diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book10.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book10.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book10.txt" @@ -0,0 +1,394 @@ +ڪتاب جو نالو: مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا + + + +مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا (ناول) + +وڪٽرهيوگو/شمس العلماءِ ميرزا قليچ بيگ +ڇپائيندڙ پاران +سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامور عالم ۽ اديب ميرزا قليچ بيگ جا سنڌي ادب تي وڏا احسان ڪيل آهن، سندن ڪيل خدمتن جي ڪٿ هن مختصر نوٽ ۾ ڪرڻ مشڪل آهي، ان لاءِ ڪتاب لکجن. تخليقي ادب کان علاوه سندن ترجمو ڪيل ادب وڏي اهميت جو حامل آهي. ”مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا“ ڪتاب ترجمي جي حوالي سان ميرزا قليچ بيگ جي شاهڪار ڪاوشن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ ڪتاب هڪ مشهور فرينچ ناول تان کنيو ويو آهي. جنهن جو اصل ليکڪ ’وڪٽر هيوگو‘ آهي. ميرزا صاحب چواڻي، ته هن ناول جي انگريزيءَ سميت ٻين پرڏيهي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. +شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ هن ناول جو سنڌي ترجمو سنه 1916ع ڌاري ڪيو. جو فيبروري 1917ع ۾ ترجمي جي اختتام تي لکيل نوٽ مان معلوم ٿئي ٿو. +هيءُ ترجمو ميرزا صاحب جي خاندان جي توسط سان بورڊ کي موصول ٿيو، جنهن جو پهريون ڇاپو سال 1961ع ۾ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو، سال 1977ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو. مارڪيٽ ۾ ڪتاب جي ناياب ٿيڻ جي اطلاعن ملڻ تي هن ڪتاب جو نئون ڇاپو نئين اهتمام سان بورڊ جي پريس مان ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. اميد ڪجي ٿي ته قارئين حضرات کي هيءُ ڇاپو به اڳ وارن ڇاپن وانگر پسند ايندو. + +ڄام شورو، سنڌ +اعجاز احمد منگي +سومر 26 – ذي القعد 1427هه +سيڪريٽري +بمطابق 18-ڊسمبر 2006ع +سنڌي ادبي بورڊ + +پڌرو هجي ته: +هيءُ ڪتاب وڪٽر هيوگو جي مشهور فرينچ ناول مان هڪڙو آهي، ۽ انگريزيءَ توڙي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. مون اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. ڪتاب جو سمورو ترجمو نه ڪيو اٿم، پر ان جو سارو مضمون سنڌي ۾ ڏنو اٿم، ۽ ڪي ٿورا ڀاڱا ۽ نالا غيرضروري سمجهي، ڇڏي ڏنا اٿم. اميد آهي ته پڙهندڙ اهو پڙهي خوش ٿيندا، ۽ هن مان چڱي نصيحت حاصل ڪندا. +حيدرآباد - سنڌ ----- قليچ بيگ +--- فيبروري 1917ع + + +باب پهريون +سن 1815ع ۾، فرانس جي هڪڙي پرڳڻي ۾ ”چارلس مرِيـَـل“ نالي هڪڙو پادري هوندو هو، جنهن کي اُتي مقرر ٿئي اَٺ - نـَـو ورهيه ٿيا هئا. هو اصل هڪڙو خانداني ماڻهو هو، ۽ هاڻي پنجهتر ورهين عمر جو هو. هن کي سندس پيءُ ارڙهن - ويهن ورهين جي ڄمار ۾ پرڻايو هو. هو قدر جو بندرو هو، مگر مضبوط ۽ خوبصورت ۽ خوش طبع هو- ملڪ جي ٻين اميرن وانگي هن خاندان جو به شاهي خاندان سان واسطو رهندو هو. پر انهيءَ وقت ڌاري جو فرانس ۾ حڪومت جي ڦيرڦار جو فساد پيو ۽ بادشاهي حڪومت مان ڦري راڄاڻي يا رعيتي حڪومت شروع ٿي،تنهن ۾ ٻين خاندانن وانگي هي خاندان به دربدر ٿي ويو. تنهنڪري چارلس مريل ملڪ ڇڏي زال سوڌو اٽليءَ ڏي ويو، اُتي هن جي زال مري پئي ۽ اولاد ڪو نه ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ هو گوشه نشين ٿي گذاريندو هو. +جڏهن چارلس مريل هن نئين عهدي تي مقرر ٿي آيو، تڏهن ساڻس سندس ڀيڻ هئي، جا کانئس ڏهه ورهيه ننڍي هئي، انهيءَ جو نالو ”مئڊم پپتستائن“ هو. هوءَ ڊگهي، سنهي، نرم دل زال هئي، ۽ ننڍي هوندي کان عبادت ۽ خداپرستيءَ ڪري اچي ايڏي ٿي هئي. هنن سان ٻي به هڪڙي زال ”مگلوئر“ نالي هئي، جا سندن نوڪرياڻي هئي: هوءَ ٿلهي، مضبوط ۽ چالاڪ هئي، ۽ دم ڪشيءَ جي ڪري، خواه تڪڙي تڪڙي ڪم ڪرڻ ڪري اڪثر پئي سهڪندي هئي. +اتي اچڻ کان پوءِ، پهرين ته پادري صاحب دستور موجب اتي جي حاڪمن، عملدارن ۽ وڏن ماڻهن سان ملاقات ڪئي، ۽ پوءِ پنهنجي عهدي جو ڪم شروع ڪرڻ لڳو- جا سرڪاري جاءِ هن کي رهڻ لاءِ ملي سا هڪڙي قديم ماڙيءَ واري عمارت ��ئي، ۽ ساڻس هڪڙو باغيچو به لاڳو هو. جيڪو پگهار ملندو هوس، تنهن جو گهڻو ڀاڱو ته خيراتي ڪمن ۽ خلق جي فائدي لاءِ خرچڻ لڳو، ۽ پاڻ ٿوري تي گذران ڪرڻ لڳو. سندس ڀيڻ هن کي پنهنجو بزرگ سمجهي، سندس مرضيءَ پٺيان هلندي هئي، ڪڇندي ڪين هئي، مگر سندس نوڪرياڻي البت ڪـُـرڪندي جهرڪندي هئي، ۽ تنگيءَ جي دانهن ڪندي هئي. جيڪي رقمون ٻاهران کيس ملنديون هيون، سي به هو خيراتي ڪمن ۾ آڻي ڇڏيندو هو، ۽ پنهنجو خانگي خرچ هميشه قائم رکندو آيو. سندس حد اندر ڪيتريون جايون هيون، جن جي هن کي نظرداري ڪرڻي ٿيندي هئي، ۽ هن کي وڃڻو ٿيندو هو. اوڏانهن به هو هميشه پنڌ ڪري ويندو هو. جي ڪٿي پري جبل ۾ يا ڪنهن ٻئي ڏکئي هنڌ وڃڻو ٿيندو هوس، ته گڏهه تي چڙهي ويندو هو. جيتوڻيڪ ماڻهو کلندا هئا، ته هو دل ۾ نه ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ”جڏهن اسان جو نبي گڏهه تي چڙهيو، تڏهن مون کي چڙهڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي، آءُ ته ضرورت خاطر چڙهيو آهيان.“ +پادري صاحب جي حد اندر جيڪو به غريب ماڻهو بيمار ٿيندو هو، يا قريب المرگ ٿيندو هو ته هي اُتي وڃي حاظر ٿيندو هو، ۽ انهيءُ جي خدمت ڪندو هو ۽ ان کي دڙ دلاسو ڏيندو هو: ڪٿي ڪو قرضي سجهندو هوس، ته انهيءَ جي پاران قرض ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائيندو هو. جيڪي ناحق قيد ٿيندا هئا، تن جي لاءِ ارمان ڪندو هو، ۽ انهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جيڪي مهمان ايندا هئا، تن جي تمام چڱي مهماني ڪندو هو. هو تمام ٿورو کائيندو هو، ۽ ٿورو ڳالهائيندو هو. گهڻو وقت لڪي عبادت ڪندو هو، ۽ خدا بابت خيال ڪندو هو. مقرر وقتن تي ديول ۾ ويندو هو، ۽ اتي وڃي وعظ ڪندو هو. هن جو وعظ اهڙو ته اثر وارو هوندو هو جو گهڻن ماڻهن کي فائدو ٿيڻ لڳو. جيڪي بخيل هئا سي سخي ٿي پيا، جيڪي اڳي بدڪار هئا، سي نيڪ ٿي پيا، جيڪي اڳي گهڻ - خرچائو هئا، سي صرفي وارا ٿي پيا. اگرچ مهمانن کي عمدو طعام کارائيندو هو، پر پاڻ هميشه سادو کاڄ کائيندو هو- اڪثر ماني کير ۾ ڀڄائي کائيندو هو ۽ هر روز فرصت مهل باغيچي ۾ به وڃي ڪم ڪندو هو. +گهر ۾ ٻيئي ٻڍيون زالون مٿي ماڙيءَ تي رهنديون هيون، ۽ پاڻ هيٺ رهندو هو، جتي ملاقاتي به ايندا هئا ۽ لکپڙهه جو به ڪم ڪندو هو. گهر اهڙو جهونو هو، جو ان جو ڪو به دروازو پوريءَ طرح بند ٿي نه سگهندو هو، انهيءَ ڪري پهرين زالن کي ڊپ رهندو هو، ته متان رات جو ڪو چور ٽپڙ چورائي وڃي، پر پادري صاحب ڏاڍو توڪل ۽ تحمل وارو هو، خدا تي ڀروسو رکي، در ورائي سمهي رهندو هو. جيڪو مهمان ايندو هو، تنهن جي رهائڻ لاءِ به خلاصي جاءِ ۽ بسترو مقرر ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ جيڪو وٽس رهڻ گهرندو هو، تنهن کي رهائيندو هو، ٻي ڪا به پڇا ڳاڇا ڪا نه ڪندو هو، بلڪ نالو به نه پڇندو هوس. اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون، جي عجيب هيون، ۽ زالن کي پسند نه اينديون هيون، پر هو انهن تي هـِـري ويون ۽ پادري صاحب جي فرمانبرداريءَ ڪرڻ سببان صبر سان گذارينديون هيون. +هڪڙي ڏينهن شام جو سج لهڻ کان ٿورو اڳي، هڪڙو مسافر انهيءَ ننڍڙي شهر ۾ لنگهي آيو، جنهن ۾ پادري چارلس مريل رهندو هو. وچولي قد جو مضبوط ماڻهو هو ۽ اٽڪل اٺيتاليهن ورهين جو ٿي ڏٺو. هن جو منهن اُس لڳڻ ڪري سانورو هو، ڪپڙا سادا سودا پيل هئس ۽ گهڻي پنڌ ڪرڻ ڪري پگهر پئي وهيس. نعل لڳل بوٽ پيرن ۾ پيو هوس. هو اهڙو ٿڪل هو جو شهر ۾ گهڙڻ کان اڳي پهرين حوض تي پاڻي پـِـي اُڃ لاهي، پوءِ شهر ۾ ڪنهن مسافرخاني جي ڳولا ۾ آيو. +انهيءَ وقت شهر ۾ فقط هڪڙو مسافرخانو هو. اڳئين دستور موجب مسافرخاني وارو مسافرن کي ڪرايي ڏيڻ تي سمهڻ جي ڪوٺي، هنڌ ۽ کاڌو ڏين��و هو، جيئن هاڻي هوٽلن ۾ ٿيندو آهي. اُهي سياري جا ڏينهن هئا ۽ سخت سيءُ هو، تنهنڪري بخاري ۾ باهه پئي ٻري. مسافر اندر لنگهي آيو ۽ مالڪ کي سلام ڪري چيائين ته ”آءُ هتي رهندس. مون کي هنڌ ۽ ماني گهرجي.“ مالڪ چيس ته پئسن سان سڀڪجهه ملي ٿو سگهي. مسافر چيو ته ”پئسا ججها!“ ائين چئي، بغل ٿيلهي مان پئسن جي ڳوٿري ڪڍيائين ۽ هن کي ڏيکاري، وري ٿيلهي ۾ وڌائين مسافرخاني واري پئسا ڏسي چيو ته ”تڏهن ماني به ججهي، ۽ هنڌ به حاضر.“ پوءِ اسان جو مسافر باهه جي ڀر ۾ ويهي پاڻ کي ڪوسو ڪرڻ لڳو ۽ مالڪ کي ماني آڻڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين، مالڪ چيس ته ”ڄاڻ ته ماني آئي.“ +جيسين مسافر باهه تي ويهي پنهنجا خيال پچائڻ لڳو، تيسين مسافرخاني جي مالڪ ڪاغذ جو ٽڪر ڦاڙي، انهيءَ تي پينسل سان ڪي لکي، هڪڙي نوڪر کي ڏنو، جو کڻي شهر جي حاڪم يا مئجسٽريٽ جي گهر ڏي ويو. سگهو ئي هو ورندي وٺي آيو، جا هن وٺي پڙهي مسافر کي چيائين ته “آءٌ تو کي پاڻ وٽ رهائي نه ٿو سگهان!“ تنهن تي مسافر ڦري ڏانهنس منهن ڪري چيو ته ”سو ڇو؟ مون وٽ پئسا آهن، جي چوين ته اڳواٽ ڏيئين؟“ هن وراڻيو ته “مون وٽ سمهارڻ جهڙي جاءِ ڪانهي.“ آءُ گهوڙن جي طنبيلي ۾ ئي کڻي سمهندس- مڙئي رات گذارڻي.“ هن چيو ته ”طنبيلي ۾ به گهوڙا بيٺل آهن، خالي جاءِ ڪانهي.“ مسافر چيو ته ”چڱو ماني ته کاراءِ، پوءِ سمهڻ جو کڻي ڪٿي بندوبست ڪبو.“ هن چيو ته، ”ماني به مون وٽ ڪانهي.“ مسافر چيو ته، ”هي ڪهڙي ڳالهه آهي، مسافرخانو وري ڇا جو ٿيو آهي- آءٌ بک ٿو مران، گهڻو پنڌ ڪيو اٿم، پري کان آيو آهيان.“ هن چيو ته، ”نه آءٌ تو کي ماني ڏئي نه ٿو سگهان.“ مسافر چيو ته، ”آخر انهيءَ جو ڪو سبب به؟ ۽ هن چيو ته، ”بس مون کي اهڙو حڪم مليو آهي.“ مسافر پڇيو ته، ”ڪنهن جو حڪم؟“ هن چيو ته، ”سرڪاري حڪم. مون کي خبر آهي ته تون ڪير آهين- چئين ته نالو به ٻڌايئين. ”جـِـين وَليجان“ آهين نه. تنهنجي اندر اچڻ سان مون کي شڪ پيو، سو مون هڪدم ماڻهو موڪلي پوليس کان پڇا ڪئي، ۽ اتان اهو جواب ۽ اهو حڪم مليم، منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي- آءٌ لاچار آهيان، تنهنڪري مهرباني ڪري نڪري هليو وڃ.“ +مسافر ويچارو پنهنجو ٿيلهو بغل ۾ کڻي، نڪري ٻاهر ٿيو- هڪڙو ٿڪل، ٻيو بـُـکيو، ٽيون سخت سيءُ، ۽ رات مٿان ٿي پيئي. سو شهر جون گهٽيون گهمڻ لڳو، نٿي سـُـجهيس ته ڪيڏي وڃان. ڳچ وقت کان پوءِ هڪڙيءَ وڏي گهٽيءَ جي منهن وٽ هڪڙي جاءِ ڏٺائين، جنهن ۾ بتيون ٻريون پئي ۽ ڪي ماڻهو ويٺا هئا ۽ باهه به پئي ٻري. هيءُ لنگهي اندر وڃي باهه تي ويٺو. اهو شهر جو شرابخانو هو، جو پڻ مسافرخاني وانگر ڪم ايندو هو- ڪباب پئي پڪو، ۽ مزي جي بانس پئي آئي. جيڪي ماڻهو اتي حاضر هئا، انهن مان هڪڙو مهاڻو هو جو ٻهراڙيءَ ۾ مڇيون وڪڻي پنهنجي گهوڙي سوڌو موٽيو هو، ۽ اڌ ڪلاڪ کن اڳڀرو اُتي آيو هو. اتفاق سان ساڳئي رستي سان اهو ساڳيو مسافر به ٿي آيو، تنهن کي سندس منٿ تي ڳچ تائين گهوڙي تي چاڙهي شهر جي ويجهو آڻي لاهي ڇڏيو هئائين. انهيءَ هن کي سڃاتو، ۽ شرابخاني جي مالڪ کي سـُـس ڦس ڪري ڪن ۾ ڪـِـي چيائين، جنهن اُتان اُتي مسافر جي پٺيان ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته، ”ڀلائي ڪري هتان هليو وڃ.“ مسافر منهن ڦيرائي چيس ته، ”هيءُ ڇا، مون کي سڃاڻين ٿو ڇا، هن مسافر خاني مان به مون کي ڪڍي ٿا ڇڏيو؟“ هن وراڻيو ته، ”هائو، هتان به تو کي نڪرڻو ٿيندو“. مسافر چيو ته، ”آءٌ مسافر آهيان، پرديسي آهيان، آخر ڪيڏانهن ويندس؟“ جواب مليس ته جيڏي وڻئي تيڏي وڃ.“ +ويچارو مسافر وري به پنهنجو بغل ٿيلهو کڻي، لڪڻ هٿ ۾ ڪري، نڪري ٻاهر ٿيو، ته اتي جا ڪي ڇوڪر اچي پٺيان لڳس، جيئن نه ڪنهن فقير ۽ مست جي پٺيان لڳندا آهن، تيئن پوءِ ته اچي مٿس پهڻ اڇلائڻ لڳا- مسافر لڪڻ کڻي هنن پٺيان ڪاهي پيو ۽ کين ڀڄائي ڪڍيائين. پوءِ هو هلندو هلندو شهر جي جيل خاني وٽ آيو- در کڙڪايائين. جيلر نڪري آيو. هن چيس ته ”جيلر صاحب، مهرباني ڪري مون کي هتي اڄوڪي رات گذارڻ ڏيندؤ؟“ هن کلي چيس ته ”جيل ڪو مسافرخانو ته ناهي! وڃي ڪو خوشيءَ سان ڏوهه ڪري پاڻ کي گرفتار ڪراءِ، پوءِ اچ ته آءٌ تو کي خوشيءَ سان هتي رهڻ ڏيندس.“ +تڏهن ويچارو اتان نڪري وري ٻئي پاسي هلڻ لڳو، ۽ هلندي هلندي قبرستان وٽان لنگهندي ديول جي سامهون هڪڙي ٿلهي ٿي پهچي ٿڪجي ويهي رهيو، ۽ اتي رات گذارڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. سگهو ئي هڪڙي سکر زال ديول مان نڪتي ۽ هن کي ڏسي پڇيائينس ته، ”تون ڪير آهين، جو رات جو ههڙي سيءَ ۾ هتي سمهڻ جي ٿو ڪرين؟“ هن ٻڌايس ته، ”مون کي نه مسافرخاني ۾، نه ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻ ٿا ڏين.“ تنهن تي هن کي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ کيسي مان ڪي ٿورا پئسا ڪڍي ڏنائينس ته وڃي ڪي وٺي کاءُ.“ هن اهي پئسا وٺي هٿ ڪيا. پوءِ هن مائيءَ چيس ته ٻيا هنڌ رليو آهين پر ڪي هن سامهين در تي به ويو آهين؟ ائين چئي، ديول واري پادريءَ جو گهر ڏيکاريائينس. مسافر ورندي ڏني ته: ”نه، اتي ڪين ويو آهيان، هاڻ وڃان ٿو.“ مائي ته هلي ويئي، ۽ اسان جي مسافر، پادريءَ جي گهر ڏي رخ رکيو. +اهو پادري مٿيون چارلس مريل هو. اٺين - نائين بجي جي مهل هئي، هوا کائي اچڻ کان پوءِ بتيءَ تي ويهي ڪو وعظ ويٺي لکيائين. ڪتاب اڳيان پٺيان رکيا هئا. انهيءَ مهل نوڪرياڻيءَ به اچي ٻڌايس ته ماني تيار آهي، تنهنڪري اُٿي ماني کائڻ واري جاءِ ۾ آيو. اڃا مانيءَ تي نه ويٺا هئا، ته مگلوئر نوڪرياڻيءَ ڳالهه ڪئي ته ”آءُ اڄ بازار ۾ ٻڌي آئي آهيان ته ڪو مشهور چور ۽ بدمعاش شهر ۾ آيل آهي ۽ گهمندو وتي- ماڻهن کي سنڀال ڪرڻ کپي. اسان جي جاءِ جا در برابر نٿا اچين، تنهن جو ڪو بندوبست ڪرڻ گهرجي. بهتر آهي ته ڪنهن لوهار کي آڻي، ڪڙا ڪنڍا ۽ ڪلف پورا بيهاري ڇڏجن.“ نوڪرياڻي ته گهڻو ئي ڪي چيو، پر پادريءَ ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو، ۽ ڀيڻس ته اصلي ڀاءُ جي پٺيان هئي، جيئن هو چوندو هو، تيئن پاڻ چوندي هئي، جيئن هو ڪندو هو، تيئن پاڻ راضي رهندي هئي. ائين ڪندي جاءِ جو در کڙڪيو، پر البت زور سان. پادري صاحب پنهنجي هميشه واريءَ عادت موجب چيو ته ”لنگهي آءُ“. در پٽيو ۽ هڪڙو ماڻهو اندر لنگهي آيو. هيءُ اهو ساڳيو مسافر هو، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي. بغل ۾ ٿيلهو هوس، ۽ هٿ ۾ لڪڻ، جنهن کي ڏنڊو سڏڻ زياده مناسب آهي. شڪل ڪوجهي ۽ خوفناڪ هيس، خاص بتيءَ ۽ باهه جي سوجهري ۾، ۽ ڪپڙا سادا ۽ ميرا هئس. هن کي ڏسي نوڪرياڻيءَ جو ته وات ئي پٽجي ويو، ۽ پادريءَ جي ڀيڻ به ڇرڪ ڀري اکيون ڦاڙي هن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ وري ڀاءُ ۾ اکيون وڌائين. +پادري صاحب اڃا ڳالهايوئي ڪين ته هن تڪڙو ٿي وڏي سڏ چيو ته ”منهنجو نالو ”جين وليجان“ آهي. آءُ اوڻيهه ورهيه پري ٽولون قيد ۾ رهيو آهيان، ۽ سخت پورهيو ڪري ڪري، چار ڏينهن ٿيندا جو ڇٽو آهيان، اهي چار ڏينهن پنڌ پئي ڪيو اٿم- خاص اڄوڪي ڏينهن ارڙهن ميل ڪيا اٿم- هن شهر ۾ اچڻ شرط پنهنجي پاس پوليس ۾ ڏيکاريم ۽ پوءِ مسافرخاني ۾ ويس، پر اتي مون کي مالڪ رهڻ نه ڏنو. شرابخاني ۾ ويس، بلڪه قيد خاني ۾ به ويس، ته به مون کي هڪالي ڪڍيائون. ديول جي سامهون ٿلهي تي رات گذارڻ جو ارادو ڪيم، اگرچ بک به هيم ۽ مينهن وسڻ جو ڊپ به آهي. ڪنهن مائيءَ مون کي ڏس ڏنو ته هن جاءِ جو وڃي در کڙڪاءِ، اتي شايد تو کي سمهڻ جي جاءِ به ملي ، ۽ ماني به ملي. ان موجب مون اچي در کڙڪايو آهي. هي ڪو مسافرخانو آهي يا ڪنهن ٻئي قسم جي جاءِ آهي- مون سان پنهنجا پئسا آهن، ٿڪل ٽٽل آهيان، ڏاڍي بک اٿم. مون کي هتي رات جو رهائيندؤ؟“ +هي ٻڌي، پادري صاحب نوڪرياڻيءَ کي چيو ته: ”ميز تي مهمان جي جاءِ ڪر، ڪرسي،رڪابي ۽ ڪانٽا ڇريون به رک“. هي ٻڌي مسافر ذرا هٽي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو ته: ”جيڪي مون چيو، سو اوهان ڪين ٻڌو. آءُ ڏوهاري ٿي اوڻيهه ورهيه وڏي جيل ۾ رهيو آهيان: اجها هي مون سان پيلي ڪاغذ واري پاس آهي. انهيءَ کي ڏسي، جيڏي ٿو وڃان، اتان سڀڪو مون کي هڪاليو ڪڍي، ۽ ٽڪڻ نه پيو ڏئي، نه ڪو مانيءَ ٽڪر ٿو کارائي، ڇا لاءِ جو پاس ۾ لکيل آهي ته: ”هن کي کاٽ ۽ چوريءَ جي ڏوهه ۾ هيتري سزا ملي آهي، سخت پورهئي سان، ۽ هي خوفناڪ ماڻهو آهي“. آءٌ اوهان سان گڏ ويهي ماني کائڻ جو لائق ناهيان. مون کي ڪو ٽڪر مانيءَ جو ڏيو ته کڻي وڃي طنبيلي ۾، يا ڪنهن ٻاهرين ڪوٺيءَ ۾ رهان.“ +هيءُ ٻڌي پادريءَ نوڪرياڻيءَ کي چيو ته: ”ڏاڪڻ جي هيٺ واريءَ جاءِ ۾ مهمان جو هنڌ وڇاءِ، ۽ اڇي چادر انهيءَ تي وجهه.“ نوڪرياڻيءَ ته حڪم جي تعميل ڪرڻ تي هريل هئي، سا انهيءَ ڪم جي پٺيان هلي ويئي. تيستائين مهمان کي چيائين ته: ”سائين، تون باهه تي سيءُ لاهه، اجها ماني تيار آهي. سڀ گڏجي ويهي ٿا کائون.“ مسافر جي منهن ۾ ڏک ۽ رنج جي بدران سرهائي اچڻ لڳي. اهڙو خوش ٿيو جو، چرين وانگي چوڻ لڳو ته: ”ڇا، خواب ته نٿو ڏسان! سچي پچي اوهين مون جهڙي ڇٽل قيديءَ کي پاڻ سان گڏ ويهاري ٿا کارايو، ۽ سائين ڪري ٿا سڏيو! ٻيا ته ڪتي ۽ بدمعاش جي نالي کان سواءِ مون کي ڪين سڏيندا آهن. اها مائي، ڪهڙي نه ڀلاري هئي، جنهن مون کي هن گهر جو ڏس ڏنو. اوڻيهه ورهيه آءٌ هنڌ کٽولي تي نه ستو آهيان، سو اڄ هنڌ تي سمهندس. اوهين بيشڪ لائق ماڻهو آهيو، پر مون وٽ پنهنجا پئسا به آهن، مانيءَ جو ملهه ڏيئي سگهندس. اوهان جو مسافرخانو برابر چڱو آهي. اوهين انهيءَ جا مالڪ آهيو نه، اوهان جو نالو ڇا آهي؟“ +پادريءَ جواب ڏنو ته: ”آءٌ هڪڙو پادري آهيان، ۽ هي منهنجو گهر آهي.“ هن وراڻيو ته: ”پادري ڪهڙا نه لائق ماڻهو آهيو! برابر، هن ديول جا پادري هوندؤ. آءٌ ڪهڙو نه نادان آهيان! اوهان جي پوشاڪ مان ۽ اوهان جي صورت مان مون کي معلوم ڪرڻ کپندو هو- تڏهن اوهين مون کان ماني کارائڻ ۽ رات ٽڪائڻ جا پئسا ڪين وٺندؤ؟“ پادريءَ ورندي ڏني ته: ”نه، تنهنجا پئسا ڀلي تو وٽ هجن. هي منهنجو گهر ناهي- هي خدا جو گهر آهي، جيڪو اچڻ گهري سو ڀلي اچي، اهو مهمان آهي، انهيءَ کي پنهنجي نالي نشان ٻڌائڻ جو ضرور ڪونهي. تون مسافر آهين، تون ٿڪل آهين، تو کي بک آهي، ايترو بس آهي، هيءُ گهر پنهنجو ڄاڻي آرام ڪر. تو ناحق پنهنجو نالو نشان مون کي ٻڌايو، انهيءَ جو ضرور ڪو نه هو. تنهن کان سواءِ تنهنجي نالي نشان جي مون کي اڳي ئي خبر هئي“. اتي مسافر ڇرڪ ڀري چيو ته اڳيئي خبر هئي، سو وري ڪيئن؟“ پادريءَ چيو ته: ”ڇو ، تون مون جهڙو انسان ڪين آهين- منهنجو هم مذهب ناهين، تنهنڪري منهنجو ڀاءُ ڪين آهين؟ تنهن کان سواءِ تنهنجي منهن مان معلوم آهي ته ڏاڍيون تڪليفون سٺيون اٿئي، ۽ ڏاڍا جاکوڙا ڪڍيا اٿئي.“ مسافر چيو ته: ”پادري صاحب، اوهين ڏاڍا رحمدل ۽ مهربان آهيو. مون برابر اوڻيهه ورهيه ڏاڍيون تڪليفون ڪڍيون آهن، ڏاڍيون مارون کاڌيون اٿم - گرميءَ سردي ۾ پورهيو ڪيو اٿم - پٽ تي يا تختي تي سمهڻ، پيرن ۾ زنجير، ڪڏهن غار ۽ اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾، کاڌو پورو نه- ڪتا به مون کان زياده خوش هئا --اوڻيهه ورهيه اهڙو حال هوم. هينئر منهنجي عمر ڇائيتاليهه ورهيه آهي.“ هي ٻڌي پادريءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ هن کي دلاسا دڙا ڏنائين ۽ اڳتي نيڪيءَ جي رستي تي هلڻ لاءِ مختصر واعظ ڪيائين. +انهيءَ وچ ۾ نوڪرياڻيءَ ماني تيار ڪري ميز تي رکي. گهر جو عمدو کاڌي جو سامان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. شمعون چانديءَ جي بتين ۾ وجهي آڻي رکيائين، ڪانٽا ڇريون به چانديءَ جا رکيائين، چاهه جو سامان به چانديءَ جو ڪڍيائين - پادريءَ جو رخ ڏسي، انهيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ پوري مهمان نوازي ڪيائين. تنهن کان سواءِ، ٻيو به جيڪو قيمتي سامان رکيل هو، پر گهربل نه هو، سو به مانيءَ واري جاءِ ۾ ڪڍي رکيائين. پوءِ سڀ گڏجي ويهي ماني کائڻ لڳا. + +باب ٻيو +ماني کائيندي انهيءَ مسافر ٻي ڪنهن ڳالهه ڏي ڌيان ڪو نه ٿي ڏنو، رڳو کائڻ ۾ مشغول هو. ڏاڍي اشتها سان کائيندو ويو. گفتگو ڪندي هن پادريءَ کي ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن سج اُڀرڻ سان هليو ويندو. جڏهن ماني کائي بس ڪيائون، تڏهن پادريءَ مهمان کي وٺي ڏاڪڻ جي هيٺ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي، هنڌ تي سمهاريس. زالون مٿي ماڙيءَ تي وڃي سـُـتيون، ۽ پادري وري باغيچي ۾ ويو. اتي هميشه جي دستور موجب پسار ڪري، خدا جا خيال پچائي پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪري، وڃي پنهنجيءَ جاءِ ۾ ستو، جا مهمان جي جاءِ کان پري نه هئي. +هاڻي اسين پنهنجي انهي مسافر ”جين وليجان“ جو ٿورو بيان ڏينداسين: هو ٻهراڙيءَ جي هارين جي ڪٽنب مان هو، ۽ غريب ماڻهو هو. ننڍي هوندي ٿورو گهڻو پڙهيو هو، ۽ وڏي هوندي ڪاٺيون وڍي گذران ڪندو هو. اڃان ننڍو ئي هو ته سندس ماءُ - پيءُ مري ويا، سندس ڀيڻ کيس پالي وڏو ڪيو، جا رن زال هئي ۽ جنهن کي ست ٻار پنهنجا به هئا، ۽ انهن مان وڏو اٺن-نون ورهين جو هو. جڏهن جين وليجان پنجويهن ورهين جو ٿيو، تڏهن وڻن وڍڻ ۽ ڪاٺين ڦوڙڻ جو پورهيو ڪري، ڀيڻ کي ۽ سندس ٻارن کي مدد ڪندو هو. هو پرڻيو ڪين، مگر سندس ڪا به بدچالي ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي هئي، ۽ نه اهڙن ڪمن ڪرڻ جو ڪو وقت ئي هوس. ڪاٺين وڍڻ کانسواءِ، هو ٻيو پورهيو به ڪندو هو، جيئن ته ماڻهن جو مال به چاريندو هو، لابارو به ڪندو هو، مزوري به ڪندو هو. سندس ڀيڻ به سڻ ڀرڻ جي پورهيي ڪرڻ سان ڪي ڪجهه ڪمائيندي هئي. انهيءَ هوندي به هنن جي سڀني ننڍن وڏن جو گذران ڏاڍو تنگ ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري پاسي واري نانوائيءَ جي دڪان مان هـُـن ڪي مانيون وڃي چورايون. مالڪ جاڳي پيو، ۽ چور پڪڙجي ويو. پاڻ ڇڏائڻ ۾ مالڪ کي ڏاڍو ايذاءُ به پهتو. آخر جين وليجان مئجسٽريٽ وٽ رجوع ٿيو، ته پنج ورهيه قيد جي سزا مليس. هن کي ٻين ڪيترن وڏن قيدين سان گڏي ٻيڙيون وجهي، ”ٽولون“ جي وڏي جيل ڏي موڪلي ڏنائون، جو اتان ستاويهن ڏينهن جي پنڌ تي هو، ۽ اوڏانهن قيدين کي بيل گاڏين ۾ چاڙهي وٺي ويا. +چوٿين سال، جين وليجان جيل مان ڀڄي نڪتو ۽ ٻه ڏينهن جهنگ ۾ پئي رليو، پر نيٺ وري جهلجي پيو. انهيءَ ڏوهه ڪري هن کي ٽي ورهيه ٻيا به وڌيڪ قيد جي سزا ملي. ڇهين ورهيه هن وري به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فتحياب نه ٿيو - رات جو حاضريءَ مهل جڏهن سندس نالو پڪاريو ويو، تڏهن جواب ڪو نه ڏنائين. ڳولي لڌائونس ته ڪٿي لڪو پيو هو، انهيءَ ڏوهه ڪري پنج ورهيه ٻي به سزا مليس، ۽ قانون موجب ٻـِـٽا زنجير پيرن ۾ پيس. اهي ڪل ٿيا تيرهن ورهيه، جي هاڻ هن قيد ۾ ڪاٽڻا هئا. ڏهين ورهيه، هن وري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تڏهن به مطلب حاصل نه ٿيس ۽ انهيءَ لاءِ ٽي ورهيه ٻيو به قيد مليس - هي ٿيا سورنهن ورهيه. پڇاڙيءَ ۾، تيرهين ورهيه، هن وري به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چئن ڪلاڪن جي اندر پڪڙجي پيو. انهن چئن ڪلاڪن جي آزاديءَ بدلي هن کي ٽي ورهيه ٻيا به قيد مليا. اهڙيءَ ريت ڪل اوڻيهه ورهيه سزا ڪاٽي، 1815ع ۾ آزاد ٿيو.اها سموري سزا هن هڪڙيءَ ڊبل روٽيءَ چورائڻ جي بلي ڪاٽي، ۽ اُها چوري هن ڏاڍيءَ بک تنگيءَ ۾، پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن جي ڀيٽ ڀرڻ لاءِ لاچاريءَ کان ڪئي هئي. +جڏهن جين وليجان پهرين قيدخاني ۾ ويو، تڏهن رئندو ويو ۽ جڏهن اتان ڇٽو، تڏهن ملول ۽ غمگين ٿي نڪتو. مگر انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جيسين جيل ۾ هو، تيسين هو نهايت همت ۽ مردانگيءَ جا ڪم ڪندو هو: اهڙا عجيب غريب ڪم ڪندو هو، ايترو بار کڻندو هو، ايتري چالاڪي ۽ ڦڙتائي ڏيکاريندو هو، جو ڪو ٻيو قيدي يا ٻيو ماڻهو يا گهڻا گڏجي به مشڪل سان اهڙو ڪم ڪري سگهندا هئا- هو بدن ۾ مضبوط هو، ۽ ڏاڍي سگهه هوندي هيس. چڙهڻ ۽ لهڻ جي چالاڪي وري اهڙي هيس، ۽ اهڙي اٽڪل ياد هيس. جو سنئينءَ ڀت تي به نوريئڙي وانگر چڙهي ويندو هو، ۽ وڏين ٻه ماڙ - ٽماڙ عمارتن جي چوٽيءَ تي وڃي نڪرندو هو. ڳالهائيندو ٿورو هو- کليائين ته عمر ڪين - هميشه خيال ۾ رهندو هو، ڄڻ ته ڪي خوفناڪ پهه پيو پچائي. ماڻهن کان، خاص زماني جي سڌريلن ماڻهن کان نفرت هوندي هيس. سمجهندو هو ته آءٌ مصيبتن لاءِ پيدا ٿيو آهيان، ۽ هميشه انهن لاءِ تيار رهندو هو. سرڪار ۽ سرڪاري قاعدن کي ڌڪاريندو هو. مطلب ته انسانذات کان بيزار هوندو هو، ۽ جيئن سندس پاس يا پيلي رنگ جي سرٽيفڪيٽ ۾ ڏيکاريل هو، تيئن خوفناڪ ماڻهو هوندو هو. +جيل مان اوڻيهن ورهين جي سخت قيد کان پوءِ ڇٽڻ ڪري، هو پهرين خوش برابر ٿيو، مگر جيڪا پيلي پاس ملي هيس ۽ جا هن کي سڀڪنهن ماڻهوءَ، خاص پوليس وارن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن کي ڏيکارڻي هئي ۽ جنهن ۾ هن جي نامي گرامي بدمعاش ۽ خوفناڪ ماڻهوءَ هئڻ جي ثابتي لکيل هئي، تنهنڪري هن پاڻ کي اڃا به دائمي قيدي ٿي سمجهيو. قيد ۾ پنڻ ۽ ٻين طريقن سان هن ڪي ٿورا پئسا ڪمايا هئا، جي ڇٽڻ مهل هن کي ڏنا ويا. اهي هڪ سؤ نـَـو رپيا ۽ پندرهن آنا هئا. نڪرڻ کان پوءِ وڃي هڪڙي هنڌ بار کڻڻ جي مزوري ڪرڻ لڳو، انهيءَ لاءِ ته ڪي زياده پئسا ڪري، پر جتي ڪٿي هن کان پڇا ٿيندي رهي، ۽ هو پيلي پاس ڏيکاريندو رهيو. ڪمائيءَ ۾ به پوري مزوري نه ٿي مليس، ۽ ٻين کان گهڻو گهٽ ٿي مليس. جي تڪرار ٿي ڪيائين ته پيليءَ پاس جو اشارو ڏيئي دڙڪو ٿي ڏنائونس ته ”وري جيل ۾ پوڻ جي خواهش ٿي اٿئي ڇا؟“ +انهيءَ طرح هن سان سختي ٿيڻ لڳي، ۽ سندس حق ڦرجڻ لڳو، جنهنڪري انسان ذات ڏي - خاص ڪري زماني جي مطلبي ۽ فريبي ماڻهن ڏي سرڪاري عملدارن ڏي، روز بروز نفرت زياده ٿيندي ويس. +انهيءَ طرح جين وليجان رلندو رلندو، پنڌ ڪندو اچي انهيءَ هنڌ نڪتو، جتي چارلس مريل پادري رهندو هو ۽ جتي پڻ ڌڪا کائي اچي هن جي گهر آسودو ٿي ستو. رات جو ٻين بجي جاڳيو، ديول جي گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ وڄايا. جو ساري عمر اهڙي هنڌ تي نه ستو هو، تنهنڪري چئن ڪلاڪن جي گهري ننڊ ڪري ٿڪ ڀڳائين، ۽ تازو توانو ٿي اٿيو. هن وري به سمهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڊ اصل نه آيس ۽ خيالن تي خيال اچي دل ۾ ڊوڙڻ لڳس. نيٺ هڪڙو خيال زور وارو پيدا ٿيس، جنهن ٻين خيالن کي ڀڄائي ڪڍيو. پادريءَ جي ماني کائڻ واري جاءِ ۾ چانديءَ جا ٿانوَ ۽ ڪانٽا ڇـُـريون ڏٺيون هئائين، انهن تي دل سرڪيس. جاءِ پري ڪين هئي، ۽ سڀ ماڻهو ستا پيا هئا. ساري سامان جو ملهه اٽڪل ٻن سون فرينچ رپين جيترو هو، جيڪي، يعني پئسا وٽس هئا تن کان ٻيڻا، انهيءَ لالـچ جي روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين، پر اها روڪجي نه سگهي. ڳڻتيون کائي کائي نيٺ اٿيو، اگرچ بتي ڪا نه ٿي ٻري، ته به گهڻي اونداهي نه هئي، ٻاهر چانڊوڪي هئي ۽ ڪڪر چنڊ جي اڳيان ذري ذري پئي لنگهيا، جي هن پنهنجي لاءِ بهتر سمجهيا. نيٺ هو دري ٽپي انهيءَ جاءِ ۾ ويو، چانديءَ جو سامان پاسي واريءَ ميز تي رکيو هو- آهستي آهستي اهو سڀ سامان ويڙهي کنيائين ۽ پنهنجو بغل ٿيلهو به کنيائين ۽ لڪڻ به. ٿيلهي ۾ هڪڙو چهنبيارو لوهه جو ڪـِـلو به هوس، جو ڪلفن ڀڃڻ يا ڪن ٻين ڪمن لاءِ هٿيار وانگي هو، سو به ساڻ هوس. انهيءَ طرح هو آهستي آهستي ٻاهر نڪري، باغ مان لنگهي، ڀت ٽپي هليو ويو. +صبح جو نوڪرياڻي اٿي ڏسي ته چانديءَ جا ٿانوَ ۽ ٻيو سامان جاءِ ۾ ڪونهي، ۽ مهمان به موجود نه آهي. پڪ ٿين ته اُهو ٿانوَ چورائي ڀڄي ويو. پادريءَ کي خبر ڏني وئي، انهيءَ باغ جي ڀت تي هن جي ٽپي وڃڻ جا نشان ۽ پيرا ڏٺا ۽ کيس به انهيءَ ڳالهه جي پڪ ٿي. سندس ڀيڻ توڙي نوڪرياڻي گهڻو ئي هنبس مچايو، پر پادريءَ چين ته: ”چڱو ٿيو هو اها شئي وئي، اها ڪا اسان جي ملڪيت هئي ڇا؟ اها غريبن ۽ مسڪينن جو حق هئي، اهڙي قيمتي شئي اسان کي رکڻ نه گهربي هئي اهو ويچارو مسافر غريب هو ۽ انهيءَ شئي جو حقدار هو. انهن ٿانون کان سواءِ ئي اسان جو گذر پيو ٿيندو.“ +پادريءَ جو اهو واعظ ٻڌي، ڀيڻس ته عادت موجب کڻي ماٺ ڪئي. نوڪرياڻي به ڪـُـرڪي ڪـُـرڪي بس ڪري ويهي رهي. مهل تي پادري ناشتو کائي هميشه وانگر آرام سان پنهنجي رواجي ڪم ڪار کي لڳو، ڄڻ ٻئي ڪنهن به قسم جي واردات نه ٿي آهي. ائين ڪندي در کڙڪيو ۽ ٽي ماڻهو هڪڙي چوٿين شخص کي پڪڙي وٺي آيا- اهو چوٿون جين وليجان هو. هنن ٽن مان جيڪو پوليس عملدار هو، تنهن پادريءَ کي چيو ته ”اسان هن ماڻهوءَ کي شڪ ۾ جهليو آهي، هن سان چانديءَ جو سامان آهي. هيءُ چوي ٿو ته ”رات اوهان وٽ ٽڪيل هو ۽ هي سامان اوهان کيس ڏنو آهي.“ +پادري انهن کان اڳ ئي جين وليجان کي غمگين ۽ موڙهل ڏسي هن کي کينڪربازي ڪري چوڻ لڳو ته: ”سائين، هي چانديءَ جون بتيون شمعن سميت جي تنهجي سمهڻ جي جاءِ ۾ رکيون هيم، سي تون ڇو ڇڏي وئين؟ اهي به ته تو کي ڏنيون هيم!“ +وري پوليس عملدار کي چيائين ته: ”هي ماڻهو جيڪي چوي ٿو سو سچ ٿو چوي. هن کي ڇو جهليو اٿوَ؟ ڇڏي ڏيوس، هي چور ڪين آهي، غريب اشراف ماڻهو آهي!“ +تنهن تي پوليس عملدار جين وليجان کي ڇڏي ڏنو، ۽ پاڻ ٻن ماڻهن سميت ٻاهر نڪري ويو. +جين وليجان پادريءَ جي هلت ڏسي شرمندو به ٿيو ۽ حيران به ٿيو. شرمساريءَ سببان نڪري ٿي ويو. ته پادريءَ چيس ته: ”ابا، هي ٻه چانديءَ جون بتيون به کنيو وڃ- تو کي ڪم اينديون!“ ائين چئي، ڊوڙي اهي به کڻي آئي ڏنائينس. هو ڏڪندڙ هٿن سان اهي وٺي، اکيون هيٺ ڪري، سلام ڪري نڪريو ٿي ويو ته پادريءَ وري چيس ته: ”ابا، جيڪڏهن وري هتي اچين ته ڀت ٽپي نه ايندو ڪر، سڌو در مان ايندو ڪر، رات هجي يا ڏينهن هجي، انهيءَ جو خيال نه ڪر، منهنجو در هميشه کليل آهي - هيءُ گهر پنهنجو سمجهي ڇڏ، ۽ جڏهن وڻئي تڏهن پيو اچ.“ +جڏهن هو اٿي هلڻ لڳو، تڏهن به هن کي چيائين ته: ”ابا، هڪڙي ڳالهه ياد ڪج. پنهنجا پئسا يا جيڪي ٻيا پئسا هنن ٿانون مان پيدا ٿينئي، سي سجائي چڱي ڪم ۾ خرچجئين، اجائي يا گناهه جهڙي ڪم ۾ متان وڃائين!“ +جين وليجان ته نڪري هليو ويو، پر هزارين خيال هن جي دل ۾ اچڻ لڳا، ۽ هن نيڪ پادريءَ جي هلت ۽ گفتگو ياد ڪري حيران ٿيو ٿي ويو. جيتوڻيڪ صبح کان وٺي کاڌو به ڪين هئائين، ۽ ٽنگون پئي هنيائين ته به انهن خيالن ۾ نڪا بک، نڪو ٿڪ معلوم ٿيس. جڏهن سج لهڻ کي ويجهو آيو، تڏهن هو هڪڙي وڏي جبل جي پاڙ ۾، هڪڙي ٻوڙي جي پاسي ۾ ويهي رهيو. شهر کان اٺ - نـَـوَ ميل پري هو، اڳيان برپت لڳو پيو هوس ٿوري پنڌ تي هڪڙو چارو به پئي ويو، مگر ماڻهو ڪو نه هو، ماٺ لڳي پئي هئي. اوچتو پري کان ڏٺائين ته هڪڙو فقير ڇوڪر، ڳائيندو کلندو پيچرن تان پيو اچي. جنهن ٻوڙي جي پٺيان جين وليجان لڪو ويٺو هو، اتي ڇوڪر اچي کيسي مان ڪي پئسا ڪڍي، انهن سان راند ڪرڻ لڳو، ۽ انهن کي اڇلائي جهٽڻ لڳو. ائين ڪندي هڪڙي پائلي ٿيڙ کائي ٻوڙي جي پٺيان وڃي پيئي ۽ جين وليجان اُنهيءَ تي کڻي پير ڏنو. ڇوڪر هن کي ڏسي ورتو ۽ پنهنجي پائلي گهريائينس. هن جواب ڏنس. گهڻوئي زور ڪيائينس، پر جين لڪڻ ڏيکاري دڙڪا ڏنس. آخر هو ويچارو هليو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن اونداهي ٿيڻ لڳي ۽ سيءُ پوڻ لڳو، تڏهن جين وليجان اتان اٿيو ۽ هلڻ وقت دل ۾ ڇوڪر تي قياس اچڻ لڳس. هن کي گهڻا ئي سڏ ڪيائين، ڀانيائين ته پائلي موٽائي ڏئيس، پر هن جواب ڪو نه ڏنو، پرتي نڪري ويو. هن کي پادريءَ جو هلڻ وقت وارو واعظ به ياد پيو، ۽ هن جي نيڪيءَ واري هلت به دل تي تري آيس. نيڪ ٿيڻ جا خيال برابر هاڻ دل ۾ اچڻ لڳا هئس. مگر اڃا برائيءَ جا خيال زور هئس - خود کيس به ايتري پڪ ٿي ته هاڻ منهنجا خيال بهتر ٿيڻ لڳا آهن، پر گهڻن ورهين جي عادت ۽ بري صحبت جو اثر اڃا زور هو. ايترو ٿيو هو ته خراب ۽ ظلم جهڙي ڪم ڪرڻ کان پوءِ، هو هينئر پڇتائڻ ۽ پشيمان ٿيڻ لڳو، ۽ سندس دل ۾ ٻن مخالف خيالن جو جهيڙو شروع ٿيو هو، جو اڳي ڪڏهن ڪو نه ٿيو هو. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو، جو هو ڳچ تائين پنهنجي گذريل حالت تي خيال ڪري، ننڍي ٻار وانگر ويهي روئڻ لڳو. انهيءَ ڪري پاڻ سندس دل ۾ روشنائي زياده ٿيندي ويئي ۽ جيڪي ڪم پاڻ اڳي يا پادريءَ جي گهر ڪيا هئائين، ۽ جيڪا مهربانيءَ جي هلت پادريءَ ساڻس ڪئي هئي، ۽ جيڪو هاڻ تازو ڇوڪر کي نقصان پهچايو هئائين. اهي سڀ ڳالهيون سندس دل تي بار ٿي پيون. دنيا جي بي بقائي ۽ خدا جا موچڙا ياد پوڻ لڳس. مطلب ته انهيءَ وقت هن رحمان جي مهربانيءَ سان شيطان کي ڏٺو، ۽ بهشت جي نور ۾ دوزخ نظر اچڻ لڳس. +اهڙيءَ حالت ۾ هن اڌ رات تائين پئي رنو. پوءِ ڇا ڪيائين ۽ ڪيڏي ويو تنهن جي خبر ڪانهي، مگر پوءِ هڪڙي ٽپالي قاصد کان معلوم ٿيو ته هن انهيءَ رات اسر جو ٽي وڳي مهل، پادريءَ جي در جي ٻاهران، ديول وٽ، هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو ته هٿ ٻڌيو، بندگي پئي ڪيائين، ۽ ذري ذري زمين تي سجدو پئي ڪيائين. + +باب ٽيون +انهن ڏينهن ڌاري، فرانس جي گاديءَ جي هنڌ پئرس ۾، ڪي چار جوان ماڻهو رهندا هئا، اهي پاڻ ۾ سنگتي هئا. ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن مان اُتي پڙهڻ جي لاءِ آيا هئا. وچولي درجي جا ماڻهو هئا. انهيءَ وقت، انهيءَ شهر جي رسم موجب هر هڪ کي هڪ - هڪ جوان زال آشنا هئي. اُهي چار ڇوڪريون به پنهنجن آشنائن جي ڪري پاڻ ۾ سنگتياڻيون هيون، اُهي به ٻهراڙيءَ جون غريب زالون هيون، منجهائن ٽي ته زياده خراب هيون، مگر چوٿين جا سڀني ۾ ننڍي هئي سا البت بهتر هئي ۽ ٻين جي صحبت ۾ تازي ڦاٿي هئي، تنهن جي دل ۾ سڌاري جي اڃا جاءِ هئي، انهيءَ جو نالو فنٽائن هو. هوءَ ڪنهن جي ڌيءَ هئي ڪهڙي ڪٽنب جي هئي، ڪنهن اهو نالو ڏنس، تنهن جي ٻئي ڪنهن کي ته خبر ڪا نه هئي، پر خود کيس به خبر ڪا نه هئي. ننڍي هوندي ڪنهن شخص کي هٿ آئي، تنهن پالي وڏو ڪيس، ڏهن ورهين جي عمر ۾ هوءَ شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ ۾ پورهيو ڪرڻ ويئي. پندرهن ورهين جي عمر ۾ وري شهر ۾ نوڪري ڪرڻ يا ٻئي پورهئي ڪرڻ لاءِ آئي. هوءَ خوبصورت شڪل جي هئي. اتفاق سان انهيءَ جوان شاگرد سان هن ج�� لهه ٿي ويو، جنهن جو نالو ٿالومئيس هو. انهيءَ سان ڏاڍي محبت ٿي ويس، ۽ هن جي به ساڻس تمام گهڻي محبت هئي. اهو شخص پنهنجي سنگت ۾ هشيار ۽ معتبر به هو ۽ دولتمند به هو، ۽ ٽيهن ورهين عمر جو هو. مائٽ ججها پئسا موڪليندا هئس، جنهنڪري هو تمام سکيو گذاريندو هو، مگر گهڻي عيش عشرت ڪري اڪثر بيمار گذاريندو هو، ۽ بدهاضمو ۽ ضعف رهندو هوس. +هڪڙي ڏينهن هي چارئي جوڙا جوڙ ڪري، ڪنهن ويجهي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ وقت گذارڻ ويا. آچر جو ڏينهن هو. چئني دوستن پنهنجين ڇوڪرين کي چيو ته اُتي اوهان کي هڪڙو اهڙو چرچو ڏيکارينداسين، جو اوهين حيرت ۾ پئجي وينديون. ڀاڙي جي گاڏين ۾ چڙهي هو اُتي آيا. سارو ڏينهن ساوڪ وارن ميدانن ۽ گلن ۾ هنن رانديون ۽ چرچا گهٻا ڪيا، ڳايو وڄايو ۽ کاڌو پيتو. چئين - پنجين بجي ڌاري هڪڙي ويجهي هوٽل ۾ ويا، جتي مانيءَ جو بندوبست ڪرايائون. سارو ڏينهن ڇوڪرين پئي پڇيو ته ”اهو حيرت جهڙو چرچو يا تماشو ته اسان اڃا ڪو نه ڏٺو، اهو ڪهڙو آهي؟“ هنن ورندي پئي ڏني ته هاڻي جلد ٿيندو. +جيسين هوٽل ۾ ماني جي تياري پئي ٿي، تيسين هنن ساهي پئي کنئي. هو چارئي جوان سنگتي انهيءَ عذر تي ٻاهر نڪري گهمڻ ويا ته موٽي هلڻ جي لاءِ گاڏين جو ڪو بندوبست ڪري اچن. هنن کي چئي ويا ته اوهين تيار ٿيون ويٺيون هجو. هنن جي وڃڻ کان پوءِ ڇوڪرين پاڻ ۾ ويٺي راند ڪئي ۽ چرچا گهٻا ڪيا، ۽ حيرت جهڙي تماشي بابت خيالي ڌُڪا هنيا. ڪلاڪ کن کان پوءِ، هوٽل جي هڪڙي نوڪر هڪڙو خط آڻي انهن ڇوڪرين کي ڏنو، ۽ چيائين ته ”هيءُ خط انهن چئن صاحبن ڏنو آهي، ۽ چيو اٿن ته سندن وئي کان پوءِ، اهو پهچائي ڏج.“ ڇوڪريون اُهو خط وٺي، ڦاڙي پڙهڻ لڳيون. انهيءَ جو مضمون هيءُ هو: +”اسان جون پياريون - اسانجن مائٽن اسان ڏي لکيو آهي ته هاڻ پئرس ڇڏي پنهنجي وطن موٽي اچو. هتي اسان جا امتحان پورا ٿيا آهن، تنهنڪري اسين موٽي وڃون ٿا. هيترا ورهيه اسان ۽ اوهان پاڻ ۾ خوش گذاريو، جيترو اسان کان پڄي سگهيو اوترو اوهان کي راضي رکيوسين، هاڻ اسين وڃون ٿا ۽ وڃي ڪنهن دنيا جي ڌنڌي ۾ لڳنداسين. هن جدائي جو اوهان کي به اهڙو ڏک ٿيندو، جهڙو اسان کي،پر لاچار آهيون. اهو هو حيرت ۾ وجهڻ جهڙو چرچو يا تماشو، جو اوهان کي ڏيکارڻو هوسين. هوٽل ۾ مانيءَ جا پئسا اسان اڳيئي ڏيئي ڇڏيا آهن. خدا حافظ.“ +(صحيون چئن ئي دوستن جون) +هي خط پڙهي چارئي ڇوڪريون حيرانيءَ ۾ هڪٻئي جي منهن ڏي نهارڻ لڳيون. پوءِ ارمان ٿيڻ لڳن، پر سگهو ئي وري خيال ڪرڻ لڳيون ته اها حرڪت هنن مان ڪنهن هڪ جي هوندي. نيٺ وڏيون ٽي ته کلي ڳالهائي بي پرواهه ٿي، پنهنجن دوستن کي وساري ويهي رهيون، ڇا لاءِ جو هنن انهن کان اڳي به گهڻن سان دوستي رکي هئي. مگر فنٽائن جا سڀني کان ننڍي هئي، ۽ جنهن ٿالومئيس کي پنهنجي مڙس وانگي ٿي سمجهيو ۽ انهيءَ خيال سان ۽ دلاسي ملڻ سببان هن سان رستو رکيو هئائين، تنهن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وڃي روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيائين. وڏي ڳالهه اها ته هن کي ٿالومئيس مان هڪڙو ٻار به ٿيو هو، ۽ اُها مزي جهڙي ڌيءَ هئي. +انهن ڏينهن ۾ پئرس شهر جي نزديڪ، مانٽفرنيل نالي ڳوٺ ۾، هڪڙو مسافر خانو يا شراب خانو هوندو هو، جنهن جو مالڪ ٿينارڊيئر هو، جو پنهنجي زال جي مدد سان هوٽل جو ڌنڌو هلائيندو هو. مٿي جيڪا زالن جي ڳالهه ٻڌائي ويئي، تنهن جي ٻئي سال، انهيءَ هوٽل جي ٻاهران ٻه ننڍيون ڇوڪريون جي ٻن - ٽن ورهين عمر کان مٿي نه هيون، سي پينگهه ۾ پئي لڏيون ۽ سندن ماءُ بيٺي لوڏين، ۽ انهن کي ڏسي نهال پئي ٿي، جو هنن کي چڱا ڪپڙا پيا هئا، ۽ شڪل جون موچاريون هيون. +ائين ڪندي هڪڙي جوان زال، ٻن - ٽن ورهين عمر جي ڌيءَ ڪڇ تي کڻي، اوچتو اتي اچي نڪتي. اُها ڇوڪري هنن ٻن ڇوڪرين کان به زياده سهڻي ۽ وڻڻ جهڙي هئي، پوشاڪ به تمام چڱي پيل هيس، تنهنڪري زياده وڻندڙ هئي. هيءَ جوان زال پاڻ به نهايت خوبصورت هئي ۽ غريباڻا پورهيتن جهڙا ڪپڙا پيا هئس، ۽ ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ واري ٿي ڏٺي. هن جي شڪل مان معلوم پئي ٿيو ته ڏاڍي غمگين ۽ فڪرمند هئي، اها هئي فنٽائن. +ٿالومئيس جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ ڏاڍن ڏکن ۾ گذارڻ لڳي، پنهنجو رواجي پورهيو ئي وسري ويس. هن جي جدائيءَ ۾ هن کي حياتي ڪاٽڻ مشڪل نظر آئي. لکي پڙهي ڪين ڄاڻيندي هئي، رڳو پنهنجي نالي جي صحيح وجهڻ ڄاڻندي هئي. مڙس ڏي ٻه - ٽي ڀيرا خط لکائي موڪليائين، پر جواب ڪونه آيس. هوءَ اگرچ خراب ڪم ڪري ويٺي هئي، ته به اڃا منجهس حيا ۽ نيڪي، موجود هئي. خيال ۾ آيس ته کانئس توڙي سندس ٻار کان ماڻهن کي ضرور نفرت ايندي ۽ هو کلون ڪندا. پاڻ ته قصور ڪرڻ ڪري اهي جٺيون سهي ويندي، اگرچ انهيءَ لاءِ پشيمان گهڻي هئي پر سندس معصوم ٻار ڪهڙو گناهه ڪيو هو، جو وڏي هوندي ناحق اهڙي بي آبروئي کڻي، ۽ اهڙيون جٺيون سهي. هوءَ ٻار کي ايترو پيار ڪندي هئي، جو پورهيو ڪري پاڻ ساده ڪپڙا ڍڪيندي هئي ۽ سادو کاڌو کائيندي هئي، مگر پنهنجي ٻار کي ريشم جا ڪپڙا ڍڪائيندي هئي، ۽ ناز سان پاليندي هئي. جيڪي ٽپڙ هئس سي وڪڻي ٻه سؤ رپيا پيدا ڪيائين، ۽ انهن مان پنهنجو قرض لاهي باقي اسي رپيا پاڻ وٽ بچايائين. هوءَ ٻاويهن ورهين جي عمر ۾، اهڙي حالت ۾ پئرس ڇڏي، پنهنجي ڌيءَ کي کڻي، ٻهراڙيءَ ۾ پورهيي ڪرڻ لاءِ نڪتي. ڏکن ڏوجهرن ڪري ۽ ٻار کي کير پيارڻ ڪري ضعيف ٿي ويئي هئي، ۽ کنگهه به ٿي پيئي هيس. پنڌ ڪري ساهيون کڻي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن واٽ سان ويندڙ بار گاڏين تي چڙهي، ٻنپهرن ڌاري ٿينارڊيئر واريءَ هوٽل وٽ اچي نڪتي، ۽ ان جي زال کي پنهنجن ٻن ٻارن سان راند ڪندو ۽ کين پينگهه ۾ لوڏيندو ڏسي، بيهي ساڻس ڳالهائڻ لڳي. هن کي پنهنجو سارو حال ٻڌائين، مگر جيڪا لـڄ جهڙي ڳالهه هئي، سا لڪائي ٻي مناسب ڳالهه ٺاهي ٻڌايائين. ايتري ۾ اهي ڇوڪريون به پينگهه ڇڏي اچي هن جي ڇوڪريءَ سان راند ڪرڻ لڳيون. ڇوڪريءَ جو اصل ڄائي ڄم جو نالو يـُـوفريسي هو، مگر ماءُ هن کي ڪاسيٽ سڏيندي هئي. +ٽيئي ڇوڪريون، جو پاڻ ۾ راند ڪرڻ لڳيون، سو اهڙيون پئي لڳيون جو ڄڻ ته سڳيون ڀيڻون هيون ۽ ڄائي ڄم کان هڪٻئي جون واقف هيون. ٻن ڇوڪرين جي ماءُ ٻارن کي ڏسي خوشي ظاهر ڪئي. تڏهن وجهه وٺي فنٽائن هن کي چيو ته ”مائي، تون منهنجو ٻار وٺي پاڻ وٽ رکي پاليندينءَ؟ مون کي پئرس جهڙي وڏي شهر ۾ ننڍڙو ٻار کڻي، پورهيي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي! مون کي اوچتو خدا تنهنجي گهر تائين آندو، جتي مون تو کي ۽ تنهنجن ٻارن کي ڏٺو، تو رحمدل ۽ مهربان ٿي ڏسجين، ۽ مون وانگي ننڍڙن ٻارن واري آهين. تو کي مهنجي ٻار جي سنڀال ڪرڻ سولي ٿيندي. آءٌ غريب زال آهيان، ڇهه رپيا در مهيني تو کي پهچائيندي وينديس.“ +اِتي انهيءَ زال جو مڙس ٿينارڊيئر به نڪري آيو، ۽ اها ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو ته: ”نه مائي، تمام ٿورو ته به ست رپيا درماهو ملڻ گهرجن، ۽ ڇهن مهينن لاءِ اڳواٽ پئسا وٺنداسين“. فنٽائن چيو ته: ”اهي ٿيا ٻائيتاليهه رپيا، سي حاضر، آءٌ اڳواٽ ڏيئي ڇڏينديس.“ هن ماڻهو چيو ته ”تنهن کان سواءِ سترهن رپيا زياده به وٺنداسين، فالٽو خرچ پکي لاءِ“. فنٽائن چيو ته “اهي به آءٌ ڏينديس-- ڪـُـل ستونجاهه رپيا ٿيا. مون وٽ اسي رپيا آهن، باقي جيڪي بچندا سي مون لاءِ ڪافي آٰهن. آءٌ موٽي پئرس ڏي پيادي وينديس، ۽ اُتي وڃي پورهيو ڪنديس. جڏهن پئسي جو زور ڏسنديس، تڏهن موٽي اچي پنهنجو ٻار کڻي وينديس.“ +اتي ٿينارڊير وري وڌيڪ طمع رکي چيو ته ”هن ٻار جا ڪپڙا به هوندا، سي به اسان کي ملڻ گهرجن.“ فنٽائن ورندي ڏني، ”هائو، مون هن جا گهڻيئي مزي مزي جهڙا ڪپڙا جوڙي رکيا آهن، جي مون سان هن ٿيلهي ۾ آهن. آءٌ اهي خوشيءَ سان اوهان کي ڏينديس.“ ائين چئي، ٿيلهو کولي، عمدا عمدا ريشم ۽ پشم جا ننڍا ڪپڙا ڪڍي هن جي حوالي ڪيائين، ۽ پوءِ پاڻ موڪلائي ٻار کي چميون ڏيئي، هنن جي حوالي ڪري نڪري ويئي، پر ڳچ وقت تائين هلندي هلندي ڏک کان روئندي ڳوڙها ڳاريندي ويئي. +هن جي وڃڻ کان پوءِ ٿينارڊيئر زال کي چيو ته ”ٻائي، ڏاڍو چڱو ٿيو، هڪ سؤ ڏهه رپيا اڌارا کنيا هئم ۽ سڀاڻي هنن جو مدو پورو ٿيڻو هو. اهو قرض انهن پئسن مان لاهينداسين، گهر ويٺي خدا سبب ڪيو!“ +ٿينارڊيئر اصل سپاهي ماڻهو هو، ۽ ڪن جنگين ۾ بهادري سان وڙهيو به هو. زال کانئس ڏهه - پنڌرهن ورهيه ننڍي هئي، ٻيئي هڪ جهڙا شوخ، بدطبعيت ۽ لالچي ماڻهو هئا. ٻه ڌيئرون هين: وڏيءَ جو نالو اپونائن هو، ۽ ننڍيءَ جو ازلما. گذران جي لاءِ شراب جي دڪان کوليو هئائون، مگر ان مان فائدو ڪو نه ٿي ٿين. هر مهيني هتان هتان ٿورو گهڻو قرض به پئي کنيائون ۽ واري سان لاٿائون به پئي. هن مهيني خدا گهر ويٺي ٻاونجاهه رپيا ڏيارين. زال ويچاري جا ڪپڙا وڃي ڪٿي ڳهه رکي، سٺ رپيا وٺي آئيو. جڏهن اهي پئسا کپي ويا، تڏهن هنن ارادو ڪيو ته اڳتي هن ڇوڪريءَ جي وسيلي يا عذر تي پئسا ڪڍندا وڃجن، جو ڄاتائون ٿي ته ماڻس جو هن سان گهڻو پيار آهي ۽ هوءَ شايد پئسي واري به آهي ۽ ڪمائي واري به آهي. ههڙن ظالم ۽ لالچي ماڻهن وٽ سگهو ئي اها ويچاري ڇوڪري ڏکن ۾ گذارڻ لڳي، کاڌو پورو نه ملندو هئس، اوڙي پاڙي جي در تان پنندي وتندي هئي. ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل هوندا هئس. هنن جون ٻئي ڌيئرون کايو پيئو مزي سان پيون گذارينديون هيون. +فنٽائن وقت بوقت خط لکائي هنن ڏي موڪليندي هئي، ۽ ٻار جو حال احوال پڇائيندي هئي ۽ هر مهيني مقرر ڪيل پئسا موڪليندي رهندي هئي. پنهنجي رهڻ جو پتو هنن کي ڏيئي ڇڏيو هئائين، جتي هوڏانهنس خط پٽ لکندا هئا، هميشه لکندا هئا ته سندس ڇوڪري خوش چڱي ڀلي آهي. پر حقيقت ڪري ائين نه هو، هوءَ ڏاڍي ڏکي هئي. هي هن کي کاڌو ۽ ڪپڙو پورو نه ڏيندا هئا، پر جيئن وڌندي ٿي ويئي تيئن گهر جو سمورو ڪم ڪار به هن کان ڪرائيندا هئا- جيئن ته ٻهاري ڏيڻ، ٿانوَ ڌوئڻ ۽ پاڻي ڀرڻ وغيره. تنهن کان سواءِ ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي هن کي ماريندا هئا، ۽ گهٽ وڌ به ڳالهائيندا هئا. ماءُ - پيءُ کي ڏسي هـُـو ڇوڪريون به هن ويچاريءَ کي ستائينديون هيون. +انهيءَ هوندي به هو ڇوڪريءَ جي ماءُ کي لکندا هئا ته ڇوڪري هاڻ وڏي ٿيندي وڃي، زياده ٿي کائي ۽ بهتر ٿي هنڊائي، تنهنڪري ست رپيا خرچ لاءِ پورا ناهن، وڌيڪ موڪل، نه ته اسين هن کي موٽائي تو ڏانهن ٿا موڪليون. هوءَ ويچاري ڪي خوشيءَ کان ڪي ڊپ کان پئسا وڌائيندي ويئي، تان جو وڃي پنڌرهن رپيا ماهوار رقم ٿي، جا هن کي هر مهيني موڪلڻي ٿيندي هئي. ماڻهو سمجهندا هئا ته ڪا زال پنهنجي ڌيءُ هنن کي پالڻ لاءِ ڏئي وئي آهي، ۽ هي خدا ڪارڻ ڇوڪريءَ جي پرورش ڪن ٿا، تنهنڪري سندن تعريف ڪندا هئا. هيڏانهن هنن ٻنهي زال مڙس کي ڪي شڪ پيو هو، ڪي پڇا سان معلوم ڪئي هئائون ته اها ڇوڪري حرام مان ڄاول آهي ۽ ماڻس شرم کان ڳالهه لڪائي، اسان وٽ ڇڏي ويئي آهي، تنهنڪري پاڻ وجهه وٺي دڙڪي تاب سان فنٽائن کان زياده پٽيندا کائيندا هئا. پنڌرهن رپيا درماهو، هوءَ ويچاري هر مهيني پهچائي نه سگهندي هئي، ۽ ڪڏهن ته ٻه - ٻه، ٽي - ٽي مهينا رهجي به ويندا هئس. +اهڙين تڪليفن ۽ ڏکن هوندي به ڇوڪري وڌي ڇهن - ستن ورهين جي اچي ٿي، ۽ اهڙي خوبصورت ٿي جو جيڪر هاڻ خودسندس ماءُ به نه سڃاڻي سگهي ها، اگرچ غمگين رهندي هئي ۽ اڪثر بيمار به گذاريندي هئي. +فنٽائن پنهنجو ٻار هنن وٽ ڇڏي پنهنجي وطني شهر ۾ اچي رهڻ لڳي هئي، جنهن جو نالو ايمسرام هو ۽ انهيءَ هنڌ جو پنهنجي ڌيءُ جي سنڀاليندڙن کي پتو ڏنو هئائين، جتي هو خط پٽ پيا موڪليندا هئس. اهو شهر اصل ننڍو هو، پر ٿورن ورهين کان انهيءَ ڏاڍو زور ورتو ۽ منجهس ڪچ جي سامان جو وڏو ڪارخانو هو: ڪچ جا ڪارا موٽي، مڻيا ۽ ٻيا ڪوڙا زيور جڙندا هئا. انهيءَ ڪارخاني ۾ هزارين زالون ۽ مڙس ڪمائيندا هئا. فنٽائن به ڪمائيندي هئي. اُهو واپار انهي هنڌ هڪڙي پرديسي ماڻهوءَ اچي وڌو هو، جنهن کي مڊيلين جي نالي سان سڏيندا هئا. پهرين هن ٿورو واپار هلايو، پر پوءِ وڌائي وڃي وڏو ڪارخانو ڪيائين، جنهن مان هزارين رپيا اپائڻ لڳو. هن ماڻهوءَ انهيءَ واپار ۾ نه رڳو هزارن غريبن جو گذران پيدا ڪري وڌو هو، پر عام خلق جي فائدي لاءِ به ڪيترائي فيض جا ڪم ڪيا: جيئن ته هنن جي تعليم تي، دواخانن تي، ۽ ٻين ڪيترن خيراتي ڪمن تي هزار خرچيائين. ڪارخاني ۾ مڙس ڌار ۽ زالون ڌار ڪمارائيندو هو، ته ڀلي هو نيڪ رهن ۽ پاڻ ۾ گڏجڻ سان خرابي پيدا نه ڪن. هن جي هي فيض رساني ۽ مهرباني جي هلت ڏسي نه رڳو ماڻهو هن کي تعظيم ڏيندا هئا ۽ پيار ڪندا هئا، پر سرڪار به هن کي مانُ ڏيندي هئي. هو اٽڪل پنجاهه ورهين عمر جو هو، ۽ تمام رحمدل ۽ قياس وارو هو. مزورن کي رواجي اجوري کان زور ڪري زياده ڏيندو هو، ۽ ٻي بخشش تنهن کان سواءِ ڪندو هو. مطلب ته انهيءَ هنڌ هڪڙو نئون شهر ٻڌجي ويو، جنهن جو مالڪ مڊيلين هو. +ڪچ جي سامان جي نئين هنر ڪڍڻ ڪري ۽ ماڻهن کي فيض رسائڻ ۽ خيراتي ڪمن ڪرڻ ڪري مڪاني عهديدارن جي سفارش تي سرڪار هن کي هڪ وڏو لقب به آڇيو ۽ شهر جو ميئر يا مئجسٽريٽ به ڪيو. پر مڊلين سرڪار جي شڪر گذاري ڪري انهيءَ لقب ۽ آبروءَ جي عهدي وٺڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ پاڻ هن جي نماڻائيءَ ۽ نهٺائيءَ ڪري سندس زياده تعريف ڪرڻ لڳا. ڪن ورهين کان پوءِ هن جي زياده ناموس ۽ فياضي ڏسي سرڪار وري به بهتر خطاب ۽ ميئر جي جاءِ آڇيس، پر هن وري به انڪار ڪيو. جڏهن شهر جي ملڪي توڙي ٻين کاتن جي حاڪمن کيس زور ڪيو، تڏهن لاچار هن ميئر يا مئجسٽريٽ ٿيڻ قبول ڪيو. +انهيءَ عهدي جي جوابداري هو ڏاڍيءَ رحمدليءَ ۽ انصاف سان ڪرڻ لڳو، ۽ کاڌو ۽ پوشاڪ، ۽ ٻي هلت چلت هميشه واري سادي رکيو آيو. ڪتابن پڙهڻ ۾ گهڻي مشغولي رکندو هو. ٻين جي تعليم جي زياده نظرداري ڪندو هو. بندوق کڻي شڪار تي ويندو هو، پر ڪنهن پکيءَ يا جانور کي مارڻ لاءِ دل نه چوندي هيس ۽ اڪثر خالي هٿين موٽي ايندو هو. اگرچ عمر جو پڪو هو ته به ڏاڍو محنتي ۽ زور وارو هو، اهڙو جو ڪي ٿورا جوان، اهڙي ورزش ڪري سگهندا هئا: پنڌ گهڻو ڪري سگهندو هو، ۽ ڳوٺن مان لنگهندي سندس چوڌاري مڙس ۽ زالون ۽ ٻار اچي مڙندا هئا، تن کي نصيحت ڪندو هو ۽ محبت سان پيش ايندو هو، ۽ غريبن ۽ بيمارن کي پئسي جي يا ڪا ٻي مدد ڪندو هو. انهيءَ رستي هن انهيءَ هنڌ ۽ آسپاس جا غريب ماڻهو ڏاڍا سڌاريا: زميندارن کي آبادي ڪرڻ جو بهتر هنر سيکاريائين، ڪاسبين کي ٻيءَ طرح جا سڌارا ٻڌايائين بعضي بعضي رات جو غريبن جي گهرن ۾ ويندو هو، انهن جو حال احوال وٺندو هو ۽ خرچي ڏيندو هون. ڪڏهن ڪڏهن ته جيڪي غريب اشراف سـُـجهندا هئس تن جي غير حاضريءَ ۾ سندن گهرن ۾ وڃي ميز تي سونيون مهرون رکي ايندو هو، ۽ هو اهي مهرون ڏسي ڄاڻندا هئا ته اها اسان جي مهربان ميئر جي بخشش آهي. +انهن ڏينهن ۾ اخبار ۾ پادري چارلس مريل جي مرڻ جي خبر پڙهڻ ۾ آئي، ۽ انهيءَ جي گهڻي تعريف لکيل هئي. اها خبر پڙهي مڊيلين کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ ڪارا ڪپڙا ڍڪيائين. شهر جي ماڻهن کي اهو گمان گذريو ته اُهو پادري سندن ميئر جو ويجهو مائٽ هو. انهيءَ ڪري پاڻ ميئر جي نسبت ۾ ماڻهن جو بهتر گمان ٿيڻ لڳو، ۽ پڪ ڄاتائون ته هيءُ به ڪنهن پادري خاندان منجهان آهي، تنهنڪري اهڙو نيڪ، رحمدل ۽ خلق جو خيرخواهه آهي. هنن جي پڇا ڪرڻ تي پاڻ ظاهر ڪيائين ته ننڍي هوندي آءٌ هنن جي گهر ۾ نوڪر هوس. +شهر جا سڀ ماڻهو انهيءَ ميئر کي تعظيم ڏيندا پيار ڪندا هئا، مگر رڳو هڪڙو ئي ماڻهو هو جو هن جي برخلاف ٿي ڏٺو ۽ جنهن کي هن جي تعريف نه وڻندي هئي. هميشه هن کي ڏسي گـُـهور وجهيو پيو هن ڏي نهاريندو هو، ۽ ڏند ڪرٽيندو هو: اڪثر هن ڏي نهاري نهاري چوندو هو ته ”هي ڪير شخص آهي؟ مون کي پڪ آهي ته مون هن کي اڳي ڪٿي ڏٺو آهي. هن جا مهانڊا مون کي دل سان لڳن ٿا. ڀلي ٻيا هن کي جيئن وڻين تيئن سمجهن ۽ مانُ ڏين، پر آءٌ اهڙو جلد هن جي دام ۾ نه ايندس.“ +اهو شخص هڪڙو پوليس انسپيڪٽر هو ۽ سندس نالو ”جاورٽ“ هو. هو قداور مڙس هو ۽ ڏنڊو هميشه هٿ ۾ هوندو هوس ۽ ڏاڍو شوخ ۽ زبردست ماڻهو هو. هن جو پيءُ به هڪڙو جهونو قيدي هو ۽ سندس ماءُ پڻ هڪڙي فقيرياڻي هئي. هو ڄائو به جيل ۾ هو. وڏو ٿيو تڏهن پوليس کاتي ۾ وڃي نوڪر ٿيو. چالاڪيءَ جي ڪري درجي بدرجي چڙهندو ويو ۽ چاليهن ورهين جي عمر ۾ انسپيڪٽر ٿيو. شروعات ۾ ٽولون واري شاهي جيل ۾ به نوڪري ڪئي هئائين، جتي وڏا وڏا قيدي رهندا هئا. هو هر طرح پوليس جي نوڪريءَ ۾ جاسوس هئڻ جو لائق هو. انهن جا سڀ هنر هن کي ياد هئا ۽ زياده آزمودي ڪري هشيار شمار ۾ ايندو هو. سڀ بدمعاش هن کان ڊڄندا هئا. هن جي هميشه مڊيلين ميئر ۾ اک هوندي هئي، پر هن کي سندس ڪو به خيال ڪو نه هوندو هو. هـُـن سان ٻين وانگي مروت ۽ مهربانيءَ سان هلندو هو، جنهنڪري جاورٽ پاڻ حيران ٿيندو هو. +اتي جي ماڻهن ۾ هڪڙو ٻيو به شخص هو، جنهن جي مڊيلين سان اُڻبڻت هوندي هئي. انهيءَ جو نالو فاشل ونٽ هو. هو واپاري ماڻهو هو، جڏهن مڊيلين انهيءَ شهر ۾ اچي پنهنجو ڌنڌو ڪچ جي مڻين جو کوليو، تڏهن هن جي ڌنڌي کي شڪست اچي ويئي ۽ نيٺ هن ڏيوالو ڪڍيو. نئون آيل واپاري زور وٺندو ويو ۽ آخر دولتمند ٿي ويو. انهيءَ ڪري هن ڏي ڏاڍو حسد ۽ وير رهندو هوس. آخر فاشل ونٽ اهڙو غريب ٿي ويو، جو بار جي گاڏيءَ تي مزوري ڪندو وتندو هو. +هڪڙي ڏينهن اهڙو اتفاق ٿيو جو گهوڙو ٿاٻڙجي رستي تي ڪـِـري پيو، گاڏي اونڌي ٿي پيئي، ۽ فاشل ونٽ گاڏيءَ جي هيٺيان اچي ويو. اهڙي حال ۾ هو، جو سندس پاسريون ڀڄڻ تي هيون، ۽ هن کي پنهنجيءَ جان جو خوف هو. ماڻهو اچي گڏ ٿيا. پوليس انسپيڪٽر جاورٽ به اچي اُتي نڪتو. گهڻيئي زور لاتائون پر گاڏيءَ کي اٿلائي يا مٿي ڪري نٿي سگهيا، آخر ماڻهو موڪليائون ته بار کڻڻ جي ڪـَـل گهلي اچن، پر اها پرڀرو هئي ۽ انهيءَ جي اچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي وڃي ها. ائين ڪندي ميئر مڊيلين به هوا کائيندو انهيءَ رستي تان اچي لنگهيو، ۽ هيءَ حالت معلوم ڪري ڏاڍو ارمان ٿيس. ويهه مـُـهرون انعام آڇيائين ته ڪو گاڏيءَ هيٺان وڃي تريون زمين تي کوڙي، پٺن سان گاڏي مٿڀري ڪري ته فشل ونٽ ٻاهر نڪري اچي، پر ڪنهن کي به ايتري همت ڪا نه ٿي ٿـِـي. جاورٽ انسپيڪٽر جنهن ميئر ڏي نهاري چيو ته: ”مون کي رڳو هڪڙو ماڻهو سـُـجهي ٿو جو اهو ڪم ڪري سگهي، اهو ٽولون جي جيل ۾ هڪڙو قيدي هوندو هو، جو ڏاڍو زور ڀريو هوندو هو. اُهو هجي ته جيڪر اهو ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهي.“ اهي لفظ ٻڌي، ميئر صاحب جو چهرو ئي ڦري ويو. +انهيءَ وچ ۾ هو ويچارو گاڏيءَ وارو دانهون ڪرڻ لڳو ته: ”مون کي ڪڍو، نه ته آءٌ بار هيٺ مران ٿو.“ ماڻهو لاچار اچي ٿيا، ڪـَـل جي اچڻ ۾ اڃا دير هئي، ۽ ويهن مهرن جي انعام تي به ڪو ويجهو نٿي آيو. نيٺ اوچتو ئي اوچتو ميئر مڊيلين ڪوٽ لاهي، ٻانهون کـُـنجي گاڏيءَ هيٺان پيٽ ڀر لنگهي ويو، ۽ تريون کوڙي زور جو ڏنائين گاڏي مٿڀري ٿي ويئي، ۽ گاڏيءَ وارو نڪري ٻاهر ٿيو، ميئر کي پيرين پئي، هن جا هٿ چمڻ لڳو، ۽ هن کي پنهنجي جان بچائڻ وارو سڏيائين. مڊيلين رحم ڪري پنهنجو درجو ۽ ٻيا سڀ خيال وساري، هڪڙي پاڻ جهڙي غريب انسان کي موت جي چنبي مان ڇڏايو، اگرچ هو سندس بدخواه هو ۽ پاڻ هيتري تڪليف سٺائين، تنهنڪري سندس دل ڏاڍي خوش هئي ۽ سندس چهري ۾ خدائي نور پئي بکيو. مگر جاورٽ ڏي جو نهاريائين ته انهيءَ جون اڃا به منجهس اکيون هيون، ۽ البت دل ۾ ڪنڊو لڳل هوس. +ٻڍي فاشل ونٽ کي گوڏي ۾ سخت ضرب رسي هئي ۽ گوڏي جي ڍڪڻي لهي پئي هيس، تنهن کي مڊيلين پنهنجي خانگي ڪارخاني واري اسپتال ۾ کڻائي ويو، ۽ اُتي سندس خدمت چاڪري پوريءَ طرح ڪرائي ويئي. رات جو هن اُتي سمهي آرام ڪيو. صبح جو اُٿي وهاڻي جي هيٺان ڏسي ته هزار رپيي جو نوٽ رکيو آهي، ۽ مڊيلين جي هٿ اکرين ۽ سندس صحيح سان هڪڙو ڪاغذ جو ٽڪر به رکيو آهي، جنهن تي لکيل آهي ته ”تنهنجي گاڏي ۽ گهوڙو مون خريد ڪيا آهن، هي انهن جو مـُـلهه آهي.“ گاڏي اهڙي هئي جا ڀڄي ٽڪر ٿي پيئي هئي، ۽ گهوڙو پڻ اڌ مئل هو. فاشل ونٽ نيٺ ڪن ڏينهن بعد ڇـُـٽي چڱو ڀلو ٿي اُٿيو، پر ٽنگ ۾ منڊ رهجي ويس. آخر مڊيلين جي سفارش سان هن کي پئرس شهر جي پسگردائيءَ ۾ هڪڙي زناني خانقاه يا عيسائي مڙهيءَ جي باغ جي نگهبانيءَ جي جڳهه ملي. +انهيءَ کان پوءِ جاورٽ انسپيڪٽر اڪثر ڪري مڊيلين کان پاسو ڪندو وتندو هو، جڏهن لاچار ٿيندو هو ۽ ڪو ڪيس سندس ڪورٽ ۾ آڻيندو هو تڏهن سو ايندو هو، نه ته نه. انهيءَ وقت به سندس دل ۾ اهڙا خيال هوندا هئا، جهڙا ڪـُـتي کي پوشاڪ بدليل بگهڙ کي ڏسي ٿيندا آهن. + + + +باب چوٿون +جڏهن فنٽائن مڊيلين جي ڪارخاني ۾ ڪمائڻ لاءِ ويئي، تڏهن هن کي اتي جو ڪم نئون لڳو، پر پوءِ ٺهي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ هشياري سان ڪم ڪرڻ لڳي. زالن واري ڀاڱي ۾ هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رهندي هئي ۽ انهيءَ ۾ مسواڙ تي موچارو سامان وٺي وڌو هئائين. مزوري چڱي ملندي هيس. ڪپڙو گندي پوشيدو رکندي هئي. ظاهري ٻيو سڀ سک هوس، رڳو پنهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ جي ڳڻتي هوندي هيس. خواريءَ جي ڪري ڪنهن کي ڪين ٻڌائيندي هئي ته آءٌ پرڻيل آهيان ۽ ٻار اٿم. ٿينارڊيئر ڏي مهيني ۾ ٻه خط پنهنجي ڌيءَ جي نسبت ۾ لکائي موڪليندي هئي، ۽ پئسا به هر مهيني موڪليندي رهندي هئي. انهيءَ ڪري ماڻهن کي اهڙو گمان رهندو هو ته هن زال جي ڪنهن سان لکپڙهه آهي. نيٺ خط لکڻ واري کان پڇا ڪري ڪن زالن حقيقت معلوم ڪئي ته هن کي ٻار آهن. هڪڙيءَ ته مرڳو پئسا خرچي، ڀاڙو ڀري وڃي ٿينارڊيئر جي هوٽل ۾ اُهو ٻار به ڏسي آئي. +ورهيه کن کان پوءِ، هڪڙي ڏينهن ڪارخاني جي زناني ڀاڱي جي جمعدارڻ، فنٽائن کي پنجاهه رپيا آڻي ڏنا، ۽ چيائينس ته ”بس اڳتي تون هتي پورهيو نه ڪر، هلي وڃ. ميئر صاحب مهرباني ڪري تو کي هيءَ خرچي ڏني آهي.“ هوءَ ويچاري ڪارخانو ڇڏي ڀاڙي ڪيل ڪوٺيءَ ۾ اچي رهي. جيڪو ٿورو گهڻو قرض هوس تنهن جي لاهڻ لاءِ به اهو پئسو مس پورو هو. اهو ئي وقت هو جڏهن ٿينارڊيئر به ڪاسيٽ جي پرورش لاءِ پندرهن رپيا گهرڻ لڳو، ۽ هوءَ اُهي ڏيئي نه سگهي. خانگي نوڪريءَ لاءِ شهر ۾ مٿا هنيائين، پر ڪا به جاءِ ڪا نه مليس. شهر ڇڏي به نه ٿي سگهي ته متان رهيل قرضي کيس جهلائين. آخر سامان وڪڻي ڪجهه قرض لاٿائين، ۽ پاڻ پوءِ سئيءَ جو پورهيو ڪرڻ لڳي. ڪڏهن ته دل ۾ پئي آيس ته پنهنجي ڌيءَ کي گهرائي پاڻ وٽ ڪري، ته جيئن کيس ڪم ۾ مدد ڏئي ۽ همراهي ڪرائي. پر هوءَ به وٽس تڏهن اچي. جڏهن ان جي کاڌي جا رهيل پئسا پهچائي. پئسا ڪٿان اچن؟ ۽ پوءِ به رستي جي ڀاڙي جا پئسا گهرجن! هڪڙي پاسي قرضين جي ڇڪتاڻ ۽ ٻئي پاسي ٿينارڊير جا خط اچڻ لڳس ته ”تنهنجي ڌيءُ کي ڪپڙو ڪونهي، اگهاڙي ٿيڻ تي آهي ۽ بک پيئي مري، پئسو نه موڪليندينءَ ته الائي سندس ڪهڙو حال ٿيندو“. هيءَ خبر ٻڌي ويچاري ڏاڍي بي آرام ٿي. آخر دل ۾ خيال آيس ته منهنجا وار تمام وڏا ۽ سهڻا ۽ سونهري رنگ جا آهن. حجم وارَ خريد ڪري انهن مان ٽوپ ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا آهن، تنهنڪري هڪڙي حجام وٽ وڃي ڏهن رپين ۾ پنهنجا مٿي جا وار ڏيئي، ڪترائي پئسا وٺي آئي، ۽ انهن مان ڪپڙا وٺي ڌيءَ جي لاءِ ڏياري موڪليائين، ۽ پاڻ ڪپڙي سان ۽ ٽوپيءَ سان مٿو ڍڪي گذارڻ لڳي. +ٿينارڊير جي خطن جي ڌم پئي پيئي. هڪڙي نه ٻئي عذر يا ڊپ تي پئسن گهرائڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين. هڪڙي آخري خط ۾ لکيائين ته ”تنهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ سخت بيمار آهي ۽ خراب قسم جو تپ اٿس. چاليهه رپيا هڪدم موڪل ته هن جو علاج ڪرائجي، نه ته مري ويندي. ”ويچاري فنٽائن جون ٻه به وييون ڇهه به وييون، چرين وانگي هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳي. دماغ ۾ خلل پيدا ٿي ويس ۽ پنهنجي منهن پئي کلندي ۽ ڳالهائيندي هئي. آخر انهيءَ حال ۾ هڪ ڏينهن هن کي اها سمڪ آئي، ته جيئن وار ڏئي پئسا پيدا ڪيا اٿم، تيئن ڏند ڏئي ڇو نه ٻيا پئسا هٿ ڪيان. ڏند تمام اڇا، سـُـهڻا ۽ سوڌا هئس. ڏندن وارا ڊاڪٽر ڏند خريد ڪندا هئا. لاچار هڪڙي وٽ وڃي ٻن مهرن تي پنهنجا اڳيان چار ڏند وڪڻي، ڪڍرائي آئي ۽ پاڻ پٻي ٿي ويئي اهي به مـُـهرون موڪلي ڏنائين. يعني چاليهه رپيا هڪدم ٿينارڊير ڏي موڪلي ڏنائين. پر ڪاسيٽ ته بيمار ڪين هئي. پئسن ڪڍڻ جو هنن ٻنهي زال مڙس ڪوڙو بهانو ڪيو هو، پر هيڏي ته هن ويچاريءَ سان ويڌن ٿي گذري هئي. +ويچاري فنٽائن جا ڏاڍا بڇڙا حال ٿيا، ڏينهن جو نڪري نه سگهندي هئي، ۽ شام جو ڪم ڪار لاءِ ٻاهر ويندي هئي. هڪڙي ڀيري ٻاهر ويئي. ڪو ماڻهو سندس پٺيان لڳو ۽ ساڻس چرچا ڪرڻ لڳو. هن کي ڏاڍي چڙ لڳي. هوش اڳيئي برابر نه هوس. هن ماڻهوءَ هٿ وڌس ته هـِـن ڌڪ هنيس. هن جي ٽوپي لهي پئي ۽ ڌڪ لڳس. گوڙ تي ماڻهو گڏ ٿيا ۽ پوليس آئي. انهن ۾ جاورٽ انسپيڪٽر به هو، جنهن پاڻ انهيءَ زال کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو ۽ ڌڪ هڻندو ڏٺو. هن شخص جي دانهن تي انسپيڪٽر فنٽائن کي گرفتار ڪري، گهاٽ تي وٺي ويو ۽ رپورٽ لکڻ لڳو. فنٽائن دانهون ڪري پئي چيس ته ”انسپيڪٽر صاحب، منهنجو ڪهڙو ڏوهه! هن پهرين مون سان چرچا ڪيا مون سان دست درازي ڪئي، ۽ مون پنهنجي بچاءَ ۾ هن کي ڌڪي پاسي ڪيو. هي ڪهڙو ظلم آهي، مون کي جيل ۾ وجهندا ته ڪهڙو فائدو ٿيندو، ويچاري مهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ ڪيئن ڪندي! مري ويندي، ڪير انهيءَ کي خرچ پهچائيندو. +هن جي دانهن تي انسپيڪٽر ڪو به خيال ڪونه ڪيو. ڪاغذ تيار ڪري هڪڙي سپاهيءَ کي ڏيئي چيائين ته ”هن زال کي هڪدم وڃي جيل ۾ وجهه، سڀا��ي ڪورٽ ۾ رجوع ڪجوس.“ سپاهي زال کي وٺڻ تي هو ته هڪڙو شخص جنهن زال جي ساري ڳالهه لڪي بيٺي ٻڌي، سو در کان اندر لنگهي آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”تڪڙ نه ڪريو، ذرو ترسو.“ جاورٽ منهن مٿي ڪري ڏسي ته ميئر مڊيلين آهي. لاچار ٿي ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو، ۽ تعظيم ڏيڻ لاءِ ٽوپي لاهي بيٺو، اگرچ ائين ڪرڻ لاءِ دل نه پئي چيس. +فنٽائن به معلوم ڪيو ته ميئر صاحب آيو آهي. هن جي رحمدليءَ جي گهڻي تعريف ٻڌي هئائين، ليڪن سندس ڪارخاني ۾ هن کي جيڪا تڪليف رسي هئي ۽ اتان نڪرڻ ڪري جيڪا سندس خراب حالت ٿي هئي، سا سڀ هن ڪارخاني جي مالڪ يعني انهي ميئر جي طرفان ٿي سجهي. اگرچ حقيقت ڪري انهيءَ کي انهيءَ وچ جي ڪا به خبر ڪا نه هئي. خاص ڪارخاني جي زناني ڀاڱي ۾ هو گهڻو ايندو ڪين هو، ۽ جمعدارڻ جي رپورٽ تي ڪم ڪار هلائيندو هو. انهيءَ ڪري فنٽائن جي راءِ مڊيلين ميئر جي نسبت ۾ تمام خراب هئي، ۽ کيس ڪوڙو ۽ ظالم سمجهندي هئي. هاڻي جڏهن هن کي پوليس ٿاڻي ۾ ڏٺائين تڏهن ساڙ ۽ ڪاوڙ کان، ۽ ڪي دماغ جي خلل کان مٿس ڪاهي آئي، ۽ چنبا هن جي منهن تي هڻي ۽ ٿڪون اُڇلائي چوڻ لڳيس ته ”واه جو ميئر ۽ ڪارخاني وارو ٿيو آهين“ ائين چئي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. +مڊيلين اشراف، رومال سان منهن اُگهي، انسپيڪٽر کي چوڻ لڳو ته ”انسپيڪٽر جاورٽ، هن زال کي هڪدم ڇڏي ڏيو.“ انسپيڪٽر حيران ٿي ويو. هڪڙي خسيس ۽ ڪميني زال هڪڙو اڳيئي ڏوهه ڪري ۽ وري مئجسٽريٽ کي منهن ۾ ٿڪون هڻي، تنهن کي هو سزا ڏيڻ جي بدران ڇڏي ڏئي؟ پهرين ته دماغ جاءِ نه ٿيس، پر نيٺ حڪم جي تعميل ڪرڻي پيس. هوڏي فنٽائن پاڻ به عجب ۾ گنگي ۽ ٻوڙي ٿي بيهي رهي. پوءِ اکيون ڦاڙي چوڻ لڳي ته ڇا، مون کي ڇڏي ٿا ڏين، قيد به ڪين ايندم؟ اهو نڀاڳو ميئر مون کي ڪيئن ڇڏيندو، جنهن مون کي ڪارخاني مان ڪڍي ڇڏيو، جو آءٌ بک مرندي وتي آهيان ۽ جنهن مون کي ههڙي بڇڙي حال ۾ آندو آهي. الائجي لاچاريءَ ۽ غريبيءَ ڪري ڇا ڇا پئي ڪيو اٿم، ۽ ڪيئن پئي گذاريو اٿم، رڳو انهيءَ لاءِ ته منهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ کي چڱن حالن ۾ رکان. هن حال ۾ رهڻ کان مون کي قيد بهتر آهي، جو کاڌو ته پيو ملندم. ٻي خرچي به پـِـن جي پئي ملندي جا آءٌ ڪاسيٽ ڏي ڏياري موڪلينديس. آءٌ پاڻ ٿڌ ۾ رلڻ ڪري بيمار آهيان، کنگهه ماري وڌو اٿم ۽ تپ به اٿم. اجهو، منهنجي ٻانهن ڏسو. هاڻ جڏهن مون کي آزاديءَ جو حڪم ٿيو آهي، تڏهن آءٌ وڃان ٿي. ائين چئي اٿي هلڻ لڳي. +انسپيڪٽر جاورٽ هينئر حيرانيءَ کان اک پٽي، ۽ پنهنجي فرض جي يادگيري پيس. ميئر کي سلام ڪري ۽ زال کي روڪي بيهاري چوڻ لڳو ته ”سائين، مون کي معاف ڪجو، آءٌ هن کي ڇڏي نه ٿو سگهان. هن ڏوهه ڪيو آهي ۽ وري هاڻ سائين جن سان بي ادبي ڪئي اٿس. آءٌ قاعدي جو غلام آهيان، هن کي ڇڏي نه ٿو سگهان.“ مڊيلين سنجيدگيءَ سان چيس ته ”انسپيڪٽر جاورٽ، مون کي خبر آهي تون ايماندار سرڪاري نوڪر آهين، پر آءٌ تو کان پوءِ سگهو ئي واردات تي پهتس ۽ چڱي طرح شاهد پڇي جانچ ڪئي اٿم ۽ معلوم ڪيو اٿم ته هن زال جو قصور ڪونهي، بلڪ هن ماڻهوءَ جو قصور آهي، انهيءَ کي گرفتار ڪرڻ گهرجي. باقي جيڪا هلت مون سان ڪئي اٿس، تنهن لاءِ آءٌ ڄاڻان منهنجو ڪم ڄاڻي.“ +انهيءَ هوندي به انسپيڪٽر فنٽائن کي ڇڏڻ جي نه ڪئي. چيائين ته ”اها بي آبرو ئي اوهان جي جند جي نه ڪئي اٿس. پر سرڪار جي ڪئي اٿس، تنهنڪري سرڪار جو عهديدار ٿي آءٌ قاعدي موجب هن کي سزاياب ڪرائيندس“. تنهن تي مڊيلين البت ڪاوڙجي چيو ته ”انسپيڪٽر، قاعدي جي مون کي زياده خبر آهي. ڏوهن جي ڪوڊ جي قلم 9، 11 ۽ 15 موجب، مون کي اختيار آهي ته جانچ ب��د مناسب حڪم ڪرڻ. انهيءَ موجب آءٌ حڪم ٿو ڪريان ته هن زال کي ڇڏي ڏي. تنهنجو فرض آهي قانون جي تعميل ڪرڻ، نه ته تون پاڻ بي ادبيءَ جو ڏوهاري ٿيندين. +انسپيڪٽر جاورٽ اڃا ڪي چوڻ گهريو ٿي، پر ميئر حڪم ڪيس ته ”وڌيڪ هڪڙو لفظ به نه ڳالهاءِ، هڪدم جاءِ مان نڪري وڃ!“ جاورٽ لاچار ڪنڌ جهڪائي، سلام ڪري نڪري ويو. هنن ٻنهي شخصن جو تڪرار فنٽائن ماٺ ڪري بيٺي ڏٺو ۽ ٻڌو. هڪدم سهي ڪري سگهي ته هڪڙو شيطان جي صورت ۾ ماڻهو هو، ۽ ٻيو ملائڪ جي صورت ۾. نيٺ ڏٺائين ته ملائڪ شيطان تي غالب پيو ۽ ان کي ڀڄائي ڪڍيائين، ۽ اهو ملائڪ به اهو هو جنهن کي پاڻ هيستائين شيطان ٿي سمجهيائين، ۽ جنهن سان هاڻ تازي نامناسب بي ادبيءَ سان هلي هئي. ڪي عجب ۽ ڪي ڊپ کان ڪڇيائين ڪين. جڏهن انسپيڪٽر جاورٽ جاءِ مان نڪري ويو، تڏهن مڊيلين وڏي ڌيرج ۽ ڏک مان هن کي چيو: ”جيڪي تو چيو، سو سڀ مون ٻڌو آهي، آءٌ وسهان ٿو ته تون سچ ٿي چوين. ڪارخاني مان نڪرڻ جي حقيقت جي مون کي خبر ناهي، تو سان جي ظلم ٿيو هو ته تون مون وٽ اچين ها ته آءٌ تنهنجو بندوبست ڪريان ها. هاڻي تون دلجاءِ ڪر، جيڪو تو تي قرض آهي سو سڀ آءٌ ڏيان ٿو. تنهنجي ڌيءَ جتي آهي، اتان آءٌ انهيءَ کي گهرائي ٿو وٺان. اڳتي جيڪو پئسو تو کي گهربل هوندو سو تو کي پيو ملندو. مون کي يقين آهي ته تون نيڪدل زال آهين، مفلسي ۽ لاچاري ڪري پاڻ کي اهڙي حال ۾ آندو اٿئي.“ +هيءُ ٻڌي فنٽائن جو وات ئي ڦاٽي ويو، اوچتو جو سندس دل جا سڀ مطلب پورا ٿي ويا، سو ايتري خوشي ٿيس جو جيئن بيٺي رهي، تيئن ٽنگون ڏڪڻ لڳس ۽ ميئر جو هٿ وٺي چمڻ لڳي، ۽ چمندي بيهوش ٿي، سندس پيرن ۾ وڃي ڪـِـري پئي. انهيءَ وقت مڊيلين فنٽائن کي کڻي پنهنجي ڪارخاني واريءَ زناني اسپتال ۾ وٺي ويو: سخت تپ اچي چڙهيس، ساري رات پئي وڦلي. ٻئي ڏينهن ٻنپهرن ڌاري اک پٽيائين ۽ هوش ۾ آئي. ڏٺائين ته مڊيلين مٿانئس انتظار ۾ بيٺو آهي ۽ سندس حق ۾ دعا بيٺو گهري، هن کي جاڳندو ڏسي خبرچار پڇيائينس، ۽ گهڻا دلاسا ڏنائينس. +سگهو ئي پوءِ مڊيلين ٿينارڊير ڏانهن خط لکيو، ۽ جيڪي 120 رپيا هنن جا رهيل معلوم ٿيا، تن جي بدران 300 رپيا به ڏياري موڪليائين ۽ لکي موڪليائين ته ڪاسيٽ ڇوڪريءَ کي هڪدم ايم سرايم ۾ وٺي اچو، سندس ماءٌ سخت بيمار آهي. ٿينارڊير ڏاڍو خوش ٿيو. ٻنهي زال مڙس پاڻ ۾ پهه پچايو ته ڇوڪريءَ کي نه موڪليون جو هن مان اسان کي گهڻو فائدو پيو پهچي. ڄاتائون ته شايد ڪنهن سکر ۽ دولتمند ماڻهوءَ سان هن جي ماءُ آشنائي رکي آهي، سو هن سڀ بار پيو کڻي، تنهنڪري ههڙي سوني ڪڪڙ جا سونا آنا پئي لاهي، سا ڪا ائين ڇڏي ڏينداسين. اهو خيال ڪري، ٿينارڊير هڪڙو وڏو بل پنجن سوَن رپين جو ڏياري موڪليو، جنهن ۾ ڊاڪٽر جي ۽ دوائن جي خرچ جون وڏيون رقمون هيون، ۽ جنهن مان هن ٻن سوَن جي مجرائي ڏئي، باقي ٻه سؤ بقايا ڪڍيا. مڊيلين هڪدم ٽي سؤ رپيا ڏياري موڪليا ۽ لکيائين ته ”هاڻي هڪدم ڪاسيٽ کي آڻي پهچايو ۽ وڌيڪ دير نه ڪريو، جو هن جي ماءُ سخت بيمار آهي“. انهيءَ هوندي به هنن ڇوڪري نه آندي. +انهيءَ وچ ۾ فنٽائن اسپتال ۾ پئي هوندي هئي. مڊيلين ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ڏسڻ ويندو هوس، ۽ دڙ دلاسا ڏيندو هوس. هوءَ هميشه پنهنجي ڌيءَ بابت پئي پڇندي هئي ته ڪڏهن ايندي. هوش جي وقت يا بيهوشيءَ ۾ ٻيو ڪو خيال ئي ڪو نه هوندو هوس، رڳو ڪاسيٽ جي پئي پڇا ڪندي هئي ۽ ان بابت ڳالهائيندي هئي ۽ وڦلندي هئي. ڊاڪٽرن به اها راءِ پئي ڏني ته جي هن جي ڌيءَ جلد نه ايندي، ته هيءَ مري ويندي. ٿينارڊير ته هڪڙا نه ٻيا عذر پئي لکيا، ۽ ڇوڪري آڻڻ يا موڪلڻ جي نٿي ڪيائين. آخر لاچار ٿي مڊيلين فنٽائن کان هن ڏي هي خط لکايو ۽ انهيءَ تي هن جي صحيح ورتائين، ”مهرباني ڪري هن خط آڻيندڙ کي منهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ جي ٻانهن حوالي ڪج، ۽ جيڪڏهن ڪا بقايا رهيل هوندي ته اُها هو پهچائي ڏيندو. مڊيلين جي دل م اهو خيال هو ته ڪنهن تجويز سان آءٌ پاڻ اهو خط کڻي وڃي ڇوڪريءَ کي وٺي اچان.“ +ٻن - ٽن ڏينهن بعد مڊيلين پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته انسپيڪٽر جاورٽ جي اچڻ جي رپورٽ ڪيائونس. هن انهيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو. اگرچ دل ۾ ڌڪاءُ به پيس. انسپيڪٽر سلام ڪري اچي ويٺو، ۽ ميئر ڦري ڏانهس منهن ڪيو. هن جي شڪل نماڻي ۽ غمگين ٿي ڏٺي. اگرچ دل مضبوط ۽ سخت هيس. ميئر حال احوال پڇيس. هن چيو ته ”سائين، مون هڪڙو بيقاعدي ڪم ڪيو آهي. تنهنڪري مون کي سزا ملڻ گهرجي، يعني مون کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ گهرجي. جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ استعفا ڏئي سگهان ٿو، مگر موقوفيءَ جي سزا زياده مناسب آهي.