diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Safarnama/Book9.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Safarnama/Book9.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Safarnama/Book9.txt" @@ -0,0 +1,1217 @@ +ڪتاب جو نالو: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر + + + +سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر +هينري پاٽيجنر +پيشڪش +انگريز گماشتي هينري پاٽنجر جي سنڌ ۽ بلوچستان جي سفر نامي تي ٻڌل روزنامچي جو سنڌي ترجمو، ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، ”سنڌي ادبي بورڊ“ پهريون ڀيرو 1976ع ۾ شايع ڪيو هو. ڪتاب اهم ۽ اڻلڀ هو، تنهنڪري اهو ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو پيو وڃي. +هينري پاٽنجر، بمبئيءَ جي ديسي پيادل فوج جي انگريز ڪئپٽن چارلس ڪرسٽيءَ جي ماتحتيءَ ۾، اِهو سفر 1810 عيسويءَ جي شروعات کان بمبئي بندر کان شروع ڪيو. سفر جو مقصد انهن علائقن جي جاگرافيائي صورتحال ۽ سماجي ۽ سياسي حالتن جي ڄاڻ حاصل ڪري، انگريز سرڪار کي ان کان واقف ڪرڻ هو. اِهو سمورو سفر، انگريز سرڪار جي سرپرستيءَ ۽ سربراهيءَ هيٺ، وڏيءَ رٿا ۽ رمز سان رٿيو ۽ طي ڪيو ويو. تڏهوڪين ناموافق موسمي حالتن، سفري سهولتن جي اڻهوند، قبائلي آپيشاهيءَ واري ڏاڍ ۽ رهزنيءَ وارن طريقن هوندي، اهو سفر ائين ڪيو ويو جو سخت ڊگهيون ۽ ٿڪائيندڙ مسافتون طي ڪيون ويون، پهاڙن جا پنڌ پڄايا ويا، سخت سرديون سٺيون ويون، اڻوندڙ ۽ اوپرن ماڻهن سان گذاريو ويو، ناخوشگوار ماحول توڙي کاڌي ۽ رهائش کي برداشت ڪيو ويو، شڪ ۽ بي اعتماديءَ جي حالتن ۾ جان جو جوکو به کنيو ويو، پر پنهنجي مقصد ۽ مطلب کي توڙ پڄايو ويو. انهن ئي ڳالهين جي ڪري، انگريزن جي هن جاسوسي مهم جي حاصل ڪيل اڀياسي حالات کي تاريخي اهميت حاصل ٿي وئي آهي. +هينريءَ اول هن سفر جو خاڪو انگريزي حڪومت جي معلومات لاءِ رپورٽ يا روبڪاريءَ جي صورت ۾ تيار ڪري، هندستان جي گورنر جنرل ۽ سندس صلاحڪار جماعت کي پيش ڪيو. پر پوءِ، جيتوڻيڪ هو ڪو محقق يا مصنف ڪونه هو، الائي ڪهڙي ويچار هيٺ، هن انهيءَ روبڪاريءَ ۾ پنهنجو جاگرافيائي اڀياس، انگن اکرن ۽ واقعن جي معلومات سميت، وڌائي ۽ سڌاري، اهڙيءَ ريت مرتب ڪري ڇڏيو، جو اهو هاڻي، هن ڪتابي صورت ۾، اصل سرڪاري رپورٽ کان بنهه اِهي انگ اکر ۽ واقعا سندس اُن واقت جي ذاتي مشاهدي ۽ تحقيقات تي ٻڌل آهن، تنهنڪري تڏهوڪي زماني جي مستند احوال طور، قيمتي آهن. ساڳئي وقت، هن کانئس اڳين عملدارن جي ايران، هندستان ۽ سنڌ بابت گڏ ڪيل معلومات مان به فائدو ورتو آهي، بلڪ انهن ۾ اضافو به ڪيو آهي، تنهنڪري ڪتاب ۾ ڏنل تفصيل وڌيڪ اهم بنجي پيا آهن. +سمنڊ، جبل، جهنگ، ٻيلا، نديون، نئيون، واهه، انهن جا وهڪرا، رستا، شهر، ڳوٺ، مفاصلا، پراڻن ۽ گم ٿي ويل شهرن ۽ ڳوٺن جي هجڻ جا هنڌ ۽ حالتون، انهن جي ٺهڻ ۽ ڦٽڻ جا احوال، ماڻهن جا ڌنڌا ۽ ڪرتون، هنر ۽ ٻوليون، پيداواري وسيلا، واپار، افرادي قوت، گهرن جي اڏاوت ۽ سجاوٽ، آبادين جا انگ اکر، پوکون، ميوا، جانور، پکي، معدني ذخيرا، آبهوا، ۽ ان جا اثر، سردارن ۽ حاڪمن جي حيثيت ۽ مزاج، عام ماڻهن جي حالت، ڏوهه، سزائون- مطلب ته سنڌ ۽ بلوچستان جي تڏهوڪي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي جوڙجڪ ۽ جاگرافيائي صورتحال جي تفصيل سان گڏ، هينري پاٽنجر جي هن سفرنامي ۾ خود انگريزن جي تڏهوڪي حڪمت عملي، نيتون ۽ ارادا به درج ٿيل آهن. +سو، تاريخ جي طالب علمن توڙي محققن وٽ اُميد ته هيءَ سوکڙي قبول پوندي. +ڄامشورو، سنڌ شمشير الحيدري +28- ڊسمبر، 1993ع سيڪريٽري +سنڌي ادبي بورڊ +ديباچو +منهنجي 1810ع واري سفر جي احوال جو خاڪو پهريائين هندستان جي برٽش گورنمينٽ، جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ اهو سفر ڪيو ويو هو، جي معلومات لاءِ روبڪاريءَ جي صورت ۾ تيار ڪري حضور اعليٰ گورنر جنرل ۽ سندس صلاحڪار جماعت جي خدم�� ۾ پيش ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ مون جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ معلومات ۽ انگ اکر ڏيئي، روبڪاريءَ جي عنوانن ۾ اضافو ڪيو آهي. هن تذڪري ۾ جي تفصيلوار واقعا ۽ نقل ڏنل آهن، سي سرڪاري روبڪاريءَ جي مقصد کان ٻاهر هئا، تنهنڪري ان ۾ نه ڏنا ويا هئا. نظرثاني ڪرڻ کان پوءِ مون مناسب سمجهيو ته انهن کي جدا ڪري هڪ روزنامچي جي صورت ۾ پيش ڪجي، تنهنڪري هن سفرنامي جي پهرئين ڀاڱي ۾ مون اهڙا واقعا ڏٺا آهن، جي منهنجي خيال ۾ نادر يا دلچسپ آهن. اميد ته پڙهندڙ ڪڪ نه ٿيندا. ٻئي ڀاڱي ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جي جاگرافي وغيره متعلق معلومات ۽ انگ اکر ڏنل آهن، جي مون تحقيقات ڪري گڏ ڪيا آهن. حد بندي ڪرڻ مشڪل آهي ۽ ڪي پڙهندڙ تڪڙي مطالعي کان پوءِ شايد ائين سمجهن ته سفرنامي جا ڪي حصا غير ضروري آهن. +منهنجي دعويٰ نه آهي ته هن تصنيف ۾ ڪا علمي تحقيقات يا تاريخي صداقت آهي. ساڳئي وقت مون کي اميد آهي ته پڙهندڙ مون کي مضمون ۽ لکڻ جي طرز جي اوڻاين لاءِ معاف ڪندا. ٻيو ته هر ڪنهن ڳالهه جي تفصيلوار يادداشت رکڻ ناممڪن هئي. انهن ڳالهين ڪري ٻئي ڀاڱي ۾ ڪي خاميون رهجي ويون آهن، جن جي هندستان موٽن کان پوءِ مان خاطر خواهه نموني ۾ تصديق نه ڪري سگهيو آهيان. پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته منهنجي بلوچستان جي احوال ۾ ڪي انگ اکر ۽ جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ حقيقتون اڳيئي ايران جي مملڪت تي لکيل نادر مضمون، جو ليفٽيننٽ مئڪڊو نالڊ ڪينئر گذريل سال ڇپايو هو، ۾ ڏنل آهن. موصوف کي سرڪاري دفتر، جو بنگال کان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڏانهن موڪليو ويو هو، ڏسڻ جو موقعو مليو هو. پر مون تازو ذاتي تحقيقات ڪري انهن جي سچائيءَ جي تصديق ڪئي آهي، بلڪ انهن ۾ گهڻي قدر اضافو ڪيو آهي، تنهنڪري مون اهي سڀ حقيقتون هت ڏنيون آهن. +مون کي خبر آهي ته جنهن ملڪ جو مون سفر ڪيو آهي ان تي تاريخي مضمون نويسيءَ ۽ قياس آرائيءَ لاءِ وسيع ميدان آهن. پر اهي ڳالهيون هن سفرنامي جي مقصد کان ٻاهر آهن. انهن لاءِ انهن ملڪن جي قديم تاريخ جي علم جي ضرورت آهي، جنهن جو دم مان ڪونه ٿو هڻي سگهان، تنهنڪري مون انهن تي ڊگهو بحث ڪونه ڪيو آهي. +مون هن تصنيف ۾ پنهنجي دوست ۽ همراهه، بمبئيءَ جي ديسي فوج جي عملدار، اُنجهاني ڪئپٽن چارلس ڪرسٽيءَ جو گڏ ڪيل مواد ڪم آندو آهي، جنهن لاءِ مان سندس شڪر گذار آهيان. هو صاحب همه اوصاف شخصيت جو مالڪ هو، جا هڪ شريف ماڻهوءَ ۽ سپاهيءَ، عالم عزيز ۽ دوست جي هئڻ کپي. مان بمبئيءَ جي بحري کاتي جي عملدار ڪئپٽن وليم مئڪسفيلڊ جو به مشڪور آهيان. جنهن مون کي سنڌ متعلق پنهنجي سرڪاري لکپڙهه ڏسڻ ۾ اجازت ڏني هئي. ٻئي هڪ صاحب جنهن جو نالو هن تصنيف ۾ ڏنل آهي، منهنجي ايتري ته مدد ڪئي آهي جو مان هن جا احسان لاهي ئي نٿو سگهان. ڪئپٽن رابرٽ ڪلوز به مون کي دل کولي صلاح پئي ڏني آهي جنهن لاءِ مان ان جو شڪر گذار آهيان. سنڌ جي آمدنيءَ ۽ آباديءَ متعلق جيڪي حقيقتون هن تصنيف ۾ ڏنل آهن، تن منجهان ڪي سنڌ جي درٻار ۾ موڪليل اسان جي 1809ع واري سفير جي پهرئين نائب هينري ايلس جي روبڪاريءَ تان ورتل آهن، جنهن لاءِ مان هن جو ممنون آهيان. +- مصنف +مقدمو +1807ع ۽ 1808ع ۾ بونا پارٽ (نيپولين) جي هندستان متعلق صريحاً مخالف منصوبن اهڙي ظاهر ظهور شديد صورت اختيار ڪئي، جو اسان جي حڪومت انگلستان خواه هندستان ۾ ضروري سمجهيو ته انهن منصوبن جو مقابلو ڪرڻ کپي. سال 1807ع جي آخر ڌاري، فرانس جي هڪ سفارت جي ڏاڍي طمطراق سان ايران جي دربار ۾ آجيان ڪئي ويئي هئي. بوناپارٽ جي فرينچ قوم جي مخبرن ک�� حڪم ڪيو ويو هو ته سرٽوڙ ڪوشش ڪري اهڙي معلومات هٿ ڪن، جا سندن مقصد جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري هجي. تنهنڪري فيبروري 1808ع ۾ هندستان جي مانواري گورنر جنرل برگيڊيئر جنرل مالڪوم کي ايران جي حاڪم ڏانهن سفير ڪري موڪليو. ساڳئي وقت سر هارفرڊ جونس کي بادشاهه سلامت جي صحيح سانڳ پروانو ڏيئي سفير ڪري روانو ڪيو ويو، اهو قدم کيس وقعت ۽ رعب ڏيڻ لاءِ کنيو ويو هو، جو هڪ تابعدار حڪومت، پوءِ اها ڪهڙي به اعليٰ ۽ نالي واري هجي، کي حاصل نٿو ٿي سگهي. جنرل مالڪوم کي بنگال سرڪار هدايتون ڏنيون ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪري معلوم ڪري ته هندستان فتح ڪرڻ لاءِ ڪنهن يورپي فوج کي جن ملڪن مان لنگهڻو پوندو، تن جي ڪهڙي حالت آهي ۽ انهن جي پيدائش ڇا آهي. هن کي اِها پڻ اختياري ڏني ويئي ته پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جيترن به سياسي عملدارن ۽ ملازمن جي ضرورت هجيس، سي ڀلي نوڪريءَ ۾ رکي.[1] +پر پوءِ ڪي اهڙا واقعا ٿيا، جن جو هتي ذڪر آڻڻ ضروري نه آهي، جو اعليٰ سرڪار، سرجان مالڪوم کي واپس گهرائي ورتو ۽ هن جي سفارت 1809ع جي آخر تائين ملتوي ڪئي ويئي. جڏهن هو طهران ويندي ٻيو دفعو بمبئيءَ ۾ منزل انداز ٿيو، ان وقت مان ۽ بمبئيءَ جي ديسي پيادل فوج جو ڪئپٽن، چارلس ڪرسٽي سنڌ مان موٽيا هئاسين، جتي اسان گورنر جنرل جي سفير سان گڏجي ويا هئاسين. اسان کي جڏهن سرڪار جي ارادن جي خبر پيئي، تڏهن اسان پاڻمرادو انهيءَ سفر لاءِ پنهنجون خدمتون سرڪار جي حوالي ڪيون، جنهن جو احوال هن تذڪري ۾ ڏنل آهي. +اسان جي آڇ قبول ڪئي ويئي ۽ ان لاءِ بمبئي سرڪار جي منظوري ورتي ويئي. مون کي جنرل مالڪوم وٽان حڪم مليو ته ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جو زيردست ٿي ڪم ڪريان، ۽ هن کي سڌو جنرل وٽان هدايتون مليون. اهي هدايتون مبهم هيون، جنهن مهم لاءِ اسان تيار ٿيا هئاسين، ان لاءِ ضرورت به اهڙين هدايتن جي هئي. انهن ۾ اسان جو ڌيان ڪن خاص ڳالهين ڏانهن ڇڪايو ويو هو، جي سرڪار جي نقطهء نگاه کان سندن مقصد لاءِ ضروري هيون. ساڳئي وقت ۾ هو اسان تي ڇڏيو ويو ته ڪيئن ۽ ڪٿي سفر ڪريون ۽ حالتن پٽاندر ڪهڙي نموني جي روش اختيار ڪيون. اسان کي خاص طرح چتايو ويو ته اسان کي پنهنجي جان جي سڀ کان زياده حفاظت ڪرڻي هئي. +جنهن سفر تي اسان نڪتا هئاسين، ان ۾ هميشه ابتدائي مشڪلاتون هونديون آهن. ايشيائي ماڻهو يورپي لوڪن کي جڏهن سمنڊ جي ڪنارن تي ڏسندا آهن ته شڪي نظرن سان ڏسندا آهن ۽ سندن پوري عزت نه ڪندا آهن، تنهنڪري اِهو ضروري هو ته سامونڊي بندر، جتي اسان لهون، اتي ڪو خاطر خواه بندوبست هجي. خوش قسمتيءَ سان اسان جو اهڙو انتظام ٿي ويو، جنهن تي ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو نه پئي ٿي سگهيو. +اسان سندر جي سيوجي نالي هڪ معتبر ۽ شاهوڪار هندو دلال سان، جو مدراس ۽ بمبئيءَ کاتي جي سرڪارين کي رسالي لاءِ گهوڙا وٺي ويندو هو، صلاح ڪئي. هن چيو ته مان توهان کي پنهنجن گماشتن ڏانهن، جي بلوچستان جي گاديءَ قلات مان گهوڙا خريد ڪرڻ ويا آهن، چٺيون ۽ هنڊيون ڏيندس. پوءِ قلات مان توهان پڇا ڳاڇا ڪري جيڪو رستو موزون سمجهو سو وٺي وڃجو. جيڪڏهين اتفاق سان توهان کي ڀڄڻو به پوي ته ٻيو رستو وٺي سمنڊ طرف موٽي اچجو. اهڙيءَ طرح، لاشڪ توهان کي ملڪ جي گهڻي حصي ڏسڻ جو موقعو ملندو. هنڊيون ۽ چٺيون اسان لاءِ تيار ڪيون ويون. ماڻهن کي يقين ڏيارڻ لاءِ ته اسان سچ پچ واپار لاءِ سفر ٿي ڪيو، سندرجيءَ جو گماشتو پيتامبرداس اسان سان قلات گڏجي هلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون، پاڻ سان ٻه هندستاني ساڻ کنيا. انهن کي وعدو ڏنو وي�� ته جيڪڏهن هو وفادار رهندا ته کين وڏا انعام اڪرام ڏنا ويندا ۽ هو نهايت وفادار ۽ ايماندار رهيا. ضرورت جي وقت ڪم آڻڻ لاءِ اسان پاڻ سان سونيون اشرفيون لڪائي کنيو. اهي اسان هماڻين ۾ سبي ڪپڙن هيٺان چيلهه سان ٻڌي ڇڏيون. ان کان سواءِ، ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي اختياري ڏني ويئي ته هو ڪيتريءَ به رقم لاءِ بمبئي سرڪار جي نالي ۾ سندرجي سيوجيءَ جي نالي تي هنڊيون ڪڍي سگهيو ٿي. مطلب ته مخالفت ته مخالفت پر تڪليف ۽ ڏکن سورن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هرممڪن شئي مهيا ڪري ڏني ويئي. سال 1810ع جي ڊسمبر جو مهينو انهن تيارين ۾ گذريو. مان پنهنجو روزنامچو ان ڏينهن کان شروع ڪيان ٿو، جنهن ڏينهن اسان بمبئي کاتي جا وڻ ڇڏيا. +ڀاڱو پهريون +احوال +بلوچستان ۽ ايران جي حصي جو سفر، جو هڪ مسلمان زوار جي ويس ۾ ڪيو ويو هو،ساڻ انهن قصن ڪهاڻين جي، جيڪي ڏيهي ماڻهن جي رسمن، رواجن ۽ قومن قبيلن جي سرشتي تي روشني وجهن ٿيون وغيره وغيره. +ڀاڱو ٻيو +مختصر +تاريخي ۽ جاگرافيائي يادگيريون- +انهن ملڪن جون جيڪي بلوچستان ۽ ڪجهه ايران واري سفر ۾ گشت ڪندي ڏٺا ويا هئا؛ +انهن جي سرحدي حدن، سرڪارين، آبهوا، زمين ۽ تاريخ جي مشاهدي سميت؛ +جنهن ۾ وڌايل آهي: +سنڌ صوبي جو مختصر حال احوال ۽ انهيءَ سفارت جي ڪارروائي، جنهن جي اتي جي حاڪمن سان سن 1809ع ۾ گڏجاڻي ٿي وغيرهه وغيرهه. +فصل (1) +ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مان 2- جنوري 1810ع جي شام جو بمبئيءَ جي بندر تان هڪ ننڍيءَ ديسي ٻيڙيءَ ۾، جا اسان کي سونمياڻيءَ جي بندر تي پهچائڻ لاءِ ڀاڙي ڪئي ويئي هئي، چڙهي هڪدم روانا ٿياسين. ٻئي ڏينهن سج اڀرئي مهل اسان ڏٺو ته ٻيڙيءَ ۾ ناکئن کان سواءِ اسان سان ٻه هندستاني نوڪر، گماشتو ۽ سندس نفر ۽ ڪيترا افغان گهوڙن جا واپاري، جي پنهنجي ملڪ موٽي ٿي ويا، سي به موجود هئا. انهن کي اسان پاڻ سان ٻيڙيءَ ۾ سواري ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي جو سمجهوسين ته هو اتي لهڻ بعد ڪارائتا ٿيندا. +جنهن مهل اسان بمبئي ڇڏي، ان وقت بلڪل اوندهه هئي. رات جو تازي هوا پئي لڳي، ۽ ٻيڙي ڪناري کان گهڻو پري سمنڊ ۾ نڪري ويئي هئي، تنهنڪري اسان کي انديشو ڪونه هو، ته اسان جا همراهه ڪو اسان کي سڃاڻي سگهندا. اسان يورپي لباس به بدلائي، ديسي ويس ڪيو. افغانن اسان جي رنگ مان اهو ته ضرور سمجهيو ته اسان يورپي آهيون، پوءِ کين اها سُڌ نه رهي ته اسان ڪير آهيون. انهن مان ٻه ته هوشيار ۽ خوش خلق ماڻهو هئا، ۽ اسان کي چڱيون خبرون چارون ٻڌايائون، جي ان وقت ڏاڍيون دلچسپ هيون، ۽ پوءِ اسان کي سفر ۾ ڪارآمد ثابت ٿيون. +7- تاريخ جنوريءَ: جي اسان گجرات جي ساحل تي جهونا ڳڙهه جي ٽڪريءَ جي سامهون ٿياسين. ٻئي ڏينهن اسان پور بندر ۾ لنگر هنيو. پوربندر ۾ اسان ان ڪري لٿاسين جو اسان کي سندرجيءَ سان روبرو مشوري ڪرڻ جو ارادو هو. هو اتي راجا سان ڪن سياسي ڳالهين جي فيصلي لاءِ بمبئي سرڪار جي پاران ويل هو. اسان ظاهر ڪيو ته پور بندر ۾ ان ڪري ٿي لٿاسين، جو اسان کي پاڻي کپندو هو. اسان ٻيڙيءَ مان لهي هڪدم شهر ۾ وياسين جتي ٻه ڏينهن ڪمپنيءَ جي بحري آفيسر ڪئپٽن مئڪسفيلڊ جي گهر ۾ رهياسين. هو ان وقت محصولن جي وصوليءَ جو ڪَچو عملدار هو. هتي به اسان افغائن جي بازن جهڙين نظرن کان پوشيده رهياسين، هنن سمجهيو ته اسان سندرجيءَ جا مهمان هئاسين. +پور بندر گجرات جي ڪناري جي ڏکڻ- اولهه طرف سمنڊ جي هڪ کاريءَ تي آهي. شهر وسندڙ ۽ آباد آهي. ماڻهو بمبئي، سنڌ ۽ ملبار سان واپار ڪندا آهن. آسپاس واري ايراضي گجرات جي ٻين علائقن وانگر سنئون پٽ آهي، فقط شهر کان ٻارهن- چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ٽڪرين جي قطار آهي. +10- تاريخ جنوريءَ: جي اسان پوربندر ڇڏي اتر- اولهه جو طرف ڏيئي هلياسين. ان وقت اوڀر ٿي لڳو. رات جو سخت ٿڌ هئي. ماڪ ايتري هئي، جو سڀ ٽپڙ آلا ڀَت ٿي ويا، ڄڻ ته برسات پئي هئي. 15- تاريخ اسان کي سنڌ جو ڪنارو نظر آيو، اسان ڪناري جي بلڪل ويجهو هئاسين، زمين هيٺانهين ۽ سڌي آهي. اسان ڪنارو ڏٺو تنهن کان اڳ ئي اسان محسوس ڪيو ته زمين ويجهي آهي. اتي سمنڊ نهايت هولناڪ صورت اختيار ڪري ٿو. سنڌونديءَ جو اجهاڳ پاڻي اچي سمنڊ ۾ پوي ٿو، جنهنڪري شاهي لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ پاڻي لڙاٽيل نظر اچي ٿو. ائين پئي نظر آيو ته ڄڻ اسان ڪناري تي تانگهي پاڻيءَ ۾ آهيون، پر ماپ وٺڻ تي معلوم ٿيو ته پاڻي ڪيترا فوٽ اونهو هو، ساڳئي ڏينهن، اٺين بجي شام جو اسان مو واري (ماٿري) جي رات ۽ چرنا (چلني) ٻيٽ جي وچ مان لنگهياسين. اسان کاريءَ جو وچ وٺي آياسين. جا ميل جو چوٿون حصو ويڪري آهي، پر اها اونهي آهي ۽ خطرو ڪونه اٿس. رات جي چانڊوڪيءَ ۾ ٻيٽ ۽ سامهون وارو ڪنارو ويران ٿي نظر آيا. ٻيٽ ۾ نه مٺو پاڻي آهي نه ڪا ساوڪ. +سونمياڻيءَ جي کاري، جنهن ۾ هاڻي اسان داخل ٿيا هئاسين، تنهن کي هڪ پاسي کان راس مانزي ۽ چلنيءَ جو ٻيٽ ۽ ٻئي پاسي کان عربو (عربه) جي راس آهي. اها هڪ شاندار کاري آهي جنهن ۾ ڪي به ٽڪر يا تانگها نه آهن، ان ۾ وڏي ۾ وڏو ٻيڙو سلامتيءَ سان لنگر هڻي سگهي ٿو. هيءَ اها مشهور کاري آهي، جتي نيئرڪس (سڪندر جو اميرالبحر) جو ٻيرو ٻيٽ ۽ زمين جي آڙ ۾ ڪيترو وقت ترسيو هو. ڊاڪٽر ونسيسٽ جو سڪندڙ جو بندر جو مصنف ايرين جي ڪتاب مان ڪڍي بيان ڏنو آهي، سو هاڻوڪي کاريءَ سان اهڙو ٺهڪي اچي ٿو جو ان مان يوناني مصنف جي صداقت جي ثابتي ملي ٿي.[2] +جنوريءَ جي 16- تاريخ هڪ بجي شام جو اسان پورالي نديءَ جي ڇوڙ وٽ لنگر هنيو. سونمياڻيءَ جو ڳوٺ اتان ٻه ميل اتر- اوڀر هو، اتي اسان ٽين بجي تائين ترسياسين. ان وقت وِير چڙهڻ لڳي، ۽ اسان لنگر پٽيو. پنجين بجي اسان پنهنجي هندو گماشتي کي ڪناري تي موڪليو، ۽ هو اسان جي سامان لاءِ هڪ ڊونڊي وٺي سندرجيءَ جي هڪ ٻئي ماڻهوءَ سان گڏجي آيو. اسان هن سان ملاقات ڪري ڏاڍا خوش ٿياسين، ڇاڪاڻ ته هو اڳينءَ موسم ۾ بلوچستان گهوڙا خريد ڪرڻ ويو هو، تنهنڪري اسان کي خبرن چارن ڏيڻ جي قابل هو. اسان هن جي صلاح سان شام جو دير سان لٿاسين. اسان کي اجاريدار راڻي سيٺ جي گهر وٺي ويا. هو چئن- پنجن هندو واپارين سان باهه تي ويٺو هو. اسان جو هن سان تعارف ڪرايو ويو. هن کي ٻڌايو ويو ته اسان يورپي آهيون ۽ سندرجيءَ جي نوڪريءَ ڪري هو اسان کي نهايت خوش خلق نموني ۾ پيش آيو. دستوري خوش خيرعافيت کان پوءِ چيائين ته مون کي پنهنجي مالڪ جو حڪم برچشم آهي ۽ مان توهان جي هر ڪنهن نموني ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اسان هن جي شڪر گذاري ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ هو اسان کي هڪ ننڍي لانڍيءَ ۾ وٺي ويو، جتي اسان جي رهڻ جو انتظام ڪيو ويو. اها سڄي ڳوٺ ۾ سٺي ۾ سٺي لانڍي هئي، جتي اسان کي اجاريدار کير ماني موڪليو جو کائي سمهي پياسين. اسان خوش هئاسين ته مٿان ڇت آهي، پوءِ اها ڪهڙي به هجي. ٻيڙيءَ تي نه هو ڪو پکو يا تڏو جو کڻي سر لڪائجي. +17- جنوري: اڄ صبح جو اسان مٿا ڪوڙائي، ديسي ويس پائي پنهنجي صورت بلڪل بدلائي ڇڏي. ان کان پوءِ راڻو سيٺ اسان جي لانڍيءَ ۾ آيو. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چيس ته اسان سان گڏجي ٻيلي ڏانهن هلي، جو مکيه شهر ۽ حاڪم جي رهڻ جي جاءِ آهي. هن اها ڳالهه قبول ڪئي، بلڪ هو اسان سان قلات تائين گڏ هلڻ لاءِ تيار هو. ��لات ساري بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هونءَ به هو اسان سان تمام فضيلت سان پيش آيو. وڃڻ کان اڳ، اسان کيس تحفا ڏيکاريا، جي بمبئيءَ کان آندا هئاسين ۽ انهن بنسبت سندس رايو پڇيوسين. چيائين ته ڇيٽ جا ڪپڙا پسند ايندا ۽ ڇُريون ڪانٽا ۽ شيشي جو سامان به قبول ٿيندو. انهن تي وڌيڪ ڪم ٿيل هجي ها ته جيڪر ان جو وڌيڪ قدر ٿئي ها. اسڪاٽلنڊ جو چوڪڙين وارو گرم ڪپڙو جو اسان ڪنهن جي صلاح تي آندو هو سو کيس پسند ڪونه آيو، ڇاڪاڻ ته اهو سندن ڪمبلن جهڙو هو. اسان پوءِ ڏٺو ته هو ان ڳالهه ۾ غلط هو، اهو ڪپڙو ٻين سڀني شين کان زياده مقبول پيو. جڏهن هو اٿڻ وارو ٿيو تڏهن چيائين ته ڪالهه شام جو مون جهنگ ڏانهن اُٺن لاءِ ماڻهو موڪليو آهي، اميد ته هو رات جو موٽي ايندو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اسان ٻيلي هلنداسين. +اهو ڏينهن مسلمانن جي قربانيءَ جي عيد جو هو ۽ اسان پنهنجن همسفر افغانن کي دعوت ڏني، هنن سڀني ڍؤ تي پيٽ ڀري کاڌو. شهر جي مسلمانن ۾ خوشي يا شادمانو ڪونه نظر آيو، هو شايد تمام غريب هئا. شام جو نيڪنام نالي هڪڙي افغان اسان جي نوڪريءَ ۾ بيهڻ جي خواهش ڏيکاري. هو هڪ هوشيار ۽ خوش خلق آدمي هو ۽ گهوڙن جي واپاريءَ جي حيثيت ۾ سڄي بلوچستان جو سير ڪيو هئائين، تنهنڪري هن کي اسان پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيو. +18- جنوري: اسان سونمياڻيءَ ۾ ترسي پياسين، جو اسان جا اُٺ ڪونه آيا. اسان اهو ڏينهن گهمي پاڻ کي وندرايو. ڳوٺ ۽ ان جي ماڻهن جي حالت نهايت اُبتڙ هئي، پر تعجب هو ته اتي چڱو چوکو واپار هو. واپار سمورو هندن جي هٿ ۾ آهي، هو نهايت محنتي قوم آهن. هڪڙي هندوءَ کان مون پڇيو ته محصولخاني ۽ بندر جي وچ ۾ ڇو ايتري ڊڪ ڊوڙ آهي؟ چيائين ته 1808ع جي پڇاڙيءَ تائين هن کان چئوڻو واپار هوندو هو، جڏهن جواسمي عربن ڌاڙيلن سونمياڻي ڦري ساڙي ڇڏي، ان کان پوءِ شهر اڃا سنئون ڪونه ٿيو آهي. +سونمياڻيءَ جو ڳوٺ پورالي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي هڪ نهايت سيبائتي جاءِ تي ٺهيل آهي، ان ۾ هن وقت اٽڪل اڍائي سؤ گهر آهن، ان کي ڪا پناهه ڪانه آهي. ٻيلي واري طرف ڳوٺ جي ويجهو واريءَ جون وڏيون ڀِٽون آهن. نديءَ جي منهن ۾ لَٽ آهي، تنهنڪري اتي جي وِير نه هوندي آهي. ته پاڻي ڇهن فوٽن کان زياده نه هوندو آهي، پر ڳوٺ جي ويجهو جتي ٻيڙيون بيهنديون آهن، اتي ڇهه- ست فوٽ پاڻي هوندو آهي. ماڻهن جو گذران اڪثر مڇي مارڻ تي هوندو آهي. سواءِ چند هندن جي ٻيا ماڻهو غريب آهن. تازو پاڻي وير جي سَنڌي کان ٻاهر واريءَ ۾ هڪ- ٻن فوٽن تي ملندو آهي. پاڻي هڪدم جيئن ڪٺو ٿيندو آهي، تيئن ڪڍبو آهي، نه ته جلد کارو ٿي پوندو آهي، ساڳي کڏ وري ڪم نه ايندي آهي، جيستائين اها پوري وري ٻي نه کوٽي وڃي. سونمياڻيءَ ۾ سکر ماڻهن جا گهر ڪاٺ جي بنڊن جا ٺهيل هوندا آهن، جي ڪچين سرن سان ڀربا آهن. غريبن جون جهوپڙيون ٻٻر جي ٽارن جون هونديون آهن، ۽ مٿان مٽي لنبيل هوندي اٿن. ڇتيون ڪچيون هونديون آهن (چؤنرو). مان هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ لس جي پرڳڻي جي واپار، آمدني ۽ پيدائش جو احوال ڏيندس. سونمياڻي لس جو هڪ ئي بندر آهي. هت مان انهن جو تفصيلوار بيان ڪونه ڏيندس. هاڻي مان پنهنجو روزنامچو اڳتي ڏيڻ شروع ڪريان ٿو. +19- جنوري: اڄ صبح جو ناشتي کان پوءِ افغان هڪڙي قنڌار جي واپاريءَ کي اسان وٽ وٺي آيا. هن اسان کي چيو ته ٻيلي کان سڌو قلات وڃڻ خطرناڪ ٿيندو ۽ صلاح ڏنائين ته قلات ڏي سنڌ مان وڃو، جنهن رستي کان مان ويو هوس. هن اسان کي سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر اسان ڪين مُڙياسين، چيائين ته توهان کي رستي ۾ وهرين بلوچ قوم جا ملندي�� سا آهي بزنجن جي قوم. هنن کي نه بادشاهه، نه خان، نه ڪنهن سردار جي پرواهه هوندي آهي. هنن کي جو ماڻهو، جا شئي هٿ ايندي آهي سا ڦُريندا آهن. اسان پنهنجي صلاحڪار کي سڌو جواب ڪونه ڏنو، پر هو ڄور وانگر چنبڙي پيو. آخر اسان جواب ڏنس ته اسين لاچار آهيون. سندرجيءَ جو حڪم آهي ته پهريائين ٻيلي وڃو. اهو ٻڌي هُو سُنِ ۾ پئجي ويو. چيائين ته چڱو، ڏسجو ته ڪو نقصان نه پهچيوَ، ائين چئي هو موڪلائي هليو ويو. صبح جو اسان جو سامان لياريءَ روانو ٿي ويو هو، جو صوبي جو ٻيو نمبر شهر آهي. ٻين بجي شام جو اسان به ان جي ڪڍ روانا ٿياسين. ساڍي چئين بجي شام تائين اسان اَٺ ميل پنڌ ڪري وياسين. رستو هڪڙي ڪلراٺي پٽ مان هو. ڪٿي ڪٿي ٻٻڙ جا وڻ ۽ ٻيو جهنگ هو نه ته ٻيو مڙيوئي خير. ڪٿي ڪٿي ته ڪلر ايترو هو جو زمين اڇي هئي. هتي اسان جو سامان ترسايو ويو هو، جو ڏسي اسان خفي ٿياسين. اُٺ جهنگ چرڻ ويا هئا. اسان لاچار لهي ٻين مسافرن سان وڃي ڪن ڪانڊيرن جي ڇانوَ ۾ ويٺاسين، جن ۾ اسان جا افغان دوست به هئا. +اسان جي نوڪرن ماني ويٺي پچائي ته افغان گڏجي آيا ۽ اسان تي وري زور ٻڌائون ته قلات، سنڌ مان ئي وڃو. اسان کين چيو ته ڇا به ٿي پوي اسان ٻيلي وينداسين، توڻي اتان موٽڻو پوي. انهيءَ تي اسان جي نئين نوڪر نيڪنام چيو ته مون سان ڪجهه قيمتي مال ساڻ آهي. توهان سندرو ٻڌي منهنجا دشمن ٿي بيٺا آهيو، تنهنڪري منهنجي موڪلاڻي اٿوَ. هتان لڪ ڏانهن رستو وڇي ٿو، سو ڏيئي مان سنڌ ڏانهن ويندس. انشاءالله! جي توهان بزنجن جي ڌاڙيلن کان بچيؤ ته قلات ۾ گڏباسين. توهان جي مرضي هجي ته مان پنهنجو هڪ- ٻه ماڻهو توهان سان ڇڏيان. هو نهايت ايماندار ماڻهو آهن ۽ توهان جي خدمت ۾ پنهنجي جان به قربان ڪندا. اسان بدقسمتيءَ سان اها ڳالهه قبول ڪئي. انهن مان ٻه ڄڻا اسان سان هلڻ لاءِ تيار ٿيا. رات جي ماني کائي ٻين کان موڪلائي روانا ٿياسين ۽ ست- اٺ ميل پنڌ ڪري وڃي شيخ جي راڄ ۾ پهتاسين. ڳوٺ جا ماڻهو ننڊ ۾ آرامي هئا. اسان کي اتفاق سان هڪ خالي ڪڙهه ملي ويئي ۽ اسان بنان اجازت جي وڃي ان تي قبضو ڪيو. مياڻيءَ کان پوءِ اسان پهرين آباديءَ جي نشاني اتي ڏٺي، نه ته رڳو ڪلرائي ڪلر هو. اڄ اسان اتر طرف مسافري پئي ڪئي. مفاصلو اٽڪل ساڍا پندرهن ميل هو. +[1]. ارل آف منٽو +[2] . بندر کي اهو نالو ’نيئرڪس‘ ڏنو هو. + + +- جنوري: اڄ صبح جو هڪڙو هندو واڻيو، جو ٻيلي کان سون مياڻي موٽيو پئي، اسان کي نياز ڪرڻ آيو. هن اسان کي اها خوشخبري ٻڌائي ته ٻيلي کان سونمياڻيءَ تائين رستو سلامت هو. افغانن اسان جي دل ۾ بزنجن بلوچن جو ڊپ ڏيئي اجايا شڪ جاڳايا هئا. اسين هڪ بجي شام جو اُٺن تي سوار ٿي روانا ٿياسين ۽ پنجين بجي اوٿل ۾ پهتاسين، جو هڪ سهڻو ۽ صفا ڳوٺ هو. ان ۾ اٽڪل چار سؤ گهر ٿيندا. رستو چڱيرڙو هو. ملڪ غير آباد هو ۽ سنئون سڌو هو. ڪٿي ڪٿي گهاٽو جهنگ هو جنهن ۾ وڏا ٻٻر جا وڻ پئي نظر آيا. اسان رستي ۾ ٻه نهرون- هڪ ولتا ۽ ٻي سنگاڻي ٽپياسين. ولتا پورالي ندي جي شاخ آهي ۽ ٿورو وڪڙ ڪري وري وڃي پوراليءَ سان ملي ٿي. جڏهن اسان ستگاڻي ٽپياسين تڏهن اها سڪل هئي. ان جو پيٽ هڪ ڪپر کان ٻئي تائين اٽڪل ٻارهن وال هو. رستو اتر طرف پئي ويو ۽ مفاصلو نَو ميل هو. اوئل ۾ کوهه تمام اونها آهن ۽ پاڻي مٺو اٿن. ڳوٺ جا ماڻهو خوش ۽ آسودا ٿي نظر آيا. انهن کي رڍن ۽ ٻڪرين جا وڏا ڌڻ آهن. ان کان سواءِ ڳائو مال ۽ اٺ به اٿن. +اسان اڃا اُٺن تان ئي نه لٿاسين، ته جمعدار يا ڳوٺ جي چڱي مڙس اچي هڪ ٻڪري مهماني طور پيش ڪئي، مگر اسان اها اجوري ڏيڻ کان سو��ءِ قبول نه ڪئي. اسان کي پوءِ خبر پيئي ته اسان جي اها خوشامد انهيءَ ڪري ڪئي ويئي هئي جو ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي هڪڙي پخالي، جو سنڌ جي سفارت ۾ اڳين سال نوڪر هو، تنهن اسان کي سڃاتو هو، جو اسان ٻيئي به ان سفارت ۾ شامل هئاسين. پخاليءَ ان ڳالهه جو وڃي سڄي ڳوٺ ۾ پڙهو ڏنو. اسان اها ڳالهه قبول ڪري پاڻ تان مصيبت ٽاري. چيوسون ته هاڻي اسان سندر جيءَ جي نوڪري ۾ آهيون. انهيءَ دروغ گوئيءَ تي وڌيڪ ٽيڪاٽپڻيءَ ڪانه ڪئي ويئي. +21- جنوري: اوٿل مان اسان منجهند ڌاري نڪتاسين. شام جو ڇهين بجي کان ٿورو پوءِ اسان وري آري نالي هڪ بدحال ڳوٺ ۾ وڃي لٿاسين. اتي مس ڏهه- ٻارهن گهر يا جهوپڙيون نيروٽين، کٽين، رنگسازن يا کهنباٽين جون هيون. اسان رات هڪڙي نيروٽيءَ جي لانڍيءَ ۾ رهياسين. هيءَ منزل ارڙهن ميل اتر- اوڀر هئي. ملڪ ويران، سڌو ۽ وارياسو هو. اسان ٻه کوهيون ڏٺيون، انهن جو پاڻي چکي ڏٺوسون ته کارو هو ۽ منجهن پاڻي به ٿورو هو. +23- جنوري: اڄ چئين بجي اسان ٻيلي ۾ پهتاسين جو اڳينءَ منزل کان ساڍن ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هو. آسپاس وارو ملڪ ڪٿي ڪهڙو هو ڪٿي ڪهڙو. ڪٿي گهاٽو جهنگل هو ته ڪٿي ويران پٽ هئا. اسان کي ٽي- چار ڳوٺ نظر آيا. انهن جي ڀرسان ڀليون آباديون هيون. اڌ رستي تي هڪ مقام هو جنهن ۾ ڄامن جا عزيز پوريل آهن. ٻن مقبرن تي ننڍا پٿر جا قبا اڏيل آهن. پٿر ڀر وارن جبلن مان آندل آهي. گهڻين قبرن تي اڇين ۽ ڪارين پٿرين سان قرآن جون آيتون لکيل آهن. انهن جي چوڌاري پٿرين سان ساڳئي نموني ۾ گلڪاري ٿيل آهي. نقش سادو آهي پر سهڻو لڳي ٿو. +اسان ٻيلي جي ويجهو آياسين ته معلوم ٿيو ته اهو موڪل جو ڏينهن هو. ڄام گهوڙي- ڊوڙي ڏسڻ ويو هو، جنهن جو هنن ماڻهن کي شوق آهي. انهيءَ موقعي تي سڀ ماڻهو گهوڙن ۽ اٺن تي چڙهي شهر جي آسپاس سواري ڪندا آهن. اُٺ نهايت تيز رفتار سان ڀڄندا آهن ۽ سوارن کي انهن تي پورو قبضو هوندو آهي. مان ٻڌندو هوس ته اٺ تکا ڀڄندا آهن، پر اعتبار نه ايندو هوم. +ڄام شام جو موٽيو. اسان سندرجيءَ جي گماشتي کي، جو اسان سان سونمياڻيءَ ۾ گڏيو هو، موڪليو ته وڃي ڄام کي اسان جي اچڻ جو اطلاع ڪري ۽ کانئس اجازت وٺي ته اسان ٻه- ٽي ڏينهن اتي رهون. ڄام اسان جي قاصد کي چڱيءَ طرح پيش آيو. هن اسان کي رهڻ جي اجازت ڏني ۽ آئينده مدد جو پڻ وعدو ڪيو. اسان کي انديشو هو ته هو اسان کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو. ڄام جي اها مُروت ڏسي اسان خوش ٿياسين. گويا اسان جو اڌ مقصد پورو ٿيو هو. +اسان جو دوست سونمياڻيءَ جو اجاريدار اسان کان الڳ ٻيلي ۾ پهچي ويو هو. هو ڪا ٻي واٽ وٺي آيو هو. هن اسان جي رهائش جو انتظام پنهنجي گهر ۾ ڪيو هو. هن جو گهر تمام پوشيده ۽ سهولت وارو هو. ان کي پناهه لاءِ ڀت ڏنل هئي ۽ آڳر ۾ دروازو هوس. ان ۾ اندر هڪ وڏو ورانڊي سان ڪمرو هو ۽ ٻه ننڍيون ڪوٺيون هيون. اهو سندرجيءَ جي غريب نوڪرن لاءِ ڪافي هو. +23- جنوري: اڄ شام جو تلسئي اسان کي ٻڌايو ته راڻي سيٺ کي ڪراچي سنڌ مان هڪ ڊگهو خط پهتو هو، جنهن ۾ کيس هدايت ڪئي ويئي هئي ته انگريز سرڪار جي هڪ نمائندي کي سندن مالڪ ڄام جي ملڪ ۾ آڻڻ هڪ غلط ڪم هو. هن کي صلاح ڏني ويئي هئي ته اسان کي سڀني همراهن سان گڏي زوريءَ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي بمبئيءَ روانو ڪيو وڇي. خط جي لکندڙ[1] جي خيال ۾ جيتوڻيڪ اسان ظاهراً واپار جي ارادي سان آيا هئاسين، پر اسان جو اصلي مقصد هو ملڪ جو حال احوال وٺڻ، جو ڪمپنيءَ جي ان متعلق نيت خراب هئي، اڳئين سال گهڻو خرچ ڪري ساڳئي ارادي سان هڪ سفير سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو، پر ٽالپرن انگريزن جي حوصله افزائي ڪانه ڪئي هئي. انهيءَ جي جواب ۾ تلسئي کيس، راڻي سيٺ کي هنڊيون ۽ خط ڏيکاريا جن ۾ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي سندرجيءَ جا گماشتا ڪري تسليم ڪيو ويو هو. ان تي هو ظاهري ته راضي رهيو، پر احتياطاً اسان تلسئي کي چيو ته اجاريدار کي سمجهائي ته سندس خاطوءَ اهو خط ان ڪري لکيو هو جو کيس ڊپ هو ته متان انگريزن، جن جو اسان جو سيٺ سندرجي نوڪر هو، جي مدد سان ڪراچيءَ جو واپار سونمياڻيءَ نه هليو وڃي. +اٽڪل ڏيڍ بجي اسان کي ڄام سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ گهرايو ويو. هو درٻار ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ ماڻهن سان ويٺو هو، جن مان گهڻا تماشبين هئا. انهن مان ٿورا ڪي خدمتگار هئا. هو اسان کي نهايت فضيلت سان پيش آيو ۽ اچڻ ۽ موڪلائڻ وقت اُٿي بيٺو. گفتگو جي دوران هن اسان کان ڪيترا عجيب مگر سنوان سڌا انگريزن جي مزهب، رسمن ۽ ذاتين متعلق سوال پڇيا. اهو به پڇيائين ته فرينچ لوڪن جون رسمون به اسان جهڙيون آهن يا نه؟ وڌيڪ چيائين ته مون پنهنجن ماڻهن کان، جي هندستان گهمي آيا آهن، ٻڌو آهي ته توهان جو انهيءَ قوم سان ازلي جهيڙو آهي ۽ توهان جو سمنڊ تي زور آهي. پڇيائين ته توهان کي اڃا فوقيت آهي يا نه؟ هن اسان کان انگلنڊ جي بادشاهه جي نالي، هن جي بحري ۽ بري فوجن جي انداز ۽ انتظام، دارالسلطنت جي قسطنطنيه کان مفاصلي ۽ حڪومت جي انتظام متعلق سوال پڇيا. +انهن سوالن جا اسان هن کي معقول جواب ڏنا. اهي سوال هن اسان کان اهڙيءَ سادگيءَ سان پڇيا هئا، جو کيس جدا جدا سوالن تي مطمئن ڪرڻ ڏکيو هو. هن کي ڪيترين ڳالهين تي تعجب لڳو ۽ ٻين هندن کان، جي اسان سان گڏجي آيا هئا، تصديق گهريائين. هنن چيس ته هي جيڪي چون ٿا تنهن ۾ مبالغو ڪونه آهي پر هو مطمئن نه ٿيو ۽ ڪنڌ ڌوڻي چيائين ته توهان چئو ٿا ته اهڙا جهاز به آهن جي سؤ توبون ۽ هزار ماڻهو کڻي سگهن ٿا، اهو تقريباً ناممڪن آهي. ايترن توبون توبخاني ۾ آهن ته اهڙن ٻن جهازن جا ماڻهو منهنجو سمورو ملڪ وڍي سگهن ٿا. اسان جيڪي کيس ٻڌايو هو سو بلڪل صحيح هو. اسان اهو به ٻڌايس ته اسان جي بحري فوج ٽرئفلگر جي لڙائيءَ ۾ ڇا ڪري ڏيکاريو هو. آخر جواب ڏنائين ته توهان چئو ٿا ته مان قبول ڪيان ٿو، پر لس جا نومڙيا هن کان ان ڳالهه جي ثابتي گهرن ها! +پڇاڙيءَ جو پڇيائين ته آخر توهان جو مقصد ۽ مراد ڇا آهي. اسان چيس ته اسان بمبئيءَ جي واپاريءَ سندرجيءَ جا گماشتا آهيون ۽ هندستان ۾ وڪري لاءِ هتان گهوڙا خريد ڪرڻ آيا آهيون. اسان کي قلات پهچڻ لاءِ توهان جي مدد درڪار آهي. هن هڪدم پنهنجي ديوان کي حڪم ڏنو ته اسان لاءِ رهبرن ۽ نوڪرن جو هڪدم بندوبست ڪري. پوءِ اسان ڏانهن منهن ڪري چيائين ته بهتر ٿيندو ته توهان مون وٽ مهينو يا ڇهه هفتا رهو، قلات ۾ هن وقت ايتري ٿڌ آهي جو توهان سڀ سڪي مري ويندؤ. اسان چيس ته اسان ٿڌي ملڪ جا ويٺل آهيون ۽ ٿڌ تي هريل آهيون. اسان هڪدم جبلن تي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. چيائين ته برابر، پر انهن تي ته رحم کائو جيڪي توهان سان گڏجي هلن ٿا. پر توهان تڪڙا آهيو، تنهنڪري ڀلي تياري ڪريو. مان توهان کي ڪن سردارن لاءِ خط ڏيندس جن جي ملڪ مان توهان لنگهندؤ. اڄ مان بزنجن جي قوم جي سردار رحمت خان ڏانهن خط لکان ٿو، هو توهان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهائيندو، جو اتي ڌاريلن جو ڊپ آهي. ائين چئي اسان کي رخصت ڏنائين ۽ اسان پنهنجيءَ ملاقات تي خوش ٿي روانا ٿياسين. +اسان کي ڄام هڪ بيدار ۽ باخبر شخص نظر آيو. هو شڪل جو ٺاهوڪو هو ۽ فارسي نهايت فصاحت سان پئي ڳالهايائين. جتي هو اسان کي چڱيءَ طرح نه پئي سمجهي سگهيو، اتي هندن کان سنڌيءَ ۾ اسان جو مطلب پئي پڇيائين. هو هڪ ساديءَ اڇي گديءَ تي ويٺل هو، جنهن تي ڪو هيرو جواهر جڙت ٿيل ڪونه هو. هن کي ڳاڙهي ڪيمخواب[2] جو هڪ الخليق پيل هو. مٿي تي کيس هڪ وڏي پڳ هئي، پر اها ايڏي نه هئي جيڏي سنڌي ٻَڌندا آهن. هن جي ترار ۽ ڍال اڳيان غاليچي تي رکي هئي. هن جو پٽ ۽ ٻه ڀائر ڀرسان ويٺا هئس. هو سڀ مسڪين ٿي نظر آيا ۽ کين پنهنجيءَ غربت تي لڄ ڪانه پئي آئي، ۽ نه ڪري ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون. درٻار، جتي ملاقات ٿي هئي، سو زمين کان ٻه- ٽي فوٽ مٿي هڪ وڏو کليل ڪمرو هو. ان جي سڌي مٽيءَ جي ڇت ڏنگين اڻگهڙيل ڪاٺين جي ٿوڻين تي بيٺل هئي. حڪومت جي دٻدٻي يا انتظام جو ڪو نالو نشان ڪونه هو، نه چوبدار يا سپاهي هئا. هرڪنهن پنهنجيءَ مرضيءَ تي بنان پڇڻ جي پئي ڳالهايو، پر ڄام لاءِ سڀني کي عزت ۽ محبت ٿي نظر آئي. +اسان جي موجودگيءَ ۾ درٻار ۾ هڪڙو عرب هڪ خط کڻي آيو، جو هنن ملڪن جي رواج مطابق ڀريءَ درٻار ۾ پڙهيو ويو. مسقط جي امام جو ڪو جهاز سونمياڻيءَ جي ڀرسان ڪناري تي ڀڄي پيو هو ۽ ڪي معمولي شيون هٿ آيون هيون. امام جو چوڻ هو ته اهي سندس ماڻهن جي حوالي ڪيون وڃن. اهڙا حڪم ڀريءَ درٻار ۾ ديوان وڏي آواز سان پڙهي ٻڌايا. مون ڏٺو ته خط، جو فارسيءَ ۾ هو، سو مودبانه لفظن ۾ لکيل هو. ان ۾ امام جي وڏائي ڪانه ڪيل هئي. ڄام ان ڳالهه تي خاص توجهه پئي ڏنو. خط پنهنجي منشيءَ کان جدگاليءَ ۾، جا ملڪ جي ٻولي آهي، ترجمو ڪرائي ٻُڌائين. درٻار مان موٽندي اسان بزار مان لنگهياسين. بزار سٺي صفا هئي. گهٽيون سوڙهيون هيون، پر شهر مٿي ٽَڪر تي ٺهيل آهي، تنهنڪري گهٽيون برسات ۾ به آليون يا گهميل نه هونديون، ڇاڪاڻ ته منجهن پاڻي نه بيهي سگهندو هوندو. ٻيلو پورالي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپر تي ٺهيل آهي. شهر جو ٽيون حصو، جو اتر- اولهه طرف آهي، تنهن کي چڱيرڙي ڪچي ڀت ڏنل آهي، باقي ٻيو ڀاڱو صفا کليل آهي ۽ ڪا پناهه ڪانه اٿس. ان ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ گهر آهن. انهن مان اڍائي سؤ يا ٽي سؤ گهر هندن جا ٿيندا، جن کي ڄام جي انصاف پسند حڪومت ۾ پناهه ڏيئي همٿايو ويو آهي. +جڏهن اسان پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي آياسين ته اتي ڪيترا ملتان[3] ۽ شڪارپور جا واپاري اسان سان ملڻ آيا. اسان انهن سان واپار متعلق ڪيتريون ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. اسان هنن کي رواج مطابق سوپاريون ۽ لونگ کارائي روانو ڪيو. هو اسان جي تجارتي علم ۽ هنر کان چڱا متاثر ٿيا. منهنجي همراهه ڪئپٽن ڪرسٽيءَ هنن کي هڪ لنبو چوڙو وعظ ڪري ٻڌايو ته بمبئي ۽ هندستان ۾ ڪهڙين ڪهڙين شين جي ضرورت آهي ۽ هنن اهو تمام غور ۽ اطمينان سان پئي ٻڌو آءٌ سمورو وقت دل ۾ پئي کِليس. اسان جي هندو دوستن کي به اِها ڳالهه اعتبار ۾ نه پئي آئي. جڏهن هو واپاري هليا ويا، تڏهن اسان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي مبارڪ ڏني ته هن انهيءَ موضوع تي ڳالهايو هو، جنهن کان هو بلڪل غيرواقف هو. انهيءَ خسيس ڳالهه مان پوءِ اسان کي وڏو فائدو پهتو. ٻيلي جي واپارين کي خاطري ٿي ته اسان قابل تاجر آهيون، ايتريقدر جو اسان قسم کڻون ته اسان کي واپار جي ڪک جي به خبر نه آهي ته هو اعتبار نه ڪن ها. +24- جنوري: اڄ صبح جو سوير ڄام جو ديوان اسان وٽ آيو. اسان کي ڄام جا سلام ڏيئي خوش خيرعافيت معلوم ڪيائين. هن اسان جي ايتري خوشامد ۽ تعظيم ڪئي جو اسان کي شڪ پوڻ لڳو ته شايد هن کي خبر آهي ته اسان سچ پچ غير آهيون. هن جو شڪ لاهڻ لاءِ اسان ساڻس هيٺانهين ورتي. ديوان موڪلائي ويو، تنهن کان پوءِ جلدئي اسان ڄام ڏي سوغاتون[4] موڪليون، جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو. +شام جو وري ڄام جو ڀاءُ ڄام دريا خان اسان سان ملاقات ڪرڻ آيو. اسان کي وري اچي شڪ پيو ته شايد هنن کي خبر پئجي ويئي اهي ته اسان ڪير آهيون. هن اسان سان زوريءَ ويهي ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. هو شڪل جو سهڻو ۽ عمر ۾ اڌ- وهي آهي. جو پنهنجن ٻين هموطنين جي مقابلي ۾ فضيلت ۽ سليقي وارو ماڻهو آهي، پر ڪپڙا تمام سادا پائيندو آهي. ان ڳالهه تي تعجب ٿيڻ نه کپي. اسان کي پوءِ خبر پيئي ته هن کي سال ۾ خرچ لاءِ فقط پندرهن سؤ رپيا ملندا آهن. ڳالهه اها آهي ته هنن ماڻهن جو گذران تنگ آهي، جو ملڪ جو هڪ مکيه ماڻهو به اهڙي سادگيءَ سان رهي ٿو. هو لڙائيءَ وقت فوج جو سالار هوندو آهي. لڙائيءَ جي زماني ۾ هن کي ڄام جي اصطبل مان ٻه گهوڙا سواريءَ لاءِ ۽ ڪجهه معمولي خرچ ملندو آهي. هن پڇڻ کان سواءِ اسان کي پنهنجي ڀاءُ جي ملڪ جي آمدنيءَ ۽ حڪومت جي سرشتي جو احوال ٻڌايو ۽ ان جي اسان جي حڪومت سان ڀيٽ ڪئي. ڳالهائڻ مان هو عقل ۽ فهم وارو پئي نظر آيو. هو هڪ وڏڪ شڪاري آهي. هو پنهنجي گهڻو وقت شڪار ۾ گذاريندو آهي. چيائين ته مان هر سال سياري ۾ ڪيترا دفعا جبل تي شڪار لاءِ ويندو آهيان ڪيترا ڀيرا ٻن ڏينهن جي شڪار ۾ ويهه يا ٽيهه پهاڙي ٻڪر ماريا اٿم. انهن جانورن جو شڪار ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. هو خوفناڪ ۽ ڏکين هنڌن تي رهندا آهن. انهن جو گوشت نهايت لذيذ ٿيندو آهي. اهي تمام سياڻا جانور آهن ۽ ويجهو اچڻ نه ڏيندا آهن. اهوئي سبب هو جو ڄام پنهنجي سورهيائي ڏيکارڻ لاءِ اسان کي ٻڌايو ته مون هيترا جانور ماريا آهن. ڄام ۽ هن جي سمورن مائٽن کي شڪار جو شوق آهي، تنهنڪري هر قسم جي شڪار تي بندش آهي. جبل ۾ ڪيترن علائقن ۾ رکه رکيل آهي. جيڪڏهن ڪو شينهن، واگهه يا ٻيو ڪو وڏو جانور ڪٿي به نظر ايندو آهي، پوءِ خواه اهو ٻيلي کان ڪيترو به پري هجي. ته ڄام کي اطلاع ڏنو ويندو آهي، جو وڃي هڪدم ان کي ماريندو آهي. ڄام جي ڀاءُ موڪلائڻ وقت اسان کي چيو ته ڄام کي اطلاع ڏنو ويندو آهي، جو وڃي هڪدم ان کي ماريندو آهي. ڄام جي ڀاءُ موڪلائڻ وقت اسان کي چيو ته جيڪڏهن توهان جي هوندي ڪو اهڙو موقعو مليو ته مان توهان کي پنهنجن اُٺن تي چاڙهي پاڻ سان وٺي هلندس. ڄام جي ڀاءُ سان ملاقات ۾ اسان کي ڏاڍو لطف آيو ۽ اسان کي لس جي ماڻهن جي رسمن ۽ رواجن جي خبر پيئي، جا هونءَ اسان کي ايتري ٿوري عرصي ۾ ٻئي ڪنهن ذريعي ڪانه پوي ها. +اڄ شام جو ٻيلي ۾ بروهين يعني جبل جي بلوچن جي هڪ ٽولي آئي. هنن سان ڪڻڪ جي سٺ- ستر اٺن جو گلو هو، جا هن بنڪر جي ڳوٺ مان آندي هئي. بنڪر قلات جي رستي تي ٻيلي کان ڇهن- ستن ڏينهن جو پنڌ آهي. اسان ماڻهو موڪلي سراءِ مان هڪ- ٻه بروهي پڇا لاءِ گهرايا. چيائون ته جيڪڏهن توهان سان قيمتي قافلو ساڻ نه آهي ته پوءِ بزنجن جو گهڻو خوف نه رکو. هو برابر ملڪ لاءِ آزار آهن، پر توهان کين ٿورو ڏن ڏيندؤ ته پوءِ هو توهان کي هٿ ڪونه لائيندا. هنن اسان کي صلاح ڏني ته جي اسان کي ڪو وکر ساڻ آهي ته پوءِ سنڌ جي واٽ وڃون. پر اسان سان ڪو ساٿ ڪونه هو، تنهنڪري اسان سڌو وڃن جو فيصلو ڪيو. +25- جنوري: اڄ اسان ٽي- چار اٺ سستي اگهه تي خريد ڪيا ۽ باقي وقت تياري ڪرڻ ۾ گذاريوسين. ڄام جي ديوان اطلاع موڪليو ته بزنجن جو سردار اڄ ايندو، تنهنڪري توهان ٻيلي مان هلڻ لاءِ هڪدم تيار رهو. اسان اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي. شام جو ڄام اسان جي گهر جي ڀرسان لنگهندي پڇا ڪئي ته ڪيئن آهيو؟ هو هڪ شاندار اترادي گهوڙي تي سوار هو، جنهن تي ڀريل جهُل پيل هئي. هن سان گڏ ويهه- ٽيهه ماڻهو اٺن ۽ گهوڙن تي هئا. هن جو پُٽ به سواريءَ ۾ شامل هو. هو هڪ عاليشان اٺ تي چڙهيل هو، ۽ نهايت هوشياريءَ سان اٺ کي مهارن کان وٺي پئي هلايائين. مهارون ريشمي ڌاڳي جون هيون، جي اُٺ جي ناسن ۾ ٽُنگ ڪري انهن مان ڪڍندا آهن. شتر سوار ٻه- ٻه گڏجي ٿي هليا. گهوڙيسوار پاسن کان هئا. سوارن کي تلوارون، ڍالون ۽ تفنگون ساڻ هيون. +26- جنوري: اڄ شام جو ڄام تلسئي هندوءَ کي گهرائي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻوليون ڪري چيائينس ته مون کي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي، جا مون هن وقت تائين بلڪل مخفي رکي آهي ۽ پنهنجي پُٽ سان به ڪانه ڪئي اٿم. مان نٿو ڀانئيان ته هي ٻه انگريز ڪي واپاري آهن. هنن جي مُراد ۽ مقصد ڇا آهي، تنهن سان منهنجو واسطو ڪونه آهي. پر جي عملدار آهن ته مون کي سندن ملاقات وقت تعظيم ڪرڻ کپندي هئي. تنهنڪري تون مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته هو سچ پچ ڪير آهن. تون خاطري ڪر ته جيڪڏهن هو انگريز سرڪار جا ماڻهو آهن ته مان خوشيءَ سان سندس خدمت ڪندس. هندو چالاڪ هو ۽ ڄام جو مطلب سَهي ڪري ويو، تنهنڪري هو ان ڳالهه تي اڏول ٿي بيٺو ته اسان سندرجيءَ جا گماشتا آهيون.ڄام کانئس پڇيو ته هنن کي پگهار ڪيترو ملندو آهي ۽ هو مون کي بمبئي مان ننڍيون بندوقون گهرائي ڏيئي سگهندا يا نه. تلسئي چيس ته مان توهان جو حڪم وٽن پهچائيندس. اسان جواب موڪليس ته اسان وعدو ته نٿا ڪريون، پر هندستان موٽڻ بعد کيس بندوقن موڪلڻ جي ڪوشش ڪنداسين. +شام جو ديوان ٽي- چار خط کڻي آيو، جي قلات جي ڏکڻ ۾ رستي جي سردار رهن ٿا، تن ڏانهن لکيل هئا. اهي اسان کي پڙهي ٻڌايا ويا. رات جو راڻو سيٺ سونمياڻيءَ موٽي ويو. موڪلائڻ وقت اسان کيس هڪ ڇيٽ جو ٽڪر، دوربيني ۽ ٻيون ڪي معمولي شيون تحفو ڪري ڏنيون. هو اسان سان تمام فضيلت سان هليو هو ۽ اسان خوشيءَ سان کيس معقول عيوضو ڏيون ها پر اسان گماشتا هئاسين، تنهنڪري اهو ممڪن نه هو. هو ويو تنهن کان اڳ اسان کي خاطري ٿي ته هن کي اسان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. تلسئي ڄاڻي واڻي کيس چيو ته تو قلات جي رستي تي بنڪر جي شهر ڏانهن گهوڙن خريد ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليو آهي. هن سمجهيو ته اسان ان ڳالهه تي غصو ڪنداسين، تنهنڪري چيائين ته ها مون برابر ماڻهو موڪليو آهي، پر مون کي اُچو گهوڙو نه کپي ۽ بهرحال منهنجو ماڻهو بنڪر کان پرتي نه ويندو. اسان کي پوءِ ٻڌي ڏک ٿيو ته هن اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجو ماڻهو واپس گهرائي ورتو. +فصل (2) +20- جنوري: اسان ٽين بجي شام تائين ترسياسين، پر بزنجن جي سردار رحمت خان جو پتو ڪونه پيو، تنهنڪري اسان ٻيلي مان روانا ٿياسين ۽ ساڍا چار ميل پنڌ ڪري ڄام جي هڪڙي باغ ۾ پهتاسيند. رات باغ ۾ هڪڙي شاهي گدامڙيءَ جي وڻ هيٺ رهياسين. اسان سان ڇهه نوڪر هئا ۽ اسان سڀ اُٺن تي سوار هئاسين. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي اڃا اُٺ هلائڻ ڏانوَ نه پئي آيا، تنهنڪري اسان اڳيان اُٺ ڪاهڻ لاءِ پاڻ سان سوار ٿي کنيو. ملڪ جو هي حصو آباد آهي ۽ ان ۾ گهڻيون نهرون آهن. ٻيلي ۽ باغ جي وچ تي ڪمند جي هڪ وڏي پوک آهي. ڪمند کي پيڙي رس ڪڍڻ لاءِ جو گهاڻو آهي، سو پاڻيءَ تي هلي ٿو ۽ ڏاڍو سولو ٺهيل آهي. نار ٻن سراين کي ڦيرائي ٿو. ڪمند جا پن ڪپي انهن سراين جي وچ ۾ ڇڙيون وجهبيون آهن. سرايون ڇڙين کي ڇڪي وٺنديون آهن ۽ انهن مان رس نڪرندو آهي. توتڙ ٻئي پاسي کان نڪرندا ويندا آهن ۽ رس هيٺ هڪ ٿانوَ ۾ گڏ ٿيندو ويندو آهي. پوءِ رس ٽامي جي تَين ۾ ڪاڙهي ان مان ڳُڙ ٺاهيندا آهن. ڳڙ پيش جي ٽوڪرين ۾ بند ڪري سمنڊ رستي ٻاهرين ملڪن ڏي موڪليو ويندو آهي. ڳڙ اُٺن کي به کارايو ويندو اهي ۽ ڏيهي ماڻهو اهو رڌڻ- پچائڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن. تين ۾ جو اکر بچندو آهي، سو ڀاڻ ڪري ڪم آڻيندا آهن. +29- جنوري: اڄ صبح جو اسان اُٺن جا ٻورا ٿي ڀريا ته رحمت خان به پندرهن- ويهن ماڻهن سان اچي باغ ۾ نڪتو. چيائين ته توهان جي سلامتيءَ لاءِ مان جوابدار آهيان، تنهنڪري توهان کي اڪيو وڃڻ ڪونه ڏيندس. وري هو ڄام سان ڳالهائڻ کان سواءِ اسان سان هلڻ لاءِ به تيار نه هو، تنهنڪري لاچار اُٺن تان ٽپڙ لاهي سردار سان ٻيلي موٽڻو پيو، جتي اسين يارهين بجي اچي پهتاسين. رستي تي اسان پنهنجي نئين دوست سان ڳالهائيندا هلياسين. هو بلوچ قوم جي ٻين ماڻهن وانگر جهڙو هو مهمان نواز تهڙو هو خونخوار رهزن. اسان کي بار بار ڏارهيءَ جو قسم کڻي چوي ته جيڪڏهين توهان منهنجي اجازت کان سواءِ منهنجيءَ حد مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪريو ها ته سبڀنيءَ کي فنا ڪري ڇڏيان ها. ان کان پوءِ وري هڪدم نهايت فراخدليءَ ۽ سچائيءَ سان چيائين ته توهان هڪ هفتو منهنجي ڳوٺ ۾ رهيو. اها دعوت، جيڪڏهن اسان جون حالتون موافق هجن ها ته اسان وڏي خوشيءَ سان قبول ڪريون ها. اسان چيس ته اسان جو اڳتي وڃڻ جو ارادو هو ۽ اسان سمجهيو هو ته اسان چپ چپاتيءَ ۾ سلامتيءَ سان هليا وينداسين. هو اسان جي انهيءَ جهالت تي اچي کِل ۾ پيو. پوءِ اسان کي خاطري ٿي ته اسان صحيح هئاسين، پر ڄام هن وحشيءَ کي گهرائي هڪ حماقت ڪئي هئي، جيتوڻيڪ هن جي نيت صاف هئي. سردار چيو ته توهان کي اهڙي ڳالهه خيال ۾ ڪيئن آئي؟ توهان سمجهو ٿا ته هت به لس جا نومڙيا ٿا رهن؟ نه، توهان بلوچ ٿيو ۽ مون کان مدد گهرو. رحمت خان جي ملڪ مان هڪ سهو به سندس اجازت کان سواءِ نٿو لنگهي سگهي. پر جيڪڏهن هڪ دفعو هو اجازت ڏئي ته توهان جو وار به ونگو نه ٿيندو، وڌيڪ خدا ۽ هن جي رسول جي هٿ ۾ آهي. اسان چيس ته اسان کي تنهنجي وعدي تي پورو يقين آهي ۽ اسان کي خاطري آهي ته توکي اسان کي پناهه ۽ مدد ڏيڻ جي طاقت ۽ وسيلو آهي. +ڏينهن جو اسان ڄام سان گڏياسين. هن رحمت خان کي ٻڌايو ته اسان جو ارادو ڇا هو ۽ کيس چيائين ته مون کي تنهنجي لاءِ هنن وٽان سٺ رپيا مليا آهن. تون هنن کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ ڏئي ۽ سلامتيءَ سان پار پهچائين. بزنجي سواءِ لڪ لڪاءِ جي چيو ته هو سنَدرجيءَ جهڙي وڏي واپاريءَ جا گماشتا آهن، تنهنڪري هنن کي وڌيڪ پئسا ڏيڻ کپن. ڄام چيس ته مون جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو ٻنهي لاءِ فائدي وارو آهي. اسان کي چيائين ته توهين درٻار مان وڃو ته مان فيصلو ڪندس. ساڳئي وقت چيائين ته توهان رات ٻيلي ۾ منهنجا مهمان ٿي رهيو. اسان کي لاچار اها دعوت قبول ڪرڻي پيئي. پوءِ اسان هليا وياسين. ڄام جي بزنجن جي سردار سان اسان جي روبرو وڌيڪ ڳالهين ڪرڻ جي مرضي نه هئي، شايد ان ڪري جو سردار ۽ هن جي ماڻهن تمام گهڻي بڪ شڪ ٿي ڪئي ۽ اجايا سجايا مطالبا ٿي ڪيائون. تنهن کان پوءِ اسان جلدئي پنهنجي اڳينءَ جاءِ تي وياسين. ڄام جي نوڪرن اسان کي هڪ دنبو، چار ڪڪڙيون، چانور، گيهه ۽ ڀاڄي آڻي ڏني، جا ٽيهن ماڻهن جي کاڌي لاءِ ڪافي هئي. شام جو رحمت خان نياپو موڪليو ته صبح جو تيار رهو، مان توهان کي خضدار وٺي هلندس جو قلات جي اڌ پنڌ تي هڪ ڳوٺ آهي. +30- جنوري: ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مان ساجهر ئي ڄام جي باغ ڏانهن پنهنجي سامان تي موٽي آياسين. پر رحمت خان ۽ هن جي ماڻهن کي ٻيلي ۾، جنهن کي هن شهر ٿي سڏيو، ايترو ڪم هو جو شام جو مس آيا. اسان ان وقت اُٺن تي سوار ٿي نڪتاسين. چار ميل اتر- اوڀر طرف اڪثر پورالي نديءَ جي پيٽ مان پنڌ ڪيوسين. هن هنڌ پورالي ندي جبلن جي وچ ۾ سموري ايراضي والاري ٿي. چون ٿا ته برسات ۾ ان جو پيٽ ڪيترن ئي ميلن ۾ هوندو آهي. +شام جو ڄام جي باغ ۾ اسان کي رحمت خان جي ماڻهن کان معلوم ٿيو ته ساڻن بهادر خان نالي بزنجن جو هڪ ننڍڙو سردار ۽ اڳئين سردار جو ڀاءُ، جنهن کي ملان ٿي سڏيائون، سو به هو. ملان جي هونءَ ته معنيٰ آهي پادري، پر بلوچن ۽ ٻين ايشيا جي قومن ۾ ملان ان کي چوندا آهن جو قرآن شريف پڙهي سگهي.سردارن ۽ سندن ماڻهن کي هڪجهڙي پوشاڪ پيل هئي. هڪ ڍلي سوٽي قميص گوڏن تائين، نيري رنگ جي يا ليڪن واري سٿڻ ۽ هڪ ننڍي گول سوڙهي ٽوپي، تفاوت فقط گهوڙن ۽ انهن جي سنجن ۾ هون. رحمت خان جڏهن ڄام سان ملڻ آيو هو تڏهن کيس چيلهه سان هڪ لونگي ٻڌل هئي. لونگي هڪ اهڙي شئي آهي جنهن جي پائڻ جي حيثيت ملازمن جي وت کان ٻاهر آهي. اسان نديءَ جي پيٽ ۾ هڪ دڙي تي ترسياسين. بلوچن ڪاٺين جو هڪ وڏو ڍڳ ڪري هڪدم باهه ٻاري. اسان رات جو ڳچ وقت باهه جي چوڌاري ويٺا رهياسين. ٽي- چار سوڪريا، جي بزنجن سان گڏ آيا هئا، تن ويهي پنهنجن سردارن جي ڪارنامن جا گيت ڳايا. ڳائڻ وقت هنن هٿن سان اجايا ۽ بي معنيٰ اشارا ڪري راڳ سان سُر پئي ملايو. ڪي گيت ۽ راڳ مٺا ۽ سُريلا هئا، پر ماڻهن گهڻو ۽ اجايو ڳائيندڙن سان سُر ملائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. +هي منظر بزنجن ۽ ٻين بلوچ قومن جي وحشي زندگيءَ تي چڱي روشني وجهي ٿو. ان مجلس ۾ سردارن جو ڪوبه امتياز يا عزت ڪانه هئي. وقت بوقت سردار ۽ ملازم سوڪرين کان ستارون کسي جوش جي غلبي ۾ پنهنجا قومي سُر ڳائن پيا؛ پوءِ هو وٺيو نچن ۽ ٽپن، تان جو وجد ۾ اچيو وڃن. پوءِ ته غل مچيو وڃي. ماڻهو ويٺا تاڙيون وڄائين ۽ سُر آلاپين، تان جو سڀ ساڻا ٿي ڪِري پون. وري ٻيا ستار کڻي راڳ شروع ڪن، تان جو ستارون سڀني وٽان ڦري وري ساڳيءَ جاءِ تي اچن. +31- جنوري: اڄ صبح جو پرهه ڦٽيءَ مهل رحمت خان ۽ هن جي ماڻهن ٻه ميل پري هڪ پوک مان وڃي ڪمند جا گَڏا پئي آندا. ويچارو مالڪ هٿ مهٽيندو ڏسندو رهيو، ايتري همت ڪانه ٿيس جو کڻي ڪا دانهن ڪوڪ ڪري. هي واقعو ڏيکاري ٿو ته لس ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ڪيترو نه تعاون آهي، جيتوڻيڪ هڪ هڪٻئي جي ويجهو رهن ٿا ۽ هڪٻئي سان روزانو واهپو اٿن! +اسان جي ٻي منزل لس جي پرڳڻي ۾ پوئين منزل هئي، تنهنڪري مان هت لس جي ماڻهن متعلق پنهنجو رايو ڏيندس. پڇا ڳاڇا تي مون کي معلوم ٿيو ته لس جي آبادي اٽڪل پنجويهه هزار ٿيندي، جنهن جو تقريباً ٽيون حصو خانه بدوش آهن، جي سهولت مطابق پنهنجي رهڻ جون جايون بدلائيندا آهن. هو سڀ هڪ ئي قوم جا آهن، جيتوڻيڪ چئن مختلف نالن سان سڏبا آهن، جهڙوڪ: نومڙيا، جدگال، جوکيا ۽ جت، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ڪڙمي. هي ماڻهو تمام سست طبيعت آهن. هو ڀنگ ۽ ٻيون نشيدار شيون پيئندا، ڇڪيندا، ۽ پنهنجو وقت اجاين مشغلن ۾ وڃائيندا آهن. هو ڌارين ماڻهن سان فضيلت سان پيش ايندا آهن، پر هنن جي فضيلت نمايان نه هوندي آهي. هو اهڙا ته راز جو طبع جا آهن جو خانگي ڪمرن ۾ نوس نوس ڪندا لنگهي ايندا اهن، ۽ بدن تي هٿ لائي ڪپڙا ڇُهندا ۽ ڏسندا آهن. هنن جي ٻي خصوصيت هيءَ آهي ته هو ورلي ڪو سوال پڇندا آهن. مون ٻيلي ۾ ڏٺو ته نومڙيا بنان ڪوٺ جي منهنجي گهر ۾ هليا ايندا هئا، جي انبوهه ماڻهن جا ويٺا هوندا هئا. هو به ڪلاڪ کن ويهي سواءِ منهن کولڻ جي هليا ويندا هئا. هو به ڪلاڪ کن ويهي سواءِ منهن کولڻ جي هليا ويندا هئا. مرد شڪل جا ٺاهوڪا، قد جا وچولا، مضبوط ۽ جانٺا آهن. زالو رواجي شڪل جون آهن، ۽ پنهنجي بدن يا پوشاڪ جي صفائيءَ تي خيال ڪونه ڏين. مرد ڍلو پهران“ سٿڻ ۽ هڪ ننڍي ٽوپي پائيندا آهن. ٽوبين مان سڃاڻي سگهبو آهي ته ڪهڙي ضلعي ��ا ويٺل آهن. زالو ساڳيا ڪپڙا پائينديون آهن، پر هنن جا گهگها ڊگها مُرين تائين هوندا آهن. ڪي گهگهن هيڄان ريشمي يا سوٽي چوليون پائينديون آهن. عام ماڻهن جي غذا چانور ۽ ٻين قسمن جو ان، جو هو گهڻي انداز ۾ پوکيندا آهن، ۽ مڇي گيهه آهي. اوچي طبقي جا هندو خواهه مسلمان بعضي گوشت به واپرائيندا آهن، جو غريبن جي طاقت کان ٻاهر هوندو آهي. هنن وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جا وڏا وڻ ڌڻ هوندا آهن، تنهن کان سواءِ ڀلا اُٺ، ڍڳيون ۽ مينهون پڻ. هنن وٽ گهوڙن جي ڪمي آهي، جي گهوڙا هوندن به ته ننڍي قد جا ۽ گهگير. لس جي ٻولي لڳ ڀڳ سنڌ جي ٻوليءَ جهڙي آهي، اها جدگالي يا جيٺ گلي سڏبي آهي. ظاهر آهي ته ٻولي قوم جي نالي پٺيان سڏجي ٿي. مان هاڻي نومڙين جو هي مختصر احوال ختم ڪري، فقط ايترو وڌيڪ چوندس ته اسان ٻنهي ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي هنن جي شڪل شبيهه ۽ عادتون هندن جهڙيون نظر آيون. هنن ماڻهن جي چهري ۾ هڪ قسم جي سُستي ۽ آرس نظر اچن ٿا، جي مون مسلمانن جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪونه ڏٺا آهن. هو ان ڳالهه ۾ پنهنجن سنڌ، مڪران ۽ بلوچستان جي پاڙيسرين کان نرالا آهن. +خير، هاڻي مان وري پنهنجي مقصد تي اچان ٿو. بلوچن ناشتو کائي پورو ڪيو ته اسان اڳتي وڌڻ جو ارادو ڪيو، پر بهادرخان ۽ رحمت خان جو ڀاءُ ملان پڙ ڪڍي بيٺا، چون ته اسان محبت ڪئي آهي ۽ توهان کي وٺي آيا آهيون، اسان کي به ڪجهه عيوضو ڏيو. اسان چين ته ڄام، رحمت خان سان بزنجن جي سردار جي حيثيت ۾ فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان وڌيڪ عيوضو گهرندؤ ته اسان ٻيلي موٽي، مڪران جي گاديءَ ڪيچ جي واٽ وٺي قلات وينداسين. انهيءَ دڙڪي کين خاموش ڪري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هو اچي پاڻ ۾ اٽڪيا ته رحمت خان جي سٺ رپيا ورتا هئا، انهن مان کين ڪيترو حصو ملي. تنهن کان پوءِ اسان روانا ٿياسين، ۽ سورهن ميل سڌو اتر ٽڪرين تان پورالي نديءَ جي پيٽ مان يا ڪناري سان پنڌ ڪيوسين. ملڪ ويران ۽ غيرآباد هو. رستو سڄو پٿرن سان ڀريل هو. نديءَ جي پيٽ ۾ گُز ۽ ٻٻر جي وڻن جو گهاٽو جهنگ هو. رستي ۾ اسان رحمت خان جي ٽوليءَ کان جدا ٿي وياسين. ٽين بجي اسان هن لاءِ ترسي بيٺاسين. ساڳئي وقت اُٺ، جي اسان ٻيلي ۾ ڀاڙي ڪيا هئا، تن جي مالڪ چيو ته منهنجو ڳوٺ ٽي ميل پري جبل ۾ آهي، مان اتان ٿي صبح جو ڪيئن به ڪري موٽي ايندس. پوءِ معلوم ٿيو ته هن کي موٽڻ جو ارادو ڪونه هو. اسان جا سامان وارا اُٺ اڄ تمام آهستي پئي هليا، تنهن کان سواءِ اسان خيال ڪيو ته رحمت خان سان گهڻائي ماڻهو ساڻ هوندا، جنهن ڪري اسان رستو چڱيءَ طرح جاچي ان جا پار پتا لکي نه سگهنداسين، تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو ته هن کي ساڻ ڪري هڪدم مهري اٺن تي قلات روانا ٿي وڃون ۽ سامان هن هندستاني نوڪر ۽ ڪن بلوچن جي حوالي ڪيون. +1- فيبروري: اڄ صبح جو اٺين بجي اسان ڪناجيءَ مان، جتي ترسيا هئاسين، نڪتاسين. چوڏهين ميل پنڌ ڪري اسان باران لڪ جي تري وٽ پهتاسين. لڪ تان پنڌ ڪيوسين. لڪ جو چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ لڳو. چوٽيءَ تي اٽڪل سؤ والن ۾ رستو تمام سوڙهو آهي، ڄڻ ته ٽَڪر مان ٽُڪي ٺاهيو اٿن. لڪ جي اوچائيءَ تان سمورو آسپاس وارو علائقو چڱيءَ طرح نظر پئي آيو. چوڌاري ويران جبلن تي جبل هئا، جن ۾ ڪي بروهي ريڍارن جون ننڍيون ننڍيون خيليون يا قبيلا رهن ٿا. مطلب ته هڪ عاليشان نظارو هو. چوڌاري خاموشي لڳي پئي هئي. هر طرف اٿاهه ۽ گونا گون جبلن جون فلڪ بوس چوٽيون هڪ ڀيانڪ سمنڊ جي لهرين وانگر هڪٻئي جي مٿان سٿيون پيون هيون: هر شيءَ مان قدرت جي عظمت ۽ هيبت پئي ظاهر ٿي. لڪ جي چوٽيءَ کان هيٺ لهڻ جو رستو بلڪل ڪونه هو. اسان ٻه- چار ميل پٿرن تان پنڌ ڪيو، پوءِ اُٺن کي ساهي ڏيڻ لاءِ اورناڪ جي نئي ۾ لهي پياسين. نئي جي تري ۾ ٿڌو ٿڌو ۽ تازو پاڻي پئي وهيو. هڪڙو بروهي ڌنار، جنهن رڍن ۽ ٻڪرين جو هڪ وڏو ڌڻ پئي چاريو، سو به اتفاق سان اچي اسان سان شامل ٿيو. اسان هن کان ڪجهه کير ۽ هڪ رڍ رپئي ۾ خريد ڪئي. ان کان پوءِ پنج ميل پنڌ ڪري وڃي تور قبر نالي هڪڙيءَ جاءِ تي پهتاسين. اها رات به اڳئين رات وانگر گذري، مگر اڄ رات اسان پڪل گوشت جو مزو ورتو. اُٺن وارن نهايت صفائيءَ سان رڍ ڪُهي، ٽُڪر ٽُڪر ڪري بندوقن جي گزن تي تمام لذيذ ڪباب پچايو. هن جاءِ تي تور قبر[5] نالو هن ڪري پيو آهي جو اتي تور نالي هڪ مشهور ديويءَ جي هڪ دڙي تي قبر آهي. ديويءَ جون نهايت عجيب غريب ڳالهيون مشهور آهن. +3- فيبروري: اڄ اسان ستين بجي صبح جو تورقبر ڇڏيسين ۽ سڄي ڏينهن ڏينهن ۾ چوويهه ميل پنڌ ڪيوسين. اسان جو رستو ٻن پٽن يا وادين مان هو، جي ٻارهن- چوڏهن ميلن کان وڌيڪ ڊيگهه ويڪر ۾ نه هيون. انهن ۾ ڪن رولو ڪوهستانين تازو آبادي ڪئي هئي. هاڻي، انهن ۾ ڪک ڪانا ۽ جهنگ هو. ٻنهيءَ مان وڏي پٽ جو نالو وڍ آهي. رستي کان ڇهه ميل پري اوڀر طرف جبلن ۾ ساڳئي نالي جو هڪڙو ڳوٺ آهي. شڪ ناهي ته پٽ تي اهو نالو ڳوٺ جي نالي تان پيو هجي. اسان کي ڄام، وڍ جي سردار ولي محمد خان ڏانهن تعارفي خط ڏنو هو. هو بروهين جي مينگل قوم جو وڏو آهي، جي بلوچستان ۾ وڏي تعداد ۾ آهن. اسان کي ٻيلي ۾ معلوم ٿيو هو ته هو ڪاڏي ٻاهر ويل هو، تنهنڪري اسان هن جي ڳوٺ ڏانهن لڙي وڃڻ مناسب نه سمجهيو. خط اسان هڪڙي قاصد هٿان سندس ديوان ڏي موڪليو ته پنهنجي مالڪ کي پهچائي. مون ٻڌو ته وڍ جو ڳوٺ تمام ننڍڙو ۽ غليظ آهي. سردار واديءَ ۾ هڪ نئين ڳوٺ قائم ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي، پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. عام ماڻهن کي وهم ويٺل آهي ته اهو ڳوٺ ڪِن خاص وقتن تي ڳؤرو هوندو آهي. اسان سان جيڪي ماڻهو ساڻ هئا، تن چيو ته ڪيترن هندن ۽ ٻين ماڻهن، جن انهيءَ ڳوٺ کي وسائي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سي هڪ سال اندر مري کپي ويا آهن! +[1] . دريوڌن سيٺ، هڪڙو هندو واپاري، جنهن مانواري ڪمپنيءَ ۽ ان جي گماشتن جو توصل سان گهڻي ئي فائدا ورتا هئا. +[2] . الخليق هڪ ڇاتي بند ٿيل چوغو آهي. ان جون ڊگهيون ٻانهون هونديون آهن ۽ چيلهه تائين سوڙهو هوندو آهي. چيلهه کان پٺيءَ تائين ان جو دامن ويڪرو هوندو آهي، اهو ڇاتيءَ تان ورائي کٻي پاسي ٻڌبو آهي. ڪيمخواب سوني يا چانديءَ جي زريءَ سان ڀريل ريشمي ڪپڙو آهي. +[3] . ملتان هڪ وڏو تجارتي شهر آهي، ۽ پنجاب ۾ ملتان جي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. شڪارپور قلات جي اوڀر ۾ آهي ۽ سنڌونديءَ جي اولهه ۾ شڪارپور به واپار لاءِ مشهور آهي. +[4] . سوغاتن ۾ هيٺيون شيون هيون: هڪ چينائي پَٽ جو ٽڪر، هڪ ولائتي ڇيٽ جو ٽڪر، اٺ ڪافي پيئڻ جا ڪوپ ساسر، اٺ چيني جا پيالا، اٺ بلوري شيشي جا گلاس، هڪ هندستاني ريشم جو ٽڪر، ڇهه ڇريون، ٻه ڪئنچيون، اڌ سير بندوق جو دارون، هڪ دوربيني، ڏاڪن وارن پستولن جو جوڙو. +[5] . تور قبر- تور جي قبر يا تربت. + + +سج لهڻ کان ٿورو اڳ اسان ٽن- چئن بروهين جي گهيڏڻن يا تنبن جي ڀرسان وڃي منزل ڪئي. هنن اسان کي جام کير، ڪاٺيون ۽ پاڻي آڻي ڏنو. هن خيل پنهنجيءَ رهائش لاءِ هڪ پربت جبل جي هيٺان هڪ نهايت دلڪش ۽ خاموش جڳهه ڳولي لڌي هئي. هو مڍيڻا، سادا ۽ وڻندڙ عادتن ج اماڻهو هئا. هن آرامگاهه ۾ هنن کي فقط هڪڙو فڪر هوندو هو ته پنهنجي چوپائي مال کي ڪيئن بگهڙن ۽ چراخن جي شيخون کان محفوظ رکجي. ڏينهن جو هو مال چاريندا هئا ۽ صبح شام انهن جو کير ڏهندا هئا. انهن جا مرد خواهه خالون انهيءَ ڪم ۾ ڀڙ هئا. اسان لٿاسين ۽ انهن جا ڌڻ به آيا. انهن کي نهايت انتظام ۽ تربيت سان ڏهي بند ڪيو ويو. وڏن ننڍن سڀني ان ڪم ۾ مدد ڪئي. رڍن جوکير ٻڪرين جي کير کان جدا ڏولن ۾ رکيو ويو. رڍن جي کر جو گيهه گهڻو وقت نه رکي سگهبو آهي، پر تازو هوندو آهي ته بروهي ان کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن، جو اهو طاقت وارو سمجهيو ويندو آهي. گهر جو ڪم ڪار لاهي زالون ۽ ٻار اچي اسان سان سواءِ ڪنهن شڪ شرم جي چلهه تي ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ ويٺا. هنن ۾ مهمان نوازيءَ جو ڏاڍو انگ هو. هو سڀ سواءِ ڪنهن طمع يا لالچ جي اسان جي خدمت ڪرڻ لاءِ منتظر هئا. هنن جهنگلي ۽ غير مهذب ريڍارن جو اسان سان برتاءُ ڪيو، ان جو قدر فقط اهي ڪري سگهن ٿا، جن اسان جهڙو سفر ڪيو هوندو. اسان پنهنجي ميزبان جي ڌيءَ کي ماني پچائڻ لاءِ اٽو ڏنو هو. انهيءَ بهاني تي ته ماني تيار هئي يا نه، مان هن جي گهيڏڻ ۾ گهڙي ويس. هنن جي عجيب گهر ۾ ڇا صفائي ۽ آرام هو! گهر سنهين ڪاٺين جو ٺهيل هو، جن کي ورائي مٿان ڪارا ڪمبل ويڙهي ڇڏيا هئائون. جنهن گهر ۾ ڇا صفائيءَ ۽ آرام هو! گهر سنهين ڪاٺين جو ڄهيل هو، جن کي ورائي مٿان ڪارا ڪمبل ويڙهي ڇڏيا هئائون. جنهن گهر ۾ مان ويس اهو ايڏو مس هو جو ماڻهو مشڪلات سان بيهي سگهي. ان جي ڊيگهه ڏهه ٻارهن وال ۽ موڪر ڏهه- ٻارهن فوٽ هئي. ان ۾ آسائش لاءِ ٿلهيون فراسيون وڇايل هيون، جي بروهين جون زالون ٺاهينديون آهن. هڪ پاسي تي باهه پئي ٻري. دونهين جي نيڪال لاءِ بادبان ڪونه هو ۽ دونهون دروازي مان ٿي ٻاهر نڪتو، جنهن ڪري البت گُهٽ پئي ٿي. پر ان ڪري گهيڏڻ ۾ گرمائش هئي، جا هنن غريب ماڻهن لاءِ، جن کي جان تي پورو ڪپڙو به ڪونه هو، هڪ وڏي نعمت هوندي. يورپ خواهه ايشيا ۾ مون ڪٿي به اهڙا ماڻهو ڪونه ڏٺا آهن، جي اهڙين ناموافق حالتن هيٺ ۽ اهڙين ٿڌين ڪوسين جاين ۾ رهندا هجن. +4- فيبروري: اڄ صبح جو اسان پنهنجن مسافر نواز ميزبانن کان جدا ٿياسين، موڪلائڻ وقت اسان کين سندن نيڪيءَ جي عيوض اڇو جوڙيءَ جو ڪپڙو ۽ تماڪ ڏنو. جن جي کين پئسي کان زياده ضرورت هئي، اسان پنجٽيهه ميل هڪ ويران پهاڙي علائقي مان خراب رستن جن ۾ ٽُڪر ٽُڪر تي ڏکيا ۽ اونها گهارا ۽ ناليون هيون پنڌ ڪري، ٽين بجي شام جو اچي خوزدار ۾ پهتاسين. هن موسم ۾ مسافر ڏسي ماڻهن ۾ گهڻو چؤٻول پيدا ٿيو ۽ سڀ اسان کي شڪي ۽ بدگمان نظرن سان ڏسڻ لڳا. اسان بازار مان لنگهي سڌو هڪڙو هندوءَ جي گهر وياسين، جنهن سان شناسائيءَ لاءِ اسان کي آخر هڪ رهڻ جيتري خالي ڇپر ملي، جتي رات گذاريسين، ٿوري وقت ۾ اسان کي کاڌو ۽ وهٽن لاءِ داڻو پاڻي به مليو. +5- جنوري: اڄ اسان سودو سامان وٺڻ ۽ اُٺن کي آرام ڏيڻ لاءِ خوزدار ۾ ترسياسين. اسان سان ڪيترا ماڻهو ملڻ آيا، جن ۾ قنڌار جو هڪ معزز سوداگر به هو. جنهن پنهنجي شهر ۾ وڪري لاءِ هتان پنج سؤ رڍون خريد ڪيون هيون، قنڌار خوزدار کان گهٽ ۾ گهٽ پنج سؤ ميل پري ٿيندو. چيائين ته مون توهان کي ان ڪري تڪليف ڏني آهي جو منهنجو هڪ چاچو ڪيترا سال ٿيا ته هندستان ويو هو ۽ اتان وري ڪونه موٽيو آهي، توهان ۽ اسان جو پيشو[1] ساڳيو آهي. تنهنڪري مون سمجهيو ته شايد توهان هن کي سڃاڻندا هجو، هو اسان سان سڄا ٻه ڪلاڪ ويٺو هو، هن سمجهيو ته اسان مسلمان آهيون ۽ اسان به هن جي اها غلطفهمي دور ڪرڻ مناسب نه سمجهي. شام جو هڪ هندو فقير اسان سان مليو جنهن چيو ته مان ايران، خراسان، سيستان، ڪشمير ۽ بخارا وغيره جون زيارتون ڪري آيو آهيان. توهان کي انهن مل��ن جو ڪو حال احوال کپي ته مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اسان هن کان ٿورا سوال پڇيا ته متان شڪ نه پويس، پر هن کي گهڻو علم ڪونه هو، ممڪن آهي ته هو گهڻو گهميو هجي، پر هن اکيون کولي ڪجهه ڪونه ڏٺو هو. +اڄ هتي رهڻ ڪري اسان کي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو. شهر ننڍڙو آهي، منجهس پنجن سوَن کان وڌيڪ گهر ڪونه آهن. اهو جبلن جي وچ ۾ هڪ ماٿريءَ ۾ ٺهيل آهي ۽ چوڌاري ننڍو مٽيءَ جو ڪوٽ اڏيل اٿس. ڪوٽ جي اندر ٻه- ٽي باغيچا آهن، جن ۾ موسم تي انگور، انجير، شڪربالا ۽ باداميون، صوف وغيره پيدا ٿيندا آهن. جڏهن اسان اتي هئاسين، تڏهن وڻن ۾ پن ڪونه هئا ۽ تهه سيارو هو. گرميءَ جي موسم ۾ قنبراڻيءَ قوم جو سردار ۽ قلات جي حاڪم محمود خان جو سالو مير مراد علي، خوزدار ۾ رهندو آهي. هو ان وقت ڪڇ گنداوا[2] ويل هو، پر سندس نائب جو هڪ بيحال ٻڍو ماڻهو هو، سو اسان سان ملڻ آيو، چيائين ته معاف ڪجو جو ڪالهه شام جو اوهان سان ملي نه سگهيس، منهنجي طبيعت ناساز هئي. اسان چيس ته اسان مير صاحب لاءِ لس جي ڄام جو خط آندو آهي، پر اسان کي ساڻس گڏجڻ جي اميد هئي، تنهنڪري خط پاڻ وٽ رکيوسين. خوزدار جا رهاڪو اڪثر ملتان ۾ شڪارپور[3] جا هندو آهن، انهن جي شهر ۾ ايتري هلندي آهي جو شهر جي دروازي جون ڪنجيون روز رات جو مکيه برهمڻ جي حوالي ڪيون وينديون آهن، اتي برهمڻن جي نُک جا ڪيترا ماڻهو رهندا آهن. اهي ڪالي ماتا جي مندر ۾، جو هنن اتي ٺهرايو آهي خدمت ڪندا آهن. هو بدچلن ۽ بدڪار ماڻهو آهن، ۽ اسان جي هوندي سمورو وقت تماڪ پيئندا، ڀنگ[4] کائيندا ۽ باهه تي ويٺا هوندا هئا، انهن اوَگڻن ڪري، هو ضعيف ۽ قبل از وقت ٻڍا نظر ايندا هئا. انهن برهمڻن جي ڪري بازار هميشه ڀرپور هوندي آهي. انهن ٻه چرخيون به ٺهرايون آهن جي هڪ نهر جي زور تي هلنديون آهن، جا ماٿر مان وهي ٿي. +6- فيبروري: حوزدار کان بنڪر تائين مفاصلو ڏهه- يارهن ميل، رستو سٺو خوزدار ۽ باغوان جي نالي سان به سڏبو آهي. خوزدار وانگي باغوان به مراد علي قنبراڻيءَ جو ڳوٺ آهي، پر ان جيڏو آهي، ان جهڙو آباد. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو سواءِ ٻن بروهين جي گهرن جي ڪڇ گنداوا لڏي ويا هئا. +7- فيبروري: اڄ صبح جو اسان جي پاڻيءَ جون مشڪون[5] ڄمي برف ٿي پيون. اسان جا ماڻهون اَٺين بجي کان اڳ نڪرن ڇو ٿا. اسان اَٺين بجي سوار ٿي نڪتاسين، ۽ هڪڙي ويران ۽ غيرآباد علائقي مان خراب رستن تان جبلن جي مٿان ۽ وچان پنجاهه ميل پنڌ ڪري ٿڪجي ٽٽجي سهيرآب يا سرياب جي ڳوٺ ۾ جو سرياب جي پٽ ۾ واقع آهي، نائين بجي رات جو پهتاسين. سج لٿي کان پوءِ اهڙي ته اچي ٿڌ پيئي جو اسان لهي اُٺن کي مهارن کان وٺي هلياسين، اُٺ بک ۽ ٿڪ ۾ ساڻا ٿي پيا هئا. ڳوٺ ۾ اسان کي هڪڙي مينگل بروهيءَ باهه جو مچ ٻاري ڏنو. هن پنهنجي جاءِ به اسان کي رهڻ لاءِ ڏني ۽ پاڻ پنهنجا ٻچا وٺي وڃي هڪ پاڙيسريءَ جي گهر ۾ رهيو. سوهيراب جي ماٿري تمام ڪشادي آهي. ان جي ڊيگهه ٽيهه- چاليهه ۽ ويڪر ڏهن کان ويهن ميلن تائين ٿيندي. ماٿريءَ کي هڪڙي نهر آباد ڪري ٿي، جنهن کي پهاڙن مان چشمن جو پاڻي ملي ٿو. ان ۾ ٽي- چار ڳوٺ آهن جي سکر واري مير مراد عليءَ جي ڀائرن جا آهن. انهن کي اتي پنهنجيون جايون آهن، جتي هو اونهاري ۾ ڪجهه وقت شڪار جي خيال سان رهندا آهن. انهيءَ پَٽ جي ٻنهي پاسن کان اوچا جبل آهن، جن جي چوٽين تي برف هوندي اهي. اڄ اسان دير سان هڪ ٻيو به برف سان ڇانيل پهاڙ ڏٺو. اسان کي پوءِ معلوم ٿيو ته اهو قلات کان پنجهتر ميل سڌو اُتر طرف هو، جتان اسان جي ان تي پهريان نظر پئي هئي. اتان اهو گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سؤ ميل هوندو. +8- فيبري: سوهيراب کان رودنجي تائين ڇويهن ميلن جي منزل آهي. رستو سمورو غالباً سوهيراب جي پَٽ مان لنگهي ٿو جو سوهيراب کان ٽي ميل پرتي پورو ٿئي ٿو. وچ ۾ رستي تي هڪ سراءِ آهي، جنهن کي سرمہ سنگ سراءِ، يعني مسافرخانه، ڪاروان يا سراءِ چوندا آهن. ان جي آسپاس سرمو گهڻي انداز ۾ لڀندو آهي. اها سراءِ اٺن جي قافلن لاءِ هڪ منزل آهي ۽ ان جي ويجهو سٺو پاڻي ملندو آهي. رودنجي جي ڳوٺ ۾ به جهوپڙيون آهن. کوهن کان سواءِ ٻيو پاڻي اتي ڪونه آهي ۽ هو به نه سٺو آهي ۽ نه مئو. آسپاس وارو علائقو ويران ۽ غيرآباد آهي. تعجب آهي ته ڇو ٻُڌيءَ وارا انسان اهڙي گنديءَ جاءِ تي ديرو ڪري ويهن ٿا، جڏهن ٿوري مفاصلي تي کين هڪ زرخيز ۽ آباد، علائقي جي نعمت حاصل ٿي سگهي ٿي. ائين آهي ته قلات ۽ سوهيراب جي وچ ۾ اها هڪ ئي منزل آهي جتي ترسي سگهجي ٿو ۽ جتي ان ڪري اناج ۽ ٻين شين جي ضرورت پوي ٿي. +انهيءَ جاءِ تي رودن جو نالو ڇو پيو، تنهن لاءِ هڪ عجيب ڏند- ڪٿا آهي، جنهن ۾ سڀ مڪاني ماڻهو سورهن آنا يقين رکندا آهن. چون ٿا ته هڪڙي سياري جي نهايت ٿڌيءَ رات جو ٻه سوداگر اتفاق سان اتي اچي گڏيا. هڪڙي کي موٺ ۽ ٻئي کي نير جو اُٺ ساڻ هو. انهن ٻن رنگن کي بلوچي ٻوليءَ ۾ رودن ۽ جو سڏيندا آهن. نير واري اُٺ جي واپاري پنهنجو ڪجهه قيمتي وکر نقصان پائي ڪجهه موٺ سان بدلايو جا هن ٻاري پنهنجي حِاتي بچائي. پر موڄ جي ڪنجوس مالڪ پنهنجي باقي بچيل وکر کي هٿ به نه لاٿو ۽ اهڙيءَ طرح ٿڌ جي وگهي مري ساهه ڏنائين. +فصل (3) +9- فيبروري: اڄ اسان رودنجيءَ کان پنجويهه ميل سفر ڪري شام جو قلات جي شهر ۾ پهتاسين. وچ وارو سمورو علائقو پهاڙي هو. ڪٿي ڪٿي وڏيون جهنگل جون ٽُڪريون هيون. رستو غالباً اتر- اوڀر جي ڏِس ۾ هو. ڪيترن هنڌن تي مٺو پاڻي ملي سگهيو ٿي. شهر جي آسپاس ڪيتريون بستيون آهن. جڏهن اسان انهن مان لنگهي شهر جي ڏاکڻٻئين دروازي وٽ پهتاسين ته اتي پهريدار تفنگچين اسان کان پڇيو ته توهان جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ ڪٿان آيا آهيو. اسان هنن کي انهن سوالن جا مختصر جواب ڏنا ۽ چيوسونِ ته سندرجيءَ جي گماشتي شالو مل هندوءَ جو گهر ڏيکار جو اسان کي هن لاءِ ڪي هنڊيون ۽ سفارش جا خط آهن. انهن مان هڪڙو اسان کي بزار ۾ هن جي دڪان تي وٺي هليو. اتي اسان واري هندوءَ کيس چٺيون ڏيکاريون ۽ کانئن رهڻ لاءِ جاءِ طلب ڪئي. شالو مل ۽ هن جي پٽ اسان کي صلاح ڏني ته توهان ڪوٽ جي ٻاهران ڪا جاءِ مسواڙ تي وٺي ان ۾ رهو جو اتان جي آبهوا شهر جي سوڙهين ڳلين کان وڌيڪ صحت بخش آهي. اها صلاح اسان کي وڻي ان ۾ هڪ فائدو اهو هو ته اتي اسان کي نويڪلائي هئي، جنهن جي اسان کي ان وقت سخت ضرورت هئي. شالو مل جو پُٽ اسان سان گڏجي هليو. اسان قلعي ۽ پسگردائيءَ وارين بسترين مان لنگهي هڪ نهر جا ماٿريءَ مان وهي ٻاهر ٿي ويئي، هڪ باغ ۾ پهتاسين جتي اهو گهر هو. اسان جي همراهه گهر جي مالڪ سان ڳالهائي اسان کي ٻڌايو ته هيءَ اها جاءِ آهي جنهن جي پتا توهان سان ڳالهه ڪئي هئي. هيءَ جڳهه توهان گهوڙن جي سوداگرن لاءِ خاص طرح موزون آهي جو ان کي ڪوٽ سان هڪ اڱڻ آهي، جنهن ۾ سٺ- ستر گهوڙا بيهي سگهن ٿا. +گهر چڱو خاصو هو. ان جون ڀتيون ٻيلي جي ٻين جاين وانگر ڪاٺ جي مَڏ جون ٺهيل هيون جنهن جي مٿان ڪهگل ٿيل هئي. اسان جاءِ والاري، تنهن کان پوءِ جلد ئي شهر جا سڀ سکر هندو اسان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. شالو مل انهن جو اسان سان تعارف ڪرايو. انهن مان ڪيترن لاءِ اسان کي چٺيون هوين جي اسان کين ڏنيون. هنن اسان جي چڱي خاطرداري ڪئي، مگر چيائون ته ��وهان ڪمهليءَ موسوم ۾ آيا آهيون جو خان پنهنجي ڪٽنب سان ۽ قلات جا سڀ مکيه ماڻهو به ٿڌ سبب ڪڇ گندوا هليا ويا آهن، پر جي توهان ٻه مهينا اتي رهندا ۽ بهار جي مُند شروع ٿيندي تيئن هو به واپس موٽي ايندا. ان وقت واپاري به قنڌار مان ايندا پوءِ توهان کي جيترا گهوڙا خريد ڪرڻا آهن، اوترا وٺي سگهو ٿا. اسان جواب ڏنس ته اسان جو به اهڙو ئي ارادو آهي. اسان سوير فقط ان ڪري آيا آهيون ته جيئن سڀ کان سٺو مال پسند ڪري وٺون. هڪڙو ٻُڍو هندو جو اسان جي ڪراچيءَ واري دشمن، سيٺ ڌريوڌن جو گماشتو هو، اسان کي خاص طرح ڏکيو پيو ۽ اسان جي منزلن ۽ مقصدن جي پڇ پڇا ڪرڻ لڳو، صاف چئي ته مون کي توهان جي نيت ۾ شڪ آهي. تعجب آهي ته منهنجي لاءِ ڪابه چٺي ڪانه آندي اَٿوَ. هن جي ڳالهائڻ جي نوع مان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي خاطري ٿي ته هن کي اسان جي اچڻ جو اڳواٽ اطلاع پهتل هو ۽ کيس اسان جي حرڪتن[6] تي نظر رکڻ لاءِ هدايتون مليل هيون. خير اسان آخر انهيءَ فرضي جاسوس ۽ سندس دوستن کان پنهنجي جند ڇڏائي؛ انهيءَ بهاني تي ته اسان کي هاڻي کاتو کائڻو آهي. شام جو دير سان شالو مل اسان کان پڇڻ آيو ته توهان کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت نه آهي. اسان کي جيڪا جان تي پوشاڪ پيل هئي تنهن کان سواءِ اسان ٻيو ڪوبه ڪپڙو لٽو پاڻ سان ڪونه آندو هو، تنهنڪري اسان چيس ته اسان کي هجي. اسان کانئس ٻين ڪن ضروري شين مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ به استدعا ڪئي. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسان پنهنجون ڪمليون[7] وڇائي آرام سان سمهي رهياسين. ٿَڪ کان پوءِ ٿوروئي آرام ڪهڙي نه نعمت آهي. +10- فيبروري: اڄ قلات جي خان جي ڀاءُ مير مصطفيٰ خان جي داروغي جو نياپو پهتو ته معاف ڪجو جو مان علالت سبب توهان جي روبرو اچي خدمت نه ڪري سگهيو آهيان، جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ جي ضرورت هجيوَ ته مهرباني ڪري بنان حجاب جي حڪم ڪيو. اسان هن جي شڪر ادائي ڪئيسين ۽ چوائي موڪليو سونس ته اسان جڏهن شهر آياسين تڏهن سندس قد مبوسي ڪنداسين. ڪلهه وانگر اڄ به اسان وٽ ڪيترائي ملاقاتي آيا، انهن سان ڏاڍي دلچسپ گفتگو ٿي. هو اڪثر بابي قوم جا افغان هئا جي تجارت جي خيال کان قلات ۾ رهيل آهن. هنن اسان کان بمبئيءَ جي واپار متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي، اسان سان جو هندو هو تنهن کي خوشقسمتيءَ سان بزار جي خبر هئي، تنهنڪري هو انهن جي سوالن جا خاطريءَ جهڙا جواب ڏئي سگهيو. +انهن ۾ فيض محمد نالي هڪڙو خوشپوشاڪ ماڻهو هو، جنهن چيو ته مان هڪڙي انگريز کي جو اڳي ڪراچيءَ (سنڌ) ۾ سفير هو، چڱيءَ طرح سڃاڻان. ظاهر هو ته هن اها ڳالهه انهيءَ معلوم ڪرڻ جي ارادي سان ڪئي هئي ته اسان انگريز آهيون يا نه، ۽ اسان جو مقصد ڇا آهي. اسان ان ڳالهه کان صفا اڻڄاڻائي ڏيکاري. مون چيس ته مان سندرجيءَ کان ٻڌو آهي ته انگريزن کي ڪنهن وقت سنڌ ۾ ڪوٺي هوندي هئي، آخر انهن مان هڪڙي ڦاٽ کاڌو، ۽ پنهنجن رفيقن کي پشتي[8] ۾ چيو ته مون هنن ٻنهي کي اڳئين سال سنڌ ۾ سفير سان ڏٺو هو. اسان کي پشتو زبان ايترو ايندي هئي، جو هن جي لفظن جو مطلب سمجهي سگهون. هن کي اسان کي ظاهر ڪرڻ جي منصوبي جي خبر نه هئي، تن جي شڪيلن مان ظاهر هو ته هنن جي دل ۾ ڇا ٿو گذري. اسان هوڏ ٻڌي بيٺاسين ته اها ڳالهه غلط آهي، ڄام جا ماڻهو جي ان وقت اتي هئا تن اسان جو طرف ورتو ۽ انهن تي جوڳيون ٺٺوليون ڪيون. پر پٺاڻ به نٺر هو، تفصيلوار وقت ۽ جاءِ، جتي اسان کي ڏٺو هئائين. ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنائين. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ پوءِ ٻڌايو ته جيڪي هن چيو پئي، سو لفظ بلفظ صحيح هو. اتي فيض محمد وچ ۾ پئي نهايت موزون لفطن ۾ چيو ته حِاتيءَ ۾ گ��ڻيون ئي لاهيون چاڙهيون آهن، جيئن مقدر ۾ لکيل آهي، ائين ئي ٿيندو. ان مان هن جو مطلب هو ته اسان انهيءَ ڳالهه جو انڪار هن ڪري ٿي ڪيو جو اسان اهو اقرار ڪرڻ نٿي گهريو ته اسان جي ڪا هاڻي سَقيم حالت ٿي ويئي هئي. خير، هن جو ڪهڙو به مقصد هجي، پر انهيءَ نڪتي سڄيءَ جماعت کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، ۽ اسان متعلق وڌيڪ ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪيائون، جنهن لاءِ اسان سندس شڪر گذار هئاسون. +اهي بابي قلات ۽ بلوچستان جي ماڻهن کان وڌيڪ باخبر هئا، پر تنهن هوندي به کين پنهنجي سماج کان سواءِ اُٿ- ويهه ۽ آداب ورسوم جي خبرچار ڪانه هئي، هنن سان قنڌار، ڪڇ، گندوا ۽ ٻين جاين جي، جي هنن گهڻا دفعا ڏٺيون هيون، ڳالهه ٻولهه ڪئي ته هو سمجهن پيا، ۽ معقول جواب ڏئي پئي سگهيا. پر جيڪڏهن ڪنهن اهڙيءَ جاءِ جو ذڪر پئي نڪتو جا هنن ڪانه ڏٺي هئي ته پوءِ هو هڪ سال جي عمر جي ٻالڪ کان به وڌيڪ بي سمجهه هئا. مون ايشيا جا جيڪي ملڪ ڏٺا آهن، انهن سڀني جا ماڻهو ائين ئي آهن، مون کي پنهنجي آزمودي مان خبر آهي ته جيستائين انهن کي ڪو خاص مقصد خيال ۾ نه هوندو آهي، تيستائين هو ڌارين ملڪن جي خبرچار ۽ علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا آهن. ائين آهي ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن، پر اهڙا ماڻهو آڱرين ڳڻيا مس ملندا. تحقيق هند و هڪدم ٻڌائي سگهندو ته سندس وکر ڪٿي اگهه ڪندو. هڪ مسلمان گهوڙن جي سوداگر کي خبر آهي ته مال ڪٿي سٺو ۽ سستو ملندو. پر اتي طمع جو سوال آهي، جنهنڪري هو باخبر رهن ٿا. ڪيترن ماڻهن کي منهنجا هي نُڪتا شايد معقول نظر نه اچن، پر مون کي هڪڙا ٻه سوال ياد ٿا پون، جي انهيءَ ماڻهوءَ پڇيا هئا، جنهن اسان کي سفير وٽ ڏٺو هو، ۽ جنهن کي ان ڪري وڌيڪ صحيح علم هئڻ کپندو هو. هن اسان کان نهايت گنڀيرائيءَ سان پڇيو ته بمبئيءَ جو فرنگي گورنر هندو آهي يا مسلمان؟ وري ٿوري وقت کان پوءِ ڪمپنيءَ جو نالو وٺي پڇيائين ته مائيءَ جي عمر ڪيتري ٿيندي، مون پهريان هن جو مطلب نه سمجهيو، پر پوءِ چيائين ته مان هميشه سمجهندو آهيان ته ڪمپني ڪا هڪ ٻڍي عورت آهي جنهن وٽ اکٽ مايا آهي. هن جي اها حماقت ڏسي مون لاچار کيس سمجهايو ته جنهن کي يورپي ماڻهو ڪمپني ٿا چون، سا سرڪار يا حڪومت آهي، مگر مون کي شڪ آهي ته ڪا اها ڳالهه هن جي مغز ۾ ئي ويٺي هوندي. چيائين ته تون ضرور صحيح هوندين، ڇاڪاڻ ته مون پاڻ خيال پئي ڪيو ته مائيءَ جي عمر ڇا هوندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پنجاهه سال اڳ، جا ڪوٺي هوندي هئي سا ڪمپنيءَ جي ڪوٺي سڏبي هئي. +بابي سوداگر اڪثر ٺاهوڪا شڪل جا هوندا آهن، اسان جيڪي به ڏٺا، سي مضبوط ۽ سٺن رَوشن وارا هئا ۽ اٿڻ- ويهڻ جي فضيلت هُينِ. هن موسم يعني سياري ۾، هو اڇي ڪپڙي يا رنگين سلڪ جو پهراڻ ۽ ڪپهه سان ڀريل ڇيٽ جو الخليق يا انگرکو[9] پائيندا اهن، هيٺان نيري رنگ جي ريسمي يا سوٽي سلوار ڊگهي ۽ ويڪري هوندي اٿن، سکر ماڻهو رنگارنگي جوراب پڻ پائيندا آهن، سندن دستارون پوريون پنيون هونديون آهن. هو اڪثر رواجي لونگيون يا ريشمي ڪپڙي جو هڪ ڊگهو ٽڪر جمني ٽوپيءَ جي مٿان ويڙهيندا آهن، جڏهن ٻاهر نڪرندا آهن، تڏهن مٿان دنبي جي کلن جو پوستين وجهندا آهن، جنهن جي پشم اندران هوندي آهي. اهي پوستين تمام گرم هوندا آهن. ان کان سواءِ هو هٿ ۾ يا ڪلهي تي هڪ ٻي فالتو لونگي (بوڇڻ) به کڻندا آهن. هو اونهاري ۾ گرم ڪپڙا ڪونه پهريندا آهن، فقط هڪ سنهون سوٽي ڪپڙي جو پهراڻ ۽ ڇيٽ جو هلڪو ڪڙتو پيل هوندو اٿن. گهڻا ته پٽڪي جي بدران هڪ ڪپهه جي ڀريل ٽوپي پائيندا آهن. شام جو هڪ افغان اسان ڏانهن سُڪا زردالو سوکڙي ڪري موڪليا، اهي اسان ٻه ڪلاڪ پاڻيءَ ۾ ڀڄائي کاڌا ۽ تمام لذيذ هئا. هو زردالن جي بادامي ڪڍي اُس ۾ سُڪائيندا آهن. +12، 13 ۽ 14- فيبروري: پهريون ڏينهن هن سال سياري جو ٿڌي ۾ ٿڌو ڏينهن هو، انڪري شام جو اسان کي آرام مليو. نمڪين ماڻهن کان اهو ڪونه پهتو جو شهر مان نڪري اسان جي گهر اچن، تنهنڪري اسان کي بمبئيءَ خطن لکڻ جو موقعو مليو. ان ڏينهن اهڙي ته ٿڌ هئي جو مون جڏهن ٻارهين بجي اُس ۾ ويهي هٿ پئي ڌوتا ته پاڻي زمين تي ڪِرڻ سان ڄمي برف ٿي پئي پيو. شام جو ائين پئي نظر آيو ته ڄڻ سخت برف ڪِري آهي ۽ سخت ڪوهيڙو هو، پر نوين بجي رات جو صفائي ٿي ويئي ۽ رات جو سخت پارو پيو. +13- تاريخ هرات جو هڪ غلزئي[10] سوداگر اسان سان ملاقات ڪرڻ آيو. هو هگ جي چاليهن اُٺن جو پاڻ سان هڪ قافلو[11] وٺي آيو هو. هن کي بمبئيءَ ۾ سندرجيءَ لاءِ چٺي کپندي هئي جو سمجهيائين پئي ته سندرجي کيس سندس مال نيڪال ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. اسان ان معاملي ۾ هن جي مرضيءَ مطابق مدد ڪئي، جنهن لاءِ هو نهايت شڪر گذار ٿيو. ايتريقدر جو چيائين ته توهان جو ڪو ماڻهو منهنجي مال سان وڃي ته مان قنڌار مان توهان کي جيڪي گهوڙا کپن سي وٺي آڻي ڏيان. مگر اسان ڪن سببن ڪري سندس هي ٿورو کڻڻ لاءِ تيار نه هئاسين، تنهنڪري کانئس معافي ورتيسين. موڪلائڻ وقت چيائين ته مان قلات ۾ جيترا ڏينهن آهيان توهان سان روز ملڻ ايندس. ٻئي ڏينهن 14- تاريخ هو اسان وٽ وري آيو، ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون ٿينديون رهيون. هن جي گفتگوءَ مان اسان معلوم ڪيو هو ته هو اسان کي مسلمان ٿو سمجهي. وڃڻ وقت پڇيائين ته توهان جي ذات ۽ ملڪ ڪهڙو آهي. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ انهيءَ سوال جو جواب اڳيئي ٺاهي رکيو هو. هڪدم چيائين ته اصل ازبڪ نسل مان آهيون ۽ ڪيترين پيڙهين کان هندستان ۾ رهندا اچون ٿا. هو انهيءَ جواب تي مطمئن ٿيو ۽ چيائين ته توهان جو رنگ حق تي گورو آهي. +15- فيبروري: درزي اسان جا نوان ڪپڙا ٺاهي کني آيو جي پائي اڄ اسان شهر گهمڻ وياسين. شهر سڄو ڏسي ٻه ڪلاڪ بزار ۾ شالو مل جي دڪان تي اچي ويٺاسين. اسان جا ڪپڙا بابي سوداگرن جهڙا هئا. قلاتي پوشاڪ ۾ اسان جي شڪل ئي بدلجي ويئي. بابي، بوڇڻ هٿ ۾ کڻندا آهن جو هو هڪ عجيب انداز ۾ ڪلهي جي مٿان وجهندا آهن. مون بوڇڻ اوڙهڻ جو اهڙو ڪرتبو ڪيو هو جو هڪڙو افغان رستي تي ڏسي، ڊوڙندي اچي پشتو ۾ پڇيائين ته توهان قنڌار رستي تي ڏسي، ڊوڙندي اچي پشتو ۾ پڇيائين ته توهان قنڌار ڪڏهن ويندؤ، اسان جي سونهين جواب ڏنس ته اڃا فيصلو ڪونه ڪيو اٿس. اهو ٻڌي سوالي هليو ويو ۽ پنهنجي چوڪ محسوس ڪانه ڪيائين. هي شهر سڄي بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ ان ڪري قلات سڏبو آهي. قلات لفظ جي بلوچي زبان ۾ معنيٰ آهي شهر. قلات هڪ سرسبز ۽ آباد پٽ يا واديءَ جي اولهه ۾ جا اٺ ميل ڊگهي ۽ ٻه يا ٽي ميل ويڪري آهي، هڪ مٿانهينءَ زمين تي آهي. شهر چورسي شڪل جو ٺهيل آهي، جنهن جي بن پاسن کان ارڙهن يا ويهه فوٽ اونچي ديوار ڏنل آهي. اڍائي- اڍائي سؤ قدمن تي مورچا ٺهيل آهن. مورچن ۽ ديوار ۾ توبچين لاءِ ڪيترا شگاف نڪتل آهن. پر هن وقت اتي توبون رکيل نه آهن. قلعو اهڙيءَ ته زبون حالت ۾ آهي جو مان سمجهان ٿو ته توبن جي بار سهڻ جي قابل نه آهي. شهر جي چوٿين پاسي جيڏانهن ٽڪريءَجو الهندي طرف وارو منهن نڪري ٿو، جنهن ۾ شهر جو ڪجهه حصو ٺهيل آهي، ان پاسي کان ٽڪري سڌي اُڀي تراش ٿيل آهي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قلات جي حاڪم محمود خان جو محل بيٺل آهي، جتان شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. محمود خان هاڻي بلوچستان جو نا��ي ماتر بيگ آهي، مون کي اندر محل ڏسڻ جو موقعو ڪونه مليو، پر ٻاهران ڏسڻ ۾ آيو ته محل ڏنگين ڦڏين ڪچين جاين جو هڪ ڍير آهي، جاين جون ڇتيون سنئيون آهن، ۽ ڪوٽن کي ننڍيون ڀتيون ڏنل آهن، جن ۾ ڪوٽ وانگر سوراخ ٿيل آهن. +ٽڪريءَ جي ان حصي کي جتي خان جي جاءِ آهي، برجن سان مٽيءَ جو ڪوٽ ڏنل آهي، ان جي حالت قلعي جي ٻين ڀاڱن کان چڱي آهي. منهنجي خيال ۾ هي قلعو ٿوريءَ محنت سان بلوچستان جي ٻين سڀني جڳهين کان مضبوط بنائي سگهجي ٿو. ڪوٽ جو لنگهه ڏکڻ- اولهه طرف کان آهي، جتي شهر جي ٽن دروازن تي هميشه تفنگچين جو پهرو رهي ٿو. دروازا خاني، قنڌاري ۽ ٻيلائي نالن سان سڏبا آهن. ظاهر آهي ته پوين ٻن دروازن مان قنڌار ۽ ٻيلي جا رستا نڪرن ٿا. ٽيون دروازو خان جي شان ۾ خاني سڏيو ويو آهي. قلعي اندر اڍائي هزارن کان وڌيڪ گهر ٺهيل آهن، ٻاهر به ان جي اڌ جيترا گهر ٿيندا. ڪاٺين جي مڏن جا ٺهيل آهن. مڏ اڌيڪين سرن سان بند ڪري، انهن مٿان مٽيءَ يا چوني جي ڪهگل[12] ڪري ڇڏيندا آهن. رستا اڪثر ڪري مڪاني شهرن جي رستن کان ويڪرا آهن، گهڻن رستن تي پيادل گهمندڙن لاءِ پاسن کان پائريون ٺهيل آهن. رستي جي وچ ۾ کليل ناليون آهن، اهي ناليون جنسي آزار آهن، جو انهن ۾ گند ڪچرو اڇلايو ويندو آهي، ۽ برسات جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي. نالين کي صفا رکڻ لاءِ ڪو خاص قانون ڪونه آهي، گندگيءَ ۽ آزار جو هڪ ٻيو به سبب آهي، سو هيءُ ته گهرن جون ماڙيون گهٽين جيمٿان نڪتل هونديون آهن، جنهنڪري هيٺ اونداهي ۽ پوسل هوندي آهي. هي ايران ۽ ڪابل جي ڍڪيل بازارن جو هڪ بڇڙو نقل آهي، هڪڙو ماڻهو جو اسان سان گڏ هو تنهن کي مون چيو ته توهان جي شهر ۾ هڪ وڏو اهنج آهي.چيائين ته اول قنڌار ۽ هرات جون بازارون ڏسي پوءِ اسان جي بازارن تي فتوا ڏي، اتي سڄيون بازارون ڍڪيل هونديون آهن ۽ تنهن هوندي به انهن مان ڪوبه وڏ ڪانه ڪڍندو آهي. مون ان وقت تائين اهي بازاريون نه ڏٺيون هيون جو هن کي ڪو معقول جواب ڏئي سگهان. بلوچ سمجهيو ته مون ڪو ڏاهپ جو جواب ڏئي کيس ماٺ ڪرائي ڇڏي آهي. +قلات جي بازار نهايت وسيع آهي، ان ۾ هر قسم جو سامان موجود آهي: گوشت، ڀاڄي ۽ ٻيون روزمرهه جي ضرورت جون شيون رازانيون ۽ واجبي اگهن تي ملي سگهن ٿيون. شهر کي مٺو پاڻي هڪ چشمي مان ملي ٿو جو پٽ جي سامهون تڪريءَ جي پاسي مان نڪري، ماٿريءَ جي وچ مان لنگهي ٿو. نهر جي هڪ طرف شهر ۽ ٻيون بستيون آهن، ۽ ٻئي پاسي باغيچا. نهر ۾ ايترو پاڻي هوندو آهي جو ان تي سڌ پنڌ تي ڪيترائي نار هلن ٿا. چشمو ٽَڪر ۾ هڪ قدرتي غار مان نڪري ٿو، مون ان ۾ ڏهه- ٻارهن گز اندر وڃي ڏٺو، هتي نهر، جا ٻه- ٽي فوٽ اونهي، شيشي جهڙي صاف ۽ تيز آهي، سا چئن- پنجن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. غارون جن مان اهي شاخون نڪرن ٿيون سي اهڙيون سوڙهيون هيون جو مان اندر وڃي نه سگهيس. اهڙو مٺو چشمو مون ڪٿي ڪونه ڏٺو يا ٻڌو آهي. ان چشمي جي هڪڙي خاصيت هي آهي جو ان جو پاڻي جڏهن ننڍين ڪسين مان نڪري ٿو، تڏهن ننهن- سوسڙو هوندو آهي ۽ ان کان پوءِ يڪدم ٺري يخ ٿي ويندو آهي ۽ سڄو ڏينهن ٿڌو رهندو آهي. +[1]. گهوڙن جا سوداگر. +[2]. اوڀر طرف جبلن جي هيٺان علائقو، ڏسو نقشو. +[3] . ٻه وڏا تجارتي شهر، قلات جي اتر- اوڀر، ڏسو 23- جنوريءَ جو روزنامو. (نوٽ) +[4] . هڪ ٻوٽي +[5] . چم جي پاڻيءَ جون ٿيلهيون جي سڄي مشرق ۾ مسافر ڪم آڻيندا آهن. +[6] . سنڌ جي ميرن پهريان ڌريوڌن جي معرفت ۽ پوءِ سنئون سڌو پنهنجن گماشتن جي هٿان جيئن هن تذڪري ۾ اڳتي هلي ڏيکاريو ويندو، ڪوشش ڪئي ته جيئن اسان ناڪامياب ٿي هڪدم ملڪ مان نڪري وڃون. ان جو سبب ظاهر آهي. هنن هندستان جي برطانيا سرڪار کي هميشه شڪي نگاهن سان پئي ڏٺو آهي ۽ ان لاءِ دل ۾ دشمني ۽ حقارت پئي رکي آهي. خوشقسمتيءَ سان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي انهن ڳالهين جي پوري پوري خبر هئي ڇاڪاڻ ته اسان خود پنهنجين اکين سان هنن جو هندستان جي سرڪار جي سفارت سان عداوتو ڏٺو هو. +[7] . ٿلها ڪمبل. +[8] . افغانن جي زبان. +[9] . ڏسو 23- جنوريءَ جو احوال (نوٽ) +[10] . غلزئي، افغانن جي هڪڙي قوم آهي. +[11] . قافلي ۽ ڪاروان (انگريزيءَ ۾ Carawan) جي ساڳي معنيٰ آهي، پر ٻن لفظن جي ڪتب ۾ ٿورو امتياز آهي. بلوچ ۽ انهن جا پاڙيسري، مسافرن جي جماعت کي سندن مال سميت ڪاروان سڏيندا آهن، پر جي سمورو مال هڪ سوداگر جو هوندو آهي ته ان کي قافلو چوندا آهن. +[12] . گچ. + + +هن نهر تي جي نار آهي سي ساڳئي اصول تي ٺهيل آهن، جنهن تي بلوچستان جا ٻيا نار ٺهيل آهن. اهي نهر جي ڪنڌيءَ هيٺان ٺهيل هوندا آهن، جتي لاهي نه هوندي آهي، ته اتي کوٽي هٿرادو سلامي ٺاهيندا آهن؛ چرخي سڌي هوندي آهي، ان کي پاڻيءَ جي بار موافق هيٺ مٿي ڪرڻ سان تکو يا ڍلو ڪري سگهبو آهي. هي احتياط تمام ضروري اهي، ڇاڪاڻ ته نهرون اڪثر برسات يا برف جي پکڙجڻ ڪري ڦوڪجي وهنديون آهن، ان وقت چرخيءَ کي پاڻيءَ جي سطح تائين مٿي ڪرڻو پوندو آهي، جي ائين نه ڪبو ته نار تمام تکو وهندو. ڪن نارن کي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٻه نيسرون هونديون آهن، پر پاڻيءَ کي قبضي ۾ رکڻ جو عام طريقو مٿيون اهي. قلات جي ماٿريءَ جا گهڻا باغ هاڻوڪي سردار جي پيءُ رکايا هئا، اهي اڃا اهڙا تيار نه ٿيا آهن، جهڙا ٿيڻ کپن. انهن باغن ۾ مڪاني ميوو جام ٿيندو آهي، پر منهنجي رٿ موب هن موضوع جي جاءِ ٻئي هنڌ آهي، تنهنڪري مان ان تي وڌيڪ بحث ائيندي لاءِ مهمل ڪيان ٿو. +قلات ۾ چئن ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا: هڪڙا بلوچي يا بروهي، ٻيا هندو، ٽيان افغان ۽ چوٿان ديهوار. اهي ذاتيون ۽ خاص ڪري پهرينءَ ذات جا ماڻهو ڪهڙين قومن ۾ ورهايل آهن سو هڪ ڊگهو قصو آهي، تنهن تي مان اڳتي هلي وڌيڪ روشني وجهندس. +فصل (4) +بلوچستان جي آباديءَ جو وڏو حصو بلڪ سموري آبادي بلوچ آهن. انهن ماڻهن جو اصل نسل تاربڪ آهي. ٻين اڻسڌريل قومن وانگي هنن جي تاريخ به عجيب قصن، ڪهاڻين ۽ اهڙين ڏند ڪٿائن سان منجهيل آهي جو انهن مان اهو پتو ئي نٿو پوي ته ڪٿي ٿيون پوريون ٿين ۽ تاريخ ڪٿان ٿي شروع ٿئي- هنن جون ٻه مکيه ذاتيون آهن جي بلوچ ۽ بروهي جي نالن سان سڏبيون آهن. اهي وري بي انداز پاڙن ۾ ورهايل آهن، جن جا نالا اهڙن خسيس ڳالهين جي بنياد تي ٻڌل آهن جو انهن جي حقيقت ڏيڻ ئي مشڪل آهي. هو پاڻ کي اڪثر قومي سردار، ضلعي يا ملڪ ۽ نسل جي روايتي نصب جي نالي پٺيان سڏائيندا آهن. انهن ٻن وڏين شاخن جي وچ ۾ مون کي جيڪي اختلاف نظر آيا سي زبان ۽ شڪل جا آهن. لاسڪ اهي اختلاف ساڳي چمڙيءَ ۽ ساڳئي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ نهايت پر معنيٰ آهن. بلوچي يا بلوچڪي زبان جو محاورو گهڻي قدر جديد فارسيءَ جهڙو آهي. ان جا گهٽ ۾ گهٽ اڌ لفظ فارسيءَ جا آهن، جن عجيب نمونن جون بگڙيل صورتون اختيار ڪيون اهن. پر انهن جو آواز ايترو ته هڪٻئي سان ملي ٿو اچي جو مان پنهنجي فارسيءَ جي علم جي زور تي بلوچڪيءَ جو هرهڪ جملو سمجهي سگهيس ٿي. بروهڪي آواز، اُچارن ۾ اهڙو ته مختلف آهي جو مون کي ان جي هڪ به عبارت فارسي محاوري جهڙي معلوم نه ٿي. ان ۾ گهڻي قدر پراڻا هندوي لفظ آهن، جنهن جو ڪارڻ انهيءَ قوم جي تاريخي احوال ۾ ڏنو ويندو. اها زبان[1] ڪن کي پنجابي زبان جهڙي لڳندي آهي، جا هندستان جي ان علائقي ۾ ڳالهائي ويندي آهي، جنهن کي پنجاب چوندا آهن. +انهن ٻن قومن جي ماڻهن جي شڪلين جو خاڪو به اهڙو ئي متضاد آهي، جهڙي سندن زبان، بشرطيڪ هو پشت بپشت ساڳئي نسل جا هجن. پر هنن ۾ ڪثرت سان هڪٻئي ۾ باهمي شاديون ٿينديون آهن، جنهنڪري هنن جون خصوصيتون هڪٻئي سان اهڙيون ملي ويون آهن جو اهي هاڻي ڪيترن خاندانن بلڪ سڄن پاڙن مان گم ٿي ويون آهن. انهن جي ميلاپ مان هڪ ٽيون طبقو پيدا ٿيو آهي، جو جيتوڻيڪ هڪ نه ٻيءَ قوم ۾ شامل آهي، پر پنهنجن وڏن سان ڪن معمولي ڳالهين ۾ اختلاف رکي ٿو. مان اڳي ئي چئي آيو آهيان ۽ هت وڌيڪ چٽائيءَ سان بيان مناسب ڄاڻان ٿو ته جملي گڏيل آباديءَ کي بلوچ سڏيو ويندو آهي. پر بلوچ ۽ بروهي مختلف قومون آهن، تنهنڪري مان اڳتي انهن جو فرق رکندو ايندس. +هن منجهيل مسئلي ۾ مون کي باريڪ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو آهت ته اصل بلوچ قوم جون ٽي مکيه شاخون آهن جي نهروئي، رندن ۽ مگسين جي نالي سان سڏبيون آهن. نهروئي اڪثر بلوچستان جي ان حصي ۾ رهندا آهن، جو ريگستان جي اولهه طرف آهي ۽ انهن جون ڪي خيلون نوشڪيءَ، جو قلات جي اتر- اولهه ۾ هڪ ڳوٺ آهي ۽ سيستان ۾ آهن. ٻيون ٻه قومون يعني رند ۽مگسي ڪڇ گندوا ۾ رهن ٿيون، جو اوڀر طرف جبل جي تري ۾ هڪ هيٺانهون علائقو آهي. هو انهيءَ زرخيز پٽ ۾ مختلف وقتن تي مڪران مان لڏي اچي ويٺا آهن ۽ جپسين يا ملڪ جي آبادگارن سان ملي قلات جي خان جي رعيت ٿي ويا آهن. انهن مان ڪي ڪڇ گندوا جي اتر- اوڀر ٽڪرين ۾ قلاتجي اُتر ريگستان جي وٽ سان رهن ٿا.[2] +نهروي قوم جا اٺ- ڏهه پاڙا آهن ۽ رندن ۽ مگسين جا انهن کان ٻيڻا يا زيادهه ٿيندا. مان ٽنهي قومن جي پاڙن ۽ سندن سردارن جي نالن جون يادداشتون جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيون آهن، هت ڏيان ٿو. هڪ- هڪ پاڙي مان ڪيترا سپاهي ڀرتي ٿي سگهن ٿا، سي به مون ڏيکاريا آهن، جيتوڻيڪ منهنجي خيال پٽاندر انهن ۾ وڌاءُ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. +نهروئي بلوچن جا پاڙا +نالو تعداد سردار +1. رخشاڻي 700 محراب خان +2. ساجدي 450 ميرشاهه سوار +3. خاسوگي 150 +4. ڪرد يا شهيدي 4500 الفت خان +5. مينگهه يا مند 300 شهسوارخان +6. اربابي 6000 شاهه محراب خان +7. ملڪاهه 250 عيسيٰ خان +قوم جي سردار پهرئين پاڙي يعني رخشاڻين جي پاڙي مان آهي. تنهنڪري سموري قوم اڪثر ان جي پاڙي پٺيان سڏبي اهي. پر محراب خان جو اثر نالي ماتر آهي. +رند بلوچن جا پاڙا +نالو تعداد سردار +1. رنداڻي 8000 سردارخان +2. غلام بوبڪ 700 +3. پوگهه 300 ميرصاحب +4. جلباڻي 800 +5. ديناري 700 فيض الله خان +6. پوزهي 600 +7. ڪلوئي 700 +8. جتوئي 75 +9. ڊومبڪي +10. بليدي 900 مير سيف الدين +11. دوئانڪي 80 +12. خاراڻي 1000 مير عباس +13. عمراڻي 4000 ثابت خان +14. کوسا 150 شمشيرخان +15. چانگ 100 ميربهادر +16. نوشيرواڻي 700 سڪندرخان +17. بگٽي +18. مري +19. گرچاڻي 3000 فتح خان +20. مزاري 2500 +21. دريشڪ 500 +22. لغاري 5000 جمال خان +23. لورد 1000 محمد خان +24. چاچري 1500 +25. مائوندستري 5100 لشڪر خان +مگسي بلوچن جا پاڙا +نالو تعداد سردار +1. مگسي 8000 جعفرخان +2. ابڙا 3000 قائم خان +3. لاشاري 20،000 غلام محمد خان +4. ماٽيهي 1000 علي محمد +5. بردي 200 جلال خان +6. انڙ درياخان +7. ناري 500 +8. جتڪي 4000 +9. قلندراڻي 700 نورخان +10. موساڻي 1000 ڪريم خان +11. ڪڪراڻي +12. جکراڻي +13. عيسباڻي +14. جاگراڻي +15. جلاڻي +16. تربندزئي +رند بلوچن جا پويان نوَ پاڙا اهي آهن جي ڪڇ گنداوا جي اوڀر طرف ڪوهستاني علائقي ۾ رهن ٿا. رندن ۽ مگسين جا شايد ڪي ٻيا ڀاڙا به آهن، جن جو ذڪر مان سنڌ جي صوبي جي احوال ۾ ڪندس. +نهروئي اڪثر هڪ قداور سهڻن ۽ چست ماڻهن جي قوم آهي. هنن کي گهڻي جسمان�� طاقت نه هوندي آهي، پر هو هوا ۽ موسم جي تبديلين تي هريل آهن ۽ هرقسم جو ڏک ڏاکڙو برداشت ڪري سگهندا آهن. هو موت جي پرواهه نه ڪندا آهن. چون ٿا ته هو لڙائيءَ ۾ ڏاڍيءَ دليريءَ سان وڙهندا آهن. هنن کي هڪ رهبر جي ضرورت هوندي آهي جو کين رستو ڏيکاري ته هنن جي بيباڪ بهادري ظاهر ٿئي. هو خانگي چوريءَ کي بيعزتو ۽ بيماو ڪم ڪري سمجهندا آهن. ساڳئي وقت هو هڪ ملڪ کي ڦري برباد ڪرڻ سندن ذاتي خيالن موجب ان کي نهايت تحسين جوڳو ڪارنامو ڪري ليکيندا آهن. انهن جذبن جي غلبي ۾ هو فخر سان ٻڌائيندا آهن ته اسان اهڙن موقعن تي هيءَ مدد ڪئي، هيترا مرد، زالون ۽ ٻار قيد ڪيا، کڻي آياسين يا مارياسين، هيترا ڳوٺ ڦريا ۽ ساڙياسين ۽ هيترا ڌڻ مال جي ڪاهي نه سگهياسين سي ساڙياسين. +مذهب ۾ مشرب جي طرف چند ماڻهن کان سواءِ ٻيا سڀ سُني مسلمان آهن ۽ شيعن[3] لاءِ سخت نفرت ۽ ڌڪار اٿن. شيعن لاءِ بلوچستان ڪرستانن کان به وڌيڪ جو کائتو آهي. +بلوچن جي مهماننوازي مشهور آهي، ۽ مان ملڪ جي هر حصي ۾ مهمان نوازي ڏٺي، هو چوري هڪ ذليل پيشو سمجهندا آهن. جيڪڏهن هو ڪنهن کي گهرڻ تي يا پاڻمرادو پناهه ڏيندا يا پناهه جو وعدو ڪندا آهن ته هو مري ساهه ڏيندا، پر وعدي جي بيوفائي نه ڪندا. هو پنهنجي سردارن جي سرجوشيءَ ۽ خوشيءَ سان اطاعت ڪندا آهن، پر مون ڏٺو ته هنن کي يقين آهي ته سرڪار جي حڪم جي پيروي ڪرڻ چڱو ڪم آهي. تنهن کان سواءِ هنن کي قوم جي عزت ۽ تعظيم تي آهي، مون ڪيترا دفعا ڏٺو ته هو سردارن جي اکين اڳيان بلڪل آزاديءَ ۽ بيپرواهيءَ سان پئي هليا. بلوچن جون گهرو رسمون ۽ رواج خانه بدوش ماڻهن جهڙا آهن. هو اڪثر گهيڏڻن يا رنوٽين ۾ رهندا آهن جي گز يا لئيءَ جي ٽارن مان ڄاهيندا آهن، ۽ مٿان ڪاري ڏاس يا اُنّ جو ڪنبل چاڙهي ڇڏيندا اٿس. انهن گهيڏڻن جي ميڙ کي تومن يا ڳوٺ چئبو آهي، ۽ انهن جي رهاڪن کي خيل يا پاڙو. ظاهر آهي ته هڪ قوم ۾ بي انداز پاڙا ٿي سگهن ٿا. مون کي ذاتي خبر آهي ته اٽڪل اٺ درجن قومن ۾ ويهن- ٽيهن کان به وڌيڪ پاڙا اهن، خيل جي اڳيان ڪو القابي لفظ ڏئي پاڙي کي امتياز لاءِ نالو ڏنو ويندو آهي، مثلاً اميري خيل دائودي خيل، وغيره. هي قومن جي خيلن ۾ ورهاست هڪڙي رهگذر ماڻهوءَ لاءِ نهايت منجهائيندڙ هوندي آهي. خصوصاً جڏهن هو پنهنجا القابي نالا ڦيري انهن جي بدلي مڪاني نالا رکندا آهن. مان جڏهن نوشڪيءَ ۾ ريگستان جي وٽ تي هوس، تڏهن اتي مينگل بروهين جي هڪ خيل ٻه ميل پرتي رهندي هئي، جن جو اصل ملڪ قلات جي ڏکڻ طرف آهي، مون خيل جي هڪڙي ماڻهوءَ کان پڇيو ته توهان ڪير آهيو، جواب ڏنائين ته مينگل، خيل نوشڪئي. اهو چوڻ واجب آهي ته ڪي بلوچ خاص ڪري نهروئي خيلون تنبن کان پڪن گهرن ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪنديون آهن، بلڪ مٽيءَ جي ڪوٽن ۾ رهنديون آهن. بلوچستان جي اولهه ۾ اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو ته خيل جو اڌ گهيڏڻن ۾ ٿو رهي ته اڌ پکن ۾، مان سمجهان ٿو ته هو ٿڌ سبب پکن ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. +هو مهمانن جي سادي پر سهڻي نموني ۾ آڌرڀاءُ ڪندا آهن. جڏهن تومن ۾ ڪو مسافر ايندو آهي ته مهمانخاني جي در اڳيان هڪ فراسي وڇائيندا اهن. بلوچستان جي هرهڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ مهمانخانو هوندو آهي. خيل جو سردار مهمان جي اچڻ جي خبر ٻڌي هڪدم اتي ايندو آهي، هو ڀاڪر پائي هڪٻئي جا هٿ چمندا آهن. تنهن کان پوءِ مهمان جا نوڪر چاڪر ويجهو ايندا آهن. سردار کين هٿ ڏيندو آهي جو هو وٺي پيشاني ۽ چپن تي رکندا (چمندا) آهن. انهيءَ حد تائين استقبال خاموشيءَ سان ڪيو ويندو آهي. پوءِ ڌريون ويهي رهنديون اهن ۽ سردار مسافر کان چار دفعا پڇندو آهي ته ڪيئن آهين؟ اڳلو انهيءَ سوال جو رواج مطابق موزون جواب ڏيندو آهي، پوءِ وري ساڳئي نموني ۾ هن جي ٻارن ٻچن، دوستن ۽ حاضر ساٿين جي صحت سميت پڇا ڪندو آهي، مهمان پنهنجن ساٿين ڏي منهن ڪري تصديق لاءِ ڏسندو آهي، هو سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا آهن ته ها سڀ ٺيڪ آهي. مهمان پڻ ساڳئي نموني ۾ اوترائي دفعا سردار جي ٻارن ٻچن خيل، نوڪرن چاڪرن ۽ دوستن جي خيريت متعلق پڇا ڪندو آهي ۽ خوش خيرعافيت ختم ڪندو آهي. بلوچ طبعاً نهايت سست آهن. جي ڪا خاص مشغولي نه هوندي اٿن ته هو ڏينهن جا ڏينهن گهيڏڻن گهمڻ، تماڪ ڇڪڻ ۽ هوا ۾ گذاريندا آهن. انهن مان گهڻن کي آفيم ۽ ڀنگ[4] کائڻ جي مضر عادت آهي. پر مون اهڙو ماڻهو ڪونه ڏٺو يا ٻڌو جو شراب يا داروءَ جو عادتي يا پياڪ هجي. هنن ماڻهن ۾ شراب جو رواج بلڪل ڪونه آهي. هو ڪڻڪ ۽ ٻاجهريءَ جي ماني، چانور، کجور، پنير، کير ۽ ڏڌ کائيندا آهن. هنن کي ڏڌ گهڻو پسند هوندو آهي. انهن شين کان سواءِ هو ڳارهن مرچن ۽ گرم مصالحن پيل دال ۽ وقتي گوشت، ۽ اُٺ جو گوشت ۽ هرقسم جو شڪار کائيندا آهن. ڀاڄين ۾ هو بصر، ٿوم ۽ سرنهه جا ڳنر ۽ پن پسند ڪندا آهن. ڀاڄي ۾ هو بصر، ٿوم ۽ سرنهه جا ڳنر ۽ پن پسندس ڪندا آهن. ڀاڄي اڪثر مکڻ يا گيهه ۾ پچائيندا آهن. هو اڪثر هڪ يا ٻن کان وڌيڪ شاديون به ڪندا آهن. سردار چئن تائين ڪندا آهن، پر هيءَ ڳالهه هرهڪ جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. مون رواجي ماڻهو ڏٺا، جن کي ست يا اٺ زندهه زالون هيون. رخشاڻين جي سردار محراب خان سورهين شادي ٿي ڪئي، جڏهن مان هن جي شهر ۾ لٿل هوس. هو پنهنجن زالن کي عزت ۽ شان سان هلائيندا آهن. هو ٻين مسلمانن وانگر پردي جا گهڻو پابند نه آهن، پر هو زالن کي هروقت ٻاهر وڃڻ جي اجازت به ڪونه ڏيندا آهن. +بلوچ گهڻا ئي ٻانها ۽ ٻانهيون رکندا آهن جي کين ڇاپن ۾ هٿ ايندا آهن. هو انهن کي رحم ۽ فراخدلي سان هلائيندا آهن جي ڏسي دل خوش ٿيندي آهي. غلام جڏهن پهرين پڪڙيا اهن، تڏهن هو پاڻ کي دنيا ۾ سڀ کان بدبخت انسان ڪري سمجهندا آهن. سچ پچ انهن سان جا ان وقت روش اختيار ڪئي ويندي آهي سا نهايت سخت ۽ مايوس ڪندڙ هوندي آهي. هنن جون اکيون بند ڪري اٺ تي ٻڌي وٺي ايندا اٿن ته جيئن وري وطن ورڻ جي نه ڪن. پر ٿوري ئي وقت ۾ هو قسمت جي ڪئي تي راضي ٿي وفادار نوڪر ٿي رهندا آهن. هت مان هڪ نقل ڏيندس جو ڏيکاري ٿو ته هنن جا سندن مالڪن سان ڪهڙا تعلقات اهن. هڪڙي ڏينهن ڪئپٽن ڪرسٽيءَ، نوشڪيءَ جي سردار، عيدل خان رخشانيءَ کي چيو ته تعجب آهي ته تنهنجا ايترا ٻانها سواءِ ڪنهن نظرداريءَ جي اهڙيءَ جانفشاني سان ڪم ڪن ٿا؟ جواب ڏنائين ته ڇو نه ڪن. هنن کي گهر جي ڀاتين وانگر پهرايو، کارايو ۽ هلايو وڃي ٿو، جي ڪم نه ڪندا ته خبر اٿن تي روزي گهٽ ٿيندي ۽ هو به بک مرندا ۽ اسان به بک مرنداسين. هنن جي فائدي وٽان آهي ته اسان وٽ رزق ججهو هجي. هنن کي خبر آهي ته اسان جي قسمت ۾ سندن حصو آهي. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چيس ته تنهنجو چوڻ بجا آهي پر هو ڀڄي ڇو نٿا وڃن؟ چيائين ته بلڪل نه، هو اهڙا اياڻا نه آهن جو ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪن: پهريون ته هنن کي پنهنجي ملڪ جي رستي جي خبر نه آهي. پر کڻي فرض ڪجي ته خبر هجين به ته هو ڇو ڀڄڻ جي ڪندا. هو هتي خوش آهن ۽ جنسار جو گهٽ فڪر اٿن. گهر ۾ به ايتروئي ڪم ڪرڻو پوندن. ان کان سواءِ ڪپڙن، گهرن ۽ کاڌي جو خيال ڪرڻو پوندو. هاڻي هو انهن سڀني ضروري ڳالهين لاءِ مون ڏانهن ٿا نهارين، تون پاڻ ويچار ڪري ڏس ته انهن جي دلين جا ڪهڙا جذبا آهن. اسان وڌ ۾ وڌ سزا کين اها ڏيندا آهيون جو کين سندن ڪمن سان لائي ڇڏيندا آهيون. +بلوچن جي رواجي پوشاڪ هڪ ٿلهي اڇي يا نيري ٿلهي سوٽي ڪپڙي جي قميص هوندي آهي، جا اٽڪل چوڏهن انچ اڳيان کليل هوندي اهي. ڳچيءَ جي چوڌاري بٽڻ هوندا اٿس ۽ گوڏن کان هيٺ پهچندي آهي. هنن جون سٿڻيون به ساڳئي ڪپڙي يا سُوسي نالي هڪ ليڪا ليڪا ڪپڙي جون هونديون آهن ۽ پانچا سوڙها هوندا اٿن. هو مٿي تي هڪ ننڍي ريشمي يا ڪپهه سان ڀريل ٽوپي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ورلي پائيندا آهن. ان جي مٿان هو خانا خانا يا نيري رنگ جي پڳ ۽ ساڳئي رنگ جو ڪمربند ٻڌندا آهن. اها هنن جي مڪمل پوشاڪ آهي. سردار ۽ هنن جا رشتيدار سياري ۾ ڇيٽ جو الخليق پائيندا آهن، جنهن کي اندران ڪپهه جو ڀريل استر هوندو آهي. غريب ماڻهو هڪ قسم جو جبو ويڙهي ٻاهر نڪرندا آهن جو ٻڪريءَ جي ڏاس ۽ دنبي جي اُن مان ٺهيل هوندو آهي. زالن جي پوشاڪ غالباً مردن جي پوشاڪ جهڙي هوندي آهي. هنن جا گهگها اڪثر سوٽي ڪپڙي جا ڳاڙها يا ناسي هوندا آهن. اهي ڊگها کڙين تائين هوندا آهن ۽ اڳيان ڇاتيءَ هيٺان کليل هوندا آهن. هو گهگهي هيٺان ڪجهه ڪونه پائينديون آهن، جنهنڪري سندن جسم جو گهڻو حصو ڏيکاربو آهي. هنن جون سٿڻيون حد کان زياده ويڪريون هونديون آهن. اهي ريشمي يا هٿرادو پٽ جون ٺهيل هونديون آهن. جوان زالون، پرڻيل خواه ڪنواريون پنهنجا وار هڪ عجيب نموني ۾ ٺاهينديون اهن. ڇا ڪنديون آهن جو وارن جون چڳون ٺاهي مٿي کي چوڌاري ويرهينديون اهن ۽ چڳن جون پڇڙيون گڏ ڪري مٿي جي مٿان ڳنڍ ٻڌي ڇڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح وار ڏاڍا سٺا ۽ صفا نظر ايندا آهن. پريان ائين ڏيکاريا آهن ڄڻ ته ٽوپي آهي. ٻڍيون زالون مٿي کي ريشمي گلدار رومال ٻڌنديون آهن. وڏيون توڙي ننڍيون زالون ٻاهر منهن ڍڪي نڪرنديون آهن. پر گهر ۾ جيئن مون اڳي ئي چيو آهي هو خاص خيال ڪونه ڪنديون آهن. نوشڪيءَ ۾ مان اڪثر سردار جي گهيڏڻ ۾ هوندو هوس، جڏهن هن جو سارو ڪٽنب اتي هوندو هو. +هڪ بلوچ سپاهي هٿيارن پنوهارن سان ڏاڍو جبرو ۽ ٺاهوڪو نظر ايندو آهي. هو پاڻ سان بندوق، ترار، ڀالو، ڪٽاري ۽ ڍال کڻندو آهي. تنهن کان سواءِ هن کي ڪيتريون ئي داروءَ جون دٻيون، سِڱ ۽ ڳوٿريون هونديون آهن. ڳوٿريءَ ۾ گوليون، ڇيرا، چقمق باهه ٻارڻ جا اوزار ۽ ٻيون فوجي ضرورت جون شيون هونديون آهن، جي لڙائيءَ جي وقت ۾ سخت تڪليف جو باعث هونديون؛ پر هنن کي پرواهه ڪانه هوندي آهي. جوڌن جي طاقت جو اندازو اڪثر هنن جي هٿيارن جي وزن مان لڳايو ويندو آهي. هو سڀ نشان جا پڪا آهن، تنهنڪري جنگ ۾ هو ڪوشش ڪري دوبدو مقابلو نه ڪندا آهن. پر جڏهين دوبدو وڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوندو اٿن، تڏهن هو پنهنجون بندوقون اڇلائي يا سواريءَ واري اُٺ تڏهن هو پنهنجون بندوقون اڇلائي يا سواريءَ واري اُٺ يا گهوڙي جي پاسي کان ٻڌي ڇڏيندا آهن. هنن جا سٺي ۾ سٺا ۽ قيمتي هٿيار گهڻو ڪري ولائتي ٺهيل هوندا آهن. هو بندوقون، تلوارون ۽ ڪٽاريون ايران، خراسان ۽ هندستان کان گهرائيندا آهن، ۽ ڍالون هندستان کان، هو ڀالا گهڻو ڪري پنهنجن پاڙيسرين سنڌين کان وٺندا آهن. فلات ۾ بندوقن، ترارين ۽ ڀالن ٺاهڻ لاءِ خان جو هڪ ڪارخانو آهي، پر ان جو ڪم ٿلهو موٽو ۽ بي زيبو آهي. +بلوچن جا شغل اهڙائي آهن جڪي هڪ اڻسڌريل قوم جا هئڻ کپن. هو هرڪنهن قسم جي شڪار جا شوقين آهن. هو گهڻو وقت بندوق هڻڻ، جانور مارڻ ۽ ڪتن سان شڪار ڪرڻ ۾ صرف ڪندا اهن. هو تازي ڪتن جي تربيت تي گهڻو ڌيان ڏيندا آهن. هڪ چڱي ڪتي جي قيمت ٻه- ٽي رپيا يا اڃا به زياده اٺ رپيا هوندي آهي. مون بڌو ته قلات جي خان هڪ ڪتي لاءِ چار سؤ روپيا ڏنا هئا. نشان چٽڻ، لٺ بازي، ڪشتي، تلوار بازي ۽ ڀالو اڇلڻ پڻ هنن جا خاص شغل آهن. پاڙي جون خيلون هڪٻئي سان اهي رانديون ڪنديون آهن. پونين چئن مشقن جو ته کين اصولي علم آهي. بندوقبازيءَ ۾ ته هو اهڙا ڀڙ آهن جو چون ٿا ته هو تيز ڀڄندڙ گهوڙيءَ تان تريءَ جيترو نشانو چٽي سگهندا آهن. مان خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته سونهان، جي مسافريءَ تي مون سان ساڻ هئا سي سواءِ گسڻ جي گولي سان ننڍا پکي جهڙوڪ چنڊول ۽ جهرڪيون ماري سگهندا هئا. ۽ هو ان ڳالهه کي ڪو خاص هوشياريءَ جو نشان ڪري ڪونه سمجهندا هئا. مان هنن جي شغلن جو شمار پورو ڪيان، تنهن کان اڳ هنن جي هڪڙي خطرناڪ مشق جو ذڪر ڪندس، جنهن جو هر طبقي جي ماڻهن ۾ رواج آهي، اهو آهي نيزي بازي. هو نيزي بازي گهوڙي تان ڪندا آهن. هڪ چڱي ٿلهي ڪاٺي زمين ۾ کوڙي گهوڙيسوار تکو تکو ڀڄندو نيزي جي چهنب سان ڪاٺي زمين مان ڪڍي اڳتي کڻي ويندو آهي. هن مشق ۾ جيتري ڪاٺي اونهي زمين ۾ کتل هوندي آهي، اوتري مشڪلات ۽ خطره زياده هوندو آهي، پر معمولي طرح به ان ۾ ٻانهن ۽ ڪرائيءَ جو سخت زور لڳائڻو پوندو آهي؛ گهوڙي ۽ نيزي کي ساڳي ئي وقت چالاڪيءَ ۽ ڪاريگريءَ سان سنڀالڻو پوندو آهي. +بلوچن جون مرڻي ۽ پرڻي جون رسمون، سواءِ ڪن معمولي شاديءَ جي رسمن جي اهي ئي آهن جي قرآن ۾ ڏنل آهن، تنهنڪري اهي ٻين ملڪن جي مسلمانن جهڙيون آهن ۽ انهن جي هٿ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. جڏهن ڪنهن مريض جي حالت خراب ٿي ويندي آهي ته هڪ ملان کي گهرائيندا آهن جو کيس قرآن پڙهي ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو آهي. ملان اهڙيءَ طرح قرآن پڙهندو رهندو آهي، جيستائين مريض صحتياب ٿئي يا گذاري وڃي. مرڻ جي حالت ۾ مٽ مائٽ گهرائي هڪدم ماتم شروع ڪندا اهن. فاتحه خواني لاءِ جي دوست ايندا آهن، انهن لاءِ فوتيءَ جي گهر ۾ ٽي ڏينهن ۽ راتيون ساندهه کانو تيار ٿيندو آهي. فاتحه خواني[5] ڪرڻ به ملان جو فرض آهي. فوتي شاهوڪار هجي خواهه غريب، عزيزن کي هميشه خيال هوندو آهي ته فاتحه خواني لاءِ گهڻا مهمان هجن. جيڪي حاضر هوندا آهن، انهن کي جوش ڪرڻ جي هو ڏاڍي ڪوشش ڪندا آهن. +مون کي جيڪو هن رسم جو احوال ڏنو ويو هو تنهن مان ڏسجي ٿو ته اها هوبهو برطانيا جي ”اوجاڳي ڪڍڻ“ جي رسم جهڙي آهي، جنهن ۾ ميت جي مٿان رات ويهي گذاربي آهي. +هنن جي شادين ۾ ڪا خاص ڳالهه ڪانه هوندي آهي. انهن ۾ به مرڻي جي رسمي وانگر ڪا خاص دلچسپي ڪانه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جوان جي هڪ بلوچ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ يا ٻئي ڪنهن ويجهي عزيز کي ڳالهه چورڻ لاءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ ڏي موڪليندو آهي. جيڪڏهن پيءُ کي مائٽي پسند آئي ته هو ها ڪندو ۽ سوکڙين پاکڙين جي ڏيڻ وٺڻ جون ابتدائي رسمون هڪدم ادا ڪيون وينديون آهن. انهيءَ دوطرفي عهد کي مڱڻو يا وعدو چئبو آهي. وڏن ماڻهن ۾ ته بعضي بعضي طرفين مڱڻي کان اڳ هڪٻئي کي ڏسندا به نه آهن، تنهن هوندي به اهو وعدو اهڙو هو ته درست ڪيو ويندو آهي جو ڪنهن به حالت ۾ ڀؤ نه ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اتفاق سان مڱيل ڇوڪرو گذاري وڃي ته هن جي ڀاءُ کي رواج ۽ رسم مطابق نينگريءَ سان شادي ڪرڻي پوندي آهي. گهوٽ کي اڪثر اُٺ، رڍون، ٻڪريون يا ٻيو مال ڀيٽا طور ڏيڻو پوندو آهي، اهو مال سڱ کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر سهري جي گهر موڪليو ويندو آهي. جيڪڏهن هو ٻارن سان سگهرو هوندو آهي ته مال سان گڏ کيس ايترو رڌل کاڌو به موڪلڻو پوندو آهي جو سموري خيل کي پورو ٿي اچي. بعضي بعضي ڇوڪر اڃا شادي نه ڪئي هوندي آهي ته ان جو سڱ ڪيو ويندو آهي، اهڙيءَ حالت ۾ مڱيدن کي هڪٻئي کي ڪنواريتي گهر ۾ ڏسڻ ايندا آهن. گهوٽ، ساهري گهر گهر جي ڀاتين وانگر ويندو آهي، ڇوڪريءَ کي ڪنهن به صورت ۾ سندس ساهرن وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا آهن، نه وري طرفين کي هڪٻئي سان گستاخ[6] ٿيڻ يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڇوڪري زال جي فرضن ادا ڪرڻ جي لائق ٿيندي آهي ته ملان گهوٽ ڪنوار جي عزيزن جي روبرو عروس، يعني نڪاح پڙهندو آهي. گهوٽ وري خيل وارن کي پنهنجي پڄنديءَ آهر کارائيندو آهي. مٿاميڙ کان پوءِ هو ڪجهه ڏينهن سهري جو مهمان رهندو آهي، پوءِ سس کيس زال وٺي وڃڻ جي اجازت ڏيندي آهي[7]. موڪلائڻ وقت کيس نڪاح ۾ مقرر ڪيل ڪابينو ڏنو ويندو آهي. ڪابيني ۾ اڪثر گهوٽ جي بروقت ڏنل مال جيترو مال، ڪپڙا، غاليچا ۽ ٻيو گهرو سامان پڻ ڪنواريتن جي وت آهر ڏنو ويندو آهي. +انهيءَ نڪتي ۽ ان سان ٻين تعلق رکندڙ ڳالهين جي جانچ ڪندي، مون کي معلوم ٿيو ته بلوچن ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي مذهب جا گهڻا رواج آهن، ايتري قدر جو انهن جا شاديءَ متعلق اخلاقي قانون سمورا انهيءَ پيغمبر مقدس کان ورتل آهن. ۽ هنن جو اعتقاد اهڙو ته پختو آهي جو هنن ۾ ورلي ڪا بيوفائي ٿيندي آهي. مان چئي نٿو سگهان ته هي رسمون ۽ فائدا هنن ماڻهن اتفاق سان اختيار ڪيا آهن، يا ان جو ڪو ٻيو ڏورانهون سبب آهن. ڇاڪاڻ ته مون کي هنن ماڻهن جي اصل نسل جو گهڻو علم ڪونه آهي. +جيڪڏهن ڪا شاديءَ واري عورت مڙس کي ڇڏي ڀڄي وڃي، يا ڪا مڱيل دوشيزهه پيءَ جي گهر مان نڪري ڪنهن سان هلي وڃي ته اها ڳالهه عزت ۽ فرض جي خلاف سمجهي ويندي آهي ۽ هنن جي نظر ۾ ان جو فقط هڪ ئي عيوضو ٿي سگهي ٿو، سو هي ته زال ۽ بدڪار ٻنهي کي ماريو وڃي، پر خاص ڪري بلوچستان ۾ انهن ٻنهي ڏوهن جو نالو نشان به نه آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي زال ڇڏڻ جو اختيار آهي، جيڪڏهن هن کيس ڪنواري سمجهي ساڻس شادي ڪئي هجي، بشرطيڪ هو ثابت ڪري سگهي ته هوءَ ڪنواري نه آهي[8]. پر هن قاعدي کي عمل ۾ آڻڻ جو ورلي ڪو اتفاق ٿيندو آهي: هڪ ته اها تهمت ثابت ڪرڻ ڏکي آهي، ٻيو خاندانن جي وچ ۾ خوفناڪ جهيڙن ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهنڪري بي بنياد تهمت ڪنهن تي ڪانه رکي ويندي آهي. +هاڻي باقي رهيا بروهي، جي بلوچستان جي ٻي وڏي قوم آهن. پر بلوچن جي احوال ۾ پيش ڪندي مان انهن جون خصوصيتون اڳيئي ڏنيون آهن، تنهنڪري مون کي انهن جي احوال ۾ گهڻو اضافو ڪرڻو ڪونه آهي. بلوچن وانگر هو به گهڻن ئي پاڙن ۽ خيلن ۾ ورهايل آهن، هو اڃا هڪ خانه بدوش قوم آهن، هو اونهاري ۾ هميشه ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهندا اهن ۽ سياري جي موسم ۾ ٻئي حصي ڏانهن لڏي ويندا آهن. تنهن کان سواءِ هو پنهنجي مال جي چاري جي سانگي پنهنجي رهڻ جا ماڳ هر سال ڪيترا دفعا بدلائيندا آهن. اهو رواج بلوچن ۾ ورلي نظر ايندو آهي، چستي، طاقت ۽ همت ۾ بروهي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هو جهڙو بلوچستان جي پهاڙي علائقي جي ٿڌ تي هريل اهن، توڙوئي ڪڇ گنداوا جي پٽن جي گرميءَ تي. هو ٻاهرينءَ شڪل ۾ بلوچن کان نرالا آهن، ايتري قدر جو انهن ٻنهي ۾ ڪوبه ڀُل نه ڪندو. بروهين کي سندن هموطنين جي درازقد، ڊگهي منهن ۽ نتڪل هڏن جي بدران ننڍا ٿلها هڏا، گول منهن ۽ ٿلها عضوا اهن. تحقيق، مان اهڙي ڪا ايشيائي قوم ڪانه ڏٺي آهي جنهن سان هو مشابهت رکندا هجن. هنن مان ڪيترن کي ناسي وار ۽ ڏاڙهيون آهن. راهڪي ۽ ٻين گهرو ڪمن ۾ هو تمام سخت پورهيت آهن، جي قلات جي ڏکڻ وارن پوٺن جي ويجهو رهندا آهن، سي زمين جا وڏا ٽڪر آباد ڪندا آهن، ۽ پنهنجي پيدائش کي نڪال لاءِ قلات، ٻيلي ۽ خضدار جي هنڌن ڏانهن موڪليندا آهن. ��روهي فقط مال جو پنير ۽ گيهه، ٿلها ڪنبل، غاليچا ۽ نمدان وڪڻڻ کان سواءِ ٻيو واپار ڪونه ڪندا آهن. انهن جو کاڌو بلوچن جهڙو آهي؛ سواءِ ان جي ته هو گوشت ٻين سڀني شين کان وڌيڪ پسند ڪندا آهن، ۽ هو اڌ ڪچو گوشت سواءِ مانيءَ، لوڻ يا سبزين جي کائيندا آهن. هو پيٽرڙي آهن. هنن وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جا وڌندڙ ويجهندڙ ڌڻ آهن، جنهنڪري هو پنهنجو شوق پورو ڪندا آهن، ۽ ڍؤ تي گوشت نه کائين ته هوند سياري ۾ هو ٿڌن جبلن ۾، جن ۾ رهندا آهن مري وڃن. هو سمجهندا آهن ته گوشت نه فقط هڪ مقوي غذا آهي، پر ان ۾ اها گرماش به آهي جا يورپي ماڻهن جي خيال مطابق شراب ۽ دارونءَ ۾ هوندي آهي. هو انهيءَ ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سرءُ جي پڇاڙيءَ ۾ گوشت اُس ۾ سڪائي؛ آلين ڪاٺين جي دونهيءَ تي پچائي رکندا آهن. اهو گوشت نهايت لذيذ هوندو آهي ۽ روس مان جي ڦاڙهن جون زبانون اينديون آهن، انهن جهڙو سواد هوندو اٿس. اهو ڪيترا مهينا رکي سگهبو آهي، فقط هڪڙو احتياط ڪبو اهي، ته جيئن هڪ ٽڪرو ٻئي سان نه لڳي. +بروهي به بلوچن جهڙائي وعدي جا سچا ۽ مهمان نواز آهن. بلڪ مون کي ته هنن مان گهڻا پسند آهن. مون جيڪي اڳي ئي هن موضوع تي لکيو آهي، ان مان ظاهر آهي ته هو وڌيڪ سانتيڪا ۽ محنتي ماڻهو آهن ۽ هنن جون عادتون يقيناً بلوچن وانگر ڦرلٽ ۽ خونريز طريقي ڏانهن مائل نه آهن. هيءَ روش فقط نيڪ جذبن جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ بهادري، تڪليفن ۽ سختين برداشت ڪرڻ جو سڀني پاڙيوارن ملڪن جي ماڻهن کان زياده حوصلو آهي. هنن جي سردارن جي پنهنجن پاڙن ۽ خيلن تي بلوچن کان زيادهه اختياري هلندي آهي. ماڻهن بلوچن جهڙائي خوددار آهن، جيتوڻيڪ هو ٻين سببن ڪري سندن فرمانبرداري ڪندا آهن. هو حليم ۽ ڪم آزار طبع جا آهن ۽ ساڳئي وقت اڻسڌريل ۽ بي ڍنگا آهن. پر هو اڍنگا ان ڪري آهن جو هنن ۾ دنيوي علم ۽ حرفت ڪانه آهي؛ تنهنڪري جڏهن هو بي سليقي ڍنگ ۾ ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته خراب نه لڳندا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ خود غرضي ڪانه هوندي آهي. هو فطرتاً چاهيندا آهن ته ڀل ڪنهن جي دل خوش ٿئي. بروهي جي ڪنهن تي احسان يا سندس خدمت ڪندا ته ان جو عيوضو نه طلبيندا. هو هميشہ لاءِ احسانمند رهندا آهن. هو اهڙا ته وفادار آهن جو هنن کي بلوچ سردار به پنهنجن خانگي ۽ اعتماد وارين جاين تي نوڪر ڪري رکندا آهن. +[1] . مان هتي فقط آواز جي ڳالهه ٿو ڪريان. مان ان ٻنهي زبانن کان جن جو مقابلو ڪبو اٿم، اڻواقف آهيان. +[2] . مان سمجهان ٿو ته روزنامچي ۾ سمجهاڻيون ڏيڻ ضروري آهن، پر جيڪڏهن هڪ هڪ ڳالهه تي حاشي ڏبي ته پوءِ قصو ختم ئي نه ٿيندو. +[3] . سني اهي مسلمان آهن، جن جي نظر ۾ محمد صلم جا حقي وارث چار خليقا ابوبڪر، عمر، عثمان ۽ علي هئا. شيعن جو چوڻ آهي ته، رسول جو ڀائيٽو ۽ ڄاٽو علي ئي فقط ان مڙني جو سچو حقدار هو. +[4] . Connalus Sativs ٻوٽي جو نالو. +[5] . فاتحه خواني معنيٰ دعا گهرڻ ، فاتحه يعني دعا ۽ خوانده، فارسي ۾ پڙهڻ. +[6] . چون ٿا ته افغانن ۾ بعضي ڇوڪريءَ جي ماءُ گهوٽ کي شاديءَ کان اڳ چشمپوشي ڪري محبت ڪرڻ جو موقعو ڏيندي آهي. انهيءَ ميلاپ کي نامزد بازي چوندا اهن. لفظن جي معنيٰ آهي نالو ڏيڻ، ان کان پوءِ ماءُ سمجهندي آهي ته ڇوڪري گويا شادي ڪري چڪي. بلوچ انهيءَ رواج کي حقارت سان ڏسندا آهن. ڇوڪريءَ جي پيءُ کي به اها ڳالهه پسند نه هوندي آهي، پوءِ هو ڀل ته افغان هجي. +[7] . سس مٿاميڙ جي ثابتي گهرندي آهي، اَرمينا جي ماڻهن ۾ به اهڙو رواج آهي، پر اهو زياده فاحش آهي. اهو رواج اصل يهودين جو ٿو ڏسڻ ۾ اچي. +[8] . يهودين جو ڪتاب ڊبوتر نامي، فصل 22، آيت 13، 14، 15 وغيرهه. + + +هنن ماڻهن جا سغل هوبهو بلوچن جي شغلن جهڙا آهن، جن جو اڳي ئي ذڪر ٿي چڪو آهي. تنهنڪري هت وري انهن جي دهرائڻ جو ضرور نه آهي. بروهي عموماً دعويٰ ڪندا آهن ته اسان بلوچن کان وڌيڪ سٺا توبچي آهيون. بلوچ پڻ اها ڳالهه قبول ڪندا آهن. پر چوندا آهن ته بروهين کي وڌيڪ ڪرتبو آهي، هو پنهنجن گهيڏڻن مان بندوق کان سواءِ ٻه- ٽي سوگام (قدم وکون) به ڪونه نڪرندا آهن. اهڙيءَ طرح هو تلواربازيءَ ۾ به ڀڙ آهن. پر هو ڀالا اصل ڪم ڪونه آڻين، جو هو انهن کي بيڪار ۽ ڀاري هٿيار ڪري سمجهندا آهن. بروهي هميشہ ساڳئي نموني جا ڪپڙا پائيندو آهي. سيارو هجي اونهارو، سخت پارو پيو پئي يا سج پيو ساڙي، پر هو هميشه هڪ ڍلي اڇي قميص ساڳئي ڪپڙي جي سٿڻ ۽ نمدي جي ٽوپي پائيندو. ريڍار بعضي بعضي اڇي نمدي جي چادر پائيندا آهن. اها بدن کي چوڌاري ويڙهي، مٿي تي اهڙيءَ طرح ورائي ڇڏيندا آهن جو مٿان چوٽيءَ وانگر ٿي بيهندي آهي. اها ٽوپي مينهن واچ ۽ برف ۾ وڏو بچاءُ ڪنڊي آهي ۽ ڪم به انهن موقعن تي آڻيندا آهن. بروهين جي گهرو زندگي نهايت سادي هوندي آهي. مرد مال جي سنڀال زمين جي آبادي ۽ ٻيو ٻاهريون ڪم ڪندا آهن، جنهن ۾ ضرورت جي وقت زالون مدد ڪنديون اٿن. پر رواجي طرح زالون گهرو ڪم جهڙوڪ کير ڏهڻ، مکڻ، پنير ۽ گيهه ٺاهڻ تي ڌيان ڏينديون آهن ۽ فراسيون، نمدا ۽ ٿلهو جوڙيءَ جو ڪپڙو ٺاهينديون آهن. جيئن مان اڳي چئي آيو آهيان، هنن کي مردن جي صحبت کان الڳ نه ڪيو ويندو آهي. مردن سان هو گڏ رهنديون ۽ کائينديون آهن. هنن جي پوشاڪ هن ريت آهي: هڪ سوٽي ڊگهو گهگهو ۽ سٿڻ- بلوغت کي پهچڻ کان پوءِ هڪ گهگهي جي مٿان هڪ قسم جي چولي پائينديون آهن جا پٺيان ڪهئين سان بند ٿيندي آهي ۽ اڳيان رنگين وٽيل ڌاڳي سان بند ٿيندي آهي ۽ اڳيان رنگين وٽيل ڌاڳي سان پکين ۽ جانورن جون ڏنگيون ڦنگيون شڪليون ڀريل هونديون اٿس. مذهب ۽ بروهي سڀ سني مسلمان آهن ۽ هنن جون مذهبي رسمون ۽ شاديءَ ۾ غميءَ جو رواج سني طريقي جي احڪامن مطابق هوندا آهن؛ تنهنڪري مون کي انهن متعلق وڌيڪ ڪجهه چوڻو نه آهي. انهن جي اعمالن ۾ ڪا خاص قابل ذڪر ڳالهه ڪانه اهي، جنهن جو هت احوال ڏجي، سواءِ ان جي هنن جي انهن اهم معاملن ۾ به اهڙيءَ ئي سادگي آهي جهڙي سندن زندگيءَ جي رواجي ڪمن ڪارين ۾.[1] +قلات جي رهاڪن جي باقي بچيل طبقن يعني هندن، ٻانڀڻن ۽ ديهوارن جو مان ڪجهه مختصر احوال ڏيان، تنهن کان اڳ مان ڪجهه بروهين جي ذاتين جا نالا ڏئي هي فصل ختم ڪندس. انهي مختصر فهرست مان ڏسڻ ۾ ايندو ته هڪ سڄي قوم جون ڪيتريون مختلف شاخون آهن ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ، ناممڪن نه ته به ڪيترو نه مشڪل آهي. +بروهين جون ذاتيون +نالو فوج ڀرتي ٿيڻ لائق ماڻهن جو تعداد سردار +1. قمبراڻي 1000 محمود خان +2. مهيوري 8000 قادر بخش +3. مينگل 10500 ولي محمد +4. سوملاري 4000 +5. گرگڻائي 3000 +6. امام حسيني 2000 شيخ لوهر +7. ڪلچي ڀڳوا 500 +8. محموداڻي 590 +9. موردها 1000 +10. ڪوري 150 +11. برجيءَ 1000 +12. رڪي 700 +13. پنڊراڻي 3000 +14. ريستڪو 100 +15. شير واري 8000 +16. رئيساڻي 1500 ملا محمد +17. نيچاري 2000 +18. بيزنجا 1000 رحمت خان +19. شجاع ديني 1000 +20. ماموستي 1500 +21. هاروني 200 +22. روديني 600 +23. ساسولي 300 +24. ڪرو چڪو 500 +25. بجاڻي 700 +26. ڪوردا 200 +27. ناگري 2000 +28. ڪيجن بلادي 7000 +29. نصير روداڻي 3000 +30. چوتوا 700 +31. کدراڻي 5000 +32. ميروازي 7000 +33. ڪلادئي 300 +34. گلوسوري 700 +35. ڪولاچي 250 +36. لوگي 3000 +37. ڪيري 1500 +38. محمود شهي 3500 +39. ديبڪي 4000 +40. ريساڻي 800 +41. قيصري 1000 ميرقيصر +42. موزي 300 +43. گچاگي 200 +44. جياڻي 60 +45. موسوواڻي 1000 +46. سراواڻي 10000 +47. سرفراڻي 2500 +48. يورجهائي 200 +49. ڪوچڪا 300 +50. ڀولدرا 300 +51. ڀوڪا 300 +52. ردي 1700 +53. ايسراڻي +54. مهراڻي +55. جمال زئي +56. گواراڻي +57. سموزئي +58. پوئيتي +59. چگوزئي +60. دودئي +61. جيکو +62. رودن زئي +63. حسنيي +64. چمروزئي +65. موروئي +66. بمبوڪزئي +67. راهزئي +68. شاد نزئي +69. شاهوزئي +70. ڪنتنزئي +71. رمضان زئي +72. شيرزئي +73. گلزئي +74. بنگلزئي، وغيره، وغيره. +جيڪڏهن ان مان ڪو کڙتيل نڪري ته مان انهن کان ٻيڻين ٻين ذاتين جا نالا به ڏئي سگهان ٿو. پر هن فهرست ۾ تعداد جي نقطهء نگاهه کان مکيه ذاتين جا نالا ڏنل اهن، اهي بروهي قومن جي ڪثرت ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ازان سواءِ اهي ذاتيون وري بيشمار خيلن ۾ ورهايل آهن. مٿي ڏنل نالن مان ڪيترن نالن لاءِ سبب ڏئي سگهجن ٿا، پر ٻين کي ڪابه عقلي معنيٰ نه آهي. قمبر جي نالي پٺيان سڏبا آهن، جو حڪومت جي نالي ۽ سڄي بلوچستان جي واليءَ محمود خان جو وڏو هو، زهري ۽ پندراڻي انهن نالن جي علائقن ۾ رهندا آهن. منهنجي خيال ۾ گرگڻائي جو خطاب گرگ لفظ مان نڪتل آهي، جو بگهڙ لاءِ فارسي لفظ آهي. ساڳيءَ طرح شيرواڻي ۽ شيرزئي شير يعني شينهن جي نالي پٺيان سڏبا آهن، هاروني ۽ قيصري هارون خزان ۽ مير قيصر جي پٺيان، جي هنن جي سردارن جا اختيار ڪيل موروثي لقب اهن، محموداڻي قلات جي هاڻوڪي خان محمود خان جي نالي پٺيان، جهل زئي، چنگو زئي، شادن زئي ۽ گل زئي، جمل چڱو، شادن ۽ گل لفظن پٺيان، جن جي معنيٰ آهي سهڻو خوب، خوش ۽ گلاب، جي زئي يعني قوم يا لڏي سان ڳنڍي مرڪب لفظ سهڻي قوم وغيره ٺاهيا ويا آهن، پڇاڙيءَ جو دودائي جي ٻن گڏيل قومن جو اولاد آهن، اهو خطاب دو يعني ٻه ۽ دائي بعضي نپائڻ واري مان نڪتل آهي ۽ مطلب اٿس ٻه دايون. اهڙيءَ طرح ٻيا به گهنائي مثال ڏئي سگهجن ٿا، جي هڪ مشرقي عالم سولائيءَ سان سمجهي سگهندو. منهنجو خيال آهي ته هلڪين ذاتين جا نالا ملڪ جي هڪ حضي مان ٻئي حصي ڏانهن لڏيندي هميشہ پيا بدلبا آهن. مون هي رايو هن ڪري قائم ڪيو آهي جو مان ڪيترن موقعن تي بروهين کان ٻين ذاتين متعلق سوال پڇيا آهن. هنن جي مون کي خاطري هئي ته هو ٿورا سال اڳ سندن لڳ رهندا هئا پر هو جواب ڏيندا هئا ته اسان کي ڪا خبر نه آهي يا چون ته انهن ڏينهن ۾ کين ڪو ٻيو نالو هوندو. +قمبراڻين کان سواءِ ٻيا سڀ بروهي هڪٻئي ۾ شاديون ڪندا آهن. قمبراڻين ۾ هڪ خاص رواج آهي جو ٻين بروهين سان لاڳو نه آهي. هو ٽن جدا درجن يا طبقن ۾ ورهايل آهن، جن جا خطاب آهن احمد زئي، خاني ۽ قمبراڻي. 1810ع ۾ جڏهن مان قلات ۾ هوس، تڏهن احمد زئي فقط ست ڄڻا هئا، محمود خان، سندس پٽ، ٻه ڀائر، هڪ ڀيڻ، پڦي ۽ سؤٽ. خاني ٻئي درجي جا زميندار آهن، مثلاً مير مراد علي، خوزدار وارو ۽ هن جا ڀائر. انهيءَ درجي جا ويهه- ٽيهه ماڻهو هوندا، قوم جا باقي بچيل سڀ ماڻهو خاص قمبراڻي ڪري ليکجن ٿا، رواجي طرح اهو خطاب سڄي قوم جي ماڻهن سان لاڳو ڪيو ويندو آهي. قمبراڻي ٻين قومن مان شادي ڪندا آهن، پر پنهنجون ڇوڪريون ٻين کي ڪونه ڏيندا آهن. ڪي بروهي ۽ رند بلوچ به اهڙيءَ طرح هڪٻئي سان ڏي وٺ نه ڪندا آهن، پر ان لاءِ مون کي ڪوبه معقول سبب معلوم ڪونه ٿي سگهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته هنن کي پنهنجي وڏائيءَ تي فخر آهي. +قلات جا هندو اڪثر ملتان ۽ شڪارپور جي شهرن جا سڀيئي واپاري آهن، انهن کي سرڪار ۽ عام ماڻهو عزت سان ڏسندا آهن. انهن جي مزهبي ڪاررواين ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانه وڌي ويندي اهي پر هنن کي اها همت نه ٿيندي آهي جو هو پنهنجون زالون شهر ۾ وٺي اچن، اها ڳالهه يقينا ثابت ڪري ��ي ته هنن کي سرڪار جي ڀيٽ ۾ اهو اعتقاد نه آهي جو سرڪار جي ظاهري روش ۽ حوصله افزائي ڪري هئڻ کپين، هنن جو چڱو تعداد آهي، شهر جي چوديوارين جي وچ ۾ چار يا پنج سو سٺي ۾ سٺا گهر هنن جي قبضي ۾ آهن. هنن مان گهڻا تمام آسودا آهن پر سندن دنيا ۽ دنيا جي فائدن ۽ سهولت هوندي به قلات جا هندو هڪ ذليل قوم آهن. هو رواجي طرح ٽن- چئن سالن ۾ هڪ يا وڌيڪ دفعا پنهنجي وطن ويندا آهن، پر انهيءَ وچ ۾ جا هو زالن ۽ ٻارن- ٻچن جي محبت کان پري زندگي گذاريندا آهن سا کين ملول رنج ۽ بيچاق ڪندي آهي. هندو هونئن ته هڪ لالچي قوم آهن. ۽ پئسي سان محبت اٿن پر هي ماڻهو بي انتها آزاديءَ جا وسيلا حاصل ڪرڻ کان پوءِ به موهه جي مندر ۾ هرڪا دماغي نعمت ۽ دنيوي خوشي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. مان اڳي ئي چئي آيو آهيان ته هنن کي قلات ۾ مذهبي آزادي آهي ۽ اتي هڪ مندر اٿن، جنهن ۾ ڪيترا برهمڻ رهندا آهن، برهمڻن جو گذران چندن تي هوندو آهي. تنهن کان سواءِ هنن کي قديم زماني کان وٺي سهر ۾ جو مال ايندو آهي، ان تي محصول اڳاڙڻ جو پروانو مليل اٿن، انهيءَ محصول کي ڌرم پئسو چئبو آهي، ان محصول مان ڪيتري پيدائش ٿيندي آهي ۽ اهو ڪڏهن شروع ٿيو، تنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. هندو برهمڻن جي حڪمن جا هروڀرو پائبند نه آهن، مون کي ڏسي تعجب ٿيو ته برهمڻ ۽ سندن شِش، ڳئونءَ جي گوشت کان سواءِ ٻيو سڀ گوشت کائيندا آهن، پوءِ اهو ڀل مسلمان جي هٿ جو پاتل هجي. تنهن کان سواءِ هو چم جي پخالن مان پاڻي پيئندا آهن ۽ انهن مان ڪي بخاري جي کلن جون ٽوپيون پائيندا آهن. هي سڀ ڳالهيون سندن ڌرم جي اصولن جي خلاف اهن، هنن جي پوشاڪ هن ريت آهي، ڇيٽ جو انگرکو جو ڇاتيءَ جي سڄي پاسي ٻڌو ويندو آهي، جنهن مان انهن کي سڃاڻي سگهبو آهي، ڇاڪاڻ ته مسلمان کٻي پاسي ٻڌندا آهن، ٻي، پيرن تائين سوڙهي سٿڻ ۽ وڏو پٽڪو، اڇو يا رنگين هر ڪنهن جي مرضيءَ مطابق، هنن جي شڪلين ۾ گهڻو تفاوت ڪونه هوندو آهي. هنن جو رنگ زردو ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪارا هوندا آهن. هو ڏاڙهيون رکائيندا آهن، هنن جي زبان هندوي آهي جا پنجاب جي صوبن ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ هو پنهنجو حساب ڪتاب جو نمونو ان ۾ رکندا آهن.[2] +مون اڳي ڪنهن جاءِ تي بابن جو مختصر احوال ڏنو آهي، جنهن کي مان قلات جي رهاڪن جو هي طبقو ڪري سمجهان ٿو، پر هو اصل بلوچستان جا ويٺل نه آهن ۽ اتان جي ماڻهن ۾ ڪا خاص اهميت ڪانه ٿا رکن، تنهنڪري انهن متعلق وڌيڪ ڪجهه لکڻ جي ضرورت نه آهي، هو محنتي ۽ رولاڪ ماڻهو آهن. انهن مان گهڻا ڪابل جي بادشاهه جي مملڪت ۽ دورانين جي ملڪ ۾ رهندا آهن، جتي هو مال چاريندا آهن ۽ خيمن ۾ رهندا اهن جيئن اڳي ڏيکاريو ويو آهي. انهن مان ڪي وڏا واپاري آهن ۽ ڪي تجارت جي خاطر پنهنجي وطن جا پوٺا ڇڏي شهرن ۽ ننگرن ۾ رهندا آهن. قلات جا بابي انهيءَ قسم جا آهن، مون کي ائين سمجهڻ لاءِ قوي سبب آهي ته اهڙا ٻيا به گهڻائي ماڻهو گجرات صوبي جي اترين علائقن ۾ آهن.[3] +ديهوار يا دهقان، بنهي لفظن جي معنيٰ ساڳي يعني ڳوٺاڻا آهي، سي قلات جي آباديءَ جو چوٿون طبقو آهن- ٻين طبقن وانگر هو به فقط قلات تائين محدود نه آهن، بلڪ هو ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن هيٺ پٺيان هوندا آهن، مثلاً مستونگ، تيري ۽ يرنگو وڌجي قلات جا اتر ۾ ڳوٺ آهن، تن جا رهاڪو ديهوار نه سڏبا آهن- پر مستونگي، تيريچي، ۽ يرنگووڌچي، انهن جي اصليت جو مون کي پورو پتو ڪونه ملي سگهيو آهي، هنن جي ڳالهائڻ جي زبان ڪا نج فارسي آهي، انهيءَ حقيقت جي بناء تي ڪيترا صاحب چون ٿا ته هو انهن ماڻهن جو اولاد آهن، جي پڇاڙيءَ ۾ نادر شاهه جي بلوچستان مان موٽڻ وقت رهجي پيا هئا. هوڏانهن ان ڳالهه جو رد ان مان ٿو ملي ته اهڙي هڪ قوم نادر شاهه سان هندستان تي حملو ڪيو، تنهن کان اڳ انهيءَ ملڪ ۾ رهندي هئي، هو آباديءَ تي گذران ڪندا آهن ۽ بنان پگهار جي خانب جي نوڪري ڏيڻ ۽ هنن جي مهمانن ۽ سندن اٽالي ۽ مال لاءِ پاڻي، پڃر، گاهه ۽ اَن مهيا ڪري ڏيڻ، خان سان سندن پسگردائيءَ ۾ شڪار تي همرڪاب ٿي وڃڻ ۽ سرڪار کي ضرورت وقت قاصد پيدا ڪري ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهن. انهن خدمتن لاءِ کين خاص رعايتون مليل آهن جن مان سڀ کان زياده فائديواريون ۽ دلگهريون هي آهن: زمين جو پٽو سواءِ مسواڙ يا ڍل جي، بزار ۾ پيدائش آڻڻ تي ڍل نه ڏيڻ، قلات جي علائقي مان ٻاهر فوجي نوڪريءَ جي معافي، سواءِ آباد يا لوڙهي ڏنل زمين جي ڪٿي به مال چارڻ جي سهوليت. ديهوار اٿ ويهه ۽ شڪل ۾ بلوچستان جي ٻين رهاڪن کان مختلف آهن. هو طبع جا ماٺيڻا ۽ مسڪين هوندا آهن. هو بلوچن ۽ بروهين ٻنهي کان پاڻ کي اونچو ڪري سمجهندا آهن ۽ انهن سا ڏي- وٺ نه ڪندا آهن، ته جيئن ان ڳالهه تي ڪو جهيڙو جهٽو ۽ فساد نه ٿئي ۽ هو به انهن جي فضيلت کي تسليم ڪندا آهن. هو ڳوٺن ۾ رهندا آهن جيئن سندن نالو ڏيکاري ٿو ۽ تنهنڪري لڏپلاڻ گهڻي ڪونه ڪندا آهن. هو ڳوٺن جي نزديڪ آبادي ڪندا آهن ۽ پيدائش، خانه بدوش قومن ۽ هندن کي نيڪال ڪندا آهن. جيڪي تختگاهه کان پري رهندا آهن، اهي انهن سردارن کي جن جي پناهه ۾ هو لڪيا پيا هوندا آهن، ڪجهه ڏن ڀريندا آهن. هو ٻين ڳالهين ۾ به ڪو سهڻن ماڻهن جي قوم نه آهن. هنن جون ساديون شڪليون، منهن جا هڏا نڪتل، ڳل ڦوڪيل هوندا آهن، جنهنڪري بدشڪل نظر ايندا آهن. پر جيتوڻيڪ هنن جا مهانڊا موچارا نه آهن، ته به هنن جي منهن مان هڪ قسم جي سادگي، ايمانداري ۽ خوشخلقي پئي بکندي اهي ۽ هنن جي شڪل ڀريل ۽ وڻندڙ لڳندي آهي، هو ڌارين کي ميٺاج ۽ محبت سان پيش ايندا آهن، پر منجهن بروهين واري مهمان نوازي ڪانه آهي، جنهن لاءِ هو مشهور آهن. جڏهين خان لڙائيءَ تي چڙهندو آهي ته هو سپاهه ۾ ڪونه شامل ٿيندا آهن، پر تنهن هوندي به هو اهڙا وفادار ۽ ڀروسي جهڙا سمجهيا ويندا آهن، جو هنن جو هڪ دستو هميسه هن جي محل ۽ ڪوٽ جي دروازي تي حفاظت لاءِ رهندو آهي. هو سني مسلمان آهن. مذهب ۽ گهرو عادتن ۾ هوبهو بروهين جهڙا اهن، جن جو احوال اڳي ئي ڏنو ويو آهي؛ تنهنڪري انهن ڳالهين تي وري تفصيلوار بحث ڪرڻ اجايو آهي. انهن خيالن ڪري ۽ جنهن نموني ۾ هو پنهنجن زالن کي هلائيندا آهن ۽ هو رسول عربيءَ جي ٻين اُمتين کان وڌيڪ روشن خيال آهن. افغانن ۽ ايشيا جي گهڻن ڀاڱن ۾ تاجڪن نالي هڪ وڏي قوم آهي، جن جون وصفون ديهوارن جي وصفن سان اهڙيون ٺهڪي ٿيون اچن جو ان ۾ شڪ نه آهي ته اهي ٻيئي قومون ساڳئي نسل مان آهن. چون ٿا ته تاجڪ غريب، محنتي ۽ وعدي جا پختا هوندا آهن. هو آبادي ڪندا ۽ مال چاريندا آهن ۽ ڪَچن واهڻن ۾ رهندا آهن، جن کي هو ديهون ۽ نه ڪ تمن سڏيندا آهن. افغانستان ۾ اڪثر عام طرح تومن لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي. +هاڻي مون پنهنجا رايا ڏئي ختم ڪيا آهن ۽ قلات جي مختلف رهاڪن متعلق تحقيقات به اچي پوري ٿي آهي. تنهنڪري مان پنهنجو روزنامچو وري شروع ڪندس، البت باقي ٻه- ٽي وڌيڪ طبقا جهڙوڪ ڪڇ گنداوا جا جت، مڪراني يعني مڪران جا باشندا ۽ سنڌي يا سنڌ جا رهواسي، انهن تي بحث تڏهن ڪيو ويندو، جڏهن مان انهن صوبن جو احوال ڏيندس. +فصل (5) +16، 17، 18، 19، 20 ۽ 21- فيبروري: مون مٿيون تاريخون گڏي لکيون اهن، ان لاءِ ته جيئن هڪ- هڪ جو جدا روزنامچو لکڻو نه پوي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اهڙي ڪا نئين يا دلچسپ ڳالهه ڪانه ٿي جا قابل ذڪر هجي. دستور مطابق اسان سان انبوهه ملاقاتي گڏجڻ آيا جن مان ڪن دوائن لاءِ منٿون ٿي ڪيون، پر حال في الحال اسان کين ان بهاني تي ٽاري ڇڏيو ته اسان جو اڃا سامان ڪونه آيو هو. اڳتي هلي اسان پڇتايو ته اهو بهانو ڇو ڏنو هوسين جو ان مان تڪليفون پيدا ٿيون. 16- تاريخ اسان سان محمود خان جو داروغو جو ڏاڍو فضيلت وارو ۽ معتبر شخص هو ملڻ لاءِ آيو هو. ٻه ڏينهن اڳ ڪڇ گندوا مان خان لاءِ سؤدو وٺڻ آيو هو، جنهن بکر واري مير مراد عليءَ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ تياري ٿي ڪئي. چيائين ته اتفاق سان ٻڌم ته سندر داس جا گماشتا بمبئيءَ مان آيا آهن. سندرجيءَ جي ڀاءُ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو آهيان، تنهنڪري خيال ڪيم ته توهان جو نياز حاصل ڪيان. منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته مان حاضر آهيان. اسان هن جو شڪر بجا آندو ۽ چيو سونس ته جي توهان کي تڪليف نه ٿئي ته اسان جو هڪ عريضو پنهنجي ملاڪ کي پهچائي ڏئي، جو اسان کي قلات ۾ يا هن جي حڪومت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪجهه وقت رهڻ جي اجازت کپندي هئي. داروغي جواب ڏنو ته مان وڏيءَ خوشيءَ سان توهان جو خط پهچائيندس. وڌيڪ چيائين ته مان موقعو وٺي خان کي توهان جي خيالن کان واقف ڪندس ۽ اميد ته هو توهان جو عرض قبول ڪندو. هو 17- تاري خط وٺڻ لاءِ وري اسان وٽ آيو. ان وقت ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چيس ته اسان کي سندرجيءَ خان لاءِ ڪا سوغات ڏني هئي اسان جو سامان ڪڇ گندوا مان اچي ته اها رواني ڪنداسين. هن صلاح ڏني ته سوغات نه موڪلجو. چڱو ائين ٿيندو ته خان قلات موٽي اچي ته روبرو کيس پيش ڪجو. +هن شهر ۾ جيترو وقت اسان کي رهڻ جو ارادو هو اسان ان کان زياده رهيا هئاسين، پر اسان جيڪو نوڪر سامان سان ڪنهن واٽ (پراڻي رستي) ۾ ڇڏيو هوسين تنهن جي موٽڻ ۾ دير ٿي هئي ۽ اسان کي هن جي سلامتيءَ متعلق انديشو ٿي بيٺو هو، تنهنڪري هتان نڪرڻ جو آسان ڪوبه آخري فيصلو ڪونه ٿي ڪري سگهياسين. هوڏانهن جن ملڪن مان اسان کي لنگهڻو هو، انهن جي ڪيفيت ۽ جاگرافي متعلق معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ اسان جو انتظار ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو. هندو جيڪو اسان سان بمبئيءَ مان گڏجي آيو هو تنهن ان باري ۾ نادانيءَ کان ڪم وٺي سنئين سڌي پڇا پئي ڪئي. تنهنڪري اسان 20- تاريخ پاڻ پڇائون ڪرڻ لاءِ ٻيو دفعو شهر ڏانهن وياسين. اسان جو اڄ جن واپارين، مسافرن، فقيرن ۽ جانبازن جي لشڪر سان تعارف ڪرايو ويو ان ۾ ايران جي ڪرمان پرڳڻي جي گاديءَ ڪرمان جو هڪ ملان هو. هو قلات پنهنجي ڀيڻ جي ڳولا ۾ آيو هو جنهن کي ڀنڀور جي نهروئين ڇاپيءَ[5] ۾ کڻي آيا هئا. ان کي محمود خان جي خانگي گماشتي ۽ صلاحڪار، سلطان صاحب جي خاندان خريد ڪيو هو. اسان هن ماڻهوءَ کي دعوت ڏئي گهر گهرايوسين، ان لاءِ ته کانئس ايران جي سفر متعلق پڇا ڳاڇا ڪريون. هو ٻئي ڏينهن (ايڪيهين تاريخ) اچي حاضر ٿيو، هن کان معلوم ٿيو ته هو ڪرمان کان ڀنڀور ۽ ڪيچ[6] جي رستي قلات آيو هو. هن، انهن شهرن ۽ سندن ماڻهن جو اسان کي مختصر احوال ڏنو. اسان هن کان اشارو ڏيئي پڇيو ته تون اسان سان سونهون ۽ همراهه ٿي هلندين جو اسان کي ڪرمان مان گهوڙا خريد ڪرڻا آهن، محمد صله ۽ بادشاهه جي ڏاڙهي[7] جو سنهن کڻي چيائين ته ”هاڻي ڇا به ٿي پوي ته انهيءَ رستي کان وري ڪونه موٽندس.“ چيائين ته ”انهيءَ طرف اسان لاءِ ٻه رستا آهن، شل ڌڻي ۽ رسول پناهه ڪري. هڪ رستو اهو آهي ته هو هڪ غيرآباد ۽ ويران ملڪ ۾ رُلي، جتي نه پاڻي، نه ان ملي سگهي ٿو؛ ٻيو، يا ماڻهو نهروئي ڪتن وٽ رهي، جتي پل ��ل ۾ ساهه جو خوف آهي.“ هٿ کڻي چيائين ته ”خدا سڄي قوم جو خانو خراب ڪري، هنن منهنجو گهوڙو ته چورايو پر منهنجا سڀ ٽپڙ به ڦريائون، بدن تي جي ڪپڙا پيل هئا، سي به نه ڇڏيائون. هي ڳالهه ٻڌي اسان ڪجهه مايوس ٿياسين، پر اسان خيال ڪيو ته وڌاءُ ڪرڻ ايرانين جي پراڻي عادت آهي، خاص ڪري جڏهن ڪري جڏهن سندن جانشاني يا خطري جو سوال هوندو آهي. اهڙيءَ طرح پنهنجي دل کي آٿت ڏنوسين ۽ اسان کي اها اميد هئي ته جڏهن اسان انهيءَ رستي کان لنگهياسين ته حالتون اهڙيون ناساز نه هونديون، جهڙيون ملان ڏيکاريون هيون؛ تنهنڪري اسان کانئس وڌيڪ سوال نه ڪيا ته متان شڪ نه پئيس. پوءِ اسان اڌ ڪلاڪ کن ٻيون ڳالهيون ڪيون ۽ هو شهر موٽي ويو، وڃڻ کان اڳ چيائين ته مون وٽ ڪي فارسي ڪتاب آهن جي ڪنهن ڏينهن کڻي اچي توهان کي پڙهي ٻڌائيندس. هن جي اها صلاح اسان خوشيءَ سان قبول ڪئي جو اسان کي شام جي وقت ڪا وندر يا مشغولي ڪانه هوندي هئي ۽ اسان جو وقت اداس ۽ ملول گذرندو هو. +22- فيبروري: اڄ شام جو ٽين بجي اسان جو سامان پهتو جو ڏسي اسان خوش ٿياسين. هندستاني نوڪر، ڪپ سامان جي حوالي هو تنهن چيو ته سندس ٽوليءَ کي ٿڌ ۽ خراب اُٺن جي ڪري سخت تڪليف ٿي هئي، هو وڏيءَ مصيبت سان آهستي آهستي اچي پهتا هئا. خوزدار جا ماڻهو قلات جي ٿڌ کان ايترا ٿي ڊنا جو پنهنجي مال آڻڻ جي ڳالهه ئي نه پيا ٻڌن. اسان جي نوڪر ڳالهه ڪئي ته توهان جي وڃڻ کان پوءِ اسان ٻه ڏينهن ڪنهن واٽ ۾ ترسياسين، انهيءَ وچ ۾ نه رحمت خان، نه ڀاڙي وارن اُٺن جو مالڪ، جنهن کي اسان گهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي، پيدا ٿيا. ظاهر هو ته هن کي بيزنجن چرچ ڏني هئي. ٽئين ڏينهن صبح جو رحمت خان اٺن هٿياربند ماڻهن سان توهان جي اچي پڇا ڪئي، جڏهن ٻڌايوسونس ته توهان کيس ڇڏي هليا ويا هئو، تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ نراس ٿيو. وري وري پيو چوي ته واپاري آهن يا چور جو اهڙيءَ طرح لِڪي ڇپي ڀڄي ويا. شام جو هن جي ڀاءُ بهادرخان ۽ اوٺي به اچي ساڻس گڏيا. اوٺي دير لاءِ ڪو واهيات سبب ڏنو، سردارن کي سخت غصو هجي ته پکي پڃري مان ڀڄي ويا. ڪنهن وقت چون پيا ته هنن اسان جي هتڪ ڪئي آهي هلو ته هلي کين ڪا سيکت ڏيون. وري چون ته چڱو موٽي اچن ته کين سبق سيکارينداسين. آخر صلاح ڪيائون ته هنن جو سامان کولي ڏسجي، ان تي ڪم از ڪم هزار رپيو سونگ يا محصول پوندو. اسان جي ماڻهوءَ چين ته سموري سامان جي قيمت محصول جي اڌ جيتري به نه ٿيندي، تنهن کان سواءِ توهان کي ڪا اختياري ڪانه آهي. رحمت باهه ٿي ويو، چيائينس ته توکي شايد خبر نه آهي ته هي ساڳي جاءِ آهي، جي اسان بيزنجن، مغل تاجر کي ڦري ماريو هو. هندستانيءَ چين ته اهو توهان جو خام خيال آهي ته توهان اسان سان به ساڳي ڪاري ڪري سگهندؤ يا اسان چار- پنج هٿياربند ماڻهو انهيءَ گيدي مغل وانگر پنهنجون جانيون ۽ مالڪ جي ملڪيت توهان جي حوالي ڪنداسين. جڏهن بينزجن هن جون اکيون ڏٺيون، تڏهن چيائون ته توهان ڀُلا آهيو اسان کي توهان سان سختي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونه آهي. هن جي ماڻهن کي چيائون ته توهان پنهنجون تلوارون لاهي آرامي ٿيو. اسان توهان جي سامان جي سڄي رات حفاظت ڪنداسين. نوڪر جواب ڏنن ته اسان جو رواج آهي ته اسان سفر ۾ هميشہ ڪمربسته رهندا آهيون. آخر بيزنجن ڏٺو ته هي مڙڻ جا نه آهن ۽ کين کاڌي لاءِ به ڪجهه ڪونه هو؛ تنهنڪري هنن گهر موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. وڃڻ وقت چئين رپئين جو سوٽي ڪپڙي جو ٽڪر گهري ورتائون. سندن سردار رحمت خان چيو ته سامان سان گڏ منهنجي هلڻ جي ضرورت ڪانه آهي. رستو بلڪل سلامت آهي. تو��ان کي ڀل ته لکن رپين جو سامان هجي، توهان کي منهنجي اجازت آهي ته توهان جي وار جو به ڪو نالو ڪونه وٺندو. انهيءَ ٻٽاڪ کان پوءِ هو ڇاڙتا وٺي اُٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي هليو ويو. ٻئي ڏينهن پرڀات جو اسان جا ماڻهو پنهنجو رستو وٺي ويا.[9] [8] +خوزدار ۾ خبر پين ته مير مراد علي پنهنجي نائب کي شهر ۾ لکيو هو ته هنن ماڻهن کي ڪڇ گندوا موڪليو، جتي ملڪ جا سڀ گهوڙا اچي ڪَٺا ٿيا هئا. مون کي خبر نه آهي ته هي مشورو اسان جي فائدي لاءِ ڏنو ويو هو يا خلاف. پر اسان اڳيئي تڪڙو تڪڙو اڳتي نڪري ويا هئاسين پر ان جو انجام چڱو نڪتو. نائب اسان جي سامان سان هڪ ماڻهو قلات موڪليو هو جو سوهيراب ۾ اسان کي ڏاڍو ڪم آيو، جو اتي ڳوٺ جي داروغي هر شيءِ تي محصول ٿي گهريو ۽ ٻيءَ طرح دخل ٿي ڪيو. مراد عليءَ جي ماڻهوءَ کيس سردار جو خط ڪڍي ڏيکاريو ته هنن ماڻهن کي عزت آبروءَ ۽ مهمان نوازيءَ سان پيش اچو، داروغو اهو ڏسي خاموش ٿي ويو. +هڪڙو قاصد ٻيلي مان سندرجيءَ جي گماشتي جو خط کڻي اچي اسان جي نوڪرن کي خوزدار ۾ پهتو هو. ان مان اسان کي معلوم ٿيو ته اسان سونمياڻي ڇڏي تنهن کان چار-پنج ڏينهن پوءِ ڇهن ماڻهن ڪراچي (سنڌ) مان اچي اسان جي پڇا ڪئي هئي ته هي ڪير آهن. جڏهن خبر پين ته اسان مٿي هليا ويا آهيون. تڏهن ٻه ماڻهو ڪراچيءَ موٽي ويا ۽ ٻيا اسان جي پٺيان ٻيلي آيا، جتان خوشقسمتيءَ سان اسان اڳيئي نڪري ويا هئاسين، تنهنڪري ڄام وٽ ويا ۽ کانئن کليل درٻار ۾ سنڌ جي ميرن جي نالي ۾ پڇيائون ته هي ڪير آهن ۽ قلات ۾ ڪهڙو ڪم اٿن. ڄام مختصر لفظن ۾ چين ته مان هنن کان سندن نالن يا ڪم ڪار پڇڻ جي ضرورت ڪانه سمجهي هئي. پر مون افواهي طرح ٻڌو هو ته هو سندرجيءَ جا گماشتا آهن ۽ هن جي ڪم سان قلات ٿي ويا. سنڌي انهيءَ جواب تي راضي نه ٿيا ۽ ڪاوڙجي حيدرآباد هليا ويا ۽ وڃي ميرن کي اهو احوال ٻڌايائون. هن خط پڙهڻ کان پوءِ اسان کي خاطري ٿي ته هو اسان کي زوريءَ ٻڌي ملڪ مان تَڙي ڪڍائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪندا. اسان کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته محمود خان ۽ هنن اميرن جا تعلقات دوستاڻا نه اهن، پر ممڪن هو ته هو هنن جي دام ۾ اچي ڪو قدم کڻي، تنهنڪري اسان مصلحت ان ۾ سمجهي ته قلات هڪدم ڇڏي وڃڻ گهرجي. متان هن تڪڙي فيصلي جي سبب ڏيڻ لاءِ ۽ ضروري تيارين ڪرڻ لاءِ اسان هُلايو ته سندرجيءَ اسان کي موڪليو آهي ته قنڌار ۽ هرات ۾ وڃي، بهار جي شروع ۾ جيڪي گهوڙا ملنوَ سي وٺي اچو.[11] [10] +اسان جي پريشاني اڃا به وڌي جڏهن ٻڌوسين ته ٻه افغان اسان جي ماڻهن سان گهڻي لهه وچڙ ڪري رهيا هئا. خوزدار ۾ هنن کُليو کلايو چيو هو ته هي سوداگر نه آهن پر جاسوس آهن جي ملڪ جاچي ڏسڻ لاءِ خاص طرح موڪليا ويا آهن. هنن کي قابل ۽ پشاور[12] بادشاهه وٽ ۽ آخر ايران وڃڻو آهي. مير مراد عليءَ جو داروغو جنهن جي روبرو اهي ڳالهيون ٿيون هيون، تنهن اسان جي هندستاني نوڪر کي ٻڌايو ۽ چيائينس ته پنهنجن مالڪن کي سمجهائي ڇڏ ته هنن خببشن کان خيال رکي. پوءِ اسان کي خبر پئي ته افغانن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي هئي ته هنن کي دڙڪو ڏيئي کانئن هڪ- هڪ اُٺ ڪڍنداسين. هنن جي انهيءَ شرارت ڪري اسان فيصلو ڪيو ته هنن کان جلد الڳ ٿجي ته چڱو. ساڳئي وقت اهو به ظاهر هو ته چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. تنهنڪري ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کين فقط چتايو ته توهان جيڪي ذليل ڪوڙ ڳالهايا اهن؛ انهن جي اسان کي سموري خبر آهي ۽ اهو به چيائين ته جيڪڏهن توهان کي سندرجيءَ کان انعام اڪرام ملڻ جي اميد آهي ته آئيندي توهان کي وڌيڪ خبردار ٿيڻو پوندو. هنن الزام قبول نه ڪيو پر وعدو ڪيائون ته آ��يندي توهان جي حڪم جي پيروي ڪنداسون. شام جو ڪرماني ملان، يوسف زليخا جو نظم کڻي آيو ۽ اسان کي ٻه ڪلاڪ پڙهي ٻڌايائين. اسان جي گهر جو مالڪ جو ديهوار هو تنهنڪري فارسي سمجهندو هو سو به ڪيترن ٻين پاڙيسرين سميت اچي اسان سان شامل ٿيو. ملان کي ٻُڌي اسان جي طبيعت ڏاڍي خوش ٿي. هن ڏاڍو سُٺو پئي پڙهيو ۽ قصي جي مضمون ۾ ڄڻ ته محو ٿي پئي ويو.[13] +23- فيبروري: اڄ صبح جو سڄي شهر ۾ ’هو هو‘ ٿي ويئي ته اسان جو سامان آخر پهچي ويو آهي. ناشتي جي وقت تائين دوائن لاءِ ماڻهو اسان کي گهيرو ڪري ويا. شام تائين يڪي اها حالت رهي. اسان گهڻائي بهانا ڪيا، پر هو مُڙن ڇو ٿا! هڪ عجيب چهچٽو لڳي ويو. ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مان وچ ۾ بيٺل آهيون، چوڌاري ماڻهن جا حشام لڳا پيا آهن. جو دنيا جو مرض آهي تنهن جي شڪايت پيا ڪن ۽ علامتون پيا ٻڌائين ۽ سو به اهڙيءَ زبان ۾ جا اسان کي سمجهه ۾ ئي نه پئي اچي. آخر اسان هنن کي خاموش ڪرايو. اسان کين مدد ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ ته اسان کي انهن سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪرڻ جو ارادو هو، تنهنڪري اسان دوائون فراخدليءَ سان پنهنجي ٻُڌيءَ مطابق ورهايوسين انهيءَ اميد سان ته اسان جا ٽوڻا سندن دلين تي اثر ڪندا. اسان جي ڪِن مريضن عجيب قسم جون غلطيون ڪيون: ڪن اسان جون هدايتون نه سمجهيو هيون ته ڪن ڄاڻي واڻي انهن جي پيروي نٿي ڪئي. هڪڙو ماڻهو اکين ڌوئڻ جي دوا پي ويو ۽ اچي چيائين ته دوا جلاب جو اثر ڏيکاريو هو. ٻين ملم کائي ڇڏيو، پر خوشقسمتي جو ان جو مٿس ڪو برو اثر ڪونه پيو. سڀ کان وڌيڪ سخت چُڪ اسان جي پاڙي جي هڪ جانڊاهيءَ ڪئي، جو هڪ ئي وقت جلاب جو وڏو وزن پِي ويو. هو ذري گهٽ مئو هو، هن کي چيو ويو هو ته دوا جا ست- اَٺ وزن ڪري پيئي. هن خيال ڪيو ته روز روز ڪير ويٺو تڪليف ڪري. هڪ دفعو پيئڻ سان به فائدو اوترو ئي ٿيندو، سو ڇا ڪيائين جو سموري دوا ملائي هڪ ڳيت سان پِي ويو. +24- فيبروري: اڄ اسان پاڻ واري هندوءَ کي چيو ته اسان کي سندرجيءَ جا جي خراسان ۾، هرات ۽ ايران ۾، ڪرمان ۽ يزد جي شهرن ۾ گماشتا آهن، تن جي نالي هنڊيون لکرائي ڏي. پر هن کي ايران جون هنڊيون نه ملي سگهيون. پر هن کي پڇا ڪندي سيستان جي رستن متعلق هڪ اهڙي خبر ملي جا اسان جي لاءِ ڏاڍي ڪارائتي ثابت ٿي. جو اسان انهيءَ رستي سان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسان کي باريڪ جاچ مان معلوم ٿيو ته سڀ رستا نوشڪيءَ نالي هڪڙي ڳوٺ وٽ وڃي ملن ٿا، جو قلات کان سٺ- ستر ميل اتر- اولهه طرف آهي. تنهنڪري اسان صلاح ڪئي ته پهريان اتي وڃي ۽ پوءِ اتان جيئن مناسب نظر اچي تيئن اڳتي وڌجي ٻيلي ۾ ڄام جيڪي ماڻهو اسان کي ڪري ڏنا هئا، تن جي استعفا ڏئي پنهنجي وطن ورڻ جي مرضي هئي. اها ڳالهه عين اسان جي مرضيءَ مطابق هئي، اسان کي به گهڻي وقت کان خيال هو ته کين قلات ڇڏڻ کان اڳ رخصت ڏينداسين، تنهنڪري اسان انهن جي استدعا تي کين پگهار ڏئي روانو ڪيوسين ۽ انهن جا هٿان خان ڏانهن به هڪ خط موڪليوسين. انهن جي جاءِ تي اسان اٺن هڪلڻ لاءِ چار بروهي ڀاڙي ڪياسين.[14] +25، 26، 27، ۽ 28 فيبروري: هندن هرات جي هنڊين وٺي ڏيڻ ۾ دير وڌي ۽ ساڳئي وقت اسان کي ٻئي هنڌان هنڊين وٺڻ ۾ به رنڊڪون پئي وڌايون، لاسڪ انهيءَ ارادي سان ته جيئن اسان کان ڳرو اگهه ۽ دلالي وٺن جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا. انهيءَ ڳالهه اسان کي پويان ٽي- چار ڏينهن (هندن جي آباديءَ لاءِ مشهور آهي) تشويش ۽ مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. هڪ وقت ته چيائون ته هنڊيون ڪنهن به صورت ۾ ڪونه ملنديون: چون ته توهان قلات ۾ رهو، شالو مل شڪارپور ٿو رهي، اتان جواب اچي ته پوءِ فيصلو ڪنداسين. انهيءَ ۾ ٽي هفتا لڳي وڃن ها. تنهنڪري ڪئپٽن ڪرسٽيءَ انهيءَ شرط قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. هندن گهڻا سوال جواب ۽ اٽڪلون سٽڪلون ڪيون آخر اسان کي لاچار بازاري مٽاسٽا جو اگهه ۽ ان تي پنج سيڪڙي جي ڳري دلالي ڏيڻي پئي. اسان کي ان ڳالهه تي سخت مٺيان لڳي پر اسان کي قلات ڪيئن به ڪري ڇڏڻو هو، تنهنڪري ٻن- ٽن سون رپين جي نقصان جو خيال ڪونه ڪيوسين. هندن جي اها روشن سندن واپاري خيال ۽ دستور مطابق آهي. هو سمجهندا آهن ته ڪنهن ماڻهوءَ جي ضرورت جو فائدو وٺي هن مان پئسا ڪڍڻ، اعتراض جو ڳو ڪم نه آهي. سندرجيءَ جي گماشتن، جن سمجهيو هو ته هي اسان سودو هن جي پاران ٿا ڪيون. تنهنڪري هنن گهڻي ئي پڪائي ڪئي، پر ٻي ڌر اسان جو انتظار ڏٺو ۽ ان جو پورو پورو فائدو ورتائون.[15] +26- تاريخ: صبح جو هڪ معتبر پيرسن اسان وٽ آيو ۽ اکين ئي اکين ۾ ائين چيائين ته مهرباني ڪري مون سان گڏجي شهر هلي هڪ مريض کي ڏسو. مريض ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو ۽ تمام ضعيف حالت ۾ هو. اسان هن کي نسخو ٻڌايو پر ان فائدو ڪونه ڪيو ۽ هو چئن- پنجن ڏينهن کان پوءِ مري ويو. پر خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو هن جي موت لاءِ اسان کي جوابدار نه ٺهرايو ويو. عام طرح چيو پئي ويو ته هنن کي سندس پنجن مائٽياڻين مائن مان هڪ زهر ڏنو هو. جڏهن پهريون اسان هن جو معائنو ڪيو هو ته اسان کي ڏسي تعجب ٿيو هو ته جيتوڻيڪ هن کي شاندار پوشاڪ پئي هئي ۽ ڪيترا نوڪر چاڪر خدمت ۾ هئس، تنهن هوندي به هو هڪ ننڍڙيءَ ۽ خسيس جهوپڙيءَ ۾ پيو هو. اسان کي پڇا تي معلوم ٿيو ته هو روح الله بيگ نالي هڪ دولتمند تاجر جو پٽ هو، جنهن کي قلات جي خان جي ڀاءُ مير مصطفيٰ ٻه هفتا ٿيا ته ڪڇ گنداوا ۾ مارايو هو. هن جوان جي عادتن ۽ اُٿ- ويهه مان بزرگي پئي بکي، ان جي غمگين حالت تي اسان کي به تعجب ٿيو ۽ رحم به آيو ۽ اسان هن جي پيءُ جي قتل جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ آماده ٿياسين. اسان کي ٻڌايائين ته مير مصطفيٰ خان کي گهڻي وقت کان شڪ هو ته شاهه محمود، جو ان وقت ڪابل جي تخت لاءِ اميدوارن مان هڪ هو، تنهن جو وزير فتح خان غدارانه خط و ڪتابت ڪري رهيو هو، مير هڪ رات ڪڇ گنداوا ۾ هن جي گهر وڃي چئن نوڪرن جي مدد سان ڪهي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائينس. بابو هڪ پيرسن ۽ بي پناهه آدمي هو، تنهنڪري هن هچاري ۽ نيچ ڪم سڀني طبقن جي ماڻهن ۾ جوش ۽ چوٻولو پيدا ڪيو، ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙي ٻڍڙي ماڻهوءَ جو موت، جيڪڏهن اهڙي ڪم کي موت سڏي سگهجي ٿو، هڪ بيمثال واقعو هو. ان کان پوءِ مير هڪدم قلات نياپو موڪليو ته روح الله بيگ جا پٽن کي نظربند ڪري ۽ سندس سموري ملڪيت ضبط ڪئي وڃي. انهيءَ حڪم جي ڪري ماڻهن کي ائين ڪرڻ لاءِ سبب مليو ته هن بدبخت جو فقط ڏوهه اهو هو جو هو دنيادار هو. خير حقيقت ڪهڙي به هجي پر حڪم جي پوري تعميل ڪئي ويئي، مير جي داروغي هن جي جاءِ ۾ دامن تي وڃي قبضو ڪيو ۽ انهن ۾ جو قيمتي سامان هو تنهن جي يادداشت ٺاهي مير ڏي موڪليائين. چون ٿا ته سامان جي قيمت ٽيهه لک رپين کان به زياده هئي.[16] +هن جي ٻن پٽن کي قيد ڪيو ويو ۽ ٽيون جو سخت بيمار هو، تنهن تي وڏو احسان انهيءَ ڪري ڪيو ويو جو هو بندوق باز هو، انڪري هٿيار بند سپاهين جي حفاظت هيٺ هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهايو ويو، جتي اسان سندس علاج لاءِ ويا هئاسين. +ڪرماني ملان هاڻي اسان وٽ روزانو ايندو هو. اسان کي هن جي صحبت مان مزو ايندو هو. تنهنڪري اسان به هن جو آڌرڀاءُ ڪندا هئاسين. هو هڪ ذهين ۽ صحبت جي لائق دوست هو. 27- تاريخ هو پاڻ سان پنج چالاڪ ڇوڪرا وٺي آيو، جي خان جي هڪڙي وڪيل سلطان صاحب جا پٽ هئا. انهن ��ان وڏي ڇوڪري اسان کي هڪ انگور جي پتي ڏني. جنهن ۾ لذيذ انگور ڪيلن جي تهن ۾ ويڙهيل هئا. موڪلائڻ کان اڳ، ملان چيو ته هن جي ماءُ توهان جي حڪمت جي تعريف ٻڌي آهي. هن جو عرض آهي ته توهان هن جي ٻن ڀينرن کي هلي ڏسو جي ڪجهه وقت کان بيمار آهن. ڇوڪر منٿون ڪندو رهيو ۽ اسان به هن سان وڌيڪ گهائل مائل ٿيڻ لاءِ کيس ڍر ڏيندا آياسين. آخر ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ٻئي ڏينهن هنن جي گهر وڃڻ قبول ڪيو. فيصلو اهو ٿيو ته ملان اچي کيس سندس گهر وٺي ويندو. 28- تاريخ صبح جو سوير ملان اچي حاضر ٿيو. اسان ڏٺو ته هن کي اسان کان به وڌيڪ اسان جي معرفت هن جي ڀيڻ، جا ان گهر ۾ ٻانهي هئي، آزاد ٿيندي. هن ڪئپٽن ڪرسٽي کي چيو ته پنهنجو ڪتاب بغل ۾ کڻ ۽ مائيءَ جي نبض ڏسي چئجانئس ته دوائن تي تمام گهڻو خرچ ٿيندو. ياد رک ته اڳ ۾ ٻولي ڪجانءِ ته جي ڇوڪريون ڇٽيون ته هيتري رقم وٺندس. ان کان اڳ کين نسخو هرگز نه ڏجانءِ. هنن جي پيءُ وٽ اڻکٽ مايا آهي. هو توکي خوشيءَ سان هرهڪ ڇوڪريءَ لاءِ ٻه- ٽي سؤ رپيا ڏيندو. انهيءَ وعظ کان پوءِ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ ملان روانا ٿي ويا. پوءِ ته ڏاڍو مزيدار چهچٽو لڳي ويو. منهنجي مرحوم دوست ان جو ڏاڍو دلڪش بيان پنهنجي روزنامچي ۾ ڏنو آهي، جو مان هت پيش ڪندس.[17] +ڪئپٽن ڪرسٽي لکي ٿو ته گهر پهچڻ تي اسان کي ٻه- ٽي منٽ اڱڻ ۾ ترسايو ويو. تنهن کان پوءِ داروغي منهنجي آجيان ڪئي ۽ مون کي حرم ۾ اندر وٺي هليو. ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان سلطان صاحب جي بيگم منهنجي آجيان ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙي ٿي. هوءَ ڊگهي قداور ۽ بدن جي سنهي هئي۽ هڪڙو ويڪرو ناسي رنگ جو گهگهو پيو هوس، جو اڳيان کليل هو ۽ کڙين سان پئي لڳس. آءٌ هن جي ڀرسان نمدي تي ويٺس. ۽ ٻانهيون سامهون بيهي رهيون. مائي پهريائين ڪيترا دفعا تڪليف لاءِ معافي گهري. پوءِ پنهنجي وڏيءَ ڌيءَ جي ڳالهه ڪڍيائين، جا پندرهن سالن جي هئي ۽ پيٽ جي تڪليف هيس. هن نبض ڏسڻ لاءِ ڪپڙي جي هيٺان هٿ ڊگهيڙي ٻاهر ڪڍيو، پر آءٌ هن جي شڪل ڏسي نه سگهيس. جڏهن ٻانهن ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪپڙو مٿي ڪيائين تڏهن مون کي ائين معلوم ٿيو ته هوءَ قد جي ننڍي پر نزاڪت ڀري هئي. منهنجي خيال ۾ هن جو مرض کاري کجور، مٺاڻ ۽ ٻين گرم شين کائڻ جي ڪري ٿيو هو. تنهنڪري مون کيس انهيءَ قسم جو نسخو ڏنو. مون کين صلاح ڏني ته هن کي گوشت گهٽ کارايو جا هنن کي البت ڏکي لڳي. اها هڪ بروهي عورت لاءِ هڪ تڪليف جهڙي ڳالهه هئي. پوءِ منهنجي اڳيان ٻي ڇوڪري وٺي آيا. هوءَ ٻارهن ورهين جي حسين ڇوڪري هئي، ۽ اکيون ضعيف هئس. مون نهايت اٻوجهائيءَ سان چيس ته اکيون ته ڏيکار ته اچي ٽهڪڙو پيو. پر منهنجي حڪم جي هڪدم تعميل ڪئي وئي، ۽ هن پنهنجو نقاب هٽايو. جهڙي هيس سندر صورت تهڙو هوس بندن. هن کي فقط اکين کي صفا ڪرڻ جي دوا جي ضرورت هئي، جا مون کيس موڪلڻ جو وعدو ڪيو. مون پنهنجي علم جو رعب وجهڻ لاءِ وڏيءَ ڇوڪريءَ جي نبض ڏسڻ وقت پنهنجي کيسي مان گهڙي ڪڍي، اها بيخياليءَ ۾ هڪڙي ٿلهي ملتاني هندو داروغي جي حوالي ڪئي هيم. هن حماقت ڪري اها کولي ۽ خبر تڏهن پئي جو هلندي هلندي بيهجي وئي. مون منهن مٿي ڪري چيس ته قرمساق[18]، ڪا خبر پيئي ته ڪيڏو نقصان ڪري ڇڏيئي؟ هو منجهي پيو پر کلي چيائين ته هاڻي پنهنجي ڪاريگريءَ سان ٺاهينس. آءٌ ڪاوڙجي اُٿي هليس ته وڏيءَ مائيءَ چيو ته لاله[19] ڪجهه ترس. مون کي چوڏهن ورهين جو هڪ پٽ آهي. هن کي ڪا طاقت جي دوا ڏي. هاڻي هن جي شادي ٿيڻ واري آهي پر هو سنهو سڪل ۽ ضعيف آهي. هن کي دوا ڏي ته بدن ۽ هڏ مضبوط ٿئيس ۽ مرد ٿئي. تون سمجهين ٿو ته منهنجو مطلب ڇا آهي؟ اتي ٻانه��ون ڏند ٽيڙي کِلڻ لڳيون. هن انهن ڏي منهن ڪري ۽ پوءِ مون کي ڏسي چيائين ته حڪيم منهنجو ڀاءُ آهي. هن کان ڪهڙو لڪ لڪاءُ آهي. پر هاڻي دير ٿي ويئي آهي. مان توکي اڳي ئي گهڻي تڪليف ڏني آهي. مان خوش ٿي موڪلائي هليس. جو ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. مس مس جان ڇٽي. ٻاهرئين در تي مس پهتس. ته ٻانهين اچي ورايو. هڪ کي اکين جي دوا کپندي هئي، ٻيءَ کي ٻار نه ٿيندو هو، ٽينءَ کي بادي هئي. پر مان انهن کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري تڪڙو تڪڙو بزار ۾ اچي افغانن سان گڏيس. ٻه- ٽي ٻانهيون ڪڍ لڳيون آيون، پر مان انهن جي نظر کان نڪري ويس.[20] +ڪئپٽن ڪرسٽي گهر موٽي آيو، تنهن کان پوءِ ڪلاڪ کن جي اندر سلطان صاحب جو داروغو دوائون وٺڻ لاءِ آيو، جي کيس ڏنيون ويون. هن اسان کي پنهنجي مالڪ جي اثر رسوخ جي ڏاڍي واکاڻ ڪري ٻڌائي. چيائين ته جيڪڏهن هو توهان جي مدد ڪري ته توهان کي واپار ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪانه پوندي. هو خان کي چوندو ته توهان جي مال تي محصول به نه وصول ڪيو ويندو. اسان چيس ته جيڪڏهن هن جون ٻه ڇوڪريون چاق ٿي ويون ته اهو اسان لاءِ ڪافي آهي. پر حقيقت ۾ اسان تي داروغي جي وعظ جو ڪو اثر ڪونه پيو. ڇاڪاڻ ته سلطان صاحب اسان جي مدد ڪري ئي ڪري تنهن کان اڳ اسان قلات مان نڪري وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. +1 ۽ 2- مارچ: رات جو چور روح الله بيگ جو گهر ڀڃي ان مان شالون ۽ ٻيو پنجيتاليهن هزارن رپين جو قيمتي وکر چوري ڪري ويا، جنهنڪري شهر ۾ هل- هلاچو ۽ غلغلو هو. گهر حفاظت هيٺ هو، تنهنڪري ظاهر هو ته ڌاڙيل ڌاريا ماڻهو نه هئا. جيئن ته چوريءَ جو ڪجهه مال اُٺن تي کڻي ويا هوندا ۽ ڪوٽ جا دروازا سڄي رات بند هئا، تنهنڪري خان جي نائب پڙهو گهمايو ته قلات کان ويهن ميلن جي اندر ٽي ڏينهن جيڪو سواري ڪندو سو قيد ڪيو ويندو. ٻيءَ رات چار چور پڪڙيا ويا، هنن چوريءَ جو مال ڀِت ٽُپائي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. جتي اُٺ تيار ٿيو بيٺا هئا. نائب خان کي ان واقعي جي خبر ڏني. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي حڪم تي چورن کي سخت ڦٽڪا هڻائي، ڏاڙهيون ساڙائي ٻن اُٺن تي پٺيرو ٻڌرائي شهر جي گهٽين ۾ گهمارايو. انهن جي اڳيان پڙهي وارو هو ۽ ماڻهن جي مٿانئن ڦٽ لعنت پئي. ماڻهن نه فقط مٿانئن گند، ڪچرو، بيدا ۽ اهڙيون ٻيون بيضرور شيون پئي اڇلايون پر خوب پٿر، بُنڊيون، ۽ سرون به پئي هنيائون. مطلب ته انهن جي خوب مرمت ڪئي ويئي. تنهن کان پوءِ هنن کي وڃي جيل ۾ بند ڪيائون. هنن سان سختي انڪري ڪئي ويئي هئي جو هو مير مصطفيٰ خان جا نوڪر هئا ۽ هو مٿن تمام مهربان هوندو هو ۽ منجهن اعتبار هوندو هوس. پر بلوچ هر قسم جي خانگي چوريءَ کي حقارت سان ڏسندا آهن، تنهنڪري هنن سان اهڙي تعدي ڪئي ويئي هئي. +2- تاريخ: هڪ ماڻهو ظاهراً اتفاق سان گهمندي گهمندي لنگهي آيو. چيائين ته توهان کي ياد هوندو ته توهان قلات اچڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ مير مصطفيٰ جي داروغي سان ملڻ جو وعدو ڪيو هو. هو اڃا بيچاق هو ۽ اسان جو روز انتظار ڪندو هو. هو اسان تي ناراض هو ڇاڪاڻ ته اسان کيس پوري عزت ڪانه ڏيکاري هئي. اسان داروغي کان معافي گهري ۽ چيوسونس ته اسان مير وٽ انڪري نه آيا هئاسين جو اسان کيس تڪليف ڏيڻ نٿي گهري. اسان جو ناصح جو داروغي جو نوڪر هو، سو ان جواب تي راضي نه رهيو ۽ اسان کي لاچار وعدو ڪرڻو پيو ته ٻئي ڏينهن اسان سندس مالڪ جو نياز حاصل ڪنداسين. اسان 4- تاريخ قلات ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هيوسين ۽ مسافريءَ لاءِ اٽو ۽ کجور خورزينن ۾ بند ڪيو هوسين. پر 2- تاريخ شام جو اسان جا سڀ هندو دوست گڏجي آيا ۽ اسان تي زور بار وڌائون ته توهان 6- تاريخ تائين نه وڃو. اها چنڊ جي ��هرين تاريخ هئي جا شُڀ گهڙي سمجهي ويندي آهي. ٻه افغان ان وقت حاضر هئا، هنن کي جڏهن خبر پيئي ته اسان جلد وڃڻ وارا هئاسين، تڏهن اسان کان پڇڻ لڳا ته توهان ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؟ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چين ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ڏهن ڏينهن تائين ڪونه نڪرنداسين، شايد اڃا به وڌيڪ ترسون. هنن اسان کي صلاح ڏني ته بهتر ائين ٿيندو ته توهان هتان سڌا قنڌار وڃو ۽ اتان هرات. ڇاڪاڻ جو توهان سيستان جهڙي سُڃي رستي کان ويندؤ ته ماڻهو شڪبا ۽ آخر ڳالهه ڪابل جي بادشاهه يا سندس وزير جي ڪنن تائين پهچندي ۽ هو توهان کي فرح ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪندا. اسان هنن ماڻهن جي بدمعاشيءَ ۽ بُرن ارادن کان واقف هئاسين، تنهنڪري هنن جي صلاح تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنوسين. پر اسان ڍونگ ڪري چين ته فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسان خيال ڪنداسين.[21] +3- مارچ: اسان مير مصطفيٰ جي داروغي سان گڏياسين، ڪالهه واري واقعي کان پوءِ اسان کي جيتري اميد هئي. هو ان کان وڌيڪ خوشخلق هو. چيائين ته مان توهان کي جا شيءِ کپي سا وٺي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن اسان کان ڪيترا سوال پڇيا ته اتر وارن ملڪن ڏانهن ويندؤ يا قلات ۾ رهندؤ؟ توهان کي ڪيترا ۽ ڪهڙي قسم جا گهوڙا کپن؟ توهان پنهنجي سِر واپار ٿا ڪيو يا ٻئي ڪنهن جا پاران؟ اسان سوالن جا جيڪي جواب ڏنا سي سڀ هن ڪاغذ ٽڪر تي لکي ڇڏيا. هن جي سموريءَ روش مان ظاهر هو ته هن کي خان يا ڀاڻس موڪليو هو ته معلوم ڪري ته اسان ڪير آهيون. جڏهن اسان هن کان موڪلايو ته اسان سمجهيو ته هاڻي هن کي خاطري ٿي هوندي ته اسان گهوڙن جا سوداگر آهيون. جيڪڏهن اسان کي محمود خان جي علائقي ۾ زياده رهڻ جو ارادو هجي ها ته داروغو جيڪر اسان جي هن وٽ تعريف ڪري ها ۽ اسان اڃا وڌيڪ سلامتيءَ سان پاڻ کي گهوڙن جا سوداگر سڏائي سگهون ها. ڏينهن جو حال احوال ٻڌائيندي هن خبر ڪئي ته اڳين رات ڪابل جي بادشاهه جي وزير جا پنجاهه گهوڙيسوار قلات مان لنگهيا هئا. هو مرحوم روح الله بيگ جي خاندان کي آزاد ڪرائڻ ۽ هن جو مال واپس وٺڻ لاءِ قنڌار کان ڪڇ گندوا وڃي رهيا هئا. هي احوال دست دراز مير مصطفيٰ، بابي سوداگر کي قتل ڪرڻ لاءِ جو سبب ڏنو هو تنهن جي سچائيءَ جي تائيد ڪري ٿو. اسان کي پوءِ خبر پئي ته اها سفارش ڪامياب نه ٿي. مصطفيٰ خان وزير جي فرمان جو نهايت فاحشن لفظن ۾ زباني جواب ڏياري موڪليو ته تون ڪو جاهل حيوان آهين، جو سمجهين ٿو ته مان اهڙو هيڻو آهيان جو تنهنجو حڪم مڃيندس. خبردار! جي وري اهڙي ڪم سان ڪو قاصد موڪليو اٿئي ته اهڙو بي عزتو ڪري ڪڍندوسئين جو ياد ڪندين. شام جو سلطان صاحب جي بيگم چوائي موڪليو ته جيڪڏهن ڪا قيمتي شيءِ هجيوَ ته منهنجي گهر رکو، جتي اها سلامت رهندي. ٻاهر چورن جو ڊپ آهي ۽ ڪابه شيءِ سلامت نه آهي. اسان هن جي شڪر گذاري ڪئي. اسان وٽ سچ پچ ته ڪابه قيمتي شيءِ ڪانه هئي، پر مائيءَ جي صلاح جو فائدو وٺي کيس اسان واري هندوءَ جي هٿان پراڻن ڪپڙن جي هڪ هڙ جنهن جي قيمت پنج رپيا به نه هئي، ڏياري موڪلي. انهيءَ اٽڪل ڪري مائيءَ جي خاندان ۽ ٻين ماڻهن جن کي شڪ هو خاطري ٿي ته اسان کي قلات موٽي اچڻ جو ارادو هو.[22] +[1] . ڏسو روزنامچو 3- فيبروريءَ جو +[2] . انهن شهرن تي 23- تاريخ جي روزنامچي ۾ حاشي ڏسو. +[3] . دوراني افغانن جو پهريون طبقو آهن- احمد شاهه ابدالي دوراني هو ۽ حڪومت جون واڳون سواءِ ڪنهن تڪرار جي هنن جي خاندان ۾ رهنديون آيون آهن. هو اويوسين يا پاڙن ۾ ورهايل آهن، هو جنهن ايراضيءَ ۾ رهندا آهن. سا نهايت وسيع اهي. قنڌار، دورانين جي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ان کان سواءِ ٻيا به ننڍا شهر اٿن. هن قوم بلڪ سڀني افغانن جي مڪمل تاريخ لاءِ پڙهندڙن جو ڌيان ڪابل جي درٻار ۾ هنن جي اعليٰ سرڪار جي سابق ايلچيءَ جو هن وقت جي سفير مانواري مائونٽ ايلفسٽن جي نازي ڇپيل ڪتاب ڏانهن ڌيان ڇڪائجي ٿو، جو صاحب پنهنجي قابليت ۽ محنت ڪري انهيءَ ڪم لاءِ نهايت موزون هو ۽ ڪم بيشڪ چڱيءَ طرح نباهيو اٿس. مان هن جو، سندس دوستيءَ ۽ خط و ڪتاب لاءِ شڪر گذار آهيان. +[4] . عريضو، درخواست، جنهن جي هت معنيٰ ٿيندي ننڍي درجي واري ماڻهوءَ کان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ ڏانهن. +[5] . انهن جملن جو احوال اڳين فصلن ۾ پڙهو +[6] . چون ٿا ته ڀنڀور نهروين جي سردار جر رهڻ جو هنڌ آهي،ڪيچ مڪران جي گادي آهي، ڏسو نقشو ۽ ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو. +[7] . ايرانين ۾ قسم کڻڻ جو اهو عام طريقو آهي. +[8] . هيءَ حقيقت آهي، هنن مغل تاجر تي حملو ڪيو هو ۽ هن سندن مقابلو ڪونه ڪيو. تنهن تي کيس سڀني ماڻه سميت ماري ڇڏيائون. قلات ڪونه ڪيو. تنهن تي کيس سڀني ماڻهن سميت ماري ڇڏيائون. قلات جي خان کي انهيءَ ڳالهه تي ايتري مٺيان لڳي جو رحمت خان جي پيءُ کي قلات گهرائي، چاليهن ماڻهن سان مارائي ڇڏيائون. +[9] . ڪمربسته، لفظ جي معنيٰ اهڙي آهي جو ان لاءِ اسان جي زبان ۾ ڪو خاص اصلاح ڪونه آهي. هتي معنيٰ اٿس تيار رهڻ ڍال ۽ هٿيارن ساڻ. ڪمر معنيٰ چيلهه ۽ بستن معنيٰ ٻڌڻ. +[10] . سنڌ جي گادي. +[11] . خراسان جي گادي. ڏسو نقشو +[12] . افغان حڪومت جا شهر، جتي رواجي طرح درٻار ويهندي آهي. +[13] .انگريزيءَ ۾. +[14] . قديم ايران جو هڪ صوبو جو هاڻي آزاد آهي. +[15] . سنڌ جي سرحد تي هڪ شهر ۽ افغان حڪومت ۾ سنڌ جو واپاري. +[16] . پائونڊ 3750001 +[17] . بلوچستان ۾ وڪيل اهو ماڻهو آهي جو ٻئي جي پاران هر قسم جو ڪم ڪري. +[18] . اصل ڪتاب ۾ قرمساق جي معنيٰ ڏنگين ۾ آهي (Rascal) جنهن جي معنيٰ هت پوءِ ڏبي. +[19] . پيار جو اصطلاح، معنيٰ اٿس پيارا، عزيز. +[20] . ايشيا ۾ هن بيماريءَ لاءِ عام اصطلاح اهي. جڏهن مرض جي خبر نه پوندي اٿن ته چوندا آهن ته بادي آهي. ان جي اڪثر معنيٰ هوندي آهي ته سنڌن جو سور اٿس. +[21] . گهوڙن ۽ اُٺن جا کڙيا، ٿُلهيءَ ڏاس جا ٺهيل ۽ وچ ۾ ڳنڍيل. +[22] . فرمان معنيٰ شاهي حڪم. هتي حقارت طور وزير جي خط ڏانهن اشارو آهي. + + +فصل (6) +4، 5 ۽ 6- مارچ: پهرين ٻن تاريخن تي نئين ڳالهه ڪانه ٿي. ڇهين تاريخ نيرن کان پوءِ هندن چٺيون ۽ هنڊيون کڻي آيا، جن تي هنن شُڀ گهڙين ۾ مهرون هنيون هيون ۽ اچي دعائن ۽ پرارٿنائن سان ڪئپتن ڪرسٽيءَ کي ڏنائون. اسان اُٺن کي هڪدم تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. افغان وائڙا ٿي ويا، چيائون ته توهان اسان سان دوکو ڪيو آهي، اسان کي ڇڏي ٿا وڃو. هو باهه ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته خان جي نائب کي ٿا ٻڌايون ته توهان ڀڳا ٿا وڃو. هو پاڻيهي توهان ڏانهن گهوڙا ڀڄائي توهان کي واپس گهرائي وٺندو. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي ڊپ ٿيو ته متان انهيءَ دڙڪي تي عمل ڪن، تنهنڪري هن اسان واري هندوءَ کي چيو ته هنن کي ڪا خرچي ڏي، ساڳئي وقت هنن کي خانگي طرح چيائين ته ٻه- ٽي ڏينهن رکي وري کين خرچي ڏجانءِ. اتي هنن جو غصو ڪجهه ڍرو ٿيو ۽ هو سواءِ وڌيڪ تڪليف ڏيڻ جي قنڌار هليا ويا. اسان جي جماعت ۾ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کان سواءِ ٻه هندوستاني نوڪر ۽ چار بروهي اُٺن وارا هئا. اسان کي پنج اُٺ هئا، هڪ وڌيڪ رکيو هوسين ته متان ڪو اتفاق ٿي پوي، باقي ٻين تي ٻه- ٻه ڄڻا گڏ چڙهندا هئاسين، ان لاءِ خاص ٻِٽا پاکڙا ٺهرايا هئاسين. اڄوڪي واٽ ويران ٽڪرين وچان هئي، ٿورو پريان ٻنهي پاسن کان جبل هئا، رستو سٺو هو، مٺو پاڻي جام ۽ ڪٿي ڪٿي ننڍو جهنگ هو، اسان جو ارادو اڳتي و��ڻ جو هو پر شام جو برسات جو رخ نظر آيو، تنهنڪري اسان رستو ڇڏي ساڄي هٿ طرف وڃي گهڙڪ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ترسياسين، جو قلات کان ست ميل اتر- اولهه هو. اهو ڳوٺ ۽ ان جي پاسي ۾ ڪجهه زمين محمود خان جي نوڪر سيد مراد جي آهي، هو ٻيئي ڪڇ گنداوا ويل هئا. اسان سيد جي ڪنهن عزيز کان هڪ خالي گهر ورتو ۽ آرام سان آسائش ڪئيسين. اسان خوش هئاسين جو اسان وري سفر ڪرڻ شروع ڪيو هوسين.[1] +7- مارچ: اسان گهڙڪ، اڄ ستين بجي صبح جو ڇڏيو، گذريل رات سخت ٿڌ ۽ مينهوگي هئي، اُٺ سڄي رات ٻاهر بيڍا هئا، جنهنڪري هو اڄ سڄو ڏينهن چڱيءَ طرح نه پئي هليا، ان هوندي به اسان اٺاويهن ميلن جو مفاصلو ڪيو ۽ شام جو هڪ نئين جي پيٽ ۾ ترسياسين. اسان جي ويجهو برسات جي پاڻيءَ جو هڪ دُٻو هو، باهه جي لاءِ ڪاٺيون جام هيون ڪافي گڏڌ ڪيونسين. گهڙڪ کان چئن ميلن تي اتان قلات کان قنڌار جو سڌو رستو وڃي ٿو، سو ٽپياسين، ڏهه ميل پرتي اسان هڪڙي نار تي ويهي کجور ۽ مانيءَ جو ناشتو ڪيو، اتي اسان کي ڪيترائي بروهي گڏيا جي گڏهن تي نوشڪيءَ ڪڻڪ کڻي ٿي ويا. جنهن علائقي مان اسان لنگهياسين سو پهاڙي ۽ غيرآباد هو، اسان ٻه لَڪ ٽپياسين، انهن مان هڪڙو تمام خوفناڪ هو، رستو هيٺ مٿانهين وارو ۽ سوڙهو هو، نهايت ٻه فوٽ ويڪرو، کٻي پاي کان هڪ- پاءُ ميل اونهو اوڙوهه هو. اسان قريباً اولهه جي اتر طرف وئي هلياسين، پر رستي ۾ اهڙا وروڪڙ هئا جو طرف خاطريءَ سان معلوم ٿي نٿي سگهيا. پاڻي فقط ٻن هنڌ تي هو: هڪڙو گهڙڪ کان ٻارهن ميل پري، جتي کوهِي هئي ۽ ٻيو جتي شام جو اسان منزل ڪئي هئي. +8- مارچ: اسان جي رات ٿڌ سبب ڏاڍي ڏکي گذري، اسان وٽ گرم ڪپڙا ۽ بسترا ڪونه هئا. ٿڌ ايتري هئي جو اک اک سان نه پئي لڳي. نائين بجي تائين ته اسان چُري نه سگهياسين، سج ڪجهه چڙهي مٿي ٿيو تڏهن اسان جي جسم ۾ جان پئي. پوءِ اسان سوار ٿياسين ۽ شام جو پنجين بجي تائين ايڪٽيهه ميل پنڌ ڪري وياسين. آسپاس وارو علائقو ڪالهه واري علائقي کان به وڌيڪ ويران ۽ غيرآباد بو، ۽ رستو به اهڙو ئي ورن وڪڙن سان هو. اسان کي ڪيترا لَڪ ٽپڻا پيا، پويون لَڪ خاص طرح ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي، اهو ريگستان جي سَنڌي تي آهي، ڄڻ ته قدرت انهن مٿانهن ملڪن لاءِ هڪ اوچي پناهه ٺاهي ڇڏي آهي. اهڙو ڏکيو لَڪ مون ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه ڏٺو آهي. لَڪ کي ڏکڻ- اوڀر يعني قلات واري طرف هڪ سوڙهي ۽ اونهين هيٺانهين، ٻين جبلن کان ڌار ڪري ٿي، جنهن جا پاسا سخت ڪاري پٿر جا ۽ بلڪل اُڀا آهن. انهيءَ هيٺانهين مان اسان هڪ ڏکئي پيچري تان لنگهي اچي لَڪ جي ڏکڻ- اوڀر واري منهن تي چڙهياسين. چوٽيءَ تان سڄو ريگستان نظر ۾ وئي آيو، جيستائين نظر پِئي پَئي، سج جي روشنائيءَ سبب ريگستان ماٺيڻي سمنڊ وانگر پئي ڏيکاريو. منهنجي رفيق توڙي منهنجيءَ دل ۾ ان وقت، جي ولولا ۽ اُمنگ پيدا ٿيا سي قابل رشڪ هئا. ائين پئي ڀانيوسين ته اسان جون اڌ اميدون بر صواب ٿيون آهن. هن مشهور ريگستان متعلق جيڪي اسان کي شڪ شبها هئا سي ختم ٿي ويا. اسان هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ته جنهن مقصد سان اسان هندستان مان ڪهي آيا هئاسون سو هيتريقدر پورو ٿيو هو. انهيءَ ڪاميابيءَ تي اسان کي دل ۾ نيون اميدون ۽ نوان ارادا شامل ٿيا، لَڪ جي اتر- اولهه واري پاسي لهڻ ۾ اسان کي اٽڪل پنج گهنٽا لڳا جو اهو يارهن ميل ڊگهو ۽ تمام اُڀو هو. اسان جبلن جي وچ مان هڪ نئين جو پيت وٺي ٿي هلياسين، جو جبلن جي تري سان ٿي لڳو ۽ ور وڪڙ ڪري وڃي ريگستان ۾ ٿي پيو. اسان جي راهه جو پويون اڌ ميل قيصر نديءَ جي پيٽ مان ٿي هليو. هن موسم ۾ اهو قلات و��ڻ لاءِ سولي ۾ سولو ڊگهو رستو آهي. برسات جي موسم ۾ اها ندي اونهي ۽ تِکي هوندي آهي ۽ گرميءَ جي مئي، جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ۾ بلڪل سڪي ويندي اهي. جڏهن اسان ٽپياسين، تڏهن ندي ٻه- ٽي فوٽ اونهي ۽ ڇهه- ست گز موڪري هئي. اسان ڏٺو ته نوشڪيءَ پهچڻ کان اڳ اوندهه ٿي ويندي، تنهنڪري رات نديءَ جي پرئين ڪپ تي ترسياسين. هڪ قسم جي ننڍي ٻٻر کان سواءِ ٻيا وڻ اسان کي نظر ڪونه آيا. نديءَ جي پيٽ ۾ لئيءَ جا گهڻائي درخت هئا. تعجب جي ڳالهه آهي ته هڪڙو جبل جنهن تان اسان لنگهياسين سو سمورو لاله گل جهڙي ٻوٽي جي گول پاڙن سان ڀريل هو جي ان وقت ڦٽيون پئي اسان سان جي بروهي ساڻ هئا تن چيو ته مهيني کان پوءِ انهن جي خوشبوءِ پري پري تائين محسوس ٿيندي. هن ملڪ ۾ هڪڙي قسم جو گاهه جنهن کي مڪاني ماڻهو خوشئه پٽ چوندا آهن سو به گهڻو ٿيندو آهي. بروهي ماڻهو اهو گاهه موسم تي پنهنجين ٻڪرين ۽ رڍن کي سياري ۾ کارائڻ لاءِ گڏ ڪندا آهن. گاهه جا ٻوڙا سڪل هوندا آهن ان جون ڏانڊيون ٿلهيون هونديون آهن ۽ پتا ڊگها ۽ ڪارائيءَ وانگي ڪُتريل. اهو تمام مٺو ۽ طاقت وارو هوندو آهي. هتي شنز، جنهن کي ايراني خارسَرّ چوندا آهن سو به ٿيندو آهي، پر ايتريقدر نه جيتريقدر هيٺين ملڪن ۾.[3] [2] +9- مارچ: گذريل رات سخت پارو هو، پر اڳينءَ رات کان نسبتاً وڌيڪ گرمي هئي. اسان صبح جو نائين بجي نوشڪيءَ جي تومن ۾ پهتاسين. ڇهه ميل ريگستان ۾ اولهه- ڏکڻ پنڌ ڪيو هوسين. ريگستان ۾ ڪٿي ڪٿي واريءَ جون ڀٽون ۽ ٽڪريون هيون جي جبلن جي وڏيءَ قطار هتي ڏکڻ- اوڀر طرف لڙي وڃي ٿي. پهچڻ شرط تومن جا سڀ ماڻهو اسان کي ورائي ويا. انهن لاءِ اجنبي ماڻهن جو اچڻ هڪ نئين ڳالهه هئي. اسان سکارام نالي هڪ هندوءَ کي جنهن لاءِ اسان سفارشي خط آندا هئا گهرايوسين. اسان هن کي چيو ته ڪجهه اٽو ۽ کجور آڻي ڏي ته جيئن هڪدم روانا ٿي وڃون. هو اسان جي ارهه زورائي ڏسي مشڪيو ۽ چيائين ته رستي تي ته مارجي ۽ ڦرجي ويندؤ. ساڳئي وقت چيائين ته ڪالهه گرمسيل لاءِ هڪ ڪاروان روانو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن توهان سچ پچ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ڪو سونهون وٺي وڃي ڪاروان کي پهچو. اسان چيوسونس ته سونهون هڪدم ڀاڙي ڪري آءُ. هن جي غير حاضريءَ ۾ اسان لهي ريگستان ۾ ويهي ناشتو ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ هندو هڪ پيرسن آدميءَ کي وٺي آيو جنهن اسان کي گرمسيل پهچائڻ لاءِ چاليهه رپيا گهريا. اهڙي ڳري رقم ڏيڻ کان اسان انڪار ڪيو. پوءِ ته اسان منجهي پياسين ته ڇا ڪجي. سکارام به لاچار ٿي پيو، هو اسان جي ڪا مدد نٿي ڪري سگهيو. سردار ڪاڏي ٻاهر ويل هو ۽ بلوچ جي گڏ ٿيا هئا سي گستاخ ٿيڻ لڳا ۽ تنگ ڪرڻ شروع ڪيائون. اسان انهيءَ تشويش ۾ خيال پئي ڪيو ته هاڻي ڇا ڪجي ته هڪڙو ماڻهو، جو پوشاڪ مان ايراني ٿي معلوم ٿيو، تنهن صلاح ڏني ته مهمانخاني ڏانهن ڇو نٿا وڃو، اتي توهان سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبه توهان جو نالو ڪونه وٺندو. شام جو سردار ايندو ته هو توهان کي ڪو سونهون ڪري ڏيندو. اسان هن جي صلاح ورتي ۽ ماڻهن جي روش ۾ هڪدم ڦيرو اچي ويو. پڇ پڇ اڃا ڪيائون پئي، پر هو هاڻي اسان جي خوشامد ڪرڻ لڳا- فراسي وڇايائون، اسان لاءِ سردار جي گهر مان وهاڻا کڻي آيا. مطلب ته اسان مهمانخاني ۾ پير رکيو ته ان وقت کان وٺي هو سردار جي مهمانن جي حيثيت ۾ اسان جي عزت ڪرڻ لڳا، ۽ بلوچ مهماننوازيءَ جا حق ادا ڪرڻ لڳا. خوشامد ماڻهن تائين محدود نه هئي، بلڪ اسان جي اُٺن کي چارڻ لاءِ به اسان کي هڪ ماڻهو ڏنو ويو.[4] +مهمانخانو تارن جو هڪ گهيڏڻ هو. ان جي ڇت هڪ ڪمبل سان ڍڪيل هئي. ا��در ڏاڍو ٿڌو هو ۽ ڏاڍي فرحت پئي آئي. اسان ٽي ڪلاڪ ٻاهر ڳاڙهي تتل واريءَ ۾ ٻنوهرن جي سج هيٺان ويٺا هئاسين. اسان پنهنجا هٿيار ڀرسان رکي سمجهي پياسين؛ ڇاڪاڻ ته اتي مال يا جان جو خوف ڪونه هو. شام جو اسان کي سردار جي گهران هڪ گرم مانيءَ جو خونچو موڪليائون، جنهن ۾ گرم ماني ۽ دال سان ڀريل ڪاٺيءَ جو پيالو هو. اسان کائي اٿياسين ته سردار به اسان سان گڏجاڻي لاءِ آيو. دستوري خوش خيرعافيت کان پوءِ چيائين ته تعجب آهي ته توهان قلات يا ڪڇ گنداوا مان مون لاءِ ڪي خط ڪونه آندا آهن، ظاهر آهي ته توهان انهن علائقن مان ضرور لنگهيا هوندؤ. مون کي خان جي دوستي پياري آهي ۽ توهان کي ڀڄڻ ۾ مدد ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. مون کي شڪ آهي ته توهان جي پٺيان ضرور ڪي ماڻهو هوندا. توهان روح الله بيگ بابي تاجر جا پٽ ته نه آهيو؟ پر توهان ڪو خيال نه ڪيو. جيستائين توهان مون وٽ رهندا تيستائين توهان جي حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض آهي. اسان چيس ته ان ڳالهه ۾ تون بلڪل ڀليل آهين. جيڪڏهن اسان کي اهڙي خبر هجي ها ته اسان خود خان کان اجازتنامو وٺي اچون ها. اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون. اسان اصل هڪ ازبڪ تاتاري خاندان جا آهيون، جنهن ڪيترين پيڙهين کان هندستان وسايو آهي. هن وقت اسان هڪ هندوءَ جي نوڪريءَ ۾ آهيون ۽ هن جي پاران گهوڙن خريد ڪرڻ لاءِ هرات وڇي رهيا آهيون. هن ان ڳالهه کي وڌيڪ ڪونه چوريو، پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري موڪلائڻ وقت چيائين ته مان توهان ڏي سکارام هندو، جو اسان ٻنهي جو واقف آهي، ان جي هٿان نياپو ڪندس. توهان جي مرضيءَ مطابق ٿيندو. ڏهن منٽن اندر سکارام موٽي آيو. سردار جو سنيهي جو مقصد ساڳيو هو جو سندس سوالن جوابن مان ظاهر ٿيو هو. اسان وري به ساڳيو جواب ڏنس. اسان هندوءَ کي چيو ته هو اسان ۾ شڪ ڪيئن ٿو رکي. توکي ياد هوندو ته تنهنجي قلات وارن خابرن به اسان متعلق توکي ساڳي خبر موڪلي آهي. هن جواب ڏنو ته توهان برابر آهيو. مون به سردار کي ساڳيا دليل ڏنا آهن. آخر چيائين ته سردار مون کي اختياري ڏني آهي ته مان توهان کي ٻه سونهان فقط رستي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ ڏيان باقي اڳتي ڌڻي نگهبان اَٿوَ. پر جي توهان ٿورو خرچ ڪندؤ ته سردار توهان کي پنهنجو پٽ ۽ ٻارهن هٿياربند سپاهي گڏي ڏيندو جي توهان کي سيستان جي گادي دوشڪ ۾ پهچائيندا. دوشڪ هرات جي (جتي اسان کي وڃڻو هو) اڌ پنڌ تي آهي. اسان جواب ڏنس ته انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪنداسين ۽ صبح جو سردار کي جواب ڏينداسين، پوءِ سکارام پنهنجي گهر ويو.[5] +10- مارچ: رات جو اسان ٻن سونهن کي پاڻ سان وٺي هلڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان سمجهيو ته انهن کي تيار ٿيڻ ۾ دير ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو ڪونه هو. صبح جو سج ڪني ڪڍي، تنهن کان پوءِ ڪئپٽن ڪرسٽي سردار کي اسان جي انهيءَ فيصلي جي سڌ ڏيڻ ويو. هن ان وقت اسان جا اُٺ پئي ڏٺا، هو ان تي ناراض ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. چيائين ته سونهان هڪدم تيار ڪيا ويندا. پر ياد رکو ته مان توهان جي سلامتيءَ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ جوابدار ڪونه آهيان. ان ڳالهه تي مان وڌيڪ بحث ڪونه ڪندس جو توهان کي اڳي ئي خبر هوندي. اسان خيال ڪيو ته سردار اسان مان ڪجهه ڪڍڻ لاءِ اسان کي ڊيڄاري ٿو، تنهنڪري اسان پنهنجي فيصلي تي قائم رهياسين. اتي اهو ساڳيو ماڻهو جنهن اڳئين ڏينهن اسان کي مهمانخاني ۾ اچڻ جي صلاح ڏني هئي، جو هاڻي اسان کي معلوم ٿيو ته ٻڌوءَ نالي هڪ سيستاني هندو هو، سو به اتفاق سان اتي اچي پهتو. چيائين ته خيال رکجو فقط ٻن سونهن سان نڪرڻ مصلحت جي خلاف آهي. مان هنن سڀني ملڪن جو واقف آهيان، جي سردار توهان کي پنهنجو پٽ گڏي ڏئي ته دير نه ڪيو. هڪدم قبول ڪيو، معمولي خرچ ٿيندو، نه ته توهان جو مال بلڪ جان خطري ۾ آهي. ٻين ڪن هندن به ساڳي صلاح ڏني. پوءِ اسان ويهي سوچيو ته جيڪڏهن اسان کي ڦريو ويو ته اسان جون سڀ تجويزون ڊهي پونديون. تنهنڪري اها صلاح قبول ڪرڻ گهرجي. پر هي جو ساري خيل (قبيله) کي خيال ويٺل هو ته اسان وٽ ڪو قيمتي اسباب آهي، سو اسان لاهڻ ضروري سمجهيو. تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو ته سمورا لٽا ڪپڙا قلات موڪلجن. باقي پاڻ سان جي جان تي ڪپڙا آهن سي ۽ هڪ ڳوٿري کجور ۽ اَٽي جي پاڻ سان کڻجي. اسان سردار کي ۽ هن جي ماڻهن کي انهن فيصلن کان واقف ڪيو، پر چيائين ته قلات سامان موڪلڻ جي ضرورت نه آهي جو منهنجو پٽ توهان سان آهي. توهان سان جيڪي هوندو، تنهن جي حفاظت ڪندو. پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته هن جو پٽ ۽ ٻارهن تفنگچي اسان کي دوشڪ تائين پهچائين. ان جي عيوض اسان هڪدم قلات لکڻ جو وعدو ڪيو ته هنن کي اوتري رقم ڏني وڃي جيتري هندو فيصلو ڪن. +اهو سودو ٿيو ۽ سردار وعدو ڪيو ته توهان جي رواني ٿي وڃڻ جي جلد تياري ڪئي ويندي، تنهن کان پوءِ اسان مهمانخاني ۾ موٽي اچي مانيءَ ۽ کير جو ناشتو ڪيو جي سردار جي گهيڏڻ مان آيا هئا. اڄ صبح جو هڪ اهڙو واقعو ٿيو جو ڏيکاري ٿو ته هنن ماڻهن ۾ مهمان نوازيءَ جو ڪيڏو ته انگ آهي. اسان جي هڪڙي هندستاني نوڪر مانيون پچائڻ شروع ڪيون هيون، جڏهن هن کي بلوچن ڏسي ورتو، رڙ ڪري چيائونس ته ڇا تون اسان جي تومان کي ٽِڪو ٿو لائين. عيدل خان وٽ مهمانن لاءِ ماني به ڪانه آهي. هن چين ته مون کان خطا ٿي آهي جو مون کي توهان جي رسمن جي خبر ڪانه هئي. هو ان تي خوش ٿيا پر چيائونس ته اسان بَر ۾ ٿا رهون ۽ غريب ماڻهو آهيون، پر اسان نصير خان ۽ هن جي لشڪر جي پنج ڏينهن ساندهه اهڙي خاطرداري ڪئي هئي جو ان کان پوءِ هو هميشه کيس دل ڪشادو سڏيندو هو.[7] [6] +شام جو سمورو وقت بيڪار بلوچن جا ٽولا اسان وٽ ويٺا هئا، جن اسان کي ڏاڍو پريشان ڪيو. هڪ ته اچن ته وري وڃڻ جي ئي نه ڪن. ٻيو پيا اجايا سجايا سوال ڪن. اسان انهيءَ سهڻ لاءِ ڪجهه قدر تيار هئاسين، پر هت هو حد کان ٻاهر لنگهي ويا. ڪي ڪي ماڻهو چار- پنج ڪلاڪ ساندهه ويٺا رهيا ۽ سمورو وقت پئي ٻيڙيون ڇڪيائون، ڳالهايائون ۽ راڳ ڳايائون. انهن جو اڳواڻ جمعو خان نالي هڪ واتوڙيو نوجوان هو. اسان کي جلد معلوم ٿيو ته هو سردار جو وڏو پٽ هو جو اسان جو رهبر ٿيڻ وارو هو. هن ۽ هن جي خاٿين کي انهيءَ ڳالهه معلوم ڪرڻ جو ڏاڍو انتظار هو ته اسان سني يا شيعا مسلمان[8] آهيون. هنن کي اسان جي ڳوريءَ چمڙيءَ ڪري شڪ پيو ته شايد اسان عجمي[9] آهيون. هنن آخر اسان کي سنئون سڌو چيو ته ڪلمو پڙهي ٻڌايو. تنهنڪري اسان کين ڪلمو پڙهي ٻڌايو. شام جو ٻڍو سردار پاڻ اسان سان گڏجڻ آيو. اسان بمبئيءَ مان جا چانهه آندي هئي، تنهن مان ڪجهه اڃا بچيل هئي، تنهنڪري اسان کيس هڪ ڪوپ ٺاهي ڏنو. هو ان تي ڏاڍو خوش ٿيو، تنهن کان پوءِ هو اسان وٽ باقاعدي ايندو هو ۽ اسان سندس عزت ڪندا هئاسين. هو سڀني کي پنهنجي قبضي ۾ رکندو هو. کيس گهڻيون خبرون چارون هونديون هيون ۽ نقل ياد هئس ۽ سوالن جا جواب خوشيءَ سان ڏيندو هو. +11- مارچ: اڄ اسان هڪ چڱيءَ وندر ڏٺي، گذريل رات ڪا ڦر ٿي هئي سردار ان جو فيصلو ٿي ڪيو. مدعي بهادر خان جي تومن جا مينگل بروهي هئا. اهو تومن اتان اٽڪل ٽي ميل پري هو، جوابدار نوشڪيءَ جا بلوچ هئا. ڌُرين پنهنجي وڪالت پاڻ ٿي ڪئي. هنن ۾ خوش ڪلاميءَ جو سليقو ڪونه هو. تنهنڪري هنن ٻنهي جو زور هو ڏاڍيا�� ڳالهائڻ تي، ٽي ڪلاڪ ساندهه. اهو غلغلو هليو. هرهڪ ڌر پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي خيالن مطابق ٻڌائي، سڀني گڏ ساڳئي وقت پئي ڳالهايو. جنهن جو گلو وڌيڪ زوردار هو تنهن وڌيڪ ڌيان ٿي ڇڪايو. سردار کين نهايت صبر ۽ تحمل سان ٻڌو. جڏهن هو ڳالهائي ساڻا ٿي پيا، تڏهن هن وڏي مخرج سان پنهنجو رايو ظاهر ڪري فتوا ڏني ۽ نشت برخاست ٿي. +جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيو ته تڪرار هڪ ويجهي ٽڪريءَ تي چرائيءَ جي خسيس حق متعلق هو. پهريائين بلوچن بروهين سان تون ڇا، تون ڇا ڪئي. جڏهن هو نه مڙيا ته پوءِ سندن ڌڻ کانئن زوريءَ ڦري ورتائون. فتح بروهين کي ٿي. فيصلو اهو ٿيو ته هنن کي به اڳلن جيترو حق هو. ان فيصلي تي ڪا چون چرا ڪانه ٿي. سردار فتوا ڏيندي پنهنجي خيل کي چيو ته ياد رکو ته بروهي اصل نوشڪيءَ جي ڀرسان خان جي اجازت سان اچي ويٺا هئا، تنهنڪري هنن کي سڀني رعايتن ملڻ جو حق هو. مون ڏٺو ته مينگلن جي سردار جو هڪ عزيز پنهنجن ماڻهن سان گڏجي آيو هو ۽ جاچ هلندي عيدل خان ڪيترا دفعا هن ڏانهن مخاطب ٿي ساڻس ڳالهايو هو، اهي فيصلا اڪثر مهمانخاني ۾ ٿيندا آهن جي اهو خالي هوندو آهي. پر هن وقت اهو اسان جي قبضي ۾ هو؛ تنهنڪري قالين ۽ نمدا درجي اڳيان وڇايا ويا هئا ۽ سڄي جماعت بنان اعتراض جي اُس ۾ ويهي رهي. +انهيءَ ڪارروائيءَ هلندي هڪڙو بدبخت ڪوهستاني جوان اچي اتان هڱ جي ٻن گڏهن سان لنگهو. هن هڱ گڏ ڪري وڪري لاءِ آندي هئي. ماڻهو هڱ وٺڻ جي شوق ۾ سڀ گڏجي مٿانئس چڙهي ويا ۽ سندس وکر واريءَ ۾ ڪيرائي وڌائون. اڌ ڪلاڪ سارو گوڙ گهمسان ٿيندو رهيو، سردار ۽ مينگل جي چڱي مڙس کان سواءِ ٻيا سڀ وڃي ان ۾ شريڪ ٿيا. اهي ٻيئي، ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون وانگر کلندا رهيا. آخر ان غريب دهقانيءَ جنهن سان اهڙي تعدي ٿي هئي، تنهن پاڻ ۽ پنهنجن گڏهن کي تڪڙو تڪڙو آزاد ڪيو، ۽ پوءِ اچي سردار کي فرياد ڪيائين ته منهنجو هي حال ڪيو اٿن. سڀني چيو ته ٻورن تي پهريون حملو هندن ڪيو هو جي هڱ ريزڪي وڪڻندا آهن ۽ هڱ جو وڏو حصو به انهن جي ور چڙهيو هو، تنهنڪري هنن کي حڪم ڪيو ويو ته هو روهيءَ جي حق تلافي ڪن ۽ هنن وري بروهيءَ کي تماڪ ۽ کنڊ ڏيئي خوش ڪيو. +ٻيئي بلوچ ۽ هندو هڱ جي ٻوٽي گهڻي پسند ڪندا آهن ۽ ان کي هڪ وڏي نعمت ڪري سمجهندا آهن. هو هڱ جي ڏانڊي پچائيندا يا رڌيندا آهن ۽ گل ۽ پن اڪثر گيهه[10] ۾ تريندا آهن. اها ٻوٽي بلوچستان جي اتر وارن علائقن ۾ پهاڙن ۾ پاڻيهي پيدا ٿيندي آهي، جتان ريڍار کڻي اچي وڪڻندا آهن. پڪل ٻوٽيءَ جو گل گوبيءَ جي گل جهڙو نمونو هوندو آهي ۽ رنگ هلڪو سُڪل گاهه جهڙو هوندو اٿس. ڏانڊي ٻه- اڍائي فوٽ ڊگهي هوندي آهي ۽ ٽي- چار انچ ٿلهي. پن وڏي هندستاني پيٽ جي پنن جهڙا هوندا آهن. ساڳئي قسم جو هڪ مصالحو هر سال وڏي انداز ۾ يورپ مان هندستان ايندو آهي. بلوچ ۽ مان ڀانيان ٿو ته ايراني به ان کي شير هڱ چوندا آهن. اها جڏهن ٻوٽي پچندا آهي، تڏهن پاڙ جي ڀرسان ڏانڊيءَ مان يا بعضي خود پاڙ مان ڪڍندا آهن. ٻوٽي تڏهن پڪل سمجهي ويندي آهي، جڏهن ان جي تِکن ساون پنن جو رنگ بدلجي هلڪو پِيلو ٿيندو آهي. ان وقت پاڙ زمين کان ڇهه انچ مٿي ڪپيندا آهن، پوءِ مِٽي پاسي ڪري پاڙ[11] جي تري ۾ هڪ انچ ڊگهو چير ڏيندا آهن. هڪ پاڙ مان اٽڪل اڌ سير تور يا وڌيڪ هڱ نڪرندي آهي. ڏانڊي وڍڻ کان پوءِ تن ڏينهن اندر هڱ ڪڍي سگهجي ٿي. پاڙ وري ٻئي سال بهار ۾ ڦٽندي آهي. +12، 13، 14، ۽ 15 مارچ: گذريل چئن ڏ0ينهن ۾ سردار سان ڪيترا دفعا مشورو ڪرڻ ممڪن نه آهي. تنهنڪري اسان ڪوشش ڪري بلوچستان ۽ مڪران جي وڌيڪ ڏاکڻين علائ��ن جي رستن ۽ واٽن جون پڇائون ڪرڻ لڳاسين. +14- تاريخ: شام جو سردار جو پٽ ۽ هن جو ڀائيٽو مراد خان اتفاق سان اسان وٽ ويٺا هئا. دستور موافق گفتگو اسان جي سفر متعلق ڦيرو کاڌو. هنن ٻنهي زوردار لفظن ۾ عيدل خان جي تائيد ڪئي ته سيستان جو رستو نه وڃجي. مراد چيو ته توهان ڪيچ[12] ۽ ڀنڀور کان ڪرمان ڇو نٿا وڃو يا هتان سرحد[13] ۽ اتان نرمنشير مان لنگهي ڪرمان وڃو جتان ڪنهن به وقت هرات وڃي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان انهن ٻنهي طريقن مان هڪڙو اختيار ڪيو ته مان پاڻ توهان کي شاهه[14] جي حڪومت جي سرحد تي وٺي هلي پهچائيندس. اسان جو دوست جڏهن هليو ويو، تڏهن ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي. اسان فيصلو ڪيو ته هڪٻئي کان جدا ٿي بيابان مان مختلف واٽن سان سفر ڪجي. هندستان ڇڏڻ وقت اسان کي جيڪي هدايتون مليون هيون، هي فيصلو انهن جي برخلاف هو. پر اسان خيال ڪيو ته ڪٺي وڃڻ کان وڌيڪ اسان کي هن طرح جن ملڪن جي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءِ نڪتا هئاسين تن جي معلومات جاگرافيءَ جي نقطہ نگاهه کان ۽ ٻيا انگ اکر ملندا، جن مان اسان جو مقصد سڌ عيندو. تنهنڪري ٻئي ڏينهن سيستاني هندو ٻُڌو، جو هڪ چالاڪ آدمي هو ۽ جنهن کي اسان سکارام جي بدلي پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيو هو، جڏهن اسان وٽ آيو ته اسان خيال ڪيو ته هن سان مشورو ڪجي، بشرطيڪ ائين نه سمجهي ته اسان اڳي ئي اها سِٽ سٽي آهي. خوشقسمتيءَ سان هن اچڻ شرط اها ڳالهه پاڻيهي ڇيڙي ته سيستان جي واٽ وارڻ کان مُڙي وڃو. چيائين ته مان عيدل خان سان ڳالهايو آهي. هو چئي ٿو ته رستي ۾ ايترا نه خطرا ۽ مشڪلاتون آهن جو توهان مارجي يا ڦُرجي ويندؤ. ٻڌوءَ وڌيڪ چيو ته مان توهان کي قنڌار ۾ پنهنجن گماشتن ٻڌوءَ وڌيڪ چيو ته مان توهان کي قنڌار ۾ پنهنجن گماشتن لاءِ خط ڏيندس. توهان کي خبر آهي ته قنڌار کان هرات جو رستو آهي، سو وهندڙ آهي. ساڳئي وقت چيائين ته توهان کي قنڌار وڃڻ کپندو هو. اسان هن کي سنئون سڌو انڪار نه ڪيو، پر چيوسونس ته اسان سندرداس جا نوڪر آهيون. اسان کي فيصل ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونه آهي، پر شايد اسان جو قاصد قلات مان ڪو نياپو آڻي ته سرحد ۽ نرمنشير رستي ڪامان وڃو. اسان سمجهيوسين ته هي ماڻهو اها ڳالهه ضرور ٻين کي ٻڌائيندو ۽ ٿيو به ائين. سڄي تومن ۾ افواهه ڦهلجي ويو ۽ اسان کي انهيءَ رٿ تي عمل ڪرڻ لاءِ بنانو ملي ويو. +اسان کي نوشڪيءَ ۾ پنج ڏينهن ٿي ويا هئا. قاصد جي موٽڻ جو سخت انتظار هو. اسان جو ارادو هو ته هو موٽي ته اسان جلد روانا ٿي وڃون. اسان جي ميزبان جي مهمان نوازيءَ ۾ ڪابه ڪمي ڪانه هئي. هر روز صبح جو ايتري ماني، ڏُڌ ۽ پنير موڪليو ويندو هو جو اسان جي صڄي جماعت کپائي نه سگهندي هئي. هن جا ٻانها وهنجڻ لاءِ پاڻي کڻي ايندا هئا. شام جو به ساڳيوئي دستور عمل ۾ آندو ويندو هو. ٻه دفعا اسان پَهِرُو وٺي پاتا، ران سردار ڏي موڪليسين ۽ ڪجهه گوشت مختلف هنڌن ڏي. پر اسان ائين ڪري پڇتايو، ڇاڪاڻ ته هو ان کي هڪ فضول خرچي ڪري پيا سمجهن، جيتوڻيڪ پهروءَ جي قيمت هڪ رپيو هئي. هڪ ڏينهن شام جو مانيءَ وقت ٻُڌو انهيءَ گوشت جي سڌيءَ جي عيوض هڪ شيءِ کڻي آيو جا هن جي نظر ۾ سڀ زياده لذيذ لقمو هئي. هڪ پيٽوڙي وانگي اچي ان جي تعريف ۾ پيو. ساراهه مان ڍاپي ئي نه. اها شيءِ هئي کٽي مکڻ ۾ تريل هڱ جي هڪ سائي ۽ ڪچڙي ٻوٽي اسان چيس ته اهو لقمو اسان کان ڪونه کاڌو ويندو ته اعتبار ئي نه اچيس. سچ پچ ته اها شيءِ اسان جي کائڻ کان زور هئي. سائي ٻوٽيءَ ۾ سڪل هڱ کان به وڌيڪ بانس هوندي آهي، اهو اسان جو ذاتي آزمودو آهي. بروهيءَ جڏهن هڱ آندي هئي، تنهن جو تومن جي هرهڪ آدميءَ کي حصو مليو هو ۽ سڀني کائي خوب مزا ڪيا هئا. ماڻهن جي وات مان ته بانس پئي آئي، پر خود هوا ۾ به هڱ جي بوءِ هئي. +[1] . قلات جا هندو، ستارن ۽ واقعن جي ڳڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه ڪندا آهن. جي ڪا ڳالهه هيٺ مٿي ٿيندي آهي ته چوندا اهن ته هي معاملو غفلت سبب نه آهي. +[2] . ٻٻر جو انگريزي نالو. +[3] . لئي جو انگريزي نالو +[4] . نوشڪيءَ جي اتر ۾ هڪ علائقو، ڇهن- ستن ميلن جي مفاصلي تي. +[5] . ڪئپٽن ڪرسٽي پوءِ دوشڪ مان لنگهيو هو. ڏسو نقشو. +[6] . سردار جو نالو. +[7] . هاڻوڪي قلات جي خان جو پيءُ. هي حقيقت آهي ته هو ايرانين جي خلاف ڪابل جي بادشاهه جي مدد ڪرڻ لاءِ خراسان ڏانهن مشهہ تائين ويو هو ۽ سندس گهر سيستان ۾ برپٽ جي رستي کان هو. +[8] . مسلمانن جا ٻه وڏا فرقا، ڏسو بلوچن جي مزهب تي حاشي چوٿين فصل ۾. +[9] . ايراني، جي سڀ شيعا آهن. +[10] . پگهاري، صفا ڪيل مکڻ. +[11] . هندستان ۾ جا هڱ ايندي آهي، سا بلوچستان جي پيدائش نه آهي. بلوچستان ۾ ايتري هڱ مَس ٿيندي آهي جا مڪاني ماڻهن کي پوري ٿئي. خراسان ۾ هرات جي ڀرسان اها ٻوٽي گهڻي انداز ۾ ٿيندي آهي. ڪئپٽن ڪرسٽي هن سفر جي پنهنجي تذڪري، جو هن وقت منهنجي اڳيان آهي. هڪ فقري ۾ لکي ٿو ته اهي ٽڪريون جنهن جي وچان هن جو رستو ٿي لنگهيو، سي هڱ جي ٻوٽيءَ سان ڀريون پيون هيون. هو ائين به لکي ٿو ته هڱ هرات جو هڪ عام وکر آهي. مون ٻڌو آهي ته ڏانڊيءَ کي جيڪڏهن کير ڪڍڻ لاءِ پوري وقت تي نيش نه ڏبو ته ڏانڊي ڦاٽي پوندي ۽ کير وهي ايندو، پر انهيءَ قدرتي طريقي سان سال ٿورو نڪرندو آهي. کير ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ هوا تي ڄمي پوندو آهي. سٺي هڱ هلڪي پِيلي رنگ جي ۽ سڪل ٿيڻ کپي. واپاري تور وڌائڻ لاءِ ان کي اڪثر گيهه سان ملائيندا آهن. +[12] . مڪران صوبي جي گاديءَ جو هنڌ. +[13] . بلوچستان جي اولهائينءَ سرحد تي هڪڙو ڳوٺ. +[14] .ايران جو بادشاهه. + + +فصل (7) +16، 17، 18 ۽ 19- مارچ: اسان جو قاصد 16- تاريخ قلات مان ٿي موٽي آيو. هن پاڻ سان جي اسان کي پئسا کپندا هئا، تن جي هنڊي ۽ هندو جنهن کي اسان شهر ۾ ڇڏيو هو تنهن جي چٺي کڻي آيو. تنهنڪري ڪئپٽن ڪرسٽي سردار ڏانهن وڃي کيس مقرر ٿيل رقم ڏني ۽ چيائينس ته اسان جي رواني ٿيڻ جو هڪدم بندوبست ڪيو وڃي. هن اهو به ٻڌايس ته مون کي رفتن (مصنف) حڪم مليو آهي ته هو ڏاکڻي واٽ وٺي ايران ۾ ڪرمان وڃي. پر هو تيستائين نوشڪيءَ ۾ رهندو جيستائين ڪيو سندس ماڻهو اچي سندس رواجي سامان جو ساڻ هئس، سو کڻي وڃي. ٻڍو اچي ڪئپٽن ڪرستيءَ سان نيڪ ساعت متعلق ۽ ٻيون اهڙيون واهيات ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جنهن جي ڪري دير پوڻ جو امڪان هو. 18- تاريخ تائين ته ڪا تياري ڪانه ڪئي هئائين. آخر ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چيس ته جي منهنجي اُسهڻ لاءِ ڪو ويجهو ڏينهن مقرر نه ڪندين ته اسان قلات موٽي وينداسين. سردار حڙيف هو. چيائين ته ڇا ڪريان ايماندار ۽ وفادار سونهان ملڻ مشڪل آهن. آخر هن ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي رواني ٿيڻ لاءِ 20- تاريخ مقرر ڪئي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ شام جو مون کي ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کان هي هدايتون مليون: +نوشڪي، 19- مارچ: ”تون گهڻو ڪري ڪرمان سرحد واري رستي کان چاليهن ڏينهن ۾ پهچي ويندين. اتان مون ڏي هرات ۾ اسان جو اتي گماشتو آهي، ان جي معرفت بند ٿيل لفافي ۾ خط موڪليندس. +2. مان اميد ته هرات دوشڪ جي رستي ٽيهن ڏينهن ۾ پهچي ويندس. جي ان ۾ ڪامياب ٿيس ته ٻين ويهن ڏينهن ۾ مان ڪرمان پهچي ويندس، بشرطيڪ رستي ۾ ڪا اوچتي رنڊڪ نه پوي. پر جي تنهنجي قاصد پهچڻ کان اڳ مان نڪري ويس ته ان حالت ۾ هريسنگهه کي هدايت ڪري ويندس ته توڏي خ�� لکي، جي مان دوشڪ نه پهچي سگهيس ۽ امڪنا آهي ته نه پهچي سگهان، ته مان ڪوشش ڪري هريسنگهه کي نياپو ڪندس ته توکي اطلاع ڏئي ۽ توکي جيڪي پئسا کپن سي به ڏئي. +3. جيڪڏهن تون اهڙيءَ طرح ڪرمان نه پهچي سگهين ته اتر وڃڻ جي ڪوشش ڪر مگر احتياط سان. جي اتان تون اولهه طرف نه وڃي سگهين ته پوءِ سمنڊ جي ساحل يا ڀنڀور ڏي وڃي اتان ڪرمان پهچي وڃ. +4. جيڪڏهن تون ڪٿي پڪڙجي پئين يا ٻي ڪا تڪليف درپيش اچي ته مون کي هڪدم ڪوشش ڪري اطلاع ڪر ۽ مان توکي ڪنهن نه ڪنهن طرح ضرور مدد ڪندس. اهڙيءَ طرح تون به منهنجي مدد ڪندين. +5. جي مان ڪٿي جهلجي پيس، جنهن جي خبر توکي هريسنگهه يا ٻئي ڪنهن کان پوندي ته تون ان حالت ۾ ڪو سلامتيءَ وارو رستو وٺي وڃي جنرل مالڪوم سان شامل ٿيءُ. جي ائين به ممڪن نه هجي ته پوءِ توکي فيصلو ڪرڻو آهي ته پوئتي موٽي ويندين يا سمنڊ جي ڪناري ڏانهن ويندين. بهرحال توکي پنهنجي سلامتيءَ جو سڀ کان زياده خيال ڪرڻو آهي. +6. پهرين جون کان اڳ جي مون کي تو وٽان يا تنهنجي خبر نه پهتي ته مان سمجهندس ته توکي يا موٽڻو پيو آهي يا تون مارجي ويو آهين. اهڙيءَ طرح تون منهنجي لاءِ به ائين سمجهجائين“. +7. ڪرمان ۾ پهچڻ شرط اتان جي هندن جي مکيءَ ڏانهن وڃجانءِ ته جيئن مان اتي پهچان ته مون کي هڪدم تنهنجي خبر ملي. +صحيح جاراس ڪرسٽي، ڪئپٽن +20 ۽ 21- مارچ: نوشڪيءَ ڇڏڻ متعلق جا اسان کي نراسائي ٿي هئي، تنهن اسان جي اميدن ۽ آسرن تي پاڻي وهائي ڇڏيو هو. شهر ۾ ايترا ته افواهه هئا ۽ اهي ماڻهن مان سڀ اسان جي ڪنن تائين پهتا هئا جو اسان کي شڪ پيدا ٿيو ته ڪو سردار کي ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي اُماڻڻ جو ارادو آهي. آخر 21- تاريخ وري ڪئپٽن ڪرسٽي سردار کان ماڻهن جي گهر ڪئي ۽ چيائينس ته تو دير ڪري وعدي شڪني ڪئي آهي. وڌيڪ اهو به چيائينس ته جي اسان قلات وينداسين ته اسان جو مالڪ هندو واپاري محمود خان کي انهيءَ سموري ڪاروبار جو احوال پنهنجي نموني ٻڌائيندو، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو، جو خان ۽ هن جو ڀاءُ سڄيءَ خيل کي ڏوهي ٺهرائيندا. ڪالهوڪو ڏينهن نه گذريو آهي جو تو مون کي چتايو پئي ته منهنجي ڀائٽي جي ڪوڙن وعدن تي اعتبار نه ڪجانءِ ۽ هاڻي تون پاڻ اهو طريقو اختيار ڪري رهيو آهين! +انهيءَ ڇنڊ هن تي اهڙو اثر ڪيو جو ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي چيائين ته مون وٽ انهيءَ جو جواب ڪونه آهي. مان نوشڪي خيل جو قريباً ٽيهن سالن کان سردار آهيان ۽ انهيءَ سموري عرصي ۾ مون تي بي ايمانيءَ جي تهمت ڪنهن نه رکي آهي. چي، منهنجي پٽ ٻن ملن جي مدد سان استخار. ڪئي آهي. هنن کي معلوم ٿيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن مسافريءَ لاءِ منحوس آهي. تنهنڪري مان پاڻ اڄ تياري بند ڪرائي آهي. سڀاڻي صبح جو ڇا به ٿي پئي توهان روانا ٿي وڃجو، پوءِ کيس خوش ڪرڻ لاءِ چيوسونس ته ها اسان به اهي ڳالهيون ٻڌيون آهن. تنهن تي چيائين ته توهان کي ناراض ٿيڻ لاءِ ڪافي سبب آهي. اميد ته توهان کي شڪايت جو وڌيڪ سبب ڪونه ملندو. +گذريل ٽن- چئن ڏينهن کان تيز اتر- اولهه جي وها ٿي لڳي. اڄ ان باقاعدي طوفان جي حالت اختيار ڪئي ۽ ريگستان جي واريءَ جا ڪڪر اُٿي کڙا ٿيا. ٻنپهرن جو سج به نظر نه پيو اچي. مهمان خاني جي کليل پاسن مان واريءَ جا ڍڳ اندر پئي آيا ۽ اسان واريءَ ۾ پورجي وياسين. رات جو هوا ڪجهه گهٽ ٿي. اسان ان تي خوشي پئي ڪئي ته خبر تڏهن پئي جو ٻڌوسين ته اُٺ جنهن تي سردار جو پٽ جمعو خان ۽ ڪئپٽن ڪرسٽي جو مکيه سونهون سواري ڪرڻ وارا هئا سي ريگستان ۾ گم ٿي ويا هئا. ۽ انهن کي ڳولڻ لاءِ ماڻهو سندن ڪڍ ويا هئا. اسان سمجهيو ته هي دوکو آهي، تنهنڪري وڃي آرامي ٿياسين. اها پڪ هئي ته ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي ترسائڻ جي وري ڪوشش ڪئي ويندي، پر خوش قسمتيءَ سان اها اسان جي ڀُل هئي. +22- مارچ: اڄ مس مس منهنجي دل کي خاطري ٿي جو ڪئپٽن ڪرسٽي روانو ٿي ويو. اُسهڻ کان اڳ هِن سردار کي ڪي معمولي سوغاتون ڏنيون جي کيس قبول پيون ۽ جن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو؛ اهي هيون هڪ چوڪڙين تي گرم ڪپڙي جو ٽڪر، اڌ وال کن ريشمي ڪپڙي جو، هڪ ڇُري ۽ هڪ جوڙو قينچين جو. هو انهيءَ خدمت جي لائق نه هو، ڇاڪاڻ ته هن اسان کي ترسائي سخت تڪليف ڏني هئي، پر اسان خيال ڪيو ته اها هڪ فطرتي ڳالهه آهي ته هو ٻن واپارين کان جيترو ٿي سگهيس اوترو ڪڍي پنهنجي قوم جي مهمان نوازيءَ جي رواج مطابق. +جيستائين ڪئپٽن ڪرسٽي روانو ٿي ويو تيستائين جمعي خان جو اُٺ ڪونه پيدا ٿيو هو، پر هن جيپيءُ چيو ته جي اُٺ منجهند تائين نه پيدا ٿيو ته مان پاڻ گهوڙي تي چڙهي نڪرندس. پڇاڙيءَ جو ڪرسٽيءَ کي چيائين ته رخشياڻين[1] ۾ جيڪا توهان کي تڪليف پهتي آهي تنهن لاءِ مان شرمسار آهيان، پر منهنجو پٽ ۽ هن جا ماڻهو توهان لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪندا. پڇاڙيءَ جو هن انهن جي حق ۾ دعا گهري ۽ سواري رواني ٿي ويئي، ڪلاڪ کن ۾ اُٺ، جو گم ٿي ويو هو سو ڪاهي آيا ۽ جمعو خان سوار ٿي انهن جي ڪڍ ويو. +اڄ سڄو ڏينهن اوندهه انڌوڪار هو، هوا خراب هئي ۽ وِڄ جا واڄٽ پئي پيا، بلوچن چيو ته هيءَ برسات جي نشاني آهي، پر شام جو هوا ڪجهه جهَڪي ٿي، ۽ برسات جي بوند به نه پئي جو ڪجهه ٺار ٿئي. سردار مهمان خاني ۾ اچي مون سان ويٺو، ڏٺائين ته منهنجي معزز ۽ مٺي دوست جي جدائيءَ ۾ منهنجي دل اُداس آهي، تنهنڪري مون کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، چيائين ته تنهنجو ڀاءُ[2] تنهنجي ٻانهن منهنجي حوالي ڪري ويو آهي ۽ مان تنهنجي سنڀال ڪندس. ان کان سواءِ هن مون کي هر طرح وندرائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي هن جي گفتگوءَ مان ڏاڍو لطف آيو. ۽ گهڻيون خبرون چارون مليون جي مٿي موزون جاين تي درج ڪيون ويون آهن. +23- مارچ: برسات جنهن جو ڪالهه هاواڻو هو سا اڄ اچي لٿي. ان سان گڏ آنڌي هجي. واري، وکن (قدمن) تي ايتري چوڏهن- پندرهن گامن جي مفاصلي تي ڪجهه نظر ئي نه اچي. گهيڏڻ جا پاسا واري نه پيا جهلي سگهن ته هوڏانهن ڇت وهڻ شروع ڪيو. گهيڏڻ جي ڪنڊ ڪڙڇ پاڻي ٿي وئي. شام جو مان گپ جي سيج تي ويٺو هوس ۽ گپ جي زره پيئي هئي. +اسان جو ٻيو قاصد قلات مان ٿي موٽيو. هو اسان جي فالٽو سامان کڻي وڃڻ لاءِ هو ۽ پاڻ سان هڪ هندو وٺي آيو. هن اسان لاءِ ٻه خط به آندا هڪ فارسيءَ ۽ ٻيو شاستريءَ ۾ لکيل. هن ملڪ ۾ شاستري[3] ائين آهي جيئن دٻي ۾ ٺڪريون. فارسي خط ۾ اهڙي ڪابه خبر يا ڳالهه ڪانه هئي جنهن مان ڪو اسان جو پتو لڳائي سگهجي. خط ڏسي ڪري سردار کي ڏنم جو خبرون ٻڌڻ آيو هو ان ڏيکارڻ لاءِ ته کانئس ڪابه ڳالهه مخفي ڪانه هئي. ٻئي خط ۾ منهنجي لاءِ هڪ تمام نازڪ خبر هئي. اها هئي ته سنڌ جي اميرن جا ٻه ماڻهو اسان کي زوريءَ حيدرآباد کڻي وڃڻ لاءِ قلات آيا هئا ۽ کليو کلايو چيائون پئي ته اتي هنن جي خوب مرمت ڪئي ويندي. تنهن کان سواءِ هو محمود خان وٽ ڪڇ گنداوا ۾ به ويا هئا. محمود خان چين ته مون کي هڪ خط رستي معلوم ٿيو هو ته اهڙا ٻه ماڻهو قلات مان آيا هئا پر مون کي سندن حليه ڏٺي مان يورپي نٿي معلوم ٿيا. توهان کي جي هو هٿ اچن ته بيشڪ جهليو، بشرطيڪ اهو ثابت ٿئي ته هو ڪنهن ملڪ جا جاسوس آهن. پر جي هو واپاري[4] يا واپارين جا گماشتا آهن ته کين تڪليف نه ڏيڻ کپي، پوءِ هو ڀل ته ڪهڙي به ذات يا ملڪ جا هجن. +اميرن جي ماڻهن خان کي چي�� ته انهن مان هڪ ڄڻو اڳئين سال سنڌ مان، جو انگريزن جو سفير[5] آيو هو تنهن سان گڏ هو. هو ڪنهن صورت ۾ گهوڙن جا سوداگر نه آهن، بلڪ هنن ملڪ جو واءُ ساءُ لهڻ لاءِ اهو ويس ڪيو آهي. اميرن جي انهن ماڻهن ٻه دفعا قلات ۾ ان گهر ۾ جتي اسان رهيا هئاسين وڃي اسان واري هندوءَ کي دڙڪا ڏنا هئا ته جي سچي نه ڪندين ته مير توهان کان ان ڳالهه جو بدلو وٺندا. پر خان ۽ هنن واڻيي کان عذاب ڏئي سچي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ جڏهن ڏٺائون ته هو چپن کي چُنو لائي ويٺو آهي، تڏهن چيائون ته چڱو آخر ته هو هتي موٽي ايندا جو ٻئي پاسي ڀڄڻ جي واهه ڪانه اٿن. اسان هتي ويٺا آهيون جيستائين هو موٽي اچن. پڇاڙيءَ جو هندوءَ خط ۾ لکيو ته مان هر قسم جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌي توهان جا قاصد نه ڏسن ۽ اميد ته ان ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. پر قلات ۾ هندن کي خبر آهي، خاص ڪري انهن کي جن کان مان هنڊيون مٽايون آهن ته توهان اڃا نوشڪي ۾ آهيو. اميرن جا ماڻهو توهان کي سولائيءَ سان اتي پڪڙي سگهندا. بهتر آهي ته توهان هڪدم ڪک پن ٿي وڃو. +خط پڙهڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته ڪجهه نه ڪجهه هڪدم ڪرڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪيم ته نوشڪي ته سڀان ئي ڇڏيندس. سيستاني هندوءَ ٻڌوءَ کي چيم ته اٽو ۽ کجور تيار ڪري رک. مراد خان کي گهرائي مخفي طرح فيصلو ڪيومانس ته سٺ رپين ۾ مون کي بلوچستان جي اولهه واريءَ سنڌ جي سرحد ۾ پهچائي. مون هن سان اهو تڪڙو بندوبست انڪري ڪيو ته جيئن وڃڻ ۾ دير نه ٿئي. جي خرچ جو خيال ڪيان ها ته سردار شايد پنهنجي وعدي مطابق گهٽ پئسن تي سونهان ڏئي ها. پر مون خيال ڪيو ته جي هن تي مدار رکندس ته ضرور دير پوندي. پر مون خيال ڪيو ته جي چوويهه پهر دير پئي ته به وڏو خطرو آهي. +اڄ مون کي هڪ غلطي ذري گهٽ هڪ ٻئي وڏي خفي ۾ وڌو هو. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۾ مون فيصلو ڪيو هو ته اسان ڌارين ماڻهن جي اڳيان هڪٻئي سان هندستانيءَ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن زبان ۾ ڪونه ڳالهائينداسين ۽ اڪثر انهيءَ صلاح تي عمل ڪندا هئاسين. پر هڪڙي ڏينهن سيستاني هندو، ٻُڌو حاضر هو جڏهن اسان کان اها ڳالهه وسري وئي ۽ اسان اتفاق سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيوسين. پڇيائين ته هي ڪهڙي ٻولي آهي؟ مان هڪدم چيس ته تيلنگي[6] جو خيال ڪيم ته هن قومن ۾ هن ماڻهوءَ يا ٻئي ڪنهن کي تيلنگي ٻوليءَ جي ايتري ئي خبر هوندي جيتري يونانيءَ يا عبريانيءَ جي. ان کان پوءِ ڪجهه ڪونه ٿيو ۽ مون کان ڳالهه وسري ويئي. پر ٻڌوءَ کان ڇو ٿي وسري. هڪڙي ڏينهن جو مهمانخاني ۾ پاڻ سان هڪ فقير وٺي آيو ۽ چيائين ته هي توسان تيلنگي ۾ ڳالهائيندو. مان اچي منجهيس ته هاڻي ڇا ڪجي. مون کي انهيءَ زبان جو هڪ پد به نه ايندو هو، پر مان منهن پڪو ڪيو ۽ فقير جڏهن ويٺو ته تڪڙو تڪڙو انگريزيءَ ۾ سوال جواب ڪيومانس. تنهن تي وات مچڪائي[7] ڪنڌ ڌوڻيائين، جنهن مان ظاهر هو ته ڪجهه نٿو سمجهي. پوءِ پڇيومانس ته ڪٿي ڪٿي گهميو آهين؟ هن جي جواب مان مون کي خاطري ٿي ته هن مان ڪوبه ڊپ ڪونه هو ڇاڪاڻ ته هو هندستان جي اُپٻيٽ ۾ سورت کان هيٺ ڪونه ويو هو. +24- مارچ: مون ڏٺو ته شام کان اڳ نڪرڻ ممڪن نه هو. تنهنڪري مان پنهنجو سفر ٻئي ڏينهن تي مهمل ڪيو. انهيءَ وچ ۾ ويهي قلات هندوءَ ڏي خط لکيم ته حساب ڪتاب جلد بند ڪري ٻيلي هليو وڃي ۽ اتي رهي. جيستائين ڪئپٽن ڪرسٽيءَ يا مون وٽان ڪو نياپو نه مليس. سج لٿي مهل مان پنهنجي هندستاني نوڪر فتح محمد جي هٿان نياپو ڪيو ته مان صبح جو نوشڪي ڇڏيندس ۽ وڃڻ کان اڳ سندس مهماننوازيءَ لاءِ شڪر ادائي گهرندس. هن کي ان تي تعجب لڳو ۽ منهنجي نوڪر کي چيائين ته مان اڌ ڪلاڪ جي اندر ٻڌوءَ هندوءَ جي گهيڏڻ ۾ پاڻ اچان ٿو. تنهنڪري مان به اتي ويس. آءٌ هن سان ڪيتري وقت تائين ڳالهيون ٻولهيون ڪندو رهيس. آخر مون هن سان پنهنجي وڃڻ متعلق ڳالهه ڪڍي، چيائين ته تنهنجي ڀاءُ جو مون تي ڀروسو هوندو هو پر تو هن جي نصيحت وساري ڇڏي آهي. مون توهان کي چيو هو ته مراد خان کان خيال رکجو. اها ڳالهه توکان وسري ويئي آهي. تون ننڍيءَ عمر جو آهين، خدا ڪري توکي منهنجي ڀائٽِ کان ڪو ڌوڪو نه پهچي. هو ائين ڪلاڪ ڳالهائيندو رهي ها، پر مون هن جو ٻوٿ بند ڪرڻ لاءِ کيس چاليهه رپيا هٿ ۾ ڏنا. ۽ چيومانس ته مان غريب آهيان تنهنجي لائق مون وٽ ڪجهه ڪونه آهي. هي تيسين پڳ جا پئسا آهن. نه ته مان تنهنجا احسان ته ڪونه ٿو لاهي سگهان. بس ان جو هن تي جادوءَ جهڙو اثر پيو. مڙس ٺري ويو ۽ موڪلائڻ کان اڳ چيائين ته رستي تي جي سردار رهن ٿا، انهن لاءِ خط وٺيو وڃ. +فصل (8) +25- مارچ: اڄ صبح جو پرهه ڦٽيءَ مهل سردار هڪ ملان سان گڏ مهمانخاني ۾ آيو. ملان سردار جي چوڻ تي سردارن ڏي خط لکيا، جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. ماڻهو فالٽو سامان ۽ خط لکيا، جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. ماڻهو فالٽو سامان ۽ خط کڻي ناشتي کان پوءِ يڪدم قلات موٽي ويو. مان نوشڪي اٽڪل ڏهين بجي ڇڏي، آءٌ اهڙو خوش ٿيس جهڙو قيدي بند مان نڪرڻ تي ٿيندو آهي. نوشڪيءَ ۾ ڪيترن ناخوشگوار واقعن جي ڪري مون کي سورهن ڏينهن رهڻو پيو هو. جڏهن مان پهريان انهيءَ تومن۾ پير پاتو هو تڏهن جيڪر سورهن ڪلاڪ رهڻ به پسند نه ڪيان ها. اسان سان ڪُل مون سوڌا پنج ڄڻا هئا. ڪنهن کي به زبردست هٿيار ڪونه هئا. اسان جو آسرو ان خوشقسمتيءَ تي هو ته رستي ۾ ڪو شاهينگ ڪونه گڏبو، نه ته اسان جو ڪو حال ڪونه هو. +تومن کان ٽن ميلن تي اسان هڪ گنبذ ڏٺو. روايت آهي ته اتي هڪ پراڻو شهر هوندو هو جنهن جا رهاڪو اهڙا ته آسودا هئا جو هو پنهجي دنيا خرچ ڪرڻ لاءِ چوني ۾ پاڻيءَ جي بدران کير ملائي جايون ۽ عمارتون ٺاهيندا هئا. انهيءَ اجائي رياءَ ۽ فضول خرچيءَ تي خدا کي ڪاوڙ آئي ۽ شهر تي الاهي قهر نازل ٿيو، آهستي آهستي ويو ڦٽندو تان جو نالو نشان به نه رهيس. هن وقت گنبذ کان سواءِ انهيءَ خيالي شهر جي ٻي ڪابه نشاني نه آهي. گنبذ سچ پچ هڪ عجيب قسم جو آهي. اهو پهاڙن کان پري وچ ريگستان ۾ ٺهيل آهي. هت جبل ڏکڻ طرف پري هليا وڃن ٿا. مان گنبذ جي ايترو ويجهو ڪونه هوس جو چئي سگهان ته ڪهڙي طرز تي ۽ ڇا جو ٺهيل آهي يا هن ملڪ جي هن وقت جي جاين جهڙو آهي يا نه، پر ان جي معماري ڪا خاص نظر نه پئي ائي، پر مراد چيو ته ان تي جو چوني جو ڪم ٿيل آهي سو ڏسڻ جي لائق آهي. چوني جو پلستر اهڙو سخت آهي جهڙو سنگمرمر. ٿورو اڳتي مون کي رستي جي پاسي کان تمام وڏا پٿر هڪٻئي کان ويهن- ٽيهن گزن جي مفاصلي تي رکيل نظر آيا. مون پڇيو مان ته هنن جي معنيٰ ڇا آهي. نهايت خاطريءَ سان جواب ڏنائون ته اهي رستم[8] پنهنجي خاص پياري گهوڙي جي تيز رفتاري جي يادگيري تازيءَ ڪرڻ لاءِ اتي رکيا هئا. ان تي مون کي کِل ائي، خير اهي پٿر اتي ڪهڙي به مقصد سان آندا ويا هجن پر اهو ظاهر آهي ته انهن کي ويجهي ۾ ويجهي جبلن تان آڻڻ ۾ سخت زحمت ۽ خرچ ٿيو هوندو. انهن مان ڪي وزن ۾ ڪيترا ٽن هئا ۽ ماپ ۾ ڇهه- چورس وال. +اڄ اسان سورهن ميل پنڌ ڪيو، ملڪ وارياسو ۽ سڌو هو، اسان شام جو ترسياسين. سامهون ساڍن ٽن ميلن تي وڏا جبل هئا. ريگستان جي وٽ سان جي جبل هئا سي اڪثر رستي تي اسان کان اَٺ- نو ميل اولهه طرف هئا ۽ اسان جي سڄي پاسي کان ٽُڪر ٽُڪر تي واريءَ جا دڙا هئا. اڌ پنڌ تي ڪاريز نالي هڪ ڦٽل ڳوٺ ڏٺم. ان کي ويجهي مٺي پاڻيءَ جي هڪ کُهي آهي جتان اسان رات لاءِ ڪجهه پاڻي کنيو. اتي مون کي اُٺن جا ڪيترا گَلا نظر آيا. اُٺن کي گز[9] ۽ شنز[10] چارڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيندا آهن. اهي ٻيئي وڻن جا قسم هن پٽ ۾ جام ٿيندا آهن. جتي اسان شام جو منزل ڪئي، اتان اسان گزهگي بروهين جي هڪ تومن مان دونهون نڪرندي ڏٺو، پر اهو تومن اسان کي پري هو تنهنڪري اسان اوڏهين لڙي ڪونه وياسين. +هتي مان نوشڪيءَ علائقي جي سرحد تي هوس. نوشڪيءَ متعلق مون کي وڌيڪ ڪجهه چوڻو ڪونه آهي. مان اڳي ئي لکي آيو آهيان ته اتي نهروئي بلوچن جي رخشاڻي نالي ذات رهندي آهي. انهن جو سردار عيدل خان آهي. هو سٺ ورهين جو آهي ۽ گهڻيون خوبيون اٿس. جي هو لالچي نه هجي ها ته هوند پنهنجن هموطنين ۾ هڪ ممتاز درجو حاصل ڪري ها. هن کي فقط هڪ آمدني جو ذريعو آهي، سا آهي هڪ جانڊاهه جا قيصر نديءَ جي پاڻيءَ تي هلندي آهي. پر نديءَ ۾ ٻاروهي پاڻي ڪونه هوندو آهي، تنهنڪري جانڊاهه جي آمدني شڪي هوندي آهي. نوشڪيءَ جي تومن ۾ ٻه سؤ گهيڏڻ آهن جن جو اڳي ئي ڪيترا ڀيرا احوال ڏنو ويو آهي. مون ٻه دفعا سردار جي گهيڏڻ ۾ اندر وڃي ڏٺو. اهو ٻين گهيڏڻن کان مختلف هو وچ ۾ چُلهه هئي، ان جي ٻن پاسن کان ٽيڪ لاءِ ڇهه فوٽ اونچون ڀتيون ٺهيل آهن. ڀتين تي غاليچا ٽنگيل آهن ۽ اندر ڏاڍو اڇو اجرو اٿن. ڇت سڄي تي ڪٽنب جون بندوقون، تراريون ۽ ڍالون ٽنگيون پيون هيون. تومن ۾ ڇهه هندو دوڪاندار آهن. جن کي ايتري همت ٿي آهي جو پنهنجون زالون ۽ ٻار وٺي آيا آهن، پر کين سندن محافظن بلوچ رضاڪارن مان هروقت خطرو رهندو آهي. هنن کي پنهنجي مهمان نوازيءَ ۽ وعدي وفائيءَ، خاص ڪري سندن بهادري ۽ وفاداريءَ متعلق فخر هوندو آهي، ۽ ان ۾ هو حق بجانب به آهن. جڏهن نوشڪيءَ ۾ فصل مارجي ويندو آهي جو ڏهن مان نوَن سالن ۾ مارجي ويندو آهي تڏهن هو گرم سيل ۽ ڪڇ گنداوا مان اَن گهرائيندا آهن، بلڪ هو هر سال اَن اتان آڻيندا آهن. +26- مارچ: مان اڄ ڇهين بجي صبح جو روانو ٿيس. رات بخار آيو هو تنهنڪري طبيعت ٺيڪ نه هئي. ٽي ميل هڪ ميدان مان پنڌ ڪيوسين. پوءِ هڪ پهاڙي پيچرن مان لنگهي اچي ٽڪرين ۾ پياسين؛ تنهن کان پوءِ جلدئي وڏن جبلن تي چڙهياسين، جي پهاڙن جي وڏيءَ قطار جي شاز آهن. اسان جبلن جي وٽ يا پهاڙي ماٿرين مان سترهن ميل پنڌ ڪري بالي نديءَ جي پيٽ ۾ پهتاسين جا قريباً سڪل هئي. اسان نديءَ مان يا ان جو ڪپر وٺي ڇهه ميل وڌيڪ پنڌ ڪيو. پوءِ اُٺن جي چرڻ لاءِ جاءِ ڳولي پاڻ به ان جي ڀرسان لهي پياسين. اڄ رستو تمام خراب هو. ٻن والن کان ڪٿي به وڌيڪ ويڪرو ڪونه هو. ٻنهي پاسن کان ٽڪر ڀتين وانگر ڪيترا سؤ فوٽ کڙا ٿيا بيٺا هئا. مون ننڍين ننڍين نهرن ۾ ڪيتريون اڇي سنگمرمر جون ڇپون پيون هيون. بالي نديءَ جو پيٽ تمام موڪرو آهي. ان جي حد ريگستان آهي جو نديءَ جي ڪپر وٽ پوٺي وانگر مٿانهون آهي. مان اڄ ڏکڻ- ڏکڻ اولهه جي ڏس ۾ پئي هليس. مفاصلو اوڻٽيهه ميل هو. بالي کان سواءِ ٻين ٻن- ٽن نئين ۾ تمام مٺو پاڻي هو. ڪيترن هنڌن تي سڪل ڪاٺين جا بنڊ پيا هئا. +27- مارچ: مون کي ڪالهه سڄو ڏينهن ۽ رات سخت بخار هو جنهن اهڙو هيڻو ڪري ڇڏيو هو جو اڄ صبح جو اُٺ تي ويهي به نٿي سگهيس. پر سفر اڳيان سهنجو هو. آرام ڪرڻ جو سوال ئي نه ٿي اٿيو، تنهنڪري مان اٽڪل ستين بجي روانو ٿيس ۽ پٺيان مدد لاءِ اُٺ تي هڪ بروهي ويهاريم. مان سڄي ڏينهن ۾ پنجويهه ميل ڏکڻ- اولهه جي ڏس ۾ سفر ڪيو. رستو ته ڪونه هو پر ڪٿي ڪٿي پيچرو لڳو پئي. واٽ بالي نديءَ جي پيٽ مان يا ڪپرن سان جي پوٺا ��ئا، انهن مان ٿي لنگهي. نديءَ کي ور وڪڙ گهڻا آهن، تنهنڪري اڪثر پوٺن تي چڙهڻو پئي پيو. نديءَ جي پيٽ ۾ گهڻو ئي پاڻي هو. ٻٻر[11]، لئي[12] ۽ تاعو[13] جا اهڙا گهاٽا وڻ هئا جو اُٺ انهن مان مشڪلات سان هلي ٿي سگهيا، بلڪ اسان پيادل به نٿي لنگهي سگهياسين. +اڄ شام جو اٽڪل چار ميل اسان جي منزل کان پرتي اسان تمام عجيب ۽ غريب مقبرن جا نشان ڏٺا، جي نديءَ جي اولاهين ڪپر کان اٽڪل چار سؤ گز پرتي ٺهيل هئا. اهي چورسا شڪل جا هئا، ۽ هرهڪ کي پٿر جي عجيب ڪم جي چؤديواري ڏنل هئي جا پريان ڄاريءَ جي خانن وانگر نظر پئي آئي، جنهن کي هڪ پاسي کان ڇڪي نبات جهڙي شڪل ڏني وئي هئي. چؤديوارين ۾ چبوترن جي ايراضي چار يا پنج چورس گز ٿيندي. انهن جو لنگهه ۽ جاين جو لنگهه سڌو اوڀر کان هو. ريگستان ۾ ڪيتري مفاصلي تائين مٽيءَ ۽ پٿرن جا دڙا هئا. مون کي خيال آيو ته لهي انهن جو معائنو ڪجي پر ان وقت برسات پئي پئي، ۽ مان پنڌ ڪرڻ جهڙو نه هوس، تنهنڪري مان اهي چڱيءَ طرح ڏسي نه سگهيس. مون کي انهن تي ڪي ڪتبا لکيل نظر ڪونه آيا. مون پوءِ انهن متعلق پڇا ڪئي پر اهڙو ماڻهو ڪونه گڏيو، جنهن اهي ڏٺا هجن. اڳواڻ فقط ايترو چيو ته هي گبرن[14] جي ڏينهن جا ٺهيل آهن. هن باري ۾ ملڪ ۾ جا غير معمولي يا عجيب شيءِ هوندي آهي ته ان لاءِ ائين چوندا آهن. تنهنڪري ان کي گهڻي اهميت ڏيڻ نه کپي. پر ممڪن آهي ته هن حآلت ۾ اها قياس آرائي صحيح هجي. عمارتن جي طرز، مسلمان يا هندن جي عمارتن جي طرز جهڙي نه هئي، تنهنڪري فطرتاً پارسين[15] جي عمارتن جي طرز جهڙي هوندي. ممڪن آهي ته انهن کان به پراڻي زماني جي هجي. اهي ته جايون يقيناً قديم هيون. اهي مضبوط شين جون ٺهيل هيون، پر سڀ زبون ٿي ويون هيون ۽ ڪِرڻ تي هيون. انهن متعلق مراد خان مون کي هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائي. چيائين ته انهن ۾ جو پٿر ڪم آندل آهي سو هن ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪونه ملندو آهي ۽ جي هجي به ته ڪنهن ڪم ڪونه ايندو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ماڻهن کي اهڙي ڪم ڪرڻ جو حوصلو ڪونه آهي. مون کي خاطري نه آهي ته اهي عمارتون مقبرا اهن يا عبادتخانا. انهن مان هڪ- هڪ ۾ اندر هڪ مٽيءَ جو چبوترو هو، جنهن جي مٿان هڪ پٿر رکيل هو. ان جي شڪل لاشڪ قبر جهڙي هئي پر ممڪن آهي ته اهو آتش ڪده[16] (آگ جي جاءِ) قربانيءَ جي جاءِ آهي. انهن جاين جو تعداد ڏيکاري ٿو ته اهو هڪ قبرستان آهي. +اڌ رات جو هڪ سخت طوفان گجگوڙ سان آيو جو ٻه ڪلاڪ هليو. خوشقسمتيءَ سان اسان جي اچڻ کان ٿورو اڳ ڪجهه برسات پئي هئي. تنهنڪري اسان پنهنجي منزل نديءَ جي ڪپر هيٺان ڪئي هئي، جنهن کي ڪنهن اڳينءَ ٻوڏ کاڌو هو. انهيءَ جهڙي تهڙيءَ اَجهي اسان کي برسات کان بچايو ۽ مون کي آلاڻ کان بچايو، ڇاڪاڻ ته منهنجي ان وقت حالت تمام نازڪ هئي، پر مون کي ننڊ نه آئي. هر وقت اهو خطرو هو ته پاڻي اوچتو چڙهي سڀني کي لوڙهي نه ڇڏي. پر پاڻي چڙهڻ کان اڳ طوفان جهڪو ٿيو، جيتوڻيڪ پاڻي وڏي آواز ۽ زور[17] سان پئي وهيو. +28- مارچ: مون اڄ اٺاويهه ميل ڏکڻ- اولهه جي ڏِس ۾ هڪ ويران پوٺي تان سفر ڪيو. جتي اسان سمهيا هئاسين اتان ٽن ميلن کان ٿورو پرتي باليءَ نديءَ مان هڪ شاخ ڏکڻ- اوڀر طرف نڪري ٿي ۽ سروان کي پاڻي پهچائي ٿي، جو ان وقت مون کان اٽڪل نوَ ميل اوڀر طرف هو. اسان پوءِ نوَ ميل هڪ پَٽ مان پنڌ ڪيوسين، جنهن ۾ ڪيترن هنڌ جهنگ هو ۽ ڪٿي ڪٿي ٻٻر جي وڏن وڻن جا جهڳٽا هئا. اتي بدونديءَ جي سُڪل پيٽ ۾ مٺي پاڻيءَ جي کُهي هئي. اتي هڪ اڪيلي ٻڪرار ٻه- چار ڏٻريون ٻڪريون ٿي چاريون. هن ڳالهه ڪئي ته اتي ويجهڙائيءَ ۾ اڳين ڏينهن تائين نو��يرواڻي بلوچن جو هڪ تومن رهندو هو، جي پاڻيءَ ۽ مال جي چاري جي اڻانگائيءَ سبب خاندان جبلن ڏي لڏي ويا هئا. اسان اتان پنهنجون مشڪون[18] ڀري ٿورو اڳتي هلي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ لٿاسين. سروان جو شهر جو اڄ مون پنهنجي سفر جي دوران ڏٺو تمام ننڍو اهي. منجهس سوَن کان مٿي گهر ۽ جهوپڙيون ڪونه ٿينديون. شهر کي پناهه لاءِ هڪ مورچن سان ديوار جبلن کان اٽڪل ويهه ميل پري ٺهيل آهي. شهر تي اهو نالو جبلن جي نالي تان پيل نظر ٿو اچي. شهر جا بانيءَ غالباً هيءَ جاءِ ان ڪري پسند ڪئي هئي جو اتي ماڻهن لاءِ باليءَ ندي جو مٺو پاڻي هر وقت مهيا آهي. بلوچستان جي هن علائقي ۾ جتي پاڻيءَ جي قلت ڪري قحط ۽ ڏُڪر جي مصيبت هر وقت اکين آڏو هوندي آهي، اتي پاڻيءَ جي موجودگي هڪ وڏي نعمت آهي. سروان جو سردار گل محمد خان قمبراڻي آهي. هو قلات جي خان کي خراج ڪونه ڏيندو آهي، پر هو خان جي سموري ٻن سَون سپاهين جي فوج پنهنجي خرچ تي رکندو آهي. هن جي آمدني ٿوري آهي هن کي موسوم جي آبادي مطابق پيدائش جو حصو ملندو آهي. جيتوڻيڪ زمين زرخيز نه آهي ته به ان مان آدمشماريءَ جي مقابلي ۾ ايتري پيدائش ٿيندي آهي جو ڪڻڪ جا ٽيهه- چاليهه ڪاسا (ڪاسي ۾ سورهن سير ان ٿيندي آهي) هڪ رپئي ۾ وڪامندا آهن. جي فصل ڀلو نه ٿيندي آهي، جيئن سال 1808ع 1809ع ۽ 1810ع ۾ ٿيو هو ته ان علائقي جا ماڻهو جن وٽ اُٺ گهڻا ٿيندا آهن، گرم سيل، ڪڇ گندوا مان اُٺ موڪلي ان جو گهربل ذخيرو اتان گهرائيندا آهن. +سروان کان قلات جو رستو وڃي ٿو ان ۾ جبلن تي هڪ لَڪ آهي، چون ٿا ته اهو اهڙو ڏکيو آهي جو بار وارا اُٺ ورلي اُتان لنگهندا آهن. هو ان جي بدران سروان کان خاران طرفان قلات وڃڻ پسندا ڪندا آهن. اهو ڊگهو[19]، پر سهنجو رستو آهي. +29- مارچ: اڄ مان خوش هوس جو منهنجو دوست، بخار، موڪلائي ويو هو. مان صبح جو ٻج اڀرئي کان اڳ منزل پٽي. ٽيهن ميلن کان وڌيڪ ڏکڻ- اولهه اڪثر جلالان، خرگوشڪي، ڀڳت علائقن مان، جي خاران جي ماتحت ضلعا آهن ۽ انهن ۾ گهڻي آباديءَ جهڙي زمين آهي. انهيءَ زمين جو ڳچ حصو تازو کيڙيو ويو هو، پر ٻج برسات نه پوڻ ڪري سڙي ويو. جي ٽڪر خاص ريج ڏيئي ۽ ٻين مصنوعي طريقن سان آباد ڪيا ويا هئا، سي مڪڙ کائي ويا. غريب ڪڙمي ڀڄي ٽڪرن ۾ هليا ويا. اها هڪ تعجب خيز ڳالهه، پر حقيقت آهي ته اهي زيانخور جيت انهن علائقن ۾ فقط سوڪ ۽ ڏڪر وارن سالن ۾ ايندا آهن. ڄڻ ته هو اچي بربادي مڪمل ڪندا آهن. ان کان به وڌيڪ تعجب جي ڳالهه هيءُ آهي ته هو هميشه ڏکڻ- اوڀر کان ايندا آهن ۽ موٽي به انهيءَ طرف ويندا آهن. تنهنڪري ڏيهي ماڻهو، هنن کي خبر آهي ته اتر- اولهه طرف ريگستان آهي جو اوڏانهن وينداسين ته ناس ٿي وينداسين. اڄ اسان هڪ تمام اونهيءَ کُهيءَ جي ڀرسان لنگهياسين، پر ان جو پاڻي يا ته سڪي ويو هو يا ايترو هيٺ هو رسي پهچي نه پئي سگهي، پر اسان وٽ ڪالهوڪي پاڻيءَ جو حصو اڃا بچيل هو، تنهنڪري فڪر ڪونه هو. +جتي اسان شام جو منزل ڪئي، اتان خاران جو شهر پنجيتاليهه ميل ڏکڻ- اوڀر طرف هو. چوڻ ٿا ته اهو سروان کان وڏو آهي ۽ ان وانگي ڪوٽ ڏنل اٿس. خاران جو علائقو تمام پهاڙي آهي ۽ اهو ساران جي علائقي جي اتر- اولهه سرحد تي آهي.