diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book13.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book13.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book13.txt" @@ -0,0 +1,1447 @@ +ڪتاب جو نالو: بلو کوکر + + + +بلو کوکر +صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي +ڇپائيندڙ پاران + +”بِلو کوکر“سنڌي ٻوليءَ جي لکيل بنيادي ناولن مان هڪ اهم ناول آهي. هن ناول جو پهريون ڇاپو ناول جي مصنف: شري صاحب سنگهه شاهاڻي سنه 1929ع ۾ ڇپرايو هو. 60 واري ڏهاڪي ۾ مصنف جي ذاتي دلچسپيءَ تي هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن سنه 1955ع ۾ بورڊ جي پريس ۾ ڇپيو ويو، ان کان پوءِ بورڊ هن ڪتاب جا نوان ڇاپا سنه 1963ع، سنه 1972ع ۽ سنه 1988ع ۾ ترتيبوار شايع ڪيا. بورڊ جي سلسلئه اشاعت جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي جيڪو اوهان سڄڻن جي مبارڪ هٿن تائين رسيو آهي. +ليکڪ، هن ناول ۾ هڪ ماڻهو جي ازدواجي زندگيءَ کي فوڪس ڪيو آهي ۽ ناول جي ساري ڪهاڻي هڪ اهڙي ڪردار جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪو شروع ۾ پنهنجي ڪوتاهين جي ڪري ڪافي ذهني ۽ جسماني صدما ۽ عقوبتون سهي ٿو ۽ آخر ۾ سندس موت ڀيانڪ انداز ۾ ٿئي ٿو. ان کان علاوه هن ناول ۾ عورت جي مظلوميت ۽ شرافت کي نهايت سبق آموز پيرايي ۾ ڏيکاريل آهي. +اميد اٿئون، ته هيءُ نئون ڇاپو، سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ خصوصن ڪارآمد ثابت ٿيندو. + + +ڄام شورو، سنڌ اعجاز احمد منگي +خميس 4_ شعبان المعظم 1427هه سيڪريٽري +بمطابق 31_ آگسٽ 2006ع سنڌي ادبي بورڊ + + + + +لفظن جي فهرست، پڙهندڙن جي سهوليت ۽ اطلاع لاءِ هيٺ ڏجي ٿي: + + + +هوا هئا جڏه جڏهن يا جڏهين +پي پئي کنياءِ کنيائين +ٻنهين ٻنهي پڇاءِ پڇيائين +ڪياءِ ڪيائين مايٽ مائٽ +ابهو اهو تڏه تڏهن يا تڏهين +کينون کنيو دوڪان دڪان +ڪڏه ڪڏهن يا ڪڏهين ٿئڻ ٿيڻ +ايها اها ماڻهون ماڻهو +انهين انهيءَ هواءِ هئائين + + + +« + +ديباچو +مون وٽ هڪڙو کوکر پهريائين هاري ۽ پوءِ ڪمدار هو. هاري تمام چڱو هو. آڌائين جي وقت ۾ گدرن جي واڙيءَ ڪرڻ کان سواءِ گسندو ئي ڪين هو. گدرا ماکيءَ جهڙا مٺا ٿيندا هئس. وري جڏهين ڪمدار ٿيو، تڏه ناليءَ جي سنڀال جهڙس ڪنهن نه ڪئي. پنج سال کن ججهيون ڦٽيون هر دوسري (ٻي) سال سندس کري ۾ ڪٺيون ٿينديون هئيون. هو سچو ۽ ايماندار هو ، جنهنڪري ٻيا به کيس ڏسي ايمان ۾ هلندا ايندا هوا. نيٺ ايمان کٽس. چوريءَ ۾ پيو. ۽ ڪم کان عاري ٿيو. ڪمداري هٿان ڇڏائي ويس. هارپ به چڱي نه ڪياءِ، قرضي ٿيو. ڀڄڻ لڳو. مون کي گهڻو ڪمائي ڏنو هواءِ، تنهنڪري مون ڇڙواڳ ڇڏيومانس. مال سميت راتاهو ڏناءِ. هڪڙي صبح خبر پئي ته ڳوٺ ۾ آهي ئي ڪو نه. منهنجي چئي، ڪو منهنجو ماڻهو پٺيائنس نه پيو. ورهيه گذريا. ڪيتو پنهنجو آڏو آيس. ترين ڀر وڃي ٿيو، تان جو منهنجي ڳوٺ ۾ موٽي آيو، ۽ ٻڌوسون ته ننهن، پٽ جي صلاح سان ٿو وڪڻي. صلاح ڏنيوسونس ته اهڙو ڪڪرم نه ڪج. پر پيءُ پٽ هڪڙيءَ تي ٿي بيٺا، نيٺ پندرهين سوين زال وڪياءٌ، جا زال اڃا جيئري آهي، هاڻ وري مڙسهنس ٻي پرڻيو آهي. +اُنهين وڪاميل زال جو پيءُ منهنجو هڪڙو چيدو ڪافير * هو، جنهن جهڙو مون ڪنهن ٻي ڪافير کي ڪافي ڳائيندي ڪافيءَ ۾ محو ٿيندو نه ڏٺو آهي، جنهنڪري به مان انهيءَ وڪاميل زال جي خبر رکندو ٿو اچان +مون جڏهن هارڊيءَ جو ناول ”دي ميئر آف ڪاسٽر برج!“ پڙهيو، تڏه ڏٺم ته زال جي وڪري جي ڳالهه جا انهين ڪتاب ۾ ڏنل آهي، سا مٿين کوکر جي ننهن جي وڪري سان گهڻي مشابهت ٿي رکي، ۽ هينچرڊ جو مينيجر ۽ دوست به علامتن ۾ جمڙائو جي پٽ وارن پنجابي ڪالونٽسن، مان ڪن جهڙو آهي. ايليزبيٿ جينءَ ته، مُنهنجي پنهنجي پنگت ۾ ڪي چڱي ۾ چڱيون ڇوڪريون آهن، تن جهڙِي مون کي نظر آئي. سوهن جهڙيون زالون ٻنيءَ تي ۽ پنهنجي پنگت ۾ مون گهڻيون ڏٺيون. خيال ڪيم ته جي هارڊيءَ جي ناول جي ڪهاڻي ۽ شخص پنهنجي ڏٺلن ڳالهين ۽ ماڻهن سان آميز ڪري، ڪنهن وقت هڪڙو سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول لکيم، ته شايد ڪارگر ٿي پوي. ڪمن فرجو نه ڏنو، تان جو گهوڙي تان ڪريس ۽ بيمار پيس. بيماريءَ ۾ به ڪا حڪمت! فرصت ملي، ڏيڍ مهيني کن ۾ هيءُ ناول، جنهن جو نالو مون ”بلو کوکر“، رکيو آهي، سو مون تاريخ 17_ مئي 1929ع ۾ پورو ڪيو. اميد ته هن ناول جي ڳالهه، شخص ۽ الفاظ پڙهندڙن کي پسند ايندا. +ڳالهه جو مختصر بيان نه ٿو ڏيان. ڀلي ته پڙهندڙ پاڻ انهي ڳالهه جو ڦورو ڦولهي، ۽ ڦلهڻ جو سواد وٺي. +هن ناول جا شخص خاص پنج آهن: ابراهيم خان کوکر، در محمد دهلوي، حليمان، رحمت ۽ خانزادي، بچي. انهن جا ڳڻ اوڳڻ به پڙهندڙ ڀلي پاڻ سوچي. +هن ناول ۾ ميرپور ۽ آس پاس جي ڀومي رنگ بتائڻ جي ڪوشش نه ٿيل آهي، ۽ نڪي ايڊيٽر، ڊاڪٽر، ۽ وڪيل، جي ميرپور ۾ موجود آهن، تن جي ڪنهن ذڪر جي به ڪا ڪوشش ٿيل آهي. ميونسپالٽي ۽ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ هاڻي ڏيهي ٿا ٿئن. لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ته هيستائين اڪثر اڻ پڙهيل ٿيا آهن، جنهنڪري ابراهيم خان کي به وجهه مليو، جو محنت سان چڙهي وڃي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو. +علم جيترو حليما، رحمت ۽ خانزاديءَ ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ايترو ٻهراڙيءَ جي مسلمان زالن ۾ هينئر، به اڪثر نه ٿو لڀي. پر اُميد ته هن ناول ۾ ايتري حال کان انحرافي معذور رکي ويندي. +هيءُ ناول جا الفاظ نڪي اجهل سنسڪرت، نڪي اجهل پارسي يا عربي آهن، هن ناول ۾ ڪوشش ايها ٿيل آهي ته عام مروج ٻولي ڪم اچي، ۽ جتي خاص خيال رکيل آهي، اتيئي اُچيرو الفاظ ڪم آندو وڃي. اُميد ته هندن ۽ مسلمانن ٻنهين کي هن ناول جي ٻولي پوري نظر ايندي. +الفاظ جي جملن جي ترڪيب ۽ جيتري قدر لکندڙ کان ٿي سگهيو آهي، اوتري قدر سنڌي سٺي اٿس، پر ڪجهه انگريزي اصطلاح به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آڻڻ گهرجن، جئن ته ”جيسين پورو احوال نه ڏئي ته ڪيئن جوءِ ۽ ڌيءَ وڃائي هئاءِ، تيسين ڪارگر مدد ڪيئن مليس؟“ (باب 2، صفحو 19) ”هئاءِ“ کي ”اٿم“ ڪرڻ، مون کي ته عقل جو ڪم نه ٿو ڏسجي. اڻ سڌو گفتگو گهڻو ڪري اڻ سڌيءَ طرح ظاهر ٿيڻ گهرجي. اهڙي طرح، خانزادي ڏاڍي منتظر هئي ته دهلوي اچي ته کيس سچي حقيقت ٻڌائي، هتي ٻُڌائي، کي ٻُڌايان، ڪرڻ مون کي واجب نظر نه ٿو اچي. حقيقت پاڻ ٻڌائي يا ڪو ٻيو؟ +پوري سنڌي ٻولي حيدرآباد جي ٻولي سمجهڻ گهرجي، ۽ نه اُتر جي يا لاڙ جي يا اُڀي جي يا ٺٽي جي. حيدرآبادي مون کي، نه چوندا آهن، پر مُکي، مون ۾ زور ڀريو خيال پئي اُٿيو آهي ته مان پنهنجي ڪتابن ۾ مونکي مکي ڪري لکان. پر وري به انديشو پئي ٿيو اٿم ته ترسان ته چڱو، جيسين تائين ڪا ڪاميٽي سڄو قصو، سنڌي هجي اصطلاح، وغيره جي ويچاري. تنهن هوندي به ”ڪئن“ ”جئن“ ڦيرائي ”ڪيئن“ ”جيئن“ ۽ ”سمجهيو“ ڦيرائي ”سمجهو“ جيئن ته اهي اکر حيدرآباد ۾ خوانده ماڻهو اُچارين ٿا _ تيئن لکيا اٿم، اُميد ته گهربل ڪاميٽي جلد مقرر ٿيندي، جا ضرور گهربل تبديليون ويچاري، مقرر ڪندي ته ڇا روا رکجي ۽ ڇا نه. +ڪراچي، +تاريخ 6 _ مئي 1929ع - صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي + + + + +مان هيءُ ڪتاب پنهنجي پيءُ راءِ بهادر ديوان چندا سنگهه ڪانسنگهه شاهاڻيءَ کي سچي پيار سان ارپيان ٿو. - صاحب سنگهه + + +باب پهريون +ٿر ۾، اونهاري جي آخر ۾، هڪڙي شام جو، اڃا هاڻوڪي صديءَ کي ڄائي ڏهه ورهيه مس ٿيا هئا، ته هڪڙو جوان مڙس ۽ هڪڙي جوان زال آڪڙيءَ جي ڳوٺ کي پيرين پنڌ ويجها پوندا پئي ويا. زال کي ٻار ڪڇ تي هو. ٻنهي کي ڪپڙا سادا، پر نه خراب، ڍڪيل هئا، مٽيءَ جا تهه سندن جتين ۽ ڪپڙن تي، ظاهراً وڏي مسافريءَ کان چڙهيل هئا، جنهنڪري سندن چهرو گهڻو ڌمڪيل ٿي نظر آيو. +مڙس بدن جو ٺاهوڪو هو. رنگ ڪاريرڙو ۽ رونق ڀلي، بلڪ شوخ هيس. ننڍو، نيرو ڪڙتو هٿرادو کديءَ جو پيل هوس ۽ شلوار به کديءَ جي ڪاري جهولدار ڍڪيل هيس. پٽڪو بافتي جو، سو به ڪارو رڱيل هوس، پٺي تي کجيءَ جي پتن جو ڪڙن ڇٻو، ونگيل پٽي ۾ قابو ڪيل هوس، جنهن ڇٻي مان ڏاٽي جو هٿيو ۽ ڪي واڻ جون ويڙهيون پئي ڏٺيون. هلڻ جو نمونو مَيَل توريل هنر مند دهقانيءَ جو هوس، ۽ نه کٿڙيل رواجي مزور جو. پيرن جو کوڙڻ ۽ ڦيرائڻ مان سندس ارادي ۽ عادت جي پڪائي ۽ گفتي جي بيپرواهي معلوم ٿي، ٿي. جيئن هليو ٿي، تيئن سندس ڪانچ جي ورن مان به سندس ساڳي صفت پئي بکي. جهڙا ور ساڄيءَ ڄنگهه تي ٿي ٿيس، تهڙا ڏائيءَ تي. +پر درحقيقت عجب ڳالهه هن جوڙي جي روش به نسبت هيءَ هئي. جو اصل چپ چاپ ڪيو پئي هليا . هڪٻئي سان ڀڻڪو به ڪو نه ٿي ڪڍيائون، جا ڳالهه جيڪا ڪو به اتفاقي نهاريندڙ، جو هونءَ کين ڏسي به نه ها، تنهنجو ڌيان ڇڪي. پاسو پاسي سان ڏيئي پئي هليا. پريان جيڪر ائين پيو ڇائنجي ته آهستو مٺيون پيار ڀريون ڳالهيون ڪندا ٿا وڃن، پر ويجهي نظر تي پروڙجي سگهيو ٿي ته اهو مڙس، ڇٻي واري پٽي جي ونگ مان جو هٿ نڪتل هوس، تنهن ۾ هڪڙو ڪاغذ جهليو پڙهندو ٿي ويو. اُنهيءَ ڪاغذ پڙهڻ مان مزو ٿي آيس، يا رڳو اهو بهانو ٿي ڪيائين _ ڇو جو زال سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اُگري ٿي لڳيس. سا حقيقت رڳو کيس ئي معلوم هئي. ائين نه هو ته مڙس جي ڀر ۾، زال کي مڙس جي محبت نصيب نه هئي.. ڌيءُ جا کنيون پئي ويئي، تنهن سان ڪڏهن ڪڏهن ڀڻڪو ڪندي پئي ويئي، هونءَ ته چپ ئي ڪو نه ٿي چوريائين. نڪي وري مڙس جي ماٺ تي عجب ٿي ڏيکاريائين. مڙس جي ماٺ تي هريل هئي. +انهيءَ جوان زال جي بت جي بناوت جي هڪڙي خاصيت اها هئي، جو سندس روح جي هلچل جي خبر سندس منهن مان ترت پئجي ٿي سگهي. جڏهن پاسيرو پنهنجي ڇوڪر ڏانهن ٿي نظر ڪيائين، تڏهن سندس منهن سهائيندو، نمڪين ۽ نور ڀريو ٿي لڳو. جي ائين ڪندي سج جي روشنائي سندس روشن تي ٿي پيئي ۽ سندس ڇپر ۽ ناسون چمڪيون ٿي، ۽ سندس چپ ڳاڙها ٿي نظر آيا. پر، جيئن لوڙهي جي ڇانوَ ۾ پنڌ ڪندي پئي آئي، تيئن گهڻو دل سڏ ٿي ڏني. ائين پئي ڀانيون ته سندس خيال اهو هو ته انسان سان قضا ڪيئن به هلي ته عجب نه کائجي. ڇو ته هن حياتي ۾ انسان اڪثري ڪو حق نه ٿو رسي. +ڳچ وقت کين رڳو پکين جي سانجهين واري لات ۽ اڌ لات پئي ڪن پيئي، پر جيئن ڳوٺ کي ويجهو پوندا ويا، تيئن تکيرا آواز ٻڌڻ ۾ آين. جڏهن ڳوٺ جا گهر نظر آين، تڏهن، هڪ گُڏ ڪڍندڙ گڏين، جنهن کي ڪوڏر ڪلهي تي هئي، جنهن جي ڳن ۾ رومال اندر ٻڌل سندس روٽلو ٽنگيل هو. ڇٻي واري جنهن پڙهيو پئي، تنهن مٿي نهاريو ۽ چيائين، ”ادا، ڪو ڌنڌو هتي جڙندو؟“ متان گُڏ واري نه سمجهيو هجي، سو ڪاغذ، جو هٿ ۾ هوس، تنهن سان ڳوٺ ڏي اشارو ڪري چيائين، ”هتي ڪو گڏن ٻڌڻ جو ڪم هٿ ايندو؟“ +گُڏ واري اڳيئي مٿو ڌوڻڻ شروع ڪيو هو. توکان سواءِ، ڪهڙو ماڻهو جنهن ۾ تر به سمجهه جو هجي، سو ائين وسهندو ته ڪو هن ڳوٺ ۾ گُڏن ٻڌڻ جو ڪم لڀندو؟ +ڀلا گهر ڀاڙي تي ملندو؟ +گُڏ واري وري مٿو ڌوڻيو ”نه“، +ڪجهه ڪم آسپاس ٿئي ته پيو _ آهي ائين ڪين نه؟ +هائو، ڀرسان پٿوري جو ميلو لڳل آهي. جيڪي هينئر واڪ ٻڌين پيو، سو آواز رڳو ٻارن ۽ اُلن جي پئسن وڃائڻ جوآهي. سچو ڌنڌو هن ميڙي ۾ پهرئين پهر ٿئي ٿو. مون سڄو ڏينهن ميڙي ۾ آواز ٻڌندي به پئي ٻنيءَ ۾ ڪمايو آهي. مان پاڻ ميلو ڏسڻ نه ويو آهيان. منهنجو ميلي سان ڪهڙو ڪم؟ ميلو ٽيشن کان ٿورو پنڌ پري، پٿوري جي ماڙي��َ يا مزار تي لڳل آهي. +گَڏن ٻڌندڙ ۽ سندس زال اڳتي وڌيا، ۽ جلدي ئي وڃي ميلي جي هنڌ رسيا، جتي انهيءَ وقت ردي مال پئي نيلام ٿيو، جيئن گُڏ واري چيو هون. پارکو سوداگرن اهو مال صبح جو نه کنيو هو، صبح جو چڱا چڱا گهوڙا وڪامي ويا هئا، ۽ گهوڙن جا پالنپوري هَنا ۽ ٻيو سٺو سامان تڏهن وڪامي ويو هو. ٿر جو به طرح طرح مال ميلي تي آيل هو: اوني کدي، کٿا، کرڙيون وغيره، جن مان به چيدو مال صبح جو نيڪال ٿي ويل هو. هن وقت ته حلواين ۽ نانواين جا دڪان ۽ گتا شراب، چرس، ڀنگ ۽ آفيم جا کليل هئا. رانديڪا به پئي وڪاڻا. ٽوپيون، ڦڻيون، آرسيون ۽ اهڙو ٻيو سامان هٽن تي ٺهيو جڙيو رکيو هو. ٽوٽڪائي ۽ نجومي پئي ڦريا. ڪن هنڌن ڪڃرين جا مُجرا پئي ٿيا. ڪن هنڌن تي وري ٽُنگن مان تصويرن ڏسڻ جو کيل پئي هليو. +کيلن لاءِ ته هنن دل آزرده واٽهڙن کي ڪو به شوق ڪو نه هو. بک لڳي هُين. ٻه دڪان نظريائون: هڪڙي تي نان، ڪوفتا ۽ ڪباب ويڪو ، ۽ ٻئي تي کير پوري ۽ ملائي. زال کير پوري ۽ ملائي ڏي رخ رکيو، مڙس ڪوفتن ۽ ڪبابن ڏي. زال کي رخ مٽڻو پيو، پر مڙسهنس چيو ته: ”رحمت ۽ تو لاءِ مان کير پوري ۽ ملائي خريد ڪري ايندس.“ +نانوائي جي دڪان جي اڳيان بينچن تي ڳچ ماڻهو ويٺل هئا. کير جون ٽي پياليون_ ٻه زال لاءِ ۽ هڪڙي ڌيءُ لاءِ _ ۽ ڪي پوريون گَڏن ٻڌندڙ وڃي وٺي آيو. پوءِ پاڻ نان ۽ ڪوفتا وٺي کاڌائين. چرس جي بوءِ اُتي پکڙيل هئي. نانوائي کي اشارو ڪيائين، ته وزم هڻائي. جوڻس بي آرامي ڏيکاري پر مڙس نه ليکيس. ڌيڻس ”چون چون“ شروع ڪئي ۽ زالهنس چيو ته ”ڪو اجهو ڳوليون“، پر مڙس اصل نه ٻڌس. ڌيڻس جي اک وڃي بتيءَ تي پيئي. نهاريندي نهاريندي ننڊ کڻي ويس. +پهرئين وزم هڻندي، گَڏن ٻڌندڙ بوڊ ۾ آيو، ٻئي وزم کان پوءِ کلڻ ۽ خوش ٿيڻ لڳو، ٽئين کان پوءِ حجتون اٿارڻ لڳو. چوٿين وزم کان پوءِ سندس طبيعت جي شوخي، بعضي بعضي چپ ڀيڙڻ، ڏند ڪرٽڻ، ۽ اکيون ڦرڙائڻ _ اهي انگ سندس هلت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا، حڪم هلائڻ ۽ جهيڙا ڪرڻ لڳو. ويٺلن مان گهڻا ڏانهنس متوجهه ٿيا. وڏي واڪي چوڻ لڳو، ڪيترا نه چڱا مڙس سندن زالن زبون ڪيا آهن ۽ ڪيترا نه ڳڀرو ستت شادي ڪري، اُچي ڪم ڪار کان رهت ٿي رهيا آهن!“ ٻيا به ويٺل ڪيترا هن گفتگو ۾ شامل ٿيا. +گَڏن ٻڌندڙ ڏاڍو ڪڙو منهن ڪري چيو، ”مون ته پنهنجي پاڙ پٽي آهي. سورهن ورهين جي ڄمار ۾ پرڻيس، جنهن جو نتيجو هيءُ ٿيو آهي جو ڏسو ٿا!“ جوءِ ۽ ڌيءُ ڏي هٿ کنيائين. ارادو هوس ته سندن غريب حالت نشان ڪرين. +مڙس (زال ڏي اشارو ڪيو) پڪاري چيو ته، ”هن مصيبت کان آزاد ٿيڻ لاءِ طلاق کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي.“ ان تي ٻين ڀر ۾ ويٺلن سندس ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي. هڪ ٻن اهڙا مثال به ٻڌايس. +مڙس ته اڳيئي نشي ۾ ٻڏل هو، سو جيئن چوندا آهن ته، ”هڪ اڳيئي هنڊڻي، ويتر پيس گهنڊڻي ۽ تنهن وانگر هڪ ته هو اڳ ۾ ئي ڪڪ هو، ويتر جو مليس هيءَ صلاح، تنهن ته هڻي هنڌ ڪيو. +هڪ ٻن جهليس به، ته به مڙس جهل نه ڏئي. ڄڻ ته ڪي ستل سور جاڳيا هئس. هڪ پلي زميندار جي ڪمدار، جو اتي حاضر هو، تنهن ته جوش وچان چئي ڏنو ته، ”مان خاندان ۾ رهيو آهيان، مون کي چڱي مَٺي جي پرک آهي، مان ته چئي سگهندس ته زال شڪل ۽ ذاتي لڇڻين جي بلڪل چڱي آهي ۽ اهڙيون زالون وري هٿ نه اينديون. ”ادا ڀاءُ! ائين ته سچ آهي جو توکي هيءُ گهنگهر سورهن ورهين جي ڄمار ۾ ڳچيءَ ۾ وڌو ويو، پر اشراف جو ڪم آهي نباهڻ، ڪي نبهي آهي، ڪي نبهندي، اجائي تڪڙ نه ڪر، نه ته پڇتائڻو پوندءِ _ ٻڌو نه اٿيئي ته ”ڏڌو کير وري ٿڻين نه پوندو آهي!“ گهڻيئي اهڙا ڏٺاسون جن سوچ وي��ار کان سواءِ نفس جي آنڌ ۾ اچي اهڙا اٻهرا ڪم ڪيا، پر پوءِ سواءِ پڇتائڻ جي ٻيو ڪي هٿ نه آين!“ +زال ويچاريءَ ماٺ ڪيو سڀ ويٺي سُٺو. زال جو ته ڪو ڏوهه هو ئي ڪو نه، پر مڙسهنس نشي جي ترنگ ۾ سڀڪجهه ويٺي واتان ڪڍيو، ۽ خبر نه ٿي پيس ته آءٌ هي پاڻ سان ۽ پنهنجيءَ زال ۽ ڌيءُ سان جنسي ويل ويٺو وهايان. دنيا ۾ گهڻيئي ماڻهو آهن، جن کي اڳ پوءِ جي خبر نه پوندي آهي. خبر تڏهن پوندي اٿن، جڏهن مغز مان هوا نڪري ويندي اٿن. زال ته اندر ۾ گهڻو ئي لُڇي پُڇي. پر ڪري ڇا سگهي! البت ڀڻڪي ۾ چيائين ته، ”بلو، تو اڳ ۾ به گهڻائي ڀيرا اها بڪ عام ماڻهن جي وچ ۾ ڪئي آهي. ڪجهه ته پنهنجي زبان کي به روڪ!“ +ان تي مڙسهنس کي، جو اڳيئي نشي ۾ چور هو، وڌيڪ مٺيان لڳي ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳو ته، ”ڪجهه به ٿئي، مگر آءٌ طلاق ضرور ڏيندس. آءٌ ڪهڙو اچي تو مان ڦاٿو آهيان! هيءُ ڪهڙو ڳيڙ اچي منهنجي ڳچيءَ پيو آهي!“ +اتي هڪ دائي به حاضر هئي، جنهن چيس ته، ”چڱا مڙس، خدا جي نالي هن غريب زال سان چڱي هلت ڪر. ڪهڙي نه ظالم سان هن غريب جو نصيب اڙيو آهي!“ +ان وچ ۾ بلوءَ هڪ ٻيو وزم هنيو ۽ وڃي نشي جي انڌ ۾ پيو. وري به ائين ئي آکڻ لڳو ته، ”آءٌ هاڻي هن زال کان ڪڪ آهيان. اجهو انهيءَ ساعت طلاق ڏيئي ٿو ٻاهر ڪريانس.“ +اهي لفظ ٻڌندي ئي زال، جا هي سڀڪجهه ٻڌي اندر ۾ کامي رهي هئي، چيو ته، ”هاڻي انهي بڪ کي ڇڏ، رات ٿي پوي. اچ، ته هلي ڪٿي ٽڪڻ جو بندوبست ڪريون ۽ ڪو اجهو ڳوليون.“ +زال جي مرضي هئي ته ڪنهن طرح اتان چري ۽ اهو اوٽار کانئس ٽري وڃي، ته چڱو، پر هو چري ڪٿان ٿو! نه بڪ ڇڏي نه چري، ڄڻ ته ڪنهن قسم وجهي ڇڏيو هوس. ڪنهن به چڱي مڙس جي ڳالهه نه ٻڌائين. شايد کيس خيال هو ته، اڪيلي سر زندگي چڱي گذرندي. زال ۽ ڌيءُ سنڀالڻ کيس تمام ڪٺن ڪم ٿي نظر آيو. +اتي، جي ماڻهو ويٺل هئا، تن مان هڪ پٺاڻ شير خان نالي به هو، جنهن سان ڪنهن ڪم سانگي ڏيٺ ويٺ ٿي هيس، تنهن به کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر هيءُ هوڏي ڪٿان ٿو مڃي. لاهي پائي لنگهو ٿي بيٺو هو. اُن ته ايترو به سمجهايس ته، انسان جي زندگيءَ جو مزو ته زال ۽ ٻچن سان آهي. اويل سويل گهر ۾ اچي ته آبادي لڳي پيئي آهي. ڇڙو ماڻهو سجھو ڏينهن پورهئي جي تڪليف پسي، جڏهن گهر ۾ پير رکي ٿو، ته هن کي سواءِ سڃ جي ٻيو ڪجهه به نه ٿو نظري. نڪو سندس دل وٺڻ وارو، نڪو سندس خدمت ڪرڻ وارو. ڪير ماني وقت تي تيار رکي ۽ ڪير بيماريءَ ۾ خبر رکي! اهل عيال واري کي جيڪڏهن زال ۽ ٻچن جي رزق ڪمائڻ لاءِ ڏاکڙا سر تي کڻڻان ۽ سردي گرمي جو مقابلو ڪرڻو آهي، ته ٻي طرف هن کي گهر جو سک به وٺڻو آهي، جو سندس دل تان اهي سڀ رنج ميٽي ٿو ڇڏي. منهنجا دوست! تون سوچي سمجهي اڳ _ پوءِ جاچي قدم کڻ. +بلو هروڀرو وَيلُ به ڪو نه هو. ڪم جو برجستو هو. ان وقت اهڙي ڪا ڳالهه به ڪا نه هئي، جا کيس پنهنجي زال حليمان کان طلاق ڏيڻ لاءِ اُڀاري، پر منجهس نشي جي ئي علت هئي، جا ڪڏهن ڪڏهن سندس ان بڪ جو سبب ٿيندي هئي. نه معلوم ته ڪهڙي سبب سندس دماغ ۾ اهو اٺ اچي ويٺو هو ته، آءٌ زال کي طلاق ڏيئي ڪو اٻاڻڪو نه ٿيندس ۽ جنهن حالت تي هريل آهيان، سا وري منهنجي دل ۾ ڪو کٽو يا پشيماني پيدا نه ڪندي! هن ڀانيو ٿي ته شايد ڇڙواڳ رهڻ ۾ زندگي ڪا هن کان وڌيڪ چڱي گذرندي. +خير، ٿڌو به ٿي پوي ها، پر روزگار جي ڳڻتي به قدري مڙس ماندو ڪري وڌو هو. تنهنڪري هيءَ ڳالهه ته ڄڻ بهانو ٿي آيس. وري جو ٻيو هڪ ڀيرو چرس جي ڊگهي سوٽ هنيائين، تنهن هيڪاري مڙس جا ماشا ڦيري ڇڏيا. ان ڪري مڙس هوڏ تان لٿوئي ڪو نه. +هن ڪميڻيءَ دنيا ۾ ڪنهن جي سڄي ڪرڻ وارا ٿورا هوندا، پر ڀڳي ڪرڻ وارا گهڻا. تنهن وانگر ڪن ته سڄي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر ڪي ڀڳيءَ ۾ ئي لڳا رهيا. زال ويچاري اچي ٿي تنگ، پوءِ جيئن فارسيءَ واري چيو ته، ”تنگ آمد بجنگ آمد“ _ لاچار ٿي چيائين ته، آخر هيتري شنيدگي مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ مون ڪو اهڙو ڏوهه ته ڪو نه ڪيو آهي، جو تون اچي قهر تي چڙهيو آهين! ماشا خدا! +ايتري چوڻ به باهه تي تيل جو ڪم ڏنو. مڙسهنس تپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هڪدم چئي ڏنائين ته وڃ، وڃ! توکي ٽي ڀتر آهن. هن کان پوءِ تون منهنجي نه آهين ۽ نه آءٌ تنهنجو! + + + + +بلو! بلو! هوش رک، ڇا ٿو چوين؟ حليمان چيو. بس _ مون جيڪي چيو سو چيو، بلوءَ جواب ڏنو. تير ڪمان کان نڪري چڪو هو. هاڻي ڏڌل کير ٿڻين نٿي پئجي سگهيو. حليمان ويچاري مٿو وٺي ويهي رهي. سڀڪو تپرس ۾ پئجي ويو. ويٺلن ۾ چپ چپان لڳي ويئي، ۽ ڀڻڪو به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. + +ان کان پوءِ هر ڪو ٽرندو پکڙندو ويو. بلوءَ جي کڙ کڙ به پوري ٿي. هو اتي جو اتي پئجي رهيو ۽ ننڊ کڻي ويس. حليمان ويچاري ڇا ڪري_ ”ٻه به ويس، ۽ ڇهه به ويس،“ ڪو وقت ته سُن ۾ ويهي رهي. اهڙي اُداس ۽ نماڻي ڏسڻ ۾ ٿي آئي جو هوند ڪٺور دشمن کي به مٿس ڪهل اچي وڃي، ڀلا، جنهن بندي کي پيدا ڪيو آهي، سو ڪٿي ٿو ڪنهن کي بيواهو ڇڏي. بندن جا سڀ سبب اهو ئي پيدا ڪرڻ وارو آهي. ان کي بندن تي ايتري ته ڪهل ٿي اچي، جو پيءُ ماءُ کي به پنهنجي ٻار لاءِ نه ٿيندي. +خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي، جو شير خان پٺاڻ، جنهن ٿورو اڳ ۾ کيس نصيحت ڪئي هئي، تنهن ڏهه رپيا روڪ رحم وچان ڪڍي حليمان جي اڳيان رکيا، ۽ چيائينس ته تون هن مان خرچ ڪري وڃي پنهنجي ماڳ مڪان پهچ، حليمان، شير خان کي چيو ته، هاڻي آءٌ ڪيڏانهن وڃان ۽ ڪهڙو منهن کڻي وڃان! هيءُ ته پنهنجو منهن اڇو ڪري ويٺو. هاڻي آءٌ به هلي ٿي تنهنجي جنڊي پاڙي ٿيان ۽ ڪجهه ڏينهن عدت جا اتي ٿي ڪڍان. اميد اٿم ته منهنجو پالڻهار مون کي ضرور ڪا نه ڪا واهه ڪري ڏيندو ۽ مون نڌر نماڻيءَ جو ڍڪ ڍڪيندو، شير خان کي ڪهل اچي ويئي: تنهن کيس ساڻ وٺي وڃي پنهنجي پاڙِي ۾ ويهاريو. آخر پنجن مهينن جي عدت گذرڻ کان پوءِ، ٻي ڪا واهه نه ڏسي، حليمان پنهنجي لاءِ چڱو سمجهيو ته شير خان سان نڪاح ڪري. ان خيال سان هن شير خان کي ڪن زالن کان چورايو ۽ هو به راضي ٿيو. ان طرح ٻنهي جو نڪاح ٿي ويو، ۽ هو راضي خوشي زال مڙس ٿي رهڻ لڳا. + + +باب ٻيون +صبح ٿيو ته ابراهيم جاڳيو، هير مٺي پئي لڳي. وڏن مَکَن ڀونڪارو مچايا، ابراهيم چوگرد ميز تي، بينچن تي، پنهنجي ڇٻي تي، سکڻن برتنن تي، خالي ڀُنگرين تي نظر هنئين. پٽ تي سندس زال جا روپي منڊي ڦٽي ڪئي هئي، سان نظر چڙهيس. ان جو ڏسڻ شرط، اڳيئن شام جو جيڪو طلاق وارو معاملو ٿي گذريو هو، سو منجهيل طرح دل تي تري آيس. نانوائيءَ کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيس ته حليمان،شير خان سان هلي ويئي هئي. +ٻيون لڱا اڳئين شام جو حادثو چٽيءَ طرح دل تي تري آيس. پروڙيائين ته خواب نه آهي. ڪجهه وقت ته وسميءَ ۾ ويٺو رهيو، ۽ پٽ ئي پٽ تي پيئي نهاريائين. نيٺ چوڻ لڳو. مون کي هتان جيترو ٿي سگهي، اوترو جلد نڪرڻ گهرجي. انهن ماڻهن جي نموني ۾ ائين چيائين، جي پنهنجا خيال اُچارڻ کان سواءِ سمجهي نه سگهندا آهن. زال شير خان پٺاڻ سان وئي، پڪ ويئي، ۽ نينگري به ويئي. پنڌ ڪري هت آياسون، چرس ڪم وڃايو، جو جوءِ کي طلاق ڏيئي ڇڏيم. هائو، قصو ائين بڻيو آهي، هاڻي مان ڇا ڪريان؟ نشو ٽُٽو اٿم يا نه! الاجي پنڌ ڪري سگهندس يا نه؟ اٿي بيٺو، سمجهائين ته پنڌ ڪري سگهندس، ڇٻو کڻي ٻاهر نڪري، آسپاس نهارڻ لڳو. اڳئين رات ٿڪل آيو هو، ڪجهه ��ه آسپاس جاچي نه ڏٺو هئائين. اڳيان وڏو کليل ميدان نظر آيس، هڪڙي پاسي ٻاجهري بيٺل هئي. ٻئي پاسي وراڪا ڪيو رستو پئي ويو، ماڪ، جا گاهه تي پيل هئي، سا سج جي روشنائيءَ اڃا نه سُڪائي هئي، تماشن وارا ۽ ٻيا گهڻا پنهنجن گاڏين ۾ اڃا سُتل هئا، ڪتن مان هڪڙو جاڳيو، ڀون ڪيائين، جو ڀونڪڻ ڪتي جو مَرڪ آهي، ۽ وري اکيون پوري پئجي رهيو. گَڏن ٻڌڻ واري کي ٻاهر ويندو ڪنهن ڪو نه ڏٺو. +هڪڙي ٻه خيالي مشڪلات دل ۾ حل ڪرڻ لڳو. چي، مون پنهنجي ذات ڪنهن کي ٻڌائي ته ڪين؟ خيال اٿيس ته ذات ڪنهن کي نه ڏسي هئائين، عجب لڳس ۽ ڏک به ٿيس ته سندس زال نشي جي حالت ۾ ويچار ڪو نه ڪيو، انهيءَ ٽٻيءَ ۾، هڪڙو گاهه جو تيلو، جو هڪڙي لوڙهي مان پٽيو هئائين، سو چٻاڙي پورو ڪيائين. ڄاتائين ته سندس زال کي، سندس هلت تي غصو آيو هوندو، جنهنڪري ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، شير خان پٺاڻ سان هلي ويئي: ڇالاءِ ته ٽن ڀترن ملڻ سان، هن کي پڪ ٿي چڪي ته هاڻي بلوءَ سان گڏ گهارڻ جو ڪو رستو باقي نه رهيو آهي. اڳي به نشي جي حالت ۾، هڪڙي ڀيري کيس چيو هئاين، ته، ٽي ڀتر ڏيندو سانءِ ۽ هن جواب ڏنو هوس ته، شل ائين ڪرين! تڏهن به هن کي خبر هئي ته اهڙو گفتو مون هيڪر نشي ۾ ڪڍيو هو. اهي اکر وات مان زور سان نڪتس. ۽ هي به: چڱو، هاڻ دَرُ، درُ ڪري ڦرندس، جيسين کيس ڳولهي لهان. پاڻ سمجهه سان هلت ڪري، مون کي هن شهرت کان بچائي سگهي ها! پاڻ ته اڌ چري نه هئي، جيئن مان هوس، پر حليمان! تون سادي بلڪل سادي! تنهنجي حليميءَ مون کي ڏاڍو ضرَر پهچايو! +جڏهن ٿڌيرو ٿيو، تڏهن وري به پڪو ارادو ڪيائين ته جوءِ ۽ ڌيءَ کي ڪيئن به ڳولي لهندس. لڄ پنهنجي پاڻ لاٿي هئائين، جنهنڪري خون _ جگر به کيس ئي کائڻو هو. پر پهريائين خيال ڪيائين ته هڪڙو قسم، پر وڏو قسم کڻان. ڇٻو کڻي اڳتي وڌيو. پٿوري جي مزار تي اک پيس، چيائين، هتي قسم کڻندس. اتي وڃي ڏاڍيان هيءُ قسم کنيائين: +آءٌ، ابراهيم کوکر اڄ بڊي جي سورهينءَ تاريخ هن پاڪ جاءِ تي قسم ٿو کڻان ته، مان سڀني نشي وارين شين کان آئيندي ويهه ورهيه پرهيز ڪندس، هڪ هڪ ورهيه، هر هڪ ورهيه لاءِ، جو مان زندهه رهيو آهيان. +ته گونگو، انڌو ۽ بي پهچ ٿيان جي مان هيءُ عهد ڀڃان! +قسم کڻي بلو اٿيو. ڏک ۽ ڳڻتي ڪجهه گهٽيس، ۽ نئين حياتي منجهس چرڻ لڳي. اٿي جو بيٺو ته هڪڙي جهوپڙيءَ مان دونهون نڪرندو ڏٺائين. وڌي انهي جهوپڙِيءَ ڏي روانو ٿيو. جهوپڙيءَ واري مائيءَ باهه ٻاري هئي. مائيءَ کان پڇيائين مائي ٿورو ڪري ماني پچائي ڏيندينءَ؟” ٻه آنا ڏيندو سانءِ، مائيءَ قبول ڪيو. ماني کائي، الله تو واهر چئي، زال ۽ ڌيءُ کي ڍونڍڻ نڪتو. +انهيءَ ۾ ڍونڍڻ جي مشڪلات ترت پسڻ لڳو. جيتوڻيڪ تپاسيائين ۽ پڇا ڪيائين ۽ ساندهه ڪي ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ڦريو، تڏهن به پتو بنهه ڪو نه پيس. پٺاڻ، جنهن سان هوءَ هلي وئي هئي، تنهن جي نالي جو آواز به ڪٿان ڪن ڪو نه پيس. پنهنجو پيسو ٿورو هوس، پر تنهن هوندي، به وٽس جيڪي بچيل پئسا هئا سي ڳولا ۾ خرچڻ لڳو. پر ڳولا سڀ اجائي ٿيس. حقيقت هيءَ هئي جو طلاق جي ڳالهه ڪنهن سان کليو کلايو ڪرڻ ۾ شرم ٿي آيس، ۽ هوءَ هوءَ ڪرڻ کان سواءِ پتو پوڻ مشڪل هوس. جيسين پورو احوال نه ڏئي ته ڪيئن جوءِ ۽ ڌيءُ وڃائي هئائين، تسين ڪارگر مدد ڪيئن مليس! + + + + +هفتن کان پوءِ مهينا لنگهيا، پئي ڳولا ڪيائين. وچ ۾ جيئن ڪم پئي مليس، تيئن ڪم به پئي ڪيائين. آخر خيال آيس ته ڪراچيءَ وڃان، اُتان شايد پتو پوي. ڪن ڪڇي هارين چنداپور ۾ سندس ڪمداريءَ هيٺ ٻني ڪئي هئي، جي هاڻي ڪراچيءَ ۾ گاڏيون وهائيندا هئا، اهي ڪڇي مسلمان نه رڳو جهوني مارڪيٽ وارن نانواين وٽ ويندڙ هئا، پر کڏي جي نانواين وٽ به، جتي انهن شاهينگن جو واسو هو، جي زالون، ڇوڪريون ۽ ڇوڪر ڀڄائي کڻي ايندا هئا. ٽڪيٽ وٺي ڪراچيءَ ويو. ڪڇي گاڏيڙن وٽ وڃي ٽڪيو. پتو پيس ته برابر هڪ پٺاڻ ۽ زال ۽ نينگر جي ڪجهه وقت کڏي ۾ ٽڪيل هئا، سي تازو جهاز ۾ چڙهي آفريڪا ڏي روانا ٿيا هئا. پوءِ ڄاتائين ته هاڻي ڳولا اجائي ٿيندي. وڃي ڪنهن هنڌ ٿاڻو ڪري ويهي رهان. خبر وٺڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينهن ٽڪيٽ وٺي، يارنهن بجي رات جي گاڏيءَ ۾ چڙهي ميرپورخاص روانو ٿيو. جو اهو هنڌ ۽ آسپاس جو ملڪ چڱيءَ طرح ڏٺل هوس: ميرپور پهچڻ کان پوءِ سڀ خيال پنهنجي گَڏن ٻڌڻ جي ڌنڌي ۾ وڌائين. نشي جي علت کان آجو ٿيل هو. چار ڏوڪڙ هٿ آيس، جن سان ڪجهه ڪڻڪ سودي ريزڪي وڪرو ڪرڻ لڳو. جنهن مان به چڱيرو فائدو پڙ پيس. ورهيه ثابوتيءَ سان ڪم ڪري پنهنجي ڌنڌي جو ڏينهون ڏينهن واڌارو هٿ ڪيائين، جنهن جي پوري خبر اڳتي پوندي. + + +باب ٽيون +پٿوري اسٽيشن کان جو رستو پٿوري جي مزار ڏي ٿي ويو، سو ڌڌڙ ٿيو پيو هو. انهيءَ رستي تي ابراهيم جي آڪهه اڳي ڪنهن وقت پنڌ ڪيو هو. اڄ ساڳي آڪهه، ابراهيم کان سواءِ، ساڳئي رستي تان پنڌ پئي آئي. آسپاس جون حالتون به اهڙيون ئي هيون، جهڙيون انهيءَ ميلي جي رات هيون، جنهن تي ابراهيم جي زال کي طلاق ملي هئي. ائين جيڪر سمجهجي ته انهيءَ رات کان ٻئي ڏينهن جي پيشين هئي، پر در حقيقت ته انهيءَ رات کي ورهيه لنگهي ويا هئا. انهيءَ آڪهه مان، هڪڙي ابراهيم جي زال هئي، جنهن جي شڪل هاڻي گهڻي ڦري ويئي هئي. وارن اڃا رنگ نه مٽيو هوس، تڏهين به وار اهڙا گهاٽا نه هئس جهڙا اڳي. ڪپڙا جي هاڻي پيل هئس سي وڌوا جا. ساڻس ڇوڪر هئي، تنهن جي شڪل بلڪل ٺاهوڪي ۽ عمر اٽڪل سورهين ورهيه کن هئي ڇوڪر ۾ ماءُ جي جوانيءَ جي وقت جون خوبيون سڀ موجود هيون. +ٻيئي ڄڻيون هٿ هٿ ۾ ڏيئي پئي ويون. ڪو به پسي سگهي ٿو ته سندن هٿ هٿ ۾ ڏيئي وڃڻ پيار وچان هو. ڇوڪريءَ جي ٻاهرئين هٿ ۾ ڪڻڪ جي نفيس تيلين جي جڙيل ڇٻي هئي، ۽ ماڻس جي هٿ ۾ هڪڙي نيلي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڳٺڙي هئي. +رستو ساڳيو هو، پر حالتن ۾ گهڻي ڦير ڦار هن زال جي نظر آئي. ميلي تي وڃي پهتيون، پر ميلي تي موٽر ڪارن جي ڌم لڳي پيئي هئي. هنا ايترا ويڪو نه هئا جيترا اڳي، ڇو جو گهوڙن جو واهپو ڪنهن قدر گهٽيل هو. ٿر جو سامان هينئر ريل جي رستي ٻين هنڌن اڳي کان وڌيڪ ٿي ويو. پينگهن جي بدران ”ميري گرائونڊ“ نظر آيس. ٿورو وقت ماءُ ۽ ڌيءُ ماڻهن ۾ ڦري، پوءِ هڪڙي هنڌ بيهي رهيون. +ڇوڪريءَ ماءُ کي چيو: ”اسان هت اچي ڪجهه وقت اجايو وڃايون آهي. مون سمجهيو ٿي ته تنهنجو مطلب اڳتي وڌڻ جو هو.“ +”هائو پياري رحمت، پر هتي اچي ترسڻ مان منهنجو ڪو مطلب ڇٽندو.“ +”ڪهڙو؟“ +”مان ههڙي ساڳئي ڏينهن هت شير خان کي گڏي هيس. +رحمت چيو: ”پهرين ابي کي هتي گڏي هئينءِ؟“ ”هائو“، تو مون کي اڳي به ائين چيو آهي، ۽ هاڻي جو هو ٻڏي مئو آهي، سو ته اسان کان هميشه لاءِ پري ٿيو! +ماءُ هٻڪي جواب ڏنو ته، ”مان هت انهيءَ مائٽ کي به گڏي هيس، جنهن کي هينئر ڳولي لهڻ جو ارادو اٿم. ابراهيم کوکر کي.“ +”اسان جو هو ڪهڙو مائٽ لڳي؟“ رحمت پڇيو. +ماءُ، جواب ڏنو پر چٻي چٿي: ”هو آهي _ يا، هو _ شايد هو مري ويو هجي_ اسان جو مائٽ لڳي سڱين بندين.“ +”ائين ته تو اڳي به مون کي ويهه ڀيرا چيو آهي.“ ڇوڪريءَ بيخياليءَ طرح، هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي، هيءُ به چيو، ”مان تڏهين سمجهان ته هو اسان جو ويجهو مائٽ ڪونهي؟“ +”ابراهيم گَڏا ٻڌندڙ هو نه، جڏهن تون هن سان هت گڏي هينءِ؟“ +”هائو.“ +رحمت چيو، ”مون کي ته ڪو نه ڏٺو هئائين؟“ +ماءُ کن ماٺ ۾ رهي، پوءِ جواب ڏنائين: ”بنهه نه، پر تون هن واٽ اچ.“ +ماءُ هلي وڃي ٻئي هنڌ بيٺي. +رحمت چيو: ”هت پڇا ڪرڻ مان مطلب ڪو نه ڇٽندوسين. ميلن تي ماڻهو ائين مٽجن ٿا، جيئن وڻن تي پن. منهنجو خيال آهي ته هت هاڻي تون ئي رڳو هوندينءَ، جنهن اڳيون ميلو ڏٺو هوندو!“ +ماءُ چيو: ”منهنجي سمجهه ۾ ائين نه آهي.“ ٿوري پنڌ تي ڪنهن شيءِ ڏانهن چستي سان نهاري، رحمت کي چيائين، ”تون به هيڏي نهار!“ +رحمت اوڏانهن نهاريو، هڪڙو نانوائيءَ جو دڪان نظر آيس، جنهن دڪان تي هڪڙو جهور نانوائي ويٺل هو. +اڳي هي نانوائي تمام زور هوندو هو، ميزون ۽ بينچ دڪان اڳيان پيل هوندا هئس. ڇو جو ٻُڪي زور هوندي هيس. هاڻي بنهه ٿورڙا ماڻهو سندس دڪان تي ٿي ڏسڻ ۾ آيا! +ماءُ چيو: هيءُ نانوائي هن کان اڳئين ميلي تي موجود هو. ائين چئي اڳتي وڌي، ڇڻڪ ارادو انهيءَ نانوائي سان ڳالهائڻ جو هوس. +رحمت چيو: ”انهي سان نه ڳالهائج، سکر ماڻهو اهڙن دڪانن تي نه ويندا آهن.“ +”مان وڃي هڪ گفتو انهيءَ نانوائي سان ڪنديس، تون بيشڪ هتي بيهي رهه.“ +ڇوڪر بيٺي. ڇِيٽون، ڪن دڪانن تي ڀرسان رکيل هيون جي بيهي جاچڻ لڳي. +ماءُ جو نانوائيءَ جي دڪان تي ويئي ته نانوائيءَ طعام آڇيس، جنهن کان ٿورڙو، نانوائيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ کڻي ورتائين، ۽ پڇيائين ته: ”اڳي ته تنهنجو دڪان زور هوندو هو؟“ + + +اهو ٻڌي، نانوائيءَ دل کولي چيس: ”مون ڄمار هتي ڪٽي، جواني ۽ ٻڍاپڻو. ٻار بچوئي ڪو نه اٿم، منهنجي زال به مري ويئي آهي. ڪن ڏينهن ته وڏو شاميانو هڻندو هوس. موسو نانوائي هاڪارو نالو هوم. امير، پير، سيد ۽ وڏا زميندار اچي مون وٽ لهندا هئا ۽ ماني کائيندا هئا. پر هن دنيا ۾ ڪوڙ هڻي ٿو هنڌ ڪري، ۽ نه سچ جي گيهه ۾ ملاوٽ ڪن ٿا ۽ ٻاهريون ڏيک ڪن ٿا، سي وڌيڪ ٿا ڪمائين!“ + +رحمت جي ماءُ ۽ شير خان جي جوءِ، رحمت ڏي نهاريو، جنهن اڃا ڇيٽون پئي جاچيون. پوءِ نانوائيءَ کي آهستو چيائين، ”ياد اٿيئي ته ڪي ورهيه اڳي تنهنجي دڪان تي، هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي زال کي طلاق ڏني هئي؟“ +نانوائيءَ دل هنئين، ۽ چيائين: ”جي ڪو وڏو قصو هجي ها ته هوند مان چت تي رکان ها. منهنجي دڪان تي جا ويڙهه لڳي آهي، جو خون ٿيو آهي جا ڳنڍ ڪتري آهي، سا ياد اٿم. پر جوءِ جي طلاق وارو معاملو سک سانت ۾ ٿيو هو ڇا؟“ +”هائو،“ زال جواب ڏنو. +نانوائيءَ اتي ٿورو ڪنڌ ڌوڻيو، ۽ چيائين: ”هائو، هائو، هينئر ڳالهه ياد آئي اٿم، اهو، جنهن زال کي طلاق ڏني هئي سو ٻي ميلي تي وري هت آيو هو، ۽ چيو هئائين ته جي منهنجي زال وري هت اچي، ته چئجوس ته تنهنجو مڙس جنهن توکي طلاق ڏني هئي، سو هاڻي ميرپورخاص ۾ ٿو رهي“. +شير خان جي زال ڪجهه خرچي ڪرائيس ها، پر دل تي تري آيس ته چرس جو نانوائيءَ ڇڪڻ لاءِ ڏنو هوس، تنهن سندس مڙس، سمجهه کان ٻاهر ڪڍيو هو. ٿورڙن اکرن ۾ نانوائيءَ جي شڪر گذاري ڪري، ڌيءُ وٽ موٽي ويئي. +ڌيڻس چيو ته: ”انهيءَ دڪان تي وڃي طعام وٺڻ، سکرن جو ڪم نه هو.“ +زال آهستو جواب ڏنو: ”مون کي گهربل خبر اتان ملي. اسان جو مائٽ، جنهن جي ڳولائو هيس، سو ميرپورخاص ۾ ٿو رهي، ڪنهن وقت ته اتي ٿي رهيو.“ +پوءِ ماءُ ۽ ڌيءُ ٻيئي اسٽيشن ڏانهن روانيون ٿيون. + +باب چوٿون + +حليمان تمام چڱي ارادي سان، رحمت جي ڪن سوالن جي جواب ڏيڻ کان ٿي نٽايو، پر ائين ڪرڻ ڪري وقتن تي ڏاڍي مشڪلات پئي درپيش آيس. سئو ڀيرا پنهنجي ڌيءُ رحمت کي، پنهنجي حياتيءَ جي سڄي ڳالهه چئي ڏيڻ تي هئي، ته ڪيئن پٿوري جي ميلي تي کيس طلاق ملي هئي. جڏهن پاڻ عمر ۾ رحمت کان ڪي ٿورو وڏيري هئي. پر پاڻ کي پئي روڪيو هئائين. معصوم رحمت، وڏي ٿي هئي انهي ويساهه ۾، ته شير خان ۽ ماڻس جي وچ ۾ شروع کان وٺي جوءِ مڙس جو ناتو هو، ماڻس کي انهي ويساهه ڦٽائڻ ۾ گهڻو جوکو ٿي نظر آيو، جنهن ڪري زبان تي انهي ڳالهه بنسبت مهر هيس. +پر حليمان ائين نه ٿي سمجهيو ته شير خان سان هلي وڃڻ ۾ ڪو پاڻ غلط ڪم ڪيو هئائين. پاڻ سادي سڀاءَ جي زال هئي، جنهن جي ڪري به ابراهيم کي سندس لاءِ عزت ٿوري هئي. حليمان ٿي سمجهيو ته طلاق کان پوءِ شير خان سان نڪاح ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چاروئي ڪو نه هو، ڇالاءِ ته اتي ٻيو ڪو ان جو وارث ڪو نه هو. ماڻهو عجب کائيندا ته اهڙي زال ڪيئن وسهندي، ته طلاق جي اوچتي مصيبت ڪري، هڪڙي جي ڏوريءَ مان نڪري ٻئي جي زال ٿي پوندي. پر اهڙي ويساهه جا مٿال هارين ۾ اڻلڀ نه آهن. +حليمان جو طلاق کان پوءِ جو احوال، تنهن جو جو ذڪر ٿورين سٽن ۾ ڏيئي سگهجي ٿو. شير خان سان گڏ ڏکڻ آفريڪا ڏانهن رواني ٿي. اُتي شير خان کي وڏي ڪمائي ڪا نه هٿ لڳي. سندس گهر حليمان تمام چڱي طرح هلايو، ٿوري کٽيي گهڻي برڪت هين. جڏهن رحمت ڏهن ورهين کن جي ٿي، تڏهن ڪراچيءَ موٽي آيا. ڪراچي ۾ شير خان ڪجهه وقت ٻيڙيءَ هلائڻ جو ڪم ڪندو رهيو، پوءِ ڪراچي جو بصره سان ڌنڌو هلندڙ هو، تنهن ۾ مشغول ٿيو. انهيءَ ايام حليمان کي اڳئين مڙس جو خيال جاڳيو ۽ ان جو سبب به هوس، جو هڪ ته وٽس ان مان هڪ ڌيءَ هئي ۽ ٻيو ته جي ان ۾ نشي جي علت نه هجي ها ته مڙس خاصو هو. تنهنڪري هڪڙي ساهيڙيءَ سان پنهنجو حال اوريائين، جنهن سمجهايس ته طلاق ڏنل زال جو نڪاح، اڳئين مڙس سان ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن پويون مڙس طلاق ڏئي يا مري وڃي. انهي کان پوءِ دل ۾ تمام بي آرام رهي. جڏهن شير خان سياري گذرئي بصره مان موٽي آيو، تڏهن ڏٺائين ته حليمان جو خيال گهڻي قدر ڦريل هو. +حليمان ڏاڍي مايوسي ٿي رهي، ان ڪري شير خان کي به هن ڀيري ساڻس گڏ رهڻ ۾ ڪو مزو نه آيو. بصره جي واپار جي موسم وري آئي، ۽ شير خان وري بصره روانو ٿيو. ٿورو وقت گذريو ته خبر آئي ته شير خان ٻڏي مئو هو. حليمان لاءِ هڪڙي وڏي مشڪلات حل ٿي پئي. +ابراهيم جي ڪا به خبر حليمان جي ڪن ڪا نه چڙهي هئي. +رحمت ساماڻي هئي. شير خان جي ٻڏي وڃڻ جي خبر پيئي، تنهن کان مهينو کن پوءِ، هڪڙِي ڏينهن رحمت پنهنجي ڀنگيءَ جي اڳيان ويٺي مهاڻن لاءِ ڄاريون ٺاهيون، ۽ ماڻس به اندر ڀنگيءَ ۾ ساڳئي ڪم ۾ رڌل هئي. ماڻس ٿلهي، ڪاٺ جي سئي جا هٿ ۾ هيس سا جهلي ڌيءَ کي خيال سان نظرڻ لڳي. در وٽ سج جي روشنائي ڌيڻس جي مٿي ۽ ڇڙيل وارن تي پئي پيئي. ڌيڻس جو منهن بي رتو ۽ اڻڀريل هو. تڏهن به منجهس حسن جا ڪچا انگ ججها هئا. اڃا ڪچي هئي ۽ وقت تنگ ٿي گذرين. هڏ ۽ چم ۾ ته بيشڪ سهڻي هئي، پر اڃا ماس ۾ نه. شايد پوري حسن کي نه به پهچي، جي سندس ڪچا انگ پڪا ٿي وڃن ۽ سندس حالتون نه ڦرن ڇوڪر نظري، ماءُ ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي. سندن حالت بلڪل مسڪينيءَ جي ٿي رهي هئي، جنهنڪري ڇوڪر لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي، سندس ڇوڪر جي ڏاڍي مرضي هئي ته ڪي ڏسي، ٻڌي ۽ سمجهي، ۽ هر طرح بهتر ٿئي. ماءُ کان هميشه سوال اهڙا ڪندي هئي، جنهن مان معلوم ٿيندو هو ته هن ۾ بهتري لاءِ خدائي جذبو موجود هو. +شير خان ٻڏي ويو هو، ۽ حليمان هينئر ڇُٽل هئي. خيال ٿيس ته ابراهيم کي ڳولي هٿ ڪريان ائين به هجي جو چرس ناس ڪري ڇڏيو هجيس، پر وري ائين به هجي جو ساڱاهيو هجيس ۽ چرس جي علت کان آجو ٿيل هجي! +حليمان پڪو ارادو ڪيو ته رحمت کي سڄي ڳال��ه ٻڌائڻ کان سواءِ، ابراهيم کي ڳولڻ لاءِ نڪران. ميلي تي جا گفتگو، ماءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ هلي، سا ائين سمجهي سگهبي. نانوائيءَ جا خبر ڏني، تنهن تي ٽڪيٽ وٺي ميرپور ڏي ماءُ ۽ ڌيءُ روانيون ٿيون. ماءُ جي تندرستي چڱي نه هئي، ۽ حياتيءَ مان بيزار هئي. ماءُ جيئي ٿي ڌيءُ جي واسطي. + + +جڏهن ميرپور اسٽيشن تي لٿيون ۽ نڪتيون، تڏهن ڌيءُ چيو ماءُ کي، ”هيءُ شهر ته نئون ٿو ڏسجي؟