diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book12.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book12.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book12.txt" @@ -0,0 +1,2039 @@ +ڪتاب جو نالو: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول) + + + +اُونداهي ڌرتي روشن هٿ +(ناول) + +آغا سليم + +7- آگسٽ 1984ع +فيروز پيارا. +خوش هجين شال. +تنهنجو خط مليو ۽ ڪتاب به مليا. يقين ئي نٿي آيو ته ڪو سنڌيءَ ۾ ههڙا سهڻا ڪتاب به ڇپجن ٿا. سچ پچ ته ڇپائيءَ جي لحاظ کان ههڙا سهڻا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ مبارڪون هجنئي. +ادا، ٽيون ڏينهن اوهان جا ڪتاب مليا. ان ڏينهن ئي مون پنهنجو سارو ڪتاب (اونداهي ڌرتي روشن هٿ پهريون ايڊيشن) پڙهيو. ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون آهن، جن کي مون ٺيڪ ڪيو آهي. بائينڊنگ ۾ صفحا اڳتي پٺتي ٿي ويا آهن، اهي ٺيڪ ڪري ڇڏجو. باقي ڪتاب ۾ اصلاح جي ڪا گنجائش ڪانهي. رڳو هڪڙو باب جيڪو پاڪستان کان اڳ جي دؤر جي باري ۾ هو ان کي شامل ڪرڻو آهي. 141 صفحي تي انگريزن جي دؤر جو باب ختم ٿو ٿئي ته ان کانپوءِ يڪدم آزاديءَ کانپوءِ جي دؤر جي شروعات ٿي ٿئي. اصل ۾ 142 صفحي تي پاڪستان کان اڳ واري دؤر جو باب هئڻ گهرجي جيڪو ورهاڱي ۽ سنڌوءَ ۽ ماڻڪ جي هندستان وڃڻ واري واقعي تي ختم ٿو ٿئي. مهرباني ڪري ان باب کي ضرور شامل ڪجو نه ته ڪتاب اڻ پورو رهندو. پهرين ڇاپي ۾ جيڪا اڻ پورائي رهجي وئي تنهن کي ٻئي ڇاپي ۾ پورو ڪري سگهجي ٿو. ادا هيڏن سالن کان پوءِ مون ڪتاب پڙهيو. سچ پڇين ته ههڙو ناول مان وري لکي نه سگهندس. مهرباني ڪري ان کي سٺو ڪري ڇاپ. +اوهان جو ڀاءُ +آغا سليم + +ٻيڙي ڪناري سان لڳي. مسافر هڪ هڪ ٿي لهڻ لڳا. سارنگ به پنهجي ڳنڍ ڪلهي تي رکي ۽ ٻيڙيءَ تان لهي ڪناري تي ٿي بيٺو. هن اکيون کڻي سامهون نهاريو. سامهون بچاءَ بند جي هن پار مُهن جو شهر هو. شهر ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ هيٺاهون ۽ ٻيو مٿاهون. هيٺاهين حصي ۾ ڪَمنِ، ڪاسبِن ۽ پورهيتن جا گهر ۽ دڪان هئا. جتي اهي گهر ۽ دڪان ختم ٿي ٿيا، اتي مٿاهينءَ تي شهر جو ٻيو حصو اڏيل هو جنهن جي چوڌاري شهر پناهه ڏنل هئي ۽ وڏيون وڏيون جايون ڪَرُ کنيو بيٺيون هيون. انهن جاين ۾ سرڪاري عملدار، پوڄاري، پوڄارڻيون ۽ امير ماڻهو رهندا هئا. شهر جي چوڌاري نيڻ نهار تائين سايون سايون ٻنيون هيون ۽ پاسي کان سنڌو وهي رهيو هو. مُهن شهر جا ماڻهو سنڌوءَ کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا ۽ هنن جا ان درياه بابت ڏاڍا عجيب عقيدا هئا. ڪي چوندا هئا ته: اهو درياه چنڊ مان وهي ٿو، سندس پاڻي پگهريل چانڊوڪي آهي، جيڪا اُڃايل ڌرتيءَ جي پُورن ۾ پيهي، سونا سنگ بڻجي فضائن ۾ جهولندي آهي. ڪي وري چوندا هئا ته : هڪڙي اوچي ۽ برف سان ڍڪيل جبل، ڌرتيءَ جي اُره مان، ٿڃ سِيرون ڪري وهندو آهي ۽ سنڌوءَ جي صورت ۾ پنهنجي ٻچڙن جي بک ڀڃندو آهي. سج اولهه ۾ لڪو ۽ آسمان ۾ جهُڙ جي ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن ۾ باه جا اُلا ڀرڪي پيا. اُلن جي اولڙي ۾ درياه ۾ ترندڙ ٻيڙين جا سڙه ۽ شهر جون جايون جرڪڻ لڳيون. پريان مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڌَڻَ، کير سان ڀريل ڇاڳلون ’ڇلڪائيندا، کُرن سان ڌوڙ اُڏائيندا، ٽليون ۽ چڙا وڃائيندا، شهر ڏانهن اچي رهيا هئا. ڌڻن جي پٺيان ڌنار بئنسري وڄائيندو ٿي آيو. بئنسري جا سُرَ فضا ۾ ائين تري رهيا هئا، جيئن سنڌوءَ ۾ سِڙهَ!”ڪهڙو نه سهڻو شهر آهي!“ سارنگ سنڌوءَ جي ڪناري تي بيٺي بيٺي سوچيو. + +هو بچاءُ بند ٽپي شهر ۾ گهڙيو. شهر جا سڌا ۽ ويڪرا رستا جن سان سڌيون سنواٽيون گهٽيون، هڪ پاڙي کي ٻئي پاڙي کان ڌار ڪري، اچي ملي ٿي ويون. رستي تي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. کٿي جون گوڏيون پاتل ڪمي ۽ ڪاسبي، ننڍي ڏاڙهي، سنواريل وار، بت تي ڇريل چادرون ويڙهيل معتبر ماڻهو. ٽِڪَ ۽ سچن ڪوڏين جون پڙيون ۽ گهگهريون پاتل جواڻ جماڻ عورتون. ڪٿي ٻار اِٽي ڏڪر کيڏي رهيا هئا ۽ ڪٿي ٺڪر جي ٺهيل بيل گاڏين کي ڌاڳو ٻڌي گهلي رهيا هئا. هڪڙي دڪان ۾ سرڪاري عملدارن ماپن جي چڪاس ٿي ڪئي. پريان ڀنگي ڪني پاڻيءَ جي نيڪاس جون ناليون صاف ڪري رهيا هئا. + +سارنگ کي سانوڻ ڪنڀر جي گهر وڃڻو هو. هو هن شهر ۾ پهريون ڀيرو آيو هو ۽ کيس سانوڻ جي گهر جي خبر نه هئي. هن هڪڙي واٽهڙوءَ کان سانوڻ جي گهر جو پتو پڇيو. واٽهڙوءَ هڪڙي گهٽيءَ ڏانهن اشارو ڪري سانوڻ جي گهر جو ڏس ڏنو ۽ هو اوڏانهن روانو ٿيو. +سارنگ در کڙڪايو.اندران هڪڙو پوڙهو نڪري آيو. +”ابا ڪير آن؟“ ۽ پوءِ سارنگ کي سڃاڻي، پوڙهي خوشيءَ گاڏڙ اچرج وچان پڇيو، ”سارنگ آن ڇا. اَبا ڀلي آئين، جيءُ آئين. مس مس منهن ڏيکاريو ٿي.“ +سارنگ جهڪي پوڙهي جا پير ڇهيا. هو هن کي اندر وٺي آيو. گهر جي اڱڻ ۾ هڪڙي جواڻ جماڻ عورت منجيءَ تي ويٺي هئي ۽ ٻار کي هنج ۾ ليٽائي کير پياري رهي هئي. سارنگ ۽ سانوڻ جي پيرن جو آواز ٻڌي ٻار کير ڇڏي، ڪنڌ ڦيري هنن ڏانهن نهاريو. عورت جي ڇاتيءَ مان کير جي سيرَ ٻارڙي جي منهن تي پئي. ٻارڙي هونگڙي ڏني، ڳٽڪيو ۽ پوءِ پتڪڙن هٿن سان ماءُ جو اُره جهلي کير پيئڻ لڳو. +”سڀاڳي، سارنگ آيو ٿي. روز چوندو هو ته ايندس. اڃ مس مس آيو آ.“ پوڙهي چيو. +”ڀاءُ، ڀلي ڪري آئين.“ سڀاڳيءَ سارنگ کي کيڪاريو. +”سک هجيئي ڀيڻ.“ +”ابا، سڀاڳي منهنجي ڌيءَ آ. ٽيون وره ڪَتيءَ ۾ پرڻايو. هومانس. گهوٽ پرديس ويل اٿس. ٻه چار ڏينهن مون وٽ گهارڻ آئي آ. اَبا ڏي خبران، ڳوٺ ڏي ته سک هو. پڻهين چاق هو. اوڙو پاڙو، راڄ ڀاڳ، سڀ سکي ها.... گهرجي به سک. ٿڪجي پيو هوندين. پاسي ۾ وهنجڻ جي جاءِ آ، ٻه چار دلا وجهندين ته سارو ٿڪ لهي ويندءِ.“ + +سارنگ وهنجي سهنجي، ماني ٽڪي کائي، ڪاڪي سانوڻ سان ريهاڻ ڪري، کٽ تي ليٽيو ته ننڊ کڻي ويس. +سارنگ جهَڪر شهر جو رهاڪو هو. پڻس ڪنڀر هو ۽ ٿانون تي اهڙا ته چِٽَ ڪڍندو هو جو پريان پريان کان ماڻهو سندس ٿانو وٺڻ ايندا هئا. سارنگ به ننڍپڻ کان ٿانوَ ٺاهڻ سکيو. پر ٿانون کان وڌيڪ هن جو مورتين ٺاهڻ تي شوق هو. مٽيءَ مان سهڻيون سهڻيون مورتيون ٺاهيندو هو. وڏو ٿيو ته پٿرن جون مورتيون ٺاهڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ مهن شهر جي بت تراش ماڻڪ جو نالو ٻڌائين، ماڻڪ جون ٺهيل مورتيون به ڏٺائين. اچي شوق ٿيس ته ماڻڪ جهڙيون مورتيون ٺاهيان ۽ ماڻڪ جيڏو وڏو بت تراش ٿيان. ڪاڪو سانوڻ پڻس جو دوست هو. ڇٽيءَ ڇماهيءَ، وڻج واپار سانگي، سندن شهر ۾ ايندو هو. سارنگ هن کان هميشہ ماڻڪ جون ڳالهيون پڇندو هو. ڪاڪي سانوڻ کيس ٻڌايو هو ته ماڻڪ جيڏو وڏو بت تراش هو، ايڏو ئي ارڏو ۽ هٺيلو هو. چڱي ڀلي سان منهن ڏيئي ڳالهائيندو به نه هو، پر ماڻهو ڏاڍو مانُ ڪندا هئس. ماڻڪ جي باري ۾ ڳالهيون ٻڌي هن جو ماڻڪ سان ملڻ جو شوق ويتر وڌي ويو. آخر هڪڙي ڏينهن دل ٻڌائين. پيءُ کان پيرين پئي موڪلايائين ۽ پنهنجون چونڊ مورتيون ڳنڍ ۾ ٻڌائين ۽ ٻيڙيءَ تي چڙهي، مُهن جي شهر روانو ٿيو. + +صبح جو ڀنڀرڪي مهل هن جي اک کلي، هٿ منهن ڌوئي ڳنڍ ڪلهي تي رکيائين ۽ ڪاڪي سانوڻ سان ملڻ کان سواءِ ماڻڪ جي گهر روانو ٿي ويو. تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ماڻڪ جي گهر وٽ اچي پهتو. در کڙڪائڻ لاءِ هٿ وڌايائين ته دل ڌڙڪڻ لڳس. آخر دل جهلي ڪڙو کڙڪايائين، اندران نوڪر نڪري آيو. +”ماڻڪ آهي.“ سارنگ نوڪر کان پڇيو. +”ها سائين آهي.“ +”ٻڌائينس ته هڪڙو پرديسي ساڻس ملڻ آيو آ.“ +نوڪر اندر هليو ويو ۽ هو اميد ۽ نااميديءَ جي ويرن ۾ لڙهڻ لڳو. ويرم نه گذري ته نوڪر موٽي آيو ۽ کيس اندر و‎ٺي ويو. هن ڌڙڪندڙ دل سان ڪوٺيءَ ۾ قدم رک��و. سامهون ماڻڪ پٺيرو ويٺو هو. هن جي اڳيان پٿر پيو هو ۽ هن جون نظرون پٿر ۾ پيهي ڪنهن مورت کي ڳولي رهيون هيون. سارنگ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر اکر سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. ڳيت ڏيئي نڙي آلي ڪيائين ته ايتري ۾ ماڻڪ جو آواز اڀريو. +”بت تراش آن؟“ماڻڪ هن ڏانهن نهارڻ کانسواءِ پڇيو. +”مڙيئي پٿر ٽُڪيندو آن. تنهانجون مورتيون ڏٺم ته انهن هٿن کي ڏسڻ جي آس جاڳي پئي، جن جي ڇهاءَ سان پَهڻ پساهه کڻڻ لڳندا آهن. سچ پچ ته مان تنهانجي مورتين کي ساه کڻندي ڏٺو آهي. مان هنن جي سيني ۾ جيئري جاڳندي دل کي ڌڙڪندي ٻڌو آهي، ۽ سندن رڳن ۾ ڳاڙهي ڳاڙهي رت کي ڊوڙندو ڏٺو آهي. ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آ. مان به پنهنجي آڱرين جون اُجهاڻيل ڏياٽيون تنهنجي آڱرين جي جوت سان جرڪائڻ جي آس کڻي آيو آن.“ +سارنگ يڪ ساهي چئي ويو. هن جي ڳالهه ٻڌي ماڻڪ آهستي آهستي ڪنڌ ڦيريو ۽ سندس اکين ۾ اکيون کپائي کيس يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو. هن جي ويڪري پيشانيءَ تي اڇن وارن جون چڳون لڙڪي رهيون هيون ۽ سندس ڪارن ڪارن اکين تي اڇيون پنبڻيون ڇانو ڪيو بيٺيون هيون. سارنگ کي ائين ڀاسيو ڄڻ ماڻڪ جون ماڻڪيون سندس دل جي اٿاه اوناهين ۾ لهي ويون. + +”نوجوان. ماکي تنهنجي ڳالهين مان ڪنهن وڏي بت تراش جي ڇيڻيءَ ۽ تيشيءَ جا آواز ٻڌڻ ۾ پيا اچن. پاڻ سان پنهنجون ڪي مورتيون آنديون ٿي.“ +” ها سائين؛ آنديون اٿم.“ +”ماکي پنهنجون مورتيون ڏيکار.“ +سارنگ يڪدم ڳنڍ کولي ۽ جلدي جلدي مورتيون ڪڍڻ لڳو. پر سندس هٿ رڪجي ويا. +”ڇو؟ هٻڪين ڇو ٿو؟“ +”سائين، تنهان جهڙي وڏي بت تراش کي پنهنجي ڏات جو ڏيک ڏيکاريندي لڄ ٿي اچي.“ +”تنهنجون ڳالهيون منهنجي گذريل زندگيءَ جا پڙلاءُ آهن. هٽڪ نه—ماکي پنهنجون مورتيون ڏيکار.“ +سارنگ مورتيون ڪڍي هن جي سامهون رکيون ۽ پاڻ ٻڏتر سان ماڻڪ کي ڏسڻ لڳو. ماڻڪ هڪ هڪ مورتيءَ کي ڌيان سان ڏٺو ۽ چيائين: ” ڏات اٿي پر ڏانءُ نه ٿي، تون تمام وڏو بت تراش ٿي سگهين ٿو.“ +”ڪيئن.....؟“ +”ڏات رت پيئندي آهي. ننڊ ۽ سپنا ڏات کي ڏان ڏيڻا پوندا آهن، تڏهن جيءَ ۾ جوت جلندي آهي. تو کي مون سان گڏ رهڻو پوندو.“ +”مان تيار آهيان سائين“ سارنگ اتساهه سان وراڻيو. + +سارنگ ماڻڪ وٽ رهڻ لڳو. ماڻڪ مورتيون ٺاهيندو هو ۽ هو ماٺ ڪري هن کي مورتيون ٺاهيندو ڏسندو هو. تن ڏينهن ۾ ماڻڪ مهاپوڄاريءَ جي مورتي ٺاهي رهيو هو. سارنگ ڏٺو ته ڪيئن ماڻڪ جي هٿن جي ڇهاءَ سان اڻ گهڙيل پٿر مان مورتي اُڀرڻ لڳي. هن به مورتيون ٺاهڻ شروع ڪيون. مورتي ٺاهي ماڻڪ کي ڏيکاريندو هو. ماڻڪ سندس مورتيون ڏسي منهن ڦيري ڇڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن ته جوش ۾ اچي تيشي سان سندس مورتيون ڀڃي ڇڏيائين ۽ چيائين: ”مورتيون ٺاهه نه، پر مورتين کي جنم ڏي.“ +سارنگ کي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. آهستي آهستي مورتيون ٺاهڻ ڇڏي ڏنائين. هاڻي هن کي پڪ ٿيندي وئي ته هو ڪڏهن به ماڻڪ جهڙو بت تراش ٿي نه سگهندو. ڪڏهن به ڪنهن مورتيءَ کي جنم ڏيئي نه سگهندو. + + +شهر جي مٿاهين حصي ۾ ٻه محلات هئا. هڪڙي ۾ وڏو پوڄاري ۽ ٻئي ۾ وڏي پوڄارڻ رهندا هئا. ٻنهي محلاتن جي چوڌاري ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون ٺهيل هيون جن ۾ پوڄاري ۽ پوڄارڻيون رهنديون هيون. هر سال جڏهين پورهيتن جو پگهر سونا سنگ بڻجي هوا ۾ جهولندو هو تڏهن لاباري کان اڳ هڪڙي چانڊوڪي رات جو جشن ملهايو ويندو هو. شهر ۽ ٻنين جي وچ ۾، درياه جي ڪنٺي تي سڀئي ماڻهو اچي مڙندا هئا. سڀ گڏجي مڌ پيئندا هئا. دهل ۽ کڙتال وڄائي ناچ کيج ڪندا هئا، سانگ رچائيندا هئا ۽ اُن طاقت اڳيان مٿو ٽيڪيندا هئا جيڪا هِتي هُتي، هر هنڌ هئي پر تڏهن به نظر نٿي آئي. جنهن جا هزارين روپ هئا، پر پاڻ بي روپ هئي، هزارين رنگ هئا، پر پاڻ بي رنگ هئي، هزارين نانءُ هئا، پر پاڻ بي نانءُ هئي، جيڪا ڌرتيءَ جي سيني مان سونا سنگ ۽ عورت جي ڪک مان چنڊ بڻجي اُسرندي هئي. ان رات شهر جون سڀ سونهاريون، سوڀياريون ڪنواريون ساٺ سينگار ڪري مهاپوڄاري جي اڳيان نچنديون هيون ۽ مهاپوڄاري شهر جي ڪنوارين مان سڀ کان سونهاري ۽ سوڀياري ڪنواريءَ جي مٿي تي زرخيزي جي ديويءَ جو تاج رکندو هو ۽ ان رات کان پوءِ اها ڪنواري مٽن مائٽن سان ناتا ٽوڙي، سڀئي لاڳاپا لاهي، زرخيزي جي ديوي ۽ مهاپوڄارڻ بڻجي محل ۾ اچي رهندي هئي ۽ ان کان اڳ واري مها پوڄارڻ داسي بڻجي محل کان ٻاهر وارين ڪوٺين ۾ رهڻ لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مهاپوڄاري زرخيزيءَ جي نئين ديوي چونڊڻ جي بدران گذريل سال چونڊيل مها پوڄارڻ جي مٿي تي ئي ديويءَ جو تاج رکندو هو ۽ هوءَ هڪ سال لاءِ وري مها پوڄارڻ بنجي راڄ ڪندي هئي. + +گذريل سال مهاپوڄاريءَ سنڌوءَ جي مٿي تي تاج رکيو هو ۽ اُن ڏينهن کان سنڌو مها پوڄارڻ بڻجي محل ۾ رهڻ لڳي هئي. هن پنهنجي سونهن، سوڀيا، ناٽ، نوڙت سان مهاپوڄاريءَ جي من کي موهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. اڄ وري چانڊوڪي رات هئي ۽ زرخيزي جي جشن جو ڏڻ هو. اڄ وري مهاپوڄارڻ جي چونڊ ٿيڻي هئي. شهر جون ڪنواريون هار سينگار ڪري، سرهاڻ سان تن بدن ڌوئي،چوٽن ۾ چندن جو چورو وجهي، مهاپوڄارڻ بڻجڻ جي آس کڻي آيون هيون. شهر جا سڀئي ماڻهو ميدان ۾ مڙيا هئا ۽ دهل ۽ کڙتال وڄائي، ماکي ۽ سُرهن گلن مان ٺهيل مَڌُ ۽ خوشبو مليل تاڙيءَ جون جمنيون پي، ناچ کيج ڪري رهيا هئا، پر سنڌوءَ جو من ماندو هو. مهاپوڄاري هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ هن کي پڪ هئي ته هن سال به هو ئي ديوي ٿيندي. پر مڙد جي دل ۽ درياه تي ڪهڙو ويساه. چڙهي ته لس ليٽ ڪري ۽ لهي ته ڪنڌيءَ جا ڪانَہَ سڪائي! جي مهاپوڄاريءَ جي دل ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ تي هرکي پئي ته پوءِ هن کي هن جي داسي بڻجي گذارڻو پوندو. راڻيءَ مان داسي بڻجڻ جي خيال سان ئي هن جي ڳلن تي ڳوڙها لڙي آيا. + +چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيو ته نوجوان داسيون سينگار جو سامان کڻي هن جي چوڌاري اچي بيٺيون. هن سڀني کان لڪي لڙڪ آُگهيا ۽ داسين سان گڏ شهر جي وڏي تلاءَ ڏانهن رواني ٿي. داسين جي وچ ۾ هوءَ ائين ٿي لڳي، جيئن ديسن ۾ سنڌ ديس، جيئن شهرن ۾ مهن جو شهر، جيئن درياهن ۾ سنڌو درياه ۽ جيئن دلين ۾ محبت ڪرڻ واري دل! هن جي اڳيان اڳيان ٻه داسيون، پتل جي ٿالهيءَ ۾ اٽي جا ڏيئا ۽ ڪنول جا گل کڻي هلي رهيون هيون ۽ هن جي پٺيان هلندڙ داسين مان هڪڙي داسيءَ جي ٻانهن تي کنهنبو وڳو پيو هو، جنهن تي سوني سئيءَ سان زرتار جو ڀرت ڀريل هو. ٻي داسيءَ جي هٿ ۾ تيل جي ٿالهيءَ ۾ عاج جي ڦڻي، سرمي داڻي ۽ سرائي، پتل جي آرسي، پتل جي وٽيءَ ۾ منهن تي مَلڻ جو کنهبو ٻورو پيو هو. ٽين داسيءَ جي ٿالهيءَ ۾ سونن داڻن ۽ سونن سڳن جي چيلهڪي، سون جي سنهن پٽن جا چيلهبند، چوٽيبند، چوٽي گل، سون جا ڪنگڻ، عاج جي ٻانهين، سوني نٿ ۽ ٻيا ڳهڻا پيا هئا. تلاءَ وٽ پهچي، اڳيان اڳيان هلندڙ داسين، تلاءَ جي چئني ڪنڊن تي چار ڏيئا رکيا، ڪنول جا گل تلاءَ ۾ اڇلايائون، سنڌوءَ جا هڪ هڪ ڪري ڪپڙا لاٿائون ۽ کيس تلاءَ ۾ وهنجارڻ لڳيون. تلاءَ ۾ ترندڙ چنڊ جو پاڇو سنڌوءَ جي اگهاڙي بت جي ڇهاءُ سان ڏڪڻ، ڪنبڻ ۽ لهرن ۾ لڙهڻ لڳو ۽ ڪنول جي ٻن سدا ٽڙيل گلن سان اکٻوٽ راند کيڏڻ لڳو. +سنڌو وهنجي ٻاهر نڪتي سڀني داسين گڏجي هن کي ويس ڍڪايا، چوٽيون ڳتيائون ۽ ڳهڻا پارائي،ساٺ سينگار ڪري، پالڪيءَ تي چاڙهي کيس محل ۾ وٺي آيون. + +ميدان ۾ مڙيل ماڻهو مهاپوڄاري ۽ سنڌوءَ جي آجيان لاءِ اُٿي بيٺا ۽ ڪنڌ نوائي، وڏي واڪي سندن آڌر ڀاءُ ڪرڻ لڳا. مهاپوڄاري ۽ سنڌو پالڪيءَ ۾ ويٺا هئا. هنن جي پٺيان پوڄارا، پوڄارڻيون ۽ داسيون اچي رهيا هئا. سڀني جي هٿن ۾ گلن سان ڀريل ٿالهيون هيون ۽ سڀني مهاپوڄاري ۽ سنڌوءَ تي گلن جي ورکا ٿي ڪئي. مهاپوڄاري ۽ سنڌو پالڪيءَ تان لٿا. سنڌو پوڄارڻين ۽ داسين سان گڏ هڪ پاسي ٿي بيٺي. مهاپوڄاري اڳتي وڌيو ۽ ميدان جي وچ ۾ باه جي مچ جي ڀر ۾ دڪاڻي تي ٿي ويٺو. سنڌو چٽسالي واري ٺڪر جي جمنيءَ ۾ پيل ماکي ۽ گلن مان ٺهيل مَڌ کڻي، ڊيل جيان ٽلندي، اڳتي وڌي ۽ جمني مهاپوڄاري کي ڏنائين. مهاپوڄاري سنڌوءَ کان جمني وٺي اٿي بيٺو ۽ جمني وارو هٿ مٿي ڪري وڏي واڪي چوڻ لڳو: +”شل اسان جون ٻنيون سدا سايون رهن ۽ اسان جون ونيون سنڍِ نه ٿين.“ +سڀني عورتن ۽ مردن هن جا چيل اکر ورجايا. پوڄاري جمني چپن تي آندي ۽ ڳيت ڏيئي پِي ويو. اوچتو دهل تي ڏونڪو لڳو ۽ ميڙ مان هڪڙي ڪنواري واسينگ وانگر وٽ کائيندي سامهون آئي ۽ باه جي اُلن جي اولڙي ۾ نچڻ لڳي. هن جي مڌ ماتن نيڻن ۾ مهاپوڄارڻ بڻجڻ جي آس جو اولڙو ٿي جرڪيو. دهل جي ڌم ڌم تي هن جو انگ انگ، سنَڌ سنَڌ نچڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو. +آخر جڏهن هوءَ نچي نچي ٿڪي پئي، تڏهن هن ڪنڌ جهُڪائي مهاپوڄاريءَ کي پرنام ڪيو ۽ ٿڪل وکون کڻندي، ميڙ ۾ موٽي وئي. هر هڪ ڪنواري سامهون اچي نچندي رهي. آخر جڏهن چنڊ جي چانڊاڻ ماڪ ۾ ڀني، تڏهن سنڌو ڇير پائي اڳتي وڌي. مهاپوڄاريءَ جي اڳيان ڪنڌ نوايائين ۽ پوءِ ڪنڌ ڦيري ميڙ ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن نهارڻ لڳي. اڄ هوءَ انهن سڀني جي راڻي هئي، پر هينئر، هڪ ٻن گهڙين ۾ هن جي قسمت جو فيصلو ٿيڻو هو. اڄ هن کي راڻيءَ مان داسي ٿيڻو هو، يا مهاپوڄارڻ بڻجي راڄ ڪرڻو هو. اوچتو هن جي اندر ۾ وڄ وراڪو ڏنو ۽ سندس انگ نچڻ لڳا. + +سارنگ مڌ جون جمنيون پي مست ٿي ويو هو. سندس اکين تي مڌ جا کيپ چڙهي ويا هئا، پر سنڌوءَ کي نچندو ڏٺائين ته اکين تان مڌ جا کيپ لهي ويس ۽ هو تارا ڦاڙي سنڌوءَ کي نچندو ڏسڻ لڳو. سنڌوءَ جو سارو بت ائين لهرائي رهيو هو، ڄڻ سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. سندس جوڀن ڄڻ سنڌوءَ جي موج، ڄڻ سنڌين جي فوج! سندس سنَڌ ڳالهائڻ لڳا.... سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. هارين هر سانباهيا هئا. ڪنواريون چرخا ڪتڻ لڳيون، ٻارڙا هونگڙيون ڏيڻ لڳا. اوچتو هن جي ڇاتي سانوڻيءَ جي درياه وانگر اُٿلون ڏيڻ لڳي. ٻانهون، سنڌوءَ جي ڇوهَ ڀرين ڇولين وانگر ڦٿڪڻ ۽ لڇڻ لڳيون. بت کي ڦيراٽيون ڏنائين، ڄڻ سنڌوءَ جي ڪُنن ڪڙڪا ڪيا، اکيون ڪروڌ ۾ ٽانڊن وانگر ٻرڻ لڳيون. سنڌو ڪنارا ڀڃي رهيو هو. مهاپوڄاريءَ وڏي واڪي چيو: +”اسان تي ٻاجهه ڪر سنڌو. اسان جون ٻنيون نه ٻوڙ، اسان جي ونين کان مُرڪ نه کس، اسان جا مڙد هر ڪاهي رهيا آهن، ڪنواريون چرخا ڪتي رهيون آهن. ٻارڙا هونگهڙيون ڏيئي رهيا آهن. اسان تي ٻاجهه ڪر سنڌو!“ +سڀئي مڙد ۽ عورتون هيسيل هانون سان مهاپوڄاريءَ جا اکر ورجائڻ لڳا.... گهڻي دير تائين سنڌو ڦٿڪندي لڇندي ۽ پاڻ پتوڙيندي رهي. هوري هوري سندس جوش ڍرو ٿيڻ لڳو. وري هن جا هٿ ڳالهائڻ لڳا. هن جو بدن هوريان هوريان لهرائڻ لڳو، ڄڻ سندس سنڌ سونا سنگ هئا، جيڪي ڪنهن جواڻ مڙد جي ڇهاءُ جي سيڪ ۾ پچي راس ٿيا هئا ۽ هير جي هندوري ۾ جهولي رهيا هئا. سندس چپن تي مُرڪ هئي، ڄڻ ساري سنڌ ٿي مرڪي، سڪار ٿي مرڪيو، پورهيتن جو پگهر ٿي مرڪيو. هن هڪڙي هٿ کي ڏاٽي جي صورت ڏني، ٻئي هٿ سان خيالي سنگ کي جهلي، ڏاٽي سان لڻيو. چؤطرف هوڪار مچي ويا، دهل وڄڻ لڳا ۽ سنڌو مست ٿي نچڻ لڳي ۽ نچي نچي ساڻي ٿي مهاپوڄاريءَ جي پيرن وٽ پٽ تي اچي ڪري. +مهاپوڄاري شاهاڻي شان سان دڪاڻيءَ تان اٿيو ۽ دڪاڻي تان لهي هن سهڪندڙ سنڌوءَ کي پٽ تان اٿاريو. هڪڙي داسيءَ ديويءَ وارو تاج آڻي مهاپوڄاريءَ کي ڏنو. مهاپوڄاريءَ اهو تاج سنڌوءَ جي مٿي تي رکيو. دهل تي وري ڏؤنڪو لڳو. ماڻهن هوڪارا مچايا. پوڄاريءَ سنڌوءَ کي ٻانهن کان جهلي دڪاڻيءَ تي وٺي آيو. داسيءَ هن کي مڌ جي جمني ڏني ۽ هو ٻئي اوڀر ڏي منهن ڪري، جمنيءَ مان آڱريون ٻوڙي، اوڀر ڏانهن مڌ جا ڇنڊا اڇلائي وڏي واڪي چوڻ لڳا: +اي شڪتي. +تون روشني آهين. +تون اونداهيءَ جي سيني کي چيري ائين ڦٽندي آهين جيئن ڌرتيءَ مان سلا ڦٽندا آهن، +جيئن ماءُ جي اُرهن مان ٿڃ جا گوها نڪرندا آهن، +جيئن اونداهيءَ ڪُک مان ٻار نڪرندو آهي. +تنهنجي ڇهاءَ سان سنگ ائين پچندا آهن. +جيئن مڙد جي ڇهاءَ سان ڪنواريءَ جو جوڀن. +تون اسان جي ڪنڀرن، سنگتراشن ۽ هنرمندن جي هٿن جي سونهن آهين. +تو جنسار کي چڪي تي ائين ٺاهيو آهي. +جيئن ڪنڀر ٿانوَ ٺاهيندو آهي. +تو روشنين ۽ رنگن جي پٽ- ڌاڳن سان جنسار کي چرخي تي ڪتيو آهي. +تون ڌرتي ماءُ آهين. +تنهنجي اُرهن مان دريا ٿا وهن، +اي ڌرتي ماءُ، +اسان جي ٻنين ۽ ونين جون ڪکيون سدا سايون رک. + +پوڄاري پوري ڪئي هو ٻئي دڪاڻيءَ تان لٿا ۽ ٻنين ڏانهن روانا ٿيا. سڀئي ماڻهو هنن جي پٺيان پٺيان اچي رهيا هئا. هڪڙي ٻاري ۾ بيهي، سنڌو ڏاٽي سان پهريون سنگ لڻيون، ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هنيان ۽ دهل ۽ کڙتال جي آوازن سان نچندا، هنبوڇيون هڻندا، لاباري کي لڳي ويا. + + + +سارنگ مستيءَ ۾ جهومندو، ٿيڙ کائيندو، گهر ڏانهن روانو ٿيو. اڄ هن جي چت ۾ ڇيريون ٿي ڇمڪيون ۽ هزارين مورتيون بدن کي لهرائي، ٻانهن کي ورائي هن جي اڳيان ٿي نچيون. ساهه سان هيٺ مٿي ٿيندڙ جوڀن ڄڻ سنڌوءَ جي موج. ڄڻ سنڌين جي فوج! گهر اچي هن تيشي ۽ ڇيڻي کنئين ۽ پٿر ڇلڻ ويٺو. هوري هوري پٿر مان هڪڙي مورتي ڪَرَ موڙي جاڳي پئي ۽ هن جي سامهون نچڻ لڳي. سارنگ ڊوڙندو ماڻڪ وٽ ويو ۽ هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي مورتيءَ جي سامهون آڻي بيهاريائين. ماڻڪ اچرج ۾ پئجي مورتيءَ کي ڏسندو رهيو. هو ان مورتيءَ مان ڇير جو ڇمڪو، ساهه جو سهڪو ۽ دل جو دهڪو ٻڌي رهيو هو. ماڻڪ سارنگ جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائين: +”مان سچ چيو هو ته مان تنهنجي ڳالهين مان ڪنهن وڏي بت تراش جي ڇيڻي ۽ تيشيءَ جا آواز ٻڌي رهيو آهيان. تون تمام وڏو بت تراش آهين. تنهنجي شروعات منهنجي پڄاڻي آهي.“ +ڪجهه ڏينهن گذريا ته اوچتو ماڻڪ بيمار ٿي پيو. ويڄن گهڻو ئي دارون درمل ڪيو، پر هن پنهنجي اڇن پنبڻين سان اهڙو ته اکين کي ڍڪيو جو وري نه کوليائين. + +اوچتو ڇير جو هلڪو ڇمڪو ٿيو، ڄڻ ڪنهن سياڻي جي سوچ ۾ سوجهرو آيو، ڄڻ ڪنهن ڪويءَ جي دل ۾ ڪوتا ڪر موڙيا، ڄڻ ڪنهن سنگتراش جي دل ۾ مورتي لٿي. جڏهن به هن جي دل ۾ ڪا نئين مورتي لهندي هئي ته هن جي ساري وجود ۾ ائين ئي ڇير جي هلڪي ڇمڪار ٿيندي هئي ۽ هو بيچين ٿي ويندو هو. هن جي بيچيني ان عورت جي بيچينيءَ جهڙي هوندي هئي، جنهن جي نئين نڪوري سپي، ٻوٽيل چپ پٽي، مينهن ڦڙي جهٽي ان کي موتي بنائڻ لاءِ آتي هوندي آهي. شايد ڪنهن گرڀ وتي عورت جي پهرين سورن جي لئي به اها ئي هوندي...... هو تيشي ۽ ڇيڻي کڻڻ لاءِ اٿيو ته سامهون در وٽ سنڌوءَ کي بيٺل ڏٺائين..... ڇا اها واقعي سنڌو هئي يا هن جو سپنو سنڌوءَ جو روپ اختيار ڪري هن جي سامهون بيٺو هو. ڇير جو وري هلڪو ڇمڪو ٿيو ۽ ڇير جي آواز کان به وڌيڪ مٺڙو آواز اُڀريو. +”بت تراش، مان ٻڌو آهي ته تو منهنجي اهڙي ته سهڻي مورتي ٺاهي آهي جو ماڻهو ڏيساورن کان اها مورتي ڏسڻ ايندا آهن. اڄ مان به اها مورتي ڏسڻ آئي آهيان.“ +سارنگ هن کي ڪو جواب نه ڏنو، رڳو ماٺ ڪري هن کي ڏسندو رهيو. +”ائين اچرج وچان ڇو ٿو ڏسين؟“ +” ڏسان ٿو ته تون سپنو آهين يا ساڀيان.“ +”مان سپنو نه پر ساڀيان آهيان.“ +”اهڙي ساڀيان جيڪا سپني کان وڌيڪ سندر آهي.“ +”بت تراش، مان پنهنجي مورتي ڏسڻ آئي آهيان. ڇا تون مون کي منهنجي مورتي ڏيکاريندين.“ +سنڌو جي سوال جي جواب ۾ سارنگ مورتيءَ تان ڪپڙو لاٿو. سنڌوءَ جون اکيون مورتيءَ ۾ کپي ويون. +.بت تراش، ڇا مان اهڙي سندر آهيان، جهڙي هيءَ مورتي سندر آهي.“ +”سنڌو ديوي، تنهنجي سندرتا جا سوين روپ آهن. هيءَ مورتي ته تنهنجي سونهن جو رڳو هڪڙو روپ آهي.“ +”پر مون ته ڪڏهن به آرسيءَ ۾ پنهنجو ههڙو سندر روپ نه ڏٺو آهي.“ +” ان ڪري جو تو ڪڏهن به منهنجي اکين سان پنهنجو پاڻ کي نه ڏٺو آهي.“ +”پوءِ چئبو ته سونهن مون ۾ ڪانهي پر تنهنجي اکين ۾ آهي.“ +”آرسيون سڀ ڪوڙيون ٿينديون آهن. سچي آرسي صرف بت تراش جي دل ٿيندي آهي، جنهن ۾ پوندڙ اولڙو پٿر ۾ پيهي سندر روپ وٺندو آهي.“ +”پر مان ته بت تراش جي دل جي آرسيءَ ۾ پنهنجي صورت ڏسي نه ٿي سگهان.“ +”تون هن مورتي ۾ پنهنجي صورت ڏسي سگهين ٿي، جو مورتين ۾ ئي بت تراش جي دل ڌڙڪندي آهي.“ +”مورتي چوي ٿي ته مان تو کان وڌيڪ سندر آهيان ۽ اها سندرتا مون کي بت تراش جي هٿن ڏني آهي.“ +”تون چئينس ته بت تراش جي هٿن کي اها سونهن مون ڏني آهي ۽ مان توکان وڌيڪ سندر آهيان. +تو کي ڏسڻ کان اڳ به مان مورتيون ٺاهيندو هيس. ماڻڪ منهنجي مورتين کي ڏسي منهن ڦيري ڇڏيندو هو. هڪ ڀيري ته منهنجي مورتي ڀڃي ڇڏيائين. مون کي پڪ ٿي وئي ته مون ۾ ڏات ڪانهي، پر ان رات تو کي نچندو ڏٺم ته چت ۾ ڪيئي مورتيون چرڻ لڳيون ۽ گهر اچي تنهنجي هيءَ مورتي ٺاهيم. +سنڌو ديوي، تنهنجي سونهن ئي منهنجي ڏات آهي، جنهن منهنجي اونداهي اندر ۾ سوجهرو ڪيو آهي.“ + +سنڌو اکيون کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو. سارنگ ڪهڙو نه سهڻو هو، جهڙو سندس اندر سهڻو هو، جهڙا سندس هٿ سهڻا هئا، جهڙيون سندس ڳالهيون سهڻيون هيون اهڙو ئي هو پاڻ سهڻو هو. +”سنڌو ديوي، مان تنهنجي سندرتا جي هر روپ کي هنن آڱرين سان مورتي جي صورت ڏيندس ۽ تنهنجي سندرتا کي امر بڻائيندس. ماڻهو تو کي ديوي ڪري پوڄيندا، سهاڳڻيون تنهنجي مورتيءَ کي کير ۾ ڌوئي پيئنديون ته جيئن هنن جي ڪُک مان به اهڙي ئي سندرتا جنم وٺي. هاري تنهنجي مورتيءَ کي ٻنين ۾ رکندا ته جيئن سندن ٻنيون به تنهنجي جوڀن جهڙيون جوڀنيڪ ٿين ۽ جڏهين به سنڌو ڪروڌ ۾ اچي ٻوڏيون ڪندو ته ماڻهو تنهنجي مورتي کي سنڌوءَ جي سير ۾ وجهندا ۽ سنڌو تنهنجي سونهن ڏسي سانت ٿي ويندو.“ +سارنگ ڳالهائي رهيو هو ۽ سنڌو يڪ ٽڪ هن کي ڏسي رهي هئي. هن جي کليل پيشانيءَ تي وکريل وارن کي. هن جي انهن ڪارن گهرين اکين کي جن ۾ سندس ئي صورت جرڪي رهي هئي. انهن اکين ۾ ئي اها سندرتا هئي جنهن سان سارنگ هن کي ڏٺو هو ۽ ان سندرتا کي پٿر ۾ اوتي هن کان به وڌيڪ سندر مورتي گهڙي هئي ۽ هن کي امر بڻايو هو. اڄ هوءَ مهاپوڄارڻ هئي، پر سڀاڻي هوءَ مها پوڄاريءَ جي سڏ لاءِ سڪندي. ويري وقت هن کان ساري سونهن۽ سارو جوڀن کسي وٺندو ۽ هوءَ مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويندي. ڪوبه هن کي ياد نه ڪندو. سڀڪجهه ختم ٿي ويندو. پر هن مورتيءَ کي ڪير به ختم ڪري نه سگهندو، ڪير به هن جي سندرتا کسي نه سگهندو. هن جي سونهن، هن مورتيءَ جي روپ ۾، وقت ۽ موت کي به جيتيو هو. ماڻهو هميشہ هن جي پوڄا ڪندا. هن بت تراش هن کي ڪيڏو نه مانُ ڏنو هو. هن سارنگ جي اکين ۾ نهاريو. سارنگ جون اکيون هن جي اکين جي درين مان هن جي دل ۾ لهنديون ٿي ويون. +”مان سنگتراش آهيان ۽ تون منهنجي ڏات آهين. تنهنجي ۽ منهنجي ميلاپ مان ئي سونهن جنم وٺندي ۽ امر ٿيندي. هن ڌرتي تي ڏاڍي بدصورتي آهي. بدصورتي ماڻهن جي روحن ۾ پيهي وئي آهي. اچ ته ماڻهن کي هڪ نئين سونهن ۽ نئين سندرتا سان آشنا ڪريون. ماڻهپي جي سونهن، انساني ڀائپيءَ جي سندرتا، ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان هڪ جهڙائيءَ جي سونهن! ماڻهن کي سونهن جا نوان آدرش ڏيون ته جيئن هو هن ڌرتيءَ تان بدصورتي کي مٽائي ڇڏين. پنهنجي روحن مان بدصورتي کي ڪوري ڪڍن.“ + +سنڌوءَ سارنگ جي اکين ۾ نهاريو ۽ هن کي سارنگ جي اکين ۾ اهڙي سونهن نظر آئي، جنهن سان ساري سنڌ ٿي جرڪي، ساري ڌرتي ٿي جرڪي ۽ انسان جو آئيندو ٿي جرڪيو. اوچتو گهنڊ وڳو، ناد وڄڻ لڳا ۽ سنڌو کي ياد آيو ته پوڄا جو وقت ٿي ويو آهي. هن سارنگ کان موڪلايو ۽ پنهنجي محل ڏانهن موٽي آئي. + +آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. رکي رکي وِڄِ ٿي چمڪي ۽ اونداهيءَ جو سينو چيري ٿي ڇڏيائين. ڪڪر پاڏن وانگر ٿي رنڀيا. سنڌو پنهنجي محل ۾ ويٺي هئي. هن جي اندر ۾ عجيب آنڌ مانڌ هئي.ورَ ورَ ڪري سارنگ جي صورت سندس دل تي تري ٿي آئي. کليل پيشاني تي وکريل وار، ڪاريون گهريون اکيون جيڪي هن جي اکين جون چائنٺون اورانگهي، هن جي دل جا دروازا کڙڪائي رهيون هيون. هن جي دل جي مندر ۾ مها پوڄاريءَ جي مورتي پئي هئي ۽ هوءَ گوڏا کوڙي، ڪنڌ نوائي، اکيون بند ڪري، ٻانهون ٻڌي، مهاپوڄاريءَ جي مورتيءَ جي پوڄا ڪري رهي هئي. پر سارنگ پنهنجي تيشي سان هن جي دل جا دروزا کڙڪائي رهيو هو. اوچتو دروازن جا طاق پٽجي ويا، مهاپوڄاريءَ جي مورتي اونڌي منهن اچي پٽ تي ڪري. هن ڇرڪي سامهون نهاريو. سامهون سارنگ بيٺو هو. هن جي چپن تي مُرڪ هئي ۽ هو آهستي آهستي هن ڏانهن وڌي رهيو هو. ويجهو اچي سارنگ هن کي ٻانهن کان جهليو ۽ آهستي آهستي وٺي آڻي ان دڪاڻيءَ تي ويهاريو، جتي ٿوري دير اڳ مهاپوڄاريءَ جي مورتي رکي هئي. پوءِ هو گوڏا کوڙي ڪنڌ جهڪائي، هٿ ٻڌي، هن جي پوڄا ڪرڻ لڳو. +ڪڪرن ۾ گاج ٿي سنڌوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي، بت کي چادر ويڙهي هوءَ وسندڙ مينهن ۾ سارنگ ڏانهن رواني ٿي. + +سارنگ پنهنجي گهر ۾ پٺيرو ويٺو مورتي گهڙي رهيوهو. پٿر مان آهستي آهستي نقش اُڀري رهيا هئا. سنڌوءَ جي سندرتا پٿر مان ائين اڀري رهي هئي، جيئن چنڊ اونداهي اولهه مان ڪني ڪڍندو آهي. ڇير جو ڇمڪو ٻڌي سارنگ پٺتي نهاريو. در جي چائنٺ وٽ سنڌو بيٺي هئي. مينهن ۾ هن جا ڪپڙا پسي هن جي بت کي چهٽي پيا هئا ۽ سندس انگ انگ اڀري آيو هو. ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. وري آسمان ۾ گاج ٿي ۽ ٻئي ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيا. سنڌو اڳتي وڌي ۽ چيائين: +”تو چيو هو نه، ته مان تنهنجي ڏات آهيان. تنهنجي ۽ منهنجي ميلاپ سان سونهن جنم وٺندي ۽ امر ٿيندي. مان سونهن کي جنم ڏيڻ ۽ امر بنائڻ لاءِ تو وٽ آئي آهيان.“ +”مون کي پڪ هئي ته تون مون وٽ ايندينءَ ڇاڪاڻ ته اسين ٻئي هڪ ٻئي جي پورائي آهيون.“ +سارنگ هن کي سامهون ويهاريو ۽ هن جي جسم جي انگن ۽ ونگن کي پٿر مان اڀارڻ لڳو. + +هاڻي هر رات جو جڏهن شهر ۾ سانت ڇانئجي ويندي هئي تڏهن سنڌو لوڪ کان لڪي سارنگ وٽ ايندي هئي ۽ سارنگ هن جون مورتيون ٺاهيندو هو. سنڌو هن جون اهي آڱريون چمندي هئي، جنهن مان روشني ڦٽندي هئي ۽ پٿر ۾ پيهي سنڌوءَ جي مورتي ٿي ويندي هئي. + +هڪڙي رات سنڌو سارنگ وٽان موٽي ۽ پنهنجي ڪمري جي چائنٺ مس ٽپي ته سامهون ويٺل پوڄاريءَ تي نظر پيس. هن جو ساهه ئي سڪي ويو. يڪدم گوڏا کوڙي، هٿ ٻڌي، ڪنڌ نوايائين. وڏي پوڄاريءَ جو گجندڙ آواز گونجيو: +”سنڌو، تون مون کي دوکو ڏيئي سگهين ٿي، پر ديوتائن کي دوکو ڏيئي نٿي سگهين. ديوتائن مون کي ٻڌايو آهي ته رات جو اونداهيءَ ۾ تون ڪيڏانهن ويندي آهين. تنهنجو هي هار سينگار ڪنهن لاءِ آهي ۽ تنهنجي انگ انگ کي، جنهن کي صرف مهاپوڄاريءَ کي ڇهڻ جو حق آهي، ڪنهن ڇهيو آهي.“ +”سائين، مون ڪو پاپ نه ڪيو آهي.“ +”پاپ ڇا َهي ۽ پڃ ڇا آهي، اهو مون کان ۽ ديوتائن کان سواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. تو هڪڙي ڪينَ جهڙي بت تراش سان پيار ڪري مهاپوڄاريءَ سان ويساه گهاتي ۽ مهاپوڄارڻ جي رتبي جي گهٽتائي ڪئي آهي.“ +سنڌوءَ پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مهاپوڄاريءَ جي اکين ۾ اکيون کپائيندي چيائين: +”سائين، جنهن کي اوهين ڪين جهڙو سنگتراش ٿا چئو تنهنجو رتبوديوتائن کان به مٿاهون آهي. هن جون آڱريون اهڙيون ڏياٽيون آهن، جن مان شڪتي ديوي روشني بڻجي ڦٽندي آهي.“ +”ديوتائن لاءِ اهڙا اکر اچاري تون ديوتائن جي ڪروڌ کي سڏي رهي آهين. جي اڄ کان پوءِ تون هن وٽ وئينءَ ته مان هن جي آڱرين جون ڏياٽيون اُجهائي ڇڏيندس، جو اها ئي ديوتائن جي مرضي آهي.“ + +مهاپوڄاري هليو ويو ۽ سنڌوءَ کي ٻرندڙ ٽانڊن تي اڇلائي ويو. ساري رات هوءَ ٽانڊن تي سڙندي ۽ پڄرندي رهي. ٻئي ڏينهن جڏهن سارنگ وٽ وڃڻ جي ويل ٿي ته مهاپوڄاريءَ جا اکر ڪوٽ جون ڀتيون بڻجي هن جي اڳيان اُڀا ٿي بيٺا. پر هن ويل ٽرڻ نه ڏني ۽ سڀئي ڪوٽ ڪيرائي، سر جو سانگو لاهي، سارنگ سان وڃي ملي. +مهاپوڄاريءَ سارنگ کي پاڻ وٽ سڏايو هو. سارنگ سوچيو ته الائجي ڇو مهاپوڄاري هن کي سڏايو هو. شايد مهاپوڄاريءَ کي هن ۽ سنڌوءَ جي پيار جي خبر پئجي وئي هئي. جي مهاپوڄاريءَ کي هنن جي پيار جي خبر پئجي وڃي ها ته هو ڪو وڏو قدم کڻي ها. سندن پيار تي پابندي وجهي ها. سنڌوءَ کي هن وٽ اچڻ کان روڪي ها. پر ڪير آهي جيڪو سدا وهندڙ مست الست سنڌوءَ کي وهڻ کان روڪي سگهي. ڪير آهي جيڪو پيار ڪندڙ دل تي پابندي وجهي سگهي. جي مهاپوڄاريءَ کي سندن پيار جي خبر پئجي به وئي هئي ته ان جي هن کي ڪا پرواهه نه هئي. هن پيار ڪيو هو ۽ پيار پاپ نه آهي. پر شايد مهاپوڄارڻ سان پيار ڪرڻ پاپ آهي. سنڌو مهاپوڄارڻ نه هئي، پر هن جي ڏات هئي ۽ ڏات سان پيار ڪرڻ ڏوه آهي ته پوءِ دنيا جا سڀ سنگتراش ڏوهاري آهن، جن پنهنجي ڏات سان پيار ڪري سونهن ۽ سوڀيا کي جنم ڏنو آهي. هو پنهنجي ڏات لاءِ جيئندو ۽ ڏات لاءِ ئي مرندو...... +هن پنهنجا وکريل وار سنواريا، ڇريل چادر بت کي ويڙهيائين ۽ مهاپوڄاريءَ جي محل ڏانهن روانو ٿيو. +گوڏو کوڙي، ڪنڌ نوائي، هٿ ٻڌي، هن مهاپوڄاريءَ کي پرڻام چيو. مهاپوڄاريءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين هن جو جائزو ورتو ۽ گنڀير آواز ۾ چيائين: +”بت تراش، اسان کي ان ڳالهه تي مانُ آهي ته تو جهڙو سنگتراش اسان جي شهر ۾ اچي رهيو آهي. تنهنجون مورتيون ڏسي ديوتا ڏاڍا سرها ٿيا آهن.“ +”اهو سڀ ديوتائن جو ئي ڏان آهي سائين.“ +”پر بت تراش، ڌرتي ماءُ جي سيني تي وڏو پاپ ٿيو آهي ۽ ڌرتيءَ ماءُ اسان تي ڏمر ڪيو آهي.“ +سارنگ جهڪيل اکيون کڻي مهاپوڄاريءَ جي اکين ۾ نهاريو ۽ پڇيائين: +”ڪهڙو پاپ ٿيو آهي سائين.“ +”انسان جي دل ايتري ته ننڍي آهي جو ان ۾ ڌرتي ماءُ جي سيني ۾ سانڍيل راز سمائجي نٿا سگهن. ڪڏهين ڪڏهين انسان اهڙا ته پاپ ڪندو آهي جو سندس پ��پن جي رازن کي ڌرتي ماءُ به پنهنجي سيني ۾ سانڍي نه سگهندي آهي ۽ سندس دل ٻرندڙ جبل جي صورت ۾ ڦاٽي پوندي آهي. ان ڪري انساني پاپن جو راز صرف ڌرتيءَ ماءُ ئي ڄاڻي ٿي. مون کي رڳو ايتري ڄاڻ ڏني وئي آهي ته هن شهر جي ڪن رهواسين وڏو پاپ ڪري ڌرتيءَ ماءُ کي رنجايو آهي. هاڻي ڌرتي ماءُ اسان تي ڏمر ڪندي ۽ بت تراش. تو کي شايد خبر ڪانهي ته جڏهين ڌرتي ماءُ ڏمر ڪندي آهي تڏهين سايون ٻنيون سُڪي وينديون آهن، آتڻ اُجڙي ويندا آهن، سنڌو اٿل کائيندو آهي ۽ گهرَ لڙهي ويندا آهن ۽ شهر کنڊر ٿي ويندا آهن. ڌرتي ماءُ جي ڏمر جي ڪري هي شهر ڇهه دفعا تباه ٿيو آهي. هينئر اسين هن شهر کي تباه ٿيڻ نه ڏينداسين.“ +مهاپوڄاري ماٺ ٿي ويو ۽ بيچينيءَ سان ڪمري ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو. +”بت تراش، مون تو کي ان لاءِ سڏايو آهي جو تون وڏو بت تراش آهين. تنهنجون مورتيون ديوتائن کي به پسند آهن. تون ڌرتيءَ ماءُ جي اهڙِ سندر مورتي ٺاهه، جنهن کي ڏسي هوءَ سرهي ٿئي. اسين سڀ شهرواسي مٿئين مهيني جي چنڊ رات ان مورتيءَ جي پوڄا ڪنداسين ۽ ٻل ڏيئي رت سان سندس سيني تان پاپ جو داغ ڌوئينداسين.“ +”اوهان جو حڪم اکين تي سائين.“ +”هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.“ + +سارنگ پهرن جا پهر ڌرتي ماءُ جي مورتي بابت سوچيندو رهيو. هن جي اندر ۾ رڳو سنڌوءَ جي سونهن جي سهائي هئي. سنڌوءَ جي سونهن جا سوين روپ هئا. پر هن جو ڪهڙو روپ ڌرتيءَ جو روپ هو. اوچتو هن جي چت ۾ ڪاڪي سانوڻ جي ڌيءَ سڀاڳيءَ جو روپ اُڀريو. هوءَ ٻار کي هنج ۾ ليٽائي کير پياري رهي هئي. سندس اُره مان ٿڃ جي سير وهي ٻارڙي جي منهن تي پئي. ٻارڙي هونگڙي ڏني، ڳٽڪيو ۽ پنهنجي پتڪڙن هٿن سان ماءُ جو اُره جهلي کير پيئڻ لڳو. سارنگ جي ذهن ۾ به مورتيءَ هونگڙي ڏني. هو ٽپ ڏئي اٿيو ۽ تيشي ۽ ڇيڻي کڻي مورتي ٺاهڻ لڳو. + +چانڊوڪي رات هئي. اڄ به سنڌوءَ جي ڪپر تي، وڏي ميدان ۾ ماڻهو اچي مڙيا هئا. پر اڄ هنن جي منهن تي سرهائيءَ جي بدران ڊپ ۽ هراس ڇانيل هو. ڌرتي ماءُ هنن کان ڏمرجي وئي هئي ۽ هو کيس پرچائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. سارنگ بت تراش، سندس مورتي ٺاهي هئي ۽ هو ڌرتي ماءُ جي مورتيءَ لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا پر مهاپوڄاري اڃان ڪونه آيو هو ۽ سڀئي آسائتيون اکيون کڻي سندس واٽ نهاري رهيا هئا. آخر جڏهن رات ڀِني ته سَنک وڳو ۽ مهاپوڄاري، پوڄارڻ، پوڄارڻين ۽ داسين جي ٽولي سان ميدان ڏانهن اچڻ لڳو. اڳيان اڳيان پالڪيءَ تي ڌرتي ماءُ جي مورتي رکيل هئي، جنهن کي زرتان سان مڙهيل چادر سان ڍڪيو ويو هو. پالڪيءَ جي پٺيان مهاپوڄاري ۽ سنڌو هئا ۽ هنن جي پٺيان سارنگ ۽ ٻيا پوڄارا، پوڄارڻيون ۽ داسيون اچي رهيون هيون. مورتيءَ کي وچ ميدان تي رکي ان جي چوڌاري مشعلون ٻاريون ويون ۽ پوءِ مهاپوڄاري اڳتي وڌيو ۽ مورتيءَ تان چادر لاٿائين. مهاپوڄاريءَ جون اکيون مورتيءَ ۾ کپي ويون. هن جي سامهون سنڌو پنهنجي سموري سونهن سان نروار ٿي بيٺي هئي. هن سنڌوءَ جي سنڌ سنڌ جي سونهن کي اکين ۾ اوتيو هو. پر سنڌوءَ جي سونهن جا اڃا ڪي اهڙا روپ هئا، جيڪي هن جي اکين کان اوجهڙ رهيا هئا ۽ اڄ سنگتراش سارنگ هن جي سونهن جي انهن روپن کي اگهاڙو ڪري هن جي اکين اڳيان آندو هو. سنڌ جي ڌرتيءَ جهڙو ڀلارو بدن، ڪڻڪ جهڙو سون ورنو رنگ، ڪنول جهڙين ڪومل ۽ ڪنوارين ڇاتين مان سيرون ڪري وهندڙ ٿڃ جهڙي ڌرتيءَ جي اُره مان وهندڙ سنڌو! هن جي هنج ۾ ٻار هو، جيڪو ٿڃ پيئڻ لاءِ واجهائي رهيو هو ۽ هن جي منهن تي مامتا هئي.... سنڌوءَ جي سونهن ڏسي مهاپوڄاريءَ جو ڪنڌ جهڪي ويو. ماڻهن به پنهنجا ڪنڌ جهڪاي��. گهڻيءَ دير تائين مهاپوڄاري ڪنڌ جهڪائي، آسماني اشلوڪ ڀڻڪندو رهيو. پوءِ هن جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ماڻهن ڏانهن منهن ڪري وڏي واڪي چوڻ لڳو: +”مهن شهر جا رهواسيو. توهان مان ڪن ماڻهن پاپ ڪري ماءُ کي رنجايو آهي. پر ڌرتي ماءُ پنهنجي ههڙي سهڻي مورت ڏسي ڏاڍي سرهي ٿي آهي. هاڻي توهان جون سايون ٻنيون ڪڏهين نه سڪنديون، اوهان جا آتڻ ڪڏهن نه اُجڙندا ۽ سنڌو ڪڏهن به ڪروڌ نه ڪندو.“ + +ايترو چئي مهاپوڄاري ماٺ ٿي ويو. ماڻهن جا منهن خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳا ۽ سڀ ڌرتيءَ ماءُ جي وڏائي ڳائڻ لڳا ۽ سنگتراش سارنگ جي ساراه ۾ نعرا هڻڻ لڳا، جنهن ڌرتيءَ ماءُ جي ههڙي سهڻي مورتي ٺاهي رٺل ماءُ کي ريجهايو هو. مهاپوڄاريءَ سارنگ ڏانهن نهاريو. سارنگ جون اکيون سنڌوءَ ۾ کتل هيون. مهاپوڄاريءَ ڪنڌ ڦيري سنڌوءَ ڏانهن نهاريو. سنڌوءَ سارنگ ڏانهن ٿي نهاريو ۽ سندس منهن مان سرهائيءَ ٻهه ٻهه ٿي ڪئي. مهاپوڄاريءَ جي هنيانءَ ۾ ڄڻ وَڍَ پوڻ لڳا، ڪروڌ جي ڪاريهر ڪَر کڻي ڦوڪار ڏني. هن يڪدم هٿ مٿي کنيو. هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي ماٺ ڪرايائين ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳو: +”پر ڌرتيءَ ماءُ جي پَلوَ تي اسان پاپ جو داغ لڳايو آهي. ان داغ کي ٻَل ڏيئي، رت سان ڌوئڻو پوندو.“ +”ڌرتي ماءُ جيڪو ٻل گهرندي، سو اسين ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“ +”اسين تيار آهيون.....“ +”اسين تيار آهيون.....“ +ماڻهن جي ميڙ مان آواز اچڻ لڳا. مهاپوڄاري ماٺ ڪري آواز ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن ماڻهن ماٺ ڪئي ته هن چيو: +”ڌرتي ماءُ اوهان کان ڪو وڏو ٻَل نٿي گهري. هوءَ صرف....“ هن پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ چوڌاري ڪنڌ ڦيري ماڻهن جو جائزو وٺڻ لڳو. سڀ ماڻهو انتظار مان هن ڏانهن نهاري رهيا هئا. مهاپوڄاري دانهن ڪئي: +”ڌرتي ماءُ اوهان کان اهي هٿ ٿي گهري، جن هٿن ڌرتي ماءُ جي ههڙي سهڻي مورتي ٺاهي آهي ته جيئن اهي هٿ ههڙي سهڻي مورتي وري ٻيهر ٺاهي نه سگهن.“ +مهاپوڄاريءَ جي ڳالهه ٻڌي ماڻهن کي ڄڻ کپر کائي ويو. اوچتو سنڌو دانهن ڪندي، ميڙ مان ٻاهر نڪتي: +”اهو ڪوڙ آهي. نسورو ڪوڙ آهي. مهاپوڄاري ان ڪري سارنگ جا هٿ وڍائڻ ٿو چاهي، جو مون انهن هٿن سان پيار ڪيو آهي. مهن شهر جا رهواسيو، سارنگ جون آڱريون ڏيئاٽيون آهن. جن مان شڪتي ديوي روشني ۽ سونهن بڻجي ڦٽندي آهي. جي اهي ڏيئاٽيون اجهاڻيون ته پوءِ صديون اونداهيون ٿي وينديون ۽ پوءِ سونهن ۽ روشني ڏيڻ وارن جا هٿ هميشہ وڍايا ويندا.“ +وڏي پوڄاري هٿ جي اشاري سان پريان بيٺل پوڄارن ۽ ٻانهن کي اشارو ڏنو. هو اڳتي وڌيا ۽ سنڌوءَ کي کنڀي کڻي ويا. سنڌو دانهون ڪندي رهي: +”سارنگ جا هٿ نه وڍيو. سارنگ جي آڱرين جون ڏيئاٽيون نه وسايو......“ +وڏي پوڄاريءَ گجندڙ آواز ۾ چيو: +”ڌرتي ماءُ جي مرضي پوري ڪئي وڃي.“ +سارنگ کي مورتيءَ جي اڳيان آندو ويو. هن جا ٻئي هٿ مورتيءَ جي اڳيان رکيل اَڏيءَ تي رکيا ويا. ڪهاڙو چمڪيو ۽ رت اڏيءَ تان اڏامي مورتيءَ تي پيو. سارنگ دانهن ڪئي، وَٽَ کاڌا، لڇيو، ڦٿڪيو ۽ پوءِ بيهوش ٿي ويو. +اوچتو گهوڙن جي هڻڪار ٿي، رڻ گجيو، راڙو ٿيو، ڪانَ ڪَڙَ ڪَڙَ ڪندا ڪُکن ۾ لڳا. هر طرف دانهون، رڙيون، موت ئي موت! سايون ٻنيون سڙڻ لڳيون، رت ريلا ڪري وهي ڇڙيو. +مهن شهر تي ڌارين حملو ڪيو هو. + +تارا هڪ هڪ ٿي آسمان مان غائب ٿي ويا ۽ هر طرف صبح جو کير جهڙو سوجهرو پکڙجي ويو. هر شيءِ ڄڻ کير ۾ وهنتل ٿي لڳي. پاسي کان مهراڻ وهي رهيو هو. ڪناري سان ٻيڙيون بيٺيون هيون ڪجهه ٻيڙيون سير ۾ ٿي تريون جن جا اڇا اڇا سڙهه هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هئا. آسمان ۾ ڪنگن جي قطار اڏامندي لنگهي. ٻيڙ��ءَ ۾ هڪڙي جواڻ جماڻ مهاڻي وار ڇنڊڻ لڳي ۽ هڪڙي مهاڻي ڪن تي هٿ رکي. ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جا ٻول ڄڻ نيري اُنيري آسمان ۾ اڏامندڙ اڇن اڇن ڪنگن جي قطار! +درياه جي پرينءَ ڀر گهاٽا ٻيلا هئا. اورينءَ ڀر، درياه جي پاسي واري لنگهه سان انبن، ليمن ۽ کجين جا باغ. ڌرتيءَ تي جهنگلي وليون وڇايل هيون ۽ انهن ولين ۾ رنگا رنگي گل، ماڪ سان منهن ڌوئي مرڪي رهيا هئا. وڻن جي ٽارين تي پکين لاتيون ٿي لنيون. ڄڻ پکي به گيت ڳائي صبح جي آمد جو آڌر ڀاءُ ڪري رهيا هئا. سامهون روپاه ماڙيءَ جي شهر پناهه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. شهر پناه کان نظر ايندڙ ماڙيون ۽ ماڙين جا منگهه. بوعليءَ گهوڙو جهليو.گهوڙي تان لهي، گهوڙي جو لغام جهلي پنڌ هلڻ لڳو. پاسي کان تڙ هو ۽ تڙ جي ڏاڪڻ تي گوڏي پاڻيءَ ۾ هندو عورتون اڀرندڙ سج جي پوڄا لاءِ بيٺيون هيون. پاسي کان ڍڳي گاڏيون رينگٽ ڪنديون لنگهيون. گاڏرن بوعليءَ سلام ڪيو ۽ پوءِ سيني تي هٿ رکي هن جي کيڪر ڪيائون:”ڀائو. ڀلي ڪري آئين.“ +بوعليءَ کي سنڌي ڪا نه ايندي هئي. پر هو سنڌيءَ سان ايترو ته مانوس ٿي ويو هو، جو هو سمجهي ويو ته گاڏر کيس کيڪاري رهيا آهن. هو به مرڪي سيني تي هٿ رکي هنن جي کيڪر جو جواب ڏنو ۽ اڳتي وڌيو. ٻه چار وکون کنيائين ته ڪن تي سرندي جو آواز پيس. سرندي جو آواز ڪيترو نه ڏکوئيندڙ هو ڄڻ هي نيرو نيرو آسمان، لُڙاٽيل مهراڻ، مهراڻ تي ترندڙ سڙهه، وار ڇنڊيندڙ ڇوڪري ۽ ڪنگن جي قطار، هر هڪ شيءِ مان ڏک ماڪ ڦڙن جيان ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمي رهيو هو. سرندي جا سُر ٻڌي بوعليءَ جي اکين آڏو عربستان جا نخلستان پکڙجي ويا. اُٺن جا چڙا حدي خوانن جا گيت، کجين جا نخلستان، بغداد جون راتيون، قهوه خانا ۽ رباب تي رقص. بوعلي ماٺ ڪري بيهي رهيو ۽ سرندي جا سُرَ ٻڌڻ لڳو. پوءِ هن وک وڌائي ۽ ان طرف هلڻ لڳو. جتان سرندي جو آواز اچي رهيو هو. سامهون هڪڙي وڻ جي هيٺان، ماڪ ڀنل ولين جي گلم تي هڪڙو ماڻهو ويٺو سرندو وڄائي رهيو هو. هن جي بت تي اڇي چادر ويڙهيل هئي. وار ڪلهن تائين ڊگها، رنگ اڇو، نڪ ڊگهو ۽ سنهون، اکيون چيرويون ۽ ڀرون گهاٽا ۽ اکين تي وريل. بوعلي جي پيرن جو آواز ٻڌي هن اکيون مٿي کنيون ۽ سامهون هڪڙي اجنبي کي ڏسي هن سرندو پاسيرو ڪري رکيو ۽ عربيءَ ۾ چيائين: +”ادا، ڀلي ڪري آئين.“ +هن جي واتان عربي ٻڌي بوعليءَ کي صفا حيرت نه ٿي. هن سنڌ ۾ وک وک تي ڪيترا مسلمان عالم ۽ هندو پنڊت ڏٺا هئا، جن عربي ۽ فارسي ڏاڍي فصاحت سان ٿي ڳالهائي. ڪو زمانو هو جو سنڌ جا ڳنوار به عربي ڳالهائيندا هئا، تڏهن سنڌ عربستان جو پرڳڻو هو. عربي سنڌ جي سرڪاري زبان هئي سنڌي عربي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. هينئر به عالم عربي ۽ فارسي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا هئا. هن کي ڏاڍي حيرت ٿي ته سنڌي پنهنجي زبان جي بدران پراين زبانن تي فخر ڇو ڪري رهيا هئا. + +”ادا، منهنجي سرندي جا سُرَ ۽ منهنجي ديس جي سونهن تو کي آجيان ٿا چون، منهنجو نالو سارنگ آهي. مان پاڻ برهمڻ آهيان. منهنجي واتان عربي ٻڌي حيران ته ضرور ٿيو هوندين ته مان هندو ٿي ڪري عربي ڪيئن ٿو ڳالهايان. پر ادا، زبان جو ڪو مذهب نه ٿيندو آهي. زبان نه هندو هوندي آهي ۽ نه مسلمان. زبان صرف زبان هوندي آهي. انسان جي اندر جي اظهار جو ذريعو ۽ دنيا جي سڀني انسانن جو اندر هڪ جهڙو اُجرو آهي.“ + +سارنگ هن کان گهوڙو ورتو. گهوڙي کي وڻ سان ٻڌي هن بت تي ويڙهيل اجرڪ ڌرتيءَ تي وڇايو ۽ بوعليءَ کي اجرڪ تي وهاريائين. ويهڻ مهل بوعليءَ جي چيلهه تي ٻڌل، تلوار اٽڪڻ لڳي. +”ادا، هيءَ تلوار ڪنهن کي مارڻ لاءِ کنئي اٿيئي، تنهنجو دشمن ڪير آهي. ڪنهن کان ٿو ڊڄين؟“ +”ڊپ جي ڳالهه نه آهي. تلوار مڙد جو زيور آهي.“ +”الائجي اهو وقت ڪڏهن ايندو، جڏهن ماڻهو تلوار کي نه پر سرندي کي پنهنجو زيور سمجهندا. تلوار کڻڻ ڪا فخر جي ڳالهه ته نه آهي. قران ۾ خدا ڪٿي به تلوار جو قسم نه کنيو آهي، پر ان قلم جو قسم کنيو آهي، جيڪو سڌي ليڪن ۾ اکر لکندو آهي. تنهنجي مذهب جي ته ابتدائي ’اقراءَ‘ سان ٿي آهي.“ + +عجيب ماڻهو آهي. هندو ٿي ڪري قرآن جون ڳالهيون ائين ٿو ڪري، ڄڻ قرآن به هن جو مذهبي ڪتاب آهي. +”شايد عالم آهين ۽ علم جي تلاش ۾ هتي آيو آهين.“ +”نه. مان عالم نه آهيان، پر سياحت لاءِ هت آيو آهيان.“ +”سياحت به ته تلاش آهي. پر ڇا جي تلاش؟ هر ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن جي تلاش آهي. پر ڪو نٿو ڄاڻي ته ڪير ڪنهن کي ٿو ڳولهي. تون ته سومري سلطان جي سراءِ ۾ وڃي رهندين. پر جي مون غريب کي عزت لائق سمجهين ته هڪڙو ويلو مون وٽ هلي کاءُ.“ + +بوعلي سارنگ جي مهمانوازيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن جي ان جذبي جو احترام ڪندي بنا ڪنهن هٻڪ جي کڻي هاڪار ڪيائين. ٻئي ڄڻا اٿيا ۽ شهر ڏانهن روانا ٿيا. + +هينئر سج ڪني ڪڍي هئي ۽ هر طرف اُس پکڙجي وئي هئي. نيرو آسمان، ميرانجهڙو سنڌو، اڇا سڙهه، ساؤ پٽ. سنهري اُس، رنگا رنگي گل. ڪهڙو نه سهڻو ديس آهي!‘ بوعلي سوچيو. + +روپاه جو شهر ڏاڍو سهڻو هو. ويڪرا رستا. رستن جي ٻنهي طرف وڻراه. وڏا ۽ ڪشادا گهر. مسجدن جا گنبذ ۽ منارا. مندرن جا ڪلسَ. سراؤن ۽ ڌرم شالاؤن. چانديءَ جا پنڙا ۽ هسَ، عاج جون ٻانهيون، ڇريل ڪپڙا، گل جي جتي پاتل مسلمان عورتون. ريشمي ڇريل پڙا، ڇريل گگهريون، اڇن ۽ ڳاڙهن مڻين جا بولا پاتل هندو عورتون، جن جو رنگ ڪوٺاري ۾ پگهريل سون وانگر ٿي جرڪيو. وڏا وار، چاپئين ڏاڙهي، گهيريدار ۽ وڏ پائچون شلوارون پاتل سنڌي مڙد، جن جون اکيون عقابي هيون، پر جن جي چهرن تي ٻاجهه ٿي ٻهه ٻهه ڪئي. مولوي، پنڊت، ڏيساورن مان آيل واپاري. هو هڪڙي ڌرمشالا جي سامهون اچي بيٺا. ڌرمشاله جي هڪڙي حجري ۾ سارنگ رهندو هو. + +سارنگ دروازو کوليو ۽ هو اندر داخل ٿيا. فرش تي پڙڇ وڇايل هو، جنهن تي ڪتاب ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. سارنگ پڙڇ کي ڇنڊي، رلي وڇائي بوعليءَ کي وهاريو ۽ پاڻ باهه ٻاري ماني پچائڻ لڳو ۽ ٿوري دير ۾ ڪوسا ڪوسا ڦلڪا، مکڻ جو چاڻو ۽ ڏڌ جي چؤنري آڻي هن جي اڳيان رکيائين. بوعليءَ ماني کاڌي ته سارنگ حال احوال ورتس. +بوعلي بغداد مان آيو هو. پڻس وڏو تاجر هو ۽ قافلن سان گڏ ڏيساورن ۾ تجارت ڪرڻ ويندو هو. جڏهن موٽي ايندو هو ته هن کي نون ملڪن جي نون ماڻهن جون نت نيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. + +بوعليءَ جي دل ۾ نون ملڪن ڏسڻ ۽ نون ماڻهن سان ملڻ جو شوق جاڳي پيو. پڻس جي مرضي هئي ته بوعلي تاجر ٿئي. پر بوعليءَ جو رجحان علم ڏانهن هو. هن وڏن وڏن عالمن کان علم پرايو.يونان جي فيلسوفن جا ڪتاب پڙهيائين. بخارا جي ابن سينا، ايران جي فخر الدين رازي، اندلس جي ابن رُشد ۽ ابن عربيءَ جو مطالعو ڪيائين. شيعن ۽ اسماعيلي عالمن سان مناظرا ڪيائين. علم جي سياحت ڪندو، هو يونان ۽ اندلس کان ٿيندو سنڌوءَ جي ڪناري اچي پهتو. سنڌ حڪمت، ڏاهپ ۽ موسيقيءَ جو ديس هئي. امام بخاريءَ لکيو هو ته: دنيا ۾ سڀ کان پهرين جنهن ڌرتيءَ تي ڪتاب تصنيف ٿيا، سا سنڌ جي ڌرتي آهي. پنڊت ماڻڪ سنڌي هو، جنهن کي هارون الرشيد خاص طور سنڌ مان گهرائي پنهنجي دارالتراجم ۾ سنسڪرت ۽ سنڌي ڪتابن جي ترجمي تي مقرر ڪيو هو. ماڻڪ جي پٽ صالح سنڌي، جنهن طب ۾ هارون جي درٻاري طبيب جبرائيل بختشوع يونانيءَ کي کي مات ڏني. بجيڪر، ڪلپ راءِ، باکر، ڏاهر، زنڪل، راجا، اريڪل، اهي سڀ سنڌي عالم ۽ موسيقار هئا، جن سنڌ مان بغداد ۾ اچي نجوم، هيئت، طب، ادب، حساب، بت تراشي ۽ موسيقي تي ڪتاب لکيا. ابو ضلع المنصوريءَ عربي ۾ سنڌ جو قصيدو لکيو. ابوالعطاالسنڌي ۽ ڪشاجم، شاعرن جا امام تسليم ڪيا ويا. ڪشاجم حلب جي ندي فويق لاءِ چيو هو ته: +”اسان جو هي درياه عقيق جي ڳاڙهن گلن ۽ ساون سبزه زارن مان ائين ٿو وهي، ڄڻ ته اڇن موتين جو هار آهي، جيڪو ڪڏهين سنڌي تلوار وانگر چمڪاٽ ٿو ڏي، ته ڪڏهين مياڻ ۾ پيل تلوار وانگر جهڪو ٿو ٿي وڃي......“ جي ڪشاجم سنڌ ۾ هجي ها ته شايد سنڌوءَ لاءِ اهڙو شعر چوي ها. پر تاريخ جو وهڪرو هن کي عرب ۾ وهائي کڻي آيو ۽ عرب جي ڌرتي هن لاءِ سنڌ جي ڌرتي ٿي وئي ۽ فويق ندي سنڌوندي ٿي وئي. هڪ ديس جي ڌرتيءَ مان انسان جون پاڙون پٽجن ٿيون ته ڪيئن نه هو ٻئي ديس جي ڌرتيءَ ۾ پنهنجون پاڙون ٿو لڳائي. ان ساڳي ڪشاجم لاءِ هڪڙي شاعر چيو هو ته: +’ارمان آهي ان ماڻهوءَ جي بخت تي، جيڪو شراب جي پيالي، صابئي جي مڪتوبات ۽ ڪشاجم جي غزلن جي ذائقي کان محروم آهي.‘ +بايزيد بسطاميءَ جو استاد بوعلي به السندي هو. فقہ جاماهر السندي هئا. تفسير جا ماهر به السندي هئا. السندي. السندي. السندي! هر هنڌ سنڌي عالمن جو ذڪر هو جن بغداد جي مدرسن ۾ علم جون شمعون روشن ڪيون ۽ جن شمعن جي روشني بغداد مان اندلس پهتي ۽ مغرب جي اونداهن ايوانن کي روشني ملي. ٻڙي ۽ ڏهائي عرب سنڌين کان سکيا ۽ انگن کي هندسه سڏيائون. برهم گپت جو ڪتاب ’برهمپت سڌانت‘ جو سنڌين عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن عرب جي عملي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. حساب ۽ هيئت جي هڪڙي عرب عالم بغدالله بن احمد سرقسطي ان ڪتاب تي ڪجهه علمي اعتراض لکيا ته، اندلس جي حساب دان ابن صاعد انهن اعتراضن جا جواب لکيا. حساب جهڙي خشڪ موضوع ڏانهن به سنڌين جو رويو شاعراڻو هو. + +’مڌَ مکين جي ڪُلَ جو پنجون حصو اڏامي وڃي ڪدم جي گلن تي ويٺو. ٽيون حصو سلندر جي گلن تي ۽ انهن ٻنهي جي تفاوت جو ٽيون حصو ڪٽجاجي مکڙين تي. هڪڙي مڌ مک پٺتي رهجي وئي ۽ اڪيلي هوا ۾ اُڏامندي رهي. اي سندر ناري ٻڌاءِ ته ڪل گهڻيون مڌ مکيون هيون.....‘ + +’منهنجي پياري تنهنجي ڪنن ۾ جيڪي اٺ لعل، ڏهه زمرد ۽ سؤ موتي آهن، تن کي مون هڪ جيتري قيمت تي خريد ڪيو. اها قيمت اڌ سؤ کان گهٽ هئي. اي سندر ناري. مون کي هر هڪ جي قيمت ٻڌاءِ.‘ + + + +بوعليءَ ارادو ڪيو ته هو سنڌ ويندو. سنڌي سکندو. سنڌيءَ جي علمي ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما ڪندو. عربن جي دؤر حڪومت جي علمي تاريخ لکندو. سنڌي عالمن جي عربي ۾ لکيل ڪتابن جا قديم مسودا ڳوليندو. ديبل، نيرون ڪوٽ، بهمن آباد، المنصوره ۽ اروڙ گهمندو ۽ پوءِ هو ابن رشد جي اندلس ويندو. عبدالرحمان جو اشبيله ۽ قرطبه ڏسندو. +هڪڙي ڏينهن هو جهاز تي چڙهيو ۽ سنڌ روانو ٿي ويو. لاهري بندر تي لٿو. لاهري تمام وڏو بندر هو. بندر ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪڙو ڳوٺ هو، جنهن کي سون مياڻي ٿي سڏيائون. بندر تي هرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، ملبار، ڪارو منڊل ۽ چين جا جهاز بيٺا هئا، جن تي واپار جو سامان چاڙهيو ۽ لاٿو ٿي ويو. شهر ڏاڍو شاهوڪار هو. شهرکي چؤڌاري شهر پناهه ڏنل هئي ۽ هر هڪ گهر جي مٿان منگهه هئا. +سنڌو ڏ‎ٺائين ته دجله ياد پيس. تاتارين بغداد کي لٽيو: بغداد جا ڪتب خانا ۽ مدرسا ساڙيائون. دجله ۾ پاڻيءَ جي بدران انساني رت وهڻ لڳو. شايد سنڌ کي به ڪن تاتارين لٽيو هوندو. سنڌ جا ڪتب خانا ۽ مدرسا سڙيا هوندا ۽ سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ بدران رت وهيو هوندو. دنيا جي هر هڪ درياه جو هڪ داستان آهي! +لاهري بندر کان هو ديبل بندر ويو. ديبل هينئر ڦٽي ويو هو. زلزلو آيو هو ۽ ديبل ۾ ڏيڍ لک ماڻهو مئا هئا. جنهن شهر ۾ ڏيڍ لک ماڻهو رهندا هوندا سو شهر به ته ڪو شهر هوندو! هينئر هر طرف کنڊر هئا. اجڙيل مسجدون ۽ مندر. اتان هو ڪلياڻ ڪوٽ ويو ۽ پوءِ ‎ٺٽي ۽ نيرون ڪوٽ کان ٿيندو روپاه ۾ آيو ۽ سارنگ سان سڃاڻپ ٿيس. + +سارنگ نيرون جو رهڻ وارو هو. ڪڏهن نيرون جو شهر تمام وڏو شهر هو. ٽڪريءَ تي ڪوٽ ٺهيل هو. ديبل مان ايندڙ قافلا نيرون ۾ ڊاٻو ڪندا هئا. نيرون جي لاهين چاڙهين تي ٻڌ ڀڪشو، هندو جوڳي ۽ وڏن جبن وارا عرب سياح، تاريخ نويس ۽ جاگرافيدان گهمندا هئا. پوءِ منصوره ٺهيو ۽ نيرون جي عظمت ختم ٿي وئي. پر هينئر به درياه جي ڪنارن سان ۽ درياه جي ڦاٽن سان وڏا وڏا ٻيلا هئا جن ۾ جوڳي ۽ ڀڪشو مڪتيءَ جي تلاش ۾ ڀتڪندا هئا گنجي ٽڪر تي ڪاليءَ جو مندر هو، جتي نانگا ۽ سنياسي رهندا هئا. درياه تي ميلا لڳندا هئا. درياه پنٿي هندو اچي گڏ ٿيندا هئا. بيل گاڏيون، پالڪيون، ڇڪڙا، اٺن جا قافلا، جانجهه، يڪتارا، چپڙيون، عورتون اٽي جا ڏيئا ٺاهي، سندور ۽ گل ڦل هڻي، چومکو ڏيئوٻاري ’بحرانو‘ ڏينديون هيون. ساري رات درياه ۾ ٻيڙيون ترنديون هيون هر هڪ ٻيڙيءَ مان سازن جا آواز پيا ايندا هئا. + +سارنگ برهمڻ هو. هن کي به ٻين برهمڻن وانگر پنجويهن سالن تائين برهمچاري ٿي گروءَ جي آشرم ۾ علم پرائڻو هو. تنهن کان پوءِشادي ڪري گهر وسائڻو هو ۽ پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ گهر گهاٽ اولاد جي حوالي ڪري، ويس وڳا لاهي، محل ماڙيون ڇڏي، جهوپڙيءَ ۾ رهي سنياس لاءِ تيار ٿيڻو هو، ۽ زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جهنگ برَ گهمي، مڪتي ماڻڻي هئي. سارنگ ننڍي ڄمار ۾ ئي جڻيو پائي گروءَ جي آشرم ۾ داخل ٿيو. آشرم ۾ گروءَ کان وديا ورتائين. پنڊت ماڻڪ کان موسيقيءَ جي سکيا ورتائين ۽ سرندو وڄائڻ شروع ڪيائين. مسلمانن سان بحث ڪرڻ لاءِ سنڌي پڙهيو. مسلمان مبلغن سان مناظرا ڪيائين. پنهنجي ڌرم کي بچائڻ ۽ مسلمان ٿي ويل هندن کي شڌي ڪرڻ لاءِ ڪتاب لکيائين. پر خرقه پوش صوفي هئا، جن جي گودڙيءَ ۾ الائجي ڪهڙا لعل هئا، جو ماڻهن جا هشام هنن جي پٺيان هئا. +پڙهي پڙهي ٿڪجي پوندو هو ته سرندو وڄائڻ لڳندو هو. پر هن کي پنهنجي سرندي جا سُرَ ساڻا ۽ ويڳاڻا لڳندا هئا. ڄڻ هن جي سرندي جي سُرن کي ڪنهن جي تلاش هئي. ڄڻ هن جي روح ۾ ڪا راڳڻي هئي جنهن جي اظهار کان سرندي جون تندون عاجز هيون. + +هڪڙي پورنماسيءَ جي رات سنڌوءَ جي ڪناري ميلو لڳو. هو به پنهنجن ٻين وديارٿي ساٿين سان ميلي تي ويو. چنڊ هميشہ هن کي اوجاڳا ڏنا هئا ۽ چانڊاڻ هن کان ننڊ کسي هئي. ان رات به چنڊ هن کان ننڊ کسي ورتي ۽ هو سرندو کڻي درياه جي ڪپر تي اچي ويٺو ۽ سرندو وڄائڻ لڳو. چانڊاڻ، سانت، سنڌو ۽ سرندي جا سُر. اوچتو هن کي تنهائي جو احساس ٿيو. ڄڻ هو برپٽ ۾ بيٺو هو ۽ چؤڌاري ويراني ۽ اڪيلائي هئي ۽ سرندي جا سر هن جي تنهائي جو پڙلاءَ هئا. اوچتو تنهائي جهونگارڻ لڳي ۽ هن جي ڪن تي پازيب جي ڇم ڇم جو آواز پيو. هن اکيون کوليون. سامهون سفيد شال اوڍي هڪڙي عورت بيٺي هئي. ڊگهو قد، ماسيرو ۽ تراشيل بدن، وڏيون ڏيون اکيون جن تي ڳورا ڳورا ڇپر ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. ڊگهيون پنبڻيون. وريل ڀرون ۽ چنڊ جهڙو چهرو. سفيد لباس ۾ هن جو چهرو ائين ٿي لڳو، ڄڻ چنڊ سفيد بادل جي چادر اوڍي ڌرتيءَ تي لهي آيو هجي. ڄڻ سنڌوءَ مان ڪا جَل پري نڪري آئي هجي. شايد هوءَ سونهن ۽ ڌن جي ديوي لڪشمي هئي، جنهن لاءِ هن ڀڳوت پران ۾ پڙهيو هو ته: +”هٿن ۾ ڪنو�� گلن جو اهو هار جهلي، جنهن تي مڌ مکيون ٿي اڏاڻيون، لڪشميءَ پنهنجو مکڙو موڙيو. سندس چپن تي هلڪي لڄاري مرڪ ڏاڍي سونهاري ٿي لڳي. ڳلن تي ڪنن جي والين جي اولڙي ٿي جڳ مڳ ڪئي. هن جا ٻئي اُره هڪ جيترا هئا ۽ سيندور جي ٻوري سان ڍڪيل هئا. هن جي چيلهه ايتري ته سنهي هئي جو نظر ئي نٿي آئي. هن جڏهن وک ٿي کنئي ته سندس پيرن جي پازيبن ڇن ڇن ٿي ڪئي. هن جو سارو جسم ڪنهن سنهري ول وانگر هو.“ + +هن جي سونهن ۽ سوڀيا ته لڪشمي ديويءَ واري هئي، پر هوءَ پاڻ علم ۽ موسيقي جي ديوي سرسوتي هئي جيڪا هن جي اڻ پوري علم ۽ اڻ پوري فن کي تڪميل ڏيڻ لاءِ هن وٽ آئي هئي. هن جي سرندي جا سُرَ ان ديويءَ جي درشن لاءِ ئي ويڳاڻا هئا. اها ديوي ئي هن جي روح جي راڳڻي هئي، جنهن جي اظهار کان هن جي سرندي جون تندون عاجز هيون، ۽ اڄ هن جي روح جي راڳڻي، هن جي سرندي جا سر سرسوتي ديويءَ جي روپ ۾ هن جي سامهون بيٺا هئا. هن سرندو پاسيرو ڪري رکيو ۽ هٿ ٻڌي سرسوتيءَ جي اڳيان ڪنڌ نوايائين. + +”ديوي، منهنجا سُرَ ڪوجها آهن ۽ منهنجي ڏات جون ڏياٽيون اُجهاڻيل.منهنجي سرن کي سونهن ۽ منهنجي ڏات کي روشني ڏي ديوي.“ +سارنگ جي ڳالهه ٻڌي هوءَ مرڪڻ لڳي. هن جي مرڪ ڪيتري نه ڏک ڀري هئي. +”جيڪا پاڻ روشنيءَ جي ڪرڻي لاءِ ڀٽڪندي ٿي وتي، تنهن کان روشني ٿو گهرين.“ +”علم روشني آهي. سنگيت سهائي آهي ۽ تون روشني ۽ سهائي جي ديوي آهين.“ + +سارنگ جي ڳالهه ٻڌي هوءَ وري مرڪڻ لڳي ۽ وري هن جي مرڪ مان لڙڪ ليئا پائڻ لڳا. +”خبر اٿئي ته مان ڪير آهيان؟“ +”اها ديوي، جنهن جا ساهه سر آهن، ۽ جنهن جي اُرهن جو اُهاءُ علم آهي.“ +”تون ڪير آهين؟“ +”تنهنجو ڳولاؤ، تنهنجو پوڄاري.“ +”مون کي ڳولڻ ڏکيو نه آهي. مان نيرون ۾ رهندي آهيان ۽ نيرون جا سڀئي ماڻهو مون کي سڃاڻين. ڪنهن کان به سنڌو نچڻيءَ جو پڇندين ته منهنجي گهر جو ڏس ڏيندءِ.“ + +سنڌو نچڻي! ته ڇا هوءَ سرسوتي ديوي نه پر سنڌو نچڻي هئي. پاپڻ ۽ وئشيا! جنهن مرڪ سان ڪيترن ملوڪن کي ماريو هو. جنهن ماڻي سان مرڪندڙ گهر ويران ڪيا هئا. جنهن جي سونهن جي مَنڊ ۾ هن جو هڪڙو وديارٿي ساٿي ماڻڪ منڊجي پيو هو، ۽ پوءِ گرو آشرم کي ڇڏي، انگ ڀڀوت ڪري، گنجي ٽڪر تي ڪاليءَ جي مندر ۾ وڃي ويٺو هو. پر نه، هوءَ سنڌو نچڻي ٿي نٿي سگهي. سونهن ڪڏهن به پاپ ڪري نٿي سگهي. هوءَ سرسوتي ديوي هئي، جيڪا هن جي ڪوجهن سرن کي سونهن ۽ هن جي ڏات جي اُجهاڻيل ڏياٽين کي روشني ڏيڻ آئي هئي. + +”هاڻي ته خبر پيئه، ته جنهن کي تو ديوي ٿي سڏيو، سا پاپڻ وئشيا آهي.“ +”سونهن پاپ ڪري نٿي سگهي. تون وئشيا ۽ پاپڻ ٿي نٿي سگهين.“ +”يقين نٿو اچيئي، ته منهنجي گهر اچي اکين سان ڏسجانءِ ته مان ڪير آهيان. مان تنهنجو انتظار ڪنديس.“ + +ائين چئي هوءَ پنهنجا پازيب ڇمڪائيندي هلي وئي ۽ سارنگ هن کي ويندو ڏسندو رهيو. ان رات هن جهٽ پلڪ لاءِ به اک نه ٻوٽي. ساري رات بت بڻجي سنڌوءَ کي وهندو ڏسندو رهيو. سنڌو ساگر سان ملڻ لاءِ ڪيترو نه بيتاب هو. هن جو ساگر ڪير هو؟ سنڌو! هن جو ساگر سنڌو هئي ۽ هن جي ساهه جو سنڌو پنهنجي ساگر سان ملڻ لاءِ ڪيترو نه بيتاب هو. پر سنڌو ته وئشيا هئي، نچڻي هئي ۽ هو آتم جاتي برهمڻ هو. وديارٿي هو. هن کي پنهنجي وديا ۽ گيان تي وڏو مان هو. پر اڄ هن کي پنهنجي اتم جاتي، پنهنجو گيان ۽ مانُ سنڌوءَ جي سونهن آڏو تڇ ٿي لڳو. هن هڪڙي يوناني ڏاهي جو قول پڙهيو هو، ته سونهن نيڪي آهي. جي سونهن نيڪي آهي ته پوءِ سونهارو ماڻهو پاپي ڪيئن ٿي سگهي ٿو. سنڌو وئشيا نه، پر سرسوتي ديوي هئي، جنهن رشين کان و��د لکرايا. ڪاليداس کان شڪنتلا، هرش کان رتناولي ۽ والميڪ کان رامائڻ لکرائي. هن جو سرندو، هن جي سرندي جا سر سنڌوءَ کي ئي ڳولي رهيا هئا. سنڌوءَ جي لهر لهر ٿي سنڌو سنڌو چيو، پنَ پنَ مان سنڌوءَ جا پڙلاءَ ٿي آيا. سنڌو! سنڌو! +ان رات کان پوءِ سارنگ جي اکين کان ننڊ رُسي وئي ۽ سرندي کان سر. اندر ۾ باهه ڀڙڪي پيس، جنهن باهه ۾ سارو جنسار پڄري رهيو هو. باهه جيڪا اگني ديوي هئي. +اي اگني، تنهنجا ٽي روپ آهن. هن ڌرتيءَ تي تون باهه ٿي ڀڙڪا ڏين ٿي. وچ آسمان ۾ تون وڄَ بڻجي چمڪاٽ ڪرين ٿي ۽ مٿاهين آسمان ۾ تون سج بڻجي چمڪين ٿي.... +اي اگني تنهنجو هڪڙو ٻيو روپ به آهي، سارنگ جي سيني ۾ تون محبت جو مچ بڻجي ٻرين ٿي، جنهن مچَ ۾ ساري هستي پڄرڻ لڳي ٿي، دل پڄري ٿي، اکيون پڄرن ٿيون، ساهه ۽ احساس پڄرن ٿا. + +سارنگ به باهه جي اُلي وانگر ڀڙڪو ڏيئي اٿيو ۽ سنڌوءَ سان وڃي مليو. سنڌو پنهنجي وارن سان هن جي پيرن تان مٽي اگهي. ڪنول جي پنکڙن سان هن جي پيشاني تان پگهر اگهيو. لوبان ۽ اگر ٻاريو. سنڌُ سنڌُ سينگاريو. سارنگ مڌ پي سرندو ڇيڙيو ۽ هوءَ نچڻ لڳي. اڄ ديوتائون سوم رس پي نئين سر ڪائنات جي تخليق ڪري رهيا هئا، جنهن ڪائنات ۾ ڪو ڏک نه هو، ڪو پاپ نه هو. ڪو پڃ نه هو، ڪا ذات پات نه هئي. جنهن ۾ صرف سنڌو هئي، سرهاڻ هئي، چانڊاڻ هئي، مڌ هئي، سرندي جا سر هئا، نيرو نيرو آسمان هو ۽ انڊلٺ جا رنگ ۽ ونگ هئا. + +هاڻي روز سارنگ رات جو سنڌو وٽ ويندو هو. روز مڌ پي سرندو وڄائيندو هو ۽ سنڌو نچندي هئي. ڪير نچڻي آهي ۽ ڪير نچائڻ وارو؟ ڀرٿري هري چيو هو ته: هي دنيا رنگ ڀومي * آهي ۽ اسين سڀ ويس ڌاريِ. ڏوهه نه وئشيا جو آهي ۽ نه برهمڻ جو. پر ڏوهه ته ان ليکڪ جو آهي جنهن زندگيءَ جو هي بي معنيٰ ناٽڪ لکيو آهي ۽ جنهن ناٽڪ ۾ سارنگ اوچي جاتي واري برهمڻ جو ۽ سنڌو وئشيا جي ويس ڌاري آهي. پر اوچي جاتي وارا برهمڻ سارنگ جي ڳالهه سمجهي نه سگهيا. ڳالهه ڦاٽ کاڌو ۽ ممڻ مچي پيو. تڏهين سارنگ کي خبر پئي ته اگنيءَ جو هڪڙو ٻيو روپ به آهي ۽ اهو آهي لوڪ! + +سارنگ کي ماءُ پوتي لاهي پيرن ۾ رکي ۽ پيءُ پڳ، ته وئشيا سان نينهن جو ناتو ڳنڍي ڌرم کي ڀرشٽ نه ڪر. پر هو سڀ بند ڀڃي،لوڪ لتاڙي، سنڌو وٽ وڃي پهتو. پر سنڌو ڪانه هئي. هن کي برهمڻ وديارٿيءَ سان پيار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهر نيڪالي ڏني وئي هئي ۽ هوءَ نيرون ڇڏي الائجي ڪيڏانهن هلي وئي هئي. +سنڌو! سارنگ سڏ ڪيو ۽ وٺي ڊوڙ پاتائين. سنڌو، سنڌو! ڌرتي ۽ آڪاس پڪاريو. سنڌو، سنڌو! ٿرن ۽ برن اونايون. هن جا پير پٿون ٿيا. انگ ڀڀوت ٿيو.جٽاؤن وڌي ويس. پر سنڌو نه ملي، شانتي نه ملي. سنڌو کي ڳوليندو ڳوليندو هو پارينگر ۾ جين ڌرم جي مندرن ۾ وڃي پهتو. سنڌو ڪٿي آهي، شانتي ڪٿي آهي. جينيءَ چيو: + +سهڻا اعمال ئي سنڌو آهن، شانتي آهن، خدا آهن. تنهنجا گذريل اعمال تنهنجي موجوده زندگيءَ جو بنياد آهن ۽ تنهنجي موجوده زندگيءَ جي اعمالن مان مستقبل وجود ۾ ايندو. گهڙي جيڪا موجود آهي، تنهن ۾ ڪيل عمل آئيندي جي زندگيءَ جو تعين ڪندو، ان ڪري عمل ئي خدا آهي، شانتي آهي، سنڌو آهي. + +ٻڌ ڀڪشوءَ چيو: +عمل خواهشن مان جنم وٺي ٿو ۽ خواهش رغبت مان جنم وٺي آهي. رغبت جي فنا خواهش جي فنا آهي. خواهش جي فنا عمل جي فنا آهي، ۽ عمل جي فنا ڏک ۽ رنج جي فنا آهي..... زندگيءَ جي پهرين حقيقت ڏک ۽ رنج آهي. زندگي جيڪا هيتري پياري آهي، تنهن ۾ غم دوامي آهي، ۽ خوشي اهو پکي، جيڪو جهٽ پَلڪ لاءِ وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي، لات لنوين،اڏامي ٿو وڃي. پئدائش جي تڪليف. ننڍپڻ جي بيوسي، جواني جي ديوانگيءَ جي مصيبت. عيال داري ۽ ٻڍائپ جا رنج ۽ آخرڪار موت جي آفت. اهي آهن زندگيءَ جي ڪتاب جا ورق! سهڻو چهرو ۽ ڊگهو قد ڏاڍو وڻندڙ آهي. نازڪ ۽ ڳاڙهن چپن جي چمي ڏاڍي مٺي آهي. پر جڏهن اهو وڻندڙ چهرو ۽ ڊگهو قد، نازڪ ڳاڙها چپ مِٽي ۽ ڪنئين جي خوراڪ ٿي ويندا آهن تڏهين دل کي ڪيڏو نه صدمو رسندو آهي. هي ڌرتي ڏاڍي سهڻي آهي ۽ ڌرتيءَ جا نظارا ڏاڍا وڻندر آهن. پر ان ڌرتيءَ تي رهڻ وارا هڪ ٻئي جي رت جا اُڃا آهن ۽ هنن باغن کي بي گناهن جي رت جو ريج مليل آهي. جيتوڻيڪ آسمان نيرو آهي، پر اُڃي جي سُڪل چپن وانگر فرياد ٿو ڪري. سچ چوندا آهن ته نئون ڄاول ٻار جڏهين دنيا ۾ ايندو آهي ته رئندو آهي..... +حواس ۽ خواهشون آرزوئن جي آڳ جلائيندا آهن ۽ ان آڳ ۾ شهوت ۽ لالچ جا شعلا بلند ٿيندا آهن. تنهنجو ڏک ۽ رنج تنهنجو پنهنجو پئدا ڪيل آهي. زندگي ۽ موت لاءِ تو کي ڪير به مجبور نٿو ڪري. تنهنجي اعمالن مان ئي سڀ ڪجهه ٿئي ٿو.“ + +مسلمان صوفيءَ پڇيس: +ڪهڙي سنڌو. ڪهڙو پرين؟ پرين ته تون پاڻ آهين ۽ پاڻ کي ئي ڳوليندو ٿو وتين. پره پرينءَ جي پيشاني آهي. شفق هن جي ڳلن جو اهاءُ. پرينءَ جو ساه سُرَ آهن.”ڪُن“ جا پڙلاءَ آهن. چوڌاري چڙا ٿا ٻرن. پنهنجو پاڻ ۾ پيهي روح ۾ ريهاڻ ڪر ته نانهن ۾ ناٿ ۽ لا ۾ الله نظر ايندءِ ..... + +هن پنهنجي خواهشن جي آڳ اُجهائي. روح ۾ ريهاڻ ڪئي. نانهن ۾ ناٿ ڳوليائين، پر هن کي شانتي نه ملي. جينيءَ چيو هو ته اعمال ئي خدا آهن، شانتي آهن، سنڌو آهن. زندگي اعمالن جو مجموعو آهي. زندگي ئي خدا آهي، زندگي ئي سنڌو آهي، زندگي ئي شانتي آهي. هن سُرندو سنڀاليو ۽ زندگيءَ ۾ موٽي آيو. روپاه ۾ اچي سومري سلطان جي ڪتب خاني جو سنڀاليندڙ ٿيو. ڪتاب لکيائين. سرندي تي پنهنجا سُورَ ڳايائين ۽ تمام وڏو سنگيتڪار ٿي ويو ۽ اڄ هن جي بوعليءَ سان ملاقات ٿي هئي. + +سارنگ هن کي سومري سلطان جي درٻار ۾ وٺي ويو. تڏهين سومرو سلطان شمس الدين راءِ ڀونگر سنڌ جو سلطان هو. سلطان جون به ساڳيون سنڌين واريون عقابي اکيون هيون ۽ چهري تي ٻاجهه ٿي ٻهه ٻهه ڪئي. جلال ۽ جمال جو حسين امتزاج! +درٻار ۾ ئي شهزادي چنيسر ۽ دودي سان مليو. ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو. ٻئي عالم، شاعر ۽ تلوار جا ڌڻي هئا. دودي جهڙو جوڌو ته هند سنڌ ۾ نه هو. ترڻ، تير هڻڻ ۽ نيزي بازيءَ ۾ ڪو سندس ثاني نه هو. ڊگهو قد، رُڪ جهڙو بدن، ڀنڀي ڏاڙهي، چيلهه تائين ڊگها وار ۽ ڪنن ۾ ڪيوٽيون. شاعرن عالمن پنڊت ۽ حڪيم سندس مصاحب هئا. هو ڀاڳو ڀانَ سان به مليو جيڪو سومرن جي مهما ڳائيندو هو. سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ملڻ شروع ٿي هئي ۽ پهريون دفعو سنڌي زبان جي شاعرن، چارڻن ۽ ڀانن کي درٻار ۾ رتبا مليا هئا. + +سومري سلطان هن جي وڏي عزت افزائي ڪئي. کيس مهمانيءَ ۾ سوني سروپاءِ، مشڪي گهوڙو ۽ سوني هٿئي واري تلوار ڏني ۽ پنهنجو سارو ڪتب خانو هن جي حوالي ڪري کيس شاهي مهمان خاني ۾ رهايائين. سارنگ هن کي ڪتب خاني ۾ وٺي ويو. ايڏو وڏو ڪتب خانو هن بغداد ۽ نيشاپور ۾ به نه ڏٺو هو. ڪتابن جي هڪڙي دنيا آباد هئي ۽ هينئر هن کي ان دنيا جي سياحت ڪرڻي هئي. هن ڪتابن جي دنيا جي سياحت شروع ڪئي. ان دنيا ۾ هن کي گمنام عرب عالم مليا جن سنڌي سکي هئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا هئائون. اسماعيلي خرقه پوش داعي مليا جن سنڌي ۽ گجراتيءَ ۾ ڪتاب لکيا، اسلامي عقيدن کي مقامي رنگ ڏيئي ديون ديوتائن جي تمثيلن سان پنهنجي عقيدن جو پرچار ڪيو. ست گرنور، پير شمس، اسماعيل، پير صدر الدين ٻارگر جا سنڌي گنان: +ڪيڙيون اڏائين گڏ ماڙيون، تين تي ڪيڙا رکائين چٽ +نيهي نيندءِ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مٽ +سڻ وڻجارا هويار! من هرئڙو ٿو جهولي. + +انهن گنانن مان هن کي سنڌ جي مٽيءَ جي هٻڪار آئي. هن سوچيو ته هو به سنڌي سکندو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکندو. پوءِ هو سارنگ سان گڏ سنڌ جي سياحت تي نڪتو ۽ ماڻهن سان مليو. عرب تهذيب ۽ سنڌي تهذيب جي ميلاپ سان هڪڙي نئين تهذيب جنم ورتو هو. سنڌين جا هندن وانگر وڏا وار، ڪنن ۾ والا، پير ڇهڻ، ڳالهائڻ مهل هٿ ٻڌڻ ۽ عربن وانگر سيني تي هٿ رکڻ. ساڳيا عربن وارا ڊگها ڊگها حال احوال. وچ ۾ مچ ٻاريو ويندو هو، داستان گو داستان ٻڌائيندا هئا ۽ ٻه ماڻهو داستادن جي ڪيفيت ۽ مزاج جي اظهار لاءِ نڙ وڄائيندا هئا. مسلمان جوڳي انگ ڀڀوت ڪري هندو جوڳين سان برن ۾ ڀٽڪندا هئا. ڇير پائي، يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائي نچندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جا ساڳيا پِيرَ هئا. مزارن ۽ مقبرن مورتين جي جاءِ والاري هئي ۽ سيدن برهمڻن جي. ساڳي عربستان وارا ميدان، کجين جا جهنگ، اٺن جا قافلا، ۽ حدي خوانن جا گيت. +سنڌوءَ جي ڪري ساري سنڌ سبز پوش هئي. هن کي هڪڙي حديث ياد اچي وئي ته : جنت مان چار درياه نڪرن ٿا. نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون(سنڌو). + +هو سنڌ جا اڳوڻا عظيم شهر گهميو. بهمن آباد، جنهن کي ايران جي بادشاهه بهمن اَردشير ٻَڌايو. المنصوره، جنهن جو بنياد محمد بن قاسم جي پٽ عمرو بن محمد بن قاسم وڌو. شهر مهراڻ جي ڪپ تي هو ۽ دمشق جي نموني تي ٺهيل هو. شهر کي چار دروازا هئا. باب الحر، باب طوران، باب سندان ۽ باب ملتان. هينئر منصوره ڦٽي ويو هو ۽ هر طرف کنڊ هئا. پوءِ هو اروڙ ويو. اروڙ! سنڌ جو بغداد! جنهن لاءِ علي ڪوفيءَ لکيو هو ته: +’قسمين قسمين ماڙين،چراگاهن، گلن، باغن، حوضن، نهرين، باغيچن ۽ گلڪارين سان سينگاريل هڪ وڏو شهر.‘ +جتي ويهي ڏاهر اڌ هندوستان تي حڪومت ڪندو هو. درياه رخ مٽايو ۽ سنڌ جو هي بغداد اجڙي ويو. هينئر شهر پناهه ۾ ڏار پئجي ويا هئا، پر اڃا اُتي انبن، ليمن ۽ نارنگين جا باغ هئا. کجين جا جهنگ هئا ۽ مدرسا هئا. سامهون درياه جو سڪل پيٽ هو، جنهن جي ڪناري تي عرب فوجن خيما کوڙيا هئا. سامهون اهو ميدان هو، جتي سنڌين ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي. گهوڙن جون هڻڪارون، هاٿين جون رڙيون، ماڻهن جون دانهون. + +جنگ ۾ فتح ٿيندي آهي يا هار ۽ هر فتح يا هار تاريخ جو موڙ ٿيندي آهي. تاريخ سنڌوءَ وانگر رخ مٽائيندي آهي. اروڙ اجڙندو آهي ته المنصوره ٺهندو آهي. هن کي نه محمد بن قاسم جي فتح جي خوشي هئي نه ڏاهر جي هار جو ڏک. هن کي صرف ان ڳالهه جي خوشي هئي ته سنڌي عالمن بغداد ۾ علم جون شمعون روشن ڪيون. يونان جي فيلسوفيءَ جا پڙلاءَ سنڌ ۾ ٻڌڻ ۾ آيا ۽ سنڌ جي ڏاهپ جا پڙلاءَ بغداد ۽ اندلس ۾ ٻڌڻ ۾ آيا. اروڙ جي راجا جي دعوت تي هڪڙي عراقي عالم سنڌي زبان ۾ قرآن جو ترجمو ۽ تفسير لکيو. سنڌي پهرين ڌاري ٻولي هئي. جنهن ۾ قران جو ترجمو ۽ تفسير لکيو ويو. سنڌي عالمن مها ڀارت جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. خرقه پوش عالم گودڙين ۾ ڪتاب لڪائي سنڌ ۾ آيا. عربن ڪاغذ ٺاهڻ جو فن چين کان سکي سنڌين کي سيکاريو. علم جي ڏي وٺ، خيالن جي ڏي وٺ، تهذيب جي ڏي وٺ. اها ئي تاريخ هئي ۽ جڏهين سنڌ ان ذهني، تهذيبي ۽ تاريخي انقلاب مان لنگهي رهي هئي، تڏهن سارو هندوستان ان پراڻي پيچري تي هلي رهيو هو. تاريخ ڪجهه وٺي ٿي ته ڏي به ٿي. سنڌ جي مڙهين مان پڙاڏا اچڻ لڳا. +’برهما ئي ذات حقيقي آهي. ان کان سواءِ جو ڪجهه به حواسن جي معرفت نظر اچي ٿو سو سڀ مايا آهي، اوديا (جُهل) آهي. انسان جي آتما ۽ برهم اصل ۾ هڪ آهن. آتما مايا جي ڄار ۾ ڦاسي پنهنجي اصل کي وساري ويهندي آهي. علم، عمل ۽ عشق سان مايا جا پردا چاڪ ٿي ويندا آهن ۽ آتما پنهنجي اصل مصدر ڏانهن موٽي ويندي آهي. اها ئي آتما جي مڪتي آهي.‘ + +هينئر سڪندريه جي خانقاهن، الڪندي، اخوان الصفا، فارابي ۽ ابن سينا جي ڪتابن مان آواز اچڻ لڳا: + +’ذاتِ احد آفتاب وانگر آهي، جنهن جون شعاعون هر هڪ شيءِ کي روشن ڪن ٿيون. ذاتِ احد مان پهريون صدور عقلِ ڪل جو ٿيو. عقلِ ڪل مان نفسِ ڪل صادر ٿيو، جيڪو سڀني نفسن جو ماخذ آهي. سڀ کان هيٺ ماده آهي، جيڪو تاريڪي آهي. جنهن تائين آفتاب حقيقي جون شعاعون نه پهتيون آهن. انساني روح ماده جي تاريڪي ۽ جُهل ۾ اسير ٿي پنهنجي مصدرِ اول کان دور ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ ٻيهر جذب ٿيڻ جي آرزو هن کي هميشه بيچين رکندي آهي. فڪر، مراقبي ۽ استغراق سان روح کي مادي جي اسيريءَ مان نجات ڏياري سگهجي ٿي.