خاران جو سردار عباس خان نوشيرواڻي محمود خان جو خراج باز هوندو هو. چار سال ٿيا ته هن پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. هو وقت تي پنهنجي قوم هو وقت تي پنهنجي قوم جا پنج- ڇهه سؤ سپاهي جنگ جي ميدان ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ نوشيرواڻي ڪارائتا ۽ جانٺا سپاهي سمجهيا ويندا آهن. خاراني اُٺ ان سڄي تَرَ ۾ طاقت ۽ پنڌ لاءِ مشهور آهن. انهيءَ ڪري هنن جي مالڪن کي ڦُرين لُٽين ڪرڻ ۾ پنهنجن پاڙيسرين کان گوءِ حاصل هوندي آهي. +30- مارچ: مان اڄ فقط ساڍن سترهن ميلن جو سفر ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ ته هڪڙي هنڌ مون کي چار ڪلاڪ ترسڻو پيو جو اتي خوشقسمتيءَ سان پرهه بروهين جو هڪڙو ٽولو ملي ويو. انهن مان هڪڙي، ٿوري خرچيءَ تي قبول ڪيو ته سڀاڻي مون کي ريگستان متعلق ڏاڍو پريشان هوس، ڇاڪاڻ ته مراد کي رستي جي خبر نه هئي. جڏهن اسان کي ٻيو ماڻهو مليو تڏهن هن قبول ڪيو ته مان اڳي اُتر طرف ايترو پري ڪڏهن ڪونه آيو آهيان. اسان رستي ۾ پنهنجون پخالون هڪ برسات جي ميري پاڻيءَ جي چشمي مان ڀريوسين. رات ريگستان ۾ گذاريسين. ريگستان اڳيئي سمنڊ جي لهرين وانگر نظر پئي آيو. +فصل- 9 +31- مارچ: اڄ اسان چئين بجي تائين اٺن تي سوار ٿي وياسين. پنج ميل اولهه- ڏکڻ پنڌ ڪري وڃي هڪ کُنهيءَ تي پهتاسين، ريگستان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جيڪي ٿانوَ ٿپا هئا سي سڀ پاڻيءَ سان ڀرياسين. هيءُ کوهه گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سؤ فوٽ اونهون قريباً چورسو ۽ ڇهه فوٽ موڪرو هو. کوهه جون ڀتيون ٻارهن فوٽن تائين ڪچيون هيون، جنهنڪري انهن کي کجيءَ جي ٿڙن جون ٿوڻيون ڏنل هيون. انهن ٿوڻين مٿان جهل لاءِ کجيءَ جي ٿڙ جون ٿوڻيون ڏنل هيون. انهن ٿوڻين مٿان جهل لاءِ کجيءَ جي ٿڙ جون ڪامون سڌيون رکيل هيون، مٿان هڪ ڪنڊ ۾ بالٽيءَ يا ٽامي جي ديڳڙيءَ سان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هڪ خال هو نهايت تعجب ۽ ڏک جهڙي ڳالهه هئي ته جيتوڻيڪ کوهه اهڙو اونهون هو ته به ان جو پاڻي اهڙو کارو هو جو بلڪل پيئڻ جهڙو نه هو. +سج ڪني ڪڍي ته اسان به کوهه تان سج اڀرڻ مهل روانا ٿياسين. ستاويهه ميل سفر ڪيوسين، جنهن جو ڳچ حصو پيادل پنڌ ڪيوسين. ڳاڙهي واريءَ ئي واري هئي. واريءَ جا جزا اهڙا ته سنهان هئا جو هٿ ۾ پيا کڻجن ته ڄڻ معلوم ئي نه ٿي ٿيا. هوا جي زور تي واريءَ جون ڏنگيون ڀٽون ٺهي پيون هيون. ڀٽون اوڀر کان اولهه پئي ويون ۽ ڏهن کان ويهن فوٽن تائين اونچيون هيون. هوا اتر- اولهه کان لڳندي آهي. اڪثر ڪري ڀٽون هوا جي مخالف طرف کان سڌيون اڀيون هيون ۽ پريان تازين سرن جي ڀتين ٿي ٿئي ۽ سندس سلامي وڃيو ٻي ڀٽ سان ملي. وري ٻي ڀٽ ساڳئي نموني ۾ سڌي اڀري ٿي، ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ٿورو رستي وانگر مفاصلو ٿئي ٿو. مان جيتريقدر ممڪن هو ته ڀٽن جي وچان پئي هليس. پر جڏهن ڀٽون ٽپڻيون ٿي پيون، تڏهن اُٺن کي سخت تڪليف ۽ ٿڪ پئي ٿيو، خاص ڪري جڏهن ڀٽن تي هوا جي مخالف طرف کان چڙهڻو ٿي پيو. بعضي بعضي ته اسان ڀٽن تان نه به وئي ٽپي سگهياسين ۽ ڦري ٻيو رستو وٺڻو پئي ويو. سلاميءَ واري پاسي کان اٺ سولائيءَ سان چڙهي سگهندا آهن. اُٺن جا پير موڪرا ٿيندا آهن. تنهنڪري هو اسان وانگر واريءَ ۾ پورجي ڪونه ٿي ويا. جي انهن جي بار ڪري ڀٽ جي چوٽي ويهجي ٿي وئي ته هو به چالاڪيءَ سان جهڪي ٿي پيا ۽ آهستي آهستي واريءَ سان گڏ هيٺ گسڪندا ٿي آيا. واري خوشقسمتيءَ سان ڄميل نه هئي، جنهنڪري پهرين اُٺ جي ترڪڻ ڪري ٻين اُٺن جي چڙهڻ لاءِ رستو ٺهي ٿي پيو. اڄ سفر جي پوين ڏهن ميلن ۾ ڪابه ساوڪ ڪانه هئي. فقط ڪٿي ڪٿي ڪي تاعو[20] جا ننڍا وڻ ۽ هڪڙو ڳاڙهن گلن سان تيز خوشبوءَ وارو وڻ جنهن کي بلوچڪيءَ ۾ سرڪوه[21] چوندا آهن هئا منهنجو سونهون هڪ جبلن جي قطار جا ڪٿي ڪٿي پريان ڏکڻ طرف نظر پئي آئي جي آڌار تي پئي هليو. مان جيستائين اوندهه نه ٿي تيستائين نه بيٺس، ڇاڪاڻ ته منهنجو خيال هو ته ريگستان مان جيترو ٿي سگهي اوترو جلد نڪري وڃڻ گهرجي. اسان رات هڪ واريءَ جي ڊپ جي اوٽ ۾ گذاري، جتي سخت گرمي ۽ حبس هئي. +1- اپريل: مان اڄ ڳالهه جهڙي ريگستان مان ويهه ميل پنڌ ڪيو، اهي ئي مشڪلاتون درپيش آيون. پر اسان خواهه اسان جي اٺن کي جا واريءَ جي اڏامندڙ ذرن تڪليفن ڏني، تنهن جي مقابلي ۾ اهي مشڪلاتون تڇ به نه هيون. انهيءَ لقاء جو سبب ڪونه ڳولهي لڌو آهي. مان جڏهين اهو پهريون ڏٺو ته ان وقت ڏهه لڳا هئا. ريگستان اٽڪل اڌ ميل پرتي ڀٽن جي چوٽيءَ کان اٽڪل ڇهه يا ٻارهن انچ مٿي سڌو پوٺي وانگر نظر پئي آيو. اسان جيئن ويجها پوندا وياسين، تيئن اهو ڌنڌ پوئتي هٽندو ويو. هڪ- ٻه دفعو ڌنڌ اسان کي ويڙهي ويو ۽ افق ڄڻ ته سسي ننڍو ٿي ويو. اُداسائي ۽ هڪ قسم جي سستي دل تي طاري ٿي وئي، ساڳئي وقت خبر نه پئي ته اسان واريءَ جي نامعلوم ذرن سان ڍڪجي وياسين. واري اسان جي اکين، واتن ۽ ناسن ۾ گهر ڪري وئي ۽ خارش ٿيڻ ۽ اڃ لڳڻ شروع ٿي. صبح جي گرميءَ ويتر وات سڪائي ڇڏيو منهنجو بروهي سونهون جو هڪ اڻسڌريل وحشي هو، پر اسان سڀني کان مڪاني ڳالهين جي وڌيڪ خبر هيس، تنهن چيو ته منهنجو ۽ منهنجن هموطنين جو خيال آهي ته اهو لقاءُ هن ڪري ٿيندي آهي جو ريگستان جي دز سج جي ڪرڻن جي ڪري مٿي هوا ۾ اڏامي ترندي اهي. منهنجو آزمودو به ائين ٿو چئي ته اهو سبب گهڻي قدر صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته اهو واريءَ جو سمنڊ فقط شديد گرميءَ جي وقت[22] نظر ايندو آهي. شايد ائين سمجهڻ ۾ اچي ته هي مايا آهي. مان هي لقاءُ سراب جنهن کي فرانسيسي سياح رُڃ چوندا آهن ۽ جا ريگستان ۾ عام نظر ايندي آهي، ٻئي ساڳئي وقت مختلف طرفن ۾ ڏٺيون آهن ۽ هو ٻئي هڪٻئي کان بلڪل مختلف هوندا آهن. پهريون لقاءُ ڪَڪر وانگر ڌُنڌ جي صورت اختيار ڪندو آهي. پر رُڃ روشن هوندي آهي ۽ پاڻي جهڙي نظر ايندي آهي. مون کي پوءِ هڪ ڪابل جو فقير گڏيو جنهن منهنجي تصديق ڪئي. هو سيستان کان ريگستان کان آيو هو. هن چيو ته مان به متحرڪ واري ڏٺي آهي، ۽ اها جيڪا تون ڳالهه ڪرين ٿو تنهن کان به زياده گهاٽي هئي. مون کي دز جو ڪَڪر ويرهي ويو، ايتريقدر جو مون کي ڪجهه وقت ويهڻو پيو هو. +خير مان هاڻي وري پنهنجو روزنامچو شروع ڪيان ٿو. اسان اڳينءَ منزل کان سورهن ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ بودور[23] نالي هڪ سُڪي نديءَ جي اوڀاري ڪپ تي پهتاسين، اها گهٽ ۾ گهٽ پنج سؤ گز ويڪري هئي ۽ ڏکڻ- اوڀر وٺي سمنڊ جي طرف پئي وڃي. ان جو پيٽ ڪيترن هنڌ مختلف قسمن جي وڻن ۽ گهاٽي جهنگ سان ڀريل هو، جنهن ۾ بگهڙ، گدڙ ۽ ٻيا جهنگلي جانور هئا. اسان ساڄي ڦِري، پنج ميل اُتر- اولهه وڃي هڪ نديءَ وٽ پهتاسين، جتي ٿورا مهينا اڳ ريگڻ[24] نالي هڪ ڳوٺ هو. ڪهڙو نه موزون نالو آهي، ڳوٺ جا ماڻهو ڏڪر سبب گرمسيل لڏي ويا هئا. گرم سيل جو علائقو ڳوٺ جي اُتر- اولهه طرف آهي. اسان نديءَ جي اولاهين ڪپ تي ترسياسين ۽ گهڻيءَ تڪليف کان پوءِ پيٽ کوٽي ٻه مشڪون پڻيءَ جون ڀري ڪڍيونسين. منهنجي خيال ۾ ڪالهه جو اسان کُهي کان ريگڻ رستو وٺي آيا هئاسين، سو قريباً اولهه طرف هو، پر اسان جي سونهين کي ڊپ هو ته رستو ڀلجي نه وڃون. تنهنڪري هو ڏکڻ جو طرف ڏيئي پئي هليو، جتان بعضي بعضي جبل نظر پئي آيا. +2- اپريل: مان ريگڻ مان پرڀات وقت نڪتس. ايڪيهه ميل پنڌ ڪيوسين. شام جو ٽين بجي لهي پياسين. ريگستان ايترو وارياسو نه هو. ڪٿي ڪٿي سخت ڪارو ڪار هو. وڻڪار بلڪل ڪانه هئي. هڪ ڪانڊيرو به نظر نه پئي آيو. منهنجي سفر جي آخر ۾ مون کي اڳيان صاف ڏکڻ- اولهه کان اُتر- اولهه چوڌاري هڪ اونچن جبلن جي قطار نظر پئي آئي. اسان جڏهن اُٺن تان لٿاسين، تڏهن منهنجي سونهين جبلن ۾ هڪ خال ڏيکاريو، جنهن مان اسان کي لنگهي هن ويران ملڪ مان پار وڃڻو هو. +شام جو سخت طوفان سان گڏ برسات آئي، جا اڌ ڪلاڪ سانده پوندي رهي. برسات جيئن پيئي ٿي، تيئن زمين پاڻي چهندي ٿي وئي. برسات اوچتي آئي هئي. مون کي جيڪڏهن سونهون نه ٻڌائي ها ته مينهن زور سان پوندو ته اسان کي جيڪر ڏاڍي تڪليف ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته اهڙي سخت برسات شروع ٿيڻ کان اڳ آسمان صاف هو. فقط اتر- اولهه طرف ڪا هڪ- ٻه ڪڪري هئي، اسان کي فقط چتاءُ اهو مليو جو هوا ۾ مونجهه ۽ حبس ٿي ويئي ۽ چوڌاري انيڪ واچوڙا لڳڻ شروع ٿيا. پوءِ واچوڙا ڄڻ ته جادوءِ جي زور تي اوچتو بند ٿي ويا ۽ پريان آنڌي نظر آئي. بلوچ هڪدم چيو ته اُٺن تان لهي پئو. اسان اڃا لهي اُٺن جي اوٽ ۾ مس ويٺاسين ته طوفان اچي زور سان مٿان ڪڙڪيو، وڏڦڙو مينهن شروع ٿي ويو. ايڏا ڦڙا مون ڪٿي پوندي ڪونه ڏٺا آهن. اوندهه انڌوڪار ٿي ويو، پنجن قدمن جي مفاصلي تي ڪجهه نظر نه پئي آيو، مراد پنج قدم منهنجي اڳيان ويٺو هو. طوفان جي لڳندي مون منهن مٿي ڪيو ته مراد مون کي نظر ڪونه آيو، مون سمجهيو ته هو سري ڪٿي ٻئي هنڌ ويٺو آهي. پر برسات پوري ٿي ته ڏٺم ته هو اتي ئي ويٺو هو اهڙي قسم جا طوفان هتي عام لڳندا آهن. لڳڻ وقت خراب معلوم ٿيندا آهن، پر انهن مان فائدا به آهن هو هوا کي ٿڌو ۽ صاف ڪن ٿا. نه ته هوا برداشت ڪرڻ جهڙي نه هوندي آهي. برسات هوندي به گرم موسم ۾ جون کان سيپٽمبر تائين سخت تڪليف هوندي آهي. +[1] . ذات جو نالو. +[2] . اسان کي سڀڪو ڀاءُ سمجهندو هو. +[3] . شاستري ناگري اکرن جو هڪ قسم آهي. شاستري انڪري سڏبي آهي، جو ان ۾ ڪي شاستر لکيل آهي. +[4] . سنڌ جي گادي. +[5] . سانواري ڪمپنيءَ جو عملدار، نڪولس هئڪي سمٿ. ڏسو فصل 8، ڀاڱو 2. +[6] . تيلنگي تيلنگانا ۽ اترين علائقن ۾ ڳالهائي ويندي آهي. +[7] . ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ انڪار ظاهر ڪرڻ جو عام اشارو. +[8] . فردوسيءَ جي مشهور نظم، شاهنامي جو هيرو. +[9] . لئي. +[10] . انگريزي نالو. +[11] . انگريزي نالو. +[12] . انگريزي نالو. +[13] . تاعو ۽ لئي ڪاٺيءَ جو هڪ قسم آهي. جنهن جو ڪو نباتي قسم مون ڪونه ڏٺو آهي. مون اهو وڻ بلوچستان کان ٻاهر ڪٿي ڪونه ڏٺو آهي. اهو لئيءَ جهڙو آهي پر ڇوڏا ۽ پن ڦڪي رنگ جا هوندا اٿس ۽ مٿان هڪ قسم جو ٻورو لڳل هوندو اٿن. +[14] . گبر، زردشت جي امت کي چوندا آهن. +[15] . انهن ماڻهن جو جديد نالو پارسي آهي. هو ايرانين کان، جي مسلمان آهن، مختلف آهن. +[16] . باهه جي پوڄا جو مندر- گبر، باهه کي خدا جو ظهور ڪري پوڄيندا آهن. هندستان ۾ ڪيترا اُتشڪده آهن. ايران جي شهر يزد، جنهن کي دارالعبادت جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. تنن ۾ گبرن کي پنهنجن آتشڪدن رکڻ جي اجازت آهي. هنن جو چوڻ آهي ته ان جي مقدس اگني زردشت جيزماني کان وٺي هلندي آئي آهي. انهيءَ رعايت جو سبب ايران سرڪار جي طمع آهي ۽ نه فراخدلي. سرڪار کانئن پنجويهه رپيا ماڻهو تي اخراج وٺندي آهي. +[17] .اهي ٻوڏيون عام ۽ خطرناڪ هونديون آهن. مون ڏٺو آهي ته هڪ معمولي ڪسي ڏهن منٽن ۾ خوفناڪ نين جي صورت اختيار ڪندي ۽ ملڪ کي ٻوڙان ٻوڙ ڪندي آهي. +[18] . چم جون پخالون. +[19] . 29- تاريخ جو روزنامچو ڏسو. +[20] . ڏسو 27 صفحو- تاريخ جو روزنامچو حاشي. +[21] . لفظي معنيٰ جبل جي چوٽي. مون کان ان جو انگريزي نالو يا ڪيفيت ڪانه ٿي سگهي آهي. +[22] . انهيءَ متحرڪ واريءَ لاءِ سولي ۾ سولو جو مون کي خيال ۾ اچي ٿو سو هي آهي، جيتوڻيڪ خاطري سان نٿو چئي سگهجي ته اهو صحيح آهي يا نه ريگستان ۾ سخت واچوڙا لڳندا آهن. اهو واچوڙو جڏهن لڳي پورو ٿيندو آهي، تڏهن هوا جي هڪ جهوٽي جي صورت اختيار ڪندو اهي. هوا ڪيتري ايراضيءَ ۾ پکڙجي ويندي آهي ۽ ڏاڍي زور سان لڳندي آهي ۽ شام جو گهڻي واري اٿاريندي آهي. پوءِ هوا جو جهوٽو جڏهن بند ٿي ويندو آهي، تڏهن اها واري، جا اٿاري هئائين سا ڪِرڻ شروع ڪندي آهي ۽ اهو لقاءُ نظر ايندو آهي. ڪو شايد پڇي ته واري جڏهن ڪِرندي آهي ته پوءِ سموري ڇو نه اچي ڀٽن تي پوندي آهي. ان جو جواب آهي ته واريءَ جا ٿلها جزا ڪِري پوندي اهن پر سنهي دز کي سج جا تيز ڪِرڻا اهرو هلڪو ڪري ڇڏيندا آهن جو اهي ڄڻ ته هوا ۾ پيا لڏندا رهندا ۽ ڳڻتيون کائيندا آهن، تان جو گرمي گهٽ ٿيندي آهي ۽ دز پنهنجو ميزان وڃي وٺندي آهي ۽ طبعي قانون مطابق زمين تي ڪِري پوندي آهي. ڏسڻ ۾ ايندو ته هي سبب مڪاني بروهين واري ڏنل سبب سان ڪجهه قدر ٺهڪي اچي ٿو. پر جي ائين هجي ته پوءِ جڏهن سج جي تابش تيز ٿئي، تڏهن اها دز نظر اچڻ کپي. پر ائين نه آهي، تنهنڪري ڪو ٻيو بنيادي سبب ڳولهي لهڻ کپي. +[23] . مان بودور نديءَ ۽ ان جي فرضي منهن تي هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ بحث ڪيو آهي. +[24] . واري. + + +انهيءَ عرصي ۾ هن ريگستان ۾ اهڙو تيز ۽ موتمار جهولو لڳندو آهي جو ڪابه شيءِ ۽ جاندار يا نباتات ان جي زد ۾ اچي وئي ته مري ويندي آهي. تنهنڪري انهيءَ واٽ جنهن تان مان لنگهيو هوس ڪو ڪونه ايندو ويندو آهي. بلوچستان ۾ گرم هوا کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي جهڙوڪ جلوت يا جلو (جهولو) يعني شعلو يا باد سموم يعني روڳي هوا. اها اهڙي ته موتمار هوندي آهي جو اُٺ ۽ اهڙا ٻيا مضبوط جانور به مري ويندا آهن. مون کي چشم ديد واقعن مان ٻڌايائون ته انسان جي جسم تي ان جو اثر نهايت گهاتڪ هوندو آهي. بدبخت انسان جي بدن جا پٽ ڇڪجي سخت ٿي ويندا آهن. چمڙي سڪي ويندي آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ گوشت پيو ٿو سڙي، آخر بدن ۾ اونهان گهاءَ ٿي پوندا آهن ۽ خون ڇڪجڻ شروع ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح آخر هن جا دک پورا ٿيندا آهن. ڪن حالتن ۾ ماڻهو اوچتو ساهه ڏيندا آهن. ٻيا بدنصيب ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلڪ ڏينهن انهن عذابن ۾ پيا چِڪندا ۽ چُڙندا آهن. اها مصيبت ان ڪري به وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي جو ان جي اچڻ جي اڳواٽ خبر نه پوندي آهي. مون ڪيترن بلوچن کان ان متعلق پڇا ڪئي. چيائون ته والله اعلم! پر اسان ٻڌو آهي ته انهيءَ باد لڳڻ کان اڳ ساهه منجهندو آهي ۽ اکيون سڙنديون آهن. ان وقت علاج آهي ته پاڻ کي ويڙهي سيڙهي اونڌو ٿي سمهي پئجي، تعجب آهي ته ڪهڙو به سنهون ڪپڙو جسم کي باد سموم جي خراب اثر کان بچائيندو آهي. +3- اپريل: منهنجي اڳيان وڏو سفر هو. تنهنڪري مون فيصلو ڪيو ته اڌ رات جو نڪرجي. سونهين چيو ته مون رستو ڏٺو آهي. تحقيق جيڪڏهن هن کي خبر هجي ها ته اسان کي ڪهڙي ڏس ۾ سفر ڪرڻو آهي ته هو ڪڏهن به چوڪ نه ڪري ها، ڇاڪاڻ ته هاڻي واري ختم ٿي ٿئي ۽ ريگستان جو روپ بدلجي ويو هو. ڪارو ڪلر هو. نڪو ڪانڊيرو هو نه پٿر سنئون ميدان لڳو پيو هو. ڪا اٽڪ ڪانه هئي. ان هوندي به اسان پنج سؤ گز مس ڪياسين ته آسمان مان سهي ڪيو ته جتي اسان منزل ڪئي هئي ان جاءِ کي اڳيئي ٽي- چار چڪر لڳائي چڪا هئاسين. هاڻي اسان سڀ منجهي پياسين، مون خيال ڪيو ته صبح تائين ترسي پئجي. پوءِ چيم ته مون کي خبر آهي ته جبل ۾ لڪ ڪٿي آهي. قطب نما[1] جي سئيءَ ڏسڻ سان شايد معلوم ٿئي ته ڪهڙي طرف هلڻو آهي، پوءِ مون مون قطب نما جو شيشو ڪڍي قطب نما ساڄي هٿ ۾ جهلي ڦيري پاتم جيستائين اُتر منهنجي اڱوٺي جي سامهون ٿيو، پوءِ اولهه منهنجي سامهون هو، مان ستارا ڏسي چيومان ته اچو ته هاڻي مان ٿو توهان کي رستو ڏيکاريان. مراد ۽ بروهيءَ ٻنهي جو خيال هو ته اها ڪوشش اجائي آهي، پر منهنجي هندستاني نوڪر جنهن جو مون ۾ ڪلي اعتماد هو، هن جو رخ ڏسي ٻين به منهنجي رٿ قبول ڪئي تنهنڪري اسان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو، پرهه ڦٽيءَ مهل ڏٺوسين ته اسان سڌي رستي تي هئاسين، جتي اسان جو اڳواڻ منجهند مهل پهچي ها ۽ جبل کي تيرهن ميل ويجهو هئاسين. منهنجن دوستن جن کي خبر نه هئي ته قطب نما ڇا ٿيندو آهي تن جي نظر ۾ هي معمولي ڳالهه هڪ معجزو هو. پندرهن ڏينهن کان پوءِ اهو واقعو مون هڪ ماڻهوءَ جي واتان ٻڌو، جنهن کي مراد هيءَ ڳالهه منهنجي دانائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ ٻڌائي هئي. +اسان شام جو ستين بجي تائين يڪساهيءَ سفر ڪندا رهياسين ۽ اٺيتاليهن ميلن کان به زياده پنڌ ڪري وياسين. منهنجي مرضي اڃا اڳتي هلڻ جي هئي پر منهنجا ماڻهو ۽ اُٺ اڄوڪي ۽ گذريل ٻن ڏينهن جو پنڌ ڪري ٿڪجي پاهه ٿي پيا هئا، مون پنهنجن ماڻهن سان مشورو ڪيو. فقط مان ئي ان ڳالهه جي فائدي ۾ هوس ته جبلن کي پهچڻ کان اڳ ساهه نه پٽجي. وڏي مصيبت ته اها هئي جو کاڌو کُٽي ويو ۽ پاڻي، جو اسان وٽ هو سو هن منزل ڪرڻ کان اڳ اسان ورهائي ڇڏيو هو. تنهن ڪري اسان جي سڄي رات ٿَڪ، بک ۽ اُڃ ۾ واجهائيندي گذري، مون کي فقط اُڃ جي ڪري تڪليف ٿي، پر پاڻ ۽ ٻين کي دلاسو ڏئي خوش ڪيم ته صبح جو اسان کي اهي سڀ ضروري شيون ملنديون ۽ آرام حاصل ٿيندو. +4- اپريل: اسان ٻارهن ميل پٿرين سان ڇانيل ريگستان ۽ ويران ٽڪرين مان پنڌ ڪري ڪِلوگن جي ڳوٺ پهتاسين جو مڪران جي هڪ سوڙهي ۽ دلڪش واديءَ ۾ آهي. نوشڪي ڇڏڻ وقت مون جلڪ جي شهر وڃڻ جو خيال ڪيو هو جو ڪلوگن کان چوڏهن ميل اُتر طرف آهي. پر مون کي خبر پئي ته مراد سردار جي ڌيءَ سان پرڻيل هو سو مون کي هت وٺي آيو هو. ڳوٺ کان اڌ ميل ٻاهر مرد چيو ته تون کجين جي وڻن جي ڇانوَ ۾ ترس ته مان وڃي سردار کي تنهنجي اچڻ جو اطلاع ٿو ڪيان. مون ان ڳالهه تي اعتراض ورتو جو سمجهيم ته ان ڳالهه مان منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي، پر مراد چيو ته هي هن ملڪ جو رواج آهي. ان کان پوءِ مان به هن ملڪ ۾ ان تي عمل ڪندو هوس. مراد جلد موٽي آيو، چيائين ته سردار جنهن جو نالو هن مير خداداد ڪري ٿي ورتو، تنهن جي مرضي هئي ته تون پاڻ کي پيرزادو[2] ڪري سڏاءِ نه ته مان توکي پنهنجي گهر ۾ پناهه نه ڏيئي سگهندس. مراد وڌيڪ چيو ته هاڻي تون ائين نه سمجهه ته ڪو تون خان[3] جي ملڪ ۾ آهين. هن ملڪ ۾ خان جي ملڪ جهڙو انتظام ۽ سلامتي نه آهي. اسان هاڻي مڪران ۾ آهيون جتي هرهڪ آدمي ٿورو ذات جو آهي ۽ جتي ماڻهو ڀائرن ۽ پاڙيسرين کي به ڦرڻ کان ڪين ٽرندا آهن، تنهنجو نالو مسافريءَ لاءِ تمام خراب آهي. ڪير اعتبار ڪندو ته هڪ سوداگر جي نوڪر کي سامان سڙو يا گهٽ ۾ گهٽ سامان خريد ڪرڻ جو وسيلو ڪونه آهي. انهيءَ صلاح لاءِ مون کي مراد جي نيت خراب ڪانه سمجهڻ ۾ آئي. هن جي ڳالهه ۾ البت ڪجهه وڌاءُ هو، پر جيئن نوشڪيءَ ۾ پوڙهي سردار چيو هو ته ان ۾ گهڻو سچ هو. وڌيڪ صلاح مصلحت لاءِ وقت ڪونه هو، تنهنڪري مون هڪدم پاڻ کي پيرزادو سڏائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي نالي مطابق پيرزادن جهڙي روش اختيار ڪيم. +ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ مان مسجد جي در تي لٿس جتي مراد مون کي پنهنجي سهري سردار ۽ ٽن- چئن مُلن سان- قلات جو پيرزادو جو هاڻي حج تي وڃي رهيو آهي، تعارف ڪرايو. سردار چيو ته معاف ڪجو جو توهان کي مسجد ۾ رهايان ٿو. مهمانخانو رهڻو جهڙو نه آهي پر مان تنهنجي لاءِ هڪ خالي گهر صفا ڪرايان ٿو. مون چيومانس ته مان توهان جي ڳوٺ ۾ ٿورو وقت آهيان، ڪهڙي به جاءِ هجي سا ٺيڪ آهي. ٿوري وقت آهيان، ڪهڙي به جاءِ هجي سا ٺيڪ آهي. ٿوري دير کان پوءِ هو ۽ ٻيا رونشي ڪوڏيا ماڻهو جي اچي گڏ ٿيا هئا سي هل��ا ويا ۽ مون کي آرام ڪرڻ لاءِ ڪلاڪ- ٻه مليا. شام جو مون کي پنهنجي نئين حويليءَ ۾ وٺي ويا. اها ٻن ڪمرن سان ڪکائين جهوپڙي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ سردار اسان لاءِ ڪجهه کاڌو موڪليو، جو ڏسي اسان ڏاڍا خوش ٿياسين، ڇاڪاڻ ته اسان ٽيهه ڪلاڪ فاقو ڪڍيو هو. رات جو وري مون کي ڪجهه بخار ٿيو. مان اتفاق سان سردار سان اها ڳالهه ڪئي، هن مون کي زورن[4] ڏيڻ لاءِ پنهنجو هڪ ٻانهو موڪليو، جنهن کان مون کي گهڻو آرام پهتو. هو زور ڏيندو رهيو تان جو ننڊ وٺي ويم. صبح جو مان اٿيس ته بلڪل تازو توانو ۽ تندرست هئس. +5- اپريل: صبح جو سردار وري اسان لاءِ ٻاجهريءَ جي ماني ۽ لَسي موڪلي. ناشتي کان پوءِ مون مراد کي پاسي ڪري مختصر لفظن ۾ چيومانس ته مان ڪلو گن ۾ هڪ- ٻه ڏينهن کان زياده نه ترسي سگهندس جو مون کي ٻئي ڏينهن سرحد وڃڻ جو ارادو آهي. تنهنڪري مون کي رستي لاءِ سيڌو سامان وٺي ڏي، جنهن لاءِ مان واجبي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. تون به مون سان گڏجي هلڻ لاءِ تياري ڪر. چيائين ته تو هنن ٻن- چئن ڪلاڪن ۾ ڏٺو هوندو ته ڏڪر هن ملڪ ۾ راڱا ڪيا آهن. کاڌي پيتي جي شين جي قيمت چڙهي آسمان تي وڃي پهتي آهي. سيڌو ملڻ مشڪل آهي. پر منهنجي سُهري توکي پنهنجي توشاخاني مان ٿوري کجور ۽ جوَن جو اڏو ڏيڻ جو ارادو ڪيو آهي. اڻاٺ جي خبر جيتوڻيڪ اڻوڻندڙ هئي، پر ان جي ڪري مون کي ڳڻتي ڪانه پيدا ٿي. پر مراد چيو ته مون ٻُڌو آهي ته تفنگچن جي حفاظت کان سواءِ اڳتي وڌڻ خطرناڪ ٿيندو. سرحد وڃڻ جو ته سوال ئي نٿو اٿي. گذريل ٽن ڏينهن ۾ سرحد جي بلوچن[5] ڪلو گن تي حملو ڪيو هو ۽ ٻنهي ڳوٺن جا ماڻهو هڪٻئي جي خون پيئڻ لاءِ تيار هئا. تنهنڪري بهتر ٿيندو ته توهان ڀنڀور يا هفتور[6] واري رستي کان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪڏهن مير خداداد کي ٿوري خرچي ڏيندؤ ته هو پاڻ توهان سان گڏجي هلندو. مون ان جو جواب ڏنومانس ته مون وٽ پئسو ڪونه آهي. جڏهن مون کي توکي ڀاڙي ڪيو ته تو وعدو ڏنو هو ته سرحد تائين مون کي سونهين تي وڌيڪ خرچ ڪرڻو ڪونه پوندو. هن اها ڳالهه قبول ڪئي پر چيائين ته ان وقت کيس اها خبر ڪانه هئي ته ملڪ ۾ اهڙي بدامني پيدا ٿيندي. مان تنهنجي لاءِ سڀڪا زحمت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جي تنهنجي مرضي هجي ته مان توکي وري نوشڪيءَ واپس پهچايان. ٻيءَ ڪنهن حفاظت کان سواءِ اڳتي سفر ڪرڻ ممڪن نه آهي ۽ نه مان اها جوابداري پاڻ تي کڻي سگهندس. مون هن کي انهيءَ ارادي ڦيرائڻ لاءِ گهڻائي دليل ڏنا پر هو آواره سمجهي ويو ته هي هاڻي منهنجي چنبي ۾ آهي. اها خاطري هئس ته هي هاڻي ڪونه موٽندو ۽ نه مون تي ڪو ٻيو زور هلائي سگهندو، تنهنڪري هو ڪين مُڙيو. لاچار مون کي ساڻس معاهدو ڪرڻو پيو ته مير خداداد مون کي ڇهن هٿياربند ماڻهن سان پنجويهه رپين ۾ هفتور يا ڀنڀور پهچائيندو ۽ اسان ٻئي ڏينهن ٻارهين بجي جي نماز کان پوءِ ڪنهن به صورت ۾ روانا ٿي وينداسين. مون هڪدم روڪ پئسا ڪڍي هٿ ۾ ڏنامانس ته وڌيڪ نه ڪا گُهر ڪري ۽ کولي ڏيکاريومانس ته مون وٽ باقي ڇويهه رپيا بچيا آهن. ڪرمان پهچڻ کان اڳ مون کي اڃا ست سؤ ميلن جو سفر ڪرڻو آهي. سونهين جي ڪِرايي کان سواءِ مون کي پنهنجي ۽ ٽن نوڪرن لاءِ کاڌو خوراڪ کپي. هن خانه بدوش منهنجو باقي بچيل خزانو ڏسي کنگهيائين به نه.چيائين ته ڌڻيءَ تي آسرو رک، هو پاڻيهي توکي روزي رسائيندو. مون کي هن جي ڪميڻائپ تي سخت مڍيان لڳي پر سور پِي ويس. ٿوري وقت کان پوءِ سهُري کي موڪليائين جنهن چيو ته مون کي سودو قبول آهي، تون خاطري ڪر. اسان مقرر ڪيل وقت تي روانا ٿي وينداسين. مون ان ڳالهه تي گهڻو زور ڏنو هو ڇاڪاڻ ته ڊپ هو ته وري نوشڪيءَ وانگر هت به دير نه پوي. +سج لٿي مهل اسان دستور موافق ماني کاڌي. مون تڪڙو تڪڙو ماني کائي پوري ڪئي ته گهر، جنهن ۾ مون کي رهايو ويو هو سو ماڻهن سان ڀرجي ويو. خداداد به انهن ۾ هو. مون ٻڌو ته اڳئين ڏينهن تي منهنجي بيماريءَ ڪري هن ماڻهن کي چئي ڇڏيو هو ته مون کي تنگ نه ڪن. اهڙي مروت ۽ لحاظ کان سونمياڻيءَ پهچڻ کان پوءِ ڪٿي ڪونه ڏٺو هو. اهو ته خواب خيال به نه هو ته ڪو ڪلوگن ۾ اهڙي فضيلت هوني. اسان گهڻن موضوعن تي بحث مباحثو ڪيو، جن جي ڇيڙڻ جي مون کي مرضي نه هئي، خاص ڪري مزهب جو سوال. سردار ڦِريو ڦِريو ان ڳالهه تي پئي آيو. هن جو مقصد هو ته ڏسان ته هي ڪهڙي فرقي جو مسلمان آهي. مون کي هن جي خيالن مان جلد معلوم ٿيو ته هو ڪٽر سُني هو. مان به هن جو سُر کنيو، اهڙيءَ طرح مان ردبدل کان پاسو ڪيو. منهنجي هندستاني نوڪر فتح محمد اڳي ئي مون کي هدايت ڪري ڇڏي هئي ۽ هن اڄ شام جو منهنجي ڏاڍي وقتائتي مدد ڪئي. اهڙيءَ طرح مان سواءِ ڪنهن غلطيءَ جي پنهنجي جند ڇڏائي. منهنجي علم جو ماڻهن تي ايترو ته اثر پيو جو هڪ- ٻه دفعا ته منهنجي راءِ مطابق فيصلو ڪيو ويو. +اٽڪل ڏهين بجي مان هڪ ڪُنڊ ۾ ڪنبل[7] وڇائي انهيءَ اميد ۾ ليٽي پيس ته ٻيا به مون کي ڏسي وڃي سمهي پوندا. پر جلد ئي مون هڪ دلچسپ بحث ٿيندو ٻُڌو. ٻن ڳوٺاڻن پاڻ ۾ مناظرو ٿي ڪيو. هڪڙو چئي ته سج ۽ چنڊ هڪ شيءِ آهن. ٻئي هن جا لاجواب رد ڏنا. آخر ڪاوڙجي ماڻهن جن وچ ۾ پئي ڳالهايو تن کي چيائين ته ماٺ ڪيو. مان پاڻيهي هن کي جواب ڏيندس. پوءِ کِلي پڇيائين ته سج ۽ چنڊ ساڳئي وقت تي آسمان ۾ مختلف طرفن کان ڇو نظر ايندا آهن؟ ٻيو ڪجهه وقت ته منجهي ويو، پر جواب تي مطمئن نه ٿيو. چيائين ته آڻ مڃڻ مڙس جو ڪم نه آهي، سو نهايت اطمينان سان جواب ڏنائين ته چنڊ سج جو پاڇو آهي. اهو بحث ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندو رهي ها، پر ڪنهن چين ته هن سُتل جو رايو ڇو نٿا وٺو. مان پهرين ته ڇَپ هڻي سمهي پيس، پر پوءِ خيال ڪيم ته اهي سمورا دليل وري مون کي ٻُڌڻا پوندا. سو جند ڇڏائڻ لاءِ چيومان ته مان سڄو بحث ڪَن لائي ٻڌو آهي. مون کي ان معاملي ۾ فتوا ڏيڻ جي لياقت ڪانه آهي، پر مان پوئين جوان سان شامل راءِ اهيان. اهو مثال هنن ماڻهن جي جهالت جي انتها ڏيکاري ٿو. انسانن کي خدا عقل ڏنو آهي، هنن کي خالق جي خبر آهي ۽ هن ۾ ايمان اٿس. تعجب آهي ته پوءِ به هو اهڙين واهيات ڳالهين تي اعتبار ڪن ٿا. +فصل- 10 +6- اپريل: مير خداداد وعدي تي پورو رهيو. مان ٻن پهرن جي نماز کان پوءِ هڪدم روانو ٿيس، مون کي به لاچار مسجد ڏي وڃي نماز ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. انهيءَ قسم جي ٺڳيءَ کان هن وقت تائين پاسو ڪندو آيو هوس ۽ اڃا به پاسي ڪرڻ جي مرضي هئي. پر سردار رواجي طرح مون کي گهران سڏي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. حقيقت هيءَ هئي ته هن سمجهيو هو ته مان شرط ڪيو هو ته نماز پڙهي نڪرنداسين. مان ڏٺو ته هاڻي ٻيو چارو ڪونه آهي، تنهنڪري منهنجي هلڻ جي ضرورت نه آهي. مان هن جي ڪميڻائپ کان اڳي ئي واقت هوس، تنهنڪري مون کيس زور ڪونه ٻڌو ته پنهنجو ارادو بدلائي، مان دل ۾ خوش هوس ته هو ڀلي پٺتي رهي. مون سان هاڻي فقط ٽي پهريدار جي سچ پچ ڇوڪرا هئا سي وڃي بچيام، سواءِ مير خداداد ۽ هڪڙي ڪابلي فقير جي، جو مڪي پئي ويو. اسان پهاڙن جي وچان هڪڙي ڪڙيي مان اٽڪل ڇهه ميل ڏکڻ- اولهه پنڌ ڪيو ۽ واٽ تي پورا ۽ ٻي نالي ٻه ڳوٺ ڏٺاسين. چئين بجي شام جو هڪ کليل ميدان ۾ ترسي پياسين ته جيئن رات جو اوچتو ڪو ڇاپو نه هڻي. +ڪلوگن ۾ اتڪل ڏيڍ سؤ گهر ٿيندا. انهن مان گهڻا ٻه- ٽي ماڙ آهن. اهي گهر ان ڪري ماڙين سان ٺاهيا ويا آهن ته جيئن انهن جا مالڪ حملي جي وقت ماڙيءَ تي پناهه وٺي سگهن. شهر جا ماڻهو اڪثر مٿي سمهندا آهن. هو هڪ ڏاڪڻ جي رستي ڇت ۾ دريءَ مان مٿي چڙهي ويندا آهن ۽ پوءِ ڏاڪڻ مٿي ڇڪي وٺندا آهن، ان لاءِ ته جي رات جو چور اچن ته هو گهر وارن کي ستائين نه سگهن ۽ نه انهن جو ان ۽ ٻيو سامان کڻي سگهن. ڳوٺ هڪ کجين جي سوڙهي جهڳٽي جي پاسي. ۾ ٺهيل آهي، جو ڏکڻ طرف ميل کان به زياده پري هليو وڃي ٿو. هيٺ زمين ۾ ساريون ۽ ٻيو اَن پوکيندا آهن، وچ مان هڪ ويڪري نهر وهي ٿي، جنهن جي ڪپرن تي وڏا سائدار گهاٽا وڻ آهن. ڳوٺ جي لڳ وڏا جبل آهن. جي هن وقت ساوڪ سان ڍڪيل اهن. مون ٻي ڪا اهڙي جاءِ ڪانه ڏٺي آهي جنهن کي قدرت پنهنجي هٿن سان ايترو سينگاريو هجي، هڪ سوڃي، ويران ۽ بيابان ۾ نڪري اهڙي سانتيڪي ۽ سندر جاءِ تي اچڻ ڪري پاڻ دل کي وڌيڪ فرحت ٿي آئي. +هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ مڪران جي صوبي جو تفصيلوار بيان ڏنل آهي. هي ضلعا مڪران جو حصو آهن تنهنڪري مان هٿ انهن جو مختصر احوال ڏيندس. هتي هر ڪنهن ڳوٺ ۾ سردار يا چڱو مڙس هوندو آهي. هو انهيءَ عهدي لاءِ عام ماڻهن جي راءِ سان چونڊيو ويندو آهي. ماڻهو هن کي ساليانو اَن ۽ کجور جي فصل جو حصو ڏيندا آهن. ان جي عيوض هو صرف مسافرن کي پاڻ وٽ رهائيندو آهي، جي ان خدمت جي لائق هوندا آهن؛ پر مڪران ۾ مهمان نوازيءَ جو انگ بلوچستان کان گهٽ آهي ۽ مهمان نوازي ڏيکارڻ جا موقعا به گهٽ هوندا آهن. ڪلو گن کان هفتور تائين جي علائقا اهن، تن جا رهاڪو مڪراني يعني مڪران جا رهاڪو سڏبا آهن، هو قد جا ننڍا ۽ مضبوط ۽ جيتريقدر مون کي معلوم ٿيو ته بهادر آهن. هو هر وقت پنهنجن پاڙيسرين بلوچن جي خوف ۾ رهندا آهن، هو اها ڳالهه قبول ڪندا آهن ته هو سندن مٽ نه آهن. انهن جي پوشاڪ، روزگار، ۽ عادتون قريباً ساڳيون آهن. انهن جون زالون رواجي شڪل جون هونديون اهن. ڪلوڪن مان ڪافي وقت رهيو هوس ۽ مون ڏٺو ته هڪ به زال ڪانه هئي جنهن جون اکيون ضعيف نه هجن. مون سردار جي ٻن- ٽن عزيزياڻين کي ڦٽڪيءَ ۽ آفيم جو ڊڀُ ڏنو جو مون ساڻ هو، پوءِ ته مان ڳوٺ جي زالن مان اچي ڦاٿس. ڦون ڦون ڪري وٺي ويون. فقط اکين جو دارو ته نه پيون گهرن پر ڪيترن ٻين مرضن جا نالا ورتا جن جون علامتون بنا ڪنهن شڪ شرم جي پيرزادي کي ٻڌايائون، سڀني مون کي پيرزادو ٿي سڏيو. ڪيترن رسول جو نالو وٺي ۽ حج قبول پوڻ جي دعا گهري چيو ته اهڙو ڪو تعويذ ڏيو جو ٻار ٿئي. ٻين کي خفقان ۽ باديءَ جي شڪايت هئي. مطلب ته جيتريون زالون هيون اوترا مرض هئن. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي بيماري هئي. آخر جند ڇڏائڻ لاءِ چيومان ته مون کي انهن ڳالهين جو علم ڪونه آهي. +7- اپريل: اسان رات ڏاڍي مينهن ۽ جهڙ ۾ گذاري. صبح جو سوير سج اڀرئي کان اڳ اٿياسين. انهيءَ اميد سان ته اُٿ- ويهه ٿيندي ته بت گرم ٿيندو، خبر تڏهن پئي ته هڪ پادر ٺهي ئي ڪونه، ڪو گدڙ يا ٻيو جانور کڻي ويو هو، مطلب ته مون سان ويل ٿي ويو. رستو اهڙو خراب هو جو ٻن- ٽن سون گامن جي مفاصلي ۾ ٻه- ٽي دفعا لهڻو ٿي پيو. انهن مصيبتن جي هوندي به مان، ڇپرن تان ۽ پهاڙي ٻوٽن وچان ٻوٽن وچان رستو وروڪڙ هو، ان جو گهڻو رستو ڪلپور ڪڻ[8] جي ننڍڙي ضلعي مان ٿي لنگهيو، جو درچوڪ جي سردار جي ماتحت آهي. مان شام جو ستين بجي مهل دوزڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر لڳ هڪ پٽ ۾ لهي پيس، شهر جي ويجهو به عجيب ٽڪريون آهن جن مان هڪ کي ڪوم گبر سڏيندا آهن؛ مان ان کان ٻارهن يا چوڏهن ميل پري هوس. جيل عجيب شڪل جو آهي پريان ��ڪ قبي وانگي ٿو نظر اچي ۽ آسپاس وارن ٻين سڀني پهاڙن کان اوچو آهي، چون ٿا ته ان جي چوٽيءَ تي هڪ آتش ڪده جا نشان آهن پر مون سان اهڙو ماڻهو نه مليو جنهن اهو اکين سان ڏٺو هجي، ٻي هن پَٽ تي هڪ اڪيلي ٽڪري آهي، جنهن کي ڪوههِ گدانڪا يعني پراڏي جو جبل چوندا آهن. چون ٿا ته جيڪڏهن ان جي تري ۾ پنجاهه گزن جي مفاصلي تي ڪو بيهي ڪجهه چوندو ته هرهڪ لفظ چٽو ٻڌڻ ۾ آيا. مون کي جبل شڪل مان پورو ٿي نظر آيو. هندستان موٽڻ کان پوءِ مون انهن ملڪن جي هڪڙي رهاڪوءَ کان ٻڌو آهي ته ڪوم گبر تي تصويري اکر آهن، عام ماڻهن کي ڀرم ويٺل آهي ته انهن ٻنهي جبلن تي ويو رهندا آهن. ماڻهو عجيب ڳالهيون ٻڌائيندا آهن ته اڳين ڏينهن ۾ جن ماڻهن مٿي وڃي کوجنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تن کي ڪيئن نقصان پهتو آهي ۽ ديون جو پاڇو پيو آهي، هن وقت سڀ ماڻهو انهن کان پاسو ڪري لنگهندا آهن. +سج لٿي مهل اسان پهتاسين ته مير خداداد نماز پڙهي، هو ٽي دفعا ڏينهن ۾ باقاعدي نماز پڙهندو هو ۽ اتي ارڙهن هٿيار بند ماڻهو اسان سان اچي شامل ٿيا. اسان هنن کي پريان جهاتيون پائيندو ڏٺو هو. ڄڻ ته اهو معلوم ڪرڻ ٿي گهريائون ته اسان پاڻ ۾ ڪيترا مڙس آهيون پوءِ جڏهن اسان هنن سان ڳالهايو، تڏهن چيائون ته اسان توهان جو ٽولو ٻين بجي مهل ڏٺو هو، ان وقت سمجهيوسون ته توهان رات جو هن ضلعي جي ڪن ڳوٺن کي ڦريندؤ. اسان رات جو توهان تي حملي ڪرڻ جو خيال ڪيو هو جو سمجهيوسين ته توهان ان وقت مقابلي لاءِ تيار نه هوندؤ. پر جڏهن توهان کي لهندو ڏٺوسين، تڏهن توهان کان حال احوال وٺڻ لاءِ وڌي آياسين. هو مضبوط جوان هئا، تعداد اسان کان ٻيڻو هننِ ۽ هٿيار به اسان کان وڌيڪ هئن. جيڪڏهن اسان اتفاق سان لهون نه ها ته ممڪن هو ته اسان مان ڪيترا مارجي وڃن يا زخمي ٿي پون ها. پر اسان جي ترسڻ ڪري هنن جون رٿون برصواب نه ٿيون. خدا داد منهنجي لاءِ چين ته هي پيرزادو آهي ۽ حج تي وڇي ٿو. ان تي هنن شڪر ڪيو جو سندس غلط فهمي دور ٿي ۽ مون کي تڪليف ڪانه پهتي. مون کي سڀني سان ڀاڪر پائي ملڻو پيو. هو پوءِ ٿورو وقت ترسي، پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي آيا. +8- اپريل: آءٌ گل ۾ جو ديزڪ جو پهريون ڳوٺ آهي، ستين بجي صبح جو پهتس. مان ڳوٺ مان ٻه- ٽي سؤ قدم ڪري ٻاهر نڪتس ته مسجد جي ملان جنهن منهنجي اچڻ جي خبر رات جو انهن ماڻهن کان جي اسان سان گڏيا هئا، تن کان ٻڌي هئي تنهن جو ڇوڪر ڀڄندو آيو ته قدم رنج فرمائي چانهه پاڻي پِي پوءِ وڃو. مون سمجهيو ته هن کي اُڻتڻ آهي ته ڪير آهن، انهيءَ سبب منهنجي مرضي هئي ته ڪو مذهبي بحث نه ٿئي، پر مون کي انڪار ڪرڻ لاءِ ڪو معقول سبب ڪونه هو ۽ منهنجن سڀني دوستن جي دعوت قبول ڪرڻ جي مرضي هئي، ڇاڪاڻ ته هنن هڪ سڻڀي ناشي ڪرڻ جو موقعو منهنجي لڄ جي ڪري هٿان وڃائڻ نٿي گهريو. مون کي لاچار موٽڻو پيو. +مون ڏٺو ته چار- پنج معزز ۽ خوش پوش آدمي هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ ڪاٺ جي پاٽوڙن ۾ ماني ۽ لسي رکيو ويٺا هئا. هو سڀ اٿي مون سان گڏيا، اسان هڪٻئي جا هٿ چمي ڀاڪر پائي گڏياسين، مون کي صدر ملان جي سڄي پاسي کان ويهاريائون- هن بسم الله چئي ۽ اسان مان کائڻ شروع ڪئي، سڀ کاڌي کي جنبي ويا ۽ اسان کان سوال جواب ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ملين. اسان ماني کائي پوري ڪئي. هڪڙو ٻانهو هٿ ڌوئڻ لاءِ پاڻي کڻي آيو. منهنجي کاٻي پاسي کان جو مانهو ويٺو هو، تنهن کي جهڙي تهڙي فارسي ايندي هئي، هن چيو ته هاڻي پيرزادو فاتحه[9] پڙهندو اها ڳالهه منهنجي خواب خيال ۾ به نه هئي. تنهنڪري آءٌ پهرين منجهي پيس. پر آءٌ بمبئيءَ ۾ رهڻ کان اڳ پنهنجي هندستاني نوڪر کان رواجي مسلمانن جون دعائون سکيو هوس، تنهنڪري نهايت بردباري ۽ ڌيرج سان ڏاڙهيءَ کي هٿ لائي ٻه- ٽي سورتون[10] چپن ۾ چيم پر ڪوشش ڪري الله، رسول ۽ شڪراني جا لفظ ڏاڍيان چيم ته جيئن ٻڌڻ ۾ اچن، ان جو ڏاڍو سٺو اثر پيو ۽ اسان هڪٻئي کان ساڳئي نموني ۾ موڪلائي اٿياسين. +من نَو ميل وڌيڪ دوزڪ جي ضلعي مان پنڌ ڪيو، جو ڏاڍو زرخيز ۽ آباد آهي، ۽ ست- اٺ ڳو اٿس جن ۾ هرڪنهن کي پنهنجو پنهنجو نالو آهي، پر مڪاني ماڻهو سڀني کي ديزوڪ جي عام نالي سان سڏيندا آهن. اهو رواج سموري بلوچستان بلڪ ايشيا ۾ آهي ۽ ڌارين ماڻهن کي هميشہ منجهائيندو آهي. ديزڪ جو مکيه سردار نعمت الله خان هي. مون کي نوشڪيءَ جي سردار هن لاءِ واقفيت جو خط ڏنو هو پر مون کيس خط ڪونه ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڊپ هو ته متان هو مون کي ٻه- ٽي ڪلاڪ يا رات نه رهائي ڇڏي. هن کي کجور ۽ ڪڻڪ جي سموري فصل جو ڏهون حصو ڍل ۾ ملندو آهي. فصل هميشہ چڱو ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ماٿريءَ ۾ هڪ سدا واهه آهي ۽ کجور جا گهڻا ۽ وڏا باغ آهن. شاهه محراب خان، جو ڇهن ڏينهن جي سفر جي مفاصلي تي هفتور ۾ رهندو اهي، تنهن کي هتي هڪ ديهه آهي، جنهن مان سندس چوڻ مطابق کيس سال ۾ ڏهه هزار رپيا پيدائش ٿيندي آهي. نعمت الله خان کي اهڙيون ڏهه ديهون آهن، تنهنڪري خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هن جي پيدائش سال ۾ سٺ- ستر هزار رپيا هوندي. +اڄ شام جو سروجي جي ڳوٺ جي ڀرسان جتي مان جُتي خريد ڪرڻ لاءِ ترسيو هوس، اسان تي باقاعدي مذهبي سببن ڪري حملو ڪيو ويو. هنن مون کي ايراني ڄاڻي شيعو سمجهيو هو. هو شيعن جي فرقي کي سخت نفرت سان ڏسندا آهن. پر مون پنهنجي هندستاني نوڪر جي مدد سان کين ٿوري وقت ۾ خاموش ڪرائي ڇڏيو. اهڙن موقعن تي هندستاني هميشه وفاداريءَ سان منهنجي مدد ڪندو هو. مان جڏهن موڪلائي اُٿيس ته هڪڙي ماڻهوءَ چيو ته تون ضرور بهشت ۾ ويندين. تنهنجي شڪل ڏيکاري ٿي ته تون پنهنجي ملڪ ۾ خوشحال هوندين، تو دنيا جا سمورا سک ترڪ ڪري غربت جي حياتي ۽ سفر اختيار ڪيو آهي. انهيءَ رياضت ڪري توکي آخرت ڪريان ته مون کي تو جهڙي سعادت نصيب ڪانه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته مان گهر ۾ به اهڙو ئي غريب ۽ ڪنگال آهيان جهڙو ٻاهر. مون چيومانس ته منهنجو گهر ۾ به اهوئي حال آهي، جهڙو هينئر ڏسين ٿو. پوءِ مشڪي منهنجن پيرن ڏي نهاري چيائين ته هي تنهنجي انهيءَ دعوا کي غلط ثابت ڪن ٿا ۽ ڏيکارين ٿا ته تون غربت جي حياتيءَ تي هريل نه آهين. مون هڪدم پنهنجي جُتي کڻي پيرن ۾ پاتي. آءٌ ڪوشش ڪري اُس ۾ پيرن اُگهاڙو گهمندو هوس، تان جو لڦون پئجي وينديون هيون، پر تنهنجي هوندي انهن جو رنگ هنن جي هٿن پيرن جي رنگ جهڙو ڪونه ٿيندو هو. مان جيستائين پنهنجي اُٺ تي چڙهي روانو ٿيس، تيستائين هو ماڻهو منهنجي ڪڍ آيو پر مون کي خاطري آهي ته جيتوڻيڪ هو منهنجي رنگ تي ڀُليو هو. هن کي اهو شڪ ڪونه هو ته مان ڪو يورپي آهيان. +9- اپريل: اسان رات ديزڪ ٽڪرين جي الهندي واريءَ قطار جي تري ۾ گذاري، اڄ صبح جو ٽڪرين تي چڙهياسين ۽ ڏهه ميل اولهه طرف سفر ڪيوسين ۽ هڪ وسيع پٽ ۾ داخل ٿياسين. اهو سب علائقي ۾ اچي وڃي ٿو. جنهن جي واٽ کان چار ميل ڏکڻ طرف ’سب‘ نالي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ هو ۽ ٻه ميل اولهه ڏي ڪلنگيءَ جو ڳوٺ هو، اتر طرف ٻيو به هڪ ڳوٺ هو جنهن کي ’پوکي‘ ٿي چيائون. مان انهن ڳوٺن مان ڪنهن ڏي ڪونه ويس. انهن جو سردار شيخ مراد خان آهي جو ذات جو ڪُرد بلوچ آهي. هن تي ۽ هن جي قوم جي ڪن ماڻهن کي مڪاني ماڻهن پنهنجي علائقي جي حفاظت لاءِ گُهرائي پاڻ وٽ رهايو آهي. هو پنهنجي بهادريءَ ۽ ��ئتي ارادي ڪري انهيءَ ڪم لاءِ نهايت موزون آهي. هو هن وقت تائين پنهنجي آزادي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، جيتوڻيڪ پهرا جي خان، محراب شاهه، جو هن تَر جو سڀ کان زياده طاقتور سردار آهي، تنهن مٿس بارها حملا ڪيا آهن. سب جو علائقو اڪثر ويران آهي. ان جي اولهائين طرف هڪ وڏو ڪڙيو آهي، جنهن جي ڪري سب ۾ وڏيون ڪڻڪ جون ٻنيون ۽ کجين جا جهڳٽا آهن. جي اهو ڪڙيو نه هجي ته هوند سڄو علائقو غيرآباد هجي. سب جي پٽ لنگهڻ کان پوءِ اسان کي هڪ ننڍي جبلن جي قطار نظر آئي، جنهن جي پٺيان اسان منزل ڪئي. اڄ اسان سراسري ٽيويهه ميل پنڌ ڪيو ۽ قريباً اولهه جي ڏسن ۾، ڪِن سوڙهين ماٿرين ۾ مون کي لئيءَ جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا، انهن کان سواءِ ٻي ڪا ساوڪ يا وڻڪار ڪانه هئي. +10- اپريل: اڄوڪي سموري سفر ۾ رستو وروڪڙ هو ۽ ملڪ جو حُليو بدليل هو. تعجب هو ته ايتري ٿوري مفاصلي ۾ ايڏو تفاوت هجي. ڪلوگن ۽ ديزڪ جي ڀرسان جبل ۽ ٽڪريون چوٽين تائين ساوڪ ۽ ٻوٽن سان ڇانيل هيون. هتي فقط ڪارا پهڻ هئا. ڪلپورڪڻ، ديزڪ ۽ سب جي وسيع ۽ سنون علائقن بدران هتي ڪي ٿورا گهڻا پَٽ هئا، تن ۾ به ننڍيون ٽڪريون ۽ اونهان تلاءَ هئا. جنهن جي ڪري انهن مان سفر ڪرڻ مشڪل ۽ ناخوشگوار هو. اتي هڪ ڪو ڦل هو جو نه خاص اونچو هو ۽ نه ڊگهو، پر اهو هڪ اهڙيءَ جاءِ تي هو جو ان جو ٿورائي ماڻهو، هڪ وڏي لشڪر جي مقابلي ۾ بچاءُ ڪري سگهن. رستو ٻه سؤ گز ڊگهو ۽ ڏهه اونهون آهي ۽ نهري پٿر مان ٽُڪيو ويو آهي. چاڙهي اهڙي ته اُڀي آهي جو پٿر ڪيرائجن ته جيڪو مٿي ايندو سو موت جي گهاٽ رسندو. ماڻهن جو اندازو آهي ته اڄ اسان اٺاويهه ميل سفر ڪيو. جيتوڻيڪ هڪ منزل کان ٻيءَ تائين سڌو رستو ان جي اڌ جيترو به نه ٿيندو. سترهين ۽ پنجويهين ميل تي به ننڍا شروڪ ۽ مگسين جا ٻه ڳوٺ آهن، جن کي مٽيءَ جا ڪوٽ ڏنل آهن. مان مگسين جي ڳوٺ ۾ رات رهڻ جي ارادي سان لنگهي ويس. ٻڌم ته لورين جي هڪ ٽولي ٻه- ٽي ڏينهن اڳ سردار جو خون ڪيو هو ۽ لورين جي اڳواڻ کي شاهه محراب خان مقرر ڪيو هو، تنهنڪري مان اهڙن خونخوار بدمعاشن جي نزديڪ رهڻ مناسب نه ڄاتو. ۽ اڳتي وڌي وڃي رات جهنگ ۾ گذاريم.[13] +مان گهڻي وقت کان وٺي انهيءَ راءِ جو هوندو هوس ته مڪران جي هن علائقي جا ماڻهو بيرحم ۽ ڪٺور دل آهن. پر هڪ پيرسن، جو هڪ خوني ٽولي جو اڳواڻ هو، تنهنجي سنگدليءَ منهنجو عقل چرخ ڪري ڇڏيو. هن خداداد ۽ منهنجي اوٺيءَ کي سردار جي خون جو تفصيلوار احوال ٻڌائي ڳوٺ ۾ هڪ اونچي ماڙيءَ ڏانهن خوشيءَ ۾ نهايت بيحجابيءَ سان اشارو ڪري چيو ته جڏهن بدبخت سردارکي سندس ڪٽنب سميت قتل ڪيو وي هو، تڏهن هن جي پٽ اتي وڃي پناهه ورتي هئي. هو هاڻ لٿو ته ان جو به خاتمو ڪيو ويندو، ٻڍڙي گنهگار نهايت ٿڌيءَ دل سان وڌيڪ چيو ته هو جلدي لهي اچي ته چڱو نه ته ته اسان هن کي محاصرو ڪري بک مارينداسين ته جيئن جاءِ ۽ ٻيءَ ملڪيت کي ڪو نقصان نه پهچي. مون پڇيو مانس ته سردار، شاهه محراب خان جو جاگيرادر هو، ڇو هن سان اهڙا ظلم ڪري رهيو آهي. حيران ٿي ويس جڏهن ٻڌم ته انهيءَ مرد ود ڪم کان پوءِ، لورين هن جي تابعداري قبول ڪرڻ، رسي خراج ڀرڻ جو ذمو کينو هو. ۽ هنن جي تابعداريءَ جي آڇ قبول ڪئي ويئي هئي، ۽ هنن جي رئيس جنهن کي هو بادشاهه سڏيندا هئا تنهن کي مگسين جي سرداري باقائدي سونپي ويئي هئي. پر تنهن هوندي به هنن انتقام وٺڻ جي ارادي سان اهو هچارو ڪم ڪيو هو. هنن، ڳوٺ جي ڀرسان ٻيجي جي وقت کان اڳ هڪ زمين ٽڪر آباد ڪرڻ جي ارادي سان رهڻ سان رهڻ جي اجازت گهري هئي مگر کين جواب مليو هو. هنن کي چيو وي ه�� ته جيڪڏهن مقرر معياد کان پوءِ هو علائقي ۾ ڏٺا ويا ته کين سخت سزا ڏني ويندي، تنهن کان پوءِ هو گم ٿي ويا، جيستائين هٿياربند ماڻهو جيڪي هنن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ موڪليا ويا هئا موٽي اچي پنهنجي کيتي ٻاريءَ جي ڪم کي لڳا (1)، هڪ رات هو پهاڙن مان جتي هو وڃي لڪا هئا، يڪساهيءَ پنڌ ڪري اوچتو سردار جي گهر کي گهيرو ڪري هن کي ساري ڪٽنب سميت ماري ڇڏيائون. ڳوٺ جي ماڻهن هنن مان ڪنهن کي به بچائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ نه سندس پٽ ڏانهن توجهه ڪيو. ٻين صلح پسند ملڪن ۾ جتي ماڻهن جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت لاءِ خدائي ۽ انساني قانون آهي، اتي اهڙيءَ بيرحميءَ جو تصور ئي هردي کي ڪنبايو ڇڏي ۽ ڳالهه اعتبار ۾ ئي نه ايندي، پر هتي حالتون نراليون آهن. هتي خونريزي ۽ ڦُرلُٽ کان سواءِ ٻي ڳالهه ئي ڪانهي! ماڻهو ڏوهن ڪرڻ اهڙا ته عادي ٿي ويا آهن جو هو ڪيترن گناهن، جن جو ٻڌي انساني فطرت ڏڪيو وڃي، بُري نگاهه سان نه ڏسندا آهن، بلڪ انهن جو فخر سان ذڪر ڪندا آهن.[14] +لوري، جن هن موقعي تي زياد تيءَ کان ڪم ورتو هو سي هڪ رولو ۽ رهزن ذات آهن، جنهنڪري ٻين به گهڻين ڳالهين ۾ يورپ جي رولاڪن جهڙا آهن. هو هڪ خاص قسم زبان ڳالهائيندا آهن ۽ هر هڪ ٽولي جو بادشاهه هوندو اٿن ۽ ٻارن چورائڻ ۽ چورين ڪرڻ لاءِ مشهور آهن. هو سڀيئي ناچ ۽ راڳ جا شوقين آحن ۽ پنهنجا ساز هميشه جماعت سان ساڻ هوندا اٿن. تنهن کان سواءِ هنن سان اڌ درجن رڇ ۽ باندر به هوندا آهن، جي عجيب غريب کيل ڪري ڏيکاريندا آهن. جي رمل ۽ قرعسازي (ڍاري) جي پيچيدن علمن جي ڄاڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. ان کان سواءِ هو پيشنگوئي ڪرڻ ۽ ٻين طريقن کان به واقف آهن، جنهن ڪري هنن کي هر طبقي جي ماڻهن ۾ دخل ملندو آهي، خاص ڪري انهن ماڻهن وٽ جن جو تقدير ۾ پڪو ويساهه هوندو آهي.[15] +[1] . منهنجو قطب نما جيڪڏهن ڪو ڏسي بچندو هو ته هي ڇا آهي ته مان چوندو هو سانس ته هي قبله نما يعني قبلو آهي. اوزار اهي ۽ مان عبادت وقت هميشه ان سان قبلو ڏسندو آهيان. قبله يعني محمد صله جي قبر، جنهن ڏانهن مسلمان منهن ڪري نماز پڙهندا آهن. (هيءَ مصنف جي غلطي آهي.) +[2] . پير يعني ولي ۽ زاده معنيٰ اولاد، يعني هڪ عابد شخص- هڪ متبرڪ نالو آهي. +[3] . قلات جو. +[4] . زورن ڏيڻ جو عام طريقو هيءُ آهي ته سڄي بُت کي ڳوهيندا آهن. ساڳئي وقت سَنڌن کي مروٽيندا ۽ ڇڪيندا آهن، پر زورن ڏيڻ جا ٻيا به گهڻا طريقا آهن. مون هڪڙو ماڻهو ڏٺو جو سمهيو پيو هو ٽن- چئن ماڻهن اچي سڄي بدن بلڪ منهن تي به ٿڦ ٿڦ شروع ڪيس تان جو ننڊ وٺي ويس. +[5] . ڪرد ذات جا. +[6] . اِهي شهر مون پوءِ وڃي ڏٺا هئا. +[7] . ديسي کٿو. +[8] . منهنجي خيال ۾ ڪلپورڪڻ جي معنيٰ آهي، پرين يا جنن جو شهر. +[9] . ”خدا جي نالي ۾“. مسلمان هي خطبو هر موقعي تي چوندا آهن، پوءِ اهو ڪهڙو به غيرضروري هجي، هت ماني کان اڳ جي دعا آهي، جيئن اسان ڪندا آهيون. +[10] . الله خدا رسول محمد ﷺ، شڪر، احسان. مون کي جا دعا گهرڻي هئي، ان ۾ اهڙا لفظ ٿيندا آهن. +[11] . هي اصول مساوات جي اصول جي برخلاف آهي، جنهن جي قرآن مومنن کي تلقين ڪري ٿو. پر تنهن هوندي به ان جي ترغيب ڏني ويندي آهي ته جيئن دنيادار ماڻهو زيارتن تي وڃن جنهنڪري انهيءَ ڪيل زيارتين کي شرف ملندو آهي، ۽ ماڻهو روضن تي يٽائون ڏيندا آهن. +[12] . ايشيا جا سڀ ماڻهو گوري رنگ جي عزت ڪندا آهن. مان چئي نٿو سگهان ته هو ڇو ائين ڪندا آهن. شايد انڪري جو سندن سردار عام ماڻهن کان زياده گورا هوندا آهن؛ انڪري جو هو ناز سان ڀليل هوندا آهن. دنيا جي گرمي سرديءَ کي نه ڏسندا آهن. وڏا ٿيندا اهن ته پوءِ به سختيون ڪونه ڏسڻيون پونديون اٿن. +[13] . ڪوڦل فارسي لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس لنگهه، بلوچيءَ ۾ ان کي لڪ چوندا آهن. +[14]. هتي ۽ هن ملڪ جي گهڻن ٻين ڀاڳن ۾ ماڻهو بهار ۾ ڳوٺ ڇڏي ڪنهن ويجهيءَ آباديءَ واري پَٽ ڏانهن ويندا آهن، جتي هو مال چاري ۽ ٿورو ان پوکي سرءُ جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي ايندا آهن. +[15] . ومل، عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي واري. ومل جي رستي پيشنگوئي هن طرح ٿيندي آهي: هڪ تختيءَ تي ڪجهه پڙهي ان مٿان واري اُڇلائي ان مان سوڻ ڪڍندا آهن- رمل ڪرڻ وارو رمٿال ڪوٺبو آهي. قرعہ معنيٰ فال. ان جا ڪيترائي طريقا آهن. قرعہ هڪ مثل ماڻهوءَ جي هڏن مان ڍاري وانگر ٺهيل هوندو اهي، ان تي مخفي نشانيون هونديون آهن. جنهن ماڻهوءَ کي قسمت پچڻي هوندي آهي، اهو ڍارو اُڇلائيندو آهي ۽ نجومي ان جو مطلب ڪڍي ٻڌائيندو آهي. + + +لوري مسلمان هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، پر هنن کي مذهب جو گهڻو خيال ڪونه هوندو آهي، هو سُنين ۽ شيعن جي وچ ۾ جي اختلاف آهن تن جي پرواهه نه ڪندا آهن. هو وقت جي مفاد مطابق سُنين يا شيعن جي اصولن عمل ڪندا آهن. مون کي ساڻن انهن ڳالهين متعلق گفتگو ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو آهي، پر پوءِ مون کي پڇا مان معلوم ٿيو ته هو قرآن جي ڪيترن اصولن تي عمل ڪونه ڪندا آهن. چون ٿا ته انسان پيدا ٿيو آهي جيئڻ، مرڻ، ڪي ٿيڻ، ۽ وساري ڇڏڻ لاءِ. جي ڪو حياتيءَ ۾ خوش آهي ته هن کي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهرن کپي، جي هو خوش ناهي ته هن کي اختيار آهي ته عبادت کان ڪنارو ڪري، بلڪ خودڪشي ڪري، پنهنجا ڏک پورا ڪري. جڏهن ڪو لوري مرندو آهي ته هن سان گڏ سندس سڀ ذاتي شيون جهڙوڪ: ڪپڙا، تلوار ۽ بندوقون پوريندا آهن ته جيئن هنن جو وسارڻ متعلق اصول پورو ٿي اچي. +ٻيئي جنسون زالون ۽ مرد واهيات ۽ بيهڳ نموني جا ڪپڙا پائيندا آهن ۽ پاڻ کي کنڀن، کلن، مڻڪن، ڪوڏين ۽ مڻين سان سيگاريندا آهن. هو بي حيا ۽ بيشرم آهن ۽ سڀ قسم جون برايون ۽ بدڪاريون ڪندا آهن. هو شادي ڪونه ڪن. انهن جون زالون سواءِ ڪنهن امتياز جي مردن سان گذارينديون آهن ۽ انهن جي زناڪاريءَ تي ڪابه حد بندي ڪانه هوندي آهي. هنن کي ٻار ورلي ٿيندا آهن، تنهنڪري هو ڇوڪريون چورائڻ پسندا ڪندا آهن ۽ کين پنهنجون عادتون سيکاريندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن زال کي پيٽ ٿيندو آهي ته ٻار ساري عماعت جي گڏيل ملڪيت ڪري سمجهيو ويندو آهي. جڏهن هومقرر عمر جو ٿيندو آهي ته هن متعلق اهڙي قسم جو اعلان ڪيو ويندو آهي. +اڄ مون کي رستي ۾ اها جاءِ ڏيکاري ويئي، جتي جهان خان نالي هڪڙي سيستائي سردار ٻه مهينا اڳ منزل ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ ستن- اٺن سوَن ڌاڙيلن سان گڏ هن علائقي ۾ حملو ڪري سڀڪجهه ڦُري ويو هو. مون سمجهيو ته هن کي گهڻو مال ڦُر ۾ هٿ ڪونه آيو هوندو، پر اهو ٻڌي تعجب ٿيو ته هن ڪيتريون هزارين رڍون ۽ تن کان سواءِ ڪجهه ٻانهان ۽ اُٺ هِت آندا هئا. مون کان پوءِ ڪئپٽن ڪرسٽي سيستان ۾ جتي خان جهان خان کان اتي تَر جا ماڻهو ڪنبندا هئا. +اڄ شام سج لٿي مهل مير خداداد خان چوائي موڪليو ته اچي نماز پڙهه. مون معافي گهري ۽ منزل جي جاءِ تان کِسڪي ويس. انهيءَ وچ ۾ ڪابلي فقير بيهي وڏي آواز سان اذان[1] پڙهي. وچينءَ جو وقت ٿورو هو تنهنڪري هو منهنجي ڪڍ ڪونه آيو. نماز بعد مان مگسي ڳوٺ ۾ جو عجيب چهچٽو ڏٺو هو ان تي ويٺي فڪر ڪيم ته هو مون وٽ آيو ۽ ڳالهيون ڪندي چيائين ته مان سمجهي نٿو سگهان ته تون اسان سان نماز ۾ ڇو نٿو شامل ٿين؟ +فتح محمد به تو جهڙو ئي ڏوهاري آهي. توهان ٻيئي حج تي وڃو ٿا. توهان تي لازم آهي ته مذهبي احڪامن جي پابندي ڪيو. مون هڪدم خيال ڪيو ته هيءَ جو مراد خان ڪلوگن ۾ ڏيکاري ڏني هئي ته هن اسان تي اعتبار ٿي ڪيو ته اسان حاجي آهيون سو دوکو هو. مون ويهي فرصت ۾ سوچيو ته هو جيترو وقت مون ساڻ هو اوترو وقت اشارن سان ڏيکاريندو آيو هو ته کيس پچ شَڪ آهي، تڏهن مون کي پنهنجي حماقت تي تعجب ٿيو. +خير، مان خوش هئس ته مراد خان جي منجهه جي مون کي خبر آهي، پر مون خداداد کي ڪونه ٻڌايو. هو مون کي چوندو رهيو ته توکي دين جي وڌيڪ واقفيت هئڻ کپي ۽ ان جا احڪام مون کان به وڌيڪ ڄاڻڻ کپن. مان گهر کان ٻاهر نماز ڪٿي ڪونه وساريندو آهيان. مون انهيءَ تنبيهه جي جواب ۾ چيومانس ته اسان جي پاڪ ۽ اعليٰ قوت واري رسول محمد ﷺ ڪن حالتن ۾ خدا جي عبادتکان منع ڪئي آهي. هن وقت منهنجي ۽ دوست فتح محمد جي اها حالت آهي جو اسان سڄو مهينو ساڳيا ڪپڙا بُت تي پاتا آهن. توکي خبر آهي ته عبادت کان اڳ هرهڪ مسلمان کي جان ۽ جسم پاڪ رکڻو آهي[2]. +مون کي اميد هئي ته اهڙا دليل جي هڪ مسلمان لاءِ لاجواب آهن سي کيس خاموش ڪرائي ڇڏيندا. پر هن پنهنجو بحث جاري رکيو ۽ چيائين ته ياد رک ته ساڳيو حڪم جيڪو تو هينئر مون کي ٻڌايو آهي سو صاف لفظن ۾ چوي ٿو ته مسافرن کي هرڪا سهوليت آهي. خدا ڄاڻي ٿو ته قسمت مون کي ڪير همراهه ڪري ڏنو آهي. ته سمجهي نٿو سگهان ته توهان يهودي، ڪافر، نامراد شيعا آهيو يا ڪير! مون رسول جو قسم کڻي چيو ته اسين سُني مسلمان آهيون ۽ ٻيون ڪجهه به نه. آءٌ پنهنجن اعتراضن جي تائيد ۾ ٻيا وڌيڪ زوردار دليل ڏيڻ وارو هوس ته منهنجي هڪڙي اُٺ واري اچي ٻڌايو ته ماني پچي تيار ٿي آهي. اسان اُٿي کڙا ٿياسون ۽ ماني کائڻ لاءِ هن سان گڏجي وياسين. مان جڏهن فتح محمد سان اها ڳالهه ڪئي ته هن کي ان ڳالهه تي سخت غصو آيو، جو کيس يهودي سمجهيو ويو هو. قسم کڻي چيائين ته ميرخداداد بيوقوف آهي ۽ ٻين کي مذهب جي تلقين ڪري ٿو پر پاڻ کي ڪَک به نه ايندو اٿس. سڀاڻي مان اها ڳالهه سڀني جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريندس. پوءِ ڇا ڪيائين جو مانيءَ ٽڪر مير کي ڏيئي چيائين ته ان مان ايترو کاءُ جو حلال هجي ۽ وڌيڪ ڪجهه به نه. سردار هن جو مقصد نه سمجهيو. فتح محمد چيس ته پاڻ کي پورو علم نه هجي ته ٻين کي سبق نه سيکارجي. +فصل- 11 +11- اپريل: مان اڄ هن ويران ۽ غيرآباد علائقي مان جنهن ۾ پهڻن جون ٽڪريون ۽ سُڪل ڪڙيا هئا، پنجويهه ميل پنڌ ڪيو. انهن ڪيترن ڪڙين جي تري ۾ اُٺن جي چاري جو جهنگ ۽ ٿورو پاڻي هو. رستو ور وڪڙ هو ۽ ڪالهه کان به وڌيڪ ڏکڻ جي ڏِس ۾ پئي ويو. شام جو مان جيتريقدر معلوم ڪري سگهيس ته اسان اڳينءَ منزل کان ڏکڻ- اولهه هئاسين ۽ سڌيءَ ليڪ ۾ ۽ ڏهه ميل ان کان پري. +ٻارهين ۽ هڪ بجي جي وچ ۾ مان سرحد (ڪُنرد) جي بلوچن جا ٽي ڪٽنب ڏٺا جي اتان ڀڳا ٿي ويا. هنن چيو ته پنڌرهن ڏينهن اڳ سردار جهان خان جي ڀائيٽي ڳچ سپاهين جي مدد سان سارو ملڪ ڦُري ويران ڪري ڇڏيو هو. هو ان وقت شيخ مراد خان جي عَلم هيٺ نوڪري ڪرڻ لاءِ سڀ ٿي ويا. مان هنن بدبخت پناهه گزينن کان هڪ ٻڪرو خريد ڪيو (جيڪي سب ۾ شيخ مراد جي جهنڊي هيٺ داخل ٿيڻ لاءِ ٿي ويا)، جنهن لاءِ هنن فقط آڌيو گهريو. پر مون وٽ رپئي کان گهٽ ڪو سِڪو ڪونه هو جنهنڪري کين سارو رپيو ڏنم. مير خداداد سرحد بن جي شڪست تي خوشيءَ ۾ گد گد پئي ٿيو ۽ خدا جا شڪرانا بجا آندائين، جو هنن کي ڪلو گن تي حملي ڪرڻ جي عيوض اهڙي سيکت ملي هئي. لاف هڻي چيائين ته جي هنن کي منهنجي ڀائٽي هٿان اها شڪست نه ملي ها ته مون کي هنن کي منهنجي علائقي ۾ ڇاپي هڻڻ ڪري، هنن جو پڻ ڪڍڻو پوي ها. پر هن جيڪي اڳي قبول ڪيو هو، ان مان ظاهر هو ته اهو رڳو اجايو دڙڪو هو. +12- اپريل: مان اڄ صبح جو پنجين بجي نڪتس ۽ ڏيڍ ميل اولهه- ڏکڻ اولهه جبلن تان لنگهي هڪ اڀي ٽڪريءَ تان لهي، هڪ نديءَ جي تري ۾ پهتس، جا ٻه سؤ گزن کان به مٿي جبل تائين موڪري هئي. منجهس لئي[3]، تاغود، ٻٻر ۽ خربي جو گهاٽو جهنگ هو. پاڻي به جام هو. ٻٻر ۽ خربي جا هت وڏا درخت ٿين ٿا. ان وقت انهن وڻن ٻور ڪيو هو. انهن ۽ ٻين ننڍن جهنگلي ٻوٽن جي خوشبوءِ جي گورکڌنڌي ۾ رستو اهڙو منجهيل هو جو اسان سمجهيو ته اجهو ٿا ڀلجي وڃون. اسان ڪو ورلي پندرهن- ويهن گزن کان وڌيڪ هڪ ڏِس ۾ هليا هونداسين. سواءِ هن منزل جي. پوين چئن ميلن ۾ هتي نديءَ جو پيٽ سخت ڀِت وانگر هو ۽ منجهس ٻوٽا ۽ ننڍا وڻ هئا. مان سج لٿي مهل هن پٽ ۾ جو ست ميل ويڪرو آهي ۽ پاسن کان ٽڪريون اٿس. هڪ ابادي ۽ آسمان آباد نالي هڪ ڦٽل ڳوٺ جي ڀرسان لهي پيس. ڳوٺ جا ماڻهو سواءِ ٻن- ٽن گهرن جي ٻيا هفتور ۽ پهرا ڏانهن لڏي ويا هئا. +منهنجي ڪَٿ مطابق اڄ اسان ٻٽيهه ميل سفر ڪيو هو ۽ ڪالهوڪيءَ ڏِس ۾ نديءَ جي پيٽ ۽ ان جي ڏاکڻي ڇيڙي ۾ جو پٽ هو، تنهن مان ظاهر هو ته هتي سخت ٻوڏون ٿينديون آهن. +نديءَ جي ورن وڪڙن ۾ ڪاٺين پٿرن ۽ گند ڪچري جا وڏا ڍير هئا ۽ وڻن جي مٿين ٽارين ۾ زمين کان ڏهه- پندرهن فوٽ مٿي اهڙيءَ طرح گاهه ۽ ڪک اٽڪيا پيا هئا جو ان مان ظاهر هو ته اُهي پاڻي لهڻ ڪري اُتي رهجي ويا هئا. رات جو اسان کي گدڙن، چراغن، بگهڙن ۽ ٻين جانورن پنهنجي موسيقيءَ سان وندرايو. هو اسان جي ويجهڙائي کان پري هئا، پر ان ۾ شڪ نه آهي ته ويجهو اچن ها، پر ڳوٺاڻن ڪيڪون ۽ آواز پئي ڪيا ته جيئن جهنگلي سوئر نه اچي سندن ڪڻڪن ۾ پون. هن تر ۾ اهي بکيا جانور گهڻائي آهن. هو اڪثر اهڙن جهنگلن ۾ رهندا آهن، جنهن مان اڄ شام جو اسين لنگهيا هئاسين. هو ٽيهه- چاليهه گڏجي نڪرندا آهن ۽ ٿوري وقت ۾ ايڪڙن جا ايڪڙ ڀيلي ناس ڪندا آهن. هن ملڪ جي ماڻهن کي خيال ويٺل آهي ته سوئرن کي شڪار ڪرڻ حرام آهي، تنهنڪري هو انهن جي نسل کي ناسل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا آهن. هو ايترو ته تڪڙو وڌندا ٿا وڃن ۽ وڌندا رهندا. جو پوءِ جلد ماڻهن کي خبر پوندي ته هو هڪ وڏي غلطي ڪري رهيا آهن. +اسان وارو دوست ڪابلي فقير، اڄ اسان کان موڪلائي. مڪران جي ڪنهن بندر جو رستو وٺي راهي ٿيندو رهيو. جتان هن کي مسقط، جدي ۽ مڪي وڃڻ جو ارادو هو. مان هن جي وڃڻ تي ڏاڍو خوش ٿيس، ڇاڪاڻ ته هن ٿوري وقت کان وٺي نماز جي باري ۾ مون کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو هو، ايتريقدر جو قرآن جي هڪ آيت مون کي ٻڌايائين جنهن جو مطلب هو ته جو مسلمان الاهي احڪامن جي ڪنهن بهاني تي پابندي نٿو ڪري تنهن کي مارڻ جائز آهي. دراصل اهو درڪو ظاهر ظهور منهنجي لاءِ هو. تنهنڪري مان سمجهيو ته هاڻي ڪنهن عملي قدم کڻڻ جو وقت آهي سو ۽ جهٽ پٽ اُٿي اُٺ تي پيل پاکڙي جي ڳوٿريءَ مان پستول ڪڍي چيومانس ته خبردار، جي وري اهڙي گستاخي ڪئي اٿئي! منهنجي انهيءَ قدم جو ايترو اثر پيو جو هن کي وري کليو کلايو اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي جرات ئي نه ٿي. پر هو مير خداداد کي چرچ ڏيندو رهيو ته هو مون کي هدايت ڪري ۽ وعظ ٻڌائي. +13- اپريل: اڄ صبح جو ڇهين بجي مان آسمان آباد ڇڏي هڪڙي سرسبز ميدان مان لنگهي هفتور پهتس جو ڇهه ميل اولهه- ڏکڻ طرف هو. مان اڃا مهمان خاني ۾ اچي مس لٿس ته هڪڙي بلوچ اچي فراسي وڇائي، نالو ۽ اچڻ جو مقصد پڇيو. جواب ڏنومانس ته مان پيرزادو آهيان ۽ مشهد جي مقدس شهر[4] ڏانهن وڃڻ جو ارادو اٿم ناشتي کان پوءِ سردار مون سان ملڻ آيو. هو گهر جي پوشاڪ ۾ هو: ململ جو پهراڻ ۽ نيري رنگ جي ريشمي سٿڻ پيئي هيس، مٿي تي پڳ جي بدران هڪ شال ويڙهيل هيس، اها پوشاڪ کيس ڏاڍي ٺهي ٿي 7 ان جي اٿ ويهه جو نمونو نهايت وڻندڙ ۽ شاندار هو. فارسي اهڙي پيئي ڳالهايائين جو مون اهڙي بلوچستان جي ڪنهن به باشندي کان ڪانه ٻڌي هئي. چيائين ته صبح جو تو مون کي نياپو موڪليو هو ان ۾ پنهنجي صحيح سڃاڻپ ڪانه ڪرائي هُئي. مون کي قوي شڪ آهي ته تون ڪو چمڙا پوش (ويس بدليل) ۾ شهزادو آهين. مهرباني ڪري حقيقت ٻڌايو ته توهان جي جوڳي عزت ڪئي وڃي. جڏهن مون ڏٺو ته هو منهنجي ڳالهه تي مطمئن نٿو ٿئي، تڏهن ڳالهه بدلائڻ لاءِ مون پنهنجا پستول ڪڍي ڏيکاريامانس. هن انهن جي تعريف ڪئي ۽ مون انهن مان هڪڙو کيس آڇيو. هو انهيءَ تحفي تي ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ ايتري تميز ڏيکاريائين جو اها ڳالهه وري ڪانه ڇيڙيائين، جنهن کان مون ڪن پئي هنيو. +قائم خان کان ڪجهه سيڌو سامان ۽ سندس ڀاءُ پهرا جي خان لاءِ چٺي وٺي مان ٻين بجي شام جو هفتور ڇڏيو ۽ ڇهين بجي کان اڳ پهرا ۾ پهچي ويس. رستو تمام سٺو هو. اٽڪل يارهن- ٻارهن ميلن جو مفاصلو ٿيندو. رستو هڪ پٽ مان هو جنهن تي ڪڪري پيل هئي ۽ ڪٿي ڪٿي کجين جا جهڳٽا هئا. ستين ۽ نائين ميل تي ٻه عاليشان نهرون هيون. +ان وقت شاهه محراب خان ڳوٺ جي ڳچ ماڻهن سان مسجد ڏانهن وڃي رهيو هو. مون کي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي مون انڪار ڪيو. نماز کان پوءِ خان مهمانخاني جي در تي هڪ پنج- ڇهه فوٽ اونچي ٿلهي تي (جنهن تي فرش وڇائيا ويا هئا) چڙهي اچي بيٺو. اچڻ سان پڇيائين ته ڪٿان آيو آهين ۽ ڪهڙي مقصد سان؟ خداداد اسان جو اڳواڻ ٿيو. قائم خان کي شاهه جواب ڏنو هو سو کيس چئي ٻڌايائين، وڌيڪ چيائين ته هن کي ڪو سونهون، سيڌو سامان کپي جو نرمنشير[5] وڃڻو اٿس. اتي خان جي هٿن ۾ مون اهو خط ڏنو جو هفتور مان آندو هئم. هن هڪ مرزا (مفتي) کي سڏي چيو ته ڏاڍيان پڙهي، سڀ ماڻهو ڌيان سان ٻڌڻ لڳا.خط جي پڇاڙيءَ ۾ قائم خان لکيو هو ته مون کي شڪ آهي ته هي ماڻهو پنهنجو سچو عهدو لڪائي ٿو، جو ٻڌي منهنجي دل دهلجي ويئي پر اهو چوڻ مناسب آهي ته هن اهي اکر دوستاني مقصد سان لکيا هئا. مطلب هوس ته جيئن ڀاڻس مون ۾ دلچسپي وٺي. +انهيءَ اوچتي انڪشاف ڪري ڪجهه وقت سناٽو ڇانئجي ويو. سڀ مون ڏي نهارڻ لڳا. هڪ ڏهن- ٻارهن ورهين جينينگر دانهن ڪري چيو ته ڪيئن[6] هيءُ پاڻ کي پيرزادو ٿو سڏائي! پوءِ قسم کڻي چيائين ته هو فرنگي گرانٽ، جو گذريل سال ڀنڀور آيو هو، تنهن جو عزيز يا ڀاءُ آهي. مون ڇوڪري جي لفظن تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو پر هڪو ٻڪو ٿي ويس ۽ خان نهايت نرميءَ سان چيو ته جي اها حقيقت آهي ته پوءِ لڪائڻ جي ضرورت نه آهي. تنهنجو هتي ڪو وارو به ونگو نه ٿيندو. اهڙيءَ خاطريءَ ملڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته هاڻ گوٿناٿي ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. تنهن تي چيومانس ته مان يورپي آهيان ۽ هڪ هندوءَ جي نوڪريءَ ۾ آهيان، جنهن جي ڪم سان ڪرمان وڃان ٿو. +مير خداداد کي هن انڪشاف تي جو تعجب ۽ غُصو ٿيو، تنهن جي بيان ڪرڻ کان منهنجو قلم قاصر آهي. پنهنجي دعوا کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ چيم ته مان گرانٽ جنهن جي ڇوڪر ڳالهه ڪئي هئي تنهن جو ڀاءُ نه آهيان مگر هن جو ويجهو عزيز ضرور آهيان. مير چيو ته منهنجي لاءِ ته هيءَ هڪڙي ڳجهارت آهي. شاهه محراب خان ڏي نهاري وري ماڻهن ڏي مخاطب ٿي چيئين ته اسان ڪلوگن ڇڏڻ کان پوءِ مذهبي بحث ڪيا. مون هن جي مذهبي دليلن جا رد ڏنا، ۽ مون کي تنبيهه ڪيائين. منهنجي ڄاٽي مراد خان مون کي هن جي عابد هئڻ جون مقابلي سان جيڪي ثابتيون ڏنيون آهن، اهي سڀ ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته هن جي دعوا ڪوڙي آهي. خان اهو قصو ٻڌي کلي کلي کيرو ٿي پيو ۽ ڪاوڙيل جوان کي چيائين ته فقط توسان ڌوڪو ڪونه ٿيو آهي. (هن جو اشارو شايد سندس ڀاءُ ڏانهن هو). خداداد پوسرجي جواب ڏنو ته ها اها مون کي خبر آهي. پر مان جيترو وقت هن سان گَهرو گذاريو آهي اوترو ٻئي ڪنهن به ڪونه گذاريو آهي ۽ مون کي اڄ تائين خبر نه پئي آهي ته هيءُ ڪير آهي، اتي هڪڙي ماڻهوءَ دانهن ڪئي ۽ مون ڏٺو ته هو منهنجي جتن مان هڪ هو. چيائين ته مان هن ماڻهوءَ سان ٻه مهينا گڏ گذاريو آهي، مون کي خبر هئي ته هو به سيد [7] آهي نه پيرازادو آهي. پر خدا خير ڪيو ته مون کي به توهان وانگر اهو علم ڪو نه هو ته هو فرنگي يا يورپي آهي اتي هن جي غصي وري ٻيو رخ اختيار ڪيو. چيائين ته لعنت آهي نامراد بي اصول مراخ خان تي جو اهڙي پاپي ڌوڪي ۾ هن جو ڀاڱي ڀائيوار آهي! اتي اوندهه اچي ٿي، تشست برخواست ٿي. خان پنهنجي گهر وڃي آرامي ٿيو، ۽ مان مهمانخاني جي هڪ ڪُنڊ تي وڃي قبضو ڪري ويٺس. جتي خوب عاليشان کاڌو جنهن ۾ گوشت جو شوروو، ڀلاءُ ۽ ڪڻڪ جون مانيون هيون، کائي ڍؤ ڪيم. +14- اپريل: ناشتي کان پوءِ مان محراب خانب وٽ ويس هن جو غريباڻو خراج پيش ڪيم، جنهن ۾ ٿورو بندوق جو سنهون دارون، پستول جا چقمق تير، چاڪون ۽ قئنچي هئا. تنهن کان پوءِ عرض ڪيومانس ته مون کي جلد روزانو ڪري ۽ ڪجهه اَٽو به ڏي. مون وٽ اٽو ۽ کجور فقط اهي بچيا هئا جي هفتور ۾ قائم خان ڏنا هئا. وعدو ڪيائين ته صبح جو سونهون توسان هلڻ لاءِ تيار هوندو ۽ پنهنجي ديوان کي چيائين ته هن کي ڏهه مڻ (اٽڪل ست سير) ٻاجهريءَ جو اٽو ڏي، جو ان وقت ڪڻڪ جو اَٽو ڪونه ٿي ملي سگهيو. وڌيڪ صلاح ڏنائين ته سڌو پهرا کان باسمان وڃو ته چڱو ٿيندو، جو ائين ڪرڻ سان ڀنڀور به نه ڏسڻي پوندوَ ۽ ٻن منزلن جو سفر به گٽ ٿيندو. هي مشورو منهنجي فائدي ۾ آرام لاءِ هو. جنهن لاءِ مون سندس شڪر گذاري ڪئي، پر چيومانس ته ڪئپٽن گرانٽ کان ڀنڀور جي سردار محراب خان جي سخا جي ايتري تعريف ٻڌي هئم جو مون کي اتي هن سان ملڻ جو ارادو آهي. +خان اهو عذر سواءِ چون چرا جي قبول ڪيو ۽ چيائين ته اها ڳالهه توتي ڇڏيل آهي، پر حقيقت هيءَ هئي ۽ مون خيال ڪيو ته جي ڀنڀور جي سردار جو فائدو نه وٺندس ته منهنجو سيڌو ريگستان يعني ايران جي علائقي، نرمنشير ۾ پهچڻ کان اڳ خلاص ٿي ويندو. +انهيءَ فيصلي کان پوءِ مان مهمانخاني ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي آيس، ۽ باقي ڏينهن سُست ۽ فسادي بلوچن جي حشام ۾ گذاريم، جي مون کي واهيات ۽ اجاين سوالن جوابن سان تنگ ڪندا رهيا. شام جو سرحد کان هڪ گوسائين[8] آيو، جنهن سڄي ڳوٺ کي وندرائڻ جوبار پاڻ تي کنيو ۽ مون کي ڪجهه آرام مليو. اڌ تماشبين وڃي هن سان شامل ٿيا ۽ کانئس سرحد جون تازيون خبرون پڇڻ لڳا. جنهن خاص ڪري سرحد جي ڳوٺ کي خان جهان جي هٿان لُٽجڻ جي خبر، کين نهايت شدمد سان ۽ اثرائتي نموني ۾ ٻڌائي. فرصت وقت مون پنهنجي همنوا کان پڇيو ته تون ڪير آهين؟ معلوم ٿيو ته هن پنهنجو دورو ملتان کان شروع ڪيو هو ۽ ڪشمير، ڪابل، قنڌار ۽ سيستان مان ٿيندو سونمياڻيءَ جي ڀرسان سِڌَ ۾ جو هنگلاج جو تيرٿ آهي، اتي مٿي ٽيڪڻ جي ارادي سان سيستان مان نڪتو هو. پر پوءِ خيال بدلايو هئائين ۽ ايران مان لنگهي، سمنڊ جي ڪناري تي جو مشهور جوالامکي[9] آهي، تنهن جي ڏسڻ جو ارادو ڪيو هئائين. هو يارباش ماڻهو نظر ٿي آيو ۽ پنهنجي طبقي جي ٻين پوڄارين وانگر تعصبي ۽ بڪبڪيو نه هو. تنهنڪري مون کيس پاڻ سان گڏ اُٺ تي ڪرمان ڳوٺ ڏي هلڻ جي صلاح ڪئي جا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. پر ��ُٺ بيمار ٿي پيو ۽ گوسائينءَ کي فراموش ڪرڻو پيو.ويچارو فقط ڀنڀور تائين پهتو. +شام جو خان دستور موافق مهمانخاني اڳيان هڪ دڙي تي ڪچهري ڪئي، جتي ڳوٺ جي ماڻهن جو وڏو حصو موجود هو. مون به مڪاني معلومات حاصل ڪرڻ جي ارادي سان موقعي جو فائدو وٺي، اتي ويس. ۽ چڱو ڪامياب ٿيس. آخر اوندهه ٿي ۽ موڪلائڻ جو وقت آيو. اسان هڪٻئي سان ڏاڍو گهائل مائل ٿي وياسين. هڪ مَلان صلاح ڪئي تهمانيءَ کان پوءِ وري مهمانخاني ۾ گڏجي ها؟ ڳالهه سڀني خوشيءَ سان قبول ڪئي. خان به خوشيءَ سان اچڻ قبول ڪيو. +سڄو مهمانخانو ڀرجي ويو، اڌ رات تائين مجلس هلي. خان جي موجودگيءَ ۾ هرڪوماڻهو بافضيلت ويٺو هو هرڪنهن نقل ٻڌائي پنهنجو هنر ظاهر ٿي ڪيو، ۽ مجلس جي رونق وڌائي. سڀني کان وڌيڪ خان، مجلس جو مور هو. +مون کي اتفاق سان معلوم ٿيو ته هو بلڪل اڻپڙهيل هو. مون هن کي ٻڌايو ته مان نوشڪيءَ مان عيدل خان کان، جن سردارن جي حد مان مون کي لنگهڻو آهي، تن لاءِ خط آندا آهن، پر مون اهي کين ڪين ڏنا آهن. تنهن تي پڇيائين تهمان اهي خط ڏسي سگهان ٿو؟ مو خطن جو سرنامو پڙهي ٻڌايو مانس. ٻڌي عجب و‎ٺي ويس. چيائين ته تون مُلان ته ناهين جو لکڻ پڙهڻ ڄاڻين! مون چيومانس ته مون کي پنهنجي زبان جو چڱيرڙو علم آهي، تنهن کان سواءِ ڪجهه فارسي ۽ هندي به ڄاڻان. انهيءَ جواب تي چيائين ته مون کي سمجهاءِ ته فارسيءَ ۾ لکيل انگريزيءَ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ آءٌ زباني طرح هن کي خاطريءَ جي جهڙي سمجهاڻي ڏيئي نه سگهيس، تنهن تي مَس قلم ۽ پنو گهرائي مون کان ڪيترا جملا لکارايائين، جنهن ۾ پڇاڙيءَ جو سندس نالو ۽ القاب هئا. پوءِ ليلائي چيائين ته هاڻي پنهنجو نالو، پيشو، منهنجي ڳوٺ ۾ اچڻ جو عيسوي سال ۽ توسان جنهن به قسم جي خاطرداري ڪئي ويئي آهي خواهه چڱي هجي يا خراب، سي به ان ۾ درج ڪر. اهو رقعو پوءِ سندس مرزا يا منشيءَ جي حوالي ڪيو ويو. چيائين ته هاڻي جيڪو ٻيو فرنگي هتي ايندو، تنهن کان پڙهايو ويندو. جيڪو تو ان ۾ منهنجي باري ۾ لکيو هوندو تنهن مان مون کي خبر پوندي ته تون ڪهڙي قسم جو انسان آهين. مون خيال ڪيو ته مون جنهن نموني جو هن کي ڌوڪو ڏنو آهي، تنهن هوندي به هو مون سان نهايت مروت ۽ مراد و نديءَ سان هليو آهي. تنهنڪري مون به هن جي باري ۾ مناسب لفظ لکيا. +مان اڄوڪي ڪاروائيءَ تي مجمل تبصرو ڪيو آهي، جو شايد ڪِن کي مناسب نظر نه اچي. مون هِت ۽ هُن تذڪري ۾ ٻين ڪيترن هنڌن تي اهڙا تفصيلوار بيان ڏنا آهن جن مان نه فقط فردن جي پر سڄي قوم جي طبع ۽ ذهن جي خبر پوي ٿي، جن جيمدار تي مون هن ڪتاب ۾ بلوچن جي تصوير جو خاڪو چِٽيو آهي. هتي توهان ڏسندؤ ته هڪڙو سردار آهي، جنهن جي پيدائش ۽ رياست جي ايراضي ڀر وارن سردارن جي مقابلي ۾ شاهاڻي آهي. هو پنهنجي ادنيٰ ۾ ادنيٰ رعايا سان محبت ڪري ٿو ۽ انهن کي آزاديءَ سان سندس خلاف پنهنجا رايا ظاهر ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو ۽ ساڳئي وقت هن ماڻهوءَ کي علم جي لاءِ اهڙي حقارت آهي جو هو لکي پڙهي به نه ڄاڻي. هن وقت فقط ايشيا ئي هڪڙو اهڙو ملڪ آهي، جتي اهڙي قسم جا جهالت جا مثال ملن ٿا. پر هنن ماڻهن جون عادتون ۽ آئين، انهن وحشي قومن سان هوبهو ملي اچن ٿا، جن رومي سلطنت جو خاتمو ڪيو هو. +فصل- 12 +15- اپريل: مان اڄ شام، ذري گهٽ ڏهين بجي تائين انتظار ۾ ويٺو رهيس. جڏهن هڪڙي ماڻهوءَ اچي چيو ته خان توسان پنهنجي گهر ۾ ڳالهائيندو. مون اهو حڪم خوشيءَ سان مڃيو. خان مرزا کي به خط ويٺي لکايا. اهي پورا ڪري منهنجي حوالي ڪيا ويا. انهن مان هڪڙو ڀنڀور جي سردار محراب خان لاءِ هو ۽ ��يو باسمان جي سردار مراد خان لاءِ. خان، سونهي کي تاڪيد ڪيو ته هن (مون) کي ڀنڀور ۾ ڪو پنهنجو ماڻهو وٺي ڏي ڪنهن به حالت ۾ کيس سندس اجازت کان سواءِ ڇڏي نه وڃي. مون انهيءَ عنايت لاءِ وري سندس شڪر گذاري ڪئي. آخر منجهند ڌاري کانئس موڪلائي پنهنجي اُٺ تي سوار ٿيس. سورهن ميل ڏکڻ- اولهه هڪ ڪانڊيرن واري پٽ ۽ ٻن- ٽن زمين جي آباد ٽڪرن مان پنڌ ڪري اتڪل ساڍي چئين بجي ڀنڀور ۾ پهتس. ٻن مختلف جاين تي اسان هڪ نهر جو ڪپر ڏئي پنڌ ڪيو، مون کي معلوم ٿيو ته انهيءَ ساڳيءَ نهر تان اسان هفتور ۽ پهرا جي وچ ۾ ٽپيا هئاسين، انهيءَ ساڳيءَ نهر جو پاڻي آسپاس جا ماڻهو نه فقط گهرو ڪمن لاءِ، پر آباديءَ لاءِ پڻ ڪم آڻيندا آهن. +[1] . اذان، عربي لفظ آهي. لاءِ مون کي ڪو انگريزي اصطلاح ڪونه ٿو نظر اچي. ان جو مطلب آهي نماز جي تياريءَ جو چتاءُ يا سڏ. اذان پڙهندڙن کي مؤذن چوندا آهن. اذان وڏي ۾ وڏي مناري جي چوٽيءَ تان پڙهي ويندي آهي. جي مؤذن جو آواز صاف ۽ بلند هوندو آهي ته اڪثر ائين ئي هوندو آهي ته اها دل تي اثر ڪندي آهي. +[2]. قرآن جي سَنَد سان. +[3] . لئي، انگريزي نالو. تاغود، لئيءَ جو هڪ قسم، ٻٻر، انگريزي نالو. خربو، انگريزي نالو يا بادامي جو گل. +[4] . مشهد جو شهر، خراسان ۾ هڪ زيارت جي جاءِ آهي جو اتي امام موسيٰ رضا جو مقبرو آهي. ان کي شرف ڏيڻ لاءِ مشهد مقدس چوندا آهن. ايرانين ۽ افغانن جو ان شهر تي هميشہ تڪرار هوندو آهي، اهو شهر ٻنهي حدن جي وچ ۾ آهي، تنهنڪري محاصري ڪري شهر ڏتڙجي رهيو آهي، شهر تي گوليباري يا حملو ڪرڻ گناهه سمجهيو ويندو آهي. +[5] . ايران جو ڏکڻ- اولهه وارو علائقو جو ڪرمان جي سرڪار جي ماتحت آهي. +[6] . بنگال جي ڏيهي پيادل فوج جو سابق ڪئپٽن گرانٽ هي سرويچ عملدار 1809ع ۾ گوادر وٽ لهي ڀنڀور، جو پهرا کان سورهن ميلن تي آهي، جي خطي تائين وڃي، سمنڊ جو ساحل وٺي ٻئي رستي کان بندر عباس مان اچي سمنڊ رستي بمبئيءَ موٽي آيو هو. انهيءَ ڏاکڻي سفر جي دوران ۾ هن وسيع ۽ صحيح معلومات گڏ ڪئي هئي. مون کي خبر هئي ته هو ڀنڀور جي سردار جو دوست ٿي ويو هو جنهن ڪري مون پاڻ کي هن جو عزيز سڏايو. +[7]. سيد، اهي مسلمان آهن، جي رسول جي اولاد مان هجڻ جي دعوا ڪندا آهن. پيرازادي جي معنيٰ، مون اڳئي 4 اپريل جي روزنامچي جي حاشي ۾ ڏني آهي. +[8]. گوسائين، هندو فقيرن جو هڪ طبقو آهي. +[9] . هي جوالا مکي بدڪو يا باڪوءَ ۾ آهي. جو سمنڊ جو هڪ بندر آهي. جوالا مکي، ڇاڪاڻ ته تيل نظر ٿو اچي جو اتي جام نڪرندو آهي. ڏسو ڪينئر جو ايران جي جاگرافيءَ متعلق مضمون. + + +مير خداداد جنهن جو غصو رات ۾ بلڪل ٺري ويو هو، سو پهرا مان پهرئين ميل تائين مون سان هليو. موڪلائڻ وقت مون کيس ڀاڪر پائي سندس شفقت جي عيوض کيس پنهنجن ٽن اُٺن مان هڪ سوغات طور ڏنو. نوشڪي ڇڏڻ وقت اُٺ نهايت ڀلو هو پر سفر ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو ۽ منهنجي لاءِ هڪ وبال ٿي پيو هو. مون هن آزار مان جند ڇڏائي ۽ ساڳئي وقت خداداد کي به هڪ دلگُهري سوکڙي ملي. +هفتور ۽ پهرا جا ڳوٺ تمام ننڍا بر صفا ۽ سهڻا ٺهيل آهن. هفتور ۾ اڍائي سؤ ۽ پهرا ۾ چار سؤ گهر آهن ۽ ٻيئي ڳوٺ کجين جي جهڳٽن ۾ ٺهيل آهن، جن مان سندن مالڪن کي وڏي آمدني جو ذريعو آهي. هن تر ۾ شاهه محراب خان سڀ کان وڌيڪ طاقت وارو سردار آهي. هن کي قاعدي ۾ ڇهه هزار ماڻهن جي فوج آهي. نه ته به هو ٻن ڏينهن اندر ايترا ماڻهو گڏ ڪري سگهندو آهي. ديزڪ کان باسمان تائين هن جي اختياري هلندي آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا سردار، نوي يا سؤ ميلن جي چڪر ۾ پنهنجين پنهنجين ايراضين ۾ حڪومت ڪندا آهن. هو شڪل جو نهايت ٺاهوڪو آهي ۽ هن جي ڳالهائڻ مان بزرگي ۽ فضيلت پئي بکندي آهي. هو نهروبن قوم جي اربابي شاخ مان آهي. اها شاخ ڪا خاص اهميت ڪانه رکندي هئي. هو سرحد ڀرسان هڪ ويران پوٺي تي گمناميءَ ۾ رهندا هئا. جتان هاڻوڪي خان جا وڏا پنهنجن ڪن ماڻهن سان لڏي ديزڪ ۾ آيا، جتي ڪن مڪراني سردارن کين زمين جا ٽڪرا ڏنا جنهن جي بناء تي هنن پنهنجا پير ڄمايا. تنهنڪري شاهه محراب خان جي اباڻي ملڪيت ديزڪ ۾ هئي پر هن ڀنڀور جي سردار جي پيءُ سعيد خان جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ هن لشڪر ڪٺو ڪري پنهنجي سهري جي مدد سان هفتور ۽ پهرا ورتا. اهڙيءَ طرح قصو وڌندو ويو ۽ هن ٻيا ملڪ فتح ڪيا. تان جو هاڻي تخمينو ڪيو ويو آهي ته هن جي سالياني پيدائش ساڍا چار لک رپيا ٿيندي[1]. +پهرا، هفتور، مگسي وغيره ڳوٺن ۽ وچ واريءَ ايراضيءَ جا اصلوڪا مالڪ ملڪوهه بلوچ هئا، جي اربابين سان لڙائين ۽ جهڳڙن ۾ ذري گهٽ ختم ٿي ويا آهن، باقي ڪي ٿورا، جي تلوار جي منهن مان بچيا، سي نر منشير ڀڄي ويا، جتي ايران جي سرڪار کين زمين ۽ پناهه ڏني آهي. +بلوچن جون جيڪي قومون مان ڏٺيون آهن، تن سڀني اربابي سڀني کان سهڻا آهن. هنن جي شڪل ۾ هڪ قسم جي بزرگي نظر ايندي آهي، جا کين پنهنجن ٻين هموطنين کان ڌار ظاهر ڪندي آهي. هو سڀ قداور، سهنا ۽ چستيءَ ڏانهن مائل هوندا آهن. هو لشڪري هئڻ تي فخر ڪندا آهن، سندن ڪارناما جن جو اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي، سي مشهور آهن. +خير، هاڻي آءٌ وري پنهنجو تذڪرو شروع ڪريان ٿو: مان ڀنڀور ۾ لهڻ سان محراب خان ڏي خط موڪليو. ٿوري وقت ۾ هڪ سٺ ورهين جو ٿُلهو ۽ ٻڍو ماڻهو ڇهن- ستن نوڪرن سان گڏ اچي حاضر ٿيو[2] هو اڪيلو هجي ها ته مان کيس ڪونه سڃاڻا ها ته هُو ڪو سردار آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي تمام سادا ڪپڙا پيل هئا. هڪ معمولي اڇو پهراڻ، نيري رنگ جي سوٽي ڪانچ ۽ مٿي تي ننڍي جمنيءَ جهڙي ٽوپي، پر هڪڙي شيءِ منهنجو خاص طرح ڌيان ڇڪايو سا هن کي هڪ لسي لوهه جي چار فوٽ ڊگهي ۽ چار انچ ٿلهي لٺ هئي، جنهن تي لوهه جون ٿلهيون ڪڙيون چڙهيل هيون، جي هن سمورو وقت پئي وڄايون. جڏهن هو ويجهو آيو ته مون ڏٺو ته هُو منڊو هو ۽ لٺ تي ٽيڪ ڏئي پئي هليو. پر کيس ڪڙين کڙڪائڻ ۾ خاص لطف ٿي آيو، ڇو ته جڏهن هن ڳالهايو پئي، تڏهن به ڪڙيون هيٺ مٿي پئي ڪيائين. لٺ جي ڇيڙن تي وڏا بمبا هئا، جنهنڪري ڪڙيون هيٺ مٿي ڪرڻ سان ٻاهر نڪري نٿي ويون. +مون هن جو عزت سلام ڪيو، جنهن جي جواب ۾ هن ٽي- چار دفعا گِگهي آواز سان چيو ته ڀلي آيؤ. پوءِ مهمانخاني جي اڳيان پاڻ سان گڏ هڪ بينچ تي ويهاريائين. منهنجو سونهون هڪ وڏو بڪبڪيو هو. سڪو ڪنهن به سوال لاءِ ڪونه ترسيو. پهرا ۾ جي واقعا ٿيا هئا، سي هڪدم ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنائين، جنهن تي هن ڪئپٽن گرانٽ متعلق گهڻائي سوال پڇيا. جنهن جي ساراهه ۽ تعريف مان هڪ ڍاپي ئي نه پيو. هيٺ ڏنل نقل مان ظاهر ٿيندو ته انهيءَ مرحوم عملدار لاءِ هن کي ڪيڏي نه عزت هئي. منهنجي اتي پهچڻ کان اڏ ڪلاڪ پوءِ پنهنجي طنبيلي مان، جنهن ۾ گهوڙين کان سواءِ ستر- اسي گهوڙا به آهن، سڀ سٺا گهوڙا منهنجي ڏسڻ لاءِ ٻاهر ڪڍارايا. انهن ۾ ٻه شاندا ٻِهاڻ هئا، جي مون کي خريد ڪرڻ جي صلاح ڏنائين. مون انڪار ڪيو جو مون وٽ ايتري روڪڙ ڪانه هئي. مون کي چيائين ته اها به ڪا مشڪلات آهي؟ تون ڪنهن به بندر تي وڃي فقط چئو ته مان ڪئپٽن گرانٽ جو عزيز نه آهيان پر کيس سڃاڻا ته توکي جيترا پئسا اڌار کپن، اوترا ملندا. پوءِ هو جلد مغرب جي نماز پڙهڻ ويو. ۽ منهنجي منهنجن ٽن ماڻهن لاءِ مختصر کاڌو موڪليائين. +16- اپريل: محراب خن اڄ صبح جو سج اڀرئي کان اڳ جهوپڙيءَ ۾ جتي مان رهيل هوس، اتي آيو. مون هن کي بندوق جا پٿر، سنهي باروت جي دُنگي ۽ هڪ چاڪون سوکڙيءَ طور ڏنا. هو هن ڀيٽا تي ناراض ٿيو. هن کي مون کي ڏسڻ کان پوءِ وڏيون اميدون پيدا ٿيون هيون، تن مطابق سوکڙي نه هئي، مون کي حڪم ڏنائين ته مون کي سڀ شيون جي تو وٽ آهن سي ڏيکار، مون چيومانس تنهنجو حڪم برچشم آهي پر ياد رک ته مان هڪ نوڪر آهيان ۽ ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم سان سفر ڪري رهيو آهيان. مون جيڪي توکي ڏنو آهي ان کان سواءِ ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. انهيءَ ڳالهه جي تصديق سندس هڪ عزيز به ڪئي جنهن کي مان اڳهين سموري حقيقت سمجهائي هئي. پر قسمتيءَ سان هن ٻن سواريءَ جي پستولن جو نالو ورتو، جي اڪثر فتح محمد ۽ منهنجو هڪ جت ڪمر ۾ ٻڌي کڻندا هئا. خان چيو ته اهي مون کي ڏيکار. ٿورو وقت ڏسي چيائين ته ڪئپٽن گرانٽ، جو مون کي پستول ڏنو هو تنهن جي مقابلي ۾ هيءَ ڪابه شيءِ نه آهي. مان وري ياد ڏياريومانس ته ڏس ته اسان جي عهدي ۾ ڪيڏو فرق آهي. هڪ هڪ سوداگر هو، جنهن پنهنجي موڙيءَ سان تجارت ٿي ڪئي، مان هڪ هندوءَ گهوڙن جي سوداگر جو نوڪر آهيان. +اتي وچ ۾ ٽپي چيائين ته تون اهڙي هڪ مردود بيدين کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ ڇو ٿو اهڙا جوکا کڻين ۽ اهڙي بيحاليءَ ۾ سفر ڪرين! اهڙي بيشرمائيءَ جي پورهيي کان بهتر ٿيندو ته بندوق کڻي وڃي لڙائي ڪر. هن بزرگيريءَ جي ڌنڌي ۾ نه آهي جس نه سود! منهنجي صلاح آهي ته ڪرمان وڃڻ جو ارادو ڇڏي پنهنجي ملڪ موٽي وڃ. هندستان ۾ پهچڻ سان هندو حرامزادي ۽ هن جي ڌنڌن کي جهنم ۾ داخل ڪر، سپاهي ٿي وڃي ملڪ ۾ ڇاپا هڻ[3] هيءَ تقرير سندس خوءِ مطابق هئي، هن جي جواب ۾ مون چيومانس ته اها صلاح بيسڪ نيڪيءَ جهڙي آهي پر هن وقت مان لاچار آهيان پر انشاء الله مان ڪرمان پهچي هندوءَ جي نوڪري ۽ هيءَ رولو حياتي ترڪ ڪندس. هي وحشي انهيءَ جواب تي مطمئن ڪونه ٿيو ته ڪو منهنجي لاءِ ڪرمان وڃڻ ضروري آهي، پر جڏهن ڏٺائين ته مان مڙڻ وارو نه آهيان، تڏهن صاف لفظن ۾ ڇيائين ته اڃا خوفائتي ۽ ڏکي مسافري اڳتي آهي. +جڏهن هن باري ۾ هن جي تقرير ختم ٿي، تڏهن هن مون کان پڇيو ته انگريزن جي حڪومت ڪهڙي نوع جي آهي، هنن وٽ ڪيتري بري ۽ بحري فوج آهي، ايڏي وڏي لشڪر کي پگهار ڏيڻ، کارائڻ ۽ منظم رکڻ جا ڪهڙا اپاءُ آهن. هنن کان اڪثر گهر ۾ يا ٻاهر ڪم ورتو ويندو آهي؟ مون انهن سوالن جا جواب کيس سندس سمجهه مطابق ڏنا. پوءِ پڇيائين ته توهان فرنگي يا يورپي، ايراني، جي ڪافر شيعا آهن، تن جي پاڙ ڇو نٿا پٽيو؟ گرانٽ ۽ تنهنجي چوڻ مان ظاهر آهي ته انگريز سرڪار نهايت طاقت واري آهي. جي اها حقيقت آهي ته انهيءَ ملعون قوم کي ناس ڪرڻ ۾ هنن کي ڪا دقت ڪانه ٿيندي. مان ٻه سؤ گهوڙيسوار موڪلي هڪ سڄو ضلعو ويران ڪري سگهان ٿو، بلڪ هنن جا ڪتا به آڻي سگهان ٿو. مون چيومانس ته اهي ڳالهيون منهنجي هستيءَ يا حياتيءَ جي دائري کان ٻاهر آهن ۽ مون هنن تي ڪڏهن به غور ڪرڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي آهي. +هوڏانهن مون کي ايرانين ۽ بلوچن جي باهمي تعلقات معلوم ڪرڻ جو اونو هو ته جيئن نرمنشير ۾ پهچڻ سان اهڙي نموني جي روش اختيار ڪريان. تنهنڪري پڇيومانس ته توهان جو ڪرمان جي سرڪار سان گهڻو وهنوار آهي يا نه؟ ۽ توهان جي ملڪن جا هڪٻئي سان تجارتي تعلقات آهن؟ کلي چيائين ته وهنوارا نه نه، گذريل ٻن سالن ۾ ڪوبه وهنوار ڪونه ٿيو آهي ۽ نه وري ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان ٻه- ٽي مهينا اڳ شاهه مهراب خان، قائم خان ۽ مان لارستان[4] ۾ مشترڪ فوج موڪلي، انهيءَ صوبي کي ناس ڪيو. قريباً ٽي مهينا صوبو اسان جي قبضي ۾ هو، پوءِ اسان جي فوج موٽي آئي. اسان وٽ اٺن جا وڏا گلا هئا، جي سڀ اَن ۽ کجور پاڻ سان کڻي آيا هئا. نتيجو اهو نڪتو جو انهن جي آمدني بند ٿي ويئي. ميناب[5] جي حاڪم کي ڪرمان گهرائي کيس انهيءَ گهوٻيءَ لاءِ جوابدار ٺهرايو ويو. جڏهن هن شهزادي[6] کي سڄي حقيقت ٻڌائي، تڏهن هن جا بند خلاص ڪيا ويا ۽ اسان ڏانهن به قاصد سخت فرمانن[7] سان موڪليا ويا. اسان کي ان ڳالهه جو پتو پئجي ويو. اسان باسمان جي سردار مراد خان ڏانهن لکيو ته هنن کي اڳتي وڌڻ نه ڏي. تنهنڪري اتي ترسي پيا ۽ اسان کين شهزادي لاءِ خط لکي موڪليا ته اسان کي تنهنجي ۽ تنهنجن گدڙ ڀَڀڪين جي پرواهه ناهي، ۽ تون نالائق ۽ ڪمينو آهين. +تقرير ته نه هئي رڳو گارين ۽ بدالفاظن سان ڀريل هئي. اسان جي کل بيهي ئي نه، اسان تي رعب ويهارڻ لاءِ اچي مَٽيو. وٺيو زور سان ڏنڊو زمين تي هڻي ڄڻ ته ايرانين جا هڏا هئا، جن کي ڪٽي پئي کانئن انتقام ورتائين پوءِ ويهي غنيمت، جا کيس سندس حصي ۾ ملي هئي، تنهن جو تفصيل ڏنائين هن جي خيال ۾ ان جي قيمت ڇهه هزار رپيا هئي. ظاهراً اها ٿوري رقم نظر اچي ٿي، پر جي داد ڪبو ته ان ڇاپي ۾ ٽن طاقتور سردارن جي مشترڪ فوج پهرا ورتو هو ته پوءِ ايتري نظر نه ايندي ته ٻيو ڇا؟ تنهن کان سواءِ جنهن ايراضيءَ ۾ اهو ڇاپو لڳو هو، سا ويران ۽ غيرآباد آهي ۽ خانه زاد غلامن کان سواءِ هرهڪ شخص کي سندس عهدي ۽ ڪارنامن مطابق غنيمت جو حصو مليو. انهن کي جيڪو مال هٿ آيو هو، تن ۾ چيائين ته غلام ٻنهي جنسن جا، اُٺ، کجور، ڪڻڪ، غليچا، بندوقون ۽ ٻيا هٿيار هئا. هن کي گهوڙا مشڪل سان هٿ ايندا هئا، سي هُل ٻڌڻ سان گهوڙن تي سوار ٿي ڀڄي ويندا هئا. +جڏهن خان موڪلايو پئي، تڏهن مان چيو مانس ته مون کي سيڌي جي قلت ڪري سخت تڪليف آهي. اميد ته تون منهنجي مدد ڪندين؟ انهيءَ منٿ جو هن نهايت ترشيءَ ۽ سنگدليءَ مان جواب ڏنو ته مان توکي سيڌو کڻي وڃڻ ته نه ڏيندس، پر مان تو کي ۽ تنهنجن ماڻهن کي ڀنڀور ۾ به شايد ئي کارايان! مون چيومانس ته جي تون اسان کي ايترو سيڌو نه ڏيندين، جيترو هتي هڪ-ٻن ڏينهن جي قيام ۾ اسان کپائينداسين ته مان هاڻي جو هاڻي باسمان روانو ٿي ويندس. پر هو سواءِ ڪنهن جواب ڏيڻ جي هليو ويو. ڪلاڪ کان پوءِ چوائي موڪليائين ته جيڪو پستول ڏيکاريو هوءِ سو ڏياري موڪل. مان پهريائين ته انهيءَ فضول طلب جي پيروري ڪرڻ کان بلڪل ننو اکرن ورايو. قاصد کي چيم ته وڃي پنهنجي مالڪ کي چؤ ته جي تون ٿو روئي ويچار ڪرين ها ته مون کي اڳيان سفر ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون درپيش اينديون ۽ خبر هجي ها ته مون وٽ ٻيو ڪو وسيلو ڪو نه آهي مون کي يقين آهي ته اهڙي گُهر ڪڏهن ڪو نه ڪرين ها. منهنجي انهيءَ التجا، هن وحشيءَ جي جذبات تي ڪو اثو ڪو نه ڪيو. آخر فتح محمد جي چوڻ تي مون کيس هڪڙو پستول موڪليو جو هڪدم پنهنجي سلامن سان واپس موڪليائينءَ جي مان وٺندس ته ٻيئي، نه ته هڪ به نه. اهڙيءَ طرح سڄو ڏينهن گذري ويو. مون سمجهيو ته شايد ضد ڪرڻ سان ڪو فائدو ٿئي. شام جو اسان کي ماني ڪانه ملي. مهماننوازيءَ جي فرضن جي انهيءَ ذليل نظراندازيءَ مان مون سمجهيو ته هي پوڙهو شرارتي ضد ڪندو ۽ شايد مون کي تڪليف ڏيندو، تنهنڪري مان بکيو ئي مايوس ٿي ڪري سمهي پيس ويچارو گو سائين جو مون سان پهرا مان گڏجي آيو هو ۽ مون سان گڏ ماني کائڻ جي اميد هيس، تنهن پاڻ کي نراس ٿيڻ نه ڏنو. هو ويو پنڻ، اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي آيو، جهولي مانيءَ جي ٽڪرن ۽ کجور سان ڀريل هيس. جي هن ۽ منهنجن ٻن بروهين کائي خوب ڍؤ ڪيو. +17- اپريل: اڄ صبح جو روشني ٿيڻ کان اڳ هڪ ماڻهو ظاهراً مخفي طرح مخفي طرح مون وٽ آيو ۽ چيائين ته تنهنجو عزيز گرانٽ صاحب منهنجو گَهرو دوست هو. تنهن جي خاطر مان توکي هن طرح لڪي ٻڌائڻ آيو آهيان ته خان فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين تون کيس پستولن جو جوڙو نه ڏيندين، تيستائين هو توکي سونهون نه ڏيندو بلڪ توکي هتان نڪرڻ به نه ڏيندو. مون کي هن طرح زوريءَ پستولن ڏيڻ جو ارادو ڪونه هو، تنهنڪري پنهنجي خابروءَ ۽ خيرخواهيءَ جي دعوا گير کي چيم ته جي تون مون کي باسمان پهچائيندين ته مان توکي ڪجهه انعام ڏيندس. چيائين ته مان رستي جو واقف نه آهيان ۽ خان مون کي جلاوطن ڪري ڇڏيندو، جو مون کي ڀنڀور يا ان جي ويجهو وري اچڻ جي همت ڪانه ٿيندي. مون کي اميد ڪانه هئي ته هو ڪو منهنجي لاءِ اهڙي قرباني ڪندو. پوءِ مون خيال ڪيو ته هن کي يقيناً محراب خان موڪليو هو. تنهنڪري مان لاچار ٿي جڏهن معلوم ٿيو ته هو اٿيو آهي، تڏهن پستول موڪلي ڏنامانس. ۽ چوائي موڪليومانس ته سونهي کي هڪدم ڏنو وڃي ته مون سان هلڻ لاءِ تيار ٿئي. اڌ ڪلاڪ اندر سونهو اچي حاضر ٿيو. مان هن کي خوش ڪرڻ لا3 کانئس باسمان جي سردار لاءِ خط وٺي ڀنڀور مان روانو ٿيس. ارمان هئم ته مان اتي آيو ڇو هئس! اسان سورهن ميل اتر- اولهه جي ڪنڊ ڏيئي هڪ پهاڙي پوٺي تان سواءِ پاڻي ۽ اُٺن جي چاري جي پنڌ ڪيو. شام جو ڇهين بجي اسان ترسياسين. +ڀنڀور جو ڳوٺ ننڍو ۽ خراب ٺهيل آهي. ڪنهن وقت ان کي چوڌاري مٽيءَ جو ننڍو ڪوٽ ڏنل هو، جنهن کي وٿيءَ وٿيءَ تي مورچا هئا، پر هاڻي سڄو زبون ٿي ويو آهي. ڳوٺ جي پسگردائي ۾ کجيءَ جا وڻ يا آباديءَ جو نشان ڪونه آهي، جنهنڪري اهو غيرآباد ۽ سُڃو ٿو نظر اچي. سردار جو گهر يا ڪوٽ مٽيءَ جي هڪ شاهدي دڙي تي ٺهيل آهي. عام روايت آهي ته گبرن جو هڪ شاهي لشڪر اتان لنگهيو هو. لشڪر جي سپهه سالار جبلن مان نڪرڻ وقت سوارن کي حڪم ڪيو ته توبرن کي پٿرن سان ڀرين. فوج جو تعداد ايترو هو جو چون ٿا ته جڏهن توبرن مان پٿر هاري ڍڳ ڪيائون ته هاڻوڪي ٽڪري ٺهيپئي. ڀنڀور ڇڏڻ کان اڳ مان محراب خان کان خط وٺڻ ۽ موڪلائڻ لاءِ ان دڙي جي چوٽيءَ تي چڙهي ويس. آءٌ سمجهان ٿو ته اها ڪم از ڪم سؤ گز اونچي ٿيندي ۽ اٺ سؤ گز ويڪر ٿيندس. ان جو لنگهه هڪ هيٺانهينءَ سرنگهه مان آهي جا ڏهه- ٻارهن گز ڊگهي ٿيندي. تنهن کان سواءِ هڪ ڏاڪڻ جي رستي مٿي چڙهجي ٿو. ڏاڪڻ کهُري نيري پٿر جي ٺهيل آهي. پهرين ڏاڪڻ دڙي مان تمام هيٺان وڃي ٿي، وري ڦري ٽڪريءَ جي ٻاهرئين پاسي کان نڪري ٿي. ٻيون ڏاڪڻيون دڙي ۾ چار- پنج فوٽ اونهيون آهن، پر مٿان کليل آهن. ڏاڪڻيون هڪٻئي کان ڪُنڊائتيون رکيل آهن. مان سمجهان ٿو ته قلعو اهڙو مضبوط آهي جو اهو ڪنهن به ايراني فوج جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. جي هي دڙو سچ پچ هٿرادو ٺهيل آهي ته ان تي ڏاڍي محنت ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته اهو جبلن کان چوڏهن ميل پري آهي، وچ ۾ ڪا کڏ يا گهارو ڪونه اٿس، جنهن مان ايتري مٽي ڪڍي سگهجي. دڙي جي اڌ تي مٿي، هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوهه آهي. ماڻهن کي عام خيال ويٺل آهي ته اهو کوهه هڪ فرسخ[8] اونهون آهي. +ڀنڀور جا رهاڪو رخشاڻي بلوچ آهن، جو نهروين جو هڪ مکيه پاڙو آهي. جيتوڻيڪ اهو تعداد يا دولت جي لحاط کان اڳرو نه آهي. هو پنهنجي پاڙيسرين اربابين کان وڌيڪ مضبوط ۽ سانورا آهن. هنن جا اربابين سان سٺا تعلقات آهن ۽ ٻنهي قومن جي سردارن جو پاڻ ۾ عزازت جو ناٿو آهي. ڀنڀور جي سردار کي وڏو عيال آهي. هن کي سؤ کن زالون آهن. هن جي پوئين زال موجود هئي، جڏهن مان ڪوٽ ۾ ساڻس ملاقات ڪرڻ و��و هوس. هوءَ هڪ ڪمسن ڇوڪري هئي. رنگ ججي تمام ڳوري، بدن ۽ شڪل جي موچاري هئي. پوءِ منهنجي سونهي، جو خان جو شڪل جي موچاري هئي. پوءِ منهنجي سونهي، جو خان جو سؤٽ هو تنهن کان معلوم ٿيو ته هوءَ ڇوڪري هڪ ايراني خاندان جي هئي. هن کي پنهنجي زال مون کي ڏيکارڻ کان عار ڪونه هو. چيائين ته مون کي اوهان جي رسمن جي خبر آهي. مان ڪئپٽن گرانٽ ۽ توکان ڳالهيون ٻڌيون آهن. پر مان سمجهان ٿو ته مون کي مائي ڏسڻ جو موقعو ان ڪري مليو هو، جو هن کي خود منهنجي ڏسڻ جي اُڻتڻ هئي، ۽ نه ٻئي سبب ڪري. +ڀنڀور جي سردارن جي آمدني اڪثر ٺيڪي تي ڏني ويندي آهي، جنهن موسم ۾ مان اتي هئس هن کي ڍلن جي عيوض 26000 هزار رپيا، 140 بندوقون، 140 رڍون يا ٻڪريون ۽ 140 ڪاسا ڪڻڪ ۽ اوترائي ڪاسا کجور جا مليا هئا. هڪ ڪاسي ۾ هڪ سؤ ڇهه پائونڊ ٿيندا آهن. هن جي ملڪ جي ايراضي ۽ حدون هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ داخل آهن. هن کي ڪيترا ننڍا ڀائر آهن، جن کي ڪوٽ ۾ اچڻ جي اجازت ڪانه اهي، ۽ نه وري ڪو هو رعيت جي ٻين ماڻهن کان خوشحال آهن. +ڀنڀور ۾ مشترڪ فارسي ۽ بلوچڪي زبان ڳالهائي ويندي آهي. +18- اپريل: مون اڄ چاليهن ميلن کان وڌيڪ هڪ ويران پٽ مان پنڌ ڪيو. انهيءَ سموري مفاصلي ۾ اسان کي پاڻيءَ جو فقط هڪ کُوهه، ڪاسڪين نديءَ جي سڪل پيٽ ۾ جتي اسان سمهيا هئاسين، اتان ڇهه- ميل پري نظر آيو. اهو به نه مٺو هو ۽ نه جالارو. اهو کوهه ڀنڀور کان ٻاويهه ميل قريباً سڌو اتر طرف آهي. پهرا ۾ سج جي اُس ۽ تاءُ ڪري منهنجي هڪ اک سُڄي پئي هئي. هاڻ ٻيئي اکيون سُڄڻ لڳيون. اکيون اهڙيون ضعيف ٿي وييون. جڪو پنج گز به اڳيان نظر نه پئي آيا. تنهنڪري مون کي لاچار تيز روشني ۽ گرميءَ کان اکيون ڍڪڻيون پيون. مان پٽڪي مٿان هڪ پراڻو ڪارورومال ٻڌي منهن ڍڪي سواري ٿي ڪئي، جنهنڪري ڪا شيءِ ڏسي نه سگهيس. +19- اپريل: چار ميل اتر- اولهه طرف پنڌ ڪري ستين بجي باسمان ۾ پهتس، جو جبلن هيٺان کجين جي جهڳٽن ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. مون ڳوٺ کان اٽڪل هڪ سؤ گزن جي مفاصلي تي سهڻن ۽ سائيدار اکروٽ جي وڻن جي هيٺان منزل ڪئي. منهنجو سونهون، سردار مراد خان کي منهنجي اچڻ جو خبر ٻڌائڻ ويو. هُو هن سان گڏجي مون وٽ آيو. مون کيس پهرا جي سردار، شاهه محراب خان ۽ ڀنڀور جي سردار محراب خان جا خط ڏنا ۽ ساڳئي وقت زباني عرض ڪيومانس ته مون کي ڪو سونهون کپي جو نرمنشير تڪڙو وڃڻو اٿم. هن خط ويٺي پڙهيا ته سندس غلامن غاليچا کڻي آڻي وڇايا. جڏهن اسان ويٺاسين، تڏهن هن مون کي آهستگي ۽ نرميءَ سان ساڳئي ڀنڀور جي سردار واري صلاح دهرائي ٻڌائي: ته رستو ڏاڍو اڻانگو آهي. ڪيترن مهينن ۾ ڪوبه ماڻهو دشت پار ڪري نرمنشير ڪونه ويو اهي، تنهنڪري توکان جيڪڏهن ٿي سگهي ته اڳتي وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪر. مون هن کي سمجهايو ته ائين ممڪن ناهي. وڌيڪ گفتگو کان پوءِ پيائين ته چڱو مان تنهنجو انتظام ڪندس. پر توکي بک لڳي هوندي ۽ مان هت ويٺو آهيان، تنهنجو ڪو خيال ڪونه ڪيم. اڌ ڪلاڪ جي اندر مون کي هڪ جيئرو دُنبو ۽ هڪ وڏو ٿالهه ڀت جو موڪليائين. ڀت ٻاجهر ۽ تازي لسيءَ جو ٺهيل هو. ان لاءِ ٻاجهريءَ جا تازا سنگ باهه تي سيڪي جوڙيءَ جي ڪپڙي ۾ مهٽي صفا ڪبا آهن. هي خوراڪ لذيذ نه آهي، پر مون ڏٺو ته هو به پيٽ پالڻ لاءِ لاچار ٿا کائين. مون هت خود پنهنجين اکين سان ڏٺو ته ماڻهو نوت جا پن، جو هڪڙي قسم جو تيز ۽ وارو گاهه آهي، جنهن کي اُٺ خوشيءَ سان کائيندا آهن تنهنڪري ’اوچ خور‘ سڏبو آهي، سو اُٻاڙي کائن پيا! منهنجي دوست تڪڙو تڪڙو دنبو حلال ڪيو، جيتوڻيڪ ڀت سوادي ڪونه هو ته به اسان ڍؤ تي ماني کاڌي. شام جو مراد خان مون وٽ آيو ۽ اسان مانيءَ جي وقت تائين ويٺي ڳالهيون ڪيون. مون کي وري ٻيهر ٻاجهريءَ جي رٻ ۽ گوشت جو شورو موڪليو ويو، جو اسان کاڌو. +21- اپريل: منهنجو سونهون پورو تيار نه هو، تنهنڪري مون هي ڏانهن سردار جي چوڻ تي باسمان ۾ ترسي گذاريو. ٻارهين بجي مان گرم پاڻيءَ جو هڪ چشمو ڏسڻ ويس، جنهن جي تعريف ڀنڀور ۾ خواهه هتي ٻڌي هئم. چشمو دُوري ۾ ٻارهن گذن کان وڌيڪ نه هو، ۽ ٻه- ٽي فوٽ اونهو هو. ان جي وچ ۾ ڳاڙهين پڪين سرن جو هڪ گول ٺلهه هو. اهو اٽڪل انچ موڪرو هو ۽ پاڻيءَ جي سطح کان اٺ انچڍ هيڍ هو، مون کي ان ۾ وهنجڻ جي همت ڪانه ٿي. چشمي جو هڪ طرف لڳاتار پاڻيءَ وهڻ ڪري گسي ويو هو. اتان هڪ شفاف پاڻيءَ جي نهر نڪري ڳوٺ ڏانهن ويئي ٿي. اها ڪڙمينکي سندن زمين جي ٽڪرن جي آباديءَ لاءِ ڪافي هوندي اهي. مان هن نهر ۽ چشمي کان پنجن گذن جي مفاصلي تي وهنتس. پاڻي نيم گرم ۽ وڻندي هو. ان ۾ گندرف جي سخت بانس ۽ ذائقو هو، جنهنڪري اهو رڌڻ پچائڻ لاءِ ڪارائتو ناهي. بلوچن جو خيال آهي ته ان ۾ جلاب جو اثر آهي ۽ پيٽ جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. مان جڏهن ڳوٺ ڏانهن گهر موٽي آيس، تڏهن مراد خانب پندرهن ميل پري جبل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اتي پهاڙ مان ڪيترن ئي شگافن مان اهڙو گرم پاڻي نڪرندو آهي، ان ۾ گوشت ٿوري ئي وقت ۾ رڌجي وڃي ٿو. هن جو ۽ ٻين ڪيترن ماڻهن جو خيال هو ته آءٌ جو چشمو ڏسڻ ويو هوس، سو هڪ زير زمين نهر جي رستي ٽَڪريءَ سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ جي تصديق هِن مان ٿي ٿِي، جو جِن سرن جو چشمي جي وچ ۾ ٺلهه ٺهيل هو سو شڪل خواهه جنس ۾ اهڙين سرن جي ٽڪرن جا ڍير بلڪ سڄيون ساريون سرون انهيءَ جي وچ ۾ ڪيترن هنڌ لڀنديون آهن. مان پڇيو مان ته ڪنهن ايترو خرچ ڪري ۽ تڪليف وٺي زمين اندران اهڙي گوناگون جبلن ۽ ٽڪرين ۽ ماٿرين واري ملڪ ۾ ايڏي ڊگهي نهر کوٽي هرندي؟ چيائون ته ڪن نادان ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ديون يا ٻيءَ ڪنهن غيبات جو ڪم اهي. پر هتي جي قومن ۾ هڪ روايت آهي ته هاڻوڪي باسمان جي ڳوٺ جي مقام تي يا ان جي ويجهو هڪ گبرن جو شهر هوندو هو ۽ ان شهر جي ماڻهن حمامن لاءِ اِها نهر تيار ڪئي هي، پر اها ڳالهه مشڪوڪ آهي ۽ هميسه مشڪوڪ رهندي. اسان بلوچ اهڙين منجهيل ڳالهين تي سوچ ويچار ڪونه ڪندا آهيون. اسان لاءِ اهو ڪافي آهي ته اسان جي وڏن به انهيءَ حالت ۾ ڏٺو هو، جنهن حالت ۾ اسان ڏسون ٿا. +اُهي جبل جن ڏانهن سردار اشارو ڪيو هو، سي ڪوههِ نوشادر جي نالي سان سڏبا آهن. نوشادر انهن جبلن جي پيدائش آهي ۽ جبل جي شگافن مان لڀنديو آهي. مون کي انهيءَ معدنيات ڏسڻ جوموقعو ڪونه مليو، پر مراد خان خاطري ڏني ته اتي گهڻو نوشادر ۽ گندرف لڀندو آهي. چيائين سڀاڻڪو ڏينهن رهين ته مان ٻنهي شين جون جنسون گهرائي ڏيکاريانءِ، ٻيو چيائين ته اسان کي خبر ناهي ته نوشادر ڪهڙي ڪم ٿو اچي، پر گندرف جو ڌاتو، بندوق جي باروت جو هڪ ضروري ۽ طاقتور جزو آهي. +شام جو سمورو وقت مون کي رواني ٿيڻ جو ايترو ته انتظار هو جو خان به محسوس ڪيو. اٽڪل پنجين بجي شام جو هو سونهي کي وٺي آيو ۽ چيائين ته هي توسان صبح جو هلڻ لاءِ تيار آهي. مان شام جو اوندهه وقت جڏهن خان سان ڀاڪر پائي کانئس موڪلايو پئي ته مون کي ان وقت ڏکي ٿيو تهمان هن کي سندس دوستيءَ ۽ مهماننوازي عيوض ڪو بدلو ڪونه ڏنو. مان هن جي دوستيءَ ۽ مهماننوازيءَ جو عمر ڀر شڪر گذار رهندس. هن ۾ مهماننوازيءَ جو بي انتها انگ هو. هن جي مهربانين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. مان خاطريءَ سان چوان ٿو نوشڪيءَ کان شيراز تائين مون کي ڪن��ن به قوم يا طبقي جو ماڻهو ڪونه مليو، جنهن کي منهنجي سلامتيءَ ۽ خيرعافيت جو ايترو اونو هجي. شاهه محراب خان ۽ ٻيا به سچ پچ هنن جي اميدن مطابق مهربان ۽ شفيق هئا، پر مدار خان ۾ زياده گرمجوشي هئي. منهنجن ٻن اڻپڙهيل جتن به اها ڳالهه محسوس ڪئي، ايتريقدر جو شام جو جڏهن موڪلايائين پئي، تڏهن هنن چيس ته مراد خان اسان توکي ڪڏهن ڪونه وسارينداسين؛ شل تنهنجون نيڪ مرادون پوريون ٿين ۽ تنهنجو رزق وڌي، توکي گهڻو ڪجهه ناهي، پر جيڪي تون ڏين ٿو، سو وڏيءَ خوشيءَ ۽ دل سان[9]. +فصل- 13 +21- اپريل: اسان پاڻيءَ جون سانداريون ڀري باسمان مان سج اڀرئي مهل نڪتاسين. ٻن- چئن ميلن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مون پنهنجي رهبر کي رپيو ڏئي رخصت ڏنيءَ منهنجو مقصد هو ته ڪنهن به طرح فرنگي يا يورپيءَ جي نالي کان جند آزاد ڪرايان، ڇاڪاڻ ته مون کي خاطري ٿي وئي هئي ته سفر لاءِ اهو بري ۾ برو نالو هو. انڪري مون کي هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ فريب جو شڪار ٿيڻو ٿي پيو. ان کان سواءِ مون کي هر ڪنهن ڳوٺ ۽ شهر ۾ انگشت نما ٿي ويهڻ پسند نه هو. مون اڳي ئي خيال ڪيو هو ته بلوچستان مان ڪم از ڪم ان جي آبادي حصي مان نڪرڻ سان ائين ڪندس. اڄ صبح جو منهنجو سفر بلوچستان جي حد کان ٻاهر هو. پر جڏهن مون کي خبر پئي ته منهنجو سونهون جيتوڻيڪ باسمان جو رهاڪو نه هو ته به هن کي ڪنهن رستي خبر پئجي ويئي هئي ته مان ڪهڙيءَ قوم جو آهيان، هو لاشڪ ان ڳالهه جو نرمنشير ۾ پڙهيو گهمائي ها، تنهنڪري البت مون کي گهٻراهٽ ٿي. منهنجن جتن کي پهريائين هن سان موٽي وڃن جو خيال هو، جو سمجهايو ته سونهي کي موٽائڻ اسان جي لاءِ ضروري آهي. ۽ تسليٰ ڏنيمان ته اسان کي ڪي ريڍار ضرور ملندا ۽ انهن مان ڪنهن کي پاڻ سان کڻنداسين پر جي ڀاڳ نه به ڀڙايو ته به مون کي خبر آهي ته اسان کي ڪهڙيءَ ڏس ۾ سفر ڪرڻو آهي، ۽ اسان کي رستو ضرور لڀندو. +اڃا اسان ڪلاڪ کن مس پنڌ ڪيو ته منهنجن ماڻهن مان هڪڙي پري کان هڪ ٽڪريءَ تي هڪ ماڻهو ڏٺو. اسان هن کي سڏ ڪيو. هو ڊڄندو ڊڄندو ويجهو آيو. مون چيو مانس ته جي تون مون کي ريگن، جو نرمنشير جو پهريون پهريون شهر آهي، ان تائين پهچائيندين ته مان تو کي خرچي ڏيندس. هو پهريائين ڪجهه هٻڪيو ۽ انڪار ڪرڻ تي هو پر منهنجي هڪڙي جت همت ڪري چس ته اسان ڀنڀور مان آيا آهيون ۽ هي سيد حاجي آهي ۽ تو کي چڱو انعام ڏيندو. پوءِ ڪوڙ جي تڏهن انتها ڪيائين، جڏهن چيائينس ته تون اسان سان گڏجي موٽجانءِ. ٿوريءَ صلاح مصلحت کان پوءِ چيائين ته چڱو ترسو ته مان پنهنجي گهيڏڻ مان ٿي اچان. مون کي اها صلاح نه وڻي جو ان ۾ اسان جو وقت ضايع پئي ٿيو ۽ مون کي ڊپ هو ته متان نيت خراب نه هجيس ۽ اَٺ-ڏهه ڄڻا وٺي اچي اسان جي ڦر نه ڪن پر منهنجو شڪ بي بنياد هو. هو پنهنجي وعدي تي پورو رهيو ۽ مون جيترو سمجهيو هو ان کان به گهٽ وقت ورتائين. هو پنهنجو ويس بلڪل بدلائي آيو هو. بدن تي ٿڳڙيون هيس ۽ پنهنجي تفنگ جا پهريائين ساڻ هيس سا به ڇڏي آيو آهيان، جو ڊپ هو ته ڪو ڦري نه وٺي. هن جي اچڻ کان پوءِ اسان سوار ٿي وياسين. رات جو يارهين بجي اسان ترسياسين. آءُ سمجهان ٿو ته اها جاءِ باسمان کان چاليهه ميل اتر- اولهه هئي. انهيءَ پنڌ ۾ اسان ستين ميل تي ٽڪر ۾ هڪ ننڍي کڏ ۾ پاڻي ڏٺو، پر ان ۾ ايترو لوڻ مليل هو جو اهو پيئڻ جهڙو نه هو. سڄو ڏينهن ملڪ اسان کي ويران ۽ ٽڪرائتو نظر آيو، سواءِ پونين ڇهن ملين جي. جتي هڪ پٿرائتو پَٽ هو، جنهن ۾ نه پاڻي هو ۽ نه ساوڪ. +[1] . شلنگ. +[2] . شاهه محراب خان پاڻ کي نهايت اطمينان ۽ فخر سان چيو ته هن کي ڪابل ۽ ايران جي حڪومتن وٽان شهر نيڪالي مليل هئي. ممڪن آهي ته انهيءَ اهميت ۾ هو پنهنجي عزت افزائي سمجهندو هجي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ اهو هڪ ئي ماڻهو آهي جنهن جي نالي سان بندش پيل آهي. +[3] . ڦرلٽ +[4] . ايران جي ڏکڻ- اوڀر وارو صوبو. +[5] . لارستان جي گاديءَ جو شهر. +[6] . شاهه معنيٰ حاڪم. زائيدن معنيٰ ڄمڻ- مان نڪتو. +[7] . شاهي خطن کي فرمان چئبو آهي. +[8] . فرسخ يا پرسنگ= ست ڀاڱي اٺ ميل آهي. +[9] . بروهين جي هيءَ داد دهي مون کي خاص طرح ياد آهي جو ان ۾ ذُو معنيٰ لفظ ڪم آندل آهن. جي ايراني زبان جا عالم سولائيءَ سان سمجهائي سگهندا. مراد خان سردار جو نالو آهي. مرادي خاني معنيٰ سرداري مرادون. جي زبان کان غير واقف آهن، انهن لاءِ وڌيڪ هي ٿو لکجي ته مراد معنيٰ بلوچڪي ۾ خان مان نڪتل آهي. ۽ بلوچڪي ۾ معنيٰ اٿس شاهي. + + +مان اڳي ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته باسمان جو ڳوٺ، بلوچستان جي آخرين پڪي بستي هئي. اڄوڪي سفر جي پڇاڙيءَ ۾ مان پاڻ کي بلوچستان جي حدن کان ٻاهر سمجهيو. پر ائين آهي ته بلوچن جون ڪيتريون قومون پرتي اولهه طرف رهن ٿيون، پر اهي اتان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن. هو اتي هاڻي تازو وڇي رهيا آهن. تنهنڪري آءٌ هن کان پوءِ پنهنجي سفرنامي ۾ ايران جي انهن صوبن جو، جن مان مون سفر ڪيو هو، تن جي جاگرافيءَ خواهه ٻين ڳالهين متعلق معلومات ۽ انگ اکر ڏيندس. جي مون پاڻ مڪاني ماڻهن کان پڇائون ڳاڇائون ڪري ۽ کوجنا ڪري گڏ ڪيا آهن. هاڻوڪي ايران جي حڪومت جي ڪنهن به حصي متعلق مون کي هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڪجهه ڏيڻ جو ارادو ڪونه آهي. +باسمان جي ڳوٺ جي متعلق گهڻي اپٽار ڪرڻ جو ضرور ڪونه آهي: ان ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ گهر آهن، جن مان ڪي ٻه- ٽِماڙ آهن. گهر پٿر جا ٺهيل آهن، پر انهن ۾ گچ يا چونو ڪم آندل ناهي. پٿر هڪٻئي تي اهڙيءَ طرح ڳتيل آهن جو انهن تي برسات جو اثر ڪونه پوندو آهي. انهن کياندران ليپو ٿيل آهي ۽ چوڌاري ساڳئي نموني جو ڪوٽ ڏنل آهي. اتي جو سردار محمد خان ڪُرد بلوچ آهي. انهيءَ سردار جو گهر اتر- اولهه طرف جبلن ۾ آهي. ٻه سال ٿيا ته هن ڀنڀور جي سردار محراب خان جي ڌيءُ سان شادي ڪئي هئي. هن کي ڏاج ۾ ڀنڀور جي سرداري ملي هئي. هن کي پنجاهه سپاهين کان وڌيڪ لشڪر ڪونه آهي ۽ آمدني به گذران لاءِ مس پوري اٿس. هو حليم طبيعت جو آهي. هو ايرانين وانگر اخلاق ۽ مروت وارو ماڻهو آهي. هن جو ڳوٺ، پهريون ئي ڳوٺ هو جتي فارسي زبان عام ڳالهائي پئي ويئي. باسمان جا ماڻهو اربابين ۽ رخشاڻين وانگر وڏا ۽ قداوار نه آهن، مگر هنن جا هٿيار ۽ شغل ساڳيا آهن. +22- اپريل: صبح جو ڇهين بجي کان شام جو ڇهين بجي تائين مون هڪ ويران سنئين پوٺي مان ايڪيهه ميل سفر ڪيو. جنهن ۾ پاڻي يا ڪنهن به قسم جي ٻي ساوڪ ڪانه هئي. سواءِ ناغود جي ڪن ننڍن وڻن جي، جي مون ڪن سڪل ڪڙين جي پيٽ ۾ ڏٺا. ڪٿي ڪٿي ڪي شنز يا ڪانڊيرن جا جهڳٽا هئا. ڪالهه جنهن جبلن جي قطار تان مان ٽپيو هوس، تنهن جي هڪ اولهائين شاخ مون کان سراسري پنج يا ڇهه ميل ڏکڻ طرف هئي ڪٿي ڪٿي اها اتر طرف وڌي پئي آئي، قريباً رستي تائين. هندستان ڇڏڻ کان پوءِ مون اهڙي گرمين ۽ هُٻس ڪٿي ڪانه محسوس ڪئي هئي. اسان کي پاڻيءَ جيلقت ڪري به تڪليف ٿي. باسمان واري پاڻيءَ مان ڪجهه بچيو هو سو مون کپائڻ نٿي گهريو- اُهو مون ضرورت جي وقت لاءِ سانڍي رکيو هو. اسان جي چوطرف صحراب[1] تريو پئي؛ ڄڻ ته جنهن شيءِ جي لاءِ اسان وڙهياسين پئي، تنهن جو پاڇو ڏيکاري، اسان کي ويچارا پئي ڪڍيائين. آءٌ پنهنجي ذاتي آزمودي مان چئي سگهان ٿو ته زندگيءَ جي ضروريات مان پاڻيءَ ئي هڪ ا��ڙي شيءِ آهي، جنهن کان سواءِ هڪ پل به جيئڻ جنجال آهي. انسان ٿقڪ، بک، گرمي، سرديءَ جي تڪليف فطرتي آرام يعني ننڊ جي ڪمي گهڻي وقت تائين صبر ۽ اميد سان سهي سگهي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ هڪ سيلانيءَ لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا شامت نٿي ٿي سگهي ته هو ساڙيندڙ سج ۾ ٻَري ۽ نڙي سڪي اهڙي خشڪ ٿي وڃينس جو ساهه ٻوساٽجي، مرڻ جي ڊپ کان زبان چوري به نه سگهي ۽ انهن خوفناڪ جذبن کي منهن ڏيڻ جو ڪو وَس يا وسيلو به نه هجي. چون ٿا ته اهو صحراب جنهن جو مون ڏڪر ڪيو آهي، سو سخت گرميءَ ۾ سج جي ڪِرڻن جي مٿي چڙهڻ ڪري ٿيندو آهي. اهو اڪثر نشيب واري زمين ۾ نظر ايندو آهي. جتي پاڻيءَ هئڻ جي اميد هوندي آهي. جنهنڪري پاڻ وڌيڪ ڌوڪو ايندو آهي. ان ۾ ٻوٽن ۽ وڻن جو پاڇو اهڙو چٽو نظر ايندو آهي جهڙو ڪنهن شفاف ۽ ماٺيڻي ڍنڍ ۾. هڪڙي دفعي مان ايران جي ڪرمان پرڳڻي ۾ ڏٺو ته رڃ هڪ چادر وانگر جبل جي پاسي ۾ ٽنگي پئي هئي، ان ۾ جبل جي چوٽيءَ جو پاڇو پئي نظر آيو، جيتوڻيڪ اها چوٽي ان جي مٿان نه هئي. هتي هيءُ لقاء عام نظر ايندو آهي. ايراني، جي مون سان سفر ۾ گڏ هئا، تن چيو ته هن ٽڪر ۾ لوڻ جام آهي هي لقاءُ لوڻ جي پاڙن مان جي بخار نڪرن ٿا تن ڪري ٿئي ٿو. منهنجي وفادار نوڪر، فتح محمد جڏهن ماني پچائي تيار ڪئي[2]، تڏهن سڀني يڪراءِ فيصلو ڪيو ته باقي بچيل پاڻي تقسيم ڪيو وڇي. ائين ڪرڻ سان هڪ- هڪ کي سونهي صسميت سندس حصي ۾ ڏيڍ پاءَ جيترو پاڻي ٿي آيو. انهيءَ مختصر کاتي کان پوءِ اسان سمهي پياسون. +23- اپريل: رات صاف ۽ چانڊوڪيءَ واري هئي. مون ان جي ٿڌيءَ هوا وٺڻ جي فائدي جو خيال ڪيو. انهيءَ اميد تي ته جيئن شام تائين ريگڻ پهچي وڃا، تنهنڪري مان ماڻهن کي فقط ٻن ڪلاڪن جي آرام جي مهلت ڏني. اسان هڪ بجي روانا ٿياسون. ڇهن ميلن کان پوءِ اسان گيهگن نالي هڪ چشمي تي پهتاسين، جنهن جو پاڻي اهڙو ته کارو هو، جو اسان اڃايل هئاسين ته به پِي نٿي سگهياسين. تنهن هوندي به اسان ڍوءَ تي پاڻي پيتو ۽ مشڪون ڀري کنيون. ايڪيهه ميل ٻيا پنڌ ڪري نرمنشير جي جهنگل جي وَٽِ وٽ اٽڪل ڏهين بجي صبح جو ترسياسين. هتان ريگڻ اٽڪل پندرهن ميل پري آهي.مان اتي پنجين بجي شام جو پهتس. رستي تي اسان ٻن ڊٺل قلعن ۽ ميدان نالي ڳوٺ وٽان لنگهياسين. +اڄ سڄو ڏينهن ملڪ گوناگون شڪل جو هو. گيهگڻ واريءَ پوئينءَ منزل وٽ پهاڙي علائقو هو. تنهن کان پوءِ نرمنشير جي جهنگل تائين سخت اگهاڙو پوٺو، وري نَو يا ڏهه ميل ساندهه يڪو جهنگ جنهن ۾ ننڍا ٻوٽا ۽ ڪٿي ڪٿي وڻ هئا ۽ منجهن ڪيترا آباديءَ جا ٽڪر هئا، جن کي جبلن مان نهرن رستي پاڻي ٿي مليو. اسان جو سونهون انهن مان هڪڙيءَ نهر مان پنهنجي ننڍي سانداري ڀري موڪلائي ويو. چيائين ته مون کي ريگڻ مان اڪيلو موٽڻ جي همت ڪانه آهي. مون هن کي سير اٽي جو ۽ ٽي رپيا ڏنا، جنهن تي هو راضي ٿيو. جهڙيءَ طرح زمين مختلف نمونن جي هئي، اهڙيءَ طرح اسان جو رستو به مختلف طرفن ڏانهن پئي هليو. پر اهو سراسري ڏکڻ- اولهه ۽ اتر- اولهه جي وچ تي هو. مون کي جيڪڏهن گرميءَ جي ماپڻ جو اوزار هجي ها ته مان ڀانيان ٿو ته ائين معلوم ٿئي ها ته اڄ به ڪلهه کان گهٽ گرمي ڪانه هئي. پر اسان وٽ اُڃ لاهڻ لاءِ ڪافي پاڻي هو پوءِ خواهه اهو ڪهڙو به هو هڪ ٻِي به عجيب ڳالهه هئي، جنهنڪري مون کي ڪم از ڪم خيال ۾ گهٽ گرمي محسوس ٿي ٿي، تنهنڪري تڪليف به گهٽ ٿي ٿي، سا هيءَ ته اسان جي ڏکڻ ۾ جبلن جي هڪ اونچي قطار هئي جنهن جي چوٽي برف سان ڍڪيل هئي. جيڪڏهن ان طرف کان هوا لڳي ها ته پوءِ مان يقينا چوان ها ته منهنجا جذبا خيالي نه هئ��، پر ان وقت هوا ڪانه هئي ۽ جيڪا ٿوري هئي ته به اها مخالف طرف کان پئي لڳي. +ريگڻ ۾ پهچڻ شرط مان سڌو ڪوٽ جي دروازي ڏانهن ويس، اتي ڪيترا ماڻهو ويٺا هئا ۽ ٻارن راند پئي ڪئي. ٻار رڙيون ڪري ڊڄي ڀڄي ويا. ماڻهن جي شڪلين مان به ظاهر هو ته هنن ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو هو ۽ حيرت وٺي ويئي هين. ڪن سمجهيو ته ڪو ڇاپي هڻن لاءِ ٽولو اچي رهيو آهي. سڀ حيران هئا ته اسان ڪيئن هنن کي خبر ڏيڻ کان سواءِ ملڪ ۾ داخل ٿيا آهيون. مان اڃا لهي ڪنهن کي ٻڌايان، تنهن کان اڳ سڄي شهر ۾ خبر پکڙجي ويئي. چڱي مڙس عباس علي خان گهرائي پڇا ڪئي ته ڪٿان ۽ ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو؟ مون ٿورن لفظن ۾ چيومانس ته آءٌ هڪ هندو سوداگر جو نوڪر آهيان ۽ قلات کان ڪرمان ٿو وڃان. ڳالهائيندي ڳالهائيندي مون کيس باسمان جي سردار جو خط ڏنو، جنهن ۾ هن منهنجي دعوا جي تصديق ڪئي آهي ۽ هن کي سفارش ڪئي هئي ته مون کي ڪو سونهون ۽ رستي ۾ پيون سهولتون وٺي ڏي. خط پڙهي چيائين ته مون کي تنهنجي قول ۾ شڪ ڪونهي ۽ نه توکي تڪليف ڏيڻ جو ارادو آهي. تون جي سڌو رستو وڍي ڪرمان ويندين ته مان توکي آڏو نه ايندس. جيتوڻيڪ شهر جي حاڪم جي حڪم مطابق توکي نرمنشير جي حاڪم رشيد خان ڏانهن موڪلڻ کپي، جو ٽيهه ميل پري ڪروڪ جي شهر ۾ رهي ٿو. پوءِ مون کان پڇيائين ته توسان بلوچ ڪهڙي نموني هليا هئا؟ چيائين ته تعجب آهي ته توکي دست اندازيءَ کان سواءِ اچڻ ڏنو اٿن! مون جواب ڏنومانس ته فقر منهنجو پروانو آهي. مون وٽ ڪجهه ڪونه هو جو مون کان وٺن. جنهنڪري هنن مون کي سڀڪجهه ڏنو. انهيءَ مذاق تي کلي چيائين ته تون مهمانداريءَ جي رواج تي اهڙو هِري ويو آهين جو توکي اميد هوندي ته مان به تنهنجي خوشامد ڪندس. مان انڪار ڪرڻ تي هوس ته چيائين ضرور مان به مهماننوازي ڪندس. توکي ائين سمجهڻ نه کپي ته شهسوار[3] خراب بلوچ آهن[4]. پوءِ مان ڪوٽ ٻاهران وڻن هيٺان رات گذارڻ لاءِ روانو ٿيس، جو هتان جو قاعدو آهي ته قلعي جي ڀتين اندر ڪنهن به ڌاريي ماڻهوءَ کي سمهڻڪونه ڏيندا آهن. اڌ ڪلاڪ ۾ اسان کي ڍءُ جيتري ٻاجهريءَ جي ماني ۽ کير موڪليائين. +23- اپريل: اڄ مان پنهنجن ماڻهن ۽ انهن کي ڪجهه آرام ڏيڻ لاءِ ريگڻ ۾ ترسي پيس. جو هنن تارو ڏاڍا جاکوڙا ڏٺا هئا ۽ کاڌو به پورو ڪونه مليو هونِ. باسمان ڇڏڻ کان پوءِ اسان وٽ ايترو کاڌو مس هو، جو اسان هڪ ويلو کائيندا هئاسين. ويچارن اٺن تي بلڪل ڪجهه ڪونه کاڌو هو. هفتور ڇڏڻ کان پوءِ مان لاچار هنن جي اٽي جي خوراڪ بند ڪئي هئي ۽ هنن کي چاري جو وقت به ڪونه مليو هو. هو ڳري ڪنڊا ٿي ويا هئا ۽ بلڪل هيڻا هئا. اسان باسمان ۽ ريگڻ جي وچ ۾ گهڻو مفاصلو پيادل ڪيو هو. اسان اڳيان اڳيان پئي هلياسين ۽ اُٺ پويان ٿي آيا. +ريگڻ هڪ صاف مٽيءَ جو قلعو يا ڪوٽ ڏنل ڳوٺ آهي. ڪوٽ چورس شڪل جو آهي، اڍائي سؤ وال ڊگهو ۽ ويڪرو ٿيندو. ڀِتيون اونچيون اٿس ۽ تمام چڱي حالت اٿن. ڪُنڊن تي وچ ۾ مورچا اٿن. منهنجو خيال آهي ته ديواريون هيٺ تري ۾ پنج يا ڇهه فوٽ ويڪريون ٿينديون. پر سلاميءَ تي اهن ۽ مٿي ارڙهن انچن کان وڌيڪ موڪر ڪانه اٿن. ڪوٽ کي فقط هڪڙو دروازو آهي، جو ڏکڻ واري وچئين مورچي هيٺان لنگهي ٿو. اتي هميشه پهرو رهندو آهي ته جيئن ڪوبه ڌاريو ماڻهو اندر اچي نه سگهي. اهو احتياط سڄي صوبي ۾ ڪيو ويندو آهي. اندر گهرن کي خلوت ۽ سلامتيءَ جي خيال کان ٻي ديوار ڏنل آهي. هرهڪ ديوار جي اوچائي ۽ ٿولهه مالڪ جي خواهش مطابق نرالي هوندي آهي. اندرين ڀتين ۽ ٻاهرين ديوارن جي وچ ۾ اٽڪل ٽيهن فوٽن جو مفاصلو آهي ۽ ان ۾ رات جو هرقسم جو چوپايو ��ال رهندو آهي. عام ماڻهن جي سهولت لاءِ پنج- ڇهه فوٽ ويڪرو رستو ڇڏيل آهي ۽ باقي ايراضيءَ ۾ جانورن جي تعداد مطابق واڙا ۽ مَنهه ٺهيل آهن. واڙي جي مالڪ کي قانون مطابق روز صفائي ڪرائڻي آهي ڀاڻ جي خاطر. انهيءَ قانون جي هرڪو پيروي ڪندو آهي. +دروازي تي تفنگچن جو پهرو هوندو آهي. انهن کي سرڪار مان پگهار ملندو آهي، انهن کان سواءِ رات جو سڀني مورچن ۾ پهريدار بيهندا آهن، جي سڄي رات سجاڳ هوندا آهن. هو هڪٻئي کي همٿائڻ لاءِ ۽ ٻاهرين ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ وقت بوقت وڏي آواز سان هڪٻئي کي سجاڳ ڪندا آهن. هيءُ رات جو پهريون عام ماڻهن جي فائدي لاءِ هوندو آهي، تنهنڪري ماڻهو خوشيءَ سان پنهنجي فرض ادائي ڪندا آهن. هنن کي هروقت سرحد، ڀنڀور ۽ اڀرندي وارن ٻين علائقن مان بلوچن جو خطرو رهندو آهي. بلوچ ٻه سال ۾ هڪ- ٻه دفعو انهن وٽ يا ايران جي حڪومت جي ٻئي ڪنهن حصي ۾ ضرور کينڪر ڪرڻ ايندا آهن. ريگڻ جو سردار عباس علي خان بلوچي نسل جو آهي ۽ سندس ماتحت جي ماڻهو رهن ٿا، سي به بلوچ آهن. هن کي ڇهه پُٽ آهن، جي سڀ ڪوپا جوان آهن. هو مون تي ڏاڍا مشفق ۽ مهربان هئا. ڳالهائيندي ڳالهائيندي اتفاق سان جريد بازيءَ[5] جو ذڪر نڪتو. مان چيومان ته مون ڪڏهن جريد بازيءَ ڪانه ڏٺي آهي. انهن مان ٻن ڄڻن هڪدم پنهنجا گهوڙا ڪڍرائي قلعي جي دروازي اڳيان ميدان ۾ ڪُشتي ڪئي. هو شاندار سوار ٿي نظر آيا ۽ ۽ گهوڙن تي پورو قبضو هونِ. اهو شغل ئي اهڙو آهي جو گهوڙن تي قبضو هئڻ ضروري آهي. مان هِت جريد بازيءَ جو مختصر احوال ڏيندس، جنهن جو ايران جي سڀني طبقن جي ماڻهن کي شوق آهي. بازي ٻن قسمن جي آهي: هڪڙيءَ ۾ ٻه سوار گهوڙن تي ٻارهن فوٽ يا وڌيڪ ڊگهن نيزن سان مقابلو ڪندا آهن. ٻيءَ ۾ هڪ سوار ٻه- ٽي فوٽ ڊگهيءَ لٺ سان پنهنجو ڪرتب ڏيکاريندو آهي. پهرئين قسم ۾ رقيب واري واري تي هڪٻئي پٺيان گهوڙو ڀَڄائي زور سان جريد يا ڀالو اڇلائيندا آهن. جريد انداز، رقيب کي جريد هڻي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اڳلو پنهنجي چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ سان وار گُسائي هن تي حملو ڪندو آهي، ٻئي قسم ۾ سوار زور سان گهوڙو ڀڄائي لٺ زمين تي هڻي ۽ وري جهپي وٺندي آهي: ٿوريءَ ڪسرت کان پوءِ جهٽ اٽڪل اچي ويندي آهي ۽ ان ۾ ڪو خطرو ڪونه آهي. مان جڏهن پهريائين جريد تيز رفتار سان هڪ طرف اڇلائيندو ڏٺو ته سمجهيم ته اجهو ٿو لڳي پَٽ تي ڪيرائيس، پر مان ڀانيان ٿو ته اهڙو خيال فقط مون کي ئي هو ٻيا سڀئي خوش پئي ٿيا ۽ هن جي چترائيءَ جي تعريف ٿي ڪيائون. +فصل- 14 +28- اپريل: اڄ صبح جو ڪوٽ جو در کليو ته سونهون جنهن جي مان اڳينءَ رات گُهر ڪئي هئي، سو به اچي مون سان گڏيو. مان ريگڻ مان ڇهين بجي صبح جو نڪتس. چوڏهن ميل سڌي جهنگل واري علائقي مان اتر- اولهه طرف پنڌ ڪيم. اسان ناشتي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻاجهر جي پوک ۾ ترسياسين، جتي ڳچ ماڻهن لابارو ٿي ڪيو. جنهن تي مون کي البت تعجب ٿيو، جو اڇا لاباري لاءِ سوير هئي. پر جيئن اولهه طرف وڌندو ويس ته ڏٺم ته اَن اڇا به وڌيڪ نسريل هو. گرمي ڪجهه جهڪي ٿي ته مان به وري روانو ٿيس. شام جو ستين بجي هڪ گول ننڍو ڪوٽ، جنهن کي ’برج‘ ٿي چيائون پهتس. ان ۾ پنجاهه- سٺ گهرن جو هڪ ڳوٺ آهي. جهنگ وڌيڪ گهاٽو هو ۽ رستي ۾ ايترا وروڪڙ هئا جو مان سمجهان ٿو ته ريگڻ کان هن ڳوٺ تائين سچ پچ جيترو پنڌ هو، تنهن کان اسان ٽيڻو پنڌ ڪيو هوندوسين. شام جو منهنجي خيال ۾ اسان پندرهن ميل پنڌ ڪيو هوندو ۽ سڄي ڏينهن ۾ ڪل اوڻٽيهه ميل. وهندڙ نهرن ۾ پاڻي جام هو. ڪٿي ڪٿي ڏاڍا سهڻا نظارا هئا. قسمين قسمين وڻ هئا، جن ۾ ��ون کي پپل، نمِ، گدامڙي، ٻٻڙ، انب، اکروٽ، جهنگلي بادام ۽ گز[6] سڃاڻڻ ۾ آيا. گز جا ايڏا ته وڏا درخت هئا، جو ايڏا مون ڪٿي ڪونه ڏٺا آهن. انهن ۾ ان وقت تازا پَن نڪتا هئا ۽ منجهن ٻور هو. اسان جي کٻي طرف، جي سُڃا ۽ برف سان ڇانيل جبل هئا تن جي مقابلي ۾ ساوڪ ڏاڍي سهڻي ۽ خوشنما ٿي لڳي. +مان اڃا اُٺ تان لٿس ته هڪڙو بدصورت غليظ ماڻهو جو پوءِ معلوم ٿيو ته اتان جو ڪَد خدا يا چڱو مڙس هو رعب سان ايندي مون کان پڇيائين ”ته ڪير آهيو ۽ ڇو آيا آهيو؟“ مون به ساڳئي لهجي ۾ جواب ڏنومانس ته توکي اهڙيءَ پڇا ڪرڻ جي ڪهڙي اختياري آهي. اتي منهنجو سونهون ڳوٺ باهه ٻارڻ لاءِ ٽانڊو کڻڻ ويو هو سو موٽي آيو ۽ ڪَد خدا کي چيائين ته ”هيءُ اهو ماڻهو آهي، جنهن جي ڳالهه مون توسان ڪئي هئي. ان تي مون کي وڌيڪ مٺيان لڳي، جو مون کي خاطري ٿي ته هن جي مون کان سوال3 جواب ڪيا هئا، تن جي کيس اڳيئي سموري خبر هئي ۽ هو پنهنجو رعب ڏيکارڻ ۽ مون کي بيعزتو ڪرڻ لاءِ هروڀرو قلعي مان آيو هو. پر هن جلد محسوس ڪيو ته هن هڪ عظيم چوڪ ڪئي. منهنجي سونهين کي چيائين ته تحقيق هي ساڳيو ماڻهو آهي. هو منهنجي حيثيت نٿو ڄاڻي. مان هن کي سڀاڻي رشيد خان ڏي موڪليندس. پوءِ خبر پوندس ته هتي هن جي ٿي هلي يا منهنجي. هو پاڻيهي سڌو ڪندس. هن ٻٽاڪيءَ جي ڌمڪيءَ تي آءٌ جيڪر کلان، ها، پر مون کي خبر هئي ته هن کي انهيءَ دڙڪي تي عمل ڪرڻ جي قوت آهي، تنهنڪري مون سمجهيو ته هن کي ڪجهه حملي ۾ ئي تڪڙ تي منهن ڏجي ۽ اک ڏيکارجيس. چيومانس ته مان هڪ انگريز سوداگر آهيان. خبردار مون سان ڪا حرڪت ڪئي اٿئي. انهيءَ ڳالهه تي هن کي حيرت وٺي ويئي. پر ٿوري وقت کان پوءِ منهنجن بلوچن ڏي منهن ڪري چيائين ته توهان نرمنشير ۾ اچڻ لاءِ اهڙو عذر ڪونه ٿا پيش ڪري سگهو. انشاءالله توهان کي ڪنهن به حالت ۾ ڪروڪ وڃڻو پوندو. ان جو اهڙو هٺ ڏسي منهنجي صبر جو پيمانو ڀرجي ايو. چيومانس ته تون گستاخ ۽ نالائق آهين، توکي ڇا مجال آهي جو تون مون کي ۽ منهنجن ماڻهن کي رشيد خان ڏي موڪليندين! مون کي ڪرمان پهچڻ ڏي ته مان شهزادي کي سڀ خبرون ٿو ٻڌايان. اتي سونهون ۽ ٻيا تماشين وچ ۾ پيا. هن به سمجهيو ته مون دڙڪا ڏيئي تڪڙ کان ڪم ورتو آهي ۽ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو ته ياد رک ته تون بادشاهه جي مملڪت ۾ آهين، جتي ڌارين کي مقصد ٻڌائڻ کان سواءِ مسافري ڪرڻي ناهي. مون جواب ڪونه ڏنس جو اتي برسات پوڻ لڳي ۽ هو چپ چپاٽيءَ ۾ ميدان ڇڏي ڪوٽ اندر هليو ويو. +26- اپريل: مون سونهي کي چتايو ته هو اسان جي ڀرسان سمهي، جيئن هن جي ڪري اسان کي ڪا دير نه پوي. اسان برجا مان اهڙو سوير نڪتاسين جو اڃا جو اڃا ماڻهو اٿيائي نه هئا. ڏهه ميل اتر- اولهه طرف جهنگ ۽ کيڙيل پٽ مان لنگهي، نهيم آباد پهتس. هن ڳوٺ جو ڪد خدا ڪريم خان نالي هڪ ڪُرد بلوچ آهي. هو سرحد جي مکيه سردار الفت خان جو ڀاءُ آهي. هن پنهنجي ڀاءُ ۽ علائقي جي سردارن سان تڪرار ڪيو هو. جنهن تي هن کان سندس اباڻي ملڪيت کسي ورتي هئائون. هو پوءِ نرمنشير ڀڄي ويو، جتي ڪرمان جي حڪومت کيس نهيم آباد جو ڦٽل ڪوٽ ۽ شهر ڏنو. حڪومت گذريل پنجن- ڇهن سالن کان اهڙي قسم جا عطيه فراخدليءَ سان ڏيندي آئي آهي. ان جو سبب اڳئي هن صوبي جي بيان ۾ ڏنل آهي. ڪريم خان پنهنجي هموطنين کي صلاح ڏني ته هو هن نئين ملڪ ۾ سندس حڪومت هيٺ هلي رهن. هو انهيءَ ڪوشش ۾ اهڙو ته ڪامياب ٿيو آهي جو نهيم آباد هاڻي ريگڻ کان وڏو، بلڪل آباد ۽ وسندڙ شهر آهي. هو ان وقت ڪروڪ ۾ هو، جنهنڪري مون کي اندر ڪوٽ ڏسڻ جي اجازت نه ملي، پر ڪوٽ جي تمام سٺي حال�� آهي: ان جون ڀتيون اهڙيون صاف ۽ سٺيون آهن جو قلعي وانگر نه پر هڪڙي گهر وانگر نظر ٿو اچي. قلعي جي رٿ ريگڻ جي ڪوٽ جهڙي آهي، پر اهو ڊگهو ۽ چورسو آهي، جنهنڪري ڊگهن پاسن ۾ هڪ بدران ٻه- ٻه برج اٿس. مان ڪريم خان لاءِ نهيم آباد ۾ سارو ڏينهن ترسيس. آخر بم شهر جي رستي ڏيکارڻ لاءِ مان ساڳيو سونهون ڀاڙي ڪيو، جو ريگڻ مان مون سان گڏجي آيو هو. هن انهيءَ موقعي جو فائدو وٺي مون کان تمام گهنا پئسا ڪڍيا. ايترن پئسن ۾ مون کي ريگڻ ۾ سمورو رستو ڏيکارڻ لاءِ ماڻهو ملي وڃي ها. پر مون کي پنهنجي هڪڙي جت کان معلوم ٿيو ته ڪريم خان هڪ دفعو محمود خان کي گڏجڻ لاءِ قلات ويو هو انڪري مون کي هن سان ملاقات ڪرڻ جو خيال هو. تنهنڪري سونهي کي راضي رکڻ لاءِ کيس وڌيڪ پئسا ڏنم. +27- اپريل: تيرهن ميل اتر- اولهه طرف هڪ آباد ۽ سرسبز علائقي جنهن ۾ هرطرف پاڻيءَ جون نهرون ٿي وهيون، سفر ڪري اسان اڄ صبح جو جمالي نالي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پهتاسين، جتي ٻن- ٽن سوَن ماڻهن هڪ ڀڳل ديوار جي مرمت ٿي ڪئي. اسان شهر جي ڀرسان هڪ نهر جي ڪناري تي نهايت سائيدار اکروٽ جي وڻن هيٺان ناشتو ڪيو. يارهين بجي اسان اتان ڪُوچ ڪيو. اڃا ٻن ميلن کان ٿورو وڌيڪ پنڌ ڪيوسين ته ڪريم خان گڏيو. مون هڪدم وڌي ٻڌايومانس ته مان ڪير آهيان. چيومانس ته مون محمود خان کان ٻُڌو آهي ته تون قلات ويو هئين. اميد ته هن جي دوستيءَ خاطر تون مون کي بم کان ڪرمان تائين پهچائڻ لاءِ سونهي ۽ اجازتنامي وڍي ڏيڻ ۾ مدد ڪندين. هو مون کي پاڻ سان جماليءَ موٽائي وٺي آيو جتي ڪن رواجي ڳالهين ٻولهين کان پوءِ ڪن پنهنجن همرڪاب سوارن سان مشورو ڪرڻ بعد چيائين ته اجازتنامي وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪروڪ ۾ رشيد خان سان ملجي. ڪروڪ ڇهن فرسخن کان پري ناهي. مون وري خاطري ڏنيمانس ته مون کي وٽس وڃڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونه آهي، پر ڪروڪ منهنجي رستي کان ٻاهر آهي. مون کي ڪرمان پهچي، شهزادي جو نياز ڪرڻو آهي. منهنجي مرضي نه آهي ته مان پاڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي اجائي تڪليف ڏيان. ڪجهه وقت خيال ڪري جواب ڏيڻ کان سواءِ قلم مَس ۽ ڪاغذ گهرائي خط لکيائين جو مون پاڻ سمجهيو ته رشيد خان لاءِ آهي. خط ۾ تنهنجي ڪهاڻي بم جي حاڪم لطف علي خان ڏانهن لکي آهي. هو جيڪي مناسب سمجهندو سو ڪندو. پر تون ياد ڪري کيس زباني طرح چئجانءِ ته مون توکي هتان ڪروڪ نه موڪليو هو جو تنهنجي مرضي نه هئي. مان انهيءَ حڪم بجا آڻڻ جو وعدو ڪيو ۽ کانئس موڪلائي اُٺ تي سوار ٿي روانو ٿيس. چار ميل اولهه- اتر اولهه طرف پنڌ ڪري، لورآباد جي ڳوٺ ۾ پهتس. اٺين بجي شام جو مان ڳوٺ جي ڀرسان لهي پيس. +وچ وارو علائقو سواءِ پهرين اڌ ميل جي هڪ ويران ۽ غيرآباد پٽ هو، جنهن ۾ نه ساوڪ هئي نه پاڻي. +28- اپريل: لور آباد کان ڏهه ميل اولهه- اتر طرف بم جو شهر آهي. رستو هڪ آباد پٽ مان لنگهي ٿو. مان بم ۾ اڄ صبح جو اٺين بجي کان ٿورو اڳ پهتس ۽ ٻاهرينءَ بازار ۾ هڪ خالي نيروٽيءَ (کهنباٽيءَ) جي دڪان ۾ ديرو ڪيم. ناشتي کان پوءِ شهر ڏانهن ويس. پڇندي پڇندي وڃي ڪوٽ ۾ پهتس، جتي حاڪم لطف علي خان رهندو آهي. مون هن ڏي ڪريم خان جو خط موڪليو.سڄا سارا ٻه ڪلاڪ دروازي تي بدتميز ۽ بيحيا تفنگچن ۾، جي پهري تي هئا، ترسڻو پيم. سارو وقت نوس نوس ۽ پڇ پڇان پئي ڪيائون. مان حاڪم کي ڏسڻ يا کانئس جواب ملڻ جي اميد لاهي ويٺو هوس ۽ نراس ٿي پنهنجن ماڻهن ڏي موٽي وڃڻ جو خيال پئي ڪيم ته هڪ ماڻهوءَ اچي ٻڌايو ته خان هيٺ درٻار ۾ اچي ٿو. ان اطلاع کان پوءِ جلدئي هو پنهنجي عملي سان اچي اڱڻ مان لنگهيو. جڏهن هو منهنجي ڀرسان لنگ��يو، تڏهن پنهنجي هڪ ماڻهوءَ ڏي منهن ڪري پڇيائين ته ”فرنگي ڪٿي آهي؟“ هن مون کي ڏسڻ کان پوءِ هٿ سان اشارو ڪري چيائين ته ”اڄ!“ ساڳئي وقت مون کي مٿي کان پيرن تائين نهاري منهنجي پوشاڪ تي پنهنجي حيرت جو اظهار ڪيائين سچ پچ منهنجي پوشاڪ جي به اهڙي بڇڙي حالت هئي، جو هن کي گُهور ڪري ڏسڻ لاءِ ڪو ڏوهه نٿو ڏيئي سگهجي. مون کي هڪ ٿُلهو بلوچڪو ڇهراڻ پيو هو ۽ هڪ سٿڻ، جا ڪنهن وقت اڇي رنگ جي هئي، پر ڇهن هفتن جي پهرڻ کان پوءِ ذري گهٽ ناسي رنگ جي ٿي، ٿِڳڙيون ٿِڳڙيون ٿي ويئي هئي. مٿي تي هڪ ڪارو پٽڪو هوم ۽ ڪمربند (اڳٺ) لاءِ هو سوٽي نوڙيءَ ٽڪر چيلهه سان ٻڌل هو، هٿ ۾ هڪ ڏنڊو هو، هلڻ ۾ ۽ ڪتن کي هڪلڻ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو هو. +درٻار ۾ پهچڻ کان اڳ اسان ٻن- ٽن اڱڻن مان لنگهياسين، جن کي فرش لڳل هو. درٻار هڪ وڏي اڱڻ جي ڇيڙي تي هئي. اڱڻ جي ٻنهي پاسن کان رستا هئا هن جي وچ ۾ گلن سان ٻوٽا ۽ ٽي ڦوهارا هئا. درٻار جو ڪمرو چورس ۽ سهڻو ٺهيل هو. نهي پاسن کان ٻاهر تي نڪتل گول دريون هئس. زمين تي آڇا ايراني غاليچا وڇايل هئا، ويهڻ لاءِ ڀتين سان لڳ نمدا پيل هئا. ڪمري کي صفا اڇو رنگ ڏنل هو ۽ سونهري ڪمانيون هيون ۽ نهايت شاندار پئي لڳو. ڪوبه اجايو ڏيک ويک ڪونه هو. خان اڳيان دريءَ ڀرسان ويٺو ۽ آءٌ صفي جي ڇيڙي تي دَرجي لڳ ويٺس. هن مون کان منهنجي سفر جي باري ۾ ڪيترا سوال پڇيا. مون کيس مختصر احوال ڏنو ۽ چيومانس ته ”مون کي طهران ۾ انگريزي سفير، جنرل مالڪوم سان گڏجڻ جو ارادو آهي.“ ان کان سواءِ ڪريم خان جي هدايت جي به پيروي ڪيم. سفير جي ڳالهه انڪري ڪيم ته جيئن هو ان متعلق شهزادي کي ڪرمان ۾ اطلاع ڪري. پوءِ ڪلياڻ (حقا) آندا ويا. ڪلاڪ کن ترسائڻ کان پوءِ چيائين ته مان ڪرمان ۾ شهزادي ڏانهن هڪ ڇپر يا سوار موڪليان ٿو جو هن کي هاڻ حڪم ڏبو ته تنهنجو همرڪاب ٿي رهي. هو اڄ شام جو روانو ٿيندو، تنهنڪري تون به جلدي پنهنجي تياري ڪر ۽ سيڌي سامان جو بندوبست رک، جو رستي ۾ ڪجهه ڪونه ملندءِ. مون هن جو سڪر ادا ڪيو ۽ کانئس موڪلايم. لطف علي خان کي سندس عمر مطابق وڏو عهدو مليل آهي. هن جي مروت واري روش منهنجي دل تي ايرانين جي فضيلت جو چڱو اثر ويهاريو. هو شڪل مان ٻاويهن ورهين کان وڌيڪ عمر جو نٿي لڳو.مون کي معلوم ٿيو ته هُو اصفهان جو رهاڪو آهي. مون پوءِ هن جا هموطني ڏٺا، هو انهن کان وڌيڪ خليق ۽ فضيلت وارو هو. +منهنجي غير حاضريءَ ۾ منهنجي هندستاني نوڪر اٽي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ملي ڪونه سگهيو هئس. مون کي لاچار ٻاجهريءَ جو ڪجهه اٽو خريد ڪرڻو پيو جو ٻيو ڪو اناج ڪونه ٿي مليو. آسرو هئم ته ڪڻڪ جو اٽو ٻئي ڪنهن هنڌ ڪٿي ملي ويندو، پر مون پاڻ سان تمام ڪمرين کارڪن ۽ ڏاڙهن جو چڱو انداز کنيو. ڇپر (سوار) شام جو پنجين بجي آيو ۽ اسان هڪدم روانا ٿياسين. ساڍا ٽي ميل پنڌ ڪيوسين. رستي جي ڳچ حصي ۾ گند ڪچرو ۽ ڦٽل جايون هيون. آخر رستي تي هڪ پاڻي جي چڪيءَ وٽ پهتاسين ۽ رات اُتي رهياسين. خوشقسمتيءَ سان اسان کي ٻاجهريءَ بجاءِ اتي ڪڻڪ جو اٽو ملي ويو. فقط پِسائي ۽ زيان وغيره جي عيوض ڪجهه ڏيڻو پيو. +بم ڇڏڻ کان اڳ مون کي هڪ خراسان ۾ مشهد جي رهاڪو تعصبي سيد ڏاڍو تنگ ڪيو. هن کي جڏهن خبر پيئي ته هڪ ڪرستان ڦاٿو آهي، تڏهن هو تبليغ ڪرڻ لاءِ لڏندو لمندو ٻاهر آيو. چيائين ته مان توکي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته تنهنجو مذهب ظاهر طور باطل آهي. پهريائين هن منهنجي ڪمري ۾ جتي مان ليٽيو پيو هوس. ليئو پاتو ۽ نهايت اطمينان سان چيائين ته تون يوروپي نه آهين، پر هڪ افغان يوروپيءَ جي ويس �� آهين. مون خيال ڪيو ته جي عام ماڻهن کي اهو خيال ويهي ويو ته ان ۾ خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻن قومن جي وچ ۾ ازلي دسمني آهي، تنهنڪري هن کي رد ڏيڻ لاءِ اٿي ٻاهر ورانڊي ۾ ويس. ان کان پوءِ هو ماڻهن کي وعظ ڪرڻ لڳو ۽ سڀني ڪرستانن کي هن ڪافر ٿي ڪوٺيو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. مون کي چيائين ته توکي اهڙي همت ٿي آهي جو تون مسلمانن جي پوشاڪ ٿو پهرين ۽ هنن جي رسول تي ايمان نٿو آڻين؟ توکي خبر آهي علي عليہ السلام ڪير هو؟ تنهن کان سواءِ پوءِ مون کان علي عليہ السلام تيڪلمو پڙهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ان کان انڪار نه ڪيو. تنهن کان پوءِ ڳالهه بدلائي چيائين سچ چئو ته توهان ۾ هڪ زال کي ڪيترا مڙس ڏيندا آهن؟ توهان ۾ ڀائر ڀينرن ۽ ٻين ويجهين عزيزياڻين سان شادي نه ڪندا آهن؟ انهيءَ قسم جا ٻي ابه ڪيترا واهيات سوال پڇيائين ۽ پوءِ ماڻهن ڏي مخاطب ٿي قسم کڻي چيائين ته گذريل سال مشهد ۾ ٻن يوروپي[7] سيلانين اهي اڀ ڳالهيون قبول ڪيون هيون. هڪ گروهه ان سان گڏ هو. پوءِ سوئر جي گوشت، شراب ۽ ٻين منع ٿيل کاڌن متعلق واهيات واهيات بڪوات ڪندو رهيو. مون کي اهڙو غصو آيو جو آءٌ پاڻ کي روڪي نٿي سگهيس. پر خبر هئي ته هو سيد هو ۽ جي ڪو جهڳڙو ٿيو ته اسان سڀ مارجي وينداسين. تنهنڪري مون پهريائين هن کي نرميءَ سان جواب ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ دڙڪو ڏنومانس ته لطف علي خان کي شڪايت ڪندس. قصو اهڙيءَ طرح هلندو رهيو. بازار جا ماڻهو ٻن- ٽن هزارن جي تعداد ۾ اچي گهرجي چوڌاري گڏ ٿيا. وقتي ٺٺوليون ٿي ڪيائون. وقتي لعنتون ٿي وڌائون ته تون اهڙو تهڙو آهين. آخر خوشقسمتي سان چٿر ڪري پڇيائين ته توکي خبر آهي ته خدا ڪٿي آهي؟ مون چيومانس ته مان انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، بشرطيڪ تون اولا منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏين؟ اها ڳالهه هن قبول ڪئي. تنهن تي مون پڇيومانس ته چڱو ٻڌاءِ خدا ڪٿي نه آهي؟ هڪدم اٿي ماڻهن ڏي منهن ڪري چيائين ته والله هي مسلمان هجي ته چڱو. ماڻهن کي ائين چئي هو هليو ويو ۽ ماڻهو سڀ سندس ڪڍ ويا ۽ مون ٿڌو ساهه ڀريو. +نرمنشير جو پرڳڻو ڊيگهه ۾ ريگستان کي بلوچستان کان جدا ڪري ٿو. ريگڻ کان وٺي بم جي شهر تائين سٺ ميل مفاصلو آهي. اولهه طرف ان جي حد ڪرمان جو پرڳڻو آهي، جو هاڻي منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ حصو سمجهيو وڃي ٿو، اولهه طرف جيئن اڳي ذڪر ٿي چڪو آهي ريگستان اٿس، اتر ۽ ڏکڻ ٻه جبلن جون قطارون آهن. ڏکڻ واري قطار ٻنهي مان وڌيڪ اونچي آهي جنهن جي چوٽي هميشہ برف سان ڍيڪل هوندي آهي. جنهن موسم ۾ مون اها ڏٺي هئي ان وقت چوٽي تي برف هئي ۽ ان وقت هيٺ ميدان ۾ سخت گرمي هئي. مان 24- اپريل جي روزنامچي ۾ ريگڻ جي قلعي جو اهڙو تفصيلوار بيان ڏنو آهي جو هت وڌيڪ ڪجهه لکڻ اجايو آهي. اهو هِن علائقي ۾ جيڪي به قلعا مون ڏٺا، تن سان لڳي اچي ٿو. مون کي وڌيڪ ايترو معلوم ٿيو ته ڪروڪ شهر جي گورنر جي رهڻ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ تختگاهه آهي. تنهن کي چوڌاري هڪ سڪل کاهي کڻايل آهي. اهو نهيم آباد کان چؤڻو وڏو آهي. +نَر سال ٿيندا جو ايران جي سرڪار غلزئي[8] افغانن کي نر منشير مان، جو گهڻو وقت هنن جي قبضي ۾ رهيو هو، ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ بلوچستان جي سرحد تي رهندڙ قومون گهرائي انهن کان ويران ڳوٺ آباد ڪرايائون. انهيءَ نو آباديءَ کان پوءِ هنن سڀني شيعا مذهب اختيار ڪيو. هو ايران جي بادشاهه جي رعيت هجڻ جي شان تي فخر ڪندا آهن. غلزئي، جن کي پنهنجن گهرن مان تڙيو ويو هو تن مان گهڻا سيستان جي پرڳڻي ۾ خوبين، بنهه ۽ عين جي شهرن ڏانهن ڀڄي ويا. انهن مان ڪي ٿورا بلوچستان جي علائقي قلات ۾ رهن ٿا. هو پاڻ پرڳڻي جا اصلي رهاڪو نه آهن. هو افغانن جي پيدائش آهن. 1719ع ۾ ايران تي افغانن جي حملي ڪرڻ وقت هنن وڃي اتي بيٺڪ وڌي هئي. مون کي اهو خاطريءَ سان معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هنن اها بيٺڪ حڪومت جي مرضيءَ سان ڪئي هئي يا ڪنهن ٻيءَ قوم کان زوريءَ کسي هئائون. منهنجو خيال آهي ته هنن نادر شاهه طهماسپ جي فوجن جو سپه سالار هو جو صفوي خاندان جو پويون ۽ ضعيف ۾ ضعيف بادشاهه هو. حقيقصت ۾ هو فوج خادم سالار نه، پر مدير هو. انهيءَ مشهور فاتح ايران ۾ افغانن جي غضب ڪيل ۽ ضعيف طاقت کي درهم برهم ڪري ڇڏيو. اهو هن پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ ڪيو هو. پر اڀ ان ڳالهه جا قائل آهن ته شاهي اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي افغان رعيت تي ڏاڍو مهربان هو. ان سان اهو انومان خاطريءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو ته نر منشير جي غلزين کي مطيع ڪري پنهنجي راهه مان ڪڍي هن کين خوشيءَ سان پنهنجيءَ مملڪت ۾ اَجهو ڏنو، جنهن جو هن پاڻ کي آئيندي جو مالڪ ٿي تصور ڪيو. انهيءَ ڳالهه جي تصديق هن امن به ٿي ٿئي، هن جي اقتدار جي اوج جي زماني ۾ هو سمورو وقت انهيءَ زرخيز علائقي ۾ امن امان سان رهيا. بلڪه هنن سندن پونين کي به راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن جا زندن سان اهڙا ته دوستانا تعلقات هئا جو هنن انهيءَ قوم جي پونين شهزادن کي شاهي خاندان جي خلاف سندن جهڳڙن ۾ مدد ڪئي، جنهنڪري آخر سندن خاتمو ٿيو. انهن ماڻهن جو طول طويل تاريخي احوال هِت ڏيڻ بلڪل اجايو ٿيندو، ج ان جو منهنجي مضمون سان واسطو ڪونه آهي. هو سچ پچ ته هڪ وڏي قوم جي ادنيٰ بيٺڪ هئا.[9] +نر منشير جي مٽيءَ اڪثر ڪاري رنگ جي ۽ زرخيز آهي، پر ڏکڻ طرف جيئن ريگستان ڏي ويجهو وڃجي ٿو ته زمين وارياسي ۽ غيرآباد ٿيندي وڃي ٿي- سراسري سموري زمين آباد آهي. ان کي پهاڙي نهرن مان پاڻي ملي ٿو. اهي قدرتي چشمن مان نڪرن ٿيون ۽ برف جي رفتي رفتي پگهرجڻ ڪري جام پاڻي ملي ٿو. اهي چشما آباديءَ جي ضرورتن پورين ڪرڻ کان سواءِ ڪيتريون پاڻيءَ جون چڪيون به هلائين ٿا. ريگڻ ۽ بم جي وچ ۾ مون اهڙيون ويهه چڪيون ڳڻيون، چون ٿا ته اونهاري ۽ سرءُ جي مهينن ۾ هوا گرم پر صحت بخش هوندي آهي، جنهن جي تصديق ماڻهن جي شڪلين مان ملي ٿي. جيڪڏهن اهو صوبو ڪنهن ترقي پسند حڪومت جي هٿ هيٺ هجي ته اهو اڳتي هلي ايران جي مملڪت جو سڀ کان وڌيڪ زرخيز پرڳڻو ٿيندو. پر ٿوري وقت ۾ جڏهن ماڻهو اهڙا آسودا ٿيندا آهن جو بادشاهه ۽ سندس وزير هنن کي ڦري پنهنجي طمع پوري ڪري ۽ پيٽ ڀري سگهن، تڏهن هنن سان هر قسم جي زبردستي ۽ بي انصافي ڪئي ويندي آهي ۽ هنن جي ترقي بند ٿي ويندي آهي ۽ ملڪ پست ٿي ويندو آهي. +1810ع ۾ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي حفاظت لاءِ فوجي عملو مقرر ٿيل آهي، اُن جي خرچ لاءِ ان جي پيدائش چاليهه هزار رپين کان وڌيڪ هئي. اهڙو سال ۾ اڌ لک رپيا خرچ به ٿيندو هوندو. تنهنڪري ڪُل آمدني هڪ لک رپيا يا ٻارهن هزار پنج سئو پائونڊ ٿيندي هوندي. +ان ۾ هيٺيون جنسون پيدا ٿي ٿيون: انّ، ڪپهه، موٺَ، گلاب (گلقند ۽ گلاب جي عرق لاءِ)، ميوو جنهن مان اکروٽ، باداميون ۽ سڪل ڪشمش ٻاهر موڪليا ويندا آهن. ماکي ۽ کؤنر (کؤنر ٻٻر جي مختلف قسمن مان نڪرندو آهي ۽ تمام ڪارائتو هوندو آهي، جو چون ٿا ته جو ڳاڙهي سمنڊ کان کؤنر ايندو آهي ان کان به سٺو هوندو آهي)، اهو چمڙي جي ڳوٿرين ۾ ايندو آهي. هڪ- هڪ ڳوٿري پوڻن چئن سيرن جي هوندي آهي. ڪرمان جي بازار ۾ اهو انهن ڳوٿرين ۾ وڪامندو آهي. +افغانن جي وڃن کان اڳ بم جو شهر جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، ڪرمان جي صوبي ��و سرحدي شهر هو. شاهي فوجن، جي نرمنشير شهر تي حملا ڪيا هئا، تن جو بدلو وٺڻ لاءِ افغانن پنهنجي پاڙيسري بلوچن جي مدد سان گذريل ويهن سالن ۾ ان کي ڊاهڻ جي بار بار ڪوشش پئي ڪئي آهي. تنهنڪري ان جي قلعبندي اهڙي ته ڪئي ويئي آهي جو اهو هاڻي ايران ۾ ٻين سڀني قلعن کان وڌيڪ محفوظ سمجهيو وڃي ٿو. قلعو مٿانهينءَ زمين تي ٺهيل آهي. هن وقت ان کي وڏيون ٿلهيون مٽيءَ جون ڀتيون ۽ چوڌاري اونهي سڪل کاهي کڻايل آهي. هڪ- هڪ طرف ڇهه وڏا مورچا اٿس، سواءِ ڪنڊن وارن مورچن جي، جي ٻين کان ڪيترا گز اونچا آهن. سارو قلعو بُهه ۽ سڻيءَ سان گڏيل مٽيءَ جو ٺُلهه آهي. ڏاکڻي طرف واري ڀِت ۾ جي وچ وارا ٻه دروازا آهن، تن جي وچان هڪ دروازو آهي. جنهن دڙي تي شهر آهي قلعو ان جي مٿانهين حصي تي ٺهيل آهي، ان کي هڪ مضبوط ڪوٽ ڏنل آهي ۽ ڪنڊن تي بُرج ٺهيل آهن. انهيءَ ايراضي ۾ حاڪم جو محل ۽ ان سان تعلق رکندڙ جايون آهن. بازار ڪافي ڊگهي آهي ۽ ان ۾ ڪافي اسباب رکيل آهي. منهنجي هوندي ڪڻڪ جي قلت هئي پر ٻاجهري، کجور، کير ۽ قسمين قسمين ميوا مليا ٿي. هتان جا باغ ڏاڙهن کان مشهور آهن، اهي لاشڪ ته خوشبوءِ ۽ رس ۾ شيراز ۽ بغداد جي ڏاڙهن کان، جي دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ سمجهيا ويندا آهن سٺا آهن. +گذريل چند سالن ۾ بم جي شهر ايرانين ۾ شهرت حاصل ڪئي آهي، جو اتي اوڻووويهه سال اڳ زنددد خاندان جو پويون فرد لطف علي خان، جنهن تخت جي دعوا ٿي ڪئ يقيد ڪيو ويو هو. جنهن جاءِ تي هن کي گهوڙي تي سوار ٿي ڀڄي ويندي پڪڙيو ويو هو، اتي اڃا يادگيريءَ لاءِ هن جي مددگارن جي کوپرين جو منارو بيٺل آهي جو سندس قاچار ظالم رقيب آغا محمد خان جي حڪم سان بنايو ويو هو. آغا محمد خان پنهنجي خاندان مان ايران جو پهريونف حاڪم هو. مان انهيءَ خوفناڪ حادثي جو وڌيڪ ذڪر اڳتي هلي ڪرمان جي احوال ۾ ڏيندس. ان جي هت تفصيل ڏيڻ جي ضرورت ناهي. +بم جي هاڻوڪي قلعي جي چوڌاري، جي وسيع آثار ۽ ڦِٽل جاين جا نشان آهن، سي ڏيکارين ٿا ته بم جو قديم شهر ڪيڏو نه وڏو هوندو. چون ٿا ته اهو پنهنجي اوج جي زماني ۾ شان شوڪت ۾ ايران جي ٻئي ڪنهن به شهر کان گهٽ ڪو نه هو. چون ٿا ته شهر کي پهريائين افغانن 1719ع ۾ ايران جي فتح وقت سينگاريو هو. هُو ئي ان جا باني آهن، جو شهر تمام قديم آهي. خير، جڏهن غلزين شهر ورتو. تڏهن ان جي ڪهڙي به حالت هئي پر اها خاطري آهي ته جي انهن شهر ناس نه ڪيو، تڏهن به ڪم از ڪم ان جي تبديل جو باعث اُهي آهن. چون ٿا ته ڪي ڦوهارا پاڻي ايترو مٿي ۽ پري اڇلائي سگهندا هئا جو اڄوڪي ايرانين جي طاقت کان ٻاهر آهي، جيتوڻيڪ هو علم ماهيت ۾ ڪافي دلچسپي وٺندا هئا. ڪو به گهر مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي جيستائين ان ۾ سنگمرمر جو حوض ۽ ڦوهارو نه هوندو هو. ڪوٽ کان اٽڪل ٽن ميلن جي مفاصلي تي منهنجي سونهين مون کي هڪڙو باغ ڏيکاريو، جنهن جي ايراضي ڪيترا يڪڙ هئي. ان جي چوڌاري ديوارن جا نشان هئا. هن چيو ته افغانن جي عروج جي زماني ۾ سڄي باغ کي ڏينهن ۾ ٻهدفعا هڪ حوض مان مصنوعي بارش رستي پاڻي ملندو هو. واقعاً بم جو شهر ان قسم جي آسائشن کان نهايت موزون آهي. اهو اونچن جبلن- جن تي هميشه نه، ته به اڪثر برف هوندي آهي. جي ڀرسان هڪ پٽ ۾ ٺهيل آهي، جنهنڪري پاڻي هميشه جام ملي سگهي ٿو. هاڻ مان وري پنهنجو ذڪر شروع ڪريان ٿو. +[1] . لئي جو قسم. صحر معنيٰ بيابان، آب معنيٰ پاڻي. +[2] . ماني پچائڻ جو هڪڙو طريقو ته اهڙو سولو هو جو اهڙو مون ڪهن ڪونه ٻڌو آهي: ڇا ڪن جو سُڪين ڪاڄين جو ڍڳ ڪري ان جي مٿان واري وجهن. پوءِ ڏينس باهه. ڪاٺيون سڙي پور��ون ٿين ته واري تپي ڳاڙهي ٿي وڃي. ڳوهيل اٽي جو چاڻو کني ان جي وچ ۾ وجهن. اهو ڏهن منٽن ۾ پچي تيار ٿيو وڃي. انهيءَ طريقي ۾ هڪڙو احتياط ڪيو آهي، سو هيءُ ته چاڻو پاسن کان ڍڪيو آهي ته جيئن ان ۾ هوا اندر نه وڃي نه ته مالي سڙي ويندي. +[3] . هن جي قبيلي جو نالو هو. +[4] . اٺن کي روزانو اٽي جي خوراڪ پڻ ڏني ويندي هئي، جنهن تي تمام تڪڙو ۽ گهڻو وقت هلي سگهندا آهن. اٽو اڪثر اڌ پيٺل (ڏارو ڪيل) هوندو آهي. اهو پاڻي سان ڳوهي ننڍي ٻار جي مٿي جيڏا ڳوڙها ٺاهي اُٺ جي نڙيءَ ۾ وجهندا آهن. بلوچ اڪثر انهن ڳوڙهن ۾ ڳڙ ۽ آفيم به گڏيندا آهن (ڏسو 28- جنوريءَ جو روزنامچو.) هو سمجهندا آهن ته جيئن ڳوڙهو وڏو تيئن وڌيڪ فائدو. مان ڪرمان ۾ پنهنجن اُٺن کي ساڍا ست سير اٽو روز ڏيندو هوس جو هو شام جو کائيندا هئا. باوجود ان جي هو ڏينهن ۾ ٽڦلو ۽ گاهه به چرندا هئا. ان مان ثابت آهي ته هو ڏاڍا سخت جانور آهن. پنج- ڇهه ڏينهن کاڌي سواءِ به گذاري سگهندا آهن. +[5] . جريد بازي، يعني نيزي راند، جريد معنيٰ نيزو ۽ بازيدن معنيٰ کيڏڻ. +[6] . پپل، نِم، ٻٻر ۽ گز جا انگريزي نالا. +[7] . مون کي پوءِ معلوم ٿيو ته اهي يوروپي جن جو هن ذڪر ڪيو هو، سي ايران ۾ فرانسيسي سفارت جا ٻه عملدار هئا. +[8] . غلزئي، افعان قوم جو هڪ وڏو پاڙو آهي. +[9] . غلزئي، ڪابل جي بادشاهه جي رعيت آهن. چون ٿا ته هنن جي تقريباً ڏهه لک آبادي ٿيندي. هنن جا پنهنجي پاڙيسرين ابدالين ۽ دورانين سان سٺا تعلقات نه آهن، جو هنن جون سندن ملڪ ۾ اکيون هونديون آهن. انهن امن گهڻا شيعا آهن. هو هميشه هڪ بهادر قوم ليکيا ويندا آهن. + + +فصل (15) +29- اپريل: اسان اڄ صبح جو پهين بجي کان اڳ سوازر ٿياسين. سڄي ڏينهن ۾ اولهه- اتر جي ڏس ۾ چوئيتاليهه ميل پنڌ ڪيوسين. پونين اٺاويهه ميلن ۾ پاڻي ڪونه آهي. اهي هڪ ويران ۽ غيرآباد پٽ لڳا پيا آهن، باقي رستو سمورو سٺو هو. بم کان اٽڪل اٺن ميلن تي هڪ سراءِ آهي جنهن ۾ هڪ تمام اونهو کوهه آهي ان جو پاڻي اهڙو ته مٺو آهي جو مون اهڙو پاڻي ڪڏهن نه پيتو آهي. اڌ رات جو مان سفرستان جي نالي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ڀرسان هڪ ننڍين ٽڪرين جي قطار جي وچ ۾ ترسيس. اتان تهروت جو شهر اٺ ميل اتر- اولهه طرف هو. +30- اپريل: اڄ منهنجي رستي جا پهريان ٻارهن ميل اولهه طرف هاڙهي پوٺي تان هلڻ هو. تنهن کان پوءِ مان اشڪو نالي هڪ نديءَ جي پيٽ ۾ داخل ٿيس جو تقريباً سڪل هو. رستو ان مان ڇهه ميل سير جي سڌي لڳولڳ هو. پوءِ اسان ندي ٽپي ڏهه ميل وڌيڪ پٽ تان هلياسين ان ۾ هڪ کاري پاڻيءَ جي دُٻي جي لڳ منزل ڪئيسون، اشڪو ندي، جا تهروت کان لنگهي بم جي اتر- اولهه جبلن پٺيان ريگستان ۾ گم ٿي وڃي ٿي. تنهن جو پيٽ ڪن هنڌ ميل کان به ويڪرو آهي ۽ ٻين هنڌ ڏيڍ يا ٻه سئو گز مس ٿيندو. ان جا ڪپر سڌا ۽ اونچا آهن. ساري نديءَ جي ڪپرن تي ڪنهن ڪنهن هنڌ وڻَ ۽ جهنگ هو. پر ڪن محنتي ڪڙمين وڏا وڏا زمين جا ٽُڪر صاف ڪري انهن ۾ ڪڻڪ، ڪمند، تماڪ، ڪپهه وغيره جون ڀليون آباديون ڪيون هيون. رڀئون جو ننڍڙو ڳوٺ جو هڪ اونچن جبلن جي قطار لڳ آهي، هن جاءِ کان ٻاويهه ميل اولهه- ڏکڻ ڏي آهي. +1- مئي: هنن چوويهن ڪلاڪن ۾ مون اوڻٽيهه ميل هڪ ويران ۽ غيرآباد پٽ مان پنڌ ڪيو. رستو اتر- اولهه ۽ اتر- اوڀر طرف ڏي ٿي ويو. سموري رستي ۾ پاڻي فقط سورهين ميل تي هڪ ٽڪريءَ جي پاسي ۾ هڪ ننڍي چشمي ۾ هو. رستي جي ٻنهي پاسن اکن اسان جي ويجهو پهاڙ هئا، رستو پٿرائتو ۽ خراب هو. +2- مئي: مان صبح جو پنجين بجي کان وٺي رات جو نائين بجي تائين يڪي سواري ڪئي. پر منجهند بعد اهڙو خراب رستو آيو جو ايران ۾ مون ٻيو اهڙو رستو ڪونه ڏٺو هو. تنهن کان سواءِ منهنجا اُٺ به ٿڪجي ۽ ضعيف ٿي ويا هئا: تنهنڪري اسان تقريباً سمورو مفاصلو پنڌ ڪيوسين ۽ مان نٿو سمجهان ته اسان ٽيهن ميلن کان وڌيڪ پنڌ ڪيو هوندوسين. جي منهنجن ماڻهن جي شذڪايت ۽ منهنجن سڄيل پيرن مان اندازو لڳائجي ته مان جيڪر چوان ته ان کان ٻيڻو پنڌ هو. ڇهويهين ميل تي اسان ماهون جي شهر مان لنگهياسين، جو ڪرمان کان چوويهه ميل اوڀر- ڏکڻ آهي. اهو هڪ سهڻو ننڍڙو ڳوٺ آهي. چوڌاري پناهه دار باغ اٿس، جن ۾ هر قسم جي ميون جا درخت آهن. شهزادو ابراهيم خان، جو ڪرمان جي صوبي ۽ شهر جو والي آهي، تنهن جو هت هڪڙو شڪار جو مڪان آهي، جو پري کان هڪ چڱي خاصي عمارت نظر ٿي آئي. تنهن کان سواءِ ڪرمان جي سرڪار جا گهوڙا ۽ خچر به جڏهن سرڪاري ڪم ۾ نه ايندا آهن، تڏهن اتي رکيا ويندا آهن. اتي طنبيلن کان سواءِ عملي جي ماڻهن لاءِ پنج- ڇهه تمام وڏيون سرايون ٺهيل آهن. انڪري اتي گهڻا ٻاهريان ماڻهو ايندا آهن ۽ واپار ججهو هوندو آهي. ماهون جي پسگردائي تمام آباد ۽ ظاهراً آسودي آهي. مون هتي پهريون دفعو زامين هيٺان پاڻي کڻي وڃڻ جو طريقو ڏٺو، جنهن جو ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ رواج آهي ۽ جنهن کي ايراني ڪاريز چوندا آهن. سئو يا ڏيڍ سئو قدمن تي ٽيهن کان نوي فوٽن تائين اونهيون ۽ ڇهه فوٽ ويڪريون کڏون کوٽي انهن کي پوءِ زمين ۾ اندر ڪسين سان گڏي ملائي ڇڏيندا آهن. انهيءَ طريقي سان پاڻي بخارن سجي رستي زيان ڪونه ٿيندو آهي. اڪثر کڏهن يا نالين ۾ چشما هوندا آهن، جنهنڪري پاڻيءَ جو انداز اصل سرچشمي کان وهڪرو ڪرڻ ۾ گهٽبو ته ناهي پر الٽو وڌندو آهي. چشمو اڪثر ڪنهن ٽڪريءَ جي تري ۾ هوندو آهي، جتي گهڻا چشما يا نهرون هونديون آهن. مان اهڙيءَ طرح آباديءَ لاءِ پاڻي ٽيهن- چاليهن ميلن تائين ويندو ڏٺو آهي. جي ڪو کوهه ڪري پوندو آهي ته هڪ طرف کان ٿورو پرڀرو کڏ کوٽي نالي مان لنگهائي ان کي ٻيءَ کڏ سان هيٺان ڳنڍي ڇڏيندا آهن. ظاهر آهي ته ڪاريزن کوٽڻ ۾ سخت محنت ۽ تڪليف ٿيندي هوندي پر ان کان سواءِ جيڪر ايران جا ڪيترا وڏا صوبا غيرآباد رهن ۽ سڀئي ضلعا ويران ٿي وڃن. +3- مون اڄ صبح جو ٻين بجي پنهنجي منزل پٽي، پنهنجي سلامتيءَ لاءِ مالڪ جو شڪرانو ادا ڪيو. منهنجي منهنجي دل بهجار بهار هئي ته سفر جو ڏکيو حصو ختم ٿيو هو. انهن امنگن سان هڪ آباد پٽ مان جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڳوٺ ۽ باغيچا هئا، ويهه ميل پنڌ ڪري ڪرمان جي شهر ۾ پهتس. منهنجو سونهون اسان کي بازارن مان لنگهائي هڪ ڪاروان سراءِ ۾ وٺي هليو، جتي مون کي هڪدم هڪ ڪمرو ڏنو ويو. ٿوري وقت ۾ ڪمري ۾ در تي مون کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. جن مون کي واهيات ۽ اجاين سوالن سان تنگ ڪيو، پر مون کين انهن جا موزون جواب ڏنا، پوءِ مون ڪڻڪ جي مانين خريد ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. مون بازار ۾ دڪانن تي وڪري لاءِ رکيل ماني ڏٺي هئي، مگر ان کان اڳ ڪيترا دفعا خاطري ڪيم ته اها شيءِ جا مون ڏٺي هئي، سا سچ پچ ڪڻڪ جي ماني هئي! جا منهنجي لاءِ هڪ نادر شيءِ هئي. حقيقت هيءَ هئي ته مان بک ڪاٽڻ تي اهڙو هِري ويو هوس جو ڪيترا دفعا خاطري ملڻ کان پوءِ به مون کي پڪ نه هئي ته ڪڻڪ جي ماني ڪيترن شهرن ۾ خاص ڪري نرمنشير ۾ ملندي، پر هر موقعي تي نراس ٿيڻو ٿي پيم، جو هاڻي مون کي شڪ هو ته ڪا ڪرمان جي شهر ۾ اها ماني ملي سگهنديم. +ناشتي کائڻ کان پوءِ مون لطف علي خان جي ماڻهوءَ کي موڪليو ته محل ۾ وڃي حاڪم کي منهنجي اچڻ جو اطلاع ڪر ۽ کانئس منهنجي پاران ڪرمان ۾ ٿورن ڏينهن رهڻ جي اجازت وٺي اچ. انهيءَ نياپي ج�� مون کي نهايت پُر تڪلف ايراني طرز جو جواب مليو: ته هيءُ شهر ۽ ان جي هر ڪا شيءِ تنهنجي ملڪيت آهي؛ ٻيو حاڪم چوائي موڪليو ته تون سفر ڪيڻ کان پوءِ شايد ٿڪل هوندين تنهنڪري مان توسان سڀاڻي ملاقات ڪندس. مون کي ساڻس ايتروس جلد ملڻ جو ارادو ڪونه هو، جو مون وٽ ڪپڙا بلڪل ڪونه هئا. پر هڪڙو هندو چڱو مڙس جو ڪاروان سراءِ ۾ منهنجي سامهون رهيل هو، تنهن مون کي ان موقعي لاءِ ڪپڙن ڏيڻ جو وعدو ڪيو، تنهنڪري مون ڪو عذر ڪو نه واريو. انهيءَ هندوءَ جي ٿوري ڪرڻ جي خبر سڀني کي پئجي ويئي ۽ انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪرمان ۾ مون کي جيتري عزت ملڻ کپندي هئي، تنهن ۾ تفرقو پئجي ويو. +رات ٿي ته مون کي ملاقاتين کان ڪجهه فرصت ملي. هڪڙي دڪان تان نهايت لذيذ پلاءُ ٺهيل گهرائي کائي لت کوڙي سمهي پيس. ٽن مهينن ۾ مون اهڙي آرام واري ننڊ اڳ نه ڪئي هئي. +4- مئي: مان اڄ برگيڊيئر جنرل مالڪوم کي شيراز ۾ هڪ قاصد رستي احوال موڪليو ته مان ڪرمان ۾ سلامتيءَ سان پهچي ويو آهيان. مان محمد نبي خان ڏانهن جو ان وقت فارس جي صوبي جو حاڪم هو ۽ ٿورو وقت اڳ هند سرڪار وٽ سفير به هو، فارسيءَ ۾ هڪ خط لکرايم، جنهن ۾ کيس عرض ڪيل هو ته جي جنرل مالڪوم شيراز ۾ نه هجي ته منهنجو خط کيس، سهو جتي هجي اتي موڪليو وڃي ۽ حضور شهزادي کي اطلاع ڪري ته مان اميد ته ٽن هفتن ۾ شيراز پهچي ويندس. +مون کي ڏهين بجي ڪنهن شخص اچي اطلاع ڪيو ته شهزادو درٻار ۾ آهي، جتي مون کي ملاقات جو شرف بخشيو ويندو. مان ٺاٺ سان اُڌارا ڪپڙا پهري قاصد سان روايو ٿيس. ڪيتريون گهٽيون لنگهي محل ۾ پهتس. اڃا ٽي- چار صحن لنگهياسين ته عرض بيگي گڏيو. مون کان نالو پڇي وڃي شهزادي کي ٻڌايائين، جنهن مون کي گهرايو. عرض بيگيءَ مون کي چيو ته مون ڏي نهار ۽ جيئن مان ڪيان تون به تيئن ڪر. شهزادو هڪ دريءَ ۾ ويٺو هو، جا زمين کان ڏهه فوٽ مٿي هئي ۽ پٺيان هڪ صحن هوس، جنهن ۾ پاڻيءَ جو ڦوهارو پئي وهيو. جڏهن اسان شهزادي جي سامهون ٿياسون تڏهن اسان جهڪي سلام ڪيو. پوءِ ٻه- چار قدم وڌي وري ٻيو سلام ڪيوسين ۽ اهڙيءَ طرح ٽيون به. شهزادي سلامن جو جواب ڪنڌ جي اشاري سان ڏنو. مون سمجهيو هو ته مون کي سڏي درٻار ۾ اندر ويهداريندا، پر منهنجي پوشاڪ اول درجي جي نه هئي، تنهنڪري مان ڀانيان ٿو ته مان انهيءَ شان جي لائق نه سمجهيو ويس، انڪري مون کي شهزادي جي سامهون اڱڻ ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن جي ڀتين سان سڀ سرڪاري عملدار ٻانهون ٻڌيو بيٺا هئا، عرض بيگيءَ مون کي ڪَنَ ۾ چيو ته تون به ائين ڪر پر مون کي معلوم هو ته ايران ۾ رواج آهي ته نوڪر مالڪ اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهندا آهن، تنهنڪري اهو رواج مون سان لاڳو نه هو مون ان جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن مان شهزادي جي سامهون اچي بيٺس، تڏهن وڏي سَڏ مون کان پڇيائين ته تون ڪٿي هئين؟ سفر ڇا لاءِ ڪيو اٿئي ۽ رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان ڪيئن بچيو آهين؟ +محل ۾ وڃڻ کان اڳ مون هڪ ڳالهه اڳيئي ٺاهي رکي هئي ته: مون کي هڪ ٻئي عملدار سان هندستاني فوج واسطي گهوڙن پسند ڪرڻ لاءِ قلات موڪليو ويو هو، جتان حڪم ٿيو ته سمنڊ رستي وڃي ايران ۾ جنرل مالڪوم سان گڏجان، پوءِ ساحل تائين پهچي جهاز ۾ چڙهڻ جي موسم تبديل ٿي ويئي هئي، تنهنڪري مان خشڪيءَ رستي بلوچستان اچڻ پسند ڪيو هو. اها ڳالهه اهڙي وسهڻ جوڳي هئي جو شهزادي کي اعتبار ۾ آئي- اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مون کي ساڳئي دستور سان رخصت ڏني ويئي. +محل ۾ ڪافي شان شوڪت ۽ اڍمبر هو. اتي ڪيترائي خوش پوشاڪ ماڻهو خدمت لاءِ حاضر هئا. جنهن ڪمري ۾ شهزادو ويٺو هو سو ننڍو هو ۽ اهڙو سينگاريل به نه هو جيئن ڪي ٻيا خانگي گهرن جا ڪمرا، جي پوءِ مون ڏٺا هئا. پر شاهي ڪمرا نهايت شاندار هئا. شهزادو پاڻ سهڻو جوان آهي، هن جو رنگ زيتون جي رنگ جهڙو آهي ۽ ڏاڙهي ننڍي ۽ ڪاري اٿس. هن کي بدن تي هڪ سادي ولائتي ڇيٽ جي قبا ۽ مٿي تي بخاري دنبي جي کَل جي ڪاري ٽوپي پيل هئي. هن جي بادشاهه سان ٽن قسمن جي عزازت آهي. هو هن جو ڄاٽو، ڀائٽيو ۽ ماٽيلو پُٽ ٿئي. خانگي حياتيءَ ۾ هو هڪ رحمدل ۽ مهربان ماڻهو سمجهيو ويندو آهي ۽ گورنر جي حيثيت ۾ انصاف پسند ۽ عادل ممڪن آهي ته هو سڄي ايران ۾ هڪ عادل ۽ رحمدل حاڪم هجي. پر ماڻهن ڪيتريون ڳالهيون ٿي ڪيون جن مان سندس اهي ٻيئي خوبيون ثابت نٿي ٿيون. هن جي سختي عذر جوڳي آهي. ڪرمان جو شهر ۽ صوبو ماڻهن جي زيادتين کان ساري ايران ۾ مشهور آهي ۽ هن کي شاهي حڪم مليل آهي ته اهي زيادتيون بند ڪري. +مان هن شهر ۾ پنجويهين مئي شام تائين انهيءَ اُميد تي رهيس ته ڪئپٽن ڪرسٽي هرات کان اچي مون سان گڏيو. پر منهنجي لنبي قيام ۾، جي واقعا ٿيا، سي ايترا نه لُڀائيندڙ آهن ۽ نه اهڙا عجيب غريب آهن، جو مان پنهنجو روزنامچو وري شروع ڪيان. تنهڪري مان فقط انهن واقعن جو مختصر بيان ڏيندس، جي دلچسپ ۽ وندرائڻ جهڙا هوندا. هن کان پوءِ مان صوبي جو مختصر احوال ڏيندس. +جنهن ڏينهن مان شهزادي جي محل ڏانهن ويو هوس، ان جي ٻئي ڏينهن مان وزير جي ملاقات لاءِ ويس. هو مون سان ڏاڍي خوش خلقيءَ سان پيش آيو ۽ مون کي پاڻ سان ساڳئي نمدي تي ويهاريائين، جنهن تي هو پاڻ ويٺو هو. هن جي مهربانيءَ جو سبب مون کي تڏهن معلوم ٿيو جڏهن خبر پيم ته هن ٻڌو هو ته مان اڳئين ڏينهن محمد نبي خان ڏي خط لکيو هو. جنهن ماڻهوءَ کان مون اهو خط لکايو هو، تنهن مون کي منهنجي کُٿل پوشاڪ مان گهٽ درجي جو ماڻهو سمجهي- اهو هڪ عريضيءَ يا درخواست جي صورت ۾ لکيو هو. خط لکي جڏهن مون کي پڙهي ٻڌايائين تڏهن مون کي پسند نه آيو. چياين ته ڀلا تون ٻڌاءِ ته تنهنجو جنرل مالڪوم سان ڪهڙي قسم جو رشتو آهي؟ مون سمجهيو ته منهنجي لاءِ چڱو ٿيندو ته مان پاڻ کي هن جو عزيز سڏايان. چيومانس ته مان سندس ڀائٽيو آهيان. اها خبر جلد وڃي وزير جي ڪن تي پيئي. هن جي تلطف جو اهوئي سبب هو. آءُ هن سان تقريباً ڪلاڪ کن ڳالهيون ڪندو رهيس. موڪلائڻ وقت مون کي ٻيءَ رات لاءِ دعوت ڏنائين، جا مون قبول ڪئي. ايران جون سڀ دعوتون هڪجهڙيون هونديون آهن. تنهنڪري مان هن دعوت جو تفصيلوار احوال ڏيندس، جنهن مان پڙهندڙن کي هن طرف جي گهرو رسمن جي خبر پوندي. +مان جڏهن پهريائين هن جي گهر اٽڪل ستين بجي شام جو ويس ته ڪلياڻ (حقو) کڻي آيا. ڪلياڻ ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا ڪرني يا نانگ ۽ ٻيا دستُو يعني هٿ جا. پهرين قسم جا ڪلياڻ کي هڪ سوگهو هندستان جي حقن وانگر؛ ڊگهو چمڙي جو ملايم نانگ جهڙو نڙ هوندو آهي. ٻيو جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي، هٿ ۾ جهلي هڪ ننڍي سون يا چانديءَ جي سهڻي ميناڪاريءَ واري نڙ سان ڇڪبو آهي. اهي حقا ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ بدلائي منجهن تازو تماڪ ڀريو ويندو آهي. تنهنڪري ماڻهو عام طور اهي هڪ ئي وقت ڏهن- ٻارنهن دفعن کان وڌيڪ نه ڇڪيندا آهن. هٿن ڌوئڻ کان پوءِ کائڻ پيئڻ شروع ٿيندو آهي. پهريائين مٺائي ۽ ٻن قسمن جي ڪافي پيئڻ لاءِ ڏيندا آهن. هڪڙي مٺي ڪافي هوندي آهي، جا شربت ۽ قسمين قسمين ميون جي رس مان ٺهندي آهي. اها ۽ سچي ڪافي چيني جي ننڍين پيالين ۾ ڏيندا آهن. جنهن ۾ وڏي چمچي جيتري ڪافي پوندي آهي، اهي پياليون وري سوني يا چانديءَ جي وڏين پيالين ۾ ��يل هونديون آهن، تنهن کان پوءِ وري ساوا ۽ سُڪا ميوا، مربا ۽ آچار ڏنائون. ان بعد شربت جي پيالن جا خونچا ڦيرايائون، جن ۾ وڏا ڪافيءَ جا چمچا پيل هئا، جنهن مان هي ڪنهن پنهنجي مرضيءَ مطابق ٿي پيتو. پوءِ جماعت اڳيان زمين تي دسترخوان وڇائي ان تي سنهيون وڏيون مانيون رکي ويا ۽ کاڌو آندو ويو: قسمين قسمين جا پلاءُ، ٻوڙ ۽ ٻيا طعام خونچن ۾ آڻي هڪ- هڪ اڳيان رکندا ويا. جڏهن اهڙيءَ طرح سڀڪجهه رکجي ويو، تڏهن وزير بسم الله چئي کائڻ جو اشارو ڪيو ۽ سڀ هڪدم جنبي ويا. نوڪر شربت پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪمري جي وچ ۾ بيٺا رهيا. ميزبان جي ڏاڍي مرضي هئي ته مون کي شراب پياري، پر مون اها ڳالهه قبول نه ڪئي. چيومانس ته مون ڪيترائي مهينا شراب چکيو به ناهي ۽ مون کي توهان جا ٿڌا شربت وڌيڪ پسند آهن. اسان کي ڪم از ڪم ٽن قسمن جو گوشت ڏنو ويو هو. ايتريون ٿالهيون ڪڍڻ وري ٻيون رکڻ هڪ ٿڪائيندڙ ڪم هو، تنهنڪري جڏهن گهر وڃڻ جو وقت آيو، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. +هي ماني جا ايرانين جو مکيه کاڌو آهي، سا هوبهو اسان جي ڊنر سان ملي اچي ٿي. انهيءَ کاني کان پوءِ ايراني، ٻئي ڏينهن ٻنپهرن تائين، جڏهن هنن جي ناشتي جو قوت ٿيندو آهي ڪجهه ڪونه کائيندا آهن. سواءِ ڪجهه تازي ميوي جي سو به سوير صبح جو. هنن جي کاني ۾ ٻه- ٽي ڳالهيون تمام ڳالهيون تمام تڪليف واريون هونديون آهن: هڪڙو ته جا شيءِ ويجهي هوندي آهي تنهن مان کائڻو پوندو آهي، نه ته ڪنهن هڪ کي سڀني جي وچ ۾ بيهي پسنديءَ جي شيءِ کڻي ڏيڻي پوندي، ٻيو هڪ يورپي آدميءَ لاءِ پلٿي ماري کاني جي سطح تي ويهي کاڌو کائڻ هميشه ڏکيو هوندو آهي؛ خود ايراني به پاڻ کي سکيو نه سمجهندا آهن. جي هٿن سان ماني کائبي ته ضرور آهي ته ننڍا ٽوال به موجود هجن پر مون ايرانين جي مجلس ۾ اهي ڪڏهن ڪونه ڏٺا. +وزير سان ملاقات کان ٻه- چار ڏينهن پوءِ مان ڪاروان سراءِ جي پنهنجي ڪمري ۾ هڪ هندوءَ سان ويٺي ڳالهايو ته هڪ هلڪي طبعيت جو ماڻهو جنهن کي نفيس ريشمي ڪپڙا پيل هئا، سو حقي سميت ۽ نوڪر ساڻ هئس، ٽلندو اندر آيو، منهن ۾ گهنڊ هجيس ته هيءُ ڇو نٿو مون سان اٿي آڌرڀاءُ ڪري. هندوءَ کان پڇيائين ته هيءُ ڇو نٿو مون سان گڏجي؟ هن مون ڏي اشارو ڪري جواب ڏنس ته هيءُ خود فارسي سمجهي ۽ ڳالهائي ڄاڻي. پوءِ ساڳيو سوال مون کان تمام لاپرواهيءَ ۽ حقارت سان پڇيائين. مون چيس ته ڇا تون سمجهين ٿو ته آءُ ڪرمان ۾ فقط ان لاءِ آيو آهيان ته جيڪو اڻ ڪوٺيو ماڻهو مون وٽ اچي، آءُ اُٿي ان جو خير مقدم ڪريان؟ جوبا ڏنائين ته جڏهن اعليٰ عهدي جا ماڻهو اچن، تڏهن توکي هنن جي تعظيم ڪرڻ جڳائي، جڏهن ڏٺائين ته مان هن جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪونه چُريس، تڏهن چيائين ته مون کي هڪ ڪافر فرنگي[1] کان اهري ئي اُميد رکڻ کپندي هئي. هن پوءِ- ڍائي جي وڏائيءَ تي مون کي سخت غصو آيو. پڇا تي معلوم ٿيو ته هو شهزادي جو پيش خدمت هو. خير، مان سور پي ويس. پنهنجن بروهي نوڪرن مان هڪري کي حڪم ڪيم ته هن وڏي ماڻهوءَ کي ٻاهريون در ڏيکاريو. اهو ٻڌي هو چپ چپاتيءَ ۾ ڪک پنٿي ويو. انهيءَ ٽٽي جي خبر جلد ئي ساري ڪاروان سراءِ ۾ پکڙجي ويئي. ان کان پوءِ منهنجا ملاقاتي مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اُٿ ويهه ۾ وڌيڪ احتياط کان ڪم وٺندا هئا؛ ۽ مون کي در بند ڪري اونَ ۾ نه ويهڻو پوندو هو. ڇو ته مان ماڻهن جي آزار کان در بند ڪري ويهندو هوس. مان انهن ماڻهن سان ملڻ هميشه پسند ڪندو هوس جن جي صحبت مان دل وندرندي يا معلومات حاصل ٿيندي هئي. پر مون ڏ‎ٺو ته منهنجن ملاقاتين ۾ اهڙا ٿورا ماڻهو هوندا هئا. اڪثر سست، جاهل ماڻهو بلڪه ملڪ جي ڪُت خلق مون کي اچي تنگ ڪندي هئي. مون کي اهڙو واقعو خاص طرح ياد ٿو اچي: هڪڙي ڏينهن مان شالن جو ڪارخانو ڏسڻ ويس. موٽي اچان ته ڇا ڏسان جو منهنجي ڪمري تي اٺ- نَو رڇن وارا لوطي (ڪهيري) پنهنجن رڇن سميت قبضو ڪيو ويٺا آهن. کانئن جان ڇڏائڻ لاءِ مون کي کين ڪافي ڳري رقم ڏيڻي پئي، انهيءَ شرط تي ته هو وعدو ڪندا ته وري موٽي نه ايندا. تعجب جي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي وعدي تي وفادار رهيا. اهي لوطي ايران جا مسخرا آهن ۽ غالباً هنن جهڙي خوش مزاج قوم ملڪ ۾ ورلي هوندي. هنن کي جيڪي وڻي سو چوڻ ۽ ڪرڻ جو اختيار آهي. شاهي خاندان جي قريبن ۽ وڏن سرڪاري عملدارن کي به مجال نه ٿيندي آهي جو هنن کي تنگ ڪن. +مئي جي 15- تاريخ شهزادي ڪن ماڻهن تي مقدمو هلايو، جن تي سندس هڪ خادم کي قتل ڪرڻ جي تهمت هئي. انهيءَ ڪري اتي ماڻهن ۾ اهڙو هراس ۽ انتظار هو جو ان جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي. شهر جا دروازا بند ڪيا ويا هئا، ڪنهن کي به ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪانه هئي. سرڪاري عملدارن ڪو ڪاروبار ڪونه هلايو. شاهد بنان اطلاع جي گهرايا ويا. مون ٻه- ٽي شاهد ڏٺا، جن کي محل ڏي وٺيو ٿي ويا. بس، اهڙي حالت هين جو ڄڻ سوريءَ تي چاڙهيائون. اٽڪل ٻين بجي ٻنپهرن جو شهزادي نيٺ فتويٰ ڏني: زبانن ۾ سوراخ ۽ ڪي خصي ڪرايا ويا، سندن هٿن پيرن جون آڱريون ڪپايون ويون. پوءِ سڀني کي ڌڪا ڏيئي ڳلين ۾ اڇلايو ويو ۽ ماڻهن کي چتايو ويو ته هنن کي ڪو سهارو نه ڏين ۽ نه هنن سنا ڪو واهپو رکن. +اهڙن موقعن تي شهزادو پيلي رنگ جو لباس اوڍيندو آهي ۽ ساڳئي رنگ جو ڪپڙو جنهن تي هو ويهندو آهي سو غاليچن مٿان وڇايل هوندو آهي، تنهنڪري ان کي غضبناڪ پوشاڪ چوندا آهن. جڏهن اها پوشاڪ پيل هوندي اٿس تڏهن سندس وزيرن کي به ساڻس ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي آهي. جيستائين کانئن ڪو سوال نه ڪيو وڃي. پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته هو اهو سمورو وقت، جڏهن مان محل ڏانهن ويو هوس، ته هو کڙڪيءَ مان انهن ڪمبخت ڏوهين جي سزايابي ڏسندو رهيو ۽ حڪم ڏيندو رهيو ۽ مٿن ذري ماتر به رحم نه ڏيکاريائين ۽ نه وري ڪو هن جي دل کي لرزو آيو. +هڪ ڏينهن صبح جو هڪ ڪرڙ وڍ آدمي مون سان ملاقات ڪرڻ آيو. هن سان گڏ هڪ نوڪر به هو. اچڻ سان هن نوڪر کي رخصت ڏني. در بند ڪرڻ جي اجازت ورتائين. چيائين ته ڪا مخفي ڳالهه ڪرڻي اٿم. مون کيس اجازت ڏني، پوءِ ته هو عيسائي مذهب جي خوبين تي اچي پلٽيو. آخر چيائين ته مون کي تنهنجي مذهجب اختيار ڪرڻ جو بيحد شوق آهي، ديا ڪري مون کي ان جا مکيه عقيدا ٻڌاءِ؟ مون کي ان عجيب غريب دعويٰ ۽ عرض تي تعجب آيو. جيئن ته مون کي انهن ٻنهي ڳالهين جي سچائيءَ تي شڪ پيدا ٿيو. مون کيس چيو ته هدايت جي اصولن جي روشني وجهڻ منهنجي طاقت وغيره کان ٻاهر آهي. نه مون کي اهڙي طاقت آهي نه اختياري، جو مان توکي اهڙي تلقين ڪري سگهان، پر توکي انهن ڳالهين جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪرڻو آهي ته تون هندستان وڃ، جتي توکي گهڻا قابل ماڻهو ملندا جي توکي خوشيءَ سان تعليم ڏيندا. جڏهن ڏٺائين ته انهيءَ معاملي ۾ دال نٿي ڳري، تڏهن چيائين ته ڪرمان ۾ ڇهه هزار ماڻهو انگريز جي انتظار ۾ ويٺا آهن. ٻڌاءِ ته توهان ڪڏهن ٿا اچو؟ فارسي زبان جي اصطلاح مطابق اهي الفاظ انگريزن جي قوم سان به لاڳو ٿي پئي سگهيا ۽ مون سان به. مون انهن کي پوئين معنيٰ ۾ وٺي جواب ڏنو. رنجيدگيءَ سان چيائين ته تون مون تي اعتبار نٿو ڪرين، منهنجي ڳالهه نٿو سمجهين! مان توهان جي مدد ڪندس. منهنجي پٺيان ڇهه هزار ماڻهو آهن. آءٌ به هن کي غلط سمجهندو رهيس، ۽ ساڳئي وقت چيومانس ته يورپي ماڻهن جو رواج آهي ته هو ڌارين ماڻهن کي پنهنجو همراز نه ڪندا هن. هو جواب ڏيڻ تي هو ته هڪ ٽيون ماڻهو اندر آيو ۽ جاسوس رمندو رهيو. +ساڳئي ڏينهن شام جو مون هڪ تمام عجب رسم ادا ٿيندي ڏٺي. منهنجي هوندي ڪرمان ۾ ٻه- ٽي دفعا ٻيا به ان رسم جو مظاهرو ٿيو. اٽڪل پنجين بجي شام جو هڪ شاهي هجوم جنهن ۾ ڪم از ڪم چار- پنج هزار ماڻهو هئا ڪاروان سراءِ جي حاطي ۾ ڪٺا ٿيا، هڪ ملان وچ ۾ ڏاڪلن جي مُنبر تي چڙهي ڪري بلند ۽ سريلي آواز ۾ محمد ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڄاٽي عليرضه جي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو. آهستي آهستي سموري جماعت جا لڙڪ وهڻ لڳا. ٻارن وانگر روڄ راڙو شروع ٿي ويو، پهريائين مون سمجهيو ته هو ڏيک ٿا ڪن، پر جلد معلوم ٿيو ته ائين ناهي. ملان وقت بوقت پڙهڻ بند ڪري ڏهه منٽ ويهي ٿي رهيو ۽ سڏڪا پئي ڀريائين ۽ ڳوڙها هن جي ريش مبارڪ تي ٿي پيا. سامعين تي به گهٽ اثر ڪونه هو! منهنجي دل کي به سڪون ڪونه هو، منهنجي ماڻهن کي به ايرانين جيتروئي دک هو. هر عمر جا ماڻهو جماعت ۾ شريڪ هئا. ڏهن- ٻارهن ورهين جي ڇوڪرن کان وٺي ستر- اسي ورهين جي پيرسنن تائين. ايترن مانهن کي زاروزار روئندو ڏسي، سندن مذهب لاءِ ضرور دل ۾ عزت ۽ احترام پيدا ٿئي ٿو. +ٻڌم ته پنجويهين تاريخ هڪ ڪاروان شيراز ڏانهن وڃڻو آهي، تنهنڪري مان به ان سان وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳس. مون سمجهيو ته شيراز کان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي موٽڻ جي اُميد ۾ ويهڻ اجايو آهي. جڏهن وزير کي منهنجي ارادي جي خبر پيئي، تڏهن ماڻهو موڪلي پڇا ڪرايائين ته وڃڻ کان اڳ مون سان الوداعي ملاقات ڪندين يا نه؟ مان انهيءَ عزت افزائي قبول ڪرڻ کان معافي گهري، ڇاڪاڻ ته شهزادي مون کي ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو هو ۽ مون وزير کي اهڙو جواب موڪليو. قاصد کي ڪلاڪ کن وئي مس ٿيو هو ته ڪاروان سراءِ جو داروغو اچي سهڙيو ۽ هڪ- هڪ رپيو رواجي محصول اُٺن تي ۽ منهنجي گهوڙي تي، جو مون ٿورا ڏينهن اڳ ورتو هو، گهرڻ لڳو. مون هن کي ٽي رپيا ڏنا ۽ سمجهيم ته ڪاروان سراءِ شهزادي جي خانگي ملڪيت آهي، تنهنڪري وڌيڪ ڏن ڀرڻو پوندو. ٻئي ڏينهن صبح جو هو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته ڪمرو جنهن ۾ مان رهيو هوس، تنهن جي مسواڙ وٺڻ وسري ويئي اٿم، رقم آڌيو ۽ ٻه- ٽي ٽامي جا پئسا هئي. پڇومانس انهيءَ ڳريءَ رقم جي وصوليءَ لاءِ ڪنهن موڪليو اٿئي؟ منهنجو خيال صحيح نڪتو. نهايت گنڀيرائيءَ سان چيائين ته شهزادي جي حڪم مطابق آيو آهيان. وڌيڪ چيائين ته جي حضور اعليٰ سان ملاقات ڪرڻ قبول ڪرين ها ته انهيءَ رقم ۽ اڳين ڏينهن، جو وهٽن تي محصول ڀريو هوءِ، ڏيڻ لاءِ کان معافي مليئي ها. منهنجي نظر ۾ اهو اقرار ڪمينائپ جي حد هئي. مون داروغي کان پڇيو ته تون ڪيئن ٿو سمجهين ته پئسو، ڀل ته انهيءَ عزت کان هزار دفعا وڌيڪ هجي، پر منهنجي يا برطانيا حڪومت جي ڪنهن به عملدار جي نظر ۾ ڪا حيثيت نٿو رکي. مون چيومانس ته آءٌ جڏهن شهر ۾ آيو هوس، تڏهن شهزادي وٽ اچي مون پنهنجو فرض ادا ڪيو هو، پوءِ مون سان ڪهڙا ڀال ڀلايا ويا، موجوده فيصلي ڪرڻ جو مون کي حق هو. داروغو جيتوڻيڪ ايراني هو ته به هو پنهنجي مالڪ جي روش تي شرمسار ٿيو ۽ عذر طور ڪو جواب ڏيڻ تي هو ته مون وڌي هٿ ۾ رپيو ڏنومانس ۽ چيومانس ته باقي رهيل پئسا شهزادو شوق سان پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو. +داروغي پئسا کيسي ۾ وڌا ۽ نوڪرن کي چيائين ته هن جي شڪايت واجبي آهي، ائين چئي هليو ويو. ان کان پوءِ مون شهزادي يا سندس اردلين جو ڪو به احوال ڪونه ٻڌو. ساڳئي ڏينهن اٽڪل ين بجي شام جو مون ڪرمان جو شهر ڇڏيو، جنهن جو ۽ صوبي جو فصل احوال ٻئي فصل ۾ ڏنل آهي. +فصل (16) +ڪرمان جي صوبي جي اوڀر ۾ سيستان جو حصو ۽ بلوچستان آهن، اولهه ڏانهن فارس جو صوبو، ڏکڻ ڏانهن لارستان، مڪران ۽ ايراني نار جا ٽڪرا ۽ اُتر ڏانهن عراق ۽ خراسان. قديم زماني کان ڪرمان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: هڪڙو آباد حصو ۽ ٻيو ريگستان. مان به ساڳي تقسيم اختيار ڪندس. پهرين آءٌ آباد حصي جو ذڪر ڪندس. انهيءَ حصي جي ڊيگهه نرمنشير کان جو ريگڻ ۾ آهي، روبات تائين، جو فارس جي حد تي آهي، اٽڪل ٽي سئو پنجهٺ ميل ٿيندي. ان جي ويڪر، عراق جي ڏاکڻين حد کان گانبرون يا بندر عباس، جو ايراني نار جي ڪناري تي آهي، تائين ٻه سئو اسي ميل ٿيندي[2]. انهيءَ علائقي جي زمين اڪثر اوسر آهي ۽ سارو ملڪ غيرآباد ۽ ويران ٿو نظر اچي. +سڄي صوبي ۾ هڪ به نهر ڪانهي[3]. جيڪڏهن پهاڙي علائقي ۾ جي ٻه- ٽي چشما ۽ ڪاريز، جن جو بيان مون پنهنجي ٻي تاريخ مئي جي روزنامچي ۾ ڏنو آهي، نه هجن ها ته ماڻهن جو مشڪل سان گذران ٿي سگهي ها. پاڻي گهڻي تڪليف ۽ محنت سان دستياب ٿئي ٿو، سو به ايترو جو ان سان تمام ٿورڙي زمين آباد ٿي سگهي ٿي. نرمنشير جو سوال ٻيو آهي، اتي پاڻي جام آهي. مگر اڳي اتي ٻوڏون ٿينديون هيون. گذريل ويهن ورهين ۾ پاڻي اتي به گهٽ ٿي ويو آهي. بم ۽ ڪرمان جي اوريان مون کي غيرآباد ميدان ئي ميدان نظر آيا، ان مان ظاهر آهي ته ريگستان ان طرف تڪڙو تڪڙو وڌندو وڃي ٿو. اتي جا ماڻهو به ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا. +ڪرمان اڪثر ڪري پهاڙي علائقو آهي، پهاڙن جي مکيه قطار اها آهي جا نرمنشير کي لارستان کان جدا ڪندي، ڏکڻ- اولهه طرف گابرون کان چئن ڏينهن پنڌ جي مفاصلي تي ختم ٿي ٿئي. اتان وري ڪنارو ڏيئي اولهه ۽ اتر- اولهه وڃي فارس جي جبلن سان 40-29 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 54 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ وٽ ختم ٿي ٿئي. انهيءَ عرصي ۾ ان مان ڪيتريون شاخون خصوصاً اوڀر طرف واريون جي ريگستان ڏانهن وڃن ٿيون سي ڊگهائي ڦاڪ جي 30-31 ڊگرين جي وچ ۾ ختم ٿين ٿيون. اولهه طرف واريون شاخون عراق جي صوبي ۾ پهچن ٿيون. ڪٿي ڪٿي هو مکيه جبل، جنهن مان هو نڪرن ٿيون، تنهن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهن. اهي قطارون ملڪ کي اهڙيءَ طرح ڪپين ٿيون جو انهن جي وچ ۾ جي پٽ آهن سي ورلي ڏهن- ٻارهن ميلن کان ويڪرا آهن، البت ڊيگهه ۾ پٽ تمام لنبا آهن. +ملڪ جي آبهوا به اهڙي ئي مختلف آهي، جهڙي سندس شڪل سڄي ايران ۾ انهيءَ صوبي جي آبهوا گهٽ ۾ گهٽ صحت بخش سمجهي ويندي آهي. گهڻي بارش ورلي پوندي آهي. مگر سياري ۾ جبلن تي ڪافي برف هوندي آهي ۽ چوٽين تي برف سال جو چڱو عرصو رهندي آهي، نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ميدانن ۾ ماڻهو گرميءَ ۾ پيا ڪڙهندا آهن ۽ سندن ويجهو جبلن جي چوٽين تي سخت ٿڌ هوندي آهي. پهاڙن جي چوٽين تان جا هوا لڳندي اهي سا ٿڌي ۽ وڻندڙ هوندي آهي مگر ان سان گڏ تپ بخار ۽ ٻيا مرض به پيدا ٿيندا آهن. ڏيهي ماڻهو ان جي مهلڪ اثر کان اهڙو ته ڊڄندا آهن جو هو ان جي اثر کان گرم هوا وڌيڪ پسند ڪندا آهن. +انهن جبلن جي شاهي قطار جي ڏکڻ ۾ جبلن جي تري ۽ سمنڊ جي وچ ۾ گرمسير يعني گرم ملڪ آهي. گرمسير هڪ سوڙهي فتيل 30 کان 90 ميلن تائين موڪري، جا لارستان جي گادي ميناب کان شط العرب يا بصري درياهه تائين سمنڊ جي ڪناري سان هلي وڃي ٿي. ڪرمان جي حد اندر هن علائقي جي زمين ڪلراٺي ۽ وارياسي آهي ۽ سندس آبهوا صحت لاءِ تمام نقصانڪار آهي. ان ۾ کجور کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ ڪانه پيدا ٿيندي آهي ۽ اُها به سٺي نه. انڪري ان جي آبادي تمام ٿوري آهي. +[1] . بيدين يورپي +[2] . اها ماپ سڌيءَ ليڪ ۾ آهي. رستي ۾ وروڪڙ آهن، جنهنڪري ريگڻ کان روبات تائين، ان کان ٻيڻو رستو ٿيندو. +[3] . مان هيءَ ڳالهه خاطريءَ سان ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته مون صوبي جو سفر اوڀر کان اولهه طرف ڪيو آهي. مان 30- اپريل تي بم شهر مان رواني ٿيڻ تي ٻئي ڏينهن اشڪو ندي، جا هڪ نئي آهي ۽ برسات ۾ ڀربي آهي ڏٺم. ڪرمان کان بندر عباس واري رستي ۾ اهڙيون ٽي- چار نئيون آهن. منهنجي خيال ۾ انهن کي لهرون چوڻ غلط ٿيندو. + + +ڪرمان جو شهر اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 56-29 ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 6-56 ڊگرين ۾ هڪ ڪشادي ميدان جي اولهه ۾ جبلن جي ويجهڙو آهي. ٻه جبل جن تي پراڻا قلعا آهن اهڙو ته ويجهو اٿس جو انهن تان مٿس وار (حملو) ٿي سگهي ٿو. هيءُ ڪنهن زماني ۾ ايران جو آباد شهر هو ۽ تختگاهه اصفهان کان پوءِ ٻيو نمبر شمار ڪيو ويندو هو. اهو بلخ بخارا، ماو راءِ النهر ۽ ايراني سلطنت جي اترين شاهراهه، جا بندر عباس ڏانهن وڃي ٿي ۽ ان تي موجود آهي. جنهنڪري وڏي تجارتگاهه دولت آسائش ۽ عظمت جو مرڪز هو. +شهر جو پهريون پايو ڪنهن وڌو تنهن جي ثابتي ڪانه ٿي ملي. البت اها خاطري آهي عربن جي ڪاهه وقت آخري ايراني بادشاهه اتي وڃي پناهه ورتي هئي ۽ پنهنجي گادي قائم ڪئي هئي. تان جو شهنشاهت جو خاتمو ٿيو ۽ زرتشت جا پوڄاري ٽڙي پکڙي ويا. مڪران جي فتح جي هڪ قلعي تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته سن 9هه ۾ مڪران جي فتح وقت ڪرمان تمام وڏو شهر هو، ان جا ماڻهو مالامال هئا. اتان جون شالون ۽ هٿيار ديسان ديس مشهور هئا. غالباً شهر جو پايو ان وقت پيو يا ڪم از ڪم ان جي شهرت ۽ دولت جا ان کي اسلام جي اچڻ وقت حاصل هئي، تنهن جي شروعات ان وقت ٿي. ڪرمان جي ڪناري تي هرمز جو شهر ٻَڌو ويو آهي، انهيءَ تاريخ مطابق جنهن ڏانهن مون اشارو ڪيو آهي. هرمز شهر جو بنياد ساساني خاندان جي اولين بادشاهن مان هڪ وڌو ۽ ان تي سندس نالو پيل آهي. ڪرمان جي نالي جي باري ۾ گهڻيون ئي ڏند ڪٿائون آهن. ڪي چون ٿا ته اهو ڪرمان يعني اُن جي ڍيري مان نڪتل آهي- اشارو آهي شهر جي آبادي ڏانهن. ٻين جو چوڻ آهي ته هڪ گبر شهزادي اتي صوف کاڌو هو ان مان هڪ ڪِرن يا ڪينئون نڪتو. شهزادي ڏسندي ئي سُنهن کاڌو ته اتي هڪ شهر ٻڌائيندس جو ڪيڙي وانگي ساري پسگردائيءَ جو فائدو وٺندو. شهر جو بنياد ۽ نالو ائين پيو. انهن ڏند ڪٿائن کي ڪا اهميت ڏيڻ نه کپي. البت اهي ڏيکارين ٿيون ته شهر تمام موزون جڳهه تي آهي. اهوئي سبب آهي جو اُهو شهر ايڏا لوڏا سهي سگهيو آهي. دنيا ۾ ٻيو ڪو به شهر ڪو نه آهي، جنهن قسمت جون ايتريون لاهيون چاڙهيون ڏٺيون هجن يا جنهن ۾ ايتريون موتمار لڙائيون بيروني خواهه گهرو لڳيون هجن. +انهن لڙاين جو ذڪر منهنجي مقصد کان ٻاهر آهي. خليفن، چنگيزين، تيمورلنگ، افغانن ۽ نادر شاهه بار بار هڪٻئي پٺيان شهر فتح ڪيو، ڦُريو ۽ ناس ڪيو. ازانسواءِ ڪيترين خانه جنگين ۾ به ان شهر تي ڪيترا دفعا زوريءَ قبضو ڪيو ويو. اهڙيون پويون سوڀون واقع تازو 1794ع ۾ ٿيون آهن. جڏهن هاڻوڪي بادشاهه جي چاچي ۽ قاچار خاندان جي باني آغا محمد خان ڪيترا مهينا گهيري ڪرڻ بعد چالاڪيءَ سان شهر هٿ ڪيو. شابس هجي فراخدل لطف علي خان[1] کي، جنهن مشڪلاتن هوندي به نهايو شجاعت ۽ اورچائيءَ سان مقابلو ڪيو. جيتوڻيڪ هن جي لشڪر ۽ شهر جي آباديءَ جا ٻه حصا ماڻهو بک ۽ اُڃ وگهي مري ويا. آخر تاريخ 2- جولاءِ 1794ع جي نجف قلي خان نالي هڪ سردار معافي ۽ ڳري رشوت جي لالچ ۾ اچي آغا محمد خان جي لشڪر جي هڪ دستي کي هڪ چور دروازي مان اندر اچڻ ڏنو جو ان جي زير نگرانيءَ ۾ هو. انهن ماڻهن اندر اچڻ سان هڪ غير م��مل دروازو ڊاهي سارو لشڪر اندر آندو. لطف علي خان جڏهن ڏ‎ٺو ته بازي هارائجي ويئي، تڏهن گهوڙي تي چڙهي اوندهه ۾ چند بهادر ساڻ ڪري محاصرو ڪندڙن وچان گس چيري ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي بم شهر ۾ پهتو. اتي جي گورنر[2] هن کي ڌوڪي سان قيد ڪري محمد خان ڏي موڪليو، جنهن کيس پنهنجن هٿن سان انڌو آغا کي ڪيو. آخر کيس طهران ۾ گهو گهو ڏيئي ماريو ويو[3]. شهر اميرن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن هر قسم جون زيادتيون ڪيون. زالون ۽ ڇوڪريون بلڪه معصوم ٻار کليو کلايو سندن مردن ۽ ٻين جي اڳيان عصمت دريءَ لاءِ درندن جي حوالي ڪيون ويون. انهيءَ بيعزتيءَ کان پوءِ هنن کي وري سندن عزيزن کي واپس ڏنو ويو ته ڀل هو پاڻ پنهنجن هٿن سان سندن خاتمو ڪن. افغانن[4]، جي قلعا ۽ خوبصورت جايون آرائش لاءِ ٺهرايون هيون سي ڊاهي زمين دوز ڪيون ويون. آغا محمد خان لاءِ اها ڳالهه ڪافي نه هئي ته ڪو ماڻهو غير جانبدار رهن، تنهنڪري هن انهن سڀني کي پنهنجي ڪيني جو شڪار بنايو، جن جي وفاداريءَ ۾ کيس ذرو به شڪ هو. هو شهر جا ٽيهه هزار رهاڪو غلام ڪري پاڻ سان وٺي ويو يا کين مازندران ۽ آذربائيجان جي ڏورانهن صوبن ڏانهن موڪلي ڇڏيائين. +ڪيترا سال شهر ويران پيو هو. تان جو هاڻوڪي بادشاهه قلعو وري تعمير ڪرايو، مگر گهٽ پيماني تي، مگر اڃا به قلعو گهڻو رهيو پيو آهي. ان کي چوڌاري اونچيون مٽيءَ (گنب) جون ڀتيون آهن. ٻاهران ويهه وال ويڪري ۽ ڏهه وال سُڪي خندق اٿس. قلعي جي چوڌاري ڦٽل جايون آهن جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ڪيترن ميلن تائين هليون وڃن ٿيون. قلعي جي اندر به ڪيتريون ڪُنڊون ڪُڻڇون ويران پيون آهن. قلعي کي چار دروازا آهن. ڪوٽ جنهن ۾ صوبيدار جو محل آهي سو ڏکڻ طرف ڏانهن آهي ۽ قلعي جهڙا مورچا اٿس. بازار ۾ هر قسم ۽ ملڪ جو سامان ملي سگهي ٿو. بازار جي هڪ حصي مٿان نيلي رنگ جي خوبصورت پٿر جا خوشنما گنبذ آهن. پٿر ڀر وارن جبلن ۾ جي کاڻيون آهن تن مان ڪڍيل آهي. فصيل اندر اَٺ- نوَ ڪاروان سرايون آهن. ان کان سواءِ ٻاهر به ڪيتريون معمولي رهڻ جون جايون آهن. جنهن سراءِ ۾ مان رهيو هوس، سا شهزادي جي خانگي ملڪيت هئي. مگر اه ابه ٻين جهڙي ڪشادي ۽ خوبصورت نه هئي. +ڪرمان جي آبادي هن وقت ٽيهن هزارن کان زياده نه آهي. ان ۾ ڪجهه گبر يا پارسي لوڪ به آهن مگر شهر ۾ ڪي به آرمينين، هندو يا يهودي ڪونه ٿا رهن. البت آرمينين 7 هندو بعضي واپار سانگي ايندا آهن. ڪرمان ۾ ڪافي تجارتي ڪاروبار هلندڙ آهي. مگر اهو انهيءَ حد کي اڃا ڪو نه پهتو آهي جهڙو حملي ٿيڻ وقت هو ۽ نه شايد انهيءَ حد کي پهچندو. اڄڪلهه واپارين جو زياده رُخ ايراني نار جي مٿئي طرف بُوشهر جي بندر ڏانهن آهي. بندر عباس آهي، تنهنڪري ڪرمان کي ڪافي صدمو پهتو آهي. ڪرمان جون شالون، بندوقون ۽ نمدا ساري ايشيا ۾ مشهور آهن. شهر جي ٻنهي جنسن جي آباديءَ جي ٽئين حصي جو گذر انهن صنعتن تي آهي. شالون اُن مان ٺهنديون آهن، جن کي ”ڪرمانيا“ جي قديم صوبي جي نالي سان سڏيندا آهن. منهنجي خيال مطابق اُهي ڪپڙي ۽ اُڻت جي لفاست جي لحاظ کان ڪشميري شالن کي به شهه ڏيو ڇڏين. البت اهي اهڙيون نرم ۽ گرم نه آهن. دُنبا جن جي اُن ڪتري ويندي آهي، سي قد جا ننڍا ۽ بندرين ٽنگن وارا هوندا آهن. اهو غلط خيال آهي ته انهن جي پشم خود بخود ڇڻندي آهي. فتح علي خان بادشاهه اهي دُنبا ملڪ جي مختلف صوبن ۾ پکيڙيا آهن، اتي جيتوڻيڪ ٻين قسمن جا دُنبا به رهي سگهن ٿا. هنن جي پشم هلڪي قسم جي ٿئي ٿي. تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته ڪرمان کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به اهڙي پشن نٿي ٿي سگهي. لاشڪ شهر جي آبهوا ۾ ڪا خاصيت آهي. وڏي ڳالهه ته ڪشمير جي صوبي ۾ به ائين آهي. مان ڪرمان جا سڀ وڏا ڪپڙي جا ڪارخانا وڃي ڏٺا. اُڻت ۾ ڪا خاص اهڙي ڳالهه ڪانهي جنهن جو هت بيان ڏجي. هڪڙي ڪارخاني مان مون هڪ پشم جو ذرو نموني طور ورتو جو ڪپهه کان به زياده نفيس ۽ نرم هو. مون ڪي شالون به خريد ڪيون جي اهڙيون ته ملايم ۽ خوبصورت هيون جو بعد ۾ هندستان جي واپارين انهن جي پنجوڻي قيمت ڪَٿي. پشم ڪترڻ کان پوءِ بار بار ڇاڻي صفا ڪئي ويندي آهي، تنهن کان پوءِ ان کي ڪنهن ٿانءَ ۾ ڪيترا هفتا پُسائي رکندا آهن. ان ۾ ڇا هوندو آهي سا خبر فقط ڪاريگرين کي آهي. غالباً انهيءَ ۾ مختلف قسمن جا پن ۽ ڇوڏا هوندا آهن، جي اُن کي نرم ۽ ملايم ڪندا آهن تان جو اها ڪَتجي ٺهي سگهي. ڌاڳو زالون ٺاهينديون آهن تنهن کان پوءِ اهو اَڏاڻن ڏانهن موڪليو ويندو آهي. +ڪرماني پنهنجون شالون، نمدا ۽ بندوقون خراسان، ڪابل، بلخ، بخاري ۽ اُتر وارن صوبن ڏانهن موڪليندا آهن، انهن جي عيوض هو اتان هڱ، کؤنر، روند چيني، موٺ ۽ ٻيون ٻوٽيون؛ بخاري جون کلون، پشم، ريشم، رُڪ، ٽامو ۽ چانهه گهرائيندا آهن. پويون ٽي شيون هو پاڻ ڪم آڻيندا آهن. باقي ٻيون شيون هو هندستان، سنڌ، عربستان ۽ بحرالاحمر موڪليندا آهن. هو پِستا، گلاب جا گل ۽ مکڙيون جنهن مان گلقند ٺهندو آهي؛ کؤنر، ڪپهه، غاليچا ۽ سون به انهن ملڪن ڏي موڪليندا آهن. هندستان مان هو قلعي، شيهو، لوهه، ٽامو، رُڪ، ڪارا مرچ ۽ ٻيا مصالح گهرائيندا آهن ۽ پاڻ ولائتي ۽ هندستاني ڇِٽون، نير، ململ، چانهه[5]، اطلس، ڪيمخواب، زريباف، ناريل، چيني ۽ شيشي جو سامان ۽ لٺو وغيره ۽ سنڌ مان هو اڇو ڪپڙو ۽ لونگيون، عربستان ۽ بحرالاحمر مان ڪافي، سون وغيره گهرائيندا آهن. +ڪرمان شهر جي سالياني آمدني 1810ع ۾ فقط پنجويهه هزار تومان[6] هئي. مگر چون ٿا ته اها ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي ويئي. اها رقم بادشاهه جي اجازت سان شهزادو کڻندو آهي، جو پنهنجي دربار ۽ لشڪر، جو هن شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ جي بچاءَ لاءِ رکيو آهي، جي خرچ لاءِ. اها آمدني بازار جي خراج ۽ شالن[7] ۽ بندوقن تي جي ڳرا محصول آهن، انهن مان پيدا ٿيند آهي. تنهن کان سواءِ هر هڪ اُٺ ۽ گهوڙو جو ڪاروان سراءِ ۾ داخل ٿيندو آهي، تنهن کي هڪ رپيو محصول ڏيڻو پڇوندو آهي، ٽَٽون هڪ رپيو، گڏهه تي پائلي وغيره. باقي صوبي جون ڍلون باقاعدي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرايون وينديون آهن. آءٌ جڏهن ڪرمان ۾ هئس ان وقت هڪ وزير کي ان باري ۾ گهرايو ويو هو. ڪيتري رقم آهي تنهن جو آءٌ پورو اندازو نه ڪري سگهيو آهيان، سمجهان ٿو ته بندر عباس جي خراج جي علاوه اها پنجاهه هزار تُومان ٿيندي. اها رقم زمين جي ڍل ۽ شهرن ۾ جو محصول اڳاڙيو ويندو آهي، ان مان وصول ٿيندي آهي. ايڏي وڏيءَ ايراضيءَ لاءِ اها رقم ٿوري ٿي نظر اچي، مگر ياد رهي ته صوبو قدرتاً غيرآباد آهي ۽ آدمشماري گهٽ اٿس. مان چئي نٿو سگهان ته ڪل آبادي ڪيتري آهي. +هن صوبي جي مشرقي حصي ۾ جي شهر آهن تن جو ذڪر مان اڳيئي ڏيئي چڪو آهيان. هاڻي مان پنهنجي تذڪري ۾ انهن جو احوال ڏيندس، جي دارالسلطنت جي مغرب ۾ آهن، اتر طرف ڪو به شهر ڪونهي. +اتي جيڪو شهر قابل ذڪر آهي، اهو ڪرمان کان ارڙهن منزلن جي مفاصلي تي آهي. هڪ منزل برابر اٺن فرسخن جي برابر ٿيندي، تنهنڪري سارو مفاصلو ساڍن پنجن سَون ميلن کان ڇهن سَون ميلن تائين ٿيندو. ڪنهن زماني ۾ گامبرون زبردست واپار جو مرڪز هو، ڇاڪاڻ ته هو هرمز جي شهر لاءِ بندر جو ڪم ڏيندو هو. سن 1613ع ۾ جڏهن شاهه عباس اعظم اهو مرڪز پرتگالين کان هٿ ڪيو، تڏهن هن اُن جو سارو واپار، جو ان وقت جي ساري دنيا ۾ نه، ته به ايشيا ۾ سڀ کان اهم هو، گامبرون ڏانهن ڦيرايو ۽ ان کي بندر عباس جي نالي سان نوازيو. ڪجهه وقت بندر تمام سرسبز رهيو مگر 1629-1630ع ۾ شاهه عباس گذاري ويو. هن جي يونين ۾ انهيءَ بيٺڪ جي سنڀالڻ جي يا ته طاقت نه هئي يا مرضي نه هئي تنهنڪري لارستان جا ساحلي ماڻهو ۽ درياهي چورن لٽيرن جون قومون ان کي آزارڻ لڳيون. آهستي آهستي انگريزي ۽ پرتگالي ڪمپنيون پنهنجا گماشتا ۽ ڪارخانا ڪڍنديون ويون. حڪومت کي نه ايترو سليقو هو نه طاقت هئي، جو ماڻهن جو بچاءُ ڪري سگهي، تنهنڪري واپاري پنهنجو سامان موڪلڻ کان گريز ڪرڻ لڳا ۽ شهر ڦِٽندو ويو. مگر اڃا به ان جو هندستان، بحرالاحمر، افريڪا جي مشرقي ساحل وارن بندرن سان واپار هلندو ٿو اچي. هاڻي اهو، امام[8] جي سپاهين جي قبضي ۾ آهي، جو ايران جي بادشاهه کي چار هزار تومان[9] ساليانو خراج ڏيندو آهي. چون ٿا ته ڪن سالن ۾ محصول انهيءَ کان گهٽ ملندو آهي. شهر غليظ ۽ بيترتيب اڏيل آهي. ڳليون سوڙهيون ۽ اونداهيون، مٽيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن، قلعبنديءَ جي به خير ڪا سنڀال ٿيندي هئي، مگر ڇهه سال اڳ جواسبي نالي عرب درياهي لٽيرن جي ڊپ کان، امام قلعي جي مرمت ڪرائي ۽ هاڻي هو ڪنهن به ايشيائي فون جو موچارو مقابلو ڪرڻ جي قابل آهي. +آءٌ اڳ لکي چڪو آهيان ته ڪرمان ۽ بندر عباس جي وچ ۾ جو علائقو آهي سو گهڻي قدر ويران ۽ غيرآباد آهي ۽ ان ۾ ڪي ٻه- ٽي اُجڙ ڳوٺ آهن. شاهه عباس، منزل منزل تي ڪي شاندار ڪاروان سرايون ٺهرايون هيون، مگر هاڻي اهي ڦِٽي ويوي ن آهن ۽ ايراني حڪومت اهڙي ته حريص آهي جو انهن جي مرمت جو امڪان ڪونه ٿو نظر اچي. بندر عباسص جي ڪل آبادي پنجويهه هزار ماڻهو آهن، جن ۾ عرب، هندو، ايراني، هندستاني ۽ ٻيا ڌاريا ماڻهو به اچي وڃن ٿا. +ڪرمان جي صوبي جو ريگستاني حصو نرمنشير جي اترين حد کان جا اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 30-29 ۾ آهي خراسان جي جبلن تائين چوٽيهن ڊگرين ۾ ٻه سئو ستر ميل ٿيندي. ان جي ويڪر يزد جي شهر کان، جو اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 40-55 ۾ جبلن تائين، جي اوڀر سَٺ ڊگرين وٽ ان کي سيستان کان ڌار ڪن ٿا، ٻه سئو ميل آهي ۽ غيرآباد آهي، جو اسي يا نوي ميلن ۾ گاهه يا ڪا ٻي سبزي منجهس پيدا نٿي ٿئي، پاڻيءَ جو ته نالو به ڪونهي. 1719ع ۾ جڏهن افغانن ايران فتح ڪيو، تڏهن انهن جي فوج کي ان ويران علائقي ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏسڻيون پيون. ٽيون حصو لشڪر جو چٽ ٿي ويو، باقي مس مس بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ وڃي نرمنشير ۾ پهتا. ڪرمان کان خراسان ۾ هرات تائين ريگستان مان هڪڙو پيچرو آهي، جنهن جي رستي قاصد ارڙهن ڏينهن ۾ وڃي اچي سگهن ٿا، مگر رستي ۾ هلاڪ ٿيڻ جو خطرو آهي. مجون کي ڪئپٽن ڪرسٽيءَ احوال لکڻ جي هدايت ڪئي هئي، مان هڪ قاصد سان ڳالهايو ۽ هن انهيءَ ڪم لاءِ ٻه سئو رپيا گهريا. +خبيس جو شهر تقريباً انهيءَ علائقي جي وچ ۾ اتر ويڪرائي ڦاڪ 20-32 تي آهي. اهو ٽڪر سارو سال سرسبز هوندو آهي ۽ ڪيترا خوشنما باغيچا اٿس. قديم زمان ۾ اهو ڳوٺ شايد امن پناهه لاءِ جوڙيو ويو هو. ممڪن آهي ته اهو ايران سيستان جي وچ ۾ واپار کي ترقي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو هجي، ڇاڪاڻ ته اهو ٻنهي ملڪن کان هڪجيتري مفاصلي تي آهي. ڪنهجن زماني ۾ شهر تمام آباد هو ۽ اتي سيستان جي حاڪم طرفان بيگلر بيگ رهندو هو. هاڻي ته هڪ اجڙيل ۽ ڦٽل شهر آهي. اتان جا رهاڪو چور ۽ باغي آهن. هو خراسان ۽ ايران جي وچ ۾ رستي تي ڪاروان ڦُري پنهنجو گذران ڪندا آهن. جڏهن ڪو هنن جو پيڇو ڪندو آهي ته هو ريگستان مان خفيه پ��چرن جي رستي پنهنجن گهرن ڏانهن ڀڄي ويندا آهن. +تعجب آهي ته خبيس جي باغيچن ۽ پسگردائيءَ ۾ پاڻي مٺو به اهي ۽ جام به. ان دائري جي ٻاهر هر طرف ڪيترين منزلن تائين واري ئي واري آهي، جتي گاهه جو تيلو يا ڪو ڊڀ به ڪو نه ٿيندو آهي. هاڻي مان پنهنجي سفر جو روزنامچو شروع ڪريان ٿو. +فصل (17) +25- مالت ۾ڻ حالت ۾ وڃيائي: اڄ اسان پنهنجو سفر شروعس ڪيو. مگر فقط ڇهه ميل پنڌ ڪيوسين. منهنجن ساٿين جي خيال مطابق اڄوڪو ڏينهن تمام نيڪ آهي. رستي ۾ اسان ڪن ڦٽلين جاين ۽ هڪ باغيچي جي پاسي ۾ ترسياسين. شهر کان ٿورو پرتي اسان کي قاصد مليو، جنهن کي مون پهچڻ سان جنرل مالڪوم ڏانهن موڪليو هو. هن جي خط مون کي ڏنا تن مان معلوم ٿيو ته سجنرل مالڪوم شيراز کان ايراني درٻار جي طرف راونو ٿي ويو هو. +26- مئي: اسان هڪ بجي صبح جو سوار ٿي روانا ٿياسين ۽ چاليهن ميلن جي ڏکئي سفر کان پوءِ منجهند جو روبات جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ منزل ڪئيسين، جتگي هڪ شاهر ڦٽل ڪاروان سراءِ آهي، جنهن ۾ پنج- ڇهه سئو گهوڙن بيهارڻ جو انتظام آهي. اسان جو رستو سمورو وقت اولهه- ڏکڻ اولهه يا اولهه- اتر پئي هليو. مفاصلو اٽڪل ڏهه فرسخ ٿيندو ۽ رستو سارو سڌو ۽ سٺو هو. ڪرمان کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي اسان ٻاغين نالي هڪڙو ڪوٽ ڏٺوسين. بار وارن وهٽن لاءِ اها پهرين منزل آهي، پر اسان جا خچر هلڪا هئا، تنهنڪري اسان ڏهه ميل اڳتي لنگهي وياسين. +27- مئي: اسان روبات مان 26- تاريخ اٺين بجي شام جو نڪتاسين ۽ 27- تاريخ منجهند جو قلعي آغا[10] ۾ پهتاسين. مفاصلو 23 ميل هو، جنهن ۾ 50 ميل کان زياده هڪ سخت پٽ مان گس هو. ان ۾ ڪٿي ڪٿي جهنگ هو باقي حصو جبلن جي وچ ۾ آباد پٽ مان لنگهي ٿو، جنهن ۾ پاڻي جام آهي. آغا جو قلعو ڪنهن وقت تمام مضبوط سمجهيو ويندو هو. آغا محمد خان جڏهن ڪرمان کي محاصرو ڪرڻ ٿي ويو، تڏهن هن کي انهيءَ قلعي وٺڻ ۾ ڪافي تڪليف ٿي هئي. ان کان پوءِ قلعي جي مرمت ڪرائي ويئي هئي. ان ۾ هڪ چڱي خاصي بازار آهي، جتي مسافرن لاءِ ضروري سامان ملي سگهي ٿو. شهر جي ڪد خدا ٻُڌو ته ڪو يورپي آيو آهي، تنهنڪري هو مون سان ملڻ آيو. مان ان وقت ايراني لباس اختيار ڪيو هو جو ڏسي کيس تعجب ٿيو. ڪجهه وقت ته هو اکيون کوڙي ڏسندو رهيو ۽ آخر پڇيائين ته ڪيئن آهين؟ هن کي پڇاڙيءَ تائين شڪ هو ته مان ڪو اصلي فرنگي يا يورپي آهيان! تنهن هوندي به هو نهايت خوش اخلاق هو. هن مون ڏڌي هڪ وڏو ٿالهه عمدن شاهداڻن جو موڪليو جنهن جي عيوض مون کيس ڪجهه پئسا ڏنا. +28- مئي: قلعي آغا کان اسان پاءِ قلعي ڏانهن روانا ٿياسين، جو هڪ ٽڪري4 جي چوٽيءَ تي ننڍڙو ڪوٽ آهي. اها اٽڪل ٽيهن ميلن جي منزل آهي. جنهن جا پهريان پندرهن ميل هڪ آباد پٽ مان لنگهن ٿا ۽ پويان پندرهن ميل جبلن ۽ پهاڙن مان، رستو پيچيدو ۽ ڏکيو آهي. اهي جبل اتر طرف يزد جي شهر تائين وڃن ٿا. يزد جو رستو قلعي آغا کان ٽي ميل پرتي نڪري ٿو. رستو اڪثر اولهه- ڏکڻ وڃي ٿو. رستي ۾ گهوڙن ۽ اُٺن لاءِ ڪافي چارو ملي ٿو. مگر هٿياربند ٽولي کان سواءِ سفر ڪرڻ خطرناڪ آهي. اهو چورن جو اڏو آهي. منهنجن ساٿين کي پڪ هئي ته چورن سان ضرور مقابلو ٿيندو. اسان اونداهه ۾ ٽين بجي رات جو نڪتاسين، مگر بندوقون ڀريل ساڻ هيون بلڪه پليتا به ٻاريل هئا. +29- مئي: اسان پاءِ قلعو شام جو ٻين بجي ڇڏيو. رستي ۾ ڪيترا ڏکيا ڪوتلا يعني لڪ ۽ چاڙهيون ٽپي اَٺ ميل پنڌ ڪري مينڻ جي ڳوٺ ۾ پهتاسين. ان ڳوٺ ۾ ٽي- چار سئو غفائون يا غارون آهن، جن ۾ ماڻٻهو رهن ٿا. غفائون جبل جي پاسي ۾ کوٽيل آهن ۽ ڏهن فرلانگن تائين هليون وڃن ٿيون. انهن مان ڪي بُهرا هڪ- ٻئي جي مٿان ٺهيل آهن ۽ وچ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڏاڪا ۽ پيچرا ٺهيل آهن ۽ وچ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڏاڪا ۽ پيڇرا ٺهيل آهن. اڪثر ڪري اهي همسطح آهن انهن جي وچ ۾ هڪ وڏو ڪمرو آهي ۽ پاسن کان دالان اٿن. وهٽن لاءِ جَو ۽ چارو خريد ڪرڻ جي بهاني سان مان ڪيترا گهر اندر وڃي ڏٺا، اهي نهايت غليظ هئا. شايد ڪنهن زماني ۾ آبادي وڌيڪ هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون غفائون خالي پيون هيون. مينڻ جا رهاڪو راسخ الاعتقاد مسلمان نه آهن. هو علي- الله[11] فرقي جا آهن. +شيعن کي حضرت عليرضه لاءِ تمام گهڻي عزت آهي. تنهنڪري انهيءَ فرقي کي ايران ۾ سڀ کان زياده آزادي ڏنل آهي، تاهم هنن کي مڪمل آزادي ڪانهي. انهن کي ايذاءَ ڏنا ويندا آهن ۽ ماڻهو کين نفرت ۽ حقارت سان ڏسندا آهن. هو گله- بان آهن ۽ ٻڪرين، رڍن جا ڌڻ هوندا اٿن. +30- مئي: چوويهه ميل اولهه طرف پنڌ ڪري، اسان يارهين بجي صبح جو شهر بابق يا بابابيگ[12] ۾ پهتاسين، جو ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو سهڻو شهر هو پر هاڻي سمورو ڦٽي ويو آهي. رستي جا پهريان ڏهه ميل، جبلن جي قطار جي مٿان هئا ۽ پاڻي موجود هو مگر غيرآباد پٽ مان، شهر ڏانهن جيڪي رستا اچن ٿا، انهن جي ٻنهي پاسن تي نارنگين، ليمن، توتن، بادامين، اکروٽن، شاهداڻن ۽ انارن جا ون آهن. انهن کان سواءِ انگور، صور، شڪربالا، آڙو، شفتالو، بهيداڻا، ڪشمش، آلوبخارا، انجير ۽ ناسپاتيون به هت ڪثرت سان پيدا ٿين ٿيون. چوڻي آهي ته جي سارو ايران ريگستان هجي ته به شهر بابق ۾ ايترو ميوو ٿئي ٿو جو سڄو ايران کائي سگهي. چون ٿا ته اڃا باغات ۾ ڪجهه ڪمي ٿي آهي. لاشڪ اتان جا باغ اصفهان ۽ شيراز جي باغن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ نزاڪت ڀريا آهن. +شهر کي چار دروازا آهن جنهن مان چار رستا نڪرن ٿا. وچ ۾ جا بازار آهي تنهن ۾ وڃي پون ٿا ۽ شهر کي چئن حصن ۾ ورهائين ٿا. بازار ۽ وڏن رستن مٿان گنبذن سان ڇت آهي. ڪيترا گنبذ هاڻي ڪِري پيا آهن ۽ جي بيٺا آهن، سي به زبون حالت ۾ آهن مَنڊيءَ جي مٿان جو گنبذ آهي سو اڃا مڪمل آهي، اهو ايران ۾ سڀ کان وڏو گنبذ آهي. +شهر بابق، ڪرمان، شيراز ۽ يزد کان هڪجيتري مفاصلي تي آهي. ڪجھ وقت اڳ شيراز ۽ يزد جو واپار بندر عباس جي رستي ايندو هو. انهيءَ مان ڪافي محصول وصول ٿيندو هو. اڃا به شهر ۾ هڪ نائب صوبيدار رهندو آهي، جو شهزادي جي نظر هيٺ ڪاروبار هلائيندو آهي. شهزادو پاڻ ڪرمان ۾ رهندو آهي. +31- مئي: شهر بابق کان روبات تائين، جو ڪرمان جي صوبي جي اولاهينءَ حد تي هڪ ننڍڙو ڪوٽ ڏنل شهر آهي، مفاصلو اٺاويهه ميل ٿيندو. رستون تمام سٺو آهي ۽ ڪشادي پٽ مان لنگهي ٿو، جنهن ۾ گهڻا ئي ڳوٺ ۽ آبادي خاص ڪري تماڪ ۽ گلاب جي آهي. هن وقت گلاب ڦوهه جوانيءَ ۾ آهي. آبادين مان لنگهندي دماغ معطر پئي ٿيو. گلاب جي پاڻيءَ لاءِ گل کُلڻ کان اڳ پٽيا ويندا آهن ۽ گلقند لاءِ مکڙيون پٽبيون آهن. هن ايراضيءَ جو تماڪ دنيا ۾ سڀ کان سٺو ۽ مٺو هوندو آهي. اهو شيرازي تماڪ جي نالي سان سڏبو آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ غلط اثر ويٺل آهي ته اهو شيراز ۾ پيدا ٿيندو آهي. شيراز جو تماڪ روبات جي تماڪ سان لذت ۽ ذائقي سان مقابلو ڪري نٿو سگهي. +منهنجن همراهن کي ڪرمان جي صوبي ڇڏڻ تي البت ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ ته کين شهزادي طرفان پنهنجي ۽ سندن وهٽن لاءِ سرسات[13] وصول ڪرڻ لاءِ پروانو مليل هو. هنن انهن جو پورو پورو فائدو ٿي ورتو. روبات جي ڳوٺ ۾ سيد[14] رهندا آهن جي ڏسڻ ۾ محنتي ۽ نيڪ ٿا اچن. هنن ۾ اهو غرور ۽ انسانذات لاءِ حقارت ناهي، جا ٻين هنڌن جي اهلبيتن جي خصوصيت آهي. +هتي ڪاروان سراءِ يا مسافرن جي رهڻ لاءِ ڪا ٻي جڳهه ڪانه آهي تنهنڪري اسان کي مسجد ۾ رهايو هئائون. +هتي اسان جي هوندي خچرن وارن ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جنهن اسان سان ڪوڙي نالي ۾ سفر ٿي ڪيو. هڪ عجيب قسم جو ٽنٽو ٿيو. خچر واري جو ان ماڻهوءَ سان ڪنهن معمولي ڳالهه تي تڪرار ٿيو. آخر فيصلو ٿيو ته ان ڳالهه جو نبيرو ڪُشتي رستي ڪجي. خچر واري اسان جي ٻهروپي[15] دوست کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ڪامياب خيرڪو ٿيو. نيٺ هن موقعو وٺي ناآزمودگار خچر واري کي ٻک وجهي هوا ۾ مٿي اڇلايو، جتان هو زور سان اچي فرش تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. هن جي همراهن پهريائين ته تماشو بيٺي ڏٺو؛ هاڻي خيال ڪيائون ته فاتح کي ڪجهه گوشمالي ڪجي سو اول ته اچي گارين جو وسڪارو ڪيائون. آخر ٽن ڄڻن گڏجي هن تي حملو ڪيو مگر انهن جو به ساڳيو حال ٿيو. ڪو مسجد جي هن ڪنڊ ۾ پيو آهي ته ڪو هُن ڪنڊ ۾. ويچارن جو سَنڌ سَنڌ چور ٿي ويو. تنهن کان پوءِ فاتح هنن کي للڪاري چيو ته مان ڇهن ڄڻن سان ڪٺو وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، مگر انهن مان ڪنهن کي به مقابلي ڪرڻ جي همت ڪانه ٿي. +1- جون: هنن چوويهن ڪلاڪن ۾ اسان ٻه منزلون ڪيون. پهرين منزل ٽيهه ميل روبات کان ڪُرد تائين جا هڪ غيرآباد پٽ مان هئي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي جهنگ هو، ٻي منزل چوڏهن ميلن جي ڪُرد کان خونسار جي ڦٽل ڳوٺ تائين. روبات ۽ ڪرد جي وچ تي اسان هڪ پاڻياٺي لوڻ جي نهر ٽپي، جنهن ۾ گهوڙي جي گوڏن تائين لوڻ هو. نهر جي ٻنهي طرفن کان ڪيترن سَون والن تائين پٽ برف جهڙو سفيد لوڻ سان ڀريل هو. جو گهوڙن جو سنبن هيٺان ٽڙڪيو پئي. نهر ۾ لوڻ جون ڇپون پئي تريون مگر اهي اهڙيون گهاٽيون نه هيون جو انهن مان خچر لنگهي نه سگهن. +ڪُرد ۽ خونسار جي وچ ۾ جو علائقو آهي سو نهايت خوشنما ۽ دلڪش آهي ان ۾ ننڍيون سرسبز واديون ۽ پَٽ آهن. پَٽن کي ننڍين ٽڪرين جون قطارون ڌار ڪن ٿيون. ٽڪرين جي چوٽين تائين نرم گاهه ۽ ساوڪ آهي. انهن مان هڪڙي گٽڪريءَ مان جو رستو هو سو پنجاهه والن تائين اهڙو سوڙهو هو جو ان مان وقت تي هڪ خچر لنگهي ٿي سگهيو، باقي رستو ٺيڪ هو. وهٽن لاءِ علييا- پوت جي خانه بدوش قوم جي ماڻهن کان چارو ملي سگهيو ٿي. هي ماڻهو نود جي ڪارن تنبن ۾ رهندا آهن. خونسار ۾ هنن جي هڪڙي بيٺڪ هئي. +واقعي خونسار جهڙي دلڪش منزل ايران ۾ ٻي ڪٿي به ڪانه آهي. ماٿريءَ جي تري ۾ ڪڻڪ ۽ سارين جي پوکن جي وچ مان نهر ٿي وهي. انهن جا تنبو اکروٽ جي وڻن جي هڪ جهڳٽي جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ مٿان اَڏيل هئا. ساري واديءَ ۾ اُن طرف کان اکروٽن جا وڻ هئا. ريڍارن جي گهرن جي لڳ رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ اُتانهين ٽڪرين جي چوٽين تي پئي چڙهيا. ماڻهو محنتي هئا. سندن چهرين مان قناعت جا آثار پئي ظاهر ٿيا. اهو ڏسي مون کي يقين ٿيو ته ايران ۾ به سک ۽ قناعت سان حياتي بسر ڪري سگهجي ٿي. +2- جون: خونسار کان مزار تائين رستو چوڏهن ميل هو. نظارو ڪالهه جهڙوئي دلڪش ۽ خوشنما هو. مزار هڪ اُجڙيل ڳوٺ آهي، جنهن ۾ نه آهي بازار نه سروسامان. جيتوڻين علييا- پوتن ان جي ويجهو ڪافي زمين آباد ڪئي آهي. +3- جون: اسان مزار، ٽين بجي صبح جو ڇڏيو. ٻائيتاليهه ميل پنڌ ڪيوسون. شام جو منزل پٽ ۾ ڪئيسون: ڇاڪاڻ ته ٻن فرسخن جي اندر ڪا بستي ڪانه هئي. سڄي رستي ۾ جبل ٻنهي پاسن کان ويجها هئا ۽ رستو سخت ۽ کهرو هو. رستو اڪثر ڪري هڪڙي ماٿريءَ مان ٿي هليو جا چئن ميلن کان چئن سون والن تائين موڪري هئي، ان ۾ ڪافي جهنگ هو مگر پاڻي خير ڪو هو. واديءَ جي اولهه طرف پڇاڙيءَ ۾ ارسنجن جو لَڪ آهي. رستي جي اٺٽيهين ميلن تي اتر طرف ارسنجن جو ڳوٺ آهي. لَڪ ان ڳوٺ جي نالي پٺيان سڏبو آهي. اهو لَڪ ڪٿي ڪٿي پنجاهه والن کان ويڪرو نه آهي. ان جي ڊيگهه اٽڪل ٽي ميل ٿيندي. ٻنهي طرفن کان سڌا اونچا جبل آهن. ان ۾ جي قلعبندي ڪئي وڇي ته ٿورڙئي فوج وڏي لشڪر کي روڪي سگهي ٿي. +ارسنجن جي شهر ۾ حاڪم يا گورنر رهندو آهي. اهو ڪافي وڏو شهر ٿو نظر اچي. چوڌاري وڏا باغ اٿس. شهر هڪ واديءَ ۾ آهي. چوڌاري ٽڪريون اٿس جن تي گهاٽي آبادي آهي. انهن ۾ ڪيتريون نهرون آهن. هڪڙي نهر تي اڌ ميل ۾ ڏهه- ٻارهن پاڻيءَ جون چڪيون رکيل آهن. +4- جون: اسان چئين بجي صبح جو منزل پٽي، ويهه ميل هڪ آباد ۽ سنئين پٽ مان پنڌ ڪيوسين. ٻارهين ميل تي ڪنجن نالي هڪ صاف سٺو ڳوٺ هو. ٽي ميل اڳتي بند امير[16] وٽ درياءَ جي پل ٽپيسون. هن ٽڪر ۾ ڏيهي ماڻهو انهيءَ درياءَ کي ڪولبر سڏيندا آهن. انهيءَ پٽ ۾ سارين جي پوک ڪثرت سان ٿيندي آهي. منهنجي همراهن ٻڌايو ته هي ضلعا، ايراني سلطنت ۾ زرخيز ۽ سستا آهن. انهيءَ دعويٰ جي تصديق ۾ ڪافي ثبوت پيش آهي: مون رستي ۾ ڪم از ڪم ٽيهه ڳوٺ ۽ شهر ڳڻيا. سڀني ڳوٺن جي آسپاس ۽ وچ ۾ کيتي هئي. سارو رستو سٺو هو. سموري پٽ ۾ هر درخت ۽ آباديءَ لاءِ نهرون هيون. ساري ملڪ ۾ نهرون هيون ۽ انهن تي ننڍيون ننڍيون پُليون هيون، جي پُليون ڊاهجن ته آمدرفت ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي سگهي ٿي. انهن مان ڪي نهرون ٽيهه- چاليهه فوٽ اونهيون آهن، مگر انهن جي ويڪر اڪثر پنجن- ڇهن فوٽن کان زياده نه آهي۔ بند امير جي پل، ايران جي ٻن پلين وانگر خراب حالت ۾ آهي ۽ ان جي جلد ڪِرڻ جو امڪان آهي. پل جي فرش ۾ ڪيترا سوراخ هئا جن جي مٿان رات جو مسافرن جي چتاءَ لاءِ ڪانڊيرا رکيا هئائون. پُل کي ٻارنهن ڪمانون اهن. پُل جي مٿان نظارو ڏاڍو دلڪش آهي. ٻنهي پاسن کان سارين جون ٻنيون آهن، چوڌاري ساوڪ لڳي پئي آهي. +سونمياڻي پهچڻ تي، اڄ تائين آءٌ پندرهن سئو ميلن کان به زياده سفر ڪري چڪو هوس. انهن مان تيرهن سئو ميل تقريباً سڌا اوڀر کان اولهه جي ڏِس ۾ هئا. ساري سفر ۾ مون کاها پهرين ندي وهندي ڏٺي هئي، جنهن ۾ گهوڙي جي گوڏي کان مٿڀرو پاڻي هجي. ان مان ظاهر آهي ته وچ وارا علائقا ڪهڙا نه بٺ ماڪ آهن. حالانڪ انهن علائقن جي زمين حرارت جا درجا ۽ بناوت مختلف آهن. اهڙو غيرآباد مُلڪ دنيا ۾ ٻيو ڪو مشڪل هجي. +ڪولبر ڇڏڻ کان پوءِ، اسان ڇهه ميل سفر ڪيو. تنهن کان پوءِ اسان ٻه- ٽي ڪالڪ ترسي ڇهه ميل اڳتي وڌياسين. رستو هڪڙي پٽ مان هو. تنهن کان پوءِ هڪ سوڙهي وادي شروع ٿي ٿِي، جنهن جي ٻنهي پانسن کان اونچن جبلن جون قطارون هيون. اها وادي چوٽيهه ميل سڌي اولهه طرف شيراز جي پٽ تائين هلي وڃي ٿي. اسان شيراز 5- جون، نائين بجي صبح جو پهتاسين. شيراز ڏسي دل نهايو خوش ٿي. مان سڌو فارس جي وزير محمد نبي خان جي محل ڏي ويس، جنهن مون کي مدارس جي ڏيهي فوج جي ليفٽيننٽ لِٽل جي گهر ڏانهن موڪليو. هو صاحب برگيڊيئر جنرل مالڪوم جو سياسي نائب هو. هن کي سفارت پهچڻ کان اڳ شيراز موڪليو ويو هو، ايلچيءَ جي طرفان فارس جي حڪومت سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لاءِ. ٻن ڪالڪن کان پوءِ وزير مون ڏانهن خير مقدم طور ميوي ۽ مٺائي جا ٿالهه موڪليا. ساڳئي وقت هن منهنجي طبع پرسي به ڪرائي. هاڻي مان وري محسوس ڪرڻ لڳس ته مان به ڪو برطانيه جو عملدار آهيان. +6- جون: جي مان وزير سان ملاقات ڪئي هن منهنجو نهايت پرجوش استقبال ڪيو. 11- تاريخ منهنجو فارس صوبي جي بيگار بيگ ۽ شيراز جي حاڪم شهزادي محمد علي بيگ مرزان سان تعارف ڪرايو ويو. شهزادو هڪ نهايت شڪيل جوان آهي. هن کي هڪ نهايت خوبصورت ڪوٽ پيل هو جنهن تي سچن موتين هيرن جو ڀرت هو. جهڙو شهزادي جو جاه �� جلال ۽ شان شوڪت هو، اهڙو ئي درٻار جي عظمت ۽ رونق هئي، مگر رسوم آداب معمولي هيون، مان عرض بيگيءءَ جي معرفت اعليٰ حضرت سان ڪجهه وقت ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. ڪلياڻ (حقو) ڇڪڻ کان پوءِ مون کي رخصت ڏني ويئي. +بلوچستان ۽ ايران جي سفر جو تذڪرو هتي پورو ٿيو. اميد ته پڙهندڙن کي دلچسپ لڳندو. آخر ۾ آءٌ هندستان موٽڻ تائين، جيڪي بعد ۾ ڪاروايون ٿيون تن جو ڪجھ احوال ڏيئي پنهنجي ڪهاڻي ختم ڪندس. +مدراس جي ڏيهي پيادل فوج جي آفيسرن مسٽر مارئير ۽ ليفٽيننٽ مئڪڊونالڊ ڪينئر، جي تازا ڪتاب لکيا آهن ۽ ايران جي درٻار ڏانهن جي سفارتون موڪليون ويون آهن تن جا فاضل صاحب جي پنهنجون تصنيفون لکندا سي ايران جي سلطنت جي اڄوڪي حالت جو اميد ته مڪمل احوال ڏيندا. آءٌ پنهنجي ايران جي سفر جي دوران ۾ انهن متعلق جن جو مون هنن اوراقن ۾ احوال ڏنو آهي تحقيقات ڪندو رهيس. مگر مٿين سببن جي ڪري انهن تي وڌيڪ تفسير ڪرڻ جو هن وقت ضرور ڪونه آهي. خصوصاً انهن صاحبن کي انهن موضوعن جي اڀياس ڪرڻ جو مون کان وڌيڪ وقت ۽ موقعو مليو آهي. +شيراز ۾ رهائش جو مون پورو پورو فائدو ورتو. جيڪي ڏسڻ جون جايون هيون تن سڀني جو معائنو ڪيم. ٻه جايون مون کي ڏاڍيون پسند آيون. هڪڙو جهان نما باغ، ٻيو حافظ جو مقبرو. باغ وڪيل ڪريم خان زند ٺهرايو هو. باغ ۾ جي ڏيوريون آهن انهن تان چڙهڻ سان ساري شهر ۽ ان جي پسگردائي جو نظارو پيو ڏسڻ ۾ اچي. هڪڙي برج جو نالو آهي ڪلاه فرنگي، ڇاڪاڻ ته ان جي شڪل ولايتي ماڻهن جي ٽوپلي جهڙي آهي. حافظ جو مقبرو هڪ دهشتناڪ پر منهنجي خيال ۾ بدزيبي عمارت آهي مگر ان ۾ حافظ جي هڪ غزل جو ايراني خط ۾ ڪتبه لکيل آهي سو قابل ديد آهي. چون ٿا حافظ جي ديوان جو سڀ کان صحيح ۽ پراڻو نسخو مقبري ۾ رکيل آهي. مون ان جي ڪوشش ڪئي پر چيائون ته مجاور جنهن جي حوالي ۾ اهو آهي سو خيرڪو هو. اڇو سنگمرمر جنهن جو مقبرو +هيل آهي تنهن جو رنگ هوا ۾ ڦٽي ويو آهي. مقبري جي چوڌاري سروَ جا درخت آهن جي ان کي وڌي دهشتناڪ ڪن ٿا. +آءٌ 11- جون جي مدراس جي ڪمپنيءَ جي ڊاڪٽر ڪارمڪ سان گڏيس جو برگيڊيئر جنرل مالڪوم جي سفارت ۾ شامل هو. شيراز ڇڏڻ کان پوءِ اسان پهرين منزل زرگان ۾ ڪئي هئي، جو هڪ اتانهين جبل جي تري ۾ هڪ سهڻو شهر آهي، ٻي منزل اسان پرسيولس جي مشهو ڦٽل شهر ۾ ڪئي. کنڊرن جي معائني ڪرڻ لاءِ اسان ٻه ڏينهن اتي ترسياسين. پوئين منزل ۾ اسان بند اميدر درياءَ تان هڪ پراڻي پُل جي رستي ٽپياسين. پُل کي نَوَ ڪمانون آهن. هي درياءَ نه اهڙو اونهون، نه ويڪرو آهي جهڙو اهو ڪرمان واري رستي هو. پرسيولس کان اسان سرحد واري ننڍي سڙڪ وٺي اصفهان روانا ٿياسين، جتي 27- جون جو پهتاسين. شيراز کان اسان ڪل ست منزلون ڪيوسين. جن مان چار فارس جي صوبي ۾ هيون ۽ ٽي عراق جي حد تي. يزد خواست جي شهر وٽ واهه آهي جنهن جا ڪنارا پيٽ جي مٿان وري ٿا اچن هتي هڪ عاليشان نئين ڪاروان سراءِ آهي. رستي تي ٻيون ڪاروان سرايون زبون حالت ۾ هيون. ان وقت ايران ۾ اونهارو هو، مگر رات جو اهڙي ٿڌ پوندي هئي جو اسان وهٽن تان لهي پنڌ ڪري پاڻ کي گرم ڪندا هئاسين. +اصفهان ۾ اسان اَٺ- نوَ ڏينهن رهياسين. انهيءَ وچ ۾ هرات ۽ يزد ۾ ڪئپٽن ڪرسٽي ايو، جنهن سان گڏجي نهايت خوش ٿياسين. اهڙي مسرت حاصل ٿي جو ڪنهن کي ورلي نصيب ٿي هوندي. خصوصاً جڏهن ملاقات اچانڪ ٿي هئي. ڪئپٽن ڪرسٽي شهر ۾ شام جو پهتو. هن کي اسان جي خبر نه هئي ۽ نه هن کي ڪنهن سڃاتو. هو سڌو حاڪم جي محل ڏي ويو ۽ رهڻ جي جاءِ جي طلب ڪيائين. حڪم مليو ته هن لاءِ ڪو انتظام ڪيو وڃي. ان وقت ڪنهن ملازم ٻڌاين ته ٻه فرنگي چهل ستون[17] ۾ رهيا پيا آهن. شايد هي صاحب اتي رهن پسند ڪندو تنهنڪري هو محل ڏي آيو ۽ اسان جي پڇا ڪيائين. آءٌ هيٺ لهي ويس. ان وقت اوندهه هئي ۽ مون کيس ڪو نه سڃاتو مون کي ايراني پوشاڪ پيل هئي، هن سمجهيو ته مان ايراني آهيان. اسان ڪجهه وقت ڳالهيون ڪندا رهياسين تان جو هڪٻئي کي سڃاتوسين. ان وقت منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي! +اسان ڏينهن جو ڳچ حصو هن شاهي شهر جي نادرات ڏسڻ ۾ صرف ڪندا هئاسين. هتي جي ٻن محلن ۾ يورپي ۽ ايراني مصوريءَ جون نادر تصويرون تاريخي موضوعن تي ٺهيل آهن. لڙائي جي هڪ- ٻن تصويرن ۾ طرفين نهايت تناسب سان چٽيل آهن. البت انهن ۾ مصيبت جي لحاظ کان ڪجهه ڪسر رهجي ويل آهي. مگر گذريل ٻن صدين ۾ ايراني پوشاڪ ۽ لڙائي جي طريقي جو چڱو نقشو پيش ڪن ٿيون. هڪڙو محل، جو پنج- ڇهه سال اڳ هاڻوڪي منتظم دولهه محمد حسين خان ٺهرائي بادشاهه کي تحفي طور ڏنو هو سو جديد ايراني عمارتي فن جو چڱو مثال آهي. ان جي درين تي ڪُندن ۽ ميناڪاريءَ جو سهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ شاهه جي شان ۾ مصرعون ۽ قرآن شريف جون آيتون اُڪريل آهن. ساري محل جي هيٺان گرميءَ ۾ رهڻ لاءِ سردابه يا بُهرا ٺهيل آهن. اصفهان جون بازارون ساري ايران ۾ سڀ کان ڊگھيون آهن مگر طرز تعمير ۽ پٿر وغيره جي لحاظ کان شيراز جي بازار وڪيل ۽ ڪرمان جي بازار جديد ڪنهن به صورت ۾ انهن کان ڪم نه آهن. اصفهان ۾ شيشي جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. انهن ۾ جي حقا ٺهن ٿا سي انگريزي ڪاريگرن جي ٺهيل شين جو بخوبيءَ مقابلو ڪري سگهن ٿا. +مسٽر ڪارمڪ، ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ آءٌ اصفهان مان 9- جولاءِ جي روانا ٿياسون ۽ 14- تاريخ ڪاشان جي شهر ۾ پهتاسين. ڪو وقت اهو شهر ڦٽل هو مگر ٿورن سالن ۾ محمد حسين خان انتظام دولهه جي ڪوششن سان ڏاڍو وسي ويو آهي. شهر جون مکيه صنعتون: ٽامي جا برتن، غاليچا، رنگين ۽ گلدار ريشمي ڪپڙو آهن. هتان جو گلدار ڪپڙو نهايت خوبصورت هوندو آهي. مون ٻه- ٽي گلدار دوپٽا خريد ڪيا، جي ڪشمير جي شالن جي نموني تي ٺهيل هئا. جهڙو هو انهن جو رنگ تهڙي هئي سندن چمڪ ڌمڪ. ڪاشان، هڪ وڏي رڻ جي ڏکڻ ۾ آهي. جو مازندران جي جبلن تائين هليو وڃي ٿو. ڪاشان جي آسپاس وارياسي زمين آهي. جن هن ۾ وڇون ۽ ڪوريئڙا گهڻا آهن ۽ ڪاشاني وِڇن جو ڏنگ مشهور اهي. اسان ڪاشان ۾ ٻڌو ته جنرل مالڪوم بادشاهه کان موڪلائي پنهني سفارت سان گڏ هندستان موٽڻ وارو هو: تنهنڪري اسان اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، جتي اڙدو يعني شاهي منزل ان وقت هئي. مگر ان کان اڳ اسان کي ڏهه ڊگهيون منزلون ڪري مياڻيءَ پهچڻو پيو، جو قافلان ڪوهه يعني شينهن جي جبل جي لَڪَ جي تري ۾ هڪ ڳوٺ آهي. انهيءَ جبل جي تري ۾ ڪزلوزين يعني سونهري نهر آهي جنهن جي مٿان هڪ تمام پراڻي اَٺن ننڍين وڏين ڪمانن جي پل ٺهيل آهي. پل تمام اتانهين آهي ۽ ان جي مٿان، جو نظارو نظر ايندو آهي سو نهايت دلڪش آهي. لڪ تي چڙهندي رستي جي ساڄي پاسي کان ڦٽل مورچا ۽ ديواريون نظر اچن ٿيون. رستي جو ڪجهه ٽڪر بند تي آهي، جو شاهه عباس پهرئين شروع ڪيو هو ۽ شاهه عباس اعظم پورو ڪيو هو. ڪزلوزين، عراق عجمي ۽ آزربائيجان جي حد تي آهي. +تنهن ڏينهن مياڻي پهچڻ سان اسان کي هڪ ڇير يعني سوار گڏيو، جنهن اسان لاءِ خط آندا هئا. انهن ۾ اسان کي هدايت ڪئي ويئي هئي ته اسان سڌو جنرل مالڪوم سان مراغي ۾ وڃي گڏجون، جو تبريز کان ويهه فرسخ ڏکڻ- اولهه آهي. تنهنڪري اسان تبريز جي شاهراهه ڇڏي اولهه رخ ڪيو، سو ٽن منزلن کان پوءِ اسان وڃي پنهنجن دوستن سان گڏياسين: جن کان ست مهينا اڳ بمبئيءَ ۾ وڇڙيا هئاسين، انهيءَ عرصي ۾ ڪئپٽن ڪرسٽي سندس حساب موجب ٻه هزار ۽ اڍائي سئو ميل سفر ڪيو هو ۽ آءٌ ٻه هزار چار سئو ميل پنڌ ڪري چڪو هوس. +بادشاهه سلامت جي ايراني ايلچيءَ عهدنامي موجب ايراني فوج کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي ڪن ٻين عملدارن سان گڏ انتخاب ڪيو هو. مگر هن صاحب کي پنهنجي سفر جو تذڪرو لکڻو هو. هن کي تذڪري جي لکڻ جي موقعي ڏيڻ لاءِ جنرل مالڪوم مراغي ۾ پنج- ڇهه ڏينهن ترسيو، نوشڪيءَ مان ڌار ٿيڻ بعد مان پنهنجي دوست جي تذڪري جو اختصار ڪتاب ۾ ضميمه طور ڏنو آهي.