“ ماءُ هئي ٻين خيالن ۾، تنهن جواب ڪو نه ڏنو. شهر اسٽيشن جي ڀر ۾ برابر نئون هو، جهونو شهر پر ڀرو هو، نئين شهر ۾ بتيون زور پئي ٻريون ۽ واٽهڙو ۽ ويٺل ماڻهو جام هئا. ٻه واٽهڙو هنن جي ويجهو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا پئي ويا. + +رحمت چيو ته: ٻڌءِ! ته هنن واٽهڙن ابراهيم جو نالو ڳڌو. ماءُ جواب ڏنو ته: ”مون به ائين سمجهيو.“ +”مان اڳتي وڃي انهن واٽهڙن کان ابراهيم جي وڌيڪ خبر پڇان؟“ +”نه نه، نه! اڃا نه. ابراهيم فقير هجي، يا جيل ۾ هجي!“ +”ڇو، امڙ، اهڙا خيال ڇو ٿي ڪرين؟“ +”بس. مون ائين ئي کڻي چيو، پر اسان کي تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي.“ اتي اٺن جي مهل ٿي. ٻه زالون اچي ڀرسان لنگهيون. هڪڙيءَ کي ڪڻڪ جي تيلين مان ٺهيل ڇٻي هٿ ۾ هئي، جنهن ۾ ڪڻڪ جو روٽلو کنيل هوس. جنهن مان ڪجهه ڀورا پاڻ پئي کاڌائين ۽ ڪجهه ٻيءَ کي کائڻ لاءِ پئي ڏنائين. ڀورا کائيندي ڏاڍو ٿي ڪلپيون. چي: ڪهڙي خراب ڪڻڪ ميرپور ۾ ٿي وڪامي، ماني ڪوڙي ئي پيئي آهي. هنن کي کائيندو ڏسي، حليمان ۽ رحمت کي به کائڻ جو خيال ٿيو ۽ ڀروارين زالن کان پڇيائون ته: ”ويجهو ڪو نانوائي آهي؟“ جواب ملين ته: ”نانوائي ته گهڻا، پر ماني موچاري ڪانه جڙنديوَ.“ حليمان چيو، ”سو ڇو؟“ جي: هتي هڪڙو ڪڻڪ جو واپاري زور پئجي ويو آهي، اٽي جي گرڻين وارا ۽ نانوائي ڪڻڪ گهڻو ڪري ان کان ٿا وٺن، ۽ ان جي ڪڻڪ گهڻو خراب ٿيل آهي. انهيءَ اڄ شهر جي واپارين جي ماني ڪئي آهي، اڳيان جتي بتيون ٿيون ٻرن ۽ بينڊ ٿي وڄي. ”مان به“، هڪڙيءَ چيو، ”جوءِ ٿي رهي آهيان، ۽ وري ماءُ ٿي رهي آهيان، مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ههڙي خراب ڪڻڪ ڪا نه وڪامندي ڏٺي، تون شايد هن شهر ۾ تازي آيل آهين؟“ حليمان آهستو جواب ڏنو، ”هائو، مان هينئر هتي آئي آهيان.“ +حليمان جو مطلب نه هو ته ڪو سندس حال ڪنهن کي به معلوم ٿئي. انهي ڪري ڌيءُ کي اشارو ڪري پاسيرو وٺي ويئي ٻه _ چار بسڪوٽ خريد ڪري، پاڻ به کاڌائين ۽ ڌيءُ کي به کائڻ لاءِ ڏنائين. پوءِ پير ڀري، جتي بينڊ پئي وڳي، اوڏي وڌيون. + + + + +باب پنجون + +ٽيهارو قدم کنيائون ته حليمان ۽ رحمت وڃي اتي پهتيون، جتي بينڊ پئي وڳي. شاميانو لڳل هو. شامياني ۾ ۽ شامياني جي چوڌاري بتيون ٽنگيل هيون. نظاري ماڻڻ لاءِ ماڻهو گهڻا مڙيل هئا. اندر پوري، پڪوڙو ۽ نختي جام پئي ورهايا. +”اسان کي،“ حليمان چيو، ”هتي پڇا ڪرڻ گهرجي ته اسان جو مائٽ ابراهيم ڪٿي ٿو رهي ۽ ڪهڙو ڪم ٿو ڪري“؟ حليمان ضعيف ۽ دل آرزده هئي. انهي ڪري رحمت کي چيائين ته: ”تون پڇا ڪر.“ پاڻ، اُتي هڪڙو پٿر پيل هو، اُن تي ويهي رهي. +رحمت اڳتي وڌي، ۽ ماڻهوءَ جي ٻاهر مڙيل هئا، تن مان هڪڙي ٻڍي کان پڇيائين ته: ”اڄ هتي ڇا پيو ٿئي؟“ جواب مليس ته ”ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ ابراهيم خان، جو ڪڻڪ جو وڏو واپاري به آهي، تنهن وڏن واپارين کي ۽ شهر جي وڏن ماڻهن کي کاني جي دعوت ڏني آهي. پاڻ ابراهيم خان شامياني ۾ پيو ڦري ۽ ڏسي ته ڪوٺ ڪيلن کي کاڌو برابر ٿو ملي يا نه.“ +”ابراهيم خان!“ رحمت عجب کائي چيو. سڄي ڳالهه ته ڪين سمجهه ۾ آيس، پر وڌي وڃي ابراهيم خان کي جاچڻ لڳي. +”پريزيڊنٽ ابراهيم ��ان،“ اهي اکر حليمان به چڱيءَ طرح ٻڌا. انهي تي اُٿي، رحمت جي پاسي سان بيهي، ابراهيم خان کي نظرڻ لڳي. شامياني ۾ جو ماڻهو پئي ڦريو ۽ جنهن جي نظر هيٺ کاڌو پئي ورهايو، سو چالهياري ورهين جو ٿي ڏٺو، بت جو ڳرو، روش وڏا، ۽ آواز کڙو تڙو هوس، اک تکي ۽ ڀرون ۽ وار گهاٽا هئس، جي ڪنهن ڳالهه تي ٽهڪ ٿي ڏنائين ته ٻٽيهه ئي ڏند سالم ٿي ڏٺس. جنهن به پرکائوءَ ڏٺو هوندس، تنهن پروڙيو هوندو ته انساني نرٻلتائي لاءِ همدردي ته هيس، وڏائي ۽ ٻل ڏسي خوش ٿي ٿيو. وقتن تي ڏاڍو سخي، پر هميشه نرم دل ۽ مهربان نه هو. اهو حليمان جو مڙس قاعدي ٻڌو اڳيان بيٺو هو. شڪل، عمر، وصفن ۽ خيالن ۾ گهڻو رسيل ٿي ڏٺو. رحمت جو ته اڳي ڏٺل ڪو نه هو. منجهس رڳو اهو خيال جاڳيو ته سندن مائٽ هاڻي وڏي درجي کي پهتل هو. ماڻس کي ته سوَ يادگيريون جاڳيون. ابراهيم خان ڪپڙي گنديءَ ته تمام چاق هو. زريءَ جي ٽوپي، تنهن تي طريدار پٽڪو، انگريزي نموني کليل گلي ڪوٽ، جهولدار سٿڻ ۽ ولائتي بوٽ پيل هئس. سندس کاني تي ڪا به نشي جي شيءِ ڪا نه ٿي واپري. ٻاهر بيٺل ماڻهو تن ۾ چوپچو اها هئي، ته ابراهيم خان ورهين جو رنڙ آهي، ۽ سندس قسم کنيل آهي، ته نشي واري شيءِ نه ڪم آڻيندس ۽ نه ڪنهن کي آڇيندس. وقت وڏو جادوگر آهي. حليمان کي اڳين حالت ابراهيم جي دل تي تري ياد آئي، دل ٻڏي ويس، ويهي رهي، ڌيءُ ئي وسري ويس، جيسين ڌيڻس سندس ڪلهي تي هٿ رکي کانئس پڇيو ته، ”اما، ابراهيم خان کي ڏٺو اٿئي؟“ +حليمان تڪڙ ۾ جواب ڏنو، ”هائو، هائو، مون ڏٺو آهي، منهنجي لاءِ اهو ئي بس آهي! هاڻي مان شل وڃان، شل مران!“ +رحمت چيو ته: ”اما، ڇو؟“ اوري سري ماءُ کي ڪن ۾ چيائين، ”شڪ اٿيئي ڇا ته هيءُ هن حالت ۾ اسان کي مدد ڪا نه ڪندو؟ ڏسڻ ۾ ته سکر ماڻهو ٿو اچي. هيري جي منڊي ڪهڙي نه ٿي چمڪيس! ڏاڍو عجب آهي، جو تو سمجهيو ته جيل ۾ هجي يا رولو پينو هجي. تو هڪڙي سمجهي، پر آهي ته ٻي! ڇو ٿو توکي کانئس خوف ٿئي؟ مان جيڪر وٽس وڃان. پوءِ به ڇا ٿيندو؟ چوندو ته مون کي اوهان جهڙا مائٽ ياد نه آهن.“ +حليمان چيو، ”مون کي ته ڪا خبر ڪانه ٿي پوي“ +رحمت چيو ته: ”تون هتي ويهه، مان ٿي وڌيڪ خبر رکان.“ + + +حليمان چيو، ”مان ته ابراهيم خان کي گڏجي ڪين سگهنديس، مون ڪو نه ٿي ڀانيون ته هن حالت ۾ هوندو، منهنجي ته مرضي آهي ته نه گڏجانس.“ + +رحمت چيو ته: “ترس! ٿورو خيال ڪر، مان وڌيڪ خبر لهي ٿي اچان.“ +ٻاهر ماڻهن ۾ ابراهيم خان بابت ڳالهه ٻولهه پئي هلي. هڪڙي پئي چيو ته: ”زال مري ويئي اٿس، ڇڙهو ڇانڊ آهي، گهر جو سک ڪونهيس.“ +رحمت پڇيو ته: ”زال ڪڏهن گذر ڪري ويس؟“ جواب مليس، ”ميرپور ۾ آيو تنهن کان اڳي. ڏاڍو پرهيزگار آهي، جي ڪنهن جي بدپرهيزي ڏٺائين ته، انهي تي آيو رهيو.“ +رحمت پڇيو ته ”گهڻا ماڻهو هيٺان اٿس ڇا؟“ +”گهڻا! لوڪلبورڊ ۾ تمام هلنديءَ وارو ماڻهو آهي ۽ ساري شهر ۾ ڪڻڪ جو ته تمام وڏو واپاري آهي. ٻيا به گهڻا ڪم ٿو ڪري، اها جائي رڳي چوڪ ٿو ڪري. هتي جڏهن آيو هو تڏهن غريب ماڻهو هو، هاڻي ته شهر جو پائو بنجي پيو آهي. هيل سو نالو خراب ٿيو اٿس، جو غرقي ڪڻڪ وڪي اٿس. سڀ سندس ڪڻڪ جي مانيءَ جي گلا ٿا ڪن.“ +کاڌو اتي پورو ٿيو. ابراهيم خان پنهنجي حياتيءَ جي ڳالهه عام جام پئي ڪئي ۽ ٻين به پنهنجون ڳالهيون پئي ڪيون. سڀيئي خوش و خرم پئي ڏٺا. ايتري ۾ هڪڙي وڏي آواز سان چيو، ”پر، ڪڻڪ جا اهڙي خراب ٿي وڪامي، تنهن جي ڳالهه ڪيئن آهي؟“ جنهن ائين چيو سو ننڍو واپاري هو. اهو گفتو ٻاهر بيٺلن کي ڏاڍو پسند آيو، جن به رڙ ڪري ساڳيو سوال ڪيو ۽ چيائون ته، ”ابراهيم خان کي انهي سوال جو جواب ڏيڻ گهرجي.“ +ابراهيم خان جواب ڏنو، ”مان قبول ٿو ڪريان، ته ڪڻڪ خراب نڪري پيئي آهي، پر مان پاڻ ٺڳجي ويو آهيان.“ +هڪڙو تکيرو ماڻهو، جو ٻاهر بيٺل هو، تنهن بلند آواز سان چيو، ”غريب، جن کي اها ڪڻڪ کاڌي لاءِ ٿي ملي، سي ڇا ڪن؟“ +ابراهيم خان جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، غصو چڙهي ويس. غصو، جنهن نشي هٺ جوڻس کي ورهيه شهر نيڪالي ڏياري هئي. +ڪاوڙ ۾ چيائين ته، ”اوهان کي منهنجي حال تي به نظر رکڻ گهرجي وڏن ڪمن ۾ اتفاقاً وڏيون چوڪون ٿين ٿيون. اها ڪڻڪ جڏهن لٿي ٿي، تڏهن مٿس ڏاڍي برسات پيئي هئي. جنهن جي ڪري خراب ٿي آهي. مون هينئر چڱو بندوبست ڪيو آهي. منهنجو ڌنڌو وڏو آهي، مون هڪڙي کان نٿو سنڀاليو ٿئي. مون اخبارن ۾ اشتهار وڌو آهي، ته منهنجي ڪڻڪ ڌنڌي سنڀالڻ لاءِ، مون کي هڪڙو تمام چڱو ماڻهو کپي. جي اهڙو ماڻهو هٿ آيم، ته اهڙيون چوڪون وري نه ٿينديون ۽ منهنجو ڌنڌو وڌيڪ چڱو سنڀاليو ويندو.“ +”پر، اسان کي جيڪو نقصان پهتو آهي، تنهن جي لاءِ ڇا ٿا ڪريو“؟ ساڳئي تکي ماڻهوءَ وڏي آواز سان چيو. ”اسان وٽ ڪجهه اها ڪڻڪ اڃا به پيئي آهي، مٽي ڏيندؤ ڪين نه؟“ +ابراهيم خان شوخ چشم ٿي پيو. سڌو جواب ڪين ڏنائين، شوخيءَ سان چيائين، ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو رستو بتائيندو انهيءَ ڪڻڪ جي سڌارڻ جو، ته اها ڪڻڪ سڌاري ويندي، پر سڌارو مشڪل آهي.“ +وڌيڪ گفتگو ٿي. + + +باب ڇهون +ٻاهر جي بيٺل هئا، تن ۾ ڪي نوان ماڻهو اچي گڏيا هئا، جن ۾ هڪڙو ڏسڻو وائسڻو نوجوان هو، مُنهن جو موچارو ۽ ڳاڙهو هو، اکيون چمڪندڙ هيس ۽ بت هلڪو. پلڪ ساعت ترسي هليو وڃي ها، پر ڪڻڪ بنسبت جيڪو سوال جواب هليو هو، سو ٻڌي ترسيو. جڏهن ابراهيم خان جو گفتو ٻڌائين، ته هاڻي ڪجهه به ٿي نٿو سگهي، تڏهن کيسي مان پنو پينسل ڪڍي، ڪجهه ابراهيم خان ڏي پرزو لکي، جي ماڻهو وچ ۾ بيٺل هئا تن جي هٿان روانو ڪيائين، ۽ بيٺلن کان پڇيايئن ته، ”ويجهو ڪا سراءِ آهي، جنهن ۾ ٽڪي _ کائي سگهجي؟“ چيائونس ته ”هڪڙي ديوان ميونسپالٽيءَ کان جاءِ مسواڙ تي هٿ ڪئي آهي. جنهن ۾ هڪڙو مڙس ۽ زال سنڀال لاءِ رکيل آهي، جي کاڌي جو به بندوست ڪن ٿا.“ +اهو نوجوان دهليءَ پاسي جو ٿي ڏٺو. جن خبر ڏنيس، تن جو ٿورو مڃي، انهي سراءِ ڏي روانو ٿيو. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته اهو نوجوان ٽڪڻ جي جاءِ هٿ ڪرڻ لاءِ منتظر هو، ۽ نه ابراهيم خان جي جواب لاءِ. +رحمت هيءُ قصو سڀ بيٺي ڏٺو ۽ جاچيو. ابراهيم خان کي جڏهن پرزو موڪليل پهتو، تڏهن کولي اُتس اک هنيائين. غصو گهٽ ٿيس ۽ خيال ۾ پئجي ويو. پرزو وري آهستو پڙهيائين. ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته پرزي جي لکت دل سان لڳي هيس. +پوءِ گانو شروع ٿيو. ڪڻڪ جي ڳالهه وسري ويئي. مهمان ٻه _ ٻه، ٽي _ ٽي ٿي، ڳالهين ۾ لڳي ويا، ٽهه _ ٽهه پيئي پئي. +اتي ساڍن نون جي مهل ٿي. رحمت ماءُ کي چيو، ”هينئر ڪو اَجهو ڳولڻ گهرجي. تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟“ +رحمت کي ڏسي عجب لڳو ته ماڻس ري ارادي اٿي پيئي هئي. ماءُ کي چيائين، ”ڪنهن هنڌ ته وڃي رات ڪاٽبي. مون ابراهيم خان کي ڏٺو آهي، بالفعل ته ٻيو ڪجهه به وڌيڪ ڪرڻو نه آهي.“ +ماڻس مٿو ڌوڻيو، پر رات جي اَجهي هٿ ڪرڻ بابت ڪجهه به نه چيائين. +رحمت چيس، ”جنهن ابراهيم خان کي پرزو موڪليو هو، تنهن پڇا ڪئي هئي، ته ڪا جاءِ رات ٽڪڻ لاءِ جڙندي يا نه، ۽ جواب مليو هوس ته ڀرسان هڪ ديوان، جاءِ مسواڙ تي هٿ ڪئي آهي، جتي مسافر ٽڪائي ٿو، ۽ انهن جي ماني ٽڪيءَ جو بندوبست به ڪري ٿو. جا جاءِ هڪڙي لاءِ چڱي آهي. سا ٻين لاءِ به چڱي ٿيندي. اهو نوجوان جنهن ابراهيم خان کي پرزو موڪليو، سو سکر ماڻهو ٿي ڏٺو.“ +ماڻس کي رحمت جو چيو دل سان لڳو. پوءِ ٻيئي انهيءَ سراءِ ڏي روانيون ٿيون. +پريزيڊنٽ صاحب، جو خيال ۾ پئجي ويو هو، سو به اٿيو ۽ پڇا ڪيائين ته اهو پرزو ڪنهن موڪليو هوس. چيائونس ته هڪڙو ماڻهو جو پنجابي مسافر ٿي ڏٺو، تنهن موڪليو هو. +”پرزو پاڻ لکيو هئائين يا ٻئي کان لکايو هوائين؟“ ابراهيم خان سوال ڪيو. جواب مليس ته، پينسل پنو ڪڍي پرزو پاڻ لکيو هئائين. +”اهو پنجابي ڪيڏي ويو؟“ ابراهيم خان ٻيو سوال ڪيو. جواب مليس ته: ”ديوان واريءَ سراءِ ۾.“ +ڪجهه وقت مٿي هيٺ آيو ويو. پوءِ سڀني کي رُڌل پسي پاڻ نڪري ويو. ديوان واري سراءِ سئو کن قدم پري هئي. گهٽين ۾ ماڻهو گهٽ هئا. لڪڻ هٿ ۾ ڪري، سراءِ ڏي روانو ٿيو. مطلب نه هوس ته ڪو سهي ڪريس. سراءِ وٽ پهچي، دروازو جاچي اندر گهڙي ويو. + +باب ستون +رحمت ۽ حليمان ڪجهه وقت ابراهي م خان کان اڳي وڃي سراءِ ۾ پهتيون هيون. سراءِ جي ٻاهران ڪا مدت بيهي ويچاريو هئائون، ته سراءِ ۾ ٽڪڻ ۽ ماني کائڻ مهانگا ته ڪين ٿيندا، ڇو جو وٽن پئسو ڪو واجبي هو. نيٺ همت جهلي اندر گهڙيون هيون ۽ ديوان جنهن سراءِ کولي هئي، تنهن کي گڏيون هيون. ديوان ڇوٽي قد جو سو هو، پر منجهس ڏاڍا پاڻي هئا. سندس بندوبست چڱو هو. زالن جي سندس سراءِ ۾ حفاظت هئي، کاڌي ۽ اَجهي لاءِ چارج واجبي هيس. سراءِ جو بندوبست پاڻ تي رکيو هئائين، ۽ سندس هيٺ هڪڙو ڪڙمي گلڻ ۽ هن جي زال، تن ٿي ڪم ڪيو. گلڻ جي زال به نيڪبخت عورت هئي، ڪم تي ڪي هوشيار ڇوڪريون رکيل هيس جيڪي گلڻ کان گسندو هو، سو گلڻ جي زال سليمت ترت پورو ڪري ڇڏيندي هئي. حليمان ۽ رحمت کي سليمت کيڪاريو هو ۽ هڪڙي ننڍي ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني هئائين، ٻه کٽولا، ٻه صفا ڇهن چڙهيل وهاڻا ۽ ٻه صفا چادرون ڏنيون هئائين. +جڏهن ڪوٺيءَ ۾ اندر رحمت ۽ پاڻ ڪجهه وقت ويٺيون، تڏهن حليمان چيو ته: ”هن سراءِ ۾ جيڪي ڏيڻو پوندو، سو اسان جي لاءِ ته گهڻو ٿيندو“. +رحمت چيو، ”مان به ائين ٿي سمجهان.“ +حليمان چيو، ”سکر ٿي هن سراءِ ۾ رهون، تنهن کان اڳي هڙ سنڀاليون، ابراهيم ته وڏو ماڻهو آهي، اسان کي، هن کي پاڻ ڄاڻائڻ ئي ڪين کپي، اسان کي پنهنجي پونجيءَ آهر خرچ ڪرڻ گهرجي.“ +رحمت چيو، ”آءٌ ڪوشش ڪري ٿي قصي کي پوري پوان.“ هيءَ ڇوڪر مائٽن ۽ ٻين جي ڀلائي لاءِ ڪا به تڪليف سر تي هموار ڪرڻ لاءِ تيار هئي. ٻاهر نڪري سليمت وٽ ويئي، ۽ چيائينس ته ”اسان کي هتي جيڪي ڏيڻو پوندو، انهيءَ جي ڪري ڪنهن حصي جي عوض، مان ڪجهه ڪم ڪرڻ واسطي تيار آهيان.“ سليمت هن کي خوب نظري جواب ڏنو ته: ”چڱو مون کي پاڻ هن وقت مدد کپي، توکان بيشڪ چڱيءَ طرح ڪم ٿي سگهندو.“ سليمت، رحمت کان ڪم ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ سمجهايائينس ته روز مرهه پنهنجي ۽ ماءُ جي کاڌي لاءِ، ڇا کڻي وڃي. +ايتري ۾ پنجابي سکر ماڻهو، جو پنهنجي ڪوٺي مان نڪري ٻاهر ويو هو، سو موٽي آيو. سليمت رحمت کي چيو ته؛ ”تون سندس ماني وڏي ٿالهيءَ چڱيءَ طرح پرڇائي، کيس پهچائي اچ.“ رحمت کي بک به هئي، ته به پنهنجو کاڌو پس وجهي، بورچيخاني ۾ ويئي. ماني برابر ٿالهيءَ ۾ پرڇائي، پنجابي سکر ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ ۾ پهچائي آئي. پنجابي سکر ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ، سندن ڪوٺيءَ سان لڳو لڳ هئي. رڳو ٻنڀو ٻئي پاسي کان هوس. +جڏهن پنجابيءَ جي ڪوٺي ۾، رحمت ٿالهي کڻي گهڙي، تڏهن فقط پنجابي ئي ڪوٺيءَ ۾ ويٺل هو. رحمت سڃاتو ته اهو پنجابي ساڳيو آهي، جنهن ابراهيم خان ڏي پرزو موڪليو هو. انهي پنجابيءَ ”ميرپورخاص گزيٽ“ اخبار ويٺي پڙهي، ۽ خيال پڙهڻ ۾ رڌل هوس. رحمت کيس چتائي نهاريو. ڏٺائين ته پيشاني فراخ ۽ ٻرندڙ، پنبڻين ۽ ڇپرن جي بناوت ڏاڍي اُچي هيس. +رحمت کاڌي واري ٿالهي رکي، ڪنهن به اکر ڪڇڻ کان سواءِ ٻاهر هلي ويئي. سليمت ڏٺو ته رحمت ٿڪل آهي، سو چيائينس ته ”هاڻي وڃي ماءُ سان گڏجي ماني کاءُ.“ +رحمت ماءُ وٽ ويئي. ماڻس اُٿي ويي هئي. جيئن رحمت گهڙي تيئن ڏٺائين ته ماڻس چپن تي آڱر رکي، اشارو ٿي ڪيس ته هري ڳالهائي. سندن ڪوٺي پنجابيءَ جي ڪوٺيءَ سان وقت گڏيل هئي، وچ ۾ در هو، جو هينئر بند هو، ۽ جنهن کي تالو لڳل هو، پر ڳالهئو هڪڙي ڪوٺيءَ جو ٻيءَ ۾ چٽو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. پنجابي جي ڪوٺيءَ ۾ هينئر گفتگو شروع هئي. +رحمت ماٺ ڪري کاڌي جي ٿالهي ماءُ اڳيان رکي. ماڻس ڀڻڪي چيس ته، ”هيءُ اهو اٿئي.“ +”ڪير؟“ رحمت پڇيو. +جي، ”ابراهيم“. +حليمان جي آواز جا ڏڪڻي هئي، تنهن مان سڃاڻو هوند سهي ڪري ها، ته حليمان جو ناتو ابراهيم خان سان رواجي عزازت کان وڌيڪ نازڪ هو، پر رحمت کي اهڙي خيال ٿيڻ لاءِ ڪو سبب ڪو نه هو. +پنجابي ۽ ابراهيم خان، پنجابيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ پئي ڳالهايو. رحمت جيتري ۾ وري آئي، اوتري ۾ ابراهيم خان سليمت پاڻ پنجابيءَ جي ڪوٺي ڏيکاري موٽي هئي. سليمت هڪڙي پاسي کان آئي ۽ رحمت ٻئي پاسي کان. +رحمت ڪنهن به آواز کان سواءِ کاڌي جي ٿالهي ماءُ اڳيان رکي هئي. انهي ٿالهيءَ مان هاڻي ٻيئي ويهي کائڻ لڳيون. ماڻس جو ڪن، پنجابيءَ جي ڪوٺيءَ ۾، جو ڳالهئو هليو پئي، تنهن تي کتل هو، ماني کائڻ ۾ اصل خيال ڪو نه هوس. +مان گهر ٿي ويس، پر هت لڙيس ته اوهان کان هڪ ٻه سوال ڪريان، ابراهيم خان چيو: پر اوهان ماني کائي بس نه ڪئي آهي. +صاحب من، پنجابي چيو: مان ماني ٿوري دير ۾ پوري ڪندس. اوهين ويهو. + + +ابراهيم خان ويٺو ۽ کن ۾ سوال ڪيائين ته، هيءُ پرزو اوهان لکيو آهي؟. + +پنجابيءَ چيو، هائو. +ابراهيم خان جواب ڏنو ته تڏهن اسين اوچتو گڏيا آهيون! اسين صبح جو گڏجڻا هئاسون. منهنجو نالو ابراهيم خان آهي. هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار وڌل منهنجو آهي، اوهين هتي آيا آهيو، لاشڪ مون کي گڏجڻ؟ +پنجابيءَ عجب کائي چيو، نه، ائين نه آهي. +ابراهيم خان زور سان چيو، نه، اوهان جو نالو آهي نه، دين محمد پنجابي؟ +پنجابيءَ وڌيڪ زور سان وراڻي ڏني، منهنجو نالو آهي: درمحمد دهلوي. ائين برابر آهي ته مان به ڪڻڪ جو ڌنڌو ڪندو آهيان، پر مون ڪنهن اشتهاريءَ کي جواب ڪو نه ڏنو آهي ۽ ڪنهن سان گڏجڻ لاءِ انجامي نه ٿيو آهيان. مان وڃڻو آهيان ڪراچيءَ، ۽ اتان بصره. مان دهلوي آهيان، نه پنجابي. +ابراهيم خان چيو، سچي! سندس ڳالهائڻ ۾ نااميدي ڏسڻ ۾ آئي. مان ته جيڪر قسم کڻي چوان ها ته توهين مون سان گڏجڻ لاءِ انجامي هئا. +دهلويءَ وري به ناڪار ڪئي. ۽ ماٺ ٿي ويئي جيسين ابراهيم خان چيو، تڏهن ته مان اوهان جي پرزي لاءِ اوهان جو سچو شڪر گذار آهيان. +صاحب من، مون ڪجهه نه ڪيو آهي، جنهن لاءِ ٿورا لهڻان. +اوهان جو پرزو هن وقت منهنجي لاءِ تمام ضرورائتو آهي. منهنجي ڪڻڪ بابت جو هيترو چوٻولو هلي پيو، سو الله ٿو ڄاڻي، مون کي خبر نه هئي، جيسين ماڻهن پڪاريو ته ڪا منهنجي ڪڻڪ خراب آهي، منهنجون ته هينئر وايون ئي ولڙيون ٿي ويون آهن. مون وٽ انهيءَ ڪڻڪ جا اڃا سئو مڻ پيا آهن، جي اوهان جو رستو انهيءَ ڪڻڪ کي سٺو ڪرڻ جو ڪارگر ٿو ٿئي، ته مان چڪڻ مان نڪري پوندس. مون يڪدم سمجهيو ته جيڪي اوهان لکيو آهي، تنهن ۾ سچ هوندو، پر مون کي ڪا ثابتي ملي ته چڱو. البت اوهين رستو به پوريءَ طرح بتائيندؤ تڏهن، جڏهن مان پهريائين اوهان کي چڱ�� طرح حال ڏيڻ قبوليان. +دهلويءَ کن خيال ڪري چيو، اوهان کي رستي پوريءَ طرح بتائڻ ۾ مون کي ڪو اعتراض ڪونهي. مان ٻئي ملڪ ٿو وڃان، جتي ڪني اناج کي چڱو ڪرڻ، اهو ڌنڌو ڪين ڪري سگهندس. مان سڄو رستو اوهان کي ڏيکاريندس. انهيءَ مان اوهين جيترو هتي ڪمائي سگهندئو، اوترو مان اُتي نه ڪمائي سگهندس. منهنجي غاليچي جي ڳوٿريءَ ۾، هڪڙو نمونو سٺي ڪيل اَن جو پيل آهي، سو اوهان کي هن وقت ڏيکاري سگهندس. +ڪنجي لائي، ڳوٿريءَ جو ڪلف کوليائين. ان جا داڻا ڇڻي مينهن جي ڦڙين جيان پٽ تي پئي ڪريا. ڪجهه وقت دهلويءَ ۽ ابراهيم خان جي وچ ۾ بحث هليو، ته اَن ڪيئن سڪائجي، ۽ ڪيئن سٺو ڪجي. +دهلويءَ بلند آواز سان چيو ته، هنن ٿورن ڪڻن سان سڄو رستو ڏيکاري سگهندس. پوءِ پنهنجو رستو بتائڻ شروع ڪيائين، جو ابراهيم خان گهڻي خيال سان جاچيو. انهي کان پوءِ ابراهيم خان کي چيائين، هاڻي صفا ڪيل ان چکي ڏسو. +ابراهيم خان اَن کي چکي چيس، اَن اصل چڱو ٿي پيو آهي، اصل چڱو چئجي يا چئجي ته گهڻو چڱو! +دهلويءَ چيو ته، ان اصل چڱو ڪري ڇڏڻ تاشدني آهي، پر تڏهن به هي ان گهڻو چڱو ٿي پيو آهي، جي اوهان کي منهنجو رستو ڪم اچي ته مان اشهد راضي آهيان. +پر ٻڌ، ڀائي! ابراهيم خان چيو: ”منهنجو ڌنڌو آهي ان ۽ ڪڙٻ، مون عمر آندي آهي ڪڙٻ جي ڌنڌي ۾، اَن سان منهنجو گهڻو واهپو نه رهيو آهي، جيتوڻيڪ هاڻي ان جو ڌنڌو منهنجو مکيه ڌنڌو آهي. جيڪڏهن، جنهن جاءِ لاءِ مون اشتهار وڌو آهي، سا جي اوهين قبول ڪريو ۽ اوهين منهنجي اَنَ جو ڌنڌو هلايو، ته نه رڳو پگهار کڻو، پر اَن سان گڏ ڪميشن به کڻو. +دهلويءَ چيو، اوهان جي گهڻي مهرباني ۽ سخا، پر مون کي ٻاهر وڃڻو آهي. +چڱو جيڪا مرضي! پر اها ماني ڇڏيو، مون سان هلو ته اوهان کي ڪجهه بهتر کارايان. +دهلويءَ، ابراهيم خان جي گهڻي شڪر گذاري ڪئي، پر چيائين ته مون کي صبح جو سوير ٻاهر وڃڻو آهي، جنهنڪري اوهان جي دعوت قبول ڪري نه ٿو سگهان. +ابراهيم خان چيو، چڱو، جيڪا صلاح! پر اوهان جيڪو رستو مون کي ڏيکاريو آهي، تنهن سان منهنجي پت رهجي ايندي، اوهان کي انهي جي عوض مان ڇا ڏيان؟ +دهلويءَ چيو، ڪجهه به نه، منهنجو رستو نه به ڪارگر ٿئي، مان هن وقت ڪو به ملهه مٿس نه ٿو رکان. ماڻهو توهان تي اتامڙا پوندا ڏٺم، انهيءَ ڪري مون آڇيو ته مان پنهنجو رستو اوهان کي ڏيکاريان. +ابراهيم خان هٻڪي چيو، ”مان ڪڏهين اوهان جو ٿورو نه وساريندس. اوهان جي پيشاني به منهنجي ڀاءُ جي پيشانيءَ جهڙي آهي. هينئر هو ويچارو جهان ڇڏي ويو آهي. اوهين به پنج فوٽ نو انچ ته هوندئو؟ منهنجو قد ڇهين فوٽين کان ٻاهر آهي. ٻل ۽ ڏکي سان ڌنڌو برپا ڪري سگهجي ٿو، پر ڌنڌي کي پڪي پائي تي آڻڻ لاءِ ذهن ۽ واقفي کپي. مون ۾ ته علم ڪونه ۽ نه حساب سکيل آهيان. توهان ۾ سڀ گهربل ڳڻ آهن، اوهان جهڙو ماڻهو مون کي ڏاڍو ڪمائتو ٿيندو. ٻه ورهيه کن ته مون اوهان جهڙو ماڻهو پئي ڳوليو آهي. اوهين جيڪر رهي نه سگهو؟ بصره ۾ ڪو سون نه ٿو ورهائجي، ڪمائي اُتي به ڪرڻي پونديو، جي هت رهي پئو، ۽ منهنجي ڪارخاني هلائڻ جو ڪم پاڻ تي کڻو ته تمام چڱو، مان اوهان کي هوند چڱي طرح ورسايان“. +دهلويءَ چيو، مون پنهنجي ڪم جو رستو گهڙي ڇڏيو آهي، مان رهي نه سگهندس. ها، پر ڪجهه پيئو. +ابراهيم خان اٿي ڏنو ٽپو. چيائين، مان جڏهن جوان هوس، تڏهن ڪم اُٻهرائيءَ سان ڪندو هوس. هڪڙو ڪم ته اهڙو ڪيم، جنهن لاءِ مرڻ تائين شرمندو رهندس جنهن جو اثر مون تي اهڙو ٿيو، جو پرن ڪيم ته ڪڏهين نشيدار شيءِ کي هٿ نه لائيندس. اوترا ورهيه، جيترن ��رهين جو مان تڏهين هوس. مون پنهنجو پَرن پاليو آهي، مان ڪجهه به نه پيئندس. +دهلويءَ چيو، مان اوهان کي زور نه ڪندس، اول پالنا پرن پنهنجي جي. +ابراهيم خان چيو، مون کي به مئنيجر ڪٿان نه ڪٿان ملي ويندو، پر توهان جهڙو مشڪل ملندم. +دهلويءَ جي دل نرم ٿي ويئي. ڪجهه وقت ماٺ ۾ رهيو، جيسين ابراهيم در وٽ پهتو. اتي چيائين، منهنجي دل به هرکي آهي رهڻ تي، پر نه ائين ٿي نه سگهندو، مون کي ملڪ ڏسڻو آهي. + +باب اٺون +انهيءَ طرح سان ٻيئي جدا ٿيا. رحمت ۽ ماڻس، جن ماني ويٺي کاڌي، سي ٻيئي پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ رڌل هيون. ماڻس جو منهن ٽڙي پيو هو، ڇو جو ابراهيم خان کي چوندو ٻڌو هئائين ته پنهنجي هڪڙي ڪم کان سڄي عمر شرمندو رهندس. +دهلويءَ آواز ڪيو ته،! ”ماني وارا باسڻ کڻي وڃو“. پوءِ پاڻ ٻاهر نڪتو. رحمت باسڻ کڻي ٿي موٽي، ته خيال ٿيس ته پاسيرو ٿي، سراءِ ۾ جو چهچٽو لڳو پيو هو، سو ڏسان. نوجوان دهلوي جلدئي ڪن ٻين مهمانن سان ڳالهه ٻولهه ۾ رنڀي ويو هو. مهمانن مانيءَ کان پوءِ راڳ شروع ڪيو هو. دهلويءَ کي زور ڪيائون ته تون به ڳاءِ، دهلويءِ هائو ڪئي. رحمت کي جو گاني جو ڏاڍو شوق هو، تنهن بيهي گانو ٻڌو. دهلويءَ جو گانو ڏاڍو من موهيندڙ هو. جي حاضر هئا، تن کان دهلويءَ جي گاني ڪري ٻيو ڪم سڀ وسري ويو. دهلويءَ پاڻ پنهنجي گاني ۾ محو ٿِي ٿي ويو. اسدالله خان ”غالب“ جي هڪڙي غزل جون هيٺيون سٽون وري وري چيائين: +شب غم ڪا جاگا ڪوئي سو رها هي، ذرا چل نسيم، سحر چپڪي چپڪي. ميري نامه بر، سر جهڪا ڪي ادب سي، ميرا حال ڪهنا، مگر چپڪي چپڪي. +پوءِ وطن جو پنهنجو ياد پيس. سو اکين ۾ پاڻي آڻي، گهائيندڙ آواز سان اصلوڪين سٽن کي ٿورو ڦيرائي هيئن ڳائڻ لڳو: +مين در و ديوار پر غم سي نظر ڪرتا هون، خوش رهو اهلِ وطن، مين تو سفر ڪرتا هون. +اهڙو ته مٺو ڳايائين، جو ڪجهه وقت سڀني پئي واه واه ڪئي. پوءِ ڏاڍي ماٺ لڳي ويئي. جا ماٺ واه واه کان به وڌيڪ دهلويءَ جي گاني جي تعريف هئي. ٻڍو عالي کوکر جو اتي ويٺل هو، تنهن سو رڙ ڪري چيو، جيتو رهين! وري ڳائجئين، تنهنجي گاني ٻڌندي مون کان ته منهنجو وزم ئي وسري ويو آهي. ڀرسانئس جي ويٺل هئا، تن کان عاليءَ پڇيو ته، هيءُ گَوئيو ڪير آهي؟ چيائونس ته ڪو دهليءَ جو نوجوان آهي. +دهلويءَ ٻيهر ڳايو. هن ڀيري عشرت حسين ”داغ“ جي هڪڙي غزل جون هيءُ سٽون هن گهڻي خيال ۽ خوش الحان سان ڳايو: +اللهي اللهي، صنم خانه مين ڪيا هي، دنياي محبت ڪا يه قانون نيا هي. مارا هي تيري آنکهه ني، بدنام قضا هي، اب داغ ڪي احوال سي نهين ڪڇ ڪام، اچها هي تو اچها وه برا هي تو برا هي. +سراءِ ۾ جا گاني جي مجلس ٿي رهي هئي، تنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻيئي شامل هئا. هندن مان ڪن دهلويءَ تي زور رکيو ته هندي گانو ڳاءِ؟ دهلوي هو هر ڀتيلو، تنهن يڪدم چيو ڪري هيٺيون ڪلياڻ زور شور سان ڳايو؛ +درشن دي شنڪر مهاديو، مهاديو، تمهاري شرن بنا، +موهي ڪل نه پرت گهڙي پل چهين دين. +آن پڙي تو شرن تمهاري تم هي بتائو ڌير، +بپتان پڙي موپي مها ڪٺهن (درشن دي...). +ڪلياڻ جهڙس ڪو ڇڊو ڳائيندو هو. ٻڌندڙ چنبڙي پئي پيس ته وڌيڪ ڳائي. دهلوي اٺ ٻيا شبد ڪلياڻ ۾ چيا، جنهن کان پوءِ هڪڙي غريبڙي ٻڌندڙ آواز ڪيو، ”ڙي دهلوي، ڪا ڀيروي ته چئجانءِ“. دهلوي ناڪار نه ڪئي. +هيٺينءَ ريت ڀيروي للڪاريائين. +ڪان تو ري بنتي ڪرت هي، اري نهين مارو پچڪاري. سگري چنريا بهيجي موري، ڪاهي ڪرت پرچوري. +اهڙو دل ريبيندڙ گانو، هن سراءِ ۾ ويجهي ڇڪ ۾ ڪو نه ٻڌو ويو هو. دهلويءَ جي ڳائڻ جي طرز، ۽ ڳائڻ ۾ سندس روح سان رها��، تن ڏاڍو اثر پيدا ڪيو. پڇيائونس ته ”ميرپور ۾ ڪجهه وقت رهندين؟“ چيائين ته مان بصره وڃڻ وارو آهيان، جنهن تي سڀني افسوس ظاهر ڪيو. گلڻ سراءِ جو ڪمدار ۽ جوڻس سليمت، ٻيئي بيهي دهلويءَ جو گانو ٻڌڻ لڳا هئا. +جڏهن دهلويءَ اُٿڻ جي ڪئي، تڏهن سليمت رحمت کي چيو ته، تون وڃي دهلويءَ جو هنڌ جلد وڇائي اچ. دهلويءَ کي ڇڏين ئي ڪين ها، پر دهلويءَ اصل وڌيڪ رهڻ جي نه ڪئي. رحمت موم بتي ٻاري، دهلويءَ جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي هنڌ پکيڙي ٺاهي، ٻاهر ٿي نڪتي ته دهلوي سامهون گڏيس. رحمت گوشو ڪيو، پر دهلويءَ چتائي نهاريس _ رحمت کي ڪپڙا سادا سودا پيل هئا، پر منهن ۾ مڻيا هيس، جنهنڪري سادي پوشاڪ به ڏاڍي ٿي ٺهيس. دهلويءَ کي جو نڪ سامهون گڏي سو منهن ڳاڙهو لال ٿي ويس. منهن سندس موم بتيءَ ڏي هو. دهلويءَ کيس ڏسي مرڪيو. جيئن ته ٻيئي هڪٻئي کان واقف نه هئا، تنهنڪري پاڻ ۾ ڪجهه به نه ڳالهايائون. +ڌارئي ماڻهوءَ کي گهوريندي ڏسي، رحمت منجهي ويئي پير تکو ڀري، وڃي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ پهتي. دهلويءَ ڳائيندو پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو. سندس آواز ڳچ وقت رحمت جي ڪن پئي پيو. +رحمت جي ماءُ ته ٻين خيالن ۾ هئي. رحمت کي چيائين ته: چوڪ ڪئيسون، جو هت ڪجهه ڪم ڪرڻ قبوليوسيون، نه ته اسان جي پنهنجي خاطر، پر ابراهيم خان جي خاطر، جي ابراهيم خان اسان کي مدد ڪئي ۽ پنهنجي ڪري ليکيائين ته اسان جو هن سراءِ ڪم ڪرڻ بنهه ڪو نه وڻندس ڇو جو هت پريزيڊنٽ آهي. +رحمت کي خبر ڪا نه هئي، ته ابراهيم خان ۽ ماڻس جي وچ ۾ نسبت ڪهڙي هئي. انهي ڪري ري خطري چيائين ته، مون کي ته اصل ڏک ڪونهي، ته ڪو مون دهلويءَ صاحب جي ڪجهه خدمت ڪئي. هو سکر ۽ سڄاڻ ماڻهو آهي. سراءِ ۾ اڃا ماڻهن هن کي چڱيءَ پر نه سڃاتو آهي. +ابراهيم خان اڃا هليو نه ويو هو. سراءِ جي اڳيان پئي آيو ويو. دهلويءَ جو گانو سڀ پئي ٻڌائين، سچ ائين آهي ته دهلويءَ دل موهي وڌي هيس. دل ۾ ائين پئي چيائين ته چوانس ها، ”چڱو ته جي ترسين ته پنهنجيءَ اُپت جو ٽيون حصو ڏيندو سانءِ.“ + + + + +باب نائون + +ٻئي صبح جو، رحمت جڏهن پنهنجي ڪوٺيءَ جي دري کولي، تڏهن خزان جي نرم پڪل ان جي بوءِ سان ڀريل هوا منهن کي لڳيس. ميرپور رڳو شهري وصفون نه ٿي رکي، پر ٻهراڙي به سندس حالتن ۾ موجود آهي. +آواز ٻڌي، جنهن مان هڪڙو بلڪل ويجهو هو، رحمت دريءَ وٽ پاسيرو بيهي ٽيٽ ڪرڻ لڳي. حاطي جي ڀت ننڍي هئي. نظر آيس ته ابراهيم خان گهٽيءَ ۾ پئي آيو ويو، ۽ سمجهائين ته دهلوي به پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ وٽ بيٺل هو. +ابراهيم خان کي آنڌ مانڌ لڳل هئي، ته دهلويءَ ڪيئن به ڪيئن هٿ ڪريان. دهلويءَ کي دريءَ وٽ ڏسي، ابراهيم خان چيس، اوهين ته جلد ئي روانا ٿيڻا آهيو؟. +دهلويءَ جواب ڏنو ته، هن گهڙيءَ ٿو وڃان. +ابراهيم خان چيو ته، تڏهين اسٽيشن تائين گڏجي هلنداسون. +ٿوري وقت ۾ دهلوي سنبهي، سامان کڻائي، ٻاهر نڪتو، مزورن کي چيائين ته، اسٽيشن تي هلو. پاڻ ۽ ابراهيم خان ڳالهيون ڪندا پنڌ پيا. +ابراهيم خان، دهلويءَ کي چيو، ڳڀرو، منهنجي ڳالهه هينئين سان هنڊاءِ، مون وٽ ترسي پوڻ سياڻپ جي ڳالهه ٿيندءِ. +دهلويءَ جواب ڏنو، سچ پچ ته منهنجو خيال پورو پچايل نه آهي. +رحمت جي ٻڌڻ کان پري لنگهي ويا هئا. رحمت فقط ڏٺو ته ڳالهيون ڪندا پئي ويا. +رحمت پاڻ کي چيو ته دهلوي ته چڱو ماڻهو آهي، جهڙس ڪي ٿورا لڀندا. ماءُ ڏي نهاري چيائين، تون اڃا خيالن ۾ آهين؟ +ماڻس جواب ڏنو، هائو، مان، ابراهيم خان جو يڪدم دهلويءَ کي پسند ڪيو آهي، تنهن تي خيال پيئي ڪريان. هميشه ائين پئي ڪيو اٿس. جي ڌارين کي ترت اهڙو قرب ٿو ڏيکاري، ته من اسان کي به ڪجهه قرب ڏيکاري. حليمان من ۾ ٺهراءُ ڪيو ته رحمت کي ابراهيم خان ڏي موڪليان ته وڃي چئيس، ته شير خان جي زال ميرپور ۾ آيل آهي. پوءِ ڀلي ته سڃاڻي يا نه. ابراهيم خان کي پاڻ چوندو ٻڌو هئائين، ته مون کان حياتيءَ ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ٿيل آهي، جو ان کان مان دل ۾ ڏاڍو پشيمان رهيو آهيان، جنهن دل ڀرائي هيس ۽ وسواس ڏنو هوس، ته ڀلي ٿي پوندي. +رحمت کي سنڀرايائين، ۽ چيائينس، جيڪڏهن نه سڃاتائين ۽ اهو انديشو ٿيس، ته جي ههڙن غريب فريبن کي پاڻ سڃاڻايان ته ڳالهه ڪسي ٿي پوندي ۽ رڳو ڏورانهن مائٽن جيان اچي اسان سان گڏجڻ جي ڪيائين، ته پوءِ اسين به وٽس لنگهي ڪو نه وينداسون. ماٺري ڪري ميرپور ڇڏي، ڪراچي موٽي هليا وينداسون. مون کيس ورهين کان ڪو نه ڏٺو آهي، ۽ هينئر ته وري سندس جهڙائي ڪين آهيون. +رحمت چيو ته ڀلا جي ڀليءَ ڀت آڌر ڀاءُ ڪيائين ته پوءِ ڪيئن؟ +حليمان ڌيري چيو ته، انهيءَ حالت چئجانس ته منهنجي نالي چٺي لکي، ۽ چوي ته ڪڏهين ۽ ڪهڙي وقت هو اسان کي يا مون کي گڏبو. +رحمت ٻه چار قدم وڌي، ته سڏ ڪري چيائينس ته، چئجانس ته آئون ڄاڻان ٿي، ته منهنجو ڪو اوهان تي حق ڪونهي. اوهان کي اوج ۾ ڏسي مون کي خوشي ٿي آهي، ته شل انهيءَ کان به اڳرا هجو، ۽ شل وڏي عمر ٿيوَ ۽ هميشه خوش باش رهو. اهڙي طرح ڌيءُ کي روانو ڪيائين. ويچاري ڌيءُ کي، ماءُ جي ڳجهه جي ڪا به پروڙ ڪا نه رهي. +ڏهين بجي ڌاري رحمت رواني ٿي. ڌيري ڌيري پئي هلي، ڇو جو کيس، ته اها خبر هئي، ته غريب مائٽن، شاهوڪار مائٽ ٿي ڳوليو. +ابراهيم خان جو گهر پڌرو هو. پڪسرو هو، اڳيان باغيچو، ۽ پاسي کان گدام هوس. جڏهين رحمت، ابراهيم خان جي گهر پهتي، تڏهن ابراهيم خان گهر ۾ ڪو نه هو. هن جي نوڪرن ڏس ڏنس ته گدام ۾ لڀندو. گدام ۾ ڦري، پر ڪو نه گڏيس. هڪڙي ڇوڪر، جنهن گدام ۾ ڪم ويٺي ڪيو، تنهن کان پڇيائين، جنهن ڏس ڏنس ته آفيس ۾ آهي. آفيس ۾ ويئي، در تي آهستو ٺڙڪو ڪيائين. جواب آيو ته اندر آءُ. +رحمت اندر ويئي. ڏٺائين ته دهلويءَ ڪڻڪ جا نمونا ميز تي رکيو ويٺي تپاسيا، ۽ ابراهيم خان ڪو نه هو. رحمت حرف ٺاهي زبان تي رکيا هئا ابراهيم خان لاءِ، نه دهلويءَ لاءِ سو ٿورو منجهي پيئي. +هائو، ڇوڪر ڪهڙي ڪم آئي آهين؟ دهلويءَ پڇيو، ڄڻڪ ڪارخاني جو مالڪ ئي پاڻ هو، رحمت جواب ڏنو ته، ابراهيم خان کي ڏسڻ ٿي گهران. +دهلويءَ چيو، ترس پلڪ ساعت، ابراهيم خان هينئر رڌل آهي. پاڻ نمونا ڪڻڪ جا تپاسڻ لڳو. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڇوڪر کي نه سڃاتو اٿس. +رحمت ترسي ويٺي، ۽ عجب پئي کاڌائين، ته دهلويءَ اتي ڪيئن آيو آهي. تيتري ۾ اسين ٿا سمجهياڻي ڏيون، ته دهلوي اتي ڪيئن آيو. +جڏهن ابراهيم خان ۽ دهلوي اسٽيشن ڏي روانا ٿيا، تڏهن ابراهيم خان واٽ تي دهلويءَ کي چيو، هي وقت مون کان وسرندو ئي ڪين. تون منهنجي هڪڙي مشڪلات حل ڪئي آهي، مان انهن مان نه آهيان، جي ماٺ ڪري پنهنجي ڳالهه ڪُرو مُرو ڪري ڇڏين. گاڏي اچي، تنهن کان اڳي مان وري ٿو توکان پڇان، مون وٽ رهندين ڪين نه؟ رڳو خود مطلبي ٿي مان اهو سوال ڪو نه ٿو ڪريانءِ، مون کي تنهنجي لاءِ گهڻو پيار جاڳيو آهي، تون پنهنجا شرط ٻڌاءِ، مان تنهنجا شرط قبول ڪندس. دهلويءَ جو هٿ ابراهيم خان جي هٿ ۾ هو. کن ترسيو، منهن ڳاڙهو ٿي ويس. نيٺ چيائين، ”تقدير ڪي آگي، ڀائي! تدبير ڪيا ڪري؟ مان موٽي ٿو هلان، مان توهان وٽ رهندس“. ابراهيم خان جي هٿ ۾ هٿ هوس، تنهن سان ابراهيم خان جي هٿ کي ڀيڙو ڏئي، وري به چيائين ته، مان اوهان وٽ رهندس. +ابراهيم خان چيو، تڏهين ��صو ائين فيصل ٿيو؟ +دهلويءَ جواب ڏنو، ”هائو.“ +ابراهيم خان جي منهن، جنهن ۾ هميشه ڪرڙائي نظر ايندي هئي، تنهن ۾ هينئر گهڻي خوشي ظاهر ٿي ٿي. ابراهيم خان چيو، هاڻي تون منهنجو دوست آهين. منهنجي گهر هل ته شرط شروط لکي پورا ڪريون. دهلويءَ ڪولين کي چيو ته، سامان ابراهيم خان جي بنگلي تي پهچايو. +ابراهيم خان، دهلويءَ سان هڪدم گهرو مهرو ٿيڻ لڳو. چيائينس، جنهن لاءِ مون کي خيال نه هوندو آهي، تنهن کان مان تمام دور رهندو آهيان، پر جي ڪنهن لاءِ خيال ٿيم ته پوءِ ان لاءِ ڏاڍو اونو ٿيندو اٿم. هاڻي هل، هلي نيرن مون وٽ ڪر. صبح جو سوير گهڻو ڪين کاڌو هوندءِ. سراءِ ۾ ته اهڙو سوير ڪو کاڌو تيار به نه ٿيو هوندو. پوءِ سڀ شرط لکي پڪا ڪنداسون. جيتوڻيڪ منهنجو زباني اکر دستاويز برابر آهي. مان صبح جو گهڻيرو کائيندو آهيان. +ائين ڳالهائيندي، ابراهيم خان جي گهر پهتا، نيرن تي سڀ ڳالهه ٻولهه پوري ڪري ڇڏيائون. ابراهيم خان، جنهن سان دوستي ٿيس، تنهن کي چنبڙي پوندو هو. دهلويءَ کي زور ڪيائين ته مون سان ٽِڪ ٿوري ۾ ٿورو جيسين توکي ڪا چڱي جاءِ هٿ اچي. پوءِ دهلويءَ کي وٺي سڄي جاءِ گهمائي ڏيکاريائين: گهر، گدام، اناج، ڪڙٻ ۽ آخر آفيس، جنهن ۾ رحمت هينئر هن کي ويٺي ڏٺو. +باب ڏهون + +رحمت کي گهڻو ترسڻو ڪين پيو. آفيس ۾ ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ابراهيم خان گهڙيو، ته سندس ماڻهوءَ رحمت کي اندر وٺي وڃڻ لاءِ در کوليو. رحمت وڃي ئي وڃي ته هڪڙو ٻيو ماڻهو جلهه ڪري اندر گهڙي ويو، ۽ جيڪي ابراهيم خان کي چيائين، سو رحمت ٻڌو. دين محمد، سائين اوهان جي لکئي موجب: نئون مئنيجر. ابراهيم خان ترت چيو، نئون مئنيجر! اُهو ته پنهنجي آفيس ۾ اڳيئي ويٺو آهي. +دين محمد بيوقوفيءَ طرح سان چيو، پنهنجي آفيس ۾! +ابراهيم خان چيو، مون ته خميس جو ڏينهن ملاقات لاءِ ڏنو هو، توهين انهي ڏينهن نه آيا، ۽ مون ٻيو ماڻهو مقرر ڪيو آهي. مون پهريائين ڀانيو ته اهوٻيو ماڻهو اوهين هئا. اوهان جو خيال آهي ڇا ته ڌنڌو ڪنهن لاءِ ترسي ويهندو؟ +دين محمد خط کيسي مان ڪڍي چيو، اوهان خميس جو ڏينهن ڏنو هو يا ڇنڇر جو؟ +ابراهيم خان چيو، پر، اوهين دير سان پهتا آهيو. مان ٻيو ڪي چوڻ نه ٿو گهران. +اوهين مون کي ته مقرر ڪري چڪا هئا؟ دين محمد ڀڻ ڀڻ ڪئي. +ابراهيم خان چيو، سڀ ڳالهه منحصر هئي ملاقات تي. مون کي افسوس آهي گهڻو افسوس، پر هينئر ڪو علاج ڪونهي. +دين محمد ٻيو ڪجهه چئي نه سگهيو. جيئن موٽيو، تيئن رحمت گڏيس. رحمت ڏٺو ته چپ غصي ۾ وريل ۽ منهن نااميديءَ سان ڀريل هوس. +رحمت هاڻي اندر گهڙِي ۽ گهر جي ڌڻيءَ اڳيان وڃي بيٺي. گهر جي ڌڻيءَ جي اکين ۾ هميشه چمڪو گهڻو هوندو هو. اکيون رحمت ڏي ڦيرائي هن جي شڪل شبيهه چڱيءَ طرح نظريائين، ۽ چيائين، ڇوڪر ڪيئن آئي آهين؟ +رحمت چيو، سائين، موڪل آهي، ڌنڌي کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ڳالهه ڪرڻ جي؟ +هائو، جيڪا ڳالهه وڻيئي سا ڪر. ڇوڪر ڏي وڌيڪ خيال سان نهاريائين. +رحمت معصوم وانگي چوندي ويئي. مون کي موڪليو اٿن، اوهان کي چوڻ لاءِ، ته اوهان جي ڏورانهين مائٽياڻي، سڱاوت جي رستي، حليمان شيرخان جي رن زال، ميرپور ۾ پهتي آهي، ۽ خبر رکڻ ٿي گهري، ته اوهين هن کي گڏجڻ چاهيو ٿا يا نه؟ +ابراهيم خان جي منهن جو ڳاڙهو چهرو جهڪي ٿي ”تون هن جي ڌيءُ آهين ڇا؟“ مسين مسين جواب اڪليس، او، حليمان اڃا جيئري آهي؟ +سائين، ”هائو“ +هائو، سائين مان ئي رڳو ٻار آهيانس. +تون پاڻ کي ڇا ٿي ڪوٺائين؟ +منهنجو نالو، سائين رحمت آهي. مان شير خان جي ڌيءُ آهيان. +ابراهيم خان اتي صحيح ڪيو، ته ��ليمان جي طلاق جي ڳالهه رحمت تائين پهتل نه آهي. پاڻ ته حليمان سان ظلم ڪري چڪو هو پر حليمان مٿس مهرباني ڪئي هئي جو نه پنهنجي ٻار سان، نه ڪنهن ٻئي سان، پنهنجي حال جي ڳالهه ڪئي هئائين. +ابراهيم خان چيو، مون کي جا تو خبر ڏني آهي، سان مون کي ڏاڍي سٺي لڳي آهي. جيئن ته اها ڳالهه ڌنڌي جي نه آهي، تيئن چڱو ائين ٿيندو جو گهر هلي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه اُتي ڪريون. +ڏاڍيءَ فضيلت سان رحمت کي، جنهن ڪوٺيءَ ۾ دهلويءَ ويٺي نمونا ان جا جاچيا، تنهن مان لنگهائي باغ ۾ وٺي ويو ۽ اتان اندر گهر ۾. کاڌي جي ڪوٺيءَ ۾ جا ميز پيل هئي، تنهن تي جا نيرن دهلويءَ کي ابراهيم خان کارائي هئي، تنهن جا برتن اڃا اتي ئي رکيل هئا. نيرن ڏاڍي اچي کارائي هئائينس. کاڌي جي ڪوٺيءَ ۾ ڏاڍو اُچو، پڪي ساڳ ۽ شيشي جو سامان پيل هو. هڪڙي ميز جا ڀت سان پيل هئي، تنهن تي قرآن شريف رکيل هو. +ويهه، رحمت، ويهه! ابراهيم خان چيو، پر سندس آواز ۾ لرزو هو، ۽ سندس هٿ گوڏن جي وچ ۾ پئي لڙڪيا. تنهنجي ماءُ، تڏهين بلڪل چڱي ڀلي آهي؟ +چڱي ڀلي آهي، پر البت ماس ڇڻي ويو اٿس ڳچ مسافري ڪئي اٿس. +شير خان پٺاڻ جي رن زال! شير خان ڪڏهن گذر ڪري ويو؟ +ابي اڳئي ڦڳڻ ۾ رضا ڪئي. +ابي اکر تي ابراهيم کي سيئاٽ پئجي ويو. پڇيائينس ته، تون ۽ ماڻهين ٻاهران ڪنهن ڌاريي ملڪ مان ٿيون اچو ڇا؟ +رحمت جواب ڏنو، اسين ڪجهه وقت ڪراچي رهيا پيا هئاسين، اتان آيا آهيون. اسين جڏهن آفريڪا مان آياسون، تڏهن مان اٺين ورهين کن جي هيس. ابراهيم خان چيو، او برابر. پوءِ رحمت کان پڇيائين، هاڻي تنهنجي ماءُ ڪٿي لٿل آهي؟ +هڪڙي سراءِ جا ديوان گوبندسنگ جي سراءِ ٿي سڏجي، اتي لٿل آهي. +۽ تون سندس ڌيءُ آهين؟ ابراهيم خان اُٿي ويجهو وڃي رحمت جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. ڳوڙها ڳڙي آيس، منهن پاسي ڪري، چيائين، تون مون کان چٺي وٺي وڃي ماءُ کي ڏي. سندس اڳئين مڙس آسودو نه ڇڏيو اٿس. منهنجي هن کي گڏجڻ جي مرضي آهي. سندس اک رحمت جي پوشاڪ تي پيئي، جا پوشاڪ خراب نه هئي، پر تڏهين به ابراهيم خان جي شان وٽان نه هئي. +ميز تي ويهي، ٿورا اکر لکي، ڏهن جا ويهه نوٽ ڪڍي، خط سان گڏي، خط سنڀالي سيل مهر ڪري، رحمت کي پهچائڻ لاءِ ڏنائين. +مهرباني ڪري هيءُ خبرداريءَ سان ماءُ کي ڏج. مان ڏاڍو خوش ٿيو آهيان توکي ڏسي، بيحد خوش. اسين ويهي پاڻ ۾ گهڻيون گهڻيون ڳالهيون ڪنداسون، پر نه هاڻي. +رحمت کي ڳراٽڙي پاتائين. رحمت ويچاري ايترو پيار ڪو ورلي پسيو هو. اکين مان لڙڪ وهي آيس. ابراهيم خان دلداري ڏنيس. رحمت کي پنهنجي روئڻ تي لڄ آئي، جنهنڪري ترت ٻاهر هلي ويئي. جنهن دم رحمت ٻاهر ويئي، تنهن دم ابراهيم خان در بند ڪري، ڪرسيءَ تي کڙو ٿي ويهي رهيو. سامهين ڀت تي نظر جڙي، سڄي پنهنجي تاريخ ڄڻڪ چٽيل ويهي پڙهيائين. +يا الاهي!، ابراهيم خان رڙ ڪئي. شايد هي ٺڳ هجن، حليمان ۽ رحمت وفات ڪري ويون هجن پر رحمت جي مهانڊي وري هوش ۾ آندس ۽ ٿوري وقت کان پوءِ حليمان کي گڏجڻو هو، پوءِ سڄي خبر کيس پوڻي هئي. حليمان کي لکيو هئائين ته توسان سانجهن جوگڏبس. +دهلويءَ جو ڏاڍو خيال هوس، پر حليمان جو هينئر وڌيڪ خيال ٿيس. سڄو ڏينهن دهلويءَ کي گڏيوئي ڪين. دهلويءَ دل ۾ چيو ته، ابراهيم خان طبيعت جو مستقيم ته ڪين چئبو. +رحمت وڃي سراءِ ۾ پهتي. حليمان جي دل خط ڏسي ڏاڍي نرم ٿي ويئي. يڪدم خط ڪين پڙهيائين. رحمت کان حال احوال پڇيائين، ۽ چيائينس ته، ابراهيم خان جي اکر ڪم آندا، سي چئي ٻڌائينم. رحمت سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايس. پوءِ جڏهن رحمت پرتي ٿي، تڏهن حليمان هيٺيون خط پڙهيو: +”مون کي اٺين بجي شام جو منهنجي بنگلي تي گڏجانءِ. مان ويٺو هوندس. هينئر مان ٻيو ڪجهه نه ٿو لکان. تنهنجي خبر مون کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي. ڇوڪر کي انت ته نه مليل آهي. تون ڪا نئين خبر نه ڏجانئس. جيسين ڪو مان توکي گڏجان. +پئسن بابت ڪجهه به نه لکيائينس. حليمان سانجهن تائين بي آرام رهي. رحمت کي چيائين ته مون کي ابراهيم خان کي گڏجڻو آهي، پر اڪيلو. ابراهيم خان جو خط پڙهڻ لاءِ ڪو نه ڏنائينس. ماءُ ڌيءُ ٻئي اسڪول ۾ سنڌي پڙهيون هيون. رحمت کي اسڪول ۾ چڱيري سکيا مليل هئي. + + +باب يارهون + +اٺين بجي کان ٿورو اڳ حليمان، ابراهيم خان جي بنگلي ڏي هلي. ابراهيم خان به بنگلو ڇڏي باغ ۾ پئي ڦريو، ته هڪڙِي زال باغ اندر ايندي ڏٺائين باغ جي وچ ۾ اچي گڏيا. ڪنهن کان اکر نه اُڪليو. نڪي ڪو اکر جو ضرور هو. حليمان، ابراهيم خان اڳيان نئڙي، جنهن ٻانهن ۾ جهلي ورتس. +مان هينئر چرس نه پيئندو آهيان ۽ نڪو ٻيو نشو واپرائيندو آهيان. ابرهيم خان معافي طور چيس. حليمان ٻڌءِ! انهي رات کان پوءِ، مان نشي واري شيءِ کي اصل ويجهو نه ويو آهيان. +حليمان مٿو ڌوڻيو، ابراهيم خان جاچيو: کن پوءِ وري چيائين، جي مون کي خبر هجي ها ته تون جيئري آهين، حليمان! پر سڀڪو سبب وسهڻ جو هو، ته تون ۽ تنهنجي ڌيءُ ٻيئي گذر ڪري ويون آهيو. مون سڀڪو رستو ورتو توکي ڳولڻ جو، مون سفر ڪيو، مون اشتهار وڌا. منهنجو خيال هو ته شير خان توکي وٺي جهاز تي چڙهيو هو، ۽ اوهين سڀ ٻڏي ويا هئا. ڇو اهڙيءَ ماٺ ۾ رهينءَ حليمان؟ +او ابراهيم! هن جي ڪري، ٻيو ڪهڙو سبب هو مون کي ماٺ جو. مون سمجهيو ته منهنجو دين هو هن سان وفاداري ڪري، ڇالاءِ ته طلاق شرعي قاعدي موجب پئجي چڪي هئي. مان هينئر توسان گڏجان ٿي، هن جي بيوهه زال جيان. مان پنهنجو حق توتي ڪو نه ٿي سمجهان. جي شير خان قضيو نه ٿئي ها، ته هوند مان ڪڏهين به تو وٽ نه اچان ها. +ڇيهه، ڇيهه، تون اهڙي سادي ڪڏهين ٿيئن؟ +منهنجو سچو خيال اهو آهي، ته مون لاءِ هن جي حياتيءَ ۾ تو وٽ اچڻ بڇڙائي ٿئي ها. اتي حليمان زار زار رني. +ابراهيم خان چيو ته، مون کي ته ذاتي خبر آهي ته تون سادي، سچي، صابر زال آهين، پر افسوس جو تون مون کي هن حالت ۾ ٿي آڻين. +حليمان ڏڪي ويئي. پڇيائينس ته، مون ڪهڙي حالت ۾ توکي آندو آهي؟ +ابراهيم جواب ڏنو، اسين ۽ رحمت گڏ رهون، سو ڏاڍو مشڪل ٿيندو. هن کي سڀ ڳالهه ٻڌائي نه سگهبي، ڇو جو هن جي دل ۾ اسان ٻنهي لاءِ پوءِ ڏاڍي ڌڪار پيدا ٿي پوندي، جا ڳالهه مان سهي نه سگهندس. +انهي سبب ته مون هن کي انت نه ڏنو آهي. +چڱو، اسان کي ڪا تجويز ڳولي لهڻ گهرجي، جنهنڪري ڪا ڪل نه پويس ۽ اسان جو قصو به راس ٿي اچي. تو ٻڌو هوندو ته منهنجو ڌنڌو ڏاڍو متل آهي، ۽ مان هينئر لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ آهيان، ۽ گهڻن ڪمن ۾ مان هتي مُکي ٿي ٿو ويهان. +حليمان چيو،”هائو.“ +هن وقت مان ته سمجهي نٿو سگهان ته مون جو توکي طلاق ڏيئي تڙي ڪڍيو، سو هينئر اوهين منهنجي زال ۽ ڌيءُ ٿي، منهنجي گهر ڪيئن ٿيون موٽي اچي سگهو؟ منهنجي درپيش ته مشڪلات وڏي اها آهي. +اسان جي ڪري اوهان کي ڪا مشڪلات آڏو نه ايندي. اسين يڪدم هليون وينديونسون. مان آَيس رڳو اوهان کي ڏسڻ. +نه، نه، حليمان! تون نه ويندينءَ، تون مون کي سمجهيو نه آهي. ابراهيم خان سختيءَ سان چيو پر مٺيءَ سختيءَ سان. مون هيئن رٿيو آهي. تون ۽ رحمت جاءِ ڀاڙي ڪري ويهو، ۽ ڪوٺايو پاڻ کي شير خان جي زال ۽ ڌيءُ. منهنجو توهان سان رستو ٿئي، پوءِ مان توسان شادي ڪريان ۽ رحمت منهنجي گهر اچي. منهنجي اڳ ڄائي! ڌيءُ جيان رهي. هيءَ رٿ سوڌي ۽ سولي آهي. هن رٿ ڪري اسان کي ڪا مشڪلات درپيش نه ايندي. انهي طرح، مون جا نالائقي جي هلت جوانيءَ ۾ ڪئي هئي، سا ظاهر نه ٿيندي. ڳجهه توکي ۽ مون کي، اسان ٻن کي ئي معلوم رهندو. ۽ مون کي دل گهري خوشي حاصل ٿيندي.، جو منهنجي زال ۽ ڌيءُ، مون سان منهنجي اجهي هيٺ رهنديون. +حليمان چيو، جيئن تنهنجي مرضي، ابراهيم! مان تو وهيڻي آهيان، مان آيس هتي رحمت جي ڪري، پر مون کي جي سڀان صبح جو چئين، ته وڃ هلي ۽ وري مون وٽ موٽي نه اچ، ته هوند مان راضي رهي هڪدم وڃان هلي. +هاڻي، هاڻي انهي نوع ۾ ته نه ڳالهاءِ، وري ته تون نه ويندينءَ. منهنجي رٿ تي ٿورو وقت خيال ڪر، جي انهي کان وڌيڪ چڱي ڪا ٻي رٿ نظر نه اچيئي ته ڪنداسون اونئين، جيئن مون توکي چيو آهي. مون کي افسوس آهي جو ڏينهن ٻه مون کي ڌنڌي پٺيان ٻاهر وڃڻو پوندو، پر تون جاءِ جلد هٿ ڪري سگهندينءَ. نئين شهر ۾ انهي صاحب جون ڪي جايون آهن، جنهن جو ڪنهن وقت آئون هاري ۽ پوءِ ڪمدار هوس. تنهن کان هڪڙي جاءِ گهري، مان توکي وٺي ڏيندس. +مسواڙ تي ڳري پوندي. +مسواڙ جي حرڪت نه آهي، جيڪا هوندي سا ڏبي، هو گهڻو ڪري مسواڙ وٺندو ئي ڪين. ضرور آهي ته تون چڱي هنڌ ۽ چڱي جاءِ ۾ رهين. جيسين موٽي اچان، تيسين ڪجهه خرچ ڪري سگهندينءِ؟ +حليمان جواب ڏنو، ”هائو.“ +جنهن ۾ رهي پيئي آهين، اُتي سکي آهين؟ +حليمان چيو، ”هائو“. +ابراهيم خان چيو، مون کي وڏي ڳڻتي ته اها آهي جو ته ڇوڪر کي اسان جي اڳئين حال جي به خبر نه پوي. +رحمت کي ڪو به امڪان انهيءَ خبر پوڻ جو ڪو نه آهي. اسان جي قصي جهڙو قصو هن جي خواب خيال به ڪو نه ايندو. +”سچ“! +حليمان چيو، منهنجي مرضي آهي ته اسين شادي نئين سر ڪريون، حق جو رستو اهو ٿيندو. هاڻي مان ڀانئيان ٿي، ته مون کي موٽي وڃڻ گهرجي. رحمت آتي ويٺي هوندي. مان وڃي چونديسانس. ته ابراهيم خان اسان جو گهڻگهرو آهي، ۽ سندس مرضي اها آهي، ته اسين هن شهر ۾ رهون. +ابراهيم خان چيو، تمام چڱو، جيئن سهڻو لڳيئي تيئن ڪج. مان ڪجهه پنڌ تو ساڻ هلندس. +حليمان چيو، نه، پر مان اڪيلي آهيان، رڳو بازار جي منهن تائين هل، پوءِ مان پاڻيهي سراءِ ۾ وڃي پهچنديس. +ابراهيم خان چيو، هاڻي رڳو هڪڙو سوال ڪندس، تو مون کي دلي معاف ڪيو آهي، ڪين نه؟ +حليمان کي جواب ٺهي ڪو نه آيو، سان هٻڪي. +ابراهيم سمجهيو ۽ چيائين، حرڪت نه آهي، اميد ته وقت ايندو جو مان تنهنجي معافيءَ جو پاڻ کي لائق ڪندس، آئيندي جي هلت، منهنجو سچو حال آپي ئي ڏيکاريندي. هاڻي الله حامي! +بازار ڏيئي، جنهن ۾ گهڻي روشنائي ۽ ماڻهو هئا، حليمان وڃي سراءِ ۾ پهتي. ابراهيم خان پريان بيهي ڳچ پنڌ نظر ڪيس. جڏهن سمجهائين ته سراءِ کي پهچڻ ۾ تڪليف ڪا نه ٿي هونديس، تڏهن پٺ تي وريو. + + + +باب ٻارهون + +ابراهيم خان گهر پهچڻ تي ڏٺو ته سندس آفيس ۾ بتي پئي ٻري، ۽ دهلوي آفيس جي دريءَ سامهون ڪم ويٺو ڪري. ايڏي ڪارخاني جي مئنيجريءَ جو ڪم سولو نه هو، ڪتاب درست ڪرڻا هئا، گدامن جي جنس جون ياداشتون ٺاهڻيون هيون، ۽ ماڻهن کي کڙو ڪرڻو هو. ابراهيم خان آفيس ڏي رخ رکيو آفيس ۾ اندر گهڙِي چيائين، در محمد! مان تنهنجي ڪم ۾ ڪا به رنڊڪ وجهڻ نه ٿو گهران، جي هن وقت به ڪم ڪرڻ جو خيال اٿئي ته ڀلي ڪم ڪر. +ائين چئي، دهلويءَ جي ڪرسيءَ جي پٺيان وڃي بيٺو. ڪجهه وقت بيهي ڏٺائين ته دهلويءَ، ڪارخاني جي ڪتابن جو مونجهارو ڪيئن ٿي سمجهايو، دهلوي تيز فهم هو، پر دهلوي جي تيز فهميءَ لاءِ به مونجهارو گهڻن هنڌن تي سخت هو. دهلويءَ جو ڪم ڏسي، دهلويءَ لاءِ وڌيڪ عزت ٿيس. دل ۾ ارمان به ٿيس ته دهلويءَ کي انگن تي ايترو پورهيو ڪرڻو ٿو پوي. پاڻ، ابراهيم خان کان ڊٺل انگ جاچڻ هرگز نه پڄن ها. کيس هوش ججهو هو، پر دهلويءَ جيترو علم نه هوس، نڪي دهلويءَ جيتري صبوري هيس. +نيٺ، چيائين، دهلوي! تون وڌيڪ پورهيو اڄ رات نه ڪندي. پنهنجو موٽو هٿ پکيڙي، جو ڪاغذ دهلويءَ جي اڳيان هو، تنهن تي رکيائين. سڀاڻي انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي وقت ملندءِ. هينئر اندر منهنجي گهر آءُ ۽ اچي ماني کاءُ. توکي ضرور ائين ڪرڻو پوندو! حساب جا ڪتاب کڻي بند ڪيائينس، دوستاني زور سان. +دهلويءَ جو خيال هو ته پاڻ، پنهنجي لاءِ جاءِ الڳ ڪري، پر ڏٺائين ته ابراهيم خان اعتدال مان ڄاڻي ئي ڪين، ضرور گهڻ ۾ پوندو ۽ زور ڀريندو ته ساڻس گڏ رهان، انهي ڪري يڪدم هائو ڪيائين. دهلويءَ کي ابراهيم خان جي هنئاري پسند هئي، جيتوڻيڪ وقتن تي اڻانگي به لڳندي هيس. +ابراهيم خان جي طبيعت، سندس پنهنجي طبيعت کان علحدي هئي، جنهنڪري ابراهيم خان جي طبيعت، پهريائين پاڻ کان وڌيڪ پسند ٿي آيس. +آفيس کي تالو ڏيئي، باغ مان لنگهي اندر بنگلي ۾ ڍريا. باغ ۾ ماٺ لڳي پيئي هئي. ماڪ شروع هئي، ۽ هوا ۾ موتئي جي هٻڪار هئي. باغ ۾ گلن جا ڳچ چڪرا ۽ ميوي جا ٻه چار کوڙا موجود هئا. +صبح جهڙي مهمان نوازي هينئر به شروع ٿي. ماني پوري ٿي ته ابراهيم خان دهلويءَ کي چيو، يار، ڪرسي سيري آءُ ته ڳالهيون ڪريون. پاڻ ۾ رڳو ڌنڌي جو رستو رکڻ اڻپورو ٿيندو. پهرئين ئي ڏينهن پڇاڙيءَ ۾، توسان مان پنهنجي گهر جي ڳالهه ٻولهه ڪندس. مون ڏاڍو اڪيلو گذاريو آهي، مون کي ٻيو ڪو بندو بشر ڪونهي، جنهن سان حال اوريان، پوءِ ڇو نه توسان دل جو حال ڪريان؟. +دهلويءَ چيو، مان اوهان جي ڳالهه ڪن لائي ٻڌندس. مون کان اوهان جي جيڪا به خدمت ٿي سگهندي، سا آءٌ ڪرڻ لاءِ تيار رهندس. +ابراهيم خان، ”مون هميشه هاڻوڪي چڱي حالت ۾ ڪين پئي گذاريو آهي، ابراهيم خان کي هن وقت عجيب جذبو آيل هو_ جذبو جنهن هن کي نئين دوست کي اُهو حل ٻڌرايو، جو هوند جهوني دوست کي به شڪجي ٻڌائجي. مون حياتي شروع ڪئي گَڏن ٻڌڻ جي ڪم سان، ۽ جڏهن مان فقط سورهن سالن جو هوس، تڏهن مون شادي ڪئي. گَڏن ٻڌڻ مان به مون کي ڪمائي چڱيري هئي، تون جيڪر ڀانئين ٿو، ته مان شادي ڪيل آهيان؟.“ +مون شهر ۾ ٻڌو آهي ته اوهان جي شادي ڪيل هئي. ۽ اوهان جي زال گذر ڪري ويئي آهي. +ابراهيم خان چيو، ايترو ته ضرور منهنجي لاءِ چوڻ ۾ ايندو هوندو. مون کي زال وڃائي اڄ سورنهن سال ٿيا، ۽ سو هينئن: هڪڙي اونهاري جي سانجهين جو نڪري پياسون ڪم جي ڳولاءِ ۾، آءٌ، منهنجي زال ۽ منهنجي ڌيءُ. پٿوري جي ميلي تي وڃي نڪتاسون. مان انهيءَ وقت چرس پيئندو هوس. +ابراهيم خان ساعت ترسيو. ڪرسيءَ ۾ پاڻ کي پٺ تي ڦٽو ڪيائين، جنهنڪري سندس ٺونٺ ميز تي رهي، ۽ سندس هٿ ڍڪي، پر تنهن هوندي به ڪو به جاچ ڪندڙ، جاچ ڪري سگهي ها ته اندريان خيال تپاسڻ جو هن وقت پڪو ارادو سندس منهن ۾ پئي بکيو. +جوءِ جي طلاق جي ڳالهه جو، سڄو تفصيل هن دهلويءَ کي ڏنو. دهلويءَ پهريائين البت بيخيالي طرح پئي ڳالهه ٻڌي، پر جيئن ڳالهه وڌندي ويئي، تيئن هن جو چت به ڳالهه ۾ لڳندو ويو. +ابراهيم خان پوءِ بيان ڪيو ته ڪيئن زال جي ڳولا ۾ نڪتو، ڪيئن قسم کنيائين، ته ڪو به نشو نه ورتائيندس، ڪئين ورهيه اڪيلو رهيو. مون سورهن ورهيه پنهنجي کنيل قسم کي پاليو آهي، ۽ ڏسين ٿو، يار ته مان ڪيئن چڙهي وڃي هن درجي کي رسيو آهيان. +”دهلويءَ چيو، هائو.“ +سورهن ورهين ۾ ڪنهن ٻيءَ زال جو خيال نه ڪيو اٿم. مون کي زال ذات لاءِ البت ذاتي نفرت آهي، انهي ڪري زال ذات کان پري رهڻ ۾ مون کي ڪا گهڻي تڪليف نه ٿي آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن زال جو مون خيال نه ڪيو آهي، پر هاڻي _ منهنجي طلاق ڏنل زال موٽي آئي آهي. +اوهان جي زال موٽي _ موٽي آئي آهي! دهلويءَ عجب کائيندي چيو. +اڄ صبح جو _ اصل اڄ صبح جو، ۽ هاڻي ڇا ڪجي؟ +اوهين جيڪر هن کي يڪدم پاڻ سان رهائي هن کي اڳينءَ هلت جو پورو عيوضو ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪريو؟ +منهنجو خيال به ائين ڪرڻ جو آهي، پر دهلوي حليمان سان حق ڪرڻ ۾ مان هڪڙي ٻي زال سان ناحق ٿو ڪريان! +ائين ڇو؟ +منهنجي طبيعت جو ماڻهو، دهلوي! سورهن ورهيه وڌيڪ چوڪون ڪرڻ کان سواءِ ڪيئن رهي؟ حيدرآباد ۾ پٽاٽن جي خريدي لاءِ پئي ويو آهيان. هڪڙي سرءُ جي موسم ۾، مون کي حيدرآباد ۾ تپ اچي ويا. ڏاڍو هلاڪ ۽ بيدل ٿي پيس. هئس وانڍو، جهان ئي جهنم ٿي ڏسڻ ۾ آيم. پئي چيم ته ماءُ مون کي ڇو ڄڻيو؟ +دهلويءَ چيو، مان ته هوند ڪڏهين ائين نه سمجهان ها! + + + + +تڏهين سائينءَ کي سوال ڪر ته شل ڪڏهين ائين نه سمجهين. مان جو انهيءَ بيماريءَ جي حالت ۾ هئس، ته هڪڙي سکر زال، جا پاڙي ۾ رهندي هئي، تنهن منهنجي نوڪر جي هٿان، مون کي نياپو موڪليو ته بيماريءَ ۾ تنهنجي چاڪري ڪرڻ لاءِ آءُ تيار آهيان. ان مشورين جي پاڙِي ۾ رهندو هوس. اها سکر، زال هڪڙي جنگي کاتي جي پينشز جي ڌيءُ هئي. پڻس مري ويو هوس، ۽ ماڻس به. پئسو هوس ۽ گهر به. پاڙيوارن جي مدد سان نوڪرياڻي رکي گذر ڪندي هئي. مون نياپي جي جواب ۾ سندس شڪر گذاري ڪئي، ۽ چوائي موڪليومانس ته مان ماندو آهيان، جي مهرباني ڪري منهنجي سڀنال ڪندينءَ ته چڙهي پوندس. ۽ هميشه ٿورائتو رهندس. هوءَ به اڪيلي هئي، منهنجي خدمت ڪندي، مون سان دل لڳي ويس. خدا ٿو ڄاڻي مان انهيءَ دل جي لائق نه هوس، پر منهنجي به دل هن کسي ورتي. ڪهڙيءَ طرح سان گڏ رهياسون، تنهن جو ذڪر مان ڪو نه ٿو ڪريان، پر ٻنهي جو ارادو اهو ٿيو ته اسين شادي ڪريون. پاڙي ۾ ڏاڍي چوپچوءِ ٿي، جنهن جي مون کي ته پرواهه ڪانه هئي، پر اها هن جي لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿي. دهلوي، تون منهنجو حال محرم آهين، توکي سچ ٿو چوان ته زالن سان عشق پچائڻ، منهنجي طبيعت سان ناموافق آهي. پر مان لاچار هوس. آخر چڱو ڀلو ٿيس ۽ ميرپور موٽي آيس. پڻس هن کي مڪتب ۾ پڙهايو هو، هوءَ لکي پڙهي ڄاڻندي هئي. پنهنجي شنيدي ۽ شهرت بابت، مون کي خط پٽ پئي لکيائين. ٿورا ڏينهن ٿيندا جو مون لکي موڪليومانس ته مان خوشيءَ سان توسان شادي ڪندس، جي توکي ائين ڪرڻ قبول آهي. مون صفا لکيو مانس، ته منهنجي طلاق ڏنل زال شايد جيئري هجي، جيتوڻيڪ انهيءَ جو گهڻو امڪان ڪونهي، پر تڏهين به اهڙو خطرو آهي. هن انهيءَ خطري هوندي به رضامندي ظاهر ڪئي، ۽ ٿورن ڏينهن ۾ پرڻجون ها، پر هاڻي حليمان اچي پيدا ٿي آهي! + +انهيءَ مونجهاري تي دهلويءَ ساڻس گهڻي همدردي ظاهر ڪئي. پاڻ ننڍو نوجوان هو، چيائين ته، انهيءَ مونجهاري جو مون کي ته علاج ئي ڪونه ٿو نظر اچي. +ابراهيم خان چيو، ڏس، ماڻهو پنهنجي خرابيءَ جو خود پاڻ ڪارڻ ڪيئن ٿو بنجي. ميڙي تي چرس پي، جوءِ کي طلاق ڏنيم، ۽ مطلب تي انهيءَ مشورياڻيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ ڏنم، ۽ هن جو نالو خراب ڪيم. هاڻي ٻنهي مان هڪڙيءَ سان ناحق ڪرڻو پوندم. مون تي پهريون فرض ته حليمان جو آهي. انهيءَ ۾ ڪو ذرو شڪ به نه هئڻ گهرجي. +دهلويءَ ڀڻڪي ۾ چيو ته، ٻيئي ڏاڍيءَ نازڪ حالت ۾ ٿيون! +”لاشڪ، ٻيئي.“ ابراهيم خان ائين چئي، ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ”منهنجي خواهش آهي ته ٻيءَ سان به مان چڱي ڪريان“. +دهلويءَ چيو، ٻه شاديون ڪرڻ ته بنهه چوڪ ٿيندي، ٻي��َ کي لکي موڪليو صفا ۽ سچائيءَ سان، ته توسان شادي ڪري نٿو سگهان، ڇو جو منهنجي طلاق ڏنل زال موٽي آئي آهي، ۽ ٻه زالون منهنجي حق ناشدنيءَ جهڙو ڪم سمجهڻ گهرجي، توسان هاڻي گڏجي نه ٿو سگهان، پر مان تنهنجو هميشه گهڻگهرو رهندس. +رڳو ايترو لائق نه ٿيندو. ابراهيم خان چيو. مون کي، هن کي ڳچ پيسا به موڪلڻ گهرجن، جيتوڻيڪ هن هميشه پئي ٻٽاڪ هنئي آهي، ته پئسن جو کپ نه اٿم، ڇو ته شاهوڪار چاچو اٿم، جنهن کان پيسي جي مدد ڪنهن به وقت ملي ٿي سگهيم. هاڻي تون مون کي واهر ڪراءِ خط منهنجي پاران لکينس، سڄي ڳالهه چٽيءَ طرح ۽ حليميءَ سان سمجهائينس، مان تو جهڙا خط ڪين لکي سگهندس. +دهلويءَ هائو ڪئي. +ابراهيم خان چيو، سڄي حقيقت مون توکي اڃا نه ٻڌائي آهي. نينگر جا ميڙي تي حليمان کي ڪڇ تي هئي، ۽ جا هاڻي وڏي ٿي آهي، تنهن کي اسان جي قصي جي ڪا به خبر ڪانهي. هوءَ سمجهي ٿي ته مان سڱين ٻنڌين سندس مائٽ لڳان. سندس پيءُ شير خان پٺاڻ آهي، ۽ نه مان، حليمان جو ۽ منهنجو خيال آهي ته اسين سڄي حقيقت کان واقف نه ڪريونس. ڇو جو اها حقيقت هن وٽ اسان کي ڏاڍو شرمندو ڪندي. تون پاڻ جيڪر انهيءَ حالت ۾ ڇا ڪرين مان تنهنجي صلاح ٿو گهران. +مان جيڪر سچ چئي ڏيانس. منهنجي نظر ۾ هوءَ حالتون ويچاري ٻنهي کي معاف رکندي. +نه نه، مان ۽ ماڻس، ڪڏهين به رحمت کي پنهنجو اهو ڪِنو قصو نه ٻڌائينداسون. ماڻس ۽ مان وري شادي ڪنداسون، جو ڪم وڌيڪ سهڻو ٿيندو ۽ جنهنڪري نينگر جي عزت به رهجي ايندي، ۽ حليمان جي دل مان به طلاق جو ڏک ميٽجي ويندو. اسان جو دين ۽ ايمان به رهجي ايندا، جي نئين سر شادي ڪنداسين. +دهلوي اتي وڌيڪ نه ڪڇيو. مشورياڻيءَ ڏي خط ويهي خبرداريءَ سان لکيائين. اتي ڳالهه ٻولهه پوري ٿي. دهلوي موڪلائڻ تي هو، ته ابراهيم خان چيو، مون کي تو دوست سان حال اورئي ڏاڍو آرام آيو آهي. دهلوي! ڏسين ٿو ته مون کي جيترو پيسو آهي اوترو دل جو قرار نه آهي! +دهلويءَ چيو، مان سڄو قصو هاڻي سمجهان ٿو، مون کي انهي قصي ٻُڌائي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. +ٻئي ڏينهن، دهلويءَ، مشورياڻيءَ وارو خط پنهنجي اکرين صفا ڪري ۽ منجهس چيڪ وجهي، ٽپال آفيس ۾ کڻي ويو، جتان خط موڪلي خيال ڪندو وريو: ”ائين ٿي سگهندو جو مشورياڻيءَ وارو قصو اهڙو سولو ٺهي وڃي؟ دل ۾ ويچاريائين ۽ ويچاري چيائين، ڳجهه خدا سائينءَ کي معلوم هاڻي ته حليمان کي حق رسائڻو آهي! + + +باب تيرهون +گهر، جو ابراهيم خان پنهنجي اڳئين زميندار کان، حليمان ۽ رحمت لاءِ گهري ورتو، سو نئين شهر ۾ هو، حليمان ۽ رحمت هن گهر ۾ ويٺيون. ابراهيم خان هڪڙو اشراف نوڪر رکي ڏنن. پوءِ هيڪر ابراهيم خان وٽن ويو ۽ چانهه پيئڻ لاءِ ترسيو. گفتگو جا هلي، تنهن ۾ ابراهيم خان، رحمت کي البت پئي ڀنڀلايو. ابراهيم خان کي انهيءَ مان مزو ٿي آيو، پر حليمان کي اهو نٿي وڻيو. ابراهيم خان وري وري وٽن پئي آيو. ڌنڌي وارو ماڻهوءَ جي ارادي جي پڪائي، هن، هنن بار بار وڃڻ ۾ پئي ڏيکاري. مشورياڻي بالفعل وسري ويئي هيس. +هڪڙي ڏينهن، جو ابراهيم خان حليمان جي گهر آيو ته ڏٺائين ته رحمت ڪا نه هئي. حليمان کي چيائين، ”هيءُ وجهه آهي تنهنجي انهيءَ سڳوري ڏينهن مقرر ڪرڻ جو، جنهن ڏينهن اسين وري شادي ڪريون؟“ +ويچاري حليمان مرڪيو. هن کي هن حالت ۾ مرڪڻ به پسند نه هو. هيءُ رستو جو ورتو هئائين، سو رڳو ڌيءُ جي ڪري، نه ته ٻاهرئين اڊنڀر جي بلڪل ويجهو نه وڃي ها، ۽ ڌيءُ کي سموري سچي حقيقت ٻڌائي ڇڏي ها. +”او بلو!“ حليمان چيو، مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته منهنجي ڪري تنهنجو وقت ٿو وڃي، �� مان توکي تڪليف ٿي ڏيان. منهنجي خواب خيال به نه هو ته ڪو قصو هيئن بڻجندو! پوءِ ابراهيم خان جي ڪپڙن ڏي نهاريائين. دنيادار بودلي جيان پوشاڪ ڍڪيل هئس. پوءِ پنهنجي گهر ۾ جو سامان ابراهيم خان موجود ڪري ڏنو هوس، تنهن ڏي نهاريائين، جو به اُچو نظر آيس. +ابراهيم خان جواب ڏنو، تون بنهه منهنجو وقت نٿي وڃائين. هن گهر لاءِ به مون کي ڪجهه ڏيڻو ڪين ٿو پوي. سامان تي جيڪي خرچ ڪيو اٿم. سو پڻ منهنجي وسعت آهر بلڪل ٿورو آهي. اتي سندس ڳاڙهو ۽ ڀورو چهرو خوشيءَ سان ٻرڻ لڳو. چيائين، مون کي هينئر هڪڙو تمام چڱو مئنيجر هٿ آيو آهي، جهڙس مون اڳي ڪڏهين به نه ڏٺو آهي. مان جلد سڀ ڪم هن تي ڇڏيندس، ۽ پوءِ مون کي فرصت جو وقت ملندو، ايترو جو اڳين سورهن ورهين جو مون کي نه مليو آهي. +ابراهيم خان، حليمان جي گهر ايترو اچڻ لڳو، جو پاڙي ۽ شهر ۾ چوپچو هلي، ته پريزيڊنٽ صاحب کي شير خان جي وڌوا موهي ڇڏيو آهي. اڳي سڀني کي خبر هئي، ته زال ذات جي صحبت کان دور رهندو هو. شير خان جي وڌوا سڀاءَ جي غريب ۽ بت جي بلڪل سوکيم هئي، جنهنڪري ماڻهن کي عجب ٿي لڳو، ته ابراهيم خان هن تي دل ڪيئن ڪئي آهي! ماڻهن ليکي ته سندس مٽياڻي هئي، ۽ جي ساڻس شادي ڪيائين ته عزازت جي ڪري ڪندو، ۽ نه عشق جي ڪري. شير خان جي وڌوا اهڙي ته لاغر هئي ۽ منهن ۾ هيڊي، جو پاڙيوارا ننڍڙا ڇوڪر هن کي ڏسي بعضي ڇرڪي ويندا هئا. +ابراهيم خان شاديءَ جا سانباها چڱيءَ پر ڪيا، جنهن مان ظاهر ٿي ٿيو، ته هو ڪهڙو نه سچارو ۽ وويڪي مڙس هو، جنهن هن جي رڳي ٻاهرين هلت جاچي هوندي، تنهن به ائين سمجهيو هوندو، تنهن ۾ ڪا عشق جي آگ نه هئي. شاديءَ جا سانباها جو گرما گرم سندس گهر ۾ پئي هليا. سي خاص ٽن سببن ڪري: هڪڙو ته حليمان کي عيوضو جو ڏيئي سگهي، سو جلد ڏئيس، ٻيو ته رحمت لاءِ جوڳو گهر پيءُ جي نظر هيٺ جلد موجود ڪري، ٽيون ته پاڻ کي پنهنجيءَ هلت لاءِ خوب خردم هڻي، جو سمجهيائين ٿي ته حليمان جهڙيءَ غريب وڌوا پرڻجڻ ڪري، سندس وڏائي گهڻي گهٽبي. +شادي حليمان جي گهر ٿي. نڪاح برابر پڙهيو ويو. پوءِ خيرات شروع ٿي، غريب غربو خوب کارايو ويو. نڪاح مهل ملو، ۽ در محمد دهلوي حاضر هئا. ٻيو ڌاريو ماڻهو ڪو به ڪوٺايو ڪو نه ويو هو. دهلويءَ کي ته سڄي حقيقت معلوم هئي. ابراهيم خان اسڪولن ۾، ۽ اسپتال ۾ مٺائي ورهائي. +اونهاري جو حليمان پنهنجي مڙس جي ڪشادي گهر ۾ گهڙي. ابراهيم خان، گهر جي درن درين ۽ لوهه کي پينٽ هڻايو هو. حليمان سان ڏاڍي دل سان ٿي هليو. +هتي رحمت جو وقت بلڪل با فرحت گذرڻ لڳو، ۽ منجهس وڏي ڦير ڦار ٿيڻ لڳي. جيڪي طلبيائين ٿي سو ٿي مليس، ڇا ڪپڙا ڇا مڻيا! چوندا آهن ته، ”وٺ، جهوليءَ جهل، رک!“، اهي ڏاڍا مِٺا لفظ آهن. دل جي آرام سان دل جي ترقي حاصل ٿيس، ۽ دل جي ترقيءَ سان چهري جو حسن. دلي مت ته اصل کان ججهي هيس. علم ۽ هنر ڪو نه پرايو هئائين. سياري ۽ بهار جي موسم جا گذري، تنهن ۾ منهن ۽ بت ڪنهن قدر ڀرجي آيس. ڀرن تي جي ليڪا هئس، سي گم ٿي ويس. کَلَ جي مِٽيءَ رنگ هئس، تنهن ۾ لالاڻ ٿي ويس. اکيون جي گهڻو خيالي هئس، تن ۾ ڪڏهين ڪڏهين کل خوشي به ظاهر ٿيڻ لڳس. پر جي ماڻهو سختيون ٿا ڏسن، سي پنهنجي هلت ۾ اڪثري، کل خوشي گهڻي نه ڏيکاريندا آهن. رحمت به خوشيءَ جي موقعن تي پاڻ جهليندي رهي. هينئر جيڪي ٿي چاهيائين، سو ٿي مليس. انهيءَ حالت ۾ ٻيون هوند بيوقوفيءَ جي هلت ڪن ها، پر رحمت بلڪل سوڌي هلت ٿي ڪئي. قضا جي ڪاتيءَ جو هميشه دل تي ڊپ هئس. پوشاڪ پهرڻ ۾، توڙي ٻيءَ ڪنهن رهت ۾، بلڪل پوري پوشيدي ٿِي ٿي هلي. +هڪڙي ڏينهن، ٽنهين گڏجي، ماني ويٺي کاڌي ته ابراهيم خان، رحمت جا وار ڏسي چيو ته حليمان! تو مون کي ڪين چيو هو، ته جڏهن رحمت ننڍڙي هئي ته رحمت جا وار، رنگ مٽائي ڪارا ٿي ويندا. +حليمان جو چهرو ڦري ويو. اشارو ڪيائينس ته ڪچائي نه ڪر. + + +جڏهن رحمت پنهنجي ڪمري ۾ ويئي، تڏهن ابراهيم خان چيو، الله جو سنهن، مون سمجهيو آهي ته مون ڏاڍو گٿل ڳالهايو. منهنجو مطلب چوڻ جو فقط هيءُ هو، ته ننڍي هوندي رحمت جا وار ڀورڙا هوندا هئا. + +حليمان جواب ڏنو، هائو، پر ڪن حالتن هيٺ رونق ڦريو وڃي. +ابراهيم خان چيو ته ”ڀورا وار ڪارا ٿين ٿا، ڪارا وار ڀورا نٿا ٿين.“ +حليمان البت بي آرام ڏسڻ ۾ آئي، پر ڪي ڪڇي، تنهن کان اڳ ابراهيم خان چيو، منهنجي ته مرضي آهي ته رحمت کي منهنجي ڌيءُ ڪوٺائجي، ۽ نه شير خان جي. گهڻيئي ماڻهو اڳيئي ائين ٿا ڪوٺينس، مون کي ٻيو نالو پسند نٿو پوي. رحمت کي ته نئون نالو ناپسند ڪين ٿيندو؟ +حليمان چيو، نه، نه، پر -، +تڏهن آءٌ ائين ڪوٺائيندو سانس. جي رحمت جي مرضي ٻيءَ طرح نه هوندي، ته توکي ڪيئن ڪو اعتراض ٿيندو؟ +مون کي ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو، ڀلي ائين ڪوٺايوس. +حليمان جي هلت هتي تمام پوري نه هئي. رحمت وٽ ويئي. چيائينس، ابراهيم خان جي مرضي آهي، ته توکي سندس ڌيءُ ڪوٺائجي. تون قبول ڪندينءَ؟ يا شير خان جي نالي کي وڌيڪ عزت ڏيڻ گهرجي. +رحمت ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي. چيائين، اما، خيال ڪري جواب ڏينديس. +پوءِ جڏهين رحمت، ابراهيم خان کي گڏي، تڏهن ساڻس ڳالهه چوريائين، ۽ انهيءَ نوع ۾ ماڻس ڳالهه خود ساڻس چوري هئي. اوهان جي هروڀرو مرضي آهي ڇا ته منهنجو نالو بدلايو. +منهنجي هروڀرو مرضي آهي ڇا، ته تنهنجو نالو بدلايون! اوهين زالون ٿوريءَ ڳالهه تي ڪيترو نه گوڙ ٿيون ڪريو. جيڪا تنهنجي مرضي. مون کي ڪهڙي پئي آهي، جو تنهنجو نالو بدلايان. منهنجي ڪري نالو نه بدلائج. +اتي ڳالهه ٻولهه پوري ٿي. وڌيڪ گفتگو ڪا نه هلي. رحمت، شير خان جي ڌيءُ سڏبي رهي، ۽ ابراهيم خان جي. + +باب چوڏهون + +تيتري ۾ ابراهيم خان جو، ان ۽ ڪڙٻ جو وڏو ڪارخانو، در محمد دهلويءَ جي سنڀال هيٺ، تمام چڱو هليو. اهڙو چڱو اڳي ڪڏهن ڪو نه هليو هو. اڳي جو سودا زباني ٿيندا هئا، سو رواج هينئر بند ڪيو ويو. هاڻي خط پٽ ۽ بنديون، سڀ برابر رکيا ٿي ويا. +رحمت جي ڪوٺي، مٿي ماڙيءَ تي ائين ٺهيل هئي، جو اتان سڄي نظر ان جي گدامن تي ٿي پيئي، جنهنڪري اڪثر، جيڪي اتي وهندو واپرندو هو، سو رحمت ڏسي سگهندي هئي. رحمت ڏٺو پئي، ته ابراهيم خان ۽ دهلويءَ پاڻ ۾ ڏاڍا گهرا ٿيندا ٿي ويا. جڏهن گڏ گهمندا هئا، تڏهن ابراهيم خان، دهلويءَ جي ڪلهي تي دوستاني طريقي سان ٻانهن رکندو هو، ڄڻ ته دهلوي سندس ننڍو ڀاءُ هو. دهلوي هو قد جو ننڍو ۽ بت جو هلڪو. ابراهيم خان جي ٻانهن جي زور هيٺ، دهلوي جيڏو هو، انهي کان به ننڍو ڏسڻ ۾ ايندو هو. رحمت ڏسندي هئي ته دهلويءَ جي گفتي تي، ابراهيم خان بعضي بعضي ٽهڪن ۾ اچي ڇٽڪندو هو. اگرچ دهلوي پاڻ مڙندو ئي ڪين هو. ابراهيم خان به رهيو هو اڪيلو. هاڻي جي دهلوي گڏيو هوس، سو دهلويءَ جي مشورت جهڙي عقل واري، تهڙي صحبت سنديس مٺي ٿي لڳيس. ابراهيم خان جو ٿلهيرو ۽ ٿلهو ڳالهه هو، سو ڪڏهن ڪڏهن، دهلويءَ جي بدني سوکتائيءَ ۽ آواز جو جهيڻائيءَ تي ٿوري گهڻي نفرت ڏيکاريندو هو. پر ڇا، جو دهلويءَ جي دماغي قوت ۽ خوش مزاجيءَ لاءِ، ابراهيم خان کي ڏاڍي عزت هئي. + + + + +رحمت جي سانتيڪيءَ اک پرکيو، پر تڏهن به ابراهيم خان جو دهلويءَ لاءِ پيار، چيتيءَ مثل هو. ڪاوڙ ۾ ابراهيم خان، دهلويءَ جي دل ڏکوئڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه ڪندو هو. هميشه ابراهيم خان چاهيندو هو، ته دهلوي ساڻس ڪٺو هجي. پر تنهن جي ئي ڪري ائين ٿيندو هو، جو گهڻن وقتن تي دهلويءَ کي هڪڙيءَ نه ٻيءَ ڳالهه تي، دل ۾ ڪرڻ جو سبب ملندو هو. ابراهيم خان، عادت ڪري زبردست آدمي هو، تنهن هوندي به ابراهيم خان کي دهلويءَ لاءِ گهڻو پيار هو، سو هن کي جيترو ٿي سگهندو هوس، اوترو دل خِستو ٿيڻ نه ڏيندو هو. + +هڪڙي ڏينهن مٿان بيهندي، رحمت، دهلويءَ کي چوندو ٻڌو ته آءٌ، ۽ ابراهيم خان اوهين، جيڪر جدا گهمون ته چڱو، جتي منهنجي اک نه پهچي، اتي هوند اوهان جي پهچي. +اهڙي فائدي کي ئي کڏ ۾ وجهه، ابراهيم خان چيو، مون کي ڳالهائڻ لاءِ ماڻهو کپي. هاڻي اچ ته رات جي ماني گڏجي کائون. جي سڀ ڳالهه جو باريڪ خيال ڪندين، ته مان چريو ٿي پوندس. +جڏهن ماءُ سان گڏ، رحمت گهمڻ نڪرندي هئي، تڏهن ڏسندي هئي ته دهلوي عجيب طرح سان، ڏانهن پيو نهاريندو هو. سراءِ ۾ رحمت کي ڏٺو هئائين، سو ڪو سبب ڪو نه هو، ته ڏانهن اهڙيءَ طرح نهاري وري ماڻس ڏانهن، دهلوي وڌيڪ نهاريندو هو.رحمت دل ۾ خيال ڪيو، نه شايد دهلويءَ جو اکين ڦرڙائڻ جو رستو عجيب هو، ۽ ڪو ارادو ڏانهس نهارڻ جو نه هوس. +ڪو به شبهه دل ۾ ڪو نه اُٿيس، ته ڪو دهلوي، ابراهيم خان جو حال محرم هو، ۽ نه ابراهيم خان ۽ ماڻس جي ناتي جي گهڻي قدر خبر هيس. +هڪڙي ڏينهن، رحمت کي هٿو هٿ هڪڙو خط پهتو، جنهن ۾ لکندڙ چيو هو، ته مهرباني ڪري مون سان ابراهيم خان جي گدام ۾ گڏجو. لکندڙ جو نالو نشان ڄاڻايل ڪو نه هو، انهي گدام مان سامان پئي ڪڍارايائون. رحمت سمجهيو، ته ابراهيم خان جي ڌنڌي بنسبت لکندڙ کي، کيس ڪجهه چوڻو هو، جنهنڪري ترت انهيءَ گدام ڏي ويئي. جڏهن انهيءَ گدام ۾ پهتي، تڏهن پريان ڏٺائين ته دهلوي به انهيءَ گدام ڏي پيو اچي. دهلويءَ ڏٺس، تنهن کان اڳئي هڪڙي ڀر واري ڏاڪڻ، جا هڪڙي دُڇتيءَ ڏي ٿي ويئي، تنهن تي چڙهي ويئي. دهلويءَ سان ملڻ ۾ هٽڪ ٿيس. دڇتيءَ مان ڏٺائين، ته دهلوي، کيسي مان جهڙو خط کيس پهتو هو، اهڙو خط ڪڍيو، دُڇتيءَ تي ترسڻ ٺيڪ نه ڄاتائين. مُنجهي بيٺي. خيال کان سواءِ، هڪڙي وائرڻ جي مشين، جا دُڇتيءَ تي رکيل هئي، تنهن جي جي هٿيي تي هٿ رکي، هٿيي کي ڦيرايائين، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو، جو ڪڻڪ جي تهن سان سڄي ڀرجي پيئي. چرپچر ٻڌي، دهلوي مٿي چڙهيو، رحمت کي اتي ڏسي چيائين، اوهين اتي بيٺل آهيو؟ +رحمت هٻڪي چيو، ”هائو، مون کي خبر ڪا نه هئي، ته اوهان جي مرضي هئي مون کي گڏجڻ جي، نه ته مان“_ +منهنجي مرضي هئي اوهان کي گڏجڻ جي؟ نه نه، ڪا چوڪ ٿي ٿي ڏسجي. +هي خط اوهان ڪين لکيو آهي، رحمت، خط کيسي مان ٻاهر ڪڍيو. دهلويءَ چيو، نه، هرگز نه. +رحمت چيو، ائين ٿو ڏسجي ته ڪنهن کي، اسان ٻنهي کي هتي گڏ ڏسڻو آهي. +انهيءَ خيال تي اتي ڪجهه وقت ترسيا، پر ڪو به ماڻهو ڪو نه آيو. +دهلويءَ چيو ته، شايد ڪنهن حرڪت ڪري، اوهان ڏانهن ۽ مون ڏانهن ساڳئي نموني جو خط لکيو آهي. +رحمت چيو ته، ڏسجي ائين ٿو، پر مون کي اهڙي لکت کان ڪو به انديشو ڪو نه آهي. +۽ مون کي به نه، دهلويءَ چيو. +ٻيئي ڪجهه وقت ماٺ ۾ رهيا. پوءِ رحمت چيو ته، اوهين ته ڏاڍا خواهان آهيو، دهليءَ وري وڃڻ لاءِ؟ +دهلويءَ جواب ڏنو ته نه، مان وري وڃڻ جي خواهش ڇو رکندس؟ +اوهان جيڪو سراءِ ۾ راڳ ڳايو هو، تنهن مان منهنجي دل تي اهو اثر ويٺو هو، ته وطن جي ڇڪ بيحد هوو. راڳ اهڙيءَ، هنئاريءَ سان ڳايو هوو، جو اسان کي اوهان جي لاءِ ڏاڍي همدردي ٿي هئي. +دهلويءَ چيو، مون برابر راڳ اهڙو ڳايو هو، راڳ ڳائيندي مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو، پر هاڻي ته قسمت هتي ٿي آهي، مون کي وري ته انهي راڳ جي يادگيري ئي ڪا نه رهي آهي. +رحمت چيو، مون کي هاڻي دير ٿي ٿئي، مان وڃڻ ٿي گهران. +دهلويءَ چيو ته هن حرڪت جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪجي ته چڱو. ائين چوندي، اک وڃي رحمت جي ڪپڙن، جي ڪڻڪ جي تهن سان ڀريل هئا، تن تي کتيس. رحمت جي ڪپڙن تان توڙي وارن تان، رومال ۽ ڦوڪن سان تهه ڇنڊي پري ڪيائين. رحمت دهلويءَ جي مهرباني مڃي، ترت گهر ڏانهن رواني ٿي. + +باب پندرهون + + + +رحمت گهر پهتي. پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ڏٺائين، ته هيٺ ابراهيم خان ۽ دهلوي گدام جي اڱڻ ۾ پيا گهمن. ابراهيم خان، دهلويءَ لاءِ دوستي ڏيکارڻ مان ڍاپيو ئي ڪين ٿي، پر دهلويءَ جي هلت ۾ سهائيندو حياءُ هو. هنن ٻن مردن جي وچ ۾ جا دوستي هئي، سا ٻل واري دوستي هئي، تنهن هوندي به ٻج، جو انهيءَ دوست جو بنياد ڊاهڻ وارو هو، تنهن هاڻي ٿي پاڙ ورتي. + +ڇهين بجي جي مهل هئي، مزور هڪڙو هڪڙو ڪري ٿي گهر اسهيا. پويون مزور، جنهن جا ڪلها گول هئا، جو عمر جو اوڻيهن ورهين کن جو هو، جنهن جي ٿوريءَ چڙ تي وات کلي پوندو هو، ڇو جو کاڏي بلڪل ننڍي هيس، تنهن کي ابراهيم خان، ڏاڍيان سڏ ڪيو ۽ چيائينس، ڏتا! هيڏانهن اچ. +ڏتي جواب ڏنو، هائو سائين، ايڏانهن اچان ٿو. پر ڳالهه نه وڻيس، سمجهيائين ته ڪو ڪم ابراهيم خان ڏسيندو. +سڀان صبح جو سوبرو اچج. تنهنجي عادت آهي دير سان اچڻ جي، پر هت سڀان ڪم تمام ضروري آهي مان دير نه سهندس، ڪنهن به صورت ۾ نه سهندس. +پوءِ ڏتو، ابراهيم خان ۽ دهلوي هليا ويا، ۽ رحمت کي ڪو به نظر ڪو نه آيو. +ابراهيم خان کي اهڙي حڪم ڪڍڻ لاءِ وڏو سبب هو. وچارو ڏتو، جيئن چوندا هئس، ننڊرُ هو، ۽ ڪم تي دير سان چڙهندو هو. ڏاڍي ڳڻتي هوندي هيس ته سويرو اچان. رسي، جنهن جو هڪڙو ڇيڙو دريءَ کان ٻاهر لڙڪايو هئائين، سا به آڱوٺي کي روز ٻڌي سمهندو هو، ۽ همراهن کي به روز چوندو هو ته رسيءَ کي ڇڪ ڏيندا لنگهجو، تنهن هوندي به يا همراهن کي ڇڪ ڏيڻ وسري ويندي هئي، يا ڇڪ ڏني به، ڏتو وري سمهي پوندو هو. ڏتو اڪثر ڪار خاني ۾ دير سان پهچندو هو. ڏتو تورڻ ۾ ڀڙ هو، جيڪي ٻاهر خريديون ٿينديون هيون، تن جي تور لاءِ هن کي موڪليندا هئا. انهي ڪري ٻه، هن جي دير سان اچڻ ڪري گهڻي تڪليف ٿيندي هئي. هن هفتي ۾ هن به ڀيرا سڀني کي ڪلاڪ کن سيڙايو هو. ابراهيم خان، اڄ وري ڌمڪي چاڙهيس ۽ کڙو ڪيائينس ته، صبح جو سويرو اچڻو اٿئي: رڳو ڏسڻو پسڻو هو ته هو هن ڀيري به وقت تي اچي ٿو يا نه. +صبح جا ڇهه وڳا ته ڏتو ڪو نه آيو. ساڍي ڇهين بجي ابراهيم خان، گدام جي اڱڻ ۾ آيو. پڇيائين، ڏتو ڪٿي آهي؟ ۽ چيائين، هيتري تاڪيد کان پوءِ به ڪين آيو، اَبي جو سنهن، مان هن سان سختي ڪندس، هونءَ هي سڌرندو ئي ڪين، مان ٿو گهر وڃانس. +ابراهيم خان، ڏتي جي ڀنگيءَ ڏي ويو. ڀنگيءَ جو در کليل رهندو هو، جو ڪو قيمتي ٽپڙ منجهس ڪو نه هو. ڏتي جي کٽولي جي مٿن کان بيهي، ابراهيم خان رڙ ڪئي. ڏتو ڇرڪ ماري اٿيو. اهڙو ته ڏڪي ويو، جو ڪپڙن ڪرڻ تي به هٿ نه وريس. کٽولي جي پچر ڇڏي، ابراهيم خان چيس، ٻاهر نڪر ۽ گدام ڏي پنڌ پئو، نه ته اڄ منهنجي نوڪريءَ مان بيدخل آهين. مان توکي سبق سيکاريندس، هڪدم هل، ڪان به سواءِ. +ويچاري ڏتي ڪوٽ ۽ بوٽ ڇڪي تاڻي پاتا، پٽڪو ٻڌائين، پر ڪانچ کان سواءِ گدام ڏي روانو ٿيو. ابراهيم خان پٺيان هلندو آيس. +هن وقت دهلوي، جو ابراهيم خان جي گهر کيس سڏڻ ويو هو، سو اچي پهتو. ويچاري ڏتي، دهلوي صاحب کي ڏسي چيو، ابراهيم خان مون تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهي، مون کي ڪانچ پائڻ به ڪين ڏني اٿس. چوي ٿو ته سيکت ڏيندو سانءِ، منهنجو ته وس ڪونهي، مان ڪوشش ۾ ڪين ٿو گهٽايان، پر ڪڏهين ڪڏهين گسي ٿو وڃان، مان نڪري پيو آهيان ڪانچ کان سواءِ، پر زالون مون کي اگهاڙو ڏسنديون، مون کي ڏاڍو شرم ايندو. مان ته پاڻ گهات ڪندس، مان چڙهان ڪم تي سٿڻ کان سواءِ، سا منهنجي لاءِ وڏي شهرت ٿيندي. مان ته ائين ئي ڪم تي چڙهي چڪندس، جو ابراهيم خان جو حڪم آهي، پر مان پوءِ جيئرو نه رهندس. +دهلويءَ چيو، موٽي وڃ گهر ۽ سٿڻ ڍڪي ترت ور، پوءِ مڙس ٿي ڪم ڪر. +ڏتي چيو ته، مون کي ابراهيم خان جو ڊپ ٿو ٿئي، ابراهيم خان چيو آءُ ........ +ڪجهه پرواهه نه آهي، ڇا ابراهيم خان چيو هجي ڇا ڪنهن ٻئي. هي محض بيوقوفي ٿيندي، ته تون سٿڻ کان سواءِ ٻاهر ڪم تي چڙهين. هڪدم وڃ، ۽ سڀ ڪپڙا برابر ڍڪي موٽي اچ. +ا ابراهيم خان جو پٺيان پئي آيو، تنهن رڙ ڪئي، ڪير ٿو ڏتي کي موٽائي گهر موڪلي؟ +سڀني دهلويءَ ڏي نهاريو. +دهلويءَ چيو ته، مان ٿو موٽائي موڪليانس، ڏتي جو ٻاهر سٿڻ کان سواءِ هلڻ چلڻ، بيحد ناشائستي ڳالهه ٿيندي. +ابراهيم خان چيو، نه، بلڪل نه، ڏتا! گاڏيءَ تي چڙهي ويهه. +دهلويءَ زور سان چيو ته، نه، جي مان مئنيجر آهيان، ڏتو يا گهر موٽي ويندو، يا مان هن دم هن ڪارخاني مان هميشه لاءِ نڪري ويندس. +ابراهيم خان، دهلويءَ ڏي شوخ ۽ رت رڱي منهن سان نهاريو، پر کن ساعت ترسيو، ۽ سندن اکيون هڪٻئي سان گڏيون. دهلوي، ابراهيم خان ڏي وڌيو، ڇو جو ڏٺائين ته، ابراهيم خان، ڪجهه قدر پشيمان هو، ۽ چيائينس ته اوهان جي درجي جي ماڻهو، ڪجهه خيال ڪرڻ گهرجي، ههڙو ظلم ۽ زبردستي اوهان کي نه جڳائي. +ابراهيم خان، تيسر ڇوڪر وانگي چيو ته، هيءُ ظلم ۽ زبردستي نه آهي، ٻيءَ طرح ڏتو هرگز نه سمجهندو. گهڻي ڏک سان هيءُ پڻ چيائين، مون کي سڀني جي اڳيان، تو اهڙي طرح ڳالهايو؟ توکي صبر ڪرڻ کپندو هو، جيسين پاڻ اڪيلا ويهون ها. مان سمجهان ٿو، ته تو اڄ مون سان بر ميچيو آهي. مون توکي پنهنجي حياتيءَ جو راز ڏنو آهي. مان بيوقوف هوس جو مون ائين ڪيو، تون انهيءَ جو بهرو ٿو وٺين؟ +دهلويءَ چيو ته، مون کي ته اوهان جو راز اصل وسري ويو هو. +ابراهيم خان جون اکيون ڌرتيءَ ۾ کتل هيون. ڪجهه نه آکيائين، ڦيرو ڪري ويو هليو. پر ابراهيم خان کي من تي ڏاڍو غصو چڙهيل هو. هڪڙي مزور پڇيس، ته ڳوڻيون ڪڻڪ جون ٻاهر رهنديون يا اندر کڄنديون؟ چيائين ته، دهلويءَ کان پڇ، ڌڻي ڪارخاني جو اُهو آهي. +در حقيقت ماڻهن ليکي هو به ائين. ابراهيم خان، جو هن وقت تائين ساراهيو ٿي ويو، هينئر نندجڻ لڳو هو. هڪڙي ڏينهن ڀر ۾ هڪڙي هاري، جو فوت ٿي ويو هو، تنهن جي ڌيئن کي کپندو هو سندن ڪڙٻ جو ملهه، ڪو سکر ماڻهو ڪٿي ڏئين، تن در محمد دهلويءَ کي چوائي موڪليو ته مهرباني ڪري اچي ڪٿ ڪري ڏيو. نياپو آڻيندڙ هڪڙو ٻار هو، جو جڏهن گدام ۾ گهڙيو، تڏهن منهن سامهون ابراهيم خان گڏيس. ٻار، ابراهيم خان کي نياپو ڏنو، جنهن چيس ته چڱو، مان ايندس. +ٻار چيو، پر دهلوي صاحب مهرباني ڪري اچي، ته چڱو. +ابراهيم خان چيو، مان انهي پاسي اچڻو آهيان. ڇو دهلوي اچي، ڇو ماڻهن کي هميشه دهلوي کپي؟ + + +ٻار وراڻي ڏني، ڇو جو دهلوي، ماڻهن کي وڻي ٿو، ماڻهو ائين ٿا چون. + +او _ سمجهيم _ ماڻهو ائين ٿا چون _ هان! هو پسند ٿا ڪنس جو ابراهيم خان کان وڌيڪ هوشيار آهي، ۽ وڌيڪ خبر اٿس، ابراهيم خان ساڻس ڀيٽجي نه سگهندو _ هان! +هائو سائين، انهيءَ ڪري. +۽ ٻيءَ ڪري؟ البت ٻئي ڪري به! خبر ڏي وٽ چار آنا، هيءَ اٿئي تنهنجي خرچي. +ٻار همتايو. چيائين، زالون ٿيون چون: دهلوي سنئون آهي ۽ ابراهيم خان چريو. ڪن زالن سان تنهن ڏينهن مان پئي گهميس، ته کين چوندو ٻڌم ته، دهلوي ڏاڍو کاشو ماڻهو آهي ۽ ڏاڍو سمجهو، ڏاڍو چڱو ٿئي ها، جي ڪارخاني جو مالڪ هو هجي ها ۽ نه ابراهيم خان. +ابراهيم جهپيل ڏک سان چيو، ”زالون ته ڪابه بيوقوفي ڳالهائيندي، ويرم ڪا نه ڪنديون آهن. چڱو، تون هينئر وڃ ۽ مان ڪڙٻ ڪٽڻ اچان ٿو. ٻڌين ٿو؟ مان ايندس. +ڇوڪر واپس روانو ٿيو. ابراهيم خان ڇوڪر جا حرف ڀڻڪي ۾ وري وري اُچاريا، چي، ڏاڍو چڱو ٿئي ها، جي ڪارخاني جو مالڪ دهلوي هجي ها ۽ نه ابراهيم خان. +ابراهيم خان ڀر واري هاريءَ جي ٻنيءَ ڏي، جتان ڇوڪر آيو هو، اوڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي دهلوي گڏيس. گڏجي هليا. ابراهيم خ.ان جون اکيون پٽ تي هيون. اوهين اڄ چين ۾ نه آهيو” دهلويءَ چيو. +ابراهيم خان چيو، نه، مان بلڪل خوش آهيان. +پر اوهين ڪجهه ناراض آهيو _ چمڪ اوهين ڪنهن قدر ناراض آهيو؟ ناراضپي جو سبب نه اٿوَ. ڏتو، ڪڻڪ جو توري آيو آهي، سا تمام چڱيءَ طرح تور ۾ پوري! ٻي ڳالهه ڀر وارو هاري، جو تنهن ڏينهن مري ويو، تنهن جون ڌيئون سندن ڪڙٻ جي ملهه جي ڪٿ ڪرائڻ ٿيون گهرن. +هائو، مان اوڏانهن ٿو وڃان. +مان به اوهان سان گڏ اوڏانهن هلندس. +ابراهيم خان، جواب ڪو نه ڏنو. دهلوي ساڻس گڏ ڪو سُر آلاپيندو هليو، جيسين اچي انهيءَ فوت ٿيل هاريءَ جي گهر جي در تي پهتا، اتي دهلويءَ آلاپ هڪدم بند ڪيو، ۽ چيو، ڇوڪرين جو پيءُ گذر ڪري ويو آهي، مون کي راڳ ڳائڻ نه جڳائي. +توکي اهڙو خيال ٿيندو آهي ته تون ماڻهن جون دليون نه ڏکوئين؟ ائين چئي، ابراهيم خان هجو طور چيو، هائو، مون کي ته خوب خبر آهي، ته توکي اهڙو خيال ٿيندڙ آهي، خاص ڪري ته منهنجي دل نه ڏکوئين. +دهلويءَ چيو، مون کي ڏاڍو افسوس آهي، جو مون ڪنهن سبب اوهان جي دل ڏکوئي آهي. ڇو ٿا اوهين ڀانيو ته مون کي خيال نه ٿيندو، ته ڪو مان اوهان جي دل ڏکويان؟ دهلويءَ جي منهن ۾ سچو افسوس ظاهر هو. +ابراهيم خان چيو، مون ڪي ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن، جن منهنجي دل پئي ڏکوئي آهي، جنهنڪري تنهن جي گُڻن تي به مون پورو ڌيان نه پئي ڏنو آهي. هاڻي مان هن ڪڙٻ جي ڪٿ تي ڪو نه ٿو هلان، تون ڪٿ مون کان بهتر ڪري سگهندين. مون کي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي ميٽنگ ۾ وڃڻو آهي، يارهين بجي. مان اوڏانهن ٿو وڃان. +ابراهيم خان ۽ در محمد دهلوي، انهي طرح جدا ٿيا. سندن ناتو اڳئين کان ڪنهن قدر بهتر ٿيو. دهلويءَ جي ڳالهين، ابراهيم خان جي ڏکوئي هئي، تنهن، تن جي پڇا ڪانه ڪئي. هن کان پوءِ ابراهيم خان سانت ۾ رهيو، پر دهلويءَ سان ضد ڪرڻ لڳو، ۽ گهڻن وقتن تي ارمان کائڻ لڳو، ته دهلويءَ کي پنهنجي حياتي جو راز ڇو ڏنم. + +باب سورهون + +هاڻي ابراهيم خان جي هلت، دهلويءَ سان البت ٻئي نموني ٿِي ٿي. سندس دل جي ڳالهه ٻولهه، دهلويءَ سان ڪانه ٿي هلي، پر ٻاهرين فضيلت، ابراهيم خان، دهلويءَ سان هلت ۾ پاڻ گهڻي ٿي ڏيکاري. هيستائين دهلويءَ سمجهيو ٿي ته ابراهيم خان کي پاڻ تي گهڻو اختيار نه هو، جيتوڻيڪ تمام سچو ۽ قرب وند ٿي ليکيائينس. هاڻي ته هلت چلت لياقت به ابراهيم خان ججهي ٿي ڏيکاري. هن کان پوءِ ابراهيم خان، ڪڏهن ٻانهن دهلويءَ جي ڪلهي تي نه رکي، نه دهلويءَ جي گهر ويو، ۽ نڪي ڪڏهن رڙ ڪري پڪاريائين ته ”اڄ ڇوڪر، اچي اسان وٽ ماني کاءُ، اڪيلو نه گذار. پر روزاني ڪم ڪار ۾ سندن وچ ۾ ڪا ڦير ڦار ڪانه ٿي ظاهر ٿي. +اهڙيءَ ريت، سندن حياتيون پئي گذريون، تان جو دهلويءَ کي خيال ٿيو، ته ميرپورخاص ۾ ماٺ ئي ماٺ لڳي پيئي آهي، ڇو نه ماڻهن کي وندرائجي، جنهن مان وري پئسو ڪٺو ڪري، اُپڪار جا ڪم ڪجن. انهيءَ خيال تي ابراهيم خان وٽ ويو ۽ پوش، جي ڪڻڪ جي ڳوڻين مٿان وجهندا هئا، تن مان ڪي ٿوري وقت لاءِ گهريائينس. ابراهيم خان پوش ڪم آڻڻ جي موڪل ڏنيس. پڇيائينس ته: پوشن سان ڇا ڪندين؟ دهلويءَ پنهنجو خيال سمورو بيان ڪري ٻڌايس. ۽ چيائينس ته: جيڪي به رنئونشا سٽياسون، تن ۾ انهن کي اندر اچڻ ڏينداسون، جن پيسا ڏيئي ٽڪيٽون خريد ڪيون هونديون. + + + + +جڏهن دهلوي ويو، تڏهن ابراهيم خان دهلويءَ جي خيال تي ويچار ڪيو: ۽ دل ۾ چيو، مان به ڇو نه ائين ڪريان، اهو خيال مون کي اچي ها ته چڱو، دهلوي هميشه نوان نوان خيال اٿاريندو آهي: مون کي ته گهڻي پڄندي آهي، مون سان مٽ ڪير پوندو، سڄو لوڪلبورڊ منهنجي هٿ ۾ آهي! ائين ويچاري، پڪو ارادو ڪيائين ته ڌوڌا ڌاري تماشو اهڙو برپا ڪريان جو شهر جي شان وٽان هجي. پيسي ۽ ماڻهن جي ته وٽس ڪمي ڪانه هئي. وري هيءَ سوچ ٿيس ته دهلوي ٽڪيٽون ڪڍندو، ڪير وٽس ويندو؟ مان، مان ته ڪڇ ڪين وٺندس، جن کي مزو ڏسڻو هوندو، سي سڀ هروڀرو به مون وٽ لنگهي ايندا. + +رواجي طرح، ابراهيم خان ايتريقدر دهلويءَ تي مدار ٿي رکيو، جو هن مزي برپا ڪرڻ ۾ به، هن جي صلاح صلح وٺڻ جو خيال ڪيائين، پر نيٺ پاڻ روڪيائين. دل ۾ چيائين ته جي هن ڪم ۾ گهڙيو، ته اهڙيون رٿون رٿيندو جو مان هتي به پس پئجي ويندس. +ابراهيم خان جي تماشي واري رٿ سڀني پسند ڪئي خاص ڪري جو خبر پيئي ته خرچ سڀ پاڻ ڪندو. ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي هال جي ڪمپائونڊ ۾ ۽ ڀرسان اهو تماشو سٽيائين۔ شهر ۾ پڙهو گهمارايائين، ته انهي تماشي ۾ رانديون رونديون ٿينديون، ملاکڙو لڳندو ته چانهه بسڪوٽ سڀن کي کائڻ لاءِ جڙندا. ابراهيم خان اهو پنهنجو تماشو سٽيو ساڳئي انهيءَ ڏينهن، جنهن ڏينهن دهلويءَ پنهنجو تماشو سٽيو هو. +ابراهيم خان، گهمندي دهلويءَ جي تماشي پاسي ويو. دهلويءَ اسٽيشن جي پاسي کان هڪڙو خالي پٽ گهري ورتو هو. سادا سودا ڪپڙاا ٽنگيل ڏسي، ابراهيم خان دل ۾ خوش ٿيو، ڇو جو سندس ٺاهه ٺوهه گهڻو اُچو هو. +تماشي جو ڏينهن آيو. ابراهيم خان ۽ ڪي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جا ميمبر، پٽيوالا ۽ بيلدار سڀ اچي حاضر ٿيا. پر تماشين تمام ٿورا آيا. ابراهيم خان پڇيو ته، ڇو ماڻهو گهٽ آيا آهن؟ جواب مليس ته ڳچ آدمي دهلويءَ جي تماشي تي ويا آهن. ابراهيم خان چيو، اُتي پيسا ڏيڻا پوندن، ماڻهو به ڪي بيوقوف ٿا ڏسجن! ڪي ٿوريون رانديون رونديون ڪرايائين، ڇو جو چيائين ته رڳي چانهه پيارڻ مون ڪانه سٽي آَهي. راندين کان پوءِ آيل ماڻهن کي چانهه پياري، تماشو ڪاوڙ وچان جلد بند ڪرايائين. جيڪي بچيو، سو غريب غربن کي ڏياري ڇڏيائين. +ابراهيم خان گهر موٽيو، آرام نه آيس. پاڻ لنگهي ويو دهلويءَ جي تماشي ۾ اتي اوندهه ٿيڻ لڳي هئي. دهلويءَ بتين جو بندوبست چڱو رکيو هو. ابراهيم خان جو اندر گهڙيو، ته ڏٺائين ته دهلويءَ پاڻ بيٺو نچي. گَويَا به موجود هئا. پنجاب مان تار تي گهرايل هئا. دهلوي پاڻ به راڳ مان گهڻو واقف هو. دهلويءَ کي نچندو ڏسي، ابراهيم خان کي پهرائين کل آئي، پر پوءِ ڏٺائين ته دهلوي ۽ دهلويءَ جي دوستن کي، ماڻهن ڏاڍو ٿي پسند ڪيو. دهلوي نه رڳو راڳيندڙ چڱو هو، پر ناچو به پهرئين نمبر جو هو. ابراهيم خان جو ماڻهن ۾ اتي پئي ڦريو، تنهن جدا جدا ماڻهن کي هيئن چوندو ٻڌو: جي دهلوي نه هجيس، ته ابراهيم خان جو ڪارخانو ئي ڪوچ ٿي وڃي. ابراهيم خان کي دهلوي خدا ڏياريو آهي. ابراهيم خان جو منجهيل حساب، دهلويءَ سمجهايو آهي. دهلويءَ کان اڳي، ابراهيم خان ڪڻڪ جون ڳوڻيون ڳڻيندو هو چاڪ جي ليڪن سان، دهلوي ته سڀ ڪم پوري مَوَ تور ٿو ڪري، ۽ پورو حساب ٿو رکي. دهلوي آهي به سچو. سچو ابراهيم خان به آهي، پر دهلوي سچو ۽ هر پتيلو آهي. دهلويءَ جي ڪڻڪ رکڻ ۽ صفا ڪرڻ جي رمز به عالى درجي جي آهي. دهلوي آيو آهي ته ابراهيم خان جي ڪارخاني پاران خراب ڪڻڪ جي وڪري جي دانهن لهي ويئي آهي. سڀڪنهن جي وات ۾ دهلويءَ جي ڳالهه آهي. سڀ ڪو ائين پيو چوي ته ابراهيم خان جي، دهلويءَ کان سواءِ نه سرندي. +”سرنديس!“ ابراهيم خان پاڻ کي چيو. جي جلد دهلويءَ کي روانو نه ڪيائين ته پنهنجي سورهن ورهين جي ڪمائي وڃائيندو. +دهلوي ابراهيم خان کي ڏسي وٽس آيو. ڏٺائين ته ابراهيم خان جو ناراضپو، سندس منهن مان پيو بکي. ابراهيم خان چيس ته: تون هت پاڻ ٿو پتوڙين، سڀان ڪم ڪري ڪين سگهندين، تنهنجو ڪم سڀان مان ڪندس؟ +دهلوي ڍلو ٿيو، پر جواب ڏنائين ته: مون کي سڀان ڪم ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي، اوهين تڪليف نه وٺجو. +ابراهيم خان چيو، هينئر ته مون وٽ تنهنجي نوڪريءَ جو مدو اونهيئي پورو ٿو ٿئي. مون هڪڙو ڏينهن وڌيڪ، پاڻ تڪليف ورتي ته ڇا ٿيو؟ +ابراهيم خان خوش ٿي گهر ويو ته: ”مون دهلويءَ کي ٺيڪ ٻڌايو.“ پر جڏهن صبح ٿيو، تڏهن دل لهڻ لڳيس ته سندس ڪارخاني جو ڪم ڪيئن هلندو. تنهان وڌيڪ بي آرام ٿيو، جڏهن ڏٺائين ته دهلوي هن دفعي پڪو ارادو ڪيو هو، نوڪريءَ ڇڏڻ جو. + + + +باب سترهون +ميرپور ۾ ستت ئي سڌ پئجي ويئي ته ابراهيم خان ۽ دهلوي جدا ٿا ٿين. حليمان جي مرضي هئي ته رحمت جي شادي دهلويءَ سان ٿئي. پوءِ ابراهيم خان جو ڪارخانو به پڪي پائي تي بيهي ها، ۽ رحمت به لائق ماڻهوءَ سان پرڻجي ها، پر هاڻي ابراهيم خان، دهلويءَ تي گهڻو ڪاوڙيل هو، انهيءَ ڪري حليمان پنهنجو خيال دل ۾ ئي سانڍيو ۽ ظاهر نه ڪيو. رحمت، دهلويءَ کي ڏاڍو پسند ڪندي هئي، ۽ دهلويءَ جي به رحمت سان اندروني ڏاڍي دل هوندي هئي. +حليمان ۽ رحمت، ٻنهي کي ڏاڍو ڏک ٿيو، جڏهن ٻڌائون ته دهلوي، ابراهيم خان جي نوڪري جلد ڇڏيندو. ڀانيائون ٿي ته ڪنهن ٻئي ملڪ روانو ٿيندو. آخر خبر پين ته ميرپور مان ٻاهر ڪو نه ٿو وڃي، ۽ هڪڙي ننڍي ڪڻڪ جي واپاريءَ، دهلويءَ کي پنهنجو ڪارخانو وڪيو آهي، ۽ دهلوي يڪدم ڪڻڪ جو ڌنڌو، پنهنجي سر ميرپور ۾ ڪندو. اها خبر ٻڌي، ٻئي خوش ٿيون. خيال ٿين ته شايد ساڳئي ڌنڌي ابراهيم خان سان چٽا ڀيٽي لڳيس، پر وري خيال ٿين ته دهلويءَ جو ڌنڌو ننڍو ٿيندو ۽ ابراهيم خان کي، دهلويءَ جي ڪري ڪا شڪست ڪانه پهچندي. +ابراهيم خان کي مٺيان لڳي هئي ٻڌي، ته دهلويءَ کي سندس ڪاوڙ وڌيڪ سهڻي ڪانه هئي. پر هاڻي جو ٻڌائين ته ڪڻڪ جو ڌنڌو پنهنجي سر ٿو ڪري، تنهن تي بيحد غصو لڳس. لوڪلبورڊ جي هال ۾ ميٽنگ کان پوءِ، خبر پيس ته ميرپور ۾ دهلوي ڪڻڪ جو ڌنڌو ڪرڻ ٿو گهري. خبر پوڻ شرط اهڙو ته گوڙ مچايائين، جو ٻاهر بيٺل ماڻهو حيران ٿيا، ته اندر ڇا پيو ٿئي. سندس هلت صفا ڏيکاريو ته جي پاڻ جهلي، چڙهي وڃي لوڪلبورڊ پريزيڊنٽ ٿيو هو، ته به منجهس ٻرندڙ جبل جي تيزي هئي. اها تيزي، جنهن جوءِ کي طلاق ڏياري هئس. +ابراهيم خان جو هال ۾ گوڙ مچايو، سو هيئن چئي مان هن جو دوست آهيان ۽ هو منهنجو دوست آهي، ائين آهي يا نه؟ جي مون هن کي دوستي نه ڏيکاري آهي ته ڪنهن؟ جڏهن هتي آيو هو ، تڏهن ته جتي به پير ۾ ڪانه هيس. مون رکيومانس ۽ مون زوريءَ رسايومانس _ ٻئي ڪنهن، پئسا منهنجي مدد سان ٿيا اٿس يا ڪي ٻيا؟ جيڪي پئي کتو اٿس، سو مون پئي ڏنو اٿس يا ڪنهن ٻئي؟ جيڪي شرط پاڻ چيا هئائين، سي مون قبول ڪيا هئا ��ا ڪنهن ٻئي؟ مون ڀورو به هن سان ونڊي کان ها، اهڙو منهنجو مٿس آرو هو. هاڻي منهنجي آڏو اچڻ ٿو گهري، لعنت هجيس! مان هاڻي ڏيکاريندوسانس ڏينهن جا تارا! ڀلي ته ڪڻڪ جا سودا ڪري، ڏسان ته ڪيئن ٿو ڪري؟ +بورڊ ۾ جي دوست هئس، تن به خاص پٺ ڀرائي ڪانه ڪرايس. ابراهيم خان، هينئر اهڙو پسند نه هو جهڙو ٻه ورهيه اڳي، جڏهن ووٽ ڏيئي پريزيڊنٽ ڪيو هئائونس. چالاڪ اڳئين جهڙو ئي هو، پر ميمبرن کي البت اجايو دٻڙاٽيندو هو. جيتوڻيڪ ائين چئبو ته سڀني کي فائدو پهچايو هئائين. هال مان اڪيلو ٻاهر نڪتو گهٽيءَ ۾ اڪيلو پنڌ ويو. +گهر پهتو، خيال آيس ته زال ۽ ڌيءُ کي پنهنجي دل جي وارتا ٻڌايان. زال ۽ ڌيءُ کي سڏيائين. اُهي کيس ڪاوڙيل ڏسي ڊنيون. چيائين ته: ڊڄڻ جو سبب ڪونهي مون کي، اوهان کي ڪڇ دهلوي منهنجو مطلب آهي ته دهلويءَ سان هن کان پوءِ اصل نه گڏجو. هي اسان جي گهر جو دشمن آهي. مان هن کي لکي ٿو موڪليان، ته اڳتي اسان جي گهر نه اچي. +ابراهيم خان کي ته هلت ٻيءَ طرح ڪرڻ کپندي هئي، جي دهلويءَ کي همٿائي ها، ته رحمت سان شادي ڪر ته هوند جهڳڙو ئي ٽُٽي وڃي ها. ابراهيم خان مٿي جو ڦريل هو، گهڻن وقتن تي پاڏي جيان هلت ڪندو هو، حليمان کي همت ڪا نه ٿي، ته ڪا صلاح ڏئيس. +در محمد دهلوي، پنهنجي پاران ڌنڌو شروع ڪيو، ابراهيم خان جا گراهڪ، تن سان ڌنڌو، بند رکيائين، دهلويءَ جي خيال موجب بيبي انهيءَ شهر ۾ ساڳيو ڌنڌو چڱي پر ڪري سگهن ٿا. هڪڙو زميندار، جنهن سان ڳچ وقت ساندهه ابراهيم خان جي پاران، دهلويءَ ڌنڌو ڪيو هو، سو هينئر دهلويءَ وٽ ڌنڌي لاءِ آيو، پر دهلويءَ موٽائي ڪڍيس، ۽ چيائينس ته هڪ وقت ابراهيم خان منهنجودوست هو، مان هن جو ڌنڌو کسڻ نه ٿو گهران، +جيئن دهلويءَ چڱمڙسي ڏيکاري، تيئن هن جو ڌنڌو وڌيو. ڪم ڪندڙ ماڻهو هو، ۽ بخت يا وري ٿي ڪيس، جنهن ڪم ۾ ٿي هٿ وڌائين، تنهن ۾ ٿي سوڀارو ٿيو. بخت انسان جو اڪثر ڪري سندس ڪرتوتن تي ٻڌل آهي، ۽ ڪرتوت دهلويءَ جا تمام چڱا هئا. +ابراهيم خان جي خط کان پوءِ، هن ابراهيم خان جي گهر وڃڻ ڇڏي ڏنو. وقت آيو، جو دهلويءَ کي ڌنڌي ۾ ابراهيم خان سان هٿ ڳنڍڻو پيو. ابراهيم خان، ساڻس تمام زبردستي ڪرڻ لڳو. رپئي جا ٻه ڏيو، ابراهيم خان، دهلويءَ جا سودا کارڻ لڳو. پر دهلويءَ جي سياڻپ، ابراهيم خان جي ڏاڍ مڙسيءَ کان ترت گوءِ کڻي وئي. +ابراهيم خان جي گهر ۾، دهلويءَ جو نالو ئي ڪو نه ڳنهي سگهندو هو. جي حليمان اتفاقاً دهلويءَ جو نالو ڳنهندي هئي، ته ابراهيم خان چوندو هوس ته تون به دشمن ٿي ڏسجين.“ + +باب ارڙهون + +حليمان بيمار ٿي رهي. هينئر بيماري اهڙي زور پئجي ويئي هيس، جو پنهنجي ڪمري کان ٻاهر ڪين ٿي نڪري سگهي. ابراهيم خان جي ڪاوڙ جي وقت، ته نرالي حالت هئي، پر هونئن حليمان تي هميشه مهربان هو. هينئر جو حليمان بيمار هئي سو ابراهيم خان هوشيار ۾ هوشيار ڊاڪٽر گهرايو، ۽ سندس خوب چاڪري ڪئي. ٿه وري وقت ۾ حليمان چڙهي پيئي. +رحمت، ماءُ جي خدمت ۾ رهندي هئي ۽ ابراهيم خان انهيءَ ڪري ماني اڪيلو کائيندو هو. هڪڙي ڏينهن، ماني کائيندي ٽپال مليس. جنهن ۾ هڪڙو خط حيدرآباد واري مشورياڻيءَ جو موڪيل هو. انهيءَ خط ۾ لکيل هو ته” حليمان سان ابراهيم خان جي شادي ٿيڻ کپندي هئي، پر تنهن هوندي به سندس (مشورياڻيءَ جي) حالت ويچار جوڳي هئي.“ مشورياڻيءَ لکيو هو، ”ابراهيم خان مون نٿي ڀانيو ته سورهين ورهين کان پوءِ حليمان اچي بيرڪ ٿيندي، پر انهيءَ ۾ منهنجي ڪمبختي سمجهي ۽ نه تنهنجو ڏوهه، هينئر مهرباني ڪري هيترو ڪر جو منهنجا خط پ�� سڀ مون کي موٽائي ڏي. پيسا جي مون ڏانهن موڪليا آهن، تن لاءِ گهڻي مهرباني. منهنجي پڦيءَ ڦَلينِ ۾ آهي تنهن کي ڏسڻ، مان ڇوڙ ويندس. ٻڌر (اربع) واري، ميل گاڏيءَ ۾ تون جي منهنجا خط ميرپورخاص واريءَ اسٽيشن تي مون کي ڏيندين ته مان ڏاڍي مهرباني سمجهنديس. مان اهي خط ڦاڙي اڙي، ناس ڪري ڇڏينديس.“ +ابراهيم خان خط پڙهي ٿڌو ساهه کنيو، چيائين، ”ويچاريءَ جو مون سان ميلاپ نه ٿئي ها ته چڱو. خدا ٿو ڄاڻي، جي ساڻس اڄ شادي ڪري سگهان ته هوند ڪريان.“ +خيال دل ۾ اهو هوس، ته شايد حليمان تندرست نه رهي ۽ گذر ڪري وڃي، جنهن صورت ۾ شادي انهيءَ گليءَ مشورياڻي سان کيس ڪرڻ جڳائي. +گليءَ جا خط سڀ گڏي، هڪڙيءَ هڙ ۾ ٻڌائين. مقرر ڏينهن تي ٻڏو تريو، دل ۾ ٿي چيائين ته نه ڏسانس ته چڱو. پر وري سمجهيائين ته مطلب گليءَ جو ساڻس گڏجڻ جو هو، جنهنڪري هڙ کڻي ٻڌر (اربع) ڏينهن شام جو اسٽيشن تي ويو. گاڏيءَ ۾ گلي ڪانه هئي، خيال ڪيائين ته ڪنهن سبب نه نڪري سگهي آهي. هڪڙيءَ ڪري خوش ٿيو، ته سندس ميلاپ گليءَ سان نه ٿيو. هڙ موٽائي گهر کڻي آيو. +حليمان، روز بروز وڌيڪ ضعيف ٿيندي پئي ويئي. گهر کان ٻاهر بلڪل نه نڪري سگهندي هئي. هڪڙي ڏينهن، گهڻيءَ ڳڻ ڳوٺ کان پوءِ ويهي هڪڙي چٺي ابراهيم خان ڏي لکيائين. اها چٺي سيل مهر سان بند ڪرائي، خانيءَ ۾ ڪنجيءَ ڪلف هيٺ رکيائين. لفافي تي لکيائين؛ +ابراهيم خان، هي چٺي نه کولجو، رحمت جي شاديءَ جي ڏينهن تائين.“ +رحمت ماءُ سان راتيون ٿي جاڳي، جو هوءَ ڏاڍو بي آرام ٿي رهي. رحمت کي، ماءُ جي بيماريءَ ڪري ڏاڍو اونو ٿي رهيو. نيڻن ۾ ننڊ نه هيس، هڪڙيءَ اڌ رات ماڻس رحمت کي چيو، ”ياد اٿئي ته توکي دهلويءَ سان گڏجڻ لاءِ هڪڙي چٺي پهتي هئي؟ ساڳئي مضمون، تي، هڪڙيءَ چٺي تو سان گڏجڻ لاءِ، دهلويءَ کي پهتي هوندي. اوهان ڀانيو هوندو ته ڪنهن حرڪتيءَ يا خراب ماڻهوءَ اهي چٺيون لکيون هيون، پر اهي چٺيون منهنجون لکيل هيون. +رحمت پڇيو ته ؛ ”امان، ائين ڪرڻ ۾ تنهنجو مطلب ڪهڙو هو؟“ +حليمان ترت جواب ڏنو ته ” منهنجو مطلب هو ته اوهين ٻيئي هڪٻئي سان وڌيڪ واقف ٿيو، ته اوهان ٻن جي پاڻ ۾ شادي ٿئي.“ +رحمت ڪنڌ گوڏن ۾ وڌو. جواب ڪونه ڏنائين پر ڏسڻ ۾ آيو ته رحمت جو اهو مطلب ناپسند نه هو. +حليمان چيو، پر، هاڻي ته ائين ٿي ڪين سگهندو. ابراهيم خان ۽ دهلويءَ پاڻ ۾ ٺهيل ئي ڪينهن، شايد هن کان پوءِ ٺهي وڃن، پر مان ته تڏهين نه هونديس، +ٿورو وقت پوءِ، حليمان گذر ڪيو. رحمت کي بيحد ڏک ٿيو، پر ڏٺائين ٿي ته جي وڌيڪ جيئي ها، ته وڌيڪ هلاڪ ٿئي ها. حليمان جي بچي پوڻ جو اصل امڪان ڪونه هو. رحمت خدا سائينءَ جي ڀاڻي تي دلي راضي رهي. +هڪڙئي ڏينهن ابراهيم خان ۽ رحمت، گڏ ويٺا هئا ته ابراهيم خان رحمت کان پڇيو: ”ڪي اڳيان ڏينهن ياد پونئي ٿا؟“ +رحمت چيو، ”هائو سائين، ڏاڍ ياد ٿا پونم.“ +”اڳين ڏينهن جو ڇا ٿو ياد پويئي؟“ +”امڙ ۽ ابو-ٻيو ڪو به ايترو نه .“ +ابراهيم خان کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو، رحمت کان شير خان کي ابو ڪوٺيندو ٻڌي، رحمت کان پڇيائين ته؛ ” شير خان توکي ڀانئيندو هو؟“ +رحمت چيو ته: ”مون کي تمام گهڻو پيار ڪندو هو.“ +ابراهيم خان چيو ته: جي مان تنهنجو سچو پيءُ هجان، ته مون کي هوند ايترو ڀانئين؟ +رحمت جواب ڏنو ته مان ڪنهن ٻئي کي، پنهنجو پيءُ ڪري ڀانئيان، اهو ڪيئن ٿي سگهندو؟ +ابراهيم خان کي ڏاڍو خيال ٿيو ته: رحمت کي ڳالهه ٻڌايان، ته مان تنهنجو سچو پيءُ آهيان. ڪمري ۾ هيٺ مٿي گهميو، پوءِ رحمت جي ڪرسيءَ پٺيان بيهي، رحمت کان پڇيائين ته: ڪي ت��هنجي ماءُ، توکي منهنجي بنسبت چيو آهي؟ +”هائو، ته اوهين سڱين بندين اسان جا مائٽ آهيو.“ +توکي وڌيڪ پڇڻ کپندو هوس. رحمت! تنهنجو سچو پيءُ مان آهيان ۽ نه شير خان. تنهنجي مائٽن کي شرم ٿي آيو ته توکي سچي ڳالهه ٻڌائڻ، نه ته توکي سڀ صحيح خبر، هن کان اڳي پئجي وڃي ها. مان ۽ حليمان ننڍي هوندي، جوءِ مڙس هئاسون. تو اسان جي ٻي شادي ڏٺي. تنهنجي ماءُ سچار هئي، ۽ هن ڀانئيو هو ته مان گذر ڪري ويو هوس، جنهنڪري شير خان هن جو مڙس ٿيو هو. +هن کان مٿي ابراهيم خان، رحمت کي ڪڇ چئي نه سگهيو. رحمت هيءَ حقيقت ٻڌي، اچي روئڻ ۾ پيئي. +ابراهيم خان چيو، رحمت، روءُ نه، مان توسان تمام پيار سان هلندس. مان هينئر توکي ڇڏي وڃان ٿو، انهي ڪري ته تون ترت سامت ۾ اچين. مان توکي سڀان لکيل ثابتي ڏيندس. هڪڙي ڳالهه سا مهرباني ڪري ڪج. اڳتي منهنجي نالي سان پاڻ کي ڪوٺائج. ماءُ، تنهنجي نالي جي ڦير گهير جي برخلاف هئي.“ +رحمت جواب ڏنو ته: امڙ الائي ڇو منهنجي نالي بدلائڻ جي برخلاف هئي! جي حقيقت ائين آهي، جيئن اوهين ٿا چئو ته: پوءِ مون کي پنهنجو سچو نالو اختيار ڪرڻ گهرجي. +ابراهيم خان گهڻو خوش ٿيو، ۽ چيائين ته مان هينئر پنهنجي ڪمري ۾ ٿو وڃان. ڪاغذ ڳولي، سڀاڻي توکي ڏيکاريندس ته جيڪي مون چيو آهي، سو برابر آهي. +رحمت ويهي رهي، پر روئڻ بس نه ٿيس _ ماءُ لاءِ نه، پر شير خان لاءِ، شير خان، رحمت کي ڏاڍو پيار ڏيکاريندو هو. +ابراهيم خان، خانگي ڪاغذ هڪڙي جدا ڪٻٽ ۾ رکندو هو. ڪاغذ ڏسڻ کان اڳئي، ڪجهه وقت ويهي ويچار ڪيائين. خوش ٿيو، جو رحمت هينئر پاڻ کي سندس ڌيءُ سمجهندي. ابراهيم خان، اهڙي قسم جو ماڻهو هو، جو پيار لاءِ ڪونه ڪو ماڻهو ضرور کپندو هوس. حليمان جي حياتيءَ ۾، ڏاڍو خيال ٿيندو هوس ته رحمت کي پنهنجي ڌيءُ ڪوٺائي، پر حليمان جي مرضي رکڻي ٿي پيس. +پنهنجي ڪٻٽ ۾، حليمان جي خاني جا ڪاغذ، حليمان جي موت کان پوءِ وجهارايا هئائين. حليمان جي ڪاغذن ۾ اُهو خط، جو سيل مهر ٿيل هو، سو نظر آيس. انهيءَ خط تي حليمان جا اکر لکيل هئا ته: خط نه کولجو، جيسين ڪ رحمت پرڻجي. پر، حليمان ڪي پختي زال نه هئي. سيل مهر برابر نه ڪرائي هئائين، خط کليل هو. ابراهيم خان کي حليمان لاءِ ڪا دلي عزت ڪانه هوندي هئي. سمجهيائين ٿي ته ڪو جهڙو تهڙو حليمان جو خيال هوندو، جو خط ۾ لکيو هوندائين. خط کولي پڙهيائين. خط هيٺين ريت لکيل هو: +”اسان ٽنهي جي فائدي لاءِ، مون هڪڙي ڳالهه ڳجهي رکي آهي. اميد ته تون سمجهندين ته ڇو؟ جيتوڻيڪ دلي معافي شايد نه ڏيندين، پر ابراهيم، مون اها ڳالهه ڳجهي رکڻ بلڪل واجب سمجهي آهي. مان قبر ۾ داخل هونديس ۽ رحمت کي به پنهنجو گهر هوندو. مان لکي نٿي سگهان پر لکڻ ضروري آَهي. ڳالهه هيئن آهي ته ”رحمت تنهنجو ٻار نه آهي، پر شير خان جو!“ تنهنجو ٻار، جو منهنجي هنج تي هو، جڏهن تو مون کي طلاق ڏني هئي سو ٽن مهينن جو ٿي مري ويو. مون شير خان جي ٻار جو به ساڳيو نالو رکيو، ڇو جو مون سمجهيو ته انهيءَ ڪري، مون کي اڳئين ٻار جي موت جو درد گهٽ ٿيندو. مان هينئر مران ٿي، ڳالهه نه به کوليان ها، پر منهنجي دل نٿي رهي. رحمت جي مرد کي اها ڳالهه ٻڌائين يا نه، سا تنهنجي مرضي. مون کي ته معاف ڪج. جيئن مان توکي دلي معاف ٿي ڪريان، جيتوڻيڪ مون سان ڏاڍو ناحق ڪري چڪو هئين! +ابراهيم خان جو مٿو چرخ کائي ويو، پر تڏهن به دل ۾ اهو خيال اٿيس، نه پنهنجو ڪيتو پاتو اٿم. حليمان جواعتراض پئي ورتو، رحمت جي نالي مٽائڻ تي، سو هاڻي پورو پورو سمجهه ۾ آيس. ٻه ڪلاڪ کن ته مورڇا ٿيو پيو هو. پوءِ ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ چيائين ته ”شايد هي احوال سچو نه هجي.“ +اٿيو هو جذبي هيٺ. سليپر پري ٿڏي، شمع هٿ ۾ کڻي، رحمت جي ڪمري جي دروازي وٽ ويو، ۽ ڪنجيءَ واري ٽنگ تي ڪن رکيائين. رحمت جي ساهه کڻڻ جو آواز ڪن پيس. سمجهيائين ته اگهور ننڊ ۾ آهي. هينڊل ڦيرائي اندر گهڙيو. شمع تي پردو جهلي، رحمت جي کٽ جي ويجهو ويو. شمع ائين جهليائين، جو روشنائي رحمت جي اکين تي ڪين پيئي، پر سندس منهن تي. پوءِ رحمت جو منهن چتائي ڏٺائين. + + +رحمت جو منهن اڇو هو، ۽ سندس ڪاريرو. پر انهيءَ مان ڪو انومان پڪ سان ڪري نٿي سگهيو. ننڊ ۾ بڻ جو اثر، اباڻن جا روش، جي ڏينهن جي هلچل ۾ لڪل ٿا رهن، سي نڪري نروار ٿا ٿين. شير خان جا انگ، ابراهيم خان کي رحمت جي شڪل ۾ ظاهر ظهور نظر آيا. اها حالت سهي نه سگهيو. ترت ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. + +مصيبتن سهڻ سيکاريو هوس، پر راضپي سان نه. جي حليمان جيئري هجي ها ته وير وٺيس ها. رات جو روپ، ڀوت جهڙو ڀيانڪ ٿي لڳيس. هو ڀرمي! خيال ٿيس ته ڪو گرهه ويٺو اٿيس. حالتون ته سرشتي قاعدن پٽاندر بنيون هيون. جي رحمت کي پنهنجي اڳين ڳالهه نه ٻڌائي ها، ته هوند ڪاغذن لاءِ خانا کولڻا نه پونس ها. کل جهڙي ڳالهه اها هئي، ته اڃا رحمت کي چيائين ته پيءُ تنهنجو مان آهيان، ته خبر پيس ته رحمت رت ئي ٻئي جو آهي! +من تي ائين غصو چڙهيس، جو ڄڻڪ ڪنهن ساڻس حرڪت بازي ڪئي هئي. اهڙو بي آرام ٿيو، جو اوندهه ۾ ٻاهر نڪري ويو، ۽ ڪا وير هيٺ مٿي پئي آيو ويو. +ابراهيم خان جي بي آرامي، رحم لائق هئي. نراسائيءَ ڪري اڌورو بيهوش رهيو، نه سنئون سڄو، نه اصل چٽ. لفظن ۾ کڻي حليمان مان ڏوهه ٿي ڪڍي سگهيو، پر جي حليمان جي نوشتي هلي ها، ته خط نه پڙهي ها. رحمت کي شادي ڪرڻ جو اڃا ته ڪو خيال ڪونه هو. +صبح ٿيو، ابراهيم خان کي ڍونگ ڪرڻو پيو. ابراهيم خان ڏاڍو سرڪش هو. پاڻ نوڙائڻ ڪنهن به حالت ۾ تمام مشڪل ٿيندو هوس. رحمت کي چيو هئائين ته پيءُ تنهنجو مان آهيان پوءِ حقيقت ڪيئن به هجي. رحمت ڀل ته قصو غلط طرح سمجهندي رهي، سندس ڳالهه ضرور مٿي ٿيڻ گهربي هئي. +نيرن تي جڏهن پاڻ ۽ رحمت گڏيا، تڏهن رحمت ابراهيم خان جي ٻانهن ائين پڪڙي، جيئن ڌيءُ پڪڙي پيءُ جي. +رحمت چيو، مون اوهان جي ڳالهه تي سڄي رات خيال ڪيو آهي، ڳالهه ائين هوندي، جيئن اوهان چيو آهي. مان اڄ ڏينهن کان اوهان کي اَبو ڪري سڏينديس، ۽ نه ابراهيم خان. ڳالهه سنئين پيئي آهي. تحقيق بابا! ڳالهه ائين آهي، جيئن اوهان فرمايو آهي، نه ته جيڪي اوهان منهنجي لاءِ ڪيو آهي، تنهن جي اڌ جيترو به نه ڪري سگهو ها، نڪي مون کي ڇڏيو ها، ته جيڪي وڻيم سو ڪريان. ماڻهو ماٽيجي اولاد کي ايترو نه ڏيندا آهن. هو _ شير خان _ جنهن کي منهنجي ماءُ چوڪ ۾ پرڻي هئي (ابراهيم خان هتي خوش ٿيو ته سڄي حقيقت رحمت کي نه ٻڌائي هئائين)، سو مون تي ڏاڍو مهربان هو _ بلڪل مهربان (رحمت کي هتي اکين ۾ پاڻي تري آيو) پر اها ڳالهه ٻي آهي. هاڻي آيا ماني تيار آهي، اچو ته ماني کائون. ابراهيم خان رحمت جي پٺي ٺپري. +ابراهيم خان، حليمان کي ئي رحمت جي ڪري وري پنهنجو ڪيو هو، پر سچ ائين آهي ته سندس سڀ اميدون خاڪ ٿي ويئون. + +باب اڻويهون + +ابراهيم خان جڏهن رحمت کي چيو هو ته مان ئي تنهنجو اَبو آهيان، تڏهن اهڙو پيار ڏيکاريو هئائينس، جو سندس پيار ئي خود ثابتي هئي ته هو سچ سندس اَبو هو. پر ٻئي صبح جو، ابراهيم خان جي هلت ۾ اهڙو پيار ظاهر نه هو. اها رحمت لاءِ وڏي پرولي ٿي، جا رحمت ڀڃي نه سگهي. +جيئن وقت گذريو، تيئن ڏٺائين ته ابراهيم خان، ساڻس تکو پوڻ ۾ گسي ئي ڪين ٿو. نيٺ سندس رايو ٿيو ته ابراهيم خان کي پاڻ گهڻو پسند نه هئي، بعضي اوقات، ابراهيم خان کيس بيٺي به ڪين سهندو هو. +رحمت پڙهڻ کي گهڻو لڳي هئي. قرآن شريف ۽ شاهه، ٻنهي جي اڳي کان بلڪل گهڻو دور ڪندي ويئي، دور ڪندي ڪندي، ڳوڙها به ججها ڳاڙيندي هئي. +انهيءَ ريت حياتي گذارڻ لڳي، ڪو به سڳو ويجهو عزيز ڪو نه هوس. ڪڏهن ڪڏهن ماءُ جي قبر اڳيان وڃي ويهندي هئي. قبرستان سندس گهر جي ويجهو هو. +ابراهيم خان جي پريزيڊنٽيءَ جا ٽي ورهيه پورا ٿيڻ تي هئا. ابراهيم خان کي هن وقت خبر پيئي ته اڳتي جي لاءِ دهلويءَ کي پريزيڊنٽ چونڊيندا، ۽ نه کيس. انهيءَ ڪري اڳي کان طبيعت وڌيڪ خراب ٿيس. +رحمت جو قبرستان مان موٽي ته ابراهيم خان پڇيس ته ”ڪيڏي ويئي هئينءَ؟“، رحمت جو جواب ڏنو ته: ”امڙ جي قبر تي“ تنهن تي اهڙو اچي ڪاوڙيو جو بس چيائين، هن گهر ۾ اسين ٻه گڏ نه رهي سگهنداسون. ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڪمري ۾ اچي، هيءُ خط دهلويءَ ڏي لکيائين: +”دهلوي صاحب! مون ڳڻڳوت ڪئي، ۽ سمجهيو آهي ته مون کي اوهان ۽ رحمت جي شادي ڪرڻ تي اعتراض نه ٿيڻ گهرجي. الراقم، ابراهيم خان.“ +رحمت، ابراهيم خان کان پڇيو ته: اوهان کي منهنجي ماءُ جي قبر تي وڃڻ ناپسند آهي ڇا؟ +ابراهيم خان جواب ڏنو ته ”نه“. رحمت سندس اڳئين ڏينهن جي ڪاوڙ جو سبب سمجهي ڪين سگهي، پر طاقت نه ٿيس جو پڇيس، ته انهيءَ ڏينهن ڪاوڙ ڇو ڪيو؟ +ٻئي ڏينهن، رحمت وري قبرستان ۾ ويئي. اڳئين ڏينهن قبرستان ۾، هڪڙي زال ڏٺي هئائين. ڪپڙي گنديءَ بلڪل ٺاهوڪي، جا کيس ڏسي قبرستان مان نڪري ٻاهر هلي ويئي هئي. اڄ وري قبرستان ۾ دهلوي ڏٺائين. انهي ڪري نوٽ ويٺي ورتا. انهيءَ به کيس ڏٺو يا نه، پر نوٽ پورا ڪري، قبرستان مان نڪري ويو هليو. +رحمت پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو سمجهيو.قبرستان ۾ هڪڙي بينچ هئي، تنهن تي ويهي رهي. چپن ۾ چيائين ته، ”مان به امڙ سان گڏ مران ها ته چڱو.“ +ايتري ۾، جا زال اڳئين ڏينهن قبرستان ۾ ڏٺي هئائين سان ڏٺائين ته سندس بينچ جي پٺيان اچي بيٺي هئي، ۽ پوءِ ساڻس گڏجي اچي ويٺي. رحمت منجهي ويئي. سمجهائين ته شايد سندس اکر: ”مان به امڙ سان گڏ مران ها ته چڱو“، انهيءَ زال جي ڪن پيا هئا. زال هئي تکي ۽ تڪڙي، تنهن چيس، ”مون تنهنجا اکر ٻڌا آهن، ڇا ٿيو آهي؟“ +رحمت چيو، مان اهو احوال ٻڌائي نه سگهنديس. ٻه _ چار منٽ سندن وچ ۾ حرف به ڪو نه هليو، پوءِ انهيءَ زال چيو، مان سمجهي سگهان ٿي ته ڇا ٿيو آهي. هوءَ پرين قبر تنهنجي ماءُ جي آهي؟ +رحمت سندس منهن ڏانهن چتائي نهاريو. ڏٺائين ته زال چڱي هئي. جواب ڏنائين ته هائو، اها قبر منهنجي ماءُ جي آهي. +تنهنجو پيءُ ابراهيم خان آهي؟ +هائو. +هو شايد توکي گهڻو پيار ڪو نه ٿو ڏيکاري؟ +منهنجي مرضي نه آهي ته ڪو مان پيءُ خلاف شڪايت ڪريان. +ڪجهه ناسازي ته نه ٿي آهي؟ +ٿوري. +تنهن ۾ شايد تنهنجو ڏوهه هجي. +منهنجا گهڻا رستا اَبي جي رستن کان علحدا آهن. +پڻهين ٿورو طبع جو تکو ۽ مغرور آهي، پر خراب ماڻهو نه آهي. +رحمت چيو، هرگز نه. مون سان ڪاوڙ به هاڻي ڪرڻ لڳو آهي. مون کي گهڻو پيار پئي ڏيکاريو اٿس. ڏوهه شايد منهنجي تربيت جو آهي. +تنهنجي تربيت ڪهڙي ٿي آهي؟ +ٿوريءَ هٽڪ کان پوءِ، رحمت پنهنجي حياتيءَ جي ڳالهه ڪري ٻڌايس. جيتريقدر اُها ڳالهه سمجهي هئائين. +انهيءَ زال رحمت کي دلداري ڏني، تنهن تي رحمت چوڻ لڳي ته: ”منهنجي مرضي گهر موٽي وڃڻ تي نٿي ٿئي، پر مان ڇا ڪريان؟“ +زال چيس، منهنجي گهر هلي رهه، ڪندينءَ ائين؟ +رحمت چيو، هائو، مان جيڪر ڪم ڪري کان. رحمت جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. پر مون کي ڪو علم ڪونهي، ۽ نڪي مون ۾ ڪا خاص لياقت آهي ۽ مون کي اوهان جي گهر جي به ڪا خبر ڪانهي؟ +زال جواب ڏنو، مون کي ڪا خاص لياقت ڪانه کپي. منهنجو گهر، ابراهيم خان جي گهر جي ڀرسان آهي، جنهن جو تازو مرمت پئي ٿي آهي. +رحمت ٻڌو هو ته هڪڙي شاهوڪار زال اچي، انهيءَ گهر ۾ ويهڻ واري آهي. رحمت دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي. گهر ۾رهڻ مشڪل ٿي پيو هوس. زال کي انجام ڏنائين ته هفتو خيال ڪري، ساڳئي هنڌ اچي مان توکي جواب ڏينديس. پوءِ ٻيئي جدا ٿيون. +رحمت جڏهن گهر ويئي، تڏهن خيال ٿيس ته پيءُ کان موڪل وٺان، پر جاچيائين ته پڻس چين ۾ هو يا نه. پڻس جي من تي ڪاوڙ ڪانه ڏسڻ ۾ آيس، پر پڻس کيس ڪو خيال ڪونه ڏيکاريو. پاڻ گهر ۾ جهڙي هئي تهڙي نه. +وجهه وٺي رحمت پيءُ کي چيو، ”ابا، اوهان کي ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو، جي مان وڃي ڪا نوڪري ڪريان؟ +ابراهيم خان چيو، نه، بلڪل نه، ڪٿي ٿي نوڪري ڪرين؟“ +رحمت جواب ڏنو، هتي هڪڙو گهر آهي، جتي مان نوڪري به ڪري سگهنديس، ۽ علم ۽ اخلاق به سڌاري سگهنديس. +ابراهيم خان جواب ڏنو ”ڀلي، اتي وڃي نوڪري ڪر. مان به پئسي جي مدد ڏيندوسانءِ.“ +رحمت سندس مهرباني مڃي، پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي. پنهنجو سڀ سانباهو ڪيائين، ۽ مقرر وقت لاءِ ترسي ويٺي ته هن زال کي وري قبرستان ۾ گڏجان. مقرر وقت آيو، رحمت قبرستان ۾ ويئي، جتي اها زال به آئي. +زال پڇيو، رحمت پوءِ فيصلو ڪيئي؟ +رحمت جواب ڏنو، هائو، ابي موڪل ڏني آهي. +هاڻي مون وٽ ڪڏهن ٿي اچين؟ +رحمت چيو، جڏهن اوهان جي مرضي. +اڄ ئي اچ منهنجو گهر ايڏو وڏو آهي، جو مان اڪيلي ٿي ٿيان. +رحمت خيال ڪري جواب ڏنو ته: شايد اڄ ئي مان اچي سگهان. +زال پڇيو ته: پيءُ کي ٻڌايو اٿئي ته ڪنهن وٽ ٿي وڃين؟ +رحمت چيو، نه. +شايد چڱو ڪيئي جو نه ٻڌايو اٿئي. تنهن کان سواءِ، مون توکي پنهنجو نالو ٻڌايو ئي ڪينهي. منهنجو نالو آهي خانزادي بچي. هاڻي تون گهر وڃ. +منهنجي گهر شام جو ڇهين بجي اچج. +ابراهيم خان ڪونه سمجهيو هو ته ڪو اهڙو جلد رحمت گهر ڇڏي ويندي هلي. ڇهين بجي ڏٺائين ته ٽانگو سندس گهر وٽ اچي بيٺو. جنهن ۾ رحمت هيٺ لهي، پنهنجو سامان وجهارايو. ابراهيم خان، رحمت کي چيو ته مون ڪين ٿي سمجهيو ته سڀ سک وساري ڪو اهڙو تڪڙو تون ويندينءَ هلي! +”رحمت چيو، اوهان پاڻ موڪل ڏني آهي، اوهين الائي ڪيئن ٿا چئو ته مان سڀ سک وساري هلي ٿي وڃان؟