‘ +مڪتي، نجات، سڏ ۽ پڙاڏا! + +بوعلي سنڌي سکيو ۽ سارنگ کان سرندو به سکيائين. پهرين اوندهه ۾ ٿي هٿوراڙيون ڏنائين، پر پوءِ آڱرين ۾ روشني اچي ويس ۽ ان روشنيءَ ۾ هن ۾ سُرن کي سڃاڻڻ جي ساڃهه اچي وئي. هاڻي هو لکڻ پڙهڻ مان واندو ٿيندو هو ته دل وندرائڻ لاءِ سرندو وڄائڻ لڳندو هو. سرندي جا سُرَ هن کي اداس ڪري ڇڏيندا هئا. جهنگ ۾ جڏهين مور جو آواز ٻڌندو هو. شام جو آسمان ۾ سج کي لهندو، شفق کي ٽڙندو ۽ ابابيلن کي اُڏامندو ڏسندو هو. صبح جي هلڪي سوجهري ۾ سنڌوءَ ۾ سڙهن کي ڦڙڪندو ڏسندو هو، تڏهين هن جي دل اداس ٿي ويندي هئي. هن جي دل اُداس ڇو آهي. هن جي روح کي ڇا جي تلاش آهي. شايد هن جو روح مادي جي تاريڪيءَ ۾ ڦاسي پنهنجي مصدرِ اول کي ڳولي رهيو آهي. ان ذاتِ احد کي جيڪو آفتاب وانگر روشن آهي ۽ جنهن جون شعاعون هر شيءَ کي روشن ڪن ٿيون. جي ذاتِ احد آفتاب وانگر روشن آهي ته پوءِ مادو تاريڪ ڇو آهي. مادو جيڪو سرندو آهي. سارنگ آهي. سنڌو آهي ۽ سونهن آهي. + +بوعلي روز صبح جو سارنگ سان گڏ سنڌوءَ جو سير ڪرڻ ويندو هو. سارنگ سرندو وڄائيندو هو ۽ هو ماٺ ڪري ويهي ٻڌندو هو. درياه جي تڙ تي هندو عورتون سج جي پوڄا ڪنديون هيون. هو مسلمان هو ۽ هن جي سامي ذهن هڪ خدا کان سواءِ ٻين سڀني خدائن جي نفي ڪئي هئي. پر هتي وک وک تي ڪانه ڪا ديوي ۽ ڪو نه ڪو ديوتا هو، جنهن جي هندو پوڄا ڪندا هئا. هن کي اهو ديوين ۽ ديوتائن وارو مذهب ڏاڍو پراسرار لڳندو هو. هن هندومت تي عربيءَ ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو. مندرن مان گهنڊن ۽ جهانجهن جا آواز ايندا هئا ته هو مسحور ٿي ويندو آهي. هي ڪهڙو مذهب آهي، جنهن ۾ موسيقي عبادت آهي! ڪيترا دفعا هن جي دل چيو ته هو مندرن ۾ وڃي هندن جي پوڄا پاٺ جا طور طريقا ڏسي. پر هو مسلمان هو ۽ شايد هن کي ڀڳوان جي مندر جي چانئٺ ٽپڻ جي اجازت نه هئي. +* اسٽيج + + + +هڪڙي ڏينهن هن ويس مٽايو ۽ روپاه جي وڏي مندر ۾ وڃي پهتو. وڏي هال ۾ هڪڙي مورتي رکي هئي ۽ ماڻهو ان مورتيءَ جي اڳيان هٿ ٻڌي ڪنڌ نوائي، مورتيءَ جي پيرن ۾ ڏوڪڙ ۽ گل رکي فرش تي ويهندا ٿي ويا. هال ۾ هلڪي اونداهه ڇانيل هئي. لوبان ۽ اگربتين جو دونهون، مورتيءَ جي هيبتناڪ صورت، مٿي ڪوڙيل ۽ وڏي چوٽي رکايل ٻاوا، جن چپن ۾ اشلوڪ ٿي ڀڻڪيا. ڪيڏو نه ڀوائتو ماحول هو. لوبان، اگر ۽ گلن جي بوءِ ۾ هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. پر پوءِ اوچتو ڄڻ هال ۾ وائک ٿي وئي. مندر جي وڏي پڄارڻ ٻين پڄارڻن سان گڏ هال ۾ داخل ٿي ۽ هن کي ڏسي بوعليءَ کي ائين لڳو ڄڻ اوچتو مندر جي نيم تاريڪ هال ۾ سورج طلوع ٿي ويو هو ۽ هر طرف روشني پکڙجي وئي هئي. پڄارڻ مورتيءَ جي سامهون بيهي ڪنڌ نوايو. کير ۽ گلاب جي عرق سان مورتيءَ کي ��هنجاريائين. پوءِ جهانجهه وڳا. پڄارڻن ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هو نچڻ لڳي. بوعلي پٿر جي مورتي بڻجي، هن جو ناچ ڏسندو رهيو. هن قاهره جي قهوه خانن ۾ ناچ ڏٺو هو. هن بغداد جي مي خانن ۾ مهه جبينن کي نچندو ڏٺو هو. پر هي ناچ ئي نرالو هو. هن ناچ ۾ جسم پنهنجي روح جي ساري رعنائي سان نچي رهيو هو. ناچ ختم ٿيو. پڄارڻ ٻين پڄارڻن سان گڏ هلي وئي. ماڻهو به هڪ هڪ ٿي اُٿي ويا، پر هو اُتي ئي ويٺو رهيو. ڄڻ پڄارڻ جي ناچ هن کي مُنڊي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هو. + +بوعلي گهر موٽي آيو ته هن کي هر شيءِ نچندي محسوس ٿي. سارنگ جي سُرندي جا سر، سنڌوءَ جي لهر لهر، وڻن جون ٽاريون، اڀرندڙ سج جا ڪرڻا، شفق جا رنگ، هر شيءِ نچي رهي هئي. هن جي دل ۾ جذبا نچي رهيا هئا ۽ هر طرف کان جهانجهن ۽ گهندن جا آواز ٿي آيا. هو زندگيءَ ۾ ڪيترن مہ وش مہ جبينن سان مليو هو، ڪيترن گلابي بدن نازنينن جي هٿان مي جا جام پيتا هئائين. پر ڪنهن به هن جي دل جي بربطه کي نه ڇيڙيو هو. پر اڄ هن جي دل دف وانگر وڄي رهي هئي ۽ هن جا جذبا نچي رهيا هئا. +ٻئي ڏينهن وري هو ويس مٽائي مندر پهچي ويو. وري گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ وائک ٿي، اونداهيءَ مان ڪرڻا ڦٽا، جهانجهه وڳا ۽ هوءَ نچڻ لڳي. هاڻي هو هر روز مندر ويندو هو ۽ پڄارڻ کي نچندو ڏسندو هو. + +هڪڙي ڏينهن ناچ ختم ٿيو ته پڄارڻ اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو. هن جي دل جي بربطه جون سڀئي تارون وڄڻ لڳيون ۽ الستي سُر ڦٽي پيا. سندس سيني جي صحرا مان آب زمزم جا ڪيئي چشما ڦاٽي وهڻ لڳا. اُن ڏينهن هو نه ڪجهه پڙهي سگهيو ۽ نه لکي سگهيو.سارو ڏينهن دور خلائن ۾ نهاريندو رهيو.جتان هڪڙو سورج طلوع ٿيو هو ۽ هن جي ساري هستي،وجود جون ساريون ويرانيون روشن ٿي ويون هيون. +رات جو هو سارنگ سان درياه جي ڪپر تي اچي ويٺو. چانڊوڪي رات هئي ۽ چوڌاري چانڊاڻ پکڙيل هئي. سنڌو آهستي آهستي وهي رهيو هو. سارنگ سرندو وڄائڻ شروع ڪيو ۽ بوعلي ڌرتيءَ تي ليٽي سرندو ٻڌڻ لڳو. سرندي جا سر چانڊاڻ ۾ ترن لڳا، هر طرف سر ئي سر هئا، راڳ ئي راڳ هئا. ڀيرو، مالڪوس، آسا، هنڊول، ديپڪ. ڄڻ سڀئي سر ۽ سڀئي راڳ پاڻ ۾ ملي، انساني صورت اختيار ڪري ويا هئا. جنهن کي سفيد ساڙهي پيل هئي، ۽ جنهن جي چهري مان روشني ٿي ڦٽي. راڳ ڪيترا روشن آهن،’سر ڪيترا سهڻا آهن. سونهن نيڪي آهي، مجسم موسيقي آهي. اڄ سارنگ جو سرندو ٻڌي، بوعليءَ کي عربستان جا نخلستان ياد نه پيا پر هن جي اکين جي اڳيان سنڌ جا سبز پوش پٽ پکڙجي ويا. ڌرتيءَ تي ليٽي ليٽي هن کي محسوس ٿيو ڄڻ هن جي وجود جو پيوند ان ڌرتيءَ سان لڳي رهيو آهي جنهن تي هو ليٽيل آهي. ڄڻ بڙ جي وڻ وانگر هن جي وجود مان پارون ڦٽي آيون آهن ۽ ڌرتيءَ ۾ پيهنديون ٿيون وڃن. هيٺ تمام هيٺ، محمد بن قاسم جي فتح جي به هن طرف. شايد هوئي اهو پنڊت ماڻڪ هو، جنهن بغداد ۾ وڃي مهاڀارت جي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هو ئي اهو عراقي عالم هو، جنهن اَروڙ جي راجا جي دعوت تي قرآن جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ۽ تفسير لکيو هو. هيءَ ڌرتي ئي هن جو ديس آهي. سنڌ ئي هن جو بغداد آهي. هاڻي هو بغداد وڃي ڇا ڪندو. + +پڄارڻ پنهنجو يڪتارو پاسيرو ڪري رکيو ۽ ٿڌي فرش تي ليٽي هن پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن جا چَپ آهستي آهستي چرڻ لڳا. شانتي! شانتي! شانتي! +هن پنهنجو ڌيان ديويءَ جي مورتيءَ تي مرڪوز ڪيو، پر مورتي ماڻهو ٿي پيئي. هن جون اکيون وڏيون ۽ اداس هيون. ڀرون ڪمان وانگر وريل هئا. وار ڊگها، ڪارا ۽ ڪلهن تي وڇايل هن جي بُت تي اڇي چادر ويڙهيل هئي ۽ هو چانڊوڪي رات ۾ سنڌوءَ جي ڪناري سرندو وڄائي رهيو هو. تڏهن هوءَ ڪيتري نه پاپڻ هئي. نچڻي هئي. وئشيا هئي. وڏا وڏا جوڌا ۽ اڙٻنگ اميرزاده هن جي مرڪ سان ميڻ وانگر پگهري ويندا هئا ۽ هن جي پيرن ۾ دولت جا ڍير لائي ڏيندا هئا. سنڌوءَ جي ڪناري تي ميلو لڳندو هو. ميلي ۾ سنڌ جا وڏا وڏا اميرزادا ايندا هئا. ملهون ۽ ٻلهاڙا وڙهندا هئا. گهوڙا ڊوڙائيندا هئا. نيزي بازي ۽ مڌ پيئڻ جا مقابلا ڪندا هئا. هوءَ به ميلي ۾ ويندي هئي. نچندي هئي ۽ اميرزادن کي ماڻن سان مات ڪري دولت ڦريندي هئي. +هڪڙي دفعي هوءَ ميلي ۾ وئي، ساري رات نچندي رهي ۽ رات جو پوئين پهر ۾ جڏهن نچي نچي ساڻي ٿي پيئي، تڏهن گلم تي ليٽي پئي. هن جو سنڌَ سنڌَ ساڻو ٿي پيو هو ۽ اکين تي ننڊ جا کيپ هيس. هن اکيون ٻوٽيون ته سرندي جا ننڊاکڙا سر هن جي ڪن تي پيا. ڄڻ سرندي جا سر هن کي سڏي رهيا هئا. هن کي ڳولي رهيا هئا. هن جي دل جي دروازن جا ڪڙا کڙڪائي رهيا هئا. هن اکيون کوليون ته سرندي جا سر وڌيڪ واضح ٿي ويا. پهرين ته هوءَ ماٺ ڪري سرندي جا سَڏَ ٻڌندي رهي. پوءِ هوءَ اُٿي، بت تي سفيد شال ويڙهيائين ۽ ان طرف رواني ٿي جتان سرندي جا سڏ اچي رهيا هئا. +هوءَ درياه جي ڪپر تي اچي بيٺي. سامهون هڪڙو نوجوان ويٺو هو. هن جو بت ڀريل ۽ تراشيل هو. وار ڊگها ۽ اکيون چيرويون. هن جون اکيون ٻوٽيل هيون ۽ هو بت بڻجي سرندو وڄائي رهيو هو. ڄڻ هن جي آتما پرماتما سان ملڻ لاءِ سرير جي سراءِ کي ڇڏي، سرن جي سيرَ ۾ لڙهندي ٿي وئي. ڄڻ هو ڪو آسماني ديوتا هو ۽ چنڊ جي رٿ تي ويهي ڌرتيءَ تي آيو هو ۽ اکيون ٻوٽي سرندو وڄائي رهيو هو. هن جي پازيبن جو آواز ٻڌي هن اکيون کوليون. سندس اکيون ڪيڏيون نه وڏيون ۽ ڪيڏيون نه اُداس هيون. هن پنهنجيون وڏيون وڏيون ۽ اداس اکيون هن ۾ کپائي ڇڏيون ۽ يَڪ ٽِڪ هن کي ڏسندو رهيو. هن کي ته سڀ مڙد ڏسندا هئا. هوءَ جتان به لنگهندي هئي ته ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار وساري ويهندا هئا ۽ هن ڏانهن نهاريندا هئا. هنن جي نهار هن جي جسم کي ڇهندي هئي. هن جي جسم جي مٿاهين تان تِرڪي هيٺاهين ۾ هلي ويندي هئي. هن جي انگ انگ کي چيلاٽن وانگر چهٽي ويندي هئي. پر هن جي نهار صفا نرالي هئي. هن جي نهار هن جي جسم جي آرپار وڃي هن جي آتما کي ڇُهي رهي هئي ۽ هن کي محسوس ٿيو ته پهريون دفعو ڪنهن جي نهار هن جي جسم کي پٺتي ڇڏي، اڳتي وڌي هن جي آتما کي ڏٺو ۽ ڇهيو هو. پوءِ هن سرندو پاسيرو رکي، هٿ ٻڌي هن جي اڳيان ڪنڌ نوايو هو. هن کي سونهن ۽ ڪلا جي ديوي سڏيو هو ۽ هن کان روشنيءَ جي بيک گهري هئي. هن جي چپن تي ڏک ڀري مرڪ اُڀري آئي هئي. هن جون ڳالهيون ڪهڙيون نه وڻندڙ هيون. هن جو هڪ هڪ لفظ هن جي آتما تي لڳل پاپن جي داغن کي ڌوئي رهيو هو، ۽ پوءِ جڏهن هن کيس ٻڌايو هو ته هوءَ سنڌو نچڻي هئي ته هن کي اعتبار ئي نٿي آيو. هوءَ هن کي گهر اچڻ جي دعوت ڏيئي موٽي آئي هئي. هن جو مڙهه موٽي آيو هو پر هن جي آتما اُتي ئي رهجي وئي هئي. + +سنڌو ساري زندگي اونداهين ۾ رهي هئي ۽ ڪڏهن به پيار جي پره نه ڏٺي هئائين. ڪيترن اميرزادن هن جي وڇوڙي ۾ ويراڳ ورتو هو. پر هن جي دل ڪنهن ڏانهن به نه وري هئي. هڪڙي وديارٿي ماڻڪ به هن جي سونهن ۽ جوانيءَ جي اڳيان مٿو ٽيڪيو هو، پر هن جي دل ماڻڪ ڏانهن به نه وري ۽ ويچارو ماڻڪ انگ ڀڀوت ڪري، دنيا تياڳي الائجي ڪيڏانهن هليو ويو. پر اڄ هن جي دل جي اونداهين ۾ پيار جي پره ڦٽي هئي. روشنيءَ جو راجڪمار چنڊ جي رٿ تي ويهي ڌرتيءَ تي آيو هو ۽ هن جي ڪاري ڪاري هنيانءَ مان روشني ڦٽي پئي هئي. ان روشنيءَ هن کان سُک کسي ڇڏيو هو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن کي پنهنجي پيشي کان. پنهنجي پاپ ۾ ڪوڙ��يل وجود کان نفرت ٿي هئي. هن کان سڀ ساٺ سينگار وسري ويا. چهري جو ڪنول ڪومائجڻ لڳو ۽ هوءَ سارو وقت در جي چانئٺ ۾ اکيون کپائي ويٺي هن جو انتظار ڪندي هئي. هن کي پڪ هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن روشنيءَ جو راجڪمار هن جي گهر جي چانئٺ ٽپي هن جي اڱڻ ۾ پير پائيندو ۽ هن جي آتما اُجري ٿي ويندي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن هو آيو هو. ساڳيو تراشيل بدن، وڏيون، ڪاريون، چيرويون ۽ اداس اکيون، وڏا وار. ان ڏينهن به هو هن جي اکين ۾ اکيون کپائي هن کي ڏسندو رهيو هو. هن مڌ پيتي هئي. سرندو وڄايو هو ۽ هوءَ نچي هئي. نچندي نچندي هن کي محسوس ٿيو هو ته هن جي پاپن جا سڀئي بار لهي ويا هئا ۽ هوءَ ڪنول جهڙي ڪنوار ٿي پئي هئي. هن جي آتما چمپاڪليءَ جيان ٽڙي پيئي هئي ۽ سرندي جا سر هن کي اڏائيندا مٿي تمام مٿي کنيو ٿي ويا. کير ڌارا هار بڻجي هن جي ڳچيءَ ۾ پئي هئي. ڪَتيءَ جو جهومر هن جي پيشانيءَ تي چمڪي رهيو هو. ٽيڙن جا ٽِه-ڦُلا هن جي ڪنن ۾ جهولي رهيا هئا ۽ چنڊ جو چوٽيءَ ڦل هن جي ڪاري چوٽيءَ ۾ جرڪي رهيو هو. هر طرف ڌوپ، اگر ۽ سوم رس جي هٻڪار هئي. بادل هن جي پيشانيءَ کي چمي رهيا هئا ۽ هوءَ نچي رهي هئي. ڇم ڇم. پر پوءِ اوچتو هن جي ڇير ڇِڄي پيئي ۽ هوءَ ڪلٽيون کائيندي پاتال ۾ اچي ڪِري. هن هڪڙي برهمڻ وديارٿيءَ سان پيار ڪري برهما جو اپمان ڪيو هو. هن کي شهر نيڪالي ڏني وئي ۽ هوءَ روئندي روئندي، جهنگن برن ۾ ڀٽڪندي روپاه ۾ اچي نڪتي. سنڌوءَ جي ڪناري هن جي هڪڙي پڄارڻ سان ملاقات ٿي، جنهن هن جا لڙڪ اگهيا. کيس سيني سان لاتو ۽ مندر ۾ وٺي آئي. مندر ۾ هن لڙڪن سان پنهنجي پيار ۽ پاپ جا زخم ڌوتا ۽ دنيا جا سڀئي ناتا ٽوڙي پنهنجي آتما جو ناتو پرماتما سان ڳنڍي ڇڏيائين ۽ هن جي بي چين آتما کي شانتي ملي. شانتي! شانتي! شانتي! + +هڪڙي ڏينهن هوءَ سورج پوڄا لاءِ درياه تي وئي. سورج پوڄا ڪندي سرندي جا سر هن جي ڪن تي پيا. اڄ سرندي جا سر هن کي سڏي رهيا هئا. هن کي ڳولي رهيا هئا. هن جي دل جي بند دروازن جا ڪڙا کڙڪائي رهيا هئا. هن کان پوڄا پاٺ ئي وسري ويو ۽ هوءَ سرن جي مَنڊ ۾ مَنڊجي، پوڄا پاٺ ڇڏي، اوڏانهن هلڻ لڳي. سامهون درياه جي ڪپ تي هڪڙو ماڻهو ويٺو سرندو وڄائي رهيو هو. هن جون اکيون بند هيون ۽ وار ڪلهن تي وڇايل. سارنگ! هن جي آتما اُڌمو ڏنو. پر هن پنهنجا چپ ڀيڪوڙي پنهنجي آتما جي آواز کي گهٽي ڇڏيو. هن دنيا سان سڀئي ناتا ٽوڙي پنهنجي آتما جو ناتو پرماتما سان جوڙي ڇڏيو هو. پر اڄ هن جو پرماتما سان ناتو ٽٽي رهيو هو ۽ سارنگ جي سرندي جا سُر هن کي سڏي رهيا هئا. هن سارنگ ڏانهن وک وڌائي ته ڌرتي ۽ آڪاس جا سڀئي ديوتائون هن تي اُلري اُڀري آيا. پاپ. پاپ. اهو پاپ هو. +جڏهن هوءَ پاپڻ هئي ۽ پيار ڪيو هئائين، تڏهن به هن پاپ ڪيو هو ۽ اڄ جڏهن هوءَ پوتر هئي ۽ پنهنجي پيار ڏانهن وک وڌائي رهي هئي. تڏهن به هوءَ پاپ ڪري رهي هئي، ها، هوءَ پاپ ڪري رهي هئي. پاپ...... پاپ....... پاپ........ ساري ڪائنات مان آواز اچڻ لڳا ۽ هن ڪنن تي کڻي هٿ رکيا ۽ ڊوڙندي مندر ۾ موٽي آئي. +ان ڏينهن هوءَ مورتيءَ اڳيان ساڳيو ناچ نچي هئي، جيڪو هوءَ سارنگ جي اڳيان نچي هئي. نچي نچي هوءَ ساڻي ٿي ڪري پئي ۽ هن جا چپ چرڻ لڳا. شانتي. شانتي. سارنگ! سارنگ! + +ان ڏينهن کان پوءِ هن مندر مان نڪرڻ ڇڏي ڏنو. تن ۽ من سان پوڄا ڪيائين، تڏهن مَس مَس هن جي آتما کي شانتي ملي. پر ڪڏهين ڪڏهين هن کي جهانجهن ۽ گهنڊن جي آوازن مان سارنگ جي سرندي جا سُر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ هن کان هن جي شانتي کسجي ويندي هئي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن هن مندر ۾ هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو يڪ ٽڪ هن ڏانهن نهاري رهيو هو. پهرين ته هوءَ هن جي نهار کي نظر انداز ڪندي رهي. پر هڪڙي ڏينهن بنهه بيوسيءَ ۾ هن اکيون کڻي ان ماڻهوءَ ڏانهن نهاريو. هن جي شڪل صورت ته اڻ سونهي هئي، پر هن جون اکيون ڏٺل وائٺل ٿي لڳيون. وڏيون، چيرويون، ڪاريون ۽ اُداس! جيڪي هن جي جسم جي آرپار وڃي هن جي آتما کي ڇهي رهيون هيون. هن جي اکين جي روشندانن مان لهي دل ۾ لڳل پيار جي زخمن جون ڪڙيون لاهي رهيون هيون. هن جا چاڪ چڪي پيا ۽ دل دانهن ڪئي. سارنگ! هن کي سنڌوءَ جو ڪنارو ياد آيو. اها رات ياد آئي، جڏهن هن جي اونداهي آتما مان پيار جي پره ڦٽي هئي. جڏهن سارنگ مڌ پي سرندو وڄايو هو ۽ سرندي جي سرن هن جي آتما کي اُجرو ڪيو هو.جڏهن چنڊ چوٽي ڦل ٿي هن جي ڪاري ڪاري چوٽي ۾ سجيو هو. انهن سڀني يادن کي دل مان ڪڍي هن دل جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ پنهنجي دل جي سنگاسن تي ڀڳوان جي مورتي کي ويهاريو هو. پر اڄ هن جي دل جا طاق پٽجي ويا هئا. يادن جا هشام ڌوڪيندا اندر آيا هئا ۽ دل جي سنگاسن تي سارنگ پلٿي هڻي ويٺو مڌ پي رهيو هو. سرندو وڄائي رهيو هو ۽ هوءَ هن جي اڳيان نچي رهي هئي. +هاڻي هو هر روز مندر ۾ ايندو هو ۽ يڪ ٽڪ هن ڏانهن نهاريندو هو. هن جون اکيون پنهنجو پاڻ هن ڏانهن کڄي وينديون هيون. دل جا طاق پٽجي ويندا هئا ۽ يادن جا هشام ڌوڪيندا اندر ايندا هئا. هوءَ نچندي هئي ته هن کي محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ان اجنبيءَ جي اکين هن جي پيرن ۾ ونگ وڌا آهن ۽ هن جا قدم ٿڙڻ لڳا آهن. +ڇا هوءَ ڪڏهن سارنگ کي وساري نه سگهندي. هن جي پيار جا ڦٽ ڪڏهين نه ڇٽندا. ۽ هن کي ڪڏهين به شانتي نه ملندي. شانتي. شانتي. شانتي. سارنگ. سارنگ. سارنگ! + +فانوس مان تيل ختم ٿي ويو ۽ فانوس جي وَٽِ وسامڻ لڳي. بوعليءَ مور جي کنڀ جي نشاني ڪتاب ۾ رکي ۽ ڪتاب ٽپائيءَ تي رکي اُٿيو ۽ فانوس ۾ تيل وڌائين. فانوس جي روشني تيز ٿي وئي. هن ڪتاب کولي پڙهڻ شروع ڪيو، پر ڪتاب ۾ دل نه لڳس. هن وري ڪتاب بند ڪري ٽپائي تي رکيو ۽ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو دريءَ وٽ اچي بيٺو ۽ ٻاهر نهارڻ لڳو. ٻاهر هر طرف ٻاٽ اونداه هئي. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا ۽ هيٺ رستن تي ۽ گهرن ۾ فانوس ٻري رهيا هئا پر ته به ڪيتري نه اونداه هئي! اونداهي ۽ سانت! هن جي دل ۾ به اونده ۽ سانت ڇانيل هئي ۽ ان اونده ۽ سانت ۾ زخمن جا فانوس روشن هئا. گهاوَن جا تارا ٽمڪي رهيا هئا. + +بوعليءَ کي سنڌ ۾ رهندي ڪيترا سال ٿي ويا هئا. انهيءَ وچ ۾ سنڌ تاريخ جي هڪڙي نئين موڙ تي اچي بيٺي ئي. سومرو سلطان شمس الدين راءِ ڀونگر فوت ٿي ويو هو. ساري سنڌ ۾ ماتم متو هو. وڏا وڏا راجائون ۽ نواب سنڌ جي سلطان جي ماتم ۾ شريڪ ٿيا هئا. سلطان جي پٽن دودي ۽ چنيسر ۾ پڳ تان جهيڙو ٿيو هو. راڄ دودي کي پڳ پارائي هئي ۽ شهزادو چنيسر ڀاءُ کان ڪاوڙجي دهليءَ دانهن کڻي ويو هو، پر سنڌين کي ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو. سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. هاري هر ڪاهي رهيا هئا. سنڌ جون ڀٽاريون ٻنيون سون اوڳاڇي رهيون هيون. ڪورين آڏاڻن تي سوسيون، کٿا ۽ کيس ٿي اُڻيا ۽ عورتن ڪپڙا ٿي ڇُريا. گهر گهر مان گيت جي جهونگارڻ ۽ ايٽ ۽ چرخي جو رينگٽ ٿي آيو، عالمن ڪتاب ٿي لکيا. شاعرن گيت ٿي چيا، ۽ سارنگ سرندي مان ڪنوارا ڪنوارا سُرَ ٿي ڪڍيا. سارنگ ساٺ ٿي ڪيا، ته وَڇڙا ورائيندڙ ڇورن جا ڀنڀا وار مينهن ڦڙن ۾ ڀڄي ٿي پيا. پر بوعليءَ کي سنڌ جي فضائن مان ڳجهن جي پرن جا ڦرڙاٽ ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. سنڌ جي هيرن مان انساني رت جي بوءِ ٿي آئي. ڪيترن سردارن بغاوت ڪئي هئي. سومرن ۽ سمن جي وچ ۾ چڪريون لڳيون هيون. پر دودي سڀني بغاوتن تي فتح پا��ي هئي. هينئر هر طرف سک ئي سک هو. پر آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙي آيا هئا ۽ ڪنهن طوفان جي آمد جا آثار هئا. شايد وري طوفان ايندو. وري تاتاري بغداد کي لٽيندا. ڪتبخانا ساڙيندا. هنرمند جا هٿ وڍيندا ۽ سنڌ جي دجله سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي بدران انساني رت وهندو. ويچاري انسان تاريخ جا ڪيڏا نه ظلم سٺا آهن! ڪيئن نه انسان اونداهين صدين مان لنگهندو، رت ۽ باهه جي درياهن ۾ ٻڏندو ترندو، پره جي ڪناري پهتو آهي. پر اڄ به باه ۽ رت جو درياهه اُٿلون ٿو کائي. دجله ۽ سنڌوءَ ۾ رت ٿو وهي ۽ پرهه جا ڪنارا ٻڏي ٿا وڃن. ڇا وري پرهه جا ڪنارا ٻڏندا. سنڌ جا ڪتب خانا سڙندا. شاعرن جا گيت ۽ سرندي جا سر جلندا. ڪورين جا آڏاڻا ۽ ڪنوارين جا ايٽ رک ٿيندا؟ پوءِ ڪير سوسيون، کٿا ۽ کيس اُڻيندو. ڪير گيت لکندو! + +هينئر مندر ۾ جهانجهه ۽ گهنڊ وڄڻ لڳا ۽ ساري ڪائنات جهانجهن ۽ گهنڊن جي آواز ۾ پڙاڏجي وئي. بوعليءَ کي پنهنجي وجود مان به گهنڊن ۽ جهانجهن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا. پڄارڻ ڇير پائي نچڻ لڳي. ڇم ڇم ڇما ڇم. پر پڄارڻ جي ڇير ڇڄي پئي ۽ گهنگرو ٽڙي پکڙي ويا. شايد آسمان جا تارا به ڪنهن پڄارڻ جي چڳل ڇير جا ٽڙيل پکڙيل گهنگرو هئا. تارن جي اکين مان ماڪ ڦڙا ٽمي رهيا هئا ۽ بوعليءَ جي زخمن مان درد جي ماڪ ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمي رهي هئي. ڪڏهين هن جي دل به دف وانگر وڳي هئي ۽ هن جا جذبا ۽ احساس ڇير پائي نچيا هئا. پڄارڻ جي پيشانيءَ مان سورج طلوع ٿيو هو ۽ هن جي وجود جون سڀ ويرانيون روشن ٿي ويون هيون. سيني جي صحرا مان آبِ زم زم جا ڪيئي چشما ڦاٽي پيا هئا ۽ عشق جي مشڪ جي خوشبو هن جي ساري هستيءَ کي وڪوڙي وئي هئي. پر پوءِ آب زم زم جا سڀئي چشما واريءَ ۾ گم ٿي ويا ۽ هر طرف درد جو صحرا پکڙجي ويو. + +هڪڙي ڏينهن هو مندر ۾ ويو هو ۽ هميشہ وانگر اکيون در ۾ اٽڪائي پڄارڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو هو. ان ڏينهن به جهانجهه ۽ گهنڊ وڳا. ڌوپ ۽ اگر ٻريو. پر پوڄارڻ نه آئي. مندر ۾ اونداهي ڇانئجي وئي. بوعلي آسمان ڏانهن نهاريو. آسمان ۾ سج چمڪي رهيو هو. پر ايتري اونده ڇو هئي! +ڪتاب پڙهڻ ويٺو ته محسوس ٿيس ڄڻ ڪتاب پنهنجن مصنفن جا مدفن هئا. سرندو وڄائڻ ويٺو ته محسوس ٿيس ته سرندي جي تندن ۾ سرن جي بدران سڏڪا لڪل هئا. ٻئي ڏينهن وري هو مندر ويو، پر ٻئي ڏينهن به پڄارڻ نه آئي. ۽ پوءِ خبر پيس ته وڏي پڄارڻ سنڌ جي سڀني تيرٿن جي ياترا تي وئي هئي ۽ اتان هوءَ هنگلاج ويندي. سڀ کان وڏو تيرٿ ته انسان جي دل آهي. هوءَ دل جو تيرٿ ويران ڪري ٻيا تيرٿ وسائڻ وئي هئي. بوعلي ته هن کان ڪجهه به نه گهريو هو. هو ته روز بکاريءَ جيان اکين جا خالي ڪشڪول جهلي بيهندو هو ۽ ديد جي بکيا وٺي موٽي ايندو هو. ان کان وڌيڪ ته هن پڄارڻ کان ڪجهه نه گهريو هو. ڪجهه نه چاهيو هو. پوڄارڻ هن جا ڪشڪول خالي ڇو موٽايا هئا. هن جي دل جو تيرٿ ڇو ويران ڪيو هو...... +ٻه ٽي ڏينهن ته بوعلي بره جي باه ۾ پڄرندو رهيو ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن سومري سلطان جي ڏنل سوني مٺئي واري تلوار چيلهه سان ٻڌائين. ڪتابن جي ڳنڍ ٻڌائين ۽ گهوڙي تي لانگ ورائي، سارنگ سان ملڻ کان سواءِ بغداد روانو ٿي ويو. شهر مان نڪري هو درياه جي ڪپ تي اچي پهتو. هر طرف صبح جو کير جهڙو سوجهرو پکڙيل هو. سنڌوءَ ۾ ٻيڙين جا سڙه تري رهيا هئا. آسمان ۾ اڇن ڪنگن جي قطار اڏامندي لنگهي. ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي مهاڻي وار ڇنڊڻ لڳي ۽ مهاڻو ڪن تي هٿ رکي ڳائڻ لڳو، بوعليءَ جو گهوڙو هلندي هلندي بيهي رهيو ۽ هڻڪار ڪري، ڪنڌ ڦيري روپاه ڏانهن ڏسڻ لڳو. بوعليءَ به ڪنڌ ورائي روپاه ڏانهن نهاريو. روپاه جي شهر پناه. ماڙيون ۽ منگهه. مسجدن جا منارا ۽ قبا. مندرن جا ڪلس، ڄڻ هر شيءِ هن کي سڏي رهي هئي. سارنگ جي سرندي جا سر. سومري سلطان جي ڪتبخاني جا ڪتاب. مندر جا گهنڊ ۽ جهانجهه، پڄارڻ جي ڇڳل ڇير جا گهنگرو هن کي سڏي رهيا هئا. هو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ ڪهڙي بغداد ٿو وڃي، هن جو بغداد ته سنڌ هئي. سنڌ درد جو ديس، جنهن سان هن درد جو رشتو ڳنڍيو هو. هينئر درد جو رشتو ٽوڙي ڪيڏانهن ٿو وڃي. هن گهوڙي جو لغام موڙيو ۽ روپاه ۾ موٽي آيو. +هينئر هو ڪتبخاني جي دريءَ وٽ بيٺو هو. آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا ۽ ڌرتيءَ تي فانوس ۽ هن جي دل ۾ درد جا فانوس روشن هئا. گهنڊن ۽ جهانجهن جا آواز بند ٿي ويا هئا ۽ هينئر مسجد مان صبح جي اذان اچي رهي هئي. اذان ٻڌي هن کي وري بغداد ياد پيو. اٺن جا چڙا. حدي خوانن جا گيت، کجين جا نخلستان. قهوه خانا ۽ مہ جبينيون. مي رقص ۽ رباب. هڪ نه هڪ ڏينهن هو درد جا سڀئي رشتا ٽوڙي، بغداد موٽي ويندو ۽ مي، رقص ۽ رباب سان پنهنجا زخم ڇٽائيندو.... +هو دريءَ کان هٽي ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو ٽپائيءَ وٽ اچي بيٺو. فانوس جي وَٽِ مٿي ڪيائين ۽ قلم کڻي پنهنجو اڻپورو ڪتاب لکڻ ويٺو. + + +بوعليءَ جو قلم لکندي لکندي بيهي رهيو. سارنگ جا هٿ سُرندو وڄائيندي وڄائيندي رڪجي ويا. هڪڙي تيرٿ وٽان پڄارڻ ڪنڌ ڦيري روپاه ڏانهن نهاريو. آسمان ۾ رئي ٿي اڏاڻي. علاؤالدين ترم شيرين تاتاري جا گهوڙا رئي اڏائيندا، مينهن واءُ ڪندا، سنڌ جي سيني کي سُنبن سان گهائيندا، ڪاهيندا ٿي آيا. + +جنگ جو نغارو وڳو هر جو ڦر تکو ڪندڙ هٿ ڪهاڙيون تکيون ڪرڻ لڳا. ڍڳي گاڏيءَ جون سرايون ۽ ٻيڙين جا ونجهه گهڙيندڙ هٿ ڪهاڙين جا ڳن گهڙڻ لڳا ۽ گهر آئي کي هٿ ٻڌي آجيان چوڻ وارا سنڌي تلوارون کڻي ميدان ۾ ٽپي پيا. +صلح جون ڪوششون ٿيون. ٻنهي طرفن کان سفارتون آيون ۽ ويون، پر جنگ جي باه ڀڙڪي پئي. سنڌي سر جو سانگو لاهي ميدان ۾ ٽپي پيا. سارنگ سرندو اڇلائي تلوار کنئين. بوعلي قلم اڇلائي تلوار ڏانهن وڌيو، پر هٽڪي بيهي رهيو. هو ڪنهن کي مارڻ لاءِ تلوار ٿو کڻي! هن جو دشمن ڪير آهي. هيءَ سنڌين ۽ تاتارين جي جنگ هئي ۽ هو عرب هو. هن جا سنڌي به دوست هئا، ته تاتاري به. هن جو ان جنگ سان ڇا. هو ته عالم هو، سياح هو ۽ هن جو ڪو دشمن نه هو. هو هتان ڪتاب کڻي بغداد هليو ويندو. پر هن جو بغداد ته سنڌ هئي. هن سنڌ سان درد جو رشتو ڳنڍيو هو ۽ هن جي وجود جو پيوند هن ديس جي ڌرتيءَ سان لڳو هو. هن جي وجود مان پاڙون ڦٽيون هيون ۽ هن ديس جي ڌرتيءَ ۾ پيهي ويون هيون. هيٺ. تمام هيٺ. محمد بن قاسم جي فتح جي به هن پار. هو ئي اهو ماڻڪ سنڌي هو، جنهن بغداد ۾ وڃي مهاڀارت جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. هو ئي اهو عراقي عالم هو، جنهن اروڙ جي راجا جي دعوت تي قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ تفسير لکيو هو. +اوچتو هن کي ڪتب خاني ۾ روحن جو هجوم ڏسڻ ۾ آيو. سڀني عالمن جا روح پنهنجي پنهنجي ڪتاب جي قبر مان نڪري آيا هئا ۽ هن جي سامهون بيٺا هئا. اوهين ڪير آهيو؟ +مان پنڊت ڏاهر آهيان. مون بغداد وڃي عربيءَ ۾ طب جا ڪتاب لکيا. +مان ڪلپ راءِ السندي آهيان. مون ’برهمپت سڌانت‘ جوعربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ عرب جي علمي دنيا ۾ انقلاب آندو. +مان ابو العطا السندي آهيان. مون عربيءَ ۾ شاعري ڪئي. +مان ڪشاجم آهيان. مون سنڌوءَ جي بدران حلب جي ندي فويق جو قصيدو لکيو. مان عربيءَ جي غزل جي شاعرن جو امام آهيان. +مان بوعلي السندي آهيان. مون بايزيد بسطاميءَ کي تصوف جا راز سمجهايا. +اسان کي تاريخ جي اُٿل پٿل سنڌ مان عربستان وٺي وئي ۽ اسان پنهنجي وجود جو پيوند عربستان جي ڌرتيءَ سان لڳايو. +ت��ن ڪير آهين؟ +مان سارنگ برهمڻ آهيان. مان سنهري وارن وارو آريو آهيان. مون پنهنجي رٿ جي ڦيٿن سان سنڌ جي سائن ٻنين کي لتاڙيو. منهنجا ڪانَ ڪڙڪڙ ڪندا سنڌين جي ڪکن ۾ لڳا، ۽ پوءِ مون سنڌ جي عظمت جا گيت ڳايا. + +مان سنڌي آهيان. مان السندي آهيان. مان السندي آهيان. مان السندي آهيان. مان السندي آهيان. + +مان به السندي آهيان. بوعليءَ دانهن ڪئي. سٽ ڏيئي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيائين ۽ ڊوڙندو اچي گهوڙي تي چڙهيو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندو جنگ جي ميدان ۾ ڪاهي پيو. + +پوءِ باه لڳي ۽ سنڌ سڙي. سارنگ ۽ بوعلي سڙيا. ڪتب خانا ۽ مدرسا سڙيا. سوسيون، کٿا ۽ کيس سڙيا. هاڻي ڪير سوسيون، کٿا ۽ کيس اُڻندو، ڪير گيت لکندو!؟ + + + +چٽ ڀڳي ته سارنگ شڪارپور جي تياري ڪئي. +سارو آڙهڙ سج باه وسائي وسائي هينئر ساڻو ٿي پيو هو. ڏينهن مڙيا هئا ۽ راتيون ٿڌيون ٿيون هيون. سارنگ جو ڳوٺ شڪارپور کان پنج ڪوه پري هو. شڪارپور اناج جي منڊي هئي، اَن لهندو هو ته پسگردائيءَ جي ڳوٺن مان اَن جون گاڏيون ۽ اُٺ ڀرجي شڪارپور ايندا هئا. هڪڙي ڏينهن سارنگ به گهوڙي تي سنج وڌا ۽ وڏي ڀاءُ کان موڪلائي، بيل گاڏين ۽ اُٺن جي قافلي سان آڌيءَ رات جو شڪارپور روانو ٿيو. اونداهي، سانتيڪي ۽ ڀنل رات، بيل گاڏين جا چيچاٽ، اُٺن جي چڙن جا آواز. آسمان ۾ ٽمڪندڙ ٽيڙو ۽ ڪتيون، رات جا جهومرَ ۽ جهومڪ، پنڙا ۽ ڦليون! هڪڙي گاڏر ڪن تي هٿ رکي راڻو ڳائڻ شروع ڪيو. + +آءٌ راڻا ره رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان. +گاڏر کان ڪو راڻو وڇڙيو هو ۽ هو مومل بڻجي پنهنجي راڻل کي ياد ڪري رهيو هو. هن جي آوا ۾ ڪيڏو نه درد هو! گاڏر جي درد، هن جي محروميءَ جي درد کي وڌائي ڇڏيو. هن جو ته ڪو راڻو نه هو، جنهن کي هو به مومل بڻجي پنهنجي راڻل کي ياد ڪري رهيو هو. هن جي آواز ۾ ڪيڏو نه درد هو! گاڏر جي درد هن جي محرومي جي درد کي وڌائي ڇڏيو. هن جو ته ڪو راڻو نه هو، جنهن کي به هو مومل بڻجي ياد ڪري. هن کان ڪا به مومل نه وڇڙي هئي، پوءِ مومل جي وڇوڙي جا ورلاپ ڇو هن جو هانءُ ڪوري رهيا هئا. اهو گاڏر ڪيترو نه خوش قسمت هو، جو هن کي زندگيءَ ۾ مومل جي محبت ملي هئي ۽ ڪنهن راڻي جي رهاڻ جون ريکاؤن سندس روح تي چٽيل هيون ۽ اڄ هو انهن ريکائن تان وقت جي دزَ هٽائي، مومل بڻجي، پنهنجي راڻي کي ياد ڪري رهيو هو. + +آءُ راڻا ره رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان. +سارنگ فارسيءَ جو شاعر هو. هن پنهنجي محروميءَ جي درد کي فارسي غزلن ۾ اوتيو هو. پر اڄ هن کي محسوس ٿيو ته هو گونگو هو، هن جا جذبا گونگا هئا، هن جو درد گونگو هو. اڄ شاه جي ڪافيءَ ۾ هن جو درد ڳالهائي رهيو هو، هن جا جذبا ڳالهائي رهيا هئا. اڄ پهريون دفعو هن کي سنڌي شاعريءَ، مان پنهنجي غمن جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيو. هن سوچيو: ڌاري ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري هن هيل تائين رڳو ڪوڙ ڪمايو هو. سنڌ جي برن ۾ ڪٿان آيا گلِ لاله ۽ مرد افگن محبوب. هتي ته رڳا پڪا ۽ پيرون آهن، سرَ ۽ سونهن آهي. سسئي آهي، جيڪا برن ۾ پنهنجي پنهونءَ جا پيرا پڇائيندي ٿي وتي. ڏهاڳ جي ماريل مومل، پنهنجي راڻي جي چانگي کي چندن چارڻ لاءِ چري آهي. فارسيءَ جي غزل واري بهار جي بدران هتي اونهاري جي باه، جهولا ۽ ٻوسٽ آهن. سارو ڏينهن سج باه پيو وسائيندو، رات ٿيندي ته گهُٽ ٻوسٽ، مڇر، ڪُتِ. مڇر مارڻ لاءِ دونهيون دکنديون، ماڻهو لڱي اگهاڙا، انگوڇا ٻڌي، وڃڻا هڻي، ڏکڻ هير کي پيا سڏڙا ڪندا: +آءُ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ مَنهنِ جي پيهي، +ڏکڻ آيو ڇير سان، گهوڙو ٻڌائين ٻير سان، ڳالهه ڪيائين ڀاءُ سان، ماني کاڌائين زال سان. +ساريون ۽ سَر پچندا، سَر جي ڪاني تي ڪڻڇي ويهندي، ڪانو ڀڄندو، تڏهن چٽ ڀڄندي ۽ پوءِ وڃي ٿڌڪار ٿيندي. پرائي ٻولي، پرائا جذبا، نسورو ڪوڙ! +گاڏر ڪافي پوري ڪئي، ٻئي گاڏر رڙ ڪيس. +”يار جوڙا ٿي وڃن.“ گاڏر وري ٻي ڪافي شروع ڪئي. ڪافيءَ کان اڳ ڏوهيڙو ڏنائين: +اکين کي آءٌ، جان ڪي جهلون پايان +لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، ساجن سوٺيائون +مون کي ماريائون، پاڻ پرچي آئيون. +گاڏر جو آواز ڪاتيءَ وانگر هن جو اندر ڪپڻ لڳو، هانءُ ڀرجي آيس. زندگي هن کي ڪي خاص سور نه ڏنا هئا. زميندار جو پٽ هو،نوڪر،چاڪر،زندگيءَ جون سڀ سهولتون ميسر هئيس. هانءَ ۾ رڳو هڪڙو ڦٽ هئس، محروميءَ جو ڦٽ! جيڪو اڄ گاڏر جي آواز سان چيهون ڪري چڪي پيو هو. ننڍو ئي هو جو ماءُ مري ويس ۽ هو زندگيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو. هن کي پنهنجي ماءُ جو موت چٽيءَ طرح ياد هو. ماڻس گهڻي وقت کان بيمار هئي. هڪڙي ڏينهن هو مولويءَ وٽان پڙهي گهر آيو ته ماڻس کٽ تي بي سَتي سُتي پيئي هئي. ساري بت مان ساه نڪري نڙيءَ ۾ اچي اٽڪيو هيس، موت ۽ حياتيءَ جي جنگ جوٽيل هئي. ڀيڻس ماءُ جي پيرانديءَ کان ويٺي هئي ۽ ماءُ جي پيرن ۾ منهن وجهي روئي رهي هئي. هو رئندو رڙندو ڀيڻ جي ڀر م اچي ويٺو ۽ ماءُ جي پيلن ۽ ٿڌن پيرن کي چنبڙي، اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. ڀيڻس ٻانهن ورائي کيس ڳراٽڙي پاتي ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي. +”ڀائڙا، امڙ اسان کان رُسي ٿي وڃيئي. تون ڪو پرچائينس. من تنهنجو چيو مڃي.“ +اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪڙو خيال آيو، هو ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ ڊوڙندو مسيت ۾ وڃي قرآن ڪڇ ۾ کڻي، روئي روئي الله کي قرآن جا واسطا ڏيئي، ماءُ جي حياتيءَ لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. دعا گهري ٿڪو، ته هانءَ هلڪو ٿي پيس ۽ پڪ ٿيس ته الله سندس ٻاڏائڻ ٻڌو هوندو. هينئر گهر ويندو ته ماڻس کٽ تان اُٿي، کيس ڇاتيءَ سان لائي، پيشاني تي مِٺي ڏيندي. پر هو گهر پهتو ته گهر ۾ ماتم متل هو. ماڻس مري وئي هئي. هن جي ننڍي ذهن ۾ الله جو تصور ماءُ پيءُ جهڙو هو، جيڪو ماءُ کان وڌيڪ مامتا ڏيندو هو ۽ پيءُ کان وڌيڪ آفتن کان بچائيندو هو. پر ان ڏينهن کان هن کي الله کان ڊپ ٿيڻ لڳو. +گاڏر ڪافي پوري ڪئي. سارنگ مهل جاچڻ لاءِ ستارن ڏانهن نهاريو. اوڀر وٽ وهاؤ تارو چمڪي رهيو هو..... صبح جو سوجهرو ٿيو ته هو شڪارپور پهتو. +شڪارپور جي ڀرسان شاهي رستو هو، جيڪو شڪارپور کان شروع ٿي، سليمان، هالار جبلن جي قطار جي آسان لڪن ۽ بولان لڪ سان لنگهي، ’قنڌار‘ ۽ ’مروِ‘ کان ٿيندو ترڪستان ۾ ختم ٿيندو هو. ان رستي تي واپاري قافلا هلندا هئا. رستي جي ڪناري مان ’قافلو قلعو‘ هو، جنهن ۾ ’سمر قند‘ بخارا ۽ قنڌار کان قافلا اچي منزل ڪندا هئا. رات جو قلعي جو دروازو بند ڪيو ويندو هو ۽ صبح جو تيستائين دروازو نه کلندو هو، جيستائين هر ڪو پنهنجو پنهنجو سامان جاچي ڏسي، ته ڪٿي ڪجهه کٽل ته ڪونهي. اڄ به قنڌار کان قافلو آيو هو. ساري شهر جا واپاري اچي مڙيا هئا. قافلي قلعي کان اڳڀرو کجين ۽ انبن جا باغ هئا. باغن کان اڳتي پٺاڻن جون ڳوٺ هو. اتان جا پٺاڻ ڪي جاگيردار هئا ۽ ڪي تراڙيون اگهاڙيون ڪري سمر قند ۽ بخارا ويندڙ قافلن جي اڳيان محافظ ٿي هلندا هئا. +سارنگ پنهنجي ننڍڙي قافلي کان موڪلايو ۽ شهر جو رخ رکيائين. کوه وٽ اچي، هن گهوڙو جهليو، گهوڙو وڻ سان ٻڌي، هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ کوه ڏانهن وڌيو. کوه تي چار پنج هندو عورتون بيٺيون پتل جون گهاگهريون ڀري رهيون هيون. اوپري ماڻهوءَ کي ڏسي عورتون ململ جي پوتين جا گهونگهٽ ڪڍيا ۽ هترجي پرڀرو ٿي بيٺيون. سارنگ ڏول ڀري عورتن جون گهاگهريون ڀريون. آخري عورت جي گهاگهريءَ ۾ پاڻي وجهڻ لڳو ته غير ارادي طور اکيون کڻي اُن عورت ڏانهن ڏ‎ٺائين. پنڌرهن سورهن سالن جي وهي، ململ جو اڌ گهونگهٽ مان نظر ايندڙ رنگ، جهڙو سياري جي اُس جو تڙڪو. نرڙ تي تلڪ، جهڙو وهائو تارو، جنهن هڪ نئين صبح جي بشارت ٿي ڏني. ڪاريون ڪاريون اکيون، جن سان هوءَ يڪ ٽڪ هن کي ڏسي رهي هئي. تارن جون تراڙيون اهڙيون ته منهن واريون لڳس، جو هوش ئي خطا ٿي ويس. ڏول جو پاڻي گهاگهريءَ جي بدران پٽ تي هارجي ويو. عورتون گهاگهريون چيلهه تي رکي هلي ويون ۽ هو ماٺ ڪيو هنن کي ڏسندو رهيو. اڳڀرو وڃي هن ڪنڌ ڦيري سارنگ ڏانهن نهاريو. کيس پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي يڪدم ڪنڌ ڦيري ڇڏيائين. سارنگ جي سيني ۾ خوشيءَ جي لهر ڪَر کنيون ۽ مرڪ بڻجي سندس چپن تي وڇائجي وئي. هن هٿ منهن ڌوتو، ڪلهي تان اجرڪ لاهي، هٿ منهن اگهي، ڪپڙا ڇنڊي، گهوڙي کي لغام کان وٺي شهر روانو ٿيو. +سارنگ شڪارپور ۾ تعليم پرائڻ آيو هو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ مسيت جي مولويءَ کان پرائي هئائين. مولويءَ اندر ۾ علم جي اهڙي اُڃ اٿاريس جو سک ڦٽي پيس. مولويءَ وٽ جيڪو به علم هو، سو سڀ کيس سيکاريائين ۽ پوءِ صلاح ڏنائينس ته شڪارپور جي مدرسي ۾ وڃي تعليم پرائي. جوان ٿيو هو، پڻس مري ويو هو، وڏو ڀاڻس زمينون سنڀاليندو ۽ راڄ ۽ سرڪار جي بکيڙن کي منهن ڏيندو هو. ڀاڻس جي مرضي هئي ته هو زمينداريءَ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿئي، پر هن جو اندر اهڙو ته علم سان اٽڪيو، جو هن کان زمينداريءَ جا سڀ ڪم وسري ويا. ڀاڻس سوچيو ته شادي ڪرايانس، ته ڪا جوابداري محسوس ڪري. پر هو شاديءَ کان صفا پڙ ڪڍي بيٺو. آخر اَن جي گاڏي ڏيئي شڪارپور ۾ جاءِ ورتائين ۽ ڀاءُ کان موڪلائي شڪارپور هليو آيو. + +شڪارپور چڱو وڏو شهر هو. داؤد پوٽن هي شهر اڏايو هو. ترڪستان ويندڙ شاهي رستي تي هجڻ ڪري هن شهر جلد ئي ترقي ڪئي. هتي وڏا وڏا هندو واپاري رهندا هئا، جن جون ڪوٺيون ۽ گماشتا قنڌار، سمرقند ۽ بخارا ۾ هئا. احمد شاه ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌڙيءَ تي ڏن مڙهي شڪارپور کي ”دولتِ دُرانيه“ سان شامل ڪري ڇڏيائين ۽ شڪارپور ۾ ڪابل کان گورنر مقرر ٿيڻ لڳا. پٺاڻن جا قبيلا شڪارپور ۾ اچي رهيا ۽ سنڌڙيءَ جو پاڻي پيتائون ته وري واپس موٽڻ جي نه ڪيائون. هڪڙي نئين گڏيل تهذيب جنم ورتو. وري مدد خان لٽ ڪئي. پر شڪارپور بچي وئي، سنڌ ۾ گهرو لڙايون ٿيون ته به شڪارپور ڪو لوڏو نه آيو. هاڻي تازو ميرن شڪارپور تي قبضو ڪيو هو. پر هوڏانهن رنجيتسنگهه شڪارپور شهزاديءَ کي هٿ ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو هو. سنڌ جي سياست ڪهڙو به کڻي رخ اختيار ڪري، پر شڪارپور جا ماڻهو واهن تي ميلا لڳائيندا، هر موسم ۾ هندن يا مسلمانن جو ڪو ڏڻ يا ميلو ٿيندو، هندو مسلمان ٻئي شريڪ ٿيندا هئا. ٿڌڙي، ترموري، لال لوئي، عيدون، ڏياري، شِوَ جا پلا مرندا ته ساٽياڻيون پهريان پلا کڻي اينديون. آرائين موسم جا پهريان گل ۽ ڀاڄين جي پهرين وٽ کڻي ايندا، مجال آهي جو ڪو کين موٽائي. اصل قيمت کان ٻيڻا ٽيڻا پيسا ڏيڻا پوندا. شهر جي چوڌاري گلن ڦلن جا باغ هئا. شام ٿيندي ته ماڻهو رابيل جون ڪَنڊيون پاڻي باغن ۾ گهمڻ ويندا. ناچ کيج ٿيندا. سمرقند ۽ بخارا کان ڪو قافلو ايندو ته ميلا لڳي ويندا. ڪڏهن انهن قافلن سان ڪو عالم به ايندو، عالم کي مدرسي ۾ سڏايو ويندو، پوءِ ته ذهن جا طاق ويندا پٽبا. +سارنگ شڪارپور ۾ اچڻ سان دلڙي کسائي ويٺو هو. پهرين ڏينهن کوه تي ديدن ڌاڙا هڻي سندس ننڊ کسي ورتي هئي. ننڊ ۽ جاڳ ۾ به پيو خواب ڏسندو هو، ململ جي گهونگهٽ مان تڪيندڙ تارا، سياري جي تڙڪي جهڙو رنگ. هڪڙي ڏينهن گهمڻ لاءِ نڪتو ته رستي تي هندو عورتن جا ٽولا ڏٺائين. ننڍيون نيٽيون، کلنديون ٽڙنديون ٿي ويون، اُنهن ۾ هوءَ به هئي. هٿ ۾ پتل جي ٿالهي هيس، جنهن ۾ اَٽي جا ڏيئا ۽ ڌوپ ٿي ٻريو. هن پنهنجيون ڪٽارين جهڙيون ڪهندڙ اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو. هو اُتي ئي منڊجي بيهي رهيو. مندر جي در وٽ پهچي وري ڪنڌ ڦيري هن ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ مرڪي، چيلهه کي موڙو ڏيئي مندر ۾ هلي ويئي. هن جي مرڪ سارنگ جي سيني ۾ باک بڻجي ڦُٽي، سک ڦِٽي ويس. روز شام ٿيندي ته هو هن جو دڳ اچي جهليندو، ديدون ڌاڙا هڻنديون، مرڪ جي باک ڦٽندي پر وري اها وڇوڙي جي ويري رات! + + +آخر وڇوڙي جي رات پوري ٿي. +سج آسمان ۾ ٽٻي هنئين ۽ ڪنهن اربيليءَ جو کنهبو رؤ ڇڏائجي، اڏامي، آسمان ۾ تاڻجي ويو. آسمان ۾ ابابيل اُڏري رهيا هئا. شام جو آکيرن ۾ موٽندڙ پکين چرپر لائي ڏني هئي. ڀر واري مندر ۾ سنک وڳو ۽ پوءِ گهنڊ وڄڻ لڳا ۽ ساري ڪائنات گهنڊن جي آواز ۾ پڙاڏجي وئي. پڄاريءَ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيو. ڀڄن جا ٻول ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ هئا ۽ سارنگ انهن جي معنيٰ سمجهي نه سگهيو. پر هن کي محسوس ٿيو ڄڻ پوڄاريءَ جي آواز سان عرش جا ڪونگرا لڏي رهيا هئا. سارنگ مندر جي پٺيان، تلاءَ جي ڪنٺي تي، گهاٽن وڻن جي جهڳٽي ۾ ويٺو سنڌوءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. سنڌو ڄڻ ڪا آسماني ديوي هئي، جيڪا دکايل دلين کي سرهو ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي پير ڌرڻ واري هئي. هن جي آجيان لاءِ سنک وڄي رهيا هئا ۽ پڄاري ڀڄن ڳائي رهيا هئا، پر ديوي اڃا ڪا نه آئي هئي ۽ هر آواز تي هن کي سنڌوءَ جي پيرن جي آواز جو گمان ٿي رهيو هو. سندس دل جي ڌڪ ڌڪ، ڄڻ سنڌوءَ جي پيرن جا پڙلاءَ! آخر وڻن ۾ سرٻاٽ ٿيو ۽ وڻن جون لامون هٽائيندي، سنڌو سامهون اچي بيٺي. سارنگ کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نٿي آيو. شايد هو جاڳ جا خواب ڏسي رهيو هو. جڏهن کان هن سنڌوءَ کي ڏٺو هو، تڏهن کان هو هر گهڙي اهڙا خواب ڏسندو هو.سنڌو ڊيل جيان ٽلندي، هن جي ڀر ۾ اچي بيهندي هئي، گهونگهٽ هٽائي ماڻي ڀري مُرڪ سان هن ڏانهن ڏسندي هئي ۽ هو جڏهن هن ڏانهن هٿ وڌائيندو هو، تڏهن ..... پر هينئر سنڌو هن جي سامهون بيٺي هئي ۽ اهو خواب نه، پر جيئري جاڳندي حقيقت هئي. اڄ سنڌو گهونگهٽ نه ڪڍيو هو، پر ته به هوءَ حياءَ جي حجابن ۾ هئي. سندس اڇن ڳلن تي حيا جي ڳاڙهاڻ جي شفق ٽڙي پئي هئي. سندس وڏيون ۽ ڊگهيون پلڪون اکين تي ڇانوَ ڪري بيٺيون هيون. هوءَ رئي جي پلاند کي آڱرين تي ويڙهي ۽ ڇوڙي رهي هئي. اوچتو پيرن جو کڙڪو ٿيو. ٻئي ڄڻا ڄڻ ننڊ مان ڇرڪي جاڳي پيا. سنڌو ڊنل اکيون کڻي ان طرف نهارڻ لڳي، جتان پيرن جو آواز اچي رهيو هو. هن جي ڇاتي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي. هن هيسيل هرڻيءَ جيان ڇرڪي ڇال ڏنو ۽ سارنگ جي سيني سان اچي چنبڙي. سندس دل ڪنهن ڪُٺل ڪبوتر جيان ڦٿڪي رهي هئي. سارنگ هن کي ٻانهن ۾ سوگهو جهليو ۽ ٻئي ڄڻا ساه منجهائي، ڪن لائي، پيرن جو آواز ٻڌڻ لڳا. آهستي آهستي آواز دور ٿيندو ويو، ۽ جڏهن خطرو ٽري ويو، تڏهن سارنگ کي احساس ٿيو ته، هن جي سنڌو هن جي ٻانهن ۾ هئي. هن جو خواب ساڀيان بڻجي، هن جي ڀاڪر ۾ اچي پيو هو. ڄڻ ساري ڪائنات جي سونهن سميٽجي سندس ڀاڪر ۾ اچي وئي هئي.... سنڌو جڏهن هوش سنڀاليو، ته پنهنجو پاڻ کي سارنگ جي ٻانهن ۾ جڪڙيل ڏٺائين. جيئن سورج ديوتا سارو ڏينهن اُشاديويءَ جي ڪڍ ڊوڙندو آهي ۽ شام جو اُشا ديوي سندس ٻک ۾ اچي ويندي آهي. ائين هو به اڄ هن پرديسي جي ٻک ۾ اچي وئي هئي. ان احساس سان هوءَ شرم ٻوٽيءَ جيان اندر ئي اندر ويڙهجڻ سيڙهجڻ لڳي. هڪ ئي ڇلانگ ۾ هوءَ لوڪ لتاڙي، ڌرم جا ليڪا لنگهي، محبت جون الائي ڪيتريون منزلون ٽپي، پنهنجي پرينءَ جي سيني سان اچي لڳي هئي. هن جو ڪنوارو ۽ اڻ-ڇهيل جسم هن جي ٻانهن ۾ جڪڙيل هو. انهن ٻانهن ۾ هن پنهنجو پاڻ کي ڪيترو نه محفوظ ٿي محسوس ڪيو.ڄڻ دنيا جا سمورا خطرا انهن ٻانهن جي دائري کان ٻاهر هئا ۽ هوءَ انهن سڀني خطرن کان محفوظ هئي. +سنڌوءَ پنهنجو پاڻ کي سارنگ جي ٻانهن مان ڇڏائيندي چيو، ”الائي ڪير هو؟“ +”هوندو ڪو واٽهڙو.“ +” هن طرف ته ڪو لنگهه ئي ڪونهي.“ +”ڪير به هجي، اسان جو ڇا؟“ +”جي ڏسي وٺي ها ته ڇا ڪري ها.“ +”ٻنهي کي ڪُهي ڇڏي ها.“ +”پوءِ ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها، ٻئي گڏ مرون ها.“ +”حياتيءَ مان ايترو ڪڪ اهين ڇا، جو مرڻ جون ڳالهيون ٿو ڪرين.“ +’جهڙو شڪل جو سهڻو آهي، تهڙو ئي ڳالهائڻ جو مٺو آهي.‘ سنڌوءَ سوچيو. اڄ هوءَ پهريون دفعو سارنگ سان ملي هئي. پر ان کان اڳ هوءَ ڪيترا دفعا سپنن ۾ سارنگ سان ملي هئي. ڪيترا دفعا هن سپنا ڏٺا هئا ته هوءَ ڪوٽن ۾ قيد هئي ۽ سارنگ ٻُٽَ ٻڌي گهوڙي جي سُنبن سان ڌوڙ اُڏائيندو، ڪوٽ ڪيرائيندو آيو ۽ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري دور کڻي هليو ويو. اکيون اٿس ڪي سُرڪڻ ڦاهيون. ڏسڻ سان ماڻهن کي اهڙو ٿيون ڦاسائين، جو ڦٿڪڻ ئي نه ٿيون ڏين. پهرين ڏينهن گهاگهري ڀري ڏنائين ۽ دلڙي کسيائين، رجنيءَ سان مندر ويندي هيس ته دڳ جهلي بيٺو هوندو هو. ڪيئن نه نماڻا نيڻ کڻي نهاريندو هو، منهنجو به اندر پيو ڳرندو هو، پر لوڪ آهي ٻوڪ، لوڪ جي لڄ جهلي ورتو هو، نه ته ڪڏهن جو اچي ملانس ها. رجني ساري ڳالهه سمجهي وئي، تنهن هتي ميل ڪرايا، نه ته ساري ڄمار ائين هڪٻئي کي ڏسندي گذري وڃي ها، پر ٻئي لڄ جو ليڪو لنگهي نه سگهون ها، رجنيءَ کي چيم: +”رجني هو ته مسلمان آهي.“ +تنهن تي کلندي چيائين: +”چري، پيار سڀني ڌرمن کان مٿاهون ٿيندو آهي، ان ڏينهن پنڊت ڪو نه ٿي چيو ته ويدن ۾ لکيل آهي ته : جيئن جدا جدا رنگن جون ڳايون هڪ رنگ جو اڇو کير ڏينديون آهن، ائين جدا جدا ڌرم، هڪ ئي ڌڻيءَ کي ڳوليندا آهن. هو رحيم چون، اسان رام چئون، هو قلندر شهباز چون، اسان پرٿري هري چئون. ماڻهين هر جمعي تي مسيت ۾ ڏيئو ڪونه ٻاريندي آهي، اسان به مسلمانن وانگر يارهين ملهائيندا آهيون، محرم ۾ تعزين تي ڏونگهي، مصري ۽ ڏوڪڙن جا ڍير لڳائيندا آهيون، ننڍيون هونديون هيونسين ته امان جن تعزين جي هيٺان لنگهائينديون هيون. پاڻ مسلمانن جي گهرن ۾ ڏياري جي مٺائي ۽ ٿڌڙيءَ جا مٺا لولا موڪليندا آهيون ۽ هو وري عيدن تي حلوو ماني ۽ سيون موڪليندا آهن. پوءِ ٻيايون ڇاجيون. ڳالهه اصل هڪ اٿيئي، ماڻهو رڳو اکرن ۾ منجهيا آهن.“ +”پرديسي گهڻا ڏينهن شڪارپور ۾ رهندين؟“ +”هاڻي ته ساري ڄمار هتي رهندس ۽ جي مئس ته وصيت ڪري ويندس ته مون کي هتي دفن ڪيو وڃي.“ +”نما شام جو مرڻ جون وايون واتان نه ڪڍ، ڀڳوان ڏينهن ڏيئي، جواني ماڻين، اسان استريون ته اوهان جيون جُتيون آهيون.“ +”تون منهنجي جتي نه، پر پڳ آهين، پڳ لاهي ڪاڏي ويندس.“ +”پکي آکيرن ۾ موٽندا آهن ۽ پرديسي پنهنجي ديس، تون به اڄ يا سڀان پنهنجي ڳوٺ هليون ويندين.“ +”توکي ڇڏي ڪاڏي ويندس، پرديسي آهيان، تنهنجي ديس ۾ اچي پکا اڏيا اٿم، ڪهل ڪري، مڙيئي پرديسين جي پکن تي پيرڙا گهمائي ويندي ڪر، تنهنجا ٻول ٻڌي پيا جيئنداسين.“ +”مائٽن وٽ نه ويندين؟“ +”هاڻي ڪهڙا مائٽ، منهنجو ته سڀڪجهه هاڻي تون آهين.“ +”اڳي تنهنجا نيڻ چت ۾ چڻڪندا هئا، هاڻي تنهنجيون ڳالهيون چت چريو ڪري ڇڏينديون.“ +”اسان کان به ننڊ کسي ٿِي، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.“ +ايتري ۾ وري گهنڊ وڄڻ لڳا ۽ پوڄاري ڀڄن ڳائ�� لڳا. +”خبر ٿي ان ڀڄن جي معنيٰ ڇا آهي؟“ +”نه.“ +”ان ڀڄن جي معنيٰ آهي ته اي ملان، تون جو وڏي واڪي ٻانگون ٿو ڏين ۽ ٻانڀڻ، تون جو هيڏا گهنڊ ٿو وڄائين، ڇا ڀڳوان ٻوڙو آهي، ڀڳوان ته ڪئليءَ جي پير جو آواز به ٻڌي ٿو.“ +”اسان جي به ٻڌئين، جو ميل ڪرايائين.“ +”تو اسان جا شاستر پڙهيا آهن؟“ +”شاستر پڙهي ڇا ڪندس.“ +”ڇو؟“ +”ان ڪري جو اوهان جا شاستر رشين جا رچيل آهن ۽ مون ڀڳوان جو رچيل شاستر پڙهيو آهي.“ +”هو وري ڪهڙو شاستر آهي؟“ +”تون نه آهين.“ +سارنگ جي ڳالهه ٻڌي سنڌوءَ جو چهرو چمپا جي گل جيان ٽڙي پيو. + +پيار جو ويري وقت گذرندي ويرم ئي نه ڪري. الائي ڪيئن وقت گذري ويو. سَمَڪ ئي ڪانه پين. رجنيءَ سڏ ڪيو، تڏهن اک پٽيائين ته مار وقت ته گهڻو گذري چڪو هو. ٻنهي هڪ ٻئي کان موڪلايو. جدا ٿيڻ لاءِ دل ئي نه ٿين، پر ته به ٻئي ڏينهن ملڻ جي آس ۾ موڪلايائون. +ائين ميل ٿيندا رهيا. پيارَ جا پلَ اک ڇنڀ ۾ گذرندا ويا. جدائيءَ جا پل جهڙا پهاڙ. رجني هن کي رکڙي ٻڌي. سنڌو شِوَ جو پهريون پَلو پچائي هن ڏانهن موڪليو. هوليءَ ۾ رنگن جي ورکا ٿي. ترموريءَ جي ترن جا لڏون، ٿڌڙيءَ جا لولا آيا. ڏياري آئي، ڏيئن جهرمر لاتي، پر اوچتو ڌوڙئي جي ڌوڙ وسڻ لڳي. ڏيئا هڪ هڪ ٿي اجهامڻ لڳا. ويري وقت وار ڪيو، ۽ هڪ ٿي ڌڙڪندڙ ٻه دليون، هڪٻئي کان جدا ٿي، ڦٿڪڻ ۽ لڇڻ لڳيون. + +هڪڙي ڏينهن سارنگ وڻن جي جهڳٽي ۾ ويٺو سنڌوءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. سنڌوءَ جي اچڻ جي مهل ٿي وئي هئي، پر هوءَ اڃا ڪانه آئي هئي. اڄ هن جي دل ۾ الائي ڇو ڪنڊو چڀي رهيو هو ۽ بيچينيءَ سان سنڌوءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. رکي رکي هن اکيون کڻي ان واٽ ڏانهن ٿي نهاريون، جنهن تان هر روز هوءَ پنهنجا پَٽَ جهڙا پير گهمائيندي، لوڪ کان لڪي هن وٽ ايندي هئي. اوچتو پيرن جو آواز ٿيو.، وڻن جي لامن ۾ سرٻاٽ ٿيو. هن آسائتيون اکيون کڻي سامهون نهاريو. رجني بيٺي هئي. موڳي ۽ نٻل. هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ رجنيءَ جي ويجهو وڃي هن کان سنڌوءَ جو پڇيائين. رجنيءَ ٻڏندڙ آواز سان هن کي ٻڌايو ته سنڌوءَ جي مائٽن کي سندن پيار جي خبر پئجي وئي هئي. سنڌو ڪوٽ ڪڙن ۾ آهي ۽ هاڻي هوءَ ڪڏهن به هن سان ملي نه سگهندي. رجنيءَ جي ڳالهه ٻڌي سارنگ جي بت مان ساه ڇڏائجي ويو، ڄنگهون ڏڪڻ لڳس ۽ هو اتي ئي ويهي رهيو. الائي گهڻي دير هو ائين ويٺو رهيو ۽ پوءِ جڏهن اکيون کڻي مٿي نهاريائين ته رجني وڃي چڪي هئي. رات چڱي گذري وئي هئي وڻ خاموش بيٺا هئا ۽ هر طرف اونده هئي. + +سنڌوءَ جو وڇوڙو ڪاري رات بڻجي هن جي ڪائنات تي ڇانئجي ويو. ڪنهن شيءِ ۾ دل ڪانه ٿي لڳس. ڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ڪتاب جا اکر اڳيان اڀري واڳون بڻجي سندس وجود تي وار ڪندا هئا. اڃا سندس دل ۾ سنڌوءَ سان ملڻ جي اميد جو تارو ٽمڪي رهيو هو. پر پوءِ اهو تارو به ٽٽو ۽ تاريڪ خلائن سان ٽڪرائجي ڀسم ٿي ويو. سنڌوءَ جي شاديءَ جي شرناءِ جا سُرَ اونائڻ لڳا ۽ سارنگ جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو. ارادو ڪيائين ته سنڌوءَ کي زوري کڻي وڃي، پر اندر ملامت ڪيس. پيار کي پاپ بنائڻ نه جڳائي. پرينءَ جي پيءُ ماءُ جي عزت ڇو مٽيءَ ۾ ملايان. آخر ٽپ ڏيئي اُٿيو. گهوڙي تي لانگ ورائي، بنان ڪنهن منزل جي روانو ٿيو. رستي تي اهو کوه هو، جتي ديدن ڌاڙا هنيا هئا، اهو ساڳيو مندر، تلاءَ جي ڪنٺي تي وڻن جو جهڳٽو، جتي هن ساري ڪائنات کي ڀاڪر ۾ جهليو هو. اڄ به آسمان ۾ ابابيل اڏامي رهيا هئا. افق وٽ شفق، ڄڻ ڪنهن اربيليءَ جو کنهبو رؤ ڇڏائجي، اُڏري، اُفق وٽ تاڻجي ويو هو. مندر ۾ سنک وڳو، گهنڊ ۽ جهانجهه وڳا ۽ ڪو ڀڄن ڳائڻ لڳو: +ملان، تون جي وڏي واڪي ٻانگون ٿو ڏين، +ٻانڀڻ تون جو گهنڊ ٿو وڄائين، +ڇا ڀڳوان ٻوڙو آهي. +ها ڀڳوان ٻوڙو آهي. گهنڊ ۽ جهانجهه ٿا چون ته ڀڳوان ٻوڙو آهي. شرناءِ جا سُر ٿا اونائين ته ڀڳوان ٻوڙو آهي. هن ٻئي هٿ ڪنن تي رکيا ۽ وٺي گهوڙو ڀڄايائين. الائي گهڻا ڏينهن سچل سائينءَ جي درگاه تي رهيو. پوءِ منزلون ڪندو ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاه تي آيو. جمعي رات فقير ڀٽ ڌڻيءَ جون ڪافيون ڳائيندا هئا. هو مونن ۾ منهن وجهي ڪافيون ٻڌندو ۽ ڳجها ڳوڙها ڳاڙيندو هو. هڪڙي ڏينهن اندر اٿل کاڌس. ڪافي چيائين. پنهنجو سارو سوز ڪافيءَ ۾ پلٽيائين، پر کيس محسوس ٿيو ته هن جو اندر سورن جو کوه آهي، لفظ ڀڳل ڪينگريون آهن جيڪي هن جي اندر مان سورن سان ڀرجي ٻاهر نڪرن ٿيون، پر ٻاهر نڪرندي نڪرندي سڀ سور انهن مان وهي، موٽي وڃي اندر ٿا پون. ڪو ڪنهن جو سور نٿو ڄاڻي، سڀني جي اندر ۾ سورن جا سلا آهن، پر ڪو ڪنهن سان سور نٿو سلي. ارادو هئس ته ڀٽ ڌڻيءَ جو فقير ٿيندو، گيڙو الفي پائي، يڪتارو ۽ چپڙيون وڄائي پنهنجا سور ڳائيندو. پر انهن ڏينهن ۾ ’ڊاڪٽر برنس‘ جو ڀاءُ اليگزينڊر برنس، رنجيت سنگهه کي سوکڙيون پهچائڻ جو بهانو ڪري سنڌونديءَ جي پڙتال لاءِ ٻيڙا ڪاهي لنگهيو هو. ساري سنڌ ۾ ’هل پئجي ويو هو ته سنڌ وئي جو فرنگين سنڌوندي ڏسي ورتي. هو يڪدم اٿيو ۽ حيدرآباد اچي ميرن جي محافظ دستي ۾ شامل ٿيو. +فلپ سگار دکايو ۽ ڪرسيءَ تي ٿورو آهلي، سگار جا آهستي آهستي ڪش وٺڻ لڳو. آهستگي هن جي شخصيت جو خاص جزو هئي. اُٿڻ، ويهڻ، کلڻ، ڳالهائڻ، هن جي هر عمل ۾ آهستگي هئي. هن آهستگيءَ سان سگار جو ڪش ورتو ۽ هوريان هوريان چپن ۾ شاه سائينءَ جو بيت جهونگارڻ لڳو. +ڪڏهن طاقيون ڏين، ڪڏهن کُلن در دوستن جا، +ڪــڏهـن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نين، +ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين، +اهـــــڙا ئــــــي آهـــيــن، صـــاحــب مــنهـنجـا سـپـريـن. +اهو بيت اڄ سارنگ هن کي سمجهائي ويو هو ۽ الائي گهڻي دير کان هو ان بيت کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڪيترا دفعا ترجمو ڪيو هئائين ۽ هر دفعي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هئائين. هينئر هن سگار جو ڪش وٺي آهستي آهستي ان بيت کي چپن ۾ جهونگاريو ۽ بيت جي ميٺاج ۽ مزاج، نغمگي ۽ آهنگ کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪرڻ لڳو. +ڪڏهن طاقيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا. +آهستي آهستي هن جي روح جون طاقيون کلڻ لڳيون. دور يڪتارو وڄڻ لڳو. مهراڻ جي موج هوريان هوريان ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳي، بيت جي سٽ سندس روح ۾ گونجڻ لڳي ۽ هر طرف کان پڙاڏا اچڻ لڳا. +اهڙائي آهين صاحب منهنجا سپرين.... صاحب منهنجا سپرين...... اهڙا ئي آهين....... اهڙا ئي آهين..... +Such is my beloved +Such is my beloved +ڪڏهن طاقيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوستن جا..... کلن در دوستن جا. +At times beloved’s doors open wide…. Open wide +At times no admittance find… no admittance find +پڙاڏان جا پڙلاءِ، پڙلائن جا به پڙلاءَ، گول گول دائرا. لفظ جوڻ مٽائڻ لڳا. هن يڪدم قلم کنيو ۽ بي اختيار لکڻ شروع ڪيائين: +At times he closes the latch, +At times he beloved’s doors open wide, +At times I come no admittance find, +At times he calls and leads me in, +At times I for a whisper long, +At times he wears me in heart, +Such is my beloved. +آهستي يڪتاري جا هلڪا هلڪا آواز، روح ۾ گونجندڙ پڙاڏن جا پڙلاءَ سانت جي سيني ۾ جذب ٿيندا ويا ۽ هر طرف خاموشي ڇانئجي وئي. خوشيءَ جي هلڪي لهر هن جي دل ۾ اُڀري ۽ سندس جسم هوا کان به هلڪو ٿي پيو. هن ٻيهر اجهاڻيل سگار دکايو، آهستگيءَ سان ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ هڪ هٿ گاؤن جي کيسي ۾ هٿ وجهي، ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو، ٻاهر ورانڊي �� اچي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ٻاهر نهارڻ لڳو. حدِ نظر تائين اُجري چانڊوڪي پکڙيل هئي ۽ هوا جي جهوٽن ۾ انبن جي ٻور جي خوشبو رچيل هئي. دور کان نظر ايندڙ جايون، جاين جا منگهه، پڪو قلعو، ڪچو قلعو، ٿوري فاصلي تي مهراڻ وهي رهيو هو. ساري خدائي اگهاڙي ٿي چانڊاڻ ۾ وهنجي رهي هئي. مشرق جي ڌوتل پوتل چانڊاڻ کي ڏسي، هن کي هميشہ پنهنجي مارگريٽ ياد ايندي هئي. مارگريٽ! جنهن جو جسم هن چانڊاڻ جهڙو هو. جنهن جا وار چانڊاڻ جو آبشار هئا، جنهن جون اکيون انهن اجنبي سمنڊن جهڙيون نيريون، گهريون هيون، جن کي جهاڳي، هو هتي پرديس ۾ پهتو هو. اڄ مارگريٽ ۽ هن جي وچ ۾ ڪيترا نه فاصلا هئا ۽ ڪيتريون نه دوريون هيون. پر جڏهين هو انگلنڊ ۾ هو ۽ مارگريٽ هن جي ويجهو هئي، تڏهين ان ويجهڙائي ۾ به ڪيتري نه دوري هئي. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ڪيتريون نه دوريون ۽ مجبوريون آهن! هو هڪڙي پورهيت جو پٽ هو ۽ مارگريٽ جو پيءُ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر هو.انگريزي سماج هونئن ئي اُمرا پرست سماج هو، ويتر جو انگريزن جو هندستان تي قبضو ٿيو هو ۽ هندستان جي ساري دولت، ڪچو مال، هيرا جواهر انگلنڊ پهتا ۽ لنڊن ۾ وڏن وڏن ڪارخانن جي چمنين ڪَرُ کڻي دونهون اوڳاڇڻ شروع ڪيو هو، ته طبقاتي فاصلا وڌي ويا هئا. پر هن کي انهن فاصلن جي خبر ڪانه هئي ۽ هن خواب ڏٺا هئا، ته هو مارگريٽ سان شادي ڪندو، ’ڪيمبرج‘ مان انگريزي ادب جي ڊگري وٺندو ۽ گيت لکندو. ’ٽيمز‘ تي چمڪندڙ اُس جهڙا گيت، مارگريٽ جي مکڙي جهڙا گيت. پر هن جي خوابن جون ڪاغذي ٻيڙيون، تعبير جي ڪنارن کي ڇهڻ کان اڳ ٻڏي ويون ۽ هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ ڪلارڪ اچي ٿيو. هن ’ٽيني سن‘ جي هڪڙي نظم ’شيلاٽ جي ليڊي‘ پڙهي هئي، جنهن ۾ هڪڙي عورت تنهاين ۾ قيد هئي ۽ پنهنجي قيدخاني جي ديوار ۾ ٽنگيل آرسي ۾ ٻاهرين زندگيءَ جي حسن ۽ خوشين جا پاڇولا ڏسي، ڪچا ڌاڳا اُڻندي هئي. اسين سڀ تنهاين ۾ قيد، ’ليڊي آف شيلاٽ‘ آهيون. اندر جي آرسين ۾ حياتيءَ جي حسن جا پاڇولا ڏسي، ڪچن ڌاڳن سان خواب اُڻندا آهيون. پر ڪچا ڌاڳا ڇڄي پوندا آهن ۽ اسين شاعر ۽ انگريزي ادب جا پروفيسر بنجڻ جي بدران، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪ ٿيندا آهيون. + + + +اڄ هو مارگريٽ ۽مارگريٽ جي لنڊن کان دور هو. پر مارگريٽ ۽ لنڊن جون يادون هتي به هن سان هليون آيون هيون. هن کي چڱيءَ طرح ياد هو ته ڪيئن هو مارگريٽ جي پيءُ کان مارگريٽ جو سنڱ گهرڻ ويو هو. مارگريٽ جي ’ڪيسل‘ جي ڊرائنگ روم ۾ گهڙيو ته اچرج ۾ وات ڦاٽي ويس. فرش تي وڇايل ٿلها ايراني غاليچا، جن جي بَج ۽ تهن ۾ هن جا پير دٻندا ٿي ويا. ڀتين تي لڙڪيل مشرقي بادشاهن جون تصويرون. هڪڙي تصوير ۾ انگريز ايلچي هندستاني بادشاه کي سفارتي ڪاغذ پيش ڪري رهيو هو. ٻي تصوير ۾ ڪارا ڪارا هندستاني، وحشين جيان تلوارون تاڻي انگريز سپاهين تي حملو ڪري رهيا هئا. پر انگريز سپاهين جي چهرن تي ڪو ڊپ ڊاءُ نه هو. سامهون ڪلائيو جي تصوير ٽنگيل هئي. ڪلائيو هن جو هيرو هو. ڪيئن هن قلم اڇلائي ترار کنئين هئي. پلاسيءَ جي جنگ جيتي هئائين ۽ هندستان ۾ انگريزي حڪومت جو پايو وڌو هئائين. پر اسان جي قوم هن جو قدر نه ڪيو. هتي آيو ته مٿس ڪيس هلايو ويو. آخر خودڪشي ڪيائين. دنيا ڪڏهين به عظيم انسانن جو سندن زندگيءَ ۾ قدر نه ڪيو آهي. ڪلائيو مئو ته سندس مجسمو وائيٽ هال جي انڊين آفيس جي سامهون لڳايو ويو. ايتري ۾ دروازي کلڻ جو آواز ٿيو ۽ مارگريٽ جو پيءَ اندر گهڙي آيو. سنهون ۽ نيزي وانگر اُڀو. ڪيترو نه رعب هوس اکين ۾. فلپ هن کي سلام ڪيو، پر هن سوال جو جواب ڏيڻ جي بجاءِ، اشاري سان کيس صوفي تي ويهڻ لاءِ چيو. هو پاڻ به صوفي تي ويٺو ۽ سواليه نگاهن سان هن کي ڏسڻ لڳو. فلپ ڳالهه شروع ڪرڻ چاهي، پر اکر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪيائين ۽ ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺو، پر احساس ٿيس ته بيهڻ ٺيڪ نه آهي سو وري ويهي رهيو. +’ڪهڙيون نه عجيب حرڪتون ٿو ڪريان.‘ پنهنجو پاڻ تي خار کائڻ لڳو. آخر هٻڪندي هٻڪندي مارگريٽ ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي پيار جو ذڪر ڪيائين ۽ مارگريٽ جي سنڱ جي گهر ڪيائين. فلپ جي ڳالهه ٻڌي مارگريٽ جي پيءُ حيرت وچان هن ڏانهن نهاريو، ڄڻ کيس پنهنجي ڪنن تي يقين ئي نٿي آيو. ۽ پوءِ مرڪي ويٺو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيڻ لڳو. صفا ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ يڪدم سندس ٽهڪ بند ٿي ويا. ٻنهي هٿن سان صوفي جي ٻانهن کي جهلي،بت کي ٿورو اڳتي ڪري، ڏند ڀيڪوڙي، تارا ڦاڙي وٺي رڙ ڪيائين. +”گيٽ آئوٽ يو فول.“ +فلپ کي ڄڻ چيلهه جي لت لڳي ۽ هو ڪلٽيون کائيندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو، ڏاڪڻ تان ڪرندو، اٿندو، در کان ٻاهر اچي پهتو ۽ وٺي ڊوڙ پاتائين. سارو ڏينهن مارگريٽ جي پيءُ جا ٽهڪ هن جو پيڇو ڪندا رهيا. ان ڏينهن هن خوب شراب پيتو ۽ مارگريٽ جي محبت ۾ چيل سڀني گيتن تي شراب اوتي، تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيائين. ان ڏينهن کان پوءِ نه هن گيت لکيو ۽ نه مارگريٽ سان مليو. ٻئي ڏينهن ڏڪندو ڪنبندو هو آفيس ويو. هن کي پڪ هئي ته مارگريٽ جي پيءُ هن کي نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو هوندو. پر مارگريٽ جي پيءُ هن کي ايتري اهميت به ڪانه ڏني ۽ کيس سزا لائق به نه سمجهيو. آفيس جي ڪرسيءَ تي ويٺو ته ائين محسوس ٿيس ڄڻ ڪني ڌُٻڻ ۾ ڪري پيو هو. + +هاڻي هن کي لنڊن کان وحشت ٿيڻ لڳي، پنهنجو پاڻ کان وحشت ٿيڻ لڳي. مارگريٽ جي پيءُ جا ٽهڪ ننڊ توڙي جاڳ ۾ هن جو پيڇو ڪري رهيا هئا ۽ هن انهن ٽهڪن کان ڀڄي وڃڻ ٿي چاهيو. پر هو ڪيڏانهن ڀڄي ويندو؟ مشرق! مشرق ئي هن جي جاءِ پناه هئي. مشرق، جنهن ۾ الف ليليٰ وارو بغداد هو. جنهن ۾ پيغمبرن وارو يروشلم هو. جنهن ۾ فرعونن ۽ قلوپطره وارو مصر هو. جنهن ۾ ڪلائيوَ وارو هندستان هو هندستان! هن جي خوابن جو پرديس! جتي وڏا وڏا شهزادا، دنيا جي بي ثباتيءَ جي جواب ۾، تخت ۽ تاج ٺڪرائي، سڀني لذتن کي تياڳي، انگ ڀڀوت ڪري نگري نگري ڀٽڪي، هن بي معنيٰ زندگيءَ جي معنيٰ ڳوليندا هئا. +هن ڀڄ ڊڪ ڪري ڪمپني جي فوجي کاتي ۾ بدلي ڪرائي ۽ کيس هندستان موڪليو ويو. هو ڏاڍو خوش هو جو مارگريٽ جي لنڊن کي ڇڏي رهيو هو، پر جڏهن جهاز لنگر کنيون ۽ لنڊن جا ڪنارا دور ٿيڻ لڳا، ته سندس اکيون لڙڪن ۾ آليون ٿي ويون. + +اجهاڳ سمنڊ جهاڳيندو، نوان ملڪ لتاڙيندو، قسمين قسمين ماڻهو ڏسندو هو بمبئي پهتو. بمبئيءَ ۾ هن پام ۽ ناريل جي وڻن سان ڍڪيل سمنڊ جا ڪنارا ڏٺا. اڇيون ساڙيون پائي ٽلندڙ پارسي عورتون، کنهنبن ڪپرن ۾ مارواڙي عورتون ۽ سانجهيءَ جهڙيون سانوريون بنگالي عورتون ڏٺائين جيڪي چوٽن ۾ چنبيليءَ جا گل سجائي، ڊيل جيان ٽلي رهيون هيون. ڄڻ سڀ هن جا اڻ لکيل گيت هيون، جن کي هو گرفت ۾ آڻي نٿي سگهيو. بندر تي هن هندستاني مال سان ڀريل جهاز ڏٺا، جيڪي هندستان جي دولت انگلنڊ ڏانهن ڍوئي رهيا هئا. ڪلڪتي ۾ هن ڏڪر جا ماريل ۽ بک ۾ پاه ٿيندڙ بنگالي ڏٺا، جيڪي ماني ڳڀي لاءِ ليلائي رهيا هئا. هو پاڻ به غريب هو، پر ههڙي غربت هن تصور ۾ به ڪانه ڏٺي هئي. ڪلائيو کي پلاسيءَ جي جنگ ۾ پنجويهه لک رپيا مليا. هن جي هم وطنن بنگالين جو خون چوسيو، ملڪ ۾ ڏڪار پيو ۽ آدم شماريءَ جو ٽيون حصو مري ويو. هن ’روسو‘ ۽ ’والٽيئر‘ کي پڙهيو هو. شيلي جي گيتن هن جي خون کي گرمايو هو. ’ايڊم سمٿ‘ جا معاشي نظريا، ’ٿامس پين‘ جا ڪتاب ’انساني حق‘ ۽ ’عقليت جو دور‘ پڙهيا هئائين. ڇا والٽيئر روسو ۽ فرانسي انقلاب جو جواب نيپولين آهي، جنهن چيو هو ته: ”اقتدار منهنجي سريت آهي، ان سريت کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ايڏا ته جتن ڪرڻا پيا آهن، جو مان ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندس ته هو مون کي ان کان محروم ڪري يا ان ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار ٿئي.“ +ڇا انگلنڊ جي سياسي سجاڳي، ايڊم سمٿ ۽ ٿامس ٻين جي نظرين جو جواب ڪلائيو آهي. ان ڏينهن پهريون دفعو هن کي ڪلائيو کان نفرت ٿي. ’ٿيڪري‘ جي ناول ’وينٽي فيئر‘ ۾ هن هڪڙي انگريزي ’نواب‘ جو ڪردار پڙهيو هو. هتي وِک وِک تي هن اهڙا ’نواب‘ ڏٺا جن وٽ وڏا وڏا حرم هئا ۽ جيڪي اينگلو انڊين طبقي کي جنم ڏئي رهيا هئا. پادري بائيبل ڦهلائي رهيا هئا ۽ ٽامي باد فرنگ. +هن جا ساٿي سارو ڏينهن اينگلو انڊين ڇوڪرين سان شراب پيئندا هئا، پر هو سارو ڏينهن ڪتاب پڙهندو هو. هن فارسي پڙهڻ شروع ڪئي. پهرين ڏاڍي ڏکي لڳس، پر پوءِ آهستي آهستي سکي ويو. هاڻي هو هڪ عجيب ذهني دنيا ۾ اچي پهتو. حافظ ۽ خيام جي دنيا، سينا ۽ طاهر بابا عران جي دنيا. جتي تصوف جو نيرو ڪوهيڙو ڇانيل هو ۽ منصور ’ان الحق‘ جو نعرو هڻي ڦاهيءَ تي لڙڪيو هو. شام ٿيندي هئي ته هو پام ۽ ناريل جي وڻن هيٺان ويهي، سمنڊ جي لڇندڙ ڦٿڪندڙ لهرن ڏانهن ۽ دور افق ڏانهن نهاريندو هو، جتي آسمان جهڪي سمنڊ کي چمندو هو. دنيا ڪيتري نه وسيع آهي! سمنڊ جي هن پار به ته ڪا دنيا هوندي، جنهن ۾ ڪو شيڪسپيئر ۽ شيلي هوندو؛ ڪو فلپ هوندو؛ جنهن جي سيني ۾ مارگريٽ جي محبت جا گهاءَ هوندا. الائي هو اها دنيا ڪڏهن ڏسندو! + +ڇهه ست سال گذري ويا. هن کي ترقي ڏيئي ڪميشنڊ آفيسر ڪيو ويو. هڪڙي ڏينهن ڪلڪتي ۾ هو رستي تان لنگهي رهيو هو ته اوچتو هن جي نظر هڪڙي چؤچاڪي بگيءَ تي پيئي. مارگريٽ! هن کان هلڪي دانهن نڪري وئي. مارگريت چؤچاڪي بگيءَ ۾ ويٺي هئي ۽ هن سان گڏ هڪڙو لارڊ ويٺو هو؛ جنهن جا بنگال ۾ چانهن جا باغ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ حصا هئا. هو بگيءَ ۾ ائين ويٺو هو؛ ڄڻ سارو هندستان چانهن جو باغ هو ۽ هو ان باغ جو اڪيلو مالڪ هو. هن جي بگيءَ جي ڪڍ هڪڙو اڌ اگهاڙو بنگالي ڇوڪرو ڊوڙندو ٿي آيو.”صاحب بهادر بکيو آهيان، هڪڙي ڊبل روٽي گهرجيم. صاحب بهادر.....“ صاحب بهادر ڪاوڙ ۾ ڪنڌ موڙيو ۽ ڏند ڀيڪوڙي زور سان رڙ ڪيائين، ” گو اوي يوفول.“ بنگالي ڇوڪرو اتي ئي ڄمي ويو. هو به اتي ئي ڄمي بيهي رهيو هو. هو به ان اڌ اگهاڙي بنگالي ڇوڪري جيان ساري ڄمار مارگريٽ جي بگيءَ جي ڪڍ ڊوڙندو رهيو هو. ’صاحب بهادر بکيو آهيان، هڪڙي ڊبل روٽي. صاحب بهادر.... هڪڙو خواب‘ ۽ مارگريت جو پيءُ ڪاوڙ ۾ ڪنڌ موڙي، ڏند ڀيڪوڙي، زور سان رڙ ڪئي هئي. ”گيٽ آئوٽ يوفول....“ بگي هن جي اڳيان لنگهي وئي ۽ هو پنڊپهڻ ٿي مارگريٽ کي ڏسندو رهيو. شاديءَ کان پوءِ مارگريٽ ڪهڙي نه سهڻي ٿي پئي هئي. صفا راڻي ٿي لڳي. گذريل گهڙيون هانوَ تي تري آيس. اڌ ٽڙيل مکڙيءَ جهڙي مُکڙي واري مارگريٽ ۽ هو ٻئي ٽيمز جي ڪپر تي ويٺا هئا. هن مارگريٽ جي محبت ۾ پهريون گيت لکيو هو ۽ هن کي سامهون ويهاري کيس اهو گيت ٻڌائي رهيو هو. گيت پورو ٿيو ته مارگريٽ جي پيءُ جا ٽهڪ گونجڻ لڳا. هو هن جي گيت تي، هن جي محبت تي ۽ هن جي غربت تي ٺٺوليون ڪري رهيو هو............. +فلپ تکيون تکيون وکون کڻندو بار ۾ هليو ويو، اڄ وري هن خوب شراب پيتو ۽ شراب پي جڏهن مست ٿي ويو ته هڪڙي اينگلو انڊين عورت ڏانهن نهارڻ لڳو. هوءَ فلپ کي نهاريندو ڏسي مرڪڻ لڳي. فلپ به مرڪڻ لڳو ۽ پوءِ وٺي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. يڪدم ٽهڪ بند ٿي ويس. ٻنهي هٿن سان ڪرسيءَ جي ٻانهن کان جهلي، ٿورو اڳڀرو جهڪي، ڏند ڀيڪوڙي، تارا ڦوٽاري، وٺي رڙ ڪيائين،”گيٽ آؤٽ يوفول.“ عورت ڏڪي وئي. بار ۾ ويٺل ماڻهو حيرت مان هن ڏانهن ڏسڻ لڳا، هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. ٻئي ڏينهن هن جي سنڌ بدلي ٿي وئي. + +سنڌ ۾ هن کي ريزيڊنسي ۾ رکيو ويو هو. هن سفر جي تياري ڪئي. سنڌ جي باري ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو پراڻو رڪارڊ ۽ انگريز سياحن جا لکيل سفرناما پڙهيائين ۽ هڪڙي ڏينهن وري سمنڊ جهاڳيندو، هو سنڌ روانو ٿي ويو ۽ ڪراچيءَ پهتو. منهوڙي ۾ ميرن جو قلعو هو. مهاڻن جا ڪارا ڪارا ۽ پٺن اگهاڙا ٻار لُڌڙن جيان پاڻيءَ ۾ تڙڳي رهيا هئا ۽ اچرج وچان هنن ڏانهن ڏسي رهيا هئا. ڪراچيءَ جي گورنر هنن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪپر تي هو پالڪيءَ ۾ چڙهيو. پالڪيءَ کي اٺن حمالن کنيو. پالڪي ڪِرمچي رنگ جي بخمل جي ٺهيل هئي ۽ ٻاهران نهايت قيمتي جهالر ۽ جهوٻا لڳل هئس. گورنر هن کي پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ زور ڀريو، پر هن رام باغ وٽ ڪئمپ هنئين. شام جو ڪراچيءَ جو مشهور سيٺ ناؤنمل، مصريءَ جا ٿالهه ڀرائي هن جي آڌر ڀاءُ لاءِ آيو. مِرڪندڙ تارا، عيار مرڪ. جيتري دير ويٺو، انگريزن جي تعريف ڪندو رهيو. وڏا ڪشادا ميدان، سمنڊ جون گهميل ۽ ٿڌيون هوائون. رات جو بستري تي ليٽيو ته ننڊ کڻي ويس. ٻئي ڏينهن صبح جو هو ڪراچيءَ جو شهر گهمڻ لاءِ نڪتو. هر طرف ويراني، تمر ۽ ٿوهر کان سواءِ نه وڻ نه ٽڻ. چاليهن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي هڪڙو ڪچو قلعو هو، جنهن جي چئن برجن تي توبون رکيل هيون. قلعي کي ٻه دروازا هئا. هڪڙو دروازو لياري نديءَ ڏانهن کلندو هو ۽ ٻيو سمنڊ ڏانهن.لياري واري دروازي کي مٺو در ۽ سمنڊ واري دروازي کي کارو در سڏيو ويندو هو. لياريءَ جي پيٽ ۾ کوهه هئا، جتان ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا. انهن کوهن وٽ هن هندو عورتون ڏٺيون، جيڪي ململ جي پوتين جا گهونگهٽ ڪڍي پاڻي ڀري رهيون هيون. ململ جي گهونگهٽ ۾ هنن جا جرڪندڙ چهرا جهڙا هلڪي هلڪي جهُڙ ۾ چنڊ! پيشانيءَ تي تلڪ، ڄڻ ڏياٽيون ٿي ٻريون! شام جو هو منگهو پير گهمڻ ويو. پاسي کان گهاٽو ٻيلو ٽڪر تي مجاور جي جهوپڙي ۽ سنهڙو ڊگهو مجاور، جيڪو هن کي تلائن ۾ رهندڙ واڳون ڏيکاري رهيو هو.اُتي ئي هن هنگلاج جا نانگا ڏٺا، ڪهڙو نه عجيب ديس آهي! + +ٻئي ڏينهن هو گهوڙي تي حيدرآباد روانو ٿيو. جمعدار جي لانڍي، پپري، گهاري ۽ گُجي ۾ منزلون ڪندو هو ٺٽي پهتو. ٺٽي ۾ هو ڪمپنيءَ جي اڳوڻي نمائندي جي جاءِ ۾ رهيو،جنهن کي مقامي ماڻهو ’انگريزن جي ماڙي‘ سڏيندا هئا. شاهجهاني مسجد ۽ مڪليءَ جا مقبرا ڏسي حيران ٿي ويو. سوچيائين: شايد هي ملڪ به ڪنهن زماني م ڏاڍو تهذيب يافته هوندو. شايد اهو شهر ئي اهو پٽيالا بندر هو، جتان سڪندر اعظم جو امير البحرنير ڪوس فنيقي، مصري ۽ يوناني ملاحن سان ٻيڙين تي چڙهيو هو. داراعظم جي يوناني امير البحر ’سائيڪلاس‘ سنڌوءَ مان ٻيڙا ڪاهي شايد هن شهر جي ماڻهن کان ڏن اوڳاڙيو هو. عظيم يوناني تاريخ نويس ’هيروڊوٽس‘ هن ملڪ جي تاريخ لکي هئي. پرتگالين هن شهر کي لٽيو هو، ۽ هنن کي هن شهر مان ايترو ته لٽ جو مال مليو هو، جيڪو کين ايشيا جي ڪنهن ملڪ مان نه مليو هو. +هن شهر جي ويجهو ’لاهري بندر‘ هو، جتي 1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نمائندي ’فريم لين جو جهاز‘ لهرن ۽ ونجهن جي مدد سان پهتو هو. هتان جي واپاري مال جي باري ۾ ان ساڳي فريم لين لکيو هو ته ’ٻاهرين ملڪن ۾ جيتري سنڌ جي سامان جي گهر آهي، اوتري هندستان جي ڪنهن به حصي جي سامان جي گهر ڪانهي. جيڪو سامان هتي ٺهي ٿو، اهڙو هندستان ۾ ڪٿي به نٿو ٺهي. +هتان جو چمڙي جو سامان دنيا ۾ مشهور هو. ڪپڙي اُڻڻ جا ٽي هزار گهراڻا آباد هئا. چار سؤ مدرسا هئا. لاهري بندر تي پرتگالي ۽ انگريزي جهاز بيٺا هئا، جيڪي چمڙي جو سامان، سوٽي ڪپڙو، نير، قلمي شورو؛ چوپايو مال ۽ ٻيو واپاري سامان ڏورانهن ملڪن ڏانهن نيندا هئا. اهي سڀ جهاز ڪهڙن سمنڊن ۾ غرق ٿي ويا. هن شهر جي عظمت کي ڪنهن لٽيو. ٺٽي ۾ هن هڪڙي گمنام ڪئپٽن ’ڪُڪ‘ جي قبر ڏٺي، جنهن جي باري ۾ ڪنهن کي خبر ڪانه هئي ته ڪير هو ۽ هتي ڪيئن دفن ٿيو. شايد هو به ائين ئي هتي مرندو ۽ هن جي به هتي گمنام قبر ٺهندي..... هي مان ڪهڙيون ڳالهيون پيو سوچيان. شايد گرميءَ جو اثر آهي. الا، ڪيڏي نه گرمي آهي. هن رومال ڪڍي منهن تان پگهر اُگهيو ۽ سندس سنڌي نوڪر پکو تکو هلائڻ لڳو. ٻئي ڏينهن هو ٻيڙين رستي حيدرآباد پهتو. + +حيدرآباد جو شهر چڱو آباد شهر هو. شهر جون جايون گهڻو ڪري سڀ ڪچيون هيون رڳو مسجدون ۽ مقبرا پڪا هئا. جاين جي ڇتين تي منگهه هئا. ريزيڊنسي جي عمارت شهر کان چار پنج ميل پري درياه کان ٿوري فاصلي تي هئي. اوڀر ۾ حيدرآباد تائين ۽ اولهه ۾ درياه تائين وائکا ميدان. پويان وڏن وڏن گهاٽن وڻن جو باغ، وڏو احاطو، جنهن ۾ پالتو هرڻ ۽ ننڍي قد جا سانبر هئا. ريزيڊينسي جي عمارت چڱي ٺهيل هئي. هن اچڻ سان ڪتابن جي پيتي کولي، ڊائري لکيائين ۽ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيائين. + +سگار هن جي آڱرين کي تاءُ ڏنو، هن ڇرڪي سگار جو ٽوٽو اڇلائي ڇڏيو. رات چڱي گذري وئي هئي ۽ حيدرآباد جي هوائن ۾ انب جي ٻور جي خوشبو سان گڏ هينئر خنڪي به رچي وئي هئي. ڀنل چانڊوڪيءَ ۾ پريان درياه ڏاڍو سهڻو نظر اچي رهيو هو. هن درياه ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، ريزيڊينسي جي ٻاهرين دروازي وٽ پهتو، ته ڊيوٽيءَ تي بيٺل ڪاري مدراسي سپاهيءَ، فوجي بوٽ جون کڙيون کڙڪائي کيس سلامي ڏني. کڙين ۽ رائيفلن جي اوچتي کڙڪي سان هن کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. هو مدراسي سپاهيءَ جي فوجي سلام جو جواب ڏيڻ کان سواءِ اڳتي وڌي ويو. هن کي انهن ڪارن مڪاني سپاهين کان سخت نفرت هئي، جن ٻن چئن ٽڪن تي پنهنجيون وفاداريون ۽ وطن وڪڻي ڇڏيو هو. ڪڏهن اهو سپاهي هن جي هم وطنن تي گوليون وسائيندو هو ۽ اڄ سندن حفاظت لاءِ پنهنجي هم وطنن تي گوليون وسائڻ لاءِ بندوق ڀري بيٺو هو. انسان ڪيترو نه سستو وڪامي ٿو وڃي. جيڪو اَن هو اپائي ٿو ان جي ٻن چئن داڻن تي، جيڪو ڪپڙو هو پاڻ اُڻي ٿو، ان جي ٻن چئن ٽڪرن تي، وطن جي محبت، وفاداريون..... سڀ اجايون ڳالهيون آهن. زندگي جو سڀ کان وڏو قدر، سڀ کان وڏي چڱائي دولت آهي. دولت- جنهن مان چڱائيءَ جا سڀ چشما ڦٽن ٿا، جنهن سان هنن ڪارن سپاهين کان پنهنجن هم وطنن تي گوليون هلرائي سگهجن ٿيون. دولت جي ڪشش سان ڇڪجي پنهنجو وطن، مٽ مائٽ ڇڏي، سمنڊن ۽ طوفانن سان لڙندا، اسان هتي پهتا آهيون ۽ هندستانين جي رت ۾ ٻڏل سِڪن کي آُگهي، پنهنجن کيسن ۾ وجهي رهيا آهيون. انهن رت ۾ رتل سِڪن سان مارگريٽ جي سونهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو. دولت ازلي چڱائي، ازلي حسن، نج سچ! جي دولت ئي سڀڪجهه آهي ۽ انسان، انساني آدرش، نيڪيون ۽ محبتون سڀ اجايون ڳالهيون آهن، ته پوءِ مان هن ڪاري هندستاني سپاهيءَ کان نفرت ڇو ڪري رهيو آهيان. اهو سپاهي ته مان پاڻ آهيان. مان تاريخ جي هر صفحي تي سينو تاڻي بيٺو آهيان، پنهنجي سيني تي گولي کائي ڪرندو آهيان ۽ گمناميءَ جي قبر ۾ گم ٿي ويندو آهيان. منهنجي رت سان وڏن وڏن شهنشاهن ۽ جرنيلن جي عظمت جا داستان تحرير ٿيندا آه��. مان پنهنجن هٿن سان تاج محل ۽ بڪنگهم پيلس ٺاهيندو آهيان ۽ پوءِ انهن جي حفاظت لاءِ گولي کائي مرندو آهيان. مون کي ڪو به ياد نه ڪندو آهي. منهنجي هٿن ۽ حب الوطني جي جذبي جي سونهن جي ڪو به تعريف نه ڪندو آهي. سڪندر اعظم زنده باد، نيپولين زنده باد، ڪلائيو زنده باد! + +هينئر هو درياه جي ڪپ تي اچي بيٺو هو. هن جي پيرن ۾ سنڌو وهي رهيو هو. ٿورو پرڀرو، ڪناري سان ٻيڙيون بيٺيون هيون. ڪنهن ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي رهيو هو. درياه جي پرينءَ ڀر کجين جا وڻ هئا. چانڊاڻ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي جهڙو پگهريل سون. سنڌو هن کي هميشہ پراسرار درياه لڳندو هو. پورالي ندي. پور پويس ته ويرانيون آباد ڪري ۽ پور پويس ته آباديون ويران ڪري. سرمست ۽ شهزور! آرين جڏهن پهرين پهرين سنڌوءَ کي ڏٺو ته حيران ٿي ويا. سڪندر دجلا ۽ فرات ڏٺا هئا، پر سنڌو ڏسي هو به ضرور حيران ٿيو هوندو. شايد ڪو پنهنجي مارگريٽ جي محبت جو ماريل آريه رشي، چانڊوڪيءَ ۾ هن وانگر سنڌوءَ جي ڪپر تي اچي بيٺو هوندو ۽ هن جيان ئي سنڌوءَ ۾ وهندڙ پگهريل چانڊوڪيءَ جي سونهن جي جادوءَ ۾ جڪڙجي، سنڌوءَ جي عظمت جو گيت لکيو هوندائين. هن ڪيترن هندن کي ڏٺو هو، جيڪي سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي جل ديوتا ڪري پوڄيندا هئا ۽ مسلمان سنڌوءَ کي درياه شاه ولي ڪري سڏيندا هئا. هن جو يورپي ذهن اهڙن وهمن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پر ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ کي ڏسي هو به سوچيندو هو، ته شايد هندو ۽ مسلمان ٻئي صحيح آهن ۽ سنڌو پوڄا لائق آهي. + +شروع شروع ۾ فلپ جڏهن سنڌ ۾ آيو هو ته سنڌ هن کي صفا ڪانه وڻي هئي. سنڌ کي ڏسي کيس ويرانيءَ جو احساس ٿيو هو. ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جا اگهاڙا ڪنارا، وارياسا ميدان ۽ دڙا، ڪراچيءَ کان وٺي ٺٽي تائين پٿريلا پٽ. ڪٿي ڪٿي ٻڪرين جا ڌڻ چري رهيا هئا، ڪنهن ٽڪريءَ تي ڪکاوان گهر هئا نه ته هر طرف ويراني ئي ويراني هئي. هن سوچيو هو، ته هن ديس جي ڌرتي پنهنجن ٻچڙن تي ڪيتري نه نامهربان آهي. نه سندس سيني تي وڻ آهن، جيڪي اُس ۾ سڙي ڇانوَ ڏين، پٿر کائي ميوا ڏين ۽ نه ئي سندس ڪُک ۾ گل ۽ سنگ آهن. پر پوءِ آهستي آهستي سنڌ هن تي پنهنجي سونهن ظاهر ڪئي. هينئر هن کي سنڌ جي تصور سان ’ٽينيسن‘ جو هڪڙو نظم ’لوٽس ايٽرس‘ ياد ايندو هو. ’يوليسيئز‘ جڏهن ’ٽراءِ‘ جي جنگ تان موٽيو، ته سمنڊ جهاڳيندو، طوفانن سان ٽڪرائيندو، لهرين سان لڙندو، ٿڪجي، ٽٽجي، ساڻو ٿي هڪڙي اهڙي ٻيٽ ۾ اچي پهتو، جتان جي رهواسين جهول ۾ ڪنول جا گل آڻي سندس ساٿين کي آڇيا. ڪنول جا اهي گل کائڻ کان پوءِ، سندس ساٿين جو سارو ٿڪ لهي ويو ۽ ننڊ جا اهڙا کيپ چڙهين، جو جنگين ۽ طوفانن کي وساري، ان ٻيٽ جي ماڪ ڀنل گاه تي ليٽي، ڪنولن جهڙا ڪومل خواب ڏسڻ لڳا- سنڌ به ڪنولن جو ديس آهي ۽ مان زندگيءَ جي طوفانن سان ٽڪرائيندو هتي اچي پهتو آهيان ۽ هتان جي ماڻهن جهولين ۾ محبت جا ڪنول آڻي مون کي آڇيا آهن. محبت- جيڪا ازلي ۽ ابدي حقيقت آهي. درازن جي درگاه، ۽ قلندر جو قبو آهي. خدا آهي. خدا پنهون آهي ۽ سندس محبت جي ماريل سسئي جهنگن، برن ۾ سندس پيرا پڇائيندي ٿي وتي. پر پنهون ته هو پاڻ آهي ۽ پنهنجا ئي پيرا ڳوليندي ٿي وتي، پن پن ۾ پنهونءَ جا پڙلاءَ آهن. راڳ سندس روپ آهي. +ساري سنڌ تي تصوف جو هلڪو ۽ روشن ڌنڌ ڇانيل هو ۽ ان ڌنڌ ۾ هر شئي ننڊاکڙي نظر اچي رهي هئي. ننڊاکڙي تهذيب، ننڊاکڙا ماڻهو، ڄڻ خوابن جي شهرن جا شهزادا- مون کي ائين ڇو ٿو محسوس ٿئي، ته مان پهرين به هتي آيو آهيان. هيءَ سنڌ ۽ سنڌ جي ننڊاکڙي تهذيب منهنجي ئي تهذيب آهي. شايد هندن جو تناسخ وا��و عقيدو سچو آهي. شايد مان به ڪنهن جنم ۾ مهراڻ جي ڪپر تي پئدا ٿيو هئس. مون مارگريٽ سان گڏ هن درياه ۾ ٻيڙي هلائي آهي، گيڙو الفي پائي، يڪتارو وڄائي، مون هن ديس جي چپي چپي تي گيت ڳايا آهن. ٽيمز تي چمڪندڙ اُس جهڙا گيت، مارگريٽ جي مکڙي جهڙا گيت ۽ ان مهاڻي جهڙا ميرانجهڙا گيت، جنهن کي مون پهريون دفعو هتي هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڏٺو هو. + +هڪڙي ڏينهن هو ريزيڊينسي جي عمارت مان نڪتو ۽ گهمندو گهمندو درياه جي ڪپ تي اچي بيٺو، ڪپ تي ٻيڙيون بيٺيون هيون ۽ درياه جو جوڀن ڦاٽ کائي رهيو هو. مهاڻن جا ٻار وهنجي رهيا هئا. ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ ڪا عورت ڪُنيءَ ۾ ڏوئي گهمائي رهي هئي، ڪا چانور ڇڻي رهي هئي ۽ هڪڙي عورت ٻار کي کير پياري رهي هئي. ننڍڙا ننڍڙا گهرڙا، سُکن ۽ سورن جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪائناتون. هن ٻيڙيءَ تي چڙهي درياه جو سير ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هڪڙي پوڙهي مهاڻي جي ٻيڙيءَ تي چڙهيو. پوڙهي جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار اڇا هئا، چهري تي وقت جي ڪوريئڙي گهنجن جو ڄار اُڻي ڇڏيو هو ۽ موت ان ڄار ۾ ڇَپِ هڻي ويٺو هو. ڦاٽل گوڏ، ميري ۽ ڦاٽل ڦتي، مٿي تي ميري پڳ، هٿ ڦاٽل، پر جهڙا پهڻ، انهن هٿن الائي گهڻيون ٻيڙيون گهڙيون هيون ۽ ونجهن سان طوفان ۽ وڦريل سنڌوءَ جو سينو چيريو هو ۽ الائي گهڻن ٻڏندڙ ٻيڙين کي ڪناري لاتو هو. پر سندس زندگيءَ جي ٻيڙي وچ سير ۾ هئي ۽ دور تائين ڪو ڪنارو نظر نٿي آيو. پوڙهي پنهنجن پهڻن جهڙن هٿن ۾ ونجهه سنڀاليا ۽ ٻي ٻيڙيءَ مان ڪنهن کي سڏ ڪيو. ويرم ئي نه گذري ته هڪڙي نوجوان ڇوڪري ٻيڙيءَ ۾ ٽپي آئي. ٽپي سان هن جو جوڀن ڇلي پيو، ڄڻ ڪنهن بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلايو. لهرن دائرا بڻايا ۽ لهرن کان مٿي ڪَرُ کڻي بيٺل ڪنول لڏيا لميا ۽ سانت ٿي ويا. ڇوڪريءَ جو رنگ مهراڻ جهڙو ميرانجهڙو هو. هن ٻه چوٽيون ڪيون هيون ۽ انهن کي پاڻ ۾ ائين ورائي ڇڏيو هئائين، جيئن ’دوست وراڪو دل تي.‘ ڇوڪريءَ سکان سنڀاليو، پوڙهي ونجهه هلايا، ٻيڙي وچ سير ڏانهن وڌڻ لڳي. وچ سير ۾ درياه ڏاڍو ويڪرو، تيز ۽ خوفناڪ ٿي لڳو. دور تائين اڇ ئي اڇ. سج ڏڪي، ٿڙڪي درياه ۾ ٽٻي هنئين ۽ شفق جا رنگ کڙي بيٺا. سکان هلائيندڙ ڇوڪريءَ جي پس منظر ۾ نظر ايندڙ رنگ، ڄڻ ان ڇوڪريءَ جي جسم مان ڦٽي رهيا هئا. ڇوڪريءَ رکي رکي هن ڏانهن ٿي نهاريو. هن ڏانهن ته سڀ نهاريندا هئا، هو انگريز هو ۽ مڪاني ماڻهن کان مختلف هو، ان ڪري جتان به لنگهندو هو، ماڻهو هن کي ڏسندا هئا. هو هر روز مهراڻ جي ڪپ تي اچي ويهندو هو ۽ هر روز عورتون، مڙد ۽ ٻار هن ڏانهن ائين نهاريندا هئا، ڄڻ پهريون دفعو کيس ڏسي رهيا آهن، پر هن ڇوڪريءَ جي نهار، ٻين ماڻهن جي نهار کان مختلف هئي. + + + +ٻئي ڏينهن هو سارنگ سان هتي آيو. سارنگ هن کي مهاڻن کان تازو پلو پچرائي کارايو. ان ڏينهن ان ڇوڪريءَ کي ڏٺائين، هوءَ چوري چوري هن کي ڏسي رهي هئي ۽ ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري رهي هئي. هاڻي هو هر روز درياه جي ڪناري تي اچي ويهندو هو. درياه ۾ ٻيڙيون پيون اينديون وينديون هيون. مهاڻا مڇيون ماريندا ۽ ڪڏهين ڪڏهن ڪافيون ڳائيندا هئا. هو وجهه وٺي چور نگاهن سان هن کي ڏسي وٺندو هو. هوءَ به لڪي لڪي هن ڏانهن نهاريندي هئي. اکين کي به ڪهڙيون نه عجب جهڙيون عادتون آهن، ڪٿي ته ٿيون نينهن لائين. ڇا هو ساري ڄمار ائين دور دور کان هن کي ڏسندو رهندو. سونهن جي رُڃَ پٺيان رلندو رهندو. اهي دوريون ۽ مجبوريون ڪڏهن ختم نه ٿينديون ۽ هو ڪڏهن پنهنجو پرين ماڻي نه سگهندو. پر ڇا ماڻڻ ئي محبت جي منزل آهي. هن مهاڻي ڇوڪريءَ جي هڪڙي چور نگاه، هڪڙي ماڻي ڀري مرڪ، محبت جي منزل نه آ��ي؟ هن سوچيو: هاڻي ته محبت جي معاملي ۾ به هو صفا سنڌي ٿيندو پيو وڃي. + +سارنگ هن جو دوست هو. وچولو قد، چيڙهالو بدن، ڀنڀي ڏاڙهي. اڇي پڳ، وڏي گهيريدار شلوار، فارسي ۽ عربيءَ جو عالم هو. حافظ ته ازبر هئس، سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. سندس ڪافيون ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائبيون هيون. هن کان به شايد ڪا مارگريٽ وڇڙي هئي. تڏهن ته اکين ۾ ايڏي اداسي هوندي هئس. هڪ ٻه دفعا ڳالهه کولي مانس، پر اندر نه اوريائين. هونئن سنڌي ڏاڍا دل جا کليل، هر ڳالهه منهن تي چئي ڏيندا، دل کولي ٽهڪ ڏيندا. پر اندر پيو سڙندن، ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍندا. سارنگ به ڪڏهن مون سان سچي نه ڪئي. هڪڙي ڏينهن چيائين: +”مون کي پنهنجي ديس جي حسن شاعر بڻايو آهي ۽ ان حسن جي حفاظت لاءِ سپاهي بڻيو آهيان.“ +سارنگ هن کي سنڌي سيکاري هئي ۽ هن جي مدد سان شاه لطيف جي چونڊ بيتن جو ترجمو ڪري رهيو هو. سارنگ هن کي پنهنجي ديس جي تهذيب، شاعري ۽ تاريخ جي باري ۾ جو ڪجهه ٻڌائيندو هو، سو هو لکندو ويندو هو. سارنگ هن کي سنڌي لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون به ٻڌايون هيون. انهن لوڪ گيتن ۽ ڪهاڻين ۾ سنڌين جو روح سنڌو وانگر ڇلي رهيو هو. هڪڙي مارئي هئي، جنهن جي ست ۽ لڄ کان بادشاه جي هَٺَ شڪست کاڌي. هڪڙو ڏياچ هو، جنهن فنڪار جي صدا تي سِر ڏنو. سارنگ سان گڏ هو ساري سنڌ گهميو. سيوهڻ ۾ لعل قلندر جي درگاه تي، هن هندو توڙي مسلمان عورتن کي، ميندي نچائيندي ۽ قلندر جا سهرا ڳائيندي ڏٺو ۽ جڏهن ڌمال وڳي، ته هن جي دل چيو هو ته پنهنجا ڪپڙا ڦاري نانگو ٿي، چمٽو وڄائي، مستون مست قلندر لعل، جهولؤن جهول؛ قلندر لعل؛ ڳائيندو ايترو نچي؛ ايترو نچي؛ جو ساڻو ٿي ڪري پوي. +درازن تي هندو ۽ مسلمان، هڪ ٻئي کي هٿ ٻڌي چئي رهيا هئا، ’حق موجود- سدا موجود‘ سڀ گيڙيون الفيون پائي نچي رهيا هئا. اتي هن هڪڙو وڏو زميندار ڏٺو. پيرين اگهاڙو الفي پاتل، چيلهه تائين وار وکريل، هڪ هٿ ۾ چپڙيون، ٻئي ۾ يڪتارو، اکيون ٻوٽي نچي ڳائي رهيو هو: + +پاڻ پنهون آءٌ آهيان؛ ڀينر ڀلي نه آهيان. +سندس آواز جي ڇولين مذهبن جي ويڇن کي ميٽي ريٽي ڇڏيو هو. سڀ مذهب انهن ڇولين ۾ غرق ٿي ويا هئا. رڳو ”حق موجود هو ۽ سدا موجود“ هو. +هن اڌ اگهاڙا، پيٽ بکيا پورهيت به ڏٺا، جن کي پورهئي جي جانڊه الائي گهڻن صدين کان پيڙهيندي آئي هئي ۽ الائي گهڻن پيڙهين تائين ائين پيڙهيندي رهندي. پر سندن چپن تي ڪا شڪايت ڪانه هئي. زندگي جا سڀئي ڏک سور، حياتيءَ جا هاڃا، سڀ سائينءَ جي سوکڙي آهن. پرينءَ سندي پار جي مڙيئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري. انهن بکين پورهيتن کي ڏسي هن کي ميرن جي درٻار ياد پئي. وڏي هال ۾ وڇايل ايراني غاليچا، فرانسي ساٽن جي زرتار سان مڙهيل گاديلا، هيرن جواهرن سان مڙهيل گول ٽوپيون، هيرن سان جڙيل خنجرن ۽ تلوارن جا مُٺيا. سونيون تلوارون ۽ خنجر. سون جا فانوس، وري هن کي فرانس جو ’والٽيئر‘ ۽ ’روسو‘ ياد پيا، جن عام انسان جي عظمت جا گيت ڳايا هئا ۽ سندن خيالن جي ڄر ساري يورپ کي ڄرڪائي ڇڏيو هو. فرانس ۾ خوني انقلاب آيو هو. پورهيتن ۽ ڪين جهڙن ڪڙمين ’بارسٽل جيل‘ ڀڳو ۽ بادشاه ۽ راڻيءَ کي قتل ڪيو هو. پر هتي تصوف جي برف جا تهه ڄميل هئا ۽ روسو ۽ والٽيئر جي خيالن جي ڄر هتي ڪانه پهتي هئي. + +ٻهراڙين ۾ هن ٻهڙن واريون پاڻياريون ڏٺيون. هڪڙي ڦٽيون چونڊيندڙ ڇوڪريءَ کي ڏٺائين، ته ’ورڊ سورٿ‘جو نظم ’لابارو ڪندڙ اڪيلي نينگري‘ياد پيس. هر ڳوٺ ۾ درگاه هئي ۽ گهڻو ڪري هر درگاه تي ميلو لڳندو هو. ملاکڙو، ٻلهاڙو، ناچ کيج، راتين جون رهاڻيون، راڳ، سوسي، رلي، اجرڪ، ڇريل ڪپڙا، کنهبا ڪپڙا، انڊلٺ جا رنگ، گج جي ڪاون جا جهلڪا، ستارن جا ٽمڪا، رنگن، روشنين ۽ راڳن جي نگري ننڊاکڙي سنڌ! + +هڪ ڀيري سارنگ هن کي پنهنجي هڪ زميندار دوست وٽ وٺي ويو. رات ٿي ته ساري ڳوٺ جا ماڻهو اچي مڙيا. رئيس ڀَٽ فقيرن کي گهرايو هو. ڀٽ فقير ٻن ٽولن ۾ ٿي ويٺا، هڪ ٽولي هڪ طرف ۽ ٻئي ٽولي ٻئي طرف. فانوس جي روشنيءَ ۾ اڇن پڳن ۽ ڀنڀي ڏاڙهين وارن ڀٽن دودي چنيسر جي ڳالهه کنئين. وچ ۾ ڀڀڙ ٿي ٻريو. اُلن جو عڪس فقيرن جي چهرن تي ٿي پيو. هڪڙي ٽوليءَ واتين ويڻين ڳالهه شروع ڪئي: چنيسر دودي کان ڪاوڙجي دهلي هليو ويو. الادين کي ٻاگهل ٻائيءَ جي ٻانهن آڇيائين. الادين فوج وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. هاڻي شاعر چوي ٿو. يڪدم ٻي ٽوليءَ دهل تي ڌڪ هنيا. ڌم، ڌم، ڌم، ڌم ۽ دهل جي ڌم ڌم تي گجندڙ آوازن ۾ ڳائڻ لڳا. +اَلادين به آيو، جت آلا ڪاٺ ٻرن، پوربي ۽ پڇمي، آهي انت نه اُمرائن، ڪارا، ڪڪا، ڪابلي، ڪوهستاني به ڪڏن، ڳاڙها ڏينڀو ڏونگري، جنئين چيلاٽا چهٽن، ايران ۽ توران جا، کنا خوب کڙن، ادا نوَ لک ڏه ڇليون،وو اچي سنڌ وڪوڙي تن. +دهل جو ڌمڪو بند ٿيو. هاڻي ان ساڳي ٽوليءَ واتين ويڻين ڳالهه شروع ڪئي: مڙسن جا سِر هميشہ ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي ويندا آهن. دودو به پنهنجي ننگ لاءِ سر جو سانگو لاهي، لشڪر سانباهي روانو ٿيو. اوچتو الادين کي آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙندا نظر آيا. چنيسر کان پڇيائين ته: تنهنجو هي ڪهڙو ديس آهي، جتي اڻ مندائتا ڪڪر پيا ڏسجن. چنيسر چيو: اهي ڪڪر نه آهن، پر دودي جي لشڪر جي گهوڙن جي سُنبن سان اُڏايل ڌوڙ آهي. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا، جنگ شروع ٿي. هاڻي شاعر چوي ٿو. ٻيءَ ٽوليءَ دهل تي ڌڪ هنيا. ڌم ڌم ڌم.... ڌم ۽ گجندڙ آواز ۾ ڳائڻ لڳا: + +ساڪڙ وانگي مينهن جي، اُت اچيو ڪان ڪرن، مردن مٿان رڪ جون، ٿيون تاؤ تِراڙيون ڪن، ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، سڀ للهنگ پيا ليٽن، مرسي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو به اچن، اداڙي، وڙهن ائين سومرا، جيئن ڳوڌا ڳاه وهن. +دهل جي ڌم ڌم،ڀٽن جو گجندڙ آواز.ڪائنات ٿي ڪنبي. +فلپ مهل ڏسڻ لاءِ ستارن ڏانهن نهاريو. ستارن جو نور جهڪو ٿي رهيو هو ۽ اُفق وٽان هلڪو هلڪو سوجهرو ظاهر ٿي رهيو هو. هو درياه تان اٿيو ۽ ماڪ ڀنل گاه تي پير رکي ريزيڊينسي ڏانهن روانو ٿيو. + +حيدرآباد جي سنڌوءَ جهڙين چانڊوڪين سارنگ کي موهي ڇڏيو.پهرين ڏينهن جڏهن هو حيدرآباد پهتو، ته حيدرآباد جي هوائن ڊوڙي اچي هن کي ڳراٽڙي پاتي. چانڊوڪيون ٿينديون هيون ته حيدرآباد جو حسن چانڊوڪيءَ ۾ وهنجي سهنجي ائين ٽڙي پوندو هو، جيئن ڪنوار جو جوڀن سهاڳ رات کان پوءِ، پهرين غسل سان ٽڙي پوندو آهي. جاين مٿان منگهه ائين نظر ايندا هئا، ڄن وڇڙيل ونيون، ڪوٺن تي بيهي، اکين تي هٿ سان ڇانوَ ڪري، پنهنجي پرديس ويل گهوٽن جي راهه نهاري رهيون هجن. ٽڪريءَ تي حيدرآباد جو قلعو هو، قلعي جي دروازي جي اڳيان وڏو برج هو، جنهن تان ساري شهر تي نظر پوندي هئي. ساڄي طرف، قلعي جي ڀت جي هن ڀَرِ، سايون سايون ٻنيون هيون، جن جي ماڪ ڀنل ساوڪ تي، چانڊوڪيون ليٽي پونديون هيون، برج جي سامهون شاهي بازار هئي. الهندي طرف مير نصير خان ۽ مير محمد خان جا پڙ هئا، انهن جي ڀرسان جمعدار ڪوڙي ناريجي وارن جون جايون هيون. هيٺ اُتر طرف ڀائي خان لوهار ۽ مٿي چاڙهيءَ تي ٺاٺارن جا پاڙا هئا. مير محمد خان جي پڙ جي اُڀرندي پاسي، ديوان گدومل وارن جا گهر ۽ سراؤن هيون. جمن شاه جي پڙ ۾ زرگر، سونارا ۽ ميرن جا کٽي رهندا هئا. ان کان اڳتي خدا آبادي عاملن ۽ ڀائي بندن جا پاڙا هئا. اڄ جتي حيدرآباد جو شهر آباد هو، ڪڏهن ان ساڳي هنڌ ’نيرون جو ڪوٽ‘ اڏيل هو ۽ ان ڪوٽ ۾ گيڙو الفي پاتل ڀڪشو راجا تخت تي ويٺو هو. رستن تي راجا ڏاهر جي پٽ جئيسنه جا هاٿي جهولي رهيا هئا. ڪوٽ جي ٻاهران تلاءُ هو، جنهنجو پاڻي ’عاشق جي اکين کان وڌيڪ صاف ۽ جنهن جو چراگاه اَرم جي باغ کان وڌيڪ وڻندڙ هو.‘ ان تلاءَ جي ڪناري تي عربن خيما کوڙيا. وڏن ’جبن وارا عرب عالم ۽ سياح سنڌي تاريخ، جاگرافي ۽ سفرناما لکڻ لڳا. منصوره جو قلعو تعمير ٿيو ۽ هن شهر جو اوج ختم ٿي ويو. پر وري ويران وستيون وسائيندڙ ۽ نوان شهر اڏائيندڙ غلام شاه ڪلهوڙي اچي هن اُجڙيل شهر کي آباد ڪيو. ٽڪريءَ تي قلعو تعمير ڪرايائين. ٽالپور ان قلعي جي حفاظت ڪرڻ لڳا. پر پوءِ انهن ساڳين ٽالپورن، ڪلهوڙن کي قلعي مان ڪڍي، پاڻ ان قلعي ۾ حاڪم ٿي ويٺا. تاريخ جي لڪ لڪوٽي! + +سارنگ ميرن جي محافظ دستي ۾ شامل ٿيو. سپهه گريءَ جو فن سکيائين. عالم ۽ شاعر هو، سرڪار وٽ چڱو مان ٿيس ۽ ترت ئي نائب محافظ جي رتبي کي رسيو. +وقت وڏو ويڄ، پراڻا ڦٽ به ڇٽايو ڇڏي. پر سارنگ جا ڦٽ نه ڇٽا. جيئن ٿي وقت گذرندو ويو، تيئن ٿي ڦٽ تازا ٿيندا ويس. پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر هٿ ڪاج ۾ دل يار ڏي. من جي مڻيي تي رڳو سنڌوءَ جو وِرد هئس. زندگيءَ جي مصروفيتن مان واندو ٿيندو هو ته گذريل گهڙيون هانوَ تي تري اينديون هئس. ماضيءَ جون اهي چند گهڙيون ئي هن جي زندگيءَ جي حاصلات هيون. پيار ۾ هار کاڌي هئائين. سڀ ڪجهه هارائي پيار جا چند پل جيتيا هئائين، ڪيڏي نه وڏي جيت! ڪي ته اهڙا انسان به آهن، جن جون جهوليون پيار جي پلن کان پالهيون آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ هو ڪيترو نه خوش نصيب هو جو زندگيءَ هن جي جهول ۾ پيار جي گهڙين جا گل وڌا هئا. پر انهن گلن ۾ ڪيڏا نه ڪنڊا هئا ۽ انهن ڪندن ۾ ڪيڏو نه درد هو. هو ڪافيون چئي پيو هانءُ هلڪو ڪندو هو. جڏهن به ڪافي چوندو هو ته مائي شيدياڻي اچي ڪافي ياد ڪري ويندي هئي ۽ پوءِ اها ڪافي اهڙي ته سُر ۾ ڳائيندي هئي، جو ٻڌڻ وارا سندس آواز جي لهرن ۾ لڙهي ويندا هئا. رنگ ڪارو هيس، پر آواز ڪيڏو نه روشن هيس. ڳائيندي هئي، ته ڄڻ اونده مان روشنيءَ جا ڪرڻا پيا ڦٽندا هئا. ڪا ڪا اونده به ڪيتري نه روشن ٿيندي آهي ۽ ڪا ڪا روشني ڪيتري نه تاريڪ. + +هڪڙي ڏينهن مائي شيدياڻي آئي ۽ پوتيءَ مان موتئي جا گل ڇوڙي کيس ڏيندي چيائين: .سائين؛ اڄ تنهنجي ڪافي هڪڙي هنڌ ڳاتم. پڇيائون ڪنهن جي ڪافي آهي، تنهنجو نالو ٻڌايومانِ ته هي گل ڏنائون ته تو کي ڏيان. + +موتيئي جا اڇا اڇا سرها سرها گل جهڙا پيار جا پل! هڪڙي ڏينهن سنڌو موتيئي جا گل آندا هئا ۽ چيو هئائين. ’ڀڳوان جي مورتيءَ تي چاڙهڻ لاءِ آندا هيم، پر پوءِ سوچيم. منهنجو ڀڳوان ته تون آهين. توتي چاڙهڻ لاءِ کڻي آئي آهيان.‘ ۽ پوءِ ٻئي گوڏا کوڙي، پوتيءَ مان گل ڇوڙي هن جي پيرن ۾ هاريا هئائين، هن نوڙِي کيس ٻانهن کان جهلي اٿاريو ۽ يڪ ٽڪ سندس اکين ۾ نهارڻ لڳو هو. ڪيڏو نه پيار هو هن جي اکڙين ۾. پيار پنهنجون حدون ٽپي پوڄا ٿي ويو هو ۽ هن کي ديوتائن واري بلندين تي آڻي ويهاريو هو. سنڌو جي پيار هن کي ڪيترو نه مان ڏنو هو. هن جي دل چيو ته هو به سنڌو کي ايترو ئي مان ڏئي ۽ هن جي پيشانيءَ ۾ جيڪي سجدا تڙپي رهيا هئا، سي سڀ هن جي قدمن تي نڇاور ڪري. ٻئي هڪ ٻئي جا معبود هئا ۽ ٻئي هڪ ٻئي جا عابد. هن جهڪي پيرن مان گل کنيان ۽ سنڌو جي چوٽين ۾ لڳائيندي چيائين:’چري، هنن گلن جي جاءِ منهنجا پير نه، پر تنهنجا وار آهن.‘ سنڌوءَ جي ڪارن ڪارن وارن ۾ اڇا اڇا گل ائين نظر اچڻ لڳا، ڄڻ رات جي سينڌ ۾ ستارا. پر ستارا هڪ هڪ ٿي ٽٽندا اٿاه اونداهين ۾ گم ٿيندا ويا. اڄ مائي شيدياڻي هن وٽ ساڳيا موتئي جا گل آندا هئا. +”مائي، گل موٽايانءِ نٿو. باقي گل موڪلڻ وارن کي چئجانءِ، ته منهنجي باغ جا سڀئي گل ڪومائجي ويا آهن. رڳا ڪنڊا بچيا آهن، جيڪي منهنجي هانوَ ۾ لڳا آهن. مون وٽ اوهان جي گلن جي موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي.“ + +ٻئي ڏينهن مائي شيدياڻي وري گل کڻي آئي ۽ کيس ڏيندي چيائين: ”سائين، چون ٿا اسان کي موٽ ۾ ڪجهه نه گهرجي تو اسان جا گل قبولي اسان کي مان ڏنو آهي. اسان تنهنجا ٿورائتا َهيون.“ +ان ڏينهن سارنگ گل سنگهيا، ته کيس گلن مان سنڌوءَ جي هانوَ واري هٻڪار آئي. + +سارنگ کي حيدرآباد آئي ڇهه ست سال گذري ويا. ان وچ ۾ نه هو شڪارپور ويو ۽ نه ئي سنڌوءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائين. حيدرآباد ۾ هن جي فلپ سان دوستي ٿي. شهر کان پري ريزيڊينسي جي عمارت هئي، جنهن ۾ انگريز ريزيڊنٽ ’ڪرنل پوٽنجر‘ ۽ سندس عملو رهندو هو. انگريز ڪهڙا ڪهڙا نه بهانا بنائي سنڌ ۾ آيا هئا. پهريان دائمي دوستيءَ جا معاهدا ڪيائون. مير مراد علي جي علاج لاءِ ’ڊاڪٽر برنس‘ آيو، وري سندس ڀاءُ الگزينڊر برنس، رنجيت سنگهه کي سوکڙيون ڏيڻ جو بهانو ڪري، سنڌونديءَ جي پڙتال لاءِ ٻيڙا ڪاهي لنگهيو. سنڌونديءَ تي واپار ڪرڻ لاءِ ڪرنل پوٽنجر وڏي اٽالي سان آيو. سکن شڪارپور تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرحدن تي حملو ڪيو، انگريزن وري ٻيو ٺاه ڪيو. ۽ انگريزي سفارت سنڌ ۾ رهڻ لڳي. فلپ به انگريز ريزيڊنٽ جي عملي ۾ هو. ڊگهو قد، بت جو نه ڀريل ۽ نه ئي وري سنهون. اڇو ۽ ڳاڙهو رنگ. هونئن ته سڀ يورپي اڇا ۽ ڳاڙها هوندا آهن، پر فلپ جي اڇاڻ ۽ ڳاڙهاڻ ڏاڍي وڻندڙ هئي. اکيون الائي ڇو اداس رهنديون هئس. هميشہ لڙڪن سان ڀنل، شايد هن کان به هن جي سنڌو وڇڙي هئي ۽ سندس اکيون سڄڻ ساريو پيون رئنديون هيون. نهٺو ۽ نماڻو. صفا جهڙو سنڌي. انگريز ته لڳندو ئي نه هو. فارسي سٺي ڄاڻندو هو، سنڌي سارنگ کان سکي هئائين، ٿورڙي ئي عرصي ۾ ايتري ته سنڌي سکي ويو هو جو هن جي مدد سان، شاه سائين جي بيتن جو ترجمو ڪري رهيو هو. ڳالهائڻ مهل سو هٻڪندو هو. چوندو هو، ”جيستائين سنڌي ٻوليءَ کي ماءُ جي ٿڃ سان نه پيجي، تيستائين پنهنجو اصل نه ڪندي.“سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي ڪتاب لکي رهيو هو. فلپ هن کي ولايت جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ’فرانس ولايت ۾ ٻه ڏاها ماڻهو پئدا ٿيا، جن عام ماڻهن جي عظمت جا عَلَم بلند ڪيا. ماڻهن ۾ باه پکيڙي ڇڏيائون. ماڻهن جيل ڀڳو، بادشاه ۽ راڻيءَ کي قتل ڪيائون....‘ +فلپ جون ڳالهيون ٻڌي هو سوچيندو هو: دنيا ڪيتري نه وسيع آهي دنيا جي ڪن حصن ۾ نت نيون ايجادون ٿي رهيون آهن. نت نون خيالن جون شمعون روشن ٿيون آهن. پر سنڌ اڃا ستي پئي آهي ۽ تڪميل لاءِ تاريخ جي تاريڪين ۾ ڀٽڪي رهي آهي، نه اسان وٽ منظم ۽ تربيت يافته فوج آهي ۽ نه نوان هٿيار ۽ نه ئي مضبوط مرڪز. ميرن سنڌ تي قبضو ڪيو ته سنڌ کي جاگير سمجهي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري پاڻ ۾ ورهائي کنيائون. تاريخي معجزو اهو ته چار ڄڻا گڏجي پيا حڪومت ڪن. بظاهر ته چارئي پاڻ ۾ ٺهيل. پر اندر خالي، هر هڪ کي پنهنجي حق تلفيءَ جو احساس. آخر مير صوبيدار بغاوت ڪئي. ٻارهن تيرهن هزار جوان وٺي ميدان ۾ نڪتو. خدا ڪيو جو جهيڙو ٽري ويو، نه ته سنڌ جي حفاظت ڪندڙ تلوارون، سنڌ جي ٻچڙن جي رت ۾ ئي رڱجن ها. + +فلپ هن کي پنهنجن شاعرن جي شعرن جا ترجما بڌائيندو هو. هڪڙو ڊراما نويس هو، نالو الائي ڇا هئس. وڏا وڏا ڊراما لکيائين. هڪڙي ڊرامي ۾ لکيو هئائين ته،’جنه�� ماڻهوءَ تي موسيقي اثر نٿي ڪري، اهو ماڻهو فقط ٽن ڪمن لاءِ ڪارگر آهي. ڦرلٽ، راڄڊوهي ۽ ٺڳي.‘ شايد انگريزن تي به موسيقي اثر نه ڪندي آهي، تڏهن ته هو راڄڊوهي، ڦرلٽ ۽ ٺڳيءَ ۾ ڀڙ آهن. هڪڙو شاعر هو. جنهن چيو هو ته: +مان زندگيءَ جي ڪنڊن تي ڪريو آهيان ۽ رتوڇاڻ ٿي پيو آهيان. جي اڄ خزان آهي ته سڀان ضرور بهار ايندي. +هڪڙي شاعر ته اسان جي صوفي شاعر وانگر چيو هو: +سونهن سچ آهي ۽ سچ سونهن. حق موجود، سدا موجود. سونهن موجود، سدا موجود. ڇا سچل سائين هر هنڌ پئدا ٿيندو آهي. ڇا لنڊن ۾ درازا آهي، جتي ماڻهو گيڙيون الفيون پائي، يڪتارا وڄائي، نچندا ڳائيندا ۽ نعرا هڻڻدا آهن. سونهن موجود، سدا موجود. حق موجود، سدا موجود، پر نه، هنن وٽ درازا ۽ سچل سائين ٿي نٿا سگهن، جي هنن وٽ سچل ۽ درازا هجن ها ته پوءِ هو ائين سنگينون تاڻي اسان وٽ ڇو اچن ها. پر فلپ ته صفا درازي آهي. هڪڙي ڏينهن هو کيس شاه سائين جو بيت سمجهائي رهيو هو: +آکون،ڊاکون،سرکنڊ،شاخون،جت چوکا چندن ڪنور، مَيي سي ئي ماڻيا جت نه ڀرن ڀنور، ڪنواريون ۽ ڪنور، ڪاه ته پسون ڪاڪ جا +سارنگ هن کي هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ سمجهائي. فلپ اکيون ٻوٽيون ۽ چيائين: ”هاڻي وري اهو بيت پڙهي ٻڌاءِ.“ هن وري بيت پڙهيو. فلپ اکيون ٻوٽي خاموش ويٺو رهيو ۽ پوءِ اکيون کولي چيائين: ”مون دنيا جي وڏن وڏن شاعرن کي پڙهيو آهي، پر شاه لطيف وٽ سونهن جو جيڪو رچيل احساس آهي، سو مون ڪنهن به شاعر ۾ نه ڏٺو آهي. سندس بيت خوشبوئن، رنگن، ڪنوارن ۽ ڪنولن جون ڪائناتون آهن. ان بيت ٻڌڻ کان پوءِ مون اکيون کوليون ته مون کي ساري ڪائنات نئين سر تخليق ٿيندي نظر آئي، جنهن ۾ سونهن ئي سونهن آهي. خوشبو ئي خوشبو آهي ۽ جنهن ۾ اهڙا ڪنوارا ڪنول آهن، جن تي اڃا ڀنور نه ڀريا آهن.“ +فلپ ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ دور خلائن ۾ نهاريندي چيائين، ”شاه لطيف کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي آهي، ته زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي. زندگيءَ جو رڳو هڪڙو مقصد آهي، ته انسان هن دنيا جي حسن ۾ واڌارو ڪري. پورهيت هٿ تاج محل بنائي ۽ نت نيون ايجادون ڪري، زندگيءَ جي حسن ۾ واڌارو ڪندا آهن ۽ شاعر هٿ اهڙا بيت لکي زندگيءَ کي حسن بخشيندا آهن.“ + +هڪڙي ڏينهن فلپ سان گڏ، سرڪاري ڪم سانگي هن کي شڪارپور وڃڻو پيو. شڪارپور، جنهن هن کي ڦٽ ڏنا هئا ۽ جنهن کان ڀڄي هن حيدرآباد ۾ پناه ورتي هئي. جيئن ٿي شڪارپور ويجهي ايندي وئي، تيئن ٿي هن جا چاڪ چڪندا ويا. اهو ساڳيو وڻ، جنهن سان هن گهوڙو ٻڌو هو. اهو ساڳيو کوه، جتي نيڻ نيزا بنجي هن جي هانوَ ۾ کتا هئا. ساڳيو مندر، ساڳيو تلاءُ، وڻن جو ساڳيو جهڳٽو. سڀ ڪجهه ساڳيو هو، پر سنڌو ڪانه هئي. وقت ڪيئن نه بدلجي ٿو وڃي. جيئريون جاڳنديون حقيقتون خواب بڻجي ٿيون وڃن. ازل کان وڇڙيل انسان وقت جي ور وڪڙن ۾ هڪ ٻئي کي ڳولهي ٿا لهن ۽ وري وڇڙي ٿا وڃن. سڀ ڪجهه بدلجي ٿو وڃي. پر ڪي ڪي شيون صفا نٿيون بدلجن. هو انهن وڻن جي جهڳٽي ۾ ويو، جتي سنڌو هڪ ئي ڇال سان ساري دنيا کي اورانگهي، هن جي سيني سان اچي لڳي هئي. اڄ انهن وڻن ۾ يادن جي ڀوتن بسيرو ڪيو هو.ڪيتري نه ويراني ۽ اڪيلائي. آهستي آهستي اڪيلائي جهونگارڻ لڳي. + + +’پکي آکيرن ۾ موٽندا آهن ۽ پرديسي پنهنجي ديس. تون به اڄ يا سڀان پنهنجي ڳوٺ هليو ويندين.‘ +’هاڻي ته تنهنجي اکين ۾ منهنجا آکيرا آهن. تنهنجي ديس ۾ پکا اڏيا اٿم. ڪهل ڪري مڙيئي پرديسن جي پکن تان پير ڀري ويندي ڪر.‘ +’تو اسان جا شاستر پڙهيا آهن؟‘ +’اوهان جا شاستر رشين جا رچيل آهن. مون ته خود ڀڳوان جو رچيل شاستر پڙهيو آهي.‘ +’��هو شاستر وري ڪهڙو آهي؟‘ +’تون نه آهين.‘ +دل سيني مان نڪري نڙيءَ ۾ اٽڪيس. لڙڪ ٽم ٽم ڪري ٽمڻ لڳس. موٽڻ مهل هو ان ساڳي هنڌان لنگهيو، جتان سنڌو پنهنجي ساهيڙين جي ساٿ ۾ مندر ويندي هجي. اڄ اهو دڳ ڪيترو نه ويران ٿي نظر آيو... +اوچتو هن کي رستي تي هڪڙي عورت نظر آئي. موتئي جي گلن جهڙي سفيد ساڙهي. چنڊ جهڙي پيشانيءَ تي تلڪ، ڪارا ڪارا وار. ’سنڌو.....!‘ هن جي روح ريہ ڪئي. ها هوءِ سنڌو هئي. هن جي تڪميل. جنهن کان جدا ٿي، هو ٽٽل ستاري جيان زندگيءَ جي تاريڪ خلائن ۾ گم ٿيندو ٿي ويو. اڄ اها سنڌو هن جي سامهون هئي. وقت هن سان هڪ نئين چال چليو هو ۽ هيترن سالن کان پوءِ هنن ٻنهي کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آڻي بيهاريو هو. سنڌو سان گڏ هن جو گهوٽ هو. سهڻو شهزادو. هڪڙو ٻار هن جي چيچ کان وٺي هلي رهيو هو ۽ ٻيو ٻار هن جي هنج ۾ هونگڙيون ڏيئي رهيو هو.... سارنگ بت بڻجي هن کي ڏسندو رهيو. هيءَ سنڌو اها نه هئي، جنهن هن کي ڀڳوان ڪري پوڄيو هو. اُها سنڌو اڌوري هئي ۽ تڪميل جي تمنا ۾ سارو لوڪ لتاڙي، هن جي سيني سان اچي لڳي هئي. پر هيءَ سنڌو تڪميل ۽ تخليق هئي. هن جي چال ۾ ڪيترو نه وقار هو، ۽ سندس چهري تي ڪيتري نه تقدس ڀريل گنڀيرتا هئي. سنڌو اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو. ساري ڏڪي ويئي، منهن تي هيڊ هارجي ويس. بيجان بوتي جيان ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسڻ لڳي. سندس هنج جو ٻار رنو، هن يڪدم ٻار کي سيني سان لاتو ۽ کيس لوڏا ڏيڻ لڳي. بي اختيار سارنگ جون اکيون سنڌوءَ جي پيرن ڏانهن کڄي ويون ۽ سندس پيرن کي ڇهي موٽي آيون. + +تہ سيارو هو، هيل سيءَ به سيءَ هئا. ٽن ڏينهن کان آسمان تي ڪڪر مڙيا بيٺا هئا ۽ لڳاتار مينهن پئجي رهيو هو. سيءَ ۾ ڏڪندڙ جهوپڙيون مينهن جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، ڪچا گهر ڪري پيا، قلعي جو هڪڙو برج ڪري پيو. اوچتو خبر آئي ته انگريزي فوج، سنڌ کي لتاڙي، افغانستان وڃڻ لاءِ، درياه جي پرئين ڀر، جهرڪن وٽ تنبو کوڙيا آهن. انگريزن سنڌ سان معاهدو ڪيو هو، ته انگريزي فوج ۽ فوجي سامان سنڌ ۾ نه ايندو. پر اڄ انگريزي فوج جا پنجاه هزار سپاهي، ’سرجان ڪين‘ جي ڪمان هيٺ، سڀني معاهدن کي لتاڙي، سنڌ ۾ گهڙي آيا هئا. ساري سنڌ ۾ باه ٻري پئي هئي. سنڌ سمنڊ جيان ٿي ڇلي، آسمان ٿي گجيو. جنهن به مڙس پڳ جو ور ڏنو هو، سو سنڌ تي سر ڏيڻ لاءِ ماندو هو. مائرون پٽن کي مرڻ لاءِ دعائون ڪري رهيون هيون، ۽ ونيون گهوٽن جا گهاوَ ڏسڻ لاءِ مانديون هيون. ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا. ڪارا ڪُند هٿن ۾ اڙل وڇيرا هيٺ، تنهين سان ٿي ڏيٺ، موٽڻ جن مهڻو.... سترهن ارڙهن هزار مڙس، سنڌڙيءَ جو سڏ سڻي، ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ اچي مڙيا. دريا خان دولهه، محمود خان، مٺڻ خان، مخدوم بلال، سارنگ خان سمون، نرمل سوڍو ۽ هيبت خان ڄام. سڀ درياه جي اورينءَ ڀر، مرڻ مارڻ لاءِ ويٺا حڪم جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڪي ارڏا اڙٻنگ ته جهل ۾ ئي نه آيا ۽ راتو واه، درياه ٽپي، راتاهو ڏيئي، انگريزي فوج تي حملو ڪيائون. سانوڻيءَ جي درياه اٿل کاڌي هئي، هر طرف لس ليٽ هئي، پر قلعي جون اوچون ديوارون بند بڻجي بيٺيون هيون. انگريزي سفارت ميرن سان هڪ نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پهچي وئي هئي. ان ڏينهن مائي شيدياڻي آئي. اڄ هن موتئي جا نه پر گلاب جا رت ورنا گل آندا هئا. گل سارنگ کي ڏيندي چيائين، +”سائين چون ٿا ته شل هنن گلن جهڙا گهاؤ لڳني.“ +”مائي، چئجانِ ته هي ته هڪ سر آهي، پر جي ههڙا هزار سر هجن، ته سنڌ جي مٽيءَ جي مٽ نه ڪيان. سنڌ لاءِ مران، مري جيئان، جي مران ۽ مري وري جيئان ۽ جي مرندو ۽ مري جيئندو رهان.“ + +سنڌ سمنڊ وا��گر اڇلي. ڇوليون ڇوه ۾ اڳتي وڌيون، پر پٿريلن ڪنارن سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويون. معاهدو ڪيو ويو ۽ انگريزي فوج سنڌ کي لتاڙيندي، چيڀاٽيندي، اڳتي وڌي وئي. ماڻهو ماٺ هئا، سنڌ سانت هئي. +وقت گذرندو ويو. آهستي آهستي زندگي معمول تي اچي وئي، گهڻا ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن مائي شيدياڻي آئي پر گل نه آندائين. سارنگ پڇيس: +”ڇو مائي، گل نه آندا اٿيئي؟“ +”سائين، ڏنائون ئي ڪونه.“ +”ڇو ڪونه ڏنائون؟“ +”چيائون ته جيڪو پنهنجي ماءُ سان سچو نه آهي اهڙي ڪچي ماڻهوءَ سان ڪهڙو نينهن.“ +”مائي، اسان ته سر ڏيڻ لاءِ آتا هئاسين، پر اسان جو ته موت به پرائي وس آهي. سرڪار معاهدو منظور ڪيو. اسين ڪيڏانهن وڃون.“ +”سائين، مون اها ڳالهه سمجهائي مانِ ته چيائون سر صدقو ڪندڙ سرڪار کي ٿوروئي ڏسندا آهن.“ +سارنگ جو ڪنڌ جهڪي ويو. +”سائين ڪا نئين ڪافي چئي اٿئي؟“ +”مائي، هاڻي ڪهڙيون ڪافيون چئبيون. هاڻي ته سڀني ڪافين کي ڪفن ڏيئي دفن ڪري ڇڏيو اٿم.“ + + +جڏهن انگريزي سفارت سنڌ سان نئون معاهدو ڪرڻ آئي هئي، تڏهن سارنگ کي حڪم مليو هو ته هو ٻين سردارن سان گڏ سفارت کي ريزيڊينسي جي قلعي تائين حفاظت سان وٺي اچي، جو ماڻهو مشتعل هئا ۽ سفارت جي ميمبرن کي جان جو خطرو هو. ان سفارت ۾ فلپ به هو. ان ڏينهن فلپ ڪيترو نه بدليل ٿي نظر آيو. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو جيڪو هن نقاب پاتو هو، ان ڏينهن اهو نقاب هن لاهي ڇڏيو ۽ پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر ٿيو هو. ڪيئن نه درٻار ۾ بحث ٿي ڪيائين. جنگ جا دڙڪا ٿي ڏنائين. پوءِ هو فوج سان گڏ شڪارپور ويو هو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيو، سڌو اچي سارنگ سان مليو. + +”سارنگ، يوناني ديومالا جي هڪڙي ڪهاڻي آهي، ته جڏهين ديوتائن هيءَ دنيا ٺاهي، ته دنيا ۾ اوندهه انڌوڪار هو. پوءِ پراميٿيئس نالي هڪڙي ديوتا آسمانن مان باه چورائي آڻي انسانن کي ڏني، دنيا ۾ روشني پکڙجي وئي. ديوتائن کي ڏاڍا خار لڳا ۽ ديوتائن پراميٿيئس کي زنجيرن سان جبلن ۾ جڪڙي ڇڏيو. اڄ به هو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ ڳجهون سندس ماس پٽينديون آهن.اسين شاعر ۽ فنڪار به پراميٿيئس آهيون. اسان ديوتائن وٽان روشني ۽ سونهن چورائي آڻي انسانن کي ڏني آهي. ديوتائن اسان کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، ان کان قلم ڦري اسان کي سنگينون ڏيئي ڇڏيون آهن ۽ اسان جي ضمير جون ڳجهون اسان جو ماس پٽي رهيون آهن. اسان نفرت نه، پر رحم لائق آهيون.“ + +سارنگ هن کي ڪو جواب نه ڏنو. ان ڏينهن کان پوءِ هو هڪ ٻئي سان ملندا هئا، پر ٻنهي محسوس ڪيو ته هنن جي وچ ۾ دوريون اچي ويون هيون. + + + +شام ٿي فلپ درياه جو سير ڪرڻ لاءِ نڪتو. +جڏهن کان سياسي حالتن ڦيرو کاڌو هو، افغانستان تي فوج ڪشي ٿي هئي، تڏهين کان، هن کان شاه لطيف، سنڌو ۽ سنڌوءَ جي ميرانجهڙي مهاڻي وسري ويا هئا، نئون معاهدو مڃائڻ لاءِ حيدرآباد ۽ خيرپور جي درٻارن جا چڪر. آؤٽرام سان اُٺن جي خريداريءَ لاءِ ريگستان جا ڌڪا، فوج سان گڏ بلوچستان ويو هو. شڪارپور ۾ ريزيڊينسي قائم ٿي هئي، ڪجهه ڏينهن اُتي رهيو ۽ پوءِ حيدرآباد موٽي آيو. حيدرآباد موٽڻ کان پوءِ هن کي محسوس ٿيو ڄڻ هو پنهنجي گهر موٽي آيو هو. پر هن جو ته ڪو گهر گهاٽ نه هو. هو ذهني ۽ جذباتي طرح جلاوطن هو، پر حيدرآباد ۾ هن کي پنهنجائيءَ جو احساس ٿيندو هو. حيدرآباد جون هوائون، هوائن سان ٻيڻا ٿيندڙ وڻ، منگهه، لاهيون چاڙهيون، سنڌو، سنڌوءَ جو ميرانجهڙي مهاڻيءَ جي ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه، سارنگ جي سنگت ۽ علمي ريهاڻ اهي سڀئي رشتا ۽ ناتا هئا جن هن جي دل حيدرآباد سان اٽڪائي هئي. پر هن دفعي هن کي حيدرآباد ۾ به اجنبيت جو احساس ٿي رهيو هو. ڄڻ هو ڪو اجنبي هو ۽ هر شيءِ هن کي اوپرن اکين سان ڏسي رهي هئي. ڪو زمانو هو جو سنڌين هن کي محبت جا ڪنول آڇيا هئا ۽ هو اهي ڪنول کائي، سڀ ڏک سور وساري، شاه لطيف جي بيتن جهڙا حسين خواب ڏسڻ لڳو هو. پر هن جا خواب ٽٽي پيا ۽ هن انهن ساڳين سنڌين جي هٿن ۾ محبت جي ڪنولن جي بدران تلوارن کي تاڻيل ڏٺو. هو حيدرآباد جي درٻار ۾ نئون معاهدو مڃائڻ لاءِ ويو هو. رستي تي ماڻهن جا هشام هئا، جن جي اکين ۾ نفرت جي نانگن ڦوڪارون ٿي ڏنيون. هنن نعرا ٿي هنيان ۽ هنن کي ڏسي پٽ تي ٿڪياؤن ٿي. سارنگ هن سان ساڻ هو. سارنگ جي اکين ۾ به ڪيتري نه نفرت هئي. محبت ۽ نفرت ۾ ڪيتري نه ٿوري وِٿي آهي، هو موٽي آيو ته اچڻ سان سارنگ سان مليو. سارنگ کي پنهنجي مجبوري به ٻڌايائين، پر ته به سارنگ جي اکين ۾ اجنبيت ۽ دوري هئي. اها اجنبيت ۽ دوري هو هر شيءِ ۾ محسوس ڪري رهيو هو. هو وري جلاوطن ٿو.......! +فلپ درياه جي ڪپ تي اچي پهتو. سياري جي ڪري سنڌو سُڪي ويو هو، ڪناري تي ٻيڙيون بيٺيون هيون. هن ٻيڙين ڏانهن رخ رکيو ۽ پوڙهي مهاڻي سان اچي مليو. فلپ کي ڏسي پوڙهي جون واڇون ٽڙي پيون، ڏاڍي سڪ سان هن سان مليو، پر الائي ڇو فلپ کي پوڙهي جي سڪ ۽ خوشيءَ مان به اجنبيت ۽ دوريءَ جو احساس ٿيو ڄڻ پوڙهو هن جي نه، پر انهن پئسن جي آجيان ڪري رهيو هو، جيڪي هو ٻيڙيءَ جي سير کان پوءِ هن کي ڏيندو هو. پوڙهي جي چپن تي چمڪندڙ مرڪ سندس کيسي ۾ پيل انهن سِڪن جو چلڪو هئي؛ جيڪي ٿوري دير کانپوءِ هو پوڙهي کي ڏيندو. ڇا انسان پنهنجي سماجي پس منظر کان سواءِ ڪجهه نه آهي. واقعي هو ڪجهه به نه هو، جي هو ڪجهه هجي ها، ته اڄ ائين اڪيلو، تنها ۽ پنهنجي مارگريٽ جي محبت کان محروم ڇو هجي ها. اهو هن جو سماجي پس منظر ئي ٿيو، جنهن جي ڪري هو محبت کان محروم رهيو هو ۽ اهو به هن جو سماجي پس منظر ئي هو؛ جو سارنگ هن سان اجنبين وارو ورتاءُ ڪري رهيو هو ۽ پوڙهو هن کي ڏسي خوشيءَ ۾ ٽڙي پيو هو..... +هو ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، پوڙهي اڄ به ٻيڙيءَ مان ڌيءَ کي سڏ ڪيو، اڄ به هن ٻيڙيءَ ۾ ٽپو ڏنو؛ اڄ به لهرن دائرا بڻايا ۽ ڪنول لڏيا ۽ لميا، اڄ به هن اکيون کڻي فلپ ڏانهن نهاريو.... الا، اڄ انهن اکين ۾ ڪيڏي نه دوري هئي. هن جي دل کي زور جو ڌڪو لڳو. اڄ هن کان ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه جي موڙي به کسجي وئي هئي. پر شايد هو غلط سمجهي رهيو هو. ميرانجهڙي مهاڻي جي نگاه کي غلط سمجهي رهيو هو. ڪا شيءِ ڪانه بدلي هئي. نه سنڌو بدليو هو، نه سنڌوءَ جي مهاڻي بدلي هئي. نه حيدرآباد جون هوائون بدليون هيون ۽ نه مارگريٽ جهڙيون چانڊوڪيون بدليون هيون. صرف سارنگ بدلجي ويو هو. ان ڪري جو هن جون ڪي وفاداريون هيون، ڪي سياسي نظريا هئا، پر هن پوڙهي ۽ هن البيلي مهاڻيءَ جون ڪي به وفاداريون ۽ ڪي به نظريا نه هئا. سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت رهي يا انگريزن جي؟ سنڌ آزاد رهي يا غلام؟ انهن ڳالهين سان هنن جو ڪو واسطو نه هو. هنن صرف جيئڻ ٿي چاهيو ۽ جيئڻ ڪارڻ جتن ڪرڻ ٿي چاهيا. حڪومتون بدلنديون رهنديون، پر هنن جي زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي ڪا نه ايندي. هنن جي زندگيءَ جي ٻيڙي ڪڏهن به ڪناري سان نه لڳندي. دوري ۽ اجنبيت جو احساس هن جي پنهنجي ضمير جو آواز هو، اندر جو اولڙو هو. هينئر به مهاڻيءَ جي چپن تي ماڻي ڀري مرڪ هئي. هن اکيون کڻي مهاڻيءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ سکان جهلي ائين بي خيالي ويٺي هئي، ڄڻ فلپ جو وجود ئي نه هو، ڄڻ فلپ بيجان پٿر هو، جنهن ڏانهن نهارڻ جي به هن ضرورت محسوس نه ٿي ڪئي. فلپ يڪدم ٻيڙي روڪ��ئي. پوڙهي جو منهن لهي ويو. شايد اڄ کيس پورو ڀاڙو نه ملندو. فلپ يڪدم کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ جيترا پئسا سندس کيسي ۾ پيا هئا، سي سڀ ڪڍي هن پوڙهي جي هٿ تي رکيا، ايڏا پئسا ڏسي پوڙهي جون اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ هٿ ڏڪڻ لڳا. اڄ تائين ڪڏهن به اهي پورهيت ۽ جفاڪش هٿ نه ڏڪيا هئا. ڪيترا دفعا هن جي ٻيڙي ڪُن ۾ ڦاٿي هئي، ڪيترا دفعا طوفاني لهرن هن کي لپاٽون هنيون هيون. پر اهي پورهيت، جفاڪش ۽ پُر اعتماد هٿ ڪڏهن نه ڏڪيا هئا. اڄ پئسن جي اڻ لکي ٻوجهه ۾ اهي هٿ ڏڪي رهيا هئا. + +فلپ ڪناري تي لٿو ۽ تکيون تکيون وکون کڻندو اڳتي وڌي ويو. هو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، هو ڪيڏانهن وڃي؟ هن جي ڪهڙي منزل هئي. رات جو هو دير سان ريزيڊينسي ۾ موٽي آيو ۽ بائيبل کولي داؤد جو ’نوحو‘پڙهڻ لڳو. + +ٻئي ڏينهن هن جي ايلز سان ملاقات ٿي. ايلز کي ڏسي هو حيران ٿي ويو. صفا جهڙي مارگريٽ، ساڳيو مارگريٽ جهڙو مکڙو، مارگريٽ جهڙا وار، مارگريٽ جهڙيون نيريون گهريون اکيون. فرق رڳو ايترو هو ته مارگريٽ جي اکين ۾ صبحون مرڪنديون هيون ۽ هن جي اکين ۾ شامِ غم جا پاڇا لهرائي رهيا هئا. هوءَ حسين هئي، جوان هئي، پر هن کي الائي ڪهڙو غم هو، جو هن جي صورت ’داؤد جو نوحو‘ بڻجي وئي هئي. هو پاڻ به غم پسندو هو، هن جا دوست هن کي ’مشرق جو غم پسند شهزادو‘ چوندا هئا، ايلز به غم جي راهبه ٿي لڳي. + +ايلز هن جي هڪڙي ساٿي، ڊيوس جي ڀيڻ هئي. ڪئمبرج ۾ تاريخ پڙهندي هئي. تاريخ پڙهندي هن ڪيترا مهم پسند، سرڪش، جنگجو فاتح ڏٺا، جن موت کي للڪاريو ۽ موت کي ڳوليندا، ساري دنيا فتح ڪري آيا، پر موت هنن کان ڀڄندو ۽ لڪندو رهيو. تاريخ جي هر هڪ صفحي تي هنن جي عظمت جا داستان تحرير هئا.... هن جي ذهن ۾ اهڙا مهم پسند، سرڪش ۽ موت کي مات ڪندڙ نوجوان جو تصور اُڀريو ۽ هوءَ ان تصور کي پوڄڻ لڳي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي رابرٽ سان ملاقات ٿي. رابرٽ هوبهو هن جي تصور جهڙو هو. مهم پسند، سرڪش ۽ موت کي مات ڪندڙ فوجي لباس ۾ هو ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو عظيم فاتح، موت کي اورانگهي، تاريخ جي صفحن مان نڪري، هن جي سامهون اچي بيٺو هو ۽ دنيا کي فتح ڪرڻ کان اڳ هن کان موڪلائڻ آيو هو. ايلز مرڪندڙ من سان هن کي موڪل ڏني ۽ رابرٽ هندستان روانو ٿي ويو. جڏهن رابرٽ جو جهاز اکين کان اوجهڙ ٿيو، تڏهن ايلز تصور ئي تصور ۾ رابرٽ کي اڙل گهوڙي تي سوار ڏٺو. هن جي هٿ ۾ تلوار هئي ۽ هو وحشي هندستانين جو سينو چيريندو ڏاريندو ٿي ويو. هن جي سيني تي سونا ٻلا چمڪي رهيا هئا. لنڊن جي چؤنڪ چؤنڪ تي هن جا مجسما کتل هئا ۽ ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وات تي هن جي دليريءَ جا داستان هئا، پر رابرٽ هندستان پهتو ته مليريا جي اخبار ۾ مري ويو. ايلز ته صفا چري ٿي پئي. هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته هن جي خوابن جو سرڪش ۽ جنگجو شهزادو، جيڪو موت کي اورانگهي، تاريخ جا صفحا چيري هن جي سامهون اچي بيٺو هو، سو اهڙو عاميانو موت مرندو. اهو ڪوڙ هو. فريب، دوکو ۽ دولاب هو. هن جي رابرٽ ته هندستان ۾ وڏا وڏا ڪارناما انجام ڏنا هئا، ۽ لنڊن ۾ وک وک تي ان جا مجسما کتل هئا. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ۽ لنڊن جي چؤنڪ چؤنڪ تي رابرٽ جا کتل مجسما ڳولهڻ لڳي.آخر هوءَ ڪلائيو جي مجسمي جي سامهون اچي بيٺي ۽ ٽڪ ٻڌي ان مجسمي ڏانهن نهاريندي رهي. ڪير ٿو چئي ته اهو ڪلائيو جو مجسمو هو. اهو ته هن جي رابرٽ جو مجسمو هو. جنهن پلاسيءَ جي جنگ جيتي هئي ۽ جنهن هندستانين جي هانوَن تي هيبت طاري ڪئي هئي. اهڙيءَ مهل رستي تان هڪڙي ڇوڪري لنگهي. ايلز هن کي بيهاريو ۽پڇيائين، ”توکي خبر آهي ته هي مجسمو ڪنهن جو آهي؟“ +ڇوڪري ح��ران ٿي هن ڏانهن نهارڻ لڳي. +”هي منهنجي رابرٽ جو مجسموآهي. منهنجي رابرٽ پلاسيءَ جي جنگ جيتي هئي، منهنجو رابرٽ عظيم فاتح آهي. ڏس هن جي پٿريلي منهن تي ڪهڙي نه سرڪشي آهي.“ +ڇوڪري هن کي چري سمجهي تکا تکا قدم کڻندي اڳتي وڌي وئي ۽ ڪنڌ ڦيري ڊنل اکين سان هن ڏانهن نهارڻ لڳي. ايلز ڄڻ هسٽريائي ڪيفيت ۾ چيٽ ڪئي. +”سڙي وئينءَ، منهنجي محبوب جي دليريءَ جا داستان ٻڌي سڙي وئينءَ“، ۽ پوءِ کلڻ لڳي، صفا کل ۾ ٻڏي وئي جڏهن کل بند ٿيس ۽ ڪنڌ مٿي کنيائين، ته سندس چوڌاري ماڻهن جا ميڙ مڙي ويا هئا. ماڻهن کي ڏسي هوءَ ڊڄي وئي. آهستي آهستي پٺتي هٽڻ لڳي ۽ پوءِ وٺي ڊوڙ پاتائين، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هوءَ هندستان رواني ٿي وئي. ڪلڪتي ۾ پنهنجي رابرٽ جي گمنام قبر ڏ‎ٺائين، جنهن تي بهادريءَ جو ڪو ڪتبو لکيل نه هو. هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. ٻه- چار ڏينهن ڪلڪتي ۾ رهي ۽ پوءِ ڀاءُ سان ملڻ لاءِ سنڌ هلي آئي. ڊيوس سارو ڏينهن هن کي وندرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر هوءَ مرڪندي اصل نه هئي. ٻه – چار ڏينهن گذريا ته ڊيوس فوجي رسد جي سامان سان افغانستان هليو ويو. هاڻي فلپ هن جي دل وندرائيندو هو. هو غم جو مشرقي شهزادو هو ۽ هوءَ غم جي راهبه. ٻئي مهراڻ جي ڪناري تي ويهي سج کي لهندو ڏسندا هئا ۽ڳالهيون ڪندا هئا، تاريخ جون اهي عظيم شخصيتون جيڪي ايلز جا آدرش هيون، تن کان فلپ کي نفرت هئي. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تاريخ تي گفتگو ڪندا هئا....... +”تاريخ انساني ڪوس گهر هئي ۽ وڏا وڏا فاتح ڪاسائي. جن انساني لاشن جي ڍير تي بيهي قيد جي درازي حاصل ڪئي هئي..... دنيا جي سڀني جنگين جي پس منظر ۾، تاريخ ۾ قد جي درازي حاصل ڪرڻ جي تمنا ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي هوس هئي. اهي هٿ چمڻ لائق نه آهن. جن تلوار کنئين ۽ ڪوس ڪيو. پر اهي هٿ چمڻ لائق آهن، جن قلم کنيو ۽ اونداهين ۾ ڏات جا ڏيئا ٻاريا ۽ نت نيون ايجادون ڪيون.....اها تلوار قلم کان به مقدس آهي، جيڪا وطن جي بچاءَ لاءِ کڄي..... رابرٽ خوش قسمت هو جو هن جي هٿان ڪنهن انسان جو خون نه وهيو...... +هندستاني وحشي آهن........! جيڪا قوم ويد لکي سگهي ٿي، تاج محل تعمير ڪري سگهي ٿي ۽ شاه لطيف پيدا ڪري سگهي ٿي، سا قوم ڪيئن وحشي ٿي سگهي ٿي.... +موت....! رابرٽ جو موت، آدرشن جو موت، خواب جو موت، محبت جو موت. محبت ڪڏهين نه مرندي آهي. زندگيءَ ۾ مارگريٽ نه ملندي آهي ته محبت مهاڻيءَ جي مرڪ بڻجي ويندي آهي.... موت زندگيءَ کان به وڏي حقيقت آهي. موت ئي زندگيءَ کي معنيٰ ڏي ٿو ۽ موت ئي زندگيءَ کي بي معنيٰ بڻائي ٿو.... موت جي باري ۾ مون هڪڙو هندستاني گيت پڙهيو هو. گيت جا لفظ ياد نه آهن. مفهوم ياد آهي ته: +اي ڪنوار، اٿ ميندي لاءِ، چوٽيون ڳُت، تَن بَدن ڌوءِ، جو تنهنجو گهوٽ گهوڙي چڙهي توکي وٺڻ آيو آهي....“ +ايلز روئڻ لڳي. +ايلز سان گڏ درياه تي گهمندي، هر گهڙي فلپ جون نظرون ٻيڙين ڏانهن کڄي وينديون هيون ۽ هميشہ پينونءَ جي خالي هٿ وانگر خالي موٽي اينديون هيون. هڪڙي ڏينهن هو ايلز سان گڏ ڪناري تي گهمي رهيو هو ته هن ٻيڙين مان دهلن ۽ شرنائن جا آواز ٻڌا. اڄ هن جي مهاڻيءَ جي شادي هئي. فلپ جي دل ٻڏڻ لڳي. هو جيتري دير ايلز سان گڏ هو، هڪڙو اکر به واتان نه ڪڇيائين ۽ پوءِ جڏهين ريزيڊينسيءَ ۾ موٽي آيو، ته مٿي جي سور جو بهانو ڪري ايلز کان موڪلائي پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهي مٿو ميز تي رکي ڇڏيائين. دور درياه کان سهرن جا آواز اچي رهيا هئا. + +لاه ڪڙو هن ڪوٽ جو، اسين مومل نينداسين. +سهري جا ٻول ڪڏهين ويجها ٿي آيا ۽ ڪڏهن دور ٿي ٿي ويا. آخر هن جي ۽ مهاڻيءَ ��ي وچ ۾ ڪهڙو رشتو هو، ڪهڙو ناتو هو، جيڪو اڄ ٽٽي رهيو هو ۽ جنهن جي ٽٽڻ سان هن جي دل ٽٽي رهي هئي. ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه وارو ناتو ته ان ڏينهن ئي ٽٽي ويو هو، جنهن ڏينهن هُن هِن ڏانهن اوپرن اکين سان نهاريو هو. پر ته به هن جي دل ۾ اڻ لکي اميد جو ڏيئو ٽمڪي رهيو هو، جيئن اُڃايل جي اڳيان رڃ چمڪندي آهي. اڄ اهو اميد جو ڏيئو رڃ جو چمڪو به ختم ٿي رهيو هو..... +اوچتو هن کي محسوس ٿيو، ته ڪو هن جي پريشان وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏيئي رهيو هو. هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريون، سامهون ايلز بيٺي هئي. ساڳيو مارگريٽ جهڙو مکڙو،مارگريٽ جهڙا وار ۽ مارگريٽ جهڙيون نيريون گهريون اکيون، جن ۾ اڄ اميد جون صبحون مسڪرائي رهيون هيون. هو يڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ايلز کي ڀاڪر ۾ کڻي جهليائين، ۽ هن جي مشرق جي چانڊاڻ جهڙن وارن ۾ منهن لڪائيندي چيائين: ”مارگريٽ منهنجي مارگريٽ.“ ايلز به هن جي ڏکن سان ڏنڀيل سيني تي مٿو رکندي چيو، ”فلپ،منهنجا فلپ.“ + +فلپ اڄ ڏاڍو خوش هو. هن جي موڪل منظور ٿي هئي ۽ هو لنڊن وڃڻ وارو هو. ايلز پهرين ئي لنڊن هلي وئي هئي. وڃڻ کان اڳ فلپ هن کي مڱڻي جي منڊي پارائي هئي ۽ پوءِ کيس ڪراچي جي بندرگاه تي ڇڏڻ ويو هو. ايلز جي وڃڻ کان پوءِ هو اڪيلو ٿي پيو هو. پر هينئر اڪيلائي به هن سان ايلز جون ڳالهيون ورنائيندي هئي. هينئر هو لنڊن ويندو ۽ ايلز سان شادي ڪندو. شهر کان ٻاهر هو هڪڙو ننڍڙو گهر وٺندو ۽ ايلز سان گڏجي گيت لکندو ۽ زندگيءَ جي حسن ۾ اضافو ڪندو. شاه لطيف جا ترجما ڇپائيندو ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي سونهن ۽ پيار جي هڪڙي نئين احساس سان روشناس ڪرائيندو.... ان ڏينهن ئي هن سامان ٻڌو ۽ سارنگ کان موڪلائڻ لاءِ ويو. اڄ هو ڏاڍو خوش هو، هروڀرو ٿي مرڪيو. پر جڏهن هن سارنگ سان سنڌي نموني ڀاڪر پائي موڪلايو، ته اکين ۾ لڙڪ تري آيس سارنگ جون اکيون به آليون ٿي ويون. رات جو هن کي پنهنجي ساٿين پارٽي ڏني. هن جي خوشيءَ لاءِ جام خالي ڪيائون. هن به خوب شراب پيتو. اڄ هن کي شراب جي نشي ۾ هر شيءِ ٿڙڪندي، نچندي نظر آئي. صبح جو هو وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ته اوچتو ريزيڊنٽ آؤٽرام هن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ کيس ٻڌايائين، ته هن جي موڪل رد ڪئي وئي آهي. هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ هو ڪلٽيون کائيندو هيٺ، بلڪل هيٺ، اتاه اونداهين ۾ ڪرندو ويو. +جڏهن کان نيپئر سنڌ ۾ آيو هو. تڏهين کان سنڌ جون سياسي حالتون هر روز بدلبيون هيون. هينئر سنڌ جي آسمان تي جنگ جا بادل ڀرجي آيا هئا....... هن پنهنجو ٻڌل سامان کوليو ۽ آئوٽرام سان گڏ حيدرآباد ۽ خيرپور جي درٻارن جا چڪر هڻڻ لڳو. هن کي پڪ هئي ته جنگ جا اهي ڪارا ڪڪر ٽري ويندا، اُس نڪرندي، هو لنڊن ويندو ۽ ايلز سان گڏ ٽيمز تي چمڪندڙ اُس کي ڏسي سنڌوءَ کي ياد ڪندو، جنهن جي ڪناري تي ايلز هن جي زندگيءَ ۾ بهار بڻجي آئي هئي ۽ هن جا گهاوَ گل بڻجي ٽڙي پيا هئا، پر ڪڪرن ۾ گاج ٿي، وڄ چمڪي ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ايلز ڏانهن خط لکڻ لڳو. +’مٺڙي ايلز. +مان توڏانهن خط لکي رهيو آهيان، ۽ هر طرف سانت ڇانيل آهي. ائين ٿو لڳي، ڄڻ زندگيءَ جي سڀني آوازن کي موت جي سانت ڳهي وئي آهي. ڄڻ سانت ٻرندڙ جبل آهي، ۽ مان ان جبل جي چوٽيءَ تي ويٺو آهيان ۽ ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن اهو جبل ڦاٽندو ۽ منهنجو وجود ذريون ذريون ٿي ويندو. ٻاهر ورانڊي ۾ ميجر آؤٽرام اچ وڃ ڪري رهيو آهي. سانت ۾ هن جي فوجي بوٽن جو آواز، ڄڻ موت فوجي بوٽ پائي، منهنجي سيني تي گهمي رهيو آهي. پر مان مرڻ نٿو چاهيان، مان جيئڻ ٿو چاهيان، توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان، ۽ تو جهڙا حسين گيت لکڻ ٿو چاهيان. پر موت مون ڏانهن وڌندو ٿو اچي. موت کي روڪيو. جنگ کي روڪيو، نيپئر کي روڪيو. جيڪو موت جو بگل وڄائيندو ڪاهيندو ٿو اچي. اڄ وري تاريخ پنهنجو پاڻ دهرائيندي، اڄ وري هڪڙو ناڪام، پوڙهو ۽ ارڏو جنرل، سنگين انساني رت ۾ ٻوڙي، ان سان تاريخ ۾ پنهنجي عظمت جو داستان لکندو. ان انساني رت سان، جيڪا محبت بڻجي دل ۾ ڌڙڪندي آهي، گيت بڻجي گونجندي آهي، پگهر بڻجي ڌرتيءَ تي ٽمندي آهي ۽ سونا سنگ بڻجي هوا ۾ جهوليندي آهي. +مان جنگ کي ننديان ٿو، مان نيپئر کي ننديان ٿو، مان پنهنجي قوم کي ننديان ٿو، جيڪا شيڪسپيئر،شيلي، والٽيئر ۽ روسو جي بدران بارود، بادفرنگ ۽ بائيبل سان پنهنجي تهذيب جو ڦهلاءُ ڪري رهي آهي. + +سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري ان وقت ئي ختم ٿي وئي هئي، جڏهن اسان جون فوجون سنڌ کي لتاڙي افغانستان ويون هيون. تڏهن کان هتان جا حاڪم اسان جي معاهدن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن.هاڻي نيپئر سنڌ جي رهيل کهيل آزاديءَ کي به ختم ڪرڻ لاءِ ڪاهيندو پيو اچي. مون کي ياد آهي، هڪ دفعي نيپئر چيو هو: ته هو سنڌ جي عوام کي سندن وحشي ريڍار حاڪمن کان نجات ڏيارڻ لاءِ آيو آهي. ڪوڙ، نسورو ڪوڙ. انسان ٻين کي دوکو ڏيڻ کان اڳ، ڪيئن نه پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏي. هو سنڌ جي عوام جي ڀلائي نٿو چاهي، پر قلعي ۾ جمع ٿيل دولت ۽ تاريخ ۾ ڪلائيو وارو مقام ٿو چاهي. ان لاءِ ئي هن اچڻ سان سنڌ جي چوڌاري ڄار وڇائڻ شروع ڪري ڏنو. مير نصير خان ۽ مير رستم خان ڏانهن ڪوڙا خط منسوب ڪيائين، مير علي مراد جي مدد ڪري، مير رستم خان کي معزول ڪيائين. خان گڙه جو قلعو تباه ڪري، هينئر حيدرآباد ڏانهن ڪاهيندو ٿو اچي. هتان جا حاڪم هينئر به جنگ نٿا چاهين. پر هتان جو چپڙيون ۽ چمٽا وڄائي محبت جا گيت ڳائيندڙ عوام اڄ موت جا گيت ڳائي رهيو آهي. جي جنگ ٿي ته اها عوام جي جنگ هوندي. جنهن ۾ نه نيپئر مرندو ۽ نه ئي هتان جا حاڪم مرندا. پر سارنگ مرندو، فلپ مرندو،ايلز جو خواب مرندو. مان مرڻ نٿو چاهيان. ان لاءِ نه ته موت کان ڊڄان ٿو، پر ان لاءِ جو زندگي ڏاڍي حسين آهي ۽ ايلز اهڙي حسين زندگي صرف ان موت تي قربان ڪري سگهجي ٿي، جيڪا توکان وڌيڪ حسين ۽ منهنجي پيار کان وڌيڪ عظيم مقصد لاءِ هجي.‘ + +اوچتو آؤٽرام اندر گهڙي آيو ۽ هن کي جاسوسن اطلاعن ڏنو هو ته ريزيڊينسي تي حملو ٿيڻ وارو آهي. فلپ ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ اڻ پورو خط ويڙهي کيسي ۾ وڌائين ۽ پنهنجي ساٿين سان ڊوڙي اچي دخاني جهاز ۾ چڙهيو. درياه ۾ اڄ مهاڻا مڇي ماري رهيا هئا. ڪپر سان ٻيڙيون بيٺيون هيون. ساڳي هنڌ هن پهريون دفعو ان مهاڻيءَ کي ڏٺو هو. ان ساڳي هنڌ هن کي ماڻي ڀري مرڪ ۽ چور نگاه ملي هئي، ان ساڳئي هنڌ ايلز هن جي زندگيءَ ۾ بهار بڻجي آئي هئي. اوچتو بندوق جا ٺڪاوَ ٿيا، نعرن جا اُڀ ڏاريندڙ آواز آيا، چوڌاري نفرت، بندوقون ۽ باه هئي. ريزيڊينسي تي حملو ٿي چڪو هو. + +سترهين فيبروري جي رات ڪيتري نه ڀوائتي هئي. ان رات جي پيٽ مان خون ۾ ٻڏل صبح طلوع ٿيڻو هو. سترهين تاريخ جي سج جڏهن ڏڪندي، ڪنبندي، رت ۾ ريٽو ٿي افق تان ليئو پاتو، ته مياڻيءَ ۾ سنڌين کي ڪفن جون پڳون پائي موت جو انتظار ڪندي ڏٺائين. اڄ وري دودو ٻاگهل ٻائيءَ لاءِ موت سان منهن مقابل ٿيو هو، درياه خان دولهه، محمود خان ۽ مٺڻ خان، سارنگ خان سمون، نرمل سوڍو، مخدوم بلال سڀ اچي مياڻيءَ ۾ مليا هئا. نائين لڳي جنگ شروع ٿي. موت انساني کوپڙين جو هار پائي، کوپڙيءَ جو سنک وڄائي، بندوقن ۽ بمن جي ساز تي پنهنجو ناچ شروع ڪيو. شاه لطيف ڪلڪ پنهنجي هانوَ ۾ هنئين ۽ رت ڦڙن سان ڪيڏارو لکڻ ويٺو: + +هيڏانهن هن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن، سُرنايون ۽ سنڌڙا، ٻنهين پار ٻُرن، گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون. +بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن، وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن، ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو. +فلپ سنڌين کي رڳو يڪتارا ۽ چپڙيون وڄائيندي ڏٺو هو. اڄ اهي ساڳيا سنڌي يڪتارا اڇلائي، گيڙو ڪفنيون لاهي، ڪفن پائي، تراڙيون تاڻي، نچي رهيا هئا. شينهن وانگر گجندا، وڄ وانگر وراڪا ڏيندا، واچوڙي وانگر وڪوڙيندا ٿي ويا. هڪڙي سنڌيءَ يورپي سپاهيءَ تي ترار اُڀي ڪئي، يورپي سپاهيءَ سنگين سندس سيني ۾ هنئين، سنڌيءَ زور ڏيئي بت کي اڳتي ڌڪيو، سنگين سندس آرپار هلي وئي، اڳڀر ٿي ترار سان يورپي سپاهيءَ تي ور ڪيائين ۽ پوءِ پاڻ به به للهنگ ليٽيو. +هاڻي انگريزن جي ٻارهين ۽ ٻاويهين رجمينٽ ۾ ڀاڄ پئي. ’ڀڳاڙي ڀڳا.‘ سڀ تراڙيون تاڻي مورچن مان نڪري آيا. ’مرسون- مرسون، سنڌ نه ڏيسون.‘ اُڀ ڏاريندڙ نعرا، گهوڙن جي هڻڪار، بندوقن جا ٺڪاوَ توبن جا ڌڌڪا، رڙيون، دانهون، ڌڙن تي ڌڙ، ڪنڌن تي ڪنڌ. رت ئي رت. ڏاڙهيون ڏاڙهونءَ گل جيان رت ۾ سڀ رتل، پڙ ۾ پيل پڳڙيون، جهڙا چوڏهين ماه چنڊ. + +سارنگ ترار اُڀي ڪئي. فلپ سنگين سڌي ڪئي. ٻئي آمهون سامهون هئا، هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ ماندا. پر ٻئي هٽڪيا، ٻئي هٻڪيا. هنن جي پاڻ ۾ ڪهڙي دشمني هئي. ٻنهي گڏ گيت لکيا هئا، لفظن جا چراغ جلايا هئا. فلپ شاه جا بيت چونڊي جهول ۾ جهليا هئا، پر اڄ فلپ جي هٿ ۾ بندوق هئي ۽ سارنگ مٿس ترار تاڻي بيٺو هو. اڃا ان ڏينهن ٻنهي ڀاڪر پائي موڪلايو هو ۽ ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئا، پر اڄ ٻنهي جي اکين ۾ موت هو. + + + +اوچتو هڪڙي سنڌيءَ فلپ تي ترار جو وار ڪيو، سندس ڪاپار ڪپجي ويو. سارنگ کي گولي لڳي، گهوڙي هڻڪار ڪري نرا کنيا، سنب فلپ جي سيني ۾ لڳا. سارنگ ڦهڪو ڏيئي هيٺ ڪريو، هن جي سڄي ٻانهن ۾ گولي لڳي هئي. ترار سندس هٿ مان ڇڏائجي پري وڃي ڪري. سارنگ ترار کڻڻ لاءِ ريڙهيون پائي اڳتي وڌيو. هڪڙي فرنگيءَ جهٽ ڏيئي سندس ترار کنئين ۽ هن تي وار ڪيو. هن وار جهلڻ لاءِ ٻئي هٿ اڳيان ڏنا، وار ٿيو، رت ريلا ڪري وهي ڇڙيو. سارنگ دانهن ڪئي، وٽ کاڌا، لڇيو، ڦٿڪيو ۽ پوءِ بيهوش ٿي ويو. + +شاه ڀٽائيءَڪِلڪ ڀڃي ڇڏي،جوسنڌ جنگ هارائي هئي. +شفق ٽڙي ۽ افق مان رت ٽمڻ لڳو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت جهڙو مياڻيءَ ۾ شهيدن جو خون! + +صبح جي ٽڙيل شفق ۾، شڪارپور جي پاسي مان لگهندڙ شاهراه تي هڪڙي مسافر، قافلي قلعي جي ڀرسان گهوڙو جهليو ۽ ڪنڌ ورائي شهر ڏانهن نهارڻ لڳو. قافلي قلعي کان اڳتي انبن ۽ کجين جا باغ هئا، باغن کان اڳڀرو پٺاڻن جو ڳوٺ هو ۽ پريان کان هڪرو کوه نظر اچي رهيو هو. مسافر کي ڏاڍي اُڃ لڳي هئي، هو ڪنهن ڏورانهين سفر تان آيل ٿي ڏٺو. هن جي پڳ، ڪپڙا، ڏاڙهي مڇن ۽ پنبڻين جا وار ڌوڙ ۾ لٽيل هئا ۽ اکيون اوجاڳن جون ماريل ڄڻ هو زمانن کان سفر ڪري رهيو هو ۽ هن کي هن ڪشادي ڌرتيءَ تي ڪا ڇانوَ نه ملي هئي، جنهن ۾ ويهي هو جهٽ پلڪ لاءِ ٿڪ پٽي. هن جو سنڌ سنڌ ٿڪ ۾ ڏکي رهيو هو ۽ نڙيءَ ۾ اُڃ جا ڪنڊا ڇپي رهيا هئا. هن ڳيت ڏيئي نڙي آلي ڪئي ۽ ڪرائيءَ ۾ جهليل گهوڙي جي لغام کي موڙي، کوه جو رخ رکيائين. کوه تي هندو عورتون پاڻي ڀري رهيون هيون. اوپري ماڻهوءَ کي ڏسي هنن ململ جي پوتين جا گهونگهٽ ڪڍيا. مسافر گهوڙو وڻ هيٺان جهليو ۽ گهوڙي تان لهي، کوه جي ويجهو اچي هنن عورتن کان پاڻي گهريو. هڪڙي ننڍي نيٽي ڇوڪري، پنهنجي پيلي گهاگهري کنئين ۽ مسافر کي پاڻي پيارڻ لاءِ اڳتي وڌي. مسافر اکيون ��ڻي ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريو. چوڏهن پندرهن سالن جي وهي، ململ جي اڌ گهونگهٽ مان نظر ايندڙ چهري جو رنگ، جهڙو سياري جي اُس جو تڙڪو. نرڙ تي تلڪ، جهڙو وهاؤ تارو. اکيون جهڙيون روشن دان، جن مان هو پنهنجي وڃايل وهيءَ کي ڳولڻ لڳو،هن جون اکيون ڇوڪريءَ جي اکين ۾ کتل هيون ۽ هو انهن اکين ۾ ڦهليل وقت جي وسعتن ۾ گم ٿي ويو. بي خياليءَ ۾ هن ٻڪ جهلڻ لاءِ آهستي آهستي هٿ اڳي وڌايا. ڇوڪريءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. مسافر ڇوڪريءَ جي اکين مان اکيون هٽائي، پنهنجي هٿن ڏانهن ڏٺو ۽ هن کي ياد پيو ته هن جا ته ٻئي هٿ وڍيل هئا..... اُهي هٿ، جن سان هن ننڍپڻ ۾ تختيءَ تي ابتا سبتا ليڪا ڪڍيا هئا ۽ هڪڙي روئندڙ ٻار جا لڙڪ اگهيا هئا. جن هٿن سان هن ان سان ساڳي کوه تي سنڌوءَ کي گهاگهري ڀري ڏني هئي ۽ سندس چوٽن ۾ چمپا جون مالهائون ٻڌيون هيون، جن هٿن سان هن گيت لکيا هئا ۽ سنڌ جي ست لاءِ تلوار کنئين هئي. هن جا اهي ٻئي هٿ مياڻيءَ ۾ وڍجي ويا هئا..... مسافر يڪدم پنهنجا روٺا هٿ ڇڪي پويان لڪايا، ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريائين ۽ پوءِ يڪدم پٺتي موٽيو ۽ ڊوڙ پائي گهوڙي تي چڙهڻ لڳو. هن رڪيب ۾ پير وڌو، روٺي ٻانهن ورائي، هني کي جهليائين ۽ لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهيو. لغام کي روٺي ٻانهن ۾ ڦاسائي، وٺي لغام کي سٽ ڏنائين. گهوڙي هڻڪار ڪري نرا کنيا. هو ڪرندي ڪرندي بچيو ۽ پوءِ وٺي گهوڙي ڊوڙ پاتي. ڇوڪري حيران ٿي هن کي ڏسندي رهي ۽ هو گهوڙو ڊوڙائيندو ڌوڙ جي غبار ۾ گم ٿي ويو. + +فلپ جهاز جي ڊيڪ تي اچي بيٺو ۽ اکيون مهٽي سامهون نهارڻ لڳو. سامهون نيڻ نهار تائين سمنڊ پکڙيل هو. اٿاه ۽ بي انت سمنڊ! ڦٿڪندڙ ۽ اُٻرندڙ سمنڊ! سمنڊ جون ويرون زخمي شينهن وانگر گجگوڙ ڪري،اجگر وانگر اُڀري، رومڙ ڪري اچي جهاز سان ٿي ٽڪرايون ۽ جهازلهرن جي لپاٽن سان لڏندو، لمندو، اڳتي وڌندو ٿي ويو. هنرمند هٿن جي روشني سمنڊ جي سيني تي ٽمڪندي ٽمڪندي اڳتي وڌندي ٿي ويئي. فلپ اکيون کڻي آسمان ڏانهن نهاريو. آسمان نيرو ۽ روشن هو. هوا ۾ گهم رچيل هئي ۽ گهميل هوا جي ڇهاءَ سان جسم کي خنڪيءَ جو وڻندڙ احساس ٿي ٿيو. فلپ سگار دکايو ۽ سگار جو اونهون سوٽو هڻي هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سگار جي سوٽي سان هن کي عجيب سرور محسوس ٿيو ۽سمنڊ جو آواز، ڄڻ سمنڊ ڪجهه جهونگاري رهيو هو. ڳائي رهيو هو. فنا جو گيت. موت جو راڳ. موت. موت! فنا. فنا! هر شيءِ فنا هئي. زندگيءَ جي ساري سونهن، خوشيون، خواب، جذبن جي جهرمر، انساني ناتا ۽ رشتا.... سڀڪجهه فنا هو. وقت جي وير هر شيءِ کي ڳڙڪائيندي ٿي وئي ۽ هر طرف عدم جي اوندهه هئي..... فلپ يڪدم اکيون کولي ڇڏيون. آسمان نيرو هو، سمنڊ جي لهرن تي اُس ٿي چمڪي ۽ هوائن ۾ گهم رچيل هئي. هن ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ دوربين اکين تي رکي ۽ سمنڊ جي پار نهارڻ لڳو. پويان هن کي ڌرتيءَ تي ليڪ نظر آئي. نئين ملڪ جي نئين ڌرتي. نئين ڌرتيءَ جا نوان سک ۽ نوان سور، نوان رشتا ۽ نوان ناتا. هن اجنبي ڌرتيءَ جي هنج ۾ هن لاءِ الائجي ڪهڙا سک ۽ الائجي ڪهڙا سور هئا. الائجي ڪهڙا ناتا جڙندا ۽ الائجي ڪهڙا ناتا ٽٽندا.... انساني ناتا جڙندا ۽ ٽٽندا آهن پر ڪو ڪو ناتو ڪڏهين نه ٽٽندو آهي، ڪڏهين درد بڻجي دل ۾ رهندو آهي ۽ ڪڏهين چاڪ بڻجي چڪندو آهي. هن به زندگيءَ ۾ اهڙو ناتو ڳنڍيو هو، جيڪو بظاهر ته ٽٽي چڪو هو پر جيڪو هينئر به چاڪ بڻجي هن جي سيني ۾ چڪي رهيو هو. هن جي سيني ۾ سور جي سٽ اُڀري، درد جي لهر ڪَرُ کنيو، هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ هن جي بند اکين جي اڳيان سائي سائي گاه سان ڍڪيل ميدان پکڙجي ويا، گلن سان جهنجهيل چيريءَ جا وڻ هوا ۾ جهولڻ لڳا ۽ هن کي ڪئمبرج ياد پئي، ڪيم ندي ياد پئي ۽ مارگريٽ ياد پئي. مارگريٽ! مارگريٽ.! + +فلپ ۽ مارگريٽ ٻئي ڪئمبرج ۾ گڏ پڙهندا هئا. ٻئي يوناني ۽ لاطيني ادب جا شاگرد هئا. ڪلاس پورو ٿيندو هو ته ٻئي ڪيم نديءَ جي ڪناري تي اچي ويهندا هئا ۽ ڳالهيون ڪندا هئا. انڌي هومر جا رزميه نظم. ٽراءِ جي جنگ. يوليسس جوسفر. يوناني ديومالا جنهن جو هڪ هڪ ديوتا ۽ هڪ هڪ ديوي ڪنهن نه ڪنهن انساني جذبي ڪنهن خواب، ڪنهن تصور ۽ ڪنهن آدرش جي تجسيم هئي. سوفو ڪلس ۽ يوريپائڊس جا ڊراما. ساري يورپي تهذيب جو پس منظر يونان هو. سقراط، افلاطون، ۽ ارسطوءَ جو ديس، هڪ نه هڪ ڏينهن هو ٻئي گڏجي يونان ويندا. ايٿنز جون اهي گهٽيون گهمندا جتي سقراط ڏاهپ جا مباحثا ڪندو هو. انهن ٿيٽرن جا کنڊر ڏسندا جن ۾ يوناني ڊراما نويسن جا ڊراما ٿيندا..... +فلپ ڏاڍو شرميلو ۽ گهٽ ڳالهائڻو هو. پر مارگريٽ سان ڳالهائڻ ويهندو هو ته سندس شرم جا سڀئي بند ڀڄي پوندا هئا ۽سندس ٻوٽيل شخصيت ٽڙي پوندي هئي. مارگريٽ سان ملڻ کان اڳ هو ڪيترو نه اڪيلو ۽تنها هو، ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ مري وئي هيس. پڻس ٻي شادي ڪري جدا وڃي رهيو هو ۽ هن جي ماسيءَ هن کي پالي وڏو ڪيو. ماسي هن کي گهڻو ئي پيار ڏنو پر ته به هن کي پيار جي محروميءَ جو شديد احساس هو ۽ محروميءَ جي ان احساس جي هيٺان هن جي ساري شخصيت دٻجي وئي ۽ هو ايترو ته ڏکڻو ٿي پيو، جو جيڪڏهين ڪو دوست يا ساٿي چرچو ڀوڳ ڪندو هئس ته ڳاڙهو پيلو ٿي ويندو هو. آهستي آهستي سڀني دوستن ۽ ساٿين سان رشتا ناتا ٽوڙي پنهنجو پاڻ ۾ وڃي لڪو. صرف ڪتاب ئي هن جا دوست ۽ ساٿي هئا. سياري جي راتين ۾ جڏهين ٻاهر برف ڪرندي هئي تڏهين هو بخاري ۾ ٻرندڙ باه جي ڀر ۾ آرام ڪرسيءَ تي آهلي، بت کي ڪنبل سان ڍڪي ناول پڙهندو هو. ناول پڙهندي پڙهندي هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ناولن جا ڪردار ڪتابن مان نڪري هن جي ڀر ۾ اچي ويٺا آهن ۽ بخاري ۾ جلندڙ باهه تي هٿ سيڪي هن کي پنهنجي محبتن ۽ شڪستن جا داستان ٻڌائي رهيا آهن. انسان ڪيترو نه دکي آهي. هن کي به پنهنجو ڏک آهي. محروميون ۽ تنهائيون آهن. پنهنجا سور آهن. ڪنهن سان پنهنجا سور سلي ۽ ڪنهن کي پنهنجي محرومين جا داستان ٻڌائي...... ۽ پوءِ هن جي مارگريٽ سان ملاقات ٿي ۽ ٻئي دوست ٿي ويا. + +فلپ ۽ مارگريٽ ٻئي هڪٻئي کي دوست ۽ ذهني رفيق سمجهندا هئا. پر هڪڙي ڏينهن اوچتو فلپ کي خبر پئي ته مارگريٽ سان هن جو صرف دوستي ۽ ذهني رفاقت جو ناتو نه هو پر نينهن جو ناتو هو ۽ مارگريٽ هن جي ان ناتي کان بي خبر هئي. هو پاڻ به ان ناتي کان بيخبر هو ۽ هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن جو اهو پيار پنهنجي سموري شدت ۽سموري رعنائي سان هن تي ظاهر ٿيو....... + +هڪڙي ڏينهن ڪلاس مان نڪري هو ٻئي ڪيم جي ڪناري تي اچي ويٺا. ان ڏينهن ميرو ۽ گدلو آسمان اُجرو ۽ روشن هو. ساون ساون ميدانن تي اُس ٿي چمڪي. بهار جي آمد آمد هئي. برف ۾ سڪل وڻن جي ٽارين تي گل ۽ گونچ ڦٽا هئا ۽ هوائن ۾ بهار جي هٻڪار هئي. ان ڏينهن مارگريٽ هن کي ٻڌايو هو ته هن جي رابرٽ سان شادي ٿي رهي هئي. مارگريٽ جي شاديءَ جو ٻڌي اوچتو هن جي اندر ۾ وڍَ پوڻ لڳا ۽ پهريون دفعو هن کي احساس ٿيو ته هن کي مارگريٽ سان محبت هئي. ها، هن کي مارگريٽ سان محبت هئي، تڏهن ته مارگريٽ جي شاديءَ جو ٻڌي هن جي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا هئا. وڻن مان گل ۽ گونچ ڇڻڻ لڳا هئا ۽برف ڪرڻ لڳي هئي. برف جو طوفان آيو هو هر شيءِ برف جي سفيد ڪفن سان ڍڪجي وئي هئي شايد سڀڪجهه فنا ٿي ويو هو. ڪائنات ڪفن پوش هئي ۽هو اڪيلو طوفان ۾ ڦاسي ويو هو. مارگريٽ! مارگريٽ مون کي تو سان محبت آهي. تون منهنجي آهين. تون منهنجي صرف ذهني رفيق نه آهين پر زندگيءَ جي رفيق آهين. تو کي ڪير به مون کان جدا ڪري نٿو سگهي..... پر هن جو آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو ۽ هر طرف برف جي طوفان جو شور هو. موت جا پڙاڏا هئا. سمنڊ جو آواز ڄڻ فنا جو گيت هو. لهر لهر موت جو گيت ڳائي رهي هئي ۽ هو جهاز جي ڊيڪ تي اڪيلو بيٺو هو ۽نئين ڌرتي هن کي سڏي رهي هئي. نئين ڌرتيءَ جا نوان سور ۽ نوان سک هن کي سڏي رهيا هئا. + +رابرٽ مارگريٽ جو ڏورانهون مائٽ ۽ هندستان ۾ ميجر هو. هن هندستان ۾ وڏا فوجي ڪارناما ڪيا هئا. مياڻي ۽ دُٻي جي جنگين ۾ سرچارلس نيپيئر سان گڏ ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو هو ۽ سر چارلس نيپئر جي ڀاءُ وليم نيپيئر پنهنجي ڪتاب ’فتحِ سنڌ‘ ۾ هن جي بهادريءَ جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي ۽ فلپ کي محسوس ٿيو ته مارگريٽ رابرٽ سان پيار نه ڪيو هو، پر هن جي ڪارنامن سان پيار ڪيو هو. اوچتو هن جي اندر ۾ هڪڙو جذبو جاڳي پيو. هو به رابرٽ وانگر زندگي ۾ وڏا ڪارناما ڪندو. پنهنجي عظمت جو ڌاڪو ڄمائيندو ۽ پنهنجو پاڻ مڃائيندو. هن پڙهڻ شروع ڪيو. امتحانن ۾ پهريون نمبر ايندو ويو. سول سروس جو امتحان به پهرين نمبر ۾ پاس ڪيائين ۽ هن کي هندستان جي سول سروس لاءِ چونڊيو ويو. ڪجهه وقت ٽريننگ ورتائين ۽ پوءِ هندستان روانو ٿي ويو. هندستان ۾ ڪيترن ڏيهي رياستن ۾ ريزيڊنٽ جي عهدي تي رهيو. پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. گورنر جو سيڪريٽري ٿيو. هينئر هو حاڪم هو. هن جو عهدو الادين وارو چراغ هو ۽ هن جا سڀ زيردست الادين جي چراغ وارا ديو، جيڪي هن جي هر خواهش پوري ڪندا هئا. هن جو عزم پورو ٿيو هو. هن زندگيءَ ۾ وڏو مقام ماڻيو هو. پنهنجي عظمت جو ڌاڪو ڄمايو هو. مارگريٽ جهڙيون ڪيئي حسين ڇوڪريون هن کي پنهنجو بڻائڻ لاءِ آتيون هيون. پر ته به هن کي سُڪون نه هو. هن جي شڪست جو زخم نه ڇٽو هو ۽ هو رابرٽ بڻجي نه سگهيو هو. هن سڪون ماڻڻ لاءِ هندو ويدانت ۽ اسلامي تصوف جو مطالعو ڪيو. ٻڌ ڌرم پڙهيائين. مڙهين جا گهنڊ ٻڌائين. پرهه ڦٽيءَ مهل مينارن مان ايندڙ آذان جا آواز ٻڌائين گرجائن ۾ صليب تي لڙڪيل يسوع مسيح جي اڳيان ڪنڌ جهڪايائين. پر هن کي ڪٿي به سڪون نه مليو. آخر هو زندگيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟ هن جي زندگيءَ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ شايد ڪو به نه آهي. شيڪسپيئر سچ چيو هو ته، ’زندگي ديواني جو خواب آهي.‘بيوقوف جي ٻڌايل ڪهاڻي آهي جنهن ۾ اجائي گوڙ ۽ شور کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. هر هڪ ماڻهو دنيا جي اسٽيج تي اچي ٿو. آڪڙ ۽ ٽانءِ ڏيکاري ٿو ۽ پوءِ پڙدي جي پٺيان هليو ٿو وڃي. هو به زندگيءَ ۾ پنهنجو پارٽ ادا ڪري رهيوآهي. ٽانءِ ۽ آڪڙ ڏيکاري رهيو آهي. هن جو پارٽ پورو ٿيندو ۽ هو پڙدي جي پٺيان هليو ويندو ۽ پوءِ ڪو به هن کي ياد نه ڪندو. روشني صرف اسٽيج تي آهي ۽ پڙدي جي پٺيان عدم جي اوندهه، جنهن جو ڪو انت نه آهي، ڪو ڪنارو نه آهي، ڪو ٿاه نه آهي. زندگي اڱڻ ۾ اُس جو تڙڪو آهي ته پوءِ زندگيءَ ۾ ايترا ڏک ڇو آهن. محروميون ۽شڪستون ڇو آهن.... +انهيءَ وچ ۾ هن کي ترقي ملي ۽ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. چارج ڇڏي بمبئي آيو. گورنر سان مليو ۽ ٻه چار ڏينهن بمبئيءَ ۾ رهيو. بمبئي ۾ هر سال انگريز فوجي ۽ سول آفيسرن جي پارٽي ٿيندي هئي. هو بمبئيءَ ۾ ئي هو ته اها پارٽي ٿي ۽ هو به ان پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيو. پارٽيءَ ۾ هر طرف شراب ۽ شباب هو. خوشبويون ۽ ٽهڪڙا هئا. فوجي بئنڊ اولڊ والز وڄايو ۽جوڙا نچڻ لڳا. ڪيترين ڇوڪرين هن کي نچڻ جي دعوت ڏني. هڪڙي ڇوڪريءَ سان نچي موٽيو ته ڪنهن ڪلهي تي هٿ رکيس. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته هن کان دانهن نڪري وئي. مارگريٽ! هن جي سامهون مارگريٽ بيٺي مُرڪي رهي هئي. اولڊ والز جا سر مرڪي رهيا هئا. خوشبويون مرڪي رهيون هيون ۽ گلاسن ۾ شراب مرڪي رهيو هو. +”تون هتي ڪيئن؟“ +”جيئن تون هتي، تيئن مان هتي!“ +”مان ته گهڻي وقت کان هندستان ۾ آهيان.“ +”مون کي خبر هئي ته تون هتي آهين ۽ وڏو صاحب بهادر ٿي ويو آهين.“ +”رابرٽ ڪٿي آهي؟“ +”هتي ئي آهي. هو سامهون ڪنڊ ۾ بيٺو آهي.“ + +هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. سامهون هڪڙي ڪنڊ ۾ رابرٽ هڪڙي ڇوڪريءَ سان ڳالهائي رهيو هو. ڇوڪري جوان هئي، حسين هئي ۽ هروڀرو به ٿي مرڪي. رابرٽ جي ڳالهين تي ٽهڪڙا ٿي ڏنائين. هن جي ٽهڪڙن جو آواز، ڄڻ گلاسن ۾ شراب اوتجي رهيو هو، ڄڻ جام ٽڪرائجي رهيا هئا. فلپ ڪنڌ ڦيري مارگريٽ ڏانهن نهاريو. مارگريٽ به مرڪي رهي هئي. پر هن جي مرڪ ٿڪل ۽ وساڻيل هئي، ڄڻ هن جي مرڪ جي گلاب تي لڙڪن جا ماڪ ڦڙا جرڪي رهيا هئا. فلپ کي محسوس ٿيو ته وقت جي انڌي اجگر مارگريٽ جي حسن ۽ جوانيءَ کي ڳڙڪائڻ شروع ڪيو هو. هن جي نيڻن جا نيل ڪنول ڪومائڻ لڳا هئا ۽ اکين جي هيٺان اڻ لکا گهنج هئا، جيڪي مرڪ سان وڌيڪ نمايان ٿي ٿي پيا. هن ڪيترن ماڻهن جي جوانيءَ جي جلائيندڙ اُس کي لهندو ڏٺو هو. پر اڄ پهريون دفعو هن کي محسوس ٿيو ته وقت ڏاڍو بي رحم هو ۽ زندگي ۽ زندگيءَ جو سارو حسن وقت جي آڏو عاجز ۽ عارضي هو. ڪنهن شي کي دوام نه هو ۽ عدم جو اونداهو سمنڊ هستيءَ جي ساري مستيءَ کي ٻوڙيندو ٿي ويو. + +هو ٻئي ڳالهيون ڪندا، ننڍيون ننڍيون وکون کڻندا ٻاهر ورانڊي ۾ اچي بيٺا. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيل هو، لان ۾ سائي گاه جي چادر وڇايل هئي، ٻارن ۾ گل ٽڙيل هئا. اندران سازن جا هلڪا آواز ٿي آيا. ڄڻ ڪيم ندي آهستي وهي رهي هئي ۽ هو ٻئي ڪيم جي ڪناري تي ويٺا هئا. + +”تو کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن اسان ٻئي آخري دفعو ڪيم جي ڪناري تي مليا هئاسين. تڏهين به ائين بهار جي آمد آمد هئي، گل ٽڙيا هئا ۽ ائين ئي هوائن ۾ هٻڪار هئي. تڏهن زندگي ڪيتري نه معصوم ۽ ڪيتري نه حسين هئي. پوءِ مون هڪڙو ڪوڙو خواب ڏٺو ۽ ان ڪوڙي خواب جي ڪوڙي حسن تي ڀنڀلجي مون غلط فيصلو ڪيو ۽ هينئر ڀوڳيان ٿي. زندگيءَ جو حسن ۽ خوشيون ايتريون عارضي ڇو آهن. زندگيءَ جي سڀني حسين خوابن جي تعبير ايتري ڀوائتي ڇو ٿي ٿئي. فلپ، مون زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. مان ڏاڍي ڏکويل آهيان.“ + +”مان به ته ڏکويل آهيان. مون به ته زندگيءَ ۾ خواب ڏٺا هئا. پر منهنجا سڀئي خواب ڪفن پوش آهن. منهنجي وڻن جا سڀيئي گل ڇڻي ڪِري پيا آهن. برف جو طوفان آيو آهي ۽ مان ۽ منهنجا خواب ان طوفان ۾ ڦاسي ويا آهيون.“ +هن چوڻ چاهيو پر چئي نه سگهيو. + +”ڀت جي سهاري تي بيٺي آهيان، پر ائين ٿو لڳيم ته ڀت به سهارو نه ڏيندي. زندگيءَ جا سڀئي سهارا ڪوڙا آهن. مون کي سهارو ڏي فلپ، جو مان بي سهارا آهيان.