diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book21.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book21.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book21.txt" @@ -0,0 +1,1077 @@ +ڪتاب جو نالو: گلشن بهار + + + +گلشن بهار +آخوند حاجي محمد فقير (مرحوم)”عاجز“ +پيش لفظ + +هي ڪتاب، سنڌي ادب جو ناياب تحفو، ۽ گذريل زماني جو املهه يادگار آهي. مرحوم آخوند حاجي فقير محمد ولد مرحوم آخوند موسيٰ قريشي، صديقي، المشهور به ”آخوند شيراڻي“، ساڪن شيراڻي محلو، هاشماڻي گهٽي، حيدرآباد جو تصنيف ڪيل آهي. مرحوم جو مختصر ذڪر ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ، ڀاڱي ٻئي، ”ادبي سوسائٽي“ ، حيدراباد، جي ڇپايل ڪتاب ۾ موجود آهي. سندس تخلص ”عاجز“ هو. +هي ڪتاب، مرحوم ”عاجز“ پنهنجي خداداد قابليت سان، دماغ سوزي ۽ عرق ريزي ڪري، سنڌي نثر ۾ تڪبنديءَ جو سهڻو نظارو رکي، تصنيف ڪيو آهي. ڪنهن به ڪتاب تان نقل يا ترجمو ڪيل ڪو نه ٿو ڏسجي. ڪتاب جهوني زماني جي اديبن جي داستان گوئيءَ واري طرز تي لکيو اٿس: منجهس پهاڪن ۽ چوڻين جي چهر ٻهر، وڻندڙ بيت، غزل ۽ شعر، موزون هنڌن تي اهڙي نموني چونڊي رکيل آهن، جو پڙهندڙ هر طرح جو لطف حاصل ڪري سگهندا. ازانسواءِ، اوسيڙي ۽ اميد جي اوٽ وٺي محبت جي واديءَ جي مسافر کي ڪهڙين منزلن مان ۽ ڪهڙي دستور گذر ڪرڻو ٿو پوي، تنهن جي ترجماني سليس پيرائي ۾ پيش ڪري اڻانگي عشق جي ڪيترن ئي مشڪل مرحلن جو حل ظاهر ڪيو اٿس. ڪتاب ۾ جيڪي به شعر، بيت ۽ غزل آهن، سي سڀيئي مرحوم جا پنهنجا طبعزاد آهن. مون هيءُ سمورو مواد، مرحوم جي پنهنجي هٿ اکر لکيل اصل ڪاپيءَ تان نقل ڪري، ناظرين ڪرامن جي مطالعي لاءِ پيش ڪيو آهي. لکڻ جي چڪن ۽ ڀُلن لاءِ عرض گذار آهيان ته براه نوازش عُفو جي آب سان ميساري، مون کي اطلاع ڏيڻ فرمائيندا ته نهايت احسان مند رهندس؛ ۽ مرحوم کي پڻ دعادي خير سان ياد فرمائيندا. +اصل ڪاپيءَ جي پڇاڙيءَ واري صفحي جي زبون حالت هئڻ سبب ڪتاب جي تصنيف متعلق تاريخ ۽ سال بابت سڄو نظم ملي نه سگهيو، فقط- ”تاريخ نام از وي گلشن بهار گشت“ لکيل هٿ آيو. 400 + 208 – 720 = 1328 هه +ازانسواءِ، منڍ ۾ مصنف جي هٿ اکر لکيل اصل ديباچي جي عبارت پڻ بلڪل زبون حالت سبب سمجهه ۾ نه آئي. +مرحوم ”عاجز“ جا ٻيا قلمي ڪتاب هيٺئين موجب موجود آهن: +1- ”جان مُشتاق“ رباعيون (شرحوار) 1323 هه) +2- ” جان عُشاق“ ٻه حصا: حضرت بُلا شاهه جي +ڪافين تان نقل +”قانون عشق“ اردوءَ مان (1323 هه) +3- ”جان سالڪ“ شاهه باهو سلطان قدس +سره جي رسالي ”عين الفقر“ +پارسيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو. +4- ”ديوان عاجز“ مسميٰ به +”ديوان غمگسار“ (1325 هه) +5- ”نيڪ اخلاق“ ”اخلاق محسني“ فارسيءَ +تان ترجمو ڪيل +6- ”ليليٰ مجنون“ نظم ۾. +7- رحمتھ اللعاشقين“ مثنوي ”تحفة العاشقين“ +(نظم مثنوي) اردو نظم تان ترجمو. +8- تفسير ”فاتح الڪتاب“ (تفسير) + +- والسلام +حيدرآباد خاڪسار +10 ڊسمبر، 1956ع احمد علي ولد ميان ولي محمد ولد +مرحوم آخوند حاجي فقير محمد ”عاجز“ . + +مصنف جي سوانح حيات +آخوند حاجي فقير محمد بن آخوند موسيٰ بن آخوند عبدالڪريم بن آخوند غازي بن سعد؛ اصل قريشي، صديقي نسل جا آهن. سندن وڏا، اصل شهر مسقط (عربستان) کان عربن جي دور حڪومت ۾، سنڌ ۾ اچي ٺٽي شهر ۾ رهيا: عربي تعليم ڏيڻ سندن خاص ڌنڌو هو. انهن جي اولاد مان ڪي گهر، سنڌ جي جدا جدا هنڌن تي، جدا جدا وقتن ۾، آباد ٿيندا رهيا. اهڙي دستور، هڪڙو گهر ڳوٺ سن، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ به وڃي رهيو. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ جڏهن سنڌ تي مير غلام علي خان (بشرڪت ٻن ننڍن ڀائرن جي) حڪمران هو، تڏهن هُن سن جي انهن آخوندن مان هڪ گهر، جنهن جو اڳواڻ غازي بن سعد هو، آڻي حيدراباد شهر جي هاشماڻي گهٽيءَ ۾ رهايو، ۽ رهڻ لاءِ هڪ ��لاصو محلو ڏيئي، پنهنجي ٻارن جي تعليم جو ڪم سندن سپرد ڪيو اهو محلو ”شيراڻي محلي“ جي نالي سان مشهور هو، جنهن سببان هي آخوند به ”شيراڻي“ نالي سان مشهور ٿيا. اهو محلو اڃا تائين قائم آهي، ۽ هن وقت به انهيءَ ئي نالي سان سڏجي ٿو. +اهڙيءَ طرح، اهي آخوند مير صاحبن جي ٻارن کي عربي، فارسي ۽ قرآن شريف پڙهائيندا رهيا ۽ سندن اهل نساءَ وري مير صاحبن جي ديرن تي نياڻين کي قرآن شريف پڙهائينديون هيون. ۽ ديرن ۾ جيڪو خزاني جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪم ٿيندو هو، سو پڻ سنڀالينديون رهيون. ڪي دستخط هٿ آيا آهن، جن مان پتو ٿو پوي ته جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ مير صاحب ڪلڪتي ۾ نظرداريءَ هيٺ رهيا، تڏهن ديرن ۽ سندن وچ ۾ جا خط و ڪتابت ٿي، سا آخوند حاجي فقير محمد جي والده صاحبه ڪندي هئي. ان بعد به اهو سلسلو قائم رهيو، جو هز هائنس حُسين علي خان جي ديرن جي حياتيءَ تائين آخوند صاحب جي نياڻي ڪندي رهي جا هن وقت به حيات آهي. عربن ۾ عورتن کي نٿ پارائڻ جو رواج ڪو نه هو، تيئن آخوندن ۾ به ساڳيو دستور هلندو آيو. پر پوءِ مير صاحبن پنهنجي ڪنهن نياڻيءَ جي قرآن شريف پڙهي پڄائڻ جي خوشيءَ ۾، جنهن مائي صاحبه پڙهايو هو تنهن کي وڏيءَ عمر جي باوجود نٿ ڏني، ۽ يادگار طور اُن جي پائي رکڻ لاءِچيو. جنهن ڪري هن خاندان جي پوين ۾ نٿ پائڻ جو رواج پيو. مگر جيئن مير صاب حاڪم هئا ۽ انهن اهو يادگار انعام ڏنو- ۽ حاڪم ۽ مائٽ هڪ آچار آهن، تيئن آخوندن ۾ به اهو رواج پئجي ويو، جو منجهن اڄ تائين مائٽ ئي پنهنجي نياڻيءَ کي ڏاج ۾ نٿ ڏيندا اَچن ۽ نه ساهرا. ازانسواءِ، مير صاحبن جي ديرن جو