“ مڊيلين پڇيس ته ”اهو ڪهڙو ڏوهه تو ڪيو آهي؟“ انسپيڪٽر چيو ته ”مون زيردست ٿي اوهان جي بي ادبي ڪئي آهي. انهيءَ ڏينهن اوهين مون تي ڪاوڙيا هئا. اڄ ڀلائي ڪري مون کي سزا ڏيڻ ۽ نوڪريءَ مان ڪڍڻ سان انصاف ڪريو.“ جڏهن مڊيلين چيس ته “آءٌ تنهنجا اشارا نٿو سمجهان، صاف ڳالهه ٻڌاءِ“. تڏهن هن هيئن چيو ته “سائين، ٻه - ٽي هفتا ٿيا، هن زال جي ويڙهه واري ڳالهه اوهان کي ياد هوندي. انهيءَ تان مون کي دل ۾ ساڙ آيو ۽ مون اوهان جي برخلاف وڃي پنهنجي کاتي ّجي وڏي عملدار وٽ شڪايت ڪئي. چيم ته هڪڙو جهونو ڇـُـٽل قيدي مئجسٽريٽ ٿيو وتي ڪم ڪندو. مون دل ۾ ائين سمجهيو ۽ ويساهه ڪيو، تڏهن وڃي ائين چيم، ڇا لاءِ جو اوهان جي ۽ انهي قيديءَ جي پاڻ ۾ گهڻي مشابهت مون کي نظر آئي. اوهان جا مهانڊا، اوهان جو قد، اوهان جي بدن جو ڊول، اوهان جي مضبوطائي ۽ قوت، اوهان جي چالاڪي ۽ ڦڙتائي، ۽ وڏي ڳالهه ته هڪڙي ٽنگ کان اوهان جو ٿورو منڊڪائڻ. اهي سڀ ڳالهيون هڪڙي نامي گرامي چور جين وليجان ۾ هيون، جنهن کي ڏٺي مون کي اٽڪل پندرهن - ويهه ورهيه ٿيندا. انهيءَ ساڳئي شخص ڇٽڻ کان پوءِ هڪڙي پادريءَ جي گهر ۾ کاٽ هڻي چوري ڪئي، ۽ پوءِ عام رستي تي هڪڙي فقير ڇوڪر کان ڦر ڪيائين. ست - اٺ ورهيه ٿيا آهن جو گم ٿي ويو هو، ۽ هٿ نٿي آيو ۽ اشتهاري قيديءَ وانگي شمار ۾ هو. اوهان کي ڏسي مون کي اهو ويساهه آيو، تنهنڪري مون پنهنجو فرض سمجهيو، ۽ وڃي پنهنجي وڏي عملدار کي اهڙي ڳالهه ٻڌايم“. +هي ڳالهه ٻڌي مڊيلين جو ٿورو منهن جو رنگ هارجي ويو، جو جاورٽ ڏٺو. پر پوءِ دل ڏاڍي ڪري هن کان پڇيائين ته ”چڱو، پوءِ تنهنجي آفيسر تو کي ڪهڙو جواب ڏنو؟“ هن چيو ته: ”سائين، آفيسر چيو ته تون ڪوڙو آهين، شايد تون ديوانو ٿيو آهين. پر مون کي ته دل ۾ يقين آهي ته اُهو نامي گرامي بدمعاش جين وليجان مون لڌو آهي.” مڊيلين جو وري به منهن جو رنگ هارجي ويو، ۽ وري به پڇيائينس ته ”سو ڪيئن؟“ هن چيو ته: ”سائين، حقيقت هي آهي ته ٿورا ڏينهن ٿيندا جو اراس ۾ هڪڙي چمپمٿو نالي ٻڍي ماڻهوءَ کي صوفن جي چوريءَ ۾ گرفتار ڪري، اتي جي جيل ۾ وڌائون. اتي هڪڙو جهونو ڇٽل قيدي نوڪر هو، جنهن کي ڇٽڻ کان پوءِ چڱي چال ڪري نوڪر رکيو هئائون. انهيءَ چيو ته هي شخص جين وليجان آهي، جنهن وڏي جيل ٽولون واري ۾ مون سان گڏ ورهين جا ورهيه گذاريو. چمپمٿيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪيو. تنهن تي ٻه ٻيا جهونا قيدي ٽولون مان گهرايا ويا جي اڃا اتي قيد هئا. انهن به اچي هن کي سڃاتو ۽ چيائون ته هي جين وليجان آهي، ۽ اسان جو سنگتي ٿي رهيو هو. انهيءَ وقت مون اوهان کي ڏسي دل ۾ چيو ته سچو جين وليجان ته مون هٿ ڪيو آهي، اهو جين ضرور ڪوڙو هوندو. مون اها ڳالهه وڃي پنهنجي وڏي عملدار سان ڪئي، پر انهيءَ چيو ته تنهنجو هوش برابر ناهي شايد تون ديوانو ٿيو آهين.“ +مڊيلين پڇيو ته ”تو انهيءَ کي ڏٺو آهي؟“ جاورٽ چيو ته ”هائو، مون به انهيءَ مهل سمجهيو ته اهو برابر جين وليجان آهي، پر وري جڏهن اوهان کي ٿو ڏسان تڏهن سمجهان ٿو ته جين وليجان اوهين آهيو، نه هو.“ مڊيلين وري پڇيو ته .پوءِ انهيءَ کي ڪيئن ڪيائون؟“ جاورٽ چيو ته ”انهيءَ تي اراس جي وڏيءَ ڪورٽ ۾ مقدمو هلڻو آهي، ڪنهن جهڙي تهڙي مئجسٽريٽ وٽ هلڻ جو ناهي، جو هن کي جنم قيد ملندو. مون کي به سمن آيل آهي شاهديءَ لاءِ.“ +اهو سارو وقت مڊيلين هن سان ڳالهايو به ويٺي، ۽ نالي جي لاءِ ڪي لکيائين ۽ پڙهيائين به ويٺي. جڏهن هن بس ڪئي، تڏهن هن ڏي منهن ڪري چيائين ته ”چڱو، جاورٽ، انهن ڳالهين سان منهنجو ڪم ڪونهي، منهنجو وقت اجايو ٿو وڃي ۽ ڪم گهڻو ڪرڻو اٿم. ڪڏهن تو کي اوڏي شاهديءَ لاءِ وڃڻو ٿيندو؟“ هن چيو ته ”سائين، سڀاڻي مقدمو شروع ٿيندو، ۽ شايد هڪڙي ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو. پر آءٌ ترسندس ڪين، رات واريءَ گاڏيءَ ۾ ويندس ۽ شاهدي ڏئي سڀاڻي شام جو موٽي ايندس.“ +مڊيلين جاورٽ کي موڪل ڏني. هو اُٿيو، پر وري به ترسي چوڻ لڳو ته ”سائين، منهنجو عرض جيڪو هو سو قبول ڪريو، يعني مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.“ مڊيلين چيو ته .جاورٽ، تون سچو، ايماندار ۽ چالاڪ سرڪاري نوڪر آهين، آءٌ تو کي گهڻو پسند ڪريان ٿو. تون پنهنجي ٿوري قصور کي وڏو ٿو سمجهين، تون نوڪري نه ڇڏ. تو جهڙا ايماندار نوڪر ڀلي سرڪار ۾ هجن.“ ائين چئي هن کي هٿ ڏنائين ۽ هو هليو ويو، ۽ چوندو ويو ته ”چڱو ، جيسين ڪو ٻيو منهنجي جاءِ تي مقرر ٿيندو، تيسين آءٌ پنهنجي نوڪريءَ جا فرض پورا ڪندو رهندس، ۽ جاسوس ٿيو پيو گذاريندس.“ + +باب پنجون +انهيءَ ڏينهن شام جو مڊيلين فنٽائن کي اسپتال ۾ ڏسڻ ويو. وڃڻ سان هن ڪاسيٽ جي اچڻ جو پڇيس. مڊيلين دلاسو ڏيئي چيس ته .تمام جلد ايندي.“ هميشه کان زياده اتي ترسي، ماڻهن کي هن جي سنڀال جو تاڪيد ۽ ڊاڪٽرن کي هن جي پارت ڪري هليو ويو، ڇاڪاڻ جو انهن کان معلوم ٿيس ته فنٽائن درجي بدرجي لڙهندي ۽ ضعيف ٿيندي ٿي وڃي. پوءِ آفيس ۾ اچي ڪلارڪ جي روبرو نقشو ڏسي ۽ ڪاغذ جي ٽڪر تي پينسل سان ڪي انگ لکي، پاڙي جي گهوڙن واري وٽ ويو. طنبيلي ۾ گهمي هڪڙو مضبوط ۽ تکو گهوڙو، ۽ هڪڙي هلڪي گاڏي چونڊي ڪڍيائين. پئسا گهڻا ڏيڻاپيس جو ڏينهن ۾ گهڻيون منزلون طي ڪرڻيون هيس. ٻن ڏينهن جو ڀاڙو اڳواٽ ڏئي، گهوڙي گاڏيءَ جي مالڪ کي حڪم ڏنائين ته ”سڀاڻي صبح جو سوير چئين بجي مهل منهنجي در تي اچي حاضر رهه.“ +پڙهندڙن کي خبر آهي ته اهو ميئر مڊيلين ٻيو ڪو معتبر ماڻهو ناهي، پر جين وليجان آهي. ياد هوندن ته هن فقير ڇوڪر جي پائلي رستي تي زبردستيءَ سان ڦري هئي، تنهن کان پوءِ هن جي دل جي حالت سڌرڻ لڳي ۽ نهايت بهتر ماڻهو ٿي پيو. پادريءَ جي وعظ ۽ نصيحت هن ۾ ڪو اهڙو اثر ڪيو، جو ڪيميا جي اثر وانگي هو ٽامي مان بدلجي سون ٿي پيو، ۽ هو اُتان لڪچوري نڪري ويو ۽ پادريءَ وارا چانديءَ جا ٿانوَ وڪڻي پئسا ڪيائين ۽ باقي سندس ٻه چانديءَ جون شمعن واريون بتيون نشاني ڪري پاڻ وٽ رکيائين. پوءِ فرانس مان لنگهي ايم سرايم ۾ اچي رهڻ لڳو ۽ ڪچ جي سامان جو واپار شروع ڪيائين، جيئن اوهان مٿي پڙهيو آهي. اتي جيڪي چڱا ڪم ڪيائين، سي سڀ اوهان کي معلوم آهن، پر انهيءَ هوندي به هو زماني ج�� گردش ۽ قسمت جي بازيءَ کان پئي ڊنو. سندس دل جو لاڙو هميشه سچائي، نيڪ نيتيءَ ۽ خيرخواهيءَ جو هليو آيو. انسپيڪٽر جاورٽ کان جو چمپمٿو جو قصو ٻڌو هئائين، سو سندس دل تي بار ڪري پيو هو. ڀانيائين ته هو جو ناحق جين وليجان جي ويساهه تي ڦاسي ٿو، تنهن کي ڇڏايان ۽ انهيءَ جي جاءِ تي آءٌ هجان جو سچو پچو جين وليجان آهيان. اهو پهه پچائي، فنٽائن جي ڏسڻ کان پوءِ، سواريءَ جو بندوبست ڪري رات گهر گذاريائين ۽ انهن ڳالهين تي پئي ويچار ڪيائين. اها ته پڪ هيس ته جيڪڏهن هو ٻيو ماڻهو جين وليجان بدران جنم قيد جي سزا سان وڃي قابو ٿيندو، ته پوءِ آءٌ عمر لاءِ آزاد ٿيس، ۽ مون کي ڪو ڊپ نه رهندو، پر مون کي اندر جا چڪ سدائين پيا لڳندا، تنهن کان سچائي ۽ انصاف انهيءَ ۾ آهي ته آءٌ پاڻ ظاهر ٿي سزاياب ٿيان، ۽ هڪڙي بيگناهه ماڻهوءَ کي ڇڏايان. خدا وٽ قبول تڏهن پوندس، ۽ آخرت جو ثواب تڏهن حاصل ٿيندم. +اهو ويچار ڪري، پنهنجن ڪتابن تي صحيحون ڪيائين. جيڪي دعوائون يا جيڪا اوڌر ڪن ٻين واپارين ڏي هيس، انهن سڀني جا ڪاغذ باهه ۾ ساڙي ڇڏيائين. فقط هڪڙي پاڪيٽ بڪ ۾ ڳچ جيترا وڏا نوٽ وجهي کيسي ۾ وڌائين، ۽ پئرس شهر جي جنهن بئنڪ ۾ سندس پئسا رکيل هئا، انهيءَ ڏي به هڪڙو خط لکيائين. پوءِ وري اهو خيال آيس ته جي آءٌ ظاهر ٿيس ۽ جهلجي پيس، ته هن ويچاريءَ فنٽائن جو ڪهڙو حال ٿيندو ۽ سندس ڌيءُ جا هتي رهي ٿي انهيءَ جو بندوبست ڪرڻ به مون تي فرض آهي، جو هن کي منهنجي معرفت ايذاءُ رسيو آهي. هيءُ ويچاري ته هوءَ جلد مرڻ واري آهي. جيئن ڊاڪٽر چون ٿا. ڇوري ڌيءَ جو ضرور ڪو بلو ٿيڻ گهرجي. مون کان سواءِ هن جو ڪو به وارث يا سنڀاليندڙ دنيا ۾ ڪو نه رهندو. تنهن کان بهتر آهي ته آءٌ ميئر مڊيلين رهندو اچان،“ جين وليجان نه ٿيان. پر وري به اندر جا چڪ لڳيس ۽ هـِـن جهان کان هـُـن جهان جي يادگيري زياده ٿيس، ۽ پادريءَ جي نصيحت ياد پيس. نيٺ پڪو ٺهراءُ ڪيائين ته نيڪي، سچائي ۽ انصاف وارو رهان، پوءِ ڀل ڪهڙو به نقصان پهچي ته حرڪت ڪانهي. اهي خيال پچائيندي پچائيندي آسـُـر اچي ٿيو، ۽ گهوڙي گاڏيءَ وارو انجام موجب گاڏي وٺي اچي ٻاهر بيٺو. +مڊيلين هڪدم سوار ٿي نڪتو ۽ گاڏي اهڙي تکي هڪليائين، جو خود گاڏيءَ وارو حيران ٿي ويو. هڪ - ٻن منزلن تي گهوڙي کي ساهي ڏئي، گاهه جا چڪ هڻائي، پاڻي پياري، وري اڳتي هليو، پاڻ لٿو ڪين، گاڏيءَ تي ئي ويٺو رهيو. هڪڙي هنڌ ته گاڏيءَ جي ڦيٿي کي به ضرب آئي، پڇا ڪيائين ته ڳوٺ ۾ نڪا ٻي گاڏي هٿ آئي، ۽ نڪو واڍو هو. دل ۾ چيائين ته شايد خدا جي اها مرضي آهي ته ائين نه ٿئي، نه ته آءٌ گهڻو ئي اندر جي قاضيءَ جي پٺيان ٿو هلان. هاڻي جيئن قسمت ۾ هوندو ٿيئن ٿيندو.هڪڙيءَ ڪري خوش ٿيو ۽ ٻيءَ ڪري ڏک ٿيس، هڪڙي اک کـِـليس ٿي ۽ ٻي رنيس ٿي. پر اتفاق سان هڪڙي ماڻهوءَ ڏس ڏنو ته هڪڙي هلڪي گاڏي وٽس آهي، ۽ هو اها وٺي آيو. مڊيلين ڄاتو ته خدا جي مرضي حق ۽ انصاف پوري ٿيڻ تي آهي، تنهنڪري ڀڳل گاڏي اُتي ڇڏيائين ته مرمت ٿئي ته موٽندي ڪم اچي ۽ پاڻ گهوڙو هـُـن ٻي گاڏيءَ ۾ وجهي اڳتي هليو. اگرچ گهوڙو بلڪل ٿڪل هو ۽ پنڌ اڃا گهڻو پيو هو، ۽ رات جو ضرور ”اراس“ ۾ رسڻو هو. وچيئن جي مهل اچي ٿي هئي، اڳڀرو هليو ته وري به گاڏيءَ جي هڪڙي ڪاٺي ڀڄي پيئي. رستي ۾ نڪو ڳوٺ نڪو ماڻهو. لاچار لهي وڻ مان ٽاري ڀڃي، ڪپ سان گهڙي، ٻي ڪاٺي انهيءَ سان ٻڌي وري اڳتي هليو. گاڏيءَ واري توڙي واٽهڙن، گاڏيءَ ۽ گهوڙي جو حال ڏسي ساهي کڻڻ لاءِ صلاح پئي ڏني، پر هو نٿي رهيو ، جو چيائين ٿي ته اٺين بجي ��اري ضرور مون کي اراس ۾ پهچڻو آهي، ڇا لاءِ جو سـُـجهيس ٿي ته انهن ڏينهن ۾ سيشن ڪورٽ رات جو هلندي هئي، ۽ نائين بجي مقدما شروع ٿيندا هئا. پهرين اهو صوفن جي چوريءَ وارو ڪيس هلندو، مقدمو هلڪو آهي. فقط چار شاهد جوابدار کي سڃاڻندا ۽ جهٽ ۾ فيصلو ٿي ويندو. آءٌ جيڪڏهن هڪڙو ڪلاڪ دير سان پهتس، ته منهنجو پنڌ اجايو ٿيندو ۽ جيڪو ظلم ٿيڻو هوندو سو ٿي ويندو. +مڊيلين جي وڃڻ کان پوءِ فنٽائن زياده بيمار ۽ بي آرام ٿيندي ويئي، ۽ ذري ذري پئي پنهنجي ڌيءَ جو پڇيائين. معلوم ٿيس ته مڊيلين انهيءَ کي آڻڻ جي لاءِ ويو آهي. سـُـجهيس ٿي ته پنڌ پري آهي سندس وڃڻ ۽ موٽي اچڻ ۾ دير ٿيندي، ۽ منهنجو وقت ويجهو پوندو وڃي. جهڙي پاڻ تهڙا ٻياسڀ هن جي موٽڻ لاءِ منتظر ٿي ويٺا. فنٽائن پهرين ميئر جي حق ۾ دعائون ڪرڻ لڳي، جو ڄاتائين ته هن فقط سندس خاطر ايتري تڪليف پاڻ تي هموار ڪئي پوءِ دنيا جون ڳالهيون وساري خدا جون ۽ هن جهان جون ڳالهيون ڳالهائڻ لڳي. جيڪي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون سندس خدمت ۾ هيس، تن چيس ته .گهڻو ڳالهاءِ نه، ماٺ ڪري سمهي رهه، ته آرام اچئي“. +هوڏي شام جا يا رات جا اَٺ لڳا ته مڊيلين وڃي اراس ۾ پهتو. وڃي پڇا ڪيائين ته ڪا گاڏي موٽي وڃڻ واري آهي. معلوم ٿيس ته رات جو هڪ بجي وڃڻي آهي، جنهن ۾ انهيءَ پاسي وارا مسافر چڙهي وڃڻا آهن. هڪڙيءَ جاءِ جو ڀاڙو اڳئي ڏيئي جاءِ هٿ ڪري ڇڏيائين، پوءِ پڇائيندو سيشن ڪورٽ تائين ويو. ڪورٽ به شروع ٿي وئي هئي، گهڻا ماڻهو ويٺا هئا ۽ اندر وڃڻ جي جاءِ ئي نه هئي، صوفن جي چوريءَ وارو مقدمو پيش هو. ڪي شاهد هليا هئا. تهمتي چمپمٿو بيٺو هو. مڊيلين اندر وڃڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر جاءِ نٿي مليس. لاچار ٿي پاڪيٽ بڪ مان هڪڙو ورق ڦاڙي انهيءَ تي ڪي لکي در تي بيٺل پٽيوالي کي ڏنائين. ڪاغذ تي پنهنجو نالو پينسل سان هيئن لکيائين: ”مڊيلين، ايم سرايم جو ميئر“. پٽيوالي کي چيائين ته ”وڏي جج صاحب کي وڃي ڏي“. هن ائين ڪيو. مڊيلين جو نالو مشهور ٿي ويو هو، سڀڪنهن سندس تعريف ٻڌي هئي - جڏهن جج اهو نالو ڏٺو ۽ پٽيوالي کان معلوم ٿيس ته اهو صاحب مقدمو ٻڌڻ ٿو گهري، تڏهن حڪم ڪيائين ته هڪڙي ڪرسي سندس ڪرسيءَ جي پاسي ۾ آڻي وجهه، ۽ اتي آڻي ويهارينس. جهٽ ۾ ائين ٿيو، ۽ مڊيلين وڃي ڪورٽ ۾ داخل ٿيو ۽ آبروءَ سان سان جاءِ وٺي ويهي رهيو. +مڊيلين تهمتي ڏي ڌيان ڏيئي نهاريو. دل ۾ فڪر ٿيس ته جهڙو حال انهيءَ ماڻهوءَ جو آهي منهنجو به اهڙو ٿيندو ڪيئن؟ اهو ماڻهو سٺ ورهين عمر جو ٿي ڏٺو ۽ شوخ ۽ بدمعاش معلوم ٿي ٿيو. هيڏي هوڏي نظر ڪيائين، جاورٽ ڏسڻ ۾ ڪو نه آيس، جو شاهدن جي بيهڻ جي جاءِ پاسي ّتي هئي. سرڪاري وڪيل ڏسي سڃاتس جو هن جي ڪورٽ ۾ به آيل هو، ۽ پري کان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيائينس، جيئن سندس اچڻ وقت خود ججن ڪيو هو. +انهيءَ وقت بچاءَ جي وڪيل پنهنجي تقرير بيٺي ڪئي ۽ حجت دليل ڏئي ڏيکاريائين ته ”منهنجي اصيل تي ڏوهه بلڪل ثابت ناهي، جو اهڙو ڪو به اکين ڏٺو شاهد ڪونهي، جنهن هن کي صوف چورائيندي يا ڀت ٽپندي ڏٺو هجي. رڳو هڪڙي شاهد چيو آهي ته هن هلندي ٽاري پٽ تان کنئي، باقي سندس برخلاف ڳالهه آهي اڳ بدمعاشيءَ جي، ۽ ٽولون جي وڏي جيل ۾ قيدي ٿي رهڻ جي. چار ڄڻا چون ٿا ته هي جين وليجان آهي. منهنجو اصيل انڪار ڪري ٿو، پر جي کڻي قبول به ڪجي ته هو جين وليجان آهي يا اڳ بدمعاش آهي، ته به صوفن جي هن چوريءَ سان هن جو ڪهڙو واسطو؟ انهيءَ جي ثابتي هئڻ ضروري آهي، جا ڪا نه آهي. سچ آهي ته جي هو کڻي قبول ڪري ته برابر جين وليجان آهي ته سندس لاءِ بهتر ��چاءُ ٿئي، جو جج ضرور جيڪر ساڻس مروت ڪن. مون به هن کي گهڻو سمجهايو آهي ته کڻي قبول ڪري، پر هو خاطريءَ سان چوي ٿو ته آءٌ جين وليجان ڪين آهيان. انهيءَ طرح بچاءَ جي وڪيل ججن کي عرض ڪيو ته سندس اصيل کي ڇڏي ڏين نه ته به هلڪي رواجي سزا ڏين، نه جين وليجان ڄاڻي يا اڳ بدمعاش شمار ڪري. +انهيءَ جي جواب ۾ وري سرڪاري وڪيل پنهنجا دليل ڏنا، ۽ ڏيکاريائين ته هو برابر جين وليجان آهي، ۽ مفصل بيان ڏئي ٻڌايائين ته هو ڪهڙو نه خوفناڪ ماڻهو آهي ۽ آزاد رهڻ نه گهرجي. جيڪي ڏوهه ڇٽڻ کان پوءِ ڪيا هئائين، تن جو ذڪر ڪيائين. ٻيو چيائين ته هن جي انڪار کي ڇا ڪبو، چار شاهد جي سندس سنگتي آهن سي سڃاڻنس ٿا، تنهنڪري اهڙي خوفناڪ ماڻهوءَ کي سخت سزاملڻ کپي. +ويچاري جوابدار وائڙو ٿي پئي هيڏي هوڏي نهاريو. جڏهن تقريرون پوريون ٿي رهيون، تڏهن ججن پاڻ ۾ آهستي ڳالهايو ۽ پوءِ وڏي جج جوابدار کي چيو ته ”تو تي ثابتيءَ جو بار تمام گهڻو آهي، هاڻ تو کان وري به پويون دفعو پڇجي ٿو ۽ تنهنجي آخرين جواب تي اسين ويچار ڪري فيصلو ڏينداسين. ٻڌاءِ ته تون ڀت ٽپئين ۽ ٽاري ڀڃي صرف صوف چورايئه يا نه، ۽ تون آزاد ٿيل قيدي جين وليجان آهين يا نه؟“ جوابدار چيو ته ”سائين، مون چوري ڪا نه ڪئي آهي. واٽ هلندي صوفن جي ٽاري پيل ڏٺم ۽ کنيم. انهيءَ مهل مون کي اهو شڪ ڪو نه پيو ته مون سان ههڙي جٺ ٿيندي. ٽي مهينا برابر آءٌ جيل ۾ ڪـَـچو قيدي ٿي رهيو آهيان ۽ تڪليفون پئي سٺيون اٿم، پر آءٌ جين وليجان ڪين آهيان ۽ نه انهيءَ کي سڃاڻان ٿو. منهنجو پيءُ ماءُ جو ڏنل نالو چمپمٿو آهي“. +تنهن تي وڏي جج چيو ته: ”هاڻ جيڪي چار شاهد هن کي سڃاڻن ٿا سي وري سڏجن. انسپيڪٽر جاورٽ اڳي ئي شاهدي ڏئي ويو آهي ۽ ضروري سرڪاري نوڪريءَ تي ويل آهي. هـُـن چيو آهي ته: ”آءٌ سڃاڻان ٿو ته هي شخص برابر جين وليجان آهي.“ باقي ٽن شاهدن کي سڏجي.“ پوءِ اُهي شاهد آيا ۽ شاهدي ڏنائون ته: ”اسين برابر هن کي سڃاڻون ٿا ته هي جين وليجان آهي، ۽ اسان سان گڏ ورهين جا ورهيه رهيو آهي.“ تهمتيءَ سڀني جي شاهدي ٻڌي چيو ته ”هي سڀ ڪوڙا ۽ بي ايمان آهن.“ +اتي ججن جي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيو ته ”اي ڪوڙا شاهدؤ، هيڏي نهاريو!“ اهو آواز هو مڊيلين ميئر جو، جو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي، ججن جي ٿلهي تان لهي، اڳيان اچي بيٺو. سڀني ڏسي سڃاتو ته ايم سرايم جو مشهور ميئر مڊيلين آهي. سڀني جون اکيون انهيءَ ۾ هيون، جهڙيون ججن جون، تهڙيون سرڪاري وڪيل جون، تهڙيون ٻين جون. اتي وچ تي بيهي مڊيلين هنن ٽن ڄڻن کي چيو ته ”اوهين مون کي نٿا سڃاڻو؟“ هنن ٽنهي حيرانيءَ ۾ ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو. تڏهن مڊيلين، ججن ۽ جيوري ڏي منهن ڪري چيو ته ”صاحبو، هن ويچاري قيديءَ کي ڇڏي ڏيو، ۽ مون کي انهيءَ جي بدران گرفتار ڪريو. جين وليجان آءٌ آهيان، هي ناهي. هيءُ ويچارو ناحق ڦاٿو آهي.“ +هيءُ ٻڌي ڪورٽ ۾ اهڙي ماٺ لڳي ويئي، جو جيڪر ڪک ڪـِـري ته ان جي ڪرڻ جو آواز ٻڌجي. ججن هڪٻئي ڏي پئي نهاريو ۽ سندن منهن مان همدردي ۽ ڏک پئي معلوم ٿيو. نيٺ وڏي جج چيو ته ”اسان سڀني کي خبر آهي ته هي صاحب ايم سرايم جو مشهور ناميارو ميئر آهي. گمان آهي ته هن جو هوش برابر ناهي، تنهنڪري انصاف جي بهتريءَ لاءِ ڪو ڊاڪٽر گهرائي هن جي چڪاس وٺائجي.“ مڊيلين شڪر گذاري ڪري چيو ته ”آءٌ ديوانو ڪين آهيان، منهنجو هوش جاءِ آهي. اوهان صاحبن هڪڙي وڏي خطا ٿي ڪئي، وڏو گناهه ٿي ڪيو جو هڪڙي بي گناهه ماڻهوءَ کي سخت سزا ٿي ڏنوَ. آءٌ پنهنجو فرض ادا ٿو ڪريان، ۽ سچي ڳالهه ��و ڪريان ته آءٌ جين وليجان آهيان. ڪن سببن ڪري مون نالو بدلايو هو ۽ ايمانداريءَ جو پورهيو ڪري پاڻ کي بهتر ڪيم ۽ دولتمند ٿيس. ۽ آخر سرڪار جي مهربانيءَ سان ميئر ٿيس. آءٌ پنهنجي حياتيءَ جو مفصل بيان اوهان صاحبن کي ٻڌائي نٿو سگهان. هڪڙي ڏينهن اهو پاڻيهي ظاهر ٿيندو. سچ آهي ته مون پادريءَ جي گهر مان چوري ڪئي. اهو به سچ آهي ته سڙڪ تي مون هڪڙي فقير ڇوڪري کي ڦـُـريو. اِها سڀ ڳالهه سچ آهي ته جين وليجان نامي گرامي چور، بدمعاش، اڳ سزا کاڌل قيدي ۽ خوفناڪ ماڻهو آهي، ليڪن هيتري اوهان کي پنهنجي آزمودي مان خاطري ٿو ڏيان ته ٽولون جي وڏي جيل ۾ وڃڻ کان اڳي آءٌ هڪڙو غريب ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هوس ۽ چڱيءَ چال وارو هوس. وڏي جيل مون کي ڦيرائي بدمعاش ڪري ڇڏيو. پر پوءِ مون کي خدا هدايت ڪئي، ۽ انهيءَ ساڳئي پادريءَ جو وعظ ڪارگر ٿيو ۽ مون هميشه لاءِ توبهه ڪئي ۽ بهتر ماڻهو ٿي پيس. ٻيو مون کي وڌيڪ چوڻو ناهي، آءٌ حاضر آهيان. مون کي ڀلي گرفتار ڪريو ۽ قاعدي موجب جنهن سزا جو لائق هجان، اُها مون کي ڏيو، ۽ هن ويچاري بيگناهه کي ڇڏي ڏيو. انسپيڪٽر جاورٽ هتي هجي ها ته منهنجي تصديق ڪري ها، ۽ اوهان کي منهنجي ڳالهه جي خاطري ٿئي ها.“ +تنهن کان پوءِ هنن ٽن ڪوڙن شاهدن کي پاڻ سڃارائي، ۽ پورا پتا ۽ نشان ڏئي، هنن کي مڃارايائين ته ڪوڙا آهن. سندن بـُـت تي ڪپڙن جي اندر جيڪي داغ يا ٻيا نشان هئاسي ٻڌايائين، ۽ پوءِ ڪپڙا لهرائي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته پاڻ هنن کي سڃاڻي ٿو، ۽ هو ڪوڙ ٿا ڳالهائين. هيءُ رنگ ڏسي سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. ڳچ وقت تائين مڊيلين ماٺ ڪري بيٺو هو. نڪي ڌرين جي وڪيلن سندس برخلاف ڪي چيو، ۽ نه وري ججن هن جي گرفتاريءَ جو ڪو حڪم ٿي ڏنو. تڏهن چوڻ لڳو ته ”انهيءَ صورت ۾ آءٌ وڃان ٿو، جو مون کي ڪو به گرفتار نٿو ڪري. منهنجو نالو نشان ۽ رهڻ جو هنڌ سڀني کي معلوم ٿيو آهي، جڏهن منهنجو کپ ٿئي، تڏهن آءٌ حاضر آهيان.“ ائين چئي وڏي ڌيرج ۽ تحمل سان ڪورٽ مان نڪري ٻاهر هليو ويو. +هن جي وئي کان پوءِ، جڏهن سڀني جي حيراني لٿي، تڏهن ججن فتوا ڏني ۽ تهمتي چمپٿيو کي ڇڏي ڏنو، جو آزاد ٿي هليو ويو، ۽ اُهو به ٻين وانگي حيران هو ۽ ڄاتائين ٿي ته سڀ ماڻهو ديوانا آهن، ۽ جيڪي ٿي گذريو تنهن جي پرولي بلڪل سمجهي نه سگهيو. + +باب ڇهون +اُهو سارو ڏينهن جو مڊيلين پنهنجي گهر ۽ شهر کان غير حاضر رهيو، سو فنٽائن ڏاڍو بي آرامي ۾ گذاريو. رات جو البت آرام آيس. اگرچه بي آراميءَ جهڙا خواب پئي ڏٺائين، ۽ ذري ذري پنهنجي ڌيءَ جو پئي پڇيائين. ڊاڪٽرياڻي يا دائي ساري رات وٽس هئي. پرهه ڦٽيءَ مهل اوچتو مڊيلين اندر گهڙي آيو، ۽ آهستي دائيءَ کان پڇيائين، جنهن سارو حال ڏنس. ٻڌايائينس ته ”فنٽائن جي ويساهه ۾ آهي ته اوهين سندس ڌيءَ کي وٺڻ ويا آهيو، سو جي هينئر جاڳي ۽ ڌيءَ کي نه ڏٺائين، ته الائي ڪهڙو حال ٿيندس! سگهو ئي ڏينهن ٿيو. ڊاڪٽرياڻيءَ جي جڏهن مڊيلين تي نظر پئي تڏهن رڙ نڪري ويس. چوڻ لڳي ته ”سائين، هي ڇا؟ اوهان جا سڀ وار اڇا ٿيا پيا آهن. هڪڙيءَ رات جي اندر اوهين اهڙا ٻڍا ڪيئن ٿيؤ؟“ ڊوڙي آرسي کڻي آڻي ڏيکاريائينس. هن پاڻ به ڏٺو ته برابر ائين آهي. معلوم ٿيو ته اها رات هن ڏاڍي ڊپ ۽ انتظار ۾ گذاري آهي، تنهنڪري ائين ٿيو آهي. مگر اها ڳالهه وساري مڊيلين فنٽائن جي فڪر ۾ رهيو. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون. ڊاڪٽرياڻيءَ جي رٿ هئي ته جي مڊيلين اوڏي نه ويو آهي، ته هاڻ وڃي وٺي اچي، جي ٻه يا ٽي ڏينهن زياده غير حاضر رهيو ته به حرڪت ڪانهي جو هوءَ انهيءَ اميد ۾ رهندي. نه ته ��ن کي ڏسي بلڪل نااميد ٿيندي ۽ ڊپ آهي ته مري نه وڃي. مڊيلين گهڻي خيال کان پوءِ چيو ته ”نه، آءٌ ضرور ڏسندوسانس. مون کي ٻيو ضروري ڪم آهي ۽ وقت تنگ آهي، متان وري جلد ڏسي نه سگهانس. +ائين چئي لنگهي فنٽائن جي هنڌ وٽ ويو. هوءَ آرام سان ستي پئي هئي. اوچتو اک پٽيائين، مڊيلين کي کينڪاري ۽ سندس شڪر گذاري ڪري، ڌيءَ جو پڇيائينس ته ”ڪٿي آهي، وٺي اچوس ته ڏسانس“. ڊاڪٽر به انهيءَ وقت آيو. انهيءَ ڪوڙ ڪري چيس ته ”تون بهتر ٿي ته پوءِ تو کي ڏيکاريون، نه ته تنهنجي لاءِ چڱو ڪين آهي. پر هو بي آرام ٿيڻ ۽ بڪ ڪرڻ لڳي. گهڻيون ئي ڳالهيون ڪري ڪري نيٺ ماٺ ڪيائين ۽ ساڻي ٿي هنڌ تي ليٽي پئي ۽ مڊيلين جي پٺيان نهارڻ لڳي ۽ اوڏي اشارا ڏيڻ لڳي. مڊيلين جان ڪنڌ ورائي ڏسي، ته انسپيڪٽر جاورٽ پٺيائنس بيٺو آهي. +حقيقت هيئن آهي ته اڌ رات کان پوءِ مڊيلين اراس جي سيشن ڪورٽ مان نڪري هوٽل ۾ آيو، جتي گاڏي گهوڙي جو اڳيئي ڀاڙو ڏئي بندوبست ڪري ڇڏيو هئائين. هڪدم روانو ٿيو ۽ صبح جو ڇهين بجي ڌاري گهر آيو. هڪڙو خط لکي پنهنجي بئنڪ واري ڏي ٽپال ۾ وڌائين، ۽ پاڻ اسپتال ۾ فنٽائن کي ڏسڻ آيو، جنهن جو انتظار هوس. هوڏي، ڪورٽ مان هن جي نڪرڻ کان پوءِ سرڪاري وڪيل زور ڀريو ته جين وليجان جي هئڻ يا نه هئڻ جي ڳالهه جو هلندڙ مقدمي سان واسطو ڪونهي، ۽ جوابدار کي ضرور سزا ملڻ گهرجي. بچاءَ جي وڪيل انهيءَ جي برخلاف حجت آندي. آخر ڪجهه وقت جي حجت کان پوءِ جيوريءَ جي راءِ موجب ججن فتوا ڏني، ۽ تهمتيءَ کي ڇڏي ڏنائون. انهيءَ هوندي به سرڪاري وڪيل زور ڀريو ته جيڪو به سچو پچو جين وليجان هجي، انهيءَ تي قاعدي جي ڪارروائي هلڻ گهرجي. نيٺ وڏي جج کي لاچار ٿيو ته ايم سرايم جي ميئر کي پڪڙائجي. وارنٽ جاري ڪري انسپيڪٽر جاورٽ جي نالي تعميل لاءِ موڪليو ويو. ان موجب جاورٽ وارنٽ هٿ ڪري، ٻليءَ وانگي ڇپ ماري، مڊيلين جي پٺيان اسپتال ۾ اچي نڪتو. چار - پنج سپاهي ٻيا به پاڻ سان آندا هئائين، پر انهن کي ٻاهر بيهاري آيو هو. +جاورٽ کي ڏسي مڊيلين ڊڄي ويو. پڪ ٿيس ته هو کيس پڪڙڻ آيو آهي. فنٽائن به جاورٽ کي سڃاتو، جو اڳي جهيڙي ۾ جهليو هئائينس ۽ سندس چنبي مان ميئر اچي ڇڏايو هوس. هاڻي ڄاتائين ته اهو وري به کيس پڪڙڻ آيو آهي. هڪڙو اڳيئي قريب المرگ هئي، ويتر هي تازو ڊپ، انهيءَ ڪري ڏاڍو سخت صدمو پهتس. دانهن ڪري چوڻ لڳي ته ”ميئر صاحب، مون کي بچائج. مڊيلين، جنهن کي اڳتي اسين جين وليجان سڏينداسين - تنهن هن کي دلاسا ڏنا ۽ ماٺ ڪرايائينس، ۽ جاورٽ ڏي منهن ڪري آهستي چيائين ته ”مون کي خبر آهي ته تون ڇو آيو آهين، پر هڪڙي ڀلائي ڪر. مون کي ٽي ڏينهن مهلت ڏي ته هن غريب زال جي ڌيءَ مانٽفرميل مان وٺي اچان، پوءِ خوشيءَ سان گڏجي هلندس. انهيءَ لاءِ جيڪي پئسا تون چوندين، سي ڏيندس“. تنهن تي جاورٽ شوخ ۽ بيحيا ٿيڻ لڳو ۽ اختياري ڏيکاري بڪ ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”مون کي بيوقوف ڏٺو اٿيئي، جنهن سان چرچا ٿو ڪري، ۽ چوين ٿو ته هن زال جي ڇوڪري وٺي ايندس، ٽي ڏينهن مهلت ڏي!“ +فنٽائن کي اهو ٻڌي پڪ ٿي ته سندس ڌيءَ اڃا ڪانه آئي آهي، سا روئڻ ۽ بيحال ٿيڻ لڳي، ۽ جاورٽ جا دڙڪا ٻڌي ڊڄي ويئي، پر پوءِ همت جهلي اٿي، ڀانيائين ته جين وليجان وڃي، پر اوچتو هنڌ تي ڪـِـري پئي، ۽ مري ويئي. جين جاورٽ کي چيو ته ”تو هن ويچاريءَ کي ماري وڌو. اسان جو سڀ پورهيو ڪـٽ ڪيئي.“ پر جاورٽ بيحيا ۽ سخت دل ٿي بيٺو. چوي ته ”منهنجو انهيءَ سان ڇا؟ تون سگهو ٿي مون سان هل، نه ته ٻاهر منهنجا سپاهي بيٺا آهن، انهن کي ٿو سڏيان“. +جين وليجان کي فنٽائن جي مرڻ جو نهايت گهڻو ڏک ٿيو. روئڻهارڪو ٿي ويو. ماءُ وانگي هن کي وڃي هنڌ تي سنئون ڪري سمهاري، اکيون بند ڪري، چميون ڏئي، مٿانس ڪپڙو وجهي ڇڏيائين. پوءِ جاورٽ کي چيائين ته ”هاڻ جيڏي وڻئي اوڏي مون کي وٺي هل. جاورٽ جين کي وٺي في الحال انهيءَ شهر جي جيل ۾ وڃي بند ڪيو. سگهو ئي شهر جي ماڻهن ۾ هل پئجي ويو ته شهر جو ميئر جهليو آهي، جو اصل ۾ هڪ ڇٽل قيدي هو. ٻن ڪلاڪن جي اندر ماڻهن کي سندس سڀ ڀلايون وسري ويون، ۽ هن جون گلائون ڪرڻ لڳا. سڄي شهر مان فقط ٽي - چار ڄڻا ساڻس وفادار رهيا. سندس جهوني نوڪرياڻي انهن مان هڪڙي هئي، انهيءَ ويچاريءَ ٻڍيءَ جڏهن اها خبر ٻڌي، ته سارو ڏينهن فڪر ۾ گذاريو. ڪارخانو اهو سارو ڏينهن بند رهيو. ٻه ڊاڪٽرياڻيون فنٽائن جي لاش تي ويٺيون رهيون جڏهن شام ٿي ۽ جين وليجان نه موٽيو، تڏهن نوڪرياڻي در بند ڪري در جي ڪنجي در جي پاسي ۾ هميشه واري ڪليءَ تي لڙڪائي، پاڻ ڏک ۽ ارمان ۾ ويهي رهي. اوچتو ڏسي ته در جي ڀڳل شيشي مان هڪڙي ٻانهن اندر اچي ڪنجي لاهي در پٽيو، ۽ جين وليجان اندر لنگهي آيو. نوڪرياڻي هن کي ڏسي حيران ٿي ويئي. هن ٻڌايس ته ”آءٌ جيل ۾ بند هوس، پر در جي هڪڙي لوهي شيخ پٽي، پنهنجي جاءِ ڪري نڪري آيو آهيان.“ پوءِ پنهنجي جاءِ وڃي بتي ٻاري، ڪاغذ پـَـٽ يا ٻي جيڪا شئي مناسب سمجهيائين، ساڙي ناس ڪري ڇڏيائين. جيڪا پائلي فقير ڇوڪر کان ڦري هئائين، ساهڪڙي ڪاغذ ۾ ويڙهي رکيائين ۽ پادريءَ واريون ٻه چانديءَ جون بتيون به ويڙهي رکيائين. پوءِ هڪڙو ڪاغذ ڪڍي، تنهن تي ڪي ويهي لکيائين. +انهيءَ وچ ۾ نوڪرياڻي وڃي سندس اسپتال مان ڊاڪٽرياڻيءَ کي وٺي آئي، جا اڃا تائين فنٽائن جي لاش تي ٻيءَ پنهنجي سنگتياڻيءَ سان واهي ٿيو ويٺي هئي. اُها آئي ته جين وليجان هن کي اهو لکيل ڪاغذ بند ڪري ڏنو، ۽ چيائين ته اهو ڪاغذ منهنجي ڪارخاني جي داروغي کي ڏجئين. مون لکيو اٿس ته جيڪي آءٌ هتي ڇڏيان ٿو تنهن مان منهنجي مقدمي تي به خرچ ڪري، ۽ هن ويچاريءَ زال جي ڪفن دفن جو به خرچ ڪري، ۽ ٻيو جيڪي بچي سو خيرات ڪري ڇڏي.“ +ائين ڪندي ٻاهر در تي ڏاڪڻ وٽ هل ٿيڻ لڳو، ”جاورٽ نوڪرياڻيءَ سان وڙهندو جين وليجان جي جاءِ ۾ گهڙي آيو. پر انهيءَ کان اڳئي جين ڳالهه سهي ڪئي ۽ ڦوڪو ڏئي بتي اجهائي، جاءِ ۾ هڪڙي ڳجهي ڪنڊ جا جاري وانگي هئي، تنهن ۾ لڪي بيهي رهيو. انسپيڪٽر جو آيو، تنهن جاءِ ۾ فقط ڊاڪٽرياڻي بيٺل ڏسي شرم کان موٽڻ لڳو. پڇيائينس ته .اهو ماڻهو اتي ڪونهي؟“ هن چيو ته ”نه!“ پڇيائينس ته ”ڪيڏي ويو؟“ هن چيو ته ”خبر ناهي.“ تڏهن ڊاڪٽرياڻيءَ کان معافي گهري، هيٺ لٿو ۽ هليو ويو. +اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ جين وليجان هڪڙي ڳنڍڙي پاڻ سان کڻي بدليل ويس ۾ هڪڙي وڏي چـُـغي سان شهر کان نڪري رستو ڏئي پئرس ڏي روانو ٿيو، ۽ ٻن - ٽن ماڻهن به اهڙي حال ۾ هڪڙو شخص انهيءَ رستي سان ويندو ڏٺو. پٺ تي ڪارخاني جي داروغي فنٽائن جو لاش رواجي طرح دفن ڪرايو، ۽ ڪي پئسا خيرات ڪيائين ۽ ڪي پنهنجي ڪم ۾ لڳايائين. + + + +باب ستون +هاڻي اسين پڙهندڙن کي ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي هلون ٿا. واٽرلو جي جنگ جو مشهور ميدان آهي، جتي انگريزن ۽ فرينچن جي جنگ ٿي، بس ٿي آهي، ۽ جنهن ۾ انگريزن جي سپهه سالار ويلنگٽن فتح حاصل ڪئي آهي ۽ فرينچ هارايو آهي. رات جو وقت آهي. مزي جهڙي چانڊوڪي آهي. هزارين لاشا ۽ رت جا دُٻا پيا آهن. هڪڙو ٻڍو ماڻهو وڏي چـُـغي ۾ اُتي لاشن ۾ پيو گهمي. مئلن کي هٿ لائيندو ۽ انهن جي کيسن مان يا بت تان قيمتي ۽ ڪمائتيون شيون چونڊيندو، ڇنندو کيسن ۾ گڏ ڪندو ٿو وڃي چورن وانگي هيڏي هوڏي به پيو ڏسي. ٿوري پنڌ تي رستي وٽ هڪڙي بار جي گاڏي بيٺل آهي، جنهن ۾ پيتيون ۽ ڳنڍڙيون پيون آهن، ۽ انهن جي مٿان هڪڙي زال ويٺي آهي. انهيءَ ماڻهو جو انهي گاڏيءَ سان واسطو آهي، ۽ اُها گاڏي بيهاري پاڻ هتي لهي آيو آهي. +اهو ماڻهو مئلن جي بدن تان سامان چورائڻ ۾ مشغول هو، ۽ رت جهاڳيندو، شيون گڏ ڪندو ٿي ويو. اوچتو هڪڙي مئل ماڻهوءَ جي هٿ ۾ سوني منڊي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندي ڏسي، لاهڻ جي ڪيائين ته هٿ چـُـريو پوءِ ٻانهن چري ۽ آخر سڄو ماڻهو چريو شايد اڃا مئو ڪين هو، پر زخميل هو، منهن سڄو رت سان ڀريو پيو هوس. فرينچ لشڪر جو ڪو آفيسر ٿي ڏٺو. پهرين ته اُهو چور ڊڄي ويو، پر پوءِ دل جهلي بيٺو. زخميل آفيسر پڇيس ته ”جنگ ڪنهن کٽي؟“ هن چيو ته ”انگريزن“. پوءِ هن کي مدد ڪري اٿاري ويهاريائين، ۽ منهن تان رت اگهيائينس. پنهنجي واچ ۽ کيسي ۾ جو پئسن جو ٻٽو پيو هوس سو ڪڍي ڏنائينس. انهيءَ وقت پريان هڪڙي پهري وارو ايندو ڏسي چور ڀڄڻ جي ڪئي. آفيسر چيس ته ”تون ڪير آهين، ڪهڙي طرف جو آهين، ۽ ڇو ٿو ڀڄين؟“ هن ورندي ڏني ته ”تو وانگي فرينچن جي طرف جو سپاهي آهيان، جيڪڏهن هينئر مون کي هتي ڪنهن ڏٺو ته پري کان بندوق هڻي ماري وجهندو، تنهنڪري آءٌ وڃان ٿو.“ آفيسر چيو ته ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن چيو ته ٿينارڊير“ آفيسر چيو ته ”آءٌ تنهنجو نالو ياد رکندس. منهنجو نالو ”پانٽمرسي“ آهي سو تون ياد رکجئين،“ پوءِ هو ڀڄي ويو. +هاڻ اسين وري پنهنجيءَ ڳالهه تي ٿا اچون، جين وليجان پنهنجي گهران ٿي پيرس ۾ آيو، ۽ جنهن بئنڪ ۾ سندس پئسا رکيل هئا سي ڪڍرايائين. اِها ڇهن - ستن هزارن فرينچ رپين جيتري رقم هئي، جا ڪٿي لڪائي ڇڏيائين. پوءِ مانٽفرميل ڏي ڪاسيٽ جي وٺڻ لاءِ ٿي ويو، پر رستي ۾ پوليس پڪڙي وڌو ۽ وري رجوع ڪيو ويو. فقير ڇوڪري جي ڦر جي تهمت هيٺ هن تي مقدمو هليو. هن کي موت جي سزا ملي، پر مٿان بادشاهه هن کي موت جي معافي ڏني،“ انهيءَ جي بدران جنم قيد مليس ۽ موٽي ٽولون جي وڏي جيل ۾ موڪليو ويو. اهو احوال اخبارن مان ماڻهن کي معلوم ٿيو، جن ۾ ائين به لکيل هو ته جين وليجان پنهنجي لاءِ هڪڙي جوان زال رکي هئي، جنهن کي هو ڏيندو وٺندو هو، پر جنهن وقت هو گرفتار ٿيو، تنهن وقت هوءَ ڊپ ۽ ڏک کان مري وئي. +جين وليجان جي وڃڻ کان پوءِ سندس ڪارخانو بند ٿي ويو. سندس ڪري جيڪو ڀاڳ ايم سرايم کي لڳو هو، سو پڻ اڏامي ويو. ڪارخاني مان جين وليجان نڪتو ته وري ٽن - چئن ڏينهن کان پوءِ پڪڙيو ويو. انهيءَ وچ ّواري عرصي ۾ ماڻهن مانٽفرميل جي نزديڪيءَ ۾، هڪڙي گهاٽي ٻيلي ۾، هڪڙو شڪي ماڻهو ڏٺو هو، جو هڪڙي صندوق مٿي تي کنيو ٿي ويو، ۽ پوءِ ٿوري وقت بعد وري ڪوڏر ۽ هڪڙو چنجور کنيو ٿي ويو. تمام زبردست ماڻهو هو، تنهن کي هڪڙو ماڻهو اڪيلو ويجهو وڃي نه ٿي سگهيو. پوءِ هو گم ٿي ويو. ڪن ڊڄڻن ماڻهن ائين ٿي سمجهيو ته شيطان آهي يا ڪو جن آهي، پر ٿينارڊير يا انهيءَ جهڙا ٻيا لالچي ماڻهو ڄاڻندا هئا ته ڪنهن چور يا بدمعاش ڪو خزانو چورايو آهي، سو انهيءَ ٻيلي ۾ ڪٿي کڏ کوٽي لڪائي ويو آهي. انهيءَ خزاني ڳولڻ لاءِ هنن پنهنجي منهن گهڻيئي مٿا هنيان ۽ کڏون کوٽيون، پر ڪي به ڪين لڌائون. +ڪن مهينن کان پوءِ، ٽولون جي بندر تي هڪڙو وڏو جنگي جهاز طوفان سٽي آندو. ضربن رسڻ ڪري انهيءَ جي مرمت ٿيڻي هئي. هزارين ماڻهو هر روز صبح کان شام تائين انهيءَ کي ڏسڻ ويندا هئا. هڪڙي ڏينهن انهيءَ جي مرمت ڪندي، ڪي خلاصي مٿي ڪلمين تي چڙهي ويا. انهن مان هڪڙو چوٽيءَ تان اتفاق سان ڪـِـري پيو، پر ڪـِـرندي هڪڙي رسيءَ ۾ هٿ اٽڪي ويس ۽ انهيءَ کي جهلي بيهي رهيو. اهڙو مٿي ۽ اهڙي خوفناڪ هنڌ هو، جتي ڪو به خلاصي وڃي نٿي سگهيو. جيسين ڪو ماڻهو همت جهلي مٿي وڃي، تيسين امڪان هو ته هو ٿڪجي ساڻو ٿي ڪـِـري پوي ۽ پرزا پرزا ٿي وڃي - اهو هنڌ ايترو مٿي هو، جو اٽڪيل ماڻهو هيٺيان نهارڻ سان سـِـرڻ وانگر ننڍڙو پئي ڏٺو- ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ سڀ وات پٽي حيرانيءَ ۾ بيهي ڏسڻ لڳا- آخر وڏي جيل جي قيدين مان هڪڙي ٻڍي قيديءَ چيو ته مون کي موڪل ملي ته آءٌ رسين تي چڙهي وڃان - جيل جي آفيسرن هن کي موڪل ڏني- هو هڪدم نوريئڙي وانگر مٿي چڙهي ويو. سڀني کي ڊپ هو ته اجهو اهو پاڻ ٿو ڪـِـري، پر آخر هي وڃي انهيءَ کي پهتو، ۽ پهرين انهيءَ کي هيٺيان ٽيڪ ڏيئي، ساهي کڻائي، پوءِ مدد ڪري لاهي هيٺڀرو آندائينس. واه واه ٿي ويئي، تاڙيون وڄي ويون ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ ٻڍي قيديءَ جو انصاف مڃڻ لڳا. هو خلاصي ته پوءِ صحيح سلامت لهي هيٺ آيو، پر قيدي هيٺ لهندي اوچتو مٿان ٿي ڪڙڪيو، سو هيٺ سمنڊ ۾ ڪـِـري پيو. سڀ ماڻهو افسوس ڪرڻ لڳا. بتيلا ڪڍڻ لاءِ ڊوڙيا، هيڏي هوڏي مٿا هنيائون، پر هٿ نه آيو. سڀني سمجهيو ته شايد هيٺ ڪٿي اٽڪي پيو ۽ وري مٿي نه آيو. ٻئي ڏينهن سرڪاري رپورٽ ظاهر ٿي ۽ اخبارن ۾ به پيو ته ”هڪڙو ٻڍو، جنم قيد وارو قيدي، خلاصيءَ کي مٿان لاهڻ جو انصاف جهڙو ڪم ڪري، پوءِ هيٺ لهندي اتفاق سان ڪـِـري پيو ۽ سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. انهيءَ قيديءَ جو نالو جين وليجان هو.