“ + +فلپ اڳتي وڌي هن کي سهارو ڏنو، ۽ هن فلپ جي سيني تي ڪنڌ رکي ڇڏيو. فلپ هن جي وارن کان جهلي هن جو منهن مٿي ڪيو، مارگريٽ جون اکيون لڙڪن ڀنل هيون. فلپ جي دل چيو ته هو مارگريٽ جا سڀئي لڙڪ پي وڃي. هن جا سڀئي ڏک سور، زندگي جو سمورو زهر چوسي پي وڃي، آهستي آهستي هن جو ڪنڌ جهڪڻ لڳو. چپ ڏڪڻ لڳا..... نه نه ..... نه مارگريٽ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳي. پر فلپ جا چپ هن جي لڙڪ ڀنل اکين تي جهڪندا ويا. اوچتو مارگريٽ سٽ ڏني ۽ فلپ جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائي ڊوڙندي اندر هلي وئي ۽ هو اڪيلو رهجي ويو. هر طرف برف ئي برف هئي. ڪائنات ڪفن پوش هئي. سازن جو آواز، ڄڻ ڪو موت جي بستري تي چنگهي رهيو هو. ٽهڪڙا. ڄڻ زخمي پکي پَر ڦڙڪائي رهيا هئا. + +ٻئي ڏينهن هو سن�� روانو ٿي ويو. هينئر هو ڊيڪ تي بيٺو هو. چؤڌاري سمنڊ ٿي ڇليو ۽ جهاز سمنڊ جو سينو چيريندو، ويري ويرن جي لپاٽن سان لڏندو لمندو، ڪناري ڏانهن وڌندو ٿي ويو. + + + +جهاز ڪناري کان گهڻو پري لنگر هنيون. ٻه ٻيڙيون جهاز سان اچي لڳيون ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي فوجي سلام ڪري هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هو ٻيڙيءَ ۾ اچي ويٺو ۽ ٻيڙي ڪناري ڏانهن هلڻ لڳي. ٻيڙي هلائڻ وارو سنڌي هو. ڪارو رنگ. محنت ۾ ڪٻاٽيل بت. اونداهين ۾ ٽمڪندڙ فانوسن جيان ٽمڪندڙ اکيون. چهري مان مظلوميت ۽ مفلسي ٿي جهلڪا ڏنا. ڄڻ وقت هن تي وڏا وار ڪيا هئا ۽ هن وقت جا سڀئي وار سيني تي جهليا هئا ۽ هار نه مڃي هئائين. اجنبي ديس جي ڌرتيءَ جو اهو پهريون ماڻهو هو جيڪو هن ڏٺو ۽ هن کي ڏسڻ سان هن اندازو لڳايو ته ان ديس جي ڌرتي ڏاڍي ڏکويل آهي. سامهون منهوڙي وٽ ميرن جو قلعو هو جنهن مان ميرن جي فوجي دستي سرجان ڪين جي آرماڙ تي گوليبازي ڪئي هئي ۽ جواب ۾ سرجان ڪين جي آرماڙ ايتري ته گوليبازي ڪئي هئي جو ڪراچيءَ جو سارو شهر دونهانٽجي ويو هو. پر هينئر آسمان صاف هو. آسمان ۾ جهڙ جا اڇا ٽڪرا ٻيڙن جي سڙهن وانگر تري رهيا هئا، سامونڊي پکي اُڏامي رهيا هئا. هوائن ۽ تازگيءَ ۾ گهم رچيل هئي. + +ٻيڙي ڪناري سان لڳي. هو ٻيڙيءَ تان لٿو ته کيس توبن جي سلامي ڏني وئي. پوءِ هو آڌر ڀاءُ لاءِ آيل فوجي ۽ سول انگريز آفيسرن سان مليو ۽ بگيءَ تي چڙهي گورنر هائوس روانو ٿيو. رستن تي سڃ لڳي پيئي هئي. نيپئر بئرڪس، جيڪب لائينز، رتن تلاءُ، رام باغ، گرجائون، بئڪريون ۽ انگريزي شراب خانا. بگي گورنر هائوس ۾ گهڙي. دروازي تي بنگالي ۽ مدراسي سپاهين پهرو ٿي ڏنو. گورنر هائوس جي عمارت ڊگهي هئي جنهن کي ڪشادو ورانڊو هو. عمارت جي سامهون وڏو گول ميدان هو جنهن ۾ ديوي ۽ ٿوهر کان سواءِ ڪو وڻ ٽڻ نه هو. هو وهنجي سهنجي آرام ڪرسيءَ تي آهليو ۽ سگار جا سوٽا هڻڻ لڳو. + +شام جو هو نائونمل ۽ ديسي عملدارن سان مليو. نيپئر جي ايام ڪاري ۾ نائونمل ۽ نيپئر ۾ اختلاف ٿي پيا هئا. پوءِ نيپئر جي بدلي ٿي ته نائونمل کي نجات ملي. هينئر هن کي بمبئي سرڪار وٽان هدايتون مليون هيون ته نائونمل سان عزت وارو ورتاءَ ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي معاملن ۾ هن سان صلاح مشورو ورتو وڃي. نائونمل جي صلاح سان نيپئر جيڪي به ديسي عملدار مقرر ڪيا هئا سي سڀ هندو هئا. هن کي به اها ئي سکيا ڏني وئي هئي ته هندستان ۾ جتي مسلمانن کان حڪومت کسي وڃي اُتي هندن کي اُڀاريو وڃي ۽ جتي هندن يا سکن کان حڪومت کسي وڃي اُتي مسلمانن کي اڀاريو وڃي. پنجاب ۾ مسلمان اڀري رهيا هئا ۽ سنڌ ۾ هندو اقتدار ۾ اچي رهيا هئا. +ٻئي ڏينهن هو نائونمل سان ڪراچيءَ جو شهر گهمڻ لاءِ ويو. شهر ۾ ڏاڍي گندگي هئي. ڪچا ۽ ڳُتيل گهر، ڀتين تي ٿڦيل ڇيڻا، مٽي ۽ گند جا ڍير. ڪني پاڻي جا دٻا. ڪنيون ڪسيون، رول ڪتا، گدلا ۽ اگهاڙا ٻار، مکيون، مٽي، مڇيءَ جي ڌپ. فلپ جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو. +ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو حيدرآباد جي دوري تي روانو ٿيو. حيدرآباد جو شهر ڪراچيءَ کان گهڻو وڏو ۽ سهڻو هو. لاهيون ۽ چاڙهيون، منگهه، سنڌو درياه، ڦليلي جي ڪناري تي باغ. ڪلهوڙن ۽ ميرن جا مقبرا. ٽڪريءَ تي ميرن جو قلعو هو جنهن ۾ هينئر انگريزن جي فوجي ڇانوڻي هئي. ان قلعي ۾ ئي هن هوشو شيديءَ جي قبر ڏٺي جنهن سنڌ لاءِ ساه ڏنو هو جنهن جي بهادري ۽ دليريءَ جو نيپئر به اعتراف ڪيو هو ۽ هن جي لاش کي توپن جي سلامي ڏيئي فوجي اعزاز سان قلعي ۾ دفن ڪيو هو، پر هن کي پنهنجا ديس واسي وساري چڪا هئا ۽ سندس قبر تي ڪو گل چاڙهڻ وارو به نه هو. ان قلعي ۾ ئي نيپئر ٽالپر شهزادين ۽ راڻين جا ڳهه لاٿا هئا ۽ ميرن جي دانشور ميرزا خسرو بيگ کي چوکنڀو ڪري ٻڌو هو. +شام جو هو مياڻي گهمڻ ويو. مياڻيءَ ۾ هو ان ڏيوريءَ جي سامهون اچي بيٺو جيڪا فلپ جي هم وطنن جي لاشن تي تعمير ٿي هئي. فلپ شهيدن جا نانءَ پڙهڻ لڳو. ميجر ٽيرڊل، ميجر جئيڪسن، ڪئپٽن ميڊي، ڪئپٽن ٿيو، ڪئپٽن ڪوڪسن، ليفٽيننٽ ورڊ، ليفٽيننٽ فلپ..... فلپ! اهو فلپ ڪير هو. هن مياڻيءَ جي جنگ جي رپورٽن ۾ هڪڙي فلپ جو نالو پڙهيو هو جيڪو شاعر هو. جنهن گيت لکيا هئا ۽ شاه لطيف جا بيت انگريزي ۾ ترجمو ڪيا هئا. هن جا اهي گيت ۽ بيت ڪيڏانهن ويا. ڪنهن هن جي گيت لکندر هٿن مان قلم ڦري تلوار ڏني ۽ هن کي لئبريري مان اٿاري مياڻيءَ جي ميدان ۾ وٺي آيو. آسمان ۾ شفق ٽڙي هئي ۽ شفق جو ڳاڙهو ڳاڙهو رنگ ڏيوريءَ تي پئجي رهيو هو. فلپ کي ائين لڳو ڄڻ ڏيوريءَ جي پٿرن مان فلپ ۽ سندس گيتن ۽ بيتن جو رت ٽمي رهيو هو. شايد هن به محبت ڪئي هوندي. هن به محبت ۾ مات کاڌي هوندي. هن جي وڻن جا به گل ڇڻيان هوندا ۽ هن جي ڪائنات به ڪفن پوش ٿي هوندي. ڇا فلپ ائين ئي مرندا رهندا ۽ هن جي گيتن ۽ بيتن مان رت ٽمندو رهندو؟ هن ڪنڌ جهڪائي هيٺ نهاريو ۽ هن کي محسوس ٿيو ته ڌرتيءَ تي رت جا داغ لڳل هئا. بي گناه ۽ بي هٿيار سنڌين جي رت جا داغ، هن جي هم وطنن جي رت جا داغ! فلپ جي گيتن ۽ بيتن جي رت جا داغ! انهن داغن ۾ ڪا لولي ٿي لڇي ۽ ڪو سهاڳ ٿي سُڏڪيو. ڇا رت جا اهي داغ ڌوئي نٿا سگهجن. شيڪسپيئر چيو هو ته زندگي بي معنيٰ آهي. پر ڇا ان بي معنيٰ زندگيءَ کي معنيٰ ڏيئي نٿي سگهجي. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته زندگيءَ جو اهو مقصد نه آهي ته ايڪٽر وانگر هن دنيا جي اسٽيج تي اچي، آڪڙ ۽ ٽانءِ ڏيکاري، پڙدي جي پٺيان هليو وڃجي. پر اسٽيج تي اچي ڪو اهڙو نغمو، اهڙو گيت ڳائجي جنهن جا سر سک ڏيئي سگهن. زندگيءَ جو مقصد اهونه آهي ته مارگريٽ جي محبت ۾ هار کائي هميشہ لاءِ ان محبت جو ماتم ڪندو رهجي. پر زندگيءَ جو مقصد اهو آهي ته مارگريٽ جهڙي حسين ۽ ڏکويل زندگيءَ جا ڏک ڏور ڪجن. انساني لاشن تي ڏيوريون ٺاهڻ جي بدران، اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهجن، لئبريريون ۽ ليباريٽريون ٺاهجن.... +فلپ جڏهن مياڻيءَ مان موٽيو ته هن کي ائين لڳو ڄڻ هو ٻيو جنم وٺي موٽي رهيو هو. + + + +پيشيءَ جا پاڇا لڙيا ته سارنگ ۽ ماڻڪ ڪراچيءَ جي ويجهو پهتا. سامهون ناريل، کجين، زيتونن ۽ انبن جا باغ هئا. پريان لياري ندي هئي ۽ نديءَ جي هن پار ڪراچيءَ جي ڪوٽ جون ڀتيون ۽ برج ٿي نظر آيا. باغن ۾ مٺي پاڻيءَ جا کوه هئا ۽ اُٺن نار ٿي ڪاهيا. هنن گهوڙا جهليا، گهوڙن تان لهي نار جي مٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوتائون ۽ ٿوري دير وڻن جي ڇانوَ هيٺان آرامي ٿي گهوڙن تي چڙهيا ۽ شهر ڏانهن روانا ٿيا. لياري نديءَ جو سڪل پيٽ لتاڙي هو ڪراچيءَ جي ڪوٽ جي مٺي در جي سامهون اچي بيٺا. شهر جي چوڌاري شهر پناه ڏنل هئي. ڀتين تي وڏا وڏا برج هئا. ڪوٽ جي مٺي در جي مٿان به برج ٺهيل هئا، جن ۾ پهريدارن جي بيهڻ جون جايون هيون. ڪڏهن ڪوٽ جي انهن برجن تي ٽالپرن جو جهنڊو ڦڙڪندو هو، جنهن تي ڇهه ست لڳو لڳ ڳاڙها ۽ اڇا پٽا هئا پر هينئر اتي انگريزن جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. هو ٻئي گهوڙن تان لٿا ۽ گهوڙن کي لغام کان جهلي شهر ۾ داخل ٿيا. ساڳيون ٺٽي جهڙيون ور وڪڙ گهٽيون، ڪچا گهر، منگهه، مسيتون، گهوڙن جا هوڪا، هنن کي سيٺ نائونمل جي اوطاق تي وڃڻو هو. هو پڇا ڪندا، گهٽين مان ٿيندا، نائونمل جي اوطاق تي پهتا. +اوطاق جي آڳر ۾ ڇڙڪاءُ ٿيل هو. پڙڇ، گلم ۽ موڙا وڇايل هئا، ��ن تي رتبي ۽ مرتبي آهر ماڻهو ويٺا هئا. سامهون هالن جي جنڊيءَ جي کٽ تي، ريشمي طول ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي نائونمل ويٺل هو. نائونمل کي هنن پهرين به ڏٺو هو. هو ماڻڪ جي پيءُ جو دوست هو، گهاري ۾ واپار جي ڪوٺي هئس. ڪم ڪار سانگي ٺٽي ايندو هو ته ماڻڪ جي پيءُ وٽ ترسندو هو. ماڻڪ جو پيءُ صراف هو ۽ ناڻي جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪاروبار ڪندو هو. سارنگ جو پيءُ زميندار هو. ماڻڪ جي پيءُ سان گهاٽي دوستي هئي ۽ ماڻڪ جي پيءُ جي معرفت ئي هن جي نائونمل سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي. ميرن جي صاحبيءَ کان پوءِ به هو هڪ دفعي ٺٽي آيو هو ۽ ماڻڪ ۽ سارنگ سان مليو هو. تڏهين هو ٻئي ننڍا هئا. پر هنن کي نائونمل جي شڪل صورت چڱيءَ طرح ياد هئي. هينئر هو گهڻو پوڙهو ٿي لڳو ۽ بت ۾ گهڻو لهڪاريل ٿي ڏٺو. کٽ جي ڀر ۾ حقو پيو هو ۽ نائونمل حقي جا ڪش به وٺي رهيو هو ۽ ماڻهن سان ڳالهائي به رهيو هو. هنن ٻنهي کي ڏسي هو کٽ تان اٿيو ۽ ڏاڍي شفقت سان هنن سان مليو. ماڻڪ هن جا پير ڇهيا ۽ سارنگ به ساڻس نوڙي مليو. ٻئي موڙن تي ويٺا ۽ نائونمل هنن کان احوال ورتا. نوڪر يڪدم ٺٽي جي شربت جا ٻه گلاس کڻي آيو. شربت پيتائون ته ڄڻ ٿڪ لهي وين. نائونمل چڱيءَ دير تائين هنن سان حال احوال ڪندو رهيو. پوءِ هو ڌوتيءَ جا پلوَ سنڀاليندو کٽ تان اٿيو. ماڻهو به اٿي بيٺا. منشيءَ کي سارنگ ۽ماڻڪ جي رهائش، ماني ٽڪي ۽ آرام جون هدايتون ڪري هو ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي سان ملڻ لاءِ هليو ويو. اتي رات به سهڙي، سارنگ ۽ ماڻڪ کي سفر جي ڪري ٿڪ به ڏاڍو هو. ٻئي وهنجي سهنجي، ماني ٽڪي کائي کٽن تي ليٽيا. هيڏانهن هوڏانهن جون اجايون سجايون ڳالهيون ڪيائون ۽ پوءِ ماڻڪ ته پاسو ورائي سمهي پيو پر سارنگ کي ننڊ ئي نٿي آئي. پئي ٿي پاسا ورايائين. دل ۾ ڪنڊو ٿي چڀيس. پنهنجو پاڻ کي ٿي ننديائين ته ماڻڪ جي ڳالهه ڇو مڃيم ۽ ڪراچيءَ ڇو آيس. هن ڪنڌ ڦيري ماڻڪ ڏانهن نهاريو. ماڻڪ اگهور ننڊ ۾ هو. هن جي دل چيو ته هو ٽپ ڏيئي اٿي ۽ گهوڙي تي هنو وجهي ۽ ماڻڪ کان لڪي ٺٽي هليو وڃي. ٺو هن جي آرزوئن جو شهر! + +سارنگ ۽ ماڻڪ ٻئي ٺٽي جا رهاڪو هئا. ٻئي ننڍپڻ جا دوست هئا. ٻئي گڏجي رانديون کيڏي جوان ٿيا هئا. ننڍپڻ ۾ ڪيترا دفعا پاڻ ۾ وڙهيا هئا. ڪيترا ڏينهن پاڻ ۾ نه ڳالهايو هئائون. پر ٻنهي جي هڪٻئي کان سواءِ ڪانه سرندي هئي. پرچڻ جا وجهه پيا ڳوليندا. پر ڪوڙو هٺ، ڪوڙي هوڏ! آخر ٻنهي مان هڪڙو هٺ ڀڃي وڃي ٻئي کي پرچائيندو، ڳراٽڙي پائيندا ته سڪ پهرين کان وڌي ويندين. ائين رانديون کيڏندا، وڙهندا پرچندا جوان ٿيا. ماڻڪ فارسي پڙهيو. پنڊتن کان هندي ۽ سنسڪرت سکيو. سارنگ عربيءَ ۽فارسيءَ جو عالم ٿيو. سارنگ شاعر هو. نثر به سٺي لکندو هو. ماڻڪ جو لاڙو وري تاريخ ڏانهن هو. هن سنڌ جي جدا جدا لکيل تاريخن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سنڌ جي هڪڙي نئين تاريخ ٿي لکي. شام جو هو ٻئي گهوڙن تي چڙهي گهمڻ ويندا هئا. ساموئي ۽ طغرل آباد جا کنڊن مڪليءَ جا مقبرا جن ۾ بادشاه، حاڪم، شاعر، اديب، ظالم ۽ مظلوم دفن هئا. مڪليءَ جي پيرن وٽ ڍنڍ هئي. ڍنڍ جي نيري نيري مٿاڇري تي ڪنول جا اڇا گل ترندا هئا. ڍنڍ جي پرينءَ ڀر کجين جا جهُنڊ هئا ۽ انهن کان اڳتي ٺٽي جو شهر هو. ڪچا گهر، گهرن جي مٿان ڪر کڻي بيٺل منگهه. سٻاجهڙو ۽ نماڻو ٺٽو! ان سٻاجهڙي ۽ نماڻي ٺٽي تاريخ جا ڪيڏا نه ظلم سٺا هئا. سمن سلطانن ٺٽي کي الف ليليٰ واري بغداد جي سونهن ڏني. هرات ۽ شيراز جهڙو دارالعلوم بڻايو. ٺٽي ۾ اهڙا ته سهڻا سرو جا وڻ هئا جو امير خسرو پنهنجي محبوب جي قد جي تشبيہ ٺٽي جي سرو جي وڻن سان ڏني. +سروِ چوٽو، ��ر اَچ و در تته تباشد گل مثلِ رخِ خوبِ، تو، آلبته نباشد +ڇريل ۽ کهنبي ويس، عاج ۽ چانديءَ جي ٻانهين، ۽ چانديءَ جي پنڙن واريون ڪڪوريندڙ ڪنواريون شراب ۽ ناچ جون محفلون، ميخاني جي ماڪ سان چڳون پسائيندڙ پره جا پياڪ، ملاکڙا؛ ناچ، کيج، گهوڙن جي گوءِ، نيزي بازي، مينگهه ملهار ٿيندا ته خسرو جون سَرو قد سهڻيون مڪليءَ تي ماڻن ۽ تارن جي تراڙن سان ڪوس ڪنديون. پر پوءِ تاريخ هن شهر جي سونهن ۽ جوڀن کي لٽيو. ارغونن سمن سلطانن جي بغداد کي باه ڏني. ارغونن ۽ سنڌين جون چوٽون، ارغونن ۽ ترخانن جون خانا جنگيون، ميرزا باقيءَ جا ظلم، پورچگيزن جون باهيون ۽ لُٽَ. وري جڏهن اڪبر جي سپہ سالار عبدالرحيم خان خانان ٺٽي تي حملو ڪيو ته ٺٽي جي ترخان حاڪم ميرزا جاني بيگ پنهنجي هٿن سان ٺٽي کي باه ڏني ته جيئن اڪبر جي سپہ سالار کي رک کان سواءِ ڪجهه به هٿ نه اچي. انهن جنگين ۽ باهين ۾ ٺٽي جي ساري سونهن سڙي وئي. خسرو جي محبوب جي قد جهڙا سرو جا سهڻا وڻ سڙي ويا. هاڻي هر طرف ويراني هئي ۽ ڌوڙ ٿي اُڏاڻي. پر هينئر به ان مظلوم، نهٺي ۽ نماڻي شهر ۾ پنهنجي سونهن هئي ۽ پنهنجو حسن هو. ٺٽو هن جي آرزوئن جو شهر هو. هن جي خوابن جهڙو ننڊاکڙو ۽ هن جي سنڌو جهڙو حسين. سنڌو جي نالي سان چوڌاري چڙا ٻرڻ لڳا ۽ چڙن جي لار ڪاتي بڻجي هن جو هنيانءُ ڪورڻ لڳي. + +سنڌو کي هن پهريون دفعو مڪليءَ تي ڪالڪان جي مندر ۾ ڏٺو هو. هر سال ان مندر ۾ ميلو لڳندو هو ۽ ڏورانهن هنڌن تان هندو عورتون ۽ مڙد ياتري ديويءَ جي درشن لاءِ ايندا هئا. شاه لطيف جون سون ورنيون سوڍيون، علي شير قانع جي شاعريءَ جهڙيون ماه وش ڪنواريون ۽ پوڄڻ جهڙيون پڄارڻيون. مندر جي چوڌاري پڪي عمارتن ۽ حجرن جو سلسلو هو جن ۾ ياتري اچي رهندا هئا. ڪالڪان جي مورتي هڪڙي حجري ۾ رکيل هئي، جنهن تي آسائتيون باسون باسنديون هيون. ان مندر ۾ ئي هن سنڌوءَ کي ڏٺو هو. هوءَ ماڻڪ جي ڀيڻ رجنيءَ جي ساهيڙي هئي ۽ رجنيءَ سان گڏ مندر ۾ ديويءَ جو درشن ڪرڻ آئي هئي. پر هوءَ ته پاڻ ديوي هئي. جنهن جا سارنگ جي ديدن درشن ڪيا ته ننڊ کسائي ويٺيون. هن جي هٿ ۾ پتل جي ٿالهي هئي جنهن ۾ گلاب جا گل رکيل هئا ۽ اٽي جا ڏيئا ٿي ٻريا. ڏيئن جون ڏيئاٽيون هن جي ڳلن تي جلندڙ جوانيءَ جي ڏيئاٽين آڏو وساڻيل وساڻيل ٿي لڳيون ۽ گلاب جا گل هن جي جوڀن جي لهس ۾ ڪوماڻيل ڪوماڻيل ٿي لڳا. +ٻيو دفعو هن سنڌوءَ کي تڏهن ڏٺو هو جڏهن رجنيءَ هن کي رکڙي ٻڌي هئي. سنڌو هن کي ڏسي مرڪي هئي ۽ سارنگ جو هنيانءُ چمپا ڪليءَ وانگر ٽڙي پيو هو. سنڌو جي مرڪ ڄڻ مڪليءَ تي چانڊاڻ. سندس سونهن، ڄڻ سنڌيءَ جا سڀ سينگار بيت انساني صورت اختيار ڪري ويا هئا. سنڌو رڳو هڪڙو دفعو اکيون کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو هو ۽ هن جي هڪڙي گهور سارنگ کي گهائي وڌو هو.... +ان کان پوءِ سارنگ ڪيترا دفعا سنڌوءَ کي ڏٺو، ماڻڪ جي گهر ۾، پنهنجي گهر۾، رجنيءَ سان گڏ مندر ويندي، هن ڪيترا دفعا هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اکر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا هئا. ٻنهي جي زبان بند هئي پر اکيون آرسيون هيون جن ۾ سندن پيار جو اولڙو پيو جرڪندو هو. هن ڪيترا دفعا سنڌو کي خواب ۾ ڏٺو. هو ٻئي ڊونڊيءَ ۾ ويٺا هئا ۽ ڊونڊي ڪينجهر ۾ تري رهي هئي. ڪنڌيءَ ڪنول ٽڙيا هئا اُتر واءُ ٿي لڳو ۽ ڪينجهر هندورو ٿي ٿي. ڪير ٿو چوي ته نوري ۽ ڄام تماچي مري ويا آهن. نوري ۽ ڄام تماچي ته هر دور ۾ پئدا ٿيندا آهن. ۽ هنن جي محبت جي هٻڪار ۾ ڪينجهر کٿوري ٿيندي آهي. هينئر نوريءَ جو نالو سنڌو هو ۽ ڄام تماچيءَ جو نالو سارنگ ��مون! +ڪيترا دفعا هن ڀوائتا خواب به ڏٺا. هو ۽ سنڌو ٻيڙيءَ ۾ ويٺا هئا. ٻيڙي ڪُن ۾ ڦاسي پئي هئي. چوڌاري ڪنن جا ڪڙڪا هئا. سنڌو ڊڄي هن جي سيني سان چنبڙي هئي. سڙه ڦاٽي ويا هئا ۽ ونجهه هٿن مان ڇڏائجي ويا هئا. ٻيڙي ٿي ڦري، ڌرتي ٿي ڦري، ڪائنات ٿي ڦري. بچايو..... بچايو...... بچايو ۽ هو ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو هو ته هن کي پنهنجي کٽ به ڦرندي محسوس ٿيندي هئي. آسمان به ڦرندو محسوس ٿيندو هو ۽ يڪدم کٽ جي پائن کي وٺي جهليندو هو ۽ پوءِ جڏهن هوش جاءِ تي ايندو هيس ته مرڪي ويهندو هو. +ڪيترا دفعا دل چيس ته ماڻڪ سان حال ڪريان. دوست سان دل جو درد ونڊيان. پر دل جهلي نه سگهيو. + +سارنگ ۾ گهڻو ڦيرو اچي ويو هو. ڳالهائيندي ڳالهائيندي ماٺ ٿي ويندو هو ۽ دور دور پيو نهاريندو هو. شفق ڏانهن، جنهن جي ڳاڙهاڻ م سنڌوءَ جي ڳلن جو اُهاءُ هو. سامهون ڍنڍ ڏانهن جنهن ۾ سنڌوءَ جي اکين ۾ ترندڙ پيار جي پيغامن وانگر ڪنول جا گل پيا ترندا هئا. مٿي آسمان ڏانهن جنهن جي نيري نيري مٿاڇري تي چنڊ جي ڊونڊي پئي ترندي هئي. ان ڊونڊيءَ ۾ سنڌو ۽ سارنگ ويٺا هئا ۽ هنن جي پيار، چانڊاڻ بڻجي، ساري ڌرتيءَ کي سهائي ڏيئي ڇڏي هئي. ڪيترا دفعا ماڻڪ پڇيس ته يار ڇا ٿيو اٿيئي. ڪنهن سان انگ اڙيو اٿيئي ڇا جو ويٺي ويٺي الائجي ڪيڏانهن هليو ٿو وڃين؟ مڙه هتي اٿيئي پر پساه ڪنهن ٻئي هنڌ. ڪيترا دفعا ارادو ڪيائين ته ماڻڪ سان اندر جو سور سليان پر هر دفعي مرڪي کڻي ماٺ ڪيائين. + +هڪڙي ڏينهن سارنگ ۽ ماڻڪ هميشہ وانگر مڪليءَ تي گهمڻ ويا، ان ڏينهن ماڻڪ ڏاڍو خوش ٿي نظر آيو. هروڀرو به ٿي مرڪيو. سارنگ ايڏو خوش ڏسي پڇيس: + +”ڇا اهي يار، اڄ ڏاڍو خوش ٿو نظر اچين؟“ +”ڇا ٻڌايانءِ. بس ائين سمجهه ته اڄ دنيا جون سموريون خوشيون مون کي ملي ويون آهن. منهنجي شادي ٿي ٿئي.“ +”شادي ٿي ٿئي! ڪنهن سان؟“ +”سنڌوءَ سان.“ +”سنڌوءَ سان“! ڪُننِ ڪڙڪا ڪيا. سڙه ڦاٽي پيا. ونجهه هٿن مان ڇڏائجي ويا. ٻيڙي ٿي ڦري، ڌرتي ٿي ڦري، ڪائنات ٿي ڦري. بچايو بچايو. اڄ وري ارغونن جا گهوڙا هڻڪاريندا، ٺٽي تي ڪاهيندا ٿي آيا. ٺٽو ٿو جلي. دل ٿي جلي..... +ڏيئا ٻرئي مهل هو ٺٽي موٽي آيا. اڄ سارنگ کي ٺٽي جي مڙهين ٿي ماريو. سامي سنک وڄائي پنهنجي واٽ وٺي ويا هئا ۽ هر طرف رک ٿي اُڏاڻي. + +آخر اهو ڏينهن به آيو جڏهن سنڌو ۽ ماڻڪ جي شادي ٿي. سارنگ پاڻ شاديءَ جو سارو بندوبست ڪيو. پنهنجن هٿن سان ماڻڪ کي موڙ ٻڌائين. پوءِ جڏهن سنڌو ڪنوار بڻجي هن کي ڏير جي حيثيت ۾ پيرين پئي تڏهن مٿي تي هٿ رکي دعا ڏنس: +”شل سکي رهين. سهاڳ سدا سلامت رهيئي شل...“ +هن جو آواز ڀرجي آيو ۽ هو ماٺ ٿي ويو. پر اهڙي انداز سان جو ڪو به هن جي اندر جو راز سمجهي نه سگهيو. + +هينئر به هو ٻئي مڪليءَ تي گهمڻ ويندا هئا. ماڻڪ شاديءَ کان پوءِ ڏاڍو خوش هو. پر سارنگ جي دل مائي مڪليءَ جهڙي ويران هئي جنهن جي ساري سونهن، سارو جوڀن لٽجي ويو هو ۽ جتي صرف خوشين ۽ خوابن جا قبرستان هئا، محبت جون مزارون هيون. ماڻڪ هن سان سنڌوءَ جون ڳالهيون ڪندو هو. سنڌوءَ جي سونهن جون، سنڌوءَ جي پيار جون، سنڌوءَ جي پتي ورتا جون ۽ هو ماٺ ڪري هن جون ڳالهيون ٻڌندو هو. مڪليءَ جي مقبرن مان مڙدا نڪري ايندا هئا ۽ڪفنن ۾ منهن لڪائي رئندا هئا. + +سنڌ مياڻيءَ جي جنگ ۾ هار کاڌي هئي ۽ هينئر ساري سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي وئي هئي. مير شير محمد، هوشو شيديءَ جي چوڻ تي دُٻي جي جنگ مان هليو ويو هو. هن سنڌين جي ٽڙيل پکڙيل قوت کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. بلوچستان ۽ افغانستان مان مدد وٺڻ ويو هو، پر پوءِ مايوس ٿي ڪابل مان جان بچائي سنڌ ۾ موٽي آيو هو ۽ انگريزن سان ٺاه ڪري، پنهنجي جاگير ۾ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو. سردارن کي جاگيرون ڏيئي کين خريد ڪيو ويو هو. آزاديءَ جي باه مياڻي ۽ دٻي ۾ ڀڙڪو کائي هينئر وسامي چڪي هئي پر اڃا ڪڏهن ڪڏهن ان وساڻيل باه مان ڪا چڻگ اُڏامي ٿي ۽ اونداهين ۾ ٽمڪي وري اونداهين ۾ گم ٿي ٿي وئي. شاه بلال جي خليفي، چاڪر ڇُٽي انگريز آفيسر کي ڪهايو ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ ڦاسي ڏني وئي. ميرن جي هڪڙي خدمتگار صادق، گهوڙا ٻاريءَ ۾ انگريزن جو اناج جو ڀانڊو ڦريو ۽ پاڻ کي گهوڙا ٻاريءَ جو حاڪم سڏائڻ لڳو. جوکين، نومڙين ۽ ڪرمتين جي سردارن، ڄام مهر علي جوکئي، ملڪ احمد خان نومڙئي ۽ ملڪ ابراهيم ڪرمتيءَ ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جو پہ ڪيو. ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ساري آرماڙ ۽ پيادي فوج ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. نائونمل جي گهر ۾ ته ماتم مچي ويو هو ۽ هو پنهنجي خاندان سميت دخاني جهاز تي چڙهي بمبئي ڀڄي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. پر اها چڻنگ به وسامي وئي. گهڻي وقت کان پوءِ چاڪر خان جوکئي گُجي وٽ انگريزي فوج تي حملو ڪيو ۽ هڪ هڪ ڪري انگريزي فوجن کي ڪٺائين. پر پوءِ هو به پيش پيو ۽ جاگير وٺي ويهي رهيو. هيڏانهن مانجهند وٽ کوسن سنڌونديءَ جي ڪپ سان ڦرلٽ لائي ڏني هئي، پر اهي سڀ وسامندڙ باه جون آخري چڻنگون هيون ۽ ڪو به ان باه کي ڦوڪون ڏيئي ڀڀڙ بڻائڻ وارو نه هو. ڪو به سنڌين جي ٽڙيل پکڙيل قوت کي گڏ ڪرڻ وارو نه هو. سنڌين جي قوت کي ڪڏهن به ڪنهن گڏ نه ڪيو هو. نه مياڻيءَ جي جنگ ۾، نه دٻي جي جنگ ۾ ۽ نه هينئر. نيپئر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان حڪومت ڪري واپس وڃي چڪو هو. سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪري، سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو هو. سنڌ ۾ هينئر هڪڙو نيڪ دل ڪمشنر آيو هو، جنهن سنڌ ۾ وڏا سڌارا ڪرڻ ٿي چاهيا. واه کوٽايا هئائين. سرائون، ڌرم شالاؤن ۽ رستا ٺهرايا هئائين. ٽپال جو هڪڙو نئون سرشتو رائج ڪيو هئائين ۽ هينئر سنڌي زبان جي الف بي ٺهرائڻ ٿي چاهيائين ته جيئن سنڌيءَ کي سنڌ سرڪار جي سرڪاري زبان بڻايو وڃي. سنڌ سان تاريخ جتي ٻيون ڏاڍيون ڪيون هيون اُتي اها ڏاڍائي به ڪئي هئي جو سنڌي زبان کي پنهنجي ئي ديس جي مدرسن ۽ عدالتن مان نيڪالي ڏني وئي هئي. عربن جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو ته عدالتن ۽ مدرسن جي زبان عربي ٿي ۽ پوءِ جڏهن محمود غزنويءَ سنڌ تي حملو ڪيو ته سنڌ جي عدالتن ۽ مدرسن جي زبان فارسي ٿي، سنڌي زبان ٿرن ۽ برن ۾ ئي ڀٽڪندي رهي. پر هينئر هڪڙو انگريز ڪمشنر آيو هو جنهن سنڌيءَ ٻولي کي مدرسن ۾ موٽائڻ ٿي چاهيو. سنڌيءَ جي صورتخطي ٺهرائڻ ٿي چاهيائين. ان ڪم لاءِ هن پنهنجي ديسي صلاحڪار نائونمل کان ٻن نوجوان عالمن جي گهر ڪئي. نائونمل يڪدم سارنگ ۽ ماڻڪ جي پيئرن کي چوائي موڪيلو ته ڇوڪرن کي ڪراچي موڪليو جو ڪمشنر صاحب سنڌيءَ جي صورتخطي ٺهرائڻ لاءِ کين سڏايو آهي. ماڻڪ تاريخ جو شاگرد هو. هن کي خبر هئي ته سنڌ جي تاريخ جي ڌارائن هينئر ڪهڙي رخ تي وهڻ شروع ڪيو هو. هن جو زندگيءَ ڏانهن رويو شاعراڻو ۽ ڪنهن حد تائين جذباتي هو. هن ڪراچي وڃڻ کان صفا انڪار ڪيو، چي: +”مان انگريزن جي نوڪري نه ڪندس.“ ماڻڪ سمجهايس.“ +”ته انگريزن جي نوڪري ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ نٿا هلون، پر پنهنجي زبان جي نوڪري ڪرڻ ٿا هلون. تخريب ٿي چڪي هئي ۽ هينئر تعمير جو وقت هو. اچ ته ڪجهه نه ڪجهه ڪريون ٻج ڇٽيون، گل پوکيون، گيت لکون. اهو وقت ضرور ايندو جڏهن وري سنڌ آزاد ٿيندي، پوءِ سنڌ جا حاڪم ٽالپر نه هوندا جن سنڌ کي جاگير سمجهي پاڻ ۾ ورهايو هو ۽ سنڌ کي شڪار گاه بڻايو هو. پر پوءِ سنڌ جا حاڪم تو ۽ مون جهڙا انسان هوندا. تڏهن تون ۽ مان مري چڪا هونداسين. پر ٻيا ماڻڪ ۽ ٻيا سارنگ ايندا، جيڪي سنڌ جي برن ۾ بهارون آڻيندا.....“ +سارنگ پهرين ته انڪار ڪندو رهيو پر پوءِ ماڻڪ جي اصرار تي راضي ٿي ويو. ٻنهي گهوڙن تي سنج وڌا ۽ ڪراچيءَ روانا ٿي ويا. هينئر هو نائونمل جي اوطاق ۾ هئا. ماڻڪ کي ننڊ وٺي وئي هئي، پر سارنگ پاسا ٿي ورايا. + + + +صبح جو نائونمل سان بگيءَ ۾ ويهي هو ڪمشنر سان ملڻ لاءِ روانا ٿيا. ٻئي پهريون دفعو پنهنجي شهر مان نڪري ٻئي شهر ۾ آيا هئا. هر هڪ گهٽي ۽ هر هڪ موڙ کي ڏاڍي غور سان ٿي ڏٺائون ۽ دل ئي دل ۾ ڪراچيءَ جو ٺٽي سان موازنو ٿي ڪيائون. ڪراچيءَ جو شهر هنن کي صفا نه وڻيو. هاڻي ٺٽو! ٺٽي جا بندر ۽ بازارون. هتي ته رستن تي رڳي مڇيءَ جي ڌپ هئي. +پراڻي شهر مان نڪري، وارياسا ميدان لتاڙي هو صدر ۾ پهتا. صدر جا رستا ويڪرا ۽ وائکا هئا. پارسين، گوا جي ڪرستانن ۽ هندو واپارين جا گهر ۽ دُڪان، فوجي بئريڪون، فرنگين جون ڪليسائون جن تي صليب لڳل هئا. فرنگين جا شراب خانا، پوڙها پارسي گهرن جي اڳيان موڙن تي ويٺا پڻڪيون کائي رهيا هئا. رستن تي ڳاڙها ڳاڙها ٽامي ۽ شعله بدن فرنگي عورتون ٿي لنگهيون.... +پهرين هو ڪئپٽن پريڊي سان مليا. پريڊي هنن جو ڏاڍو عزت وارو آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ هو ڪمشنر سان ملڻ لاءِ گورنر هاؤس روانا ٿيا. نوڪر هنن کي وڏي هال ۾ آڻي ويهاريو، جنهن جي فرش تي ايراني غاليچا وڇايل هئا ۽ ڀتين تي انگريزي مصورن جون تصويرون ٽنگيل هيون. سامهون واريءَ ڀت تي انگلستان جي راڻي وڪٽوريا جي تصوير ٿي لڙڪي، ان جي هيٺان جرنل نيپئر جي تصوير ٽنگيل هئي. وريل نڪ، عيار اکيون. +ٻيءَ ڀت تي مياڻيءَ جي جنگ جي تصوير ٽنگيل هئي. هڪڙو انگريز سنڌي سپاهيءَ جي سيني ۾ سنگين هڻي رهيو هو. سارنگ کي ائين لڳو ڄڻ اها سنگين هن جي سيني ۾ لڳي رهي هئي. هن يڪدم تصوير تان نظرون هٽايون ۽ ٻئي تصوير ڏانهن ڏسڻ لڳو. ان تصوير ۾ ڪجهه سنڌي سپاهي گهوڙن تي سوار هئا ۽ سندن هٿن ۾ تلوارون تاڻيل هيون. ڪاريون ڏاڙهيون، اڇا پٽڪا، وڏيون شلوارون، چهرن تي انتقام جي آڳ...... +دروازن تي اجرڪ ۽ سوسيءَ جا پڙدا ٿي لڙڪيا، هالن جي جنڊيءَ جون ڪرسيون، گلدان، هندورو، پاسي واري ڀت تي سنڌين جون منهن ڀرڻ واريون بندوقون، تلوارون ۽ ڍالون سجايل هيون ۽ گهڙيال ٿي ٽڪ ٽڪ ڪئي. ايتري ۾ در کليو ۽ پڙدو هٽائي ڪمشنر صاحب اندر داخل ٿيو. ڊگهو، سنهو، چپن تي مرڪ. هو يڪدم اُٿي بيٺا. نائونمل ته غاليچي وانگر ڪمشنر صاحب جي پيرن ۾ وڇائجي ويو. ڪمشنر صاحب هنن سان ڏاڍي عزت سان مليو. نائونمل تعارف ڪرايو. هي ماڻڪ آهي. هي سارنگ آهي ۽ هي اسان جو ڪمشنر صاحب بهادر، نيڪيءَ جو پتلو. ماڻهو ته نه آهي، ديوتا آهي. +”منهنجو نالو فلپ آهي.“ ڪمشنر صاحب نائونمل جي تعريفي پٽاڙ کي اڌ م ڪٽيندي پنهنجو نالو ٻڌايو. سارنگ هن ڏانهن نهاريو. فلپ جي چهري تي ڏاڍي نماڻائي ۽ نهٺائي هئي ۽ سندس اکين ۾ اُداسائي. شايد هن جي دل جي ٺٽي کي به ارغونن لٽيو هو. هن جا سامي به سنک وڄائي پنهجي واٽ وٺي ويا هئا ۽ سامين جي مڙهين هن کي ماريو هو. +فلپ به اکيون کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو. ڪڻڪائون رنگ، ڀنڀي ڏاڙهي، ويڪرا پٺا ۽ چيتي جهڙي چيلهه، گهيريدار شلوار، مٿي تي اڇي پڳ منهن ۾ عالمن واري نرمي ۽ سٻاجهائي، پر اکين ۾ عجيب روشني ۽ جلال. ڄڻ هن جي عالمانه شخصيت ۾ هڪڙي ٻي شخصيت به لڪل هئي. ارڏي ۽ اڙٻنگ! جنهن سندس اکين جي روشندانن مان ليئا ٿي پاتا. +ماڻڪ ۽ سارنگ سان ملي فلپ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ نائونمل جي نظر انتخاب جو داد ڏنائين. ڪمشنر صاحب بهادر جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي نائونمل مکڻ وانگر پگهري ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڪمشنر جا ٽي نائب رچرڊ برٽن، ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ ايلس به اچي ويا. ٽيئي وڏا عالم هئا. برٽن شاعر هو عربي، فارسي، ۽ سنڌي ڏاڍي روانيءَ سان ڳالهائيندو هو. اسٽئڪ سنڌي ۽ انگريزيءَ جي فرهنگ تيار ڪري رهيو هو. ايلس هندي ۽ سنسڪرت جو وڏو ڄاڻون هو. هو وري سنڌيءَ جو گرامر تيار ڪري رهيو هو. هنن کي انهن ٽن عالمن سان ڪم ڪرڻو هو. +شام جو هو گهوڙن تي چڙهي سمنڊ ڏسڻ ويا. اٿاه، بيڪنار ۽ آزاد سمنڊ! سمنڊ کي ڏسي سارنگ کي شاه سائين جو سُر سامونڊي ياد پيو. هن جو وڻجارو به ته سڙه سانباهي اوهري ويو هو. جنهن بنان بندر ۽ بازارون ويران هئا. +شام جو هو دير سان واپس موٽيا. +سارنگ ۽ ماڻڪ، برٽن ۽ اسٽئڪ سان ملي ٻوليءَ تي ڪم شروع ڪيو. برٽن، سارنگ ۽ ماڻڪ جو رايو هو ته سنڌيءَ جي صورتخطي عربي هئڻ گهرجي. پر اسٽئڪ جو رايو هو ته سنڌيءَ جي صورتخطي ديوناگري هئڻ گهرجي وڏا بحث ٿيا ۽ ڪم هلندو رهيو. + +سارنگ کي برٽن ڏاڍو متاثر ڪيو. هو سنڌ جي رهاڪن، سندن ريتن رسمن، مذهبن، سنڌوءَ جي ڇوڙن ۽ سنڌ ۾ قديم آبپاشيءَ جي نظام تي ڪتاب لکي رهيو هو. ساري سنڌ گهمندو هو. ويس مٽائي، ڪڏهن ڪشميري برهمڻ بڻجي ۽ ڪڏهن ايراني يا افغاني مولوي بڻجي هندن ۽ مسلمانن وٽ وڃي مهمان ٿيندو هو. سندن مذهبي ڏڻن ۾ شامل ٿيندو هو ۽ هنن جون ريتون رسمون ڏسندو هو. هڪ دفعي سيوهڻ ۾ هڪڙي رنڊيءَ جي ڪوٺيءَ تي ويو.الائجي ڪهڙيءَ ڳالهه تان رنڊيءَ سان وڙهي پيو. رنڊيءَ گاريون ڏنس ته هو به ڏاڍي فصاحت سان کيس گاريون ڏيڻ لڳو. اسٽئڪ سارو ڏينهن پيو اکر گڏ ڪندو هو. هن اکر جي معنيٰ ڇا آهي. هن کي سنڌيءَ ۾ ڇا چوندا آهن. برٽن هنن کي پنهنجا شعر به ٻڌائيندو هو. برٽن جا شعر ٻڌي سارنگ سوچيندو هو ته انگريزي ٻولي ڪيتري نه شاهوڪار آهي. ڪيڏا شاعر، ڪيڏا فيلسوف، ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي صورتخطي به ڪانه هئي. سنڌين پنهنجي مادري ٻوليءَ کي ڇڏي ڌارين ٻولين ۾ ڪتاب لکيا هئا. رات جو هو فلپ سان ملڻ لاءِ گورنر هائوس ويندا هئا. گورنر هائوس جي مٿان هڪڙو ڪمرو هو جنهن ۾ ويهي هو فلپ سان ڳالهيون ڪندا هئا. فلپ جو پنهنجو رايو به هو ته سنڌيءَ جي صورتخطي عربي هئڻ گهرجي. روز بحث ٿيندا هئا. آخر سڀني پنهنجا رايا ڏنا ۽ ڪاغذ فيصلي لاءِ بمبئي موڪليا ويا. +انهن ئي ڏينهن ۾ ماڻڪ جي پيءُ جو مرتيو ٿي پيو. هو ٻئي ٺٽي موٽي آيا. ڪريا ڪرم مان واندا ٿيا. ماڻڪ مس مس ڌڪ سهسايو. پر پيءُ جي اوچتي مرتئي جي ڪري ماڻڪ کي پيءُ جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ ٺٽي ۾ رهڻو پيو ۽ سارنگ اڪيلو ڪراچي موٽي آيو. ڀاڪر پائي موڪلايائون. ٻنهي جون اکيون لڙڪن ۾ آليون ٿي ويون. هاڻي سارنگ لاءِ ڪراچيءَ جا رستا ٻسا هئا. هاڻي به هو شام جو گهوڙي تي چڙهي سمنڊ ڏانهن گهمڻ ويندو هو. پر اڪيلو اڪيلو ۽ ويڳاڻو! + +ماڻڪ کان سواءِ سارنگ صفا ويڳاڻو ٿي پيو. پر پوءِ آهستي آهستي فلپ هن جو دوست ٿي ويو. فلپ حاڪم هو ۽ سارنگ محڪوم. پر دوستيءَ جي ناتي سڀئي ويڇا ختم ڪري ڇڏيا ۽ فلپ هن جو ماڻڪ جهڙو دوست ٿي ويو. سارنگ فلپ کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ته کيس خبر پئي ته حاڪم ۽ محڪوم جا ساڳيا سور آهن. ساڳيا ڏک ۽ ڏنڀ آهن. سڀيئي انگريز نيپئر نه آهن جنهن سنڌ کي رت ۾ وهنجاريو هو. پر انگريزن ۾ فلپ به آهي جنهن مياڻي ۽ دٻي جي ميدانن ۾ وهايل سنڌين جي رت جا داغ ڌوئڻ ٿي چاهيا. سنڌ کي ڪجهه ڏيڻ ٿي چاهيائين. صورتخطي، بندرگاه، بئراجون، ريلوايون، بمبئي سرڪار سنڌ ۾ ڪي به سڌارا ڪرڻ لا��ِ تيار نه هئي. پر فلپ پنهنجو ذاتي اثر رسوخ هلائي ريلوائي ۽ بندرگاه تعمير ڪرائڻ جي اجازت گهري هئي. بندرگاه جي تعمير ٿي رهي هئي ۽ ڪوٽڙيءَ کان ڪراچيءَ تائين ريلوائي جو ڪم هلي رهيو هو. انگريز انجنيئر سنڌو درياه جي پڙتال ڪري رهيا هئا جو فلپ سنڌوءَ تي بئراج ٺهرائي آبپاشيءَ جي نظام کي سڌارڻ ٿي چاهيو. شهر کي سڌارڻ ۽ صفائي رکڻ لاءِ ميونسپالٽي قائم ٿي چڪي هئي جيڪا شهر ۾ ايندڙ مال تي محصول وٺندي هئي ۽محصول جي اها رقم شهر جي سڌاري، واڌاري ۽ صفائي تي خرچ ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن فلپ سنڌ جي بدحالي ۽ مفلسيءَ کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيندو هو. برٽن هن کي سنڌ جي قديم آبپاشي جي نظام تي هڪڙي مڪمل ۽ مفصل رپورٽ ڏني هئي جنهن ۾ لکيو هئائين ته: سنڌ ۾ آبپاشيءَ جو جيڪو نظام قائم هو تنهن جهڙو سڌريل نظام ساري هندستان ۾ نه هو. يورپي سياحن پنهنجي سفرنامن ۾ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نمائندن پنهنجي رپورٽن ۾ سنڌ جي خوشحالي ۽ هنرن جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. اهي هنرمند ئي شايد ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ٺاهين ها ۽ نت نيون ڪلون ايجاد ڪن ها ۽ نون نون ملڪن ۾ مارڪيٽ ڳولڻ لاءِ پنهنجا سڙه سانباهين ها. پر تاريخ سنڌ کي ساه پٽڻ نه ڏنو. ڌارين جا حملا، ديسي حاڪمن جي خانه جنگين جون باهيون جن ۾ ايٽ ۽ آڏاڻا سڙي ويا. هنرمندن تلوارون کنيون يا هر سنڀاليائون. آڏاڻن تي ڪپڙو اُڻيندڙ ڪوري معاشري ۾ ڪو وڏو مقام ماڻي نه سگهيا ۽ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ڪرڻ وارن هٿن جي روشني اجهامي وئي. فلپ وري سنڌ جي هنرمندن جا هٿ روشن ڪرڻ ٿي چاهيا. واپار کي همٿائڻ ٿي چاهيائين. ڪراچيءَ ۾ هن ميلو لڳرايو هو. جنهن ۾ ايران، افغانستان، چين ۽ ٿٻيٽ جا واپاري آيا هئا. هر طرف ٻيڙين جي سڙهن جهڙا اڇا اڇا تنبو لڳي ويا هئا، مال جي ڏي وٺ، خيالن جي ڏي وٺ. واپارين کي نوان مارڪيٽ ملي رهيا هئا. +سنڌيءَ جي صورتخطي جي باري ۾ بمبئي سرڪار وٽان فيصلو اچي ويو ۽ عربي صورتخطي منظور ٿي هئي. سارنگ سنڌي ۽ انگريز عالمن سان ملي سنڌيءَ جي الف ب ٺاهي. سنڌيءَ جي نئين صورتخطي ۾ ڪتاب لکيائين. تاريخ، جاگرافي، انگي حساب، ڪهاڻيون، ٻاراڻو قائدو، ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ اسڪول کليا هئا جن ۾ سارنگ جا لکيل ڪتاب پڙهايا ٿي ويا. ماڻڪ خط لکيس ته ٺٽي ايندين ته اهي هٿ چمندوسانءِ جن سان سنڌيءَ جي صورتخطي ٺاهي اٿيئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا اٿيئي. هر روز رات جو هو فلپ سان ملڻ ويندو هو. ٻئي گڏجي ڪتاب لکندا هئا. فلپ گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب سنڌي ۾ ترجما ڪرائڻ ٿي چاهيا. هو ڪيڏو نه خوش هو. ڄڻ سنڌيءَ جي صورتخطي نه ٺهي هئي، پر هن جي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي صورتخطي ٺهي هئي. هو ساري ساري رات جاڳي ، سارنگ کان انگريزي ڪتاب ترجما ڪرائيندو هو. پر اوچتو هندستان ۾ آزاديءَ جي جنگ ڇڙي پئي. انگريزن ان جنگ کي بغاوت ٿي سڏيو ۽ بمن ۽ بندوقن سان آزاديءَ جي متوالن جو خون ٿي وهايو. پر جيئن ٿي جانفروشن جي رت جا ڇنڊا ان باه تي پيا تيئن ٿي باه وڌيڪ ڀڙڪو ڏنو. سارو هندستان جلي رهيو هو ۽ اها باه سنڌ ۾ به ڀڙڪڻ واري هئي. +فلپ يڪدم قلم- ڪتاب اڇلايا ۽ فوجي ڪٽڪ وٺي سنڌ جي دوري تي نڪري پيو. جاگيردارن کي جاگيرون ضبط ڪرڻ جا دڙڪا ڏنائين. سردارن کان وفادارن جا حلف ورتائين. ديسي سپاهين کان هٿيار ڦري کين قيد ڪيائين. هر طرف ٺاپر ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ آزاديءَ جي باه ڀڙڪڻ کان اڳ ئي وسامي وئي. جيڪب آباد جي ٻن ٻروچ سردارن درياه خان جکراڻي ۽ دل مراد کوسي بغاوت ڪئي. پر بروقت ئي جهلجي پيا ۽ جان جيڪب کين گرفتار ڪري ڪراچي وٺي آيوپيرن ۾ پيڪڙا، هٿن ۾ هٿ ڪ��يون، اکين ۾ باه جا اُلا ۽ چپن تي مرڪ، ڄڻ هو جان جيڪب ۽ فلپ جي فوجي قوت تي مرڪي رهيا هئا. سندن چهرا جهڙا آزاديءَ جي صبحن جا سورج، سندن ڳاٽ جهڙا روشني جا منارا. هي ڪهڙا دلاور هئا جيڪي موت تي ٿي مُرڪيا، جن کان سواءِ سوريون ويران هيون. سوريءَ هنن کي سڏيو هو ۽ هنن سوريءَ جو سڏ وراڻيو هو... +ٽربيونل قائم ٿيو ۽ هنن کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني وئي. سزا جو فيصلو ٻڌي هنن جي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي. هنن جي مرڪ پرهه جي پيشاني هئي جنهن سان اونداهيون صديون روشن ٿيڻيون هيون. ڪير آهي جيڪو ڌرتيءَ تان روشنيءَ کي ختم ڪري سگهي. سج کي وسائي سگهي. رات جو ڪاري ڪاري هانءَ ۾ جرڪندڙ تارن کي ٽوڙي سگهي، اونداهين جي يلغار کان هراسيل فانوسن کي وسائي سگهي ۽ ڪاري پاڻي جي سزا جو فيصلو ٻڌي مرڪندڙ سنڌين جي چپن کان مرڪ کسي سگهي... +سج وڙاءُ سامي ته پنهنجي واٽ وٺي هليا ويا، پر سارنگ کي اها جُوءِ ڏيکاري ويا جتان لاهوتي لال ٿيا هئا. سارنگ جو سک ڦٽي ويو. اندر ۾ دونهين دکي پيس. ڪنهن شيءِ ۾ دل نٿي لڳس. اندر ۾ لوڇ ۽ آنڌ مانڌ.... شام جو هو گهوڙي تي چڙهيو ۽ دل وندرائڻ لاءِ سمنڊ ڏانهن ورانو ٿيو. رستن تي رونق لڳي پئي هئي. پريڊي اسٽريٽ، ايلفسٽن اسٽريٽ. ايلفسٽن اسٽريٽ ۾ هندن، پارسين ۽ ڪرستانن جا نوان دڪان ۽ سنڌ ريلوي ڪمپنيءَ جي آفيس کلي هئي. رستن تي انگريز منڊمون، منڊمن جهڙو لباس پائيندڙ پارسي عورتون، ڪارا مدراسي، بنگالي سپاهي ۽ گوا جون ڪرستان عورتون گهمي رهيون هيون. پاسي کان هڪڙي بگي لنگهي جنهن ۾ پارسي جوڙو ويٺو هو. مڙد کي انگريزن وارو سون ڪوٽ پيو هو ۽ عورت کي منڊمن وارو اسڪرٽ. سامهون هڪڙو پادري ٿي آيو، جنهن کي عربن وارو وڏو جبو پيو هو ۽ جنهن جي اکين ۾ آسماني سلطنت جا خواب هئا. ان مقدس ڏينهن جا خواب جڏهن سنڌ جا سڀئي ڪارا ڪافر يسوع مسيح جي عظمت کي سڃاڻندا ۽ عيسائي ٿيندا. جن ڪارن ڪافرن يسوع مسيح جي عظمت کي سڃاتو هو ۽ عيسائي ٿيا هئا تن جا مڙد انگريزن جا خانسامان هئا، پوڙهيون عورتون انگريزن جي ٻارن جون آياؤن هيون ۽ نوجوان عورتون انگريزن جون سريتيون..... + +ٻه ٽامي هڪڙي جواڻ جماڻ ڪرستان ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي، کلندا، ٽهڪڙا ڏيندا، شراب خاني ۾ گهڙي ويا. هڪڙي بيڪريءَ مان ٻه پارسي عورتون ڊبل روٽي وٺي رهيون هيون ۽ هڪڙي گرجا جي آڳر ۾، سائي سائي گاه تي، انگريزن جا ڳاڙها ڳٽول ٻار رانديون کيڏي رهيا هئا. انگريزن جا خاموش بنگلا. رتن تلاءُ، رام باغ، وڻ جي ٽاريءَ تان ٻه طوطا اُڏاڻا ۽ ٽيئون ٽيئون ڪندا هڪ طرف هليا ويا. آسمان ۾ ابابيل ٿي اُڏاڻا، سج لهڻ وارو هو ۽ اُفق وٽ شفق جا رنگ اُڀري بيٺا. شام ۽ شفق ۾ سمنڊ ڏاڍو پراسرار ٿي لڳو. سمنڊ جون آزاد، بي ڊپيون لهرون، نچنديون،ڪڏنديون، آزاديءَ جا گيت ڳائينديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون. سمنڊ ڪيڏو وسيع هو. آسمان ڪيڏو نيرو هو ۽ آسمان جي وسعتن ۾ ڪيئن نه سامونڊي پکي ٿي اُڏاڻا! +هو دير تائين سمنڊ جي ڪناري تي ويٺو رهيو ۽ دور افق ڏانهن ۽ سمنڊ جي آزاد ۽ بي ڊپين لهرن ڏانهن ڏسندو رهيو. سمنڊ پنهنجي لوڇ ۾ لڇي رهيو هو ۽ سارنگ پنهنجي لوڇ ۾ ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي لوڇ کان بي خبر هئا. + +رات جو جڏهن هو واپس وريو ته رستن تي فانوس ٻري پيا هئا ۽ رونق گهٽجي وئي هئي. هو خاموش رستن تان لنگهندو گهر ڏانهن روانو ٿيو. رات جي سانت ۾ پٿرائين رستي تي گهوڙن جي سنبن جو آواز ڪيڏو نه عجيب ٿي لڳو. هو رتن تلاءَ وٽ پهتو ته اوچتو هڪڙي دٻيل ۽ گهٽيل دانهن رات جي سانت جو سينو چيريندي هن جي ڪنن سان ٽڪرائي. هن يڪدم گ��وڙو جهليو ۽ ڪَنَ سرلا ڪري ان طرف جو تعين ڪرڻ لڳو جتان دانهن آئي هئي. ايتري ۾ وري ٻي دانهن ٿي. هيءَ دانهن وڌيڪ گهٽيل ۽ ٻوساٽيل هئي. هن يڪدم گهوڙي جو لغام موڙيو. وڻن جي گهاٽي جهڳٽي وٽ پهتو ته هن کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هو ٽپ ڏيئي گهوڙي تان لٿو ۽ وٺي ڊوڙ پاتائين. وڻن جون لامون هٽايائين ته عجيب ڏيک ڏسڻ ۾ آيس.هڪڙي شراب جي نشي ۾ مدهوش ٽاميءَ هندو ڇوڪريءَ ۾ هٿ وڌا هئا ۽ ڇوڪري پنهنجو ست بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي هئي. سارنگ کي ڄڻ وڄ ڇهي وئي. چيتي وانگر اُڇانگ ڏيئي وڃي ٽاميءَ کي ڳچيءَ کان جهليائين، ڇوڪري پاڻ ڇڏائي پري ٿي بيٺي ۽ ڊنل ۽ هراسيل اکين سان هنن کي ڏسڻ لڳي. اوچتو ڇوڪريءَ کان چيٽ نڪري وئي، ٽاميءَ پستول ڪڍيو هو. پر سارنگ باز وانگر لامارو ڏيئي هن کي ٻانهن کان جهليو ۽ پوءِ ٺڪاءُ ٿيو. ڇوڪريءَ وري چيٽ ڪئي.رات جو هنيانءَ ڦاٽي پيو. بڪنگهم پيليس جا بنياد لڏي ويا ۽ ڪاري ۽ غلام ڌرتي پنهنجي آقا جو خون پيئڻ لڳي. +سارنگ سهڪندو سهڪندو اُٿيو ۽ ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريائين. ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ڊپ ۽ دهشت هئي. ڪپڙا ڦاٽي ويا هئس ۽ مٿي تان گندي لهي وئي هيس. سارنگ آهستي آهستي وکون کڻندو ڇوڪريءَ جي ويجهو آيو ۽ هن جي لٿل گنديءَ سان سندس اگهاڙو بدن ڍڪيائين. ڇوڪريءَ نماڻا نيڻ کڻي سارنگ ڏانهن نهاريو. ڪيڏي نه ٻاجهه، ڪيڏو نه رحم ۽ ڪيڏو نه پيار هو ڇوڪريءَ جي اکين ۾! هن ڪجهه چوڻ لاءِ چپ چوريا پر سندس آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو ۽ ٻه لڙڪ سندس نماڻن نيڻن مان وهي پيا. ڇوڪريءَ پوتيءَ سان پنهنجا گونگا ڳوڙها اگهيا ۽ بت کي چڱيءَ طرح پوتيءَ سان ويڙهي، هوءَ نوڙي ۽ سارنگ جي پيرن وٽان مٽي کڻي هن پنهنجي پيشانيءَ تي مٽيءَ جو تلڪ لڳايو ۽ پوءِ تکيون تکيون وکون کڻندي گهر ڏانهن وڃڻ لڳي. پر ٽاميءَ جي لاش وٽ اچي بيهي رهي. ڪنڌ جهڪائي ٽاميءَ جي لاش ڏانهن نهاريائين، ڪنڌ ورائي سارنگ ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ ٽاميءَ جي لاش تي نوڙي ٽاميءَ جي رت ۾ آڱر ٻوڙيائين، پٺتي وري ۽ تکيون تکيون وکون کڻندي سارنگ جي سامهون اچي بيٺي ۽ سارنگ جي اکين ۾ اکيون کپائي هن ڏانهن ڏسڻ لڳي. هينئر هن جي اکين ۾ ٻاجهه، تشڪر ۽ ڊپ جي بدران عجيب شعاع هو. هن هٿ مٿي کنيو ۽ ٽاميءَ جي رت ۾ ٻڏل آڱر سان سارنگ جي پيشانيءَ تي تلڪ لڳايائين. هوءَ هڪدم واپس وري ۽ تکيون تکيون وکون کڻندي رات جي اونداهين ۾ گم ٿي وئي. سارنگ اُتي ئي بيٺو رهيو. هن جي پيشانيءَ تي ڳاڙهو ڳاڙهو تلڪ ٻري رهيو هو. ڄڻ سج آسمان مان لهي آيو هو ۽ هن جي پيشانيءَ ۾ جڙجي ويو هو ۽ ان سج جي روشنيءَ ۾ ساري سنڌ روشن ٿي وئي هئي.... +اوچتو هن کي پريان کان گهوڙن جي سنبن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هن جي گهوڙي ڪنهن اڻ ڏٺل خطري کي محسوس ڪري هڻڪار ڪئي. سارنگ وٺي ڊوڙ پاتي. ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهيو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندو رات جي اونداهين ۾ گم ٿي ويو. + + + +اوچتو سنڌ ۾ آزاديءَ جي باه ڀڙڪي پئي ۽ ساري سنڌ ان باه جي ڀاڪر ۾ اچي وئي. جانفروشن جو هڪڙو جٿو ساماڻو هو جنهن ڳولي ڳولي ٿي انگريزن کي ڪٺو. ان ٽولي جو اڳواڻ هڪڙو وڏو عالم هو. وڏو شعله بيان مقرر هو. ڪڻڪائون رنگ، ڀنڀي ڏاڙهي، ويڪرا پٺا، چيتي جهڙي چيلهه ۽ اکين ۾ اُلا. ساري بت تي ڪفن ويڙهيل هيس. منهن تي ڪفن جو جهنڊ ڪري، سرڪش گهوڙي تي چڙهي، سنڌ جي ٿرن ۽ برن، پهاڙن ۽ ماٿرين ۾ ٿي گهميو. اوچتو ئي اوچتو مدرسن ۾ اچي خطابين کي خطاب ٿي ڪيائين. جمعي نماز تي مسجد ۾ نروار ٿي، منبر تي بيهي اهڙو ته خطبو ٿي ڏنائين جو نمازين جا ٽولا ۽ خطابين جا جٿا هن سان ملي ٿي ويا. عالمن ڏانهن خط ٿي لکيائين. سندس لکڻيءَ ۾ اهڙو جادو هو جو جنهن به عالم هن جو خط ٿي پڙهيو، سو سندس داعي ٿي ٿي پيو. هن جي سڀني ساٿين کي ڪفن ويڙهيل هئا. سڀني جي منهن تي ڪفن جا جهنڊ هئا. سڀئي سرڪش گهوڙن تي سوار هئا. هنن جي ٽولي جو نالو ئي ڪفن پوشن جو ٽولو هو. راتاها هنيائون، انگريزن جي فوجي ڇانوڻين کي باهيون ڏنائون، فوجي ڪٽڪ ڪٺائون، انگريزي فوجن کي پهاڙي لنگهن ۾ ڦاسائي ڀڳڙن وانگر ڀڳائون. انگريزن جي ايوانن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. اخبارن ڪاڳر ڪارا ڪيا. انگلينڊ جي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيا. وڏي فوج بمبئيءَ مان سنڌ پهتي. انگريزن جي زرخريد جاگيردارن تي زور بار پيا. جان جيڪب ماڪڙ جيڏي فوج وٺي سنڌ ۾ ڪاهي پيو. مقابلا ٿيا، پنهنجن مخبريون ڪيون ۽ ڪفن پوش سنڌ تي ساه ڏيندا شهيد ٿيندا ويا. سنڌ جي ڌرتي پنهنجي ئي ٻچڙن جي رت سان ريججي وئي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن ڪفن پوش جو اڳواڻ جهلجي پيو!گرجائن جا گهنڊ وڳا، پادرين ۽ راهبائين مصلوب يسوع مسيح جي اڳيان ڪنڌ جهڪايا. جام ڇلڪيا ۽ سمهيل سازن ساه کنيان. ڪفن پوشن کي گرفتار ڪري. + +ڪراچيءَ آندائون ۽کيس فلپ جي سامهون آڻي بيهاريائون. فلپ ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو. سامهون سارنگ بيٺو هو. ساڳيو ڪڻڪائون رنگ، ڀنڀي ڏاڙهي، ويڪرا پٺا، چيتي جهڙي چيلهه ۽ اکين ۾ اُلا. انهن اُلن جو اهاءُ هن سارنگ جي اکين ۾ ان وقت به ڏٺو هو، جڏهن هو پهريون دفعو هن سان مليو هو. اهي اُلا هن ٻروچ سردارن جي اکين ۾ به ڏٺا هئا. جن کي هن ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني هئي. اهي اُلا شيلي جي شاعري هئا. روسيو ۽ والٽيئر جا خواب هئا. فرانس جي انقلاب جو عڪس هئا ۽ انسان جي آزاديءَ جا اُمنگ هئا! ڪير آهي جيڪو انهن اُلن کي وسائي سگهي ۽ ڌرتيءَ تان روشنيءَ کي ختم ڪري سگهي.... سارنگ جي چپن تي مرڪ هئي ۽ هو فلپ جي اکين ۾ اکيون وجهي هن ڏانهن نهاري رهيو هو. ٻئي هڪ ٻئي جا دوست هئا. ٻنهي گڏجي سنڌيءَ جي صورتخطي ٺاهي هئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا هئائون. پر اڄ هڪڙو ڏوهاري هو ۽ هڪڙو منصف، پر ڪير ڏوهاري آهي ۽ ڪير منصف، تنهنجو فيصلو ڪير ڪري. ڪير ڪنهن وٽ فريادي ٿئي ۽ ڪنهن کان منصفي گهري. ٻنهي جي اکين ۾ سوال هئا ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي، هڪ ٻئي کان، تاريخ کان ۽ زماني جي ضمير کان سوال پڇي رهيا هئا ۽ سندن سوالن جي جواب ۾ پريان سمنڊ گجي رهيو هو. آسمان ۾ پکي اُڏامي رهيا هئا ۽ افق وٽ شفق جي رت ورني ڳاڙهاڻ پيٽجي وئي هئي. + +بمبئيءَ مان جج آيا. فلپ ۽ ججن گڏجي سارنگ تي ڪيس هلايو ۽ کيس موت جي سزا ڏنائون. فلپ پنهنجي هٿن سان سارنگ جي موت جي پرواني تي صحيح وڌي. انهن هٿن سان جن هٿن سان هن مارگريٽ جي وارن جي منجهيل چڳ کي سنواريو هو. جن هٿن سان هن سنڌي جي صورتخطي ٺاهي هئي. جن هٿن سان هن مياڻيءَ ۾ وهايل بيگناه سنڌين جي رت جي داغن کي ڌوئڻ ٿي چاهيو. جن هٿن سان هن گيت ۽ بيت لکيا هئا. اسڪول، اسپتالون ۽ بندرگاه به ته گيت ۽ بيت آهن. انهن ساڳين هٿن سان هن سارنگ جي موت جي پرواني تي صحيح پاتي..... +سارنگ کي شهر کان ٻاهر ميدان ۾ وٺي آيا. کيس چؤکنڀو ڪري توپ سان ٻڌائون. توپ جو ٺڪاءُ ٿيو. سارنگ جون ٻوٽيون ۽ هڏا هوا ۾ اُڏامندا، بولاٽيون کائيندا، سنڌ جي ڌرتي جي سيني تي ڪريا. توپ جو آواز ٻڌي فلپ ڪنن تي هٿ رکي ڇڏيا ۽ دور رتن تلاءَ کان ٿورو پرڀرو هڪڙي گهر جي اڱڻ ۾ هڪڙي هندو ڇوڪريءَ؛ جيڪا هينئر هڪڙي ٻار جي ماءُ ٿي وئي هئي، توپ جو آواز ٻڌي ڇرڪي کڻي پنهنجي ٻار کي سيني سان لاتو ۽ ٻارڙو ڊڄي روئڻ لڳو. + + +ريل اسٽيشن تي بيٺي ته گاڏي ۾ گوڙ مچي ويو. ڪن مسافرن سامان ٿي سهيڙيو، ڪن ٻار ٿي سنڀاليا ته ڪن و��ي ڪولين کي ٿي سڏ ڪيا. هر ڪنهن کي لهڻ جي تڪڙ هئي. جن مسافرن وٽ هلڪو سامان هو، سي اڳ ۾ ئي گاڏيءَ جي در وٽ اچي بيٺا هئا..... سارنگ به پنهنجو سامان سنڀاليو ۽ گاڏيءَ جي در وٽ بيٺل ماڻهن جي پٺيان اچي بيٺو. مسافر هڪ ٻئي کي ڇڙٻيون ڏيندا، ڌڪيندا، لتاڙيندا، اوراگهيندا هيٺ لٿا. سارنگ به ڌڪجندو، چيڀاٽبو هيٺ لٿو. پليٽ فارم تي رش لڳي پيئي هئي. سارنگ کي ٻه چار ڌڪا لڳا، هڪڙي مسافر جو بسترو سندس ڄنگهن ۾ وچڙيو ۽ هو ڪرندي ڪرندي بچيو. هڪڙي مسافر جي گوڏي ۾ سندس پيتيءَ جي ڪنڊ لڳي ۽ هو کيس گار ڏيندي ڏيندي ماٺ ٿي ويو. سارنگ پليٽ فارم تي پيل سامان تان ٿاٻڙندو، ماڻهن جي ڪلها گس کان پاڻ بچائيندو، پيهه کان ٻاهر نڪري آيو. سامهون چانهن جا ٻه اسٽال هئا. هڪڙو هندو چانهن جو اسٽال هو ۽ ٻيو مسلمان چانهن جو. اسٽيشن تي هندن ۽ مسلمانن لاءِ هر شيءِ الڳ هئي. هندو پاڻي، مسلمان پاڻي، هندو ماني، مسلمان ماني! ڊگهي مسافريءَ ۽ اڻپوريءَ ننڊ جي ڪري هن کي ٿَڪُ ٿي محسوس ٿيو.ٿَڪُ لاهڻ لاءِ چانهن پيئڻ جو ارادو ڪيائين. مسلمان چانهن جي اسٽال وٽ سامان هيٺ رکي هن چانهن جو آرڊر ڏنو ۽ سامهون اسٽال ۾ لڳل ميري ۽ ڀڳل آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسڻ لڳو. وڌيل ڏاڙهي، ڌوڙ ۾ لٽيل منهن، وکريل ۽ منجهيل وار، ميرا ڪپڙا، جهڙو ڀوت! آئيني جي ڀرسان چانهن جو اشتهار لڳل هو. هڪڙو ماڻهو تُرڪي ٽوپي، شيرواني ۽ چوڙيدار پائجامو پائي، گرم گرم چانهن جو ڪوپ هٿ ۾ جهلي، بالم بڻيو ويٺو هو. سندس چهري تي چانهن جهڙي گرما گرم ۽ تازگي ڏيندڙ اشتهاري مرڪ هئي. هن جي ڀَرُ ۾ چانهن جا فائدا لکيل هئا. چانهن مان هڪڙو فائدو اهو هو، ته ان مان ڪو نقصان نه هو. +چانهن جو اهو فائدو پڙهي هو مُرڪي ويٺو. ايتري ۾ اسٽال واري، پيشه ورانه ڦڙتيءَ سان چانهن جو ڪوپ آڻي هن جي اڳيان رکيو. هن گرم گرم چانهن جو ڍڪ ڀري سگريٽ دکايو. چانهن جي گرم گرم ڍڪ، سگريٽ جي ڪش ۽ ڪراچيءَ جي گهميل ۽ خشڪ سامونڊي هوائن جي ڇهاءُ سان هن کي تراوت محسوس ٿي. هن ڪنڌ ڦيري ريل ڏانهن ڏٺو، ريل وٽ اڃان مسافرن جو گوڙ لڳڪو پيو هو. ڪي ڀاڪر پائي مليا ته ڪي پنهنجو پاڻ کان بيزار هئا ۽ هروڀرو ڪولين کي ڇڙٻون ٿي ڏنائون. ڪي بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جي ڏوه ۾ جهليا هئا، ته ڪي وري ٽڪيٽ کان وڌيڪ سامان کڻڻ جي ڏوه جي تلافيءَ لاءِ ٽيٽين سان ’حساب ڪتاب‘ ڪري رهيا هئا. پريان هڪڙو گارڊ ٿي آيو، ڪارو ڪارو جهڙي انجڻ! اڇي ڊريس، اڇو ٽوپلو، ڊيل وانگر ٿي ٽليو ۽ چمنيءَ وانگر ٿي دونهون اوڳاڇيائين. گهورڙين جا هوڪا، پينن جون صدائون، ماڻهن جو چوٻول،هر طرف آواز ئي آواز هئا. سارنگ سوچيو: ريلوي اسٽيشن به زندگيءَ جو عجيب استعارو آهي، ريلون اچن ٿيون، وڃن ٿيون. مسافر لهن ٿا، چڙهن ٿا، ڪي ملي ٿا وڇڙن ته ڪي وڇڙي ٿا ملن، ڪن کي نه ڪو آڌرڀاءُ ڪرڻ وارو آهي ۽ نه الوداع چوڻ وارو، ٿوريءَ دير لاءِ ريل بيهي ٿي ۽ هر طرف آواز ئي آواز، چوٻول، هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان، پوءِ سنگل ملي ٿو، ريل وڃي ٿي ۽ هر طرف چپ چپات ۽ ماٺ ڇانئجي ٿي وڃي! + +هڪڙي ايئر ڪنڊيشن گاڏي مان هڪڙو انگريز صاحب بهادر پنهنجي پوڙهي ميم صاحب ۽ جواڻ جماڻ ڌيءَ سان لٿو هو. سندس آڌر ڀاءُ لاءِ آيل ماڻهن جو ميڙاڪو هو. سڀئي دست بسته اشاري جا منتظر بيٺا هئا. نوڪرن گاڏي مان سامان ٿي لاٿو. پوڙهي منڊم ڪتي کي ڪڇ ۾ جهلي، پيار ڪري رهي هئي ۽ سندس ڌيءَ ڪئميره اک تي رکي فوٽا ڪڍي رهي هئي سامهون هڪڙو ٻهراڙيءَ جو سنڌي جوان ٿي آيو. شهتير جهڙو قد، لوهي لڱ، شڪارپور جو ڀرت تي ڀريل ململ جو ڪڙتو، جنهن مان سندس لڱن ليئا ٿ�� پاتا، ريشمي اڳٺ، ويڪري ۽ وڏن پائنچي واري شلوار، چيچاٽن سان سيم جي جتي، هٿ ۾ سيم جي مُٺئي وارو بيد جو لڪڻ، ڪنهن تي فلڪ، ئي ڪا نه ٿي وڌائين. انگريز ڇوڪريءَ ڪئميره اک تي رکي ۽ يڪدم بٽڻ دٻائي سندس فوٽو ڪڍيائين. همراه ڪنڌ ڦيري ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريو، مُڇن تي هٿ ڦيريائين ۽ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو. + +پاسي کان هڪڙو ملنگ ٿي آيو، مٿو ڪوڙيل پر وارن جي چڳ ڇڏيل. ڳچيءَ ۾ ڪوڏين ۽ مڻن جون مالهاؤن ۽ قلندر جا ڳانا، ڪاري الفي پاتل، هٿن جي ڪراين ۽ پيرن جي مُرن ۾ لوهي ڪڙا، هڪ هٿ ۾ ڪشتو ۽ ٻئي ۾ قلندري ڏنڊو، جنهن جي مٺئي وٽ گهنگهرو ٻڌل هئا. هلڻ مهل هن جي پير جي ڪڙن ۽ ڏنڊي جي گهنگرن هڪ ئي تال سان ڇمڪو ٿي ڪيو. چرس ۾ اکيون اهڙيون ڳاڙهيون جهڙا ٽانڊا! اکيون کڻي انگريز ڇوڪريءَ ڏانهن نهاريائين (ڇوري ته نه هئي ڄن سلفيءَ جو سوٽو هئي!) هن جي اگهاڙين ۽ جرڪندڙ ٽنگن ڏانهن نهاريائين ۽ جسم جي سموري قوت سان نعرو هنيائين، ”ڀيڄ قلندر......!“ سندس اکيون هن جيئري جاڳندي سلفيءَ جي سوٽي ۾ ٻوٽجي ويون. انگريز ڇوڪريءَ ڪئميره اک تي رکي ۽ هن جو فوٽو ڪڍيائين. سارنگ يڪدم منهن ڦيري ڇڏيو ۽ چانهن جا تکا تکا چڪ ڀرڻ لڳو. چانهن جو ڪوپ خالي ڪري هن پئسا ڏنا ۽ سامان کڻائي ٻاهر چوچاڪي بگيءَ ۾ اچي ويٺو ۽ هڪڙي معمولي هوٽل ۾ اچي رهيو. ڏاڙهي لاهي، وهنجي سهنجي، ڪپڙا بدلائي پلنگ تي ليٽيو ۽ سگريٽ دکائي، سگريٽ جا هلڪا هلڪا سوٽا هڻڻ لڳو. + + +سارنگ ڪراچيءَ پڙهڻ لاءِ آيو هو. شڪارپور کان خانپور ويندڙ رستي جي ساڄي طرف، سائن سائن ٻنين جي وچ ۾ هن جو ننڍڙو ڳوٺ هو. ڳوٺ ۾ ڪنهن به وڏيري جي حويلي نه هئي، پر هارين نارين، ڪمين ڪاسبين جا هيڻا، نماڻا گهرڙا هئا. انهن گهرڙن جي وچ ۾ هڪڙي پَڪَ سري مسيت هئي، جيڪا ڳوٺاڻن چندو ڪري ٺهرائي هئي. مسيت ۾ ڀاڳ ناڙيءَ جو هڪڙو نوجوان مولوي اچي رهيو هو. شڪل جو موچارو ۽ ڏاڍونيڪ ماڻهو هو. ڳاڙهاڻ گاڏڙ اڇو رنگ، ڪاري ڪاري ڏارهي، ٻٽؤان وار. سڌي سينڌ، سارو ڏينهن قرآن جو دؤر ڪندو، نفل پڙهندو ۽ مسيت کي ٻهاري ڏيندو هو. آواز ۾ ڏاڍو سوز هيس. ٻانگ ڏيندو ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ سندس آواز مان درد جا گونچ پيا ڦٽن، دل کي عجيب روحاني غم وڪوڙي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن، اڪيلو ئي اڪيلو واهيءَ جي ڪپر تي، نم جي ڇانوَ هيٺان اچي ويهندو ۽ دور دور پيو نهاريندو، جتي نيڻ نهار تائين ساوڪ ئي ساوڪ هئي، جنهن تان نظرون ترڪنديون، افق کي ڇهنديون، جتي آسمان پنهنجي بلندين تان جهڪي ڌرتيءَ جي پيشاني چمندو نظر ايندو. ميرانجهي سانجهيءَ جي لڱن کي شفق جي ميندي لڳندي، ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج ڪرڪندي، آکيري جي تلاش ۾ ڪو پکي اُڏامندو ۽ پريان شڪارپور کان ريل جي سيٽي ڪنهن وڇڙيل منزل جي صدا بڻجي گونجندي، هو ڪن تي هٿ رکندو ۽ جهيڻي آواز ۾ گيت جهونگاريندو: + +ناڙي نه ڄلسون، ناڙي ڏاڍيان دا ڏيہ اي. + +الائجي ناڙيءَ هن سان ڪهڙيون ڏاڍايون ڪيون هيون جيڪي درد جا گونچ بڻجي سندس آواز مان ڦٽي پونديون هيون. پکي آکيرن ۾ موٽندا ۽ شفق جا رنگ جهڪا ٿيندا ته هو ساڳي درديلي آواز سان ٻانگ ڏيندو. ٻانگ جي ٻولن مان به سندس گيت وارا درد جا پڙلاءَ پيا ايندا. + +هن ڳوٺ ۾ به سنڌ جي ٻين ڳوٺن جهڙا عام ڳوٺاڻا رهندا هئا. بکيا، ڏکيا، هيڻا، هيسيل ۽ صدين جا ستايل! پر جيڪي پوءِ به ڪافيون ڳائيندا آهن ۽ جهومريون وجهي جيئندا آهن. +هڪڙو ڪاڪو موجو خان هو. اڇو، ڳاڙهو، دُن تائين ڊگهي ڏاڙهي، مٿو ڪوڙيل، پيٽ آڦريل ساري بت تي وار، لک اُگهاڙا، کڙڪيدار اچي ڪمرڪ جي گوڏ، پيرن ۾ گيتلو، هٿ ۾ ڊگه�� لٺ جنهن تي لوهي پٽ چڙهيل هوندا. اصل پٺاڻ هو، پر سنڌ جي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويو هو. فجر جي نماز پڙهي، پيرين پنڌ، لٺ کڙڪائيندو شڪارپور روانو ٿيندو ۽ ڪورٽ کلڻ کان اڳ ڪورٽ جو در اچي جهليندو، ڪنهن ڪيس ۾ ڪنهن کي شاهديءَ جي ضرورت پوندي ته جهٽ ڪوڙي شاهدي ڏيندو، وڪيل منجهائڻ جي ڪندس ته وڪيل کي منجهائي وجهندو. پوليس جي ڪوڙن مشير نامن تي آڱوٺا هڻندو ۽ پنهنجو روز ڪمائي، لٺ کڙڪائيندو ڳوٺ روانو ٿي ويندو. + +لڌو خان به پٺاڻ هو. بگي وهائيندو هو. سندس بگيءَ جي ساري شڪارپور ۾ هاڪ هئي. مُشڪي گهوڙو، چانديءَ جي تارن سان مڙهيل سنجَ، گلٽي بگي، ٽنور ۽ ريشمي رومال ٻڌل غمچينان (چهبڪ) بگيءَ تي ويهي رينان جهلي گهنٽي وڄائيندو ته جهڙو لک ڪهاڙيءَ جو سردار! مڙس ڪرڙو ۽ ڦڏئي هو. پاسينگرن سان وڙهندي ويرم نه ڪندو. اهڙي تهڙي کي ته بگيءَ ۾ چڙهڻ ئي نه ڏيندو. جيڪو ڀاڙو ٻولائيندس تنهن سان نه هلندو. جي زور ڀريندس ته چوندو، ”هل. هل. ڀيڻيان تو جهڙا ته منهنجي گهوڙي کي کرکرا هڻندا آهن.“ هڪ يا ٻه سواريون اهڙيون ملي ويندس جو ساري ڏينهن جو خرچ نڪري ايندس. پوءِ وچ لکي در تي بگي آڻي بيهاريندو، دوستن يارن سان لمليٽ پيئندو، ڊاڙون هڻندو، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو ۽ رکي رکي گهوڙي کي ٺاپي هڻندو. + +ڳوٺ ۾ ٻه واڻڪا هٽ هئا. هڪ لکي جو هو ۽ ٻيو پريمي جو. ٻئي شڪارپور ۾ رهندا هئا ۽ صبح جو سوير، ٺڪري شنان ڪري، شيون شگليون وٺي، گڏهن تي چڙهي، ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيندا. گهران گيهه ۾ تريل ڦلڪن جو کارو ڀرائي گڏه تي اڳيان رکندا، ساري واٽ ڪچهري به ڪندا ويندا ۽ رستي تي ڪتن ڏانهن ڦلڪا به اڇلائيندا ويندا. ٻئي نانڪ پنٿي هئا، پر درازن جي اهڙي دز چڙهي وئي هين جو سچل جي رسالي جو گرنٿ وانگر پاٺ ڪندا هئا. ظاهري طرح ته ٻئي هٽ واڻيان هئا ۽ ٻارن جون شيون شگليون وڪڻي گذران ڪندا هئا. پر اصل ۾ ٻئي ڳوٺ جي ’اسٽيٽ بئنڪ‘ هئا. ڳوٺاڻن کي پئسي ڏوڪڙ جي ضرورت پوندي ته هنن وٽ ايندا. پهرين ته هو ناهڪار ڪندا، گهڻي منٿ ميڙ کان پوءِ قرض ڏيڻ لاءِ راضي ٿيندا، زمين يا زيور گروي رکندا ۽ وياج اهڙو ڳاٽي ڀڳو وٺندا،جو قرضي ساري عمروياج ۾ ڳهي ڳهي مري وڃي. + +سارنگ جو پيءُ سانوڻ ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. پنهنجو ٻني ٻارو به هيس ۽ ڄيٺامل جي راهڪي به ڪندو هو. ڪنهن زماني ۾ هن جا وڏا پاڻ زميندار هئا. پر پوءِ وقت جي جانڊه اهڙو ته پيڙهي ڇڏين جو سانوڻ هڪڙي ڀلاوڻي ڄيٺا مل جي راهڪي ڪرڻ لڳو. هو هيو ته راهڪ پر ڏيک زميندارن واري ڏيندو هو. چڱي ڀلي ۾ ته اک ئي نه ٻڏندي هيس. سيٺ ڄيٺا مل به کانئس ڪؤ کائيندو هو. سارنگ ڄائو ته هن سوچيو ته ڪيئن به ڪري پٽ کي پڙهائيندس، کيس تپيدار يا صوبيدار بڻائيندس. پئسا گڏ ڪري وڏڙن جون ٻنيون موٽائيندس. وري اهي زمينداراڻا شانَ ۽ مانَ هوندا. ڄيٺا مل جهڙا ڀلاوڻا زميندار سندس گهوڙي جي واڳ جهليندا. سارنگ جو مامون احمد خان شڪارپور ۾ انگريزي ماستر هو. سارنگ پڙهڻ جهڙو ٿيو، ته سانوڻ سندس ٻانهن مامي جي هٿ ۾ ڏني چيائين: پٽ ڇڏي ٿو وڃانءِ، تيستائين وٺڻ نه ايندو مانس، جيستائين صوبيدار يا تپيدار نه ڪندينس. +سارنگ کي اهو ڏينهن چٽيءَ طرح ياد هو، جڏهن پڻس کيس شڪارپور وٺي ويو هو. پڻس کيس وهنجاري سهنجاري، تيل ڦليل ڪري، اکين ۾ سرمو وجهي، بوسڪيءَ جي قميص ۽ راڻيءَ ڇاپ ڪمرڪ جي شلوار ۽ چيچاٽن وارو انگريزي بوٽ پارايو هو ۽ سندس ڪپڙن جي ڳنڍ ٻڌي ڏاند ڍڪايا هئا ۽ بيل گاڏيءَ تي هو شڪارپور روانا ٿيا هئا. خانپور وارو رستو ٽپي جڏهن هو ريلوي ڦاٽڪ وٽ پهتا ته ڦاٽڪ بند هو ۽ پوءِ ريل زوزاٽ ڪندي لنگهي. ريل کي ڏسي، پهرين ته هو هيسجي ويو، پوءِ حيران ٿيو ۽ پوءِ ڏاڍو خوش ٿيو. سوچيائين ته وڏو ٿي سدائين ريل ۾ سفر ڪندس. +ريلوائي ڦاٽڪ ٽپي اڳڀرو ٿيا ته ڪوئيٽا ويندڙ شاهي روڊ جي ساڄي طرف ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن جي دروازن وٽ سهڻيون شهزاديون زائفون، هار سينگار ڪري، ڪرسين تي ويٺيون، وڃڻا هڻي رهيون هيون. طبلي، سارنگي ۽ گهنگهرن جا آواز ٿي آيا. ماڻهن جا ميڙاڪا هئا. ريشمي گوڏيون، ململ جا چولا جن جا ٻيڙا کليل، ڪرائين ۾ رابيل جون ڪنديون ۽ ريشمي رومال ويڙهيل. هٿن ۾ وڃڻا جن تي ٽنؤر لڳل. هڪڙي زائفان ۽ مڙد پاڻ ۾ ڳالهايو، پوءِ زائفان ڪرسيءَ تان اُٿي ڪوٺيءَ ۾ وئي. مڙد به سندس پٺيان پٺيان ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ زائفان در بند ڪري ڇڏيو. هن پيءُ کان پڇيو. +”بابا، هي ڪير آهن.“ +”تنهنجوڇا وڃي ڇورا.ڀيڻيان،هر ڳالهه ۾ ٽُبڪيو پيو آن.“ +پڻس کيس ڪاوڙ ۾ ڇڙٻ ڏني. پيءُ هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ وس ويندي مٿس ڪاوڙ نه ڪندو هو. پر ان ڏينهن الائي ڇو پڻس هروڀرو کيس ڇڙٻ ڏني. پوءِ جڏهن هو وڏو ٿيو ۽ کيس خبر پئي ته اُهي زائفون ڪير آهن، تڏهن کيس پيءُ جي ڇڙٻ جو سبب سمجهه ۾ آيو. +ڪوئيٽا روڊ جي کاٻي پاسي قافلو قلعو هو جيڪو هينئر ويران هو. قلعي جون وڏيون وڏيون ڀتيون ڏسي هن سوچيو ته اهو پڪ ان راڪاس جو گهر هوندو، جنهن جا ناني اميدان هن کي قصا ٻڌائيندي هئي ۽ جيڪو هڪڙي شهزاديءَ کي کڻي ويو هو. پڪ اُها شهزادي ان ڪوٽ ۾ قيد هوندي. هن پيءُ کان پڇيو. +”ابا. هي گهر ڪنهن جو آ.“ +”ابا. هي گهر نه، قافلو قلعو آ.“ +”قافلو قلعو ڇا ٿيندو آ؟“ +”ڪنهن زماني ۾ قنڌار کان قافلا اچي هتي ڊاٻو ڪندا هيا. ان ڪري هن کي قافلو قلعو سڏبو آ.“ +قافلي قلعي کان اڳڀرو انبن ۽ کجين جا واڻڪا باغ هئا. پرڀرو هڪڙو ڦٽل انڌو کوه هو. ڊٺل مڙهي هئي. مڙهيءَ جي ڀرسان تلاءُ هو، جنهن جي ڀرسان گهاٽن وڻن جا جهڳٽا هئا. پاسي کان پٺاڻن جو ڳوٺ هو. سُڪ پل ٽپي، جڏهن هاٿي در وٽ پهتا، ته هن پيءُ کان پڇيو: +”بابا، هتي هاٿي ڪاٿي آهن؟“ +پڻس ٿڌو ساه کڻي چيو، ”ابا، هاٿين وارا زمانا ئي گذري ويا. ڪنهن زماني ۾ شڪارپور شهر جي چوڌاري وڏو ڪوٽ هو، جنهن کي اٺ دروازا ۽ هڪ دري هئي. هاٿي در وٽ، داؤد پوٽن شهزادن ۽ پٺاڻ سردارن جا هاٿي جهوليندا هئا.“ + +هاٿيءَ در وٽ مامي جو پراڻو ۽ حويليءَ نما گهر هو. وڏو اڱڻ، اڱڻ ۾ نِمُ جو گهاٽو وڻ، جنهن جي ڇانوَ ۾ گهڙاونجيءَ تي دِلا رکيل هئا. دلن جي مٿان ٺڪر جا کُمرا، نِم جي ڇانوَ ۾ اهڙا ٺرندا، جهڙا ڳڙا. +سارنگ مامي ۽ ماميءَ کي پيرين پئي مليو. مامي جي ننڍڙي ڌيءَ سڪينه ڳاڙهي، ڳٽولي، ڀورا ۽ جهنڊولا وار، تارا ٽمڪائي ٽمڪائي هن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ ڊوڙ پائي ٻاهر وئي، پاڙي جا سمورا ٻار وٺي آئي ۽ سڀني کي پنهنجو پڦاٽ ڏيکارڻ لڳي. پوءِ گُڏيون کڻي آئي. رانديڪا کڻي آئي. چوئٿ واڻئي کان لوڻيون ۽ وڻ پڪيون کارڪان وٺي آڻي هن کي کارايائين. کيڏندي کيڏندي الائجي ڪهڙيءَ ڳالهه تان ڪاوڙي، جهٽ هڻي هن کان گڏيون ۽ رانديڪا کسيائين، نرڙ ۾ سونڊ وجهي چوڻ لڳي: +” ماکي مونجون کارڪان موٽائي ڏي.“ سارنگ هڪو ٻڪو ٿي ويو. +چيائينس: ” ڀائي اچي ته کارڪان وٺي ٿو ڏيانءِ. پر هوءَ ضد ڪري بيٺي ته: +”ماکي اهي کارڪان ڏي، جيڪي مونجون کاڌيون ٿي.“ +پوءِ روئڻ لڳي. مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳي، پڻس تڙي ڏنس، ته يڪدم ماٺ ٿي وئي. ٽپ ڏيئي پٽ تان اُٿي ۽ هن ڏانهن ڪرڙين اکين سان نهاريندي ماءُ جي هنج ۾ وڃي ستي ۽ سڏڪندي سڏڪندي سمهي رهي. + +مامو ماٺيڻو ۽ رعبدار هو. ڊگهو قد، سنهون بت. وڏيون پر تراشيل مڇون. اکين تي عينڪ، ننڍ پائنچي شلوار. گوڏن تائين ڊگهي قميص. اونهاري جي گرمين ۾ به زين جو ڪوٽ پائيندو. مٿي تي ترڪي ٽوپي، پيرن ۾ پمپي، هٿ ۾ لڪڻ. گهر ۾ گهڙندو ته جيڪو جاتي سو تاتي. ڪنهن سان نه ڳالهائيندو. ماٺ ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هليو ويندو. مامي ماني آڻي اڳيان رکندس، ماٺ ڪري کائيندو ۽ مامي جهلي ڇڪندي. رکي رکي کنگهڪار ڪندو، ته اڱڻ ۾ نم جي ڇانوَ ۾ کيڏندڙ ٻار به ماٺ ٿي ويندا. جيستائين گهر ۾ هوندو، مامي ماٺ هوندي. هوڏانهن مامون در مان پير ٻاهر ڪڍندو ۽ هيڏانهن ماميءَ جي زبان چالو ٿيندي، زبان ائين هلندس جهڙِ قئنچي. سڪينه ۾ ساهه هيس، صدقو صدقو پئي ويندس، پر سارنگ سان ڪانه پيس. سارو ڏينهن ڇڙٻون ڏيندس. هڪڙي ڏينهن ته چماٽ به وهائي ڪڍيائينس. ان ڏينهن هو ڏاڍو رنو ۽ پهريون دفعو کيس پنهنجي ماءُ ياد پئي، پيءُ ياد پيو، ڳوٺ جي ناني اُميدان، لڌو، عيدن، احمد، لکو ۽ پريمو ياد پيا. اهي سڀ ڌاريا هئا، پر هن کي ڪيترو نه ڀائيندا هئا، مامي پنهنجي هئي پوءِ به هن سان وڙهندي هئي. سوچيائين: بابو ايندو ته دانهن ڏيندومانس. بابو ماميءَ کي مار ڏيندو ۽ مون کي ڳوٺ وٺي هلندو. پڻس هڪ نه ٻئي ڏينهن شڪارپور ايندو هو. مامي ماميءَ لاءِ انَ جون ڳوڻيون، گيهه جا چاڏا، ڀاڄي يا ميوي جي وَٽ آڻيندو. سڪينه ۽ سارنگ لاءِ ٽول ۽ رانديڪا آڻيندو شام جو ٻنهي کي گهمائڻ لاءِ لکي در وٺي ويندو. قلفيون ۽ فالودو کارائيندو،لمليٽ پياريندو، لڌي جي بگيءَ ۾ شاهي باغ گهمائيندو.رابيل جون ڪنڍيون ۽ تيجل واڻئي جا مٺا پان وٺي ڏيندو. ٺوڙها رپيا خرچي ڏيندو. پڻس جي اڳيان مامي هن تان گهور گهور پئي ويندي. پڻس گهران نڪرندو ته بُلٽ ئي ڦري ويندس. پوءِ ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه!ٻئي ڏينهن پڻس آيو، ته مامي جي مار ئي وسري ويس. ٽول۽ رانديڪا کڻي سڪينه سان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو. + +سانجهي ٿيندي، ڏيئو ٻرندو، پاڙي جا ٻار اڃان رانديون رونديون پيا ڪندا، پر سارنگ ۽ سڪينه ڪتاب کڻي پڙهڻ ويهندا. مامون چڪر چاڙي هڻي موٽندو ۽ هنن کي پڙهائڻ ويهندو. مامي جي محنت ۽ ڪوشش سان هو ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو ويو. سڪينه ته چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي ۽ قرآن پڄائي سَتُر ۾ ويٺي، پر سارنگ پڙهندو رهيو. فرسٽ ڊويزن ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. پڻس دستگير جي ديڳ چاڙهي. الف شاه شهيد تي ريشمي پڙ وڌائين، شهر جا سڀئي دهلاري ۽ باجائي گهرائي، پٽ کي موڙ ٻڌي، گهوڙي تي چاڙهي، پٽ جي سرگس ڪڍيائين. ڳوٺان ڪاڪو لڌو، عيدن، احمد، ڪاڪو موجو خان، پريمو، لکو سڀ اچي گڏ ٿيا. ڪن سندس گهوڙي جي واڳ جهلي، ته ڪي وري اڳيان اڳيان جهومريون وجهندا، ڳائيندا هليا. هن کي ان راڳ جا ٻول اڄ به ياد هئا: +جا وڃان بازار ۾ ته پيهڻ واريون پنج، +الا پيهڻ واريون پنج. +هڪ ته منهنجي سارنگ جي باقي ٻين کي بازو بند، +الا ٻين کي بازو بند. +اها لائي توڙ نڀائين، او دم ديدان دي آشنائي، +او دم ديدان دي آشنائي. +پوءِ سڀني ڦيري پائي، هڪ ئي تال تي هٿ هوا ۾ لهرائي تال ڏنو. +هي هو هي، او هي هو. هي هو هي، او هي هو. +سڀئي مٿس گهور گهور ٿي ٿيا. پائلين، ٻي آنن ۽ آنڪين جون مٺيون ڀري ٿي مٿان گهوريائونس. +پير وٽان ٿي، سر گس گهمائيندا هو گهر ڏانهن موٽي آيا. هو مامي ۽ ماميءَ سان پيرين پئي مليو. مامي جون اکيون لڙڪن ۾ آليون ٿي آيون. مامون ٻاهران ڪهڙو سخت هو، پر اندران ڪيڏو ڪُئنرو هو. ماميءَ جا پير ڇهيائين ته ماميءَ ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتس. ماميءَ جا ڏنل سڀ ڏک وسري ويس ۽ ماميءَ کي ائين ڳراٽڙي پاتائين، ڄڻ وڇڙيل ماءُ سان ملي رهيو هجي. سڪينه شاغل ٿ��، ساهيڙن جي سٿ ۾، دهلڙي گوڏي هيٺان رکي، سهرا ڳائي رهي هئي: +اکيون ادل جون ٻرن مشالان. + + + +سارنگ کي ننڍپڻ کان ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. ممتاز دمساز، امير حمزو، الف ليليٰ، پوڪر داس جا ڇپايل جاسوسي ۽ ٻيا قصا ڪهاڻيون پڙهندو هو ۽ پڙهي پڙهي دلئون پنهنجا قصا ڪهاڻيون گهڙي سڪينه کي ٻڌائيندو هو. آهستي آهستي هن سٺا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا ۽ ڪهاڻيون به لکڻ لڳو. پهرين بادشاهن ۽ شهزادن جون ڪهاڻيون لکيائين، پوءِ جاسوسي ۽ پوءِ روماني ڪهاڻيون لکڻ لڳو. مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، ته موهن سان ملاقات ٿيس. موهن جو پيءُ مختيارڪار هو شڪارپور بدلي ٿيس ته پٽ کي شڪارپور جي ڪاليج ۾ داخل ڪرايائين ۽ جلد ئي سارنگ ۽ موهن دوست ٿي ويا. موهن پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. ڪاليج جي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب به پڙهندو هو. شاعر به هو. سارنگ هن کي پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائندو هو ۽ موهن کيس پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو. ٻنهي جو فن اڃان ڪچو ۽ ڦڪو هو پر ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي فن جي باري ۾ ڏاڍيون خوش فهميون هيون. ٻئي گڏجي ڪتاب پڙهندا هئا، بحث ڪندا هئا. شام جو موهن پنهنجي پيءُ جي چؤچاڪي بگي ٻڌرائيندو ۽ ٻئي گهمڻ لاءِ نڪرندا. لکي در کان ٿيندا شاهي باغ جي اوريان وڏو مانڊو هو، جتي هانڊا ٿيندا هئا ۽ آغا صوفيءَ جا ڊراما ’دورنگي دنيا عرف ٽمبڪٽو‘ اسٽيج ٿيندا هئا. شاهي باغ مان ٿي لکي در ايندا، قلفي يا فالودو کائيندا، گيهه جا ڀرڪڻا پڪوڙا، يا گوشت جا ڪنڊا ۽ چاپان وٺي واپس موٽندا. +آهستي آهستي سارنگ موهن جي گهر جو ڀاتي ٿي ويو. موهن جي ماءُ پنهنجو ٻچو سمجهندي هيس. سارنگ کي ڀيڻ ڪانه هئي، سو موهن جي ڀيڻ رجنيءَ کي پنهنجي ڀيڻ سمجهندو هو. موهن جو پيءُ به ڏاڍي سِڪَ ۽ عزت سان پيش ايندو هوس. +انٽر پاس ڪيائون ته موهن جي پيءَ جي ڪراچيءَ بدلي ٿي ۽ موهن شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو. ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن خط لکندا هئا. انهيءَ وچ ۾ سارنگ بنگالي ادب جا ترجما پڙهيا. انگريزي، فرانسي ۽ روسي ادب پڙهيائين. روس جي انقلاب کان اڳ واري ادب ۾ هن کي ڏاڍي پنهنجائي محسوس ٿي. ساڳيا سنڌ وارا ڏاڍي جا ڏهڪاءَ، هيڻي سان هاڃان، روسي ناولن ۽ افسانن جا ڪردار به جهڙا سنڌي. ساڳي احساسن جي شدت، ڏاڍ ۽ ڏنڀ سهڻ جي بي پناه قوت. جذبن جي سادگي، سچائي ۽ ساڳيا جيئڻ لاءِ جتن. چيخوف کان ته ايترو متاثر ٿيو، جو سندس هڪ هڪ ڪهاڻي ڏهه ڏهه دفعا پڙهيائين. هر دفعي هن جي ڪهاڻين ۾ نئون حسن نظر آيس. موهن ۽ هو خطن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. موهن شاعري ڇڏي ڏني هئي ۽ ’ليکڪ‘ مان ڦري ’پاٺڪ‘ ٿيو هو. ٻنهي جا خط علمي ۽ ادبي هوندا هئا. موهن لکيس ته : سنڌيءَ جو هڪڙو نئون شاعر ساماڻو آهي. نالو اٿس ماڻڪ. هن کي پڙهي پنهنجو رايو لکي موڪل. سارنگ ماڻڪ کي پڙهيو، ڏاڍو وڻيس. موهن کي پنهنجو رايو لکي موڪليائين. +دنيا جي ادب جي مطالعي هن جي تخليقي قوت کي اظهار جون نت نيون راهون ڏيکاريون ۽ سندس ڏات کي ڏانءُ بخشيو. نيون نيون ڪهاڻيون لکيائين. لکي لکي ڦاڙيائين. ڪنهن به ڪهاڻيءَ مان مطمئن نٿي ٿيو. هڪڙي ڪهاڻي لکيائين. ٿورو اطمينان ٿيس. ڪنهن رسالي ڏانهن موڪلڻ جو ارادو ڪيائين، پر دل جهلي نه سگهيو. آخر هڪڙي ڏينهن دل جهلي، ڪهاڻي رسالي ڏانهن ڏياري موڪليائين ۽ بي چينيءَ سان رسالي جو انتظار ڪرڻ لڳو. مهيني کان پوءِ رسالو ڇپجي اسٽال تي آيو. ڌڙڪندڙ دل سان رسالو خريد ڪيائين ۽ ورق ورائي فهرست ڏٺائين ته پنهنجي نالي تي نظر پيس. خوشيءَ ۾ ٽڙي پيو، هوا ۾ اڏامڻ لڳو. دل چيس ته رستي تي لنگهندڙ ماڻهن کي بيهاري ��ين ٻڌائي، ته ڏسو هن رسالي ۾ منهنجي ڪهاڻي ڇپي آهي. اٺ ڏهه ڪاپيون خريد ڪري دوستن ۾ ورهايائين. هڪڙي ڪاپي موهن ڏي به موڪليائين. موهن تعريفي خط لکيس، ته ڄڻ خوشين جو خزانو ملي ويس. هڪڙي نئين جذبي ۽ ولولي سان ڪهاڻيون لکڻ لڳو. سندس شروعاتي ڪهاڻين ۾ ٻين ليکڪن جو سڌو سنئون اثر هو. پر پوءِ آهستي آهستي هن جي پنهنجي شخصيت سندس ڪهاڻين ۾ ٽڙڻ لڳي. سندس اسٽائيل ڪا صورت ورتي ۽ سندس نالو ادبي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل ٿي ويو. + +ڪتابن جي مطالعي هن جي مزاج ۾ سنجيدگي ۽ احساسن ۾ اعتدال آڻي ڇڏيو. ادب ۽ شاعريءَ هن کي خواب ڏيئي ڇڏيا. ڌنڌلا،مبهم ۽ غير واضح خواب! سندس روح تي عجيب ننڊاکڙي اداسي ڇانئجي وئي ۽ ميڙ ۾ به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. سندس روح کي ڪنهن اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ جي ڳولا رهڻ لڳي. جنهن پرينءَ جا پڙلاءَ هن شاه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ٻڌا هئا. جنهن جو عڪس هن انڊلٺ جي رنگن ۾ ڏٺو هو ۽ جنهن جي بدن جي بوءِ هن کي هڪ هڪ گل مان آئي هئي. پر هن جي ڪهڙي صورت هئي، ڪهڙو روپ هو، تنهن جي کيس خبر نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ائين لڳندو هو، ڄڻ سندس زندگي جي ويران واٽ تي ڪنهن پرينءَ جا پير کڻندو وڌندو ٿو وڃي. وقت پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏيندو لنگهندو ٿي ويو. سارنگ هينئر بي- اي جي آخري سال ۾ هو. سندس پيءُ سانوڻ خان ۽ مامون احمد خان پوڙها ٿي ويا هئا. مامي ۾ اڄ به اهو ئي رعب هو. اڄ به رکي رکي کنگهڪار ڪندو، ته هن عمر ۾ به سارنگ کان ڇرڪ نڪري ويندو. مامي ٿلهي ۽ بي ڊولي ٿي وئي هئي. سارو ڏينهن نم جي ڇانوَ هيٺان کٽ وڇائي ليٽي پئي هوندي، يا کونگهرا هڻندي يا آئيءَ وئيءَ سان اوڙي پاڙي جون گلاؤن ڪندي. کٽ تي ليٽي ليٽي ماڻهن جي آٽي وانگر آڦرجي وئي هئي. مامون گهر ۾ ايندو ته چنگهندي چنگهندي گوڏن تي هٿ ڏيندي اُٿندي ۽ لڏندي، لمندي ڇڪڙي وانگر جهاڪا کائيندي ماني کڻي آڻي مامي جي سامهون رکندي. سڪينه جوان ٿي وئي هئي ۽ سارنگ کان پنهنجو پاڻ لڪائيندي وتندي هئي. + +سارنگ ۽ سڪينه اڃا ننڍڙا ئي هئا، جو ٻنهي جو مڱڻو ٿي ويو هو. پر ان جي سارنگ کي خبر نه هئي. هڪڙي ڏينهن سارنگ ڳوٺ ويو، ته اتي پڻس شاديءَ جي ڳالهه چوريس ۽ کيس سڪينه سان سندس مڱڻي جي ڳالهه ٻڌايائين. سارنگ کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ته سڪينه جي باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هوءَ سندس زندگيءَ جي همسفر ٿيندي. هن جي زندگيءَ جو همسفر ته ڪو اڻ ڏٺل، اڻ سونهون پرين هو، جنهن جا پيرا کڻندو هو وڌندو ٿي ويو ۽ هو پنهنجي اڻ ڏٺل ۽ اڻ سونهين پرينءَ جي پورن ۾ اهڙو ته گم هو، جو هن ڪڏهن اکيون کڻي سڪينه ڏانهن نهاريو به نه هو. ڳوٺ مان موٽيو ته پهريون دفعو اکيون کڻي سڪينه ڏانهن نهاريائين. سارو ڏينهن ٽپا ۽ ٺينگ ڏيندڙ چيڙاڪ ۽ چلولي جهنڊولي ۽ ڳاڙهي ڳٽولي سڪينه اوچتو ئي اوچتو باه جي اُلي وانگر ڀڙڪو ڏيئي جوان ٿي وئي هئي. سندس جهنڊولا وار چيلهه جيڏا چوٽا ٿي ويا هئا. سندس ڀورو رنگ پگهريل سون جهڙو ٿي ويو هو ۽ سندس جسم تي جوانيءَ جا گل گونچ ڦٽي پيا هئا. اڳ سارنگ سڪينه جي وجود کان ئي ڄڻ بي خبر هوندو هو، پر هينئر بنهه بي خياليءَ ۾ هن جون اکيون سڪينه ۾ کپي وينديون هيون ۽ هن جي نگاه جي تپش ۾ سڪينه جي جوانيءَ جا گل گونچ شرم ٻوٽيءَ وانگر ٻوٽجڻ لڳندا هئا، هوءَ پنهنجي ڍڪيل انگن کي پئي ڍڪيندي هئي. سندس پيشانيءَ تي پگهر- ڦڙا جرڪڻ لڳندا هئا، سارنگ جي سيني ۾ دهڪو مچي ويندو هو ۽ سندس نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳندا هئا. + +سارنگ صبح جو ڪاليج ويندو، ته ڪمري جو سارو سامان ڇڙوڇڙ ۽ بي ترتيب ڇڏي ويندو. پر ڪاليج مان موٽندو ته ڪمري جي هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ترتيب ۽ سليقي سان رکيل هوندي. ان ترتيب ۽ ان سليقي ۾ هن کي سڪينه جو عڪس نظر ايندو. هن جا جذبا ۽ احساس به ائين ئي ڇڙوڇڙ ۽ بي ترتيب هئا، شايد سڪينه سان شاديءَ کان پوءِ هن جي جذبن ۽ احساسن ۾ ترتيب اچي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن هو سنڌي ڪتاب يا رسالا وٺي ايندو. سڪينه اهي ڪتاب ۽ رسالا هن کان لڪي کڻي ويندي ۽ رات جو جڏهن هرڪو سمهي رهندو، تڏهن هٿ بتيءَ جي وٽ مٿي ڪري، ڪتاب ۽ رسالا پڙهندي. رکي رکي سندس چوڙين جو آواز اُڀرندو ۽ سارنگ جا احساس آرس ڀڃي جاڳي پوندا ۽ سندس چوڌاري ڦهليل هيڪلائيءَ جي رڻ ۾ کٽڻهار کڙي پوندا. + +احساسن جي اک ٻوٽ ۽ خوابن جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ هن بي. اي پاس ڪئي ۽ ارادو ڪيائين ته ڪراچيءَ وڃي وڪالت پڙهان. پر پڻس چيو ته شادي ڪري پوءِ ڪراچيءَ وڃ. گهٽ ۾ گهٽ نياڻي ته منهن اگهاڙي ٿئي. پر مامهنس چيو ته: ڀل ڇوڪرو وڪالت پڙهي اچي ڪٿي ٿانيڪو ٿئي، پوءِ آرام سان شادي ڪري. ڌاريا ته ڪونه آهيون جو تڪڙ ڪريون. گهر جي ڳالهه آهي. ڇوڪري هاڻي به پنهنجي آهي، ته سڀاڻي به پنهنجي ئي گهر هوندي. سارنگ پيءُ کان اجازت ورتي ۽ سامان ٻڌي وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪراچي روانو ٿي ويو. + +هينئر هو ڪراچيءَ ۾ هوٽل جي پلنگ تي ليٽي سگريٽ پي رهيو هو. سگريٽ وسائي هو پلنگ تان اُٿيو. پيتيءَ مان شڪارپور مان آندل مٺائيءَ جون پنڊيون ۽ کاريءَ مان آچار جون برنيون ڪڍيائين ۽ موهن سان ملڻ لاءِ روانو ٿي ويو. + +موهن جو پيءُ هينئر ڊپٽي ٿي ويو هو ۽ عامل ڪالونيءَ ۾ پنهنجي اباڻي گهر ۾ رهندو هو. هو پڇا ڪندو، ڏس پڇندو موهن جي گهر اچي پهتو، موهن لان ۾ بيٺو مالهيءَ سان ڳالهائي رهيو هو. سارنگ کي ڏٺائين ته ڊوڙي اچي هن کي ڀاڪر پاتائين. اڄ ٻئي سالن کان پوءِ مليا هئا. ٻن سالن جي عرصي ۾ ٻنهي ۾ ڦيرو اچي ويو هو. ٻه سال اڳ ٻئي جسماني ۽ ذهني طور نوعمر هئا پنهنجي ڪچي ۽ ڦڪي فن کي فن جو شاهڪار سمجهندا هئا،پر هينئر هڪڙي شاعري ڇڏي ڏني هئي ۽ ٻيو سٺو ۽ مشهور ڪهاڻي نويس ٿي ويو هو. ٻنهي اُٺ ڪتابن جا پڙهيا هئا، جن هنن ۾ ذهني پختگي آڻي ڇڏي هئي. موهن شڪايت واري لهجي ۾ چيو: +”يار، اطلاع به نه ڏنئه، ته اسٽيشن تي وٺڻ اچانءِ ها.