diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book16.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book16.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book16.txt" @@ -0,0 +1,393 @@ +ڪتاب جو نالو: خودياوري + + + +خودياوري + +شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ +ناشر طرفان ٻه لفظ ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي؛ هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو. زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهين به ائين بي درديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس هي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَون اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهين لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهين هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان چوڏهن ڪتاب: گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الانشا، گل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت ۽ سڀا جو سينگار، اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي پندرهون ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي اشاعتي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سرنو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن. جنهن مان عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو پڌرا ڪري؛ بلڪ انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر سڌاري، ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هيءُ پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه سئو قديم خواه جديد. مگر ناياب ٿيل. ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواه، بورڊ جي هنن ڪوششن کي همٿائيندا، ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا. محمد ابراهيم جوي 18- نومبر 1958ع سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سن پڌرو هجي ته هيءُ ڪتاب ”خود ياوري“، ’سمائيل‘ صاحب جي لکيل انگريزي ڪتاب ”سيلف هيلپ“ جو ترجمو آهي. انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ مان جوان ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ترقيءَ توڙي قومي سڌاري جي لاءِ گهڻي همت پيدا ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري ولايت جي ماڻهن کي اهو نهايت گهڻو پسند آهي. گهڻائي ڀيرا هيءُ ڪتاب ڇاپيو اٿن، ۽ ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو اٿن. ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جتي اهو پڙهائبو آهي. هن ڪتاب بابت انگلنڊ جي مشهور اخبار ”ليڊر“ هيئن لکيو آهي ته ”سمائيل“ جي ”سيلف هيلپ“ جهڙو عمدو ڪتاب اسان جي نظر مان ڪو ٿورو گذريو هوندو. اهو ڪتاب تمام معقول ۽ بي عيب آهي، ۽ نهايت نصيحت آميز ۽ مفيد آهي.“ ڪلڪتي جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سر رچرڊ گارٿ صاحب، 2 جولاءِ 1881ع تي، نوجوانن جي هڪڙيءَ مجلس ۾ هن ڪتاب بابت پنهنجيءَ تقرير ۾ هيئن چيو آهي ته ”اوهان ڪڏهن ’ڪتابن جو بادشاهه‘، يعني مسٽر ’سمائيل‘ جو ’سيلف هيلپ‘ پڙهي ڏٺو آهي؟ اهو ڪتاب اهڙو آهي، جو اوهان کي ايتريقدر پڙهڻ گهرجي جو بر زبان ياد ٿي وڃي. انهيءَ ڪتاب ۾ انگلنڊ ۽ يورپ جي اُنهن بيشمار ماڻهن جو احوال لکيل آهي، جن کي سندن ترقيءَ جي رستي ۾ هر طرح جون تڪليفون ۽ مشڪلاتون پيش آيون. اُهي غريبن جا پٽ هئا، ۽ ڪابه تعليم ڪانه ملي هين. انهيءَ هوندي به، ڪوشش ۽ همت سان، نه رڳو هنن اوهان جو اعليٰ مقصد يعني فراخدستي حاصل ڪئي، بلڪ هو وڏا دولتمند ۽ عزت وارا ماڻهو ٿي پيا.“ اهو ڪتاب پهرين سال 1859ع ۾ ڇپيو هو. مصنف پنهنجي ديباچي ۾ لکي ٿو ته پهرين هو ڪن ٻهراڙيءَ جي جوان ماڻهن جي درخواست تي، جيڪا مجلس هنن پنهنجي سڌاري جي لاءِ قائم ڪئي هئي تنهن ۾ تقريرون ڏيندو هو: انهن ۾ سڌريل ۽ همت وارن ماڻهن جا مثال آڻيندو هو، ۽ نصيحتون ڏيندو هو. انهن جوانن مان گهڻا، فائدو حاصل ڪري، چڱيءَ حالت ۽ درجي کي پهتا. اُنهن مان ڪن جي مرضيءَ جي پٺيان، هن اهي تقريرون وري نئين سر سڌاري، ڪتاب جي صورت ۾ وڌيون. انهيءَ ڪتاب جي جوڙڻ مان مصنف جي ڪهڙي مدعا هئي، سا خود سندس لفظن ۾ هيٺ ڏجي ٿي: ”هن ڪتاب مان هيءُ مطلب آهي ته جوانن کي هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ڏجي ته حياتيءَ کي سک ۽ آرام سان گذارڻ لاءِ محنت ڪرڻ هڪڙو تمام ضروري ڪم آهي، ۽ محنت ۽ ڪوشش کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿي نٿو سگهي. مصيبتن ۽ ڏکن کان ڊڄڻ نه گهرجي، بلڪ محڪم مزاجيءَ جي وسيلي انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کپي؛ ۽ سڀ کان وڏي هيءَ ڳالهه آهي ته چڱيءَ هلت وارو ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو انهيءَ کانسواءِ ٻي لياقت بلڪل بيڪار، ۽ دنيائي ڪاميابي محض اجائي ۽ بيسود آهي.“ ڪتاب ’سيلف هيلپ‘ ۾ تيرهن باب آهن. اسان انهن کي ٻن ڀاڱن ۾ وراهيو آهي، انهيءَ لاءِ ته متان يڪو ڪتاب وڏو ٿي پوي. پهرئين ڀاڱي ۾ پهريان ڇهه باب آندا اٿئون (۽ ٻئي ڀاڱي ۾ باقي ست باب آڻينداسين- انشاءَ الله تعاليٰ). معلوم هجي ته اصل انگريزي ڪتاب ۾ گهڻا ئي ڀاڱا اهڙا هئا، جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل هئا؛ پر جيترو ٿي سگهيو آهي، ڪتاب جو لفظ بلفظ ترجمو ڪيو ويو آهي، ساڳئي وقت ۾ سنڌي اصطلاح جي به نظر رکي ويئي آهي. اميد آهي ته پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي پڙهڻ مان گهڻو فائدو حاصل ٿيندو، ۽ منجهن خود ياوريءَ جو گُڻ ۽ سڌاري جو شوق زياده ٿيندو. قليچ بيگ ڪوٽڙي 20- سيپٽمبر، 1901ع +ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي؛ هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو. +زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهين به ائين بي درديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس هي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَون اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهين لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهين هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو. +سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان چوڏهن ڪتاب: گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الانشا، گل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت ۽ سڀا جو سينگار، اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي پندرهون ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. +سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي اشاعتي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سرنو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن. جنهن مان عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو پڌرا ڪري؛ بلڪ انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر سڌاري، ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هيءُ پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه سئو قديم خواه جديد. مگر ناياب ٿيل. ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواه، بورڊ جي هنن ڪوششن کي همٿائيندا، ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا. +محمد ابراهيم جوي +18- نومبر 1958ع +سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ +حيدرآباد سن +پڌرو هجي ته هيءُ ڪتاب ”خود ياوري“، ’سمائيل‘ صاحب جي لکيل انگريزي ڪتاب ”سيلف هيلپ“ جو ترجمو آهي. انهيءَ ڪتاب ج�� پڙهڻ مان جوان ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ترقيءَ توڙي قومي سڌاري جي لاءِ گهڻي همت پيدا ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري ولايت جي ماڻهن کي اهو نهايت گهڻو پسند آهي. گهڻائي ڀيرا هيءُ ڪتاب ڇاپيو اٿن، ۽ ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو اٿن. ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جتي اهو پڙهائبو آهي. +هن ڪتاب بابت انگلنڊ جي مشهور اخبار ”ليڊر“ هيئن لکيو آهي ته ”سمائيل“ جي ”سيلف هيلپ“ جهڙو عمدو ڪتاب اسان جي نظر مان ڪو ٿورو گذريو هوندو. اهو ڪتاب تمام معقول ۽ بي عيب آهي، ۽ نهايت نصيحت آميز ۽ مفيد آهي.“ ڪلڪتي جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سر رچرڊ گارٿ صاحب، 2 جولاءِ 1881ع تي، نوجوانن جي هڪڙيءَ مجلس ۾ هن ڪتاب بابت پنهنجيءَ تقرير ۾ هيئن چيو آهي ته ”اوهان ڪڏهن ’ڪتابن جو بادشاهه‘، يعني مسٽر ’سمائيل‘ جو ’سيلف هيلپ‘ پڙهي ڏٺو آهي؟ اهو ڪتاب اهڙو آهي، جو اوهان کي ايتريقدر پڙهڻ گهرجي جو بر زبان ياد ٿي وڃي. انهيءَ ڪتاب ۾ انگلنڊ ۽ يورپ جي اُنهن بيشمار ماڻهن جو احوال لکيل آهي، جن کي سندن ترقيءَ جي رستي ۾ هر طرح جون تڪليفون ۽ مشڪلاتون پيش آيون. اُهي غريبن جا پٽ هئا، ۽ ڪابه تعليم ڪانه ملي هين. انهيءَ هوندي به، ڪوشش ۽ همت سان، نه رڳو هنن اوهان جو اعليٰ مقصد يعني فراخدستي حاصل ڪئي، بلڪ هو وڏا دولتمند ۽ عزت وارا ماڻهو ٿي پيا.“ +اهو ڪتاب پهرين سال 1859ع ۾ ڇپيو هو. مصنف پنهنجي ديباچي ۾ لکي ٿو ته پهرين هو ڪن ٻهراڙيءَ جي جوان ماڻهن جي درخواست تي، جيڪا مجلس هنن پنهنجي سڌاري جي لاءِ قائم ڪئي هئي تنهن ۾ تقريرون ڏيندو هو: انهن ۾ سڌريل ۽ همت وارن ماڻهن جا مثال آڻيندو هو، ۽ نصيحتون ڏيندو هو. انهن جوانن مان گهڻا، فائدو حاصل ڪري، چڱيءَ حالت ۽ درجي کي پهتا. اُنهن مان ڪن جي مرضيءَ جي پٺيان، هن اهي تقريرون وري نئين سر سڌاري، ڪتاب جي صورت ۾ وڌيون. انهيءَ ڪتاب جي جوڙڻ مان مصنف جي ڪهڙي مدعا هئي، سا خود سندس لفظن ۾ هيٺ ڏجي ٿي: +”هن ڪتاب مان هيءُ مطلب آهي ته جوانن کي هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ڏجي ته حياتيءَ کي سک ۽ آرام سان گذارڻ لاءِ محنت ڪرڻ هڪڙو تمام ضروري ڪم آهي، ۽ محنت ۽ ڪوشش کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿي نٿو سگهي. مصيبتن ۽ ڏکن کان ڊڄڻ نه گهرجي، بلڪ محڪم مزاجيءَ جي وسيلي انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کپي؛ ۽ سڀ کان وڏي هيءَ ڳالهه آهي ته چڱيءَ هلت وارو ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو انهيءَ کانسواءِ ٻي لياقت بلڪل بيڪار، ۽ دنيائي ڪاميابي محض اجائي ۽ بيسود آهي.“ +ڪتاب ’سيلف هيلپ‘ ۾ تيرهن باب آهن. اسان انهن کي ٻن ڀاڱن ۾ وراهيو آهي، انهيءَ لاءِ ته متان يڪو ڪتاب وڏو ٿي پوي. پهرئين ڀاڱي ۾ پهريان ڇهه باب آندا اٿئون (۽ ٻئي ڀاڱي ۾ باقي ست باب آڻينداسين- انشاءَ الله تعاليٰ). معلوم هجي ته اصل انگريزي ڪتاب ۾ گهڻا ئي ڀاڱا اهڙا هئا، جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل هئا؛ پر جيترو ٿي سگهيو آهي، ڪتاب جو لفظ بلفظ ترجمو ڪيو ويو آهي، ساڳئي وقت ۾ سنڌي اصطلاح جي به نظر رکي ويئي آهي. اميد آهي ته پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي پڙهڻ مان گهڻو فائدو حاصل ٿيندو، ۽ منجهن خود ياوريءَ جو گُڻ ۽ سڌاري جو شوق زياده ٿيندو. +قليچ بيگ +ڪوٽڙي +20- سيپٽمبر، 1901ع + + +باب پهريون +خود ياوري +(متفق ۽ مفرد) +’جان اِسٽوئرٽ مل‘ صاحب چيو آهي ته ”گهڻي عرصي ۾، هڪڙيءَ قوم جي لياقت، انهيءَ قوم جي ڀاتين يا جدا جدا ماڻهن جي لياقت مان معلوم ٿئي ٿي.“ +’ڊزرائلي‘ صاحب چيو آهي ته ”اسين ملڪي يا قومي انتظامن ۾ بيحد ڀروسو رکون ٿا، ۽ اُنهيءَ ملڪ يا قوم جي جدا جدا ماڻهن ۾ تمام ٿوري اُميد رکون ٿا.“ +ڏاهن جو هڪڙو ��شهور ۽ چڱو آزمايل قول آهي ته ”خدا تعاليٰ اُنهن کي مدد ڏئي ٿو، جي پاڻ کي پاڻ ئي مدد ڏين ٿا.“ اهو قول، مختصر لفظن ۾، نهايت گهڻي انساني آزمودي جو نتيجو ظاهر ڪري ٿو. خود ياوري، يا پاڻ کي پاڻيهي مدد ڏيڻ جو خيال، هرهڪ شخص جي سموري سچي سڌاري ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي؛ ۽ جڏهن اهڙو خيال گهڻن ماڻهن جي هلت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، تڏهين اُنهيءَ مان سچي قومي همت پيدا ٿئي ٿي. ٻاهرينءَ يا پرائيءَ مدد مان اڪثر ڪم همتي پڌري ٿئي ٿي؛ پر جا مدد پنهنجي اندر مان پاڻ کي ملي ٿي، سا همت کي وڌائي ٿي. جيڪي ڪي ٻين ماڻهن يا فرقن لاءِ ڪجي ٿو، تنهن مان ڪنهن حد تائين پنهنجي ذاتي ترغيب ۽ ضرورت گهٽجيو وڃي، جنهن سان جيڪر ماڻهو پاڻ پنهنجي لاءِ ڪوشش ڪن؛ ۽ جتي ماڻهو حد کان زياده ٻين جي رهنمائيءَ ۽ فرمانروائيءَ تي هري ٿا وڃن، اُتي ضرور اُهي ٻين جي مقابلي ڪري محتاج ۽ بيوس ٿيندا ٿا وڃن. +تمام عمدا سڌاري جا بندوبست به ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا ڪمائتي مدد ڏيئي نٿا سگهن. گهڻو گھڻو، ته به شايد ايترو ڪري سگهندا، ته اُن کي آزادي ڏيندا ته پاڻيهي پاڻ کي بهتر ڪري، ۽ پنهنجيءَ جند جي حالت سڌاري. پر، سڀ ڪنهن زماني ۾ ماڻهن جي ويساهه ۾ ائين پئي آيو آهي ته اسان جي آسودگي ۽ بهبودي جيتريقدر قومي بندوبستن جي اپاءَ سان حاصل ٿيندي، اوتريقدر خود پنهنجيءَ هلت سان حاصل نه ٿيندي. انهيءَ ڪري، انسان جي سڌاري لاءِ قاعدي قانون جوڙڻ جي جيتري سچ پچ ضرورت آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ اڪثر خيال ڪرڻ ۾ اچي ٿي. جنهن قاعدي جوڙڻ واريءَ جماعت ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي سگهن ٿا، تنهن ۾، ٽن ورهين يا پنجن ورهين منجهه هڪ ڀيرو، هڪڙي يا ٻن ماڻهن کي راءِ ڏيئي داخل ڪرائڻ سان، انهيءَ چڱي ڪم ۾ برابر نالي لاءِ شامل ٿي سگهجي ٿو، مگر انهيءَ مان ڪنهن به ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۽ هلت تي ڪوبه ڪمائتو اثر ٿي نه سگهندو. پوءِ ڀلي اها راءِ سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڏيڻ ۾ اچي. تنهن کانسواءِ، روز بروز صاف معلوم ٿيندو وڃي ته سرڪاري حڪومت جو ڪم جيترو روڪڻ ۽ منع ڪرڻ آهي، اوترو ڪو حڪم سان سڌارو ڪرائڻ يا سڌيءَ طرح فائدو پهچائڻ ناهي. سرڪاري حڪومت مان خاص مدعا اها آهي ته خلق جو بچاءُ ٿئي. يعني ساهه جو، ۽ ملڪيت ۽ آزادگيءَ جو بچاءُ. جيڪڏهن قاعدا کڻي ڏاهپ سان عمل ۾ آڻبا، ته انهيءَ ڪري رڳو ماڻهو پنهنجي جسمي يا عقلي محنت جا ڦل تمام ٿوري خرچ يا تڪليف سان آسوديءَ طرح ڀوڳي سگهندا؛ پر قاعدا ڪهڙا به سخت تعميل ۾ اچن، ته به اُهي نڪي سستن کي محنتي ڪندا، نڪي فضول خرچ ماڻهن کي دورانديش ۽ صرفي وارو ڪندا، ۽ نڪي نشائن کي هوش وارو ڪندا. اهڙا سڌارا رڳو پنهنجي ذاتي ڪوشش، دورانديشيءَ ۽ خود انڪاريءَ جي اپاءَ سان ڪري سگهبا. يعني بهتر عادتن وٺڻ سان، نه وڏن حقن حاصل ڪرڻ سان. +ڪنهن به قوم جي سرڪاري حڪومت، انهيءَ قوم جي ماڻهن جي نموني جي هوندي آهي. جي سرڪار رعيت کان سڌاري جي نظر تي بهتر ۽ مٿڀري هوندي، ته نيٺ ضرور لهي اچي خلق جهڙي ٿيندي؛ ۽ جي سرڪار رعيت کان هيٺڀري هوندي، ته آخر ڪنهن عرصي ۾ گهلجي مٿي وڃي ماڻهن سان برابر ٿي بيهندي. اصل سُڀائي دستور آهي ته جهڙيءَ طرح پاڻي نيٺ وڃي پنهنجي سنوت وٺي بيهي ٿو، تهڙيءَ طرح ڪنهن قوم جي لياقت به ضرور پنهنجي قاعدي ۽ حڪومت جا مناسب نتيجا نيٺ ڏسي ٿي. شريف قوم تي حاڪم به آبروءَ سان حڪومت هلائين ٿا، پر ذليل ۽ جاهل قوم کي حاڪم به بي آبروئيءَ سان هلائين ٿا. آزمودي مان پڪيءَ طرح ثابت ٿيو آهي ته حڪومت جي لياقت ۽ طاقت، جيترو اُنهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي حالت ۽ هلت تي تعلق ��هي ٿي: تنهن کان گهڻو گهٽ اُن جي ملڪي انتظام ۽ بندوبست تي تعلق رهي ٿي! ڇا لاءِ جو جدا جدا ماڻهن جون حالتون، گڏجي، قوم جي يڪي حالت ٿيون جوڙين، ۽ عام سڌاري جي معنيٰ اها ئي آهي ته جي مڙس ۽ زالون ۽ ٻار انهيءَ قوم جا شريڪ يا ڀاتي آهن، تن جي علحدي حالت سڌري آهي. +قومي ڪماليت اُنهيءَ قوم جي جدا ماڻهن جي محنت، همت ۽ سچائيءَ جو جوڙ يا نتيجو آهي. جهڙيءَ طرح قومي زواليت جدا جدا ماڻهن جي سستيءَ، خود غرضيءَ ۽ برائيءَ جو جوڙ يا نتيجو آهي. جيڪي ڳالهيون رواج ڪري اسين پنهنجيءَ قوم جون وڏيون خرابيون سمجهي ننديندا آهيون، سي جاچ ڪري ڏسبو ته گهڻو ڪري خود اسان جي ئي بگڙيل ۽ عيبدار هلت مان پيدا ٿيون آهن. جيتوڻيڪ اسين قاعدي جي زور سان اُنهن جي وڍڻ يا پاڙان پٽڻ جي ڪوشش ڪري سگهنداسين، تڏهن به اهي وري ڪنهن ٻيءَ صورت ۾ نئين سر ڦوهه مان ڦٽنديون، ۽ جيسين هرهڪ ماڻهوءَ جي چال چلت ۽ حياتيءَ جي حالت نه سڌرندي، تيسين اهي اصل بند ٿي ڪين سگهنديون. جي اها ڳالهه برابر آهي، ته انهيءَ مان هيترو ثابت آهي ته تمام اعليٰ درجي جي قومي خيرخواهي ۽ همدردي، جيتري ماڻهن کي پنهنجي منهن ۽ پنهنجيءَ همت سان چال جي سڌاري ۽ حالت جي بهتريءَ لاءِ مدد ۽ ترغيب ڏيڻ ۾ آهي، اوتري قاعدن ڦيرائڻ ۽ ملڪي بندوبستن سڌارڻ ۾ نه آهي. +ماڻهوءَ تي ٻاهران ڪهڙيءَ طرح حڪم ٿو هلي، سا ڳالهه ڪا گهڻي ضرورائتي ناهي؛ ليڪن هو پنهنجي اندران پاڻ تي ڪهڙيءَ طرح حڪم هلائي ٿو، تنهن تي سڀ ڪجهه منحصر آهي. سڀ کان وڏو غلام اُهو ناهي، جنهن تي ڪو ظالم زوريءَ حڪم هلائي ٿو. جيتوڻيڪ اها به تمام خراب ڳالهه آهي- پر اُهو آهي، جو پنهنجي ذاتي جهل، خود غرضيءَ ۽ بدڪاريءَ جي قيد ۾ ڦاٿل آهي. جيڪي قومون انهيءَ باطني غلاميءَ ۾ قابو آهن، سي رڳو ڌڻين ۽ مالڪن جي مٽجڻ ڪري يا حڪومتي بندوبستن جي بدلجڻ ڪري آزاد ٿي ڪين سگهنديون؛ ۽ جيستائين ماڻهن جي مغز ۾ اها اجائي غلط فهمي ويٺل هوندي ته آزادي رڳو حڪومت جي معرفت حاصل ٿيندي ۽ انهيءَ تي تعلق آهي، تيستائين اهڙا ڦيرگهير ۽ سڌارا ڪيتري به خرچ ۽ تڪليف سان کڻي ڪرڻ ۾ ايندا، ته به انهن مان جيڪو نتيجو نڪرندو، تنهن ۾ لحظي جيترو جٽاءُ به نه هوندو. آزاديءَ جو پڪو بنياد ضرور سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ذاتي لياقت تي قائم ٿيڻ گهرجي- رڳو انهيءَ مان قوم جي سلامتيءَ ۽ ملڪ جي سڌاري جي پڪ ٿي سگهندي. ’مل‘ صاحب جيڪي چيو آهي، سو سچ آهي: ”جيستائين هرڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي خاصيت قائم رکيو ايندو، تيستائين ظالم جي ظلم مان به تمام خراب نتيجا نڪري نه سگهندا؛ سچو پچو ظُلم اُهو آهي، جو ماڻهن جي ذاتي خاصيت ناس ڪيو ڇڏي- پوءِ اُنهيءَ کي ڪهڙي به نالي سان کڻي سڏجي.“ +انساني ترقيءَ بابت اڳوڻي وقت جا غلط خيال اڪثر اڃا به پيا ظاهر ٿين. ڪي ماڻهو ”سيزر“ يا ”قيصر“ جهڙن شهنشاهن جي اچڻ جون واٽون پيا نهارين، ڪي قومي بندوبستن لاءِ منتظر آهن، ۽ ڪي پارليامينٽ جي قاعدن جاري ٿيڻ جا خواهان آهن. اسان کي سيزر جهڙن شهنشاهن لاءِ گهڻو ترسڻو پوندو، ۽ جڏهن اُهي پيدا ٿيندا، تڏهن جيڪي اُنهن کي پنهنجو بادشاهه سمجهي، اُنهن جي پٺيان لڳندا، سي ڏاڍا سکي ٿيندا! انهيءَ اُصول جي مختصر معنيٰ آهي ته ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهه ٻيو ڪو ڪري، پر هو پاڻ ڪي ڪين ڪندا، جي انهيءَ اصول تي هلبو، ته قوم جي آزاد ۽ طبيعي تميز جي سگهه ناس ٿي ويندي، ۽ سگهوئي اُن جي پٺيان ڪنهن ظالم بادشاهه جي حڪومت اچي پيدا ٿيندي. قيصري سلطنت هڪڙي تمام خراب قسم جي انساني بُت پرستي آهي، جا في الحقيقت قوت پرستي آهي، ۽ انهيءَ مان اهڙا نيچ نتيجا نڪرندا، جهڙا جيڪر رڳو دولت پرستيءَ مان نڪرن. زياده ڪمائتو ۽ مضبوط اُصول جو قومن جي دلين تي ڄمائڻ گهرجي، سو خودياوريءَ جو اُصول آهي. جنهن وقت اهو پوريءَ طرح انهن جي استعمال ۾ آيو، انهيءَ وقت قيصري حڪومت جو خيال دل تان لهي ويندن. اهي ٻئي اصول هڪٻئي جي برخلاف آهن؛ ۽ جيڪي ’وهڪٽرهيوگو‘ قلم ۽ ترار جي باب ۾ چيو آهي، سو اُنهن سان به لاڳو ٿئي ٿو ته ”هيءُ هن کي ماري وجهندو“. +قومي بندوبستن ۽ پارليامينٽ جي قاعدن جي طاقت بابت به هڪڙو عام وهم يا رواجي ڀرم ماڻهن جي خيال ۾ ويٺل آهي. وليم ’ڊارگن جو‘، آئرلنڊ جي تمام سچن قوم جي خيرخواهن مان هڪڙو هو، تنهن ڊبلن جي پهرينءَ صنعتي نمائش جي پوري ٿيڻ وقت جيڪي چيو هو، سو هتي شاهد آڻڻ مناسب ڏسجي ٿو: هن چيو ته ”ايمان جي ڳالهه آهي ته جڏهن به آءٌ خود مختياريءَ جو لفظ ٻڌندو آهيان، تڏهن ضرور مون کي پنهنجو اباڻو ملڪ ۽ پنهنجا هم وطن شهري ماڻهو ياد پوندا آهن. مون گهڻوئي ٻڌو آهي ته اسان کي هن کان يا هُن کان يا فلاڻي هنڌان خود مختياري ملڻي آهي، ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو اسان وٽ اچي رهندا، ته انهن مان ههڙا ههڙا فائدا اسان کي پهچندا. انهيءَ ميلاپ مان جيڪي وڏا فائدا آهن، تن جو آءٌ به اهڙو قبولدار آهيان، جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو هوندو؛ پر تڏهن به هميشه منهنجيءَ دل تي اهو خيال ويٺل آهي ته اسان جي صنعتي خودمختياري ۽ هنري آزادگي اسان تي ئي منحصر آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن اسين فقط محنت ڪنداسين، ۽ سنڀال سان پنهنجي همت پوريءَ طرح ڪم لڳائينداسين، ته اسان جي هاڻوڪي حالت اهڙي چڱي ٿيندي جو اُن کان بهتر نڪا اڳي ڪڏهن هُئي، ۽ نه آئيندي ٿيڻ جو امڪان آهي. اهو رڳو اسان جو هڪڙو قدم آهي، پر اڻورچ ٿي ڪم ۾ لڳڻ فتحيابيءَ جو وڏو وسيلو آهي؛ ۽ جيڪڏهن اسين ذوق ۽ شوق مان هلنداسين، ته مون کي پڪو ويساهه آهي ته ٿوري ئي عرصي ۾ اسين آسودگيءَ، سک ۽ خودمختياريءَ جي اهڙي درجي کي وڃي پهچنداسين، جهڙي تي ٻي ڪا قوم پهتل هوندي.“ +سڀئي قومون جي هاڻوڪيءَ بهتر حالت کي رسيون آهن، سي ماڻهن جي ڪيترن ئي پيڙهين جي خيال پچائڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ڪري. انهيءَ وڏي مطلب جي پوري ڪرڻ ۾، هر قسم ۽ درجي جي، اڻورچ ۽ تحمل وارن پورهيتن، زمين جي آبادگارن، کاڻين ڳوليندڙن، نئيي صنعت پيدا ڪندڙن، جهوني صنعت ڳولي ڪڍندڙن، ڪارخانن هلائڻ وارن، ڪاسبين، هنر وارن، شاعرن، حڪيمن ۽ ملڪ جي مدبرن- انهن سڀني مدد ڏني آهي: هڪڙي پيڙهي ٻيءَ جي ڪمائيءَ تي عمارت اڏيندي ويئي آهي، ۽ انهيءَ طرح جيئن پوءِ تيئن اُنکي مٿي چاڙهيندا ويا آهن. هي سچا پورهيت، جي گويا سڌاري جا ڪاريگر آهن، تن جي پشت بپشت محنت ڪرڻ مان اهو نتيجو نڪتو ته ڪاريگريءَ، علم ۽ هنر ۾ خراب ۽ ڳڙٻڙ جهڙيءَ حالت مان سهڻي ترتيب پيدا ٿي؛ ۽ انهيءَ طرح، سڀائي دستور موجب، جيڪا قيمتي جائداد اسان جن وڏن پنهنجيءَ محنت ۽ سياڻپ سان ٺاهي هئي، سا ورثي ۾ اسان کي ملي. اها انهيءَ لاءِ اسان جي قبضي ۾ ڏني وئي آهي ته انهيءَ کي وڌايون، ۽ وري پنهنجن پوين وارثن لاءِ نه رڳو گهٽائڻ ڌارا ڇڏيون، پر سڌريل حالت ۾ ڇڏيون. +خود ياوريءَ جي صفت، جا علحدن ماڻهن جي همت جهڙن ڪمن ۾ ظاهر ٿيندي آهي، سا سڀ ڪنهن زماني ۾ انگريزن جي چال جي مکيه خاصيت معلوم پئي ٿي آهي، جنهن مان خبر پئجي سگهي ٿي ته اسان جي قوم جي سگهه سچي پچي ڪيتري آهي. گهڻا ئي شخص هميشه اهڙا مشهور پئي ٿيا آهن، ۽ عام خلق جي درجي کان مٿي چڙهي ويا آهن، جو جهان اُنهن کي مان پئي ڏنو آهي، ۽ ان��ن جو حڪم پئي مڃيو آهي. پر، اسان جي ترقيءَ جو سبب گهڻي ننڍي درجي جا ۽ گهٽ مشهور ماڻهو به ٿيا آهن. ڪنهن وڏيءَ جنگ جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ رڳو جنرل يا سپهه سالارن جا نالا ڄاڻايل آهن، تڏهين به جيڪي فتحون ٿيون آهن، سي گهڻو ڪري جدا جدا سپاهين جي همت ۽ مردانگيءَ جي ڪري ٿيون آهن. حياتي به هڪڙي سپاهين واري لڙائي آهي، جنهن ۾ جيڪي ماڻهو صفن ۾ بيٺل آهن، تن، سڀ ڪنهن سمي ۾، ڪمائتا پورهيا پئي ڪيا آهن. ڪيترائي ماڻهو گمنام ٿي گذريا آهن، جن جي حياتيءَ جو احوال لکڻ ۾ نه آيو آهي؛ مگر انهيءَ هوندي به سڌاري ۽ ترقيءَ تي انهن جو اهڙو زور ڀريو اثر رهيو آهي، جهڙو انهن زياده نصيب وارن وڏن ۽ مشهور ماڻهن جو، جن جو بيان تاريخن ۾ لکيل آهي. تمام غريب ماڻهو، جو پنهنجن قوم- ڀائين کي محنت، پرهيزگاريءَ ۽ دنيائي ڪمن ۾ ارادي جي سچائيءَ جو مثال ٿي ڏيکاري ٿو، تنهن جو به سندس ملڪ جي سڌاري ۽ بهبوديءَ تي، هن وقت ۾ توڙي آئيندي زماني ۾، اثر رهي ٿو؛ ڇا لاءِ جو هن جي چال ۽ حياتي بيخبريءَ ۾ ٻين جي حياتيءَ ۾ گڏجي وڃي ٿي، ۽ ايندڙ زماني جي لاءِ هڪڙو چڱو مثال قائم ڪري ٿي. +روزمره جو آزمودو ڏيکاري ٿو ته اها جدا جدا ماڻهن جي همت ۽ خاصيت آهي، جا ٻين جي حياتيءَ ۽ ڪوشش جو تمام طاقت وارو اثر پيدا ڪري ٿي، ۽ في الحقيقت هڪڙي تمام چڱي رواجي تعليم ٿئي ٿي. انهيءَ جي مقابلي ۾، مڪتب ۽ مدرسا رڳو ڄڻ شروعات جي تعليم ڏيڻ لاءِ آهن. تمام گهڻي اثر واري ته اُها حال چال جي تعليم آهي، جا اسان جن گهرن ۽ گهٽين ۾، دوڪانن ۽ هنري ڪمن جي جاين تي، اڏاڻن ۽ هرن وٽ، صرافخانن ۽ ڪارخانن ۾، ماڻهن جي ميڙ ۽ گوڙ جي هنڌن تي، ڏهاڙي ڏيڻ ۾ ٿي اچي. هيءَ اُها قومي شراڪت ۽ صحبت لاءِ ڪامل تعليم آهي، جنهن کي ’شلر‘ صاحب ”انسانذات جي تعليم“ سڏيو هو، ۽ جا ڪم جي ڪوشش، چال چلت، پاڻ سڌارڻ ۽ پاڻ روڪڻ جي گڻن مان جڙيل آهي. انهيءَ مان ماڻهوءَ کي سچي تعليم ملي ٿي، ۽ هو حياتيءَ جي ڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح ادا ڪرڻ جو لائق ٿئي ٿو. اها اهڙي قسم جي تعليم آهي، جا نڪي ڪتابن مان حاصل ٿي سگهندي، ۽ نڪي علمي ورزش مان هٿ اچي سگهندي. ’بيڪن‘ صاحب پنهنجي دستوري وزندار عبارت ۾ چيو آهي ته ”ڪتاب پاڻ نٿا سيکارين ته اسين ڪهڙي ڪم جا آهيون: اها ڏاهپ ۽ فضيلت ڪتابن کان ٻاهر، ۽ انهن کان مٿي آهي، جا ڌيان ڏيڻ ۽ غور ڪرڻ سان حاصل ٿي ٿئي.“ اهو قول جهڙو حياتيءَ جي رواجي حالت بابت سچو آهي، تهڙو خود ذهن ۽ سمجهه جي سڌاري بابت؛ ڇا لاءِ جو هر طرح جي آزمودي مان اهو سبق صاف ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهو ڪتابن پڙهڻ سان پاڻ کي اهڙو قابل نٿو ڪري، جهڙو استعمال ۽ ڪم ڪرڻ سان: جيڪا ڳالهه انسانيت کي هميشه لاءِ لائق ڪري ٿي، سا حياتيءَ جي هلت آهي، ۽ نه رڳي ڪتابي علميت؛ ڪم جي ڪوشش آهي، نه رڳي علمي محنت؛ عادتي چال آهي، نه رڳي حال جي لکيل تاريخ. +* يعني، سڄيءَ قوم جي گڏ، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي ڌار ڌار؛ جنهن کي ”قومي“ ۽ ”شخصي“ خود ياوري به چئي سگهبو. + + +انهيءَ هوندي به، وڏن ماڻهن جي حياتيءَ جا لکيل احوال، خصوصاً چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي احوال جون تاريخون تمام فائدي واريون ۽ ڪمائتيون آهن، جو انهن مان ٻين کي مدد ۽ هدايت ۽ ترغيب ملي ٿي. انهن مان جيڪي تمام عمديون تاريخون آهن،. سي ته اچي پاڪ ڪتابن کي مٽ ٿيون پون، جو انهن مان شريفن وانگي حياتي گذارڻ، اعليٰ درجي جي خيالن ڪرڻ، ۽ پنهنجي توڙي جهان جي چڱائيءَ لاءِ دليون جانيؤن ڪوشش ڪرڻ جي تعليم حاصل ٿئي ٿي. انهن مان خودياوري، تحمل واري ارادي، اڻورچ ڪوشش، ۽ مضبوط ايمانداري، جن جي سگهه سچي پچي شريف ۽ بهادر ماڻهوءَ جي چال ۾ ظاهر ٿئي ٿي، تنهن جا جيڪي ڪمائتا مثال نڪرن ٿا، سي بلڪل چٽيءَ طرح ڏيکارين ٿا ته سڀڪو ماڻهو پنهنجي سڌاري لاءِ ڪيتريقدر اختيار رکي ٿو، ۽ چڱيءَ طرح سمجهائين ٿا ته خود- عزتيءَ ۽ خود- اعتباريءَ ۾ اهڙو زور ڀريو اثر آهي، جو انهيءَ جي وسيلي ڪهڙي به گهٽ درجي جا ماڻهو، مٿا هڻي، پنهنجي لاءِ آبروءَ جهڙو گذران ۽ سچي ناموس پيدا ڪري سگهن ٿا. +جيڪي وڏا وڏا حڪيم، عالم ۽ هنرمند ماڻهو ٿي گذريا آهن، جي گويا وڏن خيالن جا مرسل ۽ وڏين دلين جا مهندار هئا، سي نڪي ڪنهن عجيب فرقي مان هئا، نڪي ڪنهن خاص وڏي درجي جا ماڻهو هئا. اهي، جهان وانگي، مدرسن، ڪارخانن ۽ کيتين جي جاين مان، ۽ غريب ماڻهن جي ڀُنگين ۽ دولتمند ماڻهن جي گهرن مان آيا آهن. خدا تعاليٰ جي وڏن پيغمبرن مان به ڪي اصل عام ماڻهن منجهان هئا. تمام غريب ماڻهن بعضي بعضي تمام وڏيون جايون وڃي ورتيون آهن. جيڪي مشڪلاتون ظاهري ڪري بلڪل ٽارڻ جهڙيون نه هيون، تن به هنن جي رستي ۾ ڪا روڪ نه ڪئي. گهڻين حالتن ۾ ته خود اُنهن جي ڪري سندن محنت ۽ تحمل جي سگهه ظاهر ٿي آهي، ۽ حياتيءَ جي ڪمن لاءِ سندن دلي قوت ۽ لياقت زياده ٿي آهي، جي جيڪر ٻيءَ طرح نڪميون لڪيون پئيون هجن ها. اهڙين مشڪلاتن پاسي ڪرڻ ۽ فتحيابيءَ حاصل ڪرڻ جا مثال ايترا گھڻا آهن، جو انهن مان هن پهاڪي جي سچائي پيئي معلوم ٿئي ته ”پڪي ارادي سان، ڪوبه ماڻهو، ڪي به ڪري سگهي ٿو.“ مثال لاءِ اها مشهور ڳالهه بس آهي ته ’جيريمي ٽيلر‘، جو تمام وڏو شاعر، پادري يا ديني عالم ٿي گذريو آهي؛ ’سر رچرڊ آرڪرائيٽ‘، جنهن ڪتڻ جي ڪل پهرين جوڙي، ۽ جو ڪپهه جي ڪارخاني جو باني هو؛ ’لارڊ ٽينٽرڊين، جو تمام مشهور لارڊ ۽ چيف جسٽسن مان هڪڙو هو؛ ۽ ’ٽرنر‘، جو نمائن جو تمام وڏو نقاش هو، سي سڀ حجامن جي دوڪانن تان آيا. +ڪنهن کي به پڪيءَ طرح خبر نه آهي ته ’شيڪسپيئر‘ ڪير هو؛ پر انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته هو هڪڙو غريب ماڻهو هو. هن جو پيءُ ڪاسائي ۽ مال چارڻ وارو هو. چون ٿا ته شيڪسپيئر پاڻ ننڍيءَ عمر ۾ اُن صاف ڪندو هو. ڪن ٻين جو چوڻ آهي ته هو هڪڙي مڪتب جو دربان هو، ۽ پوءِ وڃي هڪڙي قبض- نويس جو منشي ٿيو. جيئن ڪنهن عالم چيو آهي، تيئن سچ آهي ته ”هڪڙو ماڻهو نه هو، پر سڄيءَ انسانذات جو انتخاب هو.“ ڇا لاءِ، جو هن جا جهاز رانيءَ جا جملا ۽ سمنڊ جا اصطلاح اهڙا پورا ۽ صحيح آهن، جو بحري کاتي جو هڪڙو مصنف لکي ٿو ته ’هو ضرور ڪو خلاصي يا جهاز ران هو‘؛ هڪڙو ديني عالم، سندس ڪتابن جي مضمون مان ثابتي هٿ ڪري، راءِ ڏئي ٿو ته ’هو ڪنهن پادريءَ جو منشي هو‘؛ ۽ هڪڙو مشهور گهوڙن سڃاڻڻ وارو پڪ سان چوي ٿو ته ’هو ضرور ڪو گهوڙن جو سوداگر هو.‘ شيڪسپيئر بيشڪ هڪڙو ناٽڪي هو، ۽ هن پنهنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا نقل ڪري ڏيکاريا. انهيءَ طرح، تمام گهڻي آزمودي ۽ غور مان، هن واقفيت ۽ علم جا عجيب انبار گڏ ڪيا. ڪنهن به صورت ۾، هو ڏاڍو ڌيان سان پڙهڻ وارو ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ وارو هو؛ ۽ اڄ ڏينهن تائين هن جا لکيل ڪتاب انگريزن جي چال ۽ اخلاقن تي تمام گهڻو اثر ڪن ٿا. +روز تي مزوري ڪرڻ وارن عام پورهيتن مان، اسان کي ’برنڊل‘ انجنير، ’ڪُڪ‘ جهازران، ۽’برنس‘ شاعر مليا. رازا ۽ سربند، ’بين جانسن’ تي فخر ڪري سگهن ٿا، جنهن جڏهن ’لنڪنس اِن‘ جي عمارت تي ٿي ڪمايو، تڏهن هٿ ۾ مارو ٿي کنيائين ۽ کيسي ۾ ڪتاب ٿي کنيائين؛ انهيءَ کانسواءِ ’ايڊورڊس‘ ۽ ’ٽيلفرڊ‘ انجنيرن تي، ’هيوملر‘ طبقات الارض جي عالم تي، ۽ ’آلن ڪننگهام‘ ڪتاب- نويس ۽ بت تراش تي. وري مشهور واڍن مان اسان کي هيٺين اُستادن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا: ’انيگو جونس‘ عمارت ساز، ’هاريسن‘ گهڙي ساز، ’جان هنٽر‘ علم موجودات جو عالم، ’رامني‘ ۽ اوپاءِ نقاش، ’پروفيسر لي‘ مشرقي زباندان، ۽ ’جان گبسن‘ بت ساز. +ڪورين جي قوم مان وري هيٺيان پيدا ٿيا؛ ’سمسن‘ رياضي عالم، ’بيڪن‘ سنگتراش، ٻه ملنر- ’آڊم واڪر‘ ۽ ’جان فاسٽر’، ’ولسن‘ پکين جي بيان لکڻ وارو، ڊاڪثر ’لوهنگسٽن‘ سير ڪندڙ پادري، ۽ ’ٽناهل‘ شاعر. موچين مان اسان کي هيٺيان مشهور ماڻهو مليا آهن: ’سر ڪلائوڊ سلي شوهيل‘، وڏو امير البحر يا جهازي سپهه سالار؛ ’سٽرجين‘ علم برقي جو عالم؛ ’ساميوئل ڊريو‘، رساله- نويس‘؛ گفرڊ‘، ’ڪئارٽرلي رويو‘ ميعادي رسالي جو مهتمم؛ ’بلوم فيلڊ‘، شاعر؛ ۽ ’ويلم ڪيري‘، پادري. ’ماريسن‘، ٻيو محنتي پادري، ته رڳو جتين جي قالبن جوڙڻ وارو هو. گذريل ٿورن ورهين ۾ ’ٽامس ايڊورڊس‘ نالي هڪڙو موچي بالف شهر ۾ ظاهر ٿيو آهي، جو وڏو طبيعي عالم آهي. هو پنهنجو گذران پنهنجي ڪسب تي پيو ڪري، پر جيڪو فرصت جو وقت بچيس ٿو، سو علم طبيعت جي سڀني شاخن جي پڙهڻ ۾ لڳائي ٿو. هن ننڍي قسم جي سپن واري مڇيءَ بابت اهڙي عميق جانچ ڪئي آهي، جو آخر انهيءَ جي هڪڙي نئين ذات ڳولي ڪڍي اٿس، جنهن جو نالو انهيءَ علم جي عالمن سندس نالي جي پٺيان ‘پرانيزا ايڊورڊسئاءِ‘ رکيو آهي. +نڪي درزي غير مشهور رهجي ويا آهن. ’جان اسٽو‘، تاريخ نويس، پنهنجي حياتيءَ جا ڪي ڏينهن درزڪي ڪم تي گذاريندو هو. ’جاڪسن‘ نقاش جيسين وڏو ٿيو، تيسين ڪپڙا سبندو هو. بهادر ’سر جان هاڪسوڊ‘، جنهن پاڻ کي ’پائڪٽيرس‘ واري لڙائيءَ ۾ اهڙو مشهور ڪيو، ۽ جنهن کي بادشاهه ايڊورڊ ٽئين سندس بهادريءَ ڪري ’نائيٽ‘ بنائي ’سر‘ جو خطاب ڏنو، سو ننڍي هوندي لنڊن جي هڪڙي درزيءَ جو شاگرد هوندو هو. ’ائڊمرل هابسن‘، جنهن 1702ع ۾ ’وهيگو‘ وٽ جهازي جنگ کٽي، سو به انهيءَ ساڳئي ڌنڌي جو ماڻهو هو. هو ’آئل آف وائٽ‘ ۾، ’بان چرچ‘ جي ويجهو، هڪڙي درزيءَ وٽ ڇاڙتي وانگي ڪم ڪندو هو. اُتي ويٺي ڳوٺ ۾ هل ٻڌائين ته جنگي جهازن جو هڪڙو دستو اُنهيءَ ٻيت جي پريان لنگهي ٿو وڃي. هو دوڪان تان ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ پنهنجن سنگتين سان گڏجي تماشي ڏسڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري ڏي ڀڳو. انهيءَ ڇوڪر کي اوچتو اچي دل ۾ شوق جاڳيو ته آءٌ جهازي سپاهي ٿيان؛ جهٽ ۾ هڪڙي ننڍي ڊونڊيءَ ۾ چڙهي، اُنهيءَ جهازي لشڪر کي وڃي پنو، ۽ امير البحر جي جهاز تي چڙهي ويو، جنهن هن جو نالو داخل ڪرڻ منظور ڪيو. ڪن ورهين کان پوءِ هو پنهنجي وطن واري ڳوٺ ۾ گهڻيءَ عزت آبروءَ سان موٽي آيو؛ ۽ جنهن ڀُنگي ۾ هو ڇاڙتو ٿي درزڪو ڪم ڪندو هو، تنهن ۾ ويهي گوشت ۽ آنا کاڌائين. پر، سڀني کان وڏو درزي ته بيشڪ ’ائنڊريو جانسن‘ آهي، جو يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو پرنزيڊنٽ ٿيو. هو عجيب ذاتي لياقت ۽ قائم سمجهه وارو انسان هو. واشنگٽن ۾ هن جيڪا وڏي گفتگو ڪئي، تنهن ۾ جڏهن هن بيان ٿي ڪيو ته ”ملڪي انتظام جو شغل مون شهر جو منصف ٿي شروع ڪيو، ۽ پوءِ قاعدي جي سڀني شاخن مان لنگهڻو پيو“، تڏهن اتي گوڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وڏي آواز سان چيو ته ”درزيءَ کان ٿي مٿي چڙهئين!“ ’جانسن‘ جي عادت هوندي هئي ته جي ڪو مٿس عيب چيني ڪندو هو، ته ان تي خوش خلقيءَ سان نظر ڪندو هو، بلڪ انهيءَ مان فائدو وٺندو هو. اهي لفظ ٻڌي، هن چيو ته ”هڪڙو صاحب چوي ٿو ته آءٌ درزي هوس: انهيءَ ڪري ڪا منهنجي دل شڪستي نٿي ٿئي، ڇا لاءِ جو جڏهن آءٌ درزي هوس تڏهن به ناموس ڪڍي هيم؛ ۽ ڪپڙا تمام پورا ۽ چست تيار ڪندو هوس؛ آءٌ هميشه پنهنجن گراهڪن سان سچو رهندو هوس، ۽ هميشه ڪم چڱو ڪندو هوس.“ ’ڪارڊنل ولسي‘، ’ڊيفو‘ ’آڪنائڊ‘ ۽ ’ڪرڪ وائيٽ‘ ڪاسائين جا پٽ هئا. ’بنين‘ ٺاٺارو هو، ۽ ’جوزف لنڪاسٽر‘ هڪڙو ٽوڪرين جوڙڻ وارو هو. ٻاڦ جي ڪل ڪڍڻ ۾ جن ماڻهن جا نالا مشهور ٿيا آهن، تن مان ’نيوڪم‘، ’واٽ‘ ۽ اسٽيفنسن‘ به آهن: پهريون لوهار هو، ٻيو راضي اوزار جوڙيندڙ هو، ۽ ٽيون انجڻ جو آگ وارو هو. ’هنٽنگڊن‘، واعظ، اصل اڱرن ڍوئڻ وارو هو؛ ۽ ’بيوڪ‘، جو ڪاٺ جي اڪرڻ ۾ استاد ٿي گذريو آهي، سو اڱرن جي کاڻ کوٽڻ وارو هو. ’ڊاڊسلي‘ هڪڙو هرڪارو يا چپراسي هو؛ ۽ ’هالڪرانٽ‘ هڪڙو سئيس هو. ’بافن‘، مشهور جهازران، پنهنجي سامونڊي نوڪريءَ جي شروع ۾ هڪڙو سکاني هو؛ ۽ ’سر ڪلاوڊسلي شوهيل‘ جهاز جي ڪوٺين ۾ حاضري ڏيڻ وارو ڇوڪر هو. ’هرشل‘ باجي وارن سپاهين جي توتاري وڄائيندو هو. ’چانٽري‘ مزوريءَ تي اُڪرڻ جو ڪم ڪندو هو. ’ايٽي‘ مزوريءَ تي ڇاپي جو ڪم ڪندو هو. ’سر ٽامس لارينس‘ هڪڙي شرابخاني رکڻ واري جو پٽ هو. ’مائيڪل فارڊي‘، جو هڪڙي لوهار جو پٽ هو، سو ننڍي هوندي هڪڙي لوهار جو پٽ هو، سو ننڍي هوندي هڪڙي جلد بند جو شاگرد هوندو هو، ۽ ٻاويهين ورهين جي عمر تائين اهو ڌنڌو ڪيائين. تنهن کان پوءِ هو اول درجي جو وڏو فيلسفوف شمار ٿيڻ ۾ آيو، ۽ پنهنجي استاد ’سر همفري ڊيوهي‘ کان به قدرتي ۽ طبعي علمن جي سخت مشڪل عقدن حل ڪرڻ ۾ گوءِ کڻي ويو. +هيئت جي عميق علم ۾ جن ماڻهن ترقي ڪئي، تن مان هيٺيان اسان کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا: ’ڪاپرنيڪس‘، جو پولنڊ جي هڪڙي نانوائيءَ جو پٽ؛ ’ڪيپلر‘، جو جرمنيءَ جي هڪڙي شراب فروش جو پٽ هو، ۽ پاڻ به دوڪان تي حاضريءَ جي نوڪري ڏيندو هو؛ ’ڊاليمبرٽ‘ لاوارث ٻار هو، ۽ پيرس ۾ ’سينٽ جين لي رانڊ‘ جي ديول جي ڏاڪن تي، سياري جي هڪڙيءَ رات، ماڻهن کي هٿ آيو، جنهن کي پوءِ هڪڙي شيشه گر جي زال پالي وڏو ڪيو؛ ۽ ’نيوٽن‘ ۽ ’لاپليس‘، جن مان پهريون ’گرانٿام‘ جي ويجهو هڪڙي ننڍي زميندار جو پٽ هو، ۽ٻيو ’هانفلور‘ جي ويجهو ’بومانٽ اين اوگ‘ جو هڪڙو غريب هاري هو. جيتوڻيڪ ننڍيءَ ڄمار ۾ اهي مشهور ماڻهو مسڪينيءَ جي حالت ۾ هوندا هئا، تڏهن به هنن پنهنجي ذاتي عقل ۽ جوهر جي زور تي اهڙي سچي ۽ بقادار ناموس کٽي، جا جيڪر ساريءَ دنيا جي دولت ڏيڻ سان به خريد ڪري نه سگهجي. امڪان آهي ته پاڻ، دولت جي هئڻ ڪري، انهيءَ ڄائي ڄم جي غريبيءَ کان وڌيڪ ڳريون مشڪلاتون ۽ رنڊڪون هنن کي پيش اچن ها. ’لاگرينج‘، مشهور هيئتدان ۽ مهندس، جو پيءُ ٽيورن ۾ جنگي خزانچيءَ جي عهدي تي هو، پر خيالي فائدن جي لالچ تي ڌنڌن ۾ پيسن وڃائڻ ڪري کٽي پيو، جنهنڪري سندس ٻار ٻچا غريباڻو گذران ڪرڻ لڳا. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ’لاگرينج‘ اڪثر پنهنجي عزت ۽ سک جو هڪڙو سبب اهو سمجهندو هو، ۽ چوندو هو ته ”جي آءٌ دولتمند هجان ها، ته شايد مهندس نه ٿيان ها.“ +پادرين ۽ ٻين مذهبي عالمن جا پٽ، خاص اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ مشهور ٿيا آهن. انهن مان اسان کي هيٺيان نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا: ’ڊريڪ‘ ۽ ’نيلسن‘ جي جهازي جنگين ۾ بهادريءَ جي ڪري مشهور ٿيا؛ ’ولاسٽن‘، ’ينگ‘، ’پيلفيئر‘ ۽ ’بيل‘، حڪمتي ۽ عقلي علمن جي ڪري؛ ’رين‘، ’رينالڊس‘، ’ولسن‘ ۽ ’ولڪلي‘، هنرن جي ڪري؛ ’ٿرلو‘ ۽ ڪئمپ بيل‘، قاعدن جي ڪري؛ ۽ ’ايڊيسن‘، ’ٽامسن‘، ’گولڊ سمٿ‘، ’ڪالرج‘ ۽ ’ٽيني سن‘، علمي فضيلت ۽ قابليت جي ڪري. ’لارڊ هارڊنگ‘، ’ڪرنل ايڊورڊس‘ ۽ ’ميجر هاڊسن‘، جي هندستان جي جنگين ۾ تمام مشهور ٿيا هئا، سي به پادرين جا پٽ هئا. +انهيءَ ۾ بلڪل شڪ ڪونهي ته انگلنڊ جي بادشاهي جا هندستان آئي ۽ قائم ٿي، سا خاص وچئين درجي جي ماڻهن جي همت سان، جهڙيءَ طرح ’ڪلائيو‘، ’وارن هيسٽنگس‘، ۽ انهن کان پوءِ جيڪي عملدار آيا، جي گهڻو ڪري ڪارخانن ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيا هئا، ۽ جن کي ڌنڌي جي عمارتن جي تعليم ملي هئي. وڪيلن يا قاعدي دانن جي پٽن مان وري هيٺيان نظر اچن. ٿا: ’ايڊمنڊبرڪ‘، ’سميٽن‘ انجنير، ’اسڪاٽ‘، ’ورڊس ورٿ‘؛ ’لارڊ سامرس‘، لارڊ هارڊوڪ‘ ۽ ’لارڊهارڊننگ‘. ’سروليم بلاڪسٽن‘ ته هڪڙي ريشم- فروش جو پٽ هو، جو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڄائو هو. ’لارڊ گفرڊ‘ جي پيءُ ڊو’هر‘ ۾ پساري يا رواجي دوڪاندار هو؛ ’لارڊ ڊين‘ جو پيءُ طبيب هو؛ جج ’ٽالفرڊ‘ جو پيءُ هڪڙي ڳوٺ جو ڪلالي يا شراب جوڙڻ وارو هو؛ ۽ ’لارڊ چيف بارن پالڪ‘ جو پيءُ ’چيئرنگ ڪراس‘ ۾ هڪڙو مشهور زين، فروش هو. ’ليارڊ‘، جنهن ’نينوا‘ قديم شهر جا گم ٿيل نشان ڳولي ڪڍيا، سو لنڊن ۾ هڪڙي وڪيل جي آفيس ۾ منشي به هو، ۽ شاگرد به هو. ’سر ويلم آرمسٽرانگ‘ جنهن پاڻيءَ ڇڪڻ ۽ چاڙهڻ جي ڪل ۽ آرمسٽرانگ توبن جوڙڻ جي تجويز ڪڍي، سو پهريائين قاعدو سکندو هو، ۽ پوءِ ٿوري وقت تائين وڪيل به ٿيو هو. ’ملٽن‘، لنڊن جي هڪڙي دستاويز- نويس جو پٽ هو ’پوپ‘ ۽ ’سائودي‘ سڻيءَ جي ڪپڙي وڪڻڻ وارن جا پٽ هئا. پروفيسر ’ولسن‘، ’پيسلي‘ جي هڪڙي ڪارخانائيءَ جو پٽ هو. ’ڪيٽس‘، دوا فروش هو.’سرهمفري ڊيوهي‘، هڪڙي ٻهراڙيءَ جي دوا ساز جو شاگرد هو. هڪڙي ڀيري ڊيوهيءَ پنهنجي بابت ذڪر ڪندي چيو ته ”جنهن درجي تي آءٌ هاڻ آهيان، تنهن تي مون پاڻ کي پاڻيهي پهچايو آهي. آءٌ سواءِ مغروريءَ جي ائين ٿو چوان، ۽ بلڪل دل جي سچائيءَ ۽ سادگيءَ سان ڳالهه ٿو ڪريان.“ ’رچرڊ اوئين‘، جو علم خواص الاشياء ۾ ’نيوٽن‘ جو مٽ هو، سو شروع ۾ هڪڙو ننڍو جهازي عهديدار هو، ۽ گهڻو پوءِ وڏيءَ عمر ۾ انهيءَ علمي تحقيقات هٿ وڌائين، جنهن ۾ هيترو مشهور ٿيو. هن پنهنجيءَ وڏيءَ علميت جو پايو وڌو، سو تڏهن، جڏهن هن ’جان هنٽر‘، جي محنت سان گڏ ٿيل عمدي عجائب خاني جي ياداشت ٿي تيار ڪئي. اهو ڪم جي هن ڊاڪٽرن جو ڪاليج يعني جراحن جي مدرسي ۾ ٿي ڪيو، تنهن ۾ هن کي قريب ڏهه ورهيه لڳي ويا. +جن ماڻهن غريب ۽ مفلس ٿي ڪري پنهنجيءَ محنت ۽ ذاتي جوهر سان پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، تن جا مثال جيترا انگلنڊ جي تاريخ ۾ موجود آهن، تن کان گهٽ ٻين ملڪن جي تاريخن ۾ ناهن. هنر ۾ اسان کي هيٺيان مشهور ماڻهو معلوم ٿين ٿا: ’ڪلاڊ‘، حلوائيءَ جو پٽ هو؛ ’گيفس‘، نانوائيءَ جو پٽ هو؛ ’ليوپولڊرابرٽ‘، واچ ميڪر يعني گهڙي ساز جو پٽ هو؛ ’هيڊن‘ گاڏيءَ جوڙڻ واري جو پٽ هو؛ ۽ ’ڊاگير‘ ناٽڪ جي پردن چٽڻ وارو هو. ’پوپ گريگري‘ ستين جو پيءُ واڍو هو، ’سيڪسٽس‘ پنجين جو پيءُ ريڍار هو؛ ۽ ’ائڊرين‘ ڇهين جو پيءُ هڪڙو غريب ٻيڙيءَ وارو هو. ’ائڊرين‘ جڏهن ڇوڪر هو، تڏهن، غريب هئڻ ڪري، رات جو سبق پڙهڻ لاءِ بتيءَ جو خرچ ڀري نه سگهندو هو، تنهنڪري گهٽين ۽ ديولن جي ورانڊن وارن بتين جي سوجهري تي پيو پڙهندو هو. ائين ڪرڻ مان سندس ايترو تحمل ۽ ڪشالو ڏسبو هو، جو پڪ ٿيندي هئي ته وڏي هوندي هيءُ ڪو مشهور ماڻهو ٿيندو. اهڙي ساڳئي غريباڻي اصل جا هيٺان ماڻهو به هئا: ’هي‘، ’علم معدنيات جو عالم‘، ’سينٽ جسٽ‘ جي هڪڙي ڪوريءَ جو پٽ هو؛ ’هوفيل‘، علم جرثقيل جو عالم، ’ارلينس‘ جي هڪڙي نانوائيءَ جو پٽ هو؛ ’جوزف فريئر‘ علم هندسه جو عالم، ’آرز‘ جي هڪڙي درزيءَ جو پٽ هو؛ ’ڊيورانڊ‘، عمارت سازيءَ جو استاد، پيرس جي هڪڙيءَ موچي جو پٽ هو؛ ۽ ’جيسنر‘، علم خواص الاشياءِ جو عالم، زيورچ جي هڪڙي کاڻين واري جو پٽ هو. هن پوئين ماڻهوءَ پنهنجي حياتيءَ جو دور مفلسيءَ، بيماريءَ ۽ خانگي مصيبت جي عذابن ۽ تڪليفن سان شروع ڪيو. اُنهن مان ڪنهن به حالت نه هن جي همت ڍري ڪئي، ۽ نه هن جي ترقي روڪي. هن جي حياتيءَ جي احوال مان چڱيءَ طرح ٿابت ٿئي ٿو ته اها ڳالهه جيڪا عام چوڻي آهي سا سچي آهي ته ’جن کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ مرضي اٿن، تن کي تمام گهڻو وقت ملي ٿو.‘ ’پيئر ريمس‘ به اهڙيءَ طرز جو ماڻهو هو. هن جا مائٽ ’پڪارڊي‘ ۾ غريب ماڻهو هوندا هئا، ۽ هو پاڻ جڏهن ننڍو هو، تڏهن رڍون چاريندو هو. پر اهو پورهيو پسند نه آيس، تنهن ڪري پيرس ڏي ڀڄي ويو. گهڻن ڏکن ڏسڻ کان پوءِ هن کي مس مس ’ناوهار‘ جي ڪاليج ۾ پٽيواليءَ جي جاءِ ملي. انهيءَ جاءِ مان هن جي لاءِ علم ڏي رستو کليو، ۽ سگهو ئي هو پنهنجي زماني جي مشهور ماڻهن مان هڪڙو ٿي ويو. +’وهاڪلين‘ ڪيمياگر، ’ڪالوهاداس‘ ۾ ’سينٽ ائنڊري‘ جي هڪڙي ڪڙميءَ جو پٽ هو. جڏهين اسڪول جو ڇوڪر هو، تڏهن غريباڻا ڪپڙا ڍڪيندو هو؛ انهيءَ هوندي به هو ڏاڍو سمجهه وارو هو. سندس ماستر، جو کيس لکڻ پڙهڻ سيکاريندو هو، سو سندس محنت جي تعريف ڪري چوندو هوس ته ’شاباس‘ بابا ائين ڪندو رهه، پيو محنت ڪر ۽ پڙهه؛ هڪڙي ڏينهن، ڪالن، تون اهرا چڱا ڪپڙا ڍڪندين، جهڙا ديول جو نگهبان ڍڪي ٿو‘. سگهوئي ٻهراڙيءَ جو هڪڙو دوا فروش اسڪول ۾ آيو، ۽ هن ڇوڪري جون مضبوط ٻانهون ڏسي هن کي پسند ڪيائين، ۽ هن کي پنهنجي دواخاني ۾ دوائن پيهڻ ۽ ٺاهڻ جي نوڪريءَ جي آڇ ڪيائين، جا هن قبول ڪئي، انهيءَ اُميد تي ته هن کي پنهنجن سبقن ياد ڪرڻ جو به وقت ملندو. پر انهيءَ دوا فروش هن کي ڪوبه وقت پڙهڻ ۾ لڳائڻ نه ڏنو، تنهنڪري هن ڇوڪر هڪدم نوڪري ڇڏڻ جي تياري ڪئي. انهيءَ خيال سان هو، سينٽ ائنڊريءَ مان نڪري، پنهنجو ٿيلهو پٺن تي رکي، پئرس جو رستو وٺي، اُٿي هليو. اتي پهچڻ کانپوءِ، هن ڪنهن دوا فروش جي نوڪر جي جاءِ لاءِ ڳولا ڪئي، پر ڪابه ملي نه سگهيس. ٿڪ ۽ نااُميديءَ کان اهڙو هلاڪ ٿيو جو بيمار ٿي پيو، ۽ وڃي اسپتال ۾ پيو، جتي ڀانيائين ٿي ته اجهو ٿو مران. پر هن غريب ڇوڪر جي نصيب ۾ بهتر ڪم لکيل هئا. هو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو، ۽ وري اٿي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ نيٺ هڪڙي دوا فروش وٽ جاءِ مليس. تنهن کان پوءِ سگهو ئي مشهور ڪيميا گر يا علم ڪيميا جو عالم ’فور ڪراءِ‘ سندس واقف ٿيو، جنهن کي اهڙو وڻيو جو هن کڻي پنهنجو خانگي سيڪريٽري يا پيشڪار ڪيس. گهڻن ورهين کان پوءِ، جڏهن اهو وڏو عالم ۽ حڪيم هئو، تڏهن سندس جاءِ تي ’وهاڪلين‘ علم ڪيميا جو پروفيسر يا مدرس ٿيو. آخر، سن 1829ع ۾، ’ڪالوهاڊاس‘ ضلعي جي چونڊ ڪرڻ وارن، رايو ڏيئي، هن کي پنهنجي طرفان چيمبر آف ڊيپيوٽيز يا نائبن جي مجلس جو ميمبر مقرر ڪرايو، ۽ هو جنهن ڳوٺ مان گهڻا ورهيه اڳي غريبيءَ ۽ گمناميءَ جي حالت ۾ نڪتو هو، تنهن ۾ وري تجمل سان گهڙيو. + + +لشڪري کاتي ۾ عام سپاهيءَ جي درجي مان چڙهي تمام وڏي جنگي عهدي تي پهچڻ جا مثال جيترا فرانس ۾، پهرئين ملڪي فساد يا حڪومت جي ڦيرگهير کان پوءِ ٿيا آهن، اوترا انگلنڊ ۾ نٿا ڏسجن. جيڪڏهن اسان ۾ اضافي ۽ چاڙهي جو رستو انهيءَ ساڳيءَ طرح کليل هجي، ته هوند اسين به بيشڪ اهڙا ۽ ايترا عجيب مثال، همت ۽ سمجهه سان چڙهڻ جا پيدا ڪريون، جي جيڪر هنن سان مَٽ پون. ’هوش‘، ’همبرٽ‘ ۽ ’پچيگرو‘، اهي ٽيئي شروع ۾ عام سپاهي هئا. ’هوش‘ جڏهن بادشاهه جي لشڪر ۾ هوندو هو، تڏهين ڪوٽن تي چڪن دوزي ڪم ڪري پيسو ڪمائيندو هو؛ انهيءَ لاءِ ته جنگي هنر جا ڪتاب خريد ڪري سگهي. ’همبرٽ‘ جڏهن ننڍو هو، تڏهن رولو ڇوڪر هوندو هو.ل سورهن ورهين جي ڄمار ۾ هو گهر ڇڏي نڪري ويو، ۽ وڃي پهريائين ’نانسي‘ ۾ هڪڙي واپارءَ جو نوڪر ٿيو، پوءِ ’لائنس‘ ۾ مزور ٿيو؛ ۽ پوءِ سهن جون کلون گهور ڪري وڪڻندو وتندو هو. سنه 1749ع ۾، هن پاڻ کي پنهنجي خوشيءَ سان وڃي لشڪر ۾ داخل ڪرايو، ۽ سپاهي ٿيو. هڪڙي ئي ورهيه جي عرصي ۾، هو لشڪر جي هڪڙي ڀاڱي جو جنرل ٿيو. ’ڪليمبر‘، ’ليفيوهر‘، ’سشيٽ‘، ’وڪٽر‘، ’لانس‘، ’سولٽ‘، ’مسينا‘، ’سينٽ سر‘، ’ڊرلان‘، ’مرت‘، ’آگرو‘، ’پيسرز‘ ۽ ’ني‘. اهي سڀ سپاهي ٿي مٿي چڙهيا. ڪن کي اضافو جلد جلد مليو، ۽ ڪن کي آهستي آهستي. ’سينٽ سر‘، جو ’ٽول‘ جي هڪڙي کلن رڱڻ واري جو پٽ هو، سو پهريائين هڪڙو ناٽڪي ٿيو، پوءِ وڃي چاسرن واري لشڪر ۾ سپاهي ٿيو، ۽ هڪڙي ئي ورهيه ۾ ڪپتان ٿيو. ’وڪٽرو‘، جو نيٽ بيلونو جو ڊيوڪ ٿيو، سو 1781ع ۾ توبخاني ۾ وڃي داخل ٿيو. وڏي فساد کان اڳي جيڪي واقعا ٿيا، تن ۾ هو نوڪريءَ کان نڪري ويو؛ پر جڏهن جلد ور جنگ لڳي، تڏهن وري ساڳيءَ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ ٿورن ئي مهينن ۾ سندس همت ۽ مردانگيءَ ڪري هن کي اضافو مليو، ۽ آڊجيوٽنٽ ميجر جي درجي تي چڙهيو، ۽ لشڪر جي هڪڙي ڀاڱي جو مهندا ٿيو. ’مرت‘، ’پيريگارڊ‘ ۾ ٻهراڙيءَ جي هڪڙي مهمانسراءِ رکندڙ جو پٽ هو، ۽ گهوڙن جي نگهباني ڪندو هو. پهريائين هو چاسرن واري لشڪر ۾ وڃي سپاهي ٿيو، پر سگهوئي نافرمانيءَ ڪري نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائونس؛ مگر ستت وري اچي داخل ٿيو، ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ وڃي ڪرنل جي درجي کي پهتو. ’ني‘ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ولائتي رسالي ۾ داخل ٿيو، ۽ درج بدرجي چڙهندو ويو. هن جي گڻن جي ’ڪليبر‘ کي سگهوئي خبر پيئي، جنهنڪري هن اُن کي آٿڪ يا محنتيءَ جو نالو ڏنو، ۽ اڃا هو پنجويهن ورهين جو مس ٿيو، ته هن کي آڊجيوٽنٽ جنرل کڻي ڪيائين. ’سولٽ‘ ته نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کا ڇهه ورهيه پوءِ سارجنٽ جي درجي تي آيو. ’مسينا‘ جو واڌارو ’سولٽ‘ کان به ڍرو هو، جو هو چوڏهن ورهين جي نوڪريءَ کان پوءِ مس سارجنٽ ٿيو؛ ۽ جيتوڻيڪ انهيءَ کان پوءِ هو درجي بدرجي چڙهندو ويو؛ ۽ هڪٻئي پٺيان ڪرنل ۽ جنرل ۽ مارشل ٿيندو ويو، تڏهن به هو چوندو هو ته سارجنٽ جي جڳهه واري ڏاڪي هٿ ڪرڻ لاءِ مون ٻين سڀني جڳهن کان وڌيڪ محنت ۽ تڪليف ڪئي. فرانس جي لشڪري کاتي ۾، سپاهيگريءَ کان اهڙا اضافا ۽ چاڙها اڄ ڏينهن تائين هليا پيا اچن. ’چنگونيئر‘، سنه 1815ع، ۾ بادشاهي پهري واريءَ پلٽڻ ۾ سپاهي ٿي گهڙيو. ’مارشل، بو گوڊ‘ فرانس جو جنگي وزير، انهيءَ کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ پهريائين دهل وڄائڻ وارو ڇوڪر هو؛ ۽ ’ورسيلز‘ جي تصويرخاني ۾ هن جي جيڪا تصوير رکيل آهي، تنهن ۾ هو پنهنجو هٿ دهل جي مٿان رکيو بيٺو آهي. اها تصوير هن پنهنجيءَ خواهش تي ائين ڪڍائي هئي. اهڙن مثالن مان فرانس جي سپاهين جي دل ۾ پنهنجي نوڪريءَ جو سچو شوق ۽ جوش جاڳي ٿو، جو سڀ ڪنهن کي مارشل جي عهدي تي پهچڻ جو امڪان خيال ۾ اچي سگهي ٿو. +هن ملڪ ۾، توڙي ٻين ملڪن ۾، جن ماڻهن رڳو پنهنجي اورچائيءَ، ڪشالي ۽ چالاڪيءَ سان پاڻ کي غريب پورهيتن جي حالت مان چاڙهي ڪمائتن ۽ زور وار مٿانهن قومي درجن تي پهچايو آهي، تن جا مثال بيشڪ ايترا گهڻا آهن، جو گهڻن ڏينهن کان اُهي نيارا نٿا سمجهڻ ۾ اچن، بلڪ عام رواجي پيا شمار ۾ اچن. انهن مان ڪن مک مک مثال تي نظر ڪري، چئي سگهجي ٿو ته فتحيابيءَ جو ضروري شرط ڪچيءَ ۾ مشڪلاتن ۽ مصيبتن سان سامهون ٿيڻ هو. انگلنڊ جي ’هائوس آف ڪامنس‘ ۾ هميشه اهڙا پنهنجا پاڻ چاڙهيل ماڻهو گهڻا پئي رهيا آهن؛ جي عام ماڻهن جي ذاتي محنت جا لائق نمونا آهن، ۽ اتي اُنهن جو گهڻو آدرڀاءُ ڪيو اٿن، ۽ اُنهن کي آبرو ڏنو اٿن، تنهن مان اسان جي قاعدي جوڙڻ واري انتظام جي تعريف ٿي نڪري. پارليامينٽ ۾ جڏهن مزورن جي ڏهن ڪلاڪن روز ڪمائڻ واري قانون جي مسودي تي بحث پئي هليو، تڏهن’جوزف بردرٽن‘ جو ’سالفرڊ‘ جي پاران ميمبر چونڊيل هو، تنهن گهڻي درد ۽ سوز سان مفصل بيان ڪري ٻڌايو ته ’جڏهن آءٌ ڪپهه جي ڪارخاني ۾ مزور ٿي ڪمائيندو هوس، تڏهن مو کي ههڙي ههڙي قسم جون تڪليفون ۽ محنتون ڪڍڻيون ٿي پيون. انهيءَ وقت مون دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو هو ته جيڪڏهن مون کان ٿي سگهيو؛ ته ويچارن مزورن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندس.‘ اها ڳالهه ٻڌي، ’سر جيمس گريهام‘، تاڙين وڄندي، اٿي چيو ته ’مون کي هيستائين بلڪل اها خبر نه هئي ته ڪو مسٽر بردرٽن اهڙي غريباڻي اصل مان آهي؛ پر جڏهن خيال ڪجي ٿو ته جو ماڻهو اهڙيءَ هيٺانهينءَ حالت مان اهڙو مٿي چڙهيو جو هن ملڪ جي قديم خانداني ماڻهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان هڻڻ اچي ويٺو، تڏهن هن کي هائوس آف ڪامنس ۾ ايتري فخر ڪرڻ لاءِ سبب آهي، جيترو اڳي ڪڏهن نه ٿيو هوندس.‘ +مسٽر ’فاڪس‘، جو ’اولڊهام‘ جي طرفان ميمبر هو، سو هميشه جڏهن گذريون ڳالهيون ياد ڪري پنهنجي بيان ۾ آڻيندو هو، تڏهن پهرين هي لفظ چوندو هو ته ”جڏهن آءٌ ’نارچ‘ ۾ ننڍي هوندي اُڻڻ جو ڪم ڪندو هوس.“ پارليامينٽ جا ٻيا به ڪيترا ميمبر آهن، جي اڃا جيئرا آهن، ۽ جي اصل غريب ماڻهو هئا. مسٽر ’لنڊسي‘ مشهور جهازن جو مالڪ، جو ’سندر لئنڊ‘ جي طرفان ميمبر هو، تنهن جي برخلاف سندس ضد طرف وارن ڪي ڪجهه چيو هو، ان جي جواب هن هڪڙي ڀيري ’وي مائوٿ‘ جي چونڊ ڪرڻ وارن کي پنهنجي حياتيءَ جي احوال جو مختصر بيان هيئن ڪري ٻڌايو: ”چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ منهنجا پيءُ- ماءُ مري ويا، ۽ آءٌ ڇورو ٿي پيس. جڏهن ’گلاسگو‘ مان نڪري، قوت گزران لاءِ ’لورپول‘ ڏي هليس، تڏهن رواجي ڀاڙي ڏيڻ جي به وسعت ڪانه هيم. آگبوٽ جي ڪپتان قبول ڪيو ته آءٌ پورهيو ڪندو هلندس، ۽ ان جي عيوض ۾ هو مون کي چاڙهي هلندو. انهيءَ طرح، آءٌ اڱرن جي خاني ۾ اڱر سوئيندو، اتي پهتس. ’لورپول‘ ۾ ستن هفتن تائين ته ماٺ ڪيو ويٺو هوس، جو ڪابه نوڪري ڪانه ملي سگهيم. اهو وقت ڏاڍيءَ تنگيءَ ۾ گذاريم، ۽ مَنهن ۽ ڇپرن ۾ ٽڪندو وتيس. نيٺ، هڪڙي الهندي جي ملڪن واري جهاز تي وڃي پناهه لڌيم. اتي مون کي، ڇوڪر ڄاڻي، اٿ- ويهه جي ڪم تي کڻي رکيائون. اوڻيهن ورهين کان اڳي، پنهنجيءَ چڱيءَ چال جي ڪري، جهاز جو ڪپتان ٿيس. ٽيويهن ورهين جي عمر ۾ مون سمنڊ جي نوڪري ڇڏي، ۽ اچي ڪناري تي گوشي نشين ٿيس. انهيءَ کانپوءِ، منهنجي ترقي تمام جلد ٿي. منهنجي حالت جو بهتر ٿي، سو انهيءَ ڪري جو آءٌ اڻورچ ٿي محنت ڪندو هوس، ۽ هميشه ڪم ۾ لڳو رهندو هوس. هميشه انهيءَ اصول تي هلندو هوس، ته ٻين سان اهڙي هلت ڪرڻ گهرجي، جهڙي ماڻهو ڀانئي ته ٻيا مون سان ڪن.“ +’برڪن هيڊ‘ وارو مسٽر ’وليم جئڪسن‘، جو ’نارٿ ڊربي شائر‘ جي طرفان ميمبر هو، تنهن جو احوال به مسٽر ’لنڊسيءَ‘ جي احوال سان مشابهت رکي ٿو. هن جو پيءُ ’لئنڪاسٽر‘ ۾ هڪڙو ڊاڪٽر هو. اهو يارهن ٻار ڇڏي مئو، جن ��ان ’وليم جئڪسن‘ ستون پٽ هو. وڏا ٻار پيءُ جي جيئري چڱيءَ طرح پڙهايا ويا هئا، پر پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، ننڍن کي پنهنجي لاءِ پاڻيهي مٿو هڻڻو پيو. ’وليم‘ ٻارهن ورهين جو به ڪين ٿيو هو ته ان کي اسڪول مان ڪڍي، ڪنهن جهازن واري ڪناري تي ڪمائيءَ لاءِ رکيائون، جتي هو صبوح جو ڇهين بجي تائين ڪمائيندو هو. جڏهن هن جو ڌڻي بيمار ٿي پيو، تڏهن هن کي ڪڍي هڪڙي صرافخاني ۾ رکيائون، جتي هن کي وڌيڪ فرصت ملندي هئي. انهيءَ ڪري هن کي پڙهڻ جو وجهه مليو، ۽ ڪنهن هنڌ، ”انسائيڪلو پيڊيا برٽئنيڪا“ ڪتاب جا سڀ جلد هٿ لڳي ويس، سي هن ’الف‘ کان وٺي ’ي‘ تائين سمورا پڙهيا، خاص رات جي وقت. تنهن کان پوءِ هن پاڻ کي واپار ۾ لڳايو، ۽ ڪشالي ڪرڻ سان ان ۾ فائدو حاصل ڪيائين. پوءِ ته ڪيترائي جهاز پنهنجا ٿي پيس، جي گهڻو ڪري سڀني سمنڊن ۾ پئي هليا، ۽ اڪثر دنيا جي سڀ ڪنهن ڏيهه ۾ هن جو واپار پئي هليو. +ساڳئي قسم جي ماڻهن ۾ ’رچرڊ ڪابڊين‘ به اچي وڃي ٿو. اهو به ٻين وانگي غريباڻيءَ حالت کان ٿي چڙهيو. هو ’سسيڪس‘ ۾ ’مڊهرسٽ‘ جي هڪڙي ننڍي آبادگار جو پٽ هو. ننڍيءَ عمر ۾ هن کي لنڊن ڏي موڪلي ڏنائون، جتي هو شهر جي هڪڙي گدام ۾ ڪمائيندو هو. هو محنتي ۽ چڱيءَ چال وارو هو، ۽ پاڻ کي گهڻين ڳالهين مان واقف ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. سندس ڌڻي اڳئين زماني جي ڊول جو ماڻهو هو، سو گهڻي پڙهڻ کان منع ڪندو هوس؛ پر هي ڇوڪر رهندو ڪين هو، پنهنجي منهن ويو پڙهندو ۽ علم حاصل ڪندو. هو پهرين ته هڪڙيءَ معتبر جاءِ تان چڙهي ٻيءَ تي آيو؛ پوءِ جنهن ڪارخاني ۾ نوڪر هو، ان جي پاران ٻين ملڪن ڏي واپار لاءِ سفر ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ هن هڪڙي وڏي ڪارخاني سان واسطو پيدا ڪيو، ۽ نيٺ هن مئنچيسٽر ۾ پنهنجي منهن هڪڙو سوٽي ڪپڙي چِٽڻ جو ڪارخانو شروع ڪيو. هن عام فائدي جي ڪمن ڏي، خاص عام ماڻهن جي تعليم ڏي، خيال رکيو، ۽ آهستي آهستي سندس ڌيان اُن جي قاعدن ڏي ڇڪيو. پوءِ ته انهن جي رد ڪرائڻ ۾ هن ڄڻ ته پنهنجي حياتي ۽ پنهنجي دولت لڳائي. اها عجيب ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي ته پهرين گفتگو جا هن ماڻهن ۾ ڪئي، سا ڪنهن ڪم جي ڪين هئي؛ پر هو اورچ، محنتي ۽ همت وارو هو، ۽ استعمال ۽ آزامودي سان نيٺ هو تمام فصيح ۽ اثرائتي گفتگو ڪرڻ وارن مان هڪڙو ٿيو. اهڙو، جو ’سر رابرٽ پيل‘ خود سندس تعريف ڪئي، جنهن جو ساڻس ڪوبه واسطو ڪونه هو. ’ڊروئن ڊي لوئيس‘، فرانس جي سفير مسٽر ’ڪابڊين‘ بابت هيئن چيو ته ’هو انهيءَ ڳالهه جي هڪڙي جيئري ثابتي آهي ته لياقت، اورچائي ۽ محنت ڇا ڪري سگهي ٿي. هو انهن ماڻهن جو هڪڙو عمدو مثال آهي، جي پنهنجي ذاتي لياقت ۽ حسن خدمتيءَ جي زور سان پاڻ کي گهٽ درجي ۽ غريباڻيءَ حالت مان چاڙهي، تمام وڏي ۽ آبروءَ واري درجي تي پهچائين ٿا. هو انگريزي قوم جي ذاتي لياقت ۽ سچيءَ خاصيت جو هڪڙو تمام عمدو ۽ عجيب نمونو آهي.“ +انهن سڀني حالتن ۾، هرهڪ ماڻهوءَ جي علحدي محنت ۽ چالاڪي، سندس ناموس جي قيمت هئي؛ ڪنهن به قسم جي چڱائي ۽ هوشياري، هميشه سستيءَ جي پهچ کان ٻاهر رهي آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ جند جي سڌاري، عقل جي واڌاري ۽ ڌنڌي ۾ جيڪا شي زور وٺائي ٿي، سا هَٿ ۽ مٿي جي محنت آهي. بلڪ جي ماڻهو ڄائي ڄم کان دولت ۽ درجي وارا آهن، سي به ڪنهن خاص ڪم بابت مشهور ٿيڻ گهرندا، ته رڳو محنت ۽ ڪشالي سان ڪري سگهندا؛ ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ ڪيتري به زمين ورثي ۾ ملي سگهي ٿي، تڏهن به علم ۽ عقل ورثي ۾ ملي ڪين سگهندو. دولتمند ماڻهو، پيسا ڏيئي، پنهنجو ڪم ٻين کان ڪرائي سگهي ٿو، پر اهو ناممڪن آهي ته هو ڪنهن ٻئي کان پنهنجي بدران خيال ڪرائي، يا ڪنهن به قسم جو ذاتي سڌارو خريد ڪري سگهي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته محنت ۽ ڪشالي مان جو سڀ ڪنهن ڪم ۾ بزرگي ۽ فضيلت حاصل ٿي ٿئي، سو جهڙو دولتمند ماڻهوءَ جي حالت ۾، تهڙو ’ڊريو‘ ۽ ’گفرڊ‘ جهڙن غريب ماڻهن جي حالت ۾، جن ڳلي دوز جي دوڪان کان سواءِ، ٻئي ڪنهن مڪتب جو منهن ڪونه ڏٺو؛ يا ’هيوملر‘ جهڙي مسڪين جي حالت ۾، جنهن جي لاءِ ’ڪرومارٽي‘ جي پهڻن کوٽڻ جي کاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو مدرسو ڪونه هو. +اها ڳالهه بلڪل صاف آهي ته دولت ۽ آسايش، ماڻهوءَ جي اعليٰ ترقي جي لاءِ بلڪل ضروري نه آهي؛ نه ته جيڪر سڀ ڪنهن زماني ۾ ايترا هيٺائهين درجي ۽ غريب نسل جا ماڻهو دنيا ۾ سڌاري ڪرڻ وارا پيدا ئي نه ٿين ها. سک ۽ عيش عشرت واريءَ حياتيءَ مان ماڻهن کي محنت ڪرڻ ۽ مشڪلات ۾ مٿي هڻڻ جي تعليم نٿي ملي؛ نڪي اُنهيءَ مان اُها همت ۽ جرات دل ۾ پيدا ٿئي ٿي؛ جا حياتيءَ جي چالاڪيءَ ۽ مردانگيءَ جي لاءِ ضروري آهي. مفلسي يا غريبي، ڪڏهن به مصيبت يا بدنصيبي ناهي؛ بلڪ يقين آهي ته همت جهلي پاڻ کي پاڻ واهر ڏيڻ سان، ان کي ڦيرائي، برڪت ۽ خوش نصيبي ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ مان ماڻهوءَ کي دنيا ۾ اُنهن ڪشالن ڪڍڻ ۽ مٿن هڻن ۾ همت حاصل ٿئي ٿي، جن ۾ اگرچ ڪي ڏک ڏسي پوءِ سک پائين ٿا، تڏهن به سچيءَ دل ۽ چڱي خيال وارا ماڻهو قوت، اُميد ۽ فتحيابي حاصل ڪن ٿا. ’بيڪن‘ چوي ٿو ته ”ظاهري ڪري ماڻهن کي نڪا مايا جي خبر ٿي پوي، نڪا اُن جي طاقت جي؛ مايا جي بابت حقيقت کان وڌيڪ ويساهه رکن ٿا، ۽ ان جي طاقت بابت حقيقت کان گهٽ. خود اعتباري ۽ خود- انڪاريءَ مان ماڻهو سکي ٿو ته پنهنجي چشمي مان پاڻي پيئجي، پنهنجي مٺي ماني کائجي، پنهنجي گذران جي لاءِ پيڙهجي ۽ محنت ڪجي، ۽ جيڪي چڱيون شيون کيس ڏنيون ٿيون وڃن، سي سنڀال سان کپائجن.“ +ماڻهن جو سُڀائي ميل سک ۽ خود- آراميءَ ڏي آهي، ويتر دولت ته کين اُنهن ڏي وڌيڪ مائل ٿي ڪري؛ تنهنڪري جيڪي ماڻهو ڄائي ڄم کان دولتمند هوندي به پنهنجي زماني جي سڌاري ۾ چالاڪيءَ سان شامل ٿين ٿا، ۽ عيش عشرت وساري محنت ۾ ڏينهن گذارين ٿا، سي پاڻ وڌيڪ تعريف ۽ تحسين جوڳا آهن. هن ملڪ ۾ دولتمند ماڻهو سست ناهن، اها سندن ساراهه چئبي، ڇا لاءِ جو هو ملڪي ڪمن جو موچارو حصو ڪن ٿا، ۽ اڪثر اُنهن جي خوفن خطرن جو تمام گهڻو حصو سر تي کڻن ٿا. اُپٻيٽن واريءَ مشهور جنگ ۾ هڪڙي ننڍي جنگي عملدار کي ڏٺو ويو ته پنهنجيءَ پلٽن جي پاسي ۾، اڪيلو، گپ چِڪ مان ٽنگون هڻندو لنگهيو پئي ويو. انهيءَ کي ڏسي، هڪڙي ماڻهوءَ سندس بابت هي مزي جهڙا لفظ چيا ته ”اجهو ٿو وڃي پندرهن هزارن پائونڊن سالياني پيدائش وارو!“ خود اسان جي زماني ۾ به ’سباسٽوپول‘ جا خشڪ لهوارا ميدان ۽ هندستان جا گرم پٽ شاهدي ڏي ٿا ته اسان جي شريف قومن به اهڙي ئي ساڳي خود- انڪاري ۽ جانفشاني ڏيکاري آهي، ۽ ڪيترن ئي دولتمندن ۽ عزت وارن بهادرن ۽ شريف ماڻهن، پنهنجي ملڪ جي خدمتگذاري ڪندي، اُتي هڪڙيءَ نه ٻيءَ لڙائيءَ ۾ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي، يا گنوائي آهي. +نڪي علم ۽ حڪمت جي وڌيڪ آرام وارن شغلن ۾ دولتمند ماڻهو نامشهور رهيا آهن. مثال لاءِ، علم ۾ هيٺيان وڏا نالي وارا ماڻهو وٺو: ’بيڪن‘، جو هاڻوڪيءَ حڪمت يا فلسفي جو پيءُ سڏبو آهي؛ ’ورسٽر‘، ’بائل‘، ’ڪاوهنڊش‘، ’ٽئلباٽ‘، ۽ ’راس‘. ’راس‘ ته گويا لارڊن يا اميرن ۾ هڪڙو وڏو پيشه ور يا ڪاسبي ماڻهو هو. اهڙو هو، جو جيڪڏهن ڄائي ڄم کان لارڊ نه هجي ها، ته جيڪر گهڻو ڪري تمام وڏو خيالي ۽ نون هنرن ڪڍڻ وارو ٿئي ها. لوهار جي ڪم ۾ اهڙو ماهر ۽ هوشيار هو، جو چون ٿا ته هڪڙي وڏي ڪارخاني وارو ماڻهو، جنهن کي هن جي اصل نسل جي خبر نه هئي، تنهن هن کي پنهنجي ڪارخاني جي مقدمي آڇي هئي. وڏيءَ راس واري دوربين، جا هن جوڙي هئي، سا في الحقيقت اهڙو عجيب اوزار آهي، جنهن جهڙو اڃا ٻيو ڪونه جڙيو آهي. +اسان جن وڏن ماڻهن مان گهڻن جيڪو محنت ۽ همت وارو پورهيو ڪيو آهي، سو خاص فضيلت ۽ حڪومت جي علمن ۾. انهيءَ قسم جي مشغوليءَ ۾ به ٻين مشغولين وانگي فتحيابي رڳو محنت، استعمال ۽ خوض سان حاصل ٿي ٿئي؛ ۽ جيڪو ملڪ جو وڏو مدبر يا پارليامينٽ جو مهندار هوندو، سو ضرور تمام گهڻي محنت ۽ ڪم ڪرڻ وارو هوندو- جهڙيءَ طرح ’پامرسٽن‘، ’ڊربي‘، ’رسيل‘، ’ڊزرائلي‘ ۽ ’گلئڊسٽن‘ هئا. هنن ماڻهن مان ڪنهن کي به ڏهن ڪلاڪن واري قانون جو فائدو ڪونه مليو هو، جو هو مزور نه هئا، ليڪن اهي سڀ پارليامينٽ جي مشغوليءَ واري وقت ۾ رات ڏينهن پئي وهيا آهن. +هن زماني جي اهڙن سخت پورهئي ڪرڻ وارن مشهور ماڻهن مان هڪڙو ’سر رابرٽ پيل‘ هو. هن کي لڳو لڳ سخت خيالي محنت ڪرڻ جي عجيب طاقت هئي. هن جانفشاني ڪرڻ ۾ ڪن گهٽايو. بيشڪ، هن جي حياتيءَ جي هلت مان انهيءَ ڳالهه جو هڪڙو چڱو مثال ملي ٿو ته موچاريءَ لياقت وارو ماڻهو، سخت محنت ۽ جانفشانيءَ جي وسيلي سان، ڪيترو نه ڪم ڪري ۽ فائدو پهچائي سگهي ٿو. هو چاليهه ورهيه برابر پارليامينٽ جو ميمبر رهيو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ هن نهايت گهڻي محنت ڪئي. هو تمام سچو ۽ صافدل ماڻهو هو، ۽ جيڪو ڪم ڪندو هو، سو پوريءَ طرح ڪندو هو. جيڪي گفتگويون هن ڪيون، تن سڀني مان ظاهر آهي ته جنهن به مضمون تي هن ڪي لکيو يا ڳالهايو، تنهن تي هن ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان خوض ۽ ويچار ڪيو. هو ڪنهن به ڳالهه بابت ايترو گهڻو بيان ڪندو هو، جو ذري گهٽ حد کان لنگهي ويندو هو؛ ۽ ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو ته ٻڌڻ وارن جي جدا جدا سمجهه ۽ لياقت موجب پنهنجي گفتگو بيهاريان. انهيءَ هوندي به، هو ڏاڍو تيزفهم ۽ پڪي ارادي وارو ماڻهو هو، ۽ ڪنهن به ڳالهه جي پوريءَ سمجهاڻيءَ لاءِ هٿ ۽ اک جي برابر ڪم آڻڻ جي چڱي طاقت هوندي هيس. هڪڙيءَ ڳالهه ۾ هو ٻين سڀني کان گوءِ کڻي ويو هو: هن جا خيال ۽ اصول، وقت سان گڏ وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ويا؛ ۽ هن جي طبيعت، عمر جي ڪري، شوخ ۽ تنگ ٿيڻ جي بدران، نرم ۽ رسيلي ٿيندي ويئي. پڇاڙيءَ تائين هن ۾ ڪهڙن به نون خيالن جو اثر ٿي سگهيو ٿي. جيتوڻيڪ گهڻا ماڻهو ڄاڻندا هئا ته هو حد کان زياده خبردار آهي، تڏهن به هو اڳوڻي زماني ۽ گذريل وقت جي اهڙي اجائي تعريف نه ڪندو هو، جهڙي اڪثر انهيءَ قسم جي قابليت وارن ماڻهن کي عادت ٿيندي آهي، جن جي پيريءَ تي رڳو ارمان پيو ٿيندو آهي. +’لارڊ بروهم‘ جي سخت محنت ته بلڪ ضرب المثل ٿي وئي آهي. هن سٺ ورهين کان به وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ هن گهڻن ئي مضمونن تي خيال رکيو، قاعدي تي، ڪتاب علمن تي، خيال علمن تي، ۽ ملڪي انتظام تي، ۽ انهن سڀني جي تحقيقات ڪرڻ ۾ هن مشهوري حاصل ڪئي. گهڻا ماڻهو حيران آهن ته الائجي ڪهڙيءَ تجويز سان هو ائين ڪري ٿي سگهيو. هڪڙي ڀيري جڏهن ’سئميوئيل راملي‘ کي ماڻهن ڪنهن نئين ڪتاب لکڻ لاءِ چيو، تڏهن هن عذر ڏنو ته ”مون کي وقت ڪونهي؛ پر اوهين هن شخص ’بروهم‘ کي وڃي چئو، شايد هن کي سڀ ڪنهن ڪم ڪرڻ جو وقت آهي.