“ +مانٽفرميل جو ننڍڙو شهر جبل جي سلامتيءَ تي هو. اُتي پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه ڪو نه هو، انڪري پري پنڌ کان پاڻي ايندو هو. پئسي وارا ماڻهو انهيءَ ڪم لاءِ پخالي رکندا هئا، مگر جڏهن صبح جو سوير ۽ شام جو پاڻيءَ جي سخت ضرورت ٿيندي هئي ته اهي ماڻهو پاڻ به پاڻي ڀري ايندا هئا. هن ڳوٺ ۾ اسان کي خبر آهي ته ٿينارڊير جي هوٽل هئي، ۽ ڪاسيٽ ڇوڪري، فنٽائن جي ڌيءَ هنن وٽ هوندي هئي. اها ڇوڪري هينئر وڏيرڙي ٿي هئي. جڏهن اٺن ورهين جي ٿي ته انهن کان هو پاڻ ۽ سندس زال سخت ڪم وٺندا هئا. ٻئي رواجي گهر جي ڪم ڪار کان سواءِ، ايتري پنڌ تان پاڻي به ڀرائيندا هئا. ويچاري تهه سياري ۾ جڏهن برف پئي پوندي هئي تڏهن پاڻي ڀرڻ ويندي هئي. ماڻس کان خرچ نه اچڻ کان پوءِ، هن جو بڇڙو حال ٿي ويو هو، ۽ ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا پيا هوندا هئس ۽ بک پئي مرندي هئي ۽ ڏهاڙي موچڙا پيئي کائيندي هئي. +هڪڙي ڀيري دير سان ڪو مسافر آيو، جنهن جي گهوڙي کي پاڻي گهربل هو. ٿينارڊير جي زال ڪاسيٽ کي ڏول ڏنو ته وڃي کوهه تان ڀري اچ. آڌيو ڏنائينس ته موٽندي ڪي روٽيون ۽ ڪي ٻيون کاڌي جون شيون به وٺيون اچج. ڇوڪري اونداهيءَ رات ۾ ڊڄندي نڪتي. اُها رات ناتال جي هئي، ۽ هٽن تي ڏيا ٻاريا هئائون، سي ڏسندي پئي ويئي. ڳوٺ مان نڪري جهنگ منجهان وڃڻو ٿيس. سيءَ ۾ ڏڪندي وئي، ۽ نيٺ وڃي کوهه کي پهتي. ڏول ڀريندي آڌيو جو کيسي ۾ هئس سو کوهه ۾ ڪـِـري پيس، ۽ انهيءَ جو سماءُ ئي ڪونه پيس. پاڻي ڀري وري به ڊڄندي جهنگ ۽ اونداهيءَ ۽ سيءَ ۾ هلي آئي. ٻيو وري اهو ڊپ هوس ته دير ٿي آهي، تنهنڪري ضرور مار کائينديس، تنهن ۾ هيڪاري اڌ مئي ٿي پئي وئي، ۽ روئندي خدا کي ياد ڪندي هلي آئي ته اوچتو اونداهيءَ ۾ ڏسي ته ڏول هلڪو ٿيڻ لڳو. سگهو ئي معلوم ٿيس ته هڪڙو ڳرو هٿ انهيءَ ۾ پيل هو، جو کنيو پئي آيس. منهن ورائي چتائي ڏسي ته هڪڙو ڊگهو ماڻهو آهي، جو پٺيان پيو اچي ۽ کيس ڏول کڻائڻ ۾ مدد ٿو ڪري. پهرين ڇرڪ ڀريائين، پر پوءِ همت آيس جو ڄاتائين ته هي ڪو رحمدل ماڻهو آهي، ج��هن کي مٿس قياس پيو آهي، يا خدا ڪو ملائڪ سندس مدد لاءِ موڪليو، جنهن کي ياد ڪندي پئي آئي. + + +باب اٺون +اهو شخص انهيءَ ڏينهن سج لٿي کان ٿورو اڳي پئرس مان نڪتو هو. ڳچ پنڌ تائين ڀاڙي جي گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو، پوءِ لهي پنڌ ڪرڻ لڳو ۽ مانٽفرميل واري سڙڪ ورتائين. اڪثر پاڻ لڪائيندو هليو آيو. اونداهي اڳئي گهڻي هئي. عمر جو سٺ ورهين جو هو، ليڪن همت وارو ۽ مضبوط ٿي ڏٺو. جنهن کوهه مان ڪاسيٽ پاڻي ڀرڻ آئي هئي، اُتي ترسي، پاڻي پـِـي تازو ٿي ويٺو هو ته هوءَ پاڻي ڀرڻ آئي. پوءِ سندس پٺيان لڳو. هن جي پنهنجي منهن ڳالهائڻ ۽ ڏکن جي دانهن ڪرڻ، ۽ خدا کي ٻاڏائڻ مان معلوم ڪيائين ته ڪا ويچاري ڏکن ڀري ڇوڪري آهي، تنهنڪري پهرين پٺيان لڳس ۽ پوءِ اچي ڏول کڻڻ ۾ مدد ڪيائينس. +واٽ هلندي آهستي هن کان حال احوال وٺڻ لڳو، معلوم ٿيس ته ڳوٺ اتان پاءُ ڪلاڪ جيترو پنڌ آهي. هن پنهنجو سارو ڏکن جو حال ٻڌايس ۽ جڏهن پنهنجو نالو ڪاسيٽ ورتائين، تڏهن هن شخص ڇرڪ ڀري چتائي ڏٺس. پوءِ ڏول کڻائي، هن سان ڳالهيون ڪندو جڏهن هوٽل کي ويجها آيا، تڏهن ڇوڪري ڏول وٺي پاڻ کنيو ته متان سندس ڌياڻي ڪاوڙ ڪريس. +سگهو ئي هو اچي هوٽل جي در تي بيٺا. ڪاسيٽ در کڙڪايو، ٿينارڊير جي زال در اچي پٽيو. دير ڪرڻ جي لاءِ ڇوڪريءَ کي ٻه - ٽي گاريون ڏنائين، ۽ مار جو دڙڪو ڏنائين. پر جڏهن هن ٻڌايس ته ڪو مسافر هتي رات گذارڻ آيو آهي، تڏهن وات بند ڪيائين ۽ انهيءَ مسافر ڏي اکيون کنيائين. پوءِ هنن کي اندر سڏيائين. مڙس کي خبر ڏنائين. هنن کي هن جي پيلي ڪوٽ، ميرن ۽ ڦاٽلن ڪپڙن مان غريبيءَ جي بانس آئي. پهرين ته چيائونس ته اسين غريبن کي ڪين ٽڪائيندا آهيون، پر جڏهن هن چيو ته رات آهي آءٌ ٿڪل آهيان، جيڪي گهرندؤ سو ڏيندس، تڏهن ٻيڻا پئسا گهرڻ لڳا. هـُـن اُهي ڏيڻ قبول ڪيا، پنهنجي ڳنڍڙي لاهي رکيائين ۽ لڪڻ به - ڪاسيٽ ڊوڙ پائي شراب جي ٻاٽلي ۽ گلاس آڻي ڏنس - سوجهري ۾ هن ڇوڪريءَ جي شڪل ڏٺي ته تمام خوبصورت هئي، اگرچ ويچاري بڇڙي حال ۾ هئي ۽ ڦاٽل ڪپڙا پيا هئس - هڪ - ٻه ماڻهو ٻيا به هئا، جن ويٺي پتي راند ڪئي- +اتي، زال ڇوڪريءَ کان پڇيو ته روٽيون آنديئه؟ ”هن ورندي ڏني ته روٽين واري جو دڪان بند هو-“ تنهن تي هوءَ ڪاوڙي جو ڄاتائين ته رانديون ڪندي دير سان وئي آهي، پر پوءِ جڏهن آڌيو گهريائينس، تڏهن ڇوڪريءَ کيسي ۾ هٿ وڌو ته کيسو ڦاٽل هوس. جنهن مان پئسا ته ڪـِـري کوهه ۾ پيا هئا، ڇوڪري ويچاري اچي ڊني. زال چهبڪ کڻي مٿس ڪاهي آئي. هوءَ دانهون ڪرڻ ۽ معافي گهرڻ لڳي. اسان جي نئين مسافر کي هن تي ڏاڍو قياس آيو، سو کيسي مان هڪڙو آڌيو ڪڍي، اٿي انهيءَ زال کي چيائين ته ”مائي، ويچاريءَ کي مار نه، هي آڌيو سندس کيسي مان ڪـِـري پيو آهي. ڏٺو ڪين اٿس.، تڏهن اهو وٺي ماٺ ڪري ويٺي. +ائين ڪندي ٿينارڊير جون ٻه ڌيئرون به اتي اچي گـُـڏين سان ويهي راند ڪرڻ لڳيون، ۽ ڪاسيٽ پئي مهمانن جي اڳيان ڊوڙ ڊڪ ڪئي. ڇوڪرين کي راند ڪندو ڏسي، اتي ٿورو بيٺي ته ڇوڪرين جي ماءُ وري چهبڪ کڻي هن تي ڪاهي آئي. چوڻ لڳيس ته ”ائين ٿي ڪم ڪرين. وات پٽيو بيٺي آهين!“ تنهن تي مسافر هن کي منٿ ڪئي ته چيائينس ته هي به ٻار آهي، جيئن تنهنجا ٻار آهن. ويچاريءَ کي ڇڏ ته راند ڪري. هن جي سيـِـڙجڻ ڪري هي پنج رپيا وٺ، ۽ هن کي اڄوڪي رات ڇڏ ته ويهي راند ڪري.“ پئسا وٺي زال خوش ٿي ۽ ڪاسيٽ راند ڪرڻ لڳي. پر ڇوڪريون هن کي پنهنجين گـُـڏين کي هٿ لائڻ نه ڏين، تڏهن مسافر اٿي ٻاهر وڃي، هڪڙي دڪان تان ٻه وڏيون گڏيون وٺي آڻي ڪاسيٽ کي ڏنيون، جي وٺي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، ۽ ويهي هنن سان راند ڪرڻ لڳي. +ذڪر ڪندي ٿينارڊير ۽ سندس زال مسافر کي ٻڌايو ته ”هيءَ هڪڙي نڌڻڪي ڇوڪري آهي. اسين خيراتي طرح کارائيندا ۽ پاليندا آهيونس. ڀانئجي ٿو ته سندس ماءُ مري وئي آهي. اسين غريب آهيون، جيڪي سري سگهون ٿا، سو کارايونس ۽ يڪايونس ٿا. تنهن کان سواءِ هينئر ملڪ ۾ مهانگائي آهي، کاڌي پيتي تي گهڻو خرچ ٿو لڳي.“ تڏهن مسافر چين ته .اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو، مثلن آءٌ، هن ڇوڪريءَ کي پالڻ گهران، ته اوهان تان بار هلڪو ٿيندو يا نه؟“ هنن چيو ته ”بيشڪ ٿيندو. ڀلي وٺي وڃينس، جيءُ وٺي وڃينس.“ +تنهن کان پوءِ ماني آئي، سا اسان جو مسافر کائي، ميز تي ٺونٺ رکي ويهي خيال پچائڻ لڳو. ٻيا سڀ وڃي سمهي رهيا. اڌ رات کان پوءِ هو اٿيو ۽ جيڪا جاءِ سندس سمهڻ لاءِ مقرر ڪئي هئائون، اتي وڃي ستو. هوٽل وارن کي اگرچ پهرين هن جي غريبيءَ جو گمان هو، پر هاڻ معلوم ٿين ته هي پئسي وارو ماڻهو آهي. هنن دل ۾ چيو ته گهڻائي لکپتي ماڻهو آهن، جي سادن ڪپڙن ۾ گهمندا وتن، مگر ڏاڍا سخي، رحمدل ۽ فياض آهن. مسافر کي رات جو ننڊ نه آئي. صبح جو سوير اُٿي، سهي سنبري پنهنجي ڳنڍڙي ۽ لڪڻ کڻي ويهي رهيو. هوٽل وارن رهڻ لاءِ گهڻو ئي چيس، پر هن چيو ته مون کي وڃڻو آهي. ماني کائڻ ۽ رات رهڻ جو بل گهريائين. هنن هن کي شاهوڪار سمجهي ٽيويهن رپين جو بل ٺاهي آڻي ڏنس. مسافر اهي پئسا ڪڍي ڏنن. پوءِ ڇوڪريءَ بابت پڇيائين، جنهن جو ذڪر رات جو ڪڍيو هئائين. اتي زال مڙس پاڻ ۾ سـُـس ڦس ڪري گهڻن پئسن ڪڍڻ جي صلاح ڪئي. چيائون ته ”هيءَ ڇوڪري اگرچ اسان جي ناهي، ليڪن اسين هن کي پنهنجي ڌيءُ وانگي پياري سمجهندا آهيون. اسان وٽ گهڻو گذاريو اٿس، اسان کي ڏاڍي ڪمائتي آهي. اسين هن کي ڇڏڻ نٿا گهرون، پر جي ڇڏينداسون ته به جيڪو اسان کي نقصان ۽ اهنج ٿيندو، سو عيوض ۾ وٺنداسون.“ مسافر چيو ته ”انهيءَ جي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.، ٿينارڊير چيو ته.اسين هزار رپيا وٺنداسين.“ مسافر کيسي مان پاڪيٽ بڪ ڪڍي، انهيءَ مان هزار رپيي جو نوٽ ڪڍي ميز تي رکيو، ۽ انهيءَ تي هٿ رکي چوڻ لڳو ته ”هاڻ ڪاسيٽ آڻيو.“ هنن ڪاسيٽ کي آندو. اها پنهنجي حوالي ڪري، پوءِ هن نوٽ هنن کي ڏنو، ۽ ڳنڍڙي ڇوڙي انهيءَ مان ڪارن ڪپڙن جي ماتمي پوشاڪ ڪڍي، جا ستن - اٺن ورهين عمر واريءَ ڇوڪريءَ کي پوري اچڻ جي هئي، سا هن کي ڍڪايائين. پوءِ ڳنڍڙي ۽ لڪڻ کڻي ڇوڪريءَ جي ٻانهن وٺي، موڪلائي، هوٽل مان نڪتو. ڇوڪري به خوشيءَ ساڻ هن سان هلي جو ڄاتائين ته هو مٿس پيءُ وانگي مهربان آهي، ۽ هتي هوءَ جٺين ۽ عذابن ۾ آهي. +هن جي وئي کان پوءِ، زال مڙس پاڻ ۾ ريڙهه پيڙهه ڪرڻ لڳا. زال مڙس کي چيو ته تو بيعقلي ڪئي جو ڇوڪري ڏيئي ڇڏي. هڪڙو ته ڇوڪريءَ کان سواءِ اسين ڏکيا ٿينداسين. ٻيو ته هي شخص دولتمند ٿي ڏٺو. وڌيڪ گهرونس ها ته وڌيڪ ڏئي ها.“ انهيءَ ڳالهه تي ڳچ تائين پاڻ ۾ جهيڙو ڪيائون. نيٺ زال مڙس کي لاچار ڪيو ته هو ڊوڙي مسافر جي پٺيان ويو. ايتري ۾ مسافر به ڳوٺ ڇڏي پرڀرو نڪري ويو هو، ۽ هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ گهڙيو هو، اتي هن کي وڃي پهتو. اتي، ڏينهن جو به سوجهرو ٿيو. ٿينارڊير مسافر کي چيو ته ”سائين، پنهنجا پئسا موٽائي وٺ، ۽ اسان کي پنهنجي ڇوڪري موٽائي ڏي. حقيقت هيءَ آهي ته هيءَ ڇوڪري اسان جي ناهي. اسين اشراف ۽ ايماندار ماڻهو آهيون. امانت ۾ خيانت ڪين ڪنداسين. هن ڇوڪريءَ جي ماءُ جيئري آهي. انهيءَ اسان کي ڏني آهي. اسين وري به اُنهيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي سگهنداسون.“ +اتي مسافر وري به پنهنجي کيسي مان پاڪيٽ بڪ ڪڍيو. هو خوش ٿيو ته اجهي ٿا ٻيا نوٽ ملن، پر مسافر انهن مان هڪڙو ڪاغذ ڪڍي ٿينارڊيئر کي ڏنو، ۽ چيائينس ته ”هي پڙهي ڏس“. هن پڙهيو ته انهيءَ ۾ هيئن لکيل هو. ”مهربان ٿينارڊير صاحب، مهرباني ڪري هن خط آڻيندڙ کي منهنجي ڌيءَ ڪاسيٽ جي ٻانهن حوالي ڪج ۽ جيڪڏهن ڪا بقايا رهيل هوندي ته اُها پهچائي ڏيندو.“ ٿينارڊير اهو ڪاغذ وٺي رکيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”اهو ته ٺهيو، پر کاڌي جي وڏي رقم رهيل آهي، سا اسان کي ملڻ گهرجي. تنهن تي مسافر چيس ته ”گذرئي دفعي تو ڇوڪريءَ جي ماءُ ڏي هڪ سؤ ويهه رپيا بقايا ڏيکاري هئي. ٻئي مهيني ۾ وري پنج سؤ رپيا ڏيکاريئه. انهيءَ تي ٽي سؤ رپيا هڪڙا ۽ ٽي سؤ ٻيا موڪليا ويا هئا. تنهن کان پوءِ نوَ مهينا گذريا آهن. پندرهن رپين ماهياني حساب سان 135 رپيا ٿيا.انهن مان سؤ تو کي اڳئي وڌيڪ مليو آهي، باقي 35 رپيا لهڻين، انهيءَ جي بدران هينئر مون تو کي هڪ هزار ڏنو آهي.“ +اتي ٿينارڊير ڏٺو ته ڪم ته ڪنهن پڪي ماڻهوءَ ۽ حقدار سان پيو آهي، سو ٻيو عذر ڪو به ڪو نه سجهيس، البت شوخيءَ سان چوڻ لڳو ته ”آءُ ٽي هزار رپيا وٺندس، نه ته ڇوڪريءَ کي موٽائي وٺيو ٿو وڃان.“ تنهن تي مسافر به چڙ مان چيو ته ”تو کي مجال آهي“، ۽ پنهنجو لڪڻ لوڏي ڇوڪريءَ جي ٻانهن وٺي چيائين ته ”بابا، آءُ ته هلون“. سگهو ئي هو گهاٽي جهنگ ۾ گم ٿي ويو، ۽ ٿينارڊير ڳچ تائين بيهي بيهي پوءِ پٺتي موٽيو، ڄاتائين ته جهنگ ۾ ٻيو ماڻهو ڪونهي، ۽ هو ماڻهو زبردست ٿو ڏسجي ۽ وٽس ڏنڊو به آهي. +پڙهندڙن سهي ڪيو هوندو ته اهو مسافر ٻيو ڪو نه هو جين وليجان هو. سڄو ڏينهن پنڌ ڪيائين. اڪثر ڪاسيٽ کي ڪلهن تي کنيو پئي هليو. سج لٿي ڌاري پئرس ۾ پهتو. هڪڙي گوشتائي هوٽل ۾ ماني کائي، ڀاڙي جي گاڏيءَ تي شهر جي حد لنگهي ٻاهر ٿيو. پري ٻهراڙي ۾ بلورڊ مڪان ۾ هڪڙي اڪيلي عمارت ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جا ديول يا مڙهيءَ وانگي هئي، انهيءَ ڏي رخ رکيائين. اتي پهچي ڪمپائونڊ ۾ هڪڙي جاءِ هئي، تنهن جي در کي ڪنجيءَ سان کولي اندر گهڙيو. بتي ٻاريائين. مٿي ماڙيءَ تي هڪڙو سادو هنڌ وڇايو پيو هو، انهيءَ تي نيئي سمهاريائينس. پوءِ ڏاڍو سرهو ٿي ويهي رهيو. اهو سڀ وقت ڪاسيٽ ستي پئي هئي. صبح جو جڏهن سوير اٿي ته ڀانيائين ته ٿينارڊير جي گهر ۾ آهيان. سو اُٿي ٻهاريءَ جو سعيو ڪرڻ لڳي. پر پوءِ، جڏهن معلوم ٿيس ته اتي نه آهيان، تڏهن خوش ٿي ۽ سارو ڏينهن مزي سان گذاريائين. هن حياتي ۾ اهو پهريون ئي ڏينهن ڏٺو هو، جو پورهيي کان سواءِ گذاريائين ۽ هڪڙي مهربان ٻڍي وٽ گـُـڏين سان راند ڪندي پورو ڪيائين. + +باب نائون +اها ننڍڙي ماڙيءَ واري جاءِ، جا جين وليجان مسواڙ تي ورتي هئي، سا هڪڙيءَ ڪراڙيءَ زال کان، جا پڻ پاسي وارين ڪوٺين مان هڪڙيءَ ۾ رهندي هئي. ڇهن مهينن جي مسواڙ اڳواٽ ڏئي پنهنجي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي رهن لاءِ ورتي هئائين. انهيءَ ٻڍيءَ هنن جي لاءِ اڳيئي جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي. اتي هو هفتن جا هفتا رهي پيا. جين وليجان ڪاسيٽ کي پڙهڻ لکڻ سيکاريندو هو، ۽ راند ڪرائيندو هو. هوءَ هن کي بابو ڪري سڏيندي هئي. هو ڏاڍي سنڀال سان رهندو هو، ڏينهن جو ٻاهر ڪين نڪرندو هو، ۽ رڳو سج لٿي کان پوءِ نڪرندو هو. ڪڏهن اڪيلو ته ڪڏهن ڪاسيٽ سان گڏ، رڌڻ پچائڻ جو ڪم سندن لاءِ اها ٻڍي ڪندي هئي. هو اڃا به پيلو ڪوٽ ۽ فقيراڻا ڪپڙا ڍڪيندو آيو. انهيءَ هوندي به جڏهن هڪڙو نه ٻيو فقير کانئس خيرات گهرندو هو، ته هيڏي هوڏي نهاري هن کي خيرات ڏيندو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو چانديءَ جو سڪو به هوندو هو. انهيءَ ڪري ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هن کي ”خ��رات ڏيندڙ فقير“ سڏيندا هئا. اها ٻڍي زال سندس پٺيان چاري رهندي هئي. هڪڙي ڏينهن لڪي ڏٺائينس ته پنهنجي ڪوٽ جي اوٽي اُڊوڙي هڪڙو ڪاغذ ڪڍيائين جو سڃاتائين ته هزار رپي جو نوٽ هو. ٻيو اهڙو نوٽ ڪڍيائين، آخر ٽيون ڪڍيائين. هوءَ حيران ٿي وئي. ايتري خبر هيس ته اهو ماڻهو اڳي شاهوڪار هو ۽ گهڻي رقم ڪنهن بئنڪ ۾ هيس، پر پوءِ اها بئنڪ کـُـٽي پئي ۽ هي غريب ٿي پيو. اها ڳالهه جين وليجان ٻڌائي هيس، سگهو ئي جين وليجان ٻڍيءَ کي هڪڙو نوٽ ڏنو ۽ چيائينس ته ”بئنڪ مان ڪالهه هي مون کي پنهنجو حصو مليو آهي سو وڃي مٽائي اچ.“ ٻڍيءَ کي پڪ هئي ته ڪالهه هو اصل ٻاهر ڪين نڪتو آهي، اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. +ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هڪڙي ڀيري جين وليجان ڪوٽ لاهي، ٻانهون کنجي ٻاهر ڪاٺيون پئي ڦوڙيون ۽ ڪاسيٽ وٽس بيٺي هئي، ته ٻڍيءَ ڪوٽ ڪليءَ تي ٽنگيل ڏٺو. چتائي ڏٺائين ته استر جي اوٽي ٻيو ڀيرو سبيل هئي ۽ هٿ لائڻ سان معلوم ٿيس ته اندر ڪي ڪاغذ پيل آهن. پڪ ٿيس ته اهي به سڀ نوٽ آهن. تنهن کان سواءِ ڪوٽ جي ٽن - چئن کيسن ۾ ڪيتريون ئي ٻيون شيون پيل هيون - سئي، ڌاڳو، ڪينچي، وڏو چاڪو، پاڪيٽ بڪ ۽ جدا جدا رنگن جا ڪوڙا وار ٽوپيءَ جي اندران ڍڪڻ جا. +ديول جي پاسي ۾ هڪڙي پنجهتر ورهين جو ٻڍو فقير رهندڙ هو، جنهن کي جين وليجان اڪثر خيرات ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن دستور موجب هو انهيءَ ٻڍي فقير وٽ ويو ۽ وڃي خيرات ڏنائينس. هن هڪڙو ڀيرو ڪنڌ مٿي ڪري سندس منهن ۾ ڏٺو، ۽ پوءِ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين. جين وليجان ماٺ ڪري خيرات ڏئي هليو آيو، مگر انهيءَ ڀيري فقير جي منهن ڏسڻ سان هن کي دل ۾ ڇرڪ پيو شڪ پيس ته هن جا ڪي مهانڊا جاسوس انسپيڪٽر جاورٽ جهڙا آهن. ساري رات انهيءَ فڪر ۾ بي آرام هو. ارمان هوس ته ناحق چتائي نه ڏٺومانس ۽ ساڻس نه ڳالهايم، تنهنڪري ٻئي ڏينهن شام جو ساڳيءَ مهل دستور موجب وڃي خيرات ڏنائينس. ۽ ساڻس زور ڪري زياده ڳالهايائين، ۽ منهن چتائي ڏٺائينس. پڪ ٿيس ته هميسه وارو فقير آهي. پاڻ تي کليو ته ناحق ڪالهه هن ۾ اهڙو گمان پيم ۽ ڊپ کان ساري رات بي آرامي ۾ گذاريم. پوءِ ڳالهه وساري پنهنجي رواجي ڪم ۾ وڃي لڳو. +ڪن ڏينهن کان پوءِ، رات جو دير سان جين وليجان جاءِ جو در بند ڪري مٿي ماڙي تي ويٺو هو ۽ ڪاسيٽ کي ويٺي سبق پڙهايائين، ته ڏاڪڻ تي دٻڪو ٻڌائين، جو ٻڍيءَ زال جو نه هو، پر ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو هو. در جي سوراخ مان نظر ڪيائين ته هڪڙو ماڻهو بتي کڻي لنگهيو، پر پوءِ ماٺ ٿي ويئي ۽ بتي به اجهامي ويئي. جنهن مان سمجهيو ته انهي ماڻهوءَ شايد جـُـتي لاهي هٿ ۾ ڪري، بتي اجهائي ڇڏي آهي. جڏهن وري ڪو شڪ جو سبب پيدا ڪو نه ٿيو، تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيو. صبح جو سوير ڀنڀرڪي ۾ هن وري به سنجهي وارو دٻڪو ٻڌو ۽ در جي سوراخ مان هڪڙي ڊگهي قد واري ماڻهو کي لنگهندو ڏٺو، وڏو ڪوٽ پيو هوس ۽ هڪڙو ڏنڊو هٿ ۾ هوس. پٺيرو ڏٺائينس. هن کي شڪ پيو ته ٻاهرئين در جي ڪنجي هن ڪٿان آندي، ڪنهن اها ڏنيس؟ ٻڍيءَ زال ته نه ڏني هونديس! ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن ٻڍي پنهنجي وقت تي دستور موجب ٻهاري ڏيڻ ۽ جاءِ صفا ڪرڻ آئي، تڏهن اُنهيءَ جين وليجان کي ٻڌايو ته ”هڪڙو نئون مسافر به هنن جاين مان هڪڙيءَ ۾ رهڻ آيو آهي، سنجهي جو به آيو هو، جاءِ ڏسي ويو هو، ۽ اڄ ايندو.“ جين وليجان سندس نالو پڇيو. ٻڍيءَ چيو ته ”ڊومانٽ يا اهڙو ڪو نالو اٿس، پنهنجي ملڪيت وارو ماڻهو ٿو ڏسجي.“ +ٻڍيءَ جي وڃڻ کان پوءِ جين کي وري به ڪي شڪ گذريا. اڳ ڳڻتي ڪري پيتيءَ مان رپيا ڪڍي ويڙهي رول ڪري کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين، پر اتفاق سان هڪڙو رپيو ڪـِـري پيو، جنهن کڙڪو ڪيو اُهو ڏينهن ته خير جو گذريو. شام جو جين وليجان ڪاسيٽ جو هٿ وٺي ٻاهر نڪتو. هيڏي هوڏي ڏٺائين، پر ڪو به ماڻهو ڪو نه ڏٺائين. اهو وجهه وٺي هو اهو هنڌ ڇڏي، گهٽي ڏيئي نڪري پيو. +چنڊ به نڪري ظاهر ٿيو. گهٽين جا وڙ وڪڙ ڏيئي، پٺ تي نهاريندو، هو ڳچ پنڌ ڪري ويو. هڪڙي هنڌ پاڇولي ۾ ٽي ماڻهو بيٺل ڏٺائين، جن کان نٽائي ٻيو پاسو ورتائين، پر شڪ پيس ته اُهي ئي ماڻهو پري کان کيس جانچيو پٺيان پيا اچن. چوٿون به هاڻ ساڻن اچي گڏيو. سڀني کي وڏا ڪوٽ پيا هئا ۽ ڏنڊا هٿن ۾ هئن. انهن مان هڪڙي جي منهن تي چنڊ جي روشني پئجي وئي ۽ جين وليجان سڃاڻي ورتو ته اهو جاورٽ آهي. +اگرچ ڊپ ٿيس ته به ڪاسيٽ جو هٿ وٺيو، انهيءَ کي گهليندو ۽ ڪڏهن کڻندو تڪڙو تڪڙو نڪرندو ويو، تان جو درياءَ جي پل تائين آيو. پل تي محصول اڳڙندو هو، سو ڏئي پل لنگهي ويو. ڪوشش ڪري پاڇولي مان پئي هليو. اڳيان ٻه رستا ٿي ڦٽا، دل هنيائين ته ڪهڙو وٺان - آخر سڄي هٿ وارو رستو ورتائين. ڪاسيٽ ساڻ نه هجيس ها ته هو باز وانگي اُڏامي وڃي ها، پر هاڻ لاچار ٿيس - وري اڳيان ٻه گهٽيون آيس ۽ انهن مان به سڄي هٿ واري ورتائين ته اتي هڪڙو ماڻهو بيٺل ڏٺائين - پڪ ٿيس ته جاورٽ پٺيان لڳو اچي ۽ هي ماڻهو ور ڏئي ٻئي پاسي کان سندس اڳ وٺڻ لاءِ موڪليو اٿس. ڏاڍي مشڪلات ۾ اچي پيو. هيڏي باهه، هوڏي پاڻي- اڳتي هلي يا پٺتي موٽي، ٻنهي طرفن خوف هوس، پٺ تي نظر ڪيائين ته ست - اٺ ماڻهو اچي رهيا هئا، پر اڃا پري هئا. کٻي پاسي هڪڙي وڏي ڀت هئي جنهن جي هن پاسي هڪڙو وڻ بيٺو هو- هن رٿ ڪئي ته ڀت تي چڙهي انهيءَ وڻ تان لهي هن پاسي هيٺ ٿئي، جو انهي پاسي ڪو باغ ٿي ڏٺو. پر ڀت تي چڙهي ڪيئن، ۽ ڪاسيٽ کي ڪيئن ڪري؟ ڇوڪري ويچاري به پري کان ماڻهو ايندا ڏٺا، ۽ جين وليجان کي به بي آرامي ٿيندو ڏسي ڊني ۽ روئڻ ۽ رڙين ڪرڻ تي هئي، پر جين دڙڪو ڏئي ڊيڄاري چيائينس ته متان ڪڇيو اٿيئي! جيئن آءٌ چوان تيئن ڪر. نزديڪيءَ ۾ شهر جي هڪڙي بتي ٻرندڙ هئي. انهن ڏينهن ۾ بتين جي ٻارڻ لاءِ هڪڙو رسو ٻڌي ڇڏيندا هئا. جين وليجان جهٽ ۾ چاڪو ڪڍي بتيءَ جو اُهو رسو وڍي آيو، ۽ پنهنجو هڪڙو مضبوط رومال ڪڍي ڪاسيٽ جي ڪڇـُـن وٽان ٻڌائين، ۽ رسي جو هڪڙو ڇيڙو انهيءَ سان مضبوط ٻڌائين، ۽ ٻيو ڇيڙو چڪ ۾ ڏندن سان جهليائين. بوٽ ۽ جوراب لاهي ڀت جي هـُـن پاسي اڇلائي وڌائين. پوءِ ڀت جي نڪتلن پهڻن تي پير ڏئي، ٻليءَ وانگي چڙهي ويو. ڀت جي چوٽيءَ تي ويهي، رسو ڇڪي ڪاسيٽ کي کڻي ورتائين ۽ آهستي هن کي پٺن تي کڻي وڻ جون ٽاريون جهلي، ٿڙ تان لهي هيٺ ٿيو. +اهو سارو ڪم هن اهڙيءَ جلدائيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪيو ۽ اهڙيءَ خبرداريءَ سان پاڇولي جي اونداهيءَ ۾ ڪيو، جو ڪنهن ڪو نه ڏٺس. ٿوري دير کان پوءِ جاورٽ ٻين سپاهين سوڌو اُتي آيو ۽ اڳيون سپاهي به اچي انهن کي گڏيو. سڀ حيران ٿي ويا ته هي ڪيڏي اُڏامي ويو. انهيءَ هنڌ جي ٻه سنهڙيون گهٽيون ڦٽيون ٿي، انهن مان هڪڙيءَ مان هن جي وڃڻ جو شڪ پين. پڪ ٿين ته ضرور جهلبو، جو سڀ ڪنهن گهٽيءَ ڏي هـُـنن هڪڙو ماڻهو بيهاري ڇڏيو هو. سڀئي انهيءَ پاسي ڪاهي پيا ۽ گم ٿيل ماڻهوءَ کي ڳولڻ لڳا. +جين وليجان ڇوڪريءَ سوڌو باغ جي وچ ۾ اچي بيٺو، جتي وڏا وڏا درخت بيٺا هئا. اهو هڪڙو تمام وڏو باغ هو. هڪڙي پاسي ته باغ ئي باغ هليو ويو، ۽ ٻئي پاسي هڪڙي وڏي جهوني عمارت نظر آئي. پهرين جوراب ۽ بـُـوٽ ڍڪي پوءِ ڪاسيٽ جي ٻانهن وٺي باغاين واري مـَـنهه ۾ آيو. ٻاهران سپاهين جي ڊوڙ ڊڪ جو دٻڪو ۽ هـُـل پئي ٻڌائون. پاءُ ڪلاڪ ک��ن پوءِ ماٺ ٿي وئي. اوچتو ئي اوچتو انهيءَ پاسي واريءَ عمارت مان گهڻن زالن ۽ ٻارن جو گڏ ڳائڻ جو سٺو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جن ڪا مناجات يا دعا يا ڪو مذهبي راڳ پئي ڳايو، ۽ ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ آسمان مان ملائڪن جو ڳايل گيت پيو ٻڌجي. اهڙيءَ ماٺ ۽ رات جي وقت، ٻڌندڙن کي ڏاڍي فرحت پئي آئي، مـَـنهه خالي پيو هو. ماڻهو ڪو نه هو. هي ٻيئي ڄڻا اتي ويهي راڳ ٻڌڻ لڳا. مـَـنهه چئني پاسي کليل هو ۽ سخت سيءُ پئي پيو. زمين به گهميل هئي. ڪاسيٽ ويچاريءَ کي ننڊ اچي وئي، تنهن کي کڻي هڪڙيءَ ڪنڊ کان سمهاريائين، ۽ پاڻ سماءُ وٺڻ لڳو. +معلوم ڪيائين ته اها جاءِ زالن جي رهڻ جي مڙهي ۽ ديول آهي. ديول جو گهنڊ به پئي وڳو. هيڏي هوڏي گهمڻ سان گدرن جي واڙيءَ ۾ هڪڙو منڊو باغائي ڏٺائين. پهرين ته ڊپ ٿيس ته متان جاورٽ جو ڪو ڇڏيل جاسوس هجي، پر پوءِ همت جهلي هن وٽ ويو. کيسي ۾ جو سؤ رپين جو رول ويڙهيل ٻڌل پيو هوس، سو ڪڍي هٿ ۾ ڪيائين ۽ هن کي ويجهو وڃي چيائين ته ”سؤ رپيا روڪ.، اهو ماڻهو ڇرڪ ڀري هن ڏي نهارڻ لڳو. جين وليجان چيس ته ”ادا، رات جو مون کي ڪٿي ٽڪڻ ڏي ته تو کي سؤ رپيا ڏيان. چانڊوڪيءَ ۾ انهيءَ منڊڙي باغائي ڏسي ڏسي چيس ته ”هان، سائينءَ اوهين ته مڊيلين آهيو!“ پوءِ پاڻ ۾ بيهي ڳالهيون ڪيائون معلوم ٿيو ته هي اُهو ساڳيو منڊو ماڻهو فاشل ونٽ هو، جنهن کي جين وليجان جڏهن مڊيلين هو، تڏهن انهيءَ مڙهيءَ ۾ باغائيءَ جي جاءِ وٺي ڏني هئائين. انهيءَ ٻڌايس ته انهيءَ عمارت ۾ فقط زالون ۽ ڇوڪريون ٿيون رهن ۽ ڪنهن به مڙس ماڻهوءَ کي اتي اچڻ ۽ رهڻ جو حڪم ڪونهي. جين چيس ته ”اڳي مون تنهنجو ساهه بچايو هو، هاڻ تون منهنجو بچاءِ. مون سان هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري به آهي، جا هن سـُـڃيءَ لانڍيءَ ۾ ئي آهي، ڪا جاءِ ڏي جتي رات گذاريون. ڊپ آهي ته متان ڇوڪريءَ کي سردي لڳي ۽ مري وڃي.“ منڊڙي فاشل ونٽ پنهنجي ڪوٺي ڏيکاريس. جين وڃي ڪاسيٽ کي ستل ئي کڻي آيو، ۽ آڻي انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٽپڙ وجهي سمهاريائينس. پوءِ ٻيئي ڄڻا باهه تي ويهي، پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا. +مٿي جيڪا ڳالهه پئي ڪئي اٿئون تنهن جي مفصل حقيقت هي آهي ته جڏهن جاورٽ انسپيڪٽر جين وليجان کي فنٽائن جي مرڻ وقت گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تڏهن جين اٿي ڀڳو. پوليس کي پڪ ٿي ته هي پئرس ڏي ويندو، تنهنڪري اوڏانهن پٺيان لڳس. جاورٽ کي هشيار ڄاڻي سندس آفيسرن اهو خلاصو ڪم سندس ذمي ڪيو. انهيءَ کان پوءِ جاورٽ جاسوسي ڪندو رهيو ۽ اخبارون ڏسندو رهيو ۽ شڪي ماڻهو ڏسندو ۽ احوال پڇندو رهيو. اخبار ۾ اها ڳالهه پڙهيائين ته جين وليجان تي مقدمو هليو ۽ جنم قيد سان ٽولون جي وڏي جيل ۾ ويو ۽ اتي هڪڙي جنگي جهاز جي ڪلميءَ تان ڪـِـري سمنڊ ۾ ٻڏي مئو. انهيءَ هوندي به جاورٽ کي جين وليجان جي چالاڪي سجهي ٿي، تنهنڪري ڳالهه ۾ گهڻو شڪ گذريو. ڄاتائين ته هو اهڙو جلد مرڻ جو ناهي. وري ڪن ڏينهن کان پوءِ اخبار ۾ پڙهيائين ته مانٽفرميل ۾ فنٽائن نالي هڪ زال پنهنجي ڌيءُ ڪاسيٽ ڪنهن هوٽل واري وٽ ڇڏي هئي، سا اتان ڪو ماڻهو چورائي ڀڄائي ويو آهي. اها خبر پڙهي جاورٽ ويچار ڪيو، ۽ فنٽائن جو نالو ياد پيس. پڪ ٿيس ته اهو جين وليجان هوندو، جو انهيءَ ڇوڪريءَ کي وٺڻ ويو هوندو، تنهنڪري هڪدم مانٽفرميل ۾ ويو. ٿينارڊير کي وڃي هٿ ڪيائين. هن بروقت ئي پوليس ۾ رپورٽ ڪئي هئي، پر پوءِ جڏهن پوليس وارا آيا تڏهن رولي کان بچڻ جي لاءِ اُبتا سبتا جواب ڏئي هنن کي هلائي ڇڏيائين، تنهنڪري جاورٽ کي هنن کان پورو پتو ملي نه سگهيو. هاڻي پڪ ٿيس ته جين وليجان برابر ٻڏي مئو. انهيءَ سمجهه تي ماٺ ڪري ويهي رهيو. +ٻئي سال هو اتفاق سان اُتي اچي نڪتو جتي جين وليجان ڇوڪريءَ سميت اچي لڪو هو. جنهن فقير کي جين خيرات ڏيندو هو انهيءَ کان معلوم ٿيس ته ڪو ٻڍو هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان مانٽفرميل کان هتي اچي رهيو آهي. سو ويس بدلائي هڪڙي ڏينهن انهيءَ فقير جي جاءِ تي شام جي وقت ويهي رهيو ۽ خيرات ڏيندي جين کي ڏسي سڃاتائين. ٻڍيءَ زال کان به سارو احوال معلوم ٿيس، جنهن جي جاءِ ۾ مسواڙ تي هو رهندو هو. جڏهن جين وليجان کي شڪ پيو تڏهن اها جاءِ ڇڏي ڀڳو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪڙي هنڌ رستي جي بتيءَ جي سوجهري تي جاورٽ جين وليجان کي سڃاتو ۽ پوءِ ڪي سپاهي وٺي پٺيان لڳس، پوءِ نيٺ هو چالاڪيءَ ڪري ڇوڪريءَ سميت ڀت ٽپي انهيءَ باغ ۾ آيو ۽ جاورٽ وري نااميد ٿي هن کي وڃائي ويهي رهيو، پر جاورٽ به ڏاڍو خبردار جاسوس هو، تنهن کي بتيءَ جو وڍيل رسو ڏسي شڪ پيو ته ڪٿي چڙهي ڀڄي ويو آهي، تنهنڪري صبح جو ٻه سپاهي جاسوس اُتي ڇڏي، پاڻ پئرس ڏي هليو ويو. + + +باب ڏهون +اها مڙهي، جنهن جي حد اندر جين وليجان ڄڻ ته آسمان مان ڪـِـري پيو هو، تنهن جو نالو پڪپس جي مڙهي هو. اُتي فقط زالون رهنديون هيون، جي حق بخشي ڪري اندر ويهي رهنديون هيون، ۽ مڙس جو منهن نه ڏسنديون هيون، اڪثر ڪاري پوشاڪ خاص نموني جي ڍڪينديون هيون، ۽ ٽوپي به خاص قسم جي برقعي وانگي ڍڪينديون هيون. جيڪي منجهن وڏيون هونديون هيون، جن کي نـَـنُ سڏيندا هئا سي ننڍين کي تعليم ڏينديون هيون. تعليم اڪثر مذهبي ملندي هئي. منجهن هڪڙي سڀني جي وڏي هوندي هئي. ڪنهن مڙس ماڻهوءَ کي ڪو اُتي ڪم پوندو هو ته خاص ٺهرايل هنڌ تي. گهنٽي وڄائي اچي بيهندو هو. اندران اها وڏي نن کائنس پڇندي هئي ته ڪهڙو ڪم آهي، پر ڪنهن به عذر تي مڙس ماڻهو اندر ڪو نه وڃي سگهندو هو. انهيءَ مڙهيءَ سان شامل هڪ ديول به هئي، ۽ ٻارن جو اسڪول به هو. +منڊڙي باغائي فاشل ونٽ کي مڊيلين جا احسان ياد هئا، تنهنڪري هينئر هن کي انهيءَ سان ڀلائيءَ ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو. هن ارادو ڏيکاريو ته اڳتي پنهنجي ڏُهٽي سوڌو اتي رهان. پر ٻيو ڪو مڙس ماڻهو اتي ڪيئن رهي سگهي؟ منڊڙي باغائيءَ کي به لاچار اتي رهايو هئائون. انهيءَ بابت ٻنهي ڄڻن انهيءَ رات ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي. باغائيءَ چيس ته تون چڱي موقعي تي آيو آهين. هڪڙي نـَـن مـُـئي آهي - سڀ زالون انهي جي ڪم ۾ مشغول آهن. اسان ڏي گهڻو ڌيان ڪو نه ٿيندن. منهنجي مرضي آهي ته ڪنهن تجويز سان تون رات جو مڙهيءَ جي حد مان ٻاهر نڪري وڃين، ۽ سڀاڻي وڏي درَ مان اچين ته پوءِ مٿو هڻي تو کي پاڻ سان رهڻ جي موڪل وٺي ڏيان ۽ تنهنجي ڏهٽيءَ کي به اندر اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيان. نه ته چوڻ ۾ ايندو ته هي ٻيو مڙس ماڻهو اندر ڪيئن آيو؟“ +هي ٻڌي جين وليجان کي فڪر ٿيڻ لڳو. ٻاهر ڪيئن نڪري؟ ڇوڪريءَ کي ته باغائي ويڙهي سيڙهي ٻاهر ڪڍي وڃي سگهندو، پر هو پاڻ ڪيئن نڪري ۽ ڪٿي صبح تائين ترسي، متان انهيءَ وچ ۾ وري پڪڙجي وڃي- اها ڏاڍي مشڪلات جي ڳالهه هئي. ائين ڪندي اندران گهنڊ وڳو. منڊڙي باغائيءَ چيو ته ”اهو مون کي سڏ آهي، آءٌ وڃي حڪم ٻڌي ٿو اچان.“ ائين چئي هو ويو، ۽ ٺهرايل جاءِ تي وڃي بيٺو. پردي جي اندران وڏي نن هئي، تنهن چيس ته ”ٻڍا فاشل ونٽ، اسان جي هڪڙي نن مري ويئي آهي، پر اها وصيت ڪري وئي آهي ته کيس ديول جي ٿلهي هيٺ دفن ڪجو ۽ انهيءَ پيتيءَ ۾ دفن ڪجو جنهن ۾ عمر ساري ستي پئي هئي. اگرچ سرڪاري منع آهي ته به اهڙي پاڪ زال جي وصيت جي مذهبي حڪمن موجب ضرور تعميل ڪرڻ گهرجي، تنهنڪري اسا�� صلاح ڪئي آهي ته اڄ رات يارهين بجي مهل تون هڪڙي لوهه جي لٺ پاڻ سان کڻي اچي، ٻين زالن جي مدد سان انهيءَ نن کي انهيءَ پيتيءَ ۾ وصيت ڪيل هنڌ پورجئين ۽ ٻي خالي پيتي جا دستور موجب تيار ڪرائي وئي آهي، تنهن کي جنازي وانگي هتان ٻاهر نيئي مقرر مقام ۾ دفن ڪبو، جيئن شڪ نه پوي ته بيقاعدي ٻئي هنڌ ماڻهو دفن ڪيو ويو آهي.“ +منڊڙي باغائيءَ چيو ته ”آءٌ حاضر آهيان، مگر پيتي جا ٻاهر ويندي سا کڻڻ ۾ ته هلڪي لڳندي، متان ڪو شڪ پوي.“ نـَـن کي اها ڳالهه واجبي ڏسڻ ۾ آئي، بيهي خيال ڪرڻ لڳي. باغائيءَ چيو ته ”جي اوهان جي مرضي هوندي ته آءٌ انهيءَ ۾ ڀتر ۽ پهڻ ماڻهوءَ جي بار جيترا وجهي ڇڏيندس. پيتي مٿان ته اهين ئي ڪپڙن سان ڍڪيل هوندي ۽ تختن کي ڪليون لڳنديون.“ اها ڳالهه نن کي گهڻو پسند آئي. اتي ٻڍي باغائيءَ ٻيو عرض ڪيو ته ”منهنجو ڀاءُ آهي جو مون کان به عمر ۾ وڏو آهي، اهو ٻئي ملڪ ۾ هو، هاڻ هتي آيو آهي انهيءَ کي اٺن ورهين جي ڏُهٽي به آهي، انهيءَ کي مڙهيءَ ۾ رکڻ ۽ تعليم ڏيارڻ ٿو گهري، تنهنڪري اجازت ملي ته آءٌ انهيءَ کي پاڻ سان پنهنجي ڀـُـنگيءَ ۾ رهايان؟“ انهيءَ تي وڏيءَ نـَـن چيو ته ”چڱو، سڀاڻي ڏينهن جو انهيءَ کي ڇوڪريءَ سميت وٺي اچ، پوءِ ڏسبو“. پوءِ باغائيءَ کي وري به يارهين بجي اچڻ جو تاڪيد ڪري، روانو ڪري پاڻ هلي وئي. +ٻڍي فاشل ونٽ اچي جين وليجان کي حال ڏنو. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جين وليجان انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪي ويهي، جتي خالي جنازي واري پيتي رکي آهي ۽ جنهن جي ڪنجي باغائي وٽ هئي. جڏهن باغائي ٺهرايل وقت اتي ايندو، تڏهن ڀترن ۽ پهڻن بدران جين وليجان کي انهيءَ ۾ سمهاري ڇڏيندو، انهيءَ طرح هو مڙهيءَ جي حد مان ٻاهر نڪري ويندو. وري دستور موجب نن جا جنازا به رات جي اندر کڻبا هئا، نه ڏينهن جو، تنهنڪري پاڻ سولائي ٿيندي- ساهه کڻڻ جي پيتيءَ جي تختن ۾ هڪ - ٻن هنڌن تي سـِـيرائيءَ سان ٽـُـنگ ڪرڻ جي رٿ ڪيائين. اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيائون ته انهي پيتيءَ کي مقام ۾ پورڻ مهل تجويز ڪري جين وليجان کي تختو کڻي ڪڍي ڇڏبو ۽ هو پوءِ مڙهيءَ ۾ هليو ايندو. +اها جيڪا هنن رٿ رٿي هئي سا سڄي تعميل ۾ آئي. نن اندر دفن ڪئي ويئي ۽ جين وليجان ٻي خالي پيتيءَ ۾ ٻاهر ويو ۽ پيتيءَ جي پورڻ مهل نڪري ٻاهر ٿيو. جيڪو قبر کوٽڻ وارو باغائيءَ سان شامل هو، تنهن کي ڪنهن عذر تي هن ٿوري تائين پاسي ڪيو، جنهن وچ ۾ جين نڪري آيو، پوءِ باغائي انهيءَ کي وٺي مڙهيءَ جي باغ ۾ آيو ۽ صبح جو سويل هن کي به ڪوڏر ڏئي ٻيئي ڄڻا باغ جي ڪم ۾ لڳا. مڙهيءَ جي نن انهيءَ کي ڏٺو. سڀني کي معلوم ٿيو ته مڙهيءَ واري باغائيءَ جو ڀاءُ آهي جو هن جو مددگار ٿي ڪم ڪندو. +انهيءَ طرح ٻڍي فاشل ونٽ جي مدد سان جين وليجان پنهنجو ٽڪاڻو به ڪيو ۽ ڪاسيٽ کي به مڙهيءَ جي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جتي هن جي خوراڪ، پوشاڪ ۽ تعليم جو خاطر خواه بندوبست ٿيو. هن جا ماءُ جي ماتم وارا ڪارا ڪپڙا ۽ سندس جـُـتي ۽ جوراب يادگيريءَ لاءِ هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکي ڇڏيائين. +جين وليجان پنهنجو نالو اتي فاونٽ چوايو. جڏهن مڙهيءَ کان ٻاهر ڪو ڪم ٿيندو هو تڏهن فاشل ونٽ ويندو هو، ۽ جي مڙهيءَ جي اندر هوندو هو ته اهو فاونٽ پيو ڪندو هو. ڪاسيٽ کي ايتري موڪل ملي ته ڏهاڙي هڪڙو ڪلاڪ پنهنجي ناني وٽ ٻاهر ايندي هئي. انهيءَ طرح جين وليجان ۽ ڪاسيٽ ڄڻ ته دوزخ مان نڪري بهشت ۾ پيا، ۽ پنهنجا ڏينهن سک ۽ آرام ۾ گڏارڻ لڳا. ورهيه لنگهي ويا ۽ ڪاسيٽ وڏي ٿيندي وئي ۽ پڙهي هشيار به ٿي ۽ خوبصورت جوان زال به ٿي- + +باب يارهون +ا��هيءَ ڳالهه کي اٺ - نـَـو ورهيه گذري ويا. بلورڊ جو مڪان، جتي جين وليجان جاءِ مسواڙ تي ڪري ڇوڪريءَ سميت اڳي رهيو هو. اتي هينئر اڳوڻي مالڪياڻيءَ جي بدران ٻي هڪڙي ٻڍي زال رهندي هئي. انهيءَ ساڳئي گهر ۾ جنهن ۾ جين رهندو هو، هينئر ”جانڊريٽ“ نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جنهن کي هڪ زال ۽ ٻه ڌيئرون هيون. تمام غريب ماڻهو هوندا هئا ۽ تمام ڏکيو گذران ڪندا هئا. انهيءَ جي پاسي ۾ ٻي هڪڙي جاءِ هئي، جتي ٻيو هڪڙو شخص ”ميريس“ نالي رهندو هو، جو پڻ هڪڙو جوان شخص هو. +اهو ميريس جارج پانٽمرسيءَ جو پٽ هو، جو جنگي کاتي ۾ هڪڙو ڪرنل هو ۽ گهڻين جنگين ۾ وڙهيو هو. انهيءَ جي زال پئرس جي هڪڙي ٻڍي سکر ماڻهو ”گلي نارمنڊ“ نالي جي ڌيءَ هئي، جو مريس مڪان ۾ رهندو هو. اهو نوي ورهين عمر جو هو، ۽ ڏاڍو چيڙاڪ طبعيت جو هو. گلي نارمنڊ کي ٻي به ڌيءَ هئي، جا پنهنجي ڀيڻ کان وڏي هئي، مگر شادي ڪا نه ڪئي هئائين ۽ اها به هاڻ پنجاهه ورهين عمر جي هئي ۽ پيءُ سان گڏ رهندي هئي. ننڍي ڌيءَ هڪڙو ٻار ڇڏي مري وئي هئي، جو گلي نارمنڊ پاڻ وٽ آڻي رهايو ۽ پالي وڏو ڪيو. اُهو هو ميريس. انهيءَ ٻڍي جي پنهنجي ناٺيءَ جارج پانٽمرسي سان ڪين پوندي هئي ۽ اهو هن کان ڌار رهندو هو، ۽ اهو حڪم هوس ته پنهنجي پٽ جو اصل منهن نه ڏسندو. ميريس کي به فقط ايتري خبر هئي ته مون کي هڪڙو پيءُ آهي، بس. +جارج پانٽمرسي اهو ساڳيو شخص آهي جو واٽرلو واري لڙائيءَ ۾ وڙهندي ڦٽجي پيو هو ۽ مئلن سان گڏ پيو هو، جنهن جا پئسا،واچ ۽ سونو ٻلو وغيره ٿينارڊير چورائي ويو هو ۽ انهيءَ کي مدد ڪري اُٿاري ويهاري، پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي ايندو ڏسي ڀڄي ويو هو. پوءِ هو نيٺ چڱو ڀلو ٿيو، ۽ وري جنگي کاتي ۾ نوڪر ٿيو، ۽ هاڻي پينشن ملندي هيس. جنهن تي آسائش سان گذاريندو هو. پٽس ڏانهنس ڪڏهن ڪڏهن خط لکندو هو، ۽ انهيءَ جا هو پيار مان جواب به لکندو هو، پر نانس اُهي خط هن کي نه ڏيندو هو. +ميريس کي ننڍي هوندي موچاري تعليم ملي هئي، بادشاهه جي طرف وارن مان هو. ناني جي طبعيت نه وڻندي هيس، تنهنڪري انهيءَ سان نه پوندي هيس. هو ڏاڍن چڱن اخلاقن وارو ۽ خوش طبع جوان هو. هينئر سترهن ورهين جو هو. هڪڙي ڏينهن نانس سڏي چيس ته ”تنهنجو پيءُ سخت بيمار آهي: ضروري خط لکيو اٿس. تون هڪدم وٽس وڃ.