“ +”سوچيم ته بنا اطلاع اچي ملندوسانءِ، ته وڌيڪ خوشي ٿيندءِ. انڪري بنا اطلاع جي هليو آيس.“ +”ڀلا سامان ڪٿي اٿيئي.“ +”سامان هوٽل ۾ ڇڏي آيو آن.“ + +سارنگ جي ڳالهه ٻڌي موهن جي خوشيءَ ۾ ٽڙيل چهرو ڪومائجي ويو ۽ سندس چهري تي ڏک ڀري ڪاوڙ اُڀري آئي. ڏکويل آواز ۾ چيائين: +”لڄ به نه آيئه جو گهر گهاٽ هوندي به هوٽل ۾ وڃين رهين. اميءَ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندين. هل ته پاڻهي ٿي امي هوٽل ۾ رهڻ جو مزو چکاوئي.“ +موهن جي ماءُ هن سان ڏاڍي سڪ سان ملي. پر جڏهين موهن ٻڌايس ته سارنگ هوٽل ۾ رهيو آهي ته ڪاوڙجي وئي. موهن چيو: +”امي پراؤ آهي. پراون کان ڪهڙا ڏک، ڪهڙا ڏوراپا.“ +”پراؤ ڇو آهي. سارنگ ته منهنجو پٽ آهي.“ +”پٽ هجئي هاته پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ نه اچي رهي ها.“ +”چئين سچ ٿو.“ ۽ پوءِ وري ڏوراپن ۾ شروع ٿي وئي. سندس ڏوراپن ۾ ڪيڏي نه پنهنجائي، ڪيڏو نه پيار ۽ ڪيڏي نه سڪ هئي. ٻن سالن ۾ هوءَ وڌيڪ پوڙهي ٿي وئي هئي. سنڌن جو سور ٿي پيو هيس ۽ اُٿڻ ويهڻ مهل چنگهي ٿي. رجني اوچتو ئي اوچتو جوان ٿي وئي هئي. سارنگ ڳالهائڻ مهل ساڻس اکيون ملائي نٿي سگهيو. موهن جو پيءُ به ڏاڍي سڪ سان ساڻس مليو. سارو وقت شڪارپور جون ڳالهيون ڪندا رهيا. رات جي ماني به هن اُتيئي کاڌي. پوءِ موهن ڪار ۾ هن کي هوٽل ۾ ڇڏڻ آيو. + +هوٽل جي آرام ڪرسيءَ تي وي��ي، موهن سگريٽ دُکايو ۽ سگريٽ جو ڪش هڻندي سارنگ کان پڇيائين، ”تو کي ياد هوندو. هڪ خط ۾ مون توکان ماڻڪ شاعر جي باري ۾ پڇيو هو. ڇا سچ پچ ماڻڪ جي شاعري توکي پسند آهي.“ +”ماکي ته ڏاڍو پسند آ. مان سمجهان ٿو ته هو اسان جي نسل جو ڏاڍو سٺو شاعر آ.“ +”هن جي شاعريءَ ۾ توکي ڪهڙي خاص ڳالهه نظر آئي.“ +”هن جي شاعريءَ ۾ ماکي پنهنجي دؤر جي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.“ +”ته پوءِ هڪڙي Shoking News ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي وڃ، هن بندي گندي، ڪين جهڙي موهن جو قلمي نالو ماڻڪ آهي.“ +”ماڻڪ تون آن!“ +”ها. ڇو؟ ويساه نٿو اچيئي ڇا؟“ +”ويساه ته اچي ٿو، پر تو ماکان لڪايو ڇو؟“ +”انڪري جو مون پنهنجي ڏات جي باري ۾ تنهنجو صحيح رايو ڄاڻڻ ٿي چاهيو.“ +”ان جو مطلب اهو ٿيو ته جي ماکي خبر هجي ها ته ماڻڪ تون آن، ته مان پنهنجو رايو ڏيڻ ۾ ادبي بدديانتيءَ کان ڪم وٺان ها.“ +”ادبي بدديانتيءَ جي ڳالهه نه آهي. انساني ناتن جي ڳالهه آهي. دوستن جا اوڳُڻ به ڳڻ نظر ايندا آهن.“ +سارنگ جواب ڏيڻ جي ڪئي ته هو اُٿي بيٺو ۽ هن ڏانهن هٿ وڌائيندي چيائين: +”مون کي پنهنجي ڏات جي باري ۾ صحيح رايو گهربو هو، سو مون کي ملي ويو. چڱو مان هلان ٿو، سڀاڻي سوير ايندس. گڏجي ڪاليج هلنداسين. شام جو واندو ٿيجانءِ ته سنڌوءَ سان ملائيندوسانءِ.“ +”سنڌو وري ڪير آهي؟“ +”آهي هڪڙي شريمتي. نالو ته ٻيو اٿس، پر مون هن جو نالو سنڌو رکيو آهي. سنڌوءَ جي ساري سانوري سونهن، سندس سرير ۾ سمايل آهي. ڪلاڪار آهي. اداڪار آهي. آواز اهڙو مٺو اٿس جهڙي ماکيءَ جي لار.“ +”چئبو ته ڪنهن سنڌي ناول جي هيروئن آهي، جنهن ۾ رڳو خوبيون هونديون آهن ۽ ڪا خامي نه هوندي آهي.“ +”خامي اها اٿس، ته ڪانگريسي آهي. پر مان برين واشنگ ڪريانس ٿو، اميد ته جلد ئي اسان جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويندي.“ +ائين چئي موهن موڪلائي هليو ويو. + +ٻئي ڏينهن سارنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. هاسٽل ۾ سامان رکيائين ۽ شام جو موهن سان گڏ سنڌوءَ سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو. موهن سنڌوءَ جي سونهن جي ايتري تعريف ڪئي هئي جو سارنگ پنهنجي ذهن ۾ سنڌوءَ جي سونهن جو ڏاڍو اُوچو تصور قائم ڪيو هو. پر جڏهين سنڌوءَ سان مليو ته ڏاڍي مايوسي ٿيس. شڪل صورت جي لحاظ کان سنڌو ڏاڍي رواجي ڇوڪري هئي. پورو پنو قد، پورا پنا روش، ڪڻڪائون رنگ. باقي سندس اکيون ڏاڍيون وڻندڙ هيون. وڏون، چيرويون ۽ ڦٽريون! وڏي سيٺ جي ڌيءَ هئي، پر کاڌيءَ جي ساڙهي پاتل هيس. سنڌوءَ هن کي هٿ ٻڌي کيڪاريو ۽ سندس ڪهاڻين جي ڏاڍي تعريف ڪيائين چيائين: +”اسان جا ليکڪ ڪراچيءَ جي ڪافي هائوس ۾ ويهي هارين جون ڪهاڻيون لکندا آهن. ان ڪري ئي هنن جي ڪهاڻين ۾ سچائي ڪانهي. هو پنهنجي يُگ سان سچا نه آهن. مان ته هنن کي ڪوڙ جا وڻجارا سڏيندي آهيان، جيڪي پنهنجو پاڻ سان ڪُپت ٿا ڪن. اوهان جي ڪهاڻين ۾ مون کي سچ، ڪڏهين سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي روپ ۾ نظر ايندي آهي، ته ڪڏهين ٿڪل ٽٽل هاريءَ جي پيشانيءُ تي چمڪندڙ پگهر جي روپ ۾.“ +پنهنجي تعريف ٻڌي هو شرمائجي ويو ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش به ٿيو. پوءِ ادب ۽ سياست تي ڳالهيون نڪتيون. + +موهن ۽ سنڌو بحث ڪندا رهيا، هو ۽ رجني ماٺ ڪري ٻڌندا رهيا. وري ٻوليءَ جي ڳالهه نڪتي. موهن چيو: +”هندو پيا سنڌيءَ کي شڌي ڪن ۽ سنڌيءَ ۾ هنديءَ جا اڻ وڻندڙ، ڪنن تي بار ڪندڙ ۽ عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ ٽنبين، ته مسلمان وري سنڌيءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا خوفناڪ لفظ وجهي پيا سنڌيءَ کي مسلمان ڪن ۽ شاه ۽ هاري ناريءَ جي سنڌي، جنهن مان سنڌ جي برن جي بُوءِ ٿي اچي، تنهن کي ڪو ليکڪ ۽ شاعر ئي ��ٿو ملي، جيڪو سندس سادگي ۽ سونهن کي ڳائي.“ +”دادا، اوهان جي ۽ دادا سارنگ جي ٻولي ته سادي هوندي آهي،“ رجنيءَ چيو. +”مان ڪنهن هڪ شاعر يا ليکڪ جي ڳالهه نٿو ڪريان، مان ته عام رويي جي ڳالهه ٿو ڪريان.“ +”سٺو ۽ وڏو شاعر يا ليکڪ ته پنهنجي پوري نسل کي متاثر ڪندو آهي. اوهان ۾ جان هوندي ته ٻيا شاعر ۽ ليکڪ اوهان جي پوءِ واري ڪندا،“ سنڌوءَ چيو. +ٻوليءَ جي ڳالهين مان شڪارپور جي ٻوليءَ جي ڳالهه نڪتي. +”ڀائي، مون کي ته شڪارپور جي ٻولي وڻندي آهي. مٺي ۽ سادي،“ سنڌوءَ چيو. +”اڃان ته ڪنهن شڪارپوري عورت جي ٻولي نه ٻڌي اٿيئي. شڪارپوري عورت ڳالهائيندي، ته ائين لڳندو ڄڻ سُرن جي ورکا پئي ٿئي. شڪارپوري گار به سُر ۾ ڏيندو. ڪڏهين شڪارپور جي گهورڙن جا هوڪا ته ٻڌ. اهڙي لانڍ ۽ اهڙي سر سان هوڪا ڏيندا، ڄڻ ڪو گيت پيا ڳائين. اَسرُ ٿيندو ته سريلا آواز شروع ٿي ويندا. مُهن جي دڙي واري ڏاند گاڏين جا چيچاٽ، اُٺن جا چڙا، گهورڙن جا هوڪا. +ادل پوپ جليب، مٺي کارڪ، روهڙيءَ جا پوپ جليب، +ڄام ڦل، شاهي باغ جا ڄام ڦل. +ڦاروان، نيڻ ٺار ڦاروان، موذي مار ڦاروان. +قلفي. هانوَ ٺار قلفي، سدا بهار قلفي. +مٺڙا ٿاڌل، ڍولڻ ٿاڌل، سڄڻ پيئندو وڃ، جيئندو وڃ. +ڇولا دال ڊٻل. ڪوسا بِههَ، چٽڻي، چپ چٽڻي. +ٽانگي وارن جون هڪلون به لانڍ سان. گلٽي ٽانگا، چمڪندڙ سنجَ، گهوڙن جو رنگ برنگي ڪلغيون، چهبڪ تي ٽنور ۽ ريشمي رومال ٻڌل. گهنٽي وڄائيندا، هڪلون ڪندا، گهوڙي کي دڙڪيءَ ۾ وٺيو پيا ايندا، ’ڀوتار پاسو ڪجانءِ. لتاڙبين، چيڀاٽبين!‘ +شام ٿيندي، ته ساري شڪارپور لکي در تي اچي پيٽبي. ململ جا چولا، ريشمي گوڏيون، رابيل جون ڪنڍيون ۽ ريشمي رومال ٻڌي پيا ٽلندا ۽ کلندا. آچر تي وري سنڌ واهه تي ميلو لڳندو. بازاريون لڳي وينديون. هر شيءِ مسواڙ تي ملندي. انگوڇا، ٽوال، تُنبا، ٽيوب، ديڳيون پيون دمبيون ۽ ٿاڌليون پيون گهوٽبيون. ڪٿي راڳ پيو ٿيندو، ڪٿي ڪپر سان ويٺل ماڻهو انب پيا چوسيندا، ڪي پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا. ڪو ٽولو جهومريون هڻندو ايندو.“ +”ڀائي، پوءِ ته سارنگ کي چونداسين ته اسان کي شڪارپور ضرور گهمائي،“ سنڌوءَ چيو. +”دادا، شڪارپور جي گرمي ۽ ٻوسٽ وسري ويئه.“ +”مون کي ته شڪارپور جي گرميءَ ۾ به حسن نظر ايندو آهي. خاموش صبحون، ڏينهن تپندو ته هرڪو گهرن ۾ وڃي لڪندو. در دريون بند ڪري، فرش تي ڇڙڪاءُ ڪري آهستي آهستي جهلي پيا ڇڪيندا. ٽپهريءَ جي ٻانگ ملندي. وٿاڻن ڏانهن ورندڙ مال چڙا ۽ گهنڊ وڄائيندو موٽندو، ته هر ڪو بند ڪمرن جا در کولي ٻاهر نڪرندو. پوءِ تڙ ڦليل ڪري، ڇڙڪاءُ ڪري، موڙا وڇائي ويٺا ڪچهريون ڪندا. حقي جو گڙگاٽ پيو هلندو. رکي رکي ڏکڻ کي به سڏ ڪندا ۽ وڃڻا به هڻندا. مس مس ڏکڻ گهلندو، هير لهندي ۽ هر ڪو گهرن ۾ وڃي آرامي ٿيندو.“ +”دادا، شڪارپور جون زائفون.“ رجنيءَ چيو. +”شڪارپور جون هندو زائفون جهڙيون اپسراؤن. ريشمي پائجامان، ململ جا ڪرتا، نڪ ۾ ڳاڙهن مڻين جا بولا، ڪنن ۾ سونيون واليون، ململ جي پوتيءَ جا گهونگهٽ ڪريو پيون ڊيل وانگر ٽلنديون. سندن هٿن ۽ پيرن جون تريون اهڙيون، جهڙيون گلاب جون پنکڙيون. مون هڪڙي هندوءَ کان پڇيو ته: اوهان جون زائفون اهڙيون سهڻيون ڇو آهن؟ چيائين: اسان جا وڏا وڻج واپار سانگي ڪوه قاف ويا هئا ۽ اُتان پريون پرڻجي آيا. اسان انهن پريَن جي اولاد آهيون.“ + +هو رات جو دير سان هاسٽل ۾ موٽي آيو. کٽ تي ليٽي سگريت دُکايائين ۽ سنڌوءَ جي باري ۾ سوچڻ لڳو. سنڌو هن کي صفا متاثر نه ڪيو. نه سندس شڪل صورت ۽ نه ئي سندس شخصيت! وڏ گهراڻي ڇوڪري هئي. فيشن طور ڪانگريسي ٿي هئي ۽ کاڌيءَ جي ساڙهي پاتي هئائين، ادب ۽ آرٽ هن لاءِ سندس شخصيت جي سينگار جو سامان هو. جنهن سماجي طبقي سان هن جو تعلق هو، تنهن لاءِ ادب ۽ آرٽ ته شهرت جو وسيلو هوندو آهي. هن جي سادگي سياسي پارٽيءَ سان تعلق ۽ ڪلاڪاري شهرت جا وسيلا هئا، هيءُ ڏونگر ته اُهي ڏوريندا آهن، جن جا اندر اڌ هوندا آهن، جن جا پير پٽ جهڙا هوندا، سي هن واٽ تي ڪيئن هلندا... وري هن کي سڪينه ياد پئي. شايد لاشعوري طور هن سنڌوءَ ۽ سڪينه جو موازنو ڪرڻ ٿي چاهيو. سڪينه سنڌوءَ کان گهڻي سهڻي هئي. چيلهه جيڏا چوٽا، پگهريل سون جهڙو رنگ، جسم تي جوانيءَ جا گل ۽ گونچ. وري هن کي پنهنجو ڌنڌلو، مبهم ۽ غير واضح خواب ياد پيو. سندس روح تي عجيب ننڊا کڙي اداسي ڇانئجي وئي ۽ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو. هن جي روح کي ڪنهن اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ جي ڳولا هئي، جنهن پرينءَ جا پڙلاءَ هن شاه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ٻڌا هئا. جنهن جو عڪس هن انڊلٺ جي رنگن ۾ ڏٺو هو ۽ جنهن جي بدن جي بوءِ هن کي هڪ هڪ گل مان آئي هئي. پر هن جي ڪهڙي صورت هئي. ڪهڙو روپ هو، تنهن جي کيس به خبر نه هئي. ان پرينءَ جي پورن ۾ هن کي ننڊ کڻي وئي. + + + +موهن، هن کي سڀني دوستن سان ملايو. سڀئي شاعر، اديب، فنڪار ۽ سياسي ورڪر هئا. ڪي پڪا ڪانگريسي هئا، ڪي ڪٽر مسلم ليگي، ڪي وري انقلابي تحريڪ جا جوشيلا ورڪر، ڪن جو آدرش اکنڊ ڀارت هو. ڪن جو پاڪستان ۽ ڪن جو انقلاب. انقلابي تحريڪ جو روح روان موهن هو. هنن ريلوائي، بندرگاه ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جون يونيئنون ٺاهيون هيون. مزدورن جي ميڙن ۾ تقريرون ڪندا هئا، اسٽرائيڪون ڪرائيندا هئا. هيڏي اونده انڌوڪار ۾ هنن اميدن جون ڏياٽيون ٻاريون هيون. بکون ڪاٽيون هئائون. جيلن ۾ ويا هئا. پوليس جون لٺيون کاڌيون هئائون. ايڏن ايذائن سان ته شايد ڏونگر به ڏري پون، پر هنن جا ارادا اٽل هئا. خوشحالي جي روشن راهن کي ٺڪرائي، دل ۾ اميدن ۽ خوابن جون مشعلون ٻاري، هنن اونده جو هي سفر شروع ڪيو هو. سندن واٽ اونداهي هئي، پر سندن منزل لاک رتي باک هئي. سرڪار هنن کي غير ملڪي ايجنٽ سڏيندي هئي. مٿن الزام مڙهيندي هئي، ته هو غير ملڪي حڪومتن کان مدد ٿا وٺن. پر ڇا غير ملڪي مدد تي پلجڻ وارا هينئن ڏکن کي ڏيهه جو ڏاج سمجهي سيني سان لائيندا آهن. ائين ڪنڊن جا تاج پائيندا آهن ۽ ائين پنهنجا پير پٿون ڪندا آهن. هنن وٽ ڪو جذبو هو، ڪو احساس هو ۽ ڪو خواب هو، جنهن جي مستيءَ هنن کي ايترو ته مست ڪري ڇڏيو هو، جو ان مستيءَ ۾ هو ڪنڊن تي به ائين ٿي ٽليا جو سندن ٽور تان مور گهور ٿي ويا. هنن ۾ هڪڙي اهڙي ڏکويل عظمت هئي، جنهن کي سارنگ سمجهي نه سگهيو، انهن ۾ جوشيلا جوان به هئا، جن جي رت ۾ گرمي هئي. پڪي عمر وارا به هئا، جن زندگيءَ جي ٿڌي ڪوسي ڏٺي هئي. ڇوڪريون به هيون، جن جا ڪنوارا بدن ڪنولن جهڙا ڪئنرا هئا، پر جن جا ارادا پهڻن جهڙا سخت هئا. ميٽنگ ۾ بحث ڪندا هئا. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا هئا، سارنگ اهو به محسوس ڪيو، ته زندگيءَ جي باري ۾ سندن ڄاڻ ڪتابي هئي. هنن کي خبر ئي ڪانه هئي، ته ٿرن ۽ برن ۾، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ انسان زندگيءَ جي هٿان ڪيترو نه حيران آهي. پر پوءِ به هو پنهنجن عقيدن سان سچا ۽ وفادار هئا. + +اپريل جي جهڙيالي ۽ ميرانجهڙي شام هئي. آسمان تي پرينءَ جي زلفن جهڙا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. هوا ۾ ڇڻيل پنن، تازن گونچن ۽ مينهن ڦڙن ۾ مهڪندڙ مٽيءَ جي هٻڪار هئي. اهڙن ڀنل، هٻڪاريل ۽جهڙيالي سانجهين ۾ روح جي افق تي ڪنهن ياد جي انڊلٺ کڙندي آهي، ڪنهن چاهت جو چنڊ اُڀرندو آهي ۽ جيءَ ۾ جهڙياليون لائي ڏيندڙ ميگهه ملهار پرين ياد پوندا آهن.... سارنگ جو ته ڪو پرين نه هو. نه جيءَ ۾ جهڙياليون هيون، نه چاهت جو چنڊ هو، نه ياد جي انڊلٺ هئي. هلڪو هلڪو غم هو. جيڪو اندر ئي اندر دکندو ٿي رهيو ۽ اڄ هن جهڙيالي سانجهي ۽ هنن مينهن ڦڙن سندس غم کي وڌائي ڇڏيو. هو ڪمري جي دريءَ جي ڀرسان ڪرسي رکي ويٺو ۽ سگريٽ دکائي دريءَ جي لوهي سيخن کان ٻاهر نهارڻ لڳو. آسمان تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن ۾ هن کي سنڌوءَ جي صورت نظر آئي، ٻن وڏن، چيرون ۽ ڦٽرن اکين ڳورا ڇپر کڻي هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ جهڙ جي تهن ۾ محلول ٿي ويون. وري هن جي اکين جي اڳيان سڪينه جو چهرو اُڀريو. پگهريل سون جهڙو رنگ، چيلهه جيڏا چوٽا، جسم تي جوانيءَ جا گل گؤنچ هن جي دل ۾ سرور جي هلڪي لهر اُڀري، جذبن جو جلترنگ وڳو ۽ پوءِ هر طرف سانت ڇانئجي وئي. ساڳي اُداسي ، ساڳي تنهائي. +هاڻي هن کي پنهنجو خواب ياد پيو. اڻ ڏٺل پرين جا پور سندس روح کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويا. اهو ڪهڙو پرين هو، جنهن جي ياد ۾ هن جي ساري هستي، سارو وجود سگريٽ وانگر دکندو ٿي رهيو، اوچتو هن جي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو. هن کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. سامهون موهن بيٺو مرڪي رهيو هو. + +”ڪهڙن پورن ۾ آهين. هل ته سنڌوءَ جي گهر هلون. سنڌوءَ اڄ هڪڙي انگريز جرنلسٽ ڇوڪريءَ کي دعوت ڏني آهي. تو کي ۽ مون کي به سڏايو اٿئين.“ +سارنگ يڪدم تيار ٿيو ۽ هو ٻئي سنڌوءَ جي گهر ڏانهن روانا ٿيا. + +سنڌو ۽ رجني لان ۾ ڪرسيون وڇائي ويٺيون هيون. هنن جي ڀر ۾ اها انگريز ڇوڪري به ويٺي هئي. سنڌوءَ سندن تعارف ڪرايو. هن جو نالو مارگريٽ هو. هندستان گهمڻ آئي هئي ۽هندستان جي آزاديءَ جي جدوجهد تي ڪتاب ئي لکيائين. سارو هندستان گهمي هينئر سنڌ گهمڻ آئي هئي. سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي ۽ ريتن رسمن مان ايتري ته متاثر ٿي هئي، جو سنڌ تي هڪڙو جدا ڪتاب لکڻ ٿي چاهيائين. +”اوهان کي به اسان سنڌين جي سادگي ۽ مهمان نوازي ڏاڍي پسند آئي هوندي؟“ موهن مشڪندي چيو. +”ها، مون کي سنڌين جي سادگي ۽ مهمان نوازي ڏاڍي پسند آئي.“ +”اسان سنڌين کي ان سادگي ۽ مهمان نوازيءَ ئي ماريو آهي. اسان جي اڱڻ تي آيل مهمان جي مَنَ ۾ ته مندي هوندي آهي، پر اسان هن کي کلي کيڪاريندا آهيون.“ +”شروع ۾ اسان به اوهان وٽ مهمان ٿي آيا هئاسين. اوهان اسان کي به کلي کيڪاريو ۽ موٽ ۾ اسان اوهان کي غلاميءَ جا زنجير ڏنا.“ + +موهن ۽ مارگريٽ ڳالهائي رهيا هئا ۽ سارنگ مارگريٽ کي غور سان ڏسي رهيو هو. هن کي مارگريٽ جا مهانڊا سونهان ٿي لڳا. ڄڻ هن پهرين به مارگريٽ کي ڏٺو هو. پر الائجي ڪٿي. اوچتو سارنگ کي ياد اچي ويو ته هن مارگريٽ کي ڪٿي ڏٺو هو. يڪدم چيائين: +”مان تهان کي پهرين به ڏٺو آهي.“ +”مون کي؟“ مارگريٽ حيرت مان پڇيو.”ڪٿي؟“ +”جنهن ريل ۾ مان ڪراچيءَ آيو هوس، ان ريل مان تهان به لٿا هيا. تهان سان گڏ تهان جا پيءُ ماءُ هيا.“ +”منهنجا پيءُ ماءُ ته لنڊن ۾ آهن. اها انگريز فيملي منهنجي دوست آهي. هو مون کي مُهن جو دڙو گهمائڻ وٺي ويا هئا.“ +”مهن جي دڙي جي باري ۾ اوهان جو ڇا رايو آهي؟“ رجنيءَ پڇيو. +”مهن جو دڙو هڪڙي عظيم قوم جي عظيم تهذيب جو تهذيبي دستاويز آهي. اسان يورپين کي پنهنجي تهذيب تي فخر آهي. پر ڏٺو وڃي ته يورپ جا وحشي قبيلا جڏهن اڃا حيواني سطح تي زندگي گذاري رهيا هئا، تڏهن سنڌين جي تهذيب بلندين تي پهچي وئي هئي.“ +”تهان جڏهن ڪراچي جي اسٽيشن تي لٿا هئا، تڏهن تهان هڪڙي ملنگ جو فوٽو به ڪڍيو هو.“ +”ها، مون کي ياد آهي.“ +”تڏهن مان سوچيو هو، ته تهان انگلينڊ وڃي هندستان جي باري ۾ لکندؤ. ان ڪتاب ۾ ان ملنگ جو فوٽو ڏيندؤ ته هندستان نهرو نه آهي، جناح نه آهي. پر هندستان اڌ اگهاڙو چرسي ملنگ آهي. هن هندستان کي آزادي نه پر تهذيب گهرجي ۽ انگريز ههڙي هندستان کي آزادي ڏيئي انسانيت ۽ انساني تهذيب سان مذاق ڪندا.“ +”اوهان مون کي غلط سمجهيو.مان هندستان جي جوڳين ۽ ملنگن جي باري ۾ ڪتاب لکڻ نٿي چاهيان. مان ته هندستان جي ان نئين نسل جي باري ۾ لکڻ ٿي چاهيان، جيڪو سوچي ٿو ۽ جيڪو هندستان جو ضمير آهي.“ +”اوهان جي خيال ۾ هندستان جو پڙهيل لکيل طبقو، جنهن کي اوهان هندستان جو ضمير ٿا سڏيو. سو ڇا ٿو گهري؟“ سنڌوءَ پڇيو. +”جيڪو هڪ غيرتمند قوم جو غيرتمند نسل گهرندو آهي. يعني آزادي.“ مارگريٽ چيو. +”هندستان جو ضمير فقط آزادي نٿو گهري، پر انقلاب ٿو گهري. رڳي آزادي ته ڪانگريسي ۽ ليگي ٿا گهرن، ته جيئن انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اهي ’ڪارا انگريز‘ انگريزن جي ٺاهيل ڦرلٽ واري سرشتي سان عوام کي ڦري ۽ لٽي سگهن،“ موهن چيو. +”مسٽرسارنگ،اوهين مسلمان آهيو،اوهان جو پاڪستان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ مارگريٽ پڇيو. +”مان پاڪستان جو زبردست حامي آهيان،“ سارنگ وراڻيو. +”ڇا اوهين ليگي آهيو؟“ مارگريٽ پڇيو. +”نه مان ليگي نه آهيان، پر تاريخ جو شاگرد آهيان ۽ اهو تاريخ جو فيصلو آهي ته هندستان جو ورهاڱو ٿئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي.“ +”اوهين به ان نظرئي جا حامي آهيو، ته هندو ۽ مسلمان ٻه جدا جدا قومون آهن، جن کي رهڻ لاءِ ٻه هندستان يعني هڪ هندستان ۽ ٻيو پاڪستان گهرجي؟“مارگريٽ پڇيو. +”ها، منهنجي خيال ۾ هندو ۽ مسلمان فقط ٻن جدا جدا عقيدن جا پوئلڳ نه آهن، پر ٻه جدا جدا قومون آهن.“ +”اوهان جي ته ساڳي ڌرتي آهي، ساڳي تاريخ آهي، ساڳي تهذيب ۽ ثقافت آهي، پوءِ اوهين ڪيئن ٻه جدا جدا قومون آهيو؟“ مارگريٽ پڇيو. +”تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان به هندو ۽ مسلمان ٻه جدا جدا قومون آهن. اسان هندستان کي ڇڏي سنڌ جو مثال ٿا وٺون جو سنڌ ئي اهو صوبو آهي، جاتي پهرين مسلمان آيا ۽ سنڌ ئي اها جاءِ آهي، جاتي سڀ کان پهرين اسلامي عقيدن کي مقامي رنگ ۾ رڱي، هندو ۽مسلمانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان جو سڀ کان وڏو مثال اسماعيلي تحريڪ آهي. ان تحريڪ جي اوائلي داعي پير نور الدين کي ست گرنور به سڏيو ويندو هو. هن ’دس اوتار‘ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي مسلماني عقيدن کي هندو ديوتائن جي تمثيلن ۾ پيش ڪيو. اسماعيلي تحريڪ سنڌ ۾ زور ورتو ۽ سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو، عربي ۽ سنڌي تهذيب ۽ عقيدن پاڻ ۾ ملي هڪ نئين تهذيب کي جنم ڏنو، تنهن کان پوءِ سنڌ جي صوفين مذهب جي سڀني ويڇن کي ريٽي ۽ ميٽي، هندو ۽مسلمانن کي هڪ سطح تي آڻي بيهاريو. انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن جي تاريخ جو آغاز محمد بن قاسم جي فتح سان ٿئي ٿو ۽ هندن لاءِ غلاميءَ جي دؤر جي شروعات ٿئي ٿي ۽ هندو پنهنجا تاريخي رشتا ۽ ناتا سنڌ جي تاريخي ڪردارن جهڙوڪ دودي، درياه خان ۽ هوشو شيدي سان ڳنڍڻ جي بدران پرٿويراج ، راڻي پرتاب سنگهه ۽ شيواجيءَ سان ٿا ڳنڍين. +”ثقافتي لحاظ کان به سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ ويڇا ۽ فاصلا آهن. ثقافت ڪنهن به قوم جي گڏيل شخصيت جو اظهار آهي، جنهن مان ان قوم جو مخصوص مزاج پيو جهلڪندو آهي. سنڌ جي رلي، کيس، اجرڪ، سوسي، ڇر ۽ ٻيون استعمال جون شيون جن کي مان مادي ثقافت (Material Culture) سڏيان ٿو، تن مان سنڌين جي روح جا رنگ پيا جرڪندا آهن، پر سنڌي هندو انهن شين کي استعمال نه ڪندو آهي، جو هنن جي خيال ۾ اهو مسلماني ڪلچر آهي. هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي گهُر جو سبب اهي تاريخي ۽ ثقافتي ويڇا نه آهن، پر هندن ۽ مسلمانن جي معاشي ڇڪتاڻ آهي. هندو هر سطح تي مسلمان جي معاشي ناڪه بندي ڪئي آهي ۽ مسلمان پنهنجو پاڻ کي معاشي طرح سان غير محفوظ ٿو سمجهي. جڏهن نيپئر سنڌ فتح ڪئي ۽ حڪومت جو نئون سرشتو قائم ڪري نائونمل جي مدد سان جيڪي به مختيارڪار ۽ ڪامورا مقرر ڪيا، سي سڀ هندو هئا. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هندو نوڪرين جي معاملي ۾ مسلمانن جي ناڪه بندي ڪندو ٿو رهي. ايتري قدر جو ڪسٽمز جي هڪڙي وڏي هندو عملدار رٽائر ٿيڻ مهل چيو ته: مون ڪسٽمز ۾ ايترا ته هندو ڀري ڇڏيا آهن، جو سالن تائين ڪو مسلمان ان کاتي ۾ پير پائي نه سگهندو. واپار ۾ به هندو مسلمان کي اڳتي وڌڻ نٿو ڏي ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪٿي به اوهان سنڌي مسلمان جو دڪان نه ڏسندؤ. ٻهراڙيءَ ۾ وري هندو واڻيون آهي، جيڪو مسلمان ڳوٺاڻي لاءِ معاشي ناسور آهي. هو مسلمان ڳوٺاڻي کي ڳاٽي ڀڳي وياج تي قرض ٿو ڏي. هن جي زمين گروي ٿو رکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي جهالت مان فائدو وٺي گرويءَ جي بهاني وڪري جي دستاويز تي آڱوٺو ٿو هڻائي ۽ ساڳي وقت هن کان وياج به وٺندو ٿو رهي. اسان جي ڳوٺ جو زميندار هندو آهي. هن جي هڪڙي هاريءَ پنهنجي پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. زميندار کي خبر پئي ته هاريءَ کي سڏائي چيائين: +”اڙي پٽ کي پڙهائي ڇا ڪندين. مينهن وٺي ٿو ڏيانءِ، پٽ کي ڏي ته چاري.“ +”مطلب ته هر سطح تي هندوءَ مسلمان جي معاشي ناڪه بندي ڪئي آهي ۽ مسلمان ان معاشي ناڪه بنديءَ کي ٽوڙن ٿو چاهي، ان لاءِ ئي هو پاڪستان جي گهر ٿو ڪري.“ +”هندن جي ان رويي جو سبب ڇا آهي؟“مارگريٽ پڇيو. +”مان تاريخ جو شاگرد آهيان، ۽ هر شيءِ کي تاريخ جي پس منظر ۾ ڏسندو آهيان. منهنجي خيال ۾ هندن جي ان رويي جو سبب اهو آهي جو هندو مسلمانن جي دؤر حڪومت کي پنهنجي غلاميءَ جو دور سمجهندو رهيو آهي. مان مڃان ٿو ته مسلمان بادشاهن مذهبي تنگ نظريءَ جي ڪري هندن سان زيادتيون ۽ ظلم ڪيا هوندا، هينئر هندو انهن زيادتين، ظلمن ۽ غلاميءَ جو بدلو ٿا وٺن. اکنڊ ڀارت ۽ پاڪستان جو جهڳڙو ٻن ڦورن جو جهڳڙو آهي. ڪمزور ڦورو طاقتور ڦوروءَ کان الڳ رهڻ ٿو چاهي، ته جيئن هو پنهنجي عوام کي چڱيءَ طرح ڦري ۽ لٽي سگهي. باقي رمون ۽ پريمي کي نه اکنڊ ڀارت سان دلچسپي آهي ۽ نه پاڪستان سان. هو نه آزادي ٿا گهرن ۽ نه هندستان ۽ پاڪستان ٿا گهرن هو فقط جيئڻ جو حق ٿا گهرن.“ +”هاڻي هندستان ۽ پاڪستان جي بحث کي ڇڏيو. اچو ته سنڌوءَ کان شاه سائينءَ جي ڪافي ٻڌون.“ +پهرين ته سنڌوءَ نٽايو، پر پوءِ سڀني جي چوڻ تي اندران ستار کڻي آئي. ستار جون تندون ٺيڪ ڪري هن هلڪي کنگهڪار سان نڙي صاف ڪئي ۽ پوءِ ستار جي تندن کي ڇهيائين. سانت جي سيني ۾ سرن جا ٽانڊاڻا ٽمڪي پيا ۽ پوءِ سرن جون لاٽون نڪرڻ لڳيون. سنڌوءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ آلاپ ڏيئي بيت ڏنائين: +”ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻون نه لهي، جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملار، کڻ اکيون کل يار، ته وڃن سور سنڌا ڪري.“ سارنگ کي ائين لڳو، ڄڻ سنڌوءَ جي نڙيءَ مان نور جا ڪرڻا ڦٽي پيا آهن ۽ هر طرف نور ئي نور پکڙجي ويو آهي. ڏوهيرو پورو ڪري، هن ستار کي ڇيڙيو. ستار جي تارن مان ڄڻ مينهن ڦڙيون وسڻ لڳيون. سنڌوءَ ڪافي شروع ڪئي: +”آئي مند ملار، آءٌ کهنبا ڪنديس ڪپڙا، +آئي مند ملار.“ +سنڌوءَ جو آواز فضا ۾ ترڻ لڳو، جيئن هنج نيري پاڻيءَ ۾ ترندو آهي. نور جي ڌارا هئي، جيڪا فرش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي هئي. هر طرف ’ڪُن‘ جا پڙلاءَ هئا، ڄڻ ڪائنات نئين سر تخليق ٿي رهي هئي، جنهن ۾ ڪو ڏک ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو. جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون، ميگهه ملهار جهڙا سپرين، کهنبا ڪپڙا پائي، اکيون کڻي کليا هئا ۽ ڌرتي تان سڀئي ڏک ڌوپجي ويا هئا. مينڍو مينهن پسايو هو، ڀنڀا وار ڀڳا، هئا، آلا ڪڪر، ڀنڙس ڀنڀا وار..... +سنڌوءَ جو آواز بند ٿي ويو ۽ نئين تخليق ٿيل ڪائنات وٽڙي وئي. سارنگ ڏٺو ته هو ڌرتيءَ تي هو ۽ هن جي سامهون سنڌو ويٺي هئي ۽ سڀئي هن جي راڳ جي تعريف ڪري رهيا هئا ۽ هو اکيون سنڌوءَ ۾ کپائي پنڊ پهڻ ٿيو ويٺو هو. معمولي مهانڊن واري سنڌو اک ڇنڀ ۾ ڪيتري نه حسين ٿي پئي هئي، ڄڻ شاه سائينءَ جي سارنگ جا سر هن جي سرير ۾ سمائجي ويا هئا. +”اوهان کي منهنجا ڪافي نه وڻي ڇا؟“ سنڌوءَ سارنگ کان پڇيو. +”جي__،“ سارنگ ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو. ”جي.... ڏاڍي وڻي.“ لفظ هن جي زبان مان اٽڪي ٿي نڪتا. سنڌو سارنگ جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي. +”سڀاڻي هلو ته مياڻيءَ هلون.“ سنڌوءَ موهن کي چيو. +”مارگريٽ مياڻي ڏسڻ ٿي چاهي. مياڻيءَ جي جنگ سان مارگريٽ جي خاندان جو هڪڙو ڏکوئيندڙ داستان وابسته آهي.“ +”ڪهڙو داستان؟“ موهن پڇيو. +”اسان جي خاندان ۾ هڪڙي مارگريٽ هئي، هن جو اصل نالو ته ٻيو هو، پر پوءِ هن پنهنجو نالو مارگريٽ رکرايو هو. هن جو مڱيندو مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿيو هو. هن جو نالو فلپ هو. هو شاعر هو. هن شاه لطيف جا بيت انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا. وڏو امن پسند هو. مرڻ کان پوءِ هن جي کيسي مان خط نڪتو، جيڪو هن پنهنجي مڱينديءَ کي لکيو هو. ان خط ۾ هن جنگ کي ننديو هو. نيپئر کي ننديو هو ۽ پوءِ به بندوق کڻي بهادر سپاهيءَ وانگر وڙهي شهيد ٿيو هو. مارگريٽ ساري عمر شادي نه ڪئي ۽ ساري حياتي پنهنجي شاعر ۽ شهيد مڱيندي جي ياد ۾ گذاري ڇڏيائين.“ +”هر هڪ جنگ سان لٽيل سهاڳن. اُجڙيل جهولين۽ لڇيل لولين جا داستان وابسته آهن. مياڻيءَ ۾ به ڪو ماڻڪ، ڪو سارنگ شهيد ٿيو هوندو ۽ ڪنهن سنڌوءَ ڏهاڳ ڏٺو هوندو. +فلپ جي شهادت ۽ مارگريٽ جي ڏهاڳ جو ٻڌي مارگريٽ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. سنڌوءَ يڪدم پڇيو: +”ڇا ٿيو، اوهان اداس ڇو ٿي ويا.“ +”ڪجهه نه آهي،“ مارگريٽ مرڪڻ لڳي. پر هن جي مرڪ مان به لڙڪ ليئا پائڻ لڳا. هن يڪدم موضوع مٽائي ٻي ڳالهه شروع ڪئي ۽ ڳالهين جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو. وقت جي خبر ئي نه پئي. رات جو دير سان هو اٿيا ۽ سارنگ هنن سان ٻئي ڏينهن مياڻي هلڻ جو پروگرام ٺاهي، هاسٽل موٽي آيو. کٽ تي ليٽيو ته هن کي سنڌو ياد پئي ۽ سنڌوءَ جي ڪافيءَ جا ٻول هن جي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا. سنڌوءَ جي نڙيءَ مان نور جا ڪرڻا ڦٽا ۽ هر طرف نور ئي نور پکڙجي ويو. سندس آواز فضا ۾ ترڻ لڳو، جيئن هنج نيري پاڻي ۾ ترندو آهي. نور جي ڌارا فرش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي. هر طرف کان’ڪُن‘ جا پڙلاءَ اچڻ لڳا ۽ ڪائنات نئين سر تخليق ٿيڻ لڳي جنهن ۾ ڪو ڏک، ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو، جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون ۽ کنوڻن جهڙا کلڪار هئا، سپرين کهنبا ڪپڙا پائي اکيون کڻي کليا هئا ۽ڌرتيءَ تان سڀئي ڏک ڌوپجي ويا هئا. مينڍو مينهن پسايو هو، ڀنڀا وار ڀنا هئا. اهو پسيل مينڍو، ڀنڙل ڀنڀا وار، اهي کنوڻن جهڙا کلڪار ۽ مُرڪ جي باک. اهي ئي هن جي اڻ ڏٺل، اڻ سونهين پرينءَ جا اهڃاڻ هئا، ۽ ان پرينءَ جا پيرا هن سنڌوءَ جي پيشانيءَ ۾ ڏٺا هئا. پهرئين ڏينهن هن سنڌوءَ کي ڏٺو هو، ته سنڌوءَ جي سونهن هن کي صف�� متاثر نه ڪيو هو، پر اڄ هن کي سنڌوءَ ۾ هڪ نئين سونهن نظر آئي هئي. ڪا سونهن اهڙي ٿيندي آهي، جيڪا کنوڻ وانگر تجلا ڏيئي پنهنجو پاڻ پسائيندي آهي، پر ڪا سونهن اهڙي ٿيندي آهي، جيڪا آهستي آهستي ٽڙندي آهي، جيئن مکڙي آهستي آهستي ٽڙي گل ٿيندي آهي، جنهن سونهن کي ڏسي ڪو وسريل خواب ۽ ڪو اڻ ٻڌل نغمو ياد پوندو آهي. شايد هر انسان جي روح تي ڪو نقش چٽيل هوندو آهي، ڪو رنگ رچيل هوندو آهي ۽ ڪو گيت پيو گونجندو آهي، ۽ ڪڏهين ڪڏهين ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسي پنهنجي ئي روح تي چٽيل نقش ياد پوندو آهي، رنگ ٽڙندا آهن ۽ گيت جا پڙلاءَ ايندا آهن. اڄ سارنگ کي سنڌوءَ ۾ پنهنجي ئي روح جا رنگ نظر آيا هئا. پنهنجي ئي اندر جي بهار جي بوءِ آئي هئي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي. + +صبح جو هي ڀنڀرڪي مهل ڪار تي حيدرآباد روانا ٿيا. شهر کان ٻاهر نڪتا، ته هنجي آڏو غريبن جي دلين جهڙا ڪشادا ۽ سندن حياتيءَ جهڙا ويران ميدان پکڙجي ويا. ڪٿي ڪو ٻڪرار ڌڻ ڪاهيو ٿي آيو، ته ڪٿي وري ڪو ڳوٺاڻو ڍڳي گاڏي هڪليندو ٿي آيو، ڪٿي ڪٿي رستي جي پاسي کان ڪو ڳوٺ هو. منهه، جهوپڙيون، ڪکاوان گهرڙا، مسيت، واڻئي جو هٽ، کوهه جنهن تي ڪاريون ڪوجهيون لُڪن ۾ لوساٽيل، اُسن ۾ ڪاراٽيل عورتون پاڻي ڀري رهيون هيون. هڪڙو ڳوٺاڻو ڪنواٽيءَ ۾ دلا لڙڪايو کنيو ٿي آيو. ڪارا، بدصورت، ميرا، گدلا ۽ اڌ اُگهاڙا ٻار رانديون کيڏي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي کي گاريون ۽ بجا ڏيئي رهيا هئا. اهي ٻار سنڌ جو آئيندو هئا. ڪارو، ڪوجهو، ميرو، گدلو آئيندو! ساري هندستان ۾ آزاديءَ جي جنگ جاري هئي. جلسا جلوس، پوليس جيل، لاٺي چارج، ٽيئر گئس، ڪنهن پاڪستان جا خواب ٿي ڏٺا، ڪنهن اکنڊ ڀارت جا، ته ڪنهن انقلاب جا. پر هنن ڳوٺاڻن وٽ ڪو خواب نه هو. نه رمونءَ وٽ ڪو خواب هو ۽نه پريمي وٽ. هو صدين کان هڪ ئي نموني جي ٺهيل جڙيل ۽ سٽيل حياتي گذاري رهيا هئا. زندگيءَ جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيا هئا هنن لاءِ ڪو ڏک نئون نه هو. ڪو ڏاڍ، ڪو ڏنڀ نئون نه هو. اهي سور، اهي ڏاڍ ۽ ڏنڀ هنن جي وڏن به سٺا هئا ۽ هو به سهي رها هئا ۽هنن جي چپن تي ڪا شڪايت،ڪا ميار، ڪو ڏوراپو نه هو، پر هنن جي حياتي خود قدرت کي ميهڻو، ڏوراپو ۽ ميار هئي. پريمي جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا به هٽ واڻيان هئا ۽رمون جا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا به هاري ناري، ڪمي ڪاسبي هئا. بادشاهيون بدليون هيون، جنگيون جوٽيون هيون، پر هي تاريخ جي وهڪري کان پاسيرا بيٺا پورهئي ۾ پيڙهبا رهيا هئا. موهن چيو: +”مس مارگريٽ، سنڌ مُهن جو دڙو نه آهي. سنڌ ڪراچي جون چمڪندڙ ترڪندڙ سڙڪون ۽ عاليشان عمارتون نه آهي. سنڌ سنڌوءَ جي گهر جو لان نه آهي جتي ويهي موهن، سارنگ، سنڌو ۽ رجني بحث ڪن. پر سنڌ هي ڳوٺ آهي. هي ڪٻاٽيل، نهوڙيل ڳوٺاڻا، ڪاريون ڪوجهيون ۽ وقت کان اڳ پوڙهيون ٿيل عورتون آهي، جن جا بدن نه ڪنول جهڙا آهن ۽ نه جن ۾ گلن واري هٻڪار آهي. پگهر هنن جو يوڊي ڪلون آهي. هندستان جي ساري جمالياتي شاعري هنن جي بدصورتيءَ تي ٺٺولي آهي. هي ڪارا، ڪوجها، اڌ اگهاڙا ٻارڙا جن لاءِ ڪو اسڪول ڪونهي، ڪا اسپتال ڪانهي. جن ۾ الائجي ڪيترا نهرو آهن. الائجي ڪيترا جناح آهن، پر جيڪي وڏا ٿي حياتيءَ جا هَر ڪاهيندا. اهي سنڌي آهن. مان جڏهين ان سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ خوشيءَ لاءِ انقلاب جا خواب ڏسندو آهيان، تڏهين اسان جي ڪانگريسي ڪامريڊ شريمتي سنڌو چوندي آهي، ته سوشلسٽ سماج ۾ انفرادي آزادي ڪانهي. سوشلسٽ سماج اهڙو گهٽيل سماج آهي، جتي شاعر، ليکڪ ۽ ڪلاڪار گهٽجي، ٻوساٽجي مري ٿو وڃي. مان پڇان ٿو ته ڇا انفرادي آزادي جو لفظ هنن بکين ڏکين، انگ اُگهاڙن انسانن جي هشامن تي ٺٺولي نه آهي. ڇا انفرادي آزادي اهڙي ديوي آهي، جنهن تي اسين ڪروڙين انسان قربان ڪري ڇڏيون، ته جيئن اسان جا ليکڪ،شاعر ۽ ڪلاڪار انفرادي آزادي ماڻي سگهن.“ + + + +مڪليءَ وٽ هو ڪار تان لٿا. مارگريٽ مقبرن جا فوٽا ڪڍيا ۽ سارنگ هن کي هڪ هڪ مقبري جو تاريخي پس منظر ٻڌائيندو ويو. ٺٽي جي ڪمال ۽ زوال جو، خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ جو داستان ٻڌايو. سنڌو حيرت ۾ ٻڌندي رهي. هن دنيا جي تاريخ پڙهي هئي، پر پنهنجي هن ننڍڙي ديس جي تاريخ نه پڙهي هئائين ۽ هن کي پهريون دفعو خبر پئي، ته هن ننڍڙي ديس جي پنهنجي الڳ تاريخ هئي. تاريخ جي هر دؤر ۾ سنڌ پنهنجي الڳ تاريخي حيثيت کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي هئي. ڪڏهن دهليءَ مان ۽ ڪڏهن قنڌار مان آيل ڪٽڪن سان جنگيون جوٽيندي رهي هئي. مياڻيءَ جي جنگ جي ڳالهه نڪتي ته مارگريت چيو، ”مون نيپيئر جي ڀاءُ وليم نيپيئر جو ڪتاب ’سنڌ جي فتح‘ پڙهيو آهي. ان ڪتاب ۾ هن پنهنجي ڀاءُ جي دليريءَ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. پر ڏٺو وڃي، ته نيپيئر جي فتح سندس دليريءَ جي فتح نه هئي، پر نون هٿيارن جي فتح هئي. بارود، بمن ۽ توبن جي، تلوار ۽ توڙيدار بندوق تي فتح هئي. شايد سنڌين کي خبر هئي ته هو هار کائيندا. پر پوءِ به هو مرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا. زندگي ڏاڍي پرڪشش آهي ۽ موت ڏاڍو هيبتناڪ آهي. پوءِ انسان ۾ آخر اهو ڪهڙو جذبو آهي، جنهن جي هٿان مجبور ٿي، هو زندگيءَ جي ساري حسن کان منهن موڙي موت کي ڳراٽڙي ٿو پائي.“ +”اهو جذبو ئي انساني عظمت جو منارو آهي. اهو جذبو دودو آهي. دريا خان آهي. هوشو آهي ۽ شهيدن جو اهو قافلو آهي، جيڪو ازل کان تاريخ ۾ روان دوان آهي. اهو جذبو جڏهن مزور جي دل ۾ ٿو جاڳي، ته روس جو انقلاب ٿو اچي. هندستانيءَ جي دل ۾ ٿو جاڳي ته آزاديءَ جي اُمنگ ٿو بڻجي، منهنجي خيال ۾ مياڻيءَ جي جنگ هندستان جي پهرين جنگ آهي، جيڪا ڪنهن بادشاه يا سپہ سالار جي حڪم سان نه، پر جذبي جي حڪم سان لڙي وئي. ان وقت جي حاڪم نٿي چاهيو ته جنگ ٿئي. پر عوام جو سيلاب اُٿلي پيو، جنهن کي وقت جو حاڪم به روڪي نه سگهيو. اڄ جو عوام به جڏهن اٿل کائيندو، تڏهن انقلاب ايندو ۽ اهو انقلاب اسان جي دؤر جي مياڻيءَ جي جنگ هوندو، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت جا حاڪم پيا پاڻ پتوڙيندا، دشمن جون توپون پيون گجنديون ۽ عوام پيو وڌندو. اها مياڻي اُها هوندي، جنهن ۾ عوام جو جذبو بمن، بندوقن ۽ توپن تي به فتحياب ٿيندو.“ + +هينئر پريان کان حيدرآباد جا منگهه ٿي نظر آيا، سارنگ، سنڌو ۽ رجني پهريون دفعو حيدرآباد آيا هئا. هنن کي حيدرآباد ڏاڍي وڻي. منگهه ۽ ماڙيون، لاهيون ۽ چاڙهيون، تلڪ چاڙهي ۽ هيرآباد! جتي هيرن ۾ هٻڪار هئي ۽ عامل ڇوڪريون کنوڻن وانگر کلڪارون ڪنديون خوشبويون ور کائينديون ٿي ٽليون. پوءِ هو مياڻيءَ ويا ۽ مياڻيءَ جي بنگلي ۾ وڃي لٿا. بنگلو ڏاڍو پرسڪون هو. وڏا، گهاٽ ۽ ڊگها وڻ. هوا ۾ مڌ جي مستي. موهن لهڻ سان چيو: +”شريمتي سنڌو ديوي، هينئر پنهنجي هٿن سان چانهن جو ڪوپ ٺاهي پيار ته سارو ٿڪ لهي وڃي.“ +”حاضر ڪامريڊ موهن داس عرف داس ڪيپيٽل.“ + +سڀئي ٻاهر ٻاري ۾ ڇٻر تي ويهي چانهن پيئڻ لڳا. وڻن مان پيلا پن ٿي ڇڻيان ۽ نوان گونچ ٿي ڦٽا. نيري آسمان ۾ اڇا اڇا ڪڪر ترندا ٿي لنگهيا. فضا ۾ وائک هئي ۽ بسنتي بوءِ رچيل هئي. سارنگ سنڌوءَ جي ڀرسان ويٺو هو ۽ هن کي سنڌوءَ جي قرب مان بهار جي بوءِ ٿي آئي. اها بوءِ جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهان ئي ايندي آهي. مارگريٽ چيو: +”وڻن مان پيلن پنن ک�� ڇڻندو ڏسان ٿي ته مون کي شيلي جو نظم Ode to the west wind ٿي ياد پوي ۽ ائين ٿو لڳيم ڄڻ شيلي اهو نظم هتي، هن ڇٻر تي ويهي لکيو هو.“ +”مون کي چيخوف جي ڪهاڻين جو پس منظر ٿو ياد پوي، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ چيخوف پنهنجون ڪهاڻيون هنن وڻن جي هيٺان ويهي لکيون هيون، اسين سڀ هن جي ڪهاڻين جا ڪردار آهيون ۽ ڏکويل ۽ صدين کان ستايل انسان جي سُکن جا خواب ٿا ڏسون،“ سارنگ چيو: +”مون کي هنن ڇڻندڙ پنن مان خزان جي گيتن جا پڙلاءَ ٿا ٻڌڻ ۾ اچن ۽ ائين ٿو لڳيم، ڄڻ ساري ڪائنات گيڙو الفي پائي، يڪتارو ۽ چپڙيون وڄائي ڀڄن ڳائي رهي آهي.“ +”مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ مان هن ڌرتيءَ جي هنج ۾ پلي آهيان ۽ اوهان مان ئي آهيان. مان اوهان جي آڏو پنهنجي قوم جي ڪن ڪرتوتن لاءِ شرمسار نه آهيان، ڇاڪاڻ جو مان به اوهان مان آهيان. هن ڌرتيءَ تي ڪو به انگريز ڪونهي، ڪو به هندستاني ڪونهي، فقط ظالم ۽ مظلوم آهي ۽ سڀئي مظلوم هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. مظلوميت جي ناتي اسان کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. هتي مياڻيءَ جي جنگ ۾ ڪو سارنگ مئو هوندو، ڪو موهن مئو هوندو، ته ڪو فلپ به مئو هوندو. ڪنهن مارگريٽ به ڏهاڳ ڏٺو هوندو. اهي سڀ شهيد پاڻ ۾ ڀائر آهن. جيتوڻيڪ هو هڪ ٻئي جي گولين سان مئا آهن، ته به هو پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ دنيا جون سڀ مارگريٽون، سڀ ڏهاڳڻيون پاڻ ۾ ڀينر آهن،“ مارگريٽ چيو: +”مون کي گولڪيءَ جا لفظ ٿا ياد اچن ته ائين ٿو لڳي، ته جتي به وڃو، اُتي هر شخص اسان جو دوست ۽ رفيق آهي. سڀني جي دلين ۾ هڪ ئي شعلو روشن آهي. سڀ سٺا، همدرد ۽ کلڻا آهن. هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ ڳالهائڻ جي به ضرورت نه آهي. سڀ پاڻ ۾ ملي هڪ واحد عظيم ڪورس بڻجي ٿا وڃن، جنهن ۾ هر هڪ دل پنهنجو گيت ٿي ڳائي ۽ سڀ گيت چشمن وانگر آهن، جيڪي هڪ ئي درياه ۾ وڃي پوندا آهن، ۽ درياه آزاديءَ سان وڌندو، پکڙجندو نئين زندگيءَ جي مسرتن واري سمنڊ ڏانهن روان آهي.“ + +پوءِ ڏيوري ڏسڻ ويا. سڀ خاموش ۽ اُداس هئا، ڄن هنن جي سامهون شهيدن جون بي ڪفن ميتون پيون هيون، جن جا ڏند ڏاڙهونءَ گل وانگر هئا، جسم سهاڳ جي مينديءَ جهڙا ڳاڙها هئا ۽ سندن سَنڌ سَنڌ تي زخمن جا گلاب ٽڙيل هئا. هي ان گمنام شهيد جي ميت هئي، جنهن سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهريون دفعو ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿاريو هو. هي سومرن، سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون ميتون هيون. هي حُرن جون ميتون هيون، جن ڦاهيءَ کي پڳ ڌڻيءَ جو ڳانو سمجهي ڳچيءَ ۾ پاتو هو. هي هيمون ڪالاڻيءَ جون هاٺيون هيون. ڳاڙهن گهوٽن جو قافلو هو، جيڪو ٽليون ۽ سنک وڄائيندو، مورا ڳائيندو اڳتي وڌندو ٿي ويو. +اوچتو مارگريٽ اوڇنگار ڏني، سڀ حيران ٿي ويا. سنڌوءَ ۽ رجني اڳتي وڌي هن کي سهارو ڏنو ۽ هو سنڌوءَ جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئڻ لڳي. شايد شهيدن جي ان قافلي ۾ هن کي پنهنجو پرين نظر آيو هو. شايد هر دؤر ۾ مارگريٽ کان پنهنجو پرين وڇڙندو آهي ۽ شايد هر دؤر ۾ وڇوڙي جي اها ساڳي ڪهاڻي دهرائي ويندي آهي. شايد هر دؤر جي مارگريٽ ۽ فلپ، سارنگ ۽ سنڌوءَ جي ساڳي ڪهاڻي آهي، جيڪا هر دؤر ۾ دهرائي ٿي وڃي. فقط نالا بدلبا آهن. سيٽنگ ۽ پس منظر بدلبو آهي. ڪاسٽيومز ۽ ميڪ اپ بدلبو آهي، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. ساڳيو سارنگ، ساڳي نسڌو، ساڳيو ماڻڪ، ساڳي مارگريٽ ۽ ساڳيو فلپ. اڄ جي دؤر جو فلپ پائلٽ هو ۽ ٻي جنگ ۾ مارجي ويو هو ۽ اڄ شهيدن جي قافلي ۾ پنهنجي فلپ کي ڏسي مارگريٽ روئي رهي هئي. + +شام جو دير سان هو ڪراچي روانا ٿيا. سڀ خاموش ۽ اُداس هئا. + +سارنگ سنڌوءَ ڏانهن ڇڪبو ٿي ويو. بلڪل ائين، جيئن ڪو ٽٽل تارو لاٽَ ڪندو ڪنهن ٻئي تاري ڏ��نهن ڇڪجي ويندو آهي. سنڌو ئي هن جي خواب جي منزل ئي. هن جي روح جو نغمو هئي ۽ هن جي احساس جو معراج هئي. سنڌو ئي هن جو اڻ ڏٺل، اڻ سونهون پرين هئي، جنهن جا پير کڻندو هو، پنهنجي خواب جي پيچري تي وڌندو ٿي ويو ۽ هينئر هن پنهنجي پرينءَ کي آمهون سامهون ڏٺو هو ۽ هن جي دل چوندي هئي ته هو هر وقت سنڌوءَ کي ڏسندو رهي. سنڌوءَ جو اواز ٻڌندو رهي، جنهن مان نور جا ڪرڻا ڦٽندا هئا ۽ شاه سائين جي سر سارنگ جا پڙلاءَ ايندا هئا. رکي رکي سنڌو ٽهڪڙو ڏيندي ۽ سارنگ کي ائين لڳندو، ڄڻ ساري سنڌ کلڪار ڪري کلي پئي آهي. ڄڻ سنڌ جا ٿر ۽ بر پيا کلن. ان کل ۾ ستار ٿا جڳ مڳ ڪن، ٽيڙو ٿا ٽمڪن، ڪتيون ٿيون ڪر موڙين. سنڌوءَ سان ساڻ هوندو، ته هن کي ائين محسوس ٿيندو، ڄن هن جو وجود پگهرندو ٿو وڃي ۽ هن جي ساري هستي سنڌوءَ جي هستيءَ ۾ جذب ٿيندي ٿي وڃي. سنڌوءَ سان پيار ڪري هن پنهنجو پاڻ سان پيار ڪي هو. سنڌوءَ کي پوڄي هن پنهنجو پاڻ کي پوڄيو هو. اها وجود جي وحدانيت هئي. انا الحق جي صدا هئي ۽ ڪنهن به دوئيءَ جي بوءِ ڪانه هئي. سنڌو به هن ڏانهن آهستي آهستي ڇڪبي ٿي آئي. هو هن جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي. هن جي ڪهاڻين جي تعريف ڪندي، ٻيو ڪو گيت ڳائڻ لاءِ چوندس ته نٽائي ڇڏيندي، پر سارنگ چوندس ته يڪدم ستار کڻي گيت شروع ڪندي. موهن سان بحث ٿيندو ته هميشہ سارنگ جو پاسو کڻندي. سارنگ ته ڪڏهن به هن سان پنهنجو اندر نه اوريو هو پر پوءِ به ٻنهي هڪ ٻئي جي اندر جو آواز ٻڌي ورتو هو. هڪٻئي جي روح جو سڏ ٻڌي ورتو هو. سارنگ جي روح پنهنجي پيار جا گل سنڌوءَ جي قدمن ۾ رکيا هئا ۽ سنڌو اهي گل کڻي اکين تي رکيا هئا. سنڌوءَ سان پهرن جا پهر ويهي ڳالهيون ڪندو ۽ هاسٽل ۾ موٽي ايندو ته وري تنَ ۾ سنڌوءَ جي اهڙي تؤنس جاڳندس جو آرام ئي نه ايندس. + +هڪڙي ڏينهن موهن رٿَ ڏني ته تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجي هفتيوار اخبار ڪڍجي. رٿ ته سٺي هئي، پر پئسن جو مسئلو هو. سنڌوءَ صلاح ڏني ته ڊرامو اسٽيج ڪجي. در در تي وڃي چندو گڏ ڪجي ۽ ائين پئسا گڏ ڪري اخبار ڪڍجي. سڀني کي اها صلاح وڻي. سنڌوءَ سارنگ کي چيو ته ڊرامو لک. پر ڊرامو ڪنهن شهيد جو هجي، جيڪو انياءَ سان اٽڪيو هجي. سارنگ سومرن جي دور ۾ الادين ۽ دودي جي جنگ جي پس منظر تي ڊرامو لکيو. موهن ۽ سنڌوءَ کي پڙهي ٻڌايائين. سنڌوءَ کي ڏاڍو وڻيو. پر موهن کي صفا نه وڻيو. موهن چيو: +”اڄ جي دور جو شاعر يا ليکڪ اهو ڀانَ نه آهي، جيڪو بادشاهن جي مهما ڳائي ۽ نه هي دور بادشاهن جي مهما جو دور آهي. هي دور عوام جي عظمت جو دور آهي ۽ اچو ته بادشاهن جي بدران عوام جا اڻ وڻندڙ، ڪِنا ۽ ڪوجها ڊراما لکون. هنن جي ڏکن ۽ سورن سهڻ جي قوت جي مهما ڳايون.“ +”مان سمجهان ٿي ته سارنگ جو دودو اُن دور جو سلطان نه آهي، پر اسان جي دور جو موهن آهي، سارنگ آهي ۽ هر اهو انسان آهي،جيڪو انياءَ سان اٽڪڻ لاءِ سر جو سانگو لاهي ٿو ۽ جيڪو بادشاهي لباس پائي، شاهي محلاتن جي پس منظر ۾ بيهي اسان کي اسان جي ئي دور جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. ٻاگهي شهزادي نه آهي، پر آزادي آهي. سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جو ست آهي، جنهن لاءِ هو سر وڍائي ٿو.“ + +گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ ڊرامو پسند ڪيو ويو ۽ ڊرامي کي اسٽيج ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون. ٽڪيٽون ڇپائي در در وڪياؤن. چندا گڏ ڪياؤن ۽ پوءِ ريهرسلز شروع ٿيون. آخر ڊرامي اسٽيج ٿيڻ جو ڏينهن به اچي ويو. + +هلڪي هلڪي موسيقي ۽ تاڙين جي شور سان پڙدو کڄيو. سڀئي اداڪار هٿن ۾ گلن جون پنکڙيون جهلي اسٽيج جي آڳر وٽ بيٺا. ساري اسٽيج تي هلڪي هلڪي روشني، ڌوپ، ۽ اگر جو خوش��ودار دونهون ڇانيل هو. سڀني اداڪارن سلامي ڳائڻ شروع ڪئي ۽ گلن جون پنکڙيون هال ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن اڇلائڻ لڳا. سلامي پوري ٿي. ٻيو پڙدو کڄيو. سامهون روپاه ماڙيءَ جو سيٽ لڳل هو. سنڌو ٻاگهيءَ جي روپ ۾ شاهاڻي انداز سان وکون کڻندي اسٽيج تي آئي. هال ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو خاموش هئا، ڄڻ هنن جا جسم هتي هئا ۽ سندن روح وقت جون سرحدون اورانگهي سومرن واري سنڌ جي سونهن ۾ اٽڪيا هئا. سارنگ سڀني جي پٺيان هڪڙي ڪنڊ ۾ ويٺو سگريٽ پي رهيو هو. سنڌوءَ کي ٻاگهيءَ جي روپ ۾ ڏسي هن کي ائين لڳو ڄڻ سنڌ جي ساري سونهن سميٽي انساني صورت اختيار ڪري وئي آهي. ڄڻ ٻاگهيءَ جو روح تاريخ جي تاريڪين ۾ ڀٽڪندو اڄ اسٽيج تي اچي بيٺو هو ۽ هن دور جي دودي کي ڳولهي رهيو هو. هينئر موهن دودي جي روپ م داخل ٿيو. ڪوئل، ننگر، منگر سڀ هڪ هڪ ٿي ايندا ويا ۽ پوءِ ڌارئي جي ٻاگهيءَ ڏانهن اک کڄي، دودو، ننگر ۽ منگر ميدان ۾ ٽپي پيا. +هينئر جنگ جي ميدان مان آيل ڦٽيل سپاهي ننگر جو موت بيان ڪري رهيو هو. هينئر ٻيو سپاهي دودي جو موت بيان ڪري رهيو هو. سڀئي هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيندا ويا، بتيون هڪ هڪ ٿي وسامنديون ويون. روپاه ماڙي ڏهاڳڻ جي سينڌ وانگر اُجڙي وئي. ڪوئل ۽ ٻاگهي ٻئي اڪيليون بيٺيون هيون. ڊنل، هراسيل ۽ ڏکويل. هنن ڏانهن ڪير اک کڻندو جو اڃان ابڙو سمون جيئرو هو. ممٽ ابڙو جيئرو هو. سنڌ جو ٻچو ٻچو جيئرو هو. پوءِ سنڌ جي نياڻن ۽ننگن ڏانهن ڪير اک کڻندو. + + +ڊرامو ختم ٿي چڪو هو. ماڻهو وڃي چڪا هئا ۽ ڪرسيون خالي پيون هيون. سارنگ، سنڌو، موهن، رجني ۽ مارگريٽ پنج ئي اچي صوفن تي ويٺا. هنن جي پيرن ۾ گلن جون لتاڙيل پنکڙيون ۽ سگريٽن جا وساڻيل ٽوٽا پيا هئا. سامهون اسٽيج تي روپاه ماڙيءَ جو سيٽ لڳل هو ۽ در ۽ درين جا پڙدا هوا ۾ جهولي رهيا هئا. ٿوري دير اڳ هي هال ماڻهن سان ڀريل هو ۽ اسٽيج تي هڪڙي دؤر کي دهرايو ويو هو. پر اهو دور پورو ٿيو. هال خالي ٿي ويو. شايد هر دؤر جو انجام ائين ئي ٿيندو آهي. خالي اسٽيج، خالي هال ۽ خالي ڪرسيون. وري نئون دؤر، نئون ڊرامو، نوان ماڻهو، نوان هُلَ ۽ نوان هنگاما. هنن اکيون کڻي اسٽيج ڏانهن نهاريو. هنن کي ائين لڳو، ڄڻ خالي اسٽيج تي سومرن سردارن جا روح گهمي رهيا آهن. چيلهه تائين ڊگها چوٽا، ڪنن ۾ ڪيوٽيون، زربفت جون ڊگهيون شاهي قباؤن، هيرن ۽ جواهرن جون مالاؤن. هنن جو ڊرامو ته ختم ٿي چڪو هو، پوءِ سندن روح خالي اسٽيج تي ڇو ٿي ڀٽڪيا. شايد اسين به روح آهيون ۽ مُهن جي دڙي کان وٺي ڀٽڪندا ٿا وتون. هر دؤر ۾ پنهنجو ڊرامو دهرائيندا ٿا رهون. اسين سڀ ميڪ اپ ۾ آهيون. اسٽيج جون روشنيون ۽ ماڻهن جون نظرون اسان تي ڄميل آهن، اسان کي پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻو آهي، پر اسان جو پارٽ ڪهڙو آهي. اسان جي ڊرامي جو انجام ڪهڙو آهي. +’سوراج جو سورج.‘ +ورهاڱو، نئين ٻار جو جنم، نئين ملڪ جو جنم، پاڪستان! +انقلاب، عظيم انقلاب. جڏهن اسان جي اونداهي اڱڻ ۾ اُس جو تڙڪو ٿيندو. جڏهن هر طرف روشني هوندي، سونهن هوندي. جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ کي نه کائيندو، جڏهن زندگي ٺٺولي نه هوندي. +جڏهين جنگيون نه ٿينديون، جڏهين ماڻهو ماڻهوءَ کي گولين جي بدران گل ڏيندو. هٿيارن ٺاهڻ وارن ڪارخانن جي بدران اسڪول ۽ اسپتالون ٺهنديون. پوءِ ڪو فلپ نه مرندو ۽ ڪابه مارگريٽ ڏهاڳ نه ڏسندي. +اهو ته ايندڙ نسل جي مسئلن جو سپنو آهي. اسان جي ڏکويل سپنن جي تعبير ڪهڙي آهي، اسان جي الميي جو انجام ڇا آهي.؟ +اسان جي الميي جوانجام اهو آهي، ته اسان کي ڏک سهڻا آهن، جو اسين رات جا مسافر آهيون ۽ اسان ��ي منزل پرهه آهي. اها پرهه جيڪا پرينءَ جي پيشاني جهڙي روشن آهي، ماءُ جي اڇن وارن جهڙي پوتر آهي ۽ ڪنهن ننڊ ۾ مُرڪندڙ ٻار جي مرڪ جهڙي معصوم آهي. +”هاڻي هلندءُ يا آفيمين وانگر ويٺا پڻڪيون کائيندءُ.“ موهن چيو. +”ڪيڏانهن هلون؟“ سارنگ ڄن ننڊ مان جاڳندي پڇيو. +”پنهنجي پنهنجي گهر هلون، ٻيو ڪيڏانهن هلنداسين. مون کي مٿي ۾ سور آهي، مون کي گهر ڇڏي اچو، پوءِ اوهين ڀل ساري رات هتي ويٺا رهو.“ +”چئبو ته منهنجو ڊرامو مٿي جو سور هو،“ سارنگ خوشدلي سان پڇيو. +”نه يار ائين نه آهي، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. ان جي ڪري مٿي ۾ سور آهي.“ +هاڻي ڀلا اسان کي ته مٿي ۾ سور نه وجهه.“ سنڌوءَ به خوشدليءَ سان چيو، ” هل ته گهر ڇڏي اچانءِ.“ + +هو هال مان نڪري ڪار ۾ اچي ويٺا. رستي تي مارگريٽ ڊرامي جي ۽ موهن،سنڌو ۽ رجنيءَ جي اداڪاري جي تعريف ڪندي رهي. سڀ کان پهرين هنن موهن ۽ رجنيءَ کي سندن گهر تي ڇڏيو پوءِ مارگريٽ کي ڇڏيائون.سنڌو ۽ سارنگ اڪيلا ٿيا ته سنڌوءَ پڇيو. +” تو کي ته مٿي ۾ سور نه آهي نه.“ +”نه، ڇو؟“ +”هل ته ڪلفٽن جو چڪر هڻي اچون.“ + +ڪلفٽن تي ڪار پارڪ ڪري هو سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيٺا. چانڊوڪي رات هئي، هر طرف گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊوڪي پکڙيل هئي. سمنڊ جون لهرون جهانجهر وڄائينديون، ڇم ڇم ڪنديون، جهومريون وجهنديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون ۽ پوءِ ساڻيون ٿي موٽي ٿي ويون. ڪا لهر هنن جي پيرن تائين پهچي ٿي وئي ۽ سندن پيرن کي ڇهي موٽي ٿي وئي. چانڊاڻ ۾ سمنڊ انساني دل جيان ٿي لڳو. اٿاهه، بي انت ۽ بي چين. هر طرف سمنڊ جو شور هو ۽ هو ٻئي ڪناري تي بيٺي سمنڊ جو شور ٻڌي رهيا هئا، لهرن جي لوڇ ڏسي رهيا هئا. ڄڻ ٻئي ازل کان اتي بيٺا هئا ۽ وقت جو سمنڊ هنن جي اڳيان ڇوليون هڻي رهيو هو. ٻنهي جا روح زمانن کان هڪ ٻئي سان ملندا، وڇڙندا، هڪ ٻئي کي ڳوليندا ٿي رهيا ۽ هاڻي ٻنهي هڪ ٻئي کي ڳولي لڌو هو. آسمان ۾ چنڊ کڙيل هو ۽ سمنڊ جون لهرون جهومريون وجهنديون نچنديون ڪڏنديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون ۽ سندن پير ڇهي موٽي ٿي ويون. وقت جي ڪا وير چڙهندي ۽ هنن ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيندي ۽ وري هو ڏينهن رات ۽ صبح شام جي گردش ۾ گردش ڪندا هڪ ٻئي لاءِ ڀٽڪندا رهندا. پر اهي ٻه چار گهڙيون، ٻه چار پَلَ جيڪي هنن کي مليا هئا سي ئي سندن وڇوڙي جو ڦل هئا، سي ئي سندن تمنائن ۽ خوابن جو معراج هئا ۽هاڻي هو زندگيءَ جي هر ڪنهن ڏک کي سکن جي انهن گهڙين جو ڏاج سمجهي سيني سان لائيندا. پر شايد هنن جي هستيءَ جي معراج جون اهي گهڙيون ڪڏهين نه گذرنديون. وقت ڄمي ويندو. اهي گهڙيون وقت جي هنيان ۾ کپي هميشہ لاءِ بيهي رهنديون ۽ هو ائين ئي گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊوڪيءَ ۾ بيٺا هوندا. +گهميل ۽ ڀنل هوا جي تيز جهوٽن سان سنڌوءَ جا وار ٿي اُڏاڻا. هن هٿ سان پنهنجا وار ٺيڪ ڪيا ۽ ڪنڌ سارنگ جي ڪلهي تي رکي ڇڏيائين. سارنگ هٿ وڌائي هن کي ڪلهي کان جهليو. هن جو ڇهاءُ ڄڻ چانڊاڻ ۽ هٻڪار جو ڇهاءُ. +سنڌوءَ ڄڻ ننڊ ۾ ڳائيندي چيو: +” سارنگ، ڇا واقعي ورهاڱو ٿيندو؟“ +”ها، ورهاڱو ضرور ٿيندو، اهو تاريخ جو فيصلو آهي.“ +سارنگ جو خواب آهي. +”تنهنجو خواب ته مون کان منهنجا سڀ خواب کسي ڇڏيندو. مون کان منهنجي سنڌڙي، منهنجا اباڻا ڪک، منهنجو شاه لطيف، سچل، سامي ۽ سارنگ کسي ڇڏيندو ۽مان ديس ۾ هوندي به پرديسڻ ٿي پرائي ڌرتيءَ تي اجهي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي رهندس.“ +”ورهاڱو ٿيندو. پر لڏپلاڻ نه ٿيندي. توکان تنهنجي سنڌڙي نه کسبي.“ +”وڏا فساد ٿيندا. ماڻهو ماڻهوءَ کي کائيندو. ڌرتي تپندي ۽ سنڌو جلاوطن ٿيندي.“ +”جهوڪ، ڀٽ ۽ درازن واري ڌرتي ڪڏهن نه تپندي. هن ڌرتيءَ تي سدا سارنگ رهندا.“ +سنڌو ماٺ ٿي وئي ۽ سارنگ کي پنهنجي ڪلهي تي آلاڻ محسوس ٿي. هن ڪنڌ جهڪائي سنڌوءَ جي اکين ۾ نهاريو. هن جون اکيون ٻوٽيل هيون ۽ سندس ٻوٽيل اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. سارنگ بي اختيار ٿي هن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ سنڌو سارنگ جي سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي. +ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آزاديءَ جو اعلان ٿيو. ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان جنم ورتو. + + + +رات ڏاڍي اونداهي هئي ۽ ريل زوزاٽ ڪندي، دانهون ڪيڪون ڪندي، اونداهي رات جو سينو چيريندي ڊوڙندي ٿي وئي. سيڪنڊ ڪلاس جي گاڏي ۾ پيِلن ۽ ميرن بلبن جي بيمار ۽ ميري روشني پکڙيل هئي ۽ سنڌو، سارنگ، موهن، رجني، موهن جي ماءُ ۽ پيءُ خاموش ويٺا هئا. ڪنهن به ڪنهن سان نٿي ڳالهايو. ڄڻ هر هڪ کي اهو ڊپ هو ته جي ڪنهن هڪ اکر به ڳالهايو ته سندن سيني ۾ سمايل سورن، آسن، نراسن ۽ لڙڪن جا بند ڀڄي پوندا. لڙڪن ۽ سڏڪن جو سيلاب اچي ويندو. ڄڻ هو سڀ سانت جي بارودي سُرنگ تي ويٺا هئا، آواز جي چوچڙيءَ سان اها سرنگ ڦاٽي پوندي ۽سندن وجود ذريون ذريون ٿي ويندا. بلبن جي اداس، بيمار ۽ ميري روشنيءَ ۾ هنن جا چهرا پيلا، اداس ۽ بيمار ٿي لڳا. ڄڻ هنن مان ست ساه ڇڏائجي ويو هو. ڄڻ هو مڙدا هئا ۽ ڪفن ويڙهي پنهنجي پنهنجي تابوت ۾ ويٺا هئا، سنڌوءَ جي چهري تي ڪو تاثر نه هو، ڄڻ هن جا سڀ احساس مري چڪا هئا. هن جون تنتون ڇڪجي تاڻجي، ڇڄي پيون هيون. هوءَ جيئري جاڳندي ممي هئي ۽ پنهنجي بي نور اکين سان دريءَ کان ٻاهر اونداهيءَ ۾ نهاري رهي هئي. رجنيءَ جي چهري تي ڊپ ۽ حراس هو. ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو هو. ڄڻ دريءَ کان ٻاهر واري اونداهيءَ ۾ موت ڇَپ هڻي ويٺو هو ۽ دريءَ جا شيشا ڀڃي اندر هليو ايندو. ڄڻ ان اونداهيءَ ۾ موت جا دئيت هنبوڇيون هڻندا، ڏند ڪرٽيندا، آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندا ٿي ويا. موهن جي ماءُ پيءُ جي چهرن تي سندن زندگيءَ جا سمورا ڏک، سمورا انديشا ۽ وسوسا مڙي آيا هئا، سندن چهري جو هڪ هڪ گهنج سوال هو ته اڳتي ڇا ٿيندو. ڪهڙي اجنبي شهر ۾ سج اُڀرندو، ڪهڙي ۾ لهندو، ڪهڙي شهر۾ کين پناهه ملندي... موهن جي چهري تي اميد جي هلڪي هلڪي روشني ڇانيل هئي. قومون ائين ئي ڊهنديون ۽ ٺهنديون آهن. ديس جي ڌرتي تپندي آهي. ۽ قومن جا قافلا اجهي جي تلاش ۾ نڪرندا آهن. اڃا اهو وقت پري آهي، جڏهن ڪنهن به ديس جي ڌرتي نه تپندي، جڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ جون پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ مان پاڙون نه پٽبيون، جڏهن سدا سارنگ هوندا. اهو وقت ضرور اچڻو آهي. +موهن جي ماءُ پنهنجي گهر جي اڱڻ مان مٽي کنئين هئي ته هندستان ۾ جيڪو گهر ملندو، تنهن جي اڱڻ جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي مٽي ملائيندس، ته جيئن پرائي ديس جي مٽيءَ مان پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي هٻڪار اچي. سنڌوءَ به سنڌ جي مٽي، پنهنجي گهر جي اڱڻ مان نم جي چڪي، گلاب ۽ رابيل جون چڪيون کنيون هيون، ته هندستان ۾ سنڌ جي نم ۽ گلاب ۽ رابيل جون چڪيون پوکيندس ۽ اها نم جڏهن وڌي وڻ ٿيندي، جڏهن سنڌ جا گلاب ۽ رابيل ڦٽندا. آسمان ۾ بادل جهومندا، مينهن ڦڙيون پونديون تڏهن نم جي ڇانوَ ۾ ويهي، گلاب۽ رابيل جي هٻڪار ۾ شاهه سائين جو سارنگ ڳائيندس. + +ريل ڪوٽريءَ وٽان درياه ٽپڻ لڳي، ته موهن جي ماءُ ساڙيءَ جو پلوَ مان چانديءَ جا رپيا ۽ ڏُنگهي ڇوڙي درياه ۾ اُڇلايا ۽ ڏاڍي آسيس سان چيائين: +”درياه شاه،ڏس ته ڪيئن ٿا گهريتڙا بي گهر ٿين، ديسي آديسي ٿين. پنهنجا پکا ۽ پنوهار توکي سونپي ٿي وڃان ۽ وصيت ڪيو ٿي وڃانِ ته منهنجون هاٺيون گنگا مائ��ءَ ۾ نه،تو ۾ لوڙهين.من مرڻ کان پوءِ مٽي اچي مٽيءَ سان ملي.“ +رجنيءَ اوچتو اوڇنگار ڏني. موهن جو پيءُ به روئڻ لڳو. لڙڪن گاڏڙ آواز ۾ چيائين: +”موهن ماءُ، ڇو ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪري سڀني جو اندر ڳارين.“ +”منهنجو اندر ٿو ڳري، توهان جو اندر نه ڳاريان. اباڻا ڪک ٿا وڇڙن، سنڌ ٿي وڇڙي.“ + +صبح جو باک ڦٽيءَ مهل گاڏي کوکرا پار اسٽيشن تي بيٺي، سامان ۽ڪاغذن جي چڪاس ڪرائي موهن ۽ سارنگ پليٽ فارم تي گهمڻ لڳا. ٻئي خاموش هئا، آخر موهن چيو: +”يار، مارگريٽ ته هندستان وڃڻ کان پوءِ ڪو اطلاع ئي نه ڏنو.“ +”هو فسادن وارا علائقا گهمي، اکين ڏٺو حال پئي پنهنجي اخبار ڏي موڪليندي هوندي. ايتري فرصت ئي ڪانه ملندي هوندس جو اطلاع موڪلي.“ +”سنڌوءَ جو پيءُ ڪڏهن هندستان ايندو.“ +”چيائين ٿي، ته مهيني اڌ ۾ پنهنجو ڪاروبار اُڪلائي اوهان وٽ پهچي ويندس.“ +”سچ چيو اٿن ته سرمائيدار جي ڪا قوميت نه ٿيندي آهي. سرمائيدار نه هندو آهي نه مسلمان، نه هندستاني ۽ نه پاڪستاني. هو فقط سرمائيدار آهي. سنڌوءَ جو پيءُ پنهنجو ڪاروبار وڪڻي پوءِ هندستان ايندو ۽ هن جو ڪاروبار ڪو پاڪستاني مسلمان خريد ڪندو.“ +موهن جي ماءُ گاڏيءَ مان هيٺ لهڻ لڳي. مڙسنهنس پڇيس: +”موهن ماءُ ڪيڏانهن ٿي وڃين.“ +”آخري دفعو سنڌڙيءَ جي مٽيءَ تي پير ته گهمايان“ +هوءَ پليٽ فارم تي لٿي ۽ زمين تان مٽي کڻي نرڙ تي مٽيءَ جو تلڪ لڳايائين. ايتري ۾ ريل جي سيٽي وڳي. سارنگ سڀني کان موڪلايو. موهن کي ڀاڪر پائي مليو، موهن جي ماءُ سندس منهن هٿن ۾ جهلي چمي ڏني. موهن جي پيءُ دعائون ڏنس. رجنيءَ جي مٿي تي هٿ رکيائين، ته هوءَ روئڻ لڳي. پوءِ هو سنڌوءَ جي سامهون اچي بيٺو. سنڌوءَ اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريو، ۽ هن کي سنڌوءَ جي اکين ۾ اها جهڙيالي شام نظر آئي. جڏهن نور جي ڌارا فرش کان عرش ڏانهن وهڻ لڳي هئي. جڏهن ’ڪن‘ جا پڙلاءَ آيا هئا ۽ ڪائنات نئين سر تخليق ٿي هئي، جنهن ڪائنات ۾ ڪو ڏنڀ، اهنج ۽ ايذاءُ نه هو، جتي ڪارا ڪڪر هئا، ڀورا بادل هئا، مينهن ڦڙيون هيون ۽ کنوڻين جهڙا کلڪار هئا. پرينءَ کهنبا ڪپڙا پائي اکيون کڻي کليا هئا ۽ سڀئي سور سنڌا ڪي ويا هئا. پر هاڻي اُهي ئي پرين سور ڏيئي پاڻ سنڌا ڪيو ٿي ويا__ نه وڃ سنڌو نه وڃ. تون ته منهنجي خواب جي منزل آهين، احساس جو معراج آهين. اسان ته زمانن کان صبح ۽ شام جي گردش ۾ گردش ڪندا، ڀٽڪندا، هڪ ٻئي کي ڳوليندا، ملندا ۽ وڇڙندا رهيا آهيون. ڏس، وقت ڄمي بيهي رهيو آهي. سمنڊ جون لهرون جهانجهر وڄائينديون جهومريون وجهنديون اسان ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ اسين ڀنل، ٽڙيل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊاڻ ۾ ازل کان هٿ ۾ هٿ ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي بيٺا آهيون. تون مون کان هٿ ڇڏائي نه وڃ. سنڌ جي وڻن جون پن پن ٿو تو کي پڪاري. ٿر ۽ بر ٿا تو کي سڏين، ڀٽائي ۽سچل ٿا تو کي صدائون ڏين. تون سنڌ ۽ سارنگ کي ڇڏي ڪيڏانهن ٿي وڃين. گاڏيءَ گڙگاٽ ڪيو. سارنگ يڪدم پٺتي مڙيو ۽ تکا تکا قدم کڻندو گاڏي مان هيٺ لهي آيو ۽ گاڏيءَ کي پٺي ڏيئي بيهي رهيو. گاڏيءَ جو آواز تيز ٿيندو ويو ۽ هن کي ائين لڳو، ڄڻ گاڏي هن جي هيانَ تي هلي رهي هئي. هن ٻئي هٿ ڪنن تي رکي اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ۽ پوءِ جڏهين هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته گاڏي وڃي چڪي هئي ۽ سامهون هندستان جي سرحد هئي. هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن رومال سان لڙڪ اُگهيا ۽ پٺتي مڙيو. سامهون سج ڪني ڪڍي رهيو هو ۽ صبح جي سنهري اُس وڻن جي سائين چوٽين کي روشن ڪري ڇڏيو هو. آسمان نيرو ۽ روشن هو ۽ آسمان جي نيراڻ ۾ پکي ٿي اُڏاڻا ۽ سامهون پاڪستان، هن جي نئي�� ديس جي نئين نڪوري ڪنواري ڌرتي پکڙيل هئي. + + +ريل وڃي چڪي هئي ۽ سامهون هندستان جي سرحد هئي. سارنگ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن رومال سان لڙڪ اگهيا ۽ پٺتي مڙيو، سامهون سج ڪني ڪڍي رهيو هو ۽ سج جي سنهري اُس وڻن جي سائين چوٽين کي روشن ڪري ڇڏيو هو. آسمان نيرو ۽ روشن هو ۽ آسمان جي نيري وسعتن ۾ پکي ٿي اُڏاڻا. سامهون هن جي نئين نڪوري ڪنواري ڌرتي پکڙيل هئي. ان ڌرتيءَ تاريخ جا ڪيڏا نه ظلم سٺا هئا. جنگيون، باهيون، انساني ڪوس، رڳي رتوڇاڻ. ڌارين جي غلاميءَ جا زنجير! اڄ ان ڌرتيءَ پنهنجي هٿن ۽ پيرن مان غلاميءَ جا زنجير لاهي اُڇلايا هئا. سندس شهيدن جو رت آزاديءَ جي صبح جي شفق بڻجي کڙيو هو. سامهون نئون سج ٿي اڀريو ۽ آسمان جي نيري ۽ روشن وسعتن ۾ پکي ٿي اُڏاڻا . هو آزاديءَ جي صبح جي چائنٺ تي بيٺو هو. هن جي پٺيان هندستان جي سرحد هئي. موهن هو، سنڌو هئي. ۽ هن جي دل ۾ سنڌوءَ جي وڇوڙي جو غم تازي ڦٽ وانگر ٿي ڏکيو. هر نئون ڄَم سورَ ڏيندو آهي. هر نئين تخليق درد مان ڦٽندي آهي. اڄ هن ڌرتيءَ ۽ هن ديس نئون جنم ورتو هو، ۽ ان نئين ڄم لاءِ سڀني کي سور سهڻا هئا. + +اوچتو پٺيان ريل جو آواز آيو. هن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. هندستان مان مهاجرن جي ريل آئي هئي. ساري ريل ماڻهن سان سٿيل هئي. ڪي ريل جي درن ۽ درين ۾ ٿي لڙڪيا ته ڪي ريل جي ڇت تي ويٺل هئا. جيئن ئي ريل پاڪستان جي سرحد ۾ گهڙي، سڀئي نعرا هڻڻ لڳا. سندن هيسيل، هراسيل ۽ ڊنل چهرا خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳا. انهن ۾ ڪو موهن هو. ڪا موهن ماءُ ۽ ڪا سنڌو هئي. هو به پنهنجي پنهنجي سنڌ کان وڇڙيا هئا، پنهنجي پنهنجي مهراڻ کان موڪلايو هئائون، پنهنجي پنهنجي شاهه ۽ سچل جي ڪافين کان جدا ٿيا هئا. هنن لاءِ به ته پنهنجي ديس جون گهٽيون گيت هونديون، ۽ بستيون بيت هونديون. اڄ هنن جي گيتن ۽ بيتن کي باه لڳي هئي، سندن ديس جي ڌرتي تپي هئي ۽ هو پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ سان ناتا ٽوڙي، رت ۽ باه جا درياه اورانگهي، هڪڙي نئين ديس جي ڌرتيءَ سان ناتا جوڙڻ لاءِ هتي پهتا هئا. +’ڀلي آيئو ڀائرو، منهنجي ديس جي بُکي ۽ ڏکي ڌرتي اوهان کي آجيان ٿي چوي‘ +سارنگ اڳتي وڌيو ۽ ريل جي هڪڙي گاڏي جي سامهون وڃي بيٺو. گاڏي مان هڪڙو نوجوان لٿو. سنهون، ڊگهو، وکريل وار، اداس ۽ اوجاڳيل اکيون. کيس چوڙيدار پائجامون ۽ شيرواني پهريل هئي. سارنگ اڳتي وڌي ان نوجوان کي کيڪاريو. نوجوان جو نالو علي جعفر رضوي هو. هن سان گڏ هن جي پوڙهي ماءُ، جوان ڀيڻ ۽ ضرورت جو ٿورڙو سامان هو. سارنگ علي جعفر ۽ سندس ننڍڙي ڪٽنب کي وٺي ڪراچيءَ روانو ٿيو. رستي تي هڪ هڪ اسٽيشن تي مهاجرن لاءِ ڪئمپون لڳل هيون ۽محبت، مهمان نوازي ۽ ڀائپي جا ماريل سنڌي ڳراٽڙيون پائي ٿي مهاجر ڀائرن سان مليا. ڪن پنهنجي مهمان ۽ مصيبت جي ماريل ڀائرن لاءِ ديڳيون ٿي دميون. ڪن پنهنجي گهر جو سامان آڻي ٿي کين آڇيو، ته ڪن وري پنهنجي گهرن ۾ وڃي ٿي کين رهايو. سارنگ به هنن کي ڪراچيءَ وٺي آيو ۽ سڌو موهن جي گهر آڻي، موهن جو ڀريو تريو گهر سندن حوالي ڪيائين. عليءَ جي ماءُ کيس دعائون ڏيڻ لڳي، عليءَ جي ڀيڻ زينب شرم ٻوٽيءَ وانگر پنهنجو پاڻ ۾ لڪڻ لڳي ۽ علي هن سان ائين ڳالهائڻ لڳو، ڄڻ ٻنهي جو صدين جو ساٿ هو. ڄن ٻنهي جا ساڳيا خواب هئا ۽ ساڳي منزل هئي. + +سارنگ زينب کي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ۽ ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ شرميلي ۽ شرم ٻوٽيءَ وانگر پنهنجو پاڻ ۾ لڪندڙ زينب ۾ جيئڻ جي جرئت پئدا ٿي وئي. هن برقعو لاٿو ۽ زندگيءَ سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آئي. ستت ئي کيس هڪڙي اسڪول ۾ ماستري ملي ۽ ٻارن کي ٽيوشن ��ه پڙهائڻ لڳي. عليءَ جي ماءُ ته سارو ڏينهن هندوري ۾ ويهي تسبيح پڙهندي يا پاندان کولي، سروتي سان سوپاريون ڪتري پئي اباڻي وٿاڻن کي ياد ڪندي هئي. پر زينب ساري گهر کي کڻي بيٺي. گهر جي ڪم ڪار مان واندي ٿيندي ته ڪتاب پڙهندي، سارنگ ۽ عليءَ سان بحث ڪندي. سارنگ کان سنڌي به سکڻ شروع ڪيائين. سارنگ کان سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون ٻڌندي هئي ته چوندي هئي: ڪنهن به ڌرتيءَ جي مزاج کي ان ڌرتيءَ جي لوڪ ادب جي معرفت ئي سمجهي سگهجي ٿو. سارنگ محسوس ڪيو ته تمام ٿوري عرصي ۾ زينب ۾ تمام گهڻي ذهني پختگي اچي وئي هئي. سارنگ هن سان وڏيون اميدون وابسته ڪيون. + +سارنگ، موهن ۽ سنڌوءَ چندا گڏ ڪري پريس ورتي هئي. سوچيو هئائون ته اخبار ڪڍنداسين پر ورهاڱو ٿيو. موهن ۽ سنڌو هندستان هليا ويا، پريس ۽ اخبار اڌ ۾ ئي رهجي وئي. هينئر سارنگ ۽ عليءَ گڏجي پريس سنڀالي ۽ هڪڙي هفتيوار اخبار ڪڍيائون. ٿورڙي ئي وقت ۾ پريس هلي پئي. هاڻي ٻنهي پنهنجي ٽڙيل پکڙيل ساٿين کي گڏ ڪيو ۽ تحريڪ جي ڪم کي لڳي ويا. مزورن جون يونيئنون ٺاهيائون، ڪتاب ۽ پمفليٽ ڇپايائون. مزورن جي ميڙن جي اڳيان تقريرون ڪندا هئا، کين ڪتاب پڙهي ٻڌائيندا هئا. ۽ هڪ هڪ نقطو مثال ڏيئي سمجهائيندا هئا. جلد ئي ٻنهي جي خلاف سي- آءِ- ڊي وٽ فائيلون کليون. سندن شمار ملڪ دشمنن ۾ ٿيڻ لڳو. ٻئي هندستان ۽ روس جا ايجنٽ سڏجڻ لڳا ۽ سي- آءِ- ڊي مٿن نظر رکڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن مزورن جي اسٽرائيڪ ڪرايائون. علي ته بچي ويو، پر سارنگ کي پوليس جهلي کڻي جيل ۾ وڌو. + +سارنگ جي دل تي جيل جي دهشت ويٺل هئي. پر جڏهين هٿڪڙيون پيس ۽ جيل جي چانئٺ ٽپي اندر گهڙيو ته ساري دهشت دل تان لهي ويس. جيل هڪڙي نئين دنيا هئي. لوهي در، لوهي ڪڙا، ڦاهي گهات، مارڪٽ، ڦٽڪا، ڪامورا شاهيءَ جا راڱان. نسورو ظلم، چرس، هم جنس پرستي، چور، خوني ڌاڙيل،سوسائٽي جي ڌڪاريل ۽ ٿڏيل انسانن جي پناه گاه! +پهريون ڏينهن ته هر هڪ شيءِ کي حيرت سان ڏسندي گذري ويو، پر جڏهين رات ٿي ۽ هن جي ڪوٺڙيءَ جو لوهي سيخن وارو دروازو بند ٿيو ته هن جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو. هن ٻنهي هٿن سان لوهي سيخن کي جهليو ۽ سيخن جي وچواري وِٿيءَ ۾ منهن وجهي ساه کڻڻ لڳو. سامهون جيل جي جبل جيڏي اوچي ديوار هئي. ديوار تي ٺهيل بُرجي ۾ سپاهي بندوق جهلي بيٺو هو ۽ مٿي آسمان ۾ چنڊ کڙيل هو. چنڊ کي ڏسي هن کي سنڌو ياد پئي. اُها جهڙيالي سانجهي ياد پئي، جڏهين سنڌو پنهنجا جهڙيالا نيڻ کڻي کلي هئي ۽ سڀئي سور سَنڌا ڪري ويا هئا ۽ هن جي ساري هستي مينگهه ملهار ٿي وئي هئي. جڏهين گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊاڻ ۾ سمنڊ جي لهرن جهانجهرون وڄائي ڇم ڇم ڪري، جهومريون وجهي هن جي پيرن کي ڇهيو هو ۽ هن سنڌوءَ جي لڙڪن سان ڀنل نيڻن تي پنهنجا چپ رکيا هئا. وقت جي وير هن کي جدا ڪري ڇڏيو هو ۽ وڇوڙي جا گهاؤ سدا بهار گل بڻجي هن جي هنيانءَ ۾ هٻڪار ڏيئي رهيا هئا. شايد سنڌو به هندستان ۾ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ليٽي، چنڊ ڏانهن نهاري هن کي ياد ڪندي هوندي. شايد هن جي اڱڻ ۾ سنڌ جا گلاب کڙيا هوندا ۽هوءَ انهن گلابن جي ڀر ۾ ويهي سنڌ ۽ سارنگ کي ساري، شاه سائينءَ جو سُر سارنگ ڳائيندي هوندي. + +’کڻ اکيون کل يار ته وڃن سور سنَڌا ڪري.‘ + +يار ته پاڻ سور ڏيئي ويا هئا ۽ سورن جي ان سوکڙيءَ کي هن ساه سان سانڍيو هو. +هاڻي هن کي سڪينه ياد پئي. +پگهريل سون جهڙو رنگ، چيلهه جيڏا چوٽا، جسم تي جوانيءَ جا گل گؤنچ چوڙين جو هلڪو آواز اُڀريو، جذبن جو جلترنگ وڳو ۽ هيڪلائيءَ جي رڻ ۾ کٽڻهار کڙي پيا. سنڌوءَ جي پيار ۾ هو، سڪينه جو گونگي ۽ بي زبان پار کي صفا وساري ويٺو هو. سنڌوءَ جي پيار جي پٺيان هو اکيون ٻوٽي اڳتي وڌندو ويو هو ۽ هن ڪڏهن ڪنڌ ورائي پٺيان سڪينه ڏانهن نه نهاريو هو، جيڪا پنهنجي پلاند ۾ پنهنجو لڄارو پيار جهلي هن جي انتظار ۾ بيٺي هئي. سنڌو جي وڇوڙي کان پوءِ هن کي يڪدم سڪينه ياد پئي. انسان جو هڪڙو سهارو ٽٽي ٿو ته ڪيئن نه ٻيو سهارو ڳولي ٿو وٺي! هن کي سڪينه جي سهاري جي ضرورت هئي. ڪيترا دفعا سوچيو هئائين ته ڳوٺ وڃي سڪينه سان شادي ڪريان، پر زندگيءَ جي مصروفيتن ايتري فرصت ئي ڪانه ڏنس، جو پنهنجي ان اڌوري خواهش کي پورو ڪري سگهي. هينئر جيل مان نڪرندو ته سڌو ڳوٺ ويندو ۽ سڪينه سان شادي ڪندو. پر ڪهڙي خبر هينئر مامون ساڻس سڪينه جو سڱ نه ڪري. هن جي قسمت جو فيصلو ٿي چڪو هو. هن جي زندگيءَ جي واٽ ڪنهن ڪاموري جي بنگلي، دٻدٻي واري آفيس ۽ ڪار جي بدران جيل وٽ وڃي ختم ٿي ٿي ۽ ڪير ڏسي وائسي پنهنجي نياڻيءَ کي اوڙاه ۾ اڇليندو. پر نه، مامون اهڙو نه هو. مامون پڙهيل هو ۽ هن جي مقصد کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿي سگهيو. جي هر ڪوئي ڪار ۽ بنگلي لاءِ وڪامي وڃي ته پوءِ سچ جو سفر ڪير ڪندو، ڪير ڏونگر ڏاريندو، ڪاڪ ڪيرائيندو ۽ مقصد جي مومل ماڻيندو. +هاڻي هن کي پنهنجو پيءُ ياد پيو ۽ پيءُ جي ياد کان هن کي حجاب ٿيڻ لڳو. +هو پنهنجي پيءُ جو ارمان هو. هن جي پوڙهي پورهيت پيءُ زندگيءَ جي اونداهين ۾ رهي هڪڙي آس ۽ هڪڙي اميد جي پرورش ڪئي هئي ته هن جو پٽ وڏو ٿي وڏو آفيسر ٿيندو، پوءِ زندگيءَ جا سمورا ڏک ڏولاوا لهي ويندا ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ هو سک جو ساه کڻي سگهندو، پر اڄ هن جي آس، هن جي اُميد، هن جو ارمان جيل ۾ پيو هو. هن پنهنجي پيءُ جي آسن ۽ اميدن جو خون ڪيو هو. نه نه نه، هن ڪنهن جي به آس، ڪنهن جي به اميد جو خون نه ڪيو هو، هن ته ان ڏينهن جا خواب ڏٺا هئا، جڏهن ڪنهن به پيءُ جي آسن ۽ اميدن جو خون نه ٿيندو. جڏهن سڀئي سارنگ اسڪول پڙهندا. سڀئي سڪينائون لاڏا ڳائينديون ۽ سڀئي سانوڻ سک جو ساه کڻندا. اهو صبح ضرور ايندو. + +هينئر رات جا پساه پورا ٿيڻ تي هئا. هوا جا ماڪ ڀنل جهلڪا جيل جون اوچيون ديوارون ٽپي، لوهي شيخن مان اندر اچي، هن جي بدن کي ڇهي، سندس سنَڌ سنَڌ کي پره جا پار پتا ڏيئي رهيا هئا. ڪير آهي جيڪو هير تي بند وجهي، جيڪو چانڊاڻ کي قيد ڪري. هير سدا گهلندي رهندي، چنڊ سدا کڙندو رهندو. نيٺ ته ڪوٽ ڪرندا. + + + +هيل اُتر ۾ ڏاڍي گرمي ٿي هئي. ڏينهن کورن وانگر ٻرندا ۽ راتين جو اهڙي ٻُٽ ٿيندي، جو ساه پيو ٻوساٽبو. سارين ۾ بيٺل پاڻيءَ تي مڇر اهڙو ٿيو هو، جو ڍڳي کي چڪ هڻي ته ڍڳي کان رنڀ نڪريو وڃي. پِتُ، مَلو، ڦرڙيون، مڇرن جي ڪري تپاولي، هر ڪو ڊڙيو پيو هو. سج ڪني ڪڍندو ته ڄڻ آويءَ کي باه لڳي وئي. سارو ڏينهن ماڻهو آويءَ ۾ پچندا، لڇندا ۽ ڦٿڪندا. رات ٿيندي ته ٻوسٽ ۽ گهُٽ ، جنسي گهٽا پيا ايندا. مڇرن لاءِ دونهيون دکنديون ته مڇرن جي چڪن سان مال پيو رنڀندو، ٻار پيا رڙندا، گرمي ٻوسٽ، پگهر جي ڌپ، مڇرن جا چڪ، ٻارن جو ريهٽ، زالن جو پٽڪو ڪُٽڪو، مڙدن جي گارين جو زيپٽ. + +هيل سانوڻ کي به واري جو تپ ٿي پيو هو. شڪارپور وڃي ڊاڪٽر کي نبض ڏيکاري آيو هو. ڊاڪٽر زهر جهڙي ڪوڙي دوا جي دُنگ ڀري ڏنو هوس. سارو دنگ پي ڇڏيائين، پر تپ نه ڇڏيس. هڪڙي ڏينهن تپ مان ساه ٿي پٽيائين ته ٻئي ڏينهن وري تپ ڊاهي ٿي وڌس. سارو بت سيءَ ۾ ٿڙڪندس، ڏند پيا کڙڪندس ۽ اکين مان پاڻي پيو وهندس. سيءَ ڍرو ٿيندو ته ڦوه ڏيئي تپ نڪرندو. لڳ تنور وانگر ٻرندا، اکين مان اُلا نڪرندا، اندر ۾ باه ۽ لوڇ. پوءِ ��گهر شروع ٿيندا. سارو هنڌ پاڻي ٿي ويندو. بت مان سارو ست ساه نپوڙجي ويندو. + +هڪڙي ڏينهن تپ ڍرو ٿيس ته چنگهندو چنگهندو کٽ تان اٿيو ۽ اندر وڃي هڪڙي پيتي کوليائين. پيتيءَ ۾ کهنبو وڳو، سوني نٿ، چانديءَ جا پنڙا، هَسُ ۽ ڪڙا پيا هئا____ اهو کنبهو وڳو ۽ ڳهه پائي گلان ڪنوار بڻجي هن گهر ۾ پير پاتو هو، ساڳي گهر مان هن جو جواڻ جماڻ لاش نڪتو هو. هيڏانهن تازو ٺاول سارنگ اوئان اوئان ڪري ٿي رنو ۽ هوڏانهن گلان جي ميت گهران پئي نڪتي. سانوڻ ته صفا چريو ٿي پيو هو. چرين وانگر ننڍڙي سارنگ کي ٻانهن ۾ کڻي گلان کي واسطا ٿي وڌائين ته مون کي ۽ هن ننڍڙي معصومڙي کي رڻ ۾ رولي نه وڃ. پر پرديس پلاڻڻ وارا پرين ڪو اهڙن واسطن سان ترسندا آهن ڇا. سانوڻ ۽ سارنگ رئند ارهيا ۽ گلان ٻنهي کي ڇڏي وڃي قبر ۾ آرامي ٿي. سانوڻ، سارنگ کي پنهنجي پرينءَ جي جي پيار جي نشاني سمجهي سيني سان لاتو. ماءُ وانگر راتيون جاڳي کيس پالي وڏو ڪيائين. مٽن مائٽن گهڻو ئي زور ڀريس ته ٻي شادي ڪر، پر هن ٻي شادي نه ڪئي. ڪهڙي خبر ماٽيلي ماءُ گلان جي گلڙي، سان ڏنگي هلي. نيٺ هن جو پورهيو صاب پيو، سارنگ سلڇڻو ٿيو. مامي وٽ وڃي پڙهي پيو، وڪالت پاس ڪئي هئائين. ڪراچيءَ مان موٽندو ته جج ٿيندو. هندو ڪامورا لڏي ويا هئا. نوڪريون جام هيون. احمد خان رهائيءَ وارو مڙس هو. سندس شاگرد وڏن عهدن تي هئا. چئه چوان ڪري سارنگ کي سٺي نوڪري وٺي ڏيندو، پوءِ سڀئي ڏک ڏولاوا لهي ويندا. سارنگ کي پڙهائڻ لاءِ سوسائٽيءَ مان جيڪو قرض کنيو هئائين، سو به لهي ويندو. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هن سمجهيو هو ته پاڪستان ٿيندو ته اسلامي حڪومت ٿيندي. هندن ويساه گهاتيءَ سان مسلمانن جي جيڪا ملڪيت ڦٻائي هئي سا موٽي مسلمانن کي ملندي. ڄيٺا مل جا وڏا ڀلاوڻا هئا. پوءِ هن جا وڏا ويا ڄيٺامل جي وڏن کان قرض کڻندا ۽ زمينون گروي رکندا. گرويون ڇڏائي نه سگهيا. هينئر ڄيٺامل زميندار هو ۽ سانوڻ انهن ساڳين زمينن تي راهڪ هو. پاڪستان ٿيو ته ڄيٺامل ساري زمين سانوڻ کي ڏئي ويو ۽ چيائين: +”سانوڻ خان، زمين امانت ڏيئي ٿو وڃانءِ ، جي گوڙ گهٽيا ۽ موٽڻ ٿيو ته زمين موٽائي وٺندوسانءِ، نه ته زمين تو کي آئي.“ +ڄيٺامل هندستان هليو ويو. سانوڻ وارن گڏجي زمين کيڙي. فصل تيار ٿيو ته هڪڙي ڏينهن مهاجر الاٽمينٽ جو ڪاڳر کڻي، مختيارڪار، تپيدار ۽ پوليس ۽ جيپ ڀرائي اچي زمين جو قبضو ورتو. هن گهڻيون ئي دانهون ڪيون، پر ڪجهه ڪونه وريو. مهاجر بيٺل فصل جي بٽئي وٺي ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. هينئر هنن زمينن جو مالڪ مهاجر هو ۽ هو اهو ساڳيو راهڪ هو. پاڪستان مان هنن کي ڪهڙو فائدو ٿيو هو؟ هندن جون ساريون زمينون دڪان، واپار، ڪارخانا مهاجرن کي الاٽ ٿيا هئا. شڪارپور ۾ هندن جي ملڪيتن ۽ مهاجرن جي آبادڪاريءَ جون آفيسون کليون هيون. انڌير لڳو پيو هو. ناني رڌڻ واري، ڏُهٽا کائڻ وارا، غريب لاءِ جهڙو هندستان تهڙو پاڪستان. جهڙو هندو، تهڙو مهاجر! غريب جي حياتي ته آڻڻ ۽ چاڙهڻ ۾ ئي پوري هئي، پر هاڻي وقت ضرور ورندو. سارنگ جج ٿيندو. اڇو لٽو ۽ اڇي ماني نصيب ٿيندي. حياتيءَ جا باقي ڏينهن سُک سان گذرندا. سارنگ جي شادي ڪرائيندس. سڪينه، گلان وارو وڳو ۽ ڳہ ڳٽا پائي ڪنوار بنجي هن گهر ۾ پير پا.ئيندي ۽ پوءِ هيءُ گهر خوشين ۾ پيو ٻهڪندو. سارنگ ته چيو هو ته وڪالت پڙهڻ ۾ رڳا ٻه سال لڳندا. هينئر ته هن کي ٽي سال ٿي ويا آهن، پر اڃان واپس ورڻ جي نٿو ڪري. وڪالت پاس ڪئي اٿئين، پر ته به ڪراچيءَ ۾ رهيو پيو آهي. شاديءَ جي ڳالهه ٿو ڪريانس ته ٽاري ٿو ڇڏي. الائي مر��ي ڇا اٿس. احمد خان کان پڇان ٿو ته هو به سولو جواب نٿو ڏي. شايد شهر جو واءُ لڳي ويو اٿس، تڏهن ڳوٺ جو منهن ئي نٿو ڪري. پر به هڪڙو دفعو ڳوٺ اچي شادي ڪري، پوءِ ڀل پنهنجي ڪنوار سان وڃي ڪراچيءَ ۾ رهي. اُتي ئي نوڪري ڪري، اُتي ئي بنگلو ٺهرائي. مان هتي اباڻي گهرڙي جو در پٽي ويٺو هوندس ۽ پيو دعا ڪندوسانءِ. مئس ته پوءِ اچي ڪلهو ڏيئي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ پوري وڃي. اڄ شڪارپور وڃي احمد خان کان خط ٿو لکرايانس ته ’مان چاق نٿو رهان، اچي منهن ڏيکاري وڃ....‘ سانوڻ پنهنجو پاڻ سان ويٺي رهاڻ ڪئي ته ايتري ۾ ٻاهران لڌي سڏ ڪيس، هن يڪدم گلان جو کنهنبو وڳو ۽ ڳہ ڳٽا ويڙهي پيتيءَ ۾ رکيا ۽ لڌي جو سڏ ورايائين. +”لڌا خان، هليو آ.“ +لڌو آيو ته سندس منهن لٿل هو. سانوڻ سمجهيو ته اڄ وري ڪو ڦڏو ڪري آيو آ. +”لڌا خان، آهي ته خير ني.“ +”خيروري ڪهڙوآ.سانوڻ خان، ڏاڍي خراب خبر ٻڌي اٿم.“ +”ڪهڙي خبر ٻڌي ٿي.“ +”ٻڌو اٿم ته سارنگ جا دشمن.....“ لڌو ڳالهه پوري ڪري نه سگهيو. +”اڙي ڇا ٿيو سارنگ کي؟“ سانوڻ دانهن ڪئي. +”چون ٿا ته سارنگ جهلجي پيو آ.“ +سانوڻ کي ڄڻ لڌي ڪاپار ۾ ڪهاڙي وهائي ڪڍي. +”لڌا خان، چئين ڇا ٿو!“ +”سانوڻ خان اڄ روهڙي پيسينجر کنيم. ٻن پاسينگرن پاڻ ۾ ڳالهيون ٿي ڪيون ته سارنگ کي پوليس جهلي وئي آ.“ +”ڪنهن جي جوءِ سان کريو، ڪنهن جي ڌيءَ سان ڪارو ٿيو، جو پوليس جهليس. اهي ماءُ.... هيا ڪير.“ +”سارنگ جا دوست هيا، ڪراچي ۾ سارنگ سان ڪاليج ۾ پڙهندا آهن.“ +سانوڻ صفا مڃي ئي نه،گار جو زيپٽ پيو پويس. ڪاوڙ ۾ سارو بت ٿي ڏڪيس. وس پڄيس ته لڌي جي زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي ڇڏي. لڌي صلاح ڏنس ته شڪارپور هلي احمد خان سان احوال ڪريون. پر سانوڻ مڃي ئي نه، رڳو ٿي گاريون ڏنائين. آخر لڌو کيس ريڀائي ريجهائي شڪارپور وٺي ويو. +سانجهيءَ جي ٻانگ ملي ته هو احمد خان جي گهر ڀيڙا ٿيا. احمد خان اڱڻ ۾ کٽ تي پلٿي ماري ماني کائي رهيو هو. سامهون چانورن جو ٿال، انب ۽ پڪوڙن جو دونون رکيل هوس، پاسي کان ٻانهيءَ تي سڪينه جي ماءُ پاسيري ويٺي هئي ۽ وڃڻي سان ڪوسا چانور ٿي ٺاريائين. سڪينه رڌڻي وٽ ويٺي هٿ بتيءَ جو شيشو ٿي صاف ڪيو. ماڻس چيس: +”امان خيرين سلين نماشام جو گهر ۾ اونده ڇو ڪئي اٿئي، جلدي ڪر بتي ٻاري وٺ.“ +ايتري ۾ سانوڻ گهٽيءَ ۾ کنگهڪار ڪري سڏ ڪيو. سڪينه جي ماءُ ٽپ ڏيئي کٽ تان اُٿي ۽ رئي سان مٿو ڍڪيندي سانوڻ کي کيڪاريائين. +”ادا، ڀلي ڪري آئين.“ +”ادي خير هجئي.“ سانوڻ جو آواز ڦريل هو، سندس منهن مان ڪاوڙ ٿي بکي. +”سانوڻ خان اچو مانيءَ تي.“ +سانوڻ هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري چيو: +”احمد خان، خبر اٿئي ته دشمن سارنگ لاءِ ڪهڙيون ڍيڪان ٿا ڏين.“ +”ها، سانوڻ خان، مون به خبر ٻڌي آه“ +”دشمنن جو منهن ڪارو آ ني.“ +احمد خان ماٺ ٿي ويو. سڪينه جي ماءُ کي پڪ ٿي وئي ته ڪا ڳالهه آهي ضرور. يڪدم چيائين: +”ڳجهارتن ۾ ڇو ٿا ڳالهايو. ماکي به ته ٻڌايو ته ڳالهه ڇاهي.“ +”ڳالهه وري ڪهڙي آ، دشمنن هلايو آ ته سارنگ جيل ۾ پيو آ.“ +”اَئي مٺيس. شل هچا پوين. اوٿ ڪرين جو اسان جي ٻچن لاءِ ٿا اهڙا ويڻ ڪڍن. شل پنهنجي آنڊن ۾ هٿ پوين.“ +”سانوڻ خان. مان ڪراچيءَ ٽيليفون ڪري پڇا ڪئي هئي، ڳالهه سچي آ. اخبار ۾ به آئي آ.“ +سڪينه جي ماءُ کان دانهن نڪري وئي. سانوڻ جي بت مان سارو ساه ڇڏائجي ويو. سڪينه جي هٿ مان بتيءَ جو شيشو ڪري پيو ۽ ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. +”ڇا سچي، سارنگ جهلجي پيو آ،“ سانوڻ وساڻيل آواز ۾ پڇيو. +”ها، سانوڻ خان. ڳالهه سچي آ.“ +”اڙي پر ڪهڙو ڌاڙو هنيائين، ڪهڙي ڦُر ڪيائين.“ +سانوڻ جو آواز سڏڪن ۾ لڙهي ويو، سڪينه ماءُ پارَ ڪڍي روئڻ لڳي، سڪينه تکيون تکيون وکون کڻندي اندر هلي وئي ۽ رئي ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي. + +رات جو ڪوئٽا ميل ۾ احمد خان ۽ سانوڻ ڪراچي روانا ٿيا. + +پهرين رات سارنگ جيل ۾ جاڳندي گذاري. ساري رات دروازي جي لوهي سيخن کي جهلي آسمان ۾ چنڊ ڏانهن نهاريندو رهيو. پوئين پهر هيرَ سندس سنَڌ سنَڌ کي ڇُهي پره جا پار پتا ڏنا. پوءِ رات جا پساه پورا ٿيا ۽ پره ڦٽي. پره جي آجيان لاءِ هڪڙو پکي لات لنوڻ لڳو. ٻئي پکيءَ سندس لات جو جواب ڏنو ۽ پوءِ هر طرف کان پکي لاتيون لوڻ لڳا. سارنگ سوچيو رات ائين ئي وهامندي آهي. رات جي ڪاريءَ ڪُکِ مان پره ڦٽندي آهي. پرهه جي آجيان لاءِ هڪڙو پکي لات لوندو آهي. ٻيا پکي ان لات جون وراڻيون ڏيندا آهن ۽ پوءِ هر طرف روشني ئي روشني آواز ئي آواز هوندا آهن. هو به رات جو مسافر هو. هن جي منزل به پره هئي، هن ۽ هن جي ساٿين پره جي آجيان لاءِ لات لنوين هئي. هاڻي ڳليءَ ڳليءَ ، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ ۽ وستيءَ وستيءَ مان سندن لاتن جون وراڻيون اينديون. پوءِ هر طرف مٺڙا آواز ئي آواز هوندا، روشني ئي روشني هوندي. هن جي مايوسين جي اونداهين سان وڪوڙيل دل ۾ اميد جي روشني ڦٽي..... +هينئر سارو جيل سج جي ڪرڻن سان روشن ٿي ويو هو ۽ هر طرف زندگيءَ جي چُرپر ۽ آواز هئا. ان ڏينهن هن جا سڀئي ساٿي هن سان ملڻ لاءِ آيا. سڀئي ڏاڍي سڪ ۽ ڏاڍي پيار سان هن سان مليا. سڀني جي اکين ۾ هن لاءِ عزت ئي. سڀني جي دلين م اميد جون روشنيون هيون. علي هن سان ڀائرن وانگر ڀاڪر پائي مليو. عليءَ جي ماءُ هن لاءِ ڏاڍيون سٺيون شيون ٺاهي موڪليون هيون. زينب مرڪي هن سان مٺڙي رهاڻ ڪئي، ۽ هن جا سڀئي اهنج ايذاءُ لحضي ۾ لهي ويا. اهو ڏينهن ڏاڍو جلد گذري ويو. وري رات آئي ۽ وري ياد آئي. هر طرف سانت جو صحرا ۽ هيڪلائيءَ جو رِڻ پکڙيل هو. وري ان صحرا ۽ ان رڻ ۾ دوستن جي ياد جي هير گهلڻ لڳي ۽ سارو بربوءِ ٿي ويو. پيار جي بُوءِ، خلوص جي بُوءِ، بهار جي بُوءِ، وري رات جا پساه پورا ٿيا، وري پره ڦٽي، وري پکيءَ لات لنوين ۽ وري هر طرف آواز ئي آواز ۽ روشني ئي روشني پکڙجي وئي. ٽين رات هو سانت ۽ هيڪلائيءَ سان هري ويو ۽ آرام سان ننڊ ڪيائين. صبح ٿيو ته سندس پيءُ ۽ مامون ساڻس ملاقات لاءِ آيا. + +مامي جي چهري تي ساڳي سنجيدگي ۽ رعب هو، باقي پڻس صفا جهري پيو هو. منهن هيڊ جهڙو پيلو ٿي ويو هئس. اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس ۽ هڙٻاٽيون نڪري آيون هئس. پيءُ جي حالت ڏٺائين ته سندس هنيانءَ ڀرجي آيو. هن کي اهي ڏينهن ياد پيا، جڏهن ٻاهر ڪو ساڻس وڙهندو هو ته هو ڊوڙي اچي پيءُ کي دانهن ڏيندو هو. پڻس کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لائيندو هو ۽ پوءِ ٻاهر وڃي هن سان وڙهڻ وارن کي دڙڪا ڏيندو هو. تڏهين هو پيءُ کي ڪيڏو نه طاقتور ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪيڏو نه محفوظ سمجهندو هو. اڄ هن جو پيءُ ڪيڏو نه ڪمزور ٿي لڳو. هن جهڪي پيءُ جا پير ڇهيا. پڻس کيس سيني سان لاتو، هن سمجهيو هو ته پڻس کيس جيل ۾ ڏسندو ته روئي ويهندو، پر پڻس صفا نه رنو، پنهنجيون اجهامندڙ ڏيئاٽين جهڙيون اکيون هن ۾ کپائي هن کي ڏسندو رهيو. پيءُ جي ان خاموش ۽ بي زبان نظر هن کي بيچين ڪي ڇڏيو. پنهنجي ئي مرم ۾ مرڻ لڳو. هن جي دل چيو ته هو پيءُ کي جيل ۾ پوڻ جو سبب سمجهائي، کيس پنهنجو آدرش ۽ پنهنجو مقصد ٻڌائي، پر هو ته پيءُ سان اکيون به ملائي نٿي سگهيو. مامي ڏانهن منهن ڪري ٿي ڳالهايائين، ڪنهن ڪنهن مهل چور نگاهن سان پيءُ ڏانهن ٿي نهاريائين ۽ وري اکيون چورائي ٿي ڇڏيائين. سارو وقت هو الائجي ڇا ڳا��هائيندو رهيو. هن پيءُ جي حسرتن ۽ ارمانن جو خون ڪيو ۽ اڄ سندس پيءُ جي اکين ۾ انهن حسرتن ۽ ارمانن جا لاش لڙهي رها هئا. آخر ملاقات جو وقت پورو ٿيو. پڻس کيس سيني سان لاتو ۽ پوءِ وقت ڄڻ ڄمي بيهي رهيو ۽ پڻس هن کي ڀاڪر ۾ جهلي پنڊ پهڻ ٿي ويو. آخر ان پنڊ پهڻ ۾ ساه پيو. پڻس کيس سيني کان جدا ڪري ٻنهي ڪلهن کان جهلي، ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين نهاريو. نهار ئي نهار سان سندس سنڌ سنڌ کي ڇُهيو ۽ پوءِ اوچتو پڻس اوڇنگار ڏني ۽ وري کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتائين. پڻس جو سارو بت ٿي جُهٻيو، ڄڻ سندس سنڌ سنڌ، رونءَ رونءَ، هڏ هڏ ٿي سُڏڪيو. هو به سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. مامون پاسيرو منهن ڪري رومال ۾ منهن لڪائي گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. + +اها رات وري هن لاءِ اوجاڳا ۽ انديشا کڻي آئي. ساري رات پيءُ کي ياد ڪري اندر ئي اندر ميڻ وانگر پگهرندو رهيو. ان رات پهريون دفعو هن جا پير ٿڙيا ۽ ارادو ڪيائين ته پنهنجي پيءُ جي خوشيءَ خاطر هو پنهنجي مقصد کي قربان ڪري ڇڏيندو. جيل ۽ زنجير به ماڻهوءَ کي پنهنجي مقصد جي منزل تان هٽائي نٿا سگهن، پر رشتن ۽ ناتن جا پَٽ ڌاڳا ڪيئن نه ماڻهوءَ کي جڪڙي ٿا ڇڏين. ٻه ڏينهن هن بي چينيءَ ۾ گذاريا. هن جلد جيل مان ڇٽي پنهنجي پيءُ سان ملڻ ٿي چاهيو. +ٽئين ڏينهن وري مامون ساڻس ملڻ آيو ۽ کيس ٻڌايائين ته سندس پيءُ گذاري ويو هو. +”بابا......!“ هن دانهن ڪئي، پر سندس سڏ ورائڻ وارو ڪونه هو. هر طرف سانت هئي، موت جي ٿڌي ۽ بي جان سانت ۽ سندس دانهن نڙيءَ ۾ اٽڪيل هئي. هن اوڇنگار ڏني ۽ مامي جي هنج ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳو. + +رات جو آسمان ۾ تارا ٽمڪيا ۽ سارنگ جي اکين ۾ لڙڪ، هن پنهنجي هڪ هڪ لڙڪ کي ڳيت ڏيئي پيتو. غم کي اندر ئي اندر ولوڙيو ۽ هن کي پنهنجو ڏک هر هڪ انسان جو ڏک لڳو. پنهنجو درد ڌرتيءَ جو درد لڳو. انسان ڪيترو نه ڏکويل آهي، ڌرتي ڪيتري نه دکي آهي. هو سڀني ڏکويلن جا لڙڪ ميڙيندو ۽ انهن لڙڪن سان ڌرتي کي ڌوئيندو ۽ پوءِ ڌرتيءَ تي ڪو ڏک نه هوندو ڪو لڙڪ نه هوندو، پوءِ باک هوندي، ماڪ هوندي ۽ مرڪ هوندي. + +جيل مان ڇٽو ته ڳوٺ وڃي پيءُ جي قبر تي گل چارهڻ جي بدران، سڌو عليءَ سان وڃي مليو. ۽ هڪڙي نئين عزم ۽ جذبي سان ڪم کي جنبي ويو. هن سان ڪيترا نوان ساٿي شامل ٿيا. ڪيترا ساٿي ساٿ ڇڏي ويا. ڪي ٿڪجي ساه پٽڻ لاءِ ويٺا ته وري نه اٿيا. ڪن مايوس ٿي شراب ۾ پناه ورتي. ڪن حالتن سان سرچاءُ ڪيو ۽ وڏيون وڏيون نوڪريون ماڻيائون. علي هن جو وک وک تي ساٿ ڏيندو رهيو. ڪيترا دفعا سارنگ سان گڏ جيل ۾ پيو. ڪيترا دفعا سندس پير ٿڙيا ۽ سارنگ کيس سهارو ڏنو هڪ ٻه دفعو سارنگ کي به مايوسين وڪوڙيو ۽سندس دل ۾ ٻرندڙ اميد ۽ عزم جو ڏيئو وسامڻ لڳو. پر زينب پنهنجي رئي جي پلاند جي اوٽ ڏيئي ان ڏيئي جي وٽِ کي مٿي ڪيو ۽ وري سندس دل ۾ روشني ٿي ويئي. ائين هڪ ٻئي جي سهاري ئي هو اڳتي وڌندا ويا. + + + +ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ’اڌو اڌ بٽئيءَ‘ جي تحريڪ هلي هئي. ٻه ٽي مٿي ڦريا ارڏا اڙٻنگ ساماڻا هئا، جيڪي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائيندا اَن جي ڍيرن تي وڃي بيهندا هئا ۽ پنهنجي هٿن سان هارين کي اڌ بٽئي وٺي ڏيندا هئا. هيڻان جاڳيا هئا ۽ ڏاڍن جا ڪوٽ ڪنبي ويا هئا. موهن انهن ساٿين سان ملندو هو. هڪڙو دفعو سارنگ کي به انهن سان ملايو هئائين. هينئر سارنگ ڳوٺن ۾ وڃي انهن ساٿين سان مليو. سندن ٽڙيل پکڙيل قوت کي گڏ ڪيائين ۽ ڳوٺن ۾ به دونهين دکڻ لڳي. سارنگ جو هڪڙو ساٿي سنڌي ماستر هو، نالو قاسم هوس. پنهنجي ڳوٺ ۾ هارين ۾ ڪم ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ اچي سارنگ سان ملندو هو. ساري ساري رات سارنگ سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ پوءِ ڪتاب ۽ پمفلٽ کڻي وڃي هارين کي پڙهي ٻڌائيندو هو. بالغن کي تعليم به ڏيندو هو. قاسم جون ڳالهيون چڻگون هيون، جن نوجوان هارين جي دلين ۾ دونهين دکائي ڇڏي هئي. اها دونهين اندر ئي اندر دکندي رهي ۽ هڪڙي ڏينهن هڪڙي معمولي واقعي سان ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿي پئي. + + +لابارا ٿيا هئا، پر اڃا بٽئي ڪا نه ٿي هئي ۽ اَن ديرن ۾ پيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ زميندار ڪنهن ڳالهه تان هڪڙي نوجوان هاري علوءَ کي گار ڏني. علوءَ تارا ڦوٽاري زميندار ڏانهن نهاريو ۽ چيائينس: +”رئيس، وات سنڀالي ڳالهاءِ، نه ته....“ +رئيس جو هڪڙي ڪين جهڙي ڪڙميءَ کي تارا ڦوٽاري مهاڏو اٽڪائيندي ڏٺو ته باه ٿي ويو، ڀر ڪڍائي علوءَ کي لڪڻ وهائي ڪڍيائين. علوءَ سٽ ڏيئي رئيس کان لڪڻ کسيو ۽ لڪڻ کي ائين ڀڃي اڇلائي ڇڏيائين ڄڻ رئيس جي ڏاڍ کي ڀڃي اڇلايائين، رئيس جي ماڻهن جو علوءَ کي رئيس سان گستاخي ڪندي ڏٺو ته اچي علوءَ کي لٺين سان ورتائون. هڻي ڊڙي وڌائونس. رئيس جو اڃان هنيانءُ نه ٺريو. ماڻهو موڪلي پوليس گهرايائين. پوليس چوريءَ جي فرياد داخل ڪئي. علوءَ کي مرچ وڌائون ۽سندس پوڙهي پيءُ جي ڏاڙهي پٽيائون ۽ پوءِ ٻنهي کي آڻي لاڪپ ۾ وڌائون. ڳو‎ٺ جا پوڙها ته ماٺ هئا، پر جوانن جو رت ٿي ٽهڪيو. چون: مري وينداسين، پر ههڙو انڌير ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪورٽن جا ڪڙا کڙڪايائون، وڪيلن وٽ ويا، اخبارن ۾ ليک ڏنائون، پر ڪجهه ڪو نه وريو. تڏهن ڳوٺ جا سڀئي جوان ڪهاڙيون کڻي نڪري آيا ۽ اچي ديرن تي قبضو ڪيائون ته: تيسين بٽئي نه ڏينداسين، جيسين علو ۽ سندس پيءُ عزت سان جيل مان نه ڇٽي ايندا. قاسم ڪراچيءَ ماڻهو موڪلي سارنگ کي گهرايو. + +سارنگ جڏهن ڳوٺ پهتو تڏهن سڀني ڏاڍي سڪ سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو. کيس گلن جون ڪنڍيون وڌائون. پوءِ هو هڪڙي هڪڙي هاريءَ سان مليو. هڪڙو هڪڙو چهرو چنڊ هو، هڪ هڪ نانءُ نغمو هو، سڀني جي اکين ۾ اميد ۽ عزم جي روشني هئي ۽ ان روشنيءَ ۾ هن آئيندي کي روشن ڏٺو. پوءِ سڀئي هن کي جلوس جي صورت ۾ وٺي نچندا ڳائيندا، جهومريون وجهندا اَن جي ديرن ڏانهن وڌيا. سڀني جون ٻانهون هڪ ئي لئي سان هوا ۾ ٿي لهرايون. ان ناچ ۾ شفق جون لامون ٿي لڏيون. انڊلٺ جي پينگهه ٿي جهولي. سندن گيتن ۾ ڪنوارين ڪر ٿي موڙيا، سهاڳڻين جو سهاڳ ٿي ڦٽو. اهو بکين، ڏکين، انگ اگهاڙن پورهيتن جو گيت هو. ان گيت ۾ سڀئي شامل هئا. هاري ناري،ڪڙمي ڪاسبي،زميندار ڪمدار، حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم سڀ ان گيت جي سُرن وانگر هڪ ٻئي سان ملي هڪ عظيم گيت ٿي ويا هئا. ان گيت ۾ پورهيتن جي پگهر جا موتي ٿي چمڪيا، شهيدن جي رت ڦڙن جا ياقوت ٿي جرڪيا، سونن سنگن جي سرسراهٽ ٿي آئي. ڄڻ ڌرتي ۽ آسمان جون وسعتون، رنگ ۽ روشنيون ان گيت ۾ سمائجي ويون هيون. ڄڻ ڌرتيءَ تي ڪو ڏک نه هو، ڪو ڏاڍ نه هو. هر طرف خوشيون هيون روشنيون هيون، گيت ناچ ۽ کيج هئا. + +هنن سارنگ کي اَنَ جي ديرن ڀرسان ويهاريو. کيس جوئر جي ماني، سرنهن جو ساڳ کارايائون ۽ پوءِ سارنگ اٿي بيهي تقرير ڪئي. هن جي پاسي کان، اَنُ ديرن ۾ پيو هو. سج جي روشنيءَ ۾ اَن جا داڻا ائين ٿي چمڪيا، ڄڻ کلڪار ٿي ڪيائون. هن جي سامهون هاري ويٺا هئا، ڪنا ڪوجها، ڪين جهڙا ڪمي ۽ ڪاسبي. اهي هن ڌرتيءَ جا دلارا هئا. هن آزاد ملڪ جا آزاد انسان. پر اڄ به هنن جي ڳچين ۾ غلاميءَ جا طوق هئا. هنن ئي سينن تي گهاؤ کائي، بادشاهن جا تخت ۽ تاج بچايا هئا. هنن ئي قلعا، قبا، محل ۽ ماڙيون ٺاهيون هيون. پر هو پاڻ بي گهر هئا. هنن ئي بادشاهن جون زربخت جون قبائون اُڻيون هيون ۽ پاڻ انگ اگهاڙا هئا. هنن لاءِ ئي پاڪستان ٺهيو هو. هنن جي سلطانيءَ جا ئي شاعرن خواب ڏٺا هئا. هي سلطاني جمهور جو دور هو ۽ انهن بکين، بي تاج بي گهر سلطانن جو هجوم، پورهي ۾ پاه ٿيل بيمار، پيلا، ڪارا ۽ ڪوجها چهرا کڻي هن ڏانهن نهاري رهيو هو. سارنگ نظر ڦيرائي انهن سلطانن ڏانهن نهاريو ۽ هن کي ائين لڳو، ڄڻ سڀني جي مٿن تي تاج هئا. سڀني کي زربخت جون قبائون پهريل هيون ۽ سڀني جي هٿن مان پورهي ۽ هنر جي روشني ٿي ڦٽي، جنهن ساري ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيو هو. سارنگ تقرير شروع ڪئي. اوچتو پوليس جون سيٽون وڳيون. پوليس هنن کي گهيري ۾ ورتو. صوبيدار پسٽول تاڻي هن کي ڪهاڙين اڇلائڻ لاءِ چيو. سارنگ جي چوڻ تي سڀني ڪهاڙيون اڇلائون ۽ پنهنجو پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيائون. اوچتو ئي مٿين لٺين جو وسڪارو ٿيو. ٻاڪر ڪٽو مچي ويو. سارنگ لٺ بچائڻ لاءِ ٻانهن اڳيان ڏني. سندس ٻانهن ڀڄي پئي. مغز ۾ ڪنداڪ لڳس ۽ هو بولاٽي کائي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. + + +ميري ميڪرز انگريزي سازن تي سنڌي ڌن ٿي وڄائي. ميري ميڪرز جي سڀني ميمبرن جا وار وڏا، نوڪون ڪنن کان هيٺ تائين ڊگهيون، مڇون وڏيون ۽ چپن جي ڪنڊن وٽ چنگيزي انداز ۾ هيٺ جهڪيل هيون، سڀني کي بيل باٽم، ايليفنٽ باٽم ۽ وڏن ڪالرن واريون رنگ برنگي بشرٽون پيون هيون، جن ۾ بٽڻن جي بدران ڦندڻن وارا ريشمي سڳا ٻڌل هئا. ڳچين ۾ سوني زنجير جا لاڪيٽ ۽ ڪراين ۾ پوئنچيون، جن تي ڪلما اُڪريل هئا. گهڻو ڪري سڀني نوجوان ڇوڪرن جو ٿورڙي ڦير گهير سان اهو ساڳيو لباس هو. نوجوان ڇوڪرين کي بيل باٽم پاتل هئا. چيلهه ۾ چيلهڪيون ٻڌل هيون، جن سان سندن چيلهه وڌيڪ سنهي ۽ سندن مٿين ۽ هيٺين ڌڙن جا اُڀار وڌيڪ اُڀري آيا هئا ۽ سندن انگ جا ونگ صاف ظاهر بيٺا هئا. وچ تي سينڌ، ڪلهن تي لهرائيندڙ واسينگن جهڙا وار. بيگمات کي ڍاڪن تي ساڙيون ٻڌل هيون ۽ سندن هيٺين ڌڙ جا خط چيلهه وٽان ڪمان وانگر وري مٿڀرو وڃي، ويڪرا ٿي، بلائوزن ۾ لڪي ٿي ويا ۽ بلائوزن جي گولاين مان سندن جوڀن جي گولاين ليئا ٿي پاتا. اڌ لڪل ۽ اڌ اگهاڙن انگن ونگن محرابن ۽ قُبن کي ڏسي ساري تنتي سرشتي مان هلڪي هلڪي ڄر ٿي نڪتي، اکين کي سيڪُ ٿي آيو. +مڙدن کي سوٽ پهريل هئا ۽ سندن سارو جسم ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڍڪيل هو. سڀئي مهمان گلاس هٿن ۾ جهلي، انگريزي سازن تي وڄندڙ سنڌي ڌن ٻڌي رهيا هئا. +’مون کي جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو، او منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو.‘ +سڀني مهمانن پر لوڏائي يا بت کي لهرائي سازن جو ساٿ ٿي ڏنو. پريان چنبيلي۽ رتن جوت جي ٻاري وٽ نوجوان ڇوڪريون بيٺيون هيون، جن چپٽيون وڄائي، بت کي ساز جي لهرن سان ٿي لهرايو. اوچتو انهن ڇوڪرين جي ميڙ مان هڪ ڇوڪري ٻاهر نڪتي ۽ وچ ۾ بيهي نچڻ لڳي. ميري ميڪرز جي ميمبرن مان هڪڙو گٽار وارو نوجوان اڳتي وڌيو ۽ان ڇوڪريءَ جي آمهون سامهون بيهي گٽار وڄائي، بوٽ جون کڙيون فرش سان هڻي نچڻ لڳو. ڇوڪريءَ جو سارو بدن پاري وانگر ٿي ٿڙڪيو، سندس سنَڌ سنَڌ، انگ انگ، ڪنهن ازلي اڃ کان بيتاب ٿي ٿي ڦٿڪيو ۽ لڇيو. اهو جسم جي انڌي خواهشن جهڙو انڌو ناچ هو. ساز جي لئي سان جسم ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت جو اگهاڙو اظهار هو. ڏسڻ وارا ساز ۽ ناچ جي لئي تي مست ٿي تاڙيون وڄائي رهيا هئا. ٻن چئن نوجوانن بي خود ٿي هڪ ئي آواز سان چيٽ ڪئي Yeh…. ساز عروج تي پهچي يڪدم بند ٿي ويا. ڄڻ ڪنهن تنتن کي رٻڙ وانگر ڇڪي ڇڏي ڏنو. سڀيئي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ نوجوان ڇوڪري سهڪندي، کلندي ٽهڪڙا ڏيندي پريان چنبيلي ۽ رتن جوت جي ٻاري وٽ بيٺل ساهيڙين سان ملي. سڀئي هڪ زبان ٿي هن جي تعريف ڪرڻ لڳيون. + +مسٽر صديقيءَ، مسز جعفريءَ جي ويجهو اچي چيو: +”مڃڻو پوندو ته سنڌي موسيقيءَ ۾ وڏو فورس آهي.“ +”مون کي ته سنڌي راڳڻيءَ کي انگريزي سازن تي تيز لئي سان ٻڌي ائين لڳو، ڄڻ اوهان سنڌ جي ڳوٺ جي ڪنهن نياڻيءَ کي بڪني (انگي ۽ ڪڇو) پارائي بينچ تي بيهاريو آهي.“ +”بٽ اٽ از ماڊرنٽي اِن آرٽ.“ +”او يس، وئي آل سفر فرام ماڊرنٽي ڊزيز.“ + +مسٽر صديقيءَ پنهنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هن سان بحث ڪرڻ چاهيو، پر هوءَ سندس ڳالهه ٻڌڻ کان سواءِ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندي اڳتي وڌي وئي. سامهون بيرو ٽري کڻي ٿي آيو. بيري هن جي اڳيان مؤدبانه انداز سان ٽري جهلي، هن خالي گلاس ٽري ۾ رکيو ۽ جن جو گلاس کڻي ان ۾ ليمي جون ٻه ڦاڪون، سوڍا ۽ برف ملائي، هوءَ اڳتي وڌي ۽ سڀني کان پاسيري ٿي، پريان ڪنڊ وٽ بيٺل اڪيلي، گلاب جي ڀر ۾ ڪرسي وجهي ويهي رهي. هر طرف اچ وڃ، هلڪا هلڪا آواز، هلڪا هلڪا ٽهڪڙا، خوشبويون، موسيقيءَ جا هلڪا، نرم ۽ مڌم سُرَ. مهمان گلاس هٿن ۾ جهلي ٽولن ۾ بيٺا هئا. هن کي محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ خالي هال ۾ اڪيلي ويٺي آهي ۽ هن جي اڳيان شهر جي سافسٽيڪيٽيڊ سوسائٽي پنهنجي طبقي جي وفادارين جو ڊرامو کيڏي رهي آهي. سڀئي اداڪار ميڪ اپ ۾ آهن. سڀني کي ڪاسٽيومز پاتل آهن ۽ سڀئي پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪري رهيا آهن. پس منظر ۾ لڳل سيٽ تي نهايت بدصورت ۽ ڀوائتيون تصويرون چٽيل آهن. ڪارخانن جون دونهون اوڳاڇيندڙ چمنيون، پورهئي ۾ پاه ٿيل پورهيتن جا هشام، بيمار، پيلا ۽ مرڻينگ چهرا کڻي، بسن جو انتظار ڪندڙ ڪلارڪن جا هجوم، پريشان حال شاعر، اديب، فنڪار ۽ سياسي ڪارڪن. فوٽ پاٿن تي اَڪڙيل لاوارث لاش، اونداها گهر، اونداها خواب، اونداهيون حسرتون، تمنائون ۽ ارمان. نيونسائينز جي روشنيءَ ۾ ڪنهن کي ڪجهه به نظر نٿو اچي. ٽهڪڙن ۽ سازن جي آوازن ۾ ڪنهن کي ڪو سُڏڪو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. سڀني کي جلادن وارا ٽوپ پاتل آهن. سڀني جي هٿن ۾ ڀالا آهن ۽ سڀئي پنهنجي پنهنجي شڪار جي چوڌاري هنبوڇيون ٿا هڻن. ليسن، واڻڪيون ملڪيتون، الاٽمينٽ ڪليم، بليڪ مارڪيٽ،رشوت، ڪامورا شاهي. سڀئي پنهنجي پارٽ سان وفادار آهن. هوءَ به پنهنجي خوابن ۽ آدرشن جا ويس وڳا لاهي، نوان ڪاسٽيومز پائي پنهنجو پارٽ ادا ڪري رهي آهي. اسٽيج جون روشنيون ۽ تماشائين جون نظرون هن تي کتل آهن. جي هن پنهنجو پارٽ چڱيءَ طرح ادا نه ڪيو ته سڀ تماشائي هن کي هونگ ڪندا. هوٽنگ جو ڊپ، پبلڪ اوپينئن جو ڊپ. پنهنجو پاڻ سان بي وفائي، خوابن ۽ آدرشن سان بي وفائي. +هن هٿ وڌائي گلاب جو گل پٽيو ۽ اونهون ساه کڻي گل سنگهيائين، هن کي محسوس ٿيو ڄڻ، هن جو سارو وجود گلاب جي هٻڪار سان واسجي ويو. گلاب جي اداس اداس خوشبوءِ هن جي دل کي وڌيڪ اُداس ڪري ڇڏيو. اداسي هن جي روح جو روڳ هئي، اداس مرڪ، اداس ٽهڪ، زندگيءَ جي رڳن مان اداسي ائين ٿي ٽمي، جيئن ڦٽ مان رت ٽمندو آهي. آخر هوءَ اداس ڇو هئي. هن وٽ ڪهڙي شيءِ جي ڪمي هئي. زندگي هن تي مهربان هئي. هوءَ سي. ايس. پي جي زال هئي. سندس مڙس ڊي. سي هو بنگلا ڪارون، نوڪر چاڪر، شاهاڻو دٻدٻو، فنڪشنز، مينا بازار، ڪلچرل شوز، اوپننگ سيريمنز. زندگي ڪيتري نه مصروف هئي. هن کي ٻه ٻار هئا،جن کي ڪرسچئن آيا پاليندي هئي ۽ هن عمر ۾ ئي لس انگريزي ڳالهائيندا هئا. هن کي پيڪن جو به ڪو ڏک نه هو. سندس ماءُ جنت ۾ آرامي ٿي هئي. سندس ڀاءُ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جي فرم جو مالڪ هو. امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ بيورو جو نئون چيئرمن آيو هو، جيڪو هن جي مڙس جميل جعفريءَ جو دوست هو. هن جي ڀاءُ امپورٽ جو نئون ليسن وٺڻ لاءِ سندس مڙس جي معرفت چيئرمين جي پارٽي ڪئي هئي، شهر جي ساري سافسٽيڪيٽڊ سوسائٽي گڏ ٿي هئي ۽ هوءَ اڪيلي گلاب جي ڀرسان ويهي، ان زينب کي ڳولي رهي هئي، جيڪا ان سوسائٽيءَ ۾ وڃائجي وئي هئي، جنهن پنهنجي رئي جي پلاند سان سارنگ جي سيني ۾ اجهامندڙ اميد ۽ عزم جي ڏيئي کي اوٽ ڏني هئي، جنهن پنهنجي وجود جو رشتو هن ڌرتيءَ سان ڳنڍيو هو ۽ جنهن هڪڙي خواب، هڪڙي آدرش جي پرورش ڪئي هئي ته هوءَ سارنگ سان گڏ ڪم ڪندي، زندگيءَ جي حسن ۾ واڌارو ڪندي، پيار ۽ محبت جون ڏياٽيون جلائيندي ۽ انهن ڏياٽين جي ٽمڪي تي ڏکويلن جا قافلا پرهه جي واٽ سڃاڻي لنگهندا. پر هوءَ ته پاڻ واٽ وڃائي ويٺي ۽ سارنگ سالن کان جيل ۾ ٿي سڙيو؟ ٻڌو آهي سارنگ کي سلهه ٿي پيئي آهي. سلهه جي آخري اسٽيج ۾ آهي، موت جي ويجهو آهي. موت! ڪيڏو نه ڀوائتو لفظ ! ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي مري به جيئندا آهن، پنهنجي خوابن ۾ پنهنجي آدرشن ۾، پنهنجي گيتن ۽ بيتن ۾ ۽ ڪيترا انسان آهن، جيڪي جيئري ئي مري ويندا آهن، جيئرا جاڳندا مڙدا هوندا آهن، سندن مکيل چکيل لاش اندر ئي اندر سڙندا ۽ ڳرندا آهن. هوءَ به جيئرو لاش هئي. هن پاڻ ئي پاڻ کي ماريو هو ۽ پاڻ ئي پنهنجي مئيت تي ماتم ٿي ڪيائين. هن گلاس چپن تي رکيو ۽ ڳيت سان اڌ گلاس خالي ڪري ڇڏيائين. +(ياد جي وير چڙهي) هڪ ڏينهن هن چيو هو: ’زيبي، پاڪستان منهنجو خواب هو، مون سمجهيو هو ته پاڪستان ٿيندو ته ڇوريون ڇرڻ سکنديون ۽ ڏکيون ڏِکَ ويهنديون. پر پاڪستان ته لٽ جو مال آهي، جنهن کي هرڪو ٿو لٽي. ڍونڍ آهي، جنهن کي هر ڪو ٿو ڳجهن وانگر پٽي. اِن لُٽ ۽ پَٽَ ۾ هر ڪنهن کي تڪڙ آهي ته اڄ جيترو ٿي سگهي، لُٽي وٺون. سڀاڻي وارو ملندو الائجي نه، ڇا ان پاڪستان لاءِ ئي مون خواب ڏٺا هئا. علي جعفر خواب ڏٺا هئا، هندستان جي ڪروڙين مسلمانن خواب ڏٺا هئا. هن ننڍڙي کنڊ جي مسلمانن سان ويساه گهاتي ٿي آهي. هنن کي پاڪستان جا ڪوڙا خواب ڏيکاري ساڻن دوکو ڪيو ويو آهي. سياستدانن جو پلٿي بازيون، ڪامورا شاهيءَ جا راڱان، سرمائيداريءَ جا جاوا، ڏاڍي جي ڏاڍائي ۽ هيڻي سان هاڃا! هي پاڪستان ته ڪوڙ جو ڪوٽ آهي، ٺڳيءَ جو ٺاه آهي. جيڪو ڪوڙ جي ان ڪوٽ ۽ ٺڳيءَ جي ٺاهه کي ڊاهي پورهيتن جي پاڪستان جا خواب ٿو ڏسي، تنهن کي غدار، وطن دشمن، غير ملڪي ايجنٽ سڏي جيلن ۾ وڌو ٿو وڃي، ان ڪري جو ٺڳيءَ جا ٺيڪيدار پورهيتن جي پاڪستان کان ڊڄن ٿا. + +’زيبي، مان چوانءِ ٿو ته زمين جي جنهن ٽڪري تي بيٺي آهين، تنهن سان پنهنجي وجود جو ناتو جوڙ. اوهان مهاجرن سان سڀ کان وڏي ڏاڍائي اها ٿي آهي جو اوهان کان زمين کسي وئي آهي. اوهان جي پيرن هيٺان ڀوري ۽ کُهري ڌرتي ڪانهين ۽ اوهان هوا ۾ لڙڪيل آهيو، اهو ئي سبب آهي جو مهاجر ڌرتيءَ کان ڊڄي ٿو. تون ڪنهن مهاجر کي چئه ته سنڌي آهين، ته يڪدم چوندو ته نه مان پاڪستاني آهيان. مان پاڪستان ۾ سنڌي ٿيڻ نه، پر پاڪستاني ٿيڻ آيو هوس. اهو ڌرتيءَ جو ڊپ آهي، ڌرتيءَ مان پئدا ٿيل ڪلچر جو ڊپ آهي. هن کي ڊپ آهي، ته جي هن ان ڌرتيءَ تي پير رکيو ته ان ڌرتيءَ جو ڪلچر کيس ڳهي ويندو ۽ هن جي ڪلچر جو وجود ختم ٿي ويندو. ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ته پاڪستان آسمان تي ته ڪونهين. پاڪستان ته ڌرتيءَ جي ان ٽڪري جو نالو آهي، جتي مهاجر جو گهر آهي، جتي سندس ٻار اسڪول ۾ ٿو وڃي ۽ ڌرتيءَ جي ان ٽڪري جو نالو سنڌ آهي. + +سارنگ جي معرفت ئي مون پنهنجي وجود جو رشتو هن ڌرتيءَ سان جوڙيو هو ۽ مون کي محسوس ٿيو هو ته مان ئي اها ٻاگهي آهيان، جنهن لاءِ دودي سِر ڏنو هو. مان ئي پرهه ڦٽي پرڀات جو، ڪاڪَ ��و ڪنول چونڊيندڙ مومل آهيان. منهنجي ئي لوئيءَ جي لڄ کي شاه سائينءَ پنهنجي سر مارئيءَ ۾ ڳاتو. مون ئي نوڙت ۽ نياز سان سنڌ جي سلطان ڄام تماچي جو من موهيو. اڄ جو ڄام تماچي سارنگ هو ۽ مان سراپا نياز نوري هيس. هن جي هستي ڦهلجي منهنجي وجود تي ائين پکڙجي وئي هئي، جيئن ڌرتيءَ تي آسمان پکڙيل هوندو آهي ۽ منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ايترائي فاصلا هئا، جيترا ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ آهن. قربتن جون دوريون ۽ دورين جون قربتون!محبت جي اها به ڪهڙي نه عجيب صورت آهي. مون پنهنجي وجود جي سموري سچائي ۽ روح جي گهرائيءَ سان هن سان پيار ڪيو. دل جي ديول ۾ هن جي عبادت ڪئي. پر هن منهنجي پيار ۽ پوڄا جي موٽ نه ڏني، هن مون کي پنهنجي مقصد جي منزل جي همسفر کان وڌيڪ ڪجهه نه سمجهيو. ائين الائجي ڇو ٿو ٿئي، جو جنهن سان پيار ٿو ڪجي، سو پيار نٿو ڏي، ۽ جيڪو پيار ٿو ڏي، تنهن سان پيار ڪري نٿو سگهجي. مون سارنگ سان پيار ڪيو، پر سارنگ مون کي پيار نه ڏنو، جميل مون کي پيار ڏنو، پر مان هن سان پيار ڪري نه سگهيس. + +جميل منهنجو ڏورانهون مائٽ هو ۽ اسان کان گهڻو پوءِ هندستان مان لڏي آيو هو. سمجهيو هئائين ته پاڪستان ويندس ته وڏي نوڪري ملندي، پاڪستان ۾ وڏي نوڪري ته ڪانه مليس، ڌڪا ٿاٻا کائي هڪڙي پرائيويٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو، جتي پنج سو رپين جي رسيد تي صحيح ڪري، اڍائي سو رپيا پگهار وٺندو هو. زندگيءَ جي مسلسل ناڪامين ۽ محرومين هن جي سڀاءُ ۾ ڪوڙاڻ ڀري ڇڏي هئي. ڳالهه ڳالهه تي ٽوڪزني، نفرت، طبيعت حد کان وڌيڪ حساس. سارنگ ۽ عليءَ سان بحث ڪندو ته ڳاڙهو پيلو ٿي ويندو. سندس لفظ لفظ زهر ڀريو هوندو، آخر ڪاوڙجي هليو ويندو ٻه ٻه ڏينهن نه ملندو ۽ پوءِ محبوب مرڪ مرڪندو موٽي ايندو. پنهنجو پاڻ کي انتها پسند انقلابي چوندو هو. سارنگ سان صفا ڪانه پيس.سارنگ کي رجعت پسند سنڌي نيشنلسٽ سڏيندو هو. سارنگ هو به پڪو نيشنلسٽ. چوندو هو: +”ساري ڌرتي منهنجو ديس آهي، پر سنڌ سان ته منهنجي جند آهي. سنڌ سان وڏا ويل وهيا آهن. سنڌ هميشہ گل ڏنا آهن ۽ موٽ ۾ گاريون ۽ گوليون کاڌيون اٿن. بي گهرن کي اجهو ڏنو اٿن ۽ پاڻ انهن ئي جي هٿان بي گهر ٿيا آهن. سامراجيت قوم پرستيءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ سنڌي قوم پرستي سنڌ ۾ قائم ٿيل غير سنڌين جي ثقافتي ۽ معاشي سامراجيت جي پئداوار آهي. سنڌين جي ٽئڪسن سان ٺهيل بئراجن جون زمينون قومي ملڪيت آهن ۽ انهن تي سنڌين کان سواءِ سڀني پاڪستانين جو حق آهي. پر سنڌ جو شاه لطيف، پاڪستان جو قومي شاعر نه آهي. سنڌ جي ٻولي پاڪستان جي قومي ٻولي نه آهي ثقافتي سامراجي چون ٿا ته اسان سنڌين کي تهذيب سيکاري، معاشي سامراجي چون ٿا ته اسان سنڌين کي پوک جو هنر سيکاريو. جنهن قوم جو تهذيبي پس منظر هزارين سالن جي وسعتن تي پکڙيل آهي، جنهن سنڌوءَ جي ڪنارن تي آرين ويد لکيا ۽ يوناني عرب عالمن تاريخ ۽ جاگرافي جا ڪتاب لکيا ۽ جنهن سنڌوءَ جي ڪنارن تي تهذيب جون شمعون روشن ڪري، تاريڪ صدين کي روشن ڪرڻ واري قوم کي، پاڪستان کان پوءِ تهذيب سيکاري پئي وڃي. جنهن سنڌ جي زرخيزيءَ جي تعريف ۾ ديوتائن گيت ڳاتا، ان زمين تي رهڻ وارن کي پاڪستان کان پوءِ پوک جو هنر سيکاريو پيو وڃي. + +سنڌي مسلمان هڪڙي تمام وڏي اليوئن مان ٻاهر آيو آهي. اهو اليوئن آهي پاڪستان جو اليوئن. مذهب جو اليوئن. پاڪستان کان اڳ سنڌي مسلمان هندن جي ڀيٽ ۾ معاشي طرح غير محفوظ هو. هن سمجهيو ته پاڪستان ٺهندو ته هن کي معاشي تحفظ ملندو. پاڪستان ٺهيو ته شهرن جون جايون، واپار، ڪارخانا، زمينون نوڪريون سڀ مهاجرن کي مليون. يعني سنڌ جو معاشي استحصال ته ساڳيو رهيو، رڳو استحصال ڪندڙ هٿ بدليا، نالا بدليا. پهرين هو ڄيٺامل هو، هينئر هو ڪريم الدين آهي ۽ سنڌي مسلمان ائين ئي پاڪستان کان اڳ واري حالت ۾ ڳوٺن ۾ رهي، شهرن ۾ رهندڙ استحصالي قوتن لاءِ اَن ۽ کاڌ خوراڪ مهيا ڪندو ٿو رهي. ٻيو ته ٺهيو، پر حُرن، جن آزاديءَ لاءِ پنهجون جانيون ۽ گهر گهاٽ قربان ڪيا، تن کي پاڪستان کان پوءِ ڇا مليو. مکي ٻيلو، جيڪو حرن جي جدوجهد جو مرڪز هو ۽ جتي حرن پنهنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي هئي، پاڪستان کان پوءِ ان ٻيلي کي وڍي اتان جون زمينون انهن سابق فوجين کي ڏنيون ويون، جن انگريزن کي سلوٽ ڪري حرن تي گوليون هلايون هيون. هندن سنڌي مسلمان کي مسلمان سمجهي لٽيو ۽ غير سنڌي مسلمان هن کي سنڌي سمجهي لٽي رهيو آهي. هندن رڳو سنڌيءَ کي معاشي طرح لٽيو، پر غير سنڌي مسلمان هن کي ثقافتي طرح به لٽي رهيو آهي. هندن سنڌين جي ٻوليءَ ۾ گيت لکيا پر غير سنڌي مسلمان، سنڌيءَ کي پنهنجي ماءُ جي لوليءَ واري ٻولي ڳالهائڻ جي ’ڏوه‘ ۾ گوليون هنيون. هندو شاه لطيف ۽ سچل جي رسالن جو گيتا وانگر پاٺ ڪندا هئا، پر غير سنڌي مسلمانن شاه ۽ سچل جي رسالن کي باهيون ڏنيون ۽ اڄ سنڌي مسلمانن کي خبر پئي آهي ته مذهب جو ناتو ماڻهوءَ کي ماڻهو سان نٿو ڳنڍي، پر ثقافت جو ناتو، ٻوليءَ جو ناتو ۽ معاشي ناتو، ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان ڳنڍي ٿو. + +سارنگ جون ڳالهيون ٻڌي، جميل مڇرجي ويندو هو ۽ خار مان چوندو هو ته: +”تون انقلابي نه آهين، رجعت پسند قوم پرست آهين.“ +جميل جي ڳالهه ٻڌي سارنگ مرڪڻ لڳندو هو. هڪ دفعي سارنگ جميل لاءِ چيو هو ته: ڪي نوجوان انقلاب کي پنهنجي محرومين جو انتقام سمجهي پنهنجو ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هنن لاءِ انقلاب دهشت پسندي ۽ رتوڇاڻ جو نالو آهي. اهي ئي نوجوان جڏهين محرومين مان نڪري زندگيءَ ۾ ڪو وڏو مقام ماڻيندا آهن، ته سڀ کان وڏي استحصالي قوت بڻجي ويندا آهن. اسان لاءِ انقلاب اهو پرين آهي، جيڪو نت سوجهرو آهي، نسورو پيار آهي، جنهن جي سونهن ڏسي، سورج شاخون جهڪيون ڪندو ۽ ڀونءِ بسم الله چوندي. چوندا آهن ته سيوهڻ ۾ اڃا جڏهن قلندر نه آيو هو، تڏهن هڪ فقير آيو، جنهن جو نالو بودلو بهار هو. هو سيوهڻ جون گهٽيون صاف ڪندو هو ۽ چوندو هو ته: منهنجو پرين هن واٽ تان ايندو، هن راهه تان لنگهندو. اسين به بودلا بهار آهيون ۽ رستا ٿا صاف ڪريون ته اسان جو پرين هن واٽ تان ايندو، هن راهه تان لنگهندو. + +جميل لاءِ سارنگ سچ چيو هو. محرومين ۽ ناڪامين ئي جميل کي انقلابي بڻايو هو. پر ڪڏهن به هن عملي طرح، ڪنهن به ڪم ۾ حصو نه ورتو. هن زندگيءَ جي محرومين کان انتقام وٺڻ لاءِ زندگيءَ ۾ وڏو مقام ماڻڻ ٿي چاهيو. هن ڪوشش ڪري سي. ايس. پي جو امتحان پاس ڪيو ۽ سارنگ ڪڏهين جيل ۾ ٿي رهيو، ته ڪڏهن روپوش ٿي رهيو. +هڪڙي ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي سارنگ لاءِ سئيٽر اُڻي رهي هيس. ڏاڍو اداس ڏينهن هو، ريڊيو تي اداس گيت ٿي وڳو ۽ هوائن ۾ اداسي ٿي سر سرائي. امان ٻئي ڪمري ۾ ويٺي دؤر ڪري رهي هئي. ايتري ۾ سارنگ ڪمري ۾ گهڙي آيو. وڌيل ڏاڙهي، اڻڀا ۽ پريشان وار، اکين ۾ اوجاڳا، منهن تي پيلاڻ ۽ ٿڪل ٿڪل اداسي. تن ڏينهن ۾ هو روپوش هو. اچڻ سان آرام ڪرسيءَ ۾ آهلي پيو، چيائين: +’ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. اڃا ته قسمت ۾ ٿَڪ ئي ٿَڪ آهي. منزل الائجي ڪڏهين ملندي، پر اسين ته رڳا پيشرو آهيون. منزل ته اسان جا پيرا کڻي اچڻ وارن کي ملندي. تيسين اسين فنا ٿي چڪا هونداسين. پر اسين ڪڏهين فنا نه ٿينداسين، ا��ين پنهنجي پٺيان اچڻ وارن راهروئن جي مرڪ ۾ سدا زنده رهنداسين.‘ + + + +هن سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ چيائين: +’زيبي، هينئر ساهرين گهر (جيل کي هو هميشہ ساهرو گهر سڏيندو هو) مان ٿي اچان ته پوءِ تو کي ۽ اميءَ کي شڪارپور وٺي هلندس ۽ سڪينه سان شادي ڪري، سڪينه کي هتي وٺي ايندس ۽ پنهنجو ننڍڙو گهر ٺاهيندس. آخر ڪا ته جاءِ هجي، جتي جهٽ پلڪ لاءِ پناه وٺي سگهان، ڪو ته هجي، جنهن جي پيار جي ڇانوَ ۾ آرام ڪري، تازه دم ٿي وري پنهنجي سفر جو آغاز ڪري سگهان. مون سڪينه سان ڏاڍي زيادتي ڪئي آهي. مان سڪينه جو ڏوهاري آهيان. جيڪو انسان ڪنهن هڪڙي انسان سان چڱائي ڪري نٿو سگهي، تنهن مان سڀني انسانن سان چڱائي ڪرڻ جي اميد ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.“ +هن سگريٽ جو ڪش ورتو ۽ سگريٽ جي دونهين ۾ هو مون کي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ڌنڌلو، مبهم ۽ غير واضح خواب لڳو، اهڙو خواب جنهن جي ڪا تعبير نه هئي، اهڙو گيت، جيڪو سُرن ۾ سمائجي نٿي سگهيو. منهنجي ويجهو هوندي به هو مون کان ڪيترو نه دور هو. آخر اسان ٻنهي ۾ ڪهڙو رشتو ۽ ڪهڙو ناتو هو، جنهن ان دوريءَ جي باوجود اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. شايد زندگيءَ جا اهڙا رشتا ۽ ناتا به ٿيندا آهن، جن جو ڪو نانءُ نه هوندو آهي. اسين هميشہ ان بي نانءُ ناتي ۾ ڳنڍيل هونداسين. +مان يڪدم اٿيس ۽ هن لاءِ چانهن ٺاهي آيس. گرم گرم چانهن جا ڍڪ پي هن سگريٽ دکايو ۽ سندس چهري تي تازگي موٽي آئي. پوءِ ڏاڙهي ڪوڙي، وهنجي سهنجي عليءَ جا ڪپڙا پائي ماني کائڻ ويٺو ته ڪهڙو ته وڻندڙ ٿي لڳو. ماني کائي اڃا سگريٽ ٿي پيتائين ته ٻاهران سڏ ٿيس. هو اٿي ٻاهر ويو. چڱيءَ دير کان پوءِ موٽي آيو. اچڻ سان چيائين: ’زيبي، مون کي سنڌ جي هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃڻو آهي. هيڻن هارين صدين جي ڏاڍ خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ مون کي انهن سان شريڪ ٿيڻو آهي. اتان شايد سڌو جيل وڃان.‘ عليءَ کي چئجانءِ ته سڀاڻي هارين جي حق ۾ اخبار جو خاص نمبر ڪڍي ۽ سڀني ساٿين ۾ ورهائي. اڄ سڀني ساٿين سان ملي ۽ سڀاڻي سڀئي ساٿي هارين جي حمايت ۾ جلوس ڪڍن.‘ ۽ پوءِ هو موڪلائي هليو ويو ۽ وري نه موٽيو. پوليس جي لاٺي چارج سان سندس ساڄي هٿ جو مرو نڪري ويو. مغز ۾ ڪنداڪ لڳس ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيائون. هتي مزورن جي جلوس تي به لاٺي چارج ٿي. علي ڦٽجي پيو ۽ کيس جيل ۾ وڌائون. اخبار ضبط ٿي. پريس به سيل ٿي. + +مان سارنگ سان ملڻ لاءِ گهڻو ئي ڦٿڪيس، پر ملي نه سگهيس. کيس سکر جيل ۾ رکيو هئائون ۽ ملاقات تي پابندي ئي. انهن ئي ڏينهن ۾ امان کي دل جو دورو پيو ۽ امان مون کي اڪيلو ڇڏي وئي. منهنجا هوش ئي خطا ٿي ويا. هن ڀريل تريل دنيا ۾ مان صفا اڪيلي هيس. ان اڪيلائيءَ ۾ جميل مون کي سهارو ڏنو. هن امان جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ۽ پنهنجي ماءُ کي وٺي اسان جي گهر ۾ اچي رهيو. مان احساساتي طرح وکريل هيس. مون کي خبر ئي ڪا نه پئي ته الائجي ڪيئن جميل منهنجو هٿَ هٿَ ۾ وٺي مون کي شاديءَ لاءِ چيو ۽ الائجي ڪيئن مون هاڪار ڪئي. + +مون جڏهين پنهنجو پاڻ سنڀاليو ته مان جميل جعفري سي. ايس. پي جي زال هيس. علي جعفري معافي وٺي جيل مان ڇٽي آيو هو. هن اسان جو گهر پڳڙن تي ڏنو. پريس وڪيائين ۽ جميل جي مدد سان امپورٽ ايڪسپورٽ جي فرم کوليائين. سارنگ کي پنج سال ٽيپ آئي ۽ هن کي مچ جيل ۾ رکيائون. اُتي هن کي ڊبل نمونيا ٿي پئي. نمونيا مان ڇٽو ته سلهه ٿي پيس. هينئر ٻڌو آهي ته سلهه جي آخري اسٽيج ۾ آهي. موت جي ڪنڌيءَ تي آهي. موت! ڪيڏو نه ڀوائتو لفظ! پر سارنگ ڪڏهين نه مرندو. چوندو هو: ’ٻج به ڪڏهين مرندو آهي؟ ٻج ته ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي، ڌرتي مان ڦٽي سلن جي صورت ۾ اُسرندو آهي. اسان به ٻج آهيون. اسان ڪڏهين به فنا نه ٿينداسين. اسان پنهنجي ساٿين جي جدوجهد ۾ سدائين زنده رهنداسين.‘ + +”هيلو زيبي،“ ڪنهن هن کي سڏ ڪيو. هوءَ ڀرڪ ڀري خيالن مان جاڳي پئي، اکيون کڻي نهاريائين سامهون عابده بيٺي هئي. +”هيلو عابده ڪهڙا حال آهن.“ +”ڪهڙا ٿي حال پڇين. مڙسهين اندر نشيءَ سان فلرٽ پيو ڪري ۽ تون هتي ويٺي آهين. منهنجي صلاح مڃ. مڙس کي هٿ ڪر. نه ته پوءِ پڇتائيندينءَ“ +عابده جي ڳالهه ٻڌي هن جي چپن تي تلخ مرڪ مڙي آئي. انسان ڪيترو نه اذيت پرست آهي. ڪيئن نه اذيت ڏي ٿو ۽ وٺي ٿو. عابده جي همدردي مان سندس خوشيءَ ليئا ٿي پاتا. هن جي همدرديءَ ۾ ڪيڏي نه اذيت لڪل هئي. ايتري ۾ عابده کي ڪنهن سڏ ڪيو ۽ هوءَ زيبيءَ کان معافي وٺي تکيون تکيون وکون کڻندي هلي وئي. مڙس جي فلرٽيشن جو ٻڌي هن کي صفا ڏک نه ٿيو. ائين ئي ٿيندو آهي، اها ئي انساني ناتن جي سچائي آهي.شاديءَ جي سمورين رنگينين ۽دلفريبين جي حياتي ڏاڍي ننڍڙي ٿيندي آهي. پيار پرڙا ڦڙڪائي اڏامي ويندو آهي ۽ ڌرين جي دل ۾ رڳو احساس ملڪيت وڃي بچندو آهي ۽ ڪنهن به ڌرتي جي بي وفائيءَ جو ٻُڌي ٻي ڌر جو پيار نه، پر احساس ملڪيت مجروح ٿيندو آهي. پر هن جو احساس ملڪيت مجروح نه ٿيو. رڳو سندس چپن تي مرڪ مڙي آئي، اهڙي مرڪ، جيڪا زندگيءَ جي ڪنهن سچائيءَ کي ڳولهي لهڻ سان چپن تي ايندي آهي ۽ جنهن مرڪ ۾ تجربي جي تلخي به شامل هوندي آهي. +هن ڳيت ڏيئي گلاس خالي ڪيو. جن ڪاتيءَ وانگر سندس اندر ڪپيندو ويو ۽ سندس اکيون ٻوٽجي ويون. هينئر ميري ميڪرز نئين سنڌي ڌن وڄائڻ شروع ڪئي هئي. هن اکيون کوليون ته هر هڪ شيءَ شراب جي نشي ۾ چُور ٿي ٿيڙ کائڻ لڳي. ميري ميڪرز جي موسيقي، گل ٻوٽا، خوشيون، رنگينيون، روشنيون هر هڪ شيءَ ٿي ٿڙي ۽ ٿاٻڙي. اچو، نچو، پيئو ۽ جيئو. اهو به ته زندگي گذارڻ جو ڍنگ آهي. پوءِ هوءَ ڇو ٿي اڻ پورن خوابن ۽ هٿ نه آيل آدرشن جو ماتم ڪري. ڊيم اٽ! هوءَ ڪرسيءَ تان اُٿي ۽ جهوليندي، جهومندي، ٽهڪڙن ۽ سازن جي آواز ۾ گم ٿي ويئي. + + + +چوڏهين آگسٽ تي سارنگ جيل مان ڇُٽو. ڄڻ مڙدو قبر مان نڪتو. +ساري بت تي هيڊ هاريل، اکيون اجهاميل، هڏا نڪتل. ڄڻ سندس جسم تان ڪنهن ماسُ ڪوري ڇڏيو هو. ڄڻ سندس رڳن مان ڪنهن سارو رت ۽ ست چوسي ڇڏيو هو ۽ رڳو هڏاؤن پڃرو بچيو هو. سارنگ پنهنجي ڳنڍڙي سنڀالي جيل مان نڪتو. جيل کان ٻاهر زندگي اڳ جيان روان دوان هئي. اُس ۾ ساڳي گرمي ۽ روشني هئي ۽ آسمان ۾ پکي ٿي اُڏاڻا. هن اکيون کڻي ڪنهن ڄاتل سڃاتل چهري کي ڳولهيو، پر هر طرف اجنبي ۽ اوپرا چهرا هئا. هن کي ڪو به وٺڻ نه آيو هو. مَچ مان هن کي ڪراچي جيل ۾ بدلي ڪري رکيو ويو هو ۽ ڪراچيءَ جي جيل مان هن ٻن چئن ساٿين کي خط لکيا هئا، پر ڪو به ساڻس ملڻ لاءِ نه آيو هو. رڳو هڪڙو ٻيڙيون ٻڌڻ وارو ساٿي ساڻس ملڻ لاءِ آيو هو. هن جي حالت کي ڏسي ڊڄي ويو هو ۽ هن پنهنجي ساٿيءَ جي ڊنل اکين ۾ پنهنجي موت جو منهن ڏٺو هو. ساٿيءَ هن کي سڀني ساٿين جو احوال ٻڌايو. علي ۽ زينب جي هن کي پهرين ئي خبر هئي. ساٿي ڏاڍو مايوس هو، پر هن جي دل ۾ اڃا اميد جو ڏيئو روشن هو. مان بيماريءَ مان ٺيڪ ٿيندس. وري وسايل شمعون ٻارينداسين. مايوسين جون اونداهيون راتيون اينديون آهن ۽ وهامي وينديون آهن، وري اميد جي باک ڦٽندي آهي. نوان ساٿي ساماڻا هئا، جن منزل ڏانهن وک وڌائي هئي. سارنگ ان ساٿيءَ کان عليءَ جي ائڊريس ورتي ۽ پوءِ موڪلائڻ مهل ساٿيءَ سان ڀاڪر پائي مليو ته ساٿي روئي ويٺو. ڪيترو نه پيار، ڪيترو نه خلوص ۽ ڪيتري نه سڪ هئي هن جي لڙڪن ۾. +سارنگ ڳنڍ ڪلهي تي رکي، کيسي مان عليءَ جي ائڊريس ڪڍيائين ۽ رڪشا تي چڙهي عليءَ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. رڪشا ۾ سندس هڏ هڏ ٿي ڏکيو. ڏس پتا پڇائيندو، هو عليءَ جي بنگلي جي سامهون لٿو. بنگلي جي ٻاهران ٽرڪ بيٺي هئي ۽مزورن قناتون ۽ ڪرسيون ٿي ڍويون، شايد رات ڪا فنڪشن ٿي هئي. هن رڪشا تان لهي ڪال بيل تي هٿ رکيو. پر الائجي ڇو سندس هٿ روڪجي ويو. هو ٿوري دير اتيئي ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ موٽي اچي رڪشا تي ويٺو ۽ اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو. اسٽيشن تي ٽڪيٽ وٺي هو ريل تي چڙهيو ته اچي بخار نڪتس ۽ کنگهه جو دورو پيس. سڀئي مسافر بيزار ٿيڻ لڳا، ساري واٽ بخار ۾ سڙڪندو، کنگهندو، رت اوڳاڇيندو هو شام جو شڪارپور پهتو. اسٽيشن کان ٻاهر ٽانگي وارن جون دانهون ٿي پيون، ’ڀوتار هيڏي، ڀوتار هيڏي.‘ ’هل لکي در، هل هاٿي در.‘ پريان ڪاڪو لڌو ٽانگو جهلي بيٺو هو. ڀڳل ٽانگو، ڇنل سَنج، ڏٻرو گهوڙو، ڪاڪو لڌو پاڻ به ڏٻرو ٿي ويو هو. اڇا وار، منهن ۾ گهنجَ، ميرا ڪپڙا، پيرين اگهاڙو. هو سڀني ٽانگي وارن کان پاڻ بچائيندو ڪاڪي لڌي جي سامهون اچي بيٺو. ڪاڪي لڌي صفا نه سڃاتس. +’ڀوتار انڌو ٿي. کامي ۾ هڻندءِ.‘ +پٺيان هڪڙي ٽانگي واري رڙ ڪئي. +’هل ماءُ جا..... ڀوتار ڇا ڪندين هنن ماءُ.... هل ته وٺي هلانءِ، ڪاڏي هلندي.‘ +ڪاڪو لڌو واقعي اکين کان ويهي ويو هو ۽ سارنگ کي صفا سڃاڻي نه سگهيو، سارنگ به الائي ڇو ساڻس سڃاڻپ نه ڪرائي ۽ ٽانگي تي چڙهي ويٺو. ٽانگو هليو. ڪاڪي لڌي رڳو ڌَپي تي ٽانگو ٿي هلايو، هينئر ٽانگو شڪارپور کان خانپور ويندڙ روڊ تي چڙهيو. پريان سائن سائن ٻنين جي وچ ۾ سارنگ جو ڳوٺ هو. سارنگ اکيون کڻي ڳوٺ ڏانهن نهاريو ۽ هن کي اهي گيت ياد پيا، جيڪي اڻ ڳاتا رهجي ويا، اهي ڪهاڻيون، جيڪي اڌوريون رهيون، اهي محبتون جن کي منزل نه ملي. اڄ اهي سڀئي اڻ ڳاتل گيت، اڌوريون ڪهاڻيون، بي منزل محبتون، پل، پهر، ڏينهن ۽ سال جلوس جي صورت ۾ پريان ڳوٺ کان ٿي آيا، سڀني جي ڪلهن تي يادن جا تعزيا هئا، هٿن ۾درد جا عَلم، سڀئي ماتم ڪندا ٿي آيا. اڳيان اڳيان ڏاند گاڏي هئي. ڏاند جُهلون جهلائيندا، ٽليون وڄائيندا ٿي آيا. سانوڻ اکين ۾ خواب سجائي، ڏاندن جون واڳون جهلي ويٺو هو. هن جي ڀرسان ننڍڙو ٻار ويٺو هو، جنهن جي مٿي تي ٽڪن جي ٽوپي پئي هئي. بوسڪيءَ جي قميص، راڻي ڇاپ ڪمرڪِ جي سٿڻ ۽ چيچاٽن وارو انگريزي بوٽ هو. ڏاند گاڏي ڦاٽڪ وٽ بيٺي، ريل زوزاٽ ڪندي لنگهي وئي، اها ريل ان ٻارڙي کي ڪهڙي منزل تي ڇڏي وئي هئي. + +ٽانگو ڦاٽڪ ٽپي اڳتي وڌيو. ساڳيو قافلو قلعو. عمر واه، انبن ۽ ليمن جا واڻڪا باغ. انڌي کوهي. سينواريل تلاءُ، پٺاڻن جو ڳوٺ، سُڪ پل. هاٿي در وٽ مامي جي گهر جي اڳيان ٽانگو بيٺو. ڪاڪي لڌي هينئر به سارنگ کي نه سڃاتو. سارنگ ڪاڪي لڌي کي ڀاڙو ڏيئي مامي جي گهر جي چانئٺ ٽپيو. ساري گهر ۾ ويراني ڇانيل هئي. مامي ڪڏهن جو مري وئي هئي، مامون ٻاهر ويل هو ۽ سڪينه اڪيلي بورچي خاني ۾ ويٺي هئي. سڪينه سارنگ کي ڏٺو ته ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي. سارنگ ٻئي ٻانهون ڊگهيري سڏ ڪيس، ’سڪينه!‘ هوءَ هٽڪي، هٻڪي ۽ پوءِ ڊوڙي اچي سارنگ کي سهارو ڏنائين. ان سهاري لاءِ ته هو ساري حياتي سڪندو رهيو هو. زندگيءَ کيس ان سهاري ماڻڻ جي فرصت ئي ڪانه ڏني هئي ۽ اڄ جڏهن هن کي فرصت ملي هئي ته زندگي پاڻ سڀ سهارا ٽوڙي، سڀ ناتا نهوڙي هن کان موڪلائڻ واري هئي. +سڪينه هن کي کٽ تي آڻي ليٽايو ته هن کي کنگهه جو دورو پيو. کنگهي کنگهي ساڻو ٿي پيو. رت اوڳاڇيائين ته ساه ۾ ساه پيس. هن هٿ وڌائي سڪينه جو هٿ هٿ ۾ جهليو ۽ سڪينه جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. هن کي اها چيڙاڪ ۽ چلولي ڳاڙهي ڳاڙهي ڳٽولي ۽ جهنڊولي سڪينه ياد پئي، جنهن سان هو سامهون نم جي وڻ هيٺان رانديون ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن هن اکيون کڻي سڪينه ڏانهن نهاريو ۽ سڪينه جو رنگ پگهريل سون جهڙو ٿي ويو ۽ سندس جهنڊولا وار چيلهه جيڏا چوٽا ٿي ويا هئا. سندس جسم تي جوانيءَ جا گل گؤنچ ڦٽي آيا هئا. اڄ اهي گل گؤنچ ڪوماڻيل ٿي لڳا. سندس رنگ ڪاراٽجي ويو هو. چيلهه جيڏن چوٽن ۾ اڇا وار چانديءَ وانگر ٿي چمڪيا ۽ سندس ٽڙيل گلاب جهڙي چهري تي هلڪا گهنج پئجي ويا هئا. وقت چوي مان بادشاه. پوڙهن جي پيشانيءَ ۾ پيرا مون پسجن. سڪينه سارنگ جي حالت تي گونگا ڳوڙها ٿي ڳاڙيا. سارنگ هٿ وڌائي رئي جي پلاند سان سندس لڙڪ اگهيا ته سڪينه سڪ جي ڇهاءَ سان ڦسي پئي، اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. +”سڪينه مون کي معاف ڪر. مون تو کي ڏاڍو انتظار ڪرايو. هاڻي مان موٽي آيو آهيان. هاڻي اسان شادي ڪنداسين. تون امان وارو کهنبو وڳو ۽ ڳهه پائي ڪنوار ٿيندين ۽ مان گهوٽ ٿي گهوڙي چڙهندس... هو ٻُڌ. شهنايون ۽ دهل پيا وڄن. سڪينه ڪنوار ٿي آهي. سارنگ گهوٽ ٿي گهوڙي چڙهيو آهي. بابا اڳيان اڳيان جهمريون وجهندو، نچندو ڳائيندو ٿو هلي. سڀئي بکيا ڏکيا، انگ اگهاڙا انسان ابا سان گڏ نچندا پيا هلن. هنن جي ناچ ۾ شفق جون لامون ٿيون لڏن، ڪنواريون ڪرَ ٿيون موڙين، سهاڳڻين جو سهاڳ ٿو ڦٽي. سڀني جي چپ تي مرڪ آهي، سڀني جي مٿن تي تاج آهن، سڀني کي زربفت جون قبائون پهريل آهن..... مان.... مان ڪڏهين نه مرندس، مان انهن بکين ڏکين ۽ انگ اگهاڙن جي ان ناچ ۾ سدا جيئرو رهندس. ها. سڪينه.... مان ڪڏهين نه....“ رت جي گرڙي هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي ۽ هن جو ساه ٻوساٽجڻ لڳو. تارا ڦوٽارجي ويس، سارو بت تنبوري جي تارن وانگر تاڻجي ويس. هن زور سان سڪينه جي هٿ کي جهليو. سندس نڙيءَ مان عجيب آواز ٿي نڪتا. ڄڻ سندس ساه بت مان ڇڏائجي لُڪيءَ ۾ اچي اٽڪيو هو. موت ۽ حياتيءَ جي جنگ جوٽيل هئي. موت حياتيءَ کي نڙگهٽ کان جهليو هو ۽ حياتيءَ ڦٿڪا ٿي ڏنا. آخر حياتيءَ هارايو. نڙيءَ مان رت جو گرڙو نڪتو ۽ سندس واڇن مان وهڻ لڳو. سارو بت ڍلو ٿي ويو ۽ ڪنڌ هڪ پاسي لڙڪي پيو. سڪينه دانهن ڪري هن جي لاش مٿان ڪري ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي. + +ٻاهر چوڏهين آگسٽ جو جشن ملهايو ٿي ويو. + + +[30] +ننڊ اچڻ ڪري رات جو ٽيون پهر ويامي ويو. رات جي ڏيڍ بجي سئي هڻي ڊاڪٽر پرديوت پنهنجي گهر ويو هو. ان بعد ٻچي جي ناڙي جاچي مهاشيه موٽيو هو. هنڌ تي ليٽندي ليٽندي ڪيتريون ڳالهيون دل تي تري آيس، ننڊ اچڻ ۾ ٽن کان وڌيڪ وڄي ويا هئا، تڏهن به ننڊ صبوح جو سويل ئي کلي پيس. ٻالڪ جي لاءِ هينئر آنڌ مانڌ ڪانه هئس. حالت کي هو رات ئي ڄاڻي ويو هو: ’اشاري واري گهڙي ايندي ايندي به ڪانه اچي سگهي، دوا ان جو رخ پلٽي ڇڏيو. تڏهن به ننڊ کلي پئي. تپ ڪيترو آهي، سوڄ ڪيتري رهي، ڪهڙي نموني گهٽ ٿي- ڏسڻ گهرجي. رات جو چڱيءَ طرح ڏسي ڪونه سگهيو هو. پرديوت کي واڌايون ڏبيون، ڪشاده دليءَ سان واڌايون. هو گهڙيال جي ڪانٽي وانگر وقت تي پهچي ويندو، سئي هڻندو.“ +عطر کانئس ئي اڳ ۾ جاڳي هئي. هيٺ هڪ قسط بڪ شڪ ڪري چڪي هئي. صبوح جو ڪالي مندر ۾ جل چاڙهڻ ويئي ته موتي لوهار جي ماءُ سان ملاقات ٿي ويس. ڪالي مندر وٽ ئي هن جو گهر آهي. موتيءَ جي ماءُ پنهنجي دري کولي مندر ڏانهن مهڙ ڪري دردناڪ آواز ۾ دک دور ٿيڻ جي لاءِ پرارٿنا ڪري رهي هئي. هن جي پلاسٽر ڪيل پير جو درد ڪالهه کان ڪنهن سبب کان وڌي ويو آهي. بردوان کان هتي ايندي رستي ۾ ڪائي بدپرهيزي ٿي ويئي هوندي. اتس نطر پوندي ئي عطر رات جي روڪيل غصي کي مٿس ڇنڊي وڌو. +منش کي جيئڻ جي ههڙي لالسا؟ مرڻ جو ايترو ڏک، ايترو ڀو؟“ ڇڙٻون ڏيندي هن موتيءَ جي ماءُ جي سامهون اهي سمورا دائمي سوال کڙا ڪري وڌا. بيهي رهي. پڇيائين: ”ايترو سويل جاڳي پئين؟ ٻي بجي کانپوءِ رات جو ته سمهيو هوئين!“ +”ننڊ ٽٽي پئي. ذرا هن ٻچي جو حال پڇي وٺان. ڪيئن آهي.“ +”اتي به ڪو اعلان ڪري آيو آهين ڇا؟“ +گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”نارائڻ، نارائڻ!“ +”رهڻ ڏي پنهنجو نارائڻ- نارائڻ! پنهنجي پٽ کي مرڻ وقت جيڪو دوا جي بدلي کير۽ گنگا جل ڏئي ٿو، ان جو ڪجهه اعتبار ڪونهي. پر اهو سمو ٻيو هو. اڄ جهڙو ڏينهن هجي ها ۽ هن ڊاڪٽر جهڙو ڪو ڊاڪٽر هجي ها ته پنهنجو بنو هرگز ڪين مري ها. موتيءَ ماءُ کي ڏسي آيس. ڪوٺيءَ جي دري کولي ڪالي ماتا کي پرڻام ڪري رهي هئي!“ +مهاشيه خفي ڪونه ٿيو. ذرا کليو. عطر کي هو ڇا چوي؟ هوءَ زنگيءَ ۾ لاعلاج بيماريءَ وانگر دٻجڻ کان زور آهي. موت جي شانتي نٿي ڏيئي سگهي، رڳو درد ۽ تڪليف، سڄي زندگي ڏيندي رهندي! +ڀتار جي چپن تي کل ڏسي عطر به کلي. کلي چيائين: ”رتن بابو جي پٽ کي ڏسي ڇا چئي آيو آهين؟ ڇي، ڇي، ڇي! ائين نه چوندو ڪر، ائين چوڻ به نه گهرجي. ڪالهه ان وقت ڪافي رات گذري چڪي هئي. تون تنهن وقت اهيندر سرڪار جي گهر هئين. رتن بابو جو آدمي چار رپيا ۽ هڪ چٺي ڏيئي ويو آهي. آئون اتاولي ٿيس: ڪٿي هينئر ئي نه سڏ هجي. ونين ويٺو ئي هو، تنهن کي گهرائي چٺي پڙهايم. هن ٻڌايو: مهاشيه کي وڃڻ کان منع ڪيل آهي. سڀني ڊاڪٽرن بتايو آهي ته وپن بهتر آهي. هڪڙي مهاشيه ئي چيو آهي، زبان سان ڪونه چيائين، اشاري ۾ ٻڌايو اٿائين؛ حال چڱو نه آهي. پر وپن بابو کيس نٿو چاهي. هان وٺ چٺي. رات مون ڪانه ڏني. نيٺ ماڻهوءَ جو من ٿيو.“ +هن چار رپيا ۽ چٺي اڳيان ڪري رکيا. مهاشيه رپين کي ڇهيو به ڪونه. چٺيءَ کي کنيائين. ها، رتن بابو اهو ئي لکيو آهي، معافي به گهري اٿائين: آئون ڄاڻان ٿو ته تو جيڪي اشارو ڪيو آهي، اهو اٽل سچ آهي ۽ ان سچ کي سهڻ ڪاڻ آئون پاڻ کي تيار به ڪري رهيو آهيان. پر وين بابو اهو سهڻ لاءِ تيار نه آهي. پرديوت بابو وغيره ٻين ڊاڪٽرن جو رايو ٻيو آهي. هنن جو خيال آهي: ”وپن بهتر آهي. هنن ڪلڪتي مان وڏي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ کي گهرائڻ جي صلاح ڏني آهي. وپن به اهو ئي چاهي ٿو. تنهنڪري.....“ +’خير. ڇوٽڪارومليو.‘ هن ڊگهو ساهه کنيو. ”پر ڇوٽڪارو به ڪٿي؟ وپن ته... هن کيس اچڻ کان منع ڪئي آهي، ٺيڪ آهي، ڪونه ويندس. پر هوءَ ناسي وارن واري ته ڪانه موٽندي!“ وپن جي لاءِ هن جي من ۾ اٿاه دک ڀرجي ويو. +”مهاشيه جي؟ جاڳي ويا! مهاشيه جي؟“ +”ڀنل آواز، ڇڪي ڳالهائڻ جو ڍنگ؛ راڻا پاٺڪ ئي هوندو. اڄ کيس گهرايو هوم.“ +”مهاشيه جي؟“ +”لڳي ٿو، هو اتاولو ٿي پيو آهي.“ +”ڪالهه رات ڪجهه وڌيڪ رت اچي ويو آهي.“ +”اهڙي حالت ۾ تنهنجو پيادو اچڻ چڱو نه ٿيو.“ +”آئون به ڇا ڪريان، اوهان اڄ جو ڪوٺايو هو.“ +ذرا ساعت چپ رهي مهاشيه چيو: ”پر آئون هن روڳ ۾ ڪري به ڇا ٿو سگهان ڀاءُ!“ +”جيڪڏهن ڪُپڙيءَ ۾ ڪڻا هوندا ته بچي پوندس، نه هوندا ته وقت سر ٻڌائي ڇڏيندا، ديوي ماتا جو نالو ڳنهي تيار ٿي ويندس. جيتري ٿي سگهي، اوتري تڪليف اوهان گهٽائي سگهندا، ٻيو ڇا ڪندا؟“ +مهاشيه ٿوري ساعت وري به چپ ٿي ويو. آسمان ڏانهن نهاريندي سوچڻ لڳو: ”ڇا ڪريان؟“ +”مهاشيه!“ +”راڻا!“ +”منهنجي ناڙي ڏسو. اوهان سوچي ڇا رهيا آهيو؟“ +”سوچي رهيو آهيان، ڊاڪٽر پرديوت کي ڏيکاري...“ +هن وچ ۾ ٽوڪي چيو: ”جي نه. هن ماڻهوءَ جو ��نهنجي سامهون نالو به نه کڻو. نه هن جو، نه وري چارو بابو جو نالو کڻجو. انهن ٻنهي وٽ آئون ويو هوس. مون اهو سڀ ڪجهه اوهان کي نه ٻڌايو آهي. رڳو ايترو ٻڌايو هوم ته هنن هڪ لنبي فهرست بڻائي ڏني آهي. پر ڳالهه ٻي به آهي. مون چيو هو، توهان ايڪس- ري جو چئي رهيا آهيو، وٺو ايڪس- ري!- براهمڻ جي ناتي، غريب سڏائي ڪري.... اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: برهامڻ- براهمڻ مان نٿو مڃان. ۽ غريب جي ناتي ئي توتي مان ديا ڇو ڪريان؟ تون بدچلن آهين. هڪ استريءَ جي ڇوت جي بيماري تو ڳڌي آهي. چارو بابو چيو، تو وٽ ته ڪالي آهي، ڪافي اپت ٿيندي هوندءِ. وري چيائين: ڪاليءَ جي اڳيان ڌرڻو هڻ، اها چڱو ڀلو ڪين ڪري ڇڏيندءِ؟... آئون ههڙن ماڻهن وٽ نٿو وڃي سگهان.“ +مهاشيه جي چهري تي اداس کل نمودار ٿي ويئي. راڻا جي دل جي اڀام کي هو سمجهي ويو. راڻا جي ذات ئي نرالي آهي. اهڙي ڳالهه چوڻ جو هن کي ئي ساهس آهي. +راڻا به چوندو ويو: ”آئون اوهان کي ٻڌايان، مون جهڙي دئيت جي بدن ۾ اها بيماري هڪ عورت جي دئاران ئي آئي آهي. اها اڀاڳڻ ڪلڪتي جي هئي. فسادن ۾ هن کي ڪي گونڊا ڀڄائي ويا هئا. پوءِ هن کي هتان هتان ڦيرائي سندس عصمت درازي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئائون. ڪٿي بهار ٿيو، اوستائين به کيس وٺي ويا. اتان وري ڪلڪتي. ڪلڪتي ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ گونڊي رحمت خان کي هوءَ ملي ويئي. رحمت کيس برقعي ۾ هتي وٺي آيو. نديءَ ۾ کيس ٻيڙي تي اچي وهاريائين. آئون به موقعي سان تيار ويٺو هوس. ڳچيءَ ۾ جڻيئو، رشٽ پشٽ سرير. مٿان وري لٺ کي جهٽڪو ڏيئي مون نٿرو هنيو: ڪالي ماتا جي جئه! هري هري بولو! ٻيڙيءَ ۾ لڳ ڀڳ سڀ هندو ويٺل هئا. سڀني ان کي دهرايو. ويچاري هن عورت کي به همٿ آئي. هن برقعو لاهي ڦٽوڪيو ۽ چلائڻ لڳي: ’مون کي باچيو! مان هندو آهيان! هيءُ مونکي پڪڙي وٺي وڃي رهيو آهي.‘ رحمت ڇرو ڪڍي رهيو هو. ليڪن منهنجي لٺ جو وار کڄي چڪو هو. ٻچو نديءَ ۾ ٽپي پيو. هن جو ساٿي به ٽپي پيو. عورت کي آئون پنهنجي گهر نيئي آيس. مسلمان مون وٽ آيا. چيائون، هن عورت کي واپس موٽائي ڏي، نه ته چڱو نه ٿيندءِ. مون چيو، راڻا بري کان ڀو نه کائيندو آهي. اهو سڀ توهان کي معلوم آهي. جيڪڏهن قوت اٿوَ ته وٺي وڃوس. اهائي عورت گهر وڃڻ لاءِ راضي ڪانه ٿي. ان بعد باهه ۽ گيهه جو ميل. خاڪ به خبر نه هئم ته هن کي اهو موذي مرض لڳل آهي. هن کي به دراصل ڪل ڪانه هئي. آهستي آهستي خبر پيئي. ليڪن تڏهن هن کي ڇڏي ڏيڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. ماڻهو بدچلن چون ٿا، چوڻ ڏيون. مون هن سان هڪ طرح شادي رچائي ڇڏي آهي. هن کي مون پيار ڪيو آهي. پريم ونڊيندي هيءُ روڳ مون ورتو، تنهن لاءِ آئون پشيمان نه آهيان. جيڪي وڻين، سو چون. مري ڪري به مونکي سک پڙپندو. چارو بابو ڪاليءَ لاءِ چوي ٿو. خبر ڪانهيم، هن وٽ اهو روڳ ڇٽي ويندو آهي يا نه. ديويءَ جي ڪرپا ٿي، ته ٺيڪ ٿي ويندو. پر مون کان اهو ڪونه چيو ٿيندو- ”ماءُ منهنجي بيماري چڱي ڪر.“ ڪاليءَ کان اها گهر ڪندس ته: ڪال کان آئون ڪڏهن نه ڊڄان. ان جو ناو آهي موکش. ڪاليءَ کان سندس گود جي بيک پنان ٿو. مون کي ڄاڻ آهي، اوهان گهٽ ۾ گهٽ نڪو مون کان نفرت ڪندا، نه وري ڪاليءَ جي ڳالهه جي کِل اڏائيندا، ان ڪري اوهان ڏانهن گهڻو آسائتو آهيان.“ +مهاشيه ائين ڪونه ڪندو- ڪري ڪين سگهندو. سندس پتا آکندو هو: ”روڳيءَ جي روڳ لاءِ کيس ڪڏهن به تکاويڻ نه ڪڍج. نندا نه ڪج. پاپ – پڃ جي هن دنيا ۾ منش پڃ ئي ڪرڻ چاهين ٿا، پر کانئن ڪيو نٿو پڄي. حڪم هلائج، ڌمڪي ڏج، ضرورت پوي ته ڊپ به ڏيارج. پر هن جي دل کي ڏکوئڻ وارو هڪ حرف به نه پٽج ۽ هو جيڪڏهن شرڻ اچي ته کيس نراس ڪري نه موٽائج.“ +گرو رنگ لعل چوندو هو: ”جيون! انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪڏهن به ڪاوڙ متان ڪرين، نفرت به نه ڌارج.“ +ڪيترائي ڀيرا پاڻ گرو رنگ لعل بيمارن جي ڳلن تي چماٽ وڄائي هوندي. ڀوپي بوس کي هن مار ڪڍي هئي. هڪ شوقين تنتر واري ليور جي بيماريءَ جو شڪار بڻجي وٽس پهتو هو. هن کيس شراب پيئڻ کان منع ڪئي هئي. هو صاف چئي ڏيندو هو، چيو هئائين: ”شراب پيئندين ته ڪونه بچندين. شراب ترڪ ڪرڻو ئي پوندءِ. ”روڳيءَ آکيو هو: ”ليڪن مهنجو ساڌن ڀڄن؟“ رنگ لعل وراڻيو هو: ”بنا شراب جي. ڪنجهي جي برتڻ ۾ ناريل جو پاڻي وجهي رسم ادائي ڪج. جيئن ٻڪري جو بل نه چاڙهي مانهه جا داڻا پکيڙي به ته آهوني ڏيئي سگهجي ٿي.“ هن تنهن تي ڄڀ کي چڪ پائي چيو هو: ”باب ري! تڏهن ته ديوي درشن بنهه ڪانه ڏيندي. اهو ته ماتا جو آديش آهي. هن درشن ڏيئي مون کي آگيا ڪئي آهي ڊاڪٽر بابوُ!“ رنگ لعل جهٽڪو ڏيئي هن جي چوٽي پڪڙي چيو: ”ڇا چيهءِ؟ ماتا درشن ڏيئي چيو آهي؟ ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا؟ ماءُ شراب پيئندي آهي؟ شرابخوري لاءِ آگيا ڏئي ٿي؟ اهو سربا، جنهن سان جگر جلي ٿو؟“ +جيون مهاشيه به ڄاتو ٿئي ته هيءُ روڳي بچڻ جو ناهي. زبردست دشمن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي ۽ هو بچيو به ڪونه. +آدمي بيوس آهي. ڏاڍو بيوس. اِڇائن جي اپل وچان دل ڏارندڙ ڪلنڪ ڪهاڻي رچيندو ويو آهي. اڄ اها ڪهاڻي رچي ٿو- سڀاڻي پڇتائي ٿو، خود سراپجي ٿو، من ۾ سوچي ٿو، آڪاش جو سج اجهامي وڃي، ان جي لوڙ ڪانهي: روشني ڪانه گهرجي. سڀ ڪجهه اوندهه سان ڍڪيو رهي. گهڻو ئي ڪجهه هن ڏٺو آهي. ڪمائو پٽ جي موت جي بستري تي تنهن کي وانجهي پتا کي وصيعت نامو ٺهرائيندي ڏٺو اٿائين. ان کان به وڌيڪ گهور پاپ ڪندي ڏٺا اٿائين. ڀاءُ ڀاڻيجي جي ته ڳالهه ئي نٿو چوي. پٽ کي به کميا ڪري ٿو ڇڏي. استري سڪرات ۾ آهي ۽ هوڏانهن ڀتار ويچار ۾ مشغول: اهڙو اتهاس اڪيچار آهي. پتيءَ جي سڪرات ويل استري به وياچر ڪري ٿي: ڀرشٽ استري. جيڪي ڀرشٽ نه آهن، اهڙين گهڻين کي اهڙي مهل ۾ مڇي چورائي کائيندو ڏٺو اٿائين. صرف ماءُ جو پڃ ئي بي جوڙ ۽ لافاني آهي. +آدمي ڏاڍو بيوس آهي. +مهاشيه اڀو ساهه کنيو. راڻا پڪاريو: ”مهاشيه جي!“ +”ذرا ساهي پٽي وٺ ڀاءُ. ڳالهاءِ نه. ڪافي پري کان ڪهي آيو آهين. ٿوري دير ۾ ڏسان ٿو. ويهه آئون پاسي واري گهر مان ٻار کي ڏسي اچان ٿو.“ +اتسيءَ جو ڪڪو اڄ بهتر آهي. تپ گهٽيل اٿس: سوڄ به گهٽجي ويئي آهي، سوڄ تي جيڪا لالائي هئس، ان جي گهرائپ به گهٽجي ويئي آهي. هن جي بيماري بيشڪ ڪانه گهٽي آهي، پر وڌي به نه آهي. رڪجي ويئي آهي. ڪالهه صبوح جو تپ هڪ سو ٻن جي قريب هو، اڄ هڪ سو کان به گهٽ آهي. هن جي سجاڳيءَ تي ڪمزوريءَ جو جيڪو پردو پئجي رهيو هو، سو هٽجي ويو آهي. ٻه چار اکر ڳالهائي ٿو. ٺيڪ ستين وڳي ڊاڪٽر پرديوت جي سائيڪل جي گهنٽي وڳي. صبوح جو پنجين واري گاڏيءَ ۾ شهر مان ڊاڪٽر اروڻ رت- تپاس جي رپورٽ موڪلي آهي. ڏاڍي سخت بيماري! جان وٺندڙ گهاتڪ حملو ڪيو هئائين. هن رپورٽ ۾ لکيو آهيل ’وٿ اٽينڊسني ٽُ اِرسپلس.‘ هن جو علاج ٺيڪ ٿيو آهي. ان رپورٽ ڪاڻ هو ڪالهه سڄو ڏينهن رات ڪهڙو نه پريشان رهيو! دنيا ۾ رڳو امرت دوا ڪانهي، زهر به دوا آهي. ڪالهه ڏينهن رات اهڙيون ڪيتريون دوائون هو ڏيندو رهيو. ٻڍي مهاشيه ئي چيو هو، پر ان تي هن جي دلجاءِ ڪانه ٿي هئي. وگيانڪ جاچ ۾ به ڪيترا ڀيرا شڪ پئجي ويندو آهي. ڪيترا ڀيرا به ٽي دفعا هڪئي روڳ جي پرک نه ٿي سگهندي آهي. ڪالهه منجهند جڏهن کيس‘ ’ممس‘ جو شڪ پيو ۽ ٻڍي مهاشيه چيو: ’ممس نه آهي ڪٺور زهر جي پک��جڻ سان رت خراب ٿي پيو آهي. مرض طوفان وانگر وڌي رهيو آهي: وڌندو.‘ تڏهن پرديوت کي ڪجهه غصو لڳو هو. ٻڍو ڪٿي ’مرتيو روڳ‘ چئي وجهي ها ته غصي وچان پرديوت پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃي ها. چوي ها: ’مرتيو- روڳ جي نريه- شڪتيءَ وچان ’سُپيرياٽي ڪمپليڪس‘[1]ٻڍي جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي.‘ +دانتو گهوشال نوبنو آهي. وپن بابو ٺيڪ آهي. موتيءَ جي ماءُ بردوان کان ڪاله موٽي آئي آهي. ڪالهه کان ٻڍڙيءَ جي پير جو سور ڪجهه وڌي ويو آهي. هاڻي جيئن هو اچي رهيو هو، رستي ۾ سڪل ٻوٿ ڪري موتي بيٺو هو. چي:”ڊاڪٽر صاحب، رات امان جي پير ۾ سور وڌي ويو! سو..؟“ +پرديوت جي سمجهه ۾ دير ڪانه لڳي ته موتي جيڪي چوڻ چاهي ٿو، پر هن جي وات مان اڪلي نٿو. اهو ڇا آهي؟ هڪوار سندس من ۾ آيو ته چئي ڏي، ”ته مهاشيه جيڪي ٻڌايو آهي، سو وڃي ڪر. دهل ڌمام وڄائيندو گنگا جي ڪناري ڪيرتن ڪندو وڃ.“ پر پاڻ کي روڪي ورتائين. چيائين: ”موٽندي وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين ۾ پير ۾ ٿوري حرڪت اچي وئي هوندي؛ ان ڪري سور وڌي ويو آهي.“ +مهاشيه ئي پرديوت جو سواگت ڪيو: ”اچو. اوهان جو مريض مزي ۾ ٻولي رهيو آهي. ٺيڪ آهي. مٿي تي هٿ لڳائي نمسڪار جي ورندي ڏيئي هو بيمار جي بستري تي ويهي رهيو. +مهاشيه چيو: ”مون ڏٺو آهي....“ +وچ ۾ ئي پرديوت واڪ ڏنو: ”مان ڏسان؟“ +”آفت ٽري ويئي آهي.“ +”نه“، پرديوت پڇيو ”رات پيشاب ڪيئن ٿيو ٻڌايو ته؟“ +مهاشيه سمجهي ڪين سگهيو، ’دوا جو اثر آهي، پيشاب بند ٿي سگهي ٿو، پيٽ اڀامي سگهي ٿو.‘ +”پيشاب تمام ٿورو آيو اٿس. رات جي ٻارهين بجي کان صبوح تائين هڪ ڀيرو. پيٽ ٿورو ڦوڪيل آهي. ڪيترا ڀيرا پٽڙا دست به آيس.“ پيٽ ۾ وڪار ٿيو آهي. پرديوت ڌيان سان ڏٺو، وري انجيڪشن جو سرنج ڪڍيائين. +انجيڪشن هڻي پرديوت اٿيو. ”ڪٿي آهي؟ مهاشيه ڪٿي آهي؟“ +”ڪونهي، هليو ويو،“ اهيندر ٻڌايو: ”آروگيه نڪيتن مان ڪوئي سڏڻ آيو هوس.“ +پرديوت بيهي ڪري ڪجهه سوچيو: ”هن ڪائي آگري ڳالهه ته ڪانه چئي نه؟‘ +اهيندر چيو، ”مون کي گهرائي هن چيو: خطرو ٽري ويو آهي. اوهان جي ڏاڍي واکاڻ ڪري ويو. چي، ڏاڍو مقابلو ڪيو اٿائين. صاحب خوب آهي! ڏاڍو ڌير جوان آهي.“ +پرديوت چيو: ”پيشاب تي ذرا ڌيان رکبو. ٿورو دير سان ئي ايندو، ليڪن خيال ضرور رکندا. پيٽ ڪجهه ڦوڪيل آهي. تنهن هوندي به خيال رکندا. جيڪڏهن لڳي ته وڌي رهيو آهي ته مونکي ترت خبر ڪندا. هڪ ڳالهه ٻي. مهاشيه بار بار ناڙي ڏسي ٿو. اهو ٺيڪ ناهي. ان مان اوهان کي به گهٻرائٽ ٿي سگهي ٿي، منهنجو به من خراب ٿي سگهي ٿو.“ ايترو چئي هو نڪري ويو. +ساڍا اٺ ٿيڻ لڳا. اسپتال ۾ ڪم ڪيترو آهي! هريهر ڪمپائونڊر هتان جو آهي. ڄامر چڙهي آئي اٿس. ڏاڍو آلسي آهي. ’ٿي رهيو آهي، ٿيندو:‘ اهو ئي هن جو سڀاو آهي. ’ڏهن پنجن منٽن ۾ ڇا ٿو اچي وڃي؟ نرسن کي به سهولت رهي ٿي.‘ +منجوءَ کي سنڀال ڪرڻ لاءِ چئي آيو آهي. هوءَ نظر رکندي. نيم انوسار هوءَ سڀ ڏسندي ڪندي آهي. ان خيال کان پرديوت ڀاڳوان آهي. منجو هن جي ڪمن جو بوجو پنهنجي سر ئي هموار ڪري هن جي تانگهه لاهي ڇڏي آهي. روز صبوح جو هوءَ خود بيمارن جي سار سنڀال لهندي آهي؛ پاٻوهه سان مٺو ڳالهائي کين دم دلاسو ڏيندي آهي. اسپتال جي صفائيءَ تي خاص ڌيان ڏيندي آهي. بيمار عورتن جي باري م ڊاڪٽر منجوءَ جي ڪري بي فڪر آهي. سڀني جي دادي! سٺ سالن جي روڳڻي به کيس دادي ئي چوندي آهي! +۽ هن ڪمبخت دانتو گهوشال جي ته ساڄي لڳي ويئي آهي. اسپتال جي ’ڀَت‘ سان گڏ منجوءَ جي موڪليل ڀاڄي نه هجيس ته وٺي رڙيون ڪندو. دنيا ڀرجي ڀوتن جا قصا ڪهاڻيون سڻائي هن کپ کوڙي ڇڏيا آهن. نهايت بيهودو آهي. اسپتال ۾ به هو الاجي ڪيئن گانو پيئندو آهي، ڪٿان آڻيندو آهي، پرديوت جي سمجهه کان ٻاهر آهي. کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍي ها. پر مهاشيه جيئن ته اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري ضد وچان رکيو اٿائين. هن کي به ڏسڻو آهي. +آروگيه نڪيتن کان لنگهندي کيس نظر آيو: مهاشيه ڪنهن مريض جو هٿ جاچي رهيو آهي. ڪنڌ ذرا جهڪيل اٿس. شايد اکيون ٻوٽي ڇڏيون اٿانئين. پرديوت کليو. کيس پتو پيو آهي؛ ونيه، مهاشيه کي پنهنجي دوڪان تي وهڻ لاءِ چيو آهي. تيسين جيسين، کيس ٻيو ڪوئي ڊگري يافته ڊاڪٽر نه ملي وڃي. +مهاشيه راڻا جو هٿ ڏسي رهيو هو. نانگ جي چال. جسم جي خرابيءَ ۾ زهريلي نانگ اڏو ڄمائي ورتو آهي. هن جي زهريلي اثر سان سڄو شرير هر گهڙيءَ تپ وچان جهيڻو آهي. شرير جي بانس مان به اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي. جيڪو وک جو وئد اننگ جي بدن جي بوءَ کي سڃاڻي ٿو، ان کي ٻر جي ٻاهران ويهندي به مهڪ محسوس ٿيو وڃي. اها مهڪ هن کي به محسوس ٿي رهي آهي. ڌيري ڌيري هن اک کولي. راڻا جي منهن م ڏٺائين. اکين جي چوڌاري ڪارا ليڪا پئجي ويا آهن؛ ٿڪاوٽ کان ٻئي اکيون اماس جي چنڊ جهڙيون اداس، ان جي چوڌاري راهوءَ جي کڙڪائڻ جهڙو ڳوُڙهو ڪرشڻ پکش. (اونداهي رات). +راڻا جي هٿ کي ڇڏي ڦڪي مرڪ مرڪي هن چيو! ”بيماري ته اهائي ساڳي آهي ادا.“ +راڻا کلندي چيو: ”سو ته مون کي معلوم آهي. شروع کان ئي ته چوندو اچان. پر اڄ ڪيئن سمجهي رهيا آهيو؟ بچي سگهندس؟ چڱو ڀلو ٿي سگهندس نه؟“ وري ذرا کلي چيائين: ”ته اهو ئي ٻڌايو ته جي مرڻو ئي آهي، ته ڪيستائين؟ اوهان بي کٽڪي چئو. راڻا کي مرڻ جو ڊپ ڪونهي.“ +مهاشيه چپ ويٺو رهيو. اسٽريپٽو مائسن جي ڳالهه سوچي رهيو هو، جيڪا نئين ايجاد ٿي آهي، پر ’اها وئرٿ دوا آهي.‘ +راڻا ورجايو: ”اوهان بيپرواهه ٿي چئو. اوهان ڇو هٻڪي رهيا آهيو؟“ +مهاشيه ٻاهر جي طرف تڪيندي سوچي رهيو هو. +اوچتو هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيائين: ”اڄ به ڪجهه ڪونه ٻڌائيندس، ادا. سڀاڻي اچج. ٽئين پهر. هتي نه، سڌو ونيه جي دوڪان تي. آئون اتي ئي ملندس. پر اڄ وانگر پنڌ نه اچج. بيل گاڏيءَ تي اچج. هلچل، محنت، مشقت اهو سڀ هينئر بند رک ۽ هن ورت جو سنگ بلڪل ڇڏڻو پوندءِ. سمجهيهءِ؟“ +راڻا خوش ٿي ويو. چي:”جي. اوهان جيڪي به چوندا، سو آئون ڪندس. سڀاڻي گاڏيءَ ۾ ئي ونيه جي دوڪان تي ايندس. منهنجي هڪ ڳالهه اوهان کي رکڻي پوندي.“ +”ڪهڙي ڳالهه، چو؟“ مهاشيه کليو. +”هن عورت جي بيماري مون کان به سخت آهي. ڪانه بچندي. پر بيماري ته نيٺ هڪڙي آهي. هن کي به مون سان گڏ ڏسو. اوهان يقين ڄاڻو، آئون هن کي ڇهندس به ڪونه. پر جڏهن هن کي پناهه ڏني اٿم.... هن جو.... هن کي انهن گونڊن کان بچائي آندو اٿم، ڪجهه جوابداري ته آهي. اڄ هن کي هڪالي ڇڏيان ته مون کي پاپ ڪونه لڳندو؟ هوءَ اڀاڳڻ الائي ڪٿي، ڪنهن گهر ويندي ۽ زهر ڦهلائيندي!“ +”چڱو هن کي به نيو اچج. ڏسندس.“ +راڻا هليو ويو. +مهاشيه ونيه کي چيو: ”راڻا کي آئون ان ڪري ئي پيار ڪندو آهيان.“ ونيه کلي چيو: پيار مونکي به اوهان ڪيترو نه ڪريو ٿا. اوهان دوڪان تي وهڻ جي لاءِ رضامندي ڏيکاري منهنجي ڪيتري پت رکي آهي، آئون ڇا ٻڌايان؟“ +اِندرو آيو. هن جي هٿ ۾ اچي هڪ چٺو ڏنائين. چي: ”يڪساهي هڪ مهيني جو سامان ڳنهي آيو آهيان!“ مهاشيه کليو چي: ”ٺيڪ آهي. عطر کي ڏي، رکي ڇڏيندي. جيءَ ۾ آيس، ته اڇلي ڇڏيندي، جيڪڏهن ڪميشن سان پيٽ ڀرجي ويو ته واهه، نه ته ونيه کي تاڙ جو وڻ ڏيڻ سان ڪم هلي ويندو.“ ونيه جي دوڪان تي سانجهيءَ جو ويهڻ هن قبول ڪيو آهي. اهيندر وٽان موٽندي راڻا وٽ ونيه کي ويٺل ڏسي چيائين: ”تون اچي وئين؟ چڱو، پڪو ٿيو. ويهندس تنهنجي دوڪان تي.“ اِندروءَ جي ويندي ئي مهاشيه ستاب کي چيو: ”چيو هوم نه، سنسار چڪر آهي! ڏس، ونيه سڄي مهيني جو سامان موڪلي ڏنو آهي.“ +ستاب ڪمري ۾ ڪنڊ پاسيرو ويٺل هو. شطرنج وڇائي ٻنهي طرفن جون ساريون سجائي اڪيلو کيلي رهيو آهي. +هينئر هن به ڪنڌ کنيو. پڇيائين: ”تاڙ جو درخت وڪڻڻ لاءِ ڌياڻي راضي ٿي ويهءِ؟“ +تلاو وٽ جيون مهاشيه جا تاڙ جا پنجويهه وڻ آهن. ڊگها، سڌا پراڻا وڻ. سڄي علائقي ۾ انهن وڻن جي هاڪ آهي. سڀ مڃيندا آهن. اهڙا جهونا ۽ سڌا درخت اڄڪلهه ملڻ محال آهن. اهي وڻ عطر جي پونجي آهن. هن جو سهارو چئجي ته به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. +مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳي ئي انهن مان هر هڪ جي قيمت ٽيهه رپيا هئي. هينئر ته 80-90 رپيا في وڻ- کل وخوشيءَ سان ماڻهو ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مگر عطر نٿي ڏيڻ چاهي. بد دماغ، لڪشميءَ جي دشمن؛ بدنصيب پتيءَ تي هن جو ويساهه ڪونهي. پنجويهن مان ڏهه پنهنجي ۽ ڏهه پتيءَ جي پرلوڪ- ڪريا ڪرم واسطي هن رکي ڇڏيا آهن. باقي پنج اوکي ويل واسطي رکيا اٿائين. +جيون مهاشيه کلي وراڻيو: ”ويهه ته سنسار ڀو ساگر پار ڪرڻ جي ٻيڙي آهن ۽باقي پنج کڏون کوٻا پار ڪرڻ جو وسيلو. ونيه منٿ ميڙ ڪري هڪ ڏيڻ لاءِ کيس راضي ڪري ورتو آهي. چيو اٿائين، ”رپيا پوسٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو.“ +[1] وڏائيءَ جي ڀاونا + + +[31] + +”اها لڄ رکڻ جي مون وٽ ڪابه جڳهه ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم جي وچان مري ويو آهيان. مون اوهان کي وڏو اهنج پهچايو. هڪ دشمن پٽ جو ڪم ڪيم.“ اهي وپن بابو جا آخرين الفاظ هئا، جيڪي هو پنهنجي پتا کي چئي ويو هو. هيڏانهن هڪ روايت هئي. اِها هيءَ ته پورب جنم جو دشمن پٽ بڻجي جنم وٺي ٿو، پلجي وڏو ٿئي ٿو، ماءُ پيءُ جي دل ۾ انيڪ آسون اميدون جاڳائي ٿو ۽ بعد ۾ هڪ ڏينهن مري وڃي ٿو؛ هنن کي صدمو پهچائي- پورب جنم جو ويري هن ريت پيءُ کان بدلو چڪائي هليو وڃي ٿو. موت کان اڳي ڪافي پڙهيل ڳڙهيل وپن کي به انهن کانسواءِ چوڻ لاءِ ٻيا اکر ڪونه جڙيا هئا. +اٽڪل ويهن ڏينهن بعد جي ڳالهه. +مهاشيه، ونيه جي دوڪان تي ويٺو هو. ڪشور ٻڌائي رهيو هو: ڪالهه رات اٽڪل ساڍي يارهين وڳي وپن چالاڻو ڪري ويو. ڏهه ڏينهن اڳي ڊاڪٽرن چيو هو: وپن بهتر آهي. گهٽ ۾ گهٽ هن ڀيري ته خطرو ٽري ويو. جيڪڏهن حالت وري نه بگڙي ته رفت رفته چڱو ڀلو ٿي پوندو. اٺ ڏيهاڙا اڳي ڪلڪتي مان ڊاڪٽر چئٽرجي آيو هو. هن ٻين ڊاڪٽرن جي راءِ جي پٺڀرائي ضرور ڪئي هئي، پر اهڙي اتساهه سان نه.“ +رتن بابو هن جي اڳيان مهاشيه جو ذڪر ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. چيو هئائين: ”اسان وٽ هڪ ماهر نبض شناس آهي، ٽن پيڙهين کان ناڙي ڏسڻ جو کين خاص شرف حاصل آهي. هن جي اڳڪٿي....“ +وچ ۾ ئي ٽوڪيندي پرديوت چيو هو: ”هن جي ڳالهه جو جيڪڏهن يقين ڪيو وڃي ته...“ +ڀرون تاڻيندي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ آکيو هو: ”ڇا ٻڌايو آهي هن؟ موت جي اڳڪٿي ڪئي اٿائين ڇا؟“ +”جي نه. اهڙو ڪجهه ته ڪونه چيو اٿائين، ليڪن....“ +ڊاڪٽر چئٽرجيءَ چيو هو: ”هٿ ڏسڻ ۾ منهنجو اوشواس هروڀرو ڪونهي. شروع شروع ۾ان تي گهڻو ڀاڙڻو پوندو هو. اسان مان ڪيترائي ڊاڪٽر تمام چڱي طرح ناڙي جاچي سگهندا هئا. اڄ به ڏسي سگهن ٿا پر علاج جڏهن اسان ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان جي ڳالهين جو ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو. هو شايد ائين چوي ته مرض لاعلاج آهي يا هيترن ڏينهن جي اندر ڪجهه ٿيندو وغيره! اسان چئون ٿا: ڪجهه نه به ٿي سگهي ٿو، اسان مرض کي لاعلاج ڪين چونداسين. آخرين دم توڻي لڳا رهنداسين. جيڪڏهن هن جي ڳالهه تي وشواس ٿا ڪريوته بيمار جي سڀني سڳن مٽن مائٽن کي سڀ اميدون لاهي رڳو ان دکدائڪ گهٽنا جي گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو.“ +ان بعد وري چيائين، لاشڪ کلندي چيائين: ”مان به هن ديش جو رهواسي آهيان، اهو ضرور آهي ته مان ڊاڪٽري ڪريان ٿو. پر هن جيڪي بتايو آهي، تنهن کي ته سمجهان ٿو. اها بيشڪ هڪ وڏي ڳالهه آهي. بيماري دکدائڪ آهي، سخت آهي. ڪنهن ريت بچي به وڃي ته جيئرن گڏ مردو ٿي رهندو ۽ سنسار ۾، جتي جنم ٿيڻ سان ئي مرتيو اڻ ٽر آهي، اتي جيڪڏهن سولائي سان ڏٻري ۽ نڪمي سرير جي جلد پڄاڻيءَ کي ثواب ڄاتو وڃي، ته اها هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي. اها ڳالهه اوهان جي فائدي وٽان به آهي. تنهن کي اسان ڇو جئون؟“ +ڊاڪٽر چيٽرجيءَ جي روانگي کان ٽن ڏينهن بعد بيماري يڪا يڪ اگرو روپ ڌارڻ ڪيو. پيشاب جو رنگ خراب ٿي ويو، اندار به گهٽجي ويو. پيشاب جي جاچ مان به خرابيءَ جو شڪ جاڳيو. دل جي اوسٿا به بگڙي ويئي. ڌڙڪڻ جي ماترا ٿي هڪ سؤ ٽيهه ۽اڃا به وڌڻ جو مڪان. +هريندر وري ڪلڪتي ڀڳو. ڊاڪٽر چئٽرجي چيو: ”ان جو ئي انديشو مون کي هو. نيٺ اهو ئي ٿيو هاڻ....“ +ڪجهه سوچي چيائين:”هاڻي ڪوبه چاڙهو ڪونهي.“ +بار بار ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. ”نه. ڪوبه چاڙهو نه رهيو.“ پڇاڙيءَ ۾ چيائين: ”ڊز يٽلس انٽراوينس ڏيئي ڏسوس.“ +هريندر ڏڪي ويو. ”ڊزيٽلس؟ انٽراوينس؟ پوءِ ته توهان پاڻ هلو!“ +”مان؟ مان هلي ڇا ڪندس؟ مون ٻڌايو آهي، حالت نازڪ آهي. ئي سمجهبو. هينئر ته رڳو چانس آزمائڻو آهي. جيڪڏهن دوا ٻوٽو ٻاريو،ته ڪرائيس ويندي رهندي. پوءِ جي ضرورت پئي ته مان به ويندس.“ +مگر اها همٿ هتي ڪنهن به ڪانه ڪئي: ”هريندر، چارو بابو: ڪنهن به نه. پرديوت ڪجهه سوچيو ضرور هو. پڇاڙيءَ ۾ هو به دلشڪستو ٿي پيو، من به بيچيني جي به ڪائي حد نه هئي! +وپن بابو کي ان دم تائين هوش هو. جڏهن ڪلڪتي مان ڊاڪٽر نه آيو، هو تڏهن ئي سمجهي ويو هو. پاڻ کي ان اڻ ٽر خطري لاءِ تيار ڪري پتا کي مٿين ڳالهه چئي هئائين. +”هيءُ لڄ رکڻ جي مون وٽ جاءِ ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم وچان مري ويو آهيان. اوهان کي مون تڪليف رسائي. هڪ دشمن پٽ جهڙو مون ڪم ڪيو.“ +رتن بابو به غضب جو آدمي آهي. اداس کل کلندي پٽ جي مٿي تي هٿ ڦيريندي پيائين! ”تون منهنجو بهادر پٽ آهين: جيون سنگرام ۾ تو دل نه هاري، پٺ نه ورائي، دم نه پٽيهءِ: لڙندي لڙندي وير گتي پرپات ڪيهءِ، ان ۾شرم ڇا جو پٽ؟“ +”شرم؟ شرم ان ڳالهه جو ته هن ٻڍاپي ۾ به اوهان کي زره بخت اختيار ڪرڻي پوندي، هٿيار سنڀالڻا پوندا. مان اوهان کي انهن زحمتن کان بچائي نه سگهيس. اهوئي شرم اچي ٿو. اها منهنجي سڀ کان وڏي هار آهي.“ +پٽ جي مٿي هٿ ڦيري اکين ۾ لڙڪ آڻي چپن ۾ هڪ عجيب مشڪ سان هن چيو هو: ”ڪنهن کان هار ٿي؟ جنهن کان توشڪست کاڌي، ان کان رام، ڪرشڻ، ٻڌ کان وٺي پيسم، دروڻ... نيپولين هارائي چڪا آهن. ان جي ڳڻتي نه ڪر.“ +ڪنڌ ڌوڻي وپن چيو: ”نه. پنهنجو پاڻ کان منهنجي هار ٿي آهي. ڊاڪٽر چئٽرجي مون کي بار بار چتائيندو رهيو. چوندو رهيو ته تون پنهنجي هاج کان باز اچ. اهو رجوگڻ جو روڳ آهي، راجسي ڍنگ ترڪ ڪري ساتوڪ جيون ڌاراڻ ڪرڻ بنا اهو وڃي نٿو سگهي، ملڪ وڌندو رهندو.“ +ان بعد ڪشور ڪمري جي اندر رهي ڪونه سگهيو هو. ٻاهر نڪري آيو هو. ٻئي ڏينهن تي وپن جو پيشاب بند ٿي ويو هو. ان جي اثر هيٺ ساڻو ٿي ٽئين پهر تائين مورڇت پيو رهيو. رات جو يارهين وڳي گذاري ويو. +سڄو ڳوٺ، ڳوٺ ئي ڇو، سمورو علائقو وپن جي مرڻ ڪري مرجهائجي ويو. ههڙي هڪڪرم و��ر، نام ڪٺيو جسم جو ڀاڳي جوان جماڻ، هن جي مرتيو ڪري ائين ٿيڻ سڀاويڪ ئي هو. صبوح جو جڏهن ارٿيءَ جو وقت آيو. ماڻهن جي ڀيڙ اٿلي پيئي. سڀ اداس سڄي علائقي جي آسمان تي ڄڻڪ ڇايا پئجي ويئي هئي. جيون مهاشيه به اداس اکين سان ٻاهر جي طرف تڪيندو پئي رهيو. ڌرتي ۽ مرتيو جو اٽوٽ سنٻنڌ آهي. اهڙي ڪابه گهڙي ڪانهي، جڏهن لئه نه ٿيندي هجي، موت جي سواري نه نڪرندي هجي. جيون جنم کان موت سان ڇاپي ڇڏڻ ٿو چاهي. پوءِ به ان کي ڄاڻي نٿو سگهجي، ڄاڻڻ جو ڪو اپاو ئي ڪونهي. ان ڪري ئي ان کان هيترو ڊپ ٿئي ٿو. وچ وچ ۾ اهو ڊپ دور ٿي وڃي ٿو، مرتيو جي ڀو کي نه رڳو جيتي وٺن ٿا، پر ان کي گلي لڳائڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه ڊوڙن ٿا. تڏهن ته مرتيو امرت ٿي ويندو آهي. وپن جنهن درجي جو ماڻهو هو، جهڙي سکيا پاتي هئائين،ان سان ديش جي صدقي موت کي گلي لڳائڻ هن جي لاءِ عجب جهڙي ڳالهه ڪانه هئي. جيڪڏهن هو ائين ئي ڪري ها، ته به ڇا اهڙي ئي ڇايا پئجي وڃي ها؟ ڪانه پوي ها. اچانڪ مهاشيه کي سمڪ پئي، ڪشور ڪڏهوڪو هليو ويو آهي! هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.وري پنهنجي نبض پڪڙي ويهي رهيو. +”جهه پتو پوي ٿو؟ ڪوئي آثار؟ ڪوئي اشارو؟ نه.“ +”پنهنجو هٿ ڏسي رهيا آهيو؟“ ونيه آکيو”ها.“ +”طبيعت ڪجهه........“ +”قدرو آيو آهي. اڄ انجيڪشن جو واروآهي.“ +ڪٿي آهي؟“ +”جي سرڪار.“ ٻڍو موچي سامهون اچي بيٺو. +ونيه وٽ قدرو ئي سندس پهريون مريض آهي. راڻا جي اچڻ کان اڳي ئي هو اچي پهتو هو. اتيسار جو روڳي. جهوني بيماري. مگر عضبناڪ آدمي! اهڙو خبردار روڳي ورلي ڪو ملندو آهي. بيماري ٺيڪ ٿيڻ واري نه آهي. اڄ تائين ٺيڪ نه ٿي آهي. پر هن کي بستري داخل ڪڏهن نه ڪري سگهي. روڳ جي وڌندي ئي هو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو. ڊاڪٽر چوندس ته پاءُ کن کاڌو کائج ته هو اڌ پاءُ کان وڌيڪ ڪين کائيندو، کائي ڪين سگهندو. +دوا جو هن کي ڄڻ نشو آهي. ٻارهن مهينا ئي هن کي ڪاٿي نه ڪاٿي دوا گهرجي. ڊاڪٽري، يوناني، ويدڪ، ٽوٽڪائي: جيڪا به هجي. وارو ٻڌل اٿس. ڪجهه ڏينهن انگريزي دوا، ان کان پوءِ آيورويدڪ. +قدرو سندس پراڻو مريضي آهي. مڪاني ماڻهو نه آهي. شايد بلاسپور جو آهي. چمڙي جو ڪاروباري. انهن جي پهرين نيات جڏهن هن علائقي ۾ آئي هئي، قدرو پڻ هن ۾ هو. تڏهن هوجوان هو. ساڻ گهر واري هئس، هڪ ٻار هوس. +ان وقت به مهاشيه سندس ٻالڪ کي نگري مرض کان بچايو هو. ان ڪري هو جڏهن به مهاشيه کي راهه ۾ ڏسندو هو، ادب وچان سامهون بيهي رهندو هو:”بوٽ کي پالش لڳائي وٺان.“ +جوتو صاف ڪرائڻ بنا موڪل ڪانه ملي سگهندي هئي. ترسڻو ئي پوندو هو. چاهي جتي به هجي- بازار، هٽ، اسڪول جي سامهون، سڀ رجسٽراري آفيس جي پپڙ جي هيٺان، واري واري سان قدرو هر هنڌ هڪ هڪ ڏينهن ويهندو هو. اتان مهاشيه لنگهندو هو ته جوتو پالش ڪرائڻو پوندو هوس. +ليڪن مهاشي پئسا ڏيندو هو. جيتوڻيڪ هن جي سڪ جي قيمت نٿي چڪائي سگهيو. ون وهاريءَ جي مرتيو کانپوءِ، جن ڏينهن مهاشيه گهر کان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو، تن ڏينهن به گهر وڃي هن جي جوتي کي پالش ڪئي هوندائين. ڪنهن ڏينهن ڏوڪڙ مليا، ڪنهن ڏينهن نه به مليا. هيڏانهن ڪيترن سالن کان ٻڍاپي سبب قدرو لاچار ٿي پيو آهي. رجسٽري آفيس جي پپڙ کانسواءِ ٻيو ڪٿي به ڪونه وڃي، وڃي نٿو سگهي. ونيه جو دوڪان به سب رجسٽري آفيس جي ڀرسانئي آهي. سو قدرو ٺيڪ اچي پهتو آهي. جو تو به صاف ڪري ڏنائين. هينئر هن جي بيماري اڳري آهي. +قدرو جي مرڻ جو وقت ٺيڪ سمجهڻ مشڪل آهي. هو بيماريءَ کي گنجايش ئي نٿو ڏي. خبردار آدمي آهي. پر لڳي ٿو ته هن جي بيماري آهستي آهستي اتيسار جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. هاڻ ڪنهن ڏيهاڙي هن جي (موت جي) پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ ايندي. +هن دفعي قدروءَ چيو آهي: ”سئي هڻو مهاشيه جي تازي ۽ تيز دوا جي سئي!“ +”سئي؟ انجيڪشن؟“ مهاشيه کليو. ”جلدي آرام وٺڻ ٿو چاهين؟“ +”ها بابا، مشقت نه ڪري سگهندس ته روٽي ڪير کارائيندو؟“ +قدروءَ جا پٽ سياڻا ٿي کيس ڇڏي ٻئي ڪنهن ماڳ هليا ويا آهن. زال مري چڪي آهي. اڪيلو سر آهي. ان ڪري محنت ته ڪرڻي ئي پوندي! +مهاشيه چيو هو: ”بهتر ٿيندو ته تون اسپتال هليو وڃ قدرو. پنهنجي صاحب کي چئي ڇڏ، بس.“ +قدروءَ جو صاحب آهي ڪشور. الائي ڪهڙي ڳالهه کان ننڍپڻ کان ئي قدرو ڪشور کي- صاحب چوندو رهيو آهي. هو به هڪ شخص آهي جو قدروءَ کي پيارو آهي، قدرو هن کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. +فوٽ بال جي مرمت وقت قدرو جي ڪشور سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي، ان وقت هاف پينٽ ۽ جرسي جو ڪپتان هوندو هو، ٿي سگهي ٿو ان ڪري کيس صاحب چوندو هو. بعد ۾ هو کدر پوش ٿي ويو ۽ ڪشور کيس لک منع ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن ڌمال به چاڙهي، پر قدرو کيس صاحب چوڻ نه ڇڏيو. +قدرو اسپتال وڃڻ واسطي تيار نه ٿيو: ”نه، مائي باپ، آئون اسپتال وڃي نٿو سگهان. اتي سڀ وڏا ماڻهو آهن، منڊمون دوا ٿيون پيئارين: وري ڏينهن رات کٽ داخل رهڻ ۽ انهن سڀني کان شيوا ٽهل ڪرائڻ مون جهڙي ڄمار کي سونهي ٿو؟“ +”اڙي ڀائي، انهيءَ ڪم واسطي ته هو ماڻهو مقرر ٿيل آهن. اسپتال ته سڀني واسطي آهي. روڳي ئي اسپتال جا ديوتا آهن. ان ڪري تون ڪو سنڪوچ نه ڪر.“ +”نه بابا، نه.“ +”ڇو؟ آئون چوانءِ ٿو، اهو ئي بهتر ٿيندءِ. تون جهڙي طرح نيم سنجم سان ٿو رهين، جهٽ چڱو ڀلو ٿي پوندين. روڳ ٿيڻ جي حالت ۾ ته کٽ تي پوڻ ئي ٺيڪ آهي.“ +”سو ته ڪندو آهيان. وڻ جي هيٺان تڏو وجهي پيو هوندو آهيان، ويٺي ويٺي ڪم ڪندو آهيان. ننڊ لڳندي ئي سمهي پوندو آهيان.“ +”ته پوءِ اسپتال ۾ ئي سمهه.“ +”آئون دوا جو دام ڏيندس سرڪار.“ +”پئسن جي لاءِ آئون ڪونه ٿو چوان قدرو. اتي وڃڻ سان سٺو ٿيندءِ.“ +”نه سرڪار، اسپتال جيڪو ويندو سو مرندو: آئون چوان ٿو.“ +”ڇو؟“ +”اسپتال ۾ ديو آهن، ديو. رات جو چڪر هڻندا آهن. قبرستان ۾ اسپتال آهي، قبر مان ڀوت نڪرندا آهن.“ +مهاشيه کي ياد اچي ويو. ’اُن ڏينهن شايد پرديوت وٽ به ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽرن مان ڪنهن به گوشت ڪونه کاڌو هو. ٻئي ڏينهن تي دانتو گهوشال اسپتال مان رفوچڪر ٿي ويو هو‘.... مهاشيه ڀرون تاڻيون. هڪ ڳالهه کيس ٻي به هري آئي ليڪن رهڻ ڏي. هن به هڪ ڀيرو ڀوت ڏٺو هو! اهو ڀوت مڇي کائي رهيو هو. رات جو هڪ بجي. هو بيمارن کي ڏسي موٽي رهيو هو. نوگرام ۾ داخل ٿيندي ئي چوواٽي تي، باغيچي واري تلاو جي گهاٽ جي ڀرواري وڻ جي هيٺان کڙيءَ کان چوٽيءَ تائين سفيد ڪپڙو ويڙهيل هڪ مورتي بيٺي هئي، ڪجهه کائي رهي هئي. چانڊوڪيءَ ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته هٿ وات جي ڀرسان آهي. +تنهن وقت ڊپ وچان گاڏيءَ واري جو ساه سڪي ويو هو. مهاشيه کي لوڏو به نه آيو. هو گاڏيءَ مان لهي اڳتي وڌي ويو هو. ڏٺائين، ڀوت ئي آهي، مڇي کائي رهيو آهي. اها تصوير گويا اکين ۾ تري رهي آهي. خود هن ڏٺو آهي ڀوت کي! +سندس چهري تي هن دفعي هڪ عجيب کل جي ريکا نمودار ٿي. ’هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه آهي. ڀوت، پريت، برهم، دئيت، سڀ. نه آهي، ڪير ٿو چوي؟ جيڪڏهن سچ پچ اها نظر هجي ته ڏسي سگهجي ٿو.‘ +انجيڪشن سان ئي هن علاج شروع ڪيو. قدروءَ کي به سئي هنيئاين. اڄ به سئيءَ جو وارو آهي. هو اچي سهڙيوآهي. مهاشيه پڇيس: ”ڪيئن آهين؟“ +”اون هون.“ هن ڪنڌ ڌوڻي چيو. ”ٺيڪ نه آهيان. ٿورو گهڻو تپ اٿم.“ +”چڱو، هٿ ڏيکار. اڙي، تون ته ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهين. بيماري وڌي ويئي آهي. دست ته گهڻا ٿا اچئني؟“ +”نه سرڪار. دست ته ٿورو ٿو اچي.“ +”پوءِ؟ کائيندو ڇا آهين؟“ +”ڇا کاوان حضور؟ ٿورو ناريل جو پاڻي. بس. ٻيو ڪي ڪين. ڪجهه به نه“ +”پر کائڻو ته پوندءِ. بنا کاڌي ئي ائين ٿيو آهي.“ +”ڊپ سان ڪم ڪين هلندو. کائڻو پوندو. بکيو رهي ته تون مري ويندين.“ +”مرڻ کان نٿو ڊڄان بابوُ. بيماري جي تڪليف کان ٿو ڊڄان. جيڪڏهن کاڌي پيتي سان وڌي وڃي؟ پيٽ جو سور ڪٿي وڌي وڃي؟ پڇاڙيءَ ۾ ڪهڙو گند مئلي سان ڪنو ٿي مران بابا؟“ +مهاشيه اڄ به ورجايس: ”تون اسپتال هليو وڃ. تنهنجو صاحب ته اتي آهي ئي. هو چوندو ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندو ۽ جنهن قسم جو توکي مرض آهي، اهو به سهنجائي سان ٺيڪ ٿي ويندو.“ +قدرو چيو: ”اتي ئي ته هو بابو صاحب چالاڻو ڪري ويو. هيڏو وڏو بابوُ، هيڏي وڏي قسمت! ڪچي ڄمار م ئي هليو ويو. هيتري دوا دوارون ٿي، هيڏا وڏا ڊاڪٽر آيا. ڇا ڪيائون حضور! ڪجهه نه. ٻئي جي ڳالهه ئي سچي نڪتي.“ +”ڪهڙي ڳالهه؟“ دردناڪ ۽ عجيب آواز ۾ مهاشيه آيو. +”حضور جواڳڪٿي ڪئي هئي ته بابوُ بچندو ڪونه، اهائي ته سچ نڪتي، ڪلڪتي مان ڊاڪٽر آيو، پر وريو ڪجهه ڪونه.“ +مهاشيه جا سمورا عضوا ڪانڊارجي ويا. ’قدرو ڇا پيو چوي!‘ چپ ڪري ويٺو، پاڻ کي روڪي ورتائين. +قدرو چوندو ويو: ”ٻي به ڳالهه آهي بابا. تنهن ڏينهن اوهان کي ٻڌايو هوم، ونيه بابوُ کي به خبر آهي، اسپتال ۾ ڀوت رهندو آهي. اتي ڪير ڪونه بچندو.“ +ونيه ٻاهر بيٺو هو، اندر هليو آيو. چي: ”قدرو ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي. تنهن ڏينهن پرديوت بابوُ وٽ ڊاڪٽرن جي مجلس هئي. گوشت رڌيو ويو هو. دريءَ کان ٻاهر ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽر جي رسويي پنهنجي اکئين ڏٺو آهي. گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ جو اسپتال ۾ ويم ٿيو هو، ڊاڪٽر اهو ڪيس خوب بچايو! پر هوءَ ڇوڪري ڊپ وچان ذري گهٽ مرڻ تي هئي. گڻيش هن کي وٺي اتان ڀڄي آيو.“ +مهاشيه کي ڄڻڪ باهه جي چڻنگ ڇهي ويئي- بيچين ٿي پيو. ڀروُن تاڻي تکو ڳالهائيندي چيائين: ”ڀوت؟“ +ونيه چيو: ”دانتوءَ ڏٺو آهي. قبرستان مان...“ +”دانتو؟“ +”هائو. اڄ صبوح جو هن اسپتال ۾ ڏاڍو هل هلاچو ڪيو. ڪونه رهندو. ڪالهه سڄي رات هو ڊپ وچان سمهي ڪين سگهيو. +ان ڳالهه تي مهاشيه جيڪي ڪيو، اهو ونيه جي ڪلپنا کان ٻاهر هو. مهاشيه بگڙي ويو. ”دانتومرندو. اڳڪٿي ۾ مون کان ڀل ڪانه ٿي آهي. پريت؟ دانتوءَ کي وٺي وڃڻ لاءِ ئي ڀوت ڀريت درشن ڏنو آهي. اهو ڀوت دانتوءَ سان ساڻ ساڻ گهمي ٿو. ٻيو ڪير نٿو ڏسي سگهي، پر آئون ڏسان ٿو.“ +سڻندي ئي قدرو ۽ ونيه ڏندين آڱريون ڏيڻ لڳا. ونيه کي لڳو، ”مهاشيه جو مغز ته خراب ڪونه ٿي پيو آهي؟“ +مهاشيه چيو: ٻيا بيمار هجن، انهن کي سڏائي. هاڻ آئون ويندس. ستاب اڃا تائين ڇو ڪونه آيو آهي؟“ +اڄڪجهه شطرنج کڻي ستاب دوڪان ئي تي ايندوآهي. هتي ئي ڄمي ويندا آهن. خاصي محفل لڳي ويندي آهي. +* * * +ستاب ڪونه آيو، هن جي پاڙي ۾ نشي ٺڪرائڻ جي ڀائٽي مري ويئي آهي. اهائي پندرهن ورهين جي نينگري، ٻن ٻن ٻارن جي ماءُ، ويم ۾ جنهن جي بدن جو رنگ ٽيسوءَ جي گل جهڙو ٿي ويو هو. جنهن جي ناڙي ڏسي مهاشيه هن جي نشچت موت جي اڳڪٿي ڪئي هئي. آخر ۾ نشيءَ ششيءَ جو علاج ڪرايو هو. ششيءَ پنهنجي نيم طبيبي واري طريقي سان سيگهه ۾ هن کي يم لوڪ پهچائي ڇڏيو- ڀو ساگر پار ڪرائي ڇڏيو. +آخرين ٽي ڏينهن، جڏهن هن جي حالت بنهه نازل ٿي ويئي، نشيءَ ڊاڪٽر هريندر کي گهرايو هو. هن ڪيتريون سيون هنيون. قيمتي دوا ڏني. +هينئر نشي هريندر کي پاراتا ڏيئي رهي هئي. گهر موٽندي مهاشيه ستاب وٽ ويو هو. هڪ اڀو ساهه کڻي موٽي آيو. ڪالهه رات وپن سرڳواسي ٿيو، ارٿيءَ سان گڏ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ٻڍا ٻار، زالون مڙد سڻڪ جي ڪناري ڪناري ڀيڙ ڪري بيٺا هئا. مساڻن تائين جنتا ويئي هئي. سڄو ڏينهن جيون جي جوت تي هڪ ميري ڇايا ڇانئي رهي. ماڻهو ٿڪجي پيا، شوڪ غم ۾ غرق ٿي ويا. هينئر ڪو به ڪونهي. پنهنجي ڀائٽيءَ جي لاش جي ڀرسان نشي او ڇنگارو ڏيئي روئي رهي آهي، ڊاڪٽر کي گاريون ڏيئي رهي آهي. ٻه ٽي پاڙي واريون ڀرسان ويٺل آهن. ٻاهر ڪشور ۽ ٽي چار ’ڪشور پنٿي‘ جوان بيٺا آهن. لاش جا ڪانڌي اهي ئي ٿيندا. +اڄ بازار به مندي آهي. ڪجهه بتيون ٻري رهيون آهن، ڊاڪٽرن جي ’ڪوآپريٽو اسٽور‘ ۾ ٻه بتيون ٻري رهيون آهن. هڪ اندر ۽ هڪ ٻاهر. اڃا سموريون دوائون پهچي نه سگهيون آهن: ٿورو گهڻو دوڪان چالو ڪيو ويو آهي. چارو بابوُ ٻاهر ويٺو آهي. هريندر به آهي. وپن جو ئي ذڪر هلي رهيو آهي. +مهاشيه سوچي رهيو هو نشي جي ڀائٽيءَ جي ڳالهه. ان ڏينهن جيئن ئي هن کي ڏٺو هئائين، تيئن ئي کيس پنهنجي ناڙي سکيا جو پهريون ڏينهن ياد اچي ويو. کيس به ساڻ وٺي ويو هو. اهڙي ئي هڪ روڳڻي هئي هوبهو. ساڳي عمر، اهڙي ئي ٻن ٻارن جي ماءُ: هڪ ٻار گرڀ ۾، موٽندي وقت پتا کيس رستي ۾ چيو هو: ”اهائي آهي موت جي مرض جي ناڙي! هيءَ نينگري ڪانه بچندي پٽ- ۽ هڪ علامت تو ڏٺي؟ هن جي دل انهن شين سان آهي، جن سان مرض وڌي ٿو. هن جي هٿ ۾ تيل جي وڏي پڪوڙي جو نشان ۽ ان جي بوُ هن جي نگاهه کان بچي ڪانه سگهي هئي. نشي جي ڀائٽيءَ به ان ڏينهن آچار چورائي کاڌو هو. اف، ان ڏينهن کيس ’ٻچي‘ چوڻ سان جا هوءِ کلي هئي‘ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس پهريون ٻار ڄائو هو. ساڍن تيرهن ورهين جي عمر۾ هوءَ ٻئي ٻار جي ماءُ بڻي هئي ۽ پندرهن ورهين ۾ هن نينگريءَ ٽئين ٻار کي گرڀ ۾ ڌارڻ ڪيو آهي ۽ هوءِ ٻچي آهي!“ +هوءَ کلندي هئي ته هن جي ٻنهي ڳلن ۾ کڏو پئجي وينديون هيون. اونداهي رات ۾ ڇايا مورتيءَ ڪير اکين آڏو اچي بيٺي هئي. پٺ گهنڊيدار وارنسان ڀريل. هيءَ به وات ۾ ڪپڙو وجهي کلي ٿي. کلڻ سان ڳلن ۾ کڏون پون ٿيون. +منجري شايد مري ويئي آهي. وچ ۾ ايڪانت جي گهڙين ۾ ٺيڪ ساڳي ريت اچانڪ ياد تري ٿي اچي ۽ اتي ئي وري کوهجي ٿي وڃي. +اسپتال جي احاطي ۾ ڊاڪٽر پرديوت جي ورانڊي ۾ بتي ٻري رهي آهي. اڄ پرديوت چپ ويٺو آهي. شايد سوچي رهيو آهي. سڀ ڊاڪٽر سوچيندا رهندا آهن. سوچيندا آهن، ته ڪٿي ڪائي ڀل چوڪ ٿي آهي يا نه. +جيڪڏهن ڀل ٿي ويندي آهي ته پڇتاءُ ظاهر ڪري چپ ويٺو رهندو آهي. هن جو هردو هاءِ هاءِ ڪندو رهندو. جيڪڏهن ڀل ڪانه ٿي هوندي، ته ائين ئي سڀاويڪ خاموشيءَ سان ويٺو رهندو آهي. من خالي ٿي ويندو آهي. اچانڪ ان خلاءَ ۾ هوا لڳي ٿي. ٿڌو شوڪارو ڀري ڊاڪٽر سوچي ٿو. ”بيوس آهي، انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪنهن جي من ۾ بجلي جي چمڪ جهڙو سوال چمڪي ٿو. ڊيٿ! واٽ اِز ڊيٿ؟“[1] Death! What is death? +[1] موت! موت ڇا آهي؟ + + +[32] + +بستري تي ليٽندي به مهاشيه جاڳي رهيو آهي. ننڊ ڪانه آيس. من ۾ ماندگي. ننڊ به ڪانه اچي رهي آهي. وپن ۽نشي جي ڀائٽيءَ جي مرتيو هن جي من کي چلائمان ڪري وڌو آهي. دانتوءَ ڏانهن جيڪا تلخي، من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هئس، سا ڍڪجي ويئي آهي. ڀرواري بستري تي عطر سمهي پئي آهي. بغل واري دريءَ مان آسان جو ڪجهه حصو ڏيکائي ڏيئي رهيو آهي: سياري جي گهاٽي نير، نکيترن سان ڀريل آسمان جو ٿورو حصو. گوڙن جي اڻ ٿڪ اونائي ڪنن ۾ اچي رهي آهي. مهاشيه به سوچي رهيو هو: موت ڇا آهي؟ اڻ ٽر ميلاپ، هڪ سمجهه کان پري رهيسه: انهن جوابن سان ته جيءُ نٿو ڀرجي. پراڻن شاسترن جي هن ڀو��ن وارن واريءَ[1] جي ساکيءَ مان به سنتوک نٿو پڙپي. بيهوش پيل مرڻينگ مريض جيئرو ٿي اٿيو. اهڙن ماڻهن مان ٻه چار ڄڻا عجيب وغريب قصا ٻڌائين ٿا. ڪوئي چوي ٿو، هو ڄڻڪ هڪ لامحدود خلاءِ ۾ اڏامندو پئي ويو، موٽي آيو. عجيب آهي آڪاش لوڪ! وري ڪوئي چوي ٿو، ’هو سمنڊ ۾ ترندو پئي ويو.‘ ٻنهي جا آزمودا نرالا آهن. ان ۾ به گوناگون سوال اٿن ٿا. من نٿو ٻجهي. ڪشور جي هڪ ڳالهه ياد اچي رهي آهي. هن جيڪي چيو هو، سو عجيب نموني سندس من ۾ پوتل آهي. ڪافي ڏينهن جي ڳالهه آهي: نوگرام جي گووند پالڪ جو ڇوڪرو نسيرام. مرڻينگ حالت ۾ پيو هو. مرڻ کان پندرهن منٽ اڳ ۾ چيو هئائين: ڪيترو زور سان پگهر ڇٽي رهيو هوس! پنهنجي هيڏي لنبي وئدڪ جيون ۾ ايترو پگهر ڳاڙيندو ڪنهن کي ڪونه سنڀري. شيوا ٽهل ڪرڻ وارا عنبير ۽ سنڍ مليندي مليندي ٿڪجي پيا: عنبير ۽ سنڍ جو وزن ختم ٿي ويو! ڌٻڻ مان جهڙي طرح پاڻي نڪرندو آهي، بدن جي رونگٽن مان پگهر نڪري رهيو هو. زندگيءَ جو چراغ هوريان هوريان اجهامي رهيو هو، پر هن کي هوش هو. اڻ ڇنڀ اکين سان مهاشيه بيٺي بيٺي ڏسي رهيو هو. نبض هئي ڪانه. ڪنهن کيس سڏ ڪيو هو: نسوُ. نسوُ، نسوُ! او نسوُ....! +ڌيري ڌيري هنجو ٻوٽيل اکيون ٿوريون کليون هيون: نظر ۾ جواب جو اسارو بکي رهيو هو. نهايت جهيڻي آواز ۾ هن چيو هو، هان؟ +”ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڏاڍو ڪشٽ ٿو ٿئيهءِ؟“ +تڪليف سان ڪنڌ ڌوڻي چيو هئائين: ”نه“ +ذرا ساعت چپ رهي اکيون بند ڪندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو.... آئون....“ +”ڇا؟“ +”ڄڻڪ ڏاڍو پري پري وڃي رهيو آهيان. توهان جون ڳالهيون چڱي ريت ٻڌي به نٿو سگهان... توهان کي ٺيڪ طرح ڏسي.... +ڪنڌ ڌوڻي هن ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”هو چڱي طرح ڏسي نٿو سگهي. ڪوئي پردو ڪرندو پيو اچي ۽ اهو پردو ڌيري ڌيري گهاٽو ٿيندو پيو وڃي.“ +هن کان ويڪ سهڻو بيورو هن ڪڏهن ڪونه ٻڌو. +ٺيڪ اهڙي ئي وقت ڪنهن ٻاهران سڏ ڪيو: ”مهاشيه!“ +”ڪير؟“ ڀت جي سهاري اُٿي ڪري دريءَ مان ڏٺائين. لالٽين کنيو ٻه آدمي بيٺا هئا. ”ڪير آهن هي؟ ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“ +”ڪير آهي؟“ +”جي اسان آهيون. پراني ميان وٽان آيا آهيون.“ +”ڇا ٿيو آهي؟ بيبي جي مزي ۾ ته آهي؟“ +”جي نه. مصيبت آهي. لڳي ٿو ته بيبي جي زهر کائي ورتو آهي.“ +”زهر کائي ورتو آهي؟ آفت!“ هو جلدي اٿي کڙو ٿيو. ”عجب آهي! آدمي زهر به کائي ٿو، ڦاسي تي به چڙهي ٿو، ڪپڙي ۾ باهه لڳائي سڙي به مري ٿو، پاڻيءَ ۾ ڇلانگ لڳائي ٻڏي ٿو!“ +* * * +پراني ٻنهي هٿن ۾ مٿو جلهي ويٺو هو. سندس منهن خوفناڪ ٿي ويو هو. جوڻس زهريلو ٻج پيسي کاڌو آهي. مهاشيه کي ڏسندي اٿي بيٺو. هن جون اکيون به ڳاڙهيون ٿي ويئون آهن. چي: ”اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ چيو هو مهاشيه جي. مرض جو ته رڳو بهانو آهي: هيءَ عورت ئي شيطان آهي. جيئن ته مون جهڙو ٻڍو آدمي هن کي ڇهي ٿو، ان ڪري بيماريءَ جو بهانو بڻائي پيئي رهندي هئي. زهر کائي پاڻمرادو سڄي ڳالهه ٻاڦي رهي آهي.“ +ٻڌل جهنگلي پاڏي وانگر مٿو لوڏي گرجندي پرانيءَ چيو: ۽ ”هو حرامي، غلام، سامهون گڏجي ته هن جي ڳچي ڦوڙي وجهان! حراميءَ جو ٻچو به حرامي‘ ۽ هن جي والده. حرامزادي! ٻانهي! ڪڏهن هوءَ حرامزادي منهنجي...“ پرانيءَ گندا لفظ ڪڍيا. +مهاشيه چيو:”هينئر انهن ڳالهين کي رهڻ ڏي. هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ +”جهنم ۾ وڃي پوي. مري وڃي. شيطان، رنڊي. اوهان رڳو سندس منهن مان ٻڌو ته هن خود زهر کاڌو آهي ۽ هن ڪمبخت، نفر، حرامي ربانيءَ واسطي کاڌو اٿس. نه ته هيءُ شيطان مون کي ڦاسائي وجهندا.“ +پرانيءَ مٺين ۾ پنهنجا بانوار وار ڀڪوڙي، بنا ڏندن وارين مهارن سان دٻائي چيو: ”هاءِ، مون پنهنجي گهر ۾ پاڻ شيطان کي جڳهه ڏني. هاءِ! اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ ئي چيو هو.“ +هوڏانهن سندس بيبي پاڻ ئي سڀ ٻولي رهي آهي. تڪليف وچان هوءَ عجيب آواز ڪري ۽ ساڻ چئي رهي آهي: ”ڦٽل ڀاڳ منهنجو! هن ڦٽل ڀاڳ ڪري هر ڪنهن کي ڪنهن ريت قبول پئي ڪيو اٿم‘ مگر تو ربانيءَ کي ڇو رکيو؟ هن جي ماءُ کي ڇو رکيو ۽ رکيئه سو رکئيه، هن کي پوءِ هٽائي ڇو ڇڏيئيه؟“ +ڳالهه اها ئي آهي. +ڪالهه ٽئين پهر کان پرانيءَ جي بيبي الٽي ڪرڻ لڳي هئي. اول ته سڀني کي اها گرڀ جي علامت لڳي. پر لڳاتار الٽي، اُلٽيءَ سان گڏ ڪئٿي جا ٽڪرا، ڳاڙهن مرچن جون کلون: اهي سڀ نڪرڻ لڳا. تنهن تي ماڻهن کي شڪ پيو، ’بيبيءَ کي اهو سڀ ڪٿان مليا؟ ڪنهن آڻي ڏنا؟‘ +تيسين هوءَ لڳ ڀڳ مورڇت تي ويئي هئي. کوج خبر شروع ٿي. جيتامڙي جي کوج ۾ نانگ نڪري آيو: تيليءَ مان ٿنڀ بڻجي پيو. بيبيءَ جي خاص دائي يعني رباني جي ماءُ وڏي عزت آبرو سان ڪئٿو، ڳڙ، مرچ، لوڻ ملائي ڪري چٽڻي ٺاهي ڏيئي ويئي هئي. جهنگلي ٻير به ڏنا هئائين. اها ڪا اڄوڪي ڳالهه ڪانه هئي. ڪيترن ڏينهن کان لڳاتار اها حرڪت هلي رهي هئي. ڪڏهن بازار جي مٺائي، ته ڪڏهن پڪوڙيون ته ڪڏهن ٻيو ڪجهه. ڪجهه نه ڪجهه مڙوي ئي روز هلندو پئي آيو. آڻي پهچائيندو هو رباني ۽ پنهنجي هٿن سان کيس کارائيندي هئي سڪينه بيوه. ٻڍيءَ سڪينه (ربانيءَ جي ماءُ) شايد کيس بارڊر واري ساڙهي به آڻي ڏني هئي. اها خبر پرانيءَ کي سندس وڏي گهر واريءَ ڏني. هن پنهنجي اکئين ربانيءَ کي ساڙهي آڻي، ماءُ کي ڏيندي ڏٺو آهي ۽ ان ساڙهيءَ ۾ ”نئين بيبيءَ“ کي به ڏٺو اٿائين. +پرانيءَ جي نرگهٽ تي ڄڻڪ ڪنهن لٺ وڄائي ڪڍي. غصي وچان ڏمرجي هن وڏي بيبيءَ جو چوٽو جهليندي چيو هو: تون ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين!“ +وڏي بيبيءَ الله جو قسم کاڌو هو. هن زال جو چوٽو ڇڏي ڏنو۽ سڪينه بيوه ۽ هن ٻانهيءَ جي ٻچي ربانيءَ جي ڳولها ڪئي. پر ٻئي ماءُ پٽ فرار ٿي چڪا هئا. پرانيءَ ان ڳالهه کي وٺي وڌيڪ هل بکيڙو ڪرڻ مناسب نه ڄاتو. آسپاس جي ڳوٺن ۾ هندو-مسلمان، ٻنهي جاتين ۾ سندس دشمن ڀريل هئا. چئن پنجن سالن کان هڪ نئين زمين واسطي هنن جي وچ ۾ مقدمه بازي هلي رهي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پنهنجي ماءُ سان گڏ، ربانيءَ انهن ماڻهن مان ئي ڪنهن وٽ پناهه ورتي آهي. سو زهريلي ڏندن بغير نانگ جيئان پرانيءَ بگڙي پنهنجي نئين بيبيءَ جي خوب خبر ورتي. هوءَ بيهوش جيئان پيئي هئي. ان حالت ۾ هن جي وارن جي چڳن کان ڇڪي بار بار کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. شايد کيس ماري دم پٽي ها. پر وڏي زال کيس روڪي ورتو: ”اڙي، ميان ڇا ڪري رهيو آهين، مري ويندي. توکي ڦاسي ملندي. کيس ڪڍي ٻاهر ڪر.“ +ليڪن پرانيءَ کان طلاق به ڏنو نه ٿيو. ’هيءَ حرامزادي خوشيءَ سان ويندي ۽ ربانيءَ وٽ پهچي ويندي. اهو برداشت نه ٿي سگهندو.‘ ان ڪري هن کيس ڪمري ۾ بند ڪري رکيو هو. ”اڄ هن شام جو گهاٽ تي وڃڻ لاءِ سکا ڪئي هئي، سو وڏي بيبيءَ ڪمرو کولي ڇڏيس، تڙتي هن جي مٿان نظرداري رکي ويئي. گهاٽ جي ڀرسان ئي زهريلي ٻج جا وڻ آهن. پهريدار جي اک بچائي هوءَ ڪيترا ڦل ٽوڙي آئي هئي. الائي ڪڏهن انهن کي کائي ويئي هئي. هاڻ بيهوش ٿي پئي آهي. مري پوي ته بلاٽري. ههڙي بدچلن عورت هت جهنم رسد ٿئي، رنڊي، بدذات، حرامزادي. مهاشيه، صرف ايترو پنهنجي ڪنين ٻڌي ته هن حرامزاديءَ زهر پاڻيهي کاڌو آهي. پرانيءَ ڪجهه نٿو ڄاڻي. هو بيقصور آهي.“ +* * * +خوبصورت جوان عورت! زهر جي اثر ڪري اڌ جاڳرت اوسٿا. درد وچان آنڊن ۾ لوڇ. ساهه ڄڻڪ گهٽجي پيو. وات ۽ نڪ مان ��ڦ نڪري رهي آهي، ڪليجي ۾ زوردار ڇڪ، ڄڻڪ ڇاتي ڦاٽي چيرون چيرون ٿي پوندي. اڌ ٻوٽيل ٻئي اکيون، لعل: سروناش جو نشو طاري. اڌ اگهاڙي حالت ۾ پيل آهي: وارن جون چڳون ڇڙوڇڙ ڌوڙ ۾ ڀرجي ويئون آهن، چو طرف. ماڻهن جي ڌنڌاڙڻ ۽ چهنڊڙيون پائڻ سانوچ وچ ۾ کيس هوش اچي وڃي ٿو۽ سجاڳ رهي ٿي: ”هاءِ! مرڻ به مونکي نٿا ڏين. مرڻ تي به پنهنجو اختيار ڪونهي. هاءِ ڙي نصيب! هاءِ ڙي تقدير!“ +وري کلي چيائين: ”ڪونه روڪي سگهندين ميان، مون کي روڪي نه سگهندين. رباني شيخ سان ڀلي مونکي وڃڻ نه ڏج، ليڪن هينئر جنهن سان آشنائي ڪئي اٿم، ان جو هٿ تون ڪونه ڇڏائي سگهندين: نه، هر گز نه. هاءِ! مونکي ڇڏي ڏي. ذرا سمهي وٺان.“ +’هاءِ: هاءِ!‘ چوندي ٻيهر زهر جي خماريءَ کيس نستو ڪري وڌو. ڏندڻ پئجي ويس. ڪنڌ لڙڪي پئي ويس. +مهاشيه چيو: ”پراني، بيبيءَ کي تون اسپتال وٺي وڃ.“ +”اسپتال؟ جي نه. مون ته چئي ڏنو آهي ته....“ +”دماغ خراب نه ڪر. آئون تنهنجي ڀلائي جي ٿو چوان. آئون هينئر اهو مهاشيه ڪونه رهيو آهيان. جڏهن پنچايت جو پرڌان هوس، تڏهن الائي اهڙا ڪيترا معاملا منهنجي هڪم سان ميٽجي ويا هئا. هينئر اهي ڏينهن ڪونه رهيا. اڄ جڏهن تو مون کي گهرايو آهي، آئون آيوآهيان ۽ اچي هيءُ سڀ ڪجهه ڏٺو اٿم، تڏهن مون کي ئي ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻو پوندو. وري آئون ٿيس ويڄ. آئون بيمار کي جيئارڻ لاءِ ٿو اچان، بهي هن جو موت ڏسڻ لاءِ نه.“ +پراني ڪيتري دير گم سم ويٺو رهيو. ان بعد چيائين: ”گاڏي وٺي اچ ڙي حنيف! سگهو اچ. ليڪن اوهان ساڻ هلو!“ +رات جا ٻه وڄي رهيا هئا. +مهاشيه آواز ڪيو: ”ڊاڪٽر صاحب! ڊاڪٽر صاحب!“ +ڊاڪٽر ٻاهر نڪتو. ”ڪير؟“ +”آئون آهيان جيون دت.“ +”اوهان هيتري رات گذر ئي؟“ +”هڪ عورت زهر کاڌو آهي. ڪينر جو ٻج. انهيءَ کي کڻائي آيو آهيان. پراني ميان جي بيبي آهي.“ +”اجهو آيس مان. هوڏانهن نرس ڪمپائونڊر وغيره جاڳي رهيا آهن؟ انهن کي سڏيو اٿو؟“ +”ها سڏيو اٿم.“ +”بس هڪ منٽ ۾ اچان ٿو.“ +اندر وڃي هن هاف شرٽ پهري ۽ ٻاهر نڪري آيو. نڪا پڇا نڪا ڳاڇا، نه وري ڪڇيائين. اسپتال جي سامهون هريهر ڪمپائونڊر کي ڏسي پڇيائين: ”سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو؟“ +”اٽڪل پندرهن منٽ ته لڳي ئي ويندا. مون پوٽاش پرمئنگنيٽ لوشن ٿورو پيئاري ڇڏيو آهي.“ +ڊاڪٽر ڪمري جي اندر وڃي رهيو هو. پراني ٻوڪ ڦاڙيو: ”آئون هلان ٿو ڊاڪٽر صاحب. جيڪڏهن هيءَ عورت بچي پوي ته پوليس جي حوالي ڪجوس، نه بچي سگهي، ته لاش صدر موڪلي ڏيندا. اتي چيرڦاڙي جيئن سمجهندا، تيئن ڪن. سلام!“ +اچانڪ پٺتي منهن ڦيرائي وري چيائين: ”ڪاش، ان وقت مون توهان تي غصو نه ڇنڊيو هجي ها: اوهان کان ئي علاج ڪرايان ها! مهاشيه جي ته هُن زماني جو آدمي ٿيو. نبض جاچي موت جو پتو ٻڌائي سگهي ٿو. باقي هيءُ جوان سڀ ڪجهه ڪونه سمجهي سگهندو.“ هو هليو ويو. +پرديوت اندر ويو. مهاشيه چپ چاپ بيٺو رهيو. هن اڀاڳڻ کي نڌڻڪو ڇڏي وڃڻ ۾ گويا سندس پير کڄي نٿي سگهيا. هن جون ههڙيون حرڪتون هونديون، هو ائين سمجهي نٿي سگهيو. خير، ان ڳالهه کي به هو قبول ڪري ٿي سگهيو. ليڪن کيس خبر هئي؛ ٻڍي مڙس ڏانهن جوان زال جو اهڙو رخ هن جو اڻ ڄاتل ڪونهي، پر ان جي لاءِ حيرت انگيز طريقا وٺڻ جو هن انومان به نٿي ڪيو، پرانيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ لاڏ پيار کي ئي هن ان جو مکيه ڪارڻ سمجهيو هو ۽ پياري ڌيءَ جي لاڏ ڪوڏ کي پتا جنهن سنيهه جي نظر سان ڏسندو آهي،انهيءَ نظر سان ڏٺو هئائين. هن جو خيال هو، اولاد ٿيڻ تي هن جي سنيهه سان جيون جي اها کوٽ پوري ٿي ويندي‘ سو هو هن جي اول��د پيدا ڪرڻ جي شڪتيءَ کي ئي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پئي آيو. هن جون اهي ڪوششون ڪارگر به ٿيون. ليڪن اها ڪوشش- جوانيءَ کان متاثر ٿيل من جي تڙڦ سان هن ناجائز ۽ غلط طريقي سان ڪارگر ٿي سگهي ٿي، اهو ته هو سوچي به ڪونه سگهيو هو. مهاشيه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن عورت سان هو گويا سوين ممتائن جي ڳنڍين ۾ ڳنڍجي ويو آهي. ڪئين ڀيرا نير ڀريل نيڻن سان ڏانهنس تڪيندي هن عورت چيو آهي: ”سمجهي نٿي سگهان مهاشيه بابا، لڳي ٿو ته مرض هتي آهي، هتي، هتي آهي. هر هنڌ. ڪٿي به هڪ هنڌ ڪونهي. ڪهڙي بيماري اٿم، اهو به نٿي ڄاڻان. پوسراٽي آهي، درد آهي. ائين ٿو ڀاسي، بدن ۾ سگهه ڪانهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇهان ٿي ته پوسرائي ٿو.“ چوندي چوندي هن جي اکين مان لڙڪ وهندا هئا. ڪئين ڀيرا هن پڇيو آهي: ”آئون بچي ته ويندس مهاشيه بابا؟“ مهاشيه هن جي اکين ۾ ڏٺو آهي، اپار ڀو! +انهيءَ عورت اڄ زهر کاڌو آهي. بيحد ڳالهائڻ لڳي آهي. چيو اٿائين: ڪونه روڪي سگهندين. ميان، ڪونه روڪي سگهندين. جنهن يار جو هينئر هٿ پڪڙيو اٿم، ان جي هٿ مان مونکي ڪين ڇني سگهندين.“ +هريهر ٻاهر اچي چيو: ”مهاشيه جي، اوهان ويهندا؟“ +”ها. وهندس. پراني ته هليو ويو. مون کان وڃيو نٿو ٿئي. هن اڀاڳڻ جي آخرين دشا ڏسڻ بنا مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“ +دروازو کولي پرديوت ٻاهر آيو. ڪمپائونڊنگ روم مان الائي ڇا ٻاهر کڻي آيو. هريهر چيو: ”هي. اڃا ترسندا سر.“ +”ترسندا! ٺيڪ ته آهي. اڪيلو ٻاهر وهندا؟ اچو اندر اچو.“ +کلي ڪري مهاشيه چيو: ”ٻاهر ئي ترسان ٿو. آئون ٺيڪ ويٺو آهيان.“ +باقي رات جو آسمان ڏانهن ڏسندو ويٺو رهيو. اڀ ۾ نکيترن جي جڳهه بدلجي رهي آهي. وقت بادشاهه ڪافي کسڪي ويو آهي. وسپت گرهه جي ڏنگي پڇ جو ڇور اتي ڏيکاري ڏي پيو. ’ست ڀائرو‘ گهمي رهيو آهي. هو، هتي وسشٺ جي هيٺ اَرونڌتي: جيڪڏهن هن کي ڏسي سگهي، ته سندس عمر ڇهه مهينا ته اوس وڌي ويندي. يعني ٻيا ڇهه مهينا ته هو پڪ ئي پڪ جيئرو رهندو. اهو ته هو پنهنجي ناڙي ڏسي به بتائي سگهي ٿو. ليڪن؟ اچانڪ هن کي خيال آيو، جيڪڏهن هن عورت وانگر زهر به پيئي، ته به جيئندو؟ ناڙي ڏسي اهوته نٿو چئي سگهجي. ارونڌتيءَ کي ڏسي ئي ڇا ائين چئي سگهجي ٿو؟ لاشڪ هو زهر کائڻ وارو ڪونهي. هرگز نه. گهڻي ڀاڱي ماڻهو زهر ڪونه کائيندا آهن. ڪيترو ئي زبردست شوڪ، دک، ناڪاميابي هجي، زهر ڪونه کائيندا. موت کان ماڻهو ڏاڍو ڊڄن ٿا. شراب پي مرن ٿا، ويچار ڪري مرن ٿا، بدفعليءَ ۾ مرن ٿا. ون وهاري وانگر. نشيءَ وانگر. انهن ماڻهن سان گڏ وپن جو نالو نٿو ڳڻجي. ليڪن زهر کائي هي به نٿا مري سگهن. ان جي ذات ئي نرالي ٿيندي آهي. هن نينگريءَ جي ذات؟ استرين ۾ ئي اها ذات وڌيڪ پائي وڃي ٿي. +نارائڻ نارائڻ! هي گووند! +گنڀير ڪنٺ سان اوچتو مهاشيه پڪاريو: ”گووند پت رکي ورتي، نه ته ڀوپيءَ کي نه پائڻ سبب هوءَ به ان ريت زهر کائي مري ها. ها، هوءَ کائي سگهي ٿي. منجري انهيءَ ذات جي عورت هئي.“ +گهٻرائجي مهاشيه ورانڊي کان نڪري کلئي آسمان جي هيٺ بيهي رهيو. ”پرمانند ماڌو!“ +اسپتال جي ڊگهي ڪمري جي دروازي مان ڇڻجي روشنيءَ جو شعاع پئجي رهيو هو. بيمار سمهيا پيا آهن. ننڊاکڙي حالت ۾ ڪوئي ڪوئي پاسو ورائي رهيو آهي. آسپاس وارا ڪوارٽر شانت آهن. اوندهه ۾ ڪارا پاڇا پيا ڏسجن. قبرستان جي وچ ۾ بڙ جي پنن مان هوا جي تيزيءَ جي سبب لڳاتار يڪساهي سانءِ-سانءِ جو آواز. اوچتو پير جي هيٺ ’پَٽِ‘ جو آواز ٿيو. ”اڙي ڙي‘ ڏيڏر آهي.“ +’ڪير؟‘ اسپتال جي ورانڊي تي سفيد لباس ۾ هڪ ناري- مورتي! +مهاشيه پڇيو: ”ڪير!“ +ڌيمي آواز ۾ جواب آيو: ”مان نرس آهيان. اوهان ٻاهر بيٺا آهيو. اچي ويهو.“ +”ٺيڪ ئي آهيان. هوءَ ڪيئن آهي؟“ +”ٺيڪ ڪانهي.“ +”هي نارائڻ!“ مهاشيه گنڀير سُر ۾ وري نام جپيو. نرس ڪمري جي اندر هلي ويئي. +سندس پيرن هيٺان لتاڙجي هو ڏيڏر پچڪ ڪري مري ويو. ”عجيب آهي. هينئر هوئي موت جو قاصد بڻجي پيو. موت ڪٿي نه آهي؟ ڪنهن ۾ موت ڪونهي؟“ +”مهاشيه جي؟“ +”ڪير؟ هريهر؟“ +”جي.“ +”ڇا ٿيو؟“ +”ختم ٿي ويئي. هيتري ڪندي ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.“ +پردويت ٻاهر نڪري آيو. چي: ”مان ڪجهه نه ڪري گهيس. اوهان ڏسندا؟“ +”نه. پوءِ آئون وڃان؟“ +”چڱو!“ پرديوت اچانڪ پڇيو: ”هن جي گهر وڃي ته اوهان کيس ڏٺو هو. ناڙيءَ مان اوهان سمجهي ڪونه ويا ته هيءَ ڪانه بچندي؟“ +”مون ناڙي ڪانه جاچي هئي ڊاڪٽر صاحب.“ +”ڪانه جاچي هئي؟“ +”نه. مون ئي اسپتال لاءِ صلاح ڏني هئي. اوهان ڏسو؛ اوهان جو علاج جديد آهي. مون ناڙي ڪانه ڏٺي هئي.“ +[1] مرتيو. + + +[33] + +ان ڏينهن کان پوءِ. +مهاشيه آروگيه – نڪيتنجي ورانڊي ۾ ويٺو هو. سامهون هڪ چٺي رکي هئي. ڇپيل چٺي. سفيد ڪاغذ جي چئني ڪنڊن کان ڪارن ڪنارن سان گهيريل. وپن جي شراڌ جو نينڊ پتر. مهاشيه جي نڪرڻ کان اڳي ئي رت بابو جو آدمي رکي ويو. ڪرم يوگي، جس جي ڀاڳي سشيل وپن جو شراڌ جوڳي مريادا سان ئي ڪرڻ جڳائي. رت بابو ائين ئي ڪندو. مهاشيه ائين. ٻڌو ته رت بابو چيو آهي: ”ائين ڪرڻ بنا ڪم ڪئين هلندو؟“ پرانيءَ جي بيبيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم واسطي موڪليو ويو. اڀاڳڻ کي قبر به ڪانه نصيب ٿي. +ڪالهه سنجها ٽاڻي نوگرام ۾ هڪ شوڪ سڀا به ٿي. مهاشيه ان ۾ شامل نه ٿيو. اهڙين سڀائن – سمتين ۾ هن جو دم پيو گهُٽبو آهي. سڀا جو سنيوجڪ هو ڪشور. ميڙ ۾ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو آيا هئا. ڊاڪٽر ته سڀ حاضر هئا. وپن اسپتال کي پنج هزار رپيا دان ڏيئي ويو آهي. انهن روپين مان رت وغيره جي تپاس واسطي ڪلنڪ کولي ويندي. پنهنجي لائق ئي وپن ڪرت ڪري ويو آهي. مريضن جي خير خواهيءَ جو ڪاريه ڪري ويو آهي. جيئن بيوقتي موت جي گتي روڪي سگهجي. جنهن ۾ پيءُ کي پٽ جو شراڌ نه ڪرڻو پوي. +نوگرام جي هڪ نوجوان- جو وڪيل بڻيوآهي، تنهن پنهنجي تقرير جي سلسلي ۾ چيو: ”اسان وٽ ڊاڪٽر آيا آهن، اسپتال کلي ويئي آهي، دوا دارون به ميسر ٿي چڪو آهي، تڏهن به اسان وٽان ٽوٽڪن جي يگه جي پڄاڻي نه ٿي آهي. وپن بابو جي دان سان هينئر اهو انڌيرو دور ٿيو.“ +ڳالهه غلط به ڪانهي. اڪثر ڊاڪٽر هٿ ڏسي نه ڄاڻن، جيڪي ڄاڻن ٿا، تن کي دراصل نبض شناس چوڻ غلطي آهي. تڏهن به مٿين ڳالهه مهاشيه کي چڀي. +”نارائڻ- نارائڻ!“ هن اڀو ساهه کنيو. جيءَ ۾ ڪجهه چڀڻ لڳس. هن نوجوان جي ڊاڪٽر پرديوت سان ياراڻي ذرا گهاٽي ٿي ڏسجي. +اٺ ڏهه مريض پهچي ويا آهن. هيڏانهن وري هڪ- ٻه ڪري بيمار وڌي رهيا آهن. ان جي شروعات ان ڏينهن کان ٿي، جنهن ڏينهن کان هو ونيه جي دوڪان تي ويهڻ لڳو آهي. +ونيه وچ – وچ ۾ کلي چوندو: ”ڏسو! مليريا گهٽجي ويئي آهي. ڊي – ڊي – ٽي ڇڻڪائي مڇرن جو بڻ ناس ڪيو ويو آهي. رهن ڪٿي؟ ٽائيفائيڊ هتي گهٽ آهي. هوڏانهن اسپتال کلي ويئي آهي. اهڙين بيمارين ۾ بيمار اسپتال پهچي وڃن ٿا. چارو بابو، هريندر مکين ويٺا مارين. اوهان وٽ مريض وڌي رهيا آهن.“ +”سچ پچ وڌي رهيا آهن. ڪجهه پراڻي روڳ جا مريض وٽس اچن ٿا. هو چڱو ڀلوڪري سگهين ٿو. خصوصاً جهوني يا ڪهني مرض ۾ جڏهن ڊاڪٽر مريض کي سڃاڻي نه سگهڻ جي ڪارڻ رت جي تپاس، ايڪس ري، وغيره جي فرمائش ڪن ٿا، تڏهن مريض هيڏانهن هليا اچن ٿا. پسگردائيءَ مان وچتر روڳ کنيو مريض اچن ٿا. جن مرضن جا نا��ا به ديسي آهن؛ جن جي صحيح سڃاڻپ اڃا تائين نئين وگيان ۾ شامل به نه ٿي سگهي آهي. مهاشيه روڳين کي جاچي اماڻي رهيو هو ٽئين ڪلهي تي بيکه جي جهلي لٽڪائي، هٿ ۾ لٺ جهلي مري ويشڻو اچي سهڙي. +”جئه گووند. مهاشيه بابا، پائون لاڳي.“ +زمين تائين جهڪي هن پرڻام ڪيو. ننڍا ننڍا مٿي جا ڇڻيل وار، ڳل تي پلڪ. پنجاهه- سٺ ورهين جي ٻڍي مري ڪيترن ڏينهن کانپوءِ هينئر آئي آهي. ڪڏهن روز ايندي هئي. هن جي پٽ ڌيءَ، ٻنهي کي سلهه ٿي هئي. انهن جي لاءِ دوا وٺڻ ايندي هئي. تنهن کي گهڻا ڏينهن ٿي ويا. مريءَ جو ويشڻو به سلهه ۾ئي مئو؛ ليڪن کيس ڪجهه ڪونه ٿيو. ’هيترن ڏينهن کانپو هن کي به ان ئي ڪال پڪڙويو آهي ڇا؟ هيترن ڏينهن بعد؟‘ +مريءَ کي هتان جو قاعدو قانون معلوم آهي. مهاشيه به هن جي رنگ ڍنگ کان واقف آهي هينئر جيئن هن کان پڇيائين ته توکي ڇا ٿيو آهي، ته هوءِ جهٽ چوندي، ’اول سڀني کي نپٽائي وٺو، پوءِ ٻڌايان ٿي.‘ +جڏهن سڀني کي نپٽائي وٺندو، تڏهن هنجي ٻنهي پيرن تي هٿ رکي چوندي: ”بابا ڌنونتري، اوهان وٽ امرت جو ڀنڊار آهي. آئون اڀاڳڻ آهيان، پاپڻ آهيان، منهنجي ڀاڳ ۾ زهر لکيل آهي، انهيءَ زهر جي باهه کان پڄري اوهان جي لاڙي لڳي آهيان. ٻاجهه ڪريو.“ +ٻاجهه سان به هن جي باهه اجهاڻي ڪانه. ڀتار، پٽ، ڌيءُ سڀ سلهه جا شڪار ٿي ويا. +مري پٽ- ڌيءَ جي مرتيو کي ويٺي ڏٺو هو. رني ڪانه. چي: ”جنهنجو ڌن آهن، تنهن ئي کڻي ورتو؛ روئي ڪري آئون ڇا وٽينديس؟ آئون ڪانه روئنديس. ديوتا تنهنجي چرڻن ۾ منهنجي هڪڙي ئي وينتي آهي، مونکي به گهرائي وٺ. سهارو ڏي. ڏاڍي جلن آهي. پرڀو، پنهنجي پيرن جي ڇانو ۾ مونکي ٿانءُ ڏي. هڪ پاسي، ڪنڊ پاسيرو.“ +آخرين مريض کي اماڻي مهاشيه چيو: ”توکي ڇا ٿيو ڙي؟ سڏ ٿيو آهي ڇا؟ اوچتو اچي نڪتي آهين تون؟“ مري اڳتي وڌي ٺيڪ اڳي جيئان سندس پير پڪڙي چيو: ”نه بابا! مريءَ جا اهي ڀاڳ ڪٿي؟ ننڍپڻ ۾ ٻارهوئي بيمار رهندي هئس: هڪ ٻه ڀيرو ته مرڻينگ حالت ۾ پئي هئس، اجها مئس ڪي مئس واري ڪار ٿي هئي، ان ڪري ماءُ پيءُ نالو به رکيو ’مري.‘ سو سڀني روڳن جي پيڙا ننڍپڻ ۾ ئي ڀوڳي چڙهي آهيان: هينئر مري پڪي تاڙ جي وڻ جهڙي مضبوط ٿي ويئي آهي. آئون اوهان وٽ ڪاليءَ جي شيواڌارڻ اوجهاليءَ جي ڪنيا اڀيا واسطي آئي آهيان بابا! اوهان جي بيڌو مصر جي ننهن، ششانڪ جي استري؟“ +مهاشيه اڌير ٿي ويو. ’ششانڪ جي استري!‘ سڄي بدن ۾ بجلي جي لهر ڊوڙي ويس. +”هائو بابا، انهيءَ موڪليو آهي. چي، تون ذرا مهاشيه چاچا وٽ وڃ. ٻن ڏينهن جي بخار ۾ منهنجي سواميءَ جي ناڙي ڏسي....“ +”ها، ها. ليڪن ڇو، ڇا جي ڪاڻ؟“ +”ڌاڍي بيمار آهي. چيائين، کين چئج، هڪ ڀيرو مون کي ڏسي وڃن. مونکي ٻڌائي وڃن ته باقي ڪيترا ڏينهن جيئڻو اٿم؟“ +”گووند- گووند! نارايڻ- نارايڻ! ليڪن ٿيو ڇا آهي؟“ +”روڳ گهڻائي آهن. ٽيهڙ جهڙو تپ، کون کون ڪندڙ کنگهه. ڇهن مهينن کان هلندڙ آهي. اهڃاڻ سڀ انهيءَ ڪال روڳ (سلهه ) جا آهن.“ +”سلهه؟“ +”ڊاڪٽرن ته اهوئي ٻڌايو آهي. هريندر ڏٺو آهي، چارو بابو به ڏٺو آهي. اڃا تنهن ڏينهن اسپتال وارو ڊاڪٽر پرديوت به ڏسي ويو آهي. سيون به گهڻيون لڳي چڪيون آهن. ڪيترا لک پينسلن! ڪوبه لاڀ ڪونه ٿيو. کنگهه ساڳي بيٺي اٿس. تپ به ڪونه لٿو آهي. سختيءَ جي ڪابه نشاني ڍلي نه ٿي آهي.“ +مريءَ وري چيو: ”اوهان کي ته خبر آهي، ويچاريءَ جو ڀتار به هليو ويو. هن جو پتا سموري جائداد وڪڻي نقد رپين جي ٿيلهي وٺي ڌيءَ کي پاڻ وٽ وٺي ويو. اتي به مالڪياڻي وانگر رهي. ڀاءُ جي ٻارن جي سنڀال ۽ ڪالي ماتا جي پوڄا- شيوا- انهي ۾ سڀ وساري ويٺي. نيٺ پيءُ به ويندو رهيو، ماءُ ويئي، ڀائر ڌار ڌار ٿي ويا، اڀيا جنهن ڀائٽي کي پالي وڏو ڪيو هو، تنهنجي شادي ڪرائي هن سان گڏ سڀني کان الڳ رهڻ لڳي. هينئر سموري ميڙي چوندي ڀائٽي جي هٿ ۾ آهي، وٽس ڪاري ڪوڏي به ڪانهي. هينئر جڏهن ٻڌائين ته کيس اها بيماري لڳي آهي، ته ڀائٽي به کيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي، ڇا ٻڌايانوَ بابا، گاهه پال جي هڪ ڪمري کي صاف سٿرو ڪري کيس انهيءَ ۾ رکيو ويو آهي. ڪوبه ويجهو نٿو وڃيس، هن جي ساهه کڻڻ سان به بيماري وچڙي سگهي ٿي.“ +اتي مري کلڻ لڳي. کلي چيائين: ”مون سڀ ٻڌو. ٻڌي چيم، منهنجو سوامي، پٽ، ڌيءَ ٽي ئي ڄڻا ان بيمارءَ وگهي مئا آهن. آئون انهنجي بستري ڀرسان ويٺي رهندي هئس. مون کي ته ڪي ڪين ٿيو. سک. هينئر آئون ئي وٽس رهان ٿي. براهمڻ ڪنيا آهي، اناٿ آهي حياتيءَ جي آخرين ڏينهن ۾ وٽس گهاريان. ڪالهه هن اچانڪ ئي مونکي چيو: مري، هڪوار مهاشيه جي وٽ وڃ. مونکي ته هلڻ جي سگهه به ڪانهي. ڀائٽيو بيل گاڏي به ڪونه ڏيندو. کينئي ڇڏ. هڪوار تڪليف وٺي مونکي ڏسي وڃو. ٻيو ڪجهه نه، صرف ايترو ڏسي وڃن ته باقي ڪيترا ڏيهاڙا رهجي ويا آهن.“ +* * * * +ويساک جي کيت جهڙي ڌوڙ ڀريل، سڪل، رُکي، چهري تي، اکين ۾، ڪٿي به ساوڪ جو ذرو به نشان ڪونهي. سڄي شرير تي جيئن ڪو پردو پئجي ويو آهي. ڏٻرو شرير ٽٽي ويو آهي. ڦاٽل چٿريل بستري تي پئي آهي. گهر ۾ چوطرف ٻاٽ اونداهي آهي. ششانڪ جي استريءَ کلي پڇيو: ”ذرا ڏسي ٻڌايو، منهنجي مڪتي اڃا ڪيترو پري آهي؟ ڪيستوڻي ڇوٽڪارو ملندو؟ اوهان کان سواءِ ته ٻيو ڪوئي ٻڌائي نه سگهندو.“ +سڀ ڳالهيون صاف صاف سمجهه ۾ ڪونه ويٺس. کنگهه جي ڪري نڙي گهٽجي ويئي اٿس. نڙيءَ جي نلي ڄڻڪ بند ٿي ويئي اٿس. آواز جي بگڙڻ ڪري گهٽيل گلي ۾ آواز دٻجي ويو آهي. ڦاٽل ڌمڻيءَ ۾ جيئن ڦس- ڦس جو آواز ٿيندوآهي، اهڙي ئي آواز وانگر ڳالهه نڙيءَ ۾ گم ٿيو وڃي. هن پنهنجو هٿ مهاشيه ڏانهن وڌايو. +”ڏسان ٿو. ذرا ترسي ڪري.“ +هوڏانهنس نهاريندو رهيو. مري ڀرسان بيٺي هئي. هن کي چيائين: ”ذرا دروازي کي چڱيءَ طرح پٽي ڇڏي مري.“ +کليل دروازي مان اڀيا جي چهري تي سوجهرو پوڻ لڳو. هن جي چمڪيل ڳل تي مهاشيه هٿ رکيو. اڀياس همينت (برفاني) آڪاش ڏانهن تڪيندي رهي. هن ۾ ٿڪاوٽ آهي، تڪليف جا آثار آهن، پر رنج نه آهي، ڀو نه آهي. نظر ۾ راحت سمايل آهي. +ڪافي دير تائين يڪ ٽڪ نهاريندي هن هٿ کنيو هڪ کانپوءِ ٻيو. +”باقي ڪيترا ڏينهن؟“ هٿ کي ڇڏيندي اڀيا پڇيس. +”اول سمجهي ته وٺان!“ +سوال جواب جو سموروبيورو ڄاڻي چڱيءَ طرح جاچ تپاس ڪري هڪ ڊگهو ساهه ڇڏيندي مهاشيه چيو: ”دنيا ڇا ڏاڍو ڪوڙي ٿي پيئي آهي ڌيءَ؟ برداشت نٿي ڪري سگهين؟“ +اڀيا ذرا کلي، عجيب مرڪ! اهڙي مرڪ اڀيا جهڙيون ناريون ئي مرڪي سگهن ٿيون. سڀ عورتون ائين کلي نٿيون سگهن. اڀيا چيو: ”ڪوڙو کائي ڪري ئي ته جنم گذاريو اٿم بابا. اهو ته نٿي چوان ته برداشت نٿو ٿئيم.“ +”اهو آئون ڄاڻان ٿو ڌيءَ. ائين هجي ها ته جنهن ڏينهن ششانڪ ويو هو، تون ساڳئي ڏينهن ڪجهه ڪري وجهين ها. تلاو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪانه هئي، گهر ۾ نوڙيءَ جي ڪمي ڪانه هئي، دنيا ۾ زهر جو ڏڪار ڪونه پيو آهي. انهيءَ ڪري ته چئي رهيو آهيان، اڃا به سهڻو پوندءِ. تنهنجي بيماري اڻانگي آهي. هڪ ئي وقت ڪيترا مرض چنبڙيل آهن. پر هيءُ مرتيو روڳ ڪونهي. سلهه به ڪانهي.“ +”ڪانهي؟“ اڀيا اٿي ويٺي. +”نه.“ +”سڀ ڊاڪٽر ته هڪڙي ئي ڳالهه چئي ويا!“ +”هنن ايڪس- ري ڪرائڻ جو چيو آهي نه؟“ +”جي.“ +”ايڪس –ري جي لوڙ ڪانهي. هو مرض کي پڇاڻي نه سگهيا آهن. علاج غلط ٿيو آهي. تون هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ئي چڱي ڀلي ٿي اٿندينءَ. دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڃا توکي رهڻو پوندو.“ +اڀيا سناٽي ۾ ويٺي رهي. +”آئون دوا موڪلي ٿو ڏيانءِ. نيم سنجم لاءِ ته توکي چوڻ اجايو آهي. تون نرلوڀي آهين، نيم سان رهندي آهين، اها مون کي ڄاڻ آهي.“ +اچانڪ هن جي اکين جي ٻن ڪنڊن مان لڙڪن جون ٻه لڙيون وهي نڪتيون. پاڻي ڀرجي آيو. ليڪن جهڙي طرح سان هوءَ ٽڪ ٽڪي لڳائي ٻاهر خلاءَ کي ڏسي رهي هئي، انهيءَ ريت ڏسندي رهي. +”ڌيءَ!“ +”تنهن ڏينهن پتا وانگر سنيهه سان اوهان مون کي نوتو ڏنو هو: مون...“ +”انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ پٽ! ٿورن ڏينهن ۾ ئي تون نوبني ٿي پوندينءَ. هڪ نه ٻئي ڏينهن آئون توکي ڏسي پيو ويندس.“ +اڀيا وري چيو: ”جڏهن داد ون وهاري بيمار هو، تڏهن مون ڪالي ماتا جي سکا باسي هئي، پوڄا ڪرائي هئم. من ۾ آيو هوم، پوڄا جو گل هن جي مستڪ سان ڇهائي وڃان، پر نه ٿي سگهيو. هو مري ويو ته منهنجي من ۾ آيو هو ته پنهنجي ڄڀ کي ڪپي ڦٽي ڪري ڇڏيان.“ +مهاشيه چيو: ”تون انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪر ڌيءَ. آدميءَ جي سراپ سان آدمي ڪونه مرندو آهي. آدمي مرندو ان ڪري آهي، ڇو ته هن جو مرڻ اڻ ٽر آهي. ها بيوقتي مرڻ ٿيندو آهي. ون وهاري به پنهنجي ڪرم ڦل ڪري بيوقتي مئو آهي.“ +ٻاهر اڀيا جو ڀائٽيو بيٺو هو. اهو، جنهن کي اڀيا گود جي پٽ سمان تاتيو نپايو هو، جنهن هن جو سڀ ڪجهه ڦٻائي کيس سلهه جي ڊپ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. هن کي ڏسي مهاشيه پڄري ويو. ترت پاڻ کي قابو ۾ رکي ورتائين. ”ويچاري جي منهن تي ڪهڙي نه اڻ تڻ آهي، ڪهڙو نه ڊپ!“ +”اوهان ڏٺس؟“ +”ڏٺم، ڊپ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ڪنوار ٺيڪ ٿي ويندي.“ +”۽ هيءُ ڊاڪٽر ته ٻڌائي ويا...“ +”سلهه! نه نه، سلهه نه آهي. ٿي سگهيئي ته ايڪس- ري ڪرائي پڪ ڪري وٺ. اهو به نه پڇيهءِ ته مهينو انتظار ڪر. پندرهن ڏينهن اندر ئي پتو پئجي ويندو.“ +چوندي چوندي مهاشيه کي خود سنڪوچ ٿيو. آواز ڪجهه ڳورو ٿي ويس، ڳالهه به ڪجهه سخت چئي ويو. +’نارائڻ نارائڻ!‘ من ئي من ۾ هن نارائڻ کي سمرڻ ڪيو. + + +[34] + +”ڏس، ونيه، دنيا ۾ موت اڻ ٽر آهي، جيڪو جنم وٺي ٿو، ان جو مرڻ لازمي آهي. موت جا رستا گهڻا آهن: هو اسٿر آهي، ڌرم سمان. ڪوئي بيماري وگهي مري ٿو، ڪوئي حادثي يا ڌڪ ۾. ڪوئي پنهنجي مرضيءَ سان مري ٿو- آپگهات ڪري. ليڪن بيماري ئي موت جي صدر دروازي جي پڪي سڻڪ آهي. بيماري ڪهڙي به هجي؛ ان ۾ موت جو اثر رهي ٿو؛ پر سڀني بيمارين وگهي ماڻهو مرندا نه آهن، پر اهي موت جي طرف ماڻهوءَ کي ٿورو وڌيڪ ڌڪين ٿيون. جيون شڪتي گهٽائي ذرا ان طرف وڌائين ٿيون. ويڄ طبيب رڳو علاج ڪري ٿو. پاڻ ڄاڻندي به هن کي جنهن جي جيئڻ جي اميد لڳي ٿي، ان کي هو مرڻ جي لاءِ نٿو چوي. مريض جي مرڻ جو شڪ پوندو اٿس ته آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو. چوندو، وڏي ڊاڪٽر کي گهرايو يا ڪوئي پنهنجو رايو صاف ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي.“ +اهي ڳالهيون ونيه جي دڪان تي ٿي رهيون هيون- هڪ ڏينهن کانپوءِ. مهاشيه، ششانڪ جي استريءَ کي ڏسي جيڪي چيو آهي،ان مان چڱي چهل پهل مچي ويئي آهي. نوگرام جي ڊاڪٽرن- هريندر، چارو بابو، پرديوت ٽنهي ڄڻن نڪ کڻي موڙيو. پرديوت چيو آهي. ”هٿ ڏسي ٻڌايو اٿس، سلهه نه آهي؟“ +اها هلچل ششيءَ مچائي آهي. هو چوندو وتي ٿو: ”شت ماري ڀويد وئديه: سهسر ماري- چڪتسڪہ.“ ٻن چئن هزار بيمارن جي جان وٺي آخر جيونمهاشيه بيمار کي بچائڻ هليو آهي. رام هريءَ کي اتيسار کان بچائي ورتائين، هاڻ ششانڪ جي استريءَ کي سلهه مان بچائيندو. راڻا پاٺڪ کي بچائيندو.“ +ششيءَ جي ها ۾ ��ا ملائي رهيو آهي دانتو. ونيه چيو: ”هو غريب براهمڻ ڪالهه اسپتال مان موٽي ششيءَ سان وڃي ڳنڍيو آهي. ششيءَ هن کي چيو آهي، دانتو، جڏهن جيونمهاشيه سلهه کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو تڏهن آئون تنهنجي بدهضمي ٺيڪ نه ڪري سگهندس؟ ڪئينوسنڊڪا پيئاري توکي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيندس.“ +مهاشيه ڇرڪ ڀريو: ”دانتواسپتال امان ڀڄي ويو آهي يا ڊاڪٽر کيس ڊسچارج ڪيو آهي؟“ +”زوريءَ هليو آيو آهي. اسپتال ۾ ڀوت جو شور متو هو، ٻڌو نه هوندءِ. وري مٿان ٽيون ڏينهن رات جو زهر کائي پرانيءَ جي گهر واريءَ اسپتال جي ميز تي دم ڏنو. دانتو اقرار نامي تي صحي وجهي هليو آيو آهي.“ +مهاشيه امالڪ بي دليو ٿي اٿيو. دريءَ کان ٻاهر گگن منڊل ڏانهن نهارڻ لڳو. گويا سندس من سڃي خلاءِ ۾ ڪجهه ڳولڻ لڳو. منهن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿيس. +”مهاشيه!“ ڀريل گلي سان پڪاريندو راڻا پاٺڪ اندر گهڙيو. چي، ”آئون اڳي کان بهتر آهيان. ٻن ٽن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ڪالهه ته شايد هوئي ڪونه.“ راڻا بينچ تي ويهي رهيو. اٽڪل پنج سيري مڇي ڌرتيءَ تي ڌريائين. +مهاشيه راڻا ڏانهن نهارڻ لڳو. ڏسڻ لڳو، ته هن جي شڪل ۾ ڪجهه فرق نظر اچي ٿو يا نه. راڻا چيو: ”هريندر، چارو بابو ۽ اسپتال جي ڊاڪٽر ٽنهي کي اڄ کري کري سڻائي آيو آهيان.“ +مهاشيه ڀروُن تاڻيندي پڇيس: ”ڇا چئي آيو آهين؟“ +راڻا چيو: ”ڪوآپريٽو يا فوآپريٽو، الاجي ڪهڙو شفا خانو کوليو اٿن. اتي ويهي هو ششانڪ جي وڌوا جي ۽ منهنجي بيماريءَ جو ذڪر ڪري اوهان جي گلا ڪري رهيا هئا. آئون به بيٺي بيٺي ٻڌي رهيو هوس. سو کين ڦهڪائي ڏنم. جهٽ هن نئين ڊاڪٽر ٻوڪ ڦاڙيو؛ لک حيلا هلاءِ، پر تون بچندين ڪونه. مهاشيه توکي بچائي ڪونه سگهندو. بچڻ چاهين ته ڪنهن سلهه اسپتال ۾ وڃي ڀرتي ٿيءُ. تنهن تي مون به کين کتو جواب ڏنو.“ +”تکا لفظ چيا هوندءِ؟“ +”ٻه چار ضرور چيا هوندم، پر اهڙا تکا نه. جهڙوڪ، اوهان ڪهڙي ڪهڙي ڪٺن بيماري ٺيڪ ڪئي آهي، سو چيم. هن ڪهار جي سلهه وارو قصو سڻايم، جنهن جي وات مان رت ايندو هو.“ +”نه نه. هن ڪهار کي سلهه ڪانه ٿي هئي. رت پت هو.“ +”مگر چڪرڌاريءَ ته سلهه ئي ٻڌائي هئي. چارو بابوءَ پڻ.“ +”هر هڪ آدميءَ کان ڀل ٿيندي آهي ڀاءُ.“ +”ششانڪ جي استريءَ کي به ته هنن سلهه ئي ٻڌايو هو. اوهان چيو، سلهه نه آهي.“ +”ها. منهنجي خيال ۾ ان ۾ به هنن غلطي ڪئي آهي. هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي ايڪس ري ڪن ته ترت معلوم ٿي ويندو. ناڙي شناس هجين ها ته به روڳ پڪڙي سگهن ٿا. دراصل وايو جو وڪار آهي. وڌوا آهي، ان ڪري شرير تي اڻ ڳڻيا ظلم ٿي ڪري. اوير سوير کائيندي آهي، ٽي چار مهيني ۾ ورت واريندي آهي. ليور جي خرابيءَ ڪري ئي کنگهه ٿي اٿس. مٿان اٿس پراڻو بخار. ان کي هو سمجهي ڪونه سگهيا.“ +”مون کي ته سلهه آهي. آئون اڳي کان بهتر آهيان.“ +”بهتر آهين؟“ +”ڀانيان ٿو. ٻن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ٿورو ٿورو آهي. نالي ماتر. خود به نبض ڏسڻ اچيم ٿي. نيم سان کاوان پيئان ٿو. هينئر ڪجهه چڱو لڳي ٿو. وري هن نڀاڳيءَ کان پيڇو ڇڏايو اٿم. هوءَ مري ويئي. هٿ ڏسو نه!“ راڻا آسائتو ٿي چيو. هٿ، ڇاتي سڀ جاچي مهاشيه چيو: ”ساڳي دوا هلڻ ڏي. سنجم سان رهجو. ڏس....“ +”ڇا ٿا ڀانيو؟ مون کان لڪائڻ جي ڪائي ضرورت ڪانهي. راڻا کي اوهان سڃاڻو ٿا. موت جو ڊپ ڪو ڪونهيم. پر ٺيڪ ٿي سگهان، ڪڇ ڏينهن وڌيڪ جيئي سگهان، ته ڀل ڇو نه چاهيان. جڏهن سلهه ٿي اٿم، ته سمجهان ٿو منهنجي مرڻ جو نوٽيس تعميل ٿي چڪو آهي. هينئر جيڪر ضمانت تي ڏهه ڏينهن رهڻ جي مهلت ملي ته من جي مراد پوري ڪري وٺان. اوهان بي کٽڪي ٻڌايو.“ +”اڃا ٻڌائڻ جو وقت ڪونه آيو آهي. ايترو چئي سگهان ٿو، ته خاص ڪجهه بگڙيو ڪونهي. تون هينئر پندرهن ڏينهن کان پوءِ اچج.“ +”چڱو، ائين ئي سهي، هيءَ مڇي اوهان لاءِ آندي اٿم.“ +”ان جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ مون وٽ ڪير کائيندو؟“ +”راهه ۾ ملي ويئي. کڻي آيس. اِڇا ٿي. نديءَ ۾ مهاڻا ڦاسائي رهيا هئا. نديءَ تي پنهنجو راڄ آهي. مال گذاري وصول ٿيندي آهي. بهي ڪري ڏٺم، ڪافي مڇي آهي، ٻه اڍائي مڻ. هيءَ مڇي وڻي ويئي اوهان ياد آيا. کڻي آياس. گهر کڻي وڃو، ونيه وغيره کي ڏجو. پاڙي ۾ ورهايو. مون کي آسيس ڏيو. جيئڻ مرڻ جيڪي به ٿئي، سگهو ئي نبيرو ٿي وڃي. وڌيڪ ڀوڳڻو نه پوي. چڱو آئون هلان ٿو.“ +مهاشيه سوچيو، ’راڻا آسائتو آهي. ڪمال جو آدمي آهي! ڪوبه ڊپ نه اٿس، پر هو بچندو ڪونه.‘ +ونيه چيو: ”ته رات اوهان وٽ ئي دعوت رهي. ٻيو سامان گهرائي مڇيءَ سميت عطر ڀاڀيءَ کي موڪلي ڏيان؟“ +مهاشيه کلي چيو: ”موڪلي ڏي.“ ونيه هليو ويو. +مهاشيه گهر ۾ اڪيلو پنهنجي ناڙي ڏسي رهيو هو. اڄڪلهه اهائي عادت اٿس. جيڪڏهن موت جي پيرن جي آهٽ ٻڌي سگهي! اهائي ڪامنا من ۾ ڀريل ٿيندي ٿي وڃيس. موت کي هو سڀني حواسن سان پڌرو ڪندو. سجاڳ رهندو. هن جي پيرن جي آهٽ، هن جو روپ، آواز، سواد سڀ ڪجهه ظاهر ڪندو. روپ هوندو ته ان کي ڏسندو، آواز کي سڻندو، ڇهاءُ هوندو ته محسوس ڪندو ۽ ممڪن آهي ته هو ٻڌائي به ويندو. +پر هوءَ ڪير آهي؟ عطر ۽ منجري آهي؟ تڏهن ڀلا ڪير آهي؟ ڪير؟ +* * * * +هڪ جوان عورت سندس ڪمري ۾ داخل ٿي. اچرج وچان هو کيس ڏسندو رهيو. وڏيون موڪريون اکيون، ماٺيڻي نگاهه، ٽڙندڙ مهانڊو، گورو رنگ، ڄمار ويهه ٻاويهه ورهيه، سفيد بلائوز، بارڊر واري سفيد ساڙهي، ڳچيءَ ۾ هار چمڪي رهيو آهي، ٻئي ڪرايون ڳهڻن کان خالي، کاٻي هٿ ۾ ڪاري پٽي واري رسٽ واچ. انگ انگ ۾ خوشيءَ جي مهڪ! ڏسندي ئي اکيون کپي ويس. +سندريءَ چيو: ”مان هتي نرس بڻجي آئي آهيان- اوهان جو نالو ٻڌو اٿم. اسپتال جي سامهون ايندي ويندي ڏسندي آهيان. اوهان سان ڳالهائڻ لاءِ من ڏاڍو چاهيندو آهي. بازار وئي هئس، ڏٺم ته اوهان اڪيلا ويٺا آهيو.“ +”ويهه، ڌيءَ ويهه. ڳالهيون ڪرڻ آئي آهين ته بيهڻ سان ڪم ڪيئن هلندو؟ مون جهڙي ٻڍي کان سنڪوچ به ڪهڙو؟ ويهه، تنهن ڏينهن رات جو اسپتال جي ورانڊي ۾ تون بيٺي هئينءَ؟“ +”اوهان کي مون ڏٺو هو.“ +”مون کي؟“ +”اوهان جي باري ۾ ڪيترا قصا ٻڌا اٿم.“ +”ڪنهن کان؟“ +”پنهنجي ماءُ کان.“ منهنجي ماءُ ۽ مون کي اوهان بچايو هو. تڏهن مان ننڍڙي هيس. منهنجو جنم اوهان جيئي ڳوٺ ۾ ٿيو آهي.“ +”تون ڌيءَ، ڪير آهين؟ آئون ته.... مهاشيه جي اچرج جي حد نه رهي.“ +”اوهان ڀلا ڪيئن سڃاڻندا؟ منهنجو نانو هتي نوڪري ڪندو هو. اوهان کي ڪيئن ياد رهندو؟ ڪيترن کي اوهان بچايو هوندو، سڀ ياد اٿو؟ پر جيڪي اوهان جي شفا سان بچي ويا آهن. تن کي ضرور ياد آهي.“ +”ياد آهي؟“ جيون مهاشيه کليو. +”مون کي ته آهي. مان ته هڪ ڪري مري چڪي هيس، اما چوندي آهي. ان ڪري مان اسپتال ۾ انهن سڀني سان وڙهندي آهيان، جيڪي چوندا آهن. اوهان ڊاڪٽري پاس نه ڪئي آهي. ڪوڙا آهيو!“ +مهاشيه کلڻ لڳو. +”مان چوندي آهيان، نه- ائين ڪورو هو نه آهي. اما کان ٻڌو آهي، اوهان مهاشيه آهيو. يعني مهاشيه ونش مان آهيو.“ +اچرج وچان مهاشيه پڇيو: ”تنهنجي ماءُ! ڪير؟“ +هوءَ چپ رهي. ذرا ساعت رکي چيائين: ”ڪنهن ڏينهن اچي سڀ ٻڌائي وينديس.“ +هن جهڪي مهاشيه جا پير ڇهي پرڻام ڪيو. مهاشيه ذرا چڪرائجي ويو. +”مون کي پرڻام ڪري رهي آهين؟ پر آئون ته ڪائسٿ آهيان. تون برهامڻ يا وئش ته ڪونه آهين؟“ +”نه. ۽ جيڪڏهن هجان ته ڇا ٿيو. اوهان مهاشيه آهيو!“ +”خاڪ مهاشيه! مهاشيائي هاڻي پوري ٿي چڪي!“ ليڪن اچرج آهي، دنيا ۾ اڃا به ههڙي شڪرگذاري ٿيندي آهي! الاجي ڪڏهن ڪهڙي زماني ۾، يادگيري جي حد کان ٻاهر ڪنهن بيماريءَ کان هن کي ڇٽايو هوندم تنهن لاءِ ههڙي شڪر گذاري! مهاشيه سوچيندو رهيو. +”چڱو، هينئر مان موڪل وٺان ٿي.“ +مهاشيه سچيت ٿي ويو. چي: ”تنهنجي واقفيت ته ڪانه ملي. پر نالو؟“ +”سيتا.“ +”سيتا؟“ هوءَ پير پير ۾ هتان هلي ويئي. +”مهاشيه!“ قدرو اچي بهي رهيو، ”آئون هاڻ بهتر آهيان، دوا کپي.“ + + +[35] + +ڪيترن مهينن کان پوءِ، چيٽ جو مهينو. گرمي سخت پئجي رهي آهي. ٽئين پهر اَروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ مهاشيه ستاب سان شطرنج کيلي رهيو آهي. مهاشيه کلي پيو. +”راند ۾ من نٿو لڳئي. اڄڪلهه ٿي ڇا ويو اٿئي؟ وري وري نبض پيو جاچين. کاٻي هٿ ۾ ساڄي هٿ جي نبض ٿامي ويٺو ٿو رهين!“ ستاب اچانڪ ٿڪجي چيو، ”جيون!“ +مهاشيه کلي چيو: ”اڙي يار، ڪجهه ڪونهي. ڪجهه ڪونهي پر هاڻ ڪجهه اُڄهي نٿو. ان ڪري نبض ڏسندو ٿو رهان. پر نبض مان ڪجهه پتو نٿو پوي.“ +ٿڌو شوڪارو ڀري ستاب به اداس ٿي ويو. شطرنج جي سارين سجائڻ مان هينئر کيس به مزو نٿي آيو. +ايتري ۾ اندران سيتا نڪتي. اهائي نرس. چانهه جا ٻه ڪٽورا ٻنهي هٿن ۾ کڻي اچي هيٺ رکيائين. چي: ”دادا! مان هينئر هلان ٿي. اڄ شام جي ڊيوٽي آهي.“ +”چڱو پٽ، وڃ.“ مهاشيه پاٻوهه وچان هنجي پٺي ٺپرنيدي چيو، ”سڀان ڪنهن مهل ايندينءَ؟“ +”صبوح جو وهنجي سهنجي مٺي ننڊ ڪري پوءِ.“ +”هل، ونيه وٽان ٿيندو قدروءَ کي ڏسندو اچان.“ سيتا هلي ويئي. ڪنڌ ڌوڻي اتساهت ٿي ستاب چيو: ”هن قدروءَ کي بچائي اسپتال جي ڊاڪٽر، ته ڪمال ڪيو!“ +”بيشڪ! ڪير سوچي به نٿي سگهيو ته آپريسن سان ڊاڪٽر کيس موت جي منهن مان ڪڍي وٺندو. چارو بابوُ، هريندر ڪنهن به اها ڪلپنا نٿي ڪئي. چارو بابوءَ ته ائين چيو هو، هن ٻڍي تي نشتر هلائي مشق پچائي وٺون. اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا جو به هتي آپريشن ٿي سگهندو آهي؟ ٿي ڇو نه ٿو سگهي. سڀ ٿيندو آهي، رڳو ساهس گهرجي ۽ پرديوت ۾ اهو آهي.“ +قدروءَ کي اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا ٿي هئي. اول ته هو پيٽ جو سور سمجهي گهر ۾ پيو رهيو. ڪشور کي سڻس پئي ته هن يڪدم زوريءَ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. آپريشن نه ٿئي ها ته هو مري وڃي ها. ان ڪري پرديوت ڪنهن جي ڪانه ٻڌي. آپريشن ڪيائين قدرو بچي ويو. آهستي آهستي هو تندرست ٿيو. +مهاشيه هر روز هڪ ڀيرو ڏسي ويندو اٿس. پرديوت سان به اڪثر ملاقات ٿي ويندي اٿس. کلي نمستي ڪري چوندو،”اوهان جو قدرو ٺيڪ آهي.“ هڪ ڏينهن چيائين، ”اوهان هڪوار هن جي نبض جاچي کيس ٻڌايو ته هو چڱو ڀلو آهي. نه ته هو يقين ئي نٿو ڪري. اهڙو مريض به قسمت سان ملندو آهي.“ +ستاب وري ڳوٽيون سنوارڻ شروع ڪيون. چي، ”پر هن ڇوڪريءَ سان تون اجايو پاڻ کي اڙائي رهيو آهين.“ ستاب سيتا جي باري ۾ چيو. هن سان مهاشيه ڪٽنب جي انهن ٿورن مهينن ۾ ئي چڱي گهرائپ ٿي ويئي هئي. مطلب ته نه رڳو مهاشيه سان، مهاشيه جي گهر واريءَ سان پڻ. +مهاشيه کلي چيو: ”ان ۾ ڪوانسان جو وس هلندو آهي، ستاب؟ آئون دانتوءَ جي شڪايت ڪندو هوس. لڀو ۽ لوڀ. ڏسان ٿو، ته هيءَ به مايا آهي. مايا جي موهه کي ڇڏڻ جو ڪوئي اپاو ڪونهي. ڇڏڻ لاءِ سوچيو، ته هيانءُ پيو هڄندو. ڳنڍ تهائين وڌيڪ پختي ٿئي ٿي.“ +اداس اکين سان مهاشيه اُڀ جي نيراڻ ڏانهن نهاريندو رهيو ستاب بت بڻجي ويٺو رهيو. هيتري گهرائپ ستاب کي به نٿي آئڙي. هن ڇوڪريءَ سان جيون ڄڻڪ سوين ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي ويو هو. جيون جيڪڏهن جوان هجي ها، جوان نه- رڳو ڪڙوڍ هجي ها ۽ ”مهاشيه“ نه هجي ها، ته ماڻهو کيس بدنام ڪن ها. تڏهن به لوڪ آهي ٻوڪ! پڇن ٿا، ”نيٺ به هن ڇوريءَ سان مهاشيه جو ڪهڙو لاڳاپو آهي؟“ اهو سوال ستاب کان ماڻهو ڇڪيندا هئا. مهاشيه کي بچائڻ جي نيت سان ستاب جواب ڏيندو هو، ڀاءُ ايترو به نٿا سمجهو؟ +”پٽ- ڌيءَ، ڏوهٽا- پوٽا سڀني جو ساٿ ڇڏي ڏنو، ته هيءَ اچي مٿان ٽپڪي، هنن به کيس پنهنجو بڻائي ڇڏيو.“ پر ماڻهو ٻڌن ڇو ٿا! چوڻ لڳا، ”هن نرس ٻرس جي ذات پات جو به ڪو ٺڪاڻو!“ ستاب چوندو: ”اهي سڀ ادا پراڻي زماني جون ڳالهيون آهن، اڄوڪو زمانو بدليل آهي. جيون جي گهر واري به هن ڇوڪريءَ کي پيار ڪندي آهي. عطر جو پيار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. هوءَ روز وٽن ايندي آهي. ڪتاب پڙهي عطر کي ٻڌائيندي آهي. عطر جا ڏک سور ٻڌندي آهي.“ انهن سڀني ڳالهين هوندي به ستاب سمجهي ٿوته ڇوڪري ڏاڍي سياڻي آهي. ٻڍي- جوڙي جي سڃي جيون جو لاڀ وٺي هوءَ هنن کي ڏهي رهي آهي. رپيا پئسا به کانئن ڇڏائي ٿي. هيءَ پاڻ به... گهٽ ۾ گهٽ جيون کيس ڏي ٿو. +جيوت جي آخرين ڏيهارن ۾ جيون مهاشيه جو چئجي ته ڀاڳ وري آيو. نام گام به ڄڻ موٽي آيس. ان دور جي شروعات رام هريءَ جي علاج سان ٿي، ان کانپوءِ ششانڪ جي وڌوا جي بيماريءَ ۾سندس علاج کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويا. ڊاڪٽر سلهه ٻڌائي هئي. جيون مهاشيه دعويٰ سان چيو هو: ’ته سلهه ڪانهي. آئون هن کي هڪ ئي مهيني ۾ نروڳ ڪري ڏيکاريندس.‘ هن جي ڳالهه اکر به اکر درست نڪتي. ڏيڍ مهيني ۾ ئي ششانڪ جي استري شفاياب ٿي ويئي. ان علاج ۾ جيڪا لگن، جيڪا دلچسپي مهاشيه جيون ورتي، لاثاني آهي. پنهنجي هٿن سان دوا تيار ڪئي. هڪ نه ٻئي ڏينهن ٻه ميل پيدل رستو لتاڙي ان ٽٽل ڦٽل جهوپڙيءَ جي سامهون بيهي ساجهر جوئي پڪاريندو: ”ڌيءَ!“ +مري ويشنوي ته ڄڻڪ سندس اوسيڙي ۾ ويٺي هوندي هئي. کلندي کيڪاريندي: ”اچو.“ +”ڌيءَ جاڳي آهي؟“ +”جي ها، اسرکان ئي راهه تڪي رهي آهي. پوڄا پاٺ ٿي چڪو آهي.“ +بنا ڪناريءَ واري سفيد ساڙهي پهري ڏٻري- سنهڙي گوري- گوري بيمار عورت گهونگهٽ کي ٿورو سرڪائي مشڪدنڙ منهن سان سندس سواگت ڪندي: ”اوهان اچڻ جي تڪليف ڇو ورتي؟ دوا موڪلي ڏيڻ سان ئي ته ڪم هلي وڃي ها. آئون هاڻي چاڪ آهيان“ +”ضرور چاڪ رهندينءَ. تنهنجي بيماري ڪجهه پيچيدي ضرور ٿي ويئي، پر ڪٺن ڪانهي. وري تو ۾ سهڻ جي به اپار شڪتي آهي. ان ڪري تن جي ڀيٽ ۾ تنهنجو من وڌيڪ صحتمند آهي. ناڙي ڏسڻي آهي، ان ڪري ئي اچي ويس.“ +هوءَ لڄي ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چوندي ”مون کي بچائڻ لاءِ اوهان ايتري ڪوشش ڇو ٿا وٺو؟ مونکي شرمندو ٿيڻو ٿو پوي. منهنجي زندگي ختم ٿيڻ جي ڪانهي. نيٺ به هيتري پيڙا ڪير سهي سگهندي؟“ +مهاشيه چيو هو: دنيا سک دک جي آهي. جيترو سک آهي، اوترو ئي دک آهي. اهو ئي سهڻ ڪاڻ جنم ٿيندو آهي.“ +هن لکي چيو هو: ”ٺيڪ آهي بابا، جيترو ڪوڙو اوترو مٺو. نه اوڳاڙي سگهجي، نه ڳرڪائي.“ +”تون به بجا ٿي چوين. مون کي ئي ڏس. جيڪي به هجي، دنيا ۾ مرڻ جي چاهنا نه ڪجي- ۽ موت جي ڊپ کان دنيا کي چنبڙي روئڻ به نه گهرجي. ٻئي پاپ آهن.“ +”انهيءَ پاپ جي ڊپ کان ته. نه ته...“ +هڪ ڏينهن مهاشيه چيو هو: ”پاپ ته نه، انياءُ تون ضرور ڪجهه ڪرين ٿي. مون تي ڏمر نه ڪج.“ +هوءَ ڇرڪي ويئي هئي! ”ڪهڙو انياءُ بابا؟“ +”ڌيءَ، هيءَ جيڪا آتما آهي، جنهن تي منش جو سارو دارومدار آهي، سا دراصل ديهه جي آسري آهي. جيڪر ديهه نه هجي ته هوءِ بي پناهه، بي سهاري ٿي پوي، ان جو ڪجهه به باقي نه رهي. تون انهيءَ ديهه جي سنڀال ��ٿي ڪرين. جنهن مندر ۾ ديوتا رهن ٿا، جيڪڏهن ان جي گهٽائي ڪئي وڃي، ته ان ۾ ديوتا ڪيئن رهي سگهندا؟ سرير کي ڏک ڏيئي وقت کان اڳي ئي وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ به هڪ قسم جو آپگهات آهي. ان جي ٿوري حفاظت ڪرڻي پوندءِ.“ +ششانڪ جي استري ان ڳالهه جي رکيا ڪئي- يعني پيروي ڪئي. +وقتي مهاشيه صبوح جو نه وڃي سگهندو هو، ته نٽهڻ اُس کي به برداشت ڪري اتي پهچندو هو. +نيٺ هوءَ چڱي ڀلي ٿي. وري پنهنجي ڀائٽي سان کير کنڊ ٿي وئي. البت گهر نيڻ کان اڳي هن جي ڀائٽي شهر مان هن جو ايڪسري ڪرائي خاطري ڪئي هئي. جيون مهاشيه جيڪي چيو هو، ايڪس – ري ۾ به اهوئي ثابت ٿيو. اڄڪلهه به ’مري‘ بکيا جي جهولي کڻي ’جئه گوبند‘ ڪندي وٽن ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي. جهوليءَ مان مٺايون ڪڍي ڏيندي آهي؛ ”اڀيا پرساد موڪليو اهي.“ +مهاشيه جو ٻيو چوڻ به صحيح نڪتو آهي. دانتو گهوشال مري ويو. ڀوت جي ڀو کان هو زبردسي اسپتال مان ڀڄي ويو هو. اچي ويو ششي جي چڪر ۾ ٻن چئن ڏينهن ۾ ئي وپن جو ڌوم ڌام سان شراڌ ٿيو هو.ان ۾ ڌانتوءَ به کاڌو، غضب جو کاڌائين! +پيو بيمار! +هن جو آخرين علاج وري به مهاشيه جيون ئي ڪيو. ڌانتوءَ ٻئي ڪنهن کي گهرايو به ڪونه. کيس ئي گهرايو هئائين. ششي ڪوٺڻ آيوهوس. +مهاشيه جا ٻئي هٿ جهلي دانتو رنو هو. +مهاشيه چيو هو: ”آئون ڇا ٿو ڪري سگهان دانتو! ٻيو ڪير به ڇا ٿو ڪري سگهي. شراڌ جو ڀوڳ کائڻ جي لالچ ۾ تون اسپتال مان ڀڄي آئين؟“ +دانتوءَ انڪار ڪيو: ”گروءَ جو سنهن مهاشيه، ايشور جو سوڳنڌ.“ +”ڀوت جي ڊپ کان ڀڳو هوس، سو به اسپتال جي ڊاڪٽر وٽان....“ +”دانتو!“ مهاشيه دٻ چاڙهيندي چيس:”دانتو!“ +دانتو ترت چپ ٿي ويو هو. مهاشيه چيو: ”سو تون هوئين! ڊاڪٽر جي دريءَ ڀرسان ڀوت بڻجي گوشت توئي گهريو هو! مون کي سڀ معلوم آهي. پر اهو قصو تنهنجو ڪونهي. لوڀ تنهنجو دشمن بڻجي ويٺو آهي. تون نٿو ڇڏي سگهين: هرگز نه. آئون تنهنجي اتهاس کان واقف آهيان. ان ڪري ئي مون توکي ويساهه سان چيو ته لوڀ توکي غرق ڪندو. اسپتال جا ڊاڪٽر تنهنجي رام ڪهاڻيءَ کي ڪونه ڄاڻندا آهن، شايد مون وانگر هو ان تي ويساهه به نه ڪن، ان ڪري توکي بچائڻ لاءِ چيو هوم.“ +دانتو سڏڪا ڀري رنو هو. مهاشيه چيو هو، ”خير ڊڄڻ ڇا جو آهي؟ مرڻو ته هڪ ڏينهن سڀ کي آهي. آئون به مرندس. منش جنم وٺي ٿو، ان مان ڇا ٿيو، هن جي نصيب ۾ سک ڪيترو آهي، دک ڪيترو آهي، ڪوئي چئي نٿو سگهي، سڀ ڪجهه اڻ ڄاتل آهي، هڪ ئي ڳالهه يقيني آهي، اها هيءَ ته هن کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي. تنهنجي عمر به ته ڪا گهٽ ڪانهي. ڌيرج رک، ڀڳوان جو نالو وٺ. موت کان جيترو ڊڄندين، اوترو ئي روئڻوپوندءِ. ڊڄ نه، پوءِ ڄاڻ پوندءِ ته موت ئي تنهنجو اصلي سک آهي. آخر هن ويل ڳريل سرير کي رکي وٽيندس به ڇا؟ ان کي هاڻ بدلي ڇڏ، بدلي ڇڏ.“ +ڳچ دير روئڻ بعد دانتوءَ چيو هو: هن دفعي مونکي بچائي وٺو، هاڻ آئون لوڀ وچان هيئن مور نه کائيندس. هرگز نه.“ +مهاشيه کليو هو. چيوهئائين: ”ڪوشش ته ضرور ڪندس. پر کولي چوڻ ٺيڪ آهي، تنهنجي سرير ۾ هاڻي ڪجهه ڪونه رهيو آهي. نبض بتائي رهي آهي.“ +ڇي، ڇي، ڇي! ڇي، ڇي، ڇي! +وچ۾ ئي دانتو رڙ ڪئي. هن جي موت وقت به مهاشيه حاضر هو. پڇاڙيءَ دم سوڌو کيس هوش هو، هو صرف روئندو رهيو هو. اکين مان لڙڪ زارو زار وهي رهيا هئا. مهاشيه هڪوار پڇيو هوس. ”توکي ٿي ڇا رهيو آهي؟“ +ڪنڌ ڌوڻي هن وراڻيو هو. ”پتو ناهي. ڊپ لڳي ٿو. اها ئي پراڻي وقت جي ڳالهه، آدي ڪال جي پاڻي ڳالهه. مها ڀو! مها انڌڪار! مها شونيه! سنسار! ويراني! ساهه کڻڻ لاءِ هوا ڪانهي. بيهڻ جي لاءِ جاءِ ڪانهي. ڪجهه به ڪونهي. ڪوئي ڪونهي: آئون به ڪونه آهيان.“ +ذرا ساعت لاءِ مهاشيه کي به ڄڻڪ هن جي ڇوت لڳي ويئي هئي. گنڀير آواز ۾ هن به چلايو: ”هي پرمانند ماڌو!“ مهاشيه سان گڏ ستاب هو. هن جو به دانتو، ننڍپڻ جو چٽوڙي يار هو. هو کيس ڏسڻ آيو هو. ستاب مهاشيه جو هٿ سوگهو جهلي ورتو هو. +تڏهانڪر جيوت جا باقي ڏيهاڙا مزي ۾ گذري رهيا آهن. ڪمائي به وڌي ويئي آهي. ستاب جو خيال آهي، انهن ڳالهين ڪري ئي سيتا مهاشيه کي چنبڙي پئي آهي: بڙ جي ول جيئان پکڙجي ويئي آهي، ان جو رس ڪڍي رهي آهي. ستاب ان ڪري ماندو رهي ٿو. هو چوندو آهي، اڄ به چيائين: ”وري ه آئون چوندس جيون، تنهنجي هيءَ حرڪت ماڻهن کي نٿي وڻي. الائي ڪهڙي خاندان جي، ڪٿان جي ڇوڪري ۽ ڪٿي تنهنجو مهاشيه ونش!“ +مهاشيه کلي وراڻيو: ”مهاشيه ونش جي حالت به هن ڇوڪريءَ جهڙي ئي آهي. فرق ڪهڙو آهي ٻڌاءِ؟ ۽ ....“ ڪجهه ٻيو به مهاشيه چوڻ پئي چاهيو، اوچتو رڪجي پيو. +رڪجي سندس گلو ڀرجي آيو: ڪير روئي پيو نه ستاب؟ +”روئي رهيو آهي؟ ها. ڪنهن جي طبيعت خراب هئي؟ ها، روئي ته رهيو آهي!“ +مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. چي: ”شطرنج کڻي ڇڏ. ذرا ڏسي اچان.“ +ٻڍو ستاب انهن معاملن ۾ لاغرض ٿي پيو هو. هن چيو: ”الائي ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“ هن حقو سنڀاليو. +”سايد موتي لوهار جي گهر ڪنهن کي ڪجهه ٿيو آهي. هن جي ماءُ جي بيماري کانپوءِ رڳو هوئي مونکي نٿا گهرائين. ڳالهه ڳالهه ۾ اسپتال. ٻئي ڪنهن وٽ ڪجهه ٿيو هجي ها ته هو مون کي خبر ڪن ٿا.“ +ان لاءِ مهاشيه کي افسوس ڪونهي. موتيءَ تي هن کي ڪائي ڪاوڙ ڪانهي. کيس سڌآهي، کانئس وڌيڪ ٻيو ڪير به ان ڳالهه کي نٿو ڄاڻي ته اهي ماڻهو جيڪي مهاشيه کي نٿا گهرائين سي اوشاس جي ڪري نه، بلڪ لڄ وچان نٿا گهرائين. موتيءَ ماءُ اڳڪٿيءَ کي ڪوڙ بڻائي جيئري رهي، انهيءَ لڄ وچان هو کيس نٿا گهرائي سگهن. موتي خود سندس سامهون نٿو اچي، ڪترائي نڪري ويندو آهي. پر ڳالهه ڪهڙي ٿي آهي؟“ +تڪڙ تڪڙ ۾ پير ۾ جتي پائي مهاشيه نڪري پيو. ٿورو پريان وڃي بيهي رهيو: ”موتيءَ جي ماءُ ئي ته ڪانه موڪلائي ويئي؟ نه....“ +روئڻ پٽڻ ته موتي وٽ ئي ٿي رهيو هو. پر سڀني جي آواز جي مٿان موتيءَ جي ماءُ جي چيخ! ”هي ڀڳوان، هيءُ ڇا ٿيو؟ آئون توکي نٿي ڇڏي سگهان: منهنجي پوٽي کي بچائي وٺ، نه ته تو مون کي ڇو بچائي ورتو؟