ھنڌ (Position) جي ان وقت ڄاڻ حاصل ٿي چڪي ھئي، پر اھا ھڪ اندازي مطابق ھئي. افراتفري جي عالم ۾ ان وقت آسمان تي چمڪندڙ تارن جو حساب ڪري ڳولي وئي ھئي. ان وقت اڄ جھڙا نھ ھئا سيٽلائيٽ نيويگيٽر ۽ نھ حساب ڪرڻ لاءِ نيويگيشنل ڪئلڪيوليٽر. پر انھن ڏينھن ۾ اھا پوزيشن ان حساب سان ڪافي ھئي. يعني پنج ڏھ ميل ھيڏانھن ھوڏانھن سان ڪو فرق نٿو پوي. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن ۽ ٻيڙين کي ڳولڻ لاءِ اھا اٽڪل طور ۽ (Approximate) پوزيشن ڪافي ھئي. بچائڻ وارا جھاز جڏھن پھتا ھئا تھ تيز ھوائن ۽ سامونڊي ڇولين ڪري مسافرن جا لاش ۽ ٻيڙيون، ڏھ ٻارھن ميلن تائين پکڙيل ھيون. بھرحال جھاز جي صحيح پوزيشن اڌ صديءَ کان پوءِ پھرين سيپٽمبر 1985ع تي پئي تھ ڪھڙي ھنڌ تي جھاز سمنڊ جي تري ۾ پيو آھي؟ دراصل سالن کان ٽوٻن (Divers) سمنڊ اندر غوطا ھڻي ٽائٽانڪ جھاز جي ڀڳل جسم (جنھن کي انگريزيءَ ۾ Wreck سڏجي ٿو) کي پئي ڳوليو، جيئن ممڪن ھجي تھ ان کي مٿي ڪڍيو وڃي. ٻڏندڙ جھاز کي مالڪ جي اجازت سان بچائڻ، ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪڻ يا ڇڏي ڏنل (Abandon) جھاز بچائڻ کي ”سالويج“ (Salvage) سڏجي ٿو. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي ڪيتريون ئي سالويج ڪمپنيون آھن، جن کي پنھنجا ٽوٻا ۽ ٽگ بوٽ ٿين ٿا ۽ ھر وقت ھوشيار رھندا آھن – بلڪھ تاڙيندا رھندا آھن تھ ڪڏھن ٿو ڪو جھاز ٻڏي يا خطري ۾ آيل جھاز جو مالڪ کين مدد لاءِ سڏ ڪري، جيئن ھو سڀ کان اڳي پھچي وڃن. اھڙي نموني جي سالويج ڪرڻ ۾ وڏو فائدو آھي، جو فيءَ سان گڏ جھاز ۾ پيل مال جو پڻ وڏو حصو ملي ٿو. +ٽائٽانڪ جھاز جي ريڪ (ڍانچي) کي آمريڪا جي نيول جھاز USS KNORR، روبوٽ سان ھلندڙ سب مئرين ‘Argo’ ذريعي سمنڊ جي تري ۾ مٿينءَ تاريخ تي ڳولي لڌو. ٽائٽانڪ جو ريڪ سمنڊ جي تري ۾ ھڪ پاسي کان ليٽيل آھي، جيئن ماڻھو پاسيرو ٿي سمھي. اھو نيو فائونڊلئنڊ جي ڪناري کان 300 ميل پري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي، جتي سمنڊ سوا تيرھن ھزار فوٽ يعني چار ڪلوميٽر کن اونھو آھي. اھا اونھائي تمام گھڻي آھي. سمنڊ ۾ ھڪ اونھائي تائين – پنجاھ سٺ فوٽ تائين تھ ماڻھو وڃي سگھي ٿو، ان بعد ھيٺ وڃڻ لاءِ ھن کي خاص ڪپڙا کپن، جو جيترو ھيٺ وڃجي ٿو، اوترو پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ٿو ۽ خاص ڪپڙن سان بھ ھڪ حد تائين ھيٺ وڃي سگھجي ٿو. ان بعد ڪنھن بند ٿيل جھاز ۾ ھيٺ لھي سگھجي ٿو. آمريڪن نيوي وارن ٽائٽانڪ جي ڳولا لاءِ جيڪا آرگو نالي آبدوز (Submarine) سمنڊ ۾ ھيٺ لاٿي ھئي، سا بھ ڪا عام آبدوز نھ ھئي. ايترو ھيٺ وڃڻ لاءِ ھنن ھيءَ ھڪ خاص آبدوز ٺاھي، جنھن تي ماڻھن بدران روبوٽن ڪم ڪيو ٿي ۽ منجھس خاص قسمن جون رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائٽ ڪئميرائون فٽ ڪيون ويون ھيون، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي جون تصويرون مٿي بيٺل USS �� Knorr جھاز تي موڪلينديون رھيون. تعجب جي ڳالھھ اھا آھي تھ ٽائٽانڪ جھاز جا ڪيترا ئي حصا تمام سٺي حالت ۾ آھن – شايد اونھي سمنڊ ۾ برف جھڙي ٿڌي پاڻيءَ ڪري. جھاز جو Stern (پويون حصو) غائب آھي – جيڪو جھاز ٻڏڻ وقت ٿيل ڌماڪن ۾ الڳ ٿي ويو ھو ۽ جھاز تھ اھي سمنڊ جي اونھائيءَ جا چار پنج ڪلوميٽر پار ڪري ھيٺ تري ۾ وڃي پيو آھي، باقي Stern (جھاز جي پڇڙي) سڌو ھيٺ وڃڻ بدران، ساڄي کاٻي سمنڊ جي اندرين ڇولين Under Currents جي زور تي ڪيڏانھن ڏور وڃي پٽ پئي آھي. رنگين تصويرن ۾ شراب (Wine) جا دٻا، گھرو سامان سڙو ۽ ٻيون ڪيتريون شيون صاف نظر پيون اچن، پر جھاز جي ڪجھھ حصن ۽ شين تي سينبار ۽ سامونڊي گاھ سپون (Sea Growth) پڻ چڙھي ويو آھي. جھاز جو اڳيون حصو ۽ ھڪ پاسو گھڻو ڌڪيل آھي. دراصل برف جي ڇپ (Ice berg) ان کي ايترو چيڀاٽيو جو جھاز جي پاسي جا ڪوڪا ڪنڊا (Rivets) ٻاھر نڪري آيا ۽ چوڌاري پاڻي ڌوڪي آيو. جھاز جي دونھين ڪڍڻ لاءِ چار چمنيون (Funnels) ھيون، جن مان ھڪ غائب آھي. +اڄ جي دور ۾ ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ اھو ايترو سولو ڪم ناھي، ان لاءِ وڏو خرچ، مشينري ۽ اٽڪل جي ضرورت آھي. ھڪ ھلڪي شيءِ کي رسو ٻڌي مٿان ٻئي جھاز تان ڇڪي سگھجي ٿو. ڳري شيءِ ڪناري تي بيھي ھيٺان کوھ مان تھ ڇڪي سگھجي ٿي، پر جھاز تي بيھي (جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري تي تري رھيو آھي) ھيٺان سمنڊ جي تري مان جھاز جھڙي ٻي ڇپ کي مٿي ڇڪي نٿو سگھجي. رسا ٻڌي مشينن ذريعي گھڻو زور ڏبو تھ ھيٺيون جھاز ٿورو مٿي چڙھي يا نھ، مٿيون جھاز جنھن تي توھان بيھي اھو ڇڪڻ جو ڪم ڪري رھيا آھيو، اھو سمنڊ اندر ھيٺ ٻڏڻ شروع ڪندو. بھرحال! ڪجھھ ٻيا طريقا ۽ اٽڪلون آھن، جھڙوڪ ٿلھي رٻڙ جو وڏو ڦوڪڻو ھيٺ ٻڏل جھاز سان ٻڌي، پوءِ ان کي ڪمپريسر ذريعي ھوا ڀرڻ سان ڦوڪڻو مٿي کڄڻ تي ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي کڻي سگھجي ٿو. پر ان لاءِ بھ خاص قسم جا ڦوڪڻا کپن ۽ انھن کي ٻڏل جھاز سان ٻڌڻ جا بھ ڪي طريقا ٿا ٿين ۽ ٽائٽانڪ جھاز تھ ايڏو ھيٺ اونھو آھي، جو اھي سڀ ڪم ڪرڻ بيحد ڏکي ڳالھھ آھي. ان کان علاوه جھاز – جنھن ۾ ڪيترا ئي ڪمرا، اسٽور، گودام، پاڻي، ڪوئلي، تيل جون وڏيون ناديون ٿين ٿيون. ڪجھھ عرصو گذرڻ بعد انھن سڀني ۾ گئسون ڀرجيو وڃن ۽ ٻڏل جھاز تي ڪم ڪندڙ سالويج وارا انھن گئسن يا ڪم دوران انھن گئسن ۾ ٿيل ڌماڪن ڪري موت جو شڪار پڻ ٿيا آھن. +سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ جھاز بچائڻ واريون سالويج ڪمپنيون يا ملڪن جون حڪومتون، اھڙن پراڻن جھازن جا ڍانچا تڏھن ئي بچائين ٿيون، جڏھن انھن ۾ ڪو مال ملڪيت ھجي. ٽائٽانڪ جھاز لاءِ چيو ويو پئي تھ ھن ۾ سون جون سرون (Bullion)، ڳھھ زيور ۽ ھيرا جواھر آھن، پر ان جو ڪوبھ پڪو ثبوت اڄ ڏينھن تائين نھ ملي سگھيو آھي، جنھن لاءِ ماڻھو خوار خراب ٿئي ۽ ڪروڙھا ڊالر خرچي، سالويج ڪرائي. انگلينڊ ڇڏڻ وقت ٽائٽانڪ جھاز 43 ملين پائونڊن ۾ ”ڪمرشل يونين انشورنس ڪمپني“ وٽ انشوئر ٿيو ھو، پر اھا پڪ ناھي تھ ان انشورنس ۾ رڳو ٽائٽانڪ جھاز ۽ ان جا مسافر انشوئر ٿيل ھئا يا جھاز جو ڪارگو (سامان) پڻ. سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ ڪيڏي بھ ڪوشش بعد ھن جھاز (ٽائٽانڪ) جي ڍانچي کي مٿي ڇڪڻ مشڪل تھ ڇا پر ناممڪن لڳي ٿو، جو جھاز نھ فقط تيرھن چوڏھن ھزار کن فٽ ھيٺ سمنڊ ۾ آھي، پر سمنڊ جي تري تي ھجڻ بدران تري تي پيل ريتيءَ ۾ پنجاھ کن فٽ ھيٺ دٻجي ويو آھي. ان کان علاوه جن مسافرن جا لاش نھ مليا، انھن جا مائٽ پڻ اھو ئي چاھين ٿا تھ ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي (ريڪ) سان ھاڻ ھٿ چراند نھ ڪئي وڃي، جو ٿي سگھي ٿو تھ ان اندر ڪيترن جا ئي لاش اڃا موجود ھجن ۽ مڇين انھن کي نھ کاڌو ھجي. جھاز جي اٿل پٿل تي اھي لاش نڪري ايندا يا سمنڊ جي اونھائيءَ ۾ رھندڙ خوفناڪ مڇيون جھاز جي ڍانچي ۾ ٿيندڙ وٿين مان اندر گھڙي وينديون. + + +ٽائٽانڪ جھاز تي فلم +جھاز تھ ھيستائين ڪيئي ٻڏي چڪا آھن ۽ ٻڏندا بھ رھن ٿا. فلمون بھ نھ فقط ٽائٽانڪ جھاز تي، پر ٻين بھ ڪيترن ئي جھازن تي ٺھي چڪيون آھن ۽ ٽائٽانڪ جھاز تي بھ ھيءَ پھرين فلم ناھي، پر 1912ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين 86 سالن ۾ ٽائٽانڪ جھاز تي ڪيتريون ئي فلمون، ڪتاب ۽ ٽي وي سيريل ٺھي چڪا آھن. +پھرين فلم تھ جھاز ٻڏڻ بعد يڪدم مھينو کن رکي ٺھي ھئي، جنھن جي فلم اسٽار اھا ھئي، جيڪا ٽائٽانڪ جھاز جي ان بدنصيب سفر جي مسافر ھئي. ان فلم جو نالو “Saved from the Titanic” ھو. انھن ڏينھن ۾ فلمون ٽاڪيز نھ ھيون. يعني آواز بنا ٺھنديون ھيون ۽ ٽائٽانڪ ٽريجڊيءَ جي اھا فلم بنا آواز جي ھئي – يعني گونگي فلم ھئي. +Teutonic Titanic فلم جرمني وارن ٺاھي ھئي، جنھن جو خرچ پکو نازي حڪومت ڏنو. ھن فلم جو خيالي ھيرو ھڪ جرمن جوان ڏيکاريو ويو ھو. +1958ع ۾ برطانيھ وارن بھ ٽائٽانڪ تي ھڪ فلم A Night to Remember ٺاھي، پر فلم ڊائريڪٽر جيمس ڪئمران جي ھيءَ تازي فلم Titanic سڀني فلمن کان گوءِ کڻي وئي آھي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي ھاڪ ھلي وئي آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ھن فلم تي، فلم ٺاھيندڙن ”فاڪس فلمڊ انٽرٽينمينٽ“ وارن وڏو خرچ ڪيو آھي. ٻھ سؤ ملين ڊالر فلم جي شوٽنگ تي خرچ ٿيو آھي ۽ اھڙا ڏيڍ سؤ ملين ڊالر مارڪيٽنگ تي خرچ ٿيو آھي. (ھن کان اڳ گھڻي خرچ واري فلم ”واٽر ورلڊ“ آھي، جنھن تي 175 ملين ڊالر خرچ آيو ھو) منھنجي خيال ۾ ھن فلم کي مٿانھون ڪندڙ – ماڻھن کي حيرت ۾ وجھندڙ نظارا آھن، جيڪي ڪمپيوٽر ذريعي پيدا ڪيا ويا آھن. ھيئن ھن کان اڳ ٺھيل فلم Jurrasic Park ھئي، جنھن ۾ ڪمپيوٽر جنريٽيڊ اسي کن Shots ھئا ۽ ھن فلم ٽائٽانڪ ۾ 550 آھن. +ھن فلم ٽائٽانڪ جي شوٽنگ جو بندوبست فاڪس فلم ڪمپنيءَ وارن ميڪسيڪو جي شھر روزاريتو ۾ سورھن ھيڪٽر ڪامپليڪس تي ڪيو ھو. فلم ۾ جيڪو ٽائٽانڪ جھاز ڏيکاريو ويو آھي، اھو بلڪل ھوبھو ۽ اصل جھاز جھڙو آھي، پر اصل جھاز جي ڏھين حصي جيڏو ناھي. ان کي ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪئمرائين جي اٽڪلن ذريعي ائين ڏيکاريو ويو آھي، ڄڻ سچ پچ ھجي ۽ سچ پچ جا ماڻھو اتان ڪري سمنڊ ۾ پيا ٻڏن، جيڪو دراصل “L” شڪل جي پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي آھي. +ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ٽائٽانڪ فلم جو ڊائريڪٽر James Cameron ھڪ قابل ۽ ھوشيار فلم ٺاھيندڙ آھي ۽ سندس ھن کان اڳ جي ٺھيل فلمن مان بھ ڪيتريون ئي مشھور ٿيون. جھڙوڪ: The Abyss، True lies، Terminator II وغيره وغيره. ٽائٽانڪ فلم ائڪشن ۽ رومانس جو ڳانڍاپو آھي، جنھن ۾ ليونارڊو ڊي ڪئپريو (Jack Dawson) ۽ ڪيٽ ونسليٽ (Rose Bukater) اھم فلمي اداڪار ٿيا آھن. فلم جي شوٽنگ جولاءِ 1969ع کان شروع ٿي ۽ 160 ڏينھن ھلي. عام فلمن کان ڪجھھ وڏي ٿي وئي ۽ سندس Running ٽائيم ٽي ڪلاڪ چوڏھن منٽ آھي. فلم ۾ ڪم ڪندڙن کي اصل سمنڊ ۽ ٽانڪيءَ ذريعي ٺاھيل نقلي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ٽيھھ کن لائيف گارڊ رکيا ويا ھئا. فلم ٺھڻ دوران ڪوبھ ٻڏي مرڻ جو حادثو درپيش نھ آيو. البتھ ٽن Stunt Men جي ٽنگن ۽ ٻانھن جا ھڏا ڀڄي پيا. +وڏو Risk کڻي خرچ واري فلم ٽائٽانڪ جيتوڻيڪ ان وقت ٺھي، جنھن وقت دنيا جون ٻھ ٻيون مشھور فلمون پڻ ھلي رھيون ھيون. ھڪ جيمس بانڊ جي نئين فلم Tomorrow Never Dies ۽ ٻي ڊريم ورڪس جي مزاحيھ فلم Mouse Hunt، پر ان ھوندي بھ ھي سامھونڊي بدنصيبيءَ تي ٺاھيل ٽائٽانڪ سڀ کان گوءِ کڻي وئي ۽ مالڪن جو (يعني فلم ٺاھڻ وارن مالڪن جو ۽ نھ جھاز ٺاھڻ وارن جو) پئسو سجايو ڪري رھي آھي. +Archille Lauro +ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو +گذريل ھفتي ليڪچرر روم ۾ چانھھ پي رھيو ھوس تھ منھنجي ھڪ ڪليگ ۽ ھم عمر ڪئپٽن پرويز اچي ٻڌايو تھ، اٽليءَ جو پئسينجر جھاز آرڪي لائورو (Archille Lauro) ٻڏي ويو. سندس ڪو انگلينڊ جو ساٿي انجنيئر (يا شايد نيويگيٽر) ان جھاز تي ھو، جيڪو ھاڻ پنھنجي ملڪ واپس موٽندي رستي تان ڪراچيءَ ۾ ھن وٽان ٿيندو ويو. +ڪن ٻارن يا وڏن لاءِ چئبو آھي تھ ھنن جي قسمت ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا لکيل آھن. جھازن لاءِ بھ اسين اھو ئي چوندا آھيون تھ ڪي ڪي جھاز Accident Prone ٿين ٿا. ھي جھاز (آرڪلي لائورو) بھ اھڙو ئي بدنصيب جھاز رھيو. ھي اھو جھاز آھي، جنھن کي فلسطيني مجاھدن 1985ع ۾ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) ۾ اغوا ڪيو ھو ۽ اسرائيل کان پنھنجن پنجاھ فلسطيني ھمراھن جي آزاديءَ جي گھر ڪئي ھئي، جيڪي ھنن وٽ قيد ٿيل ھئا. ”آرڪلي لائورو“ جھاز تي ان وقت 400 کن مسافر ھئا. ھاءِ جئڪرن جھاز جي ڊيڪ تي موجود ھڪ عذر واري مسافر ليان ڪلنگوفر کي (جيڪو آمريڪا جو يھودي ھو) سندس ويل چيئر سميت سمنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ٻوڙي ڇڏيو. اسرائيل 50 فلسطيني قيدين کي تھ آزاد نھ ڪيو، باقي اھا Deal طئھ ٿي تھ جھاز آرڪلي ۽ ان جي مسافرن کي ڇڏڻ بدران ھاءِ جئڪرن کي ھوائي جھاز مھيا ڪيو ويندو، جنھن ۾ ھو پنھنجي ملڪ ڀڄي وڃن. سندن شرط پورو ڪيو ويو، پر جيئن ئي ھنن جو ھوائي جھاز آسمان جي بلندي طئھ ڪري اڳتي وڌي رھيو ھو تھ آمريڪن ايئر فورس جي ھڪ فائيٽر جيٽ ان تي حملو ڪري کين ھيٺ لھڻ تي مجبور ڪيو. ان سڄي ڊرامي تي آمريڪا ۾ ھڪ اوپيرا (ناٽڪ) “The Death of Kling hoffer’s” نالي مشھور ٿيو. +بھرحال! ھتي اسان اٽليءَ جي پئسينجر جھاز آرڪلي لائورو جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون – بلڪھ ھن جي ڦٽل ڀاڳ جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون، جيڪو ڪجھھ ڏينھن اڳ سوماليا ڪوسٽ کان 200 ڪلوميٽر کن اورتي اسان جي پاڙي واري سمنڊ ھندي وڏي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. اسان پئي سمجھيو تھ ھي مسافر جھاز جيڪو ھڪ فائيو اسٽار جيان خوبصورت ھو، پوڙھو ٿيڻ تي ان جا مالڪ ھن کي ڪنھن رومانٽڪ ڪناري تي بيھاري ھن کي ھوٽل يا جوا خاني (Casino) طور استعمال ڪندا، يا تھ ڪنمھن جنگ يارڊ ڏي موڪلي ڇڏيندس، جتي لوھ ۽ ڪاٺ جا واپاري ھن جون مختلف شيون خريد ڪري، يادگار طور رکندا. پر ان جي نوبت نھ آئي. ٻڏڻ کان اڳ ھي 24000 ٽن وزني جھاز سڙي ڀسم ٿي ويو ۽ پوءِ سمنڊ جي تري تي جنازي وانگر ڊھي پيو. سڙڻ ۽ ٻڏڻ وقت ڪنھن جو بھ موت نھ ٿيو ۽ مٿس چڙھيل ھزار کن مسافر آھستي آھستي ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا ۽ بيحد فضيلت سان ٻارن ۽ عورتن کي پھرين ٻيڙين ۾ چاڙھي، سندن جان بچائي وئي. ان بعد باقي مسافر ۽ جھاز جو عملو ۽ آخر ۾ جھاز جو ڪئپٽن اورسي (Orsi) لٿو. ھي حادثو ھيئن ٿيو جو جھاز جي انجڻ روم کي باھ لڳي وئي ھئي، جتان پوءِ سڄي جھاز تي پکڙجي وئي. جيتوڻيڪ وڏي پئماني جي باھ ھئي، پر ڪنھن بھ مسافر اجائي سجائي ھاءِ گھوڙا ڪري پنھنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي پريشان نھ ڪيو. شروع کان ھن جھاز سان ھميشھ ڪا نھ ڪا ويڌن لڳي رھي. ڪڏھن ڪنھن جھاز سان ٽڪر تھ ڪڏھن باھ، ڪڏھن ھاءِ جئڪنگ جھڙيون وارداتون تھ ڪڏھن مالي مسئلا. ھڪ ٻھ دفعو تھ ٽئڪس ۽ في جي ادائگي نھ ڪرڻ ڪري ھي جھاز Arrest بھ ٿيو– ڌارئين بندرگاھ ۾ اتي جي حڪومت طرفان جھليو ويو. ھتي اھو ٻڌائڻ بي مھل نھ ٿيندو تھ جھازن کي ڏوھاري ھجڻ جي صورت ۾ Arrest بھ ڪيو وڃي ٿو. مثال طور ڪو جھاز ٽوڪيو مان مرمت ڪرائي وڃي ۽ قانون موجب باوجود چتائن (Warnings) جي جھاز جو مالڪ مرمت ڪندڙ شپ يارڊ کي پئسن جي مقرر ادائگي نھ ڪري تھ شپ يارڊ وارا پنھنجي ملڪ جي ڪورٽ ۾ دانھين سگھن ٿا، جنھن جي حڪم موجب اھو جھاز يا ساڳي مالڪ جو ٻيو جھاز ٽوڪيو بندرگاھ ۾ يا جپان جي ڪنھن بھ بندرگاھ ۾ پھچڻ تي ھن کي سوگھو ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين فريادي مطمئن نھ ٿئي، جھاز کي بندرگاھ ۾ ئي ترسڻو پوي ٿو يا بين الاقوامي قاعدن قانونن موجب جيڪڏھن ڪنھن جھاز تي ڪا اھڙي کوٽ آھي، جنھن سان جھاز ھلائيندڙ جھاز جي مسافرن يا جھاز تي ويندڙ سامان جو نقصان ٿي سگھي ٿو تھ ان حالت ۾ بھ جھاز کي بندرگاھ کان ٻاھر نڪرڻ کان جھليو ويندو آھي. جيئن مثال طور: يمن وارن جو جھاز ڪراچي بندرگاھ ۾ اچڻ تي خبر پوي ٿي تھ جھاز تي باھ وسائڻ وارو پمپ (Emergency Fire Fighting Pump) خراب ٿي پيو آھي. پاڪستان جي مرڪنٽائيل مئرين ڊيپارٽمينٽ کي خبر پوڻ تي يا جھاز جي ماڻھوءَ يا ٻاھرين ڪنھن جي شڪايت تي، ھو ان جھاز کي روڪي سگھن ٿا، جيسين اھو پمپ صحيح نھ ڪرائين. جھاز جو Arrest ٿيڻ ڪا سٺي ڳالھھ نٿو سمجھيو وڃي. ان سان جھازران ڪمپنيءَ جي پئسي جو نقصان ھڪ طرف ٿئي ٿو ۽ ناموس کي ڇيھو ٻي طرف رسي ٿو. +ھونءَ ”آرڪلي لائورو“ مسافر جھاز اٽلي جي ناليرن جھازن مان ھڪ ھو. اھو ڪنھن زماني ۾ ”فخر اٽلي“ ھو ۽ ھڪ دفعي مشھور ڪتاب Around the World in 80 days موجب سڄي دنيا جو ڦيرو اسي ڏينھن ۾ پورو ڪري ڏيکاريو ھئائين. آرڪلي لائورو جھاز ڄائي ڄم کان بدنصيب رھيو. ھي جھاز 1947ع ۾ ھڪ ڊچ ھمراھ (ھالينڊ جي رھاڪوءَ) ‘Willem Ryus’ نالي ٺھرايو، جنھن جو 1953ع ۾ سندس ”سسٽر – شپ“ ‘Oranje’ سان ٽڪر ٿيو. ان بد ھن جون مرمتون ھلنديون رھيون. 1966ع ۾ اٽلي جي ھڪ امير ماڻھوءَ آرڪلي لائوروءَ اھو جھاز ھالينڊ وارن کان خريد ڪري، ان جو نالو پنھنجي نالي سان آرڪلي لائورو رکيو. ڪجھھ عرصو ھلڻ بعد ان کي پاليرمو ۾ سخت باھ لڳي ۽ ٻڏي ويو. مالڪ امير ھو. دل بيھي وڃڻ بدران ڌڪ بچائي ويو ۽ ھن ان جھڙو، ساڳي نالي سان نئون جھاز ٺھرايو، جنھن کي 1972ع ۾ وري باھ وڪوڙي وئي. سڄو جھاز تباھ ٿيندي ٿيندي بچي ويو. مالڪ وڏو خرچ ڪري وري ھن کي ھلڻ لائق ڪيو پر پورن ٽن سالن بعد (1975ع ۾) ھڪ لبناني جھاز سان ٽڪرائجي پيو، جنھن ۾ چار کن جھازي بھ مري ويا. وري وڏو خرچ ڪري جھاز جي مرمت ڪرائي وئي ۽ ڪجھھ سال صحيح ھلڻ بعد 1981ع ۾ ڪناري ٻيٽن (Canary Islands) تي باھ اچي لڳس، جنھن ۾ ٻھ مسافر ٻڏي ويا – شايد ھنن ھراس ۾ يا ٻي ڪا واھ نھ ڏسي پنھنجي بچاءَ لاءِ پاڻيءَ ۾ کڻي پاڻ ڇڏيو ۽ وقت تي مدد نھ ملڻ ڪري ٻڏي ويا. ان کان پوءِ وري جھاز جي مرمت ھلندي رھي ۽ پوءِ سال بھ ڪو مس ھليو تھ بلن جي پوري ادائگي نھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ھن کي ڪنھن بندرگاھ ۾ Arrest ڪيو ويو ۽ مٿس ڪورٽ جا ڪيس ھلندا رھيا. ان کان علاوه ھي جھاز سياسي خواريءَ جو پڻ سبب بنيو. گذريل سال (1993ع) ۾ اٽليءَ جي نيوفاسشٽ نئشنل الائينس جي ليڊر جان فرئنڪو فينيءَ پنھنجي سياسي پارٽيءَ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ھن جھاز کي چارٽر ڪيو (يعني ڪجھھ عرصي لاءِ ٺيڪي تي ورتو) ۽ مسافرن کي جن بندرگاھن گھمائڻ جو پروگرام ٺاھيو، انھن ۾ اتر آفريڪا جا اھي بندرگاھ پڻ ھئا، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ لڙائيءَ جا ميدان ھئا. اٽليءَ ۾ ھن سامونڊي سفر تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ جتي ڪٿي ھن جھاز کي ننديو ويو. بھرحال ڏھاڪو ڏينھن کن اڳ ھي جھاز 47 سالن جي خوبصورت سامونڊي سفرن ۽ بدنصيب حادثن بعد ھندي وڏي سمنڊ جي اونھن تھن ۾ ھميشھ ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو آھي. + + +”ايسوٽنيا“ جي ٻڏڻ جو راز ڇا ھو! +جن ڏينھن ۾ اٽليءَ جو پئسينجر جھاز ”آرڪلي لائورو“ باھ لڳڻ ڪري سڙي ٻڏو ھو، اھي ٻھ ٽي مھينا (سال 1994ع جا آخر واري مھينا) ڪي ڏاڍا خراب ھئا. ھڪ ٻئي پويان دنيا جي گولي تي – بلڪھ دنيا جي مختلف سمنڊن تي ڪيترا ئي سامونڊي جھازن جا حادثا ٿيا، خاص ڪري مسافر جھازن جا مال بردار جھاز جي سڙڻ يا ٻڏڻ تي دنيا ۾ ايتري واويلا نٿي مچي، جيتري پئسينجر جھاز يا فيريءَ تي، ڇو تھ پئسينجر جھاز ۽ فيريون (جيڪي ماڻھو، موٽر ڪاريون، بسون – ويندي سڄيون سڄيون ريل گاڏيون کڻن ٿيون) انھن کي ٺاھڻ مھل توڙي ھلائڻ مھل تمام وڏو خيال رکيو وڃي ٿو. مسافر کڻڻ واري جھاز جي نھ فقط ھڪ ھڪ شيءَ مضبوط ۽ جٽادار ٺاھي وڃي ٿي، پر ان جي Maintenance (سار سنڀال) بھ اوترو ئي سٺائي سان ڪئي وڃي ٿي ۽ ۽ ھلائڻ لاءِ بھ مقرر ماڻھن کان وڌيڪ ماڻھو رکيا وڃن ٿا. مال بردار جھاز کي ٻن سالن ۾ ھڪ دفعو خشڪ گودي (Dry Dock) ۾ چڪاس ۽ مرمت لاءِ وڃڻو پوندو آھي، پر پئسينجر جھاز لاءِ اھا چڪاس ھر سال ضروري آھي. ان ڪري مسافر جھاز (يا فيريءَ) جي ٻڏڻ جو ٻڌي نھ فقط عام ماڻھو پر جھاز جا ٺاھيندڙ ۽ ھلائيندڙ پڻ تعجب کائين ٿا ۽ ان حادثي جي ڪارڻ جي ڳولا ڪن ٿا. +آڪٽوبر جي شروع وارن ڏينھن ۾ اھا خبر ٻڌي تعجب لڳو تھ ٽالن (ايسٽونيا) کان اسٽاڪھوم (سئيڊن) ھلندڙ مسافر ۽ موٽر ڪارون کڻندڙ ”ايسٽونيا“ نالي فيري رستي تي بالٽڪ سمنڊ جي سامونڊي ڪن ۾ لڙھي غائب ٿي وئي آھي. جھاز ٺاھيندڙ (Naval Architects) ڪڏھن بھ ائين تھ نھ چوندا تھ ”ايسٽونيا“ يا ڪو ٻيو جھاز ڪڏھن بھ ٻڏي نٿو سگھي – خاص ڪري ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ بعد جنھن لاءِ اھو چيو ويو ٿي تھ Unsinkable (ڪڏھن بھ نھ ٻڏڻ وارو) جھاز آھي. ھاڻي ڪنھن جھاز لاءِ ائين چوڻ تھ ھي جھاز ڪڏھن بھ ٻڏي نٿو سگھي، سراسر بيوقوفي آھي. پر ”ايسٽونيا“ جو سمنڊ ۾ ائين غرق ٿي وڃڻ تي آڱر کڄي سگھي ٿي تھ اھو ڇو ٻڏو؟ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون آھن جن ڏي جيڪڏھن ڌيان ٿو ڌرجي تھ، ھي چوڏھن سال پراڻو جھاز جيڪو جرمنيءَ ۾ وڏي نگھبانيءَ سان ٺاھيو ويو، ائين ٻڏڻ نھ کپي. سندس بھترين ڊيزائين ھئي ۽ ھن کي ھر وقت بھترين حالت ۾ Maintain ڪري رکيو ويو ٿي. جھاز ھلائيندڙ ھڪ ھڪ ماڻھو ھوشيار ۽ تجربيڪار ھو. جھاز تي چڙھندڙ مسافرن ۽ جھازين جي جان بچائڻ لاءِ لائيف جئڪيٽون ھيون، ٻيڙين (Life Boats) جو مقرر تعداد ھو. ھن جھاز جي انجڻ ۽ ٻيون شيون بھترين صورت ۾ ھيون ۽ ٻڏڻ کان فقط ٽي ھفتا کن اڳ ھن جي چڱيءَ طرح چڪاس ٿي چڪي ھئي ۽ اھا چڪاس سئيڊن جي ھڪ ماھر جي نگرانيءَ ۾ ڪئي وئي ھئي، جنھن آخر ۾ پنھنجي رمارڪ ۾ اھو ئي لکيو تھ ”ھي جھاز ھر صورت ۾ صحيح آھي“ ۽ پوءِ بھ ھي جھاز ”ايسٽونيا“ پنھنجي ملڪ ايسٽونيا جي بندرگاھ مان نڪرڻ بعد، چند ڪلاڪ صحيح ھليو ۽ پوءِ طوفاني رات ۽ برف جھڙي ٿڌي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. +”ايسٽونيا“ جھاز ايترو جلد سمنڊ ۾ ھليو ويو جو جھاز تي موجود مسافر پنھنجين ڪئبنن مان بھ نڪري نھ سگھيا. ھل ھنگامو ٻڌڻ سان جڏھن ھو اڃا پلنگن تان اٿي چمپل بوٽ ڳولڻ لڳا تھ، ڪئبنن ۾ پاڻي اچي چڪو ھو ۽ ھنن کي پاڻ بچائڻ لاءِ لائيف جئڪيٽ کڻڻ جو بھ موقعو نھ مليو – لائيف بوٽ ۾ چڙھي جھاز کان ڀڄي نڪرڻ تھ ٿيو پوءِ جي ڳالھھ. پورو ھڪ سال اڳ آڪتوبر 1993ع ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي وڏي فرزند محمد عليءَ ان ساڳيءَ فيريءَ (مسافر جھاز) ۾ سفر ڪندي، مون کي چيو ھو: ”ھي بالٽڪ سمنڊ وارا علائقا (ايسٽونيا، فنلئنڊ، سئيڊن وغيره) اھڙا ٿڌا آھن جو جھاز ٻڏڻ تي ڪو ٻيڙيءَ ۾ جي چڙھي بھ پوي، تھ بھ ھھڙي سيءَ ۽ ٿڌين ھوائن کان بچي نھ سگھندو. ٻڏڻ واري مسافر کي جلدي ڪو ٻيو جھاز اچي ڪڍي تھ اھا ھن جي خوش نصيبي آھي، نھ تھ ھن جي وفات ڪرڻ لاءِ ڪلاڪ ڏيڍ کلئي آسمان ھيٺ، ھھڙي پاري جھڙي ٿڌ ۾، ٻيڙيءَ ۾ ويھڻ تمام گھڻو آھي.“ +محمد علي ڏيپلائي انھن ڏينھن ۾ ڊئ��مارڪ جي شھر ڪوين ھيگن جي پاڪستاني ايمبسي ۾ ٽريڊ ڪمشنر ھو ۽ آئون فنلئنڊ جي مئرين ڊيپارٽمنٽ طرفان ھيلڪسنڪي ۾ رھيل ھوس، جتي ھنن علائقن ۾ ھلندڙ سڀني جھازن – خاص ڪري مسافر جھازن (فيرين) جي چڪاس جو ڪم سکي رھيو ھوس. ھن جھاز ايسٽونيا (جيڪو ٽالن کان اسٽاڪھوم ھليو ٿي) تي اسٽاڪھوم منھنجو بھ ٻھ دفعا کن وڃڻ ٿيو ھو، ان ڪري اڄ ان جي ٻڏڻ جو ٻڌي، ان جو مضبوط ۽ نھرو لوھي جسم، بھترين انجڻ ۽ عملو اکين اڳيان اچي ٿو. فنلئنڊ جي گاديءَ وارو شھر ھيلسنڪي ۽ ايسٽونيا جي گاديءَ جو ھنڌ ٽالن ائين آھن جيئن روھڙي، سکر يا دادو مورو جنھن جي وچ مان سنڌو ندي وھي ٿي ۽ ھنن شھرن: ھيلسنڪي ۽ ٽالن جي وچ ۾ بالٽڪ سمنڊ جي فقط سوڙھي ڳچي آھي. البتھ انھن شھرن جي مٿان ڳانڍاپي لاءِ پل ناھي. باقي ننڍيون ٻيڙيون، لانچون، ھورو ڪرافٽ سڄو سڄو ڏينھن ھلن ۽ ھڪ شھر جا ٻئي شھر ۾ صبح جو نوڪري ڪري شام جو موٽي وڃن. يعني ھن علائقي ۾ ننڍين ننڍين ٻيڙين کان وٺي، وڏا وڏا مسافر جھاز ھلندا رھن ٿا ۽ ماڻھو ھوائي جھاز کان وڌيڪ پاڻيءَ رستي سفر ڪن ٿا. ھي علائقو اتر ۾ ھجڻ ڪري اونھاري ۾ بھ سيءُ رھي ٿو. ان ڪري ھن پاسي جي بسين توڙي ٻيڙين ۽ جھازن ۾ ھڪ تھ توھان کي پکا (Fans) نظر نھ ايندا (گھرن ۾ پڻ) ۽ ٻيو تھ دريون ھونديون پر شيشا فڪس ھوندا، يعني کولي نٿا سگھجن ۽ کولجن بھ ڇو؟ جڏھن اونھاري ۾ بھ گرمي يا گھٽ نٿي ٿئي. سو ھن پاسي جي سمنڊ (بالٽڪ) ۾ سيءُ تھ آھي ئي آھي، جيڪو سياري ۾ ايترو وڌيو وڃي جو سمنڊ جو مٿيون تھھ برف ٿيو وڃي. ٻي مصيبت جيڪا ھن پاسي عام آھي، اھا ڌنڌ ۽ ڪوھيڙو آھي، جنھن ۾ ڏيک (Visibility) ڪڏھن ڪڏھن گھٽجيو زيرو بھ ٿيو پوي. يعني پنھنجي جھاز تي بيھي سامھون ايندڙ جھاز تھ نظر نٿا اچن، پر پنھنجي جھاز جو اڳيون حصو بھ نظر نٿو اچي. جھاز جي برج (جنھن تي بيھي جھاز ھلائجي ٿو) تي بيھي توھان کي سامھون پنھنجي جھاز جو اڳيون حصو بھ نظر نھ پيو ايندو تھ آيا خلاصي رسا کولي رھيا آھن يا نھ؟ ھنن لنگر مٿي ڇڪي ورتو آھي يا اڃا نھ؟ +بھرحال! ”ايسٽونيا“ جھاز تي موجود ھزار کان مٿي ماڻھن مان فقط 139 بچي سگھيا. باقي مسافرن مان ڪي رات جو وقت ھجڻ ڪري پنھنجن ڪمرن (Cabins) مان ئي نھ نڪري سگھيا ۽ جھاز سان گڏ سمنڊ ۾ اندر ھليا ويا. ڪيترا جيڪي جھاز سان گڏ ٻڏڻ کان تھ بچي ويا، پر جيسين ڪو ٻيو جھاز ھنن کي بچائڻ لاءِ پھچي، تيسين ڪيترا ئي خوف، ھراس ۽ صدمي ۾ مري ويا ۽ ڪيترن جو موت Hypothermia (جسم جو ٿڌو ٿيڻ) ڪري بھ ٿيو – جيڪو ھنن اتراھن علائقن جو عام مسئلو آھي. سئيڊن ۽ ناروي ۾ ڪار ھلائيندي بھ اھو خوف رھندو آھي تھ ڪنھن اھڙي ھنڌ تي رات جو گاڏي خراب نھ ٿئي، جتي سيءَ کان بچڻ جو بندوبست نھ ھجي. ڪار جيسين ھلي پئي ۽ ھيٽر آن آھي تھ خبر ئي نٿي پوي. ڪار يا ھيٽر بند ٿيڻ سان ڪي پنج ڏھ منٽ بھ نٿا ٿين تھ سڄي ڪار ئي يخ ٿيو وڃي. ڪار جي لوھي جسم کي ھٿ لاھڻ سان ڄڻ برف جي ڇپ کي ھٿ لڳو ۽ ٻاھر جيڪڏھن تکي ھوا پئي لڳي تھ، ڪوٽن ۾ ھوندي بھ جسم چيربو آھي. اتي، اھڙي موسم ۾ کليءَ ٻيڙيءَ ۾ چوڌاري پاڻي ۽ ٿڌي ھوا جسم جي ٽيمپريچر کي نارمل کان گھڻو ھيٺ ڪيريو ڇڏي ۽ انسان جو موت ٿڌ وگھي ٿئي ٿو. +”ايسٽونيا“ جھاز جي ٻڏڻ تي گھڻو غم ايسٽونيا ۽ سئيڊن وارن کي ٿيو، جن ملڪن جا ماڻھو ھن جھاز جا مسافر ھئا. جھاز جا جيڪي ٿورا مسافر بچيا، انھن ۾ وڏو تعداد جوان مردن جو ھو. عورتون، ٻار ۽ پوڙھا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ھئا. ان ڳالھھ تي ڪيترا ئي سوال اٿاريا ويا. جھاز جي بنيادي ڊيزائن بابت پڻ ڪيترن اعتراض ڪيو تھ منجھس ايتري سلامتي ناھي، ڇ�� جو جھاز اندر ڪارن موٽرن جي چڙھڻ ڪري، ھنن جھازن جا دروازا وڏا رکيا وڃن ٿا، جن مان حادثي وقت پاڻيءَ جو وڏو وھڪرو اندر ڌوڪيو اچي، جيئن انگلينڊ جي ساڳي قسم جي جھاز ‘Herald of Free Enterprise’ سان بليجم جي بندرگاھ Zeebrugge ۾ 1987ع ۾ ٿيو ھو ۽ 192 مسافر ٻڏي ويا ھئا، پر ھن جھاز ”ايسٽونيا“ لاءِ ائين چئي نٿو سگھجي، جو جھاز جي Sailing وقت سئيڊن جي ٻن ماھر ناٽيڪل انجنيئرن اوچتي چيڪنگ پڻ ڪئي ھئي. جھاز جي ڪجھھ واٽر ٽائيٽ دروازن جون رٻڙ Seals ڪجھھ گٺل ضرور ھيون، پر اھا ڪا اھڙي ڳالھھ ناھي جنھن جي ڪري جھاز ٻڏي سگھي. +ٽالن مان لنگر کڻڻ وقت ھن ساڍا پندرھن ھزار ٽن وزني جھاز تي ھر مسافر خوش ۽ مطمئن ھو. مسافرن ۾ ھڪ سئيڊن جي پوليس ڊيپارٽمينٽ جي 64 آفيسرن جو ٽولو ھو ۽ ٻيو سئيڊن جي شھر نور شوپنگ جي وڏي عمر جي شھرين جو جٿو ھو، جيڪو ايسٽونيا جي شھر ٽالن جو سير ڪري موٽي رھيا ھئا. بالٽڪ ۾ ھلندڙ ھنن مسافر جھازن تي اڌ کان وڌيڪ ماڻھو مون ڏٺو آھي تھ مائٽن مٽن سان ملڻ يا سير تفريح ڪرڻ کان وڌيڪ شراب پيئڻ جي شوق ۾ چڙھن ٿا. ھنن (Scandinavian) ملڪن ۾ (ڊئنمارڪ، سئيڊن، فنلئنڊ، ناروي وغيره ۾) بيئر، شراب ويندي ڪوڪا ڪولا جھڙين شين تي وڏو ٽئڪس ھڻي مھنگيون ڪيون ويون آھن، جيئن ماڻھو اھڙين بيڪار شين کي واپرائڻ لاءِ دلشڪستا ھجن. پوءِ ڪيترا ماڻھو پيئڻ جي شوق ۾ ھھڙن جھازن جو سير ڪن ٿا. جھاز جيئن تھ بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ ھلي ٿو، جنھن تي ڪنھن بھ ملڪ جو قبضو ناھي، ان ڪري جھاز تي وڪامندڙ ھر شيءِ تي ٽئڪس ناھي ۽ ڪارخاني جي اگھھ تي وڪامي وڃي ٿي – شراب، عطر، چاڪليٽ کان وٺي ريڊيو، ٽيپ، رومال ڪپڙي تائين. ان ڪري جھاز جيئن ئي بندرگاھ ڇڏي ٿو تھ شوقين مڙس مي خاني (بار) جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ جيڪو پيئڻو اٿن، اھو جھاز تي سفر دوران پي ختم ڪرڻو پوين ٿو، ڇو تھ ڪناري تي – يعني واپس پنھنجي وطن آڻڻ تي کين ڳرو ٽئڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو ۽ نتيجي ۾ اھا ساڳي شيءِ ٽئڪس ڏئي حاصل ڪرڻ کان تھ شھر ۾ ان کان وڌيڪ سستي پوي ھا. +ايسٽونيا جھاز تي مسافرن جو تعداد ٻھ ھزار کن آھي، پر ان رات اڌ کن (يعني ھزار کن) جھاز تي ھئا، پر جھاز جا سڀ بار ۽ ھوٽلون مسافرن سان ڀريل ھيون. جھاز جيئن ئي بندرگاھ ڇڏيو تھ مصيبتن جو نازل ٿيڻ شروع ٿيو. کلئي سمنڊ ۾ اچڻ سان مسافرن ۽ جھاز جو طوفان سان واسطو شروع ٿيو. جيتوڻيڪ طوفان ڪو وڏي پئماني جو نھ ھو. ھن سمنڊ (بالٽڪ) ۾ ان قسم جا طوفان لڳڻ عام ڳالھھ آھي، پر مسافرن محسوس ڪيو تھ سفر جو اھو مزو نھ رھندو، جيڪو ٿيڻ کپي. رات جو ساڍي اٺين بجي ئي بئنڊ ميوزڪ وڄائڻ بس ڪئي ۽ ھرڪو تيز ھوا، جھازن جي لوڏن ۽ دل ڪچي ٿيڻ ڪري پنھنجي پنھنجي ڪمري ڏي روانو ٿي ويو. ڊيڪ تي اھي وڃي بچيا، جيڪي مضبوط ٽنگن وارا ھئا يا جن کي رھائش لاءِ ڪمرا نھ ھئا ۽ اتي ڊيڪ جي ئي ڪنڊ پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويھي، کين رات گذارڻي ھئي. دراصل اھي ماڻھو خوش نصيب ثابت ٿيا، ڇو جو جھاز جي ٻڏڻ وقت، ٿوري وقت اندر اھي ئي ماڻھو ھئا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي پنھنجي جان بچائي سگھيا. +اھي ماڻھو جن جي جان بچي سگھي، انھن ٻڌايو تھ جھاز تي مسئلو آڌي رات کان پوءِ شروع ٿيو. رات جو ھڪ بجي ڌاري ڊيوٽي انجنيئر ڪلوزڊ سرڪٽ ٽي وي تي ڏٺو تھ اڳين دروازن (Bow Doors) کان، جتان ڪارون ۽ لاريون فيريءَ ۾ چاڙھيون ويون ٿي، پاڻي بوھاڙا ڏيئي اندر گھڙي رھيو آھي. ڊيوٽي انجنيئر اھو سمجھي تھ اھو پاڻي مينھن جي وسڪاري يا وڏي ڇول ڪري اندر اچي رھيو آھي، ھن بلج پمپ ھلايو. جھاز تي مختلف قسمن جا پنجاھ کن پمپ ٿين ٿا، جن مان ڏھاڪو کن پمپ سمنڊ جو ٻاھريون پاڻي کڻي ڪولرن ۽ ڪنڊينسرن وغيره کي ٿڌو ڪن ٿا، باھ وسائڻ لاءِ سمنڊ جو پاڻي سپلاءِ ڪن ٿا، جھاز جو ڊيڪ يا ائنڪر وغيره جي ڌوپ لاءِ انھن مان ھڪ ٻھ پمپ سمنڊ جو پاڻي سپلاءِ ڪري ٿو ۽ اھڙي طرح ٻھ يا ٽي مضبوط قسم جا پمپ Positive Displacement ٽائيپ، جھاز ۾ اندر آيل پاڻيءَ کي ڇڪي ٻاھر ڪن ٿا. انجن روم جي تري ۾ يا جھاز جي گدامن (Holds) جي تري ۾ اڪثر تيل ۽ پاڻي گڏ ٿيندو رھي ٿو. ان کي جي ھر وقت نھ ڪڍبو رھبو تھ، اھو گڏ ٿي مشينن ۽ سامان کي الڳ خراب ڪندو ۽ جھاز جي بئلنس (Stability) تي الڳ اثر انداز ٿيندو. مون کي ياد آھي تھ جنھن پھرين جھاز تي مون Sail ڪيو ھو، ان جي پاڻي ڪڍڻ واري پمپن ۾ خرابي ھئي ۽ جيسين انھن جي مرمت ڪريون، انجن روم جي تري ۾ ايترو تھ پاڻي گڏ ٿي ويو، جو کاٻي پاسي واري جنريٽر جو فلاءِ ويل (Fly Wheel) ھاڻي پاڻيءَ جي سطح کي ڇھڻ لڳو ھو. فلاءِ ويل آلٽرنيٽر سان ڳنڍيل ھو. نتيجي ۾ پاڻيءَ جون بوندون آرميچر وائينڊنگ ۽ اليڪٽرڪ جي ٻين حصن کي لڳڻ ڪري ان کي باھ اچي لڳي ۽ اھو جنريٽر ڪيترن ڏينھن تائين ڪم ۾ نھ اچي سگھيو. سو ھر صورت ۾ جھاز جي ڪنھن بھ حصي ۾ پاڻيءَ جو گڏ ٿيڻ خراب ۽ خطري وارو سمجھيو وڃي ٿو. ايسٽونيا جھاز وارن کي بھ جڏھن خبر پئي تھ جھاز جي ڪنھن حصي (اڳئين حصي) ۾ پاڻي گڏ ٿي رھيو آھي تھ ھنن پاڻي ٻاھر ڪڍڻ جا پمپ ھلايا. +ڪجھھ منٽن بعد ھنن ڏٺو تھ سمنڊ جو پاڻي ريلا ڪري ڪار ڊيڪ (جتي موٽر ڪارون بيٺل ھيون) ڏي وڌي رھيو آھي ۽ پمپ آھن سي ھلڻ جي باوجود بھ پاڻيءَ جي ليول ۾ کوٽ نھ پيا آڻي سگھن. ڏسندي ئي ڏسندي جھاز لسٽ ٿي ويو. (جھاز جو ھڪ پاسي جھڪي ھلڻ کي لسٽ (List) سڏجي ٿو) جھاز ھوا يا سامونڊي لھرن ڪري ھڪ پاسي وڃي وري سڌو ٿي وڃي تھ ان کي ”رولنگ“ سڏجي ٿو. رولنگ جھاز جي مسافرن کي تڪليف ضرور رسائي ٿي جو لڳاتار رولنگ ڪري جھاز جي مسافرن ۽ ھلائيندڙن کي Sea Sickness ٿئي ٿي، جنھن ڪري ھنن کي الٽيون ۽ چڪر ضرور اچن ٿا، پر جھاز لاءِ نقصانڪار نھ آھي. پر لسٽ ٿيل جھاز خطرناڪ شيءِ آھي. لسٽ ۾ جھاز لڳاتار ھڪ طرف جھڪيل رھي ٿو ۽ سڌو ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي ۽ ٿوري ئي لوڏي يا سامان کلي ان جھڪيل طرف وڃڻ تي جھاز اونڌو ٿيو وڃي، جنھن لاءِ عام طرح انگريزيءَ جو لفظ Capsize استعمال ٿئي ٿو. ھي جھاز ايسٽونيا بھ ڏسندي ئي ڏسندي کاٻي پاسي تمام گھڻو لسٽ ٿي ويو. بچيل مسافرن مان ھڪ ٻڌايو تھ ھو جھاز جي کاٻي پاسي بيٺو ھو تھ پاڻي ھن جي گوڏن تائين پھچي ويو ۽ ھو خوف وچان بوٽ ڊيڪ ڏي ڀڳو، جتي ٻيڙيون ٽنگيل ٿين ٿيون. ھو خوش نصيب ھو جو ھن کي يڪدم خبر پئجي وئي ۽ جھاز جي اونڌي ٿيڻ (Capsize) کان اڳ ھو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويو. +ھڪ ٻئي مسافر ٻڌايو تھ جھاز جي لسٽ ٿيڻ تي ھو ٻيڙين ڏي ڀڳو، اتي ڪابھ چرپر يا جھاز جو آفيسر موجود نھ ھو. ”اسان ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھياسين، پر جھاز جو ڪو آفيسر نھ ھجڻ ڪري، اسان ان ٻيڙيءَ کي کولي نھ سگھياسين ۽ پوءِ ھڪ لائيف رئفٽ (رٻڙ جي گول ٻيڙي) ھيٺ تري رھي ھئي. اسان ان ۾ ٽپ ڏنو. ان رٻڙ جي ٻيڙيءَ ۾ اسان ڪل چار ڄڻا ھئاسين. ڪي پنج ڏھ منٽ بھ نھ گذريا تھ جھاز کاٻي پاسي پاسو ورائي اونڌو ٿي ويو ۽ ھيٺ سمنڊ جي اونھائين ۾ غرق ٿي ويو.“ +ايسٽونيا جنھن ھنڌ تي ٻڏو، اتي سمنڊ اسي ميٽر اونھو آھي ۽ ھيءَ جاءِ فنلئنڊ جي ھڪ ٻيٽ اوتو (Uto) کان ٽيھھ ميل پري آھي. جھاز جي ٻڏڻ بعد سمنڊ تي طوفاني ھوا جا سيسراٽ ھئا يا جھاز مان ڪرندڙن جون ھينئون ڦاڙيندڙ ڪيھون ھيون ۽ پوءِ جلدي اھي مدد لاءِ سڏيندڙ رڙيون آھستي آھستي ٿي ھلڪيون ٿي بند ٿي ويون. ٻڏندڙن جي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري ھنن جو ساھ بند ٿي ويو ۽ انھن دانھن، ڪوڪن، ايلازن منٿن مان ھر ھڪ اندازو لڳائي سگھيو ٿي تھ مردن کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار ھئا. لائيف جئڪيٽ تھ سڀني کي ھئي، پر ٿڌي پاڻي ۽ طوفاني تيز ھوا ڪري، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ھمت ڪري، رٻڙ جي ٻيڙين تائين پھچي پاڻ کي بچائي سگھيو ۽ جيڪي ٻيڙين ۾ چڙھي سگھيا، انھن مان بھ گھڻا ئي مدد لاءِ ايندڙ ڪنھن جھاز جي پھچڻ کان اڳ سيءَ وگھي مري ويا. سيءُ ايڏو تھ سخت ھو جو اھڙيءَ ولھھ ۾ ھڪ انسان ڪلاڪ کن مس ڪو جيئرو رھي سگھي ٿو. دراصل ان ٿڌ ۾ طوفاني چڀندڙ ھوائن جو اندازو اھي لڳائي سگھن ٿا، جيڪي ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جھڙن ملڪن ۾ رھيا ھوندا. سئيڊن جي ڳالھھ ياد ٿي اچي تھ اتي جا بس اسٽاپ ٽن پاسن کان ڍڪيل ٿين ٿا ۽ بس جي انتظار لاءِ اسين گرم ڪپڙا پائي بيھندا ھئاسين ۽ سياري ۾ - يعني سيپٽمبر جي شروع کان ٻن بسن جي وچ وارو مدو ڏھ يا پندرھن منٽ رکيو ويندو ھو، جيئن ڪنھن کي گھڻي دير ٿڌ ۾ بيھڻو نھ پوي ۽ پوءِ ڪڏھن ڪڏھن بس اسٽاپ جي ويجھو پھچڻ سان ڏسبو آھي تھ بس ھينئر ھينئر پئي وڃي تھ ٻي بس لاءِ ڏھ منٽن جي انتظار جو سوچي افسوس ٿيندو آھي ۽ پنج ڇھھ منٽن ۾ ئي ھٿ پير کيرا ٿيڻ شروع ٿيندا آھن – جيتوڻيڪ ھٿن تي بھ گرم جوراب چڙھيل ھوندا آھن. سو ھتي سمنڊ تي، آڌي رات جو ٿڌي ھوا ۾ ڏکويل مسافرن جو ڇا حال ھوندو؟ +جھاز جي ٻڏڻ جو ٻڌي جڏھن اوسي پاسي جا جھاز اچي گڏ ٿيا تھ جيئرن جو ڪو ٿورو تعداد ھئو. باقي مري ويلن جا لاش سڄي سمنڊ تي پکڙيا پيا ھئا ۽ اوندھ ۾ چوڌاري ننڍا بلب ھئا. (اڄڪلھھ لائيف جئڪيٽ ۾ سيٽيءَ سان گڏ ننڍڙي ٽارچ بھ ٿئي ٿي، جيڪا سمنڊ ۾ ڪري اڀي ٿيڻ تي ٻري ٿي. جيئن رات جي وقت بچاءَ لاءِ آيل جھاز اوندھ ۾ بتيءَ مان اندازو لڳائي سگھن تھ مسافر ڪٿي ڪٿي آھن؟) +بچاءَ لاءِ آيل ھڪ جھاز وارن بعد ۾ ٻڌايو تھ، رات جي وقت جڏھن ھو ايسٽونيا جھاز جي ٻڏڻ واري ھنڌ تي پھتا تھ، ھنن ڏٺو تھ چوڌاري بلب ٽمڪي رھيا ھئا ۽ انھن مان ڪجھھ چري پري بھ رھيا ھئا، جنھن مان لڳو تھ ھو جيئرا آھن. ”اسان پنھنجي جھاز کي انھن جي ويجھو وٺي وياسين، پر سمنڊ ۾ ايتري تھ اٿل پٿل ھئي جو اسان ھنن مان ڪي ٿورا بچائي سگھياسين ۽ ڪيترا ويچارا جھاز جي پنکي (Propeller) جي ڇِڪ (Suction) ۾ ان سان لڳي ڪپجي ويا. ڪجھھ ماڻھو ھيليڪاپٽرن ذريعي بھ بچايا ويا، جيڪي اوسي پاسي جي ڇھھ کن ملڪن مدد لاءِ موڪليا. ھڪ برٽش مسافر جيڪو خوش قسمتيءَ سان بچي ويو ۽ ھيليڪاپٽر ذريعي مٿي ڇڪيو ويو. تنھن ٻڌايو تھ سخت سيءَ ڪري ساڻس گڏ باقي ڇھھ ڄڻا ان رٻڙ جي ٻيڙيءَ ۾ ئي ساھ ڏئي ويٺا. سندس ھٿ پير بھ ٿڌ کان اھڙا کيرا ٿي چڪا ھئا، جو ھيليڪاپٽر جي رسيءَ ۾ ھٿ ڦٻائي نھ سگھيو. پر پوءِ ڪجھھ جوش جذبي کان ڪجھھ زندھ رھڻ جي شديد خواھش سڀ ھو جياپي کي ماڻي سگھيو. +سمنڊ تي ٻڏندڙن جي دانھن کان وڌيڪ جھاز تي وڌيڪ افراتري ۽ ڏکويل حالت ھئي. جھاز جي جھڪڻ تي ھر ھڪ پنھنجي ڪئبن کان نڪري آيو ۽ جھاز جي گھٽين ۾ ايڏي ڀڄ ڊڪ ۽ ڌڪ ڌڪان ٿي جو ڪيترا ئي چيباٽجي ڪري پيا يا بيھوش ٿي ويا. ھارسٽئٽ (Harstedt) نالي ھڪ مسافر ٻڌايو تھ ھڪ عورت جي ٻنھي ٽنگن جون ھڏيون ڀڄي پيون. ھوءَ مدد ۽ لائيف جئڪيٽ لاءِ ھر لنگھندڙ کي آزيون نيزاريون ڪندي رھي، پر ان وقت جھنگل جو قانون ڇانيل ھو. ھر ھڪ کي رڳو پنھنجي ساھ جي لڳل ھئي تھ ڪنھن نموني سان ھو جھاز جي اندرين گھٽين مان نڪري جان بچائي. ڪجھھ پوڙھا مرد ۽ ڪمزور عورتون تھ بچڻ جي ڪا اميد نھ ڏسي، ھڪ ھنڌ ويھي روئڻ لڳيون. ڪجھھ ننڍا ٻار ڀڄڻ وارن جي پيرن ھيٺان اچي لتاڙجي بھ ويا ھئا. +”ايسٽونيا“ جھڙي مسافر جھاز جي ٻڏڻ تي جھاز جا بچيل مسافر، انھن جا مائٽ عزيز، ڊيزائنر، ھلائيندڙ، انجنيئر ۽ عوام تعجب کائي ٿو تھ، اھو ڪو اھڙو جھاز تھ نھ ھو جيڪو ائين ٻڏي وڃي ۽ ايترو جھٽ پٽ! ان جو جواب اڃا ڪوبھ ڳولي نھ سگھيو آھي. + + +لائيف بوٽ، جئڪيٽ، سمنڊ جو پاڻي ۽ شارڪ +ايندڙ ڪھاڻي – ”موت جو سفر“ ھڪ اھڙي سامونڊي حادثي جي ڳالھھ آھي، جنھن جھڙا ڪيترا ئي ٿي چڪا آھن. ھيءَ ڪٿا ھڪ انگريز خلاصيءَ جي آھي، جيڪو جھاز جي عملي مان ھو. ھيءَ سچي ڪھاڻي ڪيترين ئي زبانن ۾ اچي چڪي آھي. ليکڪ جو نالو صحيح طرح واضح ٿيل نھ آھي، پر جيئن تھ آخري بچيل ماڻھو ڪئاٽر ماسٽر اينگس آھي، سو ان ئي ھي حادثو بيان ڪيو ھوندو، جنھن کي ٿي سگھي ٿو لفظن جو روپ ڪنھن ٻئي پھرايو ھجي. +بھرحال! ھي سامونڊي حادثون ان ڪري اھم سمجھان ٿو جو منجھس ڪابھ اھڙي ٽيڪنيڪل غلطي نظر نٿي اچي، جيڪي اڪثر ڪوڙن شڪاري قصن ۾ يا فلم ۾ ڏيکاريل ڪورٽ يا اسپتال جي منظرن ۾ عام جام ھونديون آھن. ھھڙي قسم جي سامونڊي حادثن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو نظم ۽ ضبط کي ڇڏي ڏيندا آھن ۽ تڪليف وڌڻ تي نفسانفسيءَ جو عالم برپا ٿي ويندو آھي. پر ھن حادثي ۾ جنھن ھمت، عزم، قربانيءَ جو صبر جو مظاھرو مسلمان ھندستاني سپاھين يا انگريز ۽ يورپي عملي جي ماڻھن ۽ مسافرن ڪيو، اھو تعريف جوڳو آھي – جنھن جا مثال تمام گھٽ ملندا. +ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون ٽيڪنيڪل ڳالھيون آھن، جن بابت عام پڙھندڙن کي شايد ڄاڻ نھ ھجي ۽ انھن بابت سنڊن ذھن ۾ ڪي سوال بھ پيدا ٿين. ھتي انھن جي سمجھاڻي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو تھ جيئن پڙھندڙ ھن سامونڊي حادثي کي چڱي ريت سمجھي/پروڙي سگھن ۽ ساڳي وقت ھن سفر جي مسافرن جي ھمت ۽ بھادريءَ کي ساراھي سگھن. +ھر جھاز تي مسافرن ۽ جھاز جي عملي موجب ٻيڙيون ٿين – جن کي ”لائيف بوٽ“ سڏجي ٿو، جيڪي جھاز جي حادثي مھل زندگي بچائڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون. انھن ۾ ھر وقت کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ پاڻي، کاڌو (بسڪيٽ، کير يا کير جون ٽڪيون وغيره) ھوندو آھي، جيئن گھٽ تور جي کاڌي مان گھڻي کان گھڻي طاقت ملي سگھي. پاڻيءَ جو پھرين ڏينھن کان ئي راشن شروع ڪيو ويندو آھي، نھ تھ اھو ٿورو پاڻي ڏينھن ٻن ۾ ختم ٿي وڃي ۽ زنده رھڻ جي رھيل کھيل اميد جھٽ پٽ ختم ٿي وڃي. +لائيف بوٽ سڙھ يا چپن تي ھلي، پر اڄڪلھھ جي لائيف بوٽ انجڻ تي بھ ھلي ٿي تھ چپن تي بھ. پر انجڻ ڪري ڪو خاص فرق نٿو پوي، جو ھيءَ ٻيڙي سفر لاءِ استعمال نٿي ڪري سگھجي، جو انجڻ کي ھلائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ سٺ کن ميل ھلڻ جو تيل ٻيڙيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ ٿئي، جيڪو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ جھڙن اٿاھ سمنڊن جي ھزارين ميلن جي سفر لاءِ ڪجھھ بھ نھ آھي. لائيف بوٽ جو خاص مقصد فقط اھو آھي تھ حادثي پيش اچڻ جي صورت ۾ (جھاز جي ٻڏڻ، سڙڻ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي) ھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي جان بچائجي ۽ اڌ ميل کن چپن يا انجڻ ذريعي ٻيڙيءَ کي ھلائي جھاز کان پري ٿجي، متان سڙندڙ جھاز جي باھ جو سيڪ رسي يا جھاز جا کوھا وغيره لڳي وڃن. +اڄڪلھھ تھ سڀني جھازن تي اھڙو بندوبست رکيل آھي، جو ٻڏڻ سان ريڊيو روم جو ٽرانسميٽر لڳاتار ايس او ايس (Save Our Souls) جو سگنل ٽرانسميٽ ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت 500 ميلن تائين جيڪي جھاز آھن، انھن جا رسيور اھو سگنل خود بخود وٺي، الارم وڄائين ٿا، جيئن مڙني جھازن جي عملي کي حادثي ھيٺ آيل جھاز جي خبر پئجي وڃي تھ جھاز ٻڏي رھيو آھي. ساڳئي وقت ڪھڙي Latitude (ويڪرائي ڦاڪ) ۽ Longitude (ڊگھائي ڦاڪ) تي آھي؟ جيئن بچائڻ لاءِ ان ھنڌ ڏانھن ٻيا جھاز روانا ٿين. ھڪ اھو بھ سبب آھي تھ لائيف بوٽ ۾ لٿل ھمراھن کي ٻڏندڙ جھازن جي ارد گرد ئي ت��سڻ گھرجي، جو بچائيندڙ جھاز ٻڏندڙ جھاز جي سنوت ڏي رخ رکندا آھن. +پر جيئن تھ ھي حادثو جنگ وارن ڏينھن ۾ ٿيو آھي ۽ چوڌاري ڪنھن جھاز جي ھجڻ جي اميد نھ ھجڻ ڪري، ٻيڙيءَ ۾ بچيل بدنصيب مسافر اتي سمنڊ تي ئي ترسي وقت وڃائڻ بدران، ويجھي ٻيٽ – سينٽ ھيلينا ڏي وڌڻ لاءِ ڪوچ ڪيو آھي. +ھر لائيف بوٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ڪھاڙي، قطب نما، ضروري دوائون (فرسٽ ايڊ باڪس)، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڍي، رسي، ماچس ۽ ڪجھھ ٻيون اھڙيون شيون ھجڻ ضروري آھن، جيڪي سمنڊ تي ڪم اچي سگھن ٿيون. جيئن ٻيڙيءَ جي ڪا رسي نھ کلي تھ ڪھاڙيءَ سان ڪپي سگھجي، ڪا مڇي ڦاسي تھ ان کي وڍي سگھجي – جيئن ھنن کي ھڪ مڇي ھٿ اچي وئي. رات جي وقت ڪو ھوائي جھاز يا پاڻيءَ جو جھاز اچي لنگھي تھ، ان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ماچس سان ڪپڙي ٽڪر ٻاري سگنل ڏئي سگھجي ٿو، وغيره وغيره. +ڪي پڙھندڙ شايد اھو بھ سوال ڪن تھ، اھڙي سخت اڃ ۾ سمنڊ جو ٿورو ئي پاڻي پي کڻي اڃ اجھائڻ کپي. پر سمنڊ جو پاڻي ايڏو تھ کارو ٿئي ٿو، جو مرڻ مھل تائين انسان کان پيتو نٿو ٿئي. منجھس تمام گھڻي مقدار ۾ عام رواجي لوڻ (سوڊيم ڪلورائيڊ) کان علاوه ٻيا بھ ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ ڪاميائي شيون مليل ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ کي زھر جھڙو کارو بڻائي ٿيون ڇڏين، جنھن سبب پيئڻ ناممڪن ڳالھھ ٿيو پوي. +اھڙين حالتن ۾ اسان جھازي گھڻو ڪري ڪوشش اھا ڪندا آھيون تھ، سامونڊي پکي (Sea Gull) يا مڇيون وغيره ڦاسائي کائجن، جيئن ٻيڙيءَ جو محدود راشن بچت ۾ ئي رھي. پر ھي ويچارا، جن سان ھي حادثو پيش آيو، سمنڊ جي اھڙي حصي ۾ ھئا، جيڪو ڪناري کان سوين ميل ڏور ھو، جتي پکي پکڻ تھ ذات نھ ھو پر ڪنھن مڇيءَ بھ سنوت نٿي ڏنن. بدقسمتيءَ سان ھڪ مڇي ”ڊاگ فش“ سندن ٻيڙيءَ ۾ اچي بھ وئي تھ اھا ڪا کائڻ لائق ناھي، جو ھنن بھ ٿوڪاري ڇڏي ۽ سندس رت بھ نھ پي سگھيا. ٻي ڳالھھ تھ اھا بھ کين ايترو تھ دير سان ملي يعني ٽن ھفتن کان پوءِ، جڏھن ھنن ۾ ايتري بھ طاقت باقي نھ بچي ھئي، جو ان کي ڪچو چٻاڙي سگھن. ھنن وٽ رڌڻ پچائڻ لاءِ نھ تھ باھ جو بندوبست ھو ۽ نھ ئي پاڻي بچيل ھو. ھونءَ ڪيترا اھڙا واقعا بھ ٿين ٿا جو بک کي منھن ڏيڻ لاءِ، ماڻھن پنھنجا بوٽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٻھ چار ڏينھن پسائي، نرم ڪري پڻ کاڌا آھن. +ھر مسافر ۽ جھاز جي عملي جي ماڻھوءَ کي لائيف جئڪيٽ ڏني ويندي آھي، جيئن جھاز ڇڏڻ وقت اھا پائي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي. لائيف جئڪيٽ ڪري ماڻھو سمنڊ ۾ ٻڏي نٿو. منجھس ھلڪو ڪاٺ يا ٻوچ Cork جھڙي شيءِ ٿئي ٿي، جيڪا ايتري تھ ھلڪي آھي جو ماڻھوءَ کي چوويھن ڪلاڪن تائين، سمنڊ جي مٿاڇري تي جھلي رکندي آھي. ان بعد آھستي آھستي ڳري ٿيڻ ڪري ماڻھو ٻڏيو وڃي. +ڪوارٽر ماسٽر +جھاز جي سکاڻيءَ کي چئبو آھي، جيڪو جھاز کي اسٽرنگ ويل (ڦيٿي) ذريعي سڌو جھلي بيھندو آھي. ھر جھاز تي ٽي ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ٿين ۽ ڏينھن رات جي چوويھن ڪلاڪن جي ڊيوٽي اٺ اٺ ڪلاڪ ڪري ورھائي کڻن. پوءِ ھر ھڪ چار ڪلاڪ ڏينھن جي چونڪي ڪري ۽ چار ڪلاڪ رات جي. جھاز جي ڪئپٽن کي ماسٽر بھ سڏيو ويندو آھي. جھاز تي اھو چرچو عام ھوندو آھي تھ جھاز تي فقط ٽي ڪوارٽر (چوٿا) ماسٽر ان ڪري رکيا ٿا وڃن، جو چوٿون ڪوارٽر ماسٽر بھ رکيو ويندو تھ پوءِ چار چوٿا ملي، ھڪ سڄي ماسٽر برابر ٿي پوندا ۽ پوءِ ڪئپٽن (ماسٽر) جي ڪھڙي ضرورت؟ +سب مئرين جنگي وڏي ٻيڙي ٿئي، جيڪا پاڻيءَ جي اندر بھ ھلي تھ مٿاڇري تي بھ. حملي وقت پاڻيءَ اندر ٽٻي ھڻي ٻئي جھاز کي ٽارپيڊو ھڻندي آھي، جيڪو بم وانگر ٿئي. +جھاز جي زبان ۾ جھاز جي ساڄي پاسي کي اسٽار بورڊ ۽ کاٻي پاسي کي پورٽ سائيڊ سڏجي ٿو. +چيف آفيسر +ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي جھاز جو انچارج چيف آفيسر سڏجي. چيف آفيسر کي فارين جھازن تي ”ميٽ“ بھ سڏين. چيف آفيسر نيويگشن کان علاوه جھاز جي ڪارگو جي سنڀال ۽ انتظاميھ جو بھ انچارج ھوندو آھي. +سرنگ +آگ وارن، خلاصين ۽ ٻين ھيٺين طبقي جي ڪم وارن جو انچارج ٿئي، جيئن اسان وٽ ھارين جو انچارج ڪمدار سڏجي. +آگ وارو +جيڪو بئالر کي باھ ڏئي ۽ انجڻ روم جي صفائي ڪري. +اسٽور ڪيپر +جھاز جي صفائيءَ ۽ مرمت ۾ ڪم ايندڙ سامان ۽ رنگ روغن جي سنڀال لاءِ ھڪ اسٽور ڪيپر ٿئي، جنھن کي ”ڪسب“ سڏجي يا اسٽور ڪيپر. +اسٽيورڊيس +جھاز تي مسافرن ۽ عملي کي ماني ٽڪي کارائڻ لاءِ جيڪي خذمتگار ڇوڪريون ٿين، تن کي شپ – اسٽيورڊيش سڏجي ٿو. +شارڪ مڇي +شارڪ مڇي (Isurus Glaucus) تمام خطرناڪ مڇي/جانور ٿئي. سمنڊ جي ننڍين مڇين ۽ جيتن جڙن کي بھ ھڙپ ڪري ويندي آھي، تھ ماڻھن کي بھ. اھو ئي سبب آھي جو شارڪ مڇيءَ کي سامونڊي بگھڙ سمجھيو وڃي ٿو. +شارڪ مڇيءَ کي تمام وڏا، تکا ۽ ٽڪنڊا ڏند ٿين ۽ ڪي شارڪ مڇيون تھ سڏجن ئي آدم خور شارڪ مڇيون (Carcharodon Caracharias). اھي ھر وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ رھنديون آھن تھ ڪٿي ٿو ڪو جھاز تان ڪري يا ڪناري تي ٻڏي يا مري وڃڻ تي جھاز تان اڇليو وڃي؟ اڪثر ننڍين ڀٽڪندڙ ٻيڙين جي ڪڍ ھونديون آھن، جو کين ڳجھھ وانگر خبر ھوندي آھي تھ ڄاڻ تھ ماڻھو مئا. جيئن ھن ڪھاڻيءَ ۾ شارڪ مڇيون ٻيڙيءَ جي آس پاس لڳي مئل ۽ جيئرا ماڻھو کائينديون رھن ٿيون. +شارڪ مڇي، وھيل مڇيءَ وانگر پربت تھ نھ ٿئي، پر تڏھن بھ چڱي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڪي ڪي چاليھھ فٽن کان بھ ڊگھيون ٿين. يعني ست ماڻھو ھڪ ٻئي مٿان بيھارجن تھ ايتري ڊيگھھ ٿئين ۽ تور ۾ سورھن سترھن مڻ کن ٿين. +شارڪ مڇي، ائٽلانٽڪ ۽ خليج بسڪي (جتي ھنن ھمراھن جي ٻيڙي ڦرندي رھي)، ميڊيٽيرين ۽ پنھنجي پاڙي واري سمنڊ – ڳاڙھي سمنڊ ۾ بھ تمام گھڻيون ٿين ۽ جھاز تان ماڻھن جي ڪرڻ تي امالڪ حملو ڪري ڏينديون آھن. مڇيون ڦاسائڻ وارا – خاص ڪري ٻيڙين وارا ڦاٿل شارڪ مڇيءَ کان بھ خبردار رھندا آھن، جو رسيءَ ۾ ٻڌل يا ڪانٽي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي باوجود بھ رکي رکي ٻيڙيءَ وارن تي حملو ڪري ڏيندي آھي. +شارڪ مڇيون گھڻو ڪري ڪناري تي ڪونھ ٿين، پر ڪڏھن ڪڏھن جھازن جي ڪڍ ڪناري تي بھ اچي نڪرنديون آھن. +موت جو سفر +ھيءَ ڳالھھ ھڪ اھڙي پاڻيءَ جي جھاز جي آھي، جنھن بدنصيب جھاز ۾ اسين چڙھيل ھئاسين. ”سٽي آف ڪئرو“ (City of Cairo) نالي اسان جو ھي جھاز 2 آڪٽوبر 1942ع تي جڏھن بمبئي کان روانو ٿيو تھ منجھس عملي جي ماڻھن کان علاوه ٻھ سؤ کن مسافر بھ سوار ھئا. سمنڊ ماٺو ھو ۽ جھاز آرام سان ھلي رھيو ھو. ٻي وڏي لڙائيءَ کي شروع ٿئي ٽيون سال ٿي چڪو ھو. سڄي دنيا ۾ ھڪ ڏھڪاءُ متل ھو، پر جن سمنڊن ۾ ھي جھاز ”سٽي آف ڪئورو“ سفر ڪري رھيو ھو، اھي ظاھريءَ طرح جنگ جي گوڙ گھمسان کان پري ھئا. جيتوڻيڪ دلين ۾ اھو بھ ھراس ويٺل ھو تھ ڪنھن وقت بھ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھھ ٿي سگھي ٿي. جرمن سب مئرين ٻيڙيون (پاڻيءَ ھيٺ ھلندڙ جنگي ٻيڙيون) ڀؤنچ سمنڊ، ھندي وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، ڪڏھن ڪٿي تھ ڪڏھن ڪٿي، گھمي رھيون ھيون، ان ڪري جنگ جي ميدان کان پري ھوندي بھ مسافرن ڊپ محسوس ٿي ڪيو. بندرگاھ ۾ اندر جڏھن جھاز پھتو ٿي تھ، ماڻھن سک جو ساھ کنيو ٿي. بندرگاھ مان نڪرڻ سان ماڻھن جي رڳ رڳ ۾ ھڪ اھڙي ڊپ واسو ٿي ڪيو، جنھن جي اچڻ جي ڪا ڄاڻ نھ ھئي.... ھونءَ بھ ڪا مصيبت يڪدم اچي وڃي تھ ماڻھو ان جو مقابلو بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي ڪري سگھي ٿو. پر ڪنھن مصيبت جو اھو احساس ۽ انتظار تھ خبر ناھي ڪھڙي وقت اچي – ماڻھو جو اندر اڏوھيءَ وانگر کايو ڇڏي ۽ ڪجھھ اھڙي ئي ڪيفيت ھن جھاز جي ھئي – خاص ڪري مسافرن جي. آڪٽوبر جو مھينو ختم ٿيندي ٿيندي اسان ڪيپ آف گڊ ھوپ ۾ سائوٿ آفريڪا جي شھر ڪيپ ٽائون جي ويجھو پھچي وياسين ۽ جڏھن اسان جو جھاز بندرگاھ ۾ اندر لنگر انداز ٿيو تھ سڀني جي دل دماغ تي خوشي ۽ اطمينان جي لھر ڊوڙي وئي. ذري گھٽ ھڪ ھفتو اسان ڪيپ ٽائون شھر ۾ ترسياسين ۽ مسافرن سڄو شھر دل وٽان گھميو. +ڇھين نومبر تي رات جو ساڍي اٺين وڳي، اسان جي جھاز لنگر کنيو ۽ ھاڻي ھندي وڏي سمنڊ کي پٺيان ڇڏي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي منھن موڙيوسون. سڀني جي ذھنن تي ھڪ دفعو وري ڊپ ۽ ھراس پنھنجو ديرو ڄمايو ۽ اھو ڊپ اڳتي وڌڻ سان ويتر وڌڻ لڳو ۽ پوءِ پنجين ڏينھن نيٺ اھا گھڙي اچي وئي، جنھن جو ڀؤ ھر ھڪ مسافر کي مھيني کن کان لڳل ھو.... جھاز ماٺي پاڻيءَ جي مٿان بنا ڪنھن لوڏن جي تري رھيو ھو تھ اوچتو ھڪ قيامت خيز ڌماڪو ٿيو. جھاز ھڪ جرمن سب مئرين (آبدوز) جي ھنيل ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويو. ٽارپيدو لڳڻ ڪري سڄو جھاز لڏي ويو ۽ سندس ھڪ حصي جا تھ ٽڪرا ڇيتين وانگر مٿي اڏامي ويا. عملي جي ارڙھن ماڻھن سان گڏ ٽي مسافر بھ موت جي ماٿرين ۾ ٻڏي ويا. +جھاز جي ڪئپٽن راجر يڪدم ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاھڻ جو حڪم ڏنو. آئون ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ھوس ۽ لائيف بوٽ نمبر چار منھنجي حوالي ھئي. ان کي سمنڊ ۾ لاھي بس ڪيم تھ، ڏسان تھ اسٽار بورڊ (ساڄي) پاسي منھنجي دوست ڪوارٽر ماسٽر بوب کي پنھنجي ٻيڙي لاھڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي. سو آئون ٽپ ڏئي ان ۾ چڙھي پيس. ھڪ رسو وچ ۾ ڦاسي رھيو ھو، جنھن کي ڇڪي ٻاھر ڪرڻ سان ٻيڙي ھيٺ گھرڪڻ لڳي. آئون ان ئي ڪوشش ۾ ھوس تھ ٻيڙي جھاز جي پاسي سان ٽڪرائي ڀور ڀور نھ ٿئي تھ ايتري ۾ سب مئرين ٻيو ٽارپيڊو فائر ڪيو، جنھن جي ڌماڪي سان نھ فقط جھاز لڏي ويو، پر بوب واري ٻيڙي بھ پرزا پرزا ٿي، ھيڏانھن ھوڏانھن پکڙجي وئي – مون کي فقط شعاع نظر آيو ۽ پوءِ ائين لڳو ڄڻ پولار ۾ سفر ڪري رھيو ھجان. ٿوري دير کان پوءِ ھيٺ سمنڊ ۾ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ ٻڏڻ کان بچڻ خاطر پاڻيءَ ۾ ھٿ پير ھڻڻ لڳس. +”سٽي آف ڪئرو“ جھاز سمنڊ ۾ اونڌو ٿي اندر ٻڏڻ لڳو. منھنجي اوسي پاسي دانھون ۽ ڪوڪون ڪندڙ ماڻھو، جھاز ۽ ٻيڙين جا تختا ۽ سامان سمنڊ جي لھرن ۾ ٻڏي اپڙي رھيو ھو. منھنجي لائيف جئڪيٽ خراب ٿي چڪي ھئي. رات جو اوندھ ۾ مون کي ھڪ ڪارو دٻو نظر آيو. مون ان ڏي ترڻ شروع ڪيو. ويجھو پھچي ڏٺم تھ لائيف بوٽ نمبر پھرين ھئي. ٻئي ڌماڪي ڪري ان کي نقصان رسيو ھو ۽ منجھس پاڻي ڀرجي ويو ھو. ٻڏندڙ کي ڪک جي آسري وانگر – ان ۾ ويٺل ڪجھھ ماڻھن لاءِ جيئرو بچڻ جو اھو ئي ھڪ سھارو وڃي بچيو ھو. آئون بھ ان ۾ چڙھي پيس. ڪجھھ ھوش حواس بحال ٿيا تھ مون پنھنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. ٻيڙيءَ ۾ موڪل تي وڃڻ وارا انگريز آفيسر، ڪنھن ٻئي ھنڌ وڙھڻ لاءِ موڪليل ھندستاني فوجي، ڪيتريون ئي زالون ۽ ٻار ۽ ڪجھھ يورپي مسافر سوار ھئا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻي ايترو تھ ڀرجي چڪو ھو جو سڀني کي چيلھھ تائين پئي آيو. مون ھنن کي صلاح ڏني تھ جھٽ پٽ پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيو وڃي. سڀ کان پھرين زالن ۽ ٻارن منھنجي اھا صلاح مڃي، پوءِ مڙس بھ ڪم ۾ جنبي ويا. ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍي بس ڪرڻ کان پوءِ اسان سمنڊ ۾ ھٿ پير ھڻڻ وارن ڏي ڌيان ڏنو ۽ انھن کي جھلي جھلي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھڻ لڳاسين. رات جي اوندھ ۾ اسان کي جيترا بھ ماڻھو ملي سگھيا انھن کي ڇڪي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيوسين. سمنڊ جي مٿاڇري تي منھنجيون نظرون ٻڏندڙن کي ڳولي رھيون ھيون. ھڪ ھنڌ مون کي ڪنھن جو مٿو ڏسڻ ۾ آيو، جنھن ��ا ڊگھا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنھن پنھنجي کير پياڪ ٻار کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو. ماءُ ۽ ٻار ٻئي بيھوش ھئا. اسان ھنن کي اونڌو ڪري سندن پيٽ ۽ ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍيو ۽ ھو جلد ھوش ۾ اچي ويا. جن ماڻھن کي اسان بچايو، انھن ۾ جھاز جو چيف آفيسر سڊني ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب بھ ھئا. بوب جي چيلھھ ۽ ھڪ ھٿ تمام گھڻو ڦٽجي پيا ھئا. اھا رات جبل جيڏي لڳي رھي ھئي. سمنڊ ۾ بھ جوش ھو ۽ لھرن جون ٿڦڙون ٻيڙيءَ کي ڪڏھن ھڪ پاسي تھ ڪڏھن ٻئي پاسي لوڏي رھيون ھيون. خدا خدا ڪري پرھ ڦٽي ۽ سورج شاخون ڪڍيون ۽ سمنڊ جي مٿان ڪيتريون ئي ٻيڙيون ھيڏانھن ھوڏانھن لڏندي نظر آيون. اسان انھن ڏي رخ ڪيو ۽ ويجھو پھچي اڳتي جو سوچيو – ھڪ ٻيڙيءَ ۾ جھاز جو ڪئپٽن راجر بھ سوار ھو. ھن ويجھي ۾ ويجھي ٻيٽ سينٽ ھيلينا ڏي ھلڻ جو فيصلو ڪيو. اسان جي ٻيڙيءَ جي ڪمانڊ سڊنيءَ سنڀالي. سڀني معاملن تي ھڪڙو ئي فيصلو ڪرڻ بعد اسان ماڻھن کي ھيڏانھن ھوڏانھن بدلي ڪيو. مقصد اھو ھو تھ ساڳي خاندان جا ماڻھو ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ گڏ ھجن ۽ چيف آفيسر سڊني جي صلاح موجب، جيئن تھ اسان کي ٻيڙيءَ جي ڌماڪي ڪري نقصان رسيو ھو، پاسن کان ڏار پئجي ويا ھئي ۽ چپون (Oars) بھ ڀڄي پيا ھئا، ان ڪري ٻارن کي بھ ان مان لاھي ٻيءَ سڄيءَ ٻيڙيءَ ۾ رکيو ويو. +ماڻھن جي ردو بدل پوري ٿيڻ بعد اسان ٻيڙين جا سڙھ ساڄا ڪيا ۽ ھڪ ڊگھي سفر جا سانباھا ڪياسين. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ چوونجاھ ماڻھو سوار ھئا. ويھھ يورپي، ايڪٽيھھ ھندستاني ۽ ايشيائي. يورپي ماڻھن ۾ ٽي عورتون بھ شامل ھيون – جھاز جون ٻھ اسٽيورڊيسون (ھوسٽسون): مس ٽيگراٽ، مس ايني ۽ ٽين ڄڻي ننڍي نيٽي برطانوي ڇوڪري ڊيانا. مس ٽيگراٽ ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب سخت زخمي ھئا. انھن جي سمھڻ لاءِ ٻيڙيءَ جي مھاڳ ۾ ڪجھھ جاءِ ڪئي وئي. ڪا خبر نٿي پيئي تھ بوب کي چيلھھ ۾ ڇا ٿي پيو آھي؟ ان ٻيڙيءَ ۾ ھڪ ڊاڪٽر بھ ھو، پر ھن جي پنھنجي ئي حالت صحيح نھ ھئي، جو اٿي کڻي ڪو مريض ڏسي. سو جيتري قدر ٿي سگھيو، اسان ٻنھي زخمين کي چڱي طرح مرھم پٽي ڪري ورتي. ان ڪم ۾ مس ڊيانا اسان جي وڏي مدد ڪئي. ھن جو فرسٽ ايڊ جو ڪورس ڪيل ٿي ڏٺو. +سفر شروع ٿيو تھ چيف آفيسر سڊنيءَ ماڻھن کي رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان آگاھ ڪيو. ھڪ ٻئي سان مڪمل طرح نباھ ڪرڻ ۽ ھر حالت ۾ ڊسيپلين قائم رکڻ جي اپيل ڪئي. پيئڻ جو پاڻي اڌ کن ھارجي چڪو ھو، ان ڪري پاڻيءَ جي راشن بندي ڪئي وئي. ٻيڙيءَ ۾ ٽنگ ٿي پيا ھئا، ان ڪري ان مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ ھر ماڻھوءَ جو پھريون فرض قرار ڏنو ويو. ٻئي ڏينھن ٻنپھرن جو اسان کليل سمنڊ ۾ شارڪ مڇين جو ڌڻ ڏٺو. ھو چڱي تعداد ۾ ھيون ۽ ٻيڙيءَ جي چوڌاري چرين وانگر چڪر ھڻڻ لڳيون. ڪڏھن ڪڏھن تھ ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻيڙيءَ تي حملو ڪنديون. +رات تمام ماٺ ميٺ ۾ مٿان اچي وئي. موسم سٺي ھئي، پر قسمت ۾ آرام نھ ھو. ماڻھن کي دير دير تائين بيھڻو ٿي پيو. بيٺي بيٺي جھوٽو اچڻ ڪري ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ ڪري ٿي پيا. منھنجي ڊيوٽي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي جو سڙھ سنئون رکڻ جي ھئي. رابرٽ منھنجو ٻانھن ٻيلي ھو. ھن کي ٻيڙين جي تھ ڪا ڄاڻ ھئي ۽ نھ وري ڪو تجربو، ڇو تھ ھو ھڪ ايئرو ناٽيڪل انجنيئر ھو، پر ھن مون کي پھرين ڏينھن ئي ٻڌايو تھ ڪوبھ ڪم ھجي نھ ٻڌائجانءِ، آئون ان کي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس. ھن جي مدد منھنجي لاءِ وڏي آٿت ھئي. ٻيڙيءَ کي سنڀالڻ ھڪ فن آھي ۽ ان کي ڄاڻڻ وارا تمام گھٽ آھن. ھي ان ڪم ۾ جلد ئي ڪاريگر ٿي ويو. +ٻئي ڏينھن ھوا تکي ٿي وئي ۽ ان سان گڏ ٻيڙين جي رفتار بھ وڌي ويئي. ڪڏھن ا��ان جون ٻيڙيون ايترو ويجھو ٿي ٿي ويون، جو اسان ھڪ ٻئي سان ڳالھائي بھ سگھياسين ٿي. وري ڇولين ۽ ھوا ڪري ھڪ ٻئي کان ايڏو پري ھليا ٿي وياسين، جو ھڪ ٻئي کي نظر بھ نٿي آياسين. اسان جي ٻيڙيءَ جي رفتار مڙيئي وڌيڪ ھئي. چيف آفيسر سڊنيءَ صلاح ڏني تھ اسان کي سڀ کان اڳيان رھڻ گھرجي، جو اسان جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿيل آھن. ان ڪري اسان کي پنھنجو سفر جھٽ پورو ڪرڻ کپي. جيڪڏھن اسان سينٽ ھيلينا ٻيٽ جي ڪناري تي پھچي وياسين تھ ٻين جي بھ مدد ڪري سگھنداسين. ٻيڙيون ھڪ ٻئي جي ويجھو پھتيون تھ، چيف آفيسر پنھنجو اھو منصوبو ڪئپٽن کي ٻڌايو. ان اسان جي ضعيف ٻيڙيءَ جي حالت ڏسي، ان ڳالھھ جي موڪل ڏني. خبر ناھي اھا ڪھڙي گھڙي ھئي جڏھن اسان اڳيان وڌياسين! ان کان پوءِ اسان جا ساٿي اسان سان وري ملي نھ سگھيا. +رات ٿي تھ واءُ اڃا بھ تکو ٿي ويو. ٻيڙيءَ جي رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو اوزار بھ خراب ٿي پيو، ان ڪري ان کي پنھنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ اسان کي ڏاڍي محنت ڪرڻي ٿي پئي. ھيءَ رات اسان جي سفر جي خوفناڪ ترين رات ھئي. تکي ھوا ڪري سمنڊ مان اڀرندڙ لھرون ڪيترائي ڀيرا اسان کي پيرن کان مٿي تائين آلو ڪري ٿي ويون. ان ئي رات اسان کي خبر پئي تھ ڊاڪٽر ٽسڪر ذھني طرح کسڪي ويو آھي. ھو ذري ذري دانھون ڪري رھيو ھو: ”بئرا! منھنجي چانھھ آڻ!“ ھن جي ھٿ ۾ چاقو ھو، جنھن سان ھن جھاز جي اسٽور ڪيپر جي قميص ڦاڙي رکي. مون ھن کي ڏاڍي مشڪل سان ٿڌو ڪيو ۽ چاقو ڦري ورتومانس. +ٽئين ڏينھن منجھند مھل مس مس ھوا جو زور ڀڳو – ٻيون ٻيڙيون اسان جي نگاھن کان پري ٿي، خبر ناھي ڪھڙي پاسي گم ٿي ويون؟ ھاڻي اسان جون اکيون ڪنھن پاڻيءَ جي جھاز يا ھوائي جھاز جي ڳولا ۾ ھيون، جيڪو اسان کي ڏسي بچائي. ٻئي ڏينھن شام جو ڊاڪٽر جي حالت اڃا بھ وڌيڪ خراب ٿي وئي. ھو لڳاتار پاڻي گھرندو رھيو. چيف آفيسر ھن جي خراب حالت ڏسي، سندس پاڻيءَ جو راشن ٻيڻو ڪيو. رات جو آئون ڊاڪٽر جي ڀرسان ئي ترسيس. ھو آڌيءَ رات جو ڍرڪي منھنجي مٿان اچي ڪريو. صاف ظاھر ھو تھ ھو مري چڪو آھي، پر آئون خاموش رھيس. ڏينھن چڙھيو تھ مون چيف آفيسر سان ڳالھھ ڪئي. اسان ڊاڪٽر جو لاش کڻي ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي رکيو. چيف آفيسر کي بائيبل جي ھڪ دعا ياد ھئي. ھن اھا پڙھي ۽ اسان ڪوماڻيل دلين سان لاش کي آھستي ڪري سمنڊ جي حوالي ڪيو. ان پھرين موت تي اسان سڀ ڏاڍو غمگين ٿياسين ۽ سوچڻ لڳاسين تھ ھاڻ خبر ناھي وري ڪنھن جو وارو اچي؟ سج چڱو مٿي آيو تھ ائون بوب وٽ ويس، جنھن مون کي آھستي چيو: ”اينگس! تنھنجو ڇا خيال آھي؟ ڇا بچڻ جو ڪو امڪان آھي؟“ مون ھن جي پٺي ٺپري چيو: ”سڀ ڪجھھ صحيح ٿي ويندو، بوب! گھٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناھي. پڪ ڪونھ ڪو جھاز اسان تائين پھچي ويندو ۽ پاڻ بچي وينداسين.“ +بوب جي گذريل سال شادي ٿي ھئي. ھو پنھنجي زال ۽ ٻن ٽن مھينن جي ننڍڙيءَ ڌيءَ جي باري ۾ ڏاڍو فڪرمند ھو. ھن جي ڪرنگھي جي شايد ڪا ھڏي ڀڄي پئي ھئي، ان ڪري ويھي بھ نٿي سگھيو. ھو دير تائين پنھنجي زال ۽ ڌيءَ جون ڳالھيون ڪندو رھيو. +ھندستاني فوجي سڀ مسلمان ھئا. ھنن وڏي ڊسيپلين سان +بيٺي بيٺي نماز ادا ٿي ڪئي ۽ ڏينھن رات دعائون ۽ درود پڙھڻ ۾ رڌل رھيا ٿي. ھڪ وڏي سونھاريءَ وارو فوجي جڏھن بھ پر، سوز آواز ۾ پنھنجي مقدس ڪتاب قرآن جي تلاوت ڪندو ھو تھ، اسان غير مسلمانن تي بھ وجد طاري ٿي ويندو ھو. سندس حال پڇڻ تي ھو پنھنجن سڪل چپن تي مرڪ آڻي فقط اڃ جي دانھن ڪندو ھو. +ڇھين ڏينھن صبح ساڻ ٽي فوجي الله کي پيارا ٿي ويا. وڏيءَ ڏاڙھيءَ واري فوجي ھنن جي جنازي نماز پڙھائي. جھاز جو سرنگ ۽ فائر مئن زنجبار جا مسلمان ھئا. ھو بھ جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. نماز کان پوءِ ٽنھي ڄڻن کي سمنڊ جي بي رحم لھرن جي حوالي ڪيو ويو. +ھوا ھاڻ بلڪل بند ٿي وئي ھئي. اسان سڙھ لاٿا ۽ چپن کان ڪم ورتوسون. جيتوڻيڪ ھي ڪم تمام ڏکيو ھو، پر ان جو ھڪ فائدو ٿيو. اسان جو ذھن ۽ جسم پورھئي ۾ لڳي ويو. ڪيترن يورپي ماڻھن جي ھاڻ ذھني حالت خراب ٿيڻ لڳي ۽ واري واري سان ھن دنيا جي قيد مان آزاد ٿيڻ لڳا. اسٽيور ڊيس – مس ٽيگراٽ جي جسم تي ڦٽ ڦرڙيون ٿي پيون ھيون ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو دوا دارون نھ ھو. اٺين ڏينھن رات جو ھوءَ بھ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. ان رات ڪجھھ ٻيا ھندستاني فوجي بھ وفات ڪري ويا. اسان رات جو ئي ھنن جون آخري رسمون پوريون ڪري، کين سمنڊ جي حوالي ڪيو. +ڏينھن چڙھيو تھ شارڪ مڇين وري ٻيڙيءَ کي کڻي گھيريو. ھو ٻيڙيءَ جي چوڌاري اھڙو تيزيءَ سان گھمڻ لڳيون، ڄڻ سمنڊ جو پاڻي ولوڙي رھيون ھجن ۽ رکي رکي پنھنجو ڀوائتو وات کولي ٻيڙيءَ ڏي ٿي ڏٺائون. حالتون تمام گنڀير ٿينديون ويون. ٻيڙيءَ جا لاچار ۽ بي وس مسافر سڄو ڏينھن مٿي کي ھٿ ڏيو ويٺا ھوندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن اسان جون ڏرا ڏئي ويل بي نور اکيون ڪڪر ٽڪرو ڏسڻ لاءِ آسمان ڏي کڄيون ٿي، پر ناڪاميءَ کان سواءِ ڪجھھ حاصل نٿي ٿيو. مون ھڪ نوجوان انجنيئر جي ھمٿ وڌائي ۽ کيس چيم تھ مس ڊيانا کان سبق سک، جنھن ھھڙين ڏکين گھڙين ۾ بھ اميد جو پلاند ھٿن مان نھ ڇڏيو آھي. ھو انجنيئر ٻن ڏينھن تائين صحيح سلامت رھيو ۽ پوءِ ماٺ ميٺ ۾ مري ويو. ھيستائين چڱا ماڻھو مري ويا ھئا. ھونءَ ٻيڙي ھلڪي ٿي وئي ھئي ۽ ان جا سوراخ سمنڊ جي مٿاڇري کان گھڻو مٿي ٿي ويا ھئا. ان ڪري اسان کي پاڻي ڪڍڻ جي مزوريءَ کان تھ موڪل ملي وئي. ڏھين ڏينھن جھاز جي ھڪ ٻي اسٽيورڊيس – ايني بھ راھ رباني وٺي وئي. ھن جا ھٿ پير تمام گھڻو سڄي ويا ھئا. ھاڻ ٻيڙيءَ ۾ فقط ھڪ عورت ڊيانا وڃي بچي ھئي، پر ھوءَ اڃا تائين چاق چوبند ڏسڻ ۾ پئي آئي. ٻيڙيءَ جي انچارج سڊنيءَ جا حواس بھ ھاڻي ختم ٿيندا ويا. ھو اڪثر وڦلندو رھيو ٿي. ھن جي ھيءَ حالت تمام ڏکوئيندڙ ھئي. ھو تمام گھڻو پيارو انسان ھو. ٻارھين ڏينھن ھن ۾ ويھڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ جي بھ سگھھ نھ رھي. اسان ھن کي بوب جي ڀرسان ئي سمھاري ڇڏيو. بوب جي حالت بھ تيزيءَ سان خراب ٿي رھي ھئي. ھڪ ڏينھن ھن مون کي سڏي چيو: ”اينگس! منھنجو بچڻ ھاڻي ناممڪن آھي، منھنجي مرڻ کان پوءِ منھنجي ٻاچ ۾ پيل منڊي لاھي وٺجانءِ. جيڪڏھن قسمت توکي وطن پھچايو تھ ھيءَ منڊي منھنجي زال جي حوالي ڪجانءِ.“ +يورپي ماڻھن ۾ ڪجھھ ھمراھ اھڙا رھجي ويا ھئا، جن جي صحت وري بھ ٻين کان سٺي ھئي. چوڏھين ڏينھن صبح جو منھنجو دوست رابرٽ بھ ختم ٿي ويو. مون کي ھن جي مرڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. ھو ڏاڍو شريف انسان ھو. ھن جي زبان مان ڪڏھن تڪليف جو ھڪ لفظ بھ نھ نڪتو ۽ نھ ڪڏھن ھن ڪنھن کي شڪايت جو موقعو ڏنو. ھن موت کي ماٺ ۾ ڀاڪر پائي ورتو. ان ڏينھن اسان ست لاش سمنڊ جي حوالي ڪيا، جن ۾ پنج ھندستاني فوجين جا ھئا. +پندرھين ڏينھن سڊنيءَ ۽ بوب بھ ھميشھ لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ان کان علاوه مرڻ وارن ۾ ٽي يورپي ۽ ڪجھھ ھندستاني فوجي شامل ھئا. ھنن کي ٻيڙيءَ جي تري مان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ جي ڪناري تي آڻڻ تمام ڏکيو ڪم ھو. اسان ايڏو تھ نستا ٿي پيا ھئاسون جو ھڪ ھڪ لاش مٿي کڻي آڻڻ بعد ڪا دير تھ ساھي ٿي پٽيسين. ھڪ فائر مئن ( باھ – واري) پنھنجي راشن جو ڍڪ پاڻي پيئڻ بعد وڌيڪ پاڻي گھريو. ھن جي حالت ڏٺي نٿي ٿي، پر ھاڻي ايترو پاڻي نھ بچيو ھو جو ٿوري اڃ ��ھ ماري سگھي. دل شڪستو ٿي ھن کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر پنھنجي لائيف جئڪيٽ لاھڻ وسري ويس. اسان ۾ ايتري سگھھ نھ ھئي جو ٻيڙيءَ کي موڙي کيس بچائي وٺون. لائيف جئڪيٽ ھجڻ ڪري ھو يڪدم سمنڊ اندر ٻڏڻ بدران ڪجھھ دير ترندو رھيو – پوءِ اوچتو خوفناڪ شارڪ مڇيون ھن کي چھٽي ويون. ھڪ مڇيءَ پنھنجي ڪارائيءَ جھڙن ڏندن سان ھن جي ٽنگ سٿر وٽان ڪپي ورتي. اسان پنھنجي اکين تي کڻي ھٿ رکيا ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳاسين. +ھاڻ ٻيڙيءَ جي بچيل سچيل مسافرن يڪراءِ سان مون کي پنھنجو انچارج ٺاھيو. پيئڻ جو پاڻي تمام ٿورو وڃي بچيو ھو، ان ڪري ھڪ چمچو صبح جو ۽ ھڪ چمچو شام جو راشن مقرر ڪيو ويو. کائڻ لاءِ بسڪيٽ ۽ کير جون ٽڪيون ھيون، پر بنا پاڻيءَ جي کائڻ ڏکيو ھو. اسان جو وات ايڏو تھ سڪي ٺوٺ ٿي ويو ھو جو بسڪيٽ پائوڊر جي صورت ۾ واڇن کان ٻاھر نڪري آيو ٿي ۽ کير جون ٽڪيون ڏندن ۾ چنبڙي ٿي پيون. ٻن ڏينھن بعد ھڪ يورپي مئرين انجنيئر، ايڊنيرا جو ھڪ بئنڪار ۽ ڪجھھ ھندستاني فوجي لاڏاڻو ڪري ويا. ٽئين ھفتي جي پڇاڙيءَ تائين اسان باقي اٺ ماڻھو ٻيڙيءَ ۾ وڃي بچيا ھئاسين. سياري جي برف جھڙي ٿڌي ھوا لڳي ٿي تھ ائين ٿي لڳو ڄڻ بدن ۾ سئيون ٿي چڀيون. +مينھن اڃا تائين نھ وٺو ھو ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ فقط ڪجھھ ڍڪ پاڻي وڃي بچيو ھو. سمنڊ جو کارو پاڻي بھ پنھنجو اثر ڏيکارڻ لڳو. اسان جي بدن تي چنبڙيل لوڻ جا ذرڙا اس ۾ جرڪيا ٿي ۽ جڏھن اسان انھن کي پنھنجي جسم تان کرڙڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي تھ، سھڻ کان پري سور جون لھرون سڄي بدن مان پار ٿي ٿي ويون. +چوٿين ھفتي دوران ھڪ رات آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس تھ اوچتو ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳي. ڀڻڪندي اٿيس. ڏسان تھ ھڪ تمام وڏي مڇي ٻيڙيءَ ۾ ڦٿڪي رھي آھي. مون جھٽ پٽ ڪھاڙيءَ ۾ ھٿ وڌو ۽ مڇيءَ تي حملو شروع ڪري ڏنم، پر ڪھاڙيءَ جا ڌڪ ھن تي ائين لڳي رھيا ھئا، ڄڻ ڪنھن رٻڙ جي ڍڳ کي لڳي رھيا ھجن. نيٺ مون ڪھاڙيءَ جا ڪجھھ وسڪارا مڇيءَ جي کوپڙي تي ڪيا، تڏھن مس مس ھن ڦٿڪڻ بند ڪيو. ھوءَ ٽي فٽ ڊگھي ۽ گھڻي نھري ”ڊاگ فش“ ھئي. ان جدوجھد ۾ منھنجو ھٿ ھن جي وات ۾ اچي ويو ۽ ھڪ آڱر چچرجي وئي. خير مون ھن مڇيءَ کي رسيءَ جي ھڪ ٽڪر سان بينچ جي ٽنگ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وري سمھي رھيس. ڏينھن چڙھيو تھ چاقوءَ سان ان جا ڳڀا ڳڀا ڪيم ۽ اسان سڀ ڏندن سان چٻاڙڻ لڳاسين. مون ۽ ڊيانا تھ مڇيءَ جي گھاٽي ڳاڙھي رت جو ھڪ ھڪ ڍڪ بھ ڀريو، پر اھو ايترو تھ خراب ھو جو ماڳھين دل ڪچي ٿي پيئي. مڇيءَ جا ٽڪرا بھ اسان کان ڳٿا نٿي ٿيا، سو سمنڊ اندر ٿوڪاري ڇڏياسين. +رات ٿي تھ منھنجو ھٿ ۽ ساڄي ٻانھن سڄي پئي. ڊيانا جو خيال ھو تھ مڇيءَ جي ڏندن جو زھر منھنجي ساڄي ٻانھن تي چڙھي ويو آھي. ھن مون کي ھدايت ڏني تھ آئون پنھنجي ٻانھن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ئي ٻوڙي رکان. سڄي رات منھنجي ٻانھن ۾ سور جون سيٽون اڀرنديون رھيون. صبح ٿيو تھ ڊيانا منھنجي کيسي مان ڊاڪٽر ٽسڪر وارو چاقو ڪڍي ڦٽيل آڱر تي چھڪ ڏنو ۽ پوءِ ھٿ ۽ ٻانھن کي زور ڏيئي منجھانئس زھريلو مادو چڱيءَ طرح ڪڍيو. اھڙيءَ طرح مون کي ڪجھھ سڪون مليو. زھريلو گند چڱيءَ طرح نڪري ويو تھ مون پنھنجي ٻانھن وري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ٻانھن جي سوڄ تھ ھلي وئي، پر ڦٽ ڇٽڻ ۾ پوءِ بھ مھينا لڳي ويا. +چوٿين ھفتي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ڏينھن ڳڻڻ ڇڏي ڏنا. اسان سڀني تي ھاڻي ھڪ قسم جي غنودگي طاري رھي ٿي. اٿي بيٺاسين ٿي تھ گھرڪي ھيٺ وڃي ڦھڪو ٿي ڪيوسين. ھڪڙي ڏينھن صبح جو اٿي ڏٺوسين تھ جھاز جو پوڙھو سرنگ ۽ زنجبار جا رھڻ وارا ”فائرمين“ ٻيڙيءَ جي تري ۾ مئا پيا ھئا. وڏيءَ مشڪل سان ھنن کي مٿي آڻي، سمنڊ ۾ اڇليوسين. رات ٿي تھ ھڪ ٻئي ھمراھ جي حالت خراب ٿي وئي. ھن کي ٻيڙيءَ جي تري ۾ آرام سان سمھاريوسين، پر ھو ٿڙندو ٿاٻڙندو مٿي ٻيڙيءَ جي تختي تي اچي ستو. مون ان جو سبب پڇيومانس تھ ھن جي سڪل چپن تي اداس مرڪ تري آئي. چوڻ لڳو: ”اينگس! آئون اڄ رات پڪ مري ويندس. ٻيڙيءَ جي تري مان لاش ڇڪي مٿي آڻڻ ھاڻي توھان جي وس کان ٻاھر ٿي پيو آھي. ھتي مٿين تختي تي مري ويندس تھ توھان کي منھنجو لاش سمنڊ ۾ اڇلڻ ۾ آساني ٿيندي، ان ڪري مون کي ھتي ئي سمھڻ ڏيو.“ ھن جي اھا ڳالھھ ٻڌي منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. مون ٿڌو ساھ کنيو ۽ ھن وٽان ھليو آيس. واقعي ان رات ھو اسان کان ھميشھ لاءِ موڪلائي ويو ۽ صبح جو اسان ھن جي لاش کي سمنڊ جي نذر ڪيو. ٻئي ڏينھن چار ٻيا ساٿي اسان کان جدا ٿي ويا. +ھاڻي ٻيڙيءَ ۾ فقط ٽي ماڻھو: آئون، ڊيانا ۽ جئڪ رھجي ويا ھئاسين. ٻيڙيءَ جا سڙھ ائين پٽ تي پيا ھئا، پر انھن کي سنڀالڻ جي ھاڻ مون ۾ ھمت بنھھ ڪانھ ھئي. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تھ اسان ٽئي لورپول (انگلينڊ) ۾ گھمي رھيا آھيون. صبح جو اٿڻ سان مون ڊيانا ۽ جئڪ کي پنھنجو خواب ٻڌايو ۽ چيو: ”ھن خواب مان لڳي ٿو تھ پاڻ بچي وينداسين. ڪو نھ ڪو راھ ويندڙ جھاز پاڻ کي کڻي ويندو.“ جئڪ ۽ ڊيانا پھرين تھ منھنجي ان ڳالھھ تي مرڪيا ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ پيا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي آخري بوند بھ ختم ٿي وئي ھئي. اسان ٽئي ھاڻ رڳو پاڻيءَ جا خواب ڏسندا ھئاسين. مون کي تھ خواب ۾ پاڻي شڪلين ۾ نظر ايندو ھو. ڪڏھن نديءَ ناري جي شڪل ۾ تھ ڪڏھن ڍنڍ ڍوري جي روپ ۾ - يا وري ڪڏھن وڏ ڦڙي وسڪاري جي صورت ۾. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تھ آئون ھڪ پائپ ذريعي پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪري رھيو آھيان. +جئڪ جي بھ حالت ھاڻ آھستي آھستي خراب ٿيڻ لڳي. ھو ٻيڙيءَ جي پٺين ڪنڊ ۾ ستو پيو ھو. ھوڏانھن ڊيانا ٻيڙيءَ جي اڳئين ۽ ڪجھھ سڪل حصي ۾ ھئي. ھن مرڪي اسان ڏي ڏٺو ۽ چوڻ لڳي: ”جيڪڏھن مينھن پئجي وڃي تھ پنھنجي بچڻ جا آثار پيدا ٿي سگھن ٿا.“ بک ۽ اڃ کان بيتاب، اسان لاشن وانگر ھڪ ھنڌ پيا ھئاسين ۽ نظرون مٿي آسمان ڏي ھيون تھ من ڪو ڀليل ڀٽڪيل ڪڪر ئي ھتان اچي نڪري ۽ ٿوري دير وسڪارو ڪري، جيئن اسان پنھنجي سڪل نڙيءَ کي آلو ڪري سگھون. سور جي سيٽ کان وات کولڻ تي مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ اجھو تھ تارون ٽڙڪيو. +اوچتو ڊيانا چوڻ لڳي: ”اچو تھ گڏجي برسات لاءِ دعا پنون. ٿي سگھي ٿو تھ الله کي اسان جي حال تي رحم اچي وڃي!“ اسان ٽئي ادب سان ٿي بيٺاسين ۽ گوڏن تي جھڪي دل جي گھرائين سان دعا گھريسين. خدا کي اسان تي ٻاجھھ اچي وئي ۽ ان ئي رات ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس تھ ڪجھھ بوندون منھنجي منھن کي لڳيون. ٽپ ڏئي اٿي ويٺس ۽ چرين وانگر رڙيون ڪيم: ”مينھن ڙي مينھن! ٻيلي وارو ڪيو.“ جيڪ منھنجي مدد ڪرڻ جي قابل نھ ھو. ڊيانا جي حالت بھ خراب ھئي، پر ھوءَ بھادر ڇوڪري دل ٻڌي اٿي ويٺي ۽ رڙھندي رڙھندي مون تائين آئي. اسان ٻنھي وڏي ڪشالي سان ٻيڙيءَ جو سڙھ وڇايو، جيئن پاڻي گڏ ڪري سگھجي. پاڻي گڏ ٿيو تھ اسان ان کي خبرداريءَ سان ٽانڪيءَ ۾ وڌو. سڙھ تي باقي بچيل پاڻيءَ جي ڦڙن کي زبان سان چٽيوسون. سڙھ تي سامونڊي ڇولين جو پاڻي لڳڻ ڪري چڱو خاصو لوڻ موجود ھو، جنھن ڪري مينھن جو گڏ ڪيل پاڻي بھ ڪڙو ٿي پيو ھو. پر تنھن ھوندي بھ اسان لاءِ وڏي غنيمت ھو. پاڻيءَ جا ٻھ ٻھ ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ اسان جي حالت مڙيئي ڪجھھ سڌري. ڊيانا جو ڳلو سڄي پيو ھو، ان ڪري ھن ڏاڍي مشڪل سان پاڻي پيتو. ٿوري دير کان پوءِ آئون اٿي ٻ��ڙيءَ جي اڳئين حصي ۾ آيس ۽ ھڪ دٻي سان سمنڊ جو پاڻي پنھنجي مٿان وڌم. ان وھنجڻ مان مون کي ڏاڍي فرحت ملي. ان ڪري مون جيڪ ۽ ڊيانا کي بھ پوءِ وھنجاريو. ڊيانا جيتوڻيڪ سڪي ڪنڊا ٿي وئي ھئي، پر ھن جو حوصلو اڃا بھ بلند ھو. ھن کي ھاڻ ڳالھائڻ جي بھ طاقت نھ ھئي، پر ھن جھيڻي آواز ۾ اتر انگلينڊ ۾ ٺھيل سندس سھڻي گھر جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ چوڻ لڳي: ھوءَ گھوڙي سواري ۽ ٽينس جي وڏي شوقين آھي. کيس ڳالھائڻ ۾ جيتوڻيڪ سور ٿي رھيو ھو، پر لڳاتار ڳالھائيندي رھي. وڌيڪ چوڻ لڳي: ”جڏھن پاڻ انگلينڊ پھچنداسين تھ تون ضرور منھنجي گھر اچجانءِ! منھنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندا.“ ڊيانا جي ان دعوت تي مون کي ھڪ عجيب خوشي محسوس ٿي تھ، مون وانگر ھن کي بھ ان ڳالھھ جو پختو يقين آھي تھ اسان موت جي چنبي مان نڪري وينداسين. +مينھن وٺي ٽي ڏينھن ٿي ويا ھئا. اسان جي حالت پھرين کان وري بھ سڌري چڪي ھئي. چوٿين ڏينھن آئون وري ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي ويھي سمنڊ جي پاڻيءَ سان وھنتس. پوءِ اٿس، ننڍي سڙھ جو رخ ڦيرائي، وڏي سڙھ کي کوھي تي چاڙھڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھيڻائيءَ ڪري ناڪام رھيس. سو ان کي اتي ئي وڇائي مٿس سمھي رھيس ۽ ھفتن بعد ڪا گھاٽي ننڊ ستس. ٻئي ڏينھن پرھ ڦٽيءَ کان بھ اڳ ڊيانا مون کي اٿارڻ لاءِ ھٿ سان ڌوڏيو. ھوءَ وائڙن وانگر نھاري رھي ھئي: ”اينگس! ڇا توکي ڪنھن ھوائي جھاز جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“ ھن ڊگھا ڊگھا ساھ کڻندي چيو. مون مٿي آسمان ۾ نگاھون کپائي ڏٺو. چوڌاري اوندھ ھئي ۽ اڃا تارا ٽمڪي رھيا ھئا. مون ڪن لڳائي غور سان آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعي مون کي بھ ائين لڳو ڄڻ ڪو ڏور ھوائي جھاز اڏامي رھيو ھجي – چرين وانگر ماچس جي تيلي ٻاري ھڪ سڪل بيلٽ کي باھ ڏني ۽ پوءِ بيھي ان کي گھمائڻ لڳس. جيڪ بھ پنھنجي جاءِ تان اٿيو ۽ آھستي آھستي ھلي اچي منھنجي ڀرسان بيٺو. لائيف بيلٽ ٻري ٻري وسامي ويو، پر ھوائي جھاز اسان جي ٻيڙي تائين نھ پھتو. مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. عجيب ڳالھھ اھا تھ ھن جو آواز اڃا تائين پھچي رھيو ھو. ٿوري دير کان پوءِ صبح جي روشني ٿي تھ ڊيانا آڱر سان ھڪ طرف اشارو ڪيو. پري پري ھڪ تمام وڏو پاڻيءَ جو جھاز لوڏا کائيندو نظر آيو ۽ دراصل ان جي ڊيزل انجڻ جو آواز ھوا جي لھرن ذريعي اسان جي ڪنن تائين پھچي رھيو ھو. اسان ٽئي ڄڻا ٽڪ ٻڌي ان کي ڏسڻ لڳاسين ۽ اسان جي اکين مان لڳاتار ڳوڙھا ڳڙي رھيا ھئا. جھاز ڏسي جئڪ ۾ بھ ڄڻ سگھھ اچي وئي. انھيءَ وچ ۾ جھازن تان ڪنھن ميگافون ذريعي چيو: ”ڇا توھان پنھنجي ٻيڙي جھاز جي ويجھو آڻي سگھو ٿا؟“ +مون ٻيڙي جو منھن جھاز ڏي موڙيو. جئڪ بھ سھڪندو سکاڻ +جھلي منھنجي مدد ڪرڻ لڳو. آئون جئڪ ۽ ڊيانا جي حوالي سکاڻ ڪري چپو ھلائڻ لڳس تھ ٻيڙي آھستي آھستي جھاز جي ويجھو ٿي، نيٺ وڃي ھن جي پاسي کان لڳي. رسيءَ جي ڏاڪڻ لڙڪائي وئي ۽ ٻھ ماڻھو اسان جي مدد لاءِ ڏاڪڻ ذريعي ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ لٿا. سڀ کان پھريان ڊيانا کي ھڪ رسيءَ سان ٻڌي جھاز تي پھچايو ويو. ان کان پوءِ جئڪ کي بھ ان ريت مٿي ڇڪيو ويو ۽ آخر ۾ آئون بنا ڪنھن جي مدد سان ڏاڪڻ رستي جھاز تي پھچي ويس. مٿي پھچي سڀ کان پھرين مون پيئڻ لاءِ ڪجھھ پاڻي گھريو، جنھن جي پيئڻ کان پوءِ منھنجا حواس سامت ۾ آيا تھ مون جھاز کي غور سان ڏٺو. پھرين تھ خيال آيو تھ شايد سئيڊن جو جھاز آھي، پر پوءِ ھڪ دروازي وٽ مون کي ھالينڊ جو جھنڊو ڏسڻ ۾ آيو. ڪجھھ گھڙين کان پوءِ مون ٻن ماڻھن کي جڏھن جرمن زبان ۾ ڳالھائيندي ڏٺو تھ منھنجا تھ ٺپ ئي ٺري ويا. ھي ھڪ جرمن جھاز ھو. مون کي جرمن زبان مڙي��ي ڪجھھ ڪجھھ آئي ٿي. مون اھا حقيقت پنھنجن ھمراھن سان آھستي ڪئي تھ ڊيانا چوڻ لڳي: ”تھ پوءِ ڇا ٿيو؟ آھي تھ ھي جھاز ئي نھ!“ +اسان جھاز جي ڊيڪ تي ڪرونڊڙا ٿي ويٺا ھئاسين تھ ھڪ ماڻھوءَ ھلڻ لاءِ چيو. ٻھ خلاصي ٻيا بھ اچي نڪتا. ھنن مدد لاءِ جئڪ ۽ ڊيانا کي سھارو ڏنو ۽ پوءِ اسان کي ڊاڪٽر جي ڪئبن تائين پھچايو. ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ اسان کان سفر جو احوال ورتائين. مون ھن کي ٻڌايو: ”ڇھين نومبر تي اسان جو جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ان کان پوءِ اسان لڳاتار سمنڊ تي سفر ڪري رھيا آھيون. ھاڻ تھ اسان ڏينھن جي ڳڻپ ئي ڇڏي ڏني آھي. پھرين تھ اسان جي ٻيڙيءَ ۾ بي شمار ماڻھو ھئا، پر ھاڻي اسان ٽي وڃي بچيا آھيون. باقي جيڪي مرندا ويا، انھن کي اسان سمنڊ ۾ اڇلائيندا وياسين.“ ڪئپٽن ٻڌايو تھ اڄ ٻارھين ڊسمبر آھي. آئون اھو ٻڌي ڏڪي ويس. يعني موت جو ھي سفر اسان پورا ڇٽيھھ ڏينھن ڪيو. ڪئپٽن ٻڌايو تھ توھان ھڪ جرمن جھاز ”راڪو تيز“ تي آھيو. مون ڊيانا جو ٿيلھو جنھن ۾ ڳھھ ڳٺا ۽ ٻيون قيمتي شيون ھيون، ڪئپٽن جي حوالي ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ڪافي آڻي پياري ۽ ٻڌايو تھ ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اسان کي ڪوبھ شربت گھڻي مقدار ۾ پيئڻو ناھي. ڪمپائونڊر مون کي ۽ جئڪ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وھنجاريو. منھنجي ڦٽيل ھٿ کي چيٺي پٽي ٻڌائين. پوءِ اسان ٻنھي کي ھڪ ڪئبن ۾ اماڻيو ويو. ڊيانا ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ ئي رھي. ڪئبن ۾ پھچي مون آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏٺو تھ منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. منھنجي بدن تي گوشت نالي ڪا شيءِ نھ ھئي. آئون صفا ھڏين جو پڃرو وڃي بچيو ھوس. جيتوڻيڪ ڏاڙھي مڇن جي وارن ۾ منھنجي منھن جون ھڏيون، پاسا لڪي ويا ھئا، جئڪ جي بھ اھا ئي حالت ھئي. ڪمپائونڊر اسان کي ڪجھھ گوريون کارايون ۽ سئي ھڻي ھنڌ تي سمھاري ويو. اسان سڄو ڏينھن غشيءَ جي حالت ۾ سمھي رھياسين. +ٻئي ڏينھن صبح جو ستين وڳي ھڪ اسٽوورڊ اسان کي ڪافي ۽ نيرن آڻي ڏني. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ اسان جي صحت سڌري تھ مون ھيڏانھن ھوڏانھن گھمڻ شروع ڪيو. اسان کي ڊيانا سان ملڻ جي موڪل نھ ھئي، پر ڪئپٽن اسان کي ٻڌايو: ”ھن جي نڙي ايترو تھ سڄي پئي آھي جو ھاڻ ڪابھ شيءِ کائي نٿي سگھي. ان ڪري سين رستي خوراڪ ڏني پئي وڃيس. ڊاڪٽر ھن جي ڳلي جي آپريشن ڪرڻ ٿو چاھي، پر ان لاءِ ھن کي توھان جي موڪل گھرجي.“ +مون وراڻيو: ”جيڪڏھن ڊيانا جي تندرستيءَ لاءِ ڊاڪٽر آپريشن ضروري ٿو سمجھي تھ پوءِ اسان طرفان ھن کي اجازت آھي، پر اسان ڊيانا سان ملڻ گھرون ٿا.“ +ڪئپٽن مون کي ۽ جئڪ کي وٺي ڊيانا جي ڪمري ۾ آيو. ھوءَ اسان سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. ھن جا وار ڌوتل ۽ چڱيءَ طرح ڦڻي ڏنل ھئا، پر ھوءَ بھ ھڏين جو پڃرو ٿي وئي ھئي. ھن کان ڳالھايو صفا نٿي ٿيو، رڳو وات پئي چوريائين ۽ اشارا ٿي ڪيائين. اسان اٽڪل ٻھ ڪلاڪ کن ھن وٽ ويٺاسين، ان کان پوءِ ھن کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا ۽ اسان ٻڏل دل سان پنھنجي ڪئبن ۾ موٽي آياسين. +شام جو ڪئپٽن کي لٿل منھن سان اسان جي ڪئبن ۾ ايندو ڏسي آئون تھ ڏڪي ويس. ھن جي منھن مان ئي لڳو پئي تھ ھن وٽ اسان لاءِ ڪابھ سٺي خبر ناھي. ھن ٻڌايو تھ ھوءَ انگريز ڇوڪري (ڊيانا) آپريشن کان پوءِ مري وئي. جيتوڻيڪ آپريشن ڪامياب ٿيو، پر ھن جي دل ايتري تھ ڪمزور ٿي پئي ھئي، جو بيھوش ڪرڻ واري دوا جو اثر سھي نھ سگھي. آئون اھو ٻڌي پلنگ تي ڪري پيس ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳس. جئڪ بھ سڏڪن ۾ پئجي ويو. ٻھ ماڻھو اسان کي ٻانھن کان جھلي ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ھڪ ميز تي ڊيانا جو فاني جسم رکيو ھو. ھن جي ڳلي تي پٽي ٻڌل ھئي، م��ھن تي سڪون ۽ ماٺ طاري ھئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھوءَ ننڊ ۾ ستل ھجي. ھن جون آخري رسمون ٻئي ڏينھن ادا ٿيڻيون ھيون. ٻئي ڏينھن اسان مايوس دلين سان جھاز جي فور ڊيڪ (اڳئين حصي) تي پھتاسين. سڄو عملو يونيفارم ۾ موجود ھو ۽ سامھون ھڪ تابوت ۾ ڊيانا جو لاش ھو. ڪئپٽن جرمن زبان ۾ تقرير ڪئي ۽ پوءِ اسان لاءِ بھ ڪجھھ لفظ انگريزيءَ ۾ چيا. عملي جي وڏي تعداد جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا، ڇو تھ ھنن ھن انگريز ڇوڪريءَ جي بچائڻ ۾ گھڻي دلچسپي ورتي ھئي. ڪپئٽن دعا پڙھي ۽ تابوت کي آھستي آھستي سمنڊ ۾ لاھي ڇڏيو. عملي جا ماڻھو مٿي اگھاڙا تيستائين بيٺا رھيا، جيستائين تابوت اکين کان اوجھل ٿي ويو. اھڙا نظارا دلين کي ڏاڍو غمگين ۽ متاثر ڪرڻ وارا ٿين ٿا. اھڙيءَ طرح ھڪ دلير، شريف ۽ عظيم ڇوڪريءَ جو آخرڪار ھن دنيا مان لاڏاڻو ٿيو. +”راڪو تيز“ جھاز کي نئين سال جي پھرين ڏينھن شام جي وقت فرينچ بندرگاھ ”بورڊي“ ۾ لنگر انداز ٿيڻو ھو. ڪرسمس اسان جھاز تي ئي ملھايو. ان ڏينھن پيٽ ڀري گوشت ۽ ٻيون سٺيون سٺيون شيون کاڌيونسين. نئين سال جو پھريون ڏينھن ھو. صبح جو چئين وڳي جئڪ مون کي لوڏي جاڳايو. ڊيڪ تي ڌماڪن جا آواز ۽ زرد رنگ جي روشنيءَ جا شعلا بھ نظر اچي رھيا ھئا. خبر پيئي تھ اسان جي ملڪ برٽس جا ھوائي جھاز ھن پاڻيءَ جي جھاز ”راڪو تيز“ تي حملو ڪري رھيا آھن. جواب ۾ ”راڪو تيز“ تي لڳل ائنٽي ڪرافٽ توبن بھ گجگوڙيون شروع ڪري ڏنيون. ھوائي جھاز ڪا دير حملو ڪرڻ بعد غائب ٿي ويا. جھاز کي ڪو خاص نقصان نھ رسيو، ان ڪري اسان جو سفر جاري رھيو. شام جي وقت ساڍي چئين وڳي وري جھاز جو گھنڊ وڄڻ لڳو. ان سان گڏ توبن جي ڌماچوڪڙي بھ مچي ويئي. ان ئي گوڙ گھمسان ۾ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ ھڪ جرمن فوجيءَ دانھون ڪري سڀني کي ٻيڙين ۾ لھڻ جو حڪم ڏنو. منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائون تھ ھن دفعي ھڪ برٽش ڪروز (جنگي جھاز) اسان جي ھن جرمن جھاز تي حملو ڪري تمام گھڻو نقصان رسايو آھي. جا کڻي ڏسون تھ واقعي جھاز ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين باھ جي ڄڀين ۾ ويڙھيو پيو ھو ۽ برٽس جھاز جي توبن جا گولا وسڪارا ڪري رھيا ھئا. موسم بھ خراب ٿي رھي ھئي ۽ سمنڊ جون ديو جھڙيون لھرون اڀري رھيون ھيون. افراتفريءَ جي عالم ۾ جئڪ مون کان وڇڙي ويو. بھرحال آئون ھڪ ٻيڙيءَ ۾ ويٺس. گولا اڃا تائين ڦاٽي رھيا ھئا. ٻيڙي ٻڏندڙ جھاز کان ھڪدم رڙھي پري ويئي. ”راڪو تيز“ آھستي آھستي سمنڊ جي تھن ۾ غرق ٿيڻ لڳو. جرمنن، پنھنجن مٿن تان ٽوپيون لاھي ٻڏندڙ جھاز کي آخري سلامي ڏني. +شام جا پاڇولا ڊگھا ٿي چڪا ھئا. ٻيڙيءَ خليج بسڪي Bay of Biscay ۾ سفر شروع ڪيو. ان تي اسان ڪل پنجٽيھھ ماڻھو سوار ھئاسين. رات اونداھي ۽ سرد ھئي. منھنجي مٿي تي ڪابھ ٽوپي نھ ھئي، سو سڄو مٿو ٿڌ کان کيرو ٿي رھيو ھو. مون مٿي کي ڍڪڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڪا شيءِ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ھڪ جرمن جي پتلون جي پٺئين کيسي ۾ ”برٽ ٽوپي“ ڦاٿي پئي ھئي. مون اھا آھستي آھستي ڪڍي پنھنجي مٿي تي کڻي رکي. ٻيڙيءَ جي جرمن انچارج ان جو رخ ويجھي فرانسي ڪناري ڏي موڙيو. ڏينھن چڙھيو تھ اسان کي ھڪ گلاس پاڻي ۽ مٺ مٺ بسڪٽن جي نيرن طور ملي. يارھين وڳي ڌاري ھڪ جرمن سب – مئرين اسان جي ويجھو سمنڊ مان ٻاھر اڀري آئي ۽ اسان سڀ ان ۾ سوار ٿياسين – ھيءَ سب مئرين ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مختلف جھازن جو شڪار ڪرڻ بعد واپس جرمنيءَ وڃي رھي ھئي. ھن کي ريڊيو ذريعي ”راڪو تيز“ جھاز جا مسافر کڻڻ جو نياپو مليل ھو. ان سب مئرين ۾ سندس عملي کان علاوه اسين پنجٽيھھ ڄڻا بھ چڙھي پياسين تھ ان جي حالت اھڙي ٿي پئي جيئن ڪنھن دبي ۾ سارڊين مڇيون بند ھونديون آھن. اسان کي ڪافي پياري ويئي ۽ سمھڻ لاءِ پٽ تي جاءِ ڏيکاري وئي. +اڃا اسان کي سب مئرين ۾ آئي پندرھن ويھھ منٽ مس ٿيا ھوندا جو مصيبت وري اچي ڪڙڪي. الارم وڄڻ لڳا ۽ سب مئرين سمنڊ اندر کڻي ٽٻي ھنئي. ڪجھھ لمحن بعد ٽي وڏا ڌماڪا ٿيا، جن سب مئرين کي سڄو لوڏي ڇڏيو. سمنڊ جي ھيٺين تھن ۾ پھچي پوءِ سڌي ٿي تھ سندس انجڻ بند ڪئي وئي ۽ اسان کي ماٺ ۾ رھڻ لاءِ چيو ويو. خبر پئي تھ انگريزن جي ھڪ ھوائي جھاز ان سب – مئرين کي نظر ۾ رکي سمنڊ جي اونھائين ۾ ڦاٽڻ وارا ٽي بم ھنيا. ڪلاڪ کن کان پوءِ سب مئرين جي انجڻ وري سجاڳ ٿي ۽ سفر شروع ٿيو. سب مئرين جي اندر جي ھوا ۾ ھاڻي گھٽ ۽ ڌپ ٿي ويئي ھئي، پر اسان کي ٻڌايو ويو تھ سج لھڻ کان اڳ ھن جو سمنڊ جي مٿان ترڻ ناممڪن آھي، ان ڪري تيستائين اسان کي ھڪ ھنڌ بنا چرپر ڪرڻ جي رکيو ويو، جيئن گھٽ کان گھٽ آڪسيجن استعمال ڪري سگھون. شام جو اسان کي ماني، پنير ۽ ڪافي ڏني وئي – ماني کائڻ کان پوءِ اسان رات جي اونداھيءَ ۾ تازي ھوا کائڻ جي انتظار ۾ ماٺ ڪيو ستا رھياسين. رات ٿي تھ سب مئرين سمنڊ جي مٿاڇري تي آئي ۽ ھوا جي تازن جھوٽن اسان جي جسم ۾ جان وڌي. ٽئنڪن ۾ ھوا گڏ ڪرڻ جا پمپ ھلايا ويا ۽ بورچيءَ ماني پچائڻ لاءِ چلھا ٻاريا. واضح رھي تھ پاڻيءَ جي ھيٺ سب مئرين ۾ ماني نٿي پچائي وڃي، جو ان لاءِ بھ ھوا ٿي کپي. ان ڪري سمنڊ ھيٺ بند کاڌي جي دٻن تي گذارو ڪيو ويندو آھي. سڄي رات سب مئرين پاڻيءَ جي مٿاڇري تي سفر ڪندي رھي ۽ ان ڊيزن انجڻ جو گوڙ ٻڌندا رھياسين. تازي ھوا جي ڪري ھر ھڪ ماڻھو خوش ھو. ڏينھن چڙھيو تھ سب مئرين وري پاڻيءَ اندر گھڙي وئي. ڊيزل انجڻ بند ٿي وئي ۽ چارج ٿيل بيٽريون ڪم ڪرڻ لڳيون. +اھڙيءَ ريت رات جو سمنڊ جي مٿان ۽ ڏينھن جو سمنڊ جي اندر، اسان جي سب مئرين جو سفر جاري رھيو. ٽئين ڏينھن ٻنپھرن جو ھڪ برٽش جھاز ھن کي ڦري آيو. الارم وڳو تھ عملي جي ماڻھن ڊوڙي وڃي پنھنجي پوزيشن سنڀالي. آئون ٽارپيڊو جي توبن وٽ ئي ستو پيو ھوس. سب مئرين ايڏو تھ تيزيءَ سان ٽٻي ھنئي جو اسان سڀ ھڪ ٻئي تي وڃي ڪرياسين. ٻئي ۽ ٽئين ڌماڪي ۾ ھوءَ تمام گھڻو لڏڻ لڳي، پر بمن کان محفوظ ھئي. ان کان پوءِ ڪجھھ ٻيا بھ ڌماڪا ٿيا. تري ۾ پھچڻ کان پوءِ بيٽريءَ تي ھلندڙ انجڻ بھ بند ڪئي وئي ۽ اسان چپ چاپ سمھي رھياسين. سب مئرين ۾ وري گھٽ وڌڻ لڳي. ڪجھھ لمحن کان پوءِ ان جون سڀ بتيون وسامي ويون – خبر پئي تھ ڌماڪي ڪري اليڪٽرڪ جي تارن کي نقصان پھتو آھي. چڱي دير تائين عملي جا ڪارڪن ٽارچن جي مدد سان بتيون صحيح ڪندا رھيا. آخرڪار اليڪٽرڪ جو ڪرنٽ صحيح ٿيو ۽ بتيون ٻريون. سب مئرين جي ڪمانڊر لائوڊ اسپيڪر تي اسان کي ھدايتون ڏنيون تھ چپ چاپ ستا رھون. ڏينھن چڙھيو تھ سب مئرين سمنڊ جي مٿان اچڻ شروع ڪيو. سڄي رات پاڻيءَ منجھھ گذارڻ کان پوءِ اسان جي حالت خراب ٿي وئي ھئي. مٿي پھچي سب مئرين جا دروازا کليا ۽ تازي ھوا اندر آئي تھ اسان جي منھن تي بھ رونق موٽي آئي. ھي آخري حادثو ھو، جيڪو اسان کي درپيش آيو. جلد ئي اسان سينٽ نزائري بندرگاھ پھچي وياسين. اتان مون کي جرمنيءَ جي ھڪ قيدي ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، جتي جرمنيءَ کي شڪست اچڻ تائين آئون قيد رھيس ۽ مئي 1945ع ۾ آزاد ٿيس. +ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن...... +اٿاھ سمنڊ ۾ جتي اسان جا وڏا آفت جيڏا ۽ طاقتور انجڻن تي ھلندڙ جھاز بھ پيا لوڏا کائيندا آھن ۽ اسان جا منھن لٿا پيا ھوندا آھن، اتي ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڀر مان لنگھندڙ چپوءَ يا سڙھ تي ھلندڙ ڪمزور ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھن کي کلندو ڏسي تعجب لڳندو آھي. +ان جو تجربو/مشاھدو مون کي پھرين ئي سفر ۾ ٿيو. اسان جو جھاز جون ڌاري ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ سانوڻيءَ جي سمنڊ ۾ سٽبو خليج بنگال جو ٻن ڏينھن جو سفر پورو ڪري، ھاڻ ملاڪا نار ۾ گھڙڻ وارو ھو. خراب سمنڊ – سو بھ پھرئين ئي سفر ۾ پھرين ئي ڏينھن کان ملڻ ڪري سامونڊي زندگيءَ کان دل کٽي ٿي پيئي ھئي. ھڪ ڏينھن ملاڪا نار جي منھن وٽان لنگھڻ وقت، ڪمري جي دريءَ وٽ ڪا دير بيھي، اھو ڏسي رھيو ھوس تھ ڪيئن نھ اسان جو آفت جيڏو جھاز ھڪ ڪمزور ٻار مثل لڳي رھيو آھي، جنھن کي سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون، ايندي ويندي ٿڦڙون ھڻي، ڌونڌاري ٿي ويون. آئون اھو سوچي رھيو ھوس تھ ھھڙي خراب موسم ۾، سمنڊ ۾ نوڪريءَ جي مجبوريءَ خاطر، اسين اڌ چريا ھن پيڙا ۾ ولوڙجي رھيا آھيون. ايتري ۾ ڏسان تھ ھڪ ننڍڙي ڪاٺ جي ٻيڙي، جنھن تي ڦاٽل ليڙون ٿيل سڙھ چڙھيل ھئا، ماڻھن سان ٽٻ، جھاز جي ڪام (پاسي) کان پئي اچي. سمنڊ جي وڏين ڇولين ۾ ڄڻ بال وانگر ٽپا کائي رھي ھئي. اسان جي جھاز وٽان لنگھي تھ ھيٺين ڊيڪ تي بيٺل جھاز جي خلاصين سيٽيون وڄايائون. منجھس ويھارو کن عورتون ۽ ٻار ھئا ۽ اوترا ئي مرد ويٺل ھوندا. سڀ کلي رھيا ھئا. ڪي زالون ڪچھريءَ ۾ مشغول ھيون، ڪي ٻيڙيءَ جي اند تي پنھنجن ٻارن کي ھنگائي مٽائي رھيون ھيون. مردن جو ھڪ جٿو پتي راند ۾ مشغول ھو. ڪنڊ ۾ ڪجھھ عورتن ۽ مردن دھل وڄائي ڪو راڳ پئي ڳايو. کين سمنڊ، موسم ۽ ھن ھيڻيءَ ٻيڙيءَ جي ڪا پرواھ ئي نھ ھئي. رکي رکي سمنڊ جي وڏي اڇل ٿي آئي تھ ان مھل ھنن فقط ٻيڙيءَ جي ھٿئي ۾ ھٿ وجھي، ڪرڻ کان پنھنجو پاڻ کي بچايو ٿي. ان بعد وري پنھنجي پنھنجي ڪرت کي لڳي ٿي ويا. اھي سڀ ھمراھ انڊونيشي نسل جا ھئا. جھاز تي ڪجھھ فلپينو ۽ ملئي خلاصين ساڻن ڪنھن زبان ۾ ٻھ چار جملا ڳالھايا، تيسين اسان جو جھاز سندن ٻيڙيءَ کان ڪجھھ پري نڪري ويو. +ڏينھن اڌ بعد جھاز سنگاپور پھتو. جڏھن سامت آئي ۽ شھر جو چڪر ھڻي تازا توانا ٿياسين – سامونڊي نوڪري وڻڻ لڳي تھ، اوچتو رستي تي مليل ان ٻيڙيءَ جي ياد آئي. جھاز جي ھڪ فلپينو ملاح کي سڏي پڇيم تھ، اھي ٻيڙيءَ وارا ڪير ھئا ۽ ڪيڏانھن پئي ويا؟ ”سائين اھي ھمراھ ھڪ انڊونيشي ٻيٽ جا ماڻھو ھئا ۽ پنھنجي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ڪا شاديءَ جي دعوت کائڻ وڃي رھيا ھئا.“ +”شابس ھجين.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. اھڙي سمنڊ ۾ جتي اسان جي الٽين ۽ اٻڙاڪن جو ڦھڪو ھو ۽ اڇل تي پيٽ ۾ پيل پاڻيءَ ڍڪ بھ ٻاھر نڪري ٿي آيو، اتي ھي ھمراھ اھڙيءَ ڀڳل ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ دعوت کائڻ پئي ويا. +”سائين ھتي جي ماڻھن جو ٻيو ڪم ئي ڪھڙو – چوڌاري ھزارين ٻيٽ ننڍا وڏا پکڙيا پيا آھن. ھنن لاءِ ھڪڙي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين وڃڻ ائين آھي، جيئن پاڻ لاءِ ڪنڊ واري ھوٽل تان چانھھ پي اچڻ.“ +مون نقشي ڏي نھار ڪئي تھ واقعي رڳو انڊونيشيا ۽ فلپين جا ھزارھا ٻيٽ ھن سمنڊ جي ٽڪري ۾ پائوڊر وانگر ڇٽيا پيا آھن. سوين اھڙا بھ ٻيٽ آھن جيڪي ايراضي ۽ اوچائيءَ ۾ ايترو ننڍڙا جو سمنڊ جي وڏي اڀام تي پاڻيءَ ھيٺ اچيو وڃن. سو واقعي ھي جھڙا ٻيٽ تي تھڙا ٻيڙين منجھھ ۽ ھيءَ ڳالھھ – شاديءَ جھڙي تھ تمام وڏي ٿي، جڏھن تھ ھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ يا گاسليٽ تيل لاءِ ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين ائين ھلندا ٿا وتن، جيئن ڪراچيءَ جي ڪيترين ڪالونين جا ماڻھو دٻا کڻي ڪڏھن ڪنھن نل تي تھ ڪڏھن ڪنھن تي. يا اسان وٽ ٻھراڙيءَ جا ماڻھو دوا ۽ ڊاڪٽر جي ڳولا لاءِ شيشو ھٿ ۾ کڻي، ڪڏھن ڪنھن ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ڏي تھ ڪڏھن ڪنھن ڏي ھلندا وتن ٿا. +سخت اونھاري ۾ سنڌ جي رستن تا�� گاڏيءَ ۾ لنگھندي اھڙن ھنڌن تي جتي ميلن تائين آبادي ناھي، اتي واٽھڙن کي ڏسي تعجب لڳندو آھي تھ ھي ھھڙي نٽھڻ اس ۾ پيرين پيادا ڪيڏانھن پيا وڃن؟ سنڌ ۾ ھاڻ اڃا بھ ايترو محسوس نٿو ٿئي جو بجلي، رستن ۽ سوارين جي وڌي وڃڻ ڪري، ھر ميل تي ڪا سواري، آبادي يا پٺاڻ جي ھوٽل نظر ايندي – سواءِ ٿر پارڪر، ٺٽي ۽ دادو ضلعي جي، پر مصر ۾ گاڏيءَ ۾ پورٽ توفيق کان قاھره ويندي يا اسڪندريا کان سئيز ايندي، رڻ پٽ ۾ اوچتو ماڻھو ڏسي تعجب لڳندو آھي تھ چوڌاري ريتي ريتي ۽ رڻ پٽ لڳو پيو آھي، نھ پيئڻ لاءِ پاڻي، نھ ڇانو لاءِ منھھ. ھي پيرين پيادا ھمراھھ، ٻارن ۽ زالن سميت ڪيڏانھن وڃي رھيا آھن؟ ڪيترو پنڌ اڃا ڪرڻو اٿن؟ ۽ رستي تي اڃ، بک، ٿڪ کي ڪيئن منھن ڏيندا؟ +سو اھڙي طرح کلئي سمنڊ ۾ جتي ڏنگين ڏائڻين جھڙيون لھرون ۽ سيسر، شارڪ ۽ مڇ توڙي مڇيون منھن کولي ويٺيون آھن، اتي ھيئن ڪنھن ڪمزور دنگيءَ کي درياءَ وچ ۾ ٻڏندو اپڙندو ڏسي، ان ۾ ويٺلن کي دعا يا داد ڏيڻ بنا رھي نٿو سگھجي تھ، ملاح تنھنجي مڪڙيءَ کي شل ڪا سٽ نھ اچي ۽ جتي ڍينگ ڍرا ٿيو پون، اتي ھنن ناکئن ۽ ناخدائن کي رب جو ئي آسرو آھي. +ھاڻ جيڪا ڪھاڻي آھي، سا آھي: ”ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھھ“ اھا ڳالھھ بلڪل حقيقت تي مبني آھي، جيتوڻيڪ ھڪ عام پڙھندڙ کي ايترو ئي تعجب لڳندو، جيترو ڪراچي يا وڏي شھر جي رھواسيءَ کي پھريون دفعو نئون ڪوٽ يا مٺيءَ بس/ٽرڪ ۾ ويندي، رستي تي ڊٻن تان ويندڙ ڪنھن پيرين اگھاڙي ٿري پير مريد کي نٽھڻ اس ۾ اڪيلو ويندو ڏسي ٿئي. +ڪھاڻي جيمس رامسي جي آھي، جيڪا گھڻو اڳ ھاليڊي رسالي ۾ آئي. تنھن کان پوءِ 1964ع ۾ ريڊرس ڊائجيسٽ وارن بھ ڏني ھئي. مٿيون ليکڪ سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ”دي وائيٽ ٽاور“ کان تمام گھڻو مشھور آھي.نوٽ +مٿئين ليک جو عنوان تاجل بيوس جي ڪتاب ”جڏھن ڀونءِ بڻي“ جي ھيٺينءَ وائيءَ تان کنيل آھي: +ٻيڙيون ٻاجھارن جون، +تاريون طوفانن، +لنگھي سير سمونڊ جي، +آيل سامونڊين + + +ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھھ +ڪڪرن سج کي لڪائي ڇڏيو، ھوا تکي ٿيندي وئي، ان سان گڏ سمنڊ بھ خراب ٿي ويو. ھڪ ھڪ ڇولي جبل جيڏي ٿيندي وئي ۽ ساڳي وقت ڏسندي ئي ڏسندي آسمان مان پاڻي وسڻ لڳو. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ قدرت ڪاوڙجي پئي ھجي ۽ ھي سمنڊ اھو ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ نھ رھيو ھجي، جنھن ماٺي سمنڊ بابت رومانوي ڪھاڻيون ڪتابن ۾ پڙھبيون آھن. +آئون ”چيڪاٽ“ نالي ھڪ جھاز تي پئسينجر ھوس. ھي جھاز ايڏو وڏو کڻي نھ ھو، تھ بھ چار ھزار کن ٽنن جو ٿيندو ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن جا مسافر ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين کنيائين ٿي – جت ٻيٽن تي ڪنھن زماني ۾ جپان جو قبضو ھو، پر ھاڻي انھن تي انتظام يونائيٽيڊ نيشن (گڏيل قومن) طرفان ھليو ٿي. پاڻيءَ جي ھن ويران دنيا ۾ اسان کي يارھن کان مٿي ڏينھن ٿي چڪا ھئا ۽ اسان ”گئام“ ٻيٽ کان ”ترڪ“ ٻيٽ ڏي وڃي رھيا ھئاسين، جيڪو اوڀر ڪئرولنس ۾ آھي. آئون ان صبح جو سوير ئي ننڊ مان اٿيو ھوس. سامھون ڪمري جي پورٽ ھول (دريءَ) مان پرھھ ڦٽيءَ جي ميرانجھڙي روشني اچي رھي ھئي. اوچتو جھاز جي رفتار گھٽجڻ لڳي ۽ جھاز وچ سمنڊ ۾، جتي ڪنھن بني بشر يا جبل ٽڪر جو بھ نالو نشان نھ ھو، اتي بيھڻ جي ڪري رھيو ھو. +ٽن منٽن اندر آئون ڊيڪ تي پھچي ويس. اھڙو خراب سمنڊ مون ڪڏھن بھ نھ ڏٺو. جھاز جي انجڻ آھستي ٿيڻ سان ”چيڪاٽ“ جھاز پاڻيءَ ۾ پينگھي وانگر لڏڻ لڳو. ڪڏھن ڪڏھن سڄو پيرانديءَ سيرانديءَ سمنڊ ۾ ھليو ٿي ويو ۽ مٿان وڏي ڇوليءَ سندس اھو حصو ڍڪي ٿي ڇڏيو. ڪئپٽن ايڊورڊ مٿان نيويگشنل برج تان مون کي پاڻ ڏي سڏڻ جو اشارو ڪيو. +”ھو ڏس“ مٿي پھتس تھ ڪئپٽن سامھون اشارو ڪري چيو. مون +سامھون گھڻو ئي نھاريو، پر ڪجھھ بھ نظر نھ آيو. پنھنجا بائنا ڪيولر (دوربين) مون کي ڏيندي وري سامھون ڏسڻ لاءِ چيائين. سامھون ھڪ بنڊن مان ٺھيل ٻيڙيءَ نما شيءِ خوفناڪ سمنڊ جي ڇولين تي تري رھي ھئي، جنھن کي ڏسي مون کي پنھنجي اکين تي اعتبار ئي نھ پئي آيو. مون ڪئپٽن ڏي نھاريو. +”ھڪ وڏي وڻ جي بنڊ جيڏي ڪا مس ٿيندي.“ مون چيو. +”ھا بلڪل صحيح آھين. ھڪ پوراٽيل بنڊ جنھن تي سنھي ڏنڊي جو کوھو پڻ نظر اچي رھيو آھي، منھنجي خيال ۾ تھ ويھھ کن فٽن جو مس ٿيندو.“ +اھڙي شيءِ ڪنھن ڍنڍ جي ماٺي پاڻيءَ ۾ ترندي نظر اچي ھا، تھ بھ ننڍڙي سڏجي ھا. ھڪ اٿاھ پئسفڪ جھڙي سمنڊ ۾ تھ رانديڪي جي ٻيڙي لڳي رھي ھئي – اڃا بھ کڻي چئجي تھ ڪنھن ڪاٺيءَ جي ڇوڏي يا ڇيت برابر ھئي. ”چيڪاٽ“ جھاز جي ڊيڪ تان اسان ھن کي گھوري ائين پئي ڏٺو ڄڻ اھا ڪنھن ٻيءَ دنيا مان آيل شيءِ ھجي. +چتائي ڏٺوسين تھ ان ٻيڙيءَ تي ڪجھھ ماڻھو ائين چري پري رھيا ھئا، جيئن ڪنھن گاھ جي پن تي ماڪوڙيون ھلن چلن ۽ اھا سڄي ٻيڙي ماڻھن سميت رکي رکي سمنڊ جي ڇولين سان ڌوپي ٿي وئي. مزي جي ڳالھھ اھا تھ اسان جي جھاز کي ڏسڻ کان پوءِ بھ ھنن بچاءَ يا مدد لاءِ اسان کي اشارو نھ ڪيو. ان جي معنيٰ تھ ھو ھھڙيءَ حالت ۾ ھوندي بھ ڪنھن مصيبت ۾ نھ ھئا؟ +”جيڪڏھن ھو ان کي مصيبت نٿا سمجھن.“ ڪئپٽن ايڊورڊ چيو، ”تھ پوءَ اھڙن ماڻھن لاءِ دنيا ۾ ڪابھ مصيبت ٿي نٿي سگھي.“ +اسان پنھنجي جھاز ”چيڪاٽ“ جو رخ اھڙيءَ طرح ڪيو، جيئن لڳندڙ ھوا ۽ لھرون ان ننڍڙي ترندڙ شيءِ کي اسان جي ويجھو آڻي سگھن. پئسفڪ سمنڊ جي مائڪورنيشين ٻيٽن تي استعمال ۾ ايندڙ ڪئنوز (ننڍڙين ٻيڙين) جيان ھيءَ پڻ ھڪ ڪئنو ھئي، جنھن ۾ ماڻھوءَ کي ويھڻ ۾ بھ خبرداري ڪرڻي ٿي پيئي ۽ ٿوري بھ لوڏي يا وزن جي گھٽ وڌائيءَ ڪري ھوءَ ٻڏي سگھي ٿي. ان ننڍڙي ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ڇانولي لاءِ ٿورو ڪکن ۽ گاھ جو منھھ ھو، جنھن جي وچان بنا سرھ جي ڏنڊو اڀو ٿيل ھو. رکي رکي سمنڊ جون ايڏيون وڏيون ڇوليون ٿي آيون جو اسان جي جھاز ۽ ٻيڙيءَ جي وچ ۾ وڏي ڀت ٺھيو ٿي ويئي ۽ ھڪ ٻئي کي ڏسي نٿي سگھياسين. اسان تھ ائين ٿي سمجھيو تھ ويا ٻڏي، پر لھر لنگھي وڃڻ بعد ھيءَ ننڍڙي ٻيڙي ۽ منجھس سوار پنج ڄڻا وري چٽيءَ طرح نظر ٿي آيا. جيتوڻيڪ ڪپڙن لٽن ۽ منھن مھانڊي مان ھو موسم جا ماريل ۽ سيءَ جا سٽيل ٿي لڳا، پر سڀئي ڄڻا ڪم ۾ رڌل ھئا. ھڪ ھمراھ ٻيڙيءَ جي رخ کي پئي ڦيريو گھيريو ۽ ٻين ٻيڙيءَ اندر آيل پاڻيءَ کي ننڍن دٻن ۽ ٻڪن سان ٻاھر پئي ڪڍيو. منجھن ھڪ ھمراھ پوڙھو ٿي ڏٺو، ٻيو اڌڙوٽ ۽ باقي ٽي ڄڻا ايترا تھ ننڍا ھئا، جو مڇن جي ساوڪ ئي اڃا نھ آئي ھين. سڀني ھمراھن کي ڦاٽل گنجيون يا قميصون ھيون ۽ ھيٺان پوتڙا يا ڪڇي نما پراڻيون چڍيون. +ڏھن منٽن اندر ٻيڙي ۽ اسان جو جھاز ھڪ ٻئي جي پاسي کان پھچي ويا. اسان جي جھاز جي انجڻ ھاڻ صفا بند ڪئي وئي. +جھاز جي پاسي ۾ بيٺل ھيءَ بنڊ نما ٻيڙي صفا ننڍڙي نظر اچي رھي ھئي. اسان جو چيف ميٽ اسٽينلي ان ٻيڙيءَ جي سڌائيءَ ۾ مٿان ڊيڪ تي بيھي ساڻن خبر چار ڪرڻ لڳو. جھاز جا خلاصي، جن کي ٻيڙيءَ وارن جي ڪجھھ ڪجھھ ٻولي سمجھھ ۾ آئي ٿي، سي سندن ڳالھھ ٻولھھ ترجمو ڪري چيف آفيسر کي ٻڌائڻ لڳا. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل بدنصيب مسافرن کي دراصل سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ آيا کين ڪنھن مدد جي بھ ضرورت آھي يا نھ؟ ماڳھين ھنن اسان کان پڇيو تھ اسان جو جھاز ڪيڏانھن وڃي رھيو آھي؟ انجڻ ۾ خرابي ٿي پئي آھي ڇا جو بيھاريو اٿانو؟ +”ترڪ ٻيٽ ڏي اسان وڃي رھيا آھيون.“ جھاز جي ڪنھن خلاصيءَ کين ٻڌايو. +آخرڪار ڪجھھ بحث مباحثي بعد چيف آفيسر ڊيڪ تان رڙ ڪري ڪئپٽن کي ٻڌايو: +”ھي چون ٿا تھ جھاز تي اينداسين پر ان شرط تي تھ ساڻن گڏ سندن ٻيڙيءَ کي بھ مٿي چاڙھيو وڃي.“ +”اسان تي چڱو ٿورو ٿا ڪن. ھڪ تھ سندن حالت ڏسي کين بچائڻ لاءِ بيٺا آھيون.“ ڪئپٽن وراڻيو. ”چڱو ڀلا، چاڙھين. ڇا ياد ڪندا. ٻيڙيءَ کي بھ ڊيرڪ ذريعي مٿي ڇڪراءِ.“ +ونچن جي مشينري ھلائي وئي ۽ ڇڪڻ وارو ڏنڊو ٻيڙيءَ جي سنوت ۾ اڀو آڻي رسو ڍرو ڪري ٻيڙيءَ کي ٻڌيو ويو. ماڻھو ھڪ ھڪ ٿي ٻئي رسي جي ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙھي آيا – سواءِ پوڙھي جي. ھو ٻيڙيءَ ۾ ئي ترسيو ۽ پوءِ ونچ ذريعي جڏھن ٻيڙيءَ کي مٿي کنيو ويو تھ ان سان گڏ گڏ پاڻ بھ مٿي آيو. ڊيڪ تي پھچڻ بعد بھ پوڙھو ڏاڍي سڪون سان ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺو رھيو. ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڌاڳي ۾ ھڪ لاڪيٽ چمڪي رھيو ھوس. پري کان مون تھ سمجھيو تھ ڪا قيمتي شيءِ ھوندس. ويجھو اچي معلوم ٿيو تھ ٻاٽليءَ جي کولڻي (اوپنر) آھي. سندس ھنج ۾ ڀڳل قطب نما ھئي. اڳواٽ چڙھيل باقي چار ماڻھو بھ ھن سان وڃي مليا. +ھي ٻيڙو، پھرين جيڪو اندازو لڳايو ھئوسين، ان موجب ويھھ فٽ کن جو ئي ھو – اھو ھڪ ئي بنڊ مان ٺھيل نھ ھو، پر ڪٺل جي وڻ مان نڪتل تختن جھڙن پترن کي سمنڊ جي ڪورالي کونئر سان چنبڙائي ٻيڙي ٺاھي وئي ھئي. ڪٿي ڪٿي ناريل جي کونڌي سان ٻڌل ھئي. منجھس ڪو ھڪ بھ ڪوڪو يا ڪلي ٺوڪيل نھ ھئي. بھرحال! اھا ٻيڙي ايتري تھ سنھي ۽ تانگھي ھئي، جو ماڻھو منجھس پلٿ ماري يا گوڏا ڀڃي ويھي ٿي سگھيو ۽ ڇانوري لاءِ جيڪو منھھ ٺاھيو ھئائون، سو ڏيڍ فٽ کن مس مٿي ٿيندو. +ٻيڙيءَ جو سڙھ ڇا ھو؟ ھڪ پراڻن ٿلھن ڪپڙن کي ڳنڍ ٽوپو ڪري ٺاھيو ويو ھو. کاڌي پيتي جي شين جو تھ نالو نشان بھ نھ ھو. فقط ڪجھھ آلن ڪوئلن جا ٽڪر ھئا ۽ ڪجھھ چٻا ٿيل جست جا ديڳڙا – جن ۾ کاڌو پيتو تھ خير ڪو رڌو ھوندائون، ٻيڙيءَ مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ جو ڪم ئي انھن کان ورتو پئي ويو. ھن حالت ۾ بھ ان ٻيڙيءَ ۾ فٽ کن پاڻي اڃا موجود ھو ۽ ان جا مالڪ – پنج ئي ڄڻا انھن ٿانون سان پاڻي ڪڍڻ ۾ مشغول ھئا. کلئي سمنڊ ۾ ان ۾ ترڻ ائين ھو، جيئن وھنجڻ جي ٽب ۾ پاڻ کي وجھي نل کولي ڇڏڻ. +پنھنجي ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ سڙھ لاھي سڪائڻ لاءِ ڊيڪ تي وڇايائون. جتان جتان ڦاٽل ھئو، اتي ٽوپا ڏنائون. ناريل جا رسا جتان ڍرا ٿي ويا ھئا، انھن کي ڇڪي ٻڌائون. سندن سڄو ڌيان پنھنجي ان ننڍڙي ٻيڙي ڏي ھو. ھنن مان ڪنھن ھڪ کي بھ ڪنھن دوا درمل جي ضرورت نھ ھئي – نھ تھ اھڙين حالتن ۾ ماڻھو اڌ مئو ٿيو وڃي. ڌڪ سور ۽ ڦٽ ڦرڙيءَ کان علاوه اڻ پوري کاڌي خوراڪ ۽ سامونڊي لوڏن ڪري الٽيون، دست، بخار، ٻيون ڪيتريون ئي ڪمزوريءَ جون بيماريون ٿيو پون. بھرحال! في الحال ھنن کي کائڻ لاءِ ڪجھھ کتو ٿي. کين نيٺ جڏھن چيو ويو تھ بابا! ھاڻ ڇڏيو انھيءَ ٻيڙيءَ کي، اھا بلڪل سڄي سنئين آھي. تڏھن اٿي رڌڻي ڏي ھليا ۽ پيٽ ڀري ماني کاڌائون. ھن ھن کان ڪڇا، چڍيون يا ٽوال وٺي کين ڏنا ويا، جيئن ڦاٽل ۽ پسيل ڪپڙن جي جند ڇڏين. انسان تھ ھئا ئي، سو ڪجھھ دير ننڊ ڪرڻ ٿي چاھيائون. ٿڪ ڪري ايڏا ساڻا ٿيل ھئا جو ليٽڻ سان کونگھرا ھڻڻ لڳا. ننڊ کان پوءِ اسين انھن جي چوڌاري ويھي، سندن ڪھاڻي ٻڌڻ لڳاسين. جھاز جا خلاصي سندن ۽ اسان جون ڳالھيون وري ترجمو ڪرڻ لڳا. +سڀني ۾ جيڪو وڏيءَ عمر جو ھو، اھو حال احوال ٻڌائڻ لڳو. ھن جو نالو ”سرناس“ ھو. ٻيا جيڪي ھئا، سي ھن جا مائٽ ھئا يا شايد ذات ڀائي. ھو پولاپ ٻيٽن کان اچي رھيا ھئا ۽ کين ”ترڪ“ ٻ��ٽ ڏي وڃڻو ھو. +”پولاپ کان توھان ھن ٻيڙيءَ ۾ پيا اچو؟“ ڪئپٽن نقشي تي آڱري رکندي، ھنن کان پڇيو. ”پر پولاپ ھتان کان ٽي سؤ ميل اوڀر ۾ آھي ۽ ترڪ ٻيٽ پولاپ کان 150 ميل اڃا بھ اڳتي ھلڻ بعد ٿو اچي، تنھن جي معنيٰ تھ توھان کان رستو وڃائجي ويو آھي.“ +”نھ، اسان ھن پاسي اڇلجي آيا آھيون.“ +ھنن کي سمنڊ تي ھن حالت ۾ ٽيھھ ڏينھن ٿي چڪا ھئا. سرناس پنھنجي ٻنھي ھٿن جون ھڏائون آڱريون ٽي دفعا کولي ڏينھن جو انگ ٻڌايو. +”ٽيھھ ڏينھن“ ھن وري ورجايو. جيتوڻيڪ اھو سفر چئن ڏينھن جو آھي – جيڪو ھو پھرين بھ ڪندو رھيو آھي. پر ھن دفعي سمنڊ ۾ ھوائون اھڙيون تھ خراب ۽ سامھون جون ملين جو ھو پٺتي اڇلجي ويا. ان کان علاوه ھن دفعي ھن جو قطب نما بھ صفا جڏو ٿي پيو. اھو ڪمپاس (قطب نما) کين ھڪ جپاني مڇي ماريندڙ ٻيڙيءَ مان مليو ھو. +بھرحال! پوڙھي ٻڌايو تھ سامھون جون ھوائون ۽ لھرون کين روزانو پٺتي اولھھ ڏي ڌڪيندويون رھيون. سامھون جو واءُ ايڏو تھ تکو لڳندو رھيو، جو ھو ان اڳيان بي وس ھئا. سمنڊ جي وڏين ڇولين سان سڄي ٻيڙي ڀرجي ٿي وئي ۽ ھو ڏينھن رات واري وٽيءَ تي ان مان پاڻي ئي ڪڍندا رھيا – نھ تھ ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جو خطرو ھو. ان ھوندي بھ ڪڏھن ڪڏھن ”سانتا – مارئيا“ پاڻيءَ سان اڌ ٿي ٿي وئي. +”سانتا – مارئيا“ سندن ان لاڏلي ٻيڙيءَ جو نالو ھو. تنھن جي معنيٰ ھنن جي ٻيٽ تي مذھب جھڙي شيءِ پڻ آھي ۽ ان نالي مان لڳو ٿي تھ ھو عيسائي (ڪيٿولڪ) آھن. پڇڻ تي سرناس ڇاتيءَ تي صليب جو نشان ٺاھيو. +کاڌي پيتي جو ڇا ٿي ڪيانو؟ اسان پڇيوسون. ھنن ٻڌايو: شروع ۾ ھنن وٽ ڪجھھ ناريل، ڪٺل ۽ ٻيو ڪجھھ جھنگلي ميوو ھو. باھ ٻارڻ لاءِ ڪھھ تيليون ۽ ڪوئلا بھ ھئا. جڏھن ميوو ختم ٿي ويو ۽ ڪوئلا سڀ پسي ويا تھ پوءِ روز مڇيون ڦاسائي ان تي گذارو ڪندا ھئا. ڀاڳ سٺو ھئن جو روز ڪا نھ ڪا مڇي ڦاسيو ٿي وئي. آخري ڏينھن تائين ھنن ڪل ٽيھھ مڇيون جھليون – يعني سراسر ھڪ مڇي روز ٿين، جيڪا ھو حصا پتيون ڪري ڪچي کائيندا ھئا. پاڻيءَ جي معاملي ۾ بھ ڀاڳ وارا ھئا جو ٿورو گھڻو روز مينھن وسندو ھو ۽ پيئڻ لاءِ چڱو پاڻي گڏ ڪري وٺندا ھئا. ڇڙو راتيون سخت ٿينديون ھيون جو ڪپڙو گندي نھ ھئڻ ڪري سڄي رات پاڻيءَ ۾ پسندا ۽ سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا. +ھڪ ڳالھھ غور طلب اھا تھ جڏھن اسان ھنن ھمراھن کي کنيو، ان وقت کين اھا سڌ سماءُ ھئي تھ ھو ان وقت سمنڊ جي ڪھڙي حصي ۾ ھئا؟ +ھائو، بلڪل. ھنن جي خيال موجب ھو افاليڪ واري حصي ۾ ھئا، جيڪو ياپ علائقي ۾ آھي ۽ ھتان اتر – اولھھ پاسي ٿيندو. ڪئپٽن ۽ چيف آفيسر وري نقشو ڏٺو ۽ تعجب مان ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. افاليڪ واقعي ايڏانھن ئي ھو. کين اسان جتان کنيو ھو، اتان کان پنجٽيھھ ميل پري ھو ۽ پورا پنج سؤ ميل پر ڀرو سندن منزل – ترڪ ٻيٽ ھو. +ان کان پوءِ اسان پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳاسين تھ ڪمال آھي، پاڻ پارا جيڪڏھن اھڙي قسم جي ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾، اھڙي خراب سمنڊ ۾ ٽيھھ ڏينھن ھجون ھا تھ ڪھڙي نھ حالت ٿي وڃي ھا. جسماني طرح بھ تھ ذھني طرح بھ ۽ پوءِ مدد ملڻ تي ڪيڏي نھ خوشي ٿئي ھا. پر ھنن ھمراھن لاءِ ھر ڳالھھ نارمل ھئي. ھنن جي دل ۽ دماغ تي ڪنھن بھ قسم جو بار يا پريشاني نھ ھئي. ”جيڪڏھن سمنڊ تي گم ٿي وڃون ھا تھ پوءِ ڇا ٿيو؟“ ھنن ٻڌايو. ھن کان اڳ بھ ائين ٿيندو رھيو آھي ۽ پوءِ ڪڏھن ڪي ملندا آھن تھ ڪڏھن نھ. ڪي تھ وري ٻين دور دراز ٻيٽن کان وڃي نڪرندا آھن ۽ اتي ئي پنھنجو ٺام ٺڪاڻو ٺاھين. +اڄ بھ ڪيترا ئي اھڙي قسم جا ماڻھو نيو گائنا کان فلپين جي ٻيٽن تي ملندا. +ھھڙي ٻيڙيءَ ۾ کاڌي پيتي بنا، سمنڊ تي ٽيھھ ڏينھن، منزل کان پنج سؤ ميل ڏور ڌڪجي وڃڻ، اھو ڪيڏو نھ وڏو حادثو چئي سگھجي ٿو. پر ھنن ماڻھن جون دليون تھ ڏسو، ڄڻ ڪا ڳالھھ ئي نھ ھجي. ان جي شاھدي سندن پرسڪون جسم ۽ اکيون بھ ڏئي رھيون ھيون. +سرناس ڪجھھ وري چئي رھيو ھو. خلاصين ٻڌايو تھ ھو ٿو پڇي تھ ھاڻ تھ بس! ٻيو تھ پڇڻو نھ اٿو؟ جيئن ھو وڃي پنھنجي ٻيڙيءَ جي ٽھل ٽڪور ڪن. ھو چاھين ٿا تھ ھوءَ اھڙي مضبوط ٿي وڃي جو ترڪ ٻيٽ کان واپس پنھنجي ٻيٽ پولاپ ويندي منجھس پاڻي نھ سمي. +”ڀلي“ ڪئپٽن کلندي کين موڪل ڏني، پر وري کيس اھو ڌيان ۾ اچي ويو تھ کانئن اھو تھ پڇجي تھ ھو ھھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ھيترو پري، آخر ويا ڪھڙي ضروري ڪم لاءِ پئي؟ +سرناس ان جو بھ جواب ڏنو، جيڪو خلاصين ترجمو ڪري ٻڌايو: ”سائين ھي ٿو چوي تھ بس ائين ويٺي ويٺي خيال آيو تھ ھلي ڀر واري ٻيٽ تان سگريٽ وٺي اچن.“ +”بس! رڳو سگريٽن ڪارڻ؟“ ڪئپٽن سان گڏ اسان بھ وائڙا ٿي وياسين. +”جي ھا! رڳو سگريٽن لاءِ. ٻي ڪنھن شيءِ جي في الحال ضرورت نھ ھئي.“ +اسان ھڪڙو سڄو ڏنڊو (ڪارٽن) سگريٽن جو کين کولي ڏنو، جيڪو ھو باقي واٽ ڇڪيندا بھ ھليا تھ پنھنجي ٻيڙي سانتا – مارئيا تي ڪم بھ ڪندا رھيا. ڪھڙي برانڊ جا سگريٽ وٺڻ پئي ويا؟ ھنن وري اھو بھ نھ ٻڌايو. جيڪي پراڻي سراڻي اسٽاڪ جا سگريٽ ڪڍي ڏناسين، سي خوش ٿي ڇڪيندا رھيا. +S.O.S ناٽ – ناٽيڪل ميل ۽ سمنڊ +پھرين وڏي لڙائيءَ جي ڏينھن ۾ ڪيترا ئي سامونڊي حادثا پيش آيا. ايندڙ ڪھاڻي ”جھاز جو ٻڏي وڃڻ“ سڀ کان وڏي مسافر جھاز لوسيتانيا جي حادثي جي آھي، جنھن بابت انھن ڏينھن جي اخبارن ۾ حادثي کان اڳ کان وٺي، باقي بچي ويلن جي انٽرويو جي آڌار تي ٺھيل ڪھاڻي آھي، جيڪا ايم اي ھوئيلنگ جي مشھور ليک ”دي لاسٽ وائيج آف لوسيتانيا“ جو تت آھي. +لوسيتانيا جھاز انھن ڏينھن جي مشھور ڪمپني – ڪونارڊ جو سڀ کان وڏو جھاز ھو. ڪونارڊ ڪمپني اڄ بھ دنيا جي وڏي ۽ ساک واري ڪمپني مڃي وڃي ٿي ۽ ”ڪئين ايلزبيٿ“، ”ڪئين مئري“ ۽ ”مئري ٽو“ جھڙا ناليرا پئسينجر جھاز، ان ڪمپنيءَ جا آھن. +پھرين وڏي لڙائي، جنھن جي ھيءَ ڪھاڻي آھي، 1914ع کان 1918ع تائين ھلي. اھا شروع يورپ ۾ ٿي، پر سندس اثر پوري دنيا جي ٻين کنڊن تائين پڻ رسيو. ھڪ پاسي جرمني ھئي، جنھن جو پاسو آسٽريا، ھنگري، بلغاريا ۽ ترڪيءَ جھڙن ملڪن کنيو ۽ ٻئي پاسي انگلينڊ (۽ ان جون ڪالونيون آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره)، آمريڪا، فرانس، روس، اٽلي، جپان ۽ بيلجم وغيره ھئا. +ھن کان پھرين بيان ڪيل سامونڊي سفر ٻي وڏي لڙائيءَ جو ھو، جيڪا 1939ع کان يورپ ۾ شروع ٿي ۽ دنيا جي ٻين کنڊن، سمنڊن ۽ ھوائن ۾ نھ فقط پکڙجي وئي، پر اتي وڙھي پڻ وئي. ٻيءَ وڏيءَ جنگ ۾ جرمني، جپان ۽ اٽلي ھڪ طرف ھئا تھ، ٻئي پاسي ساٿي ملڪ: آمريڪا، روس، انگلينڊ، فرانس، چين، ھندستان، پولينڊ، يوگوسلاويا وغيره ھئا. +S.O.S جو مطلب آھي Save Our Souls – اسان جون جانيون بچايو. جھاز ٻڏڻ وقت ھي سگنل ڏبو آھي، جيئن اوسي پاسي جا جھاز ۽ ڪناري وارا اھو نياپو ملڻ سان مدد لاءِ نڪرن. اڄڪلھھ تھ ھر جھاز تي اھڙو سسٽم رکيو ويو آھي، جو جھاز جي ٻڏڻ سان اھو سگنل پاڻھي ٽرانسميٽ ٿيندو رھي ٿو ۽ اوسي پاسي جي جھازن جا رسيور چاھي بند ھجن، تھ بھ ھو اھڙي نموني سان ٺھيل آھي، جو ھن سگنل جون لھرون ھوا ۾ پيدا ٿيڻ سان پاڻھي ئي آن ٿيو وڃن ۽ ان سان گڏ الارم بھ وڄيو وڃي، جيئن ريڊيو آفيسر ننڊ ۾ ھجي تھ بھ ھن سگنل حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿي وڃي. +ناٽ ۽ ناٽيڪل ميل +ناٽيڪل ميل ڪناري واري (Statue – Mile) ميل کان ٿورو وڏو ٿئي ۽ ٻي ڳالھھ تھ ناٽيڪل ميل دنيا جي قطبن وٽ ٿورو ننڍو ٿئي ۽ خط استوا وٽ وڏو – جو ناٽيڪل ميل دراصل ڪنڊ (Angle) جي حساب سان ماپيو وڃي ٿو. ھيءَ دنيا گدري وانگر گول آھي ۽ سڄي گول ۾ 360 ڊگريون ٿين ٿيون. وري ھر ھڪ ڊگريءَ جا سٺ حصا ڪبا تھ ھر ھڪ حصو منٽ ٿيو، يعني 360 ڊگرين جا ٿيا 21600 منٽ. ھاڻي اھو ھڪ ھڪ منٽ ھڪڙو ناٽيڪل ميل سمجھڻ کپي ۽ دنيا جي گولي جو گھيرو 21600 ناٽيڪل ميل ٿيو. پر جيئن تھ گدري جون فارون ڪبيون تھ ھر ھڪ ڦار وچ تي ٿلھي ۽ پاسن کان (قطبن کان) مٿان ھيٺا سنھي ٿئي ٿي، اھڙو ئي حساب ڌرتيءَ جي گولي جي ماپ جو آھي. يعني صحيح ۽ گھڻي کان گھڻو ناٽيڪل ميل – مفاصلو وچ تي – خط استوا تي ٿيندو. بھرحال! سمنڊ تي رستو ماپڻ ۽ سولي حساب ڪتاب لاءِ ڊگرين ۽ منٽن ذريعي ناٽيڪل ميل رکيو ويو آھي. باقي ھونءَ دنيا جو گھيرو خشڪيءَ جي ميلن جي حساب سان 24900 کن ميل ٿئي ٿو. +ناٽ رفتار جو ماپو آھي: 15 يا 20 ناٽ. معني اوترا ناٽيڪل ميل ڪلاڪ ۾ جھاز ھلي ٿو. پاڻيءَ جا جھاز ويھن پنجويھن ناٽن تائين ھلن ٿا، پر جنگي جھاز ٽيھھ پنجٽيھن تائين بھ ھلن. ھونءَ اڄڪلھھ تيل جي مھنگائيءَ ڪري مال بردار ۽ مسافر جھاز گھڻو ڪري 15 کان 20 ناٽ تائين ھلن ٿا. +لاگ بڪ +ھر جھاز تي لمحي لمحي جي ڪارڪردگي ۽ ڪم ڪار ھڪ +ڊگھي نوٽ بک تي لکيو ويندو آھي، جنھن کي لاگ بڪ سڏجي ٿو. اھو لاگ بڪ اڳتي ھلي ثبوت طور ڪم آڻي سگھجي ٿو تھ فلاڻو ڪم ڪنھن ڪيو، ڪڏھن ڪيو ۽ ڇو ڪيو؟ يا فلاڻي وقت فلاڻي جي ڊيوٽيءَ ۾ ھي ڳالھيون رونما ٿيون، وغيره. +ائٽلانٽڪ سمنڊ – دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏو سمنڊ ائٽلانٽڪ سمنڊ آھي، جنھن جي ايراضي اٽڪل ٽي ڪروڙ ارڙھن لک چورس ميل آھي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو تھ سڄي پاڪستان جي ايراضي اٽڪل ٽي لک چورس ميل آھي. يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ پاڪستان کان سؤ دفعا وڏو ٿيو. پھرين نمبر تي وڏو سمنڊ پئسفڪ آھي، جنھن جي ايراضي ڇھھ ڪرور اٺٽيھھ لک چورس ميل آھي – يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ کان بھ ٻيڻو آھي ۽ ٽين نمبر تي ھندي وڏو سمنڊ ٿو اچي. +جھاز جو ٻڏڻ +ھي پھرئين مئي 1915ع جو صبح ھو. نيويارڪ شھر مٿان آسمان ڪڪرن سان ڀريو پيو ھو ۽ جيتوڻيڪ رکي رکي سنيھون بوندون وسي رھيون ھيون، تھ بھ ماڻھو خوش ھئا، جو ھفتي جو آخري ڏينھن ھو ۽ اڳيان موڪلون ھيون. اونھاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ تمام گھڻا آمريڪي يورپ وڃڻ جو پروگرام ٺاھي ويٺا ھئا، پر ماڻھن جيئن ئي صبح جي اخبار ورتي تھ سندن اميدون پاڻيءَ ۾ لڙھي ويون. اخبار جي پڇاڙڪي صفحي تي جرمن سفارتخاني طرفان ھڪ چتاءُ ڇپيل ھو: +”ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پار وڃڻ وارن مسافرن کي ٻڌائجي ٿو تھ جيئن تھ جرمني ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ جنگ ھلي رھي آھي، سو ائنٽلانٽڪ سمنڊ جي ھن پار، برطانيھ ويندر مسافر پنھنجي سلامتيءَ جو ذمو پاڻ کڻي وڃن.“ +افسوس ۽ تعجب جي اھا ڳالھھ تھ ان نوٽيس جي پاسي ۾ ئي ھڪ ٻيو اشتھار ڏنل ھو. ھي ڪونارڊ ڪمپنيءَ طرفان ھو: +”دنيا جو وڏو جھاز لوسيتانيا، ائٽلانٽڪ سمنڊ جي سفر تي روانو ٿي رھيو آھي. دنيا گھمڻ جو سنھري موقعو.