“ ميريس پهرين ته حيران ٿيو جو اهڙي مهربانيءَ جي اميد ڪا نه هيس. پوءِ دل جي خوشيءَ سان انهيءَ حڪم جي تعميل ڪرڻ لڳو. ويجهي ايندڙ گاڏيءَ ۾ چڙهي ڏنل پتي تي روانو ٿيو، وڃي انهيءَ هنڌ پهتو. پڻس کي هڪ - ٻه ڏينهن اڳي دماغ جو تپ ٿيو هو ۽ اوچتو مري ويو. اڃا تازو مئو هو ڊاڪٽر ۽ پادري مٿانس بيٺا هئا، ته ميريس وڃي پهتو. پنهنجي پيءُ کي پهريون دفعو ۽ پويون ئي دفعو ڏٺائين - منهن تي زخم بيٺو هوس. خوش به ٿيو ۽ ڏک به ٿيس، جيڪي حاضر هئا تن ساڻس معذرت ۽ همدردي ظاهر ڪئي، ۽ نوڪرياڻيءَ هڪڙو ڪاغذ آڻي ڏنس جو سندس پيءُ سندس لاءِ لکي ڇڏي ويو هو. انهيءَ ۾ هيئن لکيل هو: ”منهنجي پٽ ميريس جي لاءِ - واٽرلو جي جنگ ۾ فرانس جي شهنساهه مون کي بئرن ڪيو ۽ سونو ٻلو ڏنائين. جڏهن رعيتي حڪومت قائم ٿي، تڏهن اُنهيءَ خطاب تي اعتراض آندو آهي، پر انهيءَ هوندي به اسان جو خطاب موروثي آهي. اهو تون رکجئين.“ ڪاغذ جي پٺيان وري هيئن لکيل هو ته ”واٽرلو جي لڙائيءَ ۾ هڪڙي سپاهي ٿينارڊيئر نالي منهنجي جان بچائي هئي. اهو پئرس جي ويجهو مانٽفرميل ۾ هڪڙي هوٽل ٿو رکي، تون انهيءَ سان جيتري ڀلائي پڄي سگهئي، اوتري ڪجئين.“ +صحيح +ڪرنل جارج پانٽمرسي +ميريس پنهنجي پيءُ جي لاش ��فن ڪرڻ کان پوءِ موٽي پنهنجي ناني وٽ آيو. وري اچي پئرس ۾ قاعدن پڙهڻ ۾ مشغول ٿيو. اُتي اخبارن ۽ سرڪاري دفترن پڙهڻ سان ۽ وطن دوست مدبرن جي صحبت ڪرڻ سان پنهنجي پيءُ جي بهادريءَ ۽ نيڪيءَ جي تعريف ٻڌائين، تڏهن هن جي اک کلي ۽ پيءُ تي فخر ڪرڻ لڳو، ۽ ناني جي واهياتي ڳالهين تي دل ۾ کلڻ لڳو ۽ معلوم ٿيڻ لڳس ته ناحق ننڍي هوندي کان پيءُ کي وساري ڇڏيائين، ۽ مٿس جيڪي خدائي حق ۽ فرض هئا سي بجا نه آندائين. انهيءَ لاءِ ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ وقت بوقت پيءُ جي قبر تي وڃي معافي گهرڻ لڳو. انهي مان اهو به اثر پيدا ٿيو ته اڳي نانس وانگي ملڪ ۾ فساد ۽ ڦيـر گهير ڪرڻ وارن جي طرف جو هو، پر هاڻ پيءُ وانگي بادشاهه جي طرف وارن سان شمار ٿيڻ لڳو، ۽ پيءُ وارو موروثي خطاب ۽ ٻلو فخر سان ڪم آڻڻ لڳو. +جڏهن وري موڪل تي ناني جي گهر آيو تڏهن نانس اهڙي حقيقت معلوم ڪري منجهانئس ڏاڍو رنج ٿيو. جيتوڻيڪ سندس ماسي کيس گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ سندس طرف هئي، ته به ٻڍو خفقاني گلي نارمنڊ مڙڻ جو نه هو. هن صفا چيس ته: ”جڏهن هاڻ تون پنهنجي پيءُ جو پٽ ٿيو آهين ۽ نه منهنجو، جنهن هيستائين تو کي پئي پاليو آهي تڏهن مون وٽان نڪر، جيڏي وڻئي تيڏي وڃ. اڳتي ڇهين ڇهين مهيني تو کي سٺ مهرون پهچايون وينديون . بس، وڌيڪ تنهنجو مون سان واسطو ڪونهي.“ ڪاوڙ کان هن ويچاري جي پيءُ جو وصيتنامو به هن باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، جنهن جو هن کي گهڻو ارمان ٿيو. انهيءَ هوندي به هن کي ان جو مضمون ياد هو، ۽ هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته انهيءَ تي تعميل ڪندو رهندو. +انهيءَ طرح ميريس ڪاوڙجي ناني جي گهران نڪتو، کيسي ۾ فقط ٽيهه رپيا هئس. ڪي ٿورا ڪپڙا ٿيلهي ۾ وجهي، گاڏي ڀاڙي ڪري نڪري پيو ۽ ڪنهن کي سماءُ ڪو نه پيو ته ڪيڏي ٿو وڃي. + + + +باب ٻارهون +ميريس اتان نڪري، شهر جي ٻئي پاسي هڪڙيءَ هوٽل ۾ اچي رهڻ لڳو. سندس ڪاليج جا سنگتي وٽس ايندا ويندا هئا، انهن مان گهڻا ملڪي ڦير گهير ۽ فساد ڪندڙن جي طرف جا هئا. جنهن پاسي هن جو نالو هوندو هو. انهن گهڻا مٿا هنيا ته هي به سندن طرف جو ٿئي، مگر هن بادشاهه جو پاسونه ڇڏيو، جنهن جي پاسي هن جو پيءُ وڙهيو هو. انهيءَ هوٽل ۾ رهئي، هن جو خرچ کـُـٽي ويو. پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي واچ وڪڻي پورائي ڪئي هئائين، فقط ٽي رپيا بچيا هئس. +هڪڙي ڏينهن صبح جو ٽپال ۾ هڪڙو خط آيس جو سندس ماسيءَ جو هو. اُنهيءَ پنهنجي پيءَ يعني ميريس جي طرفان ڏانهنس سٺ مهرون موڪليون هيون. ميريس اهي پئسا وري ماسيءَ ڏي موٽائي ڏياري موڪليا، ۽ لکيائين ته: ”اوهان جي گهڻي مهرباني، مون کي انهن پئسن جي گهرج ڪانهي.آءٌ پاڻهي پنهنجي ڪمائيءَ تي گذران ڪندس.“ اهو خط پڙهي ماسيس کي گهڻو ارمان ٿيو. هن اها ڳالهه پيءُ کي نه ٻڌائي متان هو ڪاوڙجي.هوڏي ميريس هوٽل ڇڏي ٻهراڙيءَ ۾ سادي گذران ڪرڻ جي ارادي سان بلورڊ واري مڪان ۾ اچي رهيو، جنهن جو اشارو مٿئين باب جي منڍ ۾ ڏنو ويو آهي. +ميريس جهڙا جوان ۽ پڙهيل ماڻهو انهيءَ عمر ۽ اهڙي حالت ۾ ڏاڍو سکيو گذاريندا هئا ۽ عيش عشرت ڪندا وتندا هئا، پر هن جي طبعيت ۽ خوش خلقيءَ ۽ نيڪيءَ هن کي ائين ڪرڻ نٿي ڏنو. غريب ۽ اشراف ٿي گذارڻ زياده پسند ٿي ڪيائين. جيڪو ڏک سک مٿان پئي آيس، سو خوشيءَ سان پئي کنيائين- نانوائي کان غريباڻي ماني وٺيو پيو کائيندو هو ڪپڙا غريباڻا ڍڪيندو هو. بلڪ ڪڏهن ته پـِـني به گذران ڪندو هو. ڪيترا ڀيرا ماسيس وري وري پئسا موڪليس پر هن اهي قبول نه ڪيا. ۽ موٽائي پئي موڪليائين. اڃا تائين هو پيءُ جي ماتم ۾ ڪارو نشان کنيو وتيو، ۽ انهيءَ وارا خيال دل ۾ سانڍيو وتيو. جيڪڏهن تيل جا پئسا نه هوندا هئا ته شهر جي بتين تي وڃي پڙهندو هئو. ڏاڍي محنت ڪري پڙهندو رهيو. نيٺ بئرسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ماسيءَ کي خوشيءَ مان اها خبر ڏنائين. ماسيس اهو خط پنهنجي پيءُ کي ڏيکاريو. انهيءَ اهو خط وٺي ڦاڙي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو ته ”گڏهه کي ايترو عقل نٿو اچي ته ساڳيو ماڻهو ساڳئي وقت ۾ بئرن به، بئرسٽر به ٿي نٿو سگهي.“ ميريس کي اتي بورڊ ۾ رهندي گهڻا ڏينهن گذري ويا. ڏاڍي صرفي سان رهندو هو. غريبيءَ ۾ به قرض ڪو نه کنيائين، بلڪ ٻين کي ٿورو گهڻو اڌارو ئي ڏنائين. هن کي دل ۾ فقط ٻن ماڻهن جي حق ادا ڪرڻ جي خواهش هئي: هڪڙي پيءُ جي ۽ ٻي ٿينارڊير جي، جنهن جي پارت پڻس وصيتنامي ۾ ڪئي هئي. وجهه وٺي انهيءَ ماڻهوءَ جي پتي ڪڍڻ ۽ سماءُ لهڻ لاءِ مانٽفرميل ۾ ويو هو. ٿينارڊير جي هوٽل بند ٿي وئي هئي، جو هو کـُـٽجي پيو هو، ۽ ڪنهن کي به خبر ڪا نه هئي ته ڪيڏي لڏي ويو. جن کان هن قرض کنيو هو سي به انهيءَ جون پيا پڇائون ڪندا هئا. ميريس کي ڏاڍي ڳڻتي هئي ته ڪنهن به طرح انهيءَ شخص کي ڳولهي لهان، ۽ هن کيس پئسي جي يا ٻي مدد ڏيان، ساڻس احسان ڪريان. +اتي ميريس کي ناني جي گهر ڇڏي ٽي ورهيه ٿيا هئا. پاڻ هينئر ويهن ورهين جو هو. هن جي سمجهه ۾ هو ته نانس کي نٿو گهري، پر اها سندس غلط فهمي هئي. نانس جي ساڻس حد کان وڌيڪ دل هئي، نه ته جيڪر ننڍي هوندي کان هن کي پنهنجي ذمي نه ڪري ها. هو شوخ طبعيت جو هو ۽ خفقاني به هو، سندس وڏي عمر جو به ته خيال ڪريو. ميريس جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ڏاڍو ڏک رهندو هوس ۽ هن جي لاءِ پيو سڪندو هو ۽ رئندو به هو، پر ڪنهن کي ٻڌائيندو ڪين هو. هوڏي ميريس کانئس ۽ سندس پگهار کان پيو نفرت ڪندو هو. اگرچ بئرسٽر ٿيو هو ته به بئرسٽري ڪرڻ جي بدران ڪتابن لکڻ جي مشغولي ڪندو هو ۽ چڱو پئسو ڪمائيندو هو. هڪڙي ڇاپخاني واري هن کي پاڻ وٽ ٿي رکيو ۽ رهڻ جي جاءِ ٿي ڏنائيس، ۽ سال ۾ ڏيڍ هزار رپيا ٿي ڏنائيس، پر هن پابندي قبول نه ڪئي. آزادي ۽ غريبي سان گذارڻ کي بهتر ٿي ڄاتائين. ماڻهن جي صحبت نه وڻندي هيس. اڪثر اڪيلائي ۽ گوشه نشيني وڻندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن سندس پيءُ جا جهونا سنگتي جنرل، ڪرنل ۽ ٻيا وڏا ماڻهو پئرس ۾ دعوت ڏئي سڏيندا هئس، اوڏي سو ويندو هو، نه ته گمنام ٿيو پيو گذاريندو هو ۽ آسپاس جي ماڻهن کي فقط سندس نالي ميريس جي خبر هئي، ڪنهن کي به سندس خطاب يا ٻي لياقت ۽ قابليت جي خبر ڪا نه هئي. مگر سندس سخا ۽ مروت ۽ مهرباني ڏينهون ڏينهن مشهور ٿيندي وئي. +سندس پاسي ۾ جانڊريٽ يا گوروس وارو غريباڻو ڪٽنب جو رهندو هو، ۽ جنهن سان هن جي سڃاڻپ به نه ٿي هئي، تنهن کي جاءِ جي مالڪياڻيءَ مسواڙ نه ڏيڻ ڪري هڪالي ڪڍي ڇڏيو. جڏهن ميريس کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس. پنهنجي هڙان ويهه رپيا مسواڙ جا هن کي ڀري ڏنائين ۽ پنج رپيا وڌيڪ به ڏنائينس. سي به لڪچوريءَ ۽ تاڪيد ڪيائينس ته هنن کي نه ٻڌائي ته اهي پئسا ڪنهن ڏنا آهن. +ميريس عادت ڪري ڇڏي هئي ته شام جو هڪڙي وڏي باغ ۾ هوا کائڻ ويندو هو، جو پـِـڪپس واري مڙهيءَ جي رستي تي هو. اتي باغ جي هڪڙي گوشائتي پاسي هڪڙو ٻڍو آدمي ۽ هڪڙي جوان ڇوڪري گڏ ويٺل ڏسندو هو. ٻڍو اٽڪل سٺ ورهين جو هو ۽ ڇوڪري چوڏهن ورهين جي هئي. هو هر روز اتي ويندو هو ۽ هر روز انهن کي ڏسندو هو، پر ڪڏهن هنن سان ڳالهائڻ جو اتفاق ڪو نه ٿيس. سڄو سال ائين گذريو، تنهن کان پوءِ ڇهن مهينن تائين ڪـِـن سببن ڪري هن جو انهيءَ پاسي وڃڻ نه ٿيو. ڇهن مهينن کان پوءِ هو وري به انهيءَ پاسي وڃڻ لڳو. وري انهيءَ ساڳئي ٻڍي ۽ انهيءَ جوان زال کي انهيءَ ساڳئي هنڌ ويٺل ڏٺائين، پر زال هينئر زياده خوبصورت ۽ پوري جوان ڏسڻ ۾ آيس، اڳي ڇوڪري ٿي ڏٺي. انهيءَ کان پوءِ وري به هر روز اڳي وانگي انهيءَ باغ ۾ ويندو رهيو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ جوان زال منهن مٿي ڪري ميريس کي ڏٺو، ۽ ميريس به هن کي ڏٺو. هنن ٻنهي جون اکيون پاڻ ۾ اٽڪيون. انهيءَ وقت کان وٺي ميريس پنهنجي دل کسائي ويهي رهيو. پنهنجي جاءِ تي موٽي ويو، پر آرام ڪو نه آيس. رات جو به انهيءَ جوان زال بابت خيال ڪندو رهيو. جي اها زال جوان ۽ خوبصورت هئي، ته ميريس به ڦوهه جواني ۾ هو ۽ تمام حسين هو. +ٻئي ڏينهن نوان ڪپڙا، نئين ٽوپي ۽ نئين جــُـتي ڍڪي باغ ۾ هوا کائڻ ويو. انهيءَ ٻڍي مڙس ۽ جوان زال کي انهيءَ ساڳي هنڌ ساڳئي بينچ تي ويٺل ڏٺائين. هوءَ ساڳي غريباڻي پوشاڪ ۾ هئي، مگر هن کي گذريل ڏينهن کان به زياده سهڻي ڏسڻ ۾ آئي. اڳي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهندي هئي ۽ ڳالهائيندي ڪين هئي، پر هن ڀيري هو منهن مٿي ڪرڻ لڳي ۽ ٻڍي سان اهڙو ڳالهايائين جو هن جو مٺو آواز ميريس جي ڪن تي به پيو. اڳي بينچ جي اڳيان لنگهي ويندو هو، پر هن ڀيري ٻه - ٽي دفعا آيو ويو ۽ آخر سامهون هڪڙيءَ بينچ تي ويهي رهيو. پاءُ ڪلاڪ کان پوءِ اٿيو ۽ هليو ويو، پر سندس خيال اڳي کان به زياده انهيءَ زال بابت هئا. انهيءَ رات ماني به ڪانه کاڌائين ۽ ننڊ به ڪا نه آيس. +وري ٻئي ڏينهن هو سامهون بينچ تي ويٺو هو ۽ هڪڙو ڪتاب پٽيو ويٺي ڏٺائين، ته اوچتو اهو ٻڍو ۽ جوان زال پنهنجي بينچ تان اٿيا ۽ هلندي هن ڏي اچڻ لڳا. ميريس جي دل ۾ الائجي انهيءَ مهل ڇا گذرڻ لڳو. هو وٽائنس اچي لنگهيا، هن ڪتاب کڻي بند ڪيو. جوان زال هن ڏي ڏٺو ۽ اکين سان ڄڻ چيائينس ته: ”جي تون مون ڏي نٿي آئين ته آءٌ تو ڏي آئي آهيان.“ هن جي ويجهائي کان هو وائڙو ٿيڻ لڳو. سندس بت پئي ڏڪيو. ”ٻڍي سو البت ڏانهنس گهور سان نهاريو، ليڪن انهيءَ جي هن کي گهڻي ڳڻتي ڪا نه ٿي. هو هن نازنين جي خيال ۾ محو هو. ٻڍي جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو انهيءَ کان پوءِ جڏهن سندن ويٺي ميريس باغ ۾ ايندو هو، ته هي اُٿي هيڏي هوڏي هلڻ لڳندا هئا. پوءِ رفتي رفتي انهيءَ بينچ جي پچر ڇڏي ڏنائون، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته باغ ۾ ئي نه ايندا هئا، جا ڳالهه ڏيڍ ورهيه کان هنن جي عادت جي برخلاف هئي. +هڪڙي ڀيري ميريس باغ ۾ آيو. هو ٻڍو ۽ زال هن کي ڏسي پنهنجيءَ بينچ تان اُٿي هليا ويا، پر زال هڪڙو اُچو رومال اتي ڇڏي وئي- اهو هن وڃي کنيو. انهيءَ مان ڏاڍي سرهي بانس آيس. رومال جي هڪڙيءَ ڪنڊ تي الف - ب اکرن جا نشان ٿيل هئا. هو ڏاڍو خوش ٿيو، ڇاتيءَ تي کڻي رکيائين، ۽ انهيءَ رومال مان روح جي راحت پئي آيس. تنهن کان پوءِ اها ڳڻتي ٿيس ته معلوم ڪريان ته هي ڪٿي ٿا رهن. جڏهن هو اٿيا تڏهن پري کان پٺيان پئي ويو، ۽ جنهن گهر ۾ گهڙيا سو ڏسي ڇڏيائين. ٻئي وقت اتي وڃي ڪن ماڻهن کان پڇا ڪيائين. انهن ٻڌايس ته اهو ماڻهو پنهنجي ملڪيت وارو آهي. جيتوڻيڪ غريب آهي ته به ماڻهن کي خيرات گهڻي ڏيندو آهي.“ نالو پڇيائين، پر جنهن ماڻهوءَ کان پڇيائين انهيءَ چيس ته: ”تون ڪو پوليس جو جاسوس آهين ڇا، جو ماڻهن جون پڇائون ڪندو ٿو وتين؟“ تنهنڪري ميريس شرمندو ٿي هليو ويو. +هڪڙي ڀيري جڏهن ٻڍو ۽ جوان زال باغ مان گهمي گهر ٿي ويا ۽ ميريس پري کان پٺيائن پئي ويو، تڏهن گهر ۾ گهڙڻ وقت ٻڍي ماڻهوءَ ميريس کي منهن ڦيرائي ڏٺو. وري انهيءَ جي ٻئي ڏينهن هو اصل باغ ۾ ڪين آيا. ٽئي ڏينهن ميريس وڃي هنن جي گهر ڌاري جاچ ڪئي. ڏسي ته اهو گهر خالي ٿيو پيو آهي. پاڙيوا��ن کان پڇا ڪيائين، چيائونس ته: ”اهو ٻڍو ڌيءَ سميت لڏي ويو آهي، مگر خبر ناهي ته ڪيڏي ويو آهي.“ ميريس نااميد ٿي موٽي آيو، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي بي آرامي ۾ گذارڻ لڳو. پوءِ ته ڏينهن جا ڏينهن، هفتا ”مهينا گذري ويا ته به هن کي پنهنجي محبوب جو پتو ڪو نه پيو ۽ هو حيران ۽ پريشان گذاريندو وتيو. سارو ڏينهن هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ پيو هوندو هو ۽ اڪيلائي ۾ پيو ڳرندو هو. رات جو ننڊ حرام هيس ۽ کاڌو پيتو زهر ٿي ويس. ڪڏهن وري ٻاهر نڪري رلڻ ويندو هو، ۽ هميشه پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ رهندو هو. +هڪڙي ڏينهن هن کي هڪڙو ٻڍو ماڻهو گڏيو جو مزور جي پوشاڪ ۾ هو. هن کي ڪي مهانڊا هن جوان زال واري ٻڍي جا لڳا، مگر صورت ٻي ڏسڻ ۾ آيس خوش به ٿيو ۽ شڪ به پيس، پر جيستائين ڀانئيائين، ته هن کي چتائي ڏسي، تيسين هو نڪري ويو، ۽ هن دل ۾ ڄاتو ته: ”اهو ڪو ٻيو ماڻهو آهي، آءٌ رڳو ڀليو آهيان.“ + + +باب تيرهون +ميريس اڃا به بلورڊ جي مڪان ۾ رهندو آيو ۽ پاسي ۾ جانڊريٽ جي ڪٽنب کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه رهندو هو. جيتوڻيڪ اهي ماڻهو، يعني پي ماءُ ۽ سندن ٻه ڌيون، هن جا پاڙيسري هئا، تڏهن به هي هنن جو اڃا واقف ڪو نه ٿيو هو، بلڪ چتائي به نه ڏٺو هئائين. +هڪڙي ڏينهن شام جو ميريس در جي اڳيان پنڌ ڪندو هڪڙي پاسي هليو ته اونداهيءَ ۾ ٻه ڇوڪريون سندس اڳيان ڊوڙنديون اچي لنگهيون، ڄڻ ته ڪو پٺيان پيو هجين ۽ هو انهن کان ڀڄي نڪتيون هجن. هنن جي وڃڻ کان پوءِ ميريس اڳڙيءَ ۾ ٻڌل ڪي ڪاغذ لڌا. ڀانيائين ته اهي ڇوڪريون ڊوڙندي ڪيرائي ويون آهن. في الحال کڻي کيسي ۾ وڌائين. جڏهن گهر آيو ۽ ماني کائي ويٺو، تڏهن اُهي ڪاغذ ياد پيس. ڪڍي پتيءَ تي ڏسڻ لڳو ته من ڪو پتو پوي ته انهن کي موٽائي ڏئي. ڏسي ته جدا جدا ماڻهن جا خط يا عريضيون خيرات جي پئسن لاءِ آهن، جدا عذرن ۽ سببن تي. اُهي سڀ شهر جي ڪن سکرن جي نالي لکيل هئا، ۽ هڪڙو خط هو هڪڙي ٻڍي رحمدل ۽ سخي خيرات ڏيندڙ ماڻهوءَ ڏي، جو پڪپس واريءَ ٻاهرينءَ ديول ۾ گهڻو ايندو آهي. ميريس خيال ڪري معلوم ڪيو ته اکر ساڳئي ماڻهو جا لکيل آهن، مگر لکندڙن جا نالا ٻيا آهن ۽ جدا جدا ماڻهن ڏي آهن. ڪاغذ به ساڳئي قسم جو هو. اکرن جو نشان به ساڳيو، صورتخطي جون چوڪون به ساڳيون ۽ سڀني ۾ تماڪ جي بانس به هئي. خيال ۾ هو ته هي ڪنهن جا خط آهن ۽ ڪنهن کي موٽائي ڏيان. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير در تي هٿ لڳو ۽ سندس سڏ تي هڪڙي ڇوڪري اندر گهڙي آئي ۽ هڪڙو خط آڻي ميريس کي ڏنائين. پوءِ هيڏي هوڏي نهارڻ ۽ ڪتاب ۽ ٻيون شيون ڏسڻ ۽ گستاخيءَ سان ڳالهائڻ لڳي. هڪڙي ڪتاب ۾ واٽرلو جو لفظ پڙهي چوڻ لڳي ته: ”واٽرلو جي لڙائيءَ ۾ بابو به وڙهيو هو ۽ بادشاه جي طرف جو هو.“ ڪڏهن قلم کڻي ڪاغذ تي لکي چوي ته ”آءٌ به لکي ڄاڻان ٿي.“ +انهيءَ وچ ۾ ميريس اهو خط ڦاڙي پڙهيو. لفافو تازو بند ٿيل ٿي ڏٺو، جو اڃا کؤنر به آلو هو. مضمون هي هو ته ”منهنجا مهربان جوان پاڙيسري، آءٌ اوهان جو گهڻو شڪر گذار آهيان جو مون کي معلوم ٿيو ته اوهان منهنجي پاران گهر جو مسواڙ ڀري ڏني آهي. اسين غريب ماڻهو آهيون. رات جو کاڌي لاءِ ڪين اٿئون. منهنجي وڏي ڌيءَ اوهان کي ٻڌائيندي ته منهنجي زال بيمار پيئي آهي. اسان کي ڪي پئسا خيرات ڏيو- +صحيح جانڊريٽ.“ +ميريس کي انهيءَ خط جي به اکرن ۽ ڊول ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته اهي ٻيا خط به انهيءَ ماڻهوءَ جا لکيل آهن ۽ هن خيرات وٺڻ جو اهو ڌنڌو ڪري ڇڏيو آهي. تڏهن ميريس اهي اڳڙيءَ ٻڌل خط انهيءَ کي ڏيئي چيو ته ”هي خط به اوهان جا ٿا ڏسجن، جي مون اڳهڻو ٻاهران لڌا هئا.“ ڇوڪريءَ اهي کو��ي ڏسي چيو ته ”هائو، برابر منهنجي ڀيڻ ڊوڙندي ڪيرايا هئا.“ پوءِ هڪڙو - هڪڙو خط ڪڍي ڏسي چوندي وئي ته هي فلاڻي صاحب جي نالي آهي، اُهو ههڙو سخي آهي، ههڙو رحمدل آهي. جڏهن ٻڍي رحمدل گمنام ماڻهوءَ جي خط تي آئي، تڏهن چيائين ته ”اهو ٻڍو ڏاڍو چڱو ۽ سخي ماڻهو آهي. هر روز ديول ۾ ايندو آهي. هينئر سندس اچڻ جي مهل آهي. وڃي ٿي هي ڏيانس. هميشه اسان کي خرچي ڏيندو آهي.“ جڏهن هو وڃڻ لڳي تڏهن ميريس کيسي ۾ هٿ وڌو. وٽس هئا ئي پنج رپيا ۽ ٻارهن آنا، جن مان انهيءَ ڏينهن جو کاڌو ڪري ها. هن اُهي ٻارهن آنا پاڻ لاءِ رکيا، ۽ پنج رپيا ڇوڪريءَ کي ڏيئي ڇڏيائين ته وڃي پيءُ کي ڏئي. هو ڏاڍي خوش ٿي، رپيا وٺي ٽـَـپ ڏيندي گهر هلي ويئي. +ڇوڪريءَ جي وڃڻ کان پوءِ خيال پچائيندي ميريس کي دل ۾ آيو ته ڏسان ته هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن، سچي پچي غريب آهن يا ٺڳ آهن، جيئن خطن مان معلوم ٿي ٿيو. هنن جي جاءِ ۽ سندس جاءِ جي وچ ۾ جا ڀت هئي، سا چڪاسي ڏٺائين ته انهيءَ ۾ مٿي ڇت کان هيٺ هڪڙو اڻلکو ٽنگ هو، جو گاري لهڻ ڪري ٿي پيو هو. انهيءَ هنڌ سندس جاءِ ۾ ڪٻٽ رکيل هو. هن رٿ ڪئي ته ڪرسي رکي ڪٻٽ تي بيهي انهيءَ سوراخ مان نظر ڪريان. اهو ارادو ڪري ڪٻٽ تي چڙهي، بيهي ڏسڻ لڳو. ڏسي ته هنن جي جاءِ ڏاڍي گندي آهي، سامان منجهس ڪو نالي جو آهي، هڪ - ٻه کٽولا آهن. جن تي خراب هنڌ پيل آهن، هڪڙو ٻڍو مڙس ويٺو آهي ۽ ٻي تمام ٿلهي مضبوط قداور زال آهي، ۽ سندس ننڍي ڌيءَ به اتي حاضر آهي، پاسي تي هڪڙو ميز جو ٽڪر پيو آهي، جنهن تي مس قلم ۽ ڪاغذ پيل آهن. +ائين ڪندي ميريس ڏٺو ته هنن جي جاءِ ۾ هنن جي وڏي ڌيءَ جا وٽس به آئي هئي سا ڊوڙندي آئي اندر ۽ تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳي ته ”اهو سخي ماڻهو اچي ٿو.“ ميريس کي هڪدم ياد پيو ته اها ڇوڪري خط کڻي انهيءَ ٻڍي سان ديول ۾ ويندڙ ماڻهوءَ ڏي وئي هئي، ۽ اهو به ياد پيس ته انهيءَ خط ۾ انهيءَ کي لکيل هو ته ”اوهين ڀلائي ڪري هن منهنجي ڌيءَ سان اسان جي گهر اچي ڏسو ته اسان جو ڪهڙو خراب حال آهي، ۽ آءٌ اوهان کي پنهنجا سرٽيفڪيٽ به ڏيکاريندس.“ تنهنڪري سهي ڪيائين ته شايد انهيءَ ماڻهوءَ کي ساڻ وٺي آئي آهي. +ستت کي هڪڙي گاڏي جو آواز آيو، جا در تي اچي بيٺي. جانڊريٽ ۽ سندس زال تڪڙا تڪڙا اٿيا. باهه اجهائي ڇڏيائون، ۽ کاڌي پيتي جي شئي پاسي ڪري لڪائي ڇڏيائون، انهيءَ لاءِ ته هو اچي سندن غريبيءَ جو حال ڏسي. زال ڊوڙ پائي وڃي هڪڙي هنڌ تي ليٽي بيمار ٿي ڪـِـري پيئي. ڀڳل شيشن مان سرد هوا جاءِ ۾ پئي آئي. ائين ڪندي در کي هٿ لڳو، ۽ هڪڙو ٻڍو ماڻهو ۽ هڪڙي جوان زال ٻيئي اندر لنگهي آيا. ميريس سوراخ مان ويٺي ڏٺو. هڪدم معلوم ڪيائين ته اهو ٻڍو ۽ اها زال اُهي ئي آهن جن کي باغ ۾ ڏسندو هو ۽ جن لاءِ هي حيران هو. اهو ئي محبوب هو، جنهن لاءِ بي آرام هو ۽ ڳولائون ڪندو وتيو. انهيءَ وقت انهيءَ ۾ بجليءَ جهڙو اثر ٿيڻ لڳو ۽ ڏڪڻ لڳو، اهڙو جو ذري گهٽ ڪٻٽ تان ٿي ڪـِـريو. +ٻڍي مرڪي هڪڙي ڳنڍڙي جانڊريٽ کي ڏني، ۽ چيائينس ته ”انهيءَ ۾ اوهان جا نوان ڪپڙا ۽ گرم جوراب، ٽوپيون ۽ کٿا پيل آهن.“ جوان زال وري ڇوڪرين کي پيار ڏيڻ ۽ انهيءَ سان ڳالهائڻ ۾ مشغول ٿي ويئي. انهيءَ وچ ۾ گهر جي ڀاتين هڪٻئي سان ڪن ۾ به پئي ڳالهيون ڪيون ۽ هنن کي عرض احوال به پئي ڪيائون، جانڊريٽ چيو ته اسان تي گهڻو قرض آهي، وري جاءِ جي مسواڙ ڏيڻي پئي آهي، نه ته اڄ شام جو اٺين بجي اسان کي هڪالي ڪڍندا. کاڌي لاءِ اڳئي ڪين اٿئون“ انهيءَ طرح وڏو قصو ڪري ويو. ٻڍي سخيءَ کيسي مان پنج رپيا ڪڍي هن کي ڏنا. انهيءَ تي البت هو ناراض ٿيو. قصو وڏو ڪري ويو، مليو ٿورو! ٻڍي دلاسو ڏيئي چيس ته ”اڄ شام جو ڇهين بجي آءٌ اوهان کي سؤ رپيا هتي آڻي ڏيندس.“ تنهن کان پوءِ جانڊريٽ جي زال، جا بيمار پيئي هئي، تنهن کي ڏٺائون. پوءِ موڪلائي موٽڻ لڳا. هلڻ وقت جيڪو گرم ڪوٽ ٻڍي جي بدن مٿان پيل هو، سو به لاهي هنن کي ڏنائين. ظاهري ڪري هو سڀ خوش ٿيا، هنن کي دعائون ڏيڻ لڳا. جانڊريٽ پاڻ به هنن سان گڏجي در کان ٻاهر اماڻڻ لاءِ ويو. +ميريس اهو سڀ رنگ ڏٺو، مگر هن جون اکيون فقط هن جوان زال ۾ هيون، جنهن جو هو مشتاق هو. ٻيو جيڪي ٿي گذريو، تنهن جو ڪو به سماءُ ڪو نه رهيس. هن جي وئي کان پوءِ، هن جي نظر ۾ سچي پچي اونداهي اچي وئي، ۽ دل سست ٿيڻ لڳيس. هي ٽپ ڏيئي ڪٻٽ تان اٿيو. دل چيس ته هنن جي پٺيان لڳو وڃي ۽ معلوم ڪري ته ڪٿي ٿا رهن. اهو خيال ڪري ٻاهر نڪتو، ۽ ڏسي ته گاڏي اڳيئي پئرس واري سڙڪ ڏيئي رواني ٿي. هيءُ انهيءَ پاسي ڏاڍو ڊوڙيو. اوچتو هڪڙي ننڍي ڀاڙي جي گاڏي خالي ٿي آئي، تنهن کي بيهاري ٽپ ڏيئي منجهس ويهي رهيو، ۽ هن کي چيائين ته هن پاسي گاڏي هڪل. هن کي بدن تي پورا ڪپڙا ئي پيل نه هئا، سو گاڏيءَ واري کي ڪو شڪ گذريو، تنهن پئسا اڳواٽ گهريا. هن وٽ پئسو موجود ڪو نه هو، لاچار موٽي پنهنجي جاءِ ۾ آيو، پر اندر لنگهندي جانڊريٽ کي ڏٺائين ته ٻاهر سيءَ ۾ ٻڍي وارو ڪوٽ ڍڪيو، هڪڙي ٻئي بدشڪل بدمعاش ماڻهوءَ سان بيٺو ڳالهائي. اهڙا ماڻهو اڪثر رات جي وقت رلندا وتندا آهن، ۽ وجهه ڏسي اڪيلن ماڻهن کان ڦرمار ڪندا آهن. +ميريس جيئن نااميديءَ ۾ اندر اچي هنڌ تي اونڌو ٿي ڪـِـري پيو، ته اوچتو جانڊريٽ جو ڳرو آواز ٻڌائين، جنهن پنهنجي گهر اچڻ سان ئي زال سان وڏي آواز سان پئي ڳالهايو. ميريس دل ۾ چيو ته وري به سوراخ مان ڏسان ۽ ٻڌان، من ڪو هن جو پتو سندن واتان نڪري. هڪدم وري ڪٻٽ تي چڙهي ڏسي ته سڀئي گهر جا ڀاتي گڏ آهن. جانڊريٽ زال کي پيو چوي ته ”ڇو، تو سڃاتو ڪو نه؟ مون کي پڪ آهي ته اُهو ساڳيو آهي، اگرچ اٺ ورهيه گذريا آهن ۽ هينئر هو آبروءَ جهڙيءَ پوشاڪ ۾ آهي، ته به آءٌ بيشڪ سڃاڻانس ٿو ته اهو ئي آهي.“ زال چيو ته ”هوندو! ڇوڪريءَ ۾ به مون کي شڪ پيو ته اُها ئي آهي، رڳو هينئر وڏي ٿي آهي ۽ خوبصورت ۽ جوان زال ٿي پئي آهي.“ مڙسس چيو ته: ”هاڻ مون به رٿ ڪئي آهي ته آءٌ به هن وانگي غريب مان شاهوڪار ٿيندس.“ +اسين اڳتي بک ۽ ڏک ۾ ڪين گذارينداسين.“ زالس پڇيو ته ”آءٌ تنهنجي پرولي نٿي سمجهان. ڇا ٿو چوين؟ ڪهڙي رٿ ڪئي اٿئي؟“ جانڊريٽ ويجهو ٿي آهستي چيس ته ”اڄ ڇهين بجي شام جو هو پئسا کڻي ايندو. انهيءَ مهل ٻيو ماڻهو ڪو نه هوندو. اسان جو پاڙيسري اڪثر دير سان ٿو اچي. گهر جي مالڪياڻي به انهيءَ مهل پري ٿانو ڌوئڻ ۽ ٻئي ڪم ڪار ۾ مشغول هوندي. ڇوڪرين کي ٻاهر پهري تي بيهارينداسين. زور ڪري ڪنهن به طرح هن کان لکائي وٺنداسين. هاڻ آءٌ وڃان ٿو ۽ وڃي ڪن ٻين سنگتين سان به صلاح ڪريان ٿو، جو شايد انهن جي به مدد ڪم اچي.“ ائين چئي هو ٽوپي ڍڪي، ٻاهر نڪري هليو ويو. +جڏهن هو روانو ٿيو، تڏهن ميريس هيٺ لٿو. هڪڙو لڳي ويو هو. جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو هئائين، تنهن تي ويهي خيال ڪرڻ لڳو. پڪ ٿيس ته هن ٻڍي جي برخلاف ڪو خراب ۽ خوفناڪ منصوبو ٿو ٿئي، تنهن جو علاج ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ کي روڪجي. اها به خوشي ٿيس ته جي آءٌ انهيءَ طرح هن کي مدد ڏيئي سگهان يا هن جو ساهه بچايان ته مون کي پنهنجي محبوب سان ملڻ جو زياده امڪان ٿيندو. اهو پهه پچائي، ڪپڙا ڍڪي ٻاهر نڪتو. سڌو پوليس آفيس ۾ ويو. هڪڙو ڊگهو قداور انسپيڪٽر ويٺو هو، ت��هن کي حال ڏنائين، ۽ جانڊريٽ جو نالو نشان ٻڌايائين. پوءِ اها رٿ ڪيائون ته ميريس اڳواٽ لڪي اچي گهر ۾ ويهي، جيئن هو سمجهن ته ٻاهر آهي. انسپيڪٽر ڪي ٻيا پوليس وارا ساڻ ڪري ٿوري پنڌ تي ڪنهن جاءِ ۾ ويهي رهندو. انسپيڪٽر ميريس کي ٻه ننڍا تپاچا ڏنا ۽ چيائينس ته ”تون پنهنجي ڀت واري سوراخ مان انهيءَ وقت ويهي ڏسج؛ جڏهن ڏسين ته ڪا خوفناڪ ڳالهه ٿيڻ تي آهي، تڏهن هڪڙو تپاچو کڻي ڇوڙج ته اسين ڊوڙي اچي هنن تي پونداسين، جي وچ ۾ ڪا ٻي ڳالهه ٿئي ته مون کي اچي ٻڌائج. منهنجو نالو جاورٽ آهي.“ +شام ٿي، ڇهه لڳا. ميريس اڳيئي اچي در بند ڪري لڪي پنهنجي جاءِ وٺي ويهي رهيو. جانڊريٽ جي جاءِ ۾ بتي پئي ٻري. انهن ڏينهن ۾ سج سوير لهندو هو ۽ ڇهين بجي ڌاري اونداهي ٿي ويندي هئي. سڀ ڀاتي حاضر هئا. زال - مڙس پاڻ ۾ ڳالهين ڪرڻ لڳا. ڇوڪرين کي موڪليائون ته ٻاهر نظرداريءَ تي بيهي رهن. ميريس جي نالي هنن چيو ته پاڙيسريءَ جو در بند آهي، اڃا ڪو نه آيو آهي، هميشه دير سان ايندو آهي. گهر جي مالڪياڻي ٻاهر ويل آهي. پڪ ٿين ته سڀ بندوبست پورو آهي. رات ڪنهن طرح سان گذري، ٻئي ڏينهن هو شاهوڪار ٿي پوندا، ۽ عمدا وڳا ڍڪيندا ۽ عمدو طعام کائيندا وتندا. + +باب چوڏهون +ميريس سوراخ ۾ اک وجهيو بيٺو هو. هنن جي جاءِ ۾ ٻه شيون ڏسڻ ۾ آيس. جن جي معنيٰ سمجهي نه سگهيو: در جي ويجهو هڪڙي ڪنڊ ۾ پراڻي لوهه جي اوزارن جو ڍير ۽ ڪي رسا پيل هئا، ۽ هڪڙو رنبي جهڙو اوزار باهه ۾ پئي ڳاڙهو ٿيو. جانڊريٽ پاڻ توڙي سندس زال ڏاڍي خوفناڪ صورت ۾ هئا. ماڻهو نٿي ڀانيا، جن ڀوت پئي معلوم ٿيا. جانڊريٽ تماڪ جي نلي وات ۾ وجهي هڪڙيءَ پراڻي ڇنل ڪرسيءَ تي ويٺو هو. زال کي چيائين ته ”سيءُ ٿو پوي، هو ضرور گاڏيءَ ۾ ايندو. هي پئسا وٺ، هو لنگهي اندر ٿئي ته گاڏيءَ واري کي ڀاڙو ڏيئي روانو ڪري ڇڏجئين.، پوءِ پئسا ڏئي ڇڏيائينس. هڪڙو وڏو چاڪو، خنجر جهڙو، ميز جي خاني مان ڪڍي، تکو ڪري وري اُتي رکي ڇڏيائين. رسن جي ڍير کي کولي ڏسي وري رکيائين. ميريس ڏٺو ته اها رسن جي ڏاڪڻ هئي، جنهن ۾ ڪاٺ جا ڏاڪا هئا، ۽ منهن ۾ لوهه جا ڪنڊا اٽڪائڻ جا پيل هئس. ٻيا لوهار جا اوزار به ڪنڊ ۾ پيل هئا سي به جانچي ڇڏيائين. اهو سامان صبح جو جاءِ ۾ ڪو نه هو. هـُـو پوءِ اندر ويو. ڇوڪريون اڳيئي ٻاهر نظرداريءَ لاءِ نڪري وڃي بيٺيون هيون. +ائين ڪندي زال ٻاهر وئي ۽ ستت ئي وري آئي ۽ چوندي آئي ته ”سائين، ڀلي آيؤ. هليا اچو.“ جانڊريٽ به چيو ته ”سائين، ڀلي آيؤ. اوهان جي گهڻي مهرباني.“ ٻڍو سخي مڙس گهڙي آيو. خوشيءَ مان پئسا ڪڍي هنن کي ڏنائين، ۽ چيائين ته ”اجهي هي اوهان جي مسواڙ جا پئسا، ۽ ٻي بخشش.“ هو کيس دعائون ڪرڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ مڙس جي اشاري تي زال ٻاهر وڃي گاڏيءَ واري کي روانو ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ موٽي آئي. انهيءَ وقت ميريس ڏٺو ته هڪڙو ٻيو ماڻهو آهستي آهستي اچي ٻڍي جي پٺيان ڪنڊ ۾ لڪي بيٺو. ٻـُـڍي کي هڪڙي ڪـُـرسي ڏنائون، تنهن تي هو ويهي رهيو. ٻڍي ڏسي ورتس. هنن کان پڇيائين ته .هي ڪير آهي؟“ جانڊريٽ چيو ته ”اهو هڪڙو پاڙيسري آهي، اوهان کي ايندو ڏسي لنگهي آيو آهي.“ ائين ڪندي ٻيو به هڪڙو ماڻهو لنگهي اچي، هن پهرئين جي ڀر ۾ ويهي رهيو. انهيءَ جي نالي به جانڊريٽ پاڻيهي چيو ته ”هيءُ به پاڙيسري آهي، انهيءَ جو ڪو خيال نه ڪريو.“ پوءِ هن سان هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ۽ سندس تعريف ڪرڻ لڳو. ستت ئي پوءِ ٻڍي نظر ڪئي ته ٻيا ماڻهو به انهن جي ڀر ۾ ويٺا هئا. چارئي مضبوط ماڻهو هئا. ٻانهون اگهاڙيون هين، ۽ منهن ڪارا هئن. جانڊريٽ ٻڍي کي حيرانيءَ ۾ ڏسي کيس چيائين ته ”حيران نه ٿيو. هي سڀ پاڙيسري آهن. بخارا صاف ڪندا آهن. اڱرن جو ڪم ڪندا آهن، تنهنڪري ڪارا ٿيا آهن“ +اوچتو ئي اوچتو جانڊريٽ اکيون ڪڍي شوخيءَ مان ٻڍي جي اڳيان آيو ۽ رڙ ڪري چيائينس ته ”تون مون کي سڃاڻين نٿو! اُنهيءَ وقت هڪڙا ٻيا ٽي ماڻهو بدليل پوشاڪ ۾ گهڙي آيا- هڪڙو سنهو هو، جنهن کي لوهه جي لٺ هٿ ۾ هئي، ٻيا ٻه ڳرا مڙس هئا ۽ هڪڙي کي ڪهاڙي ۽ ٻئي کي هڪڙي وڏي ٺونٺ جيڏي لوهه جي ڪنجي هٿ ۾ هئي. انهن کان جانڊريٽ پڇيو ته ”ڪيئن؟“ هنن چيو ته ”سڀ ڪم تيار آهي. ٻن گهوڙن واري گاڏي به بيٺي آهي.“ +ٻڍي کي هڪدم شڪ پيو ۽ ڊپ ٿيڻ لڳس. ٽي ڄڻا وري در جهلي بيهي رهيا، ۽ ٻيا خوفناڪ صورت ۾ ٻڍي جي ويجهو اچڻ لڳا. جانڊريٽ وري به اکيون ڪڍي ٻڍي کي چيو ته ”تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“ هن چيو ته ”نه“. تڏهن منهن تمام ويجهو نيئي هن کي چيائين ته منهنجو نالو جانڊريٽ نه آهي، آءٌ ٿينارڊير آهيان، مانٽفرميل جي هوٽل وارو! ياد پوَئي ٿو يا نه؟“ +ميريس پهرين خوفناڪ حالت ڏسي لهي تپاچي ڇوڙڻ تي هو، پر جڏهن ٿينارڊير جو نالو ٻڌائين، تڏهن هڪدم پاڻ کي روڪيائين. اهڙو ڏڪي ويو جو ڪـِرڻ تي هو. ذري گهٽ پاڻ کي هڻي ماري وجهڻ تي هو. اهو ئي شخص ٿينارڊير هو، جنهن سان پيءُ جي وصيت موجب احسان ڪرڻ جو وجهه پيو ڳوليندو هو، ۽ پيءُ کان پوءِ انهيءَ سان ڀلائي ڪرڻ جي ڳڻتي هوندي هيس. هينئر تپاچو ڇوڙي، هن کي پوليس جي هٿان ڪيئن گرفتار ڪرائي. وري جي ائين نٿو ڪري ته نيڪ ٻڍو ٿو مارجي، جنهن کي پنهنجي محبوب جو پيءُ ٿي سمجهيائين ۽ جنهن جي ساهه بچائڻ ڪري هن سان ملڻ جو گهڻو امڪان، بلڪ يقين نظر ٿي آيس. هيڏي باهه، هوڏي پاڻي، هاڻ ڪيئن ڪري. خيال ڪرڻ جو وقت ڪو نه هو هڪ لحظي جو ڪم هو، يا هيئن ڪري يا هونئن! +انهيءَ وچ ۾ جانڊريٽ، يا جنهن کي هاڻ اسين ٿينارڊير سڏينداسون، سو ٻڍي کي چوڻ لڳو ته ”تو کي ياد نه آهي ته اٺ ورهيه اڳي تون اچي اسان کي پئسا ڏيئي ڇوڪري ڇڏائي هليو ويو هوئين؟ نه ڇوڪري ٿي موٽائي ڏنئي. نه زياده پئسا ٿي ڏنئي. پاڻ دڙڪا تاب ٿي ڏنئي. اڄ تو کان اهو وير وٺندس.“ ٻڍي چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته تون ڀلجين ٿو. ظاهر آهي ته تون ۽ هي سڀ هڪڙي چورن ۽ بدمعاشن جي ٽولي آهيو.“ تنهن تي ٿينارڊير چيو ته ”مهربان، تو کي خبر هجي ته آءٌ اڳي سرڪاري جنگي سپاهي هوس. آءٌ واٽرلو جي مشهور لڙائيءَ ۾ فرانس جي بادشاهه جي طرفان وڙهيو آهيان ۽ جنرل پانٽمرسيءَ جهڙي مڙس کي مون بچايو هو، پٺن تي کڻي ٻاهر سلامتي جي جاءِ تي پهچايومانس. آءٌ چور ۽ بدمعاش ڪين آهيان. زماني جي گردش کان غريب ۽ ڪنگال ٿي پيو آهيان. هاڻ مطلب آهي ته مون کي تمام وڏي رقم گهرجي، جنهن مان آءٌ پاڻ کي هڪدم شاهوڪار ڪريان، انهيءَ لاءِ مون پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي.“ +هي ذڪر ٻڌي ميريس جي ڳڻتي ۽ بي آرامي پاڻ زياده ٿيڻ لڳي. پيءُ جي ۽ سندس وصيت جي ۽ خود پنهنجن فرضن ادا ڪرڻ جي يادگيري تازي ٿيڻ لڳي. ساڳئي وقت ۾ پنهنجي پياري نازنين جي شڪل به ياد اچڻ لڳس. +ايتري ۾ ٻڍي هيڏي هوڏي نهاري اوچتو ٽپ ڏئي پاسي واريءَ دريءَ وٽ ويو ۽ دري پٽي اڌوگابرو ٻاهر نڪري ويو جو سڀني مڙسن ڊوڙي وڃي ورتس ۽ گـِـهلي اندر ڪيائونس. پوءِ ته سڀئي هٿيار ۽ اوزار کڻي هن تي ڪاهي آيا. انهن کي ڏسي، ميريس وري به تپاچي ڇوڙڻ لاءِ تياري ڪئي، ۽ دل ۾ چيائين ته ”بابا سائين، مون کي معاف ڪجو، آءٌ پنهنجي وس ناهيان.“ ذري گهٽ تپاچي جي گهوڙي کي ٿي لاٿائين ته ٿينارڊير هڪل ڪري پنهنجن سنگتين کي چيو، ته ”ٻيلي بيهو، هن کي ڪو ايذاءُ نه پهچايو“، تنهنڪري ميريس به هٿ جهليو. ايتري ۾ ٻڍي ڏاڍي تياري ڏيکاري: هڪڙي کي اهڙو ڌڪو ڏنائين جو پري چوٽيءَ ڀر وڃي ڪـِـريو، ٻن کي هڪڙو مترڪو کڻي اهڙو ڌڪ هنيائين جو اونڌا ئي ڪـِـري پيا، ۽ چوٿين کي مروٽي گوڏن هيٺان جهڪائي، مٿانئس چڙهي ويٺو. پر، ٻيا چار انهيءَ وچ ۾ چڙهي ويس ۽ ڪيرائي وڌائونس ۽ ٻڌي ويهاري ڇڏيائونس. پوءِ ٿينارڊير جي چوڻ تي سندس بدن جي تلاشي ورتائون: نڪو پاڪيٽ بڪ هوس، نڪا واچ، نڪا ٻي قيمتي شئي، فقط ڇهه رپيا کيسي ۾ پيل هئس ۽ خالي رومال. +پوءِ ٿينارڊير قابو ٿيل ٻڍي جي اڳيان ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳس ته ”سائين، هاڻ ٻـُـڌ - مون کي ٻه لک رپيا گهرجن، ڪوڏي به گهٽ نه! اها رقم ڪڍي ڏي ته پوءِ تنهنجي وار کي به ڪو جوکو ڪو نه رسندو، انهيءَ جو آءٌ ضامن ٿو پوان. تون چوندين ته مون ساڻ ايترا ته پئسا ڪين آهن، تون رڳو ڪاغذ تي لک، جيڪي آءٌ چوندو وڃان.“ ائين چئي ميز آڻي اڳيان رکيائونس، ۽ مس قلم ڪاغذ به. پوءِ فقط سڄي ٻانهن ڇوڙيائونس. تنهن کان پوءِ ٿينارڊير هيئن چوندو ويو ۽ ٻڍو لکندو ويو: “منهنجي پياري ڌيءُ، هن خط پهچڻ شرط مون وٽ هلي آءٌ. خط آڻيندڙ ماڻهو تو کي مون وٽ وٺي ايندو. آءٌ ترسيو ويٺو آهيان.” پوءِ ٿينارڊير چيس ته “هاڻ انهيءَ جي هيٺان صحيح ڪر. خبر ناهي ته تنهنجو نالو ڇا آهي، پر مون کي تو تي اعتبار آهي، ٻڍي ورندي ڏني ته منهنجو نالو ”اُربين فيبر“ آهي.“ ٿينارڊير جهٽ ۾ پنهنجي کيسي مان هڪڙو رومال ڪڍيو، جو ٻڍي جي بدن تلاشيءَ مان لڌو هو. انهيءَ جي ڪنڊ تي ڏٺائين ته الف - بي جا اکر لکيل هئا، تڏهن چيائينس ته ”چڱو الف - بي کڻي لک.“ ٻڍي ائين ڪيو. پوءِ هن کان ڪاغذ وٺي. ائڊريس پڇي لفافي ۾ وڌائين ۽ لفافي تي سرنامو لکايائين، جو هيءُ هو: ”اربين فيبر جي گهر نمبر 17 ۾، سندس ڌيءُ کي رسي، پڪپس واري ٻاهرين ديول جي ويجهو.“ +ٿينارڊير خط وٺي زال کي ڏنو، ۽ چيائينس ته ”هڪدم وڃ. ٻاهر گاڏي تيار بيٺي آهي.“ ۽ هڪڙي ڪاري منهن واري سنگتيءَ کي چيائين ته ”تون هن سان گڏيو وڃ ۽ گڏيو اچ.“ اهو هن جي زال سان نڪري ويو ۽ باقي پنج بدمعاش رهيا، ٿينارڊير ۽ ٻڍي کانسواءِ. ذري تائين ماٺ ٿي ويئي ۽ سڀڪو پنهنجي منهن ويهي رهيو. ميريس به انتظار ۾ بيهي رهيو ۽ ڊپ به پئي ٿيس، جو ڄاتائين ته ٻڍي جي ڌيءُ يعني سندس محبوب کي وٺي ايندا. +ٿوريءَ ماٺ کان پوءِ ٿينارڊير ٻڍي کي چيو ته ”تو کي خبر هجي ته تنهنجي ڌيءُ کي منهنجي زال پهرين ٻئي هنڌ وٺي وڃي روڪيندي، ۽ جڏهن تون مون کي گهربل رقم ڏيندين، تڏهن تو کي تنهنجي ڌيءُ ملندي، نه ته جيڪو ماڻهو منهنجي زال سان ويو آهي، انهيءَ کي حڪم آهي ته ڇوڪريءَ کي پورو ڪري ڇڏي. زال جي اچڻ کان پوءِ اسين تو کي آزاد ڪنداسين، پوءِ تون ڀلي سمهي ننڊ ڪج. اسان کي ڪا ٻي خراب نيت ڪانهي.“ +هي ٻڌي ميريس جي دل ۾ الائجي ڪهڙا ڪهڙا خيال اچڻ لڳا. ذري چوي ته تپاچو کڻي ڇوڙيان ته هي بدمعاش جهلجي پون. پر وري به ڊپ ٿيس ته متان ٻڍي جي ڌيءَ انهيءَ ڪري مارجي وڃي. اتي قريب اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اوچتو ٿينارڊير جي زال اچي نڪتي ۽ ڪاوڙ مان سٿرن تي هٿ هڻندي آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”ڪوڙو نالو ۽ ڪوڙو پتو- اهڙو ماڻهو ئي اتي ڪو نه ٿو لڀي.