“ مهاشيه تيزيءَ سان وک وڌائيندو هنن جي مڪان وٽ پهتو. +ٺيڪ انهيءَ کن اسپتال جو ڊاڪٽر وٽانئن ٻاهر نڪتو. مهاشيه سان اکيون چار ٿيس. پٺيان چرين وانگر نڪتي موتيءَ ماءُ. منڊ ڪائيندي ڊوڙندي ڊاڪٽر جي سامهون اچي بيٺي. پيرن تي پڇاڙ کائي ڪري پئي. لاچار ڊاڪٽر کي ترسڻو پيو. چي: ”ڇڏ، وڃڻ ڏي.“ +موتيءَ ماءُ چلايو: ”تون مون کي ماري وڃ. زهر ڏيئي وڃ. مرڻ جي دوا ڏي.“ +مهاشيه جيون گنڀير آواز ۾ چيو: ”موتيءَ ماءُ! ڏانهنس ڏسي موتيءَ ماءُ نئين سرورلاپ شروع ڪيا. پر ساڳئي گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”اٿ، چپ ڪر. هر ڪنهن ڳالهه جي حد ٿيندي آهي، مگر ٿيو ڇا آهي؟ ڪنهن جي طبيعت خراب هئي؟“ +موتيءَ ماءُ چلائي ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي. مهاشيه چيو: ”ان طرح نه، ائين نه. ڌيرج رک، ڌيرج سان ٻڌاءِ.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر ٻوليو:”موتيءَ جو وڏو پٽ مري ويو! ”هاءِ ڇي! ڇي!“ مهاشيه جي مک مان نڪري ويو: ”ٻارهن تيرهن سالن جو ڇوڪر. پٿر جهڙو ٺهيل هو، ههڙو مضبوط! هنکي ڇا ٿيو هو؟“ +”شايد ميلنگنيٽ مليريا. رڳوٻن ڏينهن جو تپ. هارٽ فيل ٿي ويو:“ ڊاڪٽر ٻڌائي رهيو هو، پر موتيءَ ماءُ وچ ۾ئي پار ڪڍندي چيو: ”اڙي منهنجا سونا! منهنجا راجا پٽ!“ +ڇاتي پٽڻ لڳي، مٿو ڪٽڻ لڳي: ”تو مون کي ڇو بچايو، مون کي ڇو بچايو؟“ +ڊاڪٽر جيب الجهن ۾ پئجي ويو. هوڏانهن هن جي سائيڪل جي هوا نڪري ويئي هئي. چو طرف ماڻهو مڙي ويا هئا. ڌيمي ڌيمي چوڻ لڳا: ”ڇا ڳالهه آهي؟ مرض کي سڃاڻي ڪونه سگهيا ڇا؟“ +مهاشيه جيون موتيءَ کي سڏ ڪيو. +موتي ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي ويٺو هو. اچي سڏڪن ۾ پيو: ”مهاشيه ڪاڪا، اوهان کي پنهنجو ٻچو ڏيکاريان ها...“ جيون مهاشيه وچ ۾ ئي ٽوڪيو: ”نه. مون کي ڏيکارڻ سانئي هو بچي وڃي ها سو توکي ڪنهن چيو؟ ڊاڪٽر ويڄ روڳ کي چڱو ڪري سگهن ٿا، مرتيو روڳ کي ٺيڪ نٿا ڪري سگهن.“ +موتيءَ ماءُ وري چلائي چيو: ”مون کي ٻڌايو آئون ڇا ڪريان؟“ +”ڪرڻو ڇا آهي، سهو. دنيا ۾ جڏهن ڪٽنب وڌي وڃي ٿو، تڏهن يا ته ڇوٽڪارو پائجي، يا سهڻ گهرجي. موت جو هتي وشرام ڪونهي، موت کي ٻالڪ ٻڍي جي پڇاڻ ڪانهي. ڇا ڪندينءَ، برداشت ڪر.“ +”مون کي ڇو بچايو ويو؟ مونکي ڇو بچايو ويو؟“ هوءَ ڇڙيون هڻڻ لڳي. +”ان ڪري جو هيءُ شوڪ تنهنجي پرالٻڌ ۾ لکيل هو. تنهن کانسواءِ تو جيئڻ به چاهيو هو موتيءَ ماءُ.“ +ڪنهن وچ ۾ واڪ ڏنو:”اهوته سدائين کان نيم آهي. ڪوئي ٻڍو موت جي سيج وڇائي وري اٿي ويهي ٿوته ان تي ڪنهن نه ڪنهن کي سمهڻو پوندو آهي. محصول چڪائڻو ئي پوندو!“ +جيون مهاشيه چپ چاپ هلڻ لڳو، پٺيان پٺيان اسپتال جي ڊاڪٽر اچانڪ چيو: ”اڄڪلهه هتي ميلنگنيٽ مليريا ته ڪانهي. مون کي ان جو شڪ به ڪونه ٿيو. نه وري هنن ماڻهن ڪجهه ٻڌايو. اڄ ٻڌايائون ته ڪيترا ڏينهن اڳي ڇوڪرو ناناڻي ويو هو اتان ئي اها بيماري کڻي آيو.“ +هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريندي مهاشيه جيون چيو: ”بيماريءَ جي علامتن ۽ پڇاڻ ۾ ڀل، ڊاڪٽر جي علاج ۾ شڪ، ٺيڪ دوا جو نه ملڻ: اهي سڀ مرتيو روڳ جون علامتون يا اهڃاڻ ڀلي کڻي نه هجن، پر بهانا آهن. نه ته ڊاڪٽري وگيانکي، اسان ماڻهن جي آيوروئدڪ ۾ ’پنجون ويد‘ چيو ويندو آهي. وگيان ويد آهي، اهو ڪوڙ ڪونهي. ڪوڙ انهن ئي ڪارڻن سان ٿئي ٿو. مرتيو. ضرور، اڄوڪي روڳ- پريکيا جي وڌيڪ ان تي ٿيندي. تڏهن جي ڳالهه آئون چئي نٿو سگهان ته ڇا ٿيندو؟ پر اهو ضرور چوندس ته ڀل تڏهن به ٿيندي.“ +ذرا چپ رهي پرديوت چيو: ”نبض جاچي اوهان سمجهي وڃو ها ته اها ميلنگنيٽ مليريا آهي؟“ +”اهري حالت ۾ شايد نه سمجهي سگهان. ۽ سمجهي به وڃان ها هت بچائي ڪونه سگهان ها.“ +”اهو صحيح ڪونهي. لکها انسان ٺيڪ علاج کانسواءِ بيوقتي مري رهيا آهن؟“ +”ها، سو مري ته رهيا آهن.“ +ان بعد ٻئي چپ چا هلندا رهيا. مهاشيه ڊاڪٽر جي ڳالهه سوچي رهيو هو. ”مرندا آهن، بيوقتي، علاج بنا ڪيترا ماڻهو مرن ٿا.“ +اچانڪ پرديوت ماٺ کي ٽوڙيو. چيائين: پر اوهان موتيءَ ماءُ کي علاج جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون، سي مون کي پسند پيئون. اوهان ٺيڪ ئي چيو، جڏهن وقت ڀرجي اچي، تڏهن مڪتي وٺڻ جڳائي. منهنجي سس جي هڪ ناني آهي. ٽنهي پيڙهين مان سڀ رخصت وٺي ويا: هڪ هوءَ ئي رهجي ويئي آهي. مان جڏهن ويندو آهيان، چوندي آهي: تون ته ڊاڪٽر آهين. منهنجو اکيون ڪن ته ٺيڪ ڪري وڃه! اهڙي ئي آهي موتيءَ جي ماءُ. جيڪڏهن آپريشن نه ٿئي ها، ته اهو ئي ٿئي ها، جيڪو اوهان چيو هو. مري ها. پر اوهان جيڪا گنگا ڪناري وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، سو هن جي روئڻ جو پڇو ئي نه! منهنجا پير پڪڙي چوڻ لڳي: مون کي بچايو ڊاڪٽر بابو! هن روڳ ۾ آئون ڪانه مري سگهنديس. ان ۾ مري مون کي شانتي ڪانه ملندي. منهنجي سدگتي ڪانه ٿيندي.“ +”ڊاڪٽر صاحب اهو سڀ ڇل آهي. آدمي جڏهن موهه مايا جي ڦند ۾ جڪڙجي ويندو آهي، تڏهن هو موت کان هو ڏاڍو ڏڪندو آهي، ۽ ڪيترا ئي بهانا بنائڻ شروع ڪندو آهي ته آئون هن ڪارڻ اڃا به جيئرو رهڻ چاهيان ٿو. مونکي بچايو. موت کان ڊڄڻ وڏي شرم جي ڳالهه آهي، ان ڪري ماڻهو انکي لڪائي ٿو.“ +”اوهان ٺيڪ ٿا چئو. موتيءَ جي ماءُ به اهوئي چيو هو. چيو هئائين، هڪ لالسا رهجي ويئي اٿم. پوٽي جي ننهن کي ڏسي وڃڻ چاهيان ٿي.“ +مهاشيه کلي پيو. چي: ”موتيءَ جي ماءُ وري بيمار پوي، ته وري ٻئي ڪنهن ڪارڻ کان جيئري رهڻ چاهيندي. پر هن ڇوڪري جو موت ته دل ڏاريندڙ آهي. ڏاڍي سٺي صحت هئس. جيئي ها ته وڏو پهلوان بڻجي ها. اسڪول ۾ پڙهندو هو، پيءُ جي واهر ڪندو هو، هٿوڙو هلائيندو هو. هن کي ڏسي مونکي منگل ڪاڪا جي ٻالڪ ڪال ڪيتوءَ جي ياد تري ايندي هئي.“ +مهاشيه وري چيو: ”اڪال مرتيو کان وڌيڪ دکدائڪ ٻي ڪابه گهٽنا ڪانهي ان کي روڪڻ ئي سنسار جو سڀ کان وڏو ڪلياڻ آهي. سک جي سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. اتي ئي موت جو موت آهي، ٻڍاپي ۾ ته هو امرت آهي.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: اڄوڪيون ڳالهيون مون کي سدا ياد رهنديون. مان ڏاڍي الجهن ۾ پئجي ويو هوس! +”نه، نه- الجهن جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟ ڪوشش ۾ ته اوهان ڪجهه گهٽايو ڪونه. ٻيو اوهان ڇا ٿي ڪري سگهيا. +هو اسپتال جي ويجهو وڃي نڪتا هئا. ڊاڪٽر جو نوڪر اندران ڊوڙي نڪتو. ڦاٽڪ کوليائين. ڊاڪٽر جي استري ورانڊي ۾ آئي. اچرج وچان شايد ڏسي رهي هئي. ٿورو هٽي اسپتال جي ورانڊي ۾ سيتا به بيٺي هئي. هوءَ به ڏسي رهي هئي. +ڊاڪٽر چيو: ”اچو. ٿوري دير وهندا ڪونه؟ اوهان ڪيئن ڀيرا اسپتال آيا آهيو، هينئر به ايندا آهيو، قدروءَ کي ڏسڻ اچو ٿا. مون ڪڏهن به ڪونه کيڪاريو آهي. اڄ ٿوري دير مون وٽ ڪونه وهندا؟“ +هٿ جوڙي مهاشيه چيو: اڄ معاف ڪريو ڊاڪٽر صاحب! وري ايندس.“ +پرديوت کن ساعت چپ رهيو. ان بعد چيائين: ”شايد اوهان ڏانهن مون کان ڪا غلطي ٿي ويئي آهي. پر پڪ ڄاڻجو، اها غلطي مون ڄاڻي ٻجهي ڪانه ڪئي آهي. اوهان جي ۽ منهنجي علاج جي طريقي ۾ وڏو تفاوت آهي پنهنجي مت کي ڇڏي مان اوهان جي مت جو وشواس نٿو ڪري سگهان. ان ڪري مان الجهن ۾ پئجي ويندو آهيان. علاج نٿو ڪري سگهان. پر ها موتيءَ جي ماءُ جي اڳڪٿي ٻڌي ۽ هن کي ورلاپ ڪندو ڏسي مونکي ڪاوڙ وٺي ويئي هئي. اڄ مون بيشڪ محسوس ڪيو ته هوءَ مري وڃي ها، ته چڱو هو. پر اسان ماڻهو ته ٺيڪ انهيءَ نگاهه سان ته نٿا ڏسي سگهون.“ +مهاشيه کلي چيو: ”ڄاڻان ٿو. اسان به پهرين ان نطر سان ڏسندا هئاسون. خاص ڪري جڏهن بيمار ٻڍو هوندو۽ بيماري ڪٺن هوندي، ته پيڙا گهٽائڻ جي ئي ڪوشش ڪندا هئاسون، موت سان ڇن ڦاڙ ڪري ان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪيم. چئي ڏيندو هوس، اشاري ۾، صاف صاف به: اڙي ڀائي، اڃا ڇو؟ هيترو ڪجهه ته ڏٺو، گهڻو ماڻيو، هاڻ هن ڌوڙ جي ڌرتيءَ کان نظر مٿي کڻي نهاريو. رواجي ماڻهو، آڪاش جي خلاءَ ۾ پڪڙڻ لائق ته ڪجهه حاصل ڪري نٿو، ان ڪري راءِ ڏيڻ لڳس، تيرٿ وڃو، ديوتا جي مندر جي ڪنگوري ڏانهن تڪيندا رهو. ها، البت ٻڍاپي ۾ به جيڪي ڪيترن جا آسرا رهيا، گهڻي ڪم جا رهيا، جڏهن جا جيئاپا ٿي پي رهيا، تن جي ڪاڻ موت سان لڙائي ڪانه ڪئي اٿم، سا ڳالهه ڪانهي، خوب لڙيو آهيان.“ +پرديوت چيو: ”ٻيو ڪوئي ڏينهن هجي ها، ته بگڙي پوان ها. اڄ نه. مون پنهنجي ناني- سس جو ذڪر ڪيو اسان ئي چئون ٿا، ٻڍي مري پوي ته جند ڇٽي، هن جي به. اسان ماڻهن جي به.“ +مهاشيه: ”بيشڪ، ائين به ٿيندوآهي. دنيا جو اهو به هڪڙو پهلو آهي. سکي جيون، رنگ رس سان ڀرپور جيوَن ڀلا ڳريل سڙيل چيز کي ڪيئن برداشت ڪري؟“ +پرديوت چيو: ”ڪيترن ڪيسن ۾ مون اوهان کي هٿ ڏسڻ نه ڏنو آهي. مون کي ڊپ لڳندو هو، ته الاجي ڇا جو ڇا اوهان چئي وجهو. اوها�� جي هٿ ڏسڻ سان مون کي ڪڏهين ڪڏهين ڊپ به لڳندو آهي. اهيندر سرڪار جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ به لڳو هو.“ +”هن کي ته بچائڻ سان اوهان ڪمال ڪري ڏيکاريو.“ واه جو علاج ڪيو! پهريون ڀيرو جو نبض ڏٺم، مون کي موت جي پيرن جي آهٽ محسوس ٿي هئي. +مون هن جو هٿ بار بار ڇو ڏٺو هو، اوهان کي پتو آهي؟ موت کي مون پٺتي هٽندو ڏٺو هو.“ +پرديوت بت بڻجي مهاشيه جي چهري ڏانهن تڪيندو رهيو. ائين نه آهي ته هن سمجهيو ڪونه، پر ان کي هو هن ريت ظاهر نٿو ڪري: هو ان ڍنگ سان انڀو به نٿو ڪري. +”ته هاڻ آئون هلان.“ +”ها، هڪ ٻي ڳالهه راڻا جي باري ۾ ڇا آهي.“ +”هو ڪونه بچندو ڊاڪٽر صاحب! راڻا کي اهو معلوم آهي. هو به هڪ غضب جو آدمي آهي. مرڻ کان ته هو ڊڄي نٿو. شايد اوهان جي علاج سان هن جي جان بچي وڃي. پر هو چوي ڇا ٿو، خبر اٿو؟ چوي ٿو، چڱو ڀلو ٿي به پوان، ته به اهو ساڳيو نه رهندس. لاچار ماڻهن جي قطار ۾ رهي جيئڻو پوندم. ڊپ وچان ماڻهو پاسي ۾ ڪونه بيهندا. ٻار ٻچا به ونءُ پيا ويندا. اهڙي جيئڻ ڪاڻ آخر هيتري تڪليف ڇو سهان، هيترو سارو خرچ ڇو ڪريان؟ ان کان ته اهو ئي بهتر جيڪي به ٿئي اوهان ئي علاج ڪريو.“ هڪ اڀو ساهه کڻندي مهاشيه وري چيو: ”هاڻ ته راڻا مون کي به نٿو ڏيکاري. هينئر مندر جي هوا کائيندو آهي.“ +سوچيندي سوچيندي مهاشيه گهر موٽيو. ’ڪاش، راڻا کي بچائي سگهان!‘ +راڻا کي پرديوت جهڙا شخص بچائي سگهن ٿا. بچائي سگهيا ٿي! هنن وٽ جديد علاج، موزون علاج به هو. ان علاج جو بندوبست وٽس نه آهي. اها شڪتي به ڪانهي. ڪانه هئي اهڙي شڪتي! +جديد علاج جو شاستر سرگرميءَ سان اسري رهيو آهي. هڪ ٻئي جي پٺيان جيوڙن جي کوج ٿي رهي آهي. بيمارين جي باري ۾ جيڪو اثر ويٺل آهي، ان ۾ بنيادي ڦيرو اچي رهيو آهي. اڄ سڀ مرض جديد دور جي درجي ۾ اچي ويا آهن. سڀني جو مول جيوڙا آهن. ٻج، جيو، جيوڙا: وائرس،. کاڌي ۾، پيتي ۾، هوا ۾ پکڙيل آهن. انسان جي جسم ۾ اهي بيحد وڌي ويا آهن. پنهنجي وئدڪ شاسترن ۾ هن پڙهيو آهي: دکش يگيه- ردر مورتي شوَ جي ڪروڌ جو جڏهن انت ٿيو، تڏهن تپ جي رچنا ٿي. انيڪ اهڃاڻ، انيڪ قسم. ان جي فطرت جو ورنن ڪري آچارين ان جو نالو ’تپ‘ رکيو هو. چنڊ تي دکش پرجاپتيءَ جو سراپ هو، ان جي ڪوپ مان يکشما (سلهه يا تپ دق) جي اتپتي ٿي هئي. ’اَتي رمڻ‘ کي ئي يکشا (سلهه) جي حملي جو مکيه ڪارڻ مڃيو ويندو هو. اڄ سٺي خوراڪ جي ڪمي ان جو مکيه ڪارڻ آهي. هر هڪ تپ جي ڪارڻ کي سائنسدانن- ڊاڪٽرن خوردبيني دئاران ظاهر ڪيو آهي. تپ به ڪيترن قسمن جو ٻڌائين ٿا! ’ڪالا بخار‘ ته هنن جي زماني ۾ ئي پڪڙ ۾ آيو آهي. +ڪالا بخار جي دوا، برهمچاري مهوديه جي سئي آهي. پرنٽسل، سلفا گروپ، ان کان پوءِ پينسلين ٽيرامائيسن: دوا جي مٿان دوا. هريندر کان تنهن ڏينهن ٻڌي رهيو هو. پينسلين کي اکئين ڏٺو اٿائين، باقي دوائن کي ڪونه ڏٺو اٿائين. ٻيون به الائي گهڻيئي دوائون ايجاد ٿيون آهن: انهن جو ته شايد هن نالو به ڪونه ٻڌو هوندو.الٽرا وايوليٽ- ڪرڻي جو علاج! +رت، بلغم، رڳ، ٿڪ، پيشاب، ڪاڪوس جي جانچ. +بلڊ پريشر جي جانچ. +ايڪس- ري پريکيا. سلهه جي مريض جا ڦڦڙ جيئن نظر اچن ٿا، تهڙي ئي انجي دوا درمل. +اسٽريپٽو مائيسن ٽي-بي جي سڀ کان اثرائتي دوا نڪتي آهي. ان کانسواءِ ڪا پي-اي-ايس نالي دوا نڪتي آهي. ٻڌو اٿائين. ٻنهي جي گڏوگڏ استعمال سان حيرت انگيز فائدو ٿئي ٿو. آپريشن واري علاج جو به ٻڌو اٿائين. +اچانڪ هڪ پراڻي ڳالهه ياد اچي ويس. +گرو رنگ لعل کان ڪالرا جو نسخو وٺڻ ويو هو. موت جي ڀو کان ڊنل ماڻهن جي سلسلي ۾ ويو هو: ”موت ڄڻڪ ٻ��ي هٿ پکيڙي پاڳل جيئان ڀيانڪ شڪل ڌاري بکُ وٺي رهيو آهي؛ آدمي ڀڄي رهيا آهن، جهنگل جي باهه جي وچڙڻ سان جيئن پسون پرندا بدحواس ٿي رڃ سمجهي سڃ ڏانهن ڀڄندا آهن.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”توکي تنهنجي نظرن ۾ صرف ماڻهن جي ڀاڄ ڏسڻ ۾ آئي، انسان ان سان هر طرح مقابلو ڪري رهيو آهي، اهو تو ڪونه ڏٺو؟ هو هميشه پٺتي هٽندو رهيو آهي، پر پٺ نه ڏيکاري اٿس. هن نوَن نوَن هٿيارن جي ايجاد ڪئي آهي. انسان جي ان اڻ ٿڪ ڪوششن جو ڪوبه انت ڪونهي. موت کي روڪي نٿو سگهجي، مرتيو اٽل ۽ دائمي آهي. ليڪن بيماريءَ جو انسان ڇوٽڪارو ڪري ڏيکاريندو. ماڻهو يوگيءَ وانگر نهايت پڪي اوسٿا ۾ مرندا. ويڄ وٽ وڃي چوندا: ”بس. هاڻ موڪل گهرجي. سمهڻ چاهيون ٿا.[1] پٽ مي ٽُ سليپ پليز Put me to sleep please. ان ڏينهن جيون به من ئي من ۾ چيو هو: ”ها نندرا نه، مهانندرا!“ +[1] مون کي سمهاري ڇڏيو. + + +[36] + +اهڙي نااميدي ته ڪانه هئي، پر خبر گويا اچانڪ ئي ملي. مهيني کان پوءِ. ويساک جي آخرين هفتي ۾. +راڻا پاٺڪ مري ويو. ڪشور خبر ڏني. هو اتي ويو هو. راڻا ئي کيس گهرايو هو. نوگرام جا ڪي مهاڻا مڇي مارڻ ويا هئا. انهن مان ئي هڪڙي کي هن نياپو ڏنو هو: ”ذرا ڪشور بابو کي چئجو، هڪ ڀيرو ٿي وڃي. آئون شايد هڪ ٻه ڏينهن مس ڪڍان. سمجهي وئين.“ +پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ راڻا ڳوٺ جي ٻاهران گهاٽ- ڪناري هڪ جهوپڙي ٺاهي رهندو هو. گهاٽ سندس مقاطعي ۾ هو گهاٽ هن لاءِ بيحد عزيز هو. پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ آنند ۽ خوشي هن اتي ئي ماڻي هئي. نديءَ ۾ تريو آهي، رات جو ڪپر لڳ جهوپڙيءَ يا ٻيڙيءَ ۾ وهي شراب نوشي ڪئي اٿائين.استري ڀوڳ، گانو بجانو، کاڌو پيتو هر طرح جي موج اڏائي چڪو آهي. گهڻو ڪجهه ڪيو اٿائين. خود ٿلهي آواز سان دل کولي ’ڪالي ماتا‘ جو نام جاپ ڪيو اٿائين. انهن ڏيهن ۾ هو سنياسي بڻجي پيو هو. سنياسين جيئان ئي اتي رهندو هو. گيڙو وستر ڌاري، ڏاڙهي مڇون به وڌائي ڇڏيون هئائين، نيم سنجم سان رهيو. دوا ديوي مندر جي ئي کائيندو رهيو. اٽل وشواس! کن پل لاءِ به لوڏو نه آيس. مرڻ توڻي به هن قبول ڪين ڪيو. چيائين: ”منهنجي للاٽ ۾ لکيل ئي اهو آهي، ته ديوتا ڪندا؟“ +ڪشور کي ئي ٻڌايو هئائين. ڪشور جڏهن پهتو، تڏهن راڻا سڪرات ۾ هو. رڳو ڪي ڪلاڪ جيئرو رهيو هو. ڪشور ڊاڪٽر ويڄ گهرائڻ چاهيو. راڻا انهيءَ جي جواب ۾ چيو: ”ڊاڪٽر ويڄ لاءِ اوهان کي ڪونه گهرايو اٿم ڪشور بابو! اوهان کي جنهن واسطي گهرايو اٿم سو ٻڌو. رات جو رهڻ واسطي مون وٽ هڪ آدمي هئڻ گهرجي. وقت تي پاڻي پياري ۽ گدڙن کي ڀڄائي ندي ڪناري لاوارث لاش کائيندڙ گدڙ ڪمبخت ڏاڍا خونخوار آهن. ٻن ٽن ڏينهن کان آسپاس چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن. تختي تي لٺ ٺوڪي ۽ وڄائي، هڪل سان ڪالهه به کين ڀڄايو اٿم. اڄ مون کان ڀڄائڻ به نه پڄي سگهندو. ۽ .......“ +چوندي راڻا ذرا کليو. کلي چيائين: ”مرڻ کان اڳي ته سڀ ايندا آهن. مگر راڻا ڊڄڻ وارو نه آهي. سگهه هجي ها ته للڪاريان ها، آءُ هڪ هٿ ٿي وڃي. پر سگهه نه آهي. ڪوئي ماڻهو ملي وڃي ته سٺو ٿئي. هيءُ ٿيو نمبر هڪ. نمبر ٻيو: لاش جي اگني سنسڪار جو انتظام. سلهه جو مريض ٿيس. ڳوٺ وارا ته ويجهو به ڪونه ايندا. ان جو به بندوبست ٿي وڃي. نمبر ٽيون: ٻار ٻچا. ماءُ ته اڳي ئي گذاري وين. هاڻ بابو به ٿو هلين. اوهان هتي اثر وارا ماڻهو آهيو، ٿي سگهي، ته هنن يتيمن تي ذرا نظر رکندا ۽نمبر چوٿون اهو، ته علاج جي بابت مهاشيه جن جي مون ڏانهن بقايا آهي. کين چئجو، مون کي ان لاءِ معاف ڪري ڇڏين. بس.“ +مهاشيه ونيه جي دڪان تي اهو ٻڌو. سناٽي ۾ اچي ويو. هن جي نيڻن مان ��ه لڙڪ ڪريا ۽ شوجيءَ جي جٽا۾، گنگا وانگر سندس گهاٽي ۽ ڊگهي سونهاريءَ ۾ سمائجي ويا. هو ڪافي دير چپ ويٺو رهيو. نيٺ چيائين: ”گووند! گووند!“ +جيه گووند! +آواز مان ئي تاڻي ويو ته مري ويشڻوي آئي آهي. پر ههڙو ڪمهلو؟ اڪثر هوءِ صبوح ساجهرو ايندي آهي. بکيا ڪاڻ نڪرندي آهي، اڀيا جي موڪليل پرساد جي مٺائي آروگيه نڪيتن ۾ مهاشيه کي ڏيئي پنهنجي واٽ وٺندي آهي. اڄ سنجها ٽاڻي ڪيئن اچي پهتي ۽ سو به ونيه جي دوڪان ۾؟ ڳالهه ڇا آهي؟ اڀيا وري بيمار پئجي ويئي ڇا؟ راڻا جو انتم سنسڪار ڪري ڪشور ٿڪو ماندو پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي سمهي پيو آهي. اڪيلي ۾ مهاشيه پنهنجي نبض جاچي رهيو هو. اها هينئر سندس هير ٿي ويئي آهي. مريءَ جو آواز جو ٻڌائين؛ سو پنهنجي ناڙ امالڪ ڇڏي ڏنائين. سڏيائين: ”مري!“ +”پرڻام بابا!“ +”هينئر تون ڪيئن اچي نڪتينءَ؟“ +هن کلي چيو: ”موٽي رهي آهيان.“ پنهنجي جهوليءَ مان هن پنج انب ڪڍي اڳيان رکيا. +کلي چيائين: ”اڀيا جي وڻ جا انب آهن. پهرين مند جا پڪا آهن. ڪالي ماتا واسطي سڀ کان اول ڪيترائي رکيائين ۽ پوءِ هيءُ پنج انب منهنجي حوالي ڪندي چيائين: ”پهچائي اچ مري. اڄ گوپي ناٿ پور ۾، ”اَشٽيام- هري نام“ هو. رسوئي پاڻي ڪري وئشڻون جي شيوا ٽهل ۾ پنهنجو هٿ پوتر ڪرڻ ويئي هئس. سوچيم، ڏينهن جو هيءُ خراب ته ڪونه ٿيندا پاڻ گڏجي کائڻ لائق ٿي ويندا.“ +مري جهڙين وئشڻوين جي بات چيت جو اهڙو سليقو اڄڪلهه درلڀ ٿي رهيو آهي: ڳالهه ۽ سر جو اهڙو ميٺاج ۽ شيريني سدائين درلڀ آهي. مريءَ ۾ ٻئي خاصيتون آهن. مهاشيه جي من کي ڏاڍو آٿت ملندو آهي. +مريءَ چيو:”گوپي ناٿ پورا کان موٽي رهي آهيان. مونکي سڌ هئي ته اڄڪلهه شام جو اوهان هتي ويهندا آهيو. ان ڪري هتي آيس.“ +غير قلمي انب، پر شرڌا ۽ شڪرگذاري جي ميٺاج ڪري امرت هو. هڪ پل اڳي جيڪا ڌرتي ويراڳ جي گيڙو رتل پهراڻ ۾ اداس نظر اچي رهي هئي، گهري ممتا جي ساوڪ سان ڪومل بڻجي پئي. +مريءَ چيو: ”اڀيا هڪ ٻي ڳالهه به چئي آهي. +”ڪهڙي ڳالهه؟“ +”ڄيٺ ۾ ساوتري چتر دشي (چوڏس) جو ورت آهي. ان ڏينهن جو نوٽو رهيو.“ +کيس ياد اچي ويو، ششانڪ جو موت نشچت ڄاڻي هن اڀيا کي نوٽو ڏيئي پيٽ ڀري کارائڻ چاهيو هو. گهٽي جي موڙ تي هٿ ۾ ڏيئو کڻي بيٺل اڀيا جي اها تصوير اکين ۾ تري آيس. ”سينڌ جي سنڌور تي ڏيئي جي جوت ڇٽڪي پئي آهي: اکين جي پتلين ۾ ان جو پاڇو.“ مهاشيه کان سيسراٽ نڪري ويو. اکيون ٻوٽي ڇڏيائين: ”ساوتري- چوڏس جو کائڻ پيئڻ رات ۾ ٿيندو آهي. ٻڍاپو آهي. رات جو ته مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“ +مريءَ چيو: ”مون کيس چيو هو. پر چيائين، آئون به سمجهان ٿي، پر منهنجي آس آهي. هڪ ڀيرو وڃي زور ته ڀري اچ تون. هڪ ڳالهه ٻي.“ +”چئو.“ +”ٿوري مڇيءَ جي بندوبست واسطي چيو اٿائين. هن سال هن جي تلاو ۾ مڇي ڪانه ٿي آهي.“ +مهاشيه سرهو ٿي ويو. چي: ”اڀيا مڇي گهري آهي؟ موڪلي ڏيندس: موڪلي ڏيندس.“ +”هيءُ انب اوهان ضرور کائجو....“ +”ضرور کائيندس: ضرور!“ +مري پرٿويءَ کي مڌر بڻائي هلي ويئي. +هن کيس وري پڪاريو: ”مري! اڙي او مري!“ +”بابا!“ هوءَ واپس وري. +”هن کي چئج، آئون ايندس. ساوتري ورت جي موقعي تي آئون ايندس. اِندروءَ کي ساڻ نيو ايندس: آئون ايندس: +ڌرتيءَ جو ڄڻۡ سمورو سنڪوچ مٽجي ويو، سموري تلخي ڌوپجي ويئي آهي. هو ويندو. +* * * * +من ۾ هري نام جون ڇوليون اٿڻ لڳيون رات ڪافي گذري چڪي آهي. نوگرام بازار جون بتيون جهڪيون ٿي ويئون آهن. لالٽينن جي چمنين تي ڪارنهن ڇانئجي ويئي آهي، بتين تي غبار ڄمي ويو آهي. ڪنهن جي بتيءَ مان ٻه لاٽون نڪري رهيون آهن، ڪنهن جي هڪ ئي لاٽ ميرانجهڙي ۽ اوچي ٿي ويئي آهي. پيٽرومئڪس (گولن) جو به ساڳيو ئي حال آهي. انهن جا مينٽل به ڳاڙهيسرا ٿي ويا آهن، ڪجهه ڪجهه ڪارا: چٽا ٿي ويا اٿن. گهڻي ڀاڱي مراديءَ جي پيتين کي ڪلف لڳي چڪا آهن: باڪس جي مٿان لعل ڏوريءَ سان ٻڌل جمع خرچ جي وهين جو ڍڳ. دڪان بند ڪرڻ لاءِ آدمي ڪلف ڪنجي کڻي بيٺو آهي. ڌجودت جو دڪان چڱو وڏو آهي: اتي هينئر به چئين اٺين آني جي گراهڪي. ٻُڪي لڳي پئي آهي، نوٽن جي ٿهيءَ جي ڳڻپ ٿي رهي آهي. دوڪان جي ڀرسان کليل جڳهه ۾ ڪيتريون بيل گاڏيون آهن: ڏاندن کي ڇوڙيو ويو آهي. گاڏيءَ جي هيٺان پال جو هنڌ لڳايو ويو آهي. چوسول تي جيڪو چانهه جو دوڪان آهي، ان ۾ اڃا تائين چار پنج ماڻهو ڄميا ويٺا آهن. هڪ طرف ساڌو خان جي هڪ ماڙ- مڪان جي دروازي تي چارو بابو ۽ پديوت ويٺا آهن. هن جو ڪو آپريٽو ميڊيڪل اسٽورس ۽ سهڪاري دوائن جو دوڪان* به اتي ئي آهي. ان جي روشني نئين آهي، ان ڪري اڃا ائين تيز جلي رهي آهي. +”ڊاڪٽر پرديوت ڪنهن مهل موٽي آيو.“ +موٽيءَ جي پٽ جي مرڻ کان پوءِ موڪل وٺي ڪٽنب سميت ڪلڪتي هليو ويو هو. ماڻهن وٺي افواه اُٿاريا ته موتيءَ جي پٽ جي مرڻ ڪري پرديوت کي من ئي من ۾ ڏاڍو صدمو رسيو آهي. انهيءَ شرم مان پنهنجي بدلي ڪرائڻ لاءِ موڪل وٺي ڪلڪتي ويو آهي. +پرسيتا ردڪد ڏنو هو. نه. هو هتان جي ڪلنڪ کولڻ جي سلسلي ۾ ڪلڪتي ويو آهي. جنهن لاءِ وپن بابو پنج هزار رپيا دان ڪري ويو آهي. اهي رپيا سرڪار جي ذمي ڏيئي ڪجهه ٻين رپين جي منظوري ڪرائي جنهن ۾ جلد از جلد ڪلنڪ کولي سگهجي، انهيءَ جي پيروي ڪرڻ لاءِ ويو آهي. اتي وڌان سڀا جي ڪنهن ميمبر جي معرفت مکيه منتري ڊاڪٽر بي-سي- راءِ سان ملندو. چئي ويو آهي ته في الحال جيترا رپيا آهن، انهن جو سامان خريد ڪري ئي ڪلڪتي مان موٽندو. +آدمي ڳالهه جو پڪو آهي. سامان وٺي موٽيو هوندو. +سيتا اهو به چيو: ”پر من ئي من ۾ هو مايوس ٿي ويو آهي. زباني هن جيڪي به چيو هجي، پر اندر ئي اندر هو اوهان تي بيحد ناراض آهي.“ +”اڇا!“ مهاشيه کي اها ڳالهه ٺيڪ ٺيڪ ياد ڪانه اچي رهي هئي. هن سيتا جي ڳالهه جو تکو ته نه، هلڪو وروڌ ڪيو: ”نه، نه. تون ڀل ڪري رهي آهين.“ +ڪنڌ ڌوڻي سيتا چيو: ”اون هون، اوهان هن چڱي مڙس کي چڱيءَ طرح ڪونه ٿا سڃاڻو، ڊاڪٽر صاحب! هڪ به ڳالهه هو وسارندو ڪونهي. وڏي اهنڪار وارو آدمي آهي. ڪنهن به ڊاڪٽر کي چڱو نٿو سمجهي. اهو به ٻڌايانوَ، آئون جو اوهان وٽ هتي اچان ٿي، ان ڪري به هو مون تي ناراض آهي.“ +اهو ٻڌي مهاشيه کي چوٽ رسي هئي. سوچڻ لڳو- +”هڪ معمولي گهراڻي جي ڇوڪري! ويچاري! مون ڪڏهن کيس بچايو هو؛ ان ڪري هوءِ منهنجي احسانمند آهي. ان جي لاءِ به ناراضگي! هڪ ادنيٰ نرس! ان جي شڪرگذاري، هن جي ساراهه... ان جو ملهه به ڪيترو آهي؟ الائي ڪڏهن، بچپن ۾ هن کي چاڪ ڪيو هوم. پاڻ کي به ياد ڪونه اٿس- اها ڳالهه- هن نينگر ئي کيس اها يادگري ڏياري هئي. سنه اوڻويهه سو ٽيهه!“ +”سب رجسٽري آفيس ۾ هڪ هيڊ ڪلارڪ آيو هو: رام لوچن سرڪار. پنهنجي سڪيلڌي وڌوا ڌيءَ سان گڏ، استريءَ ۽ ڌيءَ جي هڪ معصوم ٻچڙيءَ سان گڏ، انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو. ڪل اٺ مهينا هت رهيو هو. هن جي وڌوا ڌيءَ ڏاڍي بيمار ٿي پئي هئي. ڪنهن کي به اميد ڪانه هئي ته هوءَ ڪا بچندي. مهاشيه علاج ڪري کيس نوبنو ڪيو هو. سيتا تڏهن هڪ ابهم ٻالڪا هئي: هڏين جو پڃرو. اوڻويهه سو ايڪٽيهه ۾ جيڪا مليريا ٻارن جي لاءِ مهاماري بڻجي آئي هئي تنهنجي چپيٽ ۾ هيءَ ٻچڙي به اچي ويئي هئي، مئل جهڙي ٿي ويئي هئي. ان مان هن ٻچيءَ ��ي پاڻ ئي بچايو هئائين. ان ڏينهن گهر ۾ ويهي جڏهن سڄو قصو سڻائي ويئي، تڏهن به مهاشيه کيس ڪونه سڃاڻي سگهيو: سڃاتو عطر. چي: ”اڙي، تون اهائي ڇوڪري آهين؟ ههڙي ٿي ويئينءَ؟ مون توکي ڪيترو هنج ڪڏايو آهي، تيلملي اس کارائي آهي!....“ تڏهن ڌيري ڌيري کيس ياد پوڻ لڳو. کيس ڏاڍو سک مليو هو. گويا اس وچان تتل آسمان مان ڀڳوان اچانڪ ماکيءَ جي هڪ بوند اڇلي! دنيا م اهو سک درلڀ آهي، پر ملهه ان جو ڪجهه به ڪونهي! ڪڏهن مهاشيه جي من ۾ ايندو آهي، وئدڪ جيون ۾ اڳڪٿي (موت جي) جو جيڪو لهڻو (قرض) آهي، ان کي ايشور ششانڪ جي وڌا جي سراپ سان چڪايو آهي ۽ مريض جو قرض چڪايو ويو آهي سيتا جي احسان شناسي سان. هن ٻالڪا کي تڏهن سمجهه به ڪانه هئي. ماءُ کان ٻڌل ڳالهه کي هن ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو آهي.“ +”مهاشيه آهيو؟“ +روشني کان جڳمڳ ٿيندڙ چوراهي تان لڪي وڃن سٿرو ڪونهي. چارو بابوءَ جي نگاهه پئجي ويئي. ترسڻو پيو. منهن ورائي چيائين: ”جي ها. ويٺا آهيون؟ چڱو، پرديوت بابو ڪڏهن موٽيو؟ نمستي.“ +نمستي ورائي پرديوت چيو: ”جي، چار ڏينهن ٿي ويا.“ +”چار ڏينهن؟ ٿيا هوندا. اڄ ڪلهه ڪيترن ڏينهن کان سيتا ڪانه آئي آهي. +”ذرا هيڏانهن ته اچجو. اوهان جي لاءِ ئي اسان هت ويٺا آهيون. چارو بابو آکيو. +”منهنجي لاءِ؟“ مهاشيه کي شڪ پيو. وري الائي ڪهڙي شڪايت؟‘ ’ڇا ٿيو؟ الائي ڪهڙي ڀل چوڪ ٿي ويئي؟‘ من ئي من گهڻو ئي ڦولهيائين. ’نه، ڪنهن جي موت جي اڳ ڪٿي ته ڪانه ڪئي اٿم؟ پوءِ؟ راڻا جو ذڪر؟ آخر به هو ڇا چوندا- ها، ته جيئن ته مون هن کي ڪابه اُميد ڪانه ڏيکاري، ان ڪري نااميد ٿي بنا علاج جي هو ساسين سکالو ٿيو؟ يا ائين چوندا ته مون ئي هن کي ديوسٿان وڃڻ لاءِ همٿايو هو؟! +چارو بابو چيو: ”پرديوت جي پتنيءَ کي بخار ٿيو آهي، اوهان کي هڪ ڀيرو هلي ڏسڻو پوندو.“ +”پرديوت جي استريءَ کي بخار؟ مونکي ڏسڻو پوندو؟“ +”جي. ڪلڪتي مان ئي تپجي موٽي آئي. ڪيئن ته لڳي رهي آهي! اينٽارڪ ته خبر آهي ئي، پر ٽائيفائيڊ جا به اهڃاڻ آهن. ليڪن چار ڏينهن ٻيا گذرڻ کانسواءِ رت جي جاچ بنا پتو ڪونه پئجي سگهندو. اوهان ذرا ناڙي ڏسوس. ٽائيفائيڊ به هوندوته تمام ويرولينٽ ٽائيپ هوندو. چار ئي ڏينهن ٿياآهن. پهريون هفتو آهي، پر بخار هڪ سو ٽي هلي رهيو آهي. پرديوت بابو مون کي گهرايو هو. پر مان بلڪل ٺيڪ ٻڌائي سگهڻ ۾ لاچار آهيان. اوهان ٻڌائي سگهندا. ناڙي اوهان ٻڌائي سگهندا، اهو مان وڏي واڪي چئي سگهان ٿو. هن کي به چيو اٿم.“ چارو بابو آڱر سان پرديوت ڏانهن اشارو ڪندي چيو. +هينئر وري پرديوت به ڪجهه ٻوليو:[1] ”ڊائيگونوسس اوهان جو ڪمال جو آهي. اوهان رڳو اهو ٻڌايو ته ٽائيفائيڊ آهي يا نه!“ +مهاشيه کلي پرديوت ڏانهن نهاريو. هيستائين هو رڳو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. چيائين: ”هلو.“ +* * * * +دلفريب ڪومل انگن واري، هوءَ گلاب جي گل جيئان ٽڙندڙ جوانڙي اڄ ڪوماڻي پيئي آهي. تپ جي جوش وچان منهن ڳاڙهو ۽ ڀريل ٿي ويو اٿس. ڀونئرن جهڙا گهنڊيدار وار ڪجهه ته وهاڻي تي هيٺ پکڙيل آهن، ڪجهه ڳل تي اُڏري رهيا آهن. ڳل تي آلي ڪپڙي جي پٽي اٿس. گهر مان هڪ عجيب بوءَ اچي رهي آهي. اگربتي، اوڊي ڪولين، فنائيل، دوا، سڀني جي گڏيل گنڌ. سيرانڌيءَ کان نرس ويٺي آهي. سيتا! ها اها ئي ويٺل آهي. +پنهنجي ناڙي- وديا جي گرو- پنهنجي پتا کي سمرڻ ڪري هن بيمار جو هٿ مٿي کنيو. هڪ ڇڏي وري ٻيو هٿ کنيائين. ڏسي اهو به رکيائين. بخار تيز آهي. هڪ سو ساڍن ٽن کان به وڌيڪ. چئن جي لڳ ڀڳ. +سيتا سندس منهن ڏانهن تڪي رهي آهي. انتظاريءَ وچان: ڇا ٿو چوي. پتنيءَ جي سيرانڌيءَ کان جهڪي ڪومل آواز ۾ پرديوت سڏيو: ”منجو!“ +ڀرووُن ذرا تاڻي اکيون ٻوٽي هن وراڻيو: ”اوُن“ ”هتان جو جيون مهاشيه توکي ڏسڻ آيو آهي.“ هن اکيون کوليون. وڏيون موڪريون ٻه اکيون. مهاشيه کي هڪوار مٿان کان هيٺ تائين ڏسي هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون. +پرديوت چيو: ”پنهنجي ڄڀ ته ڏيکار!“ +هن ڄڀ ڏيکاري. +چارو بابو سيتا کي چيو: ”ٿرماميٽر کڻي اچ.“ +مهاشيه چيو: ”رهڻ ڏي. هينئر کان پهريائين ڪيترو هو؟“ +ڊاڪٽر هڪ ڪاپي آڻي سامهون رکي: ”هڪ سو ٽي پائنٽ چار.“ +مهاشيه ڪمري کان ٻاهر نڪتو. چي: ”بخار ڪجهه وڌي ويو آهي. اڌ ڊگري.“ +پرديوت وٽس اچي بيٺو. هوريان پڇيائين: ”ٽائيفائيڊ؟“ +جيونمهاشيه کي تڪيلف ٿي. چي: ”اڄ ٺيڪ ٻڌائي نه سگهندس. سڀاڻي ڏسي ٻڌائيندس. اڄ منهنجو من چنچل آهي.“ +”ليڪن مانته ڪلورومائيسيٽن ڏيڻ جي سوچي رهيو آهيان. پهريون هفتو آهي“ هو ڪمري ڏانهن وريو: ”سيتا، ڪيترو بخار آهي؟“ +ٿرماميٽر کڻي سيتا آئي ۽ پرديوت کي ڏسي چپ چاپ موٽي ويئي. ليڪن هڪ هلڪي مرڪ وچان سندس چهرو ٽڙي پيو هو. ڇو ته ٿرماميٽر جي ڪاري ليڪ هڪ سو چئن جي نشان کان هڪ پائنٽ هيڏانهن هئي. ڏسي پرديوت چيو: ”ها هڪ سو چار ئي آهي.“ +جيون مهاشيه چيو: ”بخار اڄ هن کان وڌيڪ ڪونه چڙهندو. آئون صبوح جو سويل ئي ايندس.“ +”مان ڪلورومائيسٽين کڻي آيو هوس. ڏيئي سگهان ها ته....“ +”سڀاڻي اڄ نه هن بيماري ۾ اٺن ڪلاڪن ۾ ڪو خاص فرق ڪونه پوندو.“ ۽ هو مرڪيو: ”اوهان ناراض ته ڪونه ٿيندا؟“ +”جي نه. چئو“ +”اوهان اٻهرا ٿي پيا آهيو ان ڪري اوهان جو علاج ڪرڻ مناسب نه ٿيندو.“ +”جي نه. مان ٺيڪ آهيان. پر علاج مان ڪونه ڪري رهيو آهيان، چارو بابو ڪري رهيو آهي.“ +ٻئي ڏينهن صبوح جو هن جي نبض جهلي جيونمهاشيه ڳچه دير تائين ڌيان ۾ ويٺو رهيو. +ساجهر جي ويل. مشڪندڙ ڪرڻن سان گهرج ٻهڪي رهيو آهي. دريون کليل آهن. ڪمري کي جيوڙا ناس ڪندڙ دوا جي پاڻيءَ سان ڌوتو ويو آهي، هڪ طرف اگربتي ٻري رهي آهي. کٽ جي ڀرسان ٽپائي تي دوا جي شيشي، فيڊنگ ڪپ، ٻه چار سنگترا، ٽيمپريچر چارٽ رکيا آهن. بيمار اڳي کان هاڻ بهتر آهي. تپ گهٽجي ويو آهي. چپ خشڪ اٿس. سستي گهٽ آهي. تڏهن به اکيون ٻوٽي پيئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن کولي ٿي. پلڪون وري جهڪي وڃن ٿيون. مٿي تي پاڻيءَ جي پٽي رکيل ڪانهي. ڳل ۽ منهن لعل ۽ سڪا پيا آهن. کلي روشني جي سرهائي ۽ ويساکي پرڀات جي مهڪ جي هوندي به گويا کيس چين نه آهي. رکي رکي نڪ کي رڳڙي ٿي. +هن نبض جي رفتار محسوس ڪئي. ڌيري ڌيري صاف پتو پوڻ لڳو.... +جهيڻي جهيڻي- ٽٽل ٽٽل- ويڪل ۽ وياڪل ۽..... +تمام جهيڻي ۽ ماندي ٿڪل چال سان ڀاري قدمن سان ڌڏندڙ گتيءَ سان هلي رهي آهي: بيوس ۽ بيڪس جي ڇاپ. گويا: گويا وياڪل جيون، ڦڙڪ، ڊپ وچان ڪو آسرو- سهارو ڳولهي رهي هجي. سر سام- بخار (مدي جي تپ) جا سمورا اهڃاڻ صاف نطر اچي رهيا آهن. تردوش (ٽي خرابيون) جو تکو ۽ ٽطرفو حملو! لڳي ٿو... خير، اها ڳالهه ڇڏي ڏجي. جيون مهاشيه اکيون کولي پرديوت ڏانهن نهاريو. هو خود سندس ڏانهن نهاري رهيو هو. خبرداريءَ سان بيمار جو هٿ بستري تي رکي هو ٻاهر نڪري آيو. صابڻ پاڻي ۽ ٽوال کڻي نوڪر بيٺو هو. هٿ ڌوئي ٽوال سان اگهندي جيون مهاشيه چيو: هيءُ ٽائيفائيڊ آهي.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: ”شڪ ته مونکي به پيو هو پر منجوءَ مون کي آڳي پيڇي ۾ وجهي ڇڏيو هو. اسان ماڻهو ته دستور موجب ٽائيفائيڊ جي سئي وٺي ڇڏيندا آهيون. چار مهينا اڳي به هيءَ هڪ ڀيرو ڪلڪتي ويئي هئي. سڄو مهينو اُتي رهي هئي. انهيءَ وچ ۾ سئي هڻائڻ جو وقت گذري ويو. مون ته هتي هڻائي ڇ��ي هئي. کيس لکي ڇڏيم: اتي ئي ٽي-اي-بي وٺي ڇڏج. هن لکيو ته وٺي ڇڏيو اٿم. مون يقين ڪري ورتو. جڏهن هتي آئي ته مون کانئس پڇيو به هو. هن چيو هو، وٺي ڇڏيو اٿم. اڄ صبوح جو هن ٻڌايو ته سئي ڪونه هڻائي اٿائين. سو به جڏهن مون کيس چيو ته مهاشيه مونکي ٻڌائي ويو آهي ته هي ٽائيفائيڊ آهي. تڏهن ئي هن کولي ٻڌايو، خير، هاڻي نشچنت ٿي ڪلورو مائيسيٽن ڏيندس. چارو بابو، هريندر بابو ٻئي اچي رهيا آهن. تن کان به رايو وٺان ٿو.“ +سيتا ڪمري ۾ آئي. وهنجي سنوارجي هوءَ ڄڻڪ سنجيوني بڻجي موٽي آهي. اڄ هوءَ بيحد خوش آهي. شايد ڊاڪٽر پرديوت جي ان منظوريءَ ڪري هوءَ ڪپڙن ۾ نه سمائجي رهي آهي. +چارو بابو آيو. مهاشيه کي ڏسي چيائين: ”مهاشيه ٻڌايو! پوءِ ڇا، ڪلورومائيسيٽن. بي کٽڪي ڏيو.“ +ڪلورومائيسيٽن! نئين يگه جي ايجاد. ادڀت دوا! اٽوٽ ٽائيفائيڊ: ساکيات مرتيو جي ساهڙي- بيماري. برساتي جابلو نديءَ جهڙي تيز ڌارا: جنهن کي روڪي نٿو سگهجي، جنهن کي ورائي نٿو سگهجي. ٻوڏ وانگر من ماني ريت وهي. پاڻ کي خالي ڪري تڏهن ساهه پٽيندي آهي. ان تيز وهڪري جي رهجي وڃڻ تي زندگي ٽڪي ويندي آهي ته بيمار بچي پوندو آهي. ان باغ جيئان قائم رهندو آهي، جنن جي سموري اپج شڪتيءَ کي ٻوڏ جو پاڻي مٽيءَ سان گڏ وهائي ويندو آهي. ان جي حالت کاڌل- ڪلراٺي زمين جهڙي ٿي ويندي آهي. +برجلعل بابوءِ جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ هن وَڪٽراوفاز ڏٺو هو. ان ڀيري ته ان مان ڪو فائدو ڪونه ٿيو هو. بعد ۾ افاز مان فائدا ڏٺا اٿائين. ڪلورومائيسيٽن شايد تز ۽ اَچوڪ آهي. معيادي بخار جي بيمار کي ڏسڻي ڏيکاري روڪڻ جي جريت هيءَ دوا رکي ٿي. ٻڍو جيون مهاشيه ان کي ڏسڻ جي چاهنا ڏيکاري اتساهه سان ويٺو رهيو. ان دوا جي شيشي ونيه جي دوڪان ۾ ڏسي چڪو آهي. هڪ ڪيس جي لاءِ ٽي شيشيون ڪافي آهن. سڀاڻي کان ئي بخاري گهٽجڻ لڳندو ٽئين ڏينهن تي ته بنهه لهي ويندو. اچرج ئي ته آهي! +پرديوت چيو: منجو! منجو! وات کول! ٽيبليٽ آهن.“ سيتا ٽوال ۽ پاڻي کڻي بيٺي هئي. هن منجوءَ جي وات ۾ پاڻي وڌو. چارو بابو ٽيبليٽ کارايس. +سنجها جو جيون مهاشيه وري ويو. نبض ڏٺائين: ”تپ وڌي ويو آهي. ساڍا چار ٿيندو. سيرانڌيءَ کان اڄ ٻي نرس ويٺي آهي. سيتا شايد موڪل تي هوندي. +ٻئي ڏينهن به بخار گهٽ نه ٿيو. اڳئين ڏينهن کان به وڌيڪ ويو هو. سستي به وڌي ويس. +ٽيون ڏينهن.اڄ تپ لهي وڃن گهرجي، پر ڪٿي؟ مهاشيه گنڀير درشٽي سان ڏسندو رهيو، ”دوا جو اثر ڪيڏانهن ويو؟“ +پرديوت، چارو بابو، هريندر، ٽنهي جا من وياڪل ٿي ويا. ”سوئي ته، ته ڇا...؟“ +جيون مهاشيه درڍتا سان چيو: ٽائيفائيڊ آهي. نبض ۾ ڏاڍو ٻل آهي: ايترو ئي آئون چئي سگهان ٿو.“ ڪرڙوڍ چارو بابو، بي صبر آهي. ٿوري ۾ ئي ڀڙڪي پوندو آهي ۽ ٿوري ۾ ئي واڇون ٽڙي وينديون اٿس. هو دلشڪستو ٿي پيو آهي. اهو ئي ته! سنسار ۾ مني رشي به ڀرمائجي وڃن ٿا! +جيون مهاشيه درڍتا سان ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”نه.مون کي وهم ڪونه ٿيو آهي.“ +پريوت کي ڄڻڪ ڳڍڙيون پئجي ويئون، چي: ”چارو بابووري ڪلورو مائيسيٽن ڏيو.“ هن پنهنجي هٿ سان شيشيءَ جو منهن کوليو. دوا چارو بابوءَ کي ڏنائين. +جيون مهاشيه جڏهن شام جو پهتو، تڏهن ڏٺائين، پرديوت ٻنهي هٿن سان ڪن جهلي ورانڊي ۾ ويٺو آهي. مريض جي سيرانڌيءَ کان سيتا ويٺي آهي. سيتا ٻڌايس. ”رت جا دست آيا آهن. بخار يڪسان آهي.“ +جيون مهاشيه پاڻيهي ڪمري جي اندر ويو. بستري جي ڀرسان ويهي هن جي نبض ڏٺائين. ٻاهر اچي پرديوت جي ڪلهي تي هٿ رکيائين. +پرديوت نظر کڻي مٿي نهاريو: ”مهاشيه!“ +”ها اوهان دل نه هاريو. رت جا دست ٿيا ته ڇا ٿيو؟ هن بيماريءَ ۾ اڪثر ٿيندو آهي ۽ ٿيندو آهي به ته روڳي جي ڀلي ڪاڻ. مون نبض ڏٺي آهي. ٽطرفي خرابيءَ جو اثر گهڻو ڪجهه گهٽجي ويو آهي. بيمار هينئر بهتر آهي. اوهان ڳڻتي نه ڪريو. مون کان ڀل ڪانه ٿي آهي.“ +ڊاڪٽر يڪ ٽڪ ڏانهنس نهاريندو رهيو. مهاشيه دهرايو: مان اوهان کي ڪوڙو دلاسو نٿو ڏيان.“ +پرديوت ڳچ ساعت چپ ويٺو رهيو. +اسٽيشن کان هڪ بيل گاڏي آئي ۽ احاطي جي اندر گهڙي. ٻه زالون هيون. ئي وڌوائون. هڪ بيحد ٻڍي. ڊاڪٽر اڳتي وڌيو”اما!“ +”منجو ڪيئن آهي پٽ؟“ +”بيمار ئي آهي. مگر: هن کي ڇو وٺي آئي آهين“ پر ديوت خفي ٿي پڇيو. هن ٻڍيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين. +”ڪٿي اُڇلي اچانس پٽ؟ هيءَ ته مون کي ڇڏڻ واري ڪانهي.“ +”پر مان هن کي ڪٿي رکان؟ ڇا ڪريان؟ +”پئي هوندي ڪنهن ڪنڊ پاسيرو.گوڙشور ڪونه مچائيندو. ڪجهه ڏينهن کان الائي ڪهڙي ماٺ وٺي ويئي اٿس. ان ڪري کيس ساڻ وٺي آئي آهيان.“ +”اچو.“ +جيون مهاشيه ڏانهن مهڙ ڪري چيائين: ”اوهان ترسجو ڊاڪٽر صاحب، مان اجهو آيس. منهنجي سس جي ناني اهائي آهي. هڪ ته هيءُ بيماريءَ جو کٽراڳ، مٿان وري هيءَ اچي پيئي“ +جيون مهاشيه ويٺو رهيو. +ويساکه جو آڪاش- ڪالهه ٻنپهرن ٽاڻي هلڪو مينهن واچوڙو آيو هو. اڄ آسمان ميرانجهڙو ڪونهي. تارا جهرمر ڪري رهيا آهن. انهيءَ اڀ ڏانهن نگاهون تڪي هو ويٺو رهيو. اهريءَ حالت ۾ من ڄڻڪ سنسان پئي ڀاسيو. جيڪڏهن ڪهن شيءِ تي نظر کپائي نه ويهجي ته من ڊوڙڻ ڀٽڪڻ جي پيو ڪندو آهي. ڪنهن کان ڇا ٿيندو! هزار قسمن جا سوال. زندگي سهڪي پوندي. ڊوڙي نه سگهندي، ته به ڊوڙندي، ڊوڙڻو آڪاش جي جڳمڳاهٽ ۾ کوهجي وڃڻ جو سنجوڳ ٿيڻ سان کيس ڇوٽڪارو ملي ويو آهي. +”اما. اما.“ +”منجو! ڌيئڙي. آئون اچي ويس.“ +”ڇا اٿئي ڌيءَ؟ ڪٿي تڪليف آهي، ڪهڙي تڪليف آهي؟“ +”هان‘ اما.“ +جيون مهاشيه کليو. +ماءُ! ماءُ چئي رهي آهي اجها آئون هتي آهيان، تڏهن به مريض پڪاري رهي آهي. شايد پاسو بدلائي پڪاري رهي آهي. پنهنجي هن لنبي جيون ۾ اهڙا درشيه ڪيترا پسيا اٿائين! هاءِ ڙي منش! اها ماءُ ڇا تون آهين؟ اها ماءُ ته هوءَ آهي، جيڪا آروگيه روپڻي (سدائين نروڳي) آهي. هن جي انگ انگ ۾ امرت آهي. هن جي ڇهاءَ سان ئي روڳي جو روڳ، هيڻائي سميت مڙي وڃي ٿو. جلن گهٽجن ٿي، وياڪل، بي صبري شانت ٿي وڃي ٿي، سستيءَ جي خماري ميٽجي سجاڳي اچي ٿي؛ جيوت جي خزاني ۾ ساڙ پچ جي ڀڙڪيل باهه دٻجي جيوت جي جوت بڻجي جڳي ٿي. سموري پيڙا مٽائڻ واري، سڀ سور دک ناس ڪرڻ واري آروگيه روپڻي ماءُ هوءَ ئي آهي، هوءُ ڪير آهي. خبر ڪانهي، پر هوءِ امرت روپڻي آهي، اَڀيا (نڏر) آهي. هن کي ڏسي موت پري کان نمسڪار ڪري موٽي ويندو آهي. مهاشيه ٿوري ساعت لاءِ چنچل ٿي ويو. کيس ائين لڳو. موت ڪمري م وارد آهي. ڪنهن ڪنڊ پاسي اوندهه سان گڏجي بيٺل آهي. مريض شايد انهيءَ کي محسوس ڪري امرت روپڻيءَ کي پڪاري رهي آهي. خبرداريءَ سان هن روڳڻي ڏانهن نظر ڦيرائي. +[1] مرض جي پڇاڻ. + + +[37] + +ٻئي ڏينهن ساجهر ويل. +آرگوگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ جيون مهاشيه بيٺو هئو، پرديوت ڏانهن وڃڻ جي تياري هئي، اچانڪ پرديوت ئي سائيڪل تي اچي پهتو. ورانڊي جي سيڙهيءَ تي پير رکي سائيڪل روڪيائين. لٿو ڪونه سهڪي رهيو هو. +”تپ اڄ نوانوي تي آيو آهي.“ +”لهي ويو؟“ +”جي ها. نوانوي پائنٽ ٻه. صبوح کان ئي منجو مزي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. چوي ٿي، ٺيڪ آهيان.“ ”ايشور جي ٻاجهه ۽ اوهان جي انوکي همٿ ۽ دردتا.“ +ان واکاڻ جوان ڊاڪٽر هوبه وروڌ ڪونه ڪيو کلندي بنا سنڪوچ ان کي سئيڪار ڪيائين. رڳو ايترو ضرور چيائين: ”اوهان جي ناڙي گيان جي مدد نه ملي ها ته ايتري همٿ مان نه ڪري سگهان ها. چڱو مان هلان ٿو، خوشيءَ وچان اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙندو آيس.“ +سائيڪل وراڪو کاڌو. ڊاڪٽر تيزيءَ سان نڪري ويو. صبوح جي هير ۾ هن جا سڪل وارو ڦڙ ڦڙ ڪري اُڏامڻ لڳا. +”پرمانند ماڌو! پرمانند ماڌو! هي گووند! پرمانند ماڌو!... نام جاپ اڌورو ڇڏي مهاشيه يڪساهي کليو، ٿڌو شوڪارو ڀريائين. +سنسار ۾ جيڪي ٿورا ڪي ماڻهو ڏاڍو سکي آهن تن مان هيءُ به هڪ آهي. هن جوانڙيءَ کي هن دل سان حاصل ڪيو آهي. ٻئي ملي ڪري مانسورور آهن. +تنهن ڏينهن ڪشور به چيو هئو: ”اهائي پرپاتي ته سڀ کان وڌيڪ آهي. جنهن اهو پاتو، تنهن سڀ ڪجهه تون ڊاڪٽر صاحب. سرشٽي ان وقت مانسروور ٿي پوندي آهي.“ +هن ڪشور کان پڇيو: ”ٻڌو اٿم تون شادي ڪري رهيو آهين. پر ان جو ٿيو ڇا؟“ +هن چيو هئو: ”ڊڄي ويو هوس! وري چيو هئائين. ”وهانءُ ڪرڻ سان وَني ملندي آهي، پر جيڪو پائڻ لاءِ انسان وهانءُ ڪري ٿو، سوئي نٿو ملي، ناري ۽ پرڪرتي: ٻئي هڪڙو ستيه آهن. ٻن ڏينهن ۾ ئي ڇاتي تي پير رکي پنهنجو راهه رمندي ٿي رهي. ڪڏهن پنهنجو ڪنڌ پاڻ ڪپي رت ۾ سنان ڪندي آهي ۽ تڏهن پنهنجي ڀتار کي ڳرڪائي ڌوماوتي ديوي بڻجي پوندي آهي. وري ڪڏهن ته پتا جي مک مان پتيءَ جي نندا ٻڌي جيون تياڳي ڇڏيندي آهي. منش جي پورڻ پريم جي هٿان شانت، گنڀير ٿي شايد ئي پڪڙ ۾ ايندي آهي. جن جي ڀاڳ ۾ اهڙي حاصلات هوندي آهي، تن کي ٻئي ڪنهن به قسم جي ضرورت نٿي رهي- مان، شان، سامراج، ايتري قدر جو مڪتي به نه. انکان وڌيڪ حاصلات ٻي ڪائي ڪانهي. اها شايد ورلو ڪو حاصل ڪري ٿو. سو قدم وڌائي به ڪشور ڊپ کان پٺتي هٽي ويو. ڪهڙي خبر، اسان ٻنهي م ڪٿي ڪهڙي ڦاڪ هجي، ڦاڪ پوڻ سان خيريت ڪانهي، ڦاڪ هجي ته ناري نديءَ جيئان ڀڄندي ويندي ۽ ٻئي ٻانهون ڦهلائي سمنڊ تائين ڊوڙي به هن کي پائي نه سگهندس. ٻانهن جي ٻنڌن- ڀاڪر۾ ٻڌجندي ئي هوءَ مانسورور ٿي پوندي.“ +جيون مهاشيه بار بار من ۾ چيو: ڳالهه بلڪل سچي آهي. سنجها جو پرديوت جي ورانڊي ۾ بهي هن ان سچائيءَ کي پاڻ چڱيءَ طرح محسوس ڪيو. شام جو هن جو تپ صفا لهي ويو. +سيتا کلي ڪري ڊاڪٽر جي پتنيءَ کي چيو: اف! ڪهڙي نه ڊپ ۾ اوهان وجهي ڇڏيو هئو! +”توکي ڏاڍي تڪليف ڏسڻي پيئي نه؟“ منجوءِ جي چپن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿي. +ٻار وانگر چنچل ٿي ڊاڪٽر ڪمپائونڊر کي چئي آيو. نرسن ڏانهن ويو. اسپتال جي بورچي موتيا کي چئي آيو، ”اڙي موتيا، بخار لهي ويو.“ کيس جيون مهاشيه جي موجودگيءَ جي به سڌ نه رهي. +بيمار جي ڪمري ۾ ڊاڪٽر جي سس پهتي. +”اهڙو تو ڊيڄاري ڇڏيو هو جو ڇا چئجي“ +”الائي ٽي چار ڏينهن ته مون کي به سڌ نه رهي!“ +”رهندي وري ڪيئن! بيهوش جا پيئي هئينءَ. اما اما ڪري پڪاريندي رهينءَ. مون چيو، اجها مان آهيان، پر تو ته نهاريو به ڪين. هيڏانهن تنهنجو هيءُ حال ۽ هوڏانهن ويچاري گهوٽهن جو حال ئي نه پڇ. هن جي شڪل ڏسي منهنجو ته روئڻ به محال ٿي ويو. ائين لڳو، منجوءَ کي ڪجهه ٿي پيو، ته هيءُ ته چريو ٿي پوندو.“ +”چريو ڪونه ٿئي ها سنياسي ٿي وڃي ها يا آپگهات ڪري ها.“ +ورانڊي ۾ بيٺي بيٺي جيون مهاشيه پنهنجي اندر جي اکين سان پروڙيو، روڳڻيءَ جي چپن تي مرڪ جي ريکا نمودار ٿي هئي، وڏي چوڏس جي باقي رات جي اچانڪ کڙيل چانڊوڪيءَ جهڙي کل- ۽ ان کل جي ڪري هوءَ لڄ محسوس ڪانه ڪري رهي آهي. مڪمل پاڻي ملڻ سان جهڙي طرح ناز سان گل ٽڙندو آهي، اهڙي طرح هو تيز مرڪ سان ٽڙي پيئي. +”هي پرمانند ماڌو:“ +ڊاڪٽر اچي رهيو آهي. قدمن ۾ به خوشي ڀريل اٿس. +”ڌ��ا! ڌرتري! ٻڌين ٿي؟“ +هوءَ جهور ٻڍڙي عورت ڊاڪٽر جي سس کي سڏ ڪري رهي آهي. اڄ ڪيترن ڏينهن کان هو ان آواز کي سڻي رهيو آهي. اندرئين ورانڊي مان اهو آواز اچي ٿو. ڌنڌلي اکين ۾ پسي ٿو: هڪ ڊگهي قدار پيرسن وڌوا خشڪ اکين سان چپ چاپ ويٺي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي پڪاري ٿي: ”ڌرا! ڌر تري!“ +هن پاسي کان ڪوبه جواب نٿو اچي. مريض جي سيرانڌيءَ وٽان ڪير جواب به ڪيئن ڏي؟ هوءَ پيرسن عورت نيٺ چپ ٿي وڃي ٿي. هن کي ڏسڻ سان لڳي ٿو، ڪڏهن هن شاندار جيوت ماڻي آهي. ٿوري ساعت هوءَ چپ رهي ٿي، وري سڏ ڪري ٿي: ”ڌرا: ڌرتري، اڙي او ڌرتري! ٻڙي اهو ته ٻڌاءِ تنهنجي ڌيءَ ڪيئن آهي؟ مون کي ته ڪمري ۾ وڃڻ کان منع ڪيل آهي، ان ڪري وڃان به نٿي. پر هن جو حال ته ٻڌاءِ.“ +انهن جو به جواب ڪير ڏئي؟ ويچاري چپ ٿي ويئي. +اها ئي اڄ به سڏ ڪري رهي آهي. اهو ئي ساڳيو آواز. اڄ ڌرتريءَ ورندي ڏني: ”چئو، ڇا کپيوَ؟“ +”کپي وري ڇا؟ تون ٿينءَ منهنجي ڏوهٽي، تنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ ۽ تنهنجي ڌيءَ ٿي منجو. تنهن وٽ آئي آهيان، اهائي ته وڏي شرم جي ڳالهه ٿي! وري ان جي مٿان ڇا گهران؟“ +”چئي رهي آهيان: منجو ته ٺيڪ آهي؟ ذرا هن ڪمري ۾ وڃان، کيس ڏسان! اکئين ڏسي نٿي سگهان، ذرا هٿ ئي مٿس ڦيري اچان.“ +”او ڊيڪولين ڪونه لڳائيندينءَ؟“ منجوءَ جو آواز. اها جهيڻي کل، پر زور سان کل نڪتي! +”ڏيندينءَ ته لڳائينديس. ڪيترن ڏينهن کان آئي آهيان: تيل ڪونه لڳائي سگهي آهيان. سنان وقت کوپرو لڳائڻ لاءِ ملندو اٿم. اهو ته مان لڳائي نٿي سگهان. ڇا ڪريان اڻڀي مٿي سان ئي وهنجي وٺندي آهيان. اوڊيڪولين نه سهين، ذرا خوشبودر تيل ڏينم.“ +”چپ ڪري ويهه. ناٺيم پيو اچي.“ +منجو جي ماءُ ڊاڪٽر کي ايندي ڏٺو: ٻڍڙيءَ کي هن خبردار ڪري ڇڏيو. +جيون مهاشيه ذرا دکي ٿيو. +“ڪٿي، ڪٿي آهي تنهنجو ناٺي؟ ذرا هن کي ته مون ڏانهن موڪل، اڄ چاهي مان رستي جي ڌوڙ جهڙي ڪم کان ويئي پيئي آهيان، چاهي منهنجو گهڙڻ سان ڪمرو گندو ٿو ٿئي، ڇهڻ سان اوهان جا هٿ ميرا ٿا ٿين؛ پر ڪڏهن منهنجي به روپ جواني هئي: عزت آبرو هئي. سڀ ڏينهن ههڙي حال ۾ ته ڪانه رهي آهيان. وري مان ٿيس منجوءَ جي ماءُ جي ماءُ جي ماءُ. ان ناتي به مون سان ڳالهائڻ ته گهرجيس.“ +”ڇا پئي چوين، ڇا؟“ ڊاڪٽر اهي ڳالهيون ٻڌي ورتيون. ورانڊي ۾ بهي ڪري سڀ ڪجهه سڻي ورتائين. منجوءَ جي ماءُ کي اهڙي حالت ۾ ساوڌان ڪرڻ جو به وجهه ڪين مليو. ڊاڪٽر جو من خوشيءَ وچان ڦوليو نٿي سمايو. سو کلي چيائين: ”ڇو ڪونه، اوهان سان ضرور ڳالهيون ڪندس. اوهان اسان جا پوجنيه آهيو پر منجوءَ جي بيماريءَ ڪري....“ +”ها ادا، سو ته آهي. مونکي جيڪا لڄ، جيڪو ڊپ ٿيو سو ڇا ٻڌايانءِ؟ سوچيم، نيٺ مان آيس ئي ڇو؟ مان ڏائڻ آهيان. سواميءَ کي کاڌم، هن کي کائي ڌيءَ جي گهر ويس، ان کي به کاڌم. انهيءَ ناٺيءَ وٽ تنهنجي سس کي نپايم تاتيم. ڌيءَ جي پهاڄ آئي،. ان جون ڇڙٻون سهي ات رهيس. تهانپوءِ ڌرتريءَ جو وهانءُ ٿيو. هن وٽ پهتيس. هيءَ به وڌوا بڻي. هاڻ آئي آهيان هتي، ڇو آيس؟ جنهن سبب کان آئي آهيان، سو ته ڄاڻين ٿو. وڏو ڊاڪٽر آهين، منهنجون اکيون ٺيڪ ڪر.“ +”چڱو. سڀاڻي کان ئي دوا ڏيندس.“ +”دوا نه، آپريشن ڪر.“ +”ان جو آپريشن ٿورو ئي ٿيندو. موتيو پاڻي ته نه آهي.“ +”نه نه. آپريشن بنا ٺيڪ ئي نه ٿينديون؛ ان سان ئي ٺيڪ ٿينديون. ڪيترن جون ٺيڪ ٿيون آهن.“ +”خير. سڀاڻي کان چڱيءَ طرح جاچ ڪري ڏسندس. چڱو مان ٻاهر وڃان؟ اوهان کي هتي ڪا تڪليف ته ڪانهي؟“ +”تڪليف ته ادا آهي! لڳائڻ لاءِ ڪو سٺو تيل کپي. هيءُ منهنجا ڪپڙا به ڏا��ا پراڻا ٿي ويا آهن.“ +لڄي ٿي ڪمري جي اندران ئي ڊاڪٽر جي سس چيو: ”ان جو اپاو به ڪهڙو آهي؟ ڪپڙي تي ڪنٽرول آهي: ڪپڙي جي اڻاٺ سبب سڄي دنيا ڦاٽل سبيل پهري ڏينهن گذاري رهي آهي.“ +”هائو، سو ته آهي. سکه. هڪ اڌ منجو جو ئي پراڻو ڪپڙو ڏج. اهو ئي پهرينديس.“ +”منجوکلي ڏنو. ”رنگين، ڏوري واري ساڙهي...“ +”ها، اهائي پهرينديس، پر هيءَ لتا ته پهري ڪانه ٿيندي.“ +ورانڊي ۾ جيون مهاشيه کي ڏسي ڊاڪٽر ذرا شرمندو ٿيو. کيس هن جي هوئڻ جو سماءُ ئي ڪين رهيو هو. خوشيءَ وچان وساري ويٺو هو +”مونکي دير ٿي ويئي، مهاشيه.“ +”مڙيو ئي سک آهي.“ +”۽ ڀاءُ منجوءَ جا گهوٽ! ٻڌين ٿو؟ ”هن ٻڍڙيءَ وري چيو. +”مصيبت آهي!“ پرديوت هاڻ خفي ٿي پيو. شايد اهو سوچي گرم ٿي ويو جو هن ٻڍڙيءَ جون ڳالهيون جيون مهاشيه به ڪنين سڻيون. ٻڍڙيءَ تي ته خفي ٿيو، شايد جيون مهاشيه تي به ڏمريو. ’بيٺي بيٺي ٻڌڻ سونهين نٿو، کيس هليو وڃڻ کپي ها. دل ۾ چيائين.‘جيون مهاشيه چيو: ”چڱو ته آئون هلان ٿو.“ +”ٿوري دير وهندا ڪونه؟“ +”سڀاڻي ايندس.“ +”چڱو. جنهن ڏينهن منجوءَ کي ڀت ملندو، مان دعوت ڏيندس.“ +”ٺيڪ ته آهي.“ +”پر اهو اوهان کي ٻڌائڻو پوندو ته ڀت ڪهڙي ڏينهن ڏنو وڃي. ڪلورومائيسيٽن سان تپ لهي ويندو آهي، پر رلئپس جو ڊپ ته رهي ٿو. اوهان جنهن ڏينهن ٻڌائيندا ته نبض ۾ ڪوبه نقص ڪونهي، ڀت يا کاڌو ڏيئي سگهجي ٿو، انهيءَ ڏينهن کيس ڏنو ويندو. جڏهن رت جا دست آيا اٿس ته ضرور اِنٽيسٽائين ۾ پرفوريشن ٿيو آهي. ڀت ان ڪري خوب سوچي سمجهي ڏيڻو پوندو.“ +هوڏانهن هوءَ ويچاري ٻڍڙي سڏ مٿان سڏ ڪري رهي آهي:”اڙي او ڀائو، ٻڌين ٿو؟“ ذرا ساعت ماٺ ڪري وري: ”منجوءَ جا گهوٽ!“ وري: ”ڊاڪٽر صاحب!“ +دٻيل زبان سان منجوءَ جي ماءُ چيس: ”ناني ٿورو ترس؛ هو هينئر مهاشيه سان ڳالهائي رهيو آهي.“ +مهاشيه سان؟ مهاشيه ڪير؟“ +”جيڪو نبض ڏسڻ ۾ ماهر آهي، هتي جو ڪويراج!“ +”اڇا!“ ٻڍڙي ڪنهن اونهي سوچ ۾ پئجي ويئي. +ٿوري ئي دير ۾ سجاڳ ٿي سڏيائين: ”ذرا، هن جي ڳالهه پوري ٿي ويئي؟ مان هڪ ڳالهه چئي رهي هئس.“ +هينئر شايد پرديوت ڪاوڙ وچان چريو ٿي پيو. منهن ورائي امالڪ چيائين: ”چيو مانءِ ته، سڀاڻي اکيون تپاسيندس، پوءِ جيئن هوندو، ڪيو ويندو.“ +”نه ڀاءُ- اهو مان ڪونه چئي رهي آهيان.“ +”ته پوءِ ڪپڙا؟ ڪپڙا به آڻي ڏندس.“ +”نه نه.“ +”تڏهن ڇا؟“ +”هيءُ مهاشيه جي آهي نه، ٻڌو اٿم، نبض ڏاڍي سٺي ڏسي ڄاڻندو آهي...“ +”ها پر هيءُ ڇا ڪندو؟ هو ته آپريشن مان ڪين ڄاڻي.“ +”هڪوار کيس پنهنجو هٿ ڏيکاريان.“ +”هٿ ڇا ڏيکاريو. چڱي ڀلي ته آهين. ڪابه بيماري ڪانهي.“ +”بيماري ته مونکي گهڻي آهي. اوهان ماڻهن جي جهل ۾ نٿي اچي. پراڻا ماهر ئي ان کي ٺيڪ سمجهي سگهندا. ذرا کين چئو ته. تنهنجي لاءِ ته مان ويئي پيئي آهيان، پر هن کي چو ته مان ڪانديءَ جي زميندار فلاڻي بوس جي استري آهيان. فلاڻي بوس کي ته سڃاڻندو هجي، اهڙو ماڻهو ئي هن پرڳڻي ۾ نه آهي. ٻيو، ته اها سموري پنهنجي ئي ذميداري ته هئي. ذرا هن کي چئي ته ڏس، ته ڪهڙي نه عزت سان ڏسي ٿو. ان کانسواءِ منهنجو پتا.... هن جو....“ +پرديوت جي صبر جو پيالو ڪاوڙ وچان ڀڄي پيو. پر چوي به ڇا، ٻاهر مهاشيه بيٺو آهي. +منجوءَ جي ماءُ ٻڍڙيءَ جو هٿ دٻائيندي چيو: ”ناني، چپ ڪر.... هاڻ چپ رهه.“ +ٻاهران مهاشيه سڏ ڪيو: ”پرديوت بابو!“ +پرديوت ٻاهر آيو.سڀ کان اول هن هٿ جوڙي چيو: ”هن جي ڳالهين جو اوهان خيال نه ڪندا. هوءَ ڪهني زماني جي زميندار جي گهر جي ننهن ٿي رهي آهي. هينئر چري ٿي پئي آهي.“ +کلي مهاشيه مرڪندي چيو: ”نه، نه اوهان کي ان ريت سنڪوچ ڇو ٿي رهيو آهي؟ هوءَ هٿ ڏيکارڻ چاهي ٿي، هلو ڏسي وٺان. انهيءَ ڪري ته هن کي خوشي ٿيندي. ڪانديءَ جي ڪهڙي گهر جي ننهن آهي... ڪنهن جي استري؟“ +”ڀوپن بوس جي. ماڻهو کيس ڀوپي بوس چوندا هئا. جهڙو بدفعلي هئو، تهڙو ئي هٿ ڦاڙ. سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو، پرشراب ڪونه ڇڏيائين.“ +”مان هٿ ڏيکارينديس. ٻڌو اٿم، هٿ ڏسي هو موت جي اڳڪٿي ڪري ٿو. مان به ڄاڻڻ ٿي چاهيان ته ڪڏهن مرنديس. تون هن کي ٻڌاءِ، منجري آهي، منجري جو هٿ ڏسڻو آهي. مان هن جي ماستر جي ڌيءَ منجري آهيان. ڪانديءَ جي فلاڻي بوس جي استري! هو مون کي سڃاڻي ويندو.“ +ڄيٺ جي مهيني جي رات، بادل رهت آڪاش اچانڪ ڪومل نيري پرڪاش سان ڀرجي ويو ۽ ان مان ڄڻڪ هڪ تارو ٽٽي پيو. جيونمهاشيه سناٽي ۾ اچي بيٺو رهيو. +”منجري!“ +اسپتال جي ڊاڪٽر پڇيو: ”اوهان هن کي سڃاڻندا هئا؟“ +”ڇو ڪين. خوب سڃاڻان ٿو. اوهان کي اعتراض نه هجي ته آئون هن جي ناڙي ڏسان؟“ +”ٺيڪ ته آهي. اڄ ئي ڏسندا؟“ +ڪهڙو هرج آهي. ڏسي ئي وٺان.“ +پرديوت چيو: ”هن کي گهڻائي روڳ لڳل آهن. ڪيترو سارو زهر ته پتي ڏيئي ويو اٿس. سڀ ڪجهه ته ٻڌايو اٿائين.اوهان به ڄاڻو ٿا.“ +”ڄاڻان ٿو.“ +”هنجي ويچار جو زهر رت ۾ آهي. هٻڇ ڪري اِسٽمڪ- اِنيٽيسٽائين به روڳ ۾مبتلا ٿي ويو اٿس، وقت جي ڪميءَ سببان جسم کوکلو ٿي پيو اٿس. من جي اشانتي به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. اکين کان ڏسڻ کان لاچار آهي. ڪنن کان به ڳري آهي. ڪولائيٽس ته لڳل ئي اٿس، سياري ۾ سهڪو ۽ مٿي ۾ سور رهندو اٿس، تڏهن به جيئري آهي. ڇچوري ڪري کائيندي آهي.“ +ڊاڪٽر پاڻ جهلي ورتو. کيس لڳو، وڌيڪ چوڻ واجب نه ٿيندو. +”منجري چوري ڪري کائيندي آهي، چوري ڪري خوشبوئدار تيل لڳائي ٿي. هٿوراڙيون هڻي جنهنجا به هجن، صاف سٿرا ڪپڙا پهري ٿي. اهي مڙيئي حقيقتون گذريل ڪيترن ڏينهن کان هنن ماڻهن جي واتان مهاشيه ڄاڻي چڪو آهي. +هن پرديوت کي چيو: ”هلو“ +پرديوت چيو: ”تنهن ڏينهن مون کيس موتيءَ ماءُ جو قصو سڻايو.اوهان جيڪي چيو هئو، سو به ٻڌاءِ. پر ڪنهن کي ٻڌائجي، ڪير ٿو ٻڌي؟ چيائين: منجوءَ جو هڪ پٽڙو پنهنجي اکئين پسان، ان کان پوءِ... ان کان پوءِ.“ +مئي ڪانه ته قصو ختم. +* * * * +منجري جي سامهون وڃي مهاشيه ڪجهه دير اسٿر ويٺو رهيو. للاٽ تي قطار ۾ ريکائون بڻجي آيس، اکين ۾ هڪ انوکي نظر نروار ٿي، کيسي مان عينڪ ڪڍي پاتائين. غور سان ڏٺائين. دور کان ’ته کيس ايامن کان ڏسي رهيو اهي، پر اڄ چشمو چاڙهي لڳاتار يڪ ٽڪ نگاهه سان ويجهو ڏٺائين: نه نه، هن جو قطرو به ثابت ڪونه بچيو آهي.‘ +”پنهنجو هٿ ته ڏيکاريوم.“ +’ناڙيءَ ۾ بخار آهي. بيماريءَ کان اندر ويران ٿيل آهي، چت ۾ لوڇ متل آهي. نبض جي هر هڪ ڌڙڪڻ بتائي رهي آهي. جسم جي هر هڪ سوراخ ۾ اُڀ جي تارن جيئان پراڻ ديوتا جي آرتي ڪندي جيڪي جيون – جوتيون جلن ٿيون، پاڻ پچائي پراڻ پوتر ڪري ان کي جاڳرت ڪن ٿيون، اهي اجهامي رهيون آهن، ڪي ٻري ٺري وسامي ويئون آهن. پراڻ ديوتا جي چوڌاري ڇايا جوگهيرو اچي چڪو آهي ۽ برف جا ڇهاءُ پيکري رهي آهي. آخرين حد جي قطري تي پهچڻ جي راهه هينئر نالي ماتر باقي آهي. ناڙيءَ جي ڌڙڪڻ ۾ جيڪو جيون سنگيت جاڳي ٿو، اهو جهيڻو ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي آخرين ڇند سان سماپتيءَ جي سيگهه جي پڌرائي ڪري رهيو آهي.‘ +هن ان هٿ کي رکي ٻيو هٿ وڌائڻ لاءِ چيو. +هڪڙو ئي حال. ساڳيو راڳ، ساڳيو سر. +”ڇا ڏٺو؟ اک ڪن سڌري ويندا؟ چڱي ڀلي ڪري سگهندا مون کي؟“ +”نه“ +”مٿي جو سور، پيڙا؟“ +”هاڻ ٺيڪ نه ٿي سگهندو. پر اڄڪلهه وڏيون سٺيون- سٺيون دوائون نڪتيون آهن- کائيندا، سور گهٽ ٿيندو. آئون هڪ ٽوٽڪوٻڌائي ويندس: تنهن مان ڪجهه گهٽ ٿيندو.پر بلڪل ٺيڪ نه ٿي سگهندو.“ +”۽ پيٽ جي گڙ ٻڙ؟“ +”اهائي ته اوهانجي اصلي بيماري آهي.“ +”ٺيڪ ڪري وٺو.“ +”ٺيڪ؟“ +”ها ها منجوءِ جي ٻار کي ڏسي وٺان!“ +”جنم چڪر ۾ وشواس رکندا آهيو؟ اوهان ئي ٻار بڻجي هنجي گود ۾ موٽي اچو، اهو ته پاڻ وڌيڪ چڱو ٿئي!“ +ذرا چپ رهي ٻڍڙيءَ چيو: ”يعني اوهان وڃڻ لاءِ چئي رهيا آهيو. ڪانه بچنديس. پر، پر مونکي ڏاڍو ڊپ جو ٿئي ٿو.“ +”ڊپ ڪهڙي ڳالهه جو؟ هيءَ ته مڪتي آهي.“ +”مڪتي؟“ +”ها، مڪتي نه ته ڇا؟ اتي اوهانجا پوٽا، ماتا، پتا، ڀاءُ، ڌيءَ، ناٺي سڀ اوهان جي راهه تڪي رهيا آهن.“ +ٻڍڙيءَ جون اکيون چمڪي ويئون. بي نوراکين سان سامهون طرف نهاريندي کوهجي ويئي. +مهاشيه اٿي بيٺو. ڪرسيءَ جي کسڪڻ جي آواز تي ٻڍڙي سچيت ٿي ويئي! چي:”ته توهان به چئي رهيا آهيو، مون کي وڃڻو پوندو. ڪيترن ڏينهن جي اندر؟“ +پرديوت اتي آهي، مهاشيه به ان ڳالهه کي وساري ويٺو. کيس ان ڳالهه جي به ياد نه رهي ته پرديوت کي اڳڪٿيءَ تي سخت اعتراض آهي. هو وري ويهي رهيو. هڪ ڀيرو وري ٻڍيءَ جو هٿ چڱيءَ ريت: ڏٺائين ۽ چيائين: ”ٽن کان ڇهن مهينن جي اندر. انهيءَ عرصي ۾ اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ويندو. پر اڄڪلهه جي دوائن جي استعمال ڪرڻ سان ڪجهه وقت ممڪن آهي وڌيڪ ڀوڳيو. اڄ ڪلهه ڏاڍيون طاقتور دوائون نڪتيون آهن.“ +”نه. دوا هاڻ ڪانه کائيندي آهيان. اوهان مون کي چڱي يادگيري ڏياري ته هو هتي منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. جيترو جلدي مونکي مڪتي ملي، اوترو ئي چڱو ٿئي. اڄ تائين مون کي چڱي ريت اها ڳالهه ڪنهن به ڪانه سمجهائي هئي. اف....! الائي ڪڏهوڪو هو ويچارا منهنجي واٽ ڏسي رهيا هوندا ۽ مان.....“ +ٻڍيءَ جو آواز ڏڪڻ لڳو. بي نور ٻئي اکيون يڪ ٽڪ ٿي ويئون: لڙڪ وهڻ لڳا. +مهاشيه ماٺ ميٺ ۾ اٿي هليو آيو. +اکيون ڦيرائي هڪ اڀو ساهه کڻڻ تي هو ته ڇرڪي ويو. سامهون واري آئيني ۾ هن پنهنجو روپ ڏٺو. اڇا وار، ڳل گهنجن ۽ کڏن سان ڀريل، منهن هيڊو: هڏن جي پڃري جيئان بيٺو آهي. هڪ ڳالهه کيس ياد اچي ويئي. پتا جيءَ چيو هو: ”هر جنم موت کي ساڻ آڻي ٿو. روز روز هو وڌي ٿو ۽ پنهنجي ان واڌ ۾ ئي هو پنهنجو انت آڻيندو هلي ٿو. پاڻ کي موت ڏانهن گهليندو وڃي ٿو. ان ريت جيون سنگرام ۾ جنهن ڏينهن هو ٿڪجي پوي ٿو، انهيءَ ڏينهن ٻڍاپو اچي وڃي ٿو. ٻڍاپي کانپوءِ اچي ٿو انت. يعني جي اڄ آئون سج اڀرائي جنم وٺان ٿو ۽ مران ٿوته ننڊ سان گڏ سج لٿي رات جي اونده ۾ وري نئين جنم جي پرڀات ۾ جنم وٺان ٿو.“ +مهاشيه کي هن ريت غرق ٿيندو ڏسي پرديوت کي تپرس وٺي ويو هو. ڪرسيءَ کي ٿورو کسڪائي چيائين: ”ويهو.“ +مهاشيه جو اٽڪيل اڀو ساه ٻاهر کڄي آيو. هن منهن ورائي ڪرسيءَ کي ڏٺو ۽ ويهي رهيو. پڇيائين: ”ڇا ٿا ڀانيو؟“ +ٻڍيءَ پڇيو. اوهان جيون مهاشيه آهيو؟ نوگرام ديويپور جو جيون دت؟ آئون منجري آهيان. ڪانديءَ جي بنڪم جي ڀيڻ. ماستر نوڪرشڻ سنگهه جي ڌيءَ.“ +مهاشيه کلي چيو: ”ٻڌڻ سان ئي سڃاڻي ويس، ڳچه ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اچي ٿي. +’ٺيڪ ٿا چؤ. ڌنڌلي ڌنڌلي. هتي اچي جيون مهاشيه- جيون مهاشيه ٻڌندي رهيس. نوگرام. سڃاتل جهڙو لڳو. ٻڌل جهڙو نالو لڳو، وري اوهان جو ڳالهائڻ ٻڌي ساڳيو ئي زور ڏيئي ڳالهائڻ ٻڌي سمجهي ويس، اوهان ساڳيا ئي آهيو. هو به ته مهاشيه ئي هئا. گهر به سندن نوگرام ۾ هو. دماغ ته اڄڪلهه ٺيڪ نٿو رهي. هينئر ڪجهه ياد آيو. هينئر ئي وسري ويو. پڇاڙيءَ ۾ سوچيم. هو هجن يا ٻيو ڪوئي هجي. هيڏو وڏو ڪويراج آهي، هٿ ته ڏيکاري وٺان. من ڪٿي چڱي ڀلي ٿي پوان.“ +اسپتال کان هو ٻاهر نڪري آيو. ڊاڪٽر پرديوت ڦاٽڪ تائين گڏجي آيس. چي: ”اهائي آهي اوهان ماڻهن جي اڳڪٿي؟“ +مهاشيه کوهيل نگاهن سان هن ڏانهن تڪيندو رهيو. هن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه ڪانه ويٺي. پرديوت چيو: ”اوهان کان سکڻ جي اِڇا ٿئي ٿي.“ +* * * * +مهاشيه جي من ۾ هن پيلي رنگ واري ڇوڪريءَ جي ڳالهه چڪر ڪاٽي رهي هئي. پيلو رنگ، پيلا وار پيلا نيڻ: ريشم پهريل، سڀني انگن ۾ ڪمل ٻج جا ڳهڻا انڌي، ٻوڙي. هر گهڙيءَ اهائي ساڻ آهي، ڪايا سان گڏ ڇايا وانگر. پور هئي سان گڏ جيئن آرام؛ آواز سان گڏ جئين روڪ؛ سجاڳيءَ سان گڏ جيئن رهي ٿي ننڊ. موت جو قاصد هن وٽ پهتو آهي ۽ هوءَ انڌي گونگي ديوي سڀني انگن ۾ امرت جو ڇهاءُ ڪري ٿي ڇڏي. لامحدود، اننت شانتيءَ سان جيون جڙي ٿو پوي. منجري گويا انهيءَ ريت ڳنڍي ٿي ڇڏي ۽ ملڪ الموت اهو گويا ڀوپي بوس جو روپ ڌاري اچي ٿو. +’هي پرمانند ماڌو! سرشٽيءَ ۾ جيڪو تنهنجي ماکيءَ جو رس ڀريل آهي، اهو ئي موت ۾ امرت آهي.‘ +هن پنهنجي نبض پڪڙي رت جي رفتار اڄ تيز آهي، ڇاتيءَ جي ڌڙڪڻ وڌي ويئي آهي. نس نس مان پگهر نڪري رهيو آهي. اهڙي آنڌمانڌ هن هڪ عرصي کان محسوس ڪانه ڪئي. پاڻ ڇا آهي- منجو ڇا آهي؟ پر سندس موت جو قاصد ڪهڙي روپ ۾ ايندو؟ منجري ڪانهي، هوءَ جيون جو ڀرم آهي. وهم آهي. عطر جي ويس ۾؟ سندس پتا جڳت مهاشيه جي صورت ۾؟ گرو رنگلعل جي مورتيءَ ۾؟ يا هو ٻاٽ اوندهه ۾ لڪل هوندو، کانئس ڏٺو نه ٿيندو؟ ونوهاري؟- +ڪير؟- +ان ريت پهه پچائيندو هو اچي اَروگيه نڪتين جي سامهون سهڙيو هئو. هڪ بتي ٻري رهي هئي. ڪير ويٺو آهي. ڀروون تاڻي پڇيائين:”ڪير آهي؟“ +مهاشيه بابا! مان آهيان مان: ”مري!“ +”مري ويشڻوي! هيتري رات مهل” ڪهڙي ڳالهه آهي مري؟“ +”اڄ ساوتري چوڏس آهي بابا! اڀيا چيو: تون ڪنهن کي ساڻ وٺي مهاشيه وٽ وڃ.“ +’ساوتري چوڏس!‘ ڪڏهن ڏهاڳ جي ڏک جي ڪلپنا ڪري هن ابي وانگر سنيهه ۽ سڪ سان اڀيا کي کارائڻ چاهيو هئو، پر هن کي کيس سراپ ڏنو هو. اڄ هوءَ ڏهاڳ رهت- ورت جي سلسلي ۾ کيس ڀوڄن ڪرائيندي. ڌيءَ جهڙي اڪير سان ئي هن نوتو ڏنو آهي.‘ +ڀروون تاڻي ترڇيءَ نگاهه سان هن اوندهه ۾ ئي هڪ ڀيرو تڪيو. شايد پاڻ مرادو سوال ڪيائين. وري کاٻي هٿ سان هڪ ڀيرو ساڄي هٿ جي ڪرائيءَ کي زور سان دٻائي ڏٺائين، پر ستت ئي ڇڏي ڏنائين. چي: ”هل“ + + +[باقي] +چئن مهينن کان پوءِ +اوڻويهه سو ايڪونجاه عيسوي جي سيپٽمبر جو مهينو. سنجها جو ٽاڻو. ڊاڪٽر پرديوت پنهنجي بئگ ۽ بلڊپريشر (رت جو داٻ) ڏسڻ جو اوزار کڻي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ ورانڊي ۾ تيار بيٺو آهي. ڀرسان ئي هڪ ننڍي ٽپائيءَ تي چانهه جو ڪوپ رکيو آهي. +اندران منجو نڪتي. هوءَ به شايد ٻاهر وڃي رهي آهي. +چانهه جي ڪپ ڏانهن ڏسندي چيائين: اڙي اڃا ڪونه پيتي اٿو؟“ +”نه. وڻي ڪانه،“ +”وڻي ڪانه؟ مان ٺاهي کڻي اچان؟“ +”نه. من نٿو چاهي.“ هن هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيو: ”آخر هن رج مڙس سان ايترو جڪڙجي ويس! تنهنجي بيماريءَ جي وقت مدد ته سڀني ڊاڪٽرن ڪئي، پر سهائتا کان وڌيڪ مهاشيه جو سنيهه وڏي ڳالهه ثابت ٿي.“ ذرا ساعت چپ رهي ڪداچت ڪجهه سوچي چيائين: ”اها خوبي ماهرن ۾ ئي ٿيندي آهي اسان کان جيڪي ائين نه ٿئي. وڏي ڄمار ۾ ائين ٿي سگهي ٿو، پر....“ +پتني ڏانهن نهاريندي چيائين:”پر اڄ اڃا هاڻي ته تون آئي آهين، گاڏيءَ مان لهندي ڪلاڪ به نه ٿيو هوندءِ. اڄ کڻي نه هلين ها ته ڇا هو. تنهنجي صحت اڃا اهڙي سٺي ته ڪانه ٿي آهي.“ +بيماريءَ کانپوءِ هن منجوءَ کي آبهوا بدلائڻ لاءِ ٻاهر موڪليو هو. اڄ ئي ٽئين پهر واري گاڏيءَ ۾ موٽي آئي آهي، مهاشيه جي طبيعت خراب آهي. پرديوت هن کي ئي ڏسڻ وڃي رهيو اهي. هوءَ به ساڻس وڃڻ لاءِ تيار ٿي آئي آهي. مهاشيه بيمار آهي. لڳ ڀڳ چئن مهينن کان اهڙي حالت ۾ هلي رهيو آهي. وچ وچ ۾ کٽ داخل به ٿيو. هيڏانهن گذريل ٽن مهينن کان طبيعت وڌيڪ بگڙيل اٿس. رت جي داٻ جي بيماري: بلڊپريشر. ڪليجي ۾ چوٽ. ’ڪارو نري ٿرمبسس‘ +منجو چيو: ”نه نه، ڪوئي هرج ڪونهي. مان ٺيڪ آهيان.“ +”ٺيڪ آهين؟“ پرديوت کليو. من جي اِوشن کي سمجهڻ مشڪل آهي. ”مهاشيه بيمار آهي.“ اهو ٻڌي مان پهرئين ڏينهن وٽن ويو هوس. تڏهن درد ۽ تڪليف ۾ به کلندي چيو هئائين: سنيهه، ديا، پريم ڪجهه ڀي چاهي ڏيو، ڪيترو به ڏيو، پر هو کميا ڪري نٿو سگهي ڊاڪٽر صاحب! پاپ لاءِ هجي توڙي پڃ لاءِ هجي، جيون کي پيڙڻ سان ئي ان سوراخ وسيلي هن جي ڇوت جسم ۾ داخل ٿيندي آهي. منهنجي سرير ۾ به ان جي داخلا ٿي چڪي آهي. منهنجي پڄاڻيءَ جو وقت اچي چڪو آهي.“ +کاٻي هٿ سان پنهنجي ساڄي هٿ جي ڪرائي پڪڙي نبض جاچيندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو، ڳوٺ کان ٻاهر، ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ واري واٽ تي هوُ اچي ويو آهي. ڳوٺ ۾ گهڙي رهيو آهي.“ +ان ڏينهن سندس من جي عجيب حالت هئي. +جڏهن هو منجريءَ کي ڏسي ٻاهر نڪتو هئو. تڏهن هن جي ڏٻري هڏائين سرير ۾ نسن- رڳن ۾ رت جو دورو تيز ٿي ويو هئو. +انو قت دل پراپتيءَ جي هڪ عجيب سواد جو لطف محسوس ڪيو هو. اهو آنند انوکو هئو! بي مثل هئو! +وري مٿان اسپتال جي سرڪاري ڊاڪٽر ڦاٽڪ وٽ کيس چيو: ”اهائي اوهان جي ’اڳڪٿي‘ آهي.“ اها ته مون کي به سکڻ جي خواهش ٿئي ٿي!“ +گهر موٽڻ وقت هن جي من ۾ آيو: ان انڌڪار ۾ هو جهنگلي هاٿي وانگر موت جي غفا جي ڳولها م نڪري پوي. ڌوُ ڌوُ ڪري رهيو آهي، ڏسائن رهت، لوڪ هت، ساهواري رهت علائقي يا گهنگهور اٿاهه بن ڌم ڌم ڪري رهيو آهي، بيشمار گدڙن جي گڏيل اونائي گونججي رهي آهي، لڳي ٿو، مرتيو جي اٿاهه سنسان وجود ۾ جنم جنمانتر کان جيون جو وهڪرو جاري آهي، اتي ئي ان عظيم وهڪري ۾ هينءَ جنم جي اميد ڌاري خوشيءَ سان ٽپو ڏي. هو پنهنجي ناڙي جهلي هلي رهيو هو، پر اجهل خوشيءَ وچان ٻوڌ ٽڪي نه سگهيس. پهچندي ئي گهر ۾ ويشڻو مري مليس. ترت ئي هن سان گڏ نوتو نباهڻ هليو ويو. عطر منع ڪيس، پر هن جي منع ڏانهن ڌيان نه ڏنائين نه مڃيائين، ايترو ئي نه، بلڪ عطر جي ڳالهه تي ڪروڌ وچان جيڪا هن رڙ ڪئي سا اڄ به ڪنن ۾ گونججي رهي آهي. زندگيءَ ۾ هن اهڙي رڙ ڪڏهن به ڪهن ڏينهن به ڪانه ڪئي هئي. +اول عطر ٻائيءَ ئي غصي وچان اڇاترو ڳالهائيندي چيو هو: ”هن عمر ۾ به هيتري رات جو نوتو کائڻ وڃي رهيو آهين! اهڙو خالي تنهنجو پيٽ آهي؛ وَن وهاريءَ کي کائي به تنهنجو پيٽ ڪونه ڀريو اٿئي؟ +ٻيءَ کن ۾ زبردست رڙ سان رات جو آڪاش به ڇرڪي ويو هو: گجندڙ شير وانگر هن گرجنا ڪندي چيو: ”عطر!“ +مري ويشڻوي به ڇرڪ ڀريو. ساڻ گڏجي آيل ماڻهوءَ جي هٿ مان لالٽين ڇڏائجي ڌڙام سان هيٺ ڪري پيو ۽ وسامي ويو. +اڀيا اوندهه ۾ ورانڊي ۾ بيٺي سندن انتظار ڪري رهي هئي. سڄو ڏينهن نرجل اپاس: ڪک سان به پاڻيءَ جو ڦڙو نه ورتائين. سڀاڻي به اڌ ڏينهن اپواس، رڳو پنهنجي وڻ جي ڦل ۽ ماکيءَ تي رهندي. ايندڙ جنم ۾ سهاڳ جو ڦل ملندو. ’جيسين هوءَ جيئري رهندي موت کي سندس پتيءَ جي ڀرسان اچڻ جو به ساهس ڪونه ٿيندو. اڀيا جي هلندڙ جنم جي ورت جي ڦل پڃ سان، جيڪڏهن هو موت جي بيماريءَ جو به شڪار ٿيندو ته به موت کي موٽي وڃڻو پوندو.‘ ساوتريءَ به اهوئي ورت پاليو هئو. ستيوان جا پرا�� کڻي يمراج يم لوڪ وڃي رهيو هئو. اتي جو پنڌ ته آسماني آهي. آسماني- رهسيه لوڪ! دنيوي اکيون اتي جي لاءِ انڌيون آهن. پر ان ورت پالنا جي پڃ سان ئي ساوتريءَ مئل پتيءَ کي جيئاري موٽي آئي هئي. ساوتري جي ڪٿا سچي يا ڪوڙي آهي، ان ورت جي پالنا سان اڄ تائين به ڪڏهن ڪنهنجو اهڙو سوڀاڳيه ٿيو آهي يا نه، ان جو ڪنهن ويچار ڪونه ڪيو. هن ديش جون ناريون سدائين کان ان ورت جو پالن ڪنديون پيئون اچن. هن اڀيا جي اپواس سان سڪل منهن تي انهيءَ درڍ وشواس جي ڇاپ ڏٺي هئي. ان کي ڏسي هن جي منهن تي شڪل پکش جي چنڊ جهڙي سنهڙي مشڪ جي هڪ ليڪ نمودار ٿي هئي. ان ريکا کي ڏسي مهاشيه جي من ۾ ڪروڌ جي جيڪا به آنڌ مانڌ هئي، بلڪل ڌوپجي ويئي هئي، اسوءَ جي شفاف آسمان وانگر هن جو چت چمڪي پيو هئو من ئي من ۾ هن چيو هئو: ”ويڄ جي ناتي آئون اهو ڄاڻان ٿو ته موت کي نه پڃ جو ويچار آهي نڪو پاپ جو، هن جي راهه وناش دئاران آهي، جتي وناش جو زور وڌيل آهي، اتي موت جي جئه آهي، ڌرو سمان اٽل ۽ دائمي آهي! وري به آئون اڄ بار بارآسيس ٿو ڪريان، اهو سچ ثابت ٿئي، ايندڙ جنم ۾ تنهنجي سواميءَ جي جيون ۾ وناش پرٻل به ٿئي ته تنهنجي پڃ پرتاپ سان موت کي ان ۾ هار مڃڻي پوي!“ +هن جي سامهون ڀوڄن جي ٿالهي پرڇي اڀيا چيو هو: ”هيءَ منهنجي ڪيترن ڏينهن کان سَڌ پئي رهي آهي. هر سال ساوتري ورت جي موقعي تي براهمڻ ڀوڄ ڪرائڻ کان پوءِ به مون کي ائين پئي لڳو آهي ته اهو پورو نه ٿيو آهي. اوهان ڀوڄن ڪريو، ته پورن ٿئي.“ +کلي ڪري مهاشيه چيو هو: ”پٽ! هن ڀيري شل پورن ٿئي.“ +”اوهان کي ڇا کارايان؟ مون ٻڌو آهي، رات جو چانورن جي ڀت ۽ ڦل کانسواءِ اوهان ٻيو ڪجهه ڪين کائو. اهوئي آڻيان؟ کير، انب، ڪيلا ۽ مٺائي!“ +”تون جيڪي به ڏينديم ڌيءَ سوئي مان کائيندس. اهو ئي امرت آهي.“ +”هڪ، بس هڪ پوري. ٿوري ڀاڄي، ٿورو شرووو.؟“ +”تون پنهنجي هٿن سان جيڪي به رڌيو هجي سو کڻي آءُ.“ +سچ پچ کاڌو امرت جهڙو کيس لڳو هو. اهڙي چاهه سان هڪ عرصي کان هن نه کاڌو هو. کائي ڪري اٿيو ته کيس لڳو،”گهڻو کائي ويو آهي.“ +انهيءَ ننڍڙي ڇيد جي سهاري هن جو (موت جو) دوت رات جي پوين پهرن ۾ هن جي ڇاتيءَ تي سوار ٿي ويو. ڀانيائي، ڇاتيءَ تي ڪنهن وزني پٿر رکي ڇڏيو آهي. دماغ جون نسون سست پئجي ويون هيون سمجهه ڪنهن اٿاهه سڃي دائري ۾ گم ٿي ويس. رڳو جيوَ سنٻڌي سمجهه جي شڪتي پاڻ کي سچيت ڪري جند جان سان چلائي اٿي- درد گاڏڙ چيخ! +عطر سمهي ڪانه هئي. من جي ماندگيءَ کي هوءَ سڄي رات لڙڪن ۾ وهائيندي رهي. اٿي هن بتي ٻاري ۽ هن جي سيرانڌيءَ کان اچي ويٺي. وئدراج جي نونهن، وئدراج جي پتني، پٽ به سندس ڊاڪٽر بڻيو هو- هوءَ پتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڦان ٿي ڪانه ڪري پيئي. چرين جيئان هائيدوس مچائي ڪانه رئڻ لڳي، هن پتيءَ جي مٿي تي، منهن تي، اکين تي پاڻي ڇڻڪيو، وڃڻي سان هوا ڪئي، اهڙي طرح شيوا ڇا ڪري ڪئي. مهاشيه اکيون ڦاڙي بيسود نظر سان ڏانهنس نهاريندو رهيو هو. +عطر ڪشور ۽ ونيه کي اندروءَ جي ذريعي خبر موڪلي، ستاب کي به چوائي موڪليائين. ڪشور ۽ ونيه ئي هريندر ۽ پرديوت کي خبر ڏني هئي. هنن جي اچڻ تائين مهاشيه پاڻ سنڀالي ورتو هو. +رت جي داٻ هو ٻه سو چاليهه. +ٽئين پهر مهاشيه هيءَ ڳالهه چئي هئي: +’موت کي پاپ- پڃ جو ويچار ڪونهي‘ چيو هئائين ”پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ان جي ڇپيٽ ۾ پاڻ اچڻ سان به موت ايندو آهي ۽ هن سان ڪنهن تي ڇريءَ جو وار ڪندي خود ڇرو کائيندي به موت اچي سگهي ٿو. ان معنيٰ ۾ هو نروڪار آهي.“ +نهنجي ناڙي ڏسندي چيو هئائين: موت جو قاصد اچي رهيو آهي. ائين پيو لڳي ته ڳوٺ جي ٻاهران هن جي شهسواري جي آهٽ ٿيڻ لڳي آهي- ڳوٺ جي مهاڳ واري پٿ تي ڌرمراج جي چبوتڙي تي ويهي ذرا ساهي پٽي رهيو آهي.“ مهاشيه ذرا مرڪيو هو. +پرديوت چيو هو:”اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ منهنجي لاءِ مناسب ته ڪونهي. پر اهو دراصل ٿرمبسس ته ڪونهي- سپئجم جهڙو ٿو لڳي. وڃي رهيو آهي. پار ٿي ويندو.“ +پندرهن ڏينهن ۾ئي نونبو ٿي اٿيو هو. چيو هئائين” ”گنگا جي ڪناري ويندس.“ +ليڪن وڃڻ نه ٿي سگهيو. سندس ئي راءِ بدلجي ويئي. عطر جي باري ۾ سوچي چيو هئائين: نه، رهڻ ڏيو. عطر اڪيلي رهجي ويندي. هن جي تڪليفن جي ڪائي حد نه رهندي. اهو ته اوهان سڄڻ آهيو، جو هٿ وٺايو ٿا. اُتي؟ اُتي ڪير هٿ وٺائيندو؟“ +عطر چون چرا به ڪانه ڪئي. گويا بت بڻجي ويئي، ون وهاري جي وڌوا ۽ سندس پٽ هڪ ڀيرو اچي کيس ڏسي ويا هئا. پهرئين صدمي کان پوءِ مهاشيه چڱو ڀلو ٿي اٿيو هو. گهمي ڦري سگهيو ٿي. +پريوت چيو هو:”مون چيو هو نه، اوهان ٺيڪ ٿي ويندا.“ +مهاشيه کلي ڏنو هو، ڪڇيائين ڪجهه ڪونه. +پرديوت شڪايت ڪئي هئي: ”اسان کي پر هڪ ڳالهه چوڻي آهي. اوهان بار بار پنهنجي نبض ڏسو ٿا.“ هن وراڻيو هو: ”اهوته مان ڪيترن ڏينهن کان ڏسندو پيو اچان، ڊاڪٽر صاحب.“ +”نه. نبض ڪونه ڏسي سگهندا.“ +کلي مهاشيه چيو هو: ”هڪ زماني کان نبض ڏسي ماڻهن کي موت جو ڏينهن ٻڌائيندو پيو اچان. پاڻ جڏهن تندرست هئس، تڏهن کان نبض ڏسندو رهيو آهيان. تنهنجو سراغ حاصل ڪرڻ لاءِ- ۽ اڄ جڏهن هو پاڻ سامهون آهي، تڏهن ان ڪري پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيان ته هن جي پيرن جي آهٽ نه سڻي سگهان؟“ +پرديوت کان ان جي ورندي ڏني ڪانه ٿي هئي. مهاشيه وري چيو هو: موت جو مون کي ڪوبه خوف ڪونهي ڊاڪٽر صاحب. تنهنڪري ان جي گهٻرائٽ سان رت جي داٻ جي وڌڻ جو امڪان ڪونهي.پر...“ +هڪ کن چپ رهي چيو هئائين: ”پر پهرئين ڏينهن تيار ته ڪونه هوس، ننڊ ۾ اوچتو دل تي حملو ٿيو. انوقت دڄي ويو هوس، بي سهاري ٻالڪ وانگر هڪوار رڙ به ڪيم. مون موتيءَ جي ماءُ کي ڌڪاريو پر هن جو قصور ڪونهي. موت جي ڊپ کان وڌيڪ ڪوبه ڊپ ڪونهي. موت جي پيڙا کان وڌيڪ ڪانه پيڙا ڪانهي. ان ڊپ کان بچڻ لاءِ آئون اُٺ پکيءَ وانگر ريتيءَ ۾ منهن وجهيو پيو هجان؟“ +ٽن مهينن کان پوءِ رت جو ٻيو دورو ٿيس. ٻئي ڏينهن چيائين: ڊاڪٽر صاحب! هينئر ته هو ڌرمراج مندر جي مولسري وڻ هيٺان ٿڪ ڀڃي رهيو آهي.“ +پرديوت کي گذريل ڳالهه ياد ڪانه هئي. هن پڇيو: ”جي؟“ +”وري هڪ جهوٽو آيو. رت جو داٻ وڌي ويندو.“ +”جي نه. پريشر ته ساڳيو ئي آهي.“ +”وڌندو. مونکي نبض مان پتو پوي ٿو.“ +پريشر (داٻ) سچ پچ وڌي ويو هو. ٻئي ڏينهن هاءِ بلڊ پريشر چڙهيل هو. شام ڌاري لڳ ڀڳ بيهوش ٿي ويو هو. اڄ کان چار پنج ڏينهن اڳ ٽيون ڀيرو حملو ٿيس. +ڊاڪٽر پرديوت چيو: ”ڪالهه کان ڌيان مگن ويٺو آهي. اکيون ٻوٽي اڌو گابرو سمهيل آهي. مونکي چيائين، مون کي ننڊ جي دوا نه ڏجو... آئون ننڊ ۾ نٿو مرڻ چاهيان، جاڳرت اوسٿا ۾ موڪلائڻ چاهيان ٿو.“ +منجوءَ پڇيو: ”اوهان منهنجي ماءُ جي نانيءَ جي مرڻ جي خبر ٻڌي آهي؟ اوهان مهاشيه کي ٻڌايو هو؟“ +”مون چوڻ ته چاهيو ٿي؛ پر هن ٻڌو ڪونه. چٺي به کيسي ۾ وجهي ويو هوس. چيم، منهجي سس جي هوءَ ٻڍڙي ناني، ڪانديءَ واري ڀوپي بوس جي استري.... جنهنجي اوهان ناڙي جاچي هئي... هٿ سان اشارو ڪري منع ڪيائين. چي؛ ”رهڻ ڏيو.“ +وهاڻي جي سهاري اڌ ليٽيل. اکيون ٻوٽي مهاشيه ڌيرج اوسٿا ۾ پيو هو. موت جو انتظار ڪري رهيو هو. ڄاڻ اٿس ته يمراج جي سواري اچي رهي آهي. هن جي پيرن جي آهٽ محسوس ڪري چڪو آهي؛ جنهن ڏينهن بلڊپريشر (رت جي داٻ) جو پهريون حملو ٿيو هوس. آخري گهڙي هن جي دوبدو ٿيڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن هن کي روپ هوندو، ته هن کي ڏسندو، آواز هوندو ته ٻڌندو، هن ۾ بوءِ هوندي ، ته آخرين پساهه سان ان بوءِ جو واس وٺندو ۽ ڇهاءُ هوندو، ته ان ڇهاءُ کي محسوس ڪندو. وچ وچ ۾ ڄڻڪ سڀ ڪجهه گهاٽي ڪوهيڙي سان ڇانئجي الوپ ٿي وڃي ٿو... سڀ ڪجهه ڄڻڪ غيب ۾ سمائجي رهيو آهي. ماضي، حال، يادگري، خود شناس، مڪان، زمان... سڀ ڪجهه. وري اهي سڀ موٽي ٿا اچن... اکيون کولي انهن کي واچي ٿو. اچي ويئي سواري؟ هو سڀ ڪير آهن؟ پريان کان ڇايا چترن وانگر ڏيکاري ڏيندڙ هو سڀ ڪير آهن؟.... +ڏاڍي جهيڻي ڀاو سان هنن جو آواز سندس ڪنن ۾ پهچي ٿو. +”ڇا ٿا چون؟ ڇا؟“ +”ڇا ٿي رهيو آهي؟“ +مهاشيه ڪنڌ ڌوڻيو ”الاجي“ ڪنڌ ڌوڻيندي ئي هن جون پلڪون وري جهڪي ويئون. پرديوت ڏٺو، هن جي مرجهايل چهري تي هڪ گهري شانتيءَ جي ڇايا پئجي رهي آهي. +”مهاشيه ڇا ڏٺوَ؟“ پرديوت سمجهي ڪين سگهيو. +اهڙي مهورت ۾ عطر مهاشيه جي منهن کي جهلي چيو: +ڌيان سماپت ٿي ويو؟ ماڌوُ جي چرنن ۾ شانتي ملي ويئي؟ ۽ آئون؟ مون کي به ته پاڻ سان نيو هل“ +شانت آتم سمپرڻ ڪندي هوءَ ڀتار جي بستري تي ڍرڪي پيئي. + +سماپت \ No newline at end of file