“ انهيءَ جو ڳجهه اهو هو، ته هو هڪڙو پل به اجايو نه وڃائيندو هو. انهيءَ هوندي به هو بدن ۾ ڏاڍو مضبوط هوندو هو. جڏهن ’لارڊ بروهم‘ انهيءَ عمر کي پهتو، جنهن ۾ گهڻا ماڻهو جيڪر دنيائي ڪم ڇڏي گوشي نشين ٿي، هيترن ورهين جي پورهئي کا پوءِ آرام ڀوڳين، ۽ شايد آرام ڪرسيءَ ۾ ويهي پنهنجو وقت پنڪين کائڻ ۾ گذارين، تڏهن روشنائيءَ جي قاعدن جي تحقيقات ڪرڻ لڳو، ۽ ڪيتريون وڏيون ۽ سخت آزمائشون ڪيائين، جن جا نتيجا هن پيرس ۽ لنڊن جي تمام گهڻن عالمن ۽ حڪيمن کي بيان ڪري ٻڌايا. ساڳئي وقت ۾، هن ’جارج ٽئين‘ جي راڄ وارن عالمن ۽ حڪيمن جي احوال بابت جيڪو عجيب ڪتاب لکيو هو، سو پئي ڇاپايو، قاعدي ۽ وڪالت جو ڪم به چڱيءَ طرح پئي ڪيائين، ۽ ’هائوس آف لارڊس‘ ۾ ملڪي تدبيرن ۽ بحثن ۾ به شامل پئي ٿيو. هڪڙي دفعي ’سڊبي سمٿ‘ سمجهايس ته ”تون رڳو ايترو ڪم ڪر جيترو ٽي مضبوط ماڻهو ڪري سگهن“؛ پر ’لارڊ بروهم‘ کي جو ڪم سان پيار هو؛ ۽ محنت جي عادت ٿي ويئي هيس، تنهن کي ڪيتري به مشقت هلاڪ نه ڪندي هئي. هن کي ڪم جي پورائيءَ سان اهڙي دل هئي، جو ڪن جو چوڻ آهي ته جي هو گهٽ درجي جو ماڻهو هجي ها ۽ جوتن کي ڪاري روغن هڻڻ جو ڪم ڪري ها، ته جيسي ساري انلگنڊ ۾ تمام چڱو روغن هڻڻ وارو مشهور نه ٿئي ها، تيسين آرام سان نه ويهي ها. +اميرن مان ٻيو هڪڙو محنتي ماڻهو ’سر اي بلؤرٽن‘ آهي. ڪي ٿورا مصنف هوندا، جن جدا جدا مضمونن تي هن جيترا ڪتاب لکيا هوندا، يا جي هن جهڙا مشهور ٿيا هوندا، ڇا قصن ۽ افسانن لکڻ ۾، ڇا شاعريءَ ۽ ناٽڪ نويسيءَ ۾، ڇا تاريخ نويسيءَ ۽ گفتار نويسيءَ ۾، ۽ ڇا فصيح گفتگو ۽ ملڪ جي تدبير ۾. هن درجي بدرجي پنهنجي لاءِ رستو گهڙيو؛ هو آرام پسند نه هو، ۽ هميشه سڀني کان بهتر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. رڳو محنت جي نظر تي ئي، انگلنڊ م ڪي ٿورا اهڙا مصنف هوندا، جن هن جيترا گهڻا ۽ هن جهڙا عمدا ڪتاب لکيا هوندا. ’بلور‘ اها سڀ تڪليف پاڻ تي پنهنجي خوشيءَ سان هموار ڪئي هئي؛ تنهنڪري ته پاڻ سندس محنت وڌيڪ تعريف جوڳي آهي. شڪار ڪرڻ، بندوق هڻڻ، آرام سان رهڻ، مجلسن ۾ وڃڻ، ۽ راڳ ناچ جا تماشا ڏسڻ، توڙي ٻيا جيڪي تماشا صفائيءَ واريءَ موسم ۾ لنڊن منجهه ٿيندا آهن، ۽ پري پري جا ماڻهو اچي ڏسندا آهن، اُهي ڏسي، پوءِ ڪنهن ٻهراڙيءَ واري مڪان ۾ وڃي رهڻ، ۽ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ، کليل هوا ۾ هزارين ٻيا مزا ماڻن، پيرس يا وائنا يا روم يا ڪنهن ٻئي ملڪ ڏي وڃي سير ڪرڻ: اهي سڀ ڳالهيون دولتمند ۽ عشرت پسند ماڻهوءَ کي گهڻيون وڻنديون آهن، ۽ هو نه چاهيندو آهي ته ڪنهن به قسم جي سخت محنت ڪري. انهيءَ هوندي به، جيتوڻيڪ اهي سڀ خوشيون ۽ لذتون ’بلور‘ جي پهچ ۾ هيون، تڏهن به هن پنهنجن ٻين همسرن جي مقابلي ڪري، اهي سڀ ڇڏي ڏنيون، ۽ علم ۽ قابليت واري ماڻهوءَ جي حالت ۽ مشغوليءَ ۾ پاڻ کي بند رکيو. ’بائرن‘ وانگي هن به پهرين شاعريءَ تي مٿو هنيو، ۽ جهنگلي گاهن ۽ گلن تي هڪڙو شعر لکيو؛ پر اهو ڪنهن کي به پسند نه آيو. تنهن کانپوءِ، هن هڪڙو ناول يا قصو ”فاڪلنڊ“ نالي لکيو، اهو به پسنديءَ جهڙو نه ٿيو. ٻيو ڪو گهٽ همت وارو ماڻهو هجي ها، ته وري ڪوبه ڪتاب نه لکي ها؛ پر ’بلور‘ سچي ۽ قائم مزاج وارو ماڻهو هو، تنهن فتحياب ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ ڪم ڪرڻ کان بس نه ڪيائين. هن پئي وڌيڪ محنت ڪئي، ٻئي زياده پڙهائين. نيٺ، همت سان، نااُميديءَ کان نڪري، فتحيابيءَ کي پهتو. ’فاڪلنڊ‘ کان پوءِ، ورهيه جي اندر، ”پيلهام“ لکيائين. تنهن کانپوءِ، ٽيهن ورهين کان به زياده عرصي ۾، جيڪي ڪتاب ’بلور‘ لکيا آهن، سي سڀ عمدا ۽ تعريف جهڙا آهن. +محنت ۽ ڪشالي سان ملڪ جي خذمتگاريءَ ۾ نالي ڪڍڻ جو ٻيو اهڙو مثال، مسٽر ’ڊزرائلي‘ مان ٿو ملي. ’بلور‘ وانگي، به پهريندي ڪتابي قابليت جا ڪم ڪيا، جن ۾ هن ڪيترين نااُميدين ۽ بيسود ڪوششن کان پوءِ، فتحيابي حاصل ڪئي. هن جي ”آلراءِ جو عجيب قصو“ ۽ ”ملڪي فساد جو داستان“ تي ماڻهو کليا، ۽ اُنهن کي چريائيءَ جهڙا ڪتاب سمجهيائون. پر، هن وري ٻين مضمونن تي محنت ڪئي، ۽ ”ڪاننگسبي“، ”سبل“ ۽ ”ٽئڪريڊ“ لکيائين، جن مان سندن ذاتي قابليت ۽ فضيلت معلوم ٿي. تقرير ڪرڻ ۾ به هن ’هائوس آف ڪامنس‘ ۾ جيڪا پهرين گفتگو ڪئي، تنهن سان هن ماڻهو کلايا، ۽ مٿس ٺٺوليون ۽ ٽوڪون ٿيڻ لڳيون. جيتوڻيڪ عبارت تمام عمدي ۽ رنگين ڪم ۾ آندائين ٿي، ته به جيڪو جملو ٿي واتان ڪڍيائين، تنهن تي کل جا ٽهڪا پئي آيا. مسخريءَ جهڙي نقل تي به ماڻهو ايترو نه کليا هوندا. پر، پڇاڙيءَ ۾ هن هڪڙو جملو ڳالهايو، جنهن مان هڪڙي پيش بيني معلوم ٿي: جڏهن ڏٺائين ته جنهن تقرير تي آءٌ هيترو خيال ڪري، مٿو هڻي، تيار ٿي آيو هوس، تنهن تي ماڻهن کل مچائي آهي، تڏهن ڏاڍو درد ٿيس، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڪيترائي ڀيرا مون گهڻا ڪم شروع ڪيا آهن، ۽ آخر اُنهن ۾ فتحياب ٿيو آهيان؛ آءٌ هاڻ ويهي رهان ٿو، پر اُهو ڏينهن نيٺ ايندو، جڏهن اوهين خوشيءَ سان منهنجي گفتگو ٻڌندا.“ اهو وقت نيٺ آيو، ۽ ’ڊزرائليءَ‘ اهڙي عجيب تقرير ڪئي، جو دنيا ۾ سکرن ۽ شريفن جي پهرينءَ جماعت جو ڌيان اُن ۾ محو ٿي ويو. انهيءَ مان ثابت آهي ته سچيءَ همت ۽ پڪي ارادي سان ماڻهو ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو؛ ڇا لاءِ جو ’ڊزرائلي‘ جيڪو درجو حاصل ڪيو، سو رڳو تحمل ۽ محنت سان. گهڻا جوان ماڻهو ائين ڪندا آهن جو جڏهن هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪم ۾ فتحياب نه ٿيندا آهن، تڏهن، نااُميديءَ ۾، ان جي پچر ڇڏي وڃي گوشو وٺندا آهن، ۽ اُتي پيا ڪرڪندا ۽ جهرڪندا آهن؛ پر ’ڊزرائلي‘ ائين نه ڪيو، ۽ هڪدم سرجوشيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. خبرداريءَ سان، جيڪي عيب ۽ ڪچايون منجهس هيون، سي ڇڏي ڏنائين؛ گفتگو ٻڌڻ وارن جي طبع ۽ طرز جانچي سهي ڪيائين؛ تقرير ڪرڻ جي هنر جي ڏاڍي سنڀال سان استعمالي ڪيائين؛ ۽ ڪشالو ڪري، پنهنجي مغز کي قاعدي جي اُصولن ۽ ملڪرانيءَ جي متن سان ڀريائين. هن صبر ۽ تحمل سان فتحيابيءَ جي لاءِ مٿو هنيو، جا نيٺ آهستي آهستي حاصل ٿيس. تنهن کان پوءِ، ساڳيءَ پارليامينٽ جا مشير، ’مٿس‘ کلڻ جي بدران، ’ساڻس‘ کلڻ لڳا. هن جي اوائل واري شڪست ۽ نااُميدي آخر ماڻهن کي وسري ويئي، ۽ سڀني همراءِ ۽ همزبان ٿي قبول ڪيو ته هو پارليامينٽ ۾ تقرير ڪرڻ وارن مان نهايت هوشيار ۽ قابل ماڻهو آهي. +جيتوڻيڪ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڌار ڌار محنت ۽ همت جي ڪري گهڻو ئي ڪي ڪري ٿو سگهجي. جيئن هيٺين صفحن مان معلوم ٿيندو. تڏهن به ايترو قبول ڪرڻ گهرجي ته حياتيءَ جي سفر ۾ جيڪا مدد اسان کي ٻين کان ملي ٿي، سا به گهڻي ڪفائتي ٿئي ٿي. ’ورڊسوَرت‘ شاعر جو هيءُ قول عمدو آهي ته ”هي ٻه شيون اگرچ ظاهري ڪري مختلف آهن، ته به ضرور گڏ رهنديون اينديون: مردانو تعلق ۽ مرداني بي تعلقي، مردانو اعتبار ۽ مرداني خود- اعتباري.“ معصوميءَ کان وٺي پيريءَ تائين، سڀني کي، پرورش ۽ تعليم جي لاءِ، ٿورو يا گهڻو، ٻين تي تعلق رهڻو ٿو ٿئي؛ ۽ جيڪي تمام چڱا ۽ مضبوط ماڻهو آهن، سي اڪثر اهڙيءَ مدد ملڻ جا خوشيءَ سان قبولدار ٿيندا. مثال لاءِ، ’اليڪسس ڊي ٽاڪول‘ جي حياتيءَ جو احوال وٺو. هو هر طرح بُڻائتو ۽ شريف ماڻهو هو؛ ڇا لاءِ جو سندس پيءُ فرانس جو هڪڙو مشهور امير هو ۽ سندس ماءُ ’ميلشربس‘ جي ڏهٽي هئي. خانداني زور ۽ هلنديءَ جي ڪري، هو ايڪهين ورهين جي ڄمار ۾ ’ورسيليز‘ جو جج. آڊيٽر مقرر ٿيو؛ پر شايد دل ۾ ڄاتائين ته اها جاءِ مون انصاف جي رستي پنهنجيءَ لياقت ڪري حاصل نه ڪئي آهي، تنهنڪري هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته اُها ڇڏي ڏيان، ۽ آئيندي جي عزت ۽ ترقي پنهنجيءَ جند جي ئي ڪوشش ۽ فضيلت جي اُپاءَ سان حاصل ڪريان. ڪي ماڻهو چوندا ته اهو هن جو ارادو بيعقليءَ جهڙو هو؛ پر ’ٽاڪول‘ انهيءَ تي عمل ڪري ڏيکاريو. هن اِهو عهدو ڇڏي ڏنو، ۽ بندوبست ڪري، فرانس مان نڪري، يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ سير ڪرڻ لاءِ هليو. انهيءَ سفر جو سربستو احوال، هن پنهنجي وڏي ڪتاب ”آمريڪا جي جمهوري حڪومت“ ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو. هن انهيءَ سفر ۾ جيڪا سخت محنت ڪئي، تنهن جو بيان سندس دوست ۽ سفر جي سنگتيءَ ’گسٽيو ڊي بومانٽ‘ ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته ’هن جو سڀاءُ سڄوئي سستيءَ جي برخلاف هو. سفر ۾ هوندو هو يا هڪ هنڌ ويٺو هوندو هو، ته به هن جي دل هميشه هڪڙي نه ٻئي خيال ۾ مشغول هوندي هئي. ’آلڪس‘ کي سڀ کان چڱي اُها گفتگو لڳندي هئي. هن جي لاءِ تمام خراب ڏينهن اُهو هوندو هو، جو مفت ويندو هو، يا اجايو گذرندو هو، ٿوروئي وقت زيان ٿيندو هو ته هن کي خفو لڳندو هو.“ ’ٽاڪول‘ پاڻ هڪڙي دوست ڏي هيئن لکيو ته ”حياتيءَ جي ڪابه گهڙي ڪانهي، جنهن ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪرڻ کان بلڪل بس ڪري سگهي ٿو؛ ڇا لاءِ جو ٻاهرين مدد، ۽ اُنهيءَ کان وڌيڪ پنهنجي اندرين مدد، جيتري ننڍيءَ عمر ۾ ضروري آهي، تنهن کان زياده نه، ته به اوتري، پيريءَ ۾ به ضروري آهي. آءٌ ماڻهوءَ کي هن جهان ۾ اُنهيءَ مسافر سان مشابهه سمجهندو آهيان، جو ترسڻ کان سواءِ، جيئن پوءِ تيئن زياده، سرد طبقي ڏي پنڌ ڪندو وڃي. جئن مٿي وڃي، تيئن هن کي تکو تکو هلڻ کپي. روح جي لاءِ به وڏو مرض آهي سرديءَ جو؛ ۽ انهيءَ مهلڪ خرابيءَ جي روڪڻ ۾ ماڻهوءَ کي نه رڳو مشغول ٿيندڙ دل جي تحريڪ جي گهرج آهي، پر دنيا جي ڌنڌن ۾ پنهنجن هم جنسن جي ميلاپ ۽ صحت جي به گهرج ٿئي ٿي.“ +جيتوڻيڪ ’ٽاڪول‘ جي پڪي راءِ هئي ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ذاتي همت ۽ خود- تعلقي هلائڻ ضروري آهي، تڏهن ٻين کان وڌيڪ هن کي انهيءَ مدد ۽ تقويت جو قدر هو، جا سڀني ماڻهن کي ٿورو يا گهڻو ٻين کان وٺڻ لاچار ٿي ٿئي. انهيءَ ڪري، هو اڪثر پنهنجن ٻن سنگتين، ’ڊي ڪر گالي‘ ۽ ’اسٽافيلس‘ جو شڪرگذار رهندو هو، جو هڪڙي کان عقلي دلين جي مدد ملندي هيس، ۽ ٻئي کان تحسين ۽ همدريءَ جي ’ڊي ڪرگارلي‘ ڏي هن هيئن لکيو ته ”تنهنجو ئي روح آهي، جنهن ۾ منهنجو پڪو اعتقاد ڄميل آهي، ۽ جنهن جي قوت جو سچو اثر منهنجي روح تي ٿئي ٿو. گهڻن ئي ٻين دوستن جو منهنجن ڪمن جي جدا جدا ڀاڱن تي اثر رهي ٿو، پر جهڙو تنهنجيءَ صحبت جو اثر ذاتي خيالن ۽ حياتيءَ جي اُصولن قائم ڪرڻ تي ٿو ٿئي، اهڙو ٻئي ڪنهن جو نٿو ٿئي.“ ’ڊي ٽاڪول‘، اهڙيءَ ساڳيءَ خوشيءَ سان، پنهنجيءَ زال ’ميريءَ‘ جا گهڻا احسان مڃيندو هو، جو هن سندس طبيعت ۽ مزاج کي اهڙو سنڀاليو ۽ پورو بيهاريو هو، جو کيس چڱيءَ طرح ڪتابن پڙهڻ ۽ خيالن پچائڻ ۾ هر طرح پئي مدد ملي. هن کي پڪ هئي ته عالي دماغ واري زال اُويسلائيءَ ۾ پنهنجي مڙس جي ذاتي لياقت وڌائي ٿي، ۽ هن جي حياتيءَ جي هلت سڌاري ٿي؛ پر خسيس طبيعت واري زال ضرور هن کي (ذليل) ڪري ٿي، ۽ هن جي حالت توڙي هلت خراب ڪري ٿي. +مطلب ته ماڻهوءَ جي اخلاقي طبيعت تي هزارن ڳالهين جو نازڪ ۽ مخفي اثر ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ اها قائم ٿئي ٿي- مثال ۽ تعليم جو؛ حياتيءَ جي هلت ۽ علمي قابليت جو؛ دوستن ۽ پاڙيسرين جو؛ جنهن دنيا ۾ اسين رهون ٿا، تنهن جو؛ ۽ اسانجن اُنهن گذريلن بزرگن جي روحن جو، جن جا چڱا ڪم ۽ قول اسان کي ورث�� ۾ ملن ٿا. پر، جيتوڻيڪ قبول ڪجي ٿو ته بيشڪ انهن جو اثر تمام زور ڀريو آهي، تڏهن به اها ڳالهه بلڪل صاف آهي ته ماڻهو پنهنجي بهبوديءَ ۽ نيڪ ڪرداريءَ جا ضرور پاڻ جوابدار ۽ واسطيدار آهن. ڏاهن ۽ نيڪ ماڻهن کي ٻين مان ڪيترو ئي فائدو پهچي، ته به حقيقت ڪري ضرور آهي ته هو پاڻ طرح پنهنجا مددگار ٿين. + + +باب ٻيو +محنت جا مهندا +نون هنرن ڪڍڻ وارا، ۽ پيدائش وڌائڻ وارا +’آرٿر هيلپس‘ چيو آهي ته ”انگلنڊ جي لاءِ غريبن ۽ گهٽ درجي وارن ماڻهن رڳو نون هنرن ڪڍڻ سان جيڪا ڪمائي ڪئي آهي، سا ڪڍي ڇڏيو، پوءِ خبر پوندي ته جي اهي ماڻهو نه هجن ها، ته ان جو ڪهڙو حال ٿئي ها.“ +انگريز ماڻهن جي تمام مشهور ۽ وڏي خاصيت اِها آهي ته هنن ۾ محنت جو طبيعي ميل رکيل آهي. اِنهيءَ ڪري، جهڙو گذريل زماني جي تاريخن ۾ هنن نالو ڪڍيو آهي، تهڙو هن زماني ۾. انگلنڊ جي عام ماڻهن اِها ذاتي لياقت ڏيکاري آهي، تنهنڪري ته سندن سلطنت ايڏي عظيم ٿي آهي، ۽ محنت ۽ ڪمائيءَ جي سبب، اهڙي پڪي بنياد تي محڪم ٿيو بيٺي آهي. اِهو قومي زور ڀريو سڌارو هرهڪ آساميءَ جي علحديءَ آزاد محنت جو نتيجو آهي، ۽ وقت بوقت جن ماڻهن ڪشالو ڪري پنهنجا هٿ ۽ پنهنجون دليون مشغول رکيون آهن، تن جي تعداد تي تعلق رهيو آهي. +پوءِ اُنهن مان ڪي زمين جا آبادگار هُئا، ڪي ڪمائتين شين جي پيدا ڪرڻ وارا هئا، ڪي اوزارن ۽ ڪلن ڪڍڻ وارا هئا، ڪي ڪتابن لکڻ وارا هئا، ۽ ڪي هنري ڪمن ظاهر ڪرڻ وارا هئا. جيتوڻيڪ هيءَ محنت- شعاري ۽ چالاڪي قوم جي سڌاري جو خاص اُصول هئي، تڏهن به انهيءَ جي ڪري اسانجن قاعدن ۾ يا اسان جي ملڪي انتظامن ۾ جي سهوون ۽ اڻپورايون پئي ٿيون آهن، تن جي خرابي وقت بوقت بي اثر پئي ٿي آهي، ۽ ان جو علاج پئي ٿيو آهي. +جيڪو محنت جو رستو اها قوم وٺيو آئي آهي، تنهن مان اُن کي تعليم به حاصل پئي ٿي آهي. جهڙيءَ طرح اڻورچ ٿي ڪم کي لڳڻ ڪري سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي تمام چڱي ورزش ۽ تعليم ملي ٿي، تهڙيءَ طرح ڪنهن ملڪ يا قوم کي به ائين ڪرڻ ڪري تمام عمدي تربيت ملي ٿي. آبرو ۽ ايمانداريءَ جي محنت جو به ساڳيو اُهو رستو آهي، جو فرض جو آهي، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت اِنهن ٻنهي جو نتيجو نيڪ بختي ۽ سک ڪيو آهي. شاعرن جو چوڻ آهي ته قدرت جي ڪارپردازن محنت ۽ ڪشالي کي اُنهي رستي تي رکيو آهي، جو بهشت جي باغ ڏي ٿو وڃي. اُنهيءَ ۾ شڪ ڪونهي، ته جيڪا ماني ماڻهو جسمي يا دماغي محنت ڪري پنهنجي لاءِ ڪمائي ٿو، سا جهڙي مٺي آهي، اُهڙي ٻي ڪابه ماني ڪانه هوندي. محنت ڪرڻ سان زمين هٿ ڪئي ويئي آهي، ۽ انسان جهالت ۽ جهنگل پڻي کان ڇڏايو ويو آهي، سڌاري جي ڪابه ڪوشش، محنت کان سواءِ نه پئي ٿي آهي. محنت نه رڳو هڪڙي فرضي ضرورت آهي، پر هڪڙي برڪت آهي. فقط سست کي اها عذاب ٿيو لڳي ٿي. ڪم ڪرڻ جو فرض گويا عضون جي رڳن ۽ نسن تي لکيو پيو آهي. جهڙو هٿ جي بناوت تي، تهڙو مغز جي ڪوٺين ۽ ريشن تي- اُنهن جي پوريءَ طرح هلڻ ۽ ڪم ڪرڻ مان دل جي خوشي ۽ لذت پيدا ٿئي ٿي. محنت جي مڪتب ۾ تمام چڱي رواجي حڪمت سيکارڻ ۾ اچي ٿي؛ نڪي بازن جي پورهئي جي عادت، دل جي عمدي سڌاري جي مخالف آهي. جئن پاڻيهي هيٺ اسان کي معلوم ٿيندو. +پورهئي جي عيب صواب جي خبر جيتري ’هيومِلر‘ کي هئي، اوتري ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه هئي. انهيءَ پنهنجي آزمودي جو نتيجو هيءُ ڏيکاريو آهي ته ڪم يا پورهيو ڪهڙو به تمام سخت هوندو، ته انهيءَ مان خوشي ٿي ٿئي ۽ پنهنجو ذاتي سڌارو پيدا ٿو ٿئي. هن جي راءِ هئي ته سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو پورهيو تمام عمدو اُستاد آهي، ۽ محنت جو مڪتب سڀ کان چڱو مڪتب آهي. سواءِ مذهبي مڪتب جي، يعني اهو اهڙو مڪتب آهي، جنهن ۾ ڪمائتي ٿيڻ جي تعليم ٿي ملي ۽ خود مختيار ٿيڻ جو سبق سکيو آهي، ۽ اڻورچ ٿي، ڪشالي ڪرڻ جي عادت پوندي آهي. بلڪ، هن جي خيال ۾ ائين هو ته مزور يا ڪاريگر، ڏهاڙي هٿن سان ڪم ڪرڻ ۽ حواسن هلائڻ ڪري، استعمال ۽ آزمودي حاصل ڪرڻ سان جا تعليم پائي ٿو، سا هن کي حياتيءَ جي سفر ۾ رستي هٿ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لائق ڪري ٿي، ۽ هن کي سچي پچي انسان بنائڻ لاءِ جهڙي اها تعليم ڪمائتي آهي، اهڙي ٻي ڪنهن شرط سان موجود ٿيڻ جي ناهي. +مٿي گهڻن وڏن وڏن ماڻهن جا نالا اسان سرسري طرح ڏنا آهن، جي سڀ غريب پورهيتن جي درجي کان ٿي مٿي چڙهيا آهن، ۽ حياتيءَ جي جدا جدا ڪمن ۾ ناموس ڪڍي اٿن- حڪمت ۾، توڙي واپار ۾، توڙي علم ۾، توڙي هنر ۾. ان مان ظاهر آهي ته مفلسي ۽ محنت جيڪي مشڪلاتون وچ ۾ وجهن ٿيون، سي ڪنهن به طرح اهڙيون ناهن، جن تي غالب پئجي نه سگهجي. باقي، جن وڏين صنعتن ۽ نون هنرن ڪري قوم کي هيتري طاقت ۽ دولت حاصل ٿي آهي، تن بابت ته بلڪل شڪ ڪونهي ته گهڻو ڪري غريب ۽ گهٽ درجي وارن ماڻهن جا اسان تي احسان آهن. انهيءَ ڪم ۾ خاص هنن جا ڪمائي ڪئي آهي، سا جي کڻي خارج ڪبي، ته ٻيو ٿورو ئي ڪي بچندو، جو چئبو ته ٻين ڪيو آهي. +نين صنعتن ڪڍڻ وارن، دنيا جي ڪيترن ئي وڏن هنرن ۽ ڪسبن کي چالو ڪري ڇڏيو آهي. خلق کي اُنهن گهڻيئي مک ضروري شيون، سک ۽ عيش عشرت جو سامان موجود ڪري ڏنو آهي. هنن جي تيز فهميءَ ۽ محنت جي ڪري، روزمره جو گذارو، هر طرح زياده آسودو ۽ لذت جهڙو ٿيو آهي. اسان جي خوراڪ، اسان جي پوشاڪ؛ اسان جن گهرن جو سامان؛ شيشو، جنهن مان اسان جن جاين ۾ روشنائي لنگهي اچي ٿي، ۽ جو ساڳئي وقت ۾ سرديءَ کي روڪي بيهاري ٿو؛ گئس يا ٻرڻ واري هوا، جا اسان جن سڙڪن ۽ گهٽين کي روشن ڪري ٿي؛ زمين يا سمنڊ تي سفر ڪرڻ جا اُپاءُ؛ اوزار، جن سان اسان جون ڪيتريون ئي ضرورت ۽ سک جون شيون جڙن ٿيون. اهي سڀ گهڻن ماڻهن ۽ گهڻين دلين جي محنت ۽ سمجهه جا نتيجا آهن. انهن صنعتن جي ڪري، انسانذات زياده خوش ۽ سکي آهي، ۽ هر روز اُنهن جو فائدو وٺي ٿي، جو جهڙي هرهڪ آساميءَ جي ڌار ڌار حالت بهتر ٿئي ٿي، تهڙيءَ ساريءَ خلق جي عام آسائش وڌي ٿي. +جيتوڻيڪ ڪم ڪرڻ واري ٻاڦ جي ڪل، جا سڀني ڪلن جي سردار آهي، سا اسان جي زماني جي صنعت چئبي، تڏهن به اُن جي اصلي رٿ يا خيال کي ڪي صديون گذريون آهن. ٻين تجويزن ۽ صنعتن وانگي، هيءَ به ٿورو ٿورو ٿي انهيءَ درجي کي پهتي آهي. هڪڙي ماڻهوءَ، مٿا هڻي، پنهنجي ڪمائي، جا انهيءَ وقت ۾ اجائي ۽ بيسود شمار ڪرڻ ٿي آئي، سا پوين کي ڏني، جن وري اُن کي اڳڀرو هلائي ٻيءَ منزل تي آندو. انهيءَ طرح، انهيءَ جانچ ۽ چڪاس ڪندي، پيڙهيون گذري ويون. انهيءَ دستور، جيڪو خيال اسڪندريه جي مشهور پهلوان پچائي پڌرو ڪيو هو، سو اصلي گم نه ٿي ويو، پر انهيءَ ڪڻڪ جي داڻي وانگي، جو مصر جي قديم دفن ڪيل لاش جي هٿ ۾ لڪل هجي، اُهو ساڳيو خيال وري ڦُٽو؛ ۽ جڏهن هن زماني جي علم ۽ حڪمت جي روشنائي لڳيس، تڏهن نئين سر زور سان اُڀري نڪتو. انهيءَ هوندي به ٻاڦ جي ڪل جيسين خيالي حالت مان نڪري رواجي ڪاسبين ۽ ڪم ڪندڙن جي هٿن ۾ آئي، تيسين ڪنهن به شمار ۾ ڪين هئي. انهيءَ عجب جهڙيءَ ڪل مان محنت ۽ تحمل سان جانچ ڪرڻ جو، توڙي ڪشالي سان مشڪلاتن ٽارڻ جو، عجيب احوال معلوم ٿي سگهي ٿو. رڳو انهيءَ جي اندروني بناوت مان بيشڪ خبر پئجي سگهي ٿي ته انسان ۾ خودياوريءَ جي سگهه ڪهڙي نه زور آهي. هيٺين سڀني مشهور ماڻهن انهيءَ تي مٿا هنيا آهن: ’ساوهري‘، جنگي کاتي جو انجنير؛ ’نيوڪمن‘، ’ڊارٽمائوٿ‘ جو لوهار؛ ’ڪالي‘، شيشه گر؛ ’پاٽر‘، انجڻ جو مزور ڇوڪر، ’اسميٽن‘، هاڪي کاتي جو انجنيئر، ۽ سڀني کان مٿي، وڌيڪ محنتي ۽ جفاڪش ’جيمس واٽ‘، حسابي اوزار جوڙڻ وارو. +’واٽ‘ تمام محنتي ماڻهن مان هڪڙو هو. هن جي حياتيءَ جي احوال مان معلوم ٿئي ٿو، آزمودي سان به ائين ثابت آهي، ته تمام زور واري ذهن ۽ طبيعي عقل وارو ماڻهو وڏا وڏا ڪم نٿو ڪري، پر اهو ماڻهو، جو پنهنجي سمجهه تمام گهڻيءَ محنت سان ۽ پوريءَ خبرداريءَ ۽ تجويز سان هلائي، ٿو جا تجويز هن کي محنت ۽ ڪشالي ۽ آزمودي سان اچي ٿي. ’واٽ‘ جي زماني ۾ گهڻا ئي ٻيا ماڻهو هئا، جي هن کان وڌيڪ هوشيار ۽ خبردار هئا، پر پنهنجي سمجهه فائدي جهڙن ڪمن ۾ لڳائڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ لاءِ جيتري سخت محنت هن ڪئي، اهڙي ٻئي ڪنهن ڪين ڪئي. سڀ کان وڏي ڳالهه اِها ته هو حقيقتن معلوم ڪرڻ ۾ ڏاڍو اڻورچ هو. هن، سعيو ڪري، پاڻ ۾ غور ڪرڻ ۽ ڌيان ڏيڻ جي عادت وڌي، جنهن تي دل جي ٻين خاصيتن جو مدار آهي. مسٽر ’ايجؤرٿ‘ جي اها راءِ برابر آهي ته ’ماڻهن ۾ سمجهه جو جيڪو تفاوت ٿئي ٿو سو جدا جدا ماڻهن جي گهٽ وڌ ذاتي طاقتن تي ايترو تعلق ناهي، جيترو ڪچيءَ ۾ ڌيان لڳائڻ جي عادت تي آهي.‘ +جڏهن ’واٽ‘ اڃا ڇوڪرو هو، تڏهن هن پنهنجين راند جي شين ۾ حڪمت پئي معلوم ڪئي. سندس پيءُ جي واڍڪي دوڪان تي جي اُچائيءَ ماپڻ جا چونڪ رکيا هوندا هئا، تن هن جي دل ۾ اهڙو شوق جاڳايو، جو هن هيئت ۽ نظر جي علمن جو چڱو اڀياس ڪيو. هو بيمار ٿي پيو، تنهن مان بدن جي تشريح جو علم سکيو؛ ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اڪيلي گهمڻ ڪري، هن کي نباتات ۽ تاريخ جي علم سکڻ جو وجهه مليو. جڏهن حسابي اوزارن جو ڪم ڪندو هو، تڏهن ڪنهن ماڻهوءَ هن کي هڪڙي باجي ٺاهڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ هن کي راڳ جو سماءُ ڪونه پوندو هو، تڏهن به هن مٿا هڻي موسيقيءَ جي علم ۾ ايترو مايو حاصل ڪيو، جو تمام چڱيءَ طرح اُهو باجو جوڙي تيار ڪيائين. ساڳيءَ طرح، جڏهن ’نيوڪمن‘ واريءَ ٻاڦ جي ڪل جو ننڍڙو نمونو- جو ’گلاسگو‘ جي وڏي مدرسي جي ملڪيت هو. ’واٽ‘ کي مرمت ڪرڻ لاءِ مليو، تڏهن هن اُنهيءَ مان گرميءَ ۽ ٻاڦ کي سوڙهي رکڻ ۽ بند ڪرڻ بابت جيڪو علم اُنهن ڏينهن ۾ معلوم هو، تنهن مان هڪدم پاڻ کي واقف ڪيو، ۽ ساڳئي وقت ۾ ان جي بناوت ۽ ڪاريگريءَ جي هنر سکڻ تي به مٿو هنيائين. نيٺ، خيال ڪري، هن بخار بند ڪرڻ واري ٻاڦ جي ڪل ڪڍي. ڏهن ورهين تائين برابر هن پئي تجويزون ڪيون، ۽ اٽڪلون هلايون. نڪا اهڙي اميد هيس جا سندن دل کي سرهو ڪري، نڪو ڪو سنگتي هوس جو کيس همتائي. انهيءَ وچ ۾ هن پنهنجي عيال جي گذران لاءِ پورهيو پئي ڪيو: چونڪن وارا اوزار جوڙي پئي وڪيائين، باجا ۽ ٻيا ساز ۽ وڄائڻ جا اوزار پئي جوڙيائين ۽ مرمت ڪيائين، ۽ عمارتن جي اوساري پئي ماپ ڪيائين، ۽ رستن جي مرمت ۽ واهن جي کاٽي جي داروغپ پئي ڪمايائين. +مطلب ته جيڪو ڪم ايمانداريءَ جي فائدي جهڙو ٿي ڏٺائين، سو ٿي ڪيائين. نيٺ، ’واٽ‘، ٻيو هڪڙو تمام محنتي ۽ لائق ماڻهو، ’ماٿيو بولٽن‘ نالي، ’برمنگهام جو رهاڪو، پنهنجو سنگتي ۽ ڀائيوار ڪيو. هو هنرمند، همت ڀريو ۽ سياڻو ماڻهو هو، تنهن جرات ڪري انهيءَ بخاربند ڪرڻ واري ٻاڦ جي ڪل عام طرح ڪم آڻڻ ۽ انهن جي وسيلي ٻين ڪمن ڪرائڻ جو ذمو کنيو. انهن ٻنهي ماڻهن جي گڏيل محنت ۽ ڪوشش مان جا فتحيابي حاصل ٿي، سا تاريخن جي ڪتابن ۾ مشهور آهي. +تنهن کانپوءِ ڪيترن اٽڪلي ۽ هنرمند ماڻهن، وقت بوقت، انهيءَ ٻاڦ جي ڪم ۾ نئين سگهه گڏڻ سان سڌارو پئي ڪيو آهي. انهيءَ طرح، بيمشار سڌارا ڪري، اُن کي هنن اهڙو ڪمائتو ڪيو، جو گهڻو ڪري ڪارخانن جي سڀني ڪمن ۾ لڳي سگهي: ٻين سڀني ڪلن کي هلايائين، جهازن کي ڌڪيائين، اَن پيٺائين، ڪتاب ڇاپيائين، مطرقا هنيائين، رندو هلايائين، لوهه موڙيائين- مطلب ته جنهن ڪسب يا ڪم ۾ طاقت يا زور جي ضرورت هئي، سو سڀ ڪيائين. انهيءَ ٻاڦ جي ڪل ۾ هڪڙو تمام چڱو سڌارو اِهو هو، جو ’ٽريوهيٿڪ‘ خيال ڪري ڪڍيو، ۽ جو نيٺ ’جارج اسٽيفنسن‘ ۽ سندس پٽ ڪماليت کي پهچايو، ۽ ريل جي گاڏيءَ هلائڻ جي ڪم آندو. انهيءَ سڌاري ڪري، ’واٽ‘ جي بخار بند ڪرڻ واريءَ ٻاڦ جي ڪل کان به وڌيڪ فائدا ۽ فيض پهتا، ۽ ماڻهن جي ترقيءَ ۽ قومي سڌاري ۾ نهايت گهڻا ۽ ڪمائتا ڦيرڦار ٿي ويا. +’واٽ‘ جي نئين ڪل، جنهن مال اُپائڻ وارن واپارين کي بيحد طاقت موجود ڪري ڏني، تنهن مان هڪڙو وڏو فائدي وارو نتيجو اهو نڪتو جو ڪپهه جو ڪارخانو قائم ٿي ويو. هن ڪمائتي ڪارخاني جو باني بيشڪ ’سر رچرڊ آرڪ رائيٽ‘ هو، جنهن جي ڪم جهڙي همت ۽ تيز فهمي شايد سندس ڪاريگريءَ ۽ عقلمنديءَ کان زياده هئي. اهو سچ آهي ته گهڻا ماڻهو هن کي، ’واٽ‘ ۽ ’اسٽيفنسن‘ وانگي، انهيءَ ڪل جو اصل جوڙيندڙ شمار نٿا ڪن؛ پر شايد جهڙو ’واٽ‘ جو واسطو ٻاڦ جي ڪل سان هو، ۽ ’اسٽيفنسن‘ جو گاڏيءَ هلائڻ واريءَ ڪل سان هو، تهڙو ’آرڪ رائيٽ‘ جو ڪتڻ جي ڪل سان هو. اٽڪل ۽ هنرمنديءَ جون تندون، جي اڳي ئي هستيءَ ۾ هيون پر هيڏي هوڏي پکڙيون پيون هيون، سي ڄڻ ته گڏ ڪري، پنهنجيءَ رٿ ۽ تجويز سان اُڻي، انهن مان اصلي هڪڙو نئين نموني جو اوڄ ٺاهيو. جيتوڻيڪ برمنگهام واري ’ليوئزپال‘، ’آرڪ رائيٽ‘ کان ٽيهه ورهيه اڳي، رولرن يعني وڏن ويلڻن جي وسيلي ڪتڻ جي ڪل سرڪار ۾ داخل ڪرائي ڪم آندي هئي، تڏهن به هن جون جوڙيل ڪلون اندروني بناوت ۾ اهڙيون اڻپوريون ۽ عيبدار هيون، جو انهن جي استعمال مان فائدو نٿي رسيو، ۽ رواج جي ڪري اها نئين ڪڍيل ڪل نڪمي هئي. وري ٻيو هڪڙو گمنام ڪاريگر، ’جولي‘ شهر جو، ڪلڪن يا ڪانين جوڙڻ وارو هو، ۽ ’ٽامس هائز‘ نالو هوس، تنهن جي نالي به چون ٿا ته هن پاڻيءَ ۾ هلائڻ جو سانچو ۽ ڪتڻ جي ننڍي ڪل جوڙي هئي، پر اهي به گهڻو ڪمائتيون نه ٿيون. +جڏهن پورهئي ۽ محنت جي ضرورت هنرمند ۽ تجويز وارن ماڻهن جي رٿن کان وڌي وڃي ٿي، تڏهن گهڻن ئي جو خيال ساڳيءَ ڳالهه ڏي ڇڪجي وڃي ٿو، ۽ سڀئي ان جي پورائيءَ لاءِ مٿو هڻن ٿا. ٻاڦ جي ڪل جو، سلامتي واريءَ بتيءَ جو، تار برقيءَ جو، ۽ ڪيترن ئي ٻين نون هنرن ۽ ڪلن جو، اهو حال هو. گهڻائي خيالي ۽ عقلمند ماڻهو انهن تجويزن جي تڪليفن ۾ پيا هڄندا آهن- تان جو ڪو اهڙو هڪڙو قابل ۽ تجربيڪار ۽ ڪمائتو استاد پيدا ٿو ٿئي، جو سڀني کي انهن ڳڻتين ۽ هلاڪين کان ڇڏائي ٿو- ۽ علم ۽ هنر جا اصول پوريءَ طرح لڳائي، فتحمند ٿئي ٿو، پوءِ سڀ ڪم پورو ٿيو پوي. انهيءَ کان پوءِ وري ننڍا ڪاريگر ۽ هنر وارا، جي پاڻ کي پٺتي پيل ڏسي نااُميد ٿين ٿا، سي رڙيون ڪرڻ لڳن ٿا. اهو ئي سبب هو جو ’واٽ‘، ’اسٽيفنسن‘ ۽ ’آرڪ رائيٽ‘ جهڙن مڙسن کي، پنهنجي ناموس ۽ حق بچائڻ لاءِ، ۽ پنهنجي هنرمنديءَ ۽ قابليت ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ، اڪثر مٿو هڻڻو ٿي ٿيو. +’رچرڊ آرڪ رائٽ‘، گهڻن ٻين وڏن هنرمند اُستادن وانگي، گهٽ درجي کان ٿي مٿي چڙهيو. هو سال 1732ع ۾ پريسٽن شهر ۾ ڄائو هو. هن جا مائٽ تمام غريب هئا، ۽ هو پيءُ- ماءُ جي تيرهن ٻارن مان ننڍو هو. هو ڪنهن به مڪتب ۾ نه پڙهيو؛ جيڪا تعليم مليس، سا هن پاڻيهي پاڻ کي ڏني؛ ۽ پڇاڙيءَ تائين هن کي رڳو لکڻ به مشڪل ايندو هو. جڏهن اڃا ڇوڪر هو، تڏهن هن کي هڪڙي حجام وٽ شاگرد ڪري رکيو هئائون؛ ۽ جڏهن اهو ڪم سکي رهيو، تڏهن هو بولٽن شهر ۾ پنهنجي منهن اهو ڪسب ڪرڻ لڳو. زمين جي هيٺ هڪڙي ننڍي ڪوٺي کڻي ڪِرايي ڪيائين، ۽ مٿان تختي تي هي لفظ لکي ڇڏيائين: ”زمين کان هيٺ رهڻ واري حجام وٽ اچو؛ هو هڪ پيني وٺي مٿو ڪوڙي ٿو.“ سگهوئي ٻين حجامن ڏٺو ته سندن گراهڪ کين ڇڏيندا وڃن، نيٺ سندن ڪوڙاڻيءَ جو اگهه به گهٽجي اچي هن جيترو ٿيو. ’آرڪرائيٽ‘ پنهنجي ڌنڌي وڌائڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ تختي تي هي اکر لکيائين: ”اڌ پينيءَ تي عمدي صفائي!“ ٿورن ورهين کان پوءِ هن اُها زير زمين ڪوٺي ڇڏي ڏني، ۽ گهمندي ڦرندي وارن جو واپار ڪرڻ لڳو. اُنهن ڏينهن ۾ ماڻهو وارن جون ٽوپيون ڍڪيندا هئا، ۽ حجامن جي لاءِ اهڙين ٽوپين جو جوڙڻ هڪڙو مکيه ڌنڌو هوندو هو: ’آرڪ رائيٽ‘ اُنهن ٽوپين جي لاءِ وار خريد ڪندو وتندو هو. لئنڪشائر جي ساري ضلعي ۾ جن جن ميڙن ۽ واپار جي جاين تي جوان زالون وڏن وڏن وارن جي خريد ڪرڻ لاءِ اڪثر اينديون هيون، اُنهن تي هي به ضرور ويندو رهندو هو. چون ٿا ته انهيءَ قسم جي واپار ۾ هن گهڻوئي ڪمايو. انهيءَ کانسواءِ وارن کي رنگ ڏيڻ جي دوا جو واپار ڪندو هو. اُهو اهڙيءَ تجويز سان هلايائين، جو وٽس گراهڪن جو هميشه گوڙ لڳو پيو هوندو هو. پر، انهيءَ همت ۽ چالاڪيءَ هوندي به، مس گذران جيترو ڪمائيندو هو. +سگهوئي وارن جي ٽوپين ڍڪڻ جي رسم ڦري ويئي، تنهن انهن ٽوپين جوڙڻ وارن کي ڏاڍي شڪست پهتي. ’آرڪ رائيٽ‘ ڪاريگر ماڻهو هو، سو ڦري هاڻ ڪلن ڪڍڻ وارو ٿي ويٺو- جنهن کي اُنهن ڏينهن ۾ عام ماڻهو جادوگر سڏيندا هئا. اُنهيءَ وقت ڌاري گهڻن ئي ماڻهن ڪتڻ جي ڪل ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، ۽ اسان جي هن حجام به دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته آءٌ به ٻين وانگي انهيءَ ڪم تي مٿو هڻان. جيئن ساڳيءَ طبيعت جا پاڻيهي سکيل ماڻهو ڪندا هئا، تيئن هن به اڳي ئي پنهنجو فراغت جو وقت انهيءَ فڪر ۾ پئي گذاريو ته ڪا هميشه هلڻ واري ڪل ڪڍان، جنهن تان ڪتڻ جي ڪل تائين پهچڻ سولو ٿيندو. هو پنهنجن آزمودن کي اهڙو لڳو آيو، جو پنهنجو ڌنڌو ئي وسري ويس. جيڪو ٿورو گهڻو پيسو بچايو هئائين، سو به وڃائي ويهي رهيو، ۽ اچي مسڪينيءَ ۽ ڪنگالپ کي پهتو. انهيءَ وچ ۾ شادي به ڪئي هئائين، سو سندس زال هن جي انهيءَ اجائي پيسي ۽ وقت وڃائڻ تي ڏاڍي بي صبر ۽ خفي ٿي ۽ ڪنهن مهل اهڙي اوچتي چڙ لڳيس، جو مڙس جا سڀ نمونا ۽ نقشا ۽ قالب هٿ ڪري ناس ڪري ڇڏيائين! ڀانيائين ته ائين ڪرڻ سان بکن ۽ ڏکن کان ڇٽي پونداسين؛ پر ’آرڪ رائيٽ‘ ڏاڍو سرڪش ۽ سرگرم ماڻهو هو، سو پنهنجيءَ زال جي هن حرڪت ڪري نهايت گهڻو چڙيو، ۽ هڪدم هن کي ڇڏي ڏنائين. +ملڪ ۾ سفر ڪندي، ’آرڪ رائيٽ‘ هڪڙي ماڻهوءَ ’ڪي‘ نالي سان واقف ٿيو هو، جو وارنگٽن ۾ هڪڙو گهڙيال جوڙڻ وارو هو. انهيءَ هن کي هميشه هلڻ واريءَ ڪل جي ڪن ڀاڱ جوڙڻ ۾ مدد ڏني؛ پر هيئن به چون ٿا ته اهو خيال پهريندي هن کي هن ڳالهه تان دل ۾ آيو، جو هن اوچتو ڏٺو ته هڪڙو ڳاڙهو تتل لوهه جو ٽڪر، لوهه جي ويلڻن جي وچان لنگهندي، وڌي پيو. حقيقت جي ڳالهه ڪيئن به هجي، پر اهو خيال هن جي دل ۾ هڪدم اهڙو پڪيءَ طرح جاءِ وٺي ويو جو هو انهيءَ ڪل جي ڪڍڻ لاءِ اٽڪلون هلائڻ لڳو، پر سندس سنگتي ’ڪي‘ انهيءَ بابت هن کي ڪابه صلاح ڏيئي نه سگهيو. ’آرڪ رائيٽ‘ هاڻي پنهنجو وارن گڏ ڪرڻ جو ڌنڌو اصل ڇڏي ڏنو، ۽ سڄو ئي خيال پنهنجيءَ ڪل جي پوري ڪرڻ ۾ لڳايائين. انهيءَ جو نمونو- جو ’ڪي‘ سندس فهمايش م��جب جوڙي تيار ڪيو هو- هن پريسٽن شهر جي ’فري گرامر اسڪول‘ جي وڏي ڪمري ۾ کڻي رکيو. هو شهر جي راءِ ڏيڻ وارن يا چونڊيندڙن مان هو؛ تنهن هڪڙيءَ تڪراري چونڊ ۾ پنهنجي به راءِ ڏني، جنهن موجب ’جنرل برگائن‘ چونڊيو ويو؛ پر هن جي غريبيءَ جو حال انهيءَ حد هو، جو جڏهن گهڻن ماڻهن چندو گڏ ڪري هن کي آبروءَ جهڙيءَ صورت ۾ آندو، تڏهن مس هو راءِ ڏيڻ واريءَ جاءِ ۾ وڃي راءِ ڏيڻ جهڙو ٿيو. هن جو پنهنجي ڪل خلق کي ڏيکارڻ لاءِ اهڙي شهر ۾ ڪڍي رکي، جتي سوين ماڻهو هٿن جو پورهيو ڪري گذران ڪندا هئا، تنهن مان ڏاڍي خرابي ٿي پيئي- وقت بوقت انهيءَ اسڪول واريءَ جاءِ جي ٻاهران ماڻهن جي اجائي ڪُر- ڪُر ۽ ناشائستي بڪبڪ ٻڌڻ ۾ پيئي ايندي هئي. ’ڪيءَ‘ ڪورين جي ڪم جو ڪل وارو نڙو جوڙيو هو، تنهن کي ماڻهن اهڙو بيزار ۽ هلاڪ ڪيو هو، جو لئنڪشائر ڇڏي ڀڄي ويو هو؛ ۽ ويچاري ’هارگريوس‘ جي ڪتڻ جي ڪل ٿورو وقت اڳڀرو بلئڪبرن جي ماڻهن ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڦٽي ڪئي هئي. اهو حال ڏسي، ’آرڪ رائيٽ‘ کي چڱي سمڪ آئي، جو هن پنهنجو ڪل جو نمونو اُتان ڪڍي ڪهن ٻئي سلامتيءَ جهڙي هنڌ نيڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪيو. اُن موجب، هو ناٽنگهام ۾ ويو، ۽ اُتي جي ڪن شاهوڪارن کان پيسي جي مدد گهريائين. ’رائيٽ‘ جي ڪمپنيءَ وارن هن کي ڪن پيسن اُڌاري ڏيڻ جو ذمو کنيو- انهيءَ شرط سان، ته هو اُنهن کي انهيءَ ڪل جي فائدي ۾ ڀائيوار ڪندو. پر ڪل جي پوريءَ طرح تيار ٿيڻ ۾ دير پئجي ويئي، تنهنڪري اُنهن شاهوڪارن ’آرڪ رائيٽ‘ کي صلاح ڏني ته ’اسٽرٽ‘ ۽ ’نيڊ‘ واري ڪمپنيءَ کي پيسن ڏيڻ جي لاءِ درخواست ڪر. ’اسٽرٽ‘ پاڻ ڪاريگر ماڻهو هو، ۽ هن کان اڳي جورابن جوڙڻ جو ڪارچوب جوڙي سرڪار ۾ داخل ڪرايو هئائين. ’اسٽرٽ‘ صاحب کي هن جي نئينءَ ڪل جو هڪدم قدر پيو، ۽ هو ’آرڪ رائيٽ‘ سان ڀائيوار ٿيو. تنهن کانپوءِ ڄڻ ته ’آرڪ رائيٽ‘ جو نصيب کليو. اِها ڪل سرڪاري دفتر ۾ ’ناٽنگهام جي گهڙيال جوڙڻ واري رچرڊ آرڪ رائيٽ‘ جي نالي داخل ٿي، ۽ اُن جي کيس سند ملي. اها عجيب ۽ ياد ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهو داخلو سال 1769ع ۾ ٿيو- يعني انهيءَ ساڳئي ورهيه ۾، جنهن ۾ ’واٽ‘ پنهنجي ٻاڦ جي ڪل داخل ڪرائي سَند ورتي. پهريائين ناٽنگهام ۾ ڪپهه جي گرڻي يا چڪي جوڙي ويئي، جنهن کي گهوڙا هلائيندا هئا. اُنهيءَ کان پوءِ ڊربي شائر جي ڪرامفورڊ شهر ۾ ٻي گهڻو وڏي ڪپهه جي چڪي جڙي، جنهن کي پاڻيءَ جي چڪر ٿي ڦيرايو، انهيءَ سبب ڪري هن ڪپهه ڪتڻ جي ڪل کي پاڻيءَ جي چڪر يا چرخي واري ڪل سڏڻ لڳا. +آرڪ رائيٽ جي محنت ته اڳي جي بنسبت ڄڻ هاڻ شروع مس ٿي هئي. هن کي اڃا پنهنجيءَ ڪل جا عضوا يا ڀاڱا ڪامل طرح پورا بيهارڻا هئا؛ تنهنڪري هن وقت بوقت اُن جو سڌارو ۽ ڦيرگهير پئي ڪيو- تان جو اها نهايت گهڻو ڪمائتي ۽ فائدي واري ٿي. پر پوري فتحيابي رڳو گهڻي تحمل ۽ محنت کانپوءِ حاصل ٿي؛ ڇا لاءِ جو ڪن ورهين تائين ته اُن مان ڪنهن به فائدي جي اُميد ڪانه ٿي رهي؛ رڳو ڍڳ پيسن جا ڳهندي ويئي، ۽ حاصل ڪي به ڪين ٿي ٿيو. جڏهن فتحيابيءَ جي اميد پڪيءَ طرح ظاهر ٿيڻ لڳي، تڏهن لئنڪشائر جي ڪارخانن وارا ’آرڪ رائيٽ‘ جي ڪل تي لٺيون ڌڪا کڻي ڪاهي آيا، انهيءَ لاءِ ته اُن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪن- جهڙيءَ طرح ڪارٽوال جا کاڻين کوٽڻ وارا، ’بولٽن‘ ۽ ’واٽ‘ تي ڪاهي آيا هئا، انهيءَ لاءِ ته سندن ٻاڦ جي ڪل جو فائدو سڀ کانئن ڦُري وڃن. چوطرف ماڻهو ’آرڪ رائيٽ‘ کي پورهيتن ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو دشمن چئي، هن کي پٽيندا ۽ اجايو سجايو ڳالهائيندا هئا. چارلي جي ويجهو هن جا اهڙي ڪل کڙي ڪئي هئي، سا ماڻهن پوليس ۽ جنگي سپاهين جي وڏي لشڪر جي اکين آڏو ڀڃي چٽ ڪري رکي. لئنڪشائر جي ماڻهن سندس ڪل جو اُپايل مال وٺڻ ڇڏي ڏنو- جيتوڻيڪ بازار ۾ اُنهيءَ جهڙو عمدو مال ڪونه هو. تنهن کانسواءِ، هن جي ڪلن ڪم آڻڻ ڪري قاعدي موجب جيڪو لوازمو هن کي ملڻ حق هو، تنهن کان هنن صاف جواب ڏيئي ڇڏيس، ۽ سڀني پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي ته هن کي قاعدي جي ڪورٽن ۾ چيڀاٽي ماريون. نيٺ هن ويچاري جي سَند رد ڪرايائون؛ جنهن ڪري چڱا ۽ سمجهه وارا ماڻهو ڏاڍا ناراض ٿيا. مقدمي کان پوءِ، جنهن جاءِ ۾ ’آرڪ رائيٽ‘ جا دشمن ٽڪيل هئا، اُتان جڏهن هو اچي لنگهيو، تڏهن هنن مان هڪڙو وڏي سڏ چوڻ لڳو ته ”اجهو، اِنهيءَ ٻڍي مٿي ڪوڙڻ واري کي آڻي پورو ڪيو اٿؤن!“ اهو ٻڌي، هن آرام سان جواب ڏنو ته ”فڪر ڪونهي، مون وٽ اڃا هڪڙي پاڪي آهي، جنهن سان اوهان سڀني جا مٿا ڪوڙيندس!“ هن لئنڪشائر ۽ ڊربي شائر توڙي اسڪاٽلنڊ جي نيوُلا نارڪ شهر ۾ ٻيون نيون ڪپهه جون ڪلون جاري ڪيون. ’ڪرامفورڊ‘ واريون ڪلون به ’اسٽرٽ‘ جي ڀائيواريءَ پوري ٿيڻ کان پوءِ سندس هٿ ۾ آيون. انهن ڪلن جو جڙيل سامان اهڙو عمدو ۽ ايترو گهڻو پيدا ٿيندو هو، جو ٿوري ئي عرصي ۾ انهيءَ قسم جو سڄو واپار اهڙو سندس اختيار ۾ اچي ويو، جو هو پنهنجيءَ مرضيءَ تي قيمت جا اگهه ٺهرائڻ لڳو، ۽ ٻين ڪپهه ڪتڻ وارن جي مک ڪمن تي به عمل هلائڻ لڳو. +’آرڪ رائيٽ‘ نهايت گهڻي طبيعي لياقت، سچيءَ همت ۽ دنيائي تيزفهميءَ جو ماڻهو هو؛ ۽ ڌنڌي هلائڻ جي اهڙي تجويز ياد هيس، جو ڄڻ ته انهيءَ ڪم لاءِ خدائي عقل مليل هوس. ڪنهن وقت ۾ ته پنهنجن بيشمار ڪارخانن جي هلائڻ ۽ درست ڪرڻ ۾ اهڙي سخت محنت ڪندو هو، جو ڪڏهن ته فجر جي چئين بجي کان وٺي رات جي نائين بجي تائين لڳو ويٺو هوندو هو. پنجاهه ورهين جي عمر ۾ انگريزي ٻوليءَ جو صرف- نحو سکڻ لڳو، ۽ صحيح لکڻ ۽ مشق پچائڻ جي استعمال ڪري سڌارو ڪيائين. جڏهن سڀ مشڪلاتون هٽايائين، تڏهن آرام سان خوش ٿي پنهنجيءَ محنت جو ڦل ڀوڳيائين. پهرينءَ ڪل جوڙڻ کان ارڙهن ورهيه پوءِ، هن ڊربي شائر ۾ ايتري مشهوري ۽ ناموس حاصل ڪئي، جو هو انهيءَ ضلعي جو ’هاءِ شريف‘ يعني وڏو عملدار مقرر ٿيو، انهيءَ کان پوءِ سگهوئي بادشاهه جارج ٽئين هن کي ’نائيٽ‘ جو خطاب ڏنو. هو 1792ع ۾ مري ويو. جيڪي ’آرڪ رائيٽ‘ ڪيو هو، سو چڱو هو يا بڇڙو- پر انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته انگلنڊ ۾ هن هاڻوڪن ڪلن جي ڪارخانن جو بنياد وڌو، جنهن مان جهڙو ڌار ڌار ماڻهن کي، تهڙو سڄيءَ قوم کي، بيحد نفعو ۽ دولت حاصل ٿي. + + +گريٽ برٽن ۾ جيڪي ٻيا ڌنڌا آهن، تن سڀني مان محنتي ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي همت جا، سندن پاڙي اوڙي وارن شهرن جي فائدي وٺڻ جا، ۽ سندن سڄيءَ قوم جي زياده دولتمند ۽ طاقتمند ٿيڻ جا، ساڳيا مٿي جهڙا مثال ملي سگهن ٿا. اُنهن مان هيٺيان نالا ڏجن ٿا: بيلپر وارا ’اسٽرٽ‘؛ گلاسگو وارا ’ٽيننٽ‘، ليڊس وارا ’مارشل‘ ۽ ’گاٽ‘؛ ۽ ڏکڻ لئنڪشائر وارا ’پيل‘، ’ائشوَرٿ‘، ’برل‘، ’فيلڊن‘، ’ائشٽن‘، ’هي ووڊ‘ ۽ ’اينسوَرٿ‘. انهن مان ڪن جي اولاد ته پوءِ انگلنڊ جي سياسي يا ملڪي تاريخ ۾ چڱو نالو ڪڍيو، ڏکڻ لئنڪشائر وارا ’پيل‘ ته خاص طرح انهيءَ جي ڪري مشهور ٿي گذريا. +’پيل‘ ڪٽنب جو جيڪو وڏو بنياد وجهندڙ هو، سو گذريل صديءَ جي وچ ڌاري هڪڙو ننڍو زميندار هو، جو بلئڪ برن جي ويجهو ’هول- هائوس فارم‘ واريءَ زمين جو قبضيدار هو، پر پوءِ اُتان لڏي ساڳئي شهر ۾ فش لين واريءَ گهٽيءَ ۾ اچي رهيو. جڏهن ’رابرٽ پيل‘ وڏو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڪٽنب ۾ گهڻائي پٽ- ڌيون وڌندڙ ڏٺائين؛ پر بلئڪ برن جي آسپاس واري زمين آباديءَ جي گهڻي لائق نه هئي، تنهنڪري هن کي ڏسڻ ۾ آيو ته زمين جي آباديءَ تي مٿي هڻڻ ۽ محنت ڪرڻ مان گهڻي اُميد ڪانهي. انهيءَ هوندي به، انهيءَ هنڌ گهڻن ڏينهن کان هٿن جي اُڻت جو ڪم هلندڙ هو، ۽ هڪڙي قسم جو ڪپڙو، جنهن کي ’بلئڪ برن جو خاڪي ڪپڙو‘ چوندا هئا ۽ جنهن ۾ سٽ جي تاڃي ۽ سڻيءَ جو پيٽو هوندو هو، سو انهيءَ شهر ۾ توڙي اُن جي آسپاس گهڻو اُڄندو هو. ڪلن جي ڪارخانن جاري ٿيڻ کان اڳي اهو دستور هو ته ٻهراڙيءَ جا محنتي سکر ماڻهو، پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، جيڪو ٻنيءَ ٻاري جي ڪم کان بچندو هون، سو گهر منجهه ڪپڙي اُڻڻ جي ڪم ۾ لڳائيندا هئا. اُن موجب، ’رابرٽ پيل‘ به اهو ڪپڙي اُڻڻ جو گهرو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. هو سچو ماڻهو هو، تنهنڪري ڪپڙو به سچو ۽ عمدو اُڻندو هو. ٻيو وري صرفي وارو ۽ محنتي به هو، تهنڪري هن جو ڌنڌو تمام چڱو هليو. جرات وارو به هو، تنهنڪري گهڻن کان اڳي اُن، سڻيءَ ۽ ڪپهه صاف ڪرڻ جا جيڪي ويلڻ نوان نڪتا، سي هن وٺي ڪم آندا. +’رابرٽ پيل‘ جو ڌيان خاص طرح ڪپڙي تي ڇاپي هڻن ڏي ٿيو. اِهو هنر اُنهن ۾ اهڙو مشهور نه هو. ڪنهن وقت سوڌو ته هن ڪل جي وسيلي ڇاپي هڻڻ جا آزمودا ڪيا؛ پر اُهي سڀ هن گهر ۾ لڪائي پئي ڪيا، ۽ ڇاپي هڻڻ کان اڳي ڪپڙي کي اِستريءَ هڻڻ جو ڪم گهر جي زال مان هڪڙيءَ کان ڪرائيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ ’پيل‘ جهڙن سکرن جي گهرن ۾ دستور هو ته مانيءَ کائڻ جي لاءِ جست جون ٿالهيون ڪم آڻيندا هئا. اهڙيءَ هڪڙيءَ ٿالهيءَ تي هن هڪڙيءَ شڪل يا چٽ جو نمونو ڪڍيو؛ پوءِ دل ۾ آيس ته ڪنهن ٻيءَ شي چنبڙائڻ سان، پهرين اهو چٽ اُبتو ڇاپي ڪڍجي، ۽ پوءِ وري انهيءَ کي، رنگ لائي چنبڙائڻ سان، ڪپڙي تي سبتو ڇاپجي. ٿوري پنڌ تي هڪڙيءَ زال جي ڀُنگي هئي، جنهن وٽ جنتري ڇاپڻ جي هڪڙي ڪل يا اسڪنجو هو. هيءَ انهيءَ وٽ ويو، ۽ ٿالهيءَ واريءَ شڪل کي رنگ لائي، انهيءَ جي مٿان ڪپڙي جو ٽڪر لڳائي، اسڪنجي ۾ کڻي رکيائين. ڪل ڀيڙڻ کان پوءِ ڪڍي ڏٺائين، ته ڪپڙي تي نقش تمام چڱو نڪري بيٺو. ويلڻ جي وسيلي ڪپڙي تي ڇاپي هڻڻ جو بنياد، ائين پيو. پوءِ سگهو ئي ’رابرٽ پيل‘ انهيءَ رستي کي سڌاريو، ۽ نقش واري ڪپڙي جو جيڪو پهريون نمونو ڪڍيائين، تنهن تي جاڻ جو پن نڪتل هو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ’پارسلي‘ چون ٿا، انهيءَ ڪري اڄ تائين بلئڪ برن جي آسپاس ان کي ’پارسلي پيل‘ سڏيندا آهن. ڪاٺ جي ويلڻ ۾ ٽامي جي ويلڻ اُڪري وجهڻ سان جو ڪپڙي کي ڇاپي هڻڻ جو رستو آهي، اُهو پوءِ سندس پٽن مان هڪڙي پوريءَ طرح ڪڍيو، جو چرچ جي ’پيل‘ واريءَ ڪمپنيءَ جو مک ماڻهو هو. هن فتحيابيءَ مان ’رابرٽ پيل‘ کي ڏاڍي همت آئي. ستت ئي هن آباديءَ جو ڪم ڇڏي ڏنو، ۽ بلئڪ برن کان ٻن ميلن پنڌ تي، هڪڙو ڳوٺ ’ووڪ سائيڊ‘ نالي هو، اُتي وڃي، خلاصي ڇاپي هڻڻ جي ڌنڌي ۾ مشغول رهيو. اُتي، پنهنجن همت وارن پُٽن جي مدد سان، هن ورهين جا ورهيه اِهو واپار هلايو. جڏهن سندن پٽ وڏا ٿيا، تڏهن انهيءَ ڪارخاني مان ڪيتريون ٻيون شاخون ’پيل‘ جي ڪوٺين يا ڪمپنين جون نڪتيون، جي سڀ پنهنجي پنهنجي منهن مشغوليءَ جون مک جايون ٿيون، جن مان هزارين ماڻهو پورهئي ڪرڻ سان پيسو اُپائڻ لڳا. +اصل وارو ’رابرٽ پيل‘، جنهن کي ڪوبه لقب يا خطاب ڪونه مليل هو، تنهن جي چال ۽ لياقت بابت جيڪو احوال هاڻ معلوم ڪري سگهجي ٿو، تنهن مان سهي ڪري ٿو سگهجي ته هو ضرور ڪو عجيب انسان هوندو- تيز فهم، سياڻو ۽ دورانديش. سندس احوال بابت هاڻي رڳيون افواهي ڳالهيون پيون ٻڌجن، سچو بيان ڪونه ٿو ملي سگهي؛ ۽ جيڪي ماڻهو سندس واقف هئا، تن جو اولاد به مرندو کپندو وڃي سندس پٽ، ’سر رابرٽ‘، سندس بابت هن طرح حيا سان ڳالهه ڪري ٿو ته ’حقيقت ڪري بابو اسان جي ڪٽنب جو باني هو؛ ۽ قوميت جي نظر تي تجارتي دولت کي اهڙو ضروري سمجهندو هو، جو هن گهڻا ئي ڀيرا اها راءِ ظاهر ڪئي ته ڌنڌي يا واپار مان جدا جدا آسامين کي جيڪي فائدا پهچن ٿا، سي قومي فائدن جي مقابلي ۾ تمام ٿورا آهن.“ +’سر رابرٽ پيل‘، جنهن کي پهرين ’بارونيٽ‘ يا ’نائيٽ‘ جو خطاب مليو، ۽ جو انهيءَ نالي جو ٻيو ڪارخانيدار هو، تنهن ۾ پيءُ واريون همت، جوانمرديءَ ۽ محنت جون سڀ وصفون هيون. پهريندي ته هن جو درجو رواجي پورهيت کان ڪي ٿوروئي مٿي هو؛ ڇا لاءِ جو سندس پيءُ برابر آئيندي جي دولتمنديءَ جو بنياد وڌو هو، ليڪن في الحال ته ٿوريءَ وسعت ۽ گهٽ موڙيءَ هئڻ ڪري ڏاڍين مشڪلاتن ۾ هو. جڏهن ’رابرٽ‘ ويهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن سوٽي ڪپڙي تي ڇاپي هڻڻ جو ڌنڌو، جو هيستائين پنهنجي پيءَ کان سکيو هئائين، تنهن جي ڌار هلائڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. سندس چاچو ’جيمس هاو رٿ‘ ۽ بلئڪ برن وارو ’وليم ييٽس‘ به انهيءَ ڪم ۾ ساڻس شامل ٿيا. ٽنهي گڏجي جيڪا مور جي رقم ڪڍي، سا فقط پنج سو پائونڊ هئي، جنهن جو وڏو ڀاڱو ’وليم ييٽس‘ ڏنو هو. هن شخص جو پيءُ بلئڪ برن ۾ ڪن گهرن جو مالڪ هو، ۽ اُتي هن جي چڱي مشهورائي ۽ آبرو هئي. هن پنهنجي ڌنڌي مان ڳچ جيترا پيسا گڏ ڪيا هئا، تنهنڪري هن جي مرضي هئي ته ڪي پيسا ڪپڙي ڇاپڻ جي نئين نڪتل ۽ فائدي واري ڌنڌي ۾ وجهي، پنهنجي پٽ جو واپار چالو ڪريان. جيتوڻيڪ ’رابرٽ پيل‘ ننڍيءَ عمر جو هو، ته به انهيءَ ڌنڌي لاءِ جيڪو رواجي عقل ۽ هنر گهربل هو، سو هن پنهنجي ذمي ڪيو؛ ۽ سندس بابت چوڻ ۾ آيو ته ”هو پير مردن واري مسي، جوانن جي ڪلهي تي رکي ٿو.“ ۽ اها ڳالهه هئي به برابر سچي. هڪڙي ڦٽل ان جي جانڊهه جي جاءِ، آسپاس واريءَ زمين سميت، سهانگي خريد ڪيائون، جا هڪڙي گمنام ڳوٺ بيري نالي جي ويجهو هئي. اتي اهو ڪارخانو انهيءَ کان پوءِ گهڻن ڏينهن تائين زمين جي نالي هيٺ پئي هليو. پهريائين انهيءَ هنڌ ڪي ڪاٺين جون لانڍيون کڻي جوڙايائون، ۽ انهيءَ ڪمپنيءَ، سال 1770ع ۾، سوٽي ڪپڙي ڇاپڻ جو ڪم تمام غريباڻي حال ۾ شروع ڪيو، ۽ ٿورن ورهين کان پوءِ وري ڪپهه ڪتڻ جو ڪم به اُن سان شامل ڪيائون. اهي ڀائيوار اوائل جي ڏينهن ۾ ڪهڙي صرفي سان هلندا هئا، سا ڳالهه هيٺئين مثال مان معلوم ٿيندي. ’وليم ييٽس‘ ٻارن ٻچن وارو هو، تنهن پنهنجي لاءِ ڌار گهر ڪيو؛ ۽ ’پيل‘ ڇڙهو هو، تنهن تي احسان ڪرڻ لاءِ هن قبول ڪيو ته هو ويسي ڏيئي سندس گهر ۾ رهي. پهريائين ’پيل‘ ٽڪڻ ۽ مانيءَ کائڻ لاءِ هفتي ۾ اَٺ شلنگ ڏيندو هو؛ پر ’ييٽس‘ ڏٺو ته اها ويسي تمام ٿوري آهي، تنهنڪري هن کان هڪڙو شلنگ وڌيڪ گهرڻ لڳو، پر ’پيل‘ نه ڏيڻ جي ڪئي. تنهن تي ٻنهي جي وچ ۾ ناسازي ٿي پئي. نيٺ ’پيل‘ اڌ شلنگ هفتي ۾ اڳواٽ ڏيڻ قبول ڪيو، جنهن تي ٻنهي جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو. ’وليم ييٽس‘ جو وڏو ٻار ’ايلن‘ نالي سندس ڌيءَ هئي، ۽ اُنهيءَ سان سگهوئي هن جوان ’پيل‘ جي دل ٻجهي ويئي. جڏهن ڏينهن جو ڪارخاني ۾ سخت مزوري ڪري ’پيل‘ گهر ايندو هو، تڏهن انهيءَ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي پنهنجي گوڏي تي ويهاري پڇندو هو ته ”نيلي، پياري خوبصورت ڇوڪري، تون منهنجي زال ٿيندينءَ؟“ جنهن تي ڇوڪري ترت جواب ڏيندي هيس، جيئن ٻار ڪندا آهن، ته ”هائو“. تڏهن هيءُ چوندو هو ته ”چڱو، نيلي تڏهن آءٌ تنهنجي لاءِ ترسن��س؛ آءٌ توکان سواءِ ٻيءَ ڪنهن سان شادي نه ڪندس“ ۽ ’رابرٽ‘ نيٺ هن لاءِ ترسيو. جيئن جيئن اها ڇوڪري وڏي ٿيندي ويئي ۽ خوبصورتي وڌائيندي ويئي، تيئن تيئن هن جو ارادو ترسڻ لاءِ پڪو ٿيندو ويو. آخر ڏهين ورهين کان پوءِ، جڏهن ’ايلن ييٽس‘ سترهن ورهين جي ٿي، تڏهن ’رابرٽ پيل‘ ساڻس شادي ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ هن پنهنجي ڌنڌي ۾ ڏاڍي محنت ڪئي، ۽ خوب دولت گڏ ڪيائين. انهيءَ طرح، اُها ساڳي ڇوڪري، جنهن کي سندس پيءُ جو ڀائيوار ۽ ماءُ جو مهمان گوڏي تي ويهاري ڪڏائيندو هو، سا نيٺ پهرين ’مسزپيل‘ ۽ پوءِ ’ليڊي پيل‘ ٿي. يعني پهرين هڪڙي عام ماڻهوءَ جي زال هئي، ۽ پوءِ هڪڙي لارڊ يا امير جي بيگم ٿي پيئي. ’ليڊي پيل‘ تمام شريف ۽ حسين زال هئي، ۽ دنيا جي ڪهڙي به درجي جو سينگار هئي. هن جو فهم ۽ ذهن عجيب هوندو هو، ۽ سڀ ڪنهن مشڪلات جي مهل پنهنجي مڙس جي عالي همت ۽ ايماندار صلاحڪار هوندي هئي. شاديءَ کانپوءِ، گهڻن ورهين تائين ته هوءَ سندس پاران ڪارخاني جي لکپڙهه ڪندي هئي؛ ڇا لاءِ جو مسٽر ’پيل‘ پاڻ اکر خراب لکندو هو- اهڙا، جو پڙهڻيءَ ۾ نه ايندا هئا. نيٺ هوءَ 1803ع ۾ مري ويئي- يعني سندس مڙس کي ’بارونيٽ‘ جو خطاب مليو، تنهن کان فقط ٽي ورهيه پوءِ. چون ٿا ته هوءَ لنڊن ۾ اچي رهي، ۽ اُتي جي خانداني هلت چلت سندن ٻهراڙيءَ جي وطن جي عادت کان بلڪل مختلف هئي، تنهنڪري هن جي تندرستيءَ ۾ خلل پئجي ويو، ۽ هوءَ بيمار ٿي پئي. ڪن ورهين کان پوءِ، ويچارو ٻڍو مسٽر ’ييٽس‘ چوندو هو ته ’جيڪڏهن ’رابرٽ‘ اسان جي ’نيليءَ‘ کي ليڊي يعني بيگم نه ڪري ها، ته شايد هوءَ اڃا تائين جيئري هجي ها.“ +’ييٽس‘ ۽ ’پيل‘ واري ڪمپنيءَ جو ڪارخانو، شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائي تمام چڱو هليو. ’سر رابرٽ پيل‘ پاڻ گويا انهيءَ جو روح هو، جو منجهس گهڻي همت، محنت، هنرمندي ۽ ٻيون اول درجي جون سوداگري لياقتون موجود هيون، جي اڪثر انهيءَ وقت جي ڪپهه ڪتڻ وارن واپارين ۾ گهٽ لڀنديون هيون. هو ڪو لوهه جي بدن ۽ دل وارو ماڻهو هوندو هو، ۽ محنت ڪرڻ کا ٿڪيو ئي ڪين هو. مطلب ته سوٽي ڪپڙي جي ڇاپڻ لاءِ هو اهڙو هو، جهڙو ’آرڪ رائيٽ‘ ڪپهه ڪتڻ جي لاءِ هو؛ ۽ فائدو به اهڙو ئي گهڻو پيس. انهيءَ ڪارخاني جون جڙيل شيون اهڙيون عمديون هيون، جو ماڻهو اڪثر ٻيون ڇڏي اهي خريد ڪندا هئا. انهيءَ ڪمپنيءَ جي سپت ۽ سچائيءَ جي هاڪ سڄي لنئڪشائر ۾ پئجي ويئي. بيري شهر کي ته انهيءَ مان گهڻو فائدو پهتو، پر اوڙي پاڙي جي شهرن ۾ به، ’ارويل‘ ۽ ’راچ‘ ندين تي، هنن اتي جهڙا وڏا وڏا ڪارخانا قائم ڪيا. انهيءَ ڪمپنيءَ جي ڀائيوار جي نالي اها ڳالهه عام مشهور ٿي ويئي ته هو نه رڳو پنهنجن ڪارخانن ۾ نهايت عمدي مال جوڙڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، پر ڪم ڪندڙن ۽ پورهيتن جي سک ۽ آسائش وڌائڻ لاءِ به هر طرح مٿو ٿا هڻن؛ ڇا لاءِ جو جڏهن ڪم جي جهڪائيءَ جا ڏينهن هوندا هئا، تڏهن به هو، تجويز ڪري، پورهيت کي فائدي جهڙو ڪم ڏيندا هئا. +’سر رابرٽ پيل‘، جيڪي نوان نوان هنر ۽ سڌارا نڪرندا هئا، تن جي گهڻي قدرداني ڪندو هو، ۽ اُنهن کي ڪم آڻڻ جي ڪندو هو. مثلاً، ڪپڙي ڇاپڻ ۾ هن هڪڙو نئون هنر ڪم آندو، جنهن سان هن لئيءَ جي چٽڻ وارا ڪپڙا ڪڍيا. اهو هن طرح هو ته ڪپڙي جا جيڪي ڀاڱا صاف ۽ اڇا رهڻا هوندا هئا، تن تي هڪڙي قسم جي لئي يا پيڄي لائي ڇڏيندا هئا. اها لئي پهرين جنهن ماڻهوءَ ڳولي ڪڍي هئي، سو لنڊن جي ڪنهن واپاري ڪوٺيءَ جي طرفان گشت ڪرڻ وارو گماشتو هو، جنهن کان مسٽر ’پيل‘، تمام گهڻا پيسا ڏيئي، اها خريد ڪئي هئي. پوءِ ��رهيه ٻه انهيءَ تي مٿا هڻي، آزمودا ڪري، اُن کي ڪم آڻڻ جهڙو ڪيائين. اُنهيءَ جي وسيلي سان ڪپڙي تي نقش اهڙو سهڻو نڪرندو هو، ۽ ڪنارا اهڙا صاف ظاهر ٿي بيهندا هئا، جو ساري ملڪ ۾ ڪپڙي ڇاپڻ جا جيڪي به ڪارخانا هوندا هئا، تن سڀني کان ’بيريءَ‘ جو ڪارخانو هڪدم گوءِ کڻي ويو. ساڳئي ڪٽنب جي ٻين ماڻهن، اهڙي ساڳئي ڊول جا ٻيا ڪارخانا، لئنڪشائر ۾ برنلي ۽ آلٿام شهرن منجهه، ۽ فاڪس هل جي ڪناري تي، يارڪشائر ۾ سالي لي منجهه، ۽ تنهن کان پوءِ اسٽئفرڊشائر ۾ ٽرنيٽ نديءَ تي برٽن شهر منجهه، ڪڍيا. انهن ڪارخانن ڪري نه رڳو مالڪن کي ججهي دولت حاصل ٿي، پر ڪپهه جي سڀ ڌنڌي وارا جيڪي به ماڻهو هوندا هئا، تن جي لاءِ چڱو مثال موجود ٿيو؛ ۽ تنهن کان سواءِ لئنڪشائر ۾ ڪيترائي ڪارخانن وارا ۽ ڪپڙي ڇاپڻ وارا، اهو ڪم سکي، هوشيار ۽ قابل ڪاريگر ٿي ويا. +ٻين مشهور ڪارخانن جي بانين منجهان هڪڙو هو ’وليم لي‘ پادري، جنهن جورابن جوڙڻ جي ڪل ڪڍي؛ ۽ ٻيو هو ’جان هيٿ ڪوٽ‘، جنهن ڄاريءَ يا ڪپڙي جي ڪناريءَ جوڙڻ جي ڪل ڪڍي. اهي ٻئي ڏاڍا اٽڪلي، هنرمند ۽ محنتي ماڻهو هئا، جن جي محنت ۽ ڪشالي مان اهو نتيجو نڪتو، جو ناٽنگهام شائر ۽ ٻين پاسي وارن ضلعن ۾ پورهيتن جي لاءِ تمام گهڻو فائدي وارو پورهيو نڪري پيو. جوراب جوڙڻ واريءَ ڪل بابت جيڪو احوال ملي سگهي ٿو، سو چٽائيءَ جهڙو نه آهي، بلڪ گهڻن ڳالهين ۾ ته مختلف به آهي؛ پر ڪل ڪڍڻ واري جي نالي بابت ڪوبه شڪ ڪونهي: اهو برابر ’وليم لي‘ هو، جو سنه 1563ع ڌاري، ناٽنگهام کان ستن ميلن پنڌ تي، ’وو ڊبرو‘ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ڪي چو ٿا ته هو هڪڙي ننڍي زميندار جو پٽ ۽ وارث هو، پر ڪي چون ٿا ته هو هڪڙي مڪتب ۾ خيراتي ڇوڪر هو، جو ننڍي هوندي کان غريبيءَ جو گذران ڪندو هو. هو 1579ع جي مهيني ۾، ڪيمبرج جي ’ڪرائيسٽ‘ ڪاليج ۾، خيراتي شاگرد ٿي داخل ٿيو؛ ۽ پوءِ اُتان اٿي ’سينٽ جان‘ واري ڪاليج ۾ وڃي ويٺو، جتي 1583ع ۾ بي. اي جي سند حاصل ڪيائين. چون ٿا ته 1586ع ۾ ايم. اي جي تياري ڪرڻ لڳو، پر اِنهيءَ ڳالهه بابت ڪاليج جي دفتر ۾ صفائي ڪانهي. هيءُ جو اڪثر چوڻ ۾ ايندو آهي ته هن ڪاليج جي قانونن جي برخلاف شادي ڪئي، تنهنڪري هن کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيائون؛ سو برابر نٿو ڀانئجي، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن به ڪاليجن جي انتظام ۾ مقرر ڪيل شريڪ نه هو، تنهنڪري اهڙي ڪم ڪري هن کي ڪو نقصان نه پهچي سگهيو ٿي. +جڏهن ’لي‘ جوراب جي ڪل ڪڍي، تڏهن هو ناٽنگهام جي ويجهو ڪالو هرٽن ۾ ننڍي پادريءَ جي عهدي تي هو؛ ۽ ڪي ته لکن ٿا ته انهيءَ ڪل جي لاءِ هن جو هڪڙي عشقي معاملي ۾ نااُميد ٿيڻ جو سبب بنجي آيو. چون ٿا ته انهيءَ ڳوٺ جي هڪڙيءَ جوان زال سان هن پادريءَ جي دل اٽڪي وئي، پر هُن کي هن جو خيال به ڪونه هو؛ ۽ جڏهن هيءُ هن جي ملاقات لاءِ ويندو هو، تڏهن هوءَ هن جي محبت جي قصن ٻڌڻ جي بدران، پنهنجو ڌيان جورابن جوڙڻ ۽ شاگردن کي انهيءَ هنر سيکارڻ ۾ لڳائيندي هئي. سندس محبوب جي اهڙيءَ بيپرواهيءَ ڪري، هن جي دل ۾ هٿ سان جورابن جوڙڻ يا اُڻڻ لاءِ ايتري نفرت پيدا ٿي، جو هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته ڪا اهڙي ڪل ڪڍان، جنهن جي ڪري اِهو ڪم نڪري وڃي، ۽ ان جي ڪرڻ مان ڪوبه فائدو نه ٿئي. فتحيابيءَ جي پڪ ٿيس، تڏهن هو پادريءَ جي جڳهه ڇڏي، ڪل سان جورابن جوڙڻ جي ڪم ۾ لڳو. اهو بيان ’هينسن‘ جو ڏنل آهي؛ ۽ ان وري هڪڙي ڪراڙي جورابن جوڙڻ واري کان ٻڌو هو، جو راڻيءَ ’آئن‘ جي راڄ ۾ شهر جي هڪڙي ڪاريگر وٽ اچي شاگرد ٿيو، ۽ ٻيانوي ورهين جي ڄمار ۾ ناٽنگهام شهر ۾ ڪالن واريءَ اسپتال منجهه مري ويو. اهڙو ساڳيو بيان ’ڊيئرنگ‘ ۽ ’بلئڪنر‘ به ڏنو آهي، جي چون ٿا ته انهيءَ هنڌ جي آسپاس وارا ماڻهو به اهڙي ڳالهه ڪندا آهن. انهيءَ ڳالهه جي سچائي ڪي قدر هن مان به معلوم ٿئي ٿي ته لنڊن جي جورابن جوڙڻ واريءَ ڪمپنيءَ جو جيڪو نشان يادگيريءَ لاءِ رکيل آهي، تنهن ۾ وچ تي هڪڙو جورابن جوڙڻ جو چؤنڪ يا ڪارچوب ڪاٺ جي ڀاڱي کان سواءِ ڏيکاريل آهي؛ ۽ اُنهيءَ جي هڪڙي پاسي هڪڙي پادريءَ جي شڪل آهي، ۽ ٻئي پاسي هڪڙيءَ زال جي، جي ٻئي انهيءَ ڪارچوب کي جهليو بيٺا آهن.* +جورابن جوڙڻ جي ڪل جي اصل حقيقت ڪهڙيءَ به طرح هجي، ته به انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته اُن جي رٿي ڪڍڻ واري عجب جهڙيءَ سمجهه ۽ هنرمندي ڏيکاري آهي. جڏهن خيال ڪجي ٿو ته هڪڙو پرانهين ڳوٺ ۾ رهندڙ پادري، جنهن گهڻو ڪري پنهنجي ساري عمر ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاري، تنهن ههڙيءَ نازڪ ۽ مونجهاري جهڙي ڪل ويچار ڪري ڪڍي، ۽ زال ماڻهوءَ جي آڱرين ۾ ٽن شيخن جي مدد سان ڌاڳي جا زنجيريءَ جهڙا ڪڙا ٺاهي اُنهن کي هڪ ٻئي سان ڳتڻ جو تڪليف وارو رستو، جو اڳي رواج ۾ هو، تنهن جي بدران، ڪارچوپ تي جوراب اُڻڻ جو سهڻو ۽ تڪڙو رستو ڪڍيو، تڏهن اهو هڪڙو اهڙو حيرت جهڙو سڌارو نظر ٿو اچي، جنهن جهڙو ڪلن وارن هنر جي تاريخن ۾ ڪو مشڪل نظر ايندو. اُنهن ڏينهن ۾ هٿ جا هنر اڃا ڪچا هئا، ۽ ڪارخانن جي ڪم لاءِ ڪلن جهڙيءَ تجويز تي ڪو ڌيان ڏيڻ ۾ نه ايندو هو، تنهنڪري ته ’لي‘ جي عقلمندي زياده تعريف جوڳي ڏس ۾ اچي ٿي. جيئن جيئن هن کي ڪم هلائيندي ڪا مشڪلات درپيش پئي آئي، تيئن تيئن هن سواءِ گهڻي خيال ۽ ويچار جي وقت ٽپائڻ لاءِ جدا جدا اٽڪلون ويڙهائي، تجويزون ڪري، پنهنجي ڪل جا ڌار ڌار ڀاڱا پئي سڌاريا. هن جا اوزار به تمام چڱا نه هئا، نڪي جورابن جوڙڻ جو سامان چڱو هوس، نڪو وري ڪو هنرمند ماڻهو ڪم ۾ مدد ڪرڻ وارو هوس. چون ٿا ته انهيءَ ڪل جو پهريون ڪارچوب جيڪو جوڙيو هئائين، سو ٻارهن انچن ماپ وارو هو؛ منجهس هيٺ ڇڪڻ لاءِ شيهي جا وزن ڪين هئا، ۽ سڄو ئي ڪاٺ جو هو؛ سيُون به ڪاٺيءَ جي ٽڪرن ۾ لڳنديون هيون. اِنهن سُين ۾ سوراخ نه هئا، تنهن ڪري ٽاڪي هڻڻ يا ور اٽڪائڻ ۾ مشڪلات ٿي ٿيس، پر نيٺ انهيءَ جو علاج ڪيائين، جو هڪڙيءَ ننڍڙيءَ رواتيءَ سان شين ۾ سوراخ ڪڍيائين.* انهيءَ طرح، هڪٻئي پٺيان مشڪلاتو حل ٿينديون ويون، ۽ ٽن ورهين جي محنت کان پوءِ، جڏهن اِها ڪل ڪم ڪرڻ جي لائق ٿي، تڏهن اهو هنرمند پادري، ڏاڍي شوق مان، ڪالوهرٽن جي ڳوٺ ۾ جوراب جوڙڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ ڪيترائي ورهيه اُتي اهو ڪم پئي ڪيائين. پنهنجي ڀاءُ ’جيمس‘، توڙي پنهنجن ڪن ٻين عزيزن کي به اهو هنر سيکاريائين. +جڏهن هن پنهنجيءَ ڪل کي سڌاري چڱو ڪيو، ۽ ارادو ٿيس ته راڻي ايلز ابيٿ، جنهن کي پَٽ جا اُڻيل جوراب تمام گهڻو وڻندا هئا، تنهن جي مهرباني ۽ مدد هٿ ڪريان، تڏهن ’لي‘، راڻي صاحبه کي پنهنجي ڪل ڏيکارڻ لاءِ لنڊن ڏي هليو. پهريائين ته اُها شاهي درٻار جي ڪيترن اميرن کي ڏيکاريائين انهن ۾ ’سر وليم هڊسن‘ به هو (جو پوءِ ”لارڊ هڊسن“ ٿيو). اهو ته پاڻ به اهو ڪم کانئس سکي قابل ٿيو. آخر اُنهن اميرن جي سفارش سان ’لي‘ راڻيءَ جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو، ۽ سندس روبرو پنهنجي ڪل هلايائين؛ پر جنهن مدد ۽ مهربانيءَ جي اُميد هيس، سا راڻي ايلزابيٿ نه ڏنيس ۽ ڏيکاريس. چون ٿا ته اُٽلو ان کي انهيءَ ڪل تي اهو اعتراض آيو، ته ڪيترن ئي غريب ماڻهن کان هٿ جي پورهئي ڪرڻ ۽ جورابن اُڻڻ جو ڪم کسجي ويندو. ’لي‘ کي ٻيو ڪوبه مربي يا مدد ڪرڻ وارو ڪونه لڌو. جڏهن ڏٺائين ��ه سڀڪو مون کي ۽ منهنجيءَ ڪل کي ڌڪاري ٿو، تڏهن لاچار ٿي، هن فرانس جي بادشاهه ’هينري‘ چوٿين جي سياڻي وزير ’سلي‘ جي آڇ قبول ڪئي، جنهن صلاح ڏنيس ته روئين شهر، جو اُنهن ڏينهن ۾ فرانس جي ڪارخانن وارن مشهور شهرن مان هڪڙو هو، تنهن ۾ هلي رهه، ۽ اُتي جي پورهيت کي جورابن جي ڪارچوبن جوڙڻ ۽ هلائڻ جو ڪم سيکار. اُن موجب، 1605ع ۾، ’لي‘ لڏي فرانس ڏي ويو، ۽ پنهنجون ڪلون به کڻائي ويو. روئين ۾ هن جي چڱي آڌر ڀاءُ ڪيائون، ۽ جورابن جوڙڻ جو ڪارخانو چڱيءَ طرح چالو ٿيو- سڄيون نَو ڪلون زور سان هلڻ لڳيون. پر، اوچتو ڪمبختيءَ اچي هن کي وڪوڙيو. هو جو لڏي اچي فرانس ۾ ويٺو هو، سو ’هينري‘ چوٿين جي ڏڍ تي، جنهن هن کي خاص حقن ۽ فائد ڏيڻ جو انجام ڪيو هو، ۽ جنهن کان چڱي انعام ۽ آبروءَ ملڻ جي اُميد هيس. تنهن بادشاهه کي هڪڙي مذهبي متعصب ماڻهوءَ، ’رواهيلڪ‘ نالي، ماري وڌو، انهيءَ ڪري هن کي هيستائين جيڪا مدد ۽ پناهه ملندي هئي، سا هڪدم بند ٿي ويئي. پنهجن حقن ثابت ڪرڻ ۽ ڇڪي وٺڻ لاءِ، ’لي‘ پارس ٿي ويو، پر هڪڙو ته هو پرديسي ماڻهو هو، ٻيو ’پراٽيسٽنٽ‘ مذهب جو هو، تنهنڪري بادشاهي درٻار ۾ هن جي عرض تي گهڻو خيال ڪونه ڏنائون. نيٺ، ڪڪ ٿي، تڪليفون ڏسي؛ سگهوئي اهو مشهور ڪل وارو ماڻهو، نهايت مفلسيءَ ۽ غريبيءَ جي حالت ۾، پارس ۾ مري ويو. +’لي‘ جو ڀاءُ ۽ سندس مزور، ڏاڍيءَ تجويز سان پنهنجو ٻيون سڀ ڪلون کڻي، فرانس مان ڀڄي نڪتا- رڳيون ٻه ڪلون اُتي رهجي وين جڏهن ’جيمس لي‘ ناٽنگهام شائر ۾ موٽي آيو، تڏهن ٿاروٽن جو هڪڙو جانڊاهي، ’آشٽن‘ نالي، جنهن کي وڏي ’لي‘ انگلنڊ ڇڏڻ کان اڳي ڪل سان جوراب جوڙڻ جو ڪم سيکاريو هو، سو اچي هن سان گڏيو. انهن ٻنهي ڄڻن، پنهنجن مزورن ۽ ڪلن سوڌو، ٿاروٽن ۾ اچي ڪارخانو کوليو، ۽ جورابن جوڙڻ جو ڪم جام هلڻ لڳو. اهو ڪارخانو ڏاڍيءَ چڱيءَ جاءِ تي هو، ڇالاءِ جو شرووڊ جي پاسي واري ضلعي ۾ جي رڍون چرنديون هيون، تن مان هڪڙي اهڙي قسم جي اُن نڪرندي هئي. جا تمام ڊگهن جورابن جي لاءِ ڪمائتي ٿيندي هئي. ’آشٽن‘ ڪل ۾ هيءُ به سڌارو ڪيو، جو منجهس شيهي جا وزن ڇڪڻ لاءِ وڌائين. درجي بدرجي، انگلنڊ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڪارچوب جو تعداد وڌندو ويو- نيٺ ڪل سان جورابن جوڙڻ جا ڪارخانا اهڙا عام ٿيا، جو اهو ڌنڌو ملڪ جي مکيه ڌنڌن مان شمار ٿي ويو. +جورابن جي ڪل ۾ هڪڙو وڏو سڌارو اهو ٿيو، جو انهيءَ جي وسيلي ’ليس‘ يعني ڄاريدار ڪناريءَ جا وڏا وڏا ڪارخانا هلڻ لڳا. 1777ع ۾ ٻن پورهيتن، ’فراسٽ‘ ۽ ’هومس‘ نالي، جورابن واريءَ ڪل ۾ ٿوري ڦير گهير ڪري، نوڪدار ڄاري يا ڄاريدار ڪناري اُڻڻ لڳا. اٽڪل ٽيهن ورهين جي عرصي ۾ اهو ڪم ايترو وڌي ويو، جو ڏيڍ هزار نوڪدار ڄاريءَ جون ڪلون هلڻ لڳيون، ۽ پندرهن هزار ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهيا. پر، جنگ لڳڻ ۽ رواج مٽجڻ ۽ ڪن ٻين سببن ڪري، ناٽنگهام وارو ڄاريءَ جو ڪارخانو جهڪو ٿي ويو؛ پوءِ به ٿورو ٿورو پئي هليو، جيسين ڪ ’جان هيٿ ڪوٽ‘، جو پوءِ ’ٽو هرٽن‘ جي پاران پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو، تنهن نڙي دار ڄاريءَ جي ڪل ڪڍي. انهيءَ ڪري هڪدم ڄاريءَ جو ڪارخانو وري نئين سر، پڪي بنياد تي قائم ٿي، هلڻ لڳو. +’جان هيٿ ڪوٽ‘، ڊربي شائر ضلعي جي ڊفيلڊ شهر جي هڪڙي ننڍي آبروءَ واري آبادگار جو سڀ کان ننڍو پُٽ هو. هو 1783ع ۾ انهيءَ شهر ۾ ڄائو هو. جڏهن مڪتب ۾ پڙهندو هو، تڏهن چالاڪ هوندو هو، ۽ تڪڙو تڪڙو ترقي ڪرڻ لڳو؛ پر سگهوئي هن کي مڪتب مان ڪڍي، لفبرو جي ويجهو هڪڙي ڪارچوب جوڙڻ واري وٽ شاگرد ڪري رکيائون. سگهوئي هيءُ ڇوڪر چالاڪيءَ سان اوزار ڪم آڻڻ لڳو، ۽ ڪارچوبن جي جدا جدا ڀاڱن توڙي تاڃيءَ واريءَ ڪل جي مشڪل پرزن جي پوري خبر پئجي ويس. جڏهن فرصت ٿيندي هيس، تڏهن پيو خيال پچائيندو هو ته ڪيئن انهيءَ ڪل جي ڀاڱن ۾ سڌارو ڪريان. سندس دوست ’هيٽر بازلي‘، پارليامينٽ جو ميمبر چوي ٿو ته اڃا هو سورهن جو هو، ته هن اهو ارادو ڪيو ته جهڙي ڄاريدار ڪناري بڪنگهام يا فرانس ۾ هٿن سان جڙندي هئي، اهڙي جوڙڻ جي لاءِ ڪا ڪل ڪڍان. پهرين پهرين جو هن انهيءَ باب ۾ سڌارو ڪيو، سو ڪارچوب جي تاڃيءَ واري چؤنڪ ۾، ۽ هڪڙي اٽڪل جهڙي اوزار سان ڄاريدار دستانا اُڻيائين، انهيءَ مان هن کي زياده همت ٿي، ۽ ڪل سان ڄاريدار ڪناريءَ جوڙڻ تي وڌيڪ خيال ڪرڻ لڳو. جورابن واريءَ ڪل سان ته، ٿوري ڦير گهير ۽ سڌاري سان، نوڪدار ڄاريءَ واري ڪناري اڳي ئي جڙندي هئي، جنهن ۾ جورابن وانگي گهنڊي ڏيئي ڄاريءَ جو سوراخ ٺاهيندا هئا؛ پر اُها گهُنڊي پڪي ٿي نه بيهندي هئي، ۽ وري جلد بگڙي ويندي هئي، تنهنڪري اها ڪناري گهڻي پسنديءَ جهڙي نه هوندي هئي. ڪيترن ئي ورهين کان ناٽنگهام جا هنرمند ڪاريگر پيا مٿا هڻندا هئا ته اهڙي ڪل ڪڍون، جنهن سان ڄاري جڙندي، ڌاڳي جون گهنڊيون هڪٻئي تي وٽجي چڙهي بيهن. انهن ماڻهن مان گهڻا ته ڪنگال ٿي مري ويا، ۽ ڪي چريا ٿي پيا، پر ڪنهن کي به مطلب حاصل نه ٿيو. انهيءَ ڪري، پراڻي تاڃيءَ واري ڪل هلي پئي آئي. +جڏهن ’هيٿ ڪوٽ‘ ايڪيهن ورهين کان مٿڀرو ٿيو، تڏهن هو ناٽنگهام ڏي ويو. اُتي جوراب جي ڪلن ۽ ڪارچوبن بيهارڻ جو ڪم هن کي ججهو مليو، ۽ پيدائش به چڱي ٿيڻ لڳيس. ماڻهو سندس هنرمنديءَ، سمجهه، ايمانداريءَ ۽ چڱي چال جي تعريف ڪرڻ لڳا. ساڳيءَ وقت جا ڳالهه سندس مغز ۾ ويٺل هئي، تنهن تي به خيال پيو پچائيندو هو، ۽ وٽيل تاڃي- پيٽي سان ڄاريءَ جوڙڻ جي ڪل ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. پهريائين هو بڪنگهام واري تڪين يا وهاڻن جي ڄاري هٿ سان جوڙڻ سکيو، انهيءَ لاءِ ته هٿن جي حرڪت ڪل مان ڪڍي. انهيءَ ڪم ۾ هن کي تمام سخت محنت ڪرڻي پيئي، ۽ تمام گهڻي اٽڪل ۽ چالاڪي هلائڻي پيئي. سندس اُستاد ’اِيلٽ‘ چوي ٿو ته اُنهيءَ وقت هو ڏاڍو خيالي، اٽڪلي، صبر ۽ تحمل وارو هوندو هو؛ ۽ پاڻ تي ڪهڙو به نقصان سهي ويندو هو، ۽ ڪنهن به چوڪ يا نااُميديءَ کان نه ڊڄندو هو، ۽ هميشه نيون نيون رٿون ۽ تجويزون ڪڍندو هو، ۽ ڪلن جي واقفيت اهڙي هوندي هيس، جو پڪ هيس ته ضرور آءٌ پنهنجيءَ ڪوشش ۾ فتحياب ٿيندس. +* ٻيا وري ٻيءَ طرح جا بيان ڏيندا آهن: هڪڙو هيءُ آهي ته ’لي‘ ڪنهن ٻهراڙيءَ جي جوان زال تي عاشق هو، تنهن جي هٿن سان جورابن اُڻڻ جي محنت ۽ تڪليف گهٽائڻ لاءِ، هن اها ڪل ڪڍي؛ ٻيو هيءُ آهي ته هو پرڻيل هو، غريب ماڻهو هو ۽ سندس زال لاچار ٿي جوراب جوڙي گذران ڪرڻ ۾ مدد ڪندي هئي: ’لي‘ پنهنجي زال جون آڱريون چرنديون ڏسي، انهن جي ڊول تي اها ڪل ڪڍي. +اهو پويون بيان شايد ’ايئر اَن هل‘ 1715ع ۾، پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو هو، پر انهيءَ تي ڪوبه اعتبار ڪونهي. هو چوي ٿو ته ’لي‘ آڪسفورڊ جي مدرسي ۾ هو، پر ڪنهن ڪميڻي ماڻهوءَ جي ڌيءَ سان شاديءَ ڪرڻ ڪري هن کي ڪڍي ڇڏيائون. پر ’لي‘ نڪو آڪسفورڊ ۾ پڙهيو، نڪي اتي پرڻيو؛ نڪي انهيءَ ڪل ڪڍڻ ڪري هن کي ڪو سک نصيب ٿيو (جئن هو لکي ٿو)؛ اُٽلندو وڌيڪ ڏکيو ٿيو، ۽ پرديس ۾ عذاب کائي مئو. +* ’بلئڪنر’، پنهنجي ڪتاب ’ناٽنگهام جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته ”اسان کي پشت بپشت خبر ملي آهي ته سترهين صديءَ ۾ مس هڪڙو ماڻهو انهيءَ ڪل کي هلائي ڪم ڪري ٿي سگهيو، يا وري ڪل هلائيندڙ ٻيو هڪڙو مزور رکندو هو، جو ڪارچوب جي پٺيان زور ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو هو؛ پر جڏهن اُن ۾ پيرن سان هلائڻ جي تجويز رکي ويئي، تڏهن ٻئي مزور جي ضرورت لهي ويئي.