“ ٿينارڊير کي به ڏاڍي چڙ لڳي، ۽ ٻيا بدمعاش به سنبري اٿيا. صلاح ڪيائون ته مارڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي. ٿينارڊير ميز جي خاني مان خنجر ڪڍيو ۽ سڀئي گڏجي ٻڍي کي ڪهڻ لاءِ تيار ٿيا. ميريس اڃا به تپاچي ڇوڙڻ لاءِ دير مدار پئي ڪئي ۽ هڪڙي خوف جي ڪري لاچار تپاچو نه ڇوڙيائين، هڪرو ڪاغذ کڻي انهيءَ ۾ ڀتر يا ڀـِـت جو چاپوڙو پٽي، ويڙهي سوراخ مان لنگهائي هن جي جاءِ ۾ اڇلايائين. ٿينارڊير کي پڪ ٿي ته ڪنهن جاسوس اسان کي ڏٺو آهي ۽ پوليس اسان جي پٺيان آهي. بدمعاشن ٻڍي کي ڇڏي ڏنو، ۽ دريءَ مان ٽپي ڀڄڻ جي تياري ڪرڻ لڳا ته ايتري ۾ در مان انسپيڪٽر جاورٽ پنهنجن سپاهين سميت لنگهي آيو. بدمعاشن کي اوزارن سان وڙهڻ لاءِ ايندو ڏسي چيائين ته ”ماٺ ڪري بيهي رهو، اوهين ست آهيو. اسين پندرهن ڄڻا آهيون ۽ هٿيارن سميت.“ اتي هن جي آواز تي سندس سپاهي به لنگهي آيا ۽ بدمعاش سڀ جهلجي پيا. جڏهن انهن کي هٿ ڪڙيون پييون، تڏهن جا ورٽ ٻڍي وٽ آيو، جو هيستائين ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو. حڪم ڪيائين ته ”هن کي کوليو.“ تنهن کان پوءِ انسپيڪٽر وچ ۾ ڪرسي وجهي ميز وٽ ويهي رهيو، ۽ قلم مس سان ويهي پنهنجو رپورت لکڻ لڳو. ٿورو رکي پوءِ چيائين ته ”اهو ماڻهو جنهن کي هنن ٻڌو هو، تنهن کي وٺي اچو.“ هيڏي هوڏي ڏٺائون ته اهو ڪونه هو، گوڙ گڙٻڙ ۾ گم ٿي ويو. در ته قابو هو، شايد دريءَ مان ٽپي هليو ويو هو. ٻاهر نڪري ڳولا ڪيائون پر هن جو ڪو به پتو ڪونه پيو. + + + +باب پندرهون +انسپيڪٽر جاورٽ پنهنجا قيدي وٺي ٻاهر ٿيو ۽ ٽي ڀاڙي جون گاڏيون هٿ ڪر انهن کي چاڙهي وٺي ويو. هن جي وئي کان پوءِ ميريس نڪتو. نائين- ڏهين بجي جو وقت هو. پنهنجي هڪڙي ڪاليج جي دوست وٽ وڃي رات ٽڪيو ۽ صبح جو سوير اچي جاءِ جي مسواڙ ڏئي، حساب صفا ڪري، سامان کڻائي هليو ويو. ڪنهن کي ٻڌايائين به ڪين ته ڪيڏي ٿو وڃان. ٿوري وقت کان پوءِ انسپيڪٽر جاورٽ هن جي ڳولا لاءِ آيو، پر معلوم ٿيس ته هو لڏي ويو آهي ۽ رهڻ جي هنڌ جو ڪنهن کي به ٻڌائي نه ويو آهي. انهيءَ طرح نڪري وڃڻ مان ميريس جو مطلب ئي اهو هو ته مقدمي ۾ شاهد ٿي گهلجان نه، ۽ ٿينارڊير جي برخلاف شاهدي نه ڏيان. جاورٽ به ڄاتو ته اهو جوان شخص جنهن کيس رپورٽ ڪئي هئي ۽ جو بئرسٽر هو ۽ نالو نٿي آيس، سو ڊپ کان شام جو ئي ڪيڏي ڀڄي ويو هو. سندس ٿوري گهڻي پڇا ڪيائين، پر پتو ڪو نه پيس- ماٺ ڪري ويهي رهيو، پر ميريس ته پنهنجي ڪاليج واري سنگتيءَ وٽ ٻه- ٽي مهينا سانده رهندو آيو. اتي ڪنهن بئرسٽر کان خبر پيس ته انهيءَ مقدمي وارو ٿينارڊير قيدي، هڪڙي اڪيليءَ ڪوٺيءَ ۾ ڌار قيد رکيو ويو آهي. اتي انهيءَ کي پهري وارن جي معرفت هر هفتي پنج رپيا پهچائي ڏيندو هو. پنهجو پئسو کٽي ويس ته پنهنجي سنگتي کان به اڌارا پئسا وٺي هن کي ٿي پهچايائين. پر ويچارو ٻيءَ طرح ڏاڍو دل شڪستو ۽ ملول رهندو هو، جو جنهن جوان زال سان محبت اٽڪي وئي هيس، تنهن کي ڏسي نٿي سگهيو ۽ نه انهيءَ جو ڪو سماءُ ئي ٿي پيس. ڏاڍي ڏک ۽ ارمان ۾ گذارڻ لڳو. +جاورٽ بدمعاشن جهلڻ ۾ ڏاڍي چالاڪي ڪئي ۽ ڏاڍو خوش هو، ليڪن جنهن کي انهن بدمعاشن ٻڌو هو، سو هن کي هٿ نه آيو. ڀانيائين ته اهو شايد شڪي ماڻهو هو ۽ جهلڻ جوڳو هو، جو ڀڄي ويو. ٻيو جيڪو بدمعاش ٿينارڊير جي زال سان گڏجي ويو هو، اهو به في الحال هٿ نه آيس. تنهن کان سواءِ جيڪي بدمعاش، سپاهي گاڏين ۾ چاڙهي وٺيو ٿي ويا، انهن مان به هڪڙو ٽپي ڀڄي ويو هو، ۽ اهو به هٿ نه آيس. انهن ڳالهين ڪري هن کي ڏاڍو ارمان هو. +هاڻي اسين پڙهندڙن کي جين وليجان جو گذريل احوال ٻڌائينداسين. هو پڪپس جي مڙهيءَ جي باغ ۾ فاشل ونٽ باغائيءَ جو ڀاءُ ٿي رهندو هو ۽ ڪاسيٽ مڙهيءَ ۾ گذاريندي هئي. ڏهاڙي کيس گڏبي هئي. چڱي تعليم حاصل ڪئي هئائين ۽ گهڻو امڪان هو ته هوءَ به نـَـن ٿي پوي ۽ عمر لاءِ ٻاهر نڪرڻ يا شادي ڪرڻ کان رهجي وڃي. اها ڳالهه هن کي پسند نٿي آئي، جو ڄاتائين ته متان ڪاسيٽ جي اهڙي مرضي نه هجي، تنهنڪري ڪو عذر ڪري اتان نڪتو ۽ ڪاسيٽ کي ساڻ وٺي ٿوري پنڌ تي هڪڙي ديول هئي، تنهن جي پاسي ۾ هڪڙي جاءِ مسواڙ ڪري رهي پيو. پنهنجو نالو اليٽم فاشلونٽ سڏايائين. هڪڙي ٻڍي زال جا اڳي سندس ڪارخاني ۾ ڪمائيندي هئي، ۽ جنهن کي گهڻي مدد ڏني هئائين، سا پوءِ بڇڙي حال ۾ هٿ آيس، تنهن کي ڪاسيٽ جي خدمت ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ نوڪرياڻي مقرر ڪيائين، ۽ جنهن جي نالي چيائينس ته منهنجي ڌيءَ آهي. ساڳئي وقت هن پئرس ۾ ٻن جدا جدا پاڙن ۾ ٻه جايون ٻيون به مسواڙ تي ڪري ڇڏيون هيون ۽ ڪڏهن ڪٿي، ۽ ڪڏهن ڪٿي وڃي رهندو هو. اها اڳ ڳڻتي هن پنهنجي بچاءَ ۽ سلامتي لاءِ ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ ديول واري جاءِ ۾ رهندي ڪاسيٽ کي ويجهي باغ ۾ وٺي ويندو هو، جتي اتفاق سان ميريس هنن کي ڏٺو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اتي ميريس ۽ ڪاسيٽ جي اک اٽڪي ويئي، ۽ ٻنهي جي دلين ۾ هڪٻئي جي محبت پيدا ٿي. جڏهن جين وليجان کي ميريس ۾ شڪ پيو تڏهن اتي اچڻ بند ڪري ڇڏيائين، ۽ ميريس جي نسبت ۾ ڪاسيٽ وٽ شڪايتون ڪرڻ لڳو، جي هن کي وڻنديون ڪين هيون، پر حجاب کان ڪڇندي ڪين هئي. انهيءَ کان پوءِ وري ٻئي پاسي هوا کائڻ ويندا هئا، جتي ڪڻڪ جون پوکون ٿينديون هيون ۽ ساوڪون هيون. +ڪاسيٽ ڪڏهن ڪڏهن هن کان پنهنجي ماءُ بابت پڇا ڪندي هئي، پر جين وليجان نٽائي ڇڏيندو هو. سندس مرضي نه هئي ته هن کي خبر پور ته سندس ماءُ پهرين ڪهڙي چال جي هئي ۽ ڪيئن شادي کان سواءِ پيٽ سان ٿي ۽ کيس ڄڻيائين. هن کي تمام عمدي اخلاقي تعليم ڏني هئائين. ڪا به خراب ڳالهه هن جي ڪن تي نه وجهندو هو، ۽ نه هن کي ڪا اهڙي شئي ڏيکاريندو هو. مڙهيءَ ۾ هوءَ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳائڻ ۽ سبڻ، گهر هلائڻ جو ڪم سکي هئي، تنهن ڪري اڪيلائيءَ ۾ به خوش پئي گذاريندي هئي. ڀائيندي هئي ته منهنجي ماءُ ڪا هئي جا مري وئي آهي، ۽ منهنجو پيءُ اهو آهي جنهن پالي وڏي ڪئي ۽ جنهن سان گهڻي محبت هوندي هيس. پيءُ وانگي هوءَ به رحمدل ۽ نيڪ زال ٿي پئي هئي، ۽ بکين ۽ ڏکين ۽ غريبن جي سنڀال پئي ڪندي هئي، ۽ انهن کي خيرات پئي ڏيندي هئي. انهيءَ هنڌ هو جانڊريٽ جي ڪٽنب ۾ ويا هئا ۽ انهن کي خيرات ڏيڻ جي ڪيائون، جيئن مٿي ڏيکاريو ويو. +جين وليجان گهڻو ڪري ٽن- چئن ڏينهن لاءِ ڪنهن پاسي هليو ويندو هو، خاص جڏهن پئسو کٽندو هوس. ڪاسيٽ کي نوڪرياڻي خدمت ۾ هوندي هئي. اگرچ جهنگ ويجهو هو ۽ اڪيلائي هئي، تڏهن به هو ڊڄنديون ڪين هيون. ڪاسيٽ پنهنجي گهر واري باغيچي ۾ وڃي هوا کائيندي هئي، ۽ هڪڙيءَ بينچ تي ويهي رهندي هئي ۽ ٿوري وقت بعد هلي ايندي هئي. اگرچ هڪڙو - ٻه ڀيرا هڪڙو جوان جنگي آفيسر کيس ڏسي سندس اڳيان لنگهيو به هو، ته به ڪاسيٽ انهيءَ ڏي خيال ڪو نه ڪيو. جيتوڻيڪ هو ٺاهوڪيءَ پوشاڪ ۾ هو، ۽ شڪل جو چڱو هو، تڏهن به هن جي نظر ۾ بدشڪل پئي آيو، ڇا لاءِ جو هن جي دل ۾ ميريس جي شڪل ويٺل هئي، جا اتان نڪرڻ جي نه هئي. +هڪڙي ڀيري ڪاسيٽ پنهنجي بينچ وٽ اچي ته انهيءَ تي هڪڙو ڪاغذ رکيو آهي. حيران ٿي ته هتي هيءُ ڪاغذ ڪنهن رکيو هوندو! پڙهيائين ته انهيءَ ۾ عشق ۽ حسن جي تعريف ۾ نثر ۽ نظم لکيل هئي، پر نه سندس نالو انهيءَ تي هو، ته ڪنهن ٻئي لکندڙ جو. ڪاسيٽ کي شڪ گذريو ته اهو ميريس جو ڪم آهي. خوشي به ٿيس ۽ ڊپ به ٿيس ته متان پڻس ڏسي وٺي. +ٻئي ڀيري به جين وليجان جي غير حاضريءَ ۾ هي انهيءَ پنهنجي بينچ تي ويٺي ته هڪڙو ماڻهو اوچتو لنگهي آيو. سج لهي ويو هو، اونداهي هئي. پهرين هوءَ ڊني، پر جڏهن هو نڪري نروار ٿيو ۽ اچي سندس پاسي ۾ بيٺو، تڏهن ڏٺائين ته ميريس بيٺو آهي. ڏاڍي خوش ٿ��، پر وري به ڊپ ٿيس. آخر ويهي محبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ميريس ٻڌايس ته ”آءٌ تنهنجي لاءِ حيران پريشان ٿيو وتان. جن ڏينهن ۾ تو کي پهرين باغ ۾ ڏٺو هوم، تنهن کان وٺي مون کي آرام ڪونهي، تنهنجي محبت ۾ مرندو وتان.“ ڪاسيٽ به خاطري ڏنيس ته پاڻ به سندس محبت ۾ اهڙي گرفتار هئي جهڙو هو سندس محبت ۾ هو. هڪ - ٻئي جا نالا نشان پڇي پڪ ڪيائون، بلڪ ميريس پنهنجي رهڻ جي جاءِ جو پتو باغيچي جي هڪ پيلپائي تي هن جي يادگيريءَ لاءِ ڪليءَ سان هن طرح لکيو: ”نمبر 16 رو وريري“. ۽ پوءِ موڪلائي هليو ويو. + +باب سورهون +مانٽفرميل ۾ قرضي هئڻ ۽ کـُـٽي پوڻ سبب، ٿينارڊيئر پنهنجي هوٽل بند ڪري هليو ويو. انهيءَ وچ ۾ هن کي ٻه پٽ ڄاوا هئا، پر ماءُ جي، پٽن سان پوندي ئي ڪين هئي. هڪڙو پٽ اڳي به هوس، ڌيئن جي وچ وارو،پر انهيءَ کي به اڳيئي ڪڍي ڇڏيو هئائين، رڳيون ٻه ڌيئرون ساڻس رهنديون هيون، جي کيس ڪم ڪار ۾ مدد ڪنديون هيون. هن جو وڏو پٽ سندن لڏي وڃڻ کان پوءِ سندن سماءَ تي آيو هو، پر خبر پيس ته هو هوٽل بند ڪري ڪنهن پاسي هليا ويا آهن، تنهنڪري هو به وري هليو ويو. اهو پاڻ کي پيءُ جي ٻئي نالي پٺيان گوروش سڏائيندو هو. هڪڙو ٽڪاڻو ڪو نه هوندو هوس، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي گذاريندو هو، ۽ چورن بدمعاشن جي پٺيان لڳو، ٽُڪر کائيندو وتندو هو. +اهي ٻه پٽ جي سڃائيءَ جي زماني ۾ ڄاوا هئا، تن جو نيڪال هنن هيئن ڪيو: ميريس جي ناني گلي نارمنڊ جو نالو مٿي آيو آهي، اهو اسي نوي ورهين جو ڪراڙو ماڻهو هو ۽ تمام آسودو گذاريندو هو. جوانيءَ ۾ هو عيش عشرت ۾ گذاريندو هو. انهيءَ زماني ۾ اڪثر فرانس جا وڏا ماڻهو سريتون رکندا هئا. هن کي به هڪڙي اهڙي سريت هئي، جنهن مان ٻه پٽ ڄاوا هئس، سي هن لڪائي هڪڙيءَ غريب ڪراڙيءَ زال کي ڏيئي ڇڏيا هئا ته انهن کي پالي ۽ وڏو ڪري، پاڻ انهيءَ کي ٻارن جي پرورش لاءِ سٺ رپيا پهچائي ڏيندو هو. اها زال شهر جي ٻئي پاسي رهندي هئي، جڏهن هو ستين - اٺين ورهيه جا ٿيا، تڏهن ملڪ ۾ وبا جي بيماري اچي پيئي، ۽ ٻيئي ٻار هڪڙي ئي ڏينهن ۾ مري ويا. جڏهن انهيءَ غريب زال ڏٺو ته پيءُ کي خبر ڏيڻ سان اسان جو روزگار بند ٿيندو، تڏهن هن رٿ ڪئي ته ڪي ٻيا ٻه ٻار ڪٿان هٿ ڪري، پاڻ وٽ رکان. خبر هيس ته هو ٻڍي کي سڃاڻي ڪين سگهندا، جو ڪڏهن اتفاق سان انهن ٻارن کي ڏسڻ ايندو آهي. انهيءَ زال جي ٿينارڊير جي ڪٽنب سان واقفيت هئي. هنن کي به اهڙيءَ عمر جا ٻار هئا جن کان بيزار هئا، ۽ ڪنگال ٿي پيا هئا، تنهنڪري انهيءَ زال کان ڪي پئسا وٺي پنهنجا ٻيئي ننڍا پٽ انهيءَ کي ڏئي ڇڏيائون ۽ وري انهن جو منهن ڏسڻ نه گهريائون. ورهيه - ٻن کان پوءِ اتفاق سان اها زال بيمار ٿي مري ويئي، ۽ هي ٻه ٻار نڌڻڪا رلندا وتندا هئا، جنهن کي ڪهل پوندي هئي سو هنن کي پاڻ وٽ ٽڪائيندو، ۽ ٽڪر کارائيندو هو، هڪڙي ڀيري رلندي اهي ٻيئي ٻار گوروش کي هٿ لڳا، سڃاتائين ڪين ته ڪي منهنجا به ڀائر آهن. هنن تي قياس پيس ۽ پاڻ سان وٺي وڃي گڏ ڪيائين، جيئن پاڻ پنندو چوريون ڪندو پيٽ پاليندو وتندو هو تيئن هنن جي به سنڀال ڪندو هو. +ٿينارڊير جا هي پـُـٽ کانئس ڌار ٿيا، تيئن جڏهن ٿينارڊير پنهنجن سنگتين سميت جهلجي قيد پيو، تڏهن سندس زال ۽ ٻه ڌيئون به دربدر ٿيون- خاص سندس وڏي ڌيءَ - پنهنجي ڀاءٌ گوروش وانگي رلڻ ۽ پورهيي ڪرڻ سان پيٽ پالڻ لڳي. ميريس کي سڃاڻندي هئي، جو ڪي ڏينهن سندن پاڙيسري هو، ۽ انهيءَ کان خرچي وٺي هن کي ڪاسيٽ ۽ ان جي پيءُ جي رهڻ جي جاءِ ڳولي لهي لهي ڏنائين، جنهن کان پوءِ ميريس اتي وڃڻ ۽ پنهنجي محبوب ��ي ملڻ لڳو، تنهنڪري هو هن جي شڪر گذار رهندي هئي. جڏهن به ڪٿي هن کي ملندي هئي ته هو هن کي خرچي ڏيندو هو. +ٿينارڊير ۽ انهن جا سنگتي جيل ۾ قيدي ٿي رهيا. ڪن مهينن کان پوءِ هنن پاڻ ۾ جيل مان ڀڄي نڪرڻ جي صلاح ڪئي. هڪڙيءَ رات جڏهن سيءُ واءُ هو ۽ مينهن وسڻ ۽ برف پوڻ لڳي، تڏهن هنن وجهه چڱو ڏٺو- ڏينهن جو رٿ ڪري ڇڏي هئائون، ۽ ڀڄڻ جون جايون جانچي ڇڏيون هئائون. انهن ڏينهن جي دستور موجب قيدين کي ڪو رحمدل ماڻهو خيرات ڏيندو هو، ته اها انهن کي ملندي هئي ۽ اهي پئسا هو پنهنجي سک لاءِ ڪم آڻيندا هئا. جيئن اسان کي خبر آهي ته ميريس ٿينارڊير کي سپاهين جي معرفت پئسا پهچائيندو هو، ۽ قيدين جا مائٽ يا خود قيدي به پهريوارن کي پئسا ڏئي خوش ڪندا هئا، ۽ هو مٿن مهربان رهندا هئا. قيدي پنهنجن سپاهين کي به ڏيندا هئا. ٿينارڊير ۽ ان جي چئين سنگتين انهيءَ رات پنهنجي پهريوارن هڪ - ٻن سپاهين کي سنجهي ۾ شراب پياريو، جنهن ۾ ڌاتوري جهڙي ڪا نشيدار شئي هٿ ڪري وڌي هئائون، جنهنڪري ڀڄڻ جي وقت اُهي سمهي پيا. +مطلب ته هي چارئي سنگتي هڪ - هڪ ٿي بخارن مان يا ڀتين جي ڪنڊن تان چڙهي، ڇتين تان ٽپي ٻاهر ٿيا. مينهن، برف ۽ سيءَ کين انهيءَ ڪم ۾ گهڻي مدد ڏني- ٺهرايل جاءِ تي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پوءِ پکڙي پيا. صبح جو سوير هنن جي ڀڄي وڃڻ جي خبر پيئي. گهڻي ڳولا ڪيائون پر هٿ نه آيا. ٿينارڊير جو هڪڙو سنگتي ته اڳيئي ٻاهر هو، جنهن کي زال سان گڏ ٻڍي جي گهر موڪليو هئائين. ٻيو سنگتي وري جهلڻ کان پوءِ ٿاڻي ڏي ويندي گاڏيءَ مان ٽپي هليو ويو هو، سو به اڳيئي آزاد هو. اهي سڀ هاڻي پاڻ ۾ وڃي گڏيا. گوروش، جو پڻ اهڙي ڪم جي پٺيان هو ۽ اڃا تعليم پئي ورتائين، سو به وڃي ساڻن گڏيو. ٿينارڊير کي پهرين خبر ڪا نه هئي، پر پوءِ هن کي سڃاتائين ته منهنجو پٽ آهي. انهيءَ سان جي ٻه ڇوڪر رهندا هئا، سي اڃا سندس حوالي هئا. پر انهن کي اڃا نڪي هو سڃاڻندو هو ته منهنجا ڀائر آهن، ۽ نڪي ٿينارڊيئر ئي سڃاڻندو هو ته منهنجا پٽ آهن. ٿينارڊير جي زال ۽ سندس ننڍي ڌيءَ جي خبر ناهي ته سندس جهلجڻ کان پوءِ ڪيڏي ويون، شايد مري ويون! فقط سنديس وڏي ڌيءَ بچي هئي جنهن جو نالو اپونائن هو. اُها به رولو هوندي هئي ۽ اڪثر پنهنجي پيءُ ۽ انهن جي سنگتين کي گڏبي هئي، ۽ انهن سان رهندي هئي. +هي ڇهه ئي - ست ئي بدمعاش پاڻ ٽولي ڪري گڏ گذارڻ ۽ چوريون ڪرڻ لڳا، ۽ ڏهاڙي هڪڙي نه ٻئي پاسي رات جو پنهنجي شڪار تي ويندا هئا. هڪڙي ڀيري ڏينهن جو انهيءَ هنڌ اچي نڪتا، جتي جين وليجان ۽ سندس ڌيءَ ڪاسيٽ، هڪڙي ٻڍيءَ نوڪرياڻيءَ سان گڏ رهندا هئا. جين کي هڪ - ٻه دفعو هڪڙو ماڻهو منهن پيو، جنهن ۾ هن ٿينارڊير جهڙا مهانڊا معلوم ڪيا، پر هن جي قيد ٿيڻ جي خبر هيس، تنهنڪري گهڻو شڪ ڪو نه پيس. جين اڪثر باغيچي ۾ هڪڙي جاءِ هوندي هئي، انهيءَ ۾ اڪيلو گذاريندو هو، ۽ سندس ڌيءَ ۽ نوڪرياڻي گهر ۾ گذارينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن جين ٽي - چار ڏينهن گم ٿي ويندو هو، ۽ وري موٽي ايندو هو. هي اهو ئي هنڌ هو، جتي ميريس اپونائن ڇوڪريءَ جي ڏس تي ڪاسيٽ کي اچي ڳولي لڌو هو، ۽ تنهن کان پوءِ وٽس ملاقات لاءِ پيو ايندو هو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو. انهيءَ اڪيلي گهر ۾ انهن چورن کاٽ هڻڻ ۽ چوري ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اپونائن کي انهيءَ ڳالهه جي کڻڪ پئي ۽ اتفاق سان اتي اچي نڪتي، تنهن جڏهن رات جو بي وقت پيءُ کي ۽ سندس سنگتين کي اتي ڏبو، تڏهن ميريس ۽ ڪاسيٽ سان احسان ڪرڻ جي نيت سان، جو هنن جي محبت جي خبر هيس، انهن چورن کي روڪيائين، ۽ چيائين ته ”مون کي خبر آهي ته هن گهر ۾ چوريءَ جهڙو مال ڪونهي، ناحق حلاڪ ٿيندؤ.“ چورن هن جي ڳالهه تي پت نه ڪئي، ۽ اندر ٿيڻ تي هئا ته اُن ڇوڪريءَ چيو ته: ”جي اوهين هليا نه ويندؤ ته آءٌ رڙيون ڪنديس، ۽ اوهان کي جهلائينديس.“ انهيءَ تي پڻس کي توڙي ٻين کي ڏاڍي چڙ لڳي، پر لاچار ٿي هو موٽي هليا ويا ۽ جين جو گهر چوريءَ کان بچي ويو. +انهيءَ ڏينهن، جنهن جي شام جو ڏهين بجي چور هتي چوري ڪرڻ آيا، جين وليجان باغيچي واري اڪيلي جاءِ ۾ ويٺو هو. ڪاسيٽ جي فڪر ۾ هو، جو شڪ هوس ته هن جوان ماڻهوءَ سان محبت اٿس. ٿينارڊير ۽ جاورٽ انسپيڪٽر جو به خيال دل ۾ هئس. پسار ڪندي پيلپائي تي اکر لکيل ڏٺائين: نمبر 16 رو وريري“، هڪدم هانـَـو ۾ ڌڪاءُ پيس. پڪ ٿيس ته ضرور هتي ڪو ماڻهو اچي ٿو ۽ هي نشان انهيءَ جي رهڻ جي جاءِ جو آهي. هيستائين هن جي سمجهه ۾ هو ته آءٌ شهر کان گوشائتو اڪيلو گهر ۾ ٿو گذاريان، تنهنڪري ڪنهن کي خبر نه هوندي. پر هاڻي يقين ٿيس ته ڪنهن ماڻهوءَ مون کي هٿ ڪيو ۽ گهڻو شڪ ڪاسيٽ جي دوست ۾ پيس، تنهن ڪري پڪو ارادو ڪيائين ته هتان لڏي نڪران، بلڪ فرانس ڇڏي انگلينڊ ۾ وڃي رهان. انهيءَ خيال ۾ بيٺو هو ته هڪڙو ويڙهيل ڪاغذ اچي سندس سامهون ڪـِـريو. کولي پڙهي ته انهيءَ تي پينسل سان ٿلهن اکرن ۾ لکيل آهي ته “پنهنجو گهر ڇڏي وڃو.“ هيڏي هوڏي ڏٺائين، ويجهو ڪو به ماڻهو نظر نه آيس، پري کان هڪڙوسنهڙو ڇوڪراٽ يا جوان ماڻهو ويندو ڏٺائين، جو جهٽ ۾ نظر کان غائب ٿي ويو، ۽ جين وليجان فڪرمند ٿي اندر گهر ۾ گهڙي ويو. + + +باب سترهون +چورن کي اپونائن ڇوڪريءَ، جين وليجان جي گهر ۾ کاٽ هڻڻ کان روڪي ڀڄائي ڪڍيو، تنهن کان پوءِ سگهو ئي ميريس، باغيچي جي لوڙهي وٽ آيو، جتان اندر لنگهندو هو. ڪاسيٽ کي ڀاڪر پائي ڏاڍي پيار سان اچي گڏيو هو، پر هن کي فڪر ۾ ڏسي پڇيائينس ته ”اڄ تون غمگين ۽ ملول ٿي ڏسجين، ٻيو ته خير آهي؟“ هن چيو ته ”اڄ بابي مون کي چيو ته تون تيار رهجئين، ڪنهن ٻئي پاسي لڏي هلنداسين. کيس ڪو شهر ۾ ڪم هو، اوڏانهن ويو آهي.“ هي ٻڌي ميريس ويچارو ڏڪي ويو، ڊپ ٿيس ته اوير سوير محبوب سان ملڻ جو وجهه به وڃي ٿو ۽ مورڳو جدائي ٿي پلئه پوي. ميريس پڇيس ته ڪهڙي پاسي ٿا وڃو؟“ هن چيو ته ”گهڻو ڪري انگلنڊ ڏي“. ڪڏهن وڃبو ۽ ڪيترن ڏينهن لاءِ وڃبو، تنهن جي هوءَ خبر ٻڌائي نه سگهيس. ميريس پڇيس ته ”پوءِ تون مون کي ڇڏي هلي ويندينءَ؟“ هن چيو ته ”لاچار آهيان، وڃڻ لاءِ دل نٿي چيم، پر پيءُ جي نافرماني مون ڪڏهن ڪا نه ڪئي آهي. هو مون تي تمام مهربان آهي. هن کي رنج ڪرڻ نٿي گهران.“ تنهن تي ميريس ڏک ۾ ئي چيو ته ”چڱو، خدا تنهنجو نگهبان هجي! آءٌ وڃان ٿو.“ پر، ڪاسيٽ تڪڙي ٿي ٻانهن مان وٺي جهليس، ۽ ڀاڪر وجهي پيار ڪيائينس ۽ چيائينس ته ”ميريس، جي تون ويندين ته آءٌ مري وينديس. جيسين اسين هتي آهيون تيسين ته هر روز هيڏيءَ مهل ايندو وڃ. پوءِ جيئن خدا گهريو هوندو تيئن ٿيندو.“ ميريس چيو ته ”نه، سڀاڻي آءٌ اچي ڪين سگهندس، باقي پرينءَ شايد ايندس.“ هن پڇيس ته ”ڇو، ڪو ڪم اٿئي ڇا؟ ڪيڏي ويندين؟“ ميريس چيو ته ”منهنجي رهڻ جو هنڌ نمبر 16 روريري آهي، اتي پنهنجي ڪاليج جي هڪڙي سنگتيءَ سان گڏ رهندو آهيان، جنهن جو نالو ”ڪورفيراڪ“ آهي. اهو نشان مون پيلپائي تي لکي ڇڏيو آهي. ڪنهن خط پٽ لکڻ يا احوال ڏيڻ جو ضرور ٿيئي ته اوڏي لکجئين.“ ڪاسيٽ پڇيس ته ”پوءِ نيٺ ڪهڙي رٿ ڪئي اٿئي؟“ هن چيو ته ”هينئر چئي نٿو سگهان، پرينءَ جڏهن ملنداسين، تڏهن خيال ڪنداسين. پر ايتري مون کي پڪ آهي ته خدا اسان کي هڪ - ٻئي کان ڌار ڪين ڪندو. هاڻ خداحافظ“. پوءِ هڪٻئي کان پيار مان موڪلائي ميريس، لوڙهو ٽپي هليو ويو، ۽ ڪاسيٽ گهر هلي آئي. +ميريس جي ناني گلي نارمنڊ اگرچ ميريس کي ڪاوڙ ۽ بدطبعيت کان ڪڍي ڇڏيو هو، ۽ ٻڌل رقم گذران لاءِ پهچائي پيو ڏيندو هوس، پر پوءِ به هن سان دلي محبت هيس، ۽ هن جي لاءِ هميشه پيو تانگهيندو هو. سندس ڌيءَ، ميريس جي ماسي، جا ساڻس گڏ رهندي هئي ۽ ميريس جي فائدي ۾ هئي، تنهن پهرين پنهنجي پيءُ کي ٺارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ڏٺائين ته پڻس مڙڻ جو ڪين آهي، تڏهن ماٺ ڪري ويهي رهي. ٻيو هڪڙو نوجوان سنديس ڪٽنب جو، پڻس جو ڏهٽو، جنهن جو نالو ٿيو ڊُول هو ۽ جو جنگي کاتي ۾ ڪپتان هو ۽ اڪثر ٻاهر گذاريندو هو، تنهن کي گهر آڻڻ لڳي ۽ ميريس جي جاءِ تي ان جا پير کوڙڻ لڳي. پڻس پهرين انهيءَ تي راضي ٿيو ۽ ميريس واري ساڳي مهرباني مٿس ڪرڻ لڳو، پر جڏهن معلوم ٿيس ته جنگي کاتي ۾ بادشاهه جي طرف وارن مان آهي، نه مخالف طرف مان، تڏهن انهيءَ کان به بيزار ٿيو. اهو اگرچ ميريس جو سؤٽ هو ته به ڌار رهڻ ڪري هڪٻئي جا ڏٺل نه هئا، ۽ هڪٻئي کي ڪين سڃاڻندا هئا. ٿيوڊول ڪڏهن ڪڏهن ڪاسيٽ جي گهر جي باغيچي وٽان به لنگهندو هو ۽ پنهنجي پوشاڪ ۽ جنگي ڊريس ڏيکاري، سندس اڳيان لنگهندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته جيئن کيس موهي، پر ڪاسيٽ ڏانهنس خيال به نه ڏيندي هئي، جو هن جي دل ميريس سان ڦاٿل هئي، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي. +هينئر اوچتو ميريس پنهنجي ناني جي گهر گهڙي آيو. ماسيس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو هو. ڊوڙي وڃي پيءُ کي ٻڌايائين، جو نهايت خوش ٿيو، ۽ هن کي گهرائي پيار ڪيائين ۽ حال احوال پڇيائينس. ميريس کانئس معافي گهري، ۽ اڳتي مهربان رهڻ لاءِ عرض ڪيائين. هڪ ڏينهن وجهه وٺي چيائينس ته ”آءٌ شادي ڪرڻ جي موڪل وٺڻ آيو آهيان، جو ائين ڪرڻ مون پاڻ تي فرض سمجهيو.“ نانس چيو ته ”ڇا، ايڪيهين ورهين جو ٻار ٿو شادي ڪري -- سو به اڳئي بندوبست ڪري آيو آهين، ۽ فقط نالي جي لاءِ وات ٺـُـڪائي ڪرڻ آيو آهين، ۽ بئرسٽريءَ مان شايد گهڻي دولت ڪمائي اٿئي يا اها ڇوڪري دولتمند آهي؟“ ميريس ورندي ڏني ته ”نڪي هونئن آهي، نڪي هونئن. مون جهڙي درجي ۽ مون جهڙي حال واري آهي، پر ڏاڍي خوبصورت ۽ نيڪ آهي ۽ اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت آهي.“ وري پڇيائينس ته ”ڪنهن جي ڌيءَ آهي؟“ هن چيو ته ”فاشل ونٽ نالي هڪڙو اشراف پنهنجي ملڪيت وارو شخص آهي. تنهن جي ڌيءَ آهي. پڪپس کي ويجهو گهر ۽ باغ اٿن.“ هي ٻڌي نانس ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. چيائين ته واه، بئرن پانٽمرسي، گلي نارمنڊ جو ڏهٽو! هڪڙي فقيرياڻي سان ٿو شادي ڪري، جا بازار مان ٿوم ۽ بصر خريد ڪري، سندس ماني رڌيندي. واه، چڱي شادي ٿو ڪرين- وڃ، مون وٽان نڪر. جنهن سان وڻئي تنهن سان وڃي شادي ڪر. منهنجو تو سان ڪو واسطو ڪونهي. هان، هي سؤ مهرون اٿئي، وڃي پنهنجي ڪم لاءِ. ميريس گهڻا مٿا هنيا ۽ ماسيس به سندس گهڻي سفارش ڪئي. ته به ڪراڙو مڙڻ جو ڪين ٿيو، ٿورو رکي پوءِ هن کي چيائين ته ”پڪپس نالو مون کي دل سان لڳي ٿو. انهيءَ جي نزديڪيءَ ۾ پلٽڻ جون بارڪون آهن، اُتي تنهنجو سؤٽ ”ٿيوڊول“ رهندو آهي، اهو به ته شاديءَ کان سواءِ پيو گذاري، تون به ائين گذار. آءٌ جڏهن اوهان جيڏو هوندو هوس، تڏهن ائين ئي گذاريندو هوس. شاديءَ جي يادگيري ئي ڪا نه هوندي هيم.“ پوءِ سڏي آهستي ڪن ۾ چيائينس ته ”منهنجي صلاح اٿئي ته شادي نه ڪر، ائين وٺي کڻي ويهارينس.“ هي ٻڌي ميريس نفرت ۽ ڪاوڙ کان پري ڀڄي وڃي بيٺو. چيائين ته ”نانا، افسوس جي ڳالهه آهي جو پنج ورهيه اڳي اوهان منهنجي پيءُ سان جـُـٺ ڪئي ۽ هن کي ملڪ ڇڏايو، ۽ مون کي انهيءَ کان عمر لاءِ ڌار ڪيوَ، ۽ اڄ وري مون کان پنهنجي زال ٿا عمر لاءِ ڇڏايو. بس مون کي ٻيو ڪي به چوڻو ناهي- آءٌ وڃان ٿو.“ ائين چئي ٻاهر هليو ويو. ڪراڙو وات پٽي حيران ٿي ويو. هٿ ڏڪڻ لڳس، ۽ ذري گهٽ ڪـِـرڻ تي هو. ميريس کي گهڻا سڏ ڪيائين، ٻين کي چيائين ته هن کي سڏ ڪريو، پر ميريس ڇوهه مان هليو ويو ۽ نظر کان نڪري ويو. +ميريس اهو سڄو ڏينهن ڏاڍي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ شهر جي گهٽين ۾ رلندو وتيو. انهيءَ انتظار ۾ هو ته رات پوي ته ڪاسيٽ کي وڃي ڏسان. شهر گهمندي گڙٻڙ ڏٺائين. شهر جي گهڻن ماڻهن دنگي فساد ڪرڻ جو منصوبو ڪيو هو. ماڻهن ڇلنگيون ڇلنگيون ڪيو پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون ۽ وڙهڻ لاءِ جايون پئي جانچيائون ۽ سامان پئي گڏ ڪيائون. جڏهن رات پيئي ۽ ٺهرايل وقت نـَـو - ڏهن بجن جو اچي ٿيو، تڏهن هو باغيچي جي لوڙهي وٽ ويو ۽ اندر لنگهڻ جي ٿي ڪيائين ته ڏٺائين ته ڪاسيٽ هميشه وانگي اُتي بيٺل ڪانهي. وڃي در کڙڪايائين، اگرچ ڊپ ٿيس ته متان پڻس ڏسي وٺي، پر ڪو به جواب ڪو نه آيو ۽ ظاهر هو ته هو اڳيئي اتان لڏي هليا ويا آهن. +اڃا ميريس وائڙو ٿيو بيٺو هو ته ٻاهران ڪنهن سندس نالو وٺي سڏ ڪيو. آواز اپونائن ڇوڪريءَ جهڙو هو. جڏهن اوڏي ويو، تڏهن پري کان ڏٺائين ته هڪڙو جوان مڙس اونداهيءَ ۾ ڀڄندو وڃي. + + + +باب ارڙهون +هن باب ۾ انهن واقعن جو اشارو آهي، جي تاريخ جي ڪتابن ۾ مشهور آهن، ۽ جي 1832ع ۾، فرانس جي مکيه شهر پئرس ۾ ٿي گذريا- ٽي مهينا ساندهه وبا جي مرض شهر جون گهٽيون صفا ڪري ڇڏيون هيون، تنهن کان پوءِ فساد جو کورو دکڻ لڳو هو. باهه جي ڀڙڪڻ لاءِ سڀ سامان تيار هو، فقط هڪڙي چڻگ درڪار هئي، ۽ ”اها جنرل لامارڪ“ جي مرڻ سان اچي پئي. اهو جنرل پنهنجي ملڪ ۽ ملڪي ماڻهن لاءِ ساهه ڏيندو هو، ۽ نيپولين بوناپارٽ جو خاص طرفدار هو. جيئن نيپولين ”لشڪر“ جو لفظ واتان ڪڍندي دم ڏنو هو. تيئن لامارڪ به ”ديس“ جو لفظ واتان ڪڍندي دم ڏنو هو. هو ويلنگٽن جو جاني دشمن هو ۽ ورهين کان واٽرلو واريءَ لڙائيءَ جو سور دل ۾ سانڍيو آيو، ۽ اُهو وير سدائين دل ۾ تازو رکندو آيو: هن جي مرڻ سان ملڪ ۾ ماتم پئجي ويو، ۽ اهو ماتم جلد بدلجي هڪڙو عظيم فساد ٿي پيو. گهڻا ڏينهن اڳي انهي فساد جا افواهه اٿڻ لڳا: غريب غربا، ڪاسبي، ڪڙمي، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا شاگرد هٿيار يا اوزار، جيڪي هٿ آين، سو کڻي زور سان مڙهيل حڪومت جي برخلاف ٿي بيٺا، ۽ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. سرڪار کي جيڪو احتياط وٺڻو هو سو انهيءَ ورتو، ليڪن انهيءَ مان ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو- ڳالهه زور پئجي ويئي، پلٽڻيون نڪري آيون ۽ ڪيترائي ماڻهو شڪ ۾ يا ڊپ کان ناحق ماريا ويا. +فساد شروع ٿيڻ ۾ دير ڪا نه ٿي ٿئي: گوڙ گڙٻڙ شروع ٿي، دڪان بند ٿيا، ماڻهو گڏ ٿيا، در دروازا ڀڳائون، ڌڪ لڳا. ۽ رڙيون ۽ دانهون ٿيون. اڌ ڪلاڪ جي اندر شهر ۾ ويهن هنڌن تي نوجوان شرابخانن ۽ هوٽلن ۾ حڪومت جي برخلاف گڏ ٿيڻ لڳا. سڀني جو اهو نعرو هو ته ”يا رعيتي راڄ، يا موت! ويهن ٽيهن هنڌن تي مورچا ٻڌي آڏون ڏئي سرڪاري لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا، ۽ تراريون ۽ بندوقون ۽ توبون موجود ڪري ويهي رهيا. وري اهو ڏينهن ڪهڙو هو: مينهن جا وسڪارا پئي ٿيا. ٻيا ته سڀ وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا، پر ننڍو گوروس به لٺ کڻي وڙهڻ لاءِ سنڀريو، ۽ پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي ڪنهن پناهه جي جاءِ ۾ لڪائڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪيائين. پوءِ هو انهيءَ ٽوليءَ ۾ وڃي گڏيو، جنهن جا مهندار چار - پنج ڪاليج جا ن��جوان شاگرد هئا، ۽ جن مان مکه هڪڙو ”ڪورفيراڪ“ ۽ ٻيو ”انجولراس“ هئا، جي ٻيئي ميريس جا سنگتي هئا، ۽ جن مان پهرئين سان ته ميريس هاڻ به گڏ رهندو هو. انهن کي تراريون بندوقون، ۽ تپاچا هئا. هنن نوجوانن کي مچرڪو ڪري هلندو ڏسي شاگرد، واڍا، لوهار ۽ ڪيترا ٻيا ماڻهو به گڏجي ويا. هلندي هلندي هڪڙي هوٽل ۾ آيا. اها جاءِ سڀني باغين جي گڏ ٿيڻ ۽ دشمن کي سامهون ٿيڻ جي مقرر ڪيائون. هوٽل جو مالڪ توڙي سندس نوڪر ۽ نوڪرياڻيون سندن مددگار ٿيون. ماڙيءَ تي بيهي ۽ بندوقن هڻڻ جي جاءِ مقرر ڪيائون، ۽ هيٺ سامان رکي ۽ پهري بيهارڻ جو بندوبست ڪيائون. اهڙو چڱو بندوبست ڪيائون، جو ڄڻ ته هڪڙو مضبوط قلعو ٻڌي ڇڏيائون، ۽ اهو سڀ ڪم هڪڙي ڪلاڪ جي اندر ڪري ڇڏيائون. عمارت تي پنهنجا جهنڊا کڻي چاڙهيائون: بي انداز بارود گڏ ٿي ويو ۽ سڀڪنهن کي ورهائي ڏئي ويا. آسپاس گهٽين جي منهن وٽ پهري وارا بيهاري ڇڏيائون. ۽ پڻ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا. +جنهن قسم جو بندوبست شهر جي هن پاسي ٿيو هو، يعني بلورڊ مڪان جي نزديڪيءَ ۾، اهڙو بندوبست شهر جي ٻين ٽيهن هنڌن تي اک ڇنڀ ۾ ڪري ورتائون. رات پيئي ته هر هنڌان گوڙ ۽ بندوقن جا ٺڪاءَ پئي ٻڌڻ ۾ آيا. باغين اڃا ڪا ڪاهه ڪا نه ڪئي هئي. اڃا به ماڻهو هڪڙو- هڪڙو ٿيو هنن سان شامل ٿيڻ لاءِ پئي آيا. گوروش سڀني کي پنهنجن چرچن ۽ مسخرين سان خوش ٿي ڪيو ۽ پنهنجون چالاڪيون پئي ڏيکاريائين. ائين ڪندي هڪڙو مضبوط قداور مڙس شامل ٿيڻ لاءِ لنگهي آيو. گوروش انهيءَ سان به مسخريون ڪرڻ لڳو ۽ ذري ذري چتائي منهن ۾ ڏسڻ لڳس. پوءِ آهستي وڃي ڪورفيراڪ ۽ انجولراس کي ڪن ۾ چوڻ لڳو ته ”هي شخص جاسوس اٿوَ“ هنن پڇيس ته ”پـَـڪ ٿو چوين؟، هن چيو ته ”مون کي پڪ آهي، آءٌ سڃاڻانس ٿو. سرڪاري ماڻهو آهي، جاسوس ٿي آيو آهي.“ پوءِ ته سڀني اچي کانئس پڇيو ته ”تون ڪير آهين؟“ هو پهرين ته نٽائڻ لڳو، پر پوءِ جڏهن زور ڀريائونس، تڏهن چيائين ته ”آءٌ سرڪاري عملدار آهيان، ۽ منهنجو نالو جاورٽ آهي.“ انجولراس چئن ڄڻن کي اشارو ڏنو ته اک ڇنڀ ۾ انهن کڻي پڪڙيس. سندس بدن تلاشيءَ مان هڪڙي گهڙي ۽ ڪي مهرون لڌيون، جي ڇڏي ڏنائونس. پوءِ کيس جاءِ جي هڪڙي ٿنڀ سان ٻڌي، وچ تي ويهاري ڇڏيائونس. گوروش چرچو ڪري چوڻ لڳو ته ڏسو ته مون جهڙي ڪـُـوئي ڪيئن نه هن ٻلي جهڙي مڙس کي آڻي ڦاسايو آهي.“ +جاورٽ نڪا دانهن ڪئي، نڪا ڪوڪ، ۽ نڪي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ مٿو هنيائين. ماٺ ڪري ويهي رهيو. +ميريس پنهنجي محبوب کي ويل ڏسي نااميد ٿيو بيٺو هو، ته ڪو ماڻهو سڏي ويس. هي انهيءَ جي پٺيان لڳي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو. رستي ۾ ويچار ڪندو آيو ته ”جي ڪاسيٽ انگلينڊ ڏي يا ٻئي پاسي هلي ويئي“ ته پوءِ منهنجو جيئڻ اجايو آهي. انهيءَ کان ته مرڻ بهتر آهي“. گهر اچڻ سببان خبر پيس ته جيتري عرصي ۾ پاڻ نڪتو هو، انهيءَ عرصي ۾ شهر جو ڦرڪو ڦري ويو- هر هنڌ فساد ۽ مارا ماري شروع ٿي ويئي هئي. ڪورفيراڪ جنهن سان گڏ پاڻ رهندو هو، تنهن کي هن ڳولي اچي لڌو. دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته ساڻس وڃي شامل ٿئي ته هن وڙهندي مارجي وڃي. هن کي پنهنجو پيءُ ياد پيو، دل ۾ آيس ته ڇو نه پاڻ به اها ئي پيروي ڪري ۽ اهڙو نالو ڪڍي ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيئي ۽ رت وهائي. پوءِ ته هوٽل ۾ اچي پنهنجين باغين سنگتين سان گڏيو ۽ کانئن هڪڙي بندوق وٺي تيار ٿي ويو. +رات جي ڏهين بجي جي مهل هئي، سڀ تيار ٿيا بيٺا هئا ته پري کان هڪڙي پلٽڻ مشعلن سان ايندي ڏٺائون. جڏهن اها پلٽڻ هوٽل کي اچي سامهين ٿي، تڏهن انهيءَ جي اڳواڻ هڪل ڪري پڇيو ته ”دوست يا دشمن؟ سرڪاري يا فسادي؟“ انجولراس مٿان دريءَ مان منهن ڪڍي چيو ته ”فرانس جا باغي!“ تڏهن انهيءَ آفيسر حڪم ڪيو ته ”بندوقون ڇوڙيو.“ هڪدم بندوقن جو دس ڇٽي ويو. گولين جو وسڪارو ٿيو- کتل جهنڊو ڀڄي ڪـِـري پيو ۽ ڪيترا ماڻهو ڦٽجي پيا. اهڙيءَ ڪاهه جي وقت سڀ ماڻهو پنهنجا پنهنجا هٿيار کڻي پنهنجون جايون وٺي بيٺا هئا. فقط جاورٽ جاءِ جي وچ ۾ ٿنڀ سان ٻڌو ويٺو هو، ۽ فسادين مان هڪڙو ترار ڪڍيو مٿانئس بيٺو هو. گوروش آسپاس جي نظرداريءَ ۽ پهري لاءِ بيٺل هو. هن ڏٺو ته سرڪاري پلٽڻ وارن مان ڪي هوٽل ۾ اچي گهڙيا آهن ۽ مٿي ٿا چڙهن. ڊپ ٿيس ته متان لحظي ۾ سڄي جاءِ جا مالڪ نه ٿي وڃن، سو هڪدم وڃي انجولراس ۽ ڪورفيراڪ کي ٻڌايائين. باغي هڪدم اچي انهن جي سامهون ٿيا، ۽ هڪ - ٻين کي بندوقون هنيائون. ذري گهٽ ڪورفيراڪ ۽ گوروش ماريا هئا، پر ميريس اوچتو حملو ڪري ڪاهه ڪندڙن کي ماري وڌو، ۽ پنهنجي ساٿين کي بچايائين. +انهيءَ وچ ۾ سرڪاري پلٽڻ جو گهڻو ڀاڱو ڪاهي اندر آيو ۽ هوٽل جو وڏو حصو هٿ ڪري ويا. جڏهن اچي ٻئي طرف مقابلي لاءِ آمهون سامهون ٿيا، تڏهن سرڪاري طرف واري عملدار هنن کي چيو ته ”هڪدم پيش پئو نه ته مارجي ويندؤ.“ تنهن جي ورندي ۾ انجولراس پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته ”بندوقون هڻو!“ هڪدم ٻنهي طرفن جا دس ڇٽي ويا ۽ ٻنهي پاسي ڪيترا ماڻهو ڪـِـري پيا. ايتري ۾ ميريس وڃي هڪڙو باروت جو پيپ گهلي، مشعل هٿ ۾ کڻي اچي وچ تي بيٺو، ۽ سرڪاري پلٽڻ وارن کي چيائين ته ”نڪري وڃو، نه ته سڄي جاءِ کي اُڏائي ٿو ڇڏيان. اوهين توڙي اسين سڀ اڏامي وينداسين.، ائين چئي، مشعل انهن کي ويجهو ٿي ڪيائين، ته سڀ سرڪاري ماڻهو عمارت ڇڏي ڀڄي ٻاهر ٿيا، ۽ پنهنجا ڦٽيل سنگتي به ڇڏي ويا، ڇاڪاڻ ته پڪ ٿين ته هي فسادي پنهنجي سر تان آسرو لاهيو بيٺا آهن، ساڻن مقابلو ڪرڻ آسان نه آهي. +ميريس جي اهڙي جانفشائي ۽ چالاڪي ڏسي، ڪورفيراڪ ۽ انجولراس هن کي ڀاڪر وجهي ملڻ لڳا. تنهن کان پوءِ ته سڀني باغين هن کي کڻي پنهنجو مهندار ڪيو، ۽ سڀ ڪم هن جي حڪم سان ٿي ڪيائون. ميريس انهيءَ مهل اهڙو سرگرم هو جو ڪاسيٽ به وسري ويئي هيس. انهيءَ جوش ۾ هن جاورٽ کي به ڪين سڃاتو، جو اڃا تائين اتي ٻڌو بيٺو هو. +باروت جي ڦاٽڻ جي ڊپ کان سڀ سرڪاري سپاهي جاءِ ڇڏي گهٽيءَ جي منهن وٽ وڃي گڏ ٿيا- حڪم جي لاءِ، يا مدد جي لاءِ منتظر ٿي بيٺا. انهيءَ وچ ۾ جيڪي ڊاڪٽري ڪاليج جا شاگرد باغين سان شامل هئا، سي زخمين جي مرهم پٽي ۽ ٻي سنڀال ڪرڻ لڳا. ميريس فسادين جي مهندار، پنهنجي ساٿين کي ٻيهر مقابلي لاءِ تيار رهڻ جو بندوبست پئي ڪيو ۽ هيڏي هوڏي ٿي آيو ويو، ته رستي ۾ هڪڙي سنهڙي آواز واري ماڻهوءَ آهستي سندس نالو وٺي سڏڪيو هن بيهي انهيءَ ڏي منهن ڪيو. ڏسي ته اپونائن ڇوڪري آهي، جا مرداني ويس ۾ هٿيار کڻي باغين سان اچي شامل ٿي آهي. اهو ڏسي ڏاڍي حيرت لڳيس. +حقيقت هيءَ آهي ته اها اپونائن، جا ڪڏهن ڪڏهن ميريس جو ڪاسيٽ ڏانهن پيغام نيندي هئي، تنهن جي پاڻ ميريس سان محبت ٿي ويئي هئي ۽ ڪاسيٽ سان حسد يا پهاڄپو ٿي پيو هوس. انهيءَ ڪري هوءَ اڪثر ميريس جي صدقي ڪاسيٽ جي خيرخواهي ڪندي هئي، جيئن هڪڙي ڀيري ڪاسيٽ جي گهر کي چورن کان بچايائين. ۽ جڏهن معلوم ٿيس ته ميريس ڪاسيٽ جي اوچتي گم ٿي وڃڻ ڪري ڏاڍو نااميد ٿيو آهي، ۽ فسادين سان شامل ٿي مرڻ ٿو گهري، ۽ اها به خاطري ٿيس ته انهيءَ کي وساري ساڻس محبت نه رکندو، تڏهن پاڻ به انهيءَ سان گڏ مرڻ ۾ راضي ٿي. انهيءَ ارادي سان ويس بدلائي اچي شامل ٿي. اها ئ�� هئي جنهن اُتان سڏي آندو هوس، ۽ هاڻ هن جي بهادري ڏسي ۽ مهنداري مڃي ڏاڍي خوس ٿي ۽ پاڻ سڃارائڻ لڳي. ميريس پڇيس ته ”تون ڇو هتي آئي آهين؟“ هن چيو ته ”مرڻ لاءِ!