“ +نيويارڪ جي اخبار نويسن جرمن سفارتخاني کان معلوم ڪيو تھ سفارتخاني جي ترجمان، ان ڳالھھ جي تصديق ڪئي تھ اھو نوٽيس واقعي اسان جي حڪومت طرفان شايع ڪرايو ويو آھي. آمريڪا جيئن تھ اسان جو دوست ملڪ آھي، ان ڪري اسان چاھيون ٿا تھ ھن جا شھري ھر قسم جي نقصان کان بچيل رھن. +”لوسيتانيا“ جھاز لنگر کڻڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. بندرگاھ تي مسافرن جي پيھھ پيھان ھئي. ماڻھو ھڪ ٻئي کان موڪلائي رھيا ھئا. اميگريشن ۽ ڪسٽم جا آفيسر انھن سوين مسافرن جا ڪاغذ پٽ �� سامان جانچڻ جي ڊيوٽي ڏئي رھيا ھئي. مسافرن ۾ عام شھرين کان وٺي ڪروڙ پتي واپاري ۽ نوان شادي شده جوڙا شامل ھئا. انھن ۾ جارج ڪينسلر، شراب جو مشھور واپاري بھ ھو، جنھن وٽ ويھھ لک ڊالرن جي وڏي رقم ھئي. ان کان علاوه ٿيٽر جي شھرت يافتھ اداڪارا مس جوليٽ بھ ان جھاز ۾ سفر ڪري رھي ھئي. ھڪ صحيح اندازي مطابق اٺھٺ تھ رڳو ٻار پنھنجن مائٽن سان گڏ ھئا. +اخباري رپورٽر ۽ ڦوٽو گرافر جھاز جي عملي جي چوڌاري ڦريو بيٺا ھئا. جھاز جو اوڻھٺ سالن جو ڪئپٽن ٿامس پرسڪون نظر اچي رھيو ھو. ھڪ اخباري رپورٽر جرمن سب مئرين جي خطري جي ڳالھھ ڪڍي تھ، ھن کلندي جواب ڏنو: +”جيڪڏھن ھن جھاز لوسيتانيا کي خطرو ھجي ھا تھ مسافر ايتري گھڻائيءَ ۾ ھن جھاز جي سفر جون ٽڪيٽون ھرگز خريد نھ ڪن ھا. توھان بي اونا رھو، ٽارپيڊرو جو ڊپ اجايو آھي، جرمن پنھنجي ”يو – بوٽن“ جو سڄو ٻيڙو بھ سمنڊ ۾ آڻين، تھ بھ اسان جو وار ونگو نٿا ڪري سگھن. مون کي خبر آھي تھ جرمن سب مئرين جي رفتار اسان جي جھاز کان تمام گھٽ آھي.“ +ھي جھاز جي عملي ۽ سفر ڪرڻ وارن جو حال ھو. پر عوام جي ڪيفيت ان کان گھڻو مختلف ھئي. اخبار ۾ جرمني وارن جو چتاءُ ڇپيو تھ، ھر ماڻھو منجھي پيو. عام خيال اھو ھو تھ جھاز کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ويندي. +ڪونارڊ ڪمپني جي مالڪن ۽ آفيسرن کي ڪيتريون ئي تارون مليون، جن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو سفر رد ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني وئي. ھڪ تار ۾ تھ ايتري قدر نياپو موڪليل ھو: ”آئون اھا ڳالھھ پڪ سان چئي رھيو آھيان تھ، لوسيتانيا جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويندو. چڱو ٿيندو جو توھان ھي سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو.“ ذاتي طرح ڪجھھ مسافرن کي بھ ان قسم جون تارون مليون ھيون، پر ان ھوندي بھ جھازران ڪمپنيءَ جو فيصلو اھو ئي ھو تھ، جھاز پنھنجي شيڊول (پروگرام) مطابق سفر تي روانو ٿي وڃي. +لوسيتانيا جھاز جي ماسٽ تي آمريڪي جھنڊو ڦڙڪي رھيو ھو ۽ چوڌاري رنگا رنگ لغڙين سان جھنجھيل ھو. جھاز جا چارئي اسٽيم ٽربائين گھٽيل آواز ۾ ھلي رھيا ھئا. پورا ساڍا ٻارھن وڳا تھ ڪئپٽن ھلڻ جو حڪم ڏنو ۽ جھاز نيويارڪ جي خليج ھڊسن جي گودي نمبر 54 کان روانو ٿيو. ھن چرپر ڪندي اھڙي تھ خوفناڪ وسل وڄائي، جو ماڻھن کڻي ڪنن تي ھٿ رکيا. جھاز جي ڊيڪ تي ڄڻ ميلو متو پيو ھو. نچندڙن جون ٽوليون ڳائڻ وڄائڻ ۾ مصروف ھيون. گوديءَ تي آيل ماڻھو گلن جون پتيون مٿان اڇلي رھيا ھئا. +جھاز گوديءَ مان نڪري کليل سمنڊ ۾ اچي ويو، پر ماڻھو اڃا تائين رومال ۽ ٽوپلا لوڏي پنھنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کان موڪلائي رھيا ھئا. ڪجھھ ماڻھن جي ھٿن ۾ اتحادي ملڪن جا جھنڊا ھئا، جن کي ھو اعتماد سان ھوا ۾ لوڏي رھيا ھئا. +يورپ جي جنگ جو ڄڀيون ڏينھون ڏينھن وڌي رھيون ھيون. برطانيا جي شاھي بحري فوج (Royal Navy) جرمن يو بوٽن جي ھڪ اڏي زيبرگ تي بمباري ڪئي ھئي، جنھن جي جواب ۾ جرمنن ٻائيتاليھھ سينٽي ميٽر جي پري مار ڪندڙ توبن سان ڊنڪرڪ تي بمباري شروع ڪري ڏني ھئي. ڏور اوڀر ۾ جپانين، پيڪنگ کي الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو ھو. چوڌاري جنگ جي باھ ڀڙڪي رھي ھئي، پر واشنگٽن جا حاڪم اڃا تائين پنھنجين جاين تي مطمئن ھئا. آمريڪا جي صدر کي پڪ ھئي تھ ھن جو ملڪ ان جنگ ۾ نھ ٽپندو. +ائٽلانٽڪ ۽ ڀؤنچ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ جرمن سڀ مئرين تباھي مچائي ڏني ھئي. اھي برطانيھ ٻيٽ جي چوڌاري گھمنديون رھيون ٿي. ھو پنھنجي بحري ھيڊ ڪوارٽر تان حڪم ملندي ئي، پنھنجي مھم تي روانيون ٿي ٿي ويون ۽ بنا ڪنھن خيال ۽ لحاظ جي ھر جھاز کي تباھ ڪرڻ ٿي لڳيون. +ھيگ ڪنوينشن موجب واپاري ۽ مسافر بردار جھاز تي حم��و ڪرڻ ھڪ غير قانوني قدم ھو، پر ان جي ڪنھن کي بھ پرواھ نھ ھئي. آئرلئنڊ جي ڏکڻ اولھھ ۾ جرمن سب مئرين ”يو 20“ اٽڪل ٽي برٽس جھاز ۽ ھڪ روسي اسٽيمر ٻوڙي چڪي ھئي. ھڪ آمريڪي ٽئنڪر ”سي گل فلائيٽ“ سسليءَ جي ويجھو تارپيڊرو جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو ھو. ڊئنمارڪ جو اسٽيمر جھاز ”ڪئٿي“ نارٿ سيءَ ۾ اھڙيءَ طرح آيو. +جرمني، زھريلي گئس جا بم ايجاد ڪري چڪي ھئي ۽ انھن جو پھريون نشان اھي ڪئناڊا جا فوجي ھئا، جيڪي ايپري نالي شھر ۾ موجود ھئا. +ٻٽيھن سالن جو ڪئپٽن شويگر، جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر ھو. ھيءَ سب مئرين ايمڊن جي گوديءَ ۾ لنگر انداز ھئي، جو کيس ”نارٿ سي“ جي مھم تي روانو ڪيو ويو ۽ ھوءَ لوسيتانيا جي رواني ٿيڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ، پنھنجي مھم تي رواني ٿي چڪي ھئي. +لوسيتانيا جھاز ھڪ تمام وڏو مسافر بردار جھاز ھو. ھن ۾ ھڪ سؤ پنجھتر ڪمپارٽمينٽ ھئا ۽ ھر ھڪ ڪئبن ۾ جديد ترين اوزار لڳل ھئا. سمنڊ ۾ ٻيڙيون (لائيف بوٽ) لاھڻ جو بندوبست بھ آٽوميٽڪ نموني ھو ۽ تمام ئي ماڊرن پڻ ۽ انھن ئي سٺائين ڪري ھن جھاز کي ان زماني جو تکي ۾ تکو ۽ محفوظ جھاز سمجھيو ويو ٿي. +آچر 3 مئي جو صبح ٿيڻ تي خبر پئي تھ، لوسيتانيا گرئنڊ بئنڪس جي پاسي سفر ڪري رھيو آھي. نائين وڳي تائين مسافرن نيرن پاڻي ڪري ورتو. ٻاھر اس ۾ گرمي وڌي رھي ھئي. ٿرڊ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس لاءِ ڊائننگ ھال ”ڊيمي ڊيڪ“ تي ھئا. سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڇھھ سؤ ھڪ مسافر ھئا، جن ۾ گھڻيون تڻيون زالون ۽ ٻار ھئا. +ٻئي ڏينھن جرمن سب مئرين – يو 20 برطانيھ ٻيٽ جي چوڌاري ڦري رھي ھئي. ھوءَ پنجين مئي تي پنھنجي سفر تي روانو ٿي تھ، ڪجھھ ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ برٽش جھاز ”ارل آف ليٿم“ تي نظر پيس، جيڪو آئرلئنڊ کان سڪل گوشت، بيضا ۽ پٽاٽا کڻي لورپول پئي آيو. جھاز تي نگاھ پوڻ شرط جرمن ڪمانڊر شويگر بمباري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڏي قطر واريون توبون باھ وسائڻ لڳيون. فقط اٺ رائونڊ ساڙڻ کان پوءِ خبر پيئي تھ انگلينڊ جو جھاز ”ارل آف ليٿم“ ڀور ڀور ٿي چڪو آھي. +شام جي وقت ناروي جو ٽي سؤ ٽن وزني جھاز ڏسڻ ۾ آيو. ھن ڏي تارپيڊو اڇلايو ويو، پر اھو صحيح نشان تي نھ لڳو. شويگر سمنڊ اندر وڌيڪ اونھو وڃي، ھن جي ڪڍ لڳو پر جھاز جي خوش قسمتي چئجي جو بچي ويو. +مئي جي ڇھين تاريخ لوسيتانيا، آئرلئنڊ جي ڪناري کان پنج سؤ ميل پري ھو، پر ھو جنگي زون (علائقي) ۾ گھڙي چڪو ھو. ان ڳالھھ کي ڌيان ۾ رکي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ڪئي وئي. سمنڊ ۾ لائيف بوٽ لاھڻ جي پريڪٽس ڪئي وئي، جيڪا تمام گھڻو ڪامياب رھي. اھي ٻيڙيون ڪل ٻاويھھ ھيون. ان کان علاوه گھڻي تعداد ۾ لائيف جئڪيٽ ۽ لائيف بئاءِ (ٻوچن جا گول ٺھيل) بھ موجود ھئا. زندگي بچائڻ جو ھي ساز سامان ڇويھھ سؤ مسافرن لاءِ پورو ھو، جڏھن تھ مسافرن جو جھاز ۾ تعداد ان کان گھٽ ئي ھو. لوسيتانيا جھاز جو ڪئپٽن ٿامس ان حفاظتي بندوبست کان خوش ھو. +لوسيتانيا جھاز پنھنجي وڏين چمنين Funnel مان دونھون اڏائيندو، وڏي شان سان وڃي رھيو ھو. ھن جا اوڻيھھ بئالر باھ جي گرمائش پيدا ڪري رھيا ھئا، جنھن ۾ پاڻيءَ طاقتور ٻاڦ جي شڪل اختيار ڪئي ٿي. ھر بئالر ۾ ٻاڦ جو دٻاءُ ھڪ سؤ پنجانوي پائونڊ في چورس انچ ھو. لائيٽ پيدا ڪرڻ وارا جنريٽر ٽي سؤ ڪلو واٽ اليڪٽرسٽي پيدا ڪري رھيا ھئا. ڪئپٽن کي يقين ھو تھ جي موسم سازگار رھي تھ جھاز جي رفتار ايڪيھھ ناٽن تائين وڌائي سگھجي ٿي. +خميس ڏينھن شام جو ناچ گاني جي محفل ٿي. مختلف جوڙا ميوزڪ جي لئھ تي ٿڙڪڻ لڳا. ڪيترا ئي مسافر تھ شراب پيئڻ ۾ مست ھئا. اداڪاره جوليٽ جي چوڌاري ھن جي پرستارن جو ميڙو متل ھو. شڪاگو جو چارلس گھڻي کان گھڻو شراب پي پنھنجي شاديءَ جي ڇٽيھين سالگره ملھائي رھيو ھو. +شام جو ساڍي ستين وڳي ڪئپٽن ٿامس کي برطانيھ جي نيويءَ طرفان نياپو مليو تھ آئرلئنڊ جي ڏاکڻين ڪناري وٽ، جرمن سب مئرينس موجود آھن، جن کان ھوشيار رھڻ ضروري آھي. +ساڍي اٺين وڳي رات جو ريڊيو آفيسر کي ان سلسلي ۾ ھڪ ٻيو نياپو مليو، جنھن ۾ پڻ جرمن سب مئرين جي اوچتي حملي کان آگاھ ڪيل ھو. +ڪئپٽن پنھنجي ڪمري ۾ آيو ۽ سگار دکائي فائيل اٿلائڻ لڳو. ھڪ صفحي تي ان جي نظر ڄمي وئي. ھي جرمن حڪومت جو ھڪ اعلان ھو، جنھن تي چوٿين فيبروري 1915ع جي تاريخ لڳل ھئي: +”برطانيھ ۽ ان جي آس پاس جي سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ جھاز ھن جي حملي جو نشان بڻجي سگھن ٿا.“ +ھي اعلان پڙھڻ سان ڪئپٽن جي پيشانيءَ تي گھنج اچي ويا، پر ھو جلد ئي نارمل ٿي ويو. ھن دل ۾ پڪو پھھ ڪيو تھ ھر صورت ۾ ھاڻ خطري کي منھن ڏبو. +نيويارڪ ۾ اخباري آفيسن مان ذري ذري ماڻھن پڇا ڪئي تھ لوسيتانيا جھاز جرمن سب مئرين جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو آھي يا آئرلئنڊ جي ڪناري تي پھچي ويو آھي؟ +7 مئي جو سج نروار ٿيو تھ خبر پيئي تھ لوسيتانيا آئرلئنڊ جي ڪيپ ڪليئر کان پنجھتر ميل پري تائين پھچي چڪو آھي. ان وقت ھلڪو ڪوھيڙو ڇانيل ھو. ڪئپٽن حڪم ڏنو تھ جھاز جي رفتار گھٽائي ارڙھن ناٽ ڪئي وڃي. ھي احتياط ان لاءِ ضروري ھو جو اھڙيءَ حالت ۾ جھازن جي ٽڪرائڻ جو خطرو رھي ٿو. جھاز لڳاتار وسل وڄائيندو ھليو. +ٻئي پاسي ڪئپٽن شويگر ھڪ سؤ ٽيھھ ميل پري، پنھنجي سب مئرين يو 20 جي ڊيڪ تي، پنھنجن ھمراھن سان چرچا ڀوڳ ڪري رھيو ھو – سب مئرين جون بيٽريون چارج ٿي چڪيون ھيون ۽ ٽارپيڊو بلڪل تيار ھئا. +سوا يارھين وڳي نيويءَ طرفان نياپو مليو: ”آئرش چئنل ۾ دشمنن جون سب مئرينون موجود آھن. انھن کي آخري دفعو ڪوننگ بي کان ويھھ ميل پري ڏکڻ ۾ ڏٺو ويو ھو. لوسيتانيا کي خبردار رھڻ جي ضرورت آھي.“ +ٻارھين وڳي ڌاري ڪوھيڙو گھٽيو ۽ موسم سٺي ٿي وئي، ڀوري اڇي رنگ جا سامونڊي ٻگھھ پکي (Seagulls) جھاز جي چوڌاري اڏامندي ڏاڍو سٺا لڳي رھيا ھئا. انھن جي موجودگيءَ مان اھا ڳالھھ ظاھر ھئي تھ ڪنارو ڪو پري ڪونھي. +ڪئپٽن ٿامس جو خيال ھو تھ جرمن يو بوٽ ڏکڻ اولھھ روٽ جي آس پاس ھوندي، ھن ڪري ھن جھاز جو طرف ڦيرائڻ جو حڪم ڏنو. الھندي ڪناري ڏي وڃڻ جو اھو ئي محفوظ ترين رستو ھو. ڏينھن جو ڏيڍ وڳي آئرلئنڊ جو ڪنارو بلڪل چٽو نظر اچي رھيو ھو. وڻ، گھرن جون ڇتيون ۽ گرجائن جا چھنبدار منارا پري کان اڀرندا نظر اچي رھيا ھئا. ھاڻي ڪئپٽن ٿامس تمام گھڻو مطمئن ھو، ڇو تھ ان علائقي ۾ برطانيھ جون گن بوٽون موجود ھيون. ھو اھو سوچي خوش ھو تھ ھو جنگي زون مان سلامتيءَ سان ڀڄي ويندو. ٻھ لڳي نون منٽن تي ٿرڊ آفيسر ۽ عملي جي ٻين ماڻھن جھازن جي چارج سنڀالي. ڪنھن کي بھ اھا خبر نھ ھئي تھ ايندڙ سٺ سيڪنڊ موت جو پيغام آڻيندا. +يو 20 جو ڪمانڊر شويگر، لوسيتانيا جي ويجھو پھچي چڪو ھو ۽ پيري اسڪوپ تي جھڪي آخري سمجھاڻيون ڏئي رھيو ھو. +”مٿي! ٿورو اڃا مٿي! ھڪ ڊگري ساڄي! ريڊي....! فائر!!“ +يو بوٽ ٿورو لوڏو کاڌو ۽ ھڪ ٽن ڳري ٽارپيڊو کان آزاد ٿي وئي. +لوسيتانيا جي ھڪ خلاصيءَ پاڻيءَ ۾ ليڪ اڀرندي ڏٺي تھ ھن وٺي ميگافون تي رڙ ڪئي: ”ٽارپيڊو.“ +سيڪنڊ آفيسر بھ اھو ٻڌڻ سان دانھون ڪرڻ لڳو: ”اسان تي ٽارپيڊون سان حملو ٿي چڪو آھي.“ +۽ ان کان ٿوري دير بعد جھاز کي ھڪ زبردست ڌچڪو لڳو. ڪيترن ئي مسافرن منھن ڀر وڃي ڦھڪو ڪيو. +ھنن اٿڻ جي ڪوشس ڪئي، پر ٻئي ڌچڪي ۾ وري اتي جو اتي رھجي ويا. انھي��َ وٺ وٺان ۾ ھڪ تمام وڏو ڌماڪو ٿيو. ٽارپيڊو لڳڻ سان جھاز جي تر واري اٺ انچ لوھ جي چادر ڇيتون ڇيتون ٿي وئي. ڪاٺ ۽ ڌاتوءَ جا ٽڪرا چئني طرف اڏامڻ لڳا. ڪيترا ئي وڏا ٽڪر ھڪ سؤ سٺ فٽن جي بلنديءَ تي پھچي واپس فرش تي اچي ڪريا. انجڻ روم ۾ موجود ٽيڪنيڪل عملو باھ جي ڄڀين ۾ ڦاسي ويو. +لوسيتانيا ڪناري کان فقط يارھن ميل پري ھو. ٻھ ڏينھن اڳ برطانيھ جو جھاز ”ارل آف ليٿم“ انھيءَ ھنڌ ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ريڊيو آپريٽر رابرٽ سيڪنڊ ڪلاس جي ڊائننگ روم مان ماني اڌ ۾ ڇڏي ٻاھر نڪتو. سگنل روم ۾ پھچي ھن کي خبر پئي تھ جھاز جي اليڪٽرڪ پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. ايمرجنسي ڊائينامو ڪنڊ ۾ پيو ھو – آپريٽر ھن کي اسٽورڊ بيٽريءَ ذريعي ھلايو. ٽرانسميٽر پئنل جون سيون ڏڪڻ لڳيون ۽ ٻھ وڄي چوڏھن منٽن تي ”ايس او ايس“ موڪليو ويو. +”بچايو! بچايو! اسان جي مدد لاءِ پھچو. اسان ڪنسيا علائقي کان ڏھھ ميل ڏکڻ ۾ آھيون.“ +اھو پيغام برٽش ٽئنڪر جھاز ”نرگنسٽ“ تي ٻڌيو ويو، جيڪو لورپول (انگلينڊ) کان نيوجرسي (آمريڪا) وڃي رھيو ھو. ھو بدقسمت لوسيتانيا کان پنجٽيھھ ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ھو. ان جي ڪئپٽن اھو پيغام ٻڌڻ سان پنھنجي جھاز جو رخ ٻڏندڙ لوسيتانيا ڏي ڪيو ۽ رفتار يارھن کان چوڏھن تائين وڌائي. +لوسيتانيا جي ڊيڪ تي ڀڄ ڊڪ متل ھئي. ھر ماڻھو ڪوشش ڪري رھيو ھو تھ ھن کي لائيف بوٽ ۾ جاءِ ملي وڃي. جھاز لڳاتار لڏي رھيو ھو. مسافر لائيف جئڪيٽون کڻي ڀڄي رھيا ھئا. +انڱرن جي وڏن کورن ۾ پاڻي وڃڻ سان دونھين جو ھيبتناڪ ڪڪر ٻاھر نڪتو ۽ گرم بدبودار ڦلھير جو مينھن وسڻ لڳو. +مسافرن سان ڀريل ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاٿيون ويون. ڪيترا ئي ماڻھو رسيءَ جي ڏاڪڻين (Pilot Ladder) ذريعي ھيٺ سمنڊ تي ٽپ ڏئي رھيا ھئا. افراتفريءَ جو اھڙو عالم ھو جو مسافرن سان ڀريل ھڪ ٻيڙي سمنڊ ۾ لاھڻ مھل ھڪ پاسي جھڪي پئي ۽ ان ۾ ويٺل سڀ مسافر سامونڊي ڇولين جي ڀيٽ چڙھي ويا. +لوسيتانيا جو ”ايس او ايس“ ڪناري جي اسٽيشن ڪنسيل ۽ بحري جھازن کي بھ مليو. +خبر ٻڌندي ئي ڪنسيل بندرگاھ جي لائيٽ ھائوس وٽ سوين ماڻھو اچي گڏ ٿيا. سامھون سمنڊ ۾ لوسيتانيا مان دونھين جا گھاٽا ڪڪر اڀري رھيا ھئا. ھر ماڻھوءَ جي زبان تي اھو ھو تھ اھڙو ڀيانڪ حادثو ڪڏھن بھ پھرين پيش نھ آيو. +ڪئپٽن ٿامس پنھنجي عملي جي ماڻھن کي ھدايتون ۽ سمجھاڻيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر ماڻھو ھن کي ورندي ڏيڻ بنا اڳيان نڪري ٿي ويا ۽ ھرڪو پنھنجيءَ ۾ پورو ھو. ڪوبھ ڊسيپلين قائم ٿي نھ سگھيو. +جھاز جو اڳيون حصو آھستي آھستي مٿي اڀو ٿيندو ويو ۽ ھي ان ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. ھر ماڻھو اھو بھ محسوس ڪري رھيو ھو تھ ٻيڙين رستي جان بچائي ڀڄڻ بھ ممڪن نھ ھو، ڇو تھ جرمن سب مئرين جو عملو انھن کي ڏسندي مشين گنن سان ڀڳڙا ڪري رکندو. پوءِ بھ جان بچائڻ جي جدوجھد ھلندي رھي. ويھارو کن زالون ۽ ٻار ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا، پر ھيٺ ويندي ھن جو ھڪ رسو ڪٿي ڦاسي پيو. ھيءَ ھڪ خطرناڪ صورتحال ٿئي ٿي. گھٻرايل حالت ۾ ھڪ ھمراھ ڪھاڙيءَ سان رسو ڪپيو تھ ماڳين ٻيڙي اونڌي ٿي ويئي ۽ اڀاڳ مسافر سمنڊ جي تکين لھرن ۾ وھي ويا. +چارليس لاريٽ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري رھيو ھو. ھن جي ڪئبن ۾ زندگيءَ جون مڙيئي آسائشون موجود ھيون. حادثي کان پوءِ ھن لائيف بيلٽ ٻڌو ۽ سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو. ھو لھرن مٿان اڀريو تھ معلوم ٿيس تھ ھن جي اوسي پاسي ڪيترا ئي ماڻھو موت ۽ زندگيءَ جي ڏي وٺ ۾ مبتلا ھئا. لاريٽ پنھنجي اکين تان سمنڊ جو کارو پاڻي اگھيو ۽ جھاز ڏي نگاھ ڊوڙايائين. اڃا تائي�� سوين مسافر جھاز جي ڊيڪ تي موجود ھئا. جھاز جو اڳيون حصو سٺ فٽ کن مٿي کڄيل ھو. ايڏيءَ اتاھينءَ تان بل ڏيڻ موت کي سڏڻو ٿيو. +ڪجھھ ماڻھن ھڪ لوھ جي پراڻي رسي ذريعي لھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي نڪتل تارن سندن ھٿن تان گوشت بھ ڇلي رکيو. +جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر شويگر اڃا ويجھو ئي ھو. ھن پنھنجي لاگ بڪ ۾ لکيو: +”جھاز سڙي رھيو آھي، مسافر مونجھاري ۾ آھن، سمنڊ ۾ ٻيڙيون لاٿيون پيون وڃن. انھن مان ڪيتريون اونڌيون بھ ٿي پيون آھن. جھاز جي اڳئين حصي تي لوسيتانيا جا لفظ پڙھڻ ۾ اچي رھيا آھن.“ +ڪيترا ئي مسافر ھيٺين ڊيڪ تي ڦاٿا پيا ھئا. ڊيڪ تي عيسائي +پادري (فادر) جي چوڌاري ماڻھن جو ميڙ لڳل ھو. جيتوڻيڪ پادري پاڻ بھ ڊپ ۾ ڏڪي رھيو ھو، پر ان ھوندي بھ ماڻھن لاءِ دعا گھري رھيو ھو. +باڪسر فري مئن مشھور برٽش چيمپئن ھو. ھن پنھنجي ھوش حواس کي قابوءَ ۾ رکندي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر ھيٺ وڃڻ سان سندس ڪلھو ٻيڙيءَ سان ٽڪرايو ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳس، پر جلد ئي ڌڪ بچائي ورتائين ۽ ترڻ لڳو. +ورجينا تمام سٺي تيراڪ عورت ھئي. جھاز ھڪ طرف جھڪيو تھ ھن سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو ۽ ترندي باھ لڳل جھاز کان پاسو ڪيائين. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي جھاز ڏي ڏٺائين تھ سندس ماءُ پيءُ لاچاريءَ جي عالم ۾ جھاز جي ٻنوڙي (Bulwark) کي جھلي بيٺا ھئا. ھوءَ کين فقط ڏسڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھھ بھ نٿي ڪري سگھي. +ھڪ لائيف بوٽ ٿورو اڳيان وڃي اونڌي ٿي پئي. ان تي ٽيھھ ماڻھو سوار ھئا ۽ ائڪٽريس جوليٽ بھ انھن ۾ شامل ھئي. +ڪئپٽن ٿامس يونيفارم ۾ اداس لڳي رھيو ھو. ٿڌي سائي پاڻيءَ جون لھرون ھن جي پيرن کي چمي رھيون ھيون. ڪجھھ دير ماٺ ئي ماٺ بيٺو رھيو. ان کان پوءِ ڏاڪڻ تي چڙھيو. جھاز کي لڳل ڪاراڻ ۾ ھٿ ڪارا ٿي پيا ھئس. ان وقت ھن جي دماغ ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون يادون گڏ ٿيڻ لڳيون. اھا ڳالھھ ھن کي تمام گھڻو ڏک پھچائي رھي ھئي تھ، جنھن عظيم جھاز جو ھو ڪئپٽن آھي، اڄ اھو سمنڊ جي تھن ۾ ٻڏي رھيو آھي. ايتري ۾ جھاز جي ڪوارٽر ماسٽر جانسن تي نظر پيس. کيس رڙ ڪري خطري کان آگاھ ڪيائين: ”جانسن! پنھنجي جان جلدي بچائي وٺ. جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. تمام ٿورو ڪو وقت وڃي بچيو آھي.“ +ھو ڏاڪڻ تان وري ھيٺ لھي آيو. پاڻيءَ جي وھڪري ۾ ھڪ ڪرسي ترندي نظر آيس. ھن وڌي کڻي ھن کي جھليو ۽ ان جي سھاري ترندو وائرليس ڊيڪ کان اڳتي وڌي ويو. +جھاز جي اڳئين حصي تي مسافر اڃا موجود ھئا. ھاڻ انھن بابت سوچڻ اجايو ھو. جھاز جو ھي حصو ھڪ سؤ فوت مٿي کڄي ويو ھو. پاڻي ڌڪڻ وارا پنکا (Propellers) پاڻيءَ کان مٿي نظر اچي رھيا ھئا. جھاز سمنڊ اندر گھڙندو ويو ۽ ٽارپيڊو لڳڻ کان فقط ارڙھن منٽ پوءِ، ھو اونھي پاڻيءَ اندر سڄو غرق ٿي ويو. +ٻٽيھھ ھزار ٽن وزني ۽ اٺ سؤ فٽ ڊگھو ۽ سھڻو جھاز، آئرلينڊ جي ڪناري کان فقط ڪجھھ ميل پري، انسان جي جنگي چريائپ تان قربان ٿي ويو. سمنڊ ۾ اڌ ميل تائين ماڻھن جا مٿا نظر اچي رھيا ھئا. ڪيترا ئي ويچارا رسن ۽ تارن ۾ ڦاسي اجل جو شڪار ٿي ويا. ھڪ ڪئنڊين زال پاڻيءَ جي وھڪري ۾ وھي جھاز جي چمنيءَ ۾ ھلي وئي ھئي. ڪجھھ دير بعد بئالر ڌماڪو ڪري ڦاٽو. ٻاڦ جو دٻاءُ ايترو تھ گھڻو ھو جو ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر جيڪو ڀر پاسي ۾ جيئرو بيٺو ھو، ان جو بھ خاتمو ٿي ويو. ڪئنڊين عورت جو لاش توپ جي گولي وانگر مٿي آسمان ڏي کڄي ويو ۽ پوءِ پري وڃي ڦھڪو ڪيائين. +لوسيتانيا جھاز ھاڻ سڄو ٻڏي ويو ھو. سندس جاءِ تي فقط ھڪ ھلڪي دونھين جي لڪير نظر اچي رھي ھئي، جيڪا اولھھ کان لڳندڙ ھوا جي زور تي پري ٿي رھي ھئي. +انگلينڊ جي اخبارن ۾ اھا خبر آئي تھ ماڻھن کي ماٺ لڳي وئي. آئرلئنڊ ��ي ڪناري تي رھندڙ مھاڻا پنھنجيون ٻيڙيون ۽ جھاز کلئي سمنڊ ۾ ٻاھر ڪڍي آيا تھ جيئن زندھ بچڻ وارن جي ڳولا ڪري سگھجي، پر ھاڻي ھتي ڪير جيئرو ھو؟ جيڏانھن بھ نظر ٿي وئي تھ لاش ئي لاش ترندا نظر ٿي آيا. پر ايڏي وڏي حادثي ھوندي ڪجھھ ماڻھو اڃا زندھ ھئا. +مدد لاءِ آيل جھازن ۽ ٻيڙين، انھن کي وڏي ھمت سان بچايو. ان سلسلي ۾ ڪجھھ اھڙا بھ واقعا نظر آيا، جو ھر ھڪ اھو ٿي چاھيو تھ: ”بيشڪ موت ۽ زندگي خدا جي ئي ھٿ ۾ آھي.“ +ھڪ نوجوان ڇوڪري مس پيوي پاڻيءَ ۾ ڪري تھ سندس اسڪرٽ ڦوڪڻي وانگر اڀامي پيو ۽ ھوءَ چڱي دير ھن جي سھاري ترندي رھي ۽ ايتري ۾ امدادي ٻيڙي اچي پھتي ۽ امدادي ٻيڙيءَ جي عملي ھن کي بچائي ورتو. +ٽئنڪر جھاز اڃا تيرھن ميل پري ھو تھ، يو 20 سب مئرين جي سامھون اچي ويو ۽ ڪئپٽن شويگر ان کي آخري ٽارپيڊو ھنيو، پر خوش قسمتيءَ سان نشانو خطا ٿي ويو ۽ ٽئنڪر جھاز بچي ويو. +ان بعد ان ٽئنڪر جي ڪئپٽن پنھنجي جھاز جو رخ ھڪدم موڙي ڇڏيو. ھن کي خيال آيو تھ ڪنھن ڪوڙو ايس او ايس ڏئي ھنن کي ڦاسائڻ ٿي چاھيو. +لوسيتانيا جي ٻڏڻ جي خبر آمريڪا پھتي تھ جتي ڪٿي روڄ راڙو مچي ويو. ڪونارڊو ڪمپنيءَ جو جنرل مئنيجر اھا خبر ٻڌي غشيءَ جي حالت ۾ اچي ويو. +آمريڪا جي سرڪاري ادارن ۾ بھ ھن خبر ڪري ڏک ڇانئجي ويو. آمريڪي سياستدانن جو رد عمل نھايت سخت ھو. ليڊي روزويلٽ پنھنجي بيان ۾ چيو: +”ان کي قتل عام ۽ سامونڊي ڦر جو واقعو سڏڻ کپي. سچ تھ اھو آھي تھ ظلم ۽ سنگدليءَ جو اھڙو خراب مظاھرو ھن کان اڳ اڄ تائين نھ ٿيو آھي.“ +نيويارڪ ۽ ڀر وارين رياستن ۾ ان موقعي تي غم وچان جھنڊا اڌ تائين چاڙھيا ويا. +ان حادثي بعد ڪيترن ماڻھن اھو بھ چيو تھ اسان تھ اڳھين ٿي چيو تھ ھي جھاز ٻوڙيو ويندو. +بھرحال! ھن جھاز جي ٻڏڻ سان آمريڪا ۾ ھڪ طوفان مچي ويو. وڪٽوريا (ڪئناڊا) ۾ ھڪ ھجوم جرمن ڪلب تي حملو ڪري، ان کي ڊاھي رکيو. سمورو فرنيچر گڏ ڪري باھ کڻي ڏنائون. +جيئرا بچڻ وارا جسماني طرح ڪمزور ٿي ويا. ڪيترا تھ ھلڻ جي قابل بھ نھ رھيا. بدن تي ڌڪن ۽ ڦٽن جا نشان ٿي پين. ڪيترن جون ٻانھون ڀڄي پيون ۽ ٽنگون خراب ٿي ويون. +جرمنيءَ خلاف آمريڪا ۾ ڪيترا ئي ڏينھن مظاھرا ھلندا رھيا. ماڻھن جو اھو مطالبو ھو تھ جرمنيءَ سان ھر قسم جا تعلقات ختم ڪيا وڃن. جيتوڻيڪ جرمني اھو بھانو ڏيندو رھيو تھ، ان جھاز تي انگلينڊ لاءِ بارود کڄيو پئي ويو، ان ڪري اسان اھو جھاز نابود ڪيو. +نھ فقط ان جھاز کي نقصان رسايائون، پر ان قسم جون ٻيون بھ ڪيتريون ئي ڳالھيون جرمن ڪندا رھيا. نتيجي ۾ اڳتي ھلي نيٺ آمريڪا بھ جرمنيءَ سان جنگ جي حالتن جو اعلان ڪيو. + + +لکين سج لھي ويا، کيڙيندي کارو +ماڻھن کي زوريءَ خلاصيءَ طور ڀرتي ڪري، جھاز تي وٺي وڃڻ جو رواج، غلامن جي واپار واري دور ۾ ڪيترا ئي سؤ سال ھليو. ھيڏي سائنسي ترقيءَ جي باوجود اڄ بھ انسان سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کي واڳ وجھي نھ سگھيو آھي. اڄ کان ٻھ ٽي سؤ سال اڳ – جڏھن جو ھي سفر آھي، سامونڊي سفر اڄ کان ھيڪاندو گھڻو اڻانگو ۽ ڏکيو ھوندو ھو، نھ اڄ وانگر انجڻن تي ھلندڙ ھي آٽوميٽڪ جھاز ھئا ۽ نھ مھينن تائين کاڌي کي سٺو رکڻ لاءِ ”ڪولڊ روم“. جھازن تي نھ مٺي پاڻي ٺاھڻ جون مشينون ھيون ۽ نھ طاقتور نيويگيشن جا اوزار، جيڪي سنوان سڌا رستا ٻڌائين. +ان زماني ۾ جھاز چپن تي ھلندا ھئا – يا وري وڏن سڙھن تي. ھڪ ھڪ جھاز ۾ سوين ماڻھو/غلام/قيدي/شيدي قطار ۾ ٿي ويھندا ھئا ۽ ڏينھن رات چپون ھلائيندا رھندا ھئا. خراب موسم ۾ ڀلي الٽيون ڪندا رھن يا کاڌي نھ ھئڻ ڪري بک ۾ پاھ ٿيندا رھن، پر جھازن جا مالڪ/مالڪن جا ڇاڙتا/ڪپتان ۽ انھن جا ماڻھو ھنن کي رسي ۾ ٻڌي، چھبڪ ھڻي، ماري ڪٽي ھر حالت ۾ چپون ھلارائيندا ھئا. ٻيءَ صورت ۾ جھاز جي بيھڻ ڪري ٻڏڻ جو خطرو ھو. ڪڏھن ڪڏھن کاڌو خوراڪ ختم ٿي ويندو ھو تھ بھ بک اڃ ۾ پڻ ھنن کان ڪم ورتو ويندو ھو ۽ منزل مقصود تائين پھچندي ڪيترا ئي موت جو شڪار ٿي ويندا ھئا يا بک ۽ تڪليفن جو تاب نھ جھلي، موقعو ملڻ تي يا تھ خودڪشي ڪندا ھئا يا وري جھاز تي ميونٽي (بلوو) ڪري جھاز جي مالڪن يا انھن جي ڇاڙتن يا پنھنجن ساٿين کي ماري، سندن گوشت کائيندا ھئا – جيئن ھن سفر ۾ آھي. +سڙھ وارن جھازن ۾ بھ ساڳيون تڪليفون ھيون. سڙھ ڦاٽي پوندا ھئا يا ھوا بند ٿي ويندي ھئي تھ پوءِ ڏينھن جا ڏينھن سمنڊ ۾ ھڪ ھنڌ پيا ھوندا ھئا يا طوفاني ڇولين جي نظر ٿي ويندا ھئا. +ھي سفر ان زماني جو آھي، جڏھن يورپ جا ماڻھو سون، ھيرن، عاج جي تلاش ۾، آفريڪا مان شيدي جھلي، ڏکڻ آمريڪا وڪڻڻ ويندا ھئا يا آفريڪا ۽ آمريڪا جي مڪاني باشندن کي رم (شراب) ڏئي، کانئن مٿيون شيون حاصل ڪندا ھئا. ھي جھاز بھ شراب جا ڊرم کڻي پيرو (ڏکڻ آمريڪا) سون وٺڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. +انھن ڏينھن ۾ رستو ڳولڻ لاءِ تارن ۽ سج کان مدد وٺبي ھئي يا قطب نما ۽ سيڪسٽنٽ (Sextant) اوزار کان. قطب نما اوزار ٺاھڻ تمام آسان آھي، جنھن ذريعي طرفن جي خبر پوي ٿي – خاص ڪري اتر جي. ڪنھن بھ چقمق جي ٽڪر کي وچ ۾ ڌاڳو ٻڌي لڙڪائبو تھ ٽڪرو اتر ڏکڻ طرف منھن ڪري بيھندو. ٻن يا ھڪ طرف جي خبر پئجي وڃي تھ باقي طرف ڳولڻ سولا آھن. قطب نما بھ ان ئي اصول تي ٺھيل آھي. سيڪسٽنٽ اوزار اڄ بھ نيويگيشن ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جھازن ۽ ھوائي جھازن ۾ ڊيڪا، لورين ۽ سيٽلائيٽ نيويگيٽر جھڙا آٽوميٽڪ اوزار نڪري پيا آھن. سيڪسٽنٽ ذريعي ڪنھن بھ آسماني چنڊ، تاري، سج جو ائنگل (ڪنڊ) معلوم ڪبي آھي. پوءِ ٽرگناميٽري ذريعي ٽڪنڊي جون ٻيون ڪنڊون ۽ پاسا معلوم ڪري، اھو حساب لڳائي سگھجي ٿو تھ، جھاز دنيا جي ڪھڙي ھنڌ تي آھي ۽ مقرر وقت ۾ جھاز ڪيترو ھليو؟ اھو مفاصلو ٽڪنڊي جو ھيٺيون پاسو (Base) ٿيندو. بھرحال! اڄ جي دور ۾ ھي حساب ڪتاب تمام سولو ڪم آھي، جنھن جون ڪيتريون ئي بنيادي جدولون (سائين، ڪوسائين فارمولا وغيره) اڄڪلھھ ھر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ئي سيکاريا وڃن ٿا. +گذريل زماني ۾ جھاز جي ڪئپٽن کي وڏي اٿارٽي ھوندي ھئي. ھو ئي گھڻو ڪري جھاز جو مالڪ ھوندو ھو تھ، جھاز تي چڙھيل سامان جو مالڪ/واپاري پڻ. ھو ئي انتظام ھلائڻ ۽ سزائون ڏيڻ وارو جج ھوندو ھو تھ، ھو ئي جھاز راني – خاص ڪري نيويگيشن (رستو ڳولڻ) جو ڄاڻو ھوندو ھو ۽ ھو ان رستي جي علم کي پاڻ تائين ئي محدود رکندو ھو، جيئن ملاح ڊپ ۾ ھجن تھ ٻيلي ڪئپٽن جي ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي ويو تھ سڀ رڃ ۾ رلي وينداسون. +چون ٿا تھ واسڪو ڊي گاما جڏھن پھريون دفعو جھاز کي ڪيپ +آف گڊ ھوپ وٽ آندو ۽ ھاڻي اڳتي ھندستان جو گس ڳولڻ لاءِ وڌڻ وارو ھو تھ خراب سمنڊ ۽ موسم ڪري جھاز جي خلاصين ۾ ايڏي تھ بيچيني پيدا ٿي پئي، جو واسڪو ڊي گاما کي مجبور ڪرڻ لڳا تھ واپس وطن، يورپ ڏي ھل. ان تي ڊي گاما جيڪو ڪري آيل پنڌ جو نقشو ٺاھيندو پئي آيو، تنھن کي ڦاڙي ڇيھون ڇيھون ڪندي چيائين: ”ھاڻي واپس موٽي وڃڻ جو رستو فقط منھنجي دماغ ۾ ئي محفوظ آھي، ان ڪري توھان کي منھنجي راءِ مطابق اڳيان ھندستان ڏي ھلڻو پوندو. ان کان پوءِ توھان کي واپس وٺي ھلندس.“ +اھو ٻڌي ملاح سڀ چپ ٿي ويا ۽ ڪنھن بھ واسڪو ڊي گاما جو نالو نھ ورتو، جو ھن کي مارڻ سان ماڳھين سڀ ئي ڏکيا ٿي ٿيا. پر ھن سفر ۾ ملاحن ڪاوڙ ۾ اچي في الحال تھ ڪئپٽن کي ماري ڇڏيو، پر پوءِ کين اڳتي ھلڻ جو نھ نقشو ھٿ آيو ۽ نھ رستي ڳولڻ جا اوزار. +جھاز تي ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي انچارج چيف آفيسر ٿئي ٿو – جنھن کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ”چيف ميٽ“ يا ٺلھو ”ميٽ“ +(Mate) بھ سڏين. انھن ڏينھن ۾ اھو ضروري نھ ھو تھ چيف آفيسر بھ ذري گھٽ ايترو قابل ۽ ڄاڻو ھجي، جيترو ڪئپٽن جيئن ايمرجنسيءَ ۾ جھاز جي واڳ سنڀالي سگھي. نتيجي طور جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو حساب ھو. جيئن ھتي ڪئپٽن جي مرڻ بعد جھاز جو بورچي پاڻ کي ٺلھھ تي ڪئپٽن سڏائي ويھي ٿو رھي. +جھاز جو انتظام صحيح نھ ھجڻ ڪري، اھو نتيجو نڪتو تھ، مشڪل وقت تي جھاز جا ماڻھو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ بدران ھڪ ٻئي سان وڙھندا رھيا. لائيف بوٽس ھوندي بھ بچي نھ سگھيا، جو ھر ھڪ کي پنھنجي جان بچائڻ جي لڳي رھي. +انسان سک جي حالت ۾ تھ ماڻھپي ۾ رھي سگھي ٿو، پر ڏک، بک، اڃ، بيماريءَ ۾ ذھني سوچ سمجھھ بھ وڃايو ڇڏي. انھيءَ ڪري سمنڊ يا سامونڊي سفر ۾ ڊسيپلين جي سختي ڪئي وڃي ٿي، جيئن اھڙي مشڪل وقت تي ذھني ۽ جسماني طرح تڪليف ھوندي بھ جيتري قدر ٿي سگھي تھ ھو ڪنھن رٿيل اصول تي پابند رھي. +ھن کان اڳئين سفر ۾ پاڻيءَ ۽ کاڌي جي کوٽ ھجڻ باوجود +ڊسيپلين ھيٺ ھيترا سارا ماڻھو – عورتون مرد لائيف بوٽ ۾ سفر ڪندا رھيا، نھ تھ جھيڙو جھٽو جي ڪن ھا تھ بچيل پاڻي ھڪ ڏينھن ۾ چٽ ڪري وجھن ھا ۽ ايترا ڏينھن زندگي بچائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکي نھ سگھن ھا. ھو ھر وقت ھڪ کي ليڊر ٺاھي، ان جي حڪم جي پيروي ڪندا رھيا. +سمنڊ ۾ جتي بھ ڪا وڏي ندي ڇوڙ ڪري ٿي تھ سمنڊ جي ان حصي جو پاڻي مٺو ٿيو وڃي – خاص ڪري وير لھڻ مھل. يعني ان وقت سمنڊ جو پاڻي ھيٺاھون ٿيو وڃي ۽ زور نٿو رھيس ۽ ھوڏانھن درياءَ جو وھڪرو سمنڊ ۾ رستو ٺاھيندو، ڪيتري پنڌ تائين ڌوڪيندو اچي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ يڪدم نھ ملڻ ڪري، اھو پاڻي ڪا دير ۽ ڪو پنڌ اصلي صورت ۾ رھي ٿو – يعني مٺو ۽ سوادي رھي ٿو. ان جو مثال بنگلاديش جي ڪرناڦلي ندي پڻ آھي، جنھن سان اسان جو واسطو پڙھائيءَ جي ڏيھن ۾ چٽگانگ ۾ پوندو ھو. ڇوڙ وٽ ڪرناڦلي نديءَ جي پاڻيءَ جي وھڪري ۾ ايڏو تھ زور ھوندو ھو جو خليج بنگال/سمنڊ ۾ ميلن تائين، سندس مٺو ۽ ميرانجھڙو پاڻي مٿان ترندو نظر ايندو ھو ۽ ساڳي وقت وير چڙھڻ وقت سمنڊ جو کارو پاڻي نديءَ اندر ڌوڪي ايندو ھو ۽ نديءَ جو ميلن تائين پاڻي کارو ٿي پوندو ھو. بھرحال! ھن سفر ۾ سمنڊ ۾ مليل مٺي پاڻيءَ جي وھڪري جو حساب ان ريت آھي ۽ ٽوني ۽ ڇوڪر کي سمنڊ ۾ مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ مليو وڃي. +اڄڪلھھ جھاز آٽوميٽڪ ھوندي بھ ڪنٽرول روم (نيويگيشنل برج) ۾ اسٽيرنگ ويل لڳايو وڃي ٿو، جنھن ذريعي بندرگاھ ۾ ايندي يا ويندي وقت يا ايمرجنسيءَ ۾ ھٿ سان سکان کي مرضي مطابق جھلي، جھاز جو رخ موڙي سگھجي ٿو. پر اڳئين زماني ۾ تھ سڄي سفر دوران ھر وقت ھڪ ھمراھ جھاز کي سڌو ڪرڻ لاءِ ان ڦيري (Wheel)/سکان کي رستي مطابق جھلي بيھندو ھو. عام زبان ۾ جھاز جي ان اسٽيرنگ ويل کي فقط ”ويل“ ئي سڏجي ٿو ۽ جھاز جي جنھن حصي/ڪمري ۾ اھو لڳل ھوندو آھي، ان کي ويل – ھائوس (۽ برج پڻ) چئجي ٿو. +ھي خوفناڪ سفر ميچل برنانوس جو بيان ڪيل آھي، جنھن کي پڻ ان جھاز جي ڪنھن بچيل مسافر ٻڌايو ھوندو. +ھڪ خوفناڪ سفر +ھي خوفناڪ سامونڊي سفر ڪيئن شروع ٿيو؟ ان جي مون کي چٽيءَ طرح ياد ناھي. ان ڏينھن منھنجي ارڙھين سالگرھ ھئي. سج لٿي مھل دوست سان گڏ آئون شرابخاني ۾ پھتس، جتي ھڪ ٻئي پويان کوڙ گلاس شراب جا پي، پنھنجا ھوش حواس وڃائي ويٺس. صبح جي وقت ھوش آيو تھ پنھنجو پاڻ کي کڙ کٻڙ تختن تي ستل ڏٺم. ستي ستي ڪنڌ گھمائي ڏسڻ سان وائڙو ٿي ويس. ساڄي پاسي کان انھن ٿلھن رسن جا ڍير رکيا ھئا، جيڪي گھڻو ڪري بندرگاھ ۾ ايندڙ جھازن جي ڊيڪ تي، آئون ڏسي چڪو ھوس. پوءِ ھوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندو سڙھ نظر آيو ۽ منھنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو تھ آئون ھڪ بحري جھاز جي عرشي (ڊيڪ) تي پيو آھيان. چئني پاسي، جيتري نظر وئي ٿي رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر پئي آيو. ھراس ۽ ڊپ کان دل ٿي ٽٽي. ڪجھھ سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ھيستائين ڪيئن پھتس؟ +ايتري ۾ ڪنھن جي پيرن جو کڙڪو ٿيو ۽ منھنجي خيالن جو سلسلو ڇڄي پيو. مون يڪدم کڻي اکيون پوريون ڄڻ ننڊ ۾ ھجان، پر ان جو ڪو فائدو نھ ٿيو ۽ ٻي گھڙيءَ ڪنھن پاسراٽين ۾ زور سان ٿڏو ھڻي کھري لھجي ۾ حڪم ڏنو: ”ڪئبن بئاءِ! اٿ. اٿي کڙو ٿي. اسان کي ڊيڪ جي صفائي ڪرڻي آھي.“ پنھنجي ڳالھھ پوري ڪري ھن ھڪ ٻيو ٿڏو ھنيو. آئون سور کان ڪنجھندو اٿي ويٺس. اڃا ڏڪندي ڏڪندي سڌو بيھڻ جي ڪوشش پئي ڪيم تھ، ٻيھر حڪم مليو: ”رڌڻي ۾ وڃي بورچيءَ کي رڌ پچاءَ ۾ مدد ڪر.“ +مون کي ڪا ڄاڻ نھ ھئي تھ رڌڻو ڪٿي آھي؟ ماٺ ۾ وائڙن وانگر نھاريندو رھيس. مون کي حڪم ڏيندڙ، جيڪو شايد ميٽ (چيف آفيسر) ھو، ان کي باھ وٺي ويئي. ڪاوڙ ۾ سندس ڀوائتو مھانڊو ويتر ڊيڄاريندڙ ٿي ويو. زور سان پٽ تي پير ھڻي واڪو ڪري چيائين: ”تھ اھا ڳالھھ آھي، توکي منھنجو حڪم مڃڻو ناھي؟“ پوءِ پاسي کان بيٺل خلاصين ڏي نھاري کين چيائين: ”اڙي اھي رسيون تھ کڻجو، ڏسون تھ ھي ڇوڪرو منھنجو چوڻ ڪيئن نٿو مڃي.“ +آئون وائڙن وانگر ھن کي ڏسندو رھيس. ٻھ ملاح رسا کڻي آيا، جن جي پڇڙين ۾ ڪجھھ بار ٻڌل ھو. انھن کي منھنجي چيلھھ جي چوڌاري ويڙھيو ويو. پوءِ ڪيترن ڄڻن مون کي جھلي مٿي کنيو ۽ ھيٺ سمنڊ ۾ لڙڪائي رسيءَ کي آھستي آھستي ڍر ڏني. سمنڊ ۾ تمام جوش ھو. پاڻيءَ جون ڇوليون گجي اڏائينديون جھاز سان اچي ٿي لڳيون. اھو حال ڏسي ڊپ ۽ ھراس کان مون کان رڙيون نڪري ويون، پر پٿر دل خلاصين جي دل کي ٿورو بھ جھٻو نھ آيو. مون کي بي وسيءَ جي حالت ۾ ھٿ پير ھڻندو ڏسي، ماڳھين ٽھڪ ڏيڻ لڳا. مون جھاز جي نڪتل حصن کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي. آڱريون سڄيون ڦٽجي پيون، پر پنھنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي نھ سگھيس. آلاڻ ڪري منھنجا ھٿ ھر ڀيري ترڪي ٿي ويا. مايوس ٿي مون پنھنجو پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو. +رسو آھستي آھستي ھيٺ گھرڪي رھيو ھو. منھنجي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ رھيل مفاصلو تکو تکو گھٽجن لڳو، تان جو منھنجا پير پاڻيءَ کي ڇھڻ لڳا. مون ڊپ کان اکيون کڻي بند ڪيون ۽ بدن سيٽي ڇڏيو. پاڻي جڏھن مٿي تائين پھتو تھ مون ھڪ ڊگھو ساھ کڻي ڦڦڙن ۾ چڱي ھوا ڀري ورتي ۽ اھو ئي سوچيم تھ پاڻيءَ ۾ اندر گھڙڻ وقت دير تائين ساھ جھلي سگھندس. پر سڀ اجايو ثابت ٿيو. اڌ چرين خلاصين رسو ڇڪي اھڙيون تھ سٽون ڏنيون جو منھنجي سھپ جي قوت جواب ڏئي وئي ۽ ساھ سڪڻ لڳو. ساھ کڻڻ لاءِ مون لاچار وات کوليو. سمنڊ جو لوڻ ھاڻو کارو وھ جھڙو پاڻي نڪ ۽ وات ۾ ڀرجي ويو. نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا چڀڻ لڳا. ڦٿڪندي اکيون کوليم. پاڻي وڃڻ ڪري اھي بھ پوسرڻ لڳيون ۽ آڏو ڌنڌ اچي ويو. جسم سان گڏ جھڙو ذھن بھ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ ڪجھھ بھ خبر نھ پئجي سگھي تھ ڇا پيو ٿئي؟ +پوءِ جڏھن ھوش آيو تھ پاڻ کي پينگھي جھڙي ھنڌ تي ستل ڏٺم. چوڌاري اوندھ ڏسي سمجھي ويس تھ رات ٿي وئي آھي. ڪجھھ فٽن جي فاصلي تي ھڪ ڪام ۾ ٻڌل ڏيئو لڏي رھيو ھو. ان جي جھيڻي روشنيءَ ۾ مون ھڪ گھنجن سان ڀريل منھن وارو ھمراھ پنھنجي اڳيان بيٺل ڏٺو. ھن جي ننڍڙين اکين ۾ جيتوڻيڪ رحم ۽ ٻاجھھ نھ ھئي، پر ساڳئي وقت عياري ۽ لچائيءَ جو ڏيک بھ نھ ھو. مون کي اکيون ڇنڀيندو ڏسي، ھن چيو: ”ڇوڪرا توکي آخر ھوش اچي ويو! اٿ، اٿي ماني کاءُ. گھڻي دير تائين پيٽ کي خالي رکڻ نقصانڪار آھي. ٽن ڏينھن بعد توکي ھوش آيو آھي. تنھنجي قسمت سٺي ھئي جو گوڙ ٻڌي، ڪئپٽن مھل تي پھچي ويو ۽ توکي ٻاھر ڪڍيو ويو، نھ تھ خلاصين تنھنجو ساھ ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نھ ڇڏي ھئي. ھاڻي سيگھھ ڪر، اٿي ويھھ. مون کي رڌڻي ۾ ھڪ مددگار گھرجي سو تون مون سان گڏ رھ. +”آئون جھاز ۾ پھتس ڪيئن؟“ ڊڄي ڊڄي سوال ڪيومانس. +”توکي ياد نٿو اچي تھ تو ھڪ ڇپيل پني تي صحيح ڪري سال جو معاھدو ڪيو آھي. توسان گڏ ھڪ دوست بھ ھو، پر ھو توکي ڪئپٽن جي حوالي ڪري ھليو ويو.“ +دوست جو لفظ ٻڌي مون کي اوچتو سالگرھ واري شام ياد اچي ويئي. يڪدم سمجھي ويس تھ پئسن جي لالچ ۾ حرام خور دوست مون کي جھاز تي ڇڏي ويو ۽ ھنن ماڻھن نشي جي حالت ۾ مون کان معاھدي تي صحيح ڪرائي ورتي. ھاڻي ڇا ٿي سگھيو ٿي؟ زھر جا ڍڪ پي ماٺ ڪري ويھي رھيس. پوڙھو ملاح منھنجي ذھني ڪيفيت کان بي خبر، پنھنجيءَ ئي ٻولي ٻوليندو رھيو: ”پاڻ سون جي ڳولا ۾ پيرو پيا ھلون. انگريز ۽ اسپيني ماڻھن سان ڦڏو نھ ٿيو تھ شايد منزل تي پھچي وڃون.“ پوءِ ھو مون کي ھٿ کان جھلي رڌڻي ۾ وٺي آيو، جتي چوڌاري گندگي پکڙي پئي ھئي ۽ ٿلھا ٿلھا ڪينئان ۽ جيت پئي ھليا. پوڙھي بورچيءَ جو نالو ٽوني ھو. سوپ ۽ ڊبل روٽي مون کي کائڻ لاءِ ڏني ۽ پوءِ اتي ئي ھڪ پينگھي جھڙي ھنڌ تي سمھاري ڇڏيو. +آئون ٽونيءَ سان جلد ئي ھري مري ويس. ھو گھڻ ڳالھائو، ھر ڳالھھ منھن تي چوڻ وارو ۽ مٿي ڦريل ضرور ھو، پر ٻين وانگر پٿر دل ۽ ظالم نھ ھو. منھنجو چڱيءَ طرح خيال ٿي رکيائين. ھڪ دفعو خلاصين مون کي وري تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ، ھن کڻي چاقو ڪڍيو ۽ مقابلي لاءِ سندن آڏو آيو. ھو ھيءَ حالت ڏسي چپڙي ڪري ھليا ويا. ان کان پوءِ مون کي تنگ ڪرڻ جي ڪنھن کي ھمت نھ ٿي ۽ آئون ٽونيءَ سان گڏ رڌڻي ۾ مزي جا ڏينھن گذارڻ لڳس. +ھڪڙي صبح جو اک کلي تھ خلاف معمول چوڌاري ماٺ ئي ماٺ ھئي. ٽوني اڃا ستل ھو. ھو بھ اوچتو ڀڻڪندي اٿيو ۽ ھنڌ تان ٽپ ڏئي، رڙ ڪندي چيائين: ”مار پويس بيھي رھي.“ ۽ پوءِ مون کي جاڳندو ڏسي چيائين: ”توکي ڪجھھ آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“ +آئون حيرت مان ھن جي منھن ڏي ڏسڻ لڳس. ڪجھھ سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ھو ڪھڙي شيءِ بابت پڇي رھيو آھي؟ مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيومانس: ”نھ، مون کي تھ ڪجھھ بھ ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ڪھڙي شيءِ آھي؟“ +”ھاڻ تھ ڏاڍي ڳالھھ ٿي. بس ڦاسي وياسين جو ھوا بند ٿي وئي آھي. پاڻ سمنڊ جي جنھن حصي ۾ آھيون، اتي پاڻيءَ ۾ صفا چرپر ناھي ۽ ھيءَ حالت ڪيترا ئي ڏينھن، ھفتا، ڪڏھن ڪڏھن تھ مھينو سوا بھ ھلي سگھي ٿي.