“ + + +نڙي واري ڄاريءَ جي ڪل اهڙي مشڪل ۽ مونجهاري جهڙي آهي، جو ان جو بيان ڏيڻ ڏکيو آهي. حقيقت ڪري اُها ڄاريدار ڪناريءَ جوڙڻ جي لاءِ تڪيي يا وهاڻي جهڙي ڪل هئي، جنهن ۾ جهڙيءَ طرح ڪناري جوڙڻ واري جون آڱريون وهاڻي تي ڪم ڪندي ڌاڳي جون گهنڊيون هڪٻئي ۾ اٽڪائينديون ۽ ٻڌنديون آهن، تهڙيءَ طرح هن ڪل ۾ به ٿيندو هو. هٿ جي جڙيل ڄاريدار ڪناريءَ جي ٽڪر کي اُکيلي، اُن جا جزا ڌار ڪري، ’هيٿ ڪوٽ‘ سهي ڪيو ته اُن ۾ هڪڙا ڌاڳا ڊگها آهن، ۽ ٻيا پاسيرا. آزمودي لاءِ، هن هيئن ڪيو جو هڪڙي ڪارچوب يا چؤنڪ تي رواجي ڏوري جي ڌاڳن جي ڊگهي تاڃي ڪڍي ويو. تنهن کان پوءِ، عام نڙن سان، اُنهن جي وچان پيٽي جا ڌاڳا لنگهائي ويو، ۽ ٻئي پاسي کان وري ٻين نڙن جي وسيلي اُهي ڌاڳا لنگهائي ويو؛ تنهن کانپوءِ، ڌاڳن کي پاسيرو لوڏو ڏيئي ۽ وٽي، وري پاسي وارن ٻين تاڃيءَ جي تندن جي وچان پٺتي لنگهائي آيو. ائين ڪرڻ سان، جهڙيءَ طرح، وهاڻي تي هٿ سان ڪم ڪرڻ مهل ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح گهنڊيون يا ڇلا ٻجهي هڪٻئي ۾ اٽڪي ويا. انهيءَ کان پوءِ هن کي اهڙي ڪل ڪڍڻي ٿي، جا اهي سڀ نازڪ ۽ باريڪ حرڪتون ڪري سگهي؛ ۽ انهيءَ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي نهايت گهڻو دماغي ڪشالو ڪڍڻو پيو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ، هن چيو ٿي ته ”رڳو پيٽي وارن پاسيرن ڌاڳن کي ٺهرايل جاءِ تي وٽ ڏيڻ اهڙو مشڪل هو، جو جيڪڏهن اُهو هينئر مون کي ڪرڻو ٿئي، ته جيڪر ڪڏهن به ڪري نه سگهان.“ تنهن کان پوءِ وري هو انهيءَ ڳالهه تي خيال ڪرڻ لڳو ته ڌاتوءَ جون اهڙيون ڪي پَتليون ٽڪيون ڪل ۾ رکان، جي نڙن وانگي تاڃيءَ منجها ڌاڳا آڻين ۽ نين. اِهي ٽڪيون تاڃيءَ جي ٻنهي پاسي تجويز سان اٽڪائي رکي ويو، جن کي هڪڙيءَ ڪل سان اهڙو چوريندو هو جو ڌاڳا ٻنهي پاسي پيا ايندا ويندا هئا، ۽ ڄاريدار ڪناري جڙندي ويندي هئي. نيٺ، پنهنجيءَ رٿ موجب، ڏاڍيءَ اٽڪل ۽ هنر سان، انهيءَ ڪم ۾ فتحياب ٿيو. چوويهن ورهين جي ڄمار ۾، هن اُها پنهنجي ڪل سرڪار ۾ داخل ڪرائي، ان جي سند هٿ ڪئي. +انهيءَ عرصي ۾ سندس زال کي به ايترو فڪر ۽ انتظار رهندو هو، جهڙو کيس رهندو هو، ڇا لاءِ جو هن کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته جيسين سندس مڙس اِنهيءَ ڪل کي پوري بيهارڻ لاءِ پيو مٿو هڻندو، تيسين هن کي گهڻيون مشڪلاتون ۽ هلاڪيون ڪڍڻيون ٿينديون. سندن فتحيابيءَ کان گهڻا ورهيه پوءِ، هڪڙي ڏينهن شام جو هنن جي وچ ۾ جا گفتگو هلي، سا چڱيءَ طرح سندن يادگيريءَ ۾ رهندي آئي. زال انتظار مان پڇيس ته ”هيءَ ڪل هلندي؟“ مڙس غمگين ٿي جواب ڏنس ته ”نه، مون کي لاچار وري اُنهيءَ کي اُکيلي پرزا پرزا ڌار ڪرڻا پوندا.“ جيتوڻيڪ مڙس کي دل ۾ اُميد ۽ خوشي گهڻي هئي، تڏهن به سندس زال ويچاريءَ کي ايترو ڏک ٿيو، جو ويهي زار زار روئڻ لڳي. پر، هن کي اهو ارمان رڳو ڪي ٿورا هفتا ڪڍڻو پيو، ڇاڪاڻ جو جنهن مراد جي لاءِ هيترا ورهيه ’جان هيٿ ڪوٽ‘ ڪشالا پئي ڪڍيا، ۽ جنهن جو هو سچو پچو حقدار هو، سا نيٺ هن کي حاصل ٿي، ۽ جڏهن هن پنهنجيءَ ڪل سان جڙيل نڙي واري ڄاريءَ جو ٽڪر پهريندي آڻي پنهنجيءَ زال کي ڏنو، تڏهن هو فخر ۽ خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ماپي نٿي سگهيو. +جهڙيءَ طرح گهڻو ڪري سڀني فائدي وارين نين ٺاهيل ڪلن جي حالت ۾ ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح هن ڪل بابت به تڪرار ۽ اعتراض اُٿيا ته ’هيٿ ڪوٽ‘ اُنهي جو پهريون ڪڍڻ وارو يا اصل سند جو حقدار نه آهي. هن جي دعوا ۽ سند رد سمجهي، ڪيترائي ڄاريدار ڪناريءَ يا ليس جوڙڻ وارا، زور ڪري، پنهنجي منهن، ’هيٿ ڪوٽ‘ واري نئين ڪل ڪم ۾ آڻڻ لڳا، ۽ هن جي ڪابه پرواهه نه رکيائون. پاڻ ان ۾ نالي جا سڌارا يا ڦيرگهير ڪري، نئين سر ان کي پنهنجي نالي سرڪار ۾ داخل ڪرائي، اُن جو سندون هٿ ڪيائون- رڳو جڏهن اهي نين سند وارا پاڻ ۾ ڦٽا، ۽ هڪٻئي تي ڪورٽن ۾ دعوائون ۽ معاملا ڪرڻ لڳا، تڏهن ’هيٿ ڪوٽ‘ جو حق ثابت ٿيو، ۽ هن جي دعوا سچي سمجهڻ ۾ آئي. هڪڙي ليس جوڙيندڙ، ٻئي تي دعوا ڪئي ته هن سندس سند جو شرط ڀڃي اها ڪل ڪم ۾ آندي آهي، تنهن تي جبوريءَ مدعاعليه جي فائدي ۾ راءِ ڏني، ۽ جج به انهيءَ راءِ سان شامل ٿيو- هن حجت تي، ته اهي ٻئي تڪرار واريونڪلون خود ’هيٿ ڪوٽ‘ جي سند جي شرطن جي برخلاف ڪم آنديون ويون آهن. اهو مقدمو، جنهن ۾ ’بوول‘ مدعي هو ۽ ’مور‘ مدعا عليه هو، تنهن ۾ ’سرجان ڪاپلي‘ جو پوءِ ’لارڊ لنڊ هرسٽ‘ ٿيو، سو مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ کي فائدي ڏيارڻ جي لاءِ بچاءُ جي طرفان وڪيل ڪيو ويو هو. اُهو هن ڄاريدار ڪناريءَ جوڙڻ واريءَ ڪل جي اندرين بناوت معلوم ڪرڻ لاءِ، اُها هلائڻ ۽ ڄاري ٺاهڻ سکيو. جڏهن مقدمي جا سڀ ڪاغذ پڙهي رهيو، تڏهن قبول ڪيائين ته ”مون کي هن مقدمي جي ماهيت جي پوري خبر پئجي نٿي سگهي، مگر جڏهن ڏسان ٿو ته اهو مقدمو تمام وڏو آهي، تڏهن آءٌ لاچار ٿي ٻهراڙيءَ ۾ هلان ٿو، ۽ هلي انهيءَ ڪل مان واقف ٿيان ٿو. جڏهن اُنهيءَ جي مون کي پوري سمجهه پوندي، تڏهن آءٌ حتي المقدور تنهنجي بچاءَ ڪرڻ ۾ ڪين گهٽائيندس“. اُن موجب هو اُنهيءَ رات ٽپال واري گاڏيءَ ۾ چڙهي ناٽنگهام ويو، ۽ اتي پنهنجي مقدمي جي اهڙي تياري ڪيائين، جنهن جهڙي اڳي ڪڏهن ڪنهن وڪيل نه ڪئي هوندي. ڏينهن ٿيڻ سان هو ڄاريدار ڪناريءَ جوڙڻ واريءَ جاءِ ۾ وڃي ويٺو، ۽ جيسين ڪ پنهنجن هٿن سان ڪناريءَ جو ٽڪر نه جوڙيائين، ۽ ڪل جي اندروني جزن ۽ پرزن جي مفصل ترتيب معلوم نه ڪيائين، تيسين ٻاهر نه نڪتو. جڏهن مقدمي جي شنوائيءَ جو ڏينهن ٿيو، تڏهين هو ڪورٽ ۾ ميز تي اها ڪل اهڙي هنر ۽ اٽڪل سان هلائي سگهيو، ۽ ڪل جو مفصل بيان اهڙيءَ چٽائيءَ سان ڏيئي ٿي سگهيو، جو جهڙو جج تهڙو جيُوري تهڙا ٻيا تماشبين ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا. هن طرح جو هن پوريءَ سمجهه ۽ اُستاديءَ سان مقدمو هلايو، تنهن جو ڪورٽ تي تمام گهڻو اثر ٿيو، ۽ فيصلو سندس فائدي ۾ ٿيو. +مقدمي پوري ٿيڻ کان پوءِ مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ جا جانچ ڪئي، تنهن ۾ معلوم ٿيس ته سندس سند هٿ ڪرڻ کا پوءِ سڄيون ڇهه سؤ ڪلون جاري ٿيون آهن. اُنهن سڀني جي مالڪن تي هن قاعدي موجب محصول ٻڌو، جنهن مان هڪڙي وڏي رقم وصول ٿيس. انهيءَ هوندي به، ڄاريدار ڪناريءَ جي ڪارخانن وارن کي ايترو فائدو ٿيندو هو، جو ڪلن جو تعداد وڌندو ويو، ۽ پيدا ٿيل مال جي قيمت پنج پائونڊ في وال تان لهي، پنجويهين ورهين جي عرصي ۾، اچي پنجن پينسن تي بيٺي. انهي ساڳيءَ عرصي ۾ اُنهيءَ ڌنڌي جي سال ۾، سراسري پيدائش ٿوري کان ٿوري به ته چاليهه لک پائونڊ ٿي، ۽ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو فائدي جهڙي مزوريءَ تي اُن ۾ مشغول رهيا. +هاڻي وري اسين مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ جي حياتيءَ جي باقي احوال تي ٿا اچون. سال 1809ع ۾ هن ليسٽرشائر ۾ لفبرو شهر منجهه ليس يا ڄاريدار ڪناريءَ جو ڪارخانو وڌو. ڪيترن ئي ورهين تائين هن اِهو ڌنڌو چڱي ٺاهه ٺوهه سان هلايو؛ هزارن ماڻهن کي پورهيو پيدا ڪري ڏنائين، ۽ ڪمائيءَ ۾ هر ڪنهن مزور کي هفتي ۾ پنجن پينسن کان ڏهن پينسن تائين مزوري ڏنائين. نين ڪلن نڪرڻ ڪري جو ل��س ٺاهڻ ۾ ڪم ڪندڙن جو تعداد گهڻو وڌي ويو، تنهنڪري مزورن ۾ اها چؤپچؤ ٿيڻ لڳي ته اسان لاءِ پورهيو گهٽبو وڃي ۽ اسان جي پورت ئي ڪانه ٿي ٿئي؛ انهيءَ ڪري هنن گڏجي پاڻ ۾ اهو منصوبو ڪيو ته جتي ڪٿي ڪا ڪل لڀي، اُتي ان کي ڀڃي ناس ڪري ڇڏيون. 1811ع کان وٺي، ناٽنگهام شائر جي ڏکڻ الهندي وارن ڀاڱن ۾ توڙي ڊربي سائر ۽ ليسٽر شائر جي پاسي وارن ڀاڱن ۾، ڄاريءَ ۽ جورابن جي ڪارخانن ۾ مالڪ ۽ مزورن جي وچ ۾ تڪرار شروع ٿيڻ لڳا. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو آشفيلڊ ۾ اسٽن وٽ ڳچ جيترا ماڻهو، گوڙ ۽ هنگامو ڪري، ڏينهن ڏٺي جو جورابن ۽ ڄاريدار ڪناريءَ جي ڪارخانن جون ڪلون ڀڃڻ نڪتا. انهن جا جيڪي مهندار هئا، تن مان ڪي جهلجي سزاياب ٿيا، تڏهن مس هن ڪي سنڀاليو؛ پر انهيءَ هوندي به جڏهن هنن کي چڱو وجهه پيو ملندو هو، تڏهن لڪچوريءَ ڪلون پيا ڀڃندا هئا. هڪڙو ته ڪلون اهڙيون نازڪ جڙيل هيون، جو مطرقي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان خراب ۽ نڪميون ٿي پونديون هيون؛ ۽ ٻيو ته اڪثر انهن جو ڪارخانو جدا جدا خانگي جاين ۾ شهرن کان پري هلندو هو، تنهنڪري اُنهن شرارتي ماڻهن کي انهن جي ڀڃي زيان ڪرڻ جا وجهه گهڻا ملندا هئا. ناٽنگهام ته انهيءَ فساد جو وچ هو- اُن جي آسپاس انهن ڪلن ڀڃندڙن پنهنجون سچيون پچيون جماعتون کڻي ٺاهيون، جي رات جو گڏ ٿينديون هيون، ۽ انهن ۾ فساد جون رٿون رٿبيون هيون. خلق کي ڊيڄارڻ ۽ ڏکي ۾ رکڻ لاءِ هنن ظاهر ڪيو ته اسين هڪڙي مهندار جي هٿ هيٺ آهيون، جنهن کي ’نيڊلڊ‘ يا ’جنرل لڊ‘ سڏيندا هئا، ۽ انهيءَ ڪري هنن کي ’لڊائيس‘ يا ’لڊائي‘ جو نالو پئجي ويو. هن بندوبست سان ڪلن ڀڃڻ جو ڪم سال 1811ع جي سڄي سياري ۾ ڏاڍي زور شور سان هليو، جنهن مان گهڻي قدر نقصان ۽ اهنج پيدا ٿيو، ۽ هزارين پورهيت ماڻهو بيڪار ٿي ويهي رهيا. انهيءَ وچ ۾، ڪلن جي مالڪن پنهنجو سامان ٻهراڙيءَ جي اڪيلين جاين ۽ ڳوٺن ما کڻي آڻي شهرن جي گدامن ۽ سرائن ۾ رکيو- انهيءَ لاءِ ته اُنهن جو بچاءُ ٿئي. +جيڪي فسادي جهلجي پيا هئا، ۽ مقدمن هيٺ آيا هئا، تن کي جا هلڪي سزا ملي هئي، انهيءَ ڪري هن ’لڊائي‘ لشڪر کي پاڻ شايد همت آئي؛ ۽ سگهوئي هنن کي نئين سر مستي جاڳي، ۽ اُتر ۽ وچ وارن ضلعن ۾ جتي ڪارخانا هئا، اوستائين هي فساد ڪاهي پيو. هاڻ ته پاڻ اڳي کان به زياده مخفي بندوبست ڪرڻ لڳا: جيڪي انهيءَ جماعت ۾ شامل هئا، تن سڀني قسم کڻي پاڻ ۾ پڪو انجام ڪيو ته جيڪو حڪم جماعت جا مهندار جاري ڪندا، اهو بجا آڻينداسين. اهڙو به ٺهراءُ ٿيو ته جيڪو ٺهرايل ڳالهيون ۽ رٿون ظاهر ڪندو، تنهن کي موت جي سزا ڏبي. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جيڪي به ڪلون سوٽي ڪپڙي يا سڻيءَ جي ڪپڙي يا ڄاريءَ ۾ ڪم اچن ٿيون، سي سڀ ڀڃي چٽ ڪجن. پوءِ ته اچي زور زبردستي شروع ٿي، جا ڪي ورهيه پئي هلي. يارڪشائر ۽ لئنڪشائر ۾ اهي فسادي ماڻهو هٿيارن سان ڪارخانن ۾ زور ڪري ڪاهي پيا. ڪي ڀڳائون، ۽ ڪي باهه ڏيئي ساڙيائون- اهڙو اچي حال ٿيو، جو اُنهن جي بچاءُ لاءِ جنگي ۽ شهري سپاهي آڻي بيهارڻ جو ضرور ٿيو. ڪارخانن جي مالڪن کي مارڻ جي اچي پٺيان پيا، جن مان گهڻن کي مارڪٽ ڪيائون، ۽ ڪن کي ماري به وڌائون. نيٺ قاعدي جي سخت تعميل ٿيڻ لڳي- گهڻائي فسادي ماڻهو پڪڙجي پيا، ۽ ڪن کي ڦاسي آئي. تنهن کانپوءِ ڪيترائي ورهيه اهو زلزلو پئي هليو. مس مس اهي ڪلن ڀڃڻ جا دنگا وڃي بند ٿيا. +جن بيشمار ڪارخانن وارن ماڻهن جا زيان هنن شرارتي ’لڊائن‘ جي هٿان ٿيا، تن مان هڪڙو نَڙي واري ڄاريدار ڪناريءَ جي ڪل ڪڍڻ وارو به هو. سال 1861ع جي اونهاري ۾، هڪڙي ڏينهن، سج بيٺي، فسادين جي هڪڙي ٽولي لفبرو ۾ مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ جي ڪارخاني ۾ مشعل کڻي ڪاهي آئي، ۽ اچي اُن کي باهه ڏنائين. ستٽيهه ڄاريدار ڪناريءَ جون ڪلو ناس ٿيون، ۽ ڏهن هزارن پائونڊن کان به وڌيڪ مال ساڙي ڇڏيائون. انهن مان ڏهه فسادي هن ڌاڙي ۾ پڪڙيا، ۽ اٺن کي ڦاسي آئي. مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ انهن فسادين واري سڄي تعلقي تي انهيءَ نقصان جي عيوضي لاءِ دعوا ڪئي، پر انهيءَ تي قاعدي جو اعتراض اُٿيو. نيٺ ملڪه معظمه جي خاص ڪورٽ سندس فائدي ۾ فيصلو ڪيو، ۽ حڪم جاري ٿيو ته اهو جيڪو ڏهن هزارن پائونڊن جو نقصان ٿيو آهي، سو انهيءَ تعلقي کي ڀري ڏيڻ گهرجي. فيصلي ڪرڻ وارن جي مرضي هئي ته اهو شرط به انهيءَ فيصلي سان شامل ڪن ته مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ اهي پيسا وري ليسٽر جي تعلقي ۾ خرچيندو؛ پر هن هيءَ ڳالهه قبول نه ڪئي، جو هن اڳي ئي پنهنجو ڪارخانو ٻئي هنڌ نيئي هلائڻ لاءِ ٺهراءُ ڪيو هو. ڊيوهانشائر جي ٽو هرٽي شهر ۾ هن هڪڙي وڏي عمارت هٿ ڪئي، جتي هو اڳي پشم جو ڪارخانو هلائيندو هو. جڏهن اُتي جي ڪپڙي جو ڌنڌو بند ٿي ويو، تڏهن اها جاءِ خالي ٿي پيئي رهي، ۽ خود شهر به گهڻو ڪري ڪنگالپڻ جي حالت ۾ هو. مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ اها پراڻي ڪارخاني واري جاءِ خريد ڪئي، ۽ انهيءَ جي نئين سر مرمت ڪرائي، اُن کي وڌائي، اُتي اڳي کان به وڏو ڪارخانو ڄاريدار ڪناريءَ يا ليس جو وري شروع ڪيائين، جنهن ۾ سڄيون ٽي سؤ ڪلون برابر هلڻ لڳيون، ۽ تمام گهڻا ڪاريگر چڱيءَ مزوري يا اُجوري تي ڪمائڻ لڳا. هن نه رڳو ليس يا ڪناريءَ جو ڪارخانو جاري ڪيو، پر اُن سان لاڳاپي رکندر ڪيترن ئي ڪمن جون شاخون جاري ڪيائين. جهڙوڪ سٽ وٽڻ، ريشم ڪتڻ، ڄاري جوڙڻ، ۽ آخرين صفائي ڏيڻ. هن ٽوهرٽن ۾ ڪچي لوهه پگهارڻ ۽ سانچن ۾ وجهڻ توڙي پوک جي اوزارن جوڙڻ جو ڪارخانو به جاري ڪيو، جنهن مان انهيءَ ضلعي جي ماڻهن جو گهڻو سک ٿي پيو. هو اڪثر اِهو خيال پيو پچائيندو هو ته ٻاڦ جي سگهه سان دنيا جا سڀ هلاڪيءَ جهڙا ڳرا ڪم ڪجن، ۽ ڏينهن جا ڏينهن ٻاڦ جي هَر ڪڍڻ لاءِ مٿا پئي هنيائين. سنه 1832ع ۾ هن اهو هَرُ اهڙو آڻي تيار ڪيو، جو اُهو سرڪار ۾ داخل ڪرائي ان جي لاءِ سند ورتائين. جيتوڻيڪ ’هيٿ ڪوٽ‘ واري ٻاڦ جي هَر کان پوءِ ’فائولر‘ جو هَرُ عام رواج ۾ اچي ويو، تڏهن به اُنهيءَ وقت تائين جيڪي انهيءَ قسم جا ڪل وارا هَر نڪتا هئا، تن سڀني ۾ اهو تمام عمدو سمجهيل هو. +مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ هڪڙو وڏو ذاتي عقل ۽ طبيعي لياقت وارو انسان هو. هن جي سمجهه سالم هئي، هن جو ذهن تمام تيز هو، ۽ هن جي طبع جي چالاڪي وڏن ڪمن ڪرڻ جي لائق هئي؛ انهن خاصيتن سان گڏ وري منجهس سچائي، ايمانداري ۽ راست بازي هئي: اهي لياقتون اهڙيون آهن، جن تي انسانذات فخر ڪري. هن پاڻ کي پاڻيهي محنت ڪري تعليم ڏني هئي، تنهنڪري جيڪي جوان جوان لائق ماڻهو وٽس ڪمائيندا هئا، تن کي گهڻي ترغيب ڏيندو هو، هنن جي هوشياريءَ کي همتائيندو هو، ۽ هنن جي همت ۽ مردانگيءَ کي سنڀاليندو هو. پنهنجي مشغوليءَ جي ڏينهن ۾ به هو، تجويز سان وقت بچائي، فرينچ ۽ اِٽالين ٻولين مان چڱيءَ طرح واقف ٿيو، ۽ انهن جو پورو علم حاصل ڪيائين. هن ايترا چڱا ۽ عمدا ڪتاب خيال سان پڙهيا هئا، جو سندس مغز علم جي مائي سان ڀريو پيو هو، ۽ اهڙو ڪو مضمون ئي ڪونه هوندو، جنهن بابت هن اڳي ئي ويچار ڪري پوري ۽ انهي راءِ دل ۾ نه ٺهرائي هوندي. جيڪي ٻه هزار ماڻهو وٽس ڪمائيندا هئا، سي هن کي ابو ڄاڻندا هئا، ۽ هو سعيو ڪري، هنن جي سک ۽ سڌاري جو بندوبست ڪندو هو. بخت لڳڻ ڪري هو کري نه پيو، جيئن گهڻن جو حال ٿيندو آهي؛ نڪي سندس دل غريبن ۽ پورهيتن جي حقن کان غافل ۽ تنگ رهندي هئي، جو هنن کي هميشه سندس همدرديءَ ۽ مدد جي پڪ هوندي هئي. سندس ڪارخاني ۾ ڪمائيندڙ ماڻهن جي تعليم لاءِ هن اٽڪل ڇهه هزار پائونڊ خرچ ڪري مڪتب جوڙايا. هو طبيعت جو نهايت خوش مزاج ۽ کلڻو هو، جهنڪري هر قسم ۽ هر درجي جا ماڻهو کيس گهرندا هئا؛ ۽ جيڪي سندس پورا واقف هئا، سي پيار ڪندا هوس ۽ ساراهيندا هوس. +1831ع ۾ ٽوهرٽن جي چونڊ ڪندڙن، پنهنجي پاران، مسٽر ’هيٿ ڪوٽ‘ کي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊي موڪليو؛ ڇا لاءِ جو انهيءَ شهر جي لاءِ هن سچي پچي خيرخواهي ڏيکاري هئي. اها ميمبري هن اٽڪل ٽيهه ورهيه برابر ڪمائي. انهيءَ عرصي ۾ گهڻي تائين ته ’لارڊ پالمرسٽن‘ سندس رفيق هوندو هو، جنهن ڪيترائي ڀيرا عام مجلس ۾ انهيءَ پنهنجي شريف ۽ معزز دوست جي تعريف ڪئي، ۽ ساک ڀري. سال 1859ع ۾ هن پارليامينٽ جي ميمبري ڇڏي، جو پير مرد ٿي ويو هو ۽ بيماري وڌندي ٿي ويس. انهيءَ وقت سندس ڪارخاني ۾ ڪمائيندر ماڻهن، تيرهن سون ڄڻن، گڏجي چندو ڪري، يادگيريءَ جي نشانيءَ لاءِ، هن کي هڪڙي چانديءَ جي مس ۽ سون جو قلم ڏنو. اهو آرام هن ٻه ورهيه مس ڀوڳيو، جو 1861ع جي جنوري مهيني ۾، ستهتر ورهين جي ڄمار ۾، هو مري ويو. هو سچائيءَ، نيڪيءَ، مردانگيءَ ۽ هنرمنديءَ جي ناموس ڇڏي ويو، جنهن تي سندس اولاد کي فخر ڪرڻ لاءِ واجبي سبب آهي. +هاڻي اسين اصل هڪڙي ٻئي قسم جي حياتيءَ جو احوال ڏيون ٿا: اُهو مشهور پر ڪم نصيب ’جئڪارڊ‘ جو احوال آهي، جنهن مان پڻ ثابت ٿئي ٿو، ته ذاتي عقل ۽ هوش وارن ماڻهن جو قوم جي ڪسبن ۽ ڌنڌن تي ڪيترو نه اثر ٿو ٿئي. ’جئڪارڊ‘ جا پيءُ- ماءُ لائنس شهر ۾ محنت ڪندڙ ماڻهو هئا. سندس پيءُ ڪوري هو، ۽ سندس ماءُ ڪارخانن ۾ نمونن جا نسخا پڙهي ٻڌائيندي هئي. اهي بلڪل ڪنگال هوندا هئا، تنهنڪري هن پنهنجي پٽ کي رڳو نالي جي ڪا تعليم ڏني. جڏهن ’جئڪارڊ‘ وڏيرو ٿيو ۽ ڪمائڻ جهڙو ٿيو، تڏهن سندس پيءُ هن کي هڪڙي جلدن ٻڌڻ واري وٽ کڻي رکيو. هڪڙو ٻڍو ڪلارڪ يا محرر، جو انهيءَ جلد بند جو حساب لکندو هو، تنهن ’جئڪارڊ‘ کي انگي حساب جا ڪي سبق سيکاريا. سگهوئي هيءُ ڇوڪر هنر ۽ ڪاريگريءَ جو ذهن ظاهر ڪرڻ لڳو، ۽ هن ڪي اهڙيون حرفتون ۽ اٽڪل بازيون ڪري ڏيکاريون، جن هن ٻڍي ڪلارڪ کي حيران ڪري ڇڏيو. هن ’جئڪارڊ‘ جي پيءُ کي صلاح ڏني ته پُٽ کي جلد بنديءَ جي بدران ڪنهن اهڙي ڌنڌي ۾ وجهي، جنهن لاءِ هن کي طبيعي ميل ۽ لياقت هجي؛ تنهنڪري ’جئڪارڊ‘ کي کي هڪڙي ڪپن ٺاهڻ واري لوهار وٽ وهاريائون. پر هن ساڻس اهڙي سختيءَ جي هلت ڪئي، جو سگهوئي پوءِ هو اهو ڪم ڇڏي ڀڄي ويو؛ پوءِ کڻي ٽائيپ يعني ڇاپ جي لوهي اکرن ٺاهڻ واري وٽ وهاريائونس. +جڏهن ’جئڪارڊ‘ جا ماءُ- پيءُ مري ويا، تڏهن هن لاچار وڃي پنهنجي پيءُ جا ٻه آڏاڻا وسايا ۽ ڪورڪو ڪم ڪرڻ لڳو. ستت ئي هو پنهنجا آڏاڻا سڌارڻ لڳو، ۽ انهيءَ خيال ۾ اهڙو محو ٿي ويو جو پنهنجو ڪم ئي وسري ويس، ۽ سگهوئي جيڪي هوس سو کائي پي مفلس ٿي ويهي رهيو. پوءِ ته آڏاڻا به وڪڻي قرض لاٿائين، ۽ ساڳئي وقت ۾ زال پرڻيائين، تنهنجو به مٿس بار پيو؛ انهيءَ ڪري پاڻ زياده مفلس ٿي ويو، ۽ قرضخواهن جي دانهن لاهڻ لاءِ هن پنهنجو گهر به وڪڻي ڇڏيو. هن گهڻو ئي مٿو هنيو ته ڪو ڪم ملي، پر ماڻهن سمجهيو ٿي ته هي ڪو سست ٽوٽي آهي، جو رڳو پنهنجي نئين هنر ڪڍڻ لاءِ اجايا خِيال پيو پچائي، تنهنڪري ڪوبه ڪم نه ڏيندا هوس. نيٺ برليس شهر جي هڪڙي ڏوريءَ ٺاهڻ واري وٽ وڃي نوڪر بيٺو. سندس زال لائنس ۾ ئي رهي، جتي ه��ءَ ڪکن جون ٽوپيون ٺاهي جهڙو تهڙو گذران ڪندي هئي. +ڪن ورهين تائين ته وري ’جئڪارڊ‘ جو نالو ئي ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو، پر ڀانئجي ٿو ته انهيءَ وچ ۾ هن گلن ٻوٽن واري ڪپڙي اُڻڻ ۾ سڌاري جي تجويز نيٺ ڳولي ڪڍي؛ ڇا لاءِ جو هن اها رٿ ڪڍي ته پنهنجي مرضيءَ جي پٺيان پيٽي جون تندون وجهجن. آڏاڻي ۾ انهيءَ تجويز شامل ڪرڻ ڪري، مدد لاءِ جيڪو ڇوڪر رکيو هو، تنهن جي گهرج نڪري ويئي. ماڻهوءَ هي ڪل ڪم آڻڻ لڳا، پر آهستي آهستي ڪري. شروع کان وٺي ڏهن ورهين جي اندر، لائنس ۾ چار هزار ڪلون هلنديون ڏسڻ ۾ آيون. ’جئڪارڊ‘ جي ڌنڌي ۾، فرانس جي ملڪي فساد پوڻ ڪري، اوچتي اٽڪ ٿي ۽ ڪم بند ٿي ويو؛ ۽ 1972ع ۾ هو پاڻ، لائنس جي شهري لشڪر جي صف ۾، ڊيوبواز ڪرانسي جي سپهه سالاريءَ هيٺ، فسادي ميڙ جي لشڪر سان پئي وڙهيو. آخر اهو شهر دشمنن وٺي وڌو، ۽ ’جئڪارڊ‘ ڀڄي اچي ’رهائن‘ واري لشڪر سان شامل ٿيو، جتي هو چڙهي اچي سارجنٽ يا ننڍي عملدار جي درجي کي پهتو. هو اها جنگي کاتي جي نوڪري ڪڏهن نه ڇڏي ها، پر جيڪو هڪڙو پٽ هوس، سو جڏهن پاسي ۾ گوليءَ لڳڻ جي ڪري مري پيو، تڏهن هو اُتان ڀڄي نڪتو، ۽ پنهنجيءَ زال کي هٿ ڪرڻ لاءِ، لائنس ۾ موٽي آيو. انهيءَ کي ڳولي زمين جي اندر واريءَ هڪڙيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ اچي لڌائي، جتي هن اڃا تائين پنهنجو اڳوڻو ڪکن جي ٽوپين جوڙڻ وارو ڌنڌو پئي ڪيو. جڏهن اتي هو ڪنڊ پاسي ۾ پنهنجيءَ زال سان گڏ پئي رهيو، تڏهن جن ڪلن ۽ سڌاري جي اٽڪلن ڪڍڻ تي هن اڳي ورهين جا ورهيه خيال پئي پچايا، سي موٽي دل ۾ اچڻ لڳس؛ پر انهن جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوبه اُپاءُ ڪونه هوس. ايترو سو ٿيو، جو ’جئڪارڊ‘ ضرور سمجهيو ته هن لِڪڻ جي جاءِ کان نڪري ٻاهر ٿيان، ۽ ڪوشش ڪري ڪا نوڪري يا مشغولي هٿ ڪريان. نيٺ هن هڪڙي عقلمند ڪارخاني واري وٽ نوڪري هٿ ڪئي، جتي ڏينهن جو هو ڪم ڪندو هو، پر رات جو نئين ڪل ڪڍڻ لاءِ مٿا پيو هڻندو هو. هن جي خيال ۾ اچي ويو ته گلڻ چٽن وارن ڪپڙن جوڙڻ جي آڏاڻن ۾ گهڻائي سڌارا ڪري سگهجن ٿا. هڪڙي ڏينهن، ڳالهين ڪندي، هن انهيءَ ڪارخاي واري سان اهو ذڪر چوريو، ۽ چوڻ لڳس ته مون کي افسوس آهي جو انهن سڌاري جي خيالن پورن ڪرڻ لاءِ مو کي وسعت ڪانهي، نه ته جيڪو گهڻوئي ڪي ڪريان. اها خوش نصيبيءَ جي ڳالهه ٿي، جو هن شخص کي سندس خيال پسند آيا، ۽ وڏيءَ دل سان هن کيس ڳچ جيترا پيسا ڏا ته ڀلي فرصت جي وقت ۾ هو پنهنجا رٿيل سڌارا ڪندو رهي. + + +ٽن مهين جي عرصي ۾ ’جئڪارڊ‘ هڪڙي آڏاڻي جي ڪل ڪڍي، جنهن جي هلائڻ ڪري ماڻهو ڪوريءَ جي ٿڪائيندڙ ۽ هلاڪيءَ جهڙيءَ محنت کا ڇٽيو ٿي پيو. اها ڪل، 1801ع ۾، پيرسن جي وڏيءَ قومي نمائش ۾ ڏيکاري ويئي، جتي هن کي ڪٽ جو تغمو يا ٻلو انعام مليو. تنهن کانسواءِ ’جئڪارڊ‘ کي لائنس ۾ وزير ’ڪارناٿ‘ جي ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو، جو فقط سندس ڪل جي فتحيابيءَ لاءِ کيس مبارڪ ڏيڻ واسطي وٽس آيو هو. +ٻئي سال ۾، لنڊن جي هنري جماعت، مڇيءَ مارڻ جي ڄار ۽ جهازن جي تخت تي وڇائڻ لاءِ ڄار جهڙي فرش ٺاهڻ جي ڪل ڪڍڻ واسطي انعام آڇيو. اهو اشتهار ’جئڪارڊ‘ ٻڌو هو. هڪڙي ڏينهن، هميسه جي عادت موجب ٻنين ۾ گهمندي، اهو خيال هن جي دل ۾ آيو، ۽ ويچار ڪري انهيءَ ڪم جي ڪل جي هڪڙي تجويز ڪڍيائين. سندس دوست، ڪارخاني واري، وري به کيس پنهنجيءَ تجويز پوري ڪرڻ لاءِ پيسي جي مدد ڏني، ۽ ’جئڪارڊ‘ ٽن هفتن جي اندر پنهنجي ڪل ڪڍي ظاهر ڪئي. +جڏهن ’جئڪارڊ‘ جي هن ڪمائيءَ جي خبر انهيءَ کاتي جي وڏي عملدار کي پهتي، تڏهن هن کيس گهرائي ان بابت کانئس احوال پڇيو. انهيءَ ڪل بابت سندس بيان ٻڌڻ کان پوءِ، هن عملدار ان بابت فرانس جي شهنشاهه کي رپورٽ موڪلي سگهوئي ’جئڪارڊ‘ کي پيرس ۾ سڏ ٿيو، ۽ هو پنهنجي ڪل کڻي شهنشاهه جي حضور ۾ آيو، جتي سندس لياقت آهر گهڻو مان مليس. اها ملاقات ٻه ڪلاڪ هلي؛ ۽ انهيءَ عرصي ۾، شهنشاهه جي مروت ۽ خوش خُلقي ڏسي، هن کيس آرام سان چٽن وارن ڪپڙن جي آڏاڻن ۾ جيڪي سڌارا رٿيا هئائين، سي مفصل بيان ڪري ٻڌايا. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو هن کي هنرن جي آزمائش واريءَ سرڪاري عمارت ۾ ڪي ڪوٺيون مليون- انهيءَ لاءِ، ته هو اُتي رهي سرڪاري ڪارخاني جا اوزار ۽ ٻيون شيون ڪم آڻي- ۽ گذران لاءِ مناسب پگهار به مليس. +سرڪاري ڪارخاني ۾ جاءِ وٺڻ کانپوءِ، ’جئڪارڊ‘ پنهنجي سڌريل آڏاڻي جي سڀني ڀاڱن ۽ جزن کي پورو ڪرڻ لڳو. انهيءَ انساني عقلمندي ۽ هنرمنديءَ جي گنج ۾ جيڪي عجيب غريب ڪلون رکيل هيون، تن جي باريڪ بينيءَ سان ڏسڻ ۽ چڪاسڻ جو هن کي چڱو وجهه مليو. جن ڪلن اتي هن جو خاص ڌيان ڇڪيو، ۽ کيس پنهنجي رٿيل ڪل جي رستي تي پورو آڻي بيهاريو، تن مان هڪڙي ٻوٽيدار پَٽ جي ڪپڙي اُڻڻ جي ڪل هئي، جا مشهور ڪل ساز ’وهاڪانسن‘ جي جڙيل هئي. +’وهاڪانسن‘ هڪڙو ڏاڍو اٽڪل ۽ تجويز وارو ماڻهو هو. هن ۾ نون هنر ۽ ڪلن ڪڍڻ جو طبيعي عقل ۽ شوق اهڙو زور هو، جو حد کان ٻاهر. اهو پهاڪو ته ”شاعر ڄمندو آهي، بنائبو ناهي“، سو نَون هنرن ڪڍڻ واري سان به پوريءَ طرح لاڳو ٿئي ٿو، ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ هو شاعر وانگي تعليم ۽ چڱن وجهن جو محتاج آهي، تڏهن به هو، رڳو ذاتي عقل جي زور تي، پنهنجيءَ طبيعت کي خوش رکڻ لاءِ، نيون نيون اٽڪلون ۽ ڪلون پيو ڪڍندو آهي، ۽ هڪڙي کي ٻين سان گڏ ڪري، منجهانئن وري ٽيون پيو ٺاهيندو آهي. ’وهاڪانسن‘ ته خاص ائين ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هن جون مشڪل مشڪل ڪلون جهڙو اندروني عجيب بناوت ۽ ڪاريگريءَ جي ڪري مشهور هيون، اهڙو ڪمائتي هئڻ جي ڪري نه هيون. ننڍي هوندي، جڏهن ماءُ سان گڏجي آچر آچر جي ڏينهن مذهبي گفتگو ٻڌڻ لاءِ ويندو هو، تڏهن وچ وارن پردن جي چِڪن منجهان پاسي واريءَ جاءِ ۾ جو وڏو گهڙيال پيو هلندو هو، تنهنجو چُرڻ ويهي ڏسندو هو. هو ڪوشش ڪري سمجهندو هو ته اهو گهڙيال ڪيئن ٿو هلي- ۽ انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪري، ڪيترن مهينن کان پوءِ، گهڙي جي ڪمانچي جو اصول ڳولي ڪڍيائين. +انهيءَ وقت کان وٺي، ڪلن ڪڍڻ جو خيال ۽ حرص اچي مغز ۾ ويٺس. ڄٽڪا اوزار جوڙي، انهن سان ڪاٺ جو هڪڙو گهڙيال جوڙيائين، جو بجا بلڪل پورا ڏيکاريندو هو؛ هڪڙي ننڍڙيءَ ديول جي لاءِ ڪي ملائڪن جون مورتون جوڙيائين، جي پنهنجا پره پيا چوريندا هئا، ۽ ڪي پادريءَ جون مورتون جوڙيائين، جي مذهبي دستور موجب پيا چرندا پرندا هئا. ڪي ٻيون به اهڙيون پاڻيهي چرڻ واريون شيون رٿيون هئائين، تن جي جوڙڻ لاءِ هو علم تشريح بدن ۽ علم موسيقي ۽ علم جرثقيل پڙهڻ لڳو، جنهن ۾ ڪي ورهيه لڳي ويس. ’ٽيلوئلريز‘ جي باغ ۾ جا بانسريءَ وڄائڻ واري مورت رکيل آهي، سا ڏسي، هن کي دل ۾ آيو ته آءٌ به ڪا اهڙي ڪل جي مورت جوڙيان، جا پاڻيهي پيئي بانسري وڄائي. آخر، ڪيترن ورهين جي مطالعي ۽ محنت کان پوءِ، مرض جي گرفتاريءَ ۾ به، نيٺ هن مٿا هڻي پنهنجو مطلب پورو ڪيو. انهيءَ کان پوءِ وري الگوزي وڄائڻ واري جي مورت جوڙيائين؛ تنهن کان پوءِ وري تمام عجيب صنعت واري بدڪ ٺاهيائين، جا جيئرين بدڪن وانگي پاڻي ۾ پئي تري ۽ کنڀ هنيائين ۽ ٽٻيون ڏنائين ۽ آواز ڪيائين؛ انهيءَ کانپوءِ وري هڪڙو ننڍڙو سپ جوڙيائين، جو قلوپطرا جي غم واري ناٽڪ ۾ ڪم آڻيندا هئا، ۽ اهو سوسٽ ڪر�� ناٽڪ واريءَ زال جي ڇاتيءَ تي ڪاهي ايندو هو. ’وهاڪانسن‘، ايتري هوندي به، رڳو اهي راند جون ڪلون نه پيو جوڙيندو هو. سندس طبيعي سمجهه ۽ چالاڪيءَ جي ڪري، ’ڪارڊينل ڊي فليُوري‘ هن کي فرانس جي سڀني ريشمي ڪارخانن جو انسپيڪٽر يا ناظر مقرر ڪيو. دخل ڪار ٿيڻ شرط، پنهنجي هميشه واري ذاتي عقل ۽ حرفت جي اشاري تي، ريشم جي ڪلن ۾ سڌارا ڪرڻ لڳو. انهن مان هڪڙي هئي اڇلائي ڇڏيل پٽ جي صاف ڪرڻ جي ڪل، جنهن جي ڪري لائنس جا مزور اچي ڊپ ۾ پيا ته اسان جو پورهيو ٿو بند ٿئي، تنهنڪري هن تي اهڙو ڪاوڙيا جو مٿس پهڻن جا وسڪارا ڪرڻ لڳا، ۽ ذري گهٽ ماري وڌائونس. انهيءَ هوندي به هن پنهنجو هنر پئي هلايو، ستت ئي ٻوٽيدار ريشم اُڻڻ جي ڪل ڪڍيائين، جنهن ۾ اها تجويز رکيل هئي ته تند کي اهڙو لسو ڪندي هئي، جو سڀڪا ناڙي ۽ سڀڪو نڙو ٿلهائيءَ ۾ هڪ جيڏو ٿيندو هو. +جڏهن، 1782ع ۾، ’وهاڪانسن‘ گهڻا ڏينهن بيمار رهي مري ويو، تڏهن هن وصيعت ڪري پنهنجون سڀ ڪلون راڻيءَ کي ڏيئي ڇڏيون؛ پر ڀائنجي ٿو ته راڻيءَ جو انهن تي گهڻو خيال نه هو، تنهنڪري سگهوئي اهي هيڏي هوڏي رلي ويئون. ٻوٽيدار ريشمي ڪپڙي اُڻڻ واري جيڪا سندس ڪل هئي، سا حسن اتفاق جي ڪري هنرن جي آزمائش واريءَ سرڪاري عبارت ۾ رهجي ويئي هئي، جتي ٻين عجيب غريب شين سان گڏ ’جئڪارڊ‘ جي نظر چڙهي. اها هن کي تمام ڪمائتي ٿي، ڇا لاءِ جو انهيءَ کي ڏسي هن يڪدم پنهنجي سڌريل آڏاڻي ۾ ضروري ڦيرڦار ۽ سڌارو ڪيو. +’وهاڪانسن‘ واريءَ ڪل جي هڪڙي مکيه خاصيت هيءَ هئي ته ان ۾ هڪڙو سوراخدار ويلڻ رکيل هو، جو ڦرڻ مهل جهڙيءَ طرح جا سوراخ ظاهر ڪندو هو، اهڙيءَ طرح ڪي خاص سيُون يا سرايون چرنديون هيون، جنهن ڪي تاڃيءَ جون تندون اهڙي دستور ور کائي پکڙي وينديون هيون، جو ٺهرايل نموني موجب چٽ يا گلٻوٽو نڪرندو ايندو هو- اگرچه ننڍڙو مختصر ٿيندو هو. ’جئڪارڊ‘ ڏاڍي شوق سان انهيءَ اشاري تي خيال پچائڻ لڳو، ۽ ذاتي عقل ۽ هنرمنديءَ جي زور تي هڪدم پنهنجي ڪل سڌاري ويو. پوري هڪڙي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾، هن جي ڪل بلڪل تيار ٿي ويئي. ’وهاڪانسن‘ واري ويلڻ سان هن هڪڙي تمام ڊگهي ڪاغذ جي دفتري لڳائي ڇڏي؛ انهيءَ ۾ ڪيترائي سوراخ ڪري ڇڏيائين، جن مان تاڃيءَ جون تندون نڪري اُڻڻ واري وٽ اينديون هيون؛ وري ٻي هڪڙي ننڍڙي ڪل، اتي جو اتي، ڪاريگر کي ڏيکاريندي هئي ته ڪهڙي رنگ جي ناڙي نڙي ۾ وجهي هڻي. انهيءَ طرح، نمونن جي نسخن پڙهڻ واري ۽ ڇڪڻ ۾ مدد ڪرڻ واري جي گهرج لهي ويئي. ’جئڪارڊ‘ پنهنجي نئينءَ ڪل سان پهريائين هڪڙي تمام عمدي ريشمي ڪپڙي جا ڪي وال اُڻيا، جي هن نئينءَ راڻيءَ ’جوزفائين‘ جي اڳيان نذر رکيا. شهنشاهه نپولين هن استاد ڪاريگر جي محنت جو چڱو نتيجو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هڪدم حڪم ڏنائين ته ’جئڪارڊ‘ جي نموني تي ڪي هوشيار ڪاريگر گهڻا آڏاڻا جوڙي ڏين. اهي سڀ آڏاڻا هن ’جئڪارڊ‘ کي انعام ڏنا، تنهن کانپوءِ هو موٽي لائنس ۾ آيو. +اتي هن تي اهي واقعا ٿي گذريا، جي هميشه نون هنرن ڪڍڻ وارن تي گذرندا آهن. شهر جي ماڻهن کيس پنهنجو دشمن ٿي سمجهيو، ۽ ساڻس اهڙي خراب هلت ڪيائون، جهڙي لئنڪشائر ۾ ’ڪي‘ ۽ ’هارگريوس‘ ۽ ’آرڪ رائيٽ‘ سان ڪئي هئائون. ڪاسبي ڪڙا سڀ سمجهندا هئا ته هن جي آڏاڻي واري ڪل اسان جي ڌنڌي کي ڦٽائي ڇڏيندي، ۽ اچي اهو خوف ٿين ته اها اسان جي وات مان جڙيوجڪو لقمو ڪڍي وٺندي ۽ اسان کي بک ماريندي. ٽيرو واري ميدان تي هڪڙي وڏي جماعت گڏ ٿي، جتي اهو ٺهراءُ ٿيو ته اهي ڪلون ڀڃي ناس ڪجن. پر جنگي سپاهين جي پهچڻ ڪري�� ائين نه ٿيو؛ باقي ’جئڪارڊ‘ کي سو جتي ڪٿي گاريون پئي ڏنائون ۽ پئي پٽيائون، ۽ سندس مورت ٺاهي انهيءَ کي ڦاسي کڻي چاڙهيائون. شهر جي سکرن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته فساد بند ٿئي، پر خود انهن تي ئي ماڻهو ڪاوڙيا ۽ هنن کي بد سد ڳالهائڻ لڳا. نيٺ خلق جي زور ۽ چوڻ تي، لاچار، اهي شهر جا پنج يا سکر ماڻهو، جن مان گهڻا انهيءَ ڌنڌي وارا ماڻهو هئا ۽ فسادي ماڻهن سان همدردي ڪندڙ هئا، سي، هنن سان شامل ٿي، ’جئڪارڊ‘ جي هڪڙي آڏاڻي واري ڪل پٽي کڻي هليا، ۽ ظاهر ظهور ان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ اچي جهيڙا ۽ هنگاما ٿيڻ لڳا. هڪڙي هنگامي ۾ ته فسادي ماڻهو، ڪاوڙ مان، ’جئڪارڊ‘ کي پڪڙي، ٽنگوٽالي ڪري، هن کي ٻوڙي مارڻ لاءِ درياهه جي گهاٽ تائين به آيا، جو مس مس ٻين وڃي ڇڏايس! +انهيءَ هوندي به، ’جئڪارڊ‘ جي ڪل واري آڏاڻي جي تمام ڪمائتي ۽ مفيد هئڻ کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگهيو، ۽ ان جي فتحيابيءَ ۾ رڳو ڪجهه وقت جي دير هئي. انگلنڊ جي ريشمي ڪارخانن وارن، ’جئڪارڊ‘ کي گهڻو زور ڪيو ته لنگهي انگلنڊ ۾ اچي؛ پر جيتوڻيڪ سندس شهر وارن هن سان ههڙيون جٺيون ڪيون هيون، تڏهن به هن کي وطن جي حب ايتريقدر هئي، جو هن اوڏانهن وڃڻ قبول نه ڪيو. انهيءَ هوندي به، انگلنڊ جي ڪارخانن وارن هن جي ڪل ڪم آڻڻ ۾ شروع ڪئي. ستت ئي جڏهن لائنس جي ماڻهن ڏٺو ته انهيءَ ڌنڌي ۾ ٻيا گوءِ کنيو ٿا وڃن ۽ اسين رهجيو ٿا وڃون، تڏهن مس مس لاچار ٿي هوبه هن ڪل جا ڪوڏيا ٿيا، ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ’جئڪارڊ‘ واري ڪل سڀ قسم جي ڪپڙن اُڻڻ ۾ ڪم اچڻ لڳي. انهيءَ جي نتيجي مان ثابت ٿيو ته ڪاسبين ۽ پورهيتن کي جيڪو نقصان جو ڊپ هو سڀ اجايو هو: ڪم گهٽ ٿيڻ جي بدران، ’جئڪارڊ‘ جي ڪل جي وسيلي، وڌيڪ نه، ته ڏهوڻو وڌي ويو. ’ليان فاسٽر‘ انهيءَ وقت جو بيان ڏنو آهي ته گلن ٻوٽن وارن ڪپڙن جي ڪارخاني ۾، لائنس شهر منجهه، سال 1833ع ۾، ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد سٺ هزار هو. تنهن کانپوءِ ته گهڻو وڌي ويو آهي. +’جئڪارڊ‘ جا باقي حياتيءَ جا ڏينهن آرام سان گذريا. ايترو سو ٿيو، جو جن ماڻهن کيس گهلي درياهه ۾ ٻوڙڻ لاءِ ٿي نيو، سي، سگهوئي پوءِ، سندس سالگرهه يا ڄمڻ واري ڏينهن جي خوشي ۾، کيس ساڳي رستي مان کڻي هلڻ لاءِ تيار ٿيا، پر هو اهڙو حيا وارو هو جو انهيءَ تماشي ۽ گوڙ ۾ شامل ڪين ٿيو. لائنس جي ميونسپل ڪائونسل يا شهري جماعت، ’جئنڪارڊ‘ کي عرض ڪيو ته اتي جي ڌنڌي وارن فائدي لاءِ هو پنهنجيءَ ڪل کي اڃا به وڌيڪ سڌارڻ ۾ مشغول ٿئي. هن اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ ان جي عيوض ۾ هن پينشن طور ڪا رقم پاڻ مقرر ڪئي، جا هنن منظور ڪئي. ٿوري عرصي ۾ هن پنهنجيءَ ڪل کي پوريءَ طرح سڌاريو. نيٺ سٺ ورهين جي ڄمار ۾، هو ٻي سڀ مشغولي ڇڏي، پڇاڙي جي ڏينهن پورن ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پيءُ جي پيدائش ٿيڻ واري شهر ’آولنس‘ ۾ اچي، گوشي نشين ٿيو. اتي ئي رهندو هو جو، 1820ع ۾، هن کي ’ليجن آف آنر‘ جو وڏو خطاب ۽ آبروءَ جهڙو تمغو مليو، ۽ اتي ئي هو 1834ع ۾، مري ويو، ۽ دفن ٿيو. سندس يادگيريءَ لاءِ، سندس شڪل جو هڪڙو بت به کڙو ڪيو ويو، پر سندس مائٽ غريب رهندا آيا آهن. سندس مرڻ کان ويهه ورهيه پوءِ سندس ڀائٽيون اهڙيءَ مفلسيءَ کي اچي پهتيون جو هنن لاچار ٿي جيڪو سونو ٻلو يا تمغو سندن چاچي کي بادشاهه ’لوئيز‘ چوٿين عطا ڪيو هو، سو ٿورن سوَن فرانڪن (يعني فرانس جي سڪن) تي وڪڻي ڇڏيو. هڪڙو فرانس جو ڪتاب نويس لکي ٿو ”لائنس جي ڪارخانن وارن ماڻهن کي جنهن ماڻهو اهڙي دولت ۽ اوج تي پهچايو، تنهن جي هنن اِجها اهڙي شڪرگذاري بجا آندي.“ +جن ماڻهن نون هنرن ڪڍڻ ڪري سر ڏنا آهن، ۽ تڪليفون سٺيون آهن، تن جا مثال ڏيڻ، ۽ جن اهڙن ٻين مشهور ماڻهن، پاڻ کي پوري فائدي پهچائڻ کان سواءِ پنهنجي زماني جي محنت ۽ ڪمائي ڪندڙ جي حالت پئي سڌاري آهي. تن جا نالا ڏيڻ مشڪل ڪم ناهي، جو اڪثر ائين پئي ٿيو آهي ته عقل ۽ هنر وارا وڻ پوکيندا آهن، ۽ موڳا ۽ جاهل ان جو ڦر چونڊيندا آهن پر، في الحال اسين پنهنجي زماني جي هڪڙي ڪاريگر استاد جو مختصر بيان ڏينداسين، جنهن مان معلوم ٿيندو ته عقل ۽ هنر وارن ماڻهن کي اڪثر ڪهڙيون نه تڪليفون ۽ سختيون سهڻيون ۽ ٽارڻيون ٿيون پون. اسين ’جوشئاهيلمان‘ جو اشارو ٿا ڏيون جنهن وارن صفا ڪرڻ جي ڪل ڳولي ڪڍي. +’جوشئاهيلمان‘ سال 1796ع ۾، ’مل هائوس‘ ۾ ڄائو هو، جوالسيس جي ڪپهه جي ڪارخاني جو مکيه هنڌ هو. هن جو پيءُ انهيءَ ڪارخاني ۾ ڪمائيندو هو، ’جوشئا‘ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ پيءُ جي ڌنڌي ۾ وڃي شامل ٿيو. اتي هو ٻه ورهيه رهيو. جيڪو وقت بچندو هوس، سو هنري نقشن ۽ شڪلين ڪڍڻ ۾ لڳائيندو هو. تنهن کان پوءِ ٻه ورهيه هو پئرس ۾ پنهنجي چاچي جي واپار جي ڪوٺي تي وڃي رهيو. جتي رات جو هو علم هندسه يا حساب جا ڪتاب پيو پڙهندو هو. سندس عزيزن مان ڪن مل هائوس ۾ ڪپهه ڪتڻ جو ڪارخانو آڻي وڌو، تن هيلمان ڇوڪر کي انهيءَ هنر سکڻ لاءِ پئرس ۾ ’ٽساٽ‘ ۽ ’ري‘ واري ڪارخاني ۾ ڇڏيو. ساڳي وقت ۾ هو سرڪاري هنري مدرسي ۾ پڙهڻ لڳو، جتي ڪلن مان واقف به ٿيندو هو. انهيءَ کانسواءِ، هو هڪڙي رانديڪن جوڙڻ واري کان به سندس ڪم پيو سکندو هو. اهڙيءَ سخت محنت ۾ ڪجهه وقت گذاري پوءِ، هو آلسيس ۾ موٽي آيو، ۽ ’وو زٿن‘ جيڪو نئون ڪارخانو ٿي جڙيو، تنهن جي ڪلن بيهارڻ جي نظرداري ڪرڻ لڳو. سگهوئي اهو ڪارخانو تيار ٿيو؛ پر اُنهن ڏينهن ۾ واپار ۾ اچي رولو پيو، ۽ ڪم بيهي ويو، جنهن جي ڪري ڪارخانو هلي نه سگهيو، ۽ ’هيلمان‘ موٽي ’مل هائوس‘ ۾ پنهنجي گهر آيو. +انهيءَ عرصي ۾ هو پنهنجي فراغت جو وقت اڪثر نين ڪلن جوڙڻ بابت ويچار ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو- خاص ڪتڻ جي لاءِ ڪپهه تيار ڪرڻ ۽ ڪپڙي اُڻڻ جي ڪلن بابت. پهرين پهرين تجويز جا ڪڍيائين، سا چڪندوزيءَ جي ڪل هئي، جنهن ۾ ويهه سيون گڏ پيون هلنديون ۽ ڀرينديون هيون. اٽڪل ڇهن مهينن جي محنت کان پوءِ هو اُنهيءَ ڪل پوري ڪرڻ ۾ فتحياب ٿيو، اها ڪل هن 1834ع واريءَ نمائش ۾ پيش ڪئي، جتي هن کي ان لاءِ سونو تمغو ۽ ’ليجن آف آنر‘ جو خطاب مليو. تنهن کانپوءِ ته گهڻيون ئي ڪلون ڪڍيائين: هڪڙي سڌريل اُڻڻ جي ڪل، ڪپڙي ڪڇڻ ۽ تهه ڪرڻ جي ڪل، انگريزي ڪتڻ وارن جي نَڙي واري سڌريل ڪل، پيٽي واري سٽ ويڙهڻ جي ڪل، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ريشم ۽ ڪپهه صاف ڪرڻ ۽ ڪتڻ، اُڻڻ جون سڌريل ڪلون، سندس تمام استادي جهڙين ڪلن مان هڪڙي اها ڪل هئي، جا هڪڙي ئي وقت ٻن قسمن جون مخملون يا ٻيا بُجن وارا ڪپڙا اُڻندي هئي، جن جا بُج ڳنڍيل هوندا هئا، ان ۾ هڪڙو ڪپ رکيل هو، جو اُڻي پوري ڪرڻ کانپوءِ وچان پاسيرو لنگهي بُج وڍيندو هو، جنهنڪري ٻئي ڪپڙا ڌار ڌار ٿيندا هئا، پر سڀ کان عجيب ۽ سهڻي ڪل وارن صفا ڪرڻ واري ڪل هئي، جنهن جو مفصل بيان اسين هيٺ ڏينداسين. +ڪن ورهين کان ’هيلمان‘ سٽ جي ڊگهين تندن صفا ڪرڻ يا ڦڻي ڏيڻ جي ڪل رٿڻ لاءِ خيال پئي پچايا؛ ڇالاءِ جو اُن صاف ڪرڻ جي جيڪا ڪل اڳي رواج ۾ هوندي هئي، سا ڪتڻ جي لاءِ ڪچي ڪپهه يا ٻئي مال صاف ڪرڻ لاءِ ڪمائتي نه هئي. خصوصن نازڪ ۽ باريڪ سٽ جي لاءِ- تنهن کانسواءِ انهيءَ مان گهڻو مال اجايو زيان به ٿيندو هو. انهن نقصانن کان بچڻ لاءِ ’السيس‘ جي ڪپهه ڪتڻ وارن سڌريل ڪپهه صاف ڪندڙ ڪل جي لاءِ پنجن هزارن فرانڪن جو انعام آڇيو. ’هيلمان‘ هڪدم انهيءَ انعام حاصل ڪرڻ لاءِ اميدوار ٿي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن کي ڪا پئسي جي لالچ نه هئي، ڇالاءِ جو موچارو دولتمند هو ۽ پنهنجي زال جي پُٺيان گهڻيئي پئسا ملي ويا هئس، هو چوندو هو ته ”جيڪو ماڻهو هميشه پاڻ کان پيو پڇندو هو ته ڪنهن ڪم مان مونکي ڪيترو نفعو حاصل ٿيندو، تنهن جي هٿان ڪوبه وڏو ڪم نه ٿيندو.“ هن کي جا انهيءَ ڪوشش جي ترغيب آئي، سا نئين هنر يا تجويز ڪڍڻ جي ذاتي شوق ۽ طبيعي ڪشش جي ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙي قسم جي ماڻهوءَ وٽ اڪثر جڏهن ڪو مشڪل هنري مسئلو پيش ٿيندو آهي تڏهن هو هڪدم ٻيون سڀ ڳالهيون وساري ان جي ڪرڻ ۾ مشغول ٿيندو آهي، پر هن حالت ۾ جيڪو مسئلو پيش هو، سو جيترو هن خيال ڪيو ٿي، تنهن کان وڌيڪ مشڪل هو. هن کي انهيءَ مضمون تي ڳڻتيون کائيندي، خيال پچائيندي ۽ مٿا هڻندي ورهيه لنگهي ويا ۽ انهيءَ نسبت ۾ هن کي جيڪو خرچ ڪرڻو ٿيو سو ايترو ڳرو هو جو سندس زال جي دولت ته سگهوئي کپي ويئي ۽ اهڙو مفلس اچي ٿيو جو پنهنجي رٿيل ڪل پوري طرح تيار ڪري نه سگهيو. انهيءَ کانپوءِ هن کي لاچار ٿيو ته انهيءَ ڪل جي تمام ڪرڻ لاءِ پنهنجن دوستن جي مدد تي تعلق رهي. +ويچاري ’هيلمان‘ اڃان انهيءَ ڪنگالپڻ جي حالت ۾، انهن مشڪلاتن منجهه مٿا پئي هنيا ته سندس زال مري وئي-هن کي فڪر ٿيو ته منهنجي مڙس جي رقم ئي پوري ٿي ويئي. سگهوئي پوءِ هو انگلنڊ ڏي ويو، مئنچيسٽر ۾ ڪي ڏينهن جاءِ وٺي رهيو- اتي به پنهنجي ڪل تي مٿا پئي هنيائين.‘ شارپ ۽ ’رابرٽ‘، مشهور ڪلن جوڙڻ وارن، کان هن پنهنجي لاءِ هڪڙو نمونو ٺهرائي رکيو هو، پر اڃا ان کي پوري طرح هلائي نٿي سگهيو، نيٺ، بلڪل نااميد ٿيڻ لڳو. هو ٻارن ٻچن کي ڏسڻ لاءِ وري فرانس آيو، ۽ اڃا به پنهنجيءَ ڪل جا خيال پئي پچايائين جو سندس دل هينئر ته بلڪل انهيءَ پاسي محو ٿي ويئي هئي. هڪڙي رات بخاري وٽ ويٺو هو، ۽ ويٺي اهي خيال ڪيائين ته نون هنرن ڪڍڻ وارا ڪهڙا ڪم نصيب آهن، ۽ سندن ڪٽنب اڪثر ڪهڙن ڏکن ۾ گرفتار ٿيندا آهن، ته سندس نظر اوچتو وڃي سندس ڌين تي پيئي، جن پنهنجي ڊگهن وارن کي ڦڻي پئي ڏني، ۽ آڱرين سان ڇڪي انهن کي سنئون ٿي بيهاريائون. انهن کي نهاري نهاري اوچتو هن جي دل ۾ آيو ته جيڪڏهن ڪنهن تجويز سان ڪل ۾ اها اٽڪل رکجي ته جيڪي ڊگها وار هجن، سي ڦڻيءَ سان ڇڪي ڪڍي وڃجن ۽ جيڪي ننڍا هجن جيڪي ڦڻي کي پٺتي هلائڻ سان هٽائي ڇڏجن، ته جيڪر منهنجي مشڪلات هل ٿي پوي، اها ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته ’هيلمان‘ جي انهيءَ خانگي اتفاق بابت مسٽر ’ايلمور‘ هڪڙي خوبصورت تصوير ڪڍي هئي، جا هن 1862ع جي ’رائل ائڪڊمي‘ واريءَ نمايش ۾ پيش ڪئي هئي. +انهيءَ خيال تي مٿا هڻي، هن نيٺ هڪڙي ظاهريءَ ڪري سليس پر حقيقت ڪري مشڪل تجويز، ڪل سان ڦڻي ڏيڻ جي ڪڍي. تنهن کانپوءِ، گهڻي محنت ڪري آخر پنهنجي ڪل کي پوري ڪرڻ ۾ فتحياب ٿيو. انهيءَ تجويز جي خوبي جي پوري خبر انهن کي پوندي، جن انهيءَ ڪل کي ڪم ڪندي ڏٺو هوندو؛ ڇالاءِ جو هڪدم صحيح ڪجي ٿو ته ان جا پرزا اهڙا چرن پرن ٿا، جهڙا وارن کي ڦڻي ڏيندي ماڻهوءَ جا هٿ چرن پرن ٿا. جنهن جي نموني تي ته هن انهيءَ ڪل جو بنياد ٻڌو هو. انهيءَ ڪل جي بيان ڪندي هڪڙي ڪتاب واري لکيو آهي ته ”اها اهڙي نزاڪت سان ٿي چري، جو ڀانئجي ته ماڻهوءَ جون آڱريون ٿيون چرن.“ اها ڪپهه جي پوڻيءَ کي ٻنهي پاسن کان ڦڻي ڏئي ٿي؛ اُن جون باريڪ تندون، ڇڪي، سنيون ۽ هڪٻئي کان پوري وڇوٽيءَ تي بيهاري ٿي، وڏيون تند��ن ننڍين کان ڌار ڪري ٿي؛ ۽ وڏيون تندون هڪڙي هنڌ گڏ ڪري جهلي ٿي، ۽ ننڍيون تندون ٻئي هنڌ: مطلب ته اها ڪل نه رڳو ماڻهوءَ جي آڱرين جي نزاڪت سان هلي ٿي، پر ڄڻ ته ماڻهوءَ جي مغز جهڙي خيال ۽ سمجهه سان هلي ٿي. +واپار جي نظر تي، هن ڪل جي خوبي اها هئي ته انهيءَ جي وسيلي جيڪا سادي قسم جي ڪپهه هئي سا به عمدي سُٽ ڪتڻ جي ڪم اچي ٿي سگهي، تنهنڪري ڪارخانن وارا آساني سان قيمتي، ڪپڙن لاءِ مناسب سٽ هٿ ڪري سگهندا هئا ۽ عمدي سٽ جون ناڙيون تمام گهڻيون اُپائي سگهندا هئا. انهيءَ ڪل جي وسيلي اها ڳالهه تمام آسان ٿي پئي ته ڌاڳو اهڙو باريڪ هجي جو 334 ملين ڊگهائي جيترو سٽ صاف ٿيل ڪپهه جي هڪڙي پائونڊ (قريب اڌ سير) مان نڪري سگهي؛ ۽ انهيءَ مان اهڙيون عمدي قسم جون ڄاريدار ڪناريون جوڙي سگهجن، جنهن ڪري اصل ڪچي ڪپهه- جنهن جو ملهه هڪڙو شلنگ هوندو هو- خريدار يا ڪم آڻڻ واري جي هٿ ۾ اچڻ کان اڳي، ٽن چئن سون پائونڊن جيتري بها ڪندي هئي. +’هيلمان‘ جي انهيءَ ڪل جي خوبصورتي ۽ فائدي جو قدر انگلنڊ جي ڪپهه جي ڪتڻ وارن کي معلوم ٿيو. لئنڪشائر جي ڇهن ڪوٺين يا ڪمپنين گڏجي ٽيهه هزار پائونڊ ڏيئي انگلنڊ جي لاءِ انهن ڪلن جوڙي ڏيڻ جو حق خريد ڪيو؛ اُن يا پشم ڪتڻ وارن به اُن صاف ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ ڪل ڪم آڻڻ واسطي ساڳي رقم ڏني؛ ۽ ليڊس شهر واري ’مارشل‘ ڪمپني وري ويهه هزار پائونڊ ڏيئي، سڻيءَ صاف ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڪل ڪم آڻڻ جي اجازت ورتي. انهيءَ طرح نيٺ غريب ۽ مسڪين ’هيلمان‘ ۾ اوچتو ئي مايا اچي پلٽجڻ لڳي. هن جي حياتي ٿوري ٿي پيئي، ۽ هو اها دولت ڪم آڻي نه سگهيو. اڃا سندس پورهيا مس ساب پيا، ۽ مشڪلاتن مان مس فتحيابي حاصل ٿيس ته پاڻ مري ويو؛ سندس پٽ جو انهن تڪليفن ڪڍڻ ۾ ساڻس همراهه هو، سو به ساڻس پوءِ سگهوئي چلي رهيو. +جڏهن اهڙيون قيمتي جانيون ٿيون گنوائجن، تڏهن مس عجيب سڌارا دنيا ۾ ظاهر ٿين ٿا. + + +باب ٽيون +ٽي وڏا ڪنڀر +(پالسي، باٽگهر، ۽ ويج وُوڊ) +’جان رسڪن‘ چوي ٿو ته ”صبر ۽ تحمل، همت جو تمام عمدو ۽ تمام شائستو ۽ تمام ڪمياب حصو آهي. صبر ۽ تحمل، سڀني خوشين ۽ سڀني طاقتن جي پاڙ آهي. خود اُميد مان به، بيصبريءَ جي شامل ٿيڻ ڪري، خوشي حاصل نٿي ٿي سگهي.“ +مشهور ماڻهن جي تاريخي احوالن پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ٿانون جوڙڻ جي هنر بابت جيڪو بيان ڏنل آهي، تنهن مان تحمل ۽ اورچائيءَ جا تمام چڱا مثال ملي سگھن ٿا. انهن مان جيڪي تمام عجيب آهن، تن منجھان اسين ٽي چونڊي ڪڍون ٿا، جي هيٺين ٽن ماڻهن جي احوال مان معلوم ٿيندا: هڪڙو ’برنارڊ پالسي‘ فرانس جو رهاڪو؛ ٻيو ’فريڊرڪ باٽگھر‘ جرمنيءَ جو رهاڪو؛ ۽ ٽيو ’جوشياويج ووڊ‘ انگلنڊ جو رهاڪو. +جيتوڻيڪ عام مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ جو هنر گھڻين قديم قومن کي به ايندو هو، تڏهن به ڪاشيءَ جو يا ميناڪاري ٿانون جوڙڻ جو هنر اهڙو عام نه هو. پر، ايتري پڪ آهي ته قديم ’ايٽروشيا‘ جا ماڻهو اهو ڪم ڄاڻندا هئا، ۽ انهن جي جڙيلن ٿانون جا نمونا اڳئين وقت جي گڏ ٿيلن شين ۾ اڃا تائين لڀي سگھن ٿا. پر اهو هنر رفتي رفتي گم ٿي ويو، ۽ هاڻ ٿورا ورهيه ٿيندا، جو وري پيدا ٿيو آهي. ’ايٽرسڪن‘ ٿانو اڳئين زماني ۾ تمام قيمتي هوندا هئا- شهنشاهه ’آگسٽس‘ جي ڏينهن ۾ هڪڙو گلدان سون سان تُري وڪامندو هو. مُور قوم جا ماڻهو به ڀانئجي ٿو ته اهو هنر ڄاڻندا هئا؛ ڇا لاءِ جو جڏهن 1115ع ۾ ’پئسا‘ جي رهاڪن ’مئجارڪا‘ جو ٻيٽ ورتو، تڏهن هنن مُورن کي اهو ڪم ڪندي ڏٺو هو. جيڪو لٽ جو مال هو اتان کڻي ويا، انهيءَ ۾ ڪيترائي مؤرن جا جڙيل ٿانو ��ئا، جي فتح جي يادگيريءَ لاءِ ’پئسا‘ جي ڪيترين قديم ديولن جي ڀتين ۾ هڻي لنبي ڇڏيا هئائون، جتي اڄ ڏينهن تائين پيا ڏسجن. ٻن صدين کان پوءِ اٽليءَ جا ماڻهو، اُنهن نمونن تي نقل ڪري، ميناڪاري يا ڪاشيءَ جا ٿانو جوڙڻ لڳا، جن کي، مؤرن جي ڪارخاني واريءَ جاءِ جي پٺيان، ’مئجاليڪا‘ جو نالو ڏنائون. +جنهن ماڻهوءَ اٽليءَ ۾ مينا يا ڪاشيءَ جو هنر وري ڳولي ڪڍيو يا نئين سر جاڳايو، سو’ليوڪاڊيلا رابيا‘ هو، جو فلارنس جو هڪڙو بت ساز يا سنگتراش هو. ’وهاسري‘ هن جو احوال لکندي چوي ٿو ته ’هو اهڙواڻٿڪ ۽ اڻورچ ماڻهو هو، جو سڄو ڏينهن پنهنجي رنبيءَ سان ڪم ڪندو هو. رات جو گھڻو ڀاڱو، نقشن ۽ گلن ڪڍڻ ۾ مشغول رهندو هو. هن انهيءَ پوئين هنر ۾ ايتري سرجوشي ڪئي، جو جڏهن رات جو دير تائين ڪم ڪندو هو، تڏهن پنهنجن پيرن کي سيءَ ۾ سڪڻ کان بچائڻ لاءِ، ردي پرزن جي ٽوڪريءَ ۾ پير وجھي ويهندو هو، انهيءَ لاءِ ته بدن گرم رهي، ۽ پاڻ آرام سان ويٺو نقش ڪڍي، ’وهاسري‘ چوي ٿو ته ”انهي ڳالهه تي مون کي ذرو به عجب نٿو لڳي؛ ڇا لاءِ ته ڪوبه ماڻهو، جو ننڍي هوندي کان گرميءَ سرديءَ، بکه اڃ، ۽ ٻين تڪليفن سهڻ جي عادت نٿو ڪري سو ڪنهن به هنر ۾ ڪڏهن به نالو نه ڪڍندو؛ ۽ جيڪي ماڻهو ڀانئين ٿا ته جڏهن اسين آرام ۾ گذارينداسين ۽ دنيا جي عيش عشرتن جي وچ ۾ هونداسين، تڏهن پاڻيهي آبرو ۽ مشهوري حاصل ڪنداسين، اهي پاڻ کي پاڻيهي ٺڳين ٿا ۽ گمراهه ڪن ٿا- هن سبب، ته قابليت ڇو حاصل ڪبي آهي ۽ نالو ڇو ڪڍبو آهي، سو نه سمهڻ سان، پر جاڳڻ ۽ ڌيان ڏيڻ ۽ لڳو لڳ محنت ڪرڻ سان“. +پر، ’ليوڪا‘ ڪيترو به ڪشالو ۽ پورهيو ڪيو، ته به سنگتراشيءَ مان ايترو پيسو ڪمائي نٿي سگھيو، جنهن تي پوريءَ طرح پيٽ پاري؛ تنهنڪري هن کي دل ۾ آيو ته اُهي بت ۽ بوتا ڪنهن اهڙيءَ شي مان جوڙيان، جا سنگمرمر کان زياده نرم به هجي، ۽ گھٽ ملهه جي به هجي. انهيءَ خيال سان هو مٽيءَ مان بت ۽ ٻيا نمونا ٺاهڻ لڳو، ۽ ڪوشش ڪيائين ته آزمودو استعمال ڪري مٽيءَ کي اهڙو پچايان ۽ اُن تي ڪو اهڙو پوش يا تهه چاڙهيان، جنهن ڪري مٽيءَ جون شيون زياده جٽاءُ ڪن. گھڻن آزمودن کان پوءِ، نيٺ هن هڪڙي تجويز ڳولي ڪڍي، جنهن سان هن مٽيءَ تي اهڙيءَ هڪڙيءَ شي جو پوش يا پردو ٿي چاڙهيو، جا کوري ۾ باهه جي تمام گھڻي گرميءَ جي ڪري پگھري، چڱي مضبوط مينا ٿيو ٿي پيئي. تنهن کان پوءِ هن وري انهيءَ مينا ۾ رنڱ گڏڻ جي تجويز ڪڍي، جنهنڪري اُها وڌيڪ سهڻي ڏسڻ ۾ آئي. +’ليوڪا‘ جي هنر جي تعريف سڄي يورپ ۾ پکڙي ويئي، ۽ سندس ڪم جا نمونا گھڻن ۽ پر انهن هنڌن تائين وڃي پهتا. انهن مان گھڻا فرانس ۽ اسپين ڏي موڪليا ويا، جتي انهن جي گھڻي قدرداني ڪيائون. اُنهن ڏينهن ۾ فقط سادا ڀوري رنگ جي ٺڪر جا مرتبان ۽ ڪوزا فرانس ۾ جڙندا هئا؛ ۽ اهو حال ’پالسي‘ جي وقت تائين هليو آيو، ۽ ٻيو ڪوبه سڌارو ڪونه ٿيو. پر ’پالسي‘ همت ڀريو ماڻهو هو؛ هو اهڙي مردانگيءَ سان وڏين وڏين مشڪلاتن مان وڙهي پنهنجي جند ڇڏائي نڪتو، جو سندس حياتيءَ جو رنگين احوال هڪڙو دلچسپ داستان پيو معلوم ٿئي. +چون ٿا ته ’بر نارڊ پالسي‘، سال 1510ع ڌاري، ’ايجن‘ جي پرڳڻي ۾، فرانس جي ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ ڄائو هو. شايد سندس پيءُ شيشه گرهو ۽ ’برنارڊ‘ پاڻ به ننڍيءَ عمر ۾ اهو ڌنڌو سکيو. هن جا پيءُ- ماءُ غريب مسڪين هئا- اهڙا غريب هئا، جو پنهنجي پٽ کي ڪنهن مڪتب ۾ تعليم ڏيئي نٿي سگھيا. پوين ڏينهن ۾ هن پاڻ چيو ٿي ته ”مون کي زمين ۽ آسمان کان سواءِ ٻيا ڪي به ڪتاب ڪين هوندا هئا، جي سڄي جڳ ج�� لاءِ کليا پيا آهن“. اهڙي حال هوندي به، هو شيشي چٽڻ جو هنر سکيو؛ تنهن کان پوءِ نقاشي سکيو، ۽ تنهن کان پوءِ پڙهڻ لکڻ سکيو. +جڏهن ارڙهن ورهين جو ٿيو، تڏهن شيشي جو واپار بيهي ويو. ’پالسي‘ پنهنجي ٿيلهي پٺن تي رکي، پيءَ جي گھر مان نڪتو ۽ دنيا ۾ ڪاهي پيو؛ انهيءَ لاءِ، ته ڳولي ڏسي ته اتي ڪا سندس جاءِ آهي يا نه. پهريائين ’گئسڪني‘ ڏي منهن رکيائين؛ ۽ رستي ۾ جتي ڪم لڳس ٿي، اتي پنهنجو ڌنڌو ٿي ڪيائين، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وقت جو ڀاڱو زمين ماپڻ يا ضابطيءَ جي ڪم ۾ ٿي لڳايائين. تنهن کان پوءِ اتر ڏي هليو، ۽ فرانس ۽ فلانڊرس ۽ هيٺينءَ جرمنيءَ جي جدا جدا شهرن ۾، جدا جدا ملت تائين، ٽڪندو وتيو. +انهيءَ طرح ’پالسي‘ پنهنجي حياتيءَ جا ٻيا به ڏهه ورهيه کن گذاريا. تنهن کان پوءِ هن شادي ڪئي، گھمڻ ڦرڻ جي پچر ڦٽي ڪيائين، ۽ هيٺئين ’چارينٽي‘ جي ننڍڙي شهر ’سينٽز‘ ۾ گھر ڪري ويهي رهيو، ۽ شيشن چٽڻ ۽ زمين ماپڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. اتي ڪي ٻار به ڄائس- نه رڳو فڪر ۽ ڳڻتيون وڌيس، پر خرچ به وڌي ويس- ڪيترو به مٿو هڻي وڌيڪ ڪمائيندو هو، ته به پورت نه پوندي هيس، تنهنڪري هن کي پاڻ پتوڙڻ ضرور ٿيو. شايد هن پاڻيهي سهي ڪيو ته شيشن چٽڻ جھڙي بي سوڀي ۽ شڪي ڪم ۾ هڄڻ کان ڪنهن ٻئي بهتر ڪم جي مون ۾ لياقت آهي؛ تنهنڪري هن جي دل ۾ آيو ته پنهنجو ڌيان انهيءَ قسم جي ٻئي هنر، يعني ٺڪر جي ٿانون تي نقش ڪڍڻ ۽ مينا يا ڪاشيءَ چاڙهڻ ڏي ڦيرايان. پر، هن هنر جي هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي؛ ڇا لاءِ جو هن ڪوشش شروع ڪرڻ کان اڳي هن ڪڏهن به مٽي باهه ۾ پڪل نه ڏٺي هئي، تنهنڪري ڪنهن به ٻئي مدد ڏيڻ واري کان سواءِ هن کي سڀڪا شي پنهنجي منهن سکڻي پيئي. پر هن کي اميد گھڻي هئي، ۽ سکڻ جو ڏاڍو شوق هوس، ۽ منجھس اورچائي ۽ تحمل حد کان زياده هو. +’پالسي‘ اٽليءَ جي ڪارخاني جو جڙيل هڪڙو سهڻو پيالو ڏٺو- جو شايد ’ليوڪاڊيلارابيا‘ جي نموني تي جڙيل هو، اهڙو رواجي اتفاق جيڪر ڪنهن عام ماڻهوءَ جي دل تي ڪوبه اثر پيدا نه ڪري- ۽ خود ’پالسي‘ جي دل تي به جيڪر ڪنهن ٻئي عام وقت تي اهڙو اثر نه ڪري ها؛ پر اهو اتفاق اهڙي وقت ٿيو، جڏهن ’پالسي‘ پنهنجي ڌنڌي بدلائڻ جو ارادو ڪيو هو؛ تنهنڪري هن کي هڪدم دل ۾ آيو ته انهيءَ پيالي جي نموني تي ڪو ٻيو ٺاهيان. انهيءَ تي نظر پوڻ شرط، هن جي سڄي حياتي لوڏو کائي ويئي؛ ۽ انهيءَ پيالي تي جا ڪاشي يا مينا پئي چمڪي، تنهنجي حقيقت ۽ بناوت معلوم ڪرڻ جو شوق انهيءَ کان پوءِ سندس دل ۾ جانشين ٿي ويو. جيڪڏهن هو ڇڙهو هجي ها، ته انهيءَ راز جي ڳولا ۾ اٽليءَ ڏي به سفر ڪري وڃي ها؛ پر ٻارن ٻچن جو بند ڳچيءَ ۾ هوس، تنهن چرڻ نه ڏنس؛ تنهنڪري، انهن جي پاسي ۾ رهي، اونڌائيءَ ۾ هٿوراڙيون پيئي ڏنائين، ته من مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ ۽ انهن تي ڪاشيءَ يا مينا چاڙهڻ جو رستو هٿ لڳي وڃي! +پهريائين ته هن رڳو اوٽ تي ڪي شيون خيال ۾ آنديون، جن مان سمجھيائين ته اُها ڪاشي يا مينا جڙيل آهي؛ پوءِ لڳو هر طرح آزمودا ڪرڻ، انهيءَ لاءِ ته معلوم ڪري ته في الحقيقت اُهي ڇا آهن: جن شين بابت گمان هوس ته انهن مان ڪاشي جڙيل آهي، سي سڀئي هن پيهي اٽو ڪيون؛ تنهن کان پوءِ هن عام مٽيءَ جا ٿانوَ خريد ڪيا، ۽ اُنهن کي ڀڃي ٽڪر ڪيائين؛ پوءِ جيڪو اٽو تيار ڪيو هئائين، سو مٿين پکيڙي، کڻي هڪڙي کوري جي مچ ۾ وڌائين، جو ٿانون جي پچائڻ لاءِ جوڙي تيار ڪيو هئائين. هن جي آزمودن مان ڪي به ڪين وريو؛ نتيجو اهو ٿيو جو ٿانو ڀڳا، ڪاٺيون کتيون، دوائون زيان ٿيون، ۽ وقت ۽ پورهيو اجايو ويو! جن آزمائشن ۾ رڳو پيسو زيان ٿيندو آهي، جنهن مان جيڪر ٻارن جا ڪپڙا ۽ انهن جو کاڌو ٿي پوي، سي زالن کي آسانيءَ سان پسند نه اينديون آهن؛ ۽ ’پالسي‘ جي زال جيتوڻيڪ ٻين ڳاليهن ۾ مڙس جي فرمانبردار هئي، تڏهن به انهيءَ ڳالهه تي راضي نه ٿي ته ٻيا ٺڪر جا ٿانو خريد ٿين، جي ڄاتائين ٿي ته وري به ڀڄندا، ۽ ٻي حاصلات ڪا به ڪانه ٿيندي. انهيءَ هوندي به، لاچار ٿي، هن اها ڳالهه قبول ڪئي؛ ڇا لاءِ جو ’پالسي‘ کي اهو خيال مغز ۾ اهڙو ويهي ويو هو، ۽ ڪاشيءَ جي ڳجھي نسخي معلوم ڪرڻ لاءِ اهڙو پڪو ارادو ڪيو هئائين، جو مُڙڻ جو ئي ڪين هو. +مهينن جا مهينا ۽ ورهين جا ورهيه ’پالسي‘ پنهنجن تجربن کي لڳو آيو. جڏهن پهريون کورو کري پيو، تڏهن ٻيو وري گھر کان ٻاهر جوڙيائين. اتي اڳي کان به گھڻيون ڪاٺيون ٻاريائين، گھڻيون دوائون کپايائين، گھڻا ٿانو زيان ڪيائين، ۽ گھڻو وقت وڃايائين- تان جو پاڻ عيال سوڌو مفلس ۽ ڪنگال ٿي رهيو. چوڻ لڳو ته ”اجھو هيئن، پنهنجيءَ مراد تي نه پهچڻ ڪري، مون هيترا ورهيه ڏکن ڏوجھرن ۾، بيوقوفي ڪري، اجايا وڃايا!“ پر هنن آزمودن ڪندي به فرصت مهل هو پنهنجا اڳوڻا ڌنڌا، شيشن ۽ نقشن ۽ تصويرن ڪڍڻ ۽ زمين ماپڻ جا، به ڪندو هو؛ تڏهن به انهن مان گھڻي حاصلات ڪانه ٿيندي هيس. نيٺ اهڙو حال اچي ٿيس، جو ڪاٺين جي ڳري خرچ ڪري هو پنهنجي کوري ۾ وڌيڪ تجربا نه ڪري سگھيو؛ پر هن وڌيڪ ٺڪر وهايو، ۽ اڳئين وانگي ٿانو ڀڃي انهن مان ٽي چار سو ٽڪر ڪيائين، ۽ مٿن دوائون ۽ مصالحو لائي، هڪڙي سرن پچائڻ جي کوري ڏي کڻي هليو، جو ’سينٽز‘ شهر کان ٻه-اڍائي ڪوهه پري هو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجا ٺڪر اتي پچائي. مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ، ٺڪر ڪڍي ڏسڻ لاءِ وري اتي ويو، ۽ پنهنجو سڄو پورهيو برباد ڏسي، ويچاري جو منهن هارجي ويو. پر، جيتوڻيڪ نا اميد ٿيو، ته به اصل دل ڀڄي نه پيس؛ ڇاڪاڻ جو اتي جو اتي پڪو ارادو ڪيائين ته وري نئين سر اهو تجربو شروع ڪندس. +ٿوري وقت تائين ته پيمائشي ڪم لڳڻ ڪري هن کي ڪنهن پاسي وڃڻو ٿيو، ۽ پنهنجن تجربن ڪرڻ جو وجھ نه مليس. سرڪاري حڪم موجب، زمين جي محصول قائم ڪرڻ لاءِ، ’سينٽز‘ جي آسپاس جيڪي لوڻ جون کاڻيون ۽ ڍنڍون هيون، تن جي ماپ ڪرڻ جو ضرور هيو. اهو ڪم ’پالسي‘ تي رکيائون ته ماپ ڪري نقشا جوڙي ڏئي. ڳچ ڏينهن تائين هو انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهيو، ۽ شڪ ڪونهي ته انهيءَ محنت لاءِ چڱو اجورو مليس؛ پر اڃان اهو ڪم پورو مس ٿيو، ته هو وري ڪاشيءَ جي پٺيان ٻيڻي جھد ۽ اُدم سان مٿا هڻڻ لڳو. پهريندي ٽي درجن نون ٿانون جا وٺي ڀڳائين، ۽ ٽڪرن تي علحدگيون دوائون ۽ مصالحا لاءِ ويو، پوءِ انهن جي پچائڻ لاءِ پاسي واري هڪڙي شيشي پچائڻ جي کوري ۾ کڻي ويو. اُنهيءَ جي نتيجي مان البت اُميد آسرو ٿيس. شيشي جي کوري ۾ جو باهه جو تؤ تمام گھڻو ٿو ٿئي، تنهنڪري ڪي دوائون پگھري پيئون. اڇيءَ مينا جي لاءِ ’پالسي‘ اُنهن ۾ گھڻي ڳولا ڪئي، مگر ڏسڻ ۾ نه آيس. ٻيا به ٻه ورهيه هن اهي آزمايشون ڪيون، پر ڪي به حاصل ڪين ٿيو- تان جو لوڻ جي کاڻين جي ماپڻ مان جيڪو پيسو ڪمايو هئائين، سو به پوري ٿيڻ تي آيو، ۽ هي وري به اچي ڪنگال ٿيو. پر، هاڻ هن آخرين وڏيءَ ڪوشش ڪرڻ جو دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو، ۽ اڳي کان به گھڻا ٿانو ڀڇڻ لڳو. ٽن سون کان به زياده ٺڪرن کي دوائون لائي، شيشن واري کوري ڏي موڪلي ڏنائين؛ پوءِ پاڻ به اتي وڃي ويهي رهيو، ته ڏسان ته ڇا ٿو پچي نڪري. چار ڪلاڪ لنگھي ويا، ته هي اکيون وجھيو ويٺو هو؛ پوءِ کورو پٽيائين. ٽن سون ٽڪرن مان رڳو هڪڙي تي دوا پگھري هئي، تنهن کي ٻاهر ڪڍي ٺرڻ رکيائين. جيئن اها سُڪندي ويئي، تيئن اڇي ٿيندي ويئي، ۽ اوجر وٺندي ويئي. سگھوئي انهيءَ ٺڪر تي سفيد مينا ڄمي بيهي رهي، جنهن جي لاءِ ’پالسي‘ لکي ٿو ته ’ڏاڍي سهڻي هئي‘. ڀلا، هيتري ڪشالي ۽ انتظار کان پوءِ سوهڻي ڇو نه لڳندي! اهو ٺڪر اتان کڻي، هو زال ڏي ڀڳو. پاڻ چوي ٿو ته مون ائين پئي ڀانيو ته ’آءٌ نئون ڄائو آهيان!‘ پر اڃا سچي شي هٿ نه آئي هيس- اها اڃا گھڻو پري هئي. اها ڪوشش، جنهن کي هن آخرين ٺهرايو هو، تنهن مان جا ٿوري گھڻي فتحيابي ٿيس، تنهنڪري هن کي وڌيڪ همت آئي ته زياده تجربا ڪري، ۽ زياده نا اميديءَ تي تحمل ڪري. +هيءُ نئون هنر، جو هن ڄاتو ٿي ته اجھو مون کي آيو ڪي آيو، تنهن جي پوري ڪرڻ لاءِ، هن ارادو ڪيو ته پنهنجي گھر جي ويجھو هڪڙو شيشي پچائڻ وارو کورو جوڙيان، جتي آءٌ ڳجھ ڳوهه ۾ پنهنجو ڪم پيو ڪريان. اهو کورو هو پنهنجن هٿن سان پاڻ جوڙڻ لڳو، ۽ انهيءَ لاءِ سرن واريءَ جاءِ تان سرون پنهنجن پٺن تي کنيو پئي آيو. هو سربند به پاڻ هو، مزور به پاڻ هو-سڀڪجھ پاڻ هو. ست اٺ مهينا ٻيا به لنگھي ويا. نيٺ کورو جڙي راس ٿيو. انهيءَ وچ ۾ ’پالسي‘ ڪاشيءَ چاڙهڻ لاءِ ڪيترائي مٽيءَ جا ٿانو جوڙي تيار ڪري رکيا. پهريائين انهن کي اوائل جو سيڪ ڏيئي، پوءِ مٿان مينا وارو مصالحو لائي ويو؛ تنهن کان پوءِ وري گھڻي تؤ واري تجربي لاءِ اُهي کوري ۾ وڌائين. جيتوڻيڪ پيسو سڀ اچي کتو هوس، تڏهن به آخرين ڪوشش جي لاءِ هن ڪن ڏينهن کان وٺي ڪاٺيون پئي گڏ ڪيون- اُهي ايتريون گڏ ڪيون هئائين، جو ڀانيائين ٿي ته پوريون ٿي اينديون. نيٺ باهه ٻري، ۽ ڪم هليو. سڄو ڏينهن هو کوري وٽ ويٺو هو، ۽ ويٺي منجھس ڪاٺيون وڌائين. ساري رات به هو اُتي واهي ٿيو ويٺو هو، ۽ ويٺي مچ مچايائين؛ پر اڃا تائين مينا نه پئي پگھري. مٿا هڻندي، سج اُڀري ويس. صبح جو سندس زال ٽڪر ٽيرو کائڻ لاءِ ڏنس، ڇا لاءِ جو هو کوري تان چريو ئي نٿي، ۽ ويٺي منجھس وقت بوقت زياده ڪاٺيون وڌائين. ٻيو ڏينهن به گذري ويو، ته به اڃا مينا نه پئي پگھري. سج لٿو، ۽ ٻي رات به گذري ويئي، ته به ’پالسي‘ اُهو ئي مينا جي پگھرڻ جي انتظار ۾ اکيون کوري ۾ وجھيو ويٺو هو. جيتوڻيڪ منهن سائو ٿي ويو هوس ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيس، ۽ مُنجھي گھڻوئي ويو هو، تڏهن به دل نه لڏيس، نڪي همت هاريس. ٽيون ڏينهن- رات به لنگھيو ويو- چوٿون، پنجون، بلڪ ڇهون به لنگھي ويو- برابر ڇهه ڏينهن ۽ ڇهه راتيون، آورچ ۽ اجيت ’پالسي‘ نااُميديءَ جي ڪا به پرواهه نه ڪري، اکيون پايو ڪم ۾ لڳو ويٺو هو، ته به اڃا مينا نه پئي پگھري! +پوءِ اچي دل ۾ پيس ته مينا جي اِنهن شين ۾ ڪا حرڪت هوندي، يا ته اُن جي پگھارڻ ۽ وهائڻ جي لاءِ اڃا به ٻيءَ ڪنهن شي جو کپ هوندو؛ تنهنڪري وري هو نئين، سر ٻئي تازي تجربي لاءِ ٻيون دوائون ۽ ٻيا مصالحا پيهڻ ۽ گڏڻ لڳو. اِنهيءَ طرح، ٻه ٽي هفتا ٻيا به لنگھي ويا. پر، هاڻي ٻيا ٿانو ڪيئن خريد ٿين؟ ڇا لاءِ جو پهرئين آزمودي لاءِ جيڪي ٿانو هن پنهنجي هٿ سان جوڙيا هئا، سي گھڻي تؤ ۽ وڌيڪ پچڻ ڪري اهڙا خراب ٿي ويا هئا، جو ٻئي آزمودي ۾ ڪم اچڻ جھڙا نه هئا، جيڪو پيسو وٽس هو، سو به خرچجي ويو؛ پر اُڌارو سو وٺي سگھيو ٿي. هن جي چال اڃا به چڱي هئي. جيتوڻيڪ سندس زال ۽ پاڙيسرين ڀانيو ٿي ته هن کي جيڪي هڙ ۾ آهي، سو هي بيوقوفي ڪري اجاين آزمودن ۾ وڃايو ٿو ڇڏي. انهيءَ هوندي به، اٽڪيو نه رهيو. هن ڪنهن دوست کان ايترا پيسا اُڌارا کنيا، جيترا وڌيڪ ڪاٺين ۽ وڌيڪ ٿانون وٺڻ لاءِ ضرور هئا؛ ۽ پوءِ ٻئي تجربي لاءِ هو وري ��يار ٿيو. اُنهن ٿانون کي نيون دوائون لائي، کوري ۾ وڌائين، ۽ وري ان کي باهه ڏنائين. +هيءُ سڀ کان پويون تجربو هو؛ تنهن ۾ هو هٿ ڌوئي، چريو ٿي لڳو. باهه ڀڙڪي، ۽ تؤ نهايت گھڻو ٿيو......... پر اڃا به مينا نٿي پگھري! ڪاٺيون اچي کٽڻ لڳيون- هاڻي باهه اڳتي ڪيئن ٻري؟ باغ جي ديوال يا لوڙهي جون ڪاٺيون سي هيون، جي ٻري سگھيون ٿي: ههڙي وڏي تجربي ۾ اٽڪي بيهڻ کان، جي اُهي ٻري وڃن، ته صدقي ٿيون: اُهي باغ جون ڪاٺيون پٽي، آڻي کوري ۾ وڌائين. اُهي به مفت ٻري ويون، ته به مينا اڃا نه پگھري- شايد اڃا ڏهن منٽن جيترو سيڪ وڌيڪ گھربل هو. تنهن جي لاءِ، ڪهڙو به نقصان سر تي سهسائي، ڪاٺيون پيدا ڪرڻ گھرجن: گھر جو ڪاٺ ڪلو، ڪرسي ميز، تختو پٽي- سي اچي رهيا هئا! پوءِ ته، اچي گھر ۾ ڪڙڪاٽ پيو- زال ۽ ٻار ٻچا رڙيون ڪرڻ لڳا- ڀانيائون ته ’پالسيءَ‘ جو هوش خطا ٿي ويو آهي! انهن رڙين ۽ دانهن جي وچ ۾ هن ميزون کڻيو، ڀڃيو، کوري ۾ اڇلائي پئي وڌيون... ته به مينا اڃا نه پگھري! باقي الماريون وڃي بچيون هيون. اوچتو، گھر منجھان تختن ۽ پٽين ڀڄڻ جو آواز آيو- الماڙين جا تختا به ٽڪر ٽڪر ڪري، ٻئي سامان وانگي، باهه ۾ کڻي وڌائين. پوءِ ته زال ۽ ٻار، لُوهه ڪري، نڪري ٻاهر ٿيا- ۽ چوندا ويا ته ”ويچارو ’پالسي‘ ديوانو ٿي پيو آهي، ۽ گھر جو سامان ڀڃيو باهه ۾ پيو ٻاري!“ +سڄو مهينو بُت تان پهراڻ نه لاٿو هئائين. گھڻيءَ محنت ۽ انتظار، اوجاڳي ۽ بک جي ڪري بلڪل بيحال ٿي پيو هو. قرض به مٿس ٿي ويو هو؛ جنهنڪري هينئر سندس خانه خرابي نزديڪ پئي ڏٺي. پر جنهن مخفي راز جي پٺيان هو هلاڪ هو، سو هن نيٺ معلوم ڪيو هو؛ ڇاڪاڻ جو پوئين ڀيري جو باهه ڀڙڪو ڏنو، تنهن ۾ مينا پگھري ويئي- گھر جي ڪم ڪار جا عام ٺڪر جا ٿانو جڏهن کوري ٺرڻ کان پوءِ ٻاهر نڪتا؛ تڏهن مٿن اوجر ڏسڻ ۾ آيو. انهيءَ لاءِ، هو جھان جي جٺ ڦٺ ۽ طعنا تنڪا سڀ سهي ويو، ۽ تحمل سان پئي وجھ ڳوليائين ته ڪي سُکن جا ڏينهن اچن ته هيءَ ڳجھو هنر ظاهر ڪريان، ۽ ان کي رواج ۾ آڻيان. +تنهن کان پوءِ، ’پالسي‘ اُجوري تي هڪڙو ڪنڀر رکيو، ته ڏيکاريل نمونن تي هن کي ٿانو جوڙي ڏئي. پاڻ وري ڪاشيءَ چاڙهڻ لاءِ مٽيءَ جا تمغا يا ٻلا جوڙڻ لڳو. پر، جيسين اهو سامان جڙي وڪري لاءِ تيار ٿئي، تيسين پاڻ کي توڙي ٻارن ٻچن کي ڪيئن پالي؟ سندس خوش نصيبيءَ جي ڪري، ’سينٽز‘ شهر ۾ رڳو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو ’پالسي‘ جي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ تي ڀروسو هو- جيتوڻيڪ سندس سمجھ ۽ ڏاهپ تي هن کي ڀروسو ڪونه هو. اُهو هڪڙو مهمان خاني جو مالڪ هو؛ تنهن ساڻس اهو انجام ڪيو ته ’ڇهن مهينن تائين، جيسين تون اهو ڌنڌو پيو هلائيندين، تيسين آءٌ توکي پاڻ وٽ رهائي، ماني ٽڪي پيو کارائيندس‘. باقي جيڪو ڪنڀر ’پالسي‘ مزوريءَ تي پاڻ وٽ رکيو هو، تنهن جي بنسبت هن سگھوئي سهي ڪيو ته آءٌ هن کي ٺهرايل شرطن موجب مزوري برابر ڏيئي نه سگھندس. پنهنجو گھر ته اڳي ئي پٽي کوهي ڇڏيو هئائين؛ هينئر رڳو پنهنجي بت کي پٽي کوهي ٿي سگھيو. سو، هن پنهنجا ڪي ڪپڙا کڻي ڪنڀر کي ڏنا، ته مزوريءَ جا پيسا جيڪي لهڻندو هوس، تن ۾ پاري. +انهيءَ کان پوءِ ’پالسي‘ هڪڙو سڌريل کورو جوڙيو، پر هو ڪو اهڙو ڪم نصيب هو، جو کوري جو اندريون پاسو چقمق وارن پهڻن سان جوڙيائين: جڏهن کورو تتو، تڏهن اهي پٿر ڀڄي ڦاٽي پيا، ۽ ٽڪرا اُڏامي مٽيءَ جي ٿانون تي لڳي پيا. جيتوڻيڪ ڪاشي چڱي چڙهي ويئي هئي، تڏهن به ٿانو اصل ڪم جا نه ٿيا. انهيءَ طرح، ڇهن مهينن جو ٻيو به پورهيو اجايو ويو. انهيءَ عيب هوندي به، گھٽ ملهه تي، انهن ٿانون جا گھڻا خريدار نڪتا؛ پر ’پالسي‘ انهن جي وڪڻڻ جي نه ڪئي، جو ڀانيائين ته ائين ڪرڻ ڪري سندس بدنامي ۽ بيقدري ٿيندي؛ تنهنڪري هن اهي سڀ ٿانو ڀڃي پوري ڇڏيا. هو پاڻ لکي ٿو ته ”انهيءَ هوندي به مون کي آس ۽ اميد گھڻي هئي، ۽ آءٌ همت جھليو ڪم کي لڳو آيس. جڏهن ڪي ملاقاتي مون وٽ ايندا هئا، تڏهن آءٌ هنن سان ظاهري سو خوش خورم رهندو هوس، باقي اندر ۾ ڏاڍو غمگين هوندو هوس... سڀ کان وڏي تڪليف جيڪا مون کي سهڻي پيئي، سا اها هئي، جو خود منهنجي گھر جا ڀاتي مون تي کل ٺٺولي ڪندا هئا، ۽ مون کي ستائيندا هئا؛ هو اهڙا ڪم فهم ۽ بي انصاف هئا، جو ڀائيندا هئا ته ضروري اُپائن کان سواءِ آءٌ پنهنجو ڪم پيو ڪريان. ورهين جا ورهيه منهنجا کورا ڍڪ يا اَجھي کان سواءِ پيا هوندا هئا، ۽ راتين جون راتيون مون واچ ۽ مينهن ۾ اتي ويٺي گذاريون، ته به مون کي ڪنهن دڙ دلاسو يا مدد ڪانه ڏني- رڳو هڪڙي پاسي ٻلين جي ميائو- ميائو ۽ ٻئي پاسي ڪتن جي ڀؤن- ڀؤن سا پئي ٻڌي هونديم، ٻيو مڙيوئي خير: ڪڏهن ڪڏهن ته واچ کورن تي اهڙو زور سان لنگھندي هئي، جو آءٌ لاچار ٿي ڀڄي ڪنهن جاءِ ۾ لڪندو هوس. ڪڏهن ته مينهن ۾ پُسي اهڙو بڇڙو ٿيندو هوس، جو ڄڻ ڪنهن مون کي گپ ۾ گھليو آهي: اهڙي حال ۾ آءٌ، اڌ رات جو يا پرهه ڦٽيءَ مهل اونداهيءَ ۾ نشائيءَ يا مواليءَ وانگي، هيڏي هوڏي آٿڙندو، ڪيتريءَ هلاڪيءَ کان پوءِ پنهنجو پورهيو برباد ڏسي، ڏک ۽ اوجاڳي کان ٿڪو ٽٽو، حيران ۽ پريشان، اچي گھر سمهندو هوس؛ پر افسوس، پنهنجي گھر ۾ به مون کي ڪو اجھو يا آرام نٿي مليو! پُسيو ڀَت ٿيو ته اڳي ئي ٿي آيس؛ اڳيان وري ڪوٺيءَ ۾ ٻيو عذاب، پهرئين کان به خراب سهڻو ٿي پيم: انهيءَ جي يادگيري هاڻ به جڏهن پويم ٿي، تڏهن عجب ٿو لڳيم ته الا جي ڪيئن ايترن ڏکن ۾ ڳري مري نه ويس!“ +هن حال ۾ ’پالسي‘ اُداسي ۽ خفقاني ٿي پيو، ۽ نا اميد ٿي پئجي رهڻ کي اچي نزديڪ ٿيو. ’سينٽز‘ شهر جي ٻنين ۽ ميدانن ۾، غمگين ۽ پريشان ٿيو، جھوتون ڏيندو وتيو؛ ڪپڙا ڦاٽي ليڙون ٿي ويس. ۽بت ۾ ڳري هڏا ٿي ويو. پنهنجي ڪتاب ۾، هڪڙي هنڌ، هو پنهنجي بابت هيءَ حيرت جھڙي ڳالهه لکي ٿو ته ”منهنجن ٽنگن جون بڪيون اهڙيون ڳري ويون هيون، جو جوراب پٽين ٻڌڻ سان به مٿي بيهي نٿي سگھيا، ۽ هلڻ مهل کڙين تي ڪريو پئي پيا.“ سندس گھر جا ڀاتي هن کي سندس غفلت ۽ بيحيائيءَ جا طعنا هڻندا رهندا هئا؛ ۽ سندس پاڙيسري هن کي سدس بيعقليءَ ۽ هوڏ ڪري شرمائيندا هئا؛ تنهنڪري ٿوري وقت تائين، هو وري پنهنجو اڳوڻو ڌنڌو ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل هڪ ورهيه جي سخت محنت کان پوءِ، هو وري پنهنجي دلپسند شغول ۾ مشغول ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هن پنهنجي گھر جي ڀاتين لاءِ ٽڪر به پئي ڪمايو، ۽ پاڙيسرين ۾ به وري منهن مٿي کڻڻ جھڙو ٿيو. پر، جيتوڻيڪ هن ڏهاڪو ورهيه اڳي ئي مينا جي ڳولڻ ۾ وڃايا هئا، تڏهن به انهيءَ نئين هنر کي ڪماليت پهچائڻ ۾ هن کي قريب اٺ ورهيه ٻيا به آزمودو ڪرڻ ۾ لڳي ويا. درجي بدرجي، جيئن وڌيڪ آزمودي ڪندو ويو، تيئن ويو وڌيڪ چالاڪ ۽ پڪو ٿيندو؛ ۽ جيئن گھڻا ڀيرا ٿي گُٿو، تيئن واقفيت ۽ استعمال زياده ٿي ٿيس- سڀ ڪنهن ڏک يا مصيبت مان هن نئون سبق ٿي سکيو. انهيءَ طرح، مينا جي ماهيت ۽ مٽيءَ جي قسمن ۽ خاصيتن جي، انهن جي گڏڻ ۽ نرم ڪرڻ جي، ۽ کورن جي جوڙڻ ۽ ڪمائڻ جي، زياده خبر پوندي ويس. +نيٺ، اٽڪل سورهن ورهين جي سخت محنت کان پوءِ، ’پالسيءَ‘ دل جھلي پاڻ کي ’ڪنڀر‘ يا ’ڪاشيگر‘ سڏايو. اهي سورهن ورهيه گويا هن انهيءَ هنر ۾ استاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ شاگرديءَ ۾ گذاريا. انهيءَ عرصي ۾ هوُ پنهنجو اُستاد پاڻ ئي هو، ۽ اصل مهڙ کان وٺي ڪم سکڻ شروع ڪيو هئائين. هاڻي هو پنهنجا ٿانو وڪڻڻ ۽ انهن مان پنهنجن ٻارن ٻچن جي آسودي گذران ڪرڻ جھڙو ٿيو. پر جيڪي هن هيستائين ڪيو هو، تنهن تي راضي ٿي ماٺ ڪري ويهي نه رهيو: سڌاري جي هڪڙي درجي کان ٻئي درجي ڏي پئي ويو، ۽ هميشه دل جو اهو ارادو هوس ته جيترو ٿي سگھي، اوترو ڪماليت جي تمام اعليٰ درجي کي پهچان. نمونن جي لاءِ هن سُڀائي شيون غور سان جانچي ڏٺيون، ۽ طبيعي علم ۾ ايترو مايو حاصل ڪيائين، جو ’بفن‘ جهڙي وڏي عالم چيو ٿي ته ”هن جهڙو طبيعي شين جي خاصيتن ڄاڻڻ وارو رڳو قدرت سان پيدا ٿي سگهندو.“ هن جي هٿ جون جڙيل آرائشي شيون، هن زماني ۾، ڪن عجيب غريب چيزن گڏ ڪرڻ وارن جي ڪوٺين ۾ ڪمياب ۽ قيمتي جواهرن وانگي سانڍيل آهن، ۽ اهڙي ڳري ملهه تي وڪامن ٿيون جو اعتبار ڪرڻ کان ٻاهر.* انهن تي جيڪي نقش نڪتل آهن، سي گهڻو ڪري خود ساهه وارين شين جي نموني تي نڪتل آهن- جهڙيءَ طرح ڪ جهنگلي جانور، سانڊيون يا ڪرڙيون ۽ وڻ ٻوٽا، جي ’سينٽز‘ شهر جي آسپاس هوندا هئا. اهي هن هڪٻئي سان گڏي، رڪابين يا گلدانن جوڙيندي ڪم آندا آهن، جي ڏاڍا سهڻا ٿا لڳن. جڏهن ’پالسي‘ پنهنجي ڪم ۾ تمام قابل ٿيو، تڏهين هن پاڻ کي مٽيءَ جو ڪم ڪندڙ سڏايو. +اڃا به اسين ’پالسيءَ‘ جا سڀ ڏک چئي ڪين چڪا آهيون؛ انهن بابت ڪي ڪجهه اسان کي اڃا چوڻو آهي. هو ’پراٽسٽنٽ‘ مذهب جو هو، ۽ انهن ڏينهن ۾ فرانس جي ڏکڻ ۾ مذهبي تعصب جي ڪري ڏاڍا فساد ٿيندا هئا. پالسي، ڪنهن به ڊپ کان سواءِ، پنهنجو سچو مذهب ظاهر ڪرڻ لڳو؛ تنهنڪري هن کي پڪو مُلحد يا ڪافر ڄاڻندا هئا. سندس دشمنن وڃي مٿس چغلي هنئي، جنهن تي سرڪاري ماڻهو ’سينٽز‘ ۾ سندس گھر گھڙي آيا، ۽ سندس دوڪان کولي ڇڏيائون؛ جنهن ۾ فسادي ماڻهو ڪاهي پيا، ۽ هن جا سڀ ٿانو ٿپا ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيائون، ۽ کيس راتو رات اُتان کڻي، ’بورڊو‘ جي شهر ۾ آڻي، قيدخاني ۾ وڌائون؛ انهيءَ لاءِ، ته جيسين سندس سسيءَ وڍجڻ يا ڦاسيءَ اچڻ جو وارو اچي، تيسين اتي بند رهي. نيٺ فتوا ملي ته هن کي جيئري باهه ۾ ساڙجي؛ پر هڪڙو سکر ماڻهو، جو ’مانٽ مارينسي‘ جو ڪانسٽبل يا وڏو امير هو، تنهن سندس شفاعت ڪئي، ۽ کيس جيئدان ڏياريو- نه انهيءَ ڪري ته هو ’پالسي‘ يا سندس مذهب جي فائدي ۾ هو، پر انهيءَ ڪري ته پيرس شهر کان پنج ڇهه ڪوهه پري، ’ايڪوئن‘ ۾، هن جي هڪڙي محلات پئي جڙي، تنهن جي ڪاشيءَ جي فرش بنديءَ لاءِ ٻيو ڪو ڪاريگر ملي نٿي سگھيو. انهيءَ امير جي سفارش سان سرڪاري حڪم جاري ٿيو ته ’پالسي‘ بادشاهه ۽ انهيءَ امير جي لاءِ ڪاشيءَ جوڙڻ وارو مقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ حڪم جي نتيجو اهو ٿيو جو ’پالسي‘ کي هڪدم ’بورڊو‘، مان ڪڍي ويا. هن کي ڇوٽڪو مليو، ۽ هو وري ’سينٽز‘ ۾ پنهنجي گھر آيو؛ پر ڇا ڏسي ته سڀ سامان ڀڳو ٽٽو پيو آهي، ۽ سڄو گھر ويران ٿيو پيو آهي. سندس دوڪان جي ڇت اڏامي وئي هئي، ۽ سندس ٿانو ٿپا سڀ پرزا ٿيا پيا هئا. هو ’سينٽز‘ شهر جي پچر ڇڏي اٿي ڀڳو، ۽ اتان لڏي اچي پيرس ۾ ويٺو. اُتي حڪم مليس ته بادشاهه جي ماءُ يعني بيوهه راڻيءَ لاءِ توڙي انهيءَ امير جي لاءِ مقرر ڪيل ڪم ويٺو ڪري، ۽ انهيءَ لاءِ کيس ’ٽيوئلريز‘* ۾ رهڻ جي جاءِ ڏنائون. +پنهنجن ٻن پٽن جي واهر سان، ٿانون جي ڪارخاني هلائڻ کان سواءِ، ’پالسي‘ پنهنجي حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ ڪنڀار ۽ ڪاشيگر جي هنر بابت ڪيترائي ڪتاب جوڙيا ۽ ڇاپايا؛ انهيءَ لاءِ ته سندس ملڪ جا ماڻهو آسانيءَ سان اهو ڪم سکن، ۽ جي بيشمار چو��ون پاڻ ڪيون هئائين، سي هو نه ڪن. هن ٻنيءَ پوکڻ، قلعن جوڙڻ ۽ علم خواص الاشياء يا تاريخ طبيعي جي مضمونن تي به ڪتاب لکيا؛ پوين مضمونن تي ته هن ڪن مختصر ماڻهن جي اڳيان زباني بيان به ڏنا. هن علم نجوم، ڪيميا، جادوءَ ۽ اهڙن ٻين ٺڳيءَ جي علمن يا هنرن جي برخلاف گهڻي جنگ هلائي، انهيءَ ڪري هن جا گهڻائي دشمن جاڳي پيا، جن چيو ته هيءُ ڪافر آهي. سندس مذهب جي ڪري هو وري به گرفتار ٿيو، ۽ ’باسٽل‘ ۾ وڃي قيد پيو. هو هينئر اٺهتر ورهين جو پير مرد هو، ۽ قبر جي ڪنڌيءَ تي اچي بيٺو هو، تڏهن به همت ۽ بهادري اهڙي هيس، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر. هن کي دڙڪا ڏيئي چيائون ته جي تون انهن مذهبي ڳالهين کان باز نه ايندين، ته توکي موت مارينداسون؛ پر هو هوڏ ڪري پنهنجي مذهب کي اهڙو چنبڙي پيو، جهڙو مينا يا ڪاشيءَ جي ڳجهي هنر کي ڳولي ڪڍڻ ۾ هوڏ ڪري لڳي پيو هو. بادشاهه هينري ٽيون قيدخاني ۾ کيس ڏسڻ به ويو، ۽ گهڻو ئي سمجهايائينس ته پنهنجو مذهب ڇڏي ڏي. بادشاهه چيس ته ’چڱا مڙس، تون 45 ورهيه منهنجي ۽ منهنجيءَ ماءُ جي نوڪريءَ ۾ رهيو آهين: جڏهن شهر ۾ باهيون پئي ٻريون ۽ ڪوس پئي ٿيا، تڏهن به توکي پنهنجي مذهب تي قائم رهڻ جي نسبت ۾ اسان ڪي ڪين ٿي چيو، ۽ ماٺ ڪريو مُڙيو ٿي وياسين؛ پر هاڻي ”گائيز“ واري فرقي توڙي خود منهنجن ماڻهن مون کي تائي کنيو آهي، تنهنڪري آءٌ لاچار ٿي تنهنجي ٻانهن تنهنجن دشمنن جي حوالي ڪريان ٿو ۽ جيڪڏهن اڃا به تون پنهنجي مذهب کان نه ڦرندين، ته سڀاڻي توکي جيئري باهه ۾ ساڙي ڇڏيندا!‘ انهيءَ جي ورنديءَ ۾ هن هٺيلي پيرمرد چيو ته ”حضور، آءٌ خدا تعاليٰ جي وڏائيءَ تان پنهنجو ساهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اوهان مون کي ڪيترائي ڀيرا فرمايو آهي ته اسان کي توتي رحم ٿو اچي؛ پر هاڻ سو مون کي اوهان تي رحم ٿو اچي، ۽ افسوس ٿو ٿئي، جو اوهين چئو ٿا ته ’آءٌ لاچار ٿيو آهيان.‘ حضور، بادشاهه ته ائين ڪين چوندا آهن؛ پر اِها اهڙي ڳالهه آهي، جا اوهين توڙي اُهي، جي اوهان کي لاچار ڪن ٿا، يعني ’گائيز‘ جي فرقي وارا ۽ اوهان جا سڀ ماڻهو، سي مون کي مور نه مڃائي سگهندا. ڇالاءِ جو آءٌ مري ڄاڻان ٿو!“ ٿيو به نيٺ ائين، جو سگهوئي پوءِ ’پالسي‘ شهيد ٿي مئو- جيتوڻيڪ سسي سا ڪانه لٿيس. هو ’باسٽل‘ جي قيدخاني ۾ اٽڪل هڪڙي ورهيه جي قيد ڀوڳڻ کان پوءِ مري ويو. انهيءَ طرح، هن جي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا، جن ۾ هن همت سان پورهيو ڪيو، عجيب تحمل ۽ پڪي راست بازي ڏيکاري، ۽ ڪيترا عجيب ۽ شريف گڻ ظاهر ڪيائين. * +’جان فريڊرڪ باٽگهر‘، جنهن سچيءَ چينيءَ ٺاهڻ جو هنر ڳولي ڪڍيو، تنهن جو احوال ’پالسي‘ جي احوال جي بلڪل مخالف آهي- جيتوڻيڪ ان ۾ به عجيب غريب ڳالهيون اچن ٿيون. ’باٽگھر‘، سن 1685ع ۾، ’وائيٽ لئنڊ‘ جي ’شليز‘ شهر ۾ ڄائو؛ ۽ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ برلن شهر منجھ، هن کي ڪنهن دوا فروش وٽ شاگرد ڪري رکيائون. ڀانئجي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي کان ڪيميا جي علم سکڻ جو شوق هو، ۽ اڪثر فراغت جي وقت تجربن ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. اهي تجربا گهڻو ڪري انهيءَ لاءِ ڪندو هو ته عام ڌاتن کي ڦيرائي سون ڪري، ڪيترن ورهين کان پوءِ ’باٽگهر‘ اها دعوا ڪرڻ لڳو ته ’مون ڪيميا گرن جو اڪسير لڌو آهي، ۽ انهيءَ جي وسيلي مون سون جوڙيو آهي.‘ هن پنهنجي استاد ’زارن‘ دوا فروش جي اڳيان انهيءَ اڪسير جي قّوت جا آزمودا ڏيکاريا، ۽ ڪنهن تجويز ۽ اٽڪل سان هن کي توڙي ٻين ماڻهن کي خاطري ڪرايائين ته هن ٽامي منجهان سون جوڙيو آهي. +ملڪ ۾ اهو هُل پکڙجي ويو ته دوا فروش جي شاگرد ڪ��ميا لڌي آهي. هزارين ماڻهو، انهيءَ ننڍڙي ڪيميا گر يا سون جوڙڻ واري کي ڏسڻ جي لاءِ ان جي دوڪان تي اچي گڏ ٿيا. خود بادشاهه به کيس ڏسڻ ۽ ساڻس ڳالهائڻ جي خواهش ڏيکاري. جڏهن فريڊرڪ پهرين کي هڪڙو سون جو ٽڪر وڃي ڏنائون، ۽ ٻڌايانس ته اهو ’باٽگهر‘ ٽامي مان جوڙيو آهي، تڏهين هو ڏاڍو خوش ٿيو، جو ڀانيائين ته هاڻ مون وٽ سون جا ڍير لڳي ويندا. پرشيا ۾ تڏهن پيسي جي تمام تنگي هئي، تنهنڪري بادشاهه اهو ارادو ڪيو ته ته ’باٽگهر‘ کي پاڻ وٽ نوڪر رکان ته هو، اسپانڊا‘ جي مضبوط قلعي ۾ ويهي، منهنجي ڪاڻ سون جوڙي. پر، جڏهن ننڍي دوا فروش کي بادشاهه جي ارادي جي کڻڪ پيئي، ۽ ڊپ ٿيس ته متان منهنجي ٺڳي ظاهر ٿي پوي، تڏهن يڪدم ڀڄي جند ڇڏائڻ جو دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيائين، ۽ سگهو ئي اُتان نڪري، سرحد لنگهي، وڃي ’سئڪسني‘ پهتو. ’باٽگهر‘ کي پڪڙڻ لاءِ بادشاهه هزار ٿالر انعام آڇيو، ته به هوهٿ نه اچي سگهيو. هو ’وٽنبرگ‘ ۾ آيو ۽ ’سئڪسني‘ جو بادشاهه’فريڊرڪ آگسٽس، پهريون‘ (جوپولنڊ جو به بادشاهه ٿيو)، جنهن کي ”زبردست“ جو لقب مليل هو، تنهن جي وڃي سام پيو. ’فريڊرڪ‘ کي ته پاڻ انهن ڏينهن ۾ پيسي جي گھڻي گھرج هئي، سو نهايت گھڻو خوش ٿيو- ڀانيائين ته هاڻ هن ننڍي ڪيمياگر جي مدد سان گھڻوئي سون هٿ اچي ويندم! تنهن ’باٽگھر‘ کي، مخفي طرح، شاهي پهري سان، ڊريسڊن شهر ڏي ڏياري موڪليو. اڃا هي ’وٽمبرگ‘ مان مس نڪتا، ته پرشيا جو لشڪر شهر جي دروازي تي اچي ظاهر ٿيو، ۽ ڪيمياگر جي ٻانهن گھرڻ لڳو؛ پر هو اڳي ئي نڪري ويا. ’باٽگھر‘ وڃي ڊريسڊن ۾ پهتو، جتي هن کي طلاخاني ۾ وڃي ٽڪايائون. انهيءَ هنڌ جيتوڻيڪ مٿس سخت پهرو رکيل هو، ۽ نظرداري گھڻي ٿيندي هيس، تڏهن به چڱي پوئواري ڪندا هئس. پولنڊ ۾ جو هبنئر اچي وڳوڙ ۽ فساد پيو هو، تنهنڪري بادشاهه کي ستت ئي اوڏانهن وڃڻو پيو؛ ۽ لاچار ٿي، ’باٽگھر‘ کي ٿوري وقت تائين اتي ئي ڇڏيائين. پر، سون جي لاءِ جو هو حيران ۽ بيصبر هو، تنهنڪري ’وارسا‘ مان ’باٽگھر‘ ڏي لکيائين ته ”تون ضرور مونکي اهو مخفي هنر سيکار، ته آءٌ پاڻيهي پنهنجي منهن سون ٺاهيان!“ جڏهن بادشاهه گھڻو زور ڪيس تڏهن، لاچار ٿي، هن ننڍي ڪيمياگر، بادشاهه ’فريڊرڪ‘ ڏي کهنبي پاڻيءَ جھڙيءَ شي جي هڪڙي شيشي ڏياري موڪلي؛ ۽ لکيائين ته ڪنهن به ڌات کي پگھاري، ان ۾ اهو پاڻي وجھبو، ته ان کي ڦيرائي سون ڪري وجھندو. اها قيمتي شيشي هن شهزادي ’فرسٽ وهان فرسٽنبرگ‘ جي حوالي ۾ ڏني شهزادو، پهري وارن جي پلٽڻ ساڻ ڪري، شيشي کڻي، ’وارسا‘ ڏي اٿي هليو. جڏهن اتي وڃي پهتو، تڏهن انهيءَ مهل ٺهراءُ ٿيو ته آزمودو ڪجي. بادشاهه ۽ شهزادي پاڻ کي محلات جي هڪڙي ڳجھيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي بند ڪيو، ۽ بت تي کڻي چمڙو چاڙهيائون. پڪن ڪيمياگرن وانگي، ڪوٺاريءَ ۾ ٽامو پگھارڻ لڳا؛ پوءِ وري منجھس ’بٽگھر‘ واري کهنبي دوا وڌائون، پر اُن منجھان ڪو به خوشيءَ جھڙو نتيجو نه نڪتو ڪيترو به مٿو هنيائون، ته به ٽامو اهوئي ٽامو ٿيو رکيو هو. پر، جڏهن ڪيمياگر جي فهمائش سنڀالي پڙهي ڏٺائون، تڏهن بادشاهه لي معلوم ٿيو ته انهيءَ ڪيمياسازيءَ ۾ فتحياب ٿيڻ لاءِ ضرور هو ته اها دوا دل جي ڏاڍيءَ پاڪائيءَ سان ڪم آڻجي- ۽ بادشاهه کي سجھندو هو ته مون انهيءَ ڏينهن شام جو وقت تمام خراب صحبت ۾ گذاريو آهي؛ تنهنڪري پڪ ٿيس ته انهيءَ آزمودي ۾ حرڪت پوڻ جو اهو ئي سبب هو. وري ٻيو ڀيرو آزمودو ڪيائين، ته به ڪو بهتر نتيجو ڪونه نڪتو. پوءِ ته بادشاهه اچي ڪاوڙيو؛ ڇاڪاڻ جو ٻئي آزمودي شروع ڪرڻ ک��ن اڳي، بادشاهه پادريءَ جي اڳيان پنهنجو گناهه ظاهر ڪري توبهه ڪئي هئي، ۽ پادريءَ خدا جي درگاهه مان معافي وٺي ڏني هيس، جنهنڪري هاڻ کيس دل جي پاڪائيءَ جي پڪ هئي. +* ٿورا ڏينهن ٿيندا جو لنڊن ۾ ’برنال‘ صاحب جون عجيب غريب شيون وڪاڻيون هيون، تن ۾ ’پالسي‘ جي هڪڙي ننڍي رڪابي، 12 انچن شڪيم واري، جنهن جي وچ تي هڪڙي ڪرڙيءَ جي شڪل نڪتل هئي، سا 162 پائونڊن تي وڪاڻي. +* ٿورا ڏينهن ٿيندا جو ’چارلس ريڊ‘ صاحب، جو فرانس ۾ پراٽسٽنٽ مذهب جون قديم نشانيون گڏ ڪندو هو، تنهن هڪڙو تنور لڌو آهي، جنهن ۾ ’پالسي‘ پنهنجون خاص شيون پچائيندو هو. ڪيترائي بوتا، مورتن ۽ وڻن ۽ جانورن وغيره جا، صحيح سالم کوٽي ڪڍيا ويا، جن تي سندس مشهور نشاني لڳي پيئي هئي. اهو عجائبخاني ۾ ”لُوهر“ جي ڇڄهريءَ جي هيٺان رکيل آهي. +* ’پالسي‘ جي حياتيءَ جي ڏينهن ۽ ڪمن جو بيان پروفيسر ’مارلي‘ پنهنجي مشهور ڪتاب ۾ گهڻو ۽ چڱو ڏنو آهي. مٿي جيڪو مختصر احوال اسان ڏنو آهي، سو گهڻو ڪري خود ’پالسيءَ‘ جيڪو ڪتاب مٽيءَ جي هنر تي لکيو آهي، ۽ جنهن ۾ پنهنجا تجربا ڏيکاريا اٿس، انهن مان ڪڍيو اٿئون. + + +’فريڊ رڪ آگسٽس‘ هاڻي پڪو ارادو ڪيو ته زور ڪري ’باٽگھر‘ کان اهو ڪيميا جو راز معلوم ڪريان، نه ته انهيءَ کان سواءِ خرچ جي تنگيءَ ۽ پيسي جي منجھاري کان ڇٽڻ جو ٻيو ڪو رستو ڪونهي. جڏهن ڪيمياگر کي انهيءَ ارادي جي خبر پيئي، تڏهن وري به هن ڀڄي وڃڻ جو پڪو پهه پچايو. هو پهري وارن کان تجويز ڪري گسائي نڪتو، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪري، آسٽريا ڏيهه جي ’اينس‘ شهر ۾ پهتو، جتي اچي ساهه پٽيائين. پر بادشاهه جا چاري پٺيان لڳا آيس. اهي، پيرو کڻي، شهر جي هڪڙي مهمانخاني تي اچي بيٺا، جنهن جو نالو ۽ نشان ’سونوهرڻ‘ هو. اهي انهيءَ جاءِ کي چوداري ڦري ويا، ۽ ’باٽگھر‘ کي سُتي پئي هنڌ ۾ وڃي پڪڙيائون. جيتوڻيڪ هن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ گھڻوئي زور لاتو، ۽ آسٽريا جي سرڪاري ماڻهن جي مدد گھري، تڏهن به هو کيس زور زبردستيءَ سان کڻي ’ڊريسڊن‘ ۾ آيا. انهيءَ وقت کان پوءِ هن تي اڳي کان سخت پهرو بهاريو ويو، ۽ سگھوئي اتان ڪڍي، ’ڪاننگسٽين‘ جي مضبوط قلعي ۾ آڻي رکيائون. اتي سڌ ڏنائونس ته شاهي خزانو بلڪل خالي آهي، پولنڊ جي ڏهن پلٽڻن کي اڃا گذريا پگھار نه مليا آهن، ۽ اهي سڀ سندس سون لاءِ منتظر ويٺا آهن. بادشاهه پاڻ وٽس آيو، ۽ ڪاوڙ مان چيائينس ته ’جي تون هڪدم سون جوڙي نه ڏيندين، ته آءٌ تو کي ڦاسيءَ چاڙهائي ڇڏيندس!‘ +ورهين جا ورهيه لنگھي ويا، ته به ’باٽگھر‘ سون نه جوڙيو؛ پر تڏهن به هن کي ڦاسي نه آئي: شايد هن جي قسمت ۾ ائين هو ته هو ٽامي مان سون جوڙڻ کان به زياده ڪمائتو هنر ڳولي ڪڍي، يعني مٽيءَ مان چينيءَ ٺاهڻ جو هنر! انهيءَ جا ڪي عجيب نمونا پورچوگيز ماڻهن چين مان آندا هئا، جي سون جي تور کان به وڌيڪ ملهه تي وڪاڻا هئا. پهرين پهرين ’باٽگھر‘ کي هڪڙي ڪيمياگر ۽ اکين جي اوزارن جوڙيندڙ، ’والٽروهان شرنهاس‘ نالي، چينيءَ ٺاهڻ جي ترغيب ڏني. شرنهاس‘ مشهور پڙهيل ماڻهو هو، ۽ بادشاهه توڙي شاهزادو ’فرسٽنبرگ‘ ٻئي کيس گھڻو مان ڏيندا هئا. ’باٽگھر‘ کي ته اڃا به ڦاسيءَ جو ڊپ هو، تنهن کي هن ڏاڍي عقل جي هيءَ صلاح ڏني ته ”جيڪڏهن تون ’سون‘ جوڙي نٿو سگھين، ته مٿو هڻي ڪو ٻيو ڪم ڪر- کڻي ’چيني‘ جوڙ“. +ڪيمياگر انهيءَ اشاري تي عمل ڪيو، ۽ رات ڏينهن محنت ڪري، آزمودا ڪرڻ لڳو. ڪيترن ڏينهن تائين، ڏاڍي ڪشالي سان، هن انهيءَ تحقيقات ڪرڻ ۾ مٿو هنيو، پر حاصل ڪي ڪين ٿيس. نيٺ ڪنهن ماڻهوءَ ��وٺارين جوڙڻ لاءِ ڳاڙهي مٽي آڻي ڏنيس، تنهن هن کي سنئينءَ راهه تي آندو. هن آزمودي سان معلوم ڪيو ته جي انهيءَ مٽيءَ کي تمام گھڻو تؤ ڏجي ٿو، ته شيشي جھڙي ٿيو پوي، ۽ پنهنجي اصلوڪي شڪل وٺيو اچي؛ بناوت ۾ چينيءَ جھڙي آهي، مگر رنگ اٿس، ۽ منجھانئس آرپار به ڏسي نٿو سگھجي. حقيقت ڪري اها ڳاڙهي چيني هئي، جا هن کي اوچتو هٿ اچي ويئي. پوءِ ته هو انهيءَ مان ٿانوَ جوڙي، چيني ڪري، وڪڻڻ لڳو. پر، ’باٽگھر‘ کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته سچيءَ چينيءَ جي مُک خاصيت آهي ’اڇورنگ‘؛ تنهنڪري انهيءَ ڳجھ ڳولي ڪڍڻ جي اميد تي، هو تجربا ڪرڻ لڳو. انهيءَ طرح ڪيترائي سال لنگھي ويا، ته به مطلب حاصل نه ٿيس. نيٺ وري به نصيب ساڻس مدد ڪئي، ۽ اتفاق سان هن کي اڇيءَ چينيءَ جوڙڻ جو هنر اچي ويو. هڪڙي ڏينهن، 1808ع ۾، هو پنهنجي ٽوپيءَ کي هٿ لائي ڏسي، ته تمام ڳري پئي ڳلي؛ تڏهن نوڪر کان ان جو سبب پڇيائين. هن چيس ته ’شايد ٽوپيءَ جي وارن ۾ سرهو اٽو پيل آهي‘- جنهن ۾ هڪڙي قسم جي مٽي وجھندا هئا، جا انهيءَ زماني ۾ وارن کي لائڻ جي ڪم ۾ ايندي هئي. ’باٽگھر‘ نهايت تيزفهم آدمي هو، تنهن ويچار ڪري سهي ڪيو ته شايد اهو ’اٽو‘ اهائي مٽي آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ حيران آهيان. ڪنهن به طرح هن جي دل نه چيو ته ان جي ماهيت ۽ خاصيت معلوم ڪرڻ کان سواءِ اهو وجھ هٿان وڃائي. آخر هن کي پنهنجي ڪشالي ۽ خبرداريءَ جو انعام مليو: آزمودي ڪرڻ کان پوءِ، هن معلوم ڪيو ته انهيءَ وارن واري اٽي ۾ ’ڪولن‘ نالي هڪڙي شي پيل آهي، جنهن جي هٿ نه اچڻ ڪري هيترا ڏينهن هن کي تحقيقات ڪرڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات ٿي هئي. هيءُ هنر جو ’باٽگھر‘ جھڙي هوشيار ماڻهوءَ جي هٿ لڳي ويو، تنهن مان وڏا وڏا نتيجا نڪتا؛ ۽ جيترو ڪيميا يا اڪسير مان فائدو نڪري ها، تنهن کان گھڻو هن مان نڪتو. سن1808ع جي آڪٽوبر مهيني ۾، هن چينيءَ جو پهريون ٿانءُ جوڙي بادشاهه کي ڏنو، جنهن کي اهو ڏاڍو وڻيو. بادشاهه ٺهراءُ ڪيو ته ’باٽگھر‘ کي سڀ ضروري سامان موجود ڪري ڏجي، ته انهيءَ هنر ۾ ڪماليت حاصل ڪري. هن ’ڊيلفٽ‘ شهر مان هڪڙو هوشيار ڪاريگر هٿ ڪيو، جنهن جيءَ واهر سان، ڪيميا جي اصل دعوا ڇڏي، هاڻي هو ٿانون جوڙڻ جي ڪم کي لڳو، ۽ پنهنجي دوڪان جي در جي مٿان هن هيءُ بيت لکي ڇڏيو: +”حق تعاليٰ، خالق ۽ پرورگار، ڪيمياگر کي ڪيو آهي ڪنڀار!“ +’باٽگھر‘ تي اڃا به سخت پهرو رهندو هو ته متان هو پنهنجو ڳجھو هنر ٻين کي ڏسي، يا بادشاهه جي پهچ کان نڪري ڀڄي وڃي. سندس لاءِ جي نوان دوڪان ۽ کُورا جوڙيا ويا هئا، تن تي رات ڏينهن سپاهي پيا پهرو ڏيندا هئا، ۽ ڇهه وڏا عملدار انهيءَ ڪنڀار جي سنڀال ۽ سلامتيءَ جا ذميدار ڪيا ويا هئا. +’باٽگھر‘ پنهنجن نوَن کُورن سان جي تجربا ڪيا، سي تمام چڱا ۽ خاطريءَ جھڙا نڪتا؛ ۽ جيڪا چيني جوڙيائين ٿي، تنهن گھڻو ملهه ٿي ڪيو؛ تنهنڪري بادشاهه وري اها رٿ ڪئي ته چينيءَ جوڙڻ جو هڪڙو شاهي ڪارخانو قائم ڪجي. اها مشهور ڳالهه هئي ته ’ڊيلفٽ‘ جي ڪارخاني جي ٿانَون مان هالنڊ ڏيهه ۾ ڏاڍي دولت گڏ ٿي آهي؛ انهيءَ ڪري بادشاهه خيال ڪيو ته آءٌ ڇو نه چينيءَ جي ڪارخاني مان مايا ميڙيان، ته منهنجو ملڪ به پيسي وارو ٿئي. ان موجب، سن 1810ع ۾، جنوري مهيني جي 23 تاريخ، شاهي فرمان صادر ٿيو ته ’ميسن‘ پرڳڻي جي ’البريڪٽس برگ‘ شهر ۾ چينيءَ جو وڏو ڪارخانو جڙي. اهو فرمان لئٽن، فرينچ ۽ ڊچ ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، ۽ انهيءَ جا نقل بادشاهه جي ايلچين ۽ وڪيلن ڏي موڪليا ويا، جي يورپ جي جدا جدا شاهي درٻارين ۾ مقرر هئا. انهيءَ فرمان ۾ بادشاهه ’فريڊرڪ آگسٽس‘ هيئن لکايو ته ”سيئڊن جي ماڻهن جي ڪاهن ڪري ’سئڪسني‘ جي ملڪ کي گھڻو نقصان پهتو آهي؛ تنهنڪري، ان جي حالت سڌارڻ لاءِ، زمين جي پيٽ ۾ جيڪو خزانو آهي، تنهن ڏي اسان پنهنجو ڌيان لڳايو آهي: انهيءَ تحقيقات لاءِ اسان ڪي هوشيار ماڻهو رکيا آهن، جي هڪڙي قسم جا ڳاڙها ٿانو جوڙين ٿا، جي اصلوڪن چين ۽ جپان جي ٿانوَن کان گھڻو چڱا آهن؛ رنگ رنگ جون رڪابيون ۽ ٻيون شيون به اتي جڙن ٿيون، جي جدا جدا نمونن ٿي وڍي، گِهِي ۽ اُجاري سگھجن ٿيون، ۽ بلڪل اصلوڪن چينيءَ جي ٿانون جھڙيون ٿين ٿيون. اڇيءَ چينيءَ جا نمونا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ اميد آهي ته انهيءَ جا ٿانو به سگھوئي هتي جڙي تيار ٿيندا“. انهيءَ شاهي فرمان جي آخر ۾ لکيل هو ته ”ٻين ملڪن جا جيڪي ڪاريگر ۽ هنر وارا ماڻهو ’سئڪسني‘ ۾ ايندا ۽ نئين ڪارخاني ۾ نوڪر بيهندا، تن کي چڱو پگھار ملندو، ۽ تنهن کان سواءِ بادشاهه پاڻ مٿن گھڻي مهرباني ۽ الطاف ڪندو“. هن شاهي فرمان يا اشتهار مان چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگھندو ته انهيءَ وقت ۾ ’باٽگھر‘ جي نئين ڪڍيل هنر جو سچ پچ ڪيترو قدر هو. +جرمنيءَ ۾ ڇاپيل ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ’باٽگھر‘ جيڪي خدمتون ’سئڪسني‘ ڏيهه ۾ اُن جي بادشاهه جي ڪاڻ ڪيون، تن جي ڪري هو چينيءَ جي شاهي ڪارخاني جو ناظم مقرر ٿيو؛ انهيءَ کان وڌيڪ، ’بئرن‘ جي درجي تي اضافو مليس. بيشڪ هو ايتري مان ۽ شان جي لائق هو؛ پر جيڪا هلت هن سان ٿي، سا نالائقيءَ، ظالم ۽ بيمروتيءَ جھڙي هئي: ’ماٿيوُ‘ ۽ نمٽز‘ نالي ٻه شاهي عملدار، ڪارخاني جا هلائيندڙ ڪري، سندس مٿان مقرر ڪيا ويا؛ هو پاڻ رڳو ڪنڀرن جو جمعدار هو، ۽ ساڳئي وقت ۾ بادشاهه جو نظر بند قيدي پڻ. جيسين ’ميسن‘ ۾ ڪارخانو پئي جڙيو ۽ ’باٽگھر‘ جي مدد جو گھڻو کپ هو، تيسين سپاهي هن کي ڊريسڊن مان آڻيندا ۽ نيندا هئا؛ جڏهن اهو ڪم پورو ٿيو، تڏهن پڻ هو رات جو ڪوٺيءَ ۾ بند ۽ ڪلف هيٺ رهندو هو. هنن سڀني جٺين ڪري، هو دلشڪستو ۽ ڏکويل رهندو هو. ڪيترائي خط بادشاهه ڏي لکيائين، جن ۾ اهو ئي عرض هوس ته ’منهنجيءَ سزا ۾ تخفيف ٿئي‘. ڪي خط ته ڏاڍن دُکارن لفظن ۾ لکيل آهن. هڪڙي ۾ هو لکي ٿو ته ”آئون پنهنجي سڄي جان ۽ دل سان چينيءَ جوڙڻ ۾ مشغول رهندس- ايترو ڪم ڪندس جيترو ڪنهن به ٻئي نئين هنر واري اُستاد اڳي نه ڪيو هوندو- رڳو مون کي بند مان آزاد ڪريو!“ پر هنن عرضن ڏي بادشاهه ڪن ئي ڪونه ڏنو. هو ڪيترن به پيسن خرچڻ ۽ مهربانين ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر هن کي آزاد ڪرڻ جي مور مرضي ڪانه هيس. هن ’باٽگھر‘ کي پنهنجو غلام ٿي سمجھيو. انهيءَ حال ۾، هو ويچارو ڪيترن ڏينهن تائين ڪم ۾ پئي هڄيو، پر ورهيه ٻن کان پوءِ هو ڪم ۾ ڍرائي ۽ غفلت ڪرڻ لڳو. جھڙو جھان مان ڪڪ هو، تهڙو هو پنهنجي بت کان بيزار؛ تنهن ڪري اچي شراب کي لڳو. صحبت جو اثر زور ڀريو آهي، سو جڏهن ’ميسن‘ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي خبر پيئي ته ’باٽگھر‘ کي شرابخوريءَ جي عادت پيئي آهي، تڏهن سگھوئي منجھانئن ڪيترائي شرابي ٿي پيا. انهيءَ مان نتيجو اهو نڪتو، جو منجھن بيحد جھيڙا ۽ جھڳڙا ٿيڻ لڳا- ايتريقدر جو اڪثر لشڪر جا سپاهي سڏبا هئا، جي اچي اُنهن ’چينيءَ جي ڪنڀرن‘ کي بس ڪرائيندا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ ڪارخاني جا سڀ ماڻهو، جي ٽن سون کان وڌيڪ هئا، تن کي ’آلبريڪٽس برگه‘ ۾ کڻي بند ڪيائون، ۽ هنن سان قيدين واري هلت ڪرڻ لڳا. +نيٺ ’باٽگھر‘ اچي سخت بيمار ٿيو؛ ۽ سن 1813ع جي مي مهيني ۾ اهڙو حال ٿيس، جو هر گھڙيءَ ائين پئي ڀانيو ته اجھو ٿو مري. بادشاهه کي جو اچي ڊپ ٿيو ته منهنجو ڪمائتو ٻانهو ٿو هٿان وڃي، تنهن هاڻي اجازت ڏنيس ته ڀلي، پهري هيٺ، گاڏيءَ ۾ چڙهي هوا کائي؛ ۽ جڏهن ٿورو ساهه پٽيائين، تڏهن ڪنهن ڪنهن مهل ’ڊريسڊن‘ ڏي وڃڻ جي به موڪل مليس. سن 1814ع جي اپريل مهيني ۾ بادشاهه جيڪو خط ڏانهن لکيو، تنهن ۾ کيس اصل آزاد ڪرڻ جو ساڻس انجام ڪيائين؛ پر اهو انجام بيوقتو ٿيو. ’باٽگھر‘ بلڪل دلشڪستو ۽ بيمار ٿي پيو. واري سان؛ ڪم به ڪندو هو، ۽ نشو به پيئندو هو. جيتوڻيڪ ڪنهن ڪنهن مهل، اک پٽي، ڪنهن عالي همتيءَ جھڙي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو هو؛ پر زور زبرستيءَ جي بند ڪري اڪثر بيمار گذاريندو هو، ۽ ٻيا به ٿورا ورهيه پئي چُڙيو. نيٺ، سن 1719ع ۾، مارچ مهيني جي 13 تاريخ، 35 ورهين جي ڄمار ۾ مري ويو- ڏکن عذابن کان ڇٽي پيو. هن کي، ’ميسن‘ شهر جي ’جوهانس‘ واري قبرستان ۾، راتو رات پوري ڇڏيائون- ڄڻ ته ڪو ڪتو هو! اجها اهڙي خراب هلت انهيءَ ماڻهوءَ سان ٿي، ۽ اهڙي بڇڙي پڄاڻي اُنهيءَ ماڻهوءَ جي ٿي، جو ’سئڪسني‘ جي تمام وڏن خبرن خواهن ۽ فيض پهچائڻ وارن مان هڪڙو هو! +چينيءَ جي ڪارخاني مان سگهو ئي ڳچ جيترو سرڪاري پيسو پيدا ٿيڻ لڳو، ۽ انهيءَ مان ’سئڪسني‘ جي بادشاهه کي ايترو فائدو پيو جو يورپ جي ٻين گهڻن بادشاهن به ستت ئي هن جي مثال جي پيروي ڪئي. جيتوڻيڪ ’باٽگهر‘ جي انهيءَ هنر ڪڍڻ کان چوڏهن ورهيه اڳي ’سينٽ ڪلائوڊ‘ ۾ نرم چيني جڙندي هئي، تڏهن به سگهوئي سڀ ڪنهن کي معلوم ٿي ويو ته سخت چيني وڌيڪ عمدي ٿي ٿئي. ان جو ڪارخانو، سنه 1770ع ۾، ’سيو هريز‘ شهر ۾ شروع ٿيو. انهن ڏينهن کان وٺي، انهيءَ سخت چينيءَ ڪم اچڻ ڪري، نرم چيني بلڪل بند ٿي ويئي آهي. اهو هنر هينئر فرانس جي تمام فائدي وارن ڌنڌن مان هڪڙو آهي. جيڪي شيون اُتي جڙن ٿيون، تن جي اُچائيءَ ۽ عمدگيءَ ۾ ذرو به شڪ نه آهي. +’جوشيا ويج ووڊ‘، انگريزي ڪنڀر، جي حياتيءَ جو احوال ’پالسي‘ توڙي ’باٽگهر‘ جي احوال کان گهٽ مختلف، رنگ آميز، ۽ وڌيڪ سک ۽ سلڀڳ وارو هو. هو وڌيڪ سک واري زماني ۾ پيدا ٿيو هو، تنهنڪري بهتر نصيب وارو هو. گذريل صديءَ جي وچ تائين، ڪاريگريءَ ۽ هنرمنديءَ جي ڪمن ۾، انگلنڊ، يورپ جي ڪيترن ئي وڏن وڏن ملڪن ۽ قومن کان پٺتي پيل هو. جيتوڻيڪ ’اسٽئفرڊ شائر‘ ۾ گهڻا ئي ڪنڀر هوندا هئا، ۽ ’ويج ووڊ‘ پاڻ به انهيءَ قسم جي ڪنڀرن جي عام قوم مان هو، تڏهن به جيڪي شيون هو جوڙيندا هئا، سي تمام ساديون ۽ ڄٽڪيون هونديون هيون؛ اڪثر لسيون ڀوري رنگ جون هونديون هيون، ۽ اڃا مٽي آلي هوندي هئي، ته مٿن نموني نموني جا گل ۽ چٽ اُڪري ڇڏيندا هئا. مٽيءَ جون خاصيون ۽ عمديون شيون گهڻو ڪري هالنڊ جي ’ڊيلفٽ‘ شهر مان اينديون هيون، ۽ پهڻ جا پيالا ۽ پاڻي پيئڻ جا ٿانو ’ڪلون‘ شهر مان ايندا هئا. ٻاهر جا ٻه ڪنڀر- جي ’ايلر‘ ڪٽنب جا هئا، ۽ ٻئي ڀائر هئا- ’نريمبرگ‘ مان لڏي، ٿورن ڏينهن تائين اچي ’اسٽئفرڊ شائر‘ ۾ ويٺا، ۽ سڌريل ڪارخانو آڻي جاري ڪيائون؛ پر وري سگهوئي هو لڏي وڃي ’چيلسيءَ‘ ۾ ويٺا، جتي هو رڳو جاءِ جي سينگار جون نقش واريون شيون جوڙيندا هئا. اهڙي سخت چيني اڃا انگلنڊ ۾ ڪانه جڙي هئي، جنهن کي ڪنهن ڏاڍي نوڪدار اوزار سان اُڪري يا کرڙي نه سگهجي. ڪيترن ئي ڏينهن تائين ’اسٽئفرڊشائر‘ ۾ جي ٿانو جڙندا هئا، ۽ اڇيءَ چينيءَ جا سڏبا هئا، سي اڇا ڪين هئا، پر ميرانجهڙي رنگ جا هوندا هئا. مطلب ته سنه 1830ع ۾، جڏهن ’جوشيا ويج ووڊ‘ ’برسليم‘ شهر ۾ ڄائو تڏهن، ڪنڀارڪي ڪارخاني جو اهو حال هو؛ ۽ چوهٺ ورهين کان پوءِ هو مري ويو، انهيءَ عرصي ۾ انهيءَ هنر جو حال اصلي ڦري ٻيو ٿي ويو. هن پنهنجيءَ همت، قابليت ۽ تيز طبعيءَ جي زور سان، انهيءَ ڌنڌي جو نئون ۽ پڪو بنياد وڌو. جيئن سندس قبر تي اُڪري ڇڏيو هئائون، تيئن برابر هو ته ”هن هڪڙي ڪين جهڙي ڄٽڪي ڌنڌي کي ڦيرائي، هڪڙو خوشنما هنر ۽ ڪمائتو قومي واپار ڪري وڌو“. ’جوشياويج ووڊ‘ انهن محنتي ۽ اڻورچ ماڻهن مان هو، جي عام ماڻهن جي درجي مان پيدا ٿيندا آهن، ۽ پوءِ، پنهنجيءَ همت ۽ لياقت سان، نه رڳو پورهئي ڪندڙن کي هنري رستا ۽ محنت جون عادتون سيکاريندا آهن، پر پاڻ اهڙو ڪشالو ۽ اُدم ڪندا آهن، جن کي ڏسي چوڌاري ٻيا به چالاڪ ۽ محنتي ٿيندا آهن. انهيءَ طرح، هو پنهنجيءَ ساريءَ قوم جي لياقت ۽ چال سڌاري ڇڏيندا آهن. ’آرڪ رائيٽ‘ وانگي، هو به پنهنجي پيءُ- ماءُ جي تيرهن ٻارن مان سڀ کان ننڍو هو. هن جو ڏاڏو، ۽ ڏاڏس جو ڀاءُ- ٻئي ڪنڀر هئا؛ سندس پيءُ به ڪنڀر هو. هيءُ اڃا ننڍو ٻار هو، ته پڻس ويهن پائونڊن جو ورثو ڇڏي مري ويو. هو هڪڙي ننڍي ڳوٺ جي مڪتب ۾ لکڻ پڙهڻ سکيو هو؛ پر پيءُ جي مرڻ کان پوءِ هن کي اتان اُٺاري آڻي سندس وڏي ڀاءُ جي مختصر ڪنڀارڪي ڪارخاني ۾ رکيائون، جتي هو مٽيءَ اُڇلائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ هنڌ، يارهن ورهين جي ڄمار ۾، هن پنهنجي گذران لاءِ ڪمائي شروع ڪئي. انهيءَ بابت هو پاڻ لکي ٿو ته ”آءٌ ڏاڪڻ جي اصل سڀ کان هيٺئين ڏاڪي کان ٿي چڙهڻ لڳس“. سگهوئي پوءِ، هن کي ماتا جو اهڙو سخت اثر اچي ٿيو، ۽ ان ۾ ايتري تڪليف سٺي، جو سڄي حياتي هو انهيءَ کان پئي ڪڙهيو؛ ڇا لاءِ جو ماتا کان ڇٽڻ کان پوءِ هن کي سڄي گوڏي ۾ ڪو مرض ٿيو، جو تڪڙو تڪڙو وارا ڏيو پيو ٿيندو هوس، ۽ نيٺ ڪن ورهين کان پوءِ، جڏهن گوڏي وٽان ٽنگ ڪپايائين، تڏهن آرام آيس. ’گلئڊسٽن‘ صاحب، برسليم ۾، ’ويج ووڊ‘ بابت جيڪا تقرير ڪئي، تنهن ۾ هن چڱيءَ طرح ڏيکاريو ته جنهن مرض ۾ هو هلاڪ هو، نيٺ سوئي شايد هن جي قابليت ۽ هوشياريءَ جو سبب ٿيو: هن چيو ته ”انهيءَ مرض ڪري هو چست ۽ چالاڪ ڪنڀر نه ٿي سگهيو، جيئن اڪثر انگلنڊ جو ڪاسبي ٿيندو آهي، جنهن جا سڀ عضوا سلامت هوندا آهن ۽ هو انهن کي چڱيءَ طرح هلائي سگهندو آهي؛ پر، انهيءَ مرض ڪري، هن کي دل ۾ آيو ته جڏهن هاڻ آءٌ اهڙو چالاڪ ڪنڀر نٿو ٿي سگهان، تڏهن ڇونه اهڙو ڪو ٻيو ڪم ڪريان، جنهن ڪري اُنهيءَ کان به بهتر ماڻهو ٿي پوان: انهيءَ ڪري، هو دل ۾ پهه پچائڻ ۽ ويچار ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجي هنر جي مخفي خاصيتن ۽ قانونن تي خيال ڪرڻ لڳو. انهيءَ مان نتيجو اهو نڪتو، جو هن کي اُنهن ڳجهين ڳالهين جي اهڙي خبر پيئي، ۽ هو پنهنجي هنر ۾ اهڙو قابل ٿيو، جو جيڪر قديم يونان جي ’اٿينس‘ شهر جو ڪاريگر به هن تي رشڪ آڻي ها. پر جي انهيءَ کان بهتر نه هو، ته انهيءَ جو مَٽ ته بيشڪ هو. +جڏهين ’جوشيا‘ پنهنجي ڀاءُ وٽ ڳچ ڏينهن تائين شاگرد ٿي ڪم ڪري نيٺ قابل ٿيو، تڏهن ڪنهن ٻئي ڪاريگر سان وڃي ڀائيوار ٿيو، ۽ ان سان گڏ ڪپن جي ڳنن، پيتين ۽ ٻين ڪيترين گهر جي ڪم لاءِ شين جوڙڻ جو مختصر ڌنڌو هلايائين. سگهوئي وري وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان ڀائيوار ٿيو، ۽ گدرن کائڻ جون رڪابيون، ڪچي ميوي جي آچار رکڻ جون پنن جي صورت جون رڪابيون، شمعدان ۽ ناس جون دٻليون، ۽ اهڙيون ٻيون شيون جوڙڻ لڳو؛ پر انهيءَ مان هن کي ڪو گهڻو فائدو نٿي ٿيو، جيسين ڪ هو، 1799ع ۾، ’برسليم‘ شهر ۾ پنهنجي منهن ڌار ڪم ڪرڻ لڳو. اُتي هو ڏاڍي محنت ۽ ڪشالي سان پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿيو. نئين نئين نموني جون شيون جوڙڻ لڳو، ۽ ٿورو ٿورو ڪري پنهنجو ڌنڌو وڌائيندو ويو. هن جو خاص م��لب اهو هو ته اُنهن ڏينهن ۾ جو ’اسٽئفرڊ شائر‘ ۾ ميرانجهڙي رنگ جا ٿانو جڙندا هئا، اُنهن جهڙا ڪوشش ڪري جوڙيان، ليڪن شڪل ۽ رنگ، اوجر ۽ ڏاڍائيءَ ۾ اُنهن کان وڌيڪ هجن. انهيءَ ڪم کي پوريءَ طرح سمجهڻ لاءِ، هن پنهنجو فراغت جو وقت ڪيميا جي علم پڙهڻ ۾ لڳايو، ۽ پگهارڻ ۽ اجارڻ جي ڪم جا، مٽيءَ جي ڪيترن قسمن تي، بيشمار آزمودا ڪرڻ لڳو. هو گهڻي ڌيان، پوريءَ چڪاس ۽ جانچ ڪرڻ وارو ماڻهو هو، تنهن تجربي سان معلوم ڪيو ته هڪڙي قسم جي مٽي، جنهن ۾ ’سليڪا‘ نالي شي جو جزو آهي، سا سُڪي ٺوٺ ٿيڻ کان اڳي ڪاري ٿي ٿئي، مگر کوري ۾ باهه جي ڏاڍي تَو کان پوءِ اڇي ٿيو پوي. انهيءَ ڳالهه تي جڏهن هن گهڻو ڌيان ڏنو ۽ ويچار ڪيو، تڏهن هن کي خيال ۾ آيو ته جي ’سليڪا‘ کي ڪنڀرن واري ڳاڙهي آٽي سان گڏي باهه ۾ وجهبو ته هڪڙي اڇي رنگ جي شي ٿي پوندي. انهيءَ شي تي باقي فقط شيشي جهڙو چمڪندڙ اوجر چڙهڻو هو- پوءِ انهيءَ مان اهڙي هڪڙي ڪمائتي چيز جڙي پيئي، جا مٽيءَ جي هنر سان اڳي ڪڏهن نه جڙي هئي؛ ۽ جا پوءِ انگريزي چينيءَ جي نالي سان مشهور ٿيڻي هئي، ۽ واپارين وٽ وڏي قدر ۽ گهڻي ڪم جي شمار ٿيڻي هئي. +ڳچ وقت تائين ته ’ويج ووڊ‘ کي کورن جي ڪري ڏاڍي تڪليف ۽ هلاڪي پهتي- پر ايتري نه، جيتري ’پالسي‘ کي پهتي هئي. اهي مشڪلاتون هن ساڳيءَ طرح، وري وري تجربن ڪرڻ ۽ اڻورچ ٿي ڪم کي لڳڻ سان، پاسي ڪيون. طعام رکڻ جي چينيءَ جوڙڻ لاءِ شروع ۾ جي هن هڪٻئي پٺيان ڪوششون ڪيون، تن مان ڪي ڪين ٿي حاصل ٿيو؛ اٽلندو نقصان پئي پهتس، ۽ اڪثر ڪري مهينن جو پورهيو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ برباد ٿيو پئي ويس. هن جا گهڻا تجربا ڪيا، جن ۾ هن پنهنجو وقت ناڻو ۽ پورهيو وڃايو؛ تنهن کان پوءِ مس هن کي پورو اوجر هٿ لڳو. نيٺ هو، تحمل ۽ اورچائيءَ ڪري، فتحياب ٿيو ۽ اٽڪي نه رهيو. هن کي ڪنڀارڪي ڪم سڌارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، ۽ هڪ گهڙي به هن جي دل تان اهو خيال نٿي لٿو. جن ڏينهن ۾ هو سڀ مشڪلاتون ڪاٽي مٿي چڙهيو هو، آسائش ۽ سک ۾ رهندو هو، ۽ پنهنجي ملڪ توڙي ٻين ملڪن لاءِ پٿر جو اڇو سامان ۽ ميرانجهڙي رنگ جا ٿانو جوڙيندڙ هو، انهن ڏينهن ۾ به هو پنهنجن ڪارخانن کي ويو سڌاريندو- تان جو، هن کي ڏسي، هر ڪنهن طرف انهيءَ ضلعي جي ماڻهن ۾ ساڳيوئي شوق پيدا ٿيو، ۽ آخر انگلنڊ جي ڪارخانن مان هڪڙو ڪارخانو تمام پڪي بنياد تي قائم ٿي ويو. هن کي سدائين اها طمع هوندي هئي ته پنهنجي هنر کي سڌاري ڪماليت کي پهچايان. هو چوندو هو ته ”ڪهڙي به سادي شي جوڙي هنر جو مان گهٽ ڪجي، تنهن کان بهتر آهي ته ڪا شي نه جوڙجي.“ +’ويج ووڊ‘ کي گهڻن وڏن ۽ زور وارن ماڻهن دليؤن جانؤن واهر ڏني. هو سچائيءَ ۽ ايمان سان ڪم ڪندو هو، تنهنڪري ٻيا سچا ۽ ايماندار ماڻهو هن کي خوشيءَ سان مدد ڏيندا هئا، ۽ همتائيندا هئا. راڻيءَ ’شارلٽ‘ جي لاءِ هن پهريائين انگريزي چينيءَ مان تمام عمدا کاڌي جا ٿانو جوڙيا. انهيءَ قسم جي ٿانون کي پوءِ ”راڻيءَ جي چيني“ جو نالو پئجي ويو، ۽ هو ’بادشاهي ڪنڀر‘ مقرر ٿيو. اهو خطاب اهڙو عزت وارو هو، جو هن کي ’بئرن‘ يا بهادريءَ ۽ اميريءَ جي خطاب کان به واڌو پسند ٿي آيو. هن کي تمام قيمتي چينيءَ جا نمونا، سٿن جا سٿا، ڏيو ٿي ڇڏيائون ته انهن کي ڏسي ٻيا جوڙي. اهو ڪم هن ڏاڍيءَ هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ٿي ڪيو. ’سر وليم هئملٽن‘ هن کي ’هرڪيوليم‘ مان قديم زماني جا نمونا آڻي ڏنا هئا. انهن کي ڏسي، هن نهايت سهڻا ۽ پورا ٿانو جوڙي ڏنا. هڪڙي ڀيري ’باربريني‘ جو هڪ گلدان ٿي وڪاڻو، تنهن جي لاءِ هن پورٽ لئنڊ جي ڊيُوڪ جي زال کان به وڌيڪ واڪ ڏنو. هن انهيءَ لاءِ سترهن سؤ گنيون ٿي ڏنيون، پر ڊيوڪ جي زال ارڙهن سؤ گنيون ڏيئي، اها رڪابي هٿ ڪئي. راڻيءَ کي جڏهن ’ويج ووڊ‘ جي مطلب جي خبر پيئي. تڏهن مهرباني ڪري اهو گلدان کيس نموني جي لاءِ اڌارو ڏنائين. انهيءَ کي ڏسي هن، پنجويهه هزار پائونڊ خرچ ڪري، پنجاهه گلدان جوڙيا؛ پر انهن جي وڪري مان ايترا به پيسا نه نڪتا. مگر، هن جي من جي مدعا پوري ٿي، جا اها هئي ته ثابت ڪري ڏيکاريان ته جيڪو به ڪم اڳي ڪنهن ڪيو آهي، اهڙو ساڳيو انگريز ماڻهو پنهنجيءَ همت ۽ هنرمنديءَ سان ڪري سگهندو، ۽ ڪري ڏيکاريندو. +’ويج ووڊ‘ پنهنجي هنر هلائڻ لاءِ ڪيمياگر واري ڪوٺاري، قديم شين جي عالم واري علميت، ۽ اُستاد ڪاريگر واري هنرمندي ڪم ۾ آندي. اڃا ننڍو هو ته هن ’فئلڪسمن‘، مشهور ڪاريگر، جو ڪتاب ڳولي هٿ ڪيو. جيئن اُن جي مطالعي مان هو قابليت حاصل ڪندو ويو، تيئن انهيءَ منجهان مٽيءَ ۽ چينيءَ جي سامان جوڙڻ لاءِ ڪيترائي سهڻا نمونا ۽ نقش چونڊي ڪڍندو ويو، ۽ پنهنجي هنر جي زور سان انهن کي ڦيرائي عمدا ۽ ڊولائتا ٽول ڪندو ويو. انهيءَ طرح هو، انهن جي وسيلي، ماڻهن ۾ قديم زماني جو هنر پکيڙيندو ويو. ڌيان ڏيئي آزمودي ۽ اڀياس ڪرڻ سان هن کي اهڙي قابليت حاصل ٿي، جو مٽيءَ يا چينيءَ جي گلدستن ۽ اهڙين ٻين شين تي نقش ڪڍڻ جو هنر هن ورائي ڳولي ڪڍيو، جو اڳئين زماني ۾ ’ايٽرسڪن‘ ماڻهو ڪم آڻيندا هئا، پر جو ’پاٽني‘ جي وقت کان پوءِ گم ٿي ويو هو. هن طبعي ۽ عقلي علم وڌائڻ ۾ گهڻي مدد ڏني؛ ۽ هڪڙو اوزار ’بئراميٽر‘ (يعني ’مقياس النّار‘ يا باهه ماپڻ جو اوزار) جوڙيائين، جو اڃا تائين سندس نالي سان سڏبو آهي. هو عام فائدي جي سڀني رٿن ۽ ڪمن ۾ دل و جان سان مدد ڏيندو هو. ’ٽرينٽ‘ ۽ ’مرسي‘ ندين واري نهر- جنهن جي ڪري گريٽ برٽن جي ٻيٽ جي اُڀرندي ۽ اُلهندي پاسن جي وچ ۾ جهازن جي آمد رفت جو رستو جاري ٿيو- خاص ’ويج ووڊ‘ جي ڪوشش ۽ عام خيرخواهيءَ، ۽ ’برنڊلي‘ جي انجنيئريءَ، هنر ۽ اُستاديءَ سان جڙي راس ٿي: انهيءَ ضلعي جون سڙڪون خراب حالت ۾ هونديون هيون، تنهن ڪري هن رٿ ڪري ڏهه ميل ڊگهو هڪڙو ڦاٽڪن وارو رستو جوڙيو، جو سندس ڪنڀارڪن ڪارخانن مان لنگهي ٿي ويو. هن اهڙو نالو ڪڍيو جو ’برسليم‘ ۾ توڙي ’ايٽروريا‘ ۾ جي ڪارخانا پوءِ هن جوڙيا ۽ جاري ڪيا، تن جي ڏسڻ لاءِ يورپ جي سڀني ڀاڱن مان سکر سکر ماڻهو ڪڏ ڪري ايندا هئا. ’ويج ووڊ‘ جي محنت ۽ ڪشالي مان نتيجو اهو نڪتو ته ڪنڀارڪو ڌنڌو، جو پهريائين تمام خراب ۽ ساديءَ حالت ۾ هو، سو انگلنڊ جي وڏن ۽ مکيه ڌنڌن مان هڪڙو ٿي پيو: اڳي جو ٻين ملڪن مان اُتي جو گهرو ڪمن لاءِ گهربل سامان آڻبو هو، تنهن جي بدران هينئر پاڻ گهڻو مال ٻاهر وڃڻ لڳو؛ ۽ جيتوڻيڪ انگريزي ڪارخانن وارين شين تي ٻين ملڪن ۾ قهر جا محصول به ٻڌل هوندا هئا. انهيءَ لاءِ ته انهن کي ڪا روڪ ٿئي- تڏهن به مٽيءَ جو سامان جام ٻاهر پيو ويندو هو. ’ويج ووڊ‘ پنهنجي ڪم جاري ڪرڻ کان ٽيهه ورهيه پوءِ، سنه 1885ع ۾، پارليامينٽ جي اڳيان پنهنجن ڪارخانن بابت شاهدي ڏني، جنهن مان معلوم ٿيو ته اڳي جو ڪن ٿورن اڻڄاڻ پورهيتن کي ڪڏهن ڪڏهن نالي جي مزوري ملندي هئي، تنهن جي بدران هاڻي ويهه هزار پورهئي ڪندڙ ماڻهو مٽيءَ جي ٿانون واري ڪارخاني مان خلاصو پيٽ پاريندا هئا. انهيءَ کان سواءِ، گهڻائي ماڻهو انهيءَ ڪارخاني جي لاءِ اڱرن جي کاڻين کوٽڻ ۽ سڪيءَ ۽ پاڻيءَ جي رستي واپار هلائڻ ۾ مشغول هئا. ملڪ جي گهڻن ڀاڱن ۾، ڪيترين ئي طرحن سان پورهيو ۽ ڪمائي وڌي ويئي هئي. اگرچ ’ويج ووڊ‘ جي ڏينهن ۾ هيترو سڀ سڌارو ٿيو، تڏهن به هن جي راءِ هئي ته اڃا اهو ڌنڌو صغيريءَ جي حالت ۾ آهي، ۽ اهي جيڪي سڌارا هن ڪيا هئا، سي گريٽ برٽن جي ملڪي فائدن ۽ طبيعي سهوليتن جي نظر تي، توڙي ڪارخاني وارن ۽ ڪاريگرن جي سخت محنت ۽ وڌندڙ قابليت جي وسيلي سان، جيتري سڌاري ٿيڻ جو امڪان هو، تنهن جي نسبت ڪي ڪين هئا. انهيءَ راءِ جي سچائيءَ جي ثابتي اها آهي، ته اُنهن ڏينهن کان وٺي هن ڪمائتي ڌنڌي ۾ گهڻو سڌارو ٿيندو آيو آهي. سنه 1852ع ۾، سڄا اٺ ڪروڙ چار لک مٽيءَ يا چينيءَ جا ٿانو وغيره انگلنڊ مان ٻين ملڪن ڏي وڪري لاءِ موڪليا ويا؛ تنهن کان سواءِ ٻيو ايترو سامان جڙيو، جو ملڪ جي اندر کتو. پر رڳو سامان جي گهڻائيءَ ۽ قيمت تي ڌيان ڏيڻو ناهي: جي ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ لڳل هئا، تن جي حالت گهڻي سڌري ويئي، اها ڳالهه تحسين جهڙي آهي. جڏهن ’ويج ووڊ‘ پهريندي پنهنجو ڪم شروع ڪيو، تڏهن ’اسٽئفرڊشائر‘ جو ضلعو اڌ سڌريل حالت ۾ هو. ماڻهو ٿورا ڪنگال ۽ اڻ پڙهيل ڄٽ هئا. جڏهن ’ويج ووڊ‘ جو ڪارخانو پڪيءَ طرح جاري ٿيو، تڏهن اڳي کان ٽيڻا ماڻهو وڌي ويا، جن کي پورهيو به ججهو لڳو، ۽ ڪمائي به چڱي ٿي ملي؛ ۽ جهڙي سندن ظاهري دنيائي حالت سڌري ويئي، تهڙي سندن باطني اخلاقي حالت به سڌري ويئي هئي. +اهڙن شخصن کي، سڌريل ملڪ ۽ زماني ۾، محنت جي پهلوانن يا جوانمردن جو لقب ڏيڻ هر طرح مناسب آهي. تڪليفن ۽ مشڪلاتن جي مهل هنن جو صبر ۽ تحمل، ۽ چڱن ڪمن جي پٺيان هنن جي همت ۽ جانفشاني، اهڙي پهلواني ۽ جوانمردي آهي، جهڙي خشڪي ۽ دريائي لشڪر جي سپاهيءَ جي بهادري ۽ جان نثاري- جن جو اهو فرض ۽ فخر آهي ته جيڪي هي محنت جا مهندار همت ۽ ڪشالو ڪري جوڙين، سو هو بهادريءَ سان بچائين ۽ سنڀالين. + + +باب چوٿون +ڪشالو ۽ اورچائي +”محنتي ماڻهو، تونگر آهن. هو وقت يا زماني تي حڪم هلائي سگهن ٿا، جو سڀاءُ جو سرمايو آهي. جي وقت جي هٿن مان کڻي سندس واريءَ جي گهڙي ڪِري پوي، ته به جيڪر هي ماڻهو، محنت ۽ ڪشالو ڪري، واريءَ کي ائين چونڊي وٺن، جئن ڄڻ ته تارن جو ٻج آهي.“ +(’ڊاو هيننٽ‘ مان ورتل) +حياتيءَ ۾ تمام وڏا فائدي جھڙا ڪم، اڪثر سادن اُپائن ۽ رواجي لياقتن ڪم آڻڻ سان ڪرڻ ۾ ايندا آهن. روزمره واري دنيائي وهنوار، جنهن ۾ ڪيترائي فڪر ۽ ڳڻتيون، ضرورتون ۽ فرضي ڪم پيش اچن ٿا، تنهن مان ماڻهوءَ کي تمام چڱي تجربي حاصل ڪرڻ جو گھڻو وجھه ملي ٿو، ۽ جيڪو سچائيءَ سان محنت ڪري ٿو، تنهن کي عام رواجي ڪمن ڪارين ڪرڻ ڪري جھڙو ڪوشش ڪرڻ جو چڱو موقعو ملي ٿو، تهڙو پاڻ کي سڌارڻ جو وجھ ملي ٿو. انساني سک جو رستو سچيءَ فياضيءَ جي قديم شاهي سڙڪ جي ڀرسان وڃي ٿو، ۽ جيڪي ماڻهو بلڪل اڻورچ ٿي سچيءَ دل سان محنت ڪن ٿا، اُهي ئي گھڻو ڪري سڀ کان وڌيڪ فتحياب ٿين ٿا. +اڪثر ماڻهو نصيب کي انڌائيءَ جو ڏوهه ڏيندا آهن؛ پر نصيب اهڙو انڌو ڪين آهي، جھڙا ماڻهو پاڻ آهن. جيڪي دنيائي وهنوار ۽ چالاڪيءَ تي نظر ڪن ٿا، تن کي معلوم ٿيندو ته نصيب اڪثر محنتي ماڻهن جي پاسي آهي- جھڙيءَ طرح واءُ ۽ لهريون تمام هوشيار جھاز هلائيندڙ جي پاسي آهن. انسان جي علمي تحقيقات جي اعليٰ شاخن ۾ به، تحصيل ڪندي، جيڪي عام ۽ رواجي لياقتون آهن، سي ئي تمام گھڻو ڪمائتيون ٿيون ٿين- جھڙيءَ طرح رواجي هوش يا حوصلو ۽ ڌيان، محنت ۽ اورچائي: ذاتي عقل ۽ ذهن اوترو ضروري ناهي- جيتوڻيڪ تمام اعليٰ درجي جي عقلمند ۽ ذهين ماڻهوءَ کي به انهن عام لياقتن جي استعمال کان عار ڪونه ٿو اچي. جيڪي تمام وڏا �� مشهور ماڻهو ٿي گذريا آهن، تن کي ته پاڻ ذاتي عقل يا ذهن تي تمام ٿورو اعتقاد پئي رهيو آهي. ساڳيءَ طرح، عام قسم جا ماڻهو، جي دنيائي وهنوار ۾ ڏاها ۽ محڪم مزاج آهن ۽ فتحيات پئي ٿيا آهن، سي پڻ اُن جا قائل ناهن- بلڪ ڪن ته ذاتي عقل ۽ ذهن جي اها وصف ڏني آهي ته اُهو نهايت درجي جو رواجي هوش ۽ حوصلو آهي. هڪڙو مشهور مُدرس ۽ مدرسي جو سرڪردو چوي ٿو ته ’ذاتي عقل يا ذهن‘ ڪوشش ۽ ڪشالي ڪرڻ جي سگھ کي ٿو چئجي‘. ’جان فاسٽر‘ اُن کي پنهنجي باهه پاڻ ٻارڻ جي طاقت ٿي سمجھيو. ’بفن‘ وري چيو ٿي ته ’ذاتي عقل آهي- صبر ۽ تحمل‘. +’نيوٽن‘ جي سمجھ تمام اعليٰ درجي جي هئي؛ انهيءَ هوندي به جڏهن پڇيائونس ته ڪهڙيءَ طرح تو اهي عجيب غريب حقيقتون ڳولي ڪڍيون، تڏهن هن حجاب سان ورندي ڏني ته ”هميشه اُنهن بابت خيال ڪرڻ سان“. +ٻئي وقت وري هن پنهنجي اڀياس ۽ غور ڪرڻ جو رستو هن طرح بيان ڪيو ته ”آءٌ سدائين مطلب وارو مضمون پنهنجي نظر ۾ رکيو اچان، ۽ تحمل ڪريو پيو ترسان- جيسين ڪ آهستي آهستي، پرهه ڦٽيءَ وانگي، سوجھرو ٿورو ٿي وڌندو وڃي، ۽ نيٺ ڏينهن جھڙي چٽيءَ روشنائي پيدا ٿئي“. ’نيوٽن‘ توڙي ڪن ٻين ماڻهن جو هيتري ناموس ڪڍي، سو رڳو محنت ۽ اورچائيءَ ڪري. رڳو هن جي وندر ئي اها هئي ته هڪڙي مضمون جا ڪتاب مطالع ڪري ٿڪبو هو، ته ٻئي مضمون جا ڪتاب کڻندو هو. ڊاڪٽر ’بينٽليءَ‘ کي هن چيو ته ”جيڪڏهن خلق جي مون خدمت ڪئي آهي ۽ ان کي ڪو فائدو پهچايو اٿم، ته اهو رڳو مون محنت سان، ۽ تحمل ڪري خيال ڪرڻ سان ڪيو آهي“. ساڳيءَ طرح هڪڙي ٻئي وڏي فيلسوف، ’ڪيپلر‘ نالي، پنهنجي اڀياس ۽ ترقيءَ جي بيان ڪندي هيئن چيو ته ” ’ورجل‘ شاعر جي قول موجب، مون سان به اهو حال هو ته انهن ڳالهين تي، محنت ڪري خيال ڪرڻ سان، پاڻ وڌيڪ خيال ڪرڻ جو ضرور ٿي ٿيو؛ نيٺ انهيءَ حد ٿي ويُس جو پنهنجو سڄو ئي خيال ۽ مغز انهيءَ مضمون تي ٿي لڳايم“. رڳو محنت ۽ اورچائيءَ جي وسيلي جي عجيب عجيب نتيجا نڪرن ٿا، تن جي نظر تي گھڻن مشهور قابل ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ اچي ٿو ته جيئن اڪثر ماڻهو خيال ڪن ٿا، تيئن ذاتي عقل يا ذهن اهڙي خدائي ڏات نه آهي، جا ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿي ٿئي. انهيءَ طرح ’والٽيئر‘ جي راءِ هئي ته ’ذاتي عقل واري ماڻهوءَ ۽ رواجي سمجھ واري ماڻهوءَ جي وچ ۾ تمام ٿورو تفاوت آهي‘. ’بڪيريا‘ جي ته اهڙي به راءِ هئي ته ’سڀ ماڻهوءَ شاعر ۽ فصيح ٿي ٿا سگھن‘. ’رينالڊس‘ جو چوڻ هو ته سڀ ماڻهو نقاشيءَ ۽ بت تراشيءَ ۾ استاد ٿي سگھن ٿا‘. جيڪڏهن في الحقيقت ائين آهي ته ’ڪانو وها‘ جي مرڻ مهل جنهن ڀورڙي ۽ ڪند ذهن انگريز پنهنجي ڀاءُ کان پڇيو هو ته ”ڌنڌي هلائڻ لاءِ تنهنجو ارادو آهي يا نه“ تنهن تمام غلط ڳالهه ڪين ڪئي هئي. ’لاڪ‘، هيلوٽيئس‘ ۽ ’ڊئڊراٽ‘ جي راءِ هئي ته ’سڀني ماڻهن ۾ ذاتي عقل ۽ ذهن جي لاءِ هڪجھڙي لياقت آهي؛ ۽ جن قاعدن تي سمجھ ۽ هوش جا ڪم تعلق رهن ٿا، تن موجب، جيڪي هڪڙا ماڻهو ڪري سگھندا آهن، سوئي ٻيا ماڻهو به ڪري سگھندا- بشرطيڪ اهي ساڳين حالتن ۾، ساڳين ڪمن ۾ مشغول رهن. پر، جيتوڻيڪ هر طرح قبول کڻي ڪجي ته محنت ۽ ڪشالي مان عجيب غريب نتيجا نڪرن ٿا، ۽ مشهور ذهن وارا ماڻهو هميشه محنتي ۽ اڻورچ رهندا هئا، تڏهن به اها ڳالهه بلڪل صاف آهي ته جيڪڏهن دل ۽ مغز اصل خدائي ڏات نه هجي ها، ته ڪيتري به محنت، ڪهڙي به چڱي رستي لڳائڻ سان، ’شيڪسپيئر‘ يا ’نيوٽن‘ ’بيٿوو هن‘ يا ’مائڪل آنجيلو‘ جھڙو انسان پيدا نه ٿئي ها. +’ڊالٽن‘، مشهور ڪيمياگر، پاڻ کي ذاتي عقل ۽ ذهن وارو ماڻهو ڪين ڄاڻندو هو، ۽ چوندو هو ته ’جيڪي مون ڪيو آهي، سو رڳو محنت ۽ ڪشالي سان‘. ’جان هنٽر‘ پنهنجي لاءِ چوندي هو ته ’منهنجو مغز مکين جي ماناري سان مشابهت ٿو رکي؛ پر، جيتوڻيڪ منجھس ظاهري ڳڙٻڙ ۽ ۽ ڀوُن- ڀوُن گھڻي آهي، تڏهن به پورو بندوبست ۽ جوڙجڪ منجھس گھڻو آهي، ۽ سُڀاءَ جي چونڊيل ۽ عمدي گنج مان ڏاڍيءَ محنت سان منجهس ماکي پيئي گڏ ٿئي‘. جيڪڏهن اسين رڳو وڏن وڏن ماڻهن جي تاريخي احوال پڙهي ڏسندا سين، ته اسان کي چڱيءَ طرح معلوم ٿيندو ته تمام مشهور ڪلن ڪڍڻ وارا هنر مند ۽ خيالي ماڻهو، ۽ هر ڪنهن قسم جا محنتي آدمي گهڻو ڪري فتحياب ٿيا آهن، اهي اهڙا ماڻهو هئا، جن سڀني شين کي- بلڪ خود وقت کي به- مٽائي سون ڪري ٿي ڇڏيو. وڏي ’ڊزرائلي‘ جي راءِ هئي ته ’فتحمنديءَ جي ڳجهي واٽ آهي- مطلب واري مضمون کي چڪاسي سِهي ڪرڻ: ۽ اهڙي چڪاس ۽ واقفيت رڳو ساندهه محنت ۽ اڀياس ڪرڻ سان حاصل ٿي سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو جن ماڻهن دنيا ۾ تحريڪ پيدا ڪيو آهي، سي جيترو پوريءَ وچولي لياقت ۽ صحت، محنت ۽ اورچائيءَ وارا هئا، اوترا سچي پچي ذاتي عقل ۽ ذهن وارا نه هئا: اهي اڪثر اهڙا هئا، جن کي ڪا خدائي ڏات يا قدرتي لياقت مليل نه هئي، پر اهڙا هئا، جن ڪهڙي به ڪم ۾ پاڻ کي ڏاڍيءَ محنت ۽ ڪشالي سان لڳايو ٿي‘. هڪڙيءَ رن زال، پنهنجي هوشيار پر بيپرواهه پُٽ بابت ذڪر ڪندي، چيو ته ”افسوس آهي جو هن ۾ اڻورچ ٿي محنت ڪرڻ جي طبيعي خاصيت ڪانهي!“ اهڙن بادي طبيعت وارن ماڻهن ۾ اورچائي نه ٿيندي آهي، تنهن ڪري محنتي، بلڪ موڳا ماڻهو به دنيائي وهنوار ۾ هنن کان ڪسر کڻي ويندا آهن. +اٽلي ڏيهه ۾ هڪڙو پهاڪو آهي ته ”جيڪو آهستي آهستي هلي ٿو، سو گهڻي تائين به هلي ٿو، ۽ پري به وڃي ٿو“ انهيءَ ڪري وڏي ضروري ڳالهه آهي ته تعليم يا تجويز سان محنت ڪرڻ جي عادت پرائجي. جڏهين ايترو ڪبو، تڏهين مقابلي ڪري آسانيءَ سان ماڻهو اڳتي وڌي سگهندو. اسان کي ورائي ورائي ڪم ڪرڻ گهرجي؛ محنت ڪرڻ سان پاڻيهي سهنجائي لڳندي. تمام سولو هنر به، محنت کان سواءِ پوريءَ طرح سکي نه سگهبو؛ ۽ محنت سان ڪهڙا به مشڪل مشڪل ڪم ڪري ٿا سگهجن. ’سر رابرٽ پيل‘ پاڻ ۾ جو اُهي مشهور پر وچوليون لياقتون وڌايون، جن جي ڪري هو انگريزي پارليامينٽ ۾ هڪڙو عجيب زيور ليکجڻ ۾ آيو، سو رڳو ننڍي هوندي جي تعليم ۽ وري وري استعماليءَ ڪرڻ ڪري. جڏهين ’ڊريٽن مانر‘ ۾ هو اڃا ڇوڪر هو، تڏهين پڻس زور ڪري ميز تي ويهاريندو هوس، ته في البديهه گفتگو ڪرڻ جي استعمالي ڪري؛ ۽ آچر جي ڏينهن ديول ۾ جيڪو وعظ ٻڌندو هو، تنهن مان جيترو دل تي رهي سگھندو هوس، اوترو ياد چئي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پهريائين ته گھڻو سڌارو ڪونه ڪيائين، پر تحمل ۽ اورچائيءَ سان ڌيان لڳائڻ جي عادت پڪي ٿي ويس، ۽ سڄو ئي وعظ گھڻو ڪري لفظ بلفظ ياد پڙهي ويندو هو. پوين ڏينهن ۾ جڏهن پارليامينٽ منجھ پنهنجن مخالفن جي دليلن جي ترتيبوار جوابن ڏيڻ ۾ لاثاني ٿيو، تڏهن ڪنهن کي به اها خبر ڪانه ٿي پيئي ته اهڙن وقتن تي جو هو ذهن جي تيزيءَ ۽ يادگيريءَ جي عجيب طاقت ظاهر ٿو ڪري، سو ’ڊريٽن‘ جي ننڍڙيءَ ديول ۾ پڻس جي ڏنل تعليم جي ڪري ئي آهي. +تمام عام ۽ رواجي ڪمن ۾ اڻورچ ٿي محنت ڪرڻ مان جي نتيجا پيدا ٿين ٿا، سي بيشڪ عجيب آهن. سارنگي وڄائڻ آسان ڪم ڏسڻ ۾ ايندو هوندو- انهيءَ هوندي به اُن جي استعمالي ڪرڻ ۾ ڪيتري نه سخت محنت ڏينهن جا ڏينهن ڪرڻي ٿي پوي! ’گيارڊني‘ کان ڪنهن جوان پڇيو ته، ”انهيءَ هنر سکڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟“ هن ورندي ڏني ته ”ڏهاڙي ٻارهن ڪلاڪ ورزش ڪجي، ته به مڙئي ويهه ورهيه لڳندا!“ چوڻي آهي ته ناچ سکڻ ۾ به ڏاڍي محنت ٿي لڳي: ويچاري نچڻ واري جڏهن پنهنجي بيسود ڌنڌي ۾ ورهيه جا ورهيه مٿو هڻي، تڏهن مس نالو ڪڍي. جڏهن ’ٽاگيونيءَ‘ رات جي تماشي ڪرڻ لاءِ تياري ٿي ڪئي، تڏهن پيءُ کان ٻن ڪلاڪن تائين جو سبق وٺندي هئي، تنهن جي سختيءَ سبب اهڙي ٿڪجي ساڻي ٿي پوندي هئي، جو سمهڻ جي لاءِ ڪپڙا به ٻيا اچي لاهيندا هئس- ڌوئندا ۽ مالش ڪندا هئس، ته به خبر ڪانه پوندي هيس! رات واري تماشي ۽ نچڻ جي چالاڪي، اهڙيءَ سخت محنت کان پوءِ مس ٿي حاصل ٿي سگھي!. +ڪهڙي به چڱي قسم جو سڌارو، آهستي آهستي ٿيندو آهي. وڏا وڏا ڪم يڪدم ڪري ڪين سگھبا آهن. اسان کي گھرجي ته جيئن حياتيءَ جي رستي تي هلندا هلون، تيئن قدم قدم جي وڌاپي تي قناعت ڪندا اچون. ’ڊي ميٽر‘ جو قول آهي ته ”جنهن کي تحمل ۽ قناعت سان ترسڻ جو رستو هٿ آيو، تنهن کي ڄڻ ته فتحيات ٿيڻ جو ڳجھو رستو هٿ آيو“. لڻڻ کان اڳي اسان کي پوکڻ گھرجي. انهيءَ وچ ۾ اسان کي گھڻيءَ مدت تائين رڳو اُميد آسري تي صبر ڪري ويهڻ ۽ منتظر رهڻ ضرور ٿو ٿئي. جنهن عمدي ميوي جي لاءِ گھڻو ترسڻو ٿو پوي، سو اڪثر دير سان ٿو پچي- مگر، مشرقي ملڪن ۾ هڪڙو پهاڪو آهي ته ”وقت ۽ صبر، تُوت جي پن کي ڦيرائي اطلس ڪري ٿو“. +ساڳئي وقت، صبر ۽ تحمل سان ترسي ويهڻ لاءِ، ماڻهن کي گھرجي ته خوشدليءَ ۽ خوش مزاجيءَ سان محنت ڪن. خوشدلي، محنت ڪندڙ ماڻهوءَ جي لاءِ تمام چڱي خاصيت آهي، جنهن جي ڪري هن جي ذاتي لياقت، ڇڪجي تاڻجي، نيٺ پوري بيهي سگھي ٿي. جيئن هڪڙي پادريءَ چيو آهي ته ”طبيعت، عيسوي مذهب جي ڏهن حصن مان نو حصا آهي“، تيئن خوشدلي ۽ محنت به سياڻپ ۽ حڪمت عمليءَ جي ڏهن حصن مان نو حصا آهي. اهي خاصيتون فتحمنديءَ ۽ نيڪبختيءَ جو روح يا مول آهن. صفائيءَ چستيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ مان جا خوشي حاصل ٿي ٿئي، تنهن کان مٿي شايد دنيا ۾ ٻي ڪانه هوندي؛ ڇا لاءِ جو همت ۽ ڀروسو ۽ ٻيو سڀڪو چڱو گڻ اُن تي تعلق رهي ٿو. جڏهن ’سڊني سمٿ‘، يار ڪشائر ۾ ’فاسٽن لي ڪلي‘ منجھ، پادريءَ جي عهدي تي مقرر هو، تڏهن جيتوڻيڪ اهو ڪم سندس طبيعت جي موافق نه هو، ته به دل جي خوشيءَ سان پيو ڪم ڪندو- انهيءَ ارادي سان، ته جيترو ٿي سگھي اوترو چڱيءَ طرح ڪم ڪري. هن چيو ته ”مون پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي ته جيئن تيئن انهيءَ ڪم سان دل لڳايان؛ اهو وڌيڪ مردانگيءَ جو ڪم آهي، انهيءَ کان، ته ڍونگ ڪري چوان ته اِها نوڪري منهنجي لائق ناهي ۽ ٽپال جي رستي فريادون لکان ته آءٌ اچي پرديس ۾ پيو آهيان ۽ سڃ ۾ پيو گذاريان، يا اهڙيون ٻيون اجايون شڪايتون لکان“. انهيءَ طرح جڏهن هڪ ڊاڪٽر ليڊس جو شهر ڇڏي، نئين قسم جي ڪم تي ٿي ويو، تڏهن چوڻ لڳو ته ’جتي ڪٿي آءٌ هوندس، اُتي خدا تعاليَ جي فضل سان جيڪو ڪم مون کي هٿ لڳي ويندو، سو همت سان ڪندس؛ ۽ جي ڪو به ڪم نه لڳو، ته آءٌ پاڻيهي پنهنجي لاءِ ڪم پيدا ڪندس‘ +جيڪي ماڻهو خاص طرح عام فائدي جي لاءِ پورهيو ڪن ٿا، تن کي اڪثر گهڻن ڏينهن تائين تحمل ۽ بردباريءَ سان ڪم ڪرڻو ٿو پوي، ۽ گهڻو ڪري ڪنهن ترت بدلي يا نتيجي جي اميد جي خوشي ۽ همت حاصل نٿي ٿئي، ڪڏهن ڪڏهن ته جو ٻج هو پوکين ٿا، سو سياري جي برف ۾ لڪل رهي ٿو، ۽ بهار جي اچڻ کان اڳي شايد پوکڻ وارو مري وڃي ٿو. سڀڪو عام فائدي لاءِ محنت ڪندڙ ماڻهو، ’رولنڊهل‘ وانگي، پنهنجي رٿيل ارادي ۽ ڪمائيءَ جو ڦل پنهنجي حياتيءَ ۾ نڪرندو نٿو ڏسي.’ائڊم سمٿ‘، قوم جي وڏي سڌاري جو ٻج ’گلاسگو‘ جي انهيءَ قديم پراڻي مدرسي ۾ پوکيو، جنهن ۾ هن ڏينهن جا ڏينهن پورهيو ڪيو، ۽ اتي هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”ملڪن جي مايا“ جو بنياد وڌو، پر ستر ورهيه لنگهي ويا، تنهن کان پوءِ مس سندس ڪمائيءَ مان ڪي سجايا ڦل نڪرڻ لڳا. ۽ حقيقت جي ڳالهه اها آهي ته اڃا تائين به اُهي سڀ گڏ ٿي نه رهيا آهن. +جو ماڻهو اُميد لاهي ويهي رهي ٿو، تنهن کي ٻي ڪا به شيءِ خوش رکي نٿي سگهي، ۽ ان جي سڄي چال ڦريو وڃي. هڪڙي وڏي پر دلشڪستي فيلسوف جو قول آهي ته ”جڏهن مون سڀ اميد لاٿي، تڏهن آءٌ ڪيئن ڪري سگهندس، ۽ خوش ڪيئن رهي سگهندس؟“ ’ڪيري‘، مشهور پادري، هڪڙو تمام خوشدل ۽ همت ڀريو ماڻهو هو، ڇاڪاڻ جو هو جيڪو ڪم ڪندو هو، سو گهڻيءَ اميد سان ڪندو هو. جڏهن هندوستان ۾ هوندو هو، تڏهن هو اڪثر هڪڙي ڏينهن ۾ ٽن پنڊتن کي ٿڪائي ڇڏيندو هو، جي وٽس منشگيريءَ جو ڪم ڪندا هئا؛ ۽ هو پاڻ وري ساهي رڳو هيئن کڻندو هو، جو هڪڙي قسم جي مشغولي ڇڏي ٻي کڻندو هو. ’ڪيري‘ جو پاڻ موچيءَ جو پٽ هو، تنهن کي ’وارڊ‘ واڍي جو پٽ ۽ ’مارشام‘ ڪوريءَ جو پٽ سندس ڪم ۾ مدد ڏيندا هئا. انهن ٽنهي جي محنت ۽ ڪوشش سان ’سيرامپور‘ ۾ هڪڙو وڏو مدرسو برپا ٿيو؛ سورهن مزي جهڙيون تعليم جون جايون مقرر ٿيون؛ بائبل يعني انجيل جا سورهن ٻولين ۾ ترجما ٿيا؛ ۽ هندستان جو جيڪو ڀاڱو انگريزن جي هٿ ۾ هو، تنهن ۾ فائدي جهڙو اخلاقي سڌاري جو ٻج پوکجي ويو. +’ڪيري‘، پنهنجي غريباڻي اصل نسل جي ڪري ڪڏهن به شرمندو نه ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري، گورنر جنرل سان گڏ هڪ ميز تي ماني ويٺي کاڌائين، ته سندس سامهون هڪڙي آفيسر ٻئي کان آهستي پڇيو. اهڙو جو ٻڌي سگهجي- ته ”’ڪيري‘ اڳي موچي ته نه هو؟“ ’ڪيري‘ انهيءَ دم وڏي آواز سان چيو ته ”نه سائين، آءٌ رڳو ڳلي دوز هوس!“ ننڍپڻ ۾ سندس محنت ۽ اوچائيءَ جي عادت جي هڪڙي تمام عجيب ڳالهه ڪندا آهن: هڪڙي ڏينهن هو ڪنهن وڻ تي ٿي چڙهيو، سو پير ترڪي پيس؛ زمين تي ڪري پيو، ۽ ٽنگ ڀڄي پيس. ڪيترن هفتن تائين ته هو بستري نشين هو؛ پر جڏهن ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ۽ ٽيڪ کان سواءِ هلڻ جهڙو ٿيو، تڏهن پهريون ڪم جو هن ڪيو، سو اهو هو ته انهيءَ ساڳيءَ وڻ تي وڃي چڙهيو! ’ڪيري‘ کي ههڙي همت ۽ بهادري، پادريءَ جي ڪم ۾ عمر گذارڻ لاءِ بلڪل ضروري هئي؛ ۽ هن اهو ڪم عالي همتيءَ ۽ پڪي ارادي سان پورو ڪيو. +ڊاڪٽر ’ينگ‘، مشهور فيلسوف، جو اهو قول هو ته”جيڪو ڪم هڪڙي ماڻهوءَ ڪيو آهي، سو ڪوبه سگهي ٿو“. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته جن آزمائشن ڪرڻ ۽ تڪليفن کڻڻ جو هن ٺهراءٌ ڪيو، تن کان هن ڪڏهن منهن نه موڙيو، هن جي ڳالهه ڪندا آهن ته پهرئين ڀيري جڏهن هو گهوڙي تي چڙهيو، تڏهن ’يوري‘ واري مسٽر ’بارڪلي‘ جو پوٽو، جو مشهور شڪاري هو، سو ساڻس گڏ هو. اوچتو سندن اڳيان جو گهوڙيسوار پئي ويو، تنهن هڪڙي وڏي لوڙهي تان گهوڙو ٽپايو. ’ينگ‘ ڀانيو ته آءٌ به ائين ڪريان؛ پر انهيءَ ڪوشش ۾ هو گهوڙي تان ڪري پيو. نڪي ڪڇيائين، نڪي پڇيائين- هڪدم وري گهوڙي تي چڙهي، ٻيو ڀيرو ڪوشش ڪرڻ لڳو؛ پر وري به لوڙهو ٽپي ٿي نه سگهيو. مگر، هن دفعي هيٺ ڪين ڪريو، رڳو اڇلجي وڃي گهوڙي جي ڪنڌ تي پيو، جتي چنبڙي پيو، ٽئين ڀيري هو پنهنجيءَ ڪوشش ۾ فتحياب ٿيو، ۽ لوڙهو ٽپي وڃي پار پيو. +اها ڳالهه مشهور آهي ته’تيمور‘ تاتاري، ڪمبختيءَ جي حالت ۾، محنت ۽ اورچائيءَ جو سبق ڪوريئڙي کان سکيو، اميريڪا واري پکين جي عالم ’آڊوبن‘ جيڪا پاڻ ڳالهه لکي آهي، سا به اهڙي ئي مزي جهڙي آهي. هو چوي ٿو ته ”مون پنهنجي هٿ سان جي ٻه سو تصويررون ڪڍيون هيون، سي ڪنهن اتفاق سان ��راب ٿي پيون، تنهن ڪري منهنجي دل اهڙي ڀڄي پيئي، جو پکين جي احوال معلوم ڪرڻ ۽ بيان ڏيڻ ۾ جو ڌيان ڏيندو هوس، سو اصل ڇڏڻ تي هوس. آءٌ انهيءَ جو هتي ذڪر ڪريان ٿو، رڳو ايتري لاءِ، ته ڏيکاريان ته اورچائي، يا جنهن کي حد کان زياده شوق به چئي سگهجي ٿو، تنهنجي ڪري جيڪو ماڻهو سُڀاءَ جي سنڀال ڪري ٿو، سو تمام وڏين ۽ دل لوڏيندڙ مشڪلاتن منجهان لنگهي وڃي پار پوي ٿو. ’ڪينٽڪي‘ ۾ ’اوهيو‘ نديءَ جي ڪناري تي جو ’هنڊرسن‘ جو ڳوٺ آهي، ۽ جنهن ۾ آءٌ ڪيترن ورهين کان رهندو هوس، تنهن کي ڇڏي، ڪنهن ڪم تي آءٌ ’فلاڊيلفيا‘ ڏي ٿي ويس. هلڻ کان اڳي مون پنهنجون تصويرون سنڀالي ڏٺيون، خبرداريءَ سان انهن کي هڪڙيءَ ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ رکيم، ۽ هڪڙي عزيز جي حوالي ۾ ڏنم. تاڪيد ڪيومانس ته انهن جي سنڀال ڪر، متان ڪو نقصان پهچين، مون کي ڪي مهينا ٻاهر رهڻو پيو؛ ۽ جڏهن ٿورن ڏينهن تائين وطن جون لذتون وٺي موٽي آيس، تڏهن پنهنجي پيتيءَ جي پڇا ڪيم، ته اهو منهنجو خزانو ڪٿي آهي. پيتي کڻي آيا، ۽ اُها کوليم؛ پر ڇا ڏسان ته مار، ناروي جا ٻه ڪُئا سڄي پيتيءَ جو قبضو وٺي ويا آهن، ۽ جن ڪاغذن تي اڳئين مهيني ۾ هزارن پکين جون تصويرون نڪتل هيون، تن کي ڪُتري، انهن ۾ کڻي ٻچا ڪيا اٿن! انهيءَ ساڙ ڪري، منهنجو مغز اهڙو تپي ويو جو آءٌ پنهنجن حواسن ۾ ئي ڪين هوس. آءٌ راتين جون راتيون ستو پيو هوس، ۽ ڏينهن جا ڏينهن ويسر ۽ بيخياليءَ ۾ گذري ويا. نيٺ، جڏهن منهنجو بت سامت ۾ آيو ۽ ساهه پٽيم، تڏهن پنهنجي بندوق، نوٽبڪ ۽ پينسلون کڻي، اهڙيءَ خوشيءَ سان جهنگ ڏي هليس، جو ڄڻ ته ڪو به خرابيءَ جهڙو اتفاق ئي نه ٿيو هو. آءٌ پاڻ سرهو ٿيس ته هينئر آءٌ اڳي کان به بهتر تصويرون ڪڍي سگهندس. ٽي ورهيه مس گذريا ته منهنجو ڪتاب وري به تصويرن سان ڀرجي پيو“. +اها ڳالهه مشهور آهي، تنهنڪري ان جي وري بيان ڪرڻ جو ضرور ڪونهي ته’سر آئزڪ نيوٽن‘ وٽ جو هڪڙو ننڍڙو ڪتو ”هيرو“ نالي هو، تنهن هڪڙي ڀيري اتفاق سان ٻرندي شمع سندس لکڻ واريءَ ميز تي ڪيرائي وڌي، جنهن ڪري سندس ورهين جا ڪيل مشڪل مشڪل حساب هڪڙي پل ۾ سڙي چٽ ٿي ويا. چون ٿا ته انهيءَ نقصان جي ڪري انهيءَ فيلسوف کي ايترو گهڻو درد ٿيو، جو سندس تندرستيءَ ۾ خلل پئجي ويو، ۽ سندس هوش ۽ عقل کي حرڪت پهچي ويئي اهڙي ئي قسم جو هڪڙو اتفاق ’ڪارلائل‘ صاحب جي لکيل ڪتاب، ”فرانس جو ملڪي فساد“، جي پهرئين جلد سان به ٿيو هو. هن اهو ڪتاب ڪنهن پاڙيسريءَ کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ڀُل کان اهو صُفي ۾ پٽ تي رهجي ويو، ۽ وسري ويو. ڪيترن هفتن کان پوءِ جڏهن ڇاپڻ وارا ڪتاب جي ملڻ لاءِ دانهون ڪرڻ لڳا، تڏهن انهيءَ تاريخ نويس پنهنجو ڪتاب گھرايو. ڏاڍي پڇا ڳاڇا ٿيڻ لڳي. نيٺ معلوم ٿيو ته اُهو ڪتاب پورهيت لڌو هو، ۽ ڀانيائين ته ڪي نڪما ڪاغذ گڏ ٻڌل پٽ تي پيا آهن، سي هن بورچيخاني ۽ صُفي ۾ باهه ٻارڻ جي ڪم ۾ آڻي ڇڏيا هئا! اهو جواب ’ڪارلائل‘ صاحب کي ڏنائون. اُهو ٻڌي، هن جي دل ۾ ڇا آيو هوندو، تنهن جو قياس ڪري سگھجي ٿو. پر، لاچار، ٻيو علاج ڪونه هو: وري نئين سر سرجوشيءَ سان ڪتاب جي لکڻ تي محنت ڪرڻ لڳو. نيٺ، مٿو هڻي، اُهو پورو ڪيائين. هن وٽ ڪو مسودو ڪونه هو؛ لاچار ٿيس جو وري پنهنجي دليان وسري ويل حقيقتون، خيال ۽ عبارتون، ياد ڪري لکي. پهريندي جو ڪتاب لکيو هئائين، سو سندس لاءِ خوشيءَ جو ڪم هو؛ پر وري اُن جي ٻئي ڀيري لکڻ ۾ ايترو رنج ۽ عذاب هو، جو ويساهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي؛ پر هن نيٺ اهڙيءَ حالت ۾ اورچائيءَ ۽ محنت سان اهو ڪتاب پورو ڪيو اهو پڪي ارادي ج�� اهڙو مثال آهي، جنهن جھڙو ڪو ٻيو ورلي ملي سگھندو. +وڏين ڪلن ڪڍندڙ ۽ هنر پيدا ڪندڙ ماڻهن جي احوالن پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو نه انهن سڀني ۾ هڪجھڙي محنت ۽ اورچائيءَ جي وڏي خاصيت ٿيندي آهي. ’جارج اسٽيفنسن‘ جو دستور هوندو هو ته جڏهن به هو ڪن جوان ماڻهن جي مجلس ۾ تقرير ڏيندو هو، تڏهن هميشه پڇاڙيءَ ۾ هنن کي پنهنجي نهايت عمدي صلاح هيٺين لفظن ۾ ڏيندو هو ته ”جيئن مون ڪيو آهي، تيئن اوهين به ڪريو: يعني اڻورچ ٿي محنت ڪريو“. هن پنهنجيءَ چُرڻ واريءَ ڪل جي سڌاري ڪرڻ ۾ پندرهن ورهيه کن مٿو هنيو؛ تنهن کان پوءِ، ’رين هل‘ ۾، مس پوريءَ طرح فتحياب ٿيو. ’واٽ‘ به اٽڪل ٽيهه ورهيه پورهيو ڪري، ٻاڦ جي ڪل ڪماليت کي پهچائي. ٻئي به سڀ ڪنهن علم، هنر ۽ محنت جي شاخ ۾ ڪشالي ۽ اورچائيءَ جا مزي جھڙا مثال ملي سگھن ٿا. شايد تمام مزي جھڙو مثال اهو آهي جو ’نينوا‘ شهر جي قديم مرمر جي پهڻن زمين مان کوٽي ڪڍڻ بابت، ۽ انهن تي جي تير جي منهن جھڙا اکر اڳئين زماني ۾ لکيل هئا، ۽ جي پوءِ گم ٿي ويا هئا، تن جي وري ظاهر ڪرڻ بابت آهي. انهي قسم جا اکر، جنهن زماني ۾ ’مقد ونيه‘ جي يوناني ماڻهن ايران فتح ڪيو، تڏهن کان وٺي گم ٿي ويا هئا، ۽ ڪنهن کي انهن جي خبر ڪانه ٿي پيئي. +’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو هڪڙو هوشيار ڇاڙتو يا اميدوار، جو ايران جي ’ڪرمان شاهه‘ شهر ۾ رکيل هو، تنهن، پاسي وارن قديم عمارتن ۽ نشانن تي تير جي منهن وارا اکر لکيل ڏٺا. اهي اهڙا جھونا هئا، جن جي خبر تاريخن مان ملي نٿي سگھي. جيڪي تاريخون ۽ عبارتون هن نقل ڪيون، تن مان هڪڙي ’بيستون‘ جي مشهور ٽَڪر تان اتاري هئائين. اهو ٽَڪر ميدان کان مٿي 1800 فوٽ اُڀو بيٺل آهي. ان جي هيٺئين ڀاڱي تي، اٽڪل ٽن فوٽن جيتريءَ جاءِ تي، ٽن ٻولين- ايراني، توراني ۽ سرياني ۾ اکر لکيل هئا. جن ٻولين جي خبر هئي ۽ جن جي نه هئي، ۽ جا ٻولي اڃان رواج ۾ هئي ۽ جا گم ٿي ويئي هئي، تن جي مقابلي ڪرڻ سان، انهيءَ جوان شخص، تير جي منهن جهڙن اکرن مان ڪجهه مطلب سمجهيو- بلڪ ’الف- ب‘ به ٺاهي ويو. ’رالنسن‘ صاحب (جو پوءِ ’سرهينري رالنسن‘ ٿيو) پنهنجا ڪي نقل يا اتارا جانچ ۽ چڪاس لاءِ وطن ڏي ڏياري موڪليا. ڪنهن به مدرسي جي مُدرسن يا پڙهائيندڙن کي اڃا تير جي منهن جهڙن اکرن جي خبر ڪانه هئي؛ پر ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ جي آفيس جي هڪڙي ڪلارڪ يا محرر کي- جنهن جو نالو ’نارس‘ هو، غريب ۽ نامشهور ماڻهو هو، ۽ انهن اڻ ڏٺل اکرن کي خاص طرح ڌيان ڏيئي جانچيو هئائين، ۽ انهن مان واقف ٿيو هو- ’رالنسن‘ صاحب وارا ڪاغذ آڻي ڏنائون. هو انهن اکرن پڙهڻ ۾ اهڙو هوشيار ٿي ويو، جو جيتوڻيڪ ’بيستون جبل ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هئائين، تڏهن به ظاهر ڪيائين ته اهي مونجهاري جهڙا اکر پوريءَ طرح نقل ڪيل نه آهن. ’رالنسن‘ اڃا انهيءَ جبل جي نزديڪيءَ ۾ هو، سو پنهنجو نقل وري اصل سان ڀيٽي ڏٺائين، ۽ معلوم ٿيس ته ’نارس‘ جي ڳالهه برابر آهي. انهيءَ طرح، زياده ڀيٽ ڪرڻ ۽ وڌيڪ خبرداريءَ سان جانچ ڪڻ ڪري، انهن تير جي منهن جهڙن اکرن جي تمام گهڻي خبر پئجي ويئي. +پر هنن ٻن پاڻيهي پڙهيل ماڻهن جي قابليت سجائي ڪرڻ لاءِ، ٽئي هڪڙي ماڻهوءَ جي ڪمائيءَ جو ضرور هو، جو هنن کي سندن سياڻپ ۽ تجويز هلائڻ لاءِ سامان موجود ڪري ڏئي. اهو ڪم ’آسٽن ليارڊ‘ پاڻ تي کنيو، جو اصل لنڊن جي هڪڙي وڪيل جو منشي هو. انهن ٽن ڄڻن- يعني هڪڙي اميدوار، انڊيا- هائوس جي هڪڙي ڪلارڪ، ۽ وڪيل جي هڪڙي منشيءَ- هڪڙي ورهين جي وسريل ٻولي ظاهر ڪئي، ۽ قديم شهر بابل جي گم ٿيل تاريخ ڳولي ڪڍي، اها ڳالهه ڪنهن کي اعتبار ۾ ئي نه ايندي؛ پر في الحقيقت ائين هو. ’ليارڊ‘ فقط ٻاويهن ورهين عمر جو جوان هو. اڀرندي وارن ملڪن ۾ گشت پيو ڪندو هو، ته اوچتو اچي دل ۾ پيس ته ’فرات‘ ندي لنگهي پرئين پاسي وارا ملڪ ڏسان. پوءِ رڳو هڪڙو سنگتي ساڻ ڪري، پنهنجن هٿيارن جي ڏڍ تي هام ڀري، ۽ انهيءَ کان وڌ، پنهنجي خوشدليءَ ۽ خوش خلقيءَ ۽ همت تي ڀروسو رکي، هو ڪيترين قومن منجهان سلامتيءَ سان لنگهي ويو، جن جي پاڻ ۾ موتمار جنگ پئي هلي. گهڻن ورهين کان پوءِ پوريءَ پنيءَ موڙيءَ سان پر محنت ۽ اورچائيءَ، قائم ارادي، توڪل ۽ تحمل جي مدد سان، مخفي احوال ظاهر ڪرڻ جي شوق ۾ رهي رهي، نيٺ هن ايترا تاريخي خزانا کوٽي ڪڍيا ۽ ظاهر ڪيا، جن جهڙا ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ يڪي سر محنت ڪرڻ سان نه ڪڍيا هوندا. ’ليارڊ‘ صاحب سڄا ٻه ميل سنگتراشي ڪم جا ظاهر ڪيا، جن تي شڪليون ۽ اکر اڪريل هئا. انهن قديمي قيمتي نشانن مان ڪي چونڊيل شيون جي هاڻي انگلنڊ جي عجائبخاني ۾ رکيل آهن، تن مان ٽن هزارن ورهين کان اڳ پاڪ ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل ڳالهين جي جڏهن پڪي ثابتي ۽ تصديق ملي، تڏهن جهان کي حيرت لڳي ويئي، جو ڀانيائون ته خدا جي قدرت سان اهي اسرار ظاهر ٿيا آهن. ’ليارڊ‘ صاحب انهن مشهور نشانن جي کوٽي ڪڍڻ جو بيان هڪڙي ڪتاب ۾ لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”نينوا جا نشان“. اهو جيڪو پڙهندو، تنهن کي هميشه معلوم ٿيندو ته هڪڙي سر جي محنت جانفشانيءَ، همت ۽ جوانمرديءَ جا جيڪي نهايت سچا ۽ مزي جهڙا دفتر اسان وٽ موجود آهن، تن مان اهو ڪتاب به هڪڙو آهي. +’ڪائونٽ ڊي بفن‘ جي احوال مان انهيءَ ڳالهه جو ٻيو عمدو مثال ملي ٿو ته صبر ڪري محنت ڪرڻ مان ڏاڍو چڱو ۽ زور ڀريو اثر پيدا ٿئي ٿو- جيئن هن پاڻ لکيو آهي، ’ذاتي عقل، صبر ۽ تحمل آهي.‘ ’بفن‘ صاحب علم موجودات يا علم حيوانات ۾ جيڪي وڏا وڏا ڪم ڪيا، تن هوندي به ننڍپڻ ۾ هو رواجي سمجهه وارو هو. هن جو ذهن پڪي ٿيڻ ۾ تمام ڍرو هو، ۽ جيڪي هڪ دفعي هو سمجهندو هو، سو وري ظاهر ڪرڻ يا ٻئي کي سمجهائڻ مشڪل لڳندو هوس. بدن جي ڊول ۽ بغاوت ڪري به هو سست هو؛ ٻيو وري ورثي ۾ وڏي جاگير ملي هيس، تنهنڪري به خيال ۾ اچي سگهندو ته هن جو ميل، آرام ۽ عيش عشرت ڏي گهڻو هوندو هو. پر ان جي برخلاف، هن ڪچيءَ ۾ ئي پڪو ارادو ڪيو ته عيش ۽ عشرت کي ويجهو نه ويندس، ۽ پاڻ کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ سڌارڻ ۾ مشغول رکندس. جڏهن سمجهائين ته وقت هڪڙو حد ڪيل خزانو آهي، ۽ ڄاتائين ته آءٌ فجر فجر جو ڪيترا ڪلاڪ اجايو هنڌ ۾ پئي پئي پيو وڃايان، تڏهن هِن انهيءَ عادت ڦٽي ڪرڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪيو. ڪن ڏينهن تائين هن ائين ڪرڻ لاءِ ڏاڍو مٿو هنيو، پر جيڪو وقت پنهنجي لاءِ مقرر ڪيو هئائين، تنهن تي اٿي نه سگهيو. تڏهن هن پنهنجي نوڪر ’جوزف‘ جي مدد گهري. هن سان انجام ڪيائين ته ’جنهن جنهن ڏينهن تون مون کي ڇهين بجي کان اڳي هنڌ مان اٿاريندين، انهيءَ ڏينهن آءٌ توکي هڪڙو ڪرائون انعام ڏيندس.‘ پهرئين ڀيري جڏهن ’بفن‘ کي سندس نوڪر اٿڻ لاءِ سڏيو، تڏهن هن اٿڻ کان انڪار ڪيو، ۽ چوڻ لڳو ته مون کي ڇڏ، آءٌ بيمار آهيان!‘ ۽ هن جي اهڙيءَ حرڪت تي ظاهري ڪاوڙ ڪرڻ لڳو. نيٺ جڏهن دير ڪري هو اٿيو، تڏهن ’جوزف‘ کي اجايو سجايو ڳالهايائين، ۽ چيائين ته ’جڏهن مون توکي صاف حڪم ڏنو هو ته زور ڪري مون کي اٿارجئين، تڏهن ڇو مون کي هنڌ ۾ سمهڻ ڏنئه!‘ تنهن تي نيٺ نوڪر دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته هاڻ ڪيئن به ڪرائون کٽندس. ٻئي ڀيري ’بفن‘ کي وري اٿڻ لاءِ زور ڪيائين- جيتوڻيڪ اڳيان هن گهڻيون منٿون ڪيس، سوال- جواب هلايائين، ۽ هڪدم نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جا دڙڪا ڏنائينس. هڪڙي ڏينهن، ’بفن‘ اٿڻ کان اصل جواب ڏيئي پئجي رهيو. ’جوزف‘ ڏٺو ته هن جي هوڏ ڀڃڻ جو ٻيو چارو ڪونهي، سواءِ سختيءَ جي. سو، برف جهڙو ٿڌو پاڻي کڻي هنڌ تي سندس هيٺان ڪنهن ٿانءَ مان اڇلائي وڌائين- جهٽ ۾ هو ٽپ ڏيئي اٿي ويهي رهيو! اهڙن زور وارن اُپائن سا، نيٺ ’بفن‘ پنهنجي عادت مٽائي. هو هميشه چوندو هو ته ”آءٌ ’جوزف‘ جو شڪرگذار آهيان، جنهن مون کي علم موجودات جا ٽي يا چار جلد لکايا.“ +پنهنجيءَ عمر جا چاليهه ورهيه برابر، ’بفن‘، ڏهاڙي صبح جو نائين بجي کان وٺي ٻي بجي تائين، ميز تي ويهي لکپڙهه جو ڪم ڪندو هو؛ ۽ وري سانجهن جو پنجين بجي کان وٺي نائين بجي تائين ڪم ڪندو هو. هو اهڙي ساندهه محنت ڪندو هو، ۽ پوري وقت تي ڪم ڪندو هو، جو اها عادت ٿي ويئس. هن جي احوال لکڻ واري چيو آهي ته ”ڪم کان سواءِ هن جي گذرندي نه هئي؛ ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ مان هن کي ڏاڍي لذت ۽ خوشي حاصل ٿيندي هئي؛ مفيد ڪمن ۾ گهڻي عمر گذاري، پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هو اڪثر چوندو هو ته ’مون کي اڃا به اميد آهي ته ڪي ٿورا ورهيه انهيءَ پاڪ ڪم ۾ لڳائيندس.‘ هو ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ وارو هو. هميشه جيڪي پڙهندو هو، سو انهيءَ نيت سان، ته ٻين کي پنهنجا عمدا خيال تمام عمديءَ عبارت ۾ سمجهايان. جيڪي لکندو هو، تنهن کي وري وري سڌارڻ ۽ درست ڪرڻ ڪري ٿڪبوئي ڪين هو؛ جنهن ڪري سندس عبارت تمام پوري ۽ قابليت جهڙي ٿيندي هئي. هن پنهنجو ڪتاب ”موجودات بابت بيان“ برابر يارهن ڀيرا لکيو، تڏهن مس اهو پسند ڪيائين، انهيءَ هوندي به، انهيءَ ساڳئي ڪتاب بابت، اٽڪل پنجاهه ورهيه اڳي خيال پئي پچايائين. هو بلڪل ڪم- وندو ماڻهو، ۽ سڀ ڳالهه ۾ باترتيب هلڻ وارو هو. اڪثر چوندو هو ته ’ذاتي عقل، ترتيب کان سواءِ، چئن حصن مان ٽي حصا وڃايو ڇڏي. هن جو ڪتابن لکڻ ۾ ناموس ڪڍي، سو رڳو سخت محنت ۽ ڪشالي ڪري. ’مئڊم نيڪر‘ چوي ٿي ته ’بفن‘، جنهن جي اها پڪي راءِ هئي ته ’ذاتي عقل ۽ ذهن ڪنهن خاص مضمون تي ڳوڙهي ڌيان لڳائڻ جو نتيجو آهي‘، سو چوندو هو ته ’جڏهن آءٌ پهرين پنهنجا ڪتاب لکندو هوس، تڏهن بلڪل ٿڪجي بيزار ٿي پوندو هوس؛ پر زور ڪري پاڻ کي موٽي انهيءَ ڪم تي آڻيندو هوس. جيتوڻيڪ ڀائيندو هوس ته هاڻ اهي پوريءَ طرح لکي ڇڏيا اٿم، تڏهن به خبرداريءَ سان وري اهي پڙهندو هوس. نيٺ اهڙو هري ويس، جو انهيءَ گهڻي ۽ مونجهاري جهڙي سڌاري ۽ درستيءَ ڪرڻ مان بيزاريءَ جي بدران لذت حاصل ٿيندي هيم.“ هيءَ ڳالهه به هتي آڻڻ ضرور آهي ته ’بفن‘ جيڪي پنهنجا وڏا وڏا ڪتاب لکيا ۽ ڇاپايا، سي هڪڙي تمام سخت ۽ عذاب جهڙي بيماريءَ جي حالت ۾. +علم وارن جي احوال مان انهيءَ محنت ۽ اورچائيءَ جي سگهه جا تمام گهڻا مثال ملي ٿا سگهن. انهيءَ نظر تي، جهڙو مفيد مثال، ’سر والٽر اسڪاٽ‘ جي احوال مان ملي ٿو، اهڙو شايد ٻئي ڪنهن مان نٿو ملي. هن ۾ جا محنت ڪرڻ جي عجيب لياقت هئي، تنهن جي تعليم ۽ عادت هن هڪڙي وڪيل جي آفيس ۾ پرائي هئي، جتي هو ورهين جا ورهيه نقل ڪندڙ منشيءَ جهڙي پورهئي ۾ پئي هڄيو. ڏينهن جي اهڙن ڏجهن کان پوءِ جڏهن شام جو ڇٽندو هو، تڏهن رات جو وقت پاڻ وڌيڪ مٺو لڳندو هوس، اُهو هو اڪثر ڪتاب مطالع ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو. پاڻ قبول ڪندو هو ته محنت ۽ اورچائيءَ جي عادت، جا اڪثر خلاصي علمي شغل وارن ماڻهن ۾ ڪانه ڏسبي آهي، سا مون پنهنجيءَ آفيس جي ڪڪ ڪرڻ جهڙيءَ تعليم مان حاصل ڪئي هئي. نقلنويسيءَ مان، لفظن جي مقرر ڪيل تعداد واري سڀ ڪن��ن صفحي جي لاءِ، هن کي ٽي پينس ملندا هئا؛ ڪڏهن ڪڏهن ته، زياده محنت ڪرڻ سا، چوويهن ڪلاڪن ۾ هو 120 صفحا نقل ڪندو هو، جنهن ڪري اٽڪل ٽيهه شلنگ ڪمائيندو هو: انهيءَ مان ڪنهن وقت هو هڪڙو ڪيماب ڪتاب خريد ڪندو هو، جنهن جي وٺڻ جي، انهيءَ اپاءَ کانسواءِ، وسعت ڪانه هوندي هيس. + + +حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ ’اسڪاٽ‘ پنهنجي محنتي ۽ ڪم- وندو هئڻ تي فخر ڪندو هو، ۽ رواجي شعر جوڙڻ وارن جي اجائيءَ راءِ جي برخلاف چوندو هو ته ’ذاتي عقل يا ذهن ۽ حياتيءَ جي عام فرضن جي نفرت جي وچ ۾ ڪوبه ضروري واسطو ڪونهي.‘ ان جي برعڪس، هن جي راءِ هوندي هئي ته ’ڏهاڙي ڳچ جيترو وقت ڪنهن سجائي شغل ۾ لڳائڻ مان اهو فائدو آهي ته نيٺ ماڻهوءَ جي سمجهه يا ذهني قوت زور وٺي ٿي.‘ انهيءَ کان پوءِ جڏهن ’ايڊنبرگ‘ ۾ هو سيشن- ڪورٽ جو ڪلارڪ هو، تڏه ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم هو اڪثر صبح جي مانيءَ کائڻ کان اڳي ڪندو هو؛ ۽ ڏينهن جو ڪورٽ ۾ ويندو هو، جتي داخل ٿيل قبضن ۽ ٻين قسمن جي دستاويزن جي تصديق ڪندو هو. ’لاڪ هارٽ‘ لکي ٿو ته ”هن جي تاريخي احوال ۾ هيءَ هڪڙي تمام عجيب ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته جنهن عرصي ۾ هن محنت ڪري ڪتابن لکڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جو ڪم ڪيو، تنهن ۾ پنهنجي وقت جو گهڻو ڀاڱو هن نوڪريءَ جي فرضن کي ايمان سان ادا ڪرڻ ۾ لڳايو هوندو، جي سارو سال نه، ته به هر سال جي اڌ جيترو عرصو ته ائين ڪيو هوندائين.‘ هن پنهنجي لاءِ هيءُ ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو ته آءٌ جيڪي جيڪي ڪمائيندس، سو نوڪريءَ يا ڌنڌي ڪرڻ سان، نه ڪتابن لکڻ سان‘. هڪڙي ڀيري هن چيو ته ’مون پڪو ارادو ڪيو هو ته ڪتاب نويسي منهنجي ٽيڪ ڏيڻ جي لٺ ٿئي، نه مَنڊيءَ ٽنگ جي گهوڙي؛ ۽ ڪتابن لکڻ مان جيڪو فائدو پيدا ٿئي ٿو، سو جيتوڻيڪ ٻيءَ طرح سولو آهي، تڏهن به جيترو مون کان ٿي سگهندو، اوترو پنهنجي رواجي خرچ لاءِ ضروري ٿيڻ نه ڏيندس.“ +سڀ ڪم پوري وقت تي ڪرڻ جي عادت هن ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان پاڻ ۾ قائم ڪري ڇڏي هئي، نه ته جيڪر هيترن ڪتابن لکڻ جو ڪو امڪان هو ڇا؟ هن قاعدو ڪري ڇڏيو هو ته جيڪو خط اچي، تنهن جو انهيءَ ڏينهن جواب لکجي؛ پر جي ڪا پڇا ڳاڇا ڪرڻي هوندي يا ڪجهه خيال ڪرڻو هوندو، ته پوءِ ترسڻ ۾ حرڪت ڪانهي. جيڪڏهن ائين نه ڪري ها، ته اهي ڍير خطن جا جي هڪٻئي پٺيان پيا ايندا هوس، تن جي نيڪال ڪرڻ ۾ ڪيئن پورو پوي ها؟ ڪڏهن اهڙو ڪڪ ٿيندو هو، جو تحمل جي طاقت نه رهندي هيس. هن جو دستور هوندو هو ته فجر جو پنجين بجي اٿندو هو، ۽ پنهنجي باهه پاڻ ٻاريندو هو. آرام سان پنهنجي ڏاڙهيءَ جي صفائي ڪري، ڪپڙا ڍڪي، ڇهين بجي ڌاري لکپڙهه جي ميز تي وڃي ويهندو هو: پنهنجا ڪاغذ سڀ پوريءَ ترتيب سان اڳيان رکي ويندو هو؛ جن ڪتابن ۾ ڪي ڏسڻو هوندو هوس، سي پنهنجي چوڌاري زمين تي قطار ڪري رکندو هو؛ ۽ ڪتابن جي پريان وري وڌيڪ نه، ته به هڪڙو لاڏلو ڪتو پنهنجي سامهون ويهاريندو هو، جو سندس منهن ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوندو هو. انهيءَ حالت ۾، جيسين تائين ڏهين بجي جي وچ ۾ سندس گهر جا ڀاتي مانيءَ لاءِ گڏ ٿيندا هئا، تيسين هي گهڻو ئي لکي ويندو هو، جيئن پاڻ چوندو هو، ”ڏينهن جي ڪم جو ڳاٽو ڀڃي وجهندو هوس!“ پر، ايتريءَ سخت محنت ۽ اورچائيءَ هوندي، ۽ ايتري علميت ۽ قابليت جا گهڻن ورهين جي تحمل ۽ ڪشالي بعد حاصل ڪئي هئائين، تنهن هوندي به، ’اسڪاٽ‘ هميشه چوندو هو ته ”آءٌ ڪي به ڪين ڄاڻان.“ هڪڙي ڀيري هن چيو ته ”پنهنجي حياتيءَ جي سڀ ڪنهن ڀاڱي ۽ دنيا جي سڀ ڪنهن ڌنڌي ۾ مون کي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ جو ڏاڍو ارمان رهيو آهي، ۽ پهنجي بيعلميء�� جي ڪري ڏاڍي حرڪت پهتي آهي.“ +سچي ڏاهپ ۽ نماڻائي اجها اها آهي؛ ڇا لاءِ جو جيئن ماڻهوءَ جي ڏاهپ ۽ علميت سچي پچي زياده ٿيندي، تيئن هو گهٽ مغرور ٿيندو. ’ٽرنٽي‘ ڪاليج جو هڪڙو شاگرد پنهنجي اُستاد کان ڪاليج ڇڏڻ لاءِ موڪلائڻ ويو، ۽ چوڻ لڳو ته ’هاڻ مون تعليم وٺي پوري ڪئي آهي، ۽ علم حاصل ڪري بس ڪئي اٿم“؛ تنهن کي سندس اُستاد ڏاهپ سان طعنو هڻي چيو ته ”شاباس، مون ته اڃا مس پنهنجي تعليم شروع ڪئي آهي!“ ڪم ظرف ماڻهو، جنهن گهڻين شين بابت رڳو نالي جو علم حاصل ڪيو آهي، پر پوريءَ طرح ڪابه خبر ڪانه اٿس، سو پنهنجيءَ علميت ۽ قابليت تي تڪبر ڪندو ته ڪندو، مگر جيڪو داناءُ آهي، سو نماڻائيءَ سان هيئن چوندو ته ’جيڪا مون کي خبر آهي سا اها، ته مون کي ڪابه خبر ڪانهي‘؛ يا جيئن ’نيوٽن‘ چيو هو ته آءٌ رڳو سمنڊ جي ڪناري تي ڪوڏين ۽ سپن چونڊڻ ۾ مشغول آهيان، ۽ حقيقت جو اُونهو سمنڊ منهنجي اڳيان پيو آهي، جنهن جي انت جي ڪنهن کي خبر ڪانهي.‘ +ٻئي درجي وارا جيڪي پڙهيل ۽ علم دوست ماڻهو ٿي گذريا آهن، تن جي احوال مان به انهن ئي جهڙا عمدا مثال، ۽ محنت ۽ اورچائيءَ جا، ملي سگهن ٿا. ’جان برٽن‘، جنهن ڪتاب ”انگلنڊ ۽ ويلس جون خوبيون“ تصنيف ڪيو هو ۽ گهڻا قيمتي ڪتاب عمارت سازيءَ بابت لکيا هئا، سو ’ولٽشائر‘ جي ’ڪنگسٽن‘ شهر ۾ هڪڙي غريباڻي ڀُنگيءَ ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ نانوائي ۽ جَون جي شراب جوڙڻ وارو هو، پر ڌنڌي ۾ نقصان پوڻ سبب هو ديوانو ٿي پيو هو. ’برٽن‘ تڏهن ننڍو ٻار هو. هن ڇوڪر کي مڪتب جي ڪابه تعليم ڪانه ملي، پاڻ خراب صحبت نصيب ٿيس، پر شڪرانو جو انهيءَ ڪري هو کري چٽ ٿي نه پيو. هن جو هڪڙو چاچو ’ڪلارڪينويل‘ ۾ شراب فروش هوندو هو، تنهن وٽ ننڍي هوندي ئي وڃي پورهيو ڪرڻ لڳو، ۽ پنجن ورهين تائين انهيءَ جي زيردستيءَ ۾ شراب سان ٻاٽليون ڀريندو هو، ۽ انهن کي ٻوچ ڏيندو ۽ گدام ۾ رکندو هو. پوءِ جڏهن اچي هن جي تندرستيءَ ۾ خلل پيو، تڏهن چاچس ڪڍي ڇڏيس ته وڃي ڌڪا جهلي. انهيءَ وقت سندس کيسي ۾ فقط ٻه گنيون هيون، جي پنجن ورهين جي ڪمائيءَ ۾ هن کي مليون هيون. انهيءَ کان پوءِ ستن ورهين تائين هن ڏاڍيون سختيون ۽ زماني جون گردشون ڏٺيون. انهيءَ هوندي به، هن جيڪو پنهنجو احوال پاڻ لکيو آهي تنهن ۾ چوي ٿو ته ”هڪڙي غريباڻي ۽ اونداهي ڪوٺي، جنهن ۾ هر هفتي ارڙهن پينس ڪرايو ڏيئي رهندو هوس، تنهن ۾ آءٌ پيو ڪتاب مطالع ڪندو هوس، ۽ سياري جي ڏينهن ۾ رات جو اڪثر هنڌ ۾ سمهيو پيو پڙهندو هوس، ڇا لاءِ جو باهه ٻارڻ جي خرچ جي وسعت نه هوندي هيم.“ پوءِ، اتان پيرين پيادو پنڌ ڪري، ’باٿ‘ شهر ۾ ويو، جتي شراب جي تهخاني سنڀالڻ جي نوڪري مليس؛ پر وري سگهوئي لنڊن ۾ اچي نڪتو. حال اهڙا بڇڙا هئس جو نڪو پيسو هوس، نڪا جتي هيس، ۽ نڪو پهراڻ بت تي هوس. پر، انهيءَ هوندي به، لنڊن جي شرابخاني ۾ گدام سنڀالڻ جي نوڪري مليس. اتي هن جو ڪم اهو هوندو هو ته صبح جي ستين بجي کان وٺي رات جي يارهين بجي تائين، تهخاني واري گدام ۾ هوندو هو. هن اونداهيءَ واري بند ۾ ۽ هيتري سخت ڪم جي ڪري هو بيمار ٿي پيو. تنهن کانپوءِ هو هڪڙي وڪيل وٽ هفتي ۾ پنڌرهن شلنگن پگهار تي وڃي بيٺو؛ ڇا لاءِ جو هيتري عرصي ۾ جيڪا ٿوري گهڻي فرصت ملندي هيس، تنهن ۾ ڪوشش ڪري لکڻ جي هنر ۾ ڀڙ ٿيو هو. هن نوڪري ڪندي، هو اڪثر فرصت جي وقت ۾ ڪتاب جي دوڪانن تي ويندو هو، ۽ جيڪي ڪتاب خريد ڪري نه سگهندو هو، تن مان ٿورو ٿورو مطالع ڪندو ويندو هو. انهيءَ طرح ڳچ جيترو مايو حاصل ڪيائين. پوءِ وري ٻيءَ آفيس ۾ وڃي نوڪر بيٺو، جتي وڌيڪ پگهار ملندو هوس، يعني ويهه شلنگ هفتي ۾. اڃا به هو، اڳي وانگي، ڪتاب پڙهندو ۽ اڀياس وڌائيندو ويو. اٺاويهن ورهين جي ڄمار ۾ مس هن هڪڙو ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو رکيائين، ’پزئرو‘ جا پهلوانيءَ جهڙا ڪم.‘ اهو هن ڇاپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي مرڻ تائين جيڪا اٽڪل پنجونجاهه ورهين جي مدت گذري، تنهن ۾ ’برٽن‘ ڪتابن لکڻ جي محنت ۾ ڏاڍو مشغول رهيو. هن جا ڪتاب جيڪي ڇاپي هيٺ آيا آهن، سي ستاسي کان گهٽ نه آهن. انهن مان جيڪو تمام مشهور آهي، سو آهي ”انگلنڊ جون قديم ديوليون.“ اهو في الحقيقت عمدو ڪتاب آهي، ۽ ان جا سڄا چوڏهن جلد آهن. انهيءَ هڪڙي ئي مان ’جان برٽن‘ جي محنت ۽ اورچائي چڱي طرح معلوم ٿي سگهي ٿي. +لائوڊن‘، نمائشي باغن رکڻ وارو، به اهڙيءَ ساڳيءَ لياقت جو ماڻهو هو، ۽ تمام محنتي ۽ جفاڪش هوندو هو. ايڊنبرگ جي ويجهو هڪڙو ڪڙمي رهندو هو، تنهن جو هو پٽ هو، ۽ ننڍي هوندي کان هو محنت ڪرڻ تي هري ويو هو. هن کي چڱن چڱن ڏيکن جي نمونن ۽ نقشن ڪڍڻ جي اٽڪل اچي ويئي هئي، تنهنڪري پڻس کڻي نمائشي باغائي جي ڪم سکڻ تي وهاريس. انهيءَ شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ هفتي هفتي ۾ هو ٻه سڄيون راتيون جاڳي ڪتاب پڙهندو هو؛ انهيءَ هوندي به ڏينهن جو مزور کان وڌيڪ پورهيو ڪندو هو. انهيءَ طرح، رات جو پڙهندي، هن فرينچ ٻولي سکي؛ ۽ ارڙهن ورهين جي عمر کان به اڳي هن، هڪڙي وڏي ’انسائڪلوپيڊيا‘ يعني جامع العلوم ڪتاب لاءِ، ’آبيلرڊ‘ جي حياتيءَ جو احوال ترجمو ڪري ڏنو. هن کي پنهنجي سڌاري جو اهڙو شوق هو جو ويهن ورهين جي عمر ۾، انگلنڊ ۾ باغائيءَ جو ڪم ڪندي، هن پنهنجي نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏيو ته ”آءٌ هينئر ويهن ورهين جو آهيان، ۽ شايد منهنجيءَ ڄمار جي ٽي پتي گذري ويئي آهي؛ انهيءَ هوندي به، مون پنهنجي هم جنس ماڻهن جي فائدي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟“ اهڙو خيال اڪثر ويهن ورهين واري جوان ماڻهوءَ کي ڪين ايندو آهي. فرينچ ٻوليءَ کان پوءِ وري جرمن ٻولي سکيو، ۽ ٿوري عرصي اندر انهيءَ ۾ هوشيار ٿي ويو. تنهن کانپوءِ هن ڳچ جيتري ٻني مقاطعي کنئي، انهيءَ لاءِ ته ان ۾ اسڪاٽلنڊ وارا کيتيءَ ڪرڻ جا سڌارا ڪم آڻي. سگهوئي ان ۾ فتحياب ٿيو، ۽ تمام گهڻي پيدائش حاصل ٿيس. جڏهن جنگ پوري ٿي، ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ وڃڻ جي اتي جي ماڻهن کي موڪل ملي، تڏهن هيءُ سفر تي نڪتو، انهيءَ لاءِ، ته ٻين ملڪن ۾ باغ رکڻ ۽ پوک ڪرڻ جي تجويز ۽ هنرمندي جانچي معلوم ڪري. هن ٻه ڀيرا اهڙو گشت ڪيو، ۽ انهيءَ جو سڄو احوال هن ڪتاب ’انسائڪلوپيڊيا‘ ۾ ڇاپايو. انهيءَ قسم جو اهڙو مشهور ڪتاب ڪو ٿورو هوندو، جو انهيءَ ۾ ڪمائتن مضمونن بابت تمام گهڻو بيان ڏنل آهي؛ ۽ اهو بيان هن اهڙيءَ سخت محنت ۽ ڪشالي سان گڏ ڪيو، جو ٻيو ڪونه ڪري سگهندو. +’ساميوئيل ڊريو‘ جو احوال به اهڙوئي عجيب آهي، جهڙو مٿي ذڪر ڪيل ماڻهن جو. هن جو پيءُ ’ڪارنوال‘ ۾ ’سينٽ آسٽيل‘ جي پادريءَ واري محلي جو تمام محنتي مزور هو. جيتوڻيڪ هو غريب هو، تڏهن به هن تجويز ڪري پنهنجن ٻن پٽن کي پاڙي جي هڪڙي ننڍڙي اسڪول ۾ موڪليو، جتي هفتي جي لاءِ هڪ پيني في ڏبي هئي. ’جيبز‘، جو وڏو هو، تنهن کي پڙهڻ جو شوق هو، ۽ اهو چڱو سڌارو ڪري ويو؛ پر ’ساميوئيل‘، جو ننڍو هو، سو موڳو هو ۽ ڏاڍي حرڪت ڪندو هو، ۽ اڪثر پڙهڻ کان نٽائي ڀڄي ويندو هو. جڏهن اٽڪل اٺن ورهين جو ٿيو، تڏهن ٽِين يا ولائتي لوهه جي هڪڙيءَ کاڻ تي مزور ڪري رکيائونس، جتي ڏينهن ۾ هو ٽي اڌ- پينس ڪمائيندو هو. ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ هن کي هڪڙي موچيءَ وٽ شاگرد ڪري و��هاريائون. انهيءَ هنڌ هن ڏاڍي سختي ڏٺي، جو پاڻ چوندو هو ته ”اتي آءٌ اهڙيءَ طرح ٿي رهيس، جهڙيءَ طرح ڏيڏر ڏاندار هيٺ رهي.“ ڪڏهن دل ۾ ايندو هوس ته ڀڄي وڃي سامونڊي چور ٿيان، يا اهڙي قسم جو ڪو ڪم ڪريان. جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويو، تيئن ڀانئجي ٿو ته هو زياده بيپرواهه ۽ شرير ٿيندو ويو. اڪثر باغيچن ۾ چوريءَ ڪرڻ وارن ڇوڪرن جو مهندار هوندو هو. جيئن مڙس ٿيندو ويو، تيئن شڪارگاهن ما جانور چورائڻ يا سرڪاري محصول جي چوريءَ ڪرڻ جي هنر ۾ شوقين ۽ چالاڪ ٿيندو ويو. جڏهن سترهن ورهين جو ٿيو، ۽ اڃا سندس شاگرديءَ جو عرصوئي نه گذريو هو، ته هو ڀڄي ويو، انهيءَ ارادي سان، ته وڃي ڪنهن جنگي جهاز تي نوڪر بيهي- پر رات جو ڪنهن گاهه واري ٻنيءَ ۾ سمهي ننڊ ڪرڻ ڪري هو البت ٿڌو ٿيو؛ ۽ موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳو. +تنهن کانپوءِ، ’ڊريوءَ‘، ’پليمائوٿ‘ جي نزديڪيءَ ۾، جتين جوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. ’ڪاسانڊ‘ ۾ هن پلٿي بازيءَ يا لڪڙي بازيءَ ۾ هڪڙو انعام کٽيو، جو ڀانئجي ٿو ته انهيءَ هنر ۾ هن چڱي استعمال ڪئي هئي. انهيءَ هنڌ رهندي، هڪڙي ڀيري، هن محصول جي چوريءَ جي هڪڙي ڪم ۾ ذري گهٽ پنهنجي جان گنوائي هئي. انهيءَ حرڪت بازيءَ ۾ جو وڃي شامل ٿيو، سو ڪي بهادريءَ جي ڪمن جي شوق ڪري، ۽ ڪي فائدي ڪڍڻ جي اميد تي، ڇالاءِ جو هن کي تڏهن هفتي ۾ اٺن شالنگن کان وڌيڪ ڌنڌي مان حاصل نه ٿيندو هو. هڪڙيءَ رات، ’ڪرافٽهول‘ جي سڄي بندر ۾ اشتهار ڪيو ويو ته هڪڙو ٺڳ ڪناري تان هليو آهي، انهيءَ لاءِ ته جهازن مان مال جون ڳٺڙيون چوريءَ ڪري ڪناري تي لاهي. اها خبر ٻڌي، اتي جا سڀ ماڻهو، جي اڪثر محصول جا چور هئا، سي اچي ڪناري تي گڏ ٿيا. اُنهن مان هڪڙي ٽولي ته ٽَڪرن تي ويهي رهي، انهيءَ لاءِ ته روشنائيءَ ڪرڻ سان پنهنجن سنگتين کي نشان ڏين، ۽ جيڪو مال ڪناري تي آڻين، سو نيڪال ڪن؛ ٻي ٽولي ٻيڙين ۾ چڙهي مال لاهڻ تي هلي- ۽ ’ڊريو‘ انهيءَ پوئينءَ ٽوليءَ ۾ هو. رات تمام ڪاري هئي؛ ۽ اڃا گهڻو مال ڪناري تي لاٿوئي نه هئائون ته اچي واچ لڳي، ۽ سمنڊ ۾ لهريون شروع ٿيون. پر ٻيڙين وارن پڪو ٺهراءُ ڪيو هو، سي مڙيا ڪين. محصول جي چورن جو مهندار جو پري سمنڊ تي بيٺو هو، انهيءَ ۽ ڪناري جي وچ ۾ گهڻائي پُور آندائون ۽ نيائون. جنهن ٻيڙيءَ ۾ ’ڊريو‘ هو، تنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ جي ٽوپي هوا جي زور سان اُڏامي ويئي. ٽوپيءَ کي جهٽڻ جي جا هن ڪوشش ڪئي، تنهن ۾ اها ٻيڙي اٽلي پيئي. ٽي ماڻهو ته انهيءَ دم ٻڏي مئا، باقي ٻيا ٿوري وقت تائين ته ٻيڙيءَ کي چنبڙيو پيا هئا، پر جڏهن ڏٺائون ته ٻيڙي پاڻ سمنڊ ڏانهن وڌندي وڃي، تڏهن هٿ ڇڏي ترڻ لڳا. ڪناري کان هو اٽڪل ٻه ميل پري هئا. رات جي اونداهي حد کان وڌيڪ هئي. ٽي ڪلاڪ برابر پاڻيءَ ۾ مٿا هڻي، ’ڊريو‘، هڪ ٻن ٻين سان، ڪناري جي ويجهو هڪڙي ٽڪريءَ تي اچي پهتو. کيس ۽ سندس سنگتي کي ٻين ماڻهن ڳولي اچي ڪڍيو؛ پر هنن جو حال اهڙو ٿي ويو هو جو مردن وانگي پئي ڏٺا، جيئرا نٿي معلوم ٿيا. جيڪو مال لاٿو هئائون، تنهن مان هڪڙو شراب جو پيپ کڻي آيا؛ اُنهيءَ جو منهن ڪهاڙيءَ سان وڍي، شراب جو پيالو ڀري، انهن موت کان بچيل ماڻهن کي پياريائون، تنهن کان پوءِ ستت ئي ’ڊريو‘، اُونهيءَ برف مان جهاڳيندو، ٻه ميل پنڌ جا ڪري، پنهنجيءَ جاءِ تي اچي پهتو. +جنهن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي شروعات اهڙي هئي، تنهن مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. اُنهيءَ هوندي به، اهو ساڳيو ڊريو، جو ڀاڄوڪڙ، باغن جي چوري ڪندڙ، جتيون جوڙيندڙ، پلٿي بازي ڪندڙ ۽ محصول جي چوري ڪندڙ هو، جوانيءَ جي غفلت ۽ مستي لنگهائي، نيٺ مشهور پادري ۽ پاڪ ڪتابن تي وعظ ڪرڻ وارو ۽ عمدن ڪتابن جي لکڻ وارو ٿي پيو. سندس نصيب چڱا هئا، جو سگهوئي منجهس جيڪا ذاتي همت ۽ چالاڪي هئي، سا مڙي بهتر رستي تي آئي، جنهنڪري جهڙو هو اڳي برائيءَ جي ڪري مشهور هو، تهڙو پوءِ چڱائيءَ جي ڪري مشهور ٿيو. پڻس وري به هن کي ’سينٽ آسٽيل‘ ۾ وٺي آيو، هو اتي آسپاس جي ڳوٺن ۾ موڪليندو هوس، جو گهمندو جتيون جوڙيندو ۽ وڪڻندو وتندو هو. شايد گذرئي واقعي ۾ جا جان بچي ويئي هيس، تنهنڪري هن البت اک پٽي، ۽ سمجهه ڌاري، ڇالاءِ جو انهيءَ کان پوءِ سگهوئي هو ڊاڪٽر ’ائڊم ڪلاڪ‘ جي اثر وارن وعظن تي شوق سان ڌيان ڏيڻ لڳو، جو صاحب ’ويسليئن ميٿڊ سٽ‘ مذهب وارن عيسائين جو پادري هوندو هو. انهيءَ ڌاري هن جو ڀاءُ به مري ويو، تنهنڪري پاڻ سندس خيال زياده سنجيدو ۽ پختو ٿيو- انهيءَ وقت کان وٺي هن جو ڊول ئي ڦري ٻيو ٿيو. هو وري نئين سر علم حاصل ڪر لڳو؛ ڇا لاءِ جو هيستائين هن کي لکڻ پڙهڻ گهڻو ڪري وسري ويو هو. ڪيترن ورهين جي استعمال کان پوءِ به، هڪڙي دوست سندس اکرن جي نسبت اها مشابهت ڏني ته ’ڄڻ ڪو ڪورئڙو، مس ۾ ٽٻي ڏيئي، نڪري ڪاغذ تي سري، ليڪا ڪڍي ويو آهي.‘ انهيءَ وقت ڌاري پنهنجي بابت ’ڊريو‘ پونين ڏينهن ۾ هيئن لکيو ته ”جيئن آءٌ وڌيڪ پڙهندو ويس، تيئن مون کي پنهنجي غفلت ۽ ناداني زياده معلوم ٿيندي ويئي؛ ۽ جيئن پنهنجيءَ غفلت ۽ نادانيءَ جي زياده خبر ٿي پيم، تيئن وڌيڪ شوق دل ۾ ٿي جاڳيم، ۽ همت مضبوط ٿي ٿيم ته انهيءَ تي قابض پوان. جيڪو فرصت جو لحظو ٿي بچيم، سو هڪڙيءَ نه ٻيءَ شي پڙهڻ ۾ ٿي لڳايم. مون کي هٿن جي پورهئي سان پاڻ کي پالڻو به هو، تنهنڪري مون کي پڙهڻ جو وقت تمام ٿورڙو ملندو هو؛ انهيءَ مشڪلات ٽارڻ لاءِ آءٌ اڪثر اها رٿ ڪندو هوس ته جڏهن ماني کائيدو هوس، تڏهن ڪتاب پٽي اڳيان رکندو هوس، ۽ سڀ ڪنهن دفعي جڏهن هڪڙي طعام جا ٿانو کڻي ويندا هئا ۽ ٻئي جا آڻيندا هئا، تنهن وچ ۾ پنج ڇهه صفحا پڙهي ويندو هوس.“ جڏهن هن ’لاڪ‘ صاحب جو ڪتاب ”سمجهه بابت بيان.“ پڙهيو، تڏهن پهرئين دفعي هن جي دل ۾ ’علم الاهيات‘ جو ميل ٿيو. هو چوي ٿو ته ”انهيءَ مان آءٌ گويا غفلت جي ننڊ مان جاڳيس؛ ۽ پڪو ٺهراءُ ڪيم ته هيستائين جيڪي خسيس ۽ تنگ خيال اندر ۾ سانڍيو ٿي آيس، سي مطلق ڇڏي ڏيان.“ +’ڊريو‘ ڪن ٿورن شلنگن جي موڙيءَ سان پنهنجي منهن ڌنڌو شروع ڪيو، هن جي چال چلت اهڙي پوري هئي، جو، هڪڙي پاڙيواري جانڊاهيءَ پنهنجي خوشيءَ سان هن کي ڪي پيسا اُڌارا آڇيا، جي هن قبول ڪيا. پوءِ هن ڌنڌي مان ايترو فائدو حاصل ڪيو، جو انهيءَ ورهيه جي آخر ۾ اهي اڌارا پيسا موٽي ادا ڪري ڇڏيائين. پر، ننڍي هوندي کان هن اهو پڪو ارادو ڪيو ته؛ ’آءٌ ڪنهن کان به ڪا شي اُڌاري نه وٺندس‘؛ ۽ انهيءَ ارادي تي هو گهڻين ئي مشڪلاتن ۽ سختين ۾ قائم رهندو آيو. ڪيترا ڀيرا ته هو رات جي مانيءَ کان سواءِ به وڃي ستو هوندو؛ رڳو انهيءَ لاءِ ته متان صبح جو قرضي ٿي اُٿان. هن جي دل جي خواهش ۽ ڪوشش اهائي هئي ته محنت ۽ صرفي سان خود مختيار ۽ پنهنجي محتاجيءَ وارو ٿيان ۽ انهيءَ ۾، هو درجي بدرجي فتحياب ٿيو. پورهيئي جي غلطانيءَ ۾ به هن پنهنجي دل جي سڌارڻ لاءِ ڏاڍو ڪشالو پئي ڪيو، ۽ علم هئيت ۽ علم تاريخ ۽ علم الاهيات جا ڪتاب پئي پڙهيائين. پوئين علم تي هن خاص انهيءَ ڪري مٿو ٿي هنيو، جو ٻين ٻن علم کان گهٽ ڪتاب انهيءَ جي تحصيل لاءِ گهربل آهن. هن لکيو آهي ته ”اهو رستو ڪنڊن وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، پر انهيءَ هوندي به مون پڪو ا��ادو ڪيو ته انهيءَ رستي کان هلان، ان موجب اتان هلڻ لڳس.“ +موچڪي ڪم ۽ علم الاهيات جي مطالعي ۾ محنت ڪرڻ سان گڏ، ’ڊريو‘ رهڻ واري هنڌ وعظ ڪرڻ ۽ شاگردن کي پڙهائڻ جو ڪم به ڪرڻ لڳو. تنهن کان سواءِ، ملڪي انتظام ۽ تدبير جي ڳالهين ۾ به محاورو رکيائين. سندس دوڪان تي هميشه ڳوٺ جي ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو هوندو هو، جي مُلڪي ڳالهين تي بحث ۽ گفتگو ڪندا هئا. ڪڏهن جي هو پاڻ نه ايندا هئا، ته هي وٽن هلي ويندو هو، ۽ وڃي ساڻن قومي ڪمن ۽ مُلڪي مضمونن تي ذڪر هلائيندو هو. انهيءَ ڪري هن جو ايترو وقت کوٽي ٿيندو هو، جو لاچار ڪڏهن ڪڏهن ته اڌ رات تائين به ويهي پورهيو ڪرڻو پوندو هوس؛ انهيءَ لاءِ ته جيڪو وقت ڏينهن جو وڃايائين ٿي تنهن جي عيوض رات جو وقت ڪم ۾ آڻي، ملڪي معاملن بابت هن جو شوق ايترو هو، جو ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ان جي چؤ پچؤ پئجي ويئي. هڪڙيءَ رات هن ماٺ ڪيو هڪڙيءَ جتيءَ جي تري کي پئي ڪٽيو، ته هڪڙي ننڍي ڇوڪر، دوڪان ۾ سوجهرو ڏسي، در جي سوراخ وٽ وات رکي، رڙ ڪري چيو ته ”موچي، موچي، ....... رات جو ڪم ڪر، ۽ ڏينهن جو گهٽيون گهم!“ هڪڙو دوست، جنهن سان ”ڊريو“ پوءِ اها ڳالهه ڪئي، تنهن پڇيس ته ”پوءِ تون هن ڇوڪر جي پٺيان ڊوڙي نه پئين ۽ لڪڻ نه هنيئيس؟“ انهيءَ کي جواب ڏنائين ته ”نه، جيڪڏهن منهنجي ڪن وٽ ڪو تپاچو ڇٽي وڃي ها ته انهيءَ مان مون کي اهڙو خوف ۽ ڊپ نه ٿئي ها، جهڙو هن جي انهيءَ ڳالهه کان ٿيو؛ منهنجن هٿن مان ڪم نڪري ويو، ۽ مون پاڻ کي چيو ته سچ پچ، پر وري تون مون بابت اهڙي ڳالهه نه ڪندين! منهنجي لاءِ هن ڇوڪر جي رڙ گويا خدا جو ڪلام ٿي آيو. منهنجي سڄي حياتيءَ ۾ انهيءَ اکر مان مون کي مهل تي نصيحت ملي آهي. انهيءَ مان مون اهو سبق سکيو ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکجي؛ يا، جو وقت ڪم ۾ مشغول رهڻ کپي، اهو اجايو نه وڃائجي.“ +انهيءَ وقت کان وٺي، ”ڊريو“ ملڪي معاملن جي پچر کڻي ڇڏي، ۽ پنهنجي ڪم کي لڳو. فرصت جي وقت ۾ پڙهڻ ۽ ڪتاب مطالع ڪرڻ لڳو؛ پر پڙهڻ جي ڪري به هن پنهنجي ڪم ۾ حرڪت پوڻ نه ڏي- جيتوڻيڪ اڪثر انهيءَ ڪري هو بي آرامي ٿيندو هو. هن شادي ڪئي، ۽ ارادو ڪيائين ته لڏي اميريڪا ۾ وڃي ويهي؛ پر تڏهن به پنهنجي ڌنڌي کي لڳو آيو. علم جي شوق مان، پهريندي هن جي دل ۾ شعر چوڻ جو ميل جاڳيو، جيڪو ٿورو گهڻو هن جو شعر هيستائين رهي سگهيو آهي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته روج جي فاني نه ٿيڻ ۽ جسمي نه هئڻ بابت هن جا خيال هئا، سي انهن شاعراڻن پهن پچائڻ کان شروع ٿيا هئا. هن جي پڙهڻ جي جاءِ بورچيخانو هو، جتي هو پنهنجيءَ زال جي ڌنوڻيءَ يا هوا سان باهه ٻارن جي بيتيءَ تي، ميز وانگي، ويهي ڪم ڪندو هو؛ ۽ ٻارن جي رڙين ۽ ان جي لولين جي وچ ۾ به ويٺو لکندو هو. انهن ڏينهن ۾ ’پين‘ جو لکيل ڪتاب ”سمجهه جي عمر“ تازو ڇپيو هو، ۽ اهو گهڻا ماڻهو پڙهندا هئا. هن انهيءَ جي جواب ۾ هڪڙو ننڍڙو ڪتاب لکيو، جو پڻ ڇاپيو ويو. انهيءَ ۾ هن ’پين‘ جي دليلن کي رد ڏنا هئا. پوئين ڏينهن ۾ ’ڊريو‘ چوندو هو ته اهو ’سمجهه جي عمر‘ وارو ڪتاب هو، جنهن مون کي مصنف بنايو. انهيءَ کان پوءِ ڪيترائي ننڍڙا ڪتاب هن هڪٻئي پٺيان لکيا، ڪن ورهين کان پوءِ، موچڪي ڪم ڪندي، هن اهو عمدو ڪتاب لکيو ۽ ڇاپايو، جنهن جو نالو آهي ’انساني روح جي فاني نه ٿيڻ، ۽ جسمي نه هئڻ بابت بيان‘. اهو ڪتاب هن ويهن پائونڊن تي وڪيو، ۽ انهيءَ وقت اها رقم هن جي نظر ۾ تمام وڏي هئي. اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا وري وري ڇپيو، ۽ اڃا تائين به ان جو ججهو مان آهي. +’ڊريو‘ پنهنجي بهتريءَ فتحيابيءَ جي ڪري ڪنهن به طرح مغرور نه ٿيو، جيئن اڪثر جوان مصنف ٿيندا آهن. ڪتاب نويسيءَ ۾ نالو ڪڍيائين، تنهن کان ڪيترا ورهيه پوءِ به ڏسبو هو ته هو پنهنجي در جي اڳيان گهٽي پيو ٻهاريندو هو، يا پنهنجن شاگرد کي سياري جي موسم لاءِ اڱر کڻي اندر رکڻ ۾ مدد ڪندو پيو هو. ڪيتري وقت تائين ته لکپڙهه کي هو اهڙو ڪم نه سمجهندو هو، جنهن سان ماڻهو پيٽ پاري سگهي. هن جي پهرين ڳڻتي اها هئي ته پنهنجي ڌنڌي مان ايمانداريءَ سان قوت گذارو ڪري، ۽ جيڪو وقت بچي، رڳو اهو لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ لڳائي- جنهن کي هو ’علمي فائدي جي سُورتي يا جوا بازي‘ سڏيندو هو. نيٺ هن پنهنجو سارو وقت علمي ڪمن ۾ لڳايو. خصوصاً ’ويسليئن‘ مذهب واري فرقي جي شامليت سان. هو هنن جي هڪڙي ماهياني رسالي جو مهتمم ٿيو، ۽ هنن جي ڪيترن ئي مذهبي ڪتابن جي ڇاپڻ تي نظرداري ڪندو هو. ’ايڪلڪٽڪ رويوُ‘ نالي ماهياني رسالي ۾ به هو ڪن مضمونن تي لکندو هو، ۽ پنهنجي وطني ملڪ ’ڪارنوال‘ جي به هڪڙي ڪمائتي تاريخ لکيائين. انهيءَ کانسواءِ به ٻيا گهڻائي ڪتاب لکيائين. آخر عمر وارن ڏينهن ۾ هو پنهنجي بابت چوندو هو ته ”آءٌ قوم جي هڪڙي تمام هيٺاهين درجي کان ٿي مٿي چڙهيو آهيان، انهيءَ ڪري مون سڄي عمر اها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ايمانداريءَ جي محنت، صرفي ۽ اخلاقي لياقت جي ڳڻتيءَ سان پنهنجي ڪٽنب کي آبروءَ جهڙيءَ حالت ۾ آڻيان. خدا مون تي مهرباني ڪئي، منهنجي محنت ساب پيئي، ۽ منهنجي دل جا مطلب پورا ٿيا.“ +’جوزف هيوم‘ جو حال بلڪل ٻيءَ طرح جو هو، پر هو به اهڙوئي اڻورچ ۽ محنتي هو. هو پوري پنيءَ سمجهه ۽ وچوليءَ لياقت جو ماڻهو هو، ليڪن نهايت محنتي، چڱيءَ نيت ۽ سچيءَ ايمانداريءَ وارو هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۽ دنيائي هلت جو مدار اورچائيءَ تي رکيو هو، ۽ انهيءَ تي پوريءَ طرح عمل ڪندو رهيو. هو اڃا صغير- سن هو، ته پڻس مري ويو؛ تنهنڪري هن جي ماءُ ’مانٽروز‘ ۾ هڪڙو ننڍو دوڪان کڻي کوليو، ۽ ويچاري مٿا هڻڻ لڳي ته ٻارن ٻچن کي پالي، ۽ آبروءَ واري حالت ۾ رکيو اچي. هن ’جوزف‘ کي هڪڙي ڊاڪٽر وٽ شاگرد ڪري رکيو، ته ڀلي طبابت جي هنر ۾ تعليم وٺي. جڏهن سندون مليس، تڏهن هڪڙي جهاز جو ڊاڪٽر ٿي ڪيترائي ڀيرا هندستان ۾ آيو.* پوءِ ڪمپنيءَ جي نوڪريءَ ۾ وڃي پاڻ کي داخل ڪرايائين. اتي، هن جهڙي ٻئي ڪنهن به سخت محنت يا پرهيزگاريءَ جي هلت نه ڪئي. سندس بالا عملدارن جو منجهس اهڙو ويساهه هو، ۽ هو کيس پهنجي فرضي ڪمن جو اهڙو لائق سمجهندا هئا، جو هن کي درجي بدرجي وڏن عهدن تي چاڙهيندا ويا. سنه 1803ع ۾ هو، جنرل ’هائوئيل‘ هيٺ، مرهٽن واريءَ جنگ ۾ سندس لشڪر سان هو؛ ۽ ترجمان مري وڃڻ ڪري، ’هيوم‘، جو انهيءَ وچ ۾ ڏيهي ٻوليون سکي هوشيار ٿيو هو، سو هن جي جاءِ تي مقرر ٿيو. انهيءَ عهدي سان گڏ وري هو خزانچيءَ يا مير بخشيءَ ۽ ٽپال ماستر جي عهدن جو ڪم به ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته پوريءَ طرح محنت ڪرڻ لاءِ پنهنجي اصل واري عهدي کان زياده پورهئي جي گهرج هيس- ۽ اهي سڀ ڪم هن چڱيءَ طرح سر انجام پئي ڪيا. ساڳئي وقت ۾ هن ’ڪميسريٽ‘ کاتي کي سامان پهچائڻ جو به مقاطعو کنيو، جنهن مان جهڙو لشڪر کي فائدو پهتو تهڙو کيس. اٽڪل ڏهن ورهين جي سخت محنت کان پوءِ هو، چڱيءَ وسعت وارو ٿي، انگلنڊ ڏي موٽيو؛ ۽ پهريون فرض جو ادا ڪيائين، سو اهو هو ته پنهنجي ڪٽنب جي غريب ڀاتين لاءِ قوت گذران جو بندوبست مقرر ڪيائين. +’جوزف هيوم‘ اهڙو ماڻهو نه هو، جو پنهنجيءَ محنت جو ڦل سُستيءَ ۾ ڀوڳي. محنت ۽ مشغولي، هن جي آرام ۽ خوشيءَ جي لاءِ ضروري شيون ٿي ويون هيون. پنهنجي م��ڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سچي پچيءَ حالت مان پاڻ کي پوريءَ طرح واقف ڪرڻ لاءِ، ساريءَ بادشاهت ۾ جيڪو به شهر اُنهن ڏينهن ۾ ڪارخانن جي ڪري ٿورو يا گهڻو مشهور هو، سو هن گهمي وڃي ڏٺو. پوءِ وري هو، ڌارين ملڪن جي خبرچار وٺڻ لاءِ، پري پري سفر ڪرڻ لڳو. جڏهن انگلڊ ۾ موٽي آيو، تڏهن 1812ع ۾ پارليامينٽ ۾ داخل ٿيو. انهيءَ جماعت ۾ اٽڪل چوٽيهن ورهين تائين برابر شريڪ هو. رڳو وچ ۾ ڪي ٿورا ڏينهن شامل نه رهيو هو. هن جي پهرين مشهور تقرير عام تعليم بابت هئي؛ ۽ جيڪو وڏو ۽ آبروءَ جهڙو عرصو هن قومي ڪمن ۾ گذاريو، تنهن ۾ هميشه هن عام تعليم بابت، توڙي ٻيون سڀ ڳالهيون جن ماڻهن جي حالت جو سڌارو ۽ فائدو ٿيڻ وارو آهي تن بابت، ڏاڍي چالاڪي ۽ سرجوشي ڏيکاري- مثلاً فوجداري ڪمن يا ڏوهن بابت سڌارو، سيونگ بئنڪ يا پيسن امانت رکڻ جون ڪوٺيون، ڇوٽ واپار، ڪفايت ۽ تخفيف، گهڻن شهرن جي طرفان راءِ ٿيڻ جي رٿ، ۽ اهڙيون ٻيون ڳالهيون، جن ۾ هن ڏاڍو ڪشالو ڪري ترقي ڪرائي. جنهن به مضمون ۾ هٿ وجهندو هو، تنهن تي حتي المقدور محنت ڪندو هو. چڱي گفتگو سا ڪين ڪندو هو، باقي جيڪي چوندو هو، سو ائين وسهڻ ۾ ايندو هو ته ڪنهن ايمادار سچي، يڪدلي، ۽ پوري ماڻهوءَ جي واتان ٿو نڪري ’شافٽسيري‘ چوي ٿو ته ”جيڪڏهن کل ۽ ٺٺولي سچ جي آزمائش آهي، ته ’جوزف هيوم‘ انهيءَ آزمائش ۾ بلڪل پورو آيو.“ جيترو هن تي ماڻهو کليا، اوترو ٻئي ڪنهن تي نه کليا. انهيءَ هوندي به، هميشه هو پنهنجيءَ جاءِ تي ٽِڪ ٻڌيو بيٺو هوندو هو. اڪثر جڏهن سندس رٿ تي رايا وٺڻ ۾ ايندا هئا، تڏهن هو هارائيندو هو؛ ليڪن هن جي هلندي اهڙي هوندي هئي، جو هو اهڙا گهڻائي ضروري محصولي سڌارا ڪري چڪو، جن ۾ رايا سندس برخلاف هوندا هئا. جيڪو ڪم هو تجويز سان ڪندو هو، سو ايترو گهڻو هوندو هو جو حيرت وٺي ويندي هئي. هو ڇهي بجي اُٿندو هو، ۽ خط پٽ لکندو ۽ پارليامينٽ جي ڪم جا ڪاغذ ٺاهي جوڙي رکندو هو؛ تنهن کان پوءِ، ماني کائي، جيڪي ماڻهو ڪم سان وٽس ايندا هئا، تن سان ملاقاتون ڪندو هو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ته هڪڙي ئي ڏينهن ويهارو کن اچي نڪرندا هئا. پارليامينٽ، ڪڏهن اتفاق سان ئي هن کانسواءِ گڏ ٿي. جيتوڻيڪ بحث فجر جي ٽي چئين بجي تائين هلندو هو، تڏهن به هو پنهنجي طرف وارن ۾ اڪثر غير حاضر نه ڏسڻ ۾ آيو. مطلب ته اهڙو ڪم، جو هن ههڙي وڏي عرصي تائين ۽ هيترن اختياريءَ وارن جي سامهون هفتي ۽ سال بسال ڪيو، سو ڪرڻ. راين ۾ گهٽجي پوڻ، جيتجي وڃڻ، ۽ کل ٺٺولي کڻڻ- اهڙيءَ حالت ۾ جو گهڻن وقتن تي اڪيلو بيٺو رهي، ۽ ٻيو ڪوبه هن کي تائيد ڏيڻ وارو ڪوه هجي؛ هر قسم جي دلشڪنيءَ هيٺ اڻورچ ٿي ڪم ڪندو رهڻ- اهڙيءَ طرح جو پنهجي طبيعت قائم ۽ اڻ لوڏيل رکي، نڪي همت هارجي ۽ نڪي اُميد لاهجي، ۽ ايترو وقت جيئرو رهڻ، جو جيڪي وڏيون وڏيون رٿون رٿجن سي خوشيءَ سان تعميل ٿينديون ڏسجن: اهي سڀ ڪم انساني محنت ۽ اورچائيءَ جي سگهه جا اهڙا عمدا مثال سمجهڻ گهرجن، جن جهڙا تاريخن ۾ ڪي ورلي لڀندا. +* مسٽر ’هيوم‘ جي عادت ٿي ويئي هئي ته انگلنڊ ۽ هندستا جي وچ ۾ جيڪي جهازي سفر ڪيائين، تن ۾ فراغت وقت جهاز رانيءَ ۽ خلاصگيريءَ جي علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو؛ ۽ گهڻن ورهين کان پوءِ اهو هن کي تمام گهڻو ڪمائتو ٿيو. سنه 1825ع ۾، جڏهن هو هڪڙي جهاز ۾ لنڊن کان ’ليٿ‘ ڏي ٿي ويو، تڏهن اڃا جهاز ’ٽيمس‘ نديءَ جو منهن مس ڇڏي هو، ته وڃي اونداهيءَ رات ۾’گڊون سانڊس‘ سان ٽڪريو. ڪپتان جو هوش ئي خطا ٿي ويو، سو ڪوبه پورو حڪم ڏيئي نه سگهيو. جيڪڏهن جهاز وارن مسافرن ��ان هڪڙو جهاز هلائڻ جو ذمو پاڻ تي نه کڻي ها، ۽ خوف جي وقت ۾ سکان پاڻ جهلي جهاز کي نه هلائي ها، ته جيڪر جهاز بلڪل ڀڄي ناس ٿي وڃي ها؛ پر جهاز بچي پيو- ۽ اهو مسافر مسٽر ’هيوم‘ هو! + + +باب پنجون +واهرون ۽ وجهه- علمي شغل +”نڪي اگهاڙو هٿ، نڪي سمجهه- پنهنجي منهن ڇڏي ڏبا، ته گهڻو ڪم ڪندا: جيڪو ڪم ٿئي ٿو، سو اوزارن ۽ ٻين واهرن سان، جن جي گهرج جهڙي هٿ کي آهي، تهڙي سمجهه کي.“- بيڪن +”وجهه کي پيشانيءَ تي وار آهن، پر پٺيان گنجو آهي: جيڪڏهين تون ان کي اڳ واريءَ چڳ کان وٺي جهليندين، ته بيهاري سگهندينس؛ پر جي ڇڏي ڏنئه، ته خود ’جيو پيٽر‘ ديوتا به وري پڪڙي نه سگهندس!“ (’لئٽن‘ تان). +هن دنيا ۾ ڪنهن به وڏي ڪم جي ڪرڻ ۾ ”اتفاق ٿورو ئي ڪم اچي ٿو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن همت ۽ بهادريءَ سان ماڻهو، خوش نصيبيءَ ۽ اتفاق ڪري، ڪو عجيب ڪم ڪريو ويهي، تڏه به سلامتيءَ سان هلڻ جو شاهي رستو رڳو عادتي محنت ۽ ڪشالي جو آهي. ”ولسن“، جو طبيعي ڏيکن جو نقاش هو، تنهن جي بابت چون ٿا ته جڏهن هو ڪا تصوير آرام سان برابر طرح ڪڍي پوري ڪرڻ کي ويجهو ايندو هو، تڏهن انهيءَ کان ڪي قدم پٺتي هٽي، هڪڙيءَ ڊگهيءَ ڪاٺيءَ جي ڇيڙيءَ ۾ پينسل اٽڪائي، انهيءَ ڏي ڌيان سان نهاري نهاري، اوچتو وک ڀري ان وٽ ويندو هو، ۽ ٿورا گهڻا ضروري ليڪا ڪڍي، ان کي پوريءَ طرح سڌاري ٺاهي ڇڏيندو هو. پر، سڀ ڪنهن نقش ڪڍڻ واري کي ڪو مناسب آهي ته هو، تصوير ڪڍڻ جي اميد سان، پنهنجو برش يا مُوقلم نقاشي ڪپڙي تي اڇلائي هڻي! امڪان اهو آهي، ته جنهن ڪاريگر اڳي ئي پاڻ کي خبرداريءَ سان اهڙي تعليم نه ڏني آهي، سو ڊوڙ سان اهڙي سڌاري جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مورڳو نقش کاري رکندو، يا دٻُو ڪري وجهندو. +سچي ۽ ايماندار ڪم ڪرڻ واري جي نشاني آهي- پورو ڌيان، ۽ سخت محنت، سڀ کان اعلى درجي جا ماڻهو اهي نه آهن، جي ننڍن ۽ خسيس ڪمن واري ڏينهن کي ڌڪارين ٿا، پر اهي آهن، جي انهن ڪمن کي گهڻيءَ خبرداري سان سڌارين ٿا. هڪڙي ڏينهن مائيڪل ائنجيلو، جو مشهور بت تراش هو، تنهن پنهنجيءَ ڪم واري جاءِ ۾ هڪڙي ملاقاتيءَ کي ويٺي سمجهايو ته اڳينءَ ملاقات کان پوءِ هن هڪڙيءَ مورت تي ڪهڙو ڪهڙو ڪم پئي ڪيو. چيائين ته هن هنڌ کي وري سوريو اٿم، هن سنڌ کي لسو ڪيو اٿم، چهري جي هن ڀاڱي کي نرم ڪيو اٿم، هونءَ نس مٿيري ڪئي اٿم، هن چپ کي ڪجهه اشارو ڏنو اٿم، ۽ هن عضوي ۾ زياده قوت رکي اٿم. وغيره.“ ملاقاتيءَ چيو ته اهي ته خسيس ۽ ڪين جهڙيون ڳالهيون آهن! بت تراش جواب ڏنو ته ”ائين برابر هوندو، پر ياد رکڻ گهرجي ته انهن خسيس ڳالهين مان ”ڪماليت“ حاصل ٿئي ٿي، ۽ ڪماليت ڪا خسيس شيءِ ناهي! انهيءَ طرح ”نائڪولس پوسن“ نقاش جي به ڳالهه ڪن ٿا ته هن جي هلت جو قانون اهو هوندو هو ته جيڪو به ڪم ڪرڻ جو لائق آهي، سو چڱي طرح ڪرڻ جو لائق آهي. حياتيءَ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ جڏهن سندس دوست ”لوگنيول ڊي مارول“ کانئس پڇيو ته ڪهڙي رستي اٽليءَ جي نقاشن ۾ تو هيترو نالو ڪڍيو، تڏهن پوسن“ تاڪيد سان جواب ڏنو ته مون ڪا به شيءِ غفلت کان وساري نه ڇڏي! +جيتوڻيڪ ڪي نيون شيون ڳولي ڪڍيل آهن، جي ”اتفاق سان ظاهر ٿيل“ چوڻ ۾ اچن ٿيون، پر جي خبرداريءَ سان جاچ ڪري ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته حقيقت ڪري انهن بابت ڪا بس اتفاقي ڳالهه ڪانهي. گهڻو ڪري اهي موقعا جن کي ”اتفاق“ سڏين ٿا، سي رڳو وجهه آهن، جن مان ذاتي عقل ۽ سمجهه وارا ماڻهو تجويز سان فائدو وٺن ٿا، ”نيوٽن“ جي پيرن تي جو صوف ڪريو پيو هو، تنهن جو مثال اڪثر انهيءَ لاءِ ڏيڻ ۾ ايندو آهي ته ”اتفا��“ سان ڪن مخفي نين ”ڳالهين ظاهر ٿيڻ“ جي اها هڪڙي ثابتي آهي. ”نيوٽن“ جو سارو خيال، ورهين جا ورهيه، زمين جي باطني ڪششن جي تحقيقات ڪرڻ ۾ لڳل هو، جنهن ۾ هن ڏاڍي تڪليف ۽ اورچائي ڏيکاري، سندس اکين جي اڳيان صوف جي ڪرڻ مان هن اوچتو اها معنى پروڙي، جا ذاتي عقل ۽ سمجهه وارو ماڻهو پروڙي سگهي، ۽ انهيءَ مان جا نئين حڪمت جي ڳالهه، درجي بدرجي، سندس سمجهه ۾ ايندي ٿي ويئي، سان انهيءَ اتفاق سان اوچتو کلي پيئي. ساڳيءَ طرح، عام تماڪ ڇڪڻ واري نليءَ ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان سهڻي رنگ جا صابڻ جا ڦوٽا نڪتا، سي جيتوڻيڪ گهڻن ماڻهن جي نظر ۾ هوا جهڙيون هلڪيون ۽ خسيس شيون آهن، تڏهن به انهن مان ڊاڪٽر ”ينگ“ کي ترورن جو هڪ ٻئي سان گڏجي وڃڻ جو عجيب خيال دل ۾ ويهي ويو، ۽ آخر انهن مان هن روشنائيءَ جي پکڙجڻ جو مخفي راز ڳولي ڪڍيو، جيتوڻيڪ عام ماڻهو سمجهندا آهن ته وڏي خيال وارا شخص رڳو وڏين شين سان واهپو رکن ٿا، تڏهن به ”نيوٽن“ ۽ ”ينگ“ جهڙا ماڻهو تمام رواجي عام ڳالهين مان به ڪا حڪمت جي عجيب ڳالهه ڳولي ڪڍڻ لاءِ تيار هوندا آهن: هنن جي وڏائي خاص انهيءَ ۾ هئي ته اهڙين ڳالهين جي حڪمت واري سمجهاڻي ڏين. +ماڻهن جي وچ ۾ جو تفاوت ٿئي ٿو، سو گهڻو ڪري سندن ڌيان ڏيڻ ۽ جاچ ڪرڻ جي قابليت ۽ هوشياريءَ ۾. رشيا جي ملڪ ۾ ڌيان نه ڏيڻ واري ماڻهوءَ بابت هڪڙو پهاڪو آهي ته ”هو ٻيلي مان لنگھي وڃي ٿو،۽ ڪا به ٻارڻ جي ڪاٺي ڪا نه ٿو ڏسي“. حضرت سليمان جو قول آهي ته ”ڏاهي ماڻهوءَ جون اکيون سندس مٿي ۾ آهن، پر بيعقل ماڻهو اونداهيءَ ۾ پيو هلي“. هڪڙو خوراڪي ماڻهو تازو اٽلي گهمي موٽيو هو، تنهن کي ”جانسن“ هڪڙي ڀيري هيئن چيو ته ”سائين، ڪي ماڻهو ”هئمپسٽيڊ“ جي منزل تي ايترو سکندا، جو ٻيا يورپ جي سير ۾ به نه سکندا“. جهڙيءَ طرح اک ٿي ڏسي، تهڙيءَ طرح دل به ٿي ڏسي: جتي بي خيال نهارڻ وارا ڪي به ڪين ٿا ڏسن. اتي باطني نظر ۽ سمجهه وارا ماڻهو جيڪي قدرتي ڏيک يا سڀائي رنگ ڏسن ٿا، تن جي وجود ۾ گهڙيو وڃن؛ انهن جي وچ ۾ جيڪو تفاوت آهي، سو ڌيان سان معلوم ڪن ٿا، انهن جو پاڻ ۾ مقابلو ڪن ٿا، ۽ انهن جي جيڪا باطني معنى آهي، سا قبول ڪن ٿا. ”گلئلو“ کان اڳي، گهڻن ئي ماڻهن، اکين جي آڏو لڙڪايل وزندار شي، پورن وقتن تي لڏندي يا هيڏي هوڏي ايندي ويندي ڏٺي هئي، پر هو پهريون ئي شخص هو، جنهن انهيءَ ڳالهه جي حقيقت جاچي معلوم ڪئي. ”پائيسا“ جي وڏيءَ ديول ۾ هڪڙي چوبدار ڇت مان لٽڪندڙ هڪڙيءَ بتيءَ ۾ تيل وجهڻ کان پوءِ، ان کي هيڏي هوڏي لڏندو ڇڏي ڏنو؛ ۽ ”گلئلو“ جو تڏهن رڳو ارڙهن ورهين جو جوان هو، تنهن، انهيءَ تي ڌيان ڏيئي، دل ۾ ويچار ڪيو ته وقت ماپڻ لاءِ اها تجويز ڪم آڻجي ته چڱو. انهيءَ مضمون تي مٿا هڻندي ۽ خيال پچائيندي، هن کي پنجاهه ورهيه لنگهي ويا، تڏهن مس هن گهڙيال ۾ لڏڻ واري وزن جي اٽڪل ڳولي ڪڍي، جا وقت ماپڻ ۽ علم هيئت جي حساب ڪرڻ ۾ اهڙي ڪمائتي آهي جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر. ساڳي طرح، جڏهن اتفاق سان ”گلئلو“ ٻڌو ته هڪڙي ڊچ عينڪن جوڙڻ واري، ”لپرشي“ نالي ”ناسا“ جي ”ڪائونٽ مارس“ کي هڪڙو اهڙو اوزار نذراني ۾ ڏنو آهي، جنهن جي اپاءَ سان ڏسڻ واري کي پرانهيون شيون به ويجهيون ٿيون ڏسجن، تڏهن هن انهيءَ حقيقت جي سبب تي ويهي ويچار ڪيو: نيٺ دوربين ڪڍيائين، جنهن مان هاڻوڪي علم هيئت جي تحقيقات شروع ٿي. جهڙي قسم جا ڳولي ڪڍيل هنرن ڪنهن غافل ڏسڻ واري يا رڳو ڪنن سان ٻڌڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان مور نڪري نه سگهن ها. +جن ڏينهن ۾ ڪئپٽن ”برائون“ (جو پوءِ سر ساميوئل برائون ٿيو) پلين جوڙڻ جي هنر تي ويچار پئي ڪيو، انهيءَ لاءِ ته ”ٽويڊ“ ندي، جنهن جي نزديڪيءَ ۾ هو پاڻ رهندو هو، تنهن تي ڪنهن سستي پل ٻڌڻ جي تجويز ڪري- تڏهن خزانيءَ جي موسم هڪڙي ڏينهن صبح جو ملڪ ۾ پنهنجي باغ منجهه پئي گهميو، ته هن اوچتو رستي تي هڪڙي ننڍڙي ڪوريئڙي جي تاڃي آرپار ٽنگيل ڏٺي: انهيءَ مهل هن جي جي دل ۾ خيال آيو ته انهيءَ تاڃيءَ وانگي لوهه جي رسن يا زنجيرن سان پل جوڙجي. انهيءَ مان نتيجو اهو نڪتو جو نيٺ هن رسن جي لٽڪندڙ پل جو هنر ڳولي ڪڍيو. انهيءَ طرح جڏهن ”جيمس واٽ“ سان صلاح ٿي ڪيائون ته ”ڪلائڊ“ نديءَ جي هيٺان، هيٺ مٿي تري منجهان، نلين جي رستي پاڻي ڪئن هن ڀر نجي“. تڏهن هو هڪڙي ڏينهن گانگهٽ مڇيءَ جي ڇلر يا کل تي ڌيان ڏئي خيال پچائڻ لڳو، جا سندس کائڻ لاءِ ميز تي آندو هئائون- ۽ انهيءَ نموني تي هڪ هڪڙي لوهه جي نلي جوڙي، جا جڏهن سنئين رکي وئي، تڏهن بلڪل انهيءَ ڪم لاءِ ڪمائتي ٿي. ”سر ائلسمبرٽ برونيل“، ”ٽيمس“ نديءَ جي هيٺان سرنگهه واري رستي جوڙڻ جا پهريان سبق، جهاز جي هڪڙي ننڍڙي جيت کان سکيا. هن ڏٺو ته اهو ننڍڙو ڪيئون ڪهڙي طرح پنهنجي مضبوط مٿي سان ڪاٺيءَ ۾ ٽنگ ٿو ڪڍي- پهرين هڪڙي طرف ۽ پوءِ ٻئي طرف سوراخ ڪري، ڪمان پوري بيهاري ٿو ۽ پوءِ ان جي ڇت ۽ پاسن کي هڪڙي قسم جي روغن سان لنبي ٿو. پوءِ، انهيءَ جي نقل تي وڏي پيماني سان پوريءَ طرح تعميل ڪري، نيٺ ”برونيل“ پنهنجي سپر جوڙي. انهيءَ طرح هن پنهنجو وڏو انجنيري ڪم پورو ڪري ڏيکاريو. +هنن ظاهري خسيس ڳالهين کي جيڪي ڪمائتو ۽ قدر وارو ڪري ٿو، سو آهي ”خبر دار چڪاسڻ واري جو ڌيان سان ڏسڻ“. سمنڊ جو گاهه، جهاز جي پاسي کان لڙهندو اچي لنگهيو: اهڙيءَ خسيس ڳالهه مان به ”ڪولمبس“ کي اهڙي خاطري ٿي، جو زمين جي نظر نه اچڻ ڪري سندس جهاز وارن ۾ فساد ٿيو هو سو هن جهڪو ڪيو، ۽ هنن کي پڪ ڏنائين ته نيئن دنيا، جنهن جا اسين هيترا ڳولائو آهيون، سان پري ناهي. ڪا به شيءِ اهڙي ننڍڙي ۽ خسيس ناهي، جا وساري ڇڏجي. ڪا به ڳالهه ڪهڙي به خسيس هوندي، ته به جيڪڏهن انهيءَ کي خبرداريءَ سان سمجهبو، ته هڪڙي نه ٻئي رستي ڪمائتي ثابت ٿيندي. ڪنهن کي خيال ۾ اچي سگهندو ته ”آلبين“- يعني انگلنڊ جون چاڪ واريون ٽڪريون- اهڙن ننڍن جيتن جوڙيون آهن، جي رڳو خوردبين سان ڏسي ٿا سگهجن؟- انهن جهڙن ٻين جيتن واري سمنڊ ۾ ڳيڻوٺي جا سهڻا سهڻا ٻيٽ جوڙيا آهن! جيڪو تمام باريڪ ڪمن مان اهڙن عجيب نتيجن جي نڪرڻ تي خيال ڪندو، سو ڀلا ننڍڙين شين جي طاقت جي نسبت ۾ ڪيئن جرات ڪري اعتراض آڻي سگهندو؟ +ڌنڌي، علم، توڙي دنيا جي ٻئي ڪنهن به ڪم ۾ فتحياب ٿيڻ جو ڳجهو رستو اهو آهي ته ”ننڍڙين شين کي ڌيان سان چڪاسي ڏسجي“. انساني علم فقط انهن ننڍڙين حقيقتن جو مجموعو آهي. ماڻهن جي ڪيترين پيڙهين، هڪٻئي پٺيان، علم ۽ آزمودي جا ذرڙا ذرڙا خبرداريءَ سان پئي گڏ ڪيا آهن، جي نيٺ ڍڳ ٿيندا، هڪڙي عظيم مناري جي صورت وٺي بيٺا آهن. جيتوڻيڪ هنن حقيقتن ۽ چڪاسن مان گهڻيون ته پريندي بي معنى ڏسڻ ۾ پئي آيون، تڏهن به نيٺ معلوم ٿيو ته اهي سڀ ڪمائتيون ۽ پنهنجن جاين تي پوريون بيهاريل آهن. گهڻا آئيندي جا خيال، جي ظاهري ڪري دور دراز ڏسڻ ۾ ايندا آهن، تن مان ٻه تمام صاف علمي نتيجا ظاهر ٿي پوندا آهن. جيڪي مخروطي شڪليون ”اپالونيس پرجيس“ ڳولي ڪڍيون هيون، تن کي ويهه صديون گذري ويون، تنهن کان پوءِ مس انهن تي علم هيئت جو بنياد قائم ڪيو ويو- اهو اهڙو علم آهي، جنهن جي وسيلي سان هن زماني ۾ جهاز هلائڻ وارا اڻ ڏٺل سمنڊن مان جهاز هلائي سگهن ٿا، ۽ ٺهرايل بندر تي پهچڻ لاءِ آسمان ۾ پنهنجي واسطي اڻ چُوڪيل ۽ پورو رستو معلوم ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن علم هندسي جا عالم هيترا ورهيه لِيڪن ۽ سطحن جي خيالي نسبتن تي مٿو نه هڻن ها، ته امڪان آهن ته اسان جن ڳولي ڪڍيل ڪلن مان ڪي قليل مس ظاهر ٿين ها- جيتوڻيڪ غير واقف ڏسڻ وارن کي، ظاهري ڪري، هنن جي محبت رڳي اجائي ۽ بيسود پئي ڏسڻ ۾ آئي. +جڏهين ”فرئنڪلن“ اها ڳالهه ڳولي ڪڍي ته بجلي يعني کنوڻ، ۽ قوت ڪهربائي يا برقي طاقت ساڳي هڪڙي شيءِ آهن، تڏهن ماڻهو مٿس کلڻ لڳا، ۽ پڇيائون ته ”اها ڪهڙي ڪم جي آهي؟“ هن اهو جواب ڏنو ته ”ننڍڙو ٻار ڪهڙي ڪم جو آهي؟ اهو نيٺ ماڻهو ٿي سگهي ٿو!“ جڏهن ”گالو هني“ اها حقيقت جاچي ڪڍي ته ڏيڏر جي ٽنگ جدا جدا معدني شين يا ڌاتن سان لڳڻ ڪري سيٽجي ٿي، تڏهن ڪنهن کي به اهڙو خيال ڪين آيو هوندو ته اهڙي ڪين جهڙيءَ خسيس ڳالهه مان ڪي تمام ڪمائتا نتيجا نڪرندا. تنهن هوندي به انهيءَ ۾ تار برقيءَ جو بنياد رکيل هو، جنهن جي وسيلي ڪيترائي ملڪ هڪٻئي کي خبرون پهچائين ٿا، ۽ جا شايد گهڻن ورهين گذرڻ کان اڳ ئي ساريءَ دنيا کي چوڌاري ڦري ايندي. ساڳيءَ طرح، زمين مان کوٽيل پهڻن ۽ سڙيل ڳريل شين جا ننڍڙا ٽڪرا جڏهن پوريءَ طرح سمجهيا ويا، تڏهن انهن مان علم طبقات الا رض ۽ کاڻين کوٽڻ جو هنر ظاهر ٿيو، جنهن ۾ هاڻي تمام گهڻي موڙي لڳائڻ ۾ اچي ٿي. ۽ گهڻا ماڻهو انهيءَ ۾ مشغول رهڻ مان فائدو حاصل ڪن ٿا. +جيڪي پربت جهڙيون ڪلون اسانجين کاڻين کوٽڻ، اسانجين جانڊاهين، گرڻين ۽ ڪارخانن هلائڻ ۽ اسانجين آگبوٽن ۾ آگ گاڏين هلائڻ ۾ ڪم اچن ٿيون، سي به، مٿئين وانگي، پنهنجي سگهه پاڻيءَ جي ننڍڙن ڦڙن جهڙين خسيس شين مان ڪڍن ٿيون. انهن ڦڙن کي گرمي وڌائي هوا جي صورت ۾ آڻي ٿي، جنهن کي عام طرح اسين ٻاڦ سڏيون ٿا. اهائي ٻاڦ اسين چاءِ جي رواجي ڪيٽليءَ جي تُن مان نڪرندي ڏسندا آهيون، پر اها جڏهن ڏاڍي عقل ۽ تجويز سان جڙيل ڪل ۾ بند ٿئي ٿي، تڏهن اهڙو زور ٿي لڳائي، جو لکن گهوڙن جي زور جي برابر آهي؛ انهيءَ ۾ اهڙي طاقت ٿي ٿئي، جو لهرين ۽ طوفانن جي پرواهه ڪا نه ٿي رکي. اهڙي ساڳي طاقت جڏهن زمين جي پيٽ ۾ پيدا ٿئي ٿي، تڏهن ان مان اهي ٻرندڙن جبلن جا ڦاٽ ۽ زمين جا زلزلا ٿا ٿين، جن جو ذڪر هن دنيا جي تاريخ ۾ تمام گهڻو آيل آهي. چون ٿا ته جڏهن ”مارڪوئس آف ورسٽر“ لنڊن جي ٺُل ۾ قيد هو، تڏهن سندس اکين جي اڳيان گرم پاڻيءَ واري ٿانو جو مضبوط ڏنل ڍڪ زور سان اڏامي ويو: انهيءَ اتفاقي ڳالهه مان پهرين هن پنهنجو ڌيان ٻاڦ جي طاقت جي مضمون تي لڳايو. انهيءَ بابت جيڪي هن جاچون ۽ چڪاسون ڪيون، تن جا هن پنهنجي ڪتاب ”نوَن هنرن واري صديءَ“ “ ڇاپايا. اهو ڪن ڏينهن تائين ته ٻاڦ جي طاقتن بابت جانچ ڪرڻ وارن لاءِ مکيه ڪتاب هوندو هو- تان جو ”ساوهري“ ”نيوڪمن“ ۽ ٻين انهيءَ کي رواجي ڪمن ۾ استعمال ڪندي ٻاڦ جي ڪل کي انهي حالت ۾ آندو، جنهن ۾ وري ”واٽ“ اچي هٿ ڪيس، جنهن کي ”گلاسگو“ جي وڏي مدرسي ۾ رکيل ”نيوڪمن“ واري نموني جي ڪل مرمت ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي هئي. انهيءَ اتفاقي حالت مان ”واٽ“ کي سڌاري ڪرڻ جو ڏاڍو چڱو وجهه مليو؛ ۽ هن پنهنجي سڄي عمر انهيءَ تي ڪمائي ڪئي، تڏهن مس ٻاڦ جي ڪل ڪماليت کي پهتي. +وجهن هٿ ڪرڻ، اتفاق ڳالهين مان فائدي وٺڻ ۽ انهن کي ڦيرائي گهيرائي ڪم آڻڻ جو هنر فتحيابيءَ جو وڏو مخفي اپاءُ آهي. ڊاڪٽر ”جانسن“ ذاتي عقل يا ذهن جي وصف هيئن ڏني آهي: ”اهو مغز يا اها دل، جنهن ۾ اهڙيون وڏيون عام طاقتون رکيل آهن، جي اتفاق سان ڪنهن خاص طرف ڏي لڳائڻ ۾ اچن ٿيون“. جي ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪنهن رستي هٿ ڪرڻ واسطي پڪو رادو ڪن ٿا، تن کي هميشه گهڻا وجهه ملن ٿا؛ ۽ جيڪڏهن اهڙا وجهه جڙيا جڪيا نٿا هٿ اچنن، ته هو پنهنجي لاءِ اهي پيدا ڪري سگهن ٿا. علم ۽ هنر ۾ جن تمام وڏا سڌارا ڪيا آهن، سي اهي ماڻهو ناهن جن مدرسن، عجائبخانن ۽ عام تماشگاهن جا فائدا حاصل ڪيا آهن؛ نڪي تمام وڏن ڪاريگرن، هرمند ماڻهن ۽ ڪلن ڪڍڻ وارن کي هنري مدرسن ۾ تعليم ملي آهي. ”سهوليت“ کان وڌيڪ، ”لاچاري“ مان نوان هنر پيدا ٿين ٿا، ٻين سڀني مڪتبن کان ”مشڪلات جي مڪتب“ مان وڌڪ تعليم حاصل ٿئي ٿي. ڪن تمام چڱن ڪاريگرن وٽ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تمام رواجي موچارا اوزار هئا، پر اوزار ڪين ٿا ماڻهوءَ کي ڪاريگر ڪن-خود انهيءَ ماڻهو جي استعمالي، اٽڪل، تجربيڪاري ۽ اورچائي ٿي. ائين ڪري. اهو ته پهاڪو ٿي ويو آهي ته ”خراب ڪاريگر کي ڪڏهن به چڱو اوزار ڪو نه مليو“ ڪنهن ماڻهو ”اوپائي“ کان پڇيو ته ”ڪهڙي عجيب رستي سان تون پنهنجا رنگ گڏيندو آهين؟“ هن جواب ڏنو ”ته سائين، آءٌ پنهنجي مغز سان اهي گڏيندو آهيان“. جيڪو ڪاريگر ڀانئيندو ته آءٌ قابل ۽ هوشيار ٿيان، تنهن کي ائين ڪرڻ گهرجي. ”فرگسن“ عجب جهڙيون شيون جوڙيندو هو- مثلن ڪاٺ جا گهڙيال، جي پوري طرح بجا ڏيکاريندا هئا- ۽ ڪم ۾ رڳو اهو رواجي چاڪو آڻيندو هو، جو سڀ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي- پر سڀڪو ماڻهو ”فرگسن“ به ناهي! ڊاڪٽر ”بلاڪ“، جنهن باطني گرمي ڳولي ڪڍي، تنهن جا اوزار هئا- هڪڙو پاڻيءَ جو ٿالهه، ۽ ٻه ٿرماميٽر مقياس الحرارت. ”نيوٽن“ جنهن روشني جي ترڪيب يا بناوت ۽ رنگن جو اصول ظاهر ڪيو، تنهن فقط هڪڙو پهلودار بلور، هڪڙو نظر جو شيشو ۽ هڪڙي دفتري ڪم آندي. هڪڙو مشهور ٻاهر جو علامو هڪڙي ڀيري ڊاڪٽر ”ولاسٽن“ وٽ آيو، ۽ چيائينس ته ”ڀلائي ڪري مون کي پنهنجا ڪيميا خانا ڏيکار، جنهن ۾ ايتريون ضروري نيون ڳالهيون ظاهر ڪيون ويئون آهن، جو حڪمت ۽ علم انهن مان ڏاڍي ترقي پاتي آهي.“ تڏهن ڊاڪٽر هن کي هڪڙيءَ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو، جتي هڪڙو پراڻو چاءِ جو مجمعو ميز تي رکيو هو، جنهن ۾ ڪي ٿورا نظر ڪرڻ جا شيشا، آزمائشي ڪاغذ، هڪڙي ننڍي ساهمي ۽ هڪڙي ڦوڪڻي- اهي شيون رکيل هيون. انهن ڏانهن اشارو ڪري، هن کي چوڻ لڳو ته ”منهنجو سارو ڪيمياخانو اجهو اهو اٿئي!“ +”اسٽئٿرڊ“، جو رنگن ملائڻ جو هنر سکيو، سو پوپٽن جي کنڀن تي ڌيان ڏيڻ سان. هو اڪثر چوندو هو ته ”ڪنهن به ماڻهوءَ کي خبر ڪانهي ته مون هنن ننڍڙن جيتن مان ڇا پرايو آهي.“ ”ولڪي“ کي نقاشيءَ جي لاءِ، پينسل ۽ ڪپڙي جي بدران، سڙيل ڪاٺيءَ ۽ انبارخاني جو در ڪم آيو. ”بيوڪ“ پهريائين پنهنجي وطن واري ڳوٺ جي ڀنگين جي ڀتين تي نقش ڪڍڻ جي استعمالي ڪئي، ۽ انهن کي چاڪ جي چٽن ۽ نقشن سان ڀري ڇڏيائين. ”بينجمن ويسٽ“، پهرين ٻليءَ جي پڇ مان پنهنجا برش يا مُوقلم جوڙيندو هو. “فرگسن“ رات جو نين ۾ کٿو ويڙهي سنئون ٿي سمهي پوندو هو، ۽ هڪڙي ڌاڳي ۾ ننڍڙا مڻڪا وجهي پنهنجي اک ۽ تارن جي وچ ۾ ان کي تاڻي جهليندو هو- انهيءَ طرح هن ستارن جو نقشو ڪڍيو. ”فرئنڪلن“، ريشم جي رومال ۾ ٻه ڪاٺڙيون هڪٻئي تي آرپار ٻڌي، لغڙي ٺاهي، پهرين انهيءَ جي وسيلي ڪڪرن مان وڄ ڪڍي ورتي. ”واٽ“ پنهنجيءَ ٻاڦ جي ڪل جو پهريون نمونو هڪڙيءَ پراڻي پچڪاريءَ مان جوڙيو، جنهن سان ڊاڪٽر ڪنهن لاش کي چيرڻ کان اڳي اندر رڳن ۾ دوا وجهندا آهن. ”گفرڊ“ پهرين جڏهن اڃا ڳلي دوز جو شاگرد هوندو هو، تڏهن علم هندسي جا حساب چم جي ننڍن ٽڪرن تي ڪندو هو، جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ ڪٽي لسا ڪندو هو. ”رٽن هائوس“، مشهور نجومي، پهريائين سج ۽ چنڊ گرهڻ جو حساب پنهنجي هَر جي هٿئي تي ڪيو. +تمام رواجي موقعن مان به ماڻهوءَ کي سڌاري ڪرڻ لاءِ وجهه ملي سگهن ٿا، بشرطيڪ انهن مان فائدي وٺڻ لاءِ هو تيار هوندو ۽ چالاڪيءَ ڪندو. پروفيسر ”لي“ جڏهن اڃا عام واڍو هو ۽ بينچن جي مرمت پئي ڪيائين. اچي اهو پور دل ۾ پيس ته اصلوڪي ٻوليءَ ۾ اهو ڪتاب پڙهان. پوءِ، بازار مان هڪڙو اڌوراڻو عبراني صرف- نحو جو ڪتاب خريد ڪري، اچي لڳو- ۽ نيٺ پنهنجي منهن اها ٻولي سکيائين. ”ڊيوڪ آف آرجائل“، ”ايڊمنڊاسٽون“ کان پڇيو ته ”تون هڪڙي غريب باغائي جو ڇوڪرو، ڪهڙيءَ تجويز سان ”نيوٽن“ جو ڪتاب ”پرنسپيا“ لئٽن ٻوليءَ ۾ پڙهي سگهئين؟“ هن ورندي ڏني ته ”ماڻهو کي رڳو الف بي وارن چوويهن اکرن پڙهڻ جو ضرور آهي، پوءِ هن کي ٻي جيڪا شيءِ وڻي سا سکي سگهي ٿو.