diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book20.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book20.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book20.txt" @@ -0,0 +1,1322 @@ +ڪتاب جو نالو: بدنصيب ٿري + + + +بدنصيب ٿري +محمد اسماعيل عرساڻي + +حرف آغاز + +سال 1939 ۾ محترم پير الاهي بخش صاحب سنڌ جو وزير تعليم هو. موصوف پهريون دفعو بالغن جي تعليم جو سلسلو جاري ڪيو. مان ان وقت ٿر پارڪر ضلعي جو فرسٽ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر هوس ۽ مرحوم عثمان علي انصاري مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص جو هيڊماستر هو. تعليم بالغان لاءِ زمين هموار ڪرڻ ۽ عوام ۾ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ ننڍا ننڍا مڪالما اسٽيج تي آڻي عوام کي خواندگي جا فائدا ۽ ناخواندگيءَ جا نقصان ٻڌائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي وئي. +مرحوم انصاري صاحب مون کي فر مايوته عرساڻي هي ننڍڙا ننڍڙا ٻارڻا مڪالما منهنجي هاءِ اسڪول جي شايان شان نه آهن. تنهنجي زورِ قلم جو آءُ معترف آهيان. اڄ تنهنجو امتحان آهي.هڪ اهڙو مڪمل ڊرامو لک، جو آءُ پنهنجي اسڪول ۾ اسٽيج تي آڻيان. هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ڏنائين قلم هٿ ۾ کنيم. هڪ سڄي رات ننڊ نه ڪيم ۽ ٻيو سڄو ڏينهن لکڻ ۾ مصروف رهيس ۽ هيءُ ڊرامو بفضل، خداوند تعالي تڪميل کي پهچي ويو. ڊرامي جو نالو ”بدنصيب ٿري “ مرحوم پاڻ تجويز ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڊرامي جو لب ولهجه ٿري زبان ۾ هو. +مرحوم حافظ محمد صادق صاحب (ڊپٽي ڊئريڪٽرايڊيوڪيشن) جو ان وقت مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ اسسٽنٽ ماستر هو، شاگرد کي ڊرامي جي تياري ڪرائڻ جو ڪم ان جي سپرد ڪيو ويو. ڏينهن رات جي محنت ۽ جفا ڪشيءَ بعد تياري مڪمل ٿي وئي ۽ تاريخ 7_مئي 1939ع تي ڊرامو پيش ڪيو ويو. ٿر پارڪر ضلعي ۽ ميرپور شهر جي سڀني سربر آورد شخصيتن وڏي اشتياق سان محفل ۾ شموليت ڪئي. صدارت ان وقت جي ڪليڪٽر مرحوم نور نبيءَ ڪئي. ڊرامي جي سڄيءَ سنڌ ۾ جابجا تعريف ٿي ۽ هر هڪ جي زبان تي هن شاهڪار بابت تحسين جا نعرا بلند ٿيا. +انصاري مرحوم ڊرامي جو مسودو پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ جڏهن پاڻ ڪراچيءَ ۾ تعليم کاتي جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ ان سان گڏ ”سنڌيءَ لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، تڏهن ”بدنصيب ٿريءَ“ جي اشاعت جي مون کان 24 مارچ 1941ع تي اجازت طلب ڪئي ويئي، جا مون بلڪل فراخدليءَ سان برضاورغبت ڏني. مون کي اڍائي سؤ روپيه نقد پهريون انعام ۽ اڍائي سو ڪتاب جون ڇپيل ڪاپيون معاوضي طور ڏنيون ويون. +اشاعت بعد هن ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ اعلي مقام حاصل ڪيو ۽ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ليکجڻ ۾ آيو. محڪمه تعليم ان کي درسي ۽ انعامي طور ۽ لئبررين لاءِ منظور ڪيو. اهو ئي سبب ٿيو جو هن ڪتاب جون ڏهه ٻارهن ايڊيشنون هڪ ٻي پٺيان ڇپبيا آيا. +مان هن وقت پيرسن ٿي چڪو آهيان. ضعف بصارت سبب پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم گهٽ ڪريان ٿو. ارادو ڪيم ته پنهنجون جملي تصنيفات ”سنڌي ادبي بورڊ“ جهڙي نامور اداري جي سپرد ڪريان، جئين هي منهنجون ڪاوشون محفوظ رهي سگهن. ان ڪري مذڪوره بورڊ کي التجا ڪيم ته منهنجا ڪتاب اداري جي تحويل ۾ ورتا وڃن. مون کي پئسن جي لالچ نه آهي. بورڊ سڳوري جيڪي به ڏنو مون کي قبول آهي. +”پريان سندي پار جو دُڪوئي دولت“ +سنڌي ادبي بورڊ ڪرم فرمائي منهنجي آڇ قبول ڪئي ۽ پنهنجي ٻين ڪتابن سان گڏ هيءُ ڪتاب ”بدنصيب ٿري “به قبول فرمايو. چونڪ هيءُ ڪتاب هن وقت سنڌ جي ٻن دانشگاهن يعني ڪراچي ۽ حيدرآباد بي اي آنرس لاءِ سال روان کان درسي طور منظور ڪيو آهي. لهٰذا سنڌي ادبي بورد ان جي پهرين اشاعت، آب وتاب سان ڇپائي ناظرين ڪرام جي اڳيان موجود ڪئي آهي. +منهنجي خيال ۾ اها هڪ وڏي بي انصافي ٿيندي جيڪڏهن هتي آءُ سنڌ جي لائق فرزند، علم جي قدردان، خود هڪ اعلي اديب ۽ نواز محترم غلام ر��اني سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي شڪر ادائي نه ڪريان، جنهن صاحب، مون کي پنهنجا ڪتاب بورڊ جي حوالي ڪرڻ جو مفيد مشورو ڏئي منهنجي دل جي مراد پوري ڪئي. +حيدرآباد، سنڌ والسلام +2-اپريل-1974ع محمد اسماعيل +عرساڻي + + + + + + + + + + + +بدنصيب ٿري + + +(ائڪٽ پهريون) (پردو پهريون) + +]ميرپورخاص جو شهر سيٺ سڄڻ مل جي اوطاق ۾ سندس نفر ’ڍالو‘ ڇنڊ ڦوڪ به پيو ڪري ۽ آهستي آهستي ڳائي به پيو: +اڄ عشق ۾ اوهان جي مون ڪيو مٿو اگهاڙو، +جوانيءَ ۾ جلد مل، نه ته ٿي ويندس ڪُراڙو.[ +(مٿي تي هٿ هڻي) بابا، سڀ ڀا ڳ جو ڪم آهي. آهن ته سيٺيون به ته اسان جهڙا ماڙهو) پر ڏس طولن کي ٽيڪ ڏيو، ڪيئن نه ويٺا موزون ڪن! اسين ته پرڀات کان وٺي اڌ رات تائين، سکڻن سترهن رپين لاءِ رت ولوري ڀت ٿا ڪريون، ته به پر ماتما جي قدرت، مار پوي سيٺين کي، راڄي ته بنهه نٿا ٿين! (ٿڌو ساهه کڻي) وري به شخر جو منهنجو سيٺ سڄڻ مل ته ڪنهن حال ۾ آهي. ٻين نڀا ڳن جون ڳالهيون ٿيون ٻڌجن ته لگ ٿا ڪانڊارجن. شال ڍڪيءَ جو ته منهن ئي نه ڏسجين! +اتي “چنيسر “ نالي هڪ ٿري، روزگار جي ڳولا ۾ ڀٿڪندو، اوطاق جي ٻاهرينءَ ڀت جي ڀر سان اچي ڪانب ڪڍي ويهي ٿو. کٿي جي گوڏ ٻڌل اٿس، بدن تي ڊ گهي ڦاٽل ۽ صدري ۽ مٿي تي ڇنل پٽڪو اٿس. وَرَ مان سلفي ڪڍي وزم ٿو ڀري ۽ ڏوهيڙو ڏئي ٿو.) +منهنجي تلور تلين ۾، آءُ هت بند ياڻي، +مون ڏاڏاڻي ڏيهه ۾، ڦڙهه ۽ لاڻي، +ڪنديس رهاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾. +(ڍالو نفر ڏوهيڙو ٻڌي، ٻاهر ڀرو ٿئي ٿو ۽ چنيسر ڏانهن گهور ڪري نهاري ٿو. ڏوهڙي ختم ٿيڻ تي هڪدم چويس ٿو.) +ڍالو_ متان ٿر يو آهين ٿر يو ؟ +چنيسر _ (نوڙت سان هٿ ٻڌي) هائو سيٺ، گريب ٿري آهيان، +ڍالو _ آهين ڪنهن ڌنڌي سان، ڪين وتين ٿو ٽيشن تي ڳنڍيون ڪپيندو؟ (کلي ٿو) +چنيسر _ (ٿورو ڊڄي) نه ڙي سيٺ، مشڪين آهيان، پيٽ گذر پيو نهاريان. +ڍالو _ (پنهنجي منهن) ٻيلي، سيٺ جي ڪوٺيءَ تي، اوطاق تي، گهر منجهه، اندريون، ٻاهريون، مطلب ته سورو ڪم آهي منهنجي سر تي. روج ٿو دانهون ڪريان، پر سيٺ چوي ته ڪو ٿري ڄٽ ٿورڙي پگهار تي هٿ ڪر، جو گانين جي شيوا ڪري ته تنهنجي جند ڇٽي پوي. هاڻي ته وجهه آهي هن ٿريءَ کي ڇو نه وٺي کڻي وهاريان ! (ٿريءَ کي) اڙي نانءُ ڇا اٿئي ؟ +چنيسر _ سيٺ، چيسر “ +ڍالو _ نوڪري ڪندين ؟ +چيسر _ (مرڪي) سيٺ، عائون، ڪندوسين “ +ڍالو _ پگهار گهڻو وٺندين؟ +چنيسر سيٺ، او تو جي اکتيار[1] آهي، ڪم ڏسي پوءِ قدر ڪج. +ڍالو_ تڌهن به، ابا ٻولي چڱي آهي، +چنيسر _ سيٺ، پو ڪم ڪهڙو ڪبو؟ +ڍالو _ گانين جي کڙ ڪتر، ڏهائي، وٿاڻ جي صفائي، ٻيو وري ڪهڙو ڪم! +چنيسر _ راضِي شاهه ڀلو ڪندءِ، مال چاري پياري متارو ڪري ڏيندوسين، الا جو سونهه ! +ڍالو _ چڱو ترس ته سيٺ وڏو اچي ته پگهار جي صفائي ڪريون، اچي اندر ويهه“ +چنيسر اندر اچي ٺهي ٺڪي ويهي ٿو ۽ ڏاڙهيءَ تي هٿ پيو ڦيري. ايتري ۾ سيٺ سڄڻ مل به اندر اچي ٿو، ڍالو نفر کي رام رام ڪري ٿو ۽ چنيسر نئڙي سلام ڪريس ٿو، سيٺ هڪ ننڍڙي ڊيسڪ جي ڀر سان گدي تي ويهي ٿو ۽ عينڪ ڪڍي پائي ٿو، ڀر ۾ رکيل بنڊين مان هڪڙي کولي لکڻ شروع ڪري ٿو، ذري بعد عينڪ مٿي کڻي، ڍالو ءَ کي چوي ٿو) +سيٺ _ اڙي هيءُ ڪير آهي؟ +ڍالو _سائين هي ٿري آهي، ويچارو غريب اشراف آهي، روجگار کپيس، گانين جي شيوا چڱي ڪندو. سيٺ _ (چنيسر کي) ابا، تون ڪاٿي ويٺو آهين؟ چنيسر _ (منهن تي مرڪ) سيٺ، پنهنجي گهرين، پيا ڏهاڙا ڪاٽيون، +سيٺ _ ابا، اهو ٿو پڇانءِ ته گهر ڪاٿي اٿئي؟ +چنيسر _ (هٿ سان به اشارو ڪري) سيٺ، ٿر مٿي وو! +سيٺ_ (ٿورو خفي ٿي) پر ٿر ۾ به ڪهڙي هنڌ؟ +چنيسر _ او هتان نه ڍري پون��ين ٿر کي، ته ڏوهه ٻارهان ڀٽون اُڪري، اربابين واريءَ ترائيءَ مٿان، اوڍائي مٿان، ڇڇ مٿان، ڇپڻهار مٿان، اڪري، هٿرائيءَ واري سن مٽي، اوڀر ندينءَ ڀٽ مٿي چونرڙا نظر ايندءِ او، اتي ڇيلڙا وٺيو، ويٺڙا ڌينهڙا گهاريون. +سيٺ _ (پنهنجي منهن) کو ٻلي بڪ ته ڪيتري ڪئي آهي؛ (چنيسر کي) ابا، هتي ڪو سڃاڻي به ٿو؟ +چنيسر _ (ڳٽڪار ڪري) [2] سيٺ، هي ماجو پهرو گهمرو آهي، جو سنڌ کي ڍري پيو آهيان. هيل سال ڇنڊون پيون گهٽ، الا جو سونهن! ڏاڍو ڏڪر آهي. ڪک مور ڪونه جڙي، سال بنهه مري ٿو. سگهو ڪو سائين سانوڻ کي آڻي، ته پوءِ سيٺ کي چوئان؛ مان واري ڍاٽيءَ مٿان چاڙهي، توڳن ڌيپلو گهمائي اچان. ڏاڙهي آ مونجي (3) (ڌاڙهيءَ تي هٿ گهمائي ٿو،) +سيٺ _اڙي ايتري ڊيگهه ڇو ٿو ڪرين؟ ٻڌاءَ ته هتي ڪو سڃاڻئي به ٿو؟ +چنيسر _ سيٺ، سڃاڻي وري ڪو ڪونه ٿو؟ +سيٺ _ پوءِ اسان کي ڪهڙي ڪل تون ڪهڙي چال جو ماڻهو آهين؟ سڀاڻي چوري ڪري وڃين ته ؟ +چنيسر _ (ڳٽڪار ڪري) نه ڙي سيٺ، نه. چوري مونجي ڪتي جو به وڙ نانهه. اسان مارو ماڙو پرائيءَ شيءِ کان ڀڇ پري وو؛ اي ڪم اُن سنڌ ين جو. +سيٺ _ (مرڪي به ٿو، مٺيان به ٿي لڳيس) اڙي، هاڻي گهڻو بڪيئي معتبر! ٻڌاءِ ته پگهار ڪيترو وٺندين؟ +چنيسر_ تون پاڻ لائق آهينئين. آءٌ ڪو چُوئان؟ +سيٺ _ چڱو، اَٺ رپيا مهينو قبول اٿئي ؟ +چنيسر _سيٺ، قياس وارو ماڙهو ٿي قدر ڪونه ڪيئي. ڇوڪريا ڇوڪريا پنج روپيا چنڊان چنڊ پيا ڪمائين مان ڏاڙهيءَ سين مڙس، اٺ روپيا ڳنهان؟ جي مٿي نه، ته به ڇو ڪريين جيس ته ڪرينم پگهار منکي مرضي ءَ تي ڏي، پوءِ ڪم نه وڻئي ته ڀلين لاهي کڻي اٺ ڏج. +سيٺ ۽ نفر کلن ٿا. +چنيسر _(سيٺ کي) ڪو، سيٺ کيلين ٿو ؟ +گير واجبي چو اٿمين ڪم؟ +سيٺ_ چڱو ڀلا، رپيا پنج مهينو تنهنجا قبول ڪم ايمانداريءَ سان ڪجان ۽ (نفر کي) ڍالا، وڃي، هن کي وٿاڻ تي ڇڏ ۽ڪم ڪار سمجهائي اچينس. +(ڍالو ۽ چنيسر ٻئي وڃن ٿا،) +(پردو ڪري ٿو) + +(ائڪٽ پهريون) (پردو ٻيو) + +(سيٺ سڄڻ مل جي گانين جي وٿاڻ جو ٻاهريون ڀاڱو. چنيسر اچي ٿو. سلفي هٿ ۾ اٿس. ڪانڀ ڪڍي ويهي ٿو ۽ ڏوهيڙا ڏئي ٿو.) +ماڙي چڙهي ماروئي، ٿي مارن موڙا ڏي، +چي، سڪ نه آندم سومرا! آندم ايرادي، +ته ميان موڪل ڏي، هن نماڻيءَ کي نٿو چئي. +الوالو +ڪريو مهاڙ ملير ڏي اُڀيائي آهي، +جامٿي ڏنيس ماروئن، سا لوئي نه لاهي، +او سومرا! ساهي، ستيءَ وجهه ۾ سنگهرون. +الوالو +ڪيم مهاڙ ملير ڏي مٿي ڪوٽ چڙهي، +نت نهاري ڏيهه ڏي، ڳوڙها پيم ڳڙ ي، +نڱي ڪوڪ قلب سان، منجهان روح رڙي، +او ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين. +الوالو +(سلفي سان سوٽا ڀري پنهنجي ئي منهن) ٻيلي، ملڪ ته ٿر به امير آهي! پر هنين ڏينهين ته ڪوري بک واهه ڙي ميرپور واهه! جهڙو سئيومين تهڙو ئي ڏٺومين. شخر آهي! نوڪري ته جڙي، پگهار به ٺاهو ڪو. مونجون ڪهاڻيون سڻي، سيٺ ويو موهجي! حال ته ڪمايون ٿا چار ڏوڪڙ، جڏهين نه ڇنڊون پيون تڏهن وينداسين وطن. (وري سلفي مان ڦوڪ ڀري کنگهي ٿو، پوءِ ڪافي ڳائيندو، وچ وچ ۾ ڏوهيڙا به پيو ڌئي.) +1_ عمر رات ٻڌيون مون ڪي تاڙن تنوارون، +ستي ٿيون ستائن سنگهارن جون سارون، +هن مند مارون سنڙا، ويڙهين وڳ وارين، +ڇڇئان ڇيڪارئون ڇيلڙا، پٽين پهرائين، +نيڻ منهنجا ان کي ججهو جر هارين، +تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون، +2_ ڪيا ويس وڄڙين کنوڻ نت کسلي ٿي، +ڪري گوڙ واڄا، سڄن ٿيون ستارون، +پهري ڪيا پٽن ۾، وڄڙين وڌاڻا، +سور انين سومرا منگي اندر اڌاڻا، +اُوٺي ويڙا اُڪري، عمر! اباڻا، +ٻڪر ٻاٻاڻا، بسان شال پر ڪنهين! +3_ آٺا مينهن موٽي، ٿيون سايون ڀٽون سڀ، +چرن چاهه سان ڇيڪ ڇيلن قطارون. +جهڙڦڙ مٿي مارئين، جت چيها، چلڙ، چڪ، +اندر ٿو اُڃ مري، ساهه انهن جي سڪ، +پيؤن ساڻ ٻڪڻ ڀري، تان ڏيئي تڪ، +ور پريان سين پڪ، ٻيا ڀاڻ ڀريائي گهوريا، +4_ وڃان مان ملڪ موٽي، وطن ڏي وڇوڙيل، +متان ڏين مارو ڪي مٺيءَ کي ميارون. +اِيءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي، +اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت، +پکن جي پريت، ماڙي سين نه مسٽيان الا الا. +(اتي ڍالو نفر اندر لنگهي ٿو اچي) +ڍالو_ چنيسر، ڪيئن؟ ويٺو آهين موز ۾؟ +چنيسر _ ڀائي، شخر آهي. سيٺ وٽ به ٻيو چنڊ ٿو ڏسجي! مال مٿي پورهيو ڪري ڳويون · به متاريون ڪيو آم · پوءِ به سيٺ ذري ذري ڪري ٿو ڏمر چوي ته تون آهين صفا چٽ بيوقوف اسين لسيءَ لپ جي سوهنج · تي اٽڪيا پيا آهيون. مارو ماڙهو تڙين مٿان پاڻيءَ ڀرڻ جا مهند ئي ملوڪ آهيون. +ڍالو_ ٻيلي هاڻ ڇڏ ڪاوڙ. وٺ هيءُ رپيو. ڪڪڙا ويا آهن کپي. جيسين ٻي ڳوڻ وٺون، تيسين پنج سير مورند واڻئي جي هٽ تان وٺي اچ. پر اچ سگهو، وئين؟ ڊوڙ ڪر، هان؟ +چنيسر _ (رپيو هٿ ۾ وٺي) هن سڄي جا پنج سير ڪڪڙا جڙاندا ڪه؟ +ڍالو _ اڙي، نه ڀوڪ! جيتري پنج سير ملن، اوترا پئسا ڏيئي، باقي ڏوڪڙ موٽائي وٺجانءِ. +چنيسر _ (کلي) تون ته چوئين ٿو، پر هو به ته مهندان موٽائي ڏي ڪه. واڻئي ڪن روپيو جڙي ته مايڙي مريس جو هيڪڙي ڪوڏي به واري کڻي ڏي. +ٿرين ته ڪيراڙن ڪن پائي وات ۾ وجهي، ست مُڪون ٺوڪي کڻي هڻ، جي کڻي وات اَپٽين، +هيڪڙا ڏيندو ڪڪڙا، ٻيا وري ڏيندو ڏوڪڙ؛ +اي آءُ ته ڪونه ٿو مڃين، تون مڃين ته ڀلين! +ڍالو _ (کلي) اڙي اهو ٿر ڇڏي آئين. هتي توکي جيڪي پئسا موٽندا، سي واپس ڏيندو. +رڳو تون سچا ڏسي وڍجان ءِ. +چنيسر _ (کلي ٿو) سچا ڪ ڪوڙا ڪ؛ ڏوڪڙ به سچ ڪ ڪوڙ ڪندا آهن ڪم؟ +ڍالو _ ٻيلي، هاڻ جند ڇڏ، وڃ وڃ، سر نه چٽ. +چنيسر _ (هٿ ٻڌي) حاضر حاضر. +(چنيسر وڃي ٿو. پر دو چڙهي ٿو.) + + +(ائڪٽ پهريون) (پردو ٽيون) + +(مورند واڻئي جو هٽ، اَن جون ڳوڻيون، پسار جا پارڙا ۽ ڪنا، تيل ۽ گيهه جون دٻيون وغيره آسپاس رکيل، ”مورند“ آسڻ تي ويٺو آهي، هرو ۽ کٻيتو، ٻه گراهڪ اڳ ۾ ئي بيٺا آهن. مٿان چنيسر به اچي ٿو.) +چنيسر _ (ايندي ئي هڪل سان) اڙي سيٺ ! ڪڪڙا ته ڏيجينم، پنج سير پڪا. +مورند _ (ڇڙٻ ڏيئي) بيهي ته ملنئي ٿا. تڪڙ ڇڌ. چنيسر _ (آڪڙ مان) ڪي پئسا ڪين ٿو ڏيين ڪي جو ڏڙهين ٿو ؟ +مورند _ (ٿڌو ٿي، نرمائي سان) با با، تو کان اڳ ۾ ٻڪي بيٺي آهي، تنهن کي ته هلايان. تون به ٿو پتڻ پهچين. +چنيسر _ (خفي ٿي) سيٺ، اي تو هجي منهن مٿي نٿو پوئي، اکر ڪهڙا ٿو اچاريين. +(سڀ کلن ٿا) +مورند _ (ٻن بيٺلن گراهڪن کي) ٻيلي، اوهين چئو مون ڪهڙو گٿل لڦج ڪڍيو؟ +چنيسر _ (موروند کي) اهو تپڻ ڪڄاڙو چئي؟ +مورند _ (کلي) اي! پتڻ چيم پتڻ، ڪڏهن اهو اکر ٻڌو ڪين اٿئي ڇا؟ پر ٻيلي، تنهنجو ڏوهه ڪونهي، تون آهين ٿريو، تو کي ڪهڙي خبر پتڻ جي؟ اوهين پاڻي سرڪ کي سڪو، اوهان کي پتڻ ۽ ٻيڙين جي ڪهڙي ڪل؟ +چنيسر _ (اڇل مان) هائو، ٻيڙين جي ڪر ته رڳو ان سنڌين کي! (کيسي مان ٻيڙيون ڪڍي، ڏيکاري) هي تڏهن ٻيڙيون نه آهن ته سرن جون تيليون اهن ڪر؟ +(سڀ کلن ٿا) +مورند _ ٻيلي اسان توبه ڪئي، جهل گندي، پهرين تون وٺ ڪڪڙا، لاهه لڙ، +(ساهمي کڻي ڪڪڙا تورڻ وڃي ٿو،) +هرو _ (خارن وچان) اسين بيٺا پنڪيون کائون هي ڄٽ ڄمائي، سودو اسان کان اڳ وٺي ٿو وڃي! اسين تڏهن وڃون هليا ٻيو +مورند _ (پر ڀائڻ طور) ابا، پهرين تون، پهرين تون، کيتو _ (ڇوٽ مان) پهرين پهرين جي ڳالهه ڪانهي، اهڙي ٻه اکيائي ڪندين ته دڪان اسان کي به کٽا ڪو نه آهن. +(ائين چئي هرو ۽ کيتو ٻئي ڪاوڙجي هليا وڄن ٿا.) مورند_ (پنهنجي منهن) نوٽ آءُ به جيڪي اوهان واڻين مان وٽيان ٿو، سي گهوريا ! اسان کي ڪمائي آهي (چنيسر ڌي اشارو ڪري) هنن جاهلن سان، (اوهان مان) ڪهڙي اپت اٿئون؟ رپئي جي سودي مٿئون ٻه ڏوڪڙ ڪماياسين، ته به وڏو ڇيهه (تنهن وچ ۾ چنيسر گندي پکيڙي آهي، مورند ڪڪڙا توري، گندي ۾ وجهي ٿو،) چي، هي برکت،هي سائين ٻه، (راڳ ۾) او، سي ٿيا ٽي، (ٽيون سير سچ پچ توري ڪو نه ٿو) وري هي چارسي ٿيا پورا پنج (پنجون سير به اڌگيدو توري ٺڳي ٿو وڄيس) ميان چنيسر! هاڻ ڪڍ ڏوڪڙ، تنهنجي ڪري ڏس ٻه گراهڪ وڃاياسين. +چنيسر _ (اول ڪڪڙا گندي ۾ سوگها ٻڌي، پوءِ پٽڪي جي ور مان رپيو ڇوڙي، مورند کي ڏيئي) وٺ وٺ، ڀڄي مور ڪين ٿو وڃان. باقي ڏوڪڙ واري ڏي، ڪڪڙن جو ڪيترو ٿيو ؟ +مورند _ بابا، سو ائين چئين آنين ڪڪڙن جا پنج سير، باقي تنهنجا ٿيا سوا ڏهه آنا، سي پنهنجا وٺ. (سوا ڏهه آنا چنيسر کي ڏيئي مورند هٽ جي اندرئين ڪمري ۾ هليو ٿو وڃي، چنيسر به هٽ کان هيٺڀرو ٿئي ٿو، منهن ۾ هڪڙو جوان گڏجيس ٿو.) +چنيسر _ (جوان کي هڪل ڪري) اڙي جوان، هي ڏوڪڙ ته ڌسي ڏينيم ته گهڻا اهين؟ +جوان _ (ڏوڪڙ وٺي، هڪ ٻه ڪري ڳڻي) سوا ڏهه آنا اٿيئي. (ڏوڪڙ واپس چنيسر کي ڏيئي) اڙي ڇو،تو کي ڏوڪڙ به ڳڻڻ ڪو نه اچن ڇا؟ +چنيسر _ (ڏوڪڙ واپس وٺي) پنڊ کي پتوئي ڪو نه پوئي، اي ڪم آن پڙ هلين جو. (جوان وڃي ٿو هليو، هي به آهستي سوا ڏهه آنا، چوندو، ٻه وکون مس کڻي ٿو ته ور انگ وسري ٿو وڃيس، سو اتيئي ويهي ويچار ڪري ٿو) چه چه ليکو ته ڀلجي ويو. هاڻ، سيٺ ڪن ڪهڙو جباب ڪندس؟ (ٿڌو ساهه ڀري) انڪري پڙهيل ماڙهو کاشو! الله وسري وڃيس، ڏوڪڙ نه وسريس. انهيءَ ڳالهين شهري ماڙهو بنهه پکتا! (اتي ٻيو جوان اچي لنگهي ٿو، چنيسر انهيءَ کي سڏي) اڙي يار ڳالهه ته سڻ. +جوان _ ڇاٿو چوين ؟ +چنيسر_ وڙهين ڪونه ٿو. رڳو ليکو ٿو پين. هي ڏوڪڙ ته ڳڻي سڻائينم. ڏوڪڙ ڏيئس ٿو) +جوان _ (ڏوڪڙ ڳڻي، اتي جو اتي چنيسر کي واپس ڪري) هي مڙ ئي سوا ڏهه آنا آهن. +چنيسر _ (کلي ٿو) هائوڙي هائو! هنن همراهه به سوا ڏهه آنا سڻايا هوم. (جوان کان) سوا ڏهه آني ۾ ٽامي وارا ڏوڪڙ گهڻا ٿيا؟ +جوان _ ايڪتاليهه پئسا. +چنيسر _ (عجب ۾) هئو گازي؟ ڀلا پايون؟ +جوان_ سئو ٽيويهه. +چنيسر_ (تنهان ئي وڌيڪ عجب ۾) سئو ٽي ويهون وو! +جوان_(کلي) اڙي، هڪ سئو ۽ ٽيو يهه، سئو ٽي ويهون نه. +چنيسر _ ڳالهه تساڳي ٿي ! چوندا ڪين آهن ته جهڙي سٺ، تهڙي ٽي ويهون، مون کي ڀلايين ڪو ٿو؟ +جوان_ (کلي ٿو) متان ٿريو، آهين ٿر يو؟ +چنيسر _اهيان ته بروبر ٿريو، پر سڻ ته سهين، هو ليکو ڀلجي ويس، ڏوڪڙ گهڻا ٿيا ؟ +جوان_ (کلي) اڙي، سوا ڏهه آنا پٽڪي جي پلاند ۾ سوگها ٻڌي، وات سان چوندو وڃي، سوا ڏهه آنا، سوا ڏهه آنا.) +(پردو ڪري ٿو) + +(ائڪٽ پهريون) (پردو چوٿون) + +(مير پور خاص جي هڪ گهٽي، چنيسر وات سان سوا ڏهه آنا، سوا ڏهه آنا جهونگاريندو، اچي ٿو اتان لا نگها ٿو ٿئي. اتئي ڪن تي هٿ رکي ڪافي ڳائي ٿو ۽ وچ وچ ۾ ڏوهيڙا به ڏئي ٿو) +عمرا آءُ مري تان نه ڇڏيندي، سومرا ! +مٽي مروئڙن جي. +1_ مينهن اُٺي مارئين لا لڻ ساڻ لڏ يندي، +مٽي ماروئڙن جي. +واجهائي وطن کي آءُ جي هت مياس، +گور منهنجي سومرا ! ڪچ پهنوارن پاس، +ڏج ڏاڏڻي ڏيهه جي، سنجهان ولڙن واس، +ميا ئي جياس،جي وڃي مڙهه ملير ڏي. +2­ سري منهنجي سومرا ! ٿرن ڪين ٿڪيندي، +مٽي ماروئڙن جي. +واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه، +هي سر ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان ! +مقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان! +ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ۾. +3_ هميراڻا هٿڙا، مهري ڪين مڃيندي، +مٽي ماروئڙن جي. +ڪريو مهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ، +سهج سوري ڀانئيان سومرا ! سندوءِ، +ملڪ ماروءَ جي آهيان، جور نه ٿيان جوءِ، +سوقلب ڪوٽ نه هوءِ جو هتيجن هٿ ڪيو. +(ڪافي ۽ ڏوهيڙا پورا ڪري، وري به وات سان سوا ڏهه آنا، چوندو هليو وڃي ٿو) +(پردو چڙهي ٿو). + +(ائڪٽ پهريون) (پردو پنجون) + +سيٺ سڄڻ مل جي ڪوٺي. سيٺ صاحب طول کي ٽيڪ ڏيو گديءَ تي ويٺو آهي. پاسيرو ڍالو نفر ڌاڳا ويٺو وٽي، وچ ۾ بلغاري چلم ٽيڪي رکي آهي، جنهن مان سيٺ ڦو ڪون پيو ڀري، ڪوٺيءَ جي ٻاهران هڪڙو“ قلندر فقير، جنهن کي مٿي ۾ لڏندڙ شيشن واري تاج ڍڪيل آهي، سو سئن پيو هڻي.) +قلندر_ اي سيٺ وڏا ڌڻي ڪندءِ ۽ تنهنجو ڀلو، اسان مشڪين کي پالهو نه موٽاءِ. +سڄڻ مل _فقير، کدا جي واسطي مٿو نه کاءُ. +قلندر_ او، رب سائين وجهندءِ ٻنيءَ ڪنيءَ ۾ برڪت! سوالي ءَ کي در تان خالي نه ڪڍ. +سڄڻ مل_ چيو مين هُل نه ڪر، ماٺ ڪري هليو وڃ. +قلندر _ او ننگر سيٺ، نالي نانءَ ڌڻيءَ جي اڄ ته ڪو قرب ڪر. روز اسين به ڪين ٿا اچون پنجين _ اٺين مهيني آياسين نه آئي جهڙا. +سڄڻ مل _ (هڏي ڏيئي) اڙي، هاڻي گهڻي بڪ ڪيئي. اشراڦ، شراف جو تکم آهين ته وڃ باجار ۾،هتي بيهي گوڙ نه ڪر نه ته ٻڌايانءِ ٿو، مان اهڙو کراب ماڻهو آهيانءِ جو پوليس کي گهرا ئي، اتي جو اتي رستي روڪ جي ڏوهه ۾ ٽنگائي ڇڏيندو سانءِ.. +قلندر _ (سيٺ جي ڌمڪائڻ تي نه ڌمڪجي). +مايا اچڻي وڃڻي، ڪهڙي ڪهڙي پاءِ. +ڪن جي دٻي رهي ڌوڙ ۾، ڪن جي راجا کاءِ، +سڦلي ٿيندي ساءِ جا ڏيندين نانءَ الله جي. +هردو دنيا دار جو پاهڻ کان به پري، +ديا نه اٿس دل ۾، جو دمڙي ڌرم ڪري. +(اهي بيت سر سان ڳائيندو، پڇاڙيءَ ۾ مست قلندر جو نعرو هڻندو، هليو ٿو وڃي. سيٺ سڄڻ چلم به پيو ڇڪي ته رکي رکي يا ته پيٽ پيو مهٽي يا به اوڳرائي ڏيئي، وچ وچ ۾ چوي پيو واهگرو! واهگرو! سچا پاتشاهه ! کئير سک سان نڀاهه ! ٿوري دير کن رکي، ڍالو کان پڇي ٿو!) +سيٺ _ اڙي ڍالا، اڃا چنيسر ڪونه آيو ؟ +ڍالو _ سيٺ وڏا،نه. +سيٺ _ ڪا مهل ٿي اٿس ! وڃي گرق ٿيو ڇا ؟ +(اتي چنيسر اچي سهڙي ٿو) اڙي، ڪڪڙا آندءِ؟ +چنيسر _ آنهه آنهه· +سيٺ_ (گنديءَ ڏي اشارو ڪري.) تڏهن گنديءَ ۾ ڇا اٿئي؟ ڪهڙا آهن نه؟ +چنيسر_ آنهه آنهه. +سيٺ_(چنيسر جي هٿن مان گندي کسي ۽ کولي) اڙي، هي ڪڪڙا نه آهن ته ٻيو ڇا آهي، بيوقوف پوءِ به آنهه آنهه پيو ڪرين! +چنيسر _آنهه آنهه نه ڪيان ته ٻيو نهڪار ڪريان ڪ؟ +سيٺ _ آنهه آنهه معني هائو ڇا؟ (چنيسر ڪنڌ ڌوڻ سان ها ڪري ٿو ۽ سيٺ کلي ٿو.) +سيٺ _ چرين ٿرين ساان اچي ڪم پيو آهي ! اڙي مون کي ڏي باقي ڏو ڪڙ. +چنيسر _ (پٽڪي جي پَلوَ مان ڏوڪڙ ڇوڙي، سيٺ جي هٿن ۾ ڏيئي) هٻي وٺو پانجا ڏوڪڙ. +سيٺ _ (ڏو ڪڙڳڻي) اڙي ڪڪڙا پنج سير گهڻي مليا؟ +چنيسر _ سوائين چئين آنين. +سيٺ _ته پوءِ باقي پوڻا ٻارهن آنا کپن. تو سوا ڏهه آنا ڪيئن آندا؟ +چنيسر _ سيٺ اي مشڪري ڇڏ. مون واٽ مٿي ٻن همراهن ڪنان ڪين پڇو هو ڪ؟ +سيٺ _(ڪاوڙ مان) بيو قوف ڪري ڇاٿو ؟اڙي !باقي ڇهه پئسا ڪڍي ڪر ٻاهر....... +چنيسر _ (مر ڪي) مون کي متان اوڳو لڌ واٿئي ڪ؟ +آءُ ليکي جو تو ڳنا به پکتو آهيان. مون کي ڀلايين ڪو ٿو؟ +سيٺ _ (وڌيڪ ڪاوڙجي) هڪڙو ڇسو بيو قوف،ٻيو وري پاڻ کي سمجهي قابل! مار پوءِ تو مان ڦا ٿو ڇو اچي آهيان؟ پگهار ۾جيڪا ڪڦا يت پئي، سا ته تو ٽوٽا وجهي ڪئي پوري، هاڻي ڪندين ڀانيان ٿوته ڪار کانو ئي ڪوچ! (خار مان) نه کپي تنهنجي نو ڪري، وڃ هليو _ وٺ هي مهِني جو پگهار (پيڍيءَ مان ڪجهه ڪڍي ٿو). +چنيسر _لوڌيين ڪو ٿو؟ پگهار ڏي ته رمندو رهان، ناحق ڏاڙهيين ڪوٿو؟ +سيٺ _ (نوٽ،چنيسر کي هٿ ۾ ڏيئي) وٺ پگهار، وڃ نڪر! +چنيسر_(نوٽ _هٿ ۾ وٺي، اتي ئي موٽائي) نوڪريءَ مان ٿو ڪڍين، پوءِ چٺيون ڪڄاڙي جون ؟ +سيٺ _ (وائڙ وٿي) اڙي چٺي ڇاجي؟ ڀوڪ، هي نوٽ آهي پنجن رپين جو! +چنيسر _ (نوٽ کي ووٽ سمجهي) ووٽ وڃي ڏي ارباب تو ڳاچيءَ کي، اسين باهه ڏيونس ڪ، چرچو گهٻو ڦٽو ڪر. اسان ڪن ڏوڪڙ ڏي ته موٽي ماڳ وڃون. +سيٺ _ (برٽي) الوءَ مان ڦاٿس مرڳو! +چنيسر _ علو ڪهڙو؟ مونجهي جند ڇڏاءِ پوءِ علو ڄاڻي تون ڄاڻ. +سيٺ _ (ڏند ڪرٽي. پيڍيءَ مان پنج رپيا ڪڍي، +چنيسر ڏانهن اڇلي، ٻڌ پٽڪي سان، ڀڄ. +چنيسر_ آهن گهڻا؟ +سيٺ_ ٻڌءِ ڪونه؟ پنج. +چنيسر _ اهن ته ڀلا ؟ +سيٺ _ (ڪاوڙ به پيئي لڳيس، کلي به ٻيو) ڀلا ڀلا! +چنيسر_ (سيٺ کي پير ين پئي موڪلائي) چڱو هاڻي دعا ڪج چيو چايو بشڪ · ڪجانءِ، اسان تو جو ليمڪ · کاڌو آهي. +سيٺ _ چڱو چڱو، ليئر هوندوءِ +(چنيسر وڃي ٿو) + + + + +(ائڪٽ پهريون) (پردو ڇهون) + +(ميرپورخاص جي هڪ حويليءَ جي ٻاهرؤن، چنيسر جو ڳوٺائي “دودو“ ڪانڀ ڪڍيو ويٺو آهي ۽ ڏوهيڙا پيو چوي؛) +عمر! ناڻي پار ڏي، اڄ ڪڪر ٿيو ڪارو، +مندائتي مينهن جي اڄ وسڻ جو وارو، او، ساجن سوڀارو، ڀيڄ ڀني گهر آئيو. +الو ميان +پير، ڏسُ ته ڀلين ٿرجا ماڻهو ڏين.سنڌين کي ته ان ڪري ڪو عقل ئي ڪونهي..... چنيسر جو پڇائي پڇائي، پيرم ۾ ئي لڦون پوئي ويون آهن، اڃا پتو ئي ڪونه ٿو پوي........ آهي ته پڪ ميرپور ۾. پر ٻيلي، ڪيئن سڌ پوئي؟ جنهن ڪنان ٿو پار ٻڇان، سو کنيو ٻوٿ ٻيڻو ڪري (اهل ڪري ٿو). سيٺ وٽ ڏس مليو ته اتان به نوڪري ڇڏي ويو. نهاري نهاري مون پوڙهي جي اکين ۾ ئي پچون پئجي ويون آهن. هاڻ پڇان؟ سو ڪنهن ڪنان پڇان؟ تڙ ڳولي، ڪهڙا ڳوليان؟ مير پور جي شهر ۾ تڙ ٿيا ڪتين ڪنان وڌيڪ ”پر ٻيلي، يار کي ڳولي هٿ ضرور ڪرڻو پيو.(پٽڪي مان ٻيڙي ڪڍي، دکائي، پيئي ٿو.) اٿ ٻيلي دودا، ويٺي ڪنان وڳندي ڀلي (ڏاڙهي ءَتي هٿ گهمائي اٿي وڃي ٿو). +(پردو چڙهي ٿو) + + + +(ائڪٽ پهريون) (پردو ستون) + +(شهر جي دنگ تي ڪکائين جهوپڙي،جنهن ۾ چنيسر رهي ٿو، چنيسر هاڻي شهر ۾ پاڻي ڀرڻ جو ڪم ڪندڙ آهي. ڪنواٽي ڪلهن تي، جهوپڙي ۾ اندر اچي ٿو. ڪنواٽِي ۽ دٻا رکي ويهي سلفي پئي ٿو ۽ ان بعد راڳ ڳائي ٿو.) +ڪري ياد دل ٿي ڌڻ جي ڌنارن کي، +پنهنجي پرت ڀرين پت جي پهنوارن کي، +سڪندي سال ٿيا، +لنگهي ورهيه ويا، +پلپل پور پيا، +قضا قهر ڪيا، +جدا جاني ٿيا، +وڃين شال ملان پنهنجي پيارن کي! ڀلو ڀلو. +ڀلو ڀلو! سيٺ جي نو ڪريءَ کان پاڻي ڀرڻ جو پورهيوڀلو ! گهمري گهمري سان ڏوڪڙ. ڏس ته ڪمائيءَ جي لالچ ڪلهائي ڇني ڇڏيا آم. پر ٻيلي، اپت سا لوهه آهي! (چليهه مان نورو ڇوڙي، پئسا ڪڍي ۽ ڍڳيون ٺاهي اڳيان رکي ٿو. هاڻي ته ڏوڪڙن چليهه چٻي ڪري رکي آم، (چيلهه تي هٿڙو گهمائي ٿو.) اڃا تولي مل وٽ هن مهيني جي پاڻيءَ جو پگهار رهيل آم. اُني جو به اڄ اجام · آهي، او ملي ويو ته پوءِ موز لڳي ويندي. (ائين چئي ٽنگ تي جو ڦٽ اٿس، تنهن تان مکين کي هڪلي، ڏسي ٿو.) پر، سنڌ جون مکيون به ڪي ڇتيون آهن. ماس چڪي ڦٽو ڪيو آن. ڪا اڳڙي هجي ته ٻڌي ڦٽي ڪريان. چوندآهن ته ماهيو ڇيڻو به ڦٽ کي ڀلو آهي. (ڇيڻي لاءِ هيڏي هوڏي نهاري ٿو.) ٻيلي ڇيڻو ته پيو آهي. (اٿي ذرو کڻي ڦٽ تي رکي ٿو ۽ پٽڪي مان اڳري ڦاڙي،مٿان ٻڌيس ٿو) هاڻي جي ڦٽ نه ڇٽو ته چوبو ملڪ ۾ تڏهن دارون ٿيندو ئي ڪونهي ! +(اتي ڀائي تو لومل اندر لنگهي ٿو اچي) +تولومل _ (ڏوراپي طور) اڙي چنيسر، ڪرين ڇا ويٺو؟ صبح ساڻ پاڻي ڏبو آهي، ڪين شنان ڪاڻ ويٺا سڪون. هاڻي ٿر يا، تون ڏاڍو سست ٿي پيو آهين. +چنيسر_ سيٺ تولامل، پاڻي جام، هيءُ ڄنگهڙي پيئي آهي ضربجي، سو چوسون ته ڪريونس ڪو ٽيڪڙ. +تولومل _اڙي مو��ک، پنهنجا ٽيڪڙ ڪهڙا ٿو ڪرين؟ هو ميونسپالٽيءَ جا ڊاڪٽر جي ويٺا آهن، انهن وٽ نٿو لنگهي وڃن؟ +چنيسر _ چون ٿا داختر مور ڳوعِضيائي · وڍيو ڪڍن! +تولومل _چريا ڪونه ٿيا آهن، جو عضوا وڍيندا. رڳو ڦٽ کي ڌوئي، صفا ڪري، ملم پٽي ڪندا. +چنيسر _ سٿن ! ڌوندا ڦٽ ته پاڻي ڪين چورائيندو؟ هاڻي پٽي ته ڪي آمينس · ٺاهوڪي. ماهيو ڇيڻو مکي ڦٽو ڪيو آمينس. هاڻي ڦٽ سگهو ئي سسڪي ويندو. +تو لو مل _ سڪندو ته ڪونه، باقي چڪندو سو سهي، مرڳو ڳهيلا، ٽنگ نه وڃائين! +چنيسر _ تڏهن اسين ٿرجا ماڙهو ڀوڪ اهيون ڪم؟ +تولومل _ (هجو طور) نه نه، آهيوته عقل جا اڪابر! رڳو جڏهن عقل ورهايو ٿي، تڏهن ٻين جهلي هئي جهول، اوهان ٿرين جهليو هو پرڻ! پر هاڻي ٻڌاءِ ته هن مهيني ۾ پاڻيءَ جاوارا گهڻا ٿيا ؟ حساب لاهي ڪر چڪتو. +چنيسر _ (هٿن سان صدريءَ کي مناڙي) هئو، حساب لٿو پيو آهي. تون سيٺ هئين ٿو ڀلجين، سو مون هاڻي حساب ڪري بنديءَ مٿي چاڙهي ڦٽو ڪيو آ. +تولومل _ (کلي) تڏهن ڪڍ پنهنجي بندي ته پتو پوي؟ +چنيسر _ (صدريءَ جي کيسي مان گدامڙيءَ جون ککيون ڪڍي، وائڙو ٿي پيو نهاري) اڙي، هي ڇا؟ موسمدو(2) هو ته ککيون ڪي ڳپل هونديون! (کيسي ۾ ککين لاءِ وري ڦولهه وجهي ٿو ۽ کيسي کي اٿلائي ٻاهر ڪڍيٿو ۽ ڏسي ٿو ته کيسو ڦاٽو پيو آهي.) هوءِڙي تولامل رڻ ٿي ويو! +تولومل _ ڇو ؟ ڇو؟ سيٺ جي بندي ڦاٽي پيئي ڇا؟ (کلي ٿو) +چنيسر _ سڻ ! پڙهيا سدائين ليکي ۾ وڃن ٿا ڦري، تڏهن هيءَ ٽل ڪئي آم. ته وري صدري سڄي ڪانهي، جنهن منجهه ککيو سلامت هون ! +تولومل _ پر ميان، تنهن ۾ منهنجو ڇا؟ مون کي ٿي دير ٿئي. جيترا وارا ڀريا هوندءَ، ککيون به اوتريون نڪرنديون، تنهنجو گيندو ککيون اوڳاريندو ته ڪونه؟ هن مهيني ۾ گهمرا انهن ککين جيترا مس ڀر يا هوندوءِ. +چنيسر _ (ٽي آڱريون ساڄي هٿ جون سڌيون ڏيکاري) او، روز هيترا گهمرا ٿو لاهيان وو ! +تولو مل _ (ککيون ڳڻي) ته بس، مهيني ۾ سڄيون ساريون ارڙهن ککيون، سي ليکو ڪري ڏس ته برابر آهن، ٻيو ڇا کپئي ؟ +چنيسر _ الا جو سونهه؟ تڏهن پوريون آهن ڪ؟ پورهيتن جو پورهيو دانا ڪو نه وڃائي. (خوش ٿئي ٿو،) هاڻي ڏيئيم ڏوڪڙ. +تولو مل _ (کيسي ۾ هٿ وجهي، ڏوڪڙ پيو ڪڍي) بيشڪ، پهرين ڏوڪڙ. چنسير ميان! امانت جا بار ڏاڍا ڏکيا آهن. اسان کي پاڻ ڳڻتي آهي ته پراوا پورهئي جا پئسا ڏيون ته ڇٽي جند. پر ٻيلي، هاڻي پاڻي جي ڀرائي جا اگهه لٿل آهن. (کيس ٻين پائي واري جي حساب سان پئسا ڏئي ٿو) +چنيسر _ تولامل ! ڏسج ڪس ته ڪو نه ٿو لايين؟ +تولو مل _ ڀائي، رام جو نالو وٺ، تون گريب پورهيت، تنهنجو باجنُن جو پورهيو ڪو گهٽ ڪري ڏبو ڇا؟ اهڙي ڪپت ڪا ڪبي ! +چنيسر_ تڏهن ڀائي، آئين واڻيا ماڙهو قياس وارا آهيو. تولو مل _ (پئسا ڏيئي) هان وٺ، ٻين پائين حساب سان ارڙهن وارن جا ٿيا يارهن پئسا پورا. (چنيسر پئسا وٺي ڳڻي ٿو.) ڪئين پورا ٿيا نه ؟ +چنيسر _ (ڪنڌ ڌوڻي) هئو هئو، تولا مل! پورا ٿيا، تون ڪو گهٽ ڏيندين ڪ. (نوري مان ٻيا پئسا ڪڍي، تولي مل کي ڏيئي) ڀائي تولا مل، ڀلائي ڪري هي ڪل ڏوڪڙ ڳڻي ڏينم. +تو لو مل _ (پئسا ڳڻي) مڙئي رپيا اٿئي. چنيسر_ (خوشي مان) ڏوهه رپيا ! نه نه، الا جو سونهه! تڏهن ته موز لڳي وئي. (پئسا وٺي نوري ۾ وجهي، نورو چيلهه سان ٻڌي ٿو.) هاڻي تون هل ته مان ٽڪر ڳڀو وات ۾ وجهي، هير جو هير، گهمرو ڀري ٿو اچان. (تو لو مل وڃي ٿو) سنڌ ۾ لڳي پئي آهي چوري. ماڙهن جا ٽپڙ مورهين کنيو وڃن. هاڻي پئسا پاڻ وٽ رکڻ به چڱا ڪين آهن. ٻچا ٻار به ڪيترو وخت ٿيو ڇڏي آيو آهيان. ان جو به پتو ڪونهي، ٿر ڪنان ڪو ماڙهو به ڪو نه ٿو اچي، جنهن هٿ کڻي ڌوڪڙ موڪلجن. ڀلا سنڌ ملڪ ٿيو ولاتن تي. ڪٿي جا ڪير ڪٿي جا ڪوهيارا! (پريان هڪ ماڻهو تي نظر پويس ٿي ۽ نراڙ تي هٿ رکي چتائي ڏسي ٿو) ٻيلي، جهڙو دودو! ائين وري ڪئين هوندو؟ (دودو ويجهو پيو اچي) هائو ير، آهي ته سچي پچي دودو. +(دودو اچي ٿو، ڀاڪر پائي ملن ٿا ۽ ويهي خبرو چارون ڪن ٿا، دودي جي منهن تي چاپئين ڏاڙهي، هٿ ۾ لٺ۽ هيٺان گوڏ ٻڌل آهي.) +چنيسر _ (دودي کي کينڪاري) دودا کش؟ +دودو _ شخر آهي، +چنيسر _ چاق؟ +دودو _ الله جي مهرباني. +[1] تنهنجي اختيار +1- مطلب اٿيس، نه. 2- منهنجو پهريون. (3) منهنجي +· ڳئون · آهنم · سهنج +· مطلب اٿس هائو. +· بخش. +· نمڪ، لوڻ +· انجام. +· عضوا. +· ڪئي اٿمانس. + + +چنيسر _ متارا، جوڙ؟ +دودو _ لائق رب جا. +چنيسر _ آسودا ؟ +دودو _ سڀئي کئير! چنيسر، تون کش؟ +چنيسر _ ادا شخر آهه. +دودو _ متارو، جوڙ ؟ +چنيسر _ الله جي مهرباني. +دودو _ آسودو ؟ +چنيسر _ رب جو فضل. +دودو _ ٻيو مڙهي کئير ؟ +چنيسر – سارو کئير، هاڻ ڏي ڪي کئير جون کبرون چارون. +دودو- (ڏارهيءَ تي هٿ ڦيرائي) کبرون چارون مڙي کئير جون، ڄاڻئين سڃاڻين ٿو. ذات نالي جو واکب اهٻين. پانجي ڪکين مٿان ستون ڏهاڙو ٿيو آهي ته ڪهي ڪهي اچي هتي پڳو آهيان. +توجو پڇائي اچي هتي لڌو آم –پتو ئي نه ملي. +مسين مسين ڏس مليوته سيٺ وٽ وٿاڻ مٿي هوندين. +اتان وري کبر ملي ته نو ڪري ڇڏي ويو اهين، +تڙ مٿي پاڻي پيو ڀرين.تڏهن واري ڍري آيس تو ڌاري، تو کي ڏسي ٿيا آهيون کش، ٻيو مڙهي آهي کئير. +چنيسر – ادا گهر جي به آهي کئير. +دودو – ڏي پنهنجون کبرون چارون؟ +چنيسر – اسان جون کبرون کئيرجون پانجي ملڪ ۾ پيو ڏڪر، جنهن وڌو ڏولائن ۾ لاچار لڙي پياسين سنڌ پار. ڀلاواکبيت جڙي ڪانه، +ڀٽو. ڇڏي، سنئين پٽ تي آياسين ته پنڌ کٽي ئي نه. +سنڌ جا ڳائو ڀلا وڏا، هلندي هلندي پير ڏناسين نئين ڪوٽ مٿي. الا جو سونهه ! تون ڀاءُ ويٺو آهيين ته گاڏي هجي ڀلا ڏنل ڪانه. وڃ ڙي ريل، توجي هڪل! دل ۾ ڌڙڪي وجهيو ڇڏي. جهڙو شينهن گجندو جهلي، منجهه چڙهيو ٿو ويهين. واهه ڙي واهه انگريچ! اندر ته حملا ت (2) لڳا پيا هئا ! هر هر ڪوڪ جو گهو گهٽ وو؟ واڪڙ واڪڙ، شا ڪڙ شا ڪڙ، ڇه ڇه ڇه اها ئي ساٿ (3) مير پور آڻي سٽيائين، پاڻهي رنک ڏٺو هوندوءِ تون ڪهڙي واٽ آئين ؟ +دودو – (ڏاڙهي ءَتي هٿ ڦيرائي) ساڳي واٽ آيس +پر چنيسر، مان سان وري هيڪڙي جٺ ٿي. تڪڙ تڪڙ ۾ اهڙي وڃي گاڏي ۾ چڙهيس، جتي منڊل لڳا پيا هوا، ڪاريون گاديون“ جهڙيون ڍاٽئين واريون زير گاديون وو! سوئي؟ ان مٿي ٿو چڙ هي ويهيين سوئي؟ ڀلين ڙي ٿر ملڪ! ۾ جهنگ جي خيال جو ڀٽن ۾ سوهنج! سنڌ ۾ ڏاڍا اوهنج! اي وري چنيسر اهڙو سوهنج جو ڪيئن ٿو ڀانين ؟ +چنيسر – واهه واهه ! ڳالهئي ڪام پڇ +دودو – پوءِ ادامونجا، مون کي اچي ٿو پوئي پيٺ ۾ وڪڙِ، سو زير گادين جي هيٺا ن ٽونڊڙو ٿي، لاٿيم هاج. کئير، گاڏيءَ کي لوڇ پوڇ. لڇائي پڇائي آنڊائي ڪڍي ڦٽا ڪيائين! الا جو سونهه 1 توواري ڏا گهي جو پويون خانو به ان ڪنان سو هنجو. کئير، اوچتو هلنديءَ ريل ۾ مار پويس هيڪڙو ڪامورو ڇو نه چڙهيو ٿو اچي! بس، ڪتي وانگر پيو ڏاڙهي. چي، ٽڪس ڏيکار.هتي ڪو چڙ هيين؟ هي ڦس ڪلاس آهي! ڏوڪڙ ڀري ڏي. (ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائي) پوءِ ادامون چو مانس ته ٻيلي راضي شاهه جو سونهه! مونجي هڙ ۾ ڏوڪڙ اٿئي ڪونه. ڪٽين ته ڀلين، باقي لڀندءِ ڪوڏي به ڪانه، مون کي کبر ڪانه هئي ته ڪٿي چڙ هبو، نيٺ ٻه –چار ٿڦڙ هڻي،پي ٽيشن مٿي لاهي وڃي هيڪڙن ڪاٺوڙن مٿي ويهاريائينم.ڀلوڙي يار، واٽ مٿي پاڻيءَ · جارستا ٺهيا پيا هوا ! پاڻ ته ٿرين سرڪ ڪاڻ پيا سڪون. +چنيسر –هائو، ملڪ سنڌ جو به امير آهي! دودا ڪا ٻارن ٻچن جي کبر چار؟ +دودو – ٻيلي، ڏوڪري جنڊ ڪڍيي ڪڍيي بنهه جهري ويئي آهي، کاڌي لاءِ ڪڻو ڪونهي. ٻچا ٻار بک ٿامرن ور! مال ۾ ماتا، سوڍور لکين مري ويا آهن. توجون چار ڳويون، چار پهون ائون منڊڙي گڏ هوڙي به مري ويون، کير جي ستي به ڪانهي، نڪا آلسي لپ جا کائجي، نڪتو داڻو ڪڻو.حال ڏاڍو بري آهي. تون به سنڌ ويهي رهيٻين. وري نه موڪليئي ڪو پئسو پنجڙ، سنڌ۾ سو گهو ٿي ويهي رهيين. ڪا ورڻ جي وائي يا پوين جو ويچار به ڪونه ڪيئي. +چنيسر- ير، ڏوڪڙ ڳچ ڳپل ڀيڙ ڪيا آم، پر گهرين پڄن ڪئين؟ +دودو- انگريچ، شينهن ۽ ٻڪري گڏي ڇڏيا آهن، تون ۽ آءُ هيڏا سارا مڙس هتي ولات کي اچي پڳا آهيون، باقي ڏوڪڙين ۾ بار ڪيترو، جو ڪين پڄندا؟ گاڏيءَ منجهيءَ کڻي موڪل. +چنيسر – مون ب سو آهي ته انگريچ کي ٻه چار ڏوڪڙ ڏبا ته پاڻهي موڪلي ڏيندو. +دودو- ته بس، اهو ڪو بلو ڪر،نه ته هاڻ بک ڪکيون سڪائي ڦٽيون ڪيون آهن. +چنيسر – (هڙ مان ماني ڇوڙي ۽ ڳڙ جو ذرو ڪڍي ٿو.) ڀلا دودا، هوندين به بکارو. بسم الله! آ ته کنيون. +دودو-ادا، يابسم الله! (ٻيئي روٽلو کائين ٿا.) +( پردو ڪري ٿو) + +(ائڪٽ پهريون) (پر دو اٺون) + +ميرپورخاص جي شهر جي هڪ گهٽِي، صوفي فقيرن جو هڪ ٽولو جهمر هڻندو، ڪافيون ڳائيندو، اچي ٿو لنگهي.) +( پردو چڙهي ) +ڪافي سر گجري +واڏنهون آيا مون ڏي ٿتاب اباڻن جا. +1- هي ڏيهه ويڙ ئي وسري، +تو ڏينهن اتي لايا...مون ڏي +2- ياد اسان کي ڇو ڪرين، +منجهايئي مايا...مونڏي +3- ڏينهن اسان ريءَ گذري، +ويڙئي اجايا..... مون ڏي +4- گهڻا مينهن ملير ڏي، +والي ءَ وسايا...مون ڏي، +5- تنهنجي ڏسڻ لاءِ هن، +سانگي سڪايا..مون ڏي، +6- سائين (سچو) سگهڙا، +مون کي مارو ملا يا... مون ڏي +(پردو ڪري ٿو) + +(ائڪٽ پهريون) ( پردو نائون) + +ميرپورخاص ۾ عريضي نويس عبدالله خان جي آفيس. عبدالله پاڻ ۽ ٻه ڄڻا ٻيا ويمي ڪمپنين جا ايجنٽ ويٺا آهن، هڪ ميز ۽ چار ڪرسيون پئيون آهن. مس، قلم، ڪاغذ، ٽائپ رائيٽر موجود آهن. عبدالله خان ۽ ايجنٽ پاڻ ۾ ڳالهيون ويٺا ڪن. ايجنٽ کي انگريزي ڊريس پيل آهي، سندن ٽوپلا ميز تي رکيا آهن.) +عبدالله خان – هاڻي شايد ويمن جو به ڪو چاڙهو ڪونهي ؟ +ايجنٽ پهريون – نڪو، پروپوزل ئي ڪو نه ٿو ملي، شروعات ۾ سي ڍو هئا. هاڻ ته آهن سڃ جون سٽون،ڀينگ جون ڳڻتيون! ڇا ڪجي؟... ڪئنال اسسٽنٽ جي عهدي تان برطرف ڪيو ويس، ته اول منجهي پيس ته هاڻي گذر ڪئين ٿيندو، پر پرماتما جي دعا سان ايجنسي ملي ۽ گنج لڳي ويا. +عبدالله خان – هائو، ڀتاڀاڙا ڊبل ۽ گشت جام ! +ايجنٽ پهريون – هاڻي اهارونق ڪانهي، ڪمپنين به ڪئي آهي سختي. مڙئي پيا گاڏو گهليون. هئينر زور آهيو اوهين عريضي نويس. +ايجنٽ ٻيون – (همراهه کي سر وٺائي) هائو، جهيڙن جهٽن جو درخواستون، خط، مني آرڊر، اپيلون مطلب ته موج لڳي پئي اٿانو. رپيا ٻه چار سئو مهيني ۾ ڪهڙي ڳالهه آهن! وڏي ڳالهه آزادي. پنهنجي آفيس ۾ بهاري ڪيو ويٺا آهيو. +عبدالله – (کلي) نڪو، پر ايڏا اپراسا هينئر آهن ڪٿي! رڳو شڪر آهي ته ڪنهن جي محتاجي ڪڍڻي ڪا نه ٿي پوي. ڪوڙ سچ ڪيو، مڙيئي پيٽ ڪڍيو ويٺا آهيون. +(اتي چنيسر اندر اچي ٿو ڊڄندو ڊڄندو نئڙي سلام ڪري ٿو.) +عبدالله – سائين، ڏوڪري ءَ کي ٿرين سنيهو ڪرڻو آم. ماڙهو چون ٿا ته تون ئي سنيهو موڪلي ڏيندين ؟ +عبدالله – هائو، اتي ويهه ته ڪم لاهيون ٿا. +(چنيسر هيٺ ويهي ٿو ) +ٻئي ايجنٽ – چڱو دوست، (کلي) هاڻي تو کي لڳي آهي گراهڪي، اسين اٿون ٿا. +( ٽوپلا پائي اٿن ٿا ته چنيسر ڊڄي وڃي ٿو.) +چنيسر – بچين هي ڪير ها ؟ +عبدالله – متان ٿريو آهين؟ +چنيسر – هئو جيئين. +عبدالله – وڏو ڪماني ٻڌو اٿيئي ؟ +چنيسر – هئو سائين. +عبدالله – هو جيڪو ٿلهڙو هو، سو ڪماني هو. +چنيسر – هان ڪماني صاب! ڀلاهو بدن جو لاٺيڙو جوان ڪير هو؟ +عبدالله – ڊپٽي صاحب. +چنيسر – (وات ۾ آڱر وجهي) ڊپٽي ؟ پر تو جي ته ڏاڍي هلندي آهي. اسان جي ٿر پاسي اچن ته نر پکي هڪالجي وڃي! تو وٽ پاڻ هتي هلي پيا اچن ! +عبدالله – اسان جا ته دوست آهن، تنهنجو نه ڪڏهن ڪو ڪم پوي، ته اسان کي چئج ته هڪدم لاهي ڏينداسين. هاڻي ٻڌاءِ خبر ڇا کپي ؟ +چنيسر – سائين ٻچڙا ٿا مريم بک.ٻه ٽي چنڊ وهيو آهيان ۾ تڏهن ڪجهه ڏوڪڙ ڪمايا آم.ڳوٺ ڪنان دودو آيو آهي؛ چي، ڏوڪڙ به موڪل ۽ حال حوال به سڻا. هاڻي اهڙو ڪو بلو ڪري ڏي، جو مڙئي ڪا سڌ سما پوئي. تو کي الله سائين هٿ جس ڏنو آهي. تو جي هٿ وس سڀڪين آهي. +عبدالله – (ڪنڌ ڌوڻي )هائو. تون ڪوبه خيال نه ڪر. مون کي ڏي ڏوڪڙ. +چنيسر – (نورو ڇوڙي پئسا ڪڍي ٿو ڏيس) اچي. +عبدالله – (ڏوڪڙ ڳڻي ) هي ته مڙ يئي ويهه رپيا آهن؟ +چنيسر – چڱو ويهه ئي موڪل ڏي. +عبدالله – ڀلا، حال احوال به موڪلبونه؟ +چنيسر – هئو سائين، آو ته سڀ کان مهند. +عبدالله – انهيءَ لاءِ خط تي پئسا لڳندا. ٽين پئسي وارا موڪليندين، ڪي سوا آني وارا؟ +چنيسر –سائين، جيڪو مهندي پڄي سو موڪل صفا بيو قوف، گذريل سارو هفتو گراهڪ ڪونه آيو آهي.اڄ ٻيڙائي پار آهن. (چنيسر کي) چڱو چڱو، رک خداتي. (ڪاغذ کڻي لکڻ ويهي ٿو) ڇا لکان ؟ +چنيسر –سائين کي چوئان، ڏوڪريءَ کي لک ته چنيسر ٿو چوئي ته دودي کان سنيهو مليو، روئڻ اچي ويو. ائين چئي سچ پچاڻي روئي ٿو) هاڻي انگريچ هٿ ويهه روپيا به ٿو منجان. ٻيا به ڏوڪڙ ڪمائي،اڃا ڇنڊون پيون ته هليو ايندس، +عبدالله –(خط لکي پورو ڪري )پتو ته ٻڌاءَ ته خط ڪٿي پهچي ؟ +چنيسر – منهنجي گهرين پڄي، ٻيو ڪٿي ؟ ڏوڪريءَ کي ملي. +عبدالله – اڙي ڳوٺ جو نالو ٻڌا ءَ؟ (ٿوروترسي) ۽ ڏوڪريءَ جو نالو وٺ؟ +چنيسر –ڳوٺ هميراهه ٻهه ۽ ڏوڪريءَ جو نالو جانل عبدالله – (لکي ٿو ۽ لفا فو بند ڪري،پوءِ مني آرڊر فارم ڀري ٿو) ابا جواب ڪنهن وٽ اچي ؟ +چنيسر –تووٽ ئي کڻي اچي، ٻيو مون ڪڻ ڪير ٿو سڃاڻي ؟ +عبدالله –(وري لکي ٿو) هان وٺ هيءَ ڊگهو ڪاڳر (مي آرڊر فارم ڏيئي )، سو ڏجانءِ (اشارو ڪري ) سامهون وڏي ٽپال ۾، دريءَ واري منشيءَ کي. هي پئسا (کيس موٽائي ) به ڏجانس ته توکي هڪڙي ڪا ڳر چٽڪي ڪڍي ڏيندو، اها آهي پئسن جي رسيد، سا ڪجان ءِ سو گهي. +چنيسر – سائين، ڪو ماڙهو ساڻ گڏي ڏيينم ته هفيس هلي ڏيکاريم. آءُ الله جو سونهه، ڏران ٿو. عبدالله –چڱو چڱو! (هڪڙي واٽ ويندڙ ماڻهوءَ کي سڏ ڪري) مسٽر، ڀلائي ڪري هن غريب کي ته پوسٽ آفيس ڏيکارجو (چنيسر کي) اڙي آٿ، هن مسٽر سان گڏيو وڃ. +( ٻيئي رواناٿين ٿا) +عبدالله – (مرڪي ) هاڻي ڪٿي ٿي هميراهه ٻهه، ڪٿي رهي جانل؟ ٿر ۾ به ٿا مني آرڊر ۽ خط پهچن !ڪير ويٺو جاهلن سان مٿو هڻي ؟ جاهلن جي ڪمائي... +( پردو ڪري ٿو ) +(ائڪٽ پهريون) ( پردو ڏهون) + +(ميرپورخاص شهر جي ساڳي گهٽي، صوفي فقيرن جو ٽولو، ڪافيون ڳائيندو ۽ جهمر هڻندو، ورندو اچي ٿو لانگهائو ٿئي). +ڪافي +لڙهه لهرين ۾ لڙ هيو وڃانءِ ٿي، +مئيءَ جي مدارت ڪج ڪا، ميهار! +1- مون ڀانيون ڪو ڪنديس ميلو، +وچ درياءُ ۾ ڀريم ڀيلو، +لهرون لنگهي ويون لک هزار، لڙهه لهرين ۾ +2- مئي جي مارڻ لاءِ واڳو ن وري آيا، +قوت ڪرڻ لاءِ مڇ مڙي آيا، +سوا لک سنڇري آيو سيسار،لڙهه لهرين ۾ +3- عشق اوهان جي آنديس اوڙا هه ۾، +دلو ڀري پيم وچ درياهه ۾. +ڪرم لکئي جو، ڪونهه ڏو هه ڪنڀار، لڙهه لهرين ۾ +4- سڻج درياءُ وچ مئيءَجون دانهون +پرت منجهارون اچج او راهون، +ماڙي ءَ ۾ ٿو چوي، منٺار، لڙهه لهرين ۾ +هڪڙِو فقير –يارو شاهه صاحب سچ ٿو چوي، +آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو، +ڪونه کائي ڪنهن جو سند و ماڻهو ءِ ماس، +دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس. +ٻيو سڀ لوڪ لباس، +ڪو هڪدل هوندو هيڪڙو. +ٻيون فقير – حق! سائين، حق! +يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني، +آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي. +ٽيون فقير – ياراڻي به ڪهڙي وڃي رهي آهي؟ +ياراني يارن جي پاڻي ٿي پيئي، +جهليسون ٻڪن ۾، وٿين کون ويئي. +چوٿون فقير- اسان آهي ئي نوڪر، تنهنجي نانءُ جا. +پهريون فقير – حق! حق! +ٻيون فقير – پوءِ قبلا! زمانو نيٺ سڌرندو، ڪين بنهه بس؟ +پهريون فقير –الله گهر يو آهي ته نيٺ سڌرندو. +ٽيون فقير – نيٺ به حضور، ڪڏ هن ؟ +پهريون فقير- جڏهن لوڪن ۾ ساڃهه ايندي. +چوٿون فقير- اها به صاحب، ڪيئن ايندي ؟ +پهريون فقير– ماڻهن جا جڏهن من گلندا. +ٻيون فقير – انهي ءَ جو اَپاءُ؟ +پهريون فقير- عام لوڪن مان جاهلت نڪري. +ٽيون فقير- با با سائين، هتي ته ماجرا ئي اور لڳي پئي آهي. ڪو چار اکر سکي ته اباڻي ڪرت ڪرڻ کان ڪڻس عار پيو لڳي. +چوٿون فقير– اکر ڪين ٿو سکي، الله ٿو منجهو نس اڙي! +پهريون فقير – هائو !هائو! پر هاڻ ڪو مڙيوئي وسوارن کي عقل آيو ٿو ڏسجي. ٻڌجي ٿو ته انهيءَ ڏس ۾ سندن صلاح آهي ته لوڪن کان سندن اباڻا ڌنڌا ڌاڙيون ۽ ڪسب ڪاريون ڇڏائجن نه، پرپنهنجي ءَ ڪرت ڪار ۾ هو رڌل به ڀل رهن، انهيءَ سان گڏ اکر به پيا سکن. +ٻيا ٽيئي فقير – يارو، حق ! حق! +(پردو چڙهي ٿو +(ائڪٽ پهريون) (پردو يارهون) +(ميرپورخاص جي پوسٽ آفس، ڪلا رڪ اندر دري وٽ بيٺو آهي دريءَ جي ٻاهران، آفيس جي آڳنڌ ۾ پنج –ست سنڌي ويٺا آهن. +چنيسر ڊڄندو ڊڄندو، وائڙن وانگر اچي ٿو. +چنيسر ڪلارڪ جي سامهون بيهي سلام ڪري ٿو). +چنيسر – (ڪلارڪ کي ) هي کت ڪٿي ڦٽو ڪر يان؟ +ڪلارڪ – با با، اهو سامهون ڀت ۾ دٻو کتل اٿيئي، ان ۾ وڃي وجهه. +چنيسر – (دٻي ڏي وڃي ٿو ۽ ڪلف لڳل ڏسي وري موٽي ٿو ۽ ڪلارڪ کي چوي ٿو) سائين، هن کي ته ڪرڦ لڳو پيو آهي، ڪنجي ڏيئيم ته کوليانءِ؟ (بيٺل ماڻهو کلن ٿا) +ڪلارڪ –(مرڪي ) اڙي، آنهه آنهه ڇا ؟ +چنيسر-سائين، چوئان ٿو ته بروبر ٿريو آهيان. +ڪلارڪ با با، اهو کو لبو ڪونه، مٿان چير مان ئي خط لنگها.ئي ڇڏ. +هڪ ماڻهو – اڙي مون کي ڏي چريا! (چنيسر کان خط وٺي دٻي ۾ وجهي ٿو. چنيسر حيران ٿي عجب ۾ پوي ٿو) +ڪلارڪ_ ٻيو ڇا کپيئي؟ +چنيسر_ سائين هي ڏوڪڙ پڄائڻاڻا آهن. +ڪلارڪ – مون کي ڏي اهو فارم ۽ پئسا، +چنيسر – (پئسا ۽ فارم ڏئي ٿو ) سائين، هي وٺ. +الله جو سونهه! موڪلين اهڙو سگهو، جو بنهه اتي ئي وڃي ٻچا ٿا بک مرنم! +ڪلارڪ_ ٻچا ڪنهن جا؟ +چنيسر- مونجا، ٻيو ڪنهن جا؟ +ڪلارڪ –پر هي پئسا ته عبدالله عريضي نويس ڏي ٿا وڃن؟ +چڀيسر – (ڳٽهار ڪري ) انهيءَ ته لکي ڏنو آم، +ڪلارڪ – پئسا به ته انهيءَ کي ملندا نه؟ +چنيسر – سائين ڳالهه کي سمجهڻ وري ڌوڙ ٿو! +چوم ته انهيءَ ته لکي ڏنو آم، پئسا ويندا ڏوڪريءَ ڏي. +ڪلارڪ – اڙِي ڀوڪ، ڏوڪري ٿي لاڙڪاڻي ضلعي ۾، هي ته لوڪل مني آرڊر آهي. چوين نادان ڇا پئو ! +چنيسر – ڏوڪري مانجي ڳوٺ گهرين ويٺي اهي.تون وري ڪهڙي ٿو چوئين! +ڪلارڪ – (تيسين رسيد لکي وٺي ٿو ۽ مهر هڻي ڏئيس ٿو.) هاڻي وٺ رسيد،مٿو نه کاءُ جنهن جا هوندا تنهن کي پاڻيهي ملندا. +چنيسر- (رسيد وٺي ) هاڻي پئسا سگها پڄا ئيج، اي ڪج ڀلائي. +ڪلارڪ – پئسن کان تون چٽين، وڃي ٻيا ڪماءِ. +(چنيسر رسيد کي ذري ذري پيو ڏسي، ٿوريءَ دير بعد اها پٽڪي جي پلا ند ۾ ڏي ٿو. اتي وري ٻيو ٿو پور پويس، سو رسيد پٽڪي مان ڇوڙي، اتي بيٺلن مان هڪ کان ٿو پڙ هائي،) +چنيسر –(رسيد هٿ ۾) ويهه رپيا عبدالله عرضي نويس کي ميرپورخاص ۾ پهچن، +چنيسر – ( کلي ٿو ) شاباس هوئي ويچاري کي ! آو نه لکي ڏئي ها ته ڪم ئي ڪونه ٿئي ها، ماڻهوءَ کي) ڀلا ٻيو ڪو ڏو ڪريءَ جو نالو به لکين آهي؟ +ماڻهو – ٻيو ڪجهه به لکيل ڪونه آهي، پر ميان اتي جو اتي پئسا ڏيڻا هوءِ ته روبري نٿي ڏنئي! مني آرڊر ڪميشن ويهي پري اٿئي ؟ +چنيسر – (آبتو سمجهي) هئو سائين، اتي جو اتي ويچاري ڪم ڪري ڏنو. ويرم ئي ڪانه لڳي. +ماڻهو – مان ڇاپيو چوان، تون ڇا پيو بڪين؟ +چنيسر- نه ته، الله جو سونهه ! سچ ٿو چوئان، ڏاڍو ٺاهو ڪو مارهو آهي. ائين وڏن شو هرن ۾ ڪير ٿو ڪنهن سان ڀلا ڪري ! +ماڻهو –چڱو، نٿو سمجهين ته جند ڇڏ، وٺ پنهنجي رسيد، ٻڌ پٽڪي سان. +(چنيسر –رسيد وٺي وري پٽڪي سان ٻڌي ٿو، پوءِ آفيس جي ٻاهران رستي تي ويهي سلفي به ٺاهي پيئي ٿو ۽ ڳائي به ٿو.) +عمر !اڇا ڪپڙا ڪاڻيا رون ڪيئن ڪن! +جنين جا ٿرن ۾ ور ٿا، ويڻ سهن، +هوءِ جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا! +الو، الو +عمر ! اباڻي ڏيهه ڏي، اندر ٿي آڪير، +مون کي مارن ميڙ يٻين، سومرا سڏير، +ساڙيهه ۾ سر تين سان،شل کليو پيان کير، +الله لڳاامير، ڪڍ بند ياڻي بند مان، +الو الو +چنيسر- (کلي) واءَ ٻيلي، ڏوڪريءَ کي به ويهه روپيا وڃي هٿ ۾ جڙ ندا ته پوءِ ڀلو ڀلو! حال ته کشيءَ مان اٿي جهمر هڻندي. پئسو به گم ٽار آهي وو! ڏک سٺو به هيڪرته ويندس، وسري. باقي ٻيلي، مان کي سو ياد ڪندي هوندي، اڙي راضي شاهه ڪا وطن تي واڳ وار! +( وري ڏوهيڙو ڏئي ٿو) +واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان، +هيءُ سر ساڙيهه سامهون، منهنجو نج ميان! +مقامياڻي ماروين،وڃي ٿو ٿيان، +ميائي جيئان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي. +الو ميان. +(ڊراب سين ) + + +(ائڪٽ ٻيون) (پردو پهريون + + +(ٿر ملڪ ۾ چنيسر جو ڪکائون چونرو، +چنيسر جي ڏوڪري جانل، ڄمار جي وڏڙي، وار اڇا، مٿي تي ڦاٽل ملير، ڪلهن ۾ ڇنل کٿل گج، هيٺان پراڻو پڙو. ڏڌبه ويٺي ولوڙي ته ڳائي به پئي. ٽي ننڍڙا گدلا ٻار، انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، هڪ ئي رلي ۾ ويڙهيا، منهن سندن ٻاهر، ستا پيا آهن. +راڳ +(1) سارو ڙي، سيارو مون گندي ۾ گذاريو، +مون کي تان رليءَ جي رولا ڪي ماريو، ڙي! +ڍاٽيڙا ! هيلو ڪو وري آ. +(2) پٽ جي سامياڻي، ڍٽ جو ڍاٽيڙو، +مون کي آڌي ڙي کوڏيئڙو وڻيو، ڙي! +ڇولا! هيلو ڪو وري آ. +(3) بگو تان ڍڳو، سو مالهي تان مالهيءَ جو، +سو تان موڙي منجهه مرندو ڏسان، ڙي! +جاني! هيلو ڪو وري آ. +(4) ست تان سامياڻيون، پاڻي تي هليون ڙي! +سل تان سامياڻي ڳوڙها ٿي ڳاڙي، ڙي ! +مٺا! هيلو ڪو وري آ. +(5) هرڻي گهوڙي تان هارون پليءَ جي، +نو نريون ٿي ڪڏي، ڙي! +ڇورا !هيلو ڪو وري آ. +(6) سايون ڙي ڪانچون، مان سامين جون ساريان ڙي، +مون کي تان کٿيرو گوڏيئڙو وڻيو، ڙي، +ڍاٽيڙا ! هيلو ڪو وري آ. +جانل – (ساهي پٽي ) ادي، دودي کي وئي به ڳچ ڏهاڙا ٿيا. کبر ئي ڪانهي ته حاجي جو پيءُ هٿ آيس جان ڪو نه ؟ اڃا تائين ته اسان ڏي ڪوڏي به ڪو نه مڪائين. هاڻي ته ٻاجهري به کپي وئي آهي. رکي سڪي ماني به ٿئي ٿي بند. ٻچڙا بکن ۾ پاهه پيا ٿين. مال وڃين مرندو.الاجي ڪهڙو حال ٿيندو؟ وري الله سائين! ڪو حال ڏسي ڀال ڪجان، ٻيو اسان مشڪينن جو تو بگر نه ڪو اجهر نه ڪو آسرو! +( ٽيئي ٻار ننڊ مان روئي اٿن ٿا ۽ ماءُ کي ٽيئي چنبڙي کيس پٺي تي ڌڪ پيا هڻن.) +هڪڙو - امان، بک! روٽلو ڏي، +ٻيو – امان، بک ! لسي ڏي. +ٽيون – امان، بک ! مکڻ ڏي. +جانل – ( ٻارڙن کان پاڻ ڇڏائي) مٺيءٌ کي ڪٽيو. جهجهيون مان��ون ٻچن کي، آءُ قلبان وڃان! اجها ٿي دانگي چاڙهي، پٽن کي روٽلو پچائي ڏيان، +( اتي عالم اندر اچي ٿو ) +جانل – ( عالم کي ) ادا، کش، چڱو ڀلو؟ +عالم – ادي، تون ته کش آهيين؟ +جانل – ادا، شخرانا. +عالم – ادي، سڀئي هوڪارن ۾؟ +جانل - ادا عالم، مون توکي اجهوهير پي ياد ڪيو. ڳڻين جا ڪوٽ چڙهي پيا آهن. ٻچا بکن ۾ پاهه پيا ٿين. نه حاجي ءَ پيءَ آيو ۽ نه وري ڪا کبر چار مڪائين. دودو پٺيانس ويو، اهو به وڃي ويهي رهيو، سڌ ڪانهي ته ڪهڙو حال ٿيو؟ +عالم – سکيو اڄ سنڌ کان آيو آهي، دودو گڏيو هوس، چويين ته چنيسر کت به لکائي مڪو آهي ۽ ڏوڪڙ به انگريچ هٿ ٻلٽي ڪري مڪا اَنس. آنءُ ڳن ڪين مليا اهن ڪ؟ +جانل – اسان کي ڪونه مليا آهن. ڪير آڻي ڏيندو؟ +علم- انگريچ جا ماڙ هو آڻي ڏيندا، ٻيو ڪير؟ +ٽيئي ٻار – (ماءُ کي گندي ءَ کان ڇڪي ) امان بک ! +امان بک ! امان بک! +جانل – ابا، الله بکون لاهيندو. (اٿي پاٽو ڙي مان ٻاجهريءَ جي مانيءَ جو پاروٿو ٽڪرو آڻي ڏئين ٿي.) هان ٻچا، هي وٺو کائو. اجهي ته ڏوڪڙ آيا، پوءِ داڻا گهر ائي پٽن کي ڍير روٽلا پچا ئي ڏينديس ) +(عالم کي ) هتي ته نڪو آيو انگريچ جو ماڙ هو، +نڪا آئي ڪاٻي پهر. اسين ته پئسن کي چنڊ پانگر پيا نهاريون. +اهڙو سڻا ئو واءُ ته الا جي ڪڏهن لڳندو؟ +دعا ڪج. +عالم –الله جي دعا ٿيندي. چاڪر ٿو وڃي سنڌ کي. +انهيءَ کي چوئي ٿا ڇڏيون ته دودي کي ڳولي، +چنيسر کي نياپو ڪري ته پئسا اسان کي ڪونه مليا آهن. ڪو سگهو گس ڪج، نه ته هاڻ هيڻين جو حال ڪونهي ! +جانل –ادا، الله توجن ٻچن ۾ سگهه وجهندو! +ڪو اهڙو بلو ڪج.چاڪرکي وڃي نياپو ڏج، +متان نڪري نه وڃي. +عالم – نه نه چاڪر ڏينهن لڙي نڪرندو، پر آءُ هير ئي وڃي ٿو سمجها ئي اچانس. +(عالم جو هڪڙو پير اندر هڪڙو ٻاهر آهي ته مٿان چاڪر پاڻ اچي ٿو سهڙي.) +چاڪر – ادا، سلام اليڪم +( هڪٻئي کي ڀاڪر پائي گڏجن ٿا ۽ ڀاڪر ۾ ئي هڪٻئي کان خبرچار پڇن ٿا.) +عالم –ادا، کش ؟ +چاڪر –شخر آهه، +عالم –چاق ؟ +چاڪر –الله جي مهر باني. +عالم – متارا، جوڙ؟ +چاڪڙ – لک لائق رب جا. +عالم – آسودا؟ +چاڪر – سڀئي کئير! عالم، تون کش؟ +عالم- ادا، مڙئي شخر. +چاڪر – متارو، جوڙ ؟ +عالم – الله جي مهرباني. +چاڪر – آسودو ؟ +عالم – رب جو ڦضل. +چاڪر – ٻيو مڙوئي کئير ؟ +عالم – ادا، سارو کئير. +(تنهن وچ ۾ هڪٻئي جي ڀاڪر کان نڪتا آهن ۽ ڪانڀ ڪڍي تڏي تي ويٺا آهن.) +چاڪر- ادا عالم، ڏي کبر ون چارون. +عالم – ادا عالم، ڏي کبرون چا رون. +عالم – کبرون مڙئي کئير. ويٺڙا الله لله ڪريون. اڄ آيس هتي چنيسر جي گهرين. ڏوڪري ويچار بنهه مري ٿي. سو اهيس ته تون وڃين ٿو سنڌو کي، سو مون ڪن ڪيئين ميڙ منٿ ته چا ڪر ڪن وڃي سنهيو ڏيج ته چنيسر کي چوئي ته توجو نڪو اسان کي مليو پئسو، نڪو پنجڙ. اسان کي بکن بيحال ڪري ڇڏيو آهي. چڱو جو ياد ڪندي، تو پاڻ اچي هتي نکتين، نه ته آءُ پاڻ تو ڪن پي آيس. +چاڪر- عالم، مون، ته سئو آهي ته چنيسر مير پور جي شوهر مان ڏاڍو ڌن ڪمايو آهي، پو گهرين ڪو ڪين ٿو موڪلي؟ +عالم –انگريچ هٿ ڪي ڏو ڪڙ مڪا اهنس، پر ڏو ڪريءَ کي ڪو مليا ئي ڪين ؟ +چاڪر – ادا، ملي ويندا، انگريچ جي گهران پائي به نه وڃي. انگريچ شينهن ٻڪري گڏي ڦٽو ڪيو آهي، ڏوڪري – پر تون ادا، ويندڙي سرط حاجيءَ پيءَ کي وڃي تاگيد ڪج. +چاڪر- حاضر، ادا حاضر. آءُ ويندڙي ئي نياپو سڻائيندوسينس. تون کاطري ڪج. هاڻ ڀلا مو ڪلايون؟ +(عالم ۽ چاڪر ڀاڪر پائي موڪلائين ٿا،) +عالم – ادا، ڀلي ڪيرين آئين. (ٿورڙيءَ بعد) ادي آءُ به موڪلا يان ٿو. +جانل – ادا شل کش هجين! +سيٽي ٻڌڻ 2- محلات 3- ساعت. +· واهن ڏي اشارو. + + +(عالم وڃي ٿو ته وري به ٻارڙا، بک بک، ڪري اچي ماءُ کي لڳن ٿا، هيءَ ويچاري ٻچڪارون ڏيئي ٻارڙن کي سر چائي به پيئي ۽ راڳ به پيئي ڳائي.) +جمال شاهه جو ڌاڻو ڌهو ئو ئو جوان ڙي، +1- ڏينهن ڙي لو هو ئو ئو تتوڙِ، ميڙيو ئو ئو متوڙي، +ميڙ ي جو مانجهيڙو ڪونه ٿي ڏسان ڙي، +جمال شاهه جوڌاڻو ڏهو ئو ئو جوان ڙي، +2- سوخي ڙي هي ڙِي گهوڙي ڙي، +اتر ڙِ هي گاڏئي سان گڏيو پيئي اچي ڙي. +جمال شاهه جو ڌاڻو ئو ئو جوان ڙي، +3- ناري ڙِي هي ڍوري جو با بوڙو ڏسجي ڙي، +سنڌ جا ٽڪيا کليان ڙِي. +جمال شاهه جو ڌاڻو ڏهو ئو ئو جوان ڙِي. +4- کاراڙِي هي کاٻڙ يا، اٺن جو هو کا ٻڙ لو، +هيڪل ڙي هي پيرونئڙا پٽيان ڙي، +جمال شاهه جو ڌاڻو ڏهو ئو ئو جوان ڙي. +(پردو ڪري ٿو) + +(ائڪٽ ٻيون) (پردو ٻيون) + +(ميرپورخاص جو هڪ شاهي رستو، دودو ۽ چنيسر ڳالهيون ڪندا اچي لنگهن ٿا.) +دودو- چنيسر تو ڏوڪڙ ڪي گهرين مڪا ڪين؟ +چنيسر – (پٽڪي مان رسيد ڪڍي) هئو، ڏوڪڙ ڏنم هفيس ۾. هي ڪاڳر ٽڪر ڏنو اهين، کت لکي موڪليو آم، ڏوڪڙ. انهي ئي ڏهاڙي ڏو ڪري کي پهچي ويا هوندا. +دودو –نڪو، ڪالهه مون کي چاڪر گڏيو هو. +ان گالهه ڪي ته نڪو مليو آهي ڏو ڪر ۽ نڪو رسيو ڪو کت، ٻار ٻچا هاڻي بکن بيران ڪري ڇڏيا آهن. +چنيسر – الله جو سونهه، مون کي منشيءَ ويچاري کت به لکي ڏنو ۽ ٻيو به ڪا ڳر ڪري ڏنائينم. +ڏوڪڙ پنهنجي هٿين، انگريچ جي گهرين پهتا ڪري آيو آيان. انگريچ پئسا کائي ويندو ڪم؟ +منشي صاحب ڏاڍي هلندي وارو اٿئي ڪماني، اسپيٽر ۽ ڊيپٽي به سندس سلام آهن، آءُ ٿو وڃي چوئانس ته ڏوڪڙن جو گس ڪري، ڏوڪرڙ مون کي واري ڏي. +دودو – تڏهن وارو ڪر، متان پاڻ گريب مارو ماڙ هو، پانجي پيرن جي پيهه، مورهين چٽ نه ٿي وڃي! +ٻيو ڪم ڦٽو ڪري پهرين منشيءَ وٽ وڃج وو! +چنيسر * هائو، پئسا ائين ڄاڻ، جيئن مانجي گيندي ۾ پيا آهن وو! +منشيءَ جامون ٽي آزمودا اکين ڏٺا آهن. منهنجي حق حلال جي پورهئي جا ڏوڪڙ، دودا – ڪو ٿا وڃن؟ +(دودو – هڪڙي پاسي کان، چنيسر ٻئي کان نڪري ٿا وڃن.) +(پردو چڙهي ٿو.) + + +(ائڪٽ ٻيون) (پردو ٽيون) + +(عرضي نويس عبدالله جي آفيس، عبدالله ويٺو آهي پو سٽمئن مني آرڊر کڻي اچي پيو. +اڃا پري آهي ته عبدالله کيس ايندو ڏسي. +چوي ٿو،) +عبدالله – آيو ٻيلي آيو. ڪراچي ءَ جي آل انڊيا نمائش ڏسڻ لاءِ هڙ ۾ ڏوڪڙ ئي ڪونه هو، ها، ها، (کلي ٿو.) حال ته انهن ڏوڪڙن مان گهمي ٿا اچون ڪراچيءَ ڄٽ دانهين آيو ته انهيءَ سان......(ايتري ۾ پو سٽمئن اچي ٿو ۽ عبدالله کي چوي ٿو،) +پوسٽمئن – سائين، اوهان جو مني آرڊر آهي. +عبدالله – گهڻي جو آهي؟ +پوسٽمئن – ويهن رپين جو، +عبدالله –هائو، چنيسر موڪيا هوندا. پنجاهه رپيا اڌارا وٺي ويو هو، جن مان هيءَ پهرين قسط موڪلي اٿس. +پوسٽمئن – پر هيءَ ته لوڪل مني آڊر آهي؟ +عبدالله – ها ها، ڄٽ جي کي روبرو ڏيندي ڊب ٿو ٿئي ته متان سڀ پئسا نه گهرانس. +پوسٽمئن – خير، صحيح ڪري ڏيو، +(عبدالله مني آرڊر صحيح ڪري پوسٽمئن کي ڏئي ٿو ۽ پو سٽئن ويهه رپيا عبدالله کي ڏيئي وڃي ٿو.) +عبدالله – ڀاڳين جا ڀانڊا سدائين ڀرپور! جيستائين جاهل جيئرا آهن، تيستائين ته بک ڪانهي پوءِ به ڏٺو ويندو. +خدا رزاق آهي. (ٿو رورکي) پر سنڌ جي تعليمي وزير به باهه ٻاري ڏني آهي! +چي، چٽن کي زوريءَ پاڙهيو، اهو خيال ڪونه ٿو پويس ته، آءُ به رئيس، تون به رئيس ته گڏهه ڪير گڪليندو! +کيس ته پرواهه ڪانهي، پر ٻين غريبن جي روز گار جو ته ڪو ويچار ڪري! +جي اهي جٽ پڙ هيا ته اسان پارن جو گذر ڪيئن ٿيندو؟ مطلب ته وزير صاحب اچي سفيد پوشن جي پٺيان پيو آهي، +(وري ٿورڙي دير بعد) خير رک خدا تي، اسين پنهنجي مانيءَ ۾ پاڻهي ڪونه ويهي زهر وجهنداسين، وزير صاحب ته پنهنجي پير تي پاڻهي ٿو ڪهاڙو هڻي، +(کلي ٿو ته مٿان مورند واڻيون اندر اچي ٿو.) +مورند – کانصاب، سلام، +عبدالله ڀائي صاحب،رام رام.ڀلي آئين!ويهه! +مورند – سائين، پنهنجي منهن پيا کلو؟ +عبدالله – ڀائي، زماني جي حال تي ٿو کلان، +مورند – هائو سائين، جمانو هينر آهي به عجيب! +(ٿورو ترسي) سائين،اسان جي ٿورڙي رقم رهيل آهي سيڌي واري. +عبدالله (شاهن وانگر) هائو، گهڻي آهي؟ +مورند – سائين، فقط چار رپيا پوڻا ٽي آنا، +عبدالله – حاضر هان، وٺ پنهنجي رقم. (پئسا ڏئيس ٿو) ٻيو به ڪو ڪم؟ پر اوهين واڻيا ڏاڍو ٿا اسان ڪامورن کي ڦريو، اسين حق حلال جو پورهيو ڪري پئسا ڪمايون، قلم اسان جا ڪلها ٿي ڇني ڇڏيا آهن، اسين آڻيون ڇنيءَ ڇڪيءَ ۽ اوٺين واڻيا کڻي وڃو هڪ ئي ٻڪيءَ. ها،ها، ها، (ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو.) مورند – سائين، اسان کي ڦرڻ لاءِ جاهل کٽا آهن، جو اوهان هفيزرن کي ڦر ينداسين؟ اوهين پڙ هيل ماڻهو اسان کي پهرين ڦرڻ ڏيو ڇو ٿا؟ اگهه تي اگهه چٻي چيٺي، ٻيجڪ ڏسي، پوءِ ڏيو، تور ماپ ۾ به پاءُ – اڌ سنوالو وٺي ڇڏيو، پوءِ به ڦريون اسان واڻيا ٿا؟ اوهان مان سائين. اسان کي ڪهڙي هوند، ڪهڙو شخر؟ صاحب سگهه وجهي اڻ پڙ هيلن ۾! شل ويران وير هجن وڌ! جيئن وڻئيون تيئين پيا ڦريون، اگهه ۾، تور ۾، قرجن ۾، وياجن ۾. اسان کان هڪ دفعو فقط پنجاهه رپيا قرج سو کڻن، پوءِ ستن پيڙهين سوڌو به ڇو ٿا ڇٽن؟ وياجن تي وياج چاڙ هي، آڱو ٺا هڻائي،اهڙِ ي ٻڌي ڇڏيون، جو وتن ڊيڪندا، +عبدالله- پرڀائي، ڪاٻي خبر ٻڌي اٿيئي؟ هاڻ ٻهراڙيءَ جي بالغن کي به ٿا پڙ هائين! +مورند – هائو هاڻو ڪو وجير جيڪو آهي،اها باهه انهيءَ ٻاري آهي. واهگرو! جي اهي ڄٽ ليکي چو کي ۾ ڀڙ ٿيا ته پوءِ اسان واڻيا ٽپر ٻڌون. اسان جو گجر آهي ئي انهن ڪولهين، ڀبلن، مينگهواڙن ۽ مثلمانن تي اُهي ڪمائين ۽ اسين کائون. گجب ته اهو آهي، جو اسان جا ڀائيبند، جيڪي وجير آهن، اهي به ڳالهه کي نٿا سمجهن، اُهي به ڄٽن جي پڙ هائڻ ۾ راجي! ووٽ ڏئي موڪليو سون ته مر ڳو ٿا ڪن ديش سان دشمني انهيءَ کان ته سنڌ ڌار نه هئي ته چڱو هو! +جمينداريون ته هٿ ڪري ويا هئاسين، +عبدالله – پر، اهي سور ته اسين به اڳيئي اور يو ويٺا آهين. پر ڀائي، ڇا ڪجي؟ هن سر ڪار جي ايا مڪاريءَ ۾ پڙهيلن مٿان آهي پادر، باقي ڄٽن ۽ هارين جو ڀاڳ وريو آهي. هريجن جا اسڪول پيا کولين، جاهل هارين کي پيا پاڙهين.ڪن الاجي ڇا پيا! +مورند – (چڙ طور) انهيءَ ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڀائين! پاڻهي چيندا ۽ چاشون لهندا. اسان جي ماٺ پاڻهي هڻي هنڌ ڪندي. پر سائين، هيءَ مزي جهڙي ڳالهه ٻڌو؟ +عبدالله –ٻڌاءِ ٻڌاءِ! +مورند –سائين، ڪالهه ٻن ديوان کي ڏٺم. پاڻ ۾ پئي سور اوريائون. چون پيا ته اسين زور ڪري ٿينداسين والنٽيئر، پوءِ ڳوٺن ۾ وڃي ڄٽن کي چونداسين ته اوهان کي پڙهائي جنگ ۾ موڪليندا. +عبدالله – (کلي ٿو.) واهه جي ڳالهه ڳولهي اٿن! +ڄٽن اها ڳالهه ٻڌي ته پوءِ ماستر به موچڙا کائي موٽندا! +مورند – ها، ها هاڻ اچي پاڻ ۾ لڳي اٿن. +چڱو ڀلا، هاڻي رام، رام. اٿون دير ٿي ٿئي. +عبدالله- چڱو، ڀلي آئين. +(مورند وڃي ٿو ته چنيسر اندر اچي سلام ڪري ٿو.) +عبدالله – ميان چنيسسر ڪهڙي خبر؟ +چنيسر – سائين، ٿران ماڙهو آيو آهي. پئسا ڏوڪريءَ کي مور ڪين مليا آهن. ٻچڙا ٿا بک مرن، (پٽڪي مان رسيد ڇوڙي ڏيئس ٿو،) تو ته مونکي چو هو ته ڪاڳر چٽڪي ملندو، سا سو گهي رکج، سا مون سوگه�� ڪي آهي، ڏس. ته ڪڄاڙو لکيل آهي؟ +عبدالله – ويهه رپيا لکيل آهن ته جانل کي ملن، همير! ٻهه ۾. ڇو، ڪونه مليا اٿس؟ +چنيسر – (ڳتڪار ڪري) دودي ڳالهه ڪي ته سنيهو آيو آهي، اڃا ته هڪڙو ٽامي جو ٽڪو به ڪونه جڙ يو آهي. +عبدالله – چڱو ،فڪر نه ڪر. پئسا ڪين ويندا. +هيءَ رسيد رکان ٿو پاڻ وٽ. اها موڪلبي مٿي. +درخواست لکي اماڻبي سپريڊنٽ کي پوءِ پئسا ملي ويند ا.گم ڪين ٿيندا، خاطر ڪر، +چنيسر – سائين، شل ٻچن مان لک ٿيندءِ! آءُ توجو ٿورو ڪين ڀلبس. من ڪڏهن ڀلي گيهه جون ڏوهه – ٻارهن ٽپريون آڻي ڏيين. +عبدالله –ها،ها، رک خدا تي، مڙيئي چڱي ٿيندي. (ٽڪلي لڳل ڪاڳر تي ڪجهه لکي ٿو) هاڻي ويجهو اچ، کٻو اڱو ٺو ڪڍ. (لکيل ڪا ڳر تي آڱو ٺو هڻائيس ٿو.) آڱوٺو ٽڪليءَ جي مٿان هڻ. +(صحيح ٿيل ڪا ڳر ويڙهي،سنڀال سان کيسي ۾ وجهي) هاڻ تون ڇٽين، وڃي پنهنجي ڪم حاج کي لڳ، پئسا پاڻيهي وڃي جال کي ملندا. +چنيسر – هاڻي ڀلا کئير هوندوءِ، گريبن جو مڙئي گور ڪج! آهين بيشڪ مڙس ملوڪ، +عبدالله – چنيسر ٻيلي،تون غريب ماڻهو ڏسڻ ۾ ٿو اچين، پٺن اگهاڙو، ڏينهن تتي جو پاڻي ٿو ڀرين، اهو ڏسي مون کي قياس ٿو اچي. هان، (ڪوٽ ڪليءَ مان لاهي) هيءَ خدا ڪاڙڻ وٺ، بت تي پائي ڇڏ.(ڪوٽ ڏيئس ٿو.) +چنيسر – (ڪوٽ پائي خوشيءَ مان) ٻچن مان گنج ٿيندءِ بچائي ڇڏيي، ڪوٽ پائي دعائون پيو ڪندوسين، مرد بيشڪ شخي آهين. (وڃي ٿو.) +عبدالله _ (پنهنجي منهن) هيءُ ڄٽ به خوش ته پئسا ٿا موٽي ملنم. احمق! نادان! رسيد مني آرڊر جي به وٺي ڪئيمانس سوگهي. ٻي رسيد به درخواست جي بهاني لکائي ورتي امانس ته پنجاهه رپيا اُڌاري طور ورتم. هاڻي جي ڪا پُڪار ٿي ته چونداسين ته اُڌارا ورتا هئائين، جنهن مان ويهه رپيا مني آرڊر رستي موڪليا اٿس ۽ باقي ٽيهه رپيا رهيل آهن. ٿورڙو ترسي، پر ٻيلي ڀُل ٿي ويئي! مني آرڊر ته منهنجو هٿ اکر لکيل آهي، متان ڳالهه کُلي پوي ۽ چون ته قرض ڏيندڙ به پاڻ، مني آرڊر لکندڙ به پاڻ، وصول ڪندڙ به پاڻ. تنهن کان چڱي ڳالهه آهي جو هڻائجيس ٽِپ ۾ ته نڪو ڪتو هجي، نڪو بَهي. واه ٻيلي! ڪوٽ ڏنو اٿمانس خيرات، پر پوليس ۾ ٿو ڪريان رپورٽ ته ڪوٽ ۽ سوا سئو رپيا ٻٽونءَ سوڌا گم ٿي ويا آهن. جمعدار کي ڏبا پنج _ ست رپيا ته في الحال ته کوٻلي کي هٿ ڪري، رکندو لاڪپ ۾، پوءِ ڏٺو ويندو. (پنهنجي نوڪر، امين کي سڏ ڪري ٿو.) +عبدالله _ وڃ، ٿاڻي تي جمعدار کي منهنجا وڃي سلام ڏي ۽ چوينس ته آفيس مان پئسن سوڌو منهنجو ڪوٽ چوري ٿي ويو آهي، چور هٿيڪوآهي، جلد اچو نه ته چور ڀڄي ويندو. +امين _ حاضر سائين. (وڃي ٿو.( +عبدالله – خير، هاڻي ڪم ٺيڪ ٿي ويندو. رڳو جمعدار اچي سو سهي، پوءِ پوليس آهي پئسن سان ٻڌل، ويه رپين مان جي پنج رپيا ويا پوليس جي کيسي ۾ ته حرڪت ڪانهي. +(اتي قلندر فقير سئين هڻندو، اچي عبدالله جي آفس جي ٻنڀي ڳٽ بيهي ٿو،) +قلندر – ڀلا، دستگير وڌ ڪريئي، ٻنيءَ ڪُنيءَ ۾ برڪت وجهي ئي، (عبدالله خان کي) او خانصاحب، ڀرئي گنج مان ڪو جوڙو ڏوڪڙن جو اسان کي به ڏيار، وڃي ڪو وزم پاڻي ڪريون، +عبدالله –(شوڪي نهاري) اِڙي! ڪا مون وٽ ملڪيت ڇڏي ويو هئين ڇا، جنهن جي طلب ڪرڻ آيوآهين؟ +قلندر– خانصاحب، اسين لال شهباز جا ملنگ،، لڪيتون ڇا جون! لهڻو ليکو ڪونهي، الله جي واٽ ٿا گهرون. +عبدالله – وڃ وڃ، وت نه پيءُ، ٻيا دروڃي ڏور. +ملنگ اي خانصاحب، الله ڪندو تنهنجو ڀلو، ٻيلي، مومن آهين“ +رسول ڪريم جي نانءُ هڪڙو ڏوڪڙ کڻي پٽ ۾ اڇل +عبدالله – (زور سان) ڏسجين ته بنهه ڪو وڏو بڪبڪيو ٿو. +ملنگ – ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائيين، +دغا ��نهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان، +منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهيين. +(ملنگ اهي ڏوهيڙا ڏيندو هليو ٿو وڃي. مٿان امين، جمعدار ۽ هڪ سوار کي وٺي اندر اچي ٿو. عبدالله اٿي، ٻنهي سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي ملي ٿو.) +عبدالله – ڀلي آيو، ڀلي آيو. ويهو ويهو. +(جمعدار ۽ پوليس سوار ڪرسين تي ويهن ٿا،عبدالله ٻنهي کي هڪ – هڪ سگريٽ ٿو آڇي،پاڻ به هڪ سگريٽ ڪڍي دکائي ٿو.) +جمعدار – (سگريٽ به پيو پيئي) سائين، ڪريو خبر؟ +عبدالله – جمعدار صاحب، آفيس مان منهنجو ڪوٽ ٻٽون سوڌو گم ٿي ويو آهي. ٻٽون ۾ سوا سو جا نوٽ پيل هئا، مان فقط اٿي پيشاب تي نڪتو آهيان ته پٺيان ڪوٽ ڪلي مان ڪو لاهي هليو ويو آهي، +جمعدار – ڪنهن ماڻهو ۾ ڪو شڪ شبهو به اٿو؟ +عبدالله – هائو، هڪڙو ڄٽ ٻاهران ڦريو پئي. اسين ڀلا عريضي نويس، سمجهيوسين خير، هن کي ڪادرخواست يا خط پٽ لکائڻو هوندو، اڳي به هڪ دفعو خط پٽ لکايو اٿس. شڪ ٿو پويم ته انهي چورايو آهي. پر سائين، ڪريو جلدي، جي چور شهر ڇڏي ويو ته پوءِ هٿ اچڻ مشڪل ٿيندو. +جمعدار – روبرو ايندو ته سڃاڻندوس؟ +عبدالله – هائو سائين، شڪل ڏسندو سانس ته يڪدم سڃاڻندو سانس. +جمعدار – ڪم ڪهڙو ڪندو آهي؟ +عبدالله – ڀانيان ٿو ته شهر ۾ پاڻي ڀريندو آهي. +سوار – نالو متان چنسير آهيس؟ +عبدالله – او... اهو، هو. مون کي ته نالو وسري ويو هو. (پنج رپيا ڪڍي جمعدار جي کيسي ۾ وجهي ٿو.) هي اسان غريبن جي ٿادل پاڻي قبول پوي. +جمعدار – (کلي) زوراور، اوهين اسان کي پنهنجا آهيو. رڳو دعا ڪريو ته هٿ اچي وڃي، پوءِ ٻن ورهين کان گهٽ ٽيپ نه ڏياريندو سانس. (سوار کي) تون ڙي، وڃ کوهه تي ڳولا ڪري، انهي ڄٽ جي پٽ کي ڏاڙهي کان جهلي وٺي اچ. +سوار – حاضر سائين، اجهو ٿو حاضر ڪريانس. (وڃي ٿو) +جمعدار – منشي صاحب، توهين ڪونه خيال ڪريو. اسان وڏن ڍينگن جا به ٽڪ مان ور لاهي ڇڏيا، هي ڄٽ ڪير آهي، جو پاڻ کان ڀڄي جان بچائيندو! دلاور خان جمعدار منهنجو نالو آهي. چور چور جي ذات اسان کان ڪنبندي ٿي وتي. (مڇ وٽي ٿو.) +عبدالله – اهو اوهان جو ناماچار ٿر پارڪر ۾ ڪهڙي چور نه ٻڌو هوندو؟ +جمعدار – سائين اسان به عمر پوليس ۾ آندي آهي. چور، چور جو پٽ، اسان کان لڪل ڪونهي ڪو. +عبدالله – پوءِ جمعدار صاحب، ڪيتريون ٿيون چوريون ٿين ۽ هيترا ٿا ڌاڙا لڳن، ته پتو ندارد! انهي جو ڪارڻ؟ +جمعدار – اوهين سياڻا آهيو، ڪارڻ مان اوهان کي ٻڌايان؟ زر بسيار ته عشق ٺهه پهه. اڳلا ڏيندا هڙ کي ڳنڍيون، ته اسان پوليس جو هٿ ڪٿان ورندو؟ +عبدالله – اهو ته برابر آهي، +(ايتري ۾ سوار چنيسر کي اندر وٺي اچي ٿو. چنيسر کي عبدالله وارو ڪوٽ پيو آهي.) +سوار – سائين، چور منهن ۾ ئي گڏجي ويو، کوهه تائين به وڃڻو ڪو نه پيو. +جمعدار – اڙي، هيڏي اچ ڄٽ جا پٽ. (چنيسر ڊڄندو، ويجهو اچي ٿو. ته ڪوٽ کان ڇڪي) اڙي هي ڪوٽ ڪٿان آندو اٿئي؟ (چنيسر جواب ڏئي ئي ڏئي ته ان اڳ عبدالله کان) هي آهي اوهان وارو ڪوٽ؟ +عبدالله – هائو سائين، اهو ساڳيو. +چنيسر – (هٿ جوڙي ڏڪندي) هئو، جئيين! الله سائين کئير ڪريس، ويچاري کيرات ڏنو آم. +جمعدار – خيرات جا پٽ، ٻٽون ۽ سوا سوجا نوٽ ڪاٿي؟ جلدي ڪڍ ٻاهر نه ته انهي پٽڪي سان ٻڌي، جيل ۾ هلي هڻندو سانءَ. (چنيسر ويچارو وڌيڪ ڏڪي ٿو.) +چنيسر – سائين جماندار صاب، سوا سو جا ووٽ ڪڄا جا ۽ ٻٽون ڪڄاڙي جو؟ +جمعدار – چور،چور جو پٽ! (سندس پٽڪو لاهي ٻڌيس ٿو.) +چنيسر – (آزي نيزاري سان) سائين، آءُ مشڪين اهيان، چوري مان آءُ ٿريو ڇا ڄاڻان؟ +جمعدار – هي ڪوٽ تڏهن ڪٿون آندءِ؟ +چنيسر - سائين، هي ڪوٽ مون کي انهي منشي ءَ کيرات ڏنو آهي. +جمعدار – (منهن وارا ٻه ٿڦڙ وڄائي) هڪڙي چوري ٻي سينا زوري؟ ٿي ااڳيان سڳ سوڌو پڪڙيو آهين. جيسين ٻٽون نه ڏيندين، تيسين هڏ هڏ ڪري ڀڃندوسانءِ. ٿاڻي تي هل ته اگهاڙو ڪري، ڏس ته اس ۾ ڪيئن ٿو نچايانءِ. +(وٺي وڃيس ٿو) +(پردو ڪري ٿو) + +ائڪٽ ٻيون) (پردو چوٿون) + +(ميرپورخاص جي هڪڙي گهٽي. چاڪر ۽ عالم ڳالهيون ڪندا اچي ٿا لنگهن،) +چاڪر – ٻيلي، هيڙو انڌير ڪٿي ٻڌو نه سو، حقون به رکي ته ناحقون به رکي، ڏوڪڙ به ويچاري چنيسر جا ويا ۽ مار به هاڻ اتس ٿي پوئيي. +عالم – ير، گضب ته ڏس، الٽو چور ڪٽوال کي ڊانٽي! +چاڪر – جانل ويچاري کي ٿرين سماءُ پوندو، اوءَ ته مري ويندي. +عالم – ٻيلي، همراهه هئن اڙجي وڃي ۽ اسين ماٺ ڪري ويٺا ڏسون،اها ڳالهه ٺهي ته ڪئين؟ +چاڪر – پوءِ ڪجي ڪڄاڙو؟ دودو به هتي ڪونهي، جنهن سان کڻي صلاح ڪريون. +عالم – اسين پنڊ هلي ڪو ڏس پنڌ ته پڇايون، ڪو وڪيل وڙو ته ڪريون. نه ته حياتي همراهه جي بنهه هڄي ويندي وو! +چاڪر – ير! وڪيلن جي ور وري ڪهڙو چڙهون! پاڻ ماڙهيئن ڪڻ ايتري بشارت ڪٿي؟ وڪيلن وٽ هيڪر ڦاٿاسين ته ڄور وانگر پيا رت چوسيندا، سو رت به هجي ته چوسايون. تون آءُ اهيون هڏا ۽ چمڙي. +عالم – سو ته بروبر! پر پوءِ ڪو بلو ڀيڻي ڪبو ڪين ڪ؟ +چاڪر – ير، اسان جي وس جي ڳالهه هجي ته کڻي ٽنگ ٻانهن چوريون. کٽنس نصيب! من مولا کي مهر پوئي. +عالم – رک رب تي، اهو ئي اوکيون سوکيون ڪندو. +چاڪر – ادا، هڪڙو ڪم ڪر. +عالم – تون چو. +چاڪر – تون موٽي وڃ ٿر مٿي. جانل کي سماءِ ڏجئين، باقي دودي کي وڃي تاگيد ڪج ته ستت ئي واپس وري، او هتان جو وڌيڪ واکب آهي. او آيو ته کئير ٿي ويندو. +عالم – ادا، ميرپور ۾ آءُ آيو ته هوس ڪم سانگي، پر ٺهيو. اهو ڪم کهه پوئيي، وڃي ٿو همراهه کي هڪل ڪريان ته واري ڍري پوئيي سنڌ کي. +چاڪر – ادا، ڀلي ڪري آئين! +(ٻئي ڀاڪر پائي موڪلائين ٿا.) + +(ائڪٽ ٻيون) (پردو پنجون) + +(فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي ڪورٽ. ماجيسٽريٽ صاحب ۽ سندس سرشتيدار، پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺا آهن. چنيسر کي چيلهه ۾ رسو ٻڌل ۽ هٿڪڙيون لڳل، جوابدار ٿيو بيٺو آهي. فريادي عريضي نويس پڻ موجود آهي. ٻي به خلق حاضر آهي.) +ماجسٽريٽ – (فتوي ڏئي ٿو، جا سرشتيدار لکندو وڃي ٿو.) اسان ڪيس هلائي پورو ڪيو آهي. جوابدار جو بيان اعتبار جو ڳو آهي. هيٺين ڳالهين مان اسين صاف سمجهي سگهون ٿا ته جوابدار بيڏوهي آهي، فقط جاهلت سببان هن کي اهي مصيبتون سهڻيون پيون آهن. +(1) ته جوابدار اڳئي ئي عريضي نويس کي سڃاڻي، هن وٽ خط پٽ لکائڻ لاءِ ويندو آهي، ۽ هڪ دفعو مني آرڊر به لکايو اٿس. +(2) پوسٽ آفيس جو رڪارڊ ۽ عملو گواهه آهي ته هن جو مني آرڊر عريضي نويس پنهنجي نالي لکي، پئسا غبن ڪيا آهن. +(3) اها حقيقت آهي ته ڪورٽ ۾ پيش ڪيل ڪوٽ، عريضي نويس جوابدار کي خيرات جي بهاني سان ڏنو هو ۽ ارادتاً هن ڪيس ۾ مبتلا ڪري، پنهنجي ڪپت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. +(4) جوابداري هڪ ٿري، اڻ پڙهيل ۽ بلڪل اٻوجهه آهي. هن اهي پئسا پاڻي ڀرڻ ۽ سيٺ وٽ ڌنار ٿي ڪم ڪرڻ مان ڪمايا هئا. +(5) اها پڻ خاطري آهي ته جوابدار چوري ڪيل ڪوٽ ڪڏهن به اهڙي طرح ظاهر ظهور بدن تي ڍڪي ڪين هلي ها. +جنهنڪري جوابدار کي بيڏوهي سمجهي آزاد ٿو ڪجي، (پوليس وارو چنيسر جون هٿڪڙيون ۽ رسو چيلهه مان ڪڍي ٿو.) ۽ جوابدار کي اجازت ٿي ڏجي ته هو فريادي تي ڪوڙي ڪيس جي ڏوهه ۾ قلم 1 – الف، پ. ڪ هيٺ ڪيس ڪرڻ لاءِ اسان وٽ درخواستون ڪري ۽ فريادي ءَ کان سبب وٺڻ ۾ اچي ته قلم 50 الف.