“ ميريس ڏٺو ته هن کي زخم به رسيو آهي ۽ رت به پيو وهيس، کٻي هٿ مان گولي لنگهي وئي هيس- هڪڙي سرڪاري سپاهيءَ کي ميريس تي بندوق ڇوڙيندي ڏٺائين، ته جهٽ ۾ بندوق جي منهن تي هٿ رکي هٽائي پاسي ڪيائين. بندوق ڇٽي، ميريس بچي ويو، ۽ هن جي هٿ مان گولي لنگهي ويئي. ميريس کي ڏاڍو قياس پيو. +ڀائيائين ته کڻي هنڌ تي سمهاريس ۽ مرهم پٽي ڪرائيس، پر هن چيس ته ”گولي هٿ مان لنگهي، پوءِ آرپار پٺن مان نڪري وئي آهي، تنهنڪري علاج ڪرڻ اجايو آهي. آءٌ مرڻ تي آهيان، فقط ٿوري گهڙي مون وٽ ويهه“. ميريس ويهي رهيو. هن پنهنجو مٿو هن جي جهوليءَ ۾ رکيو ۽ چيائين ته ”هاڻ مون کي ڏاڍو آرام ٿو اچي. سڀ سور وسري ويم. هاڻ آءٌ وڃان ٿي. اميد آهي ته هـُـن جهان ۾ ملنداسين. شايد تون به جلد منهنجي پٺيءَ ايندين، جو مرڻ لاءِ تيار ٿيو آهين. مون تنهنجي لاءِ هڪڙو خط لکيو هو ۽ ٽپال ۾ ٿي وڌم، پر ڊنيس ته متان تون ڪاوڙجين، اُهو منهنجي کيسي ۾ پيو اٿيئي.“ +ميريس سندس کيسي مان اهو خط ڪڍي ورتو. وري به هوءَ چوڻ لڳيس ته ”چڙين متان --- منهنجي تو سان ڏاڍي محبت هئي. هاڻ مون سان انجام ڪر ته جڏهن آءٌ مران تڏهن هڪڙي چمي ڏجئين.“ سگهو ئي هن سڏڪا ڀري دم ڏنو، ۽ ميريس اهو انجام پورو ڪيو. پوءِ پاسي تي هڪڙيءَ بتي وٽ بيهي اُهو خط ڏسڻ لڳو. ڏسي ته اهو خط ڪاسيٽ جو آهي. هيئن لکيل آهي- ”منهنجا پيارا، افسوس آهي ته منهنجي پيءُ زور لاتو آهي هڪدم هتان نڪري هلون. اڄ رات اسين هوم آرمي واري گهٽيءَ جي گهر نمبر ستين ۾ هونداسين، هفتي جي اندر لنڊن پهچنداسين -- ڪاسيٽ.“ +ڳالهه هيئن آهي ته انهيءَ رات اپونائن جو ارادو اهو هو ته پنهنجي پيءُ ۽ ٻين چورن کي چوريءَ کان روڪي ۽ ميريس ۽ ڪاسيٽ جي وچ ۾ جدائي وجهي. جين وليجان کي به انهيءَ ڪاغذ اڇلائي ڏنو هو، جنهن ۾ لکيو هئائينس ته هڪدم اهو گهر ڇڏي وڃو. انهيءَ ڪاغذ ڏسڻ شرط جين وليجان گهر ويو ۽ تيار ٿيڻ لڳو وٺ پـُـڄ ۾ ڪاسيٽ ميريس ڏي مٿيون مختصر خط لکي، مٿا هڻڻ لڳي ته ڪيئن ٽپال ۾ وجهان، ته ٻاهر اپونائن کي مرداني پوشاڪ ۾ ڏٺائين، جا باغيچي جي آسپاس پئي گهمندي هئي. انهيءَ کي ڏنائين ته ڀلائي ڪري کڻي وڃ ۽ ٻه - ٽي رپيا خرچي به ڏنائينس. هن خط کڻي کيسي ۾ وڌو. +ميريس ڪاسيٽ جي خط کي چميون ڏيڻ لڳو. اتي لحظي تائين خيال ٿيس ته نه مران ته چڱو، من ڪڏهن ملانس به. پر ياد پيس ته هن کي پيءُ انگلينڊ ڏي وٺي ويندو ۽ نانو مون کي هن سان شادي ڪرڻ جي موڪل نه ڏيندو-- تنهنڪري مرڻ بهتر آهي. پر انهيءَ کان اڳي ٻه فرض ضروري نظر آيس: هڪڙو ڪاسيٽ کي پنهنجي موت جي خبر ڏيڻ ۽ خدا حافظ چئي موڪلائڻ، ۽ ٻيو اپونائن جي ڀاءُ ۽ ٿينارڊير جي پٽ گوروش کي موت کان بچائڻ. هڪدم کيسي مان پاڪيٽ بڪ ڪڍي پينسل، سان انهيءَ تي هيئن لکيائين: ”پنهنجي شادي ناممڪن، نانو اجازت نٿو ڏئي، جو نڪا تو وٽ دولت آهي، نڪا مون وٽ. آءٌ تنهنجي گهر آيس پر تون ڪانه هئينءَ. مون تو سان جو انجام ڪيو هو سو تو کي ياد هوندو- آءٌ مران ٿو. جيستائين هي ڪاغذ تو کي پهچندو، تيستائين منهنجو روح تو وٽ هوندو ۽ تو کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو ۽ مرڪندو، تڪڙ ۾ ڪاغذ ويڙهي تهه ڪري، سواءِ لفافي چنبڙائڻ جي انهيءَ تي هي سرنامو لکيائين: ”مس ڪاسيٽ فاشل ونٽ کي نمبر 7، هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾ ملي.“ +تنهن کان پوءِ پنهنجي پاڪيٽ جي پهرين صفحي ۾ لکيائين ته ”منهنجو نالو م��ريس پانٽمرسي آهي. منهنجو لاش منهنجي ناني گلي نارمنڊ وٽ، نمبر 6 ڪلوير مڪان ۾ پهچي.“ پوءِ گوروش کي سڏي چيائين ته ”ڀلائي ڪري هي خط راتو رات وڃي پهچائي آءُ. هوٽل جو گهيرو اميد آهي ته صبح تائين هلندو.“ اگر گوروش جي مرضي هئي ته پاڻ حاضر رهي ٻين سان گڏ وڙهي، پر ميريس جو حڪم ضرور مڃڻو ٿيس. اها گهٽي پري نٿي سجهيس، تنهنڪري ارادو ڪيائين ته خط ڏئي وري ڊوڙي اچي هتي به شامل ٿي سگهندس. اهو ارادو ڪري خط کڻي اٿي ڀڳو. + + +باب اوڻيهون +انهيءَ ساڳئي ڏينهن، رات جو سنجهي مان جين وليجان، ڪاسيٽ ۽ نوڪرياڻي ساڻ ڪري، هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾ اچي رهيو. نڪرڻ کان اڳي پيءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ اهو پهريون ئي دفعو هو جو مرضيءَ جو اختلاف پيدا ٿيو. ڪاسيٽ اعتراض اٿارڻ لڳي ۽ عذر ۽ بهانا ڪرڻ لڳي، پر جين وليجان مڙڻ جو نه ٿيو. شام جو مٿي جو سور جي بهاني تي اندر در بند ڪري وڃي ويٺي، ۽ اتي ميريس ڏي خط لکي ورتائين. جين وليجان نوڪرياڻيءَ جي واتان پئي ٻڌو، جو چيائين ٿي ته شهر ۾ گڙٻڙ ٿي ٻڌجي، پر هن جو خيال ٻئي پاسي هو ۽ گهڻو بي آرام ٿي ڏٺو ۽ گهڻو پسار پئي ڪيائين. اوچتو پاسي تي رکيل آرسيءَ واري ميز تي، مس چٽي تي لکيل ابتا اکر آرسيءَ ۾ نهاريندي سبتا پڙهيائين. ڪاسيٽ تڪڙ ۾ خط لکي، مٿانئس مس چٽو هڻي، سڪائي، ڪاغذ کڻي هلي ويئي. انهيءَ ننڍڙي خط جو مضمون پڙهي حيران ٿي ويو، بلڪ مٿو ڦرڻ لڳس. وري به مس چٽو آرسيءَ جي سامهون جهلي پڙهيائين. پوءِ خيال ڪرڻ لڳو ۽ ڄاتائين ته زماني جا عجب رنگ آهن! پوءِ نوڪرياڻيءَ واري ڳالهه ياد پيس، ڀانيائين ته نڪري سماءُ رکان. يارهين بجي جو وقت هو گهٽين ۾ آيو ته پري کان هـُـل ۽ گوڙ ٻڌائين. ڪٿان ٺڪاءَ به پئي آيا، اهي ٺڪاءَ شايد انهيءَ ڪاهه جا هئا، جا سرڪاري پلٽڻ هوٽل تي ڪئي هئي. اتي هڪڙو ڇوڪراٽ گهٽيءَ ۾ گڏيس. اهو گوروش هو. اُنهيءَ هن کان پڇيو ته ”سائين، هن گهٽيءَ ۾ گهر نمبر ستون ڪهڙو آهي؟“ جين کي هڪدم ڪاسيٽ وارو خط دل سان لڳو ۽ شڪ پيس. هن کي چيائين ته ”خط آندو اٿيئي نه؟ اهو مون کي ڏي. ڇوڪر چيو تون زال ته ناهين. خط زال ماڻهوءَ لاءِ آهي.“ جين چيو ته ”مس ڪاسيٽ جي لاءِ آهي نه؟“ هن چيو ته ”هائو“. جين چيو ته ”اهو مون لاءِ آهي.“ خط وٺي ٻيو حال احوال به ورتائينس، ۽ ڇوڪر تڪڙوئي موڪلائي هليو ويو. جين وليجان خط وٺي اندر آيو ۽ کوليائين ته نظر پريندي انهن لفظن تي پيس ته ”آءٌ مران ٿو، جيستائين هي ڪاغذ تو کي پهچندو تيستائين منهنجو روح تو وٽ هوندو...“ حيران ٿي ويو. ڄاتائين ته اڌ رات ٿي وئي آهي ۽ ٻه دس بندوقن جا به ٻڌڻ ۾ آيا. پڪ آهي ته هيستائين ميريس مري ويو هوندو. اهو به ڏٺائين ته هي خط موڪليل هو ته سڀاڻي صبح جو ڪاسيٽ پڙهي. خيال ڪيائين ته اهو بلوو ضرور صبح تائين هلندو. ۽ رات جي اندر اها هوٽل، جتي باغي گڏ ٿيا آهن، سا وٺي نه سگهندا. هڪڙي ڪري خوش ٿيو ته جنهن ماڻهوءَ کان آءٌ ٿي ڀڳس ۽ جو منهنجي ڌيءُ جي پٺيان هو، تنهن کان ڇٽس. خط کڻي کيسي ۾، وڌائين، ۽ پاڻ سنڀري تيار ٿي بندوق ڪارتوسن سميت کڻي انهيءَ هوٽل ڏي هليو. ڄاتائين ته جڏهن ههڙا معصوم ڇوڪرا به ملڪ جي ڀلي لاءِ پيا وڙهن ۽ مارجن، تڏهن آءٌ ڇو نه وڃان. +هوٽل ۾ انجولراس، ڪورفيراڪ ۽ ميريس جي نظر هيٺ هر قسم جي تياري پئي ٿي. ستٽيهه ڄڻا وڃي اُتي بچيا هئا. سڀ گهٽ بند ڪري مٿي ماڙيءَ تي بندوقون کڻي ويهي رهيا. ٻين اڃا ڪا اڳ ڳڻتي پئي ڪئي، پر ميريس، جو موت جي لاءِ سنڀريل هو، سو وڙهڻ لاءِ تڪڙو هو. ڀانيائين ته جيئن جلد دسمن اچن ته وڙهي ساهه ڏيان. ٽين بجي جي مهل ه��ي، جو جين وليجان به رلندو رلندو اچي اتي نڪتو، ۽ لنگهي اچي باغين سان شامل ٿيو. انجولراس کي شڪ هو ته الائجي دوست آهي يا دشمن، پر ميريس جو ڏٺل هو، تنهن چيو ته ”آءٌ سڃاڻانس ٿو، هن جو نالو فاشل ونٽ آهي.، تڏهن رهڻ ۽ شامل ٿيڻ ڏنائونس. +مٿي ماڙيءَ تي بندوبست پورو رکي، انجولراس هيٺ لٿو، جتي جاورٽ ٻڌو ويٺو هو. انهيءَ کان پڇيائين ته ”ڪي گهربل اٿئي؟“ هن چيو ته .ڪي به ڪين - ڪڏهن ٿا مون کي ماريو؟“ هن چيو ته ”تڪڙ نه ڪر، اسان کي اڃا ڪارتوس ٻئي بهتر ڪم لاءِ بچائڻا آهن.“ جاورٽ چيو ته ”تڏهن مون کي اُڃ لڳي آهي، ڪي پيئڻ لاءِ ڏيو.، انجولراس گلاس پاڻيءَ جو آڻي ڏنس، جو هن پيتو. پوءِ چوڻ لڳو ته اوهان مون کي ڏاڍو ڏکيو ٻڌو آهي. سڄي رات هيئن ويٺو رهيو آهيان. ٻڌوم ڀلي، پر ڪنهن ميز تي سمهاري ٻڌوم ته ٽنگون ته ساهيان؟“ +انجولراس ڪن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته هن کي ڇوڙيو. چئن ڄڻن هن کي ڇوڙيو، ۽ هڪڙو ترار ڪڍي بيٺو- جاورٽ جا هٿ پٺن سان ٻڌل هئا ۽ هڪڙو مضبوط رسو چيلهه ۽ پيرن ۾ پيل هوس. پاسي تي هڪڙي ميز پئي هئي، اوستائين وٺي ويس ۽ انهيءَ تي سمهاري ٻڌائونس. جين وليجان به اتي اچي نڪتو. جاورٽ جي نظر انهيءَ تي پيئي، پر نڪو ڇرڪ ڀريائين، نڪا حيرت لڳيس. جين به چتائي ڏٺس. اتي پرهه ڦٽي ۽ ڏينهن ٿيو. اوچتو ٻاهر هڪڙي گهٽيءَ کان سرڪاري سپاهي هڪڙي توب ڪاهيندا آيا. پري کان انجولراس پنهنجن ماڻهن کي بندوق جي دَسَ هڻڻ لاءِ حڪم ڏنو. هڪدم بندوقون ڇٽيون. دونهي سان توب ۽ انهيءَ جا ماڻهو ڍڪجي ويا. لحظي کان پوءِ دونهون لٿو. جيتري ۾ هنن وري بندوقون ڀريون، تيتري ۾ توب وارن توب ڇوڙي ۽ گولو اچي هوٽل کي لڳو. انهيءَ وقت گوروش ڊوڙيندو اندر لنگهي آيو. ميريس ڏسي ورتس. پاسي تي نيئي پڇيائينس ته “تون ڇو موٽي آئين؟ مون تو کي موڪليو هو ته مرڻ کان بچين. ڀلا ٻڌاءِ ته خط پهچايئه؟“ گوروش ڪوڙ ڪري چيو ته ”گهر جي مالڪياڻي، جنهن ڏي خط هو سا سـُـتي پئي هئي، خط سندس نوڪرياڻيءَ کي ڏئي ڇڏيم ته صبح جو پهچائي ڏئيس. پوءِ ڳڻتي هتي حاضر رهڻ جي ٿيم، تنهنڪري وري هتي آيو آهيان.“ +ميريس جڏهن جين وليجان کي پهرين اُتي ڏٺو، تڏهن هڪدم سڃاتائينس ته اهو فاشل ونٽ آهي. گوروش کي ڏيکاريائين به ۽ پڇيائينس ته هن کي سڃاڻين ٿو؟“ پر هن اونداهيءَ ۾ ڏٺو هوس ۽ خط ڏنو هئائينس، تنهنڪري پوريءَ طرح سڃاڻي نه سگهيس، تنهنڪري ميرس کي ڪو بڇڙو گمان ڪو نه گذريو. ڄاتائين ته فاشل ونٽ به انهيءَ ساڳئي طرف جو آهي، جنهن طرف پاڻ هو ۽ تنهنڪري شامل ٿيڻ ۽ وڙهڻ لاءِ آيو آهي. +انهيءَ وچ ۾ ٻي به توب اچي نڪتي، ۽ سرڪاري سپاهي توبن ۾ گولا وجهي هڻڻ لڳا ۽ پيادا سپاهي به اتي اچي گڏ ٿيا. هيڏانهن وري بندوقن جا وسڪارا ٿيڻ لڳا، ڪي ماڻهو هـُـنن جا پئي مئا، ۽ ڪي هـِـنن جا. باغين جا ڪارتوس کٽڻ لڳا، گوروش هيٺ لهي جيڪي سرڪاري سپاهي بندوقن جي لڳڻ ڪري ڪـِـري پيا هئا، تن جا ڪارتوس ميڙي گڏ ڪري، ٽوڪرو ڀري کڻي آيو. اگرچ مٿانئس بندوقن جا وسڪارا پئي ٿيا. جيڪي سرڪاري سپاهي پاسي وارن گهرن جي ماڙين تي چڙهي هوٽل جي جانچ لاءِ ٿي آيا، تن کي وري جين وليجان لڪي بندوقون هڻي ٿي ماريو. +گوروش وري به همت جهلي ڪارتوسن جي چوريءَ لاءِ ويو. سرڪاري سپاهين کي هن جي جرات تي حيرت به لڳي ٿي، جو رڳو ڇوڪر ٿي ڏٺو، پر تڏهن به هن کي روڪڻ لاءِ مٿس بندوقون ڇوڙيائون. هـِـن ڀيري هن کي بندوق لڳي ۽ هو هوٽل جي ٻاهران ڪـِـري پيو. ميريس ڊوڙي ڏانهنس ويو، پر هو اڳئي مري ويو. هن کي ڪنهن ٻئي سنگتيءَ جي مدد سان ڪارتوسن جي ٽوڪريءَ سوڌ�� اندر کڻي آيو. ڏاڍو ارمان ٿيس، جو ڄاتائين ته هو ٿينارڊيئر جو پٽ آهي، جنهن ٿينارڊيئر منهنجي پيءُ کي بچايو هو. +هوٽل کي بچائيندي ٻيهر اچي ٿيا. انجولراس ۽ ميريس اها رٿ ڪئي ته اڌوگابرا ماڻهو رهيلن ڪارتوسن سان بندوقون هڻن، ۽ ٻيا گهٽيءَ مان فرشن جا پهڻ پـَـٽي کڻي اچن ته اُهي جاءِ جي درين تي رکي توبن جي گولين کان بچاءُ ڪجي. ائين ڪيو ويو ۽ گهڻو بچاءُ ٿيو. پوءِ انجولراس اندرئين ڪم جو جوابدار ۽ حڪم ڏيڻ وارو ٿي بيٺو، ۽ ميريس ٻاهرئين ڪم جو. +پوءِ انجولراس اُتي آيو، جتي جاورٽ ٻڌو ويٺو هو. صلاح ڪيائون ته اجهو ٿا سرڪاري سپاهي بندوقن ۽ توبن سان گڏ ٿي هوٽل تي ڪاهه ڪن، بهتر آهي ته جاورٽ کي ماري ڇڏجي، جو هو دشمن جو جاسوس هو. اهو ڪم جين وليجان جي ذمي ڪيائون، بلڪ جين وليجان ڪـُـڏ ڪري پاڻ تي کنيو ۽ هڪڙو تپاچو کڻي جاورٽ جي پاسي ۾ اچي بيٺو. انهيءَ وچ ۾ ٻاهر بگل وڄڻ ڪري سڀ ماڻهو انهي جاءِ مان نڪري پاسن تي درين وٽ وڃي تيار ٿي بيٺا، فقط جين وليجان ۽ جاورٽ اڪيلا جاءِ ۾ رهيا. +جين وليجان جاورٽ کي حڪم ڏنو ته ”اُٿي ويهه.“ جاورٽ کلي اُٿي ويٺو، جنهن کل مان نفرت ۽ ڌڪار پئي معلوم ٿي. جين وليجان هن جي ڪمرپٽي ۾ هٿ وجهي، کيس ميز تان کڻي ائين اُٿي هليو، جيئن ٻلي ڪوئي کي کڻي هلي. ٻئي هٿ ۾ تپاچو هوس. پاسي تي نيئي جيئن ٻڌل هو تيئن هن کي بيهاري، تپاچو کڻي جين وليجان هن کي چيو ته .جاورٽ، مون کي سڃاڻندو هوندين؟“ هن ورندي ڏني ته ”هائو، پنهنجو وير مون کان ڀلي وٺ.“ جين وليجان ڪمر مان هڪڙو خنجر ڪڍيو. جاورٽ چيو ته ”تپاچي کان اهو منهنجو زياده لائق آهي. جين وليجان ماٺ ڪري خنجر سان هن جا سڀ رسا وڍي، چيائينس ته ”تون آزاد آهين.“ +جاورٽ جهڙو بدطبيعت ماڻهو هو تهڙو عجب ۾ پئجي ويو، ۽ وات پٽجي ويس، هو انهي حيرانيءَ ۾ هو، ته جين وليجان چيس ته ”آءٌ هتان نڪرڻ وارو ناهيان، پر تڏهن به تو کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته فاسل ونٽ جي نالي سان هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾، گهر نمبر ستين ۾ ٿو رهان. هاڻ وڃ هليو.“ جاورٽ شوخيءَ مان هن کي چيو ته ”انهي احسان کڻڻ کان تنهنجي هٿان مرڻ مون کي زياده پسند آهي.“ جين چيس ته ”ماٺ ڪري هليو وڃ.“ هو ماٺ ڪري هليو ويو ۽ جين موٽي پنهنجي جاءِ تي اچي بيٺو. +انهيءَ وچ ۾ سرڪاري لشڪر بندوقن ۽ توبن سان تيار ٿي هوٽل کي تباهه ڪرڻ ۽ فسادين کي مارڻ لاءِ سنبري آيو. توبن ۽ بندوقن جا وسڪارا ٿي ويا. هيڏي ويچارا ٿورا ۽ رات جا جاڳيل بکيا اُڃيا، ۽ وٽن ڪارتوس ڪو نه ٺهن. انجولراس کان سواءِ ٻيا سب ڪي ماريا ڪي زخمي ٿيا. ميريس کي به ڪيترائي زخم ٿيا هئا، خاص هڪڙو خراب زخم مٿي ۾ هوس، جنهن مان رت نٿي بيٺس ۽ هن رومال زور سان ٻڌي ڇڏيو هو. دشمن جا سپاهي ڪاهي اندر آيا. اوچتو گولي لڳيس ۽ ڪـِـري پيو. اکيون پورجي ويس، ٿورو هوش هوس ته ڪنهن زبردست هٿ گهلي کنيس. ڄاتائين ته ڪنهن دشمن مون کي کنيو آهي، ۽ ڪٿي نيئي بندوق يا تپاچي سان ماريندو. +پوءِ ته دشمن هوٽل ۾ ڪاهي پيا. سڀ بغاوت ڪرڻ وارا جي بچيا هئا، سي ڪهاڙين ۽ لٺين سان وڙهندا ماريا ويا، ڇو جو ڪارتوس ڪو نه بچيو هون. فقط هڪڙو شخص سالم وچ ۾ بيٺو هو، ۽ اهو هو انجولراس. +جڏهن انهيءَ کي پڪڙيائون تڏهن سڃاتائون ته باغين جو سرڪردو هيءُ آهي. هن کي بندوق هڻڻ جي ڪيائون. هن پاڻ به چيو ته ”ڀلي مون کي بندوق هڻي ماريو.، نيٺ هن کي بندوق هڻي ماريائون ۽ سڄي جاءِ هنن جي قبضي ۾ آئي. مئلن جا لاشا، ڪي اڌ مئل ۽ ڦٽيل جاءِ مان ڪڍي، ٻاهر گهٽيءَ ۾ اڇلائي وڌائون. انهيءَ طرح باغي جوان بهادريءَ سان پڇاڙي��َ تائين وڙهيا، ۽ آخر وڙهي ساهه ڏنائون. + + + +باب ويهون +هينئر ميريس جين وليجان جو سچ پچ قيدي هو. جين انهيءَ جنگ فساد ۾ ٻيو گهڻو حصو ڪو نه ورتو هو، فقط پاڻ کي خوف جي هنڌ ظاهر ڪيو هئائين. سارو وقت هن جون اکيون ميريس ۾ هيون. جڏهن گولي لڳڻ ڪري ميريس ڪـِـري پيو، تڏهن هو شينهن وانگي مٿانئس ٽپي پيو،“ کيس کڻي ويو. انهيءَ مهل هوٽل ۾ گڙٻڙ هئي، ۽ سرڪاري پلٽڻ ڪاهي اچي رهي هئي. انجولراس کان سواءِ ٻيو هن جي سامهون ڪو نه هو، ٻئي ڪنهن جين وليجان کي ميريس کي کڻي ويندو ڪو نه ڏٺو. جڏهن هوٽل جي حد کان ڪڍي ٻاهر ڪيائينس، تڏهن هڪڙي ڀت جي پٺيان، ٿوري تائين هن کي هيٺ رکي، ساهي کنيائين. پوءِ خيال ڪيائين ته جي نڪري ٻاهر ٿيندس ته پلٽڻ وارا سنگينون يا بندوقون هڻندا. پکيءَ وانگي اتان اُڏامڻ کان سواءِ ٻيو بچاءُ نظر نٿي آيو. جيڪي ڪرڻو هو سو هڪ لحظي ۾ ڪرڻو هو. آخر ٻاهر نڪرڻ جو امڪان ڏسي، رٿ ڪيائين ته انهيءَ هنڌان فرش جا پهڻ پٽي، هيٺان جيڪو وڏو نل يا گٽر گندي پاڻيءَ جو ٿو وڃي، تنهن مان لنگهي، پري ڪنهن هنڌان نڪري ٻاهر ٿيان. اهو نل زمين کان اٽڪل اٺ - ڏهه فوٽ هيٺ هو. اتي ويهي اهو ڪم ڪيائين ۽ ڪن ٿورن منٽن ۾ ديون جهڙو ڪم ڪري گذريو. جهٽ ۾ ميريس کي لاهي اندر ٿيو ۽ گهڙيءَ تائين ويهي آرام ورتائين. پئرس جهڙي شهر جا زير زمين وارا گندي پاڻيءَ جا نل اهڙا آهن جهڙو وڏو ڄار، جيتريون گهٽيون، اوترا هيٺيان نل، وڏن مان ننڍا نل نڪتل ۽ هڪڙن مان ٻيا نڪتل هئا. نل جي دري پٽي وري مٿان بند ڪري ڇڏيائين، پوءِ ميرس کي کڻي اٿي هليو. هو اڌ مئل هو ۽ ڪڏهن ته شڪ پيس ته مري ويو آهي ۽ هي سندس لاش گهليندو وتان. پهرين اندر گهڙڻ سان اکين اڳيان رڳي اونداهي هيس، پر پوءِ ٿوريءَ ويرم بعد ڪجهه ڏسڻ لڳو. نل جي ٻنهي پاسي ڀتيون هٿ سان لڳس ۽ هيٺان به فرش پيرن کي لڳس، ٿوري مٽي ۽ پاڻي به، البت خراب بانس به آيس. ڏهن - پندرهن فوٽن تي مٿان ننڍڙي ڄاري واري دريءَ مان هوا ۽ روشني پئي آئي. اهڙيون دريون نل ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي رکيل هيون. انهن جي ڪري گهڻي مدد مليس، اگرچ ڊپ هوس ته متان ڪو درين مان لنگهي اچي کيس پڪڙي. +ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وري منجهي بيهي رهيو، جو ٻيا نل انهيءَ مان ڦٽڻ لڳا. خيال ڪرڻ لڳو ته سڄي لڙان يا کٻي لڙان. ايترو سمجهيائين ته کٻي پاسي وارو نل يا رستو جو زياده لهوارو آهي ۽ نديءَ جي طرف آهي سو بهتر ٿيندو، جو نيٺ وڃي انهيءَ تي بيهندو. انهيءَ طرح اونداهيءَ ۾ اڳتي هلندو به هليو ۽ لهندو به هليو. پاڻي جيڪو پئي آيو سو سڀ پٺيانس پئي آيو، نه اڳيان. هڪڙي هنڌ اوچتو پنهنجو پاڇولو اڳيان ڏٺائين. ڪنڌ ورائي ڏسي ته پري کان هڪڙي تاري جهڙي شئي چمڪندڙ ڏٺائين. ۽ انهيءَ جي پٺيان نـَـو - ڏهه اُڀيون شڪليون ڏٺائين. پڪ ٿيس ته پلٽڻ وارا يا پوليس وارا آهن، جي باغين جي ڳولا ۾ نڪتا آهن ته متان لڪا هجن، پاڻ پري کان چٽو ڏسي ٿي سگهيو، مگر هو کيس چٽو ڏسي نٿي سگهيا، جو هي اونداهيءَ ۾ هو، ۽ هو سوجهري ۾ هئا. تنهنڪري في الحال هو نل جي پاسي سان لڳي بيهي رهيو. هن جي بيهڻ ڪري هنن ڪي به ڪين ڏٺو ۽ پيرن جو دٻڪو پري کان به ڪين ٻڌو، تنهنڪري هو به ڀلجي بيهي رهيا. شڪ لاهڻ لاءِ هنن انهيءَ پاسي نل ۾ هڪڙي بندوق ڇوڙي. ڏاڍو ٺڪاءُ ٿيو، نل جي پهڻن واري ڀت کي گولي اچي لڳي، ۽ جين وليجان جي ويجهڙائيءَ ۾ ڳچ ۽ پهڻن جا ٽڪرا به ڪـِـري پيا. تنهن کان پوءِ درجي بدرجي روشنائي گم ٿي ۽ ماڻهو نڪري ويا. تڏهن هو ميريس کي کڻي اڳتي هلڻ لڳو. ڊپ هوس ته متان گهڻي رت وهڻ ڪري هو مري وڃي، تنهنڪري تڪڙو تڪڙ�� هلڻ لڳو. اگرچ ساهي کڻندو هليو ته به نيٺ اچي ٿڪو، ۽ اُڃ بک به لڳيس. ڪٿي ڪٿي پاڻي گهڻو ٿي ٿيس، ۽ ڪٿي ڪٿي وڏن وڏن ڪوئن چڪ ٿي هنيس. +ٽي بجي ڌاري هو وڏي نل جي ٻئي منهن وٽ آيو، جتي نل تمام ڪشادو هو. اٽڪل ست - اٺ فوٽ ويڪرو ۽ اونچو هو. اتي ٻيا چار وڏا نل اچي گڏيا هئا. هن جيڪو سڀ کان ڪشادو نل هو سو ورتو ۽ وري ورتائين به اهو جو لهوارو هو. اڳڀرو هلي هڪڙي ڄاريءَ واري دريءَ جي سوجهري تي هن ميريس کي لاهي هيٺ رکيو، ۽ سندس چڪاس وٺڻ لڳو. منهن ۽ ڪپڙا سڀ رت سان ڀريا پيا هئس، بلڪل بيهوش ۽ اڌ مئل هو، مگر اڃا ساهه پئي کنيائين. جين وليجان جا ڪپڙا به رت سان ڀريا پيا هئا، پنهنجي پهراڻ مان ڪپڙي جا ٽڪر ڦاڙي انهن سان هن کي اگهي، ڄميل رت جا ٽڪر پاسي ڪيائين. ميريس جي ڪوٽ جي کيسي ۾ روٽي پيل به ڏٺائين جا شايد هن ساڻ کنئي هئي ۽ سندس پاڪيٽ بڪ به. روٽي هن ويهي کاڌي - جو بک لڳي هيس، ۽ پاڪيٽ بڪ ڪڍي پڙهيائين. پهرئين ئي صفحي تي لکيل هو ته ”منهنجو نالو ميريس پانٽمرسي آهي. منهنجي لاش منهنجي ناني گلي نارمنڊ وٽ نمبر ڇهين ڪلوير مڪان ۾ پهچي.“ +اگرچه پهرين ميريس ۾ تمام ڌڪار سان نظر ٿي ڪيائين، ۽ مٿس ڪاوڙ هيس، پر هاڻ جيڪي پڙهيائين تنهن تي خيال ڪرڻ لڳو. پاڪيٽ بڪ ۾ ٻيو ڪي لکيل نه هو، سو وري هن جي کيسي ۾ وڌائين. هيستائين ٽڪر کائي، ساهي کڻي تازو به ٿيو، ۽ وري هن کي کڻي اٿي هليو. اهو سماءُ بلڪل ڪو نه ٿي پيس ته شهر جي ڪهڙي ڀاڱي، مڪان يا گهٽيءَ ۾ آهيان. ايترو سو ڄاتائين ٿي ته سج لڙندو وڃي ۽ شام ٿيندي وڃي ۽ مٿانئس ڊوڙندڙ گاڏين جي گوڙ پئي آئي. +هلندي هلندي نيٺ هو گپ ۾ اچي پيو، جا نل جي پڇاڙي تي گڏ ٿي هئي. گپ به چور - گپ ٿي ڏٺي، جا اڪثر درياءَ جي ڪنارن تي واريءَ سان ڍڪيل ٿيندي آهي، جنهن ۾ سڄا سڄا ماڻهو ۽ گهوڙا گهڙي وڃن. پاڻيءَ ۾ وري به ماڻهو هڪدم ٻڏي مري وڃي ٿو، پر چور - گپ ۾، وڃي هيٺ گهڙندو ۽ آهستو آهستو گهٽجي عذاب کائي مري ٿو. جين کي ڏاڍو ڊپ ٿيو. پيرن کي مٿان پاڻيءَ ۽ هيٺان گپ لڳيس جا ويئي وڌندي. اونداهي زياده ٿيندي وئي. ميريس پونين پساهن تي ٿي ڏٺو، ۽ هي پاڻ جدا ٿڪل. ڪٿي ته گوڏن تائين گپي ٿي ويو ۽ ڏاڍي مشڪلات سان پاڻ ڇڏائي مٿي ٿي ٿيو. ميريس جيئن پوءِ تيئن ويو ڍرڪندو ۽ مٿس بوجو ٿيندو. +اوچتو پيرن کي ڪا سخت شئي ڇپ جهڙي لڳيس. مٿو هڻي انهيءَ تي چڙهي ذري تائين ساهي کڻڻ لڳو پوءِ معلوم ڪيائين ته اڳيان مٿي چڙهڻ جي جاءِ آهي ۽ شايد ڪا ڏاڪڻ آهي، جا مٽيءَ ۾ پورجي ويئي آهي. همت ڪري اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. اتي ٿڌ به پوڻ لڳي. پري کان زياده سوجهرو ڏسڻ ۾ آيس، جو ڪنهن بتيءَ جو نه هو، پر لهندڙ ڏينهن جو هو. اتي سمجهيائين ته نل پورو ٿو ٿئي. ۽ ٻاهر نڪرڻ جي جاءِ آهي. مگر اتي به ڄاري ڏنل هئي. جنهن مان ڏسي سگهبو ته درياءَ جو ڪنارو آهي، ”شهر کان پري آهي“ ۽ چوڌاري اڪيلائي آهي. ميريس کي لاهي رکي، ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته ڄاري کي ڇني يا ڪي گز ڪڍي نڪرڻ جي جاءِ ڪري، پر ائين ڪري نه سگهيو. ڏاڍو نااميد ٿيڻ لڳو. هوڏي ميريس جو حال ڏٺائين ته ڪنڌ لڙي پيو هوس، بلڪل پونين پساهن تي آهي. ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ ذري تائين ويهي خيال ڪرڻ لڳو، ته اوچتو ڪنهن ماڻهو هٿ آڻي ڪلهي تي رکيس، ۽ چيائينس ته ”اڌ منهنجو آهي.“ +جين وليجان ڇرڪ ڀري هن کي ڏسڻ لڳو. پاڻ دريءَ جي سوجهري کان پٺڀرو هو ۽ هو ماڻهو سوجهري جي سامهون هو. سڃاتائينس ته ٿينارڊير آهي. مگر هـُـن نه سڃاتس جو هن جي منهن تي سوجهرو نٿي پيو، ۽ رت ۽ گپ سان ڀريل هو. ٿينارڊيئر جا پير اگهاڙا هئا ۽ جـُـتي هٿ ۾ هيس. اهڙي ڇپ ماري اتي آ��و هو جو جين وليجان کي هن جي اچڻ جو سماءُ ئي نه پيو. ٿينارڊير ٿوري ماٺ کان پوءِ پهرين ڳالهايو، ۽ هن کي چيائين ته ”هاڻ ڪيئن نڪربو؟ دريءَ کي ته ڄاريءَ جو در آهي ۽ ڪلف به لڳل اٿس. نڪرڻ به ضرور هتان گهرجي.“ جين چيو ته ”خبر ناهي ته ڇا ٿو چوين!“ هن چيو ته تو ماڻهو ماريو آهي. آءٌ توکي نٿو سڃاڻان، مگر تو کي مدد ڏيڻ ٿو گهران. ڪنجي مون وٽ آهي. هن کي ماري جيڪي هن جي کيسن مان ڪڍيو اٿئي، تنهن جو اڌ مون کي ملڻ گهرجي ته پوءِ اڌ دري پٽيان.“ +ائين چئي، هن کيسي مان هڪڙي وڏي ڪنجي ڪڍي، ۽ ٻئي کيسي مان هڪڙي رسي ڪڍي جين وليجان کي ڏنائين. هن پڇيو ته ”هن کي ڇا ڪريان؟“ هن چيس ته ”بيعقل ٿو ڏسجين. هيءُ لاش درياءَ ۾ ڪين اڇلائيندين ڇا؟ ڪنجيءَ سان در ٿو پٽيان، هن رسيءَ ۾ اهو لاش ٻڌي انهيءَ سان گڏ ڪناري تان ڪو وڏو پهڻ ٻڌي پاڻيءَ ۾ اڇلائي وجهه، نه ته لاش پاڻيءَ جي مٿان پيو ترندو.“ جين وليجان ماٺ ڪري رسي ورتي. هن چيس ته ”تو منهنجي ڪنجي ڏٺي. هاڻ مون کي پنهنجا پئسا ڏيکار!“ جين وليجان پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو. پاڻ سان هميشه ڪي پئسا کڻندو هو. گپ اڳيان پاڪيٽ مان هڪڙي سوني مهر ۽ ڪي فرينچ رپيا ۽ آڌيا نڪتا. ٿينارڊير اهي وٺي کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌا. پوءِ چيائين ته ”هن ويچاري کي ايترن پئسن لاءِ ناحق ماريئه؟“ ائين چئي جين وليجان ۽ ميريس جي کيسن ۾ هٿ وجهي ڏسڻ لڳو. جين کي ڳڻتي هئي ته سندس منهن تي سوجهرو نه پوي ته هو سڃاڻيس نه. تنهن ڪري هن کي کيسا ڦولهڻ ڏنائين. جادوگرن وانگر هن ميريس جي اندرين صدريءَ جي استر ۾ لڪل ٽيهه رپيا ڪڍيا. پوءِ اڌ وٺڻ جي بدران سڄي اُها رقم پاڻ رکي ڇڏيائين. +پوءِ چوڻ لڳو ته ”ادا، هاڻ نڪرڻ جي رٿ ڪجي. هاڻ تو پتڻ ڏٺو، هاڻ لنگهي پار پؤ“. پوءِ جين وليجان کي مدد ڪري ميريس سندس پٺن تي رکيائين، ۽ پاڻ اڳ ۾ ٿي دري ڏي هليو، ۽ ڪنجيءَ سان ڪلف کولي دري پٽيائين. جين لنگهي ٻاهر ٿيو، ته هن وري اندران دري بند ڪري ڪلف ڏئي ڇڏيو، ۽ پاڻ اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو. +نلن ۾ اڪثر چور چوري ڪرڻ لاءِ يا چوري ڪرڻ کان پوءِ لڪندا هئا ۽ ڀڄي ويندا هئا. ۽ انهيءَ ڪم لاءِ درين جي ڪنجي پاڻ وٽ رکندا هئا. ٿينارڊير به اهڙي ڪم جي پٺيان هو، تنهنڪري هو به انهيءَ نل ۾ اچي گهڙيو هو، ۽ ڪنهن شڪار جي پٺيان هو. +جين وليجان کليل هوا ۾ نڪري ساهه پٽيو. درياءُ جي ڪناري تي ميريس کي ليٽائي ڇڏيائين ۽ پاڻ ويهي ٿورو ساهه کڻڻ لڳو. اهو درياءُ سين ندي هو. پاڻ درياءَ ۾ وڃي وهنتو ۽ صاف ٿيو، ۽ ٻڪن ۾ پاڻي آڻي ميريس جي وات ۽ منهن تي وڌائين. هن اڃا ساه پئي کنيو، پر اکيون بند هيس. جين اڃا انهيءَ ڪم ۾ هو ته اوچتو پنهنجي پٺيان ٻيو ماڻهو بيٺل ڏٺائين. ڏاڍو ڊپ ۽ خفو ٿيس. اگرچه رات هئي ته به سڃاتائين ته جاورٽ انسپيڪٽر آهي. اهو شايد ٿينارڊير جي پٺيان هو، پر انهيءَ هنڌ تي هو کانئس نڪري گم ٿي ويو ۽ اتي اچي نڪتو هو. جين وليجان اڃا به بڇڙن حالن ۾ هو تنهنڪري جاورٽ ڪين سڃاتس. ڏنڊي ڪڍي پڇڻ لڳس ته .ڪير آهين؟“ هن ورندي ڏني ته ”آءٌ جين وليجان آهيان.“ جاورٽ ويجهو ٿي هٿ هن جي ڪلهن تي رکي، منهن ڏسي سڃاتس. جاورٽ جي منهن ۾ گهنڊ ڏسي جين وليجان چيس ته ”انسپيڪٽر جاورٽ، تو مون کي برابر اچي جهليو آهي، پر مون تو کان پاڻ ڪو نه ٿي لڪايو. مون تو کي پنهنجي رهڻ جي هنڌ جو به ڏس ڏئي ڇڏيو هو، تنهنڪري جي مون کي جهلين ته ڀلي جهل، مگر هڪڙي مهرباني ڪر.“ +تنهن تي جاورٽ هن جي ڪلهن مان هٿ ڪڍي هن کان شوخيءَ سان پڇڻ لڳو ته ”ڇا ٿو چوين، اهو ماڻهو ڪير آهي؟“ جين چيو ته ”مون انهيءَ ماڻهوءَ جي بنسبت ۾ تو کان مهرباني ٿي گهري. مدد ڪر ته هن کي کڻي گهر پهچايو.“ جاورٽ پنهنجو رومال پاڻيءَ ۾ ڀڄائي، ميريس جومنهن چڱيءَ طرح صاف ڪري، آهستي چوڻ لڳو، ته هي ماڻهو ته هوٽل ۾ هو ۽ فسادين سان گڏ پئي پڙهيو. هن جو نالو ميريس ٿي ورتائون.“ جين وليجان چيو ته ”هائو، پر هو زخمي ٿي پيو آهي، اڃا مئو نه آهي، ليڪن مرڻ تي آهي. هن جي گهر جو پتو مون کي معلوم آهي، پنهنجي ناني سان ٿو رهي. +ائين چئي هن ميريس جي کيسي مان سندس پاڪيٽ بـُـڪ ڪڍيو، ۽ جيڪي انهيءَ تي لکيل هو سو جاورٽ کي ڏيکاريائين. رات پئي هئي، مگر اڃا ايترو سوجهرو هو جنهن ۾ هن اهي اکر پڙهي ڏٺا. پوءِ هڪ وڏو سڏ ڪري هڪڙيءَ گاڏيءَ واري کي سڏيائين، جنهن کي انهيءَ هنڌ حاضر رهڻ لاءِ چيو هئائين. گاڏي آئي، ميريس کي کڻائي پٺيئن خاني ۾ رکيائين، ۽ پاڻ جين وليجان سان گڏ اڳئين خاني ۾ ويٺو. +ٿوريءَ رات گذرڻ کان پوءِ هو ڪلوير مڪان ۾، گهر نمبر ڇهين وٽ پهتا. جاورٽ لهي در پٽائي دربان کان گلي نارمنڊ جي پڇا ڪئي. هن چيو ته هو هتي ٿو رهي. جاورٽ چيس ته ”وڃي ٻڌائينس ته تنهنجو پٽ، جو باغين سان گڏ ٿي وڙهيو، تنهن کي کڻي آيا آهيون.“ ٻڍو پاڻ ننڊ ۾ هو، تنهن کي ڪين جاڳايائون. ڌيڻس ميريس کي لاهرايو ۽ هڪدم هڪڙي ڊاڪٽر ڏي ماڻهو موڪليائين. پوءِ جاورٽ جين وليجان کي پاڻ سان وٺي موڪلائي نڪري آيا، ۽ اچي وري گاڏيءَ تي چڙهيا. +اتي جين وليجان چيو ته .جاورٽ انسپيڪٽر، هڪڙي ٻي به مون تي مهرباني ڪر. پهرين مون سان منهنجي گهر هل. اتي ٿورو ڪم لاهڻو آهي، سو لاهي پوءِ توسان گڏجي ٿو هلان. پوءِ جيڏي وڻيئي اوڏي هل.“ جاورٽ اعتراض ڪو نه آندو. گاڏيءَ واري کي چيائون ته هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾، گهر نمبر ستين تي هلي. گاڏي اتي هلي. جيستائين اتي پهتا، تيستائين هنن پاڻ ۾ ڪي به ڪين ڳالهايو. ٻيئي پنهنجن خيالن ۾ محو هئا. جڏهن گاڏي انهيءَ جي در وٽ اچي بيٺي، تڏهن هو ٻيئي لٿا. جاورٽ گاڏيءَ واري کي ڀاڙو ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. جين در کڙڪايو ته اندران دروازو کليو. جاورٽ جين کي چيو ته ”چڱو، آءٌ هتي بيٺو آهيان، تون وڃي گهران ڪم لاهي اچ.“ +جين وليجان هيٺينءَ جاءِ مان ٿي ڏاڪڻ تان مٿي چڙهيو. دريءَ مان منهن ڪڍي گهٽيءَ ۾ نظر ڪيائين. سرڪاري بتي پئي ٻري. جاورٽ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، ڪنهن پاسي هليو ويو هو. +جاورٽ خيال ڪيو ته هن مون سان ڀلائي ڪئي آهي، پر هڪڙي بدمعاش جو احسان هن کڻڻ نٿي گهريو. قاعدو ڀڃي هن سان ڀلائي ڪرڻ به هن نٿي گهري. انهيءَ خيال ۾ نڪري درياءُ جي ڪناري تي پسار ڪرڻ لڳو- ستت ئي پري کان ڏٺائين ته ڪو ماڻهو ڪٿان مٿان پاڻيءَ ۾ اچي ڪـِـريو، ۽ پاڻيءَ جو آواز ٿيو. + + +باب ايڪيهون +ميريس کي وڃي هنڌ تي سمهاريائون. سگهو ئي ڊاڪٽر آيو، تنهن جانچي ڏٺو ته هن جي نبض چڱي پئي هلي ۽ وات تي جيڪو رت لڳل اٿس، سو نڪ مان ٿو اچيس، ۽ گولي، جا ڇاتيءَ تي لڳي هيس سا کيسي ۾ پيل پاڪيٽ بڪ تي لڳي، ٿيڙ کائي، پاسي ۾ زخم ڪري هلي وئي آهي، ۽ اهو زخم اونهون ۽ خوفناڪ ناهي. ضروري مرهم پٽي ڪري، سنئون سمهاري ڇڏيائينس. بيهوشي جيڪا هيس سا مٿي تي ڌڪ لڳڻ ڪري، جتي پڻ زخم هوس، ۽ گهڻي رت وهڻ کان به ساڻو ٿي پيو هو. +ميريس جي ماسي ڊاڪٽر وٽ حاضر هئي ۽ هن جو رت وهندو ڏسي، ڏاڍي بي آرام هئي. نانـُـس ڏينهن جو فسادن جي خبر ٻڌڻ ڪري ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ هو ۽ گهڻو هلاڪ ٿيو هو، تنهنڪري سوير سمهي پيو هو. منع ڪري ڇڏي هئائين ته کيس ڪو به نه جاڳائي، پر پوءِ پاڻيهي اٿيو ۽ اتي آيو. ميريس جو اهڙو حال ڏسي ڏڪي ويو، چرين وانگي هن جو نالو وٺي سڏڻ لڳو. چون لڳو ته ”مر�� ويو آهي، مري ويو آهي. مون کان بيزار ٿي نڪري ويو، ۽ وڃي فساد ۾ شامل ٿي پاڻ کي مارايائين. رڳو مون کي سزا ڏيڻ لاءِ ائين ڪيو اٿس. اجهو ههڙي حال ۾ مئي کان پوءِ مون وٽ موٽي آيو آهي.“ انهيءَ طرح گهڻي وقت تائين چرين وانگي ڳالهائي ڳالهائي نيٺ ماٺ ڪيائين. +اتي ميريس به آهستو آهستو اکيون پٽيون. هن کي جيئرو ڏسي ٻڍو گلي نارمنڊ ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي ڏاڍو پيار ڏنائين ۽ پيار جي نالن سان سڏيائين. تنهن کان پوءِ هن تي مهربان رهندو آيو ۽ هن جي ڏاڍي سنڀال ڪندو هو. ڪيترن هفتن تائين ته ميريس نه مئن سان گڏ هو نه جيئرن سان. زخمن ۽ هلاڪي جي ڪري تپ به اچي ٿيس. ڪڏهن ڪڏهن بيهوشيءَ ۾ بڪ به ڪندو هو ۽ وڦلندو به هو. نيٺ آهستي آهستي ٿي بهتر ٿيندو ويو، ۽ چئن مهين کان پوءِ ڊاڪٽر چيو ته هاڻ ڊپ ڪونه اٿس، مگر ٻيا ٻه مهينا اڃا بستر نشين رهندو. +جڏهانڪر ميريس هوش ۾ اچڻ لڳو، تڏهانڪر ڪاسيٽ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو خيال ڪونه هوس. وڦلڻ ۾ هن جو نالو پيو وٺندو هو، پر جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن کان وٺي هن جو نالو وٺڻ بند ڪيائين. گهر جي ڀاتين سمجهيو ته هاڻ اها وسري ويئي اٿس پر ائين ڪين هو. سارو خيال انهيءَ بابت هوس. خبر نه هيس ته هوءَ ڪيڏي ويئي. اڳيون ڳالهيون ياد پئي پيس ۽ ڀانيائين ٿي ته اهو سڀ خواب هو، ڪا به خبر ڪانه هيس ته مون کي مرڻ کان ڪنهن بچايو، ۽ ڪير هتي کڻي آيو. گهر وارن رڳو ايترو ٻڌايس ته رات جو ڪي ماڻهو گاڏيءَ ۾ آڻي کيس اتي ڇڏي ويا. پر انهن سڀني خوابن ۽ خيالن ۾ هڪڙي ڳالهه سندس دل ۾ صاف هئي، هن کي اميد هئي بلڪ پڪو ارادو هو ته نيٺ ڪاسيٽ کي ڳولي لهندس. نانس دلاسو ڏيندو هوس ته جنهن سان تنهنجي دل آهي، تنهن سان شادي ڪندين. هن کي اهي ڳالهيون ٻڌي حيرت لڳندي هئي. نانس چوندو هو ته ”هن جي به توسان دل آهي - هوءَ به ڏهاڙي هڪڙي ٻڍي ماڻهوءَ جي صورت ۾ تنهنجي خير عافيت پڇڻ ايندي آهي. مون پڇا ڪئي آهي. هوءَ هوم آرمي واريءَ گهٽيءَ ۾، گهر نمبر ستين ۾ ٿي رهي. اها نيٺ توکي ملندي، دلجاءِ ڪر! انهيءَ جي خاطر تون مون کي پيار نه ڪندو هئين. هاڻ ڀلي انهيءَ سان شادي ڪري خوش ٿيءُ.“ +اهڙن پيار جي لفظن سان هن ميريس کي ڀاڪر پاتا ۽ چميون ڏنائينس. ميريس به پيار ڏيکاريس ۽ خاطري ڏنائينس ته ”نانا، منهنجو پيءُ به تون آهين، نانو به تون آهين. تون منهنجي اهڙي سنڀال نه ڪندين ته ٻيو ڪيرڪندو!“ هي لفظ ٻڌي ٻڍو ڏاڍو خوش ٿيو ته هي هاڻ مون کي پيار ڪري ٿو ۽ ڌڪاري نٿو. آخر ميريس چوڻ لڳس ته ”نانا، هاڻ آءٌ بهتر ٿيو آهيان، مون کي اهو ماڻهو ڏيکاريو.“ نانس چيو ته چڱو. سگهو ئي سڀني گهر جي ڀاتين جي هوندي ڪاسيٽ ميريس جي جاءِ جي در مان لنگهي آئي، هو ڏاڍي پيار مان هڪٻئي کي گڏيا. پٺيائنس هڪڙو اڇن وارن وارو پير مرد لنگهي آيو. اهو هو فاشل ونٽ يعني جين وليجان. هو ڪپڙين گندين ٺهيل هو. انهيءَ جي ڪڇ ۾ هڪڙي ڳنڍڙي هئي. ائين پئي ڀانيو ته ڪو ڪتاب جهوني ڪاغذ ۾ ويڙهيل اٿس. انهيءَ کي ڏسي ٻڍي گلي نارمنڊ چيس ته ”سائين، آءٌ پنهنجي ڏوهٽي بئرن ميريس پانٽمرسي جي لاءِ هن جوان زال جي ٻانهن ٿو گهران. مهرباني ڪري منهنجو عرض قبول ڪريو.“ +ٻڍي ڪنڌ جهڪائي ڳالهه قبول ڪئي. تڏهن گلي نار منڊ، ميريس ۽ ڪاسيٽ کي چيو ته ”هان اوهان کي موڪل آهي ته پاڻ ۾ ملو ۽ هڪٻئي کي پيار ڪريو!“ +انهيءَ حڪم ٻڌڻ تي هو پاڻ ۾ هڪٻئي سان پيار جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ڪاسيٽ چيس ته ”خدا جا شڪرانا آهن جو مون توکي ڏٺو آهي. چار مهينا الائي ڪيئن گذريا آهن، مون توکي ڇا ڪيو هو جو تون وڃي لڙائيءَ ۾ شامل ٿئين؟“ هن ورندي ڏني ته ”تون منهنجي لاءِ ملائڪ آهين، جيئن چوندينءَ تيئن ڪندس.“ +ٻڍو گلي نارمنڊ به ڪاسيٽ جي تعريف ڪرڻ لڳو. ڌيءُ کي چيائين ته ”هيءَ ڇوڪري مون کي ڏاڍي وڻي ٿي. تون به پيار ڪندي رهجئينس. هينئر ته فقط هڪڙي بئرن جي زال آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته اڃا وڏي درجي کي پهچندي. پر افسوس آهي ته منهنجي اڌ ملڪيت اڳئي ساليانن لوازمن ۾ ڏنل آهي. جيسين آءٌ جيئرو آهيان، تيسين حرڪت ڪانهي، مگر پوءِ سو اوهان کي ڪي به ڪين بچندو.