“ +ٽونيءَ جو انومان بلڪل صحيح ثابت ٿيو. جھاز ھڪ ئي ھنڌ تي ائين ڄمي بيٺو، ڄڻ لنگر ڪيرائي بيٺا ھجون. اسان کي اٺ ڏينھن کن ھوا جي انتظار ۾ گذري ويا، پر اميد ڪنھن طرح بھ پوري نھ پئي ٿئي. گرمي روز بروز سھڻ کان ٻاھر ٿيندي وئي ۽ ملاحن ۾ بي چينيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳا. خبر ناھي اھي گرميءَ جا آثار ھئا يا ماني ٽڪي ۽ پاڻيءَ جي اڻ ھوند جا نتيجا، جو سڀني جا چپ ۽ مھارون سڄي سڄي چيرجي پيون ھيون. ڪئپٽن ان مصيبت وارو وقت ڪٽڻ لاءِ رم (شراب) ورھائڻ جو حڪم ڏنو، جنھن جو ھن وٽ وڏو ذخيرو ھو. ھن قيمتي شراب جي بدلي ۾ ھن کي پيروءَ جي جھنگلي قبيلن کان سون وٺڻو ھو. لڳاتار ٻھ چار ڏينھن رم ورھائڻ سان ان جو ذخيرو گھٽ ٿين لڳو ۽ ڪئپٽن ان جي وڌيڪ ورھائڻ تي بندش وجھي ڇڏي. +چاليھين يا ايڪيتاليھين ڏينھن ٽماٽا سڙي ڍونڍ ٿي پيا. ھي ئي ھڪ کاڌو ھو، جيڪو اڃا سڙڻ کان بچيل ھو. منجھس ايڏي تھ اچي ڌپ ٿي جو ڪئپٽن فيصلو ڪيو تھ سڀ ٽماٽا سمنڊ ۾ اڇلايا وڃن، پر ڪجھھ بھ نھ ھجڻ کان تھ ھي سڙيل ٽماٽا چڱا. ڪجھھ ڏينھن تھ پيٽ جو دوزخ ٿڌو ٿي سگھندو. +ڪئپٽن ڪيڏو سمجھاين تھ ان سان بيماري پکڙبي، پر ھنن اڇلڻ نھ ڏنا. آخر ھن کي پنھنجو ئي حڪم رد ڪرڻو پيو. جيڪي خلاصي بک کان ھيڪاندا بي حال ھئا، سي انھن سڙيل ٽماٽن مٿان وڃي ڪريا ۽ کين بنا ڌوئڻ يا پچائڻ جي کائڻ لڳا. ٿوري دير بھ نھ ٿي ھوندي جو ھنن جي پيٽ ۾ سور جون سيٽون اچي پيدا ٿيون ۽ فرش تي کريون ھڻي ھڻي مري ويا. ھن نظاري کان باقي خلاصي سراٻجي ويا ۽ ايترو ڊنا جو ڪئپٽن ھنن جي سامھون سڀ ڳوڻيون اڇلائي ڇڏيون تھ بھ ڪو اکر بھ نھ ڪڇيائون. +ٽونيءَ اٽي جي ھڪ ڳوڻ لڪائي رکي ھئي. اسان ٻئي ڄڻا ڏھاڙي لڪي لڪي ان مان پيٽ ڀريندا ھئاسين. ھڪ اڌ دفعو مون ڪوشش ڪئي تھ ان مان ٻين کي بھ کائڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ٽونيءَ مون کي دڙڪا ڏيندي سمجھايو تھ خبردار جو ان جي ڳالھھ ڪنھن سان بھ ڪئي اٿئي! ھڪ ڳوڻ مان اسان سڀني جو پيٽ ڀري نھ سگھنداسين. اھي ڏينھن توکان وسري وسيا، جڏھن انھن سوئر جي ڦرن توکي رسيءَ سان ٻڌي سمنڊ ۾ اڇلايو ھو. مون کڻي ماٺ ڪئي. +جھاز کي ھڪ ئي ھنڌ بيھندي ھاڻي پنجيتاليھھ ڏينھن ٿي ويا ھئا ۽ گذريل ٽن ڏينھن کان ڪنھن کي بھ نھ ماني نصيب ٿي ھئي ۽ نھ پاڻيءَ ڍڪ. بک ۽ اڃ کان سڀ چريا ٿي پيا ھئا. ڪئپٽن کي رم جي ڏاڍي اؤن ھئي. ھن ان جي چوڪيداريءَ ۾ ڪا اوڻائي نٿي ڇڏي. پر ھڪ رات خلاصي ڪھاڙين ۽ لٺين سميت رڙيون ڪندا اچي رم تي ڪريا ۽ شراب جا پيپ جھاز جي ڊيڪ تي کڻي آيا. ٽوني ۽ آئون اھو منظر رڌڻي جي روشن دان مان ڏسي رھيا ھئاسين. لالٽين جي ھلڪي روشنيءَ ۾ ھنن جا منھن ھيبتناڪ نظر اچي رھيا ھئا. ھيڻائيءَ کان اکيون اندر گھڙي ويون ھين ۽ پري کان فقط ٻھ کوپن جا نشان نظر ٿي آيا. +شراب پي ھو ھل مچائڻ لڳا. ڪجھھ تھ خنجر ڪڍي ٻين ساٿين کي ڊيڄارڻ لڳا ۽ ڌمڪائڻ لڳا. ٽونيءَ رڌڻي جو دروازو پيچائي بند ڪيو ۽ چيو: +”اڄ رات ضرور ڪو نھ ڪو حادثو ٿي رھندو. اسان کي ھوشيار رھڻ کپي.“ +ان ئي وقت ڪئپٽن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اسان وري اچي روشندان اڳيان بيٺاسين ۽ ٻاھر ليئو پائي ڏٺوسين. شراب ۾ مست خلاصي چاقو گھمائي رھيا ھئا ۽ باقاعدي ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪري رھيا ھئا. نشي جي گھڻائيءَ ۽ حواسن تي ضابطو نھ ھئڻ ڪري، ھو پنھنجو پاڻ کي سنڀالي نھ پئي سگھيا. دانھون ڪوڪون ٻڌي ڪئپٽن پنھنجي ڪئبن مان نڪري آيو ھو. ھن جي ٻنھي ھٿن ۾ پستول ھئا. ھن کين دڙڪا ڏنا ۽ ماٺ ڪري ويھڻ جو حڪم ڏنو. خلاصي ماٺ ٿي ويا، پر اھا ماٺ گھڻو دير ھلي نھ سگھي. ھڪ ڦڙتيءَ سان اوچتو چاقو اڇلايو، جيڪو ڪئپٽن جي ڳچيءَ ۾ کپي ويو ۽ رت جو ڦوھارو وھڻ لڳو. ڪئپٽن کي گھوماٽ وٺي ويئي، پر ھن ڪرندي ڪرندي ٻنھي پستولن کي ڇوڙي ورتو، جن مان ھڪ گولي ھڪ ھمراھ جو پيٽ چيري رکيو ۽ ھو بھ دانھون ڪري ڊيڪ تي ڍيري ٿي پيو. +رت ڏسي خلاصين تي جنون طاري ٿي ويو. انھن ڪئپٽن کي جھلي مٿي اڇلايو ۽ ھاڻ کيس سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارا ھئا تھ ھڪ رڙ ڪري چيو: +”اڙي متان سمنڊ ۾ اڇلايوس. ان کي کائي تھ ڏسو. واھ جو گوشت ھوندو.“ +گھڙي کن لاءِ سڀ ماٺ ٿي ويا. ان کان پوءِ چرين وانگر ڪئپٽن جي لاش تي ائين ڳجھن وانگر اچي لڙيا جو کن پل ۾ ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. ڪئپٽن جو گوشت کائڻ کان پوءِ ھنن وحشين جي بک اڃا بھ وڌي ويئي. ھنن جو ڌيان پنھنجي زخمي ٿيل ساٿيءَ ڏي ويو. ھنن جي بکايل نظرن جو تاب نھ جھلي ھو دانھون ڪوڪون ڪري رحم لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو، پر ڪنھن بھ ھن جي نھ ٻڌي. ڪيترن مضبوط ھٿن ھن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ جيئري جاڳندي ماڻھو کي چيري ڦاڙي حصا ڪري ڇڏيائون. ھي وحشتناڪ نظارو ڏسي آئون تھ ڏڪي ويس. ڪراھت کان دل ڪچي ٿيڻ لڳي. روشن دان بند ڪري پري وڃي ويٺس. +ٻئي ڏينھن آئون ٻنپھرن تائين ستو رھيس. اک کلي تھ گذريل رات وارو وحشتناڪ نظارو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو ۽ منھنجي دل ٻڏڻ لڳي. ھن دوزخ مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪابھ صورت نھ ھئي. اھو سوچيم تھ ھاڻ جلد يا دير سان منھنجو ئي وارو ايندو ۽ ھي وحشي مون کي چيري ڦاڙي ڇڏيندا. اھو سوچيندي منھنجي بدن ۾ سيڪارو پئجي ويو ۽ اندر مان ھڪ آھ نڪتي. ٽوني روشندان تي چنبڙيو بيٺو ھو. آئون اٿي وڃي روشندان تي بيٺس. +خلاصي وري شراب نوشيءَ ۾ مست ھئا. انسان جي گوشت ۽ شراب ھنن جي معدي ۾ باھ ٻاري ڏني ھئي. ھو ان کي وسائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ شراب پيٽ اندر اوتڻ لڳا. پر اڃ مرڻ يا باھ اجھامڻ بدران ويتر وڌڻ لڳي. رکي رکي ھنن جانورن وانگر دانھون ٿي ڪيون. ڪيترن ملاحن بي مستيءَ جي عالم ۾ کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنا ۽ پنھنجي جان کان ھٿ ڌوئي ويٺا. +ٽوني ڪا دير ماٺ ۾ ھو. اوچتو ھن منھنجي پٺي ٺپيندي چيو: ”ڏٺئي نينگر! انسان چريو ٿيو پوي تھ ھن جي حالت ڀاڳل ڪتي کان بھ خراب ٿيو وڃي. ھنن جي زبان انساني رت جو چسڪو وٺي ڏٺو آھي، ھن وقت سندن پيٽ ڀريو پيو آھي، ان ڪري دانھن ڪوڪن ۾ لڳا پيا آھن. ٿوري دير کان پوءِ بک ستائيندن تھ وري ھڪ ٻئي کي چيرڻ ڦاڙڻ ۾ لڳي ويندا. الله ڄاڻي تھ ھيءَ نڀاڳي ھوا وري ڪڏھن لڳندي.“ +وحشي خلاصي ڪنھن وقت بھ اسان تي اوچتو حملو ڪن، ان خطري کي اڳواٽ منھن ڏيڻ لاءِ اسان رڌڻي جون سڀ دريون دروازا ۽ روشندان بند ڪري ڇڏيا. ٻنپھرن جي وقت، گرميءَ جي تپش ۽ گھٽ سھڻ کان ٻاھر ٿي وئي. ٽونيءَ اٿي ھڪ دري کولي. ڊيڪ ويران حال ۾ ھو. سج جي تپش کان بچڻ لاءِ ملاحن اندر ڇانو ۾ وڃي پناھ ورتي ھئي. ڪپئٽن جون ھڏيون اڃا تائين ڊيڪ تي پيون ھيون. اس جي ڪري ڪاراٽجي ويون ھيون ۽ ڌپ بوھاڙا ڏئي اچي رھي ھئي. دري کلي تھ ساھ کڻڻ بھ ڏکيو پئي لڳو. آخر ٽونيءَ کان سٺو نھ ٿيو. باردي کڻي اٿي بيٺو ۽ چيو: ”ڪلاڪ اڌ لاءِ اھا ئي حالت رھي تھ ھن ڍونڍ ۾ پنھنجو دماغ ڦاٽي پوندو ۽ چريا ٿي پونداسين. آئون ٻاھر وڃي ڊيڪ ٿو صاف ڪريان. دروازو کولڻ کان اڳ ھن ھڪ پستول ۽ خنجر چيلھھ جي پٽي ۾ ٻڌو. مون بھ ھن سان گڏ ھلڻ لاءِ زور ڀريو. ڏاڍي مشڪل کان پوءِ مڃيائين ۽ ھڪ ڀريل پستول منھنجي حوالي بھ ڪيائين. +ٻاھر سخت گرمي ھئي. ڊيڪ تپي ٽانڊو ٿي پيو ھو. اسان جا پير سڙي رھيا ھئا، پر اسان پرواھ نھ ڪئي. باردين سان سمنڊ مان پاڻي ٻاھر ڇڪي ڊيڪ تي ھاريوسين. ٽونيءَ رت جا ڪارا ٿي ويل داغ ڌوئي صاف ڪيا. پوءِ ھڏيون کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارو ھو تھ گدام جي دروازي وٽ ويٺل ھڪ خلاصيءَ ڏاڙھيو: ”خبردار! انھن کي ھٿ نھ لائجانءِ. اھو منھنجو کاڌو آھي.“ ان سان گڏ ھو لوھي بانٺو لوڏيندو ٽونيءَ کي مارڻ لاءِ وڌيو. +ٽوني ھن اوچتي حملي کان ڏڪي ويو. ھن کي پستول ڪڍڻ جو موقعو بھ نھ ملي سگھيو. مون يڪدم پنھنجو پستول ڪڍي بنا ڪجھھ سوچڻ سمجھڻ جي مٿس فائر ڇوڙي ڏنم. گولي ان وحشيءَ جي پيشانيءَ ۾ ٽنگ ڪندي ٻئي پاسي کان نڪري وئي ۽ ھو ڪنھن قسم جي دانھن ڪرڻ بنا اتي ئي ڦان ٿي ڪري پيو. ٽونيءَ رڙ ڪئي: ”شاباس بھادر ڇوڪرا! تون نھ ھجين ھا تھ ھي خبيث منھنجو ميڄالو ڪڍي رکي ھا ۽ منھنجي لاش تي ھي دعوتون ڪن ھا. خير اٿ تھ ھن کي پاڻيءَ ۾ اڇلايون. ٻين کي خبر پوندي تھ ھن کي بھ کائڻ شروع ڪري ڏيندا.“ +اسان ٻنھي ڄڻن گڏجي لاش کي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ ماٺ مٺوڙي ۾ بورچي خاني ۾ موٽي آياسين�� جتي ٻاھر جي مقابلي ۾ چڱي خاصو ٿڌڪار ۽ سڪون ھو. پوءِ اسان دروازو ۽ روشندان بند ڪيو ۽ سمھڻ لاءِ ليٽي پياسين. +کاڌي پيتي جي گوڙ شور ۽ ھنبوشيءَ جي آواز کان اک کلي تھ رات ٿي چڪي ھئي. ٽونيءَ ڄاڻي واڻي لالٽين نھ ٻاريو جو خطرو ھو تھ متان روشني ڏسي وحشي ٽولن جو ڌيان اسان ڏي ڇڪجي. روشندان کان ٻاھر ليئو پائي ڏٺم تھ خلاصي ھڪ ڊرم جي چوڌاري ويھي جام مٿان جام پيا خالي ڪن. مون پنھنجن سڪل چپن تي ڄڀ ڦيرائي ھنن ڏي سڪڻين نگاھن سان ڏٺو. اسان جي پاڻي ۽ اٽي جو ذخيرو ڪجھھ ڏينھن ٿيا جو ختم ٿي چڪو ھو ۽ ھاڻي اڃ ۽ بک کان حالت خراب ھئي. گھڻي دير بيٺو بھ نٿي ٿيو. جلد ئي پنھنجي ھنڌ ڏي موٽي آيس. ٽونيءَ کي ٻڌائڻ سان ورڻو ڪجھھ بھ نھ ھو. ھن جي حالت بھ مون کان ڪا لڪل ڪانھ ھئي. ھو منھنجي مدد بھ ڪھڙي ٿي ڪري سگھيو؟ +رات ڊيڄاريندڙ خواب ڏسندي گذري. صبح جو سوير ڇت تي ٽپ ٽپ جا سنھا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڄڻ سوين ٻليون پنھنجن چنبن سان ڇت کرڙي رھيون ھجن. ٽوني ڪجھھ دير لاءِ ڇت تي ڪن رکي غور سان ٻڌو، پوءِ ھنڌ تان ٽپ ڏئي، خوشيءَ مان نچي چوڻ لڳو: ”مينھن بابلا مينھن!“ ھن ڦڙتيءَ سان دروازو کوليو. اسان ٻئي ٻاھر نڪري ڊيڪ تي اچي پٺن ڀر سمھي رھياسين ۽ وات کولي چرين وانگر مينھن جي بوند سان پنھنجي اڃ اجھائيسين. ان وقت ھنن خوني ملاحن کان اسان کي تِر جيترو بھ ڊپ نھ لڳو. +اسان وانگر ٻيا بھ مينھن مان مزو وٺي رھيا ھئا. اڃ لھڻ کان پوءِ ھنن سڙھ کولڻ شروع ڪيا ۽ سفر جو سانباھو ڪيو. ماڻھن جي کوٽ ۽ ڪمزوريءَ جي کين تڪليف ٿي رھي ھئي. ٽوني دير لاءِ ماٺ ڪيو ھي تماشو ڏسندو رھيو. آخر ھن کان رھيو نھ ٿيو ۽ اٿي ھنن کي ھمراھي ڪرائڻ لڳو. موسم سٺي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ھو پنھنجي ڪاوڙ ۽ ڏک سور وساري، ھنن سان رلي ملي ويو. مون کي ھڪ رول ڪڪر وانگر ھن جي پيروي ڪرڻي پئي. +اڌ ڪلاڪ بعد مينھن جھليو ۽ ھلڪي ھلڪي ھوا چرڻ لڳي. دلين ۾ خوشين جي لھر ڊوڙڻ لڳي ۽ سڀ مستن وانگر نچڻ لڳا. اوچتو ٽونيءَ مون کي ڪلھي کان ڇڪي چيو: ”ايتري خوشي ڪھڙي ڳالھھ جي؟ مصيبتون ختم تھ نھ ٿيون آھن. ھاڻ پاڻ کي جھاز کي صحيح رستي تي آڻڻو آھي. اچو تھ سکان (اڄ جي نيويگيشنل برج) تي ھلي ڏسون تھ اتي ڇا پيو وھي واپري؟“ +چارٽ روم ۾ ميٽ (چيف آفيسر) اسان کان اڳھين موجود ھو. ھن پنھنجي سامھون ميز تي نقشا پکيڙي رکيا ھئا. اسان اندر گھڙياسين تھ ھن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ حيرت مان اسان کي ڏسڻ لڳو. ٽونيءَ ٿڌو ساھ کڻندي چيو: +”شل ڪئپٽن جي حالت تي الله رحم ڪري.“ +ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي. ميٽ ان ئي وقت جواب جو جواب ڏنو: ”۽ تنھنجي حالت تي بھ.“ ان کان پوءِ ٻئي ماٺ ٿي ويا. پوءِ ميٽ ماٺ کي ختم ڪندي چيو: ”تون ڪئپٽن سان گڏ ڪيترن سالن کان ھن سمنڊ تي سفر ڪندو رھيو آھين؟ اھا خبر اٿئي تھ ڪئپٽن ھن سمنڊ جا نقشا ۽ جھازرانيءَ جا اوزار ڪٿي رکندو ھو؟“ ھن ڀيري سندس ڳالھائڻ جو لھجو اميد جي خلاف تمام نرم ۽ شريفاڻو ھو. +”نقشي تي پھرين ھن جاءِ جو تھ نشان لڳاءِ، جتي ھن وقت بيٺا آھيون.“ +”نشان ڪيئن لڳايان؟“ ميٽ مسڪين منھن ٺاھيندي چيو. ”ھي تھ نقشو ئي ڪو نئون آھي، جيڪو مون کي تھ سمجھھ ۾ ئي صفا نٿو اچي ۽ بنا اوزارن جي جھاز جي پوزيشن ڪيئن ٿو لھي سگھان؟“ +”سج ۽ تارن جي مدد سان.“ +”واھ ڙي واھ.“ ميٽ ٽونيءَ جي اکين ۾ گھوريندي چيو، ”ھن جھاز تي تارن جو علم اچي ئي ڪنھن کي ٿو؟“ +”آئون تنھنجي مدد ڪري سگھان ٿو.“ +ٽونيءَ جو جواب ٻڌي، ميٽ جون اکيون تعجب کان ڦاٽي ويون. ھن کي شايد پنھنجي ڪنن تي يقين نھ پئي آيو. پاڻ ٽونيءَ کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو، پر ٽونيءَ ��نھنجي کيسن ۾ ھٿ وجھي ڏاڍي آرام سان تماڪ چٻاڙيندي، بي نيازيءَ سان چيو: ”آئون تارن جي مدد سان طرفن جو اندازو لڳائي سگھان ٿو. مون کان سواءِ توھان ڪڏھن بھ پنھنجي منزل ماڻي نھ سگھندؤ. توھان جي مدد ڪرڻ ۾ مون کي ڪو بھ اعتراض ناھي، پر منھنجو ھڪ شرط آھي. آئون ھن جھاز جو ڪئپٽن ٿي رھندس.“ +”ڪئپٽن..... تون؟“ ھي عجيب شرط ٻڌي ميٽ حيرت مان کڻي ڇرڪ ڀريو. مٺيون ڀيڙي منھن ۾ گھنج آندائين. +منھنجي دل تکي تکي ڌڙڪڻ لڳي. ڪٿي مار ڪٽ تائين نوبت نھ پھچي. پر ٽوني ھن جي ڪمزوريءَ کان واقف ٿي چڪو ھو. پھرين وانگر ھو خاموش ۽ بي نياز بيٺو رھيو. ھن کي ميٽ جي ڪاوڙ جي ڪا پرواھ نھ ھئي. ميٽ ڪجھھ سيڪنڊ تھ ھن کي ماٺ ڪري گھوريندو رھيو، پوءِ ڪاوڙ کي جھلي ٿوري کھري لھجي ۾ چيائين: +”ٽوني! تنھنجو دماغ تھ جاءِ تي آھي نھ؟“ +”منھنجو دماغ صحيح آھي يا خراب، ان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ وڃ، ڀلي پنھنجي باقي ساٿين سان صلاح ڪري اچ. ھن وقت جھاز گول ڦيري جي صورت ۾ چڪر ھڻي رھيو آھي. منھنجي مدد کان سواءِ توھان ھتان نڪري نھ سگھندؤ. تون جيڪڏھن منھنجو نائب ٿي رھين تھ مون کي ڪوبھ اعتراض نھ آھي.“ +ميٽ ڪجھھ چوڻ لاءِ منھن کوليو، پر ٽونيءَ کي بي تعلق ڏسي کڻي ماٺ اختيار ڪيائين ۽ ٻاھر نڪري ويو. ھن جي وڃڻ سان ئي ٽوني چوڻ لڳو: ”پھريون مرحلو تھ خير خوبيءَ سان طئھ ٿي ويو. تارن جو علم ڪنھن گڏھ کي ٿو اچي؟ ماٺ ڪري ڏسندو وڃ تھ ڇا ٿو ٿئي. الله گھريو تھ پاڻ جلد ئي ڪنھن نھ ڪنھن بھاني ھنن جا ھٿيار بھ گڏ ڪري وٺنداسين.“ +ٿوري دير کان پوءِ ميٽ آيو ۽ پري کان ئي رڙ ڪري چيائين: +”ٺيڪ آھي چيف، منھنجي ساٿين توکي ڪئپٽن چونڊيو آھي، پر ھنن کي فقط نائب مقرر ڪرڻ تي اعتراض آھي!“ +”اعتراض......!“ ٽونيءَ سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو: ”انھن کي ٻڌائي ڇڏ تھ مون کي جي ڪئپٽن چونڊيو اٿو تھ پوءِ منھنجو حڪم ھلندو. آئون ٻين کان صلاح وٺڻ جو عادي نھ آھيان.“ +ھي جواب ٻڌي ميٽ جي وات مان ٻي ڪا ڳالھھ نھ نڪتي. ماٺ مٺوڙي ۾ ڪنڌ جھڪائي ھليو ويو. انھيءَ دوران واءُ بھ تکو ٿيندو ويو ۽ جھاز خطرناڪ حد تائين ھڪ طرف جھڪندو ويو، پر ڪنھن کي بھ ھن نازڪ موقعي ۽ مونجھاري جو احساس نھ ھو. ٽوني ڪي گھڙيون چپ چاپ سوچيندو رھيو، پوءِ ڀوپو وات تي رکي زور سان حڪم ڏنو: +”وچيون سڙھ ويڙھيو وڃي.“ +ڊيڪ تي موجود خلاصي پھرين تھ نٽائڻ لڳا، پر پوءِ آخر کين حڪم مڃڻو پيو ۽ اھڙيءَ طرح ٽوني پنھنجو پاڻ کي ڪئپٽن ٺاھي ورتو، جيتوڻيڪ ھن کي جھازرانيءَ جو الف بھ ڪونھ ٿي آيو. +ڏينھن خيريت سان گذري ويو. رات آئي، ٽوني اندازي سان ھڪ جلرندڙ تاري کي ڌيان ۾ رکيو، جنھن جي سڌ ۾ جھاز ھلندو رھيو. اسان ٻنھي اھا رات ڪئپٽن جي سھڻي، ويڪري ۽ آرامده ڪئبن ۾ گذاري. +صبح جو اک کلي تھ ڪئبن ۾ آئون اڪيلو ھوس. ٽونيءَ جو ھنڌ خالي ھو. جھاز اھڙا تھ لوڏا کائي رھيو ھو جو دماغ ٿي ڦريو. روشندان مان ليئو پائي ڏٺم تھ چوڌاري غضبنام لھرون گجي اڏائينديون نظر آيون. اسان طوفان جي گھيري ۾ اچي چڪا ھئاسين. آئون ڪنٽرول روم ڏي ڀڳس، خيال ھوم تھ ٽوني اتي ھوندو. +ڊيڪ ڏي ويندڙ دروازو مضبوطيءَ سان بند ھو. ان کي کولڻ لاءِ مون کي چڱو خاصو زور لڳائڻو پيو. ٻاھر نڪتس تھ اوچتو ھڪ وڏي لھر جھاز سان ٽڪرائي. جھاز جھوٽا کائڻ لڳو. آئون پنھنجو پاڻ کي سنڀالي نھ سگھيس ۽ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ پاڻيءَ جي ڇولن سان گڏ ڊيڪ تي گھلبو ويس. وڏي ڪوشش سان پاڻ کي جھلي ورتم ۽ برج تي پھتس. ٽوني اتي بھ نھ ھو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڳوليومانس. آخر ھو ڊيڪ واري ويل ھائوس ۾ مليو، جتي جھاز جو ڦيٿو (ا��ٽيرنگ ويل) جھليو بيٺو ھو. +طوفاني ھوائن جي ٿڦڙن اڳيان جھاز ھڪ بي وس ڪک وانگر لڙھي رھيو ھو. جبلن جيڏيون ڇوليون رکي رکي جھاز مٿان چڙھي ٿي ويون ۽ اسان سڄا آلا ٿي وياسين. ٽونيءَ جي سامھون اچي بھ ان اڳيان پھچڻ سولو ڪم نھ ھو. مون ڏھ يارھن دفعا ڪوشش ڪئي، پر ھڪ ٻئي پويان لڳندڙ ڇوليون ڀت وانگر آڏو ٿي پيون ۽ آئون ڊڄي پٺيان موٽي ٿي ويس. ٽوني رڙيون ڪري مون کي ڪجھھ چئي رھيو ھو، پر واءُ ۽ لھرن جي گوڙ ۾ ڪجھھ ٻڌڻ ۾ نھ پئي آيو. مون دل نھ لاٿي ۽ ٽونيءَ تائين پھچڻ جي ڪوشش جاري رکي. آخر ھڪ ڇول منھنجا پير ڪڍي ڇڏيا ۽ آئون اڇل سان وڃي ٽونيءَ اڳيان ڪريس. ٽوني بل ڏئي منھنجو ھٿ جھلي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو ۽ آئون سمنڊ ۾ ڪرڻ کان بچي ويس. ٿوري دير بعد سامت ۾ آيس تھ ٽونيءَ چيو: ”ڇوڪر! تون صحيح وقت تي اچي نڪتو آھين. ھن طوفان ۾ ڦيٿي کي جھلي بيھڻ مون اڪيلي جي وس جي ڳالھھ ناھي. مون کي ھمراھي ڪراءِ.“ +ھوا ڄڻ گجگوڙون ڪري رھي ھئي ۽ سمنڊ جي ڪروڌ ۾ اڃا بھ واڌارو ٿي رھيو ھو. مرڪزي سڙھ وارو کوھو ھوا جو وڌيڪ زور جھلي نھ سگھيو ۽ اوچتو ٻھ ٽڪر ٿي ڪري پيو ۽ اسان ٻئي ڦيٿي کي چھٽي پياسين، پر اھو ذري ذري اسان جي ھٿن مان ڇٽائجي پئي ويو. ڪلاڪ کن کان پوءِ ميٽ جي شڪل نظر آئي. ٽونيءَ ھن کي پنھنجي جاءِ تي بيھاريو ۽ اسان ساھي پٽڻ لاءِ ڪئبن ڏي ھليا آياسين. اتي ھن ٻڌايو تھ صبح سوير ھڪ ملاح سندس پٺي ۾ خنجر ھڻڻ جي جيئن ئي ڪوشش ڪئي تھ ھن يڪدم ان کي جھلي اھڙي تھ خبر ورتي جو ھاڻ سڀ سڌا ٿي بنا ڪنھن انڪار جي حڪم مڃي رھيا آھن. +آلا ڪپڙا لاھي اڃا ويٺا ئي مس ھئاسين تھ اوچتو زور سان ڌڌڪو ٿيو ۽ ان بعد ٿوري ٿوري دير بعد ٻيا بھ ٽي چار ڌماڪا ٿيا. +”خدا خير ڪري.“ ٽوني ٽپ ڏئي اٿي بيٺو. ”لڳي ٿو تھ پاڻيءَ جون ڇوليون ڊيڪ وارا ڪمرا پاڻ سان گھلي ويون آھن.“ +ھن اڳيان وڌي پنھنجي ھنڌ ھيٺان ھڪ رسي ڪڍي، جنھن جو ھڪ پاسو پنھنجي چيلھھ سان ٻڌو ۽ ٻيو منھنجي ھٿ ۾ ڏئي چيو: ”پھرين آئون ٻاھر ٿو وڃان، تون ڏاڪڻ وٽ بيھي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جھلجانءِ. ڪنھن مضبوط جاءِ تي پھچي پوءِ توکي مٿي ڇڪي وٺندس.“ ڊيڪ جو در کولي ٻاھر ليئو پاتم تھ ٽونيءَ جو خيال صحيح نڪتو. ڊيڪ تي جيڪا رھائش ھئي، تنھن جو ھاڻ نالو نشان بھ نھ بچيو ھو. اڳيون سڙھ وارو کوھ طوفان جي دٻاءَ ڪري سڄو چٻو ٿي ويو ھو. ٽونيءَ ھڪ ڪچي گار ڏني ۽ پوءِ مون کي حڪم ڏنائين تھ ھيٺان وڃي ڪھاڙو کڻي اچان. ھن جو خيال ھو تھ شايد اڳيون سڙھ سميت ڏنڊو ڪپڻ سان طوفان جو دٻاءُ جھاز تان گھٽجي ويندو. مون ڪھاڙو کڻي اچي کيس ڏنو. ھو پاڻيءَ جي لھرن سان زور آزمائي ڪندو آھستي آھستي اڳئين سڙھ تائين پھتو. +ڊيڪ تي بيھڻ ۾ ئي ڏکيائي ٿي ٿي. پر ھو پنھنجي ڪم ۾ لڳو رھيو. رسيون وڍڻ کان پوءِ ڏنڊي کي ڪھاڙي سان ھڪ ٻھ ڌڪ مس ھنيا ھوندائين تھ اوچتو ٻھ ملاھ ظاھر ٿيا ۽ دانھون ڪري ھن ڏي وڌيا. شايد ھن کي وڍڻ کان جھلي رھيا ھئا ۽ پوءِ ڪا دير ھڪ ٻئي سان زباني جھيڙو ڪندا رھيا. اوچتو ھڪ جبل جيڏي ڇولي آئي ۽ ائين لڳو ڄڻ سڄي جھاز کي غرق ڪري وئي. آئون ڊپ کان اکيون بند ڪري رسيءَ کي زور سان جھلي ڏاڪڻ ھيٺان ٿي ويس. +ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي ڏٺم تھ ٽوني ڏنڊي کي زور سان چنبڙيو پيو ھو ۽ پاڻيءَ جون لھرون ميٽ ۽ ملاح کي پاڻ سان ڇڪي ويون ھيون ۽ ھو بي وسيءَ جي عالم ۾ سمنڊ ۾ ھٿ پير بھ ھڻي رھيا ھئا تھ غوطا بھ کائي رھيا ھئا. ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ وڏي لھر ڊيڪ ڏي وڌي. ٿوري دير لاءِ ميٽ ۽ سندس ساٿي سمنڊ جي مٿاڇري تي اڀري پوءِ ھميشھ ھميشھ لاءِ سمنڊ جي ھيٺاھين تھھ ۾ لڙھي ويا. +لھرن جو آخري زور ڀڳو تھ ٽوني ٻيھر پنھنجي ڪم کي لڳي ويو. اوچتو اڳيون سڙھ چرچر ڪري ڌماڪي سان اچي ھيٺ ڦھڪيو ويو. آئون ان سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ۾ محو ھوس. ھاڻ جو ھن ڏي ڏٺم تھ ھينئون ٻڏي ويو. منھنجو پوڙھو ھمدرد اتي موجود نھ ھو. ٻڏندڙ دل سان رسيءَ کي ڇڪون ڏنم پر ٻئي پاسي کان ڪو جواب نھ مليو. مون کي ڊپ لڳو تھ ڪٿي ٽوني سڙھ جي ڏنڊي ھيٺان اچي دٻجي مري نھ ويو ھجي. +ڊيڪ تي ڇولين جو لڳاتار حملو اڃا تائين جاري ھو. ڏاڪڻ ھيٺان نڪري ھن کي ڳولڻ جي ھمٿ بھ ڪانھ ٿي ٿي. اوچتو رسيءَ کي سٽ آئي. آئون يڪدم خبردار ٿي ويس ۽ آھستي آھستي رسي ڇڪڻ لڳس ۽ پوءِ ٻئي پوڇڙ کان ٽوني ظاھر ٿيو. ھن کي ائين ڍير ڏسي مون کي شڪ ٿيو تھ شايد مري چڪو آھي، پر پوءِ ھن جو سينو اڀامندو ۽ سسندو ڏسي مون کي بھ ساھ پيو. ھو جيئرو ھو پر في الحال بيھوش ھو. ھن جي مٿي مان رت وھي رھيو ھو. مون وڏيءَ مشڪل سان ھن کي ڇڪي ڪئبن تائين آندو ۽ ھن جي چيلھھ مان رسو کولي ھنڌ تي سمھاريومانس. +مٿي جو ڌڪ ايڏو اونھو نھ ھوس. رت صاف ڪري پٽي ٻڌيمانس. پوءِ شراب جا ٻھ چار ڦڙا سندس وات ۾ وڌم. ڪجھھ ڪلاڪن بعد ھن اکيون کوليون، پر انھن ۾ اھا جرئت نھ ھئي. ھن جا حواس اڃا چڱيءَ طرح بحال نھ ٿيا ھئا. مون کيس زوريءَ ٿورو ٻيو بھ شراب پياريو، پر ڪوبھ کڙتيل نھ نڪتو. ھو پھرين وانگر ستو رھيو ۽ خالي خالي اکين سان ھيڏانھن ھوڏانھن جو جائزو وٺي، مون کي گھورڻ لڳو. +ڏينھن گذرندو رھيو. منھنجي بي وسي ۽ لاچاريءَ تي ذري ذري اکين ۾ ڳوڙھا تري ٿي آيس. ڪيترا ڏينھن گذري ويا ھئا جو ھڪ تولو بھ کاڌي جو پيٽ اندر نھ ويو ھو. ڪنھن نھ ڪنھن طرح رڌڻي ۾ پھتس. اتي ھر طرف سڃ لڳي پئي ھئي. ٿانو ڀڳا ۽ ٽڙيا پکڙيا پيا ھئا. خلاصين ڪابھ شيءِ صحيح سلامت نھ ڇڏي ھئي. ڪنڊ ڪنڊ ڪري ڳولڻ جي باوجود ڪابھ شيءِ کائڻ لاءِ نھ ملي. اوچتو طوفان جي گوڙ شور ۾ پستول ڇٽڻ جو آواز آيو. روشندان مان ليئو پائي ڏسان تھ ڊيڪ تي ڏھھ ٻارھن خلاصي ھڪ لائيف بوٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ ۾ نبيرو ڪري رھيا ھئا. زندگي ۽ موت جي ھيءَ جنگ اڃا تائين جاري ھئي تھ ھڪ لھر آئي ۽ سڀني کي ٻيڙي سميت گھلي وئي. ان ئي مھل ھڪ ٻئي سڙھ جي ڏنڊي ڌماڪي سان اچي ھيٺ ڊيڪ تي ڦھڪو ڪيو ۽ جھاز لاٽمي وانگر گھمڻ لڳو. مون کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن بھ اھڙن حادثن سان واسطو نھ پيو ھو، پر ان ھوندي بھ سمجھي ويس تھ جھاز ڪنھن ڪن منجھھ ڦاسي پيو آھي. +ڪئبن ۾ پھتس تھ ٽوني ھنڌ تي اٿي ويٺو ھو. خدا جو شڪر ادا ڪيم. ھاڻ ھو بلڪل چڱيءَ طرح ھوش ۾ ھو. مون مختصر لفظن ۾ سڀني واقعن کان کيس آگاھ ڪيو. ڪن ۾ ڦاسڻ جي خبر ٻڌي ھو ڏڪي ويو ۽ اکيون مھٽيندي چيائين: ”اسان طوفان اندر اچي ويا آھيون. ڇا توکي پڪ آھي تھ ھن وقت جھاز تي پاڻ ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبھ بني بشر ناھي؟“ +مون ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. ھو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ چيائين: ”پاڻ کي ھتان جھٽ نڪرڻ جي ڪا تدبير ڪرڻ کپي.“ +ھن کي ٿاٻڙندو ڏسي، مون کي خيال آيو تھ ھي ويچارو پوڙھو ۽ ڪمزور ساٿي ڪڏھن بھ ڊيڪ تائين پھچي نھ سگھندو، پر منھنجو اندازو غلط ثابت ٿيو. پوڙھي ۽ ٿڪ ۾ بيحال جسم ۾ خبر ناھي ڪٿان ايتري سگھھ اچي وئي، جو ھو نھ فقط پاڻ اٿي ھليو، پر مون کي بھ سھارو ڏيڻ لڳو. اسٽيرنگ ويل ھيڏانھن ھوڏانھن پنھنجي مرضيءَ سان تکو گھمي رھيو ھو. ٽونيءَ ھن کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ يڪدم پٺٽي موٽي آيو ۽ چيائين: ”دير ٿي وئي. ھاڻي سؤ ماڻھو گڏجي بھ ھن ڦيٿي کي جھلي نھ سگھندا.“ +جھاز آھستي آھستي طوفان جي اک ۾ ئي اچي رھيو ھو ۽ ايترو تھ گھوماٽجي ۽ لڏي رھيو ھو جو اسان ڊيڪ کي ئي چھٽيا پيا ��ئاسين. ايتري ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽ شايد باقي بچيل سڙھ ڏنڊي سميت سمنڊ ۾ وڃي ڪريو. خوش قسمتيءَ سان ان سان گڏ ھوا جو دٻاءُ ھڪدم گھٽجي ويو ۽ جھاز جيڪو پھرين لاٽمي وانگر گھمي رھيو ھو، ھاڻي آھستي آھستي لڏڻ لڳو. اسان سک جو ساھ کنيو پر جھاز سڄو ڌڏي رھيو ھو ۽ جنھن پاسي اسين ھئاسين، ان پاسي کان ھيٺاھون ٿي ٻڏڻ لڳو. ٽونيءَ رڙ ڪئي: +”جھاز ٿو اونڌو ٿئي. رسين کي جھلي ٻئي طرف پھچڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪو مٿاھون آھي، نھ تھ بچڻ جي ڪا اميد نھ رھندي.“ +رسين جي مدد سان اسان جلدي ئي ٻئي پاسي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. مون کي ترڻ صفا نٿي آيو، پر ان وقت اھڙي ڳالھھ بھ ذھن ۾ نھ آئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھيءَ سڄي ڪارگذاري مون سان نھ، پر ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ سان ٿي رھي ھجي. ٽوني جي گڏ نھ ھجي ھا تھ آئون ڪڏھوڪو ٻڏي وڃان ھا. ھن مون کي جھلي ورتو ھو ۽ منھنجو منھن پاڻيءَ کان مٿي ڪڍي رکيو ھو. پوءِ ترندي ھڪ ڪاٺ جي ٽڪري ڏي وڌيو، جيڪو چڱي فاصلي تي ھو. اوچتو منھنجي اکين اڳيان ڪوھيڙو ڇانئجي ويو ۽ مون اڌ بيھوشيءَ جي حالت ۾ جھاز ڏي آخري نظر وڌي. مون کي پنھنجي اڳيان پويان جي ڪا خبر نھ رھي. +ھوش آيو تھ چئني پاسي اوندھ ھئي. ڪجھھ خبر نٿي پئي تھ آئون ڪٿي آھيان؟ پوءِ سمنڊ جي گجگوڙ ۽ ھوا جي سيسراٽ ان تلخ حقيقت جو احساس ڏياريو ۽ گذري ويل خوفناڪ لمحن جي ياد ذھن ۾ تازي ٿي وئي. آئون سڙھ جي ٿلھي لڙھي سان رسيءَ ذريعي ٻڌل ھوس ۽ ڪنھن بھ قسم جي چرپر ڪري نٿي سگھيس. ٽوني ڪٿي بھ نظر نھ پئي آيو. مون ھن جو نالو کڻي سڏ ڪيو، پر پاڻيءَ جي گوڙ گڙڪي ۾ منھنجو آواز ڄڻ دٻجي ٿي ويو. اڪيلائيءَ جي زھر ڀريل احساس رڳن ۾ خوف جون لھرون ڊوڙائي ڇڏيون ۽ آئون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس. +روئڻ سان اندر جو بار تھ ھلڪو ٿيو، پر پوءِ بک ۽ سيءُ ورائي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. مون وات کڻي کوليو، جيڪو اڃ کان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رھيو ھو. مينھن جھليو تھ آسمان تي تارا ٽمڪڻ لڳا. ھوا جي گھٽجن ڪري ڪجھھ ٺار بھ گھٽيو، پر تنھن ھوندي بھ منھنجو جسم ۽ دماغ سيءَ کان ٺري کيرو ٿي پيو ھو. نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ ائين محسوس ٿي رھيو ھو، ڄن منھنجو جسم ھوائن ۾ اڏامي رھيو ھجي ۽ آئون جنت ۾ داخل ٿي رھيو ھجان. +خيالن جي دنيا مان نڪتس تھ روشني پکڙجي رھي ھئي. سمنڊ بھ ھاڻ سانتيڪو ٿي رھيو ھو. ڪنڌ موڙي پويان کڻي ڏسان تھ ٽوني سڙھ جي ڏنڊي جي ٻي ڪنڊ تي چھٽيو پيو ھو. ھن جون اکيون بند ھيون ۽ بيھوش ٿي لڳيو. مون کيس سڏ ڪيا، جيئن مون ڏي نھاري، پر ڪجھھ بھ ھڙ حاصل نھ ٿيو. پوءِ دل ۾ خيال آيو تھ ڪنھن طرح رڙھي ھن جي ويجھو وڃجي، مگر ڪيئن؟ سمنڊ جي پاڻي لڳڻ ڪري رسي اڀامي پئي ھئي ۽ ھاڻي ڳنڍيون کولڻ ناممڪن ڪم ھو. پنھنجو پاڻ کي جيئرو ڏسي ٿوري دير اڳ جا خوشي ٿي ھئي، سڀ ڌوڙ ۾ ملي وئي. سمنڊ جي ظلم ۽ غضب بعد ھڪ ٻيو ڪوڙڪو ڳچيءَ ۾ ڦاسي ويو ھو، جنھن مان آزادي ملڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. سڙھ جي ٿلھي ۽ کھري ڏنڊي سان چھٽندي ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري چڪا ھئا. ڇاتي ۽ پاسراٽي سور کان ڏکوئجي رھيون ھيون. ساھ کڻڻ ۾ بھ تڪليف پئي ٿي، پر صبر کان سواءِ ٻيو ڪو چارو بھ تھ نھ ھو. +پري پري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نظر نھ پئي آيو. ڏينھن جي روشني ڳاڙھاڻ سان شروع ٿي. ٽونيءَ کي ھوش اچي چڪو ھو. آئون پنھنجي رسيءَ جون ڳنڍيون کولڻ لڳس. آخر چڱيءَ جدوجھد کان پوءِ رسيءَ جون ڳنڍيون کولي ورتم ۽ آھستي آھستي سري ٽونيءَ جي ويجھو آيس. +اسين ٻئي ماٺ ۾ ھئاسين. گرمي ايتري تھ وڌي ويئي جو ڄڻ تھ بدن جي کل ٿي سڙي ۽ اسان ذري ذري سمنڊ ۾ غوطو ٿي ھنيو. ھڪ تھ بک ۽ اڃ ۾ باھ ٿي رھيا ھئاسين، مٿان وري ھن ورزش ھڻي اڌ مئو ڪري رکيو. +شام ڌاري ھڪ ٻھ وڏيون شارڪ مڇيون نظر آيون. اسان سمجھيو تھ ڄاڻ تھ ھو اسان کي چيرڻ ڦاڙڻ آيون، پر خوش قسمتيءَ سان ھو پاسو ڏئي لنگھي ويون. ٿي سگھي ٿو ڪنھن ٻئي قسم جون مڇيون ھجن ۽ ماڻھوءَ تي حملو نھ ڪنديون ھجن. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪي ڪي اھڙيون مڇيون بھ ترندي نظر آيون، جن مان کير جھڙي روشني ٿي نڪتي، پر تمام ھلڪي ھلڪي. قدرت جون ھي عجيب شيون ڏسندي ڏسندي اک لڳي وئي. +ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس تھ صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھھ نھ وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو ھو، ڪنھن ۾ نھ بک جو احساس ھو ۽ نھ اڃ جي پيڙا. گذريل سڀ ڏک درد وسري ويا ھئا. صبح جي اڀرندڙ سج ۾ مون ذرو بھ دلچسپي نھ ورتي. ڪمزوريءَ ڪري اکين اڳيان تارا نظر اچي رھيا ھئا. چوڌاري سمنڊ جو پاڻي ڏسي، اڃ جو احساس ھيڪاندو وڌي ويو. ٽونيءَ منھنجي اھا حالت ڏسي چيو: ”پٽ! سمنڊ جي پاڻيءَ سان پنھنجا چپ کڻي آلا ڪر، اڄ جي تڪليف ڪجھھ گھٽ ٿي ويندي. پر خبردار رھجان!، متان سمنڊ جي پاڻيءَ جو زھر جھڙو ڍڪ ڀري وٺين.“ +مون ھن جي نصيحت تي عمل ڪندي ھٿن سان چپ آلا ڪيا پر گرڙي ڪرڻ مھل پنھنجو پاڻ کي قابو ۾ ڪري نھ سگھيا ۽ پاڻيءَ جو ڍڪ پي ورتم. پر ھي ڇا؟ نڙيءَ ۾ نھ ڪنڊا چڀڻ شروع ٿيا ۽ نھ وري ساڙو. پاڻي اميد جي خلاف لوڻ کان پاڪ ھو – پاڻي حد درجي جو مٺو ھو جھڙو پيئڻ جو پاڻ وٽ ڪناري تي ٿئي. آئون پنھنجو وات پاڻيءَ ۾ وجھي غٽ غٽ پاڻي پيئڻ لڳيس. +ٽوني وائڙن جيان ڏسڻ لڳو. ھن سمجھيو تھ منھنجو دماغ خراب ٿي پيو آھي. پر پوءِ لڳاتار پاڻي پيئندو ڏسي پاڻ بھ مون وانگر پيئڻ لڳو. جڏھن ٻنھي پاڻي پي ڍؤ ڪيو تھ ان معجزي بابت مون ٽونيءَ کان پڇيو. +ھن ڪلھن کي لوڏو ڏيندي چيو، ڪڏھن وڏو درياءَ جڏھن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو آھي تھ وھڪري جي زور ڪري اھو درياءُ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملڻ کان اڳ ڪافي پري تائين پنھنجو رستو ٺاھي وھندو رھندو آھي. لڳي ٿو تھ پاڻ ڪنھن درياءَ جي ڇوڙ وٽ آھيون ۽ جي واقعي ڪو درياءُ ويجھو آھي تھ معنيٰ زمين بھ ويجھي ٿي. +ٻنپھرن مھل اڻ چٽا جبل نظر آيا ۽ پوءِ ڪيتريون ئي ٻيڙيون پري کان ترنديون نظر آيون، پر اسان ڇولين جي مٿان ستل ڪنھن کي نظر نھ اچي سگھياسين. ڪجھھ ڪلاڪن بعد جھرڪيون اڏامنديون نظر آيون، جنھن مان پڪ ٿي وئي تھ آبادي ويجھي آھي، جو اھو پکي اھڙو آھي جيڪو گھر ۾ ئي رھي سگھي ٿو. پر جي ڪا آبادي نھ بھ ھوندي، تھ بھ مڇين تي بھ گذاريو ڪري وٺنداسين – ھن سمنڊ جي عذاب کان تھ بچي وينداسين. +رات جو اسان ترندا ھڪ کاڙيءَ مان وڃي نڪتاسين ۽ صبح جو ھڪ وارياسي ڪناري تي پاڻ کي ستل ڏٺوسين. +اسان جي سامونڊي سفر جي اھا آخري گھڙي ھئي. ان بعد ڪناري تي ھڪ نئين زندگي شروع ٿي. اھو ڪنارو جيڪو ھڪ ٻيٽ ھو، جنھن تي رھندڙن جي زبان اسان لاءِ اوپري ھئي ۽ ماڻھو نوان ھئا، پر وقت سان گڏ اسان انھن سان رلي ملي وياسين. شاديون ڪيوسين، ٻچا ٻار ٿيا. يورپ جا ماڻھو نئين دنيا جي ڳولا ۾ لڳا رھيا، غلامن جو واپار ھلندو رھيو، جھاز ھلائڻ لاءِ زوريءَ ملاح ۽ نوڪر چڙھندا رھيا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي ميدانن ۽ جھنگلن تي قبضو جاري رھيو، جھنگ وڍڻ ۽ پوک لاءِ اوڀر آفريڪا مان شيدي غلام ايندا رھيا، آمريڪا کنڊ ۽ ڀر وارن ٻيٽن جي اصلي رھاڪن کي ماري ڪٽي يا ڀڄائي يورپين پنھنجيون ڪالونيون ٺاھيندا رھيا..... + + +غوطا خوري ۽ ٽوٻو +جڏھن شڪار ڪندڙ، شڪارين مان ڦري پاڻ ئي شڪار ٿي پوندا آھن تھ پوءِ ڪي ٿورڙا ئي خوش نصيب بچندا آھن، ��يڪي ھن قسم جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائي سگھن. ھيءَ ڪھاڻي پڻ ھڪ سچي ڳالھھ آھي، جا سمنڊ ۽ ان جي ھڪ ٻئي جوکائتي پھلوءَ سان واسطو رکي ٿي، جيڪا آسٽريليا جي مشھور غوطا خور Skin Diver روڊني فاڪس کي درپيش آئي. کيس ان سچي روئداد تي ريڊرس ڊائجيسٽ طرفان فرست پرسن ايوارڊ پڻ ملي چڪو آھي. +ھڪ دفعي جپان جي ھڪ اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ داخل ھوس. منھنجي ڀر واري کٽ تي ھڪ غوطا خور علاج ھيٺ ھو. ھو ھڪ اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ جو وڏو آفيسر ھو ۽ غوطا خوري سندس وندر ھئي. تازين موڪلن ۾ شڪاڪو بيٽ وٽ غوطا خوري ڪندي ھن کي پاسراٽين ۾ ڌڪ لڳي ويا ھئا. +ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد پڙھندڙن جي ذھن ۾ بھ شايد ساڳيو سوال اڀري جيڪو منھنجي ذھن ۾ مٿين ھمراھ جي حادثي جي ڳالھھ ٻڌي اڀريو تھ ماڻھو آخر غوطا خوري ڪن ڇو ٿا؟ +جواب ھرڪو اھو ئي ٿو ڏئي تھ مھم جوئي ۽ ائڊوينچر جي شوق ۾. جيئن ماڻھو جبلن تي چڙھن ٿا، پوءِ ڪرندا جھرندا پيا پر پچر نھ ڇڏيندا. ويندا وڏي کان وڏي جبل جي چوٽي پار ڪندا يا جيئن ماڻھو شڪار ڪرڻ جي شوق ۾ جھن جھاڳيندا وتندا آھن. +غوطا خور پاڻ سان ھوا جو سيلينڊر کڻي پوءِ سمنڊ ھيٺ وڃن ٿا، جيئن پاڻيءَ اندر ساھ کڻندا رھن. پر ھيءَ ڪھاڻي ھڪ اھڙي غوطي خور جي آھي، جيڪو مڇيون ڦاسائڻ جي مقابلي ۾ بنا سوائي سيلينڊر جي سمنڊ اندر ويو. ان ڪري ھن کي ھڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪرڻا پيا: ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ، آدمخور مڇيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ اٽورجڻ کان بچڻ لاءِ ذري ذري مٿي اچي ساھ جو بندوبست ڪرڻ. +غوطا خوري وندر ۽ مھم جوئيءَ کان علاوه آرٽ ۽ ھنر پڻ آھي. سڌريل ملڪن ۾ غوطا خوري سيکارڻ جا اسڪول ۽ ادارا ائين آھن، جيئن اسان وٽ سبڻ ڀرڻ، درزڪي، واڍڪي، ويلڊن ۽ مڪينڪ وغيره جا. +سمنڊ ۾ اندر گھڻي دير رھي جھازن جي ”آب دوز ويلڊنگ“ +ڪرڻ ۽ جھازن جي پنکن ۾ ڦاٿل رسا ڪڍڻ جھڙا ڪم ٽوٻن جي حوالي ڪيا ويندا آھن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ پڻ نيويءَ کي پنھنجا بھترين ٽوٻو آھن. ان کان علاوه ڪيترا ئي نجي کاتا پڻ آھن، جيڪي ضرورت وقت غوطا خور مھيا ڪن ٿا ۽ اھي ”فراگ مين“ سڏجن ٿا. +مرندي مرندي بچڻ +ان ڏينھن ڏکڻ آسٽريليا جو ساليانو مقابلو ٿي رھيو ھو. مقابلي ۾ چاليھھ غوطا خور حصو وٺي رھيا ھئا، جن کي سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي ڀالي سان مڇيون مارڻيون ھيون. آءٌ پڻ انھن مان ھڪ ھوس. پروگرام موجب اھو مقابلو ڏسڻ لاءِ منھنجي زال بھ ھلڻ ٿي چاھيو، پر جيئن تھ ھوءَ پيٽ سان ھئي ۽ پھرين ٻار ڄڻڻ ۾ باقي ڪي ھفتا وڃي بچيا ھئس، سو ڊاڪٽر کيس سختيءَ سان جھليو ھو تھ گھڻي ھل چل نھ ڪري. +مقابلي واري ڏينھن آئون صبح ساجھر روانو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي زال کان موڪلائڻ آيس، جنھن کي جيتوڻيڪ نھ ھلڻ جو ڏک ھو پر مجبور ھئي ۽ غمگين صورت ٺاھي مون کي در تائين ڇڏڻ آئي. +ھينئر آئون سوچي رھيو آھيان تھ ڊاڪٽر جي اھا صلاح ڪنھن پر مون سان بھ لاڳو ھجي ھا. ٻن ڪلاڪن بعد پوري اٺين وڳي آئون ”الڊنگا“ پھچي ويس، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٽاڪرائون حصو آھي ۽ جتي اھو مقابلو پوري نائين وڳي ٿيڻو ھو. آئون جلد ان ڪري پھتو ھوس تھ جيئن ان ھنڌ واري سمنڊ جو حصو اڳواٽ جانچي ڇڏيان تھ ڪٿي اندر ٽڪريون ۽ پھڻ آھن ۽ ڪٿي تري ۾ سامونڊي واڻراھ ۽ گاھ گوچر آھي، جيئن مقابلي وقت اھي شيون ڌيان ۾ رکي لس ئي لس ترندو رھان. +الڊنگا بيچ پاڻيءَ جي ھڪ جنت آھي، جنھن اندر سامونڊي گھاٽا ٻيلا آھن – جتي ھر قسم جون مڇيون مانگر ۽ ٻيا سامونڊي ساھوارا سڪون سان رھيل آھن ۽ مون جھڙي ٽوٻو شڪاريءَ لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪو بھتر شڪار گاھ نھ ھوندو. +مقابلي ۾ حصو وٺندڙ مون سميت چاليھھ ڄڻا ھئا. پور�� وقت تي پنھنجن رٻڙ جي ڪپڙن ۽ مڇيءَ جھڙن وڏن بوٽن، شيشي جي دريءَ واري عينڪي کوپي، ساھ کڻڻ لاءِ رٻڙ جي نڙانڊي، بار ٻڌل پٽي ۽ ڀالي ھڻڻ واري بندوق سميت تيار ٿي اچي بيٺاسين ۽ مقابلي لاءِ ريفريءَ سيٽي وڄائي. +ھر ھڪ کي مقابلي لاءِ پنج ڪلاڪ ھئا، جنھن ۾ سمنڊ اندران مڇيون ماري کاريون ججن اڳيان رکڻيون ھيون. پوءِ جنھن جي گھڻي تور ٿئي ۽ جيڪو مڇين جا جھجھا قسم ماري. +منھنجي کٽڻ جو وڏو آسرو ھو. ان ڪري جو ھن کان اڳ بھ ٻن سالن جا لاڳيتا مقابلا کٽيندو آيو ھوس. آئون پنھنجي زال سان واعدو ڪري نڪتو ھوس تھ ھي منھنجي زندگيءَ جو آخري مقابلو ھوندو. منھنجو مطلب ھو تھ ھن سال بھ پھرئين نمبر تي چيمپئن ٿي، پوءِ عزت سان رٽائرڊ ٿيندس. ان کان پوءِ ڪڏھن ٻنھي جي دل ٿي تھ ائين شوق خاطر غوطا خوري کڻي ڪبي، ٻيو مڙوئي خير. +آئون ان وقت ٽيويھن سالن جو ھوس ۽ ان مقابلي لاءِ ڪيترا ئي مھينا مون سکيا ورتي ۽ مشق ڪئي ھئي. اسان آزاد نموني جي غوطا خوري ڪندا ھئاسين. منھنجو مطلب آھي تھ پاڻ سان ساھ کڻڻ لاءِ ھوا جا سيلينڊر يا ٻي شيءِ کڻڻ بنا سمنڊ جي اندر ويندا ھئاسين. مون ايترو تھ ساھ پچايو جو سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي سؤ فٽ کن ھيٺ تائين پھچي ويندو ھوس ۽ پوءِ اتي بنا ڪنھن تڪليف جي ھڪ منٽ کن ترسي سگھندو ھوس. +ريفري جي سيٽي وڄائڻ سان اسان پاڻ کي سمنڊ اندر کڻي ڇڏيو ۽ سڀني مڇين پٺيان وٺ پڪڙ لاھي ڏني. +ھر ھڪ ماڻھوءَ پنھنجي چيلھھ ۾ ٻڌل بيلٽ ۾ رسي ذريعي پلاسٽڪ جو ھڪ وڏو ڇٻو ٻڌي ڇڏيو ھو، جيئن ڦاسايل مڇيون ان ۾ گڏ ڪيون وڃن. مڇيءَ کي ڀالو ھڻڻ سان اسان اھا ڪوشش ٿي ڪئي تھ زخمي مڇي جھٽ پٽ ان ڇٻي ۾ وڌي وڃي، جيئن مڇيءَ جو گھٽ کان گھٽ رت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڃي. اھا خبرداري ان ڪري ڪرڻي ٿي پيئي جو رت جي ڌپ تي متان ڪا وڏي بکايل مڇي – شارڪ جھڙي، پريان اونھي سمنڊ مان ھيڏانھن ھلي اچي – جيڪي ڏکڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ عام جام ڦرندي ملن ٿيون. شارڪ کان علاوه ھتي ھلندڙ ٻيون وڏيون مڇيون ايڏيون ويڙھاڪ قسم جون نھ آھن ۽ غوطا خورن سان ھري مري ويون آھن. +ھونءَ شارڪ جھڙين خطرناڪ مڇين جي ھجڻ جي ھتي اميد +نھ ھئي. تھ بھ احتياط خاطر ٻھ لائيف بوٽون سمنڊ جي ان ٽڪري تي نگاھ رکنديون رھيون، جتي اسان غوطا خوري ڪري رھيا ھئاسين. +ان ڏينھن موسم سٺي ۽ صاف ھئي. سمنڊ مان منھن ڪڍڻ مھل ڪناري تان لڳندڙ ٿڌي ھير فرحت بخش محسوس ٿي رھي ھئي، پر سمنڊ اندر ڏيک چٽو نھ ھو. مٽيءَ جي ذرن وانگر ميرانجھڙو ڌنڌ ڇانيل ھو. اھا حالت ڀالي سان مڇيون مارڻ لاءِ سٺي نھ سمجھي ويندي آھي جو اھڙي حالت ۾ شڪاري جڏھن مڇيءَ جي بلڪل ويجھو وڃي پھچي ٿو، تڏھن ھن کي خبر پئي ٿي تھ سامھون ھن جي اڳيان مڇي آھي ۽ ايترو ويجھو پھچي جيسين ھو ڀالي سان حملو ڪري، ان کان اڳ ڊپ ۾ مڇي ڀڄيو وڃي. +ساڍي ٻارھين تائين مون پنھنجين مڇين جي ڍير ڏسي اندازو لڳايو تھ آئون سڀني کان گوءِ کڻي پيو وڃان. نھ فقط تور ۾، پر نموني نموني جي مڇين ۾ پڻ آئون مٿي ھوس. طوطا مڇي. سنئپر، سنڪو، سور مڇي، شھنائيءَ جھڙي مڇي ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون منھنجي ڍير ۾ ھيون، جيڪي ٻين جي ڍڳ ۾ نھ ھيون. منھنجي ڍير جي تور ذري گھٽ مڻ اچي ٿي ھوندي ۽ مڇين جا ڪل چوڏھن قسم ٿي ويا ھئا. ٽائيم ھاڻي ٻارھن لڳي پنجٽيھھ منٽ ٿيو ھو ۽ مقابلو ٻي بجي ختم ٿيڻو ھو. جنھن حصي ۾ اسان مڇيون ماري رھيا ھئاسين، اتي مڇين جو تعداد چڱو گھٽ ٿي چڪو ھو. وڏي ۽ بھتر مڇيءَ لاءِ مون ان علائقي جو منو ميل کن جھاڳي ورتو ھو. آخري غوطي مھل اٽڪل سٺ ستر فٽ کن ھيٺ ھڪ ٽڪنڊي ٽڪريءَ جي قدمن وٽ ڪجھھ وڏيون مڇيون نظر آيون ھيون، جن لاءِ پڪ ھيم تھ ڪيڏانھن وينديون ڪونھ ۽ آئون کين وري اچي ٿو ڳولي ماريان. انھن مان ٻھ مضبوط ۽ ڳريون مڇيون ھيون، جن کي اسين آسٽريليا جا شڪاري فيصلو ڪندڙ مڇيون ٿا سڏيون. انھن مان ڪا ھڪ بھ ڪنھن جي ور چڙھي وڃي تھ ان کي ھارايل بازي بھ کٽائي سگھي ٿي ۽ اھي ٻئي جي مون کي ملي وڃن تھ پوءِ باقي کپي ئي ڇا؟ آئون ان ھنڌ ڏي تري پھتس. پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٿوري دير نڙانڊيءَ رستي ساھ بھ کڻندو رھيس تھ شيشي جي عينڪي کوپي مان حالتن جو جائزو بھ وٺندو رھيس تھ ڪھڙي ريت سامھون ٽڪريءَ وٽ ويٺل انھن ٻن مڇين کي ڀالو ھڻي ماريان؟ پوءِ ڪجھھ ڊگھا ساھھ کڻي ھڪ تمام گھڻي ڊگھي ساھ کي جھليم ۽ وڌيڪ ٽٻي ھڻي انھن مڇين ڏي وڌيس ۽ لس ئي لس ترندو سندن مٿان سامونڊي گاھ وٽ اچي بيٺس ۽ کين ڀالو ھڻڻ وارو ھوس. پر...... +آئون اھا گھڙي ڪيئن بيان ڪريان جنھن وقت سمنڊ جي ھيٺين تھن جي خاموشيءَ ۾ اوچتو چرپر جو آواز ڪن تي پيو ۽ آئون جيسين مڙي ڏسان، تيسين ڪا پربت جيڏي شيءِ سڄي طاقت سان مون کي کاٻي پاسي کان اچي لڳي ۽ رفتار سان اڳتي پاڻيءَ منجھھ ڌڪيندي وئي. منھنجا تھ ھوش ئي خطا ٿي ويا. +ھاڻ اھا شيءِ مون کي چرين وانگر لڳاتار ٿيلھا ڏيندي آئي. مون کي ڦيري ٿيڻ لڳي. منھنجي ڇاتيءَ تي اڳيان پاڻيءَ جو دٻاءُ ۽ پٺيان ان شيءِ جي دٻاءَ منھنجيون تھ ھڻي پاسراٽيون ئي ڀڃي رکيائين. ان ڌڪ ڌڪان ۾ منھنجي منھن تي چڙھيل شيشي جو کوپو ۽ ساھ کڻڻ جي نڙانڊي اڇلجي وئي ۽ ڀالي ڇوڙڻ واري بندوق بھ ھٿن مان ڇڏائجي وئي. +اھا شيءِ مون کي پاڻيءَ اندر ايڏو تھ لڳاتار ۽ يڪ ساھيءَ ٿيلھو ڏيندي رھي جو مون کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟ مون پنھنجو پاڻ کي ان شيءِ کان پري ڪرڻ ٿي چاھيو پر منھنجو جسم ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان جھڙوڪر ڪنھن انبوريءَ ۾ ڦاٿو پيو ھجي. آخر گھڻي ڪوشش بعد مون غور سان ڏسي محسوس ڪيو تھ آئون ڪھڙي ويڌن منجھھ ھوس: ھڪ شارڪ مڇي پنھنجين ڄاڙين ۾ مون کي جھلي کائڻ لاءِ وڃي رھي ھئي. +آئون سڄي جانور کي تھ ڏسي نٿي سگھيس، پر اھو اندازو لڳائي ويس تھ پڪ آفت جيڏي مڇي ھوندي، جنھن جو مان ڪو گرھ بھ مس ٿيندس. ھن جا ڏند منھنجي ڇاٽيءَ ۽ پٺ تي ڪارائيءَ جي ڏندن وانگر رکيا ھئا ۽ کاٻي ڪلھي وارو پاسو ھن جي نڙيءَ ڏي ھو. ھوءَ مون کي وات ۾ جھلي ھاڻ ھيٺ تري ڏي ڌوڪي رھي ھئي. +جيتوڻيڪ آئون خوف ڪري ھراسجي ويو ھوس، پر سور محسوس نھ پئي ڪيم. دراصل ھن جي ڏندن جي تکائي نھ پئي لڳي، پر وات ڀڪوڙڻ ڪري چيڀاٽجي رھيو ھوس. مون پنھنجيون ٻانھون پريان موڙي مڇيءَ جي منھن ڏي اھو سوچي ھٿواڙيون گھمائڻ لڳس تھ جيئن منھنجا ھٿ ھن جي اکين تائين پھچي وڃن تھ انھن کي زور سان چلھيان. +اوچتو ڪو ڪرشمو ٿيو ۽ دٻاءُ گھٽجي ويو. ان وحشي جانور پنھنجو وات ٿورو ڍرو ڪيو ۽ مون پٺيان زور ڏئي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي – پر منھنجي سڄي ٻانھن ھن جي وات ۾ ھلي وئي. +ھاڻي مون کي اھڙو تھ سور وٺي ويو جو ان سور بابت مون ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھو. ان سور جي سيٽ کان مون کان رڙ نڪري وئي ۽ جي پنھنجي ٻانھن کي سٽ ڏئي شارڪ جي ڀچيل ڏندن مان ڇڏائڻ جي ٿي ڪيم تھ سور ماري ٿي رکيو، پر بھرحال ھن آفت مان پاڻ ڇڏائي ورتم. +آئون ٽنگن جي زور تي سڌو مٿي سمنڊ جي مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. شارڪ پٺيان آئي پئي جو منھنجيون لتون ھر ھر ھن جي جسم تي پئي لڳيون. آخرڪار آئون مٿي پھچي ويس ۽ مٿو پاڻيءَ کان ٻاھر نڪري آيو. مون جلدي جلدي ڊگھا ساھ کڻي ورتا. +مون کي پڪ ھئي تھ شارڪ مون کي کائڻ لاءِ وري ضرور ايندي. ايتري ۾ مڇيءَ جي ڪلي منھنجن پيرن کي لڳي. ان بعد منھنجن گوڏن ھن جي کھري پاسي واري جسم کي ڇھي ورتو. مون ٻنھي ٻانھن سان ان آفت کي ٿيلھو ڏئي پوءِ ھڪ ئي وقت ھٿ ۽ ٻانھون ويجھو ۽ پري ڪرڻ لڳس – اھا ئي اميد رکي تھ ائين ڪرڻ سان آئون ھن جي وات ۾ اندر وڃڻ کان بچي ويندس. انھيءَ وٺ پڪڙ ۾ منھن ٻاھر ڪڍي ڊگھا ڊگھا ساھ بھ کڻي پئي ورتا. +اسان ٻئي وري ھيٺ تري ڏي ھليا وياسين. شارڪ مون کي پاسن کان اھڙو تھ ڌڪو ڏئي گھليندي وئي جو تري جي سڄي ريتي بھ روڙجي وئي. ھڪ دفعو مون وري پنھنجي طاقت سان شارڪ کي ٿيلھو ڏنو ۽ مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. مٿي پھچي مون کي ساھ کڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ آئون ڊگھا ڊگھا ساھ کڻڻ لڳس، پر منھنجي چوڌاري پاڻيءَ جو رنگ رت سان ڳاڙھو ٿي ويو ھو - ۽ اھو رت ٻئي ڪنھن جو نھ پر منھنجو ئي ھو. شارڪ بھ مٿاڇري تائين اچي وئي ۽ مون کان ڪجھھ فٽ پري پاڻ کي موڙڻ لڳي. سندس کلوتڻو جسم ٿلھي ڇوڏي واري وڻ جي ٿڙ وانگيان ٿي لڳو. رنگ ۾ ناسي ڀورو. يعني اھا شارڪ بنا ڪنھن شڪ جي ويڙھاڪ ۽ خوني قسم جي شارڪ مڇين مان ھئي. +ھوءَ مون ڏي مڙڻ لڳي. ھڪ اھڙو خوف جنھن کي بيان نٿو ڪري سگھجي، منھنجي جسم ۾ ٿڙڪڻي پيدا ڪرڻ لڳو. اھا ھڪ ڀوائتي ڳالھھ ۽ حقيقت ھئي تھ ان شارڪ جو مون تي راڄ ھو جنھن کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگھي ۽ انھيءَ علائقي ۾ آئون اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي. آئون ھتي ھڪ آفيسر مثال نھ ھوس، پر ھڪ تڏ وانگر ننڍڙي کائڻ جي شيءِ ھوس، جيڪو ھن آفت لاءِ پورو گرانھھ بھ نھ ٿئي ۽ شايد ھضم ٿيڻ کان اڳ ئي کيس وري وڃي تھ ڪجھھ دير اڳ ھن مون کي ڳڙڪايو ھو. +مون چڱي طرح ڄاتو ٿي تھ شارڪ مون تي وري حملو ڪندي ۽ ڏندن سان ڪرٽي کائيندي يا وات اندر وجھي سڄو ڳھي ڇڏيندي. ٻنھي صورتن ۾ ڄاڻ تھ چيچلائي چيچلائي مئس. بس ھاڻ رڳو ان موت جو آئون انتظار ڪري سگھان ٿو. مون تکو تکو ھڪ ساھ ۾ پنھنجي زال ۽ ايندڙ نئين ٻار لاءِ الله کان دعا گھري. +پوءِ اھو ڪجھھ ٿي پيو، جنھن جي ڪا اميد ئي نھ ھئي، جنھن جو ڪو سوچي بھ نٿو سگھي. مون ڏٺو تھ اھا شارڪ مون ڏي وڌڻ بدران، پاسيرو ٿي سڌو ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ سڌو ٿي پٺيان مڙڻ لڳي ۽ پوءِ ھڪ دفعو وري مون ڏي منھن ڪري پاسو ڏئي ٻي طرف تري وئي – پر ھي ڇا؟ سندس پٺيان پٺيان آئون بھ گھلجڻ لڳس. +منھنجي چيلھھ جي پٽي سان ٻڌل سنھي رسي جيڪا ھن کان اڳ پاڻيءَ ۾ ائين ئي ڍري ٿي لڙڪي پئي، سا مڇيءَ جي پري ٿيڻ ڪري ڇڪجڻ لڳي ۽ مڇي سان گڏ آئون بھ ڇڪجڻ لڳس. دراصل آخري دفعي جڏھن شارڪ مڇيءَ مون تي حملو ڪيو ھو تھ سندس چڪ مون کي لڳڻ بدران پلاسٽڪ جي ڇٻي کي وڃي لڳو ھو ۽ ھوءَ ڪنھن طرح سان ڇٻي جي ٻڌل رسيءَ ۾ وچڙي پئي ھئي ۽ پوءِ گھڻو ئي پاسا ورائي پاڻ ڇڏيائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر آجي نھ ٿيڻ ڪري منھنجي پيئي ۽ ھاڻ ڊپ ۾ ڀڄي رھي ھئي. مون پنھنجو بيلٽ ھڪدم کولي پاڻ کي آجو ڪرڻ ٿي چاھيو پر منھنجي ٻانھن ۾ ايتري سگھھ نھ ھئي جو اھو پٽو کولي سگھان – خاص ڪري ساڄي ٻانھن ۾. +ھاڻ اسان ٻئي پاڻي اندر تکو تکو وڃي رھيا ھئاسين ۽ اتڪل ٽيھھ چيليھھ فٽ کن سمنڊ اندر شارڪ پٺيان گھلبيو ويس. جيتوڻيڪ کاٻو ھٿ بيلٽ جي بڪل کولڻ ۾ لڳل رھيو. دل ئي دل ۾ مون چيو تھ مڇيءَ منھنجي جان ڇڏي. ھاڻ ھيئن ٻڏي مرڻ کان تھ پاڻ جيڪر بچائي وٺان. پوءِ آخري ڪرشمو رونما ٿيو. گھڻين سٽن اچڻ ڪري رسي پنھنجو پاڻ بيلٽ مان ڇڄي ڌار ٿي وئي ۽ ائون ھڪ دفعو وري آزاد ٿي ويس. ٻين مون کي ٻڌايو تھ سمنڊ کان ڪنڌ ٻاھر ڪڍي آئون ھي ئي رڙيون ڪنديو رھيس: ”شارڪ.... شارڪ.... شارڪ!“ ۽ اھو ئي گھڻو ڪي ڪجھھ ھو. +پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پنھنجن دوستن جا آواز منھنجي ڪنن تي پيا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مون وٽان اچي نڪتا. مون وڌيڪ ھٿوراڙيون ھڻڻ ڇڏي پنھنجو پاڻ ھنن جي حوالي کڻي ڪيو ۽ ھنن مون کي مٿي ڇڪي ورتو ۽ آئون مرڻ کان بچي ويس. +ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھ مون کي رسيل ايڏا اونھا زخم ۽ ڌڪ ڏسي ڏڪي ويا. منھنجي ساڄي ٻانھن ۽ ساڄو ھٿ شارڪ جي وات ۾ اچڻ ڪري انھن تان ايترو تھ ماس روڙجي ويو ھو جو جتان ڪٿان رڳو ھڏيون پئي نظر آيون. منھنجي ڇاتي، پٺ ۽ کاٻو ڪلھو سندس ڄاڙين ۾ چپجڻ ۽ رھنڊجڻ ڪري جتان ڪٿان چيرجي ويو ھو ۽ ڇاتيءَ جون پاسيريون، ڦڦڙ ۽ آنڊا نظر پئي آيا. +پوليس کي اطلاع ڪرڻ سان ھنن رڪارڊ قائم ڪرڻ واري حد تائين جھٽ پٽ ايمبولينس موڪلي مون کي اسپتال پھچايو، جتي قابل سرجن ۽ اسٽاف اڳواٽ تيار ھئا. مون کي آپريشن ٿيٽر ۾ ٽيبل تي ليٽائي نشو ڏنو ويو. اکين مٿان بلبن جي ٻرندڙ ڇٽ جي روشني ڏسندي ڏسندي چونجھي ٿي وئي. اک منھنجي ٻئي ڏينھن کلي تھ منھنجي زال ڀر ۾ بيٺي ھئي. +مون چيو: ”سور اٿم.“ +جواب ۾ ھوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. +ڊاڪٽر رڙھي اڳيان آيو ۽ آٿت ڏيندي چيائين: +”گھٻرائڻ جي ڳالھھ ناھي. ھاڻ بچي ويندين.“ +اڄ پورن ٻن سالن بعد منھنجا ڦڦڙ چڱي طرح ڪم ڪري رھيا آھن، جيتوڻيڪ منھنجي ڇاتيءَ ۾ اڃا سيٽ ٿئي ٿي. منھنجو ھٿ جيتوڻيڪ ڏسڻ لائق شيءِ نھ رھيو آھي، پر آئون ان کي چوري پوري سگھان ٿو. منھنجي ڇاتيءَ، پٺ، دڏ ۽ ڪلھن تي مڇيءَ جي چڪن ۽ آپريشن جي وڍ ڪٽ ۽ ٽوپن جا ڪيترا ئي نشان ۽ داغ آھن. +ھڪ خدا ئي ڄاڻي ٿو تھ مون نٿي چاھيو، پر منھنجي زال شروع کان ئي محسوس ڪيو تھ ھڪ ڏينھن آئون وري غوطا خوري لاءِ ويندس. انسان اڌ ماڻھو آھي – جيڪڏھن خوف ھن تي واسو ڪري وڃن. صحتياب ٿيڻ کان پورا پنج مھينا پوءِ، آئون سمنڊ تي وري موٽي آيس ۽ پنھنجا ڊپ ڊاءَ اتي ئي اچي ڦٽا ڪيم جتان مون کي مليا ھئا. +پر ھاڻ منھنجي اڄ جي غوطا خوري اڳ کان بلڪل نرالي آھي – مون کي جيتوڻيڪ پاڻ تي وري اعتماد اچي ويو آھي ۽ دانائي پڻ. ان جو مطلب اھو ناھي تھ آئون ڪو شارڪ سان مقابلو ڪرڻ ٿو چاھيان. ھونءَ بھ زندگيءَ ۾ ٻيا جوکم جا ڪم ڪي گھٽ آھن جو اجايو پاڻ لاءِ پاڻھي ھڪ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪريان. +سو بھرحال! ھاڻ غوطا خوريءَ جي مقابلي کان پري ئي رھندو آھيان ۽ ان سمنڊ جي حصي ۾ اھي ئي دلير غوطا خوري مقابلي ۾ حصا وٺندا رھندا، جن پنھنجين ڇاتين تي شارڪ مڇيءَ جون ڄاڙيون محسوس نھ ڪيون ھونديون. +اڄ جا جھاز +پدين ڳان دنيا تي ٺمنڏن ٻي تهاز هلي رهيا آهن. ڀلا گهڻو نه ٻه نوٿ نبي تي ٻيڙي ڳان ئي ٺهي. تهاز تي ننذ وڙائي مٽٻلڇ ثين تي ٿوالي ٺان ڱٿي وڃي ٿي. تهاز تي هڱ ڱنڏ ڳان ٻي ڱنڏ ٻائين ڏيگهه، تنهن ڳي Overall length ٺڙتي ٿو يا تهاز تي ان ٿپي تي ڏيگهه، تٻي هن ڳي پاڻيءَ تو ٺڄٿ ڇُهي، تنهن ڳي Waterline length ٺڙتي ٿو. تهاز تي اونهائيءَ تي ٿٺاب ٺان يڃني تهاز تي ڏيڱ (ڃرثي) ڳان هيٺين ٻري (Keel) واري ٻٽٻي ٻائين تي اونهائي ۽ ڏراڇٽ تي ٿٺاب ٺان پڻ، تهاز تي ننذ وڙائي ماپي وڃي ٿي. ڏراڇٽ ڇا آهي؟ تهاز تي ٻري (Keel) ڳان وٺي تهاز تي واٽر لائين (پاڻيءَ تي ٺڄٿ) ٻائين تي اوچائي. تهاز تي ننذ وڙائي، ان تي وزن مان به لڳائي ٺگهتي ٿي- يڃني تيڱو گهڻو ٺامان ڳڻي ٺگهي اهو وڙو تهاز ٿيو. +اوڻهين پدي تي ثروڃ وارن ٺالن ڳان وٺي، تهاز ڱلَ، يڃني مثينري ٻي هلڻ ثروڃ ٿيا آهن. يڃني ٿجرٻ نوٿ ڃليھ الٺلام تي ڙينهن يا ان ڳان به اڳ تي دور ڳان وٺي 1807ڃ ٻائين- هزارين ٺال، تهاز ڱپڙي تي ٺڙه (Sail) ٻي هلندا رهيا يا وري چپوئن (Oars) ذريڃي- تنهن ڳي Rowing ٺڙتي ٿو. ٺڙهن ٻي هلندڙ تهاز هر وحٻ هوا ۽ ٺامونڏي ڇولين تي آڍار ٻي هليا ٿي. تنهن ڄرڇ هوا يا ڇولين تو رُٽ، ان ڄرڇ تهاز وڍيا ٿي. تنهن ڙينهن يا تنهن وحٻ هوا بند ٿي ٻه تهاز بيهي ٿي رهيا ۽ پوءَ اهڙن موحڃن ٻي اوٺي پاٺي تي ٻيٽن وٽ لڱل ٺامونڏي ڍاڙيلن (حزاحن)، بيٺل تهازن ٻي ٿملو ڱري، هنن تو مال ۽ ماڻهو کريا ٿي. ان وحٻ تا ٺڙهن وارا تهاز اڄ تي تهازن وانگر گهڻو ڳلئي ٺمنڏ مان نٿي لنگهيا. هڱ بندرگاهه ڳان ٻئي بندرگاهه ٻائين پهچڻ لاءَ ڱنارو ڱنارو ڙئي ٿي هليا. تيئن ڱنهن ثيءَ تي جرورٻ پوي يا ڱا اهڙي ايمرتنٺي ٿي پوي ٻه، مدد لاءَ يڱدم ڱناري ٻي پهچي وڃتي. ٺاڳي وحٻ تيئن اڄڱلهه ٺنڍ تو ڱچي وارو ڃلائحو ڍاڙيلن ڳان مثهور آهي، ٻيئن پراڻي زماني ۾ دنيا تا ڱيٻرائي ڃلائحا ٺامونڏي ڍاڙيلن (Pirates) ڳان مثهور هئا. ٺنگاپور، پينانگ تهڙا ان وحٻ تا ويران ٻيٽ ٻوڙي ملاڱا نار، هندٺٻان تو مالا بار ڱنارو، ڀوڄ مڱران ڍاڙيلن (حزاحن) ڳان مثهور هو. ٿتات بن يوٺڇ تي ڙينهن ۾ تڙهن تهاز ديبل، ٺٽو، بدين وارو ڱنارو ڙيئي لنگهندا هئا، ٻڙهن هنن (يڃني ڃربن) تي پٿيٿ ڳالهه هتي ٻه ٺنڍي حزاحن ٺلون ڳان ايندڙ ڃربن تي تهاز (يا ثايد تهازن) ٻي ٿملو ڱيو. ڱيو هوندو. ٺنڍ ۾ رهندڙ ٺڀ ٺنڍي ڱي چڱا مڙٺ به نه هئا. هر ملڱ ۽ هر حوم ۽ ٺوٺائٽيءَ ۾ ٽراب ۽ ٺٺا ماڻهو ٿين ٿا. اهڙي ڄرٿ ان وحٻ تي ٺنڍين تي اها ثڱايٻ ٻه هنن تيڱا تهازن ٻان مال تي کر ڱئي ۽ انهن تهازن ٻي ويندڙ ڃورٻون اچوا ڱيون، ٺي ڱي ڃربن تون مائٽياڻيون نه هيون، پر ان وحٻ تي ڃرب ٿاڱمن ٺلون ۽ اوٺي پاٺي تي ڃلائحن تون زالون ڃياثيءَ لاءَ ڃراح ۽ ثام پئي گهرايون ۽ ان ۾ به ڱو ثڱ نه آهي ٻه، ان وحٻ تا ڱيٻرائي ڃرب ٿاڱم ۽ اٻي تا وڙيرا پير ڱي اهڙا ثريڇ به ٻه نه هئا. هڱ ٻه پدي اڳ (تڙهن انگريزن ثيدي چلامن تي وڱري ٻي بندث وڍي ٻڙهن) وڃي ڱا ٺاپر ٿي، نه ٻه اومان پاٺي ڃربن تي آٽر ٻائين وڙي ڱمائي ٻه هئي ئي انٺانن تي وڱري مان. هي ٺنڍ ۾ ميرن پيرن يا ٻرڱيءَ تي ٿرمن ۾ زئنزبار تي مارڱيٽن مان چلام ڱنهن ٿي پهچايا؟ آڇريڱا تي اوڀر واري ڱناري تي هر ملڱ تي ٺاهوڱي ۽ توان ثيدياڻي ٻوڙي ثيديءَ تي ڃزٻ ۽ تان مٿڇوظ نه هئي. هنن ڳي وهٽن وانگر ماري ڱٽي، کاٺائي، وڱرو ڱري ڃربن ٽوب پئٺو ڱمايو ٿي، تيٻوڻيڱ اٺلام چلاميءَ ٻي بندث وتهي ٿو ۽ اهوئي ٿال آڇريڱا تي اولهه واري ڱناري تي ملڱن تو هو، تٻي يورپين ۽ آمريڱن باهه ٻاري ڙني هئي ۽ ڱنهن به توان ثيدي ڃورٻ ۽ مرد ڳي نٿي بٽثيائون. ڳين تانورن وانگر آمريڱا پورهئي لاءَ نيو ويو ٿي. مٺ مٺ پوءَ ابراهام لنڱن تهڙن وڃي چلاميءَ ٻي بندث وڍي ۽ هاڻ يورپي ٻوڙي آمريڱن وڙا ٺاڍ ٿي ويا آهن ۽ انٺانيٻ ۽ انٺان ذاٻ تي ڳالهه ڱندي ڱندي اوٻائيءَ پئتي ٿا وڃن. +بهرٿال ٺامونڏي ڍاڙا (Piracy) اڄ به ٽٻم نه ٿيا آهن، ان تو اٿوال ڱنهن ٻئي هنڍ ڱبو. هٻي تهازن تو ذڱر ڱريون ٿا ٻه اوڻهين پديءَ تي ثروڃ ٿيڻ ٺان آگبوٽ (Steamships) ثروڃ ٿيا، تيڱي پنهنتي مرجيءَ ٺان هلڻ لڳا. هونءَ تو ٺڙهن وارا تهاز بندرگاهه ۾ بيٺا هوندا هئا ۽ هوا تو انٻظار ڱندا هئا ۽ پوءَ ان ڄرڇ هلڻ ثروڃ ڱندا هئا، تنهن ڄرڇ اها ڳين وٺي وڃي- ان بدران ڱل ٻي هلندڙ تهاز ڱنهن وحٻ به ٺڇر لاءَ نڱٻا ٿي ۽ ڱيڙانهن به وڃي ٺگهيا ٿي. نه ٻه ٺياري ۾ تڙهن اٻر واء لڳندو هو ٻه ڃرب ملڱن ڳان ٺڙه ٻي هلندڙ تهاز، هند ٺنڍ ڙي آيا ٿي ۽ هند ٺنڍ تا تهاز لنڱا ڙي روانا ٿيا ٿي ۽ پوءَ تون، تولاءَ ۽ آگٺٽ ڍاري تڙهن ڙڳڻ ڇوٽ ٿي لڳو، چوماٺي تون هوائون ثروڃ ٿي ٿيون ٻه، اهي تهاز پٺيان ٿي مڙيا يڃني لنڱا ڳان هند ٺنڍ ۽ ڃرب ملڱن ڙي روانا ٿي ٿيا. +ڪَلَ تي هلندڙ جهازن تي بئالرن ۾ ٻاڦ تيار ڪئي ٿي وئي. پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ بئالرن ۾ پهرين ڪاٺ ساڙيو ويو ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪوئلي جو استعمال ٿيو ۽ پوءِ ويهين صدي ڌاري تيل (Heavy fuel oil) ڪتب اچڻ لڳو جيڪو گهٽ جاءِ والاري ٿو ۽ پمپ ذريعي جهاز جي ٽانڪين ۾ اچيو وڃي، نه ته جڏهن ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي ته، هڪڙن مزورن جهاز تي ڍوئڻ وارو سامان جهاز تي چاڙهيو ٿي ته، ٻين بئالر کي ٻارڻ ۽ ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ، سوين هزارين ڳوڻيون ڪوئلن جون جهاز تي چاڙهيون ٿي. تن ڏينهن ۾ اڃا ڪرينون ۽ ڊيرڪون عام نه ٿيون هيون، جن ذريعي اهو سامان جلدي چاڙهي سگهجي. مزورن جون قطارون سامان جون ڀريون ۽ ڪوئلي جون ڳوڻيون پٺيءَ تي رکي، جهاز جي ڏاڪڻ تي قطار ۾ چڙهيا ۽ لٿا ٿي. اڄ به ڪيتريون ئي ڪولمبو، مدراس ۽ ڪلڪتي بندرگاهن جون تصويرون، يورپي ميوزيم ۾ نظر اينديون، جن ۾ ڪاري رنگ جا تامل ۽ بنگالي پٺيءَ اگهاڙا، انگوڇا ٻڌل، هڪ ڊگهي تختي ذريعي جهاز تي، پٺيءَ تي بار هجڻ ڪري ڊونڊا ٿي رڙهندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. +بئالر ۾ پاڻي وجهي، گرم ڪرڻ سان تيار ٿيل ٻاڦ ”اسٽيم انجن“ جي پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪيو ٿي، جنهن ذريعي پئڊل هليا ٿي ۽ جهاز اڳتي وڌيو ٿي. بعد ۾ پئڊلن بدران پروپيلر استعمال ٿيڻ لڳو. پسٽنن جي هيٺ مٿي ٿيڻ واري عمل (Reciprocating) کي ڪرئنڪ شفٽ ذريعي گول ڦرڻ (Rotary motion) واري عمل ۾ تبديل ڪري، جهاز جي پٺيان لڳل ٽن يا چئن پرن واري پنکي (Propeller) کي گول گهمايو ويو ٿي. پاڻيءَ اندر پنکي جي گول گهمڻ ڪري جهاز اڳتي ڌڪجي ٿو. جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ لاءِ بريڪ تي ٿئي ڪانه. پنکي کي ٻئي طرف هلائڻ سان، جهاز جي پٺتي هلندڙ رفتار اڳتي واري کي ختم ڪري زيرو ۽ رفتار تي آڻي ٿي ۽ جهاز هڪ هنڌ بيهيو رهي. ۽ پوءِ کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي اتي ترسائڻ لاءِ، جهاز جي لنگر کي رسي ذريعي سمنڊ ۾ اڇلڻو پوي ٿو، جيڪو سمنڊ جي تري ۾ ڦاسيو پوي ۽ جهاز ڪِلي ۾ ٻڌل مينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ بدران ان ڪِليءَ جي چوڌاري ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز کي بندرگاهه ۾ ڪنهن جيٽيءَ وٽ بيهارڻ لاءِ جهاز ۾ لڳل ڪِلي ۾ رسو ٻڌي، ان جو ٻيو پوڇڙ جيٽيءَ ۾ کتل ڪِليءَ سان ٻڌي ڇڏجي ٿو. اهو رسو ڪافي مضبوط ۽ ماڻهوءَ جي ٻانهن جهڙو ٿلهو ٿئي ٿو. لنگر (Anchor) جنهن چين (رسي) ذريعي اڇلائبو آهي، اها چين لوهه جي ۽ ٿلهي ٿيندي آهي، جنهن جو هڪ هڪ ڪڙو (ڪنڍو) ايڏو ڳرو ٿئي ٿو، جو هڪ ماڻهو هڪ ڪڙو مس کڻي سگهي ٿو. جهاز هلڻ مهل ونڊلس نالي طاقتور مشين سان، ان لوهي زنجير (چين) کي ڇڪي لنگر کي ٻاهر ڪڍبو آهي. +اسڪول وارن ڏينهن ۾، لنگر بابت هڪ عام ڳجهارت ڏني ويندي هئي ته، اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ضرورت وقت اڇلائي وڃي ٿي ۽ جڏهن ضرورت ناهي ته ان کي کڻي رکيو وڃي ٿو. جڏهن به کلئي سمنڊ ۾ جهاز جي انجڻ خراب ٿئي ٿي، يا طوفان لڳن ٿا يا بندرگاهه ۾ اندر هلڻ لاءِ کلئي سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ، جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت پوي ٿي، ته اسان لنگر (Anchor) کي جهاز جي ڊيڪ تان کڻي، هيٺ اڇلي ڇڏيون ٿا ۽ جڏهن جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت نٿي پوي ته ان لنگر کي سمنڊ مان ڪڍي حفاظت سان رکي ڇڏيون ٿا. +پسٽنن واري اسٽيم انجن بعد ٽربائين به آيا. ان ۾ پسٽنن واري هيٺ مٿي واري Movement جي ضرورت نٿي پوي. اها شئفٽ جنهن جي ڇيڙي تي پروپيلر ٿئي ٿي، ان شئفٽ جي چوڌاري چوڏل وانگر پئڊل يا پترا (Blades) لڳايا وڃن ٿا. بئالرن ۾ پيدا ٿيل ٻاڦ انهن بليڊن تي جيٽ سان گڏ شئفٽ ۽ پروپيلر هلي ٿو. ٽربائين جهاز ٻي جنگ عظيم کان گذريل صديءَ جي آخر تائين چڱا مشهور رهيا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾، جڏهن آئون جهازي دنيا ۾ آيس ته پاڪستان وٽ به هڪ حاجين جو جهاز سفينه حجاج ٽربائين جهاز هو، جيڪو جرمنيءَ ۾ ٺهيو هو. اڄڪلهه 95 سيڪڙو جهاز ڊيزل انجڻ وارا آهن، جو ٽربائين جهازن جا انجنيئر به مشڪل سان ملن ٿا. هرهڪ ڊيزل انجڻ ۾ ايڪسپرٽ ٿيڻ چاهي ٿو. اسان جي سڄي بئچ ۾ فقط هڪ، مرحوم آصف غيور، ٽربائين جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو، پر هو به سفينه حجاج جهاز جي اسڪرئپ ٿيڻ تي، پنهنجي Specialty بدلائي، ڊيزل جهازن ڏي هليو آيو. +ڊيزل جهازن تي ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ وڏن بئالرن جو کٽراڳ نٿو ٿئي. ڦيول (ڊيزل آئل) انجڻ اندر ئي ٻاريو وڃي ٿو، ان ڪري ڊيزل انجڻ کي انٽرنل ڪمبشن انجڻ به سڏجي ٿو. ائين ته پيٽرول انجڻ به ڊيزل انجڻ جي سوٽ ماسات آهي، پر پاڻيءَ وارن جهازن تي پيٽرول جهڙين شين کي Explosion جي خوف کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته پاڻيءَ وارا آفت جيڏا جهاز ڊيزل انجڻيون ئي هلائي سگهن ٿيون. ڊيزل انجڻ جي سيلينڊر ۾ ايڏو ته مٿاهين درجي جو پريشر پيدا ٿئي ٿو ۽ ايڏي ته گرمائش پيدا ٿئي ٿو، جو ڏامر جهڙو ڪارو تيل جيڪو ”هيوي فيول آئل“ سڏجي ٿو، اهو آسانيءَ سان ساڙيو ٿو وڃي ۽ اهو تيل پيٽرول کان تمام گهڻو سستو آهي. اهو سمجهو ته بنا صفائيءَ جي زمين مان نڪتل تيل ٿئي ٿو، جنهن کي جهاز جي رفائينري روم ۾ جهڙو تهڙو صاف ڪري، ٻاري ڇڏيندا آهن. +ڊيزل انجڻ جا به ٻه قسم آهن: فور اسٽروڪ ۽ ٽو اسٽروڪ. جيئن ڪرڪيٽ جو رانديگر بئٽ هلائڻ کي اسٽروڪ سڏي ٿو، تيئن سيلينڊر اندر پسٽن جي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچڻ، هڪ اسٽروڪ آهي ۽ وري ساڳي هنڌ واپس موٽڻ، ان جو ٻيو اسٽروڪ آهي. فور اسٽروڪ واري انجڻ ۾ پسٽن جي اهڙين چئن چرپرن (Strokes) ۾ هڪ دفعو تيل ساڙيو وڃي ٿو ۽ ٽو اسٽروڪ انجڻ ۾ هر ٻئي اسٽروڪ ۾ انجڻ تيل سڙي ٿو. هاڻ ظاهر آهي ته ٽو اسٽروڪ (Two stroke) انجڻ ۾ تيل گهڻو سڙندو، ان ڪري طاقت به گهڻي حاصل ٿيندي. ان ڪري جهاز هلائڻ لاءِ هميشھ ٽو اسٽروڪ انجڻ رکي وڃي ٿي ۽ جهاز تي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ جنريٽر يا ايئر ڪمپريسر وغيره لاءِ Four Stroke انجڻيون رکيون وڃن ٿيون. +ڊيزل انجڻ وارا جهاز، ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان سمنڊ تي آيا. Vandal نالي جهاز، پهريون ڊيزل انجڻ وارو جهاز چيو وڃي ٿو جيڪو 1903ع ۾ سمنڊ تي لٿو. جهازن بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه ته انهن جي خشڪيءَ تي هلندڙ گاڏين يا هوائي جهاز وانگر هڪ حد کان وڌيڪ رفتار وڌائي نٿي سگهجي. جهاز يا ٻيڙي وغيره سمنڊ تي تڏهن ٿي هلي، جڏهن ان جو پنکو (Propeller) جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهي ٿو، گول ڦري ٿو. جيئن جيئن اهو تيز هلي ٿو، تيئن تيئن اهو پاڻيءَ کي تکو تکو ڪپي ٿو ۽ جهاز اڳتي وڌي ٿو. پر هڪ رفتار کان پوءِ اهو پاڻيءَ کي ڪپي نٿو سگهي، جو خال (Vacum) پيدا ٿيو پوي. هو ان خال ۾ ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز جي رفتار ويتر گهٽجيو وڃي. جهاز جي پروپيلر کي هلائڻ وارين انجڻين جي رفتار، هڪ سؤ کان ٻه سؤ RPM مس ٿئي ٿي، ان ڪري جهاز تي استعمال ٿيندڙ ڊيزل انجڻيون، جيڪي مئرين انجڻيون سڏجن ٿيون، Slow اسپيڊ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي اسپيڊ گهڻي هوندي آهي ته انجڻ ۽ پروپيلر جي وچ ۾ گيئرون هڻي، گهٽ ڪئي ويندي آهي، جيئن پروپيلر جي رفتار سؤ ڏيڍ سؤ RPM رهي. (آر پي ايم Revolution Per Minute جو مخفف آهي). +مئرين ڊيزل انجڻ جي تواريخ کي سؤ سال اچي ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انجڻيون مشهور ٿيون ۽ ڪجهه ته اڄ تائين هلنديون اچن، جهڙوڪ انگلينڊ جي ڊاڪسفورڊ، جرمني جي MAN، جپان جي متسوبشي، اهڙي طرح پِيل اسٽڪ، B & W، سلزر وغيره وغيره. منهنجو تقريباً سڀني انجڻين وارن جهازن سان واسطو پيو آهي. سڀ ۾ گهڻي مشهور ۽ ڪامياب مئرين انجڻ ”سلزر“ چئي وڃي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته رپيئر توڙي Maintenance جي حساب کان سلزر وڌيڪ بهتر انجڻ آهي ۽ منهنجو پنهنجو اهو رايو آهي ته سلزر انجڻ واري جهاز جا مئرين انجنيئر، سانتيڪي سمنڊ توڙي طوفاني راتين ۾ وڌيڪ سک جي ننڊ ڪن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه اها ته سلزر انجڻ سئٽزرلينڊ ملڪ جي آهي، جنهن کي پنهنجو سمنڊ آهي ئي ڪونه. افغانستان وانگر هن جي چوڌاري ملڪ ۽ جبل آهن. + + +مختلف سامان کڻڻ لاءِ مختلف جھاز +مون جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته انهن ڏينهن ۾ اڃا Container جهاز نه نڪتا هئا. ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ پئسينجر جهاز هئا، جيئن پاڪستان وٽ سفينه حجاج، سفينه عرب، رستم، اوشن انرجي وغيره جيڪي حج جي موسم ۾ حاجين کي جدي کڻي ويندا هئا يا وري ڪراچيءَ کان چٽگانگ هلندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اسان وارو پاڪستان مغربي پاڪستان هو ۽ اڄ وارو بنگلاديش مشرقي پاڪستان هو. جتي امير ماڻهو هوائي جهاز ۾ ويندا هئا، گهٽ پئسي وارا يا سير سفر جا شوقين پاڻيءَ واري جهاز ۾ ويندا هئا. ڪراچي کان جهاز نڪرندو هو ۽ هفتي ڏهه ڏينهن اندر چٽگانگ پهچي ويندو هو. رستي تي ٽن ڏينهن بعد سريلنڪا جو بندرگاهه ڪولمبو ايندو هو، جتي جهاز ڏهه ٻارهن ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ته ڏينهن رات به ترسندو هو. جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ پئسينجرن لاءِ سيڌو سامان ڪولمبو مان ورتو ويندو هو، جو انهن ڏينهن ۾ هن سڄي علائقي ۾ ڪولمبو ۽ عدن ڊيوٽي فري بندرگاهه هوندا هئا. هر شيءِ اتي سستي ملندي هئي. ڪنهن به شيءِ ٽئڪس نه هوندو هو، ان ڪري جهاز وارا پنهنجي لاءِ توڙي جهاز لاءِ خريداري ڪولمبو مان ڪندا هئا. مسافر به ڪولمبو مان هر قسم جي خريداري ڪندا هئا ۽ وڏي شوق مان انڊين فلمون ڏسندا هئا. جيڪي انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ بند ڪيون ويون هيون. ڪراچيءَ کان چٽگانگ پنجاهه رپيا کن مس ڀاڙو هو. هوائي جهاز جي به ڪراچيءَ کان ڍاڪا ۽ ڍاڪا کان چٽگانگ ٻه يا اڍائي سؤ رپيا کن ٽڪيٽ مس هئي. +سو سواءِ چند مسافر بردار جهاز جي، پاڪستان وٽ ٻيا جهاز ڪارگو جهاز هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪارگو جهاز معنيٰ هر قسم جو سامان کڻڻ وارا جهاز. اَن جون ڳوڻيون هجن يا مشينن جا کوکا، ڪپهه جون ڳٺڙيون هجن يا ڪپڙن جا تاڪيا، هر قسم جو سامان جهاز جي گدامن (Hatches) ۾ ڀريو ويندو هو. ڪڏهن ته ڪارون، تيل جا ڊرم، چانورن يا دالين جون ڳوڻيون، هر قسم جو سامان جهاز تي چڙهندو هو. اهو سامان ٽرڪن ذريعي جهازن جي ڀرسان ايندو هو ۽ پوءِ بندرگاهه جي ڪرين يا جهاز جي ڊيرڪ ذريعي جهاز ۾ چاڙهيو ويندو هو. جهاز ۾ سامان کي ٺاهي رکڻ لاءِ ٻه ٽي مزور هيٺ گدامن ۾ بيهندا هئا، جيڪي سامان ٺاهي رکڻ مهل، کائڻ پيئڻ جون شيون به کائيندا رهندا هئا يا ٻيون چوريون ڪندا هئا. ان معاملي ۾ مصري ۽ آمريڪا جا ڪارا (شيدي) مزور بدنام هئا. پوءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪنٽينر جهاز شروع ٿيا ته، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ڪناري جي مزورن ڏاڍو گوڙ ڪيو، جو هنن جي موج مزي جا ڏينهن ختم ٿي ويا. ڪنٽينر جهازن تي هنن کي سامان ٺاهي نٿي رکڻو پيو. سامان اڳهين ڪنٽينرن ۾ پئڪ ٿي جهاز تي پهچڻ لڳو ۽ هر ڪنٽينر کي Seal ٿيل تالا لڳل ٿين، جيڪي ڪو کولي نٿو سگهي. +’ڪنٽينر جهازن‘ جي ڪري جهازن جا مالڪ خوش ٿيا، جو هڪ ته ڪارگو (سامان) جي چوريءَ کي ٻنجو اچي ويو ۽ ٻيو ته جهاز، جيڪو عام طور سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ خاطر، مهينو ڏيڍ بندرگاهه ۾ بيٺو هوندو هو، اهو هفتي اندر فارغ ٿي، پنهنجو نئون سفر شروع ڪري ڏيندو آهي. جهاز جا مالڪ به اهوئي ٿا چاهين ته بندرگاهن ۾ جهاز گهٽ بيهي، جو بندرگاهن ۾ بيهڻ دوران خرچ ئي خرچ آهي. جهاز مالڪن کي تڏهن ڪمائي ڏين ٿا، جڏهن هو سمنڊ ۾ هلندا رهن ٿا ۽ اسان جهاز وارا وري تڏهن خوش آهيون، جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو آهي، ڇو جو اسان کي سامونڊي طوفانن ۽ جهاز هلائڻ جي ڏاکڙن کان موڪل ٿيو وڃي. جهاز جيسين بندرگاهه ۾ آهي ته سامان لهرائڻ چاڙهائڻ توڙي انجڻ جي وڏي مرمت جو ڪم، ان بندرگاهه ۾ موجود جهازران ڪمپنيءَ جي مڪاني آفيس حوالي رهي ٿو ۽ اسان کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ سٺو موقعو مليو وڃي. سو ڪنٽينر جهازن جي سورن ڪري ڪيترائي جهاز، ڪنٽينر جهاز هلائڻ کان ڪيٻائين ٿا، جيتوڻيڪ جنرل ڪارگو جهاز کان ڪنٽينر جهاز تي پگهار به وڌيڪ آهي. +اڄڪلهه جي دنيا ۾ نه فقط ڪنٽينر جهاز، پر ڪارگو (سامان) جي نوعيت سان ڪيترن ئي قسمن جا جهاز ٿي پيا آهن، جيئن ته تيل کڻڻ وارا ٽئنڪر (Oil tanker). انهن ۾ به مختلف قسم آهن، ڪي خام تيل Crude oil کڻن ٿا ۽ ڪي اعليٰ قسم جا تيل، خاص ڪري پام آئل جهڙا کاڄرو تيل. +هڪڙا جهاز ”بلڪ ڪئريئر“ (Bulk carrier) به ٿين ٿا، جن جي هئچن (گدامن) جا مُنهن وڏا ٿين ۽ انهن ۾ ڪنهن به قسم جو اناج ڦوهارن ذريعي ڀري سگهجي ٿو يا ريل گاڏيءَ جا توڙي لوهي پٿرن جا ڀريل دٻا ليٽائي سگهجن ٿا. منزل تي پهچڻ تي جهازن جي گدامن ۾ ٽرئڪٽر لاهي، ان ذريعي سامان ڪڍي سگهجي ٿو. اناج جهڙي شيءِ کي واپس به ڦوهاري رستي ڪڍي سگهجي ٿو. ڪڻڪ يا چانورن سان ڀريل جهاز، جيڪو ڳوڻين ذريعي خالي ڪرڻ ۾ ٻه هفتا کن لڳيو وڃن، اهو اليڪٽرڪ پمپن ذريعي Suction جي ڦوهارن ذريعي، ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪري سگهجي ٿو. +اسان جي ملڪ ۾ ته سئي گئس جهڙي گئس ڌرتي مان نڪري ٿي، جيڪا پائيپن رستي گهر گهر ۾ پهچائي وڃي ٿي، پر جپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ آهن، جن وٽ پنهنجي قدرتي گئس ناهي، اهي ٻين ملڪن مان جهاز ذريعي گئس گهرائين، جن سان ننڍا سلينڊر ڀري، ضرورت مندن کي وڪيا وڃن ٿا. ان قسم جا جهاز جيڪي خاص جهاز ٿين ٿا، اهي ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪڙا گئس Liquefied gas carrier ۽ ٻيا ڪيميڪل ڪئريئر. +گئس کڻندڙ جهاز جيڪا گئس کڻن ٿا، اها ايتري ته گهڻي پريشر تي رکي وڃي ٿي، جو اها پاڻيٺ (Liquefied) واري شڪل ۾ رهي ٿي. ان ڪري اُن کي کڻندڙ جهاز LG يعني Liquefied gas ڪئريئر سڏجن ٿا. انهن مان ڪي جهاز LPG سڏجن ٿا، يعني gas Liquefied petroleum ڪئريئر سڏجن ٿا، جيڪي پروپين، بيوٽين ۽ پروپلين جهڙيون گئسون کڻن ۽ ٻيا جيڪي ايل اين جي (Liquefied natural gas) ڪئريئر سڏجن ٿا، قدرتي گئس- خاص ڪري ميٿين گئس (Methane) کڻن. هن قسم جون گئسون کڻندڙ جهازن جون ٽانڪيون تمام مضبوط هجڻ کپن، جيئن گئسن جي هاءِ پريشر ڪري ڪٿان ليڪيج نه ٿئي. ٽانڪين کي گرمائش کان بچائڻ لاءِ ان جي چوڌاري سخت قسم جي Insulation رکي وڃي ٿي. سڀ کان خطرناڪ نوڪري هنن گئس کڻندڙ جهازن جي آهي. جهاز هلائڻ کان علاوه جهاز جي ڪارگو- يعني Pressurized گئس جو به خيال رکڻو پوي ٿو. هيءَ گئس ايتري ته وڏي پريشر تي ٿئي ٿي، جو اها Liquid form ۾ رهي ٿي. ٿوري به لِيڪ ٿي انسان جي جسم کي لڳڻ سان، جسم جي ان حصي کي ساڙي رکي ٿي- يعني اها ايتري ته ٿڌي ٿئي جو ان جي ٿڌ ساڙيو رکي، جيئن ٿڌن ملڪن ۾ سخت ٿڌ ساڙيو رکي ٿي. ساڳي وقت هنن جهازن کي گرمائش کان به بچائڻو پوي ٿو. هي گئسون (ميٿين، پروپين وغيره) اهي آهن، جيڪي ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون، جيڪي سگريٽ لائيٽر ۾ ٿين ٿيون. هڪ چڻنگ ۾ وڏو ممڻ مچائي سگهن ٿيون، ۽ ههڙن جهازن تي باهه نه لڳندي آهي، پر ڌماڪو ٿيندو آهي، جنهن بعد جهاز تي، ڪوبه هن حادثي جي رواداد ٻُڌائڻ وارو باقي نه بچندو آهي. +گئس وارن جهازن وانگر ڪيميڪل ٽئنڪر به ٿين ٿا، جيڪي پڻ خطرناڪ ٿين ۽ گئس وارن جهازن وانگر هنن جهازن تي به زندگيءَ کي خطرو هجڻ ڪري، جهاز هلائيندڙن کي ٻين جهازن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پگهار ڏنو وڃي ٿو. +اڄڪلهه Combination ڪئريئر نالي جهاز به عام ٿي رهيا آهن، جن جون ٽانڪيون اهڙي نموني جون ٿين ٿيون، جو انهن ۾ مارڪيٽ موجب تيل به کڻي سگهجي ٿو ته Bulk ڪارگو به. +اڳ ۾ ڪنهن ڪار ڊيلر کي، ڪنهن ملڪ مان ڪارون گهرائڻيون هونديون هيون ته، اهي عام ڪارگو جهاز ۾ اينديون هيون. اسان جو جهاز به جڏهن جپان ويندو هو ته واپسيءَ تي ٻئي سامان سان گڏ، هر دفعي ڏهه ويهه کن ڪارون به آڻيندا هئاسين. انهن ڪارن کي جهاز ۽ سمنڊ جي لوڏن کان بچائڻ لاءِ، جهاز جو واڍو هر ڪار جي چوڌاري ڪاٺ جا فريم ٺاهيندو هو ۽ جهاز جا خلاصي هڪ هڪ ڪار کي چڱيءَ طرح رسن سان ڇڪي ٻڌندا هئا، پوءِ به ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ يا خليج بنگال ۾ جيڪڏهن طوفان هڪ پٺيان ٻئي ڏينهن به قائم رهندو هو ته، ڪيترين ڪارن جا رسا ۽ ڪاٺ جا فريم ٽٽي پوندا هئا ۽ پوءِ سڄو سڄو ڏينهن، سمنڊ تي انهن ڍرين ٿيل ڪارن کي، چڱيءَ طرح سوگهو ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هو. ان کان علاوه ڪارن رکڻ ڪري جهاز جي هئچن ۾، انهن مٿان سامان رکي نه سگهبو هو ۽ گدامن جي اتاهين ڇت تائين سڄي جاءِ خالي رهي ٿي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي عرب ملڪن ۾ تيل جو پئسو اچي ويو ۽ ڪارن جي ضرورت ايتري وڌي وئي جو ڪارن کڻڻ لاءِ خاص جهاز تيار ٿيا، جيڪي Car carrier سڏجن ٿا. انهن جهازن تي ڪارون ڪرين ذريعي کڻي رکڻ ۽ ڪاٺ جي فريم ۾ جڪڙڻ ۽ رسن سان ٻڌڻ ذريعي، ڊرائيوِ ڪري جهاز تي چاڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٺهيل کانچن ۾ ڦاسي بيهن ٿيون ۽ هڪڙي ئي هئچ ۾ ڪيترائي پليٽ فارم هجڻ ڪري، ڪارن جو وڏو تعداد هڪ ٻئي مٿان بيهي سگهي ٿو. منزل اچڻ تي اهي ڪارون ڊرائيو ڪري جهاز تان منٽن ۾ لاهي سگهجن ٿيون. جهاز جي پاسن کان اهڙي قسم جا دروازا ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي کُلڻ سان جهاز جي ڊيڪ ۽ جيٽيءَ جي فرش ۾ پيل پُلِ پون. +1973ع ۾ اسان ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ مان، لاس اينجلس (آمريڪا) لاءِ ٽونا (Tuna) مڇي ڀري، بس نڪرڻ وارا هئاسين ته، اسان جي ملائيشيا واري آفيس چيو ته هونءَ ئي توهان لاس اينجلس ويندي رستي تان جپان وٽان لنگهندئو. هينئر هينئر هيروشيما لاءِ ڪجهه ڪارگو ملي آهي، ڊيڪ تي ئي رکي وڃوس. ڇهه ستن ڏينهن جو ته سفر آهي، واٽ ويندي لاهيندا وڃجو ۽ ڪمپنيءَ کي ڪجهه فائدو ٿي ويندو. ٻيو نه ته ڀلا رستي جي سفر جو خرچ نڪري ويندو ۽ گراهڪي به پڪي ٿي ويندي. اسان جهاز وارن کي ڪو اعتراض نه هو، جو جهازن جي گدامن کي مڇي ۽ ٻئي جنهن سامان سان ڀريو هئوسين، اهو ڪو اهڙو نهرو نه هو. ان ۾ فقط واليوم هو. ان ڪري اسان ان کي کڻڻ لاءِ هائوڪار ڪئي، پر جڏهن خبر پئي ته اهو سامان ٻيو نه پر Lumber (ڪاٺ ۽ وڻن جا چيريل بُنڊ) آهن ته اسان دل من هنيو. ڇو جو جهاز جي ڊيڪ تي ڪاٺ کڻڻ وڏو مسئلو آهي. هونءَ ڪو رکڻ ۾ مسئلو نه آهي ۽ نه وري ان ۾ ڪو بانس (Bamboo) وارو مسئلو آهي، جنهن ۾ اڪثر نانگ بلائون ٿين ٿيون، جيڪي پوءِ بانس جي لڙهن مان نڪري ڊيڪ تي پيا هلندا آهن ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ مصيبت پيدا ڪندا آهن. ڪاٺ کي پاڻي ڇُهڻ جي وڏي قوت آهي. جهاز جي ڊيڪ تي ڪاٺ رکڻ سان، هونءَ ئي سمنڊ جي گهميل هوا ڪري ٿورو گهڻو پاڻي ڪاٺ ۾ جذب ٿيو وڃي، پر جيڪڏهن خراب موسم جي ڪري سمنڊ جون ڇوليون، جهاز جي ڊيڪ (عرشي) مٿان اچيو ٿيو وڃن، ته پوءِ ڪاٺ ايڏو ته ڳرو ٿيو پوي، جو جهاز جي Stability ڊسٽرب ٿيو وڃي. جهاز جي Centre of gravity جيڪڏهن هيٺ ڀري آهي ته سامونڊي لهرن ۽ طوفاني هوائن ڪري، جهاز کاٻي ساڄي لڏي ضرور ٿو پر ٻُڏي نٿو. هو وري Stable حالت ۾ اچيو وڃي، پر جيڪڏهن CG (سينٽر آگ گريو وٽي) مٿي هلي وڃي ٿي ته پوءِ خطري واري حالت ٿيو پوي ۽ اهڙيءَ صورت ۾ جهاز جي لڏڻ مهل ممڪن آهي ته، اهو واپس وچ واري صورت ۾ اچڻ بدران کاٻي يا ساڄي اونڌو ٿي وڃي. هيءَ صورت ان مثال مان سمجهي سگهجي ٿي ته، هڪ ٽرڪ ۾ جيڪڏهن هيٺان لوهه جو سامان يا ٽرئڪٽر جهڙي ڳري شيءِ رکي، مٿان ڀلي اٺ فٽ کن گاهه يا ڪانن جهڙي هلڪي شيءِ رکبي ته، ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو، پر جيڪڏهن اٺ فٽ کن گاهه هيٺان رکي، ان مٿان ٽرئڪٽر رکبو ته صحيح ڪم نه ٿيندو. ٽرڪ جي CG مٿي ٿي ويندي ۽ ڪٿي ساڄي يا کاٻي پاسي ٽرڪ کي تڪڙو موڙڻ سان، اها اونڌي ٿي سگهي ٿي. +جهاز جي ڪئپٽن آخري وقت تي ڪاٺ جهڙو ڪارگو کڻڻ لاءِ پهرين نهڪر ڪئي، پر پوءِ پينانگ جي آفيس وارن جي Convince ڪرڻ تي ته، ڀائي ڪڏهن ڪڏهن اصولن کي ڇڏي، پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڀلي لاءِ Risk کڻڻو پوندو آهي، آخرڪار راضي ٿي ويو. هونءَ به اونهاري جا ڏانهن هئا، جن ۾ ملائيشيا جي هن پاسي خليج بنگال ۾ ته طوفان (Cyclones) ۽ مَون سُون جا مينهن رهن ٿا، پر ٻئي پاسي ڏکڻ چيني سمنڊ شانت رهي ٿو. اسان جو جهاز هانگ ڪانگ تائين ايئن هلندو رهيو ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪي رهيو هجي، نه لهر نه لوڏو مليو. هانگ ڪانگ ۾ اڌ ڏينهن کن ترسي، هيورشيما (جپان) لاءِ ڪوچ ڪيوسين ۽ پوءِ به موسم ۾ سمنڊ سانتيڪو رهيو. سڀئي چوندا رهيا ته چڱو جو اهو فالتو ڪارگو کنيوسين. ڪئپٽن اجايو پئي ڦڏو ڪيو ۽ قاعدا قانون ٻُڌايا. هيڏي ساري آفت ڪا ائين ٻڏندي ڇا؟ ان جيترو ٻيو سامان ملي ها ته اهو به کڻڻ سان ڪجهه نه ٿئي ها. لوڊ لائين (جهاز تي ٺهيل ليڪ) سمنڊ جي سطح کان اڃا گهڻو مٿي آهي. +اسان ڏينهن رات جهاز هلائيندا اچي جپان جي ويجهو پهتاسين. هاڻ ڪو ويهه ڪلاڪن جو پنڌ هو ته، اچي ٿو مينهن جو وسڪارو ٿئي. وسڪارو به اهڙو جو بند ئي نه ٿئي ۽ اڳيان خراب موسم (Typhoon) جي اڳڪٿي. ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ان جو به اثر شروع ٿي ويو. پهرين هلڪي هوا، پوءِ تيز، پوءِ واچوڙو ۽ هاڻ طوفاني هوائن سان گڏ سمنڊ جون لهرون، جهاز جو ڊيڪ اورانگهي وڃڻ لڳيون. ڪاٺ کي جيڪو پاڻي ڇهڻو هو اهو هن ڇهي ورتو ۽ هاڻ اسان لاءِ خطرناڪ حالت هئي. جهاز کي لُڏڻ کان هر صورت ۾ بچائڻو هو، ٻي صورت ۾ جهاز سان گڏ اسان به سمنڊ جي تري ۾ ٿي وياسين. موت جڏهن مٿان اچي سوار ٿيو ته هرڪو ٻولي ئي ٻي ڳالهائڻ لڳو. چي ڪئپٽن کي ههڙي خطرناڪ ڪارگو کڻڻ کان صاف انڪار ڪرڻ گهربو هو. قانون به اجازت نٿو ڏئي ته اهڙي صورت ۾ ڪاٺ (Lumber) جهڙو ڪارگو کڻو. ڪمپنيءَ کي باقي ڪارگو مان ئي ڪافي فائدو پئي ٿيو، ته هي فالتو کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي... وغيره وغيره +آئون ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر (يعني چيف انجنيئر کان پوءِ ٻي نمبر تي انجنيئر) هوس. چانهه تي ڪئپٽن وٽ برج (ڪنٽرول روم) ۾ ويس. ڪئپٽن چيو ته ڪنهن نموني سان گهڻي کان گهڻي رفتار ڏيو، ته باقي ٽن چئن ڪلاڪن جو پنڌ ڪڍي وٺان. چيومانس، ”انجڻ جي رفتار ته اسان به Maximum پيا ڏيون، پر جهاز کي رفتار ته رب پاڪ ئي ڏيندو. دعا ئي ڪري رهيا آهيون.