پ.ڪ. هيٺ جوابدار کي سيڙپ ۽ تڪليف جو عيوضو کانئس وٺي ڇو نه ڏي�� ۾ اچي. +پوسٽل اٿارٽيز کي پڻ هن معاملي ۾ نهايت سرجوشي سان تحقيقات ڪري، هڪ مسڪين اٻوجهه جي جلد حق رسي ڪرڻ گهرجي. +(ڪورٽ برخواست ٿئي ٿي ۽ سڀئي اٿن ٿا. چنيسر آزاد ٿي ڪورٽ جي ڪمپائونڊ ۾ ٿئي ٿو ته ٿريان ميرپور خاص گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول جي شاگردن جو هجوم ۽ عام ماڻهو گڏجنس ٿا، جي تعليمي پوسٽر هٿن ۾، ”بيعلمي برباد “ جا نعرا هڻندا اچن.) +چنيسر – (هڪڙي شاگرد کان، جو ٻين همراهن کان ٿورو اڳڀرو وڌي آيو آهي) ڀائو، هي ڇا جو گوڙ آهي؟ +شاگرد – ادا، هي ءُ گوڙ نه آهي، پر هي اوهان اڻ پڙهيل ڀائرن کي اکرن سيکارڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. +چنيسر – ابا، اکر پڙهي ڪبو ڪو؟ اکرن پڙهين جا ڪرتوت تون مون ڪنان پڇ ته مانجي ڪهڙي گت ڪئي آن، ڦريس به آءُ، ترم ۾ به بيس آءُ. هاڻي کاڌي لاءِ ڪوڏي به ڪانهيم. ٻچا به لاجي مئا ڪه بچيا؟ +شاگرد – ڀائو، جي تون ٻه اکرپڙهيل هجين هاته ڪير تو کي هٿ لائي سگهي ها؟ پڙهيلن کي ته ڪو ڦري! باقي جاهل ته هر ڪنهن جو شڪار آهن. +چنيسر – سو ته کاشو، پر ادا، سکڻا اکر چٻاڙبا ته ڪين؟ اسين گريب ماڙهو، اسان کي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ کپي ان. +شاگرد – ڏس، اوهين اڻ پڙهيا پورهيو ڪري، ان ۽ اٽي لاءِ ڏوڪڙ ڪمايو، ٻيا اوهان کي دلبا ڏيو اوهان کان هڙ ڦريو وڃن! +چنيسر – اي، آءُ به ته ائين پيو چوئان نه! +شاگرد – هاڻ،جي انهي ڪمائي جي برڪت سان گڏ، اوهان کي اکر به ايندا هجن ته ڪير جيڪو اوهان کي ڦري سگهي؟ +چنيسر – ادا، تون چوين بروبر ٿو. اڳي ته هوس واريءَ جي وچ ۾. کبر ئي ڪا نه هئم. پر جڏها نڪر هتي شوهر ۾ آيو آهيان، تڏهانڪر اک اپٽي آم ته هت جيسين چار اکر نه سکبا، تيسين ماڙهو اهي انڌي جي آچار. اڻ پڙهيل جي ڄمار آهي مروئين واري. +شاگرد – او! هاڻي ڳالهه کي سمجهو اٿئي. پر ڪي پڙهندين به، ڪين رڳو ڳالهيون ڪندين؟ +چنيسر – الله جو سونهه هير ئي پاڙهه ته پڙهان.مون سين اهڙيون تاديون (تعديون) ٿيون آهن، جو هاڻ يا پڙهندس يا ته مرندس بس!هيڪڙي ڳالهه ٿيندي. +شاگرد – چڱو، ته ڪريون تنهنجو نالو داخل؟ +چنيسر – ڀلين ڀلين. +شاگرد – (شاگرد هئنڊ بئگ مان فارم ڪڍي نالو داخل ڪريس ٿو) نالو ڇا اٿئي؟ +چنيسر – نالو چنيسر. +شاگرد – پٽ ڪنهن جو آهين؟ +چنيسر – (ڀلجي پوي ٿو.) +شاگرد – ڇو، پيءُ جو نالو ياد ڪو نه اٿئي ڇا؟ +چنيسر – وسري ويو آم. هڪڙو کڻي لک. +شاگرد – (کلي ٿو) چڱو، پڙهندي ساجهر جوڪي؟ +چنيسر – سائين، ساجهر جو ڀريان ٿو پاڻي وو. پڙهندس ويرانڍ جو. +شاگرد – چڱو، اڄ کان وٺي روز ٻپهرن جو کوهه تي ئي پڙهڻ لاءِ ويٺو رهج. ڪتاب وغيره سڀ تو کي مفت ۾ ملندا. +چنيسر – ابا، داتا تو جو ڀلو ڪندو. آءُ به روز ويٺو پڙهندس. +(تيتري ۾ هجوم ڪورٽ جي ڪمپائونڊ جي ٻاهران اچي پهتو آهي. شاگرد نعرا هڻندا هلندا وڃن.) +هڪڙو – بي تعليمي. +ٻيا سڀ – برباد. +هڪڙو – تعليم. +ٻيا سڀ – زنده باد +(ائين نعرا هڻندا، سڀ نڪري ٿا وڃن.) +(ڊراپ سين) + +(ائڪٽ ٽيون) (پردو پهريون) + +(ميرپورخاص جي شهر جي دنگ تي، کوهه جي ڀرسان، جتان چنيسر ٿريو پاڻي ڀريندو آهي، هڪڙو ماستر بالغن کي ويٺو پڙهائي. چنيسر ۽ ٻيا ڪيترا هندو، مسلمان، سک ۽ هريجن وغيره بالغ شاگرد ويٺا آهن، ماستر بورڊ جي اڳيان بيٺو آهي.) +ماستر – شاباس چنيسر، ٻڌاءِ ته ڏندڻ نه ڪرڻ ڪري ڪهڙا نقصان آهن؟ +چنيسر – جي تو ڪالهه سڻايا هوا، سي مانجو پيءُ به ڪو نه چوئي سگهندو، باقي نقشانن جي ٻي پچر ئي کڻي ڦٽي ڪر وو! تو ڪين چو هو ته ڏندن جي ڄمار سٺ مندن ٿيندي آهي؟ جي انهن جي صفائي نه ڪبي ته پيري کان مهند ئي ڀڄي ڀري پوندا؟ اي به ٿي ڏا��ي جٺ نه! ڏند ڀڳا ته مڙس ڇٽو، ٿيو لٻو، پو ڪهڙي کاڌي جي موز، وتندو سيرو۽ پٽڙو ڀت پچائيندو. هئو سائين، تو جو ڪالهه ڦارسي وارو ڏوهيڙو سڻايو هو ته ڏندين کان بگر مزوئي ڪونهي، او ته وري سڻائج. +ٻيا شاگرد – هائو سائين، اهوڏاڍو سٺو هو، وري ٻڌايو. +ماستر – خط دنيا بازن ودندان بود +بي زن ودندان جهان زندان بود +چنيسر – سائين، انين جو مطبل ته وري سڻائج. +ماستر – دنيا جو مزو آهي زال ۽ ڏندن سان، زال ۽ ڏندن بغير جهان قيد خانو آهي. +چنيسر – ڀلو! ڀلو فارسيءَ واري به مند جون سڻائي ڇڏيون آهن، زال ۽ ڏندن سوا اهن به نورا سور، (ساڌو سنگهه کي) ساڌو سنگهه، ڪيين ٿو ڀائين؟ (سڀ کلن ٿا) +ماستر _ چڱو مان اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان؟ +چنيسر –سائين، ڀلي پڇ، سدا پڇ. +ماستر – گرمي ٿيندي آهي يا سخت پور هيو ڪبو آهي ته اسان جي بدن مان پگهر نڪرندو آهي، اها ڳالهه سڀيئي مڃبو ٿا؟ +چنيسر –سڻ اي ڪير ڪين وسهندو؟ +ماستر – چڱو، هاڻي اسان کي ويچار ڪرڻو آهي ته اهو پگهر اچي ڪٿان ٿو؟ +علودو– سائين، اندران بت مان ٿو نڪري، ٻيو ڪٿان؟ +ماستر – بدن جي مٿان ته کل جو پوش چڙ هيو پيو آهي، پوءِ ڪٿان ٿو نڪري؟ +هيمن-سائين، منهنجي ڌيا ۾ ته ڪي چمڙيءَ ۾ سنها، سنها پور آهن ته شڪ ڪونهي. +(سڀ کلن ٿا. هيمن ٿورو ڦڪو ٿئي ٿو،) +ماستر – بابا، کلڻ جي ڳالهه ڪانهي. هيمن،تون لڄي ڇو ٿو ٿين؟ سچ پچ، انسان جي چمڙي ءَ ۾ تمام باريڪ سوراخ آهن، جي اسان کي ظاهر ڏسڻ ۾ نٿا اچن. پگهر انهن جي وسيلي نڪري ٿو. +چنيسر – (کلي) هيمن جي ڳالهه هروڀري مٿي ڪرئين ته ڀلين، استاد آهين، جيڪي چوندين سو مڃينداسين، باقي ٽنگ، پر ڪٿان آيا؟ ٽنگ ڪر هجن ها ته رت ڪوه ڪين نڪري اچي ها +(سڀ کلن ٿا،) +ماستر – چڱو ٻڌ چنيسر، ڀلا ٻڌاءِ ٽامي جي گها گهر ۾ باڻي وجهي بند ڪري رکندين ته مٿان آلي ٿيندي؟ +چنيسر – ڳه ڳه (ڳٽڪار ڪري،) +ماستر – ڀلا، ٺڪر جي ڪوري دلي ۾ پاڻي وجهي رکندين ته ٿوڙي ويرم ۾ سڄو آلو ٿي ويندو يا نه؟ +چنيسر – (ڪنڌ جي ڌوڻ سان) آنهه آنهه. +ماستر _ ڀلا ڇو ٺڪر ۾ تنگ هي ڇا جتان پاڻي نڪري اچيو مٿاڇري کي آلو ڪري؟ +چنيسر_ ساءِ ڪرئي ڪانه ٿي پوئي ظاهريءَ ته ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. +ماستر – هان، شاباس! ساڳيءَ طرح انسان جي چمڙيءَ ۾ به بيشمار سوراخ آهن، جي ظاهر نظر ڪونه اچن، مگر انهن مان پگهر نڪري اچي ٿو، +رت رڳن جي نالين ۾ بند آهي تنهنڪري انهن سوراخن مان نٿو نڪري. رڳن جون سنهيون سنهيون ناليون بت ۾ ڏسين ٿو نه؟ +چنيسر – (ٻانهن ڏسي) آنهه آنهه، هي بيٺيون آهن“ پر سائين، سوراخ به وارن جي پاڙن ۾ ٿورا ڏسجن ته پيا! +ماستر- هان! شاباس،هاڻ پگهر آهي هڪ قاتل زهر. +چنيسر – هائو سائين، ڪنو بروبر آهي، ڌب به ڏاڍي ٿيندي آهيس. +ماستر- هاڻي بابا، ويچار ڪريو ته اهڙي بدبوءِ واري زهري شيءَ جيڪڏهن انسان جي بدن مان خدا تعالي پگهر جي رستي نه ڪڍي ته هوندو ڇا ٿئي؟ +سڀ-سائين، ماڻهو هوند ضرور اگهو ٿئي. +ماستر- تڏهن چئبو ته خدا تعالي بلڪل سياڻپ ڪري انسان جي چمڙيءَ ۾ اهي سنها سوراخ رکيا آهن، جن جي بند ٿيڻ ڪري، انسان هوندو بيمار ٿي پوي، توهين روز ٻنين ۾ پٺا اگهاڙا ڪري، ڪم حاج ڪريو ٿا، اوهان جي بدن تي مٽي لڳندي، جا اوهان جي بدن جي سوراخن کي بند ڪري ڇڏيندي، اوهين سمجهي سگهو ٿا ته جيڪڏهن سوراخ بند ٿيا ته پگهر ٻاهر نه نڪرندو، اهو پگهر وارو زهر اندر ئي رهجي ويندو ۽ وڃي ٻين عِضون تي ڪرندو، جنهن ڪري انسان بيمار ٿي پوندو، هاڻي اهي سوراخ بند نه ٿيڻ،بلڪ سدائين صاف رهن، تنهن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي! +چنيسر- سائين، جت مٽي لڳي، اُت هٿ هڻي، بت مهٽي ڦٽي ڪجي، (مهٽي ڏيکاري ٿو،) +ماستر – شاباس، پر وڌيڪ چڱي ڳالهه اها اهي ته روز غسل ڪجي، يعني ميٽ تيل ڪري وهنججي ته اهي سوراخ پاڻهي صفا رهندا ۽ ماڻهو ڪڏهين به بيمار ڪين ٿيندو. +چنيسر – هئو ڙي! هٿ سان مهٽي کان وهنجڻ ڀلو. بت ۾ فرات به ٿيندي، چوڪڙو به لهي پوندو، شوهرن جا ماڙهو ڏاڍا ملوڪ پيا ڏسبا آهن، سدائين ڳاڙها جهڙا انب لڳا پيا آهن، سو به رڳو ان ڪري جو ڏهاڻي وهنجن ٿا. (ڪلهن تي هٿ لائي سور کان) هوءِ ڙي! مونجاته پاڻي ڀري ڀري، ڪلها ئي پيا سور ڪن، +ماستر – هن مان ڪهڙو نتيجو نڪتو ته اسان کي هر روز ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪري بدن تندرست رهي؟ +سڀ –سائين، روز وهنجڻ گهرجي. +ماستر – شاباس، هاڻي روز وهنجڻ جو انجام ڪهڙا ٿا ڪن؟ +ٻياسڀ- سائين، اسان جو مڙدانو شخن آهي! +روز وهجنداسين. +چنيسر- (ٽنگ واري ڦٽ کي، جتي اڳڙي ٻڌل اٿس،هٿ لائي) سائين پوءِ آءُ ڪڄا ڪريان؟ هي مانجو جکم پاڻي ته ڪونه چورائيندا ڌ؟ +ماستر- انهيءَ جاءِ تي صاف اڳڙي ٻڌي ڇڏ ۽ غسل مهل سنڀال ڪندو ڪر، جيئن انهيءَ جاءِ تي پاڻي نه لڳي، باقي سمورو بدن روزانو صفا ڪندوڪر. اهو ڦت وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکار۽ روزانو علاج ڪراءِ اميد ته جلد ڇٽي پوندو. (واچ ڏسي ٿو.) چڱو، هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. وڌيڪ صفائيءَ بابت سڀاڻي احوال ڪبو ۽ اوهان کي فونو به وڄائي ٻڌائبو، هينئر ڪتاب بند ڪريو. مان موڪلايان ٿو. +(ماستر وڃي ٿو.) +چنيسر – اڄ ته ير،ملين پڙهائڻ سان حيلا ڪري ڇڏيا، اڃا ڪالهه ڪالهوڻيءَ ڦڏو ليڪوبه ڪڍڻ ڪين ٿي آيو. اڄ ته شخر آهي، ڪيترا اکر سکيا آهيون. پڙهڻ ۾ به آهي موز. هي پڙهيا جي پنهنجون ڄمارون ڳاريو ڦٽيون ڪن، سو ڪين ته آهي؟ +سڀ- ڙي چريا ٿري 1 ملين واريون ڳالهيون خواب ۾ به ڪونه ٻڌندين. (کلن ٿا) ٻيلي، هلو ته پاڻ ته هلون، کوهه ڄاڻي، چنيسر ڄاڻي. ٻيا وڃن ٿا ته چنيسراول اٿي سلفي ٺاهي پئي ٿو ۽ پوءِ بالغن وارو ڪتاب ڪڍي ويهي پڙهي ٿو) +چنيسر – (عجيب ڍنگ سان) مال جا واڙا، گاهه جا گڏا. (پڙهڻ روڪي، سليٽ تي ٻه – چار اکر لکي ٿو.) مهند ڀانيم ٿي ته پرهڻ مور ڪين ايندم، پر هاڻ ته شخر آهي، سڀڪين پيو اچي. اکر سي اڃا ڪچا آهن، مڃان ٿو، باقي صورتکتيءَ ۾ ٻين کان ويل آءُ به ڪين آهين، حسابين ۾ به هوريان هوريان پڪو ٿي ويندس. (پيشانيءَ تي هٿ رکي، غور سان نهاري متان ير، دودو پيو اچي. ٻيلي واهه! من ڪا ٿر جي کبر چار آندي هوئيس. +(دودو اچي ٿو ۽ اَٿي ڀاڪر پائي ملن ٿا.) +چنيسر- دودا، ڀلين آئين!توکي ته هاڻي دل بنهه ياد پئي ڪيو، ٿر وئين، وري موڪلا يئي به ڪونه؟ +کش آهيو؟ +دودو- شخر آهي. +چنيسر- آسودا؟ +دودو- رحم. +چنيسر- جوڙ؟ +دودو- ڪرم، +چنيسر- مٿارا؟ +دودو- ڦضل. +چنيسر- مال وٿاڻ؟ +دودو- مهر. +چنيسر-کيرپٽ؟ +دودو- دعائون. +چنيسر- ڀاڳين ڀيئين؟ +دودو- مڙوئي کئير. +چنيسر- اهيو نه هوڪارن ۾ نه؟ +دودو- شخر آهي. ادا، تون کش؟ +چنيسر – شخر. +دودو –چاق، چڱو ڀلو؟ +چنيسر-رحم. +دودو- ڀڙمتارو؟ +چنيسر – ڦضل. +دودو-جوڙآسودو؟ +چنيسر-کئيرئي کئير. +دودو-ادا، کپي به کئير +چنيسر – دودا، ڏي کبرون چارون؟ +دودو- کيرون چارون پانجون مڙيئي کئير، ڄاڻين سڃاڻين ٿو، ذات نالي جو واکب اهيين، ويٺڙا الا الا ڪريون. مهنديين گهمي اتي ميرپورکاش ۾ ڀيڙا هواسون، پر ٻيلي چنيسر، بشڪ ڪج. ويندڙ يا ٽاڻي موڪلائڻ تو ڪنان واجب هو، پر ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇٻين؟ ويسر جا اهن گهوڙا. (ڏاڙهيءَ کي هٿ گهمائي)هيڻا چنيسر ٻيلي، ٻڍڙا به ته ٿيا آهيون، +(کلن ٿا،) +چنيسر – نه ڙي دودا، اڃان تون ٻه ڪنواٽ ٿو لهين وو! اڄ ڪالهه جا جوان، هيربه توجي اڳئون ڪونه بيهي سگهندا. +دودو- (ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائي) هئو، اهي ته بروبر ايهين، پر اها ڳالهه به ڪو تو پارو سالڪ سمجهي، کئير، پوءِ ادي کي چوئان، اڪير اچي کنيو ۽ سڌو ويندو رهيس ٿرين، (ٿڌو ساهه ڀري) گهرين پڳس ته بس، تو واري ڏوڪري کير سنئدڙي ئي ڀڳي آئي. ٻيلي چنيسر، ڏاڍا آهنجا آهيون، الله جو سونهه، نه پئسو نه پنجڙ! ٻيلي،تو جهڙي به ڪري ئي ڪوم. +چنيسر- دودا، توڪن سڌئي ڪانهي نه ٻيون پچارون ڇڏي ڏي. وڃي انگريچ جي گهرين پيا هواسون وو! قست ۾ ترم ڏسڻا هوا، سي به ناحق ڀوڳي آياسون. ڏوڪڙ موڪلي مور هين ڦاسي رهيس. نه پئسا گهرين پڳا، نه واري مليا. هڙئي هاري ويهي رهيا سون. +دودو- (عجب ۾) الله جو؟ +چنيسر – سونهه. +دودو- اي وري ڪيئن ٿيون؟ +چنيسر – گهاڻي پوئي منشيءَ کي، سو ڦارم ڪو ايهڙو ڀر يائين، جو پئسا وڃي جڙيا ڪڻس، مور ڳوڪئين وڃي معاملو، ته مانجو ڪوٽ چنيسر چورائي ويو آهي. پوءِ سڙڪ وڃي جڙ يا ڪڻس تان پي ويس ته پوليس نيئي سوگهو جهليم ۽ گهلي وڃي هنيائون ترم ۾.پوءِ هڻندين هڻندين مسين مسين ڪلٽر ويچاري، ٻچا بچنس ڇڏيو آم، هاڻي وري اهو تڙ، اهي چڙ هيون. ڪجهه ڏوڪڙ ٿيا آهن ۽ ڪجهه ٻيا ٿين ته پوءِ تون ئي کڻي ووڃج. هير ڀلا، توجوڪيئين اچڻ ٿيو آهي؟ +دودو- اچڻ جي ڳالهه ته پوءِ ٿا ڪريون، چنيسر مانجا ته سچ پڇئين ته پير ئي اُکيڙي ڦٽا ڪيا ٿئي. ٻيلي! آءُ چوندو آهيان ته ٿر جو رکو ٽڪر پڻ ڀلو! ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان. سالڪن اڳي ئي چوئي ڦٽو ڪيو آهي. که پيو ايهڙو سنڌ ملڪ جتي جا ماڙهو بنهه اهينڊ آهن. +چنيسر- پر دودا، جو لکيل هوندو ڀاڳ ۾، سو ته آوس وهي پوندو ڀاڳ ۾. (ڪتاب ۽ سليٽ هٿ ۾ کڻي) هاڻ مون ڪيو آهي ملين وٽ پڙهڻ شروع. +دودو-(کلي ٽهڪ ڏيئي) الله جو؟ +چنيسر- سونهه. +دودو-ڇوڪرين ڀيڙو ڪم؟ +چنيسر – (گٽڪار سان) نه نه ڇو ڪريا جا، انگريچ وري پوڙهن جا اشڪول ڪي اپٽيا آهن؟ جتي کوڙ ماڙهو پيا پڙهن. هن مير پور جي شوهر ۾ ڏاهڪو کن اشڪول ته هوندا ئي هوندا، هڪڙو اشڪول هتي تڙ مٿي پڻ ڏيهاڙي لڳي ٿو. +دودو- (عجب ۾ پئجي)چنيسر،ڪي پڙهيو به اهيٻن؟ +چنيسر – هائو، ڪوڙڪوم ڪريان. هي ڪتاب ۽ سليٽ به سرڪار مان جڙيءَ آم، (پڙهي ٻڌائيس ٿو.) مال جا واڙا، گاهه جا گڏا. (سليٽ ڏيکاري) هي اکر به بنڊ لکيا آنم، (نالو لکي ڏيکاريس ٿو) هي اٿئي مانجو نالو، چنيسر. (وري لکي) هيءَ لکيو آم تو جو نالو؛ دودو. ڪئين ٿو ڀانيٻِن؟ +دودو- (عجب ۾ پئجي) چنيسر ٻيلي، تو کي شابس هوئي لکڻ سين. مون ڪڻ ته اهي انگڙا ڪر ڄمار ڪين اچن. +چنيسر-دودا، ڀلو اهيٻين ڀلو.مون به مهند ائين ٿي چو، پر ڏس، هير ڪيئن پيا اچن، بگر پڙهڻ جي. دودا- شوهرن ۾ ماڙهو ڍور جيان پيو ڦري، ڪا گم ئي ڪانه ٿي پوئي. +دودو- ٻيلي، تون ننڊو نيٽو آهيين، اسان جي اڇي ڏاڙهي ٿي ويئي. وڃائي ويٺا آهيون. هير ڇا پڙهبو! +چنيسر – (کلي) دودا ٻيلي، پڙهندين کيال سين، ڪو ڏاڙهيءَ مين ڪونه پڙهندين. جي سڀان ساجهر جو اچين تان ملين ڀيڙو ڪري ڇڏيين. +دودو- چڱو ادا، ٿئي سڀاڻ و! +چنيسر- ڀلا ڪي ٿر ۾ ڇنڊون پيون آهن ڪ نه؟ +هتي سنڌ ۾ ته رڳو دوڦان متا پيا آهن. اهي ريل جي دونهين جهڙيون پڇون، جن ۾ نه آسرو نه اميد، ڦريو وريو پيون ڦرن. +دودو- ٻيلي چنيسر، ٿر مٿي هيل سال به جنسي قيام آهي وو! ڪک مورهين ڪونه لڀي. مال مري فنا ٿي ويو آهي. لسيءَ لپ لاءِ مشڪين سڪي مئا آهن، جي هنين چنڊ جي تاريخن ۾ ڇنڊون پيو ته گهوري گهوري! نه ته ڏڪار به ڏڪارٻين جهڙو پوندو، ڍور توڻي مارهو مڙئيءَ مري ويندا وو!قياس ڪر، جوڙي رپئن جي مزوريءَ جي پويان پنجاهه ڪوس ڪري اڄ هتي پڳو آهيان. رائلي وارن رندن جا ڪي ڏاگها، اٺيين پويان لڳي کڻي بتال ٿي سنڌ کي اچي ڊريا اهن، تنين جا پڳ، ٽيو ڏيهن چيلهه واري ڍڪ ۾ اچي هٿ ڪيا آم. هياڻ، ڀاڳئي کي پتو ڏبو، تڏهن جڙندو جوڙو رپئين جو. ڪجي سو ڇا ڪجي؟ +چنيسر- (ٿڌو ساهه ڀري) هئو دودا،هي بنهه لاچار. (ٽنگ جي سور کان دانهن ڪري ٿو.) اڙي، گهوڙا ڙي! (پٽيءَ کي هٿ لائي ٿو.) +دودو- چنيسر، هي ڦٽ هيڻا ڪين ڇٽو آهن ڪ؟ +چنيسر- ڳه ڳه، (ڳٽڪار ڪري) هيترا ڏينهن ڪياسون پنڊ جا ٽِڪڙ. هير ته مور ڳو سجي پيو آهي. سڀ ٿا چون ته وڃ داختر وٽ. هاڻ لاچار وڃبو، نه ته ڦٽ وڃي ٿو وڌندو. +دودو-ٻلي چنيسر، متان داختر وٽ ويو اهيين، سو آم ته ولات ۾ ماڻهن جا هينئان ٿا کپن ۽ ان مان چر ٻي لاهي تيل ڪڍي. ائينءَ ڪري، داختر ويچارن اگهن کي سيون هڻيو ماريو ڦٽو ڪن. جان ته وري عضائي وڍيو ڪڍين. پو جو تربي گٿي سو چوٽون کائي واري ڳالهه ٿئي! پاڻ مشڪين ماڙهو هت شوهرن ۾ نه ڪواهي نه ڪو واهي. مڦت ۾ مرون يا منڊا ٿيون، اي ڪم مور کين جو. +چنيسر-دودا، اي ڳالهيون مون به سيون آهن، پر ڪين ڪجهه وڌاءُ به اٿئي، ڀلا، جي داختر وٽ نه وڃان ته پوءِ ڪيئن ڪريان؟ ڦٽ ته مورهين نٿو ڇٽي. +دودو- آءُ ٿو تو ڳڻ ڏس ڏيان. ڦٽ ڪيم ڇٽندو جو ملڪ بيهي ويو آهي. وڃي ڪنهن پير جي قبر مٿان کاڪ چپٽي کڻي ڦٽ مٿان رک ته ويرم ۾ ڇٽي وڃين، ڪر ڪوڙٿي ڪيئي يا وري ڪنهن سيد کي وڃي تائيٽ لکائي مُرئي ۾ ٻڌي ڦٽو ڪر. پوءِ بي الڪو ٿي پيو تڙين مٿي موزون ڪر. مون ڳن ٿيو هو ڳچيءَ ۾ ڳوڙهو سائين صابن شاهه باشاهه،(نڪ تي احترام کان آڱر رکي ٿو.) ڍٽ ڌڻيءَ جي گاديءَ واري، ست ڳنڍيون ڏئي، آڪاري مان سڳو وٽي ڏنيم. ڪاڏي ويا ڳوڙها، ڪاڏي ويا درد سور! هي سڳو اڃا مانجي ڳچيءَ ۾ پيو آهي. (ڏيکاريس ٿو.) +چنيسر- سائين باشاکي سنت گهڻي نذز رکيئي؟ +دودو-روڪڙ مون ڪن ٽڪو به ڪونه هو، باقي ڳئو مون واري ڪڪڙي، سائينءَ جي پڳين کڻي نذراڻو رکيم. (چنيسر عجب ٿو کائي.) ڪو عجب ۾ ٿو پوئين؟ ڳئون ڏنيم، پر ڄمار ته بچي! سائين جو کيڦو ڦل ڦقير به ماڙهو اٿئي ڏاڍو ملوڪ. پهتل شخت. ان مون سين ڳالهه ڪي ته اي جيڪو نه منکي ڳچيءَ ۾ ڳڙهه نختو هو، او بنهه موت جو ڳڙهه هو وو! سائينءَ جو سڳو نه پڄي ها ته ڏينهن اڌ ۾ ڦاٽي پوئي ها، پوساهه نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. +چنيسر- هئو ادا، انسان ويچارو اهي ماڙهوءَ جي آچار وڃڻ ۾ ويرم گهڻي ٿي لڳي؟ اي ته آءُ به ڄاڻان ٿو، پيرين وڏي ڪراست. هو ڏڌو کير به ٿڻين وجهي ڏين، پر دودا،هتي ته مون ڪن، پير ڪونه ٿو سجهي. انهي ڳالهين واه ڙي مئا ٿر! پير ائين جئين مٿي ۾ جويون وو! دعادڦا ڦيڻون ڇنڊو، سڳو ڌاڳو سڀ سونهج. سارو سال هيڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا وڃن ڪڏهن ڪڏهن جو اچيو رکن ڀيڙو ڀٽين منجهه هيڪاندو ته ٻاجهريءَ ڪک، ڪٽي، گيهه ۽ ڇيلٻن کي بنهه تاڙاچيو وڃي وو! +دودو- هئو چنيسر ٻيلي ٿيو سا ماڪڙ واري ڪار وڃي وو! پر وري به الله جو ڏنو آهي به انهيءَ مرشدين جي صدقي ٿو کارائي – چنيسر ٻيلي، ايمان اهي ته سڀڪين آهي. هيءَ ڏس، سنڌ جا ماڙهو اولاد لاءِ سڪندا وتن.پانجو ٿر ملڪ پڻ آهي، اهي بنهه مشڪين.ماڙهن جو قوت به توڪڻ ساريو پيو اهي، تڏهن به ڪيترا پٽ ۽ ڌيون، مال ۽ رزق انهين مرشدين جي برڪت سين پيا ملن وو! ٻانهي جي ڪا وس جي ڳالهه آهي؟ +چنيسر-نه ڙي ادا، بندي جو ڇا وس اهي! پر سال ڪئين ڊاڀري جي پراهون، اوترئين مڙهن مان سائين ولات علي شاهه گهوٽ، عا سان کاري تڙ مان مٺو تڙ ڪري ڏنو! اهو پي آيو آهيان. بس ڪهڙيءَ ٿو ڳالهه پڇٻين؟ جهڙوسنڌ جو پاڻي وو! +دودو- هئو، اي ڳالهه مون پڻ سڻ هئي، جو سا��ينءَ پاڻ سان اتان هڪڙي ڇوڪري به ٻانهي ڪري ڀيڙي ڪي هئي. بلي چنيسر!چون ٿا ته ان مائيءَ جو تائيٿ ڦل ڏاڍو ٿو هلي! +چنيسر- هائ دودا، پارس لوهه سان لڳي ته سن ٿي پوئي (ٽنگ جي سور جي وري به دانهن ڪري ٿو.) پير ته هڪڙو هتي مير پور ۾ به سڄي ٿو ته مڙد مڙئي پهتل اهي.سڀاڻي ئي وڃي پڳين لڳندو سانس، هاڻي آءُ ته روٽلو کنيون. هوندين به پر بکارو؟ (ماني هڙ مان ڇوڙي گندي ڇائي ٿو.) آ ڀلا بسم الله، +(ٻئي ماني کائين ٿا ۽ پاڻي پيئن ٿا، کائيندي گفتگو ڪن ٿا.) +دودو- چنيسر ڀلو ڀلو، ڳڙ ته سنڌ جو! +چنيسر –سنڌ م اجهي اي ته مزا اهن نه؟پيو پانجي ٿر جا لهاڻا ۽ ڪراڙ ته ماڳهين ايهڙا نڀا ڳا، جهڙا ڏيپلي جا ميمڻ.ورهين جون ڄاري کاڌي شيون ڪڍي ڏين پاڻ مشڪينن کي. +(وري بصر کائن ٿا،) +دودو- چنيسر، بصر ڪيئين مليئي؟ مٺو سو واهه جو آهي! منجهانس کير پيو وهي وو! (هٿ سان نيوڙي ٿو.) +چنيسر- بصر جيي پچار ڇڏي ڏي. هيڪرو ڍاٽي مون ڳن آيو مزمان ٿي. ڌڙي بصر ين جي ويرم ۾ کائي ويو وو! +کلن ٿا ۽ ماني کائي بس ڪن ٿا ته هڪڙو واڻيو اچي ٿو.) +واڻيو- چنيسر! چنيسر – اوجيءَ. +واڻيو – ٻيلي، تون ويٺو اتي رهاڻيون ڪرين ۽ اسان وٽ پاڻيءَ ستيءَ به ڪانهي. ڪر جلدي، وارو ته ڀري هل. +چنيسر- ڀائي، ٻه پايون واري جون ڳهندس، جي قبول هونئي ته هلان نه ته ٻيو ڪو گس ڪر. +واڻيو – چنيسر، اڳي ته اهڙا ليکا ڪونه ڪندو هئين، هاڻي ڏاڍي پڪا ئي سکيو آهين! +چنيسر- ڀائي، گريب آهيان. هڏين جو پورهيو آم. پڪائي ڇونه ڪندس؟ +چڱو چڱو، پڻي ته آڻ، پوءِ ٺهي وينداسين. +چنيسر _ (ڪنڌ لوڏي) پاڻي، نه، حقائي موچاري آهي. +واڻيو چڱو،ست وارا لاهي وڃ. ٻه پايون گهمري جون، ست ڏون ٻارهن، ٽي پئساٿيا روڪڙا، سي پنهنجاوٺي وڃجان. بس، ڳالهه به ايتري. سگهو اچجان، مان هلان ٿو. +چنيسر – ڀائي،ايڪ ڏون ڏون، ٻه ڏون چار، ٽه ڏو ڇهه چار ڏوهن اٺ، پنج ڏون ڏهه، ڇهه ڏون ٻارهن، اوست ڏوهه چوڏهن. (چوڏهن تي زور ڏئي ٿو.) چوڏهن پايون ٿيون چوڏهن. (واڻيو عجب ۾ پئي ٿو.)ٻارهن پايون آني ۾ مٿان وري ٻيون ٻه پايون هتي رک ته هلان وو! جي هلين اڳيون ليکو ته هوندءِ کئير، گهڻائي ڏهاڙ اسان مشڪنين جو رت پيتو اٿو. +واڻيو – (شرم کي وند رائي) مار! چنيسر، ڏاڍو ڏاهو ٿي پيو آهين! مون ته رڳو آزمودو ٿي ڪيو ته ڏسان ته چنيسر ڇا ٿو چوي. +چنيسر- هئو ڀائي، آزمودا گهڻا ورتئو. هاڻي اسين به اکر پياسکون وو! +واڻيو – چڱو چڱو، هاڻ ڇڏ ڪاوڙ، سگهو اچجانءِ. (پنهنجي منهن) بس، وڏيرن جلم ڪري ڇڏيو. +چنيسر- حاضر، آيو، آنو ۽ ٻه پايون ٻاهر ڪڍي رکجان. +دودو- (عجب ۾) وڃ چنيسر! اي ڪهڙو ڪتاب پرهي وئين؟ واڻئي کي به منجها ئي ڦٽو ڪيئي. اي سڀ ليکو اشڪول مان سکئين ڪ؟ +چنيسر- هئو دودا، اسان جو ملو ليکي ۾ ڏاڍو ڀڙ اٿئي. اي سڀ ان سکاريو آم. +دودو- وا ڙي وا! واڻيو ڌوتي ڇنڊي وٺي ڀڳو!پر اسان کي به ٿرين هلي ڪي واڻيا سڌا ڪري ڏيج، اسان جو ته ڄورن جيان رت به چوسي ڦٽو ڪيو آن. چنيسر – حاضر حاضر.مون کي رڳو هڪوريءَ ڀڙ ٿيڻ سو ڏي! (ائين چٽي، اٿي ڏول سان کوهه مان پاڻي ڪڍي ٿو، ۽ دبا ڀري ڪنواٽيءَ ۾ کڻي ٿو.) هاڻ دودا، الله واهي! واڻئي ڳن پاڻي ڏئي، وڃي ڪي چار ڏوڪڙ ڪمايو.تون وري سيگهڙو ڀيرو ڪج. ته ملين سان واکب ڪري ڇڏيين. +دودو- ادا، اول کئير، مان به سگهو ٿو وران. +(دودو ۽ چنيسر وڃن ٿا ته مٿان هڪ پنجابي دوا فروش، ٿيلهو دوائن جو هٿ ۾، پنهنجي سنڌي ڀائيوار سان ڳالهيون ڪندو اچي کوهه وٽان ٿو لنگهائون ٿئي،) +پنجابي – سوچيم ٿي روز گار جو حال ڪونهي، اڳي اسان جا پنجابي ڀائر پنهنجي چالاڪيءَ سان سنڌين کي ڦري رپين جون ڀريون ٻڌي پنجاپ واپس ٿيندا هئا، هاڻي زمانو سجاڳ آهي. پئسو هن وقت شير جي ڪن ۾ آهي. +سنڌي- سائين، منهنجا، ڪن ۾ هجي ته اتان سولو ڪڍي به سگهجي. هيئر پئسو آهي شينهن جي پيٽ م. سنڌ ۾ تعليم ڏينهيون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي، هن کان اڳ ماڻهو اڪثر جاهل هئا. خلق پيئي ڦربي هئي، پتو ڪونه هو. +پنجابي – (کلي) برابر، پنجاب لاءِ ته سنڌ سون جي کاڻ هئي! نيم خوانده ملا، نيم طبيب، ٻيا به ڪئين ڍونگهي پير فقير، معمولي گاني وارا، هتي اچي پاڻ کي اعلي درجي جا عالم، ڊاڪٽر، جادو گر، ولي الله ۽ تانسين سڏائي، سنڌين جي جيب تي خوب ڌاڙا هڻندا هئا، مگر اڄ هتي هڪ عجيب انقلاب اچي ويو آهي! +سنڌي – حقيقت هيئن آهي ته سائين منهنجا، ڳچ عرصي کان سنڌ ۾ بالغن جي تعليم، ڳوٺ سڌارهلچل ۽ ٻيون اهڙيون تحريڪون بربا ٿي چڪيون آهن، ڄاڻ عنقريب وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اسان جي لاءِ روز گار جي ڪابه گلي ڪانه رهندي. وقت نهايت نازڪ اچي سهڙيو آهي. +پنجابي – ماشاءَ الله اسان کي به خدا جادو بياني عطا فرمائي آهي. پنهنجي تقريو ۾ ڪافي اعتماد آهي. فقط اوهان جي سچائيءَ جي ضرورت درپيش آهي. اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته جيتري پيدائش وڌندي، اوتروئي اوهان جي حصي ۾ اضافو ٿيندو، +سنڌي –خدا تي رکو. هن موسم ۾ هڪ خاص ڳالهه جا اسان جي فائدي ۾ آهي سا هيءَ ته ميرپورخاص جي شهر ۾ اڄڪلهه ٿر جا ماڻهو نهايت گهڻي تعداد ۾ آيل آهن. جنهن جو سبب اهو آهي ته ٿر ملڪ ۾ بارش جي نه پوڻ ڪري هو روزگار جي تلاش ۾ هتي پورهيو ڪري رهيا آهن. ماڻهو پورهيت، ايماندار۽ بخيل آهن، مگرخوش نصيبا جاهل ۽ لالچي به آهن. اوهان پنهنجي سحرگوئيءَ کان خوب ڪم وٺجو. +(ٻئي کلن ٿا) +پنجابي – اوهان جي گفتگوءَ مان ئي مون کي معلوم ٿو ٿئي ته اوهان بلڪل ڪار آمد ثابت ٿيندو. انشاالله تعالي انهن ٿرين جي پوريءَ طرح حجامت ڪئي ويندي. +سنڌي – اوهان بفضل خدا سنڌي زبان جا بخوبي ماهر آهيو. ٿري جاهل جڏهن اوهان جي چتر زباني ٻڌندا، تڏهن وات ئي پاڻي ٿي پوندو ۽ اهڙي وقت اوهان سمجهو ٿا... (وڌيڪ ڪجهه چوي ڪين ٿو، پر پنجابي سندس مطلب سمجهي ٿو وڃي،) +پنجابي-مان سنڌ ۾ سترهن سالن کان ايندو ٿو رهان. اڃا به سنڌي زبان تي قبضو نه ٿيو ته باقي اسان جا جهان گرديءَ ڇا ڪيو؟ مبالغو ۽ مغالطوته اسان جي ڏائي هٿ جو ڪرشمو آهي. ٻڌو ڪونه اٿو ته ؛ +جهان ديده بسيار گويند دورغ +دو پيمانه آب است يک چمچه دورغ +(ٻيئي کلن ٿا) +سنڌي – خدا ۾ ايمان ۽ پنهنجي ڪارستانين ۾ اميد رکو. اوهان کي اڄ شام جو هتي کوهه جي اڳيان تقرير ڪندو ڏسڻ گهران ٿو، اهوئي سٺو هنڌ آهي، جتي شام جو ماڻهو جمع ٿي سگهندا. +پنجابي – پر ميرپورخاص جي عام ماڻهن جي ذهنيت کان ٿورو آگاهه ڪريوم ته بهتر. ڪم از ڪم اها ڳالهه اڳ ۾ ئي ڄائڻ گهرجي ته هتي جي ماڻهن جو خاص طرح ميلان شوق ۽ رجحان طبح ڪهڙين دوائن ڏي ٿيندو ته انهن بابت خاص انداز ۾ بيان شروع ڪجي. +سنڌي- (کلي ٿو.) برابر. اهو سوال پچڻ بلڪل ضروري آهي. +پنجابي –(کلي)هن ڪري جو هر هڪ سمجهو حڪيم يا مقرر جو ڪم آهي ته سڀ کان اول پاڻ کي عام راءِ کان واقف رکي ۽ ٻڌندڙن جي نفسيات ڄاڻي تنهن کان پوءِ پنهنجو جادو هلائي، ورنه ناڪاميابي يقيني آهي، +سنڌي- ميرپورخاص ۾ کوهن جو پاڻي نهايت بدهاضم آهي. اڪثر ماڻهن کي بد هاضمي جي شڪايت هوندي آهي، لهاذا هاضمي جي دوا بلڪل موئر الفاظن ۾ بيان ڪجو. +پنجابي – مقويات ۽ معجونات جو استعمال هتي گهٽ آهي ڇا؟ +سنڌي – مان ان نڪتي تي پڻ اچي رهيو آهيان. هتي ڪي حڪيم اهڙا آهن. جن ورهين کان وٺي عام زميندا�� کي ياقوتين تي هيرايو آهي، ۽ کين موتين جي عيوضي فقط سپ کرڙي کارائي آهي. +(کلن ٿا) +پنجابي- شڪر آهي جو سپ به نصيب ٿي اٿن، اسان وٽان ته (ڪن ۾ ڪجهه ڀڻڪيس ٿو ۽ هو به چپن ۾ مرڪي ڪنڌ ڌوڻي ٿو،) سرمي جي باري ۾ مون کي اهڙي ته تقرير ياد آهي، جو خود مان پاڻ تي پاڻ واهه واهه چوندو آهيان. +سنڌي- ڌنڌ ۽ ڦلي وارن جي به ڪمي ڪانه آهي، ڊاڪٽر سچانند هتي ايندو آهي ته اک تي ساين اڳڙين ٻڌل ماڻهن جا لشڪر نظر ايندا آهن.جيڪڏهن اوهان جي تقرير اثرائتي ٿي ته سرمي جي وڪري ۾ به پوئتي ڪونه پونداسين. +پنجابي –سلهه ۽ دم تي جا تقرير مون کي استاد سيکاري آهي، سا به ٻڌڻ جي قابل آهي، سوين شيشيون زبان درازيءَ جي زور تي فروخت ٿي چڪيون آهن. +سنڌي-واهه صاحب! اها تمام ضروري ڳالهه آهي، جامون کي وسري ويئي هئي. ميرپورخاص ۾ ڪپهه جي انجڻين جي دز غريب آباد جي رهاڪن جي ڦڦڙن ۾ ايتريقدر ته وڃي آستانو اڏيو آهي، جو سوين سلهه ۾ مبتلا آهن. هن طرف جيڪا به خوش بياني ڪندا، سا فائدي کان خالي نه ويندي. +پنجابي- تڏهن ته دوست ٻيڙائي پار آهن! سچ ڪري پڇو ته اوهان جي ملاقات ڪري مون کي ازحد خوشي ٿي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ميرپور خاص منهنجي لاءِ نيڪ فال ٿيندي. +سنڌي – نشاالله تعالي! هيءَ اهو سنڌ جو شهر آهي، جتي هر ڪا شيءَ مهانگي ملندي آهي. ٿر ضلعي جا جاهل زميندار پئسي کي ٺڪرين وانگر آڏائڻ ۾ شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. جهل ۽ فضول خرچيءَ جي بازار گرم آهي. + + +پنجابي _ پوءِ ته نصف لڪ نصف لي هاذا قوم جاهلون. (ٻيئي تاڙي ملائي کلن ٿا) +سنڌي –هائو، اڌ تنهنجو، اڌ منهنجو، هي جي ٿيا جاهل! چڱو، السلام عليڪم اڄ شام جو، هن ئي هنڌ. (سنڌي ڀائيوار هٿ، هٿ ۾ ملائي موڪلائي وڃي ٿو،) +پنجابي- ملڪ ۾ ملت جو خيرخواه چڱو ملي ويو اٿم. آخر اسان پرديسين کي به جيستائين اهڙا محب وطن سنڌي نه ملندا، تيستائين اسان جي رهبري به ڪيئن ٿيندي؟ خير هيترو وقت ته خيالي پلاءُ پچايا ويا آهن، ڏسجي خدامسب الا سباس آهي.(مٿي نهاري ٿو.) +(پنجابي- دوا فروش وڃي ٿو نه مٿان چنيسر کوهه جي ڀر ۾ اچي ڪلهن تان پنهنجي ڪنواٺي لاهي پٽ تي رکي ٿو. سلفي دکائي پيئي ٿو ۽ ڪجهه جهونگاري به ٿو.مٿان دودو به اچي ٿو سهڙي.) +دودو- سلام اليڪم. +چنيسر- ماليڪم سلام دودا، ڀلين آئين ڀلين! مون به ويٺي تو جي واٽ نهاري. چوئان پيو سج به ٿو اڀري، همراهه جو پتو ئي ڪونهي. +دودو- (کلي) سج اڀري ٿو ڪ الهي ٿو؟ +چنيسر – (ورندو کلي) پر دودا، انسان ويچاو آهي ماڙهوءَ جي آچار. ڪڏهن ڪڏهن زبان مان ڀل به ٿيو وڃي. +دودو- کئير، او ته ڦڪر ڪونهي، پر هي توجو جکم (چنيسر جي ٽنگ واري زخم ڏي اشارو ڪري)ار...ر...ربنهه ڪيم ٿو وڻيم تون به هاڻ ٿيو اهين شو هري. مرسدين مان ويساهه ويو اٿئي نڪري، داخترن جي تات ته شل ڪوم پوئي، هي، جيڪو ميرپور وارو پير اٿئي،ان جو نالو به پڇي آيو آهيان، ڪاني ڪرامت جي ٻي پچار ڇڏي ڍار، بنهه مئا ويٺو جياري. +چنيسر –الله جو؟ +دودو-سونهه. +چنيسر-دودا، مرشدين کان آءُ ڦريو ڪين اهيان، ابو چوندو هو ته مرشدين کان جيڪو ڦريو، سو ڦر يو پر ڳالهيون اسان وارو ملو به عقل جون ٿو ڪري. +دودو-اوڇا ٿو چوئيءَ +چنيسر-چوندو اهي ته ابا،پراڻي وخت وارا مرشد ئي مري ويا، هاڻي آهن ٺڳ، رڳو پڳو مريدين ڪنان ڏوڪڙ ڦري، ڪن ڀينگيو. +دودو-ائين بروبر آهي، پر چنيسر ڏس، تون سالڪ مرس اهين، هي ڏسج (اڱر يون ڏيکاريس ٿو،) پنج آڱريون اهن، ڪي پنج ئي بروبر آهن؟ ڪي چڱا، ڪي مٺا، هي مانڊاڻون جو منڊيو اهيس سو به ڪن جي ڪري ته پيو هلي! +چنيسر _ سو هروڀرو پيرن جي ڪري پيو هلي ڪ؟ +دودو _ چه چه آءُ ائين ڪونه ٿو چوئان، پر ڀلين جو اولاد آهي نه؟ ڪنو پاڻي هوندو، ته به باهه وسائي ڦٽي ڪندو. چريا کريا هوندا ته به هن جي پٺ زور ٿي نه؟ +چنيسر-ڪنو پاڻي باهه بروبر وسائيندو، پر ڌپ ته منجهانس ڪانه ويندي نه؟ (کلي ٿو.) +دودو- ٻيلي تون آهين هير پڙهيو ٿي پيو، توسان بهينش ڪري آءُ ڪو پڄندس؟ مرضيءَ جو آهين مالڪ. +چنيسر- ڀلا، سائينءَ جو نالو ڇا آهي؟ +دودو _ سائين شمشير علي شاهه. +چنيسر _ دودا ٻيلي نالو ئي برڪت وارو اهيس. +دودو- ماٺ نه ڪرئين؟ زاد نه بيهي، سارو ڏينهن پڪو ڪيو آم، تڏهن مسين مسين ڳالهه مگز ۾ ويٺي آم، هير آءُ به ويو هوس ڪا ڇيڻين جي ڀري ڪرڻ. ڪاڙهي ۾ ڪڙهي ڪڙهي ڀري ڪيم هيڪڙي، سا کڻي ٿي آيس شوهر ۾ ته وڪڻان ته من ڪي ٻه –چار ڏوڪڙ ٿي پون. +چنيسر – (کلي ٿو.) دودا، پر انهيءَ ڳالهئين سنڌ زور! +راضي شاهه جو سونهه، هاڻي پانجي ٿر مٿي ڇيڻين کي پڇي ڪير؟ هتي سنڌ، ڇيڻو به ڏوڪڙ ڪريو وڃي وو، مهتا ته مور ڳو ڇيڻي ڀتر تي مرن پيا مرن وو! روز صبح جو ڪولهڻيون ڏسندين ته ڇيڻا ڀتر وڪڻنديون وتن. واهه ڙي سنڌ ملڪ واهه! +دودو-هئو چنيسر، اپائي به سنڌ، وري کپائي به سنڌ! +چنيسر – هئو پئسين مين ماڙهوءَ جو ماهه به جيترو کپيئي اوتر ڳنهه. (ٽنگ تي هٿ لائي سور کان دانهن ڪري ٿو.) +دودو- پو تو سين ٿي ڳالهه ڪيم ؛ ڇيڻا کڻي اچان جو شوهر ۾ ته سائين، شمشير جو کليڦو صالڻ فقير منهن پئجي ٿو وڃيم. +چنيسر- سڃاڻندو هئين ڪ؟ +دودو- ڳه ڳه (ڳٽڪار ڪري) مون کان پڇائين؛ ٿري فقير، ڇيڻين جو ڪيترو ملهه؟ +مون چيومانس؛ سائين، توجي اکتيار. پوءِ ته آءُ ٽين آني ٿي، هو ٽڪي تي.نيٺ چيائين؛ ابا، ڀلي پاسي ڇيڻا ويندا، بازن ۾ پوندئي سگهه، آءُ به اهيان کليڦو سائين شمشير علي شاهه جو، صالڻ فقير منهنجو نالو اٿئي. سائينءَ جي بٺيءَ لاءِ کپن ڇيڻا جتي هر ڪو اوي سوي اچيو تل ڦل ڪري. اهو ٽڪو اسين ملهه ڪونه ٿا ڏيون، پر دعا جو ٿاڏيونءِ. تون کانگاهه ڏي کڻي هل، پوءِ ته تو جي مرضي پوئي ته لاهيج نه ته توکي ٻڌندو ڪونه؟ +چنيسر-پوءِ لاهي آئين ڪ؟ +دودو-ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين؟ +سائين بادشاهه جي کانگاهه ڏسي، آءُ ته ڏري ويس، سوين سوالي ويٺا هئا، ڪارن شيدين جو ته ڇيهه ئي ڪونه هو! پو ته کليڦن مون کي سائينءَ جي ڪرامتن جون اُهي اهي کبرون سڻايون، جو الله جو سونهه مون ٽڪي تان به هٿ کڻي ڦٽو ڪيو. سائين ڌين مان پٽ ڪريو ڏي! ٻي پچار ڪهڙي ٿو ڪرين؟ +چنيسر – توزيارٿ ڪئي؟ +دودو-ڳه ڳه!(ڳٽڪار ڪري ٿو) مون پاڻ تو جي به ڳالهه سڻائي ڏني ته مانجو مٽ آهي چنيسر، او پاڻ ويچارو جکي پيو آهي، کليڦي صالڻ فقير چو ته مار! هيترو وقت پي سور سٺا اٿس، سائين جي مچ جي کاڪ ۽ مٽيءَ جو پاڻي ڪر انهيءَ ٽاڻي ڇڏائي ڇڏيس ها، +چنيسر- تڏهن دودا، کڻي سائينءَ ڀيڙو ٿجي؟ +هير مورڳو سور کان پاڻي به ڪين ٿو ڀري سگهان. +دودو- مون کي ته کليڦي چو ته مريد ٿي، پر مون چو ته چنيسر سان صلاح ڪريان پو، تنهن تي چوئين ته چنيسر کي ڀيڙو وٺي آءُ، ڀاڳ ٿا اوهان ٿرين جا کلن، جو هڪڙو مرشد ڀلو ٿو مليانو. +چنيسر – ٻيلي دودا، مرشد ڪونه وٺنداسين، اي گهوڙو پاڻ ڳنان در مٿي ٻڌو ڪونه ٿيندو. پوئتان پيڙ هيون پيون ڏن ڀرين، اهڙو ڪم ڪچو ڪونه ڪبو. باقي دعا دڦا، ڪو ڦيڻو ڇنڊو ڪرائي، سنت ڏيئي موٽي اينداسون. +دودو- جيڪا تو جي مرضي، پر چنيسر، هيڪواري هلڻ ضرور کپي، ڏاهن چيو آهي ؛ ڪک هيٺ لک لڪو پيو آهي. سائين سڻجي بنهه ڪرامت واروپيو. هلي زيارٿ به ڪري اينداسون، دعا به مڱي اينداسون، سڀاڻي هلڻ کپي. سائين ملي ٿو صبح جو چنيسر، کلق ٿ�� اچي ڏاڍي، تو جي مانجي اتي پچار ئي ڪانهي. +چنيسر- اول کئير، صبح جو هلنداسين. +(پردو ڪري ٿو.) + +(ائڪٽ ٽيون) (پردو ٻيون) + +(شاهي سڙڪ تي، ڪنڊ پاسيرو، ٽي پتيباز پنهنجو ڄار پکيڙ يو ويٺا آهن.) +پهريون – (سگريٽ مان سوٽو ڀري) مولا! ملاءِ ڪو متين جو موڙهو، ڳنڍين ڳوڙهو. +ٻيون – (ساڳي سگريٽ مان همراهه کان وارو وٺي) ياعلي! ته هٺي ڌڪ حرفت جو ڪيو نس اتيئي پورو. +ٽيون- پيران پير! کٽيءَ ڪمائيءَ مان اسين به ورهايون ڪو اڄ تنهنجي يارهينءَ جو چورو. +(اتي ٻاهران ٻن ڄڻن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڏجي ٿو.) +هڪڙي سڙڪ هي آهي؟ +ٻيو آنهه، آنهه. +هڪڙو – متان ڀل ته ڪيم ٿو ڪريين؟ +ٻيو-ڳه ڳه (ڳٽڪار ڪري.) +پهريون ٽپتائي – (ڪن ڦرڙائي) دوستو، هاڻي ڪا ڏيکاريو مڙسي. آهن ٻيئي ٿر ڀوڪ. +ٻيا پتيباز – مولائي، رک مشڪل ڪشا تي ڪي وڪيا هوندائون ڇيلا يا ٻڪر ته مورو چيلهه وارو ڪريون ٿا خالي. +(هڪڙوپتا هلائي ٿو، پيا پئسا رکن ٿا. ايتريءَ ۾ دودو ۽ چنيسر اچن ٿا،) +دودو- چنيسر، هي جوان ڇا تي ڀيڙاٿيا آهن؟ +چنيسر – شوهرن ۾ سداائين ميلا لڳا پيا آهن. +پتيباز – (هنن ڏي نهاري.)يارو!قسمت، نصيب وارو کائي! بخت ڀاڳ کائي! +(دودو ۽ چنيسر به رڙهي ويجها ٿين ٿا۽ ڏسن ٿا، ٻين کي کٽندو ڏسي دودو هر کي ٿو،) +دودو- (چنيسر کي پاسي تي وٺي) چنيسر، ڪهڙي صلاح؟ +آزمائيندين ڀاڳ ڪ؟ +چنيسر- دودا، مون وٽ ڏوڪڙ ڪونهي، نه ته کيڏ مون سمجهي ورتي آهي. روپيا ٻه چار کڻي وجهجن ميدان ۾. +پتيباز- قسمت، نصيب وارو کائي! ڀاڳ، بخت وارو کائي! رکي رکي رپيو، جنهن جي دل چاهي. +(سندس ماڻهو راڻيءَ تي رپيو رکن ٿا، کٽن پيا.) +دودو- (چنيسرکي) توجي صلاح هوئي ته روپيا ٻه،چار کڻي ڦينڪيون. جي ڏنو ڀاڳ ڀيڙو ته دال مان سيرو، جي ڏني بخت دٻ ته سيري مان رٻ! (کلن ٿا.) +چنيسر- هئو، ڀاڳ جو ڪم اهي، يا ته ٻٽ ٻهون ياته ڪپو ڪڇ ۾! +دودو- هنن همراهن کان بچون ته سهي؟ +چنيسر- هئوڀلين، (هنن مان هڪڙي کي سڏ ڪري ٿو،) اڙي سنگتي، اورهون ته اچج، (هو اچي ٿو،) ٻيلي، کبر ڏي گهڻو هارايو اٿئي؟ +همراهه – هارائي منهنجو جو تو.چار رپيا کٽيا اهنم، بيٺي جي ويرم ۾، (هو ران ڪن ۾) رانديگر ڪو آهي نئون ڀوڪ خبر پويس ئي ڪانه ٿي. مان ۽ منهنجو هو ٻيو دوست راڻيءَ واري پتي جي ڪنڊ ٿوري ڀڃيو ڇڏيون، پوءِ کنيو انهيءَ تي رپيو رکون ته رپئي جا ٻه ٿيو ملن، ٻن جا چار ٿيو اچن. هتي ته گهڙيءَ جو کيل لڳو پيو آهي. چڱو هاڻ مون کي ڇڏيو ته ٻه – چار رپيا ته ڪمائي وٺان، (وڃي ٿو ته دودو ڇڪي جهليس ٿو،) +دودو- يار، بيهي ته سهي، اسان سان ٻڌيءَ ٿيندين؟ +همراهه-هائو يار،ڇو نه ٿيندس؟ هوريان ته ڳالهه ڪر، ٻڌي وٺندو ته ٽهي ويندو. +چنيسر – (هو ريان) ڀلا اسان کي به پتي جي ڪنڊ ڀڃي ڏيکار ته اسين به کٽون، +همراهه- سو به رپيا ته ڪڍ، سگهو ٿي، اڃا ته رڳو پيو ڳالهيون ڪرين؟ هاڻي به ويو ٿي هليو، جنهن کي مس مس ريجهائي ويهاريو اٿئون. +(وڃي ٿو ۽ رپيو رکي ٿو) +دودو- چنيسر ٻيلي، اڄ ته اٿئي ٻيڙا ئي پار.رپين کي کول ته موج لڳي. +چنيسر- دودا، پنڌ ٿورو ۽ اجورو گهڻو. ڳالهه ۾ اهي مڙئي شڪ! +دودو-ٻيلي، اکئين پيو ڏسين، ٻيو تو جي مرضي، تون هاڻي به – چار اکر پڙهيو اهيين، سو ضد بنهه ڪونه ڇڏيندين. +چنيسر- نه نه، دودا اولڙائي ڪرڻي آهي. +قسمت، نصيب وارو کائي! بخت، ڀاڳ وارو کائي، راڻيءَ تي رپيو اچو، اچو يارو قسمت آزمانو! رپيا ڪمايو! +چنيسر _ ڏسان ته سهي ڪهڙي پتي تي بازي آهي؟ +پتيباز – (راڻيءَتان رپيو کڻي) با با، بيشڪ ڏس، لڳي ڪانهي، ڪپت ڪانهي، دغا نه آهي، دولاب نه آهي، هڪڙو پتو آهي، ٻه نه آهن. رپيو، ر��يو اچو اچو. +همراهه راڻيءَ جو پتو چنيسر جي هٿن مان وٺي ڪنڊ ڀڃي ڇڏي ٿو ۽ پوءِ اک سان اشارو ڪريس ٿو ۽ پتيباز پتا هلائي ٿو،) +چنيسر- (پتي تي رپيو رکي) منهنجو هن پتي تي آهي اٿلاءِ ته کبر پوئي؟ +(راڻي نڪري ٿي ۽ کٽي ٿو،) +همراهه – رک ٻيو رپيو. نه نه، آءُ ٿو رکان.منهنجو وارو آهي، +چنيسر – آءُ ٿو رکان.(رپيو رکي ٿو ۽ وري به کٽي ٿو،) +همراهه – (پتيباز کي) اسين هاڻي ٻه رپيا رکنداسون. +پتيباز – (مڪر ڪري) يار، بازي رپيي رپيي جي آهي.ٻه ٻه رپيا رکڻ ڪونه ڏيندس؟ +همراهه-واهه يار اهڙو جي کٽل آهين ته پوءِ راند ڇاجي ٿو ڪرين؟ واهه رانديگر! بازي هاڻي ٻن رپين جي ٿيندي؟ +پتيباز – ٻيلي، اڄ مون کان ڪيترو کٽيو اٿو! اڄ ڪا منهنجي برائي آهي. رڳو هارايو اٿم ٻه، ٻه رپيا ڀلائي ڪري نه رکو. +چنيسر- ڇو يار، رکنداسين ته جوڙو رپين جو، نه ته بس. +دودو- (کلي) هئو، ميلو چوندا آهن ته متو ڀلو، ۽ مال کتو ڀلو. +پتيباز- چڱو يار رکو، سڀڪو ڀاگ قسمت پنهنجي ٿو کائي! (پتا هلائي ٿو.) +چنيسر- منهنجو جوڙو روپين جو هن پتي تي آهي،کول! (پتيباز کولي ٿو ته راڻي نه آهي ۽ چنيسر هارائي ٿو.) +دودو- چنيسر، حيڦ هجنئي، پتو پڌري پٽ پيو آهي، ته به ڀلجي وئين! +همراهه – مون ڏي نهارين ها، اشارو به ڏنو مانءَ (دودي کي اشاري سان ڪنڊ ڀڳل ڏيکاري) تڏهن به پتو ڪونه پيئي! +چنيسر –مڙيئي کئير آهي، وڙهوم ڪيم انسان ويچارو اهي ماڙهوءَ جي آچار. تڪڙ ۾ ڀل ٿي ويئي، ڀو ڪونهي، ٻئي دڦي ڏسو، اڃا پنڊ جي هڙ جو ڪوم ويو آهي. +پتيباز- قسمت وارو کائي! بخت ڀاڳ وارو کائي! نصيب وارو ڪمائي! رکو رکو، (پتا هلائي ٿو.) +همراهه – هن دفعي مان رکندس. +چنيسر –ڀلين ڀلين، +همراهه – (ٻه رپيا رکي ٿو ۽ کٽي ٿو) ڏٺءِ؟ (پتو کڻي ڪنڊ چٻي ڪري ٿو.) هاڻي سنڀالي رکج. +چنيسر – (پتيباز کي) جهٽ ڪري پتا هلاءِ. +پتيباز- اچو، اچو، ڀاڳ وارو کائي! نصيب وارو کائي! (پتا هلائي ٿو.) +(چنيسر ٻه رپيا رکي ٿو ۽ هارائي ٿو) +چنيسر – (ڪياڙي کنهي ٿو ۽ دودي کي) دودا، اي وري ڪئين ٿيو؟ +همراهه – (چٻرو ڏئي) هي وري ڪئين ٿيو! منهنجي چوڻ تي هل ته پوءِ ڏس ته کٽين ٿو، ڪين هارائي ٿو. +چنيسر – (همراهه کي) ادا، وارو ڪر هير چار روپيا وڃائي ويٺو اهيان. الاجي اک تر ڪيو وڃي، الاجي ڇا! +همراهه – ٺهيو هاڻي فڪر نه ڪر، جتي مان چوان اتي رکج. پوءِ ڏس رنگ. +چنيسر – ٻيلي، راضي شاهه ڀلو ڪري، چار رپيا واري ڏنيم. نه ته مري ويندس. +دودو – هائو سنگتي، هي مڙس گريب اٿئي. +همراهه – (پتيبازکي) اڙي هلائي پتا، گهڻن سان چرچا ڪيااٿئي. +پتيباز – پتا هلائي ٿو.) نصيب وارو کائي! قسمت وارو کائي! +همراهه – چنيسر، رک هي ٻه رپيا. +(چنيسر ٻه رپيا رکي ٿو، پتيباز پتو اڇلائي ٿو ته چنيسر هارائي ٿو.) +چنيسر – دودا، هاڻي مور رڳو ڦرجي رهياسين. چيوسين ته سائين جا سنت جا ڪي پئسا ملي پون ته مورڳو پنهنجي هڙ به چٽ! +دودو – هئو، چوندا آهن ته آئي سڱن کي، وئي ڪن به ڪپائي. +چنيسر – ڀلا هاڻي؟ +(اتي جواري کسڪي وڃن ٿا.) +دودو – (جوارين ڏي نهاري) چنيسر، هي ته ڀڄي ويا. مار! هي ڪي پاڻ ۾ صلاحي هئا. +چنيسر – بس. (نصيب تي هٿ هڻي) مون ته مهندئي چو ٿي ته پنڌ ٿورو اجورو گهڻو، ان ۾ ڪو خلل آهي. پر بس هو ته الاجي ڪير هئا، ڪيڏانهون ويا؟ +دودو – چنيسر، هاڻ، اهي سور پوءِ رونداسون. هن ٿاڻي هل ته سائين وٽان ٿي اچون، سائين دعا ڪندو ته رزق ۾ برڪت پوندي. +چنيسر – ادا، سائين ڏي هلندي ئي واٽ تي هي چڱو سوڻ ٿيو آهي! هاڻي اتي پڄون ته الاجي ڪهڙو حال ٿيندو؟ +دودو – مڙئي الله موچاري ڪندو. (وڃن ٿا.) +(پردو چڙهي ٿو) + +(ائڪٽ ٽيون) (پردو ٽيون) + +(پير جو مڪان. پير صاحب اندر ڀرو، مراقبو ڪڍيو، چادر اوڍيو ويٺو آهي، انهي هنڌ کي مٿان انهي ململ جو پردو ڏنل آهي. ٻاهر تي ٻه خليفا؛ هڪ صالڻ فقير ۽ ٻيون منٺار فقير، منجين تي پاڻ ۾ ڳالهيون پياڪن.) +منٺار – صالڻ فقير، هاڻي زمانو ئي ٻيو اچي ويو آهي. داتا ۾ ويهه ڪندين ته اڳي سائين جن سان گڏ مسافرين ۾ نڪرندا هئاسين ته برن ۾ بازاريون لڳي وينديون هيون! گهوڙ ن جا گاهه داڻا، رسايون رڙيون، منزلن جا بندوبست، مريد قلبان پيا ٿيندا هئا، +صالڻ فقير – منٺار فقير، اهي مزيدار يون ئي مون کان پڇ. اهي زمانا تو کان وڌيڪ مون ڏٺا. ڏينهين هي ناري جو پٽ سڄو هن گاديءَ جو مريد هوندو هو. زميندار، زميندار جي ذات سجدا پيا ڪندا هئا، پر ٻيلي، اڳين ماڻهن جا عقيدا زور هئا. +منٺار فقير- عقيدا هيئر به ساڳيا آهن، پر هيءَ جا پڙهه پڙهان لڳي پيئي آهي، ڪم خراب انهيءَ ڪيو آهي نه جيڪو ٿو چار اکر پڙهي جو قلب ئي ڦر يو وڃي. پير فقير کان منهن موڙيو وتي. +صالڻ فقير – مطلب ڳالهه جو ته سڄي حڪومت کي گهمرو اچي ويو آهي، هاڻ جيڪو اسڪولن جو وزير، جيڪو اڳي هتي ميرپور ۾ آيو هو، سو آهي ته پاڻ به پير، پر تڏهن پاڙهڻ تي آڻي زور رکيو اٿس. پنهنجي پيريءَ تان به پڪ هٿ کنيائين پر هاڻ اچي پيو آهي ٻين جي روز پٺيان. +منٺارفقير- هائو، سڀئي جا مريد کاري ڇڏيندو، ڇو ته جيڪو ويندو پڙهندو، سو ويندو کرندو. +صالڻ فقير – بس، پاڻيهي ٿا پاڻ سان ڪن! +منٺار فقير- ٻيلي صالڻ فقير، ڏکي ڳالهه لڳندئي باقي سچ ته ائين آهي، ڀلا، نسوري ٺڳي به ڪيترو وقت هلندي؟ اٻو جهن جا ته جهڳائي جهڻ ٿي ويا آهن، خدا ڏاڍو آهي! +صالڻ فقير- پيرن جو ڪهڙو ڏوهه؟ پاڻ کي ڏوهه نٿو ڏين؟ پير پاڻيهي ته ڪين ٿا اڏامن؟ انهن کي به اسين ٿا اڏايون. ٻڌايو ماڻهن کي ڪوڙيون ڪرامتون، ڏيو ڏٽا وتون غريبن کي ڦرائيندا. اسان جا سائين نماز کي ويجها به ڪونه وڃن، ته اسين چئون ته مڪه مديني ۾ روز ٿا نماز پڙهن! هو پيئن پنگ ته اسين چئون ته کير ٿا پيئن، اها ئي ڌوڙ اسان کي پئي آهي نه. +منٺار – پرفقير وڏا، ڪيئن ڪجي؟ ورهيه انهيءَ درتي ڀٽڪندي ٿيا آهن. حرام جي هڏي پيت ۾ پئجي ويئي آهي، هاڻ ته پاڻ کان ڪوڏر کنئي ڪانه ٿيندي؟ +صالڻ فقير-ادا، ڪوڏر نه کنئي ٿيندي ته هينئر آهن به بک جا چڪ! ڪالهه هڪڙو ٿريو گڏجي ويم تنهن کي ريبي ريبي آندم درگاهه تي، ڇيڻن جي ڀري به ڇڏائي مانس ۽ ڏٽا ڏيئي ڪريانس ٿو مريد. انجام اچڻ جو اٿس، جي آيو ته هن گهڙيءَ ٿو اچي. +(ٿورو رکي) مولا ٿو ڄاڻي ته ٽامي جي پائي به ڪانهيسون، الله آڻيس ته ڪريون ڪاهڙ ڪوسي! ٻيو هيئر ته جنهن مريد ڏي ٿا وڃون ته موچڙي جيڏو سونڊ چڙهيو پيو اٿس، اڳي اسين آڪرا هوندا هئاسين، هاڻي ويچارا ٿيو وڃيو بيهون ته ڪو پچي به ڪونه ٿو. +منٺارفقير-فقيروڏا،سچ ٿو چوينءَ هيءَ ته وقت ڏاڍو نازڪ آهي، ٿري پئسي تي ته ساهه ڏيندا ٿا رهن، گهڻي اميد رکڻ اجائي آهي. +صالڻ فقير-زور آور، جي مولا ٿو سڻي ۽ اچي ٿو نڪري ته پوءِ ڏسج منهنجا ڪم، تڏهن ايڪيهه ورهيه خلافت ئي ڪانه هلائي اٿم، اهڙيون رٿون رٿي ڇڏيون اٿم، جو هڙ ۾ جيڪي هوندس، سو اتي نه رکيائين ته منهنجو نالو صالڻ لاهي ڪنهن ڪتي تي رکجان. +منٺار فقير- (کلي) مون کي آهي ته خاطري، اسين سڀ تنهنجا ٻالڪا آهيون. تون ڏاند ڏهڻ وارو آهين، پر خدا ڪري، هجي ڪومت جو موڙهو، ڳنڊجو ڳوڙهو! +صالڻ فقير-ها، تنهنجا پٽ بچن،! رڳو هڙ ڪوسي هجيس پوءِ ڏاڙهي مٿو ٻئي چٽ ڏسندينس. هوءَ مائي ڏٺي اٿئي جا ٻار کڻيو، درگاهه جي پر۾ ويٺي آهي؟ +منٺارفقير- هائو، +صالڻ فقير-ته بس، رک رب تي. سائين بادشاهه کي اڳئي ستر ڏيئي ڇڏيو اٿم، سڙيا ويٺا آهيون. هيئر اکيون الله ۾ ۽ انهيءَ ٿريءَ ۾ آهن. +(چنيسر۽ دودو اچن ٿا.) +دودو سلاماليڪم! +صالڻ فقير- ماليڪم سلام.ابا،ڀلي آيا. (دودو هٿ وٺي چيس ٿو ۽ چنيسر به ائين ڪري ٿو،) ابا، اوهان جو ڀاڳ سڀاڳ ته ڪو سڻائو آهي.سائين مريدن ڪرڻ کان هاڻ بنهه ونئون ٿو وڃي. ڏهه لک مريدن جا اڳئي اٿس، هاڻي فرمائين ٿا ته ڪيترن کي اسين بهشت ۾ وٺي وينداسين؟ تنهنجي پاران حيلا حوالا، منٿون معذرتون ڪيون اٿم، تڏهن مسين مسين قبول ڪيو اٿن. سو به فرمايائون ته تون وڏو خليفو آهين متان دل ۾ ٿيئنئي. تڏهن ٿا مڃون، +چنيسر- هئو گازي! ڏهه لک مريد وو! +صالڻ فقير- تڏهن ابا، ٻيو ڇا؟ فيض جا دريا جاري آهن. لکين لعل ٿيو وڃن. جنهن ڏي ٿا پاڻ اک کڻن، سومالا ٿيو وڃي. +صالڻ فقير- (دودي کي) ابا، هيءُ درويش ڪير آهي؟ +دودو- سائين، مانجو مٽ ٿئي ويچاري کي ٽنگ مٿي ڦٽ ٿي پيو آهي. سور ڪنان بنهه مري ٿو وو! +صالڻ فقير- (چنيسر جي ٽنگ ڏسي) مار! ابا چڱو جو اچي وئين. بس هاڻ هر مشڪل آسان. علي نگهبان! +چنيسر- کليڦا، سوال ٻه، ٽي دل ۾ سانڊي آيو آهيان، +صالڻ فقير-دل ۾ نه رک،چئي ڏي. هيءَ جاءِ اميد جي آهي. ڊپ نه ڪر. +چنيسر- هڪڙو ته درد ڪنان ڇٽان.ٻيو ته واٽ مٿي ايندڙي ٽپتاين ڦريو آم. بکت بنهه ڦٽل آم، او به ڀلو ٿئي، ٽيون وري ڏوڪري به سنيها پئي موڪلي ته هڪڙو ٿرين ڏڪار، ٻيو مال ۾ موڙو، مکڻ جڙئي ڪونه، ڏهه.پندرهن جيڪي ڳويون اهين، ان ۾ به برکت آهي ججهي! مکڻ جام ٿئي، جنهن منجهون ڪو اپراسو ٿئي. +صالڻ فقير- (کلي) ابا، مون ڀانيو ته ڪو وڏو سوال ڪندين، اهي ڪم ته سمجهه سڀ ٿي ويا، هاڻ توکي سائينءَ سان ملاقات ڪرايو ٿا، ادب سان پيرين پئي پري ٿي ويهه توکي دعا دفا، ڦيڻو ڇنڊو به ٿا ڪرايون، تعويذ به لکائي ٿا ڏيون. پوءِ سڀ سهنج، اسان جو قدر پوءِ پائهي ڪج. سائين ءَ مهندان جيڪي نذارانو رکندين، سو کٽندين، جيترو گهڻو رکندين، اوتري گهڻي برڪت پوندئي، (منٺار فقير کي)منٺار فقير، سائينءَ کي اطلاح ڪر نه قبلا! ٻه آيا آهن، +(منٺار سنهي چادر جي وچ مان اندروڃي ٿو، تيتر صالڻ فقير، جوٽون ڀڇي هٿ کولي، الله هو!الله هو! الله هو. پيو ڪري، کن پلڪ پڄاڻان منٺار فقير ٻاهر تي پڌرو ٿئي ٿو.) +منٺارفقير- (ٻاهر اچي) پاڻ مالڪن گهرايو آهي ته سائلن کي وٺي اچو. +صالڻ فقير- (سائلن سان گڏ اندرڀرو ٿي) با با، قبله عالم کي پيرين پئو. +(پير مراقبول ڪڍيو وٺيو آهي، دودو۽ چنيسر پيرين پون ٿا، هٿ چمن ٿا ۽ پر ڀرو گوڏا ڀڃي ويهن ٿا، پير صاحب اوچتو رڙ ڪري ٿو.) +پير صاحب- ابا خليفا، هٽ ڪريو مٽيءَ مان پاڻيءَ جي ڇل ته ڀري ڏنو، جلدي ڪريو، جلدي ڪريو، +خيلفو صالڻ –حاضرقبلا! (جهٽ ۾ ڇل ڀري ڏئي ٿو.) +پير صاحب – (پاڻيءَ جون ٻه تريون ڀري اُتر طرف اڇلي ٿو ۽ چوي ٿو) سبحان الله وبحمده، سبحان الله وبحمده. +(و‎يٺل حيران ٿين ٿا، خاص ڪري خليفو صالڻ،) +خليفو صالڻ- جيئداقبلا! هيءَ ڪهڙو اسرار هو؟ +پير صاحب – ابا، پنهنجي شهر جي بازار کي اتر طرف کان اچي باهه لڳي ۽ وڪوڙي ويئي. پنهنجي مريد حاجي خالق ڏني ميمڻ اسان کي سڏ ڪيو. امالڪ مريد سان اوکيءَ ويل وڃي حامي ٿياسين. پاڻيءَ جون ٻه لپين اڇليونسين ته الله پاڪ جي فضل سان باهه وسامي ويئي! شهر ۾ هراس گهٽ آهي، نه ته سڄي بازار خاڪ ٿي وڃي ها. +صالڻ فقير- قلبان وڃان سائين جي نانو تان! صدق! صدق! منهنجا سهڻا پير! اهي تنهنجون مريدن سان ڀلايون نه هجن ته هوندو ڪهڙو حال ٿئي! +چنيسر- (دودي کي) سچو هٺئين دودا ٿرين به پير مريد ڪتن کان ئي گهڻا، پر واه ڙي سائين توجي ڪرامت! +پير صاحب- بابا، ادب ڪريو، اسان کي ظاهر نه ڪريو، اسين گنهگار آهيون، اسان ۾ ڇا آهي. +دودو - چنيسر سڻين ٿو؟ وري ايءِ نهٺائي! (اوچتو هڪ مائي اندر دانهون ڪندي اچي ٿي. ٻار، جو ڪڇ ۾ اٿس سولاهي پير جي پيرن وٽ رکي ٿي، ۽ روئي ٿي، اوڇنگارون ڏئي ٿي،) +پيرصاحب- صبر! صبر! صبر جو ڦل ڀلو آهي. ڳالهه ته ڪر توسان ڪهڙي ويڌن آهي، اميد ته مشڪل آسان ٿي پوندو. +مائي- (روئڻ بند ڪري) سچا مرشد! توهن ٻانهيءَ کي ستن ڌيئرن مٿان دعا ڪئي هئي ته هاڻ پٽ ڄمندو، هن بنديءَ کي هڪڙو ڦوٽو به ڏنو هوئي ته کائي ڇڏ، ۽ پٽ ڄمئي ته نالو ڦوٽو رکجانس.پر آءُ مٺي آهيان، وري به مون کي اٺين نياڻي ڄائي آهي. مون وٽ الله جو ڏنو مال رزق گهڻو آهي پر پٽ ڪونه اٿم. سڀ ملڪيت تو سهڻي جي نالي تان قلبان آهي، لکي ٿي ڏيان، پر منهنجي هيءَ نياڻي ڦري پٽ ٿئي، +پيرصاحب – بابا مائي! اها ته قدرت الاهي آهي، اسان جي وس ۾ ڇا آهي؟ جو ڌيءَ مان پٽ ڪري سگهون! +مائي – (اوڇنگارون ڏئي روئي ٿي) بس نه ته آءُ تنهنجو در ڪونه ڇڏيندس، (وري روئي ٿي،) +صالڻ فقير-قبلا! ويچاري مسڪين تي رحم ڪريو. ڏهن هزارن جي ملڪيت اٿس. ڪير سنڀالڻ وارو ڪونهيس. ڏين جو ڌڻ اٿس. تنهنجو در ڇڏي ڪيڏانهن وڃي؟ کڻي نياڻيءَ تي رحم جو هٿڙو گهمايو ۽ دعا ڪريو ته مطلب پورا ٿي ويندس. +پير صاحب –چڱو، مائي بابا، روءَ نه، (ٻار مٿان هٿ ڦيرائي) هيءُ ته ڇوڪر آهي، نياڻي ڪٿي آهي؟ تون ڀلي آهين. +مائي – (ٻار ڏي نهارڻ ڌاران) جيئين بچين، آءُ انڌي ڪانه ٿي آهيان. +صالڻ فقير- هون هون،اکيون پٽي ڏس، پاڻ رحم جو هٿ ڪين ڦيرايائيون؟ +(مائي اڳ جي سيکاريل، ڪوڙ ڪوڙ ڪري، ٻار کي جاجي ڏسي ٿي ۽ خوش ٿي کلي ٿي.) +مائي – صدقي وڃان منهنجا سچا مرشد! مون سڀ پنهنجي ملڪيت توتان قلبان ڪئي،آءُ در جي ٻانهي ٿي گذارينديس. مون کي الله سائينءَ پٽ ڪري ڏنو! مرشد سائينءَ پٽ ڪري ڏنو! (ٻار کي ڪوڏائيندي وڃي ٿي) +(دودو ۽ چنيسر، حيران ٿي وڃن ٿا،) +چنيسر – دودا، ڪي ڏٺءِ؟ +دودو- چنيسر، تون ڏس پڙهيو آهين، ڪين ٿي مڃيئي نه! +چنيسر – مانجو پيءَ به مڃيندو. اکين ڏٺي ڪير نه مڃي؟ هئو ٻيلي، ڪرامتون اهڙيون، ڀلو ڀلو! قبلا،هير ڪا مون مشڪين کي به چوکي دعا ڪر. +پير صاحب – (جهنڊ مان اندران ڳالهائي ٿو.) ابا، تنهنجو نالو چنيسر آهي ۽ ٻئي جو دودو. ٻئي ٿر جا آهيو، تنهنجا سوال ٽي آهن. هڪ ته ڦٽ ڇٽِي، بيو بخت کٽِي ۽ ٽيون مکڻ جام ٿئي. چڱو هاڻي... +چنيسر – (ڏرڍو خوش ٿي) دودا، ڪيئن ٿو ڀانين؟ +سائينءَ کي ڪيئن ڪل پيئي ته مانجي دل ۾ ڪڄاڙو آهي؟ +دودو- اڙي چريا، سائين ته دلين جو مالڪ آهي نه! +چنيسر – هئو، هئو! +پير صاحب- صالح فقير! درگاهه جي مچ جي خاڪ کڻي، هن جي ڦٽ تي رک، مٽيءَ جو پاڻي پيارينس. ٻه تعويذ لکي ڏينداسونس. هڪڙو ساڄي ٻانهن جي ڏوري ۾ ٻڌي ته بخت ٿئيس ۽ ٻيو ڀلي ڳوٺ موڪلي ته منڌيءَ جي ڳن ۾ ٻڌڻ ته مکڻ جا دڙالڳي ويندا،وڏن جي دعا سان. +صالڻ فقير-حاضر قبلا، پر ڪادل سان دعا ڪجوس. +پير صاحب – بابا، پير ڀلو،ڪين ويساهه ڀلو؟ +جهڙ هوندي نيت، تهڙي مراد ملندي. جيڪو ماڻهو جيترو يقين ڌاريندو، اوتر کٽندو. +(منٺار اندر اچي ٿو.) +منٺار فقير- قبلا، حاجي خالقڏني کي پاڻ سان وٺي اچي ٿو،) +خالقڏنو – (پيرکي پيرين پئي) قبلا، نالي تان قربان وڃان! اڄ باهه اهڙي لڳي هئي، جو سڄو شهر ناس ٿي وڃي ها، توسهڻي کي نالو وٺي هڪل ڪيم. اوچتو نڪو ڪڪر، نه ڪاوڄ، نه ڪا کنوڻ ۽ نه ڪاگوڙ. اچي جا برست وٺي ته ڪاڏي وئي باهه، ڪاڏي وئي جر! بچاءُ ٿي ويو. منهنجا م��شد، هي سڀ تنهنجون ڀلايون آهن، (ڳوٿري ڪڍي) هيءُ نذرانو سئو رپيا قبول پون. +پير صاحب – بابا،اسين ته هن دنيا کان لاطمع ماڻهو، پئسن کي ڌوڙ وجهون. موٽائي کڻي وڃ. اسان جي پٺيان ڌن به اجهوهيئن پيو ڌڪا کائي! +(صالڻ فقيرکي) صالڻ فقير، اهو گلم جو پاوُ ته مٿي کڻ ته حاجي خالقڏنو لقاءَ ته ڏسي! +صالڻ فقير پاوُ مٿي ٿو کڻي ته خالقڏنو ميمڻ، اڳ ۾ ئي سيکاريل، عجب ڏيکار چوي ٿو؛ هيترا رپيا! صالڻ فقير وري گلم جو پاوُ هيٺ ٿو ڪري.) +پير صاحب – ابا، حاجي خالقڏنا! ڏٺءِ؟ اسان وٽ ته دولت ڌڪا پئي کائي، پر اسان کنئي آهي فقيري. +خالقڏنو –قبلا، هي چار ڪوڏيون فقط سائينجن جي بٺيءَ لاءِ نذرانو ٿو ڏيان، جتي غريب غربو پيو کائي ٻيو سائينجن کي خداوند ڪريم محتاج ڪونه ڪيو آهي. +پير صاحب – چڱو، ابا صالڻ فقير، حاجي خالقڏني کان وٺو، متان دل ۾ ڪري. +(صالڻ فقيرڳوٿري وٺي ٿو.) +صالڻ فقير- (دودي کي) ابا، هيءُ فقير جو ننگر آهي، تنهن ۾ جيڪو نذر نياز رکئو هجي، اهو رکو ته اُئون. هاڻي قبلي جن وري ويندا مڪي مديني نماز ادا ڪرڻ، سهگا ٿيو. +خالقڏنو –ٿر يا فقير، هٿ کي ڪشادو ڪريو هتي ڏنو اٿو ٻنو. +چنيسر- (دودو ڏي نهاري ٿو) دودا، هٿا؟ +دودو- ادا، سائينءَ کي توجي ٻن –ٽن ڏوڪڙين جي پرواهه ڪانهي، توجي مرضي. +چنيسر – مرضي وري ڪڄاڙي جي! پنڊ وٽ رپيا مورهين آهن ڏوهه، +صالڻ فقير-فڪر نه ڪر، جيڪي آهي سو کڻي رک، دل نه هڻ، يقين سان رک ته کٽندين. +(چنيسر ويچارو ڏهه رپيا رکي پيرين پيئ موڪلائي ٿو.) +دودو۽ چنيسر – هاڻي ڌڻيءَ لڳ ڪا دعا ڪج. +(پير صاحب پٺي ٺپرين ٿو.) +صالڻ فقير- ابا، هاڻ اٿو ته درگاهه تي هلي اوهان کي خاڪ شفا ۽ آب حيات ڏيون ۽ تعويذ به لکائي ڏيون. +(سڀ نڪرن ٿا، باقي خالقنڏنو ۽ پير سائين رهن ٿا،) +خالقڏنو- قبلا، ڏهه رپيا به چڱا اڄڪلهه ماڻهن ۾ ڏيڻ ڪٿي آهي! +پيرصاحب – (مراقبو لاهي) حاجي خالقڏنا، ڏاڍو مهل سر آئين، ٿرين جا طاق لڳي ويا، ڳو ٿريءَ ۾ ڇا وجهي آيو هئين؟ +خالقڏنو-سائين، وجهي آيو هوس چيني جا ٽڪر. ٻيو مون وٽ الله جو نالو، تنهنجو نالو آهي. +ٻيو ڇا آهي. (کلن ٿا.) +پير صاحب – مائيءَ واري ڪرامت به عقل چرخ ڪري ڇڏين، اها کيڏ خليفي صالڻ فقير جي هئي ۽ هي گلم هيٺيون رپيا، تنهن ۾ به وري توئي ستر وٺايو! في الحال موج لڳي ويئي، حال ته ڪريونس ٿا.ڀنگون ٿاڌلون، پوءِ وري به ڏيندو مولا. +خالقڏنو –هائو قبلا، مولا ڪو ڇڏيندو ڪيئن؟ وهابين جو ٿيو آهي منهن ڪارو، پيا ڀونڪن، جيسين ماڻهو جاهل آهن، تيسين پنهنجي ماني ڪتا به ڪونه کائيندا، (کلن ٿا ۽ تاڙيون ملا ئين ٿا،) +(پردو ڪري ٿو.) + +(ائڪٽ ٽيون) (پردو چوٿون) + +(کوهه جي اڳيان، ميدان تي پنجابي دوا فروش تقرير ڪري رهيو آهي، ڪيترا ماڻهو ارد گرد بيٺا آهن، دوا فروش جو سنڌي ڀائيوار، چنيسر سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿو، ساڻس ڳالهائي ٻيو.) +پنجابي کهتاهي؛ +سچائي چهپ نهين سکتي +بناوٽ کي اصولون سي +که خوشبو آنهين سکتي +کبهي کاغذ کي ڦولون سي. +مهربان دوستو، ميرپورخاص جي باشندن کي اڪثر بدهاضمي جي شڪايت آهي، پاڻي خراب آهي. بدهضم آهي، کوهن ۾ ڪي اهڙيون معدنيات آهن، جنهن ڪري کاڌو هضم نٿو ٿئي. بيڌڙڪ هڪڙي شيشي، جنهن ۾ پنجاهه ماڻهن جي خوراڪ موجود آهي. +آزمايو، اسان جي ڪمپنيءَ فقط عام خلق جي فائدي لاءِ لکها رپيا خرچ ڪري، هيءَ دوا تيار ڪئي آهي. کاڌي جي مٿان هڪ چمچو دوا جو ۽ ڏهه چمچا پاڻيءَ جا ملائي، پي ڇڏڻ گهر جي. اميد ته بد هاضمي جي شڪايت باقي نه رهندي. قيمت دوا جي؟ دوا بلڪل بي بها آهي، هزارين رپيا قربان آهن. +(ڇپيل اشتهار ڪڍي ڏيکاري ٿو،) ولايت جي مشهور ڊاڪٽر جا سرٽيفڪيٽ هن دوا جي باري ۾ موجود آهن، کلِي شيشون جرمني، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ فروخت ٿي چڪيون آهن.افسوس اسان جي هندستان ۾ جهالت سببان، ماڻهن هن دوا جو پورو فائدو نه ورتو آهي، صرف ٻه ڊزن شيشون باقي رهيون آهن. +ڪهڙو خوشنصيب دوست آهي، جو هن آب حيات کي هٿ ڪري، خضري عمر حاصل ڪندو؟ قيمت صرف اٺ آنا، آهي ڪنهن صاحب کي ضرورت؟ +سنڌي – (چنيسر کي) دوا جي ڳالهه ڪهڙي ٿو پڇين! (شيشي ڏيکاري) ههڙيون مون پاڻ چار شيشيون ورتيون آهن، هڪڙي سدائين منهنجي کيسي ۾ پيئي آهي، پچار ڇڏي ڏي، منڊيءَ تي ٽڪ! هن مان مون سئو رپيا ڪمايا آهن. جنهن کي آڻيودوا ڏيان، تنهن ڄڻ ڪوڙ ٿي ڪيو، چالهين بيمارين تي دوا پوي ٿي! +چنيسر- ٻيلي، اسان ماڙهو ٿر جا، ميرپور ته اسان جو پيٽ ئي بندي ڦٽو ڪيو آهي، سنڌ جي ڀيت ۾ ٿر رڳو انهيءَ ڳالهئين ملوڪ، پاڻي سو کارو اهيس، باقي جهنگل ايترو سوکو اچي، جو ڪر مکڻ مان وار نڪري ويو وو! +سنڌي – (دوافروش کي) حڪيم صاحب، ڊزن شيشن جو ڏجو، هن جوان کي کپن، (ٻيا بيٺل ٿورو عجب کائين ٿا،) +هڪ ماڻهو – هڪ ڊزن شيشيون! +(دوافروش ڊزن شيشيون کڻي ڏي ٿو،) +چنيسر- ايترن کي پنڊ ڪيڏانهن ڪندو؟ +سنڌي _ زور آور، هي اڻلڀ شيون وري يانصيب! وٺي ڇڏ، ڪي پڇائينديون ڇا؟ +چنيسر _ ٻيلي مون ڪن ڪود کان ته ڪونه اپٽڻون آهي؟ +سنڌي – افسوس، هي ڪيميا هٿان ٿو وڃائين! +(دوا فروش کي) حڪيم صاحب، ڏيوس، چنيسر کي ڪلهي تي هٿ هڻي) زور آور، تون وٺ ته سهي، جڏهن هنن دوائن جو نفعو کائي ڏٺءِ تڏهن پاڻي ڀرڻ به وسري ويندءِ. +چنيسر- پر ٻيلي، ڏوڪڙ پڻ هوئي نه؟ +سنڌي- (دوا فروش کي) حڪيم صاحب ڊزن جي حساب تي ڪجهه گهٽ وٺو،ڊزن جا اسين پنج رپيا ڏينداسون. +پنجابي – مال ڪمپني جو آهي، ڀلي ته ڪو غريب فائدو وٺي، فڪر نه آهي، هيءُ جوان غريب ٿوڏسجي رعايت ڪرڻ اسان جو فرض آهي. +چنيسر- پوءِ پنج رپيا ڳنهين ٿو ڪ؟ پئسا ڇوڙي ٿو،) +سنڌي-مون کي ڏي.(رپيا وٺيس ٿو) حڪيم صاحب، وٺو هي پئسا، جيڪڏهن ڪاٻي عمده دوا هجي ته ان جو پڻ بيان ڪريو. هيءُ دوست ٿر جو ماڻهو آهي، جتي ڊاڪٽر طبيب بلڪل ٿورا آهن ۽ ههڙين نايات دوائن جي سخت ضرورت آهي. +چنيسر- اڙي، نه ڙي نه ٿر ۾ وري دوائن جو کپ ڪٿان آيو ٿر جا ماڙهو دوائن تي ڏوڪڙ خرچڻ سوران موت مٺو ڪن. داختر ٻين ۽ طبيبن کي بک ڪونه مرڻو آهي، جو ٿر ۾ اچي ويهندا، اتي نه سڀني بيمارين جي ٻڪي آهي جهڻ.(سنڌيءَ کي) ڪوٿو مون کي ڏنا ڏيو ڏوڪڙ خرچائين؟ مورڳو ڇڏ ته وڃان هڪڙو ڦريو آم جورئين، ٻيو ڏوهه رپيا ٺڳي ويم کليڦا. باقي هڙئي ٿو ڪرينم تون خالي ته ٿئي اکاڙو ئي آجو؟ ڪي ايترو ته ڇڏيو جو ڏوڪريءَ ڪن پڻ منجان. پير جي کاڪ ته مورهين ڦٽ ئي مڃائي رکيو آهي. ڇٽڻ ته ڇٽڻ جي ماڳ، ڪرڳو موٽي ٿي ٽنگ ڪڙهي! اڃا ڪو ملهام هوئي ته ڏئينم ته جکم ته ڇٽيم. +پنجابي – (شيشي ڏيکاري) مرهم اڪسيرالشفا. مهربان دوستو، هي ملم زخم جي لاءِ بجليءَ جو اثر رکي ٿو. ڪهڙو به ڦٽ هجي، وڍهجي، ڏڍ هجي؛ يڪدم زخم کي گرم پاڻي سان صاف ڪري، هن ملم اڪسيرالشفا مان هڪڙو پهو ٺاهي زخم تي رکي، پٽي ٻڌي ڇڏجي. صبح جو پٽي ٻڌو، شام جو زخم ميٽجي ويندو سور هٽي ويندو. خارش گم ٿي ويندي، گوشت ڀرجي ايندو چمڙي نرم ٿي ويندي. هن ملم کي ڊاڪٽرن يوناني حڪيمن ۽ ويدن سڀني گڏجي، سٺ ورهين جي دماغ سوزي کان پوءِ، استاد جالينوس، ارسطو ۽ لقمان حڪيم جي قديم نسخين تان تيار ڪيو آهي!هر قسم جي ڦٽ لاءِ جادو جو اثر رکي ٿو.ورهين جا ناسور هڪ دم ۾ دور، قيمت صرف هڪ شيشيءَ لاءِ چار آنا، اسان جي ڪمپنيءَ ف��ط دوا جي مشهوريءَ لاءِ هي دواسستي اگهه تي ڏيڻ منظورڪئي آهي. آئيندي مهيني کان هيءَ شيشي ڏهن رپين کان گهٽ وڪروڪرڻ ۾ نه ايندي، آهي ڪنهن مهربان کي هن بي بها جوهر جي ضرورت؟ +چنيسر- (حڪيم کي) الله جو سونهه!هي ملهام ايهڙو ڀلو آهي ڪ؟ هڪڙي شيشي ته مون ڪڻ به ڏيج. +سنڌي- ٿري، سونيٺ ٿري. هڪڙي شيشي ٿو وٺين؟ (حڪيم ڏي اشارو ڪري) هي مسافر اڄ هتي سڀاڻي هتي. تنهنجي ڀا ڳين اچي نڪتو آهي، وٺ ته ذرن شيشيون ته وٺ، هن ملم جو، بلا کاڌل ماڻهو تي هڪدم اثر ٿئي ٿو. +چنيسر – الله جو سونهه 1 (دوا فروش کان) داختر هئو. +پنجابي- هي ملم نانگ، ڀلا، ڪاريهر، کپر، پيڻ، ڪنڀاري، ٻه – منهين، گهوڙيل، هڻ کڻ سڀني جي کاڌل کي، اکڇنب ۾ اٿاري ابو ڪري ٿو بلا کاڌل، موت جي بستري تي آخري دم کڻي رهيو هجي، هن ملم جي استعمال سان عزرائيل جي چنبن مان انهيءَ دم آزاد ٿي سگهي ٿو. هن ملم ۾ ٻن سون قسمن جا جواهرات ۽ چار سو جبلن جون نايات ٻوٽيون ڪم آندل آهن. +سنڌي- ٻڌءِ هاڻ ڪيئن ٿو ڀائين؟ +چنيسر- ٻيلي، هن ملهام جي ٿر ۾ گهڻي کاٻي آهي هي آرهڙ جا ڏينهن آيا نه بس، بلائن جون ڦوڪون سڻندين وو! روز بلائن جا ٿڦاق سڻندين. پيڻ جو ته هيڪار هن ڏينهن کوڦ آهي. (دوا فروش کي) بڇڙيءَ کاڌل کي ڦائدو پوندو؟ +پنجابي- پيڻ جو زهر ته خاص طرح هن ملم ۾ ملايل آهي! +چنيسر- ته ڀلا، ٻه شيشيون ڪري ڏئينم. +سنڌي – (دوا فروش کي) حڪيم صاحب،ڏيو هڪ ڊزن شيشيون. چريا ڪو پنهنجي وس ڇڏيا ڪيئن؟ +(چنيسرکي) وٺي درجن شيشيون.پوءِ به توکي نه کتيون،ته مون کي ڏيئي پئسا وٺي وڃج، چريا! ههڙيون قيمتي شيون ڪير ڇڏي! (وٺي ڏئيس ٿو ۽ چنيسرٽي رپيا ڏئي ٿو) حڪيم صاحب، آهي ڪاهن کان به عمدي دوا يا بس؟ +پنجابي- (ٻي هڪ شيشي ڪڍي) سرمو اڪسيرالبصر، مهربان دوستو، اکيون ته نور، نه ته سڀ آهي ڪوڙ، هي بي بها سرمو اڪيسرالبصر آهي، جنهن کي خاص هندستان جي راجائن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.هن جي اندر سچي مومياڻي، برابر هڪ هزار ڀيرا عرق گلاب ۽ بيد مشڪ ۾ بيٺل آهي، ڌنڌ هجي، خارش هجي، ڦلو هجي، اڇا پردا هجن، موتيو پاڻي هجي،انسان بلڪل ندارد نابين هجي: هڪدم ميدان تي لهي اچي. آزمائي ته هي سرمو ڪيئن نه منٽن جي اندر هرهڪ امراض چشم کي شفا بخشي ٿو، بلڪ دوستو، هڪ مادر زاد انڌي کي به ديد بخشي ٿو. آهي ڪنهن صاحب کي هن تحفي بي بها جي ضرورت؟ +چنيسر-اي انڌا ماڙهو سنڌ ۾ ٿيندا آهن.جو ننڍي وڏي کي ڏس ته عينڪ اکئن مٿان چڙهي پيئي آهي، اسان کي ته راضي شاهه پناهه ۾ رکندو. (سڀ کلن ٿا،) +پنجابي – طاقت جون گوليو، قبض ڪشا ۽ حب، ٻيون هر قسم جون دوائون ۽ ياقوتيون هرهڪ جي تعريف بيان کان ٻاهر آهي.جنهن صاحب کي ضرورت هجي، آواز ڪري گهري وٺي. ورنه بيان بند ڪجي ٿو. +چنيسر – اي ته الاجي ڪهڙا نالا ڳنهي ويو؟ ٻيلي، (سنڌي ءَ کي) هاڻ ته هڙئي ڪيئي پوري. مون دل ۾ چويو هو ته پير سان ڪوڙ ڳالهايان ته رڳو ڏوهه روپيا آنم، ائين ڪري ڏوڪڙ بچائي ٿو وٺان، پر تو جي مان کي هي شيشا ۽ شيشيون وٺي کڻي ڏنا اي آءُ رکندس ڪٿي؟ +سنڌي – ٿر مٿي اهي گهڻي ڪتب ايندءِ. +پنجابي ۽ سنڌي – ميان چنيسر، هاڻ ڀلا پاڻ به هلون؟ +سنڌي- جيڪا صلاح. +پنجابي ۽ سنڌي- ميان چنيسر هاڻ السلام عليڪم. +چنيسر- ماليڪم سلام –کش هجو! +(پنجابي ۽ سنڌي وڃن ٿا ته چنيسر پاسي ويهي، شيشيون ٺاهي ٻڌي ٿو، ۽ پئسا چلهه مان ڇوڙي سنڀالي ٿو. پينسل ڪڍي ڪاغذ تي حساب ڪري پوءِ کلي ٿو.) +چنيسر-ڇهه روپيا جواري ڦري ويام، ڏوهه روپيا کليڦن رت ڪيام. پنج ۽ ٽي ٿيا اٺ، سورهن داختر جي بلي،ڪل چوويهه روپيا ته ٿيا ناس. (باقي روپيا ڳڻي ٿو،) باقي بچيا آهن ڇهه روپيا. (تڌو ساهه ڀري هوءِ ڙي سنڌ! هرڻ جتي کائي آتي اوجهه ڏئي! ڪمائين به تون ته وڃائين به تون،ٿر مٿي اي چوويهه روپيا ڪر سوکو ڪري ڇڏينم ها! ٻين ڏوڪڙين جو اهڙو سور ڪيم ام، باقي پير وارا ڏوهه روپيا ته ناحق ئي ناحق ناس ٿي ويا.ڪرامتون ڪيتريون ڏٺيوسين! پر ڦٽ مٿي ڪرامت ڪوبه اثر ڪونه ڪيو. اها جٺ مان سان ني دودي ڪي!(ٿڌو ساهه ڀري) هيڻا ڪا الله سائين اهڙي واٽ ڪڍي ڏئيم، جوري پوريئي رپين جا ڍير لڳي وڃن! واه ڙي مولا! مالڪ اهيين. ٻانهي جو سڏ سڻيج! +(سلفي ڪڍي ٻه، چار سوٽا مس ڀري ٿو ته مٿان هڪ لاٽري فروش هڪ ڪو ڏيندو اچي. +جنهن تي ماڻهو اچي ٿا مڙن.) +لاٽري فروش- لاٽري بخت سڪندر ٺاهي، لاٽري جارج ڇهون بنائي. خريد ڪري جيءَ جنهن جو چاهي،اچو ٽڪيٽ پنجين رپين آهي، اچو،اچو. غريب مان شاهو ڪار، فقير مان امير گدا مان شاهه، هاريءَ مان زميندار، بيل گاڏي مان مرٽر ڪار، لاٽري اوهان کي لاٽ بنائي، سون سڄو گهر گهاٽ بنائي، اچو،اچو پنجين رپئين ٽڪيٽ،پهريون انعام هڪ ڪروڙ، ٻيو انعام پنجاهه لک.چوٿون انعام پنجاهه. هزار، آهي ڪو بادشاهه جو خواهشمند؟ آهي ڪو امير بڻجڻ جو آرزو مند؟ لاٽري اوهان کي قارون ڪري ڇڏيندي. امپريل بئنڪ اوهان جي گهر ۾ رهندي، هٽلر اوهان کان قرض گهرندو. مسوليني اوڌر گهرندو، +ٿيڻ جي شاهه گدا مان چاهيو، +ٻارڻ ٻچن کي ٽڪيٽ وٺايو، +لاکون رپيا انعام اُٺايو، +بنگلاماڙيون، محل بنايو، +منڊم وٺي موٽر ۾ گهمايو. +آهي ڪو جو اچي؟ آهي ڪو جو وٺي؟ (ٽڪيٽ ڏيکاري) پنج رپيا، پنج رپيا، پنج رپيا پنج رپيا. +چنيسر- اڙي همراهه، نچين ٽپين پيو اهي ڪڄاڙو؟ +لاٽري فروش- توکي خبر نه آهي؟ (ٽهڪ ڏيئي ٿو.) اڙي چريا،هي لاٽري جون ٽڪيٽون آهن. پنج رپيا ٽڪيٽ جو ملهه آهي. هڪ مهيني کان پوءِ بخت کلندا، جنهن جو نمبر نڪرندو، ان کي ڪروڙين رپيا ملندا،بختن وارو کائي! پنجن رپين ۾ مزا اڏائي! +چنيسر- متان اهي اي پڻ ڪاپتن واري ڪار ڪم؟ +لاٽري فروش- نه نه، هرگز نه، هي هر شاهه شاهوڪار وٺي ٿو. ٻاويهن ڪروڙين جو ٽڪيٽيون ڏهن ڏينهن اندر وڪامي چڪيون آهن. +وٺي ٽڪيٽ سو، دل جنهن جي چاهي، +بخت نصيب ڀلي آزمائي! +چنيسر- ٻيلي، خدا کي بنهه هير سوال پي ڪيم ته ڪا اهڙي واٽ ڪڍي ڏيئم جو ري ٻڪيءَ ٻاجهه ٿئي، بناپوڙهيي روپيا ملنم.سائين شمشير علي شاهه به بکت جي دعا ڪي آم. هاڻ جواري به ڦري ويم نه؟ هتي به کڻيو ٿو بکت آزمايان! ڇهن روپين مان پنج خرچي ٿو ٽڪيٽ ڳنهان، بافي روپيو ڪنداسون خرچ پکو، تيسين وري آٺاڙيون اميد ته ٿينديون پوريون، پاڻيءَ ڀراڻيءَ جا ڏوڪڙو پڻ ملي ويندا (ٽڪيٽ فروش کي) ڀلا، هڪيڙو ٽڪس ته مون ڪن به ڏيئي ڇڏج، پر بسم لله ڪري ڪڍيج، +لاٽري فروش-(ٽڪيٽ ڦاڙي ٿو،) بسم الله! +اچو، اچو باقي ٿوريون ٽڪيٽون رهيون آهن، +لاٽري ڙي لاٽري! تنهنجو مٽ نه ڪوثاني، +انڌي جي تون لٺ آهين، بکئي جي ماني. +(ٽڪيٽ ڏئيس ٿو۽ پنج رپيا وٺي ٿو.) +چنيسر- ڀلا، هي لمبر ڪڏهن کلندا؟ +لاٽري فروش-هڪ مهيني کان پوءِ او! هن سامهون پان واري جي دڪانن تي نمبرن جي لسٽ ايندي.اتي اچي ڏسجاءِ. ٽڪيٽ قابو ڪجان، +چنيسر- (ٽڪيٽ پٽڪي جي پلو ۾ ٻڌي) هاڻ ڇٽو اهين، پٽڪو ڦاٽي وڃي ته ڀلين باقي ٽڪس نه وڃي. +لاٽري فروش –اچو، اچو جلدي جلدي جلدي باشاهه بنجو! جلدي جلدي راجا بنجو! +(ڊراپ سين) + +(ائڪٽ ٽيون) (پردو پنجون) + +(ٿر ملڪ ۾، چنيسر جو ڪکائون چوُنرو. چنيسر جي ڏوڪري، ناجل، منڌيءَ کي تعويذ ٻڌيو، ڏڌ به ويٺي ولوڙي ته ٿريڪو راڳ به پئي چوي. ٻار ننڍا پاڻ ۾ راند ويٺا ڪن، مٿان دودو اچي ٿو.) +دودو- ڏوڪري ڪيئن، ويٺي اهين کش؟ +ڪو تائيٿ ڪيو اثر ڪ نه؟ +ڏوڪري- دودا ادا، ڀاڻهين ته اسان کي سور ڏئي ڇڏيا آهن، ڏوڪڙ ته ڪونه مڪئين، پر چوسون تائيٿ ئي ڀلو! پر تون منهنجو ڀاءُ ويٺو آهين ته جڏانڪر تو تائيٿ آڻي ڏنو آهي، او ڏينهن، هي ڏينهن، مکڻ اکئين ڪونه ٿا ڏسون. جيڪو ذرو ٿيندو هو سو به صڦا بس! جهڳي جهڳي مانجون ٻانهون ٿڪجو پون. +دودو- مائي، تائيٿ ته ميرپور واري پير لکيو آهي، جنهن جون ڪرامتون ته اسين اکئين ڏسي آيا آهيون. پوءِ ڌڻي ڄاڻي ڪو ٿي ويس! +ڏوڪري- صدقي وڃان، مرشيد جي نالي تون! +متان سنت ڪانه جڙي هوئهيس؟ +دودو- سنت جي ڪهڙي ڳالهه ٿي پڇين؟ کليڦن بنهه ويهون واهي ڇڏيون، ڏوهه روپيا ڦريا اهنس وو! +ڏوڪري- الله جو؟ +دودو- سونهه! +ڏوڪري- مئو پير ته ڪونه هو، ڪو ڌاڙيل هو ڪ! ڏهين روپين سان اسين ٻي ڳئون ڳنهون ها ته اٺ سير کير ٻنهي مهلين ڏئي ها. +دودو- ڪرامت ته اکئين ڏ‎ٺي ٿو سڻايهين. پير ته ڏوهين پيرين جي مٽ هو. باقي تون جيئين کپيئي تيئن چو. +ڏوڪري- آ ادا، پر ڏسين نٿو؟ رهيو کهيو مکڻ به مورهين بس ٿي ويو! +دودو- سائينءَ ڳالهه ڪا سمجهي نه هوئي ته ڀلين، باقي ڪرامت وارو بيشڪ هو. متان نائيٿ ابتو لکي ويٺو هوئي ته ڪو شڪ! +ڏوڪري- ته اِها ڳالهه ڪج. ٻيو اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي ويو! ڀلاءِ، پوءِ آخر ڀاڻهين ايندو ڪه سنڌ کي ويٺو رهندو؟ +دودو- سڻايو ڪين هو هاڻ پوڙهين واري اشڪول ۾ پڙهي پکتو ٿيو آهي؟ واڻين کي به ڀلايو وڃي! +ڏوڪري- (کلي) الله جو؟ +دودو- سونهه! +ڏوڪري- اي ڪم ته ڀلو، پر هاڻ نوڪري انگريچ ڳنان ڪڏهن جڙندس؟ +دودو- ڪالهه ويو هو ڏيپلي، مصري بجير ڳالهه ٿي ڪي ته آئون ميرپور چنيسر کي گڏيو هوس. ڳالهه ٿي ڪيئين ته اشڪولن واري وجير آڏر ڪيو آهي ته پوڙهين جي اشڪولن ۾ جيڪي پڙهن ٿا، انهن ڪڻ پٽيوالن جي نوڪري جڙندي. +ڏوڪري- آ، ادا، پوءِ سڻ! (کلي ٿي) ڀاڻهين کي پوءِ رتو پٽڪو به سرڪار مان جڙندو؟ +دودو- ٻيو جي نه ته، ڊيپٽن ساڻ ڀيڙو ٿرين ته اچي گشت ڪندو. +ڏوڪري- (کلي ٿي) آ، ادا، پو پنهنجن ڪاڻ سڃاڻيندو ڪ نه؟ +دودو- چنيسر جون ٻيون پچارو ڇڏي ڏي. ماڙهو آهي بنهه لائق. ميرپور ۾ جيڪو گوڏير ٿو مليس، ان ڪڻ ماني ٽڪيءَ جي صلاح به مڙسا مڙسيءَ ٿو ڪري. +ڏوڪري- هان، ادا، پوءِ تپيدار ڪڏهون ٿيندو؟ +دودو- ايءَ سڌ ڪانهيم. پر ٿيندو مڙئي سگهيرڙو. +(اچي چنبڙنس ٿا.) +ڏوڪري- صدقي ٻچن تان وڄان، کوڙ روٽلا. رڳو جهڻ لپ جهڳڻ ڏيوم (جهڻ ولوڙي ٿي ۽ راڳ ڳائي ٿي.) +(پردو ڪري ٿو) \ No newline at end of file