ل هو جيڪڏهن زنده هجي ها ۽ هندستان وڃي اه ته ضرور انهيءَ تذڪري کي سڌاري مفصل طرح ڇپرائي ها. بدقسمتيءَ سان ڪئپٽن ڪرسٽي 31- آڪٽوبر 1812ع جي روسي فوج جي هڪ ايراني دستي، جو ايراني ڇانوڻي تي حملو ڪيو ان ۾ مارجي ويو. هن جي وفات حسرت آيات تي سڀني ماتم ڪيو. ڪرسٽيءَ جي هرڪو عزت ڪندو هو ۽ سڀ هن کي محبت جي نظر سان ڏسندا هئا. هن جي موت سندس دوستن کي سخت صدمو پهچايو ۽ سندس موت هن جي ملڪ ۽ مالڪ لاءِ وڏو نقصان آهي. +سفارت 8- تاريخ آگسٽ جي مراغي مان رواني ٿي سينا ۽ ڪرمان شاهه جي رستي 20- سيپٽمبر جي بغداد پهتي. اتان اها ٻيڙين رستي دجله درياء ۽ شط العرب مان بصري ويئي، جتي مان سرڪاري ڪم سان تقريباً ٽي مهينا رهي پيس. آخر مان تيرهن مهينن ۽ ڪجھ ڏينهن جي سفر بعد مانواري ڪمپني جي جهاز سان دڪيءَ ۾ چڙهي اچي فيبروري 1811ع جي 6- تاريخ بمبئيءَ ۾ پهتس. +ڀاڱو ٻيو +فصل (1) +بلوچستان يعني بلوچن جي ملڪ ۾ اها سموري ايراضي اچي وڃي ٿي جا ڊگهائي ڦاڪ ۽ 40-30 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 55-58 ۽ 30-67 اوڀر طول البلد جي وچ ۾ آهي. ان کان سواءِ ان جا ڪي صوبا پري اولهه ۽ اوڀر هليا وڃن ٿا. انهن جي صحيح ڊگهائي ڦاڪ مان اڳتي هلي اتي ڏيندس جتي انهن جو تفصيلوار بيان ڪيو ويندو. +اهو سارو وسيع علائقو ڪنهن وقت خان قلات جي پيءُ نصي خسان جي حڪومت اندر هو، خان کي اهو سن هڪ هزار ست سئو اوڻيتاليهه عيسوي (1739ع) ۾ ايراني فاتح نادر شاهه ساري بلوچستان جي بيگلربيگ جي خطاب سان گڏ عطا ڪيو هو. انهيءَ سَنَد جي بناء تي مون اهي لفظ ڪم آندا آهن. مگر ان وقت کان پوءِ ملڪ جي سياسي حالت بلڪل بدلجي وئي آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ان جي بيان ڏيڻ کان اڳ، ان جا طبعي حصا نروار ڪيا وڃن. +انهيءَ وسيع معنيٰ ۾ بلوچستان جون حدون هيءُ آهن: ڏکڻ ڏانهن بحر هند، اتر ڏانهن سيستان ۽ افغانن جو ملڪ، اولهه ڏانهن لارستان ۽ ڪرمان جا صوبا، اوڀر ڏانهن سنڌ جو ڪجهه حصو ۽ شڪارپور جو ضلعو، جو هن وقت ڪابل جي بادشاهه جي هٿ ۾ آهي. هنن حدن جي اندر هيٺيان صوبا اچي وڃن ٿا. انهن صوبن جو احوال آءٌ نمبروار يا تفصيل ڏيندس. ان کان پوءِ مان سنڌ جي صوبي جو اڄوڪي حالت ۾ مختصر احوال ڏيندس. سنڌ جا حاڪم ۽ ان جي آباديءَ جو ڳچ حصو بلوچ قوم آهي. +1) جهلوان ۽ سروان جا صوبا ۽ قلات +2) مڪران ۽ لس جا صوبا. +3) ڪڇ گندا واهه جو صوبو ۽ هرند دجله جو ضلعو. +4) ڪوهستان يا بلوچي علائقو جو ريگستان جي اولهه ۾ آهي. +5) ريگستان +پڙهڻ وارا خود محسوس ڪندا ته ايڏي وڏي ايراضي ۽ ملڪ جو حليو مختلف هنڌن مختلف هوندو، تنهنڪري ساري ملڪ جو هڪ هنڌ احوال ڏيڻ ناممڪن آهي. انڪري هت آءٌ فقط مکيه جنلن جو تمهين طور احوال ڏيندس ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس ته اهي ڀر وارن ملڪن سان ڪيئن ڳنڍيل آهن: بلوچستان اندر ڪهڙيون شاخون ۽ ريخون آهن ۽ انهن جي اوچائي، ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيتري آهي: ان سان گڏ مان اهڙيو حقيقتون پيش ڪندس، جن جي مدد سان پڙهندڙ صوبن جو مجمل احوال، جو پوءِ ڏنو ويندو سو آسانيءَ سان پڙهي سگهندا. +[1] . لطف علي خان زند خاندان جو پويون فرد هو. اڪثر ايراني اڄ تائين هن جي وفات تي ماتم ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو بهادر ۽ وڏي ڳالهه اقبالمند هوندي به سخي هو، جا ڳالهه ايرانين ۾ غير رواجي آهي. +[2] . ان وقت محمد علي خان سيستاني بم شهر جو گورنر هو. هن جو هڪ ڀاءُ لطف علي خان جي نوڪريءَ ۾ هو. جڏهن لطف علي خان بم پهتو تڏهن محمد علي ان پنهنجي ڀاءُ جي کانئس پڇا ڪئي. هن چيس ته هو بلڪل سلامت آهي. تنهن کان پوءِ هن لطف علي خان سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪانه ڪئي. بلڪ هو ساڻس عزت سان پيش آيو. ٻئي ڏينهن هن کي معلوم ٿيو ته ڀاڻس ئي آغا محمد خان کي قيد ڪيو هو. ان هوندي به هن لطف علي خان کي نظربند ڪيو. مگر ان مان به کيس فائدو ڪونه ٿيو. پوءِ معلوم ٿيو ته ڀاڻس ڪرمان ۾ مارجي ويو هو. +[3] . زند خاندان جي خاتمي جي خوشيءَ ۾ آغا محمد خان فيصلو ڪيو ته جنهن جاءِ تي لطف علي خان قيد ٿيو هو اتي کوپرين جو منارو اَڏائجي. ان لاءِ هن ڇهه سئو ماڻهن جو سريون وڍرائي، ٽن سون ماڻهن جي هٿان بم ڏانهن روانيون ڪيون. هڪ- هڪ ماڻهو کي زوريءَ پنهنجن دوستن جون سريون کڻڻيون پيون. جڏهن هو اتي پهتا ته هنن جون سريون به ڌڙن کان ڌار ڪيون ويون. 1810ع ۾ آءٌ جڏهن اتي ويس ته منارو خوندار ۽ ظالم قاتل جي يادگيريءَ ۾ اڃا بيٺو هو. +[4] . افغان، هن علائقي جا ڪيترا سال حاڪم ٿي رهيا هئا. +[5] . ايراني، جيڪا چانهه اُتر جي ملڪن کان گهرائيندا آهن، سا سائبيريا جي رستي ايندي آهي. +[6] . تومان، اٺن رپين يا هڪ پائونڊ جي برابر آهي. ٻه سئو ورهيه اڳ 1610ع ۾ شاهد عباس جي خزاني ۾ هر مهيني ڪرمان مان، ان کان به وڌيڪ رقم جمع ٿيندي هئي. +[7] . ڪيتري وقت کان شالن جو محصول نه وصول ڪيو ويندو آهي. ان باري ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو هو، جو ڪرمان ملڪ ساري ايران جي هاڻوڪي حڪومت تي روشني وجهي ٿو. شهزادي ڏٺو ته شالن جي پيدائش وڌي ويئي آهي ۽ اڃا به وڌندي، تنهنڪري ڍنڍورو گهمارايائين ته فلاڻيءَ تاريخ کان پوءِ ڪو به ماڻهو شهر خواه صوبي ۾ سرڪاري مُهر لڳل کان سواءِ شال وٺندو ته مٿس ڳرو ڏنڊ وڌو ويندو. ساڳئي وقت شالن تي مُهرن هڻڻ لاءِ هڪ آفيس کولي ويئي. خريدار جو فرض هو ته شال خريد ڪرڻ کان اڳ ان تي مهر هڻائي. ماڻهن سمجهيو ته هي حڪم نين شالن جي باري ۾ آهي، تنهنڪري هو پراڻيون اڳ جون خريد ڪيل شالون پائيندا رهيا. مگر شهزادي جو مطلب اهو نه هو. مقرر تاريخ گذري ته هن ساري شهر جي تلاشي وٺرائي، جنهن جي گهر مان بنا مُهر جي شال ملي ٿي، تنهن تي ڏنڊ ڪيو ٿيو ويو. انهيءَ حڪمت عمليءَ سان هن کي ضبط ڪيل شالن سميت اٽڪل لک رپيا فائدو ٿيو. +[8] . امام يعني مذهبي پيشوا. مسقط جو حاڪم پاڻ کي ”امام“ سڏائيندو آهي. +[9] . چار هزار تومان = 4000 هزار پائونڊ يا 32000 هزار رپيا. +[10] . يعني آغا محمد خان جو قلعو. +[11] . انهيءَ لفظ جو ترجمو ڪرڻ ڏکيو آهي، مگر ان جي معنيٰ آهي اهو فرقو جو حضرت عليرضه کي خدا ڪري مڃي. +[12] . بابق = بابا بيگ جو شهر. +[13] . سرسات هڪ لوازمو آهي جو سرڪار مسافرن ۽ ڪن ٻين خاص ماڻهن کي شهر ۽ ڳوٺن مان وصول ڪرڻ ڏيندي آهي. ان جي عيوض ڪجهه ڍل جي معافي ملندي آهي. پر ويچارن آبادگارن کي ڪجهه هڙ حاصل ڪونه ٿيندو آهي. ان جو فائدو اڪثر ڪري ڳوٺ جو وڏيرو وٺندو آهي. انهيءَ منحوس رواج جي ڪري غريب آبادگارن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. خاص ڪري جڏهن ڪا سفارت ملڪ مان لنگهندي آهي، ڇاڪاڻ ته سفارت جا سڀ ملازم سمجهندا آهن ته کين انهيءَ لوازمي وصول ڪرڻ جو حق آهي. جيڪڏهن انهن کي ڪو نه روڪي ته غريبن سان ڏاڍو ظلم ٿئي. هڪ هنڌ ڳوٺاڻن لوازمي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ملازمن ڇا ڪيو جو پنهنجا خچر هنن جي فصل ۾ وڌا ۽ فصل ناس ڪري ڇڏيو. +[14] . سيد، حضرت محمد جي اولاد مان آهن. +[15] . هن ماڻهو جو سچو نالو علي اصغر هو ۽ ايران جو هڪ مشهور پهلوان هو. هن پنهنجو نالو هيٺين سببن جي ڪري بدلايو هو: اها ڳالهه ڪئپٽن ڪرسٽيءَ به يزد جي شهر ۾ ٻڌي هئي، جتان جو اهو پهلوان رهاڪو هو. اٽڪل ٻه سال اڳ بادشاهه جي خاص پهلوان اعلان ڪيو هو ته مان بادشاهه جي اڳيان ايران جي ڪنهن به پهلوان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ درٻار ڏانهن ڪَهي ويو هو. مقابلو محل جي اڱڻ ۾ ٿيو. اڱڻ جي وچ ۾ هڪ ڦوهارو هو ٻيئي ڌريون هڪٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون، آخر علي اصغر پنهنجي رقيب کي ڀاڪر وجهي ڦيرائي اهڙتي ته زور سان کيس ڦوهاري ۾ اڇلايو جو ويچاري جي ٽنگ ڀڄي پئي ۽ هڏ هڏ تي ضرب آيس. ٿورن هفتن جي اندر هن لاڏاڻو ڪيو. بادشاهه علي اصغر کي شهر نيڪالي ڏني، مگر هو ڇپي ويو. 1809ع جي سرءُ ۾ جڏهن بادشاهه سلطانيه جي ميدان مان طهران ٿي آيو تڏهن علي اصغر وڃي ساڻس شهر کان چئن فرسخن جي مفاصلي تي مليو. اتان هو بادشاهه جي گهوڙي اڳيان يڪساهيءَ ٻه ڳريون مڱريون ڦيرائيندو پٺيرو شهر تائين هلندو آيو. رستي ۾ نه ڪٿي بيٺو نه ساهي پٽيائين. بادشاهه هن جي طاقت ڏسي خوش ٿيو ۽ معافي ڏنائينس. ان کان پوءِ هو ظاهر ٿيو. مگر مرحوم پهلوان جي عزيزن قسم کنيو ته هن کان انتقام ضرور وٺنداسين. هنن کيس ڪرمان ۾ اچي ڳولي لڌو. جڏهن هو اسان سان هو. تنهنڪري هو ڪرمان مان ڀڳو هو. +[16] . انهيءَ درياءَ تي بند امير نالو انهيءَ ڪري پيو آهي، جو اَٺ سئو ورهيه اڳ عباس خاندان جي پنجويهين خليفي القادر جي ڏينهن ۾ امير آزاد دولهه ان تي هڪ بند ٺهرايو هو، ان لاءِ ته پاڻي ٻئي ٻيٽ مان مير دشت جي پٽ تائين پهچي، جتي پرسيولس جو ڦٽل شهر آهي. اتان اهو پاڻي واهن رستي ساري ملڪ کي پهچايو ويندو هو. +[17] . چهل ستون، هڪ محل آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر مارمڪ ۽ مون کي رهايون هئائون. + + +لس جي صوبي کان افغانستان جي سرحد تائين 65 ۽ 66 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ جو بلوچستان جو حصو اچي وڃي ٿو، سو سارو ڪوهستاني علائقو آهي. اها حيرت انگيز جبلن جي قطار جنهن کي مان بروهي جبلن جو نالو ڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ بروهي رهن ٿا، سا سڀني ٻين جبلن جي جڙ آهي. تنهنڪري هن ڪتاب ۾ ان تي خاص توجهه ڏنو ويندو ۽ آءٌ ان جي خاص بناوت سبب، دستور جي خلاف ان جو بيان ڏکڻ کان شروع ڪندس ۽ ڏيکاريندس ته ڪيئن اها ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري کان اتر طرف مٿي هلي ويئي آهي. +اها قطار اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 25 ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 58-66 ۾ ماوري يا منزي راس وٽان سمنڊ مان نهايت شان شوڪت مسان مٿي اڀري نوي ميل اتر- اوڀر هلي وڃي ٿي. اتي ان مان هڪ شاخ اوڀر- اتر نڪري ٿي. سيوهڻ جي قلعي وٽ سنڌوندي، انهيءَ جي شاخ اوچائي جي لحاظ کان قابل ذڪر ناهي. ان جو نالو هِت انڪري ورتو ويو آهي جو اها انهن جبلن جي اوڀارين حد آهي. اها شاخ ويڪرائي ڦاڪ جي 45-25 ۽ 30 جي وچ ۾ نڪري ٿي، جتان اصلي قطار سڌو اتر هلي وڃي ٿي ۽ هاڻي سنڌ، ڪڇ، گندوا ۽ سيوستگان جي حصي جي حد نروار ڪري ٿي. اڳي اها هندستان جي حد ڪري سمجهي ويندي هئي. ان کان پوءِ، اها وري پنهنجو اصلوڪو رخ اتر- اوڀر وارو وٺي ٿي ۽ تڪڙو تڪڙو سُسندي وڃي ٿي، تان جو وڃي انهن ٽڪرين سان هڪ تئي ٿي، جن ۾ ڪاڪڙ ۽ ٻيون افغان قومون رهن ٿيون. ظاهر اهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي تفتيش انهيءَ طرف وڌايان ها ته مون کي پهريائين انهن ٽڪرين جي اصليت تي کوجنا ڪرڻي پوي ها. مون کي هڪ مضمون لکڻو پوي ها جنهن جو بلوچستان جي جاگرافيءَ سان ڪو تعلق نه هجي ها. انهن سببن ڪري مون انهيءَ موضوع کان ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو آهي. +اولهه طرف بروهي جبل وڌيڪ پيچيدا آهن. سمنڊ کان نڪرڻ وقت انهن جي تر جي ويڪر هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين ٽيهن ميلن کان زياده نه آهي. جبلن جي اوچائيءَ جي لحاظ ان اها ويڪر ڪجهه به ناهي مگر ساڍن ويهن جي ويڪرائي ڦاڪ جي ساڍن ٽيهن کان اُهي آهستي اتر، اتر- اولهه، اتر- اولهه ۽ اولهه اتر- اولهه هليا وڃن ٿا. تان جو اهي ڊگهائي ڦاڪ جي ڪيترن خطن اندر ڦهلجي وڃن ٿا ۽ انهن مان ڪيتريون، ننڍيون ننڍيون شاخون نڪرنس ٿيون. انهن مان شاخون ڪي سڄو بلوچستان لتاڙي اولهه طرف ايران جي جبلن سان وڃي ملن ٿيون. ٻيون ڏکڻ طرف سمنڊ تائين يا ان جي ويجهو وڃي پهچن ٿيون ۽ ان کان پوءِ يا ساحل سان گڏ وڃن ٿيون يا ان دجي ويجهو ويران ڀٽن ۾ گم ٿي وڃن ٿيون. اصلي قطار يا ان جي اولهائين ڀت اتر، اولهه- اتر طرف اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 28 خط تائين وڃي ريگستان جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪنڊ سان ملي ٿي. اتان وري اها اتر- اوڀر نوشڪي طرف هلي ٿي جا اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 30 خط ۾ آهي. اتان وري اها اوڀر جو رخ وٺي ٿي تان جو سُسي افغان ٽڪرين جيتري وڃي ٿي ٿئي ۽ پنهنجي حيثيت وڃائي ڇڏي ٿي. +مگر انهن ٽڪرين جي وچ ۾ ڪيتريون اونچيون قطارون جي اڪٿر اتر- اوڀر کان اچي ريگستان جي پاسي ۾ 66 ۽ 67 ڊگهائي ڦاڪ جي 66 ۽ 67 خطن جي وچ ۾ ختم ٿين ٿيون. ممڪن آهي ته بروهي جبلن جي قطار جنهن جو مون هي نقشو چٽيو آهي سا انهن ٽڪرين سان ڳنڍيل هجي ۽ اها هندوڪش يا هندستان يا ڪوهه قاف جي پربت جي ڏاکڻي شاخ جو پڇ هجي، جنهن مان هزارو يا رويوميسين شاخ نڪري اولهه طرف ڪئسپين سمنڊ تائين وڃي ٿي. انهيءَ جي هڪ شاخ مشهور تخت سليمان جبلن جي، ان جي چوٽيءَ واري نالي سان سڏبي آهي. پر اهي جبل منهنجي ڪتاب جي مقصد کان ٻاهر آهن، تنهنڪري مان انهن جو وڌيڪ احوال ڪونه ڏيندس. +انهيءَ پربت کي جتي ريگستان روڪي ٿو. ان کان ٿورو پري ٻيون شاخون ڦٽي ڏکڻ ۽ اولهه طرف وڃن ٿيون. انهن مان هڪ اولهائين شاخ جا ٻين کان اونچي ۽ جبري آهي سا ريگستان جي ڏاکڻي طرف کان ٻه خط اولهه طرف وڃي ريگستان جي حد بندي ڪري ٿي. اتان اها اوچتو ڦري اتر- اولهه پنجاهه ميل هلي وڃي ٿي. اتي جو ڦيرو کائي ٿي تنهنجو سبب مان اڳتي هلي ڏيندس. تنهن کان پوءِ اها اڃا به وڌيڪ اولهه وڃي ٻين ڪيترين شاخن سان هڪ هنڌ ملي ٿي. اهي سڀ شاخون اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 31 خطي وٽ گڏجي هڪ اونچي مگر اتانهين شاخ ٿئي ٿي. جا ڊگهائي ڦاڪ 59 ۽ 60 خطن جي وچ ۾ ايترو ته اتر طرف هلي وڃي ٿي جو اها ننڍين ٽڪرين جي وسيلي هزاره جبلن سان خراسان جي تختگاهه هرات وٽ وڃيو ڳنڍجي. +اها قطار سيستان جي پرڳڻي کي ڪرمان جي ريگستان کان جدا ڪري ٿي ۽ ايران ۽ ڪابل جي بادشاهن جي حڪومتن جي حد ڏيکاري ٿي. اها ٻين آسپاس ملڪن وانگي ويران ۽ خشڪ آهي. نه پاڻي اٿس نه ساوڪ، ان ۾ اڻڌريل ۽ وحشي ريڍار رهن ٿا. جن کي بلوچ به جهنگلي آدمي ڪري سڏيندا آهن. +ڏيل ۽ فوقتيت جي لحاظ کان ٻيو نمبر شاخ بروهي جبلن جي ڏکڻ- اولهه ڪنڊ مان اڳين قطار کان اٽڪل ڏيڍ خط ڏکڻ ۾ نڪري ٿي. اهي ٻيئي شاخون ٻه سئو ٽيهن ميلن کان به زياده مفاصلي تائين پهلو وڃن ٿيون. وچ ۾ ڪيتريون ريخائون ٻنهي مان نڪري کين ڳنڍين ٿيون. جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ وسيع ۽ ويران پٽ نه هجن ها ته کين هڪ جبلن جو ميڙ ڪري ليکيو وڃي ٿا. اولهه طرف هڪ ٻيو شاهي پربت جهڙو جبلن جو ميڙ اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو. تنهنڪري انهن امن هڪڙو ڦري اتر طرف هليو وڃي ٿو جيئن مٿي ڏيکاريل آهي. مذڪور قطار ڦُٽي ٻه شاخون ٿين ٿيون جي ٿورو وڪڙ ڪري وري اڳتي ڳنڍجن ٿيون. ان کان پوءِ اها شاخ ڏکڻ- اولهه طرف ڪٿي سوڙهي ڪٿي ويڪري ٿيندي، ٻين پهاڙن کي چيريندي ايران جي لارستان ڪوهستان علائقي سان ملي غائب ٿي وڃي ٿي. شروع کان آخر تائين انهيءَ قطار مان ڪيتريون ريسخون ڏکڻ طرف نڪري وڃي مڪران جي ساحل ۾ راسين جي صورت اختيار ڪن ٿيون. انهن مان عربو راس ۽ مبارڪ (جي اسان جي بحري نقشي ۾ بمبارڪ ڪري ڏيکاريل آهي. سڀ کان اونچيون آهن[1]. جي مڪران جي اولهه ۾ جيڪي جنل نڪرن ٿا، انهن کي اڳتي وڃڻ جو رستو ناهي، تنهنڪري اهي ڄڻ ته پٺتي هٽي اصلوڪن جبلن سان ملي ڍير ٿين ٿا، ڏيهي ماڻهو انهيءَ ايراضيءَ کي سڏين ڪوهستان. ڪئپٽن گرانٽ جي لکئي موجب انهيءَ علائقي جي اولهاين ضلعي کي شڪرد[2] چوندا آهن. شڪرد هڪ مرڪب لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڪُد يا ڪُرد بلوچن جو گهر. انهن جبلن جون فلڪ بوس چوٽيون بنپور مان نظر اينديون اهن، جو سئو ميل کان به زياده پري آهي. +انهن ڪوهستان جي جبلن مان، اتي ملڻ کان اڳ ڪيتريون ننڍيون وڏيون شاخون نڪري مڪران جي انهيءَ حصي ۾ هليون وڃن ٿيون جنهن مان مون سفر ڪيو هو. انهن شاخن کي هڪ طرف ڏانهن ڪوهستان جا بيابان آهن ۽ ٻئي طرف کان ڪوهستان جبلن جي اها قطار، جا اتر طرف وڃي ٿي. انهن جي وچ ۾ شاخون سوڙهيون ٿينديون وڃن ٿيون. تان جو وڃي هڪ هنڌ گڏجن ٿيون. جيئن مٿي ڏيکاريل آهي. ڪي شاخون وري ڏکڻ اولهه وڃن ٿيون ۽ اڳتي هلي انهيءَ قطار سان ڳنڍجن ٿيون جا مون باسمان مان نڪرڻ وقت ڏٺي هئي[3] جنهن ۾ ڪوهه نوشادر اچي وڃي ٿو. +اهي سڀ شاخون ريگستان واري شڪرد کي نرمنشير کان جدا ڪن ٿيون ۽ وڃي اُڀن ۽ هولناڪ وڪڙن جي صورت ۾ ختم ٿين ٿيون. +هاڻي اسان انهن پربت جهڙن قطارن سجي مقدار ۽ اونچائي متعلق ڪجهه لکنداسين. لاشڪ بروهي جبل ٻين سڀني کان زور آهن اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 20 خطي ۾ انهن جي گهڻي ۾ گهڻي ويڪر تقريباً ٻه سئو ميل ٿيندي ۽ نوشڪيءَ کان سيوستان جي آباد پَٽ تائين ان جي اترئين طرف کان هڪ سئو ٽيهه ميل مگر انهيءَ قطار جي وچ ۾ هڪ ويهن ميلن جو شگاف آهي جنهن ۾ هڪ ويران پَٽ آهي، جو اهڙو ته غيرآباد آهي جو ان کي سڏين ئي دشت بي دولت[4]. بروهي جبلن جي قطار سمنڊ جي ويجهو وڃي سوڙهي ٿئي ٿي. جهلوان صوبي جي ڏکڻ ۾ ڪوهه نوات وٽ ان جي ويڪر اوڀر کان اولهه تائين ويهن ميلن کان زياده نه آهي. مووري يا مانزي جي راس تائين ان جي ساڳي ويڪر آهي. ان جي گهڻي ۾ گهڻي ڊيگهه ڏکڻ، ڏکڻ- اوڀر کان اتر، اتر- اولهه ۾ آهي جتي اها ٻه سئو اسي ميلن کان به زياده آهي. ان جي سڌي ماپ اتر کان ڏکڻ تائين ٻه سئو ميلن کان گهٽ نه ٿيندي. مگر ياد رهي ته مان فقط سڌيون ماپون ڏنيون آهن، رستن جي ڏنگائي ۽ ور وڪڙن کي مون خيال ۾ ڪو نه آندو آهي. هيٺ ڏنل مثال مان ظاهر ٿيندو ته ورن وڪڙن جي ڪري ڪيترو تفاوت ٿي سگهي ٿو. نقشي تي جيڪڏهن ڏسبو ته ائين نظر ايندو ته لس جي گادي ٻيلي کان قلات تائين مفاصلو هڪ سئو سٺ ميل کان زياده ناهي پر ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مون حساب ڪري ڏٺو ته اهو ٻه سئو ٽيانوي ميل يا ان کان به زياده آهي. +اها تسليم شده ڳالهه آهي ته انهيءَ قطار جي سڀ کان زياده اونچائي قلات وٽ آهي. ڏيهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به طرف وڃبو ته قلات کان ضرور هيٺ لهڻو پوندو. مگر جبل جي سلامي گهڻي ڪانه آهي، تنهنڪري قلات مان آسپاس وارو پَٽ نٿو نظر اچي. انڪري اونچائيءَ جي ماپ وٺڻ لاءِ ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو. اونچائي ماپڻ جو سڀ کان آسان طريقو آهي نهرن جون لاهيون چاڙهيون ڏسڻ. مون انهيءَ طريقي جو پورو ا��تعمال ڪري پنهنجو رايو قائم ڪيو جو مٿينءَ راءِ سان ٺهڪي اچي ٿو. +قلات جي وادي4 ۾ نهرون اتر کان اوڀر ڏانهن وهن ٿيون. ڏهه ميل ڏکڻ ڏي اهي اُبتيون ٿيون وهن. معلوم ڪيو ويو آهي ته اولهه طرف جبل جي اونچائي هموار آهي. منهنجي خيال موجب ڪور جي ڳوٺ کان جو قلات کان سَت ميل اتر- اولهه کان وٺي سروان جي جبلن تائين جي ريگستان جي وٽ تي آهن، هڪ مٿانهون پَٽ آهي مگر ان جي اها معنيٰ ناهي ته اهو ڪو سنئون سڌو ميدان آهي. ان ۾ ڪيتريون اونچيون چوٽيون ۽ ٽڪريون آهن جي آسمان سان پيون لڳن. مگر سراسري انهن جبلن جو تر هڪ سطح تي آهي. برسات جي ڏينهن ۾ نَئيون هر طرف وهنديون آهن پر قلات جي طرف اهي ڪور جي ڳوٺ کان اڳتي نه وڌنديون آهن. قلات جي اوڀر طرف پنجويهن- ٽيهن ميلن تائين ملڪ جو حُليو ساڳيو آهي. ان کان پوءِ ڪڇ گندوا جي پَٽ تائين هلڪي هلڪي سلامي آهي، پر سلامي به يڪي نه آهي. بلوچستان جا ڏکيي ۾ ڏکيا لَڪ انهيءَ ايراضيءَ ۾ آهن. اهي هر طرف نَئن کي لنگهڻ کان روڪين ٿا. مون کي ياد آهي ته سرڪجور منزل گاهه جو پاڻي، جو قلات کان ستر ميل اتر- اوڀر طرف آهي. هيٺان مٿان ماٿرين مان لنگهي ساڳئي هموار ايراضيءَ ۾ پهچي ٿو. +مون کي ڪو اوزار ساڻ ڪونه هو جنهن جي مدد سان آءٌ قلات جي اونچائي جي صحيح ماپ وٺي سگھان ها. منهنجو رايو حقيقتن جي مقابلي جي بناءَ تي ٻڌل آهي. جيئن مون اڳي عرض ڪيو آهي ته قلات جي ويجهو بيهي ڏسبو ته ان جي اونچائي معلوم ڪانه ٿيندي مگر ڏکڻ طرف سلامي ڪافي نمايان آهي. رودنجي تائين جو قلات کان پنجويهه ميل پري آهي وڏيون لاهيون آهن. ڪي ڪي لاهيون ايڏيون آهن جو سارو ڏينهن انهن جي پار ڪرڻ ۾ لڳيو وڃي. اتر طرف ڪرڪ تائين جو قلات کان ست ميل پري آهي، سلامي ڪانه آهي مگر ڪرڪ کان نوشڪيءَ تائين ڇهه اونچا لَڪ آهن جن جي اترين لاهين ڏاکڻي لاهيءَ کان ٻيڻي ۽ ڪٿي ڪٿي ته چوڻي اهي، انهن لاهين چاڙهين جو تفاوت ڪافي ٿيندو. پر اسان جڏهن اهي لَڪ ٽِپي تري آياسين ته ڏسڻ ۾ آيو ته ريگستان اڃا گهڻو هيٺ هو. اڳتي اڃا به ستون لَڪ هو جنهن جي لاهي ٻين لَڪن کان ٻيڻي هئي تنهن کان پوءِ به هڪ مٿانهون پَٽ هو جتان برسات يا برف جو پاڻي نَئن جي رستي تيز رفتاريءَ سان وهي وڃي مڪران جي صوبي ۾ ٿي پيو. +قلات جي حرارت به ان جي اونچائيءَ جي تصديق ڪري ٿي. هن تذڪري جي پڇاڙيءَ ۾ آءٌ ملڪ جي جدا جدا حصن جي موسمن بنسبت ڪجهه تبصره ڪندس، تنهنڪري ان باري ۾ وڌيڪ لکڻ مناسب ناهي. قلات جي ايراضي فقط اڍائي گهڙيون راس الجديءَ کان دور آهي[5]. تنهن هوندي به ان ۾ تمام سخت ٿڌ پوندي آهي. نومبر جي پڇاڙيءَ کان وٺي فيبروريءَ جي شروع تائين تراين ۾ برف هوندي آهي. ساريون ۽ ٻيا فصل جن جي پچڻ لاءِ گرميءَ جي ضرورت آهي سي اتي ڪونه ٿيندا آهن. ڪڻڪ ۽ جَو برطانيا کان به دير سان پچندا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته قلات، يوپر ۾ جي سڀ کان اونچا پهاڙ آهن تن کان گهٽ نه آهي. ان ڳالهه ۾ تعجب نه هئڻ گهرجي[6]. تاريز کوجنائن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته دنيا جا سڀ کان عظيم ۽ اونچا پهاڙ ايشيا کنڊ ۾ آهن[7]. بلوچستان جي جبلن جون ٻيون قطارون ڏيک ۽ اونچائي جي لهاظ کان اهڙيون نه آهن جو انهن تي هن مقدمي ۾ بحث ڪجي يا نڪته چيني ڪجي. مختلف صوبي جو احوال ڏيندي آءٌ انهن نمايان جڳهين جو خاص ذڪر ڪندس، جي هت رهجي ويون هونديون. ساڳين سببن جي ڪري آءٌ هت ڇوٽين موٽين نهرن جو احوال به ڪو نه ڏيندس. ها، البت ايترو چوندس ته بلوچستان جي اترئين حصي ۾ ڪا اهڙي نهر نه آهي، جا ڪسيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي لقت جي لائق هجي. البت نئيون برسات جي ڏينهن ۾ تِکيون ۽ ڀرپور وهنديون آهن ۽ نه وري ڪا اهڙي نهر آهي جا شروع کان آخر تائين يڪي وهي، جو مان بلوچستان جي پرڳڻن جي بيان ۾ ٻڌائيندس _ هاڻ اهو شروع ڪريان ٿو. +فصل (2) +جهلوان ۽ سروان جا صوبا ۽ قلات جو ضلعو بروهي جبلن جي قطار ۾ سواءِ انهيءَ حصي جي، جو ويڪرائي ڦاڪ جي ڇويهين خط جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ اچي وڃي ٿو. انهيءَ حصي جون وڌيڪ حدون نروار ڪرڻ شايد فضول نظر اچن پر منهنجي خيال موجب انهي ملڪ جي جاگرافي چڱي طرح سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جا سنڌا چٽائي سان ظاهر ڪيا وڃن. +جهلوان سڀ کان ڏاکڻو ۽ وڏو صوبو آهي. ان جي ڏکڻ ۾ لس ۽ مڪران جو حصو آهي: اتر طرف قلات جو ضلعو ۽ سروان، اوڀر طرف سنڌ جا ڪجهه حصا ۽ ڪڇ گندوا ۽ اولهه طرف خود مڪران، ان ۾ ود، خزدار، نال پندران، زهري، زيدي ۽ ڪي ٻيا ود يا ضلعا جي قابل ذڪر ناهن، اچي وڃن ٿا. +انهن جو مجمل طور احوال ڏيڻ جو ضرور ناهي. هر هڪ ضلعي کي پنهنجو پنهنجو حاڪم آهي. هو سڀ قلات جي خان جا زيردست آهن. جيتوڻيڪ کين خان کان اختياريون مليل نه آهن. جيئن اڳتي هلي ڏيکاريو ويندو. +صوبي جو وڏي ۾ وڏو شهر زهري آهي. زهري هڪ ضلعي جو به نالو آهي ۽ بدوءَ جي قوم جو به. انهن جو سردار آهي قادر بخش. شهر ۾ ٻه- ٽي هزار گهر آهن ۽ چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. وڏي ۾ وڏي ازباڪ نهر آهي جا مون فيبروري جي مهيني ۾ ڏٺي هئي. ان وقت ان جي موڪر ٽن والن کان زياده نه هئي ۽ اونهائي ڏهه انچ. خشڪ موسم ۾ اها نه وهندي آهي، مگر ان جي پيٽ ۾ ٿوري کڏ کوٽڻ سان آباديءَ جيترو پاڻي هميشه ملي سگهي ٿو اهڙي طرح نئن مان به پاڻي ڪڍي سگهجي ٿو. +سروان جي اتر ۾ افغان جبل ۽ ريگستان، جو انهن کي قنڌار کان جدا ڪري ٿو. ان جي اوڀارين پاسي آهن. ڏکڻ ڏانهن جهلوان ۽ قلات، اوڀر ڏانهن سيوستان ۽ ڪڇ گندوا اولهه ڏانهن ريگستان- نوشڪي، ڪور، ڪوهڪ، نئين ڪوتل سروهه، ڪشتن ۽ خاران وغيره سروان جا ضلعا آهن. انهن متعلق ڪجهه وڌيڪ معلومات ڏيڻ جي ضرورت ناهي، مگر جهلوان جهڙائي آهن. انهن ۾ ڪي پڪا شهر يا ڳوٺ ڪين آهن. بروهين جا تمن هر وقت چاري پٺيان پيا هلندا آهن. +درحقيقت قلات جو ضلعو سروان جي صوبي جو حصو آهي. مگر رواجي طرح اهو هڪ جدا ايراضي ڪري ليکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته قلات جا خانَ ان جي آمدني پنهنجن خانزادن[8] ۽ ٻين توصل وارن کي عطا ڪندا آهن. خيلن جي سردارن جي منظوري کان سواءِ. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سردار آهستي آهستي نڪري ويا آهن ۽ ٻيا ماڻهو انهن جو فائدو وٺندا رهندا آهن. +ڏسبو ته انهن ٻن صوبن مان هڪڙي کي بمقابل ٻئي جي وڌيڪ قدرتي سهولتون آهن. جهلوان هڪ ڪوهستاني علائقو آهي مگر ان ۾ ٻه- ٽي ننڍا پٽ يا واديون اهن جهڙوڪ وڍ، سو هيراب ۽ خوزدار. مگر سوران ۾ دشت دولت کان سواءِ جنهن جو احولا اڳئي ڏنل آهي ڪو اهڙو پٽ ناهي. جنهن جي ايراضي ٻن- ٽن ميلن کان زياده هجي. جهلوان جي آبهوا به موافق آهي ۽ برسات ڪثرت سان پوندي آهي، جنهنڪري ان جي زمين، جا هنءَ ته سادي ۽ سخت آهي، آباد ۽ زرخيز ٿيو پوي. انهن سهولتن هوندي به تخمينو ڪيو ويو آهي ته قلات جي ضلعي کان سوا3 سروان جي آبادي جهلوان کان ٻيڻي آهي. ڏسجي ٿو ته ماڻهن کي اترين ملڪن لاءِ ڪا خاص رعايت آهي. +ڪيترين پيڙهين کان وٺي قلات جو شهر انهن صوبن جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪنهن وقت ته اهو سموري بلوچستان ۾ برک هو. جيتريقدر مون کي خبر آهي ته بلوچستان ۾ اهو هڪ ئي شهر آهي جو هڪ منتظم حڪومت جو تختگاهه آهي تنهنڪري انهيءَ جي احوال ۾ ٻين صوبن بابت، جي قابل ذڪر ۽ نمايان ڳاله��ون آهن تن جو ذڪر ڪيو ويندو ان ڪري مون وٽ جو ٿورو گهڻو ۽ غير مسلسل مواد اهي تنهن کي مان سلسليوار ۽ باترتيب نموني ۾ هن ۽ ايندڙ فصل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوششش ڪندس پر ان کان اڳ مناسب آهي ته هن تذڪري ۾ ملڪ جي قديم احولا تي هڪ سرسري نظر وجهجي. +بلوچن جي باري ۾ تحقيقات ڪندي بار بار منهنجي ڌيان تي اها ڳالهه آئي آهي ته آفريڪا کان سواءِ پراڻي دنيا ۾ بلوچستان جي صوبي جهڙو ٻيو ڪو ملڪ نه آهي جنهن بنسبت ايتري ڪم معلومات هجي: ۽ اهڙا غلط ۽ مختلف رايا هجن. هندستان جي اولاهين سرحد وارن ملڪن جو سڀ کان ڪهنو احوال اسان کي يونانين کان ملي ٿو. مگر اهي به هن ايراضيءَ کان غير واقف هئا يا ته کين معلوم ٿيو هو ته هي هڪ غيرآباد ۽ ويران علائقو آهي. جنهنڪري هو ان باري ۾ بلڪل خاموش آهن. البت کين اهو معلوم هو ته ملڪ پهاڙي آهي، ان ۾ هڪ ڏيهي قوم رهي ٿي جن جا رواج ۽ شغل سَٿين قوم جهڙا هئا، تنهنڪري انهن ان کي انڊوسٿيا جو نالو ڏنو. درحقيقت اهو نالو فقط بروهي جبلن جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪُنڊ ۽ قديم مالي قوم جي ملڪ يعني ملتان جي صوبي تائين جا ايراضي پکڙيل آهي ان سان سچ پچ لاڳو ٿي سگهي ٿو. مون کي شڪ آهي ته ڪو يونانين جي چڙهائي وقت انهن جبلن جي اترئين حصي ۾ آبادي هئي، ان لاءِ آءٌ پنهنجا سبب اڳتي هلي ڏيندس. +سڪندر اعظم پٽالا (ٺٽو) جو سنڌونديءَ تي آهي ڇڏڻ کان پوءِ پنهنجي لشڪر سان عربيٽا قوم جي ايراضيءَ مان، جا هاڻوڪي لس جي صوبي ۾ آهي لنگهيو هو ۽ ان ۾ عربس يعني پورالي ندي ٽپيو هو[9]. تنهن کان فپوءِ هو انهيءَ ننڍڙي نديءَ جي اولهه ۾ اوريٽا قوم جي ملڪ مان لنگهي هڪ جبلن جي قطار ٽِپي گيڊروسيا يعني مڪران جي صوبي ۾ داخل ٿيو، جتي اُڃ، ڏڪار، ضعف ۽ ٻين تڪليفن وگهي سندس لشڪر جو ڪيترو حصو ناس ٿي ويو. لاشڪ هن جو رخ بروهي جبلن جي ڏکڻ ڏانهن هو. جيڪڏهن يوناني تاريخ نويس ان باري ۾ چِٽا نه به هجن ها ته به ملڪ جي نوع مان انهن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. +اها به خاطري آهي ته ڪرئيٽريس ڳري سامان ۽ بيمار سپاهين جي سپرد هو. آرڪوسيا ۽ ڊرئنگيانا جي رستي اتر طرف ويو هو، ڇاڪاڻ ته اهي صوبا هاڻوڪي قنڌار ۽ سيستان جو حصو آهن ۽ ساڳئي ويڪرائي ڦاڪ ۾ به آهن جنهن ۾ بلوچستان آهي. اهو به ظاهر آهي ته ڪرئٽيريس کي فوج کان انڪري ڌار ڪيو ويو هو ته جيئن هن کي گيدروسيا يعني مڪران جي ويران پَٽن مان لنگهڻو نه پوي، تنهنڪري هنن اهو رستو نه ورتو هوندو جنهن ۾ سڪندر جي هٿ هيٺ جي دستا هئا تن کي انيڪ مشڪلاتون پيش آيون هيون، جي جبلن جي لَڪن، لاهن ۽ لنگهن ۾ پيش اچن ها. +يونانين جي ڪاهه ۽ سڪندر جي وفات بعد جو ان جي وسيع سلطنت جي ورهاڱي کان پوءِ ساڍين نَون صدين تائين وري انهن ملڪن جو نالو نشان به ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. سواءِ ڪن گبرن يا قديم ايرانين جي اڌورين ڏند ڪٿائن جي انهيءَ دوران ۾ هندستان جا هندو راجائون ايران جي سلجوقي، ارسا سيڊي ۽ ساساني خاندانن جي تعبيداري قبول ڪري کين ڏَن ڏيندا هئا[10]، تنهنڪري ناهن ملڪن جي وچ ۾ ڪافي آمدرفت يا اچ وڃ ۾ ڪافي آمدرفت يا اچ وڃ هوندي هئي، مگر اها آمدرفت يا ته سمنڊ جي رستي يا خراسان جي رستي ٿيندي هئي. جنهنڪري انهن ملڪن تي جن جي باري ۾ هن وقت بحث هلي رهيو آهي ڪابه روشني ڪانه ٿي پوي ۽ اُهي ملڪ تاريڪيءَ جي پردي ۾ رهجي وڃن ٿا. هجري[11] 92 سال ۾ بغداد جي خليفي دين اسلام ڦهلائڻ جي شوق ۾ ۽ بت پرستن (ڪافرن)[12] جا سندس شان جي هتڪ ڪئي، تنهن جي انتقام وٺڻ جي ارادي سان ساڳئي رستي کان جنهن رستي هزار سال اڳ مقدونيه جو سورمو بئبلان موٽيو، سنڌ جي فتح لاءِ هڪ لشڪر چاڙهي موڪليو. اها ڳالهه خاص طرح واضح ڪئي ويئي آهي ته اها فوج سمنڊ جو ڪنارو وٺي آئي هئي ته جيئن کين پاڻيءَ جي تڪليف نه ٿئي ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي وراياسي ڪناري تي ٿوري ئي کڏ کوٽڻ سان پاڻي نڪرندو آهي. تنهنڪري کين انهن اندرين ملڪن جي ڪابه خبر ڪانه هئي. جيتريقدر مون کي معلوم ٿيو ته اميه ۽ عباسيه گهراڻن جي خليفن جي ڏينهن ۾ انهن جي باري ۾ ڪا تحقيقات ڪانه ڪئي ويئي هئي. +غزنوي گهراڻي جي پهرئين سلطان سبڪتگين جي پُٽ محمود، جڏهن پنهنجي طاقت جي اوج ۾ هندستان ڏانهن رخ ڪيو، تڏهن سنڌو درياءُ جي اولهه ۾ جو پَٽ آهي سو سارو بروهي جبلن جي تري تائين هن فتح ڪيو. پوءِ هن جي پُٽ مسعود پنهنجي سلطنت جون حدون اولهه طرف مڪران تائين وڌايون، مگر هن پنهنجي پيءُ وانگر جبلن وٺڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. هن کان پوءِ ٻين جن سنڌ فتح ڪئي، سي به انهن جي نقش قدم تي قائم رهيا. جيڪڏهن هو اتفاق سان شڪست خورفده دشمن جو پيڇو ڪري جبلن ۾ اندر ڪاهي ويا ته به هنن انهن کي باقاعدي مستقل طرح فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. +ان لاءِ به مختلف سبب آهن هڪ ته ملڪ ويران آهي ٻيو ته پنڌ اڙانگو آهي. ملڪ جي غيرآباديءَ جي خبر ڪافي گذريل وقت کان هُليل هئي. سنڌ جي بهجترين تاريخ چچنامي ۾ لکيل آهي ته ڪافر، جن جو قرآن جي عقيدن ۾ اعتقاد ناهي تن کي جبلن ڏانهن ڀڄايو ويو ته ڀل ته هو بک ۽ ٿڌ ۾ پاهه ٿي مرن. غالباً انهن جبلن ۾ ان وقت آبادي ڪانه هئي. منهنجي خيال موجب جهلوان ۽ سروان صوبا ڪم از ڪم انهن جي پهاڙن کي پهريون دفعو ان وقت آباد ڪيو ويو هو[13]. انهن ملڪن بنسبت جيڪي ڪجھ آءٌ لکي چڪو آهيان ان مان ظاهر ٿيندو ته پنڌ اڻانگو آهي. جيڪڏهن وڌيڪ اکين ڏٺي ثابتيءَ جي ضرورت هجي ته ڪيترن موقعن تي هندستان ۽ ايران جي هٿ ڪرڻ لاءِ جي تاتاري پٺاڻن ۽ مغلن جا مقابلا ٿيا آهن تن ماڻهن انهن ملڪن ۾ وڃي عارضي طور پناهه ورتي آهي. تازو 1806ع ۾ ڪابل جي شاهي خاندان جي قيصر نالي هڪ شهزادي بلوچستان ڀڄي وڃي امان ورتي هئي. اها جاءِ اهڙي ته محفوظ سمجهي ويئي هئي جو باوجود ڪه شهزادي کي ڪو به لشڪر ساڻ ڪونه هو ته به هن جو پيڇو ڪونه ڪيو ويو. پراڻن خواهه نون نقشن تي هڪ نظر ڦيرائڻ سان ظاهر ٿيندو ته هن وقت تائين اهو ملڪ تاريڪيءَ جي پردي ۾ رهيو آهي. ڪنهن به نقشي ۾ بلوچستان يا بلوچن کان سواءِ ان ملڪ کي ٻيو نالو ڪونه ڏنل آهي[14]. مگر اهي نالا فقط ڏيهي ماڻهن جي هڪ قوم ڏنا آهن. +هاڻي اسان انهيءَ هنڌ کي پهتا آهيون جنهن ۾ بلوچستان جي ڪن تاريخي واقعن جي يادگيري زباني ڏند ڪٿائن ۾ محفوظ ٿيل نظر اچي ٿي. مگر انهن کي سمجهڻ لاءِ مناسب بلڪه ضروري آهي ته ڏيهي ماڻهن جي مختلف طبقن جي اصليت تي ڪجهه روشني وڌي وڃي. اهي ماڻهو هن غيرآباد ۽ ويران ملڪ ۾ پهريائين ڪڏهن ۽ ڇو لڏي آيا ۽ زمين ڪهڙي طرح پاڻ ۾ تقسيم ڪيائون. پڙهندڙ محسوس ڪندا ٽه ان باري ۾ منهنجا رايا قياس آرائي تي ٻڌل آهن. اڻپڙهيل ماڻهن کان زياده اميد نٿي رکي سگهجي ۽ نه وري هنن ماڻهن ۾ پنهنجي اصليت معلوم ڪرڻ جو شوق آهي جيڪو زياده تربيت يافته ماڻهن ۾ هوندو آهي. مگر مون پنهنجي معلومات ڪوشش ڪري بهترين ۽ باسند ڪتابن مان اخذ ڪئي آهي ۽ فرضي ۽ بي حظ ڳالهين کي دخل ڪونه ڏنو اٿم. +[1] . عرب جهاز ران ان کي راس المبارڪ چوندا هئا. مگر اشتقاق جي ماهرن لفظ جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي. ان راس کي ڪوهه مبارڪ انڪري چوندا آهن جو اها خلاصين کي ڏکڻ طرف کان سمنڊ مان ايندي پهريائين نظر ايندي آهي. اها ٽڪري سمنڊ کان نوَ ميل اندر آهي. نائپر ان کي ڪوهم بارڪ ڪري ��کي ٿو. هو لکي ٿو ته اها راس وارياسي آهي جنهن مان ظاهر آهي ته هن کي صحي املا جي خبر هئي. مگر لفظ جو اشتقاق معلوم نه هوس. هن جي چُڪن ٻين کي به گمراهه ڪيو آهي. انگريز آفيسرن جن انهيءَ ساحل جو معائنو ڪيو آهي تن به چُڪن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. سنڌو نديءَ کان شط العرب تائين ڪا جاءِ ناهي جا انهيءَ نقشي ۾ صحيح ڏيکاريل هجي، جا ڏيهي ماڻهو نه سمجهي سگهن. +[2] . فارسي لفظ باشدن يعني رهڻ ۽ ڪرد قوم جو نالو آهي. +[3] . 2- اپريل جو روزنامچو ڏسو. +[4] . ان کي دشت بي دولت يعني ويران پَٽ به چوندا آهن. +[5] . قلات اتر ويڪرائي ڦاڪ 6-29 ۾ آهي. +[6] . ان باري ۾ ڌُڪو هڻڻ شايد فضول نظر اچي. پر منهنجو رايو آخرين ناهي. ممڪن آهي ته اهو صحيح نه هجي، جيڪو ريگستان جي ويجهو لَڪ آهي ان جو هندستان جي انهن لَڪن سان، جن جي اونچائي معلوم آهي، مقابلو ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته ان جي اونچائي ريگستان جي سطح کان پنج هزار فوٽ مٿي ٿيندي. جيڪڏهن ان ۾ ڇهن لَڪن جي به اونچائي ڳنڍجي ۽ فرض ڪجي ته ريگستان خود سمنڊ جي سطح کان پنج سئو فوٽ مٿي آهي ته قلات جي اونچائي اَٺ هزار فوٽ ٿيندي. اها اونچائي اسپين جي پرنيز جبلن کان اٺون حصو زياده آهي. +[7] . ليفٽيننٽ مئڪارٽيني 10-1809ع ۾ ڪابل جي سفارت سان گڏجي سروير جي حيثيت ۾ ويو هو تنهن جي حساب مطابق هندوڪش جي جبل جي اونچائي ٻاويهه هزار فوٽ ٿيندي. ليفٽيننٽ ويب جنهن کي 1807ع ۾ گنگا نديءَ جي منڍ جي ڳولڻ لاءِ موڪليو ويو هو، ان جو چوڻ آهي ته هماليه جبلن جي قطار روهل کنڊ جي پَٽ کان ايڪويهه هزار فوٽ مٿي آهي. +[8] . خانزادا، گهرو غلام آهن. اهو لفظ خانه يعني گهر ۽ زادن يعني ڄمڻ مان نڪتل آهي. هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي جي چوٿين فصل ۾ غلامن جي باري ۾ جي بلوچن جا رواج آهن تن جو ڪجهه احوال ڏنل اهي. خانزادن جو اوچو درجو هوندو آهي، تنهنڪري سردار کين هميشه پاڻ سان گڏ رکندا آهن ۽ کين اهم ڪمن ۾ استعمال ڪندا آهن هو نهايت معتبر ۽ معزز سمجهيا ويندا آهن. هنن کي جڏهن آزاد ڪيو ويندو آهي ته کين زمين جو حصو پڻ ڏنو ويندو آهي تنهن کان سواءِ هو خانزادا به سڏبا آهن. +[9] . جيڪڏهن سڪندر برسات جي موسم ۾ پورالي ندي وٽ پهچي ها ته هو شايد درياءُ نه ٽپي سگهي ها. اها ڳالهه منهنجي 30- جنوري جي روزنامچي مان واضع ٿيندي. جهلوان جي صوبي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ لشڪجر لاءِ سواءِ سخوزدار کان پنجگور ويندڙ رستي جي، جو اتر ويڪرائي ڦاڪ 54-27 خط ۾ آهي، ٻاهر نڪرڻ جي ٻي واهه ڪانه هئي. +[10] . گجرات جي هڪ قديم قلمي تاريخ ۾ لکيل آهي ته ايران جو بادشاهه بهرام گور ويس بدلائي گجرات ويو هو. مگر هندستان ۾ شڪار ڪندي هن جو ڀيد ظاهر ٿي پيو، جنهنڪري هو نيمروز يا هاڻوڪي سيستان جي صوبي رستي پنهنجي شاهي لشڪر سان واپس ويو. هي واقعو هندو راجا رامديو جي ڏينهن ۾، چوٿين صدي هجريءَ ۾ ٿيو هو. ان وقت سيستان هڪ سرسبز ۽ آباد صوبو هو. هاڻي اهو هڪ غيرآباد ريگستان آهي. +[11] . برابر 677 عيسوي. +[12] . مسلم مصنف، هندن کي ڪافي ڪوٺيندا آهن. +[13] . محمود جي پٽ مسعود انهن ملڪن کي فتح ڪرڻ لاءِ مڪران ۾ لشڪر ڪٺو ڪيو هو، مگر سلجوقي تاتارين پهريون دفعو ان وقت منهن ڪڍيو، جنهن ڪري هن پنهنجو لشڪر واپس گهرائي ورتو هو. +[14] . ميجر رينيل مڪران جو صوبو نقشي ۾ ايترو ته مٿي ويڪرائي ڦاڪ ۾ ڏيکاريو آهي جو جهلوان ۽ سروان به ان ۾ اچي وڃن ٿا مگر انهيءَ قابل ۽ بامعلوم صاحب سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۽ سنڌ جي اولهه وارن ملڪن جي باري ۾ جا معلومات حاصل ڪئي، سا ناقص نطر ٿي اچي، جنهنڪري کانئس ڪيتريون غلطيون ٿيون آهن. منهنجو ڪيترين ڳالهين ۾ ميجر رينيل ۽ موسيو ڊي ائنول جيڪي غلطيون ڪيون آهن، تن سان اختلاف آهي. انهن فاضلن جيڪو قيمتي ڪم ڪيو آهي تنهن تي نڪته چيني ڪرڻ جي نه مون کي لياقت آهي ۽ نه ارادو. آءٌ ته فقط اکين ڏٺيون حقيقتون پيش ڪريان ٿو: سڪندر جي زماني کان پوءِ ممڪن آهي ته آدمي بدليا هجن مگر زمين جو حليو ڪونه ڦريو هوندو. مون اهو ملڪ اکين سان ڏٺو آهي، تنهنڪري ان جي باري ۾ ڪجھ خاطري سان چئي سگهان ٿو. + + +بلوچڪي ۽ بروهي زبانون لکيل نه آهن، تنهنڪري جيڪ وبه احوال ملي ٿو سو روائتي ۽ غير معتبر آهي، بلوچ يا بلوچڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو پاڻ کي ايران جي پهرين مسلم فاتحن سان ڳنڍيندا آهن. سندن دعويٰ آهي ته هو عرب نسل جا آهن. عام خيال آهي ته هو هڪ افغان قوم جي اولاد مان آهن. جيتوڻيڪ بلوچ خود انهيءَ ڳالهه جا منڪر آهن. هنن جي اها دعويٰ صحيح نظرا چي ٿي ڇاڪاڻ ته هو افغانن کي ويجهو هوندي به مختلف زبان ڳالهائين ٿا. +مگر مان انهن جي اها دعويٰ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان هو اسلام جا بنيادي مبلغ آهن. انهيءَ شان جي دعويٰ خسيس قوم ڪندي آهي، پر ان ڳالهه ۾ ذري ماتر به شڪ ناهي ته هو مغرب کان آيل آهن. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي هن مان ملي ٿي ته بلوچڪي ايراني زبان سان گهڻو ملي اچي ٿي، تنهن کان سواءِ قوم جا زياده ماڻهو اولاهين سرحد تي رهن ٿا. بلوچستان جو هاڻوڪو نالو به ان تي انهيءَ ڪري پيو آهي. نادر شاهه نصير خان کي بيگلار بيگ جو خطاب عطا ڪيو هو سو بلوچن جو، بروهين کان وڌيڪ واقف هو تنهنڪري هن ان ملڪ تي انهن جو نالو وڌو. فرض ڪيو ته هنن جو مغرب کان لڏي اچڻ جو مسئلو حل ٿيو پر مکيه سوال جو اڃا فيصلو ڪرڻو آهي. سوال آهي بلوچ ڏيهي ماڻهن يا ايران جي فاتحن جي ڪهڙي طبقي مان آهن. بدقسمتيءَ سان ترڪي يا تاتاري زبانن کان واقف نه آهيان نه ته هوند انهيءَ مسئلي تي ڪافي روشني پئجي سگهي ٿي. پر نه هنن جا نقش عربن سان ٿا ملن نڪي رسمون رواج ۽ زبان. تنهنڪري دعويٰ بلڪل رد ڪجي ٿي. +سلجوقي تاتاري هجري سن جي پنجين صديءَ جي شروع ۾ پهريون ڀيرو خراسان ۾ ظاهر ٿيا ۽ ڏهن ورهين جي عرصي ۾ سندن سردار تغزل بيگ غزنوي گهراڻي جي حڪومت ڇني پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. تنهن کان پوءِ اها هن جي وارث الپ ارسلان جي هٿ آئي ۽ سلجوقي سلطنت جو حصو ٿر رهي تان جو ڏيڍ سئو سالن بعد انهيءَ قوم جو خاتمو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ بلوچن جي قوم ۽ پاڙن جا نال ڪيترا دفعا ورتل آهن، بلڪه ائين به ڏيکاريل آهي ته انهن ئي ضلعن ۾ رهندا هئا، جتي هو هاڻي رهن ٿا. +ملڪ ۾ انقلاب آڻي لٽيرن ڪيئن هڪٻئي پٺيان حڪومت جون واڳون هٿ ڪيون، تنهن جو هت احوال ڏيڻ جو ضرور ڪو نه آهي. يونان ۽ ايشيا جي مستند تاريخ نويسن کان معلوم ٿيو آهي ته انهن سردارن جي موت يا هار کان پوءِ سندن فوجون ڇڙ وڇڙ ٿي ويون ۽ سندن وحشي سپاهي رلندي رلندي وڃي ڪو ٻيو فائدي وارو پيشو اختيار ڪيو يا ڪنهن ٻئي ڪامران سردار جي نوڪري ڪئي. منهنجي خيال ۾ بلوچن جي به اهائي حالت رهي. ڪيترين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ترڪماني[1] نسل جا آهن. سواءِ سندن زبان جي، باقي سڀ ڳالهيون مثلاً: هنن جون رسمون رواج چال چلن ۽ مذهب ساڳيا آهن. هنن جي زبان ڇو مختلف ٿي آهي تنهن جي لاءِ هڪ تمام معقول سبب آهي: سلجوقي گهڻي وقت کان ايران ۾ آباد هئا جو ان وقت ايشيا جو واقعي سڀ کان سرسبز ۽ صحب مخش ملڪ هو. قدرتاً هنن مڪاني زبان اختيار ڪئي. جڏهن خوارزم جي شهزادن اتان کين هڪالي ڪڍيو ته هو پنهنجي زبان به پاڻ سان کنيو آيا. خوارزمين کان پوءِ چنگيز خان وارا مغل آيا، هنن جي ز��ان ۾ ڀروارين قومن سان ملڻ ڪري ڪي معمولي ڦيريون گهيريون ٿيون آهن. +ڪي پڙهندڙ شايد انهيءَ خيال جا هجن ته بلوچ مغل نسل جا آهن: تنهنڪري آءٌ ترڪمانن جي تائيد ۾ پنهنجا وڌيڪ دليل مفصل طور ڏيندس. ٻيا صاحب جي مون کان قابل آهن، ضرور سمجهن ته ان باري ۾ وڌيڪ کوجنا ڪري سگهن ٿا: مغل قوم، جنهن جو ٻين سڀني کان، جن جو مون ذڪر ڪيو آهي، وڌيڪ مجمل احوال ملي ٿو. پهريائين قوم چنگيز خان جي هٿ هيٺ نمودار ٿي. هُن ۽ هُن جي پوين سڀني حڪومتن کي اُلٽ پُلٽ ڪري ڇڏيو. خوارزمي بادشاهن جي ڪيني کان تنگ اچي، هشام ماڻهو، جي صدين کان ايران ۾ آباد هئا ڀڄڻ لڳا. ڪي سيستان ويا ۽ ڪي ٻين ڀروارن ملڪن جهڙوڪ: سنڌ، سيوستان جي تاريخ[2] جو اختصار ڏنل آهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته 743 هجري ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ڏهه هزار مغل رهندا هئا. ۽ کين هڪ جدا محلو مليل هو جنهن کي مغلواڙو سڏيندا هئا. اهو محلو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو آهي. ساڳئي ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي ته 734 هجريءَ ۾ جلوا، نالي هڪ مغل سردار سيستاند تي ڇهه هزار ماڻهو ساڻ ڪري جبلن مان لنگهي اوچتو وڃي سنڌونديءَ جي اولهه ۾ جو ملڪ آهي تنهن تي حملو ڪيو، پر ملتان، سنڌ ۽ اُچ جي حاڪم جي فوج کيس گهيرو ڪيو ۽ هن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. هن شهنشاهه علاؤالدين[3] جي اَڻ مڃي ۽ کيس ۽ سندس سردارن کي جاگيرون[4] ڏنيون ويون ۽ سندن ڏوهه معاف ڪيو ويو. +اهي مثال ثابت ڪن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ مغل انهن ملڪن ۾ رهندا هئا. پر ان کان پوءِ هندستانف تي ڪيتريون ڪاهون ٿيون. پٺاڻن جي حڪومت نيٺ ختم ٿي ۽ هلندڙ حڪومت جو پايو پيو ۽ انهن رولو ۽ بکين لٽيرن کي پنهنجن پنهنجن هموطنين جي جهنڊي هيٺ لڙڻ جو موقعو مليو، تنهنڪري هو پنهنجو نئون فتح ڪيل ملڪ ڇڏي وڃي هندستان جي لُٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا. کين اهڙي ڪا ڪشش ٿي جو انهن جي پوئين جو ڪو به نشان ڪونه ٿو ملي. اهڙا ڪي به ماڻهو ڪونه رهيا آهن جن لاءِ خاطريءَ سان چئي سگهجي ته هو هنن جو اولاد آهن: انهن بيٺڪن جي غائب ٿيڻ جو سبب اهوئي ٿي سگهي ٿو ته هو خود لڏي ويا، جيڪڏهن ڪو ٻيو سبب هجي ها ته ڏيهي تاريخ نويسن جن جون تصنيفون مون پڙهيون آهن، ضرور ان جو ذڪر ڪن ها. +بلوچن جي اصل نسل ڏيڻ کان پوءِ، هاڻ آءٌ بلوچستان جي ٻين قومن ڏانهن توجهه ڏيندس. جي آدمشماريءَ جي ڪثرت ۽ هاڻوڪن سردارن جي رتبي جي لحاظ کان بروهين جو ذڪر پهرين اچڻ کپي، پر هنن جي تاريخ منڌل آهي. ڪا دلچسپي منجهس ڪانهي. تنهنڪري ان جي وڌيڪ ذڪر ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي. ڏسجي ٿو هُو هڪ تاتاري پهاڙي قوم آهن، جي ڪنهن زماني ۾ ايشيا جي ڏاکڻن ملڪن ۾ اچي ويٺا هئا. هو جبلن ۾ رهندا هئا ۽ خانه بدوش زندگي هوندي هين. کين پنهنجا سردار ۽ پنهنجا قانون هوندا هئا. ڪيترين صدين کان پوءِ هو جذب ٿي ويا. قلات ۽ بلوچستان ۾ جا هنن هيثيت حاصل ڪئي، تنهن لاءِ هڪ خاص سبب آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ڪبو. +جنهن ملڪ کان هو بلوچستان آيا، تنهن جي ڪيفيت خاطريءَ سان ڏيئي نٿي سگهجي ۽ جا ڏيڻ هن موضوع لاءِ ضروري آهي: هنن جو پيشو گهرو زندگيءَ جو نمونو ڏيکاري ٿو ته اصل پهاڙي ماڻهو هئا. سندن چوڻ آهي ته بروهي لفظ جو اشتقاق آهي برمعني تي، روهه يعني ٽَڪر. ٿٻيٽ ۾ جا زبان ڳالهائي ويندي آهي ان ۾ به انهن لفظن جي اها معنيٰ آهي. پر اهو دليل خاطريءَ جهڙو ناهي. ملڪ جي هڪ حصي ۾ بلوچن کي ند، نهروئي يا نِروهي يعني ٽَڪرن ۾ نه رهن، چئجي ٿو. اهو نالو مٿن ان ڪري پيو جو هو يعني بروهي جبلن ۾ اچي رهيا، پر هنن هيٺ وارن ضلعن، وادين ۽ پٽن ۾ رهڻ پسند نه ڪيو. +بروهي قوم متعلق جيڪي مون هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ لکيو آهي[5] ان ۾ مون ڏيکاريو آهي ته هنن جي پراڻي تاريخ ڏند ڪٿائن ڏ0يڻ جو خسيال هو مگر مون ڏٺو ته انهن فضول ۽ احمقانه ڳالهين کي باريڪ نظر سان ڏسڻ، اجايو وقت وڃائڻو آهي. انهن جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته هو ملڪ جا اصلي رهاڪو آهن. +بروهي، دنيا کان دور پنهنجن ڏيهي جبلن ۾ رهن ٿا. انهن مان ڪيترن کي اسلام کان اڳ جي ڪا خبر ڪانهي سواءِ ان جي ته عالم اڳ به موجود هو، جيئن قرآن ۾ لکيل آهي. مگر قرآن انهن مان ڪو ورلي پڙهي سگهندو آهي. هنن جو سارو مدار جاهل فقيرن تي هوندو آهي، جي اسلام جي محبت ۽ پنهنجي پيٽ خاطر خيلن ۾ وڃي پنهنجي مقصدن مطابق ماڻهن کي الاهي احڪامن کان واقف ڪندا آهن. اها اڌوري ۽ مشڪوڪ سِکيا ڏند ڪٿائن لاءِ رستو تيار ڪري ٿي. وڏن جي عجيب و غريب ڳالهين، افسانن ۽ ڏندڪٿائن ۾ ته هنن جو سورهن آنا اعتبار هوندو آهي، تنهنڪري هي ماڻهو بلڪل جهالت ۾ آهن. +دهوارن جي باري ۾ فقط ٻه- ٽي عرض ڪندس. ڪنهن وقت منهنجو خيال هو ته هو گبر يعني قديم ايراني آهن جي زوريءَ اسلام اختيار ڪرڻ کان ڀڳا هئا. پر مون کي تازين کوجنائن مان معلوم ٿيو آهي ته اهي ماڻهو مختلف نالن هيٺ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. هو سڀ اصل ايراني زبان ڳالهائيندا آهن. هنن جي چال چلن ۽ پيشو هڪجهڙو آهي. تعجب ته هيءُ آهي ته ساڻن ساڳيون ئي بندشون ۽ رعايتون لاڳو آهن جي بلوچستان ۾ لاڳو آهن. ان مان ظاهر آهي ته هو ڪي ڪنهن ٻئي ملڪ مان لڏي آيا هئا ۽ کين ڪن سرطن تي اتي رهڻ ڏنو ويو هو. +اها ڳالهه تسليم شدهه آهي ته عربن قرآن جي مبلغن جي حيثيت ۾ ايشيا ۾ پهريون مخالف قدم ارڙهين هجري (203ع) ۾ رکيو، پر هو ڪرمان، عراق، عجم ۽ مڪران جي ڏکڻ- اوڀر وارن صوبن ۾ جتي هنن جي گهڻي مخالفت ڪانه ٿي، هجري سن جي ٽيهين يا ايڪٽيهين سالن کان اڳ ڪونه ويا هئا. +هن جي موت کان پوءِ گبر سڀ ٽِڙي پکڙي ويا. جيئن اسلام جي فوج اوڀر طرف وڌندي ويئي تيئن هيءَ بدبخت قوم به پکڙندي ويئي تان جو تخت زمين تان غائب ٿي ويا[6]. جي تاريخون مون مطالعي ڪيون آهن تن ۾ گبرن جو وڌيڪ احوال مسعود جي حڪومت 427 هجري تائين ڪونه آهي. مسعود جي ڏينهن ۾ ڪي ٽِڙيا پکڙيا، گبر مڪران ۽ سيستان جي صوبن ۾ هئا، جتان هو شايد ايران واپس آيا. هو اڪثر يزد ۾ رهن ٿا[7]. +مٿين ٻن فقرن ۾ مون پنهنجي دليلن جو اختصار ڏنو آهي ڇو ته منهنجي خيال مطابق هو دهوار گبرن جي نسل مان آهن. فقط هنن جو تعداد ئي ان راءِ جي خلاف هڪ دليل ٿي سگهي ٿو. +مون پنهنجو رايو پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. ٻيا صاحب، جن کي ان باري ۾ دلچسپي هجي سي وڌيڪ کوجنا ڪري سگهن ٿا. بلوچستان جي ڏيهي ماڻهن جي طبقن ۾ باقي رهيا هندو منهنجي خيال موجب هو پهريان ماڻهو هئا جن سنڌ، لس ۽ مڪران مان خليفن جي فوج کان ڀڄي وڃي مڪران جي جبلن جا مٿيان ڀاڱا وسايا. هي وقعو سنڌ جي تاريخ جو آهي جا هن ڪتاب جي ڇهين ڀاڱي ۾ ڏنل آهي. پڙهندڙن جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪائجي ٿو. +جيئن آءٌ اڳيئي ڪٿي چئي آيو آهيان ته هندن جي نڪرڻ جو واقعو هجري سن 93 ۽ 94 سالن ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ڪيترين صدين تائين بلوچستان جو احوال ڪونه ٿو ملي. ڏيهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هندو واپار ڪندا هئا ۽ انهن جا راجائون، بروهي جي سندن ويجهو رهندا هئا تن تي سختي ڪونه ڪندا هئا. آهستي آهستي بروهي ۽ بلوچ ماڪ ۾ پکڙندا ويا. آخر انقلابن آيو هندن جي حڪومت ختم ٿي ۽ گدِي[8]. خان قلات جي وڏن جي هٿن ۾ آئي. ان انقلاب کان وٺي بلوچستان جي جديد تاريخ شروع ٿي ٿئي، جنهن جو احوال آءٌ ٻئي فصل ۾ ڏيندس. +فصل (3) +انقلاب، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي، سو ڪڏهن آيو تنهن لاءِ خاطري سان چئي نٿو سگهجي! غالباً ٻن صدين جي اندر ٿيو هوندو. اهو قياس هن حقيقت تي ٻڌل آدهي ته هاڻوڪو شاهي خاندان ان وقت کان وٺي يڪو حڪومت ڪندو پيو اچي. شاهي خاندان جو شجرو هن ريت آهي. +1- قنمبر جو پُٽ سمبريا سمندر 2- سمندر جو پُٽ محمود خان 3- محمود خان جو پُت عبد الله خان 4- عبد الله خان جو پُٽ نصير خان 5- نصير خان جو پُٽ محمود خان ٻيو. +پهريان ڇهه خان سواءِ محمود خان جي، وڏيءَ عمر ۾ مئا يا خون ٿا هئا. تنهنڪري انهن ڏيڍ سئو ورهيه يا ان کان ڪجھ وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو هوندو. +هن خاندان جي هٿ ۾ حڪومت جون واڳون آيون تنهن کان اڳ قلات ۾ هڪ هندو گهراڻو راڄ ڪندو هو. پوئين راجا جو نالو سهراءُ هو. ممڪن آهي ته اهو هڪ موروثي خطاب به کڻي هجي! جو ان گهراڻي جا راجائون گديءَ تي ويهڻ وقت اختيار ڪندا هئا. اهو قياس صحيح نظر اچي ٿو. اڄ تائين قلات کي سهراءُ سڏيندا آهن، سو مناسب ائين ٿو نظر اچي ته اهو لقب پيڙهائتن رجائن کان ورتل هجي ۽ نه ڪنهن شخص کان. جيستائين اهو شخص هڪ هستي بنيل نه هجي. جهڙو نصير خان جو هڪ نهايت قابل ۽ لائق شخص هو. +سهراءُ خود گهڻو ڪري قلات ۾ رهندو هو. هن جو ولي عهد پُٽ، نائب جي حيثيت ۾ زهريءَ ۾ رهندو هو. چون ٿا ته انهن ٻنهي جي حڪومت حقپسند هوندي هئي. هو واپارين ۽ مسافرن کي همٿائيندا هئا. سهراءُ کي آخر ۾ پهاڙي ريڍارن ۽ ان جي سردارن کان مدد وٺڻي وئي، جو مٿس ملتان، شڪارپور ۽ اتر سنڌ جي طرف کان ڦورن جي ٽولن جا حملا ٿيڻ لڳا. لٽيرن جو سردار هڪ افغان امير هو جو ٿورن ماڻهن سان رند بلوچن جي قوم مزارين، جي اڄ ڏينهن تائين مشهور چوراٽا آهن، جي مدد سان سارو ملڪ وٺي ويو ۽ ملڪ جي گاديءَ تي، جو ان وقت هڪ معمولي ڳوٺ هو حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. +سهراءُ جو، جنهن سردار اول سڏ اونايو سو قنبر هو[9]. جنهن جو نالو هن فصل جي شروع ۽ شجري جي منڍ ۾ ڏنل آهي. چون ٿا ته هن جا وڏا اصل حبشي هئا ۽ هو هڪ مشهور پير جنهن پنهنجي وقت ۾ ڪيترا معجزا ڏيکاريا هئا، جي اولاد مان هو: تنهنڪري قمبر ۽ سندس پوئلڳن کي پنهن ي هموطنين ۾ هڪ قسم جي اختياري ۽ عزت حاصل هئي. جنهن جا هو حقدار نه هئا. ڇاڪاڻ ته هن کي پوئلڳ گهڻا ڪونه هئا ۽ نه وري ڪا موروثي ملڪيت ئي هئن. البت کيس ڪجه ملڪيت مڪران جي پنجگور ضلعي ۾ هئي. +جڏهن هي ماڻهو جهلوان ۽ سروان جي بلند جبلن تي پهتا ته سهراءُ هنن لاءِ ڪي معمولي لوازما مقرر ڪيا جي هنن جي گذر لاءِ ڪافي ڪونه هئا مگر ٿورن سالن جي اندر هنن لٽيرن کي ماري ناهن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. پوءِ ته کانئن سواءِ ٻي ڪا فوجي طاقت ملڪ ۾ ڪانه رهي، تنهنڪري هو ملڪ جا والي ٿي ويٺا. قمبر، راجا کي گادي تان لاهي، حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ڪيون. ڪيترن هندن کي مسلمان ڪيو ۽ ٻين کي مذهبي جوش ۾ اچي ماريو ويو. +راجا سهراءُ ڪجھ ماڻهن سان زهريءَ ڏي ڀڄي ويو، جتي هن جو پٽ حڪومت ڪندو هو. پر سندن دشمن جي طاقت ڏينهون ڏينهن ويئي وڌندي ۽ نيون نيون قومون هنن سان شامل ٿينديون ويون. آخر انهن هنن کي انهيءَ اجهي مان به ڌڪاري ڪڍيو ۽ هنن شڪارپور، بکر ۽ ملتان جي شهرن ڏانه ڀڄي وڃي پنهنجن ماڻهن ۾ پناهه ورتي. +سهراءُ انهيءَ بلوي جي آخر ۾ مري ويو ۽ هن جو پٽ سنگين قيد ڪيو ويو. هن پنهنجو مذهب ترڪ ڪري دين اسلام اختيار ڪيو. هن جا ٻيا ڪيترا رفيق به مسلمان ٿيا. گرواڻي[10] قوم ۾ اڃا تائين سندن ڌرم ڦيرائڻ جي شهادت آهي. هو هاڻي ڪڇ گندوا ۾ رهن ٿا ۽ صلح پسند محنتي ماڻهو ڪري ليکيا ويندا آهن. هنن جو نمونو لس جي نومرين جهڙو آهي ۽ نه ٽَڪر جي بلوچن جهڙو. +قمبر جي مسند تي ويهڻ کان پوءِ وري به هندو گهراڻي وانگر، هن ملڪ جي تاريخ منجهيل آهي. هنن ماڻهن وت لکيل اتهاس نه آهي، ان جي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ فضول ڪم آهي. هن جي پونين ۾ آهستي آهستي شو جي پوڄارين لاءِ نفرت ڪم ٿيندي ويئي. هنن انهن مان ڪيترن کي سهولتون ڏئي واپس گهرائي پاڻ وٽ رهڻ ۽ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني. +ساڳئي وقت هنن رولو ريڍار قومن کي به شامل ڪيو. انهن کي ججهيون زمينون ڏنائون، ڍلون ۽ لوازما معاف ڪيائون ان شرط تي ته هو قنمبراڻين جي سردار کي مڃيندا ۽ ضرورت جي وقت پنهنجي طاقت مطابق سندن فوج ۾ ڀرتي ٿيندا. +ان باري ۾ سواءِ زباني روايتن جي ٻي ثابتي ڪانه آهي. اهو صلح پسند دستور قنمبر جي چوٿين پيڙهي يعني عبد الله خان جي دؤر تائين قائم رهيو. هو هڪ دلير ۽ باهوس شخص هو. هن جو خيال هو ته ڪچ گندوا وٺجي. ان وقت ڪڇ گندوا مختلف ننڍن سردارن جي هٿ ۾ هو، جي سنڌ جي نوابن جا زيردست هئا. انهن مان ڪيترا کين خرچ ڏيندا هئا. ان لاءِ هڪ وڏي فوج گڏ ڪرڻي پئي. ٻنهي ڌرين کي ڪاميابيون حاصل ٿيون. آخر قنمبراڻين اهو آزاد ملڪ، جو اڃا سندن هٿ ۾ آهي ڪيترن زرخيز ضلعن ۽ ملڪ جي گادي گندوا سميت پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. +انهيءَ لڙائيءَ جي دوران ۾ ايران جو مشهور فاتح نادر شاهه جنهن کي يورپ ۾ ٽامس قلي خان ڪري چوندا آهن، ايران کان هندستان جي فوج لاءِ روانو ٿي نڪتو. قنڌار[11] مان هن ڪيترا فوجي دستا، آزمودگار سپهه سالارن جي هٿ هيٺ بلوچستان ڏانهن موڪليا، جن هن صوبي ۾ سندن حڪومت قائم ڪئي ۽ قلات جي سردار عبد الله خان جا ٻه پٽ سندس چڱي چال لاءِ ضمانت طور شاهي درٻار ۾ موڪليا. عبدالله ان کي نادر شاهه جي حڪم سان ملڪ جي واڳ واپس ڏني ويئي، پر هو جلد ئي خانپور، ڪڇ گندوا ۾ سنڌ جي نوابن سان لڙائي ڪندي مارجي ويو. مگر فتح بروهين کي نصيب ٿي. سنڌين ڏٺو ته هاڻي بچڻ جي ڀيڻي ڪانه آهي، تڏهن هو ملڪ کي تاخت و تاراج ڪندا، شهر ۽ ڳوٺ ناس ڪندا، پٺتي موٽي ويا. +عبدالله خان جي وفات کان پوءِ هن جو وڏو پٽ حاجي محمود خان عرف محبت خان، جو ضمانت طور نادر شاهه جي ڇانوڻيءَ ۾ هو دستور مطابق خلعت پهري قلات وڃي حڪومت جون واڳون وٺي پنهنجي والد بزرگوار جو سليقو ڪونه هو. سنڌي اها حالت ڏسي ٿورن مهينن ۾ لشڪر وٺي ڪڇ گندوا تي ڪاهي آيا. پر بلوچ ۽ ٻيا ماڻهو جن تي هنن گذريل سال ڀڄندي ظلم ۽ سختيون ڪيون هيون، تن گڏجي کين سنڌونديءَ جي پار ڀڄائي ڪڍيو هو. ان جو اوڀاريون ڪنارو وٺي واپس گهر پهتا. +انهيءَ وچ ۾ حاجي محمود خان ظالمانه ۽ بدڪار زندگي بسر ڪرڻ لڳو. هن، بازار جا محصول پيءُ جي حڪومت جي ڏينهن کان ٽيڻا ڪري ڇڏيا. پڻس واپار کي همٿائڻ لاءِ هلڪا محصول وصول ڪندو هو، پر هن حڪم ڪيو ته ڪو به هندو هن جي محل جي ويجهو نه رهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پنهنجن دڪانن مان خارج ٿي ويا. جي هو ڪجهه ڪڇندا هئا يا ڀڄي ويندا هئا ته هو سندن ملڪيتون ضبط ڪندو هو. مطلب ته رعيت جي انهيءَ طبقي کي تنگ ڪرڻ لاءِ بُري ۾ بُريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. +ٻه سال ۽ ڪجهه مهينا ماڻهو انهيءَ جابرانه حڪومت هي+ ڪڙهندا رهيا. قلات جو شهر ويران ٿي ويو. قومن جي سردارن درٻار ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. هو هاجي محمود خان جي حڪمن جي مڃڻ کان لاپرواهي ڪرڻ لڳا. ان وقت نادر شاهه سنڌ کان موٽندي قلات کان ستر- اسي ميلن جي مفاصلي تي اچي لنگهيو. هن عبدالله خان جي ٻئي پٽ نصير خان يعني ظالم محمود خان جي ڀاءُ کي خلعت، انعام اڪرام ڏئي آزاد ڪيو. هيءُ شهزادو فاتح بادشاهه نادر شاهه سان گڏجي دهليءَ ويو هو. هن ڪيترن موقعن تي نادر شاهه کي پنهنجي همت ۽ عقل جون ثابتيون ڏنيون هيون، ايتريقدر جو نادر شاهه کيس درٻار عام ۾ صلاح ڏني ته هو پنهنجي ڀاءُ کي معزول ڪري ملڪ ۾ آسودگي ۽ آرام واپس آڻي. تنهنڪري قلات ۾ جي ٿورا ماڻهو رهيا هئا، تن ۽ ملڪ ۽ صوبي جي سڀني ماڻهن هن جو خير مقدم ڪيو. ڀاءُ کي گهڻوئي سمجهايائقين پر مٿس اثر ڪو نه ٿيو. هڪ ڏينهن سندس ڀاءُ اڪيلو ڪمري ۾ ويٺو هو ته هن وڃي خنجر سندس دل ۾ هنيو[12]. پهريوارن هن جو مقابلو ڪونه ڪيو. جنه وقت ظالم مئو ته نصير خزان جي سرداريءَ جو اعلان ڪيائون ۽ هو مسند تي ويٺو. رعيت ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ جشن ملهايا. تنهن کان پوءِ هن انهيءَ واقعي جو احوال نادر شاهه ڏانهن موڪليو، جو ان وقت قنڌار جي ويجهو ڇانوڻي هڻيو ويٺو هو. شاهه اها خبر ٻڌي خوش ٿيو ۽ ساڳئي قاصد هٿ هڪ فرمان موڪليائين ۽ نصير خان کي هن تذڪري ۾ جي پهريان پنج حصا ڏيکاريل آهن، تن ۾ جا ايراضي اچي وڃي ٿي، تنهن جو بيگر بيگ مقرر ڪيو. +نصير خان اچڻ سان اهڙا ڪم شروع ڪري ڏنا، جن مان رعيت جي وفاداري ۽ عزت حاصل ٿيس. ڀاڻس جيڪي واپار تي محصول وڌا ۽ وڌايا هئا، تن جو ڳچ حصو هن معاف ڪري ڇڏيو. هاڻوڪيون موافق ٽئڪسون وڌائين. گهوڙن ۽ ٻين سڀني قسمن جي چؤپائي مال تان محصول لاهي ڇڏيائين. هو سُنين، شيعن يا مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ جيڪي مذهبي مناظرا ٿيندا هئا تن جو کليو کلايو مذمت ڪندو هو. هن هندن کي لالچائي شڪارپور ۽ ٻين واپاري مرڪزن مان گهرايو، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته انهن مان هن جي ملڪ کي بيحد فائدو پهچندو. هند کي هن ٻيون به ڪيتريون سهولتون ڏنيون، ان لاءِ ته هو قلات ۾ رهن. کين مڪمل مذهبي آزادي ڏني ويئي هئي. سفر جي ڏينهن ۾ هندن کي هر هڪ مال جي اَٺ تان، جو بازار ۾ ايندو هو برهمڻن جي پالنا ۽ مندر جي خرچ لاءِ هڪ پائلي وصول ڪرڻ جو حق مليل هوندو هو. نصير خان هندن کي انهيءَ محصول اڳاڙڻ جي وري نئين سر اجازت ڏني. تنهن کان پوءِ هن فوجي جاگيردارن کي حڪم ڪيو ته هو پنهنجي پٽي مطابق فوج ۾ پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائين. اهڙيءَ طرح هن هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو، جنهن کان پوءِ هو قلات مان خوزدار ۽ پنجگور کان ٿيندو مڪران جي صوبي جي گاديءَ ڪيچ ڏانهن روانو ٿيو. اتان هو اولهه طرف سمرقند جي شهر تائين، جو سندس ملڪ جي سرحد تي هو، ويو. اتان وري اتر کان ڦرندو ديزڪ ۽ خاران جي طرف کان پنهنجي گاديءَ ڏانهن موٽيو. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي ملڪ جي صوبن ۽ ضلعن جي خبرچار وٺي اندروني حڪومت جو انتظام مضبوط ڪيو. قلات واپس اچڻ کان پوءِ هن شهر جي سڌاري جو ڪم شروع ڪيو. موجوده قلعو به هن تعمير ڪرايو هو. تنهن کان سواءِ هن ڪيترا باغيچا پنهنجي خرچ تي آباد ڪرايا ۽ انهن م ڪابل ۽ ايران کان ميون جا وڻ گهرازئي لڳارايا. باغ آباد ڪرائي لائق ماڻهن کي ڏنائين. جن جو سڀ کان سٺو ميوو يا اناج ٿيندو هو، تن کي انعام ڏيندو هو. ڪڇ گندوا ۾ جي بلوچ ۽ ٻيا سردار هئا، تن هن جي اطاعت ڪئي. هو سياسي ۾ ڪجهه وقت وڃي ڪڇ گندوا رهندو هو. هن جو پُٽ اڃا تائين ان معاملي ۾ هن جي پيروي ڪندو آهي. +سن 1747ع ۾ نادر شاهه وفات ڪئي ۽ نصير خان دڪابل جي بادشاهه احمد شاهه، جنهن ابدالي گهراڻي جو پايو وڌو ۽ جنهن جي حڪومت هلندڙ آهي، تنهن جي اَڻ مڃي. لاشڪ ته هن اهو قدم انڪري کنيو جو هن کي ڪابل ويجهو هو. تنهن کان سواءِ هن جي مرضي هئي ته لڙائيءَ کان ڪنهن به طرح پاسو ڪجي. هن پاڻ کي احمد شاهه جو خراجدار نٿي سمجهيو. هن جي خيال موجب هو نادر شاهه جي بادشاهيءَ جو هڪ ادنيٰ حصيدار هو. 1758ع ۾ هن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. احمد شاهه انهيءَ گستاخيءَ جي گوشماليءَ لاءِ پنهجنجي وزير جي هٿ هيٺ هڪ فوجي دستو موڪليو. خان وري جاگيري لشڪر ڪٺو ڪري قلات کان ستر ميل اتر طرفد پرنگووڌ جي ڳوٺ وٽ افغانن جي لشڪر کي شڪست فاش ڏني. جڏهن انهيءَ شڪست جي خبر درٻار ۾ پهتي، تڏهن بادشاهه پاڻ هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي چڙهائي ڪري نڪتو، پرنگووڌ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي مستونگ وٽ هڪ خونخوار لڙائي لڳي، جنهن ۾ نصير خان کي شڪست آئي. هو پوري نظم سان قلات ڏانهن هٽي ويو. جتي هن مقابلي لاءِ اڳيئي مڪمل تياري ڪري ڇڏي هئي. فاتح به سمورو لشڪر وٺ وڃي هن جو گهيرو ڪيو، جيئن هن سمجهيو هو ته دوراني سردارن جي اختلاف سبب محاصري ۾ ڊيگهه ٿيندي، ٽي دفعا شاهي فوج حملو ڪري شهر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هو ناڪمياب ٿيا. آخر بادشاهه صلح جون ڳالهيون ٻولهيون هلايون ۽ عهدنامو ٿيو ته بادشاهه، نصير خان جي سوٽ سان شادي ڪندو. آئيندي جي دوستي قائم رهڻ لاءِ خان، بادشاهه کي خراج ڪونه ڏيندو، پر لڙائي وقت هو فوج لاءِ سپاهي ڀرتي ڪريي ڏيندو. انهن کي هو پنهنجي خرچ تي شاهي ڇانوڻيءَ ۾ پهچائيندو. ان جي عيوض کيس فوج جي اڌ پگهار جيترو معاوضو ملندو. خان وعدو ڪيو ته هو ۽ هن جا پويان ڪنهن به خانه جنگيءَ ۾ مممدد نه ڪندا. انهيءَ وعدي جي ڀڃڪڙي هنن اڄ ڏينهن تائين نه ڪئي آهي. ڪابل جي حڪومت بنسبت جيڪي گهرو جهڳڙا ٿيا آهن، انهن کان هن ڪنارو ڪيو آهي[13]. عهدنامي تي دستخط ٿين کان پوءِ بادشاهه پنهنجي نئين زال، خان جي والده، سالي ۽ زال جي ڪن ٻين رشتيدارن سان گڏجي ڪابل ڏي واپس وريو. +نصير خان جي فوجي لياقتن ۽ قلات جي گهيري جي مدت کي مختصر بنائڻ جي روايرت طور هيءَ ڳالهه بيان ڪئي وڃي ٿي ته هن هڪ ڏينهن احمد شاهه کي سندس تنبوءَ جي اڳيان مُتصلو وڇائي نماز پڙهندي ڏ‎ٺو. هن هڪدم قلعي جي هڪ توب ۾ بارود ڀريو، ۽ ان ۾ گولو وجهي نشانو تَڪي، گولي کي بلڪل انهيءَ هنڌ تي هنيو، جتي بادشاهه ٿوروئي اڳ ۾ سجدو ڪيو هو. چيو وڃي ٿو ته شاهه ان کان هڪدم پوءِ ٺاهه لاءِ سلسله جنباني شروع ڪئي ۽ بعد ۾ هن خان جي توبزنيءَ جي فن ۾ مهارت جي خوب تعريف ڪئي. +سن 62-1761ع ۾، احمد شاهه طرفان نصير خن کان مطالبو ڪيو ويو هو ته ساڻس هندستان جي مهم تي ٻيو ڀيرو به گڏ0جي هلي. هو پنجاب جي شهر لاهور وٽ پنهنجي بادشاهه سان وڃي فوج سميت گڏيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ موجود هو، جيڪا سکن ۽ افغانن جي درميان لڙي ويئي، جنهن ۾ سِکن کي زبردست خونريزيءَ سان شڪست نصيرب ٿي. خان ان کان پوءِ قلات واپس وريو، پر بادشاهه پاڻ دهليءَ جي امداد لاءِ اڳتي وڌي ويو، جنهن کي انهن مرهٽن جي باقي بچيل فوجن کان خطرو لاحق هو، جيڪي پاڻيپٽ جي جنگ مان فرار ٿي نڪتا هئا[14]. سن 1769ع ۾ سڀني ايراني سردارن پاڻ ۾ اتفق ڪري الهندي طرف وارن سڀني افعان علائقن تي حملو ڪرڻ چاهيو ۽ نصير خان انهيءَ حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ وري احمد شاهه جي خدمت ۾ پهتو. شهزادي تيمور ۽ ڪن تجربيڪار سپه سالارن کي الڳ ڪيو ويو ته جيئن اهي خراسان ۾ مشهد جي شهر نزديڪ ايرانين سان جنگ ڪن، ۽ جڏهن جنگ جو پاسو شهزادي ۽ سندس ساٿين جي خلاف پلٽيو، تڏهن نصير خان ٽن هزار چونڊ بلوچي گهوڙيسوارن سان گڏجي نهايت سخت حملو ڪيو ۽ ايرانين کي ماري ڪُٽي پٺتي ڀڄايو. انهيءَ مهم جي دوران ساڳي قسم جي بهادريءَ ۽ صحيح فيصلي جو ٻيو مثال ۽ موقعو تبوس[15] وٽ پيش آيو، ۽ ان جي اختتام وقت، بادشاهه نصير خان کي سندس نمايان خدمات جي صله ۽ پنهنجي شڪر گذاريءَ جي اظهار طور، قلات جي اُتر ۾ شل مستونگ جا ضلعا ۽ سنڌو درياهه جي اُڀرندي ڪناري تي واقع هو روند دجل جا ضلعا هميشه هميشه لاءِ ۽ مڪمل خود مختاريءَ سان عطا ڪيا. انهن شاهاڻن عطيات جي جواب ۾، خان ڪشمير جي صوبي جي بچاءُ لاءِ پنهنجي طرفان رضاڪارانه طور هڪ هزار ماڻهو ساليانه خراج طور موڪلڻ قبول ڪيا. +انهن واقعن کان ڪجهه سال پوءِ، بهرام خان ڪابل کان پوءِ واپس آيو، جتي هو احمد شاهه ابداليءَ سان سندس همشيره جي شديءَ واري موقعي تي گڏجي ويو هو ۽ واپسيءَ تي هن پنهنجي لاءِ آمدنيءَ مان سندس حق کان وڌيڪ حصي لاءِ مطالبو ڪرڻ ذريعي فسادن جي باهه ڀڙڪائڻ شروع ڪئي، نيٺ منزل انهيءَ هنڍ اچي پهتي ته هو نصير خسان سان گڏ حڪومت ڪرڻ ۾ هڪجيتري حصي کان گهٽ، ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿي رهيو هو ۽ آخرڪار ٻنهي ڌرين انهيءَ سوال جو فيصلو ترار سان ڪرڻ لاءِ لازمي طور جنگ جو ميدان گرم ڪيو، بهرام ان کي ڪيترن ئي معرڪن ۾ شڪست نصيب ٿي ۽ هن کي قلات جي ويجهو ڪؤهڪ نالي هڪ مقام وٽ ڪيل خونريز مقابلي جي نتيجي ۾ مڪ مڪمل شڪست ملي. هو ڪابل هليو ويو ۽ نصير خان جي حياتيءَ ۾ وري ڪڏهن به بلوچستان جو رخ نه ڪيائين. نصير خان، جنهن تمام خوشگوار ۽ آسودگيءَ واري حڪومت ڪرڻ بعد تمام وڏيءَ عمر ۾، جون 1795ع جي دوران انتقال ڪيو، پنهنجي پويان ٽي پٽ ۽ پنج ڌيئرون ڇڏيون. قلات جو موجوده سردار محمدو خان، جيڪو هن جو وڏي کان وڏو پٽ آهي، ان وقت اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار جو هڪ ڇوڪرو هو. +اسين جيڪڏهن نصير خان جي اخلاق تي هڪ سپاهيءَ، هڪ ملڪي مدير، خواهه هڪ شهزادي هئڻ طور غور ڪنداسون ۽ انهن ماڻهن جو تصور ڪنداسون، جن ۾ هو پيدا ٿيو هو، ته اسين منجهس انهن سڀني خوبين ۽ خصلتن جو هڪ انتهائي حيرت انگيز اشتراڪ ڏسنداسون، جيڪي اُنهن عهدن ۽ فرضن سان وابسته هونديون آهن. هن پنهنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي خواريءَ بعد پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو: ان جي باوجود، جڏهن به کيس انهيءَ فعل تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ فرصت هوندي هئي، تڏهن کيس اهڙا ته دل جا چَڪ سهڻا پوندا هئا، جو خود سندس دشمن به مٿس ڪَهل ڪندا هئا ۽ سڄي زندگي جي دوران هن جي هلت چلت مان اهو ثابت ٿيو ته هن پنهنجي ملڪ کي بچائڻ خاطر، پنهنجي ڀاءُ جي زندگيءَ جي قرباني ڏيڻ کي پنهنجو منصبي فرض سمجهيو هو؛ هن جي دولت جي چمڪ دمڪ جو اثر يقيناً ڪونه ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هو سڄي حياتيءَ جي دوران ڪڏهن به پنهنجن خادمن سان بهتر طريقي سان نه رهيو، جڏهن اهي جنگ جي ميدان ۾ هوندا هئا. هن دولت کي لياقت لاءِ انعام طور ڏيڻ ۽ پنهنجي رعايا جي حالات کي بهتر بنائڻ جو ذريعو هئڻ کان وڌيڪ ڪڏهن به نه سمجهيو ۽ نه ان لاءِ ڪڏهن محبت جو اظهار ڪيو. هو گهڻو ڪري پئسن جي صورت ۾ انعامات نه ڏيندو هو ۽ بار بار چوندو هو ته هن ائين ڏٺو آهي ته ائين ڪرڻ سان سستي ۽ ڪاهليءَ جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي: پر جڏهن به ڪنهن ڪاريگر هن وٽ پنهنجي فن جو ڪو نادر نمونو پيش ٿي ڪيو، تڏهن هو ان کي انهيءَ شئي جي قيمت کان ڏهوڻي يا ٻارهوڻي قيمت جو ڪپڙو يا ڪي ٻيون ضرورت جون شيون ڏيڻ جو حڪم صادر ٿي ڪيو. هن هڪ ملڪي مدير جي حيثيت ۾ ٿورن ئي مهينن اندر هڪ وسيع بادشاهيءَ کي، جيڪا هن کي هڪ ظالم فاتح طرفان عطا ڪئي ويئي هئي. پنهنجي اختياري ۽ احڪامات مڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڏيکاريو ۽ جيڪا ڳالهه هن جي قابليت جو ثبوت فراهم ڪري ٿي، سان اها آهي ته سندس بادشاهيءَ جا انتهائي دور دراز علائقا به سندس احڪامات کي مڃڻ لاءِ اهڙائي تيار رهندا هئا، جهڙا هن جي ويجهڙائيءَ وارا علائقا انهن حڪمن جي پيروي ڪندا هئا. هڪ شهزادي جي حيثيت ۾ سندس عدل، انصاف ۽ فرضن جي منصفانه ادائگي ايتريقدر ته نمايان ۽ ظاهر هئي، جو هن جو نالو سندس ويجهن هموطنين ۽ بلوچستان جي انتهائي مغربي ڇيڙي تائين رعايا جي سڀني طبقن وٽ هڪ ضرب المثل بنجي چڪو هو ۽ اڃا به آهي. مطلب ته جيڪڏهن نصير خان ڪنهن باشعور قوم تي حڪومت ڪري ها، يا هڪ اهڙي بادشاهيءَ ۾ هجي ها، جنهن کي يورپي ماڻهو وڌيڪ سڃاڻندڙ هجن ها ته هن کي سندس حياتي3ءَ جي دوران ايشيائي شهزادن جي درمياسن هڪ عجيب و غريب شاهڪار سمجهيو وڃي ها. هو سخي، بهادر، عادل، دل جو وڏو ۽ معاف ڪندڙ، ادبار ۽ مصيبت ۽ صابر هو ۽ هن جي سچائي ۽ صداقت اهڙي ته مضبوط هئي، جو هن کي ڪڏهن به ڪنهن انتهائي خسيس وعدي خلافي ڪرڻ يا ان کي پوري ڪرڻ کان گوٿناٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نه ڏٺو ويو. +هن معزز سردار جي انتقال ٿيڻ تي، جنهن جي اخلاق جو هڪ ناقص خاڪلو پيش ڪرڻ جي مون ڪوشش ڪئي آهي، سندس سؤٽ بهرام خان حڪومت تي قابض ٿيڻ جي هڪ ڀيري وري جدوجهد ڪئي ۽ محمود خان جيڪو، جيئن مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي ته اڃا بار هو، تنهن جي وزيرن کي مجبور ٿي هن کي ڪڇ گندوا جو علائقو ۽ شهر هڪ معاهدي جي تحت حوالي ڪرڻو پيو، جنهن معاهدي جي تحت هن مٿئين سردار جي باقي بچيل علائقن دست درازي نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو: پر هو پنهنجي انهيءَ وعدي تي ٿوري عرصي تائين مس عمل ڪري سگهيو ۽ ان کان پوءِ هن هڪ وڏو لشڪر جمع ڪيو، جنهن ۾ خاص طرح سنڌين ۽ ٻين پگهاردار سپاهين جو گهڻو تعداد شامل هو. محمود خان ان وقت جي ڪابل جي بادشاهه زمان شاهه کي به مدد لاءِ درخواست ڪئي ۽ انهيءَ بادشاهه هن معاملي ۾ مصالحت ڪرائڻ لاءِ پنهنجي درٻار جي هڪ اميدر کي اوڏانهن روانو ڪيو. بهرام خان، بهرحال ڪنهن به ٺاهه جي ڳالهه ٻڍڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن جو فقط اهو مطالبو هو ته محمود خان حڪومت تگان دستبردار ٿئي ۽ اها سندس زندگيءَ تائين سندس سپرد ڪري وڃي: جنهن جي نتيجي ۾ لازمي طور جنگ جو اعلان ڪيو ويو. ڪيترن معرڪن کان پوءِ، جن مان اڪثر مقابلن ۾ باغي سردار ڪامياب ٿي رهيو هو، ٻيئي لشڪر، جن جي قيادت ٻنهي طرفن جا خان پاڻ ڪري رهيا هئا، ڪڇ گندوا جي هڪ مقام دهن دره[16] وٽ اچي دوبدو ٿيا ۽ بهرام خان جي فوجن کي ڪيترن ئي قبلين جي غداريءَ جي نتيجي ۾ شڪست فاش آئي، جيڪي هن کي جنگ هلندي ڇڏي فرار ٿي ويا: هو پاڻ به زخمي ٿي پيو ۽ سنڌ جي دارالحڪومت حيدرآباد طرف ڀڄي ويو، جتان جي اميرن زمان شاهه جي غضب کان خوفزده ٿي هن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو؛ چنانچه، هو ان کان پوءِ بهاولپور طرف ڀڄي ويو، پر هو رستي ۾ زبردست ٿڪاوٽ ۽ بي آراميءَ سبب انهيءَ شهر[17] کان هڪ سئو ويهه ميل پري قلندر شاهه جي ٽنڊي يعني ڳوٺ وٽ فوت ٿي ويو. +تخت ۽ تاج جي انهيءَ دعويدار کان علاوه، محمود خان کي پنهنجي ماٽيجي ڀيڻ سان پڻ منهن ڏيڻو پيو، جنهن جيئن ئي بهرام خان جي وفات جي خبر ٻڌي، تيئن ئي انهيءَ سردار جي ڌيءَ کي سڌ جي شهر لاڙڪاڻي وٺي ويئي، جتان هن انهيءَ علائقي جي چوٽيءَ جي سردار مير غلام علي ٽالپور ڌانهن هڪ قاصد موڪليو ۽ کيس هيءَ آڇ ڪئي ته سندس لشڪر محمود خان کي تخت تان لاهڻ ۽ هن جي ننڍي ماٽيجي ڀاءُ کي مسند تي ويهارڻ ۾ مدد ڪري ۽ ان جي بدلي ۾ هن کي بهرام خان جي ڌيءَ سان شادي ڪرائي ويندي. هن معاملي ۾ انهيءَ خاتون جي ارادن متعلق ڪابه وضاهت نه ملي سگهي آهي. پر خيال آهي ته ڪو خانداني جهڳڙو ئي ان جو ڪارڻ هو. مير غلام عليءَ هر اهو وعدو ڪيو، جيڪو هن کان گهريو ويو ۽ هو لاڙڪاڻي آيو، جتي هن جو نڪاح پڙهيو ويو ، پر جيئن ئي ڪنوار هن جي قبضي ۾ پهتي تيئن ئي هن ا��و اعلان ڪيو ته هو قلات جي حڪومت جي گهريلو معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه ٿو رکي. جڏهن محمود خان کي سنڌ جي انهيءَ امير جي اهڙي ارادي جي خبر پيئي ته هو قمبراڻي قبيلي جي هڪ عورت سان تعلقات ڳنڍڻ چاهي ٿو، تڏهن هو سندس انهيءَ ديده دليريءَ تي سخت ڪاوڙيو، پر جيئن ته سَڱ[18] يا معاهدو اڳي ئي ٿي چڪو هو انڪري اهو جنگ کان سواءِ ٽُٽي نه پئي سگهيو ۽ جيئن ته هو ان وقت جنگ لاءِ تيار ڪونه هو، انهيءَ ڪري هو خاموش رهيو؛ بهرحال، هن ڪابل جي بادشاهه ڏانهن هڪ خط لکي موڪليو، جنهن ۾ هن ٽالپرن[19] کان انهيءَ بيعزتي لاءِ انتقام وٺڻ جو قسم کنيو، جيڪا انهيءَ گهراڻي جي سربراه سندس خاندان جي ڪئي هئي. انهيءَ ڪاوڙ کي سنڌ جي اميرن طرفان قلات جي گهريلو جهڳڙن مان فائدو وٺي، ڪراچيءَ جي بندرگاهه واري شهر تي ڪيل قبضي، آقي باقي باهه تي تيل جو ڪم ڪيو، جو اهو بندر مير نصير خان جي وفات کان اڳي بلوچي حڪومت جو هو. +ڪيترن ئي صوبن ۽ ضلعن جي گورنرن ۽ حاڪمن پنهنجي اعليٰ حڪمران جي اها حالت ڏسي ته هو سندن غداريءَ لاءِ کين ڪابه سرزنش ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي، کيس ساليانه رقم موڪلڻ بند ڪري ڇڏي ۽ هن جي نالي ماتر برتري به تسليم ڪرڻ کان روگرداني ڪئي ۽ انهيءَ زماني کان وٺي، قلات جي خانن جا علائقا آهستي آهستي اهڙي طرح گهٽبا رهيا آهن، جو هن وقت هاي فقط ايترا وڃي بچيا آهن، جن جو هن تذڪري جي ٽئين حصي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. +اهو آهي بلوچستان جي تاريخ جو قديم زماني کان وٺي سال 1810ع تائين مختصر خاڪو. انهيءَ پوئين سال کان وٺي، متواتر گهريلو جهڳڙن اڳي کان وڌيڪ خراب نتيجا ڪڍيا ۽ نصير خان جي ٽن پٽن مان هاڻي باقي فقط هن جو سڀني کان وڏو پٽ زنده آهي، ٻيو نمبر پٽ مير مصطفيٰ خان سال 1811ع ۾ هڪ شڪار جي پارٽيءَ ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي هٿان مارجي ويو، جنهن بعد ۾ فوجون گڏ ڪيون ۽ قلات جي سڀني کان وڌيڪ آسودي ضلعي هروند دجل تي قبضو ڪيو. محمود، جيڪو هڪ رحمدل ۽ سست ماڻهو آهي، تنهن هن برادرڪُش ڀاءُ کي سندس وفادارن جي حلقي ۾ واپس اچڻ تي آماده ڪرڻ چاهيو ۽ هن کي غير مشروط معافي ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي، پر هو ڪنهن به شرط شروط تي ڪَن ڌرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، ۽ هن جي انهيءَ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ سن 1812ع جي نومبر مهيني ۾ زهري قبيلي جي سردار قادر بخش جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ لشڪر موڪليو ويو. هروند دجل جي هڪ ڳوٺ مونيءَ وٽ ٻنهي ڌرين ۾ جنگ جوٽي ويئي، جنهن ۾ قمبراڻي خان، پنهنجن چاليهن خانزادن، يعني گهريلو ٻانهن سميت مارجي ويو. سندس فوج جي باقي ٻئي حصي جنهن گهڙيءَ پنهنجي سردار کي ڪِرندي ڏٺو، جو هو جنگ ڇڙڻ کان پوءِ تمام جلد ئي مارجي ويو هو، پنهنجا هٿيار کڻي اڇلايا ۽ پناهه گهريائون. بعد وارن بيانن ۾ چيو ويو آهي ته محمود خان پنهنجي اختياري سڄي بلوچستان ۾ انهيءَ ساڳئي بنياد تي دوباره قائم ڪرڻ جا خيال ڪري رهيو آهي، جا هن کي سندس مرحوم والد کان حڪومت سان ورثي ۾ ملي هئي. پر انهيءَ ملڪ ۾ رهندي مون جيڪو مشاهدو ڪيو آهي، تنهن کي جڏهن هن سردار جي مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل ڪاهليءَ ۽ ڪمزور ارادي سان ملائي ڏسجي ٿو ته يقين ٿئي ٿو ته هن جي انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ جو ذري برابر به ڪو امڪان ڪونهي ۽ جيڪڏهن سندس علائقي جي آخري الهندي ڇيڙي جي ڪنڊ وٽ آباد بلوچي قبيلا هن جي خلاف ڪو ٿوروئي زور لڳائيندا ته آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته هن کي سندس موجوده محدود علائقن کان به جلد ئي نيڪالي ڏيئي ڪڍي ڇڏيندا. +[1] . ڏيهي ڪتابن مطابق مون سلجوقين کي ترڪمان سڏيو آهي. سلجوقي ۽ مغل تاتاري نسل جا آهن، مگر کين هڪ ئي قوم ڪري سڏڻ اهڙو غلط ٿيندو جهڙوڪ هسپالين ۽ فرينچن کي يورپي قوم ڪري سڏڻ. +[2] . برابر 1328ع. +[3] . ڏسو ڊو جو هندستان. +[4] . زمين انعام ۾ ڏنل. +[5] . فصل 14 ڀاڱو پهريون. +[6] . مون هتي مجمع الواردات جي حوالي جو ترجمو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪجهه مونجهارو ٿو نظر اچي. مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ مراة الجناة ۽ گزيده نامي جا حوالا ڏئي ٿو، مگر هو هڪ غير جانبدار تاريخ نويس جي بدران هڪ واسطيدار تعصبي وانگر لڳي ٿو. هتي شايد هن جو مطلب آهي ته نو مسلم پناهگير ۽ غازي سڀ هڪ قوم هئا. هن جي لکڻ جو طريقو صاف نه آهي. هو پارسين ۽ هندن کي ڪافر ۽ گبر يعني بُت پرست ڪري سڏي ٿو. مون انهن ۾ امتياز ڪيو آهي ۽ فرض ڪيو اٿم ته ويڪرائي ڦاڪ جو 65 خط کين جدا ڪري ٿو. آءٌ اڳتي هلي ثابت ڪندس ته هندو سنڌونديءَ جي اولهه ۾ رهندا هئا. +[7] . ڏسو ڀاڱو پهريون 27- مارچ جو روزنامچو آتشڪده. +[8] . گدِي معنيٰ تڪيو- پر تخت ۽ مسند کي به چوندا آهن، جن تي هندو راجائون ويهي راڄ هلائيندا هئا. +[9] . بلوچڪيءَ ۾ قمبر لفظ جي معنيٰ آهي حبشي. قمبراڻي ان مان نڪتل آهي. محمود خان، قمبراڻي قوم جو آهي. +[10] . گرواڻي يعني گروءَ جا شِش. +[11] . قنڌار دوراني علائقي جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ قلات کان اٽڪل ٽي سئو ميل اتر- اولهه طرف آهي. +[12] . هن واقعي بنسبت ٻه روايتون آهن: هڪڙي جيئن مٿي ڏني ويئي آهي. ٻين جو چوڻ آهي ته نصير ان محل جي پهريدارن کي اندر وٺي وڃي ڀاءُ کي مارايو. هيءَ روايت معقول نظر اچي ٿي. مگر نصير خان پوءِ هميشه ان ڳالهه تي ارمان ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مون هي بڇڙو ڪم ملڪ ۽ قوم خاطر ڪيو. +[13] . 1810ع ۾ جڏهن ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ آءٌ قلات ۾ هئاسين، تڏهن شاهه محمد، شجاع الملڪ جي خلاف مدد لاءِ محمود خان ڏانهن خط لکيو هو. خان جواب ڏنو ته ڪابل جي بادشاهه جي حڪومت تي ڪو بيروني حملو ٿئي ته آءٌ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. بيروني نوڪري لاءِ فوج کپي ته اها به ڏيندس، مگر سندس والد احمد شاهه، جو عهدنامو ڪيو هو. تنهن مطابق مون کي گهرو لڙائيءَ ۾ دخل ڏيڻو نه آهي. +[14] . پاڻيپٽ جي جنگ جنوري 1761ع ۾ جوٽي ويئي. ان جو بهترين ۽ تفصيلوار بيان ايشياٽڪ ريسرچز، لنڊن، پنجين ايڊيشن ص 91 ۾ ملي سگهي ٿو. +[15] . نصير خان هڪ فريب سان تبوسي فوج کي هڪ ڪمين گاهه ۾ وڃي پهچايو ۽ جڏهن هنن ۾ افراتفري ڦهلي، تڏهن نصير خان پنهن جي گهوڙيسوار فوج سان مٿعن اوچتو حملو ڪيو. چوڌاري گهٻراهٽ جو عالم هو، جنهن جي ڪري سڄو ايراني لشڪر لفظر طور تباهه ٿي ويو. تبوس هرات کان 320 ميل پري آهي. حوالو: ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي جرنل، مورخه 7- جون جو ضميمو. +[16] . لفظي معنيٰ آهي ماٿريءَ جو منهن. +[17] . بهاولپور جو شهر گروه درياهه جي اڀرندي ڪپ تي ويڪرائي ڦاڪ 29 ڊگريون 25 منٽ، ۽ ڊگهائي ڦاڪ 71 ۽ 59 منٽ اوڀر طرف آهي. اهو شهر بهاول خان، جنهن کي عام طور دائود پوٽو يعني دائود جو اولاد سڏيو ويندو آهي، تنهنجي علائقن جو دارالحڪومت آهي. +[18] . سَڱ جي باري ۾ بيان لاءِ حصو پهريون، باب چوٿون ”شاديءَ جون رسمون“. +[19] . ٽالپر هڪ تمام گهٽ درجي وارو قبيلو آهي، جنهن ڳالهه محمود خان جي ڪاوڙ کي وڌيڪ مهميز لڳائي. بحواله سيڌ صوبي جو بيان، حصو 6، باب 12. + + +بلوچڪي ۽ بروهي زبانون لکيل نه آهن، تنهنڪري جيڪ وبه احوال ملي ٿو سو روائتي ۽ غير معتبر آهي، بلوچ يا بلوچڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو پاڻ کي ايران جي پهرين مسلم فاتحن سان ڳنڍيندا آهن. سندن دعويٰ آهي ته هو عرب نسل جا آهن. عام خيال آهي ته هو هڪ افغان قوم جي اولاد مان آهن. جيتوڻيڪ بلوچ خود انهيءَ ڳالهه جا منڪر آهن. هنن جي اها دعويٰ صحيح نظرا چي ٿي ڇاڪاڻ ته هو افغانن کي ويجهو هوندي به مختلف زبان ڳالهائين ٿا. +مگر مان انهن جي اها دعويٰ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان هو اسلام جا بنيادي مبلغ آهن. انهيءَ شان جي دعويٰ خسيس قوم ڪندي آهي، پر ان ڳالهه ۾ ذري ماتر به شڪ ناهي ته هو مغرب کان آيل آهن. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي هن مان ملي ٿي ته بلوچڪي ايراني زبان سان گهڻو ملي اچي ٿي، تنهن کان سواءِ قوم جا زياده ماڻهو اولاهين سرحد تي رهن ٿا. بلوچستان جو هاڻوڪو نالو به ان تي انهيءَ ڪري پيو آهي. نادر شاهه نصير خان کي بيگلار بيگ جو خطاب عطا ڪيو هو سو بلوچن جو، بروهين کان وڌيڪ واقف هو تنهنڪري هن ان ملڪ تي انهن جو نالو وڌو. فرض ڪيو ته هنن جو مغرب کان لڏي اچڻ جو مسئلو حل ٿيو پر مکيه سوال جو اڃا فيصلو ڪرڻو آهي. سوال آهي بلوچ ڏيهي ماڻهن يا ايران جي فاتحن جي ڪهڙي طبقي مان آهن. بدقسمتيءَ سان ترڪي يا تاتاري زبانن کان واقف نه آهيان نه ته هوند انهيءَ مسئلي تي ڪافي روشني پئجي سگهي ٿي. پر نه هنن جا نقش عربن سان ٿا ملن نڪي رسمون رواج ۽ زبان. تنهنڪري دعويٰ بلڪل رد ڪجي ٿي. +سلجوقي تاتاري هجري سن جي پنجين صديءَ جي شروع ۾ پهريون ڀيرو خراسان ۾ ظاهر ٿيا ۽ ڏهن ورهين جي عرصي ۾ سندن سردار تغزل بيگ غزنوي گهراڻي جي حڪومت ڇني پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. تنهن کان پوءِ اها هن جي وارث الپ ارسلان جي هٿ آئي ۽ سلجوقي سلطنت جو حصو ٿر رهي تان جو ڏيڍ سئو سالن بعد انهيءَ قوم جو خاتمو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ بلوچن جي قوم ۽ پاڙن جا نال ڪيترا دفعا ورتل آهن، بلڪه ائين به ڏيکاريل آهي ته انهن ئي ضلعن ۾ رهندا هئا، جتي هو هاڻي رهن ٿا. +ملڪ ۾ انقلاب آڻي لٽيرن ڪيئن هڪٻئي پٺيان حڪومت جون واڳون هٿ ڪيون، تنهن جو هت احوال ڏيڻ جو ضرور ڪو نه آهي. يونان ۽ ايشيا جي مستند تاريخ نويسن کان معلوم ٿيو آهي ته انهن سردارن جي موت يا هار کان پوءِ سندن فوجون ڇڙ وڇڙ ٿي ويون ۽ سندن وحشي سپاهي رلندي رلندي وڃي ڪو ٻيو فائدي وارو پيشو اختيار ڪيو يا ڪنهن ٻئي ڪامران سردار جي نوڪري ڪئي. منهنجي خيال ۾ بلوچن جي به اهائي حالت رهي. ڪيترين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ترڪماني نسل جا آهن. سواءِ سندن زبان جي، باقي سڀ ڳالهيون مثلاً: هنن جون رسمون رواج چال چلن ۽ مذهب ساڳيا آهن. هنن جي زبان ڇو مختلف ٿي آهي تنهن جي لاءِ هڪ تمام معقول سبب آهي: سلجوقي گهڻي وقت کان ايران ۾ آباد هئا جو ان وقت ايشيا جو واقعي سڀ کان سرسبز ۽ صحب مخش ملڪ هو. قدرتاً هنن مڪاني زبان اختيار ڪئي. جڏهن خوارزم جي شهزادن اتان کين هڪالي ڪڍيو ته هو پنهنجي زبان به پاڻ سان کنيو آيا. خوارزمين کان پوءِ چنگيز خان وارا مغل آيا، هنن جي زبان ۾ ڀروارين قومن سان ملڻ ڪري ڪي معمولي ڦيريون گهيريون ٿيون آهن. [1] +ڪي پڙهندڙ شايد انهيءَ خيال جا هجن ته بلوچ مغل نسل جا آهن: تنهنڪري آءٌ ترڪمانن جي تائيد ۾ پنهنجا وڌيڪ دليل مفصل طور ڏيندس. ٻيا صاحب جي مون کان قابل آهن، ضرور سمجهن ته ان باري ۾ وڌيڪ کوجنا ڪري سگهن ٿا: مغل قوم، جنهن جو ٻين سڀني کان، جن جو مون ذڪر ڪيو آهي، وڌيڪ مجمل احوال ملي ٿو. پهريائين قوم چنگيز خان جي هٿ هيٺ نمودار ٿي. هُن ۽ هُن جي پوين سڀني حڪومتن کي اُلٽ پُلٽ ڪري ڇڏيو. خوارزمي بادشاهن جي ڪيني کان تنگ اچي، هشام ماڻهو، جي صدين کان ايران ۾ آباد هئا ڀڄڻ لڳا. ڪي سيستان ويا ۽ ڪي ٻين ڀروارن ملڪن جهڙوڪ: سنڌ، سيوستان جي تاريخ[2] جو اختصار ڏنل آهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته 743 هجري ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ڏهه هزار مغل رهندا هئا. ۽ کين هڪ جدا محلو مليل هو جنهن کي مغلواڙو سڏيندا هئا. اهو محلو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو آهي. ساڳئي ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي ته 734 هجريءَ ۾ جلوا، نالي هڪ مغل سردار سيستاند تي ڇهه هزار ماڻهو ساڻ ڪري جبلن مان لنگهي اوچتو وڃي سنڌونديءَ جي اولهه ۾ جو ملڪ آهي تنهن تي حملو ڪيو، پر ملتان، سنڌ ۽ اُچ جي حاڪم جي فوج کيس گهيرو ڪيو ۽ هن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. هن شهنشاهه علاؤالدين[3] جي اَڻ مڃي ۽ کيس ۽ سندس سردارن کي جاگيرون[4] ڏنيون ويون ۽ سندن ڏوهه معاف ڪيو ويو. +اهي مثال ثابت ڪن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ مغل انهن ملڪن ۾ رهندا هئا. پر ان کان پوءِ هندستانف تي ڪيتريون ڪاهون ٿيون. پٺاڻن جي حڪومت نيٺ ختم ٿي ۽ هلندڙ حڪومت جو پايو پيو ۽ انهن رولو ۽ بکين لٽيرن کي پنهنجن پنهنجن هموطنين جي جهنڊي هيٺ لڙڻ جو موقعو مليو، تنهنڪري هو پنهنجو نئون فتح ڪيل ملڪ ڇڏي وڃي هندستان جي لُٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا. کين اهڙي ڪا ڪشش ٿي جو انهن جي پوئين جو ڪو به نشان ڪونه ٿو ملي. اهڙا ڪي به ماڻهو ڪونه رهيا آهن جن لاءِ خاطريءَ سان چئي سگهجي ته هو هنن جو اولاد آهن: انهن بيٺڪن جي غائب ٿيڻ جو سبب اهوئي ٿي سگهي ٿو ته هو خود لڏي ويا، جيڪڏهن ڪو ٻيو سبب هجي ها ته ڏيهي تاريخ نويسن جن جون تصنيفون مون پڙهيون آهن، ضرور ان جو ذڪر ڪن ها. +بلوچن جي اصل نسل ڏيڻ کان پوءِ، هاڻ آءٌ بلوچستان جي ٻين قومن ڏانهن توجهه ڏيندس. جي آدمشماريءَ جي ڪثرت ۽ هاڻوڪن سردارن جي رتبي جي لحاظ کان بروهين جو ذڪر پهرين اچڻ کپي، پر هنن جي تاريخ منڌل آهي. ڪا دلچسپي منجهس ڪانهي. تنهنڪري ان جي وڌيڪ ذڪر ڪرڻ جي گنجائش ڪانهي. ڏسجي ٿو هُو هڪ تاتاري پهاڙي قوم آهن، جي ڪنهن زماني ۾ ايشيا جي ڏاکڻن ملڪن ۾ اچي ويٺا هئا. هو جبلن ۾ رهندا هئا ۽ خانه بدوش زندگي هوندي هين. کين پنهنجا سردار ۽ پنهنجا قانون هوندا هئا. ڪيترين صدين کان پوءِ هو جذب ٿي ويا. قلات ۽ بلوچستان ۾ جا هنن هيثيت حاصل ڪئي، تنهن لاءِ هڪ خاص سبب آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ڪبو. +جنهن ملڪ کان هو بلوچستان آيا، تنهن جي ڪيفيت خاطريءَ سان ڏيئي نٿي سگهجي ۽ جا ڏيڻ هن موضوع لاءِ ضروري آهي: هنن جو پيشو گهرو زندگيءَ جو نمونو ڏيکاري ٿو ته اصل پهاڙي ماڻهو هئا. سندن چوڻ آهي ته بروهي لفظ جو اشتقاق آهي برمعني تي، روهه يعني ٽَڪر. ٿٻيٽ ۾ جا زبان ڳالهائي ويندي آهي ان ۾ به انهن لفظن جي اها معنيٰ آهي. پر اهو دليل خاطريءَ جهڙو ناهي. ملڪ جي هڪ حصي ۾ بلوچن کي ند، نهروئي يا نِروهي يعني ٽَڪرن ۾ نه رهن، چئجي ٿو. اهو نالو مٿن ان ڪري پيو جو هو يعني بروهي جبلن ۾ اچي رهيا، پر هنن هيٺ وارن ضلعن، وادين ۽ پٽن ۾ رهڻ پسند نه ڪيو. +بروهي قوم متعلق جيڪي مون هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ لکيو آهي[5] ان ۾ مون ڏيکاريو آهي ته هنن جي پراڻي تاريخ ڏند ڪٿائن ڏ0يڻ جو خسيال هو مگر مون ڏٺو ته انهن فضول ۽ احمقانه ڳالهين کي باريڪ نظر سان ڏسڻ، اجايو وقت وڃائڻو آهي. انهن جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته هو ملڪ جا اصلي رهاڪو آهن. +بروهي، دنيا کان دور پنهنجن ڏيهي جبلن ۾ رهن ٿا. انهن مان ڪيترن کي اسلام کان اڳ جي ڪا خبر ڪانهي سواءِ ان جي ته عالم اڳ به موجود هو، جيئن قرآن ۾ لکيل آهي. مگر قرآن انهن مان ڪو ورلي پڙهي سگهندو آهي. هنن جو سارو مدار جاهل فقيرن تي هوندو آهي، جي اسلام جي محبت ۽ پنهنجي پيٽ خاطر خيلن ۾ وڃي پنهنجي مقصدن مطابق ماڻهن کي الاهي احڪامن کان واقف ڪندا آهن. اها اڌوري ۽ مشڪوڪ سِکيا ڏند ڪٿائن لاءِ رستو تيار ڪري ٿي. وڏن جي عجيب و غريب ڳالهين، افسانن ۽ ڏ��دڪٿائن ۾ ته هنن جو سورهن آنا اعتبار هوندو آهي، تنهنڪري هي ماڻهو بلڪل جهالت ۾ آهن. +دهوارن جي باري ۾ فقط ٻه- ٽي عرض ڪندس. ڪنهن وقت منهنجو خيال هو ته هو گبر يعني قديم ايراني آهن جي زوريءَ اسلام اختيار ڪرڻ کان ڀڳا هئا. پر مون کي تازين کوجنائن مان معلوم ٿيو آهي ته اهي ماڻهو مختلف نالن هيٺ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. هو سڀ اصل ايراني زبان ڳالهائيندا آهن. هنن جي چال چلن ۽ پيشو هڪجهڙو آهي. تعجب ته هيءُ آهي ته ساڻن ساڳيون ئي بندشون ۽ رعايتون لاڳو آهن جي بلوچستان ۾ لاڳو آهن. ان مان ظاهر آهي ته هو ڪي ڪنهن ٻئي ملڪ مان لڏي آيا هئا ۽ کين ڪن سرطن تي اتي رهڻ ڏنو ويو هو. +اها ڳالهه تسليم شدهه آهي ته عربن قرآن جي مبلغن جي حيثيت ۾ ايشيا ۾ پهريون مخالف قدم ارڙهين هجري (203ع) ۾ رکيو، پر هو ڪرمان، عراق، عجم ۽ مڪران جي ڏکڻ- اوڀر وارن صوبن ۾ جتي هنن جي گهڻي مخالفت ڪانه ٿي، هجري سن جي ٽيهين يا ايڪٽيهين سالن کان اڳ ڪونه ويا هئا. +هن جي موت کان پوءِ گبر سڀ ٽِڙي پکڙي ويا. جيئن اسلام جي فوج اوڀر طرف وڌندي ويئي تيئن هيءَ بدبخت قوم به پکڙندي ويئي تان جو تخت زمين تان غائب ٿي ويا[6]. جي تاريخون مون مطالعي ڪيون آهن تن ۾ گبرن جو وڌيڪ احوال مسعود جي حڪومت 427 هجري تائين ڪونه آهي. مسعود جي ڏينهن ۾ ڪي ٽِڙيا پکڙيا، گبر مڪران ۽ سيستان جي صوبن ۾ هئا، جتان هو شايد ايران واپس آيا. هو اڪثر يزد ۾ رهن ٿا[7]. +مٿين ٻن فقرن ۾ مون پنهنجي دليلن جو اختصار ڏنو آهي ڇو ته منهنجي خيال مطابق هو دهوار گبرن جي نسل مان آهن. فقط هنن جو تعداد ئي ان راءِ جي خلاف هڪ دليل ٿي سگهي ٿو. +مون پنهنجو رايو پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. ٻيا صاحب، جن کي ان باري ۾ دلچسپي هجي سي وڌيڪ کوجنا ڪري سگهن ٿا. بلوچستان جي ڏيهي ماڻهن جي طبقن ۾ باقي رهيا هندو منهنجي خيال موجب هو پهريان ماڻهو هئا جن سنڌ، لس ۽ مڪران مان خليفن جي فوج کان ڀڄي وڃي مڪران جي جبلن جا مٿيان ڀاڱا وسايا. هي وقعو سنڌ جي تاريخ جو آهي جا هن ڪتاب جي ڇهين ڀاڱي ۾ ڏنل آهي. پڙهندڙن جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪائجي ٿو. +جيئن آءٌ اڳيئي ڪٿي چئي آيو آهيان ته هندن جي نڪرڻ جو واقعو هجري سن 93 ۽ 94 سالن ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ڪيترين صدين تائين بلوچستان جو احوال ڪونه ٿو ملي. ڏيهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هندو واپار ڪندا هئا ۽ انهن جا راجائون، بروهي جي سندن ويجهو رهندا هئا تن تي سختي ڪونه ڪندا هئا. آهستي آهستي بروهي ۽ بلوچ ماڪ ۾ پکڙندا ويا. آخر انقلابن آيو هندن جي حڪومت ختم ٿي ۽ گدِي[8]. خان قلات جي وڏن جي هٿن ۾ آئي. ان انقلاب کان وٺي بلوچستان جي جديد تاريخ شروع ٿي ٿئي، جنهن جو احوال آءٌ ٻئي فصل ۾ ڏيندس. +فصل (3) +انقلاب، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي، سو ڪڏهن آيو تنهن لاءِ خاطري سان چئي نٿو سگهجي! غالباً ٻن صدين جي اندر ٿيو هوندو. اهو قياس هن حقيقت تي ٻڌل آدهي ته هاڻوڪو شاهي خاندان ان وقت کان وٺي يڪو حڪومت ڪندو پيو اچي. شاهي خاندان جو شجرو هن ريت آهي. +1- قنمبر جو پُٽ سمبريا سمندر 2- سمندر جو پُٽ محمود خان 3- محمود خان جو پُت عبد الله خان 4- عبد الله خان جو پُٽ نصير خان 5- نصير خان جو پُٽ محمود خان ٻيو. +پهريان ڇهه خان سواءِ محمود خان جي، وڏيءَ عمر ۾ مئا يا خون ٿا هئا. تنهنڪري انهن ڏيڍ سئو ورهيه يا ان کان ڪجھ وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو هوندو. +هن خاندان جي هٿ ۾ حڪومت جون واڳون آيون تنهن کان اڳ قلات ۾ هڪ هندو گهراڻو راڄ ڪندو هو. پوئين راجا جو نالو سهراءُ هو. ممڪن آهي ته اهو هڪ موروثي خطاب به کڻي هجي! جو ان گهراڻي جا راجائون گديءَ تي ويهڻ وقت اختيار ڪندا هئا. اهو قياس صحيح نظر اچي ٿو. اڄ تائين قلات کي سهراءُ سڏيندا آهن، سو مناسب ائين ٿو نظر اچي ته اهو لقب پيڙهائتن رجائن کان ورتل هجي ۽ نه ڪنهن شخص کان. جيستائين اهو شخص هڪ هستي بنيل نه هجي. جهڙو نصير خان جو هڪ نهايت قابل ۽ لائق شخص هو. +سهراءُ خود گهڻو ڪري قلات ۾ رهندو هو. هن جو ولي عهد پُٽ، نائب جي حيثيت ۾ زهريءَ ۾ رهندو هو. چون ٿا ته انهن ٻنهي جي حڪومت حقپسند هوندي هئي. هو واپارين ۽ مسافرن کي همٿائيندا هئا. سهراءُ کي آخر ۾ پهاڙي ريڍارن ۽ ان جي سردارن کان مدد وٺڻي وئي، جو مٿس ملتان، شڪارپور ۽ اتر سنڌ جي طرف کان ڦورن جي ٽولن جا حملا ٿيڻ لڳا. لٽيرن جو سردار هڪ افغان امير هو جو ٿورن ماڻهن سان رند بلوچن جي قوم مزارين، جي اڄ ڏينهن تائين مشهور چوراٽا آهن، جي مدد سان سارو ملڪ وٺي ويو ۽ ملڪ جي گاديءَ تي، جو ان وقت هڪ معمولي ڳوٺ هو حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. +سهراءُ جو، جنهن سردار اول سڏ اونايو سو قنبر هو[9]. جنهن جو نالو هن فصل جي شروع ۽ شجري جي منڍ ۾ ڏنل آهي. چون ٿا ته هن جا وڏا اصل حبشي هئا ۽ هو هڪ مشهور پير جنهن پنهنجي وقت ۾ ڪيترا معجزا ڏيکاريا هئا، جي اولاد مان هو: تنهنڪري قمبر ۽ سندس پوئلڳن کي پنهن ي هموطنين ۾ هڪ قسم جي اختياري ۽ عزت حاصل هئي. جنهن جا هو حقدار نه هئا. ڇاڪاڻ ته هن کي پوئلڳ گهڻا ڪونه هئا ۽ نه وري ڪا موروثي ملڪيت ئي هئن. البت کيس ڪجه ملڪيت مڪران جي پنجگور ضلعي ۾ هئي. +جڏهن هي ماڻهو جهلوان ۽ سروان جي بلند جبلن تي پهتا ته سهراءُ هنن لاءِ ڪي معمولي لوازما مقرر ڪيا جي هنن جي گذر لاءِ ڪافي ڪونه هئا مگر ٿورن سالن جي اندر هنن لٽيرن کي ماري ناهن جو خاتمو ڪري ڇڏيو. پوءِ ته کانئن سواءِ ٻي ڪا فوجي طاقت ملڪ ۾ ڪانه رهي، تنهنڪري هو ملڪ جا والي ٿي ويٺا. قمبر، راجا کي گادي تان لاهي، حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ڪيون. ڪيترن هندن کي مسلمان ڪيو ۽ ٻين کي مذهبي جوش ۾ اچي ماريو ويو. +راجا سهراءُ ڪجھ ماڻهن سان زهريءَ ڏي ڀڄي ويو، جتي هن جو پٽ حڪومت ڪندو هو. پر سندن دشمن جي طاقت ڏينهون ڏينهن ويئي وڌندي ۽ نيون نيون قومون هنن سان شامل ٿينديون ويون. آخر انهن هنن کي انهيءَ اجهي مان به ڌڪاري ڪڍيو ۽ هنن شڪارپور، بکر ۽ ملتان جي شهرن ڏانه ڀڄي وڃي پنهنجن ماڻهن ۾ پناهه ورتي. +سهراءُ انهيءَ بلوي جي آخر ۾ مري ويو ۽ هن جو پٽ سنگين قيد ڪيو ويو. هن پنهنجو مذهب ترڪ ڪري دين اسلام اختيار ڪيو. هن جا ٻيا ڪيترا رفيق به مسلمان ٿيا. گرواڻي[10] قوم ۾ اڃا تائين سندن ڌرم ڦيرائڻ جي شهادت آهي. هو هاڻي ڪڇ گندوا ۾ رهن ٿا ۽ صلح پسند محنتي ماڻهو ڪري ليکيا ويندا آهن. هنن جو نمونو لس جي نومرين جهڙو آهي ۽ نه ٽَڪر جي بلوچن جهڙو. +قمبر جي مسند تي ويهڻ کان پوءِ وري به هندو گهراڻي وانگر، هن ملڪ جي تاريخ منجهيل آهي. هنن ماڻهن وت لکيل اتهاس نه آهي، ان جي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ فضول ڪم آهي. هن جي پونين ۾ آهستي آهستي شو جي پوڄارين لاءِ نفرت ڪم ٿيندي ويئي. هنن انهن مان ڪيترن کي سهولتون ڏئي واپس گهرائي پاڻ وٽ رهڻ ۽ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني. +ساڳئي وقت هنن رولو ريڍار قومن کي به شامل ڪيو. انهن کي ججهيون زمينون ڏنائون، ڍلون ۽ لوازما معاف ڪيائون ان شرط تي ته هو قنمبراڻين جي سردار کي مڃيندا ۽ ضرورت جي وقت پنهنجي طاقت مطابق سندن فوج ۾ ڀرتي ٿيندا. +ان باري ۾ سواءِ زباني روايتن جي ٻي ثابتي ڪانه آهي. اهو صلح پسند دستور قنمبر جي چوٿين پيڙهي يعني عبد الله خان جي دؤر تائين قائم رهيو. هو هڪ دلير ۽ باهوس شخص هو. هن جو خيال هو ته ڪچ گندوا وٺجي. ان وقت ڪڇ گندوا مختلف ننڍن سردارن جي هٿ ۾ هو، جي سنڌ جي نوابن جا زيردست هئا. انهن مان ڪيترا کين خرچ ڏيندا هئا. ان لاءِ هڪ وڏي فوج گڏ ڪرڻي پئي. ٻنهي ڌرين کي ڪاميابيون حاصل ٿيون. آخر قنمبراڻين اهو آزاد ملڪ، جو اڃا سندن هٿ ۾ آهي ڪيترن زرخيز ضلعن ۽ ملڪ جي گادي گندوا سميت پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. +انهيءَ لڙائيءَ جي دوران ۾ ايران جو مشهور فاتح نادر شاهه جنهن کي يورپ ۾ ٽامس قلي خان ڪري چوندا آهن، ايران کان هندستان جي فوج لاءِ روانو ٿي نڪتو. قنڌار[11] مان هن ڪيترا فوجي دستا، آزمودگار سپهه سالارن جي هٿ هيٺ بلوچستان ڏانهن موڪليا، جن هن صوبي ۾ سندن حڪومت قائم ڪئي ۽ قلات جي سردار عبد الله خان جا ٻه پٽ سندس چڱي چال لاءِ ضمانت طور شاهي درٻار ۾ موڪليا. عبدالله ان کي نادر شاهه جي حڪم سان ملڪ جي واڳ واپس ڏني ويئي، پر هو جلد ئي خانپور، ڪڇ گندوا ۾ سنڌ جي نوابن سان لڙائي ڪندي مارجي ويو. مگر فتح بروهين کي نصيب ٿي. سنڌين ڏٺو ته هاڻي بچڻ جي ڀيڻي ڪانه آهي، تڏهن هو ملڪ کي تاخت و تاراج ڪندا، شهر ۽ ڳوٺ ناس ڪندا، پٺتي موٽي ويا. +عبدالله خان جي وفات کان پوءِ هن جو وڏو پٽ حاجي محمود خان عرف محبت خان، جو ضمانت طور نادر شاهه جي ڇانوڻيءَ ۾ هو دستور مطابق خلعت پهري قلات وڃي حڪومت جون واڳون وٺي پنهنجي والد بزرگوار جو سليقو ڪونه هو. سنڌي اها حالت ڏسي ٿورن مهينن ۾ لشڪر وٺي ڪڇ گندوا تي ڪاهي آيا. پر بلوچ ۽ ٻيا ماڻهو جن تي هنن گذريل سال ڀڄندي ظلم ۽ سختيون ڪيون هيون، تن گڏجي کين سنڌونديءَ جي پار ڀڄائي ڪڍيو هو. ان جو اوڀاريون ڪنارو وٺي واپس گهر پهتا. +انهيءَ وچ ۾ حاجي محمود خان ظالمانه ۽ بدڪار زندگي بسر ڪرڻ لڳو. هن، بازار جا محصول پيءُ جي حڪومت جي ڏينهن کان ٽيڻا ڪري ڇڏيا. پڻس واپار کي همٿائڻ لاءِ هلڪا محصول وصول ڪندو هو، پر هن حڪم ڪيو ته ڪو به هندو هن جي محل جي ويجهو نه رهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پنهنجن دڪانن مان خارج ٿي ويا. جي هو ڪجهه ڪڇندا هئا يا ڀڄي ويندا هئا ته هو سندن ملڪيتون ضبط ڪندو هو. مطلب ته رعيت جي انهيءَ طبقي کي تنگ ڪرڻ لاءِ بُري ۾ بُريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. +ٻه سال ۽ ڪجهه مهينا ماڻهو انهيءَ جابرانه حڪومت هي+ ڪڙهندا رهيا. قلات جو شهر ويران ٿي ويو. قومن جي سردارن درٻار ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. هو هاجي محمود خان جي حڪمن جي مڃڻ کان لاپرواهي ڪرڻ لڳا. ان وقت نادر شاهه سنڌ کان موٽندي قلات کان ستر- اسي ميلن جي مفاصلي تي اچي لنگهيو. هن عبدالله خان جي ٻئي پٽ نصير خان يعني ظالم محمود خان جي ڀاءُ کي خلعت، انعام اڪرام ڏئي آزاد ڪيو. هيءُ شهزادو فاتح بادشاهه نادر شاهه سان گڏجي دهليءَ ويو هو. هن ڪيترن موقعن تي نادر شاهه کي پنهنجي همت ۽ عقل جون ثابتيون ڏنيون هيون، ايتريقدر جو نادر شاهه کيس درٻار عام ۾ صلاح ڏني ته هو پنهنجي ڀاءُ کي معزول ڪري ملڪ ۾ آسودگي ۽ آرام واپس آڻي. تنهنڪري قلات ۾ جي ٿورا ماڻهو رهيا هئا، تن ۽ ملڪ ۽ صوبي جي سڀني ماڻهن هن جو خير مقدم ڪيو. ڀاءُ کي گهڻوئي سمجهايائقين پر مٿس اثر ڪو نه ٿيو. هڪ ڏينهن سندس ڀاءُ اڪيلو ڪمري ۾ ويٺو هو ته هن وڃي خنجر سندس دل ۾ هنيو[12]. پهريوارن هن جو مقابلو ڪونه ڪيو. جنه وقت ظالم مئو ته نصير خزان جي سرداريءَ جو اعلان ڪيائون ۽ هو مسند تي ويٺو. رعيت ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ جشن ملهايا. تنهن کان پوءِ هن انهيءَ واقعي جو احوال نادر شاهه ڏانهن موڪليو، جو ان وقت قنڌار جي ويجهو ڇانوڻي هڻيو ويٺو هو. شاهه اها خبر ٻڌي خوش ٿيو ۽ ساڳئي قاصد هٿ هڪ ��رمان موڪليائين ۽ نصير خان کي هن تذڪري ۾ جي پهريان پنج حصا ڏيکاريل آهن، تن ۾ جا ايراضي اچي وڃي ٿي، تنهن جو بيگر بيگ مقرر ڪيو. +نصير خان اچڻ سان اهڙا ڪم شروع ڪري ڏنا، جن مان رعيت جي وفاداري ۽ عزت حاصل ٿيس. ڀاڻس جيڪي واپار تي محصول وڌا ۽ وڌايا هئا، تن جو ڳچ حصو هن معاف ڪري ڇڏيو. هاڻوڪيون موافق ٽئڪسون وڌائين. گهوڙن ۽ ٻين سڀني قسمن جي چؤپائي مال تان محصول لاهي ڇڏيائين. هو سُنين، شيعن يا مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ جيڪي مذهبي مناظرا ٿيندا هئا تن جو کليو کلايو مذمت ڪندو هو. هن هندن کي لالچائي شڪارپور ۽ ٻين واپاري مرڪزن مان گهرايو، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته انهن مان هن جي ملڪ کي بيحد فائدو پهچندو. هند کي هن ٻيون به ڪيتريون سهولتون ڏنيون، ان لاءِ ته هو قلات ۾ رهن. کين مڪمل مذهبي آزادي ڏني ويئي هئي. سفر جي ڏينهن ۾ هندن کي هر هڪ مال جي اَٺ تان، جو بازار ۾ ايندو هو برهمڻن جي پالنا ۽ مندر جي خرچ لاءِ هڪ پائلي وصول ڪرڻ جو حق مليل هوندو هو. نصير خان هندن کي انهيءَ محصول اڳاڙڻ جي وري نئين سر اجازت ڏني. تنهن کان پوءِ هن فوجي جاگيردارن کي حڪم ڪيو ته هو پنهنجي پٽي مطابق فوج ۾ پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائين. اهڙيءَ طرح هن هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو، جنهن کان پوءِ هو قلات مان خوزدار ۽ پنجگور کان ٿيندو مڪران جي صوبي جي گاديءَ ڪيچ ڏانهن روانو ٿيو. اتان هو اولهه طرف سمرقند جي شهر تائين، جو سندس ملڪ جي سرحد تي هو، ويو. اتان وري اتر کان ڦرندو ديزڪ ۽ خاران جي طرف کان پنهنجي گاديءَ ڏانهن موٽيو. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي ملڪ جي صوبن ۽ ضلعن جي خبرچار وٺي اندروني حڪومت جو انتظام مضبوط ڪيو. قلات واپس اچڻ کان پوءِ هن شهر جي سڌاري جو ڪم شروع ڪيو. موجوده قلعو به هن تعمير ڪرايو هو. تنهن کان سواءِ هن ڪيترا باغيچا پنهنجي خرچ تي آباد ڪرايا ۽ انهن م ڪابل ۽ ايران کان ميون جا وڻ گهرازئي لڳارايا. باغ آباد ڪرائي لائق ماڻهن کي ڏنائين. جن جو سڀ کان سٺو ميوو يا اناج ٿيندو هو، تن کي انعام ڏيندو هو. ڪڇ گندوا ۾ جي بلوچ ۽ ٻيا سردار هئا، تن هن جي اطاعت ڪئي. هو سياسي ۾ ڪجهه وقت وڃي ڪڇ گندوا رهندو هو. هن جو پُٽ اڃا تائين ان معاملي ۾ هن جي پيروي ڪندو آهي. +سن 1747ع ۾ نادر شاهه وفات ڪئي ۽ نصير خان دڪابل جي بادشاهه احمد شاهه، جنهن ابدالي گهراڻي جو پايو وڌو ۽ جنهن جي حڪومت هلندڙ آهي، تنهن جي اَڻ مڃي. لاشڪ ته هن اهو قدم انڪري کنيو جو هن کي ڪابل ويجهو هو. تنهن کان سواءِ هن جي مرضي هئي ته لڙائيءَ کان ڪنهن به طرح پاسو ڪجي. هن پاڻ کي احمد شاهه جو خراجدار نٿي سمجهيو. هن جي خيال موجب هو نادر شاهه جي بادشاهيءَ جو هڪ ادنيٰ حصيدار هو. 1758ع ۾ هن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. احمد شاهه انهيءَ گستاخيءَ جي گوشماليءَ لاءِ پنهجنجي وزير جي هٿ هيٺ هڪ فوجي دستو موڪليو. خان وري جاگيري لشڪر ڪٺو ڪري قلات کان ستر ميل اتر طرفد پرنگووڌ جي ڳوٺ وٽ افغانن جي لشڪر کي شڪست فاش ڏني. جڏهن انهيءَ شڪست جي خبر درٻار ۾ پهتي، تڏهن بادشاهه پاڻ هڪ وڏو ڪٽڪ وٺي چڙهائي ڪري نڪتو، پرنگووڌ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي مستونگ وٽ هڪ خونخوار لڙائي لڳي، جنهن ۾ نصير خان کي شڪست آئي. هو پوري نظم سان قلات ڏانهن هٽي ويو. جتي هن مقابلي لاءِ اڳيئي مڪمل تياري ڪري ڇڏي هئي. فاتح به سمورو لشڪر وٺ وڃي هن جو گهيرو ڪيو، جيئن هن سمجهيو هو ته دوراني سردارن جي اختلاف سبب محاصري ۾ ڊيگهه ٿيندي، ٽي دفعا شاهي فوج حملو ڪري شهر وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هو ناڪمياب ٿيا. آخر بادشاهه صلح جون ڳالهيون ٻولهيون ��لايون ۽ عهدنامو ٿيو ته بادشاهه، نصير خان جي سوٽ سان شادي ڪندو. آئيندي جي دوستي قائم رهڻ لاءِ خان، بادشاهه کي خراج ڪونه ڏيندو، پر لڙائي وقت هو فوج لاءِ سپاهي ڀرتي ڪريي ڏيندو. انهن کي هو پنهنجي خرچ تي شاهي ڇانوڻيءَ ۾ پهچائيندو. ان جي عيوض کيس فوج جي اڌ پگهار جيترو معاوضو ملندو. خان وعدو ڪيو ته هو ۽ هن جا پويان ڪنهن به خانه جنگيءَ ۾ مممدد نه ڪندا. انهيءَ وعدي جي ڀڃڪڙي هنن اڄ ڏينهن تائين نه ڪئي آهي. ڪابل جي حڪومت بنسبت جيڪي گهرو جهڳڙا ٿيا آهن، انهن کان هن ڪنارو ڪيو آهي[13]. عهدنامي تي دستخط ٿين کان پوءِ بادشاهه پنهنجي نئين زال، خان جي والده، سالي ۽ زال جي ڪن ٻين رشتيدارن سان گڏجي ڪابل ڏي واپس وريو. +نصير خان جي فوجي لياقتن ۽ قلات جي گهيري جي مدت کي مختصر بنائڻ جي روايرت طور هيءَ ڳالهه بيان ڪئي وڃي ٿي ته هن هڪ ڏينهن احمد شاهه کي سندس تنبوءَ جي اڳيان مُتصلو وڇائي نماز پڙهندي ڏ‎ٺو. هن هڪدم قلعي جي هڪ توب ۾ بارود ڀريو، ۽ ان ۾ گولو وجهي نشانو تَڪي، گولي کي بلڪل انهيءَ هنڌ تي هنيو، جتي بادشاهه ٿوروئي اڳ ۾ سجدو ڪيو هو. چيو وڃي ٿو ته شاهه ان کان هڪدم پوءِ ٺاهه لاءِ سلسله جنباني شروع ڪئي ۽ بعد ۾ هن خان جي توبزنيءَ جي فن ۾ مهارت جي خوب تعريف ڪئي. +سن 62-1761ع ۾، احمد شاهه طرفان نصير خن کان مطالبو ڪيو ويو هو ته ساڻس هندستان جي مهم تي ٻيو ڀيرو به گڏ0جي هلي. هو پنجاب جي شهر لاهور وٽ پنهنجي بادشاهه سان وڃي فوج سميت گڏيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ موجود هو، جيڪا سکن ۽ افغانن جي درميان لڙي ويئي، جنهن ۾ سِکن کي زبردست خونريزيءَ سان شڪست نصيرب ٿي. خان ان کان پوءِ قلات واپس وريو، پر بادشاهه پاڻ دهليءَ جي امداد لاءِ اڳتي وڌي ويو، جنهن کي انهن مرهٽن جي باقي بچيل فوجن کان خطرو لاحق هو، جيڪي پاڻيپٽ جي جنگ مان فرار ٿي نڪتا هئا[14]. سن 1769ع ۾ سڀني ايراني سردارن پاڻ ۾ اتفق ڪري الهندي طرف وارن سڀني افعان علائقن تي حملو ڪرڻ چاهيو ۽ نصير خان انهيءَ حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ وري احمد شاهه جي خدمت ۾ پهتو. شهزادي تيمور ۽ ڪن تجربيڪار سپه سالارن کي الڳ ڪيو ويو ته جيئن اهي خراسان ۾ مشهد جي شهر نزديڪ ايرانين سان جنگ ڪن، ۽ جڏهن جنگ جو پاسو شهزادي ۽ سندس ساٿين جي خلاف پلٽيو، تڏهن نصير خان ٽن هزار چونڊ بلوچي گهوڙيسوارن سان گڏجي نهايت سخت حملو ڪيو ۽ ايرانين کي ماري ڪُٽي پٺتي ڀڄايو. انهيءَ مهم جي دوران ساڳي قسم جي بهادريءَ ۽ صحيح فيصلي جو ٻيو مثال ۽ موقعو تبوس[15] وٽ پيش آيو، ۽ ان جي اختتام وقت، بادشاهه نصير خان کي سندس نمايان خدمات جي صله ۽ پنهنجي شڪر گذاريءَ جي اظهار طور، قلات جي اُتر ۾ شل مستونگ جا ضلعا ۽ سنڌو درياهه جي اُڀرندي ڪناري تي واقع هو روند دجل جا ضلعا هميشه هميشه لاءِ ۽ مڪمل خود مختاريءَ سان عطا ڪيا. انهن شاهاڻن عطيات جي جواب ۾، خان ڪشمير جي صوبي جي بچاءُ لاءِ پنهنجي طرفان رضاڪارانه طور هڪ هزار ماڻهو ساليانه خراج طور موڪلڻ قبول ڪيا. +انهن واقعن کان ڪجهه سال پوءِ، بهرام خان ڪابل کان پوءِ واپس آيو، جتي هو احمد شاهه ابداليءَ سان سندس همشيره جي شديءَ واري موقعي تي گڏجي ويو هو ۽ واپسيءَ تي هن پنهنجي لاءِ آمدنيءَ مان سندس حق کان وڌيڪ حصي لاءِ مطالبو ڪرڻ ذريعي فسادن جي باهه ڀڙڪائڻ شروع ڪئي، نيٺ منزل انهيءَ هنڍ اچي پهتي ته هو نصير خسان سان گڏ حڪومت ڪرڻ ۾ هڪجيتري حصي کان گهٽ، ڪنهن به ڳالهه تي راضي نه ٿي رهيو هو ۽ آخرڪار ٻنهي ڌرين انهيءَ سوال جو فيصلو ترار سان ڪرڻ لاءِ لازمي طور جنگ جو ميدان گرم ڪيو، بهرام ان کي ڪيترن ئي معرڪن ۾ شڪست نصيب ٿي ۽ هن کي قلات جي ويجهو ڪؤهڪ نالي هڪ مقام وٽ ڪيل خونريز مقابلي جي نتيجي ۾ مڪ مڪمل شڪست ملي. هو ڪابل هليو ويو ۽ نصير خان جي حياتيءَ ۾ وري ڪڏهن به بلوچستان جو رخ نه ڪيائين. نصير خان، جنهن تمام خوشگوار ۽ آسودگيءَ واري حڪومت ڪرڻ بعد تمام وڏيءَ عمر ۾، جون 1795ع جي دوران انتقال ڪيو، پنهنجي پويان ٽي پٽ ۽ پنج ڌيئرون ڇڏيون. قلات جو موجوده سردار محمدو خان، جيڪو هن جو وڏي کان وڏو پٽ آهي، ان وقت اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار جو هڪ ڇوڪرو هو. +اسين جيڪڏهن نصير خان جي اخلاق تي هڪ سپاهيءَ، هڪ ملڪي مدير، خواهه هڪ شهزادي هئڻ طور غور ڪنداسون ۽ انهن ماڻهن جو تصور ڪنداسون، جن ۾ هو پيدا ٿيو هو، ته اسين منجهس انهن سڀني خوبين ۽ خصلتن جو هڪ انتهائي حيرت انگيز اشتراڪ ڏسنداسون، جيڪي اُنهن عهدن ۽ فرضن سان وابسته هونديون آهن. هن پنهنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي خواريءَ بعد پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو: ان جي باوجود، جڏهن به کيس انهيءَ فعل تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ فرصت هوندي هئي، تڏهن کيس اهڙا ته دل جا چَڪ سهڻا پوندا هئا، جو خود سندس دشمن به مٿس ڪَهل ڪندا هئا ۽ سڄي زندگي جي دوران هن جي هلت چلت مان اهو ثابت ٿيو ته هن پنهنجي ملڪ کي بچائڻ خاطر، پنهنجي ڀاءُ جي زندگيءَ جي قرباني ڏيڻ کي پنهنجو منصبي فرض سمجهيو هو؛ هن جي دولت جي چمڪ دمڪ جو اثر يقيناً ڪونه ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هو سڄي حياتيءَ جي دوران ڪڏهن به پنهنجن خادمن سان بهتر طريقي سان نه رهيو، جڏهن اهي جنگ جي ميدان ۾ هوندا هئا. هن دولت کي لياقت لاءِ انعام طور ڏيڻ ۽ پنهنجي رعايا جي حالات کي بهتر بنائڻ جو ذريعو هئڻ کان وڌيڪ ڪڏهن به نه سمجهيو ۽ نه ان لاءِ ڪڏهن محبت جو اظهار ڪيو. هو گهڻو ڪري پئسن جي صورت ۾ انعامات نه ڏيندو هو ۽ بار بار چوندو هو ته هن ائين ڏٺو آهي ته ائين ڪرڻ سان سستي ۽ ڪاهليءَ جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي: پر جڏهن به ڪنهن ڪاريگر هن وٽ پنهنجي فن جو ڪو نادر نمونو پيش ٿي ڪيو، تڏهن هو ان کي انهيءَ شئي جي قيمت کان ڏهوڻي يا ٻارهوڻي قيمت جو ڪپڙو يا ڪي ٻيون ضرورت جون شيون ڏيڻ جو حڪم صادر ٿي ڪيو. هن هڪ ملڪي مدير جي حيثيت ۾ ٿورن ئي مهينن اندر هڪ وسيع بادشاهيءَ کي، جيڪا هن کي هڪ ظالم فاتح طرفان عطا ڪئي ويئي هئي. پنهنجي اختياري ۽ احڪامات مڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڏيکاريو ۽ جيڪا ڳالهه هن جي قابليت جو ثبوت فراهم ڪري ٿي، سان اها آهي ته سندس بادشاهيءَ جا انتهائي دور دراز علائقا به سندس احڪامات کي مڃڻ لاءِ اهڙائي تيار رهندا هئا، جهڙا هن جي ويجهڙائيءَ وارا علائقا انهن حڪمن جي پيروي ڪندا هئا. هڪ شهزادي جي حيثيت ۾ سندس عدل، انصاف ۽ فرضن جي منصفانه ادائگي ايتريقدر ته نمايان ۽ ظاهر هئي، جو هن جو نالو سندس ويجهن هموطنين ۽ بلوچستان جي انتهائي مغربي ڇيڙي تائين رعايا جي سڀني طبقن وٽ هڪ ضرب المثل بنجي چڪو هو ۽ اڃا به آهي. مطلب ته جيڪڏهن نصير خان ڪنهن باشعور قوم تي حڪومت ڪري ها، يا هڪ اهڙي بادشاهيءَ ۾ هجي ها، جنهن کي يورپي ماڻهو وڌيڪ سڃاڻندڙ هجن ها ته هن کي سندس حياتي3ءَ جي دوران ايشيائي شهزادن جي درمياسن هڪ عجيب و غريب شاهڪار سمجهيو وڃي ها. هو سخي، بهادر، عادل، دل جو وڏو ۽ معاف ڪندڙ، ادبار ۽ مصيبت ۽ صابر هو ۽ هن جي سچائي ۽ صداقت اهڙي ته مضبوط هئي، جو هن کي ڪڏهن به ڪنهن انتهائي خسيس وعدي خلافي ڪرڻ يا ان کي پوري ڪرڻ کان گوٿناٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نه ڏٺو ويو. +هن معزز سردار جي انتقال ٿيڻ تي، جنهن جي اخلاق جو هڪ ��اقص خاڪلو پيش ڪرڻ جي مون ڪوشش ڪئي آهي، سندس سؤٽ بهرام خان حڪومت تي قابض ٿيڻ جي هڪ ڀيري وري جدوجهد ڪئي ۽ محمود خان جيڪو، جيئن مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي ته اڃا بار هو، تنهن جي وزيرن کي مجبور ٿي هن کي ڪڇ گندوا جو علائقو ۽ شهر هڪ معاهدي جي تحت حوالي ڪرڻو پيو، جنهن معاهدي جي تحت هن مٿئين سردار جي باقي بچيل علائقن دست درازي نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو: پر هو پنهنجي انهيءَ وعدي تي ٿوري عرصي تائين مس عمل ڪري سگهيو ۽ ان کان پوءِ هن هڪ وڏو لشڪر جمع ڪيو، جنهن ۾ خاص طرح سنڌين ۽ ٻين پگهاردار سپاهين جو گهڻو تعداد شامل هو. محمود خان ان وقت جي ڪابل جي بادشاهه زمان شاهه کي به مدد لاءِ درخواست ڪئي ۽ انهيءَ بادشاهه هن معاملي ۾ مصالحت ڪرائڻ لاءِ پنهنجي درٻار جي هڪ اميدر کي اوڏانهن روانو ڪيو. بهرام خان، بهرحال ڪنهن به ٺاهه جي ڳالهه ٻڍڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن جو فقط اهو مطالبو هو ته محمود خان حڪومت تگان دستبردار ٿئي ۽ اها سندس زندگيءَ تائين سندس سپرد ڪري وڃي: جنهن جي نتيجي ۾ لازمي طور جنگ جو اعلان ڪيو ويو. ڪيترن معرڪن کان پوءِ، جن مان اڪثر مقابلن ۾ باغي سردار ڪامياب ٿي رهيو هو، ٻيئي لشڪر، جن جي قيادت ٻنهي طرفن جا خان پاڻ ڪري رهيا هئا، ڪڇ گندوا جي هڪ مقام دهن دره[16] وٽ اچي دوبدو ٿيا ۽ بهرام خان جي فوجن کي ڪيترن ئي قبلين جي غداريءَ جي نتيجي ۾ شڪست فاش آئي، جيڪي هن کي جنگ هلندي ڇڏي فرار ٿي ويا: هو پاڻ به زخمي ٿي پيو ۽ سنڌ جي دارالحڪومت حيدرآباد طرف ڀڄي ويو، جتان جي اميرن زمان شاهه جي غضب کان خوفزده ٿي هن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو؛ چنانچه، هو ان کان پوءِ بهاولپور طرف ڀڄي ويو، پر هو رستي ۾ زبردست ٿڪاوٽ ۽ بي آراميءَ سبب انهيءَ شهر[17] کان هڪ سئو ويهه ميل پري قلندر شاهه جي ٽنڊي يعني ڳوٺ وٽ فوت ٿي ويو. +تخت ۽ تاج جي انهيءَ دعويدار کان علاوه، محمود خان کي پنهنجي ماٽيجي ڀيڻ سان پڻ منهن ڏيڻو پيو، جنهن جيئن ئي بهرام خان جي وفات جي خبر ٻڌي، تيئن ئي انهيءَ سردار جي ڌيءَ کي سڌ جي شهر لاڙڪاڻي وٺي ويئي، جتان هن انهيءَ علائقي جي چوٽيءَ جي سردار مير غلام علي ٽالپور ڌانهن هڪ قاصد موڪليو ۽ کيس هيءَ آڇ ڪئي ته سندس لشڪر محمود خان کي تخت تان لاهڻ ۽ هن جي ننڍي ماٽيجي ڀاءُ کي مسند تي ويهارڻ ۾ مدد ڪري ۽ ان جي بدلي ۾ هن کي بهرام خان جي ڌيءَ سان شادي ڪرائي ويندي. هن معاملي ۾ انهيءَ خاتون جي ارادن متعلق ڪابه وضاهت نه ملي سگهي آهي. پر خيال آهي ته ڪو خانداني جهڳڙو ئي ان جو ڪارڻ هو. مير غلام عليءَ هر اهو وعدو ڪيو، جيڪو هن کان گهريو ويو ۽ هو لاڙڪاڻي آيو، جتي هن جو نڪاح پڙهيو ويو ، پر جيئن ئي ڪنوار هن جي قبضي ۾ پهتي تيئن ئي هن اهو اعلان ڪيو ته هو قلات جي حڪومت جي گهريلو معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه ٿو رکي. جڏهن محمود خان کي سنڌ جي انهيءَ امير جي اهڙي ارادي جي خبر پيئي ته هو قمبراڻي قبيلي جي هڪ عورت سان تعلقات ڳنڍڻ چاهي ٿو، تڏهن هو سندس انهيءَ ديده دليريءَ تي سخت ڪاوڙيو، پر جيئن ته سَڱ[18] يا معاهدو اڳي ئي ٿي چڪو هو انڪري اهو جنگ کان سواءِ ٽُٽي نه پئي سگهيو ۽ جيئن ته هو ان وقت جنگ لاءِ تيار ڪونه هو، انهيءَ ڪري هو خاموش رهيو؛ بهرحال، هن ڪابل جي بادشاهه ڏانهن هڪ خط لکي موڪليو، جنهن ۾ هن ٽالپرن[19] کان انهيءَ بيعزتي لاءِ انتقام وٺڻ جو قسم کنيو، جيڪا انهيءَ گهراڻي جي سربراه سندس خاندان جي ڪئي هئي. انهيءَ ڪاوڙ کي سنڌ جي اميرن طرفان قلات جي گهريلو جهڳڙن مان فائدو وٺي، ڪراچيءَ جي بندرگاهه واري شهر ت�� ڪيل قبضي، آقي باقي باهه تي تيل جو ڪم ڪيو، جو اهو بندر مير نصير خان جي وفات کان اڳي بلوچي حڪومت جو هو. +ڪيترن ئي صوبن ۽ ضلعن جي گورنرن ۽ حاڪمن پنهنجي اعليٰ حڪمران جي اها حالت ڏسي ته هو سندن غداريءَ لاءِ کين ڪابه سرزنش ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي، کيس ساليانه رقم موڪلڻ بند ڪري ڇڏي ۽ هن جي نالي ماتر برتري به تسليم ڪرڻ کان روگرداني ڪئي ۽ انهيءَ زماني کان وٺي، قلات جي خانن جا علائقا آهستي آهستي اهڙي طرح گهٽبا رهيا آهن، جو هن وقت هاي فقط ايترا وڃي بچيا آهن، جن جو هن تذڪري جي ٽئين حصي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. +اهو آهي بلوچستان جي تاريخ جو قديم زماني کان وٺي سال 1810ع تائين مختصر خاڪو. انهيءَ پوئين سال کان وٺي، متواتر گهريلو جهڳڙن اڳي کان وڌيڪ خراب نتيجا ڪڍيا ۽ نصير خان جي ٽن پٽن مان هاڻي باقي فقط هن جو سڀني کان وڏو پٽ زنده آهي، ٻيو نمبر پٽ مير مصطفيٰ خان سال 1811ع ۾ هڪ شڪار جي پارٽيءَ ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي هٿان مارجي ويو، جنهن بعد ۾ فوجون گڏ ڪيون ۽ قلات جي سڀني کان وڌيڪ آسودي ضلعي هروند دجل تي قبضو ڪيو. محمود، جيڪو هڪ رحمدل ۽ سست ماڻهو آهي، تنهن هن برادرڪُش ڀاءُ کي سندس وفادارن جي حلقي ۾ واپس اچڻ تي آماده ڪرڻ چاهيو ۽ هن کي غير مشروط معافي ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي، پر هو ڪنهن به شرط شروط تي ڪَن ڌرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، ۽ هن جي انهيءَ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ سن 1812ع جي نومبر مهيني ۾ زهري قبيلي جي سردار قادر بخش جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ لشڪر موڪليو ويو. هروند دجل جي هڪ ڳوٺ مونيءَ وٽ ٻنهي ڌرين ۾ جنگ جوٽي ويئي، جنهن ۾ قمبراڻي خان، پنهنجن چاليهن خانزادن، يعني گهريلو ٻانهن سميت مارجي ويو. سندس فوج جي باقي ٻئي حصي جنهن گهڙيءَ پنهنجي سردار کي ڪِرندي ڏٺو، جو هو جنگ ڇڙڻ کان پوءِ تمام جلد ئي مارجي ويو هو، پنهنجا هٿيار کڻي اڇلايا ۽ پناهه گهريائون. بعد وارن بيانن ۾ چيو ويو آهي ته محمود خان پنهنجي اختياري سڄي بلوچستان ۾ انهيءَ ساڳئي بنياد تي دوباره قائم ڪرڻ جا خيال ڪري رهيو آهي، جا هن کي سندس مرحوم والد کان حڪومت سان ورثي ۾ ملي هئي. پر انهيءَ ملڪ ۾ رهندي مون جيڪو مشاهدو ڪيو آهي، تنهن کي جڏهن هن سردار جي مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل ڪاهليءَ ۽ ڪمزور ارادي سان ملائي ڏسجي ٿو ته يقين ٿئي ٿو ته هن جي انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ جو ذري برابر به ڪو امڪان ڪونهي ۽ جيڪڏهن سندس علائقي جي آخري الهندي ڇيڙي جي ڪنڊ وٽ آباد بلوچي قبيلا هن جي خلاف ڪو ٿوروئي زور لڳائيندا ته آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته هن کي سندس موجوده محدود علائقن کان به جلد ئي نيڪالي ڏيئي ڪڍي ڇڏيندا. +[1] . ڏيهي ڪتابن مطابق مون سلجوقين کي ترڪمان سڏيو آهي. سلجوقي ۽ مغل تاتاري نسل جا آهن، مگر کين هڪ ئي قوم ڪري سڏڻ اهڙو غلط ٿيندو جهڙوڪ هسپالين ۽ فرينچن کي يورپي قوم ڪري سڏڻ. +[2] . برابر 1328ع. +[3] . ڏسو ڊو جو هندستان. +[4] . زمين انعام ۾ ڏنل. +[5] . فصل 14 ڀاڱو پهريون. +[6] . مون هتي مجمع الواردات جي حوالي جو ترجمو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪجهه مونجهارو ٿو نظر اچي. مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ مراة الجناة ۽ گزيده نامي جا حوالا ڏئي ٿو، مگر هو هڪ غير جانبدار تاريخ نويس جي بدران هڪ واسطيدار تعصبي وانگر لڳي ٿو. هتي شايد هن جو مطلب آهي ته نو مسلم پناهگير ۽ غازي سڀ هڪ قوم هئا. هن جي لکڻ جو طريقو صاف نه آهي. هو پارسين ۽ هندن کي ڪافر ۽ گبر يعني بُت پرست ڪري سڏي ٿو. مون انهن ۾ امتياز ڪيو آهي ۽ فرض ڪيو اٿم ته ويڪرائي ڦاڪ جو 65 خط کين جدا ڪري ٿو. آءٌ اڳتي هلي ثابت ڪندس ته هندو سنڌونديءَ جي اولهه ۾ رهندا هئا. +[7] . ڏسو ڀاڱو پهريون 27- مارچ جو روزنامچو آتشڪده. +[8] . گدِي معنيٰ تڪيو- پر تخت ۽ مسند کي به چوندا آهن، جن تي هندو راجائون ويهي راڄ هلائيندا هئا. +[9] . بلوچڪيءَ ۾ قمبر لفظ جي معنيٰ آهي حبشي. قمبراڻي ان مان نڪتل آهي. محمود خان، قمبراڻي قوم جو آهي. +[10] . گرواڻي يعني گروءَ جا شِش. +[11] . قنڌار دوراني علائقي جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ قلات کان اٽڪل ٽي سئو ميل اتر- اولهه طرف آهي. +[12] . هن واقعي بنسبت ٻه روايتون آهن: هڪڙي جيئن مٿي ڏني ويئي آهي. ٻين جو چوڻ آهي ته نصير ان محل جي پهريدارن کي اندر وٺي وڃي ڀاءُ کي مارايو. هيءَ روايت معقول نظر اچي ٿي. مگر نصير خان پوءِ هميشه ان ڳالهه تي ارمان ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مون هي بڇڙو ڪم ملڪ ۽ قوم خاطر ڪيو. +[13] . 