“ باقي جيڪو ڪرڻو ٿئي ٿو، سو محنت، اورچائي ۽ وجهن مان ڪوشش ڪري فائدي وٺڻ سان ڪري ٿو سگهجي. +”سر والٽر اسڪاٽ“ سڀ ڪنهن ڪم يا ڌنڌي ۾ پنهنجي سڌاري لاءِ وجهه ٿي هٿ ڪيا، ۽ اتفاقن مان به هن فائدو ٿي ورتو. اڃا هڪڙي ڪاتب جو شاگرد هو ته پنهنجي نوڪريءَ جي فرض ادا ڪندي، هو ”هالنڊ“ گهمڻ ويو، ۽ 1845ع وارن پهلوانن مان جيڪي اڃا جيئرا هئا، تن سان اهي دوستيون ڳنڍي آيو، جن تي هن پنهنجن گهڻن قسمن جي ڪتابن جو بنياد وڌو. ڪن ورهين کان پوءِ جڏهن هو ”ايڊنبرگ“ جي جنگي رسالي ۾ ڪوارٽر- ماسٽر جي عهدي تي هو، تڏهن اوچتو گهوڙي جي لت لڳڻ جي ڪري بيمار ٿي پيو، ۽ ڪي ڏينهن گهر ۾ پيو هو. پر ”اسڪاٽ“ سستيءَ جو ته اصل جاني دشمن هو، سو خيال ڪري ڪم ڪرڻ لڳو. ٽن ڏينهن ۾ هن پنهنجي شهر واري ڪتاب، ”لي آف دي لاسٽ منسٽرل“، جو پهريون ڀاڱو جوڙيو، ۽ جلد ئي سڄو ڪتاب لکي پورو ڪيائين. اهو هن جو پهريون وڏو طبعزاد ڪتاب آهي. +ڊاڪٽر ”پريسٽلي“ جنهن هيتريون گئسون- يعني غير معلوم هوائون-ڳولي ڪڍيون، تنهنجو ڌيان جو اوچتو علم ڪيميا ڏي ڇڪيو، سو ڪلالخاني جي نزديڪيءَ ۾ رهڻ ڪري. هڪڙي ڏينهن جڏهن اتي گهمڻ ويو، تڏهن جوش کائيندڙ شراب جي مٿان جيڪا اُٻ پئي نڪتي، تنهن ۾ ٻرندڙ ڪاٺيءَ جو ڇيتيون ٿي وڌائون ته اجهاميون ٿي وييون. انهيءَ مهل ڪي خاص حالتون ڏسڻ ۾ آيون، جي هن خيال سان جانچيون. تڏهن چاليهن ورهين جي عمر جو هو، ۽ علم ڪيميا جي ڪا به خبر ڪا نه هيس. جيڪي ڏٺو هئائين، تنهن جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هن ڪتاب ڏٺا، پر انهن مان ڪا به خبر پئجي نه سگهيس؛ ڇالاءِ جو اڃا تائين انهيءَ مضمون تي ڪي به ڪين لکيل هو. تڏهن هو تجربا ڪرڻ لڳو؛ ۽ انهيءَ لاءِ، پنهنجي تجويز ڪري، ڄٽڪا اوزار جوڙيائين. پهرين تجربي مان جي عجيب نتيجا نڪتا، تن مان ٻيا نڪرڻ لڳا، جن هن جي هٿن ۾ هوائي ڪيميا جي علم جو بنياد وڌو. انهيءَ ساڳئي وقت ۾، سئيڊن جي هڪڙي پر انهين ڳوٺ ۾، ”شيل“ ساڳئي مضمون تي ڪنڊ پاسي ۾ پئي مٿو هنيو. انهيءَ ڪري ڪيتريون ئي نيون گئسون يا غير معلوم هوائون ڳولي ڪڍيون. کيس ڪي به چڱا ڪمائتا اوزار ڪين هئا، رڳو دوا فروشن جون ڪي ٿوريون شيشون ۽ سوئرن جا پِتا هئا. +جڏهن ”سر همفري ڊيوهي“ دوا فروش جو شاگرد هوندو هو، تڏهن هن تمام خراب ۽ ڄٽڪن اوزارن سان پنهنجا پهريان آزمودا ڪيا. هن، سواءِ ڪنهن خيال يا ويچار جي، جيڪي شيون اتفاق سان سندس اڳيان پئي آيون، اڪثر انهن مان ڪي، اوزارن وانگي ڪم آڻي، پنهنجو وقت پئي ٽپايو- جيئن ته بورچيخاني جا ديڳڙا ۽ ٿالهيون، ۽ سندس استاد جي دواخ��ني جا شيشا ۽ شيشون. اتفاق سان، ”لانڊس“ راس وٽ ڪو فرينچ جهاز ڀڄي پيو هو، انهيءَ ۾ جيڪو ڊاڪٽر هو، سو پنهنجن اوزارن جي خاني سميت ساهه بچائي نڪتو، هو. انهن اوزارن ۾ هڪڙو اڳوڻي ڊول جو پچڪاريءَ جهڙو اوزار هو. اهو هن ”ڊيوهيءَ“ کي ڏنو، جو انهيءَ سان واقفيت ٿي ويئي هيس. انهيءَ دوافروش جي شاگرد اهو اوزار ڏاڍي خوشيءَ سان ورتو ۽ هڪدم تجويز ڪري هوائي ڪيميا جي سامان ۾ ان کي ڪم آندائين. ڪن ڏينهن کان پوءِ هو انهيءَ کي گرميءَ جي اپائڻ ۽ خاصيت جي هڪڙي تجربي ۾ هوائي پچڪاريءَ وانگي ڪم ۾ آڻيندو هو. +ساڳئي طرح پروفيسر ”فارڊي“، جو ”سرهمفري ڊيوهي“ کان پوءِ علمي ڪمن ۾ سندس جانشين ٿيو، تنهن، پهريائين قوّت ڪهربائي يا برقي طاقت جا تجربا هڪڙيءَ پراڻيءَ ٻاٽليءَ سان ڪيا. تڏهن اڃا هو جلد بنديءَ جو ڪم ڪندو هو. اها عجب جي ڳالهه آهي ته ”فارڊيءَ“ جو پهرين علم ڪيميا ڏي ڌيان ڇڪيو، سو ”رايل انسٽيٽوشن“ ۾ انهيءَ مضمون بابت ”سر همفري ڊيوهيءَ“ جي تقرير ٻڌڻ تي هڪ سکر ماڻهو، جو ”رايل انسٽيٽيوشن“ جو ميمبر يا شريڪ هو، هڪڙي ڏينهن انهيءَ دڪان تي ويو، جنهن ۾ ”فارڊي“ ڪتابن جا جلد ٻڌندو هو، ۽ ڏسي ته ڪتاب ”انسائڪلوپيڊيا“ (جامع العلوم) جو هن وٽ جلد ٻڌجڻ لاءِ آيو هو، سو پَٽيو، انهيءَ ۾ هو برقي قوت جو بيان ويٺو پڙهي. پڇا ڪرڻ سان انهيءَ سکر ماڻهوءَ کي معلوم ٿيو ته اهو جوان جلد بند اهڙن مضمونن جو ڏاڍو شوقي آهي، تنهن ڪري هن ”فارڊيءَ“ کي ”رايل انسٽيٽيوشن“ ۾ اچڻ جي موڪل وٺي ڏني. اتي هن ”سر همفري“ جون چا تقريرون ٻڌيون. انهن جا هن مختصر انتخاب پنهنجي لاءِ لکي ورتا، جي هن ”سر همفريءَ“ کي ڏيکاريا. هن چيس ته ”اهي برابر لکيل آهن“. جڏهن ”سر همفريءَ“ کي پنهنجي منهن پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته اهو انتخاب لکڻ وارو غريب ۽ گهٽ درجي جو ماڻهو آهي، تڏهن ڏاڍو عجيب لڳس. پوءِ ”فارڊي“ کي اچي اهو شوق ٿيو ته علم ڪيميا جا مضمون مطالع ڪريان. ”سرهمفريءَ“ پهريائين هن کي انهيءَ ڳالهه تان لاهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي؛ نيٺ جڏهن ڏٺائين ته اهو جوان شخص پنهنجي ارادي تي ڪمر ٻڌي بيٺو آهي، تڏهن هن کي ”رايل انسٽيٽيوشن، ۾ نائب يا مددگار مقرر ڪرايائين. انهيءَ طرح، هڪڙي دوافروش جي لائق شاگرد جي پڳ، وري به هڪڙي جلد بند جي اهڙي ئي لائق شاگرد جي مٿي تي آئي. +ويهن ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن ”ڊيوهي“ ”برسٽل“ ۾ ڊاڪٽر ”بيڊو“ جي ڪيمياخاني ۾ ڪم ڪندو هو، تڏهن هن جيڪي لفظ پنهنجي نوٽبڪ ۾ لکيا هئا، تن مان سندس ذاتي لياقت ۽ طبيعت جي پوري خبر ٿي پوي. هن هيئن لکيو هو ته ”مون کي نڪا دولت آهي، نڪا طاقت، ۽ نڪي وڏي نسل جو آهيان، جنهن تي مون کي ڀروسو هجي، تڏهن به، جي حياتي آهي، ته آءٌ اميد ٿو رکان ته جيترو انهن فائدي وارين لياقتن رکڻ سان انسان ذات کي ۽ پنهنجن دوستن کي ڪمائتو ٿي سگهان ها، تنهن کان گهٽ انهن کي ڪمائتو نه ٿيندس.“ ”فارڊيءَ وانگي“، ”ڊيوهيءَ“ جي به اها خاصيت هوندي هئي ته پنهنجي دل ۽ دماغ جي سڄي سگهه، ڪنهن حقيقت جي علمي آزمائشي جاچ ڪندي، ان جي سڀني حالتن تي لڳائيندو هو- ۽ اهڙي دل ۽ دماغ مان، رڳو محنت ۽ تحمل سان خيال ڪرڻ سان، ضرور تمام اعلى قسم جا نتيجا ظاهر ٿيندا. ”ڊيوهيءَ“ بابت ”ڪالرج“ لکيو آهي ته ”هن جي دل ۾ اهڙي ڪا همت ۽ چالاڪي آهي، جنهن ڪري هو سڀ مشڪل سوال سمجهي ۽حل ڪري سگهي ٿو، ۽ انهن مان ضروري نتيجا ڪڍي ٿو، ”ڊيوهيءَ“ جي دل ۾ سڀڪو مضمون حياتي جهڙو ضروري ۽ ڪمائتو آهي. هن جي پيرن هيٺ جيترا خيال گاهه وانگي پيا ��ٽن“. وري ”ڊيوهيءَ“ ”ڪالرج“ جي هوشيارِيءَ ۽ قابليت جي تعريف ڪندي، هيئن لکيو آهي ته ”هو، تمام اعلى ذاتي عقل، ڪشادن خيالن، اثر واري دل ۽ روشن دماغ هوندي، بي بندوستيءَ، بي ترتيبيءَ ۽ بي انتظاميءَ جي ڪري، پاڻ کي نقصان پهچائيندو.“ +مشهور وڏو عالم، ”ڪُوهيئر“ چڪاس ڪرڻ ۾ نهايت پورو، خبردار ۽ محنتي هوندو هو. جڏهن اڃا ڇوڪر هو، تڏهن اتفاق سان ”بفن“ جي ڪتاب ڏسڻ مان هن کي علم طبيعات جو شوق جاڳيو. هو هڪدم انهيءَ تان تصويرون نقل ڪرڻ، ۽ ڪتاب ۾ ڏنل بيان موجب انهن کي رنگ ڏيڻ لڳو. اڃا هو اسڪول ۾ پڙهندو هو ته هڪڙي استاد، ”ولنيئس“ وارو علم حيوانات جو ڪتاب هن کي انعام ڏنو. ڏهن ورهين کان به زياده وقت تائين، انهن ٻن ڪتابن کان سواءِ ٽيو ڪو ڪتاب علم موجودات يا حيوانات جوهن وٽ ڪو نه هو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ هن کي ”نارمنڊي“ ۾ ، ”فيڪامپ“ جي ويجهو هڪڙي ڪٽنب ۾ ٻارن پڙهائڻ جي نوڪري ملي. اتي جو هو سمنڊ جي ڪنار کي ويجهو رهندو هو، تنهن ڪري هو آبي عالم جا عجائب غرائب اکين سان ڏسڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن، سمنڊ جي وارياسي ڪناري تي گهمندي، هن هڪڙي گهڻين ٻانهن واري مڇي ڏٺي، اها ڏسي، هن کي اهڙي حيرت لڳي جو چيري ڏسڻ لاءِ اها گهر کڻي آيو. انهيءَ طرح، هن هڏيءَ کان سواءِ نرم جانورن جي تحقيقات شروع ڪئي، جنهن جي ڪري هن ايترو نالو ڪڍيو. مطالعي ڪرڻ يا شڪ لاهڻ لاءِ هن وٽ ٻيو ڪو به ڪتاب ڪو نه هو. سواءِ قدرت جي وڏي ڪتاب جي، جو سندس اڳيان پٽيو رکيو هو. انهيءَ مان جيڪي نيون نيون ۽ مزي جهڙيون شيون ڏهاڙي هن جي اکين جي آڏو اينديون هيون، سي هن جي دل تي اهڙو پڪو اثر ڪنديون هيون، جو ڪهڙا به لکيل بيان يا ڪهڙيون به اڪريل تصويرون ڪري نه سگهن ها. انهيءَ طرح ٽي ورهيه لنگهي ويا، انهيءَ عرصي ۾ هن سامونڊي ساهوارن جون جيئريون ذاتيون، قديم وقت جي سڙيل سڪل لاشن سان- جي آسپاس لڀنديون هيون- مقابلي ڪيون. جيڪو پاڻيءَ جو جانور نظر چڙهيس، تنهن کي چيري ڏٺائين، ۽ خبرداريءَ سان چڪاس ڪري،حيوانات جي علم جي سڌريل تقسيم ۽ ترتيب جو پورو بنياد وڌائين. انهيءَ وقت ڌاري مشهور عالم ”ابي ٽيسيئر“ جي ”ڪوهيئر“ سان واقفيت ٿي، جنهن هن جوان طبيعي عالم جي ”جسيئو“ ۽ ٻين پيرس وارن دوست ڏي اهڙي تعريف لکي، جو هنن ”ڪوهيئر“ کي منٿ ڪئي ته هو پنهنجا ڪي ڪاغذ علم حيوانات جي عالمن واريءَ مجلس ڏي ڏياري موڪلي، سگهو ئي پوءِ هو ”جارڊن ڊز پلانٽيز“ ۾ سپريڊنٽ، يعني ناظم جو نائب مقرر ٿيو. ”ٽيسيئر“ جيڪو خط ”جيسو“ ڏي ”ڪوهيئر“ جي سفارش ۽ تعريف ۾ لکيو هو، تنهن ۾ هي لفظ لکيائين ته ”توکي ياد هوندو ته اهو آءٌ هوس، جنهن انهيءَ علم جي ٻي شاخ ۾ ”ڊيلامبر“ جي ٻانهن علمي مجلس کي ڏني هئي - هيءُ شخص به هڪڙو ”ڊيلامبر“ ٿيندو.“ انهيءَ ڳالهه چوڻ جو ضرور ڪو نه ٿو ڏسجي ته ”ٽيسيئر“ جي پيشگوئي نيٺ پوري ٿي- بلڪ ”ڪوهيئر“ انهيءَ کان به ڪثر کڻي ويو. +تڏهن چئبو ته اهو ”اتفاق“ نه آهي جو ماڻهو کي هن دنيا ۾ ايتري مدد ڏئي ٿو، جيتري اڻورچي محبت ۽ پڪو ارادو ڏئي ٿو. جيڪي ضعيف، سست ۽ بي ارادي آهن، تن کي ڪهڙا به چڱا اتفاق ڪم نٿا اچن- هو انهن کي بي معنى ڄاڻي، ماٺ ڪري، انهن تان گذر ڪريو وڃن. پر اها عجب جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪي وجهه چالاڪيءَ ڏيکارڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ جا هميشه اسان کي پيا ملن، سي جيڪڏهن اسين قابو ڪنداسين ته انهن مان فائدو وٺنداسين، ته گهڻائي وڏا وڏا ڪم اسان جي هٿان پورا ٿي سگهندا. ”واٽ“ جڏهن حسابي ڪم جا اوزار پيو جوڙيندو هو، تڏهن پنهنجي منهن علم ڪيميا �� علم جرثقيل سکيو؛ ۽ ساڳئي وقت ۾ سئٽزرلنڊ جي هڪڙي رنگريز کان جرمن ٻولي به پئي سکيو. ”اسٽيفنسن“ جڏهن کاڻين ۾ رات جو ڪل هلائڻ جو ڪم پيو ڪندو هو، تڏهن پاڻيهي پاڻ کي حسابي ۽ پيمائشي علم سيکاريائين. ڏينهن جو جڏهن مانيءَ کائڻ جي موڪل ملندي هيس، تڏهن جيڪا ساعت بچندي هيس، تنهن ۾ چاڪ جي ذري سان آڱرن جي گاڏن جي پاسن تي پيو حساب ڪندو هو. ”ڊالٽن“ ته اصل محنت جي عادت ڪري ڇڏي هئي. اها عادت هن کي ننڍي هوندي کان پيئي هئي؛ جڏهن هو اڃا ٻارهن ورهين جو هو ۽ هڪڙي ننڍي ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڙهائيندو هو. سياري جو اتي ٻار پڙهائيندو هو، ۽ اونهاري جو پنهنجي پيءُ جي ٻنيءَ ۾ ڪمائيندو هو. جيتوڻيڪ هو ”ڪئيڪر“ فرقي جو عيسائي هو، تڏهن به وقتن تي پاڻ کي توڙي پنهنجن سنگتين کي، انعام، يا فائدي جي لالچ تي، پڙهڻ لاءِ همتائيندو هو. هڪڙي ڀيري ته هن هڪڙو مشڪل حسابي سوال حل ڪيو، جنهن مان ايترو ڪمايائين جو سياري جي لاءِ پنهنجي واسطي شمعن جو ڍير خريد ڪري رکي ڇڏيائين. هو آسماني جاچون ۽ تارن جون تپاسون ڪرڻ لڳو- جي مرڻ کان اڳي هڪ ٻن ڏينهن تائين ڪندو رهيو- انهيءَ وچ ۾ ٻن لکن کان به وڌيڪ ڳالهيون جاچي لکيائين. +محنت ۽ اورچائيءَ سان ٿورو گهڻو وقت جيڪو ماڻهوءَ کي بچي ٿو، سو ڪم آڻي، انهيءَ مان تمام وڏا ڪمائتا نتيجا ڪڍي سگهي ٿو. رواجي سمجهه وارو ماڻهو جيڪڏهن هر روز هڪڙو ڪلاڪ اجاين شغلن مان سجائي ڪم ۾ لڳائي، ته جيڪر ڪنهن علم ۾ اچي قابل ٿئي، هڪڙو اڻپڙهيل جاهل ماڻهو جيڪر ڏهن ورهين کان گهٽ عرصي ۾ هوشيار ۽ علم وارو ٿي پوي، ڪنهن به ڦل حاصل ڪرڻ کان سواءِ، وقت کي ائين ئي گذرڻ نه ڏجي. يا ڪا ڄاڻڻ جهڙي شيءِ سکجي، يا ڪا چڱي عادت پرائجي، يا ڪا خصلت سڌارجي. ڊاڪٽر ”ميسن گڊ“ جڏهن لنڊن جي گهٽين ۾، گاڏيءَ تي چڙهيو، بيمارن کي ڏسندو وتندو هو، تڏهن انهيءَ حالت ۾ هن ”ليوڪريشيس“ ڪتاب جو ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر ”ڊارون“ گهڻو ڪري پنهنجا سڀ ڪتاب انهيءَ طرح، ٻهراڙيءَ ۾ گاڏي تي چڙهي گهرن گهمندي، ٺاهيا. جيڪي خيال ايندا هئس، سي ڪاغذ جي چٽڪن تي لکندو ويندو هو، ۽ اهڙا ڪاغذن جا چٽڪا هو انهيءَ ڪم لاءِ هميشه پاڻ سان کنيو وتندو هو. ”هيل“ گشت ڪندي پنهنجو ”خيالات“ وارو ڪتاب لکيو. ڊاڪٽر ”برني“ گهوڙي تي چڙهيو، شاگردن کي جدا جدا جاين تي علم موسيقي پڙهائيندو به وتندو هو، ۽ فرينچ ۽ اٽالين ٻولي سکندو به وتندو هو. ”ڪرڪ وائيٽ“، وڪيل جي آفيس ۾ ايندي ويندي يوناني ٻولي سکيو. اسان کي هڪڙو تمام وڏي درجي جو ماڻهو سجهي، جو مانچيسٽر جي گهٽين ۾ جڏهن قاصد ٿيو چٺيون ۽ پيغام پهچائيندو وتندو هو، تڏهن لئٽن ۽ فرينچ ٻوليون سکيو. +”ڊاگويُسؤ“، جو فرانس جي وڏن وزيرن مان هڪڙو هو، تنهن ماني کائڻ جي عرصي ۾، هڪڙي طعام کان پوءِ ٻئي طعام جي لاءِ ترسڻ واري ٿورڙي ٿورڙي وقت ۾، فرصت جو وجهه وٺي، هڪڙو وڏو قابليت جهڙو ڪتاب لکيو. ”مئڊم ڊي جينلس“ جا شهزادي ئي ڏهاڙي پڙهائڻ ويندي هئي، ۽ هن جي اچڻ تائين ٿورو ترسي ويهي رهندي هي، تنهن عرصي ۾، هن پنهنجي عجيب ڪتاب جا ڪيترائي جلد لکيا. ”ايليوبرٽ“، جو پنهنجي ذاتي عقل ۽ ذهن جي دعوى ڪا نه ڪندو هو، سو پنهنجي قابليت ۽ سڌاري جو سبب ”ذاتي عقل“ نه ڄاڻندو هو، پر فقط اهي بي بها وقت جا ذرا، جن کي ”فرصت جا لحظا“ چوندا آهن، سي خبرداريءَ سان ڪم آڻڻ. جڏهن اڃا هن لوهارڪي ڪم ڪرڻ سان پنهنجو گذران پئي ڪيو، تڏهن هو اٽڪل ارڙهن نيون پراڻيون علحديون ٻوليون سکيو ۽ ٻاويهه يورپ جون زبانون. +”آڪسفرڊ“ جي ”آل سولس ڪاليج“ ۾، ٽاور جي ��ختي تي، جوانن جي لاءِ ڪهڙي نه عقل واري ۽ عجيب نصيحت اڪريل آهي- ”ڪلاڪ گذرندا وڃن، ۽ اسان جي بلي لکبا وڃن!“ هميشگيءَ جي عرصي مان رڳو جيڪو ذرو انسان کي مليو آهي، سو ”وقت“ آهي. ۽ حياتيءَ وانگي جي اهو لنگهي ويو، ته وري انهيءَ کي موٽائي نه سگهبو. ”ايگزيٽر“ وارو ”جئڪسن“ چوي ٿو ته ”دنيا خزاني جي لٽڻ کائڻ ۾، آئيندي جو صرفو، البت، گذرئي وقت جي فضول خرچيءَ جي مقابلي ۾، تُري اچي برابر بيهي ٿو، پر ڪير چئي سگهندو ته اڄ جيڪو وقت وڃايو اٿم، تنهن جي عيوض ۾ سڀاڻي ڪا گهڙي ڪم آڻيندس؟“ ”ميلنڪٿان“ جيڪو وقت ضايع ڪندو هو، سو لکندو ويندو هو-انهيءَ لاءِ ته پنهنجي محنت کي همتائي زياده ڪري، ۽ هڪڙو ڪلاڪ به نه وڃائي. اٽلي جي هڪڙي عالم پنهنجي در تي هڪڙو جملو لکي ڇڏيو، جنهن جو مطلب هو ته ”جيڪو هتي رهي، سو مون سان محنت ۾ شامل ٿئي.“ ”بئڪسٽر“ کي ڪي ملاقاتي ڏسڻ ويا، ۽چوڻ لڳس ته ”اسين ڀانيون ٿا ته تنهنجو وقت زيان ٿا ڪريون؛ انهيءَ صاف چوڻ واري پادريءَ بيزار ٿي چيو ته ”برابر سچ ٿا چئو!“ +اها ”وقت“ جي جاگير هئي، جنهن مان انهن وڏن محنت ڪندڙن توڙي ٻين سڀني محنتي ماڻهن، خيالن ۽ عملن جو قيمتي خزانو گڏ ڪيو، جو هو پوين جي لاءِ ڇڏي ويا آهن. + + +ڪن ماڻهن پنهنجن ارادي ڪيل ڪمن جي وري ڪرڻ ۾ نهايت گهڻي تڪليف ۽ دقت کنئي آهي؛ پر انهيءَ تڪليف ۽ دقت کي هو پنهنجي فتحيابيءَ جي قميت سمجهندا هئا. +”ايڊيسن“، پنهنجي رسالي ”اسپيڪٽيٽر“ جي شروع ڪرڻ کان اڳي، ٽي وڏيون جزون مضمون جون پهرين لکي رکيون. ”نيوٽن“ پنهنجو تاريخ-نما ڪتاب، ”ڪرانالاجي“، پندرهن ڀيرا وري لکيو، تڏهن مس ان کي پسند ڪيائين، ”گبن“ پنهنجو ”ميموار“ يا تذڪرو جو ڪتاب نوَ ڀيرا لکيو. ”هيل“ ورهين جا ورهيه هر روز سورهن ڪلاڪ پيو پڙهندو هو، ۽ جڏهن قاعدي جا ڪتاب پڙهي ٿڪبو هو، تڏهن وري وندر جي لاءِ فلسفي ۽ هندسي جا ڪتاب مطالع ڪندو هو. ”هُيوم“ جڏهن انگلينڊ جي تاريخ ٿي تيار ڪئي، تڏهن ڏيهاڙي تيرهن ڪلاڪ لکندو هو. ”مانٽيسڪُيو“، پنهنجي تصنيفن جي هڪڙي ڀاڱي بابت ذڪر ڪندي، هڪري دوست کي چيو ”تون اهو ٿورن ڪلاڪن ۾ پڙهي ويندين، پر يقين ڄاڻج ته انهيءَ جي لکندي مون ايتري محنت ڪئي آهي، جو منهنجا وار ئي اڇا ٿي ويا آهن!“ +خيال ۽ علم وارا ماڻهو اڪثر اها عادت ڪري ڇڏيندا اهن-حقيقتون ۽ خيال هڪدم لکي ڇڏيندا آهن، ته جيئن مهل تي ياد پون ۽ وسري گم ٿي نه وڃن. ”لارڊ بيڪن“ گهڻائي هٿ- لکيل ڪتاب ڇڏي ويو، جنهن جو نالو هو - ”اوچتا خيال، جي ڪم لاءِ لکيا ويا“. +”آرسڪن برڪ“ جيڪي ڪتابن مان وڏا وڏا انتخاب ڪڍيا، ۽ ”لٽلٽن“ بابت جيڪو ڪتاب ”ڪوڪ“ لکيو سو، ”ايلڊن“ ٻه ڀيرا پنهنجي هٿ سان نقل ڪيو، جنهن ڪري اهو ڪتاب اهڙو ياد ٿي ويس، جو ڄڻ ته پاڻ جوڙيو هئائين. ڊاڪٽر ”پائي سمٿ“ جڏهن پيءُ وٽ جلد ٻڌڻ جو ڪم سکندو هو، تڏهن عادت ڪري ڇڏي هئائين ته جيڪي ڪتاب پڙهندو ويندو هو، تن جي پوري ياداشت، انتخابن ۽ شرحن سميت لکندو ويندو هو. علمي مضمونن گڏ ڪرڻ ۾ هن جيڪا بيحد محبت ۽ سرجوشي ڪئي، تنهن لاءِ هو حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڏاڍو مشهور هو. سندس احوال لکڻ واري، سندس بابت لکيو آهي ته ”هو هميشه پيو ڪم ڪندو هو، هميشه پيو ترقي ڪندو هو، ۽ هميشه پيو علميت گڏ ڪندو هو.“ اهي نوٽبڪ پوءِ هن کي بيانن ۽ مثالن ڏيڻ ۾ گنج- خانن وانگي ڪمائتا ٿيا، جهڙي طرح ”رچرڊ جون ”پهڻ جون کاڻيون“ ڪمائتيون ٿيون هيون. +مشهور ”جان هنٽر“ جي به ساڳي اها عادت هوندي هئي. هن جو ذهن تيز نه هوندو هو، تنهن ڪري هو ائين ڪندو هو. پنهنجن خيالن لکي ڇڏڻ مان ڪهڙا فائدا آهن، تنهن جو اڪثر هو اهو مثال ڏيندو هو، چوندو هو ته ”اهو اهڙو آهي جهڙو ڪو واپاري ماڻهو پنهنجي مال جي فردي يا ياداشت ٺاهي رکي، جنهن کان سواءِ هن کي ڪا به خبر پئجي نه سگهندي ته ڇا وٽس آهي ۽ ڇا نه آهي.“ ”جان هنٽر“، جو اهڙيءَ باريڪ بينيءَ سان جاچ ڪندو هو، جو ”ابرٿني“ چوندو هو ته هن کي سئو اکيون آهن، سو تحمل سان محبت ڪرڻ واري جو چڱو مثال آهي. ويهن ورهين جي ڄمار تائين ته هن کي ڪا به تعليم ڪا نه ملي، يا ته ڪا نالي جي ملي؛ رڳو پڙهڻ لکڻ به مشڪلات سان سکيو. ڪي ورهيه ته ”گلاسگو“ ۾ عام واڍڪو ڌنڌو ڪيو؛ تنهن کان پوءِ وڃي پنهنجي ڀاءُ ”وليم“ سان گڏيو. جو لنڊن ۾ رهندو هو، ۽ جراحيءَ جي علم جو مُدرس هو ۽ بدن جون تشريحون ڏيندو هو. ”جان“، هن جو نائب يا مددگار، لاشن چيرڻ واريءَ جاءِ ۾، هن سان شامل ٿيندو هو، پر سگهوئي، ڪي پنهنجي طبعي چالاڪيءَ ۽ ذهن جي ڪري، ۽ ڪي تحمل واري محنت ۽ سخت ڪشالي جي ڪري ڀاءُ کان ڪسر کڻي ويو. هو هن ملڪ ۾ انهن پهرين شخصن مان هو، جن پاڻ کي ڏاڍي جهد سان بدني بناوت جي مقابلي سان تشريح ڪرڻ جي علم ۾ لڳايو. جيڪي لاشون هن چيريون، ۽ جن جي هن تشريح ڪئي، سي ايتريون هيون، جو انهن جي ترتيب ڪري رکڻ ۾ مشهور پروفيسر ”اوئين“ کي ڏهه ورهيه لڳي ويا. اهي اٽڪل ويهه هزار نمونا ٿيندا، جي هن گڏ ڪيا هئا- ۽ اهڙو قيمتي خزانو، فقط هڪڙيءَ ماڻهوءَ جي محنت سان گڏ ٿيل، ٻيو ڪو ٿورو هوندو. ”هنٽر“ ڏيهاڙي صبح جو سج اڀرئي کان وٺي اٺين بجي تائين پنهنجي عجائبخاني يا تشريح خاني ۾ گذاريندو هو؛ باقي سارو ڏينهن هو خانگي طرح تمام گهڻن ماڻهن کي ڏيندو هو: ”سينٽ جارج“ اسپتال ۾ سرجن جي سرڪاري نوڪري ڏيندو هو، لشڪر جي ڊيپوٽي سرجن- جنرل جي نوڪري ڏيندو هو، شاگردن کي سيکارڻ لاءِ تقريرون ڏيندو هو، ۽ پنهنجي گهر ۾ علمي تشريح جي علم سيکارڻ جو مڪتب پڻ هلائيندو هو، انهن سڀني ڪمن ڪندي به ، فرصت جو وقت پيدا ڪري، حيواني بدن جي بناوت بابت ڳرا ڳرا تجربا ڪندو هو، ۽ تمام ضروري علمي ۽ حڪمتي مضمونن تي گهڻا ئي وڏا وڏا ڪتاب تصنيف ڪندو هو. هيتري ساري ڪم جي لاءِ وقت پيدا ڪرڻ واسطي، هو رات جو رڳو چار ڪلاڪ ننڊ ڪندو هو ۽ ڏينهن جو فقط هڪ ڪلاڪ، مانيءَ کائڻ کان پوءِ. هڪڙي ڀيري پڇيائونس ته ”انهن پنهنجن سڀني ڪمن جي پوريءَ طرح ڪرڻ لاءِ ڪهڙي تجويز ڪندو آهين؟ هن جواب ڏنو ته ”ڪنهن به ڪم شروع ڪرڻ کان اڳي، منهنجي عادت آهي ته خيال ڪندو آهيان ته اهو ڪري سگهندس يا نه؛ جي نه ڪرڻ جهڙو هوندوآهي، ته انهيءَ جي ڪوشش ئي نه ڪندو آهيان، جي ڪرڻ جهڙو هوندو آهي ته ان تي محنت ڪري اهو پورو ڪندو آهيان؛ ۽ شروع ڪرڻ کان پوءِ، جيسين ان کي پورو نه ڪندو آهيان، تيسين اصل ڪين بيهندو آهيان. انهيءَ عادت ۽ قاعدي جي ڪري آءٌ فتحياب پئي ٿيو آهيان.“ +”هنٽر“ پنهنجو گهڻو وقت انهن ڳالهين بابت پورين حقيقتن گڏ ڪرڻ ۾ لڳائيندو هو، جي سندس زماني کان اڳي تمام خسيس سمجهيل هونديون هيون. مثلن سندس همعصر ماڻهو سمجهندا هئا ته هرڻ جي سڱن ڄمڻ بابت جو هو خبرداريءَ ۽ سنڀال سان ڪتاب مطالع پيو ڪري، سو رڳو اجايو وقت ۽ خيال وڃائي ٿو؛ پر ”هنٽر“ کي پڪ هوندي هئي ته علمي حقيقتن جي پوريءَ طرح معلوم ڪرڻ لاءِ ڪا به محنت اجائي نه آهي. مٿئين مضمون تي ويچار ڪرڻ سان، هن کي معلوم ٿيو ته بُت جون رڳون حالتن آهر پاڻ کي بيهارين ٿيون، ۽ ضرورت آهر وڌن ٿيون. انهيءَ مان جيڪا وافقيت هن حاصل ڪئي، تنهن جي زور تي هن هڪڙيءَ رڳ جي شاخ ۾، ان جي کل سُڄي پوڻ جي علاج ڪندي، مُک رڳ کي اهڙيءَ جاءِ تي ٻڌو، جتي جيڪر ڪو به جراح کانئس اڳي جرات ڪري ڪين ٻڌي ها- ائين ڪرڻ ڪري، هن پنهنجي مريضن جي جان بچائي وڌي. گهڻن استادن وانگي، هو گهڻي وقت تائين لڪي لڪي پيو محنت ڪندو هو-ڄڻ ته آئيندي جي عمارت جو پيو بنياد کوٽي ۽ وجهي. هن کي پنهنجي ذاتي عقل تي گهڻو ڀروسو هوندو هو ۽ ٻئي ڪنهن جي مدد ڪا نه گهرندو هو. جيئن خيال ۾ ايندو هوس، تيئن هليو هلندو هو، ۽ ٻئي جي همدرديءَ يا پسنديءَ جي تسلي ڪا نه گهربي هيس؛ ڇالاءِ جو سندس وقت جي ماڻهن ان ڪي ٿورا هن جي محبت جي مدعا سمجهي سگهندا هئا. پر، سڀني سچن محنتي ماڻهن وانگي، هن نيٺ پنهنجي لاءِ اهو تمام عمدو انعام حاصل ڪيو، جو ٻين کان وڌيڪ پنهنجيءَ جند تي تعلق رهي ٿو-يعني پنهنجي اندر جي پسندي. پوريءَ سمجهه واري ماڻهوءَ ۾ همت ۽ ايمانداريءَ سان فرض ادا ڪرڻ جو هميشه اهو نتيجو پئي نڪتو آهي. +”ائمبروز پاري“، جو فرانس جو هڪڙو وڏو جراح ٿي گذريو آهي، سو ڌيان سان ويچار ڪرڻ، تحمل سان مشغول رهڻ ۽ اورچائيءَ سان محنت ڪرڻ جو ٻيو چڱو مثال آهي. هو ”مين“ ضلعي جي ”لاول“ شهر جي هڪڙي حجام جو پٽ هو، ۽ 1509 ۾ ڄائو به اتي هو. هن جا مائٽ اهڙا غريب هئا، جو هن کي سڪول ۽ موڪلي نه سگهيا، پر هنن کيس ڳوٺ جي پادريءَ وٽ نوڪر ڪري ويهاريو- انهيءَ اميد تي، ته من هو انهيءَ پڙهيل ماڻهو وٽ رهي، ٿورو گهڻو علم حاصل ڪري. پر انهيءَ پادريءَ ڇوڪر کي پنهنجي خچر جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻين خسيس ڪمن ڪرڻ ۾ اهڙو مشغول رکيو، جو هن کي ڪي به سکڻ جو وقت ڪو نه مليو. هو اڃا انهيءَ نوڪريءَ ۾ هو، ته هڪڙي ڀيري اتفاق سان مشهور پهڻي ڪڍڻ وارو ڊاڪٽر، ڪوٽاٽ، انهيءَ پادريءَ جي ڪنهن سنگتيءَ جي پهڻي ڪڍڻ آيو. ”پادري“ پهڻي ڪڍڻ مهل حاضر هو ۽ اهو ڪم هن کي اهڙو وڻيو جو چون ٿا ته انهيءَ وقت کان وٺي هن پنهنجي دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته جراحيءَ جي هنر ۾ پاڻ لڳايان. +پادريءَ جي خانگي نوڪري ڇڏي، ”پاريءَ“ اچي هڪڙي حجام وٽ شاگرد ٿيو، جنهن جو نالو ”وائيلاٽ“ هو، ۽ جراحي به ڪندو هو. اتي هو سير ڇوڙڻ، ڏند ڪڍڻ ۽ ٻيا اهڙا هلڪا حراجيءَ جا ڪم سکيو. چار ورهيه برابر هن انهيءَ قسم جو آزمودو ڪيو؛ پوءِ علم تشريح جراحي سکڻ لاءِ پيرس جي هڪڙي مڪتب ۾ وڃي ويٺو، اتي ڪم به سکندو هو، ۽ حجامت جو ڌنڌو ڪري پنهنجو پيٽ به پيو پاريندو هو. پوءِ هن مٿان هڻي ”هاٽيل ڊيوُ“ ۾ نائبيءَ جي نوڪري ورتي، جتي هن جي هلت اهڙي چڱي هئي، ۽ سڌارو اهڙو ظاهر هو، جو اتي جي وڏي ڊاڪٽر ”گوپل“ جن بيمارن جي پاڻ سنڀال نه ڪري سگهندو هو، سي کڻي هن جي حوالي ڪيا. ٺهرايل مدت جي تعليم کان پوءِ ”پاري“ کي ”جراح حجام“ جي سند ملي. سگهوئي پوءِ ”پيڊمانٽ“ ۾، ”مانٽ مارنسيءَ“ جي زيردستيءَ ۾ هڪڙي فرينچ لشڪر ۾ هو مقرر ٿيو. ”پاري“ اهو ماڻهو نه هو، جو پنهنجي ڌنڌي جي عام رواجي رستي تي اکيون پوري پيو هلي ها، پر ڏيهاڙي جيڪو ڪم هو ڪندو هو، تنهن تي ذاتي عقل ۽ شوق سان ڌيان ڏيندو هو، ۽ محنت سال خيال ڪري، پنهنجي لاءِ مرضن جي حقيقت ۽ انهن جا مناسب علاج معلوم ڪندو هو. سندس وقت کان اڳي زخمي سپاهي دشمنن جي هٿان ايترو ايذا نه سهندا هئا، جيترو پنهنجن ڊاڪٽرن ۽ جراحن جي هٿان سهندا هئا؛ بندوق جي گوليءَ لڳڻ ڪري جيڪي زخم ٿيندا هئا، تن جي رت بند ڪرڻ لاءِ ٽهڪندڙ تيل لائڻ جو جهنگلي علاج ڪم ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته لوهه تپائي، ڳاڙهو ڪري، زخمن کي ڏنڀيندا هئا ته رت بند ٿي وڃي؛ ۽ جيئن ڪو عضوو وڍڻو ٿيندو هو، تڏهن ڪپ تپائي، ڳاڙهو ڪري، انهيءَ سان وڍيندا هئا. پهرين ”پاري“ به، هلندڙ رواج موجب، زخمن جي چيٺ ڪندو هو، پر هڪڙي ڀيري چڱو اتفاق ٿيو، جو ٽهڪندڙ تيل کپي ويو ۽ انهيءَ جي بدران هن هڪڙو نرم علاج ڪم آندو. سڄي رات هن کي ڏاڍو ڊپ هو ته متان انهيءَ علاج ڪري ڪو نقصان ٿئي، پر صبح جو جڏهن ڏٺائين ته اهي بيمار اڳي کان بهتر ۽ زياده آرام ۾ آهن، ۽ جن کي رواجي دستور موجب ڏنڀيو هئائين، سي سور ۾ پيا وٽجن، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انتظار لٿس. انهيءَ طرح اتفاق سان، ”پاري“ گوليءَ جي زخمن جي هڪڙي تمام سڌريل علاج ڪرڻ جو بنياد وڌو ۽ آئيندي لاءِ اهڙين سڀني حالتن ۾ نرم علاج ڪم آڻڻ لڳو. ٻيو هن جو وڌيڪ ڪمائتو سڌارو هي هو ته رت جي بند ڪرڻ لاءِ، ڏنڀ ڏيڻ بدران، نبضن جو منهن ڌاڳي سان ٻڌڻ لڳو. پر ”پاري“ سان به آخر اهي جٺيون ٿيون، جي اڪثر سڌاري ڪندڙن ۽ نين رٿن ڪڍڻ وارن سان ٿينديون آهن. ٻيا جيڪي جراح ۽ ڌنڌي ڀائي هئا، سي هن مان عيب ڪڍڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته ”هن جي تجويز خوفناڪ، ڄٽڪي ۽ نيم -حڪمين واري آهي!“ جيڪي جهونا حڪيم جراحي جو ڪم ڪندا هئا، تن ته سڀني پاڻ ۾ کڻي ٻڌي ڪئي ته هن وارو رستو ڪم نه آڻينداسون. اهي هن کي طعنا هڻڻ لڳا ته ”تون برابر پڙهيل نه آهين، ۽ خاص طرح توکي لئٽن ۽ يوناني ٻولي نٿي اچي“. هن جي حق ۾ مصنفن جا قول شاهد آندائون، جن جي نه هو تصديق ڪري ٿي سگهيو، نه ترديد. پر، هن جي حجتن جو اهو چڱو جواب هو جو هن جو علاج ڪارگر ٿيندو ويو ۽ هن ڏانهن ماڻهن جو لاڙو وڌندو ويو. جتي ڪٿي زخمي سپاهين جا ”پاريءَ“ کي سڏ پئي پيا، ۽ هو هميشه سندن خذمت ۾ حاضر بيٺو هو. هو انهن جي ڏاڍي خبرداريءَ ۽ چاهه سان چيٺ ڪندو هو ۽ هميشه موڪلائڻ مهل هنن کي هيئن چوندو هو ته ”مون اوهان جو علاج ڪيو آهي، هاڻ شل خدا تعالى اوهان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري!“ لشڪري جراح جي عهدي تي، ”پاريءَ“ برابر ٽي ورهيه سخت نوڪري ڏني. پوءِ هو اهڙو نالو ڪڍي پيرس ڏي موٽيو، جو هن کي هڪدم ”بادشاهي جراح“ کڻي مقرر ڪيائون. جڏهين ”مينٽز“ کي، ”چارلس“ پنجين هيٺ، اسپين جي لشڪر گهيرو ڪيو، تڏهن قلعي وارن ڏاڍيون سختيون سٺيون ۽ زخمي ماڻهن جو تعداد تمام وڏو ٿي ويو. جراح ٿورا ۽ هئا، ۽ جيترا ماڻهو اسپين جي لشڪر ترار سان ٿي ڪُٺا، تن کان شايد زياده هنن جراحن علاج ڪندي ٿي ماريا. ”ڊيوڪ آف گائز“، جي قلعي جي لشڪر جو مهندارو هو، تنهن بادشاهه ڏي لکيو ته ”پاري“ کي اسان جي واهر لاءِ ڏياري موڪليو. هيءَ همت ڀريو جراح هڪدم روانو ٿيو ۽ ڪيترائي جاکوڙا ڪڍي ۽ خوف خطرا لنگهي، دشمن جي لشڪر مان نڪري، صحيح سلامت اچي. ”مينٽز“ ۾ داخل ٿيو. ”ڊيوڪ“ توڙي جنرل توڙي ڪپتانن- سڀني ڏاڍي چاهه سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سپاهين وري جڏهن هن جي اچڻ جو ٻڌو، تڏهن وڏي سڏ چوڻ لڳا ته ”اسان کي اڳتي زخمن جي وگهي مرڻ جو ڊپ ڪونهي، هاڻ اسان جو سڄڻ اسان وٽ آهي.“ ٻئي سال ۾ به ساڳيءَ طرح ”پاري“ هيسڊن جي شهر ۾ قلعي وارن سان وڃي شامل ٿيو، پر سگهوئي ”ڊيوڪ آف سئوهاءِ“ گهيرو ڪري اهو شهر ورتو، ۽ ”پاري“ قيد ٿي پيو. پر، دشمن جي هڪڙي وڏي عملدار کي ڏاڍو خراب زخم ٿي پيو هو، سو هن چيٺي ڇٽايو، تنهن ڪري سواءِ ڪنهن عيوضي وٺڻ جي هن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ هو صحيح سلامت وري پيرس ۾ آيو. +هن پنهنجي حياتيءَ جو باقي ڀاڱو ڪتابن مطالع ڪرڻ، پاڻ سڌارڻ، بندگي ڪرڻ ۽چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ گذاريو. ڪن همعصر علامن جي زور ڪرڻ تي، هن جراحيءَ جي ڪم ۾ جيڪي تجربا ڪيا هئا، تن جا نتيجا اٺاويهن ڪتابن ۾ لکيا، جي هن جدا جدا وقتن تي ڇپايا. هن جون تصنيفون خاص انهيءَ ڪري ڪمائتيون ۽ مشهور آهن، جو انهن ۾ تمام گهڻيون حقيقتون ۽ حالتون ڏنل آهن .اهڙيون فهمائشون انهن ۾ اصل ڄاڻي واڻي ڏنل ئي ناهن، جي رڳو خيالي اصولن تي ٻڌل هجن ۽ جن جي پوري طرح آزمائش ٿيل نه هجي. جيتوڻيڪ ”پاري“ پراٽيسٽنٽ مذهبي فرقي جو هو، ته به بادشاهه وٽ جراحيءَ جي عهدي تي هليو آيو. ”سينٽ برٿالوميو“ واري ڪوس ڀيري به هن جي جا ”چارلس“ نائين سان ذاتي دوستي هئي، تنهن ڪري سندس جان بچي ويئي. ڇا لاءِ جو هڪڙي ڪنهن اڻڄاڻ جراح، مثاني چيريندي، ”چارلس“ کي خراب ۽ خوفناڪ زخم ڪيو هو، جو ”پاري“ مٿا هڻي ڇٽايو هو- ۽ انهيءَ طرح هن جي جان بچائي هئائين. ”برانٽوم“ پنهنجي تاريخي احوال ۾، ”سينٽ برٿالو ميو“ واريءَ رات بادشاهه ”پاري“ کي ڪيئن ڇڏايو، تنهن جو هن طرح بيان ٿو ڏئي ته ”بادشاهه هن کي گهرايو، ۽ هن کي سڄي رات پنهنجي خانگي ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ويهاريائين؛ ۽ تاڪيد ڪيائينس ته ٻاهر متان نڪرين؛ ۽ چيائينس ته اها چڱي ڳالهه ناهي ته جنهن ماڻهوءَ گهڻيءَ خلق جون جانيون بچايون هجن، سو پاڻ قتل ٿي وڃي“. انهيءَ طرح ”پاري“ انهيءَ خوفناڪ رات جي عذابن کان بچي ويو. تنهن کان پوءِ ورهين جا ورهيه جيئرو هو، ۽ ايتري مهلت مليس جو نيٺ وڏي عمر ۾ عزت آبروءَ ۽ سانت ۾ مئو. +”هاروهي“ به اهڙو اڻورچ ۽ محنتي ماڻهو هو، جهڙا مٿي ذڪر ڪيل ماڻهو هوندا هئا. هن سڄا اٺ ورهيه تپاسون ۽ تجربا ڪيا، تڏهن مس رت جي دوري بابت پنهنجي راءِ پڌري ڪيائين. هن پنهنجا تجربا وري وري ڪيا، ۽ پاڻيهي انهن جي تصديق ڪيائين، جو شايد سجهيس ٿي ته جڏهن نيئن ڳولي ڪڍيل ڳالهه ظاهر ڪندس، تڏهن طب ڄاڻندڙ ماڻهو ضد ڪندا. جنهن رسالي يا ننڍڙي ڪتاب ۾ نيٺ هن پنهنجا رايا ظاهر ڪيا، سو مورچارو هو، پر سليس ۽ صاف ۽ لا جواب هو، انهيءَ هوندي به ان تي ماڻهن ڏاڍي ٺٺولي ڪئي، ۽ چوڻ لڳا ته اها هڪڙي ديواني مڪار جي گفتار آهي. ڳچ وقت تائين ته ڪو به ماڻهو ساڻس راءِ ۾ شامل نه ٿيو، ۽ جٺين ۽ گارين کان سواءِ ٻيو ڪي به حاصل نه ٿيس- ڀلا، هن قديم حڪيمنن جي ثابت قول تي اعتراض جو اٿاريو هو! بلڪ ائين به چوڻ لڳا ته ”هن جي راءِ پاڪ ڪتابن جي حڪمن جي برخلاف آهي، ۽ مذهب ۽ اخلاق جي بنياد ۾ خلل ٿي وجهي!“ جيڪا ٿوري گهڻي آمدني هيس، سان به بند ٿي ويس، ڪو نالي جو دوست يا خيرخواهه مس وڃي رهيس. ڪن ورهين تائين اها حالت هلي، نيٺ، جنهن وڏي سچ تي هيترين سختين ۽ عقوبتن ۾ به ”هاروهي“ قائم رهيو پئي آيو، ۽ جنهن گهڻن خيالن وارن دلين ۽ مغزن ۾ وڃي جاءِ ورتي هئي، سو، درجي بدرجي، زياده تپاس ۽ آزمودي جي ڪري، پڪو ٿيڻ لڳو؛ ۽ اٽڪل پنجويهن ورهين جي عرصي کان پوءِ، آخر اهو عام طرح مضبوط سچو حڪمتي قول شمار ۾ آيو. +مائيءَ يا ماتا کي روڪڻ لاءِ ٽُڪن ڏيڻ جي تجويز پڌري ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جيڪي مشڪلاتون ڊاڪٽر ”جينر“ کي ڏسڻيون پيئون، سي ”هاروهي“ جي مشڪلاتن کان به زياده سخت هيون. سندس وقت کان اڳي گهڻن ماڻهن ڍڳين کي مائي نڪتل ڏٺي هئي؛ ۽ ”گلاؤسٽر شائر“ جي کير-ڏڌ وارين زالن ۾ جا ڳالهه عام هئي ته جنهن کي اهو مرض وچڙندو هو تنهن کي مائي نه نڪرندي هئي، سان به ٻڌي هئائون. اهو رڳو اجايو ڪيئن جهڙو افواهه هو، جو بي معنى ۽ جهل جهڙو سمجهبو هو؛ ڪنهن کي به ان جي جاچ ڪرڻ جو خيال دل “ نه ٿي آيو، جيسين اتفاق سان اها ڳالهه ”جينر“ جي ڌيان تي آئي. هو اڃا ڇوڪراٽ هو، ۽ ”ساڊبيري“ ۾ پيو پڙهندو هو. هڪڙي ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري سندس استاد جي دڪان تي علاج ڪرائڻ آئي.- انهيءَ اتفاق سان هن جي نظر پيئي، ۽ هن جو ڌيان ڇڪيو. مائيءَ جو ذڪر نڪتو، ۽ ڇوڪريءَ چيو ته ”مون کي اهو مرض نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مون کي اڳي ئي ”ڳئون جي ماتا“ نڪتي آهي.“ انهيءَ ڳالهه تي ”جينر“ ويچار ڪيو، ۽ هڪدم ان جي جاچ ڪرڻ ۽ تجربا وٺڻ لڳو. جن دوستن ۽ ڌنڌي- ڀائين کي هن ”ڳئون جي ماتا“ جي روڪ ڪرڻ واري اثر بابت پنهنجي راءِ ٻڌائي، سي مٿس کلڻ لڳا-بلڪه هنن اهڙو دڙڪو ڏنس ته تون جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه بابت اسان کي ستائيندي، ته اسين توکي پنهنجي سنگت مان ڪڍي ڇڏينداسين. هن جو چڱو نصيب هو جو هو، لنڊن ۾ ”جان هنٽر“ وٽ تعليم وٺڻ لڳو، ان کي هن پنهنجا خيال ۽ رايا ٻڌايا، انهيءَ وڏي تشريح دان عالم ۽ حڪيم جي صلاح بلڪل ياد رکڻ جهڙي هئي ته ”رڳو خيال نه پچاءِ، پر آزمودو ڪري ڏس، اڻو رچ ٿي ڪم ڪر، ۽ پوريءَ طرح ڌيان ڏي.“ انهيءَ صلاح ”جينر“ جي همت کي مدد ڏني، ۽ انهيءَ ڪري هو حڪمين واري تپاس ڪرڻ جو سڄو هنر سکيو. هو وري ٻهراڙي ڏي ويو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجو ڌنڌو به هلائي، ۽ جاچون ۽ تجربا به ڪري. ويهن ورهين تائين هن ائين ڪيو. نئين ڳولي ڪڍيل حقيقت تي هن کي اهڙو پڪو ويساهه ٿي ويو، جو هن پنهنجي پٽ کي ٽن جدا جدا وقتن تي ڳئون جي ماتا جي ٻج مان ٽُڪا ڏنا. نيٺ هن پنهنجي سڄي تحقيقات جو بيان هڪ ننڍي، ستر کن صفحن واري، ڪتاب ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ هن ٽيويهن ماڻهن جو مفصل بيان ڏنو جن کي هن ڳئون جا ٽُڪا ڏنا هئا، ۽ وري پوءِ انهن کي ڇهڻ سان يا خود ماتا جي ٽُڪن ڏيڻ سان اصل مائي نه نڪري سگهي. اهو ڪتاب 1798ع ۾ ڇپيو، جيتوڻيڪ سال 1775ع کان وٺي انهيءَ بابت هن جا خيال پڪا ٿيڻ لڳا، ۽ انهن تي هو تعميل ڪرڻ لڳو هو. +پر، انهيءَ نئين ڳولي ڪڍيل تجويز بابت ماڻهن جو ڪهڙو خيال هو؟ پهريائين ته انهيءَ ڏي ڪو به ڌيان ڪو نه ٿي ڏنائون، پوءِ مٽجي انهن جي برخلاف ٿي بيهي رهيا. ”جينر“ ٻين حڪيمن کي ٽڪن ڏيڻ جي رستي ۽ ان جي نتيجي ڏيکارڻ لاءِ لنڊن ويو، پر هڪڙو به طبيب ۽ حڪيم، ڪيتري به تسليءَ ۽ خاطري ٿيڻ سان، آزمودي ڪرڻ جو ذميدار نه ٿيو. آخرڪار، ٽي مهينا کن بيفائدو ترسي ترسي، موٽي پنهنجي وطن واري ڳوٺ ڏي هليو ويو. ماڻهو ٺٺوليءَ ۾ سندس کل جهڙيون تصويرون ٺاهي ڏيکارڻ لڳا ۽ کيس اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳا ته ”هن ڳئون جي اوهه مان مرض واري پُون ڪڍي، پاڻ جهڙن انسانن جي بت ۾ وجهڻ سان، هنن کي ڦيرائي حيوان ٿي ڪيو!“ تقرير ڪندڙ ماڻهو، مجلس ۾ گفتگو ڪري چوڻ لڳا ته ”اهو شيطاني ڪم آهي!“ ٽُڪن ڏنل ٻارن جا منهن ڍڳن جهڙا ٿيو ٿا پون.“ ”داڻن نڪرڻ مان سڱن ڦٽڻ جا نشان ظاهر ٿا ٿين؛“ ”انهن ٻارن جي شڪل درجي بدرجي، ڦري ڳئون جهڙي ٿي ٿئي،“ ”انهن جو آواز به ڍڳن جي رنڀ جهڙو ٿيو پوي!“ پر، انهيءَ هوندي به ٽُڪن ڏيڻ جي حقيقت سچي هئي، ۽ ايتري ضديت هوندي به، آهستي آهستي، ان تي ويساهه پکڙبو ويو. هڪڙي ڳوٺ ۾، جتي هڪ سکر ماڻهو ٽڪن جي رواج وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اتي جن ماڻهن پهريائين پاڻ کي ٽڪا ڏياريا، تن کي خلق هڻي سنگسار ڪري رکيو؛ ۽ جي گهرن کان نڪرندا هئا ته پهڻ هڻي وري اندر ڀڄائي ڇڏيندا هئن. ٻن امير زادين- هڪڙي ”ليڊي ڊلوسي“ ۽ ٻي ”ڪائونٽيس آف پرڪلي“ کي شابس آهي، جو همت جهلي پنهنجن ٻارن کي ٽڪا ڏياريائون؛..... تنهن کان پوءِ هڪدم ماڻهن جا وهم گم ٿي ويا... درجي بدرجي، حڪيم ۽ طبيب به اچي گڏ ٿيا. ڪي ته اهڙا به هئا، جو جڏهن ٽڪن جي اثر جي تعريف ٻڌائون، تڏهن دعوا ڪرڻ لڳا ته ”اها تجويز اسان پهرين ڳولي ڪڍي آهي، نه ڊاڪٽر ”جينر“! نيٺ ”جينر“ جي دعوا ثابت ٿي، ۽ هو فتحمند ٺهرايو ويو. پوءِ هن کي عام طرح گهڻو مان ڏنائون، ۽ انعام ا��رام ڪيائون. زور ۽ مشهورائي جي ڏينهن ۾ به اهڙو نهٺو ۽ نماڻو هو، جهڙو غريبيءَ ۽ گمناميءَ جي ڏينهن ۾ هوندوهو. لنڊن جي ماڻهن هن کي گهڻو ئي چيو ته اچي شهر ۾ ويهه ته توکي سال ۾ ڏهه هزار پائونڊ آمدني ٿيندي؛ پر ان جو جواب اهو هو ته ”نه“ عمر جي صبح مهل مون حياتيءَ جا گوشائتا هنڌ ۽ هيٺانهان رستا پئي ڳوليا آهن؛ ۽ جبل ڇڏي ماٿريون پئي چتايون اٿم، تڏهن هاڻي عمر جي شام جو مون کي نٿو جڳائي ته آءٌ وڏائي ۽ ناموس ڏيکارڻ لاءِ پاڻ کي مٿي ڪريان.“ خود ڊاڪٽر ”جينر“ جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، ٽڪن ڏيڻ جو رواج، دنيا جي سڀني سڌريلن ملڪن ۾ پئجي ويو؛ ۽ جڏهن هن وفات ڪئي، تڏهن سڀني مڃيو ته هو برابر انسان ذات جو خيرخواهه هو. ”ڪوهيئر“ چيو آهي ته ”جيڪڏهن انهيءَ زماني ۾ رڳو ٽڪن ڏيڻ جي حڪمت ڳولي ڪڍيل هجي، ته اها هڪڙي ئي اهڙي وڏي ڳالهه آهي، جنهن تي انهيءَ زماني کي فخر ٿئي، انهيءَ هوندي به، ويهه ڀيرا اها ساڳي حڪمت دارالعلمن جي درن تي ويئي، پر ڪنهن اندر لنگهڻ نه ڏنس!“ +”سرچارلس بيل“ نسن ۽ رڳن جي انتظام بابت جيڪي تحقيقاتون ڪيون، ۽ نيون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون، تن ۾ به هن ڪا گهٽ جفاڪشي،مردانگي اورچائي نه ڏيکاري. سندس وقت کان اڳي، نسن ۽ رڳن جي حڪمتي عملن بابت، حڪيمن جي راءِ تمام مونجهاري جهڙي هوندي هئي؛ ۽ اها علم جي شاخ به گهڻو ڪري ساڳيءَ انهيءَ حالت ۾ هئي، جنهن ۾ ٽن هزارن ورهين کان اڳي، ”ڊيما ڪريٽس“ ۽ ”انگزا گورلس“ جي ڏينهن ۾ هئي. ”سرچارلس بيل“ سال 1821ع کان وٺي جي ڪمائتا ڪاغذ يا رسالا هڪٻئي پٺيان ڇپايا، تن ۾ انهيءَ مضمون بابت هن اصل نوان خيال ۽ نوان رايا ظاهر ڪيا، جي تمام گهڻن سوچ ۽ پورائيءَ سان وري وري ڪيل تجربن تي ٻڌل هئا. گهٽ درجي وارن حيوانن کان وٺي انسان تائين- جو اشرف المخلوقات آهي- جسم ۾ نسن ۽ رڳن جو انتظام ڪيئن سڌرندو آيو آهي، تنهن بابت هن مفصل بيان اهڙو صاف ۽ چڱو ڏنو جو ”ڄڻ ته اسان جي مادري زبان ۾ لکيو آهي“- جيئن پاڻ چيو اٿس. هن جيڪا نئين ڳالهه ڳولي ڪڍي، سا هيءَ هئي ته ”پٺيءَ جي ڪنڊي واريون نسون ٻن طرحن جو ڪم ڪن ٿيون، ۽ انهن جون ٻِٽيون پاڙون آهن، جي پٺيءَ جي ڪنڊي واري هڏي جي اندرئين مک يا مغز مان نڪرن ٿيون. هڪڙي پاڙ مان جي نسون نڪرن ٿيون، سي ارادو يا مرضي ظاهر ڪن ٿيون ۽ عمل ۾ آڻين ٿون، ۽ ٻيءَ مان جي نڪرن ٿيون، سي حس يا حواسن جو اثر ظاهر ڪن ٿيون. انهيءَ مضمون تي ”سرچارلس بيل“ برابر چاليهه ورهيه پنهنجا خيال پئي ظاهر ڪيا. سال 1840ع ۾ هن پنهنجون پويون ڪاغذ يا رسالو، ”رايل سوسائٽي“ يا حڪمت وارن ماڻهن جي شاهي مجلس ۾ پيش ڪيو. جيئن ”هاروهي“ ۽ ”جينر“ جي حالت ۾ ٿيو هو، تيئن هن جي حالت به جڏهن پهرين ماڻهو سندس راين تي کل ٺٺولي ۽ ضد ڪري ٿڪا، ۽ نيٺ انهن جي سچائي قبول ڪيائون، تڏهن ڪيترائي دعويدار پيدا ٿا- جهڙا انهيءَ ملڪ ۾ تهڙا ٻاهر- جن چيو ته اها حقيقت پهرين اسان ڳولي ڪڍي آهي. انهن ئي وانگي پنهنجن ڪاغذن ڇپائڻ ڪري، هن جي پيدائش به گم ٿي ويئي، ۽ هن يادگيريءَ لاءِ پاڻ وٽ لکي ڇڏيو هو ته ”جيئن جيئن مون پنهنجن تحقيقاتن ۾ ترقي پئي ڪئي. تيئن تيئن مون کي پنهنجي ناموس ۽ پيدائش بچائڻ لاءِ زياده محنت ڪرڻي ٿي پيئي.“ نيٺ ”سرچارلس بيل“ جي قابليت ۽ ڪماليت سڀني پوريءَ طرح قبول ڪئي. خود ”ڪوهيئر“ جڏهن قريب المرگ هو ۽ سندس منهن سيٽجي مروٽجي هڪڙي پاسي ٿي پيو هو، تڏهن جيڪي ماڻهو اتي هئا، تن کي هن ڏيکاريو ته انهن علامتن مان ”سرچارلس بيل“ جي راءِ جي سچائيءَ جي ثابتي ملي ٿي. +ساڳئي علم جي شاخ تحقيقاتن ڪرڻ ۾، ساڳيءَ طرح، ڊاڪٽر ”مارشل هال“ به جانفشاني ڪئي. هن جو نالو به پوين وٽ ”هاروهي“، ”هنٽر“، ”جينر“ ۽ ”بيل“ جهڙو شمار ۾ ايندو. هن جي وڏي عمر، جا ساري ڪمائتي گذري، تنهن ۾ هن ڏاڍيءَ خبرداريءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان علمي تحقيقاتون ۽ جاچون ڪيون. ڪهڙي به ظاهري خسيس ڳالهه هن جي ڌيان کان گُسي نه ويئي. هن رڳن ۽ نسن جي پکيڙيل انتظام جي جا ڪمائتي حقيقت ڳولي ڪڍي ۽ جنهن ڪري حڪيمن ۽عالمن ۾ هن جو نالو هميشه پائدار رهندو، سا هڪڙي تمام خسيس اتفاق مان شروع ٿي. هن جل- مانس يا ”آدم آبي“ جي ڦڦڙن ۾ رت جي دَوري جي چڪاس پئي ڪئي، ۽ اها عجيب مڇي سندس اڳيان ميز تي چيري رکي هئي، جڏهن ان جي پڇڙي وڍي ڌار ڪيائين، ۽ اوچتو ان جي ٻاهرينءَ کل ۾ سئي چٻايائين، تڏهن ڏٺائين ته اها ڏاڍي زور سان چُرڻ لڳي ۽ ور وڪڙ ڏيئي سيٽجڻ ۽ مروٽا کائڻ لڳي. هن اڃا نڪي ڪنهن نس کي هٿ لاتو هو، نڪي ڪنهن رڳ کي-تڏهن هي چُرڻ ۽ مروٽجڻ ڪهڙي سبب کان ٿي ٿيو؟ اهڙي عجيب حالت شايد اڳي به گهڻن ماڻهن ڏٺي هوندي، پر ڊاڪٽر ”هال“ پهريون ماڻهو هو، جو انهيءَ جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيئي مٿو هڻڻ لڳو- انهيءَ مهل چوڻ لڳو ته ”جيسين آءٌ هيءَ سڀ حقيقت نه پروڙيندس ۽ ان جي صفائي نه ڪندس، تيسين آرام نه وٺندس!“ هن انهيءَ مضمون تي نهايت گهڻي سرجوشيءَ سان ڌيان لڳايو. حساب ڪيو ويو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ هن سڄا پنجويهه هزار ڪلاڪ ان جي تجربن ڪرڻ ۽ ڪيميائي تپاس هلائڻ ۾ لڳايا! ساڳئي وقت ۾ هن خانگي طرح تمام گهڻو طبابت جو ڌنڌو پئي ڪيو، ۽ ”سينٽ ٽامس“ جي اسپتال ۾ ۽ ڪن ٻين ڊاڪٽري اسڪولن ۾ تعليم به پئي ڏني. انهيءَ ڳالهه تي آسانيءَ سان اعتبار نه اچي سگهندو ته هن پنهنجي رسالي ۾ جا پنهنجي نئين ڳولي ڪڍيل ڳالهه پڌري ڪئي، سا ”رايل سوسائٽيءَ“ يعني حڪيمن جي شاهي مجلس رد ۽ نامنظور ڪري ڇڏي؛ ۽ سترهن ورهين کان پوءِ جڏهن هن جي راءِ جي سچائي سندس ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن جي عالمن قبول ڪئي، تڏهن مس هنن منظور ڪئي. +”سرويلم هرشل“ جي حياتيءَ جو احوال وري علم جي ٻيءَ هڪ شاخ ۾ محنت ۽ سرجوشيءَ جو ٻيو عمدو مثال آهي. هو هڪڙي غريب جرمن ڳائڻي جو پٽ هو. سندس پيءُ پنهنجن چئن پٽن کي به ساڳيو ڌنڌو سيکاريو. ”وليم“ قوت گذران ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ۾ آيو، جتي ”ڊرهام مليشيا“ واري لشڪر جي باجي وڄائڻ واري ٽولي ۾ وڃي داخل ٿيو. اتي هو باسري وڄائيندو هو. اها پلٽڻ ”ڊانڪاسٽر“ ۾ لٿي پئي هئي. اتي ڊاڪٽر ”ملر“ جي پهرين ”هرشل“ سان واقفيت ٿي، ڇا لاءِ جو هن سندس تعريف ٻڌي هئي ته هو ساز چڱو وڄائي ٿو ۽ راڳ چڱو ڳائي ٿو. انهيءَ ڊاڪٽر هن جوان سان گفتگو ڪئي ۽ منجهائنس اهڙو خوش ٿيو جو هن کي زور ڪيائين ته پلٽڻ جي نوڪري ڇڏي، هلي ٿورو وقت تائين سندس گهر ۾ رهي. ”هرشل“ ائين ڪيو. جيسين ”ڊانڪاسٽر“ ۾ هو، تيسين گهڻو ڪري راڳ جي مجلسن ۾ انگريزي سارنگي وڄائيندو هو، ۽ فرصت جي وقت ۾ ڊاڪٽر ”ملر“ جي ڪتخاني ۾ ڪتابن مطالعي ڪرڻ جو فائدو وٺندو رهيو. ”هالي فاڪس“ جي ننڍيءَ ديول لاءِ هڪڙو نئون آرگن يا ارغون باجو جڙيو هو، تنهن جي وڄائڻ واري جي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ٿيو هو، سو ٻڌي، ”هرشل“ درخواست ڪئي، ۽ کيس پسند ڪري اها جاءِ ڏنائون. تنهن کان پوءِ ڪي ڏينهن، گهمندو، پنهنجي هنر سان پيٽ پاليندو وتندو هو. نيٺ ”باٿ“ ۾ آيو، جتي ”پمپ روم“ جي باجي واري ٽوليءَ ۾ باجو وڄائيندو هو، ۽ ساڳئي وقت ۾ هشت- پهلو ديول ۾ وڏي باجي وڄائڻ جو به ڪم ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ علم هيئت جون ڪي نيون ڳالهيون ڪڍيون ويون هيون، تن تي هن ڌيان لڳايو. هن جي طاقت واري ذهن تي انهن گهڻو اثر ڪيو، ۽ هن جي دل ۾ انهن جي واقفيت حاصل ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي، تنهن ڪري هن مٿا هڻي هڪڙي دوست کان ”گريگري“ واري هڪڙي ٻه-فوٽي دروبيني اُڌاري ورتي. هن ويچاري باجي وڄائڻ واري کي انهيءَ علم اهڙو موهي وڌو، جو هن کي پنهنجي دوربين خريد ڪرڻ جو اچي حرص ٿيو، پر لنڊن جي دوربين- فروشن اهرو ڳرو ملهه ٿي گهريو، جولاچار ٿي هن دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪيو ته پنهنجي لاءِ هڪڙي دوربين ويهي ٺاهيان. جن کي خبر آهي ته عڪس وجهندڙ دوربين ڪهڙي ٿيندي آهي، ۽ ڌاتوءَ جي مقعريا ٻنهي پاسي پوري ٽِڪي، جا نظر ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ اوزار جو تمام ضروري ڀاڱو آهي، تنهن کي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترو هنر ٿو گهرجي، تنهن کي ڪو سماءُ پئجي سگهندو ته انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙي نه مشڪلات آهي. انهيءَ هوندي به ”هرشل“، تمام گهڻيءَ ۽ سخت محنت کان پوءِ، نيٺ هڪڙي پنج فوٽ ڊگهي عڪس وجهڻ واري دوربين ٺاهي تيار ڪئي، جنهن سان ”زحل“ تاري جو حلقو ۽ ان سان تعلق رکندڙ ٻيا ننڍا سيارا تارا ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو. هيتريءَ فتحيابيءَ تي به هن کي صبر نه آيو، ۽ ٻيون دوربينون هڪٻئي پٺيان جوڙڻ لڳو- هڪڙي ست فوٽ ڊگهي، ٻي ڏهه فوٽ ڊگهي ۽ ٽي اصل ويهه فوٽ ڊگهي. ست- فوٽي عڪس وجهندڙ دوربين جوڙڻ ۾ هن سڄيون ٻه سو ٽِڪيون ڌاتوءَ جون جوڙيون، تڏهن مس منجهانئن هڪڙي اهڙي، ٺهي، جا مٿانئس لڳايل زور کڻي سگهي. انهيءَ مان هن شخص جي اورچائي ۽ محنت چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگهندي. هڪ طرف جو هن پنهنجن اوزان سان آسمان ۽ تارن جي چڪاس پئي ورتي، ته ٻئي طرف وري هن پنهنجي پيٽ گذران لاءِ تحمل سان ”پمپ روم“ ۾ ايندڙ سکر ماڻهن کي بانسريءَ پڻ وڄائي پئي ڏيکاري. تارن ڏسڻ جو هن کي ايترو شوق هوندو هو، جو جڏهن باجي جو هڪڙو دس وڄي بس ٿيندو هو ۽ ساهي ملندي هئي، تڏهن هو انهيءَ جاءِ مان چوري ڀڄي گهر ايندو هو ۽ دوربين کي ٿورو هيٺ مٿي چوري، تارن جو نظارو ڪري، وري ڀڄي وڃي بانسري وڄائيندو هو! انهيءَ طرح ڪم ڪندي، “هرشل“ پنهنجين دوربينن سان ”جارجيم سائڊس“ تارو ڳولي ڪڍيو، ۽ ان جو گردو يا دائرو توڙي ان جي هلڻ جي چال جو اندازو پوريءَ طرح حساب ڪري معلوم ڪيائين. پوءِ اهو سڄو بيان لکي ”رايل سوسائٽيءَ“ ڏانهن موڪليائين، انهيءَ جو نتيجو هيءَ ٿيو ته اهو مسڪين بانسري وڄائيندڙ، هڪدم، گمناميءَ مان چڙهي، وڃي مشهوريءَ جي اوج کي پهتو. سگهو ئي پوءِ هوشاهي منجّم يا هيئتدان مقرر ٿيو ۽ بادشاهه جارج ٽئين جي مهربانيءَ سان آبروءَ جهڙي درجي ۽ وسعت واريءَ حالت کي وڃي پهتو. هن پنهنجي عزت ۽ آبرو اهڙيءَ نماڻائيءَ ۽ نياز سان کنئي، جهڙي منجهس غريبيءَ جي حالت ۾ ڏسبي هئي. اهڙو حيلم طبع ۽ تحمل وارو، ۽ وري مشڪلاتن ۾ به علم ۽ حڪمت جو اهڙو ناميو ۽ قابليت وارو طالب، سڀني تاريخن ۾ ٻيو ڪو شايد ڪو نه لڀندو. +”وليم سمٿ“، جو انگلينڊ ۾ علم طبقات الارض جو باني ۽ استاد هو، تنهن جي حياتيءَ جو احوال جيتوڻيڪ شايد اهڙو مشهور ناهي، ته به تحمل ۽ محنت سان ڪشالي ڪرڻ ۽ مٿا هڻي وجهه نه وڃائڻ جو ڪو به انهن کان گهٽ مرغوب ۽ مفيد مثال نه آهي. هو، ”آڪسفرڊ شائر“ جي ”چرچل“ شهر۾، سال 1869ع ۾ ڄائو هو، ۽ هڪڙي ننڍي آبادگار جو پٽ هو. هو اڃا ننڍو ٻار هو، ته سندس پيءُ مري ويو، تنهن ڪري هن کي هڪڙي ننڍي ٻهراڙيءَ جي مڪتب ۾ تمام ٿوري تعليم ملي- تنهن ۾ به ڪيتريون اٽڪون ٿيون، جو هو گهندو رلندو وتندو هو ۽ رولو ڇوڪرن واريون اجايون عادتون هونديون هيس. هن جي ماءُ وري ٻيو ڀيرو شادي ڪئي، تنهن ڪري هن کي سندس چاچو، جو پڻ آبادگار هو، تنهن حوالي ۾ ورتو، ۽ هن کي پالي وڏو ڪيو. هيءَ ڇوڪر گهمڻ، ۽ لسن پهڻن، روهين ۽ ٻين عجيب غريب پٿرن جي گڏ ڪرڻ جو شوقي هوندو هو، جو اهڙا پهڻ سندس زمين جي آسپاس پکڙيا پيا هوندا هئا. جيتوڻيڪ هن جون اهي عادتون چاچس کي نه وڻنديون هيون، تڏهن به هن ڪي ضروري ڪتاب وٺي ڏنس ته جيئن هو علم اقليدس ۽ پيمائش جا اصول سکي، ڇا لاءِ جو اڳي ئي رٿيل هو ته اهو ڇوڪر نيٺ سروير يا زمين جي ماپ ڪرڻ وارو ٿئي. هن جي ننڍي هوندي هڪڙي خاصيت اها هوندي هئي، ته هو سڀڪا شيءِ ڏاڍي خيال ۽ ڌيان سان جاچيندو هو، ۽ جيڪي هڪڙي ڀيري ڏسندو هو سو وري ڪڏهن نه وساريندو هو. هو نقش ڪڍڻ لڳو، ۽ رنگ ڏيڻ جي به ڪوشش ڪيائين، پيمائشي حسابن ۽ زمين جي ماپن ڪرڻ جي استعمالي ڪرڻ لڳو، پر انهن ڪمن مان ڪنهن ۾ به هن کي دستوري تعليم ڪا نه ملي. پاڻ کي پاڻيهي تعليم ڏيڻ ۽ محنت ڪرڻ سان، هو سگهوئي اهڙو هوشيار ٿيو جو پاڙي ۾ هڪڙو لاچاڪ سروير هو، تنهن هن کي پنهنجو اسسٽنٽ يا مددگار ڪري رکيو. نوڪري ڏيندي ۽ پنهنجي ڪم ڪندي، هن کي ”آڪسفرڊ شائر“ ۽ پاسي وارن ضلعن ۾ اڪثراچڻو وڃڻو ٿيو. پهرين ڳالهه جنهن تي هن ڌيان لائي غور ڪيو، سا اها هئي ته جي زمينون سندس ڏسڻ ۾ ٿي آيون، جن مان لنگهيو ٿي ۽ جن جي ماپ ٿي ڪيائين، تن جي مٽيءَ ۽ انهن جا تهه يا طبقا ڪيئن رکيل آهن- خصوصا ڳاڙهي مٽي جي جاءِ، ڪچن توڙي انهن جي مٿان بيٺل پڪن ٽڪرن جي نسبت ڪهڙي آهي، سا جاچيندو هو. بيشمار آڱرن جي کاڻين واري زمين جي ماپ جا هو ڪندو هو، تنهن ۾ هن کي پاڻ زياده تجربوحاصل ٿيو. اڃا ٽيويهن ورهين جو مس ٿيو، ته هن زمين جي تهن جو هڪڙو هٿرادو نمونو رٿيو. +جن ڏينهن ۾ ”گلاسٽر شائر“ ۾ ڪنهن رٿيل واهه جي لاءِ هن زمين جي ليول يا سنوت پئي ورتي، تن ڏينهن ۾ انهيءَ ضلعي جي زمين جي طبقن يا تهن بابت عام قاعدي جو خيال هن جي دل ۾ پيدا ٿيو. هن معلوم ڪيو ته آڱرن جي مٿان جيڪي تهه هئا، سي زمين جي سطح وانگي سنوان نه هئا؛ پر پاسيرا هئا؛ ۽ سڀئي هڪ پاسي هئا- يعني اڀرندي ڏي- جهڙيءَ طرح روٽيءَ ۽ مکڻ جون ڦاڪون هڪٻئي مٿان رکيل ڏسڻ ۾ اينديون آهن، پر تمام وڏي قد جون. انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ جي تصديق سگهوئي ٻين ٻن پوريءَ وڇوٽيءَ وارين ماٿرين جي تهن ڏسڻ سان هن کي ملي، جو اتي ڳاڙهيءَ مٽيءَ يا چوني يا ريتيءَ جا آني جهڙا گول پهڻ اوڀر جي طرف لهندا ڏسڻ ۾ آيا؛ جي سطح کان هيٺ لهيو پئي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي وري ٻيا اهڙا تهه هڪٻئي پٺيان نظر ٿي آيا. تنهن کان پوءِ سگهو ئي جڏهن هو انگلنڊ ۽ ويلس جي واهن جي انتظام چڪاسڻ لاءِ مقرر ٿيو، تڏهن هن کي پنهنجيءَ راءِ جي عام طرح سچي هئڻ جي پوري تصديق ملي، ۽ خاطري ٿي. ”باٿ“ کان ”ٽائن“ نديءَ واري ”نيوڪئسل“ تائين جيڪو گشت هن ڪيو، ۽ وري جو ”شراب شائر“ ۽ ويلس کان موٽي آيو، تنهن وچ ۾ هن جي تيز نظر هڪ لحظو به اجائي نه رهي. جنهن ڀاڱي مان هو پنهنجن سنگتين سميت لنگهيو، تنهن جو نماءُ توڙي ان جي بناوت هن جلديءَ ۾ نهاري ياد ڪري ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته آئيندي ڪم اچي. هن زمين جي طبقن ڏي اهڙي خبرداريءَ سان نگاهه ٿي ڪئي، جو جيتوڻيڪ ”يارڪ“ کان ”نيوڪئسل“ ڏي ٽپال-گاڏيءَ ۾ ويندي، سندس رستو اڀرندي وارن چاڪ ۽ بيضوي پهڻن جي ٽڪرين کان پنجن کان پندرهن ميلن تائين پري هو، تڏهن به انهن جي قسم جي خبر هن کي سندن شڪل، هڪٻئي جي نزديڪيءَ، توڙي زمين جي سطح تي ڳاڙهيءَ مٽيءَ ۽ چوني جي پهڻن جي بنسبت انهن جي پکيڙ جا رستي هلندي ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ ايندي هئي- تنهن مان پوريءَ طرح پوندي هئي. هن جي تحقيقات جا عام نتيجا هيٺيان آهن: هن معلوم ڪيو ته انگلنڊ جي الهندي وارن ڀاڱن ۾ جيڪي ٽڪرائتيون زمينون هيون، سي گهڻو ڪري اڀرندي ۽ ڏکڻ- اڀرندي طرف ڏي لڙيل هيون؛ ۽ ڳاڙها ريتيءَ وارا پهڻ ۽ چوني ۽ مٽيءَ جا گڏيل پهڻ، جي اڱرن جي تنهن جي مٿان هئا، سي چوني جي ڪڪريءَ، نج مٽيءَ ۽ چوني جي پهڻن ۽ جدا جدا قسمن جي مٽين جي هيٺان ٿي لنگهيا، ۽ ”ڪاٽسو ولڊ“ ٽڪرين جو مٿانهون ميدان ٿي جوڙيائون، ۽ اهي وري انگلنڊ جي اڀرندي وارن ڀاڱن ۾ جي وڏا چاڪ جا تهه يا طبقا هئا، تن جي هيٺيان ٿي لنگهيا، هن هي ڳالهه به سهي ڪئي ته مٽيءَ، ريتي ۽ چوني جي پهڻن جي هرهڪ تهه ۾ پنهنجا ڳريل ۽ پهڻ ٿي ويل جانورن جا نمونا موجود هئا. انهن ڳالهين تي ڳوڙهو خيال ڪري، نيٺ هن هيءُ نئون اڻ ٻُڌل نتيجو ڪڍيو ته هنن جدا جدا تهن يا طبقن ۾ جو جدا جدا سامونڊي جانورن جا تهه هئا، تنهن مان معلوم ٿي ٿيو ته اهو هڪڙو هڪڙوتهه ڪنهن وقت ۾ جدا جدا سمنڊ جو ترو هو، ۽ مٽيءَ، ريتيءَ، چاڪ ۽ پهڻ جو سڀڪو تهه يا طبقو، زمين، جي تاريخ جو جدا جدا زمانو ٿو ڏيکاري. هي خيال هن جي دل ۾ پڪي طرح ويهي رهيو؛ انهيءَ کان سواءِ ڪنهن به ٻئي مضمون بابت نڪي ويچار ڪندو هو نڪي ڳالهائيندو هو. جڏهن به ڪي واهن جي سڌاري جون مجلسون ٿينديون هيون، يا ٻهراڙيءَ ۾ رڍن جي اُن ڪترڻ وقت خوشيءَ جون مجلسون هيون، يا شهرن جون جماعتون گڏ ٿينديون هيون، يا آبادگارن جون ٽوليون گڏ ٿينديون هيون، تڏهن هي شخص، جنهن تي ”طبقن وارو“، ”سمٿ،“ نالو پئجي ويو هو، سو هميشه انهيءَ مضمون تي پيو گفتگو ڪندو هو، جو سندس مغز ۾ ويهي ويو هو، حقيقت ڪري هن هڪڙي تمام وڏي ڳالھ ڳولي ڪڍي هئي­- جيتوڻيڪ اڃا عالمن ۽ حڪيمن کي هن جي ڪابه خبر ڪانه هئي، ۽ کيس سڃاڻندا ئي نه هئا، هن انگلنڊ جي طبقن ڏيکارڻ لاءَ هڪڙو نقشو رٿيو، پر ڪجھ وقت انهي جي تيار ڪرڻ ۾ هن کي روڪ ٿي، ڇا لاءَ جو هو برابر ڇهين ورهين تائين ”سمرسيٽ شائر“ واري اڱرن جي واھ کڻائڻ جي ڪم نهايت مشغول هو. انهي هوندي به هن مٿا هڻيو، جاچون ڪريو، حقيقتون پئي گڏ ڪيون، هو ڪنهن به ضلعي جي زير زمين بناوت معلوم ڪرڻ، ۽ ٻاهرين شڪل مان اندرين تھن يا طبقن جي پکيڙ ۽ ٻئ حالت سهي ڪرڻ ۾ اهڙو هوشيار ۽ آزمودوگار ٿيو، جو اڪثر وڏن ميدانن ۽ پٽن مان پاٽيءُ وهائڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جي تجويزن بابت هن کان راءِ وٺندا هئا ۽ صلاح پڇندا هئا. هو اها راءَ، زمين جي طبقن جي واقفيت جي زور تي، اهڙي پوري ڏيندو هو جو نيٺ مفيد ۽ سچي ثابت ٿيندي هئي، جنهن ڪري سندس ڏاڍي ناموس نڪتي. +هڪڙي ڏينهن ”باٿ“ ۾، پادري، ساميوئل رچرڊ سن“ جي جاءِ ۾ جيڪي ڳريل سڙيل جانورن وغيره جا نمونا رکيل هئا، سي ڏسندي، ”سمٿ“ اوچتو انهن کي بگيڙي، پنهنجيءَ تجويز ۽ ترتيب سان، زمين جي طبقن جي ترتيب موافق، وري اهي ٺاهي رکيا؛ جنهن جي ڪري سندس دوست کي حيرت وٺي ويئي. هن کي چوڻ لڳو ته، هي نيري رنگ جي چوني وارن پهڻن مان آيا آهن؛ هي انهن جي مٿان واريءَ ۽ ريتيءَ ۽ ڪچن پهڻن مان آيا آهن؛ هي ميٽ مان نڪتا آهن؛ جن مان باٿ ۾ عمارتون جوڙيندا آهن،. اهي لفظ ٻڌي، مسٽر ”رچرڊ“ جي دل تي ڄڻ هڪڙو نئون خيال پيدا ٿيو؛ سگھوئي هن ”وليم سمٿ“ جي راءِ تي ويساھ ڪيو، ۽ هن سان شامل ٿيوـ پر، انهن ڏينهن ۾ جيڪي طبقات الارض جا عالم هئا، تن آسانيءَ سان هن جي ڳالھ تي اعتبار نه ڪيو؛ چيائون ته ”هڪڙو نئون گمنام زمين جي پيمائش ڪرڻ وارو، اهڙو ٿيو آهي جو اسان کي ٿو طبقات الارض جو علم سيکاري! پر ”وليم س��ٿ“ جي اک ۽ دل اهڙي ته تيز هئي، جو زمين جي کل جي اندر گھڙي ويندي هئي؛ هن کي گويا ان جي اندرئين پڃري ۽ نسن جي پيئي خبر پوندي هئي، ۽ ڏسڻ کان اڳي ان جي بناوت جي سڌ ڏيندو هو. ”باٿ“ جي آس پاس واريءَ زمين جي طبقن جي هن کي اهڙي باريڪ ۽ پوري خبر هئي، جو هڪڙيءَ رات پادري ”جوزف ٽائونسينڊ“ جي گھر ماني ويٺي کاڌائين، ته هن مسٽر ”رچرڊسن“ کي زمين جي ٽيويهن طبقن يا تنهن جا نالا وٺي ٻڌايا، جيئن اهي هڪٻئي پٺيان مٿان کان هيٺ لهندا ويا هئا-پهرين چاڪ کان شروع ٿيا، ۽ هڪٻئي پٺيان لهندا وڃي هيٺ اڱرين تي بيٺا، جنهن جي هيٺ وارن طبقن جو اڃا تڏهن پوريءَ طرح سماءِ ڪونه پيل هو؛ تنهن کان پوءِ ٽَڪرن جي جدا جدا تهن ۾ جيڪي مکيه مکيه ڳريل جانورن جا نمونا گڏ ڪيا ويا هئا؛ تن جا نالا وٺي ويو، اهي نيٺ سن 1801ع ۾ ڇاپيا ويا، ۽ چوڌاري پڌرا ڪياوياـ +تنهن کان پوءِ، جيترو وسعت آهر هن کان ٿي سگهيو، ”باٿ“ کان پري وارن پرڳڻن جي طبقن جي جاچ ڪرڻ لڳو. ڪي ورهيه هو پئي آيو ۽ ويو- ڪڏهن پنڌ، ڪڏهن گهوڙي تي، ۽ ڪڏهن ته جيڪي منزلن جي وچ ۾ عام گاڏيون هلندڙ هيون، تن جي چوٽيءَ تي چڙهي ويهندو هو. اڪثر جيڪو وقت ڏينهن جو وڃائيندو هو، تنهن جي بدران، رات جو پنڌ ڪري، پنهنجي نوڪري ۽ فرضي ڪمن جو پورائو ڪندو هو، ۽ حرڪت پوڻ نه ڏيندو هو. جڏهن ڪنهن پاسي سندس ڌنڌي جي ڪم لاءِ وطن کان پري وڃڻو ٿيندو هوس- جيئن ته جڏهن ”باٿ“ کان ”نارفوڪ“ ضلعي جي ”هولڪهام“ شهر ڏي انهيءَ لاءِ سڏيو هئائونس ته اتي مسٽر ”ڪوڪ“ جي زمينن ۾ پاڻي ڏيڻ ۽ پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪري- تڏهن هو گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيندو، هو پر واٽ ويندي، جنهن ملڪ مان لنگهيو ٿي تنهن جي طبقن جي حالت ۽ ڊول جي جاچڻ لاءِ، رستو ڇڏي، اڪثر هيڏي هوڏي پيو ويندو هو. +ڪيترن ورهين تائين هو انهيءَ طرح انگلنڊ ۽ آئرلنڊ ۾ پري پري وارن ڀاڱن ۾ سفر پيو ڪندو هو، سال ۾ ڏهن هزارن ميلن کان به وڌيڪ پنڌ ڪندو هو. انهيءَ تڪليف جهڙي سفر ڪندي، به هو انهيءَ نئين علم جا عام قانون، جي سندس ڌيان تي جلد جلد ايندا ويا، سي ڪاغذ تي اٽڪائيندو ويو. ڪهڙي به خسيس ڳالهه جا هن جي ڌيان تي ٿي آئي، سان هن ٽاري نٿي ڇڏي، ۽ ڪهڙو به وجهه، نين حقيقتن گڏ ڪرڻ جو، هن پنهنجي هٿان نٿي ڇڏيو، جڏهن به ٿي سگهندو هوس، زمين جي قدرتي يا مصنوعي ڦاٽن جا نقشا ۽ ٻيا ڪاغذ هٿ ڪندو هو؛ ۽ انهن تان هميشه، اسي يارڊن جي لاءِ هڪ انچ جي پيماني تي، پنهنجا وڏا نقشا ڪڍندو هو، ۽ انهن کي رنگ ڏيندو هو. هن جي تيزفهميءَ ۽ عميق خياليءَ جو هيٺيون هڪڙو مثال وٺو. ”ووبرن“ جي ويجهو آسپاس واري زمين جي طبقن جاچڻ لاءِ گشت ڪندي، جڏهن هو ”ڊنسٽبل“ وارن چاڪ جي ٽڪرن جي پاڙ کي نزديڪ آيو، تڏهن هن پنهنجن سنگتين کي چيو ته ”جيڪڏهن هنن ٽڪرن جي پاڙ ۾ اسان کي ڪا ڦاٽل زمين ڏسڻ ۾ اچي وڃي، ته شايد سامونڊي واگهه يا گهڙيال جا ڏند اسان کي هٿ لڳي ويندا.“ اڃا هو ٿورو اڳرو هليا، ته هڪڙيءَ تازيءَ کوٽيل کڏ جي ڪناري مان هنن اهڙا ڇهه ڏند لڌا. پوين ڏينهن ۾ هو پنهنجي بابت چوندو هو ته ”ڌيان ڏيڻ ۽ غور ڪرڻ جي عادت مون ۾ آهستي آهستي ٿي جاءِ وٺندي ويئي، پوءِ منهنجي دل ۾ پڪي طرح ڄمندي وئي، ۽ پوءِ هميشه جي لاءِ منهنجي حياتيءَ سان شامل ٿي ويئي. نيٺ اهڙو حال ٿيو جو جڏهن ڪنهن سفر تي نڪرڻ جو خيال ڪندو هوس، تڏهن هڪدم جاڳندي هئي، ۽ زور وٺي تيار ٿي بيهندي هئي. تنهنڪري اڪثر آئون پنهنجا نقشا کڻي، پوري طرح سنبري، روانو ٿيندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سفر ۾ جيڪي ڏسڻو ڪرڻو هوم، يا رستي ت�� جيڪي نهارڻو هوم، تنهنجي اڳ- ڪٿا ويچار ۽ خيال رواني ٿيڻ کان اڳ ئي ڪاغذ تي لکي ڇڏيندو هوس. انهيءَ سبب منهنجي دل، نقاش جي ڪپڙي وانگي، پهريندي جي عمدن نشانن ڪڍڻ لاءِ بلڪل تيار هوندي هئي.“ + + +”وليم سمٿ“ جي همت واريءَ محنت ۽ اورچائيءَ هوندي به ڪيترن سببن ڪري، هن جو انگلنڊ ۽ ويلس جي زمين جي طبقن جو نقشو، جنهن جو هيترو سعيو هوس، سو ڇپجي نه سگهيو. نيٺ 1814ع ۾، ڪن دوستن جي مدد سان، هو پنهنجي ويهن ورهين جي سخت محنت جو ڦل جهان جي آڏو رکي سگهيو. انهيءَ عرصي ۾ جاچ ڪرڻ ۽ بيشمار حقيقتن ۽ ضروري ڳالهين جي گڏ ڪرڻ لاءِ، جيڪا هن جي ڌنڌي جي ڪمائي هئي، سا سموري هن خرچي ڇڏي، بلڪ جيڪا ٿوري گهڻي ملڪيت هيس، سا به هن ٻيٽ جي پر انهن ڀاڱن ڏي وڃڻ ۾ وڪڻي ڇڏي. انهيءَ وچ ۾ هن ”باٿ“ جي ويجهو، قسمت آزمائي ڪري کاڻين کوٽڻ جي ڪم ۾ هٿ وڌو، پر انهيءَ مان به رڳو نقصان ٿيس. نيٺ اهڙو لاچار اچي ٿيو، جو جيڪي عجيب غريب شيون علم طبقات الارض جي فائدي لاءِ گڏ ڪيون هئائين، سي ته وڪيائين (جي انگلنڊ جي عجائبخاني جي لاءِ خريد ڪيون ويون) پر ٻيو گهر جو سامان ۽ ڪتاب به وڪڻي ڇڏيائين-رڳو ڪي ڪاغذ ۽ نقشا ڇڏيائين، جي کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن جي ڪم جا نه هئا. هن ڏاڍي تحمل ۽ بردباريءَ سان اهي سڀ نقصان ۽ زماني جا دور سٺا. انهن سڀني تڪليفن جي وچ ۾ به هو دل جي خوشي، همت، صبر ۽ اورچائي سان محنت ڪندو رهيو. نيٺ 1839ع جي آگسٽ مهيني ۾، جڏهن هو برمنگهام ۾ جيڪا انگلنڊ جي علمي جماعت گڏ ٿيڻي هئي، تنهن ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ گهران نڪتو، تڏهن رستي ۾ ”نارٿئمپٽن“ شهر ۾ مري ويو. +هن همت واري عالم جي محنت سان انگلنڊ جو جيڪو پهريون طبقات الارض وارو نقشو جڙيو، تنهن جي پوري تعريف ڪرڻ مشڪل آهي. هڪڙو قابل ماڻهو لکي ٿو ته انهيءَ ۾ خيالي رٿ جي اهڙي استادي رکيل آهي، ۽ عام ڳالهين ۾ اهو اهڙو صحيح آهي، جو انهيءَ جي اصول تي نه رڳو برٽش ٻيٽن جي پوين نقشن جو بنياد رکيو ويو، پر دنيا جي سڀني ٻين ڀاڱن ۾ جتي به طبقات الارض جي عالمن جي جماعت واري جاءِ ۾، اهو ”سمٿ“ جو نقشو اڃا به رکيو آهي. اهو پراڻو ٿي ڳري ويو آهي، ته به هڪڙو وڏو تاريخي نشان شمار ڪيل آهي ۽ ان ۾ وري تازن رنگن ڏيڻ جي ضرورت پيئي معلوم ٿئي. جيڪو انهيءَ علم مان واقف آهي، سو ڀلي انهيءَ جو مقابلو پوءِ ٺهيل ساڳي قسم ۽ پيماني جي نقشن سان ڪري، ته معلوم ٿيندس ته سڀني مکيه ڳالهين ۾ انهن کان گهٽ نه آهي. ”مرچيسن“ ۽ ”سيجوڪ“ وارو ويلس ۽ اتر انگلينڊ جي ڳريل جسمن وارن ٽڪرن جو مفصل ۽ مونجهاري جهڙو نقشو، سو رڳو هن جي ڳولي ڪڍيل عام وڏين حقيقتن کان ڪي مک ڳالهيون وڌيڪ ڏيکاري ٿو. انهيءَ ”آڪسفرڊ شائر“ جي سروير يا پيمائش ڪندڙ کي، سندس حياتيءَ ۾، ذاتي عقل ۽ قابليت ڪري وڏا وڏا عالم مڃيندا هئا ۽ مان ڏيندا هئا. سال 1831ع ۾، لنڊن جي طبقات الارض واريءَ علمي جماعت هن کي ”ولاسٽن“ وارو تعغو يا ٻلو انعام ڏنو. ”ڇا لاءِ جو انگلنڊ جي طبقات الارض ۾ هو پهريون وڏو عالم هو، جنهن ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون، ۽ خصوصاً هو انهيءَ ملڪ ۾ پهريون ئي شخص هو، جنهن طقبن جي سڃاڻڻ جي تجويز ڳولي ڪڍي ۽ ٻين کي سيکاري، ۽ جنهن انهن ۾ لڪل ۽ ڳريل جسمن جي اپاءَ سان انهن جي ترتيب ٺهرائي.“ ”وليم سمٿ“، پنهنجي سادي ۽ شوق واري رستي جي ڪري، پنهنجي لاءِ اهڙي ناموس ڪمائي، جا ايستائين پيئي جٽاءَ ڪندي، جيستائين اهو علم، جنهن جو هو ايترو شوقي هو. سو جٽاءَ ڪندو. جنهن مصنف جو انتخاب مٿي ڏنو ويو آهي. اهو لکي ٿو ته ”جيستائين حياتيءَ جي هڪٻئي پٺيان ايندڙن نمونن يا شڪلين جي پهرين ظاهر ٿيڻ جي حقيقت پوري طرح معلوم ٿئي، تيسين آسانيءَ سان چئي ڪين سگهبو ته علم طبقات الارض ۾ ڪيئن اهڙي ڪا ٻي ڪمائتي نئين ڳالهه ڳولي ڪڍڻ ۾ ايندي، جهڙي ”وليم سمٿ“ پنهنجي ذاتي عقل ۽ چالاڪيءَ ڪري اسان کي ڳولي ڪڍي ڏيئي ويو آهي.“ +”هيوُملر“ به اهڙو ئي ڌيان لڳائڻ وارو ماڻهو هو، جنهن ڪتابي توڙي حڪمتي علم ڏاڍي شوق سان پڙهيو ۽ انهيءَ ۾ قابل ٿيو، هن جيڪو ڪتاب ”منهنجا اسڪول ۽ اسڪول ماستر“ لکيو آهي، تنهن ۾ هن پنهنجي حياتيءَ جو سمورو احوال ڏنو آهي. اهو نهايت مزي جهڙو، تمام فائدي وارو ۽ ڪمائتو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته تمام غريباڻي حالت ۽ سڄي شريفاڻي لياقت ۽ چال ڪيئن حاصل ڪجي. خود ياوريءَ، خود عزتيءَ ۽ خود مختياريءَ جا سبق انهيءَ مان پوري طرح دل تي ويهي وڃن ٿا. ”هيو“ اڃا ننڍو ٻار هو، ته سندس پيءُ جو جهاز جو هڪڙو خلاصي هو- سمنڊ ۾ ٻڏي مئو ۽ سندس ماءُ هن کي بيوگيءَ جي حالت ۾ پالي وڏو ڪيو. هن کي مڪتبن ۾ ٿوري تعليم ملي هئي، مگر هن جا تمام چڱا تعليم ڏيڻ وارا استاد اُهي ڇوڪرا هئا، جن سان هو راند ڪندو هو، اهي ماڻهو هئا جن سان گڏ هو ڪمائيندو هو ۽ اتي دوست ۽ عزيز هئا، جن سان هو رهندو هو. هن گهڻو ئي متفرقو علم پڙهيو، ۽ گهڻين ئي جاين تان علم جا قسمين قسمين پرزا گڏ ڪيائين. جيئن ته مزورن کان، واڍن کان، مڇي مارڻ وارن کان، جهاز جي خلاصين کان، ۽ سڀ کان وڌيڪ انهن قديم جبلن جي ٽڪرن کان، جي ”ڪراماٽي فرٽ“ جي ڪنارن تي پکڙيا پيا آهن. سندس پڙ ڏاڏو، جو هڪڙو وڏو سامونڊي ڌاڙيوال هوندو هو، تنهن جو وڏو مطرقو کڻي، هيءَ ڇوڪر پهڻ ڀڃندو، ٽُڪيندو ۽ ابرڪ، سنگ سماق، ياقوت ۽ اهڙن ٻين پهڻن جا نمونا گڏ ڪندو وتندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري ٻيلن ۽ جهنگن ۾ وڃي ڏينهن گذاريندو هو، اتي هن ڇوڪر جو ڌيان، جيڪي عجيب غريب شيون زمين جي طبقن سان خاص واسطو رکنديون هيون ۽ نظر چڙهنديون هيس، انهن تي هوندو هو. جڏهن سمنڊ جي ڪناري وارن ٽڪرن ۾ پيو اهڙيون شيون ڳوليندو هو، تڏهن ڪنهن مهل ڪڙمي ماڻهو، جي سمنڊ جو گاهه گاڏين تي کڻڻ ايندا هئا، سي چرچي مان پڇندا هئس ته ”انهن پهڻن ۾ ڪو توکي رُپو لٻي ٿو يا نه؟“ پر هيءَ ڪو اهڙو ڪم نصيب هو، جو ڪڏهن به ”هائو“ نٿي چيائين. جڏهن وڏيرڙو ٿيو، تڏهن جيڪو ڌنڌو کيس پسند هوندو هو- يعني سنگتراشيءَ جو تنهن ۾ ڪنهن استاد وٽ شاگرد ڪري رکيائونس. ”ڪرامارٽي فرٿ“ جي مٿان جيڪا ٽڪري بيٺل هئي، تنهن ۾ هو پهڻ ٽُڪڻ لڳو. اها ٽڪري يا پهڻن جي کاڻ هن جي لاءِ هڪڙو تمام چڱو اسڪول ٿي آيو. انهيءَ ۾ جي عجيب غريب طبقات الارض جا نمونا ڏسڻ ۾ آيا، تن هن جو شوق وڌايو. هن سنگتراش ڇوڪر کي جو هيٺان ڳوڙهي ڳاڙهي رنگ جي پهڻ جو پٽو ۽ مٿا ڦڪي ڳاڙهي رنگ جي مٽيءَ جو پٽو ڏسڻ ۾ آيو، تنهن تي هن ڏاڍو غور ڪيو ۽ ڌيان لڳايو. جيتوڻيڪ ظاهري ڪري اهي شيون ڪنهن ڪم جون نه هيون. جتي ٻين ماڻهن ڪي ڪين ٿي ڏٺو.