“ +اتي جين وليجان، جو هيستائين ماٺ ڪيو بيٺو هو، تنهن چيو ته ”منهنجي ڌيءَ وٽ ڇهه لک رپيا آهن. ائين چئي، جيڪو ڪتاب ڪڇ م هوس، سو ڪڍي ميز تي رکي کوليائين. اهي ڇهن لکن جا نوٽ هئا. جهڙو گلي نارمنڊ تهڙي سندس ڌيءُ، ٻيئي حيران ٿي ويا. +پڙهندڙن سهي ڪيو هوندو ته جين وليجان چمپٿيو واري خساري کان پوءِ ڀڄي پئرس آيو هو، ۽ اتي بئنڪ ۾ جيڪي پئسا رکيل هئس، سي ڪڍرايائين. اهي پئسا ايسرايم جي ڪارخاني مان مڊيلين جي نالي هيٺ ڪمايا هئائين. اهي پئسا هن مانٽفرميل جي ٻيلي ۾ ڪٿي وڃي پوريا هئا، جو ڊپ هوس ته متان وري جهلجي پوان. ڪل ڇهن لکن ۽ ٽيهن هزارن جا نوٽ هئا ۽ هڪڙي صندوقڙيءَ ۾ بند ٿيل هئا. انهيءَ کي گهـِم ۽ اُڏوهيءَ کان بچائڻ لاءِ وري ٻي هڪڙي پيتيءَ م رکيائين، جنهن ۾ پادريءَ واريون شمعن جون بتيون به رکيائين، جن کي ساهه سان سانڍيندو وتيو. هاڻ اهي وڃي اتان ڪڍي آيو هو، ۽ ڪاسيٽ کي ڏاج ۾ ڪري ڏنائين. +شاديءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. ڊاڪٽر جي صلاح ورتائون. تنهن چيو ته مهيني - ڏيڍ کان پوءِ ڪبي ته حرڪت ڪانهي. اهو عرصو انهن ٻنهي محبت وارن ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ گذاريو. ڄاتائون ٿي ته اسين زمين تي ناهيون، بهشت ۾ آهيون. جين وليجان عقل جي تجويز ڪري ڪاسيٽ جي حالت بهتر ڪرائي. جي هن جو اصل نسل ظاهر ڪري ها ته ڪاسيٽ پاڻ به شرمندي ٿئي ها ۽ هڪڙي جوان بئرن يا امير جي زال ٿي ڪين سگهي ها ۽ اهڙي شادي به ٿي ڪين سگهي ها. هوءَ سندس ڌيءَ نه هئي پر ٻئي فاشل ونٽ جي ڌيءَ جي نالي سان پڪپس جي مڙهيءَ ۾ داخل ٿي هئي. يوفريسي پنهنجو نالو ڏنو هئائين ۽ فاشل ونٽ انهي مڙهيءَ جو باغائي هو، جنهن جو جين وليجان پاڻ کي ڀاءُ سڏايو هو. جڏهن مڙهيءَ مان نڪتا، تڏهن ڪاسيٽ کي انهيءَ نالي جو قانون موجب سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنو هئائين، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هوءَ يتيم ڇوڪري آهي، ۽ پيءُ - ماءُ مري ويا اٿس. جين وليجان پاڻ کي فاشل ونٽ جي نالي انهيءَ يتيم ڇوڪريءَ جو سنڀاليندڙ چورايو هو، ۽ هاڻ گلي فارمنڊ انهيءَ جو ٻيو سنڀاليندڙ مقرر ٿيو. اهي پئسا قانوني ڪاغذن ۾ ڪنهن گمنام فوتي مائٽ جي ميراث ڏيکاري وئي هئي. اهي هن کي بالغ ٿيڻ تي ۽ شادي ڪرڻ تي ملڻا هئا. +ڪاسيٽ کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته هوءَ هن فاشل ونٽ جي ڌيءَ نه هئي، پر ٻئي فاسل ونٽ جي، هي سندس مائٽ هو، جنهن سندس سنڀال ٿي ڪئي. انهيءَ خبر جو معلوم هئڻ ڪري هن کي گهڻو ڏک ٿيو، جو هميشه هوءَ هن کي پيءُ وانگي پيار ڪندي هئي. پر هاڻ ميريس جي خوشيءَ ۾ اهو ڏک لهي ويس. انهيءَ هوندي پوءِ به هوءَ جين کي بابو ڪري سڏيندي آئي. +ميريس جي ماسي به دولتمند زال هئي، تنهن به پنهنجو ورثو هن جوان مڙس ۽ زال کي لکي ڏنو، جن کي ڪيل شرط موجب اتي رهڻو هو. ٻڍي پنهنجي گهر جو ڀاڱو هنن کي رهڻ لاءِ ڏنو، جنهن ۾ عمدو سامان پيل هو ۽ ٻيو تازو آڻي وڌائون. ميريس کي ٻڍي فاشل ونٽ جون گذريل ڳالهيون ياد پونديون هيون ته ڄاڻندو هو ته اڳي ڏاڍو سخت هو، هو برو هو ۽ هاڻ انهيءَ جي برخلاف نهايت نرمدل ماڻهو آهي. ميريس کي انهيءَ خوشيءَ جي وقت ۾ به ٻن ماڻهن جي هٿ ��رڻ جو انتظار رهندو هو، جن کي پنهنجي شاديءَ ۾ حاضر ڪرڻ جو گهڻو شوق رهندو هوس. هڪڙو ٿينارڊير جو، جنهن پڻس سان ڀلائي ڪئي هئي ۽ ٻيو اهو نيڪ نيت خيرخواهه جنهن کيس زخميل ۽ بيهوشيءَ جي حالت ۾ کڻي نانس جي گهر آندو. ٿينارڊير ته مشهور چور بدمعاش هو، پر تڏهن به ميريس جي نظر ۾ چڱو هو. انهيءَ جي هٿ ڪرڻ لاءِ ميريس گهڻا مٿا هنيا، پر اهو هٿ نه آيس ۽ آخر انهيءَ جو آسرو لاهي ويهي رهيو. باقي کيس کڻي آڻيندڙ واري لاءِ هن اها گاڏي هٿ ڪئي، جنهن ۾ اتي آيو هو. گاڏيءَ واري چيو ته انهيءَ رات هڪڙي پوليس انسپيڪٽر کيس سڏي، گاڏي ڀاڙي تي ڪئي هئي. جنهن درياءَ جي ڪناري واري زير زمين جي وڏي نل جي منهن وٽان، هڪڙي ماڻهوءَ کي گرفتار ڪري ساڻ کنيو، جنهن هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ کي نل مان ڪڍيو هو، گاڏيءَ واري سڃاتو ته اهو مئل ماڻهو ميريس هو، باقي هنن ٻن ماڻهن جي نالي چيائين ته ”هو ٻيئي هڪڙي هنڌ گاڏي بيهاري لهي پيا، ۽ انسپيڪٽر مون کي ڀاڙو ڏئي روانو ڪيو.“ +ميريس خود کي ته ڪا به خبر ڪا نه هئي. جو هوٽل ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي ڪـِـري پيو هو، پوءِ ڪنهن اُتان کنيو، تنهن جو هو پاڻ ڳولائو هو. پوليس آفيس مان به پڇا ڪرايائين، پر اتان به خبر ڪانه پيس. نانس جي دربان رڳو ايترو چيو ته اهو ماڻهو خوفناڪ شڪل ۾ هو. ميريس کي انهي ماڻهوءَ جي نالي نشان معلوم ڪرڻ جو اهڙو شوق هو، جو هڪڙي ڀيري خود جين وليجان جي اڳيان چيائين ته ”آءٌ جيڪر اهي مليل لک ۽ هزار رپيا انعام ڏئي به انهي ماڻهوءَ کي هٿ ڪريان، جنهن فقط مون کي بچائڻ ۽ سکئي ڪرڻ جي لاءِ مفت ايتري تڪليف ورتي، هو ضرور نيڪ، خلق جو خيرخواهه ۽ ٻين کي فيض رسائيندڙ ماڻهو هوندو“، پر جين وليجان، جنهن جي انهيءَ نالي نشان، ۽ ٿينارڊير جهڙي اصل نامي گرامي بدمعاش هئڻ جي اتي ڪنهن کي خبر ڪا نه هئي، تنهن ماٺ ڪيو پئي ٻڌو، پر ڪڇيو ڪي به ڪين ٿي. +نيٺ شاديءَ جو ٺهرايل ڏينهن آيو ۽ شادي ٿي. ڪهڙا خوشيءَ جا بندوبست ٿيا ۽ گهوٽ ڪـُـنئار ڪيئن خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيا، تنهن جو بيان ڪرڻ اجايو آهي. جين وليجان گلي نارمنڊ جي روبرو ميريس کي ڇهه لک رپين جا نوٽ ڏنا. ٻڍيءَ نوڪرياڻيءَ جي جين وليجان کي ته هاڻ گهرج ڪا نه هئي، تنهن کي ڪاسيٽ پنهنجي خدمتگار ڪري رکيو. جين وليجان جي لاءِ هڪڙي عمدي جاءِ، مناسب سامان وجهي تيار ڪري ڇڏيائون. جتي هو رهندو هو ۽ جتي کيس ڪاسيٽ اوير سوير پئي ملندي هئي، ۽ خدمت چاڪري ڪندي هئي. +ديول ۾ دستور موجب جيڪو انهن جو نڪاح پڙهيو ويو ۽ جيڪي شاهديون رجسٽر ۾ وڌيون ويون، تن ۾ جين وليجان شاهديءَ لاءِ صحيح وجهي نه سگهيو، جو انهيءَ ڏينهن صبح جو سندس سڄي هٿ کي ڪو زخم رسيو هو ۽ هن انهيءَ کي پوليس ٻڌي ڇڏيو هو. گاڏين ۾ چڙهي ديول تائين ويا ۽ وري موٽي آيا. وڃڻ وقت دستور موجب گهوٽ ٻي گاڏيءَ ۾ هو، ۽ ڪنئار سان گڏ ميريس جي ماسـِـي، نانو ۽ جين وليجان هئا، ۽ موٽندي ميريس پنهنجي ڪنئار سان گڏ ويٺو ۽ ماسيس ڌار ٻيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺي- شاديءَ کان پوءِ هو وڏي کاني جي تياري ڪرڻ لڳا. ٻڍي گلي نارمنڊ ۽ جين وليجان يا فاشل ونٽ جي لاءِ ٻه وڏيون ڪرسيون رکيون ويون هيون. جڏهن ماني رکي ويا ۽ کائڻ وارن کي سڏ ٿيو، تڏهن سڀ اچي پنهنجون جايون وٺي ويهي رهيا. گلي نارمنڊ جي پاسي واري وڏي ڪرسي، جنهن تي فاشل ونٽ ويهڻو هو، سا خالي ڏسڻ ۾ آئي. هيڏي هوڏي ڳوليائونس،پر نه لڌو. هڪڙي نوڪر ظاهر ڪيو ته ”فاشل ونٽ صاحب اڳهڻو مون کي چيو هو ته منهنجو هٿ ٿو سور ڪري، آءٌ ماني کائي ڪين سگهندس. آءٌ ڪيڏي وڃان ٿو، سڀاڻي آءٌ وري اي��دس. تيسين سڀني کي چئجين ته مون کي معاف ڪن.“ +اگرچ فاشل ونٽ، جو ڪنئار جي. پيءُ جي بجاءِ هو، تنهن جي غير حاضريءَ ڪري خوشيءَ ۾ البت خندق ٿيو، ته به مانيءَ جو وقت خير ۽ خوشيءَ سان گذري. +هاڻ ڏسون ته جين وليجان ڪيڏي ويو هو. هو اتان نڪري پنهنجي گهر آيو. گهر سڄو خالي هو. پنهنجي جاءِ ۾ آيو ۽ رات هئڻ ڪري بتي ٻاري رکيائين. پوءِ ڪنجي کڻي پنهنجو ٿيلهو کوليائين، جنهن سميت پهرين اٺ مهينا اڳي اتي اچي رهيو هو. انهيءَ مان ڪاسيٽ جا اصلوڪا غريباڻا ڪپڙا ڪڍيائين، جن ڪپڙن ۾ ڏهه ورهيه اڳي مانٽفرميل مان ساڻس نڪتي هئي ۽ جڏهن اڃا ننڍڙي ڇوڪري هئي. ڪپڙن سان گڏ سندس ننڍڙي جـُـتي، جوراب، ٽوپي ۽ رومال به هو. اهي سڀ ڪارا ۽ سادا هئا. انهن کي ڏسي اڪيلائي ۾ ننڍڙي ٻار وانگي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. اهو خيال ڪري خوش ٿيو ته مون ڪاسيٽ کي پالي وڏو ڪيو ۽ پرڻايو، هاڻ هوءَ هڪڙي بئرن جي زال آهي. دولتمند ۽ آسودي آهي. هينئر هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش آهي، مون کان انهيءَ جي ڳڻتي زياده رهنديس. اهو سوچي، هن فيصلو ڪيو ته هاڻي ماٺ ڪري گنگو ٿي ڪين گذاربو. تنهن کان سواءِ هنن کي اها خبر ڪانهي ته آءٌ ڪو وڏو چور ۽ بدمعاش شمار ٿيل آهيان، ۽ پوليس منهنجي پٺيان آهي. جي مون کي هنن جي گهر اچي پڪڙين ته ڏاڍا ڦڪا ٿيندا، ۽ سندن بدنامي ٿيندي. ساري رات انهيءَ بابت ئي خيال پچايائين. + + + +باب ٻاويهون +شاديءَ جي رات گذري ٻيو ڏينهن ٿيو. گهر جا ڀاتي جي ساري رات جاڳيا هئا، سي ٻئي ڏينهن ٻنپهرن ڌاري مس اٿيا. نوڪرياڻي اڳڀري اٿي هئي، تنهن جاءِ جو سامان پئي صفا ڪيو ته در کڙڪيو ۽ فاشل ونٽ اندر لنگهي آيو. پڇيائين ته ”بئرن پانٽمرسي جاڳي ٿو يا نه؟“ نوڪرياڻي چيو ته: ”آءٌ وڃي ٿي ڏسان ۽ ٻڌايانس.“ جين وليجان چيس ته ”منهنجو نالو نه وٺجئين چئجئين ته ڪو ماڻهو تو کي ڏسڻ ٿو گهري.“ هوءَ ويئي، تيستائين جين انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي بيٺو رهيو. رات جو ننڊ نه آئي هيس. تنهنڪري اکين ۾ کڏون پئجي ويون هيس، سگهو ئي ميريس لنگهي آيو ۽ کينڪاري چيائينس ته: ”اوهين سوير آيا آهيو اڃا، ساڍا ٻارهن مس ٿيا آهن. ڪاسيٽ ته اڃا ستي پئي آهي. رات اوهين مانيءَ تي حاضر نه هئا تنهنڪري سڀني کي ارمان هو. هينئر اوهان جو هٿ ڪيئن آهي؟“ هن چيو ته ”هاڻ بهتر آهي.“ وري چيائينس ته: ”اوهان جي بابت اسان پاڻ ۾ ذڪر ڪيو هو. اوهان جي جاءِ هتي خلاصي آهي، اڳتي اصل رهو ئي هتي. ٻئي ڪنهن هنڌ مسواڙ جي جاءِ رکڻ جوڪهڙو ضرور آهي. ناني کي به اوهان جي صحبت موهي وڌو آهي. انهيءَ سان ڪجهه وقت گذاريو. جڏهن آءٌ ڪورٽن ڏي وڃان، تڏهن ڪاسيٽ کي ڪنهن پاسي هوا کائڻ لاءِ وٺي ويندا وڃو. ڀلا اڄ ته ماني اسان وٽ کائيندؤ؟“ +جين وليجان چيس ته: ”سائين مون کي هڪڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌائڻي آهي. آءٌ اڳ سزا کاڌل ۽ وڏي قيد مان نڪتل آهيان.“ فاشل ونٽ جي واتان اهي لفظ ٻڌي، ميريس جي اکين اڳيان اونداهي اچي ويئي. ڀانئيائين ته برابر ڪين ٻڌو اٿم يا ٻوڙو ٿيو آهيان. ايتري ۾ جين وليجان هٿ تي ٻڌل پٽي کولي چيس ته: ”ڏسو، منهنجو هٿ زخميل ناهي، چڱو ڀلو آهي. مون بهانو ڪيو هو ته آءٌ غير حاضر رهان ۽ شاديءَ جي رجسٽر تي ڪوڙي صحيح نه وجهان، جنهنڪري متان ڪڏهن نڪاح ناجائز ٿي پوي.“ ميريس چيو ته: ”منهنجو ته مغز ٿو ڦري، آءٌ سمجهي نٿو سگهان. جين وليجان چيو ته: ”حقيقت هيءَ آهي ته چوري ۽ ڦرجي ڏوهه ۾ آءٌ اوڻيهه ورهيه ٽولون جي وڏي جبل ۾ هوس. وري ٻئي ڀيري چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جنم قيد مليم. اتان ڀڄي نڪتس ۽ هاڻ آءٌ ڀڳل ۽ اشتهاري قيدي آهيان.“ جيتوڻيڪ ميريس کي انهيءَ ڳالهه تي اعتبار نٿي آيو، تڏهن به سچ نيٺ سچ ٿو ٿئي، خيال ۾ اچڻ لڳس ته انهيءَ مان سندس لاءِ آئيندي جي ڪيتري خرابي نظر ٿي آئي. چوڻ لڳس ته: ”جيڪي چوڻو اٿوَ سو سڀ چئو- اوهين ڪاسيٽ جا پيءُ آهيو. جين وليجان چيو ته جيتوڻيڪ اسان جهڙا ماڻهو قسم کڻڻ ۽ ويساهه ڪرڻ جا لائق نه آهن، تڏهن به اوهان کي منهنجي ڳالهه تي پت ڪرڻ گهرجي. آءٌ هرگز ڪاسيٽ جو پيءُ ناهيان، خدا مٿان ڏسڻ وارو آهي ته آءٌ هاري ماڻهو آهيان. ۽ وڻ ڇانگي گذران ڪندو هوس. منهنجو نالو فاشل ونٽ ناهي، پر جين وليجان آهي.“ ڪاسيٽ جو آءٌ ڪي به ڪين ٿيان. انهيءَ جي پڪ ڄاڻو.“ ميريس کي هن جي منهن ڏسڻ سان يقين ٿيو ته سچ ٿو ڳالهائي. جين وري چوڻ لڳو ته: ”ڪاسيٽ سان منهنجو هيترو واسطو آهي: هوءَ ڇوري هئي. پيءُ ماءُ ڪو نه هوس، مون پالي وڏي ڪيس. انهيءَ ڪري آءٌ هن کي پيءُ وانگي پيار ٿو ڪريان، نه ته ڏهه ورهيه اڳي آءٌ هن کي سڃاڻندو به ڪين هوس. هاڻ منهنجو هن سان واسطو ٽٽو. هاڻ هوءَ اوهان جي ٿي. باقي اهي ڇهه لک رپيا مون وٽ امانت هئا، سي مون پهچائي ڏنا. مون مناسب ڄاتو ته اوهان کي منهنجي سچي حال جي خبر پوي. ميريس ٿوري حيرانيءَ کان پوءِ هن کي چيو ته اها ڳالهه اوهين مون سان ڇو ٿا ڪريو؟ اوهان کي ڪنهن زور ته ڪو نه ڪيو آهي. ڇو نه اها پنهنجي دل ۾ رکيو اچو ها؟“ هن چيو ته برابر مون کي ٻئي ڪنهن زور ڪو نه ڪيو آهي، پر منهنجو اندر مون کي زور ڪري ٿو ته اها ڳالهه لڪاءِ نه، جيڪا سچي ڳالهه آهي سا ظاهر ڪر، ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪر. اندر جي چڪن کان ڇٽڻ لاءِ ائين ٿو ڪريان. اگرچ اصل آءٌ قيدي آهيان، ته به هاڻ ايماندار آهيان ۽ اندر جي قاضيءَ جو تابعدار آهيان. ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪرڻ کان نقصان ۽ سزا سهڻ بهتر آهي. پنهنجي فائدي لاءِ ڇو ٻين کي نقصان ۾ وجهان. ڪوڙي نالي هيٺ اوهان سان گڏ رهندي ڪڏهن جهلجي پوان، ته پوءِ اوهين به بدنام ۽ آءٌ به شرمندو، تنهن کان ڀلي ته اوهين سڀ خوش رهو، باقي آءٌ پنهنجا ٿورا حياتيءَ جا ڏينهن ڪيئن به گذاري ويندس، پر اندر جي چڪن کان آزاد هوندس.“ +ميريس ڏٺو ته هي شخص اصل ۾ کڻي ڪير به هو، پر هاڻ ته بلڪل ايماندار ۽ سچو، خداترس ۽ خداپرست ماڻهو آهي! پنهنجي ڀلي کان ٻين جي زياده ڳڻتي اٿس، تنهنڪري هن کي پاڻ زياده تعظيم جو لائق سمجهيائين. چوڻ لڳس ته اوهين هتي رهڻ سان ڪنهن جو به ڊپ نه رکو. ناني جي معرفت اسان جي هلندي پڄندي گهڻي آهي. آفيسرن کان اوهان کي معافي وٺائي ڏئي سگهندو.“ جين وليجان ورندي ڏني ته: ”انهيءَ معافيءَ جي ضرورت بلڪل ڪانهي، ڇا لاءِ جو سرڪار کي توڙي خلق کي خبر آهي ته آءٌ مري ويو آهيان، جيئرو ناهيان، اهو موت به منهنجي لاءِ پوري معافي آهي، پر مون کي پنهنجي اندر جي معافي گهرجي.“ +ائين ڪندي اوچتو پاسي واريءَ جاءِ جو در پٽيو، ۽ ڪاسيٽ لنگهي آئي. تازي ننڊ مان اٿي هئي. پيءُ کي ڏسي سلام ڪري وٽس آئي ۽ سندس شڪل ڏسي، ڊڄي چوڻ لڳي ته: ”بابا، ڇو اهڙي صورت ۾ حيران ۽ پريشان بيٺا آهيو. ننڊ ڪا نه ڪئي اٿوَ ڇا؟ هٿ سور ٿو ڪريوَ ڇا؟ ڇو مون کي پيار ڪو نه ٿا ڪريو؟“ ائين چئي وڃي هن کي ڀاڪر وڌائين، ۽ هن پيشانيءَ تي چميون ڏنيس. پوءِ موڪلائي هلي ويئي ۽ چيائين ته ”آءٌ وڃي ڪپڙا ڪري ناني کي وٺي ٿي اچان ته اهو اچي حقيقت معلوم ڪري ته ڪهڙيون خوف جهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو، جنهنڪري اوهان ٻنهي جو چهرو ئي زردو ٿي ويو آهي؟“ +ڪاسيٽ جي وڃڻ کان پوءِ ميريس جين وليجان جو ارادو ڏسي، هن کي منع ڪئي ته: ”ڀلائي ڪري اها ڳالهه ڪاسيٽ سان نه ڪجؤ، ۽ نه ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان. اهو ڳجه�� مون وٽ قابو هوندو ۽ انهيءَ جو آءٌ ڪنهن سان به ذڪر ڪين ڪندس. باقي پئسن امانت رکڻ ۽ صحيح سلامت پهچائڻ ۾ جيڪا سچائي ۽ ايمانداري اوهان ڏيکاري آهي، تنهن جو انعام اوهان کي ضرور ملڻ گهرجي. اهو جيڪو اوهان ٺهرائيندؤ اهو ڏبو.“ پر جين وليجان سندس شڪر گذاري ڪري کانئس موڪلايو. ميريس جي زور ڪرڻ تي انجام ڪيائين ته اڳتي رات جي وقت اچي ڪاسيٽ کي ڏسيو پيو ويندو. ائين چئي موڪلائي هليو ويو. شاديءَ جي خوشيءَ کان پوءِ، هن نئين ڳالهه معلوم ڪرڻ ڪري هن جو اهڙو حال هو، جهڙو ڪبوترن جي آکيري ۾ وڇونءَ ڏسڻ ڪري ٿيندو آهي- دل ۾ اهڙو ڪنڊو پئي چڀيس. +ٻئي ڏينهن سج لٿي کان پوءِ، جين وليجان وري اتي آيو. نوڪر در پٽي ڏنس ۽ مٿي نيڻ جي ڪيائينس، پر هن چيس ته: ”آءٌ هيٺ ٿو ترسان تون گهر جي ڌياڻيءَ کي، يعني ڪاسيٽ کي وڃي خبر ڏي.“ جهٽ ۾ هوءَ آئي، ۽ ٻيئي بخاري جي ڀرسان ڪرسيون وجهي ويهي رهيا. پهرين ڪاسيٽ زور ڪيس ته مٿي هلي ملاقات واري جاءِ ۾ ويهي، پر هن اتي ترسڻ پسند نه ڪيو. پوءِ آهستي ڳالهه چوريائين ۽ ڪاسيٽ کي چوڻ لڳو ته: ”بابا، اڳتي مون کي بابا، بابا ڪري نه سڏيندي وڃ، مون کي جين ڪري سڏيندي وڃ، جو منهنجو سچو نالو اهو آهي.“ ڪاسيٽ حيران ٿي پڇيو ته: ”انهيءَ جو سبب ڪهڙو، ”مطلب ڇا آهي؟“ هن چيو ته: ”جڏهن تون بئرن پانٽمرسيءَ جي زال ٿينءَ، تڏهن جي مون به پنهنجو نالو ڦيرائي جين ڪيو ته ڇا ٿيو.“ تو کي هاڻ مڙس آهي، پيءُ جي هاڻ ڪا به گهرج ڪانهي. پوءِ هن کي پيار ڪري چيائين ته .هاڻ آءٌ ڪنهن پاسي وڃان ٿو، وري ٻئي وقت گڏباسين. ڪاسيٽ کي ڏک گهڻو ئي ٿيو، مگر لاچار هن کان پيار سان موڪلايائين ۽ پوءِ هو هليو ويو. +انهيءَ کان پوءِ ڪيترائي هفتا لنگهيا. ڪاسيٽ ڏاڍين خوشين ۾ وقت گذارڻ لڳي. مڙس جا عزيز خويش ملاقات لاءِ وٽس ايندا هئا، ۽ پاڻ مڙس سان گڏ انهن وٽ ويندي هئي. جين وليجان به هر روز شام جو اچي گڏبو هوس، مگر رهندو اڃا به هوم آرميءَ واري گهٽيءَ ۾ هو، جتي اڳي رهندو هو. ڪي ڏينهن انهيءَ طرح اچي اچي، پوءِ نه اچڻ لڳو. هنن نوڪر موڪلي پڇا ڪرائي. انهيءَ کي جين ورندي ڏني ته ”ڪنهن ڪم هئڻ ڪري في الحال نٿواچي سگهان.“ مگر حقيقت ڪري هو بيمار هو، ۽ روز بروز زياده بيمار ٿيندو ويو. جيڪا زال ماني جوڙي کارائيندي هيس، تنهن کي به انتظار ٿيڻ لڳو ته هـُـو نڪي گهڻو کائي ٿو نڪي پيئي ٿو، پيو آهي، نه پاڻ ڪيڏي وڃي ٿو نه ٻيو ڪو وٽس اچي ٿو. هفتو کن انهيءَ حال ۾ گذريو. جين ڏينهون ڏينهن ضعيف ۽ بيحال ٿيندو ويو- ساهه کڻڻ ۾ به مشڪلات ٿي معلوم ٿيس، ۽ نبض به ڍري پوندي ويس، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته معلوم ئي نه پئي ٿي. +هڪڙي ڏينهن اهڙيءَ ضعيفيءَ جي حال ۾ به همت ڪري اُٿي ويٺو. ڪپڙا ڍڪيائين، وڏو ڪوٽ پاتائين ۽ پنهنجو ٿيلهو آڻي انهيءَ مان ڪاسيٽ جا ڪپڙا جي سانڍيو وتندو هو، سي ڪڍي هنڌ تي رکيائين. پادريءَ واريون چانديءَ جون ٻه شمعن جون بتيون به ڪڍي بخاري تي رکيائين، ۽ انهن ۾ وٽ وجهي ٻاريائين، اگرچ ڏينهن هو. اهو سڀ ڪم هن اڪيلو، ويهي اٿي ساهيون کڻي ڪيو. آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل جا نظر پيس، سا سڃاڻڻ ۾ ئي نه آيس، ۽ تمام ضعيف ۽ بيحال ٿي ويو هو. آخر اٿي ڪاغذ،قلم ۽ مس آڻي پاڻ وٽ رکيائين، ۽ پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ويهندي ماندو ٿي ويو،جڏهن ساهه پٽيائين ۽ پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀريائين، تڏهن ڏڪندي هٿ سان ڪاغذ تي هيئن لکيائين- ”پياري ڪاسيٽ ۽ پيارا ميريس، اوهين شل سدائين خوش هجو. هڪٻئي کي محبت ڪندا رهجو. هي ڪاغذ آءٌ لکي ڇڏي ٿو وڃان. پئسا جيڪي مون اوهان کي ڏنا آهن تن جي بنسبت ۾ متان اوهان کي شڪ گذري ته چوريءَ يا ڦرمار جا آهن، ۽ متان انهيءَ ڪري ڪم نه آڻيو، تنهن جي شڪ لاهڻ لاءِ لکان ٿو ته اهي پئسا حق حلال جا آهن. مون ڪچ جي سامان جو ڪارخانو ڪڍيو هو اهو هنر مون پنهنجي خيال سان ڪڍيو هو ۽ انهن جي ٺاهڻ جو نسخو به پاڻ رٿيو هوم. اڇو مصالحو ناروي مان ٿو اچي، ڪارو انگلينڊ مان، ۽ مڻڪا جرمنيءَ مان ٿا اچن. اهو مصالحو البت مهانگو آهي، پر انهيءَ جهڙو هٿراڌو سستو مصالحو فرانس ۽ جرمني ۾ جـُـڙي ٿو: هڪڙو ننڍو سنداڻ ۽ سپرٽ يا شراب جي جوهر جي بتي، لاک ۽ ميڻ جي پگهارڻ لاءِ ڪم ٿي اچي. انهيءَ سان وري ڙال ۽ ڏئي جي ڪارنهن يا ڪجل گڏجي ٿو. انهيءَ تي چار رپيا هڪ پائونڊ تور جي پٺيان لڳن ٿا. پر مون اها ساڳي شئي لاک ۽ تارپين جي تيل گڏڻ سان ٺاهي، جنهن تي هڪڙو رپيو مس لڳو. انهن مان لوهه جي تارن تي چوڙيون ۽ ٻيون شيون جدا جدا رنگ جون ٺاهڻ لڳس. اهو مال اسپين ۽ ٻين ملڪن ڏي موڪليم، جو اتي اهو گهڻوکـَـتو. انهيءَ مان مون گهڻا پئسا ڪمايا .لک گڏ ڪيم. اُهي سڀ پياري ڪاسيٽ تنهنجي لاءِ ڇڏيم. هاڻ آءٌ لکي نٿو سگهان. ايترو به ساهيون کڻي لکيو اٿم. هاڻ مون ۾ طاقت ڪانهي. منهنجو وقت پڄي آيو آهي، خدا کي پرتا آهيو. افسوس ته وري اوهان کي ڪين گڏبس، اتي اوچتو سندس در کڙڪيو. + + +باب ٽيويهون +انهيءَ ساڳئي ڏينهن شام جو، ميريس ماني کائي پنهنجي ڪتبخاني ۾ ٿي ويو ته نوڪر هڪڙو خط آڻي ڏنس، ۽ چيائينس ته ”انهيءَ خط جو لکندڙ پاڻ ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺو آهي.“ ميريس کي خط مان تماڪ جي باس پئي آئي. اکر به دل سان لڳيس. پڪ ٿيس ته جانڊريٽ جا آهن. پڙهيائين ته هيئن لکيل هو- ”بئرن صاحب، خدا چاهي ها ته آءٌ به بئرن ٿينارڊير ٿي پوان ها، پر اگرچ اهڙو ناهيان تڏهن به منهنجو نالو ڏسي اوهان کي منهنجي يادگيري ايندي. جي اوهين مون تي مهرباني ڪندؤ ته آءٌ به اوهان تي ڪندس، جو مون کي هڪڙي ماڻهوءَ جي نسبت ۾ ڳجهيءَ ڳالهه جي خبر آهي. اها ڳالهه اوهان جي لاءِ ڪمائتي ۽ فائدي واري آهي. انهيءَ ڳالهه کي معلوم ڪرڻ کانپوءِ اوهين انهيءَ ماڻهو کي پنهنجي گهران ڪڍي ڇڏيندؤ. حضور جي بيگم وڏي اصل نسل واري آهي، انهيءَ جو اهڙي بدمعاش سان ڪو به واسطو رهڻ نه گهرجي. آءٌ ٻاهر ورانڊي ۾ ترسان ٿو- صحيح ٿينارڊير.“ +خط پڙهي ميريس کي پهرين حيرت لڳي، پر پوءِ خوشي ٿيس. خوشي اها ٿيس ته جنهن ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ هو ۽ جنهن پڻس جو ساهه بچايو هو، سو پاڻهي وٽس اچي نڪتو. نوڪر کي حڪم ڪيائين، سو هن کي اندر وٺي آيو. انهيءَ ماڻهوءَ کي هن اڳي ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هو. هو عمر جو پڪو هو ۽ مٿي جا وار سفيد هئس. شڪل خوفناڪ ۽ چورن جهڙي هيس. ڪوٽ جيڪو ميرو پيل هوس، سو ئي اهڙو ڪشادو ۽ ڊگهو هوس جو معلوم ٿي ٿيو ته سندس ناهي، ڪنهن ٻئي جو آهي. شڪ پيس ته هيءُ اُهو ناهي جو مون ٿي ڳوليو، هيءُ ڪو ٻيو ماڻهو آهي. هن کي ڏسي پڇيائينس ته ”ڇا ٿو چوين؟“ هن چيو ته ”سائين، منهنجو عرض ٻڌو. آءٌ هن سڌريل ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن کان بيزار آهيان. منهنجي مرضي آهي ته آمريڪا جي ڪنهن جهنگلي ڀاڱي ۾ وڃي رهان. مون کي زال ۽ هڪڙي خوبصورت ڌيءَ آهي. مون وٽ هڪڙي ڳجهي ڳالهه آهي، جا وڪڻڻ ٿو گهران ۽ انهيءَ جي ملهه مان امريڪا ڏي وڃڻ ٿو گهران“، هن پڇيس ته ”ٻڌاءِ اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ تڏهن چيائين ته .اوهان جي گهر ۾ هڪڙو چور ۽ خوني آهي، اُهو ٺڳي ڪري پاڻ کي معتبر چوائي، اوهان جي خاندان سان گڏجي ويو آهي. انهيءَ جو سچو نالو جين وليجان آهي. اهو اڳي سزا کاڌل ۽ وڏو قيد ڪاٽيل آهي. جيڪو مون کي ڳجهه هٿ آيل آهي، انهيءَ جو بيگم صاحب جي مال م��ڪيت سان واسطو آهي. اهو ڳجهه آءٌ سستو وڪڻڻ گهران ٿو- ويهه هزار رپيا. +ميريس گهـُـنڊ وجهي چيس ته ”جيڪي ٻڌايئي تنهن جي مون کي اڳيئي خبر آهي ۽ جيڪو ڳجهه ٻڌائڻو اٿئي تنهن جي به مون کي اڳيئي سڌ آهي.، اهو ٻڌي هن ماڻهوءَ کي البت چڙ لڳي، ۽ چوڻ لڳو ته انهيءَ هوندي به آءٌ اڄ هتي رهندس ۽ ماني کائيندس ۽ ويهه هزار رپيا وٺندس. منهنجو ڳجهه عجيب قسم جو آهي. اوهان کي انهيءَ جي ڪڏهن به خبر نه هوندي.“ ميريس چيو ته ”انهيءَ جي مون کي خبر آهي، جيئن جين وليجان جي نالي جي مون کي خبر هئي. تو کي به سڃاڻان ٿو ته جانڊريٽ جي نالي سان مانٽفرميل ۾ هوٽل رکندو هئين. اهابه خبر اٿم ته ٿينارڊيئر تون آهين ۽ چور بدمعاش به آهين.“ +ائين چئي ميريس پنجن سوَن رپين جو هڪڙو نوٽ ڪڍي، هن کي اڇلائي ڏنو. ڏاڍي خوشيءَ سان جهٽ ڏئي هن اُهو کنيو. اگرچ اڳي هڪٻئي جا پاڙيسري هئا، پر تڏهن هڪٻئي کي ڏٺو ڪين هئائون. هينئر ڏٺائين ته هن کيس پوريءَ طرح سڃاتو آهي. پنهنجي ڌيءَ اپونائن کي هڪڙي غريب، پر سخي پاڙيسريءَ جو ذڪر برابر ٻڌو هئائين ۽ انهيءَ ڏي خط به لکيو هئائين، پر هينئر هن کي اهڙو خيال ئي اچي نٿي سگهيو ته ڪو اهڙو ماڻهو بئرن پانٽمرسي هوندو. ديول ڏي ويندي هن ۽ سندس ڌيءَ جين وليجان، ميريس ۽ ڪاسيٽ کي ڏٺو هو، پوءِ ڌيءَ جي معرفت هن معلوم ڪيو ته اها ڪاسيٽ ڇوڪري فنٽائن جي ڌيءَ هئي، جا بي نڪاحي زال هئي ۽ هاڻ انهيءَ جين جي معرفت بئرن پانٽمرسي سان پرڻي آهي، تنهنڪري ڀانيائين ته انهيءَ ڳجهه جو هن کي دڙڪو ڏيئي منجهانئس ڪا رقم ڪڍان، تنهنڪري اتي آيو هو. +ميريس چيس ته مون تو کي اڳيئي چيو ته تنهنجي ڳجهه جي مون کي خبر آهي، ۽ مون کي خبر آهي ته اهو جين وليجان چور ۽ خوني آهي. چور هن ڪري مڊيلين وڏي ڪارخاني واري کي ڦري لٽي هن کي سڃو ڪري ڇڏيائين، ۽ خوني هن ڪري جو انسپيڪٽر جاورٽ کي ماري وڌائين. ٿينارڊير چيو ته ”سائين، آءٌ سمجهي نٿو سگهان.“ ميريس چيو ته ”ٻڌ، هڪڙو ماڻهو هو جو پهرين وڏي قيد خاني جو قيدي هو. پوءِ اتان ڀڄي نڪتو ۽ وڏي ڪارخاني وارو ٿيو ۽ غريبن مسڪينن سان ڏاڍيون ڀلايون ڪندو هو. پوءِ سرڪارهن کي ميئر يا مئجسٽريٽ ڪيو، ۽ ڏاڍو انصاف وارو هو. پوءِ ٻئي هڪڙي ڇٽل قيديءَ سڃاڻي ورتس، تنهنڪري وري جهلجي پيو. انهيءَ ٻئي ڇٽل قيديءَ هن جي جهلجڻ جو وجهه وٺي انهيءَ مڊيلين ميئر جا رکيل پئسا بئنڪ مان ڪوڙي صحيح ڏئي. جعلسازي ڪري ڪڍي ورتا. اهو پويون قيدي جين وليجان هو. باقي ٻي ڳالهه ته هن جاورٽ انسپيڪٽر کي تپاچي سان ماريو، تنهن جو ته آءٌ پاڻ شاهد آهيان.“ +ٿينارڊير کلي چيو ته: ”بئرن صاحب، معاف ڪجو. ائين ناهي- حقيقت ٻيءَ طرح آهي. نڪي جين وليجان مڊيلين کي ڦريو، نڪي هن انسپيڪٽر کي ماريو.“ +ميريس چيو ته ”سو ڪيئن؟ انهيءَ جا دليل؟“ هن چيو ته ”پهريون دليل هي آهي ته هن مڊيلين کي نه ڦريو، ڇا لاءِ جو هوپاڻ مڊيلين هو. ٻيو هي ته هن جاورٽ کي نه ماريو، ڇا لاءِ جو جاورٽ پاڻ کي پاڻهي ماري وڌو.“ +ميريس حيران ٿي پڇڻ لڳو ته ”انهيءَ جي ثابتي ڪهڙي آهي؟“ هن ورندي ڏني ته جاورٽ وڏيءَ ڍنڍ ۾ هڪڙيءَ ٻيڙيءَ جي هيٺان ٻڏل ۽ مئل لڌو.“ ائين چئي کيسي مان ٻه اخبارون ڪڏيائين. هڪڙي اها جنهن جو اشارو اسان مٿي ڏنو آهي جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته ميئر مڊيلين ۽ جين وليجان ساڳيو هڪڙو ماڻهو هو، ٻي اخبار پوءِ جي هئي، جنهن ۾ لکيل هو ته جاورٽ انسپيڪٽر فسادين وٽ جهلجي پيو هو ۽ انهيءَ کي هڪڙي فساديءَ آزاد ڪيو، جو مارڻ جي بدران هوا ۾ تپاچو ڇوڙي پنهنجن سنگتين کي خوش ڪيائين، ۽ هن تي به احسان ڪيائين. اهو به لکيل هو ته جاورٽ اها ڳالهه پاڻ پنهنجي بالا آفيسرن سان ڪئي هئي. +ميريس کي اخبارون ڏسي ۽ پڙهي خاطري ٿي ته جيڪي هو چوي ٿو سو سچ آهي. خوشيءَ مان دانهن ڪري چيائين ته ”هي ڇا؟ هي ويچارو عجب جهڙو انسان هو. انسان نه هو ملائڪ هو. هو پاڻ مڊيلين هو، جو ساري ڪارخاني جو بلڪ ساري ڳوٺ جو مالڪ. اهو ئي ميئر به هو ۽ اهو ٻيو ڪو نه هو جين وليجان هو! هو ڪو وڏو اولياءُ آهي، وڏو خدا پرست ماڻهو آهي؟“ +ٿينارڊير چيو ته ”نڪي هو اولياءُ آهي، نڪي خداپرست ماڻهو آهي. هو خوني آهي ۽ چور بدمعاش. ميريس چيو ته ”سو ڪهڙيءَ طرح؟“ هن چيو ته ”بئرن صاحب، سال کن ٿيندو، جنهن ڏينهن شهر جي ماڻهن فساد ڪيو هو انهيءَ ڏينهن هڪڙو ماڻهو شهر جي زير زمين واري خراب پاڻيءَ جي وڏي نل ۾ گهڙيو ۽ سين نديءَ جي ويجهو جيڪو نل جو منهن آهي اتي آيو. اُهو آءٌ هوس، ڪنهن سبب جي ڪري نل ۾ گهڙيو هوس. نل جي درين جي ڪنجي مون سان هئي. مون هڪڙي ماڻهوءَ کي اوچتو ڏٺو جو هڪڙي ٻئي جوان ماڻهو کي ماري انهيءَ جا پئسا ڦري، انهيءَ جو لاش مٿي تي کڻي. دريءَ مان نڪري وڃي درياءَ ۾ ٿي اڇلايائين. جوان ماڻهوءَ جو رت پئي وهيو. هو ماڻهو ڏاڍو زبردست ۽ خوفناڪ هو. آءٌ وڃي هن سان گڏيس، پر ڊپ کان هن کي ڪجهه چئي نٿي سگهيس. هن منهن پاسي ڪيو ته مون مئل ماڻهوءَ جي اندران پهراڻ جي دامن جو ٽڪر ڦاڙي ڪڍي ورتو، انهيءُ لاءِ ته پوءِ انهيءَ خونيءَ تي ثابتي ڏيڻ سولي ٿئي. پوءِ هن کي دري پٽي ڏنيم، جو هن مون کي زور ڪيو. پوءِ هو نڪري ويو ۽ مون وري دري بند ڪري ڇڏي. اُهو چور بدمعاش، اهو جين وليجان هو ۽ اهو پهراڻ جي دامن جو ٽڪر اجهو هي آهي.“ ائين چئي کيسي مان هڪڙو ڦاٽل ڪاري ڪپڙي جو ٽڪر ڪڍيائين، ۽ ميريس کي ڏيکاريائين. +ميريس هيءَ ساري ڳالهه ٻڌي، ۽ اڳڙيءَ جو ٽڪر ڏسي حيران ٿي ويو. ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو. آخر اٿيو، ڪنجي کڻي هڪڙو ڪٻٽ کولي هڪڙو پهراڻ ڪڍيائين، جو رت سان ڀريل هو ۽ جنهن جو ٽڪر ڦاٽل هو. اهو ٽڪر انهيءَ ڦاٽل جاءِ تي رکي ڏٺائين ته ملي آيو، ۽ ساڳئي رنگ جو هو. تڏهن هن کي چيائين ته ”اهو جوان ماڻهو آءٌ هوس ۽ اهو پهراڻ هي آهي.“ + +باب چوويهون +ٿينارڊير هي ٻڌي اڌ - مئو ٿي ويو. ميريس کيسي ۾ هٿ وجهي ٻيو هڪڙو پنجن سـوَن رپين جو نوٽ ۽ هزار رپين جو ٻيو نوٽ ڪڍي، چڙ مان اڇلائي، هـُـن جي منهن ۾ هنيو، ۽ چيائينس ته ”هاڻ وٺ، هي ويهه هزار جي تون گهرين ٿو. تون تمام خراب، گلاخور ۽ ڪوڙو ماڻهو آهين، تو هڪڙي نيڪ ۽ اشراف ماڻهوءَ کي چور بدمعاش ۽ خوني ثابت ڪرڻ ٿي گهريو، پر اُهو نيڪ ۽ اشراف ثابت ٿي پيو ۽ تون سچو پچو چور، بدمعاش ۽ خوني آهين. آءٌ توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان. تون ٿينارڊير جانڊريت هوٽل وارو آهين، تنهنجون گهڻيون بدمعاشيون مون کي معلوم آهن. جي چاهيان ته توکي جهلائي سخت سزا ڏياري سگهان. پر واٽرلو واري ڳالهه توکي بچائي ٿي. هاڻ وڃ، وڃي انهن پئسن مان بهتر حياتي گذار ۽ سبق سـِـک سڀاڻڪي ڏينهن آمريڪا روانو ٿي ۽ پنهنجي ڌيءُ به وٺيو وڃ. تنهنجي زال جي خبر اٿم ته مري ويئي آهي.“ +ٿينارڊير ٻيو ڪي به ڪين ڪڇيو باقي ڪنڌ جهڪائي، سلام ڪري، نوٽ کيسي ۾ وجهي نڪري ويو. انهيءَ کان ٻه ڏينهن پوءِ اهو پنهنجي ڌيءَ وٺي ڪوڙي نالي سان آمريڪا ڏي روانو ٿيو. اتي پهچڻ کان پوءِ به جهڙو يورپ ۾ خراب ماڻهو هو. اهڙو اتي ٿيو. انهن پئسن مان ٻانهن جو واپار شروع ڪيائين. +ٿينارڊير جي نڪرڻ شرط ميريس ڊوڙي زال وٽ آيو. ڪاسيٽ انهيءَ مهل باغ ۾ پئي گهمي. چيائينس ته ”ڪاسيٽ! جلدي ڪر، ڪپڙا ڍڪ تيار ٿيءُ ته هلون. انهيءَ منهنجي حياتي بچائي هئي، جلدي ڪر ته دير نه ٿئي.“ نوڪر کي موڪليائين سو ڀاڙي جي گاڏي وٺي آيو. ڪاسيٽ پهرين ته حيران ٿي ويئي ته هي الائي ڇا ٿو چوي ۽ ڪهڙي تڪڙ ٿو ڪري. هڪدم گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺا ۽ هوم آرمي واري گهٽيءَ ۾ جين وليجان واري گهر نمبر ستين تي اچي بيٺا. ٻيئي خوش هئا ته اسين هن کي ڏسنداسين ۽ خوشيءَ جي خبر ٻڌائينداسين. رستي ۾ ميريس ڪاسيٽ کي ٻڌايو ته ”جيڪو خط مون توڏي گوروش جي هٿان موڪليو هو، سو شايد تنهنجي پيءُ جي هٿ آيو. هن مون کي بچائي تو وٽ آڻڻ گهريو ۽ مون کي ڪني پاڻيءَ جي نل مان لنگهائي، ڏاڍيءَ مشڪلات سان گپن چڪن مان ڪڍي، ٻاهر آندائين. هن کي ضرور زور ڪري وٺي پنهنجي گهر آڻي رهائينداسين، ۽ وري ڪنهين پاسي نه ڇڏينداسين. آءٌ ساري عمر هن کي تعظيم ڏيندس، ۽ هن جي خدمت چاڪري ڪندس. +هي ٻيئي در کڙڪائي اندر لنگهي ويا. جين وليجان، جو آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو سو اُٿي ويٺو ۽ ڪاسيٽ ڊوڙي اچي ڀاڪر وڌس. جين تمام ضعيف هو، سو ڏاڍو خوش ٿيو. ڳالهائڻ جي طاقت ڪانه هيس. رڳو ”ڪاسيٽ - تون! خدا جو شڪرانو –“ اهي لفظ چئي ٿي سگهيو. ميريس ته هن جو حال ڏسي روئندو اچي اڳيان گوڏا ڀڃي ويٺس. ان کي به ڏسي چوڻ لڳو ته ”تون به- مون کي معاف ڪندين نه؟“ پوءِ جين وليجان بيهوشي جهڙيءَ حالت ۾ اچي ڳالهائڻ ۾ پيو. چوڻ لڳو ته ”ڀلي آيو - آءٌ بلڪل مرڻ تي هوس. ڪاسيٽ کي وري نه ڏسندس. هيءَ اجها تنهنجي ننڍي هوندي جي پوشاڪ. بئرن پانٽمرسي، تون مون کي معاف ڪندينءَ نه؟“ +جهڙي ڪاسيٽ، تهڙو ميريس ٻنهي هن کي ڏاڍو پيار ڪيو ۽ ڏوراپا ڏنائونس ته ڇو اسان کي ڇڏي هليو وئين. ميريس خاطري ڏئي چيس ته ”اوهان منهنجي حياتي بچائي، پاڻ کي تڪليف ۽ جوکي ۾ وڌو! اوهين مون کي معاف ڪريو. آءٌ توڙي منهنجي زال اوهان جا دل و جان سان شڪر گذار آهيون. اوهان ماڻهن سان ڀلايون پئي ڪيون، ماڻهن جون حياتيون پئي بچايون ۽ اُهي هنن کان پئي لڪايوَ ۽ انهن سان ڪا به ڳالهه نٿي ڪيوَ. پنهنجا سڀ عيب ظاهر پئي ڪيوَ ۽ ٻين کي تهمت کان پئي ڇڏايوَ ۽ ڪنهن جي به گلا ڪرڻ نٿي گهريوَ. اوهين پاڻ ميڊيلين هئو. اوهان جاورٽ کي بچايو، اوهان مون کي بچايو، ڇو نه اوهان اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون؟ اسين اوهان کي لحظو به هتي نه ڇڏينداسين ۽ نه پاڻ کان ڌار ڪنداسون. گاڏي اسان سان آهي، اوهان کي وٺي نينداسين، هلو.“ +جين وليجان هي سڀ ڳالهيون پئي ٻڌيون. وچ ۾ هڪ به لفظ نه پئي ڳالهايائين. هاڻ چوڻ لڳو ته ”منهنجو وقت نزديڪ آهي. اڄ کان پوءِ نڪي آءٌ هتي هوندس. نڪي اوهان وٽ هوندس. خدا جي جيڪا مرضي. انهيءَ گهڻي مهرباني ڪئي. انهيءَ ڪاسيٽ سان مون کي ملايو. هاڻ وڃان ٿو.“ +انهيءَ طرح ڳالهائيندي هو ڍرڪڻ لڳو. ڪاسيٽ سهي ڪيو ته هٿ سرد ٿيندا وڃنس. ميريس ۽ ڪاسيٽ ڏک ۽ ڊپ ۾ ڏڪڻ لڳا. هوءَ پيءَ جو ابتڙ حال ڏسي رڙيون ڪري روئڻ لڳي. اوچتو ڊاڪٽر به اچي نڪتو، جو جين وليجان جي دوا ڪندو هو. انهيءَ نبض ڏسي، ميرس کي پاسي تي نيئي چيو ته ”هو شايد اوهان جي لاءِ ترسيل هو. هينئر هن جو وقت پورو ٿيو آهي. اوهين تمام دير سان آيا آهيو.“ +ائين ڪندي، جين وليجان ٽپ ڏئي اٿيو، ڄڻ ته مئل ماڻهو اٿيو آهي. ڏاڍي همت سان اٿيو. هڪڙي هنڌ جاءِ ۾ صليب رکيل هو، انهيءَ کي وڃي چمي ڏنائين. پوءِ وڃي هنڌ تي ويٺو. ميريس ۽ ڪاسيٽ ڊوڙي ٽيڪ ڏنيس ته متان هلندي ڪـِـري پوي. هنڌ تي ويهي چوڻ لڳو ته ”اوهين ٻيئي چڱا آهيو، شال خوش هجو! بئرن پانٽمرسي، اهي پئسا حلال جا آهن. تنهنجي زال جو حق آهي، ڪـَـچ ٺاهڻ جو. مون نئون هنر ڪڍيو هو ۽ انهيءَ مان ڪمايا هئم. اهي حق حلال جا آهن ۽ ڪاسيٽ جا آهن.“ +پوءِ هو آهستي آهستي ڍرڪندو ويو، ۽ سنئون ٿي ليٽي پيو. ستي پئي هنن کي چيائين ته ”منهنجي لاءِ گهڻو روئجو نه. مون کي وساري ڇڏجو. مون اوهان لاءِ ڪي به ڪين ڪيو آهي. ڪاسيٽ توڏي خط ٿي لکيم. اجهو هو پيو آهي، پڙهي ڏس. هو بخاري تي پادريءَ واريون چانديءَ جون بتيون آهن. انهن کي مون ساهه سان ٿي سانڍيو. انهيءَ پادريءَ مون کي جانور مان ماڻهو ڪيو. ٿينارڊير خراب ماڻهو هو، پر انهيءَ کي به معاف ڪرڻ گهرجي. ڪاسيٽ ٻڌ! تنهنجي ماءُ جو نالو فنٽائن هو. انهيءَ جي حق ۾ دعا گهرندي رهج. هن جو توسان حد کان وڌيڪ پيار هو. هن تنهنجي لاءِ گهڻا ڪشالا ڪڍيا ۽ سختيون سٺيون. هاڻ خدا کي پرتا آهيو. منهنجي زبان هلي نٿي سگهي. منهنجي اکين جي اڳيان انڌارو ايندو ٿو وڃي. اوري ٿيو ته اوهان تي هٿ رکان آءٌ وڃان ٿو، پر خوش وڃان ٿو - يا خدا!“ +ميريس ۽ ڪاسيٽ ڊوڙي وڃي سندس هنڌ وٽ گوڏا ڀڃي ويٺا. هن پنهنجو هٿ هنن جي پٺيءَ تي گهمايو، ۽ پوءِ هٿ کڻي سنوان ڪيائين، ۽ اکيون بند ڪيائين. انهن ٻن ٻرندڙ شمعن جي روشنائي سندس منهن تي پئي پـَـئـِـي. ائين ئي هن دم ڏنو، ۽ هو ٻيئي سڏڪا ڀري روئڻ ۽ رَڙڻ لڳا. جين وليجان جو روح ملائڪن وانگي آسمان ڏي اڏامي ويو، ۽ هو زمين تي رهجي ويا. +پئرس جي قبرستان جي هڪڙي پاسي ۾، جتي غريبن مسڪينن جون قبرون آهن، اتي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾، هڪڙي وڏي درخت هيٺ، گاهه سان ڍڪيل هڪڙو پهڻ ڏسڻ ۾ ايندو. اُهو هڪڙيءَ پراڻيءَ قبر جو نشان آهي. جهونائيءَ ڪري انهيءَ تي سينور چڙهي ويو آهي، نڪو انهيءَ تي ڪو اچي، نڪو ڪو انهيءَ تي گل وجهي. جڏهن ڪو اُس جو تڙڪو انهيءَ تي پوي، تڏهن ڪي ڪرڙيون ۽ سانڊيون اچي ويهنديون آهن. مٿان وڻ تي سوين ننڍڙا پکي ويهي مٺيون ٻوليون ٻوليندا آهن. انهيءَ پهڻ تي نڪو نالو آهي، ۽ نه وري ڪو نشان. ڪنهن کي به خبر ڪانهي، ته اهو ڪنهن جي قبر جو نشان آهي - اها آهي جين وليجان جي قبر! اُهو شخص، جنهن ننڍيءَ عمر ۾ غريبيءَ ۽ مسڪينيءَ جي ڪري لاچار ٿي هڪڙي روٽي چورائي، سا به ٻين ٻارن کي کارائڻ لاءِ، ۽ هڪڙي پائلي کنيائين، سا به پاڻيهي اچي اڳيان پيس. انهيءَ لاءِ هن ساري عمر پڇتايو، ۽ انهيءَ عيوض پاڻ تڪليفون سهي ٻين سان ڀلايون ڪيائين، ۽ انهن بابت ڪنهن کي به نه ٻڌايائين. +اهڙو ماڻهو هن جهان جي لاءِ ناهي، پر هـُـن جهان جي لاءِ آهي، اُهو مري نٿو، اُهو هميشه جيئرو آهي! \ No newline at end of file