“ +ابراهيم خان وراڻي ڏني، چڱو، چڱو، بيشڪ پنهنجو رستو اختيار ڪر. مٿي ماڙيءَ تي ڪڏهن ويوئي ڪين هو. هاڻي ئي رحمت جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو ڏٺائين ته ڪوٺي تمام چڱي حالت ۾ رکي هتائين ڪوٺيءَ ۾ ڪتاب، تصويرون، نقشا ۽ سونهن ڀريون شيون موجود هيون. ابراهيم خان هيٺ لهي رحمت کي چوڻ لڳو، مون وٽان هلي نه وڃ. جي مان توسان کهرو پيو آهيان ته مون کي ڪاوڙ جا سبب به تو ڏاڍا ڏنا آهن. +رحمت جواب ڏنو ته: مون کي دل سان نٿو لڳي، ته مون ڪو اوهان کي ڪاوڙ جو سبب ڏنو آهي. +ابراهيم خان چيو، مان هن وقت توکي ٻڌائي نٿو سگهان، ته مون کي توتي ڪاوڙ ڇو آهي؟ تون مون وٽ رهه، پوءِ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنداسون. + + + +پر هي قصو البت دير سان ٿيو. رحمت ٽانگي ۾ چڙهي ويٺي هئي، سامان سندس ٽانگي ۾ پيل هو. رحمت گهڻي ادب سان چيو، اَبا، مان ڀانئيان ٿي ته سڀڪنهن طرح چڱو ائين ٿيندو ته هاڻي مان وڃان. مان پري ڪونه ٿي وڃان، ڪنهن به وقت منهنجو کپ پئيو. ته مون کي گهرائي وٺجو. + +ابراهيم خان ڪنڌ ڌوڻيو. فقط پڇيائينس ته ڪٿي ٿي وڃين؟“ +رحمت جواب ڏنو،” خانزادي بچيءَ جي گهر.“ +ابراهيم خان اهي اکر وري اچاريا. پوءِ ٽانگي واري کي چيائين ته هڪلي وڃ. + + +باب ويهون + +ٻه _ ٽي ڏينهن ٿيا ته ابراهيم خان کي، هٿو هٿ هڪڙو خط، گلي مشورياڻي جي دستخط پهتو هو. اڳيون خط جيڪو لکيو هئائين، سو ٻئي نوع ۾ هو. تڏهن حليمان جيئري هئي، ۽ گليءَ جو ابراهيم خان وٽ رهڻ جو امڪان ڪو نه هو. هاڻي رستو صاف هوس، خط خوش مزاجيءَ ۾ لکليل هو. +ميرپورخاص. +منهنجا پيارا ابراهيم خان، +”عجب نه کائج _ منهنجي ۽ تنهنجي فائدي لاء،ِ مان ميرپور ۾ آئي آهيان. ڪيترو وقت هٿ رهنديس، سو آءُ چئي نٿي سگهان. اهو مدار رکي ٿو هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ تي، جو واپاري به آهي ۽ پريزيڊنٽ، ۽ جنهن کي منهنجي پيار تي پهرين حق آهي. +مان اهڙي هلڪي طبيعت جي نه آهيان، جهڙي مان هن خط مان هوند ڏسڻ ۾ اچان. مان هتي آئي آهيان، جو مون ٻڌو آهي ته حليمان تنهنجي جوءِ، گذر ڪري ويئي آهي. جا تو سمجهي ٿي ته گهڻا سال اڳي گذر ڪري ويئي هئي. ويچاري حليمان! بيماريءَ ڇڏيس ئي ڪين. رضا سان سٺائين، جيتوڻيڪ هئي عقل جي هيڻي. مان خوش آهيان ته تو هن سان چڱي هلت ڪئي. مون کي جو حليمان جي موت جي خبر پئي آهي، سو مان هتي آئي آهيان ته غبار، جو منهنجي چال تي رهيو آهي، سو مان هينئر ڪوشش ڪري مون لاهيان. منهنجي وويڪ مون کي هت آندو آهي. تو سان جيڪو انجام ڪيو آهي، سو هاڻي پاڙ. اميد آهي ته تنهنجو خيال اڳئين جهڙو ئي آهي. مون کي تنهنجي پوري خبر نه هئي. مان توکي خط لکڻ کان ئي اڳي هت اچي سهڙي آهيان، انهي ڪري ته مان سرزمين تي سمجهان ته ڳالهه ڪيئن بيٺل آهي ۽ ڪيئن بيهڪ کائيندي. +شايد تون به ائين ٿو سمجهين، جيئن مان. مان توکي ڏينهن ٻن ۾ ڏسي سگهنديس. مان تنهنجي گهر جي ڀرسان، هڪ نئون گهر آهي، تنهن ۾ رهان ٿي. خدا حافظ! +گلي. +قلم تازو _ مون توکي لکيو هو ته مان ڇوڙ وينديس. تون اچي مون کي اسٽيشن تي گڏجائين، پر منهنجي آڪهه ۾ هڪڙو حادثو ٿيو، جنهنڪري مونکي پنهنجو خيال ڦيرائڻو پيو. +ابراهيم خان اڳيئي ٻڌو هو ته سندس گهر جي ويجهو، جو گهر هو، تنهن ۾ ڪو مسواڙي اچي ويهي ٿو ۽ گهمندي پڇا به ڪئي هئائين ته ڪير ٿو ويهي ۽ خبر پيئي هيس ته خانزادي بچي ٿي ويهي. ابراهيم خان هاڻي خيال ڪيو، ته گلي شايد خانزادي بچيءَ جي مائٽياڻي يا ڪنهن لاڳاپي واري آهي ۽ کيس گلي لاءِ چڱو بندوبست ڪرڻ گهرجي. +حليمان جو قضيو ٿي ويو هو، رحمت سندس ٻار ئي ڪين هئي. انهيءَ ڪري ابراهيم خان کي خيال ٿيو ته جلد جيترو ٿي سگهي، اوترو جلد گليءَ سان شادي ڪريان، پهريائين خيال ڪيو هئائين، ته شايد خانزادي بچي ۽ گلي ٻه جدا جدا ماڻهو آهن، پر هينئر وري يادگيري آيس ته، گلي هڪڙي شاهوڪار سڳي عزيز جي ڳالهه ڪندي هئي، ۽ نالو به ڪو اهڙو ڳنهندي هئي. شايد گليءَ کي وڏو ورثو مليو آهي، ۽ پاڻ کي خانزادي بچي ٿي ڪوٺائي. پاڻ هينئر ڪرڙوڍ ٿيو هو، ۽ ڪرڙوڍن کي دولت سان گهڻو چاهه ٿيندو آهي. کيس پنهنجو ته سڀڪي هو. +ابراهيم خان کي گهڻو ترسڻو ڪين پيو. گليءَ کي خط لکڻ جي عادت هئي. گليءَ جي خطن جا اڳيئي ٿهن جا ٿها وٽس هئا. رحمت جو وٽس پهتي، سو گليءَ شتابي ڪري ابراهيم خان کي هينئن لکيو: +مان اچي هت نئين گهر ۾ ويٺي آهيان. تنهنجي ويجهو آهيان. منهنجي مامي خانزادي بچي هڪڙي صراف جي زال، جا تو سمجهيو پئي ته شاهوڪار ڪانه هئي، بلڪه هئي به ڪانه، سا ٿورا ڏينهن ٿيا آهن، جو گذر ڪري ويئي آهي، ۽ سندس ملڪيت جو وڏو حصو مون کي مليو آهي. مون پنهنجو نالو ، جو تو خراب ڪيو، سو مٽائي پنهنجي ماميءَ جو نالو اختيار ڪيو آهي، ۽ مان هتي اچي ويٺي آهيان ته توکي گڏجڻ مون کي سولو ٿئي. منهنجو ارادو ته مان توکي ڪا خبر نه ڏيان، ۽ تو��ي اتفاقي گڏجان. پر اهو ارادو مون هاڻي ڦيرايو آهي. +توکي شايد خبر هجي ته تنهنجي ڌيءُ، هاڻي مون سان ٿي رهي. تو هن تي گهڻو کليو هوندو. منهنجو هن سان اتفاقي گڏجڻ ٿيو. بلو! ڪي سمجهين ٿو ته جو مون رحمت سان رهائي آهي” انهيءَ ڪري ته توکي سبب ٿئي، مون وٽ گهڻيرو اچڻ جو. رحمت ڏاڍي چڱي ڇوڪري آهي. رحمت جو خيال آهي ته تو هن سان سختي ڪئي آهي. تون تڪڙو آهين، ته ائين ڪيو به هجي، پر مون کي پڪ آهي ته ارادتاً تو ائين نه ڪيو هوندو. پر نتيجو اهو ٿيو آهي جو رحمت مون وٽ آئي آهي، جنهن ڪري مان پاڻ خوش ٿي آهيان، ۽ توسان ڪو به ڏوهه ڪونه ٿي ڪڍان. +گلي +ابراهيم خان کي هيءُ خط پڙهي، ڏاڍي خوشي ٿي. رحمت ۽ دهلويءَ، ٻنهي سان ناسازي ٿي هيس. ڳچ وقت، رات جي ماني کان پوءِ ويهي خيال پچايائين، ائين ٿي ڏٺو ته گليءَ کي ابراهيم خان سان شادي ڪرڻ جو گهڻو خيال هو، ويچاري گلي! ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهي؟ اڳيئي سندس نالو ابراهيم خان ڪري بد ٿيل هو. وويڪ ۽ پيار، ٻنهي گليءَ کي گهلي ميرپور آندو هو. رحمت جي بنسبت گليءَ ڏاڍي چالاڪي ڪئي هئي. +صبح جو رحمت کي ڏسڻ لاءِ، ابراهيم خان سنڀهي نڪتو. اُٺ نو جي وچ ۾، خانزادي جي گهر جي در وٽ پهتو. پر جواب جڙيس ته خانزادي اڄ رڌل آهي. سڀاني ملي سگهندي. +چيائين ته پاڻ کي وڏو ماڻهو ٿي ليکي! پر وري خيال آيس ته خبر ڪانه هيس ته ڪو مان ايندس. انهيءَ ڪري ماٺ ڪري ويو هليو، پر تڏهن به ارادو ڪيائين ته وري ڪين ويندس. چيائين ته زال ذات ڏنگي آهي، سڌو سنواٽو رستو ڪڏهن نه هلندي. +رحمت جڏهن خانزادي جي گهر پهتي هئي، تڏهن خانزادي جي چئي موجب، خانزادي جي نوڪرن چيس ته مٿي ماڙيءَ تي وڃ. رحمت مٿي ويئي ته خانزاديءَ کي سوفا تي ويٺل ڏٺائين، ٻه سنهان طول پٺيان رکيل هئس. وار ڪارا ۽ اکيون وڏيون هيس. ايراني بڻ منجهس پئي بکيو. رحمت کان ڪجهه عمر ۾ وڏي هئي. اکين ۾ ڏاڍو چمڪو هوس. سندس سوفا اڳيان هڪري ننڍي ميز رکيل هئي جنهن تي پتو رکيل هو. رحمت کي ڏسي خانزادي خوشي ظاهر ڪئي. پڇيائينس ته دير ڇو ڪيئي؟ رحمت جواب ڏنو گهڻيئي ننڍيون شيون کڻڻيون هيم. +خانزاديءَ چيو، تون ٿلڪل هوندينءَ، اچ ته پتي جي راند ڪري وندرايانءِ. پتي جون تاڪيون گڏ ڪري، ميز کي اڳيان سيري، پتي جا هٿ ترت ونڊڻ لڳي. پر ڏٺائين ته رحمت جو چت راند ۾ نٿو لڳي. پتو بند ڪري، خانزاديءَ چيو، چڱو، مان هت ليٽي ٿي پوان، تون منهنجي ڀرسان ويهه ته ڳالهيون ڪريون. +رحمت، خانزاديءَ کان ننڍي هئي، تنهن هوندي به خانزاديءَ کان گهڻو سياڻي هئي. +خانزادي سوفا تي ليٽي، ٻانهن ڀرن مٿان رکي، رحمت سان ڳالهائڻ لڳي. چيائين ته ٿورا ڏينهن ٿيندا، جو مون کي ملڪيت ملي آهي. +رحمت چيو، فقط ٿورا ڏينهن ٿيندا؟ +خانزاديءَ چيو، هائو، ٿورا ڏينهن ٿيندا. مان جڏهن ڇوڪري هيس، تڏهن ڪنهن شهر ۾، جتي سپاهه رهندو هو، اتي رهندي هيس، منهنجو پيءُ هڪڙيءَ فوج ۾ عملدار هو. مان هڪري ڪچي پرمتڙي ڇوڪري هوندي هيس. مون واجب سمجهيو آهي ته مان توکي پنهنجي احوال کان واقف ڪريان. مان فارسي به ڄاڻان، منهنجو بڻ ايراني آهي. +رحمت چيو، مان ته پوري سنڌي به نه ڄاڻان. +خانزاديءَ رحمت کي پنهنجو گهڻو حال ٻڌايو. ارادو هوس ته رحمت جي اڳيان پاڻ جهلي نه سگهي. رحمت جو ته بڙ بڙ ڪرڻ مرڪ نه هو، رحمت کان ڳالهه ڪا ڇڊي نڪرندي هئي. پر ڪن کي ته اڳيئي خبر هئي، ته ابراهيم خان جو رستو، ڪنهن وقت هڪڙو ايراني ڪٽنب جي ڇوڪريءَ سان حيدرآباد ۾ هو. +جنهن ڏينهن ابراهيم خان اچڻو هو، تنهن ڏينهن صبح جو، خانزادي ڪپڙا ڪري سندس لاءِ منتظر ويٺي هئي. صب�� جو ڪو نه آيو، پيشين جو وري هن جي واٽ نهاريائين. خانزادي ۽ رحمت ٻيئي دريءَ وٽ ٿي ويٺيون. دريءَ مان سڄي بازار تي نظر پيئي پوندي هئي. رحمت، ابراهيم خان جي پٽڪي جو طرو ڏٺو خانزادي به، ابراهيم خان کي پريان سهڪي ڪيو، پر ابراهيم خان بازار ۾ پئي گهميو، خانزاديءَ جي گهر اندر ڪونه آيو. دهلوي به هيٺ بازار ۾ هو. ابراهيم خان ۽ دهلوي ڪونه گڏيا. رحمت اهو رنگ سڄو مٿان ويٺي ڏٺو. +خانزاديءَ ڀانئيو ته ابراهيم خان کي ڪو ڪم ٿي پيو آهي، جي اڄ نه آيو ته سڀان ايندو. ائين ٻٽي ڏينهن ساندهه ڪپڙا ڪري هن جي لاءِ منتظر ويٺي، پر هو ڪونه آيو. خانزادي جو ابراهيم خان تي هينئر ايترو پيار نه هو، جيترو اڳي. هينئر گهڻو خواهشمند هئي ته هن سان شادي ڪري، سڳن عزيزن کي ڏيکاري ته ابراهيم خان جو ساڻس رستو حق جو هو. وري دولت به ملي هيس، سو شادي نه ڪرڻ جو سبب ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيس. +هڪڙي ڏينهن بازار ۾ ماڻهو اچي گهڻا مڙيا. خانزادي، رحمت کي چيو ته: اڄ تنهنجو پيءُ ضرور بازار ۾ ايندو، ۽ تون جو ڀرسان آهينس، سو توکي هت ضرور بالضرور ڏسڻ ايندو. +رحمت مٿو ڌوڻيو، ۽ چيائين ته مان ڀانئيان ٿي ته ڪين ايندو. +ڇُو؟ +رحمت ڏک سان چيو ته مون ڏانهن هينئر رغبت ڪانه اٿس. +شايد توتي گهڻو رنج رهيو آهي؟ +رحمت چيو، هائو. +تڏهن ته جتي تون هوندينءَ، اتان پري ڀڄندو! +رحمت روئڻهارڪي ٿي ڏيکاريو ته هائو. +خانزاديءَ جو منهن رنوڇ هڻي ويو، اچي اوڇنگارن ۾ پيئي. +رحمت پڇيس ته ڇو؟ +خانزاديء چيو، مون کي تنهنجي صحبت وڻي، پر، +رحمت به چيو، مون کي اوهان جي صحبت پسند آهي. +پر _ پر _خانزادي جملو پورو ڪري نه سگهي، مطلب چوڻ جو هوس ته جنهن صورت ۾ ابراهيم خان کي رحمت ناپسند هئي، تنهن صورت ۾ رحمت کي سندس گهران وڃڻو پوندو. +رحمت کي وجهه وٺي چيائين ته: تون منهنجا فلاڻا ڪم وڃي ڪري اچ. انهن ڪمن ڪرڻ ۾ رحمت کي ٻه ڪلاڪ کن کپندا هئا. رحمت سمجهي ڪين سگهي، ته ڇو خانزاديءَ جو مطلب اهو ٿيو ته رحمت، گهر مان ٻه ڪلاڪ کن دور هجي. رحمت ويئي ته نوڪر جي هٿان ابراهيم خان کي هڪڙو خط موڪليائين. +پيارا بلو، +اڄ بازار ۾ تون ڪلاڪ ٻه پنهنجي سودن لاءِ ايندين. مون وٽ ضرور اچجانءِ، مان نراس ٿي آهيان، جو تون هن کان اڳي مون وٽ ڪونه آيو آهين. منهنجو توسان ڪهڙو رستو آهي، تنهن جي توکي ئي خوب خبر آهي، هاڻي مون کي گهڻي ملڪيت ملي آهي شايد تنهنجي ڌيءُ مون وٽ آهي، تنهنڪري تون نه آيو آهين. مون اڄ رحمت کي ڪنهن بهاني ٻاهر موڪليو آهي. تون مون وٽ اڄ ضرور اچج. مان اڪيلي هونديس. +گلي، +نوڪر جڏهن خط ڏيئي موٽي آيو، تڏهن نوڪرن کي چيائين ته: ڪو سکر ماڻهو مون وٽ اچڻ گهري ته يڪدم اندر اچڻ ڏجوس. +ابراهيم خان لاءِ حب ڪا گهڻي ڪانه هيس، پر هن سان گڏجڻو ضرور هوس، سو هاڻي ڪرسيءَ تي ويٺي، پهريائين هڪڙي طرح، پوءِ ٻئيءَ طرح، ائين جو روشنائي گهڻي سندس منهن تي پوي. وري ور وراڪا کائي، ٻانهن ڀيرن مٿان رکي، در ڏنهن منهن ڪري ليٽي، جو اهڙيءَ طرح تمام ٺاهوڪي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. انهي حالت ۾ ڪجهه وقت رهي ته مرد جو پير ڏاڪڻ تي سمجهڻ ۾ آيس. +خانزاديءَ کي ليٽڻ جي پنهنجي ٺاهوڪي طرز به وسري ويئي. ٽپو ڏيئي اُٿي، ۽ ڊوڙي وڃي پردي پٺيان لڪي. جيتوڻيڪ اهڙو پيار جو جذبو ڪونه چڙهيو، تڏهن به ابراهيم خان سان حيدرآباد کان پوءِ ڪانه گڏي هئي ۽ هاڻي جو سندس خيال موجب هن جي اچڻ جو آواز ٻڌائين، سو سڄي جند تڙپڻ لڳيس. +پيرن جي آواز مان سهي ٿي ڪيائين ته نوڪر ڪنهن ٻئي کي وٺي پئي آيو. نوڪر دروازو کوليو، ۽ خانزاديءَ کي ڪوچ تي نه ڏسي، کيس ٻاهر ڳولڻ ٿي ويو. ايتري ۾ خانزادي، جو پردي جي پٺيان بيٺل هئي سو اتان نڪتي ۽ شڪ گاڏڙ سلام عليڪم، چيائين، پر ماڻهو جو اڳيانس بيٺو هو، سو ابراهيم خان نه هو! + +باب ايڪويهون + +خانزادي پردي جي پٺ مان نڪتي، تنهن کان اڳ خيال ٿيس ته شايد ابراهيم خان نه به هجي، پر نڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ڪيائين۔ +بيٺل جو هو، سو ابراهيم خان کان ڄمار ۾ ننڍو هو _ موچارو، تازو ۽ سنهو هو. سکر ماڻهوءَ جا ڪپڙا پيل هئس. خانزادي شرمائي، ۽ عجيب کل سان چيائين ته او، مون ته چوڪ ڪئي آهي! +بيٺل ماڻهو اصل نه کليو. هن چيو، مون کي بلڪل افسوس آهي، جو مون کي هيءَ چوڪ ٿي آهي. مون رحمت، ابراهيم خان جي ڌيءُ جي پڇا ڪئي، ۽ نوڪر مون کي هتي وٺي آيو. ڪڏهين اهڙيءَ طرح لنگهي نه اچان ها، جي مون کي اوهان جي هت هجڻ جي خبر هجي ها! +خانزادي چيو، چوڪ منهنجي آهي. +پر دهلوي پڇيو، مان غلط گهر ۾ ته گهڙي ڪين آيو آهيان؟ +خانزاديءَ چيو، نه، نه، صاحب من، ويهو، هينئر جو هتي اچي سهڙيا آهيو، سو ڪجهه وقت ويهڻ جي تڪليف وٺو. رحمت اجها ٿي اچي. +اها ڳالهه برابر نه هئي ته رحمت ڪا ترت اچڻي هئي، پر هن جوان مڙس ۾ ڪجهه مڙيو ئي هو _ ڪا چستائي، ڪو تاڻيل ساز جي رسيلي آواز جو گڻ، جنهن ابراهيم خان ۽ رحمت کي موهيو هو. خانزاديءَ کي به ڏاڍو پسند آيو. دهلوي پهريائين هٻڪيو، پر پوءِ ڪرسيءَ ڏي نهاريو، وڌي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺو. +دهلوي جو اوچتو هت هلي آيو، تنهن جو سبب ابراهيم خان جو خط هو. ابراهيم خان موڪل ڏني هيس ته ڀلي رحمت سان شاديءَ جو خيال ڪر. پهريائين ابراهيم خان جي خط جو پورو خيال ڪونه ڪيائين، پر ڌنڌو تمام چڱو هليو هوس، جنهنڪري شاديءَ جو گهڻو خيال ٿيو هوس ۽ سمجهائين ٿي ته رحمت جهڙي وڻندڙ، صوفي واري، ۽ لائق ڇوڪري ڪا ورلي لڀندي، تنهنجي کان سواءِ، جي رحمت سان شادي ٿيس ته ابراهيم خان سان سلوڪ ٿي پوندس. +خانزاديءَ ويهڻ سان چيس ته اوهين شايد پنهنجي سودن واسطي بازار ۾ آيا آهيو؟ +دهلويءَ کي جواب ڏيڻ مشڪل ٿيو. چيائين ته دريءَ کان شايد اوهان کي بازار گهڻي نظر ٿي اچي. +خانزاديءَ به جواب ڪو نه ڏنو. +دهلويءَ چيو، هيڏي گهر ۾ اوهان البت اڪيلائي ٿيندي هوندي؟ +خانزاديءَ چيو، هائو، مون کي اڪيلائي ڏاڍي گهڻي ٿي ٿئي. +چوڻ ۾ ٿو اچي ته اوهين ڏاڍا دولتمند آهيو؟ +مون کي دولت جو بهرو وٺڻ نٿو اچي. مان آيس ميرپور ۾ رهڻ، پر هاڻي عجب ٿي کان، ته ائين ڪري سگهنديس يا نه! +ڪٿان ٿا اچو؟ +حيدرآباد کان. +مان ته دهليءَ کان آيل آهيان. گهر چڱو، پر جتي ماني تتي ماڳ، مون هيل هتي چڱو ڌنڌو ڪيو آهي. مون ڪڻڪ وقت تي وڪي، منهنجي وڪري کان پوءِ ڪڻڪ جي قيمت گهٽجي ويئي. پوءِ مون گهٽ اگهن تي ڪڻڪ خريد ڪئي. منهنجي ڪڻڪ جي خريداري کان پوءِ اگهه وري چڙهيا. ۽ چڙهيل اگهن تي وري مون پنهنجي ڪڻڪ وڪي. انهيءَ طرح مون کي وڏو فائدو پيو آهي. ٿوري ٿوري فائدي تي مون ٻٽي وڪرا ڪيا آهن. +خانزاديءَ کي دهلوي ڏاڍو وڻيو. دهلويءَ ٿوري دير کان پوءِ موڪلايو ٿي، پر خانزاديءَ نه ڇڏيس. +خانزادي چيو، مون کي اوهان جي ڳالهائڻ مان ڏاڍو مزو ٿو اچي، اوهين پنجابي ڳالهائڻ ڪري ڄاڻو. +گفتگو ڪجهه وقت هلي. نيٺ دهلويء هلڻ لڳو. دهلويءَ کي به هليو وڃڻ مشڪل ٿي لڳو. خانزاديءَ جي شڪل يا روش ڏاڍي پسند آيس. نوڪر وڃي دهلويءَ کي هيٺ ڇڏي آيو. دهلويءَ جي چت تان رحمت جو خيال لهي ويو هو. خانزاديءَ دريءَ کان دهلوي ڏي پئي نهاريو، تان جو دهلوي اصل نه ڏسڻ ۾ آيس. هيئن خانزاديءَ ۽ دهلوي جو گڏجڻ ٿيو. +ٿورو وقت گذريو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. نوڪرياڻي مٿي آئي ۽ چيائين ��ه پريزيڊنٽ صاحب آيو آهي. خانزادي ڪوچ تي ليٽي پئي، ۽ پنهنجي آڱرين جي وچ ۾ نهاريو. جواب ڏيڻ ۾ دير ڪيائين، تيتري ۾ نوڪرياڻيءَ چيو ته پريزيڊنٽ صاحب تڪڙو آهي، ٻيا ڪم اٿس، ترسي نه سگهندو. +خانزادي چيو، تڏهن ته چئينس ته، جيئن ته اڄ مون کي مٿي ۾ سور آهي، مان کيس ترسائڻ نٿي گهران. +نوڪرياڻيءَ وڃي پريزيڊنٽ صاحب کي اهو جواب ڏنو، ۽ هو موٽي ويو. +خانزادي، ميرپور آئي ئي ابراهيم خان واسطي هئي. ابراهيم خان جو پيار سندس لاءِ وري نوسر جاڳيو هو، جنهنڪري خانزادي هاڻي بيپرواهه رهي. +رحمت ڏي خانزادي هينئر ٻيءَ طرح نهارڻ لڳي، ۽ ارادو ڪيائين ته ڪڍانس. رحمت جڏهن موٽي آئي، تڏهن هن کي ته ڪل ڪانه هئي ته خانزاديءَ جي من، ڪو ڦير کاڌو آهي. خانزادي وٽس ويئي، ۽ چيائينس ته مان خوش ٿي آهيان، جو تون موٽي آئي آهين. تون مون سان ڪجهه وقت رهه. +رحمت جي رهي ته ابراهيم خان، خانزاديءَ جي گهر ڪين ايندو. ابراهيم خان سندس يادگيري هيترا ڏينهن مور ڪانه ڪئي هئي، اگرچ سندس نالو اهڙو بد ڪيو هئائين. حليمان جي موت کان پوءِ سندس ترت پوئواري ڪري سگهي ها، پر نه ڪئي هئائين. اهڙا خيال خانزاديءَ جي من ۾ هن وقت پئي اُٿيا. +دهلويءَ کي خانزاديءَ، ابراهيم خان کان گهڻو وڌيڪ پسند ڪيو، پر مشڪلات هيءَ هيس ته ابراهيم خان کان پاڻ پري ڪيئن ڪري؟ +ابراهيم خان کان اڳي گليءَ جو اهڙو خيال نه هو، پر هاڻي جو گليءَ، کي دولت هٿ آئي هئي، ۽ پاڻ کي خانزادي ٿي سڏايائين، ۽ ابراهيم خان کي ڏسڻ کان انڪار پئي ڪيائين سو ابراهيم خان ڇتو ٿي پيو هو. ابراهيم خان خيال ڪيو ته لنگهي وڃي خانزاديءَ کي ڏسان، ۽ هڪڙي ڏينهن ڪنهن کي چتائڻ کان سواءِ، خانزاديءَ وٽ لنگهي آيو. خانزاديءَ جي جاءِ، خانزاديءَ جي حالت، خانزاديءَ جي رهت، سڀ ڦريل هئا. ابراهيم خان جهڙو مڙس به ڪنهن قدر خانزاديءَ اڳيان ڌمڪجي بيٺو. +همٿ جهلي، خانزاديءَ کي چيائين ته مان آيو آهيان، توکي چوڻ ته هاڻي منهنجو نالو توکي ڏيڻ لاءِ آءٌ تيار آهيان. رسمن موجب ائين يڪدم ٿي سگهي ٿو يا نه؟ تنهنجي توکي وڌيڪ خبر پوندي. +خانزاديءَ جو مطلب ڳالهه ڦيرائڻ جو هو، جنهنڪري چيائين ته اڃا ته ڪجهه وقت ائين ٿي نه سگهندو. +ابراهيم خان چيو، هائو، هائو حليمان جو قضيو اڃان تازو ٿيو آهي، پر توکي پنهنجو خيال ٻڌائي ڇڏڻ مون فرض ڄاتو. ابراهيم خان سامان ڏي نهاري چيو ته: مون نه ٿي سمجهيو ته ميرپور ۾ ڪو ههڙو سامان ملي سگهندو! +خانزاديءَ چيو، هتي ههڙا سامان پنجاهه ورهيه ٻيا به ڪين ملي سگهندا. مون هيءُ سامان بمبئيءَ مان گهرايو آهي. +ابراهيم خان چيو ته: مان ڏاڍو خوش آهيان، اهو ڏسي ته تون هينئر سکي آهين. +خانزادي پنهنجي ڳالهائڻ ۾ گهڻي هٻڪيل هئي. جو ابراهيم خان ڏسي چيو ته : هاڻي تون تمام وڏن ماڻهن وانگيان ٿي هلين ۽ ڳالهائين، +انهيءَ تي خانزادي کي غصو اچي ويو، ۽ اکين ۾ شور آڻي چيائينس ته: توکي ته هلت ڪرڻ ئي نٿي اچي! +ابراهيم خان جواب ڏنو، مون کي برابر تنهنجي لائق هلت ڪرڻ نٿي اچي. مان اچان ئي ڪين ها، پر مون کي خيال آهي ته جن تنهنجي بدنامي پئي ڪئي آهي، تن جي زبان کي جلد ٻنون ڏيان، توکي ته پاڻ منهنجي مهرباني سمجهڻ گهرجي. +خانزادي کي باهه وٺي ويئي. چيائين، تون ههڙيءَ طرح ڇو ٿو ڳالهائين؟ تنهنجي خرابي توکي وسري ويئي آهي، جڏهن حليمان موٽي هئي، تڏهن تو مون کي ڇا لکيو هو؟ +ابراهيم خان چيو ته: هت به جلد خبر پئجي ويندين. ته تنهنجو مون سان رستو ڪهڙو رهيو آهي؟ چڱو ائين ٿيندو، جو تون مون کي قبول ڪرين. +خانزاديءَ چيو ته: بلفعل فقط ائين ڄاڻائي ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ سڃاڻپ جو رستو آهي. پوءِ خانزادي صوف کڻي آئي، جن مان هڪڙو وڍي، ابراهيم خان کي آڇيائين. +ابراهيم خان صوف نه کاڌو، موڪلائي هلڻ لڳو، پر چوڻ کان ڪين گٿو، ته تون ٿي چوين ته تون منهنجي لاءِ هتي آئي آهين، پوءِ منهنجي آڇ ڇو نٿي قبول ڪرين. +خانزادي ڪوچ تي ليٽي پيئي، پر سک نه آيس، ٽپ ڏيئي اُٿي، پاڻ کي چيائين ته: مان ته هن کي پيار ڪريان، ابراهيم خان ڪاوڙيل مڙس آهي ۽ سخت، پاڻ کي هن سالن پابند ڪرڻ منهنجي لاءِ چريائي ٿيندي. +رحمت جي اک تکي هئي، تنهن پروڙيو ته ابراهيم خان ۽ دهلوي، ٻيئي خانزاديءَ پٺيان چريا ٿيل هئا. دهلويءَ جو خيال رحمت تان لٿل هو. خانزادي هن جي خيال ۾ چنڊ وانگيان پئي چمڪي. رحمت تياڳ تي هريل هئي. + + + +باب ٻاويهون + +بهار جي موسم ۾ هڪڙي صبح جو ائين ٿيو، جو ابراهيم خان ۽ دهلوي گهمندي هڪٻئي کي ڏسڻ ۾ آيا، هن وقت ڪو به ٻيو سندن ويجهو ڪو نه هو. ابراهيم خان تازو خط خانزاديءَ ڏي لکيو هو ته گڏجون، پر هن ڪو بهانو ڪري گڏجڻ جي نه ڪئي هيس. ابراهيم خان، خانزاديءَ جو جواب پئي پڙهيو. +دهلويءَ جي مرضي نه هئي ته سندس ۽ ابراهيم خان جي وچ ۾ ڪا گفتگو هلي، پر اهو به مطلب نه هوس ته هڪٻئي ڏي شُڪي نهاري ماٺ ڪري لنگهي وڃجي. دهلويءَ مٿي سان ابراهيم خان جو تواضع ڪيو، ۽ ابراهيم خان به ساڳيءَ طرح مٿو ڌوڻيو. ڪجهه پنڌ ٻنهي ڪيو ته آواز ٿيو، دهلوي! دهلوي! آواز ابراهيم خان جو هو. +توکي يادگيري آهي، منهنجي هڪڙي ٻي زال سان محبت ٿي، تنهن جي؟ دهلويءَ چيو، هائو. +توکي ياد آهي ته مون توکي ٻڌايو هو، ته منهنجو هن سان رستو ڪيئن شروع ٿيو ۽ ڪيئن ٽٽو؟ +هائو. +مون هينئر کيس آڇيو آهي، ته اسين شادي ڪريون، پر سندس خيال ائين نٿو ڏسجي. هاڻي تنهنجو هن بابت ڪهڙو رايو ٿيندو؟ ڳالهه ڪر. +دهلويءَ چيو ته: پوءِ اوهان پنهنجو فرض پورو ڪيو. +هائو، اها ڳالهه برابر آهي. ائين چئي ابراهيم خان هلندو رهيو. خط پڙهندي جو دهلويءَ کي سڏ ڪيائين، سو دهلويءَ سمجهيو ته خانزادي ڏي ته ابراهيم خان جو ڪوبه اشارو ڪو نه هوندو. خانزاديءَ گليءَ کان ٻي زال ٿي ڏسڻ ۾ آئي، ۽ ابراهيم خان کي به پڪ هئي ته دهلويءَ جو ڪو رستو خانزاديءَ سان ڪونه هوندو. سمجهائين ٿي ته ڪو ٻيو مرد آهي، جنهن تي خانزاديءَ دل ڪئي آهي. ارادو ڪيائين ته خانزاديءَ چانهه آڇيس، سا پيئندي پڇائينس ته: تون درمحمد دهلويءَ کي سڃاڻين؟ +خانزاديءَ چيو، هائو. +ابراهيم خان چيو ته: دهلوي ڏاڍو ٺاهوڪو جوان آهي. +خانزاديءَ چيو، هائو. +رحمت چيو ته: اسين ٻيئي دهلويءَ کي سڃاڻون. +ايتري ۾ در تي ٺڙڪو ٿيو. در کوليائون. دهلوي اندر گهڙي آيو. +دهلوي ۽ ابراهيم خان ٻيئي ماٺ ۾ رهيا. خانزاديءَ کي به گهڻو مونجهارو ٿيو. مکڻ ۽ روٽي آڇيائين. ابراهيم خان ۽ دهلويءَ ٻنهي، مکڻ ۽ روٽي کي هٿ وڌو. روٽيءَ جو ٽڪرو ٻه اڌ ٿي پيو، اڌ رهيو ابراهيم خان وٽ ۽ اڌ ويو دهلويءَ وٽ. خانزاديءَ مشڪيو. دهلوي کلي ڪين سگهيو، ابراهيم خان به ماٺ ۾ رهيو. +دل ۾ رحمت چيو ته ٽيئي چريا ٿيا آهن! +ابراهيم خان موڪلائي ويو، دل ۾ قوي شڪ اُٿيس ته دهلوي، خانزاديءَ سان عشق ۾ آهي. +رحمت کي شڪ نه پر پڪ هيس ته خانزادي ۽ دهلوي ٻئي عشق ۾ آهن. +خانزاديءَ جو اکيون، جو ڪو چڱي طرح جاچي ها ته ڏسي ها ته اُڏري دهلويءَ ڏي ئي ويئيون. ائين، جيئن پکي اُڏري ويندو آهي. ابراهيم خان جي نظر باريڪ نه هئي، تنهنڪري هن کي پڪي پروڙ ڪانه ٿي پيئي. پر، تڏهين به دل ۾ ڏاڍي چورا کورا هيس. اڳيئي پاڻ ۾ ڌنڌي جي چڙهت هين. هاڻي تنهان وڌيڪ عشق جي چڙهت ٿين. +ابراهيم خان هينئر پڪو ارادو ڪيو ته دين محمد کي گهرائي، پنهنجي ڪارخاني جو مئنيجر ڪري رکندس. دين محمد کي دهلويءَ سان خار هئا، جو دهلوي سندس نوڪري کانئس کڻي ويو هو. گهڻيئي دفعا دين محمد، ابراهيم خان جي نظر چڙهيو هو، تنگ هو، نوڪري ڪانه ٿي ڏٺيس، سڄو ڪپڙو ئي بت تي ڪو نه هوس. +ابراهيم خان جو نياپو جو پهتس سو مقرر وقت تي ابراهيم خان وٽ آيو. ابراهيم خان چيس، هاڻي مئنيجري مون وٽ خالي آهي. اوهان کي ڪا ٻي مشغولي ته ڪا نه آهي؟ +دين محمد جواب ڏنو ته اصل نه. +ابراهيم خان پڇيس ته تنخواهه ڪيتري وٺندئو؟ +دين محمد واجبي انگ ٻڌايو، جو ابراهيم خان قبول ڪيو. ابراهيم خان پڇيو ته ڪڏهن اچي سگهندئو؟ +دين محمد چيو ته هينئر ئي. +ابراهيم خان چيو ته توهان جا اڳيان سرٽيفڪيٽ بس آهن. +ابراهيم خان کي، اهو خيال ڪونه ٿيو ته پئسي کان سواءِ، ماڻهو جا لڇڻ خراب ٿين. هن يڪدم دين محمد کي مئنيجر مقرر ڪيو ۽ چيائينس، در محمد دهلويءَ جو زور پوندو ٿو وڃي، تنهنجي کي دٻائڻ گهرجي، اسين ٻيئي هڪ شهر ۾ نه رهي سگهنداسين. +دين محمد جواب ڏنو ته هائو، مون اها ڳالهه چٽي طرح سمجهي آهي. +ابراهيم خان چيو ته سڀ چڙهت واجبي طرح ڪبي، پر تکي ۽ اڻ مڙندڙ ڪبي، اهڙي چڙهت ڪبي، جو ڄمي نه سگهي، مون وٽ پئسي جي ڪي ته ڪانه آهي. +دين محمد چيو ته منهنجو به اهو خيال آهي. دين محمد، در محمد دهلويءَ لاءِ ڌڪار هئي. جو سندس سمجهه ۾ دهلويءَ کيس نوڪريءَ کان خارج ڪيو هو. ابراهيم خان، مئنيجريءَ لاءِ لائق ماڻهو نه چونڊيو. +ابراهيم خان چيو: دهلويءَ کي ته ڪو ڪايو ٿو ڏسجي، جنهن ۾ هو آئيندو ڏسي ٿو سگهي. اهڙي تجويز اٿس، جو سڀ ڪم مان فائدو ٿو ڪڍي، دهلويءَ کي سبق سيکارڻ گهرجي. وڪڻو هن کان گھٽ اگهن تي، ۽ خريد ڪريو، هن کان وڌ اگهن تي، ائين، جو هو ميسارجي وڃي. +پوءِ ويهي تفصيل انهيءَ تجويز جو سٽيائون. چوڪ ٿي وين. دير سان جدا ٿيا. +رحمت کي خبر پيئي ته ابراهيم خان، دين محمد کي مئنيجر ڪري رکيو آهي. سمجهيائين ته چوڪ ڪئي اٿس، ۽ جڏهن گڏيس. تڏهن ائين چئي چڪيس. ابراهيم خان ته ڇڙٻ ڏئي بس ڪرائي ڇڏيس. +ابراهيم خان جو ويچار هو ته ڪڻڪ جو فصل خراب ٿيندو، دين محمد جو به ساڳيو رايو هو. ابراهيم خان کي ڀئو تمام گهڻو هو، ملا ۽ نجومي گهڻا ڀيٽيندو هو. ميرپور ۾ هڪڙو ملو هو، جو فالن جو ڪم گهڻو ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن، ابراهيم خان هن وٽ لنگهي ويو. ڀانيائين ته مون کي ڪين سڃاڻيندو انهي ملي کي ”ملو حافظ“ ڪري چوندا هئا. ابراهيم خان وٽس ويو، ته چيس، ابراهيم خان! پڇڻ آيا آهيو ته آئيندي ڪڻڪ جي فصل جو ڪهڙو حال ٿيندو، مون اڳئي اوهان جي لاءِ کاڌو موجود ڪري رکيو آهي. ويهو، کائو ته مان فال هڻي پوري خبر ٿو ڏيانو. +ابراهيم خان کي عجب لڳو. دل ۾ چيائين، منهنجو نالو ته کڻي ٻڌو هجيس، پر اڳيئي ڪيئن خبر پئيس ته مان وٽس اچان ٿو! ملي ۾ وڌيڪ ايمان ٿيس. +ملي فال وڌي. چيائينس ته: آئيندو فصل ڪڻڪ جو تمام خراب ٿيندو. +ابراهيم خان ڀيٽا رکي هلڻ لڳو ته ملي زور ڪيس ته ويهي کاءُ. ملو رڌڻ جو ڪاريگر هو. ڀڳو گوشت، بصر، چيدو مسالو، تنهن جي هٻڪار پئي آهي، پر ابراهيم خان کي عار ٿيو ملي وٽ کائڻ، جنهنڪري هو هلندو رهيو. +پر ويندي شرط وڃي ڪڻڪ جا سودا جام ڪيائين. سندس گدام ڪڻڪ ئي ڪڻڪ ٿي پيا. ڪجهه وقت کان پوءِ، مارڪيٽ ۾ وارتا اها ٿي ته فصل تمام چڱو ٿيندو. اگهه ڪڻڪ جا ويا لهندا، تنا جو جڏهن ڪڻڪ لٿي، تڏهن اگهه ڪري پٽ تي پيا. ابراهيم خان کي ڏاڍا نقصان رسيا. سندس سڀ ملڪيت بئنڪن وٽ گروي ٿي ويئي! +وچ ۾ دهلوي گڏيو هوس. دهلويءَ ته انهي خيال تي ڌنڌو ڪيو هو ته ڪڻڪ جو فصل چڱو ٿيندو، انهي ڪري گهڻو پرايو هئائين. ابراهيم خان سان همدردي ڏيکاريائين، پر هن منهن ڪونه ڏنس، چيائينس ته ڌنڌي جا لاها چاڙها مرڪ آهن. +ابراهيم خان دل ۾ ڌڪائجي ويو هو. دين محمد کي گهرائي ڇينڀائين ته تو مون کي صلاح چڱي نه ڏني. هن جڏهن وراڻي ڏني ته اهو ڪم خريد جو سڀ اوهان پاڻ ڪيو آهي، تڏهن ڪاوڙيو، ۽ هن کي چيائين ته اوهين موقوف آهيو! +دين محمد کي ڏاڍو دل ۾ ٿيو. چيائين ته اوهان کي، مون کي هيئن موقوف ڪرڻ ڪري ڏاڍو افسوس کائڻو پوندو. ائين چئي رمندو رهيو. + +باب ٽيويهون + +ڪڻڪ جو فصل جڏهن لٿو، تڏهن ڪڻڪ جا اگهه ڪري پيا. دهلوي خريدون شروع ڪيو. اڳيون ان بلڪل ٿوريءَ قيمت تي ٿي مليو، ۽ هو به چوکو، جو ڪو مرض لڳل نه هوس. +ابراهيم خان کي تمام گهڻو نقصان پيو، بلڪل ٿورن پئسن تي نيڪال ڪرڻو پيس. ملي حافظ کي هڪڙي گار لاٿائين ته ٻي چاڙهيائين ٿي. پنهنجي بيوقوفيءَ تي پورو خيال نه ٿي ڪيائين. ابراهيم خان وري ٻي چوڪ هيءَ ڪئي، جو سڄي فصل جي لهي پٽ پوڻ تائين ڪين ترسيو، جي ترسي ها ته ايترو نقصان ڪين پويس ها، پر، تڪڙو طبيعت جو هو، سو ترسي ڪيئن؟ هن ۾ اُدبدا الاهي ٿي اٿيس ته سرشٽي طاقتون منهنجي برخلاف پيئون ڪم ڪن. +هڪڙي ڀيري هن جوتشيءَ کان پڇائين ته: ڪو منهنجو پتلو ڪنهن ٺاهي باهه ۾ ته ڪونه وڌو آهي؟ من شڪ هوس ته دهلويءَ ائين ڪيو آهي. هن وقت عالي خيال هر ڪو ابراهيم خان کان ڇڏائي ويو هو. +دهلويءَ جو ڌنڌو ته تمام زور هليو ۽ ڏاڍا پئسا ڪمايائين. +ابراهيم خان دل ۾ سوچيو ته دهلوي، جلد پريزيڊنٽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ٿي ويندو. پوءِ پاڻ سندس سرگس ۾ شامل ٿئي، سو ڏاڍو اگرو ٿي لڳس. +ابراهيم خان ۽ دهلويءَ جي چڙهت سندن ماڻهن ۾ پکڙي. سند گاڏير به هڪٻئي سان خستا پوڻ لڳا. خانزادي ته ابراهيم خان کي وسرڻ جي نه هئي، بي آرام جو هو، سو لنگهي ويو خانزاديءَ جي گهر. نوڪرن کي چيائين ته خانزاديءَ کي چتاءُ ڪريو. +جواب جڙيس ته: مائي خانزاديءَ وٽ ڪو اچڻو آهي، جنهنڪري اوهان کي گڏجي نه ٿي سگهي. ٻاهر نڪري، آسپاس پئي گهميو ته ڏٺائين ته دهلوي، خانزاديءَ جي گهر گهڙيو، ۽ نوڪر يڪدم مٿي وٺي ويس. دهلوي، خانزاديءَ وٽ آيو ته چٽو چوانس ته مون سان شادي ڪر. هيئن چيائينس، توکي دولت، سونهن هلت جي سهائيندي طرز سڀ آهن، رڳو پاڻ کي پيار ڪرائيندينءَ يا ٺهري، شاديءَ جو به خيال ڪندينءَ مان سڀني ۾ ٻين ڳالهين ڪري کڻي گهٽ هوندس، پر پريت ۾ مون سان ٻيو مٽ ڪونه پوندو. +خانزاديءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چيس ته منهنجي جان به تنهنجي اڳيان حاضر آهي، جيڪا شاديءَ بابت تنهنجي مرضي سان منهنجي، وقت شاديءَ جو، سو مان مقرر ڪنديس. +دهلوي خوش ٿي موٽي ويو. دهلويءَ کي ابراهيم خان موٽندو ڏٺو. ابراهيم خان پاڻ جهلي نه سگهيو، خانزاديءَ جي گهر ٻيهر ويو، ڪنهن کي به چوڻ کان سواءِ خانزاديءَ جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. خانزاديءَ کي ڏاڍو غصو آيو. چيائين ته چتاءُ کان سواءِ ڇو آيو آهين؟ ابراهيم خان جواب ڏنس، توکي شايد منهنجو اڳيون رستو وسري ويو آهي. توکي مان ڪهڙو چتاءُ ڪري گڏبس؟ مان تو وٽ ڪلاڪ اڳي آيس ۽ تون مون کي نه گڏينءَ. تنهنجي هلت خانزاديءَ برابر نه آهي. +خانزاديءَ چيو، منهنجي نظر ۾ هلت برابر آهي. حليمان جي موت کان پوءِ تون مون کي ترت نه گڏيو آهين، هينئر به پيار کان مون کي پرڻجڻ نه ٿو گهرين. پر انهي ڪري ته تنهنجي بيماريءَ ۾ مون تنهنجي خدمت ڪئي ۽ منهنجو توسان رستو ٿيو. +ابراهيم خان ته ڳالهائڻ جو ٿلهو هو، تنهن چيو ته هائو، مان توسان شادي ڪرڻ ٿو گهران، جو نه ته منهنجو وويڪ مون کي آزاريندو. +خانزاديءَ کي ته هاڻي نئون عشق لڳو هو، سو ابراهيم خان جي گفتگو ٻڌي، چوڻ لڳيس ته: وويڪ جي ڪري، تون مون سان شادي ڪرڻ جو خيال ڪو نه ڪر، مان اڳي غريب ڇوڪري هيس هاڻي منهنجي حالت ٻي آهي. +ابراهيم خان چيو، توکي نينهن دهلويءَ سان لڳو آهي. دهلوي خراب ماڻهو آهي ۽ پوءِ ڍائو آهي، جي هن وقت مون کي ڪنهن شاهد جي اڳيان انجام نه ڏيندينءَ، ته مان، تنهنجو مون سان اڳيون رستو ظاهر ڪندس! +خانزادي مورڇا ٿي ويئي، رحمت کي ڪوٺيائين. رحمت، ابراهيم خان کي ڏسي وٽس آئي، ۽ کيڪاريائينس، ابراهيم خان، رحمت کي هٿ کان وٺي چيو ته جيڪي وهي واپري ٿو، سو چڱي طرح ٻڌ. خانزاديءَ ڏي مهڙ ڪري پچائين ته: تون مون سان شادي ڪندينءَ ڪين نه؟ +خانزاديءَ جواب ڏنو ته: جي تنهنجي مرضي هوندي ته مون کي قبول ڪرڻو پوندو. +ابراهيم خان چيو، چئبو هائو! +خانزاديءَ چيو هائو. +ائين چئي، خانزادي ليٽي پيئي، ڄڻڪ ڏندڻ ٿي پيس. +رحمت، ابراهيم خان کي چيو، ابا! جي خانزاديءَ جي حالت هيءَ آهي، ته زوريءَ هائو نه ڪرايوس. مان ساڻس رهي آهيان. هوءَ گهڻي سهي نه سگهندي آهي. +ابراهيم خان، رحمت کي ڇينڀيو، ۽ چيائينس ته: جي مون سان شاديءَ جو انجام ڪيائين، ته تنهنجي شاديءَ جو امڪان ٿيندو، تون ڀورڙي آهين. +اتي خانزادي اُٿي، ۽ اکيون ڦاڙي چيائين، ڪهڙو اشارو ٿا ڪريو؟ +رحمت جواب ڏنو ته: مان ته ڪو اشارو ڪو نه ٿي چاهيان، مون کي ڪابه اِڇا ڪانه آهي! +ابراهيم خان چيو ته: پوءِ ته ڳالهه فقط منهنجي خانزاديءَ جي آهي، هن مون سان شاديءَ ڪرڻ جو انجام ڪيو آهي. +رحمت چيو ته: مهرباني ڪري، هن وقت انهي ڳالهه جو وڌيڪ ذڪر ڪو نه ڪريو. +ابراهيم خان چيو، جي انجام ڪري ته بس. +خانزاديءَ چيو، بلو، مون انجام ڪيو، ڪيو، ڪيو، مهرباني ڪري وڌيڪ نه ڪڇ. ائين چوڻ ۾ سندس بت سڄو پئي ڏڪيو. +ابراهيم خان چيو، مان ٻي ڪا به حجت ڪانه ٿو اٿاريان. ائين چئي، خانزادي جي گهران ويو هليو. +رحمت، خانزاديءَ جي ڀرسان ويٺي هئي. چيائينس، اهو ڪيئن جو تو اَبي کي بلو ڪوٺيو؟ شايد اڳيئي ڪا ساڻس واقفي هوئي، ۽ اهو ڪيئن جو، جيتوڻيڪ تنهنجي هن سان شادي ڪرڻ جي مرضي نه آهي، ته به تو هن سان شاديءَ جو انجام ڪيو؟ تو مون کي ڪي ڳالهيون ڳجهيون رکيون آهن! +خانزاديءَ چيو، شايد تو به ڪي ڳالهيون مون کان ڳجهيون رکيون آهن. +رحمت چيو، مان ڪجهه به نه ڪنديس، جو توکي نقصان پهچائيندو. مان سمجهي نٿي سگهان ته اَبي جو توتي ايترو زور ڪيئن ٿو هلي؟ منهنجي همدردي تو سان آهي، مان وڃي ٿي سمجهايانس ته توکي ڇٽل ڇڏي. +خانزاديءَ چيو، نه، نه، جيڪي ٿئي، سو ڀلي ٿئي. + + + +باب چوويهون + +ٻئي ڏينهن ابراهيم خان، جو آنرري مئجسٽريٽ به هو، تنهن ڪورٽ ڪئي ۽ مقدما هلايا. ابراهيم خان اهڙو پڙهيل نه هو، پر ذاتي هوش گهڻو هوس، چيل ڳالهه جلد پروڙي سگهندو هو. اڄ هڪڙو ڪيس هلائڻو هوس، جنهن ۾ جوابدار هڪڙو ٻڍو نانوائي هو. جوابدار جڏهن پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي، تڏهن اها ڳالهه منشي لکڻ لڳو. نانوائيءَ چيو ته ويهه ورهيه اڳي مون پٿوري ۾ ميلي تي، منهنجي هميشه جي دستور موجب نانوائڪو هٽ کوليو هو. +اتي منشيءَ چيو، ويهه ورهيه اڳي!_ هيءُ ته ڏاڏي آدم جي ڳالهه ٿي. +اهڙي ڳالهين جو ڪيس سان ڪهڙو لاڳاپو؟ +ابراهيم خان جو اکيون ئي ڦاٽي پئيون. +نانوائي نه هٽيو، ڳالهه پيرائتي ڪيائين. اتي هڪڙو ماڻهو، جوءِ ۽ ننڍڙي ٻار سميت منهنجي دڪان تي آيو هو. مان تڏهن تمام چڱيءَ حالت ۾ هوس. منهنجي ��ڪان تي چرش به موجود هو. انهيءَ ماڻهوءَ چرش ڇڪڻ سان هائي ڪري ڇڏي هئي، تان جو جوءِ سان وڙهي، جوءِ کي طلاق ڏئي، ان کي ڌيءُ سوڌو بيواهو ڪري ڇڏي ڏنائين. جنهن شير پٺاڻ سان شادي ڪئي. اُهو ماڻهو، جنهن پنهنجيءَ جوءِ کي انهيءَ طرح طلاق ڏني هئي، سو هينئر هت وڏي ڪرسيءَ تي ماجسٽريٽ ٿي ويٺل آهي! + + + + +سڀڪنهن ابراهيم خان ڏي نهاريو، ابراهيم خان جو منهن رک ٿي ويو. ٻيو ماجسٽريٽ، جو ابراهيم خان سان گڏ ويٺل هو، تنهن چيو، اسان کي تنهنجي تاريخ ڪانه ٻڌڻي آهي، تون پنهنجي ڪيس بابت ڇا ٿو چوين؟ + +نانوائي چيو، جيڪي مان چوان ٿو، تنهن جو منهنجي ڪيس سان هيئن لاڳاپو آهي. هي ماجسٽريٽ مون کان ڪو بهتر ماڻهو نه آهي. هن کي منهنجي ڪيس فيصل ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي! +منشيءَ چيو ته توهن جي بغاوت ڪئي آهي. +ابراهيم خان چيو، نه، جيڪي چئي ٿو، سو سچ آهي. الله ٿو ڄاڻي مان ڪو کانئس بهتر نه آهيان. مان وير ڪو نه وٺندو سانس. مان فيصلو پنهنجي سنگتيءَ، ٻئي ماجسٽريٽ تي ٿو ڇڏيان. +ڪورٽ ۾ واويلا مچي ويئي، ابراهيم خان اُٿي ويو. پر ماڻهو اچي مڙيا. نانوائيءَ واري ڳالهه هڪڙي ٻئي کي، ۽ ٻئي ٽئين کي پئي ٻڌائي. +خانزاديءَ جو دريءَ کان ٻاهر نهاري ته ڪورٽ جي چوطرف ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين. پڇا ڪيائين ته: اڄ ڪورٽ ۾ ڇا ٿيو آهي؟ نوڪرن چيس ته: ڪورٽ ۾ هڪڙي جوابدار چيو آهي ته، ابراهيم خان ماجسٽريٽ، ڪنهن وقت پٿوري جي ميلي ۾ جوءِ کي طلاق ڏني هئي، ۽ ابراهيم خان قبول ڪيو آهي ته اها ڳالهه سچي آهي. +خانزاديءَ کي، ابراهيم خان جا حليمان کان جدا ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌائي، تنهن ۾ طلاق جو ذڪر اصل ڪونه ڪيو هئائين. طلاق جي ڳالهه اڄ خانزاديءَ پهريون دفعو ٻڌي. +خانزاديءَ جو منهن ئي لهي ويو. چيائين، مون ڪهڙو نه بيوقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي، جو ابراهيم خان کي شاديءَ جو انجام ڏنو آهي، هو ڪهڙو نه نيچ ماڻهو آهي، هن جي جوءِ ٿيڻ پاپ آهي. +رحمت کي سڏي چيائينس ته: مون خيال ڪيو آهي ته پنج ست ڏينهن ڪراچيءَ وچان، سمنڊ جي هوا مون کي فائدو ڪندي. +رحمت دهلويءَ کي به ميرپور ۾ ڪونه ڏٺو. دل ۾ سمجهائين ته شايد دهلويءَ جي ميرپور ۾ نه هئڻ ڪري، خانزاديءَ کي ميرپور نه ٿي وڻي، پر ائين ته بيشڪ هو ته ٿورن ڏينهن کان جيڪي ٿي گذريو هو، تنهنڪري خانزادي چين ۾ نه هئي. جنهنڪري رحمت به همتايس ته ڀلي ڪراچي مان ٿي اچ. +رحمت وڃي خانزاديءَ کي اسٽيشن ڇڏي آئي. +ٿورن ڏينهن کان پوءِ ابراهيم خان، خانزاديءَ جي گهر آيو، ٻڌي دلگير ٿيو ته خانزادي ٻاهر ويئي آهي. ٻئي ڏينهن وري آيو. چيائونس ته اڄ صبح جو موٽي آئي آهي. پر ٻاهر نڪتي آهي. +ٿوري وقت کان پوءِ، ابراهيم خان وري خانزاديءَ جي گهر آيو. خانزادي گڏيس، چيائينس، مان ٻن ٽن ڏينهن کان منتظر رهيو آهيان ته توکي گڏجان، ۽ توکي چوان ته شادي يڪدم ٿيڻ تي زور نه ڀريندس. ورهيه ٻه ترسين ته به حرڪت نه آهي. مان ڏسان ٿو ته دل تنهنجي چين ۾ نه آهي. +خانزاديءَ چيس ته مون کي سخت نه ڳالهائج، منهنجي شادي ٿي چڪي! +ابراهيم خان کي ٻرهه لڳي ويئي. پڇيائينس، ڪنهن سان؟ +جواب ڏنائينس، در محمد دهلويءَ سان. مان هينئر هن جي زال آهيان. اسان جي شادي اڳئي هفتي ڪراچيءَ ۾ ٿي چڪي آهي. +ابراهيم خان کان رڙ نڪري ويئي. دهلويءَ سان تو شادي ڪئي، جڏهن انجامي هئينءَ مون سان! +خانزاديءَ اکين ۾ پاڻي آڻي، ٿڙڪندڙ آواز سان چيو، بيرحم نه ٿي، ڳالهه هيئن ٿي آهي، مون کي هن لاءِ بيحد گهڻو پيار آهي. مون کي ڊپ لڳو ته تون هن کي چئي ڏيندين ته منهنجو تو سان ڪهڙو رستو هو، ۽ مون توکي انجام ڏنو، تنهن کا�� پوءِ ترت مون کي خبر پيئي ته حليمان کي ميلي ۾ طلاق ڏني هئي. اها خبر، هڪڙي جوابدارتنهنجيءَ ڪورٽ ۾ کليو کلايو ڪئي، تو چيو هو ته حقيقت ائين آهي، انهي حالت ۾ مان تنهنجي زال ٿيڻ ڪيئن قبولينديس؟ جي دهلويءَ سان شادي نه ڪريان ها ته تون ضرور دهلويءَ جا ڪن ڀرين ها. تون مون کي اهڙو ڊپ ڏيئي چڪو هئين. اميد ته بلو! هينئر ڪو اهڙو ڪم نه ڪندين. بس! توسان شادي ڪري نه سگهان ها. منهنجي دهلويءَ سان شادي، منهنجي لاءِ زهر نه ڪج. دهلوي ٻي ٽرين ۾ هت ايندو. مان اڳيئي آئي آهيان. +ابراهيم خان پاڻ جهلي نه سگهيو. چيائين، او جوٺي زال! انجامي مون سان، شادي ڪيئي دهلويءَ سان! +خانزادي چيو، هائو، هائو، پر مون توسان هائو ڪيو هو زوريءَ، ۽ تڏهن، جڏهن مون کي تنهنجي اڳينءَ زال جي طلاق جي اصل خبر ڪانه هئي. +ابراهيم خان چيو، مان توکي خوب سزا ڏيندس. تنهنجي تازي مڙس کي خبر سڻائيندس ته ڪيئن ڪنهن وقت تو مون سان حيدرآباد ۾ گڏ گذاريو! +خانزاديءَ ليلڙاٽون ڪيس ته: ڪهل ڪجانءِ، دارچت ٿجانءِ، ڪڪرم نه ڪجانءِ. +ابراهيم خان چيو، توتي ڪهل ڪرڻ پاپ ٿيندو +خانزاديءَ چيس ته: مون کي پئسو آهي، جي پنهنجي اوڌر موٽائڻ ۾ مدد گهرجيئي ته مان مدد ڏينديسانءِ. +ابراهيم خان چيو ته: مون کي دهلويءَ جي زال جو ٿورو نه کپي. وڌيڪ گفتگو نه ڪر، نه ته منهنجي واتان ڪي وڌيڪ سخت لفظ نڪرندا! ائين چئي، ابراهيم خان هليو ويو. + + + +باب پنجويهون + +دهلويءَ ميرپور پهچڻ سان، پنهنجو سامان خانزاديءَ جي گهر کڻائي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ اچي خانزاديءَ جي گهر رهيو. +خانزادي چيس ته: مون اڃا پنهنجي شادي جي ڳالهه رحمت سان ڪانه ڪئي آهي. مان جيڪر هينئر ڳالهه ڪريانس. توکي اعتراض ته ڪونه ٿيندو. جي رحمت اسان سان گڏ اڳي وانگيان رهندي اچي؟ +دهلويءَ جواب ڏنو ته: نه، تحقيق نه، پر کيس وڻندو ته اسان سان گڏ رهي؟ +خانزاديءَ چيو. مون کي پڪ آهي ته رحمت اسان سان خوشيءَ سان رهي پيئي هوندي. تنهن کان سواءِ ويچاري رحمت کي ٻيو گهر ئي ڪونهي، جتي چڱيءَ طرح رهي سگهي. +دهلويءَ چيو، رحمت سان جيڪو بندوبست وڻيئي سو ڪر، مان تنهنجي گهر آيو آهيان، نه تون منهنجي گهر. +خانزاديءَ چيو ته: مان ڊوڙي وڃي رحمت کي پنهنجي شادي جي خبر ٿي ڏيان. تيتري ۾ ٻاهر بئنڊ وڄڻ لڳا. +رحمت جو خانزاديءَ سان گڏي، سو پڇيائينس ته هت بئنڊ ڇو ٿي وڄي؟ +خانزاديءَ چيو، تون ٻڌ ته هڪ وويڪي ڳالهه ٻڌايئين. هڪڙي زال، تنهن کي ٻن مردن پيار ٿي ڪيو. هڪڙي اڳي، ٻئي پوءِ. زال جو مطلب ته ٻئي سان شادي ڪري، پر وويڪ ٿي چيس ته پهرين سان ڪر. تنهنجو رايو ڪهڙو، ته ڪهڙي سان شادي ڪري؟ +رحمت جواب ڏنو ته پهرئين سان، ۽ نه ٻئي سان خانزادي چيو مون توکي سچي ڳالهه نه ٻڌائي آهي. هن زال جو، پهرئين سان گڏجڻ هيئن ٿيو هو. پهرين جي زال سندس خيال موجب مري ويئي هئي، جو گهڻا ورهيه هن بابت ڪجهه به نه ٻڌو هئائين، پر زال وري موٽي آيس، تنهن جي ڪري هن سان گڏ رهيو. هاڻي هوءَ سچ پچ گذر ڪري ويئي آهي ۽ مڙس، جنهن زال سان وچ ۾ رستو ٿيو هوس، تنهن کي ڇڪي ٿو. +رحمت چيو ته مان سمجهان ٿي ته تون پنهنجي ڳالهه ٿي ڪرين. +خانزادي چيو، برابر، ڪريان ته پنهنجي ڳالهه ٿي. هاڻي چئو ته جڏهن هن جي زال موٽي آئي، ته مان ڇٽيس نه؟ +رحمت چيو، تو ته ٿورو وقت ٿيو جو انجام ڪيس ته توسان شادي ڪنديس. رحمت سهي ڪيو ته پهريون پيار ڪندڙ ڪير هو. +خانزاديءَ چيو، اهو انجام مون کان زوريءَ ورتل هو. +رحمت چيو ته: جيڪڏهن ڪنهن سان ڪا زال اٽڪي ٿي وڃي، ته پوءِ هن کي هن جي زال ٿيڻ قبول ڪرڻ گهرجي، جيتو��يڪ سندس ڏوهه به نه هجي. +خانزاديءَ جو چهرو ڌمڪجي ويو، ۽ چيائين، پر هو ڏسڻ ۾ آيو ته بنهه چڱو ماڻهو نه هو، مون کي هن سان شادي ڪرڻ ۾ خوف ٿي ٿيو ۽ مون کي هن جي سچي خبر انجام ڪرڻ کان پوءِ پيئي. +رحمت چيو ته: پوءِ حق جو رستو تنهنجي لاءِ اهو آهي، ته اصل شادي نه ڪر. +خانزاديءَ چيو ته: رحمت، تون وري خيال ڪري ڏس! +رحمت چيو ته: مون خيال ڪيو آهي، منهنجي نظر ۾ برابر رستو اهو آهي، جو مان چوان ٿي. مون سمجهيو آهي ته ابو آهي، جو توسان شادي ڪرڻ ٿو گهري، توکي شادي ابي سان ڪرڻ گهرجي، ۽ نه ڪنهن ٻئي سان. +رحمت هميشه برابر هلت ڪندڙ هئي ۽ ڦيري گهيري مان نه ڄاڻندي هئي. وري زور سان چيائين ته خانزادي، توکي ابراهيم خان سان شادي ڪرڻ گهرجي، ۽ نه ڪنهن ٻئي سان +خانزاديءَ چيو ته: اهو مان نه قبول ڪريان؟ +رحمت چيو، قبول ڪر يا نه ڪر، سچ جي گهر اها آهي ته ائين ڪر. +خانزاديءَ ساڄي هٿ سان اکيون کڻي بند ڪيون، ڄڻڪ وڌيڪ حجت اٿاري نٿي سگهي، ۽ ڏائو هٿ رحمت ڏي ڊگهيريائين. +رحمت سندس آڱريون مينديءَ رڱيون ڏسي، خوشيءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ چيو، تڏهن تو شادي ڪئي آهي، ڪڏهن ڪيئي؟ +مون کي هروڀرو چيڙايئي، تو چڱو ڪم ڪيو آهي، ابي، امڙ سان خراب هلت نشي جي حالت ۾ ڪئي هئي. اَبو البت سخت آهي، پر تنهنجو ته مٿس حڪم هلي سگهندو. توکي سونهن، دولت ۽ تهذيب ٽيئي ٽول هٿ آهن. تنهنجي ته اَبو پوڄا ڪندو ۽ اسين ٽيئي خوش رهي سگهنداسون. +خانزادي چيو او رحمت، مون ٻئي سان شادي ڪئي آهي. مون کي اهڙو ڊپ اچي لڳو ته ابراهيم خان هن کي وڃي پنهنجي، مون سان اڳئين رستي جي ڳالهه ٻڌائيندو، جو مون ڪراچيءَ وڃي هن سان شادي ڪري ڇڏي. +تو تڏهن دهلويءَ سان شادي ڪئي آهي؟ +خانزاديءَ مٿو ڌوڻيو، ۽ چيو، بئنڊ انهيءَ ڪري وڄي، منهنجو مڙس هيٺ بيٺو آهي، هتي مون سان گڏ رهندو، جيسين اسين ٻيو گهر هٿ ڪريون. مون کيس چيو آهي ته منهنجي مرضي آهي ته تون مون سان رهندي اچين. +رحمت پاڻ جهليو، تڙي کڙي جواب نه ڏنائين، چيائين، مون کي خيال ڪرڻو پوندو. +خانزاديءَ چيو ته: تون ضرور اسان سان رهج، اسين پاڻ ۾ سکيو گذاري سگهنداسين. +خانزادي، هيٺ دهلويءَ سان گڏجڻ ويئي. ابراهيم خان جي ڪري مايوس هئي، پر ڪو شڪ ڪو نه ٿيس ته رحمت کي ڪو سندس دهلويءَ سال شادي ڪرڻ ڪري، گهڻو رنج رسيو هوندو. +رحمت، کن ۾ خيال پورو ڪيو ته خانزاديءَ جي گهر ۾ نه رهنديس. خانزاديءَ جو ابراهيم خان کي ٿڏي ڇڏڻ هڪ پاسي، دهلويءَ کيس ڏاڍو پيار ٿي ڪيو، ۽ سڀڪو امڪان هو ته ساڻس شادي ڪندو، سو ٻئي پاسي، انهن حالتن ۾ خانزاديءَ جي گهر ۾ رهڻ رحمت کي نامناسب لڳو. +سانجهيءَ جو ئي رحمت ٻاهر وڃي گهر ڪري آئي، ۽ وڃي رات اُتي ڪاٽڻ جو خيال ڪيائين. خانزادي، دهلويءَ سان گڏ هئي، انهي ڪري رحمت خط لکي رکي ويئي ته مون ٻيو گهر ڪيو آهي، مان اڄ رات اُتي ٽڪنديس، سامان پنهنجو کڻائي رواني ٿي. گهر، ابراهيم خان جي گهر جي سامهون ڪيو هئائين، نئين گهر ۾ ويئي خيال ڪيائين ته هاڻي گذر ڪيئن ڪبو؟ ابراهيم خان، جو سندس لاءِ مقرر ٻڌو هو، تنهن سان ته سندس مس مس گذر ٿي سگهندو. ڄاريون ننڍي هوندي ٺاهڻ سکي هئي، چيائين ته اهي ٺاهي وڪڻنديس. +ميرپور ۾ سڀڪنهن کي خانزاديءَ ۽ دهلويءَ جي شادي جي خبر ترت پئجي وئي. سڀني پئي پڇيو ته دهلويءَ هاڻي زال جي دولت تي، سکر ماڻهوءَ جيان گذر ڪندو يا ڌنڌو به ڪندو رهندو؟ پورو پتو ڪو نه ٿي پين. + +باب ڇويهون + +نانوائيءَ، جا ڳالهه ڪورٽ ۾ ڪئي، سا ڦهلجي پيئي. عام ٿي پئي. چيائون ته ابراهيم خان پاڻ قبوليو آهي ته پٿوري جي ميلي تي جوءِ کي طلاق ڏني هئائين. پوءِ جيڪا هلت ڪيائين، سا ڪنهن کي به ويچار ۾ نه آهي. ننڍي هوندي جي اونڌي هلت، هاڻي سندس وڏو ڏوهه ٿي ڏسڻ ۾ آيو. +هي ننڍو حادثو، جو ڪورٽ ۾ ٿي گذريو، سو ابراهيم خان جي بلڪل آڏو آيو. عزت ۽ آرام ٻيئي گهڻو گهٽ ٿيڻ لڳس. ڌنڌو غلط طرح ڪيو هئائين ۽ عظيم نقصان سٺا هئائين ۽ ماڻهن ۾ چوپچو به ڏاڍي هيس. پئسو ۽ آبرو ٻيئي ڏينهون ڏينهن ويس گهٽ ٿيندا. ڪنڌ سندس اڪثر ڪي هيٺ ڏسبو هو، نه مٿي. اڳي ماڻهو سندس اکين ڏي نهاري نه سگهندا هئا، مڙس جي اهڙي ڏيا هئي، پر هاڻي ته پاڻ ماڻهن ڏي نهاري نه سگهندو هو. +نوان نوان حادثا ٿيڻ لڳا، جن ابراهيم خان کي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻين کي به نقصان پيا هئا، هڪڙي کي پئسي جي مدد ڪئي هئائين، سو کٽجي پيو. سندس ماڻهو، سندس وڪري جي ان جا نمونا ڪوڙا ڏيڻ لڳا، جنهنڪري سندس نالو گهڻو بد ٿيو. جي سندس جنس بازار ۾ ويندي هئي، ته چوندا هئا ته سندس مال جنس سان لڳي ٿو ڪين نه. ابراهيم خان کي جي پئسا ڏيڻا هئا، سي ڪيئن ڏيئي سگهيو، ۽ نيٺ ڏيوالو ڪڍڻو پيس. سندس ڏيوالي تي جي ڪمشنر ويٺا، تن هن جو حساب تپاسي، اهو رايو ڏنو ته سندس بئلنس شيٽ تمام ايمانداريءَ سان ٺهيل هو، پاڻ ته سوني واچ، جا کيسي ۾ هئس، سا به لاهي ڏني هئائين. سندس لهڻيدارن زور ڀريو هو ته واچ موٽائي ڏيوس. سڀني جو چوڻ اهو هو ته هن جهڙو ايماندار مڙس ڪو ٿورو لڀندو. هي هن جي قمست جو ڦيرو هو. ابراهيم خان واچ کڻي ٻاهر ويو، پر وڪڻي پئسا ڪري، هڪڙو سندس غريب لهڻيدار هو، تنهن کي اهي پئسا ڏنائين. جڏهن سندس شيون نيلام ٿيڻ لڳيون، تڏهن ساڻس ماڻهن ڏاڍي همدردي ڏيکاري. انهن ماڻهن به، جن هيستائين کيس پئي ننديو، هاڻي جو ابراهيم خان جي سڄيءَ حياتيءَ جي ماڻهن کي خبر پيئي، سو هو ڏسي سگهيا ته ابراهيم خان جي سرجوشي تحسين جوڳي هئي، جڏهن ميرپور ۾ آيو، تڏهن گڏن ٻڌندڙ هو، سندس ڇٻي ۾ فقط ڏاٽو ۽ رسيون هيون. بيحد سرجوشيءَ سان، وڃي پريزيڊنٽ ۽ ماجسٽريٽ ٿيو هو! ماڻهن سندس چڙهڻ تي واهه واهه ۽ ڪِرڻ تي هاءِ هاءِ پئي ڪئي. +رحمت کي اڃا به ابراهيم خان جي سرجوشيءَ ۽ ٻين چڱاين تي اعتبار هو. جيڪا هلت ابراهيم خان پاڻ ساڻس ڪئي هئي، تنهن جي لاءِ دلي معاف رکيو هئائنيس. رحمت کي هاڻي اهو خيال هو ته مان مدد ڪيئن ڪريانس. هڪڙو خط لکيائينس، ابراهيم خان جواب ڪو نه ڏنس، تنهن تي سندس گهر لنگهي ويئي. انهيءُ وڏي گهر ۾، جتي پاڻ به موجون ماڻيون هئائين، پر ابراهيم خان انهيءَ گهر ۾ ڪو نه هو، اهو گهر ڇڏي، دين محمد جي هڪڙيءَ جهوپڙيءَ وٺي، انهي ۾ رهيو پيو هو. رحمت اُتي ويئي، عجب کاڌائين ته جهوپڙيءَ ۾ وڃي رهيو آهي! پر لاچار کي سڀ روا آهي. انهيءَ دين محمد کي، جنهن جي جهوپڙيءَ ۾ ابراهيم خان هينئر رهيو ٿي، تنهن کي نوڪر ڪري رکيو هئائين، تنهن سان چيٽ پيو هو، ۽ تنهن کي نيٺ موقوف ڪري ڪڍيو هئائين. رحمت انهيءَ جهوپڙيءَ ڏي ويئي، پر اتي به ڪونه گڏيس. چيائونس ته سندس چوڻ آهي ته ڪنهن کي به اندر نه آڻيو. +رحمت چيو، ڌيءُ سندس کي به؟ +چيائونس ته: ڪنهن کي به نه. +رحمت موٽندي، ابراهيم خان جي اڳئين گدام وٽان لنگهي. ڏٺائين ته ابراهيم خان جو نالو ميساريو ويو هو، پر اڃا به ڏٺو پئي، مٿانس در محمد دهلويءَ جو نالو چٽو پينٽ ٿيل هو. نوڪرن کان پڇا ڪيائين ته هينئر ڌڻي هن گدام جو دهلوي آَهي؟ +جواب مليس، در محمد دهلويءَ سڄو ڪارخانو خريد ڪري هٿ ڪيو آهي. اسان سميت. اسين چئي ٿا چڪون ته اسان جي حالت اڳي کان بهتر آهي. جيتوڻيڪ تون ڌيءُ ابراهيم خان جي آهين، ۽ اسان کي توکي ائين چوڻ نه جڳائ��. اسان کي هينئر ڪم وڌيڪ ڪرڻو ٿو پوي، پر اسان کي هينئر ڪو اجايو خوف خطرو ڪونهي. ڊپ ڊاءُ ۾ اسين پتلا ٿي ويا هئاسون، هينئر اسان کي ملي به گهٽ ٿو، پر تنهن هوندي به دل سانت ۾ اٿئون. دل جي سانت کان سواءِ، جهان ئي مزو ڇڏي ٿو وڃي. +هيءَ ڳالهه جا نوڪر ڪئي، سا گهڻي قدر سچي هئي. ڪجهه وقت، ابراهيم خان جو ڪارخانو بنهه ڊانوانڊول ٿي ويو هو. هاڻي ته سڀ ڪم ترتيب سان ٿي هليو. +ابراهيم خان جي دل بي آرام هو. انهي ڪري نڪري ٻاهر هوا کائڻ ويو هو. +ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، دين محمد گڏيس. دين محمد، جو سندس مئنيجر هو ۽ جنهن جي راءِ لاءِ هن کي ڌڪار هئي. دين محمد سلام ڪيس، پر هن رڳو مٿو ڌوڻيو. دين محمد بيهي چوڻ لڳس: +هو ۽ سندس زال، اڄ اوهان واري گهر ۾ اُٿي وڃي ويٺا آهن. +ڪهڙو گهر ٿا چئو؟ +جنهن ۾ اوهين رهندا هئا. +منهنجي گهر ۾ ويٺا آهن؟ ٻيو گهر ڪونه ٿي لڌن؟ +ڪو ته ضرور انهي گهر ۾ ويهي ها، اوهين ڪونه ٿي رهي سگهيا، پوءِ ڪهڙو اعتراض هنن جي وڃي اتي رهڻ تي ٿي سگهندو؟ +تحقيق، مون کي انهيءَ تي ڪهڙو اعتراض، ۽ انهي مان مون کي ڪهڙو ايذاءُ؟ +دهلويءَ سندس گدام هٿ ڪيو هو، گهر به ڀرسان کپندو هوس. تنهن هوندي به ابراهيم خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته انهي ڪشادي، عالشيان گهر ۾ دهلوي رهي، پاڻ جهوپڙيءَ ۾! +دين محمد ماٺ ڪيئن ڪئي. چيائين اوهان کي خبر آهي ته اوهان جو سامان ڪنهن ورتو؟ سامان سڀ دهلوي صاحب ورتو، سامان گهر مان ڪڍيو ئي ڪين ويو. گهر جي ليس اڳيئي ورتي هئائين ۽ سامان، جو نيلام ۾ وڏو واڪ ڏيئي ورتائين سو به اتيئي رهيو. +منهنجو سامان به دهلويءَ ورتو! منهنجو بدن ۽ جان به دهلوي وٺندا. +جي بدن ۽ جان به کيس وڪڻندو، ته هو وٺڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندو. +دين محمد انهيءَ طرح ابراهيم خان جي دل کي ڦٽيو. وسري ڪين ويو هوس ته ابراهيم خان ساڻس ڪهڙي مغروريءَ سان هليو، هن جي دل ڏکوئي، پاڻ هلندو ٿيو. +ابراهيم خان ٿورو اڳتي وڌيو ته ڏٺائين، هڪ بگي پيئي شهر ڏانهن وڃي. بگيءَ مان آواز ٿيو، ابراهيم خان! +ابراهيم خان ڪن ڦراريو، سمجهائين ته آواز دهلويءَ جو آهي. دهلوي بگيءَ مان ٻاهر نڪتو، ۽ بگيءَ واري کي چيائين. بگي وٺي بنگلي تي وڃ. پاڻ لهي ابراهيم خان سان گڏيو. ٻيئي شهر ڏانهن پنڌ آيا. +دهلويءَ چيو، ابراهيم خان، مون ٻڌو آهي ته اوهان جو ارادو آهي، ٻئي ڪنهن هنڌ وڃن جو. اهو سچ آهي ڇا؟ مون کي ڪو سبب آهي، اوهان کان اها پڇا ڪرڻ جو. +ابراهيم خان منٽ کن ته جواب ڪو نه ڏنو، پوءِ چيائين ته اهو سچ آهي، منهنجو ارادو آهي اُتي وڃڻ جو، جتي تون ٿي وئين، جڏهن مون تو کي جهليو ته نه وڃ. وارا ڄمارا آهن، هو ڪين ياد اٿئي ته ڪيئن اسٽيشن تي بيٺو هئين، رڳي پيٽڙي هڪ ساڻ هيئه ۽ مون کي گهر ۽ گدام هئا. هاڻي ته مون کي نه ٽپڙ نه ٽاڙي آهي، منهنجو گهر، تنهن جو به مالڪ تون آَهين! +دهلويءَ چيو، آهي ائين، جيئن اوهين چئو ٿا، زماني جي گردش آهي. +ابراهيم خان چيو، لاهن چاڙهن تي آءٌ هريو پيو آهيان. +دهلويءَ چيو، هاڻي چيو مڃيو. ٻاهر نه وڃو، هتي ئي رهيا پيا هجو. +ابراهيم خان چيو، پر ٻاهر وڃڻ کان سواءِ مون کي ڪو ٻيو رستو ڪونهي. پئسو جو مون وٽ آهي، سو اڌ مهينو به مس هلندو. مون اڃا ڪنهن ڌنڌي ڪرڻ جو ارادو ڪو نه ڪيو آهي، ماٺ ڪري ويهي ته نه سگهندس. مان ڪم به ٻاهر ڪري سگهندس، نه هتي. +دهلويءَ چيو، نه. منهنجي رٿ هيءُ آهي مهرباني ڪري ٻڌو. اچي مون وٽ رهو، اوهان جي اڳئين گهر ۾. اسين ڪي ڪمرا اوهان جي لاءِ جدا ڪري رکنداسون. مون کي پڪ آهي ته منهنجيءَ زال کي انهيءَ تي ڪو به اعتراض ڪو نه ٿيندو. اوهين اسان وٽ رهو، جيسين اوهان کي ڪو شغل ٿئي. +ابراهيم خان چيو، نه، نه، هرگز نه، اسان جو، جي پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پوي؟ +دهلويءَ چيو، جدا ڀاڱو گهر جو اوهان جي حوالي رهندو. جنهن ۾ ٻئي جو دخل نه ٿيندو. اُتي وڌيڪ تندرست رهي سگهندئو. +ابراهيم خان ناڪار ڪئي. چيائين، توکي خبر ڪانه ٿي پوي ته ڇا ٿو چوين، پر مان تنهنجو گهڻو شڪر گذار آهيان. +گڏجي شهر آيا. +دهلويءَ چيس ته: هلي ماني اسان وٽ کائو. +ابراهيم خان چيو: نه، نه. +دهلويءَ چيو ته: مون کي وسري ويو اوهان کي چوڻ، ته اوهان جو سامان مون خريد ڪيو آهي. +ابراهيم خان چيو، مون به ائين ٻڌو آهي. +دهلويءَ چيو، نڪي مون کي کپندو هو، پر منهنجو مطلب آهي ته انهيءَ سامان مان جيڪي اوهان کي پسند هجي، سو اوهين پنهنجي لاءِ رکو. مون کي انهيءَ سامان جي گهرج ڪين ٿيندي. اسين گهٽ سامان سان ڪم ٽپائي سگهنداسون، ۽ مون کي وڌيڪ سامان خريد ڪرڻ جا ٻيا گهڻيئي وجهه ملي سگهندا. +ابراهيم خان چيو، ڇا؟ اوهين سامان مون کي اونهين ئي ڏيو ٿا؟ پر تو ته منهنجي لهڻيدارن کي به پئسا ڏنا آهن! +دهلويءَ چيو ته: هائو پر اوهان کي، اوهان جو پسند آيل سامان وڌيڪ چڱو لڳندو. +ابراهيم خان جي دل، جان تان ڀني، ۽ چوڻ لڳو ته: ڪڏهن ڪڏهن خيال ڪندو آهيان ته مون توسان غلط هلت ڪئي آهي. ائين چئي، تڪڙ ۾ دهلويءَ کي هٿ، هٿ ۾ ڏيئي هليو ويو. ڄڻڪ خيال ٿيس ته متان وڌيڪ پنهنجو احوال ظاهر ڪريان. +رحمت، يا ته پڙهندي هئي، جي ڪتاب ملي سگهندا هئس سي، يا ڄاريون ٺاهيندي هئي. سندس گهر، جو دهلويءَ جي گهر جي آمهون سامهون هوندو هو، سو دهلويءَ ۽ خانزادي کي اندر ٻاهر ايندو ڏسندي هئي. گهڻيرو ته ٽري پاسو ڪندي هئي، پر در جي ٺڪاءَ تي اک وڃي مٿان پوندي هيس. هنن ٻنهي ته ڏاڍو خوش ٿي گذاريو. +ڪي ڏينهن ائين رحمت جو وقت پئي گذريو، ته ٻڌائين ته ابراهيم خان کي ٿڌ لڳي آهي، ۽ گهر کان ٻاهر ڪونه ٿو نڪري، سندس گهر هڪدم ويئي. ڪنهن به چتاءُ کان سواءِ مٿي لنگهي ويئي. ابراهيم خان هنڌ ۾ اوورڪوٽ ويڙهيو ويٺو هو. رحمت جو اچڻ نه وڻيس. ڏسندي چيائينس ته وڃ هلي! وڃ هلي! مان توکي ڏسڻ نه ٿو چاهيان! +پر ابا_ +ابراهيم خان وري چيو، مون کي تنهنجو ڏسڻ به نه ٿو وڻي! +نيٺ هٽڪ لٿي، رحمت ويهي رهي. آهستي آهستي ابراهيم خان به ٺريو. رحمت خدمت ڪيس. ٿورن ڏينهن ۾ چڱو ڀلو ٿيو، ۽ اکين جو رنگ ٻيو ٿيس. ٻاهر وڃڻ جو خيال لاٿائين، ۽ رحمت لاءِ خيال وڌيڪ ٿيس. رحمت سان جو نٿي گڏيو، تنهن پاڻ وڌيڪ ڇتو ڪيو هوس. هڪڙي ڏينهن، جو هينئر دهلويءَ ڏي به ٻئي طرح ٿي نهاريائين ۽ سچي پورهيي ۾ ڪو شرم نٿي سمجهائين، سو دهلويءَ جي گدام ۾ لنگهي ويو، ۽ گڏن جو ڪم گهريائين. ڪم يڪدم ڏنائونس، مئنيجر جي معرفت ابراهيم خان کي رکيائون. دهلويءَ روبرو ابراهيم خان سان ڪم بابت ڳالهائڻ واجب نه سمجهيو، دهلويءَ کي سندس خيال گهڻو هو، پر سندس طبيعت به سجهيس پئي، تنهنڪري ساڻس ڪو ٿورو گڏبو هو، ۽ جيڪي ابراهيم خان کي چوڻو هوندو هوس، سو ٽياڪڙ جي معرفت چوندو هوس. +ڪجهه وقت اهو بندوبست چڱيان هليو. ابراهيم خان ڪڏهن سڄو هفتو ٻاهر، ٻين هنڏن ۾ گڏا ٻڌندو هو. ڪم ته هري ويو، تنهن کان پوءِ ٻين وانگيان گدام ۾ گڏن ٻڌڻ جو ڪم ڪندو هو. انهي طرح ابراهيم خان، جو وڏو واپاري ۽ پريزيڊنٽ هوندو هو، سو هاڻي پورهيت ٿي دهلويءَ جي گدام ۾ ڪم ڪندو رهيو. +ابراهيم خان کي بعضي بعضي جذبو ايندو هو، ۽ چوندو هو ته مون اڳي به گڏن ٻڌڻ جو ڪم ڪيو آهي، ڇو نه وري ساڳيو ڪم ٻاهر وڃي ڪريان؟ پر اڳي جڏهن پورهيو ٿي ڪيائين، تڏهين ڪپڙي گنديءَ ڏاڍو صفا رهندو هو. ڪانچ، ڪڙتو، پٽڪو، جتي سڀ صفا هوندا هئس. هاڻي اڳين صفائي هلي ويئي هيس. دل ٺڪاڻي نه هيس. چاليهن ورهين جو مس هو، بت ۾ زور هوس، پر دهلويءَ جي گهر سامهون رهيو پيو هوندو هو. دهلويءَ ۽ خانزادي، جڏهن ويندا ويندا ڏسندو هو، تڏهن دل بي آرام ٿيندي هيس. +سياري جي شروعات ۾ ٻڌائين ته دهلويءَ، جو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر هو، سو پريزيڊنٽ ٿو چونڊجي. +چيائين، هائو، ڏاهي هئي! سندس پئسا ۽ دهلويءَ جو هنر! اڃا ننڍو آهي ته پريزيڊنٽ ٿيندو. مان سندس پورهيت ۽ پاڻ منهنجو ڌڻي! گهر، سامان ۽ جا منهنجي ڄڻڪ جوءِ هئي، سا، منهنجو سڀ سندس ٿي پيو آهي! +هي اکر سئو سئو ڀيرا ڏينهن ۾ واتان نڪرندا هئس. خانزاديءَ جي هٿان وڃڻ تي ڏاڍو افسوس هوس، جيتوڻيڪ خانزاديءَ جي دولت تاري ڇڏيس ها، تڏهين به پئسن جي ترڪي وڃڻ ڪري افسوس نه هوس، ملڪيت جي هئڻ ڪري خانزاديءَ جي روش ڦري پيئي هئي. نوڪر، گاڏيون، گهوڙا، ڪپڙا، کاڌو ۽ مڙس انهن جي وچ ۾ پئي ٻهڪي. ابراهيم خان پنهنجي حالت ڏسي ڏاڍو دلگير ٿي ٿيو. دهلويءَ لاءِ ڌڪار وري وڌيڪ ٿيس، ۽ وري ڪمبختي سندس، جو هن وقت گهر گهڙيءَ چوڻ لڳو ته باقي پندرهن ڏينهن، رڳا ٻارنهن ڏينهن! قسم جا ٻيا لفظ، روز روز ٻيا ڏينهن جو انگ گهٽائيندو ٿي ويو. +هڪڙي گدامي سنگيتي پڇيس ته: تون ڇو ٿو چوين، باقي هفتو؟ +چيائين ته: ستين ڏينهن کان پوءِ قسم جيڪو کنيل اٿم، تنهن کان ڇٽندس. +ڪهڙو قسم؟ +ته ڪا به نشي واري شئي ڪم نه آڻيندس. هفتي کان پووءِ ويهه ورهيه پورا ٿيندا، پوءِ مان، جي خدا چاهيو ته موجون ماڻيندس. +رحمت کي جڏهين خبر پيئي ته ابراهيم خان نشو واپرائڻ لڳو آهي، تڏهن ڪپڙا ڪندي ئي ٻاهر نڪتي. + +باب ستاويهون + +ابراهيم خان جا ست ڏينهن جو گذريا هئا، سو ٺيڪ وڃي ميرپور جي هوٽل ۾ نڪتو هو، ۽ پهرين ڊرام چاڙهيو هئائين. اڳي ڀنگ ۽ چرش واپرايل هوس، هاڻي جو نئين نشي کي لڳو، سو ٿوري ئي شراب مٿس وڏو اثر ڪيو. ٿورن ڏينهن ۾ منهن ڳاڙهو ٿي ويس. ويهن ورهين جو قسم پورو ٿيو هوس_ فڪر، چنتا ۽ خبرداري، انسانيت جا انگ، تن جو گم ٿيڻ شروع ٿيس. +چوڻ لڳو ته: ڪي ڏينهن ٿيا جو منهنجي دل ڏاڍي اُداس ٿي رهي، جنهن جو سبب ظاهر آهي، هاڻي اُميد ته دل وندريل رهنديم. +رحمت، جا ترت پٺيان آيس، تنهن منٿ ڪيس ته: گهر هل. منٿ مڃي گهر هليو. واٽ تي چوڻ لڳو، مان قول جو سچو آهيان ۽ وعدي جو پورو. منهنجي قسم جو مدو، ويهه ورهيه پورو ٿيو آهي، مان هينئر نشو وٺي سگهان ٿو. جي مان پورو نه ڪريانس _ مون کان خوف ڪرڻ گهرجيس، منهنجو سڀڪجهه کڻي ويو آهي! جي هاڻي مان گڏيوسانس، ته الله جو سنهن مان پنهنجي هلت لاءِ جوابدار نه رهندس! +هنن اکرن، رحمت جي دل ۾ خوف پيدا ڪيو _ وڌيڪ انهيءَ ڪري، جو ابراهيم خان هنن اکرن ۾ پنهنجو پڪو مقصد ٿي ڏيکاريو. +رحمت پڇيس ته: اوهان جو ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟ سمجهيائين ٿي ته ڪنهن ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ابراهيم خان جواب ڪو نه ڏنو، تان جو گهر پهتو. +رحمت پڇيس ته: مان اندر اچان؟ +جواب ڏنائين، نه، نه، اڄ نه. +رحمت هلي ويئي. دل ۾ سمجهائين ته دهلويءَ کي خبردار ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ دل جي مراد به اها هيس ته دهلويءَ کي ڪو نقصان نه پهچي. پر دهلويء يا ته ڪم تي هوندو هو يا ته خانزاديءَ ساڻ. خانزادي، دهلويءَ سان ته ڪڏهين ڪڏهين ڪم تي به ڀيڙي هوندي هئي. جي گڏ هوندي هيس، ته اکيون در ۾ پائي ويهندي هئي ته آيو ڪي آيو. رحمت وجهه پئي ڳوليو ته دهلويءَ کي اڪيلو گڏجي. چتاءُ ڪري ڇڏيس. +ابراهيم خان جي هلت به جاچيندي رهي. هڪڙي ڏينهن ابراهيم خان کان پڇائين ته طبيعت خوش اٿو؟ جواب ڏنائينس ته هڪڙو ڪمي، جو گدام ۾ مون سان ڪم ڪري ٿو، سو سڄو ڏينهن مون تي ڪهل جون اکيون کڻي ٿو نهاري. وسريس ئي نه ٿو ته ڪو مان ڪنهن وقت سڄي ڪارخاني جو ڌڻي هوس! +رحمت چيو ته: جي مون کي موڪل ڏيو ته مان اوهان سان اوهان جي ڪم ۾ اچي شامل ٿيان. گڏن ٻڌڻ ۾ مان چڱي مدد ڪندي سانوَ؟ رحمت جو مطلب هو ته ڏسي ته قصو گدام ۾ ڪيئن ٿو هلي، هاڻي جو ابراهيم خان ڪارخاني جو ڌڻي نه آهي. ابراهيم خان، جو دهلويءَ بابت ڊپ ٿي ڏنا، سو چيائين ته سندن هلت، جڏهن دهلويءَ سان ٿو گڏجي، تڏهن جاچي ڏسي ته ڪيئن ٿي ٿئي. +رحمت گدام ۾ وڃي ڪم ڪرڻ لڳي، تنهن کان پوءِ دهلوي ٻه _ ٽي ڏينهن گدام ۾ آيو ئي ڪين. هڪڙي پيشينءَ جو، دهلوي ۽ خانزادي ٻيئي گڏجي آيا. ظاهر هو ته دهلويءَ کي شڪ ڪو نه هو، ته ڪو خانزاديءَ جو ابراهيم خان سان اڳي رستو هو. +ابراهيم خان ڏانهن ڪو نه نهاريو، پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو. دهلويءَ به خوش اطوار ۽ سشيل هو، جتي ابراهيم خان کي ڪم ڪندو ڏسندو هو اتي هروڀرو وڃي بيهي، حڪم هلئي، سو ائين نه ڪندو هو. ڪريل رقيب تي سوڀ جي خوشي ڏيکاري. اهو دهلويءَ جو شيوو نه هو. جتي ابراهيم خان ۽ رحمت ڪم ٿي ڪيو، انهيءَ هنڌ کان دهلويءَ پاسو ڪري لنگهيو. خانزاديءَ کي خبر نه رهي ته ڪو ابراهيم خان، دهلويءَ جي نوڪري ڪرڻ لڳو هو. سو اوچتو وڃي، جتي ابراهيم خان ڪم پئي ڪيو، اتي بيٺي. واتان نڪري ويس. او. ابراهيم خان ۽ ٻين سلام ڪيس. هن سلام ورايو. ابراهيم خان چيو، بيبي آءٌ اوهان کي ڏسي خوش ٿيو آهيان. اسين غريب ڪمي، اوهان کي اسان وٽ ايندو ڏسي گدگد ٿا ٿيون. +خانزاديءَ منتايو ٿي نهاريس، ته ائين نه چئو. سندس طعني طور ڳالهه ڏاڍو ڪوڙو لڳس. +ابراهيم خان پڇيس ته: بيبي صاحبا، پورو وقت ڪيترو آهي؟ +تڪڙ ۾ جواب ڏنائين، ساڍا چار. +ابراهيم خان چيو، مهرباني، ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ ڇٽنداسون، اسان غريب ماڻهن کي اوهان وڏن ماڻهن وانگي خوشي ڪرڻ جو فرجو ڪو نه ٿو ملي. +خانزاديءَ رحمت ڏي سرڪي نهاريو، پوءِ جيترو جلد ٿي سگهيس اوترو وڃي دهلويءَ سان گڏي، نتيجو هن گڏجاڻيءَ جو هي ٿيو، جو ٻئي ڏينهن ابراهيم خان کي ٽپاليءَ هڪڙو خط ڏنو، جنهن ۾ خانزادي لکيل هو: +ابراهيم خان، تون مهرباني ڪري، مان جڏهن گدام مان لنگهان، تڏهن مون سان مهڻي طور نه ڳالهاءِ، جيئن اڄ ڳالهايئي. مون کي توسان خصوصيت ڪانهي. مان خوش آهيان، جو منهنجي پياري پتيءَ وٽ نوڪر آهين. مان هن جي زال آهيان، واجب آهي ته مون سان لائق هلت ڪرين، ۽ نه ته ڳجهيون چٿرون ڪري مون کي ڏکوئين. مون تنهنجو ڪو گناهه ڪو نه ڪيو آهي، ۽ نه مون توکي ڪو ايذاءُ ڪو نه پهچايو آهي. +ابراهيم خان سنگلدل ٿي چيو، بيوقوف، ههڙو خط پنهنجي هٿ اکرين لکي ٿي موڪلي، جي اهو خط مان سندس پياري پتيءَ کي ڏيکاريان ته پوءِ ڪيئن؟ پر چڱي ماڻهوءَ وانگي خط ڦاڙي باهه ۾ کڻي اڇلايائين. +خانزادي وري گدام ۾ نه آئي، ۽ نه وري ابراهيم خان کي گڏي. +ابراهيم خان ۽ دهلويءَ جي وچ ۾ جدائيءَ جو انگ وڌندو ويو. +دهلوي همدردي سان هلندو هوس، پر جيئن ڏينهن پئي پيا، تيئن ٻين ڪمين وانگي هلائڻ لڳس. جو ابراهيم خان کي بلڪل برو لڳو. ٻاهران ڪين ڪڇيائين. پر شراب تي زور رکيائين. سڀڪنهن سانجهيءَ جو پيئڻ لڳو. +رحمت، کيس شراب کان پري رکڻ لاءِ سڀڪنهن پيشينءَ جو چانهه ٺاهي، هڪڙي ننڍي ڇٻي ۾ پنجين بجي وٽس کڻي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن، جو گدام ۾ ويئي ته ڏٺائين ته ابراهيم خان، دڇتيءَ تي برسيم ۽ تر پيو توري. مٿي چڙهي ويئي. ابراهيم خان دهلويءَ پاڻ ۾ پئي ڳالهايو. دهلويء دڇ��يءَ جي ڪناري تي بيٺل هو. ابراهيم خان، جڏهن پنهنجي ٻانهن دهلوي جي پٺيان مٿي کنئين، تڏهن رحمت کي ڊپ ٿيو ته دهلويءَ کي ڌڪو نه کڻي ڏئي. ابراهيم خان ٻانهن ٿورڙي وقت کان پوءِ هيٺ ڪئي. جڏهن دهلويءَ کان جدا ٿيو، تڏهن رحمت چانهه ڏنيس. رحمت دل ۾ ارادو ڪيو ته دهلويءَ کي خبردار ڪندي. جي ابراهيم خان من نه ڦيرائي ها، ۽ دهلويءَ کي ٿورو ئي ڌڪو ڏئي ها ته ڌو هيٺ وڃي پوي ها. هيٺ به سرن جو فرش لڳل هو، ۽ ڏاڍي چوٽ لڳيس ها. ابراهيم خان جو ٻانهن دهلويءَ جي پٺيان کڻڻ، شايد سبب کان سواءِ هئي، پر ابراهيم خان جو هاڻي ڪمي ٿي پنهنجي اڳئين گدام ۾ ڪم ٿي ڪيو، سو ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳس. + +باب اٺاويهون + +رحمت، ٻئي صبح جو پنجين بجي اُٿي ٻاهر نڪتي، اڃا روشنائي ڪا ٿوري ٿي هئي. دهلويءَ هميشه سوير اٿي ٻه _ ٽي پير کڻندو هو. ٻاهر جو نڪتو ته رحمت گڏيس. رحمت کي ڏسي چيائين، تمام سويل اُٿي آهين؟ +رحمت چيو، معاف ڪجو، مون تمام سويل اچي اوهان جو اڳ ورتو آهي، پر مون کي اوهان کي ڪي چوڻو آهي ۽ منهنجو مطلب نه هو ته ڪو مان اوهان کي سڏ ڪري، خانزاديءَ کي ڌڪ وجهان. +دهلويءَ بدمست واري خوشمزاجيءَ سان کانئس پڇيو، مون کي ڇا چوڻو اٿئي؟ مهرباني، جو ايتري تڪليف ورتي اٿئي. +رحمت کي مشڪل ٿيو ته دهلويءَ کي پوري طرح سمجهائي، ته سندس دل ۾ ڪهڙو ڊپ اٿيو آهي، پر هڪڙيءَ نه ٻيءَ طرح سان شروع ڪري، ابرراهيم خان جو نالو وچ ۾ آندائين، پوءِ چيائين ته مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هو ڪوشش ڪري اوهان کي بيعزت ڪرڻ جي! دهلوي چيو ته : اسين ته دوست آهيون. +رحمت چيو، متان هو ڪوشش ڪري اوهان سان ڪنهن چرچي ڪرڻ جي. ياد ڪرڻ گهرجي ته هن سان به ڪار ٿي آهي. حرف جيڪي ڪم آندائين، تن کيس ڏاڍو ڏکويو. پورا نه هئا ۽ رحمت ڏٺو ته دهلويءَ کي به اعتبار ڪونه آيو. ابراهيم خان جو سندس نوڪريءَ ۾ هو، تنهن جو خيال اهڙو ڪيئن ٿي سگهندو؟ تڏهن به ياد ڪرڻو هو ته ابراهيم خان ساڳيو انسان هو، ڦريلن وصفن سان ۽ وصفون به اهي جي اڳي لڪل هيون، ۽ هاڻ زحمت ڪري نڪري نروار ٿيون هيون. +دهلوي، جو خوش باش هو ۽ ڪنهن جي خرابيءَ ۾ نه هو، تنهن پهرين سٽ رحمت جي ڊپ کي گهڻو وزن ڪو نه ڏنو. دهلوي ۽ رحمت جدا ٿيا. ماڻهو آسپاس اٿي پنهنجن پنهنجن ڪمن کي لڳا هئا. رحمت موٽي گهر ويئي. دل ۾ آتي هئي، سمجهيائين ته دهلويءَ مون کي بيوقوف سمجهيو هوندو. +پر دهلوي انهن ماڻهن مان هو، جن جي دلين تي سڀ حادثا ورا پورا اثر ٿا ڇڏين، ۽ جي انهن اثرن تي وري وري ويچار ٿا ڪن، رحمت جو چهرو جاچيو هئائين. رحمت جي چال جي پوري پوري خبر هيس. سو چتاءُ جو هن ڪيس، سو چت تي رهيس. +پر انهيءَ چتاءُ جي به ڪري، هڪڙي رٿ ابراهيم خان جي فائدي واسطي سٽي هئائين، سا ڪين ڇڏيائين. هن لوڪل بورڊ جو چيف آفيسر گڏيس، تڏهن انهيءَ رٿ بابت ذڪر چوريائينس. چيائينس، هو ٻجن جو دوڪان خالي ٿو ٿئي. منهنجو خيال آهي ته اهو مسواڙ تي وٺي، منجهس ابراهيم کي ڪو دوڪان کولي ڏجي. اها چڱي شروعات ٿينديس. مون بورڊ کي چيو آهي ته مان پاڻ سئو رپيا چندو ڏيندس، جي بورڊ جا ميمبر به پاڻ ۾ ايترو ئي گڏ ڪندا. +چيف آفيسر چيو، هائو. اها رٿ ته چڱي آهي، پر دهلوي صاحب، جيڪي ٻيا ڏسي سگهن ٿا، سو اوهين نٿا ڏسي سگهو. ابراهيم خان کي اوهان جي لاءِ ڌڪار ۽ اوهان سان خصوصيت آهي، جنهن جي اوهان کي سُڌ هئڻ گهرجي. رات به هوٽل ۾، اوهان بنسبت ڇا جو ڇا پئي بڪيائين. +دهلويءَ هيٺ نهاري چيو، جي ائين آهي ته بس! منهنجي برخلاف وڃڻ لاءِ سبب ڪونهيس، مون ته کيس ڪو ايذاءُ ڪو نه رسايو آهي. +چيف آفيسر چيو ته: انه�� جي ته خدا سائين کي معلومات، پر اوهان کي ته نوڪريءَ ۾ به نه رکڻ گهرجيس. +دهلويءَ چيو، پر مان انهيءَ کي ته ڪڍي نٿو سگهان. جو منهنجو ڪنهن وقت چڱو دوست ٿي رهيو آهي. مون کان ڪيئن وسري ويندو ته ابراهيم خان ئي هو، جنهن مون کي هت پير کوڙايو. نه نه، جيسين مون وٽ هڪڙو ڏينهن جو جي ڪم هوندو، تيسين مان جواب نه ڏيندو سانس، پر مان پنهنجي رٿ بلفعل بند ٿو ڪريان، جيسين مان وري ان تي چڱيءَ طرح ويچار ڪريان. +دهلويءَ کي ڏک ٿيو جو ابراهيم خان جي فائدي جي رٿ مهمل ڪيائين. پر رحمت ۽ چيف آفيسر جا اکر چت تي چڙهي بيهي رهيس. دهلوي ٻجن واري دڪاندار وٽ پاڻ ويو، ۽ چيائينس ته مون کي پنهنجي رٿ، ابراهيم خان کي هي دڪان وٺي ڏيڻ جي بلفعل بند ڪرڻي ٿي پوي. جو بورڊ جو ارادو ڦريو آهي. +دڪاندار نااُميد ٿيو، ۽ ابراهيم خان کي خبر ڏنائين ته بورڊ جي ابراهيم خان کي دڪان کولي ڏيڻ جي رٿ، دهلويءَ بند ڪرائي آهي. انهيءَ طرح سان غلط خبر پوڻ ڪري به، ابراهيم خان جي دل ۾ دهلويءَ لاءِ دشمني وڌي. +جڏهن دهلوي گهر موٽي آيو، تڏهن ڏٺائين ته چانهه تيار هئي. خانزادي آڪاسي پريءَ جيان وڌي اچي کيس گڏي. جڏهين چانهه پيئڻ ويٺا، تڏهين خانزاديءَ ڏٺو ته دهلوي البت ملول هو. پچيائينس ته: خير آهي؟ دهلوي جواب ڏنو ابراهيم خان کي منهنجي لاءِ ڏاڍي ڌڪار آهي. ڪجهه ريس هجي ته معذور رکي سگهجي. پر خصوصيت لاءِ ڪو سبب ڪونيهس، مون ڪو عشق ۾ چڙهت ڪانه ڪئي اٿيس، منهنجي ته ساڻس ڌنڌي ۾ چڙهت رهي آهي. +خانزاديءَ پڇيو ته: ڇا ٻڌو اٿيئي؟ چپن تي آندائين ته: ڪي منهنجي نسبت ته نه ٻڌو اٿئي؟ پوءِ پاڻ کي روڪيائين. پر ڏاڍي بيقرار هئي، ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس. +دهلويءَ چيو ته ڳالهه اهڙي نه آهي، جهڙي تون ٿي سمجهي، حقيقتن ڳالهه جي ڳراڻ خانزاديءَ ته پروڙي ۽ نه دهلويءَ. +خانزادي چيو، منهنجي مرضي اها آهي ته ڌنڌو ڇڏي هتان هلون هليا.اسان کي پئسو مئو آهي: پوءِ ڇو هت رهون؟ +دهلويءَ جي به مرضي ساڳي ٿي، پر بورڊ جو هڪڙو ميمبر اتي اچي سهڙيو، ۽ دهلويءَ کي هن ساڻ منهن ڏيڻو پيو. +بورڊ جي ميمبر خبر آندي ته بورڊ جي پريزيڊنٽ جو قضيو ٿي ويو آهي. دهلويءَ هي خبر ٻڌي افسوس ظاهر ڪيو. بورڊ جي ميمبر پڇيو ته: مان جي اوهان جو نامينيشن پيپر ڀريان ته اوهان پريزيڊنٽ ٿيڻ قبول ڪندئو يا نه؟ +دهلويءَ چيو ته: مون کان عمر ۾ وڏا ٻيا ويٺا آهن، جن جو وارو آهي. جي مان قبول ڪندس ته چوندا ته پاڻ کي اجايو اڳرو ڪرڻ ٿو گهري. +بورڊ جي ميمبر جواب ڏنو، رڳو مون هڪڙي جي مرضي اها نه آهي، پر ٻين گهڻين ميمبرن جي راءِ اوهين ڪيئن ناڪار ڪندا. +خانزاديءَ چيو ته: اسان جي مرضي ته هئي ته اسين مرڳو هتان وڃون هليا. ائين چئي، منتظر ٿي، دهلويءَ ڏي نهاريائين. +دهلويءَ چيو، اها ته هڪڙي اسان جي من جي موج هئي. جيڪڏهن گهڻن ميمبرن جي اها مرضي آهي ته مان پريزيڊنٽيءَ لاءِ اميدوار بيهان ته بيهندس. +بورڊ جي ميمبر چيو، تڏهين خيال ڪريوته اوهين پريزيڊنٽ ٿيا پيا آهيو. +جڏهن بورڊ جو ميمبر ويو، تڏهن دهلويءَ سوچ سان چيو، خانزادي، ڏس ته ڪيئن نه اسان جون حياتيون مٿيون الاهي طاقتون ٿيون هلائين. اسين رٿيون هڪڙي ۽ ٿئي ٻي. جي بورڊ جي ميمبرن جي مرضي آهي، ته مان پريزيڊنٽ ٿيان نه مان هت رهنديس. ڀلي ته ابراهيم خان پيو پڪا ڪانا چوپي. +خانزادي هن کان پوءِ گهڻو بي آرام رهي. جي اَويچار جو اوتار نه هجي ها ته هوند ڏينهن ٻه پوءِ جو ابراهيم خان کي گڏي، تنهن سان هيئن گفتگو نه ڪري ها: +بلو، مان وري به توکان اهو ٿي گهران جو مان مهينا اڳي توکان گهريو هو. مون کي منهنجا خط يا ٻيا ڪاغذ جي تو وٽ هجن، سي سڀ موٽائي ڏي، جي تو اڳيئي ناس نه ڪيا هجن؟ حيدرآباد ۾ جو وقت اسان گذاريو، تنهن جي يادگيري ميساري ڇڏڻ گهرجي. اسان ٻنهي جو ڀلو ائين ڪرڻ ۾ آهي. ابراهيم خان چيو ته: مان ته ٽڪرو ٽڪرو به تنهنجو لکيل گڏ ڪري، بنڊل ئي اسٽيشن تي کڻي آيو هوس، پر تون ڪيئن آئينءَ. +خانزاديءَ چيو، ماسيءَ منهنجيءَ جو انهيءَ ڏينهن موت ٿيو هو، جنهنڪري آءٌ نه اچي سگهي هيس. هاڻي اُهو بنڊل ڪٿي آهي؟ +ابراهيم خان چيو ته مون کي يادگيري نه آهي. مان خيال ڪندس. جڏهن خانزادي ويئي تڏهن ياد آيس ته اِهو بنڊل جا ٽجوڙي کڻي جي ڪمري ۾ پيل هئي، تنهن ۾ رکيل هو. عجب کاڌائين ته ٽجوڙي پٽي هوندائون يا نه؟ +ٻئي ڏينهن سانجهن جو بينڊ وڄندي ٻڌائين، پڇائين ته ڇا ٿيو آهي. چيائونس ته دهلوي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو آهي. ابراهيم خان چيو ته هاڻي ته مون کي سڀڪنهن هنڌان نيڪالي ڏيئي، پاڻ هنڌ ڪري، بافرحت ٿي ويهي رهيو. +ٻئي ڏينهن صبح جو يارهين بجي کن. دهلوي گدام ۾ ويو. ابراهيم خان چيس ته مان پڇڻ وارو هوس ته هڪڙو بنڊل ڪاعذن جو، جو مون کاتي واري ڪمري ۾ جا ٽجوڙي پيل آهي، تنهن ۾ رکيو هو، سو اتي ئي پيو آهي يا ڪنهن ٻئي هنڌ رکيو ويو آهي؟ +دهلويءَ چيو، اهو بنڊل اتي ئي پيو هوندو. مون نه ٽجوڙي پٽي آهي، نه اهو بنڊل ڏٺو آهي. مان پنهنجي ڪم جا ڪاغذ بئنڪ ۾ ٿو رکان ته رات جو ننڊ برابر اچيم. +ابراهيم خان چيو، منهنجي لاءِ اهي ڪاغذ گهڻي ڪم جا آهن. مان اڄ سانجهين جو انهن ڪاغذن لاءِ ايندس، جي اوهان کي تڪليف نه ٿئي. +سانجهن جو دير سان ابراهيم خان آيو. شراب پيتل هو. هي گهر ڇڏيو هئائين، تنهن کان پوءِ پهريون ئي ڀيرو هن گهر ۾ گهڙيو هو. اڳين ڏينهن جون طرح طرح يادگيريون دل ۾ اُٿيس. +دهلوي کاتي جي ڪمري ۾ وٺي ويس. ٽجوڙي کوليائين، بنڊل ڪاغذن جو نظر آيس، سو ڪڍي ابراهيم خان کي ڏنائين، ۽ چيائينس ته: مون کي افسوس آهي، جو مون اهو بنڊل اڳي نه موٽايو. +ابراهيم خان خشڪ طرح چيو، حرڪت نه آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هي خط آهن _ هائو، هائو، هي خط آهن ته مان وري هي خط ڏسان! اُميد آهي ته خانزادي چڱي ڀلي هوندي. +دهلويءَ چيو ته: مهرباني، خانزادي ٿڪل هئي، جنهن ڪري جلد ئي سمهي پيئي آهي. +ابراهيم خان خطن ڏي مهڙ ڪئي. دهلوي کاڌي جي ميز جي ٻئي ڪناري تي ويٺل هو. ابراهيم خان دهلويءَ کي چيو ته: اوهان کي ياد هوندو ته مون اوهان کي هيڪر ٻڌايو هو ته منهنجو رستو هڙيءَ ٻيءَ زال سان به ٿيل هو. خط انهي زال جا آهن، جيتوڻيڪ خدا جي مهرباني، جو اُهو قصو هاڻي سڀ پورو ٿي رهيو آهي. +دهلويءَ پڇيو ته: انهي ويچاري زال جو ڪهڙو حال ٿيو؟ +ابراهيم خان جواب ڏنو، اها زال پرڻي به چڱي هنڌ. هي طعنا ۽ مهڻا جي هنن خطن ۾ لکيا اٿس، تن جي ڪري هينئر ڪو مون کي دل جو سور نٿو جاڳي. ٻڌو ته ڪاوڙيل زال ڪيئن نه لکي ٿي سگهي. +دهلويءَ جو مطلب هو ته ابراهيم خان کي خوش ڪريان، سو اُٻاسيون به پئي ڏنائين ۽ ڄاڻايائين به پئي ته مان ٻڌان ٿو. +ابراهيم خان پڙهيو، منهنجي لاءِ اڳتي سڀ انڌ انڌوڪار آهي. مان پنگتي نيمن ري توسان سچي رهي آهيان. امڪان جي حد کان هي ڳالهه ٻاهر آهي ته ڪو مان ڪنهن ٻئي جي زال ٿي سگهنديس. ۽ تڏهن به اڃا تائين مان توکي اهڙي آهيان، جهڙي ڪا ٻي زال. مان نٿي چوان ته ڪو توکي مون سان ناحق ڪرڻ جو ارادو آهي. تڏهن به آهي ته ائين جو ايذاءُ مون کي توکان گهڻو پهتو آهي. جي تنهنجي هاڻوڪيءَ زال جو قضيو ٿي چُڪي ته پوءِ، تون مون کي پنهنجي زال ڪندي، سو دلاسو مون لاءِ ڪهڙو ڪم جو ٿيندو هن ��قت ته مون کي مائٽن به تياڳ ڪيو آهي ۽ تو به. +ابراهيم خان چيو ته هن طرح سان ويٺي آهي مون ڏانهن لکندي. سندس ڪاڳر هوند سڄو ايڪڙ ڀرين، گهٽ نه. حقيقت اها آهي ته جيڪي ٿي چڪو هو، تنهن جو علاج ته منهنجي هٿ ۾ نه هو. +دهلويءَ به _ چتو ٿِي ٻڌو، تنهن چيو ته: هائو، زالن جو رستو ئي اهو آهي، پر حقيقت هيءَ هئي ته دهلوي کي زال ذات سان واقفي ڪا نه هئي. پروڙيائين ته لکندڙ جو قلم، وهيو ائين ٿي، جيئن انهي زال جو جنهن جي هن وقت پاڻ پوڄا ٿي ڪيائين، پر وري خيال ٿيس ته عشق ۾ جيڪا به زال هوندي، سا انهي طرح لکندي ۽ ڳالهائيندي. +ابراهيم خان ٻيو خط پٽيو ۽ پڙهيو، رڳو نالي تي هٻڪي بيٺو. ڪومل طرح سان چيائين ته مان نالو ڪين ڏيندس. مون سان شادي نه ڪئي اٿس ۽ ٻئي سان وڃي ڪئي اٿس. سو واجب نه ٿيندو ته مان ڪو هن جو نالو ڏيان. +دهلويءَ چيو، تحقيق، پر اوهان ڇو ساڻس نه ڪئي؟ جڏهن حليمان جو قضيو ٿي ويو. دهلويءَ جو نمونو بيغرضيءَ جو هو. سمجهيائين ٿي ته مون سان ڳالهه ڪو تعلق نٿي رکي. +ابراهيم خان چيو، آ، اوهين بيشڪ اهو سوال ڪريو، انجامن، اقرارن هوندي به جڏهن مون آڇ ڪئي مانس، تڏهن منهنجي آڇ قبول نه پيس. اتي ابراهيم خان کليو، ۽ وات کل ۾ کليس سو منهن جي شڪل نئين چنڊ جهڙي ٿي پيس. +دهلويءَ چيو ته شايد هن ٻئي سان اڳيئي شادي ڪئي هئي؟ +ابراهيم خان سمجهيو ته وڌيڪ ڪجهه چوڻ، ڳالهه کولڻي ٿيندي، چيائين ته، هائو. +دهلويءَ چيو ته: زال جي اهڙي دل ته هوندي، جو ترت دل هڪڙي تان ڦيرائي، ٻئي کي ڏيئي ڇڏي هوندائين. +ابراهيم خان تنهن تي زور سان چيو، ائين ته هو، ائين ته هو. +ابراهيم خان پوءِ ٽيون خط، ۽ چوٿون خط کولي پڙهيو. هن ڀيري ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته نالو به پڙهي ٿو، پر نه. وري به پاڻ روڪيائين. حقيقت هي آهي ته مطلب هوس ته خانزاديءَ جي دُرگِتي ڪري چُڪان، آيو ئي انهيءَ ارادي سان هو، پر هو ويٺي ٿڌو ٿي ويو. ابراهيم خان جهڙي ماڻهوءَ کي به انديشو ٿيو، ته اهڙيءَ طرح خانزاديءَ جو خانو ڪيئن خراب ڪريان. هو ته بلڪل گرم رت وارو ماڻهو، تنهن هوندي به نيٺ انسان هو، هٽڪي بيٺو ۽ نالو نه ڏنائين. + + +باب اڻٽيهون + +جيئن دهلويءَ چيو، خانزادي جلد ئي پنهنجي ڪمري ۾ ويئي هئي، جو ٿڪل هئي، پر بستريي داخل نه ٿي هئي. ڪرسيءَ تي ليٽي هئي، ۽ ڏينهن جو ڇا ڇا ٿي چڪو هو، تنهن جي ڳڻڳوٺ پئي ڪيائين. جڏهن ابراهيم خان جو در تي ٺڙڪو ٿيو تڏهن عجب کاڌائين ته ڪير هوندو، جو اهڙو دير سان اندر اچڻ گهرندو هوندو. کاڌي جو ڪمرو سندس ڪمري جي هيٺان هو. ڳالهه مان ائين سمجهائين ته ڪو کاڌي جي ڪمري ۾ آيو آهي، ۽ ڪجهه دهلويءَ کي ڏاڍيان پيو پڙهي ٻڌائي. +دهلويءَ جي مٿي اچڻ جو وقت لنگهي ويو هو، تڏهن به پڙهڻ ۽ گفتگوءَ جو آواز هيٺان پئي آيو. هيءَ حالت عجيب ڏسڻ ۾ آيس. رات جو ڪهڙو غير معمولي ڏوهه ٿيل هو، جنهن جو بيان، جو ميرپورخاص گزيٽ ۾ آيل هو، سو شايد ئي ڪنهن دهلويءَ کي پئي پڙهي ٻڌايو، ڪمرو ڇڏي، اڌ ڏاڪڻ تي اچي ڪن ڏنائين. آواز ۽ اکر چٽا ٻڌڻ ۾ آيس. جتي بيٺي هئي، اُتي ئي ڄمي ويئي. سندس پنهنجا حرف ٻڌڻ ۾ آيس ابراهيم خان جي آواز ۾. +خانزادي ڏاڪڻ جي ريلنگ تي ڳل رکي، اهلي پيئي، ڄڻڪ مصيبت جي وقت ريلنگ سان ٿي پهه پچايائين، ائين جو بٺي هئي ته وڌيڪ اکر هڪٻئي پٺيان ڪن تي پيس. تعجب لڳس ته مڙسهنس وقت جو خيال ڪونه ٿي ڪيو، ۽ ابراهيم خان کي ويٺي ٻڌو. +نيٺ هڪڙي اکر تي دهلويءَ چيو، واجب آهي ته غير ماڻهوءَ کي پڙهي ٻڌايو، جيڪي انهيءَ زال لکيو آهي رڳو اوهان جي لاءِ؟ +ابراهيم خان چيو، نه پر مان جو نالو نٿو پڙهي ٻڌايان، سو سمجهڻ گهرجي ته مان شڪايت زال ذات جي ٿو ڪريان، نه ڪنهن خاص زال جي. +دهلويءَ چيو ته جي مان اوهان جي حالت ۾ هجان ته هوند اهي سڀ خط ڦاڙي ڇڏيان. دهلويءَ هينئر خطن تي پهريائينءَ کان گهڻو ڌيان ڏيڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته: انهيءَ زال، جو هينئر ٻئي سان شادي ڪري چڪي آهي، سو جي ڳالهه کلي ته انهيءَ زال کي ڏاڍو ضرر پهچندو. +ابراهيم خان چيو ته: نه، مان هي خط ناس نه ڪندس. پوءِ اُٿيو ۽ سندس آواز خانزاديءَ ڪو نه ٻڌو. +خانزادي وري پنهنجي ڪمري ۾ ويئي، جتي اڌ مئي ٿي وڃي ڪري پيئي، خوف وچان طاقت ڪانه رهيس جو کڻي ڪپڙا بدلائي. اُٿي هنڌ جي ڪناري تي رسي ويهي رهي. براهيم خان موڪلائيندي سندس ڳجهه ظاهر ڪري ويندو ڇا؟ اهو هيبتناڪ شڪ دل ۾ اُٿيس. +شاديءَ کان اڳ، جي دهلويءَ کي خانزاديءَ جي هن قصي جي خبر پوي ها، ته شايد خانزاديءَ سان شادي ڪرڻ به قبول کڻي ڪري ها. پر هاڻي اها خبر پويس، سان خانزاديءَ کي موتمار ڳالهه ٿي لڳي. +نيٺ در بند ٿيڻ جو آواز ٿيو. دهلوي جي بوٽ پائڻ جو آواز به ٻڌائين. هميشه وانگي چوطرف نظر هڻي، دهلوي آرام سان ڏاڪڻ مٿي چڙهيو. جيئن اندر گهڙيو، تيئن خانزاديءَ جي اکين جي جوت گم ٿي ويئي. کن ساعت شڪ شبهي ۾ رهي، پر پوءِ خوشي ٿيس ته دهلوي وڃي ڦاٿو هو. پر خانزادي پاڻ جهلي نه سگهي، اچي سڏڪن ڀرڻ ۾ ڇُٽڪي. +دهلويءَ جي گفتگو ٺاپر ۾ آندس. ابراهيم خان جي بنسبت چوڻ لڳس ته: مون کي ته سندس اچڻ ئي پسند نه آهي، اڌ چريو ٿي پيو آهي. گهڻي ئي خط پنهنجي اڳئين حياتيءَ بابت مون کي پڙهي ٻڌايا اٿس، ۽ مون اهي خط ٻڌڻ سان پئي خوش ڪيو آهي. ابراهيم خان ڪنهن زال جو نالو ڪونه ڳڌو. ابراهيم خان جي پڇاڙيءَ جا اکر هي هئا، مهرباني جو اهي خط ٻڌو. مان ڪنهن ڏينهن لکندڙ جو نالو ٻڌائيندوسانو. +خانزاديءَ سمجهين ڪين ٿي سگهي ته تڏهين مطلب ابراهيم خان جي خط پڙهڻ ۾ ڪهڙو هو. +ٻئي صبح جو خانزادي پنهنجي هنڌ ۾ ستي رهي، پئي وچاريائين ته هي حملو جو مٿس ابراهيم خان شروع ڪيو آهي، سو ڪيئن بند ڪجي. دهلويءَ کي همت ٻڌي سڄو سچ چئي ڏجي سو مشڪل لڳيس، ڇو جو متان ٻين وانگيان هو به سمجهي ته انهيءَ قصي ۾ خانزاديءَ جو ڏوهه هو، ۽ نه سندس ڪم نصيبي. من ۾ ٺهراءُ ڪيائين ته ابراهيم خان کي مڃائينديس ته ڳالهه پڌري نه ڪري، پوءِ اُٿي هيٺيون خط ابراهيم خان کي لکيائين. +رات جيڪا تنهنجي گفتگو دهلويءَ سان هلي سا ساري مون ٻڌي. توکي وير وٺڻ نه جڳائي. مان پوءِ مري وينديس. مان ستايل آهيان، مون تي ڪهل ڪر. مان توکي ملڻ ٿي گهران ته روبرو ستايان، ته هيءَ فيل مستي جا تو شروع ڪئي آهي، سان بند ڪر. سج لٿي مان انجنيري رستي تي هونديس. +پاڻ کي چيائين، ڏاڍن سان ڪم پيو آهي. انهن سان ٻيو رستو پڄڻ جو ڪونهي، ڳوڙها مڃائينديسانس. +هنن ڏينهن ۾ خانزاديءَ، پنهنجي پوشاڪ جي خاص نظر پئي ڪئي هئي. پوشاڪ جو هنر به جهڙو کيس هو تهڙو ڪنهن ڇڊيءَ عورت کي هوندو. پر هن سانجهين جو جهڪي پوشاڪ پهريائين. رات جو ننڊ به برابر نه آئي هيس. سندن منهن انهيءَ ڪري تمام ستايل زال جو ٿي ڏسڻ ۾ آيو. جهڪي پوشاڪ هوندي به متان ڪو سهي ڪريس، انهيءَ انديشي تي برقعو به ڪم آندائين. گهر مان ترت ٻاهر نڪري، انجنيري رستي تي آئي. نراس نه ٿي. ابراهيم خان اڳيئي انهيءَ رستي تي بيٺل هو. خانزاديءَ کي هن پوشاڪ ۽ هن حالت ۾ ڏسي، ابراهيم خان جي دل تمام نرم ٿي ويئي. پڇيائينس ته بيمار ته نه آهين؟ +خانزاديءَ چيو، منهنجي بيماريءَ جو ڪارڻ تون آهين. تنهنجي دڙڪن منهنجو ساهه ئي سڪائي ڇڏيو آهي. بلو مون کي ڊاهي نه وجهه. مان ��ڏهن هتي آيس، تڏهن مون ٿي سمجهيو ته مان ننڍي نيٽي آهيان. هاڻي ته پاڻ کي پوڙهي ٿي سمجهان. +هيءُ ٻڌي ابراهيم خان کي گهڻو افسوس ٿيو. زال ذات لاءِ اڳيئي اهڪاري ڪهل گهڻي هيس. خانزاديءَ جي هن وقت جي حالت ڏسي، دل تمام نرم ٿي ويس. خانزاديءَ کي وير وٺڻ جو خيال هٽيس ويس. چيائين، خانزادي، خدا دهلويءَ کي بخشي. دهلويءَ جي ڌنڌي مان هٿ ڌوتا. +خانزاديءَ کي نرميءَ سان چيائين، هاڻي پنهنجو خيال ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟ مان خوشيءَ سان اوئين ڪندس. جيئن تون چوندينءَ. مون تنهنجا خط خندي طور پڙهيا آهن، مون تنهنجو نالو ڪونه ڳڌو آهي. +مهرباني ڪري، منهنجا جيڪي خط تو وٽ آهن، سي مون کي موٽائي ڏي. خانزاديءَ چيو. +ابراهيم خان چيو. چڱو پر هاڻي يا پوءِ، دهلويءَ کي خبر ته ضرور پوندي. +خانزاديءَ چيو ته: تيتري ۾ مون کي وجهه ملندو کيس ڏيکارڻ جو ته مان وفادار ۽ لائق زال آهيان، پوءِ جي خبر پيس ته مون کي معاف ڪرڻ جو سبب ٿيندس. +ابراهيم خان، خانزاديءَ ڏي نهاريو. دل ۾ چيائين ته: بيشڪ خانزاديءَ ۾ چڱائي جو انگ گهڻي قدر موجود آهي. قسم کڻي چيائينس ته: مان تنهنجو ڳجهه نه کوليندس، ۽ تنهنجا خط توکي موٽائي ڏيندس. +خانزادي چيو ته: گهڻي مهرباني، پر مون کي منهنجا خط ڪيئن رسندا؟ +ابراهيم خان خيال ڪري چيو، سڀان تنهنجا خط ڪيئن به ڪري پهچائيندوسانءِ، مون ۾ شڪي نه ٿين. مان انجام رکي ڄاڻان. + +باب ٽيهون + +خانزادي ٻاهران موٽي ته ڏٺائين ته دين محمد درد تي بيٺل هو. پچائينس ته: ڪيئن آيو آهين، چيائين ته : دهلويء صاحب وٽ مئنيجر جي جاءِ خالي آهي، مهرباني ڪري منهنجي سفارش ڪريو. +خانزاديءَ چيو ته: مان دهلوي صاحب جي ڌنڌي جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪانه ڪندي آهيان. +دين محمد چيو، پر اوهين مون کي سرٽيفڪيٽ ڏيئي سگهندا، ته مان ڀروسي جهڙو ماڻهو آهيان. ته مان حيدرآباد ۾ به هوس، ۽ اوهان کي اُتي ڏٺو هوم. +خانزاديءَ چيو، پر مون کي ته اوهان جي اصل ڪابه خبر ڪانه رهي آهي. +دين محمد چيو، پر اوهان جا ٻه اکر مون کي گهڻي مدد ڏيندا. +خانزاديءَ انڪار ڪيو، ۽ اندر گهر گهڙي ويئي. +دين محمد موٽي پنهنجي گهر ويو. آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پئي خيال پچايائين. مٿانهنس جو ابراهيم خان رهندو هو، تنهن به پيتيون پئي سوريون، جنهنڪري به کيس آرام حاصل ڪونه ٿي ٿيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ابراهيم خان هيٺ لٿو، ۽ چيائينس ته منهنجو جيڪر هڪڙو ڪم ڪرين ته مهرباني. هي بنڊل ڪاغذن جو مون سيل مهر ڪيو آهي. سو جي خانزاديءَ کي پهچائين ته مان شڪر گذار رهندس. منهنجو مطلبن نه آهي ته مان پاڻ وڃي، هيءُ بنڊل خانزاديءَ کي ڏيان. + + + + +دين محمد پهريائين دل هنئين، پر پوءِ قبول ڪيائين. ابراهيم خان سڀ پنهنجو پيتيون کولي، ڏسي جاچي جو به خانزاديءَ جي لکت جو ڪاغذ هٿ لڳيس، سو بنڊل ۾ ويڙهيو. + +ابراهيم، دين محمد کان پڇيو ته: ڪو شغل هٿ لڳو اَٿوَ يا نه؟ +دين محمد جواب ڏنس ته: نه. +ابراهيم خان چيس ته: ميرپور کان ٻاهر ڪو ڪم جاچيو، هت سوجهرو ڪونهي. ائين چئي، جاءِ جي پنهنجي ڀاڱي ۾ هليو ويو. +دين محمد ويٺو رهيو. اک بنڊل تي هئس. خبر هئس ته ڪنهن قسم جو رستو ڪنهن وقت خانزادي ۽ ابراهيم خان جي وچ ۾ هو. ابراهيم خان چيو هو ته مان پاڻ وڃي هي بنڊل خانزاديءَ کي ڏيڻ نٿو چاهيان، انهي ڪري به دين محمد کي خيال ٿيو ته ڏسان ته هن بنڊل ۾ ڇا آهي. ۽ وري خانزاديءَ تي غصو به گهڻو هوس، سندس لاءِ سفارش ڪرڻ نه قبولي هئائين. سو کڻندي بنڊل تپاسيائين ته ڄوَ تي مهر لڳل آهي يا نه. ڄوَ تي مهر لڳل ڪانه هئي. هڪ پاسي کان ڄوَ ڪپ سان کولي ��ٺائين ته بنڊل ۾ اندر خط هئا. خط ڏسي ڄوَ بتيءَ تي گرم ڪري بنڊل وري بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ بنڊل هٿ ۾ کڻي، ٻاهر پهچائڻ نڪتو. واٽ تي هوٽل ۾ اندر وڃڻ کان دل نه رهيس. اتي سندس جيڏا ويٺل هئا، جن پڇيس ته: بنڊل ۾ ڇا آهي؟ چيائين ته عشق جا خط! گهڻو زور ڪيائونس ته بنڊل کولي ڪي خط پڙهي ٻڌائي. پهريائين دل هنيائين، پوءِ بنڊل کولي سڀ خط کڻي ميز تي پکيڙيائين. خط پٺيان خط پڙهيائون. +هڪٻئي کي چيائون ته خانزادي، جا هينئر پريزيڊنٽ جي جوءِ آهي، جنهن کي هيتري عزت ٿي ملي، تنهن جي هيءَ هلت رهي آهي! تنهنڪري سندس ۽ سندس عاشق جا پتلا ٺاهي، اهي پتلا گڏهه تي چاڙهي، دهل دمامن سان شهر ۾ سرگس ڪرائجن. اها رٿ ڏاڍي پسند آين. مزو به ٿيندو ۽ بڇڙن کي سيکت به ايندي. دين محمد خط ميڙي، بنڊل ۾ وجهي، بنڊل تي ڄوَ نرم ڪري اڳي وانگي هڻي، بنڊل هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪتو. دير ٿي ويئي هئي، خيال ڪيائين ته سڀان بنڊل پهچائيندس، گهر وڃي رات جو آرام ڪيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو خانزاديءَ جي گهر وڃي بنڊل پهچايائين. ڪلاڪ کن ۾ خانزاديءَ خط ساڙي ٻاري ناس ڪري ڇڏيا. خانزادي گوڏن تي ڪري خدا سائينءَ جي شڪر گذاري ڪئي ته نيٺ سندس ابراهيم خان رستي جي سڀ ثابتي گم ٿي، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ سڀ قصو سندس بيخبرداريءَ ۾ نه بد ارادي سان ٿيو هو، ته به جي انهيءَ قصي جي دهلويءَ کي خبر پوي ها، ته هوند سندس دل ڪڙائجي ها. + + + +باب ايڪٽيهون + +ائين پئي ميرپور ۾ قصو هليو ته خبر پيئي ته گورنر صاحب ٿو ميرپور ۾ اچي. ميرپور جي ميونسپالٽيءَ ۾ ٿر جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورِڊ، ٻنهي ائڊريسون ڏيڻ جو سعيو ڪيو. گورنر صاحب اڳي ميرپور ۾ ڪڏهن منزل انداز نه ٿيو هو. انهيءَ ڪري ڪليڪٽر صاحب کي ۽ ميونسپالٽي ۽ لوڪلبورڊ، کي ڏاڍو اونو ٿيو. ميونسپالٽي لوڪلبورڊ ٻنهي جدا جدا ميٽنگون ڪيون. گورنر صاحب جي منزل کان اڳي، منگل جي ڏينهن ميٽنگون ڪيون. +لوڪلبورڊ جي ميٽنگ پئي هلي ته ابراهيم خان گهڙي اندر آيو. ڇنل ڪپڙا پيل هئس، مٿو جهنڊولو هوس، ۽ هٿ منهن به ڪونه ڌوتو هئائين. اڳئين ابراهيم خان ۽ هاڻوڪي ابراهيم خان ۾ زمين آسمان جو تفاوت هو. گهڙندي. هٿ پريزيڊنٽ جي ميز تي رکيائين ۽ چيائين ته منهنجي مرضي آهي ته مان به اوهان سان گورنر صاحب جي مرحبا ۾ شامل ٿيان. مان ڀانئيان ٿو ته منهنجي اوهان سان گڏ هلڻ تي ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو. سڀيئي ميمبر هڪٻئي کي نهارڻ لڳا. دهلويءَ جو چيئرمين هو، تنهن سهي ڪيو ته ميمبرن جي هائو ڪرڻ تي مرضي نه آهي، تنهن زبان کولي، مان نٿو ڀانيان ته ڪو اوهان جو اسان سان شامل ٿيڻ جائز ٿيندو. اوهين هاڻي ميمبر نه آهيو. اوهين اسان سان انهيءَ ڪم ۾ گڏجي نه سگهندا. سڄي ڳالهه هميشه جي دستور جي برخلاف ٿي پوندي. جي اوهين شامل ٿيو ته ٻيا به ڇو نه شامل ٿين. +ابراهيم خان چيو ته: سڀ ته پريزيڊنٽ ڪين ٿي رهيا آهن، منهنجي حالت نرالي آهي. +دهلويءَ ٻين ڏانهن نهاريو، پوءِ چيائين ته: مون بورڊ جو رايو ظاهر ڪيو آهي. گهڻن ميمبرن هائو، هائو ڪئي ته بورڊ جو رايو اهو آهي. +ابراهيم خان چيو ته: تڏهن اوهين مون کي گورنر صاحب جي اچڻ تي ڪي به ڪرڻ ڪين ڏيندئو؟ +دهلويءَ چيو ته نه. ٻئي طرح ٿي نه سگهندو، پر ٻين تماشبينن وانگي سڀڪجهه پريان ڏسي سگهندئو. +ابراهيم خان چيو ته: پريان ڏسڻ کان مون کي ڪير منع ڪري سگهندو؟ +ائين چئي، ٻاهر نڪري ويو. +ابراهيم خان جي هيءَ وقت جي من موج هئي، پر هاڻي جو روڪ ٿيس، سو پڪو ارادو ڪيائين ته مان گورنر صاحب جي مرحبا ۾ شامل ٿيندس. دهلويءَ مون کي روڪي ڪين سگهندو. ٻين کي چوڻ لڳو ته پاڻيهي ڏسجو ته ڇا ٿو ڪريان. +گورنر صاحب پهتو. سڄي ضلعي جا وڏا ماڻهو اچي سهڙيا هئا. +گهڻن عام ماڻهن به اُچا ڪپڙا پهريا. ابراهيم خان به ڪم تي ڪونه ويو. صبح جو ئي ڏنگو چاڙهيائين. گهمندي رحمت کي گڏيو. رحمت کي هفتو اڳي ڪونه گڏيو هو. رحمت کي چيائين ته: منهنجي خوش قسمتي آهي، جو ويهه ورهيه مون کي قسم کنئي گذري ويا آهن، نه ته مون کي اڄ پوري همت نه ٿئي ها. +رحمت ڊڄي پڇيس ته: همت ڇا ڪرڻ جي ته ٿئيو ها؟ +گورنر صاحب کي مرحبا ڪرڻ جي. ابراهيم چيو. +رحمت منجهي ويئي. چيائين ته: گڏجي هلي ڏسونس. +ابراهيم خان چيو ته: مون کي ڪجهه ٻيو ڪم ڪرڻو آهي، جو به ڏسڻ جي لائق ٿيندو. +رحمت سمجهي نه سگهي. ڳڻتيءَ ۾ رهي. ڪپڙا ڪري ٻاهر نڪتي. ابراهيم خان وري نظر آيس. گلابي رنگ جي گلن جو هار ڳچيءَ ۾ پيل هوس، ۽ هڪ ويڙهيل جهنڊو ڪڇ ۾ هوس. +گورنر صاحب اچي پهتو. ڊگها منهن ڦيرائي، ۽ منڌرا کڙيون کڻي، بيهي ڏسڻ لڳا. رحمت پريان نظر ڪرڻ لڳي. +جلسي لاءِ جو شاميانو کوڙيو هئائون، تنهن ۾ زالن واري قطار ۾ خانزادي پهريائين ويٺل هئي. جو لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ جي زال هئي، ابراهيم خان ڪپڙا ڪين مٽيا هئا. ٻين سڀني چڱي ۾ چڱا ڪپڙا ڍڪيا هئا. دهلويءَ کي ته زريءَ جو جبو پيل هو. ميونسپالٽي ۽ لوڪلبورڊ جا ميمبر قطارون ڪري بيٺا هئا، گرونر صاحب جيئن لٿو، تيئن ابراهيم خان گورنر صاحب جي گاڏيءَ جي در اڳيان گهڙي اچي بيٺو. سلام ڪيائين ۽ ڏائي هٿ سان جهنڊو ڌوڻي، ساڄو هٿ گورنر صاحب سان هينڊ شيڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيائين. دهلوي پريزيڊنٽ جي لوڏ سان اڳتي وڌيو. ابراهيم خان کي ڌڪي، ڇڙٻيائينس، ۽ پوليس کي چيائين ته پري ڪريوس. ابراهيم خان پهريائين اکين ۾ شور آندو، پر پوءِ بس ڪري پري وڃي بيٺو. +زالن ۽ مردن ۾ چئو پچو ٿي. هڪڙي زال خانزاديءَ جي ڀر ۾ ويٺل هئي، تنهن چئي ڏنس ته: ابراهيم خان ته تنهنجي مڙس جو اڳيون ڌڻي آهي. خانزاديءَ ڏمرجي وراڻي ڏنس ته: هينئر اسان جي گدام ۾ مزوري ڪندو آهي. +گورنر صاحب ته ڳالهه کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري ڇڏيو. سپاهه جو سلام وٺي، ٻنهي قطارن مان لنگهي ڊائس تي چڙهي مٿي پنهجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. ائڊريسون پڙهيون ويون. گورنر صاحب جواب ڏنو. پوءِ گورنر صاحب ميونسپالٽي ۽ بورڊ جي ميمبرن سان هٿُ هٿ ۾ ڏنو. ۽ جلسو پورو ٿيو. گورنر صاحب خير سان روانو ٿيو. +مرد، جي شامياني کان ٻاهر بيٺل هئا، تن جي همدردي ابراهيم خان سان هئي، خاص خانزاديءَ جي ڪري. سندس ابراهيم خان سان عشق جي ڳالهه هن وقت گهڻن کي معلوم هئي. انهن مان جي دين محمد کي هوٽل ۾ گڏيا هئا، ۽ جن رٿ رٿي هئي ته خانزاديءَ جو روپ ٺاهي، سندس عاشق جي روپ سان کيس گڏهه تي چاڙهي، گڏهه شهر مان گهمائجي، تن هينئر انهيءَ رٿ کي عمل ۾ آڻڻ تي زور رکيو. دين محمد ساڻن شامل هو. +دين محمد پريان ابراهيم خان کي ڏٺو، وڌي وٽس ويو، چيائينس ته: اڄ دهلويءَ اوهان جي وڏي بيعزتي ڪئي آهي! +ابراهيم خان شور سان چيو ته: ڇا ٿيو جي دهلويءَ منهنجي بيعزتي ڪئي. +دين محمد چيو، تنهن ڏينهن خانزاديءَ منهنجي به بيعزتي ڪئي. مون دهلويءَ ڏي سفارش گهري مانس، ته مون کي پورو جواب ئي ڪين ڏنائين. +ابراهيم خان اها ڳالهه ٻڌي، پر دل سان نه هنڊايائين. هن کي پنهنجي بيعزتي جو گهڻو خيال هو، ڀڻڪي ۾ پئي چيائين، ڀل ته منهنجي ڦٽن تي لوڻ وجهي، جوڳو حساب ڏيڻو پوندس. هٿن جي صفائي ڪندو سانس. پاڻيهي خبر پوندي ته هي هٺيلو ماڻهو مون سان ڪيئن ٿو پوري پوي. +ابراهيم خان گهر ويو، ماني به جهڙي کاڌائين تهڙي نه. پوءِ نڪتو ٻاهر ته دهلويءَ کي ڳولي لهان. ڌنڌي ۾ دهلويءَ شڪست ڏني هئس. گدام ۾ ڇڙٻيو هئائينس، اڄ ته پڄاڻي ڪري چڪو هو، سڄي شهر جي ماڻهن اڳيان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هئائينس. +ابراهيم خان، دهلويءَ جي گهر وڃي پيغام ڇڏيو ته مون سان دهلوي صاحب، گدام ۾ جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد گڏجي. پوءِ گدام ۾ اندر لنگهي ويو. ٻيا ته ڪين هئا، اڌ ڏينهن موڪل ڪئي هئائون. +ابراهيم خان هڪڙي شيڊ مان رسيءَ جو ٽڪر کڻي، انهي رسيءَ جي ٽڪري سان پنهنجي هڪڙي ٻانهن چيلهه سان ٻڌي ڇڏي، چيائين ته مان کانئس گهڻو زور وارو آهيان، مون کي ائين ڪرڻ گهرجي. پوءِ دوڇتيءَ تي مٿي چڙهيو ۽ اتي وڃي بيٺو، جتي هڪ دفعو اڳي رحمتِ کي ڊپ ٿيو هو ته متان ڌڪو ڏيئي دهلويءَ کي ڪيرائي ڇڏي. ابراهيم خان اتي ترسيو، مٿان دهلويءَ کي گهران ايندو ڏٺائين. دهلويءَءَ جي ڪپڙن مان سهي ڪيائين ته ڪٿي ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڀريل هو. دهلويءَ جو هڪڙو هٿ پتلون جي پاڪيٽ ۾ پيل هو. ڪجهه الاپيندو دوڇتيءَ تي چڙهيو. دهلويءَ جي آلاپڻ ابراهيم خان کي نرم ڪيو، ۽ چيائين ته احمق هن وقت ڇو ٿو ڳائي! +دهلويءَ ماٺ ڪئي، ابراهيم خان کي چيائين ته هن وقت هتي ڇا ٿا ڪريو، اڌ ڏينهن موڪل اٿوَ، وڃي پنهنجا ٻيا ڪم ڪريو. +ابراهيم خان جواب ڪو نه ڏنو، وڌي دوڇتيءَ جو در بند ڪيائين. دهلويءَ ڏٺو ته هڪ هٿ ٻڌو پيو هوس. عجب کاڌائين ته مطلب ڇا هوندس. +ابراهيم خان چيو، هاڻي دوبدو ٿيا آهيون، تنهنجا پئسا ۽ تنهنجي جوءِ توکي مون کان وڏو ماڻهو ڪين ڪندا، ۽ منهنجي غريبي مون کي هيٺ ڪين نيندي. دهلويءَ پڇيس ته: هن قصي جي معنيَ ڪهڙي؟ ترس، ترس، ڇوڪر، ٻه ڀيرا خيال ڪري مون جهڙي ماڻهوءَ کي بيعزت ڪرين ها. مون کي ڪهڙو خوف ٿيندو. ڌنڌو منهنجو ناس ڪري چڪين مون کي پئي ڇنڀيو اٿئي، اڄ سڄي شهر جي اڳيان مون کي بيمانو ڪيو اٿئي. +دهلويءَ خار کائي چيس ته: ڪهڙو ضرور هو تنهنجي اڄ گورنر صاحب جي اڳيان اچڻ جو؟ +منهنجي اتي اچڻ جو ضرور هو، جهڙو تنهنجي اچڻ جو. تون ڇوڪرا! مون سان ائين ٿو ڳالهائين، ڪاوڙ ۾ پيشاني جون نبضون ئي چڙهي پيس. +تو گورنر صاحب جي بيعزتي ڪئي. مان مئجسٽريٽ آهيان، منهنجو ڪم هو توکي بند ڪرڻ. +لٿي پٿي مان تو جهڙو راج ڀڳت ته آهيان. +دهلويءَ چيو ته: مان هت ڪو توسان بحث ڪرڻ ڪونه آيو آهيان. ٿورو ترسندين ۽ ٿڌو ٿيندين ته ائين سمجهندين جيئن مان ٿو سمجهان. +تون شايد پهرين ٿڌو ٿين. اسين هينئر هتي بيٺل آهيون، صبح جو جا ملهه مون سان وڙهين، سان هتي پوري ڪنداسون. هيءَ دوڇتي ويهارو فوٽ مٿي آهي، جيڪو اسان مان ٻئي کي هيٺ ڦٽو ڪري سگهيو، تنهن جيتيو. پوءِ ڀلي اهو هيٺ وڃي پڪاري ته ٻيو اتفاقاً ڪري پيو، يا سچي ڪري ته مون هيٺ ڪيرايو اٿس. مان جو توکان وڌيڪ زور وارو آهيان، سو مون هڪڙي پنهنجي ٻانهن ٻڌي ڇڏي آهي. ائين چوندي دهلويءَ کي جنبي ويو. +دهلويءَ کي ڳالهائڻ جي فرصت ڪانه ملي. ابراهيم خان سان ٻکين پئجي ويو. ٻنهي جي ڪوشش اها هئي ته هڪٻئي کي هيٺ ڦٽو ڪريون. ابراهيم خان سڄي هٿ سان دهلويءَ ڳٿر کان ورتو، ۽ دهلويءَ ٻنهي هٿن سان ابراهيم خان کي ڳٿر کان پڪڙيو. ڪجهه وقت پاڻ ۾ اٽڪيا رهيا. +هڪٻئي کي خوب ڌوڻيائون. ڪڇيو زبانان نه هن، نه هن. ابراهيم خان ڀاري مڙس هو، پنهنجي وزن سان ئي دهلويءَ کي نهوڙي پٽ داخل ڪيائين، پر ابراهيم خان جو هڪڙو هٿ ٻڌل هو، جنهنڪري دهلوي پاڻ ڇڏائي وري اُٿي کڙو ٿيو، پر وري ٻکين پئجي ويا. +ابراهيم خان ڦيري کارائي دهلويءَ کي ذري گهٽ هيٺ ڪيرايو هو، پر دهلوي، ابراهيم خان کي چنبڙي پيو. ابراهيم خان ڪيتري به پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، فتحياب نه ٿيو. ڪناري کان جڏهين پر�� هٽيو، تڏهن دهلويءَ ڇڏيس. جي ابراهيم خان جي هڪڙي ٻانهن ڇٽل هجي ها ته پڪ دهلويءَ کي ڪيرائي ماري ڇڏي ها. ٻئي وري پيرين ڀر ٿيا. ابراهيم خان ڏائيءَ سٿر سان ڌڪي دهلويءَ کي وري ڪناري ڏي کڻي ويو، ۽ هٿ منجهائيس نه ڪڍيو. جيسين ته دهلويءَ جو مٿو ۽ هڪڙي ٻانهن ڪناري تان هيٺ لٽڪيا. +اتي ابراهيم خان چيو ته جيڪو جهڳڙو تو مون سان اڄ صبح جو سٽيو، تنهن جي آخر هيءَ آهي. تنهنجي حياتي منهن جي هٿ ۾ آهي. +دهلويءَ چيو ته: بيشڪ تون منهنجي حياتي وٺ. گهڻو وقت پئي اها خواهش ڪئي اٿئي. +ابراهيم خان جي اک دهلويءَ جي اک سان گڏي چيائين، او دهلوي! اها ڳالهه برابر نه آهي ته مون ڪو تنهنجي حياتي وٺڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڪنهن وقت جيترو مون توکي پيار ڪيو آهي، اوترو ڪنهن بندي بشر ڪنهن ٻئي کي پيار ڪيو هوندو؟ ۽ هاڻي جيتوڻيڪ مان توکي مارڻ آيو هوس، منهنجي دل نٿي چاهي ته مان توکي ڪو ايذاءُ پهچايان. وڃ، وڃي مون کي جهلائي ۽ جيڪي وڻيئي سو ڪر _ مون کي ڇا ٿيندو، تنهنجي مون کي پرواهه نه آهي. ائين چئي ابراهيم خان، دهلويءَ کي ڪناري کان اورتي سلامت ڇڏي، پاڻ وڃي ڪن ڳوڻين تي چڙهي ويٺو پڇتاءُ منهن ۾ پئي بکيس. دهلوي جنهن وقت ماٺ ۾ ابراهيم خان ڏي نهاري، ٿورو ٿڌو ٿي، هيٺ لٿو. ابراهيم خان جيڪر سڏيس ها، پر همت نه ٿيس. تان جو دهلوي نڪري ٻاهر هليو ويو. +ابراهيم خان کي ڏاڍو شرم وٺي ويو ۽ پاڻ کي ڦٽڪار ڪيائين. دهلويءَ سان دوستيءَ جو وقت ياد پيس. ڪيئن دهلويءَ جي تجويز، چالاڪيءَ، حليمائي ۽ صوفي کيس موهت ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن وقت دهلويءَ، ابراهيم خان کي ائين ٿي قبضي ۾ رکيو، جيئن هوشيار سارنگيءَ وارو، سارنگيءَ جي تندن کي رکي. اهڙن خيالن ۾ ابراهيم خان، جو ديو مڙس هو، تنهنجو چهرو زال جهڙو ٿي ويو، ٻڌائين ته هيٺ دهلويءَ جي گاڏيءَ جي جاءِ جو در کليو ۽ گهوڙو گاڏيءَ ۾ ٻڌو ويو. پر انهيءَ جو ڪو خيال ڪونه ڪيائين. ويٺو رهيو تان جو سج ڍرڪڻ لڳو، پوءِ اٿيو، مٽي ڪپڙن تان ڇنڊي لٿو چوڻ لڳو، ڪڏهين ته منهنجي لاءِ ڏاڍو خيال هئس. هاڻي هميشه لاءِ منهنجي لاءِ ڌڪار رهنديس. +ڏاڍي مرضي ٿيس ته رات جو وٽس وڃان ۽ پنهنجي چريائي لاءِ معافي وٺانس، پر ياد آيس ته دهلويء گاڏيءَ ۾ چڙهي ٻاهر ويو هو، ۽ هيٺ خبر به مليس، ٻه _ ٽي ڪوهيءَ تي دهلويءَ کي ضروري سڏ ٿيو هو، ۽ دهلوي اوڏانهن روانو ٿيو هو.خيال ڪيائين ته دهلويءَ منهنجي حملي جي ڳالهه ڪنهن سان ڪانه ٿي ڪئي، ڏسجي، تنهنڪري دهلويءَ جي گهر ڪونه ويو، پر دل ۾ ڏاڍو بيزار هو. شهر ۾ پئي آيو ويو، تان جو دهل دمامن جو آواز ٻڌائين. پهريائين خيال ٿيس ته شايد گورنر صاحب جي اچڻ کي شرف ڏيڻ لاءِ بئنڊ وڄرائي اٿن ۽ بئينڊ وڃي ٻڌان ،پر جهٽ بئنڊ بئنڊ جو سڀ خيال ڇڏي ويس، رڳو هاءِ هاءِ پئي ڪيائين، ته مون اڄ ڪهڙو نه خراب ڪم ڪيو آهي! + + +باب ٻٽيهون + +ابراهيم خان سان جُڌ پوري ڪري، دهلوي سهڪندو هيٺ لٿو هو. ارادو اهو هوس ته گهوڙو گاڏيءَ ۾ ٻڌي ميرواهه جي رستي تي، جتي ڪو ڪم هوس اتي وڃان. پنهنجي سڀني ماڻهن کي موڪل ڏني هئائين. ابراهيم خان سان خوفناڪ لڙائي ٿي هيس. گهر وڃان تنهن کان اڳي، مطلب هوس ته ٿڌو ٿيان ۽خيال ڪريان ته ابراهيم خان سان ڪهڙي هلت ڪريان. +گاڏيءَ ۾ چڙهي گهوڙو هڪليائين ٿي ته هڪڙو ماڻهو خط کڻي آيس ته کاڻ جي طرف ضرور بالضرور اچو. انهيءَ ڪري کاڻ جي طرف روانو ٿيو. گهر نياپو ڪونه موڪليائين ته کاڻ جي طرف ٿو وڃان. هي خط جو آيو هوس تنهن تي صحيح ڪانه هئي تن اُهو خط لکيو هوس. ارادو هون ته دهلوي انهيءَ سرگس وقت شهر ۾ نه هجي. خانزا��يءَ لاءِ گهڻو خيال نه هونِ، پر چيائون ته جي ڪن، سي پائين ۽ نه ٻيا. +اٺين بجي کن خانزادي هيٺ ڊرائينگ روم ۾ ويٺل هئي، خط جي ابراهيم خان کي لکيا هئائين، سي سڀ ناس ٿي ويا هئا، تسلي هيس ته هاڻي ڀوُ ڀولو ڪو نه ٿيندس. ڏينهن جو دهلويءَ جي هر طرح فتح ٿي هئي. ابراهيم خان اُرهه زوراوري ڪئي هئي، پر دهلويءَ هٽائي سڌو ڪري ڇڏيو هوس. +انهن مٿين خيالن ۾ هئي ته پري کان ڪجهه گوڙ ٻڌائين. عجب ڪونه لڳس. ماڻهن کي اڌ ڏينهن موڪل هئي، ۽ ماڻهن هنڌ هنڌ پاڻ کي پئي خوش ڪيو. پر ڀر واري گهر جي نوڪرياڻي مٿان ماڙيءَ تان ٻيءَ نوڪرياڻيءَ کي چيو ته ٻه بوتا گڏهه تي گڏ چاڙهي هتان ٿا لنگهن، اهي بوتا هڪٻئي جي پٺيان ويهاريا اٿن، سندن ٻانهون گڏ ٻڌل آهن، زال جو منهن گڏهه جي منهن ڏانهن آهي ۽ مرد جو منهن گڏهه جي پڇ ڏانهن. +ٻيءَ نوڪرياڻيءَ پڇيس ته ڪن ڏي اشارو ٿا ڪن؟ +اشارو ته ڀر واريءَ گهر ڌياڻيءَ ڏانهن آهي. +خانزاديءَ اها گفتگو ٻڌي، پيرن ڀر کڙي ٿي بيٺي ته رحمت اندر گهڙي آئي. رحمت چيو ته مان اندر هلي آئي آهيان چتائڻ کان سواءِ، انهيءَ ڪري ته مون سمجهيو ته اوهان جون دريون کليل هونديون، جي مان اچي بند ڪنديس. ائين چئي دريون بند ٿي ڪيائين ته خانزاديءَ جهليس، خانزاديءَ دريءَ کان ٻاهر نهاريو، ايتري ۾ سرگس وارا به خانزاديءَ جي گهر جي ڀر مان اچي لنگهيا، خانزاديءَ چيو ته هي ته مون تي ٺٺولي ڪئي اٿن، بوتو منهنجو ۽ بوتو هن جو بنيل آهي، هيءَ ته شهرت به شهرتن جهڙي ٿي! +منهن تي موت جي هيڊاڻ چڙهي ويس. +رحمت جو منهن ڏيکاريس ته رحمت کي هن قصي جي خبر هئي. +رحمت چيو، پيا جک مارين، دريون بند ڪري ڇڏيو. +خانزاديءَ چيو، دريون بند ڪرڻ مان ڇا ٿيندو. دهلوي سڀ سڻندو يا ڏسندو. آيو ڪي آيو _ ڏاڍو ڏک ٿيندس _ مان ته نه بچنديس. +رحمت کي ڏاڍو ڏک ٿيو، چري ٿي پيئي. چيائين ته: اهڙو ڪو ڪونهي، جو هيءَ بيرحمن جي مسخري بند ڪري؟ آهي ڪو اهڙو مئو، جيئرو، جو هن وقت مدد ڪري! +خانزاديءَ کي ڇڏي رحمت در ڏي ڊوڙي ته ڪنهن کي چوان ته هيءَ ماڻهن جي مستي بند ڪرائي. +خانزادي اٿي وڃي وري دريءَ تي بيٺي. بتيون، دهل، شرنائيون، ڪنجهيو، ناچ سڀ موجود هئا. ڏاڍي ڌوم ڌام ساڻ سرگس سٽِل هو، شڪليون به ائين ٺاهيو ويئون هٿيون، جو گهڻا سڃاڻي سگهن. +رحمت موٽي اچي خانزاديءَ کي دريءَ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر خانزادي هي حيرت جهڙو رنگ ڏسي مورڇا ٿي ڪري پيئي. مرگهيءَ جون نشانيون منجهس نظر آيو. نوڪرن تماشو پئي ڏٺو. رحمت، خانزاديءَ کي ريڙهي ڪوچ تائين پهچائڻ به مشڪل ٿيو. +نيٺ رسويو ۽ حمال اچي نڪتا. بتيون ٻاري خانزاديءَ کي کڻي سندس ڪمري ۾ بستري داخل ڪيائون. رحمت ڪپڙا بدلايس. خانزادي سامت ۾ آئي، پر وري فِٽ جو غلبو ۽ جوش ٿي ٿيس. ۽ بيهوش ٿِي ٿي ويئي. +ڊاڪٽر ترت ڪوٺايو ويو. ڊاڪٽر به پنهنجي در تي تماشو پئي ڏٺو. خانزاديءَ کي تپاسي، رحمت کي چيائين ته خانزاديءَ جي بيماري سخت آهي. +رحمت چيو ته خانزادي بلڪل چڱي ڀلي هئي، هينئر بيهوش ٿِي ٿي وڃي، پر بود آئي ته بس. +ڊاڪٽر چيو، خانزادي گرڀڻي ٿي ڏسجي، هي فِٽ شايد ٻار ڪيرائي ڇڏيس. دهلوي صاحب کي گهرائڻ گهرجي. دهلوي صاحب ڪيڏي ويو آهي؟ +پڇا ڪيائون، چيائون ته ميرواهه جي رستي ڪنهن ٿوري پنڌ تي، ڪنهن ڪم، گاڏيءَ ۾ چڙهي ويو آهي ۽ جلد اچڻ وارو آهي. +ڊاڪٽر چيو ته: ترسبو نه. ڪو ماڻهو موڪليو جو جلد وٺي اچيس، متان ڪنهن سبب چُرڪ ڪري. +ڊاڪٽر خانزاديءَ جي بستري وٽ ويهي رهيو. ماڻهو گهوڙي تي دهلوي صاحب کي وٺڻ روانو ٿيو. +ابراهيم خان به سرگس ڏٺو، بوتا سڃا��ائين. عجب کاڌائين ته ماڻهن کي خبر ڪيئن پيئي! رحمت جي گهر ويو. ٻڌائين ته رحمت، خانزاديءَ وٽ ويل آهي. سرگس ڏيئي ڏاڍي چنتا ٿيس ۽ خانزادي جي گهر ڏي هليو. اتي پهچڻ تي خبر پيس ته خانزادي ڏاڍي بيمار ٿي پيئي آهي ۽ ڊاڪٽر دهلويءَ ڏي جلد موٽي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪيلو آهي، ۽ ماڻهو گهوڙي تي ميرواهه واري رستي روانو ٿيو آهي. پر دهلوي ته کاڻ جي طرف ويو آهي. ابراهيم خان چيو. ابراهيم خان نالو پنهنجو وڃايو هو. سندس گفتي تي اعتبار ڪونه ٿي ڪيائون. خانزادي ڏاڍي منتظر هئي ته دهلوي اچي ته کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، تنهن هوندي به ماڻهو کاڻ جي طرف ڪونه موڪليائيون. ابراهيم خان کي چنتا ۽ پڇتاءُ ٻنهي حيران ڪيو هو، سو پاڻ کاڻ جي طرف نڪري پيو ته دهلويءَ کي ڄاڻ ڪري. +ڪجهه وقت ته ڪو ڪونه گڏيس. نيٺ هڪري گاڏي دوريءَ کان نظر آيس.، سهي ڪيائين ته دهلوي ٿو اچي. پر رستو هڪڙي واهڻ ڏانهن ٿي ڦٽو، خيال ٿيس ته شايد دهلوي اوڏانهن لڙي، سو وڌي وڃي گهٽ تي بيٺو. دهلويءَ گهوڙو ڍرو ڪيو. پاسي تي واهڻ ڏانهن لڙيو. ابراهيم خان رڙ ڪري چيس ته گهر هلو، جو خانزادي بيمار آهي. دهلويءَ کي ابراهيم خان جي تازي حُڌ ياد هئي، هن سمجهيو ته ڪو برو مطلب هوس گهوڙي جون واڳون تاڻيائين، ۽ زور سان واهڻ ڏانهن گهوڙي کي هڪليائين. +ابراهيم خان گهڻو ئي پڪاريو، پر دهلويءَ نه ٻڌس. دهلويءَ آهستي چيو ته: هي تنهنجو فن ۽ فريب آهي. شام جو مونکي نه نهوڙيئي، هاڻي ساٿي ڪري پورو ڪرڻ ٿو گهرينم. +ابراهيم خان ڏاڍو ڊوڙيو، ۽ چيائينس ته مان اهڙو خراب نه آهيان، جهڙو تون وسهين ٿو، خانزادي بيمار آهي، گهوڙيسوار ميرواهه جي رستي ڏي موڪليو اٿن، منهنجي دل اڃا توڏانهن سچي اٿئي. پر دهلويءَ کي، ابراهيم خان جي سانجهن واري لڙائي ڪيئن وسري؟ خانزادي گر ڀڻي هئي، پر اڃا پيشينءَ جو چڱي ڀلي ويئي هئي. ابراهيم خان تي اعتبار نه ڄميس. ابراهيم خان جو ڊوڙندو ڏٺائين، ته سو گهوڙو وڌيڪ تيز ڪري ويندو رهيو. +ابراهيم خان پُٺ تي وريو. چيائين ته دهلويء جلد موٽيو ۽ مون کي ڏٺائين ته شڪبو، انهيءَ ڪري شهر ڏي کڙي کنيائين. +شهر پهچڻ کان پوءِ وري دهلويءَ جي گهر ويو، ۽ خانزاديءَ جي تندرستيءَ جي خبر پچيائين. رحمت ۽ ٻيا ڊوڙندا گڏيس. سڀ ڳڻتيءَ ۾ هئا. هن سمجهيو ته دهلوي آيو آهي، پر دهلوي ته ڪونه هو، هو ابراهيم خان. +ڊاڪٽر، ابراهيم خان کان پڇيو ته: تُون گڏئينس، ڪين؟ خان چيو ته: هائو ..... وڌيڪ مان اوهان کي چئي نٿو سگهان. دهلوي ڪجهه وقت کان پوءِ ايندو. +ڊاڪٽر مٿي چڙهيو. ابراهيم خان، رحمت کان پڇيو ته خانزادي ڪيئن آهي. +رحمت چيو، خانزادي جي بيماري جوگهڻو خطرو رکڻ گهرجي. هن کي ڏاڍي چنتا آهي ته مڙس سان گڏجان. ويچاري _ مان ڀانئيان ته بچندي ڪين! +ابراهيم خان آهستو ٻاهر نڪري، پنهنجي گهر ڏانهن ويو. غور ڪيائين ته خانزادي منهنجي ۽ دهلويءَ جي چڙهت ڪري ٿي جان وڃائي. ڏاڍو ارمان ٿيس. پر هن وقت بيوس هو. رحمت جو خانزادي لاءِ پيار ڏسي، رحمت کي وڌيڪ ڀانئڻ لڳو. چيائين ته رحمت چڱي نرمل سچي ڇوڪري آهي. منهنجي ڌيءُ نه آهي پر مان ته جيڪر پنهنجو ٻار ڪري ڀانئيانس. هي خيال رحمت بابت پهريون ڀيرو ٿيو هوس. +دين محمد ستو ٿي ته ابراهيم خان وڃي گهر پهتو. دين محمد چيس ته: خانزاديءَ کي ڏاڍو ضرر پهچي ويو آهي. +ابراهيم خان کي شڪ ڪونه پيو ته ڪو سرگس ۾ دين محمد جو هٿ هو. تنهن چيو ته، هائو، خانزاديءَ کي وڏو صدمو پهتل آهي. +ابراهيم خان پنهنجي ڪمري جو در ٿي پاتو ته دين محمد چيس ته هڪڙيو ماڻهو اوهان جي لاءِ هت آيو هو، پٺاڻ ٿي ڏٺو، ��الو ڪو نه ڏنائين، ۽ نڪي ڪو نياپو به ڏنائين. +ابراهيم خان چيو ته: پوءِ مان به سندس خيال ڇو ڪريان؟ ائين چئي ڪمري ۾ اندر ويو. +دهلوي جو واهڻ ڏي لڙيو، سو ڏيڍ ڪلاڪ کن لڳي ويس. جڏهن موٽي آيو، ۽ خانزادي جي حالت ڏٺائين، تڏهن ابراهيم خان تي شڪ نيڻ کان، اتي شرم آيس ۽ اتي ڏک ٿيس. +خانزادي دهلويءَ جي اچڻ ڪري بهتر ٿي. دهلوي پاسي ۾ ويهي رهيس. خانزاديءَ سرگس جي ڳالهه ڪرڻ لڳيس، پر دهلويءَ جهليس، چيائينس ته: وڌيڪ چڱي ڀلي ٿين ته پوءِ ڳالهه ڪج. +دهلويءَ کي سرگس جي بنهه خبر ڪانه هئي. خانزاديءَ جي بيماريءَ ۽ ٻار ڪيرائڻ جي ڳالهه سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي، جن سرگس ڪڍيو هو، تن کي به خانزاديءَ کي جو نقصان پهتو، تنهن جي خبر ٻڌي پشيماني ٿي هئي، جي خانزاديءَ وٽ حاضر ٿيا، تن ته اصل ڪوبه ذڪر دهلوي صاحب سان ڪونه چوريو ته متان دهلوي صاحب کي ڏک ٿئي. +خانزاديءَ پوءِ رات جو ڪيتري ڳالهه مڙس سان ڪئي، ۽ ڪيتري نه، سو چئي نٿو سگهجي، دهلويءَ جي ڳالهائڻ مان پوءِ خبر ٿي پئي ته حيدرآباد ۾، جو رستو خانزاديءَ جو ابراهيم خان سان ٿيو هو، تنهن جي ڪجهه خبر ٻڌائي هئائينس. پوءِ جو ميرپور ۾ آئي هئي، ابراهيم خان سان شادي ڪرڻ، ۽ دهلويءَ کي ڏسي ساڻس عشق ۾ اڙجي ويئي، ۽ پاڻ ابراهيم خان سان وعدي شڪني ڪئي هئائين _ تنهن جو پتو ڏنائينس يا نه، تنهن جي ڪل رڳو دهلويءَ کي ئي رهي، ۽ نه ڪنهن ٻئي کي. +ابراهيم خان کي رات جو ننڊ بنهه نه آئي. انهيءَ ڪري دهلويءَ جي گهر جي آسپاس پئي آيو ويو. رحمت ته هينئر ڏاڍو آرو ٿيو هوس، ٿورو وقت اڳي ته سندس پاڇو ئي نٿي وڻيس. چئين بجي ڌاري پاڻ جهلي نه سگهيو، وڃي در تي جهيڻي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. نوڪر نڪري آيو، پڇائينس ته: منهنجي ٺڪ ٺڪ ته خانزاديءَ کي هلاک ڪين ڪيو؟ +نوڪر جواب ڏنو ته: ڪا ٺڪ ٺڪ هن کي هلاک ڪين ڪندي، هوءَ جهان ڇڏي ويئي آهي! + +باب ٽيٽيهون + +ابراهيم خان گهر ويو. صبح ٿيو، باهه ٻاري وٺيو ته سندس در تي آهستي آهستي ٺڪ ٺڪ ٿي در کوليائين ته رحمت بيٺي هئي. رحمت اندر آئي، غمگين ۽ زرد روُ ٿي ڏسڻ ۾ آئي. +رحمت چيو ته: اوهان ٻڌو آهي ته خانزاديءَ جو قضيو ٿي چڪو آهي. +ابراهيم خان چيو، مون کي خبر آهي، مان اتان آيو ئي هاڻي آهيان. مهرباني تنهنجو تو به اچي مون کي اها خبر ڏني آهي. تون ٿڪي پيئي هوندينءَ. سڄي رات جاڳي آهين. اڄ صبح جو مون وٽ رهي پئو. ٻئي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪر. ماني تيار ٿو ڪريان، تيار ٿي ته توکي سڏ ڪندس. +ابراهيم خان ۽ پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ، رحمت ائين ڪرڻ قبول ڪيو. رحمت به اڪيلي هئي، ۽ ابراهيم خان به هينئر آدُر ڏيڻ لڳو هوس. ٻئي ڪمري ۾ هڪڙي کٽ پيل هئي، تنهن تي ليٽي پيئي. ابراهيم خان جي مانيءَ جي تياري جا آواز ٻڌائين پئي.پر خيال سڄو خانزاديءَ جي قضيي تي کتل هوس. ننڍي نيٽي هئي، ٻار ڄڻي ها. سندس موت دکدائڪ لڳس. ائين خيال ڪندي ڍنئڪو لڳي ويس. تيتري ۾ ابراهيم خان ماني تيار ڪئي. پر ڏٺائين ته رحمت جي اک لڳي ويئي هئي. تنهنڪري سڏ ڪو نه ڪيائينس. ديڳڙو چلهه تي رکي ويهي رهيو. رحمت بنسبت خيال گهڻو ڦيرو کاڌو هوس. هن وقت رحمت کان سواءِ حياتي ڪاٽڻ ئي مشڪل ٿي لڳس. +در تي ٻيو ٺڪاءُ ٿيو. پسند نه آيس ته ڪو ٻيو هن وقت اچي. پر اٿي در کوليائين. هڪڙو مضبوط پٺاڻ نظر آيس. +سلام عليڪم! ابراهيم خان آهين، جنهن سان مان گفتگو ٿو ڪريان؟ +هائو، منهنجو نالو ابراهيم خان آهي. +مان اوهان سان ٻه ٽي گفتا ڪرڻ ٿو گهران؟ +بيشڪ، اندر اچي ويهو. +اوهين مون کي سڃاڻو ٿا؟ +ابراهيم خان خيال سان نهاريس، پر چيائينس ته نه، مان اوهان کي ڪونه ٿو سڃاڻان. +منهنجو نالو شير خان آهي. +ابراهيم خان جي منهن مان رت ئي گهٽ ٿي ويو. هيٺ نهاري، چيائين ته نالي جي مون کي چڱي يادگيري آهي. +شير خان چيو، پندرهن ڏينهن مون اوهان جي ڳولا پئي ڪئي آهي. نيٺ اڄ مان هتي آيس ۽ پتو پيم ته اوهين هن هنڌ رهندا آهيو. ويهه ورهيه اڳي جيڪي اوهان جي منهنجي وچ ۾ ٿي چڪو، تنهن بنسبت پڇا ڪرڻ آيو آهيان. اسان جي وچ ۾ جو قصو ٿيو، سو ته بلڪل عجيب هو. ان بابت جيڪي به ٿورو چئجي اوترو چڱو. +ابراهيم خان چيو، عجيب قصو! اهڙي قصي کان وڌيڪ خراب قصو ٿي ڪو نه سگهندو. مان چئي نه سگهندس ته مون کي ڪو اوهين گڏيا هئيا. انسان آهي، سندس سرت. مان تڏهن بلڪل بي سرتيو هوس. +شير خان چيو، اسين ٻئي ننڍا ۽ خام هئاسون. مان ڪو حجتون اٿارڻ ڪونه آيو آهيان. ساز ڪرڻ، ويچاري حليمان هن جو حال ڪهل لائق هو. +ابراهيم خان چيو، بلڪل ڪهل لائق. +شير خان چيو ته حليمان پيار ڪندڙ، سچي ۽ سادي زال هئي، جنهن کي چالاڪ چئجي سا ته اصل نه هئي، اهڙي سادي هئي جو سمجهائين ٿي ته سندس ناتو وري ابراهيم خان سان نٿو ٿي سگهي. پاڻ سموري اٻوجهه ۽ سلڇڻي هئي. +ابراهيم خان چيو، مون کي حليمان جي اطوارن جي خوب خبر آهي، اڃا شير خان ڏانهن نهاري نٿي سگهيو. +شير خان چيو، مون کي به دل نه ٿي ته چوانس ته جيڪڏهن تون گهرين ته آءٌ توکي ابراهيم خان سان نڪاح ڪرڻ لاءِ طلاق ڏيان. مون سمجهيو ٿي ته مون وٽ هوءَ وڌيڪ سکي رهي سگهندي، ۽ هئي به مون وٽ تحقيق سکي. اوهان جو ٻار گذر ڪري ويو هو، کيس ٻيو ٻار ڄائو هو، خيريت جو پئي وقت گذريو، جيسين هن کي اوهان جي پراڻي محبت جو پور نه پيو. بس، جنهن وقت هن کي اهو اوٽار پيو ته ڪنهن طرح آءٌ مڙس وٽ وڃان، انهي کان پوءِ مون هن کي پاڻ سان کلندو ويهندو ڪو نه ڏٺو. ڳرندي سڙندي ويئي. مون کي سمنڊ جي مسافريءَ تي وڃڻو پيو. سمنڊ تي وڏو طوفان لڳوسين. جهاز ۾ مان هوس، سو ٻڏي ويو، پر مون کي هڪڙي ٻيڙي بچائي وڌو، جنهن جي حليمان کي خبر نه رهي. حليمان سمجهيو ته مان ٻڏي ويو هوس. مون کي سنڌ ۾ آئي ويهه ڏينهن کن مس ٿيندا. رحمت جي ڪا به خبر، ڪٿي آهي؟ + + +ابراهيم خان چيو ته: حليمان ۽ رحمت ٻيئي گذر ڪري ويون آهن، شير خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، اٿي ٻه _ ٽي قدم ڪمري ۾ کنيائين، چيائين ته: جي رحمت به مئي ته منهنجا پئسا مون کي ڪهڙي ڪم ايندا؟ + +پوءِ شير خان چيو ته: ڪٿي پوريل آهن. +ابراهيم خان چيو ته: هت ويجهو قبرستان آهي، اتي ٻيئي قبرون موجود آهن. +رحمت جو قضيو ڪڏهين ٿيو؟ +ابراهيم خان چيو ته، ورهيه کن اڳي. +شير خان ڪجهه وقت وسميءَ ۾ بيٺو رهيو، نيٺ چيئين، مان اجايو سنڌ ۾ آيس. مان وري وڃان ته چڱو. مان اوهان کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ نه ٿو گهران. +شير خان موڪلائي سڌو اسٽيشن هليو ويو. +ابراهيم خان پوءِ اٿيو، عبرت لڳيس ته مون هيڏو جيئرو جاڳندو ڪوڙڪيئن ڳالهايو! پيار جو جذبو هو جنهن ايڏو ڪوڙ ڳالهرايس. رحمت سان هينئر بيحد دل هيس. هن کان سواءِ حياتي مشڪل ٿي پويس ها، پر سندس ڪوڙ ٻاراڻو هو. پر شير خان ڪوبه سوال نه ڪيس. شير خان ضرور ٻين کان به پڇا ڪندو. جي ائين خبر پيس ته رحمت جيئري جاڳندي ويٺي آهي، ته ائين موٽي اچي ڦٽ لعنت ڪندس. ابراهيم خان بلڪل ڪم ڪچو ڪيو. + + +ابراهيم خان ٻاهر نڪتو. سمجهائين ته شير خان اسٽيشن جي طرف ويل هوندو. گاڏي به صبح جو حيدرآباد وڃڻ واري هئي. ابراهيم خان پٺيائنس اسٽيشن تي ويو. شير خان، هڪڙو نانوائي، جو اسٽيشن جي ڀر ۾ هو، تنهن جي هٿ تان پنهنجو سامان کڻائي اسٽيشن تي ويو هو. ٽڪيٽ وٺي گاڏيءَ تي چڙهي روانو ٿيو، سو رنگ ڪنهن مفاصلي تان ابراهيم خان اکئين ڏٺو. ابراهيم خان گاڏيءَ کي رسيو ته گاڏيءَ هلڻ شروع ڪيو. + +شير خان، ابراهيم خان جي ڳالهه تي پورو پورو ويساهه ڪيو هو، پر ٽرين ۾ جي ڪنهن ميرپور جي ماڻهوءَ سان ڳالهه ڪري ها، ته شايد خبر پئجي وڃيس ها ته رحمت جيئري آهي، ڪجهه وقت ساندهه ابراهيم خان کي ڏاڍو خوف رهيو ته شير خان وري ڪي وريو. +ابراهيم خان گهر موٽي آيو. خيال ڪيائين ته رحمت ويئي هلي هوندي. پر نه، رحمت اڃا هاڻي ننڊ مان اُٿي هئي. +رحمت چيو، ابا، مان اڃا ليٽيس ته مون کي گهري ننڊ اچي ويئي. خانزاديءَ کي به خواب ۾ ڪونه ڏٺم. +ابراهيم خان چيو، چڱو جو تون سمهي سگهي آهين، نه ته بيمار ٿي پوين ها. +گڏجي مانيءَ تي ويٺا. خانزادي جي ڳالهه ڪيائين. رحمت اڳيئي سيل سنتوڪ واري ڇوڪري ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هاڻي جوخانزاديءَ جي قضيي جي چنتا هيس، سو سندس منهن اڳي کان به گهڻو منوهر ٿي لڳو. +رحمت ماني ڏسي چوڻ لڳي ته ابا، اوهان جي ڏاڍي مهرباني جو اوهان پنهنجي هٿن سان هيءَ ماني ٺاهي آهي. مان سستُ ٿي سمهي پيس. +ابراهيم خان چيو، مان پنهنجي ماني روز ٿو ٺاهيان. تو، مون کي ڇڏي ڏنو آهي. ٻيو ڪو به مٽ مائٽ ڪونه اٿم. پوءِ مان ماني پنهنجي پاڻ نه ٺاهيان ته ٻيو ڪير ٺاهي. +رحمت چيو، اوهين پاڻ کي تمام اڪيلا سمجهندا هوندا؟ +ابراهيم خان چيو، هائو، ڌيءُ منهنجي اڪيلائي جي ڪٿ نه ڪري سگهبي. ڏوهه منهنجو آهي، اجھ تون آئي آهين. شايد هفتو ساندهه نه اچين؟ +رحمت جواب ڏنو ته: جي اوهان جي مرضي هوندي ته مان گهڻو ايندي رهنديس. +ابراهيم خان پنهنجي مرضي صفا نه ڏيکاري. مرضي هجيس ته رحمت کي پاڻ وٽ ٽڪايان. پر ڊپ ٿي ٿيس ته متان شير خان وري اچي سهڙي، ۽ رحمت کي خبر پوي ته مون شير خان کي برغلايو آهي ۽ پوءِ متان رحمت ڏمرجي! +ماني کائي رهيا. ابراهيم خان جي ڪم تي وڃڻ جو وقت ٿيو، رحمت موڪلايو، ۽ چيائين ته مان وري وري پيئي اينديس. +ابراهيم خان دل ۾ چيو، رحمت جو پيار مون تي هن وقت ايترو آهي، جيترو منهنجو هن تي. پر شايد سانجهين کان اڳي شير خان وري اچي وڃي، پوءِ قصو ئي ڦري پوي. + + + + +هيءُ خيال وري وري ابراهيم خان کي پئي آيو. ابراهيم خان جي طبيعت جو طور هاڻي سرڪشيءَ ۽ غفلت جو نه هو. چيئي ڏٺو هئائين ته جيڪي به حياتي ۾ مٺو ٿي لڳيس، سو هٿان نڪري ويو هوس. ڪو ڪو نه رهيو هوس، جو جيڪر کڻي دلداري ڏئيس. يا جنهن جي ڏٺي پاڻ پرسن رهي. حليمان رضا ڪئي هئي. دهلوي ۽ رحمت ٻنهي کان پاڻ پري ڪيو هئائين، پنهنجي بدهلت کان. راڳ جو ڏاڍو شائق هو. راڳ ۾ محو ٿي ويندو هو، پر هاڻي پئسي جو ٻل ڪو نه هوس، جو راڳيندڙ گهرائي راڳ ٻڌي. سندس لاءِ هر پاسي اوندهه هئي. مٿس ڪن کليو پئي، ۽ ڪن کي ڪهل پئي آئي. اها سڀ ڳڻڳوت ڪري ڏاڍي دک ۾ ٿي رهيو. + +رحمت، ابراهيم خان جو هي حال سڀ پروڙيو، چيائينس، ابا، اوهين ڏاڍا ملول ٿا گذاريو، مان اوهان کي اڪيلو نه ڇڏينديس، جي اوهان کي پسند اچي ته مان اچي اوهان وٽ رهان، ۽ اوهان جي خدمت ڪريان؟ +ابراهيم خان چيو، رحمت، جي تون مون وٽ رهندينءَ ته مان ڏاڍو خوش ٿيندس، پر تون جي اچين؟ +رحمت چيو، مان اينديس. +ابراهيم خان چيو، مان جو اڳي توسان سخت هليو آهيان سو توکي وسرندو ٿي ڪين؟ +رحمت چيو، مون اڳيئي وساري ڇڏيو آهي، انهي بابت ڳالهه ڪرڻ جو ضرور ڪونهي +رحمت ويئي، ابراهيم خان صفا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ وارن کي ڪنگو ڏنو، ۽ هٿ منهن ڌوئي پنهنجي جوڙيندڙ اڳيان سجدو ڪيو. + +باب چوٽيهون +ابراهيم خان کي، شير خان وري اچي وارد ٿيڻ جو ڏاڍو خطرو ٿي رهيو. دل ۾ ئي چيائين ته آيو ڪي آيو. +پر شير خان ڪونه ڪو آيو. رحمت سمهجيو ٿي ته مان ابراهيم خان جي ڌيءُ آهيان، جنهنڪري هاڻي اچي دل سان وٽس رهي. +دهلويءَ کي ٿوري وقت ۾ خبر پئجي وئي ته خانزادي جي اوچتي بيماريءَ ۽ موت جو ڪارڻ ڇا هو. پهريائين جذبو آيس ته مقدمو ڪري سرگس ڪڍندڙ کي سيکت ڏياريان. پر ڏٺائين ته ڪو اُنهي اهڙي نتيجي جي اڳڪٿي ڪانه ڪئي هوندي. گهڻو ڪري ماڻهو پوري خيال ڪرڻ کان سواءِ ڪم ڪن ٿا، ۽ جي ڪنهن ڪم ۾ روشنو به آميز آهي، ته پوءِ ماڻهو انهي ڪم پٺيان چريا ٿيو ٿا پون. خبر ڪانه رهيس ته ڪو دين محمد خانزادي تي ڪاوڙيل هو، جو خانزاديءَ ان جي کيس سفارش ڪانه ڪئي هئي. خانزاديءَ مرڻ کان اڳ سندس ۽ ابراهيم خان واري رستي جي ڳالهه ساڻس سربستي ڪئي هئي، جنهنڪري به سمجهيائين ٿي ته عقل جو ڪم نه ٿيندو ته انهيءَ بابت وڌيڪ رسوا ڪرائجي. خانزاديءَ جي يادگيري لاءِ، ابراهيم خان لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ عقل جو ڪم: ماٺ ٿي نظر آيس. +ابراهيم خان ۽ پاڻ ڪين گڏبا هئا دهلويءَ ۽ ٻين بورڊ جي ميمبرن هڪ ننڍو ٻجن جو هٽ هٿ ڪري، ابراهيم خان کي آڇيو هو، ته اُن جي وسيلي گذران ڪري، جو ابراهيم خان، رحمت جي ڪري قبوليو هو. دهلويءَ تي ڇتي بگهڙ وانگي حملو ڪيو هئائين. جي رحمت جو خيال نه هجيس ها ته هوند اها مدد ڪين قبول ڪري ها. +اهو هٽ رکي ابراهيم خان ۽ رحمت ڪي ڏينهن سانت ۾ گذاريو. ڪيو، دهلوي، ابراهيم خان کي ڪڏهن نظر ڪونه ايندو هو. +دهلويءَ ۾ سچي ٻوجهه، ۽ چستي _ اهي ڳڻ ڀليءَ ڀت موجود هئا. سمجهائين ٿي ته جي خانزادي جيئري رهي ها، ته هوند سندس رستو ساڻس اهڙو پيار ڀريو نه ٿئي ٿا. جهڙو اڳي هو. پر خانزاديءَ جي يادگيري گهڻو مٺي ٿي لڳيس، ۽ سندس پيڙا ۽ پڇاڙي، تن گهڻو نرم دل ٿي ڪيس. پنهنجو ڌنڌو تنهن تي هاڻي اڳي کان به گهڻو ڌيان ڏنائين. +ورهيه کن ۾ ابراهيم خان جو ننڍڙو ڌنڌو چڱو هليو. دڪان هوس به انهي ڪنڊ ۾، جتي هوا ۽ روشنائي ٻنهي جي ڪمي ڪانه هئي. ٻُڪي به چڱي هئيس، جنهنڪري وقت خيريت جو ٿي گذرين. خريد يا فروخت سو رحمت جو ڪم رهيو، ابراهيم خان دست اندازي ڪونه ڪندو هو. +رحمت جي ڪوٺيءَ ۾ ڪتاب ڳچ رکيل هوندا هئا. ابراهيم خان خيال پئي ڪيو ته چوانس ته ڪتابن تي پسئو اجايو ٿي خرچين، پر همت نٿي ٿيس ۽ نڪي دل ٿي ٿيس ته رحمت کي ڪنهن به طرح ڪاوڙايان. +حقيقت هينئن هئي ته رحمت جو اناج خريد ڪرڻ ويندي هئي يا ڪا ٻي شيءِ ڪڏهن ڪڏهن دهلوي گڏبو هوس ۽ کينڪاريندو هوس. ڪتاب جي رحمت جي ڪوٺي ۾ رکيل هئا، سي دهلويءَ موڪليا هئس، ۽ نه ته خريد ڪيا هئائين. +ابراهيم خان ته نٿي چاهيو ته ڪو رحمت دهلويءَ سان به گڏجي. هن جو مطلب هو ته هميشه وٽس پئي هجي. هڪڙي ڏينهن دهلويءَ کي رحمت کي کينڪاريندو ڏٺائين. چيائين ته مطلب اٿس ته رحمت به ڦري وڃانس. پر اتي ته منهنجي دست اندازي نه ٺهندي، مِٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ ڪرڻي اٿم. +رحمت ۽ دهلويءَ جو گڏجڻ اڃا ته رواجي طرح جو هو. ابراهيم خان جو حسد لاءِ سبب ڪونه هو. هن دفعي جي رحمت، دهلويءَ سان گڏي سو چيائينس ته مهرباني، جو ڪي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليا اٿوَ، مون کي ايترا ڪتاب شايد قبول ڪرڻ نه کپندا هئا؟ +دهلويءَ پڇيو، ڇو؟ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي ته مان توکي ڪنهن طرح ڪمائتو ٿو ٿيان. +رحمت وري به مهرباني مڃيس، ۽ وڌيڪ نه ڪڇيو. گهر رواني ٿي. +ابراهيم خان هي رنگ اکئين ڏٺو. ڏک ٿيس ته چيائين، جي انهن ٻن جي شادي ٿي ته مون کي وري اڪيلائي نصيب ۾ پيئي. مان ته ساڻن گڏ نه رهي سگهان ۽ رحمت به ڌاري ٿي پوندي. +انهن ويچارن سان ابراهيم خان، رحمت ۽ دهلويءَ تي وڌيڪ جاچ رکڻ لڳو. ڏٺائ��ن ته ڪن خاص ڏينهن تي رحمت به ٻاهر ويندي هئي، ۽ دهلوي به ساڻس ضرور گڏبو هو. +هڪڙي ڏينهن پاڻ ڀت جي آڏو بيٺو هو ته ڏٺائين ته رحمت ۽ دهلوي گڏيا. دهلويءَ، رحمت کي پيار سان کينڪاريو. +ابراهيم خان جو سک ڦٽي پيو. ڀلي ٻئي ڪنهن سان به شادي ڪري، پر دهلويءَ سان نه. ابراهيم خان جي خيال ڪري دهلوي سندس دشمن هو. ڌنڌو، مل ۽ جوءِ سڀ دهلويءَ کسيو هوس. انسان جي مغز ۾ هڪڙو ٻاهريون ڪمرو آهي، جنهن ۾ رولو، اڻگهڙيا ۽ زيانڪار خيال، تن کي ڪڏهن ڪڏهن موڪل ملندي آهي ته پلڪ ساعت گهمو ڦرو، انهيءَ کان اڳي جو جتان نڪتا آهيو، اتي موٽي وڃو. +هي خيال هن وقت ابراهيم خان جي مغز ۾ گهڙيو، مان جيڪر دهلويءَ کي وڃي چوان ته رحمت جنهن تي دل رکي اٿئي، سا نه منهنجي ڌيءَ ۽ نه قاعدي موجب ڪنهن ٻئي جي ڌيءَ آهي. اها خبر دهلويءَ کي رحمت تان دست بردار ڪري، ۽ پوءِ رحمت منهنجي ئي منهنجي ٿي رهي. +انهيءَ خيال تي ابراهيم خان جا وار کي کڙا ٿي بيٺا، ۽ رڙ ڪري چيائين، نعوذ بالله! ڇو اڃا تائين مون کي ههڙا شيطاني خيال اچن ٿا، جڏهين مان سڀڪا ڪوشش ٿو ڪريان انهن کي روڪڻ جي! + +باب پنجٽيهون + +جيڪي ابراهيم خان هن وقت ڏٺو، سو ٿورو وقت پوءِ ٻين به ڏٺو. گهڻا چوڻ لڳا ته: دهلوي صاحب رحمت سان شادي ڪندو. دهلوي گهڻو گهڻيرو رحمت سان گڏجڻ لڳو. ميرپور ۾ بلڪ حيدرآباد ۾، ۽ آسپاس ڪئين اوچا وڏا گهراڻا ماڻهو خواهش ڪرڻ لڳا ته سڱ سندس دهلويءَ سان ڪريون. ماڻهو، جي رحمت ۽ دهلويءَ جي شادي ٿيڻ جي امڪان تي خوش ٿي ڏٺا، سي اهي، جي دين محمد جا رفيق هئا. جي هوٽل ۾ گڏ ٿيندا هئا، جن سرگس جي رٿ برپا ڪئي هئي. +ابراهيم خان کي رحمت مان يا دهلويءَ مان ڪابه خبر ڪانه ٿي جڙي، جنهن مان ابراهيم خان انومان اهو ٿي ڪڍيو ته سندس اڳين هلت ڏسي، ٻنهي کي خطرو ٿي ٿيو ته ابراهيم خان سندن شاديءَ ۾ اٽڪ وجهندو ۽ ٻنهي جي اها مرضي هئي ته ابراهيم خان سري پاسو ڪري ته چڱو. ابراهيم خان اڳيئي جو ملول هو، سو انهي خيال تي آقي باقي به ڳڻتي ۾ پئجي ويو، اهڙي اوستا ٿيس جو روز مره رحمت سان گڏجڻ ئي نٿي وڻيس. تندرستي به گهٽجي ويس، ۽ اڳي کان زود رنج به ٿي پيو. اِڇا اها ٿيس ته: جن کي نه کپان، تن کان ٽري پاسو ڪريان. +وري خيال ٿي آيس ته: جي رحمت ۽ دهلويءَ شادي ڪئي ته ڪو مون کي هروڀرو ڌار ڪونه رهڻو پوندو. مون کي شايد جدا ڪمرو ڏين، جتي مان خوش گذاريان، ۽ پاڻ ٻين ڪمرن ۾ خوش گذارين. پر وري انهي خيال جي آڏو سندس هٺ ٿي آيو. گهڙيءَ ۾ چوي ته رحمت جي ڪري ڪي به سهندس. دهلويءَ جا طنعا تنڪا، مهڻا ۽ مار، گهڙيءَ ۾ چوي ته: دهلوي آهي ته اهڙو ته ڪين، دهلوي سياڻپ سان هلندو. سڄو وقت دل پئي هنيائين ته ڇا ٿيندو ۽ ڇا مون کي ڪرڻ کپي. +دهلويءَ، رحمت جا وقت جاچي ڇڏيا هئا. رحمت ٻاهر نڪرندي هئي ته گڏبو هوس. ابراهيم خان به اک ٽيٽ ڪندو ٿي رهيو. +هڪڙي ڏينهن اک ٽيسٽ ڪندي هڪڙو ماڻهو نظر آيس. جو سمجهائين ته ڪنهن کي گڏجڻ لاءِ منتظر ٿيو بيٺو آهي، ٿورو اڳتي ويو ته شير خان نظر آيس. +ابراهيم خان منجهي ڳوڙها ڳوڙها ٿي پيو. ڪجهه وقت ته سامت ۾ نه آيو، چيائين ته پڪ رحمت کي خلاصو گڏجڻ لاءِ بيٺو آهي. +رحمت ٻئي رستي اچي گهر پهتي هئي، ابراهيم خان موٽي گهر آيو ته رحمت چيس، ابا، مون کي هڪڙو خط پهتو آهي، خط به عجيب آهي، صحيح کان سواءِ! ڪنهن لکيو آهي ته مون کي اڄ منجهند جو اسٽيشن وٽ گڏجانءِ، يا سانجهين جو دهلوي صاحب جي گهر. چوي ٿو ته مان اڳي به توسان ملڻ آيو هوس، پر ٺڳي ڪري ڪنهن ٿڏي ڇڏيم. مان خط ته سمجهي نٿي سگهان. مان ڀانئيان ٿي ته دهلويءَ جي ��جويز آهي. ڪنهن مائٽ کي گهرائي، اسان ٻنهي جي شاديءَ بابت مون کي ڪجهه چورائيندو. منهنجو مطلب نه آهي ته ڪو مان وڃان، جيسين اوهان نه موڪل ڏني آهي، وڃان يا نه؟ +ابراهيم خان ڳري آواز سان جواب ڏنو ته: هائو. وڃ. +ابراهيم خان جو خيال ته پاڻ جا رحمت ۽ دهلويءَ جي شاديءَ کان پوءِ ميرپور ۾ نه رهي، سو شير خان جي اچڻ تي پورو ٿيو. ماٺ ڪري غم کائڻ تي هريل هو، هوءَ به هئي سو ٻاهران ڏيکاريائين ڪين، پر اندر ۾ پڪ ڪيائين ته ميرپور ۾ نه رهبو. +رحمت کي عبرت لڳي ويئي، ۽ رنائين، تڏهين ابراهيم خان چيس ته: رحمت مان ميرپور مان هليو وڃڻ وارو آهيان. +رحمت چيو ته: مون کي ڇڏي ويندئو. +ابراهيم خان چيو ته: هائو، ننڍڙي شاپ تون پاڻ نه سنڀالي سنگهندينءِ. +مان جيڪر پري جهنگ ۾ رهان، اتي جيڪي وڻيم سو ڪريان ۽ هت توکي به جيڪي وڻي سو تون ڪرين. +رحمت هيٺ نهاريو، ڳوڙها ڳڙي آيس، دل ۾ سمجهائين ته ابراهيم خان جو اهو ارادو ڪيو آهي. سو دهلويءَ ۽ سندس شاديءَ جي امڪان جي ڪري. +همت ٻڌي، رحمت، ابراهيم خان کي چيو، مون کي ڏاڍو افسوس آهي، جو اوهان ميرپور مان هليو وڃڻ جو ارادو ڪيو آهي، مون ڪونه ٿي سمجهيو ته اوهان کي منهجي، دهلويءَ سان شادي ڪرڻ ناپسند آهي؟ +ابراهيم خان چيو، رحمت، جا ڳالهه توکي پسند آهي سا مون کي اڳيئي پسند آهي. جي ڪي کڻي مون کي ناپسند هوندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ پر منهنجو ارادو پڪو آهي ته مان هتان وڃان هليو. جي مان هت هوندس ته سڄو قصو اڻانگو ٿي پوندو. مطلب ڳالهه جو ته اسان سڀني جو ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته مان هتان هليو وڃان. +رحمت گهڻو ئي پيار سان سمجهايس، پر نه سمجهيو ابراهيم خان جي دل ۾ جو شير خان جو خطرو هو، سو ته رحمت جي سمجهه کان هن وقت ٻاهر هو. ابراهيم خان جي دل ۾ دغدغو هو: جانئون رحمت کي خبر پيئي ته ابراهيم خان سندس ماٽيجو پيءُ آهي، تانئون ابراهيم خان لاءِ خيال گهٽ ٿيندس، ۽ جانئون خبر پيس ته ابراهيم خان هيترو وقت اها ڳالهه کانئس ڇپائي هئي، تانئون ابراهيم خان لاءِ ڌڪار ٿينديس. +رحمت نيٺ چيو، پوءِ اوهين منهنجي شاديءَ تي به ڪين اچي سگهندا ڇا؟ ائين ته نه ٿيڻ گهرجي؟ +ابراهيم خان چيو، منهنجو مطلب نه آهي ته ڪو مان اها شادي ڏسان. پر رحمت، ڪڏهين ڪڏهين مون کي ياد ڪج. تون زال ٿيندينءَ هڪڙي وڏي ۾ وڏي ۽ ڳري ۾ ڳري ماڻهوءَ جي. جڏهن منهنجي سڀني ڪچاين جي خبر پويئي، تڏهن به مون کي دليون نه وسارج. مون توکي پيار دير سان ڪيو آهي، پر توکي پيار سچي دل سان ڪيو اٿم. +رحمت سڏڪن ۾ اچي پيئي. چيائين ته هي سڀ دهلويءَ جي ڪري ٿو ٿئي؟ +ابراهيم خان چيو ته مان توکي دهلويءَ سان شادي ڪرڻ کان هرگز منع نٿو ڪريان. مان رڳو چوان ٿو ته انجام ڪر ته مون کي ڪين وساريندينءِ؟ جڏهن ابراهيم خان جو مطلب هو ته جڏهين شير خان توکي گڏجي، پنهنجو حال ڪندءِ. +رحمت ڏاڍي وياڪل ٿي. منجهانئس جيئن ڪنهن ڪل مان آواز نڪري. تيئن آواز نڪتو ته چڱو، مان انجام ڪريان ٿي. +ساڳئيءَ سانجهين جو انڌارو ٿيو ته ابراهيم خان ميرپور مان روانو ٿيو. ڏينهن جو ڇٻو خريد ڪيو هئائين. ڏاٽو ۽ ڪپ صفا ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ رسيون ٿوريون ٿوريون موجود ڪري رکيو هئائين. ڪانچ، ڪڙتو ۽ پٽڪو پهري، ڇٻو اوزارن سميت ڪلهي تي ڪري، ائين ميرپور مان ٻاهر نڪتو، جيئن ڪي ورهيه اڳي ميرپور اندر آيو هو. ميرا سيرا ڪپڙا جي دڪان تي پائيندو هو، سي اتي ڇڏيائين، ڪنهن به چو چاءِ کان سواءِ، ڳجهه ڳوهه ۾ نڪري پيو. رحمت ڪجهه مفاصلو ساڻس گڏ ويئي. دهلويءَ جي گهر جو وڃڻو هوس تنهن ۾ اڃا ڪجهه وقت هو. ابراهيم خان کان سچي دل جي دک سان جدا ٿي. منٽ ٻه ترسائي دعا گهريائينس. پوءِ موڪليائينس، پٺيان نهاري ڏٺائينس. ڇٻو ڪلهي تي کڻي ساڳيءَ ننڍي هوندي واريءَ لوڏ سان پيئي ويو. ڪانچ جا گهنج به ائين ٿِي ٿي پيس. جيئن اڳي هوندا هئيس. البت هينئر عمر جو وڏو ٿيو هو. وک جو ڀڙڪو ننڍي هوندي جهڙو نه هوس. نااميدين ضعيف ڪري وڌو هو، ۽ سندس ڪلهو ڇٻي هيٺ جان تان مڙيل ٿي نظر آيو. +ميل کن پنڌ کان پوءِ، ڇٻو هيٺ لاهي ويٺو. سڏڪن کان بت کي سخت مروڙا آيس. دل آزاريل هيس. چيائين، جي رحمت مون سان هجي ها ته بس. سخت پورهيو مون کي نه هٽائيندو، پر مون کي اڪيلائي نصيب ۾ لکيل آهي. منهنجي سزا منهنجي سهڻ کان وڌيڪ آهي. +غم روڪي، ڇٻو کڻي اڳتي وڌيو، رحمت، ميرپور ڏي موٽي. واٽ تي دهلوي اچي گڏيس. ڏينهن جو اڳي گڏيو هوس. +دهلويءَ پڇس، ابراهيم خان هليو ويو ڇا؟ تو الاجي خط جي ساڻس ڳالهه ڪئي يا نه؟ +رحمت چيو، ابراهيم خان هليو ويو. مون کي جيتري خط جي خبر هئي اوتري ٻڌائي مانس. دُرو، اهو ڪير آهي، جو مون کي تنهنجي گهر ٿو گڏجڻ گهري؟ +دهلويءَ چيو، توکي جلد انهيءَ جي خبر پوندي، ۽ ابراهيم خان کي به. +ابراهيم خان ته انهيءَ جي ٻڌڻ کان پري لنگهي ويندو. +جڏهن دهلويءَ جي گهر وٽ آيا ته ٻيئي اندر لنگهي ويا. +دهلويءَ ڊرائينگ روم جو در کوليو، ۽ رحمت کي چيو ته هي ماڻهو تنهنجي لاءِ ترسيو ويٺو آهي. +رحمت اندر ويئي. آرام ڪرسيءَ تي هڪڙو ويڪري ۽ سرهي منهن وارو ماڻهو ويٺل هو، جو ابراهيم خان وٽ ورهيه کن اڳي لنگهي آيو هو ۽ کانئس رحمت بابت پڇا ڪئي هئائين. ۽ جو جڏهن ابراهيم خان خبر ڪيس ته رحمت گذر ڪري ويئي آهي، تڏهن اڌ ڪلاڪ اندر، ميرپور مان موٽي هليو ويو هو. اهو ماڻهو شير خان پٺاڻ هو. رحمت جي پيءُ سان گڏجاڻي ڇهن ورهين کن کان پوءِ ڪهڙي ٿي هوندي، تنهن جو تفصيلوار بيان ڏيڻ ئي اجايو آهي. ٻيئي ڏاڍا نرم دل ٿي ويا. ابراهيم خان جو اڳين سانجهين جو ئي هليو ويو، تنهن جو سبب هينئر پوري طرح سڀني کي معلوم ٿيندو. +شير خان، رحمت کي هيڏي وڏي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين: ابرراهيم خان پاڻيهي هليو ويو آَهي. رحمت سان چڱي طرح پئي هليو. سندس پاڻهي وڃڻ ڪري سڀ اَٽڪ لهي ويندي. +دهلويءَ، شير خان کي چيو، اوهين جي روز مون وٽ اچو ته مان خوش ٿيان. رحمت ۽ منهنجي شادي منهنجي گهر ٿئي ته چڱو. تڪليف ۽ خرچ گهٽ ٿيندا. +شير خان قبول ڪيو ۽ چيائين، مان خوش ٿيان ها، جي ابراهيم خان به هجي ها. مان ڌاريو آهيان. رحمت جو الاجي ڪهڙو خيال آهي؟ +رحمت چيو، جيڪو اوهان جو ۽ دهلويءَ جوخيال، سو منهنجو خيال. +شير خان چيو ته: بس، جيئن دهلويءَ کي وڻي تيئن ڪري. +پوءِ شير خان ڳالهه شروع ڪئي ته ابراهيم خان کيس ڪيئن برغلايو هو. مان ورهيه کن ٿيو ته هت آيو هوس. پڇا ڪري ابراهيم خان کي گڏيو هوس رحمت جو پڇو هو مانس. چيو هئائين ته رحمت کي گذر ڪئي ورهيه ٿيا. +رحمت اتي ڪن کڙا ڪيا، ۽ ڌيان ڏيئي ڳالهه ٻڌڻ لڳي. +شير خان پوءِ چيو، مان رحمت جي موت جو ٻڌي ترسيوئي ڪين هوس. گاڏي، جا حيدرآباد ڏي ٿي ويئي، تنهن ۾ چڙهي ويٺو هوس. ابراهيم خان به خوب چرچو سٽيو هو. +رحمت کي عبرت لڳي ويئي، چيائين ته هي به ڪو چرچو؟ تڏهن ابا! سڄو ورهيه کن اوهان جي ۽ منهنجي گڏجاڻي ابراهيم خان بند ڪئي؟ +شير خان چيو، هائو، ائين ته ڪيائين، تنهن ۾ شڪ ڪونهي. +دهلويءَ چيو، ائين هرگز ڪرڻ نه کپندو هوس. +رحمت ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو، مون ڪِڏهين ڪو نه ٿي ڀانيو ته ابراهيم خان ڪو اها هلت ڪندو، هن کان مٿي ڇا ڪري سگهي ها! +شير خان جهان ديدو ماڻهو هو، تنهن کي اها وڏي ڳالهه ڪانه ٿي لڳي. هو ابراهيم خان جو پاسو وٺڻ لڳو، ۽ چيائين، مان سادو ماڻهو آهيان، ڏهاڪو حرف مس ڪڍيائين ته اوهان کي ڀنڀلائي ويندو. امڙ به اوهان جي سادي سڀاءَ جي هميشه نيڪي ڪندي هئي. +دهلويءَ، رحمت کي وڌيڪ ڪاوڙايو. +شير خان وري به چڱي مڙس وانگي رحمت جي ڪاوڙ تي ٿڌو ڇنڊو وڌو. ۽ چيو ته هاڻي اوهان جي پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه ٻولهه ڪريون. + + +باب ڇٽيهون + +ابراهيم خان ايتري ۾ اڪيلو ميرواهه واري رستي تي هلندو رهيو، تان جو ٿڪو، ۽ رستي جي ڀر سمهي رهيو. دل بلڪل بيزار رهيس کاڌي جي طلب به ڪانه ٿيس. گهري ننڊ اچي ويس. +ٻئي ڏينهن صبح جو سويل جاڳيو. ڇٻو کولي ڪجهه ٽڪر جو رات لاءِ کنيو هئائين، سو صبح جو کاڌائين، ڇٻي ۾ رحمت جون ڪي ڇڏيل شيون به يادگيري لاءِ پاڻ سان کنيون هئائين. جهڙوڪ سندس هٿ لکيل ڪاغذ، پاتل جوراب وغيره ۽ کيسي ۾ رحمت جي وارن جي گهندي به ڪاغذ ۾ ويڙهيل کنيل هيس. + + + + +انهن شين ڏي نهاري وري اهي شيون بند ڪري اڳتي هليو، پر سک نه آيس. چيائين ته رستو ڦيرائيندس. پٿوري جي مزار تي وري رهندس. اتي مون زال کي طلاق ڏيڻ جي ڪڪرم ڪيو هو. جنهن کان پوءِ مان سنئينءَ نه آيو آهيان. انهيءَ ڪڪرم لاءِ اتي وڃي توبهه ڪندس، ۽ نائب تائين جهڙو ٿيندس، پوءِ ڪنهن ڪم لڳندس. سو رستو جمڙائوءَ جي چوراسي ميل واري موريءَ ڏي وٺي هليو آيو. اتان جمرائو جي اٺهتر ميل واري اسٽيشن تي هلي اچي پهتو، جتان ٽيڪٽ وٺي پٿوري وڃي لٿو. مزار تي آيو، روزو رکي دلي نماز پڙهيائين. ٽي ڏينهن ساندهه اها هلت ڪيائين ۽ آسپاس ڪم نهارڻ لڳو. لابارا هئا. سو ڪم گهڻو هٿ آيس، پر ميرپور کان اصل دور هليو وڃڻ نه ٿي ٿيس، رحمت هر گهڙيءَ ياد پئي پيس. شادي پليءَ اچي ڪم ڪيائين. پوءِ اورتي آيو، ميرپور مرڪز ٿي پيس. جيترو دلي دکن دنيا جو ترڪ سيکاريس. تيترو ئي رحمت ۽ ميرپور ڏانهن مرڪزي ميل ٿيس. من کي ڦٽڪار به گهڻيئي ٿي ڪيائين، تنهن هوندي به من نٿي رهيس. ڪلاڪ ڪلاڪ نه، ٿورن ٿورن منٽن کان پوءِ رحمت جي يادگيري پئي پيس. چوي ته هينئر هي ويٺي ڪندي هوندي، هينئر هي، هينئر اُٿي هوندي، هينئر ويٺي، جڏهن وري دهلوي ۽ شير خان دل تي تري ٿي آيس، تڏهن رحمت جي تصوير دل تان ميٽجي ٿي ويس، جيئن ڪنهن چشمي ۾ آسپاس وڻن ۽ اُ جي تصوير، کن ۾ واچوڙي ڪري ميٽجي وڃي. + +ابراهيم خان ڪم تمام چڱي طرح ٿي ڪيو پٿوري جي مزار تائين ٿي آيو هو، جنهن ڪري روح سانت ۾ هوس. جي وري پاڻ چاڙهڻ جي ڪوشش ڪري ها ته چڙهي وڃي ها، پر الاهي قاعدو ڏاڍي قدرت وارو آهي. سندس قسمت سندس چال ۾ سمايل هئي. سندس اڳين اعمالن جي شامت نه ڇڏيس. جهان ۾ چاڙهي جا ڪم ڪري، تنهن خيال جو ذائقو يا سوادگم ٿيل هوس. رحمت جو پيار سنئينءَ آڻيس ها، پر رحمت بنسبت به شير خان وٽ ڪوڙ ڪيو هئائين، ۽ دل ۾ شڪ هوس ته رحمت هينئر منهن نه ڏيندس. ڏاٽو هلائيندي، ڏاٽو هٿان ڪري پوندو هوس، چوندو هو، ڪيترا نه ماڻهو پنهنجي وقت کان اڳي گذر ڪري ٿا وڃن، جيتوڻيڪ پنهنجي عيال ۽ ملڪ ۾ گهربل آهن. مان جو خارج شخص جلاوطن ۽ زمين تي بوجهه آهيان، مان جو ڪنهن کي نه گهرجان، جنهن کي هرڪو ٿو ڌڪاري، سو پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف پيو جيئان. +جيڪو ميرپور جي ڳالهه ڪندو هو، تنهن کي ڪن ڏيئي ٻڌندو هو. هڪڙو ڪمي ميرپور مان تازو آيل هو، تنهن کان پڇيائين ته ميرپور جي ڪهڙي خبر؟ تنهن چيس، ٻيو ته سڀ خير هو، پر هل هو ته دهلوي صاحب شادي ڪندو، اسوءَ جي 16 تاريخ، انهي خبر کان پوءِ روح نه رهيس، چوي ته مان رحمت جي شاديءَ تي وڃان. خط لکڻ به نه ٿئيس، ڇو جو پاڻ کي لڪائيندو ٿي وتيو، پر بار ب��ر رحمت جا اکر ياد ٿي آيس. رحمت چيو هوس ته پوءِ منهجيءَ شادي تي به ڪونه هوندا؟ ميرپور مان ڪنهن ڪڍيو ڪونه هوس. ميرپور، شير خان جي سوران ڇڏي آيو هو. شير خان به چڱو مڙس هو، کيس ڪنهن به صورت ڏکويو نه هئائين. پاڻ هٺي هو، هٺ وچان سمجهيائين ٿي ته دهلويءَ ۽ رحمت کي سندس ميرپور ۾ رهڻ پسند ڪين ايندو. هاڻي چوڻ لڳو. مان جيڪر هيڪر وڃي رحمت وٽ نڪران، شير خان کي برغلائڻ لاءِ معافي گهرانس. ۽ ائين هلان جو رحمت کي منهنجي هلت پسند اچي، پوءِ جي مون کي ڌڪاريائين ته موٽي ايندس. +پر اڳيان ارادا جيڪي ڪيا هئائين، تن جي ورڌ ڪيئن وڃي؟ چيائين ته: اهڙي مختلف هلت ڪري رحمت ۽ دهلوي مون کي ڪين ڌڪاريندا؟ ائين چئي سڄو پيو ٿڙڪندو هو. +ڪجهه وقت گڏ ٻڌائين، نيٺ هيڪر اوچتو کڙو ٿيو. چي، مان ضرور اسوءَ جي 16 تاريخ ميرپور ۾ هوندس ۽ شادي ڏسندس. رحمت به خوش ٿيندي. رحمت کي منهنجي غير حاضريءَ ڪري رنج ٿيندو. +ڪپڙا چڱيرا خريد ڪيائين. ويجهيءَ اسٽيشن تان ٽڪيٽ وٺي، گاڏي ۾ چڙهي ويٺو. 16 _ تاريخ پيشينءَ جو ميرپور ۾ پهتو. شام جو بئنڊ وڄندي ٻڌائين. ۽ دهلويءَ جي گهر وٽ ماڻهن جو گوڙ ڏٺائين. شاديءَ ۽ کاڌي جا تيز سعيا ٿي رهيا هئا. +همت نه ٿيس جو شام جو دهلويءَ جي گهر اندر لنگهي وڃي. ترسيو، تان جو شادي ٿي چڪي، پوءِ کاڌو شروع ٿيو. بتيون جام ٻريون. +ابراهيم خان جتي ڇنڊي، منهن ڌوئي دهلويءَ جي گهر جي پٺئين دروازي کان گهڙي اندر ويو. بورچيءَ کي خرچي ڏنائين، ۽ چيائينس ته: جيڪر رحمت کي چوين ته ٻه منٽ مان توکي گڏجڻ ٿو گهران، بورچيءَ مانائتو ويهاريس، ۽ اندر وڃي رحمت کي سندس نياپو ڏنو. +ابراهيم خان کي عجب لڳو ته دهلويءَ جي زال تازي گذر ڪري ويئي هئي، ۽ پاڻ جهان ديدو، پرهيزگار ۽ متقي ماڻهو هو، تنهن هوندي به ٻي شاديءَ تي هيترو ڏيک کڻي ڪيو هئائين، ۽ رحمت، جا به سياڻي ڇوڪر هئي، ۽ جنهن جي هلت هميشه پوشيدي ٿيندي هئي، ۽ سمجهندي هئي ته شاديءَ جون جوابداريون ڪهڙيون آهن، تنهن به دهلويءَ کي چڱي صلاح نه ڏني! +پريان اهو به ڏٺائين ته شير خان برک هو. پيءُ ٿي ٿي وتيو. +رحمت اندر اچڻ تي دهلجي ويئي، ۽ چيائين ته: ابراهيم خان! اوهين موٽي آيا آهيو؟ +ابراهيم خان چيس، هائو، مان موٽي آيو آهيان، مان دل نه جهلي سگهيس، تنهنجي شاديءَ تي اچي حاضر ٿيڻ مون واجب سمجهي، ائين چئي، هٿ کان ورتائينس، پر رحمت هٿ سندس هٿ مان ڪڍي ورتو. چيائينس، اوهان مون کي ٺڳيو آهي، منهنجي پيءُ کي برغلايو ته مان گذر ڪري ويئي آهيان، جنهن ڪري هيترو سارو وقت مان سچي پيءُ کان سڪيس. مان اوهان جهڙي ماڻهوءَ کي ڪهڙي رغبت ڏيکاري سگهنديس؟ +ابراهيم خان چپ اڌ چوريا ته سمجهاڻي ڏيانس، پر زبان نه هليس، جيڪر چويس ها ته مون کي پاڻ حليمان گمراهه ڪيو هو ته تون منهنجي ڌيءُ آهين، شير خان کي برغلايم جو توکي آتمي پيار ٿي ڪيم، روح نٿي موڪل ڏنيم ته ڪو توکي ڪو سبب هجي مون کي گهٽ ڀانئڻ جو. پر لاچار هو، ٻڙهه لڳي ويس. رحمت کي کميا ڪرڻ کپندي هئي، پر انسان ڀُلو بيٺو آهي. رحمت کي به دل تي غصو هو. رحمت غلط وقت تي ابراهيم خان کي نر آدر ڪيو. +ابراهيم خان اڳيئي دنيا مان ڪڪ هو، هاڻي ته ڏگهري هي پيس ۽ بيباڪ ٿي پيو. رحمت کي زور سان چيائين، مون کي معاف ڪج. مون چڪ ڪئي آهي، جو مان تو وٽ آيو آهيان، وري ڪڏهن توکي تڪليف نه ڏيندس. نه، نه مرڻ وقت تائين توکي تڪليف نه ڏيندس. هاڻي خدا حافظ! +رحمت جواب ڏئي ڪي ڏئي ته ابراهيم خان نڪري ٻاهر ويو هليو، ۽ رحمت کي وري نظر نه آيو. + + +باب ستٽيهون + +مهينو کن گذريو. رحمت شاديءَ جو پهريون اوج ماڻي رهي. دهلوي ته ماکي جي مک وانگي ڪم ڪندو رهيو. شاديءَ ڪري رڳو هي تفاوت ٿيو هوس ته گهر ڊوڙي جلد جلد ٿي آيو. +شير خان ٽي ڏينهن کن شاديءَ کان پوءِ رهيو. ميرپور ۾ رحمت هوندي به وقت وڌي پيس. رحمت ۽ دهلويءَ جي آسودگيءَ لاءِ دعا گهري، انهن کان موڪلائي، ڪراچي روانو ٿيو، جتي ڪياماڙي ۾ گهر ڪري، جهازن کي سيڌو پهچائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو. +رحمت، جا هلت ابراهيم خان سان ڪئي، تنهن تي جو مهينو کن خيال ڪيائين، سو هاڻي ڏاڍي پشيماني ٿيس ته مون ائين ڇو ڪيو. جو وس پڄيس ها ته پر ڪري، اڏامي وڃي ابراهيم خان وٽ حاضر ٿئي ها ۽ بخشائيس ها. دهلويءَ کي چيائين ته ابراهيم خان کي ڳولي هٿ ڪريون. دهلويءَ ابراهيم خان کي ڪڏهين اهڙو پيار ڪين ڪيو هو، جهڙو ابراهيم خان، دهلويءَ کي، پر وري دهلويءَ ابراهيم خان کي اهڙو نه ڌڪاريو هو، جهڙو ابراهيم خان دهلويءَ کي. انهي ڪري ناپسند نه هوس ته ڪو رحمت جي چئي ابراهيم خان کي ڳولي هٿ ڪري. +پر ابراهيم خان کي هٿ ڪرڻ سولو ڪم ڪين هو. رحمت جو رخ ڏسي ابراهيم خان کي جي زمين جاءِ ڏئي ها ته هوند زمين ۾ اندر گهڙي وڃي ها. +دهلويءَ ٻيءَ سانجهن جو ٽانگو ٻڌائي، رحمت ساڻ ڪري، کاڻ وارو رستو وٺي هليو. ابراهيم خان جنهن رات خانزادي بيمار پيئي هئي، تنهن رات دهلويءَ کي انهيءَ رستي تي گڏيو هو. دهلويءَ سمجهيو ته اتي ڪٿي ٽڪيل هوند. ڳچ پنڌ ويو، ۽ واٽهڙن ۽ ٻين کان پچا ڪيائين، پر پتو ڪو نه پيس، دير ٿي ويس، موٽيو. موٽندي انهيءَ واهڻ وٽ جتي پاڻ لڙيو هو، انهيءَ رات، جنهن رات ابراهيم خان گڏيو هوس، اُتي هڪڙي پنهنجي گدام جو ڪمي، جنهن جو نالو فقيرو هو گڏيس، انهي کي بيهاري پڇائينس ته پئسا تنهنجي پگهار جارهيل آهن جي تو ورتائي ڪين آهن سو ڇو؟ +فقيري جواب ڏنو ته: ويچارو ابراهيم خان هلاڪ هو، مان انهيءَ جي خدمت ۾ هوس. جڏهين گدام جو ڌڻي هو، تڏهين منهنجي ته اهڙي سنڀال ڪندو هو، جهڙي ماءُ ڪري. مهينو کن ٿيو ته هتان اچي لنگهيو. مان گڏيومانس، پر ڏٺم ته بيحال هو. پڇومانس ته: ڇا ٿيو اٿَوَ؟ جواب ڏنائين، ڪي ڪين، منهنجي اڇا رڳي اها آهي ته مان هتان جلد هليو وڃان. مان لڳي پيوسانس ته منهنجي جاءِ تي هل. نه، نه، ڪيائين، پر مان گهلي وٺي آيوسانس. +رحمت دهلويءَ ڏي نهاري خواهش ڏيکاري ته فقيري جي جاءِ ڏي هلون. +دهلويءَ جي ته اڳيئي اها مرضي هئي. +دهلويءَ، فقيري کي چيو ته: اسين تنهنجي گهر هلڻ ٿا گهرون؟ +فقيري جواب ڏنو ته: هلو. +رحمت پڇيو ته: ابراهيم خان هينئر اتي ئي آهي نه؟ +فقيري جواب ته: ابراهيم خان اڄ اسهيو. +رحمت پڇيو، ڪيڏي؟ +فقيري جواب ڏنو، پنهنجي اصلوڪي وطن، اڃا سندس لاشو کنيون نه اٿئون. +رحمت پاڻ جهليو، دهلويءَ فقيري کان پڇيو ته مون کي ابراهيم خان جي خبر ڪا نه ڏني، سو ڇو؟ +جواب ڏنائين ته: شرط ئي انهيءَ سان مون وٽ هليو ته دهلوي صاحب بيبي رحمت کي منهنجي خبر ڪابه نه ڏيندين. +دهلويءَ پچيو ته: سندس قضيي جو ڪارڻ ڪهڙو هو. فقيري جواب ڏنو ته کاڌي تان آرو لهي ويو هوس. مهيني ۾ هن جي پيٽ ۾ پاءُ اَنَ جو به ڪونه ويو هوندو، پنهنجي کٽولي جي گودڙيءَ تي هڪڙو پنو اٽڪائي ڇڏيو اٿس، جو مون نه پڙهيو آهي. مان پڙهي نه ڄاڻان اوهين هلي پڙهو. +دهلوي ۽ رحمت جڏهين فقيري جي گهر پهتا، تڏهين اهو پنو کڻي کين ڏنائين ته پڙهو. پني تي هي لکيل هو: +(1) رحمت ۽ دهلويءَ کي منهنجي موت جي خبر نه ڏجو ته متان منهنجي ڪري ڪو غم ٿئين. +(2) مون کي ڪنهن پاڪ جاءِ تي نه پورجو. +(3) ڪو مولوي يا حافظ منهنجي موت تي نه گهرائجو. +(4) منهنجي خواهش نه آهي ته ڪو من��نجو لاشو ڏسي. +(5) ڪي او ساريندڙ منهنجي لاشي جي پٺيان نه اچن. +(6) ڪو به منهنجي يادگيري نه ڪري. +هن وصيت تي مان صحيح ٿو وجهان. +ابراهيم خان کوکر. +دهلويءَ چيو، هاڻي اسين ڇا ڪريون؟ +رحمت جواب نه ڏيئي سگهي، زار زار رنائين، ۽ روئڻ ۾ چيائين ته ابراهيم خان جي حرفن ۾ ڪهڙي نه تکي تلخي آهي! مون کي بيحد ڏک آهي جو پڇاڙيءَ ۾ مون ساڻس اهڙي هلت ڪئي، پر مون کان ٿي، هاڻي ته انهي جو ڪو علاج ڪونهي. رب جي رضا! +جيڪي ابراهيم خان موت جي پيڙا ۾ لکيو هو، تنهن کي رحمت جيتريقدر ٿي سگهيو، اوتريقدر عزت ڏني. نه ته سمجهائين ٿي ته پويان اکر هروڀرو پاڪ ٿا ٿين، پر انهيءَ ڪري کيس خبر هئي ته ابراهيم خان جي دل جو مطلب اهو هوندو هو، جو سندس اکرن ٿي ٻوليو. +غم ۽ آلم ٿيس ته اڳي ڇو نه ابراهيم خان جي ڳولا ۾ نڪتي، پر انهيءَ تي به هينئر ظاهر ڏک اجايو هوس. رحمت جو باطني ڏک عمر تائين قائم رهيو، ۽ اڳي کان به وڌيڪ نرم دل ڪيائينس. +رحمت ڏاڍا سخت ڏينهن ڏٺا هئا، هينئر بلڪل آسودي هئي، تنهنجي هوندي به دولت جو نشو هرگز نه هوس. سمجهائين ٿي ته حياتي اڪثري هڪڙي ڏک جو ناٽڪ ٿي ٿئي، ۽ خوشي ڪنهن ڪنهن انسان جي ڀاڱي ۾ ڪڏهين ڪڏهين پڙ پوي ٿي، ته پورو سورو فرجو جو انسان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ ملي ٿو، تنهن کي خبرداريءَ سان ڪم آڻڻ گهرجي. +دهلويءَ جي طبيعت سچي ۽ ٺهريل هئي. رحمت جو وقت انهيءَ ڪري آسائش ۽ قرار سان گذريو. ابراهيم خان سان ڀليل هلت ڪيائين، سو هميشه چت تي چڙهيل رهيس. پشيماني اها ڏيکاريائين، جو هن کان پوءِ ڪنهن به ٻئي سان غلط هلت نه سٽيائين ۽ نه ڪيائين. \ No newline at end of file