، اتي هن مشابتهون ۽ تفاوت ۽ خاصيتون ٿي معلوم ڪيون، جن تي هن ويچار ٿي ڪيو. هن رڳو پنهجون اکيون ۽ پنهنجي دل کليل ٿر رکي، ۽ خبردار ۽ محنتي ۽ اڻورچ ٿي رهيو. اهو ئي سب هو، جنهن ڪري هن جي سمجهه ۽ سياڻپ ايتري وڌي ويئي جو هو سمنڊ جي ڪناري تي، لهرين جي اڇل سان آيل يا سنگتراشن واري مطرقي هڻڻ سان پهڻ مان نڪتل، اڳئين زماني جي اڻلڀ قسمن ۽ ذاتين جي مڇين، گاهن ۽ جيتن جا عجيب غريب ڳريل جسم يا جسمي لاشون ڏسندو رهندو هو، تنهن ڪري انهيءَ پاسي هن جو شوق وڌندو ۽ قائم ٿيندو ويو. هو هميشه انهيءَ مضمون تي پيو ويچار ڪندو هو ۽ پنهنجي کوجنائن جا نتيجا گڏ ڪندو ۽ جدا جدا نمونن جا مقابلا ڪندو ويو. نيٺ، گهڻن ورهين کان پوءِ، جڏهن سنگتراشيءَ جو ڪم ڇڏي ڏنائين، تڏهن ”قديم ڳاڙهي ريتيءَ جي پهڻ“ تي پنهنجو تمام دلچسپ ۽ مفيد ڪتاب پڌرو ڪيائين، جنهن مان هڪدم معلوم ٿي ويو ته هو طبقات الارض جو تمام قابل عالم آهي. ۽ سندس ناموس پکڙجڻ لڳي. اهو ڪتاب سندس گهڻن ورهين جي سخت ڪمائيءَ، تپاس ۽ جاچ جو نتيجو هو. هن خود، پنهنجي احوال جي بيان ڪندي، حجاب سان لکيو آهي ته ”انهيءَ حالت ۾ جنهن گڻ جي آءٌ دعوا ٿو ڪريان، سو رڳو اهو آهي ته مون تحمل ۽ صبر سان جاچ ڪئي آهي ۽ اهو گڻ اهڙو آهي، جنهن ۾ ڪو به ماڻهو جي دل چويس ٿي مون سان همسري ڪري يا مون کان گوءِ کڻي وڃي سگهي ٿو. اها غريباڻي تحمل جي خاصيت جڏهن پوري طرح استعمال ۾ آڻجي ۽ وڌائجي ٿي، تڏهن اهڙا اعلى درجي جا خيالي سڌارا انهيءَ مان ظاهر ٿين ٿا، جو خود ذاتي عقل يا طبيعي ذهن مان به ظاهر نه ٿيندا.“ +”جان برائون“ انگلينڊ جو وڏو طبقات الارض جو عالم، ”ملر“ وانگي، ننڍي هوندي سنگتراش هو. هو ”ڪولچيسٽر“ ۾ انهيءَ ڌنڌي واري هڪڙي استاد وٽ شاگرد هوندو هو. پوءِ ”ناروچ“ ۾ گهمندو هو، جتي پورهيو لڳس، اتي پهڻ جون عمارتون جوڙيندو وتندو هو. هن پهرين ”ڪولچيسٽر“ ۾ پنهنجو سنگتراشيءَ ۽ عمارت سازيءَ جو ڌنڌو شروع ڪيو، ۽ صرفي ۽ محنت سان موچاريءَ وسعت وارو ٿيو. انهيءَ هنڌ ڪم ڪندي، هن جو ڌيان ڳريل جسمي لاشن ۽ ڪوڏن جي حالت ڏي ڇڪيو، ۽ هو انهن جا نمونا گڏ ڪرڻ لڳو- جي پوءِ انگلنڊ ۾ تمام عمدن عجائبن مان ليکڻ ۾ آيا. ”ايسڪيس“، ”ڪينٽ“ ۽ ”سسيڪس“ جي ڪنارن تي جيڪي تپاسون هن ڪيون، تن ۾ ڪي تمام وڏيون خشڪ لاشون هاٿيءَ ۽ گينڊي جون لڌيون. جن مان ڪي تمام عمديون، هن برٽش عجائبخاني ۾ تحفو ڪري ڏنيون. حياتيءَ جي پوين ٿورن ورهين ۾ هن انهن سامونڊي ننڍڙن جيتن جي تحقيقات ڪرڻ ۾ گهڻو ڌيان لڳايو، جي پنهنجين ڪوٺين ٺاهڻ سان چاڪ جوڙين ٿا، انهيءَ نسبت ۾ هن ڪيتيريون ئي نيون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون. هن جي حياتيءَ جا ڏينهن تمام ڪمائتا، خوش ۽ آبروءَ ۾ گذريا، اسي ورهين جي پڪيءَ ڄمار ۾، 1859ع جي نومبر مهيني ۾، ”ايسيڪس“ جي ”اسٽانوي“ شهر ۾ مري ويو. +ٿورا ڏينهن ٿيندا جو، ”سر راڊ رڪ مرچسن“، اسڪاٽلينڊ جي اتر ۾ پر انهينءَ ڪنڊ تي، ”ٿرسو“ شهر ۾ هڪڙونانوائي ”رابرٽ ڊڪ“ نالي لڌو، جو طبقات الارض جو هوشيار عالم هو، جڏهن ”سر راڊ رڪ“ هن کي ڏسڻ جي لاءِ سندس دڪان تي ويو، جتي هو ماني پچائيندو به هو ۽ ڪمائيندو به هو، تڏهن ”رابرٽ ڊڪ“ تختي تي، اٽي سان پنهنجي ڏيهي پرڳڻي جي جاگرافيءَ جون حالتون ۽ طبيعي صورتون توڙي طبقات الارض جون حقيقتون هن کي ڪڍي ڏيکاريون، ۽ رواجي نقش جون ڪچايون ۽ اڻپورايون ٻڌايون، جي هن فرصت جي وقت ۾ انهيءَ سڄي ملڪ جي سفر ڪرڻ سان معلوم ڪيون هيون. وڌيڪ پڇا ڪرڻ سان ”سر راڊ رڪ“ کي خبر پيئي ته اهو غريب ماڻهو جو سندس اڳيان بيٺو هو، سو نه رڳو هوشيار نانوائي ۽ طبقات الارض جو عالم آهي، پر علم نباتات ۾ پڻ قابل استاد آهي. اهو جغرافيه جي جماعت جو مير مجلس، ”سر راڊ رڪ“ لکي ٿو ته ”اها ڳالهه معلوم ڪري آءٌ ڏاڍو شرمندو ٿيس ته علم نباتات جي جيتري مون کي خبر هئي، تنهن کان گهڻي وڌيڪ بلڪ ڏهه ڀيرا وڌيڪ انهيءَ نانوائي کي خبر هئي. هن جيڪي گلن جا نمونا گڏ ڪيا هئا، تن ۾ فقط ڪي ويهه ٽيهه نمونا نه هئا، ٻيا سڀ هئا- ڪي هن کي سوکڙيءَ طور مليا هئا، ڪي هن خريد ڪيا هئا، پر گهڻا مڙئي هن پنهنجي وطن واري ضلعي ”ڪيٿنيس“ ۾ محنت سان ڳولي گڏ ڪيا هئا. اهي سڀ نمونا تمام سهڻيءَ ترتيب سان رکيا هئا، ۽ مٿن سندن علمي نالا لڳا پيا هئا.“ +”سر راڊ رڪ مرچسن“ پاڻ به انهن توڙي انهيءَ قسم جي ٻين علمن جو مشهور طالب هو. ”ڪواٽرلي رويُو“ واري ميعادي رسالي ۾، هڪڙو شخص هن بابت هيئن لکي ٿو ته ”هو هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جو عمدو مثال آهي، جنهن پنهنجي ننڍي هوندي جا ڏينهن سپاهي ٿي گذاريا هجن، ۽ ريتائتيءَ حڪمتي تعليم جوفائدو يا نافائدو حالت موجب ڪڏهن به نه ڏٺو هجي، ٻهراڙيءَ جو سکر ماڻهو ٿي ڪري رڳو لومڙين جي شڪار ڪرڻ وارو نه رهيو هجي، انهيءَ هوندي به هن پنهنجي ذاتي همت، سياڻپ ۽ نهايت گهڻي قدر محنت ۽ شوق سان پنهنجي علميت ۽قابليت جي اهڙي ناموس ڪڍائي هجي. جا جهڙي عام پکڙيل تهڙي جٽاءَ ڪرڻ واري هجي. پهريائين هن پنهنجي وطن کي ويجهو هڪڙو اهڙو ضلعو تپاس لاءِ ورتو، جو ڏکيو به هو ۽ اڳي ڪنهن جو تپاسيل به نه هو. گهڻن ورهين جي ڪشالي سان، اتي جي جدا جدا قسمن جي ٽڪرن جي هن چڪاس ورتي. سڀائي حالتن جي نظر تي انهن کي قسمن يا جماعتن ۾ وراهيائين، هر هڪ جماعت ۾، جيڪي سُڪل ڳريل لاشون لڀنديون آهن، تن جون خاصيتون ٺهرايائين ۽ پهرئين ڀيري دنيا جي طبقات الارض جي تاريخ جا ٻه وڏا باب مٿو هڻي معلوم ڪيائين، جي هن جونالو هميشه لاءِ ياد ڏياريندا رهندا. نه رڳو ايترو ، پر هن جيڪا علميت ۽ واقفيت انهيءَ طرح حاصل ڪئي، سان پنهنجي ڏيهه توڙي پرانهن ڏيهن جي وڏن وڏن ڀاڱن ۾ زمين جي اندروني حالت سان لڳائي-اهڙيءَ طرح جو اهي وڏا وڏا ملڪ، جن جن زميني بناوت جي اڳي ڪا به خبر ڪا نه هوندي هئي. تن جي طبقات الارض جي حقيقتن ڳولي ڪڍڻ وارو ٿي پيو. ”سر راڊ رڪ مرچسن“ رڳو طبقات الارض جو عالم ناهي، گهڻن ئي ٻين عملن ۾ هن ايترو ڪشالو ڪيو آهي، جو هو تمام وڏن قابل ۽ ڪامل عالمن مان شمار ڪرڻ ۾ اچي ٿو. +باب ڇهون +هنرمند ماڻهو +”جيڪي پري کان ايترو پئي چمڪيو ۽ چڱو پئي لڳو، سو جيڪڏهن تنهنجن هٿن ۾ ڦري نڪمو ٿي پيو، ته دل نه لوڏ، پر وري انهيءَ تي مٿو هڻ ۽ محنت ڪر، ڇو ته تعريف انهيءَ مٿي هڻڻ ۾ آهي، نه مطلب حاصل ڪرڻ يا انعام کٽڻ ۾.“ (ملنس) +جهڙو ٻيءَ ڪنهن شي ۾، تهڙو هنر ۾- ماڻهو رڳو محنت ۽ ڪشالي سان قابل ۽ هوشيار ٿي سگهي ٿو. ڪنهن عمديءَ تصوير ڪڍڻ ۽ ان کي رنگ ڏيڻ، يا ڪنهن چڱي پهڻ جي مورت کي ڇلي ٺاهڻ کان گهٽ اتفاقي، ٻي ڪابه شي ڪانهي. نقاش پنهنجي قلم سان، ۽ بت تراش پنهنجي رنبيءَ سان، جيڪو اشارو ڏيئي تصوير يا بت کي سڌاري ٿو، سو جيتوڻيڪ ذاتي سمجهه ۽ ذهن کان خالي ناهي، تڏهن به اهو ڏاڍيءَ محنت ۽ خيال جو نتيجو آهي. ’سر جرشيا رينالڊس‘ جو اعتقاد محنت جي اثر ۾ ايتريقدر هو، جو هن جي راءِ هئي ته ”هنرمندي يا هنر جي استادي، جيتوڻيڪ ذاتي عقل، شوق ۽ خدائي ڏات سان پاڻيهي پڌري ٿئي ٿي، تڏهن به محنت سان حاصل ڪري سگهجي ٿي“. ’پاري‘ ڏانهن خط لکندي هن لکيو ته ”جنهن پڪو ارادو ڪيو آهي ته نقاشيءَ ۾ توڙي ڪنهن به ٻئي هنر ۾ قابل ٿيان، تنهن کي گهرجي ته جنهن گهڙيءَ ننڊ مان اُٿي، انهيءَ کان وٺي وري سمهڻ جي گهڙيءَ تائين، پنهنجو سڄو ڌيان انهيءَ هڪڙيءَ شي تي لڳائي.“ ٻئي وقت وري هن چيو ته ”جن ماڻهن دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي ته ’اسين استاد ٿيون‘، تن کي گهرجي ته خوش ٿي يا ناخوش ٿي، ضرور صبح ۽ ٻن پهرن ۽ شام جو محنت ڪن؛ هنن کي معلوم ٿيندو ته اها ڪا چرچي بازي ناهي، پر وڏي محنت آهي“. جيتوڻيڪ هنر ۾ ناموس ۽ مشهورائيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ ڪشالو بيشڪ تمام ضروري آهي، تڏهن به ايتري پڪ آهي ته ذاتي سمجهه ۽ ذهن کانسواءِ ڪيتري به کڻي ڪو سجائي محنت ڪندو، ته به انهيءَ هنر ۾ قابل نه ٿيندو. اها ڏات خدائي آهي، پر محنت ۽ ڪوشش سان اها ڪماليت کي ٿي پهچي. تنهنڪري، محنت ۽ ڪوشش، مڪتبن جي ڪيتريءَ به گهڻيءَ تعليم کان زياده ڪمائتي آهي. +ڪي وڏا استاد ڪاريگر ته ڪنگالپڻ ۽ ٻين ڪيترين مشڪلاتن ۾ مٿو هڻي چڙهيا آهن، ۽ مشهور ٿيا آهن. گهڻائي عمدا مثال، پڙهندڙ جي دل تي هڪدم اچي سگهندا. ’ڪلاڊلارين‘، مٺائي جوڙڻ وارو، ’ٽنٽاريٽو‘، رنگريز؛ ٻه ’ڪارا وهگو‘ نالي، جن مان هڪڙو رنگ پيهڻ وارو هو، ۽ ٻيو ’وهاٽڪن‘ ۾ روهي کڻڻ وارو هو؛ ’سالو هيٽر روسا‘، چورن جي ٽوليءَ مان هڪڙو؛ ’گياٽو‘، ڪڙمي ڇوڪرو؛ ’زنگارو‘، جو خانه بدوش ٿيو گهمندو ۽ ٺڳيون ڪندو وتندو هو؛ ’ڪاوهيڊن‘ جنهن کي پيءُ هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ پنندو وتيو؛ ’ڪانووها‘، پهڻ پڇڻ وارو: اهي ۽ ڪيترائي ٻيا مشهور ڪاريگر اُستاد، تمام مشڪل ۽ تڪليف جهڙين حالتن ۾، سخت محنت ۽ ڪشالي ڪرڻ سان نالي وارا ٿيا. +نڪي خود اسان جي ملڪ ۾ جيڪي هنرمند ماڻهو تمام مشهور ٿي گذريا آهن، سي اهڙي درجي ۾ پيدا ٿيا آهن، جنهن ۾ سندن حالت ذاتي ذهن جي سڌاري لاءِ عام رواجي حالت کان زياده بهتر ۽ فائدي واري هئي: ’گينسبرو‘ ۽ ’بيڪن‘ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ڪمائيندڙن جا پٽ هئا؛ ’باري‘، آئرلنڊ جو هڪڙو خلاصي ڇوڪرو هو؛ ’ماڪلائس‘، ’ڪارڪ‘ شهر ۾ هڪڙي ڪوٺيدار جو ڇاڙتو هو؛ ’اوپائي‘ ۽ ’رامني‘، ’انگيوجونس‘ وانگي واڍا هئا؛ ’ويسٽ‘، ’پينسلوهينيا‘، ۾ هڪڙي ننڍي ’ڪوئيڪر‘ زميندار جو پٽ هو؛ ’نارٿڪوٽ‘ گهڙي ساز هو؛ ’جاڪسن‘، درزي هو؛ ’ايٽي‘، ڇاپ ڪرڻ وارو هو؛ ’رينالڊس‘، ’ولسن‘ ۽ ’ولڪي‘، پادرين جا پٽ هئا؛ ’لارينس‘، هڪڙي مهانسرا رکڻ واري جو پٽ هو؛ ۽ ’ٽرنر‘ حجام هو. سچ آهي ته اسان جن نقاشن مان ڪيترن جو واسطو اصل ڪنهن هنر سان هو. جيتوڻيڪ نهايت غريبيءَ جي حالت ۾ هئا. جئن ته ’فلاڪسمن‘، جنهن جو پيءُ گچ جا قالب وڪڻندو وتندو هو؛ ’برڍ‘، جو چانهه جي مجمعن يا ٿالهين تي چٽ ڪڍندو هو؛ ’مارٽن‘، جو گاڏيون رنڱيندو هو؛ ’رائيٽ‘ ۽ ’گلپن‘، جي جهاز رڱيندڙ هئا؛ ’چانٽري‘، جو اُڪرڻ ۽ ملمعي ڏيڻ جو ڪم ڪندو هو؛ ۽ ’ڊيوڊ ڪاڪس‘، ’سٽانفيلڊ‘ ۽ ’رابرٽس‘، جي پردن تي نقش ڪڍندا هئا. +انهن ماڻهن جو نالو ڪڍيو، سو نه اتفاق يا خوش نصيبيءَ جي ڪري، پر رڳو سخت محنت ۽ ڪشالي جي ڪري. جيتوڻيڪ ڪن دولت به گڏ ڪئي، پر تڏهن اهڙي طمع جي عادت ورلي ڪنهن کي هوندي هئي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته رڳو پيسي جي طمع تي ڪوبه هنرمند ماڻهو، ننڍيءَ وهي ۾ پنهنجو سک ڦٽائي، محنت ۽ ڪشالو گهڻي تائين ڪري نه سگهندو. انهيءَ جو شوق مان جيڪا خوشي پيدا ٿي ٿئي، سا ئي انهيءَ جو عمدو انعام آهي؛ دولت جا انهيءَ جي پٺيان هٿ ايندي آهي، سا رڳو اتفاق سان. گهڻائي وڏيءَ دل وارا ڪاريگر، فائدي وارن شرطن ۽ چڱي اجوري لاءِ، ماڻهن سان تڪرار ڪرڻ جي بدران، پنهنجي دل جي شوق ۽ ميل تي هلڻ پسند ڪندا آهن. ’اسپاگنوليٽو‘، پنهنجيءَ حالت ۾ ’زينوفن‘ واري مزي جهڙي آکاڻي سچي ڪري ڏيکاري. جڏهن عيش عشرت جهڙي وسعت حاصل ڪري رهيو، تڏهن پاڻ کي ان جي اثر کان ڪڍي ورتائين، ۽ خوشيءَ سان موٽي اچي غريبي ۽ پورهيو هٿ ڪيائين. هڪڙي نقاش، فائدي جي لالچ تي، ڪنهن ڪم تي تمام گهڻي محنت ڏيکاري هئي؛ انهيءَ بابت جڏهن ’مائيڪل آنجيلو‘ کان راءِ پڇيائون، تڏهن هن چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته جيستائين هو دولتمند ٿيڻ جي لاءِ اهڙو شوق ڏيکاريندو، تيستائين هو تمام غريب ۽ سادو ڪاريگر ٿيندو“. +’سرجوشيا رينالڊس‘ وانگي، ’مائيڪل آنجيلو‘ کي به محنت جي اثر ۾ ڏاڍو اعتقاد هوندو هو. هن جي اها راءِ هئي ته ’اهڙي ڪابه شي ڪانهي، جا خيال ۾ آڻي سگهبي ۽ جا پهڻ جي مورت ۾ بيهاري نه سگهبي- بشرطيڪ هٿ سان محنت ڪري، دل جو حڪم پورو بجا آڻي‘. هو پاڻ تمام سخت محنت ڪندڙن مان هو؛ ۽ سمجهندو هو ته آءٌ جو پنهنجن ٻين همعصر ماڻهن کان ڏهاڙي وڌيڪ وقت اڀياس ۽ محنت ڪرڻ ۾ ٿو لڳايان، سو رڳو ساديءَ طرح گذارڻ جي عادت ڪري. جڏهن ڪم ۾ مشغول هوندو هو، تڏهن ٽڪر مانيءَ جو ۽ چُڪو شراب جو ڏينهن جي مُک ڀاڱي لاءِ هن کي بلڪل بس هوندو هو؛ ۽ اڪثر اڌ رات جو اُٿي، پنهنجو ڪم وري شروع ڪندو هو. اهڙن وقتن تي هن جي عادت هوندي هئي ته روشنيءَ ۾ رنبيءَ سان بت تراشي ڪرڻ لاءِ، ڪاغذ جي دفتريءَ جي ٽوپي وجهي، ان جي چوٽيءَ ۾ شمع ٽُنبي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن جو محنت ڪري اهڙو ٿڪجي پوندو هو، جو رات جو ڪپڙا به نه بدلائيندو هو ۽ اُنهن ئي ڪپڙن ۾ سمهي رهندو هو؛ ۽ جڏهن پنڪي ڪري تازو ٿيندو هو، تڏهن ٽپ ڏيئي اُٿي وري اچي ڪم کي وٺندو هو. هن وٽ هڪڙي مورت هوندي هئي، جا هن کي گهڻي وڻندي هئي. اُها هڪڙي ڪراڙي ماڻهوءَ جي هئي، جو هڪڙيءَ ننڍڙيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺو هو، ۽ اُنهيءَ جي مٿان ريتيءَ جي گهڙيءَ وارو شيشو رکيل هو، جنهن تي لکيل هو ته ’آءٌ اڃان نه پيو سکان‘. +ٽائيٽين به ڏاڍو محنتي ڪاريگر هو. هن پنهنجي مشهور مورت ”پئٽرومارٽائر“ تي اَٺ ورهيه پورهيو ڪيو، ۽ ”لاسٽ سپر“ (يعني پوئين طعام) تي ست ورهيه. ’چارلس‘ پنجين ڏي هن جيڪو خط لکيو، تنهن ۾ لکيائين ته ”آءٌ حضور جي خدمت ۾ ’لاسٽ سپر، موڪليان ٿو، پر انهيءَ تي مون ست ورهيه برابر گهڻو ڪري هر روز محنت پئي ڪئي آهي.“ هنر وارا اُستاد وڏن ڪاريگريءَ جي ڪمن تي جيڪا محنت، ورهين جي تعليم ۽ بردباري لڳائين ٿا، سا ڪن ٿورن کي خيال ۾ اچي سگهندي. اهڙا ڪم ظاهري ڪري آسان ۽ جلد پورا ٿيل ڏسڻ ۾ ايندا، پر حقيقت ڪري ڏاڍيءَ مشڪلات سان اها آساني حاصل ٿي آهي. ’وهينس‘ جي هڪڙي وڏي ماڻهوءَ، ڪنهن بت تراش کي چيو ته ”جنهن سسيءَ جوڙڻ تي توکي فقط ڏهن ڏينهن جي محنت لڳي آهي، تنهن لاءِ تون مون کان پنجاه ’سڪن‘ (سڪا) ٿو گهرين؟“ هن ڪاريگر جواب ڏنو ته ”اوهين اُها ڳالهه وساري ٿا ڇڏيو ته اها سسي ڏهن ڏينهن ۾ جوڙي تيار ڪرڻ لاءِ مون ٽيهه ورهيه برابر پئي تعليم ورتي آهي!“ هڪڙي ڀيري جڏهن ’ڊومينيڪينو‘ کي ڪنهن تصوير جي تيار ڪرڻ ۾ ڍرائيءَ جو عتاب مليو، تڏهن هن جواب ڏنو ته ”آءٌ اها تصوير هر وقت پنهنجيءَ دل ۾ پيو ڪڍان“. ’سر آگسٽس ڪالڪاٽ‘ جي محنت ۽ سرجوشيءَ جو اهو چڱو مثال آهي ته هن پنهنجي مشهور تصوير ”راچيسٽر“ ڪڍڻ لاءِ پهرين سڄا چاليهه مسودا ڪيا! هيءَ وري وري ڪم ڪرڻ جي عادت، جهڙو حياتيءَ جي تهڙو هنر جي فتحمنديءَ لاءِ هڪڙو نهايت ضروري شرط آهي. + + +جيتوڻيڪ ڪن ماڻهن کي ذاتي سمجهه ۽ ذهن قدرتي طرح عطا ٿيو آهي، تڏهن به هنر کي لڳي رهڻ ۽ سڌارڻ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ ڪشالو درڪار آهي. گهڻا هنرمند ماڻهو وقت کان اڳي ۽ عمر کان وڌيڪ قابل ٿيا آهن، پر محنت کان سواءِ اها هنن جي قابليت ڪنهن ڪم جي ڪين ٿئي ها. ’ويسٽ‘ جي جيڪا ڳالهه ڪندا آهن، سا مشهور آهي: جڏهن هو اڃا ستن ورهين جو هو، تڏهن پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ جي ڪڪي کي پينگهي ۾ ستل ڏسي، ان جي سونهن هن کي اهڙي وڻي ويئي، جو هو ڊوڙي وڃي ڪاغذ کڻي آيو، ۽ ڳاڙهيءَ ۽ ڪاريءَ مس سان هن جي تصوير ويهي ڪڍيائين. انهيءَ خسيس اتفاق مان معلوم ٿي رهيو ته هو ڪو وڏو هنرمند ماڻهو ٿيندو، ۽ پوءِ گهڻائي مٿا هنيائون، ته به هن جي طبيعت جو لاڙو ڪنهن ٻئي پاسي نه ٿيو. ’ويسٽ‘ اڃا به وڏو مصور ۽ نقاش ٿئي ها، پر تمام ننڍيءَ عمر ۾ جو هو ڪماليت کي پهتو، تنهنڪري هن کي حرڪت رسي. هن ناموس گهڻي ئي ڪڍي، پر اها ڪا هن محنت ۽ ڪشالا ۽ مشڪلاتون ڪڍي نه حاصل ڪئي- انهيءَ جٽاءَ به گهڻو ڪونه ڪيو. +’رچرڊ ولسن‘ جڏهن اڃا ننڍڙو ٻار هو، تڏهن پنهنجي پيءُ جي گهر جي پيتين تي، سڙيل ڪاٺيءَ سان، ماڻهن ۽ جانورن جون شڪليون ڪڍندو هو. هن پهرين رنگن سان تصويرن ڪڍڻ تي لڳايو؛ پر جڏهن اٽليءَ ۾ هو، تڏهن هڪڙي ڏينهن ’زڪريلي‘ جي گهر ويو، ۽ هن جي لاءِ ترسي ترسي جڏهن ڪڪ ٿيو، تڏهن انهيءَ سندس دوست جي دريءَ مان جيڪو نماءُ ڏٺائين پئي، سو ويهي هن نقش ڪري ڪڍيو. جڏهن ’زڪريلي‘ آيو، تڏهن هن کي اها تصوير اهڙي پسند آئي جو ’ولسن‘ کان پڇڻ لڳو ته ’تو نمائن ڪڍڻ جو هنر ته نه سکيو آهي؟‘ تنهن تي هن ورندي ڏنيس ته ’نه‘ تڏهن چيائينس ته ’هاڻي توکي آءٌ صلاح ٿو ڏيان ته وڃي انهيءَ جي ڪوشش ڪر؛ ڇا لاءِ جو پڪ آهي ته تون وڏو قابل اُستاد ٿيندين‘. ’ولسن‘ انهيءَ صلاح تي عمل ڪيو، ۽ وڃي انهيءَ هنر تي مٿو هنيائين. نيٺ، انگلنڊ جي تمام وڏن ۽ عمدن نماءَ ڪڍڻ وارن نقاشن مان هڪڙو ٿيو. +’سر جوشيا رينالڊس‘، ننڍي هوندي، پنهنجا سبق وساري، رڳو تصويرون ڪڍندو وتندو هو، ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو ڏاڍو خوش ٿيندو هو؛ پر پڻس انهيءَ لاءِ هن کي هميشہ پيو جهڻڪيندو هو. پڻس جو ارادو هو ته هن کي طباعت جو ڪم سيکاري، پر هن کي جو هنر سکڻ جو شوق هو، سو روڪڻ ئي جو نه هو، ۽ نيٺ هو وڃي نقاش ٿيو. ’گينسبرو‘ جڏهن اڃا مڪتب ۾ پيو پڙهندو هو، تڏهن ’سڊبري‘ جي ٻيلن ۾ چٽ پيو ڪڍندو هو، ۽ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ هنر جو اُستاد ٿي پيو. هو تمام ڌيان ڏيندڙ، غور ڪندڙ ۽ محنتي ماڻهو هو. ڪنهن به نماءُ جي تماشي جهڙي صورت جا هڪڙي ڀيري نظر چڙهيس، سا وري دل تان لهڻ جي نه هيس؛ ۽ انهيءَ کي هو ڪوشش ڪري پوريءَ طرح قلم سان ڪڍي ڏيکاريندو هو. ’وليم بليڪ‘، جو هڪڙي جورابن وڪڻندڙ جو پٽ هو، سو پنهنجي پيءُ جي دوڪان جي بلن جي پٺيان نقش ڪڍڻ ۽ دوڪان جي تختن تي چٽن ڪڍڻ ۾ پاڻ کي مشغول رکندو هو. ’ايڊ ورڊ برڊ‘ جڏهن اڃا ٽن چئن ورهين جو ٻار هو، تڏهن ڪرسيءَ تي چڙهي ڀتين تي شڪليون ڪڍندو هو، جن کي ’فرانس ۽ انگلنڊ جا سپاهي‘ سڏيندو هو. هن کي هڪڙي رنگن جي پيتي خريد ڪري ڏنائون؛ ۽ سندس پيءُ، هنر جي لاءِ سندس ڏاڍو شوق ڏسي، هن کي چاءِ جي مجمعن يا ترائن جي هڪڙي ڪاريگر وٽ شاگرد ڪري کڻي رکيو. محنت ۽ ڪشالو ڪري هن پاڻ کي درجي بدرجي انهيءَ ڌنڌي مان چاڙهيو، ۽ وڃي شاهي هنري مدرسي جو مشير ٿيو. +’هوگارٿ‘ پڙهڻ ۾ تمام موڳو ڇوڪر هو، ته به الف- ب جي اکرن ڪڍڻ ۽ چٽڻ جو ڏاڍو چالاڪ ۽ شوقين هوندو هو. اسڪول ۾ جيڪي ڪم گهر جي ڪرڻ لاءِ ملندا هئس، سي مضمون جي خوبيءَ يا ٻيءَ هوشياري ڪري اهڙا مشهور نه هوندا هئا، جهڙا چٽن ۽ گلن جي خوبيءَ ڪري هوندا هئا. مضمون جي خوبيءَ ۾ ته اسڪول ۾ جيڪي موڳا شاگرد هوندا هئا، سي به کانئس بهتر هوندا هئا؛ باقي چٽن ۽ گلن ۾ هن سان ڪو مَٽ ڪونه پوندو هو. پڻس هن کي هڪڙي چانديءَ جي ڪم ڪرڻ واري وٽ شاگرد ڪري رکيو، جتي هو نقش ڪڍڻ، ۽ چمچن ۽ ڪانٽن تي چٽ ۽ لفظ اُڪرڻ سکيو. چانديءَ تي اُڪر ڪرڻ کانپوءِ، هو پاڻيهي ٽامي تي اُڪر ڪرڻ سکيو. خاص طرح، قديم وقت جي خانداني نشاني ڏيکارڻ لاءِ جيڪي هيبتناڪ صورتون ۽ شڪليون ڪم اينديون هيون، سي ڪڍندو هو. انهيءَ ڪم ڪندي، قسم قسم جي ماڻهن جي طبيعتن ڏيکارڻ جو شوق پيدا ٿيس. انهيءَ هنر ۾ قابليت ۽ استادي حاصل ڪيائين، سا رڳو خبرداريءَ سان ڌيان ڏيڻ ۽ غور ڪرڻ جي ڪري. هن کي برابر خدائي ڏات مليل هئي، پر اُها هن محنت ڪري سڌاري، جنهن ڪري جيڪو مخصوص منهن هڪڙي ڀيري هو ڏسندو هو، تنهن جا مهانڊا ياد ڪري ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ وري ڪاغذ تي ڪڍي سگهندو هو؛ پر جي ڪو مزي جهڙو منهن يا ڪا عجيب شڪل اتفاق سان کڻي منهن پوندي هيس، ته انهيءَ جو هو اُتي جو اُتي آڱوٺي جي ننهن تي نشان ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ گهر وڃي فرصت جي وقت انهيءَ مان وڏي تصوير بنائيندو هو. جيڪا به شيءِ عجيب ۽ اصل هوندي هئي، سا هن جو گهڻو ڌيان ڇڪيندي هئي، ۽ هو ڪنهن ذاتي خاصيت يا مخصوص مهانڊي واري ماڻهوءَ ڏسڻ لاءِ تمام پري پري ۽ اوجهڙ جاين ڏي ويندو هو. انهيءَ طرح، پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ خبرداري ڪري عجيب خيالن گڏ ڪرڻ سان، هو ٻئي وقت تي پنهنجين تصويرن ڪڍندي، تمام اعليٰ خيالي نڪتا ۽ غور جا نتيجا، جي اڳي خزاني وانگي لڪائي رکيا هوندا هئس، سي ڪڍي ظاهر ڪري سگهندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ’هوگارٿ‘ جون سڀ تصويرون، جنهن زماني ۾ هو پاڻ رهندو هو، انهيءَ جي هلت چلت، عادتن ۽ خاصيتن، بلڪ انهيءَ جي خيالن جو سچو نمونو هونديون هيون. هو پاڻ چوندو هو ته ’سچي نقاشي رڳو هڪڙي مڪتب ۾ سکي سگهجي ٿي- ۽ اهو طبيعت يا خدائي قدرت جو کوليل آهي.‘ هو، پنهنجي ڪم کان سواءِ، ڪو گهڻو پڙهيل يا هوشيار ماڻهو نه هو. هن کي مڪتبي تعليم تمام ٿوري مليل هئي. اهڙي، جو لفظن جي برابر هجي ڪرڻ به نه ايندي هيس. جيڪو علم پرايائين، سو رڳو پنهنجي منهن محنت ڪرڻ سان گهڻن ڏينهن تائين هو ڏاڍيءَ تنگدستيءَ ۽ مفلسيءَ جي حالت ۾ هوندو هو، پر انهيءَ هوندي به هو خوشدليءَ سان محنت پيو ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو غريب هو، تڏهن به وسعت آهر گذران ڪندو هو، ۽ واجبي فخر سان چوندو هو ته ’آءٌ پوري وقت تي پيسي ڏيڻ وارو آهيان.‘ جڏهن هو ڪشالا ڪاٽي ۽ مشڪلاتون ڪڍي مشهور ۽ وسعت وارو ٿيو. تڏهن جوانيءَ جي محنتن ۽ تڪليفن تي خيال ڪرڻ مان هن کي خوشي حاصل ٿيندي هئي، ۽ ڀانئيندو هو ته جا لڙائي ڪري مون پاڻ کي آبروءَ وارو ماڻهو ۽ نالي وارو ڪاريگر ڪيو آهي، سا وري به ڪريان. هڪڙي ڀيري هن چيو ته ’مون کي اهو وقت ياد آهي، جڏهن آءٌ هڪڙو شلنگ مس ساڻ کڻي شهر ۾ ڌڪا کائيندو وتندو هوس؛ پر جنهن دم ڪنهن تصوير يا نقش لاءِ مون کي ڏهه گِنيون ملنديون هيون، تنهن دم آءٌ گهر موٽي ايندو هوس، ۽ ترار ٻڌي اهڙي دماغ سان ٻاهر نڪرندو هوس، جو ٻيو ڪو چوندو ته منهنجي کيسي ۾ هزار گنيون آهن!‘ +’محنت ۽ ڪشالو‘- بت تراش ’بئنڪس‘ جو تڪيه ڪلام هوندو هو. انهيءَ تي هو پاڻ به عمل ڪندو هو، ۽ ٻين کي به ان جي تعميل ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندو هو. هن جي مروت ۽ نرمي اهڙي مشهور هوندي هئي، جو گهڻا جرات ۽ شوق وارا جوان ماڻهو وٽس ايندا هئا ۽ سندس صلاح ۽ مدد گهرندا هئا. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن هڪڙو ڇوڪر انهيءَ ڪم لاءِ کيس ڏسڻ واسطي سندس در تي آيو؛ ۽ اهڙي زور سان در کڙڪايائين جو سندس نوڪرياڻيءَ ڪاوڙجي ان ڇوڪر کي ڌمڪايو، ۽ هڪالي ٿي ڪڍيائينس جو ’بئنڪس‘ هن جو ڳالهائڻ ٻڌي نڪري آيو. ننڍڙو ڇوڪر، هٿ ۾ ڪي نقش ۽ تصويرون جهليو بيٺو هو. بت تراش استاد پڇيس ته ”بابا مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ هن چيو ته ”سائين، مهرباني ڪري مون کي نقش ڪڍڻ جي ڪم سکڻ لاءِ هنري مڪتب ۾ داخل ڪريو.“ ’بئنڪس‘ هن کي سمجهايو ته ’تون پاڻ اڃا داخل ٿي ڪين سگهندين‘؛ باقي اهي نقش ۽ تصويرون جيڪي آنديون هئائين، سي وٺي، ڏسي، چوڻ لڳس ته ”ٻچا، هنر�� مڪتب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ توکي اڃا گهڻو وقت پيو آهي. هينئر گهر وڃ، ۽ وڃي اسڪول جا سبق پڪا ڪر. ڪوشش ڪري، ’اپالو‘ ديوتا جي ٻي بهتر تصوير ڪڍ؛ ۽ مهين کن کان پوءِ وري اچي مون کي اها ڏيکارجانءِ.“ ڇوڪر گهر هليو ويو؛ ۽ وڃي زياده محنت سان تصوير ڪڍڻ جي مشق پچائڻ لڳو. مهيني کان پوءِ، وري انهيءَ بت ساز استاد وٽ آيو. تصوير جيڪا ڪڍي هئائين، اها اڳي کان بهتر هئي؛ پر ’بئنڪس‘ وري جس- شابس سان نيڪ صلاح ڏيئي روانو ڪيس ته وڃي وري به محنت ۽ ڪشالو ڪر. هفتي کانپوءِ ڇوڪر وري اچي در ورتس، ۽ تصوير گهڻي سڌريل ڏيکاريائينس. ’بئنڪس‘ دڙ دلاسو ڏنس، ۽ چيائينس ته ’جيڪڏهن خدا توکي رکي ورتو، ته تون ڏاڍو نالو ڪڍندين‘. اهو ڇوڪرو ’ملريڊي‘ هو، ۽ انهيءَ استاد جي پيشنگوئي اچي پوري بيٺي. +’ڪلاڊ لارين‘ جي هيتري مشهورائيءَ جو ڪجهه سبب، سندس محنت ۽ اورچائي هو. هو ’لارين‘ ضلعي جي ’شامپين‘ شهر ۾ غريب ماءُ- پيءُ جي گهر پيدا ٿيو هو. ننڍي هوندي هن کي هڪڙي حلوائيءَ وٽ ڪم سکڻ لاءِ وڃي ويهاريائون. سندس ڀاءُ، جو ڪاٺ اڪرڻ وارو هو، تنهن پوءِ هن کي انهيءَ ڪم سکڻ لاءِ پنهنجي دوڪان تي آڻي ويهاريو. اتي هن هنر جي چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ جون اهڙيون نشانيون ڏيکاريون، جو هڪڙي سير ڪندڙ ڪاريگر ڀاڻس کي صلاح ڏني ته ’ڪلاڊ‘ کي ڇڏ ته مون سان گڏجي اٽليءَ ڏي هلي. ڀاڻس اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ هيءُ جوان شخص وڃي روم ۾ پهتو. اتي ’آگاسٽينو ٽاسي‘ جو نُمائن جو نقاش هو، تنهن سگهوئي هن کي پنهنجو خانگي نوڪر ڪري رکيو. انهيءَ مشغوليءَ ۾ ’ڪلاڊ‘ پهرين نمائن ڪڍڻ جو هنر سکيو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هو تصويرون تيار ڪري ڏيکارڻ لڳو. انهيءَ کان پوءِ هو اٽليءَ، فرانس ۽ جرمنيءَ جو گشت ڪرڻ لڳو. سفر ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن نمائن ڪڍڻ لاءِ رستي ۾ رهي پوندو هو؛ ۽ انهيءَ طرح جيڪي خرچ ڪندو هو، سو وري ڪمائي وٺندو هو. جڏهن روم ۾ موٽي آيو، تڏهن معلوم ٿيس ته سندس تصويرن وٺڻ جي ماڻهن کي گهڻي خواهش آهي. رفتي رفتي، سندس ناموس ساري يورپ ۾ پکڙجي ويئي. هو سڀاءَ جي جدا جدا صورتن ۽ حالتن جاچڻ ۽ انهن تي غور ڪرڻ کان ٿڪو ئي نٿي. هن عادت ڪري ڇڏي هئي ته پنهنجو گهڻو وقت عمارتن ۽ زمين جي ٽڪرن، وڻن، پنن ۽ اهڙين ٻين شين جي نقلن ڪرڻ ۽ تصويرن ڪڍڻ ۾ لڳائيندو هو. اهو تمام پوريءَ طرح تيار ڪري پاڻ وٽ گڏ ڪندو رکندو ويندو هو؛ انهيءَ لاءِ جن نمائن مان چڱي واقفيت حاصل ڪئي هئائين، انهن ۾ اهي ڪم آڻي. هو آسمان ڏي به ڏاڍي غور سان ڌيان ڏيندو هو، ۽ ڏينهن جا ڏينهن صبح کان شام تائين ان ڏي پيو نهاريندو هو. ڪڪرن جي لنگهڻ ۽ روشنائيءَ جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ ڪري جيڪي ان ۾ ڦير گهير ٿيندا هئا، سي يادگيريءَ لاءِ نشان ڪري ڇڏيندو هو. انهيءَ طرح، هميشه استعماليءَ ڪري، آهستي آهستي هٿ ۽ اک هلائڻ ۾ اهڙو قابل ٿيو، جو نمائن ڪڍڻ وارن نقاشن ۾ نيٺ اعليٰ درجو حاصل ڪيو. +’ٽرنر‘، جنهن کي ”انگريزي ’ڪلاڊ‘“ ڪري سڏيندا آهن، تنهن به ساڳي اهڙي محنت ۽ جانفشاني ڪئي. پهريائين سندس پيءُ جو ارادو هو ته هيءُ پنهنجو حجامت ڪرڻ جو ڪم سکي، اهو ڌنڌو هن لنڊن ۾ هلايو به هو. پر هڪڙي ڏينهن انهيءَ ڇوڪر هڪڙيءَ چانديءَ جي رڪابيءَ تي ڪنهن امير جي خانداني هٿيارن جو نقش جو ڪڍيو، تنهن سندس هڪڙي گراهڪ جو ڌيان ڇڪيو، جنهن جي سندس پيءُ سنوارت ويٺي ڪئي. انهيءَ هن کي زور ڪيو ته پٽ کي ڇڏ ته جنهن هنر ڏي سندس دل جو ميل آهي، اهو اختيار ڪري.‘ نيٺ پڻس موڪل ڏني ته ڀلي هو نقاشيءَ جو ڪم ڪري. ٻين سڀني هنرمند ماڻهن وانگي، ’ٽرنر‘ کي به گهڻن مشڪلاتن جي سامهون ٿيڻو پيو. هو غريب ماڻهو هو، تنهنڪري ته اهي مشڪلاتون پڻ وڏيون ٿيڻ لڳيون، پر هو هميشه محنت ڪرڻ جو ڪوڏيو هوندو هو، ۽ ڪهڙو به خسيس ڪم هوندو هو ته انهيءَ تي هو فخر ڪندو هو. هو خوشيءَ سان هرهڪ رات جي لاءِ اڌ ڪرائون جو اُجورو وٺي، ٻين ماڻهن جي ڪڍيل تصويرون ۽ نمائن تي آسمان کي سياهيءَ سان رنگ ڏيندو هو. انهيءَ طرح رات جو پيٽ به پاريندو هو، ۽ ڪم جي استعمالي به ڪندو هو. تنهن کان پوءِ هو شهرن جي هدايتنامن، جنترين ۽ ڪنهن به قسم جي سهانگن ديپاچن يا منڍ جي صفحن وارن ڪتابن تي نقش ڪڍندو وتندو هو. ڪن ڏينهن کانپوءِ هن چيو ته ”انهيءَ کان بهتر آءٌ ٻيو ڪم ڪري سگهان ها- اها ته تمام عمدي استعمالي ۽ مشق هئي!“ سڀڪو ڪم هو خبرداريءَ ۽ ايمان جي سلامتيءَ سان ڪندو هو، ۽ گهٽ اُجوري ملڻ ڪري ڪڏهن به منهن ڪونه موڙيندو هو. هن جو مطلب ڪم سکڻ جو به هو، ۽ گذران ڪرڻ جو به. هميشه پوري ڪوشش ڪندو هو؛ ۽ جيڪا تصوير ڪڍندو هو؛ تنهن ۾ اڳي کان هڪڙو نه ٻيو سڌارو ڪندو هو. جيڪو شخص اهڙي محنت ڪندو هوندو، تنهن کي گهڻي ترقي ڪرڻ جي پڪ هوندي. ’رسڪن‘ جي چو موجب، ”خيال ڪرڻ جي سگهه ۽ پختائيءَ ۾ هو اهڙو واڌارو ڪندو ويو، جهڙو سج جي روشنائي يا لس، صبح جي پهر جو ڪندي آهي.‘ سچ پچ ته ’ٽرنر‘ جي ذاتي قابليت جي لاءِ ڪنهن تعريف جي گهرج ئي ڪانهي؛ هن جي تمام چڱيءَ يادگيريءَ جون نشانيون اهي سندس نقش ۽ تصويرون آهن، جي هو مرڻ کان پوءِ پنهنجيءَ قوم وٽ ڇڏي ويو، ۽ جن جي ڪري هميشه هن جي ناموس هلي هلندي. +روم، جو چڱن هنرن جو مک شهر يا دارالفنون آهي، تنهن ۾ وڃڻ جي خواهش سڀ ڪنهن هنر سکندڙ ماڻهوءَ کي نهايت گهڻي ٿيندي آهي؛ پر روم جي سفر تي گهڻو خرچ لڳندو آهي، ۽ اڪثر هنري شاگرد غريب ٿيندا آهن. ليڪن، جيڪو مشڪلاتن ڪاٽڻ جو پڪو ارادو ڪري ٿو، سو نيٺ روم ۾ پهچي سگهي ٿو. ’فرانڪئاس پيريئر‘، جو ڪنهن زماني ۾ فرانس جو وڏو نقاش ٿي گذريو آهي، تنهن کي جو انهيءَ مشهور شهر ڏسڻ جو شوق ٿيو، سو خوشيءَ سان هڪڙي انڌي فقير جو سونهون ٿي اوڏي ويو. گهڻن هنڌن تي رلڻ کانپوءِ هو نيٺ روم ۾ آيو، ۽ اُتي انهيءَ هنر جي تعليم حاصل ڪري، مشهور اُستاد ٿيو. ’جيئڪس ڪالاٽ‘ به روم ۾ وڃڻ لاءِ گهٽ ارادو ۽ شوق نه ڏيکاريو. جيتوڻيڪ سندس پيءُ جي مرضي نه هئي ته هو هنري ماڻهو ٿئي، تڏهن به ڇوڪرو روڪڻ جو نه ٿيو، ۽ گهر ڇڏي ڀڄي اٽليءَ ڏي ويو. سمر ڪوبه ساڻ نه کنيو هئائين، تنهنڪري سگهو ئي اچي عاجز ٿيو؛ پر اتفاق سان ڪو رولو فقيرن جي ٽوليءَ ۾ اچي پيو، ۽ انهن جي سنگت ۾ ميلا گهمندو، طرح طرح جون تڪليفون ڪڍندو، رلندو وتيو. هن سفر ۾ ’ڪالاٽ‘ شڪل شباهت، مهانڊي ۽ طبيعت جي تمام چڱي واقفيت حاصل ڪئي، جا هن پوءِ پنهنجين عجيب تصويرن ڪڍڻ ۾ ظاهر پئي ڪئي؛ ڪن ۾ ته ايتريقدر قابليت ٿي ڏيکاريائين، جو حد کان زياده پئي معلوم ٿي. +نيٺ جڏهن ’ڪالاٽ‘ فلارينس ۾ پهتو، تڏهن هڪڙو سکر ماڻهو هن جو ذهن ۽ شوق ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن کي هڪڙي استاد وٽ نقاشي هنر سکڻ لاءِ ويهاريائين. پر هن کي روم ۾ رهڻ کانسواءِ سک ئي نه پئي آيو، ۽ سگهو ئي اوڏانهن روانو ٿيو. روم ۾ هن ’پارجي‘ ۽ ’ٽامسن‘ سان معرفت پيدا ڪئي. اهي، هن جا پينسل سان نڪتل نقش ڏسي، پيش بيني ڪري چوڻ لڳا ته هيءُ ڪو وڏو اُستاد ٿيندو. ’ڪالاٽ‘ جي مائٽن جي ڪنهن دوست اتفاق سان هن کي اتي ڏسي ورتو، ۽ انهيءَ ڀڳل شخص کي زور ڪري موٽي گهر پهچايائين، پر هاڻي گهمڻ جو ايترو شوق هن جي دل ۾ قائم ٿي ويو هو، جو گهر ۾ آرام ئي نه اچيس. هو ٻيو ڀيرو اُٿي ڀڳو، پر وري سندس وڏي کيس وڃي ’ٽيورن‘ ۾ پڪڙيو، ۽ گهلي موٽي گهر وٺي آيس. نيٺ جڏهن پڻس ڏٺو ته هيءُ رهڻ جو ناهي، تڏهن لاچار ٿي هن کي موڪل ڏنائين ته ڀلي وڃي روم ۾ رهي هنر سکي. ان موجب هو اوڏي ويو، ۽ انهيءَ دفعي هو قابل استادن جي نظر هيٺ نمونا ۽ نقشا ڪڍڻ ۽ اُڪرڻ سکيو. جڏهن موٽي فرانس ۾ آيو، تڏهن بادشاهه ’ڪاسمو‘ ٻئي هن کي فلارينس ۾ رهڻ لاءِ همٿايو، جتي هو ورهين جا ورهيه رهي، محنت ڪري، ڪم پئي سکيو. پنهنجي مربيءَ جي مرڻ بعد هو موٽي ’نانسي‘ ۾ آيو، جتي سندس مائٽ رهندا هئا. اُتي هن پنهنجي رنبيءَ ۽ سڻيءَ جي ڪمائيءَ مان دولت به گڏ ڪئي، ۽ نالو به ڪڍيائين. جڏهن ڏيهي جنگين ۾ گهيرو ڪري ’نانسي‘ ورتائون، تڏهن ’رچيلو‘، ’ڪلاٽ‘ کي چيو ته انهيءَ واقعي جي تصوير اُڪري تيار ڪر؛ پر هن ڪاريگر صاف جواب ڏيئي ڇڏيو- سندس دل نه چيو ته سندس وطن واري شهر تي جا مصيبت پيئي هئي، تنهن جي يادگيري قائم رهي. ’رچيلو‘ پنهنجي ارادي کان مڙڻ جو نه هو، تنهن هن کي کڻي قيد ۾ وڌو. اتي ’ڪالاٽ‘ پنهنجن جهونن سنگيتن- رولو فقيرن مان ڪن سان وڃي گڏيو، جن روم واري سندس پهرئين سفر ۾ کيس کاڌي پيتي جي مدد ڪئي هئي. جڏهن ’لوئي‘ تيرهين سندس قيد پوڻ جو ٻڌو، تڏهن هن رڳو بند مان ڇڏايس، پر پڇيائينس ته جيڪا مهرباني گهرين سا توسان ڪريان. ’ڪالاٽ‘ اُتي جو اتي عرض ڪيس ته ’منهنجا پراڻا سنگتي- فقير- قيد مان نڪرڻ، ۽ هنن کي اجازت ملي ته ايذا ۽ روڪ کان سواءِ پيرس ۾ پئي گذران ڪن.‘ هيءُ عجيب عرض قبول پيو، مگر ’ڪالاٽ‘ سان اهو شرط رکيو ويو ته هو انهن جون تصويرون اُڪري تيار ڪري. انهيءَ تي هن پنهنجو اُڪريل تصويرن جو عجيب ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ”فقير“ مشهور آهي. چون ٿا ته بادشاهه ’لوئيءَ‘، ’ڪالاٽ‘ کي ٽن هزارن لوهرن (سڪن) جي پينشن آڇي. انهيءَ شرط سان، ته هو پيرس نه ڇڏي وڃي. پر هن ڪاريگر کي مسافي اهڙي وڻي ويئي هئي، ۽ آزاديءَ جو ايترو قدر هوس، جو اها آڇ قبول نه ڪيائين. نيٺ هو موٽي ’نانسي‘ ۾ آيو، جتي هن مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجو ڪم پئي ڪيو. هن سورهن سو اُڪريل نقش ۽ تصويرون ڇڏيون- انهيءَ مان هن جي محنت معلوم ٿي سگهندي. هو چرچي جهڙن مضمونن جو ڏاڍو شوقي هوندو هو، ۽ انهن جي ڪڍڻ ۾ ڏاڍي هوشياري ڏيکاريندو هو. هن جي رواجي تصويرن ۽ نقشن ۾ ڪي ڏاڍا خيالي ۽ عمدا نُڪتا هوندا هئا، جن جي ڏيکارڻ ۾ هو عجيب نزاڪت ۽ باريڪي ڪم آڻيندو هو. +’بينو هينيوٽو سيليني‘ جو احوال اڃا به وڌيڪ عجيب ۽ حيرتناڪ هو. هو هوشيار سونارو به هو، نقاش به هو، بت تراش به هو، قلمڪار يا اُڪرڻ وارو به هو، انجير به هو، ۽ ڪتاب نويس به هو. هن پنهنجي حياتيءَ جو احوال جيڪو لکيو آهي، سو اهڙو عجيب آهي جو ٻئي ڪنهن به پنهنجو اهڙو احوال نه لکيو هوندو. هن جو پيءُ، ’جيووهني سليني‘، فلارينس ۾ ’لارينزڊي ميڊيسيءَ‘، جي دربار جي ڳائڻن مان هڪڙو هوندو هو. هن جي وڏي طمع اها هئي ته سندس پٽ، ’بينو هينيوٽو‘، بانسري وڄائڻ ۾ هوشيار ٿئي؛ پر پوءِ هو نوڪريءَ مان نڪري ويو، تنهنڪري هن پنهنجي پٽ کي ڪنهن ڌنڌي سيکارڻ جو ضرور سمجهيو، ۽ هن کي کڻي هڪڙي سوناري وٽ رکيائين. انهيءَ ڇوڪر کي ننڍي هوندي کان نقش ڪڍڻ ۽ هنر سکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ ڌيان ڏيڻ سان هو سگهوئي چالاڪ ڪاريگر ٿي پيو. اتفاق سان شهر جي ڪن ماڻهن سان جهيڙي ۾ اٽڪي پيو، تنهنڪري ڇهن مهينن تائين هن کي شهر نيڪالي ملي. انهيءَ عرصي ۾ هو ’سينا‘ شهر ۾ سونارڪيءَ تي گذران به پيو ڪندو هو، ۽ زرڪاريءَ ۽ جوهريءَ جي ڪم جي به استعمالي ڪندو هو. +’بينوهينيوٽو‘ جي پيءَ جي اڃا به مرضي هئي ته هو بانسري وڄائڻ وارو ٿئي؛ تنهنڪري جيتوڻيڪ هن جي انهيءَ ساز سان نه پوندي هئي، ته به هو ان تي پيو استعمال ڪندو هو. پر، هنرن مان هن کي ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هئي، ۽ نهايت گهڻي شوق مان انهن جي پٺيان پيو. ’فلارينس‘ ۾ موٽي آيو، ۽ ڏاڍي ڌيان ۽ خبرداريءَ سان ’ليونارڊو ڊاوهنسي‘ ۽ ’مائيڪل آنجيلو‘ جا نقش ۽ نمونا جاچڻ لڳو، ۽ سونارڪي ڪم ۾ زياده قابليت حاصل ڪرڻ لاءِ، هو پيرين پيادو روم ڏي ويو ۽ رستي ۾ ڏاڍا جاکوڙا ڪڍيائين. جڏهن هو ’فلارينس‘ ۾ مٽي آيو، تڏهن سون رپي جي ڪم ۾ سندس ڏاڍو نالو نڪتو، ۽ سگهوئي ماڻهو سندس استاديءَ جا طالبو ٿيا، پر هو طبيعت جو چيڙاڪ هو، تنهنڪري اڪثر وڃي جهيڙن ۾ پوندو هو، ۽ مس مس ڀڄي جند ڇڏائيندو هو. انهيءَ طرح هو ويس بدلائي، جوڳي فقير جي پوشاڪ ۾، ’فلارينس‘ مان ڀڄي نڪتو، ۽ وري به پهرين ’سئينا‘ ۾ وڃي پناهه ورتائين، ۽ پوءِ روم ۾. +’سيليني‘ ٻيو ڀيرو روم ۾ اچي رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هن جا گهڻا ئي مربي ۽ مددگار پيدا ٿيا. ’پوپ‘ هن کي سونارو به ۽ باجي وڄائڻ وارو به ڪري پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيو هو هميشه، تمام قابل استادن جي ڪمن مان واقف ٿي، وڌيڪ مايو حاصل ڪندو ويو، ۽ پاڻ کي سڌاريندو ويو. هو زيورن تي جواهر چاڙهيندو هو، مينا ڪاري ڪم ڪندو هو، مُهرون ۽ ٽِڪون اڪريندو هو، ۽ سون، چانديءَ ۽ ڪُٽ جو ڪم اهڙن عمدن نمونن جو ڪندو هو، جو ٻين سڀني هنر وارن کان گوءِ کڻي ويندو هو. جڏهن به ٻڌندو هو ته ڪو سونارو ڪنهن قسم جي ڪم ۾ مشهور آهي، تڏهن هو انهيءَ دم پڪو ارادو ڪندو هو ته انهيءَ کان هوشيار ليکجڻ ۾ اچان. انهيءَ طرح، هو هڪڙي جي مهرن ۽ ٻلن تي رشڪ نيندو هو، ٻئي جي ميناڪاري شين تي، ۽ ٽئي جي جواهرن تي- حقيقت ڪري سندس هنر جا ڪابه شاخ ڪانه هئي، جنهن ۾ نامور ٿيڻ جو هن کي حرص نه ٿيندو هو. +اهڙي شوق سان ڪم ڪرڻ ڪري، عجب نه آهي جو ’سيليني‘ ايترو گهڻو ۽ عمدو ڪم ڪري سگهيو. هو نهايت گهڻو چالاڪ ۽ اڻٿڪ ماڻهو هو، ۽ هميشه هڪڙي نه ٻئي پاسي پيو هلندو هو: هڪڙيءَ مهل ڏسوس ته ’فلارينس‘ ۾ ويٺو آهي، ته ٻيءَ مهل روم ۾؛ ڪڏهن ’مانٽئا‘ ۾، ڪڏهن روم ۾، ته ڪڏهن ’نيپلس‘ ۾، ۽ موٽي واري ’فلارينس‘ ۾، وري ’وينس‘ ۾ ۽ پيرس ۾! سڀ وڏا وڏا سفر گهوڙي تي ڪندو هو. هو پاڻ سان گهڻو سامان به کڻي سگهندو هو؛ تنهنڪري جتي ويندو هو، اتي هميشه پهرين پنهنجا اوزار جوڙڻ لڳندو هو. هو نه رڳو پنهنجو ڪم رٿيندو هو، پر اهوپاڻ پنهنجي سر ڪندو هو. يعني پنهنجن هٿن سان مطرقو هڻي ڪُٽيندو هو، ۽ اُڪريندو هو، قالب ۾ پلٽيندو هو، ۽ هڪڙي نه ٻيءَ شڪل ۾ بيهاريندو هو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته جيڪو به ڪم هن ڪيو آهي، تنهن ۾ هن جي ذاتي سمجهه ۽ سياڻپ جي نشاني اهڙي ظاهر آهي، جو ائين ڪڏهن ٿي سگهڻ جو نه آهي ته اهو رٿي هڪڙو ماڻهو، ۽ ڪري ٻيو. ڪهڙي به خسيس شي- زناني ڪمربند جو ڪڙو ڪُنڍو، خواه مهر، خواهه لڙڪائڻ يا اٽڪائڻ جو زيور، خواهه منڊي، خواهه ٻيڙو، هن جي هٿن ۾ هڪڙي خوبصورت ڪاريگريءَ جي شيءَ ٿي پيئي ٿي. +’سيليني‘ ڪاريگريءَ جي ڪم ۾ ڏاڍو چالاڪ ۽ هوشيار هوندو هو. هڪڙي ڏينهن هڪڙو جراح، مشهور سوناري ’رفائيلو ڊيل مورو‘ جي دوڪان ۾ سندس ڌيءَ جي هٿ کي چهڪ ڏيڻ لاءِ آيو هو. ’سيليني‘ حاضر هو، تنهن انهيءَ ڊاڪٽر جي اوزارن ڏي نهاري سهي ڪيو ته، انهن ڏينهن جي دستور موجب، اهي ڄٽڪا ۽ سادا هئا. هن ڊاڪٽر کي چيو ته ’پاءُ ڪلاڪ تائين هٿ کي چهڪ ڏيڻ جو ڪم مهمل رک‘. ائين چئي، هو ڊڪي پنهنجي دوڪان تي ويو، ۽ تمام عمدي رُڪ جو ٽڪر کڻي، انهيءَ مان هڪڙو تمام نازڪ ڪپ يا نشتر جوڙيائين، جنهن سان پوءِ ڊاڪٽر آسانيءَ سان زخم چيريو. +جيڪي بُت ’سيلينيءَ‘ جوڙيا، انهن مان تمام مشهور هي آهن: هڪڙو ’جيوپيٽر‘ جو چانديءَ جو بت، جو هن پيرس ۾ فرانس پهرئين جي لاءِ جوڙيو هو؛ ۽ ٻيو ’پرسيوس‘ جو ڪُٽ جو بت، جو هن ’فلارينس‘ جي گرانڊ- ڊيوڪ ’ڪاسمو‘ جي لاءِ بنايو هو. انهن کان سواءِ هن ’اپالو‘ ۽ ’هيئاسنٿس‘، ’نارسس‘ ۽ ’نيپيون‘ جا بت سنگ مرمر مان به جوڙيا هئا. ’پرسيوس‘ جي بت پَلٽي جوڙڻ جي نسبت ۾ جيڪي عجيب ڳالهيون چوڻ ۾ اچن ٿيو، تن مان انهيءَ شخص جو حيرت جهڙو ذهن ۽ ذاتي مايو خاص طرح معلوم ٿو ٿئي. +جڏهن ’پرسيوس‘ وارو ميڻ جو نمونو گرانڊ- ڊيوڪ کي ڏيکارو ويو، تڏهن هن صاف طرح پنهنجي راءِ ڏني ته اهڙو بت ڪُٽ جو پلٽي ڪين سگهبو. اهڙي ناشدنيءَ جي ڳالهه ٻڌي، ’سيلينيءَ‘ کي هڪدم اچي حرص جاڳيو ته نه رڳو انهيءَ ڪم جي ڪوشش ڪريان، پر سچ پچ ڪري ڏيکاريان. پهريائين هن مٽيءَ جو بت نموني طور جوڙيو، ۽ ان کي پچائي سخت ڪيائين؛ پوءِ ان جي مٿان ميڻ هڻي، هموار ڪري، پورو بت بنائي ويو؛ تنهن کان پوءِ وري ميڻ جي مٿان هڪڙي قسم جي مٽيءَ جو پردو چاڙهي ويو، ۽ اهو به پچائي پڪو ڪيائين: ائين ڪرڻ سان، وچ واري ميڻ پگهري نڪري ويئي، ۽ ٻن مٽيءَ جي تهن جي وچ ۾ پگهريل ڪُٽ جي بيهڻ واري جاءِ خالي ٿي پيئي. ڪُٽ پگهاريندي مٿان ڪا حرڪت پهچي، تنهنڪري هن اهو ڪم کوري جي هيٺان کڏ کڻي ان ۾ ڪيو. متان کوري مان ڪُٽ پگهرجي، نالين ۽ سوراخن جي رستي، ٺهرايل قالب ۾ پوندي وڃي، تنهن جو بندوبست به رٿيائين. انهيءَ ڪم لاءِ صنوبر جي ڪاٺين جو انبار اڳي ئي خريد ڪري رکيو هئائين. هاڻ ڪُٽ پگهارڻ جو ڪم شروع ڪيائين. پهريائين کوري ڪُٽ ۽ پتل جا ٽڪر وجهي ڀريائين، ۽ پوءِ ڪاٺين کي باهه ڏنائين. صنوبر جون ڪاٺيون ته اڳي ئي ڏاڍيون ٻرڻ واريون آهن، تن اچي خوفناڪ ڀنڀٽ ٻاريو، اهڙو، جو دوڪان کي باهه لڳي ويئي، ۽ ڇت جو ڀاڱو ئي سڙي ويو. پر ساڳئي وقت ۾ واءُ به سخت لڳو، ۽ مينهن به کوري تي پيو، تنهنڪري سيڪ گهٽجي ويو، ۽ ڌاتيون پگهرجي نه سگهيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ’سيلينيءَ‘ سيڪ وڌائڻ لاءِ مٿا هنيا، ۽ ڪاٺين پٺيان ڪاٺيون پئي کوري ۾ وڌائين؛ نيٺ اهڙو ٿڪجي بيمار ٿي پيو، جو ڀانيائين ٿي ته بت پلٽجڻ کان اڳي آءٌ مري ويندس. لاچار ٿي، قالب ۾ پگهريل ڪٽ پلٽڻ جو ڪم پنهنجن شاگردن ۽ مددگارن جي حوالي ڪري، پاڻ وڃي هنڌ ۾ ڪري پيو. جيڪي وٽس ويٺا هئا، تن ساڻس همدردي ڪري ارمان پئي ظاهر ڪيو، ته ايتري ۾ کوري جو هڪڙو مزور اوچتو اندر گهڙي آيو، ۽ دانهن ڪري چوڻ لڳو ته ”ويچاري ’بينوهينيوٽو‘ جو ڪم اصل خراب ٿي پيو!“ هي ٻڌي، ’سيليني‘ هڪدم هنڌ مان ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ دوڪان ڏي ڀڳو. ڏسي، ته باهه اهڙي جهڪي ٿي ويئي هئي جو ڪُٽ وري به سُڪي ڏاڍي ٿي پئي هئي. +ڪنهن پاڙيسريءَ وٽ ڪچي بلوط جون ڪاٺيون ورهيه کن کان پئي سڪيون، اتان هڪڙي وڏي ڀري گهرائي ورتائين. سگهوئي وري باهه ٻرڻ لڳي، ۽ ڪُٽ پگهرڻ ۽ چمڪڻ لڳي. اڃا به واءَ جو گوگهٽ پئي پيو، ۽ مينهن زور سان پئي وسيو. تنهنڪري، پاڻ کي بچائڻ لاءِ، ’سيليني‘ ڪي ميزون پاڻ وٽ اڻائي رکيون؛ انهن جي مٿان پردن جا ٽڪر ۽ پراڻا ڪپڙا رکيائين، ۽ پوءِ پاڻ انهن جي پٺيان ٿي بيٺو، ۽ اُتان کوري ۾ ڪاٺيون اڇلائيندو ويو. پوءِ ڪُٽ ۽ پتل جي مٿان جست، شيهي ۽ قلعيءَ جو وڏو ٽڪر کڻي وڌائين. ڪڏهن لوهه جي ڇڙ ۽ ڪڏهن ڊگهين لٺين گهمائڻ سان، سگهوئي سڄو مال پگهرڻ لڳو. انهيءَ مهل، آزمائش جي عين وقت ۾، گوڙ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ ’سيلينيءَ‘ جي اکين آڏو باهه جو چمڪاٽ ٿيو...... کوري جو ڍڪ ڀڄي پيو، ۽ پگهريل ڌاتيون وهڻ لڳيون. ’سيلينيءَ‘ ڏٺو ته اُهي اڃا برابر نٿي وهيون، تنهنڪري هو ڊوڙي بورچيخاني ۾ ويو، ۽ ٽامي ۽ جست جو جيڪو ٿانو ٿپو اُتي پيل ڏٺائين، سو کڻي آيو: اٽڪل ٻه سو پيالا، رڪابيون ۽ ڪيٽليون، جدا جدا قسم جون هٿ لڳس، اُهي سڀ کڻي کوري ۾ وڌائين........ نيٺ، ڪُٽ پگهري ۽ وهي اُٺي هلي! انهيءَ طرح، ’پرسيوس‘ جو عجيب بُت پلٽجي تيار ٿيو. +جنهن ذاتي مستيءَ ۾ ’سيليني‘ پنهنجي بورچيخاني ڪاهي پيو ۽ اُتان کوري ۾ وجهڻ لاءِ ٿانو- ٿپا کڻي آيو، اُها ٻڌي، پڙهندڙ کي ’پالسي‘ جي ڳالهه ياد ايندي، جنهن مٽيءَ جي ٿانون پچائڻ ۽ ڪاشيءَ يا مينا پگهارڻ ۾ پنهنجو گهر جو سامان ڀڄي باهه ۾ اڇلائي وڌو. پر، انهيءَ ’ذوق ۽ مستيءَ‘ کانسواءِ، ڪي به ٻه ماڻهو ’ذاتي لياقت ۽ چال‘ ۾ گهٽ مشابهت نه رکندا هوندا. جيئن ’سيلينيءَ‘ پاڻ لکيو آهي، هو گويا هڪڙو ’اسماعيل‘ هو، جنهن جي برخلاف سڀ ڪنهن ماڻهوءَ هٿ کنيو هو. پر انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته هو ڏاڍو هوشيار ڪاريگر ۽ قابل هنر وارو هو. + + +’نڪولس پوسن‘ جي حياتيءَ جا ڏينهن اهڙا ڏکيا نه گذريا. جهڙو هنر بابت خيالن ۾، تهڙو روزمره جي حياتيءَ ۾، هو پاڪدل ۽ عالي دماغ ماڻهو هو، ۽ سمجهه ۽ راست بازيءَ ۽ سادگيءَ جي لاءِ مشهور هو. هو غريباڻيءَ حالت ۾ پيدا ٿيو هو، ۽ ’روئن‘ جي ويجهو ’ائنڊليز‘ ۾ ڄائو هو، جتي سندس پيءُ هڪڙو ننڍو مڪتب پڙهائيندو هو. انهيءَ ڇوڪر کي پيءُ جي جهڙيءَ تهڙيءَ تعليم جو فائدو هو، ليڪن انهيءَ جو هن گهڻو خيال ڪونه رکيو، ۽ پنهنجو وقت ڪتابن ۽ سليٽ تي چٽن ۽ گلن ڪڍڻ ۾ وڃايائين. هڪڙي ٻهراڙيءَ جي نقاش کي هن جا نقش گهڻو پسند آيا، تنهن هن جي ماءُ- پيءُ کي صلاح ڏني ته هن کي روڪين نه، ۽ ڇڏين ته جيڪو هنر هن کي پسند اچي سو سکي. انهيءَ نقاش ذمو کنيو ته هو ’پوسن‘ کي انهيءَ ڪم ۾ سبق ڏيندو. انهيءَ طرح هن سگهوئي اهڙو سڌارو ڪيو، جو سندس اُستاد کي ٻيو ڪو به وڌيڪ هن کي سيکارڻو نه ٿيو؛ تنهنڪري ’پوسن‘ بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ پاڻ کي وڌيڪ سڌارڻ لاءِ ڏاڍو خواهشمند ٿيو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ هو پيرس ڏي روانو ٿيو. رستي ۾، گذران جي لاءِ، دڪانن ۽ گهرن جي نشانن جا تختا چٽيندو ويو. +پيرس ۾ هن هنر جا ايترا عمدا ڪم ڏٺا، جو هن جي اڳيان هڪڙي نئين دنيا کلي پيئي؛ جنهن ڪري هن کي حيرت به لڳي، ۽ حرص به زياده ٿيس. هن گهڻن ئي هنرخانن ۾ وڃي، محنت سان نقش ڪڍڻ، نقل ڪرڻ ۽ تصويرن رڱڻ جو ڪم ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هن ارادو ڪيو ته جيڪڏهن ٿي سگهي ته روم ۾ وڃان. سو، انهيءَ پاسي نڪري پيو؛ پر هو ’فلارينس‘ تائين مس پهچي سگهيو، ۽ اُتان پيرس ڏي موٽي آيو. ٻيو ڀيرو روم ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هن ڀيري ته اوترو به پري وڃي نه سگهيو. ’لائنس‘ تائين مس وڃي سگهيو. انهيءَ هوندي به، خبرداري ڪري، جيڪو سڌارو ملي ٿي سگهيس، انهيءَ جو وجهه وٺي فائدو حاصل ٿي ڪيائين، ۽ اڳي وانگي ڪم ڪرڻ ۽ وڌيڪ مايي حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهندو آيو. +انهيءَ طرح ٻارهن ورهيه لنگهي ويا. انهيءَ عرصي ۾ هن گمناميءَ ۾ ڏاڍو ڪشالو ڪڍيو ۽ نااُميديون ڏٺيون ۽ شايد بکون به ڪاٽيون. نيٺ، ’پوسن‘ اچي روم ۾ پهتو. اُتي هو، محنت ڪري، قديم اُستادن جي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ لڳو. خصوصاً اڳوڻن بُتن تي، جن جي ڪماليت هن جي دل تي گهڻو اثر ڪيو. ڪن ڏينهن تائين هو ’ڊڪئيسنوئي‘ بت تراش سان گڏ رهندو هو، جو هن وانگيان غريب ۽ ڪنگال هو، ۽ هن کي اڳوڻين مورتن جي نمونن تي ٻين مورتن جوڙڻ ۾ مدد ڪيائين. ان سان گڏجي، هن روم ۾ ڪن تمام مشهور بتن جي خبرداريءَ سان ماپ ڪئي- خصوصاً ’آنٽينوس‘ جي. چون ٿا ته انهيءَ تجويز ڪم آڻڻ ڪري، هن جي آئيندي جي بت تراشيءَ تي چڱو اثر ويهي ويو. ساڳئي وقت ۾ هن بدن جي تشريح جو علم به سکيو، ۽ جيئرن ماڻهن جون تصويرون به ڪڍڻ لڳو. جيڪي ماڻهو ملندا هئس، تن جي ڊولن ۽ وضعن جا نمونا به ڪڍي پاڻ وٽ گڏ ڪندو ويو، ۽ فرصت مهل، جيڪي هنري ڪتاب تعليم لاءِ پنهنجن دوستن کان اُڌارا ملي سگهندا هئس، اهي به ڌيان سان پڙهندو رهيو. انهيءَ ساري عرصي ۾ هو تمام غريب ۽ مفلس رهيو. رڳو ايتري ۾ خوش هو ته آءٌ پاڻ کي سڌاريندو ٿو وڃان. هن جي ڏاڍي خواهش هئي ته جيترو ملي، اوتري تي پنهنجون تصويرون وڪڻي ڇڏيان. ڪنهن نبيءَ جي هڪڙي تصوير هئي، سا هن اٺين لوهرين وڪي، ۽ بي ’فلسطين جو طاعون‘ جي تصوير سٺ ڪرائونن تي وڪيائين، جا پوءِ ’ڪارڊنل ڊي رچيلو‘ هزار ڪرائون ڏيئي ورتي. انهن ڏکن سان گڏ وري هڪڙو خراب مرض اچي شامل ٿيس، تنهن ۾ ته هو ڏاڍو لاچار ٿيو. ’شوهليئر ڊيل پاسو‘ اهڙي حال ۾ هن کي پيسي پنجڙ جي ڏاڍي مدد ڪئي. انهيءَ شريف شخص جي لاءِ ’پوسن‘ پوءِ هڪڙي عمدي تصوير ڪڍي، جنهن جو نالو هو ’بيابان ۾ آرام.‘ انهيءَ مان ايتري پيدائش ٿيس، جو بيماريءَ جي ڏينهن ۾ جيڪو قرض کنيو هئائين سو لاٿائين، پاڻ گهڻو ئي ڪي بچي پيس. +هيءُ بهادر شخص، انهيءَ طرح، ڪشالا ڪڍندو ۽ ڏکن مان قابليت حاصل ڪندو ويو. اڃا به وڌيڪ لياقت حاصل ڪرڻ جي حرص تي، هو ’فلارينس‘ ۽ ’وينس‘ ڏي ويو، جتي هن پنهنجي هنر کي گهڻو ئي وڌايو. نيٺ هن جي ايمانداريءَ ۽ محنت جو نتيجو ظاهر ٿيو، جو هاڻ هو ڪيتريون ئي وڏيون تصويرون هڪٻئي پٺيان ڪڍڻ لڳو: پهرين ”جرمانيڪس جي مورت“ ڪڍيائين، پوءِ ”آخرين مرهم“، ”يوڊا ميڊاس جو وصيت نامو“، ”من“ ۽ ”صابين جي ڀڄ“ ڪڍيائين. +انهيءَ هوندي به، ’پوسن‘ جي ناموس آهستي آهستي وڌندي ويئي. طبيعت ڪري هو حجاب وارو ۽ گوشي پسند ماڻهو هو، ۽ ماڻهن جي ڪري جيتري هن جي تعريف ڪندا هئا، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هن جي خيالي هجڻ جي ڪري ڪندا هئا. جڏهن هو نقش ڪڍڻ جي ڪم ۾ مشغول نه هوندو هو، تڏهن ٻهراڙيءَ ۾ پري پري هيڪلو پنڌ ڪندو هو، ۽ آئيندي جي تصويرن لاءِ خيال پچائيندو ويندو هو. جڏهن هو روم ۾ رهندو هو، تڏهن سندس ٿورن دوستن مان هڪڙو ’ڪلاڊ لارين‘ هوندو هو، جنهن سان هو ’لاٽرنٽي ڊيومانٽ‘ جي ڇڄهريءَ واري ورانڊي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏ گذاريندو هو، ۽ هنر ۽ قديم شين بابت گفتگو ڪندو هو. روم ۾ جو اڪثر ماٺ لڳي پيئي هوندي هئي ۽ هميشه هڪجهڙو ڪم پيو هلندو هو، سو هن کي گهڻو پسند ايندو هو؛ جيڪڏهن نقاشيءَ جي ڪم مان پورو پنو گذران ٿيندو هوس، ته انهيءَ کي ڇڏڻ تي دل نه چوندي هيس. +هاڻي هن جي ناموس روم کان به نڪري پري وڃڻ لڳي ۽ هن کي خطن پٺيان خط پئي آيا ته موٽي روم ۾ اچ، هن کي باشاهه جي مُک نقش جي جاءِ جي آڇ ٿي. پهريائين ته هن دل پئي هنئي، ۽ قناعت جو پهاڪو ڏيئي چوڻ لڳو ته ’مون روم ۾ پندرهن ورهيه گذاريا آهن، ۽ اتي پرڻيو آهيان؛ هاڻي اميد اها اٿم ته مرندس به اتي، ۽ دفن به اتي ٿيندس‘؛ پر وري جڏهن زور ڪيائونس، تڏهن اُها جاءِ قبول ڪيائين ۽ موٽي پيرس ۾ آيو. اتي وڃڻ جي ڪري سندس هم پيشن کي ڏاڍو حسد پيدا ٿيو، تنهنڪري هن جي خواهش ٿي ته وري سگهوئي روم ۾ موٽي وڃان. پيرس ۾ رهندي، هن ڪي تمام وڏيون ۽ عمديون تصويرون ڪڍيون- جيئن ته ”سينٽ زيوهيئر“، ”بئپتسما“، ۽ ”پويون طعام“. هن کي اصل ڪم کان واندڪائي نه ٿيندي هئي. پهريائين ته جيڪو ڪم چوندا هئس سو ڪندو هو. جيئن ته بادشاهه جي ڪتابن جي ديباچي واري صفحي تي نقش ڪڍڻ، خصوصاً اِنجيل ۽ ورجل جي ڪتابن تي، ’لوُهر‘ جي لاءِ چرچي جون تصويرون، ۽ پردن جي لاءِ چٽ گل وغيره- پر نيٺ هن کي اعتراض اچڻ لڳو. ’ايم. ڊي. چانٽيلوب‘ کي چيائين ته ”مون کان ته بلڪل ائين ٿي نٿو سگهي ته ساڳئي وقت ۾ ڪتابن جا ديباچا به چٽيان، ’ورجل‘ تي به محنت ڪريان، ’سيڊٽ لوئي‘ جي جماعت جي تصوير به ڪڍان، تصويرخاني جي لاءِ به قسمين قسمين تصويرون ڪڍان، ۽ شاهي پردن جي لاءِ به نقش ۽ نمونا ڪڍان: مون کي رڳو جوڙو هٿن جو آهي، ۽ هڪڙو ضعيف مٿو آهي: نه ڪو ٻيو مون کي مدد ڏيئي سگهي ٿو، ۽ نه ڪو منهنجيءَ محنت جو بار مون تان هلڪو ڪري ٿو سگهي.“ +هن جي فتحيابيءَ ڪري جي دشمن پيدا ٿيا هئا، ۽ جن کي هو راضي رکي نٿي سگهيو، تن هن کي اهڙو بيزار ڪيو، جو پيئرس ۾ ٽن ورهين کان به گهٽ عرصي جي پڇاڙيءَ ۾ هن روم ڏي موٽڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن هو ’مائونٽ پنشيو‘ جبل تي پنهنجي غريباڻي گهر ۾ وري اچي سکيو ٿيو، تڏهن حياتيءَ جا باقي ورهيه هو تمام سادگيءَ ۽ گوشي نشينيءَ ۾ گذارڻ لڳو. انهيءَ عرصي ۾ ڏاڍيءَ محنت سان هو پنهنجو هنري ڪم ڪندو رهيو. هن کي جا بيماري هوندي هئي، تنهن ۾ جيتوڻيڪ ڏاڍا عذاب پيو کائيندو هو، تڏهن به محنت ڪرڻ سان هو پنهنجيءَ دل کي تسلي ڏيندو ۽ خوش رکندو آيو. هن چيو ته ”جيئن آءٌ عمر ۾ وڏو ٿو ٿيان، تيئن مون کي شوق ياده ٿو ٿئي ته نهايت گهڻو قابل ٿيان، ۽ ڪماليت جي سڀ کان مٿانهين درجي کي پهچان.“ انهيءَ طرح محنت ڪندي، مٿا هڻندي ۽ عذاب کائيندي، ’پوسن‘ پڇاڙيءَ وارا ورهيه گذاريا. هن کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. سندس زال اڳ ئي مري ويئي هئي، ۽ سندس سڀ دوست به هلي رهيا هئا، تنهنڪري پيريءَ ۾ في الحقيقت هو روم ۾ اڪيلو رهجي ويو هو، جتي گهڻيون ئي قبرون هيون. اُتي 1665ع ۾، هو مري ويو. جيڪا ميراث بچي هيس، جا اٽڪل هڪ هزار ڪرائون هئي، سا پنهنجن مائٽن کي ڏيئي ويو، جي ’ائنڊيليز‘ ۾ رهندا هئا. ليڪن، هو پنهنجيءَ قوم کي پنهنجي ذاتي قابليت جا وڏا ڪم ورثي ۾ ڇڏي ويو. +هاڻوڪي زماني ۾، ’ايري شيفر‘ جي احوال مان ساڳئي قسم جي عالي همت ۽ وڏيءَ دل واري هنرمند استاد جو هڪڙو تمام چڱو مثال ملي ٿو. هو ’ڊاڊ ريڪٽ‘ ۾ ڄائو ۽ هو هڪڙي جرمن ڪاريگر جو پٽ هو، تنهنڪري ننڍي هوندي ئي هن نقاشيءَ ۽ مصوريءَ جي لياقت ڏيکاري ۽ سندس ماءُ پيءُ پاڻ انهيءَ ۾ هن کي ترغيب ڏني. هو اڃا ننڍو هو ته سندس پيءُ مري ويو. مفلسيءَ ۽ ڪم وسعتي هوندي به، سندس ماءُ ارادو ڪيو ته لڏي وڃي پيرس ۾ ويهن، انهيءَ لاءِ ته پٽس کي تعليم ملڻ ۽ هنر سکڻ جا تمام چڱا وجهه ملن. اُتي جوان ’شيفر‘ کي ’گيرن‘ نقاش وٽ وڃي ويهاريائون. هن جي ماءُ کي ايتري وسعت ڪانه هئي جو هو پاڻ کي خلاصو انهيءَ تعليم جي ڪم ۾ لڳائي. جيڪي ٿورا جواهر وٽس هئا، سي هن وڪڻي ڇڏيا هئا، ۽ پنهنجن ٻين ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ هن ڄاڻي واڻي تنگ گذران ٿي ڪيو. اهڙيءَ حالت ۾، ضرور هو ته ’ايري‘ ماءُ کي مدد ڏيڻ لاءِ خواهشمند ٿئي، تنهنڪري جڏهن ارڙهن ورهين جي عمر جو ٿيو، تڏهن سو کين شين جون ننڍيون ننڍيون تصويرون ڪڍڻ لڳو، جي پوري پني ملهه تي جلدي وڪامي ٿي وييون. هو تصويرن کي رنگ به ڏيندو هو، پنهنجي هنر جي زياده استعمالي ڪري آزمودو به حاصل ڪندو هو، ۽ ايمانداريءَ سان پيسو به ڪمائيندو هو. انهيءَ طرح، درجي بدرجي، هو تصويرن ۽ نقشن ڪڍڻ، رنگن ڏيڻ ۽ نسونن رٿڻ ۾ ترقي ڪندو ويو. ’بئپتسما‘ واري تصوير ڪڍڻ کان وٺي هن جي حياتيءَ جي طرز نئين ٿيڻ لڳي، ۽ تنهن کان پوءِ هو وڌندو ويو، تان جو جڏهن ”فاسٽ“، ”پارسا زال“، ”فرانسسڪا ڊي ريمني“، ”عيسيٰ مسيح، دل کي تسلي ڏيڻ وارو“، ”سينٽ مانيڪا ۽ سينٽ آگسٽن“، ۽ ٻيون گهڻيون عمديون تصويرون ڪڍيائين، تڏهن سندس ناموس وڃي چوٽي ڪئي. +مسٽر ’گروٽ‘ لکي ٿو ته ”فرانسسڪا‘ واريءَ تصوير ڪڍڻ ۾ ’شيفر‘ جيڪو پورهيو، خيال ۽ ڌيان لڳايو هو، سو نهايت گهڻو هوندو.“ حقيقت ڪري هن کي هنري تعليم تمام اڻپوري ملي هئي، تنهنڪري هن کي لاچار ٿيو ته هنر جي اُڀيءَ ڏاڪڻ تي چڙهڻ لاءِ پنهنجا ذاتي اپاءَ ڪم ۾ آڻي. انهيءَ سبب، جڏهن هو هٿ سان پيو ڪم ڪندو هو، تڏهن سندس دل پيئي خيال پچائيندي هئي. هن کي هٿ جي ڪاريگريءَ جا ڪيترائي رستا ۽ رنگ ڏيڻ جا ڪيترائي تجربا ڪرڻا پيا. تمام گهڻيءَ محنت سان، ساڳيءَ تصوير يا نقش کي ورائي ورائي پيو رنگ ڏيندو هو. روا جي تعليم جي بنسبت جيڪا منجهس ڪوتاهي هئي، انهيءَ جي برابر هئي. پنهنجيءَ عالي همتيءَ ۽ پڪيءَ هوشياريءَ جي واهر سان، هو پنهنجيءَ پينسل يا قلم جي وسيلي ٻين ماڻهن جي دلين تي اثر پيدا ڪري سگهندو هو. +جن هنرمند ماڻهن کي ’شيفر‘ ساراهيندو هو، انهن مان هڪڙو ’فلئڪسمن‘ هو. هڪڙي ڀيري هن هڪڙي دوست کي چيو ته ”جيڪڏهن ’فرانسسڪلو‘ جي تصويرن رٿڻ ۾ مون اويسلائيءَ ۾ ڪنهن ٻئي کان مدد ورتي هوندي، ته اُها ضرور ’فلئڪسمن‘ جي تصويرن ۽ نقشن تان ورتي هونديم، جي ٿورو گهڻو منهنجي نظر چڙهيون هيون.“ ’جان فلئڪسمن‘، ’ڪوهينٽ گارڊن‘ واري محلي جي نيو اسٽريٽ واريءَ گهٽيءَ ۾ هڪڙي غريب گچ جي ساچن وڪڻڻ واري جو پٽ هو. ننڍي هوندي هو اهڙو ضعيف ۽ بيمار هوندو هو، جو اڪثر پنهنجي پيءُ جي دوڪان تي تختن جي پٺيان وهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي وهندو هو، ۽ نقشن ڪڍڻ ۽ پڙهڻ سان ويٺو پنهنجي دل وندرائيندو هو. هڪڙو رحمدل پادري، مسٽر ’مئٿيور‘، هڪڙي ڏينهن اتفاق سان دوڪان تي آيو، تنهن انهيءَ ڇوڪر کي ڪو ڪتاب پڙهندو ڏٺو. پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيس ته اهو ڪتاب ’ڪارنيليس نيپاس‘ آهي، جو هن جي پيءُ ٿورا پيسا خرچي هڪڙي ڪتب فروش جي دوڪان تان ورتو هو. ڇوڪر سان ٿوري گفتگو ڪرڻ کانپوءِ، هن چيس ته ’اهو ڪتاب تنهنجي پڙهڻ لائق ناهي، آءٌ توکي هڪڙو ٻيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ آڻي ڏيندس.‘ ٻئي ڏينهن هو ’هومر‘ ۽ ’ڊان ڪوئگزوٽ، جا ترجما کڻي آيو، ۽ اُهي هو ڇوڪر ڏاڍي چاهه سان پڙهڻ لڳو. ’هومر‘ جي صفحن ۾ جيڪو بهادريءَ جو بيان هو، سو پڙهي هن جي دل به همت سان ڀرجي پيئي؛ ۽ ’ايجئڪس‘ ۽ ’اڪيليز‘، پهلوانن جون چوني جون مورتون دوڪانن جي تختن تي ڏسي، هن جي دل ۾ اهو حرص پيدا ٿيو ته آءٌ به اهڙن عالي همت پهلوانن جون شڪليون، شاعراڻيءَ صورت ۾ ڪڍان. +جيئن ننڍيءَ عمر وارن ماڻهن جي ڪوششن جو حال ٿيندو آهي، تيئن هن جون پهريندي جون رٿون به ڪچيون ۽ نڪميون هيون. هن جي پيءُ هڪڙي ڏينهن انهن مان ڪي ’روبليڪ‘ بت تراش کي ڏيکاريون، جنهن اُهي ڏاڍيون ناپسند ڪيون. پر ڇوڪر ڏاڍو سمجهو هو، هو محنتي به هو، ۽ تحمل وارو به- لاهي پاهي اچي ڪتابن ۽ تصويرن تي محنت ڪرڻ لڳو. پوءِ هو، پنهنجيءَ ٻاراڻيءَ سمجهه آهر، چوني ۽ ميڻ ۽ مٽيءَ جون مورتون ٺاهڻ لڳو. هن جي انهن ننڍي هوندي جي ڪمن مان ڪي اڃا تائين رکيل آهن- نه انهيءَ لاءِ ته اهي عمديون آهن، پر انهيءَ لاءِ ته اهي تحمل ۽ ذاتي لياقت واري ماڻهوءَ جون پهريون عجيب ڪوششون آهن. اهو ڇوڪر گهڻن ورهين کان پوءِ هلڻ جهڙو ٿيو: پهرين لٺين جي ٽيڪ تي آٿڙي آٿڙي هلڻ ��کيو، ۽ نيٺ جڏهن زور ورتائين، تڏهن لٺين کان سواءِ هلڻ لڳو. +مسٽر ’مئٿيوز‘، جو رحمدل ماڻهو هو، سو هن کي پنهنجي گهر وٺي ايندو هو، جتي سندس زال هن کي ’هومر‘ ۽ ’ملٽن‘ سمجهائيندي هئي. هو هن کي پنهنجو پاڻ سڌارڻ ۾ به مدد ڏيندا هئا، ۽ هن کي لئٽن ۽ گريڪ ٻولين ۾ سبق ڏيندا هئا، جي ٻوليون هو گهر ۾ پڙهندو هو. تحمل ۽ اورچائيءَ ڪري، مصوريءَ جي ڪم ۾ هن اهڙي ترقي حاصل ڪئي، جو هڪڙيءَ شريف بي بيءَ هن کي چيو ته منهنجي لاءِ ڇهه تصويرون ڪاري چاڪ سان ڪڍي ڏي. اها هن کي پهرين فرمائش ملي هئي. ڪاريگر جي لاءِ اها هڪڙي وڏي ڳالهه آهي. ڊاڪٽر جي پهرين في، وڪيل جو پهريون مقدمو، قاعدي ساز مشير جي پهرين تقرير، ڳائڻ واري جو پهرينءَ رات جو تماشو، ۽ مصنف جو پهريون ڪتاب، انهن مان ڪوبه هڪڙو، ناموس جي اميدوار جي لاءِ، ڪاريگر جي پهرينءَ فرمائش کان وڌيڪ لذت وارو نه آهي ڇا؟ انهيءَ فرمائش موجب، اهو ڇوڪر تصويرون ڪڍڻ لڳو؛ انهيءَ ڪري هن جي تعريف به گهڻي ٿي، ۽ پيدائش به چڱي ٿي. +پندرهن ورهين جي ڄمار ۾، ’فلئڪسمن‘، ’رايل اڪيڊميءَ‘ ۾ شاگرد ٿي داخل ٿيو. جيتوڻيڪ هو محجوب طبيعت جو هو، ته به سگهوئي شاگردن ۾ هن نالو ڪڍيو. سڀ ڪنهن کي اها اميد هئي ته هو وڏا ڪم ڪري سگهندو. اهي اميدون اجايون ڪين هيون. عمر جي پندرهين ورهيه ۾ هن چانديءَ جو ٻلو انعام کٽيو، ۽ سورهين ورهيه ۾ سوني ٻلي لاءِ هو اميدوار ٿيو. سڀ ڪنهن کي پڪ هئي ته هو انعام کٽندو، ڇا لاءِ جو هوشياريءَ ۽ محنت ۾ ٻيو ڪوبه هن کان وڌيڪ ڪونه هو. انهيءَ هوندي به هن کي اهو انعام نه مليو؛ اهو سونو ٻلو ٻئي هڪڙي شاگرد کي مليو، جنهن جو انهيءَ کان پوءِ وري ڪنهن نالو به ڪونه ٻڌو. هن ڇوڪر جو انعام نه کٽڻ، حقيقت ڪري هن جي لاءِ فائدي وارو ٿيو؛ ڇا لاءِ جو جيڪي پڪي ارادي وارا ماڻهو ٿيندا آهن، اهي هارائڻ ڪري گهڻيءَ تائين نااميد ۽ ملول نه رهندا آهن، پر پاڻ انهيءَ ڪري هنن جو سچو جوهر ظاهر ٿيندو آهي. هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته ”مون کي وقت ڏيو، پوءِ آءٌ اهڙا ڪم ڪندس، جن کي اڪيڊمي فخر سان پسند ڪندي“. هو پوءِ وڌيڪ ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ لڳو، ۽ هڪڙا نه ٻيا نمونا پيو رٿيندو ۽ جوڙيندو هو. انهيءَ طرح جلد نه، ته به پڪي ترقي ڪندو ويو. +انهيءَ وچ ۾، سندس پيءُ جي گهر ۾ مفلسيءَ اچي منهن ڪڍيو: چوني جي بوتن يا قالبن جي ڌنڌي مان پوري پني پيدائش هئي، ۽ ننڍو ’فلڪسمن‘ پاڻ کي ڏکيو ڪري به، پڙهڻ جي مدت گهٽائي، انهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ کي سندس غريباڻي ڌنڌي ۾ مدد ڪندو هو. پنهنجو ’هرمر‘ جو ڪتاب پاسي رکي، قالبن جوڙڻ جو اوزار ڪم آڻڻ لڳو. هو پنهنجي پيءُ جي ڪٽنب کي مدد ڏيڻ ۽ بک کان بچائڻ لاءِ، خوشيءَ سان، انهيءَ ڌنڌي جو سڀ کان ڪنو ڪم به ڪرڻ لڳو. انهيءَ هلاڪيءَ جهڙي ڪم ۾ سکڻ ۾ هن ڏينهن جا ڏينهن لڳايا، پر انهيءَ مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿيس؛ رڳو ايترو سو ٿيو، جو محنت ڪرڻ جي عادت پيس ۽ تحمل ۽ اورچائي سکيو. اِها تعليم تڪليف جهڙي هئي، مگر ڏاڍي مفيد هئي. +حسن اتفاق سان، ننڍي ’فلئڪسمن؛ جي هنري هوشياريءَ ۽ ذهن جي خبر، جو ’شياويج‘ ووڊ، کي پئجي ويئي، تنهن هن کي ڳولي وڃي هٿ ڪيو؛ انهيءَ لاءِ ته هن کي چينيءَ ۽ مٽيءَ جي سڌريل نمونن جي نقشن ڪڍڻ ۾ لڳائي. ’فلئڪسمن‘ جهڙي ذهين ماڻهوءَ لاءِ هيءُ ڪم تمام خسيس ۽ اڻ سهائيندو ڏسڻ ۾ ايندو؛ پر حقيقت ڪري ائين نه هو. هنر وارو ماڻهو کڻي رواجي چائداني يا پاڻيءَ جو ڪوزور ٿيندو، ته به سچي پچي هو پنهنجي هنر جي مشق ڪري سگهي ٿو. جيڪي شيون ماڻهن ۾ روزمره جي ڪم جون آهن، جي مانيءَ کائڻ مهل هميشه سندن اکين اڳيان ٿيون رهن، تن جي وسيلي ئي هن مان ٻين کي تعليم ملي سگهي ٿي، هو پاڻ تمام اعليٰ درجي جي ترقي ڪري سگهن ٿا. انهيءَ رستي، تمام وڏو هنرمند ماڻهو پنهنجيءَ قوم کي انهيءَ کان وڌيڪ ڪمائتو فائدو پهچائي سگهي ٿو، جو هو هڪڙي اهڙي تمام مشڪل ۽ عمدي شي جوڙي، جا ڪن هزارن پائونڊن ملهه تي وڪامي وڃي ڪنهن دولتمند ماڻهوءَ جي توشاخاني ۾ پوي، جتي ٻيو ڪوبه ماڻهو ان کي ڏسي نه سگهي. ’ويج ووڊ‘ جي وقت کان اڳي جيڪي نقش ۽ گل ٻوٽا اسان جن چينيءَ ۽ پهڻ جي شين تي نڪرندا هئا، سي جهڙا ڪڍڻ ۾ تهڙا رٿڻ ۾ خراب ۽ ڪرهت جهڙا هوندا هئا. هاڻ هن ارادو ڪيو ته انهن ٻنهي ۾ سڌارو ڪريان. ’فلئڪسمن‘ حتي المقدور ڪوشش ڪئي ته جيئن ٿانون جوڙڻ واري جو خيال هو، تيئن پاڻ به اُهو عمل ۾ آڻي. هو هن کي وقت بوقت مٽيءَ جا قسمين قسمين نمونا ۽ نقش اهڙا ڏيکارڻ لڳو، جي خاص قديم شعر ۽ تاريخ جي ڪتابن جي مضمون تان ورتل هئا. انهن مان گهڻا ته اڃا تائين موجود آهن؛ ۽ ڪي ته نزاڪت ۽ سادگيءَ ۾ انهن پهڻ جي شين سان برابري ڪن ٿا، جي هن انهيءَ کان پوءِ جوڙيون. مشهور ’انٽرسڪن‘ گلدان، جن جا نمونا عام عجائبخانن ۾ يا ڪن خاص شوقين ماڻهن جي جاين ۾ رکيل هوندا هئا، تن کي ڏسي، هن تمام عمديءَ شڪل جون شيون جوڙيون، ۽ انهن تي پنهنجا رٿيل خوبصورت نقش ڪڍيائين. ’اسٽوئرٽ‘ جو ڪتاب، ’اٿينس‘ شهر بابت، انهن ڏينهن ۾ تازو ڇپيو هو، تنهن تان هن ڪيترائي خاص يوناني ٿانون جا نمونا هٿ ڪيا. انهن مان جيڪي تمام عمدا هئا، سي هن پنهنجي ڪم آندا، ۽ انهن کي ڦيرائي گهيرائي خوبيءَ ۽ نزاڪت واريون شڪليون بنايائين پوءِ ’فلئڪسمن‘ کي معلوم ٿيو ته هو هڪڙي وڏي ڪم ۾ مشغول هو، ۽ خلق جي تعليم کي ترقي ٿي ڏنائين. حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هو فخر سان چوندو هو ته ’جوانيءَ ۾ مون اهڙا ڪم ڪيا، جنن جي ڪري ماڻهن ۾ خوبصورت شين جي قدرداني پيدا ٿي، هنر جي لاءِ شوق وڌيو، ۽ منهنجو کيسو ڀريو؛ ساڳئي وقت، جو شخص منهنجو مربي ۽ خيرخواهه هو، سو به زياده وسعت وارو ٿيو.‘ +نيٺ، سال 1782ع ۾، جڏهن هو ستاويهن ورهين جو ٿيو تڏهن، پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي، ’سوهو‘ محلي ۾ ’وارڊر‘، واريءَ گهٽيءَ ۾، هڪڙو ننڍڙو گهر ۽ دوڪان ڪرائي تي وٺي وڃي اتي رهيو، ۽ شادي به ڪيائين. ’ائن ڊينمن‘ سندس زال جو نالو هو. هوءَ خوش طبع، نيڪ نيت ۽ شريف زال هئي. هن کي پڪ ٿي ته انهيءَ زال سان شادي ڪرڻ ڪري آءٌ پنهنجو ڪم وڌيڪ خيال ۽ چاهه سان ڪري سگهندس؛ ڇا لاءِ جو هن کي به شعر ۽ نقاشي هنر جو شوق هو، جيئن کيس هو، ۽ تنهن کانسواءِ هوءَ پنهنجي مڙس جي ذاتي قابليت جي ساراهيندڙ هئي. انهيءَ هوندي به جڏهن ’سرجوشيا رينالڊس‘، جو پاڻ پرڻيل نه هو، سو ’فلئڪسمن‘ کي سندس شاديءَ کانپوءِ سگهوئي گڏيو، تڏهن چيائينس ته ’فلئڪسمن، مون ٻڌو آهي ته تون پرڻيو آهين: جي ائين آهي، ته آءٌ پڪ ٿو ڏيانءِ ته تنهنجي هنرمندي ۽ استادي پوري ٿي.