1810ع ۾ جڏهن ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ آءٌ قلات ۾ هئاسين، تڏهن شاهه محمد، شجاع الملڪ جي خلاف مدد لاءِ محمود خان ڏانهن خط لکيو هو. خان جواب ڏنو ته ڪابل جي بادشاهه جي حڪومت تي ڪو بيروني حملو ٿئي ته آءٌ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. بيروني نوڪري لاءِ فوج کپي ته اها به ڏيندس، مگر سندس والد احمد شاهه، جو عهدنامو ڪيو هو. تنهن مطابق مون کي گهرو لڙائيءَ ۾ دخل ڏيڻو نه آهي. +[14] . پاڻيپٽ جي جنگ جنوري 1761ع ۾ جوٽي ويئي. ان جو بهترين ۽ تفصيلوار بيان ايشياٽڪ ريسرچز، لنڊن، پنجين ايڊيشن ص 91 ۾ ملي سگهي ٿو. +[15] . نصير خان هڪ فريب سان تبوسي فوج کي هڪ ڪمين گاهه ۾ وڃي پهچايو ۽ جڏهن هنن ۾ افراتفري ڦهلي، تڏهن نصير خان پنهن جي گهوڙيسوار فوج سان مٿعن اوچتو حملو ڪيو. چوڌاري گهٻراهٽ جو عالم هو، جنهن جي ڪري سڄو ايراني لشڪر لفظر طور تباهه ٿي ويو. تبوس هرات کان 320 ميل پري آهي. حوالو: ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي جرنل، مورخه 7- جون جو ضميمو. +[16] . لفظي معنيٰ آهي ماٿريءَ جو منهن. +[17] . بهاولپور جو شهر گروه درياهه جي اڀرندي ڪپ تي ويڪرائي ڦاڪ 29 ڊگريون 25 منٽ، ۽ ڊگهائي ڦاڪ 71 ۽ 59 منٽ اوڀر طرف آهي. اهو شهر بهاول خان، جنهن کي عام طور دائود پوٽو يعني دائود جو اولاد سڏيو ويندو آهي، تنهنجي علائقن جو دارالحڪومت آهي. +[18] . سَڱ جي باري ۾ بيان لاءِ حصو پهريون، باب چوٿون ”شاديءَ جون رسمون“. +[19] . ٽالپر هڪ تمام گهٽ درجي وارو قبيلو آهي، جنهن ڳالهه محمود خان جي ڪاوڙ کي وڌيڪ مهميز لڳائي. بحواله سيڌ صوبي جو بيان، حصو 6، باب 12. + + +فصل (4) +قلات، خواه سڄي بلوچستان ۾ قائم ڪيل حڪومت جو چرخو گهڻيءَ آسانيءَ سان سمجهائي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سردارن جي مختلف نظرين ۽ خيالن جي مطابق، يا وري اتي بار بار ٿيندڙ انقلابن جي نتيجي ۾، لازمي طور هميشه ردوبدل ٿيندي رهي ٿي. جڏهن نصير خان پنهنجي پوري اوج تي هو، تڏهن چئي سگهجي ٿو ته سڄي بادشاهيءَ جي مطلق العنان حڪومت جا حڪم مڪمل طور حاوي هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪنهن به حڪم يا قانون تي اعتراض اٿارڻ يا ان کي رد ڪرڻ جي ڪنهن کي به همت ڪانه هئي، پر ساڳئي وقت تي اهو حڪمران جاگيردارن کي سندن پنهنجن قبيلن اندر رعايتن ڏيڻ سان پنهنجي اعليٰ اختياري اهڙيءَ طرح نرم ڪري ڇڏيندو هو، جو هڪ عام رواجي ڏسندڙ کي هيءَ بادشاهي، هڪ فوجي وفاق جي صورت ۾ نظر ايندي هئي. +سڀني قبيلن وارا پنهنجي سردار يا اڳواڻ کي چونڊڻ جو حق استعمال ڪن ٿا، پر اهو منصب جڏهن هڪ دفعو طئي ٿي وڃي ٿو، تڏهن اهو موروثي معلوم ٿئي ٿو. قلات جو خيان، بهرحال، ڪنهن به اهڙيءَ چونڊ کي نامنظور ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي فيصلي ڪرڻ جو نالي ماتر حق پاڻ لاءِ محفوظ رکي ٿو. پر مون اهڙو ڪو هڪ مثال به نه ٻڌو، جنهن ۾ نصير خان، ماڻهن طرفان نامزد ڪيل ڪنهن به سردار جي مقرري کي نامنظور ڪرڻ جي قدم کڻڻ تي اصرار ڪيو هجي ۽ جڏهن کان وٺي هن جو پٽ حڪومت جو سربراهه ٿيو آهي، تڏهن کان ڪوبه ماڻهو هن کي اهڙي ڪارروائيءَ جي خبر ڏيڻ جي ضرورت به محسوس نٿو ڪري. +ڪيچ ۽ گنڊاوا جي شهرن کي، جيڪي مڪران ۽ ڪڇ گنڊاوا صوبن جي گادين وارا شهر هئا، اهڙن گورنرن يا حاڪمن کي پنهنجي لاءِ منظور ڪرڻو پيو، جيڪي نصير خان طرفان مقرر ڪيل ۽ سندس مرضيءَ جا غلام هئا، حالانڪ انهن ٻنهي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو. مختلف قبيلن ان واسطو رکندڙ هئا. ماڻهن انهيءَ ڳالهه کي اُتان جي رهاڪن جي پيدائشي حقن تي اهڙو وڏو حملو سمجهيو، جو گورنرن جي حڪومتن لاءِ مڃتا حاصل ڪرڻ خاطر گهڻائي فوجي دست رکڻا پيا، ۽ جنهن گهڙيءَ نصيرخان وفات ڪئي، تنهن دم ئي ٻنهي شهرن جي رهاڪن هنن کي ڀڄائي اتان ڪڍيو. محمود خان پنهنجي والد جي حڪم جي فقط گنڊاوا ۾ تعميل ڪرائي سگهيو، پر انهيءَ واقعي کان وٺي ڪيچ هن کي محض اعزازي تعظيم ڏيندو رهيو آهي. +سڄي بلوچستان سان واسطو رکندڙ معاملن ۾ جنگ جي اعلان ڪرڻ ۽ عهدنامن طئي ڪرڻ جو اختيار قلات جي خان وٽ رهندو هو، ۽ قبيلن جي سردارن کي، کيس فوجن ذريعي مدد ڪرڻ جو اختيار ڪونه هوندو هو. در حقيقت، هو نه فقط ائين ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندا هئا، پر کين طئي ٿيل عهدنامن جي اهڙن حصن جي تعميل پڻ ڪرڻي پوندي هئي، جن جو انهيءَ قبيلي سان ڪو واسطو هوندو هو، جنهن جا اهي سردار هئا، جيتوڻيڪ هو ان کي پنهنجي مفاد يا فائدي لاءِ کڻي نقصانڪار به سمجهندا هئا، پر جيڪڏهن عوام جو ڀلو يا مفاد ڪنهن به قبيلي کان اهڙي قرباني گهرندو هو ته پوءِ قلت جي خان ۾ اها توقع رکي ويندي هئي ته هو اهڙي قبيلي کي انهيءَ قربانيءَ جي مساوي معاوضو عطا ڪندو. ساڳئي دليل جي آڌار تي، کيس زميني جائدادن جي حدن مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل هو، ۽ جتي به حدن جي سلسلي ۾ تڪرار ٿيندو هو، خواهه اهو قبيلن ۾ هوندو هو يا فردن جي درميان، ٻنهي صورتن ۾ زمين جي مالڪ هئڻ جي حيثيت ۾ فيصلي ڪرڻ جو اختيار فقط قلات جي خان وٽ هوندو هو ۽ ان وٽ ئي نبيري لاءِ وڃڻو پوندو هو. ان کان پوءِ اهو هن جو فرض ٿيندو هو ته هو ست ۾ سخت تفتيش ڪري ۽ ٻنهي ڌرين طرفان پيش ڪيل شاهدن کان بيان وٺي، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ سندن دعوائن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا ذريعا گهڻو ڪري نه، پر بنهه ڪين هوندا هئا. ان کان پوءِ هن کي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻو هوندو هو، جيڪا قطعي ۽ آخري هوندي هئي. +جڏهن به ڪنهن ”خيل“ جي ماڻهوءَ طرفان پنهنجي ئي قبيلي جي سردار خلاف خان وٽ فرياد آندو ويندو هو، تڏهن هن کي اهڙو اختيار حاصل هوندو هو ته يا ته هو پاڻ انهيءَ معاملي جي سماعت ڪري خود ئي فيصلو ڏئي يا اهو معاملو فريادي ۽ جوابدار جا ”خيل“ وابستہ هوندا هئا. بهرحال، هن جي آخري ذڪر ڪيل طريقي اختيار ڪرڻ جو امڪان گهٽ هوندو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻنهي مان ا هڪ انصاف نه ڪيو آحي، جيئن عام طرح ٿيندو هو، ته ان صورت ۾ هو قلات جي خان وٽ اچي اپيل ڪري سگهندو هو. نتيجي طور، قبيلي جي سردار ڏانهن ڪنهن به معاملي جي موڪلڻ مان فقط هڪ هيءُ فائدو حاصل ٿي سگهندو هو ته ان طرح سان معاملي جي صحيه ۽ اصلي صورتحال هڪ نظر ۾ اعليٰ ترين عدالت جي سامهون ظاهر ٿي پوندي هئي. +قلات جي خانن جي خودمختياريءَ جي متعلق هڪ ٻي تمام مضبوط ثابتي هيءَ آهي ته هو پنهنجن سردارن کي اهو حڪم ڏيئي سگهن ٿا ته هو پنهنجي فوج جي مقرر ڪيل تعداد سميت بذات خود حضور ۾ اچي حاضري ڏين. جڏهن اهڙيءَ طرح جمع ٿيل فوج جنگ جي ميدان ۾ بيهاري ويندي آهي، تڏهن اها ٽن حصن ۾ تقسيم ڪئي ويندي آهي، ۽ هر هڪ حصو پنهنجي مخصوص جهنڊي سان نمايان نظر ايندو آهي. ڪڇ گنڊاوا، صوبي قلات ۽ نوشڪي ضلعن جون فوجون محمود خان يا سندس نائب (عيوضي) جي سڌي حڪم هيٺ هلنديون آهن ۽ انهن وٽ سرخ جهنڊو هوندو آهي، ساراوان صوبي جون فوجون رائسر خان جي هٿ هيٺ هلنديون آهن ۽ اهي سبز ٻه ـــ ڇانگي جهنڊي ذريعي نمايان هونديون آهن. قادر بخش خان زهري ۽ ولي محمد خان مينگل [1] گڏجي جهالاوان ۽ لس نالي ٻن صون جي اضافي فوجن جي قيادت سنڀالڻ جو اعزاز سنڀاليندا آهن ۽ انهن کي نمايان ڪندڙ جهنڊي جو رنگ پيلو هوندو آهي. جيڪڏهن انهن منجهان ڪي به حصا جدا ٿي ويندا آهن ته انهن جا اڳواڻ نغارا وڄائيندا آهن، ۽ جيڪڏهن ساراوان ۽ جهالاوان جون فوجون گڏجي پونديون آهن ته انهن جا مختلف سپهه سالار ڇانوڻيءَ جي پنهنجي پنهنجي حصي اندر اها ڪارروائي ڪندا آهن. پر جنهن دم قلات جون فوجون انهن جي وڃي گڏبيون آهن ته ان صورت ۾ توڙِ انهن جي قيادت خان پاڻ ڪندو هجي يا سندس عيوضي ڪندو هجي ته، ٻنهي صورتن ۾ اهو اعزاز اڪيلي سر انهن مان هڪ لاءِ مخصوص ٿي ويندو آهي. +عدل ۽ انصاف ڪرڻ لاءِ قاعدن جو هڪ مجموعو قمبراڻي قبيلي جي هڪ انتهائي قديم شهزادي مرتب ڪيو هو، جنهن اهو اهم فرض حڪومت جي سربراهي ڪندڙ شخص جي مٿي تي کڻي رکيو هو. جڏهن انهيءَ گهراڻي جا علائقا ايتريقدر وسيع ٿي ويا، جيترا اهي نصير خان جي بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ هئا، تڏهن اهي قاعدا ۽ قانون ماڻهن جي مجوزه مقصدن کي پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي نڪتا. انهيءَ سياڻي قانون ساز انڪري، انهيءَ ڪوتاهيءَ جي علاج ڪرڻ لاءِ هڪدم ڪمرڪشي، ۽ هن جي علائقن مان جيڪي هاڻي سندس پٽ وٽ باقي بچيل آهن، تن ۾ هن جو ٺهيل قانون ئي هلي رهيو آهي. قتل جي مقدمن ۾، خان بذات خود فيصلي لاءِ ويهندو آهي، ۽ نه وري ملڪ جي ڪنهن به ٻئي سردار کي مخصوص طور مليل اجازت جي بغير انهيءَ ڪم جو اهل سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ باري ۾ عام طرح جيڪي قاعدا ۽ قانون آهن، سي هيٺينءَ طرح آهن: +جيڪڏهن هڪ ماڻهو ٻئي کي قتل ڪري ٿو، ۽ مقتول جا مائٽ مٽ سزا ڏيارڻ لاءِ آماده آهن ته پوءِ عام طرح سان ان جو عيوضو قيد ۽ ڳرن ڏنڊن وجهڻ ذريعي ڏٺو ويندو آهي. ڪن به شرطن تي ٺاهه نه ٿي سگهڻ جي انتهائي حالت ۾ خون جي بدلي ۾ خون جو مطالبو ڪيو ويندو آهي، ۽ جيئن ته خان موت جي فتويٰ پاڻ صادر ڪرڻ کان ڪترائڻ جي ڪوشس ڪندو آهي، ان ڪري هو عام طرح سان ڏوهاريءَ کي انهيءَ ماڻهوءَ جي دوستن جي سپرد ڪندو آهي، جنهن کي هن قتل ڪيو هوندو آهي ته هو جيئن به چاهين، تيئن هن سان سلوڪ ڪن. اهو طريقو عام طرح سان انهيءَ ماڻهوءَ جي حياتي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، ۽ هن کي سخت پورهيي ڪرڻ لاءِ ٻانهي جي حيثيت ۾ رکيو ويندو آهي. انهيءَ پوئين ذڪر ڪيل قانون ۾ هڪ ناقابل تلافي اسشنيٰ آهي،جيڪا انهيءَ پالسيءَ ۽ انهن جذبن جي تعريف ۾ گهڻو ڪجهه چوي ٿي، جن جي اثر کان اها اختيار ڪئي ويئي هئي. يعني ته جڏهن به خون ٿيل ماڻهو ڪو غيرملڪي هوندو آهي، تڏهن ان جي قتل سان واسطو رکندڙ هرهڪ ماڻهوءَ کي هڪدم قتل ڪيو ويندو آهي. قتل کان پوءِ ٻئي نمبر تي، کاٽ هڻڻ ۽ رات جي وقت ۾ ڌاڙا هڻڻ اهڙا ڏوهه سمجهيا ويندا آهن، جن لاءِ سخت سزا ڏني ويندي آهي، ۽ جڏهن انهن مان ڪو هڪ ڏوهه به واضح نموني ۾ ثابت ٿي ويندو آهي، تڏهن هميشه موت جي سزا ڏني ويندي آهي. ڏينهن ڏٺي جي چوري ۽ دڪانن تي رکيل شين کي تِڳائي کڻي وڃڻ، ڳنڍيڇوڙي ڪرڻ وغيره جهڙن ننڍن ڏوهن جي پاداش ۾ گهڻو ڪري چورايل شين جي ��قدار يا قيمت جي مطابق چهبڪن ۽ جيل جون سزائون ڏنيون وينديون آهن. +جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس زال کي ڪنهن بيگاني ماڻهوءَ سان زنا ڪندي ڏسي وٺي ته کيس اختيار حاصل آهي ته هو انهيءَ عورت ۽ سندس عاشق کي قتل ڪري؛ پر کيس تصديق لاءِ ٻن معزز شاهدن کي پيش ڪرڻو پوندو آحي، نه ته انهيءَ ڏوهه کي قتل سمجهيو ويندو آهي. ساڳيءَ طرح سان جيڪڏهن هو سندس زال جي بيوفائيءَ لاءِ چار معتبرا اکين ڏٺا شاهد پيش ڪري سگهي ٿو ته حالانڪ خود هن کي ان باري ۾ ڪڏهن ڪو شڪ نه به هوندو، تڏهن به کيس اها آزادي هوندي آهي ته هو انهيءَ عورت ۽ سندس يار کي، جيڪڏهن هو انهيءَ پوئين ذڪر ڪيل ماڻهوءَ کي هٿ ڪري سگهي ته ختم ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ اهو معاملو خان وٽ پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪو ملائن يا مولوين جي مدد سان انهيءَ مسئلي جي جاچ ڪندو آهي، ۽ جيڪڏهن ثابتيون صحيح ۽ اعتبار جوڳيون هونديون آهن، ته پوءِ اهو معاملو اتي ئي ختم سمجهيو ويندو آهي؛ پر جيڪڏهن ثابتين جي معاملي ۾ ڪو شڪ شبهو جاڳندو آهي ته پوءِ انهيءَ بدنصيب ماڻهوءَ کي، جنهن پنهنجي وهم ۽ شڪ مطابق هڪ فرض ڏوهه لاءِ انتقام ورتو آهي، قتل جي ڏوهه جو انتهائي سخت، ڏنڊ ڏيڻو پوندو آهي، ۽ هن جي شاهدن کي انهيءَ وقت تائين ملزم جي ڪٽنب وارن جي حوالي ڪيو ويندو اهي، جيستائين اهي پنهنجي طرفان لڳايل الزامن کي درست ثابت ڪري سگهن. اهو مفيد ۽ صحتمند قانون انتقام ۽ ڪوڙي تراشيءَ کي ساڳئي نموني سان روڪي ٿو ـــ جيڪڏهن ڪو مرد هڪ ڇوڪريءَ کي برغلائي سندس عصمت لٽي وڃي ٿو ۽ ڇوڪريءَ جي حاملہ ٿيڻ کان اڳ ۾ سندس پيءُ هن جو ڏوهه ڏسي وٺي ٿو ته کيس اهو حق آهي ته هو ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ لاءِ اصرار ڪري، ته هو ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ لاءِ اصرار ڪري، ۽ ان صورت ۾ خان والد جي اختياريءَ جي حمايت ۾ هنن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ بڌل آهي؛ پر هيءَ هڪ اهڙيءَ حالت آهي، جيڪا ڪڏهن به واقع ٿيندي نه ٻڌي ويئي آهي ۽ انهيءَ صورتحال کي گهڻو ڪري بادشاهيءَ جي ذريعي سان طئي ڪيو ويندو آهي. هڪ خيل يا برادريءَ ۾ ٿيندڙ رواجي تڪرارن ۽ جهيڙن، چورين ۽ ٿوري ۾ کڻي چئجي ته هر قسم جي اختلافي ڳالهين جا فيصلا گهڻو ڪري انهيءَ خيل جو سردار ئي ڪندو آهي؛ ۽ هن کان پوءِ ڌريون انهيءَ قبيلي جي سردار وٽ اپيل ڪري سگهن ٿيون، جنهن سان اهو خيل وابستہ هوندو آهي؛ جيڪڏهن اهو معاملو وڏيءَ اهميت وارو هوندو آهي؛ ته پوءِ ٽين اپيل وري قلات جي خان وٽ ٿيندي آهي؛ پر جيئن ته هو ٿورين حالتن ۾ پهرئين فيصلي کي رد ڪرڻ ضروري سمجهندو آهي، ۽ هن وٽ شنوائي حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ۽ ڏوڪڙ، ٻنهي جي ضرورت هوندي اهي، ان ڪري ڪي ٿورائي ماڻهو اهڙي ڪوشش ڪرڻ کي مصلحت آميز سمجهندا آهن. اهو رضاڪارانه احساس ئي آهي، جيڪو ملڪ جي عدليه جو اڪثر ڪم سردارن ۽ وڏيرن جي هٿن ۾ کڻي اڇلائيندو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح خان کي ڪم جي اٿاهه دٻاءَ کان بچائي وجهندو آهي، جيڪو قدرتي طور، انهيءَ هنڌ ئي بهتر طريقي ۽ وڌيڪ حق ۽ انصاف سان نبري سگهندو آهي، جتي اهڙو تڪرار ۽ ڏوهه جو ڪم سرزد ٿيل هوندو آهي، حالانڪ ان کي انهيءَ ڍنگ سان نبيرڻ جي ڪري رعايا جي آزاديءَ جي درجي مان ذري برابر به ڪا تخفيف نٿي ٿئي ۽ اول قبيلن جي سردارن کي سندن ماڻهن جي فعلن ڏانهن متوجهه پڻ ٿيڻو پوي ٿو. +قلات جي خان جي فرمان يا اڳواٽ مليل اجازت کان سواءِ جنهن اڪيلي حالت ۾ ڪنهن ڏوهاريءَ جي گردن زني ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ڪنهن مسافر ماڻهوءَ کي سڌي رستي کان گهمراه نه ڪري کيس قتل ڪيو ويو هجي. اهڙي موقعي تي، ويجهي ۾ ويجهي سردار کي اخت��ار هوندو آهي ته هو قانون جي هڪدم تعميل ڪري ۽ وڌيڪ آهي ته هو قانون جي هڪدم تعميل ڪري ۽ وڌيڪ وقت وڃائڻ کان سواءِ جلد از جلد اهڙي واقعي جي رپورٽ ڪري. قبيلن يا خيلن جي درميان سنگين نوعيت جا جهڳڙا، هميشه قمبراڻي قبيلي جي خانن وٽ انهيءَ ڪچهريءَ ۾ پيش ڪيا ويندا آهن، جيڪا محمود خان ۽ سندس ويجهن عزيزن تي مشتمل هوندي آهي. +بلوچي فوج جو جيڪو رجسٽر مون قلات ۾ ڏٺو، تنهن ۾ مجموعي طور اڍائي لک ماڻهو داخل هئا، پر اهو انهيءَ موقعي تي ٺاهيو ويو هو، جڏهن احمد شاهه پهريائين پهريائين ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن نصير خان کيس خراج ڏيڻ قبول نه ڪندو ته هو بلوچستان تي ڪاهه ڪري ايندو. پوءِ انهيءَ بادشاهه جي فرمان جي جواب ۾ سندس تقاضا پوري ڪئي ويئي هئي. انهيءَ ڪري هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ان تعداد ۾ گهڻي قدر وڌاءُ ٿيل هجي، جيتوڻيڪ هينئر به ساڳين ئي دستاويزن ۾ هڪ لک ويهه هزار فوجين جا نالا شامل آهن، باوجود هن ڳالهه جي، جو سڀني باغي صوبن ۽ ضلعن جا نالا ڪاٽيا ويا آهن. آءٌ بهرحال، سمجهان ٿو ته وڏي ۾ وڏي هنگامي حالت ۾ محمود خان انهيءَ تعداد جي اڌ جيترا ويڙهو ماڻهو به وڏي مشڪل سان گڏ ڪري سگهندو. آءٌ سمجهان ٿو ته هن جي موجوده گهٽيل حالت ۾ سندس مجموعي آمدنيءَ جو جيڪڏهن حق ۽ انصاف سان اندازو ڪيو ته اها وڌ ۾ وڌ 3،50،000 رپيا ساليانه ٿيندي[2]، جنهن جو وڏو حصو جنس ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو. نصير خان جي زماني ۾، آمدني ٽيهه لک رپيا ساليانه کان به ٻاهر هئي، پر ان وقت سنڌ ۾ ڪراچي بندر جي ڪسٽم محصول کان علاوه مڪران، لس، پنجگور، ديزوڪ، خاران وغيره خراج ادا ڪندو هئا. +قلات ۾ جيڪي محصول مڙهيل آهن، سي تمام مناسب حد اندر آهن. اُٺ تي رکيل هڪ لڏ (خواه ان ۾ ڪجهه به پيل هجي) شهر ۾ داخل ٿيڻ سان حڪومت کان پنج رپيا، ۽ رپي جو چوٿون حصو هندن کي ادا ڪري ٿي. ان کان علاوه بازار ۾ فروخت ڪيل مال تي پڻ هڪ محصول رکيل آهي، جيڪو ان جي مُلهه جي ڏيڍ سيڪڙو کان مٿي ناهي. گهوڙن ۽ چوپاين تي سڄي بلوچي علائقي ۾ ڪوبه محصول وصول نٿو ڪري وڃي. اها زمين، جنهن کي کوهن يا اهڙن تلائن مان سيراب ڪيو وڃي ٿو، جن کي مرمت ٿيل حالت ۾ رکڻ لاءِ مزدور ۽ محنت گهرجي، سا پيداوار جو ويهون حصو ادا ڪري ٿي ۽ جيڪا زمين بارش جي پاڻيءَ تي آباد ٿئي ٿي، تنهن تي موسم جي حالت مطابق ڏهين ۽ سورهين حصي جي وچ ۾ ڍل ورتي وڃي ٿي. جن هنڌن تي چشما آهن، اتي ڍل اڃا به وڌيڪ آهي، ۽ قلات جي ڪن باغن ۾ ته اها پيداوار جي پنجين حصي تائين آهي. اها سڄي ساري رقم خان جي خزاني ۾ نٿي پيئاري وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جو هڪ تمام مختصر حصو قبيلن يا خيلن جا اُهي سردار پنهنجي ڪم آڻيندا آهن، جن کي گهڻو ڪري انهن رقمن جي وصول ڪرڻ ۽ خان جي خزاني لاءِ قلات پهچائڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو هوندو آهي. جڏهن جنس ۾ آيل آمدني خان جي شخصي ضروريات کان وڌي ويندي آهي (جيئن اها گهڻو ڪري ٿيندي آهي) ته پوءِ ان مان بچت ٿيل حصو هڪ هندو دلال جي سپرد ڪيو ويندو اهي، جيڪيو ان جي بدلي هن کي سڄي سال جي دوران ڏيساورن جو ٺهيل مال ۽ اُتان آيل جنسون فراهم ڪندو رهندو آهي[3]. +قلات جو سِڪو ڪريم خاني رپين جي صورت ۾ آهي، جن مان هڪ رپي ۾ اٺيتاليهه ٽامي جا پئسا هوندا آهن. هتي سونيون اشرفيون ڇهن ڪريم خاني رپين ۾ هڪ جي حساب سان هلن ٿيون، جن مانپنج رپيا چئن زمان شاهين جي برابر ٿين ٿا. خود قلات کان ٻاهر ڏيساورن ڏانهن تمام ٿورو مال برآمد ٿئي ٿو. پر اهو ڪنهن زماني ۾ قنڌار، ڪابل ۽ خراسان کان آيل مال لاءِ هندستان جي منڊين ڏانهن ويندڙ وڏو رستو هو، ڇو ته واپاري هلڪن محصولن جي ڪري هن رستي کي ترجيح ڏيڻ لاءِ آماده ٿيندا هئا. قلات جي درآمد ۾ لوهه، قلعي، شيهو، رڪ، ٽامو، نير، سوپاريون، ڳڙ ۽ شڪر، مصالحا، ريشمي ڪپڙا، ڪيمخاب، زريءَ وارو ڪپڙو، ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٿندستان کان ايندڙ گَهريلو اوني ڪپڙو شامل آهن. ميوو وغيره هو ڪابل ۽ خراسان کان گهرائيندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڪ ۽ ٽامو سيستان کان وٺندا اهن. کجور، پنجگور ۽ مڪران جي ڏاکڻن علائقن کان ۽ اڇو ڪپڙو، ڪاشي، لونگيون، پَٽڪا ۽ لوڻ هُو سنڌ، ملتان ۽ شڪارپور کان گهرائين ٿا. +آءٌ بلوچستان جي آب و هوا، زمين جي نوعيت ۽ قدرتي تاريخ جو ذڪر اڳتي هلي هن تذڪري جي پڄاڻيءَ وقت هڪ عام فصل ۾ گڏ ڪندس، ۽ انهيءَ وچ ۾ وري آءٌ اتان جي مختلف علائقن جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ نوعيت جو بيان ڪندس. +فصل (5) +بلوچستان جو ٻيو ڀاڱو، جنهن ۾ لس ۽ مڪران جا صوبا شامل آهن، تنهن جي اتر ۾ جهلاوان جا ڪجهه هصا، وارياسو ريگستان ۽ ڪوهستان آهن. ڏکڻ ۾ هندي وڏو سمنڊ، اولهه ۾ لارستان جو صوبو ۽ اوڀر ۾ سنڌ آهي. ان جي انتهائي ڊيگهه، جيڪا جبلن جي انهيءَ قطار کان، جيڪا ان کي سنڌ کان جدا ڪري ٿي، ان جي انتهائي مغربي سرحد تائين پنج سؤ ۽ پنجاهه ميلن کان به مٿي آهي ۽ سمنڊ جي ڪناري کان وٺي اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 28 ڊگرين ۽ 34 منٽن وٽ، جلڪ نالي ڳوٺ تائين ان جي گهڻي کان گهڻي ويڪر ٻه سؤ ويهه ميل آهي. هن پَٽي جي نوعيت کي جڏهن پهرئين ڀاڱي سان ڀيٽيو وڃي ٿو، ته اها گهٽ جابلو ڏسجي ٿي؛ پر ان جي باوجود ان مان ڪيئي پهاڙ قطارون لنگهن ٿيون ۽ ڪي ان جي آرپار وڃڻ ٿيون. خوش قسمتيءَ سان اهي زمين کي زرخيز بنائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جيڪا ٻيءَ طرح حيرت انگيز طور غيرآباد آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته جتي به مڪران جاميدان ويڪر ۾ ڏهن يا ٻارهن ميلن کان وڌيڪ آهن، اتي اهي پهاڙين جي عين دامنن کان سواءِ، جيڪي انهن جي چوگرد ڦهليل آهن، پوريءَ طرح ريگستان آهن. مڪران ۾ سڀني کان وڌيڪ بلند ۽ بالا پهاڙن جي قطار اها آهي، جيڪا الهندي طرف بشڪرد ضلعي جي اندر واقع آهي، جتان کان وٺي، جيئن مون گذريل باب ۾ ڏيکاريو آهي، اهي مشرق جي طرف وڌن ٿا، تان جو اهي بروهِڪ جبلن جي ڏاکڻين شاخ سان وڃي ملن ٿا، ۽ انهن ٻنهي جي ميلاپ کي ڪوهستان چئجي ٿو[4]. اوچائيءَ جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي جيڪا ٽڪرين جي قطفار آهي، سا اُهائي تمام ننڍي قطار آهي، جيڪا بروهڪي جبلن جي ڏکڻ ـــ اولهندي ڪنڊ کان ٻاهر نڪتل آهي ۽ جيڪا عين ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري تائين هلي وڃي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح اها راس بنائي ٿي، جنهن کي يورپي لوڪ ”عربہ“ ۽ مقامي ماڻهو ”عَربُو“ سڏين ٿا. انهيءَ قطار جي چوٽيءَ تي هندن جو مشهور و معروف مندر هنگلاج بيٺل آهي، جيڪو مندر جي ديوي، ڪاليءَ جي نالي سان منسوب ڪيل آهي، ۽ جنهن جي زيارت لاءِ هر سال هزارين جاتري اچن ٿا. +بروهڪي ٽڪرين جي ٻن شاخن منجهان، جيڪي مڪران جي ذري گهٽ وڏي حصي وچان گذرن ٿيون، تن مان هڪ ان کي اترئين ۽ ڏاکڻين حصي ۾ تقسيم ڪري ٿي، ۽ ٻي شاخ انهن ٻنهي کي ريگستان کان علحده ڪري ٿي؛ ۽ ٻي شاخ انهن ٻنهي کي ريگستان کان علحده ڪري ٿي؛ اترئين حصي کي مقامي ماڻهو ”وُشوُتي“ يا ”مچ“ سڏين ٿا، جن مان پوئين لفظ جي معنيٰ کجيءَ جو وڻ آهي. اسين ڏسون ٿا ته کجي اتان[5] ئي وڏي ڪمال سان وڌڻ ويجهڻ شروع ڪري ٿي. الهندي طرف ڏانهن، پهارن جي هڪ وڏي قطار، سمنڊ جي ڪناري طرف، عام حالتن ۾ جبلن جي سمنڊ سان ويجهڙائيءَ کان وڌيڪ قربت رکي ٿي ۽ اها راس مبارڪ ۽ راس جسڪ جي چوٽين واري زمين آهي، جنهن ک�� مقامي ماڻهو مڪران ۾ واقع سمجهندا آهن. +لس يا لسه جي صوبي کي صحيح طور مڪران جو مشرقي ڀاڱو سمجهڻ گهرجي؛ پر جيئن ته اهو بلڪل ئي خودمختيار آهي، ۽ جيئن ته ان کي هميشه کان وٺي هڪ علحده ۽ جدا علائقو سمجهيو ويو آهي، ان ڪري مون به ان کي ائين چوڻ لاءِ ساڳيائي دليل ڏيڻ شروع ڪيا آهن. ان کي لس يا انهيءَ لفظ واسطي سان لسه سڏيو آهي، جنهن جي جدوگالي ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي، هڪ ميدان يا ماٿري. ان جي پکيڙ: نوي ميل ڊيگهه ۽ پنجاهه ميل ويڪر ۾ ڦهليل اهي، ۽ ان جون حدون اتر طرف جهلاوان، ڏکڻ طرف سون مياڻيءَ جو اُپٻيٽ ۽ اولهه طرف ٽڪرين جون اهي قطارون آهن، جيڪي ان کي سنڌ ۽ مڪران کان جدا ڪن ٿيون. ان جي ٽن طرفن کان جبل وڪوڙي بيٺا آهن، ۽ انهن کي فقط پنجن لَڪن جي ذريعي پار ڪري سگهجي ٿو، جن مان ٻه سنڌ ڏانهن وڃن ٿا، ٻه مڪران ڏانهن ۽ هڪ اتر طرف، جهلاوان ڏانهن وڃي ٿو. پهرين ٻن لَڪن کي هنگلاج ۽ ٻيلي وارا لَڪ سڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن مان هڪ جي مٿان گذرندڙ رستو انهيءَ نالي واري مندر جي بلڪل قريب گذري ٿو ۽ ٻِو پوئين نالي واري شهر جي پنجن ميلن جي دائري اندر شروع ٿئي ٿو؛ جيڪي رستا سنڌ طرف وڃڻ ٿا، سي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لفظن سان ظاهر ڪيل آهن ۽ انهن سان لفظ ”لڪ“ ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي رستا انهن نالن وارن شهرن ڏانهن ويندڙ رستن تي واقع آهن، ۽ جيڪو رستو قلات طرف وڃي ٿو، تنهن جو نالو جهالاوان جي اوچن جبلن وچان لنگهڻ جي ڪري ”ڪوهون واٽ“ يعني پهاڙي رستو آهي. +لس جون نديون ٻه آهن: پورالي ۽ هب. پهرئين نالي واري ندي، جنهن کي قديم جاگرافيءَ ۾ عربيز جي نالي سان سڏيو ويو آهي، ٻيلي جي اتر ـــ اوڀر وارن جلبن مان نڪري ٿي، جتان کان هلي اها جهالاوان جلبن جي دامن مان لنگهي، انهيءَ نالي واري شهر وٽان، وري ڏکڻ طرف ڦيرو کائي ٿي ۽ ان جي بلڪل ويجهڙائي مان گهزري، سون مياڻي نالي ڳوٺ کان اٽڪل ٻه ميل ڏکڻ ـــ اولهه ۾ واقع سون مياڻي واري اپٻيٽ ۾ وڃي پوي ٿي. هن نديءَ جو پاڻي لياريءَ تائين نهايت سٺو آهي، جيڪا سون مياڻيءَ کان ويهه ميل اتر ـــ اوڀر ۾ واقع آهي، جتي ان کي سمنڊ ناقابل شڪست بنائي ٿو ۽ اُها ننڍين ڪشتين جي هلڻ لاءِ موزون ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي وڌيڪ اونهين جاين ۾ تمام گهڻيون مڇيون ملن ٿيون. ٻيلي وٽ تمام خشڪ موسم ۾ پندرهن کان ويهن والن تائين وڪري ۽ هڪ يا ٻن فوٽن تائين اونهي هوندي آهي، پر بارش واري موسم ۾ ان جو پيٽ ميل جي چوٿين حصي تائين ويڪرو ٿي ويندو آهي ۽ ان مان لنگهي پيار وڃڻ ناممڪن هوندو آهي. حب تمام ننڍي ندي آهي، جنهن جو منهن سنڌ ۽ لس کي جدا ڪندڙ جبلن ۾ آهي ۽ اتان کان پوءِ اها سڌي الهندي طرف وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انهن کان علاوه، ٻه ٽي ٻيون به ننڍڙيون نديون آهن، جهڙوڪ وُٽا، سانگني وغيره، جيڪي جبلن جي مختلف هنڌن تان نڪري اچي پوراليءَ ۾ ملن ٿيون. اهي بارش ۾ موسم کان سواءِ گهڻو ڪري سُڪيون پيون هونديون آهن. +لس واري سڄي علائقي جي نوعيت سڌي سنئين پَٽَ جهڙي آهي، جيئن ان جي نالي مان ظاهر آهي، ۽ اهو جابلو ندين جي ڪنارن جي ويجهڙائي کان سواءِ، جتي اناج، ڪمند وغيره جا ڏاڍا گهاٽا ۽ ڀلا فصل ٿين ٿا، باقي سڄو سارو ملڪ غيرآباد ۽ پوٺو آهي. انهيءَ ننڍڙي رياست جو سربراهه ڄام مير محمد خان آهي، جنهن جي ساليانه آمدني پنجاهه هزار رپيا آهي، جنهن جو وڏو حصو ٻيلي جي بازار ۾ ايندڙ مال تي وصول ٿيندڙ محصول مان ۽ باقي سون مياڻيءَ جي ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ عربو بندر واري آمدني مان ملي ٿو، جيڪو بندر مڪران وارن جبلن ۾ پٺئين طرف واقع آهي. هڪ وقت ۾ هن کي انهيءَ آمدنيءَ جو وڏو حصو سندس بالا حاڪم، قلات واري نصير خان ڏانهن خراج طور موڪلڻو پوندو هو، پر پوءِ انهيءَ حاڪ جي هڪ ڌيءَ سان سندس شادي ٿيڻ تي هن کي انهيءَ حاڪم جي هڪ ڌيءَ سان سندس شادي ٿيڻ تي هن کي انهيءَ ادائگيءَ کان مستشنيٰ قرار ڏنو ويو، ۽ هاڻي هن کي انهيءَ رياست جي حڪومت سندس آقا جي خدمت ۾ چار هزار پنج سؤ سپاهين جي بي قاعدي فوج موڪلڻ جي شرط تي جاگيردارانه نظام جي تحت مليل اهي. آءٌ سمجهان ٿو ته هو ايڏن سارن ماڻهن کي مشڪل سان ڪٺو ڪري سگهي ٿو، ۽ دراصل اهي سڀ شرط شروط هن وقت نالي ماتر وڃي بچيا آهن. هن جي علائقي تي پڻ اهي سڀ پابنديون پيل آهن، جيڪي بلوچستان جي ٻين سردارن جي حالت ۾ وڌل آهن، ۽ هن رياست جو ڪوبه باشندو، خود ڄام سميت ڪنهن جي به خلاف قلات جي خان وٽ شڪايت پيش ڪري سگهي ٿو، نه وري آءٌ سمجهان ٿو ته هو ڪو انهيءَ درٻار مان جاري ٿيل ڪنهن به حڪم تي اعتراض ڪري سگهي ٿو ۽ نه ان جي مخالفت يا مقابلو ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو. هن جو سڄو ملڪ بزنجن، مينگلن ۽ ٻين بروهي قبيلن جي حملن لاءِ اهڙو ته کليل پيو آهي، جو انهن کي جيڪڏهن ڪنهن وقت محمود خان وٽان ان تي حملي ڪرڻ جي اجازت ملي وڃي ته اهي ان کان تاراج ڪرڻ ۾ زبردست خوشي محسوس ڪندا، جنهن ڪري لس جو ڄام هر وقت خوف، هيبت ۽ اطاعت جي حالت ۾ رهي ٿو. +لس جو مکيه شهر ٻيلو آهي، جنهن جو مون هن ڪتاب جي پهريئن ڀاڱي ۾ بيان ڪيو آهي. ان کان پوءِ بئي نمبر تي لياري آهي، جيڪو سون مياڻيءَ جي اتر اتر ـــ اوڀر ۾ اٽڪل ويهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو شهر آهي. اهو پورالي نديءَ جي ڪپ تي واقع آهي ۽ ان ۾ سورهن سوَن کان وٺي ارڙهن سؤ گهر ٿيندا. هتان جي بازار جي چونگي ۽ ٻيا محصول وصول ڪرڻ لاءِ هڪ داروغو رهي ٿو. اُٿل، جنهن جو ذڪر منهنجي ڊائريءَ جي 20 ـــ جنوريءَ واري داخلا ۾ ملندو، هن ملڪ جو ٽيون نمبر شهر آهي. سڄي صوبي ۾ ٻارهن کان وڌيڪ مستقل ۽ پڪن ڳوٺن کان وڌيڪ ڪي بستيون ڪينهن. ماڻهو اهڙين جهوپڙين ۽ تنبن ۾ رهن ٿا، جيڪي ڪنهن به وقت مرضيءَ تي اکوڙي ۽ هٽائي سگهن ٿا. +هن ملڪ جون روانگي واپار جون مکيه شيون، ڪافي مقدار ۾ اناج، ڪجهه بَناتون ۽ کهري قسم جا غاليچا آهن. اهي شيون گهڻو ڪري مڪران ۽ عربستان جي ساحل ڏانهن موڪليون وڃن ٿيون، جتان انهن جي بدلي ۾ کجور، بادام ۽ ڪافر ٻانها موڪليا وڃن ٿا؛ انهن مان آخري ذڪر ڪيل مال، يعني ٻانها هتي ڏاڍا قيمتي آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي ئي ٻاهريون سخت ڪم ڪن ٿا. بمبئيءَ کان آمدني ۽ واپار ۾ هِت پهچندڙ شين ۾ لوهه، رڪ، قلعي، کنڊ، سوپاريون ۽ ناريل شامل آهن. سنڌ کان انهن ڏانهن کهري قسم جو اڇو ڪپڙو، ڪاشيءَ جون سرون، لونگيون، ۽ ڪجهه مقدار ۾ ڪچي ڪپهه موڪلي وڃي ٿي، جنهن مان هڪ اهڙي شيءِ ٺاهي وڃي ٿي، جنهن کي کرڳي چيو وڃي ٿو، جيڪا غريب طبقي جا مقامي ماڻهو پائيندا آهن. لٺي پڻيي ۽ ولائتي ٺهيل ڪپڙي جي هتي وڏي قيمت آهي، پر مقامي ماڻهن جي مفلسيءَ ۽ انهن جي تمام خسيس واپار جي ڪري ڪوبه انهيءَ مال جي گهرائڻ جو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. +[1] . زهري ۽ مينگل انهن جي قبيلن جا نالا آهن. +[2] . ٽيتاليهه هزار، ست سؤ، پنجاهه پائونڊ اسٽرلنگ. +[3] . محمود خان کان وٺي ويندي آخر تائين هر رتبي ۽ درجي وارن سڀني سردارن وٽ اهوئي مستقل دستور آهي. خود ننڍي نوشڪي خيل جي سردار عيدل خان وٽ به سندس ڪاروبار هلائڻ لاءِ پنهنجو هندو ايجنٽ يعني دلال آهي. +[4] . بُشڪرد ضلعي کي اُتان جا مقامي ماڻهو ڪوهستان جو هڪ حصو سمجهن ٿا؛ ۽ اتي جيڪي ڪُرد رهن ٿا، تن لاءِ ڪڏهن به مڪراني (يعني مڪران ۾ رهندڙ ماڻهو) لفظ ڪم نه آندو ويندو آهي؛ پر جيئن ته اهو انهيءَ متوازي ليڪ جي ڏکڻ طرف واقع آهي، جنهن کي مون ڪوهستان جي ڏاکڻين ليڪ طور رکيو آهي، ۽ اها بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي يا حجت جي، مڪران ۾ آهي، ان ڪري آءٌ ان کي هن ڀاڱي ۾ رکان ٿو. +[5] . وشؤتي تي اهو لفظ آهي، جيڪو فارسيءَ جو لفظ ”خوش آمدي“ جو هم معنيٰ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته توهان ڀلي ڪري آيا، يا اوهان جو ڇا حال آهي؟ + + +مڪران جي صوبي جو واپس ذڪر ڪرڻ کان اڳ ۾ آءٌ ان جي ضلعن جي تعداد شمار ڪرڻ سان ابتدا ڪندس، پر جيئن ته انهنن مان گهڻا يا ته ويران ۽ غيرآباد پيل آهن، يا وري انتهائي خشڪ ۽ ڪنهن به ساوڪ کان عاري آهن، ان ڪري آءٌ پنهنجي بيان کي فقط انهن تائين محدود رکندس، جيڪي سندن نوعيت جي لحاظ کان توجهه جي لائق آهن. مڪران جا مکيه اندروني ضلعا: ڪيچ، پنجگور، مچ، ديزوڪ، ڪسورقند، بُشڪرد، سِبّ، جَلڪ، ڪَلپوُرڪن ۽ ڪوهُوڪ آهن، ۽ سامونڊي ڪناري وارا ضلعا عربو ڪولاج، چؤبار، تيز ۽ گواڪ آهن. +سنه 1809ع جي پوئين حصي تائين، جڏهن بينگال نيٽو انفنٽري جي ڪئپٽن گرانٽ کي برگيڊيئر جنرل مالڪوم اوڏانهن موڪليو هو، تڏهن انهيءَ سڄي ملڪ کان يورپي لوڪ سامونڊي ڪناري کان سواءِ، بلڪل ناواقف هئا ۽ هن کي وڏي چڪر ڪاٽي انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ــ الهندي وارن علائقن تائين پهچڻو پيو هو. قلات کان بن پور تائين منهنجي رستي جو ڪجهه حصو انتهائي شمالي ضلعن ۾ واقع هو، انهن جي مدد سان پنهنجي تحقيقات لاءِ رهنمائي حاصل ڪندي، مون هندسان واپس اچڻ کان پوءِ مون ايتريقدر ته مقامي معلومات گڏ ڪئي آهي، جيڪا انهن ڳالهين جي تصديق ڪري ٿي، جيڪي مون پاڻ ڏنيون هيون، جو آءٌ انهيءَ صوبي سان واسطو رکندڙ موضوعن تي وڏي خاطريءَ سان لکي سگهڻ جي همت ڪري سگهان ٿو. +جيئن ته مڪران جي پهاڙن بابت مون هن کان اڳي مختلف هنڌن تي بيان ڪيو آهي، ان ڪري مون کي انهن جي متعلق وڌيڪ ڪجهه بيان ڪرڻو ناهي. سامونڊي ڪناري تي سڄي ڊيگهه ۾ ڪيترائي ندين جا ڇوڙ آهن، جنهن ڳالهه هن عقيدي کي جنم ڏنو اهي ته هن ملڪ جو اندروني علائقو سڄو ندين سان ڀريو پيو هوندو، پر انهيءَ ڳالهه جي بدران، حقيقت هيءَ آهي ته سڄي ملڪ ۾ مشڪل سان ئي ڪا اهڙي ندي آهي، جيڪا سڄي سال تائين وهندي هوندي. نه وري ڪا هڪ به اهڙي ندي آهي، جو وهڪرو سندس نڪرڻ واري مُنهن کان وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين يڪو ۽ بنان ڪنهن رڪاوٽ ۽ رنڊڪ جي آهي. سمنڊ جي ڪناري کان وٺي انهن سڀني جو وهڪرو گَهرو ۽ پيٽ ويڪرو ٿئي ٿو، تان جو اهي جبلن يا پٿريلي پهارين ۾ پهچن ٿيون، جتي اهو سوڙهيون ٿي ور وڪڙ کائيندڙ ڪسين ۽ نالين جي صورت اختيار ڪن ٿيون، جيڪي صاف موسم جي وڏي حصي دوران بلڪل خشڪ ٿين ٿيون ۽ بارش جي موسم ۾ اهي ڦوڪجي ڏهڪائيندڙ آبشار بنجي پون ٿيلن، جن جو سڄو پاڻي بارش بند ٿيڻ کان چند ڪلاڪن جي اندر، جنهن سان اهي ڀرجي وهن ٿين، تيزيءَ سان وهي هليو وڃيٿو. انهن سڀني ندين جا پيٽ گهڻو ڪري گدامڙيءَ، ٻٻر ۽ ٻين ٻُوڙن ۽ وڻن جي گهاٽن ۽ خودرو جهنگن سان ڀريا پيا هوندا آهن، جيڪي اُٺن ۽ ٻڪرين جي چرڻ لاءِ موزون هنڌن هئڻ کان علاوه، پنهنجي گهاٽي جهنگ ۾ ٻين به ڪيترن ئي قسمن جي وحشي ۽ جهنگلي جانورن کي پناهه ڏيندا آهن. +انهن ندين جي پيٽن جي متعلق انتهائي معلوماتي نظارو پيش ڪرڻ لاءِ، جيتريقدر به منهنجي وس ۾ آهي. آءٌ انتهائي مشرقي رخ ۾ واقع ندين کان وٺي شروعات ڪندس ۽ جيئن جيئن مغرب طرف وڌندو هلندس، تيئن انهن جي مختلف ورن وڪڙن جي نشاندهي ڪندو هلندس. +��س کي مڪران کان علحده ڪندڙ پهاڙن تي چڙهڻ کان هڪدم پوءِ اسين آگور نديءَ [1] تي پهچون ٿا، جيڪا هنگلاج واري مندر جي هيٺان لنگهي، مختلف ۽ تنگ ور وڪڙ کائيندي سمنڊ ۾ وڃي ڇڙي ٿي، مندر جي ويجهڙائيءَ ۾، نديءَ جي پيٽ ۾ هڪ مشهور کوهه آهي. جنهن کي ان جي اونهائيءَ سبب ”انيل ڪا ڪونڊ“ يعني بي تَري کڏ سڏيو ويندو آهي. هڪ اهڙي ماڻهوءَ، جيڪو اتان ٿي آيو آهي، مون کي پڪ ڏني ته هن رسيءَ جا هڪ سؤ وال هيٺ ويندي اکين سان ڏٺا ۽ اها اڃا به پاڻيءَ تي نه پهتي، ۽ انهيءَ ڳالهه جي ڪري مقامي ماڻهن جو ويساهه آهي ته اهو مندر جي ديويءَ پاڻ کوٽيو آهي. مندر وارو پاڻي ڏاڍو سٺو آهي، ۽ ان کي ڪيترن ئي مرضن جو علاج سمجهيو ويندو آهي. اتان کان ٻه منزلون اڳتي اسان کي ”مڪلو ندي“ ملي ٿي، جنهن جو منهن سمنڊ کان پنجيتاليهه ميل آهي ۽ ان ۾ انهيءَ وهڪري جي دوران ٻه يا ٽي ننڍيون نَيون اچي گڏجن ٿيون. انهيءَ هنڌ کان پوءِ چاليهه ميل اولهه ۾ ڀسول، رومرا ۽ سدوڪ نالي نَيون يا نهرون آهن، جن مان پهريون به قريب ترين پهاڙين کان ويهن يا ٽيهن ميلن تائين، پوئين اسي ميلن تائين، وهن ٿيون. سدوڪ ندي4 جي هڪ ميل اندر پسنيءَ جو شهر واقع آهي، جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ واپار هلندو نهو ۽ ندي ايتريقدر اونهي هئي، جو ان ۾ ڏهن يا ٻارهن ميلن تائين ٻيڙا اندر وڃي سگهندا هئا، جتي اهي جنهگ مان ڪاٺ وڍي کڻي ايندا هئا، جنهن مان ٻيڙن جا کوهاڏا ۽ ٻارڻ جون ڪاٺيون ٿينديون هيون، پر انهيءَ ڳوٺ کي سنه 1809ع ۾ عرب قزاقن ساڙي ڇڏيو ۽ هندو اتان لڏي هليا ويا آهن. اتان کان وٺي دست ندي ستر ميلن کان به مٿي مفاصلي واري آهي. انهيءَ سڄي سامونڊي ڪناري جي وسعت ۾ فقط هڪ ننڍي نئن آهي. اسان هن وقت تائين جيڪي نديون ڏٺيون آهن، تن سڀني کان وڏي ۾ وڏي دست ندي آهي، ۽ جڏهن پڙهندڙن کي اهو ٻڌايو وڃي ته سمنڊ جي ڪناري کان هڪ سؤ والن جي اندر، نديءَ جي وچ سير وٽ پاڻيءَ جي اونهائي اٽڪل ويهه انچ کن آهي، ۽ ان جي ويڪرائي ڏهن کان وٺي ٽيهن والن اندر آهي، تڏهن اهي ٻين ندين بابت پاڻ اندازو ڪري سگهندا. جڏهن سمنڊ جي وير وهي ٿي، تڏهن سمنڊ جو پاڻي هڪ يا ٻن ميلن تائين نديءَ ۾ مٿي ڌوڪي اچي ٿي، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ مهل ان کي ڏسندو ۽ ان جي متعلق پنهنجو رايو ڏيندو ته پڪ ئي پڪ ان کي چڱو خاصو درياهه سڏيندو. +دست ندي[2] جتي ڇوڙ ڪري ٿي، اتي ان جي ٿورڙي اونهائي ۽ ننڍڙيءَ ويڪرائيءَ هئڻ جي باوجود، اوهان کي ان جي سامونڊي ڪناري کان سڌيءَ ليڪ ۾ ڇهن کان وٺي ستن ڊگرين جي مفاصلي تائين مختلف نالن هيٺ سراغ معلوم ٿيندو، ۽ انهيءَ نڪته تي مون جيڪا معلومات حاصل ڪئي آهي، آءٌ اهو اندازو ڪريان ٿو ته ان جي انتهائي شمالي ڇيڙي مان جيڪو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪِري ٿو، سو هڪ هزار ميلن کان گهٽ مفاصلو طئي ڪري نٿو اچي [3]. وارياسي ريگستان وچان مون پنهنجو سفر دوران بودور نالي درياهه جو پيٽ پيار ڪيو، جيڪو ويڪر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ميل جو چوٿائي حصو هو، ۽ مون کي ٻڌايو ويو ته اهو مختلف ور وڪڙ کائيندو، سيستان ۾ هيلمند درياهه جي ڪنارن تي واقع هڪ ملڪ نالي، گرما سائل تائين پهچي ٿو. منهنجي رستي جي ڏکڻ طرف، اهو جبلن جي وچ مان پار پوڻ لاءِ زوريءَ پنهنجي راهه ڪڍي ٿو ۽ اتان کان وڌيڪ اوڀر طرف موڙو کائي پنجگور ضلعي کان سيراب ڪري ٿو، جنهن کان ٽي ميل اُتر ۾ ان جي پيٽ مان هڪ ڀرپور ۽ دائمي وهندڙ نهر ڦُٽي نڪري ٿي؛ اتان کان پوءِ وري اها ميدانن ۽ پهاڙي علائقن جي هڪ سلسلي وچان وڪڙ کائيندي انهيءَ صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪيچ کان پري نڪري وڃي ٿي؛ ��تي ان کي موليداني ندي سڏيو وڃي ٿو ۽ ٿورو اڃا اڳڀرو ڏکڻ واري رخ ۾ اها اسان کي ڀُڳور نالي مان وري ملي ٿي؛ انهيءَ نالي سان اُها اڳتي وڌي ٿي، تان جو اهڙي هنڌ پهچي ٿي جتي اها ڦري وري دست يا دستي بنجي ٿي، جنهن نالي سان اها نيٺ وڃي سمنڊ ۾ ڪِري ٿي. +مون هن کان مٿي جيڪي ڪجهه بيان ڪيو اهي، تنهن جي مدنظر آءٌ هن خيال جو آهيان ته دستي، يا اسين ان کي کڻي ڪهڙي به ٻئي نالي سان شناخت ڪريون، گذريل زماني ۾ ڪنهن اهڙي وڏي درياهه جو پيٽ هئي، جنهن جهڙوڪ ڪو ٻيو درياهه هن وقت سڄي مڪران ۾ ڪونهي، جنهن جو پاڻي يا ته ڪنهن ٻي نديءَ ۾ وهندو وهندو خالي ٿي ويو آهي، يا انهن جو اصلوڪو[4] سرچشمو سُڪي خشڪ ٿي ويو آهي. +دستيءَ کان اولهه طرف، نگار، نيم خور، گياني، سراءِ، بُنٿ، سؤدڳي ۽ ٻيا ڪيترائي ناله ۽ نيون آهن، جيڪي سڀ جون سڀ سمنڊ ۾ وڃي ملن ٿيون. ڪن وقتن تي اهي جبلن ۾ مينهن پوڻ سبب ايتريقدر ته ڦوڪجي وهنديون آهن، جو ناقابل عبور هونديون آهن؛ پر عام طرح سان انهن ۾ تمام ٿورو پاڻي هوندو آهي. +ڪيچ، جنهن لاءِ مون اڳيئي چيو آهي ته اهو هن صوبي جو مکيه شهر آهي، تنهن جي نالي وارو هڪ اهڙو ضلعو به آهي، جنهن کي دست ندي خوب سيراب ڪري ٿي. ڪيچ جو ڪوٽ هڪ اوچي ٽڪريءَ تي ٻڌل آهي، جنهن جي هيٺان اها ندي وهي ٿي ۽ ان جي قدرتي مضبوطيءَ ڪري مقامي ماڻهو ان کي ناقابل شڪست سمجهن ٿا. شهر انهيءَ پهاڙيءَ جي دمن کي ٽن طرفن کان سڄو وڪوڙي بيٺو آهي، جنهن جي چوٽيءَ جو قلعو بيٺل آهي، جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ ٽي هزار گهر هئا؛ پر قلات واري نصيرخان جي وفات کان پوءِ، ان جي ذريعي قنڌار، گوادر ۽ چؤبار جهڙن سامونڊي بندرن سان قلات، شڪارپور، خضدار، ٻيلي وغيره سان جيڪو واپار هلندو هو، سو سڄو بيهجي ويو ۽ هندو ۽ ٻيا شاهوڪار واپاري شهر ڇڏي هليا ويا آهن، جنهن ڪري اهو تباهيءَ جي ڪناري وڃي پهتو آهي. سنه 1810ع ۾ ڪيچ جو حاڪم يا گورنر عبدالله خان بزنجو بروهي هو جيڪو محمود خان جي اقتدار کي تسليم ڪرڻ جو چونگ ڪندو هو، پر هن کي ڪوبه خراج نه ڏيندو هو؛ ۽ ان کان پوءِ ته مون کي ائين ٻڌايو ويو آهي ته هن کيس ظاهري تعظيم ڏيڻ به ترڪ ڪري ڇڏي آهي. هن جي پيشرو کي اٽڪل ست سال اڳي انتهائي بيوفائيءَ واري طريقي سان مير مصطفيٰ خان طرفان قتل ڪيو ويو هو، جنهن، اهو ڏسي ته سندس ڀاءُ، قلات جي خان جي حڪمن جي نالي ماتر به ڪا مڃتا نٿي ڪئي وڃي، مذڪوره گورنر ڏانهن هڪ قاصد موڪليو ۽ کيس انهيءَ شهر ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، پر انهيءَ مطالبي کي مڃڻ کان ڪورو جواب ڏنو ويو. ڪجهه بحث مباحثي کان پوءِ، قلات جي سردارن طرفان شخصي حفاظت ۽ سلامتيءَ جي سنجيده وعدي ڪرڻ کان پوءِ، پنجگور ۾ ٻنهي جي درميان هڪ ملاقات جو انتظام ڪيو ويو. حاڪم سندس حاضري پوري وقت تي ڏني، پر هو وري واپس نه اچڻ لاءِ آيو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي مصطفيٰ خان سان گڏ آيل فوجن قتل ڪري ڇڏيو. +ڪيچ جي آمدني بلڪل معمولي آهي ۽ اتان جو گورنر، جيڪو قلات حڪومت جي هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ چئن يا پنجن هزارن ماڻهن کي پاڻ وٽ پاليندو هو، تنهن وٽ اڄڪلهه سندس پگهار ۾ اوترا سَوَ ماڻهو به ڪينهن. +ڪيچ کان هڪدم ڏکڻ طرف جيڪو قلعو واقع آهي، تنهن کي هڪ خشڪ ۽ ويران ”دشت“ يا ويران زمين جو هڪ علائقو سڏيو وڃي ٿو، حالانڪ ڪن هنڌن تي تمام گهڻي مقدار ۾ کجور پيدا ٿئي ٿي، پر کجور جي وڻ جي اها هڪ مخصوص خصلت معلوم ٿئي ٿي ته اهو انتهائي خشڪ ۽ ويران زمين ۾ وڌي ۽ ويجهي ٿو. +پنجگور يا پنجر، هڪ ننڍو ۽ سرسبز ضلعو آهي، جيڪو ڪيچ کان اتر اتر ـــ اوڀر ۾ واقع آهي. اهو جبل�� جي وچ ۾ هڪ ماٿري آهي ۽ منجهس خيلن جا ٻارهن يا تيرهن ڳوٺڙا آهن، جن کي بودور درياهه مان گهڻي مقدر ۾ پاڻي مهيا ٿئي ٿو؛ انهن سڀني جي آدمشماري چڱي خاصي آهي، ۽ هن صلعي ۾ جيڪي کجورون پيدا ٿين ٿيون، سي سڄي مڪران[5] ۾ پيدا ٿيندڙ ٻين سڀني کجورن کان بهتر سمجهيو وينديون آهن. پنجگور جو موجوده سردار رحمت الله خان آهي، جيڪو قلات واري محمود خان جو ڀائٽيو آهي. هن انهيءَ مٽيءَ مائٽيءَ هوندي به، پنهنجن ڪيچ وارن هموطنين جي مثل جي پيروي ڪئي آهي ۽ پاڻ کي بلڪل خودمختار ۽ مڪمل طور آزاد قرار ڏنو آهي. هن جي سالياني آمدني ويهه هزار رپيا چئي وڃي ٿي؛ پر آءٌ انهيءَ انگ کي وڌاءُ سمجهان ٿو. +مچ، نالو انهيءَ ملڪ کي ڏنو ويو آهي، جيڪو اولهه طرف ۽ پنجگور سان متوازي بيٺل آهي ۽ انهيءَ ريگستان جي ڏاکڻين سرحد آهي، جنهن مان مون کي سفر ڪري پار اچڻو پيو هو. اهو تمام ناهموار، پٿريلو ۽ جابلو علائقو آهي. ان جي باوجود، ان جي ڪن ماٿرين ۾ ايترو اناج پيدا ٿئي ٿو، جيڪو انهن ٿورن گهڻن خانه بدوش ريڍارن لاءِ ڪافي آهي. جيڪي ان ۾ رهن ٿا. مچ ۾ پاڻي تمام گهڻو موجود چيو وڃي ٿو، البت اپريل، مئي ۽ جون وارن مهينن ۾ اهو ناياب ٿي وڃي ٿو، جيسترائين ان جون نديون، نيون ۽ چشما بارش جي پاڻيءَ سان وري ڀرجي وڃڻ؛ ۽ جڏهن به مينهن نه پوندو آهي، تڏهن اتان جا رهاڪو ڏکڻ طرف ڀڄي اچڻ لاءِ مجبور ٿي پوندا آهن. هتان جا ماڻهو پڻ اتي ڪجهه کجون پوکين ٿا ۽ وٽن ڪجهه اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون به آهن. انهن جو نسل عام مڪرانين کان وڌيڪ ننڍو ۽ نازڪ چيو وڃي ٿو. هنن جا هٿيار جا مڪيءَ واريءَ بندوق، ترار ۽ ڍال آهن. هرهڪ ڳوٺ کي پنهنجو پنهنجو سردار آهي، جيڪو ماڻهن ۾ پيدا ٿيندڙ سڀني تڪرارن ۽ اختلافن جو فيصلو صادر ڪندو آهي. +ڪسورقند هڪ پنجويهه ميل ڊگهو سڌو ميدان آهي. جيڪو اوتروئي ويڪرو به آهي ۽ ان جي وچان هڪ ننڍي نئن وهي ٿي. ان جو قلعو ڳوٺ جي بچاءُ ڪري ٿو، جيڪو ان جي چوڌاري تعميل ٿيل آهي. ميدان ۾ جيڪي پوک هيٺ آيل ٽڪرا آهن، تن جو بچاءُ پن هيٺانهين تي ڪوٽ هڪن ٿا، جيڪي هڪٻئي کان چئن يا پنجن سوَن والن جي مفاصلي تي ٺهيل آهن، جن ۾ بندوق بردار چوڪيدار فصل پچڻ واري سڄي موسم جي دوران چوڪي ڪندا رهندا آهن. اهو تحفظ هن ڪري اڻٽر ٿي پيو آهي، جو اهو ضلعو بنپور جي ناهرن ۽ ڪوهستان جي وجهڙائي ۾ واقع آهي. ائين به ناهي ته انهن ڦورن کان اهي ماڻهو پنهنجن زمينن جي تباهي ۽ بربادي هميشه ٽاري سگهندا آهن. بشڪرد لاءِ بس فقط ايتروئي چئي سگهجي ٿو ته اهو جبلن جو هڪ اهرو يڪو ۽ اڻ ٽٽل سلسلو آهي، جيڪو ڪُسرد بلوچن جي چوپائي مال لاءِ گاهه پٺو مهيا ڪري ٿو، جيڪي اناج ۽ ٻين ضروري شين لاءِ هيٺانهن پٽن تي دارومدار رکن ٿا. اهي ماڻهو ڪُردن جو هڪ اهڙو قبيلو آهي، جيڪو لارستان مان نڪري هيٺ آيو آهي ۽ اهي ماڻهو بنان ڪنهن شڪ و شبهي جي هڪ اهڙي بستيءَ جي مانهن جو اولاد آهن، جن ڪيئي صديون اڳي اهو صوبو فتح ڪيو هو[6]. انهن ۾ بلند ۽ بالا جاين لاءِ سندن رت ۾ جيڪو شوق سمايل آهي، سو انهن اڃا تائين پاڻ ۾ برقرار رکيو آهي ۽ انهن هاڻي ڪوهستان ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪئي آهي. دوزڪ، سِبّ، ڪلپورڪن ۽ جلڪ جهڙن ضلعن جو ڪجهه ذڪر هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ اڳيئي ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ انهن ضلعن يا سامونڊي ڪنارن وارن ٻن ضلعن جي وڌيڪ تفصيلن ۾ وڃڻ فضول سمجهان ٿو[7]، جيڪي محض سڌا سنوان، ۽ آباديءَ کان بلڪل خالي ميدان آهن، جيڪي ساوڪ جي هڪ به نشان کان خالي، قريب ترين جبلن جي دامن تائين ڦهليل آهن. +مڪران جي سڄيءَ آباديءَ جو خانه بدوش قبيلن تي مشتمل هئڻ ڪري گهٽ وڌ ٿيڻ جو ايتري قدر ته امڪان آهي، جو ان جي وسعت جو اندازو لڳائڻ مضحڪه خيز ٿيندو. انهيءَ علائقي جي ماڻهن مان جيڪي سامونڊي ڪناري تي رهائش پذير آهن، تن جو قدر ڪاٺ اتر طرف رهندڙن کان وڌيڪ وڏو ۽ رنگ وڌيڪ ڪارو ٿئي ٿو، ۽ انهيءَ حقيقت کي انهن جي مسقط ۽ عربستان جي ڪافرن سان عام ٿيندڙ شادين سان منسوب ڪري سگهجي ٿو. پر ان جي باوجود مون جيڪي به مڪراني ڏٺا، تن سڀني جي جڏهن بلوچن يا بروهين سان ڀيٽ ڪئي ويئي، تڏهن اهي ننڍي قد ڪاٺ ۽ نازڪ نسل جا ماڻهو نظر آيا ۽ انهن ۾ بيماريون عام جام هيون. نصير خان طرفان بلوچستان لاءِ قانون جو جيڪو ڪتاب تيار ڪيو ويو هو، سو انهيءَ شهزادي جي ضروري ڦيرڦار سان هن پرڳڻي ۾ لاڳو ڪيو ويو هو، پر هن جي انتقال تي ان جو احترام ختم ٿي ويو ۽ هاڻي اتي بدانتظامي ۽ خونريزي عام آهي. هرهڪ ضلعي کي انتقام وٺڻ جو پنهنجو پنهنجو طريقو آهي، ۽ مسافر يا واپاري ماڻهو، ملڪ جي هڪ حصي کان ٻئي ڏانهن فقط ان صورت ۾ وڃي سگهن ٿا، جڏهن انهن سان ڪا هٿيربند جماعت ساڻ هوندي، ۽ اها به اهڙي جيڪا مٿن حملي کي روڪڻ لاءِ ڪافي حد تائين طاقور هوندي. مڪران جي بندرن تان فقط هڪ ئي واپار ٿئي ٿو ۽ اهو آهي اتان جي کجور جي ساليانه پيداوار جي هڪ حصي جي بمبئيءَ ۽ باقي حصي جي اپٻيٽ جي ٻين حصن ڏانهن برآمد؛ جنهن جو معاوضو اُنهن ئي شين جي صورت ۾ ملي ٿو، جن جو ذڪر مون لس واري بيان ۾ ڪري ڇڏيو آهي. اها تجارت هندن جي طرفان ڪئي وڃي ٿي، جيڪي ڏيساور تان درآمد ٿيل شيون مڪرانين کي ’مال جي بدلي مال‘ جي اصول تحت ريزڪي نموني ۾ ڏيندا آهن. +فصل (6) +ڪڇ گنڊاوا جو صوبو ۽ دجل جو ضلعو، جن کي مون بلوچستان جي ٽين فصل ۾ رکيو آهي، سي جئين ته محمود خان جي اختياريءَ ڏانهن اهڙا فرمانبردار ۽ ان کي تسليم ڪندڙ آهن، جهڙوڪ قلات جو ضلعو، ان ڪري قدرتي طور نتيجو اهو نڪري ٿو ته مون هن تذڪري جي ٽين باب ۾ جن به قانونن، رسمن رواجن ۽ محصولن جو ذڪر ڪيو آهي، سي سڀ هنن علائقن سان به اوتري قدر ئي لاڳو ٿين ٿا. منهنجي لاءِ هاڻي فقط اها ڳالهه باقي رهي آهي ته آءٌ پنهنجن پڙهندڙن کي انهن جي جاگرافيائي وسعت ۽ حدن کان آگاهه ڪريان. +ڪڇ گنڊاوا جون جاگرافيائي حدون اتر طرف سيوستان، ڏکڻ ۾ سنڌ، اولهه ۾ براهوئڪ جبل ۽ اوڀر ۾ سنڌو ندي ۽ ان جي وچ ۾ بيٺل ريگستاني پٽو آهن. اتر کان ڏکڻ تائين ان جي گهڻي کان گهڻي ڊيگهه، اٽڪل هڪ سؤ ويهه ميل آهي ۽ ويڪر ۾ ان جو آباد ۽ رهائش لائق حصو فقط سٺ ميل مس ٿيندو. +ڪڇ گنڊاوا ۾ فقط ٻه نيون آهن، هڪ ناڙي ۽ ٻي ڪوهي. پهرين نئن سبيءَ جي اتر ـــ اولهه وارن پهاڙن مان نڪري ٿي ۽ اتان کان پوءِ اها هڪ ٻئي جي پٺيان هنن ڳوٺن جي پاسن کان گذري ٿي، مٺڙي، ايري، حاجي، ٻڍا، ڀاڳ، نصيرآباد، پلال، منجهو، ڪندوه، ۽ تُنبُو. آخري نالي واري ڳوٺ وٽ اها واريءَ ۾، تمام گهاٽي ۽ ناقابل عبور جهنگ اندر غائب ٿيو وڃي. انهيءَ نئن ۾ ان وقت تمام گهڻو پاڻي هوندو آهي، پر عام طور اها مهينن تائين ذري گهٽ خشڪ پيئي هوندي آهي. ڪوهي نئن، بولان ماٿريءَ وچان وهي ٿي، جيڪا دشتي دولت کان ڪڇ گنڊاوا تائين ويندڙ هڪ شاهراه آهي ۽ دهن دره[8] وٽ اها ٻن شاخن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي؛ انهن مان هڪ شاخ: ڪؤهي، خانپور، مهيسر ۽ ڀڳئي نالي ڳوٺن جي پاسن کان ور وڪڙ کائيندي وڃي ٿي. ڀڳئي وٽ ان جي ڪناري کي پوک جي مقصدن لاءِ پڪو ڪيو ويو آهي؛ ٻي شاخ وري دادر کان لنگهي ايريءَ جي ڳوٺ کان اٽڪل چار ميل پري ناڙيءَ ۾ وڃي ملي ٿي. انهن ٻنه نين مان ڪيئي تلاءَ کوٽيل آهن، جيڪي زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ ميدان جي مٿاڇري تان پاڻي پهچائين ٿا ۽ ساڳئي مقصد لاءِ انهن جي مختلف قدرتي شاخن جي ڪنارن تي ڪيئي بندر يا پڪا ڪپر ٻڌا ويا آهن. +هن صوبي جو اهم شهر گنڊاوا آهي، جيڪو قلات جيڏو وڏو ناهي، پر اهو وڌيڪ يڪسانيت سان تعمير ٿيل آهي ۽ ان جي مرمت بهتر نموني سان ٿيندي رهي آهي. قلات جي خان جو هِتي هڪ محل آهي، جتي هو پنهنجي ڪٽنب قبيلي ۽ سڀني وڏن سردارن ۽ جهالاوان ۽ سراواڻ صوبن جي ماڻهن سان گڏ، هر سياري انهن بلند ۽ بالا علائقن جي انتهئاي سرديءَ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ايندو آهي. شهر جي چوڌاري هڪ تمام اوچي گنب جي ديوار ڏنل آهي، جنهن کي ڪمين يا هارين نارين طرفان هر وقت چڱيءَ طرح سان مرمت ڪيو ويندو آهي، ۽ انهن ٽن دروازن جي مٿان ڪي ننڍا مورچا ٺاهيا ويا آهن، جيڪي قلات، ڪراچي ۽ شڪارپور جي نالي وارن شهرن طرف ويندڙ رستن ڏانهن وڃڻ ڪري انهن شهرن جي نالن سان منسوب ڪيا ويا آهن. ٻيو شهر آهي، دادر ۽ ان کان پوءِ ڀاڳ ۽ لهريءَ جو درجو آهي. پر انهن منجهان ڪو هڪ به وڏي ڪشادگي وارو ناهي. انهن مان ڪن ۾ هڪ هزار ته ڪن ۾ انهن کان ڪجهه وڌيڪ، ويندي پندرهن سَون تائين گهر آهن، جن جي چوگرد مٽيءَ جي ٿلهي ڀِت ۽ برج ٺهيل آهن، جن ۾ گولين لاءِ سوراخ ٿيل آهن. هن سٺي پَٽَ ۾ ڳوٺ ذري گهٽ ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ هر سال اصافو ٿيندو پيو وڃي. +ڪڇ گنداوا جي ماڻهن جي وڏي اڪثريت ”جيٺ“ يا ”جت“ آهن، اهي قلات جي ديهورن وانگر، صرف ڳوٺن ۾ رهندا آهن، ۽ پاسن واري زمين جا ٽڪرا ڪن شرطن، شروطن ۽ سهولتن هيٺ آباد ڪندا آهن، جيڪي مٿن بلوچي، يا بروهي سردارن طرفان عطا ڪيون ويون آهن، جن کي محمود خان اهي زمينون جاگير طور ڏنيون آهن. اڪثر بلوچي ۽ سڀ ئي بروهي، جن کي انهيءَ صوبي ۾ زمين آهي، سي اتي سال جي فقط انتهائي سرد مهينن ۾ رهندا آهن. جيئن ئي بهار جي موسم جو آغاز ٿيندو آهي، تيئن ئي اهي پهاڙين ڏانهن ڀڄي ويندا آهن، ۽ پنهنجن جتن کي سندن زمينون آباد ڪرڻ ۽ انهن جي پيداوار مان سندن حصو انهن ڏانهن موڪلڻ يا سندن واپسيءَ تي سندن حوالي ڪرڻ لاءِ تيار رکڻ واسطي پٺيان ڇڏي ويندا آهن. گنداوا ۽ ان کان ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪجهه هندو آبادڪار به رهن ٿا، جيڪي پوک راهي ڪندڙن سان ’جنس جي بدلي جنس‘ جي اصول تي واپار ڪندا آهن. اناج ۽ ٻيو سامان سمنڊ جي ڪناري ڏانهن مڪران يا ضرورت جي مطابق ڪنهن ٻئي طرف رواني ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏيندا آهن. +هُروند دجل ضلعي جي اتر طرف ديره غازي خان آهي، ڏکڻ طرف اهي پهاڙيون اٿس، جن تي گورچاڻي ۽ رند بلوچ آباد آهن، اولهه طرف تل چوئيلي ۽ ٻين بيشمار افغان قبيلن جا ضلعا آهن ۽ اوڀر طرف سنڌوندي آهي. +هن ضلعي ۾ مکيه شهر هروند ۽ ٻيو نمبر دجل آهي. پهرئين نالي واري شهر ۾ محمود خان جي پاران حاڪم رهي ٿو، جنهن کي دارالحڪومت کان تمام گهڻو مفاصلو پري هئڻ ڪري، ملڪي قانون ۽ ان جي تعميل حتاڪ زندگي ۽ موت جي معاملن ۾ به، منجهس گهڻي کان گهڻن اختيارن جو اعتماد رکيو ويو آهي. سنه 1810ع ۾ اتان جو حاڪم محمود خان جو هڪ سؤٽ الفت خان قنبراڻي هو. پر آءٌ سمجهان ٿو ته ان کان پوءِ، هن کي محمد رحيم خان جي سرڪردگيءَ هيٺ، جيڪو محمود خان جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ هو، سنه 1811ع ۾ [9] جڏهن ان هروند دلج تي زوريءَ قبضو ڪيو هو، باغين جو مقابلو نه ڪرڻ سبب معزول ڪيو ويو آهي. +هيءُ ضلعو ڊيگهه توڙي ويڪر ۾ پنجاهه ميلن کان وڌيڪ ناهي. پر اتان جي زمين ايتري قدر ته زرخيز آهي، جو چيو وڃي ٿو ته قلات جي خان کي سراوان جي سڄي صوبي مان جيتري آمدني ٿئي ٿي، تنهن کان وڌيڪ فقط انهيءَ هڪ ضلعي مان ملي ٿي. هن ضلعي جي سڄي آبادي جتن تي مشتمل آهي، البت ان ۾ ٿوري تعداد ۾ افغان ۽ ڪي ٻيا آبادڪار شامل ٿي سگهن ٿا. اونهاري ۾ هن جي آب و هوا ڪڇ گنداوا کان وڌيڪ ٿڌي آهي [10] ۽ سياري ۾ اها اوتري قدرئي وڻندڙ ۽ خوش گوار آهي. هن ضلعي مان سنڌونديءَ جي ذريعي ٻيڙين جي وسيلي مٿئين طرف ويندي ملتان ۽ اٽڪ تائين ۽ هيٺئين طرف حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين ڪافي مقدار ۾ واپار هلي ٿو. +فصل (7) +ڪوهستان يا جبلن جو ملڪ، جيئن بلوچن بلوچستان جي الهندي طرف واقع ملڪ جي انهيءَ حصي کي نالو ڏنو آهي، تنهن جي اتر، ڏکڻ، اولهه ۽ اڀرندي طرفن ڏانهن جبلن جي هڪ تمام سوڙهي قطار کان سواءِ، جيڪا ان جي اترئين ڇيڙي کان ٻاهر نڪتل آهي، ريگستانن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جيئن هن تذڪري جي پهرئين باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڏکڻ طرف اهو مڪران جي متعدد ضلعن جي وچ ۾ وڪوڙيل آهي، جنهن صوبي جو ان کي هڪ حصو هئڻ گهرجي، پر جئين ته انهن جي آباديءَ ۾ ٻوليءَ ۽ هلت چلت جي ڳالهين ۾ فرق آهي، ان ڪري مون انهن کي هڪٻئي کان بلڪل جدا ڪرڻ کي مصلحت آميز سمجهيو آهي. +هن ڊويزن جا مکيه جبل اهي آهن، جن کي ”سرحد“ يعني سرحد جبل سڏيو وڃي ٿو، جيڪي اوڻٽيهين ۽ ٽيهين اترين ويڪرائي ڦاڪن جي درميان واقع آهن، ۽ اهي اسي کان نوي ميلن جي مفاصلي تان آسپاس وارن ٻين سڀني جبلن کان مٿڀرا نظر ايندا آهن. اهي سڄا سارا جبل معندي شين سان ڀريا پيا آهن. ڪيترن هنڌن تي پاڻياٺي لوڻ جون نهرون وهن ٿيون ۽ ڪن ٻين جاين تي پاڻيءَ جا اهڙا تلاءَ آهن، جن جي مٿاڇري تي هڪ اهڙي قسم جي ٿَرُ ڄ۾ي رهي ٿي، جيڪا ڪئسپين سمنڊ جي ويجهو دستياب ٿيندڙ ڏامر جهڙي آهي. انهن جبلن مان لوهه، ٽامو ۽ ٻيا ڌاتو پڻ نڪرن ٿا، جن مان مقامي ماڻهو کوٽائي ڪري ايترو مقدار ڪڍندا آهن، جيترو سندن ضرورتن لاءِ ڪافي هوندو آهي. +ڪوهِ نوشادر ۾، جيڪو مون ان وقت ڏٺو جڏهن آءٌ ”باسمان“ ۾ هيس، جنهن جو مون 20 ـــ اپريل واري ڊائريءَ ۾ خص طرح سان ذڪر ڪيو آهي. ڪيتريون ئي اهڙيون علامتون ملن ٿيون، جن مان ان جي زيرزمين باهه جي موجودگي ظاهر ٿئي ٿي. انهيءَ پهاڙيءَ جي هڪ طرف وارن لاهن تي ملندڙ مٽي ۽ پٿر مڪمل طور سياهه اهن ۽ ڪن مخصوص وقتن تي انهن جي آميزش ايتريءَ حد تائين گرم ۽ خسڪ ٿيو وڃي، جو ڇهڻ سان ڀُري سنها ذره ذره ٿي ڪِري پوندي آهي، ۽ ٻئي طرف جئين مون اڳئي ذڪر ڪيو آهي، گرم پاڻيءَ جا جشما، نوشادر وغيره زور سان گوها ڪري ٻاهر نڪرن ٿا. +هيءَ ڊويزن اهڙِن ندين کان پڻ محروم آهي، جن جو مون ٻين هنڌ ذڪر ڪيو آهي. بنپُور جي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ نهر اهي، جنهن کي مقامي ماڻهو درياهه سڏين ٿا، پر جڏهن اپريل سن 1810ع ۾ مون اها جاءِ ڏٺي، تڏهن اها ذري گهٽ وهڻ بند ٿي ويئي هئي، ۽ جيڪڏهن خشڪ موسم وڌيڪ ٻن مهينن تائين هلي هوندي ته اها پڪئي پڪ بلڪل خشڪ ٿي ويئي هوندي. +[1] . هتي ندي، معنيٰ هڪ پهاڙي نئن آهي. +[2] . ڪڏهن ڪڏهن دستي به سڏجي ٿي. +[3] . حصو پهريون، پهرين اپريل واري ڊائري. +[4] . لهوريه نديءَ جي پاڻي، جيڪا نوشڪيءَ جي اتر ـــ اوڀر ۾ شوراوڪ ضلعي مان گذري ٿي. ريتيءَ ۾ جذب ٿي اهڙو گم ٿئي ٿو، جو ماڻهن جي چوڻ موجب، اهو بودور کان سواءِ وري ڪٿي به ظاهر ڪونه ٿو ٿئي؛ پر جنهن هنڌ تي مون انهيءَ نديءَ جو پيٽ ڏٺو، تنهن مان ۽ انهيءَ خبر چار مان، جيڪا مون کي ان جي متعلق ملي، تنهن مان ۽ انهيءَ خبرچار مان، جيڪا مون کي ان جي متعلق ملي، آءٌ البت انهيءَ خيال جو آهيان ته اها هيلمند درياهه جي هڪ شاخ آهي. جيڪا انهيءَ نديءَ جي پيٽ جي هيٺ لهي وڃڻ ڪري پنهنجو پاڻي وڃائي ويٺي آهي. ڪئپٽن ڪرسٽي ان جي ٻنهي پاسن کان بيٺل اوچين پهارين جي چوٽين جو بيان ڪري ٿو، ته جيئن هي تاثر پيدا ٿئي ته اها ڪنهن زماني ۾ اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر وڌيڪ، ريگستان سان هم سطح هئي. حوالو 30 ـــ مارچ واري ڊائري جو ضميمو. +[5] . کجيءَ جي وڻ جي پوکڻ ۽ سنڀال بابت بيان لاءِ ڏسو باب نمبر ـــ 7. +[6] . ڪنيئر جو ڪتاب ”ايراني سلطنت“ ص 83. +[7] . بحواله 4، 7، 8 ۽ 9 ـــ اپريل وارو بيان ــ ڪولو گان ڳوٺ جلڪ ضلعي ۾ آهي. +[8] . دهن دره جي لفظي معنيٰ اهي ماٿريءَ جو مُنهن. اها قيام جي جاءِ آهي ۽ ان جو ٻيو ڪو به نالو ڪونهي، جنهن ڪري آءٌ انهن لفظن جي انگريزي ٻوليءَ جي معنيٰ وارن لفظن جي بجاءِ، اصلي نالي لکڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. +[9] . بحوالہ باب 3. +[10] . بحولہ باب 7. + + +انهيءَ نديءَ جو پاڻيءَ الهندي طرف واقع ريگستان جي واريءَ ۾ غائب ٿي وڃي ٿو. ڪاسڪين ندي، ڪيترين ئي پهاڙي نهرن جي ميلاپ مان ٺهي ٿي، جيڪي اڀرندي طرف کان اچن ٿيون. آءٌ جڏهن 18 ــ اپريل سن 1810ع تي اتان اچي لنگهيو هوس، تڏهن اها بلڪل سڪي پيئي هئي. ان جي اتر طرف جيڪي نهرون آهن، سي ۽ اُهي جيڪي سرحد جبلن مان نڪرن ٿيون، الهندي طرف پڻ وهن ٿيون، ۽ ڪرمان جي ريگستان ۾ وڃيو گم ٿين، جيئن ڪاسڪين ندي بَنپُور جي ريگستان ۾ غائب ٿي وڃي ٿي. +ڪوهستان جا ٻه مکيه ضلعا آهن، ”ميداني“ يعني سِڌن سَنون پَٽن وارا ۽ ”ڪوهُوڪي“ يعني پهاڙين وارا. ميداني ضلعن ۾ هفتُور، پُهرا، بنپُور، ۽ باسمان نالي شهر ۽ ڳوٺ آهن، جن کان علاوه بيشمار ”تُومن“ يا پشميني تنبو پڻ آهن، جيڪي ٻين ضلعن جي جابلو ماڻهن جا فقط اڪيلا پناهگاهه ٿين ٿا، پر جيئن ته هر نئين ”خيل“ سان انهن جي بدلجڻ جو امڪان آهي، ان ڪري انهن کي شمار ڪرڻ مان ڪوبه مطلب نه نڪرندو [1]. ڪوهستان خاص طور فقط بلوچن سان آباد آهي، جن جو نسل ڪن به ٻين طبقن جي ماڻهن سان مليل ڪونهي، نه وري ڪي هندو يا غيرملڪي ماڻهو انهن جي اختيار هيٺ آبادين ٺاهڻ جي همت ڪندا آهن. انهيءَ سڄي ڊويزن ۾ جنهن ۾ تمام ڇڊي آبادي آهي، فقط اٺن يا ڏهن نمايان قبيلن کان وڌيڪ ٻيا ڪينهن، ۽ انهيءَ صورتحال لاءِ ذميداري جزوي طور زمين جي عام طور غيرآباد ۽ بنجر هئڻ تي ۽ ڪجهه حد تائين انهيءَ لڏ پلاڻ تي آهي، جيڪا تازو ايران ۽ اوڀر طرف ڪڇ گنڊاوا جي طرف ڏانهن ٿيڻ لڳي آهي. +هن ڳالهه جي باري ۾ پوري وثوق سان هيءَ تصديق ڪري سگهجي ٿي ته اهي ماڻهو حڪومت جي طريقن ۽ سماج جي قاعدن ۽ قانون کان بلڪل بي خبر ۽ عاري آهن ۽ اهي انهن جي بلڪل پرواهه نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي ڳالهين جو دارومدار محض انهن قبيلن جي سردارن جي مرضيءَ ۽ ذهني حالت تي ٿئي ٿو، جن تي انهيءَ ملڪ جي آبادي مشتمل آهي؛ پر جئين ته اهو اتياز موروثي ٿئي ٿو ۽ پٽن کي سندن پيئرن جي بغضن ۽ خيالن سان گڏ پالي وڏو ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري اهي بلڪل قدرتي طور، انهن جون سڀ عادتون ۽ اصول توڙي انهن جا طور ۽ طريقا اختيار ڪن ٿا، جنهن جو نتيجو اهو آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ، اهو سرشتو جيڪو ابتدا ۾ محض هڪ اتفاق جو نتيجو هو، سو وڃي هڪ اهڙي باقاعدگي جي صورت اختيار ڪري ٿو، جيڪا هڪ نسل کي ٻئي وٽان ورثي طور ملندي رهي ٿي. انهيءَ روشنيءَ ۾ ڏسون ٿا ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ڪوهستان ڪيترن ئي ننڍڙين جمهوري رياستن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ برادريءَ جو هرهڪ فرد اهو محسوس ڪري ٿو ته کيس ساڻس ڪيل سڀني زيادتين جي انتقام وٺڻ، ۽ مشترڪہ ڀلائيءَ سان وابستہ سڀني ڳالهين تي فيصلي صادر ڪرڻ جو حق حاصل آهي. درحقيقت، ا��تي اوچي ۾ اچي ماڻهوءَ کان وٺي نيچ ۾ نيچ ماڻهوءَ تائين جذبات ۽ اعمالن جي متعلق سڀني جي وچ ۾ هڪ انتهائي مساوات موجود آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ عموماً رايا ۽ تجويزون ٻئي ڪنهن صلاحڪار جي ڀيٽ ۾ اهي ئي قبول ڪيون وينديون آهن، جيڪي سردارن طرفان پيش ڪيون ويندوين آهن، ان هوندي به اها ڳالهه هن يقين جو نتيجو نظر اچي رهي آهي ته انهن ماڻهن وٽ زير بحث موضوعن (جيڪي عام طرح پاڙيسري ضلعن ۾ دخل اندازين ۽ حملن سان وابسته هوندا آهن)، جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ بهتر ذريعا حاصل آهن. اهڙن ماڻهن جي دلين ۾ ساڳئي قسم جو جذبو، جنهن ۾ هڪ قبيلي جي سردار لاءِ سندس دولت ۽ رتبي جي ڏهڪاءَ ۽ احترام جو جذبو مليل ٿئي ٿو، سي گڏجي انهن جي جيڪي سندن ماتحتيءَ ۾ رهن ٿا، ننڍن ننڍن تڪرارن جي فيصلي لاءِ انهن ڏانهن ڏسڻ تي آماده ڪن ٿا، ۽ سندن معاشري جي امن امان ۽ عام قسم جي سهوليتن جو خيال کين سندن سردار جي فيصلي کي قطعي ۽ آخري تصور ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. اها صورتحال، البت، تمام خسيس تنازعن تائين محدود هوندي آهي، باقي انهن کان مٿي، هرهڪ ماڻهو پنهنجي فيصلي جو پاڻ مالڪ آهي. جڏهن به ڪو ماڻهو اهڙو ڏوهه ڪندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خود سندس ۽ سندس ڪٽنب لاءِ سڄي ”خيل“ (قبيلي) جي ناراضگيءَ جو امڪان ٿئي ٿو، تڏهن هو انهن نتيجن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ عام طور ملڪ جي ٻئي ڪنهن پاسي ڏانهن فرار ٿي بچائڻ لاءِ عام طور ملڪ جي ٻئي ڪنهن پاسي ڏانهن فرار ٿي ويندو آهي ۽ هو چڱيءَ طرح سان ڄاڻندو آهي ته هن جي طرفان پناهه ۾ رهڻ يا ڪنهن وٽ خفيه طور لِڪي رهڻ جي خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش تي کيس نفرت ۽ ٺٺوليءَ جو نشانو بنايو ويندو، پر حقيقت اها آهي ته اهڙي قدم کڻڻ تي هڪ گهڙيءَ لاءِ به ويچار نه ڪيو ويندو آهي، ڏوهاريءَ کي سندس ڏوهه جي مطابق سزا ڏني ويندي ته سڄوئي صوبو تمام جلدي آباديءَ کان خالي ٿي ويندو. +بلوچين طرفان ڊويزن جون کجورون ۽ بي پيداوار مڪران جي سامونڊي ساحل ڏانهن موڪليون وينديون آهن، جتي هندو اهو مال خريد ڪري برآمد ڪندا آهن. انهن شين جي عيوضي جو ٿورو حصو غير ملڪي زرعي پيداوار يا اتان جي صنعتي شين جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي، پر انهيءَ معاوضي جو وڏو حصو چانديءَ جي رپين جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي، جو هن ملڪ ۾ اهو هڪ ئي سِڪو هلندو آهي. +فصل (8) +منهنجو اندزو آهي ته زمين جو اهو پٽو، جنهن کي صحيح معنائن ۾ بلوچستان جو وارياسو ريگستان چئي سگهجي ٿو، سو ڊيگهه ۾ اٽڪل ٽي سؤ ميل ۽ ويڪرائيءَ ۾ اٽڪل ٻه سؤ کن ميل آهي. اتر طرف اهو فقط هيلمند نديءَ وسييل انهيءَ ساڳئي وارياسي بيابان جي سلسلي کان جدا ٿيل آهي، جيڪو ڪن هنڌن تي، ويندي پارو پاميسان جبلن جي دامن تائين ڦهليل آهي، ۽ الهندي طرف اهو ڪرمان واري ريگستان سان ذري گهٽ ڳنڍيو پيو آهي ۽ جيڪڏهن ٽڪرين جي هڪ سوڙهي قطار وچ ۾ حائل ٿيل نه هجي ها، ته اهو مڪمل طور ريگستان هجي ها. جيڪڏهن اسين انهن ٻن نالي ماتر سرحدن کي رد ڪنداسون، ته ڏسندسين ته ريگستان جي مڪمل پکيڙ، اتر کان وٺي ڏکڻ تائين، ذري گهٽ پنج سؤ ميلن کان به مٿڀري آهي. اوڀر طرف ان جون سرحدون افغانستان جا جبل ۽ سراوان جو پرڳڻو ۽ ڏکڻ طرف مڪران جا جبل آهن. مون انهن بيابانن جي نوعيت متعلق پنهنجي ڊائريءَ ۾ ايتري قدر خاص ڌيان ڏنو آهي، جو هن هنڌ انهيءَ موضوع تي وڌيڪ ڪجهه بيان ڪرڻ فضول ٿيندو، ۽ جيئن ته آءٌ پنهنجن جاگرافيائي رمارڪن کي بند ڪرڻ وارو آهيان، ان ڪري آءٌ بلوچستان جي اتر طرف ان جي اهڙي پاڙيسري ملڪن بابت ڪجهه لفظن جو اضافو ڪندس، جيڪي منهنجي سفر جي رستي ۾ آيا هئا ۽ جن جي متعلق مون اڃا تائين ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي. انهن مان سڀني کان وڌيڪ اهم سيستان آهي، جنهن جي سڄي علائقي وچان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ سفر ڪيو ۽ اهو ملڪ کيس ان طرح نظر آيو، جيئن ان بابت مون ماڻهن کان ٻڌو هو؛ ـــ يعني هڪ سڌو ۽ لسو وارياسو پَٽُ، جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي گهاٽو جهنگل اُڀري آيو آهي. ان جي گاديءَ جو شهر دوُشڪ يا جلاد آباد آهي ۽ ان تي اهو پويون نالو بهرام خان جي فرزند جي نالي تان رکيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي نالي سان بادشاهه جو شاهاڻو لقب، يعني ’سيستان جو بادشاهه‘ ڳنڍي ٿو ۽ اهڙي شاندار نموني گذاري ٿو، جهڙي سندس مختصر آمدنيءَ جا ذريعا کيس اجازت ڏين ٿا. هن جو علائقو ننڍن ننڍن صلعن ۾ تقسم ٿيل آهي، جن مان هرهڪ لاءِ هو هن کان اڳ ۾ هڪ گورنر مقرر ڪندو هو، جنهن جي اختيار ذري گهٽ خود سندس اختياريءَ جي برابر هئي؛ ۽ مون کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ڪجهه سلان کان وٺي انهن مان گهڻن کيس خراج ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. +هيلمند ندي سيستان منجهان وهي ٿي ۽ دوشڪ کان الهندي طرف هڪ گهوڙيسوار جي ٻن ڏينهن جي سفر جيتري مفاصلي تي اها هڪ ڍنڍ ٺاهي ٿي، جيڪا ڪن مومسن ۾ پنهنجن ڪپن کان ايتريقدر ٻاهر نڪريو اچي، جو اها ڊيهه ۾ ذري گهت اسي يا نوي ميل ۽ ويڪر ۾ اٽڪل ٽيهه يا چاليهه ميل ٿئي ٿي. عام طرح سان اها ڊيگهه ۾ ٽيهن ميلن کان ۽ ويڪر ۾ ٻارنهن ميلن کان مٿي نٿي وڃي. ان جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ اهي. ان جو پاڻي ڪؤڙو آهي ۽ ڪنارا ڪانن ۽ ٻئي قسم جي ٻُوڙن ۽ ننڍن وڻن سان ڀريا پيا هوندا آهن، جيڪي مکين جي ڪٽڪن کي جنم ڏين ٿا، جيڪي سڄي صوبي ۾ اپريل کان وٺي آڪٽوبر جي شروعات تائين بيماريون ڦهلائين ٿيون ۽ انهيءَ سڄيءَ مدت جي دوران مقامي ماڻهن جي گهوڙن ۽ اُٺن کي پڻ، سندن سُنبن ۽ پيرن تائين رضائيءَ جهڙن سوٽي ڪپڙن سان ڍڪڻو پوندو آهي. سيستان جي ماڻهي جي پوشاڪ ايرانين جهڙي ٿئي ٿي ۽ سندن ڳالهائڻ جي ٻولي پڻ ساڳي آهي؛ اهي سڀ مسلمانن جي شيعا فرقي جي قوم آهن ۽ افغانن سان سندن تعلقات امڪان جي حد تائين انتهائي خراب آهن. +هيلمند درياهه جي ڏاکڻي ڪپ تي واقع گرمائيسل نالي هڪ تمام تنگ پَٽو آهي ۽ اهو نوشڪيءَ کان، جيڪا ريگستان جي ڪناري تي واقع آهي، اتر الهندي طرف ڏانهن پنجن ڏينهن جي سفر تي آهي. سڀ ظاهر علامتون ڏيکارين ٿيون ته اهو هڪ نديءَ جو سڪل پيٽ آهي ۽ ان ۾ ڪڻڪ، چانورن ۽ ٻين اناجن جو تمام گهڻو مقدار پيدا ٿئي ٿو. هن علائقي جا رهاڪو ڌاڙن هڻڻ ڪري ڏاڍا بدنام آهن ۽ اهي سڀني همسايه ملڪن جي معاشري مان نيڪالي ڌنل عناصر تي مشتمل آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي فقط هن سبب ڪري انهيءَ علائقي ۾ آباد ٿيڻ تي آماده ٿين ٿا، جو کين ٿورڙيءَ محنت سان فصلن پوکڻ جي سهولت آهي،جنهن جي ڪجهه ذميداري هيلمند درياهه جي ڪنارن کان ٻاهر وهي نڪرندڙ پاڻيءَ تي، ۽ ڪجهه قدر هتان جي زمين ۽ مٽيءَ جي انهيءَ حيرت انگيز خوبيءَ تي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن هنڌ ساوڪ ڏاڍي تيزيءَ سان اڀري ٿي. هيءُ ضلعو اڳين ڏينهن ۾ ڪابل جي بادشاهه کي هر سال چار هزار رپين جو خراج ڏيندو هو، پر گذريل ڪجهه سالن کان وٺي اهو بغاوت تي آماده رهيو آهي. +خونچي، گرمائيسل جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙو ضلعو آهي، ۽ هن وقت اهو به ساڳيءَ صورتحال سان دوچار آهي. ان ۾ ساڳئي نالي وارو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ٿورو ئي وقت اڳي تائين حڪومت ڪابل جي هڪ باجگذار طرفان فوجي سپاهين جي هڪ جماعت رکي ويندي هئي. قلات جي اتر طرف شل ۽ مستونگ ضلعا واقع آهن، جيڪي احمد شاهه طرفان نصير خان کي انهن خدمات جي صله ۾ عطا ڪيا ويا هئا، جڏهن هو هندستان ۾ هو، اهي ٻيئي ضلعا خوشبودار چانورن کان علاوه ميوي جي گهڻائيءَ ۽ سٺيءَ جنس لاءِ جيڪي انهن ۾ پيدا ٿين ٿا، ڏاڍا مشهور آهن؛ ۽ انهن ضلعن جي آدمشماري بروهين، افغانن ۽ ديهورن جي رنگ برنگي نسلن تي مشتمل آهي. هيءَ هڪ عجيب و غريب حقيقت آهي ته انهن مان ڪن ڳوٺن ۾ اهي قبيلا ۽ ذاتيون ڪيترن ئي نسلن کان وٺي رهنديون آيون اهن، پر ان جي باوجود انهن جا نسل هڪٻئي سان اڃا تائين نه مليا آهن ۽ اهي پنهنجيون مخصوص ٻوليون ڳالهائين ٿيون. مستونگ جي اوڀر طرف شوراوڪ نالي هڪ ضلعو واقع آهي، جيڪو هن انهيءَ هنڌ مذڪوره حڪومت جو هڪ ايجنٽ آمدني وصول ڪرڻ لاءِ رهي ٿو، جيڪا بلڪل مختصر آهي. ساڳئي وقت هو انهن جهيڙن جهٽن جي فيصلن ڪرڻ لاءِ به آهي، جيڪي انهيءَ بادشاهه ۽ محمود خان جي رعيت جي درميان ٿيندا رهن ٿا. +فصل (9) +ڪنهن وقت منهنجو اهو ارادو هو ته هرهڪ ڊويزن جي آب و هوا ۽ زمين جي باري ۾، ان جي مخصوص هنڌن تي ڪجه رمارڪ ڏيندو هلان، پر پوءِ ڏٺم ته ائين ڪرڻ سان مون کي ساڳيون ڳالهيون مختلف هنڌن تي وري وري ڪرڻيون پون ها، تنهن ڪري مان ائين بهتر سمجهيو ته انهن سڀني ڳالهين کي هڪ علحده بابت ۾ شامل ڪريان. بلوچستان جي مختلف علائقن جي بيهڪ جي جدا جدا نموني هئڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ آب و هوا ۽ زمين جي ڪيفيت ۾ ايندڙ باقاعدگيون، مون کي بار بار هن ڳالهه تي مجبور ڪنديون ته آءٌ انهن ۾ بهتر نموني ۾ امتياز ۽ فرق ظاهر ڪرڻ لاءِ انهن جا حوالا ڏيان. +جهلاوان ۽ سراوان جي ٻن جابلو صوبن جون موسمون يورپي ملڪن وانگر بهار، اونهاري، سرءُ ۽ سياري ۾ ورڇيل آهن. انهن مان پهرين موسم گهڻو ڪري فيبروريءَ جي وچ ۽ پڇاڙيءَ ڌري شروع ٿيندي آهي ۽ اها ٻن مهينن يا وڌيڪ عرصي لاءِ هلندي آهي، ۽ ان جو دارومدار هن ڳالهه تي هوندو آحي ته موسم ڪيتريقدر آڳاٽي يا پاڇاٽي اهي. اونهارو آگسٽ جي وچ تائين هلندو آهي، جنهن جي پٺيان سرءُ ايندو آهي، تان جو سردي يا برف جي ڪِرڻ سياري جي آمد جو اعلان ڪندا آهن ۽ اهو گهڻو ڪري آڪٽوبر ۾ ٿيندو آهي. سال جي انهيءَ حصي کي نتيجي طور، ٻين سڀني موسمن کان وڌيڪ طويل شمار ڪيو ويندو آهي [2]. اونهاري جي اختتام کان ڪجهه ڏينهن اڳي کان سواءِ، گرمي ڪنهن به وقت ناخوشگوار حد تائين گهڻي ڪانه هوندي آهي. پر ٻئي طرف سياري جي دوران سردي شديد هوندي آهي، ۽ ان سان گڏو گڏ اتر ـــ اوڀر کان نه فقط انهيءَ موسم ۾ پر بهار جي ابتدائي حصي جي دوران پڻ، انتهائي شدت سان بنان ڪنهن رخني جي، لڳندي رهندي آهي ۽ پاڻ سان سخت برف باري ۽ بارش آڻيندي رهندي آهي ۽ هِن هنڌ تي هن ڳالهه جو پڻ ذڪر ڪرڻ گهرجي ته يورپ جي ڀيٽ ۾ هِتي هڪ هيءَ غيرمعمولي ڳالهه آهي ته انهن هوائن جي جوڀن واري زماني ۾ به انتهائي سخت پارا پوندا آهن، ۽ هنن پرڳڻن ۾ فقط اهي ئي پارا ڪجهه وقفن سان پوندا آهن. +ڪئپٽن ڪِرسٽي ۽ آءٌ 9 ـــ فيبروريءَ کان وٺي 6 ـــ مارچ سنه 1810ع تائين قلات ۾ هئاسون، ۽ اسان جي قيام جي پوين ڏينهن جي دوران مقامي ماڻهو روزانو مينهن جون اميدون ڪندا رهندا هئا، جيڪو انهن لاءِ بهار جي موسم جو نقيب هوندو هو ۽ ماڻهن جي توقعات موجب اهو ٽن هفتن يا هڪ مهيني تائين هلڻو هوندو هو. هنن وٽ اهوئي ساليانو مينهن پوندو آهي، پر ان کان علاوه سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي مهينا اهڙا آهن، جو انهن ۾ وسڪارا پوندا رهندا آهن ۽ دراصل پارن ڄمڻ واري موسم کانسواءِ، جڏهن هوا تيز ۽ سرحد هوندي آهي، سڄي سياري جي دوران، مينهن يا برفباري ��ان سواءِ چئن يا پنجن ڏينهن جو مشڪل ئي ڪو وقفو گذرندو آهي. هنن پرڳڻن جي آب و هوا موسمن جي مطابق پرندڙ گهرندڙ آهي؛ اونهاريءَ ۽ سرءُ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي ٻيئي موسمون وڻندڙ آهن. پر سياري ۽ بهار ۾ ڪوهيڙا، بارش، برف ۽ سردي غريب ماڻهن ۾ گهڻين ئي بيمارين جو سببگ بنجڻ ٿا، جن وٽ پاڻ کي اهڙي آب و هوا جي اثرن کان محفوظ رکڻ ۽ بچائڻ جا ذريعا موجود ڪينهن، جيڪا انگلنڊ وانگر ڦِرندڙ گهڙندڙ ۽ ان کان به وڌيڪ شديد آهي. +مڪران ۽ لَس ۾ پڻ موسمن جو تعداد ساڳيءَ طرح چار آهي، پر انهن موسمن کي مٿئين نالي واري صوبي جي موسمن وانگر هڪٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ٻه موسمون تر، هڪ گرم ۽ هڪ سرد آهي، جن مان آخرين موسم پوري پني ۽ موافق آهي، خصوصاً سامونڊي ڪناري وٽ، اها خوشگوار ۽ موافق آهي. مينهوڳيءَ واريون هوائون فيبروري يا مارچ ۽ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي ڪجهه حصي ۾ لڳنديون آهن. اول الذڪر هوا اتر ـــ اولهه کان ايندي آهي ۽ فقط ٻن يا ٽن هفتن تائين هلندي آهي ۽ موخرالذڪر ۾، ڏکڻ ــ اُلهندي واري چوماسي جو سڄو قهر ۽ غضب سمايل هوندو آهي. اونهري جي گرم موسم مارچ ۾ شروع ٿيندي آهي، ۽ آڪٽوبر تائين هلندي آهي، (ڏکڻ ـــ اُلهندي وارو چوماسو انهيءَ وچ ۾ ايندو آهي) ۽ انهيءَ جي دوران ڪڏهن ڪڏهن ته گرمي ايتريءَ حد تائين شديد هوندي آهي، جو خود اتان جي مقامي ماڻهن کي انهن ڏينهن اندر ٻاهر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي. ان کي ”خرمو پُز“ ”کجور پچڻ“ چوندا آهن، جيڪا آگسٽ جي مهيني ۾ بچندي آهي. نومبر، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروريءَ جي مهينن کي سرد موسم لکيو ويندو آهي، پر پوءِ به هيءُ علائقو جهلاوان ۽ سراوان [3] ضلعن جي مٿانهن حصن کان سال جي ڪهڙي به حصي ۾ گهڻي قدر وڌيڪ گرم هوندو آهي؛ سال جي باقي اٺن مهينن جي وچ ۾ اندروني علائقي ۾ گرم هوائون مسلسل لڳنديون رهنديون آهن، ۽ جيتوڻيڪ اهي شاذ و نادر ئي زندگيءَ لاءِ مهل ڏٺيون ويون آهن، ان جي باوجد اهي ساوڪ جي هر نشان کي ساڙي ناس ڪري ڇڏينديون آهن ۽ شام ٿيڻ کان پوءِ به عذاب ڏيندڙ نموني ۾ چمڙيءَ کي ساڙينديون آهن. +مڪران جي سامونڊي ڪناري جي ويجهڙائيءَ واري حصي کان سواءِ، جتان جي موسم کي سامونڊي علائق جون هوائون موافق بنائين ٿين، باقي ٻئي سڄي علائقي کي پاڙيسري ملڪن جا ماڻهو خاص طور غيرصحتمند علائقو سمجهندا آهن. يورپي ماڻهن جي طبيعت لاءِ انهيءَ آب و هوا کي نقصانڪار سمجهيو ويو آهي، جهڙي طرح اها ڳالهه (انهيءَ هڪ ئي حالت ۾ جنهن بابت مون ذڪر ٻڌو آهي) بينگال مليٽري سروس جي وڏيءَ افسوسناڪ حالت ۾ انتقام ڪيل آنجهاني ڪئپٽن گرانٽ جي حالت مان ثابت ٿي، جيڪو برگيڊيئر جنرل مالڪوم جي احڪامات هيٺ عمل ڪندي، ٽن مهينن تائين هن صوبي ۾ هو ۽ هن انتهائي خراب صحت جي حالت ۾ اها جاءِ ڇڏي. لس جو ننڍو صوبو، بلوچستان جي هن ڊويزن جي عام غيرصحتمند ۽ ناخوشگوار حالت کان مستشنيٰ آهي؛ ۽ هيءَ هڪ حيرت انگيز ۽ غير معمولي حقيقت آهي ته جبلن جي اها قطار جيڪا ان کي مڪران لکان جدا ڪري ٿي، تنهن انهن ٻنهي جي مقامي باشندن، سندن هلت چلت، رسمن، رواجن ۽ ظاهري شڪلين ۾ پڻ امتياز جي هڪ عظمي الشان ليڪ ڪڍي کين جدا ڪري ڇڏيو آهي. ڪوهستان، يا بلوچستان جي اها ڊويزن، جيڪا وارياسي بيابان جي الهندي طرف واقع آهي، جابلو نوعيت جي هئڻ ڪري، آب و هوا جي حالت ۾ ساراوان ۽ جهالاوان جي صوبن سان مشابهت رکي ٿي، سوا3 ان حالت جڏهن اها گهڻي قدر نرم ۽ ان جي نتيجي طور وڌيڪ صحت افزا آهي. هتان جون مندون مڪران جهڙيون آهن، پر جون ۽ جولاءِ ۾ برساتون، جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ هميشه باقاعدگيءَ سان پونديون آهن، هِتي گهڻو ڪري هلڪيون هونديون آهن، ۽ ڪن وقتن تي ايتريون ته سخت ۽ ڳريون هونديون آهن، جو فصل کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏينديون آهن، اهڙي صورتهال سن 1809ع ۾ پيدا ٿي ۽ ان جي نتجي ۾ ڏڪار پيو، حالانڪ ساراوان ۾ اهڙي ساڳي مصيبت خشڪ ساليءَ سبب نازل ٿي. +ڪڇ گنڊاوا ۾ سڄي اونهاري جي دوران آب و هوا انتهائي سخت گرم هوندي آهي، ۽ سياري ۾ اها خوشگوار حد تائين موافق رهندي آهي، جو ساراوان ۽ جهالاوان صوبن جي سڀ سردار ۽ رهاڪو (جيڪي ان جو خرچ برداشت ڪرڻ جهڙا هوندا آهن)، لڏي هن علائقي ۾ اچي رهندا آهن. +آءٌ بلوچستان جي زمين ۽ مٽيءَ جي نوعيت متعلق ڪوبه تفصيلي تبصرو ڪرڻ جي حالت ۾ ناهيان، جيڪو موضوع، درحقيقت خاص طور دلچسپيءَ يا ڦيرگهير کان خالي ۽ محروم آهي. اها عام طرح سان بيحد پٿريلي زمين نظر ايندي آهي ۽ سراوان، جهالاوان، لس ۽ مڪران جي صوبن ۾ اها هڪ عام مبصر کي انتهائي صاف نظر ايندي آهي، باقي پوين ٻن صوبن جي سامونڊي ڪنارن تي جتي اها وارياسي ۽ ڪاراٺي هوندي آهي، صورتحال مختلف آهي. انهن سڀني صوبن جا جبل انتهائي سخت قسم جي ڪاري يا ڀوري پٿر جا ٺهيل آهن ۽ انهن جي درميان ايندڙ وادين ۽ ميدانن جي مٽيءَ ۾ پٿرين ۽ ننڍن ننڍن پٿرن جي ايتريقدر ته گهڻ آهي، جو اتي گهڻو ڪري ڪٿي به چيڪي مٽيءَ جو ڪو هلڪو آثار به نظر ڪونه ايندو آحي. ان جي باوجود انهن مان ڪن ۾ ڪڻڪ ۽ جوَن جا ڏاڍا ڀلا فصل ٿيندا آهن، ۽ اهڙن ٻين هنڌن تي، جتي زمين کي ڪو هر نه ڏنو ويندو آهي، اتي قدرتي طور ڏاڍا گهاٽو گاهه اڀرندو آهي ۽ اهو تمام گهڻي اوچائيءَ تائين ويندو آهي. ڪوهستان جي مٽي قسم قسم جي آهي. ماٿرين ۾ اها گهڻو ڪري ڪاري رنگ جي چيڪي مٽي هوندي آهي ۽ ڪيترن ئي بلند و بالا جبلن جي ويندي چوٽين تائين سنهي مٽي هوندي اهي. باقي ٻيا جبل ڪاري ۽ سخت پٿر جي اٿاهه ڍيرن کان سواءِ، جيڪي ساوڪ جي نالي کان به بي نياز اهن، ٻيو ڪجه به نه هوندا اهن. ڪڇ گنڊاوا جي مٽي چيڪي ۽ زرعي پيداوار لاءِ ڏاڍي ڪارائتي آهي، ۽ اها ايتريقدر ته غير معمولي حد تائين پيدائش ڏيندڙ آهي، جو چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اها سڄي پوري طاريقي سان کيڙي ۽ پوکي وڃي ته ان مان ملندڙ فصل جيڪر سڄي بلوچستان جي کپت کان گهڻي قدر وڌيڪ ٿين. ڪهڙي به حالت آهي، تڏهن به هتان جا ماڻهو ڪپهه، نير ۽ تيل کان علاوه، اناج جو وڏو مقدار به ٻاهر موڪلين ٿا، بادِ سموم، جنهن جون مون هڪ ٻيءَ جاءِ [4] تي خاص طور سان ذڪر ڪيو آهي، ڪڇ گنڊاوا ۾ اونهاري وارن مهينن جي دوران لڳندي آهي، ۽ ڪيئي ماڻهو ان جي اثر کان پنهنجيون جانيون وڃائيندا آهن. +بلوچستان جي مختلف پرڳڻن ۾ سون، چاندي، شيهو، لوهه، ٽامو، قلعي، سرمو، چوني جو پٿر، ڦٽڪي ۽ ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ شورو دستاب ٿين ٿا. قيمتي ڌاتو نل نالي هڪ شهر جي ڀرسان، جيڪو قلات کان هڪ سؤ پنجاهه ميل پري ڏکڻ ڏکڻ ــ اولهه طرف آهي، لوهه ۽ شيهي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندي فقط لڌا ويا آهن. ٻيا مختلف ڌاتو، جن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سي تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. پهاڙي لوڻ الهندي ملڪ ۾ گهڻي قدر عام آهي، ۽ ساڳيءَ طرح سان قلمي شورو پڻ قدرتي حالت ۾ کوٽي ڪڍيو ويندو آهي. قلات جا مانهو اها آخري شئي زمين جي مٽيءَ مان ڪڍندا آهن ۽ ان کيٻين سڀني قسمن کان وڌيڪ تيز سمجهندا آهن. قلات کان ڪڇ گنڊاوا ڏانهن ويندڙ شاهراهه تي، ٽڪرين جي هڪ اهڙي قطار آهي، جنهن مان هڪ اهڙيءَ جسن جو لوڻ ڪڍيو ويندو آهي، جيڪو مڪمل طرح سان ڳاڙهي رنگ جو آهي �� ان ۾ ڪيئي طبي خوبيون سمايل آهن. گندرف ۽ ڦٽڪي ساڳئي هنڌ تي دستياب ٿيندا آهن. مون نوشڪيءَ جي الهندي طرف ڏانهن جبلن ۾ اڇي ۽ ميٽائي رنگ جي سنگرمرمر جون ڇپون ڏٺيون، پر بلوچن طرفان ان جو ڪو به قدر و قيمت ٿيندي نٿي معلوم ٿئي. خام ڌاتوءَ کي پگهارڻ جو هنن وٽ بلڪل سادو طريقو آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪن وقتن تي ڌاتوءَ سان گڏ مٽي به مليل رهجي ويندي آهي، پر ان هوندي به اهو طريقو اهڙو عقلمنديءَ وارو آهي، جو ان هن هنڌ تي بيان لهڻو. جڏهن خام ڌاتوءَ جو ايترو مقدار جمع ڪيو ويندو آهي، جو هڪ بٺيءَ لاءِ ڪافي هوندو آهي، تڏهن ان کي خشڪ ڪاٺين جي ڍڳ مٿان رکيو ويندو آهي، جنهن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويندو آهي ۽ نيون ڪاٺيون وجهيون وينديون آهن، تان جو ڌاتو پوريءَ طرح سان ڳري ويندو آهي ۽ هيٺ وڃي ويهندو آهي، جتي اهو نهرو بڻجي ڳوڙهو ٿي پوندو آهي. پوءِ ان کي ڪچري کان الڳ ڪيو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ اهو انهيءَ حالت کان وڌيڪ صاف هوندو آهي؛ جڏهن اهو کاڻ مان ڪڍيو ويندو آهي. ان کان پوءِ هو ان کي هڪ اهڙيءَ کڏ ۾ رکندا اهن، جيڪا ٽائيلس يا سخت گچ جي ٺهيل هوندي آهي، ۽ اها اهڙيءَ طرح سان ٺهيل هوندي آهي، جو ان جي هيٺان باهه لڳائي سگهبي آهي. جڏهن ڌاتو ٻيو دفعو پگهري ويندو آهي، تڏهن ان مان وڌيڪ گندگي ۽ ڪچرو پَٽي ڪڍڻ ۽ ولوڙڻ ذريعي ڪڍيو ويندو آهي ان کان پوءِ ڌاتوءَ کي پٽڙي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، ۽ ڪچي مِٽيءَ مان ٺهيل قالبن ۾ اوتيو ويندو آهي ۽ انهيءَ حالت ۾ قلات جي بازارين ۾ فروخت ڪيو ويندو آهي، ۽ ان جو اگهه يورپي بازارين ۾ وڪامندڙ ڌاتوءَ جي ڀيٽ ۾ اڌو اڌ هوندو آحي. بلوچي ماڻهو خام حالت ۾ ملندڙ سون ۽ چانديءَ جي ڌاتن کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا اهن ۽ انهن کي سندن قدرتي حالت ۾ هندن کي فروخت ڪندا آهن، جيڪي محصولات کان بچڻ لاءِ انهن کي خفيه طور پنجاب جي شهرن ڏانهن منتقل ڪندا آهن. +قلات جي باغن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ميويدار وڻ پوکيل آهن، جن مان بهترين قسمن جا سڀ وڻ ڪابل کان نصير خان جي حڪومت ۾ گهرايا ويا هئا، جيڪو انهن جي پرورش تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندو هو ۽ پنهنجي رعايا جي ماڻهن کي بهترين قسمن جي ميون حاصل ڪرڻ لا3 انعامن جي ترغيب ڏيڻ سان سندن مثال وٺڻ ۽ ان طرح عمل ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو هو. قلات جي مَنڊيءَ ۾ هيٺيان ميوا سندن پوري موسم جي دوران مناسب ۽ گهٽ اگهن تي وڪامندا هئا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن جون ڪوششون انهيءَ ڏس ۾ ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب ٿيون هيون: زردالو، شفتالو، مختلف قسمن جو انگور، باداميون، پستا، ڪيترن ئي مختلف قسمن جا صوف، ناسپاتيون، انجير، ڏاڙهون، شهتوت، گدرا [5]، زيتون وغيره وغيره. +قلات جي اتر طرف شل ۽ مستونگ ۾ اهڙي ته نفيس جنس جا بدام پوکيا وڃن ٿا، جو انهن کي فقط خشڪ ڪپڙي ۾ وجهي رڳڙڻ صاف ڪري سگهجي ٿو. بلوچستان جي مختلف صوبن ۾ سڀني قسمن جا [6] اناج پوکيا وڃن ٿا، جيڪي هندستان ۾ ٿيندا آهن، ۽ هتي ڀاڄيون [7] به جام ٿين ٿيون. بلوچستان ۾، خاص طرح قلات جي اُتر ۽ اوڀر وارن طرفن ۾ ڪپهه ۽ نِير به پوکيا وڃن ٿا، ۽ اتان جي نِير کي بينگال واري نِير کان بهتر کان بهتر جنس وارو سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ان جي قيمت به بينگالي نِير جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. +سراوان ۽ جهالاوان جي مٿانهن حصن، شل ۽ مستونگ وارن ضلعن ۾ ڪڻڪ جي پوک آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ ڪئي ويندي آهي ۽ ايندڙ جون ۾ لُڻي ويندي آهي؛ جَوَ هڪ مهينو دير سان زمين ۾ ڇٽيا ويندا آهن ۽ فصل اڳڀرو جمع ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري اهو اٽڪل اٺن مهينن تائين پهچي راس ٿيندو آهي. مڪائي ٽن يا چئن مهينن ۾ پچندي آهي، بشرطيڪ اها اونهائي جي گرميءَ ۾ ۽ ڪنهن پناهه واريءَ جاءِ ۾ پوکي وڃي.نير جي پوک هتي بلڪل نه ٿي سگهندي ۽ چانور پڻ هيٺانهين ماٿري ۾ پوکيا ويند آهن، جتي انهن کي پاڻيءَ ۾ ٻڏل رکڻ لاءِ ڪافي مقدار ۾ پاڻي موجود هوندو آهي. ٽن سالن کان گهٽ عرصي اندر استعمال جي قابل نه ٿيندو آهي ۽ جيئن ته ان جي پرورش ۾ وڏي محنت درڪار آهي، ان ڪري ان جي پوک جي نموني بابت بيان ڏيڻ سان زراعت جي بلوچي طريقي متعلق پڙهندڙ کي ڪجهه اندازو ٿي ويندو. زمين کي تيار ڪرڻ ۽ ان کي ننڍين نالين ۾ ورڇڻ کان پوءِ، منجهن ٻج وجهي انهن کي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو آهي. جڏهن ناليون انهيءَ حالت ۾ هونديون اهن، تڏهن انهن کي مِٽيءَ ۽ ڀاڻ سان ڀريو ويندو آهي. نَون يا ڏهن ڏينهن کان پوءِ ٻوٽا نڪري ظاهر ٿي بيهندا آهن ۽ پهرين اونهاري جي دوران ان جون ڏانڊيون ٽن يا چئن فوٽن جي اوچائيءَ تائين وڃي پهچنديون آهن. انهن کي سيپٽمبر ۾ وڍي چوپائي مال کي چاري طور کارايو ويندو آهي. ان کان پوءِ زمين کي وري وري مِٽيءَ ۽ ڀاڻ سان ڀريو ويندو آهي، تان جو بهار ۾ وري ٻوٽا نڪري ايندا آهن، ۽ انهن مان اهڙن ٻوٽن کي جدا ڪيو ويندو آهي، جن مان ٻج حاصل ڪرڻ جو ارادو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻج وٺڻ لاءِ ٻيو سال بهترين عرصو شمار ڪيو ويندو آهي. باقي ٻين کي هر مهيني يا ڏيڍ کان پوءِ وڍيو ويندو آهي، جنهن ڪري سڄي طاقت پاڙن ۾ هلي ويندي آهي ۽ انهن جي جسامت ۾ اضافو ڪندي آهي. ٻج لاءِ ڇڏيل هر ڏانڊيءَ جي بلڪل چوٽيءَ ۾ هڪ گل نڪرندو آهي. ان کان پوءِ جيڪا ڦري ظاهر ٿيندي آهي، تنهن ۾ فقط ٻه ٻج هوندا آهن ۽ جڏهن اهي پچي راس ٿيند آهن ته انهن کي ڪاٽي الڳ رکيو ويندو آهي، ۽ پوءِ جيئن پهريئن سال ۾ ڪيو ويندو آهي، ٻوٽي جون ڏانڊيون وڍي زمين کي وري به تازي مٽي ۽ ڀاڻ سان ڍڪيو ويندو آهي، ٽين اونهاري ۾ به ڏانڊيون ائين ئي ڪاٽيون وينديون آهن، جيئن پهرين ٻن سالن جي دوران ڪيو ويندو آهي، ۽ سيپٽمبر ۾ پاڙون کوٽي ٻاهر ڪڍيون وينديون آهن. اهي تمام سڌيون سنيون هونديون ۽ منجهن ڪي به پاسيريون آسيريون ٻيون شاخون لڳل ڪين هونديون آهن. عام طرح سان اهي ٽن کان پنجن فوٽن تائين ڊگهيون ۽ تمام سنهيون هونديون آهن. انهن پاڙن کي هڪدم ننڍن ٽڪرن ۾ وڍيو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ اهي سڪايون وينديون آهن ۽ انهيءَ حالت ۾ قلات جي منڊيءَ ۾ هڪ رپي ۾ اٽڪل ڏهن پائونڊن جي حساب سان فروخت ڪيون وينديون آهن. اوشت پوشت نالي هڪ خاص قسم جو گاهه آهي، جيڪو اُٺن جو گاهه آهي، جنهن جو ڪانو هڪ يا ٻن فوٽن جي بلنديءَ تائين اُڀرندو آهي ۽ جنهن جا پن کجيءَ جي ڦرهن وانگر هوندا آهن؛ اهو بهار جي ابتدا کان وٺي ويندي سرءُ جي پڇاڙيءَ تائين مهيني ۾ ٻه ڀيرا نڪرندو آهي ۽ اهو سياري جي موسم دوران ڪوماڻيل حالت ۾ رهندو آهي، جنهن جي ختم ٿيڻ تي ان کي وري پاڻي ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. جنهن جي ختم ٿيڻ تي ان کي وري پاڻي ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. اهو ٻوٽو ڇهن يا ستن سالن تائين بهترين حالت ۾ رهندو آهي، پر انهيءَ عرصي کان پوءِ ان جون پاڙون ڇڪي ٻاهر ڪڍيون وينديون آهن ۽ زمين کي ٻن يا ٽن مندن تائين غيرآباد رهڻ ڏنو ويندو آهي. مختلف اناجن جا ڪکــ پن پوپاين جانورن جو مکيه چارو هوندا آهن ۽ انهن کي گهڻو ڪري ”اوشت پوشت“ سان ملائي ڪُتر ڪيو ويندو آهي. مڪران ۽ لس جي ڏاکڻن ضلعن کي سال ۾ گاهه جي ٻن فصلن هئڻ جو فائدو آهي. ڇاڪاڻ ته اتي مينهن جون ٻه مندون ٿينديون آهن. +ڪڇ گنڊاوا، لس ۽ مڪران جو ڪجهه حصن جي هيٺانهن حصن ۾ فصل ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ تمام جلد پچي راس ٿيندا آهن. ڪڻڪ جو لابارو ڇهن مهينن ۾ وڌو ويندو آهي ۽ جَوَن جو پنجن مهينن کان به گهٽ عرصي اندر مشرقي ملڪن جا اناج پنجن کان ٻه مهينن جي مدت ۾ تيار ٿين ٿا، ڪپهه ۽ نير به نسبتاً انهن جي وڌيڪ جلد تيار ٿين ٿا. هيءَ هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي، ته ڪڏڇ گنڊاوا ۾ جانورن جو فصل بلڪل ڪونه ٿئي، حالانڪ اتان جي زمين ايتريقدر ته ڀلي آهي، جو ان ۾ ٻين سڀني قسمن جا بهترين فصل ٿين ٿا، نه وري اتي ڪا پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. مڪران ۾ کجور جي وڻن جي ڪاشت ڏاڍي خبرداريءَ ۽ احتياط سان ڪئي وڃي ٿي؛ ۽ جيئن ته ان جو طريقو ڪجهه قدر حيرت انگيز آهي ۽ بنان ڪنهن اختلاف جي، نر ۽ مادي وڻن جي موجودگيءَ کي ثابت ڪري ٿو ( هن نڪته تي مون اختلاف به ٻڌا آهن)، ان ڪري آءٌ هِتي ان جي طريقي جو تفصيلوار ذڪر ڪندس، جي مون کي ڪيترن ئي موقعن تي ان کي اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. ٻنهي قسمن جي وڻن، نر خواه مادين ۾ فيبروري يا مارچ جي اوائل ۾ ٻُور لڳڻ شروع ٿيندو آهي. ٿڙ وچان، انتهائي اوچين ٽارين يا پنن وت ان جو گل ڦٽي نڪرندو آهي ۽ ان جي ظاهري صورت ڪڻڪ جي سنگن جي مُچي وانگر ٿئي ٿي، پر هيءَ گهڻي قدر وڏو ۽ بلڪل اڇو ٿئي ٿو. نر وڻ جو گل مٺو ۽ بلڪل وڻندڙ ٿئي ٿو، پر ماديءَ جو گل بلڪل ڪوڙو ۽ ذائقي ۾ سَڪُ ۽ اڻوندڙ آهي. جڏهن وڻ ٻور سان ڀرجي ويندا آهن، تڏهن انهن جي شاخن کي وڍي، اڻ گهريل ڇڙيون جدا ڪيون وينديون آهن. ان کان علاوه، ماديءَ جي ٻور مان ڪجهه تيليون جدا ڪيون وينديون، ان کان پوءِ نر گل مان هڪ تيلي ڪڍي مادي وڻ جي سپيءَ جي مٿانهين طرف هڪ چير وچان اها اندر داخل ڪئي ويندي آهي، ۽ ان کان پوءِ کارڪون جسامت ۾ وڌڻ شروع ٿينديون آهن، تان جو ”خورمتو پز“ يا کجور جي پچڻ جو وقت ايندو آهي، جيڪو انتهائي سخت گرميءَ وارن ٽن هفتن جيترو مدو هوندو آهي ۽ آگسٽ يا سيپٽمبر ڌاري ايندو آهي. انهيءَ ڪارڪردگي کان سواءِ مادي وڻ جا گل کارڪن جي شڪل اختيار ڪندا، پر اهي پچنديون ڪين، ۽ نر وڻ جا گل به هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪم جا نه ٿيندا آهن ته بلوچي ماڻهو انهن کي سندن ڪچي سائي حالت جا نه ٿيندا آهن ته بلوچي ماڻهو انهن کي سندن ڪچي سائي حالت ۾ يا انهن کي باهه تي پچائي ماني ڪري کائيندا آهن. هڪ نر وڻ ڪيترن سوَن مادي وڻن کي ڦردار بنائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي، ڇاڪاڻ تهنر جي ٻور جو ننڍي کان ننڍو ذرو به پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. مون کي ته ايستائين به ٻڌايو ويو ته ضرورت پوڻ تي نر وارو ساڳيو تيلو هڪ ماديءَ مان ڪڍي ٻيءَ ۾ داخل ڪبو ته ساڳيو ئي اثر ظاهر ڪندو. جڏهن ”خورمو پُز“ واري موسم گذري ويندي آهي، تڏهن کارڪن کي پٽي ان جي مالڪ جي مرضيءَ مطابق استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪن کي انهيءَ حالت ۾، جنهن ۾ سڪايو ويندو آهي. اهو ساڳيو طريقو ٻين سان به اختيار ڪيو ويندو آهي. پر اڳ ۾ انهن مان ککڙيون الڳ ڪيون وينديون آهن ۽ باقي کارڪن کي ٻڪريءَ جي وارن مان ٺهيل ڏور ۾ پوئي هار ٺاهيا ويندا آهن. جن کارڪن کي تر حالت ۾ رکڻ جو ارادو هوندو آهي، تن کي هڪدم کجيءَ جي پنن مان ٺهيل ٽوڪرن ۾ بند ڪيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ سئڪرين جي مادي جي جيڪا گهڻ شامل آهي، س کين خراب ٿين کان محفوظ رکندي آهي. انهيءَ وڻ خواه ان جي ڦل جي لحاظ کان انهن جا بيشمار قسم آهن، ڇاڪاڻ ته ڪن به ٻن جنسن کي ميلاپ مان ٽيون قسم پيد ٿئي ٿو، جنهن کي بلڪل نئين نالي سان سڏيو ويندو آهي. ان جي باوجود، ڪنهن ماڻهوءَ کي کجور جي پوک جو ماهر فقط ان حالت ۾ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن هو هرهڪ وڻ کي ڏسڻ شرط، ان �� لڳندر ڦل ۽ خود وڻ جي نالي 7 قسم جي هڪدم نشاندهي ڪري سگهي. بلوچستان ۾ انتهائي قدر ۽ قيمت وارا کجيءَ جا قسم لُر، پپُو، موج وتي، ۽ شنگسقند جي نالن سان سڏجن ٿا. انهن ملڪن جي ماڻهن طرفان کجور جي وڻ کي، وڏي نعمت سمجهيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ هنن وٽ سبب به وڏو آهي. ان جي قدر ۽ قيمت ۾ هن ڳالهه جي ڪري وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو، جو اها جنس اهڙي وارياسي ۽ پٿريلي زمين ۾ سڀني کان وڌيڪ ڀلي ٿئي ٿي. جيڪا بئي ڪنهن به مفيد ڪم ۾ نٿي اچي سگهي. +بلوچن وٽ بهترين قسم جو عمارتي ڪاٺ ”اپور“ ۽ گدامڙيءَ جي وڻن جو آهي، ۽ انهن ٻنهي قسمن جو ڪاٺ حيرت انگيز حد تائين سخت ۽ جٽادار ٿئي ٿو، ۽ انهن مان اول الذڪر ظاهر صورت، وزن ۽ داڻي جي لحاط کان ٽالهيءَ جي ڪاٺ سان ايتريقدر ته مشابهت رکي ٿو، جو ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون اڳ ۾ ان کي غلطيءَ وچان اهو ڪاٺ سمجهيو. انهن ٻنهي قسمن جا وڻ تمام وڏا ٿين ٿا، ۽ انهن جي فهرست ۾ ٻٻر، لئي ۽ شهتوت جي وڻن جو اضافو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي پڻ تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. مغرب طرف رهندڙ ماڻهو کجيءَ جي ڪاٺ کان ساڳيو ڪم وٺڻ ٿا. نم، پپل، سِسنُو، چنار، انب، اخروٽ وغيره جا وڻ به هن ملڪ جي مختلف حصن ۾ ملن ٿا، پر هن ملڪ ۾ ڪٿي به شاهه بلوط، ائش، فر ۽ ٻين اهڙن يورپي قسمن جا وڻ ڪٿي به نٿا ملن. +بلوچستان جو گهاريلو ۽ پالتو جانور آهن، گهوڙا، خچر، گڏهه، اُٺ، مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون، ڪتا ۽ ٻليون. انهن کان علاوه پکين ۾ فقط ڳيرا ۽ ڪبوتر آهن، انهن وٽ نه آڙيون آهن، نه ٽرڪِيون ۽ نه بدڪون. جهنگلي جانورن ۾ شينهن، چيتا، واگهه، چراخ، بگهڙ، گدر، جهنگلي ٻلا، وحشي ڪتا، لومر، سها، نور، جابلو ٻڪر، هرڻ، نيل گايون، ڳاڙها ڦاڙها، جهنگلي گڏهه وغيره شامل اهن. پکين جي قسمن منجهان عقاب، سرڻيون، ڳجهيون، وڏا چٻرا، ڪانگ، باز، جهنگلي آڙيون ۽ بدڪون، ڪاز، ڪنگ، ٻگهه، پهاڙي، ڪبوترن، تتر ۽ يورپ يا هندستان ۾ ملندڙ سڀيئيڪ ننڍا خواه وڏا پکي موجود آهن. هندستان وانگر هتي زهريلي جانور گهڻا ڪينهن ۽ هڪ ڳالهه هيءَ چوڻي پوي ٿي ته سامونڊي ڪناري کان علاوه، جتي ماڻهو سال جو گهڻي کان گهڻو حصو تازي مڇي تي گذر ڪندا آهن، اها هن ملڪ ۾ ذري گهٽ آهي ئي ڪانه. +بلوچستان جا گهوڙا ڏاڍا طاقور ۽ مضبوط قد ڪاٺ جا ۽ وڏا ٿين ٿا، پر اهي گهڻو ڪري انتهائي چيڙاڪ آهن. جيڪي گهوڙا انهيءَ ملڪ کان هندستان ڏانهن آندا ويندا آهن، تن مان اڪثر قلات جي ڏاکڻين علائقي ۽ ڪڇ گنڊاوا جا پليل هوندا آهن. لس ۽ مڪران ۾ انهيءَ جانور جو نسل ننڍو ۽ گهٽ جوشيلو ٿئي ٿو. ريگستان جي الهندي طرف ڏانهن رهندڙ بلوچي پنهنجا گهوڙا گهڻو ڪري خراسان کان آڻيندا آهن، ۽ اهي سردار جن وٽ نسل وٺڻ لاءِ گهوڙيون هونديون آهن، سي کين عرب يا ايراني گهوڙن سان لڳ ڪرائيندا آهن، ۽ انهيءَ جي ڪري اهي دم جي پختگيءَ، ماٺائيءَ ۽ سونهن ۾ اعليٰ 1سم جا ٿين ٿا. هن علائقي جي گڏهه يا خچر ۾ ڪابه اهڙي قابل ديد ڳالهه ڪانهي،نه وري هتان جون ڍڳيون، رڍون يا ٻڪريون قابل توجہ آهن. هتان جون رڍون گهڻو ڪري انهيءَ نسل سان تعلق رکن ٿيون، جن کي فارسيءَ ۾ ”دنبه“ يا ٿلهي پڇ واريون چئبو آهي، ۽ ٻڪريون کهرن ۽ ڪارن وارن سان ڍڪيل هونديون آهن، جيڪي انهن کي برف ۽ سيءَ کان بچائڻ جو ڪم ڪن ٿا. مون جن به پالتو جانورن جو ذڪر ڪيو آهي، تن سڀني کان وڌيڪ هڪ ۽ ٻن ٿوهن واري اُٺ جو بلوچي ماڻهو انتهائي وڌيڪ قدر ۽ قيمت ڪن ٿا. هتان جو اُٺ انهيءَ نسل جو آهي، جنهن کي ٻه ٿوها ٿين ٿا، ۽ هو فقط بار ڍوئڻ لاءِ ڪارگر آهي، ڇاڪاڻ ته هو بناوٽ ۾ ڳرو، ڊگهن هڏن ۽ ڊگهن وارن سان ڀريل کلي ۽ حيرت انگيز طاقت وارو آهي. ٿڪ ٿوهي واري اُٺ کي اهي ماڻهو لڳاتار ڪيترنئي ڏينهن تائين عجيب تيز رفتاريءَ سان سفر ڪرڻ جي تربيت ڏيندا آهن ۽ انهن جي کاڌي ۽ پاڻيءَ کان سواءِ رهڻ جي خصيت سندن مالڪن جي ڇاپن هئڻ يا ڊاڪه زنيءَ وارين مهمن لاءِ بطور خاص موزون ٿئي ٿي، جنهن ۾ انهن کي گهوڙن جي مٿان يقيني برتري حاصل آهي. اُٺ کي ڪڏهن به ڪنهن هيٺانهين علائقي م نه ڏٺو ويندو آهي، ۽ مٿانهين صوبن ۾ پڻ کين شاذو نادر ئي ڪم ۾ آندو يا پاليو ويندو آهي. هڪ ٿوهي وارا اُٺ ظاهري ڊول ڊيل ۽ شڪل و صورت ۾ انهن علائقن جي آب و هوا مطابق، جن ۾ اهي پيدا ٿيندا رهندا آهن، منتخت حد تائين مختلف هوندا آهن. مڪران ۽ لس ۾ اهي سنها ۽ لَڪا، رنگ جا هلڪا ۽ عام طور بناوٽ ۾ خوبصورت ٿين ٿا. باقي قلات ۽ انهيءَ شهر جي اتر ۾ اهي ٻين جي مقابلي ۾ ڳرا، ڏاڍا ڪارا، کهرا ۽ طبيعت جا چيڙاڪ ٿين ٿا. پوئين قسم جا اِهي اُٺ گهڻي قدر ٻين سڀني کان بهتر اهن، ۽ اهڙن سڀني قسمن جي اُٺن کان، جن بابت به مون ڳالهيون ٻڌيون آهن، گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ صبر سان رهندڙ آهن. ڪتن جي نسل مان، رڍن، جي چوڪيداري ڪندڙ ۽ تازي ڪتن جو ٻين سڀني کان وڌيڪ قدر ڪيو وڃي ٿو ۽ بلوچي ماڻهو انهن ج نسل ۽ پرورش جي سلسلي ۾ ايتريقدر توجهه ڏيند آهن، جيتريقدر انگلنڊ جو ڪو سڪاري پنهنجن شڪاري ڪتن تي توجهه ڏئي سگهي ٿو، پهرئين قسم وارا تمام وڏا ۽ طاقتور ٿين ٿا، ۽ جڏهن اهي غصي ۾ ڀرجن ٿا، تڏهن انتهائي وحشي ٿين ٿا، پر عام حالات ۾ ايتريقدر ته غريب طبيعت ۽ ماٺيڻا هوندا آهن، جو انهن کان وڌيڪ ماٺيڻن ڪتن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. جنگلي ڪتو انهيءَ سم جو ٿئي ٿو ۽ جيسين ماڻهو چڱيءَ طرح سان مسلح نه هجي، تسين انهن مان ڪنهن هڪ کي ستائڻ خطرناڪ ٿيندو. اهي گهڻو ڪري ويهن يا ٽيهن جي ٽولن ۾ گڏجي شڪار ڪندا آهن. خوشقمستيءَ سان هو ايڏا ته ڊڄڻا ٿين ٿا، و هو انتهائي گهاٽن ۽ ناقابل عبور جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ ان ڪري انهن کان ڊڄڻ ضروري آهي. +[1] . اهي مقامي امتياز اهڙا آهن، جهڙوڪ ”سرحد“، يعني سرد ضلعو، هن سان پڻ لاڳو آهن، جيئن حدبندي. ”سررود“ يعني درياه تي واقع ضلعو ”پشت ڪوهي“ يعني جبل جي پٺيان، وغيره وغيره. +[2] ۔ بلوچستان جو ڪو به مانهو هن ڳالهه کان واقف نٿو نظر اچي ته موسمن جي شروعات جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو اصول مقرر ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ غلطيءَ جو ڪو امڪان نه هجي، ۽ هنن جو اصرار آهي ته انهن جو دارومدار آب و هوا جي حالت تي ٿئي ٿو، ۽ حساب جو اهو نمونو اهڙو آهي، جنهن موجب ڪن به ٻن سالن جي هڪجهڙي آب و هوا جو هئڻ محض هڪ حادثو قرر ڏنو وڇي ٿو. فيبروري سنه 1811ع ۾ قلات جي ويجهڙائي ۾ پندرهن ڏينهن تائين مسلسل برفباري ٿيندي رهي ۽ ايندڙ آڪٽوبر ۾ پارو جلدي ڄائو. ان طرح سان سياري جي موسم کي ڪاٽا ڪندي، بلوچن جي نظريي مطابق، سال جون باقي ٽي موسمون ستن مهينن ۽ ڪجهه ڏينهن کان وڌيڪ عرصي جون نه هيون. +[3] . جتي به ڪي ٻه ضلعا، جهالاوان ۽ لس وانگر هڪٻئي جي ڀر ۾ واقع هوندا آهن، اتي هيءُ لازمي نتيجو نڪرندو آهي ته اهي، ڪجهه حد تائين، هڪٻئي جي انهيءَ آب و هوا جي فائدن ۽ نقصانن مان ٿورو گهڻو حصو کڻندا اهن، جيڪا انهن ضلعن ۾ ان وقت موجود هوندي آهي. ان ڪري جلالاوان جا ڏاکڻا ضلعا ايتريقدر سرد نه هوندا آهن، جيترو قلات، ۽ انهن جي پاسي ۾ واقع لس جو حصو سياري ۾ سمنڊ جي ڪناري کان گهڻو وڌيڪ سرد هوندو آهي. +[4] . ڏسو اپريل جي 2 ــ تاريخ واري ڪهاڻي، حصو پهريون. +[5] . سڀني قسمن جي گ��رن کي حيرت انگيز گولائيءَ تائين پوکيو ويندو آهي ۽ هندڻن مان ڪجهه قسم ته ايڏي وڏيءَ جسامنت جا ٿين ٿا، جو ڪوئي ماڻهو انهن مان هڪ کي مشڪل سان کڻي سگهندو. بلوچي ماڻهو ول مان هڪ يا ٻن گلن کان سواءِ ٻين سڀني کي پَٽي ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي ڀاڻ ڏئي پاليندا آهن ۽ وري وَٽيءَ سان ڪڏهن ميوي کي مِٽيءَ کان مٿي رکندا آهن ۽ ڪڏهن ان کي مِٽيءَ ۾ ڍَڪي ڇڏيندا آهن، ان طرح سان اهي مِٺا ۽ رَس دار ٿيندا آهن. +[6] . بلوچستان ۾ جيڪي اناج پوکيا وڃن ٿا، سي آهن چانور، ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهري، جوئر، مڱ، مڪائي، دال، اُڙد، مٽر، تِر، چڻا وغيره. +[7] . قلات ۾ ملندڙ ڀاڄيون، گجرون، گوبيون، ڪَدو، گل ــ گوبيون، مَٽر، رانءِ، موريون، بصر، ڌاڻا، ٿوم، واڱڻ، بادرنگ وغيره آهن. + + +بلوچستان جي جبلن ۾ شينهن ۽ چيتو مشڪل ئي ملندو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته انهن جي رهڻ جا هنڌ سنڌونديءَ ڪنارن وارن گهاٽن ٻيلن، سنڌ ۽ گجرات جي درميان واقع ريگستان جي ويرانيءَ ۽ ٻين حصن ۾ ملي سگهندا. چراخ، بگهڙ ۽ گدڙ سڄي ملڪ ۾ ڀريا پيا اهن ۽ اهي هِتان جي ڌڻن ۾ وڏي تباهي مچائيندا اهن، چراخ کان سواءِ، انهن جانورن مان ٻيو ڪوبه ماڻهوءَ تي حملو ڪونه ڪندو آهي ۽ سو به تڏهن، جڏهن ان کي سخت بک مجبور ڪندي آهي يا مخالفت کان چڙي ائين ڪندو آهي. عقاب فقط جهلاوان ۽ سراوان ۾ نظر ايندا آهن. بازن سان شڪار ڪرڻ جو الهندي علائقي ۾ رهندڙ ڪن بلوچي سردارن کي شوق هوندو آهي؛ ۽ اهي پنهنجن پکين کي ڏاڍي احتياط ۽ وڏي خبرداريءَ سان سکيا ڏيندا آهن، خصوصاً کين جهنگلي پکين، ڪارن تترن ۽ ڪبوترن جي شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيندا آهن. +فصل (10) +سن 1808ع ۾ [1] جن سببن جي ڪري ايران جي بدشاهه ڏانهن هڪ مهم رواني ڪرڻ جي ضرورت درپيش آئي هئي، تن ساڳين ئي سببن جي ڪري هندستان جي بالادست حڪومت لاءِ سنڌ جي حڪمرانن جي متعلق پڻ ساڳيءَ نوعيت جي حفاظتي قدم کڻڻ کي ضروري بنايو؛ ۽ بمبئي جي سول سروس واري نڪولس هئنڪي سمٿ، ايسڪوائر کي، جيڪو ان وقت بوشاير ۾ مقمي هو، رائيت آنربل گورنر جنرل طرفان ايلچيءَ جي فرضن سرانجام ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو. بينگال سول سروس واري هينري ايلس، ايسڪوائر کي هن جي فرسٽ اسسٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو، ڪئپٽن چارالس ڪرسٽيءَ ۽ ٿرڊ اسٽيٽن طور مقرر ڪيو ويو، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽيءَ کي پيشوائي ڪندڙ دستي جي ڪمان سونپي ويئي، وليم هال، ايڪسوائر کي سرجن طور ۽ بمبئي ميرين جي ڪئپٽن وليم مئڪسفيلڊ کي ميرين سروير طور شامل ڪيو ويو. سنه 1809ع جي اوائلي حصي ۾ اسان جي روانگيءَ لاءِ موزون قسم جي شان و شوڪت سان تياريون ڪيون ويون ۽ ماريا نالي هڪ ديسي ساخت جو بحري ٻيڙو ايلچيءَ ۽ سندس جماعت کي ڪراچي بندرگاهه تائين پهچائڻ لاءِ ڪرايي تي حاصل ڪيو ويو، جتي آنرب ل ڪمپنيءَ جي جنگي جهاز پرنس آف ويلس، ڪئپٽن ائلين ۽ ٽن هٿياربند جهازن کان ان جي حاضريءَ ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو. ايلچي دستوري سلامين سان اپريل جي 27 ـــ تاريخ تي ٻنپهرن کان پوءِ ”ماريا“ تي سوار ٿيو ۽ ان کان هڪدم پوءِ باقي ٻين ٻيڙن به لنگر کنيو ۽ بندرگاهه کان ٻاهر کليل سمنڊ ۾ وڃي پهتا. +9ـــ مئي تي صبح جو باک ڦٽڻ مهل، ”پرنس آف ويلس“ جيڪو ٻين سڀني جهازن کان اڳتي هو، زمين ڏسڻ جو اشارو ڏنو، جيڪا مونز ڳچي ڌرتيءَ (مواڙي) کان وٺي دور تائين ملڪ اندر ويندڙ اوچين چوٽين واريون ٽڪريون ٿابت ٿيون. صبح جو 10 بجي تائين، ڪراچي بندرگاهه جو الهندو ڇيڙو اسان کان فقط ئي ميل پري رهجي ويو. اهو علائقو حيرت انگيز حد تائين پوٺو آهي ۽ ان جي مٿان هڪ ننڍڙو قلعو بيٺ�� آهي، جيڪو پريان کان هڪ چورسي گهر وانگر ڏيک ڏئي ٿو. بندرگاهه جي اندر ڪي ئي تمام اوچا ٽڪر، انهيءَ هيٺانهين زمين تي، جيڪا انهيءَ ڳچي ڌرتيءَ کي باقي کنڊ سان ملائي ٿي، اهڙيءَ طرح بيٺا نظر آيا، جيئن ڪي سامونڊي ٻيڙا سڙهه کولي پاڻيءَ جي سيني تي سفر ڪندا هجن. ٻنپهرن مهل اسان ٻارهن گز اونهي پاڻيءَ ۾ لنگرانداز ٿياسون، ۽ ڪئپٽن مئڪسوپل، ڪراچيءَ جي گورنر وٽ سندن مهم جي پهچي وڃڻ جي پڌرائي ڪرڻ، ۽ انگريزي جهازن کي سلامتيءَ سان بندرگاهه جي اندرئين ڪناري تائين رسائڻ لاءِ سونهان حاصل ڪرڻ جي تقاضا پيش ڪرڻ لاءِ، جهاز تان لهي ڪناري تي پهتو. ڇاڪاڻ ته ان وقت هو هوا ڏکڻ ـــ اولهه کان ڏاڍو زور سان لڳي رهي هئي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڏيون ويرون چڙهنديون نظر اچي رهيون هيون، جيڪي ڪن ٻين علامتن سان گڏجي، ڏکڻ ـــ الهندي چوماسي جي شروع ٿيڻ جي پيشنگوئي ڪري رهيون هيون. گورنر اڳ م تهجهازن کي بندرگاهه جي اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان ڪجهه آنا ـــ ڪاني ڪئي، پر هن جي اعتراضن کي رد ڪيو ويو ۽ 10 ـــ تاريخ تي ٻنهي جهازن لنگر کنيو ۽ بندرگاهه جي اندرئين حصي ڏانهن وڃڻ لاءِ تير ٿي بيٺا ۽ آهستي آهستي ٻارهن کان ٻن ۽ ٽن چوٿائي گزن تائين اونهائيءَ جي ماپ وٺندا هليا، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ اونهائي هئي، ڇاڪاڻ ته جلد ئي اها چئن ۽ پنجن گزن تائين اونهي ٿي ويئي. زمين جي انهيءَ ڇيڙي وٽان لنگهندي، ”ماريا“ جهاز کي ٻن توبن جي سلامي ڏني ويئي، جنهن کي ساڳئي تعداد جي توبن ڇوڙڻ سان جواب ڏنو ويو. اسان جي جهاز جي لنگرانداز ٿيڻ کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ پوءِ، ڪراچيءَ جو گورنر مسٽر سمٿ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ جهاز تي آيو ۽ پاڻ سان گڏ ڪيترن ئي سپاهين کي وٺي آيو، جن وٽ جامڪيدار بندوقون هيون ۽ هو پاڻ سان ڪجهه رڍون ۽ ڀاڄيون تحفي طور کڻائي آيو. هو، نه فارسي ڳالهائي ٿي سگهيو ۽ نه هندستاني، پر هن پنهنجن ترجمانن جي ذريعي جهازن ۽ انهن مان هرهڪ تي سوار ماڻهن جي تعداد بابت ڪيئي سوال پڇيا، ۽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ کن ويهڻ کان پوءِ، اتان اٿي وڃڻ ۾ وڏي خوشي محسوس ڪيائين. هو ننڍي قد ڪاٺ جو هڪ بدزيبو نظر ايندڙ ماڻهو هو، ۽ ڪپڙا به کيس اهڙا ئي پيل هئا، ۽ سندس لباس جو جنهن ڳالهه م سندس اٽالي جي ماڻهن کي پيل ڪپڙن کان فرق هو، سو اهو هو ته هن جي مٿي تي تمام وڏو پڳڙ ٻڌل هو. ان کان پوءِ ايندڙ ٻه ڏينهن، اسان جي مهم جي جهازن کان هيٺ لهي ملڪ اندر داخل ٿيڻ جي مسئلن تي بحث مباحثي ۾ ضايع ڪياويا، جنهن کي مذڪوره گورنر ان وقت تائين طول ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيسين وٽس اميرن جو ڪو حۡم احڪام پهچي وڃي. 13 ــ تاريخ تي هو وري ٻيو دفعو مسٽر سمٿ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، جنهن کي دوران هُن (مسٽر سمٿ) موقعو وٺي گورنر کي انهن غلطين کان آگاهه ڪيو، جيڪي اميرن ۽ گورنر جنرل جي رتبي ۽ خطابن جي سلسلي ۾ هليل خط ۽ ڪتابت ۾ ڪيون ويون هيون، جنهن تي هن پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهي غلطيون هن جي فارسي ٻوليءَ کان لاعلميءَ جي نتيجي ۾ سرزد ٿيون هيون، پر جيڪڏهن ايلچي اِئين چاهي ته هو انهيءَ ماڻهو کي، جنهن لکڻ ۾ اهي غلطيون ڪيون هيون، قتل ڪرڻ يا انڌو ڪرڻ لاءِ تيار ۽ آماده هو. هن کي، بهرحال عرض ڪيو ويو ته هو اهڙا شديد قدم نه کڻي، پر آئينداه لاءِ وڌيڪ احتياط ڪرڻ لاءِ احڪامات جاري ڪري ڇڏي. +گورنر، انهيءَ سڄي ملاقات جي دوران، زبردست خوف ۽ خطرو محسوس ڪري رهيو هو ۽ جڏهن سندس ٻيڙي جهاز جي پاسي سان اچي بيڍي، تڏهن هو ڪيتري دير تائين هن باري ۾ هٻڪندو رهيو ته هو اسان جي جهازن تي چڙهي اچي يا نه. ��ن جا ماتحت ۽ خادم کيس ڪا گهڻي عزت نه ڏيئي رهيا هئا ۽ جڏهن مسٽر سمٿ ۽ هو گڏجي جهاز جي ڪيبن (ڪپتان واري ڪمري) ۾ داخل ٿيا، تڏهن سندس خدمتگارن مان هڪ ڄڻو ٽپ ڏيئي جهاز جي عرشي تان اٿيو ۽ انهيءَ ڪرسيءَ ۾ وڃي ويٺو، جنهن ۾ ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ نواب [2] پاڻ ويٺو هو، ۽ انهن مان هڪ ٻيو ڄڻو واري انهيءَ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ تيار ٿيو جيڪا مسٽر سمٿ خالي ڪري ويو هو؛ پر هن کي انهيءَ گستاخي ڪرڻ کان روڪيو ويو. +13 ۽ 14 ـــ مئي تي، مهم جا تنبو ۽ سرڪاري ساز و سامان جهازن تان لاهي هيٺ آندا ويا، ۽ تنبو انهيءَ هنڌ کوڙيا ويا، جيڪا جاءِ گورنر ڏني. اسان جي ٽولي مان ڪيترائي آفيسر جهازن تان لهي ڪناري تي هليا ويا هئا. جتي کين معوم ٿيو ته اسان جي اچڻ تي وڏي گهٻراهٽ محسوس ڪئي ويئي آهي، ۽ حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اسان جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪراچيءَ جي قلعي اندر داخل ٿين نه ڏنيو وڃي، ۽ فوجي سپاهين جي هڪ وڏي جماعت، جنهن جي قيادت هنن جو هڪ مشهور ۽ معروف سردار ڪري رهيو هو، اسان جي چرپر تي نظر رکڻ جي ظاهر ارادي سان اسان کان 8 ميل پري تنبو هڻي ويٺي. دراصل گورنر جي سڄي چال چلت مان خوف ۽ گهٻراهٽ جي مليل جذبن جو اظهار ٿي رهيو هو ۽ اسان جي طرفان ذري برابر به معلومات حاصل ڪرڻ جي خلاف سندس دل ۾ ايتريقدر ته ساڙ ۽ حسد ڀريل هو، جو جيڪڏهن اسان دشمنيءَ جي علي الاعلان ارادن سان اتي اچون ها، ته به انهيءَ جذبي ۾ وڌيڪ اضافي جي ڪا گنجائش باقي ڪانه هجي ها، 16ـــ مئي تي، ايلچي ٻن جهازن مان ڇٽٽندڙ پندرهن توبن جي سلاميءَ سان جهاز کان هيٺ لٿو، جتي پيشوائي ڪندڙ فوجي دستي ۽ مهم جي آفيسرن طرفان سندس شيانِ شان طريقي سان، مقامي ماڻهن جي هڪ وڏي انبوه جي نعرن سان استقبال ڪيو ويو، جن ۾ مشرقي ملڪن جي رواج موجب پئس ورهايا ويا. ٻنپهرن مهل، نواب طرفان ايلچيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس احترام ۽ عزت ڪرڻ جي ارادي ظاهر لاءِ ماڻهو موڪليو ويو، پر جيئن ته اسان جي نوڪرن کي قلعي اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ وارو حڪم اڃا تائين قائم هو، ان ڪري کيس اطلاع موڪليو ويو ته کيس حاضريءَ جي اجازت ڪانهي. گورنر کي انهيءَ انڪار جو سبب سمجهائڻ لاءِ، مسٽر ايلس هن وٽ ويو. ۽ هن سان قلعي جي فصيلن کان ٻاهر واقع هڪ گهر اندر ملاقات ڪئي، نواب اسان کي اهو يقين ڪرائڻ پئي چاهيو ته اهڙي بندش سڀني اجنبين سان لاڳو آهي؛ هن چيو ته کيس انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿي رهيو هو ته اسان انهيءَ ڳالهه کي بيعزتيءَ جو باعث سمجهي رهيا هئاسون؛ هن اهو به چيو ته مسٽر سمٿ کيس ملي يا نه، پر هو روزانو سندس ڇانوڻيءَ ۾ حاضري ڀريندو رهندو؛ ته کيس اهي احڪامات سندس آقائن، يعني اميرن وٽان مليا هئا ۽ هن کي انهن جي تعميل ضرور ڪرڻي هئي ۽ جڏهن سندن مهم کي درٻار ۾ پهچائڻ لاءِ حيدرآباد کان سرڪاري [3] مهماندار اتي ايندو، تڏهن کين (اسان کي) سندن حڪمن جي عدم تعميل جي ضرورت بابت خاطري ٿي ويندي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، اميرن وٽان هڪ خط وصول ڪيو ويو، جنهن ۾ ايلچيءَ کي اميرن جي هن پختي ارادي کان باخبر ڪيو ويو ته هن سان ڪراچيءَ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ حۡومت جا ٻه عملدار موڪليا ويندا ۽ اهي جيڪي به ڳالهيون ڪن، تن کي ايلچي بلڪل سرڪاري سطح تي سمجهي، پر جيئن ته خط ۾ ڪم آندل سندن ٻوليءَ جو ڍنگ انهيءَ غرور ۽ وڏائيءَ جو مظهر هو، جنهن کي ان جي ابتدا ۾ ئي دٻائڻ هن [4] مهم جي وڏي کان وڏي مقصد هو، جنهن ڪري اهو خط نرم لفطن ۾ لکيل هڪ مختصر نوٽ سان گڏ واپس ڪيو ويو، جنهن ۾ اميرن کي هن ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته جئين ته هنن انهيء�� خط ۾ نه فقط پنهنجي لاءِ ناقابلِ تسليم رتبو ۽ اعزاز اختيار ڪيو هو، پر ساڳئي وقت تي هنن پنهنجي خط ۾ انهيءَ بالادست ۽ عالي مرتبت حڪومت جو مرتبو پڻ تسليم نه ڪيو هو، جنهن جو مذڪوره ايلچي نمائندو هو، ان ڪر ياهاڳالهه ناممڪن هئي ته خط ۾ ڪيل تَاصائن جي ڪنهن به صورت ۾ پورائي ڪئي وڃي. هاڻي اسان وٽ هرهڪ ڪلاڪ کان پوءِ مختلف نوعيت جون خبرون پهچڻ شروع ٿيون. هڪ وقت ته پوري اعتماد ۽ خاطريءَ سان ائين پئي چيو ويو ته مهم کي سنڌي گهوڙيسوار فوج جي هڪ وڏي پلٽڻ جي همراهيءَ ۾ دارالحڪومت ڏانهن وڃڻو هو، جتي هنن جي شايانِ شان طريقي سان پوريءَ ريت آجيان ڪئي ويندي. بئي وقت تي وري ائين پئي ٻڌڻ ۾ آيو ته انگريز ايلچيءَ کي انهن آفيسرن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو ويندو، جن کي خاص انهيءَ مقصد لاءِ موڪليو پيو وڃي، ۽ اڃا به ڪنهن وقت تي اهي پئي ٻڌڻ ۾ آ3و ته اسان کي هڪ فوجي دستي هٿان واپس جهازن تي چڙهي هندستان ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو ۽ اهو فوجي دستو ان وقت ڪراچيءَ ڏانهن پيشقدمي ڪري رهيو هو. انهن سڀني خبرن ۾ هڪ هيءَ ڳالهه مشترڪہ هئي ته اميرن کي سندن علائقن جي متعلق اسان جي ارادن کان سخت خطرو محسوس ٿي رهيو هو، ۽ حقيقت اها آهي ته ڪراچيءَ جي بچاءَ ۽ مورچه بنديءَ لاءِ اتي جيڪا فوج موجود هئي، تنهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿوري ٿوري وقفي سان اوڏانهن ايندڙ امدادي فوجي دستن جي آمد، انهيءَ ڊپ جي موجودگيءَ جي ڪافي شهادت ۽ ثابتي فراهم ڪري رهي هئي. +اميرن ڏانهن موڪليل انهيءَ خط کان ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، ايلچيءَ وٽ آخوند محمود بقا وٽان، جيڪو ڪجهه مهينا اڳي سنڌ جي حۡڪومت طرفان هڪ عيوضيءَ طور بمبئي آيو هو، هڪ دوستانه رقعو پهتو، جنهن ۾ هن اها خبر ڏني ته کيس مسٽر سمٿ سان معاملہ بازي ڪرڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي ۽ اهو ان باري ۾ ساڻس جلد از جلد ملاقات ڪرڻ جي ارادي سان ڏانهنس اچي رهيو آهي. انهيءَ ساڳئي قاصد طرفان، جيڪو اهو خط کڻي آيو هو، هن خبر جي پڻ تصديق ڪئي ويئي، جيڪا ڪجهه ئي وقت اڳي اسان خفيه نموني ۾ حاصل ڪئي هئي ته ٺٽه شهر جي پسگردائيءَ ۾ ٽن نموني ۾ حاصل ڪئي هئي ته ٺٽه شهر جي پسگردائي ۾ ٽن هزر ماڻهن تي مشتمل هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيو ويو آهي ۽ اسن جي اندازي مطابق، انهيءَ فوج جي موجودگيءَ جو مقصد اسان کي آخوند جي شرطن مڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ هو ۽ اهو عملدار 23 ــ مئي تي ڪراچيءَ پهچي ويو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هو انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ آيو، جتي هن ايلچيءَ سان تمام ڊگيه ڪانفرنس ڪئي. هن اميرن جي دلين ۾ پيدا ٿيل انهيءَ خوف ۽ انديشي تي تمام گهڻو زور ڏيئي ڳالهايو، جنهن جو سبب ڪراچي بندرگاهه ۾ انگريزن جي ٻن جنگي جهازن جي موجودگي هئي؛ ۽ هن پنهنجون ڳالهيون هن قطعي ۽ فيصله ڪن اعلان سان ختم ڪيون ته انگريزن جي مهم کي حيدرآباد طرف وڃڻ جي اجازت ملڻ لاءِ پيشگي شرط اهو آهي ته انگريز پنهنجن انهن بن جنگي جهازن کي يا ته بمبئي ڏانهن روانو ڪن يا گهٽ ۾ گهٽ اهي سنڌ سرڪار جي علاقائي حدن کان ٻاهر موڪليا وڃن. +سياسي نوعيت جي ڪن ٻين مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي، ۽ ڳالهين جو اختتام ايلچيءَ طرفان ڪيل هن مضبوط اعلان تي ٿيو ته هو هڪ نهايت هلڪي ۽ خسيس وعدي جي آڌار تي واپس وڃڻ کي ترجيح ڏيندو، ۽ بارش جي جوڀن واري موسم [5] ۾ کليل سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۾ کڻي ڪهڙو به وڏو خطرو هوندو، پر ان جي باوجود هو ڪلڪتي ويندو ۽ سڄو معاملو گورنر جنرل جي فيصلي لاءِ سندس اڳيان رکندو. آخوند طرفان سندس ڳالهين جي دوران ۾، جيڪو هيءُ انڪشاف ڪيو ويو ته کيس ايلچيءَ سان معاملن طئي ڪرن جا اختيار ڏنا ويا آهن، تنهن جو ته ڪو سوال ئي نه پيو اٿي، ڇاڪاڻ ته ايلچي فقط سنڌ جي حڪمرانن سان ئي ڳالهيون ڪري پئي سگهيو، جن سان ڳالهائڻ لاءِ هن کي سَند ڏنل هئي. 26 ــ مئي تي گورنر ايلچيءَ ڏانهن هڪ زباني پيغام موڪليو، جنهن ۾ هيءَ خواهش ظاهر ڪئي ويئي هئي ته هو جهازن لاءِ بندر جون حدون هڪدم ڇڌڏي وڃڻ لاءِ احڪامات جاري ڪندو؛ پر هن ۽ آخوند، ٻنهي ڄڻن انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن به تحريري دستاويز ڏيڻ کان وڏي عياريءَ سان پاڻ بچائيندا رهيا. نيٺ، گورنر طرفان تجويز پيش ڪئي ويئي ته هو انگريزي مهم جي ڪنهن به هڪ آفيسر کي اهي سرڪاري هدايتون ڏيکارن لاءِ تيار آهي، جيڪي کيس مٿئين مطالبي پوري ڪرائڻ لاءِ اميرن وٽان موصول ٿيون هيون؛ بهرحال، جڏهن مسٽر ايلس ۽ ڪئپٽن ڪرسٽي ملاقات وري دستوري جاءِ تي پهتا، تڏهن هو پنهنجي تجويز تي عمل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪر يويو، جنهن لاءِ هن اهو دليل ڏنو ته کيس سندن آقائن طرفان ائين ڪرڻ جي اختياري نه ڏني ويئي آهي. اهڙين منجهائيندڙ حالتن هيٺ، مسٽر سمٿ هيءُ فيصلو ڪيو ته هو نواب خواه آخوند، ٻنهي منجهان ڪنهن به هڪ سان ان کان پوءِ، سرڪاري سطح تي ڪابه وڌيڪ ڳالهه ٻولهه نه ڪندو، پر خود اميرن ڏانهن خط موڪليندو ۽ انهن وٽان کيس جيڪو به جواب موڪليو ويندو، تنهن جي مطابق پنهنجي ئي هو آئينده لاءِ مناسب قدم کڻندو. ساڳئي وقت هن پنهنجي انهيءَ ارادي جو مذڪوره عملدارن ساڳئي وقت هن پنهنجي انهيءَ ارادي جو مذڪوره عملدارن اڳيان اظهار ڪيو ۽ کين عرض ڪيو ته هو انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ اچن، جتي هنن کي اهو خط پڙهي ٻڌايو ويندو، جنهن کان پوءِ اهو حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو ويندو. چنانچه هو اتي آيو ۽ جيسين خط تيار ٿي رهيو هو، تيسين هن جي ايلچيءَ سان ڊگهي گفتگو ٿي، جنهن ۾ هن ايلچيءَ کي هن ويساهه ڪرائڻ لاءِ بيحد ڪوشش ڪئي ته انگريزي وفد جي انتهائي دوستانه نموني ۾ اجيان ڪئي ويئي هئي ۽ فقط هڪ هيءَ حقيقت، ته کين جهازن تان لهي سنڌ جي سرزمين تي قدم رکڻ ۽ انگريزي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي، سندس انهيءَ دعويٰ جي فيصله ڪن ثابتي هئي، ڇاڪاڻ ته هن چيو. ”جيڪڏهن توهان اجازت کان سواءِ بندر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو ها، ته قلعي جون توبون توهان جي جهازن کي غرق ڪري ڇڏين ها.