“ دراصل سامهون جي لهرن ۽ هوا ڪري، جهاز پچنگ به ڪري رهيو هو. يعني جهاز جو ڪڏهن اڳيون حصو مٿي ٿي ٿيو، ته ڪڏهن سمنڊ اندر هليو ٿي ويو. جنهن وقت سمنڊ اندر هليو ٿي ويو ته، سندس پٺيون حصو جنهن ۾ پروپيلر ٿئي، اهو مٿي کڄي ٿي آيو ۽ جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ ۾ گهمڻ بدران هوا ۾ ڦرڻ ٿي لڳو. ظاهر آهي جهاز ته تڏهن اڳتي ٿو هلي يا رفتار ٿو حاصل ڪري جڏهن جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ ۾ ڦري ٿو. پروپيلر جي هوا ۾ هلڻ ڪري، جهاز جو تيل اجايو هڪ طرف سڙيو ٿي ته انجڻ اوورلوڊ ٻي طرف ٿي ٿي، جنهن ڪري ان جي مختلف حصن تي منفي اثر ٿي ٿيا. ڪئپٽن کي ٻُڌايم ته اسان جو چيف انجنيئر جيڪو هن وقت ڊيوٽي تي آهي، ان ڪوشش ۾ آهي ته جهاز جون پٺيون ٽانڪيون تيل ۽ پاڻيءَ سان فل ڪري- جيئن جهاز جو جهڪاءُ پٺيان ٿئي ۽ پروپيلر جي ٻاهر نڪرڻ جو وقت ڪجهه گهٽ ٿئي ۽ جهاز کي رفتار ملي سگهي. +”هن رفتار سان هيروشيما تائين ڪيترو وقت لڳندو؟“ مون ڪئپٽن کان پڇيو. +”هيروشيما تائين هلڻ جو ته هن وقت سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.“ ڪئپٽن ٻُڌايو، ”هاڻ رڳو ڪناري جي ويجهو ڪا اَڙ (Shelter) ملي ته اتي هلي جهاز کي لنگر انداز ڪري، ٽائفون (طوفان) جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪريون.“ +سامهون جپان جو ڪنارو ئي ڪنارو هو، پر پورچوگال وانگر هي هنڌ به اهڙو جابلو هو، جتي بيهڻ ” آ بیل مجھے مار“ جي مصداق هو. زير آب ۽ پاسن کان سنهين سنهين ٽڪرن سان جهاز جو لڳي ڇيتيون ڇيتيون ٿيڻ جو ڊپ هو. يعني”آسمان سے گرا کھجور میں اٹکا“ وارو حساب هو. بهرحال ڪنهن جي دعا قبول پئجي وئي. هڪ سڻائو هنڌ ملي ويو، جتي سڄي رات انتظار ڪري، ٻئي ڏينهن صبح جو هيروشيما لاءِ نڪتاسين ۽ منجهند ڌاري اچي پهتاسين. +اهي ستر واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا، جڏهن جهازن تي هر قسم جو سامان کڻبو هو. ان بعد سگهوئي ڪارون کڻندڙ جهاز (Car carriers) به نڪتا ته ڪاٺ جا بُنڊ (Lumber & timber) کڻندڙ جهاز به نڪري پيا، جن ۾ ڪاٺ جو هر قسم حفاظت ۽ سهوليت سان نه فقط هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين کڻي سگهجي ٿو، پر آسانيءَ سان جهاز تي چاڙهي ۽ لاهي به سگهجي ٿو. +رڍن جا جھاز ۽ مسئلا +گذريل مضمون ۾ پاڻ ڪارون کڻندڙ، ڪاٺ کڻندڙ ۽ ٻين جهازن جي ڳالهه ڪئي. جهاز هلائيندڙن کي جتي سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ جهاز هلائڻ لاءِ مشينن کي صحيح رکڻو پوي ٿو، اتي ڪارگو جي حوالي سان هر جهاز تي جيڪي مسئلا ٿين ٿا، انهن کي به مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن تيل کڻندڙ جهازن (Oil tankers) تي باهه لڳڻ جو خطرو ٿئي ٿو. تيل جي ڪري جهاز جي چوڌاري ڌماڪيدار گئسون (Methane، Ethane ۽ پروپين وغيره) رهن ٿيون ۽ معمولي چڻنگ جهاز تي ڌماڪو پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري آئل ٽئنڪر جهاز تي سگريٽ ڇڪڻ جي ته اجازت ناهي، پر ڪا لوهه شيءِ ويندي واچ ٻڌي به ڊيڪ تي هلڻو ناهي، متان اها جهاز جي لوهي ڀتين تي لڳي، ڪا چڻنگ پيدا ڪري ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجي. آخر سگريٽ لائيٽر ۾ به هڪ معمولي چڻنگ تڏهن ئي ٿي پيدا ٿئي، جڏهن لوهه جي ٻن ننڍڙن ڦيٿن کي اسان هڪ ٻئي سان رڳڙيون ٿا. +ڪيميڪل کڻندڙ يا ڪمپريسڊ گئسون کڻندڙ جهازن تي ته، اڃا به وڌيڪ خبردار رهڻو پوي ٿو، جو پاڻيءَ جي صورت ۾ اها گئس (Liquefied gas) يا مختلف ڪيميڪل، انسان جي جسم کي ته ڇا لوهه کي به ساڙيو رکن، جيئن تيزاب ٿو جلائي. ڪاٺ کڻندڙ جهازن جا پنهنجا مسئلا آهن، جن تي ٿوري به بي خياليءَ ڪري، اهو ڪاٺ جيڪو هلڪو ٿئي ٿو، سمنڊ جو يا مينهن جو پاڻي جذب ڪري، ايترو ته ڳرو ٿيو پوي جو جهاز جي Stability کاريو رکي ۽ جهاز ٻُڏيو وڃي. جهاز تي رکيل سامان (Cargo) کي باهه به لڳيو وڃي، جنهن کي وسائڻ جا به بندوبست آهن. جهاز جي چوڌاري پاڻي جام ۽ اڻ کٽندڙ آهي. جهاز جي انجڻ روم توڙي ٻين هنڌن تي اليڪٽرڪ توڙي ڊيزل جا پمپ به جام آهن. رڳو بٽڻ کي دٻائڻو آهي ۽ پاڻيءَ سان باهه وسائڻي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته جهاز باهه لڳڻ ڪري تباهه نه ٿيندو آهي، پر باهه وسائڻ ڪري خاص ڪري باهه لڳل ڪارگو ڪنهن قسم جو اناج آهي ته پاڪستان ۾ چانور جام ٿا ٿين، جيڪي اسان جپان يا يورپ جي ملڪن ڏي کڻيو ٿا وڃون، سي ڪڏهن ڳوڻين ۾ ته ڪڏهن Bulk ۾، يعني ڦوهارن ذ��يعي جهاز جا هئچ (گودام) چانورن سان ڀريا وڃن ٿا ۽ ڦوهارن ذريعي ٻاهر ڪڍيا وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اناج جي گدامن ۾ باهه لڳي سگهي ٿي، ان صورت ۾ اسان جي اهائي ڪوشش رهندي آهي ته، باهه لڳل هئچ جا دروازا چڱيءَ طرح بند ڪري، Seal ڪري ڇڏجن، جيئن ٻاهر جي هوا اندر نه وڃي ۽ باهه آڪسيجن جي کوٽ ڪري وسامي وڃي. يا گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ٻه ائين ڪڍي وٺجي، جيئن بندرگاهه تائين پهچي وڃجي ۽ بندرگاهه جي فائربرگيڊ کان مدد وٺجي، ڇو جو اناج ۾ لڳل باهه جي جيڪڏهن شروعاتي ليول تي ڄاڻ ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري پاڻيءَ سان وسامي وڃي ته صحيح آهي، نه ته گهڻي پاڻيءَ جي حالت ۾ جيتوڻيڪ باهه ته مڪمل طرح وسامي سگهي ٿي، پر ڏينهن ٻن بعد جهاز جون لوهي ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ سمنڊ جو پاڻي اندر اچي جهاز کي ٻوڙي سگهي ٿو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري چانور Expand ٿين ٿا ۽ کين جاءِ نه ملڻ ڪري ايڏو ته پريشر Develop ٿئي ٿو، جو جهاز جي لوهي ڀتين جا ويلڊ به اڊڙيو پون. +گهٽ مسئلا وهٽ/ چوپايو مال ڍوئيندڙ جهازن (Cattle ships) تي به نٿا ٿين. حيدرآباد کان ڪراچي تائين، يا کڻي لاهور کان ڪراچيءَ تائين، رڍن، ٻڪرين يا ڍڳين کي ٽرڪن ۾ پهچائڻ ڪو اهڙو مسئلو ناهي، پر پاڻيءَ جي جهاز تي انهن کي هزارن جي تعداد ۾ ڍوئڻ، سو به هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ نه، پر ٽن چئن هفتن لاءِ، وڏي سوچ ويچار جي ڳالهه آهي. تيل، ڪارون، ڪاٺ يا اناج ته ائين ئي هئچن ۾ پيو آهي، پر چوپايو مال ته ساهه واري شيءِ آهي، جنهن جي گالهه پٺي ۽ پاڻيءَ جو خيال هڪ طرف ڪرڻو پوي ٿو ته، سندن ڇيڻن ۽ ڦولهڙين جو نيڪال ٻئي طرف ڪرڻو ٿو پوي. دنيا جي هڪ ملڪ کان ٻئي ڏي ويندي، رستي تي موسم ۾ فرق اچي ٿو يا هونءَ ئي رکي رکي کين ڪا بيماري ٿي سگهي ٿي ۽ جانورن جون ڪي بيماريون وچڙندڙ ٿين ٿيون ۽ جڏهن اهي جانور هڪ ٻئي پويان مرڻ لڳن ٿا ته، کين سمنڊ ۾ اڇلڻ به مسئلو ٿيو پوي. سمنڊ ۾ به جتي ڪٿي توهان هر شيءِ اڇلي نٿا سگهو. هي ته هيڏو سارو جانور ٿيو- سو به هڪ نه ٻه، هي ته ڊزنن جي حساب سان مرن ٿا، ڇو جو ڪن ڪن جهازن تي هڪ لک کان به مٿي رڍون ٻڪريون چڙهن ٿيون، جن ۾ روز ايتري تعداد ۾ موت ڪا وڏي ڳالهه ناهي. +رڍن ٻڪرين يا ڍڳين جي ٽرانسپورٽ جي، گذريل صدي جي شروعات واري اڌ (1950ع) تائين، ڪا ضرورت نه پئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڀلي نسل جا گهوڙا، اُٺ يا ڍڳيون، مينهن، سانَ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، پالڻ جي شوق لاءِ جهاز رستي ويندا هئا، جيڪي پوءِ هوائي جهاز ۾ به وڃڻ لڳا، پر پاڻيءَ جي جهاز رستي وڏي پيماني تي ٽرانسپورٽ، ستر جي ڏهاڪي کان شروع ٿي، جڏهن عربن وٽ تيل مان پئسو آيو. +ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته عرب کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن. هنن وٽ جڏهن تيل نه نڪتو هو، سخت غربت هئي، ايتريقدر جو حيدرآباد دکن جو نواب توڙي ٻيا ننڍي کنڊ جا ماڻهو، پنهنجون زڪواتون ۽ خيرات، حج دوران عربن ۾ ورهائيندا هئا، تڏهن به روزي تي رهيا ٿي يا وري چڱي طرح گوشت کاڌائون ٿي. پر ان وقت هنن پنهنجي مڪاني جانور اُٺ تي گذارو ٿي ڪيو. مونکي ياد آهي ته 1968ع ۾ اسان جو ٻه ٽي دفعا جڏهن لبنان جي شهرن طرابلس ۽ بيروت اچڻ ٿيو ته، اهڙن ماڊرن ۽ امير هنڌن تي به بن ڪواب، قيمي جو ٻوڙ يا عرب ملڪن جي مشهور سئنڊوچ- شورما ۾ اُٺ جو گوشت استعمال ٿي ٿيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عرب دنيا ۾ تيل جي دولت اچي وئي. يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ عرب سير سياحت ڪندي نظر اچڻ لڳا. مون انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکيو آهي ته عربن مان يورپين جي ايڏي ڪمائي ٿي ٿئي، جو لورپول (انگلينڊ) جهڙين هوٽلن ۾ عربيءَ ۾ لکيل مينو ۽ اشتهار نظر اچن ٿا. عربن جو اهڙي طرح برگر، اسٽيڪ، مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙين شين لاءِ ٽيسٽ ڊيولپ ٿيو ۽ کين اُٺ جو گوشت مڪروه لڳو. هو فروزن چڪن (ڪڪڙ جو گوشت)، ڊئنمارڪ ۽ اسپين مان ۽ فروزن مٽن ۽ بيف (رڍ ۽ ڳئونءَ جو گوشت) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مان گهرائڻ لڳا. سڄي عرب دنيا ۾ يورپي ۽ آمريڪي فاسٽ فوڊ جون هوٽلون/ ريسٽورنٽون کُلي ويون ۽ وئي گوشت جي ڊمانڊ وڌندي. ان دوران گوشت سپلاءِ ڪندڙ ڪجهه يورپي ڪمپنين سوچي سمجهي يا غير ارادي طور فراڊ به ڪيو ۽ سوئر جي گوشت جو قيمون ڳائي گوشت جي نالي ۾ موڪليندا رهيا- خبر مشهور ٿيڻ تي هو ڪچو گوشت گهرائڻ بند ڪري، جيئرا جانور گهرائڻ لڳا، جيئن انهن کي پنهنجي اکين اڳيان، اسلامي طريقي سان ذبح ڪيو وڃي. +هونءَ فروزن گوشت جيڪو اسان عام ڪارگو جهازن جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ يا ريفريجريٽيڊ ڪارگو جهازن (Refers) ۾ کڻي ايندا هئاسين، هاڻ جيئريون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون ڍوئڻ لاءِ هڪ خاص قسم جا جهاز نڪري پيا. انهن جهازن ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه جانورن جو خيال رکڻ ۽ کين چارو کارائڻ وارا، صفائي ڪرڻ وارا ۽ جانورن جا ڊاڪٽر پڻ چڙهن ٿا. ان هوندي به خراب موسم ۽ گرميءَ ڪري ڪيترائي جانور مريو وڃن. انجڻ جي خراب ٿيڻ تي انسان ته هوا خوريءَ لاءِ ڪمرن مان ٻاهر نڪري، ڊيڪ تي اچي سگهن ٿا. هيترن سارن جانورن کي ڪاڏنهن ڪجي؟ جنريٽر جي بند ٿيڻ تي، جانورن جي لوهي واڙن جو Ventilation سسٽم بند ٿيو وڃي ۽ ٻوسٽ توڙي گرميءَ ڪري، جنهن نموني سان هي بي زبان جانور چيچلائي چيچلائي مرن ٿا، اهو هڪ ڏکوئيندڙ نظارو آهي. يا باهه لڳڻ تي اسان انسان ته ٻيڙين رستي جهاز تان لهيو وڃون، پر معصوم رڍون جيئري باهه حوالي ٿيو وڃن. کين سمنڊ ۾ به نٿو لاهي سگهجي، جو اهي ڪتي يا ٻلي جيترو به تري نٿيون سگهن. رڍ، ٻڪري هجي يا ڍڳي، سمنڊ ۾ ڪِرڻ بعد اها سڌو هيٺ هليو وڃي. ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۽ USA جون ”جانورن جو خيال رکڻ واريون تنظيمون“ احتجاج ڪنديون رهن ٿيون ته، گگدام چانورن تي ڪهل ڪريو ۽ انهن جي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ ٽرانسپورٽ بند ڪريو، پر ان معاملي ۾ نه عرب ملڪ گهرائڻ بند ڪندا ۽ نه وري نيوزيلينڊ، آسٽريليا يا آمريڪا وارا موڪلڻ بند ڪندا. ڇو ته انهن ملڪن جي رڍن جي اُن (Wool) مان وڏي ڪمائي آهي. ٻه ٽي سال رڍن مان اُن ڪڍڻ بعد انهن کي ڪوس خاطر، عرب ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ڏي موڪليو وڃي ٿو. +دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مال (رڍون توڙي ڳائو مال) عرب ملڪ ۽ جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا، برونائي وغيره گهرائي ٿو ۽ سڀ کان گهڻو ايڪسپورٽ آسٽريليا مان ٿئي ٿو. گذريل سال آسٽريليا چالهه لک رڍون ۽ اٺ لک ڳائو مال، مختلف ملڪن ڏي موڪليو. اهڙيءَ طرح نيوزيلينڊ ۽ آمريڪا وغيره ڪوس جا جانور ايڪسپورٽ ڪري ٿو. اڄڪلهه جو ماڊرن جهاز هڪ لک کان سوا لک کن رڍون کڻي سگهي ٿو. جهاز تي ڍوئجڻ وارا هي جانور جهاز جي حادثي (ٻُڏڻ يا سڙڻ) تي ته مرن ٿا ۽ پر هڪ عام سفر ۾ به ڪيترائي جانور بک، گرمي Heat stroke، اُڃ (Dehydration) وگهي مريو وڃن. مون کي ياد آهي ته 1980ع ۾ جڏهن اسان جو جهاز مالاڪنڊ ملاڪا نار (ملائيشيا) وٽان لنگهي رهيو هو ته Farid fares نالي هڪ Cattle ship، جيڪو آسٽريليا کان ايران لاءِ 41 هزار رڍون کڻي نڪتو هو، ان کي باهه لڳي ويئي. جهاز ۾ موجود ماڻهن ته پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيئي پنهنجي جان بچائي ورتي، پر جهاز سمورين رڍن سميت سڙي خاڪ ٿي ويو. اهڙيءَ طرح 1996ع ۾ UNICEB نالي هڪ جانورن جي جهاز کي، هندي وڏي سمنڊ ۾ باهه وڪوڙي وئي هئي. اهو جهاز آسٽريليا کان ستر هزار رڍون کڻي اردن وڃي رهيو هو. منجهس موجود هڪ رڍ به بچي نه سگهي. ڪجهه سڙي ويون ��اقي ٻُڏي ويون. اهڙيءَ طرح ويجهڙائيءَ ۾ Guernsey express نالي هڪ جهاز جي خبر پڙهڻ ۾ آئي، جيڪو پئسفڪ سمنڊ ۾ Guam وٽ سورهن سؤ ڍڳين سميت ٻُڏي ويو. بهرحال اهي ته چند مثال آهن جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن. صحيح تعداد ته تمام وڏو ٿي سگهي ٿو. +هونءَ هي رڍن ڍڳين جو ڪاروبار، گذريل ٽيهه چاليهه سالن کان وڏي زور شور سان هلي رهيو آهي، پر عام پبلڪ کي ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ، هنن ڏهاڪو کن سالن ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا کان علاوه اليڪٽرانڪ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪا ڳالهه دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿئي ٿي ته، ان ئي وقت ان جي خبر ٻي ڪنڊ تائين پهچيو وڃي. پر اسان واري علائقي (ايشيا ۽ آفريڪا) کان علاوه يورپ پاسي رڍن جي هن ڪاروبار جو گهڻو وڳوڙ سال 2003ع ۾ ”ڪورمو ايڪسپريس“ جهاز واري واردات بعد مچي ويو. +هالينڊ جو هي اسٽيم جهاز ڪورمو ايڪسپريس Coromo-express 5 آگسٽ 2003ع تي جدي (سعودي عرب) لاءِ 57 هزار رڍون چاڙهي آسٽريليا جي بندرگاهه Fermantle مان نڪتو. +اٽڪل سورهن ڏينهن جي سفر بعد هي جهاز جدي وٽ پهتو ۽ قانون موجب کيس سامان (رڍون) لاهڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويو، جتي سعودي عرب جا مقرر ٿيل جانورن جا ڊاڪٽر (Veterinarians) رڍن جي چڪاس لاءِ جهاز تي پهتا. کليل ماحول مان ڪڍي جڏهن رڍن کي جهازن جي لوهي واڙن ۾، هڪ موسم واري ملڪ کان ٻي موسم واري ملڪ ۾ آندو وڃي ٿو ته گرمي، هٻس، اڻپوري کاڌي ۽ سندن ئي لاٿل گند ۽ پيشاب جي گڏ ٿي وڃڻ ڪري ۽ ذهني Stress ڪري، هنن کي دستن، سهڪ، بخار، نمونيا جهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون- خاص Scabby mouth جهڙي بيماري، جنهن کي سنڌيءَ ۾ شايد سمارو سڏيو وڃي ٿو. وات جي هيءَ بيماري Scabby mouth هڪ عام بيماري آهي، جيڪا سامونڊي سفر دوران رڍن کي اڪثر لڳي ٿي ۽ هڪ حد تائين رڍن جو ان بيماريءَ جو شڪار ٿيڻ قابل قبول سمجهيو وڃي ٿو. رڍون گهرائڻ وقت رڍون موڪليندڙ ۽ خريد ڪندڙ جي وچ ۾ معاهدو ٿيندو آهي ته ڪيتريءَ حد تائين بيمار رڍون قبول ڪيون وينديون. +سعودي عرب هيءَ جيڪا 57000 رڍن جي کيپ، آسٽريليا کان گهرائي، ان لاءِ سعودي عرب پنج سيڪڙو سمارو (Scabby mouth) بيماري واريون رڍون- يعني 2850 کن جي قبوليت جو معاهدو ڪيو هو. پر رڍن سان ڀريل هن جهاز Cormo express جي جڏهن جانورن جي بيمارين جي ماهرن چڪاس ڪئي ته، بيمار رڍن جو تعداد ڇهه سيڪڙو کان به مٿي هو. سعدي عرب رڍن جي هن سموري کيپ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جهاز وارن کي صاف صاف چيو ته، هنن رڍن مان بيماريءَ جو انديشو آهي، ان ڪري هڪ رڍ به سعودي عرب جي سرزمين تي لهڻ نه ڏني ويندي ۽ جهاز هتان لنگر کڻي ڪنهن ٻئي پاسي ٽري وڃي. +سمارو بيماريءَ کان علاوه رڍن جي سرسري حالت به اثر انداز ٿيل لڳي ٿي. جهازي ماهرن اهو به شڪ ڏيکاريو ته پراڻي کٽاري قسم جي جهاز ۽ گهٽ پگهار تي نيم ڄاڻو پورهيتن (Workers) ڪري به ائين ٿيو. جهاز ۾ نه صحيح طرح هوا جو گذر هو ۽ نه اليڪٽرڪ پنکن ۽ بلوئرن ڪم ٿي ڪيو ۽ آگسٽ جهڙي مهيني ۾ جڏهن آسٽريليا ۾ ته کڻي سيارو ٿئي ٿو، پر دنيا جي مٿين اڌ گول ۾، اسان وٽ ته اونهارو ٿيو ۽ انهن مهينن ۾ بحرِ احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي گرمي ايئرڪنڊيشنرن کي به مات ڪري ڇڏيو. بهرحال پنکن ۽ هوا جي سٺي گذر جي کوٽ کان علاوه هن جهاز ”ڪمورو ايڪسپريس“ جي Desalination plant (سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ واري مشين) ڪم نٿي ڪيو. جهاز تي چڙهيل پنجاهه کن جهازين لاءِ ئي پاڻيءَ جو وڏو مسئلو ٿئي ٿو، اتي اڌ لک کن رڍن کي ههڙي گرميءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪيڏي ضرورت پوندي هوندي. هڪ رڍ سڄي ڏينهن ۾ چار لٽر پاڻي پيئي، ته به روزانو رڍن لاءِ ٻه لک لٽر پاڻي جي ضرورت ٿي، جيڪو پاڻي بندرگاهه مان خرد ڪري نٿو سگهجي، جو پاڻي تمام مهانگو آهي ۽ نه وري جهاز تي ايڏيون وڏيون ۽ ايتريون ٽانڪيون آهن، جن ۾ ٻن ٽن هفتن جي ضرورت جو پاڻي جمع ڪري ٿو سگهجي، سو جهاز تي پاڻي ٺاهڻ جي مشين جنهن کي Fresh water evaporator به سڏجي ٿو، هجڻ ضروري آهي ۽ هن جهاز وارن ان مشين جي خراب هجڻ جي صورت ۾ ڪيئن پئي ڪم هلايو، سمجهه ۾ نٿو اچي. +جهاز جي Extraction plant ۾ پڻ مسئلو هو. اها مشين رڍين جي +پيشاب ۽ ٻئي گند ڪچري کي ڇڪي ٻاهر سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ٿي. مشين صحيح طرح ڪم نه ڪرڻ ڪري، رڍن کي هر وقت ان گند ۾ بيهڻو پيو ٿي ۽ انهن کي چارو پڻ خراب حالت ۾ مليو ٿي، ڇو جو چاري لاءِ جهاز تي الڳ آهر نه ٿين. اهو مشينن رستي انهن مٿان اڇلايو وڃي ٿو، جنهن جو ڪجهه حصو رڍن جي پيشاب، ڦولڙين ۽ دستن سان مڪس ٿيو وڃي. +سعوي عرب وارن جو هيءَ رڍن جي کيپ قبول نه ڪئي ته، هاڻ هيترا سارا ساهه وارا ڪيڏانهن وڃن، جن لاءِ گلف جي گرميءَ جو هڪ هڪ ڏينهن عذاب هو. جهاز وارن لاءِ به وڏو مسئلو هو. ڪنٽينر، ڪارون، دٻا يا تيل جهڙو ڪارگو هجي ته جهاز ائين ئي بيٺو هجي. هتي اڌ لک کن ساهه وارا جانور هئا، جن جي صفائي جو مسئلو هڪ طرف هو. جنهن جي بدبوءِ ۾ نه فقط جهاز وارن کي، پر رڍن کي به گهوماٽي رهي هئي. ٻئي طرف انهن جي کاڌي پيتي جو مسئلو هو. پنج يا ڇهه سيڪڙو بيمار رڍون سي به سمارو جون مريض ڪو وڏو مسئلو نه هو، پر هاڻ گهڻا ڏينهن گذرڻ، گرمي ۽ غير هائيجڪ حالتن ڪري روزانو پنجاهه کن رڍون مري رهيون هيون، جن کي بندرگاهه وٽ سمنڊ ۾ اڇلي نٿو سگهجي، جو ان مان بيماريون پکڙجڻ جو انديشو رهي ٿو. انهن کي کلئي سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو. وڏي ڳالهه ته انهن مري ويل رڍن کي هزارن جي تعداد مان ڳولي ڪڍڻ به هڪ مسئلو آهي ۽ جي ڳولي نٿو ڪڍجي ته انهن مان ڍونڍ جهڙي بدبوءِ ٿي نڪري. +ان دوران آسٽريليا کان هنن جا جانورن جا ڊاڪٽر سعودي عرب حڪومت وارن کي Convince ڪرڻ لاءِ آيا ته، رڍن ۾ بيماري ان حد تائين ناهي جو الڪو ڪرڻ کپي، پر سعودي حڪومت جي ڊاڪٽرن، فوڊ ڊپارٽمينٽ ۽ صحت کاتي ڳالهه نه مڃي. آسٽريليا وارن جي به وڏي بي عزتي ٿي، جو اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي هي قصو ڏينهون ڏينهن مشهور ٿي رهيو هو ۽ آسٽريليا جي هن بلين ڊالر بزنيس کي ڇيهو رسي رهيو هو. رڍن جي آسٽريلوي واپاريءَ جو نمائندو پاڻ هلي آيو ۽ رڍن جي نيڪال لاءِ اوسي پاسي جي عرب ملڪن سان سودو طئه ڪرڻ لڳو. انهي دوران ڪورمو ايڪسپريس جهاز ٻاهر کلي سمنڊ ۾ اچي مئل رڍون ڪجهه جهاز جي بئالرن ۾ ساڙي ۽ ڪجهه سمنڊ ۾ ٻوڙي اردن جي بندرگاهه عقبه ۾ پهتو. اردن وارن چيو ته هونءَ کڻي اسان رڍون خريد ڪريون، پر جيئن ته هو ٻئي ملڪ لاءِ آيون ۽ انهن جي رد ڪرڻ جي خبر عوام کي چئجي چڪي آهي، ان ڪري هن سودي ۾ وقت جي حڪومت کي سياسي طرح وڏو ڇيهو رسندو. +28 آگسٽ تي جهاز عقبه کان موٽي وري جدي آيو. ان دوران آسٽريليا کان هاءِ ليول جي هڪ ڪميٽي رياض ۾ اچي سعودي حڪومت جي واسطيدار عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر آسٽريليا وارن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. جهاز وارا سعودي عرب مان رڍن جي خوراڪ لاءِ ٻن هفتن جو چارو خريد ڪري دبئي آيا، پر انهن به رڍن کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. اتي سيپٽمبر جي به يارهين تاريخ ٿي وئي، رڍن جهاز جي لوهي ڪمرن ۾، ايراني نار جي گرمي ۾ سڙنديون رهيون. انهن کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ، جهاز کي ايراني نار مان ڪڍي، عربي سمنڊ ۾ هلائڻ شروع ڪيو، جيئن ڪجهه ٿڌي هوا لڳي ۽ رڍن جي روزاني موت ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿئي. +بهرحال قصو کٽائڻ لاءِ ه��ي مختصر طور اهو لکان ته آسٽريليا وارا اهڙا ته بيزار ٿي پيا، جو هنن اوسي پاسي جي ڏهه کن غريب ملڪن جي لسٽ ٺاهي، انهن جي حڪومتن کي منٿ ميڙ ڪئي ته مفت ۾ ئي رڍون کڻو، جيئن هڪ طرف جهاز وارن جي جان ڇٽي ۽ ٻئي طرف گگدام جانورن کي جهاز جي قيد کان آزادي ملي، جنهن لاءِ دنيا جون ڪيتريون ”جانورن کي ظلم کي بچائڻ“ واريون ڪميٽيون گوڙ ڪري رهيون هيون ۽ آسٽريليا بدنام ٿي رهيو هو. انهن ڏهن ملڪن ۾ افغانستان ۽ پاڪستان به شامل هئا، پر انهن به هيءَ خيرات قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آسٽريليا جي وزيراعظم جان هاورڊ اسيمبليءَ ۾ اهوئي اظهار ڪيو ته، لڳي ٿو ته رڍن جي هن کيپ کي واپس وطن گهرائڻو پوندو. +وزيراعظم جو اهڙو اعلان ٻُڌي ماڳهين سندس ماڻهو مڇرجي پيا +ته اهي رڍون جن ٻين ملڪن جو چارو کاڌو آهي، انهن کي آسٽريليا جهڙي پاڪ، صاف ڌرتيءَ تي نه آندو وڃي، جو ٿي سگهي ٿو ته اهي هاڻ ڌارين ملڪن مان ڪن بيمارين جا جراثيم کڻي اچن ۽ جيڪڏهن هنن کي آندو به ويو ته هرهڪ جو ڪئارنٽائين ٿيڻ ضروري آهي- معنيٰ هرهڪ رڍ کي ٽي ڏينهن کن خاص ڪمري ۾ رکي، چڱيءَ طرح ميڊيڪل چڪاس ڪئي وڃي. ٻين لفظن ۾ ”ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان“ يا ”اَٺ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي. ڪري پئي کوهه ۾ ته ڏيڍ رپيو ڪڍاڻي.“ +جهاز کي ايراني نار، ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ ڀٽڪندي ڏهين آڪٽوبر ٿي ويو. آخر آسٽريليا جي وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا هن بدنصيب جهاز Cormo express کي واپس آسٽريليا گهرائڻ جو اعلان ڪيو. جهاز جئين ئي لنگر کنيو ته انجڻ جي بريڪ ڊائون ٿي پيئي. رڍن جو نيڪال جو اڳهين مسئلو، هاڻ جهاز جي انجڻ مٿي جو سور ٿي پئي. ٺهڻ ۾ ويو ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندو. پراڻو جهاز- جهاز جا انجنيئر جيڪا شيءِ کولين اها هٿ ۾. انهيءَ دوران آسٽريليا هڪ ڀيرو وري اوسي پاسي جي غريب ۽ گهر جائو ملڪن سان لهه وچڙ ۾ آئي ۽ عراق، سوڊان جهڙي ڪنهن ملڪ قبوليت جو ٿورو گهڻو خيال ٿي ڏيکاريو، ته يورپ ۽ آمريڪا جي ڪجهه عيسائي ۽ يهودي ٻاون ۽ پنڊتن وٺي گوڙ ٿي ڪيو ته ”رڍن سان ظلم بند ڪريو.“ هنن اڳهين ٽي مهينا کن جهاز جي گرمي، گند ۽ Stress ۾ گذاريا آهن. هاڻ ڪنهن مسلمان ملڪ جي حوالي ته نه ڪريو جو مسلمان وڏا ظالم آهن. ڍورن جي اڌ ڳچي ڪپي هنن کي تڙپائي تڙپائي مارين ٿا. ان قسم جا خط دنيا جي ڪيترين اخبارن ۾ ايندا رهيا. هڪ همراهه ته خط ۾ اهو به لکيو ته مسلمانن کي ڪو سمجهائي ته خدارا گگدام جانورن کي مڏيءَ ڇريءَ سان ته نه ڪهو. +بهرحال ان قسم جي خطن جي جواب ۾ ڪجهه مسلمانن به خط لکيا هوندا. هڪ يورپي مسلمان (Neo Muslim) جو ملائيشيا جي ڪنهن اخبار ۾ مون به پڙهيو. هو ڪو ڊاڪٽر لڳي ٿو ۽ هن اسلام کان اڻ واقفڪارن کي ٻُڌايو ته، اسلام جانور توڙي پکيءَ کي ذبح ڪرڻ لاءِ هميشھ تکي ڇري استعمال ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪئي آهي ۽ ذبح ڪرڻ وقت جانور جي رڳو رت جي نليءَ کي ڪٽيو وڃي ٿو، جيئن هن جي ڪرنگهي جي نس (Spinal card) سلامت رهي ۽ هن جي دل آخر تائين رت کي پمپ ڪري ٻاهر ڪڍندي رهي ۽ جانور جو ڦٿڪڻ دراصل هن جي دل ۽ ان سان وابسته نليون Contraction ۽ Expansion جو عمل ٿيون پيدا ڪن. جانور کي ته تڏهن سور ٿئي ٿو، جڏهن هن کي جهٽڪي سان ماريو وڃي ٿو يا هن جو ڪرنگهو ڪٽيو وڃي ٿو. ۽ ڪنهن به جانور کي کائڻ کان اڳ، هن جي جسم جو رت خارج ڪرڻ، ان ڪري به ضروري آهي، جو رت ۾ جراثيم ۽ بيماريون ٿين ٿيون، جيڪي ٻئي تائين ٽرانسفر ٿين ٿيون ۽ چوڏهن سؤ سال اڳ جي هن ڳالهه جي اڄ جي سائنس به تصديق ڪري ٿي. +بهرحال جانورن کي دڳ لاهڻ لاءِ آسٽريليا جي حڪومت، رڍن کي واپس پنهنجي ملڪ موٽائڻ جو ظاهري طرح اعلان ڪيو، پر ڳجهه ڳوهه ۾ هنن آفريڪا جي هڪ ملڪ اريٽيريا وارن سان معاهدو ڪري ورتو. جهاز جي مشينري جيئن ئي صحيح ٿي ته هنن کي اريٽيريا ملڪ جي بندرگاهه ماساوا (Massawa) وڃڻ لاءِ چيو ويو، جيڪو ڳاڙهي سمنڊ کان ڏينهن ٻن جي پنڌ تي آهي. اهڙي طرح اهي رڍون جيڪي 5 آگسٽ تي جهاز تي چڙهيون 74 ڏينهن بعد 24 آڪٽوبر تي لاٿيون ويون. ايتريون رڍون لاهڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا. (چاڙهائڻ ۾ جيترا ڏينهن لڳن ٿا لاهڻ ۾ ان کان هميشھ هڪ ڏينهن وڌيڪ لڳي ٿو.) اريٽيريا وارن کي نه رڳو رڍون مفت ۾ ڏنيون ويون، پر آسٽريليا وارن کي وڌيڪ خواريءَ کان بچائڻ جي خوشيءَ ۾ هنن اريٽيريا وارن کي ٽي هزار ٽن ڏاري جا ۽ هڪ ڪروڙ ڊالر روڪ پڻ ڏنا. رڍن کي ماساوا بندرگاهه تي لاهڻ بعد کين ٽرڪن ذريعي 25 کن ڪلوميٽر پري اسمارا (Asmara) جي چراگاهن ڏي نيو ويو. جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن جو ٿورو مڃيو، جيڪي ايڏي بي افعالي ۽ تڪليف واري سفر کان جواب ڏئي ڀڄي به وڃي سگهيا ٿي. +“We would like to thank our master, officers and crews for their highly professional conduct throughout this trying and stressful period. Their conduct deserves nothing but praise.” +هالينڊ جي هن جهازران ڪمپنيءَ جي چيئرمين Vroon BV جهاز جي هر ماڻهوءَ کي سرٽيفڪيٽ ڏنو. +ان کان وڌيڪ جهاز جي ڪمپنيءَ وارا ۽ آسٽريليا جي حڪومت، آفريڪا جي هن غريب عيسائي ملڪ اريٽيريا جي شڪر گذار ٿي، جنهن هنن کي وڏي خفي مان بچائي ورتو ۽ ان بابت اخبارن ۾ بيان آيو هو ته: +“We are extremely pleased that this difficult situation has finally been resolved, which brings to an end the unacceptable stress imposed on the animals as a consequence of the prolonged voyage.” +پراڻي جهازن جي مالڪن جون آکاڻيون پڙهبيون آهن ته، انهن ڏينهن ۾ جهاز هوا جي آڌار تي هلندا هئا. جهاز جڏهن طوفانن ۾ ٻُڏي ويندا هئا ته، انهن جي مالڪن کي اڪثر هارٽ اٽئڪ ٿيندو هو. جهاز ۽ جهازن جي دنيا ۾ جتي انيڪ فائدا آهن، اتي ڪيترا اڻ ڄاتل نقصان پڻ آهن، جن جي صدمي وگهي اڄ به جهازن جا مالڪ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا. +دادوءَ جي چيف انجنيئر ظهير بابر، هن جهاز کي ”ڪورمو ايڪسپريس“ جي حوالي سان چيو: ”سائين منهنجا! اسان رڳو جهاز جي مالڪ تي چڙ ڪيون ٿا. اهو ته سوچيو ته هن جو ته ان سفر ۾ الهه تلهه ناس ٿي ويو.“ ۽ پوءِ هن حساب ڪندي چيو: +57 هزار رڍن جي جوهي ۽ مهيڙ جي مارڪيٽ جي حساب سان قيمت پنج هزار رپيه لڳائجي، ته به اها ٿي 285,000,000 رپيا. اڍائي مهينا کن جهاز هليو (بندرگاهه ۾ بيٺو هو ته به جنريٽر ۽ ٻيون مشنيون ته هليون پئي)، ان کان علاوه جهاز هلائيندڙ جا پگهار ۽ کاڌا پيتا، رڍن جي چاري جا پئسا سڀ ملائي، هڪ ڏينهن جو ٿورو خرچ لڳائجي، ته به ٻه لک رپيا ته گهٽ ۾ گهٽ ٿيندو. يعني 75 ڏينهن جو ٿيو 15000,000 رپيا. ٽيهه هزار ٽن ڏارو جيڪو رڍن سان گڏ ڏنو ويو، ان جي اريٽريا جهڙي ڏڪاريل ملڪ ۾ قيمت ٿي 6000,000 رپيا. ان کان علاوه جن کي مفت ۾ رڍون ڏنيون ويون، انهن جي مدد ۽ مهرباني مڃڻ خاطر 60,000,000 رپيا ڏنا ويا. هاڻ رڳو اهي خرچ ڳڻجن ته 366,000,000 رپيا ٿيا، يعني ڇٽيهه ڪروڙ سٺ لک رپيا، جهاز جي مالڪ کي، ڏني نه ورتي گهران ڀرڻا پئجي ويا. ان کان ته اهي اڍائي مهينا کن جهاز هڪ هنڌ بيٺو هجي ها ته اهو سٺو هو.“ +جهازن جي چيف انجنيئر ظهير بابر جيئن ئي ڳالهه ختم ڪئي ته، ڪن ۾ چيومانس ”پوءِ ڀلا اهو نڀاڳو جيئرو آهي يا مري ويو؟“ +ظهير پنهنجو روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ڀاءُ منهنجا! شڪر ڪري ته کيس ٻيا به ٽي چار جهاز آهن، جيڪي ڪمائي رهيا آهن، نه ته هن مالڪ جو موت سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ٿي وڃي ها، جڏهن عربن، اردينين ته ڇا پاڪستان ۽ ا��غانستان به هن تحفي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.“ +رڍن واري هن جهاز ڪورمو ايڪسپريس جو قصو پهرين مهيني آگسٽ ۾ پاڪستان ۾ ايترو مشهور نه ٿيو، پر پوءِ جڏهن سعودي عرب، اردن يا ڪنهن ٻئي امير عرب اهي رڍون (جن مان ڇهه ست سيڪڙو کن کي وات جي بيماري لڳي وئي) خريد ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪيو ته، نيٺ آسٽريليا وارن انهن رڍن مان جان ڇڏائڻ لاءِ عراق، افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش جهڙن ملڪن کي مفت کڻڻ لاءِ آڇ ڏني. پاڪستان جو نالو ميڊيا ۾ اچڻ سان نه فقط پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني ماڻهن ۾، ان بابت بحث مباحثا شروع ٿي ويا. آئون انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ هوس، جتي مونکي ياد آهي ته پاڪستاني سفارتخاني جي ٻاهر يا نماز جي وقت ٽوڪيو جي مسجد ۾- خاص ڪري جمع نماز تي، اسان جي ماڻهن جا ان خبر بابت تمام گهڻا گرم گرم بحث شروع ٿي ويا. ڪن جو چوڻ هو ته موقعو سٺو آهي، مفت ۾ هيتريون ساريون رڍون پيون ملن، جن ۾ فقط هڪ ننڍڙو تعداد سمارو (Mouth scabby) ۾ ورتل آهي، باقي ته سڀ صحيح ۽ سٺي نسل جون آهن ۽ اها بيماري ڪا Mad Cow وانگر وچڙندڙ يا انسان ذات لاءِ نقصانڪار ته نه آهي، جو اسان نخرو ٿا ڪريون. ڪن جو وري اهو رايو هو ته اهڙي قسم جي خيرات اسان پاڪستانين کي هرگز هرگز قبول نه ڪرڻ کپي. اسان ڪي فقير ته نه آهيون. ڀلا جي غريب آهيون ته به، ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان وغيره وغيره. +هن جهاز بابت پاڪستان جي به مڙني اخبارن ۾ خبرون ۽ ان تي تبصرا ۽ پڙهندڙن جا خط ايندا رهيا ٿي. اهڙن خطن مان ٻه کن خطن جي ڪٽنگ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو. پهريون خط اسلام آباد مان ڪنهن ڊاڪٽر زرينا نالي محترمه جو آهي... +”...آسٽريليا کان ڪنهن جهاز ذريعي سعودي عرب لاءِ موڪليل اڌ لک کن رڍون، سعودي عرب اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي ته، انهن ۾ ڇهه سيڪڙو کن (يعني 3000 کن) رڍون بيمار آهن جڏهن ته هنن جو معاهدو پنج سيڪڙو تائين هو. +آسٽريليا حڪومت طرفان، اهي سموريون رڍون Donation طور پاڪستان کي ڏيڻ جي آڇ ٿي آهي، پر پاڪستان طرفان اهو چئي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ته، رڍن جو ايڏو وڏو تعداد سنڀالڻ مشڪل آهي. +ڪوبه Donation (امداد) اسان جهڙي غريب ملڪ لاءِ سنڀالڻ ڏکيو ڪم ناهي، جتي چاليهه سيڪڙو کان مٿي عوام مسيڪي واري ليڪ کان هيٺ آهي. هر رڍ جي قيمت چار پنج هزار رپيا چئي وڃي ٿي. رڍون اتاهين قسم جي پروٽين کان علاوه اُنَ، کير ۽ چمڙو مهيا ڪن ٿيون. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي غريب ماڻهن انهن کي پالڻ چاهيندا. انهن مڙني رڍن جي قيمت پندرهن ويهه ڪروڙ رپيا ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن کوکي ۾ ڪجهه انب خراب آهن يا ڪنهن ٽوڪريءَ ۾ ڪجهه بيضا خراب آهن ته، ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته هڙ جي هڙ اڇلي ڇڏجي. اسان جي ملڪ جي جانورن جي ڊاڪٽرن کي اڳيان وڌي صلاح ڏيڻ کپي ته آيا ان قسم جي Benign وات جي بيماري واري رڍ جو گوشت کائڻ ۾ ڪو نقصان ته نه آهي ۽ آيا اها بيماري ڦهلجندڙ ته نه آهي؟ جيڪڏهن اها بيماري ڦهلجندڙ آهي ته پوءِ اسان کي هيءَ امداد هرگز وٺڻ نه کپي، پر جي اهڙي ڳالهه ناهي ته، ان قسم جي آفر قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ جيڪڏهن فقط بيمار رڍون نقصانڪار آهن ته، انهن کي ڪُهي زمين اندر پوري ڇڏجي يا ساڙي ڇڏجن، باقي 47 يا 48 هزار رڍون جيڪي صحتمند آهن، اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ غريب ماڻهن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون...“ +اهڙي طرح هڪ ٻيو خط علي ريحان نالي ڪنهن همراهه جو دبئيءَ مان لکيل آهي. جيڪو 27 يا 28 سيپٽمبر واري انگريزي اخبار ۾ ڇپيو. +”... ڪيتري ته افسوس جي ڳالهه آهي جو يورپي، آمريڪي توڙي آسٽريليا جهڙا امير ملڪ، اسان جي ملڪ پاڪستان کي شايد ”ڪچرا ڪُنڊي“ سمجهن ٿا ۽ دنيا جي هر گند ڪچري لاءِ پاڪستان کي Dumping ground سمجهن ٿا. پوءِ زهريلو مادو (Toxic waste) هجي يا بيمار رڍن جو ڌڻ. ان ذلالت جو اهوئي سبب آهي جو اسان جو ماضي هميشھ هنن اڳيان جهڪندي گذريو آهي. +اُميد ته اسان جي حڪومت جو بيمار رڍن کي قبول ڪرڻ وارو انڪار قائم رهندو ۽ ڪنهن به مرحلي تي هائوڪار نه ڪئي ويندي، ڇو جو اڃا تائين رڍن جي مستقبل جو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ بقول آسٽريليا حڪومت جي، ان سلسلي ۾ سندن ڳالهيون ڪنهن ويجهڙائيءَ واري ملڪ سان ڳجهه ڳوهه ۾ هلي رهيون آهن. اُميد ته اهو ملڪ اسان جو ملڪ نه هوندو... +پاڪستان جي انڪار ڪرڻ تي آسٽريليا کي ناراض نه ٿيڻ کپي، جو هنن رڍن ۾ مقرر تعداد کان وڌيڪ بيمار آهن ۽ اهي رڍون جيڪي سعودي عرب ۾ رهندڙن لاءِ هاڃيڪار آهن، اهي اسان جي ماڻهن لاءِ به نقصانڪار آهن...“ +اھڙا جھاز جن ۾ ريل گاڏيون بھ چڙھن +گذريل مضمونن ۾ پاڻ پاڻيءَ جي مختلف جهازن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اڳ ۾ ته فقط هڪ ئي قسم جا جهاز Cargo ships هوندا هئا. ان وقت جا ويندي مسافر بردار جهاز (Passenger ships) به اڌ گابرا ”ڪارگو جهاز“ هئا. ٽيهه سال کن حاجين کي جدي کڻي ويندڙ پئسينجر جهاز ”سفينه حجاج“ ڪارگو جهاز ئي ته هو، جنهن جي سامان جي هئچن (گگدامن) ۾، ويچارا حاجي پنهنجي سامان سميت سٿجي جدي ويندا هئا. بهرحال گذريل صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ سامان ۽ سفر جي نوعيت مطابق جهاز ٿي پيا... ڪارن کي کڻندڙ جهاز، وهٽن کي کڻندڙ جهاز (Live stock ships)، تيل کڻندڙ جهاز، ڪاٺ کڻندڙ جهاز، ڪيميڪل کڻندڙ جهاز، ڳوڻين بنا Bulk ۾ اناج ڍوئيندڙ جهاز وغيره، نڪري پيا. هڪڙا ريفر نالي جهاز پڻ آهن، جيڪي فروزن سامان کڻن ٿا. انهن جي هئچن (گدامن) کي مشينن رستي بيحد ٿڌو رکيو وڃي ٿو. گوشت کڻڻ جي صورت ۾ -20 ڊگريون ۽ مڇي کڻڻ لاءِ -30 جي لڳ ڀڳ ٿڌڪار رکي وڃي ٿي جو ايتري ٿڌ ۾ گوشت يا مڇي ڇهه مهينا رکڻ سان به خراب نٿي ٿئي. ميوو ۽ ڀاڄيون کڻي هلڻ ۾ انهن جهازن جي گدامن جو ٽيمپريچر +5 رکيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ ميون ۽ ڀاڄين مان نڪرندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ لڳاتار Exhaust فئن جو بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. بهرحال هي ڪم جهاز هلائيندڙ انجنيئرن جو ٿئي ٿو، جيڪي مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ”ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن“ +جهڙا سبجيڪٽ پڻ پڙهن ٿا. +آسٽريليا وارا مسلمان ملڪن لاءِ ته حلال ۽ پاڻ ذبح ڪرڻ جي چڪر ۾ جيئريون رڍون ۽ ڍڳيون ”ڍورن جي جهازن“ ۾ موڪلين، باقي ٻين ملڪن لاءِ ڪُٺل ۽ فروزن گوشت هنن ريفر جهازن ذريعي وڃي. جهاز تي چاڙهڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ، رڍن يا ڍڳين کي ڪُهي سندن گوشت کي ڪناري جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيو وڃي ٿو، جيئن اهو اندر تائين پٿر ٿي وڃي. پوءِ اهو گوشت جهاز جي ٿڌن گدامن ۾ ڀريو وڃي ٿو. جهاز تي مقرر آفيسر وچ وچ مان، ڪنهن ڪنهن فروزن جانور جي گوشت ۾، هڪ فٽ کن ڊرل ”اليڪٽرڪ مشين“ ذريعي داخل ڪري، مطمئن ٿئي ٿو ته اهو گوشت واقعي فروزن حالت ۾ جهاز ۾ چڙهي رهيو آهي. پوءِ هڪ دفعو جهاز تي چڙهڻ بعد جهاز جي انجنيئرن جي ذميواري آهي ته، هو سڄو سفر- ٻن ٽن هفتن جو يا مهيني ڏيڍ جو، هر وقت گهربل ٿڌ قائم رکن. بندرگاهه اچڻ ۽ سامان لاهڻ تي سامان جا مالڪ هڪ ته جهاز جو لاگ بڪ ڏسن ٿا ته، واقعي اهو گهربل ٽيمپريچر Maintain ڪيو ويو يا نه- جنهن جو رڪارڊ چئن چئن ڪلاڪن بعد لکيو ويندو آهي. ان کان علاوه سامان جي مالڪ جا سرويئر، وچان وچان فروزن رڍ يا ڍڳي ڪڍي، ان جي اندر ساڳو سوئو (Drill) اندر تائين وجهي، دلجاءِ ڪن ٿا ته، اها ٿڌ اندر تائين آهي يا نه. +مٿينِ ريفر جهازن تي انجنيئرن کي، جهاز جي انجڻن جو فڪر هڪ طرف ڪرڻو پوندو آهي ته ٻئي طرف ڪارگو کي ٿڌو رکڻ جو- جو ڪڏهن ڪڏهن اهو فروزن سامان اِهڙي نوعيت جو هوندو آهي، جو ان جي قيمت جهاز جي قيمت کان گهڻي هوندي آهي ۽ سامان خراب ٿيڻ تي جهاز جو مالڪ جهاز وڪڻي، ته به سامان جي قيمت ادا ڪري نه سگهندو. هڪ اهڙي ريفر جهاز تي آئون ٿرڊ انجنيئر هوس، جنهن تي فروزن ڪارگو ”ڪنگ پران“ هئا، جيڪي اسان انڊونيشيا مان جپان لاءِ کنيا هئا. بهرحال جيئرن جانورن جي جهاز (Cattle ship) کان وري به ريفر جهاز صاف سٿرا ۽ سڪون وارا ٿين ٿا. +پئسينجر جهازن جو گذريل صديءَ جي ٻئين ۽ ٽئين چوٿي ۾ وڏو ڌوم ڌڙاڪو ۽ شانُ مانُ رهيو. يا کڻي چئجي ته ٽائٽنڪ جهاز کان ڪُئين ميري ۽ ايلزبيٿ جهازن تائين. پر هاڻ جهازن جا مالڪ پئسينجر جهازن تي پئسو نٿا لڳائين. شروع جي ڏينهن ۾ پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپائڻ، پئسينجر جهازن جو اهم ڪم هوندو هو. ماڻهو يورپ کان آمريڪا يا آمريڪا کان يورپ ڪيئن اچن؟ هو هنن وڏن پئسينجر جهازن ۾ آيا ٿي، پر پوءِ گذريل صدي جي ستر واري ڏهاڪي کان جيئن ئي تيل جا اگهه چڙهڻ لڳا ۽ ٽڪيٽون مهانگيون ٿيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته وڏا وڏا هوائي جهاز ٺهي پيا، جن ۾ سفر ڪرڻ سان ڀاڙي ۽ وقت جو بچاءُ ٿيڻ لڳو ته، ماڻهن پاڻيءَ جي مسافر جهازن (Passenger ships) ۾ سفر ڪرڻ گهٽائي ڇڏيو. هاڻ جيڪي پئسينجر جهاز ۽ فيريون هلي رهيون آهن، اهي سير سياحت لاءِ آهن. يورپ جي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ کڻي وڃن ٿيون. يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور کان عرب ملڪن ڏي کڻي اچن ٿا يا وري آمريڪا کان برمودا، بهاما ۽ ٻين اهڙن خوبصورت ٻيٽن تي، ماڻهن کي موڪلون ملهائڻ لاءِ وٺي وڃن ٿا. +فيري پڻ جهاز ئي آهي، بلڪ عام ماڻهوءَ کي ته جهاز ۽ فيريءَ ۾ فرق ئي نظر نه ايندو. اڄڪلهه يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن (جپان، هانگ ڪانگ، ملائيشيا) پاسي ”فيريون جهاز“ مسافرن کي هڪ هنڌکان ٻئي هنڌ پهچائين ٿيون. فيريون گهڻو ڪري سمنڊ جو ننڍڙو حصو اڪارين ٿيون، جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون، پينانگ ٻيٽ کان بٽرورٿ شهر (ملائيشيا). انهيءَ ٻنهي هنڌن تي هاڻ وڏيون پليون به ٺهي ويون آهن ۽ فيري رستي گهٽ ماڻهو سفر ڪن ٿا، پر جڏهن ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ آئون اتي رهندو هوس ته، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ، وڃڻ لاءِ هر ڪنهن فيري استعمال ڪئي ٿي. انهن فيرين ۾ نه فقط مسافر پر انهن جون موٽر ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ انهن سان گڏ فيرين ۾ سمنڊ پار ڪن. سئيڊن جو ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه مالمو، جتان مون مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، اتي ته فيرين جو ڏاڍو رواج آهي. صبح کان رات جو يارهين تائين، اڌ اڌ ڪلاڪ بعد مالمو (سئيڊن) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) مختلف ڪمپنين جون فيريون ۽ ”هُوور ڪرافٽ“ هلن ٿا، جيڪي نه فقط مسافر ۽ سندن ڪارون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڍوئين، پر بسون پڻ. ان کان علاوه ڪجهه فيريون پولينڊ، جرمنيءَ ۽ انگلينڊ تائين به وڃن، جيڪو هڪ ڏينهن کان ٻن ڏينهن جو سامونڊي سفر ٿئي. مالمو ۾ تعليم دوران ڪڏهن ڪڏهن مونکي فيلڊ ٽرپ لاءِ جرمنيءَ جي شهر فليزنبرگ جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي وڃڻو پوندو هو، جتي پهچڻ لاءِ ڪڏهن باءِ ايئر ويندو هوس ته ڪڏهن ٽرين رستي. سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ بالٽڪ سمنڊ جي ڪري، باقي يورپ کان ڪٽيل آهي، سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، سئيڊن مان ريل ذريعي جرمني ڪيئن ٿو پهچي سگهجي؟ مالمو جي ريلوي اسٽيشن تي سئيڊن کان علاوه جرمني جي شه��ن جون ٽڪيٽون وڪامندو ڏسندو هوس ته، مونکي به حيرت ٿيندي هئي. پوءِ سال کن جي رهائش بعد فائنل ييئر ۾، مونکي جڏهن جرمني وڃڻو پيو ته سڀني صلاح ڏني ته، اوڏانهن وڏو ڀاڙو ڏيئي باءِ ايئر ڇو ٿو وڃان. سو پوءِ آئون به باءِ ٽرين جرمني وڃڻ لڳس، جيڪو سفر نه فقط آرامده ۽ خوبصورت نظاري وارو ٿي ٿيو، پر هوائي جهاز کان سستو پڻ. مالمو شهر جي وچ واري ريلوي اسٽيشن Malmo central تان جرمني جي شهر فليزنبرگ جي ٽڪيٽ وٺي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندو هوس، جيڪا ڪجهه وقت خشڪي (زمين) تان هلي بندرگاهه ۾ داخل ٿيندي هئي، جتي اها جرمني ويندي فيريءَ ۾ داخل ٿي ويندي هئي. اها فيري ايڏي ته وڏي ٿي ٿئي جو ان ۾ ٽي چار ريل گاڏيون بيهيو رهن. ريل گاڏين جي بيهڻ لاءِ انهن فيرين تي زمين جهڙا ريل جا پٽا ٿين. هي فيريون بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان ائين لڳي بيهن ٿيون، جو انهن ۾ ٺهيل ريل جا پٽا بندرگاهه جي پٽن سان ٺهڪيو بيهن. مالمو يا ٻين شهرن کان ايندڙ ريل گاڏيون هنن پٽن ذريعي فيريءَ ۾ داخل ٿيو وڃن. پوءِ فيري هلڻ مهل مسافر جي چاهين ته ريل گاڏيءَ ۾ ئي ويٺا رهن يا ان مان ٻاهر نڪري فيريءَ جي ڊيڪ تي اچي، سمنڊ جو نظارو ڪن يا فيريءَ جي ريسٽورنٽ ۾ چاهه/ ڪافي پيئن. +ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏهن سمنڊ جو اهو حصو پورو ٿيو وڃي ته، فيري جرمنيءَ جي سرزمين جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اچيو بيهي، جتي پڻ ڪناري کان وٺي ريل جا پٽا ٺهيل آهن. هڪ دفعو وري فيريءَ کي اهڙي طرح بيهارين جو ان ۾ ٺهيل ريل جا پٽا ٻاهر جي پٽن سان ڀچي بيهن ٿا ۽ ٽرين آسانيءَ سان انهن پٽن تي اچي، جرمنيءَ جي مختلف شهرن ڏي رواني ٿيو وڃي. ڪا ڪا ٽرين ته اڃا به پري فرانس جي ريلوي اسٽيشن تائين هلي وڃي ٿي. مسافرن جون ٽڪيٽون، پاسپورٽ ۽ ويزائون، ريل گاڏي هلندي يا فيري ۾ چيڪ ٿيندا رهن ٿا. +دنيا جا خوبصورت مسافر جھاز +گذريل صديءَ ۾ پئسينجر جهازن، سڀ کان گهڻا مسافر، يورپ ۽ آمريڪا وچ ۾ ڍوئيا. ٽائٽينڪ جهاز کان وٺي نارمنڊي ۽ ”ڪُئين مئري ٽو“ تائين ڇا ته اهي جهاز ٺهيا! اهي جهاز State of Art جي عڪاسي ڪن ٿا. اهي جهاز سترهين ارڙهين صديءَ جا عقوبت گهر نه هئا، جن ۾ آفريڪا جا شيدي غلام پورهئي خاطر آمريڪا، جانورن کان به خراب حالت ۾ ڍوئيا ويا ٿي. گذريل صديءَ جا پئسينجر جهاز جن مان ڪجهه اڃا به هلي رهيا آهن يا پراڻن کي ڊاهي ساڳي نالي سان نوان ٺاهيا ويا آهن، سمنڊ تي ترندڙ ”فائيو اسٽار هوٽلون“ آهن، جن ۾ مسافرن لاءِ اهڙين هوٽلن جهڙا ڪمرا، سئمنگ پول، انڊور ۽ آئون ڊوٽ راندين جا ميدان، شاپنگ سينٽر، ريسٽورنٽون ۽ پب ۽ ڊانس هال آهن. اهڙن سهڻن جهازن ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ جرمني، اٽلي، فرانس ۽ برطانيه اڳيان اڳيان رهيا آهن. هتي اسان انگلينڊ جي هڪ ٻن مسافر بردار جهازن جو ذڪر ڪنداسين، جو اسان جو ان ملڪ سان واسطو هجڻ ڪري، ان سان گهڻو لهه وچڙ ۾ آهيون ۽ انهن جا جهاز ڪڏهن ڪڏهن ننڍي کنڊ جي بندرگاهن: ڪراچي، ممبئي (بمبئي)، ڪولمبو، پينانگ ۽ سنگاپور به ايندا رهيا آهن. +ڪُئين مئري (Queen Mary) مسافر جهاز، 1936ع کان وٺي 1967ع تائين مسافرن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪارائيندو رهيو- يعني انگلينڊ ۽ نيويارڪ جي وچ ۾ هلندو رهيو. هي جهاز 1020 فٽ ڊگهو، 120 فٽ ويڪرو ۽ 180 کن فٽ اتاهون- يعني هر ماڙ 12 فٽ کن وٺجي ته به 10 ماڙ اتاهين عمارت جيڏو ٿيو، جنهن مان 40 فٽ کن سمنڊ اندر رهيو ٿي. جهاز کي هلائڻ لاءِ اسٽيم ٽربائين هئا ۽ جهاز جي رفتار 30 کن ناٽ (Knot) هئي، معنيٰ ڪلاڪ ۾ 30 کن ناٽيڪل ميل هليو ٿي، جيڪي پنهنجي خشڪيءَ جا 55 ڪلوميٽر ٿيندا. پاڻيءَ جي جهاز لاءِ اها تمام گهڻي رفتار مڃي وڃي ٿي. ان جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اَسي واري ڏهاڪي ۾ مون جيڪي جپان ۽ جرمنيءَ جا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهاز هلايا انهن جي به 25 ناٽن کان مٿي رفتار نه هئي ۽ اڄ به عام جهازن جي اهائي رفتار رهي ٿي. فقط نيول (فوجي) جهاز ئي، انهن پئسينجر جهازن جي رفتار سان مقابلو ڪري سگهن ٿا. +هن جهاز ۾ جهاز هلائيندڙن ۽ ڪم ڪندڙن کان علاوه 2200 مسافرن جي سفر جي گنجائش هئي، جن مان 776 فرسٽ ڪلاس ڪئبن وارا ٻيا ٽوئرسٽ ڪلاس ۽ ٿرڊ ڪلاس جا مسافر سفر ڪري سگهيا ٿي. هي جهاز ڪُنارڊ (Cunard) جهازران ڪمپنيءَ اسڪاٽلينڊ جي جان برائون ڪمپنيءَ کان 1934ع ۾ ٺهرايو ۽ 1936ع کان هن سفر جي شروعات ڪئي. نه ته ان کان اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ ماڻهن جرمنيءَ جي جهازن ”بريمين“ ۽ ”يورپا“ تي سفر ڪيو ٿي. انگلينڊ وارن ”ڪُئين مئري“ جهاز کان پوءِ يڪدم هڪ ٻيو جهاز ”ڪُئين ايلزبيٿ“ پڻ هلايو ۽ ٻئي جهاز گڏجي، هر هفتي ۾ ٻه دفعا ايڪسپريس سروس سرانجام ڏيڻ لڳا. يعني هڪ جهاز انگلينڊ کان آمريڪا روانو ٿيو ٿي ته، ان وقت ٻيو جهاز آمريڪا کان انگلينڊ لاءِ نڪتو ٿي. هي سلسلو ٻي وڏي لڙائي شروع ٿيڻ تائين هلندو رهيو. ان بعد هي ٻئي جهاز رنگ بدلائي آمريڪي فوجين کي انگلينڊ ڍوئيندا رهيا، پر هي سڀ ڪم لڪ ڇپ ۾ هلندا رهيا. جرمنيءَ جي اڊولف هٽلر ڪُئين مري جهاز کي ٻوڙڻ لاءِ اڍائي لک ڊالر انعام رکيا ۽ يو بوٽ جي ڪمانڊر کي ”آئرن ڪراس“ جو ايوارڊ ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر ڪنهن نموني سان هي پئسينجر جهاز بچندو رهيو ۽ جنگ جي خاتمي بعد هڪ دفعو وري ڪُئين مري انگلينڊ ۽ آمريڪا وچ ۾ مسافر کڻندو رهيو، پر پوءِ 1958ع کان جيئن ئي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ جيٽ هوائي جهاز جي شروعات ٿي ته، هنن پاڻيءَ جي جهازن ۾ مسافرن جو تعداد گهٽجڻ لڳو ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾- خاص ڪري سياري جي موسم ۾ ته اها وڃي حالت ٿي، جو ڪيئن مئري جهاز تي مسافرن جي تعداد کان گهڻا ته جهاز جي عملي جا ماڻهو نظر اچن لڳا. آخر 1967ع ۾ هن جهاز جو سفر بند ڪيو ويو، ڇو جو چڙهندڙ مسافرن جي ڀاڙي مان جهاز جي تيل پاڻي ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جا پگهار به نٿي نڪري سگهيا. جهاز کي وڪري لاءِ اعلان ڪيو ويو ۽ ڪيترين ئي اسڪرئپ ڪمپنين وڏا وڏا واڪ ڏنا- خاص ڪري جپان جي ڪمپنين، جن کي لوهه، ٽامي، پتل ۽ ٻين ڌاتن جي سخت ضرورت هئي. بهرحال آمريڪا جي هڪ ڪمپنيءَ جي هن نيلام ۾ جيت ٿي، جنهن هن جهاز کي ان وقت کان لانگ بيچ، ڪئليفورنيا ۾ اچي بيهاريو. هن جي مرمت ۽ تبديليون ڪري منجهس ريسٽورينٽون، ميوزم ۽ ڪئسينو ٺاهيا ۽ 1971ع کان اڄ تائين دنيا جا ٽوئرسٽ، هن ”هڪ هنڌ بيٺل“ جهاز تي گهمڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. منجهس W6RO (وسڪي سِڪس روميو آسڪر) نالي FM ريڊيو اسٽيشن به آهي. +1967ع ۾ ڪُئين مري جهاز جي سروس بند ڪرڻ بعد، سندس ٻئي ساٿي جهاز ”ڪُئين ايلزبيٿ“ کي به ٻئي سال (1968ع) کان سروس مان ڪڍيو ويو. پر ڪُئين ايلزبيٿ پراڻي جهاز جي سروس ختم ڪرڻ بعد، ساڳي نالي سان نئون جهاز ٺاهي 1969ع کان شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي. پراڻو ايلزبيٿ فلڊلفيا (USA) جي هڪ سوداگرن جي ٽولي خريد ڪري، ان کي فلوريڊا جي بندرگاهه Port Everglades ۾ اهڙيءَ طرح هوٽل ڪري رکيو، جيئن ڪئليفورنيا ۾ ڪُئين مئري آهي. پر بدقسمتيءَ سان ايلزبيٿ جهاز تي باهه جا ڪجهه اهڙا حادثا ٿيا جو مالڪ گهٻرائجي ويا ۽ 1970ع ۾ هانگ ڪانگ جي هڪ تمام امير چيني سيٺ C.Y.Tung کي وڪڻي ڏنائون. هانگ ڪانگ جو هي چيني همراهه مسٽر ٽُنگ ”اورينٽ اوور سيز لائين“ جهازران ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر به آهي، هُن هِن جهاز کي هلندڙ چلندڙ يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ هن جهاز جو نالو ڪُئين ايلزبيٿ ڊهرائي “Sea wise University” رکيو. +جهاز ۾ ليڪچر روم، لئبرريون ۽ ٻيون شيون ٺهڻ دوران، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن مرمت هيٺ آيل جهاز کي مختلف هنڌن تي باهه اچي لڳي، جيڪا باهه بعد ۾ دهشتگردي (Arson) سمجهي وئي. جيتوڻيڪ هي جهاز تانگهي پاڻيءَ ۾ بيٺو هو، پر باهه جي ڪري اونڌو ٿي ويو. هيءَ 1972ع جي ڳالهه آهي. جهاز سال ٻه ان اونڌيءَ پوزيشن ۾ ئي رهيو. 1973ع ۾ ٻه ٽي دفعا اسان جي ۽ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن جو به هانگ ڪانگ ۾ اچڻ دوران، هن اونڌي ٿيل ڪُئين ايلزبيٿ جي ڀرسان بيهڻ ٿيو ۽ اسان هن جهاز جي زنگ لڳل جسم (Hull) ۽ ان تي ٽهيل سپن، کيکڙن ۽ ڪيترن سامونڊي ڪينئن ماڪوڙن جي ٺهيل گهرن ۽ سامونڊي گاهه (Sea growth) کي ڏسي، ننڍپڻ جو پڙهيل اهو شعر ياد ايندو هو ته: ”کھنڈرات بتاتے ہیں عمارت عجیب تھی“ هي اهو شان شوڪت وارو جهاز هو جنهن تي سڄي برطانيه کي فخر هو ۽ فقط ڏهه سال اڳ 1963ع ۾ تعليم دوران ”مئرين اڪيڊمي، چٽگانگ“ جي ڪلاس روم ۾ “Ship construction” جي پيرڊ ۾، انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن، هن جهاز جي بناوت ۽ شان بابت ليڪچر ڏيندو هو. ”اڄ اهو جهاز ٽنگون ٽيڙي اونڌو ٿيو پيو آهي. رات جي وقت ته هن تي ڪا ميڻ بتي به نٿي ٻري. روشنين جي شهر جهڙي هن سمنڊ تي ترندڙ جهاز تي، هاڻ رات جي وقت اهڙي ته اونداهه ڪارونڀار رهي ٿي، جو ان جي ڀرسان ٻيڙيءَ ۾ لنگهندي ڊپ ٿو ٿئي.“ مٿيون سٽون منهنجي 1973ع واري ڊائري جي هڪ صفحي تي لکيل آهن، جيڪي سٽون مون هانگ ڪانگ ۾ لنگر انداز ٿيل جهاز ايم وي چناب تي لکيون هيون. 1975ع جي شروع وارن مهينن ۾ هن جهاز کي اتي ئي اسڪرئپ ڪيو ويو يعني سندس لوهي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، رديءَ جي اگهه تي ڪباڙين کي وڪيو ويو. +توهان جي جيمس بانڊ جي فلم The man with the Golden gun ڏٺي آهي ته ان ۾ هن اونڌي ٿيل ”راڻي ايلزبيٿ“ جهاز کي ضرور ڏٺو هوندوَ. هيءَ فلم 1974ع ۾ ٺهي هئي ۽ هن جهاز کي MI6 جو هيڊ ڪوارٽر ڏيکاريو اٿن. +”ڪُئين مئري“ جهاز به ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر اچي ٿو، خاص ڪري Pearl Harbour نالي فلم ۾. هن جهاز جي سروس مان نڪرڻ بعد هن نالي سان يڪدم ٻيو جهاز نه ٺهرايو ويو. ”ڪُئين مئري ٽو“ نئون جهاز جيڪو فقط “QM2” به سڏجي ٿو، 2003ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ دنيا جو وڏو، ڊگهو ۽ ويڪرو پاڻيءَ جو مسافر جهاز آهي. QM2 پئسينجر جهاز تي سفر ڪندڙن لاءِ 15 ريسٽورنٽون ۽ بار (Bars) آهن. ان کان علاوه پنج سئمنگ پول، هڪ ڪسينو، هڪ ڊانس هال (Ballroom)، هڪ سئنيما هال ۽ ٿيٽر ۽ هڪ Planetarium آهي. جهاز کي هلائڻ لاءِ گئس ٽربائين ۽ ڊيزل انجڻيون ۽ چار پروپيلر آهن. هي جهاز انگلينڊ کان آمريڪا هلي ٿو. +QM2 پنهنجو پهريون سفر (Maiden Voyage) 12 جنوري 2004ع تي انگلينڊ جي بندرگاهه Southampton کان فلوريڊا ڪيو. هي جهاز اٺاويهين اولمپڪس ۾، جيڪي اٿينس (يونان) ۾ ٿيون، جهاز هوٽل طور يونان جي بندرگاهه Piraeus ۾ وڃي لنگر انداز ٿيو هو، جنهن تي برطانيه جو وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ هن جي زال چيري، فرانس جو صدر Jacques Chirac، موجوده بش جو والد جارج ايڇ. ڊبليو بش ۽ آمريڪا جي باسڪيٽ بال ٽيم جا رانديگر ۽ ٻيا اهم ماڻهو، هن جهاز تي اولمپڪ راندين دوران ٻه هفتا رهيا. +گذريل سال QM2 سڄي دنيا جي چوڌاري 81 ڏينهن جي ٽرپ لڳائي. رستي تي سڊني (آسٽريليا) ۾ هن جهاز جي ڪمپنيءَ جي جهاز راڻي ايلزبيٿ سان به گڏجاڻي ٿي. هي پهريون دفعو هو جو هنن ٻن جهازن جي هڪ بندرگاهه ۾ ملاقات ٿي. هن کان اڳ 1941ع ۾ پراڻي مئري ۽ پراڻي ايلزبيٿ جهاز جي ملاقات هڪ بندرگاهه ۾ ٿي هئي، جڏهن هنن جهازن پئسينجر بدران فوجي پئي ڍوئيا. +مٿيان جهاز مئري ۽ ايلزبيٿ ڪنارڊ ڪمپنيءَ جا هئا. ڪنارڊ ڪمپني، انگلينڊ جي هڪ ٻي جهازران ڪمپني وائيٽ اسٽار لائين سان ملي، بزنيس ڪري ٿي. وائيٽ اسٽار لائين 1870ع کان وٺي پئسينجر جهازن کان مشهور آهي. هن جي ڪيترن ئي جهازن جي نالن جي آخر ۾ “ic” اچي ٿو، جيئن ته Oceanic جيڪو جهاز 1870ع ۾ ٺهيو ۽ ساڳي سال هڪ ٻيو جهاز ائٽلانٽڪ پڻ ٺهيو. اهڙي طرح ڪجهه ٻين جهازن جا نالا هن ريت آهن: ايشياٽڪ، ريپبلڪ، ٽراپڪ، ٽرئفڪ، +عرئبڪ، ميجسٽڪ، مئگنيٽڪ، ٽائٽينڪ، برٽيانڪ وغيره وغيره. +انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا ويهين صديءَ جا مشهور ۽ پنهنجي زماني جا سهڻا جهاز، جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ تي هليا ٿي، سي هئا: +ڪئنبرا (1961ع جو جهاز)، ايمپريس آف ڪئناڊا (1960ع)، مائيڪل اينجلو (1965ع)، ماريطانيا (1939ع)، نارمنڊي (1935ع)، ايمپريس آف جپان (1930ع)، يورپا (1930ع)، سئڪسونا (1900ع)، ڪولمبس (1903ع)، لوسيتانيا (1907ع)، آمريڪا (1905ع)، اولمپڪ (1911ع) وغيره وغيره... + + +ھوور ڪرافٽ، ڪئٽاماران ۽ جناتي جھاز +ڏٺو وڃي ته جهازن جا اڃا به ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته Cable layer (جيڪي سمنڊ جي تري ۾ ٽيليفون جون تارون وڇائين ٿا)، جنگي جهاز (فريگيٽ، مائين سئيپر، سب مئرين، ايئر ڪرافٽ ڪئريئر وغيره)، ڊريزر (Dredger) جيڪي رڳو بندرگاهه وٽ ئي هلن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ گڏ ٿيندڙ مٽي ۽ ريتي ڪڍي، ان کي اونهو ڪندا رهن ٿا. سروي جهاز جيڪي نقشا ٺاهين ٿا، ٽرالر، ٽگ بوٽ (جيڪي وڏن جهازن ۽ بارجن کي ڇڪين ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان لڳي بيهڻ ۾ مدد ڏين ٿا)، سپلاءِ شپ، ڪوسٽر وغيره وغيره، پر هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ فقط ٻن جو مختصر ذڪر ڪنداسين: هڪ هوور ڪرافٽ ۽ ٻيو ڪاٽاماران (Catamaran) جو. +هوور ڪرافٽ +”هوور ڪرافٽ“ جهاز لاءِ پنهنجي هڪ ڪتاب ”يورپ جا ڏينهن“ ۾ لکي چڪو آهيان ته، اهو خچر وانگر اڌ گهوڙو اڌ گڏهه آهي. هوور ڪرافٽ هوائي جهاز به آهي ته پاڻيءَ وارو جهاز به. هوور ڪرافٽ ۾ هوائي جهاز وانگر مسافرن ويهن ٿا ۽ کين سفر ۾، چانهه پاڻي يا ماني، جهاز جون هوسٽسون Serve ڪن ٿيون. هوور ڪرافٽ جي انجڻ هوائي جهاز وانگر ”جيٽ انجڻ“ آهي ۽ پاڻي واري جهاز وانگر هن کي پروپيلر (پاڻي ۾ ڦرندڙ پنکو) نٿو هلائي. هوور ڪرافٽ گهڻو ڪري سمنڊ مٿان هلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن خشڪي مٿان به. بيٺل حالت ۾، اهو بندرگاهه ۾، سمنڊ تي به بيهي ٿو ته خشڪي تي به. +دراصل هُوور ڪرافٽ جهاز ”پاڻيءَ جي جهاز“ واري اصول تي نه، پر هوائي جهاز جي اصول تي هلي ٿو. جيٽ انجڻ ۾ هوا جي Suction ڪري اڳتي وڌي ٿو. اهي انجڻيون ايڏيون طاقتور نه آهن جو هن کي مٿي کڻي وڃن ۽ نه وري هوور ڪرافٽ جي بيهڪ هوائي جهاز جهڙي آهي، جو هن کي مٿي چڙهڻ ۾ آساني ٿئي. بهرحال اهو ڪافي رفتار سان اڳتي ڌڪجي ٿو. ٻي ڳالهه ته هن جهاز ۾ ايئر ڪمپريسر، جهاز جي تري ۾، لڳاتار هوا خارج ڪن ٿا، جنهن ڪري هي جهاز سطح سمنڊ يا ڌرتيءَ کان ٿورو مٿي کڄيو وڃي. سمنڊ کان ٿورو مٿي کڄڻ ڪري رفتار به سٺي ٿي رهيس، نه ته پاڻيءَ مٿان هجڻ ڪري پاڻيءَ جو Resistance هر جهاز جي رفتار گهٽائي ڇڏي ٿو. +جهاز جي تري هيٺان هوا کي يڪدم Leak ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، جهاز جي تري جي چوڌاري، رٻڙ جو چار پنج فٽ بارڊر رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته عام پاڻيءَ واري جهاز جي رفتار وڌائڻ لاءِ ڪيترو به کڻي تيل ٻارجي، مقرر حد کان وڌي نٿي. انجڻ جي رفتار وڌائڻ سان پروپيلر جي رفتار ضرور وڌندي، پر ساڳي وقت پروپيلر ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جي وچ ۾ خال (Cavitation) ٿيڻ ڪري جهاز ويتر گهٽ رفتار سان چُرندو. پر هوور ڪرافٽ ۾ هڪ ته جيٽ انجڻ آهن ۽ ٻيو ته هوور ڪرافٽ پاڻيءَ ۾ ترڻ بدران فٽ ٻه مٿڀرو هوا ۾ هلي ٿو. ان ڪري هوور ڪرافٽ جي جيتري توهان رفتار وڌائيندئو اوترو ئي اڳيان وڌندو. هوور ڪرافٽ گهڻي پاڻيءَ ۾ به هلي سگهي ٿو ته گهٽ پاڻيءَ ۾ به- ايتريقدر جو اهو سمنڊ تان ڪناري تي به اچي سگهي ٿو ۽ خشڪيءَ تي به هلي سگهي ٿو. هڪ دفعي مونکي هيلسنڪي (فن لئنڊ) کان پنهنجي يونيورسٽي واري شهر مالمو پهچڻو هو. مونکي اتي جي حڪومت طرفان جيڪو Passage مليو هو، اهو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) کان هو. يعني فن لئنڊ جي قومي هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز ۾، مونکي هيلسنڪيءَ کان ڪوپن هيگن اچڻو هو جتان هوور ڪرافٽ ذريعي مالمو جي بندرگاهه ۾ پهچڻو هو. اسان جي هوائي جهاز جيئن ئي ڪوپن هيگن ۾ لئنڊ ڪيو ته، اسان کي ٻُڌايو ويو ته مالمو ويندڙ مسافرن کي بندرگاهه وڃڻ جي ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي ئي انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندن سامان آٽوميٽيڪلي شفٽ ٿي ويندو. +هوائي جهاز مان لٿاسين ته سامهون ئي هوور ڪرافٽ هو، جنهن ۾ اچي ويهي رهياسين. دل ۾ مون سوچيو ته هوور ڪرافٽ جو اهو وڏو سک آهي، نه ته ڪلاڪ کن گهٽ ۾ گهٽ ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ مان نڪرڻ ۾ لڳي ها ۽ جيسين هڪ هڪ جي پاسپورٽ تي اميگريشن وارا ٺپا هڻن ۽ ڪسٽم وارا سامان چڪ ڪن. ۽ پوءِ ٽئڪسيءَ جا ڳرا ڀاڙا ڀري بندرگاهه ۾ اچڻو پوي ها. پر هاڻ انهن سڀني مشڪرين کان جان ڇٽي وئي. پنڌهن منٽن ۾ سامان چڙهي ويو ۽ اهو ڏسي حيرت پئي ٿي ته هڪ پاڻيءَ جو جهاز بنا Propeller ۽ بنا ڦيٿن جي زمين مٿان هلي رهيو آهي. دراصل هوور ڪرافٽ جنهن جي شڪل پاڻيءَ واري جهاز وانگر آهي، جنهن جي انجڻ ۽ هلڻ جو اصول هوائي جهاز وانگر آهي، اهو سمنڊ جي سطح يا خشڪيءَ کان ٻه چار فٽ مٿڀرو اُڏامي ٿو. ان ڪري هوور ڪرافٽ لاءِ ڪچي يا پڪي رستي جي به ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ سعودي عرب جي بيابانن ۾ به هلي سگهي ٿو، بلڪ مون ٻُڌو آهي ته سعودي عرب جي آرميءَ وٽ ڪيترائي هوور ڪرافٽ آهن. هوور ڪرافٽ جي ٻي مزي واري ڳالهه اها آهي ته هن ۾ ”سي سڪنيس“ نٿي ٿئي. ڇو جو Sea sickness تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ڪري جهاز لُڏي ٿو يعني Rolling ۽ Pitching ڪري ٿو. پر جيئن ته هي هوور ڪرافٽ سمنڊ تي هلڻ ۽ لُڏڻ بدران، سمنڊ جي مٿاڇري کان گهڻو مٿي ۽ هوائي جهاز وانگر سڌو ئي سڌو وڃي ٿو، ان ڪري هوور ڪرافٽ جي مسافرن کي سي سڪنيس بنهه نٿي ٿئي، نه ته سئيڊن جي سخت سياري واري موسم ۾، جڏهن هتي جو بالٽڪ سمنڊ مڇريل رهي ٿو، تڏهن مالمو کان ڪوپن هيگن عام فيرين ۾ ويندڙ مسافرن جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڇو جو فيريون ۽ ٻيا جهاز ته سمنڊ جي ڇولين جي رحم و ڪرم تي هوندا آهن. +ڪئٽاماران +هتي هڪ ٻئي، جنهن پاڻيءَ واري جهاز جي ڳالهه ڪري چاهيان ٿو، اهو ڪئٽاماران (Catamaran) آهي. هي جهاز جيڪو اڄڪلهه يورپ پاسي مشهور آهي، اهو دراصل ڏکڻ هندستانين جي پراڻي ايجاد آهي. جيئن ڌائو ٻيڙي ڪويت پاسي جي Specialty آهي، بتيلو سنڌ جي آهي، تيئن ڪئٽاماران سائوٿ انڊيا جي صوبي تامل ناڊو جي. ويندي ڪئٽاماران تامل زبان جو لفظ Kattu معنيٰ ٻڌڻ ۽ Maran معنيٰ ڪاٺ يا وڻ مان نڪتل آهي. +”ڪئٽاماران جهاز“ ٻن وڏن ٻيڙن کي هڪ ٻئي سان ملائي، يعني ڪئتو ڪري (ٻڌي) ٺاهيو وڃي ٿو. ڪئٽاماران پهرين سڙهن تي هلندڙ جهاز هئا، هاڻ اهي انجڻ سان به هلن ٿا. اڳئين زماني ۾ هي جهاز تامل ناڊو ۾ رهندڙ هڪ مهاڻن جي ڪميونٽي پاراوا استعمال ڪندي هئي ۽ جيئن ڪويت پاسي جي ڌائو فقط ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين محدود هئي، تيئن هن قسم جي ٻيڙي به فقط انڊيا جي ڏکڻ واري ڪناري جي سمنڊ تي هلي ٿي ۽ وڌ ۾ وڌ سريلنڪا ۽ لکديپ ٻيٽن تائين وئي ٿي. +ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ منهنجو سريلنڪا جو تامل ڪُليگ، پروفيسر ڪئپٽن رڊرا ڪمار، جيڪو گذريل ڏهاڪو کن سالن کان، ڪئناڊا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ پڙهائي ٿو، اهو هنن ٻيڙن Catamaran لاءِ چوندو هو ته، تامل ناڊو صوبي جي ڪناري تي اهي تمام پراڻيون آهن، جن جو پنجين عيسوي صديءَ کان رڪارڊ موجود آهي، جڏهن ڏکڻ هندستان تي ”چولا گهراڻي“ جو راڄ هو. انهن ڏينهن ۾ تامل ناڊو صوبي جا سپاهي، انهن ٻيڙين رستي، ڏکڻ اوڀر جي علائقن برما، ملايا ۽ انڊونيشيا فتح ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جي ڏاکڻين رياستن پرلس، ڪيداح وغيره ۾ تن ڏينهن جا تامل هندو مندر اڄ به موجود آهن. +هنن ٻيڙن Catamaran جو انگريزي ڪتابن ۾، پهرين انگريز سياح وليم ڊئمپيئر ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي 1690ع ۾ سفر دوران هي ٻيڙا انڊيا جي ڏاکڻي ڪناري ۽ خليج بنگال ۾ نظر آيا، جڏهن هي ٻيڙا ٻه ننڍيون ٻيڙيون يا ٻن ٽن بُنڊن کي ملائي ٺاهيا ويا ٿي. هو پنهنجي 1697ع واري سفرنامي ۾ لکي ٿو... +“On the coast of coromandel, threy call them Catamarans. These are but one log or two… so small, that they carry but one man, whose legs and breech are always in water.” +غيباتي جهاز +آخر ۾ ٻه اکر ”غيباتي جهاز“ بابت به لکندو هلان، جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا پاسي Ghost ship سڏين ٿا. غيباتي جهاز (Ghost ship) فڪشن ۾ ئي ٻڌبو آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ته افسانوي Ghost ship اهو آهي جنهن تي ڪو به ماڻهو ڇيڻو نه هجي، ان ڪري حقيقت جي زندگيءَ ۾ پڻ اهڙا جهاز، جيڪي ٻُڏڻ جي ڊپ کان ان جو عملو ڇڏي وڃي ٿو، انهن کي پڻ غيباتي جهاز سڏجي ٿو. 1990ع ۾ برازيل جي اوڀر واري ڪناري وٽ Fisah Ketsi نالي هڪ جهاز رڙهندو نظر آيو، جنهن ۾ ڪوبه بني بشر نه هو. سندس سامان جا سمورا هئچ (گگدام) کليل نظر آيا. اهڙي طرح 2003ع ۾ آسٽريليا جي ڀرسان High Aim 6 نالي هڪ جهاز بنا ماڻهن جي ڏٺو ويو. باوجود ڳولا جي هن جهاز جي عملي جو هڪ ماڻهو به ملي نه سگهيو. +گذريل سال (2006ع) ۾ ته اهڙا ٻه Ghost ship نظر آيا. هڪ تيل بردار ٽئنڪر جهاز Jian Seng جيڪو پڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي نظر آيو ۽ ٻيو ڀؤنچ سمنڊ ۾ اٽليءَ وٽ Bel Amica جهاز نظر آيو. ان جي به اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته، ان کي هلائڻ وارا ڪير هئا. هنن جهاز ڇو ڇڏيو ۽ ڪيڏانهن هليا ويا. +غيباتي جهازن Ghost ships بابت افسانا ۽ ناول ته آهن، پر ڪجهه فلمون به ٺهي چڪيون آهن. سڀ کان گهڻي مشهور فلم Pirates of Caribbean آهي، جيڪا والٽ ڊزني پڪچرز وارن، 2003ع ۾ رليز ڪئي هئي. ان کان اڳ 2002ع جي هڪ ڊپ واري Horror Film ”دي گهوسٽ شپ“ آهي، جيڪا اٽليءَ جي هڪ رول جهاز Antonia Graza بابت آهي، جيڪو 1960ع ۾ غائب ٿي ويو هو. +تيل مان عطر بھ ٺھي ٿو +“Fuel & Fuel Technology” جي پيرڊ ۾، آئون پنهنجن مئرين انجنيئرنگ جي شاگردن کي هميشھ اهو چوندو آهي، ته Fuel (يعني انجڻين ۾ ٻارڻ جو تيل پيٽرول، آڪٽين کان وٺي ڊيزل آئل ۽ مئرين هيوي فيول آئل) اها نعمت آهي، جنهن هن دنيا تي وڏو انقلاب آندو. هي ڪارخانا، فئڪٽريون، هوائي جهاز، پاڻيءَ جا جهاز، جنريٽر، جيپون، گاڏيون اُن تيل جي ڪري هلن ٿيون ۽ انسان ذات کي سک پهچائين ٿيون.“ نوح نبي عليھ السلام جي ٻيڙيءَ کان وٺي اوڻهين صديءَ جي شروعات تائين، جهاز ڪپڙي جي سڙهن تي، هوا ۽ سمنڊ جي رحم ڪرم تي هليا ٿي. ڪڏهن به ائين نٿي ٿي سگهيو ته جنهن وقت چاهجي ۽ جيڏانهن چاهجي جهاز کي وٺي هلجي. سياري ۾ اتر جون هوائون لڳيون ته جهاز مڊل ايسٽ، بنگال کان ڏکڻ طرف وڌيا ٿي ۽ پوءِ اونهاري جي ڏ��کڻين هوائن ۾، اهي سريلنڪا کان واپس اتر طرف وطن موٽيا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو ته سڄو سڄو ڏينهن هوا نٿي لڳي ۽ جهاز هڪ هنڌ بيهي ٿي رهيا. انهن ڏينهن ۾ جهازن تي نه لائيٽ هئي، نه ايئرڪنڊيشن يا پنکا، نه هيٽر، نه پاڻي ڇڪڻ جا پمپ. اليڪٽرسٽي ئي نه هئي، جو اهي شيون هلن ۽ پوءِ تيل جي ڪري هر قسم جون انجڻيون هلڻ لڳيون. جهاز مالڪ جي مرضيءَ سان هليا ٿيا. ڊيڪ تي سمهڻ بدران ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ سمهڻو پيو ٿي. جيئريون ڪڪڙيون ۽ رڍون کڻڻ بدران، فروزن گوشت کي ڇهه ڇهه مهينا رکڻ لاءِ ريفريجريٽيڊ رومس ٺهي ويون. ائين ته تيل کان ڪجهه سال ڪوئلي مان به اهو ڪم ورتو ويو ٿي، پر ڪوئلي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ شفٽ ڪرڻ ڏکيو ڪم هو ۽ ڪوئلي گهڻي جڳهه والاري ٿي. ائين سمجهو ته جهاز جا ڏهه ڪمرا ڪوئلي سان ڀرڻ بدران، هڪ ڪمرو تيل جو ڪافي آهي. ان کان علاوه ڪوئلي چاڙهڻ تي ڏينهن جا ڏينهن لڳي ويا ٿي. مزورن پٺيءَ تي ڪوئلي جون ڳوڻيون رکي، جهاز جي گدامن ۾ رکيون ٿي. هاڻ پمپ ذريعي ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ تيل کي جهاز جي ٽئنڪن ۾ ڀري سگهجي ٿو ۽ ٻارن لاءِ پمپ ذريعي تيل ڪڍي سگهجي ٿو. +ڪويت ۽ دبئي جهڙن ملڪن ۾، اونهاري جي گرميءَ ۾ آئون هميشھ اهو سوچيندو آهيان ته، اليڪٽرسٽي کان اڳ جڏهن نه پنکا هئا ۽ نه ايئرڪنڊيشن، هيتريون صديون ماڻهو ڪيئن ٿي رهيا ۽ ساڳيءَ طرح ناروي، سئيڊن ۽ فن لئنڊ جهڙن Scandinavian ملڪن ۾، اتي جي ماڻهن ڪيئن ٿي سياري جي ٿڌ ۾ گذر ڪيو. بهرحال هاڻ اليڪٽرسٽي اچڻ ڪري، جيڪي اسين سُکَ ماڻي رهيا آهيون، اهي تيل جي ڪري آهن. +تيل نه فقط ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو، پر تيل مان ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون. جپان مان جڏهن اسان شاپنگ ڪندا هئاسين ته، هر دڪان يا ڪمپنيءَ جا شاپر (ٿيلهيون) جن ۾ هو شيون وجهي ڏيندا هئا، ڏسڻ وٽان هوندا هئا. اسان ڪوشش ڪري هر هنڌان هڪ ٻه وڌيڪ شاپر وٺندا هئاسين، جو ڪراچي پهچڻ تي ڪيترا اسان جا دوست، جپان جا اهي رنگين، مضبوط ۽ ٿلهي پلاسٽڪ جا شاپر گهرندا هئا. جپاني دڪاندار هميشھ خوشيءَ سان اسان کي فالتو شاپر ڏئي ڇڏيندا هئا، جو هو ان کي پنهنجي دڪان يا ڪمپنيءَ جي اشتهار بازي سمجهندا هئا ۽ پوءِ ستر جي ڏهاڪي ۾ هڪ اهڙو سال آيو، جنهن ۾ اسان جو جهاز جڏهن جپان ۾ پهتو ته، ان ڀيري دڪاندار وڌيڪ شاپر ته ڇا، پر جنهن هڪڙي ۾ سامان وجهي ٿي ڏنو، اهو به تمام سنهي پلاسٽڪ جو هو، يعني اهڙو ٿلهو نه هو جنهن ۾ شولڊر بئگ بدران، سامان وجهي جهڏي کان جهمپير وڃي سگهجي. +”ڀائي خير ته آهي؟“ اسان جپاني دڪاندار کان پڇيو. +”خير ڪٿي آهي،“ دڪاندار وراڻيو، ”توهان کي خبر ناهي ته عربن تيل مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.“ +”اها ته اسان کي به خبر آهي،“ اسان وراڻيس، ”ان ڪري اسان جي +ڪمپنيءَ جهازن جو ڀاڙو وڌائي ڇڏيو آهي. پر توهان شاپر ڏيندي ڪنجوسي ڇو پيا ڪريو.“ +دڪاندار ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ته شاپر ڇا جا ٺهيل آهن؟“ +”پلاسٽڪ جا.“ اسان وراڻيس. +”ته پلاسٽڪ تيل مان ئي ته ٺهي ٿي.“ هن وراڻيو. +هي جپاني دڪاندار بلڪل صحيح هو. پلاسٽڪ تيل مان ٿي ٺهي ۽ اڄ ڏينهن تائين نه تيل وري سستو ٿيو آهي ۽ نه وري اهي خوبصورت شاپر جپان ۾ نظر آيا آهن، جيڪي 1973-74ع کان اڳ ڏٺاسين. +تيل مان پلاسٽڪ جون ٿيلهيون (شاپر)، رسا، تڏا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون، پر تيل مان ويندي مختلف عطري مردن ۽ عورتن لاءِ وارن جون Wigs به ٺهن ٿيون. مانچسٽر ۾ اسان جي مڪاني آفيس جي مئنيجر ٻُڌايو ته اتي (مانسچٽر) ۽ ڀر واري شهر لور پول ۾، تيل مان 75 کن مختلف شين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. +بهرحال جتي تيل وڏي نعمت آهي، اُتي تيل وڏي مصيبت به آهي- انسانذات لاءِ توڙي سامونڊي مخلوق لاءِ. تيل جي ڪري جهازن تي باهيون لڳن ٿيون، جن ۾ جهاز ۽ جانيون تباهه ٿيو وڃن. تيل توڙي ان مان نڪرندڙ گئسون، سامونڊي مخلوق کي تباهه ڪري ٿيون ڇڏين. اها ڳالهه جيئن ئي دنيا جي ڏاهن محسوس ڪئي ته جهازي دنيا جي بين الاقوامي اداري IMO سڀني جهاز هلائيندڙن لاءِ، اهو قانون ڪڍيو ته ڪنهن کي به سمنڊ تي جهاز مان تيل خارج ناهي ڪرڻو. اسان جهڙن ملڪن ۾ ته اڃا به ان قانون جي ڄاڻندي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي، پر جپان ۽ يورپ جهڙن سڌريل ملڪن ۾ جتي جي ماڻهن کي پنهنجو سمنڊ ۽ ان ۾ رهندڙ سامونڊي مخلوق (مڇيون، گانگٽ، کيکڙن وغيره) کي صاف سٿرو ۽ صحتمند رکڻ جو وڏو اونو آهي، انهن ته ستر جي ڏهاڪي کان ئي سختي شروع ڪري ڇڏي. مونکي ياد آهي ته 1974ع يا 1975ع ۾ اسان جو جهاز يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ وڃڻ لاءِ، ”خليج ٽوڪيو“ کان ڪافي پري، کلئي سمنڊ ۾ پنهنجي واري اچڻ جو انتظار پئي ڪيو. ٻه ڏينهن انتظار ڪندي گذري ويا هئا، اڃا به لڳو ٿي ته شايد ڏينهن ٻه ترسڻو پوي. انجڻ روم جي تري ۾ پمپن ۽ ٽانڪين مان، پاڻي ليڪ ٿي ڪافي گڏ ٿي چڪو هو. ان کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ جهاز جي فورٿ انجنيئر بلج پمپ هلائي، اهو پاڻي ٻاهر خارج ڪري ڇڏيو. نڄاڻ ان پاڻيءَ ۾ ڪجهه تيل به مليل هو يا شايد اهو پمپ ڪجهه دير اڳ، تيل ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ ڪنهن هلايو هجي ۽ بالٽي اڌ جيترو تيل ان جي پائيپن ۾ رهجي ويو هجي. +ٿوري دير بعد ڏسون ته اسان جي جهاز مٿان هڪ هيليڪاپٽر پيو اُڏامي، جنهن مان جپان جي مئرين پوليس جو سپاهي لٿو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو سئمپل ۽ اسان جي جهاز جي انجڻ روم جي تري ۾ بچيل پاڻيءَ جو سئمپل کڻي ويو. دراصل تيل جي اها به مصيبت آهي (بقول اسان مئرين انجنيئرن جي) ته تيل پاڻيءَ کان هلڪو آهي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ کان ته اڃا به وڌيڪ هلڪو آهي، ان ڪري اهو سمنڊ ۾ ڪِرڻ سان پاڻيءَ اندر ٻُڏڻ بدران سمنڊ جي سطح تي ترندو رهي ٿو ۽ منجهس Spreadibility به ڏاڍي آهي. يعني هڪ بالٽي کن تيل جي ميل کن جي پکيڙ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اُس ۾ تيل واري چمڪ ۽ انڊلٺ جهڙا رنگ، پري پري تائين نظر پيا ايندا.سو ان ڏينهن اسان به رنڱيل هٿن سان جهلجي پياسين. لئبارٽري ٽيسٽ جي اهائي رپورٽ آئي ته، سمنڊ جي تري تي جيڪي تيل جا ذرڙا تري رهيا آهن، ان تيل جي ساڳي ڪمپوزيشن آهي، جيڪا اسان جي جهاز جي انجڻ روم جي تري ۾ موجود تيل جي آهي. ڪورٽ طرفان اسان جي جهاز تي لک کن يين جو ڏنڊ پيو، جيڪو اسان جي جهاز جي يوڪوهاما واري مڪاني آفيس ڀري ڏنو. ان کان علاوه سمنڊ تي ڪِريل تيل کي ڪيميڪل ذريعي صاف ڪرائڻ جو پڻ خرچ ڏنوسون. +هڪ عام پڙهندڙ لاءِ هتي ڪجهه مختصر احوال ”ٻارڻ“ (Fuel) بابت لکڻ چاهيان ٿو، جنهن سان دنيا جون انجڻيون، ڪارخانا، بئالر جهاز، گاڏيون هلن ٿيون. ڏٺو وڃي ته انهن کي ٽن قسمن جي ٻارڻن سان هلايو وڃي ٿو، جيڪي آهن: ڪوئلو، تيل (جنهن کي فيول يا پيٽروليم به سڏيو وڃي ٿو) ۽ گئس. اهي ٽئي شيون ڌرتيءَ هيٺ دٻيل آهن، جن کي کوٽي يا ڊرل ڪري، ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو. سندن ان خصوصيت ڪري انهيءَ ٻارڻ جو نالو Fossil فيول پڻ آهي. فاسل (Fossil) لئٽن ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ کوٽي ڪڍڻ. ان تيل کي پاڻ پيٽروليم به سڏيون ٿا، جنهن جو مطلب آهي، پٿرن وارو تيل- ان ڪري جو اهو پٿرن Rocks جي وچ ۾ ڦاٿل تيل آهي. +اهو تيل، گئس يا ڪوئلو زمين ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟ لکين سال اڳ گهٽ ۾ گهٽ 300 ملين سال اڳ (يعني ٽيهه ڪروڙ سال اڳ) هيءَ ڌرتي وڻ ٽڻ، ولين ٻوٽن ۽ گاهه سان ڀري پئي هئي. ڊائنا سورس جهڙا ڪئين آفت ق��م جا جانور هئا، جيڪي سمنڊ ۾ بيٺا ٿي ته گوڏي تائين پاڻي مس ٿي آين. اهي ويا ڌرتيءَ هيٺ دٻبا ۽ مٿان مٿيءَ جا تهه چڙهندا وين ۽ پوءِ ائين آڪسيجن (هوا) جي غير موجودگيءَ ۾، سخت پريشر ۽ گرمائش ڪري، وڻ ٽڻ ڪوئلو ٿي ويا ۽ جانورن تيل جي صورت اختيار ڪئي. اسان جي ملڪ واري سُوئي گئس يا ٻين ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ گئسون، ان تيل جي سمجهو ته ٻاڦ (Vapours) آهن. ڌرتيءَ اندر جيڪو ڏامر جهڙو Crude (اڻ ڇڻيل) تيل موجود آهي، ان کي ٿوري ئي گرمائش رسڻ تي، هن مان ميٿين ۽ ايٿين جهڙيون گئسون نڪرن ٿيون. وڌيڪ گرم ڪرڻ تي مختلف گريڊن جا تيل ڌار ڌار ٿين ٿا، جهڙوڪ آڪٽين، پيٽرول، گاسليٽ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل آئل (جيڪو اڇي رنگ جو هلڪو ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ موٽر گاڏين ۾ استعمال ٿئي ٿو)، مئرين ڊيزل آئل (ڪارسرو سستو تيل، جنهن تي پاڻيءَ جي جهازن تي ڳرا جنريٽر هلن ٿا)، هيوي فيول آئل- جيڪو ڏامر کان ٿورو هلڪو ٿئي ٿو ۽ ان تيل کي جهاز جي پيور ريفائر روم ۾ ٿورو صاف ڪري، ان تيل سان جهاز جي مين انجڻ هلائيندا آهيون، جنهن سان جهاز جو پروپيلر هلي ٿو. +انهن سڀني تيلن توڙي گئسن ۾ (جيڪي پڻ هڪ قسم جا تيل چئي سگهون ٿا، جو ٿڌ ۽ دٻاء ۾ اچڻ سان Liquid ٿيو وڃن، جيئن سگريٽ لائيٽر ۾ نظر ايندڙ تيل دراصل گئس آهي) ٻه شيون موجود آهن: هئڊروجن ۽ ڪاربن. ان ڪري گئس توڙي پيٽرول يا گاسليٽ وغيره ”هائيڊرو ڪاربن“ به سڏجن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته ڪاربان جا جزا ڪنهن ۾ گهٽ آهن ته ڪنهن ۾ وڌيڪ. سڀ ۾ مختصر ۽ آسان صورت ۾ ”ميٿين گئس“ آهي، جنهن ۾ ڪاربان جو فقط هڪ ائٽم آهي، جيڪو هائيڊروجن جي چئن ائٽمن سان جڙيل ٿئي ٿو. ٻئي نمبر تي هلڪي گئس ايٿين گئس آهي، جنهن ۾ ڪاربان جا ٻه ايٽم آهن، جيڪي هائڊروجن جي ڇهن ايٽمن سان ڳنڍيل آهن. اهڙي طرح پروپين، بيوٽين گئسون آهن، جيڪي عام طرح بوتلن ۾ ڀريل وڪامن ٿيون، جيڪي سگريٽ لائيٽرن، رڌ پچاءُ، گئس ڪٽنگ جهڙن ڪمن ۾ ڪم اچن ٿيون. ان بعد مختلف گريڊن جا پيٽرول آهن، جن ۾ آڪٽين به اچي ٿو وڃي. انهن ۾ 7 کان 9 ڪاربان جا ائٽم آهن، جنهن تيل سان هوائي جهاز، هيليڪاپٽر ۽ پيٽرول انجڻ واريون ڪارون هلنديون آهن. گاسليٽ آهي، جنهن ۾ 11 کان 18 ائٽم ڪاربان آهن، جيڪو چلها (Stoves) ٻارڻ ۾ استعمال هيٺ اچي ٿو. ان بعد ڊيزل آئل جا قسم آهن، ان بعد انجڻين جي حصن کي چڪنو رکڻ لاءِ ليوب آئل آهي ۽ جيئن جيئن ڪاربان ائٽم وڌن ٿا ته تيل جي Viscosity به وڌي ٿي. ليوب آئل بعد هيوي فيول آهن، جيڪي بئالر کي ٻارڻ ۽ پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ ۾ ڪم اچن ٿا، ان بعد گريز ۽ Wax آهي، جيڪو Lubrication ۽ ميڻ بتيون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ آخر ۾ ڏامر جهڙو گهاٽو ۽ ڪارو تيل Bitumen آهي، جيڪو رستا ۽ ڇتيون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ زمين مان نڪتل تيل Crude oil کي گرم ڪرڻ تي، ٻيا تيل ۽ گئسون نڪرڻ بعد آخر ۾ بٽيومن ۽ گريز وڃيو ٿا رهن. +· تيل ۽ گئس پائيپن ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائي وڃي ٿي. ڪوئلو (Coal) ريل گاڏيءَ ۽ ٻيڙين ذريعي شفٽ ڪرڻ کان علاوه، پائيپن ذريعي به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچايو وڃي ٿو. ڪوئلي کي پهرين پينهي پائوڊر وانگر ڪري، ان ۾ پاڻي ملايو وڃي ٿو- جنهن کي Slury سڏجي ٿو. اها سلري آسانيءَ سان پمپ ڪئي وڃي ٿي. +· تيل مان ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون، جن مان ڪجهه پهرين به ٻُڌائي چڪو آهيان ۽ ڪجهه ٻيون هن ريت آهن، جن لاءِ پڪ اٿم ته هڪ ماڻهوءَ لاءِ حيرت واري ڳالهه هوندي ته، تيل مان اهڙيون به شيون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيئن: رانديڪا، ٽائر، لينولين، ٽٿ برش، عطر، ڊيوڊورنٽ، شئمپو، وي سي آر، ٽيپ، رٻڙ جا پائيپ، اکين جا ڪانٽئڪٽ لينس، ڦڻيون، نقلي وار ۽ انهن جا رنگ، لپ اسٽڪ، جوتن جي پالش وغيره وغيره. \ No newline at end of file