‘ ’فلئڪسمن‘ گهر ويو، ۽ پنهنجيءَ زال جي پاسي ۾ ويهي، سندس هٿ وٺي، چوڻ لڳس ته ”ائن، منهنجي هنرمندي هاڻ پوري ٿي!“ هن پڇيس ته ”سو ڪيئن؟ ڇا ٿيو آهي، ڪنهن اها حرڪت ڪئي آهي؟“ هن ورندي ڏني ته ”جيڪي ٿيو آهي سو ديول ۾، ۽ جنهن اها حرڪت ڪئي آهي سا ’ائن ڊينمن‘ آهي!“ پوءِ هن ’سر جوشيا رينالڊس‘ واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. انهيءَ استاد جي راءِ ته اڳي ئي مشهور هئي: هن گهڻائي ڀيرا ظاهر ڪيو هو ته ”جيڪي شاگرد ۽ محنتي ماڻهو ڀانئين ته اسين قابليت ۾ نالو ڪڍون، انهن کي پنهنجو سارو ڌيان ۽ ذهن، ننڊ مان اٿڻ کان وٺي وري سمهڻ تائين، پنهنجي هنر ۾ لڳائڻ کپي، ۽ جيسين ڪو ماڻهو ’رفائيل‘، ’مائڪل ائنجيلو‘، ۽ ٻين روم ۽ فلارينس جي اُستادن جا عمدا ڪم نه جاچيندو، تيسين هو پاڻ به وڏو ڪاريگر ۽ اُستاد نه ٿيندو.“ ’فلئڪسمن‘ پنهنجي چيچ ڊگهي ڪري، زال کي چيو ته ”منهنجي خواهش آهي ته آءٌ وڏو اُستاد ڪريگر ٿيان!“ سندس زال جواب ڏنو ته ”وڏو استاد ڪاريگر تون ضرور ٿيندين، ۽ جيڪڏهن اُستاديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور هوندو ته روم ڏي به ويندين.“ ’فلئڪسمن‘ پڇيو ته ”سو ڪيئن؟“ بهادر زال جواب ڏنو ته ”محنت سان ڪم ڪر، ۽ صرفي سان پيسو بچاءِ: منهنجي مرضي ناهي ته ماڻهو چون ته ’ائن ڊينمن‘، ’جان فلئڪسمن‘ کي هنرمند اُستاد ٿيڻ نه ڏنو.“ انهيءَ طرح ٻنهي پاڻ ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته ’جڏهن پيسو ٿئي، تڏهن روم ڏي هلون‘. فلئڪسمن‘ چيو: ’آءٌ روم ۾ ويندس، ۽ پريزيڊنٽ کي ڏيکاريندس ته شاديءَ ڪرڻ مان ماڻهوءَ کي فائدو آهي، نه نقصان- ۽ تون، ’آئن‘، مون سان گڏجي هلجانءِ!“ +هي زال مڙس ٻئي ڄڻا، صبر ۽ خوشيءَ سان، پنج ورهيه برابر، ’وارڊر‘ واريءَ گهٽيءَ ۾ جيڪو سندس ننڍڙو غريباڻو گهر هو، تنهن ۾ رهندا ۽ گذاريندا آيا، ۽ هميشه انهيءَ انتطار ۾ هئا ته روم جو وڏو سفر ڪريون. هڪڙي گهڙي به اهو خيال سندن دل تان نٿي لٿو؛ ۽ ضروري خرچ پکي لاءِ پيسي بچائڻ واسطي، هڪڙي پيني به هنن اجائي نه ٿي خرچي: پنهنجي ارادي بابت هنن هڪڙو اکر به ڪنهن کي نه ٿي ٻڌايو؛ نڪا ائڪيڊميءَ کان هنن ڪا مدد ٿي گهري، رڳو، انهيءَ مراد پوري ڪرڻ لاءِ، هو پنهنجي صبر واريءَ محنت ۽ محبت تي ڀروسو رکيو ويٺا هئا. انهيءَ عرصي ۾، ’فلئڪسمن‘ تمام ٿوريون شيون جوڙيون. نون نمونن لاءِ جيڪو سنگ مرمر گهربل هو، تنهن جي هٿ ڪرڻ واسطي هن کي پئسو ڪونه هو؛ ليڪن ڪن نشانين جي شين جوڙڻ لاءِ اڪثر هن کي فرمائشون ٿينديون هيون، جن جي فائدي مان هو پنهنجو گذران ڪندو هو. اڃا تائين هو ’ويج ووڊ‘ جي ڪم لاءِ پيو ڪندو هو، هو کيس بنا دير پيسا پيو پهچائيندو هو. جنهن ڪري هو خوش ۽ سکي گذاريندو هو، ۽ آئيندي جون چڱيون اميدون رکندو هو. اتي جا ماڻهو هن کي ايترو مان ڏيندا هئا، جو اتي جو اتي ججهو ڪم ڪرڻ لاءِ ملندو هوس، ۽ عزت آبرو حاصل ٿيندي هيس؛ ڇا لاءِ جو شهر جي محصول ڀريندڙن هن کي چونڊي انهيءَ ڪم تي رکيو هو ته هو ’سينٽ اڻن‘ جي پادريءَ جي پرڳڻي ۾ محصول گڏ ڪري- ان موجب، هو پنهنجي ڪوٽ جي بٽن جي سوراخ ۾ سياهيدان لڙڪائي، پيسا گڏ ڪندو وتندو هو. +نيٺ فلئڪسمن ۽ سندس زال ايترو پيسو گڏ ڪيو، جو تيار ٿي روم ڏي نڪتا. جڏهن هو اتي پهتو، تڏهن ڏاڍيءَ محنت ۽ ڌيان سان پڙهڻ لڳو. ٻين غريب ڪاريگرن وانگي، هو اتي قديم نمونن جا نقل ڪڍي وڪڻڻ ۽ ان جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪرڻ لڳو. جيڪي انگلنڊ جا ماڻهو شهر ڏسڻ ايندا هئا، سي ضرور سندس دوڪان تي ايندا هئا، ۽ هن کي فرمائشون ڏيندا هئا، انهيءَ وقت ڌاري هن ’هومر‘، ايسڪيلس‘ ۽ ’ڊئنٽيءَ‘ بابت پنهنجا خوبصورت نمونا جوڙيا. انهن جي قيمت سا پوري پني مليس- هرهڪ شيءِ لاءِ پنڌرهن شانگ- پر محنت ڪرڻ مان ’فلئڪسمن‘ جو مطلب جهڙو پيسي ڪڍڻ جو هو، تهڙو هنر سکڻ جو. انهن نمونن جي سٺائيءَ جي ڪري، ڪيترائي ٻيا سندس دوست ۽ مربي ٿيا پيا. هن دولتمند ’ٽامس هوپ‘ لاءِ ”ڪيوپڊ“ ۽ ’آرورا‘ جوڙيا، ۽ ’آرل آف برسٽل‘ لاءِ ”اٿامس جي ڏائڻ“ جوڙي. تنهن کانپوءِ، هو انگلنڊ ڏي موٽڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو، جو هيستائين ڌيان ڏيئي ڪم ڪرڻ جي ڪري هو پنهنجي هنر ۾ ڏاڍي ترقي ڪري چڪو هو، پر اٽليء�� ڇڏڻ کان اڳي، ’فلارينس‘ ۽ ’ڪارارا‘ جي اڪيڊمين هن کي هيءُ مان ڏنو جو کيس پنهنجو ميمبر يا شريڪ مقرر ڪيائون. +لنڊن پهچڻ کان اڳي، سندس ناموس اڳي ئي اچي اتي پهتي هئي؛ تنهنڪري وڃڻ سان هن کي گهڻوئي ڪم مليو. اڃا روم ۾ ئي هو، ته هن کي ’لارڊ مئنسفيلڊ‘ جي يادگيريءَ قائم رکڻ لاءِ بت جوڙڻ جو حڪم مليو هو. اهو بت، سندس موٽڻ کان پوءِ سگهو ئي، ’ويسٽ منسٽر ائبي‘ جي اتر واري ڀاڱي ۾ کڙو ڪيو ويو. اهو اڃا تائي اتي وڏي تجمل سان بيٺو آهي، ۽ صبر ۽ سادگي ۽ سنجيدگي منجهانئس پئي بکي- ڄڻ ته خود ’فلئڪسمن‘ جي تيز طبعيءَ ۽ ذاتي ذهن جي يادگيريءَ جي نشاني آهي! انهيءَ ۾ عجب ڪونهي جو مشهور بت ساز ’بئنڪس‘- جنهن جي انهن ڏينهن ۾ ڏاڍي هاڪ هئي. جڏهن اهو بت ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو ته ”هيءُ ذرڙي جيڏو ماڻهو، اسان سڀني کان گوءِ کنيو ٿو وڃي!“ +جڏهن ’رايل اڪيڊميءَ‘ جي شريڪن ’فلئڪسمن‘ جي موٽڻ جو ٻڌو، خصوصاً جڏهن هن کي ’مئنسفيلڊ‘ جي بت ڏسڻ ۽ واکاڻڻ جو وجهه مليو- تڏهن هنن کي اها خواهش ٿي ته هن کي به پنهنجيءَ جماعت جو شريڪ ڪن. هن اميدوارن جي ياداشت ۾ پنهنجو نالو وجهڻ ڏنو، ۽ هڪدم چونڊ ۾ پسند ڪيو ويو. ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ، هن بلڪل نئين حيثيت اختيار ڪئي: اهو ساڳيو ننڍڙو ڇوڪر، جو پريندي ’ڪوهينٽ گارڊن‘ جي ’نيوُسٽريٽ‘ ۾ چُوني جي بوتن يا قالبن وڪڻن واري جي دوڪان واري تختي جي پٺيان ويهي پڙهندو هو، سو هينئر ڏاڍيءَ سمجهه وارو ماڻهو ۽ هنر ۾ هوشيار ڪاريگر هو، ۽ رايل اڪيڊميءَ ۾، بت تراشيءَ جي ڪم ۾ معلم ٿي، ٻين شاگردن کي هنري تعليم ڏيڻ وارو هو. انهيءَ مان واريءَ جاءِ ڀرڻ لاءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو هن کان زياده لائق نه هو؛ ڇا لاءِ، جو جيڪو مشڪلاتن منجهه مٿي هڻڻ فتحمند ٿيڻ جي اٽڪل پنهنجيءَ ڪوشش سان پاڻ سکيو هوندو، تنهن جهڙي تعليم ٻين کي ڪوبه ڏيئي نه سگهندو. +حياتيءَ جو وڏو عرصو آرام ۽ سک ۾ گذارڻ کان پوءِ، ’فلئڪسمن‘ کي پيري معلوم ٿيڻ لڳي. سندس پياري زال ’ائن‘ جي مرڻ ڪري، هن کي ڏاڍو صدمو پهتو، پر هو ان کان پوءِ به ڪيترا ورهيه جيئرو هو، ۽ انهيءَ عرصي ۾ هن پنهنجا ٻه مشهور، بلڪ تمام عمدا ۽ وڏا بت جوڙيا- ’اڪيلز جي سير‘، ۽ ’ملائڪ ميڪائيل جي شيطان تي فتح“. +’چئنٽري‘ وڌيڪ همٿ ڀريو مڙس هو. جيتوڻيڪ ٿورو گهڻو ٿلهي ڳالهائڻ وارو هو، ته به هلت چلت ۾ ڏاڍو دلير هو. ننڍي هوندي هن جي ڪشالا ڪڍيا هئا، ۽ مٿا هڻي مشڪلاتن ما لنگهي پار پيو هو، تنهن جو فخر رکندو هو؛ پر سڀ کان وڌيڪ هن کي پنهنجي خود مختياريءَ ۽ غير محتاجيءَ جو فخر هوندو هو. هو هڪڙي غريب ماڻهوءَ جو پٽ هو، ۽ ’شفيلڊ‘ جي ويجهو ’نارٽن‘ ۾ ڄائو هو. اڃا ننڍڙو ٻار هو ته پڻس مري ويو، ۽ ماڻس وري ٻي شادي ڪئي. ڇوڪر ’چئنٽري‘، گڏهه تي کير جون چاڏيون لڏي، پاسي واري شهر ’شفيلڊ‘ ۾ ويندو هو، ۽ پنهنجيءَ ماءُ کان کير وٺندڙ گراهڪن کي کير پهچائيندو وتندو هو. ننڍي هوندي هو اهو پورهيو ڪندو هو. پوءِ، پنهنجيءَ همت ۽ مردانگيءَ سان، انهيءَ درجي تان پاڻ کي مٿي چاڙهي، استاد ڪاريگر جي وڏي درجي تي پهچايائين. هو ماٽي جي پيءُ کي گهڻو نه وڻندو هو، تنهنڪري هن کي ڌنڌي سکڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيائون، ۽ پهريندي ’شفيلڊ‘ ۾ هڪڙي رواجي دوڪاندار جي دوڪان تي رکيائونس. اهو ڌنڌو هن کي پسند نه ايندو هو. هڪڙي ڏينهن، ڪنهن اُڪرڻ واري جي دوڪان جي دريءَ کان لنگهندي، هن جي اک اندر رکيل چمڪندڙ شين تي وڃي پئي. هن کي اُڪر ڪندڙ جو ڪم اهڙو وڻي ويو، جو هن پنهنجن مائٽن کي منٿ ڪئي ته هو کيس وکر واري جي هٽ تان اٿ��ري، اڪرڻ واري وٽ ويهاريائين. هن جي عزيزن ۽ دوستن اها ڳالهه مڃي، ۽ هن کي شاگرد ڪري هڪڙي اُڪرڻ ۽ گلٽ ڪرڻ واري وٽ ويهاريائون، جتي هو ست ورهيه رهيو. هن جو نئون استاد نه رڳو ڪاٺ تي اُڪر ڪرڻ جو ڪم ڄاڻندو هو، پر ڇاپن ۽ چوني جي قالبن جو ڌنڌو به ڪندو هو. ’چئنٽري‘ هڪدم ٻنهي ڪمن ۾ هن جي پيروي ڪرڻ لڳو، ۽ انهن هنرن جي حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ سرجوشي ڪرڻ لڳو. جيڪو وقت بچندو هوس، سو نقش ڪڍڻ، قالبن جوڙن ۽ پاڻ سڌراڻ ۾ لڳائيندو هو، ۽ اڪثر رات جو ڳچ وقت تائين پيو پورهيو ڪندو هو. ايڪيهن ورهين جي ڄمار ۾، شاگرديءَ جي مدت پوري ٿيڻ کان اڳي، پنجاهه پائونڊ جي هيستائين هن ڪمائي گڏ ڪيا هئا، سي پنهنجي استاد کي، اقرار نامي جي شرطن موجب، پهچائي ڏنائين، ۽ اڳتي لاءِ پڪو اادو ڪيائين ته ڪاريگريءَ جي ڪم ۾ مشغول رهندس. تنهن کان پوءِ، جيترو جلد ٿي سگهيس، لنڊن ۾ آيو، ۽ چالاڪيءَ ڪري، هڪڙي اُڪرڻ واري ڪاريگر وٽ وڃي نائب ٿي نوڪر بيٺو. فرصت جي وقت ۾ رنگ ڏيڻ، نمونن ۽ قالب جوڙڻ جي استعمالي به ڪرڻ لڳو. پهريائين ته گهمندو، اُڪرڻ جو ڪم ڪندو وتندو هو. انهيءَ وقت جي ڪمن مان هڪڙو اهو هوس، جو هن مسٽر ’راجرس‘ شاعر جي کني جي جاءِ کي سينگاريو- جنهن جاءِ ۾ ڪن سالن کان پوءِ هو اڪثر گهڻو ايندو هو، ۽ آڌرڀاءُ پائيندو هو، ۽ انهيءَ پنهنجي دوست جي مانيءَ تي جيڪي مهمان گڏ ٿيندا هئا، تن کي خوشيءَ مان پنهنجي ننڍي هوندي جي ڪاريگري ڏيکاريندو هو. پوءِ، جڏهن پنهنجي ڌنڌي هلائڻ لاءِ ’شفيلڊ‘ ۾ موٽي آيو، تڏهن اتي جي اخبارن ۾ هن پاڻ کي پينسل سان تصويرن ڪڍڻ وارو، وڏين تصويرن مان ننڍين تصويرن ڪڍڻ وارو ۽ روغني تصويرن ڪڍڻ وارو ڪري پڌرو ڪيو. جيڪا پهرين تصوير پينسل سان ڪڍيائين، تنهن لاءِ هڪڙي ڪپن جوڙڻ واري هڪ گني ڏنيس، ۽ روغني تصوير لاءِ هڪڙي حلوائيءَ سڄا پنج پائونڊ ڏنس، ۽ هڪڙو وڏو جوتو تنهن کانسواءِ ڏنائينس. سگهوئي ’چئنٽري‘ وري لنڊن ۾ آيو، انهيءَ لاءِ ته رايل اڪيڊميءَ ۾ تعليم حاصل ڪري. وري جڏهن ’شفيلڊ‘ ۾ آيو، تڏهن اشتهارن ۾ پاڻ کي شهر وارن ماڻهن جي گچ جي مورتن جوڙڻ وارو ۽ انهن جي تصويرن کي رنگ ڏيڻ وارو ڪري پڌرو ڪيائين. شهر جو هڪڙو پادري مري ويو هو، تنهن جي تصوير ڪڍڻ لاءِ هن کي چونڊي ڪڍيائون- اها تصوير هن تمام پسنديءَ جهڙي ڪڍي. جڏهن لنڊن ۾ هوندو هو، تڏهن ڪنهن ڪُڙهه جي مٿان هڪڙي ڪوٺي ڪرايي ڪري، اُنهيءَ ۾ پنهنجو دوڪان ڪيو هئائين، ۽ اُتي هن نمائش جي لاءِ پنهنجو پهريون اصل نموني جو ڪم رٿيو. اُها شيطان جو هڪڙو تمام وڏو مٿو هو. ’چئنٽري‘ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سندس هڪڙو دوست، انهيءَ دوڪان مان لنگهندي، اها سسي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ڏسي حيرت ۾ پيو. ’چئنٽريءَ‘ چيس ته ”اِها سسي پهرين شي هئي، جا مون لنڊن ۾ اچڻ کان پوءِ ٺاهي هئي. انهي تي مون، ڪاغذ جي ٽوپي مٿي ۾ وجهي ۽ زمين جي پيٽ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ويهي محنت ڪئي آهي. اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ هڪڙي شمع ٻارڻ جي مس وسعت رکندو هوس، تنهنڪري اها پنهنجي ٽوپيءَ ۾ ٽنبي ڪم ڪندو هوس، ته ڀلي اُها مون سان پئي چُري، ۽ جيڏي آءٌ وڃان اوڏي سوجهرو ڪري.“ اها ساڳي شيطان جي سسي، ’فلئڪسمن‘، اڪيڊميءَ جي نمائش ۾ ڏٺي. انهيءَ جي ڏاڍي واکاڻ ڪيائين، ۽ سفارش ڪيائين ته ’گرينچ‘ ۾ ’نيوهل امائلم‘ لاءِ چئن ائڊمرلن يا امير البحرن جون جي سسيون گهربل هيون، سي ’چئنٽري‘ جوڙي. انهيءَ فرمائش کان پوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي مليس، جنهن ڪري هن تصويرن چٽڻ جو ڪم ڇڏي ڏنو. پر ان کان اڳي، اٺن ورهين جي اندر مورتن جوڙڻ مان هن پنج پائونڊ به ڪين ڪمايا هئا. ’هارن ٽڪ‘ جي جيڪا مشهور سسي هن جوڙي، سا اهڙي عمدي هئي جو، سندس لکئي موجب، اُنهيءَ جي پٺيان هن کي ٻارهن هزارن پائونڊن جيترو ڪم ڪرڻ لاءِ مليو. + + +’چئنٽري‘ هاڻ برابر پنهنجو نالو ڪڍيو هو، ۽ موچارو چڱو پيسو به گڏ ڪيو هئائين، پر ان لاءِ هن محنت تمام گهڻي ڪئي هئي. لنڊن جي شهر لاءِ بادشاهه جارج ٽئي جو پهڻ جو بُت ٺهڻو هو- اهو جوڙڻ لاءِ، سورهن اميدوارن مان هن کي چونڊي ڪڍيائون. ڪن ٿورن ورهين کان پوءِ هن ’سمهندڙ ٻارن‘ جو عمدو بت جوڙيو، جو نهايت نازڪ ۽ سهڻو هو. هن وقت اهو ’لچفيلڊ‘ جي وڏيءَ ديول ۾ رکيل آهي. انهيءَ کان پوءِ سندس ناموس، آبرو ۽ خوش نصيبي وڌندي ويئي. جن ڳالهين جي ڪري هن ايتر وڏائي ۽ مشهورائي حاصل ڪئي، سي هيون- تحمل، محنت ۽ اورچائي. ذهني چالاڪي ته اصل هن کي خدائي مليل هئي. انهيءَ قيمتي ذات کي چڱي ڪم ۾ لڳائڻ لاءِ، سندس سمجهه ۽ هوشياريءَ کيس گهڻي مدد ڏني. هو سياڻو ۽ دورانديش هو، جيئن انهيءَ زماني جا ماڻهو هوندا هئا جن ۾ هو پيدا ٿيو هو. جڏهن هو اٽليءَ جي گشت تي هو، تڏهن ساڻس جيڪا کيسي جي ڪتابڙي هوندي هئي، تنهن ۾ هنر بابت گهڻيون ئي ڳالهيون لکيل آهن- انهن ۾ سندس روزمره جو خرچ ۽ سنگ مرمر جي رواجي قيمت به اٽڪايل آهي. هن جي هلت تمام سادي هوندي هئي، ۽ رڳو انهيءَ سادگيءَ جي زور تي هو پنهنجون ننڍيون شيون به وڏيون ڪري وجهندو هو. ’هاڊس ورٿ‘ واريءَ ديول ۾ جو هن جو جوڙيل ’واٽ‘ جو بت رکيو آهي، سو اسان جي نظر ۾ نهايت عمدو ۽ ڪماليت جهڙو اچي ٿو، ليڪن حقيقت ڪري اهو تمام سليس ۽ سادو آهي. احتياج مهل هو پنهنج ڌنڌي ڀائين کي گهڻو ئي ڏيندو هو، پر اهڙيءَ طرح، جو ٻئي ڪنهن کي خبر ئي نه پوندي هئي. مرڻ مهل، ورثي جي مال مان گهڻو ڀاڱو هو ’رايل اڪيڊميءَ‘ کي ڏيئي ويو، انهيءَ لاءِ ته اهو قومي هنر جي سڌاري ۽ ترقيءَ ۾ لڳايو وڃي. +ساڳي اهڙي ايمانداري، اورچائي ۽ محنت، ’ڊيوڊولڪي‘ جي حياتيءَ جي احوال مان صاف طرح معلوم ٿئي ٿي. هو اسڪاٽلنڊ جي هڪڙي پادريءَ جو پٽ هو، ۽ ننڍي هوندي ئي هن جي طبيعت مان هنرمنديءَ ۽ ڪاريگريءَ جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون، جيتوڻيڪ هو موڳو ۽ بيخيال شاگرد هو، تڏهن به ماڻهن جون شڪليون ۽ انهن جا منهن تمام چالاڪيءَ سان ڪڍندو هو. هو ماٺيڻو ڇوڪر هو، تنهنڪري صبر ڪري ۽ ڌيان ڏيئي محنت ڪرڻ جي هن عادت پرائي، جا پنهنجي سڄيءَحياتيءَ ۾ هن نه ڇڏي. هميشه هو نقش ڪڍڻ جا وجهه پيو ڳوليندو هو. انهيءَ ڪم لاءِ“ گهر جون ڀتيون توڙي نديءَ جي ڪناري پيل لسي واري هن جي لاءِ بس هئي، ۽ ڪهڙي به قسم جو اوزار هن جي لاءِ ڪافي هو: ’گياٽو‘ وانگي، پينسل جي بدران سڙيل ڪاٺڙي، نقش ڪڍڻ واري ڪپڙيءَ جي بدران لسو پهڻ، ۽ تصوير ڪڍڻ جي لاءِ جيڪو ڦاٽلن ٽٽلن ڪپڙن وارو فقير گڏيو هوس، سو هن جي ڪاڻ بس هو. جڏهن هو ڪنهن جي گهر ملاقات لاءِ ويندو هو، تڏهن اڪثر ڀتين تي هو پنهنجي اچڻ جي ڪا نشاني ڇڏي ويندو هو، ان کي ڏسي، ڪن ڪن پوشيدن گهر جي مالڪياڻين کي ڏاڍي چڙ لڳندي هئي. مطلب ته جيتوڻيڪ سندس پيءُ پادري ٿي نقاشيءَ جي گناهه جهڙي ڌنڌي کي ڌڪاريندو هو، تڏهن به ’ولڪي‘ جو شوق حد کان زياده هو، ۽ روڪڻ جو ئي نه هو. نيٺ هو وڃي نقاش ٿيو، ۽ همت ۽ مڙسيءَ سان، مٿو هڻي، مشڪلاتن کان لنگهي وڃي پار پيو. ’ايڊمبرگ‘ ۾ ’اسڪتاٽش اڪيڊميءَ‘ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جڏهن هن پهرئين ڀيري اميدوار ٿي درخواست ڪئي، تڏهن اُها سندس شروع وارن نمونن جي اڻپورائيءَ ۽ نابرابريءَ جي ڪري رد ڪئي ويئي، پر هن اورچ ٿي بهتر نمونا پئي ٺاهيا، تان جو نيٺ هن کي داخل ڪيائون. پر، هن جي ترقي تمام ڍري هئي. هو ماڻهوءَ جي شڪل ڪڍڻ تي محنت ڪرڻ لڳو، ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته انهيءَ ڪم ۾ فتحياب ٿيان- ڄڻ ته پڪ هيس ته نيٺ نتيجو چڱو ٿيندو. جيئن گهڻا جوان ماڻهو، پاڻ کي هوشيار ۽ ذهين سمجهي، ڪڏهن هڪڙي حال ۾ ۽ ڪڏهن ٻئي حال ۾ هوندا آهن، تيئن هن نه ڪيو؛ پر رواجي رستي سان، يڪي محنت ڪندو آيو- اهڙيءَ طرح، جو پوءِ هو چوندو هو ته ’مون جيڪي پرايو، سو اڻورچ ٿي محنت ڪرڻ جي ڪري، نه ڪنهن ذاتي لياقت ۽ طاقت رکڻ جي ڪري.‘ هن چيو آهي ته ’نقاشيءَ جي ڪم ۾ جيڪا مون ترقي ڪئي، تن جي سببن مان مک سبب رڳو منهنجي اورچائي ۽ محنت هئي‘. ’ايڊمبرگ‘ ۾ هن کي ڪ ٿورا انعام مليا، جنهن ڪري هن کي خيال ٿيو ته تصويرن چٽڻ جي ڪم تي ڌيان لڳايان ته من وڌيڪ ڪمايان، پر نيٺ همت جهلي انهيءَ ڪم ۾ هٿ وڌائين، ۽ ’پٽليسي فيئر‘ جي تصوير چٽيائين، جنهن مان سندس ڏاڍي ناموس نڪتي. انهيءَ کان به زياده همت جو ڪم اهو ڪيائين، جو لنڊن ڏي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيائين، جو ڄاتائين ته اتي ڪمائيءَ ۽ سڌاري ڪرڻ جو چڱو وجهه آهي. آخر، اِهو ويچارو اسڪاٽلنڊ جو ڇوڪر انهيءَ شهر ۾ وڃي پهتو. اتي هڪڙي غريباڻي جاءِ، هفتي ۾ ارڙهن شلنگن جي ڪرايي تي وٺي، اُنهيءَ ۾ ’ٻهراڙيءَ جي ملڪي مدبرن‘ جي تصوير چٽڻ لڳو. +جيتوڻيڪ اها تصوير ڏاڍي عمدي جوڙيائين، ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪيتريون ئي فرمائشون ٿيس، تڏهن به گهڻيءَ مدت تائين ’ولڪي‘ مفلس رهندو آيو. جيڪي تصويرون ڪڍندو هو، تن جي قيمت گهڻي نه ملندي هيس؛ ڇا لاءِ جو هو اُنهن تي ايترو وقت ۽ پورهيو لڳائيندو هو، جو ڪيترن ورهين تائين هن جي ڪمائي، مقابلي ڪري، ٿوري ٿيندي هئي. سڀ ڪنهن تصوير تي، نيڪال ڪرڻ کان اڳي، هو ڏاڍي خيال ۽ خبرداريءَ سان محنت ڪندو هو؛ ڪن تي وري وري سڌاري ڪندي ورهيه لڳي ويندا هئس، پوءِ مس انهن کي هٿان ڇڏيندو هو. ’رينالڊس‘ وانگي، هن جو به تڪيه ڪلام هو ”پورهيو، پورهيو، پورهيو!“ ۽ هُن وانگي، هيءُ به رڳو بڪبڪ ڪندڙ ڪاريگرن کي پسند نه ڪندو هو. ’بڪوات ڪرڻ ورا پوکيندا آهن، پر صبر ڪرڻ وارا لڻندا آهن.‘ بڪبڪين ۽ سست ماڻهن کي نصيحت ڪرڻ ۽ طعني هڻڻ لاءِ، هو طنز سان چوندو هو ته ”اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپي.“ هڪڙي ڀيري هن پنهنجي دوست ’ڪاسيٽبل‘ ساڻ هيءُ ذڪر ڪيو ته ”جڏهن آءٌ اسڪاٽش اڪئڊميءَ ۾ هنر سکندو هوس، تڏهن اسان جو اُستاد ’گريهام‘ شاگردن کي ’رينالڊس‘ وارا لفظ چئي ٻڌائيندو هو ته ’جي اوهان ۾ ڪو ذاتي، ذهن يا ڪا لياقت نه هوندي، ته محنت ان جي جاءِ ڀريندي‘، تنهنڪري، جڏهن مون کي خبر هئي ته مون ۾ ڪا ذاتي لياقت ناهي، تڏهن مون پڪو ارادو ڪيو ته محنتي ٿيان“. هن ’ڪانسٽبل‘ کي هيئن به چيو ته ”ليل“ ۽ ’برنيٽ‘، جي مون سان گڏ لنڊن ۾ پڙهندا هئا، سي جڏهن هنر بابت گفتگو ڪندا هئا، تڏهن آءٌ هميشه تجويز ڪري هنن کي اهڙو ويجهو وڃي بيهندو هوس، جو جيڪي هو ڳالهائيندا هئا سو ٻڌندو هوس، ڇالاءِ جو هو ڏاڍا هوشيار ۽ خبردار هئا، ۽ مون کي ڪي به ڪين ٿي آيو.“ اهو جيڪي ’ولڪيءَ ٿي چيو سو سچ ٿي چيائين، جو طبيعت جي ڪري هو حجاب وارو هوندو هو. ’ٻهراڙيءَ جي ملڪي مدبرن‘ جي تصوير لاءِ ’لارڊ مئنسفيلڊ‘ کان جڏهن هن کي ٽيهن پائونڊن جي رقم ملي، تڏهن پهريون ڪم جو هن ڪيو، سو اهو ته پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ ڏي سوکڙي موڪلڻ لاءِ ڪي ٽوپيون، شالون ۽ ڪپڙا خريد ڪيائين- جيتوڻيڪ انهيءَ وقت ڌاري هن کي پيسي جي گهڻي گهرج هئي، ۽ ايترو بچائي نٿي سگهيو. ’ولڪي‘ ننڍي هوندي غريب هو، تنهنڪري تمام صرفي تي هري ويو هو؛ پر انهيءَ عادت هوندي به سخي ۽ وڏيءَ دل وارو هوندو هو (جيئن اُڪرڻ واري ڪاريگر ’ابراهام ريم باچ‘ جي پنهنجي بابت لکيل احوال ۾ ڪيترين جاين تان معلوم ٿو ٿئي). +هنر ۾ نهايت گهڻيءَ محنت ۽ اورچائيءَ جو ٻيو چڱو مثال ’ويلم ايٿي‘ جو آهي. هن جو پيءُ ’يارڪ‘ ۾ سُنڍ جي روٽي ۽ مصالحو جوڙيندو هو، ۽ هن جي ماءُ، جا هڪڙي رسن جوڙڻ واري جي ڌيءَ هئي، سا ڏاڍي مرداني ۽ همت ڀري زال هئي. ڇوڪر ننڍي هوندي ئي نقش ڪڍڻ جو شوق ڏيکاريو، جو ڀتين ۽ فرشن ۽ ميزن کي نموني نموني جا چٽ گل ڪڍي ڀري ڇڏيندو هو. پهرين ته ’فاردنگ‘ جي ملهه جيترو چاڪ وٺي، اُنهيءَ سان نقش ڪڍندو هو؛ پوءِ آڱر جي ذري سان يا سڙيل ڪاٺڙيءَ جي ٽڪر سان ڪڍندو هو. ماڻس کي انهيءَ هنر جي ته ڪابه خبر ڪانه هئي، تنهنڪري هن کي ڌنڌي سکڻ لاءِ شاگرد ڪري هڪڙي ڇاپڻ واري وٽ رکيائين- پر فرصت جي وقت ۾ هو نقش ڪڍڻ جي استعمالي پيو ڪندو هو. جڏهن شاگرديءَ جي مدت پوري ٿيس، تڏهن هن پنهنجي شوق واري ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ۽ نقاشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪرڻ نه گهريائين. خوش قسمتيءَ جي ڪري، سندس چاچو ۽ سندس وڏو ڀاءُ راضي هئا ته هن کي انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪن، ۽ کين وسعت به هئي، تنهنڪري هن کي’رايل اڪيمڊيءَ‘ ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ضروري اُپاءُ موجود ڪري ڏنائون. ’ليسليءَ‘ جيڪو پاڻ پنهنجو احوال لکيو آهي، انهيءَ مان اسان کي معلوم ٿو ٿئي ته ’ايٽيءَ‘ کي ٻيا شاگرد لياقت وارو ڄاڻندا هئا، ليڪن سمجهندا هئا ته هو موڳو آهي، تنهنڪري ڪو مشهور نه ٿيندو ۽ فقط مٿا هڻندو هليو هلندو. پر هن کي ته محنت ۽ ڪشالي ڪرڻ جي اصل خدائي ڏات مليل هئي، سو، درجي بدرجي، مٿن هڻڻ ۽ محنت ڪرڻ سان، نيٺ هنر ۾ اعليٰ درجي جي ناموس ڪڍيائين. +ڪيترن ئي هنرمند ماڻهن نالي ڪڍڻ کان اڳي اهڙيون تڪليفون سٺيون آهن، جن ۾ هنن جي همت ۽ بردباريءَ جي چڱي آزمائش ٿي چڪي آهي. ڪيترا مڻهو انهن ڏکن ۽ تڪليفن ۾ مري کپي ويا، تن جي اسان کي خبر پئجي ڪين سگهندي. ’مارٽن‘ ته پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اهڙا ڏک ڏوجهرا ڏٺا، جي ڪن ٿورن ڏٺا هوندا. جن ڏينهن ۾ هو پنهنجي پهرين تصوير جوڙڻ ۾ مشغول هو، تن ڏينهن ۾ ته گهڻائي ڀيرا هو بک مرڻ تي هو. ذڪر ڪن ٿا ته هڪڙي ڀيري هن ڏٺو ته وٽس باقي وڃي هڪڙو شلنگ بچيو هو، جو صاف ۽ چمڪندڙ هو، تنهنڪري لڪائي رکي ڇڏيو هئائين؛ پر نيٺ لاچار ٿي اُهو به ڏيئي ماني وٺڻي ٿيس. هو روٽين واري جي دوڪان تي ويو، ۽ هڪڙي روٽي خريد ڪري هلڻ لڳو، ته روٽين واري اها وري کسي سندس شلنگ اڇلائي ڏنس. هن ويچاري بکئي نقاش کي سندس اهو چمڪندڙ شلنگ به مهل تي ڪم نه آيو، جو کوٽو ۽ خراب هو. جڏهن گهر موٽي آيو، تڏهن وري پنهنجي پيتيءَ ۾ هوراڙيون ڏيڻ لڳو، ته من ڪو رهيل ٽڪرڀور لڀي ته کائي بک لاهيان! انهيءَ طرح، پڇاڙيءَ تائين، شوق جي همت تي، بيپرواهيءَ ۽ اَورچائيءَ سان، هو محنت ڪندو آيو. ايترو تحمل هوس، جو ڪم به پئي ڪيائين ۽ صبر به پئي ڪيائين. جڏهن ڪن ڏينهن کان پوءِ هن کي پنهنجي تصوير ڏيکارڻ جو وجهه مليو، تڏهن اُنهيءَ وقت کان وٺي هو مشهور ٿيڻ لڳو. ٻين گهڻن وڏن اُستادن وانگي، هن جي حياتيءَ جي احوال مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻاهريون حالتون ڪهڙيون به هجن، ته به ذاتي لياقت ۽ تيز فهمي، محنت جي واهر سان، پاڻ کي پاڻيهي بچائي سگهي ٿي: جيتوڻيڪ ناموس دير سان نڪري ٿي، تڏهن به اها سچيءَ لياقت کي پنهنجي مهرباني کان اصل نراس ڪڏهن به نه ڪندي. +جيسين ڪو ڪاريگر پاڻ پنهنجي سر چالاڪيءَ سان ڪم ۾ هٿ نه وجهندو، تيسين هنري ڪارخانن ۾ ڪهڙي به اعليٰ درجي جي تعليم کڻي حاصل ڪندو، ته به اُستاد ڪاريگر نه ٿيندو. ٻين سڀني استادن وانگي، هن کي به گهرجي ته پاڻ کي پاڻيهي تعليم ڏئي. ’پيوگن‘ پنهنجي پيءُ جي ڪارخاني ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو. جڏهن اهو عمارت سازيءَ جو ڪم رواجي قانونن موجب سکي رهيو، تڏهن هن کي معلوم ٿيو ته اڃا آءٌ ڪي به ڪين سکيو آهيان، بلڪ وري نئين سر مون کي اهو ڪم شروع ڪرڻ، ۽ پورهئي جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي؛ تنهنڪري جوان ’پيوگن‘، ’ڪوهينٽ گارڊين‘ واريءَ ناٽڪساليءَ ۾، عام واڍي وانگي مزوريءَ تي ڪمائڻ ويو. پهريائين ٿلهي واري فرش جي تختن جي هيٺان ڪم ڪرڻ لڳو، پوءِ پردن جي پٺيان، ۽ پوءِ فرش جي مٿان. انهيءَ طرح، هن ڪم مان واقفيت حاصل ڪئي، ۽ عمارت سازيءَ جي هنر جو شوق پاڻ ۾ زياده ڪيائين، جنهن لاءِ وڏي عملي ۾ جدا جدا قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪرڻ خاص طرح ضروري آهي. جڏهن موسم جي لاءِ ناٽڪسالو بند ٿيو، تڏهن لنڊن ۽ فرانس جي ڪن بندرن جي وچ ۾ هلڻ واري هڪڙي جهاز تي ڪمائڻ لڳو؛ ۽ ساڳئي وقت ۾ پنهنجو ڌنڌو به فائدي هٿيڪو هلائيندو هو. جڏهن ڪو وجهه ملندو هوس، تڏهن ڪناري تي لهي ڪنهن جهونيءَ عمارت جي شڪل ڪڍندو هو. خاص ڪنهن ديول جي، جا منهن پوندي هيس. تنهن کان پوءِ، هو انهيءَ ڪم لاءِ يورپ کنڊ جي جدا جدا ملڪن ڏي خاص طرح سفر ڪندو هو، ۽ نقشا ڪڍي، ڀري ٻڌي کڻي گهر موٽندو هو. انهيءَ طرح هو پورهيو ڪندو وتندو هو، ۽ آئيندي جي مشهورائيءَ ۽ قابليت جي لاءِ ڄڻ پڪو بنياد پيو وجهندو هو. +ٻيو مثال، ساڳئي هنر ۾، ڪشالي ۽ محنت ڪرڻ جو، ’جارج ڪيمپ‘ جي احوال مان ملي ٿو، جو ’ايڊنبرگ‘ ۾ اسڪاٽ‘ جي يادگيريءَ لاءِ ٺهرايل خوبصورت عمارت جو جوڙيندڙ هو. هو هڪڙي غريب ريڍار جو پٽ هو، جو ’پينٽلنڊ‘ جي ٽڪرين جي ڏکڻ واري پاسي تي رڍون چاريندو وتندو هو. اهڙيءَ اڪيلائيءَ جي حالت ۾، انهيءَ ڇوڪر کي هنر جي ڪمن تي خيال ڪرڻ جو به وجهه نٿو مليو. انهيءَ هوندي به، اتفاق سان، ڏهن ورهين جي ڄمار ۾، جنهن زميندار جون رڍون پڻس چاريندو هو، تنهن هن کي ڪنهن پيغام سان ’رسلن‘ ڏي موڪليو. ڀانئجي ٿو ته اُتي جي خوبصورت قلعي ۽ ديول هن جي دل تي ڏاڍو ڪو پڪو اثر ڪيو. شايد عمارت سازيءَ جي ڪمن جي شوق کان، هن پنهنجي پيءُ کي چيو ته ’مون کي ڇڏ ته آءٌ واڍي جو ڪم سکان‘. هن کيس پاسي واري ڳوٺ جي هڪڙي ڪاريگر وٽ شاگرد ڪري رکيو. شاگرديءَ جي مدت پوري ڪري، پوءِ ڪم ڪار ڳولڻ لاءِ هو ’گالاشليس‘ ۾ ويو. هو پنهنجا اوزار پٺن تي رکي، ’ٽويڊ‘ نديءَ جي ترائيءَ کان پنڌ ڪندو، هڄندو پئي ويو. ’ايلي بئنڪ‘ واري ٺلهه وٽ هن کي هڪڙي گاڏي اچي پهتي؛ ۽ شڪ ناهي ته گاڏيواڻ، پنهنجي اندر ويٺل ڌڻيءَ جي اشاري تي، انهيءَ جوان پڇيو ته ’ڪيستائين ويندين؟‘ هن جواب ڏنو ته ’گالاشليس تائين‘. تنهن تي گاڏيواڻ هن کي پاڻ وٽ پيتيءَ جي مٿان اچي ويهڻ لاءِ چيو. انهيءَ طرح، هو منزل تي پهتو. آخر ظاهر ٿيو ته اهو رحمدل شخص جو گاڏيءَ ۾ ويٺو هو، سو ٻيو ڪونه هو، ’سر والٽر اسڪاٽ‘ هو، جو سرڪاري ڪم تي، ’سيلڪرڪ شائر‘ جي ’شريف‘ جي عهدي تي، انهيءَ پاسي ڏي ٿي ويو. ’گالاشليس‘ ۾ ڪم ڪندي، ’ڪيمپ‘ کي ميلروز، ڊرائي برگ ۽ جيڊ برگ ديولن ڏسڻ ۽ انهن جي عمارتن کي ڌيان چڪاسڻ جا گهڻا وجهه مليا. هن کي عمارت سازيءَ جو ايترو شوق هو، جو هو واڍو ٿي اتر انگلنڊ جي گهڻي ڀاڱي تي گهميو، ۽ ڪمائي ڪيائين. جيڪڏهن ڪا ’گاٿ‘ قوم جي نموني جي قديم عمارت ڏسندو هو، ته ضرور انهيءَ جا نقشا ڪڍي رکي ڇڏيندو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن ’لئنڪ شائر‘ ۾ پورهيو پئي ڪيائين، تڏهن پنجاهه ميل پند ڪري ’يارڪ‘ ۾ آيو، ۽ هفتو کن رهي، اُتي جي ديول کي ڌيان سان چڪاسي، وري به پيادو موٽي ويو. تنهن کان پوءِ هو گلاسگو ۾ ايو، جتي چار ورهيه رهيو، ۽ فرصت جي وقت ۾ اتي جي ديول جي پئي جانچ ڪيائين. وري انلگنڊ ۾ موٽي آيو، ۽ پورهيو ڪندو، وڌي ڏکڻ ڏي ويو ۽ ’ڪئنٽريري‘، ’ونچيسٽر‘، ’ٽنٽرن‘، ۽ ٻيون مشهور عمارتون خيال سان ڏٺائين. +1844ع ۾ هن اِرادو ڪيو ته ساڳئي مطلب لاءِ، ڪمائي ڪري، سارو يورپ گهمان. جڏهن ’بولون‘ ۾ پهتو، تڏهن ’آبيوهل‘ ۽ ’بوويس‘ جي رستي ’پارس‘ ۾ آيو، ۽ رستي وارن شهرن ۾ ٿورا هفتا رهندو، عمارتون ڏسندو، ۽ نقشا ڪڍندو وتيو. هو هوشيار ڪاريگر هو، ۽ گرڻين جي هلائڻ جي چڱي واقفيت هيس؛ تنهنڪري جتي ويو ٿي، اتي ڪم مليس ٿي. اڪثر ڪنهن عمديءَ قديم ’گاٿن‘ واري ڊول جي عمارت جي نزديڪيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، جنهن ڪري فرصت جي وقت انهيءَ جي جانچ ڪندو رهندو هو. ورهيه کن ٻاهر پورهيو ڪري، مسافري ڪري، ۽ وڌيڪ واقفيت حاصل ڪري، هو اسڪاٽلنڊ ڏي موٽيو. هو استعمالي ڪندو رهيو، ۽ نيٺ نقشن ۽ پري کان شڪلين ڪڍڻ جي ڪم ۾ ڏاڍو قابل ٿيو. ’ميلروز‘ جي ڦٽل عمارت هن جي ويهڪ جي جاءِ هئي، ۽ انهيءَ جون هن ڪيتريون ئي مشڪل مشڪل شڪليون ڪڍيون. انهن مان هڪڙي، جا هن پوءِ وري سڌاري ظاهر ڪئي، سا ته اهڙي هئي، جنهن مان ڪاٺ جو اڪريل نمونو جوڙيائون. عمارت جي نمونن جوڙڻ مان به هو پنهنجي ڪمائي ڪڍندو هو. ’ايڊنبرگ‘ جي هڪڙي اُڪريندڙ ڪاريگر، ’برٽن‘ جي قديم ديولن واري ڪتاب جي نموني تي جو هڪڙو ڪتاب شروع ڪيو، تنهن لاءِ به نقشا ڪڍيائين. اهو ڪم هن جي دل کي ڏاڍو وڻندو هو، تنهنڪري انهيءَ تي هن ڏاڍي شوق سان پورهيو ڪيو، جنهن سبب اهو جلد اُڪلندو هليو اڌ اسڪاٽلنڊ تي انهيءَ ڪم لاءِ هن پيادو پنڌ ڪيو، ۽ عام ڪاريگر وانگي گذاريو. اهڙا اهڙا نقشا ۽ نمونا ڪڍيائين، جن جي لاءِ جيڪر استاد ڪاريگر کي تحسين ملي. جنهن شخص اهو ڪتاب رٿيو هو، سو اوچتو مري ويو، ۽ تنهنڪري ان جي ڇاپائي پڌري ڪرڻ ۾ اٽڪ ٿي؛ انهيءَ ڪري ’ڪيمپ‘ ٻي مشغولي ڳولڻ لڳو. ڪي ٿورا ماڻهو هئا، جن کي هن جي ذاتي قابليت جي خبر هئي، ڇا لاءِ ته هو تمام ماٺ وارو ۽ حجاب ڪندڙ ماڻهو هو. +انهيءَ وقت ۾ ’اسڪاٽ‘ جي يادگيري قائم رکڻ واريءَ ڪميٽيءَ، تمام عمديءَ نشانيءَ جي نموني لاءِ انعام آڇيو. گهڻائي اميدوار نڪري پيا، جن ۾ ڪي وڏا وڏا مشهور استاد ڪاريگر به هئا، پر جيڪو نمونو سڀني بالاتفاق پسند ڪيو، سو ’جارج ڪيمپ‘ جو هو، جنهن گهڻا ميل پري، ’ايئر شائر‘، ۾’ڪلونگ ائبي‘ واريءَ ديول تي پئي ڪمايو. اتي هن کي خط پهتو، جنهن مان کيس ڪميٽيءَ جي فيصلي جي خبر پيئي. ويچارو ’ڪيمپ‘!.......... انهيءَ ڳالهه کان پوءِ سگهوئي هن کي بيوقتو موت اچي پهتو، ۽ هن جي حياتي ايتري نه رهي، جو هو پنهنجي سخت محنت ۽ ’خود بخود ترقيءَ‘ جو پهريون نتيجو پهڻ ۾ بهاريل ڏسي سگهي. اها يادگيريءَ قائم رکڻ واري عمارت اهڙي خوبصورت جوڙي ويئي، جو ’اسڪاٽ‘ جهڙي ذهين ۽ قابل ماڻهوءَ جي لائق هئي. +’جان گبسن‘ وري ٻيو هنر وارو ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجي هنر جو شوق ۽ پيار اهڙو سچو هو، جو جيئن ڪي خسيس ۽ لالچي ڪاريگر ڪندا آهن ته جيترو وقت ڪنهن ڪم تي لائيندا آهن، انهيءَ نظر تي فائدو ڪڍندا آهن، تيئن بلڪل ڪرڻ وارو نه هو. هو ’ويلس‘ جي اُتر واري ڀاڱي ۾، ’ڪانوي‘ جي ويجهو، ’گفن‘ ۾ ڄائو هو، ۽ هڪڙي باغائيءَ جو پٽ هو. ننڍي هوندي ئي هو رواجي چاڪونءَ سان ڪاٺ تي نق�� اُڪريندو هو، جنهن مان معلوم ٿي سگهيو ٿي ته انهيءَ هنر جو هن ۾ ذاتي شوق رکيل آهي. اهو شوق ڏسي، هن جي پيءُ کيس ’لورپول‘ ڏي موڪلي ڏنو، جتي هو هڪڙي ڪاٺ جي اُڪرڻ واري ۽ آلماڙين جوڙڻ واري ڪاريگر وٽ شاگرد ٿي اُهو ڪم سکڻ لڳو. هن اُنهيءَ هنر ۾ ڏاڍي جلد ترقي ڪئي، ۽ هن جي هٿ جي ڪن اُڪريلن شين جي ڏاڍي تعريف ٿيڻ لڳي. انهيءَ مان، ٿورو ٿورو ٿي، هن کي سنگ تراشيءَ جو شوق پيدا ٿيو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾، هن ميڻ مان ”وقت“ جي ننڍڙي مورت جوڙي، جنهن جي ماڻهن ڏاڍي واکاڻ ڪئي. ’لورپول‘ ۾ فرانسيس جي ڪارخاني وارن بت تراشن، هن ڇوڪر جون جوڙيل شيون خريد ڪيون، ۽ ڇهن ورهين لاءِ هن کي پنهنجيءَ شاگرديءَ ۾ ورتائون. انهيءَ عرصي ۾ هن ڪيترائي نوان نمونا ڪڍيا، جن مان هن جي ذاتي قابليت معلوم ٿي. ’لورپول‘ مان پوءِ هو وري لنڊن ڏي ويو، ۽ اتان وري روم ۾ آيو. انهيءَ طرح، هن جي ناموس سڄي يورپ ۾ پکڙجي وئي. +’رابرٽ ٿاربرن‘، جو ’رايل اڪيڊميءَ جو شاگرد هو، سو به ’جان گبسن‘ وانگي غريبن جو ٻار هو. هن جو پيءُ ’ڊمفريز‘ جو هڪڙو موچي هو؛ انهيءَ کي ’رابرٽ‘ کانسواءِ ٻيا به ٻه پٽ هئا، جن مان هڪڙو ڪاٺ جي اُڪر جو ڪم تمام چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. هڪڙي ڏينهن هڪڙي سکر ماڻهوءَ جي زال موچيءَ جي دوڪان تي آئي، ۽ ڏسي ته ’رابرٽ‘ اُنهن ڏينهن ۾ ننڍڙو ڇوڪر هو، اسٽول تي ميز وانگي نقش بيٺو ڪڍي. هن اُهي نقش چڪاسي ڏٺا، ۽ ڏاڍا وڻيس، هوءَ مٿس اهڙي مهربان ٿي، جو هن جي لاءِ نقش ڪڍڻ جي نوڪري ڳولي هٿ ڪيائين، ۽ هن جا پاران ڪي ٻيا ماڻهو پڻ رکيائين، ته اهي هن کي اُنهيءَ هنر جي تعليم حاصل ڪرڻ مدد ڏين. ڇوڪرو محنتي، جفاڪش، قائم مزاج ۽ صبر وارو هو؛ پنهنجن سنگتين سان گهڻو رکندو هو. سال 1830ع ڌاري، شهر جي ڪن سکرن هن کي ’ايڊنبرگ‘ ڏي وڃڻ ۾ مدد ڏني، جتي هو ’اسڪاٽش اڪيڊميءَ‘ ۾ شاگرد ٿي داخل ٿيو. اُتي هن کي قابل قابل اُستادن جي تعليم جو فائدو حاصل ٿيو، تنهنڪري ڏاڍي جلد ترقي ڪيائين. ’ايڊنبرگ‘ مان هو لنڊن ۾ ويو، جتي ’ڊيوڪ آف بڪلو‘ هن جو مربي ٿيو، ۽ اُنهيءَ جي مهربانيءَ جي نظر هيٺ هو مشهور ٿيڻ لڳو. انهيءَ هوندي به، ايتري چوڻ جو ضرور نٿو ڏسجي ته جيتوڻيڪ ’ٺاربرن‘ کي انهيءَ طرح حامي ۽ مربي ملڻ جي ڪري چڱن چڱن ماڻهن سان واقفيت ۽ معرفت پيدا ٿي، تڏهن به جهڙي هنرمندي ۽ قابليت هن منجهه هئي، تنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻي ڪابه حمايت ۽ مددگاري ڪارگر نه ٿي سگهي ها- سواءِ سندس ذاتي ذهن، ۽ محنت ۽ مشقت جي. +’نيل پاٽن‘، مشهور نقاش پهريندي، پهريندي ’ڊنفرملين‘ ۽ ’پيسلي‘ ۾ جو پنهنجو ڪم شروع ڪيو، سو اهو هو جو سيزپوشن ۽ ململن تي هٿ سان چڪندوزي ڪم ڪرڻ لاءِ نمونن جا نقشا ڪڍندو هو؛ ساڳئي وقت ۾ مٿين درجي جي نقاشيءَ تي به ڏاڍي محنت ڪندو هو. جهڙوڪ ماڻهوءَ جي شڪل ڪڍڻ، وغيره. ’ٽرنز‘ وانگي، هو به سڀ قسم جي ڪم ۾ هٿ وجهڻ لاءِ تيار هوندو هو. 1840ع ۾، جڏهن اڃا هو ٻار هو، ٻين ڪمن سان گڏ، ”رينفريو شائر ائنيوئل“ نالي سالياني رسالي ۾ تصويرن ڪڍڻ جي به مشغولي ڪندو هو. هو ٿورو ٿورو ڪري، درجي بدرجي، سڌارو ڪندو ويو؛ آهستي چڙهيو ٿي، ليڪن پڪي بنياد سان؛ پر هو تيستائين گمنام هو، جيستائين ڪ آڇيل انعام تي پارليامينٽ جي لاءِ رکيل تصويرن جي نمائش ٿي: هن جيڪا تصوير ”مذهب جو اصول“ ڪڍي هئي ۽، جنهن لاءِ اول درجي جي انعامن هڪڙو هن کي مليو هو، تنهن مان جهان کي خبر پيئي ته هو انهيءَ هنر ۾ سچو پچو اُستاد آهي؛ ۽ انهيءَ کان پوءِ جيڪي تصويرون هن ڪڍي ڏيکاريون. جهڙوڪ ”آبرن ۽ ٽائٽينيا جو پرچاءُ“، ”گهر“، ۽ ”بلوڊي ٽرسٽ“- تن مان ظاهر ٿيو ته هن پنهنجي هنر ۾ وڏي سگهه ۽ ترقي حاصل ڪئي آهي. +غريباڻيءَ حالت ۾، محنت ۽ ڪشالو ڪري، هنر ۾ ترقي ڪرڻ جو ٻيو مثال، ’جيمس شارپلس‘ جي احوال مان ملي ٿو، جو ’بلاڪبرن‘ ۾ لوهار جو ڪم ڪندو هو. هو 1825ع ۾ ’يارڪشائر‘ جي ’ويڪفيلڊ‘ شهر ۾ ڄائو، ۽ ڪٽنب جي تيرهن ٻارن مان هڪڙو هو. هن جو پيءُ لوهه پلٽڻ جو ڪم ڪندو هو، ۽ انهيءَ ڌنڌي هلائڻ لاءِ لڏي وڃي ’بيريءَ‘ ۾ ويٺو. ڇوڪرن کي ڪنهن به مڪتب ۾ تعليم ڪانه ملي، پر جڏهن هو سڀ سَگها ٿيا، تڏهن پورهيي ڪرڻ لاءِ هنن کي ٻاهر روانو ڪيائون. اٽڪل ڏهن ورهين جي عمر ۾ ’جيمس‘ کي لوهه پلٽڻ جي ڪارخاني ۾ رکيائون، جتي هو اٽڪل ٻن ورهين تائين لوهارڪو ڪم سکندو رهيو. تنهن کان پوءِ هن کي انجڻ جي ڪارخاني ۾ رکيائون، جتي هن جو پيءُ لوهار جو ڪم ڪندو هو. ڇوڪر انهيءَ ڪم تي رکيل هو ته ڪلون تپائي، انجڻ جي بائلر جوڙڻ وارن کي پهچائي. جيتوڻيڪ هو ڏينهن جو گهڻي وقت تائين پورهيو ڪندو هو، ۽ اڪثر صبح جي ڇهين بجي کان شام جي اٺين بجي تائين ڪم ڪندو هو، تڏهن به پڻس تجويز ڪري ڪم جي وقت کان پوءِ هن کي ٿورو گهڻو سيکاريندو رهندو هو- انهيءَ طرح هو ڪي ڪجهه لکڻ پڙهڻ سکيو. انهن بائلرن جوڙڻ وارن ڪاريگرن ۾ ڪمائيندي هڪڙو اتفاق ٿيو، جنهن مان هن کي نقش ڪڍڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڪارخاني جو مک ڪاريگر ڪڏهن ڪڏهن هن کي، زمين تي بائلرن جي نشان ڪڍڻ مهل، چال لڳل ڏور جهلڻ لاءِ چوندو هو. اهڙن وقتن تي اڪثر ڪاريگر پاڻ ڏور جهليندو هو، ۽ ڇوڪر کي ضروري ڀاڱن جي نشان ڪرڻ لاءِ چوندو هو. ’جيمس‘ انهيءَ ڪم ۾ سگهوئي اهڙو هوشيار ٿي ويو، جو مک ڪاريگر کي ڏاڍو ڪمائتو ٿيو. گهر ۾ جڏهن فرصت ملندي هيس، تڏهن هو ماءُ وٽ زمين تي بائرلن جا نقشا ڪچندو هو. هڪڙي ڀيري، سندس مائٽياڻي ’مائنچيسٽر‘ کان سندن ملاقات لاءِ اچڻي هئي، ۽ انهيءَ جي لاءِ جيترو ٿي سگهيو، اوترو گهر کي صاف ۽ پوشيدو رکيو هئائون؛ پر شام جو جڏهن ڇوڪر ڪارخاني مان گهر آيو، تڏهن هو هميشه وانگي فرش تي ليڪا ۽ نقش ڪڍڻ لڳو. هن چاڪ سان هڪڙي وڏي بائلر جي شڪل ڪڍي بس ڪئي، ته سندس ماءُ مهمان سان گڏجي اندر لنگهي آئي- ڏسي ته ڇوڪر گدليءَ حالت ۾ ويٺو آهي، ۽ فرش ليڪن سان ڀريو پيو آهي! پر سندس مائٽياڻيءَ ظاهر ڪيو ته آءٌ هن ٻار جي محنت ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آهيان، جو هن تمام چڱو نمونو ڪڍيو آهي؛ ۽ ماڻس کي چائين ته هن ’ننڍي ٻهاريدار‘ کي ڪاغذ ۽ پينسل وٺي ڏي. +وڏي ڀاءُ جي همتائڻ تي، ’جيمس‘ شڪلين ۽ نمائن ڪڍڻ جي استعمالي ڪرڻ لڳو، ۽ هٿ سان ڇاپيل تصويرن جا نقل ڪرڻ لڳو؛ پر اڃا پري کان ڪنهن به تصوير ڪڍڻ يا روشنائيءَ ۽ ڇانو ڏيکارڻ جي قانونن جي ڪابه خبر ڪانه هيس. تڏهن به هو محنت ڪندو رهيو، ۽ درجي بدرجي، ٻي تصوير ڏسي پنهنجي ڪڍڻ يا نقل ڪرڻ ۾ ڏاڍو چالاڪ ٿيو. سورهن ورهين جي عمر ۾ هو ’بيريءَ‘ جي هنري ڪارخاني ۾ داخل ٿيو؛ انهيءَ لاءِ ته اتي جيڪو حجام نقاشيءَ جو ڪم سيکاريندو هو، تنهن کان نقش ڪڍڻ جو ڪم سکي. هو اُتي ٽي مهينا رهيو، ۽ هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو سبق ملندو هوس. اُستاد چيس ته ڪتبخاني مان ’برنيٽ‘ وارو ڪتاب، نقاشي هنر بابت، وٺي هٿ ڪر، پر هن کي اڃا برابر پڙهڻ ئي نه ايندو هو، تنهنڪري لاچار ٿي هو پنهنجي ماءُ ۽ وڏي ڀاءُ کي چوندو هو ته اوهين انهيءَ ڪتاب جا ڪي ڀاڱا ويهي پڙهو- پوءِ پاڻ ڪن ڏيو ويٺو ٻڌندو هو. پڙهي نه ڄاڻڻ ڪري هن کي البت تڪليف معلوم ٿي، ۽ ’برنيٽ‘ واري ڪتاب جي مضمون سمجهڻ جو به شوق ٿيس، تنهنڪري پهرينءَ سماهيءَ کان پوءِ هن هنري ڪارخاني ۾ نقاشيءَ جو ڪم سکڻ ڇڏي ڏنو، ۽ گهر ۾ پڙهڻ- لکڻ سکڻ مشغول ٿيو. سگهوئي هن ڏاڍو سڌارو ڪيو. جڏهن هو وري ڪارخاني ۾ داخل ٿيو، ۽ ’برنيٽ‘ وارو ڪتاب وري ورتائين، تڏهن نه رڳو اهو آسانيءَ سان پڙهي ويو، پر آئيندي جي ڪم لاءِ انهيءَ مان ڪي انتخاب به لکي رکيائين. هن اهو ڪتاب اهڙي شوق سان پڙهيو، جو صبح جو چئين بجي اُٿي، پڙهڻ ۽ انتخاب نقل ڪرڻ ويهندو هو؛ ڇهين بجي لوهه پلٽڻ واري ڪارخاني ۾ ويندو هو، ۽ شام جو ڇهين بجي تائين، بلڪ ڪڏهن ته اٺين بجي تائين، اتي پيو ڪمائيندو هو؛ پوءِ گهر اچي تازي شوق ۽ چاهه سان، ’برنيٽ‘ کي پڙهڻ ويهندو هو، ۽ ڳچ رات تائين انهيءَ ڪم کي لڳو ويٺو هوندو هو. رات جو ڪن وقتن تي ته نقش ۽ تصويرون به ڪڍندو هو، ۽ نقل به ڪندو هو. اهڙي هڪڙي تصوير، جا ’ليونارڊو ڊي وهنسي‘ جي ”آخرين ماني“ هئي، تنهن جي نقل ڪرڻ ۾ هن سڄي رات لڳائي ڇڏي، هو سُتو برابر وڃي، پر تصوير جو خيال اهڙو دل ۾ ويٺل هوس، جو هن کي ننڊ ئي نه آئي، ۽ وري اُٿي ويهي انهيءَ تي محنت ڪرڻ لڳو. +تنهن کانپوءِ، هو روغن ڏيڻ يا روغني نقاشيءَ تي هٿ هيرائڻ لڳو. انهيءَ ڪم لاءِ هو بازار مان نقاشي ڪپڙو وٺي آيو، ۽ اُهو چونڪ يا ڪارچوب تي ڇڪي چاڙهي، انهيءَ تي سفيدو ڏيئي، مٿان رنگن سان چٽ ڪڍڻ لڳو، جي رنگ هو گهرن رڱڻ وارن کان خريد ڪري وٺي آيو هجو. پر، هن جو ڪم پورو ٿي نه سگهيو؛ ڇا لاءِ جو ڪپڙو کهرو ۽ ڳنڍين وارو هو، ۽ رنگ سُڪو ئي ڪين ٿي. اهڙيءَ حالت ۾، هو پنهنجي جهوني اُستاد حجام وٽ هدايت لاءِ ويو، ۽ پهريندي انهيءَ کان معلوم ٿيس ته نقاشي ڪم جي لاءِ تيار ٿيل ڪپڙو به ملندو آهي، ۽ روغني نقاشيءَ جي لاءِ رنگ ۽ روغن به ملندا آهن. ان کان پوءِ، جڏهن ڪو پيسو بچيس، تڏهن وڃي ٿوريون ضروري شيون وٺي آيو، ۽ نئين سر ڪم شروع ڪرڻ لڳو. سندس اڳوڻي استاد هن کي رنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، ۽ انهيءَ تي هن اهڙو چڱو عمل ڪيو، جو استاد جي نقش کان به بهتر نقش ڪڍي رکيائين. هن جي پهرين تصوير، ”رڍن جي اُن ڪترڻ واري“، هڪڙيءَ اُڪريل تصوير جو اُتارو هئي، جا پوءِ هن اڌ ڪرائون تي وڪي. روغني نقاشيءَ لاءِ هدايت جي ننڍڙي ڪتاب جي مدد سان، هو فرصت جي وقت محنت ڪندو رهيو، ۽ درجي بدرجي نقاشي ڪم جي شين ۽ اوزارن جو زياده علم حاصل ڪيائين. هن پنهنجي لاءِ نقاشي ڪم جي تختي، رنگ جي پيتي، تختي ٽنگڻ جو گهوڙو، ۽ چاڪون، پاڻيهي جوڙيا؛ ۽ وقت کان زياده مدت پورهيو ڪري، پيسو ڪمائي، رنگ برش ۽ تصوير جو ڪپڙو ورتائين. هن جا مائٽ هن کي رڳو ايتري رقم ڏيئي سگهيا، وڌيڪ نه؛ ڇالاءِ جو هنن کي وڏي ڪٽنب جي سنڀال ڪرڻي هئي. اڪثر هو پنڌ ڪري ’مئنچيسٽر‘ ڏي ويندو هو، ۽ شام جو وري موٽي ايندو هو. اتان هو ٻن ٽن شلنگن جو رنگ ۽ ڪپڙو وٺي ايندو هو. ارڙهن ميل پنڌ جا ڪري، اڌ رات ڌاري مس اچي پهچندو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن ٿڪجي ٽٽجي ۽ مينهن ۾ ڀڄي اچي نڪرندو هو، مگر شوق ۽ آسرو نڪو ٿڪجڻ جو هوس، نڪو کٽڻ جو. انهيءَ پاڻيهي سکيل ڪاريگر جو سڌارو خود سندس بيان مان معلوم ٿو ٿئي، جو پاڻ هِن ڪتاب جي مصنف ڏي هڪڙي خط ۾ لکيو اٿس: +”ٻيون جيڪي تصويرون مون ڪڍيون، سي هي هيون، ’چانڊوڪيءَ جو نماءُ‘، ’ميوي دان‘، ۽ هڪ ٻه ٻيون. انهيءَ کان پوءِ منهنجي دل ۾ آيو ته لوهارخاني جي تصوير رنگ سان ڪڍان. ڳچ وقت کان وٺي آءٌ انهيءَ بابت خيال پچائيندو آيس، ليڪن تصوير جي صورت ۾ ان جي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هيم، پر هاڻ انهيءَ جو مسودو ڪاغذ تي ڪڍي ويس، ۽ پوءِ ڪپڙي تي رنگ سان اهو ڪڍڻ لڳس. انهيءَ تصويرن ۾ رڳو اهڙي هڪڙي ڪارخاني جو اندريون نمونو معلوم ٿئي ٿو، جهڙي ۾ آءٌ پاڻ ڪمائيندو هوس. اُها ڪنهن خاص ڪارخاني جي تصوير نه هئي، تنهنڪري چئبو ته اهو منهنجو نئون خيالي نمونو هو. پهرين ٻاهرين شڪل ڪڍي، پوءِ ڏٺم ته اڳتي انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ علم تشريح جو ڄاڻڻ ضروري آهي، جيئن تصويرن جي نسن ڪڍڻ لاءِ پوري واقفيت حاصل ٿئي. انهيءَ منزل تي، منهنجو ڀاءُ ’پيٽر‘ مون کي اچي واهر ڪرڻ لڳو. هو، مهرباني ڪري، ’فلئڪسمن‘ جو ڪتاب علم تشريح بابت خريد ڪري آيو. اِهو ڪتاب اُنهن ڏينهن ۾ منهنجي وسعت کان مٿي هو، ڇالاءِ جو ان جو ملهه چوويهه شلنگ هو. انهيءَ ڪتاب کي آءٌ وڏي خزاني وانگي سمجهندو هوس، ۽ محنت ڪري انهيءَ کي پڙهندو هوس. فجر جو ٽي بجي اُٿي، ڏنل فهمائش موجب، تصوير ڪڍندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ڀاءُ ’پيٽر‘ کي اوڏيءَ مهل بيوقتو اُٿاريندو هوس، ته تصوير جي لاءِ نمونو ٿي بيهي. جيتوڻيڪ اهڙي استعمالي ڪري، درجي بدرجي، مون پاڻ کي گهڻو ئي سڌاريو، تڏهن به گهڻي وقت کان پوءِ مس مون ۾ اهڙي همت ٿي جو پڪ سان تصوير ڪڍڻ لڳس. مون کي نمائن ڪڍڻ جي خبر نه هوندي هئي، تنهنڪري به گهڻي مشڪلات ٿيندي هيم، پر مون ڪوشش ڪري انهيءَ جو علاج ڪيو جو ’بروڪ ٽيلر‘ جو ڪتاب، اصولن بابت، خبرداريءَ سان پڙهيم، تنهن کان پوءِ ستت ئي رنگ ڏيڻ جو ڪم مون وري شروع ڪيو. گهر ۾، پري کان شيون ڏسي، تصويرن ڪڍڻ جي استعمالي پيو ڪندو هوس؛ ۽ لوهه پلٽڻ جي ڪارخاني ۾ موڪل وٺي، لوهار جي ڳرن ڪمن ۾ هٿ وجهندو هوس. انهيءَ جو سبب هيءُ هو ته لوهه جي ڳَريءَ شي کي تپائڻ لاءِ جيترو وقت گهربل آهي، سو هلڪيءَ شي تپائڻ جي وقت کان تمام گهڻو آهي؛ تنهنڪري ڏينهن جي عرصي ۾ مون کي زياده منٽ بچندا هئا، جن ۾ آءٌ، سنڀال سان، جنهن کوري تي ڪمائيندو هوس، انهن جي اڳيان پيل لوهه جي پڙڇ تي، پري کان ڏسي، شين جون تصويرون ۽ نقش ڪڍندو هوس.“ +انهيءَ طرح، محنت سان ڪم ڪندي ۽ ڌيان ڏيندي، ’جيمس شارپلس‘ پنهنجي هنر جي اصولن ۾ زياده هوشيار ٿيندو ويو. شاگرديءَ جي مدت پوري ٿيڻ کان اٽڪل ارڙهن مهينا پوءِ، هن پنهنجي پيءُ جي تصوير رنگ سان ڪڍي، جنهن شهر جي ماڻهن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. سگهوئي پوءِ ’لوهارخاني‘ جي تصوير چٽيائين، جنهن ڪري پڻ ڏاڍي هاڪ نڪتيس. رنگن سان تصويرن ڪڍڻ ۾ اهڙو هوشيار هو جو سندس ڪارخاني جي مک ڪاريگر هن کي پنهنجي ساري ڪٽنب جي گڏيل تصوير چٽي ڏيڻ لاءِ چيو، ۽ اهو ڪم هن اهڙو چڱو ڪيو، جو انهيءَ ڪاريگر ٻول ڪيل ارڙهن پائونڊ ته ڏنس، پر ٽيهه شلنگ ٻيا به ڏنائينس. جيسين انهيءَ ڪم ۾ مشغول هو، تيسين ڪارخاني ۾ نه ويندو هو، هن جي دل ۾ ايندو هو ته اُهو ڌنڌو اصل ڇڏي ڏئي، ۽ رڳو تصويرون ڪڍڻ ۽ چٽن جو ڪم ڪري. هن ڪيتريون ئي تصويرون چٽيون، جن مان هڪڙي هئي ’حضرت عيسيٰ جي سسي‘. اها هن پنهنجي خيال تي رٿي ڪڍي هئي، ۽ ماڻهوءَ جي سسيءَ جي قد جيڏي هئي. ٻي تصوير ’بيري‘ شهر جي نماءَ جي هئي. پر، تصويرن ڪڍڻ جو ڪم ايترو نٿي ٿيس جو هو سڄو وقت ان ۾ مشغول رهي، نڪي انهيءَ مان ڪا زياده پيدائش جي اميد هيس، تنهنڪري هن ڏاهپ جو ڪم ڪيو جو وري لوهارڪو ڪم شروع ڪيائين، جو ايمانداريءَ سان ڪندو رهيو. جيڪو فرصت جو وقت بچندو هوس، تنهن ۾ سندس ’لوهارخاني واري تصوير‘- جا هيستائين ڇپجي پڌري ٿي هئي- اُڪري ڪڍڻ لڳو. هيٺئين اتفاق ٿيڻ ڪري، هن انهيءَ تصوير جي اُڪرڻ ۾ هٿ وڌو. مئنچيسٽر جي هڪڙي تصوير فروش کي هن اها چٽيل تصوير ڏيکاري، تنهن ڳالهه ڪندي چيو ته ڪنهن هوشيار اُڪرڻ واري جي هٿن سان اها تصوير جيڪر ڏاڍي عمدي نڪري. اها ڳالهه ٻڌي، ’شارپلس‘ کي هڪدم دل ۾ آيو ته انهيءَ کي آءٌ پاڻ اُۡڪريان- جيتوڻيڪ انهيءَ هنر جي ڪابه خبر ڪانه هيس. پنهنجي انهيءَ رٿ پوري ڪرڻ ۾ هن کي جيڪي مشڪلاتون در پيش آيون، ۽ جن مان هو لنگهي پار پيو، تن جو بيان هن پاڻ هن طرح ڏنو آهي: +’شفيلڊ‘ جي هڪڙي رڪ جي پڙڇ جوڙڻ واري، هڪڙو اشتهار ڪيو هو ته جدا جدا پڙڇ يا تختيون هيتريءَ هيتريءَ قيمت تي موجود ڪري ڏيندس. اهو اشتهار جڏهن مون ڏٺو، تڏهن مناسب ماپ جي هڪڙي تختي دل ۾ پسند ڪري، ان جو ملهه هن ڏي ڏياري موڪليم؛ ٿورا وڌيڪ پيسا به ان سان گڏ ڏياري موڪليامانس، ۽ لکيومانس ته اُڪرڻ جا اوزار مون ڏي موڪل. آءٌ انهن اوزارن جو تفصيل هن کي ڏيئي نه سگهيس، ڇا لاءِ جو اڃا مون کي خبر ڪانه هئي ته اُڪرڻ جو ڪم ڪيئن ڪبو آهي. تڏهن به، تختي سان گڏ، ٽي يا چار اُڪرڻ واريون رنبيون ۽ هڪڙو نشان ڪرڻ جو سُئو اچي نڪتو. سُئي جي ڪم آڻڻ جي مون کي خبر پيئي، تنهن کان اڳي مون ان کي خراب رکيو. تختي تي ڪم ڪرڻ وارن ڏينهن ۾، انجنيرن جي هڪڙيءَ جماعت، اشتهار ڪري، ڪنهن نشان ياد ڏيارڻ واريءَ تمام عمديءَ تصوير لاءِ انعام آڇيو، ۽ مون ارادو ڪيو ته انهيءَ لاءِ آءٌ ڪوشش ڪريان. آخر آءٌ اهڙو نصيب وارو ٿيس، جو اهو انعام کٽيم. انهيءَ کان پوءِ سگهوئي آءٌ وڃي ’بلئڪبرن‘ ۾ ويٺس، جتي ’ييٽس‘ واري انجينرن جي ڪمپنيءَ جي ڪارخاني ۾ انجن جوڙڻ وارو ٿي وڃي نوڪر بيٺس. اتي به فرصت جي وقت ۾، اڳئين وانگي، آءٌ نقش ڪڍندو، رنگ ڏيندو ۽ اُڪرڻ جو ڪم ڪندو رهيس. اُڪرڻ جي ڪم ۾ گهڻو سڌارو نه ڪري سگهيس، ڇالاءِ جو اورازن نه هئڻ ڪري مون کي ڏاڍي مشڪلات هئي. پوءِ مون ارادو ڪيو ته پنهنجي ڪم لاءِ پاڻ ڪي اوزار جوڙيان. ڪيترن مٿن هڻڻ کانپوءِ، نيٺ مون گهڻائي اوزار جوڙيا، جن سان مون هيستائين اُڪرڻ جو ڪم پئي ڪيو آهي. ننڍيءَ شي کي وڏي ڏيکارڻ وارو شيشو مون وٽ نه هو، تنهنڪري به مون کي گهڻي تڪليف هئي. پڙڇ يا تختيءَ جو گهڻو ڀاڱو ته اهڙيءَ ڪنهن به مدد کان سواءِ اُڪري ويس- رڳو پنهنجي پيءُ جي عينڪ ڪم ۾ آنديم- پر پوءِ نيٺ هڪڙو وڏي ڏيکارڻ وارو شيشو هٿ آيم- جو مون کي گهڻي ڪم جو ٿيو. انهيءَ تختيءَ اُڪريندي هڪڙو اتفاق ٿيو، جنهنڪري مون ذري گهٽ اُڪرڻ جو ڪم اصل ڇڏي ٿي ڏنو. اڪثر ائين ٿيندو هو ته ڪو ٻيو ضروري ڪم اچي وچ ۾ پوندو هو، ته ڏينهن جا ڏينهن آءٌ اُڪرڻ ڇڏي ڏيندو هوس؛ ۽ تختي کي ڪٽ کان بچائڻ لاءِ، اڪريل جاين تي تيل ملي ڇڏيندو هوس. اهڙي هڪڙي مدت گذرڻ کانپوءِ، تختي چڪاسڻ سان مون ڏٺو ته تيل اهڙو ڄمي ڪارو ٿي پيو هو، جو ڪڍڻ مشڪل هو. مون سئي سان کوٽي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڏٺم ته جيترو ان جي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو، اوترو وري نئي سر اڪرڻ ۾ ئي لڳندو؛ انهيءَ ڪري آءٌ ڏاڍو نااميد ٿيس، پر نيٺ اها تجويز ڪيم ته اها رڪ واري تختي، پاڻيءَ ۾ سوڍا يا کار وجهي، ان ۾ جوش ڏيئي، پوءِ اڪريل هندن تي ڏندن جو برش هڻان: ائين ڪرڻ سان منهنجو مطلب پورو ٿيو، ۽ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس. هينئر جيڪي منهنجون وڏيون مشڪلاتون هيون، سي برطرف ٿيون؛ باقي منهنجي پورهيئي ساب پوڻ ۾ فقط تحمل ۽ اورچائي گهربل هئي. انهيءَ تختيءَ اڪري پوري ڪرڻ ۾ نه مون کي ڪنهن صلاح ڏني، نڪا ٻئي ڪنهن مدد ڏني؛ تنهنڪري انهيءَ ڪم ۾ جيڪڏهن ڪا هوشياري معلوم ٿئي ٿي، ته انهيءَ جي رڳو آءٌ دعوا ڪريان ٿو؛ ۽ جي ان جي پوري ڪرڻ ۾ مون ڪا محنت، ۽ اورچائي ۽ استقامت ڏيکاري آهي، ته انهيءَ تعريف جي برابر آءٌ دعوا ڪريان ٿو.“ +’لوهارخاني‘ واري اڪريل تصوير بابت بحث ڪرڻ، اسان جو ڪم ن��هي. هنري رسالن ۾ اڳي ئي ان جي ڏاڍي واکاڻ ٿيل آهي. انهيءَ ڪم پوري ڪرڻ ۾، پنجن ورهين جي عرصي اندر ’شارپلس‘ جيڪو فرصت جو وقت رات جو بچايو، سو سڀ لڳايو. جڏهن هو اها اُڪريل تختي ڇاپڻ واري وٽ کڻي ويو، تڏهن هن پهريون دفعو ٻئي ماڻهوءَ جي اُڪريل تختي ڏٺي. انهيءَ محنت ۽ قابليت جي سچيءَ تصوير جي اسين هڪڙي ٻي خاصيت ڏيکاريون ٿا- اها هڪڙي خانگي حقيقت آهي. هو چوي ٿو ته ”مون کي پرڻئي ست ورهيه ٿيا آهن، ۽ انهيءَ عرصي ۾ منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي خوشي، ڪارخاني روزمره جي ڪم پوري ڪرڻ کانپوءِ، انهيءَ ۾ پئي رهي آهي ته اڪثر ڳچ رات تائين ويهي نقش ڪڍيو اٿم يا اڪريو اٿم: انهيءَ وچ ۾ منهنجي زال، منهنجي پاسي ۾ ويهي، ڪو مزي جهڙو ڪتاب پئي پڙهيو آهي!“ انهيءَ ڳالهه مان هن تمام عجيب ۽ لائق محنتي ماڻهوءَ جي پڪيءَ سياڻپ ۽ سچيءَ سمجهه جي ثابتي ملي ٿي. +جيڪا محنت ۽ تصديع نقاشي ۽ بت تراشيءَ جي هنرن ۾ قابل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي، اهڙي ساڳي موسيقيءَ لاءِ به ضروري آهي، جو پڻ انهيءَ قسم جو ٻيو هنر آهي؛ ڇا لاءِ جو پهريان ٻه هنر گويا قدرت جي شڪل ۽ رنگ جو نظم آهي، ۽ ٻيو پويون هنر اُن جي اوزارن جو نظم آهي. +’هانڊيل‘ ڏاڍو محنتي، اڻٿڪ ۽ اڻورچ هوندو هو. هو فتحياب نه ٿيڻ ڪري دلشڪستو نه ٿيندو هو، پاڻ سختيءَ ۽ مصيبت جي اچڻ ڪري سندس همت زياده ٿيندي هئي. جڏهن قرضي ٿي، کُٽلائيءَ جي حالت ۾ فڪرن ۽ ڳڻتين ۾ گرفتار هو، تڏهن هڪ گهڙي به نااميد ۽ دلشڪستو نه ٿيو؛ پر هڪڙي ئي سال جي اندر هن ’سال‘ ۽ ’اسرائيل‘ وارا راڳ، ’ڊرائيڊن‘ جي غزل لاءِ سُر، ’ٻارهن وڏا راڳ‘، ۽ ’آرگاس ۾ جيوپيٽر‘ جو راڳ وارو ناٽڪ- اهي سڀ جوڙيا، جي سندس تمام عمديون تصنيفون آهن. هن جي احوال لکڻ واري لکيو آهي ته ”هو همت جهلي سڀ شي جي سامهون ويندو هو، ۽ ٻيءَ ڪنهن به مدد کانسواءِ ٻارهن ماڻهن جو ڪم ڪندو هو.“ +’هيڊن‘، پنهنجي هنر بابت ذڪر ڪندي، چيو آهي ته ”اهو سڀ ڪجهه ڪنهن مضمون وٺڻ ۽ اُن جي پٺيان لڳي رهڻ ڪري حاصل ٿو ٿئي.“ ’موزارٽ‘ چيو آهي ته محنت يا ڪم مان مون کي خاص خوشي حاصل ٿي ٿئي.“ ’بيٿووين‘ جو چوڻ هو ته ”اهڙيون روڪون ۽ اٽڪون آهن ئي ڪين، جي محنت ۽ ڪوشش ڪندڙن کي چون ته ’اوهين هيستائين هلي سگهندؤ، ۽ پر تي نه“. جڏهن ’ماشيلس‘ پيانو- فورڊ باجي ۾ وڄائڻ لاءِ ’فائڊيليو‘ جو لکيل راڳ ’بيٿووين‘ کي ڏنو، تڏهن ’بيٿووين‘ پوئين صفحي جي هيٺان هي لفظ لکيل ڏٺا: ”خدا جي مدد سان پورو ٿيو.“ ’بيٿووي، انهيءَ دم انهن لفظن جي هيٺان لکيو ته ”مهربان، پاڻيهي پاڻ کي مدد ڪر!“ انهيءَ حڪم تي هو سڄي عمر عمل ڪندو رهيو. ’جان سباسشين با بئچ‘ پنهنجي بابت هيئن لکيو آهي ته: ”آءٌ محنتي هوس؛ جيڪو ماڻهو اهڙو محنتي ۽ جفاڪش ٿيندو، اُهو اهڙوئي فتحياب ٿيندو.“ پر، انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ’باچ‘ کي ڄمندي کان راڳ ۽ موسيقيءَ جو شوق هو، جنهن هن کي محنت تي بيهاريو- ۽ حقيقت ڪري هن جي قابليت ۽ فتحمندي به انهيءَ تي منحصر هئي. جڏهن اڃا ننڍڙو هو، تڏهن سندس وڏي ڀاءُ ڪوشش ڪئي ته هن کي ٻئي ڌنڌي تي آڻي. انهيءَ ارادي سان، هن هيئن ڪيو جو جيڪي چونڊيل راڳ ننڍي ’سباسشين‘ بتيءَ نه ملڻ ڪري چاونڊڪيءَ ۾ نقل ڪري گڏ ڪيا هئا، سي ناس ڪري ڇڏيا.... تڏهن به هو نه رهيو. انهيءَ مان انهيءَ ڇوڪر جي ذاتي لياقت ۽ طبيعي ميل جي چڱي ثابتي ملي ٿي. ’ميئر بيئر‘ بابت، ’بيل‘، سن 1820ع ۾، ’ملن‘ مان هن طرح لکيو ته ”هوشيار ماڻهو آهي، پر ڪو ذاتي ذهن ڪونه اٿس؛ هو اڪيلو رهندو آهي، ۽ ڏهاڙي پندرهن ڪلاڪ موسيقيءَ ��ي مٿو ٿو هڻي.“ ڪن ورهين کان پوءِ، سخت محنت ڪرڻ ڪري، ’ميئر بيئر‘ ۾ ذاتي ذهن پيدا ٿيو، جو ”رابرٽو“؛ ”هيوجناٽ“، ”پرافيٽ“ ۽ سندس تصنيفن مان معلوم ٿو ٿئي، جي هن زماني ۾ لکيل راڳ وارن ناٽڪن مان تمام عمدا آهن. +جيتوڻيڪ راڳ ٺاهڻ جي هنر ۾ اڃا تائين انگريزن پاڻ کي گهڻو مشهور نه ڪيو آهي- هن ڪري جو هنن ٻين زياده ڪمائتن هنرن چالاڪي ڏيکاري آهي- تڏهن به انهيءَ خاص هنر ۾ هنن منجهه محنت ۽ اورچائيءَ جا ڪي مثال لڀن ٿا. +’آرن‘ هڪڙي سامان- فروش جو پٽ هو، ۽ پڻس جو ارادو هو ته هو قاعديدان ٿئي؛ پر موسيقيءَ جو شوق هن کي ايترو گهڻو هو، جو لاچار ٿي هن کي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏي ڏنائون. جڏهين هو هڪ وڪيل جي آفيس ۾ نوڪر هو، تڏهن تمام مفلس هو؛ پر پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ“ هو نوڪرن جي پوشاڪ اُڌاري وٺي؛ اُها ڍڪي، راڳ وارن ناٽڪن ڏسڻ لاءِ؛ ورانڊي ۾ وڃي ويهندو هو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن ۾ نوڪرن کانسواءِ ٻيو ناٽڪ جي ورانڊي ۾ ڪونه ويهندو هو. هن ولايتي سارنگيءَ وڄائڻ ۾ ڏاڍي ترقي ڪئي؛ پر پڻس کي انهيءَ جي خبر ئي ڪانه پيئي. پهريندي جا اُن بابت کيس خبر پيس، سا تڏهن، جڏهن اوچتو هو هڪڙي پاڙيسريءَ جي گهر ملاقات لاءِ ويو، جتي ڏسي ته سندس پٽ ڳائڻن جي هڪڙيءَ ٽوليءَ سان گڏ سڀني کان اڳي سارنگي پيو وڄائي. هيءُ حال ڏسي، هن کي عجب به لڳو ۽ خفو به ٿيو. انهيءَ اتفاق ڪري، هن جي قسمت فيصل ٿي رهي: انهيءَ کانپوءِ، سندس پيءُ سندس مرضيءَ جي برخلاف ضد ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ائين ڪرڻ ڪري، جهان کي وڪيل سو ڪونه مليو، باقي ڳائڻو سو نهايت عمدو ۽ قابل مليو، جنهن انگريزي موسيقيءَ جي علم ۾ گهڻيون ئي ڪمائتيون تصنيفون ڪيون. +موسيقيءَ جي علم جي تحصيل ۾ همت سان مشڪلاتن ٽارڻ جو هڪڙو مزي جهڙو مثال ’وليم جئڪسن‘ جي احوال مان ملي ٿو، جو ’اسرائيل جي ڇوٽڪاري‘ واري موسيقي ناٽڪ جو مصنف آهي. اهو ناٽڪ اُهو آهي، جو سندس وطني ضلعي ’يارڪ‘ جي سڀني مک شهرن ۾ سوڀ سان اسٽيج تي آندو ويو هو. هو هڪڙي جانڊاهيءَ جو پٽ هو، جو ’يارڪ شائر‘ جي اُتر- الهنديءَ ڪنڊ ۾، ’يور‘ نديءَ جي ترائيءَ ۾، ’مارشام‘ نالي ننڍڙي شهر ۾ رهندو هو. ڀانئجي ٿو ته اُنهن جي ڪٽنب ۾ اصل کان موسيقيءَ يا راڳ جو شوق ورثي ۾ هليو آيو؛ ڇالاءِ جو هن جو پيءُ ’مارشام‘ جي والنيٽئرن جي ٽوليءَ ۾ بانسري وڄائيندو هو، ۽ ديول ۾ به ڳائڻ واري ٽوليءَ سان گڏجي ڳائيندو هو. هن جو ڏاڏو به ’مارشام‘ جي ديول ۾ مک ڳائيندڙ ۽ وڄائيندڙ هو. هن ڇوڪر جي به ننڍي هوندي جي ڳائڻ جي راند اها هوندي هئي، جو آچر جي ڏينهن صبح جو هميشہ ديول جي گهنڊ وڄائڻ مهل اتي وڃي حاضر ٿيندو هو. جيستائين ديول ۾ عبادت پيئي هلندي هئي، تيستائين هو حيرت ۾ ماٺ ڪريو ويٺو ڏسندو هو ته وڏي باجي وڄائڻ وارو اهڙي ڳري ساز کي ڪيئن ٿو وڄائي. باجي جا دروازا پٺيان کولي ڇڏيندا هئا، ته ڀلي ديول ۾ باجي جو آواز کليل ۽ چٽو ٻڌڻ ۾ اچي. انهن دروازن کلڻ ڪري، ننڍا ڇوڪر، جي پٺيان ورانڊي ۾ بيٺا هوندا هئا، سي باجي جا اندريان سڀ عضوا ڏسي حيرت ۾ پوندا هئا؛ پر انهن سڀني مان اسان جي هن ننڍي ڳائڻي کي زياده عجب لڳندو هو. اٺن ورهين جي عمر ۾ هو پنهنجي پيءُ جي پراڻي بانسري وڄائڻ لڳو. انهيءَ بانسريءَ مان ’سرگم‘ جو ’م‘ آواز نه نڪرندو هو؛ پر انهيءَ مشڪلات ٽارڻ لاءِ هن جي ماءُ کيس يڪي سوراخ واري بانسري وٺي ڏني، ۽ تنهن کان پوءِ سگهوئي پاڙي واري هڪڙي سکر ماڻهوءَ هن کي هڪڙي چانديءَ جي چئن سوراخن واري بانسري تحفي طور ڏني. هن ڇوڪر ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪوبه سڌارو ڪونه ڪيو، ڇالا جو هو اسڪول جي سبقن کان وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ گوسن هڻڻ جو شوقي هوندو هو، ۽ اسڪول- ماستر هن کي خراب ڇوڪر ڄاڻي ڇڏي ڏنو هو؛ تنهنڪري هن جي ماءُ- پيءُ هن کي ’ييٽلي برج‘ واري اسڪول ۾ موڪلي ڏنو. اتي ’برائيٽ- هائوس- گيٽ‘ جي هڪڙي ٻهراڙيءَ جي ڳائيندڙن جي ٽوليءَ جي صحبت هن کي نهايت پسند آئي، جن سان رهي، هو قديم انگريزي دستور موجب ’سرگم‘ جا آواز ڳائڻ سکيو. انهيءَ طرح، هن کي موسيقيءَ جي حرفن پڙهڻ ۾ تعليم ملي، ۽ سگهو ئي انهيءَ ڪم ۾ هوشيار ٿي ويو. هن جي جلد ترقيءَ ڪري، اُتي جي ڳائڻ واريءَ ٽوليءَ کي حيرت لڳي. پوءِ جلد هو، موسيقيءَ جي محبت ۾ مست ٿي، وطن ڏي موٽيو. هاڻي هو پيءُ جو پراڻو پيانو باجو وڄائڻ سکيو. پر ان مان ڪي چڱا سُر نٿي نڪتا، تنهنڪري اهو اچي شوق ٿيس ته آڱريون رکي وڄائڻ وارو ڪو باجو هٿ ڪريان؛ پر انهيءَ لاءِ وسعت ڪانه هيس. انهيءَ وقت ڌاري، پاڙي واريءَ ديول جي هڪڙي ڪلارڪ ٿورن پيسن تي هڪڙو وڏو باجو خريد ڪيو، جو ڪنهن تماشي ڪندڙ ٽوليءَ سان اتر وارن ضلعن ۾ به گهميو هو. انهيءَ ڪلارڪ ڪوشش ڪئي ته انهيءَ باجي جا آواز سڌاري ٺاهي، پر انهيءُ ۾ فتحياب نه ٿيو. نيٺ هن ارادو ڪيو ته جوان ’جئڪسن‘ جي مدد وٺي، جو اهڙو ته هوشيار هو جو اتي جي ديول جي ننڍي باجي ۾ سڌاري جا ڦيرڦار به ڪيا هئائين. تنهنڪري، هو اهو باجو گڏهه جي گاڏيءَ تي رکي انهيءَ ڇوڪر جي گهر کڻي آيو. ٿوري وقت ۾ هن اهو باجو سڌاريو، ۽ انهيءَ تي اصل وارا آواز ڪڍڻ لڳو؛ انهيءَ ڪري باجي جو مالڪ نهايت خوش ٿيو. +هينئر هن جوان کي اچي اهو خيا دل ۾ ويٺو ته وڏو باجو آءٌ پاڻ ٺاهيان. هن ائين ڪرڻ لاءِ پڪو ارادو قائم ڪيو. پاڻ ۽ پڻس- ٻئي اچي انهيءَ ڪم کي لڳا. جيتوڻيڪ واڍڪو ڪم نه ڄاڻندا هئا، تڏهن به محنت ڪري، مٿا هڻي، گهڻيون ئي شڪستون ڏسي، نيٺ فتحياب ٿيا. هڪڙو باجو جوڙيائون، جنهن ۾ ڏهه راڳڻيون تمام چڱيءَ طرح وڄي ٿي سگهيون. انهيءَ کي پاڙيوارا ’جئڪسن‘ کي ديولن جي پراڻن باجن جي مرمت ڪرڻ لاءِ، يا نون راڳن جي نالين چاڙهڻ لاءِ سڏيندا هئا، جي هو وجهندو هو. اهو سڀ ڪم هو اهڙو چڱو ڪندو هو، جو ماڻهو خوش ٿيندا هئا. تنهن کان پوءِ هو چئن سَرگمن وارو آڱرين سان وڄائڻ جهڙو جوڙڻ لڳو، جنهن ۾ ڪنهن پراڻي باجي جون سوراخن واريون چاويون ڪم ۾ آندائين. اهو هو وڄائڻ سکيو. انهيءَ لاءِ رات جو هو ’ڪالڪاٽ‘ وارو باجي جو ڪتاب پڙهندو هو، ۽ ڏينهن جو جانڊاهه تي پنهنجو ڌنڌو به ڪندو هو؛ ڪڏهن ڪڏهن ته گڏهه ۽ گاڏي وٺي، ٻهراڙيءَ ۾ مال لڏيندو وتندو هو. اونهاري ۾ هو، گوگڙن جي فصل ۽ گاهه لُبڻ جي وقت ۽ اَنّ جي لاباري مهل، ٻنين ۾ ڪمائيندو هو؛ پر رات جو فرصت جي وقت هميشہ راڳ جي لذت ۽ فرحت وٺڻ کان خالي نه ويهندو هو. تنهن کانپوءِ هو پاڻ راڳ ٺاهڻ لڳو. هن جون ٻارهن مناجاتون يا دعا جا راڳ، ’يارڪ‘ واري مسٽر ’ڪيمبرج‘ کي ڏيکاريا ويا، جنهن کي ٻڌايائون ته ’اِهي راڳ چوڏهن ورهين عمر واري جانڊاهيءَ جا جوڙيل آهن.‘ مسٽر ’ڪيمبرج‘ کي اهي ڏاڍا وڻيا. انهيءَ ۾ جيڪي اعتراض جهڙيون جايون هيون، سي نشان ڪري، هن اُهي وري موٽائي موڪليا، ۽ هن کي همتائڻ جي لاءِ لکي موڪليائين ته ”هي تحسين جهڙا راڳ آهن، ۽ توکي گهرجي ته اهڙا راڳ پيو ٺاهين.“ +’ماشام‘ ۾ هڪڙي ڳائڻ واري ٽولي برپا ٿي، تنهن ۾ هي جوان ’جئڪسن‘، وڃي شامل ٿيو، ۽ نيٺ انهن جو مهندار وڃي ٿيو. هو سڀ ساز يا راڳ جا اوزار واري سان وڄائڻ لڳو، ۽ انهيءَ طرح هن پنهنجي هنر جي چڱي واقفيت ۽ استعمالي حاصل ڪئي. تنهن کانسواءِ، ��نهيءَ مٿينءَ ٽوليءَ لاءِ هن گهڻيئي راڳ جوڙيا. ٻهراڙيءَ واريءَ ديول ۾ رکڻ لاءِ هٿ سان وڄائڻ وارو باجو تحفي طور مليو هو، تنهن جي وڄائڻ لاءِ هن کي مقرر ڪيائون. هينئر هن گهمڻ ۽ جانڊاهيءَ جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ۽ موم بتيون جوڙڻ لڳو- پر جيڪو وقت بچندو هوس، سو اڃا به موسيقيءَ جي تحصيل ۾ لڳائيندو هو. سال 1839ع ۾ هن پنهنجي پهرين مناجات ڇاپائي پڌري ڪئي، جنهن جي پهرين مصرع آهي. ”سڀ آباد ترايون ۽ ماٿريون ڀلي ته خوشيءَ جو راڳ ڳائين!“ +ٻئي ورهيه ۾ هن ’لي‘ جي ڀيڻن وارو راڳ جوڙيو، جنهن لاءِ هن کي ’هڊر سفيلڊ‘ جي ’گلي ڪلب‘ واريءَ ٽوليءَ کان پهريون انعام مليو. هن جي ٻي مناجات ”الاهي، اسان تي رحم ڪر“، ۽ ”زيور“ جو هڪ سو ٽيون سرود، جو راڳ ۾ گڏجي ڳائڻ لاءِ ٺاهيائين، سي ٻئي مشهور آهن. انهن ننڍڙين تصنيفن جي مشغوليءَ ۾، ’جئڪسن‘ پنهنجي راڳ واري ناٽڪ ۾ هٿ وڌو، جنهن جو مضمون هو: ”اسرائيل جو بابل شهر مان ڇوٽڪارو.“ هن جو دستور هوندو هو ته جيڪي خيال دل ۾ اچي سوڙها ٿيندا هئس، اُهي ڪاغذ تي اٽڪائي ڇڏيندو هو؛ ۽ رات جو جڏهن دوڪان ۾ مومبتين جوڙڻ جو ڪم بس ڪندو هو، تڏهن صاف طرح لکي رکندو هو. اهو ناٽڪ جو ڪتاب، سال 1844ع ۽ 1840ع جي اندر ٿورو ٿورو ٿي ڇپيو، ۽ ان جو پويون ڀاڱو هن پنهنجي اوڻٽيهين سالگرهه يا ڄمڻ واري ڏينهن ڇاپايو. اهو ڪتاب ماڻهن کي ڏاڍو پسند آيو، ۽ اُنهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين اُتر وارن ڀاڱن ۾ اڪثر اهو ناٽڪ ڪندا ايندا آهن. نيٺ مسٽر ’جئڪسن‘، ’براڊ فرڊ‘ ۾ موسيقيءَ جو پروفيسر يا معلم مــقـرر ٿــيو، جتي انهيءَ هنڌ جي يا آسپاس جي ماڻهن ۾ راڳ جو شوق ۽ ان جي تعليم وڌايائين. ڪن ورهين کانپوءِ، هن پنهنجــي ’براڊ فرڊ‘ جي ڳائڻ واريءَ ٽوليءَ کي ملڪ معظمه جـــي حضور ۾، ’بڪنگهام‘ واريءَ محلات ۾، وڃي حاضر ڪــرڻ جو شرف حاصل ڪيو. اُنهيءَ مهل، توڙي پوءِ، ’ڪرسٽل پالــيــس‘ واريءَ مــحلات ۾ هــن جا ڪـــي عــمدا راڳ، ۽ تـــعريف جهــــڙا +ڳايــا ويا.* +مٿيون مختصر احوال اُنهيءَ پاڻيهي سکيل موسيقي دان جو آهي، جنهن جي حياتي هڪڙو وڌيڪ مثال اُنهي ڳالهه جو ڏئي ٿي، ته ’خود ياوري‘ ڇا ڪري ٿي سگهي، ۽ همت ۽ محنت ماڻهوءَ کي اوائل جي مشڪلاتن ۽ سخت اٽڪائن تي قابض پوڻ ۽ انهن کي ٽارڻ ۾ ڪيتريقدر مدد ڏئي ٿي. +* مسٽر ’جئڪسن‘ پنجاهه ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. انهيءَ وقت ۾ هيءُ (اصل انگريزي) ڪتاب ڇاپخاني ۾ پئي ڇپيو. (يعني، 1866ع ۾) هن پنهنجو پويون ڪتاب مرڻ کان ٿورو اڳڀرو جوڙيو هو، جنهن جو نالو آهي. ”موسيقيءَ جي تعريف“. سندس حياتيءَ جو مٿيون احوال هن پاڻ مون (انگريزي ڪتاب جي مصنف) ڏي ٿورا ورهيه اڳي لکي موڪليو هو. جڏهن هو اڃا ’مارشام‘ ۾ مومبتين جوڙڻ جو ڪم پيو ڪندو هو. \ No newline at end of file