“ سندس انهيءَ لاف جو کيس اهو جواب ڏنو ويو ته جيڪڏهن حالتون انهيءَ بحران جي صورت اختيار ڪن ها ته پاڻيهي پتو پئجهي وڃي ها ته انگريزي توبون بهتر هيون يا سنڌي، ۽ نتيجو بهرحال ڏاڍو واضح پيو هو. +ان کان پوءِ آخوند انهن اصطلاحن ۽ لفطن جو بيان ڪيو، جن بابت اميرن جي خط و ڪتابت ۾ شڪايت ڪيل هئي، ۽ هن انهيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ئي ته اهي فارسي ٻوليءَ جي انهيءَ معنيٰ ۽ مفهوم جي مطابق هئا، جيڪا سنڌ ۾ مروع هئي:هن بار بار قسم کڻي پئي چيو ته ”ملازمت“ (نوڪري) جي معنيٰ دوستانه ملاقات آهي، ته ”مُودت“ (دوستي) جو لفظ، جهڙيءَ طرح سان ايلچيءَ جي خطن ۾ استعمال ٿيل هو، انتهائي هڪ آمير ۽ غير شانائتو هو؛ ۽ ”حصور“ (شاهي موجودگي) گذريل ويهن سالن کان وٺي اميرن جو خطاب رهيو هو ۽ ان ۾ تبديلي، سنڌ جي هرهڪ ماڻهوءَ کي هلاڪ ڪرڻ کان سواءِ نٿي آڻي سگهجي. مسٽر سمٿ هن کي ياد ڏياريو ته اها توقع رکڻ اجائي هئي ته هو سنڌ جي مخصوص اصطلاحات کان واقف هوندو، يا جيڪڏهن واقف هوندو به کڻي، ته به اها اميد رکڻ ته هو انهن کي ائين استعمال ڪندو، اجائي ٿيندي؛ ته هن انهن ٻن لفظن کي، جن ڏانهن سندس ڌيان ڇڪايو ويو هو ۽ انهن ��ان علاوه ٻين لفطن ۽ اصطلاحن کي به انهن جي عام معنيٰ ۽ مفهوم موجب استعمال ڪيو هو، ته لفظ ”حضور“ فقط خودمختيار بادساهه سان ۽ نه خراج ڀريندڙ حڪومت سان لاڳو ڪيو ويندو هو، جيئن سنڍ جي حڪومت هئي. اِتي، آخوند ايلچيءَ جي ڳالهه کي هيئن چئي روڪيو ته اها خراج گذريل ڪجهه سالن کان وٺي فقط نالي ۾ وڃي رهي هئي ۽ هن کي سندس اڳوڻن موڪليل خطن جا جواب جو نه مليا هئا، تن لاءِ کيس اهو سبب سمجهڻ گهرجي، ته هن انهن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي هئي، سا ناموزون هئي. ان کان پوءِ اهو خط منشين يا فارسي ڪتابن منجهان هڪ ڄڻي ڏاڍيان پڙهي ٻڌايو، جيڪو اميرن ڏانهن روانو ٿيڻ وارو هو ۽ ان ۾ استعمال ڪيل لفظن تي آخوند طرفان وري به ساڳيائي کل جهڙا اعتراض ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ هو اجازت وٺي اتان روانو ٿي ويو. +انهن سڀني سنڌين کيم، جيجڪي سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيا ئا، اڄ ٻنپهرن مهل سندن ڪٽنبن سميت ڪراچيءَ واري قلعي ۾ واقع سندن گهرن مان نيڪالي ڏني ويئي، ۽ انهن مان هڪ ڄڻي کي، جيڪو ايلچيءَجي دسترخوان لاءِ ڪجهه شيون آڻي رهيو هو، پڪڙي سنڌين واري ڇانوڻيءَ جي وچ ۾ کُتل هڪ مُتيءَ سان جَڪڙي ٻڌو ويو ۽ هاڻي ته اسن جا سڀ تنبو انهيءَ ڇانوڻيءَ جي گهيري ۾ اچي چڪا هئا؛ پر جيئن ته اسان جي سڄيءَ ڇانوڻيءَ جي چوڌاري قناتون [6] لڳل هيون، ان ڪري اسان کي ڪا خاص دقت ڪانه محسوس ٿي. انهيءَ ڳالهه کي هڪدم آزاد ڪرڻ :اءِ حڪم جاري ڪيو ۽ انهيءَ ڪم تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. پر ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ خود سندس ماڻهن طرفان انهن لشڪرين کي پڪڙي مار ڪڍي ويئي، جيڪي اسان جي ٻن جهازن جي خلاصين ۽ عملي جي استعمال لاءِ پاڻي ڀري رهيا ئا ۽ اهڙيءَ طرح هنن اڳي کان به وڌيڪ گستاخيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو پاڻي به هاري ڇڏيو، جيڪو جهازن تي موڪلڻ لاءِ تيار هو. هڪ ٻيو احتجاجي پيغام روانو ڪيو وي، پر ان جو اسان کي جيڪو جواب موڪليو ويو، تنهن هن ڳالهه جي تصديق ڪرڻ سان گڏ اسان جي بيعزتيءَ ۾ اڃا به اضافو ڪيو ته ماڻهو جيڪا اها ڳالهه ڪري رهيا هئا ته سڀڪجهه خود نواب جي هدايتن هيٺ ڪيو پيو وڃي، سا سچي هئي؛ هن بهرحال، هيءَ سمجهاڻي ڏيڻ جي عنايت ڪئي ته هن جو مقصد فقط اهو هو ته لشڪرين کي پاڻي ضايع ڪرڻ کان احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ آئينده لاءِ وعدو ڪيائين ته وري ڪڏهن به اهڙو ڪم ٻيهر ڪونه ٿيندو. انهيءَ سام جو آخوند اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ آيو ۽ پاڻ سان گڏ هڪ ماڻهو به آندائين، جنهن جو تعارف هُن موسيٰ خان جي نالي اسن ڪرايو، ۽ ايلچيءَ کي ٻڌايو ته کيس اميرن جي هيءَ خواهش ايلچيءَ تائين پهچائڻ جو اختيار ڏنل هو ته سندن جهازن کي هڪدم بندر ڇڏي وڃڻ گهرجي، ۽ ان کان پوءِ وفد جي ميمبرن کي پوري عزت ۽ احترام سان حيدرآباد ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي. ايلچيءَ، آخوند جي ڌيان تي اها ڳالهه آندي ته هن کيس انهيءَ موضوع تي پنهنجن خيالن کي اڳي ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، ۽ ان ڪري ان بابت وڌيڪ بحث ڪرڻ بي مقصد ۽ اجايو هو. انهيءَ سڄي ملاقات جي دوران ۾ موسيٰ خان هڪ اڻڄاڻ ۽ بيوقوف ماڻهو نظر اچي رهيو هو ۽ پنهنجي هر هڪ ڳالهه جي تصديق لاءِ وري وري آخوند ڏاندهن ڏسي رهيو هو. هن کي سڌي سادي اڇي قميص، نيري رنگ جي ريشمي سٿڻ ۽ رنگا رنگي ٽُڪرن مان سبيل ٽوپي پيل هئي. هو جيترو وقت به اسان وٽ ويٺو رهيو، تيستائين هڪ هٿ ۾ ترار جهلي ويٺو هو ته ٻيو هٿ پنهنجي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن تي ڦيرائي رهيوهو. جيڪي ماڻهو هن سان گڏ آيا هئا، سي بنان ڪنهن اجازت جي، ميڙاڪو ڪري تنبوءَ جي اندر گهڙي پيا، ۽ اتي رکيل ڪوچن تي ويهن ها، پر کين هيٺ وڇايل غاليچن تي ويهڻ جو حڪم ڏنو ويو. +اسان جي هت اچڻ کان وٺي، ايتري ته سختيءَ سان چوڪسي ڪئي ويئي هئي، جو اسان لاءِ پنهنجي ڇانوڻيءَ جي حدن کان ٻاهر وڃڻ جي همت ڪرڻ ڏاڍي بي مزي ڳالهه ٿئي ها، ۽ نواب جي روزافزون غرور ۽ آخوند بقا خان جي حقيقي يا ڍونگ واري بي سمجهيءَ ڪري معاملات اهڙي ته دشمنيءَ واري صورت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي، جو سرڪاري املاڪ جي سڀني قيمتي حصن کي هڪدم جهازن تي چاڙهڻ مصلحت اميز سمجهيو ويو. انهيءَ فيصلي جي نتيجي طور گورنر کي ڪجهه ٻيڙين مهيا ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو، جنهن پنهنجي هن پڪي عزم جو اظهار ڪيو ته هو انهيءَ سامان مان ڪنهن هڪ سئي کي به جهاز تي چاڙهڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ هن اهڙن سڀني ٻيڙين وارن مير بحرن کي اميرن جي ڪاوڙ ۽ ناراضگيءَ جو نشانو بنائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪي اسان کي مدد ڪرڻ ۾ هٿ وٺائيندا ۽ اهڙيءَ طرح هن اسان جي مٿي ذڪر ڪيل حفاظتي قدم کي ڏاڍي اثرائتي نموني سان ناڪامياب بنائي ڇڏيو. اسان هاڻي حقيقت ۾، فقط آزاد گهمندڙ قيدين کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئاسون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ جهازن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ جيڪو هڪ ئي ذريعو موجود هو، سو انهن جي ڪشِتين جو هو، ۽ جڏهن به انهن منجهان ڪا هڪ ٻيڙي به ڌڪي تي اچي ٿي بيٺي، ته هنن جا ٽي يا چار هٿياربند ماڻهو اتي اچي ٿي بيٺا ته جيئن سامان منجهان ڪابه شئي جهازن تائين پهچي نه سگهي. اسان کي هاڻي اهو به معلوم ٿيو ته اسان جي ڇانوڻيءَ جي ٻاهران هرهڪ ڪنڊ روز رات جو هڪ چوڪيدار بهياريو ويندو هو، جنهن جو واضح طور مطلب اسان جي چرپر تي نطر رکڻ هو ۽ اهڙيءَ طرح اها اسان جي اهڙي ظاهري ظهور بي عزتي هئي و اسان جي طرفان چوڪيدارن [7] مان هڪ ڄڻي کي هيءُ نياپو ڏيئي موڪليو ويو ته اُهي وري ٻيهر ڪنهن به حالت ۾ اوڏانهن نه اچن، ۽ انهيءَ نياپي جو نتيجو اسان جي خواهش مطابق نڪتو. هندن ۽ شهر جي ڪن ٻين ماڻهن، جيڪي اڳي ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ اچڻ جا عادي هئا، ڪجهه ڏينهن کان وٺي اسان وٽ اچڻ بند ڪيو هو، ۽ انهن سنڌين کي، جن کي اسان مختلف حيثيتن ۾ پنهنجي ملازمت ۾ رکيو هو، ڌمڪيون ڏنيون ويئون ته جيڪڏهن هو اسان جون نوڪروين نه ڇڏيندا ته ساڻن سخت روش اختيار ڪئي ويندي، پر جيئن ته ايلچيءَ هنن کي پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪيو ته هو اميرن سان ڳالهين جي دوران ۾ سندن هِن ناجائز ڌمڪيءَ کي بحث جو موضوع بنائيندو، تڏهن اهي سڀ انهيءَ خاطريءَ جي تحت اسان وٽ رهڻ لاءِ آماده ٿيا. +اميرن ڏانهن ايلچيءَ جي خط رواني ٿيڻ کان اٽڪل هڪ هفتو پوءِ، هنن جو جواب وصول ڪيو ويو، جنهن ۾ هنن بمبئيءَ سرڪار طرفان اڳئين سال آيل وفد سان اختيار ڪيل پنهنجي روش جو ڏاڍي مبالغه آرائي سان جائزو پيش ڪيو ۽ ان جي مشابهت اسان جي موجوده وفد سان اختيار ڪيل عزت ۽ احترام واريءَ هلت سان ئي، جنهن جو هنن مسٽر سمٿ تي اثر وجهڻ ٿي چاهيو. بهرحال، سندن خط جو انداز انتهائي متڪبرانه ۽ آپيشاهيءَ وارو هو ۽ ٻين ڳالهين کان علاوه، ان ۾ هڪ هيءَ ڳالهه به شامل هئي ته کين اهو معوم نه هو ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ ڏانهن ڪهڙيءَ طرح سان لکيو وڃي، جنهن ”پروانهء حضور“ (شاهي فرمان) کي واپس ڪيو هو. هنن بهرحال جهازن کي واپس موڪلڻ وارو حڪم منسوخ ڪيو ۽ انهيءَ معاملي کي هن سوال پڇڻ سان هڪ خسيس ڳالهه وانگر ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيتوڻيڪ ڪراچي بندرگاهه ۾ ويهه انگريزي جنگي جهاز به کڻي لنگرانداز هجن ها، ته به هنن لاءِ اها حقيقت ڪهڙي اهميت رکي ٿي سگهي؟ +سياسي مصلحتن ايلچتيءَ کي انهيءَ خط جي مخصوص انداز بيان کي نظرانداز ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ذيلي اهميت ڏيڻ تي مجبور ڪيو، جنهن ڪري اهو هڪدم واپس ڪيو ويو ۽ جيئن ته سنڌ جي حڪمرانن طرفان جهازن کي واپس موڪلڻ واري حڪم کي منسوخ ڪرڻ ذريعي برٽش گورنمينت جي عزت سان کيڏڻ جي سوال کي في الحال ٽاريو ويو هو، ان ڪري هن ايندڙ ٿورن ڏينهن اندر حيدرآباد ڏانهن رواني ٿيڻ جو پنهنجو ارادو ظاهر ڪيو. هاڻي اسان کي گهوڙن هٿ ڪرڻ جو فڪر لڳو ۽ جيتريقدر اسان جي انهن جانورن لاءِ ضرورت جي خبر عام ٿي، اوتري تناسب سان انهن جي قيمت ۾ واڌارو آيو ۽ هڪ چڱو خاصو گهوڙو، جيڪو هڪ هفتو اڳ ۾، اسي يا نوي رپين [8] ۾ وڪامي رهيو هو، سو هاڻي ان کان ٻيڻي قيمت کان گهٽ رقم ۾ نه پئي ملي سگهيو، انهن مان ڪن گهوڙن جي خريداريءَ ۾ ڪي اهڙيون حالتون پيدا ٿيون، جن مان سنڌي فوج جي سردارن جي عام اخلاق جي نشاندهي ٿئي ٿي، انهن مان هڪ ڄڻي، جنهن جو نالو بهادر خان هو، اسان ڏانهن ٽي گهوڙا وڪري لاءِ موڪليا ۽ انهن سان گڏ هن هڪ تحريري ياد داشتنامون پڻ روانو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته کيس ايلچيءَ تي مهرباني ڪرڻ کان سواءِ گهوڙن کي وڪڻڻ جي ٻي ڪا خواهش ڪانه هئي؛ انهن گهوڙن جي جاچ جوچ ڪرڻ بعد، مشڪل سان هڪ [9] رپيا قيمت جا ڏنا ويا، ۽ هنن جي اها ئي بها ڪَٿي ويئي، پر جيئن ته انهن جي مالڪ جي طرفان ظاهر ڪيل شرافت کيس عام ماڻهن جي درجي کان ڪجهه مٿانهين طبقي جو ظاهر ڪري رهي هئي، ان ڪري هن ڏانهن هڪ چوبدار جي ذريعي اها رقم ۽ شڪرادائي جو پيغام موڪليو ويو. ٻن ڪلاڪن جي مدت بعد، چوبدار انهن رپين مان پنج رپيا واپس کڻي آيو، جن لاءِ خان چوائي موڪليو هو ته اهي بدلائي ڏنا وڃن، ڇو ته اهي پنهنجي اصلي قيمت کان چار يا پنج پئسا [10] گهٽ نڪتا آهن، ۽ اسان کي معلوم ٿيو ته سڄي رقم هڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا ڳڻي ويئي هئي ۽ هرهڪ رپي کي انتهائي خبرداري ۽ احتياط سان پرکيو ويو هو. هڪدم هڪ سوني مهر [11] رواني ڪئي ويئي ۽ سردار کي چوائي موڪليو ويو ته هو ان مان اوتري رقم ڪاٽي کڻي، جيتري هڪ هزار رپين جي وچان کيس گهٽ ملي هئي، اهو ڏسي اسان کي سخت حيرت لڳي ته هن اها سڄي مهر پاڻ وٽ رکي ڇڏي ۽ اهو نياپو موڪليائين ته چڱو ٿئي ها جيڪڏهن کيس سڄي رقم انهيءَ سِڪي ۾ ڏني وڃي ها، ۽ هن اها مڄي مهر هن ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي آهي ته جيڪڏهن هڪ هزار رپين مان اڃا به ڪا وڌيڪ گهٽتائي نڪري ته ان مان انهيءَ نقصان جو پورائو ٿي وڃي. اسان بعد ۾ ڏٺو ته اهو ماڻهو واقعي وڏي رتبي وارو ۽ اميرن جو وڏو لاڏلو هو. هو مٿي بيان ڪيل دوکيبازيءَ کان ڪو ٿورو ئي وقت پوءِ اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ ايلچيءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو ۽ پنهنجي هلت جي ڪميڻائيءَ تي شرمساري ظاهر ڪرڻ يا شڪي ٿيڻ جي ڪابه علامت ظاهر نه ڪيائين. +آب و هوا ڪجهه ڏينهن کان وٺي غيرمعمولي طور خوشگوار رهي هئي، جنهن ڪري ”پرنس آف ويلس“ جهاز جي ڪمانڊر کي اهو خيال ڪري ته انهيءَ جنگي جهاز ۽ ”ماريا“ کي آسانيءَ سان سمنڊ جي سفر تي رواني ڪري سگهجي ٿو، کين بمبئيءَ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي بندر ۾ انهن جي وڌيڪ دير رهڻ جي ڪنهن به طرح سان ضرورت ڪانه هئي. چنانچه، انهن جهازن 7 ــ جون تي بندرگاهه جي اندروني حصي کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ”ماريا“ جي غرق ٿيڻ جو فوري خطرو درپيش آيو، ۽ ڪئپٽن ائلين اها صورتحال ڏسي پنهنجي منصبي رايو اهو ڏنو ته چوماسي جي بند ٿين تائين جهاز هندستان ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکي نه سگهندا، بشرطيڪ اتر کان هوا لڳڻ شروع ٿئي، جيڪا ڳالهه امڪان جي حد کان گهڻي ٻاهر هئي. +[1] . ڏسو مهاڳ جو حصو ـــ 1، +[2] . گورنر جو سرڪاري خطاب. +[3] .مهماندار، لفظ مهمان ۽ دار مان ٺهيل آهي، يعني مهمانن کي رکندڙ. هي اهو ماڻهو هوندو آهي، جنهن کي ايلچين کي دربار تائين پهچائڻ ۽ کين ملڪي پيداوار جي شين جي فراهمي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. عام طور هن جي اختيارين مان غلط ڪم ورتا ويندا آهن ۽ انهن جي ذريعي ماڻهن کان زوريءَ رشوتون ورتيون وينديون آهن. +[4] . گزريل سال، بمبئي جي حڪومت طرفان هڪ ايلچيءَ کي سنڌ ڏانهن نامزد ڪري موڪليو ويو هو، ۽ هن سان اهڙي روش روا رکي ويئي هئي، جيڪا ٻنهي طاقتن جي نسبتي رتبن جي مطابق ڪانه هئي، چنانچه گورنر جنرل طرفان موڪليل ايلچيءَ کي اهڙيون واضح هدايتون مليل هيون ته هو ساڳئي قسم جي حجت بازيءَ لاءِ ٿيندڙ ڪنهن به ڪوشش کي سختيءَ سان دٻائي ۽ جيڪڏهن هندستان جي انگريز سرڪار لاءِ واجب احترام ۾ ڪابه ڪوتاهي ڏسي ته ان جي خلاف سخت احتجاج ڪن ۽ جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران پنهنجي لاءِ ڪي به اعزاز اختيار ڪري ۽ پنهنجي لاءِ ڪا ناجائز برتري اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته هو عين وقت تي سنڌي حڪمرانن جي اهڙِ اڻ سهائيندڙ حرڪت کي سختيءَ سان دٻائي. +[5] . ڏکن ــ الهندي وارو چوماسو ان وقت تائين ڏاڍي زور شور سان شروع ٿي چڪو هو ۽ عين ان مهل سخت زوردار طوفان لڳي رهيو هو. +[6] . قناتون تنبن جون اهي ديواريون ٿين ٿيون، جيڪي تنبن کي خلاصي رکڻ لاءِ ٺاهيون وينديون آهن. +[7] . چوبدار هڪ اهڙي مقامي ماڻهوءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪلهي تي لٺ رکي وڏي ماڻهوءَ جي اڳيان هلندو آهي. اهو لفظ ”چوب“ معنيٰ لٺ ۽ ”دار“ معنيٰ ”کڻي هلندڙ“ مان ٺهيل آهي. +[8] . ڏهه يا يارهن پائونڊ اسٽرلنگ. +[9] . هڪ سؤ پنجويهه پائونڊ اسٽرلنگ. +[10] . هڪ پئسو اٽڪل ٻن پيئسن جي برابر هوندو آهي. +[11] هڪ سوني مهر پندرهن رپين جي برابر هوندي آهي. + + +فصل (11) +ڪراچيءَ جو قلعي وارو شهر سنڌ جي انتهائي ڏکڻ اولهندي ڪنڊ تي ويڪرائي ڦاڪ 24052 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 67017 وٽ بيٺل آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي انهيءَ سنڌ جي مکيه سامونڊي بندرگاهه جو درجو حاصل ڪيو آهي. ان جو ڌِڪو، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن کور ــ علي[1] جي نالي سنا سڏيو ويندو آهي، ڏاڍو ڦاٿل آهي ۽ ان جي منهن وٽ واريءَ جي پَٽيءَ هئڻ ڪري، سورهن فوٽن کان وڌيڪ پاڻيءَ جي سطح کان مٿي اُڀارڻ وارن سامونڊي جهازن لاءِ انهيءَ بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ، عقلمنديءَ واري ڪارروائي نه ٿيندي، جيتوڻيڪ هڪ دفعو جڏهن اُهي انهيءَ پٽي کي پار ڪري اندروني حصي ۾ داخل ٿي ويندا، تڏهن اُهي پاڻ کي اونهي ۽ ماٺي پاڻيءَ ۾ ڏسندا. +سن 1797ع ۾ تعمير ٿيل اهو قلعو، جيڪو اپٻيٽ جي الهندي طرف ڳچي ڌرتيءَ جي ڇيڙي واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي اهڙي حڪمت سان بيهايل آهي، جو بندرگاهه جي منهن جو بچاءُ ٿي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ڪا سٺي توب ان تي رکي وڃي ۽ ڪو ڪاريگر توبچي ان کي هلائي ته آءٌ سمجهان ٿو ته ڪوبه جهاز ديده دليريءَ سان ان جي ويجهو اچي سگهندو، ۽ يقيناً اهو ڪابه ڪارروائي ڪري نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته ان تي رکيل توبن جي نالين کي، ٽڪريءَ جي پيشانيءَ کي انهن جي زدِ کان بچائڻ لاءِ ايڏو ته مٿي ڪرڻو پوندو، جو ڏهن مان نوَ گولا ان جي مٿان ئي مٿان لنگهي نڪري ويندا ۽ ٽڪريءَ جي ٻئي پاسي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرندا. اها ساڳي ڳالهه ان کي قلعي مان ايندڙ گولن جي زد کان، بنان ڪنهن شڪ شبهي جي محفوظ ڪري وجهندي، پر جيئن ته جهاز پهاڙيءَ جي هيٺان ان جي تمام ويجهو بيٺل هوندو، انڪري ان جي عرشي کي بند وقچي وڏي آسانيءَ سان صاف ڪري سگهندا، جيڪي پاڻ پٿرن جي وڏين ڇپن جي پٺيان بلڪل محفوظ هوندا، چنانچه، جيڪڏهن ڪنهن به وقت ان تي قبضي ڪرڻ جو ڪوبه موقعو پيدا ٿيندو ته ان لاءِ فقط هيءَ ترڪيب ئي ڪارگر ٿي سگهندي ته فوجن کي ان کان ڪجه مفاصلو پري جهاز تان هيٺ لاٿو وڃي ۽ پو3 ان تي يورش ڪري قبضو ڪجي. شهر پناهه تمام ڪمزور ۽ ناهموار قسم جي اهي، ڪن هنڌن تي ته اها پنجن يا ڇهن فوٽن کان وڌيڪ اوچي ڪانهي. ۽ اها به ايتريقدر ڀڳل ٽٽل حالت ۾ آهي، جو هڪ گهوڙيسوار ئي آسانيءَ سان ان جي چوٽيءَ جي مٿان چڙهي وڃي سگهي ٿو؛ پر ڪن ٻين هنڌن تي ان جون ديواريون اوچيون آهن ۽ انهن جي مرمت ڪري کين تمام سٺيءَ حالت ۾ رکيو ويو آهي. اهي سڄيون ڀتيون بُهه مليل گاري ۽ هڪڊگهي بي پاڙيءَ ول سان تعمير ڪيل آهن، جيڪا آسپاس وارن پاڻيءَ جي دٻن ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿيندي آهي. ۽ انهيءَ پاسي واريءَ ڀت کي، جيڪا سمنڊ واري طرف ٺهيل آهي ۽ جنهن جو پاڻي بندر جي منهن کان وٺي وهندو ان تائين پهچي ٿو، هنن اها ضروري حفاظت ڪئي آهي، جو ڪجهه اوچائيءَ تائتن ڀت کي پٿر ۽ اميرن طرفان سن 1813ع ۾ جاري ڪيل حڪم موجب جڏهن سچ پچ ڳڻپ ڪري معلوم ڪيو ويو هو، ته اهو ٽي هزار ٻه سؤ ۽ پنجاهه ٿيو هو؛ انهن کان سواءِ قلعي جي چوڌاريءَ ڪجهه جهوپڙيون پڻ هِتي هُتي ٺهيل هيون، جن کي نمبر شماريءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. قلعي اندر مستقل رهندڙ آبادي؛ جنهن ۾ عارضي طور ٽِڪندڙ ماڻهن جو تعداد شامل ٿيل نه هو، وڌي وڃي تيرهن هزارن تائين پهتي هئي، ۽ اهو انگ اُنهيءَ وقت جي آباديءَ واري عدد کان، جڏهن هيءُ وفد سن 1809ع ۾ اتي ترسيل هو، اڌ کان به وڌيڪ وڏو آهي. اتان جي مستقل باشندن جي اڪثريت هندن جي آهي، جيڪي تمام ڳرن محصولن ۽ ڪسٽم ڊيوٽين جي باوجود، جيڪي مٿن سندن ئي قوم جو، هڪ ماڻهو مڙهيندو آهي، تمام وسيع پئماني جي تجارت ڪن ٿا ۽ اهائي قوم ڪراچيءَ جي سڄي سرڪاري آمدنيءَ جو ذريعو آهي، ۽ اهائي تباهه ڪن پاليسي هن ملڪ جي سڄي علائقي ۾ هلي رهي آهي. سن 1809ع ۾ ڪراچيءَ مان وصول ٿيل ۽ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايل ڪل آمدني[2] نوانوي هزار رپيا ساليانه هئي ۽ چيو وڃي ٿو ته اجارهدار انهيءَ رقم مان اٽڪل ٻارهن هزار رپيا پنهنجي محنت جي صله طور کڻي ٿو. سرڪاري آمدني هاڻي وڌي وڃي لک ٽيويهه هزار[3] رپيا ٿي آهي ۽ موجوده اجاره دار لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي حصي طور ويهه هزار رپيا کڻي ٿو. انهيءَ ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر مستقل طور سڌري رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب هند بندر جي جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ اُهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه جي سڀني علائقن سان گڏوگڏ ايران، خراسان، بلخ، بخارا وغيره جي عين وچ ۾ هئڻ جي ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. قلات واري محمود خان جي ڪمزور ۽ گهٽجندڙ اختياري پڻ سندس دشمنن، يعني سنڌين جي آمدنيءَ ۾ اضافي جو سبب بنجي رهي آهي؛ ڇاڪاڻ ته اترين ملڪن جا واپار جڏهن اهو ڏسن ٿا ته هن جي طاقت خود سندس ئي علائقي ۾ هنن جي مال کي محفوظ رکڻ جي قابل نه رهي آهي، تڏهن انهن کي سنڌ جي وچين رستي اختيار ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو نٿو اچي، حالانڪ اتي کانئن ڳاٽي ڀڳا محصول وصول ڪيا وڃن ٿا. +سنڌ جو ٻاهرين ملڪن سان اڪثر واپار ڪراچيءَ جي ذريعي ٿئي ٿو، ان ڪري انهن شين جي شمار ڪرڻ جو هيءَ بهترين موقعو آهي، جيڪي هتان جي برآمدي واپار ۾ سامل آهن. يجيڪ مقامي طور پيدا ٿيندر آهن، تن ۾ قلمي شورو، لوڻ، چانور، ڪپهه، گيهه، تيل، تيلي ٻج، شاڪر مڇيءَ جو تيل، چمڙي جي رڱڻ لاءِ ڇوڏا، کار، ڪپڙو ۽ کلون شامل آهن ۽ جيڪي شيون اتر وارن ملڪن ۽ بادشاهين کان ٻاهارين ملڪن ڏانهن روانيون ڪرڻ لاءِ خاص طور واپار هت آڻين ٿا، تن ۾ زعفران، گهوڙا، صاف ڪيل چمڙو، کلون، مشڪ، ڦٽڪي، مختلف قسمن جون نشيدار دوائون، ڪشميري شالون، سڪل ميوو، هيرا، لعلون، فيروزا ۽ ٻين قسمن جا قيمتي پٿر، ۽ کؤنر شامل آهن. هندستان کان درامد ٿيندڙ شيون لوهه، قلعي، رڪ، شيهو، ٽامو، عاج، چانهه جي پتي، کنڊ، هر قسم جا مصالحا، ڪاشيءَ جون سرون، بافتي جو ڪپڙو، شيشو، چينيءَ جا برتن، ناريل، نير، سوپاريون، ململ، زريءَ جو ڪپڙو، ڍالون وغيره آهن، جن مان وڏي تعداد ۾ مٿي شمار ڪيل شين جي عيوضي ۾ موڪليون وينديون آهن. خراسان، مڪران، ايران ۽ عربستان کان، سنڌي ماڻهو پنهنجي گهريلو استعمال لاءِ تراريون، ريسم، غاليچا، کارڪون، گلاب جو پاڻي، تماڪ، قهوه ۽ ڪلياڻ (حقا) گهرائيندا اهن. +ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ واري ملڪ جو مٿاڇرو بلڪل سڌو سنئون پَٽُ آهي (قلع جي اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارن طرفن کان)، جيڪو پهرين بن طرفن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺن يا ڏهن ميلن تائين، ۽ آخرين هڪ طرف ۾ سمنڊ جي ڪناري تائين ڦهليل آهي. جيئن ته وفد جي سنڌ ۾ آمد کان اڳي ٽن موسمن تائين بارش نه پئي هئي، تنهنڪري هِتي هُتي ڪن ٿورن ٽڪرن ۾ اپريل ننڍن ۽ ڏنگن ڦڏن ڪانڊيرن کان سواءِ، ڌرتيءَ جو سڄو مٿاڇرو بلڪل سڙيل نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ ساوڪ جو ڪو ٿورو نشان به نظر ڪونه ٿي آيو؛ پر مون هڪ يا ٻه اهڙا کوهه ڏٺا، جن کي ساون پنن سان ڀريل ڊگها وڻ چؤطرف وڪوڙي بيٺا هئا، ۽ اتان جي رهاڪن مون کي يقين ڏياريو ته ڪنهن به وقت زوردار برسات پوڻ کان اٺيتاليهن ڪلاڪن جي وقفي اندر سڄو پٽ سائي گاهه سان ڍڪيل غاليچي وانگر نظر ايندو آهي. گهوڙيسواريءَ لاءِ هي ميدان ڏاڍو مزيدار هنڌ آهي، ڇاڪاڻ ته رستي ۾ ڪي به پٿر جون ڇپون يا ڌرتيءَ ۾ پيل ڏار ڪين اهن. اها صورتحال اسان کي اڪثر لالچائي رهي هئي ته تازي ڪتن سان گڏجي شڪار لاءِ نڪري وڃون، پر اسان فقط هڪ ئي ڀيرو اهڙا خوش نصيب ثابت ٿياسون، جو هڪ گدڙ ڏٺوسون، جنهن اسان کي خوب ڊوڙايو ۽ نيٺ هڪ کوهه ۾ تپ ڏيئي اسان کان ڀڄي ويو، حالانڪ اسان خوب سمجهي رهيا هئاسون ته جيتري مفاصلي تائين اسين وڃي رهيا هئاسون، تنهن کان ڪجهه ميل وڌيڪ اڳڀرو ملڪ جي اندروني حصي ۾ اسان کي ڪافي تعداد ۾ گدر، لومر، جهنگلي سوئر، هرڻ ۽ مختلف قسمن جا ٻيا سڪار جا جانور ملي پئي سگهيا. +اسان جي وفد 10ــ جون جو صبح جو ڪراچي ڇڏي ۽ پنجن منزلن ۾ ٺٽه نالي شهر ۾ پهتاسون، جيڪو اڳئين دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جيتوڻيڪ ان وقت ويرانيءَ ۾ برباديءَ جي حالت ۾ هو. ڪراچي ۽ هن شهر جي وچ واري ملڪ کي، بيابان جي نالي سان ئي سڏي سگهجي ٿو، جو اهو سڄو سارو ساوڪ کان خالي ۽ وارياسو آهي، جنهن ۾ ٻٻر، لئي، ۽ دوڌل کان سواءِ ٻيا ڪي به وڻ يا ڪابه اهڙي ساوڪ ڪانهي، جيڪا ان جي ويران ۽ ڀڙڀانگ شڪل ۽ صورت ۾ ڪنهن مهل ڪا تبديلي آڻي، جيڪا اهو علائقو انسان نطرن اڳيان پيش ڪري ٿو. پهرين ٻن منزلن وٽ ٽنڊا يا سرايون آهن، جيڪي سندن بانين جي نالن سان مشهور اهن، جيڪي پنهنجي ملڪي ماڻهن جي احسانمنديءَ جا واقعي وڏا حقدار اهن، ۽ هنن جو خاص طور مٿن وڏو احسان هن ڳالهه جي ڪري آهي، جو هنن ڏاڍا اونها کوهه کڻائي ڇڏيا آهن، جتان اڃايل مسافر سخت گرم موسم ۾ به مزيدار ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو ڌڪ حاصل ڪري پنهنجي پياس ٻجهائي سگه ٿو. اسان جون آخري ٻه منزلون گهارو ۽ گجو نالي ٻن ڳوٺن وٽ هيون، جن مان پويون ڳوٺ هڪ اهڙي ننڍيءَ نهر تي آباد آهي، جيڪا سنڌو نديءَ سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ رستي تان سفر ڪندي اسان ڪيترين ئي نين جي وچان لنگهي��سون: جهڙوڪ باڪران، گنگارا، گورلڪي، پيپل ۽ ڪواڪني، جن جو پيٽ پنجاهه کان وٺي سؤ گزن جي وچ تي هو ۽ ان وقت سڀ ئي خشڪ حالت ۾ هيون، حالانڪ اسان کي ٻڌايو ويو ته اهي برسات جي موسم ۾ به اهڙيءَ حالت ۾ هونديون آهن، جو منجهانئن آسانيءَ سان لنگهي پار وڃي سگهبو آهي. ڀنڀور جا ڦٽل نشان، جيڪو اڳئين زماني اندر واقع آهن ۽ انهن جي بيهڪ ويڪرائي ڦاڪ 24046 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 67050 اوڀر ۾ آهي ۽ اهو پيالي جي شڪل واريءَ وڏيءَ کڏ جي ڏاکڻين طرف بيٺل آهي، جنهن جي پاسن تي خوبصورت سائو گاهه پکڙيل آهي ۽ مٿان ڊگها ۽ ساون پنن سان جهنجهيل وڻ ڇٽي بنايو بيٺا اهن. انهيءَ دڙي جي اترئين پاسي ڪيترن ئي سردارن جون تربتون آهن، جيڪي سنڌ جي حڪومت لاءِ ٻن دعويدار ڌرين جي درميان جوٽيل هڪ جنگ ۾ شهيد ٿيا هئا، ڀنڀور کي هن وقت تائين عام طور برهمڻ آباد وارو تمام قديم زماني جو شهر سمجهيو پئي ويو آهي؛ پر هن صوبي جي انهن تاريخن ۾، جيڪي مون پڙهيون آهن، برهمڻ آباد جي جيڪا طبعي بيهڪ ٻڌائي ويئي آهي، تنهن مان مون کي هن ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو نظر نٿو اچي ته اها دعويٰ غلطيءَ تي مبني آهي. ٺٽي کان اٽڪل ٽي ميل پري ڪراچيءَ واري رخ ۾، مڪليءَ نالي هڪ ٽڪري آهي، جيڪا سڄي اهڙين مزارن سان ڀريل اهي، جيڪي انهيءَ شهر جي قديم سان و سوڪت ۽ دولتمنديءَ جا هاڻي باقي بچيل ثبوت آهن. آءٌ انهن مان هڪ اهڙي جو بيان ڪندس، جنهن وقت جي بيرحم ڪارستانيءَ جو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو آهي. اها تربت هڪ اهڙي ميدان ۾ ٺهيل هئي، جنهن جي چوڌاري هڪ اوچي ديوار ڏنل هئي ۽ ان جا پٿر ڏاڍي صفائيءَ سان چٽيل ۽ اُڪريل هئا، خود عمارت اٽڪل پنجاسي فوٽ چورس هئي، جنهن جو قبو ستر فوٽ اوچو هو، ۽ ان کي ٻه اهڙيون بالڪنيون يا اهڙا ورانڊا ڍڪي بيٺا هئا، جيڪي ٿنڀن تي بيٺل هئا. سڄي عمارت ۽ ٻاهرين ديوار، ميٽائي رنگ جي پٿر جي ٺهيل هئي، ۽ اندرين طرف قبي جي بلڪل هيٺان ڪاري پٿر جو هڪ دڙو هو، جنهن تي انهن ماڻهن جا نالا اُڪريل هئا، جيڪي اتي دفن ٿيل هئا، ۽ انهن سڀني مان جيڪو ويجهي کان ويجهي زماني جو نالو اسان ڏسي ۽ پڙهي سگهياسون، سو ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ پراڻو هو. اميرن مان هڪ ڄڻي اتي ماڻهو موڪليا هئا، جيڪي قبي اندر ويندڙ رستي وارو پٿر جو دروازو کڻي ويا هئا، جيڪي ته اسان کي ٻڌايو ويو ته انهيءَ عمارت جي بنياد پوڻ سان سال اڪريل هو[4]. ٻيون بهڪي ئي قبرون ساڳئي قسم جي پٿر جون ٺهيل هيون، ۽ ڪن ٻين کي خبوصرت سائي، ڳاڙهي ۽ نيري رنگن جي ڪاشيءَ وارين سرن سان ڏاڍو سينگاريو ويو هو. پر انهن سڀني مقبرن ۾ اسان جيڪي به ڏسڻ لائق شيون ڏٺيون، تن سڀني کان دروازن جي پٿريلين چوڪٺن تي اُڪريل قرآن جي آيتن جي خوبصورتي گوءِ کڻي ويئي هئي. انهيءَ ٽڪريءَ جي ڏاکڻين طرف هڪ انتهائي حيرت انگيز کوهه آهي، جيڪو ساڳئيءَ طرح نهري پٿر مان ٽُڪي ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جي چوڌري سڄي گولائي ۾ هڪ ڪمرو پڻ ٺهيل آهي، جنهن تائين گول وڪڙ کائيدنڙ ڏاڪڻ جي ذريعي لهڻ سان هچي سگهجي ٿو. هن کوهه جي پاڻيءَ جو ذائقو تيز دوا جهڙو آهي، جيڪو ان کي عام استعمال جي مقصدن لاءِ ناموزون بنائي ٿو. +انهيءَ اوچائيءَ جي چوٽيءَ تان، جنهن ۾ اها کوٽائي ڪئي ويئي اهي. ٺٽو هڪ تمام وڏي ۽ ڳتيل شهر جو نظارو پيش ڪري ٿو. شهر جا گهر ميٽوڙي رنگ جا آهن ۽ ڊٺل ڀتين ۽ مسجدن جا ڍير، انهيءَ مفاصلي تان رهائشي جاين جو حصو نظر اچن ٿا. پر جيئن جيئن اوهان ويجها ايندا پيا، تيئن ئي نظر اهو فريب ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻنهي پاسن کان ويران ۽ ڀڳل ٽٽل گهرن جي جاين وارين ڊگهين گهٽِن کان سواءِ ٻيو ڪجه به نظر نٿو اچي. رستي جي آخري ٻن ميلن ۾ اٽڪل ست يا اٺ فوٽ اوچي هڪ اهڙي پل ٺهيل هئي، جيڪا گذريل زماني ۾ شهر ۾ ٽڪريءَ جي درميان سنڌونديءَ ۾ پاڻي چڙهڻ واريءَ مند ۾ مواصلات کي ممڪن بنائڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي، جنهن جي دوران درياهه جو پاڻي مٿي چڙهي پنهنجن ڪنارن کان ٻاهر وهي ايندو هو ۽ سڄي ٺٽي شهر کي چوڌاري وڪوڙي بيهندو هو؛ پر گذريل چند سالن کان وٺي ائين ڪونه ٿيو آهي ۽ ان لاءِ جيڪي سبب ذميدار آهن، تن جي وضاحت آءٌ هن کان پوءِ اڳتي هلي ان وقت ڪندس، جڏهن آءٌ درياهه جو بيان شروع ڪندس، ۽ اهو پُل وارو پڪو رستو به هن وقت خود شهر وانگر تباهي ۽ برباديءَ جا ڏينهن ڏسي رهيو آهي. +16 ـــ جون تي صبح جو ستين بجي اسنا شهر جي رهاڪن جي وڏي ميڙاڪي جي وچ ۾ وڪوڙجي ٺٽي جي پسگردائي واري علائقي ۾ دخل ٿياسون ۽ مقامي ماڻهو اسان جي پويان گهٽين ۾ هلندا رهيا ۽ ساڻ ئي ساڻ وڏي آواز سان اسان جي مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون ڪندا ۽ صدائون هڻندا آيا ۽ نعرن ذريعي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا رهيا. شهر جي ڦٽل علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، ان جي رهائشي حصي تائين پهچڻ کان اڳ ۾ اسان کي ڪافي ڊگهو مفاصلو گهوڙن تي سواري ڪندي هلڻو پيو. دراصل اسان کي عزت ماب ڪمپني بهادر جي[5] فئڪٽريءَ وٽ پهچڻ تائين گهوڙن تي ئي هلڻو پيو، جتي اچڻ کان پوءِ اسان گهوڙن تان هيٺ لٿاسون ۽ پنهنجي رهائش اتي شروع ڪئي سون. +اميرن وٽان ايلچيءَ کي هڪ ٻيو خط ان وقت مليو، جڏهن اسان رستي ۾ هئاسون، جنهن ۾ کيس آگاهه ڪيو ويو هو ته انهن جي جَمپٽين يعني سرڪاري ٻيڙين مان هڪ، کيس ۽ سند اٽالي کي پاڻيءَ جي ذريعي حيدرآباد پهچائڻ لاءِ عنقريب رواني ڪئي پيئي وڃي ۽ هن کي ٿورن ئي ڏينهن اندر ان جي پهچڻ جي توقع رکڻ گهرجي. هن کان اڳ ۾ اسان پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته وفد جي ميمبرن کي هِتان کان پوءِ عليحده ٿيڻ ۽ ٻين مختلف رستن کان درٻار تائين پهچڻ لاءِ ڪو معقول بهانو بنائڻ گهرجي ته جيئن اهڙي متعصب حڪومت جي بادشاهيءَ هيٺ آيل ملڪ جي گهڻي کان گهڻي جاگرافيائي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري اسان جي انهيءَ شريفانه فعل کي بدقسمتي سمجهيو ويو؛ پر اهو اهڙو ته ان جي بلڪل اُبتڙ ثابت ٿيو، جو انهيءَ جي ڪري اسان جي رٿا مڪمل ٿي ويئي، جو شاهي ڪشتي اسان جي اڌواڌ وفد کي اُپرائڻ لاءِ به ناڪافي هئي. آخرڪار مسٽر ايلس، ڪئپٽن مئڪسفيلڊ ۽ مون کي وڏيءَ تڪليف سان ان تي سوار ڪيو ويو ۽ ايلچي ۽ باقي ٻيا آفيسر سندن ماڻهن ۽ سامان سوڌا خشڪيءَ واري رستي سان روانا ٿيا. +ٺٽي ۾ اسان جي قيام اسان کي ان جي ڪنڊ ڪرڇ ڏسڻ جي ڪافي فرصت ڏني ۽ اسان جي جماعت ۾ شامل شڪار جي شوقينن کي سهن ۽ ترن جي شڪار ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا ملي ويا. اسان پنهنجو واندو وقت فقط انهن تفريحن جي ذريعي گذاري پورو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار جي ڪن آفيسرن طرفان سرزد ٿيندڙ ڪن ڳالهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ايلچيءَ کي پنهنجي طرفان ڏاڍي سختيءَ ۽ خطابت جي پوريءَ قوت جو مظاهرو ڪرڻو پيو ۽ هنن جي انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ اسان جي وفد کي اوچتو ملڪ ڇڏي، ذري گهٽ هليو وڃڻو پيو هو. اسان جي ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان ڪو ٿورو ئي عرصو پوءِ، ولي محمد خان نالي اعليٰ مرتبي ۽ عهدي وارو هڪ وڏو نواب ڪنهن سرڪاري ڪم ڪار سان شهر آيو ۽ هن اُتي پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح سان ئي فوج جو هڪ وڏو رسالو موڪليو، جنهن اسان وٽ پهچندي ئي انهن سڀني سنڌين کي ٻڌي گرفتار ڪري ورتو، جن اسان وٽ نوڪري حاصل ڪئي هئي. +ايلچيءَ جي ه��ايتن ملڻ تي مسٽر ايلس هڪدم هن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو ۽ سندس انهيءَ غير دوستانه ۽ ناجائز قدم تي سخت لفظن ۾ احتجاج ڪيو. ٻنهي جي درميان خوب گرماگرميءَ سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه هلي، جنهن جي دوران ۾ خان مسٽر ايلس کان پڇيو ته اسان (انگريز) آهيون ڪير؟ ۽ ڇا، اسان پاڻ کي ملڪ جا مالڪ سمجهون ٿا؟ هن وڌيڪ چيو ته هو سنڌ جي رعايا سان جيئن به چاهيندو، تيئن هلت ڪندو: جيئن ته هو انهن کي چهبڪ هڻائيندو، سندن ڪن وڍائيندو، ۽ کين مارائي ڇڏيندو؛ ايترو نه، جيڪڏهن هو موزون سمجهندو ته ٺٽي شهر کي باهه ڏيئي ساڙائي به ڇڏيندو! +مسٽر ايلس طرفان خان جو ڌيان سندس انهيءَ ناجائز ۽ اجائي ڪاوڙ ڏانهن ڇڪائيندي چيو ويو ته جيڪڏهن ايلچيءَ کي معلوم هجي ها ته توهان کي سنڌين کي انگريزن جي نوڪريءَ ۾ رکڻ تي ڪو اعتراض هو ته پڪ ئي پڪ انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکيو وڃي ها؛ پر جيئن ته اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه سندس ڌيان تي نه آندي ويئي هئي، انڪري خان جي طرفان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي کنيل قدم کي جيڪڏهن انتهائي چڱيءَ نطر سان ڏٺو وڃي، تڏهن به اُهو هڪ غيردوستانه ۽ غيرشريفانه قدم هو. +ان کان پوءِ نواب مسٽر ايلس کان پڇيو ته ڇا، کيس انهيءَ طرح سان ڳالهائڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون هيون يا هو پننهجي ليکي جوانيءَ جي قدرتي مدهوشيءَ وچان ائين ڳالهائي رهيو هو. مسٽر ايلس ان تي کيس جواب ۾ چيو ته هو ايلچيءَ جي مرضيءَ سان وٽس انهيءَ مقصد لاءِ آيو هو ته جيڪي ڪجهه ٿي گذريو هو، تنهن جي خلاف احتجاج ڪيو وڃي؛ کيس پنهنجي ڳالهه جي اظهار جي طريقي بابت ڪي به مخصوص هدايتون نه ڏنيون ويون هيون، ڇاڪاڻ ته ان جو دارومدار سندس بيان جي خلاف پيش ٿيندڙ دليلن جي لب و لهجي تي رهندو؛ پر سندس راءِ موجب موجوده صورت ۾ حق ۽ سچ جي غلط ڳالهه کي امتياز ڪرڻ ۾ ڪنهن وڏي فهم ۽ فراست جي ضرورت ڪانه هئي. +ان کان پوءِ خاسن پنهنجن خطابن ۽ اختيارين جو ڊگهو شمار ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ زور ڏيندي چيائين ته کيس ڪابل جي بادشاهه سان وڏي اهميت وارن معاملن طئي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو ۽ هو انهن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي آيو هو، جن لاءِ کيس نامزد ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪري هو انهيءَ خيال ڪرڻ ۾ پاڻ کي بلڪل حق بجانب سمجهي رهيو هو ته سندس شخصيت ۽ راين جو وڏو احترام ۽ عزت ڪرڻ گهرجي؛ ۽ مسٽر ايلس طرفان انهن جو پوريءَ طرح سان احساس نٿو ڪيو وڃي، تنهن جو سبب سندس خيال موجب هن جي جواني ۽ ناتجربيڪاري هئي. +مسٽر ايلس جواب ۾ چيو ته عقلمندي ۽ سياڻپ هروڀرو ڪو وڏيءَ عمر جي نتيجي ۾ حاصل ڪانه ٿيندي آهي ۽ خان جي طرفان سندس شان مان ۽ رتبي جي اپٽار، بحث هيٺ آيل ههڙي واضح ۽ صاف معاملي جي باري ۾ سندس راين يا فيصلن تي ڪنهن به طرح سان اثرانداز ٿي نٿي سگهي. +ان کان پوءِ خان ايلچيءَ طرفان سندس ملاقات لاءِ اچڻ جي باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ تجويز پيش ڪيائين ته کيس انگريزي وفد جي اچڻ جي آخري مقصدن کان واقف ڪيو وڃي ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي اهو اشارو به ڏنائين ته جيڪڏهن کيس صحيح طريقي سان اهڙي درخواست ڪئي ويندي ته هو شايد وفد جي فائدي ۾ پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪرڻ ۽ سربستي ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي. +انهن ڳالهين جي جواب ۾ مسٽر ايلس کيس آگاهه ڪيو ته انگريز ايلچيءَ طرفان ڪنهن به ماڻهوءَ جي سرپرستي حاصل ڪرڻ لاءِ، دراخواست ڪرڻ واسطي نئڙت ڪرڻ جو خيال ئي اجايو ۽ کل جهڙو هو. اهو خيال به اوترو ئي مضحڪه خيزهو ته هو خود اميرن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي وفد جي اچڻ جي اصلي مقصدن کان واقف ڪندو. ۽ جيستائين ملاقات جو سوال هو، ته انهيءَ سلسلي ۾ اهو خان جو فرض هو ته هو اڳ ۾ ايلچيءَ وٽ پاڻ حاضري ڀري. ان کان پوءِ اها ڪانفرنس ختم ٿي ۽ مسٽر ايلس فئڪٽريءَ ڏانهن موٽي آيو. +جيئن ته اُنهن سنڌين کي غيرمشروط طور آزاد ڪيو ويو، جن کي اسان جي نوڪريءَ ۾ شامل ٿيڻ ڪري قيد ڪيو ويو هو، ان ڪري ايلچي ولي محمد خان جي رسمي ملاقات قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو، ۽ هن ٻئي ڏينهن تي ساڻس جوابي ملاقات ڪئي. انهن ٻنهي ملاقاتن ۾ تحريري خطابت جي انهيءَ طرز متعلق ڪافي ڊگهيون ڳالهيون ٿيون، جيڪو اميرن جي متعلق مستقل مزاجيءَ سان رخ اختيار ڪيو ويو هو، پر ان جو بيان ڪرڻ انهن ئي ڳالهين کي، جن جا تفصيل مون اڳيئي پيش ڪيا اهن، اهرو اجايو دهرائڻ ٿيندو، جو هن ڳالهه کان ڪجهه به وڌيڪ چوڻ غيرضروري ٿيندو ته وفد جي طرفان ٿوري به رعايت ڏيڻ کان سواءِ ڪانفرنس ختم ٿي ويئي ۽ ولي محمد خان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٺٽي کان روانو ٿي ويو ۽ ويندي وقت هن ايلچيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي شخصي دوستيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ برٽش حڪومت جي عام مفادن لاءِ پنهنجي طرفان نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. اسان کي سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ جو اٽالو ۽ ڏيک ويک اهڙي شان و شوڪت وارو نظر ڪونه آيو، جهڙو هن نواب جو هو. جڏهن هو فئڪٽريءَ ۾ آيو، تڏهن ساڻس ڪيئي سردار ساڻ آيا ۽ هن سان انتهائي وڏي تعظيم ۽ ادب سان پيش اچي رهيا هئا. هن کي هڪ ڏاڍي نفيس قسم جي اڇي ڪپڙي جي قميص، پهريل هئي، چيلهه جي چوڌاري اعليٰ ترين قسم جي قيمتي[6] لونگي ڪمرپٽِ وانگر ويڙهيل هئي ۽ هڪ ٻي وڌيڪ نفيس ۽ سنهي ڪپڙي جي لونگيءَ جي مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو. هن جي ترار سندس هڪ خدمتگار جي هٿ ۾ جهليل هئي، جيڪا هن انهيءَ مهل سندس هٿ ۾ ڏني، جڏهن هڳو ڪمري جي اندر داخل ٿيو. هن جي هلت چلت ڏاڍي شانائتي ۽ دل کي وڻندڙ هئي؛ هن جو بدن ڊگهو ۽ ڊولائتو هو ۽ ذهن تي انهيءَ عهدي جو اثر قائم ڪرڻ لاءِ نهايت موزون هو، جنهن تي هو فائز هو. اسان کي بعد ۾ معلوم ٿيو ته هن جو قبيلو لغاري بلوچن جو هو، جيڪو گورچاڻي قبيلي جي هڪ شاخ آهي، جيڪو ڪڇ گنڊاوا جي اترئين طرف وارين ٽڪرين تي آباد آهي ۽ رند ٻروڳچن جي وڏي طبقي سان وابسته آهي. ايلچيءَ طرفان هن سان جيڪا ملاقات ڪئي ويئي، تنهن ۾ اسان جي اٽالي جي سڀني ماڻهن جي، جن جو تعداد ٻن سوَن کان مٿڀرو هو، مٺاين، شربتن، ۽ گلاب جي عرق سان خاطر تواضح ڪئي ويئي ۽ حقيقت اها آهي ته انهيءَ ۾ هرهڪ تفصيل کي شاهاڻي طريقي سان پورو ڪيو ويو‏. +مون هڪ هنڌ تي هن کان اڳي بيان ڪيو آهي ته ٺٽو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو ۽ ان جو اهو امتياز ان وقت تائين قائم رهيو، جيستائين موجوده حڪمرانن حيدرآباد وارو قلعو تعمير ڪرايو ۽ پنهنجي درٻار کي اوڏانهن منتقل ڪيو، جنهن کان پوءِ ان جي آبادي ايتري تيزيءَ سان گهٽجي ويئي آهي، جو انهيءَ سهر جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو هن وقت غيرآباد ٿي ويو آهي. بهرحال، اڃا به اهو هڪ ڪافي وڏو شهر آهي، ۽ حساب ڪجي ته ان جو گهيرو ذري گهٽ ڇهن ميلن ۾ آهي، جنهن ۾ ان جا ڦٽل حصا شامل ناهن، جيڪي ٻنهي طرفن ڏانهن ڊگهي مفاصلي تائين ڦهليل آهن. +مون هن ڳالهه جي سراغ ڳولي ڪڍڻ ۾ اجايا ٽڪر هنيا آهن ته هن شهر جو بنياد ڪنهن وڌو، ڇو جو ان جو انتهائي اوائلي ذڪر جيڪو مون ڏنو آهي، سو سن 92 [7] هجري ۾ اهي، جڏهن اهو قلعي بند شهر هو ۽ ان بغداد جي خليفن جي فوج جي خلاف ٿورو گهڻو مقابلو ڪيو هو. جنهن سرزمين تي اهو شهر تعمير ٿيڪل آهي، تنهن کي عام طرح سان يونانين جي شهر[8] ”پٽالا“ واير سرزمين سان شناخت ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويندي آهي. پر س��ڌ جي ڏاکڻين علائقي وارن ضلعن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي يادگيريءَ جي دوران ۾ ئي ايتري ته حيرت انگيز حد تائين تبديليون اچي ويون آهن، جو اهڙن سڀني نتيجن جو بنياد لازمي طو رمض اندازن تي ئي رکيل ٿئي ٿو. جڏهن سنڌ جي مقامي شهزادن عربن جي طوق مان پنهنجي گردن آزاد ڪرائي آزادي حاصل ڪئي، تڏهن انهن پنهنجي گادي ٺٽي ۾ قائم ڪئي ۽ اهو شهر جلد ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ انهيءَ سڄي وڻج ۽ واپار جو مرڪز ٿي پيو، جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو، جيڪو ان جي اترئين ۽ الهندي طرفن ۾ هلندو هو. انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي تعمير، ۽ دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي شاندار بنائڻ ۾ پئسي ۽ محنت جي خرچ ڪرڻ ۾ ڪوب بخل نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت تي هنن سنڌونديءَ مان، جيڪا انهيءَ شهر جي اُڀرندي ۽ چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي آهي، واهن کوٽائڻ جي ذريعي، جن جي رستي ٻيڙين ذريعي دوردراز علائقن کان مال آندو ۽ واپارين جي دروازن وٽ مهيا ڪيو ويندو هو، تجارتي طبقي کي سهولت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾ اوترائي آماده هوندا هئا. انهن بادشاهن طرفان شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ جيڪي به اڏاوتون ڪرايون ويون، تن جا سڀئي نشان هن وقت پوري طرح ڊهي ويا آهن ۽ انهن جي ٺهرايل هڪ ئي نهر، جيڪا هن وقت تائين باقي رهيل آهي، سا سڄي گاهه ۽ ڪانن وغيره سان ايتريقدر ته ڀرجي ويئي اهي، جو ان کان عام رواجي ناليءَ کان بهتر ٻئي ڪنهن به لفظ سان سڏي نٿو سگهجي. +منهنجي راءِ ۾ هن شهر جي دولت ۽ شان و شوڪت ۾ انهيءَ دؤر کان وٺي درجي بدرجي تنزل آيو آهي، جڏهن کان سنڌ هندستان جي سلطنت جو هڪ باجگذار ۽ ماتحت صوبو بنيو؛ پر اها ڳالهه، فقط سنڌ جي قديم دولت ۽ طاقت سان مشابهت ڪرڻ سان ئي سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته چيو وڃي ٿو ته اهڙي ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ به، جڏهن نادرشاهه[9] دهليءَ کان واپس ورندي ٺٽي ۾ آيو هو، تڏهن انهيءَ شهر ۾ لونگين ۽ گربين آڻڻ وارن چاليهه هزار ڪورين، صرافن، ناڻي جي مٽاسٽا ڪندڙن، دڪاندارن ۽ اناج جي واپارين کان علاوه، جن جي تعداد جو اندازو سٺ هزارن تائين آهي، هر قسم جا ڪيئي ٻيا ڪاريگر پڻ رهندا هئا، جن جو شمار پنهنجي ليکي ويهه هزار ڪيو وڃي ٿو[10]. حالانڪ موجوده وقت ۾ ان جي آدمشماريءَ جو حد کان باهر وڌايل انگ به ويهه هزار مس ٿئي ٿو ۽ ان مان حڪومت کي ملندڙ ساليانه آمدني هڪ لک رپين (12500 پائونڊ اسٽرلنگ) کان به گهٽ آهي، جيڪا منهنجي طرفان مٿي ذڪر ڪيل دؤر ۾ هڪ مهيني جي جمع بنديءَ کان به گهٽ آهي[11]. +ٺٽي ۾ هن وقت جيڪي شيون ٺاهيون وڃن ٿيون، سي فقط ڪجهه قسم جا اڇا ڪپڙا ۽ رنگين لونگيون آهن؛ ۽ اتان جون گهٽيون سنسان ۽ ويران پئيون آهن، ۽ جيڪي ٿورا گهڻا دڪان کليل آهن، سي جيڪو ڏتڙيل نظارو پيش ڪن ٿا، تنهن جي نتيجي ۾ دڪان جي نالي سان سڏجڻ جي لائق ئي ڪينهن ۽ سڄي بازار مفلسيءَ، ڪِريل ۽ گهٽيل واپار جي تصوير آهي. هتان جا گهر هڪ اهڙيءَ رٿا تي ٺاهيا وڃن ٿا، جنهن جهڙي مون ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه ڏٺي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جون ديواريون پوريون ٺاهيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڪاٺين جا ننڍا ٽڪرا هڪٻئي جي مٿان مانڌاڻيءَ وانگر ڪاٺ جي ننڍي چوڪٺ جي ٻاهرين ڪُنڊن وٽان ٽپائي ڪوڪن سان ٺوڪيا وڃن ٿا؛ ڪاٺين جون اهي ٽڪريون گهڻو ڪري اَٺن کان سورهن انچن تائين ڊگهيون هونديون ۽ هڪٻئي جي ڪنڊو ڪنڊ اهڙيءَ طرح رکيون وڃن ٿيون، جو انهن مان ٻنهي طرفن کان ڏاڍو مضبوط بوتو ٺهي پوي ٿو، جنهن جي مٿان وري گاري يا چن جو پلستر ڪيو وڃي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ديوار بلڪل نهري معلوم ٿئي ٿي. انهيءَ اصول تي تعمير ٿيل ڪي عمارتون ٽي ـــ ٽي يا چار ـــ چار ماڙيو مٿي آهن ۽ انهن جي مٿان وزندار سڌيون ڇتيون پيل آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي ڏاڍيون مضبوط آهن؛ پر مون کي هن ڳالهه ۾ شڪ آهي ته اهي ڪي گهڻو جٽاءُ ڪري سگهنديون، ڇاڪاڻ ته جيئن ئي اندرين ڪاٺين مان ٻه ـــ ٽي کاڄي ڪمزور ٿي پونديون هونديون، تيئن ئي سڄي جاءِ ضرور ڪِري پوندي هوندي. ڪيترائي بهتر قسم جا گهر ڪاٺ جي مَڏ مٿان سرن ۽ گچ سان پڻ ٺهيل آهن؛ ۽ گورنر جي محل کان وٺي غريب کان غريب ماڻهوءَ جي جاءِ تائين، سڀني گهرن کي بادگير ضرور آهن، جيڪي چمنين وانگر هڪ طرح جا روشندان آهن، جن جي وچان انتهائي گرم ۽ ٻوسٽ واريءَ موسم ۾ به نهايت ٿڌي ۽ خوشگوار هير ايندي رهندي آهي؛ اهڙي وقت تي دستور موجب سڄي جاءِ جا در ۽ دريون بند ڪي ويندا آهن ته جيئن ٻاهرين مٽي ۽ گرم هوا اندر داخل ٿي نه سگهن. ٺٽي جي حڪومت انهيءَ ماڻهوءَ کي ’نواب‘ جي سرڪاري لقب سان نوازيندي آهي، جيڪو ان جو انتظام هلائيندو آهي ۽ سن 1809ع ۾ اهو ماڻهو اميرن جو هڪ سؤٽ هو؛ پر انهيءَ عملدار جو عهدو مڪمل طور بي اختيار آهي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي ۾ هڪ ته ڪا مستقل فوج بيهاريل ڪانهي ۽ پوءِ ته اتان جا محصول وغيره هڪ مقامي هندوءَ جي هٿ ۾ رهن ٿا، جيڪو انهن کي جمع ڪرڻ لاءِ پنهنجا قاعدا ۽ قانون پاڻ ٺاهيندو آهي. هن شهر جي ڊگهائي ڦاڪ اتر ۾ 24044 ۽ ويڪرائي ڦاڪ اوڀر ۾ 68017 آهي ۽ اهي ٻيئي پاڪون ڪئپٽن مئڪسفيلڊ طرفان مختلف موقعن تي ڪيل حساب جي بنياد تي مقرر ڪيل آهن. هن شهر جي آسپاس اڪثر علائقو، مڪليءَ جي ٽڪرين کان علاوه، جن تي منهنجي طرفان مٿي بيان ڪيل مقبرا بيٺل آهن، ۽ جن جو سلسلو ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري کان ڪي پندرهن يا ويهه ميل اورتي تائين ڦهليل آهي. لسو ۽ سنئون ميدان آهي. اهي ٽڪريون خواه آسپاس وارو ميدان گهاٽي جهنگ سان ڍڪيل آهن، جن ۾ وڏو تعداد آمريءَ جي وڻن ۽ هڪ قسم جي ٿوهر جو آهي. +انهيءَ وقت تائين برساتون ڏاڍي زورشور سان شروع ٿي ويون هيون ۽ ايڏو ته وڏ ڦڙو مينهن پوڻ لڳو، جو سڀ گهٽيون نهرن وانگر وهڻ لڳيون، جنهن صورتحال اسان جي روزانو صبح ۽ شام جو گهوڙيسواري ڪرڻ جي سلسلي کي بند ڪري رکيو. انهيءَ بارش کان اڳ ۾ گرمي ڏاڍي زوردار پيئي هئي، ڇاڪاڻ ته فئڪٽريءَ جي ٿڌي کان ٿڌي ڪمري ۾ ٿرماميٽر چوويهه ئي ڪلاڪ 94 ڊگرين کان وٺي 102 ڊگرين جي وچ ۾ رهيو، پر جولاءِ مهيني جي وچ ڌاري موسم ۾ گهڻي قدر ٿڌڪار اچي ويئي، ۽ اسان کي اتر کان بار بار ايندڙ زوردار هوائن لڳڻ تي ڏاڍو اچرج ٿيڻ لڳو، جن مان هڪ اهڙي طوفان اسان جي جهازن کي ڪراچي بندر جي رڪاوٽ کان ٻاهر نڪري وڃڻ ۽ تيز رفتاريءَ سان بمبئيءَ تائين پهچي وڃڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. ساڳئي مهيني جي پوئين اڌ ڌاري، اسان جو وفد ٺٽو ڇڏي حيدرآباد طرف روانو ٿي ويو، جتي ڪئپٽن مئڪسفيلڊ، مسٽر ايلس ۽ آءٌ پاڻيءَ جي رستي کان، ايلچيءَ ۽ سندس عملي کان ڪيئي ڏينهن اڳ ۾ پهچي وياسون، ڇو ته انهيءَ جماعت کي رستي تان ايندي، ايلچيءَ جي طبيعت جي سخت خراب ٿي پوڻ ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين روڪجي رهڻو پيو. +[1] . کورعلي، يعني عليءَ جو بندر بحواله باب 12، ڀاڱو 2، +[2] . برابر 12375 پائونڊ اسٽرلنگ. +[3] . اٽجڪل 52375 پائونڊ اسٽرلنگ. +[4] . اها عمارت ميرزا عيسيٰ ترخان طرفان تعمير ڪرائي ويئي هئي. ڏسو باب 12. +[5] . عزت ماب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان وٺي هڪ تجارتي رهائشگاهه هئي. +[6] . لونگيون اهي ڪپڙا آهن، ج��ڪي سنڌ ۾ ڪمرپٽن، پٽڪن وغيره لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. ڪي سڄيون ريشمي هونديون آهن، ته ڪي ريشم ۽ سٽ، ٻنهي مان گڏي ٺاهيو وينديون آهن؛ انهن مان گهڻيون انتهائي قيمتي ۽ مهانگيون هونديون آهن ۽ منجهن زريءَ جي ڌاڳي سان تمام گهڻا گل ۽ ٻوٽا اُڻيل هوندا آهن. +[7] . سن 677ع. +[8] . ڏسو باب 12، حصو 2. +[9] . اهو واقعو سنه 1742ع جو آهي. +[10] . جيئن ته اهو انگ مقامي ماڻهن طرفان ڪٿيل آهي، ان ڪري ان ۾ وڌاءَ جي گنجائش ”“شايد“ رکڻي پوي. آءٌ ”شايد“ چئي رهيو آهيان، ڇو ته اسان وٽ انهيءَ شهر جي گوناگون آباديءَ متعلق ڪئپٽن هئملٽن جي شهادت موجود آهي، جيڪو سنه 1699 ع ۾ ٺٽي ۾ آيو هو. مون کي هن جي سفرنامي جو نسخو دستياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري آءٌ ان جي جلد يا صفحي جو حوالو ڏيئي نٿو سگهان؛ پر هڪ دوست طرفان مون کي انهيءَ ڪتاب جا جيڪي چند اقتباس موڪلي اويا اهن، تن ۾ هو چوي ٿو ته هتان جي قلعي ۾ ايتري گنجائش هئڻ، جو ان ۾ پنجاهه هزار سپاهي ۽ گهوڙا رهي سگهن؛ ۽ هڪٻئي هنڌ هو چوي ٿو ته برسات نه وسڻ جي نتيجي ۾ اتي هڪ خوفناڪ ويا ڦهلجي ويئي هئي، جنهن ۾ اُنهن ماڻهن منجهان اَسي هزار ڄڻا اجل جو سڪار ٿيا هئا، جيڪي ڪپهه ۽ ريشم مان ڪپڙو ٺاهيندا هئا؛ يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته اهو تعداد انهن ماڻهن جو هو، جيڪي لونگيون ۽ گربيون ٺاهيندا هئا، ڇاڪاڻ ته جيئن مون بار بار انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي، لونوگيون انهن ٻنهي شين کي ملائي يا فقط اڪيلي ريشم مان ٺاهيون وينديون آهن. +[11] . نادرشاهه جي باري ۾ هڪ عجيب و غريب روايت ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن مان سنڌ جي قدرتي وسيلن بابت ثبوت ملي ٿو ۽ ٺٽي جي انهيءَ زماني واري خوشحالي ۽ آسودگيءَ بابت مون جيڪي ڪجهه بيان ڪيو آهي، تنهن جو مثال ملي ٿو. جڏهن اهو بادشاهه انهيءَ شهر ۾ وارد ٿيو، تڏهن هن صوبي جي گورنر مير نور محمد کي پاڻ وٽ ڪوٺايو. جڏهن هو سندس حضور ۾ حاضر ٿيو، تڏهن پنهنجي ڳچيءَ ۾ پَٽڪو وجهي ۽ وات ۾ گاهه جي مُٺ رکي آيو، جيڪي سڀ نيازمنديءَ جون دستوري علامتون هيون ۽ جيڪي فاتح کي گهربيون هيون. جڏهن هو تخت جي اڳيان سجده ريز ٿيو، تڏهن نادر هن کي وڏي آواز ۾ مخاطب ڪندي پڇيو ته ڇا، تو وٽ سون سان ڀريل کوهه آهي؟ گورنر ادب سان چيو ته ”هڪ نه، ٻه!“ ان کان پوءِ نادر هن کان پڇيو ته ڇا، هن وٽ سنڌ جي اميرن وارو مشهور لعل هو؟ مير نور محمد وري به هن کي ساڳيو جواب ڏنو. ان کان پوءِ بادشاهه پنهنجو رومال مٿي اڇلايو ۽ اها خواهش ظاهر ڪيائين ته مير کي ان ۾ چِتائي ڏسڻ سان ڇا ٿو نظر اچي؟ هن جواب ۾ چيو ته هٿيارن ۽ فوجن کان سواءِ ٻيو ڪجه به نه؛ ۽ اهي ئي خيال يقيناً هن جي دماغ ۾ سڀني کان مٿي تَري رهيا هئا. پوءِ نادر حڪم ڪيو ”پنهنجو سون ۽ يا قوت پيش ڪر!“ ان تي گورنر هڪ تمام وڏي ٽوڪري آڻڻ جو حڪم ڪيو، جنهن ۾ جدا جدا خانا ٺهيل هئا، جيڪا اَنّ ۽ اَٽي رکڻ لاءِ ڪم آندا ويندا هئا، ۽ هن انهن کي اڳيئي ڀري پنهنجي ساڄي هٿ طرف رکي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ هن حڪم ڏنو ته سندس ڏائي هٿ واري پاسي تي صاف ٿيل سچي گيهه جي کَلي رکي وڃي؛ جنهن کان پوءِ هن شاهه کي چيو ”آءٌ زمين کيڙڻ وارو آبادگار آهيان، ۽ منهنجو سون ۽ هيرا جواهر اجهي هي آهن، جيڪي پهچائڻ ۾ آءٌ ڪڏهن ڪوتاهي ڪانه ڪندس.“ بادشاهه هن جا اهي صاف جواب ٻڌي هن جي سڄي لشڪر ۽ ٻئياٽالي (500،000 کان وڌيڪ ماڻهن کي سورهن ڏينهن تائين نهايت شاهاڻي انداز ۾ دعوت کارائي ۽ انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪڏهن به ڪنهن به شيءِ جي قلت جي علامت ظاهر نه ڪئي. + + +فصل (12) +ان کان اڳ ۾ آءٌ پنهنجي سفرنامي ۾ وفد جي آخري طرح بمبئي واپس پهچڻ تائين ڪارروائيءَ جي بيان کي اڳتي وڌايان، آءٌ هتي ڪئپٽن ڪئڪسويل ۽ پنهنجي طرفان سنڌو نديءَ ۽ ان جي وجهڙائيءَ وارن ضلعن جي مشاهدي ۽ ٻين[1] ذريعن کان حاصل ڪيل معلومات متعلق ڪجهه تفصيل ددرج ڪرڻ چاهيان ٿو. انهيءَ مشهور ۽ معروف درياهه لاءِ ڪنهن وقت ائين سمجهيو ويندو هو ته اهو سندس نڪرڻ واري هنڌ کان وٺي سمنڊ ۾ دخل ٿيڻ تائين سڌو سنئون ڏکڻ طرف وهي ٿو. پر ايشيا کنڊ جي جاگرافيءَ بابت گذريل ڪجهه سالن جي دوران جيڪي ڪامياب تحقيقات ڪيون ويون آهن، تن انهيءَ غلطيءَ جو ازالو ڪيو آهي ۽ هندستان جي اتر ـــ الهندي سرحد تي اها روشني وڌي آهي، جنهن بابت سانئس جي انتهائي سنجيده بانين مشڪل سان ئي اندازو لڳايو هوندو. انهن محققن طرفان اسان کي اهو يقين ڏياريو ويو آهي ته سنڌوندي اتر ويڪرائي ڦاڪ جي پنجٽيهين ۽ ڇٽيهين ڊگرين جي درميان نڪري ٿي، جتان کان اها الهندي طرف ڇهن يا ستن ڊگرين تائين ڏکڻ ۾ وهي، ڪشمير ۽ ننڍي ٿٻيٽ کي جدا ڪندڙ برف سن ڍڪيل جبلن جي وچان پنهنجي لاءِ رستو ڪاٽي وڃي ٿي. ان کان پوءِ اها اُڀرندي ڊگهائي پاڪ جي ٻاهرين ڊگريءَ وٽ پهچي اوچتو وڌيڪ ڏاکڻين رخ ۾ وهڻ لڳي ٿي، جو ان کي ڪاشغر جي جبلن وچان وڌيڪ الهندي رخ ۾ رستو نٿو ملي سگهي، جتان کان پوءِ اها ڏکڻ ــ اولهه جي درميان پنهنجو وهڪرو بدلائيندي رهي ٿي، تان جو اها اَٽڪ قلعي تائين، اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 33055 ۾ پهڍي ٿي. انهيءَ هنڌ کان اتر واري طرف اها ندي ”ابوسين“ يعني درياهه بابو جي نالي سان مشهور آهي، ۽ اٽڪ وٽ ان کي عام طرح ”رودِ اٽڪ“ يعني اٽڪ وارو درياهه، جي نالي سان سڏبو آهي، ۽ ان تي اهو نالو تيستائين قائم رهي ٿو، جيستائين اها پنجند ياپنجن درياهن سان وڃي گڏجي ٿي، جن جو پاڻي[2] پنجاب جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو. اتي پهچڻ بعد، ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو درياهه سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح اتان کان وٺي ان تي خصوصاً درياهِ سنڌ جو نالو ئي رهي ٿو، جنهن جي معنيٰ اسان کي ”سنڌ جو درياهه“ ئي سمجهڻ گهرجي، حالانڪ در حقيقت ان جو مطلب آهي سنڌ جو سمنڊ. اهي لفظ استعاري طور استعمال ٿيل آهن، جن جو مقصد انهيءَ درياهه جي وسعت ظاهر ڪرڻ آهي. +مون کي ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ هنڌ کان وٺي، جتي سنڌونديءَ ۾ پنجند جي موڪلڻ ڪري پاڻيءَ جي ايڏي زبردست مقدار جو اضافو ٿئي ٿو، اُتان اها ڏکڻ ڏکڻ ـــ اولهه واري رخ ۾ بنان ڪنهن ورڪڙ جي، هڪ سؤ سٺ ميلن جي مفاصلي ۾ سڌي وهي ٿي ۽ انهيءَ وهڪري جي دوران ۾ اها سکر، روهڙي ۽ بکر جي شهرن وٽان اچي نڪري ٿي، جن مان پوئين نالي وارو شهر درياهه جي ٻن شاخن جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي. انهن شهرن کان سترهن ميل ڏکڻ ۾ ان مان هڪ شاخ نڪري الهندي طرف وڃي ٿي ۽ اها وڪڙ کائي، پنهنجي منهن کان اٽڪل پنجاهه ميل هيٺڀرو سيوهڻ جي شهر وٽ اصلي درياهه سان وري وڃي گڏجي ٿي. اها شاخ قمبر ندي ۽ لاڙڪاڻو نديءَ جي ٻن مختلف نالن سان سڏجي ٿي. ان تي پويون نالو انڪري پيو آهي، جو اها ساڳئي نالي واري شهر جي پاسي کان گذري ٿي، ۽ هڪ هنڌ تي اها ڦهلجي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ٿي، جتي ان جو ڦهلاءُ ڏهه يا ٻارهن ميل آهي ۽ اها براهوئڪ جبلن جي بلڪل دامن وٽ واقع آهي، ۽ ان جا ڪنارا اهڙي گهاٽي جهنگ ۽ ڪانن سان ڍڪيل آهن، جو انهن مان گذرڻ مشڪل آهي ۽ انهيءَ جهنگ ۾ شينهن ۽ ٻين وحشي جانورن جو آماجگاهه آهي. چانڊوڪيءَ جو ضلعو، جيڪو درياهه جي انهيءَ شاخ جي اندر آهي، اميرن جي سڀني علائقن کان وڌيڪ سائو ۽ آباد آهي، جتان کين[3] اَٺن لکن رپين جي سالياني آمدني حا��ل ٿئي ٿي، پر اها آمدني انهيءَ رقم جي اڌ جيتري به ڪانهي، جيڪا پنجٽيهه سال اڳي ان سان ملندي هئي. اڀرندي طرف بکر ۽ سيوهڻ جي وچ وٽ، سنڌونديءَ ۾ هڪ مددگار ندي اچي ملي ٿي، جنهن کي خيرپور شهر جي پاسي مان وهڻ ڪري خيرپور ندي نالو ڏنل آهي، ۽ مينهوڳيءَ واري موسم ۾ هلڪي قسم جون ٻيڙيون سامان کڻي انهيءَ هنڌ تائين وڃي سگهنديون آهن، مون کي معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ نديءَ جو اصلي نالو ”دورلي“ (Doorlee) ٿيو آهي، پر منهنجو خيال آهي ته ان تي انهيءَ نالي پوڻ جو سبب، مذڪوره نديءَ جي مُنڍ جو ”ديورلي“ (Durelee) ضلعي ۾ هئڻ آهي، جتي ان سان ٻه ٻيون ننڍيون نديون اچي ملن ٿيون، جن منجهان هڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ڏکڻ طرف وارياسي ريگستان جي ڪناري سان وهي آخرڪار وڃي سمنڊ ۾ ڇُڙي ٿي، پر ان جو اصلوڪو پيٽ هاڻي واريءَ ۾ گم ٿي چڪو آهي، ۽ خيرپورنديءَ جي حشر پڻ تيزيءَ سان ساڳيو ٿي رهيو آهي. +درياهه جي هڪ ٻي شاخ، جيڪڏهن ان کي شاخ جي نالي سان سڏي سگهجي، سيوهڻ واري قلعي جي عين سامهون آهي، جتي درياهه هڪ ننڍڙو ٻيٽ ٺاهي ٿو، جيڪو خشڪ موسم ۾ بهترين قسم جي چراگاهه جو ڪم ڏئيٿو، پر جڏهن درياهه ۾ پاڻي چڙهي ٿو، تڏهن اهو گم ٿيو وڃي. انهيءَ شاخ منجهان ڪي ٻيون ننڍڙيون شاخون پڻ ڦُٽي نڪرن ٿيون جيڪي انهيءَ موسم ۾، جڏهن وڏي درياهه ۾ ڦوهه پاڻي وهندو آهي، ٽيهن يا چاليهن ميلن جي علائقي ۾ زمينن کي خوب سراب ڪن ٿيو، پر عام خشڪ موسم ۾ اهي شاخون سڪل رهنديون آهن. ان کان پوءِ اسين انهيءَ شاخ تي اچون ٿا، جنهن کي ڦليلي سڏيو وڃي ٿو، جيڪا انهيءَ ٻيٽ کي چوڌاري وڪوڙي بيٺي آهي، جنهن تي دارالحڪومت حيدرآباد تعيمر ٿيل آهي. هيءُ شاخ انهن سڀني کان وڌيڪ وڏي آهي، جن جو مون هن مهل تائين بيان ڪيو آهي، ۽ ان جو سبب بلڪل واضح آهي، ڇاڪاڻ ته شاخ جي ڦُٽڻ واري هنڌ کان هڪدم مٿڀرو اها ٽڪرين جي دامن وٽان وڪڙ کائي وهي ٿي ۽ الهندي ڪپ تي سوڙهي رستي هئڻ ڪري ان جي پاڻيءَ جي وهڪري جي رفتار ايتري ته تيز ٿي وڃي ٿي، جو جنهن هنڌ تي ان کي اوڀر طرف ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اتي اها پنهنجو سڄو واڌو ۽ اجايو پاڻي ان ۾ کڻيو اڇلائي. ڦليلي، پنهنجي درياهه جي پاڻيءَ سان حيدرآباد کان ڏهه ميل ڏکڻ ـــ اولهه طرف وري وڃي گڏجي ٿي، حالانڪ ان جي پاڻيءَ جي وهڪري جي ورن وڪڙن ڪري اهو مفاصلو، اصلي مفاصلي کان ذري گهٽ ٻيڻو آهي. ڦليليءَ جي انتهائي اڀرندي نقطي وٽان ان مان گوني ڦُٽي نڪري ٿي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ سنڌو نديءَ جي اٿاهه ڇوڙ کان اٽڪل هڪ ڊگري اوڀر طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. پر سن 1799ع ۾ فتح علي نالي هڪ مرحُم امير ان جي مٿان علي بندروٽ هڪ بند ٻڌايو جتي ان جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو، ۽ هاڻي هڪ طرف کان مٺو پاڻي بند تي دٻاءُ وجهي ٿو، ته ٻئي طرف کان سمنڊ جي وير ان تائين باقاعدگيءَ سان چڙهي اچي ٿي. سچ آهي ته انهيءَ بند ٻڌجڻ کان اڳ ۾ ـــ جيڪو حڪمران خاندان جي ڪنهن به فرد طرفان عوامي بهبود جو هڪ اهوئي ڪم سر انجام ڏنو ويو آهي ـــ سمنڊ جو کارو پاڻي وڏين ويرن دوران ٻارهن ميل مٿي چڙهي ويندو هو ۽ انهن ڀلن فصلن کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيندو هو، جيڪي هن وقت آسپاس وارين زمينن تي اُڀرن ٿا. بند کان هيٺ انهيءَ نديءَ کي. ”لوڻي“ يا لوڻ واري ندي، سڏيو وڃي ٿو، ۽ ان جي برعڪس گوني نالو آهي، جنهن جو مطلب آهي فائديمند يا سٺي اثر واري. ڦليليءَ جي دستوري ويڪر ٻن سون کان وٺي چئن فوٽن تائين آهي ۽ ان جي پاڻيءَ جي غمق ٻن کان وٺي ڇهن گزن تائين آهي. گوني گهڻي قدر سوڙهي ۽ وڌيڪ تگراکڙي آهي ۽ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها هر نئين سال خشڪ ٿيندي پيئي وڃي، ۽ اها هڪ اهڙي دعويٰ آهي، جيڪا اسان جي هن کوجنا سان ٺهڪندڙ آهي ته سڄي سال جي دوران وڌ ۾ وڌ چار مهينا اهڙا آهن، جن جي دوران ڪنهن به وزن واريون ٻيڙيون حيدرآباد ۽ علي بندر جي وچ ۾ هلي سگهنديون، حالانڪ ڪجهه سال اڳي انهن هنڌن جي درميان سڄي سال جي دوران ۾ پاڻيءَ وچان آمد و رفت جو اڻ کٽ سلسلو جاري رهندو هو ۽ انهيءَ نديءَ جي ذريعي صوبي[4] جي اڀرندي ڪناري وارن حصن ڏانهن ڪافي مقدار ۾ وڻج واپار پهچندو هو. +سنڌوندي، ڦليليءَ جي ٻيهر گڏجڻ کان پوءِ، ڏکڻ جي الهندي طرف وڪڙ کائي ٿي، پر جلدئي اها پنهنجي ڏکڻ ڏکڻ ـــ اولهه واري اصلوڪي رخ طرف موٽ کائي اچي ٿي، جنهن ۾ اها ڄٽي کان گذري هلڻ کان پوءِ اولهه طرف وهڻ ۾ وڌيڪ تيزي آڻي ٿي ۽ پوءِ اها يڪساهيءَ ۾ بلڪل الهندو رخ اختيار ڪري، هڪ ئي وڏي شاخ جي صورت ۾ وڃي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿي. آءٌ ان کي هڪ شاخ چوان ٿو، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ سمنڊ کان اٽڪل ارڙهن ميل پري ان مان ڪجهه هلڪيون سلڪيون شاخون نڪرن ٿيون، ۽ ڪن ورن وڪڙن کائڻ ۽ هڪٻئي کي ڪاٽڻ کان پوءِ ٽن يا چئن منهن ذريعي وري اجي ان ۾ گڏجن ٿيون. ان جي باوجود انهن کي سوڙهين نالين کان سواءِ ٻئي ڪنهن نالي سان سڏي نٿو سگهجي، ڇاڪان ته اهي سمنڊ جي ويرن ۽ درياء جي حالت مطابق ڪڏهن خالي ته ڪڏهن ڀريل ۽ ڪنارن وٽان توڙي پيٽ ۾ هر موسم ۾ سامونڊي گاهه سان ڀريل رهن ٿيون. سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جي وهڪري جي تيزي خشڪ يا مينهوڳيءَ وارين موسمن جي نوعيت مطابق گهٽ وڌ ٿيندي رهي ٿي ۽ ان کان علاوه انهن علائقن جي نوعيت پڻ ان تي اثرانداز ٿيندي معلوم ٿئي ٿي، جن جي وچان اها وهي ٿي. ٺٽي کان منهنجو اندازو آهي ته ان جي رفتار اڍائي ميلن کان وٺي چار ميل في ڪلاڪ ٿيندي. ان کان هيٺ پاڻيءَ جي رفتار کي سامونڊي وير جو اثر غالب آهي، جيڪا ان کي ڪڏهن ڪڏهن ته يارهن يا ٻارهن ميلن جي رفتار سان ڊوڙائي ٿي، پر اها صورتحال انهن موقعن تي ظاهر ٿيندڙ ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن سمنڊ ۾ وڏي وير به چڙهي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ مٺي پاڻيءَ جو وڏو مقدار به هيٺ لهي ٿو. هن نديءَ جي ويڪرائي ۽ گَهرائيءَ بابت به منهنجي راءِ ساڳي آهي، پر انهن تي وڌيڪ وڏو اثر پاڻيءَ جي وهڪرن جي ٿئي ٿو، جنهنڪري مون پنهنجي انهيءَ ڳالهه کي صاف ڪرڻ لاءِ، درياهه جي وهڻ وارن مختلف هنڌن تي ان جي گَهرائي، ويڪرائي ۽ ٻين ضروري تفصيلن بابت وچولو رستو اختيار ڪري هڪ خاڪو تيار ڪيو آهي، جيڪو هڪ ڊگهي پئراگراف* لکڻ جي بدران انهيءَ معاملي کي بهتر نموني ۾ واضح ڪري سگهندو. ان جي پيٽ جي سچي پچي ويڪرائي به مون ساڳيءَ طرح هن خاڪي ۾ شامل ڪئي آهي، ۽ مون کي ان ۾ فقط ايترو اضافو ڪرڻ باقي آهي ته مقامي ماڻهو دعويٰ سان چون ٿا ته درياهه جي ڇوڙ وٽ واريءَ جو ڪوبه پٽو ڪونهي، ۽ نه وري لاهوري بندر کان وڌيڪ اوچي ڪا ٻي رڪاوٽ اهي (لاهوري بندر دراصل سمنڊ جي هڪ ٻانهن آهي)، جيڪا جنگي جهاز جي هڪ رسي کي به مٿي وڃڻ کان روڪي سگه يٿي، بشرطيڪ اهو جهاز ڪنهن ڪاريگر ۽ هوشيار ناکوئي جي ضابطي هيٺ هجي. سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ جي اونهائي جي باوجود، جيڪا مٿي ڏيکاريل خاڪي ۾ نظر اچي ٿي، سنڌ، پنجاب ۽ افغانستان جي درميان سڄو واپار تراکڙن ترن وارن اهڙن ٻيڙن جي ذريعي هلي ٿو، جن ۾ هڪ کان وٺي ٽن سؤ ٽنن تائين مال کڄي سگهي ٿو ۽ ان هوندي به اهي ٻيڙا اهڙيءَ طرح ٺهيل آهن، جو اهي چند فوٽن تائين مس پاڻيءَ کي مٿي اڀاري سگهن ٿا. [5] ٻيڙن جي اهڙي بناوٽ هئڻ ڪري، اهي اوڀاري وڃڻ وقت ڪناري سان لڳولڳ هلي سگهن ٿا، جتي پاڻيءَ جو وهڪرو مشڪل سان نظر ايندو آهي، ۽ موٽ تي ڏکڻ طرف لهواري هلڻ وقت، جيتوڻيڪ انهن جي رفتار گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري سبب تيز ٿي سگه يٿي، پر ان جي باوجود اهو نقص اهڙو آهي، جو فائدي جي مقابلي ۾ نقصان گهڻو وڌيڪ آهي. انهن ٻيڙن تي، هوا جي اڳيان هلڻ جي حالت ۾ هڪ وڏو چورسو سڙهه چاڙهيو ويندو آحي، جيڪو ٿوٿي جي مٿان لهرايو ويندو آهي، پر اهي ماڻهو ان کي ڪڏهن به ڇڪڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن ۽ ناسازگار حالت ۾ جيڪڏهن کين ابتي طرف وڃڻو پوندو آهي ته ٻيڙيءَ کي درياهه جي وچان ماڻهو ڇڪيندا آهن. +سنڌونديءَ جي اڀرندي طرف سنڌ جو سڄو صوبو پنهنجي انتهائي سمالي سرحد کان وٺي ويندي سمنڊ جي ڪناري تائين، ٻن يا ٽن ننڍين سرحد کان وٺي ويندي سمنڊ جي ڪناري تائين، ٻن يا ٽن ننڍين ٽڪرين کان سواءِ، جن کي گنجيون ٽڪريون سڏيو وڃي ٿ ۽ جيڪي انهيءَ ٻيٽ تي آهن، جن تي حيدرآباد جو سهر بيٺل آهي، ٻيو سڄو علائقو پوريءَ طرح سان سڌي مٿاڇري وارو پَٽُ آهي. درياهه جي الهندي ڪپ تي سيوهڻ جي ويڪرائي ڦاڪ 2606 کان وٺي، ملڪ جي شڪل و صورت جدا جدا آهي، ڇو جو ڪي ضلعا جابلو ۽ سنوان سڌا آهن، ته ڪن جي وچان وري ننڍين ٽڪرين جون ڊگهيون قطارون لنگهن ٿيون، تان جو اسين اچي سمنڊ تي پهچون ٿا. سيوهڻ کان اتر وارو ميدان سيوستان جي ٽڪرين تائين يڪو هليو وڃي ٿو. سنڌ جا موجوده حڪمران، جيئن ته سڪار جا جنون جي حد تائين شوقين آهن، ۽ جيئن ته کين پنهنجن علائقن کي ويران بنائڻ ۽ رعايا تي ظلم وس ستم ڪرڻ ۾ کين ڪوبه خيال نٿو ٿئي، انڪري هنن پنهنجي انهيءَ شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ نديءَ جي ڪناري سان لاڳو بهترين ضلعن کي شڪار جي جانورن لاءِ شڪار گاهن طور گهيري ۾ رکيو آهي، ۽ اهڙا هنڌ، جيڪي گذريل ويهن سالن جي عرصي جي دوران ۾ نهايت آباد ۽ ساوا هئا، اڄ نهايت بيڪار وڻن، ڪانڊيرن ۽ ٻُوڙن سان ڀريل جهنگ ٿي ويا آهن. +جنهن ڏينهن ايلچي حيدرآباد پهتو، تنهن جي ٻئي صبح جو هرهڪ امير اسدان جي ڇانوڻيءَ تي هڪ ـــ هڪ رسمي وفد موڪليو، اسان جي ڇانوڻي ڦليلي درياهه جي ڪناري تي، قلعي کان اٽڪل هڪ ميل ڏکڻ ـــ اوڀر طرف لڳل هئي ۽ اميرن طرفان اهي وفد اسان کي خير وسلامتيءَ سان سفر پورو ڪري اتي پهچڻ لاءِ مبارڪباد ڏيڻ ۽ اسان جي خير و عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪلي اويا هئا. پر جيئن ته جاچ مان معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو اسان وٽ اهي پيغام کڻي آيا هئا، ۽ جن کي اسان وٽ مٺاين جا ڪيترائي وڏا ٿالهه پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو[6]، تن مان ڪوبه خدمتگارن جي درجي کان مٿانهون ڪونه هو، ان ڪري حالات جي تحت اهو مناسب نه سمجهيو ويو ته مسٽر سمٿ انهن سان پاڻ اچي ملي ۽ ان ڪري اهو ڪم مسٽر ايلس ڪيو. انهيءَ انتظام ٿيڻ تي اهي ماڻهو ڪاافي نراس نظر اچڻ لڳا، پر جڏهن اهو ڏٺائون ته ان جي باوجود انهن مان هرهڪ کي انعام مليو، تڏهن هنن جي دلين تان اهو يال لهي ويو ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيندا واپس ويا. اميرن بهرهال، سندن شان ۾ ڪيل انهيءَ نام نهاد گستاخيءَ کي هڪ ڊگهي احتجاج ڪرڻ کان سواءِ ائين ئي ڇڏي نه ڏنو، پر اهو پيغام، انهن جي هڪ ديوان يا منتظم، مشتاق رام اسان وٽ پهچايو، جنهن خاص طور اسان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايلچيءَ کي اميرن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ظاهر احترام ڪرڻ جو خاص طور خيال رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن جي چوڻ مطابق، هو انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍا سخت هئا. هن ساڳيءَ طرح موقعو وٺي اها ڳالهه به ڌيان ته آندي ته ايلچيءَ طرفان جواب طور اميرن جي خير و عافيت معلوم ڪرڻ کي نظرانداز ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ کيس ٻڌايو ويو ته اها ڳالهه نظراندازا نه ڪئي ويئي هئي، پر حقيقت اها هئي ته جنهن منشيءَ کي انهيءَ مقصد لاءِ موڪليو ويو هو، تنهن قلعي اندر داخلا جي اجازت هاصل ڪرڻ جون سخت ڪوششون ڪيون هيون ۽ کيس سچ پچ ٻاهر ترسڻ لاءِ چيو ويو هو؛ تيستائين انتظار ڪندو رهيو، جيستائين هن مسٽر سمٿ ڏانهن هڪ ماڻهوءَ هٿ نياپو موڪلي ان باري ۾ سندس مرضي معلوم ڪئي ته: کيس سندس پيغام اميرن تائين پهچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ شريف انسان (ايلچيءَ) دستوري رسمن کي ايتريءَ حد تائين نظرانداز ڪيو، جو پنهنجي ماڻهوءَ کي چوائي موڪليائين ته اهو اتي ترسي ۽ جيڪو به حڪومت جو عملدار کيس قلعي اندر ويندو ملي وڃي، تنهن جي هٿان اهو پيغام موڪلي ڏي ته جيئن اهو اميرن تائين انهيءَ وسيلي سان ئي پهچي وڃي. +ديوان کي وڌيڪ اهو به ياد ڏياريو ويو ته ايلچيءَ جي حيدرآباد پهچڻ کان اڳ ۾ مسٽر ايلس هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اميرن سان سرڪاري معاملن تي لهه وچڙ ۾ اچڻ جو موقعو پيدا ڪيو، ۽ جنهن منشيءَ کي انهن موقعن تي پيغام ڏيئي موڪليو پئي ويو، تنهن کي اڪثر طور قلعي اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو پئي ويو ۽ هن کي ان وقت تائين ٻاهر بازار ۾ بيهي انتظار ڪرايو ويو، جيسين هن کي ڪو جواب موڪليو ٿي ويو. انهيءَ ڪري هيءَ ڳالهه واضح هئي ته جيڪڏهن ڪا غيردوستانه ڪوتاهي ٿي آهي، ته ان جي شروعات يقيناً سنڌ جي حڪومت طرفان ڪئي ويئي آهي، ۽ اها ڳالهه به اوتريقدر ئي صاف آهي ته اميرن کي هن ڳالهه تي ناراض ٿيڻ جو ڪوبه سبب ڪونه هو ته سندن خدمتگارن سان خود ايلچي اچي نه گڏيو هو، جڏهن انهن پاڻ هڪ منشيءَ کي پنهنجي روبرو حاضر ٿيڻح جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جيڪو انهن کان گهڻي وڌيڪ رتبي ۽ عزت وارو هو، حالانڪ هن کي اهم زباني پيغام ڏيئي موڪليو ويو هو. +اسان جي ماڻهن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ذري گهٽ هڪ خطرناڪ فساد ٿي پيو هو، جن مان هڪڙي ماڻهوءَ سنتريءَ جي پاسي کان نڪري اندر اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن کيس ان کان روڪيو ويو تڏهن هن سنتريءَ کي ڌڪ هڻي هن جي ٽوپي ڪيرائي وڌي. ڏوهاريءَ کي پڪڙڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويئي، پر هو ماڻهن جي انبوهه ۾ گم ٿي ويو. ايلچيءَ اهڙي ٻئي واقعي جي رونما ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ، جنهن جا نتيجا مذڪوره سپاهيءَ جي صبر ۽ تحمل کان سواءِ، موتمار نڪرن ها، هيءَ تجويز ڏني ته آئيندي لاءِ سنترين کي تنبوءَ جي قناتن جي اندرئين پاسي بيهاريو وڃي، جنهن کان پوءِ ان تي عمل ڪيو ويو. +اسان جي ڇانوڻيءَ کي انهيءَ وقت ڏسڻ سان ائين سمجهيو وڃي ها ته اها ڪنهن ميلي جي وچ ۾ لڳل آهي، جو ان کي ڏسڻ لاءِ هرهڪ طبقي ۽ ڌنڌي وارن ماڻهن جا وڏا انبوهه هروقت اسان جي چوڌراي گهمندا ڦرندا نظر پئي آيا ۽ اسان کي ڏينهن رات مسلسل صدائن ۽ نعرن سان خوش ڪرڻ لاءِ مسخرن، مدارين، رڇن کي نچائيندڙن ۽ فقيرن طرفان پنهنجا ڪرتب ۽ تماشا ڏيکاريا ٿي ويا، جن مان فقير انهيءَ سڄي گوڙ گهمسان ۾ پنهنجا ناد ۽ توتاڙا وڄائي نئين ۽ مختلف نوعيت جي لئي پيدا ڪري رهيا هئا. انهن مان گهڻن پنهنجي فن ۾ حيرت انگيز نموني جي اورچائي جو مظاهرو پئي ڪيو، ۽ اهي ايلچيءَ جي خانگي تنبوءَ جي ايترو ويجهو پئي بيهي رهيا، جيترو ٻاهريان پردا کين ويجهي اچڻ جي اجازت ڏيئي رهيا هئا، جتي پهچڻ کان پوءِ هو ڏينهن جا ڏينهن اتي موجود پئي رهيا ۽ وڏا واڪا ڪري رهيا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڌمڪيون به ڏيئي رهيا هئا ته جيڪڏدهن وفد طرفان سندن خواهشون پوريون نه ڪيون وينديون ته هو مئن قهر ۽ غضب نازل ڪرائيندا. ڪن ٻين وري سندن حملو انهيءَ ��قت تائين محفوظ پئي رکيو، جڏهن اسان گهوڙن تي سوار ٿي ٻاهر ٿي نڪتاسون، جيڪو ڪم اسين سڍيءَ آب و هوا ۾ گهڻو ڪري هر شام جو ڪندا هئاسون. پوءِ اهي ايلچيءَ جي گهوڙي جي اڳيان اچي کيس خاطري ڏيندا ڊوڙندا هلندا هئا ته جيڪڏهن کين چڱيءَ طرح معاوضو ڏنو ويندو ته هو وفد جي پاران اميرن وٽ سفارش پيش ڪندا. پر ٻئي طرف، جيڪڏهن سندن آڇون نظرانداز ڪيون ويون، ته پوءِ کين بنان دير جي ائين ئي هندستان ڏانهن موٽي وڃڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سندن رضامنديءَ ۽ اتفاق راءِ کان سواءِ کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، پرهيائين ته انهن پنهنجي گوڙ گهمسان سان اسان کي ڏاڍو تنگ ۽ بيزار ڪيو، پر اسان جلد ئي انهن جي رڙين ۽ آوازن ٻڌڻ جا عادي بنجي وياسين ۽ پوءِ ته انهن جون دردمندانه آهون ۽ صدائون اسان لاءِ تماشي جو ذريعو بنجي ويون. +ايلچيءَ جي حيدرآباد پهچڻ جي ٻئي ڏينهن تي، درٻار ۾ هن جي پهرين حاضريءَ جي متعلق دستوري رسمن جي ادائگيءَ جو سوال اُٿاريو ويو، جڏهن اسان جي اڳواٽ اندازن مطابق اميرن طرفان مختلف ماڻهن جي ذريعي سان پيش ڪيل تجويزن جي نتيجي ۾ ڊگهيون ڳالهيون شروع ٿي ويون، جن جي ڪري معاملو اينگهي پيو* آخري انتظامن کي طئي ڪرڻ ۾ هڪ هفتو دير ٿي ويئي، ۽ هڪ يا ٻن موقعن تي اسان حڪمرانن سان روبرو ملاقات ڪرڻ کان سواءِ ئي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو خيال ڪيو. +ائين سمجهيو ويو ته هو مَسند يا تخت[7] زمين ان ڪافي گهڻي اوچائيءَ تي رکيل آهي، جنهن ڪري ايلچيءَ طرفان اهو مناسب سمجهيو ويو ته کيس ويهڻ لاءِ ڪرسي ملڻ گهرجي، ۽ وفد جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ وت ٽيئي امير اٿي بيهن. پر هنن پنهنجي طرفان نه فقط اٿي بيهڻ ذريعي وفد جي ظاهري تعظينم جي ڪنهن علامت ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر سچ پچ اها تجويز پيشڪئي ته اسان سڀني کان ملاقات واريءَ جاءِ اندر داخل ٿيڻ کان اڳ ۾، سڀ هٿيار لهرايا وڃن، ۽ هنن پنهنجي انهيءَ ناجائز مطالبي جو بنياد هڪ اهڙي دليل تي پئي رکيو، جنهن سندن انهيءَ ڪارروائيءَ کي اسان لاءِ وڌيڪ بيعزتيءَ وارو پئي بناو. اهو دليل، ڪنهن وقت جئپور جي راجا جي ٻن[8] وڪيلن طرفان اميرن منجهان هڪ ڄڻي کي، هڪ عام درٻار جي موقعي تي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ هو. +مسٽر سمٿ انتهائي فيصله ڪن لفظن ۾ انهيءَ بيعزتيءَ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي متعلق نياپي آڻيندڙ کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هو پاڻ انهيءَ مطالبي جي مڃڻ لاءِ کڻي آماده هجي به ها، جيڪا ڳالهه سندس خيالن کان گهڻي دور هئي، پر انهيءَ هوندي به هو پنهنجي وفد جي ٻين ميمبرن کي سندس مثال تي هلڻ لاءِ مجبور ڪري سگهڻ ۾ آزاد ڪونه هو. هو جنهن حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيو هو، تنهن جي شان ۽ مان ۾ ذري برابر به رخني وجهڻ بدران، سنڌ سرڪار جي علائقن کي هڪدم ڇڏي وڃڻ کي ترجيح ڏيندو. +آخرڪار ولي محمد خان، جيڪو اهو ساڳئيو سردار هو، جو اسان وٽ ٺٽي ۾ آيو هو، اسان کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجي خطابت جي قوت آزمائڻ لاءِ آيو، جنهن لاءِ اسان ائين ٻڌو ته اميرن طرفان کيس اسان سان اهڙن شرطن شروطن طئي ڪرڻ جي اختياري ڏني ويئي هئي، جيڪي هو پنهنجي خيال موجب موزون سمجهي؛ پر مٿئين موضوع جي پهرين ئي ذڪر ڇيڙڻ تي هن ايلچيءَ کي اهڙو ته مضبوط ڏٺو جو هن انهيءَ نڪتي تي بحث ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ مٿي ذڪر ڪيل ننڍي مسئلي تي موٽي آيو. +خان جي طرفان، اسان کي وفد جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ تي اميرن جي اٿي بيهي سندن آجيان ڪرڻ جي مطالبي تگان هيٺ لهڻ ۽ ان جي بلڪل ناممڪن هئڻ متعلق سندس حرفتي دماغ ۾ پيدا ٿيل سڀ دليل دلائل کُپائي بيهڻ کان پوءِ هو ڏاڍي حڪمت عمليءَ ��ان انهيءَ اوچي مقام تان مختلف ددرجن جي آڇن ذريجي هيٺ لٿو ۽ هن هنڌ کان شروع ٿيو ته امير فقط اهڙو اشارو ڪندا ته ڄڻ هو اٿي رهيا آهن، تان جو نيٺ اهو معاملو هن طرح طئي ٿيو ته امير ايلچيءَ جي درٻار ۾ داخل ٿين تي اٿي بيهندا ۽ تيسين انهيءَ حالت ۾ بيٺا رهندا، جيسين هو انهيءَ هنڌ تائين پهچي وڃي، جتي کيس اميرن جي ساڄي هٿ کان ويهڻو هو ۽ هو انهيءَ وقت پڻ تعظيم جو ساڳيو مظاهرو ڪندا، جيستائين اسان کانئن اجازت وٺي واپس وينداسون. +هن بحث جو نتيجو سنڌي حڪومت جي روش تي انتهائي صحيح تنقيد آهي ۽ حقيقت ۾ اها ئي تنقيد ٻين سڀني ايشيائي حڪومتن سان پڻ لاڳو ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي پاليسيءَ کي انهن محض پابندين جي ذريعي ڪامياب سمجهن ٿا، جيڪي هو پنهنجي طرفان غير ملڪين کان سندن رسمن جي پوري پوري ادائگي ڪرائڻ لاءِ مٿن عائد ڪري سگهن ٿا ۽ ان باري ۾ هر اهڙي ماڻهوءَ جو خاص طرح اهو مقصد هئڻ گهرجي، جيڪو ڪنهن به سرڪاري عهدي تي ڪم ڪندڙ هجي ته هو نهايت واضح ۽ سخت قدمن ذريعي انهيءَ ذهنيت کي چٿي رکي، نه ته کيس اهو سمجهڻ گهرجي ته هن کي نه فقط انهيءَ درٻآر جون چٿرون برداشت ڪرڻيون پونديون، جنهن ۾ هو ملازم رکيل هوندو، پر ڪنهن به معاملي طئي ڪرڻ ۾ سندس ڳالهين هلائڻ جو طريقو دٻيل رهندو ۽ سندس ڪم ۾ هر اهڙي تڪراري رسم ۽ دستور سان رڪاوٽ وڌي ويندي، جيڪا اهي ماڻهو ٺاهي سگهندا، ۽ ممڪن آهي ته خود انهيءَ ڳالهه مان ئي هن جون سڀ ڳالهيون آخر ۾ بيڪار ۽ بيعزتيءَ جو باعث ثابت ٿينديون. +اسان جي استعمال بابت دستور طئي ٿيڻ کان پوءِ شام جو اسان کي آخوند محمد بقا خان طرفان اميرن سان متعارف ڪرايو ويو، جيڪو اسان کي درٻار ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ آيو، ايلچيءَ سندس وفد ۾ شامل هر هڪ آفيسر جي عهدي ۽ رتبي جو جدا جدا اعلان ڪيو. ٽڪريءَ جي اها چوٽي جنهن تي حيدرآباد جي قلعي جو اڀرندو رخ تعمير ٿيل آهي، گهرن جا ڪوٺا ۽ خود قلعي جون فصيلون ٻنهي جنسن جي بيشمار ماڻهن سان سٿيل هيون، جن اسان لا3 پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار نعرن ۽ تعريفي لفظن ادا ڪرڻ ذريعي ڪيو. پهرين دروازي کان وٺي، جنهن مان اسان قلعي ۾ داخل ٿياسون، هڪ اوچي چاڙهي مٿي پئي ويئي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان بندوقچي سپاهين جون قطارون بيٺل هيون، تان جو اسان ٻئي برج وٽ پهتاسون، جنهن جي هيٺان وروڪڙ کائيندڙ رستو وڃي رهيو هو، جتان کان وٺي محل تائين گهٽيون ايتريقدر ته ماڻهن سان ڀريون پيئون هيون، جو اسان وڏي دشتواريءَ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجن گهوڙن جي سنبن هيٺان چيٿاڙڻ جي خطري سان، انهن جي وچان لنگهي سگيهاسون. آخر اسان انهيءَ هنڌ پهتاسون، جتي اسان کي گهوڙن تان هيٺ لهڻو هو ۽ اتي اسان جو استقبال ولي محمد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي اعليٰ رتبي وارن آفيسرن طرفان ڪيو ويو، جيڪي اسان جي اڳيان هڪ وڏي کليل ٿلهي طرف هليا، جنهن جي ڇيڙي وٽ ٽيئي امير ويٺا هئا. ٿلهي تي انتهائي قيمتي ايراني غاليچا وڇايل هئا، جنهنڪري اسان تي پهچي پنهنجا بوٽ لاٿا ۽ جنهن گهڙيءَ ايلچيءَ شهزادن طرف وڌڻ خاطر پنهنجو پهريون قدم اڳتي کنيو، ته هو سڀ اٿي کڙا ٿيا، جيسين هو پنهنجي مقرر جاءِ تي پهتو؛ جنهن جي مٿان ڀريل ڪپڙو وجهي ان کي باقي جماعت جي ويهڻ واريءَ جاءِ کان الڳ ظاهر ڪيو ويو هو. +[1] . سنڌونديءَ جي، ڪابل ۽ سنڌ ڏانهن ويل مهمن جي سروي کان علاوه، جن ٻين ذريعن کان مون معلومات حاصل ڪئي آهي، تن بابت آءٌ ٿوري وقفي بعد انهيءَ نقشي جي سلسلي ۾ بيان ڪندس، جيڪو مون هن جلد سان منسلڪ ڪرڻ تجويز ڪيو آهي. +[2] . پنجاب جون پنج نديون، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف وهين ٿيون، تن جا نالا بيهات يا چيلم، قديم نالو هائڊ اسپين، چناب يا جيناب، قديم نالو ائسيسائينس، راوي يا قديم نالو هائڊرائوٽس آهن. اهي ٽيئي ملتان جي اتر ـــ اوڀر ۾ اٽڪل 70 ميل پري هڪٻئي سان ملن ٿيون، جتي ان کي وچين ديراهه يعني چڍناب جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، چوٿون درياهه بياهه ۽ پنجون ستلج آهي. اهي جڏهن ملن ٿا، تڏهن اهو قديم جاگرافيءَ وارو هائفاسيس درياهه بنجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهي ستلج جي نالي سان سڏجن ٿا، پر اڪثر حالتن ۾ اڄڪلهه انهن کي گرو يا گُرا سڏيو وڃي ٿو. اهي ٻيئي ويڪرائي ڦاڪ 29010 اتر ۽ ڊگهائي ڦاڪَ 71028 اوڀر ۾ چناب ۾ وڃي ڇڙن ٿا ۽ اهي سڀيئي گڏجي ”پنجند“ يعني پنج نديون نالو اختيار ڪن ٿا؛ تان جو جيئن مٿي ڪتاب جي متن ۾ ٻڌايو ويو آهي، اهي سنڌونديءَ ۾ وڃي داخل ٿين ٿا. +[3] . هڪ لک پائوند اسٽرلنگ. +[4] . جڏهن بمبئي سرڪار طرفان سنڌ ڏانهن موڪليل مهم سيپٽمبر سن 1808ع ۾ واپس موٽي، تڏهن ان جي ٻيڙن جي گونيءَ جي گپ وچان ڪيترن ميلن تائين گهلي ڪڍڻو پيو هو. اسان جي ڀاري سامان جو ڪجهه حصو پڻ ساڳئي رستي کان اسان کي ڪڇ ۾ ملڻ لاءِ روانو ڪيو ويو هو، پر جيئن ته اهو هڪ مهينو اڳڀرو موڪليل هو، انڪري ننهن ماڻهن کي جن وٽ انهيءَ سامان جي چارج هئي، اهڙي قسم جون داشواريون پيش نه آيون. +[5] . سنڌونديءَ تي هلندڙ واپار هن وقت ذري گهٽ نالي ماتر وڃي بچيو آهي. اميرن جي ڪوتاهه انديشيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ واري پاليسيءَ ان کي انهيءَ صوبي ۾ چٿي رکيو آهي ۽ اتر وارن ملڪن جي افراتفريءَ واريءَ حالت ان کي اُتي جوکم وارو بنائي وڌو آهي. هن وقت واپار ڪن ٿورن ٻيڙن کان وڌيڪ ناهي، جيڪي اُن، قلمي شورو، لوڻ ۽ ٻارڻ جون ڪاٺيون. ڀري هيٺ ۽ مٿي ويندا نظر اچن ٿا. +[6] . خدمتگار، شخصي نوڪر هوندا آهن ۽ اسان اهو لفظ دسترخوان تي خدمت لاءِ موجود بيٺل سڀني قسمن جي نوڪرن چاڪرن سان لاڳو ڪندا آهيون. سنڌ ۾ اهو لفظ وڌيڪ محمدود مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ هيٺئين درجي جا ديوان پڻ ان ۾ شامل آهن. اهي ماڻهو برحال، پنهنجي آقائن جي خدمت ۾ حاضر رهندا آهن ۽ سندن گهرن گهاٽن اندر نيچ قسم جي ڪي ڪم به سرانجام ڪندا آهن. ايران جا پيش خدمتگار پڻ ساڳئي درجي جا آهن ۽ مون کي ائين نظر آيو ته اهي به ساڳين ئي ڪمن ۽ فرضن انجام ڏيڻ ۾ مصروف آهن. +[7] . انهيءَ غلطيءَ جو فورن ازالو ڪيو ويو ۽ ڪرسيءَ بابت پيش ڪيل شرط واپس ورتو ويو، جو اهو معلوم ٿيو ته امير فرش يا رنگارنگي ٽُڪرين مان ٺهيل گاديلي تي ويهندا اهن، جيڪو کين زمين جي سطح کان ٻه انچ به مٿي نه ڪندو هو. +[8] . وڪيل معنيٰ ايجنٽ يا عصوضي. + + +جيئن ئي اسين ويٺاسون ته مونجهاري جو هڪ عجيب و غريب نظارو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ ان کي فقط اسان جي اصلي مقصدن ڏانهن بي اعتماديءَ سان ئي منسوب ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته بندوقچين، نوڪرن ۽ تراربازن جو هڪ وڏو هجوم هڪدم اندر داخل ٿيو، جنهن پنهنجي دٻاءَ سان اسان کي ذري گهٽ ٻوساٽي رکيو، انهن مان جيڪي سڀني کان اڳتي بيٺا هئا، تن ته اسان جي ترارين جي مياڻن ۽ ڪوٽن جي دامن تي به پنهنجا پير کڻي رکيا، جيڪي اسان جي غاليچي تي ويهڻ جي خاص ڍنگ جي ڪري غاليچي تي ڦهليا پيا هئا. پر اها ڳاله اڳوات سوچيل سمجهيل رٿا جي تحت هئي يا محص هڪ اتفاق جو نتيجو هو، تنهن جو ان وقت فيصلو ڪرڻ ناممڪن هو. بعد وارين ملاقاتن، بهرحال، مون کي اول الذڪر خيال طرف آماده ڪيو آهي. شهزادن، هڪ ـــ هڪ ٿي نرميءَ سان اسان سڀني جي خير و عافيت معلوم ڪئي. جيئن ته هيءَ رسمي ملاقات هئي، ان ڪري ان ۾ فقط مهذب نموني ۾ هڪٻئي سان عليڪ سليڪ ڪئي ويئي ۽ اسان کي جڏهن درٻار ۾ ويٺي اڌ ڪلاڪ کن گذريو، تڏهن انهن مان سڀني کان وڏي امير زباني طور اسان جي روانگيءَ سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن بابت سڀني هندستاني درٻارين ۾ پان سوپاريءَ [1] ۽ عطر يا گلاب جي گلن جي تيل آڻڻ سان اشارو ڏنو ويندو آهي، پر سنڌ ۾ اهڙي ڪابه رسم ڪانهي، ۽ نه وري اتي ايران وارن جي ڪلياڻ ۽ قهوه پيش ڪرڻ وارو ڪو رواج آهي. +اميرن کي سندن ترارين جي دستن ۽ خنجرن جي ميانن ۾ لڳل هيرن جواهرن کانعلاوه، تمام گهڻي تعداد ۾ هيرا جواهر بدن تي پيل هئا. انهن کان علاوه سندن ڪمرپٽن ۾ ڪي انتهائي غير معمولي طور وڏا زمرد ۽ يا قوت لڳل هئا. ٽيئي امير سندن عمرين جي حساب سان ويٺل هئا، يعني سڀنيکان وڏو وچ ۾، ان کان پوءِ ٻيو نمبر سندس ساڄي هٿ تي ۽ ننڍي کان ننڍو سندس ڏائي هٿ تي هڪ سنهي نمدي تي ويٺا هئا، جيڪو چوڌاري سڄيءَ گولائيءَ ۾ وڇايل هو ۽ ان جي مٿان فقط سندن ويهڻ واريءَ جاءِ تي اٽڪل هڪ انچ ٿلهو هڪ ريشمي گاديلو رکيل هو، جنهن جي مٿان هڪ نفيس ململ جو ڪپڙو پيل هو، جنهن تي زريءَ ۽ چانديءَ جي سرمي ۽ ستارن سان ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ گل ۽ ٻوٽا ڀريل هئا. هنن جي پٺيءَ وٽ ٽي وڏا طول وهاڻا رکيل هئا، جن تي اهڙا گل ۽ ٻوٽا ڀريل هئا، جهڙا سندن هيٺان رکيل ڪپڙي تي هئا، ۽ اهي سڀ شيون سندن هيرن جواهرن جي نمائش سان گڏجي سڄيءَ درٻار تي نهايت شاندار اثر وجهي رهيون هيون. حڪومت جي عملدارن مان پڻ ڪن کي نهايت سٺي طرز جون پوشاڪون پهريل هيون ۽ اهي سڀ شيون گڏجي انهيءَ منظر جي چمڪ ڌمڪ ۽ دولتمنديءَ جو هڪ اهڙو مجموعي نظارو پيش ڪري رهيون هيون، جنهن جو اسان حيدرآباد جي درٻار جي سلسلي ۾ تصور به نه ڪيو هو. +جسماني طور امير ماسيرا وچولي قد ڪاٺ وارا ماڻهو اهن. انهن مان سڀني کان وڏو، مير غلام علي پنجيتاليهن سالن جي عمر کان وڏو نه پئي معلوم ٿئو، ۽ هن جا ٻه ڀائر، جن جا نالا مير مراد علي ۽ مير ڪرم علي آهن، هن کان ڪيئي سال ننڍا آهن. سڀني کان ننڍو، مير ڪرم علي وڻندڙ ۽ کليل پيشانيءَ جو مالڪ آهي ۽ سندس چهري تي دائمي مرڪ آهي، جنهن مان تمام وڻندڙ طبيعت ۽ مزاج جو سراغ ملي ٿو ۽ هن لاءِ ائين ئي ٻڌايو پئي ويو ته هن ۾ سندس ٻنهي وڏن ڀائرن جي مقابلي ۾ اهي [2] ٻيئي خصلتون موجود آهن، ۽ ٻيئي وڏا ڀائر زود رنج ۽ درگذر نه ڪندڙ طبيعت جا مالڪ چيا وڃن ٿا، پر ساڳئي وقت هو ڪنهن به طرح ظالم. ناهن. +ٽيئي ڀائر سندن ڪپڙن جي فقط سينگار وارن حصن کان سواءِ سنهي ململ جي پهراڻن ۽ تمام قيمتي لونگين ۾ ساڳين پوشاڪن ۾ ملبوس هئا، جيڪي سندن چيلهين جي چوڌاري ٻڌل هيون. سندن پٽڪا سنهي ۽ شفاف ڄاريءَ جا هئا ۽ ڦهلاءَ ۾ اهي ايڌا ته وڏا هئا، جو مون هن کان اڳي انهن جي مقابلي جا پٽڪا ڪڏهن نه ڏٺا آهن. حد اندر ڳالهائيندي، آءٌ سمجهان ٿو ته انهن جو گهيرو ٻن کان وٺي اڍائي فوٽن تائين هو ۽ ان جي باوجود اهي اهڙيءَ ته صفائيءَ سان ٻڌل هئا، جو اهي ڪنهن به طرح سان ڳرا يا اڻوڻندڙ ڦيڙن جي ڏِک نه ڏيئي رهيا هئا [3]. +اسان حيدرآباد ۾ جيترو عرصو رهياسون، تنهن جي دوران انتهائي سخت وٺي ۽ ڦليلي درياهه ڦوڪجي، پنهنجن ڪپن کان ٻاهر نڪري آيو ۽ اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ ذري گهٽ سيلاب اچي ويو، پر پاڻيءَ جي واهن ۾ نيڪال لاءِ، جيڪي سمورن علائقن جي هيڏانهن هوڏانهن وهي رهيا آهن، ڪجهه ناليون کوٽڻ سان اسان پنهنجي جاءِ تي رهي سگهڻ جهڙا ٿياسون، جيڪا ڳالهه ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ڏاڍي مشڪوڪ نظر اچي رهي هئي. آب و هوا جي گرميءَ ۽ ٻوسٽ ۾ زمين مان نڪرندڙ اُٻ تمام گهڻو اضافو ڪيو هو، جڏهن اها بارش جي پاڻيءَ ۾ تربَتر ٿي ويئي ته اسان جي وفد ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن مان ڪيترن کي بخار ۽ ٻيون اهڙيون بيماريون ٿي پيئون، جيڪي آب و هوا جي اهڙيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ عام ٿينديون آهن. وفد جا آفيسر، البت باقاعدگيءَ سان ورزش ڪرڻ ۽ ضروري حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ ذريعي پاڻ کي وڏي ڪوشش ڪري سٺيءَ صحت ۾ رکي سگهيا، حالانڪ سڀني کي سخت گرميءَ ٿوري يا گهڻي قدر ستايو هو، جنهن ۾ ايتري ته شدت اچي چڪي هئي، جو ٿرماميٽر جو پارو مشڪل سان ئي ڪڏهن 102 ڊگرين کان هيٺ پئي ڪِريو، ۽ ماحول خاص طور سان راتين جو ايتريقدر ته حبس وارو هو، جو مون ان جهڙو حبس هندستان ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. +فصل (13) +حيدرآباد جو شهر ويڪرائي ڦاڪ 22ء25اتر، ڊگهائي ڦاجڪ 6741 اوڀر ۾، انهيءَ ٻيٽ جي اڀرندي طرف واقع اهي، جيڪو جيئن مون هن کان اڳي به ذڪر ڪيو آهي، سنڌونديءَ ۽ ڦليليءَ جي وچ ۾ ٺحي پيو آهي. سنڌونديءَ جو قلعي کان ويجهي کان ويجهو هنڌ، چار ميل ڏکڻ ـــ اولهه طرف واقع آهي ۽ ڦليلي ندي انهيءَ ٽڪريءَ جي دامن کان، جنهن تي حيدرآباد ٻڌل آهي، اٽڪل هڪ هزار ورانگهن جي مفاصلي وٽان وهي ٿي، پر ان مان هڪ اهڙي شاخ ڦُٽي نڪري ٿي، جيڪا ايتريقدر وڏي آهي، جو قلعي جي فصيلن کان ڪجهه ئي والن جي مفاصلي تائين ان ۾ ٻيڙيون اچي سگهن ٿيون، جڏهن درياهه ۾ پاڻي چڙهيل هوندو آهي. هي قلعو مير فتح علي خان ٺهرايو هو، جيڪو موجوده اميرن جو وڏو ڀاءُ هو ۽ سنڌين طرفان انهيءَ قلعي کي ايڏو ته مضبوط سمجهيو وڃي ٿو، جو هنن جو اعتقاد آهي ته ان کي فتح ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون وينديون، تن کي اهو ناڪام بنائي ڇڏيندو، پر اهو هڪ يورپي دشمن جي باقاعده حملن جي خلاف ڪو خاص بچاءُ ڪري نه سگهندو. فصيلن جي شڪل و صورت بلڪل بيقاعدي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي اهڙي نموني ۾ ٺاهيون ويون آهن، ته جيئن اهي پهاڙيءَ جي ڪنڊن ۽ ورن وڪڙن سان مشابهت رکن. ديواريون زياده تر سرن جون ٺهيل آهن ۽ انهن جي اوچائي پندرهن کان وٺي ٽيهن فوٽن تائين آهي. ان جا بنياد چڱا خاصا ٿلها ۽ مضبوط آهن، پر اهي چوٽيءَ ڏانهن ويندي سنها ٿيندا وڃن ٿا ۽ ديوارين ۾ رکيل نالين ۽ ٻاهر ڏسڻ لاءِ ڪيل سوراخن سبب ايتريقدر ته ڪمزور ٿيل آهن، جو انهن تي جيڪڏهن مهارت سان ڪي ٿورائي گولا هنيا وڃن ته انهن جو ڪوبه حصو ڊهي پوندو ۽ فصيلن جي پناهه ۾ بيٺل ماڻهو ٻاهران موڪليل بندقون جي گولين جو آسانيءَ سان نشانو بنجي پوندا. مڙني فصيلن جي پاسن کان جيڪي گول برج تعمير ٿيل آهن، سي ڏاڍن مناسب هنڌن تي بيهاريل آهن، ۽ انهن جو هڪٻئي کان مفاصلو ٽن يا چئن سون قدمن جيترو آهي ۽ اهي سڀ تعميرات، پهاڙيءَ جي اوچائيءَ سان گڏجي، سڄو قلعو مجموعي طور رعبدار نظارو پيش ڪري ٿو. ان کان علاوه، ٽڪريءَ جو پٿر تمام نرم ۽ ڀُرڻو آهي ۽ ان جي سلامي اهڙي آهي، جو ديوار ۾ وڌل رخني مان ڪِرندڙ ڪچرو ان تي بيهي رهندو ۽ حمله آور فوجن کي مضبوطيءَ سان پٻيرن ڄمائڻ لاءِ فراهم ڪري انهن جي مادي طور مدد ڪندو. +اتر طرف، هڪ سُڪل گڏ آهي، جنهن جي مٿان هڪ پل ٺهيل آهي، جيڪا قلعي جي هڪ دروازي وٽ وڃي کُٽي ٿي، جنهن جي بچاءُ لاءِ ان جي مٿان هڪ زبردست مورچو تعمير ڪيل آهي. حيدرآباد جي قلعي جي فصيلن تي اٽڪل ستر توبون لڳل آهن، پر دروازي جي مٿان اڏيل مورچي ۾ رکيل اَٺن يا ڏهن توبن کان سواءِ، جيڪي ڳري ڌاتوءَ مان ٺهيل آهن؛ باقي ٻيون سڀ توبون ننڍيون ۽ خراب حالت ۾ ٻڌايون وڃڻ ٿيون. ”پيٽاهه“ يا ��سگردائي واري بستي قلعي جي اترئين طرف ڌرتيءَ جي هڪ مٿانهين حصي تي واقع آهي ۽ اها ٻن هزار پنج سؤ گهرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهن هزارن جي آبادي آهي. قلعي جي اندرئين حصي ۾ پڻ ذري گهٽ ساڳئي تعداد ۾ گهر آهن، پر انهن ۾ ماڻهو اڌ جيترا به ناهن، ۽ جيڪي اندر رهن ٿا، سي سڀ سپاهي آهن. حيدرآباد ۾ ٺهندڙ مکيه شين ۾، مختلف قسمن جا هٿير جهڙوڪ: توڙيدار بندوقون، نيزا، تراريون ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا شامل آهن. چيو وڃي ٿو ته فقط هٿيارن مان ئي پسگردائيءَ جي آباديءَ جي پنجين حصي کي روزگار ملي ٿو ۽ انهن مان ڪن هٿيارن جي بناوٽ اهڙي آهي، جو انهن کي يورپي ڪاريگرن جي ٺهيل هٿيارن کان مشڪل سان جدا ڪري سگهجي ٿو. +جنهن ڏينهن اسان جي دربار ۾ اجيان ڪئي ويئي هئي، تنهن جي ٻئي صبح جو هندستان کان آميرن لاءِ آندل سوکڙيون پاکڙيون هر هڪ امير جي مختلت محلات ڏانهن وفد جي چوبدارن جي حفاظت ۾ موڪليون ويون. انهن ۾ ڪافي وڏي قيمت واريون آرسيو، سونيون گهڙيون، گهڙيال، ڇيريدار بندوقون، دوربينيون، پستول، بخمل ۽ چينيءَ جون سرون شامل هيون ۽ اهي فقط آخري ذڪر ڪيل چيز کان سواءِ، جنهن کي انهن قبول ڪرڻ سندن شان کان گهٽ سمجهي واپس ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ٻيون سڀ شيون شڪر گذاريءَ سان وصول ڪيون ويون. درحقيقت، هو انهن سرن کي ڪافي قيمتي نه سمجهي رهيا هئا، ۽ هنن انهن جي بدران ڪا وڌيڪ قيمتي شئي وصول ڪرڻ لاءِ، انهيءَ چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻ ٿي چاهيو. پر جيئن ته هنن جو اهي شيون وٺڻ کان انڪار ڪرڻ کي، سوکڙيون موڪليندڙ جي بيعزتي سمجهيو وڃي ها، ان ڪري ايلچيءَ هنن جي اعتراض جي سخت مخالفت ڪئي ۽ انهيءَ اڻهوءَ کي، جنهن جي ذريعي اميرن انهيءَ باري ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو هو، هيئن چيو ته هو پنهنجن آقائن کي سمجهائي ته چينيءَ جون سرون ٻين سڀني شين سان گڏ، انهيءَ حڪومت جي دوستيءَ جون علامتون هيون، جنهن جي هو نمائندگي ڪري ٿو، ۽ اهي شيون، سوکڙين کان وڌيڪ انهن مختلف صنعتن جا نمونا اهن، جيڪي انگلنڊ جي ڪارخانن ۾ ٺهن ٿيون، ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته انهن جون قيمتون سنڌ جي اميرن جي خيال ۾ ڪا اهميت نه رکنديون هونديون، پر جيئن ته معاملو ائين نه پئي نظر آيو، ان ڪري هو سڀ ئي سوکڙيون واپس وٺڻ، وفد جي واپسيءَ تي اهي هندستان کڻي وڃڻ لاءِ تيار هو، جنهن کان پوءِ رائيٽ آنربل دي گورنر جنرل کي انهيءَ ڳالهه جا سبب سمجهائڻ اميرن جو ڪم ٿيندو، جن جي ڪري سندن طرفان انهيءَ قدم کڻڻ جي ضرورت پيئي. اهي ڳالهيون، جيڪي اميرن جي فطري حرص ۽ لالچ جي اثر ڪرڻ ۽ سندن دلين ۾ انگريزي حڪومت کي ناراض ڪرڻ جي خطرن کي بيدار ڪرن لاءِ چڱيءَ طرح سان سوچي سمجهي چوائي موڪليون ويون، تن اهو اثر ڪيو جو هنن جي سڀني اعتراضن کي خاموش ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ هنن جواب ۾ دستوري ۽ رسمي سوکڙيون اسان جي ڇانوڻيءَ ڏانهن ڏياري موڪليون. عالي حڪومت لاءِ هنن جيڪي سوکڙيون موڪليون، سي فقط گهوڙا هئا، ايلچيءَ کي، هر هڪ ڀاءُ جي طرفان هڪ هڪ گهوڙو ۽ هڪ خوبصورت ترار موڪلي ويئي، ۽ اسان جي جماعت جي باقي ماڻهن کي سنڌ ۾ ٺهندڙ گهٽ قيمت واريون مختلف شيون ڏنيون ويون. +اميرن سان تعارفي ملاقات کان پوءِ اسان کي ٻيو دفعو سندن درٻار ۾ پيش ڪيو ويو، ۽ انهيءَ موقعي تي سڀ ڳالهيون انتهائي باقاعدگيءَ ۽ آرام سان سرانجام ڪيون ويون. هو اسان جي انهيءَ ساڳئي ٿلهي تي ۽ ساڳيءَ تعظيم سان مليا، پر هن ڀيري محافظن ۽ نوڪرن جي اندر گوڙ ڪري بيهڻ بدران، جيئن انهن اسان جي پهرين ملاقات جي موقعي تي ڪيو هو، فقط چند محافظن کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ اهي اسان کان گهڻو پري ديوارين سان لڳي چوڌاري نهايت احترام سان، پنهنجا هٿ سيني تي رکي بيٺا رهيا. ٽيئي شهزادا هن موقعي تي خوب ڳالهائيندا رهيا، ڇاڪاڻ ته منهنجي راءِ موجب، هنن جي دلين تان سندن شخصي سلامتيءَ متعقل خطرو لهي ويو هو، جيڪو شڪ ناهي ته هنن کي اسان جي پهرين ملاقات جي موقعي تي موجود هو. هو نه فقط اسنا جي ترارين سميت سندن موجودگيءَ ۾ حاضر رهڻ جي خيال سان لهي ويا هئا، پر هنن واري وٽيءَ سان اسان سڀني کي پنهنجيون تراريون مياڻن مان ڪڍي کين ڏيارڻ لاءِ چيو ته جيئن هو انهن جي ڌاتوءَ ۽ فنڪاريءَ جو اندازو لڳائي سگهن. ان کان پوءِ هنن پنهنجون تراريون ۽ انهن کان پوءِ خنجر به ڪڍي ڏيکاريا، جن مان هر هڪ نهايت اعليٰ درجي جي فولاد مان ٺهيل هو ۽ هنن اسنا کي ٻڌايو ته اهي شيون خريد ڪرڻ لاءِ سال بسال پنهنجا عيوضي ايران ۽ ايشيا مائنر ڏانهن موڪليندا هئا، جن کي اهي هدايتون هونديون هيون ته هو بهترين قسمن جون تراريون ۽ خنجر هٿ ڪرڻ ۾ خرچ جو خيال نه ڪن. حقيقت ته اها آهي ته جيئن اسان کي سندن ڳالهين ٻولهين ۽ گفتگوءَ مان اندازو لڳو ته هو ترارين ۽ ٻين هٿيارن جي شوق پوري ڪرڻ لاءِ فضول خرچيءَ جي حد تائين خرچ جي جيڪا اجازت ڏيندا هئا، سا سندن خرچ جي هڪ ئي اهڙي حد هئي، جيڪا سندن پئسن گڏ ڪرڻ جي حرص تي حاوي هوندي هئي ۽ هو پنهنجي انهيءَ سوق کي اهڙي ته حيرتناڪ حد تائين وڃي پهچائيندا هئا، جو ڀائر هڪٻئي سان انهيءَ باري ۾ مقابلو ڪندا هئا ۽ انهن مان ڪهڙي وٽ مهانگيءَ کان مهانگيون عجيب و غريب شيون، گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ موجود هيون. انهيءَ جنون جا، بين اهڙن اڪثر شوقن وانگر، ڪي مخصوص عام فائدا به نڪرندا آهن: ڇاڪاڻ ته دربار ۾ موجود رهندڙ امير ۽ سردار جيئن پنهنجن حاڪمن کي ڪندو ڏسندا آهن، تيئن قدرتي طور اُهي پڻ سندن مثالي وٺي نقل ڪندا اهن. اهو جذبو آباديءَ جي هيٺين طبقن ۾ پڻ پکڙجي ويو آهي، جنهن مان حيدرآباد ۾ هٿير سازن جي وڏي تعداد لاءِ روزگار، ۽ ساڻ ئي گڏ انهيءَ دستڪاريءَ جي اعليٰ نموني ۾ نفاست جا موقعا پيدا ٿيا آهن. +هن دربار جي موقعي تي امير اڳينءَ درٻار جي ڀيٽ ۾ اڃا به وڌيڪ شاندار پوشاڪن ۾ ملبوس هئا، بهرحال، سندن لباسن جي تبديليءَ ۾ ڪابه اهڙي غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي. جنهن جو هت بيان ڪيو وڃي. وڏي ڀاءُ جي ڳچيءَ ۾ سچن موتين جا ڪجهه تمام ڊگھا هار پيل هئا، ۽ هڪ ٻيو سندس هٿ ۾ هو، جنهن کي هو تسبيح وانگر استعمال ڪري رهيو هو، ۽ انهن جي ڪشادگي ايڏي ته وڏي هئي، جو هن موقعي کان اڳي آءٌ ان کي بلڪل ناممڪن سمجهان ها. ننڍن مان هڪ شهزادي وٽ سندس ڪمرپٽي ۾ هڪ خنجر لڳل هو، جننه جي دستي وٽان هڪ اهڙو مڪمل طرح گول زمرد لٽڪي رهيو هو، جيڪو هڪ ڪبوتر جي آني کان به وڏو هو. +هن حاضريءَ کان پوءِ ايلچي اميرن سان گڏجي اڪيلائي ۾ هليو ويو ۽ ساڻن تخليه ۾ ڳالهيون ڪيون، جڏهن هن انهن شهزادن کي انهن مذاڪرات جي نوعيت سمجهائي، جيڪي کيس گورنر جنرل طرفان ڪرڻ لاءِ سونپيا ويا هئا ۽ ساڻ ئي گڏ هن پنهنجي هن خواهش جو به اظهار ڪيو ته هو پنهنجي حڪومت جي اهڙن آفيسرن کي نامزد ڪن، جن کي هو پنهنجي طرفان انهن مختلف موضوعن تي ڳالهين ڪرڻ جا اهل سمجهن ٿا، جيڪي سندس وفد جي اچڻ سان واسطو رکن ٿا. انهيءَ تجويز کي هنن هڪدم تسليم ڪيو ۽ وعدو ڪيو ته سندن وزير روزانو انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ حاضري ڏيندا، جيسين سڀني ڳالهين کي آخري طور طئي نه ڪيو ويندو. +اميرن طرفان جن وزيرن کي مقرر ڪيو ويو، سي ولي محمد لغاري، آخوند بقا خان ۽ هڪ هندو نالي مشتاق رام هئا، جن سڀني جي قابليت تسليم ٿيل هئي ۽ انهن کي سندن آقائن جو پورو پورو اعتماد حاصل هو. پر هن هنڌ مذاڪرات جي تفصيلن جي واڌاري جو بيان ڪرڻ غير دلچسپ ۽ اهڙوئي غير مفيد ٿيندو، جن ۾ اسان جي حيدرآباد جي بعد واري قيام جي دوران ۾ ايلچيءَ جو ڌيان مڪمل طور مرڪوز رهيو. انهن ڳالهين جي نوعيت، ڇاڪاڻ ته انتهائي نازڪ ۽ مُنجهائيندڙ هئي، ان ڪري اهي بطور خاص دلچسپيءَ کان خالي هيون [4]، ۽ جيئن ته سنڌ جي حڪمرانن حاڪمانه برتريءَ جو اهو رويو ترڪ ڪري ڇڏيو هو، جنهن اسان جي سندن ملڪ ۾ آمد جي شروعات ۾ هنن جي مذاڪرات جي رهنمائي ڪئي هئي، ان ڪري ان کان پوءِ جيڪي به ڳالهيون ٻولهيون هيون، تن جي نوعيت خالص طور سياسي هئي. چنانچه هن هنڌ منهنجي لاءِ فقط ايترو اضافو ڪرڻ ڪافي آهي ته انهن جو نتيجو هندستان جي اعليٰ ترين برطانوي اختياريءَ لاءِ انتهائي درجي تائين اطمينان بخش هو ۽ ايلچيءَ کي سندن بالا عملدارن طرفان، انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾، جيڪي کيس ڏنا ويا هئا، جنهن پختگيءَ، وقار ۽ فيصلي جي صحيح قوّت جو مظاهرو ڪيو هو، تنهن لاءِ کيس آفرين نامو ڏنو ويو ۽ جنهن شڪرادائيءَ جو مستحق هو، تنهن جو پورو پورو اظهار ڪيو ويو. اميرن طرفان گورنر جنرل ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ ايلچي مقرر ڪيو ويو، جنهن کي اسان جي وفد جي همراهه سان هلي، انهيءَ عهدنامي جي تصديق ٿيل نقل واپس آڻڻو هو، جيڪو اسان جي وچ ۾ طئي ٿيو هو. +اسان اميرن سان الوداعي ملاقات ڪرڻ بعد سندن طرفان مهيا ڪيل ٽن ”جمپٽين“ يعني سرڪاري ڪشتين تي 25 ـــ آگسٽ جي صبح جو سوار ٿياسون، جڏهن ته اسان جي سامان انهن ٻيڙين تي چاڙهي روانو ڪيو ويو، جيڪي انهيءَ مقصد لاءِ خاص طور ڪرايي تي حاصل ڪيون ويون هيون ۽ اسان حيدرآباد کان ڏکڻ ـــ اوڀر واري طرف ڦليليءَ ۾ اچي داخل ٿياسون، تان جو اچي گونيءَ جي منهن ۾ گهڙياسون، جنهن نهر جو مون اڳيئي ذڪر ڪيو آهي، اتان کان پوءِ اسان ٽئين ڏينهن سدام جو وقت ڪَڍڻ واري ڳوٺ پهتاسون ۽ جيئن ته اتي پاڻي ايتريقدر ته لهي چڪو هو، جو ٻيڙيون ڏاڍي مشڪل سان تري پئي سگهيون، ڇاڪاڻ ته اهو ڳوٺ گونيءَ [5]جي بلڪل پڇڙيءَ وٽ واقع هو، ان ڪري اسان ٻيڙين مان اهو معمولي سامان لاهي ڇڏيو، جيڪو اسان پاڻ سان گڏ آندو هو. اتي ڪجهه ڏينهن تائين شڪار ڪرڻ لاءِ ترسڻ کان پوءِ، اسان انهيءَ کاري پاڻيءَ ۾ داخل ٿياسون، جيڪو سنڌ کان ڪڇ کان جدا ڪري ٿو ۽ انهيءَ آخري ذڪر ڪيل ملڪ جي بلڪل اولهه ۾ واقع لکپت بندر تي 7 ـــ سيپٽمبر تي پهتاسون. جن ٻيڙين تي اسان جي سامان جو گهڻو ڀاڱو ۽ وفد جي ملازمت ۾ شامل ٿيل ديسي ماڻهن کي چاڙهيو ويو هو، سي سڌيءَ طرح گونيءَ وچان وڃي علي بندر پهتيون، جتي انهن سڀني کي لوڻي نديءَ ۾، ٻين ٻيڙين ۾ چاڙهيو ويو ۽ اهي اسان سان ڪڇ ۾ اچي مليا. +انهيءَ سڄي سفر جي دوران اسان جنهن هڪ ئي قابلِ ذڪر هنڌ وٽان لنگهياسين؛ سو محمد خان جو ٽنڊو هو، جيڪو هڪ وڏو خوشحال ۽ قلع بند شهر آهي ۽ حڪمران اميرن جي هڪ عزيز سلطان عليءَ جو رهائش گاهه آهي. هو ڪيترن ئي آباد ضلعن جو مالڪ آهي ۽ سندس گاديءَ وارو شهر انهن سڀني اُترين واپارين جي ملڻ جو هنڌ آهي، جيڪي هر سال هندستان جي منڊيءَ ڏانهن گهوڙا آڻيندا آهن. هن جي آمدني هن وقت (1813ع) ۾ چئن کان پنج لک رپيا (پنجاهه هزارن کان وٺي 6255 پائونڊ اسٽرلنگ) ساليانه آهي، ۽ هن جو علائقو اهڙيءَ تيز رفتار ترقيءَ ۾ آهي، جو جيڪڏهن ه ٻين شهزادن جي سازشن ۽ تعصب کان آجو ۽ آزاد رهيو ته هو جلد ئي انهيءَ آمدنيءَ کي ٻيڻي بنائڻ جي اميد رکي سگهي ٿو. حيدرباد ۽ ڪَڍڻ جي درميان درياهه جي عين ڪپن تي واقع سڄو ملڪ عام طرح ڏاڍو سٺو آهي ۽ ڀلن فصلن پيدا ڪرڻ وارو آهي، پر جتي به زمين اميرن جي ملڪيت آهي، اتان جا آبادگار ڏاڍا بددل ٿيل آهن ۽ انهن جي زمين ويران پيئي آهي. +ڪڍڻ کان وٺي لکپت تائين ويندڙ رستو هڪ لوڻياٺي ميدان مان لنگهي ٿو، جيڪو ٽنڊي محمد خان جي گاديءَ واري شهر کان چار ميل پري آهي. لکپت بندر کان وٺي اسان ڏاڍي آسانيءَ سان ماندويءَ تائين پهتاسون، جيڪو ڪڇ جي نار تي الهندي طرف واقع هڪ سامونڊي بندر آهي، جنهن هنڌ آنربل ڪمپنيءَ جي جنگي جهازن ”بنارس“ ۽ تيگنمائوٿ“ کي ايلچيءَ ۽ سندس عملي کي بمبئي پهچائڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو هو، هتي اسان آڪٽوبر جي آخري تاريخن ۾ پهتاسون. سنڌ جي تاريخ ۽ رقبي بابت هن سان ڳنڍيل باب ۽ جاگرافيءَ ۽ ڪن اهم انگن اکرن بابت پڻ ڪجهه اهم ڳالهيون شامل ڪيل آهن، جن کي مون هن کان اڳ ۾ شامل ڪرڻ ۾ آساني محسوس نه ڪئي آهي. هن وقت سنڌ جي آبادي هندن، جتن [6]، بلوچن يا وڌيڪ صحيح طرح بيان ڪجي هڪ ته آخر ۾ ذڪر ڪيل ٻن نسلن جي ميلاپ مان اُڀريل هڪ ٽئين نسل جي گاڏڙ آباديءَ تي مشتمل آهي. +سنڌ جا ماڻهو رنگ جا پڪا آهن، پر مجموعي طور انهن کي بيحد خوبصورت چئي سگهجي ٿو، قد ڪاٺ ۾ اهي ٻين ايسائي قومن جي وچولي قد کان مٿڀرا آهن ۽ شڪل شبيهه توڙي بدن جي عضون جي بناوت سٺي اٿن. سندن زالن جي سونهن پهاڪي چڙهيل آهي، ۽ اهي واقعي آهن به انهيءَ تعريف لائق. ٺٽي ۽ حيدرآباد جي قيام دوران جڏهن اسان گهوڙن تي سواريءَ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئاسون، تڏهن اسان کي اعليٰ طبقي جي ڪن عورتن کي ڏسڻ جو رواجي موقعو مليو هو، جيڪي اسان کي ڏسڻ جي شوق کان اوڏانهن ڇڪجي آيون هيون، پر ناچو ڇوڪرين جي مختلف ٽولين ۾، جيڪي اسان جي اڳيان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ مختلف موقعن تي اينديون رهيون، مون ڪا هڪ به اهڙي ڪانه ڏٺي، جيڪا پنهنجي شڪل و صورت جي خوبصورتي يا پنهنجي بدن جي ڊول ڊيل کان نمايان نه هئي ۽ اڪثر حالتن ۾، هنن ۾ سونهن جون اهي ٻيئي خوبيون حيرت انگيز حد تائين گڏيل موجود هيون. +مردن جي پوشاڪ ڍولو پهراڻ، مُرن وٽ جهُل هڻندڙ سلوار، ۽ چورسين اڳڙين کي ڳنڍي ٺاهيل يا ڪپڙي جي لسي ٽوپيءَ تي مشتمل آهي، جنهن جي شڪل انگريزي ٽوپلي جي مٿئين حصي وانگر آهي ۽ انهن کي هيٺين ڪناري وٽ خوبصورت ريشمي يا زريءَ جي گلن ۽ ٻوٽن سان سينگاريو وڃي ٿو. زالن جو لباس، ٽوپيءَ کان علاوه، ذري گهٽ ساڳيو آهي، ان کان سواءِ هو ٻاهرين لباس جي هيٺان ريشمي چولي پائين ٿيون، جيڪا سندن بدن تي پوريءَ طرح سان لڳي بيهي ٿي ۽ پٺئين طرف کان ٻڌي مضبوط ڪجي ٿي ۽ اهي جڏهن ٻاهر نڪرن ٿيون، تڏهن ساڙهي يا وڏي چادر بندن کي ويڙهين ٿيون ۽ جڏهن به اهي ڪنهن نامحرم جي مُنهن چڙهن ٿيون، ته انهيءَ چادر جي هڪ ڪناري کي پٺيان کان مٿي تان ورائي، منهن تي پردي وجهڻ جو ڪم وٺن ٿيون. +فصل (14) +سنڌ صوبي جي اتر طرف ڪڇ گنداوا جو صوبو، شڪارپور ضلعو، ۽ بهاول خان جا علائقا اهن، جنهن کي عام طرح دائود پوٽو چيو وڃي ٿو؛ ڏکڻ طرف هندي سمنڊ ۽ ڪڇ ڀڄ جو ڪجهه حصو آهي؛ اوڀر طرف هڪ وسيع ريگستان آهي، جيڪو ان کي اجمير، مارواڙ، اڌيپور، جوڌپور، بيڪانير وغيره کان جدا ڪري ٿو ۽ الهندي طرف لس ۽ جهلوان جا صوبا واقع آهن. +هيءُ ملڪ مصر سان جيڪا مشابهت رکي ٿو، سا ايتريقدر ته گهڻي آهي، جو اها ڏسندڙ کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي، هڪ سنڌو سنئون ميدان، جنهن جي وچان هڪ شاندار درياهه وٿي ٿو ۽ ڪجهه مفاصلي تائين ٻنهي ڪنارن ��اري علقئي کي سائو ۽ آباد ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ ان جي هڪ ڪناري تي زمين جو مٿاڇرو وارياسو ريگستان ٿيو پوي ۽ ٻيو ڪنارو غيرآباد ۽ خشڪ ٽَڪرن سان ڀرجيو وڃي، جيڪي سندن زمين توڙي آب و هوا، ٻنهي جي لحاظ کان نهايت غير مهمان نواز آهن. +هن صوبي جي قدرتي بيهڪ، جيڪا هندستان ۾ انگريزي حڪومت جي مقبوضه علائقن جي الهندي طرف تي آهي، ۽ اها عظيم رڪاوٽ، جيڪا ان جي درياهه انهيءَ طرف کان ايندڙ ڪنهن به حمله آور جي آڏو پيش ڪندو، جيڪا ڳالهه انهن سهوليتن سان گڏجي، جيڪي انهيءَ ئي رڪاوٽ طرفان اسان کي سمنڊ جي مالڪ هئڻ جي حيثيت ۾، هندستان ڏانهن پيشقدمي ڪندڙ ڪنهن به دشمن جي ڪاررواين کي منهن ڏيڻ لاءِ مهيا ڪندي، سي سڀ گڏجي هميسه سنڌ کي وسيع سياسي اهميت جو علائقو بنائين ٿيون؛ ٻئي طرف ان جي گجرات ۽ ٻين اهڙن ملڪن سان ويجهڙائي جيڪي گذريل ڪجهه سالن کان برٽش اپسٽ انديا ڪمپنيءَ جي انتظامي اختياريءَ هيٺ رهيا آهن؛ انهيءَ صوبي کي محض هڪ اڻ ڏٺل علائقي جي حيثيت ۾ ئي، ان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ متعلق اڳي کان وڌيڪ قريبي کوجنا جو حقدار بنايو آهي، جيڪا هن وقت تائين اسان جي طرفان ان تي ڪئي ويئي آهي. ان جي جاگرافيءَ متعلق کوجنا، بنان ڪنهن شڪ شبهي، جي، ان مون کي سنڌ جي متعلق معمولي نوعيت جي تاريخي جانچ جونچ ڪرڻ جي آماده ڪيو، ڇاڪاڻ ته هڪ ته اهو صوبو بلوچستان جي بادشاهيءَ سان لڳولڳ آهي ۽ ٻيو ته ٻنهي جي آبادي ساڳي ئي نسل مان آهي، ان ڪري آءٌ ان بابت هڪ مختصر جائزو شامل ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو آهيان، پر منهنجي اها خواهش آهي ته اهو اڳواٽ ئي سمجهڻ گهرجي ته آءٌ اهو جائزو ماڻهن اڳيان قطعي بيان طور پيش نٿو ڪريان، پر هن خيال کان شامل ڪريان ٿو ته شايد اهو هن کان پوءِ ايندر کوجنا ڪندڙن کي ڪجهه مدد ڏئي. جڏهن من اوائل ۾ پنهنجو فرصت جو وقت انهن کوجنائن کي شايع ڪرڻ جي مقصد سان صرف ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجو مقصد سنڌ جي هڪ وڏي تايرخ گڏ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ جو هو، پر جيئن ته مون جلد ئي ڏٺو ته اهو مواد بذات خود هڪ وڏو جلد بڻجي پوي ها، ۽ ان کان سواءِ، مون جيڪي اڳين ٻن صوبن بابت معمولي دستاويز هٿ ڪيا هئا، سي نهايت ناقص ۽ اڻپورا هئا ۽ جيئن ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ وارن موضوعن کي لکڻ ۽ ماپائڻ ۾ ئي مون کي ڪافي محنت ڪرڻي پوندي، ان ڪري آءٌ اهڙي ڪوشس ڪرڻ جي همت ساري نه سگهيس، ۽ هاڻي ته هن حقيقت جون مون کي ايتريقدر شعور حاصل ٿيو آهي، جو منهنجي انهيءَ معاملي ۾ ڄاڻ بلڪل معمولي آهي، جيڪڏهن مون لکڻ دوران مختلف هنڌن تي تاريخي حوالا نه ڏنا هجن ها، ته آءٌ هن باب کي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو خيال ئي ترڪ ڪري ڇڏيان هان. +سنڌ جي صوبي جي ڄاڻ، سڀ کان اڳ ۾ عيسوي سن کان چار صديون اڳي ان وقت يونانين کي حاصل ٿي، جڏهن سڪندر جي فوجن هن سان گڏ هندستان ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو، جيڪو ان کان پوءِ سنڌونديءَ ۾ داخل ٿيڻ کان مجبور ٿيو ۽ نيٺ اچي سمنڊ ۾ پهتو. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ وقت هو پنجاب کان وٺي سمنڊ تائين جن علائقن وچان لنگهيو، سي مختلف حڪومتن جي گادين جا هنڌ هئا، انهن مان سڀني کان وڌيڪ اتر ۾ واقع حڪومت سوگدي نالي هئي. جنهن لاءِ خيال آهي ته اهو نالو ان وقت جي بکر شهر يا قلعي جو هو، جيڪو سنڌو درياهه جي وچ ۾ واقع هڪ ٻيٽ تي هو ۽ جنهن سان سکر ۽ روهڙي نالي جا ٻه پسگردائي وارا شهر درياهه جي ٻن ڪنارن تي هئا. آئين اڪبري اسان کي ٻڌائي ٿو ته انهيءَ شهر کي بعد ۾ منصوره سڏيو ويندو هو. پر اهو نالو ان کي گهڻو ڪري هن ملڪ جي عرب فاتحن [7] طرفان بلڪل مختصر مدت لاءِ عارضي طور لقب خاطر هن سبب کان ڏنو ويو ٿو ڏسجي، جو هنن کي انهيءَ هنڌ سنڌ جي مقامي هندو راجائن تي سوڀ حاصل ٿي هئي، اها جاءِ اڃا به ڪجهه اهميت واري آهي، جيتوڻيڪ ان جون باهريون فصيلون ڀڄي ڀري ويون آهن، پر هن باري ۾ مون کي ڪوبه تحريري رڪارڊ دستياب ڪونه ٿي سگهيو آهي ته ان تي بکر نالو ڪهڙي وقت پيو. مون انهيءَ سهر جو سڀ کان پهريائين، انهيءَ نالي سان ذڪر هجري سال 416 (مطابق سنه 1001ع) ۾ ڏٺو آهي، جڏهن ان تي مشهور ۽ معروف شهنشاهه محمود غزنويءَ جي فوجن طرفان قبضو ڪيو ويو هو، تنهن کان اڳي عباسي خاندان جي پنجويهين خليفي القادر با الله اهو سنڌ جي مقامي سردار جي حوالي ڪيو هو، جيڪو انهيءَ خاندان جو پويون خليفو هو، جنهن کي ايران جي موجوده سلطنت جي الهندي طرف واقع ڪن به علائقن تي قبضو حاصل هو. +[1] . پان هڪ قسم جي ول جو پن آهي ۽ سوپاري کجيءَ جهڙي هڪ وڻ جو ڦل آهي. +[2] . مير غلام علي هن وقت تائين فوت ٿي چڪو آهي، ڏسو باب 12، نوٽ. +[3] . سنڌ جي وڏن ماڻهن طرفان جنهن غير معمولي ماپ جا پٽڪا ٻڌا وڃڻ ٿا، تن جو تصور هن حقيقت مان قائم ڪري سگهجي ٿو ته انهن مان ڪي، جنهن ڄاريءَ جهڙي ڪپڙي جا پَٽڪا ٻڌا ويندا آهن، سا ڊيگهه ۾ اسي فوٽن کان به مٿي هوندي آهي. عام طرح سان ان جي ويڪرائي اَٺن کان وٺي ٻارهن انچن تائين هوندي آهي. +[4] . بالادست حڪومت طرفان وفد موڪلڻ جو وڏو مقصد حملي ۽ بچاءَ لاءِ اتحاد واري عهدنامي کي منسوخ ڪرڻ هو، جيڪو گذريل سال جي دوران بمبئيءَ کان موڪليل ايلچيءَ طرفان سندس هدايتن کي غلط سمجهڻ جي نتيجي ۾ ڪيو ويو هو. فرينچن جي ايجنٽن جي سنڌ ۾ داخلا کي روڪڻ ۽ انگريزي ۽ سنڌي حڪومتن جي دوباره درجه بندي ڪرڻ، جيتوڻيڪ انتهائي اهميت وارا معاملا هئا؛ ان جي باوجود اهي ذريلي اهميت وارا هئا. اڳيون مقصد ته ڳالهين جي نتيجي ۾ حاصل ٿي ويو، ۽ آخري مقصد، مذاڪرات جي شروع ڪرڻ کان اڳي ئي حاصل ٿي ويو. در حقيقت، جيئن مون اڳي ئي ڏيکاريو آهي، ان تي دارالحڪومت ۾ پهچڻ کان پوءِ به گهڻي وقت تائين توجه ڏنو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيسين ٻنهي حڪومتن جي حيثيتن ۾ دوباره ترميم نه ٿي ڪئي ويئي، تيسين ٻيو ڪوبه ڪم نه پئي ٿي سگهيو. +[5] . هن نالي جي انهيءَ جاءِ تي بيان ٿيڻ سان مون کي هن ڳالهه ڪرڻ جو صحيح موقعو ملي ٿو ته جنهن ڳالهه جو مون ان جي پوريءَ جاءِ تي بيان ڪرڻ کي نظرانداز ڪيو آهي ته سنڌو درياهه جي ڪن ننڍين شاخن مان ڪي، پنهنجي اصلي پاڻيءَ کان جدا ٿي ملڪ جي اندروني علائقن ۾ وهن ٿيون، ۽ اُنهيءَ وانگر اوچتو ختم ٿي وڃن ٿيون، جنهن جو مون ڪتاب جي متن ۾ ذڪر ڪيو آهي. البت ننڍيءَ ڊگيهه واريون ڪي شاخون ڦري گهري وري اچي اصلي درياهه ۾ پون ٿيون، جيتوڻيڪ اهو ان وقت ڦوهه وهندي آهي. هيءَ ڳالهه هڪ ڏسندڙ کي پهريائين حيرت ۾ وجهيو ڇڏي، پر اهو زمين جي لاهيءَ ڪري آهي، جنهن جي وچان اهي وهن ٿيون. جيڪڏهن ننڍيون شاخون سمنڊ يا ڪنهن وڏيءَ شاخ ۾ وڃي ملن ها، ته انهيءَ حالت ۾ ڪا ڳالهه ڏسڻ ۾ نه اچي ها. پر هڪ نهر کي ڪيترن ئي ضلعن وچان پنهنجو زور لڳائي اڳتي وهندو ڏسڻ، ۽ ان کي آهستي آهستي، بنان ڪنهن ظاهري سبب جي گهٽجندو، چند انچن جي اونهائي واريءَ ناليءَ جي صورت اختيار ڪندو ڏسڻ، يقيناً هڪ تمام حيرت انگيز ڳالهه آهي. انهن جي پاڻي جو ڪجهه حصو يقيناً آبپاشيءَ ۾ صرف ڪيو وڃي ٿو، پر مون کي انهيءَ صورتحال لاءِ جيڪو سبب نظر اچي ٿو، سو اهو آهي ته انهن جو پاڻي واريءَ ۾ جذب ٿي، ختم ٿئي ٿو. +[6] . ڏسو ڪڇ گنڊاوا جي جتن جو احوال، باب ڇهين ۾. +[7] . عربي ٻوليءَ ۾ منصور جي معنيٰ يا فاتح يا ته بچاءُ ڪيل جي آهي. اسان کي بکر جي مضبوطيءَ ۽ بيهڪ جي لحاظ کان ان سان شايد پوئين معنيٰ منسوب ڪرڻ گهرجي. پر اهو اندازو آهي. موسيو ڊي اينول جو خيال آهي ته منصوره درياهه ۾ اڃا به گهڻو هيٺ هو. منهنجو اندازو به هن جي طرفان مقرر ڪيل هنڌسان وڌيڪ ملي ٿو يا ممڪن آهي ته ان تي اهو نالو خليفي المنصور جي نالي پٺيان پيل آهي، جنهن جي حڪومت واري دؤر ۾ اهو بغداد جي ماتحت علائقن ۾ شامل ڪيو ويو هو. + + +سڪندر سوگدي جي گاديءَ واري شهر جي دوباره تعمير ڪئي ۽ پنهنجي فوج جو هڪ حصو اتي ڇڏي، پاڻ موسيڪانس نالي هڪ سردار جي علائقي جي دوره تي روانو ٿيو، جيڪو ايتريءَ وضاحت ۽ ناقابل ترديد طريقي سان چانڊوڪي نالي ضلعي سان شناخت ٿئي ٿو، جو اهو هڪ ئي مثال انهيءَ زماني جي تاريخ نويسن جي سچائي ۽ صداقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. مون هن کان اڳي به هن ضلعي جي حيرت انگيز ساوڪ ۽ آباديءَ ۽ انهيءَ نديءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا ان جي چوڌاري وهي ٿي، ۽ اهڙيءَ طرح اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽي دؤر جي ماڻهن انهيءَ هنڌ تي هڪ وسيع ٻيٽ وسايو هو، جيڪو سنڌو درياهه مان نڪرندڙ هڪ شاخ طرفان تشڪيل ڏنو ويو هو، ۽ جنهن تي انهن ماڻهن پراسياني يا سرسبز نالو وڏو هو [1]. انهيءَ علائقي جي قديم گاديءَ واري شهر جي نالي جو بطور خاص ڪو نالو نه ڏنو ويو آهي؛ ۽ مينا گرا مان مطلب جيڪو ڊاڪٽر اينول اسان کي ٻڌايو آهي، بنان ڪنهن شڪ شبهي جي ميان ننگر يا شهر جو[2] وچ آهي. پر آءٌ پنهنجي سر ڪوبه اهڙو هنڌ دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهيان، جيڪو انهيءَ سر زمين سان مشابهت رکندو هجي، جيڪا هن انهيءَ شهر لاءِ مقرر ڪئي آهي. +هن وقت انهيءَ علائقي جو مکيه شهر [3]لارخانو (Larkhanu) آهي، جيڪو ساڳئي نالي واري درياهه جي ڪپ تي ٻڌل آهي ۽ اهو سنڌ جي اميرن لاءِ وڏي اهميت وارو ناڪو آهي. ڇاڪاڻ ته هو انهن واپارين تي انهيءَ هنڌ پهريون محصول مڙهيندا آهن، جيڪي سندن علائقن ۾ داخل ٿيندا آهن؛ ان کان علاوه، هنن انهيءَ هنڌ ڪافي تعداد ۾ پنهنجي فوج بيهاري آهي ته جيئن اهاڪڇ گنڊاوا جي بلوچن جي حملن کان سندن انهيءَ علائقي جو بچاءُ ڪري سگهي. +جڏهن سڪندر موسيڪانس وٽ ترسيل هو، تڏهن هن اتان جي ٻن راجائن، هرهڪ آگزيڪانس ۽ سامبس کي سزا ڏيڻ لاءِ سندن علائقن تي فوج ڪشي ڪئي. انهن ٻنهي مان پوئين نالي وارو راجا انهن پهاڙين ۾ رهندو هو، جيڪي اول الذڪر راجا جي علائقي جي پاسي ۾ هيون. ان طرح هيءَ ڳالهه انهيءَ دؤر ۾ انهن پهاڙي ضلعن ۾ رهنديون هيون، جيڪي جهلوان ضلعي کان اڀرندي طرف وڃن ٿيون[4] ۽ سيوهڻ وٽ پهچي سنڌو نديءَ جي ڪپ سان وڃي لڳن ٿيون. حقيقت اها آهي ته الهندي طرف درياهه جي پسگردائي ۾ ڪي به جبل يا ننڍيون ٽڪريون ئي ڪينهن، ۽ اڀرندي طرف هڪ سڌو سنئو ميدان آهي، تان جو اسين ريگستان کي پار ڪري، هندستان جي راجپوتن جي علائقن وارين ٽڪرين تان وڃي پهچون ٿا. انهن ٻن راجائن مان هڪ جي موت ۽ ٻئي جي آڻ مڃڻ کان پوءِ مقدونيا جو هيرو درياهه طرف واپس وريو، ۽ جيئن اسان کي ٻڌايو ويو آهي. هن هڪ اوچي ۽ چئني طرفن جو بچاءُ ڪري سگهڻ جهڙي ويڪري ميدان ۾ هڪ مضبوط قلعو تعمير ڪرايو، انهيءَ مخصوص معلومات مان مون کي هن ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نٿي ٿئي ته اهو قلعو ضرور جديد سيوهڻ وٽ هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو قلعو هڪ اوچي ٽڪريءَ تي واقع هئڻ ڪري، انهن سڀني پتڻن تي نظرداري ڪري سگهي ٿو، جيڪي سنڌو ۽ لارخانيوارن درياهن جي آرپار ڪناري تي آهن، ۽ هونئن به آسپاس وارن علائقن تي رعب وجهڻ جي مقصد سان پڻ، هي قلعو نهايت معقول هنڌ تي بيٺل آهن. +سڪندر جون بري ۽ بحري مهمون، ان کان هيٺ پٽالاجي طرف ڏانهن وڌيون، جيڪو انهيءَ ڪيٽيءَ جي منهن تي واقع هو، جنهن کي درياهه ون اهي مختلف شاخون تشڪيل ڏين ٿيون، جن ۾ درياهه ورهائجي وڇي ٿو. پر انهيءَ هنڌ جي قديم بيان سان اڄوڪي سنڌ جو ڪوبه حصو، انتهائي ڏورانهين مشابهت به نٿو رکي ۽ چاهي ان کي اسين ٺٽي وٽ رکون يا حيدرآباد وٽ سمجهون، مون کي ٻيئي صورتون هڪجهڙيون ئي شڪ شبهي [5] واريون نظر اچن ٿيون. +پٽالا وٽ فوجن جي قيام دوران، بادشاهه پنهنجي سر سامونڊي آرماڙ جي هڪ حصي سان سمنڊ ڏانهن ٻه فوجي مهمون وٺي ويو ۽ آرين جي بيان موجب، درياهه جي اڪيلن ٻن ڇوڙن کي ڏسڻ لاءِ ويو. هيءَ ڳالهه ڏاڍي عبرتناڪ آهي ته درياهه جا اهي ئي ٻه ڇوڙ، ۽ نه ڪي ٻيا، جن مان هڪ انتهائي مشرقي ۽ ٻيو انتهائي مغربي هئا، هنن ٽيهن سالن جي عرصي دوران اهڙي حالت ۾ هئا، جو منجهانئن ٻيڙيون تري وڇي سگهنديون هيون، ۽ جيڪڏهن علي بندرتي اهو دڪو نه تعمير ڪيو وڃي ها، جيئن مون اڳي گذريل باب ۾ ذڪر ڪيو آهي، ته جيڪر اهي ٻيئي به هن وقت انهيءَ حالت ۾ پيل هجن ها. +جڏهن فوج جي لس ۽ مڪران صوبن وچان پيادل سفر ڪرڻ جون سڀ ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون، تڏهن سامونڊي ٻيڙو هن حڪم سان نيئرڪس جي حوالي ڪيو ويو ته هو هڪدم سمنڊ ۾ داخل ٿي جهازن جا لنگر کڻي ۽ خشڪيءَ واري فوج سان بابل ۾ اچي ملي. درياهه جي ڪپن تان ۽ بعد ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان، جنگي جهازن جي پيشقدمي [6] جي پٺيان هلڻ، تان جو انهيءَ صوبي جي آخري الهندي ڇيڙي، يعني آنرس يا حال مونزي ڳچي ڌرتي وٽ اچي پهچن، منهنجي مقصد سان نٿو ٺهڪي. آءٌ هن هنڌ تي قديم يونانين جي صحيح معلومات بابت ٻن وڌيڪ ناقابل ترديد ثبوتن ڏيڻ کان پوءِ هن موضوع تي بحث ختم ڪندس. انهن مان هڪ سمنڊ جو اهو زبردست جوش و خروش آهي، جيڪو ان ۾ مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جي ملڻ واري هنڌ تي پيدا ٿئي ٿو، ۽ جنهن جو ذڪر مون هن کان اڳي هن جلد جي گذريل ڪنهن حصي ۾ ڪيو آهي. ۽ ٻيو ڪراچي بندرجي آرين جي طرفان ٻڌايل نالي، ڪروڪالا سان قطعي ۽ فيلصه ڪن شناخت آهي. ڪراچي جنهن ضلعي ۾ واقع آهي، تنهن جو موجوده نالو سنه 1809ع ۾ لکيل هڪ مقامي مخطوطي مطابق ڪُڪرالا آهي ۽ مون کي هن خيال ڪرڻ لاءِ سبب آهي ته کور عليءَ کي جيڪو نهايت جديد نالو ڏنو ويو آهي، سو انهيءَ لفظ جي هڪ معتصبانه بگڙيل صورت آهي. [7] +مقدونيا واري فاتح جي روانگيءَکان پوءِ ۽ عربن جي حملي کان اڳ ۾، جيڪڏهن آءٌ سنڌ ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جو تفصيلي بيان ڏيڻ جي ڪابه ڪوشش ڪندس ته اها محض بلوچستان جي تاريخ بابت، منهنجي طرفان هن کان اڳ کليل ڳالهين جي بيان جي دوباره تصديق ڪرڻ ٿيندي. مون جيڪي به مخطوطا پڙهيا آهن، تن مان ڪنهن هڪ ۾ به مقامي هندو شهزادن مان ڪنهن جو به سندن نالي سان ذڪر ٿيل ڪونهي، تان جو [8] ايران جي بادشاهه خسرو (عام طرح سان جنهن کي نوشيروان سڏيو وڃي ٿو) جو دؤر آيو، جڏهن هن هڪ وڏو لشڪر موڪليو ۽ سهاسي راجا جي الهندي سرحد وارن علائقن ۾ تباهي مچائي ڏني. هن جي پنهجن، ۽ سندن باجگذار راجائن جي علائقن متعلق لکيل آهي ته اتر طرف اُهي موجوده زماني جي صوبن: ڪشمير ۽ ڪابل، ڏکڻ طرف سورت ۽ انهيءَ ٻيٽ جنهن کي هڪ وقت ڊِيو سڏجي ٿو، الهندي طرف مڪران واري سامونڊي ڪناري سان ۽ اوڀر طرف مارواڙ، بيڪانير وغيره وارن صوبن تائين ڦهليل هئا. انهيءَ راجا، جنهن جو نالو سُهير سنگهه چيو وڃي ٿو، پنهنجين فوجن جي قيادت ڪندي يذات خود انهيءَ حملي جو مقابلو ڪيو ۽ ٻنهي لشڪرن جي درم��ان مڪران ۾ دوبدو جنگ لڳي، جنهن ۾ راجا مارجي ويو ۽ سندس فوجون ميدان ڇڏي ڀڳيون؛ ايرانين کي بهرحال، لُٽ جو مال لُٽي پويان پير ڪري موٽي ويا ۽ پاڻ سان هزارين خوبصورت عورتون به ساڳئي گهراڻي جا ٻه شهزادا، جن مان ڪنهن هڪ جو نالو به نه ٻڌايو ويو آهي؛ هڪٻئي جي پٺيان تخت تي ويٺا ۽ چيو وڃي ٿو ته هنن پنهنجن وسيع علائقن ۾ ڏاڍي عدل، انصاف ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت هلائي. انهن مان پهرئين انهيءَ بادشاهيءَ جي بچاءَ لاءِ گهڻائي سٺا قاعدا قانون ٺاهيا ۽ رعيت کان ڍل وصول ڪرڻ جي بدران هن کين پنهنجي لاءِ ڪن قلعن تعيمر ڪرڻ ۽ ڪن ٻين جي مرمت ڪرڻ تي مجبور ڪريو، جيڪي سندس ابن ـــ ڏاڏن [9] جي پرسڪون راڄ جي زماني ۾ ڀَڄي ڀُري يا هئا. ٻيو راجا پڻ پنهنجي راڄ جي اوائلي حصي ۾ ساڳيءَ طرح سان ئي محاط هو. پر سندس بادشاهيءَ جي خوشحالي ايتريقدر ته وڌي ويئي، ۽ اها اهڙي ته چڱيءَ طرح سان قائم ٿيل هئي، جو هو جلد ئي عيش و عشرت جو شڪار بنجي پيو ۽ هفتن جا هفتا پنهنجي زنانخاني ۾ گذارڻ لڳو ۽ انهيءَ عرصي جي دوران حڪومت جو ڪاروبار پنهنجي وزير جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. شهزادي جي طرز عمل ۾ آيل انهيءَ تبديليءَ واري وقت ڌاري، سندس وزير اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ هڪ نوجوان برهمڻ کي، جنهن کي حڪومت جي هڪ ادنيٰ عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو، راجا وٽ هڪ اهم معاملي متعلق حڪمن حاصل ڪرڻ لاءِ حاضري ڏيڻ جو موقعو ملي ويو. کيس انهيءَ ڪم لاءِ راجا جي حرم ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويئي، تڏهن هو ۽ راڻي هڪٻئي کي ڏسي ايتريقدر ته هڪٻئي تي اڪن ڇڪن ٿي پيا، جو ڪيترين ناڪامين بعد هو پنهنجن ناجائز تعلقات قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. راجا جي مرڻ تي، جيڪو واقعو ان کان پوءِ جلد ئي رونما ٿيو، راڻيءَ پنهنجي برهمڻ عاشق سان شادي رچائي، جنهن کي انهيءَ وچ ۾ وزيراعظم جي عهدي تي فائز ڪيو ويو هو، ۽ راڻيءَ برهمڻ سان گڏجي اهڙو انقلاب آندو، جنهن جي نتيجي ۾ هو تخت تي چڙهي ويٺو. هڪ تاريخ نويس لکي ٿو ته ”راجا ساهسيءَ جي نسل جو اختتام اجهو ائين ٿيو، جنهن سنڌ جي بادشاهيءَ تي ٻن هزر سالن کان به وڌيڪ عرصي لاءِ حڪومت ڪئي هئي ۽ انهيءَ نسل جا شهزادا ڪنهن زماني ۾ يارهن باجگذار بادشاهين کان باج وصول ڪندا هئا ۽ هنن وڏي کان وڏي بادشاهن جي ڌميڪن ۽ ڌڙڪن داٻن جي [10] پروانه ڪانه ڪئي هئي.“ +جنهن برهمڻ جي عروج جو مون مختصر طرح بيان ڪيو آهي، تنهن جو نالو چچ هو، ۽ هن جي نالي پوئتان سندس گهراڻي جي راجائن تي چچ راجائن جو نالو پيو. هن جي ڏاڍائي، سرڳواسي راجا جي عزيزن کي سخت ڪاوڙايو ۽ چتور، جيسلمير، جوڌپور وغيره جي راجائن هن کان ڦٻايل بادشاهيءَ وارا علائقا ڇڏائڻ لاءِ پاڻ ۾ هڪ وفاق ٺاهيو؛ پر چچ سندس بي انتها دولت سان ۽ عام طور مقبول هلت چلت سان هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ هنن جي گڏيل فوجن سان جيسلمير جي راجا واري سرهد وٽ مقابلو ڪيو. جيئن ئي جنگ سروع ٿي رهي هئي. ته اتحادي فوجن جي سپهه سالار چچ کي دوبدو مقابلي ڪرڻ لاءِ للڪاريو، هن اها آڇ قبول ڪئي ۽ پوءِ انهن ٻنهي فوجن جي سامهون مقابلو ڪيو، جنهن ۾ چيچ سوڀارو ٿيو ۽ اتحادي فوجون پنهنجي سپهه سار کي مئل ڏسي هڪدم ڇڙو ڇڙ ٿي ويون ۽ ڀاڄ جي دوران سنڌ جي لشڪر هٿان هزارن جي تعداد ۾ مارجي ويون. چچ کي ان کان پوءِ سندس نئين بادشاهيءَ ۾ مٿئين طرف وارن کان وري ٻيهر ڪڏهن به نه ستايو ويو. هو وڏيءَ عمر تائين جيئرو رهيو ۽ هجري سن 86 (مطابق سن 671ع) ۾ هن جي مرڻ تي سندس پٽ، ڏاهر خاموشيءَ سان تخت تي چڙهي ويٺو،پر هن جي آرام ۾ جلد ئي بغداد جي خليفي جي فوجن جي حملي سبب رخو پئجي ويو. انهيءَ صورتحال لاءِ جيڪي سبب ذميدار هئا، تن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي مذهبي جوش ۽ مجروح ٿيل وقار [11] جو ميلاپ هئا؛ انهيءَ ڳالهه کي سمجهئاڻ لاءِ مون کي هاڻي هن ڳالهه جو اضافو ڪرڻو پوي ٿو ته عربي نبيءَ (ص) جي سڏائيندڙ جانشين طرفان هر سال سنڌ ڏانهن هندو ڪنيزون خرد ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليندا هئا، جن جي، سندن حسن و خوبصورتيءَ سبب ڏاڍي قدر و قيمت هوندي هئي. انهن مان هڪ جماعت تي، برهمڻ آباد کان ووئيل [12] بندر ڏانهن ويندي رستي ۾ راجا جي فوجن حملو ڪيو ۽ جيڪو مقابلو ٿيو، تنهن ۾ سڀ ماڻهو يا ته مارجي ويا، يا قيد ڪيا ويا. اهو واقعو خليفي عبدالملڪ جي زماني ۾ رونما ٿيو، جو بنواميهجي گهراڻي مان ٽيوننمبر بادشاهه هو، ۽ اهو واقعو سنڌ کي عربن طرفان فتح ڪرڻ لاءِ ڪيل مختلف ناڪام ڪوششن جي انتقام وٺڻ جي ارادي سان عمل ۾ آندو ويو هو، ڇاڪاڻ اوائل کان ئي وٺي عمر (رضه) ۽ علي (رضه) جي زماني ۾ انهن حڪمرانن هن خوشحال ۽ شاهوڪار بادشاهيءَ ڏانهن پنهنجا خيال مرڪوز ڪيا هئا ۽ هن سمنڊ جي رستي ان ڏانهن فوجن جا دستا روانا ڪيا هئا، جن جي حملي کي عام طرح روڪيو ويو هو. +هن آخري طور ڪامياب مهم جي سرڪردگي خليفي طرفان ٻن عراقن جي گورنر حجاج بن يوسف جي حوالي ڪئي ويئي، پر جيئن ته سندس شاهي ملازمت جي تقاضائن ڪري، هن جي ايران ۾ موجودگي لازم يهئي، ان ڪري هن پنهنجي ناٺيءَ محمد بن قاسم کي خليفي جي حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ نامزد ڪيو. سنڌ جي راجا کي مشهورو ڏنو ويو ته هو مسلمانن جي اچڻ جو پنهنجي گاديءَ واري شهر الور ۾ ترسي انتظار ڪري. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هن جي رعايا بد دل ٿي پيئي، حالانڪ دشمن سندس علائقن ۾ تباهي آڻيندو اڳتي وڌندو ٿي ويو ۽ ڪاميابيءَ سان سرشار ٿي هنن سنڌو ندي پار ڪري ورتي. آخر راجا جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي پيو ۽ هو 1 ـــ رمضان المبارڪ سنه 93هه جي ڏينهن تي پنهنجي شهر مان سڀ جنگي هاٿي ۽ بهترين فوجون ساڻ ڪري، پنهنجي وڃايل علائقن کي واپس حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وڏي ڪوشش ڪرڻ جو ارادو ڪري نڪري پيو، پر اهو قدم مناسب وقت کان دير سان کنيو ويو، ڇاڪاڻ ته جيڪا جنگ [13] لڳي، تنهن ۾ هن پنهنجي بادشاهي ۽ ساڻ ئي گڏ زندگي به وڃائي ڇڏي، انهيءَ شڪست کان پوءِ سڄيءَ سنڌ جي مٿان تمام تيزيءَ سان قبضو ڪيو ويو. +مال غنيمت جو پنجون حصو مسجدن جي تعمير لاءِ خرچ ڪيو ويو ۽ باقي حصو فوجن ۽ سندن سپهه سالارن ۾ تقسيم ڪيو ويو. راجا جا ٻه پٽ، جيڪي جنگ جي ميدان مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا [14]، سڪندر واري قلعي ڏانهن ڀڄي ويا، جتي هو ان وقت تائين مقابلو ڪندا رهيا، جيسين اهو کانئن هڪ زبردست حملي ذريعي کسيو ويو ۽ ان ۾ موجود هر ساهواري کي قتل ڪيو ويو ۽ عربن جي خلاف اهو آخري مقابلو هو، جيڪو سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار بادشاهيءَ جي حيثيت ۾ ڪيو. +ماڻهن جي وڏي تعادد اهو ڏسي ته قديم طرز زندگي ختم ٿي رهي آهي، ايتري قدر جو خطبو [15] خليفي جي نالي ۾ پڙهيو پيو وڃي، ۽ انهيءَ طرح ساه هي4 ڏسي، ته جيڪي ماڻهو فاتحن آڏو ترت وڃي پيش پون ٿا، تن سان سٺو برتاءُ ڪيو پيو وڃي. حالانڪ انهن کي مسلماني مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، سڀ قبيلن جي صورت ۾ محمد بن قاسم جي طرف وڃڻ لڳا. ٻئي طرف ڪي اهڙا ماڻهو به هئا، جن ڊپ يا اسلام کان نفرت هئڻ جي سبب ڪري سندس اختياريءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تن کي بلوچستان جي جابلو علائقن ڏانهن هڪالي ڪڍيو ويو، جتي انهن پنهنجون آباديون قائم ڪيون، جيئن مون انهيءَ بادشاهيءَ جي بيان ۾ ذڪر ڪ��و آهي. محمد بن قاسم ان کان پوءِ پنهنيج فتوحات کي سنڌ جي اتر ۽ اوڀر طرف وارن علائقن ۾ توسيع ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ انصاري خاندان جي هڪ امير کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيائين، جيڪو گهراڻو انهيءَ عهدي کي ان وقت تائين ڀريندو رهيو، جيسين خلافت جون واڳون بنواميه جي قبضي کان نڪري بنوعباس جي گهراڻي جي هٿن ۾ آيون ۽ اهو واقعو سنڌ ۾ هندو اختياريءَ جي تختي اونڌي ٿيڻ کان چاليهن سالن جي مدت کان پوءِ واقع ٿيو. پهرئين نالي واري گهراڻي تي آڌار کرندڙ سڀ ماڻهو اقتدار کان محروم ڪيا ويا ۽ انهيءَ انقلاب کان پوءِ عباسي خليفن پاران سنڌ جا گورنر وقت جي حاڪمن جي مرضيءَ مطابق نامزد ٿيندا ۽ عهدي تان لهندا رهيا. ان ڪري هن صوبي جي تاريخ، ذري گهٽ ٽن صدين تائين، ڪنهن به نئين ڳالهه کان خالي آهي ۽ فقط انهن سببن جي بيان تي مشتمل آهي، جيڪي هڪ حاڪم جي هئڻ ۽ ڪنهن ٻئي نئين ماڻهوءَ لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ واسطي پهرئين جي گردن زنيءَ لاءِ ذميدار ٿيندا هئا، حالانڪ نئين ايندڙ لاڏلي جو انت پڻ گهڻو ڪري اهو ئي ٿيندو هو، جيڪو سندس پيشروءَ جو ٿي ٿيو. هن هنڌ تي هڪ ڳالهه جو اضافو ڪرڻ گهرجي ته انهيءَ دؤر ۾ صوبي جو داخلي امن اڪٿر طور، قسمت آزمائيندڙن جي ٽولين طرفان درهم برهم ٿيندو رهندو هو. جيڪي هڪ کان وڌيڪ موقعن تي ايتريقدر طاقتور هوندا هئا، جو ملڪ جي وڏي کان وڏي علائقي جو قبضو حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ وٽ ان وقت تائين قائم رکي سگهندا هئا، جيسين بغداد کان مقامي حڪومت جي مدد لاءِ مضبوط فوجي ڪمڪ نه موڪلي ويندي هئي. +پنجين صدي هجريءَ جي اوائلي حصي م، خليفي القادر با الله سنڌ ۽ ان جي آسپاس وارن ملڪن کان سندس سلطنت جي گهٽ ڏورانهن علائقن جي دفاع لاءِ پنهنجو فوجون واپس گهرائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، جن تي محمود غزنويءَ جي فوجن حملو ڪيو هو، ان کان پوءِ ڪجهه سالن تائين اهو صوبو، جنهن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، هن سبب ڪري بردست افراتفريءَ ۽ طوائف الملوڪيءَ جو آماجگاهه رهيو، جو بيشمار قبيلن طرفان سڄي صوبي لاءِ هڪ سربراهه نامزد ڪرڻ جي سندن حق بابت دعويٰ ڪئي ٿي ويئي. آخرڪار اها چٽاڀيٽي محمود غزنويءَ جي فوجن جي اچڻ سان اثرائتي نموني سان دٻجي سگهي، جن تمام جلد سڀني دعويدارن کي دٻائي ڇڏيو ۽ سندن تڪرار واري علائقي کي غزنوي سلطنت جي هڪ باجگذار صوبي طور پنهنجن علائقن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. محمود جي پٽ، مسعود جي بادشاهيءَ تائين درٻار طرفان هن صوبي ڏانهن باقاعدگيءَ سان حاڪم موڪليا ويا، نيٺ سومرن نالي هڪ تمام وڏو قبيلو هٿياربند ٿي موقعي تي اچي پهتو ۽ هنن بادشاهه جي سڀني ملازمن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيو. پر جيئن ته انهن جي سردار، جنهن جو نالو سنگهار هو، انهيءَ گستاخيءَ لاءِ هڪدم معافي ورتي ۽ اوتري ئي رقم ساليانه ڏَنڊ طور ڀري ڏيڻ قبول ڪئي، جيڪا اڳ ۾ وصول ڪئي ويندي هئي، ان ڪري هن کي معاف ڪيو ويو ۽ انهيءَ گورنر جي جاءِ تي، جنهن کي هن معزول ڪيو هو، کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. +انهيءَ انتطام طئي ٿيڻ کان پوءِ هڪ سؤ پنجاهه سالن تائين ڏَن جي رقم ڏاڍي باقاعدگيءَ سان ڀري ويندي هئي، جڏهن غزنوي سلطنت جو غوري گهراڻي اچي تختو اونڌو ڪيو، جنهن تي سومرن، جن جي گهراڻي ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ کي آهستي آهستي مورثي بنجڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي، پنهنجي لاءِ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ۽ جيتوڻيڪ هنن کي اعلان کان پوءِ ٿيندڙ جنگين ۾ بار بار هارائڻو پوندو هو، ان هوندي به هنن ان وقت تائين، جڏهن سندن نسل ختم ٿي ويو يا دودي جي شخصيت ۾ سندن شهزادن جو وجود هجري 694 ۾ هن جي انتقال سان گڏ ختم ٿي پئي ويو، پر هنن پنهنجي آزاديءَ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان برقرار رکيو. دودي جي وفات انهيءَ وقت کان اٽڪل ٽي سؤ ۽ پنجٽيهه سال پوءِ ٿي، جڏهن سندس ابن ـــ ڏاڏن سڀ کان پهريائين پاڻ کي مشهور ۽ نمايان ڪيو هو [16]. دودي جي انتقال ٿيڻ بعد، خالي پيل حڪومت جا بيشمار دعويدار پيدا ٿيا، ۽ ذري گهٽ سڄيءَ صديءَ تائين هن سوال کي طئي ڪرڻ لاءِ مستقل جدوجهد لڳي رهي ته ان جو وارث ڪير بنجي. اهڙن دعويدارن مان ٻن ڀائرن، کيرامل ۽ ارڪومل هڪٻئي جي پٺيان ڪجهه وقت تائين حڪومت کي سنڀاليو، پر انهن مان پوئين ڀاءُ جو ظلم ۽ ڏاڍ نيٺ ناقابل برداشت حد کان وڃي پهتو ۽ سما قبيلي جو سردار ملڪ جي وزيرن سان گڏجي هن جي محل ۾ داخل ٿيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو. سڄي آباديءَ هڪ ئي آواز سان ان کي پنهنجو سردار ڪري چونڊيو، جنهن هنن کي سومرن جي ”بادشاهي“ جهڙي عذاب کان نجات ڏياري هئي. هن کي ”ڄام“، يعني سردار جي لقب سان تخت تي ويهاريو ويو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي لاءِ اهو لقب هن ڪري اختيار ڪيو، جو سندس دعويٰ هئي ته سندس خاندان ايران واري مشهور بادشاهه جمشيد جي نسل مان هو. +هن پنهنجو راڄ ۽ بهرامپور جي قلعن تي قبضي ڪرڻ سان شروع ڪيو، جيڪي ان وقت غوري شهنشاهه جي ٻن سپهه سالارن جي قبضي ۾ هئا. انهن مان پهرئين نالي واري قلعي تي قبضو ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. البت ٻئي تي حملي ڪرڻ وقت هو زندگي وڃائي ويٺو. اهو حادثو سندس تخت تي اچڻ کان ساڍا ٽي سال پوءِ وقوع ۾ آيو. هن جو وڏي ۾ وڏو پٽ، ڄام جونا کانئس پوءِ تخت تي ويٺو، ۽ هن نه فقط پنهنجي والد جي ارادن کي عملي جامو پهرايو، پر ان کان علاوه هن بکر ۽ اوچ وارن قلعن تي پڻ قبضو ڄمايو. هن جي صحت، بهرحال ايتريقدر ته نازڪ حالت ۾ هئي، جو هو هميشه جنگ جي ميدان ۾ نه رهي سگهندو هو، جنهن ڪري هن جون فوجون سندس غيرموجودگيءَ سبب اڪثر بد دل ٿي پونديون هيون. هن سورهن سالن تائين حڪومت ڪرڻ کان پوءِ مرڻ کان اڳ ۾، پنهنجي زبردست محنت ۽ مشقت سان حاصل ڪيل فتوحات جا سڀ ڦل کسجندي ۽ سندس علائقا وري انهن سرحدن اندر محمود ٿيندي ڏٺا، جيڪي سندس پيءَ جي ڏانهن ۾ هئا. +هن جي انتقال تي هڪ خلاف پيدا ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته تخت جي جائز وارث کي سندس والد جي زندگيءَ جي دوران ۾، جوٽيل هڪ جنگ ۾، قيدي بنائي دهليءَ پهچايو ويو هو، جتي هن هندستان جي شهنشاهه جي بالادستيءَ کان علي الاعلان تسليم ڪيو هو، جنهن جي پاران هن پنهنجي بادشاهي باجگذاريءَ جي حالت ۾ رکڻ قبول ڪئي هئي. پر جڏهن قبيلي جي ٻين سردارن کي انهن شرطن کان آگاهه ڪيو ويو، جن هن کي آزاد ڪرڻ منظور ڪيو هو، تڏهن انهن هن کي رسمي طور معزول ڪري سندس ٻئي نمبر ڀاءُ کي مسند تي ويهاريو. اهو سردار جنهن جو نالو ڄام بابينو هو، گهڻي وقت تائين لامحدود خودمختاريءَ جو مزو نه ماڻي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو فيروز شاهه ٽئين جي فوجن کي ٻه دفعا شڪست ڏيئي پٺتي هٽائڻ کان پوءِ نيٺ ٽيون ڀيرو هجري سن 779 (مطابق سن 1364ع) ۾ آڻ مڃڻ لاءِ مجبور ٿيو، جنهن کان پوءِ هن کي دهليءَ پهچايو ويو؛ جتي هن پنهنجي چال چلت ۾ اهڙين ته وڻندڙ ۽ شاهاڻين خوبين جو مظاهرو ڪيو، جو شهنشاهه سن 781هه ۾ هن کي شاهاڻي [17] ڇٽَ ۽ خلعت سان نوازي، کيس واپس سنڌ ڏانهن پنهنجي وائيسراءِ جي حيثيت ۾ روانو ڪيو ۽ ان کان کيس اهي ساڳيا شرط مڃڻا پيا، جيڪي هن جي ڀاءُ ڪجهه سال اڳي قبول ڪرڻ منظور ڪيا هئا. هن جو هڪ خودمختار شهزادي جي حيثيت ۾ راڄ چئن سالن جي عرصي تي مشتمل هو ۽ هن دهليءَ کان واپس اچڻ واريءَ تاريخ کان وٺي شهشاهه جي وائيسراءِ جي حيثيت ۾ پندرهن سال حڪومت هلائي. +سنڌ جي تاريخ انهيءَ دؤر کان وٺي، جتي اسان هاڻي اچي پهتا آهيون، هندستان جي تاريخ سان ايتريقدر ته تاڃي ۽ پيٽي وانگر مليل آهي، جو ان کان هڪ الڳ ڪتاب جي صورت ۾ جدا ڪرڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿيندو. در حقيقت اهو موضوع اهڙو ته غير دلچسپ ٿيندو، جو جيڪڏهن آءٌ ان تي قلم کڻڻ جي ڪوشش به کڻي ڪندس تڏهن به مون توڙي پڙهندڙن کي ان مان ڪو لطف ڪونه ايندو. چنانچه آءٌ فقط ايتروچوڻ ڪافي ٿو سمجهان ته سما خاندان جا ڄام هندستان جي شهشاهن جا موروثي نمائندا بنجي ويا ۽ ان گهراڻي جا ٻارهن شهزادا هجري سن 926 (سن 1511ع) تائين، انهيءَ عهدي کي هڪ اڻ کٽ سلسلي جي صورت ۾ ان وقت تائين پُر ڪندا رهيا، جيستائين انهيءَ ساڳئي انقلاب سندن مڪمل تنزل آندو، جنهن بابر کي هندستان ۾ دهليءَ جي تخت تي آندو. سنڌ ۾ انهيءَ سڄي عرصي جي دوران، جنهن جو مون بيان ڪيو آهي، قائم رهندڙ حڪومت جي نوعيت لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اها لامحدود اختيار سان شهنشاهن جي نمائنده حڪومت هئي. ائين پيو معلوم ٿئي ته ڄامن طرفان سندن علائقن کي وسيع ڪرڻ لاءِ آسپاس وارن اهڙن سردارن ۽ راجائن جي علائقن تي، جيڪي انهن جي بالاحاڪم جي رعيت ۾ شامل نه هوندا هئا، انهن تي حملن ڪرڻ جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکيو، ۽ ان مان خوب ڪم ورتو ويو. انهن مان هڪ يا ٻن کي، جيڪي دهلي ويا، شاهي رتبي ۽ اختيار جي مختلف علامتن ۽ ظاهري نشانن سان هلڻ جي اجازت ڏني ويئي؛ ۽ جيڪڏهن هن گهراڻي جو هرهڪ موروثي شهزادي کي سندس نمائندگيءَ واري عهدي تي فائز ٿيڻ جي موقعي تي تصديق خاطر وقت جي شهنشاهه طرفان خلعت نه عطا ڪئي وڃي ها، ۽ جيڪڏهن اهي سڀ شاهي دربار ڏانهن ڪڏهن ڪڏهن وڏيون پيشڪشون[18] نه موڪليندا رهن ها، ته سڌ لاءِ هڪ گاجگذار صوبي جا لفظ استعمال ڪرڻ کي غلط سمجهيو وڃي ها[19]. +سن 923 هه (1508ع) ۾ بابر قنڌار ۾ آيو ۽ اتان جي شهزادي شاهه بيگ ارغون پاڻ کي ان طرح سندس آبائي ورثي [20] کان محروم ٿيندو ڏسي، وڏي فوج تيار ڪئي ۽ سيوستان، ڪڇڏ گنڊاوا ۽ سنڌ فتح ڪري ورتي. پهريائين هن ڄام فيروز کي سندس انهيءَ پوئين نالي واري صوبي ۾ جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ۽ هن پنهنجي رهائشگاهه سيويءَ ۾ مقرر ڪئي، جيڪو شهر پهريئن نالي واري صوبي جو گاديءَ جو هنڌ هو؛ پر بعد ۾ اهو معلوم ڪري ته هو سندس اختيارءَ جي خلاف سازباز ڪري رهيو هو، هن عبدالعلي خان ترخان کي ڄام فيروز جي جاءِ تي گورنر مقرر ڪري موڪليو، جنهن تي ڄام فيروز گجرات ڏانهن ڀڄي ويو، جتي هو دلشڪسته ٿي گذاري ويو. بابر جي طاقتور ۽ ناقابل تسخير فوجي طاقت جلد ئي شاهه بيگ کي سندس نون حاصل ڪيل علائقن جي انتهائي ڏاکڻين حصي ڏانهن فرار ٿي پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو. پر جيئن ته هن اعليٰ خيالن ۽ وڏي جرات وارو شهزادو هو، ان ڪري سندس دل انهيءَ تباهيءَ جي خيال کي برداشت نه ڪري سگهي، جيڪا هن کي برداشت ڪرڻي پيئي هئي ۽ هن بکر ۽ ٺٽي جي وچ تي هڪ ٻيڙيءَ ۾ آپگهات ڪيو، جنهن ۾ چڙهي هو مغل فوجن کان فرار ٿي رهيو هو، جن کيس تازو ئي بکر جو قلعو خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. هن جي هڪ ئي پٽ، شاهه حسن بيگ، جنهن کي قدرت سندس والد جي سڀني شاهاڻين خوبين سان نوازيو هو، پنهنجي مقدر کي انهيءَ حد تائين سنواري وڌو، جو هن وري ٻيهر بکر تي قبضو ڪيو ۽ ملتان جي خوشحال شهر ۾ ڦرلٽ پڻ ڪئي؛ پر هن جي سڀني اميدن تي ان وقت پاڻي ڦري ويو، جڏهن مرزا عيسيٰ خان طرفان، جيڪو عبدالعلي ترخان جو وڏي کان وڏو پٽ هو، جنهن کي پڙهندڙن کي ياد هوندو ته شاهه بيگ جي زماني ۾ گورنر مقرر ڪيو ويو هو، تنهن ٺٽي ۽ ان جي ماتحت علائقي تي قبضو ڪيو. نوجوان باغيءَ شهزادي کي سزا ڏيڻ لاءِ هڪدم پويان پير ڪيا، پر هن کي تمام ڊگهين ڳالهين کان پوءِ، سيوهڻ کان هيٺ ولاقع سنڌ جو سڄو علائقو جدا ڪرڻ لاءِ زوريءَ مجبور ڪيو ويو، جو ان کان وٺي ترخدان گهراڻي جي سردارن کي هڪ باجگذار علائقي جي حيثيت ۾ هلائڻ۾ لاءِ ڏنو ويو. پر هو سندس علائقن جي انهيءَ تقسيم کان پوءِ گهڻو وقت جيئرو رهي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ساڳئيءَ سال جي آخر ڌاري هن جو بکر جي قلعي ۾ موت واقع ٿيو، جنهن جي دوران اهو تعمير ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ سندس باقي علائقن تي سندس لشڪر جي مختلف سردارن قبضو ڪيو؛ جيتوڻيڪج اهي علائقا سنڌ جي موجوده سرحدن اندر واقع هئا، ان جي باوجود انهن جي متعلق ڪنهن به بحث مباحثي ۾ پوڻ بلڪل بي فائدو ٿيندو. +جنهن زماني ۾ سنڌ اندر اهي واقعا رونما ٿي رهيا هئا، جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ دؤر ۾ هندستان جي سلطنت هڪ پٺاڻ جي قبضي مان نڪري موجوده مغل گهراڻي جي هٿن ۾ اچي ويئي هئي ۽ بابر جو وارث همايون ان وقت ايران ۾ جلاوطنيءَ جو زمانو گذاري پنهنجي واپسيءَ بعد دهليءَ جي تخت تي ويٺل هو. جڏهن مرزا عيسيٰ سڀ کان اول پنهنجي لاءِ ٺٽي جي سرڪار (حڪومت) جي نواب جو ططاب اختيار ڪيو ۽ سما گهراڻي جي آخري بادشاهه کان پوءِ، هن جا جيڪي به ابا ڏاڏا سنڌ جا حاڪم ٿي گذريا هئا، تن وانگر هن پڻ انهيءَ[21] بادشاهه جي وفاداريءَ جو طوق گردن مان لاهي ڇڏيو. هندستان جي مخصوص حالات جي تحت ان وقت شهنشاهه پنهنجو توجهه سنڌ جهڙي ڏورانهين علائقي ڏانهن نٿي ڪري سگهيو، جنهنڪري مرزا عيسيٰ خان مرڻ وقت پنهنجا سڀ علائقا مغل سلطنت جي اثر کان بلڪل آجا ۽ آزاد ڪري پنهنجن پٽن کي ورثي ۾ ڏيئي ويو، جن مان سڀني کان وڏي پٽ کي هڪ خطرناڪ چريي هئڻ ڪري، ماڻهن جي اتفاق راءِ سان تخت تان هٽايو ويو ۽ هن جي ٻئي پٽ مرزا محمد باقي کي نواب بنايو ويو. جلدئي هن پڻ چريائيءَ جا اهي ساڳيا آثار ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هن سن 993هه (مطابق 1878ع) پاڻ کي ٺٽي جي جامع مسجد اندر بيهي خنجر هڻي آپگهات ڪيو. انهيءَ واقعي کان پوءِ هن جي پٽ مرزا جاني بيگ حڪومت جون واڳون سنڀاليون. ٽن سالن کان پوءِ مشهور مغل شهنشاهه اڪبر جي فوجن سڄي سنڌ فتح ڪري پنهنجي ماتحت آندي، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ڪنهن به حڪمران وري ڪڏهن به پنهنجي خودمختاريءَ جي اعلان ڪرڻ جي همت نه ڪئي آهي، جيتوڻيڪ انهن ڪيئي ڀيرا انهيءَ ڏن واري رقم ڏيڻ کان ڪترايو آهي، جيڪا ان وقت مقرر ڪئي ويئي هئي ۽ ساڳيءَ طرح اهي بار بار پنهنجي بالاحڪمران جي خلاف هٿيار کڻي مقابلي ۾ آيا آهن. +سن 1014هه (مطابق 1599ع) ۾ جهانگير پنهنجي پيءُ اڪبر کان پوءِ هندستان جو شهنشاهه بنيو ۽ هُن، ۽ کانئس پوءِ ايندڙ ٻن شهنشاهن يعني شاجهان ۽ عالمگير (جيڪو عام طرح اورنگزيب جي لقب سان مشهور آهي)، جي حڪومتن جي سڄي عرصي دوران سنڌ جي شهزادن کي انتهائي محڪوم حالت ۾ رکيو، جيتوڻيڪ آخري شهنشاهه جي انتقال بعد، هندستان جي انتشار واريءَ حالت مان هنن همت ڪري ڏن جي رقم جي ادائگي بند ڪري ڇڏي. سنڌ جي آباديءَ ۾ انهيءَ دؤر ۾، جنهن جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، وڏي تبديلي اچي چڪي هئي، جو انهيءَ صوبي جي پگهاردار سپاهين جي حيثيت ۾ وڏا بلوچي قبيلن جا قبيلا آندا ۽ آباد ڪيا ويا هئا. ترخان گهراڻي جي بادشاهيءَ جي جاءِ تي گهڻو زمانو اڳي هڪ ٻئي قبيلي جي بادشاهي قائم ٿي ويئي هئي، جنهن کي ڪلهوڙا چيو وڃي ٿو ۽ جيڪي اصل ۾ ايران کان آيل هئا، پر مون اتان جي بادشاهيءَ ۾ آيل انهيءَ تبديليءَ جي تاريخ ۽ سبب بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي جيڪا به ڪوشش ڪئي آهي، سا هن وقت تائين ناڪمياب ٿي آهي. ايرانين، انهيءَ وقفي ۾ قنڌار تي قبضو ڄمايو هو ۽ ممڪن آهي ته ڪلهوڙا ايراني فوج جو ڪو قسمت آزمائيندڙ قبيلو هجي، جنهن سنڌ جي وارد ٿي اتان جو اعليٰ ترين اقتدار ڦٻائي ورتو ۽ هنن ساڳئي وقت تي هندستانف جي شهنشاهن جي تابعداري پن قبول ڪئي، جيڪي انهن گورنرن جي دعوائن جي منصفانه هئن يا نه هئڻ بابت، جن کي دربار طرفان مقرر نه ڪيو ويندو هو، هميشه کان وٺي بي نياز رهندا هئا، بشرطيڪ سالياني ڏن جي رقم کين دستوري باقاعدگيءَ[22] سان ملندي رهي. +جيڪڏهن آءُ نادر شاهه طرفان هندستان تي ڪيل حملي جو هن هنڌ بيان ڪندس ته ان طرح آءُ انهن ڳالهين کي دوباره بيان ڪندس، جيڪي مون پنهنجي مقصد لاءِ هن کان اڳي ئي ڪافي وضاحت سان سمجهائي ڇڏيون[23] آهن. هندستان جي تاريخ ۾ اهو عظيم واقعو سنه 1739ع ۾ رونما ٿيو ۽ ان جي مختلف نتيجن مان هڪ وڏو نتيجو، سنڌ ۽ سنڌونديءَ جي الهندي ڪناري وارن سڀني علائقن جو هندستان کان عليحده ٿي، ايران جي تاج سان منسلڪ ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو. نادر دهليءَ کان واپس وطن سورڻ تي ٺٽي آيو، جتي زباني بيانن موجب، هن جو نهايت شاندار استقبال ڪيو ويو[24]، هن اتان جي گورنر کي سندس عهدي تان نه هٽايو. انهيءَ فاتح جو قتل سنه 1747ع ۾ ڪيو ويو ۽ هن جي وسيع سلطنت جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جي نتيجي طور، جيڪا هن پنهنجي زندگيءَ ۾ قائم ڪئي هئي، ڪابل جي بادشاهيءَ جو بنياد پيو، جنهن جو سنڌ هن وقت هڪ باجگذار صوبو آهي. ائين پيو نظر اچي ته اتان جي نوابن، بهرحال، انهيءَ نئين گهراڻي جي بادشاهن جي اقتدار کي هڪدم تسليم ڪونه ڪيو، پر هنن وري به هندستان جي شهنشاهن ڏانهن تابعداري جو مظاهرو ڪيو، جيئن ته سنه 1756ع ۾ اسان ڏسون ٿا ته ان وقت جي هندستان جي شهنشاهه عالمگير ثانيءَ طرفان پنجاب ۽ سنڌ جي صوبن جون حڪومتون، احمد شاهه درانيءَ جي پٽ شهزادي تيمور شاهه کي سندس هڪ شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ تي ڏاج ۾ ڏنيون وييون. عين انهيءَ دؤر ۾ مرهٽا سڄي هندستان ۾ ڦهلجي چڪا هئا ۽ سنه 1757ع ۾ هنن تيمور شاهه کي اٽڪ نديءَ جي ٻئي پار هڪالي ڪڍيو، ۽ افغانن کي ايتريقدر ته ڪمن ڪارين ۾ رڌل رکيو، جو هنن لاءِ سنڌين جي سرگرمين ۾ مداخلت ڪرڻ ناقابل عمل ٿي پيو، جن انهيءَ گڙٻڙ مان وڏي خوشيءَ سان فائدو وٺي، شاهي خزاني ڏانهن پنهنجو ڏن رواني ڪرڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ صورتحال، هنن کي انهيءَ بوجي کان گهڻي وقت تائين آجو نه رکيو، ڇاڪاڻ ته هو پاڻيپٽ[25] جي جنگ کان پوءِ، انهيءَ معاملي ۾ پنهنجي طرفان ڪيل ڪوتاهيءَ جي عيوضي ۾ بقايا رقم جو ڪافي وڏو حصو خوشيءَ سان ڀري ڏيڻ جي شرط تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا. ان کان سواءِ، هنن احمد شاهه کي ايرانين جي خلاف جنگ جاري رکي سگهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ، جيڪي ان وقت خراسان تي حملو ڪري رهيا هئا، ٻن سالن جي ڏن جي رقم اڳواٽ پڻ ڀري ڏني. +احمد شاهه سنه 1771ع ۾ گذاري ويو ۽ ان کان پوءِ تيمور شاهه ڪابل جي تخت نشين ٿيو. سنه 1779ع جي جون مهيني ۾، بلوچي نسل جي هڪ قبيلي، جنهن کي ٽالپر سڏيو وڃي ٿو، موجوده اميرن ۽ سندن وڏي ڀاءُ جي سرڪردگيءَ ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا نواب جي اقتدار خلاف بغاوت ڪئي، ۽ سندس ڪن سون ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد هن کي قنڌار طرف ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو. تيمور شاهه، فرار ٿيل نواب کي سندس حق واپس وٺي ڏيڻ لاءِ، مدد خان جي زير قيادت فورن هڪ فوج موڪلي ڏني، جيڪو مقصد ڪنهن به ڌڪ هڻڻ کان سواءِ ئي حاصل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته جنهن دم شاهي فوجون سنڌ صوبي اندر داخل ٿيون، تنهن گهڙيءَ ٽالپرن ڀڄي وڃي ريگستان ۾ پناهه ورتي؛ پر هنن وري موٽي اچڻ ۾ ڪابه دير ڪانه ڪئي ۽ ڪلهوڙي شهزادي کي ٻيو ڀيرو بنان ڪنهن مقابلي جي، وري تخت تان لاٿو ويو. ماڻهن اهو ڏسي ته هن جي دشمن جي، قسمت يا وري ڪري رهي آهي، کيس سندس قسمت تي ڇڏي ڏنو. سنه 1786ع ۾، ڪابل کان هڪ ٻيو لشڪر سنڌ ۾ پيدا ٿيل اختلافن ۽ تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ آيو. پر هن ڀيري ٽالپر سردارن ملڪ جي حڪومت ۽ آمدنيءَ تي پورو قبضو ڪيو، ڪجهه وقت پرامن طور گذري چڪو هو، جنهنڪري هو انهيءَ رقم سان افغانن جي لشڪر کان وڌيڪ تعداد ۾ هڪ وڏي فوج جمع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا؛ جنهن جي نتيجي ۾ هنن افغان فوج کي شڪارپور شهر کان اٽڪل ويهه ڪوهه ڏکڻ _ الهندي، واقع جيئند نالي هڪ ڳوٺ وٽ پوري طرح شڪست ڏني، ۽ هارايل فوج شڪارپور شهر ڏانه ڀڄي ويئي. ان کان پوءِ ٺاهه جون ڳالهيون شروع ڪيون ويون ۽ جيئن ته ٽالپرن، نه فقط ڏن جي بقايا رقمن ڀري ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي، پر ان سان گڏ هنن آئيندي لاءِ اها رقم انتهائي باقاعدگيءَ سان پيش ڪرڻ جو وعدو پڻ ڪيو، انڪري هنن ۽ بادشاهه جي درميان اهو معاملو باهمي رضامنديءَ سان هن طرح طئي ڪيو ويو جو بادشاهه جي طرفان هڪ فرمان جاري ڪري ٽالپر ڀائرن مان سڀني کان وڏي، مير فتح علي کي سنڌ جو امير مقرر ڪيو ۽ انهي وقت کان وٺي سنڌ جي سڄي رعيت کي ڪلهوڙا خاندان لاءِ وفاداري ۽ تابعداريءَ کان آزاد قرار ڏنو ويو، جن جو هن وقت فقط هڪ سردار باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو گجرات ڏانهن ڀڄي ويو آهي، جتي هو گذريل چند سالن جي دوران اتان جي مقامي شهزادن منجهان هڪ وٽ، قسمت آزمائيندڙ سپاهيءَ طور رهيو پيو آهي. انهيءَ انتظام کان ٽن سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصي گذرڻ کان پوءِ ٽالپر اميرن طرفان ڏن ۾، هڪ رپيي موڪلڻ کان به سختيءَ سان انڪار ڪيو ويو ۽ انهيءَ وقت تيمور شاهه هنن کي تابعداري تي مجبور ڪرڻ واسطي پنهنجون فوجون انهن طرف موڪلي نه سگهيو. سندس پُٽ زمان شاهه، جيڪو هن کان پوءِ سن 1793ع ۾ تخت تي ويٺو، تنهن هڪ سال کان پوءِ هنن جي سرحدن طرف پيشقدمي شروع ڪئي، پر جيئن ته هو ڊگهي جنگ ڇيڙي وقت ضايع ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، انڪري هو ٽالپر اميرن کان چوويهه لک رپيا[26] وٺڻ تي راضي ٿيو، جا رقم انهيءَ رقم جو چوٿون حصو به نه هئي، جيڪا هنن جي طرفان واجب الادا ٿيڻي هئي ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويو. انهيءَ عير دانشمندانه ٺاهه سنڌين جون پنهنجي اهميت ۽ طاقت ڏانهن اکيون کولي وڌيون ۽ ان کان پوءِ هنن وري ڪڏهن به ڏن جي رقم کي هڪ نالي ماتر رسم کان سواءِ وڌيڪ ڪونه ڪوٺيو آهي؛ جيتوڻيڪ سن 1805ع ۾ جڏهن شاهه شجاع الملڪ انهيءَ رسم تي عمل ڪرائڻ لاءِ پيشقدمي ڪئي، تڏهن ٽالپرن طرفان ولي محمد خان کي نامزد ڪيو ويو ته هو ان سان سندن علائقي جي آخري سرحد وٽ وڃي ملي ۽ هن جي خطابت ۾ ايترو زور هو، جو هو بادشاهه کي سندس هڪ وزير فتح خان جي زوردار مشوري جي برعڪس، ايڪهتر لک رپين[27] جي بدران، جيڪا رقم ان وقت تائين اڻ _ پيئاريل بقايا هئي، ستاويهن لک رپين جي رقم وٺي واپس وڃڻ لاءِ آماده ڪري سگهيو. +تيمور شاهه طرفان، سنڌ جي اعليٰ اقتدار تي مير فتح علي جي نامزد ٿيڻ تي، انهيءَ سردار ملڪ جا وڏا وڏا ڀاڱا پنهجنجي خقاندان جي انهن مختلف شاخن جي حوالي ڪري ڇڏيا، جن کيس انهيءَ ملڪ جي حڪومت کي ڦٻائڻ ۾ مدد ڪئي هئي. انهن مان مير سهراب ۽ مير ٺاري کي سڀني کان وڏا حصا مليا؛ ۽ جيئن ته کين سندن علائقن ۾ مڪمل ڪنهن ٺاهه ۾ نه جڪڙيو ويو، ان��ري انهن کي هاڻي حقيقت ۾ خود مختار ئي سمجهي سگهجي ٿو. اول الذڪر جو علائقو سنڌ جي اتر _ اڀرندي حصي ۾ واقع آهي ۽ اهو بهاول خان جي علائقي جي ڏاکڻين سرحد کان وٺي شروع ٿي خيرپور جي شهر تائين وڃي ٿو، جيڪو هن جي گاديءَ جو هنڌ آهي؛ هن جي سالياني آمدني ست لک رپيا آهي ۽ هو چئن ۽ پنجن هزارن جي وچ ۾ فوج رکي سگهي ٿو. مير ٺاري جا ضلعا ڏاکڻين طرف مير سهراب جي ضلعن سان ملن ٿا؛ـ هن جي سالياني آمدني چئن لکن رپين کان مٿڀري آهي ۽ هن جي مستقل فوج جو تعداد چار هزار آهي. +مير فتح علي جي انتقال بعد سندس ٽن ڀائرن طرفان خاندان پنهنجي شاخ جي آمدني چئن ڀاڱن ۾ ورهائي، جن مان ٻه ڀاڱا مير غلام عليءَ ڏانهن وڏي امير جي حيثيت ۾ ويا ۽ باقي ٻن ڀاڱن مان، هڪ هڪ ڀاڱو باقي ٻن ننڍن ڀائرن منجهان هر هڪ کي ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح سان ان وقت جيڪا رقم تقسيم ڪئي ويئي، سا چوٽيهه لک ۽ تيرهنن هزار رپيا هئي، پر انهيءَ وقت کان وٺي هاڻي اها ڪافي حد تائين وڌي ويئي آهي. مير غلام عليءَ کي جيڪو اضافي الائونس ڏنو وڃي ٿو، تنهن جي عيوضي ۾ هو ملڪ جي مستقل شهري ۽ فوجي اخراجات ڪرڻ لاءِ ٻڌل هو، جيڪي تمام ٿورا آهن ۽ انهن کان علاوه ڪابل جي بادشاهه طرفان جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڏن جي رقم ڀري ڏيڻ تي زاور ڏنو ويندو ته ان صورت ۾ هن کي ٻن حصن جيتري رقم ڀرڻي پوندي. +انهيءَ ساڳئي وقت تي جڏهن ٽنهي ڀائرن جي اتگفاق راءِ سان اهي قاعدا مرتب ٿي رهيا هئا، تڏهن هنن صوبي تي گڏجي حڪومت ڪرڻ جو هڪ انتهائي حيرت انگيز معاهدو طئي ڪيو. سنڌ جي اميرن يا حڪمرانن جي خطاب تحت، ۽ مير غلام علي[28] جي وفات تي، جيڪو انهن ٽنهي ڀائرن کان وڏو هو، جيڪي انهيءَ موقعي تي مسند تي هئا، جڏهن اسان جو وفد درٻار ۾ حاضر ٿيو هو، سندس سڀني کان وڏو پٽ، انهيءَ ٽه _ مورتيءَ ۾ سڀني کان هيٺيئن جاءِ تي ويهندو هو ۽ سندس ٻه ڀائر هڪ ڏاڪو مٿي چڙهي ويهندا هئا. هن ڳالهه جو اندازوپ ڪرڻ ناممڪن آهي ته اهو عجيب و غريب طريقو ڪيترو وقت محفوظ رهي سگهندو. هن وقت اهو ڏاڍي مضبوطيءَ سان قائم ٿيل نظر اچي ٿو، پر ان جو بنياد هر اهڙي خيال جي عين مخالفت ۾ آهي، جنهن جي تشڪيل اسان کي ايشيائي حڪومتن جي ايامن جي تجربي سيکاري آهي، جو اسان هن اندازي لڳائڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اهو گهڻي وقت تائين نه هلي سگهندو؛ ۽ هر انساني امڪان ۾، ان جو اختتام گهڻو ڪري انهن مان هڪ فرد جي رٿائن ذريعي ٿيندو، جنهن جي دل ۾ پنهنجي اقتدار واسطي ٻين ڀائيوارن جي بيوقوفيءَ سببان ملڪ ۾ غير مشروط اقتدار کي ڦٻائڻ جي لالچ پيدا ٿي سگهي ٿي. +چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي آمدنيءَ جي ڪل رقم، جنهن ۾ حڪمران گهراڻي جي پاسي اوسي وارين سڀني شاخن جي آمدني پڻ شامل آهي. ايڪهٺ لک رپيا سالياني آهي ۽ جيڪڏهن اها درست آهي ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ان ۾ سن 1809ع جي ڀيٽ ۾ ارڙهن لکن رپين جو اضافو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي ان وقت صافي آمدني ٻائيتاليهه لک اٺهتر هزار رپيا چئي وڃي ٿي[29]. ڪابل ڏانهن جيڪو ساليانو ڏن موڪليو وڃي ٿو، سو تيرهن لک رپيا آهي، جڏهن کان وٺي ان بابت ٺاهه ٿيو هو، تڏهن کان جيڪا رقم سچ پچ موڪلي وڇي ٿي، سان انهيءَ رقم کان سراسري طور ان جي ڇهين حصي جيتري به ڪانهي. اميرن کي وڏن خزانن جمع ڪرڻ سان گڏوگڏ، سنڌ ۾ غير معمولي ڊگهي عرصي کان وٺي ڪنهن به وڏي داخلي نوعيت جي افراتفريءَ جي بند ٿي وڃڻ، گذريل ڪجهه عرصي کان ايڏو طاقتور بنايو آهي، جو انهن مير سهراب جي انتقال جو فائدو وٺي سندس وسيع علائقن کي پنهنجي رقبي سان ملائي ڇڏيو آهي، ۽ ان طرح هن جي ٻارن ک�� مڪمل طور تباهه ڪري رکيو آهي، جن ڪابل جي بادشاهه محمود شاهه وٽ وڃي پناهه ورتي آهي[30]. سن 1813ع جي پوئين حصي ۾ هنن عمرڪوٽ[31] جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي فوج پڻ رواني ڪئي، جنهن تي گذريل ڪجهه نسلن کان وٺي جوڌپور جي راجائن جو قبضو رهندو آيو هو. انهيءَ مهم ۾ هو مڪمل طور ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن غاصبن جا وسيلا ۽ سندن همت ايتريقدر وڌي ويئي آهي، جو انهن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سندن علائقن جي ڏکڻ – اوڀر ۾، واقع ڪڇ ڀوڄ جي ملڪ تي حملي ڪرڻ جون تياريون به ڪيون آهن، جنهن ۾ هو هن کان اڳي ڪامياب ٿي وڃن ها، جيڪڏهن هندستان جي انگريزي حڪومت کين پنهنجي هن مضبوط ارادي کان واقف نه ڪري ها ته جيڪڏهن هنن انهيءَ بادشاهيءَ تي ڪنهن به حملي ڪرڻ جي همت ڪئي ته ان جو سختيءَ سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ اهو مقابلو انهيءَ شدت سان ڪيو ويندو، جهڙوڪ هنن جي طرفان آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ يا ان جي اتحادين جي ڪنهن به علائقي تي ٿيندڙ حملي جي جواب ۾ ڪيو ويندو آهي. جڏهن اسان جو وفد 1809ع ۾ حيدرآباد کان روانو ٿيو ته اعليٰ ترين حڪومت جي پاران اتي هڪ مقامي نمائندي کي پٺيان ڇڏيو ويو ۽ هو اڃا به اتي رهيل آهي. انهيءَ ملڪ هاڻي انهن رياستن جي درميان انتهائي اهم مقام حاصل ڪيو آهي، جيڪي گجرات صوبي جي سرحدن لڳو لڳ آهن ۽ جيئن ته اتان جا حڪمران انهيءَ سرحد پار ڪرڻ کان، جيڪا قدرت سندن علائقن لاءِ مقرر ڪئي آهي، فقط اسان جي طاقت جي رعب کان روڪيل آهن، شايد مستقبل ۾ ڪنهن به بهاني سان، خواهه اهڙو ڪهڙو به خسيس غير اهم ڇو نه هجي، انهيءَ طرف حد دخلي ڪرڻ سان، اسان ڏانهن انهن ماڻهن جي دلين ۾ جيڪو خوف ۽ جيڪا عزت هن وقت موجود آهي، تنهن جي درجي ۾ ڪمي اچي ويندي، جنهن ۾ اضافو ڪرڻ يقيناً اساند جي مفاد ۾ آهي؛ ۽ انهيءَ ڪري ان کي منهنجي راءِ ۾، انتهائي سخت ۽ فيصله ڪن قدمن کڻڻ سان دٻائڻ گهرجي. جيڪڏهن اميرن کي، اُنربل ڪمپنيءَ جي تجارتي عيوضيءَ جي سنڌ مان ڏنل نيڪاليءَ، ۽ وڏي مقدار ۾ سرڪاري جائداد ۽ ملڪيت جي ضبطيءَ جي موقعي تي، سندن ئي علائقن اندر اسان جي هٿيارن جي طاقت جو زور انهيءَ موقعي تي[32] محسوس ڪرايو وڃي ها، ته انهن جو سندن دربار ڏانهن موڪليل وفدن ڏانهن رويو بنان ڪنهن شڪ و شهبي جي بلڪل مختلف نوعيت جو هجي ها. +[1] . مون کي هن چوڻ ۾ وڏي خوشي رهي ته مون کي انهيءَ صورتحال بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي. جيسين مون چانڊوڪي ضلعي جي متعلق پنهنجو پهريون بيان نه ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه نه فقط منهنجي پنهنجي معلومات کي ٽيڪو ڏئي ٿي، پر ساڳئي وقت قديم جاگرافيءَ سان پڻ حيرت انگيز حد تائين ٺهڪي اچي ٿي. لفظ چانڊوڪي جي معنيٰ سنڌ جي جديد ٻوليءَ ۾ آهي، چانديءَ جي ــ يعني استعاره طور ان جي مطلب خوشحال، آسوده يا اک کي سهڻو نظر ايندڙ آهي. جيڪڏهن آءٌ پنهنجن بيانن کي ڇڪي وڃي پنجاب جي درياهن سان لاڳو ڪريان ها، تهآءٌ هن باري ۾ باقاعده ثبوت پيش ڪريان ها ته جتي به اسان جي جاگرافيدانن قديم دؤر وارن کان علحدگي اختيار ڪئي آهي، اتي انهن کي غلطيون سرزد ٿيون آهن. +[2] . مناگرا يا ميانِ ننگر، ٻن لفظن يعني ميان معنيٰ وچ، ۽ ننگر معنيٰ شهر کي ملائي ٺاهيو ويو آهي. انهيءَ کي ڊي اينول جديد گاديءَ وارو شهر سڏي ٿو. +[3] . مون لارخانو جي بنياد ڳولڻ جون ڏاڍيون بي مقصد ڪوششون ڪيون آهن ته جيئن ان کي ڪنهن سابق شهر سان شناخت ڪري سگهان. سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لار جي معنيٰ آهي وات مان وهندڙ گِگ ۽ خانو، جديد فارسيءَ ٻوليءَ ۾ گهر يا جاءِ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو. جيڪڏهن اسين پهرئين لفظ کي اصطلاحي طور درياهه مان نڪرندڙ گپ يا لَٽَ سان لاڳو ڪريون ته ان طرح سان اسان هڪ مقامي حقيقت کي طئي ڪري وجهنداسون، ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهو پاسن وارن علائقن جي زمينن کي انهيءَ گپ سان ڀاڻ ڏيندا آهن. +[4] . آءٌ انهيءَ ٻوليءَ سان پنهنجي ناواقفيت تي پوريءَ طره سان افسوس جو اظهار نٿو ڪري سگهان. جنهن ۾ انهن موضوعن جا اصلي مسودا لکيل اهن، جن تي آءٌ هن وقت غور ڪري رهيو آهيان. آءٌ پنهنجي هڪ عالم ۽ معزز دوست جي انتهائي مهربانيءَ لاءِ سندس شڪر گذار آهيان، جبنهن مون کي انهن مختلف تفصيلن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان روشناس ڪرايو آهي، جن جو مون کي اهي ڳالهيون هن ڪري ڪرڻيون پئيون آهن، جو منهنجي نظر تي هينئر ئي موسيڪانس ۽ مؤ، سيوهڻ جي درميان هڪ انتهائي حيرت انگيز مشابهت آئي اهي. پويان ٻه لفظ هڪٻئي جي لاڳو واقعي ٻن ضلعن جا نالا آهن ۽ اهي بلڪل انهيءَ ساڳئي راجا جا علائقا ڏٺا هئا، ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن ٻنهي کي ملائڻ جو دستور هلندو پيو اچي. مون کي تحقيقات جي، عام طور فضول هئڻ جي ايتريقدر ته مڪمل ڄاڻ حاصل اهي، جو جيڪڏهن انهيءَ تحقيقات ڪرڻ لاءِ مون کي سَند مليل هجي ها، ته آءٌ جيڪر انهيءَ موضوع تي تمام ٿورو وقت وڃايان ها؛ پر هن حالت ۾ مشابهت ايتريقدر ته واضح آهي، جو اها نظر کان ترڪي نٿي وڃي سگهي. ڊاڪٽر ونسينٽ هن ڳالهه کان بلڪل ناواقف هوندو ته اهي ضلعن جي لقب هئڻ بدران، انهن جا نالا آهن. جهڙيءَ طرح هو چاهي ٿو ته اسين انهن کي سمجهون، انهن ساڳين ئي نالن جو حوالو ڏئي ٿو. انهيءَ عالم بزرگ، سيوستان جي گاديءَ واري شهر سيويءَ کي غلطيءَ وچان سيوهڻ سمجهيو آهي، جيڪو سنڌونديءَ تي آهي؛ ۽ قدرتي طور هو آرين جي بيانن کي آئين اڪبري جي بيان سان هم آهنگ نه ڪري سگهيو آهي. +[5] . ڪيٽيءَ جي ٻن سوَن ۽ ڏهن ميلن جي ڊگيهه کي، جيڪا ميجر رينيل ان جي ٻڌائي ٿو، اسين فقط ان صورت ۾ تسليم ڪري سگهون ٿا، جڏهن اها ڳالهه قبول ڪري وٺون ته سمنڊ جو پاڻي ٻن ڊگرين تائين ڪناري تي چڙهي ان کي ڍڪي چڪو آهي، ۽ سو به تڏهن، جڏهن اسان پٽالا کي حيدرآباد واري هنڌ تي رکيو آهي. ٺٽي کان وٺي انهيءَ سهر تائين مفاصلو، جنهن جي ڪئپٽن مئڪسويل باقاعدي سروي ڪئي هئي، درياهه جي رستي کان فقط ٽيونجاهه ميل نڪتو، ۽ هڪ هوشيار هندستاني ماڻهوءَ، جيڪو وفد جي سامان سان گڏ ڪراچيءَ کان پاڻيءَ رستي وفد جي ڳري سامان سان گڏ ويو هو، وڏي درياهه ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، جيڪو هن مفاصلو ڌاراجي بندر وٽان ڪيو هو، انهيءَ سڄي مفاصلي جو اندازو سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوهه جي حساب سان فقظ ٽيهه يا چيلهه ڪوهه ڏٺو. ان لاءِ اسان وڌ ۾ وڌ جنهن مفاصلي جي اجازت ڏيئي سگهون ٿا، سو پنجاهه ميل آهي. مون وٽ هتي معلومات جي اجازت ڏيئي سگهون ٿا، سو پنجاهه ميل آهي. مون وٽ هتي معلومات جو هڪ اهڙو ذريعو موجود آهي، جيڪو مون کي سنڌ جي لاڙ ۾ رهندڙ ٻن سون کان به وڌيڪ ماڻهن جي ذريعي حاصل ٿيو آهي، جيڪو ٺٽي کي سمنڊ کان اوڻاسي ميل پري مقرر ڪري ٿو. آءٌ ان کي قطعي ۽ فيصله ڪن سمجهان ٿو، پر جيڪڏهن ڪن ٻين کي اڃا به شڪ شبهو هجي، ته ڪراچي ۽ ٺٽي جون ويڪرائي ڦاڪون انهيءَ حقيقت جو ثبوت فراهم ڪنديون. +[6] . ڏسو 16 ـــ جنوريءَ وارو بيان، حصو پهريون. +[7] . کور عليءَ جو مطلب، جيئن مون هن کان اڳي به بيان ڪيو آهي، عليءَ جو بندرآهي، ۽ ان طرح سان اهو هڪ مذهبي خطاب آهي. آءٌ هن موقعي تي هيءَ دعويٰ ڪريان ٿو ته مون قديم يوناني ۽ جديد سنڌ جي متعلق بيانن جي جيترا ڀيرا به ڀيٽ ڪئي آهي، تن جي تعداد ۽ وسعت جي تناسب سان مون ڏٺو آهي ته يونانين جي بيانن ۾ جن تفصيلي ڳالهين جا انگ اکر ڏنا ويا آهن، تن جي صحت ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو. سمنڊ ويجهو درياهه جي وڌيل ويڪرائي، کارين شاخن جو سامونڊي ڪنارن جي خود رو ٻوٽن ۽ ولين سان ايترو ڀريل هئڻ، جو انهن مان ٻيڙين جو گذر ناممڪن ٿيو پوي، ڪيٽيءَ جي وچان وهندڙ درياهي شاخن جو هڪبئي کي ڪاٽي وهڻ جي حقيقت جي عدم موجودگي ۽ انهيءَ پاڻيءَ جو کارو هئڻ، جنهن کي حاصل ڪرڻ ۽ جهازن تي کڻڻ لا3 کين زمين کوٽڻي پيئي، سي انهن مثالن مان چند آهن، جيڪي منهنجي ذهن ۾ اڀري آيا آهن. آءٌ وڌيڪ ايترو چوندس، ته ”نيئرڪس جو سامونڊي سفر“ جي معزز مصنف جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، سي درست اهن، جيڪڏهن هو آرين جي رهنائي ۾ هلي ها ته آءٌ هن دعويٰ ڪرڻ جي همت ڪريان ٿو ته سندس نتيجا اڃا به وڌيڪ درست هجن ها. +[8] . نوشيروان عيسوي سن جي اٽڪل ڇهين صديءَ دوران حڪومت ڪري رهيو هو. هو ٻن رومي شهنشاهن، هر هڪ جسٽينين ۽ جسٽن جو همعصر هو. +[9] . انهن قلعن جي نالن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي قلعا هئا، سيوهڻ، مُو، اوچا، نارائڻ ڪوٽ، يا نارائڻ جو قلعو وغيره وغيره، ۽ انهن مان پهريا ٽي قلعا اڃا به پنهنجن اصلوڪن نالن سان مشهور آهن. +[10] . دنيا جي وڏي کان وڏن بادشاهن جي ذڪر ڪرڻ جو مطلب ايران جي شهنشاهن جو آهي، جيڪي انهيءَ زماني ۾ ڪجهه حصي ايشيا جي سلطنت لاءِ، رومين نسل جي بادشاهن سان جدوجهد ۾ مصروف هئا. +[11] . ڏسو باب 2، حصو 2. +[12] . حال لاهوري بندر، مون کي ائين پيو لڳي ته اهو ئي ديبل بندر هو، پر ان جي آءٌ معنيٰ معلوم ڪري نه سگهيو آهيان. مون جيڪي به مخطوطا پڙهيان آهن، تن سڀني ۾ صاف طور ووئيل (Wueel) لکيل آهي. +[13] . هن جنگ جو تفصيلي ذڪر مجموع الواردات يعني واقعن جو مجموعو ۾ ڏنل آهي ۽ جيئن ته ان مان سنڌ جي راجائن جي شان و شوڪت جو پتو پوي ٿو، ان ڪري آءٌ ان جو هڪ اقنباس هن هنڌ پيش ڪريان ٿو: اسان کي ٻڌايو ويو آهي (مصنف چوي ٿو) ته: راجا هڪ اهڙي هاٿيءَ تي سوار ٿي ٻاهر نڪتو، جنهن جي مٿان هيرن جواهرن لڳل ڇٽي هئي ۽ هن سان ٻه خوبصورت ڪنيزون به ساڻ هيون، جن مان هڪ کيس شراب ۽ ٻي پان ۽ سوپاري پيش ڪري رهيون هيون. اهو هاٿي وڌيڪ هڪ سؤ هاٿين جي وچ ۾هلي رهيو هو ۽ هڪ هزار جي تعداد ۾ شاهي محل جا محافظ جيڪي چمڪندڙ فولادي زرهن ۾ ڍڪيل هئا، انهيءَ سڄي جلوس جي چوڌاري هلي رهيا هئا. سنڌي لشڪر جو ڪل تعداد ٽيهن هزارن پيادن سپاهين ۽ گهوڙيسوارن تي مشتمل هو، ۽ خليفي جي فوج جو تعداد ٻارهن ۽ تيرهن هزارن جي درميان هو. جنگ صبح جو پرهه ڦٽيءَ کان شروع ٿي ۽ شام تائين هلندي رهي، راجا جي هاٿين باهه وارن انهن اڏامندڙ تيرن کي ڏسي، وٺي کاڌو ۽ سڌو وڃي سنڌو درياهه ۾ پاڻ کي اڇليائون. جنهن هاٿيءَ جي مٿان شاهي ڇٽي لڳل هئي، سو گپ ۾ ڦاسي پيو ۽ انهيءَ گهڙيءَ ۾ ئي راجا کي هڪ تير اچي گردن ۾ لڳو ۽ هو اڦٽ مري ويو. پوءِ ته سنڌي فوج ۾ اچي عام ڀاڄ پيئي ۽ جيئن ته قلعي ۾ باقي رهيل ماڻهن کڻي دروازا بند ڪيا، ان ڪري سڀني برهمڻ ۽ درٻاري اميرن کي قيدي بنايو ويو. مسلمانن الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ انهيءَ عظيم فتح لاءِ شڪراني جي نماز ادا ڪري اها رات جنگ جي ميدان ۾ ڪاٽي ۽ ٻئي ڏينهن صبه جو سوير، ٺاهه جي ڪجهه ڳالهين بعد، خليفي وليد بن عبدالملڪ جي نالي ۾ الور جي قلعي جو قبضو حاصل ڪيو. +[14] . اصلي متن ۾ ”قلعهء سڪندر“ آهي، جيڪا ڏاڍي مضبوط جاءِ چئي وڃي ٿي. +[15] . خطبو سڀني مسلمانن ملڪن ۾ پڙهڻ ۾ يندڙ هڪ دعا آهي، جيڪا وقت جي بادشاهه ۽ سندس اختياريءَ جي سلامتيءَ ۽ تحفظ لاءِ پڙهي ويندي آهي. +[16] . آئين اڪب��يءَ ۾ چيل آهي ته سومرن پنج سؤ سالن تائين حڪومت ڪئي ۽ انهيءَ نسل سان پنجٽيهن شهزادن کان گهٽ حڪمران ڪين ٿيا، پر ان جو فاضل مصنف ابو الفضل نه انهن جا نالا بيان ڪري ٿو ۽ نه پنهنجي بيان لاءِ ڪنهن اختياريءَ جو حوالو ڏئي ٿو. مون ڏاڍي محنت سان کوجنا ڪري انهن مان ٻارهن يا چوڏهن جا نالا هٿ ڪيا آهن، پر آءٌ انهن جي نالن کي ههڙي ڪتاب ۾، جيڪو آءٌ لکي رهيو آهيان، سندن نالا بيان ڪرڻ غيرضروري سمجهان ٿو. منهنجو اندازو آهي ته ممڪن آهي ته انهن جا اٽڪل ڏهه وڌيڪ شهزادا ٿي گذريا هوندا، جن کي ملائڻ سان انهن جو تعداد چوويهه ٿئي ٿو، ۽ سندن بادشاهيءَ جي عرصي بابت مون کي اوتري ئي خاطري آهي، جيتريقدر مختلف اختيارين طرفان تصديق ٿيل مقامي معلومات مون کي پڪ ڏياري سگهي ٿي. ڪتاب جي متن ۾ ڏنل سالن جي ظاهري غير يڪسانيت لاءِ، جن سان هن نوٽ جو واسطو آهي، جيڪڏهن سبب ڏيڻو پوي ته اهو چوڻ ضروري ٿئي ٿو ته محمود غزنويءَ جي ڪاهه کان اڳ ۾ امن سوزيءَ جون زبردست ڪارروايون ٿينديون ٿهيون، تن کي وجود ۾ آڻڻ وارا سومرائي هئا، ۽ ائين پيو معلوم ٿئي ته ملڪ جي حڪومت اڪثر حالتن ۾ انهن جي ئي قبضي ۾ رهندي هئي. آئين اڪبريءَ جو حوالو، بنان ڪنهن شڪ جي انهيءَ ڳالهه ڏانهن آهي. +[17] . خلعت معنيٰ اعزازي لباس ۽ هڪ مخصوص شڪل ، صورت ۽ قيمت جي ڇٽَ کڻڻ جو حق فقط شاهي خون وارن ماڻهن لاءِ مخصوص هوندو هو. +[18] . پيشڪشون اهي رقمون آهن، جيڪي هڪ ادنيٰ درجي وارو پنهنجي بالاحاڪم اڳيان پيش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن رقمن جي مقدار مان ائين سمجهيو آهي ته شايد ڏن لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ ڪو ٻيو آهي. +[19] . ڄام بابينو کان پوءِ سما قبيلي جي جن ڄامن حڪومت ڪئي، سي هيٺان هئا: +ڄام جُماجي 13 سال +ڄام صلاح الدين 7 سال +ڄام نظام الدين 2 سال +ڄام شير علي 4 سال +ڄام قرن 1 سال +ڄام فتح خان 10 سال +ڄام تخلق 21 سال +ڄام سڪندر 2 سال +ڄام راءَ ڏنو 5 ساک +ڄام سنجر 1 سال +ڄام نظام الدين ٻيو 60 سال +ڄام فيروز 4 سال +130 سال +[20] . شاهه بي مير ذوالنون بيگ جو پٽ هجو، جيڪو هيلمند درياهه جي ڪناري واري علائقي گرم سيل جو شهزادو هو. اهو صوبو، سمرقند واري بادشاهيءَ جو باجگذار هو، پر بابر ۽ انهيءَ ملڪ جي ازبيگ بادشاهن جي درميان ڇڙِل جنگ ۾، مير ذوالنون بيگ وڏي ديده دليريءَ سان پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو هو. هن جي پٽ کي، بهرحال، بعد ۾ مغلن جي غلبي آڏو آخر جهڪڻو پيو. +[21] . شهنشاهه همايون جي ڀاڄ جو نهايت دلچسپ بيان ڊؤ جي ”هندستان“ ۾ ملوي ٿو. اڪبر جي ڄمڻ، جنهن جي پيدائش عمرڪوٽ ۾ ٿي، راڻي ۽ سندس معصوم ٻار جي تڪليفن جو بيان سنڌ جي تاريخ ۾ ڏاڍي دردانگيز نموني ۾ ڏنل آهي، پر اها ڳالهه تمام ڊگهي آهي ۽ هن هنڌ شامل ڪري نٿي سگهجي. +[22] . هن ڳالهه لکڻ کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته ڪلهوڙا اصل ۾ هڪ مذهبي فرقي مان پيدا ٿيل ماڻهو هئا ۽ اهي پنهنجو شجرو عباسي گهراڻي سان وڃي ملائيندا آهن. سن 1430ع ڌاري هنن مذهب جي آڙ وٺي سنڌ جي ماڻهن تي ڏن رکڻ شروع ڪيو ۽ ان کي آهستي آهستي وڌائيندا ويا، تان جو مقامي ماڻهو ايتريقدر بيزار ٿي پيا، جو انهن سندن خلاف بغاوت ڪئي ۽ سندن اڳوان جي تقدس ۽ پارسائيءَ جي دعوائن جي باوجود، هنن کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس سڀني مريدن کي بلوچستان جي صوبي قلات ڀڄائي ڪڍيو. ان کان پوءِ هو وري هندستان جي شهنشاهه جي اجازت سان واپس آيا ۽ آهستي آهستي پاڻ کي اڳتي وڌائيندا رهيا، تان جو هنن جي سردار ٺٽي جي حڪومت تي قبضو حاصل ڪيو. +[23] . ڏسو بلوچستان جو تاريخي بيان، باب 3، حصو 2، پڻ ڏسو ٺ��ي بابت رمارڪ باب 9، حصو 2. +[24] . سر وليم جونس جي طرفان نادر شاهه جي تاريخ جي فرانسيسي ترجمي ۾ ان وقت جي ٺٽي جي گورنر ميان فنور محمد کي خدا يار خان سڏيو ويو آهي، جيڪو هڪ خطان هو، جو هن کي هندستان جي شهنشاهه محمد طرفان عطا ڪيو ويو هو. ايراني فوج جي ويجهي اچڻ تي هو عمرڪوٽ ڏانهن ڀڄي ويو، پر کيس قيدي بنائي ٺٽي واپس آندو ويو. اتي پهچڻ بعد ئي هن فاتح کي اهڙيءَ طرح مطمئن ڪيو ۽ اهي واقعا رونما ٿيا، جن جو مون هن کان اڳئين باب ۾ ذڪر ڪيو آهي. +[25] . اها جنگ سن 1761ع ۾ جوٽي ويئي هئي. ڏسو باب 3، حصو 2 (نوٽ). +[26] . ٽي لک پائونڊ اسٽرلنگ. +[27] . اٺ لک ستاسي هزار پنج سئو پائونڊن بدران، ٽي لک ستٽيهه هزار ۽ پنج سئو پائونڊ اسٽرلنگ. +[28] . مير غلام علي هڪ نر هرڻ جي حملي ۾ مارجي ويو هو، جڏهن هو سن 1812ع ۾ شڪار ڪري رهيو هو. +[29] . ايڪهٺ لک رپيا 550، 67، 7 پائونڊ اسٽرلنگ آهن. ارڙهن لک رپيا 25000،! پائونڊ اسٽرلنگ ٿين ٿا. ٻائيتاليهه لک ۽ اٺهتر هزار رپيا 434750 پائونڊ اسٽرلنگ جيتر آهن. +[30] . مون کي هينئر ئي معلوم ٿيو آهي (نومبر 1814ع) ۾ ڪابل جو بادشاهه نه فقط مير سهراب جي خاندان کي سندن ملڪيت واپس ڪرائڻ لاءِ، پر اميرن کي ڏن جي رقم جي بقايائن جي ادائگيءَ لاءِ پڻ مجبور ڪرڻ لاءِ، جن جي مجموعي رقم ڏيڍ ڪروڙ رپين کان به (15000000 پائونڊ اسٽرلنگ) وڌي ويئي آهي، سنڌ جي اميرن تي چڙهائي ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اها ڪوشش ڪئي ويئي ته مون کي خاطري آهي ته اها مقصد جي انصاف پسنديءَ ۽ سنڌين جي وڌندڙ طاقت ڱي دٻائڻ جي انتهائي سخت ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. +[31] . عمرڪوٽ جو قلعو مشرق ۾، شهنشاهه اڪبر جر ڄمڻ جي جاءِ هئڻ ڪري مسهور ۽ معروف آهي. اهو ڪافي مصبوط قلعو آهي ۽ ان کي سندس چوڌاري ڦهليل ريگستان طرفان ايتريقدر ته ناقابل رسائي سمجهيو وڃي ٿو، جو سنڌ جي اميرن ان کي هاڻي سندن خزانن جي ڪجهه حصي جي رکڻ لاءِ حفاظت جي مقام هئڻ طور مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. +[32] . اهو واقعو سن 2-1801ع ۾ ٿي گذريو. اُنربل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ اٽڪل هڪ لک رپين کان وڍيڪ ماليت جيتري ملڪيت وڃائي ۽ سنڌين طرفان انهيءَ عملدار کي قتل ڪرائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي، جيڪو اتي رهندڙ هو. + + +ضميمو +نوشڪيءَ وٽ ليفٽيننٽ پاٽنجر کان عليحد ٿيڻ کان پوءِ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي روزنامي جو اختصار +22- مارچ: آءٌ نوشڪيءَ کان ئي روانو ٿيس، ۽ ننڍيون وارياسون ٽڪريون پار ڪرڻ کان پوءِ، بارش جي پاڻيءَ جي هڪ ننڍڙي تلاءُ وٽ جمعا خان لاءِ ترسيس، جنهن تلاءُ جو پاڻي ميرو هئڻ جي باوجود، تازو هو. اسان اٽڪل هڪ ڪلاڪ ترسياسون، جيستائين جمعا خان (جنهن جو اُٺ جلدئي لڀي پيو) اچي پهتو، ۽ ان کان پوءِ اسان اتان اڳتي وڌياسون. هن ۽ سندس ساٿين اسان کي چيو ته اسين توهان جي صحبت ۾ تسليٰ سان ٿا هلون، ڇاڪاڻ ته اسين سڀ ڀائرن وانگر هئاسون. اسان هڪ سڌي لوڻ واري پَٽ کي پار ڪرڻ کان پوءِ جيڪو لڪ جي مٿانهينءَ تان پاڻيءَ وانگيان نظر اچي رهيو هو، اسان چوڏهن ميلن هلڻ بعد قيام ڪيو ۽ هڪ تڪري جي هيٺان ويهي ماني کاڌي. اسان مانيءَ ۽ کجور تڙتڪڙ ۾ کائي، الهندي طرف پيشقدمي ڪئي ۽ لوڻ وارو رڻپٽ پار ڪيو. اسان جي سونهي اسان کي تيز رفتاريءَ سان هلڻ لاءِ زور ڏنو ته جيئن اسان پنهنجن دشمنن کي گوهي ڏيئي نڪري وڃي سگهون، جيڪي هن چيو ته جيئن ئي اسان تومن کان روانا ٿي نڪتاسون، تيئن ئي اهي هڪ ٻئي رستي تان اچڻ شروع ڪندا ته جيئن اسان سان رڻ ۾ اچي گڏجن. رات جو اٽڪل ڏهين بجي مهل اسان دور کان هڪ روشني ڏٺي ۽ جلدئي هڪ ريڍار جي جهوپڙيءَ وٽ اچي پهتاسون، جنهن پنهنجين رڍن کي اندر بند رکڻ لاءِ پنهنجي جهوپڙيءَ جي چوڌاري ڪنڊن وارن ٻوڙن جو لوڙهو ڏيئي ڇڏيو هو. هو هڪ غاليچو کي آيو ۽ دستوري عليڪ سليڪ بعد اسان کي ٻڌايائين ته ٽيهه افغان اتي آيا هئا ۽ سندن متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سوال پڇي رهيا هئا ۽ هاڻي اهي ٽڪرين ڏانهن ويا آهن، جتي هنن اتان جي هڪ لڪ تي قبضو ڪيو آهي. ان کان پوءِ هو ڏهي کڻي آيو ۽ اسان هڪ ٻڪري خريد ڪئي، جيڪا اسان جي ماڻهن ذبحگھ ڪئي ۽ جلد ئي سڄيءَ کي ڳڙڪائي ويا. تنهن کان پوءِ اسان ڪجهه ميلن تائين اڳتي وڌياسون ۽ پيچري کان ٻاهر نڪري، جونَ جي ٻنيءَ جي هڪ صاف ٽُڪري ۾ سمهي رهياسون. +23- مارچ: پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ننڊ مان سجاڳ ٿي اسان الهندي رخ ۾ پيشقدمي شروع ڪئي ۽ زمين جو اهڙو ٽڪرو پار ڪيو، جيڪو ڪنهن وقت هڪ سرسبز رتبو هو، پر هاڻي اهو خشڪ ساليءَ جي ڪري بلڪل ويران پيو هو. اسان غلام شاهه جي کنڊرن وٽ نيرن ڪرڻ لاءِ ترسياسون، شهر جو ڪجهه حصو اڃا به موجود آهي، اتي اسان کي ٻارهن جي پاڻيءَ جو هڪ تلاءُ مليو ۽ ٻن ڪلاڪن جي آرام کان پوءِ اسان پنهنجو رستو وٺي اڳتي وياسون؛ اسان جي تمام ويجهو ساڄي هٿ وٽ واريءَ جون ٽڪريون آهن، ساڄي هٿ طرف ويندڙ پيچري کي ڍڪ چيو وڃي ٿو ۽ اهو ساوڪ کان بلڪل خالي آهي. اسان هڪ بلوچي تومن ۽ ڌڻن وٽان اچي لنگهياسون پر انهن جي ويجهو وڃڻ جو خطرو نه کنيوسون، جو دشمنن جي جماعت اسان لاءِ واجهائي رهي هئي. اوچتو گجگوڙ ۽ وڄ سان هڪ زبردست برسات اچي شروع ٿي، تنهن سان گڏ تيز رفتار هوا پڻ هئي‏ جنهن واريءَ کي اُڏائي اسان جي منهن تي هنيو، جنهنڪري اسان ڪجهه ڪلاڪن تائين هڪ ٽڪريءَ جي ڪناري هيٺان هوا ڏانهن پٺيون ڪري پناهه وٺڻ تي مجبور ٿياسون. صفائي ٿيڻ کان پوءِ اسان اڃا به ڪجهه اڳتي وڌياسون ۽ ننڊ ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ قيام ڪيوسون. +24- مارچ: رات جي مانيءَ کائڻ ۽ چند ڪلاڪن جي آرام ڪرڻ بعد اسان ننڊ مان بيدار ٿياسون ۽ اٺن تي سوار ٿياسون، هوا ۾ هلڪي برسات ۽ ڪوهيڙي سبب خنڪي هئي؛ صبح جو ستين بجي مهل اسان نيرن لاءِ قيام ڪيو. جبلن جي هڪ قطار ۾ اسان جي اڳيان ۽ ڏائي طرف اٽڪل ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ عجيب وغريب صورت واري هڪ ٽڪري، ٽڪنڊي ميخ وانگر بيٺي هئي، جنهن کي ”ميخ، رستم“ سڏيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ اسان وري ساڳي رستي تي سفر شروع ڪيو ۽ اسان کي پوئتان جيڪا ٽڪرين جي قطار نظر آهئي هئي، سان ويجهي ايندي ويئي ۽ ان جي دامن ۾ هڪ ڏاڍو سٺو هيٺانهون چراگاهه مليو، جنهنڪري مون پنهنجي اٺ کي اڙي هڻي تکو ڪيو ۽ اسان جلدئي اتي وڃي پهتاسون، جتي اسان ڪن ننڍن وڻن ۽ ٻوڙن جي هيٺان ترسياسون ۽ اتان ٻن- ٽن بلوچن کي پاڻيءَ جي تلاش ۾ روانو ڪيوسون. هو پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ ۾ اڻٿڪ هئا ۽ جلدئي واپس اچي اسان کي اطلاع ڏنائون ته هنن کي ٻن ميلن جي مفاصلي تي هڪ تومن مليو هو، جنهن ۾ بارش جو جام ۽ سٺو پاڻي هو. هو جمعا خان لاءِ تحفي طور ٻڪري پڻ ساڻ وٺي آيا هئا، جنهن لاءِ انهن اهو ظاهر ڪيو ته هو حج تي وڃي رهيو آهي. انهيءَ جهنگ جو نالو چاڳئي هو، ۽ ان ۾ جانورن جي چرڻ لاءِ سٺو گاهه موجود هو؛ ڏاکڻين طرف هڪ ڏينهن جي سفر تي، لوڻياٺي پاڻيءَ جا دُٻا موجود آهن، جيڪي تمام سوڙها، پر اونها آهن. +25- مارچ: اسان پنهنجن چوپاين جانورن کي گاهه چارڻ لاءِ اڌ ڏينهن تائين اتي قيام ڪيو. اسان کي ننڊ جي ڪري تازگي ۽ فرحت محسوس ٿي، حالانڪه اسان حملي وقت تيار رهڻ واسطي ڪپڙن ۽ هٿيارن سميت ليٽيائي رهياسون ۽ اٽڪل هڪ بجي ٻنپهرن بعد اسان سوار ٿياسين ۽ جلد ئي سامهون واري ٽڪرين جي قطار وٽ اچي پهتاسون. اها قطار خاران کان گول دائري جي صورت ۾ وڪڙ کائي اتي پهچي ٿي ۽ جنهن هنڌ تي آءٌ ان وٽان اچي لنگهيس، اتان کان اتر طرف اها ڪو ٿوروئي مفاصلو اڳتي هلي ختم ٿي وڃي ٿي. ساڄي هٿ طرف سڄو ملڪ قنڌار تائين هڪ بيابان آهي، قطار جي مٿان (مون کي بعد ۾ معلوم ٿيو) ٻه لڪ آهن، جن مان اسان جي آڏو اتر طرف کان ايندڙ لڪ ۾ اهي افغان لڪل چيا پئي ويا، جن کان گوئي ڏيڻ لاءِ اسان ڏائي هٿ طرف، ورن وڪڙن وارو رستو ورتو ۽ انهن ٽڪرين کان پٺتي موٽ کائي هڪ اهڙي رستي تي اچي نڪتاسون، جيڪو متوازي هو ۽ ٽئين ڏينهن (27- مارچ) تي اچي ڪُوچن نڪتاسون. ان هنڌ تي سٺو ۽ صاف پاڻي جام ملي ٿو. روزاني سفر جي دوران مون سڄي ضلعي جي وچان جنهن کي پشت ڪوهه يعني جبل جي پٺي سڏيو پئي ويو، رڍن جا ڌڻ ڏٺا. 27- تاريخ تي اسان کي بلوچن جي هڪ جماعت ملي، جيڪا اتر طرفکان اتي پهتي هئي، ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجين زالن، ٻارن، تنبن ۽ ڌڻن کي مڪران ڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا. هنن ٻڌايو هو ته ڪابل جي بادشاهه جو وزير فتح خان قنڌار کان انهيءَ طرف ڏانهن اچي رهيو هو. +28- مارچ: صبح ٿيڻ سان ئي اسان اڳتي وڌياسين ۽ الهندي رخ ۾ پيرن هيٺيان ترڪندڙ واريءَ جي پهاڙين مٿان اترئين ڏس طرف سفر ڪيوسين ۽ مموءَ وٽ نيرن لاءِ قيام ڪيوسين. انهيءَ جاءِ کي اهو نالو انهيءَ ڪري مليو آهي، جو اتي هڪ پير نالي ملڪ مموءَ کي دفن ڪيو ويو هو ۽ اتي موجود بلوچ ماڻهن اسان کان خير سلامتيءَ لاءِ خيرات گهري، هنن جمعا خان ۽ مون کان اسان جي اُٺن جي تعداد جي تناسب سان اٽو ۽ کجور ڪڍيون ۽ انهن مان مانيون ٺاهي، هر هڪ ۾ هڪ جيتريون تقسيم ڪيون. اهي سڀ جمعا خان ۽ هڪٻئي ماڻهوءَ کان سواءِ جنهن کي ننڍيءَ عمر ڪري معاف ڪيو پئي ويو، درگاهه تي پابنديءَ سان نماز ادا ڪرائي رهيا هئا. مموءَ وٽ اسان کي ڏاڍي خراب آبهوا سان مقابلو ڪرڻو پيو، پر اسان ٻنپهرن کلان پوءِ الهندي طرف ڏانهن ست ميل کن سفر ڪرڻ بعد ڪُلچيءَ پهتاسون، جيڪا جاءِ پڻ هڪ پير جي مرقد هئڻ ڪري مشهور آهي، جنهن جبل ۾ نيزو هڻي ڏاڍي مٺي ۽ صاف پاڻيءَ جو چشمو ڪڍيو هو. اسان رات جي ماني کائڻ کان پوءِ اها جاءِ ڇڏي ۽ جڏهن اونداهي ڦهلجي چڪي، تڏهن چار ميل اتر- اولهه طرف هڪ هنڌ سمهڻ لاءِ ترسياسون. +29. مارچ: اسان کي وري ريتيءَ جي ٽڪرين سان مقابلو ڪرڻو پيو ۽ اتان کان ٻارهن ميل پري نيرن ڪرڻ لاءِ انهن پهاڙين[1] ۽ گزٻوڙن جي وچ ۾ اچي قيام ڪيوسون. اتي اسان کي خالي اُٺ مليا، جيڪي گرم سيل ڏانهن موٽي رهيا هئا. نيرن کان پوءِ اسان کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀريل کڙٻڙ واري رستي تان تڪليف ده سفر ڪرڻو پيو. پندرهن ميل پري اسان ڪجهه سفر کان پوءِ اٺن تان لٿاسون، جنهن جهڙي ڏکيي سفر جو مون کي ان کان اڳي ڪڏهن تجربو ڪونه ٿيو هو، جنهن درميان پنجيتاليهن ميلن ۾ ڪو پاڻي ڪونه هو. بهرحال هيلمند درياهه ويجهو هو، ۽ مون کي معلوم هو ته ان جي وسيلي اسان کي جيڪي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پييون هيون، تن جو ڪافي چڱو عيوضو ملي ويندو. +30- مارچ: اڄ صبح جو اسان سوير روانا ٿياسون ۽ وارياسين ٽڪرين تان اتر- الهندي رخ ۾ هيٺ لهندي، جلدئي سخت پٿريلي زمين تي اچي چڙهياسون ۽ يارهن ميلن کان پوءِ هيلمند درياهه جي ڪپ تي اچي پهتاسون. اسان خشڪ نين جي رستي هيٺ هيلمند ندي هڪ گهاٽي جهنگ جي وڻن درميان وهي رهي هئي، اتي پهچي، اسان ترسياسون ۽ پنهنجا سڀ گذريل ڏک وساري، اتي ويهي رهياسون ۽ نيرن لاءِ تياري ڪرڻ خاطر ماني پچائڻ شروع ڪئيسين. +نوشڪيءَ کان وٺي هيلمند نديءَ تائين، منهنجي اندازي موجب هڪ سئو ايڪانوي ميلن جو مفاصلو آهي، جيڪو اسان نون منزلن طئي ڪيو. پهريون ٽي ذرا ڊگهيون (هر هڪ پنجويهه ميل) آهن ۽ مٺو برسات جو پاڻي ٻئي ڏينهن تي دستياب ٿيو. رستو گهڻو ڪري سخت ريتيءَ مٿان آهي. چوٿين منزل ڪجهه ننڍي آهي؛ پنجين ۽ ڇهين وري ڪجهه ڊگهيون آهن. بهرحال، انهن ۾ پاڻي چڱي خاصي مقدار ۾ دستياب ٿئي ٿو ۽ رستو جيتوڻيڪ ٽڪرائتو آهي، ان هوندي به ڏکيو يا ٿڪائيندڙ ناهي. ڪَلچيءَ ڏانهن ويندڙ ستين منزل ڏاڍي ڊگهي، ٿڪائيندڙ ۽ وارياسين ٽڪرين جي ڪري ڏُکي آهي ۽ ساڳيءَ طرح ان سڄي سفر ۾ پاڻي خراب ملي ٿو. اٺين منزل ۾ پاڻي بلڪل ڪونهي ۽ اها ٿڪائيندڙ آهي. آخري منزل ننڍي ۽ يارهن ميلن جي ڊيگهه ۾ آهي. اسان کي آخري ٽن منزلن کي سوڙهو ڪري ٻه بنائڻ گهربيون هيون، جيئن انهن ٻنهي مان هر هڪ منزل کي ٻٽيهن ميلن جي ڊيگهه جيترو بنائي ڇڏيون ها. سڄي رستي ۾ اٺن لاءِ لاڻو ملي سگهي ٿو، ۽ ڍڪ، چاڳئي ۽ بُولؤ وٽ رڍون دستياب ٿي سگهن ٿيون. +هيلمند درياهه قنڌار کان ڏکڻ- اولهه ۾ وهي ٿو ۽ الهندي طرف وهي سيتان ۾ وڃي پوي ٿو، جتي اهو دوشڪ کان چئن ڏينهن جي مسافريءَ بعد ٽڪرين جي چوڌاري وڪڙ کائي ٿو ۽ هڪ ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ٿو. پلالڪ وٽ اهو تلاءُ اٽڪل چار سئو وال ويڪرو، ڏاڍو اونهو ۽ غير معمولي طور صاف پاڻيءَ سان ڀريل آهي. درياهه جي هر هڪ ڪَپ تي اٽڪل اڌ ميل کن علائقو آبپاشيءَ ذريعي آباد ڪيل آهي، جنهن کان پوءِ بلڪل سڌين پهاڙين جي صورت ۾ بيابان ڦهليل آهي، درياهه جا سڄا ڪپ وڻن سان سٿيا پيا آهن ۽ چوپاين جي چرڻ لاءِ گاهه به جام آهي. اسان جي اڄوڪي منزل وٽان قنڌار فقط ست منزلون دور هو؛ وچ وارو سڄو ملڪ ڌاڙيلن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڏاڍو ويران آهي. ڏينهن جي دوران اسان پنهنجو سفر درياهه جي ڪپن کان جاري پئي رکيو ۽ انهيءَ وچ ۾ اسان کڪيترن ئي ويران ڳوٺن ۽ ننڍن قلعن جا ڦٽل نشان ڏٺا. رات جو اسان هڪ افغان ڳوٺ جي ڀر ۾ جهنگ اندر قيام ڪيو، جنهن جا رهاڪو اسان جي انهيءَ باهه جو دونهون مٿي چڙهندو ڏسي، جنهن تي اسان ماني پچائي رهيا هئاسون، اسان تي اوچتو حملو ڪرڻ جي اميد تي اسان ڏانهن لهي آيا. اسان مان اڪثر ڄڻا سمهي پيا هئا، پر هڪ ماڻهوءَ چورن کي ڏسندي ئي خطري جو آواز ڪيو، ۽ ٿوري ردوبدل بعد هو اسان سان ٺهي ويا. +31- مارچ: اڄوڪي ڏينهن تي اسان رودبار وٽ پهتاسون ۽ بلوچن جي تؤڪي قبيلي جي سردار لونيار خان جي تومن تي ترسياسون. هو سهڻي شڪل و شبيهه جو هڪ نوجوان آهي، ۽ هن جا ماڻهو انهن بلوچن کان اعليٰ قسم جا ماڻهو آهن، جيڪي مون نوشڪيءَ ۾ ڏٺا هئا، ۽ هي ماڻهو انهن جي هڪ پاڙي جا آهن. انهيءَ هنڌ مون پاڻ کي هڪ حاجي ظاهر ڪيو، حالانڪه منهنجو خيال آهي ته اتان جو سردار مون کي خفيه لباس ۾ هڪ ايراني سمجهي رهيو هو. +1- اپريل: اڄ ڏينهن جو اسان رودبار وٽان درياهه پار ڪري (ٻن ناڪمياب ڪوششن ڪرڻ کان پوءِ) سيستان ۾ داخل ٿياسون. رات جو اسان هڪ تمام وڏي ڦِٽل شهر جي کنڊرن ۾ سمهياسون، جنهن جو نالو پولڪي چيو وڃي ٿو؛ اتي ڪن ماڻهن، جيڪي انه کنڊرن ۾ رهن ٿا، منهنجن اُٺن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خوش قسمتيءَ سان هنن هڪ اهڙي اُٺ جي چونڊ ڪئي، جيڪو منهنجي سونهي جمعا خان جو هو ۽ هو انهيءَ کي ڪاهي ويا. +2- اپريل: اڄ آءٌ هن اُميد تي تمام سوير صبح جو سوار ٿيس ته جيئن اوندهه ٿيڻ کان اڳي علمدار پهچي وڃون، پر اٽڪل پنجين بجي شام جو خانجهان خان جي سردارن جي تومن وٽ پهچڻ تي، منجهن ماڻهن اعلان ڪيو ته هو انهيءَ شام جو اڳتي نه هلندا، ۽ آءٌ انهن جي مرضيءَ جي آڏو جهڪڻ ل��ءِ مجبور ٿي پيس؛ بهرحال، مون هنن کي نوشڪيءَ ڏانهن واپس وڃڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن ڳالهه جو هنن تي اهڙو ته اثر ٿيو، جو هو فقط چند ڪلاڪن تائين آواره گردي ڪندا رهيا ۽ ٻئي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ مهل اسان علمدار کان فقط اڌ ميل جي مفاصلي تي اچي پهتاسون. آءٌ پنهنجي سونهي جي صلاح تي، انهيءَ هنڌ ترسي پيس ۽ پوءِ ٽهلداس نالي انهيءَ هندوءَ کي گهرائي ورتم، جنهن ڏانهن مون کي سفارش ڪري موڪليو ويو هو. هو جلدئي هڪ گهوڙي تي چڙهي اتي اچي پهتو، جڏهن آءٌ سندرداس جو ملازم آهيان ۽ مون وٽ هن جي نالي ٻن سئو رپين جي هڪ منڊي ۽ سفارش جو خد ساڻ آهي، جن مان پوئين شيءِ مون هن جي حوالي ڪئي. هن خط پڙهي ڏسڻ بعد مون کي چيو ته جنهن رقم جي آءٌ ڳالهه ڪري رهيو هوس، سا وٽس تيار هئي. هن هر ٻئي طريقي سان مون کي پنهنجين خدمتن جي آڇ ڪئي ۽ مون کي چيو، ”پر هن هنڌ جا سڀ ماڻهو ڌاڙيل آهن؛ توهان هنن بلوچن کان جان ڇڏايو ۽ هڪ حاجيءَ جو ڪردار اختيار ڪيو ۽ پوءِ آءٌ هن ڳالهه جو انتظام ڪندس ته اوهان کي اُنهيءَ حيثيت ۾ هڪ سونهون ڏنو وڃي“. آءٌ هڪدم پنهنجي جماعت ڏانهن موٽي آيس ۽ منجهانئن هر هڪ کي هڪ هلڪو سلڪو تحفو ڏيئي جمعا خقن کان اجازت ورتم ۽ پوءِ پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي، علمدار نالي ننڍي شهر ڏانهن ٽهلداس سان گڏجي آيس، جنهن اها رات مون کي پنهنجي گهر ۾ ٽڪايو. +3- اپريل: اڄ صبح جو آءٌ سردار (جنهن جو نالو خانجهان خان هو)، سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ان ڏانهن پنڌ ڪري ويس، جنهن اهو معلوم ڪري ته آءٌ حاجي آهيان، مون سان ڏاڍي شريفانه نموني ۾ ملاقات ڪئي. هن کي ڏاڍي خوبصورت پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس خدمت ۾ پنج- ڇهه نوڪر هئا. هيءُ سردار آسپاس جي سڀني علائقن لاءِ هڪ ڏهڪاءُ آهي ۽ ذري گهٽ پوريءَ طرح لٽ ڦر جي مال تي گذر ڪندو آهي ۽ هن جو پنهنجو علائقو تمام ٿورو آهي. +4- اپريل: انهيءَ ڏينهن جي دوران مون ٽهلداس سان حساب چُڪتو ڪيو، جيڪو مون لاءِ سڄي ملڪ جو بهترين سونهون حاصل ڪرڻ ۾ خوش نصيب ثابت ٿيو هو. مون کيس انهيءَ تڪليف جي صلي ۾، جيڪا هن مون لاءِ ڪئي هئي، هڪ مناسب سوکڙي ڏني، ۽ پوءِ اتان کان جلد از جلد رواني ٿيڻ لاءِ مون هر شيءِ تيار ڪئي. +سيستان، هيلمند جي ڪنارن تي واقع هڪ تمام ننڍو صوبو آهي، جيڪو پنج سئو چورس ميلن جي پکيڙ کان وڌيڪ ايراضيءَ تي مشتمل ڪونهي ۽ ان جي اتر ۽ اتر- اوڀر ۾ خراسان، اولهه ۾ ايران، ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ هڪ غيرآباد ريگستان جي ذريعي مڪران کان جدا ٿيل آهي. سيستان جا هن وقت فقط اهي حصا آباد آهن، جيڪي هيلمند درياهه جي ڪپن تي واقع آهن، ۽ جنهن جو ترو هر سال هيٺ لهندو وڃي ٿو ۽ ٻنهي ڪنارن وارو ريگستان پڻ اوتري تناسب سان اڳتي وڌندو پيو اچي. اسان رودبار شهر وٽان سيستان ۾ داخل ٿياسون؛ اتي درياهه جا ڪنارا چڱيءَ طرح سان آباد ۽ ڦلدار آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڏاڍي ڀلي مٽي آهي، جنهن جي آبپاشي درياهه طرفان ٿئي ٿي، پر انهيءَ سائي پٽي جي وڌ ۾ وڌ ويڪرائي ٻن ميلن کان مٿي ڪانهي، جتان کان ريگستان اوچين پهاڙين ۾ مٿي وڌندو پيو وڃي ۽ اهو هڪ اهڙي غيرآباد علائقي جي اڻ کٽ سلسلي جي مٿان، جنهن ۾ نه ڪو پاڻي آهي ۽ نه ڪا ساوڪ نظر اچي ٿي، وڍندو هڪ طرف کان قنڌار کان هرات ڏانهن ويندڙ عظيم شاهراهه سان وڃي ملي ٿو ته ٻئي طرف کان اهو هيٺ لهندو وڃي انهيءَ پيچري سان ڳنڍجي ٿو، جيڪو ليفٽيننٽ پاٽنجر طرفان نوشڪيءَ کان ديزوڪ ۽ بنپور ڏانهن ويندي اختيار ڪيو ويو هو. اهو علائقو جيتوڻيڪ هن وقت فقط تنبن ۾ رهندڙ افغانن ۽ بلوچن سان آباد آهي، ان جي باوجود ان تي سابق تهذي��ن ۽ آسودگيءَ جا نشان اڃان تائين واضع آهن. ان کان علاوه، رودبار کان وٺي گاديءَ واري شهر دوشڪ تائين، جنهن تي هن وقت سردار جي وڏي ۾ وڏي پٽ جي اعزازا ۾ جلال آباد نالو وڌو ويو آهي، سڄو رستو ڳوٺن، قلعن ۽ پن- چڪين جي کنڊرن سان ڀريو پيو آهي. +پهرين جاءِ جيڪا ماڻهوءَ جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿي، سا ڪيڪباد آهي، جيڪا رودبار کان اٽڪل پنج ميل پري آهي. اهو هنڌ، اڳئين زماني ۾ شاهه ڪيخسرو جو رهائشگاهه هو. هن وقت اتي هڪ ننڍي چورس شڪل واري قلعي جي برجن، فيصلن ۽ ان جي ڀرسان ڪجهه عمارتن جي ڪچيءَ مٽيءَ جي ديوارين جي نشانن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچيو آهي. درياهه کي پار ڪرڻ تي اسان سائن آباد پهتاسون، جيڪو ان جي اتر- الهندي ڪپ تي واقع آهي، البت جديد دؤر جو آهي ۽ عربن هٿان آباد ڪيل چيو وڃي ٿو. ان طرح، پنهنجي سونهي جي غلطيءَ سبب آءٌ پنجويهه ميل پري، ريگستان پار ڪري پولڪي پهتس ۽ درياهه تي واقع شهر ڪُلياپَت ڏسڻ جو موقعو وڃائي ويٺس. چيو وڃي ٿو ته اتان جو محل اڃا تائين چڱيءَ طرح محفوظ آهي، پر آءٌ شهر جي ماپ يا ان جي بنياد پوڻ جي تاريخ متعلق ڪابه معلومات حاصل ڪري نه سگهيس. پولڪيءَ ۾ ڪنهن پراڻي زماني جي وڏي ۽ خوشحال شهر جا ڦٽل نشان نظر اچي رهيا آهن. ان جي ديوارين، گهرن ۽ باغن جا کنڊر گهٽ ۾ گهٽ سورهن چورس ميلن جي جاءِ والارين ٿا؛ هيلمند درياهه جا ڪنارا، هن هنڌ تي انتهائي سرسبز آهن ۽ رڍن لاءِ ڏاڍو سٺو چراگاهه مهيا ڪن ٿا، جن جا مون تمام وڏا ڍڻ اتي ڏٺا. درياهه اٽڪل ٻه سئو وال ويڪرو، ناقابل عبور ۽ انتهائي خوبصورت ۽ رنگ برنگي نظارو پيش ڪري ٿو. اسان اتي مهمان نواز نوشيرواني بلوچن جي هڪ تومن ۾ رهياسون، جن اسان جي اُٺن جي سلامتيءَ لاءِ ڪابه ذميداري پاڻ تي نه کڻڻ چاهي، ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ موجب هاڻي اسان ڌاڙيلن جي عين مرڪز ۾ پهچي چڪا هئاسون، جنهنڪري اسان پنهنجي ٽولي جي ڪجهه حصي کي هميشه پهري تي رکڻ لاءِ مجبور ٿياسون. +علمدار، هن ملڪ جي انتهائي مشهور ڌاڙيل، خانجهان خان طرفان تعمير ۽ آباد ڪيو ويو هو ۽ هو هرات ۽ قنڌار جي درميان رستي تي سفر ڪندڙ سڀني قافلن لاءِ ڏهڪاءُ آهي. انهيءَ هنڌ پهچي، هيءُ علائقو هڪ نئين صورت اختيار ڪري ٿو. درياهه جي ٻنهي ڪپن تي فقط سوڙهي پٽي تي زراعت هئڻ جي بدران، هن هنڌ درياهه مان وڏيون شاخون کوٽيون ويئون آهن ۽ پاڻيءَ کي سڄي علائقي جي رقبي ۾ چڱيءَ طرح سان ورڇيو ويو آهي ۽ خانجهان خان سان حق ۽ انصاف ڪرڻ لاءِ سندس تعريف ۾ ايترو سو ضرور چوڻو پوي ٿو ته جيتوڻيڪ هو پنهنجن پاڙيسرين جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڏو رهزن آهي، ان جي باوجود هن جو علائقو ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي قدر بهتر آباد ۽ سائو آهي. +6- تاريخ: مون علمدار ۾ قيام ڪيو ۽ 7- تاريخ تي ٽهلداس کي ساڻ کڻي مون، چار ميل پري واقع جلال آباد شهر يا دوشڪ ڏانهن سواري ذريعي سفر ڪيو. قديم شهر جا ڦٽل نشان گهٽ ۾ گهٽ ايتري پکيڙ ۾ ڦهليل آهن، جيترو اصفهان شهر آهي. اهو شهر پڻ اهڙي نموني ۾ تعمير ٿيل آهي، جهڙيءَ طرح سيستان جا ٻيا شهر، جي اڌ سڙيل سرن جا آهن ۽ ڪن جي گهرن جون ڇتيون گنبذ نما ۽ ٻه منزلون مٿي آهن. جلال آباد جو جديد شهر صاف ۽ سڌاري جي حالت ۾ آهي. ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار گهر ۽ هڪ چڱي خاصي بازار آهي. ان تي بهرا سان ڪياني حڪومت ڪري ٿو، جيڪو هڪ تمام قديم ۽ خود مختار گهراڻي جو فرد آهي، پر هن جي سالياني آمدني ٽيهن هزار رپين کان وڌيڪ ناهي ۽ هن وٽ خانجهان خان جي حملن ۽ لٽڦر کي روڪڻ جي طاقت ڪانهي. دوشڪ کان وٺي ايران ۾ واقع ڪرمان تائين، هڪ ��هوڙيسوار لاءِ ويهن ڏينهن جو سفر آهي ۽ ساڳيوئي عرصو يزد ڏانهن وڃڻ ۾ لڳي ٿو، جنهن جو رستو هڪ اهڙي ويران بيابان جي وچان آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جو هڪ قطرو به ڪونهي؛ اهو رستو غائين (جيڪو غاليچن جي صنعت کان مشهور آهي) ۽ خوبيز شهرن جي پاسي کان گذري ٿو، جنهن پوئين شهر جي متعلق مون کي ڪابه معلومات نه ملي سگهي. +8- اپريل: آءٌ پنهنجي محتاط دوست ٽهلداس کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، اڄوڪي ڏينهن، صبح جو اٽڪل اٺين بجي مهل دوشڪ کان روانو ٿيس. منهنجو سونهون جنهن جو نالو ملان غني هو، جوئائين جي خلجي قبيلي جو هڪ افغان ۽ نهايت وسيع معلومات وارو، جيڪا هو، وڏي خوشيءَ سان ٻين تائين پهچائڻ لاءِ تيار رهندو هو، ۽ ڏاڍو خوش خلق ۽ کلمک ماڻهو هو ۽ ان کان سواءِ هن وٽ هڪ ڏاڍو ڀلو وهٽ هو (جنهن جو مون کي ڏاڍو قدر هو). اهو سفر بلوچن جي سست رفتار چال جي ڀيٽ ۾ ايڏو ته وڏو فرق ظاهر ڪري رهيو هو جو آءٌ ڏاڍي چاهه سان روانو ٿي ويس ۽ اڪبر ۽ دولت آباد جهڙن ننڍن ڳوٺن کان لنگهي وڃڻ کان پوءِ، اسان دوشڪ کان اٽڪل پنجويهه ميل اتر ۾ سيستان کان نڪري وياسون ۽ خراسان ۾ داخل ٿياسون، جتي اسان معمولي چاڙهيءَ سان سخت زمين واري ويران ريگستان وچان سفر ڪيو. منجهند کان اڳي اسان آسانيءَ سان پنجويهن ميلن جو سفر طئي ڪري ورتو. جڏهن اسان پيشاورون نالي شهر جي کنڊرن وٽ پهتاسون، جن جي وسعت حيرت انگيز حد تائين گهڻي آهي، تڏهن اسان پنجن ميلن تائين سڌو انهن جي بلڪل وچ مان لنگهياسون. ڪجهه اڳڀرو اسان سيد اقبال جي مزار تي پهتاسون. اتي گندرف جي پاڻيءَ جو کوهه آهي. اها هڪ مضبوط ۽ طاقتور جماعت لاءِ ترسڻ جي جاءِ آهي، پر جيئن ته اسان جي ٽولي تعداد جي لحاظ کان اهڙي ڪانه هئي، انڪري اسان جي سونهي اتان اڳتي هلڻ ئي مناسب سمجهيو. چنانچه اسان ائين ڪيو ۽ چوٽيهن ميلن تي اسان اوڪ جي ضلعي ۾ واقع جوئائين نالي هڪ پراڻي شهر جي کنڊرن ۾ ترسياسين. اسان پنهنجن وهٽن کي کنڊرن ۾ ڇڏي ڏنو ۽ اسان پاڻ ماني کائڻ کان سواءِ سمهي پياسين، جو باهه ٻارڻ کان هن ڪري ڊڄي رهيا هئاسين ته متان دونهون اسان جي جاءِ ڏانهن ڌاڙيلن جي ڪنهن رهيل کهيل ٽولي جو ڌيان ڇڪائي، جن سان اهو سڄو ڀريل رهندو آهي. +9- اپريل: اڄ صبح جو اسان قلع ۽ ماڻهن سان آباد ڳوٺ ڏانهن وياسون ۽ پنهنجي سونهي جي گهر تي وڃي لٿاسون. ڪيئي افغان اسان کي ڏسڻ لاءِ مڙي آيا ۽ ملان جي طرفان مون کي حج تي ويندڙ هڪ سيد جي حيثيت ۾ انهن سان متعارف ڪرايو ويو. هو مون سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مون تي ڏاڍو توجهه ڏنائون ۽ پڇيائون ته آءٌ ڪهڙي قسم جو سيد آهيان، جنهن تي مون کين جواب ۾ چيو ته آءٌ قريشي آهيان. منهنجي سونهي هاڻي هڪ رڍ ذبح ڪئي ۽ جلد ئي اسان هيٺ ويٺاسون ۽ پنهنجن اوٺين ۽ هڪ ٻئي ملاقاتيءَ سميت گڏجي شوروي ۽ گوشت جي هڪ وڏي ٿالهه مان کاڌوسون. جڏهن نيرن پوري ٿي، تڏهن آءٌ هيٺ ليٽي پوڻ ۽ انهيءَ بهاني ڪرڻ سان ته آءٌ سواريءَ ڪري ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، پنهنجن ملاقاتين کان جان ڇڏائڻ ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي. مون ٻيو ڏينهن پڻ گهڻي قدر انهيءَ ساڳئي طريقي سان انتظار ڪندي گذاريو، جيسين منهنجي سونهي محمود خان خلجيءَ جي طرفان، فراه شهر ۾ رهندڙ هڪ افغان سردار ڏانهن سفارش جو هڪ جعلي خط هٿ ڪيو. +جوئائين، اوڪ جي نالي واري ضلعي ۾ هڪ ننڍو سرسبز ٽڪرو آهي، جنهن کي چوڌاري پهاڙيون وڪوڙي بيٺيون آهن، جن مان هڪ ندي نڪري ٿي ۽ سڄي ماٿريءَ کي پاڻي پهچائي ٿي. انهيءَ هنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ کي مٿي ڇڪلڻ ۽ ان کي پيهڻ لاءِ سڌيون پَوَن- چڪيون ٺاهيندا آهن. ��تان جو قلعو (سڀني ايراني قلعن وانگر) بلند و بالا ۽ سنهين، ڪمزور فصيلن سان ٺهيل آهي،. جنهن جي چوڌاري هڪ ننڍي کڏ آهي، جنهن جي پاسن وٽ گولائيءَ ۾ ٺهيل برج آهن. جوئائين جا باشندا محمود خان جي تحت آهن، جيڪو خلجيءَ قبيلي جو سردار آهي. هو پاڻ جوئائين کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي واقع دُرگ نالي هڪ قلعي ۾ رهي ٿو. هن وٽ چار سئو گهوڙيسوار سپاهي رهن ٿا، ۽ هن کان سڄي علائقي ماڻهو ڪنبن ٿا. اسان خط هٿ ڪرڻ کان پوءِ ان تي محمود خان جي مُهر هڻائي ۽ پوءِ رات جو ٻاهر سمهي رهياسون، ۽ ٻئي ڏينهن صبح ٿيڻ سان اتر جي اڀرندي رخ ۾ هلياسون. پندرهن ميلن کان پوءِ اسان بهترين قسم جي پاڻيءَ واري هڪ چشمي وٽ پهتاسين، جتي اسان ٻه يا ٽي ڪلاڪ قيام ڪيو ۽ پوءِ اتان کان ڏهه ميل اڳتي وڍي وياسين ۽ سج لهڻ مهل هڪ ڪڙئي جي اندر ترسي پياسون. وهٽن لاءِ ڪو داڻو دستياب ڪونهي، جتوڻيڪ اسين ايليسا آباد جي ڀر پاسي ۾ آهيو، جيڪو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. +10- اپريل: اڄوڪي ڏينهن تي اسين فراه پهتاسون ۽ سڌو ابراهيم خان جي گهر وياسون، جنهن جي لاءِ مون وٽ اهو جعلي خط هو. هو ٻاهر آيو ۽ خط پڙهڻ کان پوءِ هن پنهنجن ماڻهن کان غاليچا وڇرايا ۽ اسان کي ڏاڍي مهمان نوازيءَ واري نموني ۾ مليو. مون ڏينهن جي گرميءَ جڪو سڄو وقت سندس باغ ۾ گذاريو، جتي ڪنهن به منهنجي آرام ۾ خلل نه وڌو. اسان جو ميزبان ۽ سندس ڀاءُ مانيءَ ۾ اسان سان شريڪ ٿيا، جنهن ۾ افغانن جو دستوري کاڌو، ٻڪريءَ جي گوشت جو شوربو ۽ پلاءُ جي ٿالهي شامل هئي. +شام جو هڪ مُلان مون کي ڏسڻ لاءِ آيو ۽ جيئن ته هو مون کي ڦڏئي پئي معلوم ٿيو، انڪري مون نند جو بهانو بنايو ۽ آرام ڪرڻ لڳس. بهرحال، هو منهنجي انهيءَ مڪر سان ٽرڻ وارو ڪونه هو. هن مون کي ڌاڳن جي مٿان ۽ ٻارن جي واتن ۾ شوڪارا هڻندي ڏٺو هو ته جيئن اهي انهيءَ سموري فائدي مان فيضياب ٿين، جيڪو کين هڪ سيد ڏيئي پئي سگهيو ۽ هو دليل بازيءَ جو شوقين هو، انڪري هن چيو ته هو مون کسان گفتگو ڪرڻ لاءِ آيو آهي. هن جي بغل ۾ هڪ وڏو ڪتاب دٻيل هو ۽ هن کان منهنجي سونهي دريافت ڪيو ته هن جيڪا ملڪيت هڪ مخصوص طريقي سان حاصل ڪئي هئي سا حلال هئي يا نه؟ مُلان قانون جي وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ چيائين ته هو هڪ سيد جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه هٻڪ سان ڳالهائي رهيو هو ۽ ان کان پوءِ مون کي عرض ڪيائين ته آءٌ کيس مطلع ڪريان ته هو صحيح هو يا نه. مون بيخياليءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي ۽ جڏهن اها ڳالهه زير بحث آئي، تڏهن هن مون تي هن سوال پڇڻ سان حملو ڪيو ته آءٌ شيعو آهيان، يا سُني[2] مون هن کي جواب ۾ چيو ته آءٌ سُني آهيان، جنهن تي هن ائين چئي من هنجا الفاظ دهرايا ته هڪ سيد لاءِ اهو جواب موزون ڪونه آهي. آءٌ منجهي پيس ۽ موقعو وٺي ڪن ٻين ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳس، جن ان وقت مون کي مخاطب ڪيو هو ۽ اميد ڪيم ته ان طرح سان آءٌ انهيءَ سوال کان پاڻ کي بچائي وٺندس. پر اورچ طبعيت وارو مُلان اهڙي آسانيءَ سان چپ ٿيڻ وارو ڪونه هو. ڪجهه وقفي کان پوءِ، هن ڏاڍي نرميءَ سان چوڻ شروع ڪيو ”توهان شايد اهو سوال نه ٻڌو آهي، جيڪو مون اوهان کي ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان ناراض نه ٿيو ته آءٌ اهو دهرايان ٿو“، ۽ هُنن ائين ئي ڪيو. مون هن کي هندستانيءَ ۾ جواب ڏنو ته آءٌ کيس ايتريقدر نٿو سمجهان جو انهيءَ باري ۾ پنهنجي راءِ ظاهر ڪري سگهڻ جي همت ڪريان. پوءِ ته هن منهنجي سونهي غنيءَ کي سڏ ڪيو ۽ اهو ڄاڻي ته آءٌ فارسي نٿو سمجهي سگهان، هن کي ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو. غنيءَ مهرباني ڪري هن کي سمجهايو ۽ مون کي وڏي خطري مان بچائي ڪڍيو. جڏهن مُلان هليو ويو تڏهن غنيءَ مون کي چيو ته توهان اهو سمجهي ڇڏيو ته جڏهن اوهان دليل بازيءَ کان پاڻ بچائڻ چاهيو، تڏهن هڪ هاڪار کان هڪ سئو ڀيرا ناڪار بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ ڪوئي به توهان جي لفظن يا جملن جي اظهار کي پڪڙي نه سگهندو. ان کان پوءِ مون انهيءَ صلاح تي سختيءَ سان عمل ڪيو، حديث[3] ۽ قرآن شريف وغيره جي ڄاڻ کان پنهنجي لاعلمي ظاهر ڪرڻ کي دستور بڻائي ڇڏيو، جنهن جي ذريعي مون پاڻ کي انهن چئن ڏينهن جي دوران، جڏهن آءٌ اتي ترسيل هئس، وڏيءَ تڪليف ۽ ردقد، شايد ظاهر ٿي پوڻ کان پاڻ کي بچائي وڌو. +فراه هڪ وڏو شهر پناهه وارو شهر آهي، جيڪو هڪ سرسبز ماٿريءَ ۾ واقع آهي ۽ قنڌار کان هرات[4] ويندڙ شاهراهه جي ذري گهٽ اڌ پنڌ تي بيٺل آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ۾ چڱي خاصي بازار آهي، پر جيئن ته هن شهر ۾ داخل ٿيڻ آسان آهي ۽ وري ان مان ٻاهر نڪرڻ انتهائي دشوار آهي، انڪري مون ان ۾ داخل ٿيڻ جي همت نه ڪئي ۽ سڄو وقت باغن ۾ رهيس، جيڪي شهر کان اٽڪل هڪ جميل پري هئا. هن ماٿريءَ کي جبلن مان نڪرندڙ نهر مان چڱو پاڻي ملي ٿو ۽ اتان جا باغ ڏاڍا وڏا ۽ وسيع آهن. افغان زمين لاءِ ڪابه ڍل نٿا ڀرين ۽ بازار جا محصول پڻ تمام مختصر ۽ خسيس آهن. +دوشڪ کان وڄي فراه تائين مفاصلو اٽڪل روءِ پنجهٺ ميل يا هڪ گهوڙيسوار لاءِ آرام سان سفر ڪرڻ جهڙيون ٽي منزلون آهن. پهرين منزل ٻارڻ جي ڪاٺين يا پاڻيءَ کان سوا پنجويهه ميل آهي، پويون ٻه منزلون ننڍيون آهن ۽ انهن ۾ ٻيئي شيون موجود آهن، پر سڄو ملڪ هڪ ويران ۽ سئون سڌو بيابان آهي. +14- اپريل: اڄ هتان کان هرات لاءِ هڪ قافلو روانو ٿيڻ وارو هو ۽ مون کي انهن سان گڏجي وڃڻو هو، پر منهنجي دوشڪ واري سونهي ڇهن رپين جي قيمت جيترين چينيءَ جي سرن لاءِ مون سان اول الذڪر شهر جي اڌ رستي تائين گڏجي هلڻ جي آڇ ڪئي. مون اها قبول ڪئي ۽ مون وڌيڪ سلامتيءَ خاطر، هن جي سالي کي پنهنجن اُٺن منجهان هڪ تي چاڙهيو. اسان هڪ سٺي ۽ سخت رستي تي اتر- الهندي واري رخ ۾ سڌن ميدانن مان، جن جي چوڌاري هيٺانهيون ۽ ويران ٽڪريون بيٺل هيون؛ جن تي ڪابه آبادي ڪا نه هئي، سفر ڪيو. اسان سج لهڻ ڌاري هڪ قافلي وٽان اچي لنگهياسين ۽ انهن کان سواءِ ئي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو؛ ايڪيهن ميلن وٽ اسان ٽڪرين جي قطخار وٽ پهتاسين ۽ هڪ ”رود خانو“ يا نديءَ جي پيٽ ۾ داخل ٿي، انردرو وٽ اچي نڪتاسين، جيڪو هڪ انتهائي خوبصورت ۽ روماني خطو آهي، جنهن جهڙي ٻئي ڪنهن خطي جو تصور ڪرڻ به ممڪن ڪونهي. انردرو هڪ ننڍو شهر آهي، جيڪو هڪ ننڍڙي نديءَ جي ڪپ مٿان ٺهيل آهي، جيڪا ٻن بلند ۽ بالا جبلن جي درميان واقع اڌ ميل ويڪري ماٿريءَ مان وهي ٿي. انهن جبلن جي دامن ۾ هڪ پاسي کان گهر اڏايل آهن ۽ ان جي سامهون واري طرف باغ آهن، جيڪي شهتوتن، شفتالن، صوفن، ناسپاتين ۽ ٻين ميون سان ڀريل آهن. +15- اپريل: اسان اڄ صبح جو سج اڀرڻ مهل باغن جي وچان لنگهياسون ۽ ٻن ميلن تي ماٿريءَ جي آخري ڇيڙي وٽ پهتاسون. اتي هڪ مسجد ۾ قيام ڪليوسين ۽ شام مهل وري ٽڪرين جي وچ ۾ اتر ۽ اتر- اوڀر واري رخ ۾ سفر شروع ڪيوسون. وچ ۾ ڪابه پوک ڪانهي. سترهن ميلن وٽ اسان رستو ڇڏيو ۽ ان جي ساڄي طرف ڏانهن وڃي انردروءَ کان اٽڪل ٻٽيهه ميل پري، اوڪل نالي هڪ ڳوٺ جي ويجهو هڪ خشڪ ناليءَ جي پيٽ ۾ ترسياسون. اڄ شام مهل، جيئن منهنجو سونهون مون سان گڏ اُٺ تي سواري ڪري رهيو هو ته هن چيو ته جيڪڏهن آءٌ نماز نه پڙهندس ته ڳوٺ جا ماڻهو رڙيون ڪري چوندا ”هاءِ هاءِ! توبهه. افسوس! افسوس! مون هن کي، هن دليل جي آڌار تي ٽارڻ چاهيو ته مون وٽ وضو ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪونه هو. ”ريتي کڻي وضو ڪريو“، هن چيو ۽ شام ٿيڻ مهل، جيئن ته مون کان اڳڀرو هلي رهيو هو، انڪري هو ترسي پيو ۽ سڌو نماز لاءِ هليو ويو. آءٌ هن سان گڏجي هلندي، نماز پڙهڻ کان پاڻ بچائي نه پئي سگهيس، انڪري هن جي حرڪتن کي جاچي جوچي، آءٌ انهيءَ طريقي سان نماز پڙهڻ لڳس. بهرحال، مون وري ٻيهر ائين نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ايتري تائين سلامتي سان اچڻ کان پوءِ، مون سمجهيو ته خدائي تحفظ وڃائڻ جو انتهائي امڪاني طريقو، عبادت کي مذاق ۽ مسخرائيءَ سان ادا ڪرڻ ٿيندو. +16- اپريل: اسان هڪ بيابان ۾ واقع هڪ اهڙي زيارتگاهه ڏانهن وياسين، جتي گهڻي وقت کان وٺي ماڻهن جو گهٽ گذرگاهه هو. اتي پهچڻ سان پنهنجي سونهي کي خدا حافظ ڪرڻ کان پوءِ، جيڪو اوڪل واري ڳوٺ ڏانهن واپس ويو، آءٌ شام جو ٽين بجي مهل هرات ڏانهن روانو ٿيس ۽ رستي تي پنهنجي سلامتيءَ لاءِ خدا تي ڀروسو ڪيم. اوڪل هڪ وسيع ماٿريءَ جي ڏکڻ- اوڀر واريءَ ڪنڊ ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو اوچن پهاڙن جي ٻن قطارن جي وچ ۾ واقع آهي، جيڪي اولهه ۽ اوڀر طرف وڃن ٿيون. ويهن ميلن وٽ هڪ اهڙو کوهه آيو، جنهن جو پاڻي ٻاڙو هو. اها قافلن لاءِ هڪ باقاعده منزل آهي، پر اسين الهندي، اتر- الهندي طرف هلندا رهياسون؛ رستو سٺو آهي ۽ ٻنهي پاسن کان ننڍيون ٽڪريون آهن. ٽيهن ميلن وٽ اسان سفر بند ڪيو ۽ رستي جي اڀرندي طرف جيڪي ٽڪريون هيون، تن ۾ سمهي رهياسين. +17- اپريل: صبح ٿيڻ تي آءٌ وري اتر، اتر- اولهه طرف روانو ٿيس، جتي رستو پهاڙين جي مٿان ور وڪڙ کائي رهيو هو. اسان اڃا ڇهه ميل اڳتي مس ويا هئاسين ته پنهنجي پٺيان ڇهن افغان سوارن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺوسون، جيڪي سڀيئي هٿياربند ۽ ڀلن وهٽن تي سوار هئا. منهنجي سونهي پنهنجي بندوق کي سنڀاليو ۽ مون پنهنجا پستول تيار رکيا، ءٌ پنهنجي ٽوليءَ کي رستي جي ڏائي طرف ڏانهن هٽائي، بندوق جي گوليءَ جي مفاصلي وٽ هڪ دڙي تي مورچو سنڀاليو. اتي اسان پنهنجن وهٽن تان هيٺ لٿاسون ۽ اسان جي سونهي، جنهن وٽ ئي هڪ بندوق هئي، گوڏو ڀڃي ويهي رهيو. افغان رستو وٺي اڳتي وڌندا آيا، تان جو اسان جي بلڪل سامهون رستي جي ٻئي ڪناري وٽ اچي پهتا ۽ ان کان پوءِ پڇيائون ته ”اوهين ڪير آهيو؟“ سونهي جواب ڏنو ته ”هيءُ محمد خان غلزئي جو هڪ پيرزادو آهي ۽ هن وقت خراسان ۾ واقع مشهد جي زيارت تي وڃي رهيو آهي.“ آخري گهوڙيسوار پنهنجي گهوڙي کي اسان جي طرف ڦيرايو، جنهن تي منهنجي سونهي پنهنجي هٿ سان اشارو ڪندي هن کي چيو ته جيڪڏهن هو هڪ قدم به اڳتي وڌائيندو ته هو مٿس گولي هلائيندو. انهيءَ تي افغان پڇيو، ”تون اسان جي ڇهن بندوقبازن جي سامهون، جيڪي چڱيءَ طرح سان مسلح آهن، هڪ بندوق سان ڇا ڪري سگهندي؟“ ”بلڪل سچ“، سونهي جواب ڏنو، ”پر انهيءَ پيرسن ماڻهوءَ کي پري ڇڏيو، جيڪو توهان جي مُنهڙ ۾ بيٺو آهي. اهو ته ڪجهه به ڪونه لهي؛ پوءِ اسان پنج اوترائي ٺيڪ آهيون، جيترا توهان آهيو.“ پنهنجا هٿيار ڇڏي ٻانهون مٿي کڻي هلو. پوڙهي بزرگ چيو، ”۽ پيرزادي کي اهو سمجهڻ نه ڏيو ته اسان ڪي ڌاڙيل يا خوني آهيون؛ ائين چئي هنن پنهنجي گهوڙن جا منهن ڦيرايا ۽ اتان هليا ويا. +اسان دل ۾ پوريءَ طرح مطمئن ٿياسون ته اسان افغانن کان صلح پسنديءَ سان جان ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. اسان پنهنجو سفر وري جاري ڪيو ۽ اٺن ميلن تي هڪ کوهه تي پهتاسين، جنهن کي پليسي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اها جاءِ قافلن جي ترسڻ جي آهي، جو اتي سٺو پاڻي ۽ جانورن لاءِ چارو موجود آهي. هتي اسان ٽڪرين جي ��ن قطارن جي درميان، جيڪقي اولهه ۽ اوڀر ڏانهن وڃن ٿيون، هڪ ويڪري ميدان ۾ نڪري آياسون، جنهن ۾ اونهيون پهاڙي نديون هيون. اسان سڌي رستي کان رخ ڦيرايو ۽ انهيءَ علائقي جي وچان ساڄي رخ تي وياسون ته جيئن ان کان پوءِ ڪن ٻين افغان ٽولين سان ملڻ نه ٿئي. منجهند مهل، اسان شمالي جبلن جي قطار جي دامن وٽ هڪ کڏ ۾ ترسياسون، جنهن ۾ ٻاڙي پاڻيءَ جو هڪ کوهه هو. نيرن ڪرڻ کان پوءِ اسان جبل جي دامن جو چڪر هڻي ۽ رستي تي ايندڙ ڪيئي پهاڙي نديون پار ڪري ۽ انهن جي وچ وارو رستو وٺي ايڪيهن ميلن وٽ هڪ لڪ جي چوٽيءَ تي پهتاسون، جيڪو ننڍو ۽ چڙهڻ ۾ آسان هو. اسان رات جي وقت دشت هام يا هام واري بيابان ۾ ترسياسون، جيڪو هرات جي چئني طرفن کان واقع انهيءَ ماٿريءَ کي وڪوڙي بيٺل جبلن جي چوٽيءَ تي آهي. +18- اپريل: اڄ اسان سوير سوار ٿياسون ۽ هڪ ننڍي زيارت گاهه وٽ ترسي نيرن ڪرڻ کان اڳي پنجويهه ميل طئي ڪياسون، جنهن کان پوءِ اٺ ميل سفر ڪرڻ بعد اسان هرات جي شهر وٽ اچي وارد ٿياسين، پر وچ وارو سڄو علائقو، فقط مختلف ڳوٺن جي پسگردائي کان علاوه، بلڪل ويران ۽ بيابان هو. +فراه کان وٺي ازندرو تائين رستو سٺيءَ حالت ۾ هئڻ، ۽ پهاڙين کان آجو هئڻ ڪري اهو فقط ايڪيهن ميلن جي هڪ آسان منزل آهي، حالانڪ سڄي رستي ۾ ڪٿي به پاڻي ميسر ڪونهي. +[1] . ٺٽي جا ننڍا وڻ +[2] . شيعا ۽ سُني مسلمانن جا ٻه وڏا فرقا آهن. ايراني سڀ شيعا آهن، ۽ منهنجو خيال آهي ته مون کي پڻ اهو سمجهيو ويو. +[3] . قانون يا الله جو ڪلام (ظاهر آهي ته حديث لفظ جي اها معنيٰ صحيح ناهي). (مترجم) +[4] . هڪ ٻيو رستو به، سبزوار جي ڀرسان واقع ٽڪرين جي مٿان وڃي ٿو. \ No newline at end of file