ڪنهن شاديءَ مراديءَ يا ڪنهن ڏينهنَ وارَ جي موقعي تي پنهنجن ٻين عزيزن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، ته انهن آخوندن مان ئي ڪو فرد ڪجاون جو مير ڪاروان ڪيو ويندو هو. +آخوند عغازيءَ جو فرزند، آخوند عبدالڪريم، عربستان جي حديده* واري درگاهه شريف جي بزرگن پاران، سنڌ ملڪ لاءِ خاص خليفو هوندو هو ۽ مير ڪرم علي خان جي دور حڪومت ۾ ڪارداريءَ جو عهدو به هوندو هوس. +آخوند حاجي فقير محمد عربي ۽ پارسيءَ مان واقفيت بعد مروج سنڌي تعليم به حاصل ڪئي هئي. اُن وقت ۾ جيڪو به سنڌي لکي پڙهي ڄاڻندو هو، ان کي سرڪاري نوڪري ملڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪا نه ٿيندي هئي، تنهن ڪري هز هائنس مير حسن علي خان ٽالپر آخوند کي باوجود سندس مرضيءَ نه هجڻ جي، تپيداريءَ جي نوڪري وٺي ڏني. پر جيئن ته سندس طبيعت اصل کان ئي فقيريءَ ڏي مائل هئي، تنهن کان سواءِ کيس اهو پورو يقين هو ته انگريزن بي سبب غاصباڻي طريقي سان ٽالپرن کان حڪومت کسي ظلم ڪيو آهي ۽ پاڻ ٽالپرن جا نمڪ پرورده آهيون، تنهن ڪري ظالم جي حڪمرانيءَ ۾ ساٿ ڏيڻ پسند نه آيس ۽ جلد ئي استعيفا ڏيئي ڇڏيائين. ۽ اُن بعد هميشه لکڻ ۾ پنهنجي نالي ۽ صحيح جي پٺيان ”اصل ملازم مير صاحبان سنڌ“ لکندو هو.* 1 +پوءِ آخوند صاحب کي اصلوڪي دستور موجب، مير صاحب کان ماهيانو وظيفو گهر ويٺي پيو ملندو هو. تنهن کان سواءِ هز هائنس مير عبدالحسين خان ”سانگي،“ جو به هڪ نيڪ سيرت، درويش؛ علم دوست، فقيرانه طبيعت ۽ شاعر ۽ اديب هو ۽ آخوند صاحب کي تمام گهڻو ڀانئيندو هو، سو به هر وقت سار سنڀال لهندو هون ۽ خلاصو ساليانو وظيفو به ڏيندو هون. ان کان سواءِ، آخوند صاحب کي ديهه ٻوچڪي تعلقي حيدرآباد ۾ ٻاويهه ايڪڙ کن زرعي زمين آباد ٿيندڙ هئي، تنهن ڪري کيس پنهنجي ۽ عيال جي پرورش لاءِ ٻئي ڪنهن ڌنڌي ۾ مشغول رهڻ جو احتياج ڪو نه هو. جڏهن عيال ۾ واڌارو ۽ گذران ۾ تڪليف ٿيس، تڏهن هز هائينس ��ير عبدالحسين خان جي ڪوشش ۽ سفارش سان تعلقي نواب شاهه جي ديهه 89 نصرت ۾، اڍائي سؤ کن ايڪڙ زمين هلڪي مالڪاڻي تي مليس. (هن وقت سندس پوين ديهه ٻوچڪي واري زمين وڪڻي ڇڏي، باقي نوابشاهه واري زمين سندن گذران لاءِ موجود آهي.) آخوند صاحب جو شغل هر وقت ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ، عالمن ۽ صوفين، شاعرن ۽ اديبن سان صحبت ۽ فُقراءَ ۽ مستن سان محبت ونڊڻ جو هوندو هو. باقي وقت عبادت ۽ ذڪر فڪر ۾ محو هوندو هو: شعر لکڻ ۽ تصوف بابت فڪر ڪرڻ ۽ ان جا مسئلا حل ڪرڻ ته سندس خاص شيوو ٿي رهيو هو. ان سان گڏ گذران لاءِ زمين پوکائڻ ۽ چوپايو مال پالڻ جو ڪم به پوري ڌيان ۽ شوق سان ڪندو هو. +هز هائنس مير عبدالحسين ”سانگي“ ۽ سيد غلام محمد شاهه ”گدا“ ۽ ”حيدري“ سان خصوصن، ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ حافظ حيات شاهه ”حافظ“ سان به صحبت هوندي هيس. محمد بخش ”واصف“ به وٽس شعر ۽ نظم ڏيکارڻ، درست ڪرائڻ ۽ هدايت وٺڻ لاءِ ايندو هو. سندس ڪاغزن مان وڌيڪ قاضي ميان صلاح الدين ”احقر“ متعلوي، ماستر محمد موسيٰ ولد سومار گينگر، آخوند علي محمد صاحب بوبڪائي، قاضي ميان پير بخش خانواهڻ وارو ۽ ماستر محمد صديق صاحب ”مسافر“ سان به سندس ملاقات جو سلسلو ملي ٿو. +آخوند صاحب سلسلي نقشبنديه جي امام رباني مجدد الف ثاني رحمتھ الله عليھ جي اولاد مان خواجه عبدالقيوم عليھ الرحمه سرهنديءَ جو مريد هو، ۽ ان بزرگ جي صحبت کان فيضياب هو. ڪَعبتھ الله شريف جو طواف ۽ زيارت روضي اطهر جي لاءِ پهريون دفعو مرشد پاڻ سان گڏ وٺي ويو هوس، ۽ ٻيو دفعو مير صاحبن کيس پنهنجن ٻين ماڻهن سان گڏ حرمين شريفين جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. هِن ٻئي دفعي پوريءَ جوانيءَ جي وقت، شاديءَ کان ترت ئي پوءِ ويل هو. +آخوند حاجي فقير محمد هڪ نيڪ سيرت، حليم طبيعت، خوش خلق، علم دوست، عابد ۽ زاهد، متوڪل علي الله هو. سندس صحبتن جو مٿي ذڪر ڪيل آهي. ان کان سواءِ، مستن ۽ لا ابالين سان به ويهي رهاڻيون ڪندو هو، جن مان حيدرآباد شهر جي قاضين جي آڪهه مان هڪ بزرگ، سيد اسماعيل شاهه، سان تعام گهڻي صحبت هوندي هيس؛ فقير منگواڻي وٽ، صدر مارڪيٽ جي ڀرسانبه گهڻو ويندو هو؛ گدو بندرواري چرين جي اسپتال ۾ هڪ مرد مست، بلڪل ڪوٺيءَ ۾ بند هوندو هو، ان سان به ڪيترو وقت ويهي ڪچهري ڪندو هو. +آخوند حاجي فقير محمد پنهنجي وڏي ڀاءُ، آخوند پير محمد ۽ ٻين عزيزن کي برادريءَ جي ڳالهين ۾ هڪ ئي نظر سان ڏسندو هو. ۽ هميشه هر معاملي ۾ نيڪ بد سوچي، سمجهائي، پوءِ مشورو ڏيندو هو، ۽ هر ڪنهن کي منهن تي بي رياءُ ٿي، سچ چئي ڏيندو هو. پر جيئن ته سچ ۾ البت مچ آهي، تنهن ڪري ڪيترائي عزيز ساڻس ڪين ٺهندا هئا. وقت تي ڦرندي گهرندي سياست اصل ڪين ڄاڻندو هو، ۽ نڪي خود غرضي ۽ خود مطلبي اختيار ڪيائين، نڪي اندر هڪڙي ٻاهر ٻي ڳالهه ڪيائين. هيڻن تي ڏاڍائي ڪندڙ جي ڪڏهن به چشم پوشي نه ڪيائين، بي نفسيءَ ۽ درگذر ڪرڻ جي ته کيس اصل ڏات مليل هئي. +هڪ دفعي سندس ٻن ڀاڻيجن جي چوري ٿي، انهن پوليس ۾ رپورٽ ڪري مٿس ٻن پٽن سميت الزام مڙهيو. سپرنٽينڊنٽ تحقيقات ڪرڻ بعد، الزام ڪوڙو ٺهرائي، آخوند صاحب کي سندن بي عزتيءَ جي پلاند وٺڻ لاءِ منظوري ڏيڻ چاهي، ليڪن پاڻ انهن لاءِ چيائين ته ”چوري ته سندن ضرور ٿي آهي، مگر مون تان ڀلجي پيا آهن؛ ڀليلن تي مار نه آهي!“ ان بعد، وري به هنن ساڳيءَ چوريءَ لاءِ شهر جي قاضي صاحب معرفت آخوند صاحب ۽ سندس فقير صفت فرزند، ميان ولي محمد، کي محلي جي مسجد شريف ۾ قران مٿي تي کڻائي، ويساهه ورتو. پر ويساهه ويچارو جو دنيا مان ان وقت لڏي ويو هو، سو هُنن کي هٿ نه آيو، سو نه آيو: وري به سٽي مئجسٽريٽ صاحب جي ڪورٽ جو در کڙڪايائون. ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ شرط ئي مئجسٽريٽ کي ڪُلي حقيقت روشن ٿي، جنهن ڪيس کي بلڪل ڪوڙو ٺهرائي آخوند صاحب کي باعزت بي ڏوهو ٺهرايو ۽ کيس بيعزتيءَ ۽ تڪليف جي عيوض وٺڻ لاءِ منظوري ڏيڻ چاهي ۽ حڪم ڏنائين ته ”هن ئي وقت اهڙي درخواست پيش ڪريو ته ڪارروائي هلايان.، مگر ان نيڪ نفس ۽ درگذر ڪندڙ انسان تي رحمت خدا جي وسي، جنهن باوجود اهڙين حالتن هوندي به سٽي مئجسٽريٽ کي چيو ته ”آئون ڪيئن پنهنجن ٻچن کي تڪليف ۽ نقصان ۾ وجهان ۽ بي آبرو ڪريان! هتي دنيا اڳيان ۽ اڳتي خدا اڳيان آءٌ پنهنجن ڀُلُن لاءِ ڪيئن ڪنڌ کڻندس. هُو ڀليا آهن، انهن تي مار ناهي. شال الله سائين انهن کي هدايت نصيب ڪري ۽ نيڪ راهه تي هلائين.“ +ٻئي دفعي ٻنيءَ تان چور سندس مينهون ڪاهي ويا. سندس وڏو فرزند جو اُتي هو، سو ماڻهو گڏ ڪري، پيرو کڻي روانو ٿيو ۽ آخوند صاهب کي، جو شهر ۾ پنهنجي گهر هو، نياپو موڪليائين ته اَچي. پاڻ مشڪي چيائين ته ”جا شيءِ اسان جي قسمت جي نه آهي، اُن جي پٺيان وڃڻ مان ڇا حاصل؛ ۽ جا شيءِ اسان جي قسمت جي آهي، سا اسان کي ڇڏي ڪيڏانهن ويندي!“ ماڻهو پيرا کڻي ويا هئا، سي پيرا وڃائي، رلي، رات جو موٽي آيا. ٽئين چوٿين ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ اچي نياپو ڏنو ته ”فلاڻي شخص چيو آهي ته توهان جون مينهون مون وٽ آهن، ڪَهرائي وڃو، ۽ چور به اوهان جي حوالي ڪندس.، پاڻ مينهون ڪهرائي ورتائين. چورن لاءِ چيائين ته ”انهن مينهن ڪاهڻ لاءِ جا بيفائدو تڪليف ورتي آهي، اُهائي سزا انهن لاءِ ڪافي آهي: ٻئي پاسي هڪ رات اوجاڳو ڪيو اٿن؛ جي انهن جو اوجاڳو قبوليت جي درجي هيٺ آيو، ته هو ڀلارا آهن- ڀلارن کي تڪليف ڏيڻ مان برائي حاصل آهي.“ هڪ دفعي گڏهه تي سوار ٿي، ٻنيءَ تي وڃي رهيو هو؛ ڦليليءَ تي سامهون مرزا قليچ بيگ صاحب گهوڙا گاڏيءَ ۾ سوار ايندو کيس دوبدو مليو. سلام ڪلام بعد مرزا صاحب فرمايو ته ”آخوند، واه واه! تنهنجي سواري ته عمدي آهي“. آخوند صاحب جواب ڏنو ته ”الحمد الله، مون جهڙي ناچيز بندي تي بادشاهه پنهنجي ڪرم سان پنهنجن خاص پيارن واري سواري عطا ڪئي آهي؛ ان نالائق نوازيءَ تان جي آءٌ قربان ٿيان ته ڪو ڪم ٺهي پوي!“ +آخوند صاحب آخر عمر ۾ رات جو ننڊ ۾ ذڪر جلّي ڪندو هو؛ هڪ دفعي سندس فرزند ميان ولي محمد آواز تي سجاڳ ٿيو- سمجهيائين ته اوٿاري جي ڪري آواز ٿو نڪري، ان ڪري ننڊ مان کيس جاڳايائين. آخوند صاحب فرمايس ته ”بابا ڊپ نه ڪر، ماٺ ڪري سمهي رهه، مون کي پنهنجي حال ۾ ڇڏي ڏيو. +آخوند صاحب تاريخ 28 ربيع الاول سن 1336 هه مطابق 16 جنوري 1918ع جي هن دارفانيءَ کي الوداع ڪري راهي دارالبقا ٿيو- اِنَّا ِلله ِ و اِنا اِلله راجِعُونَ. +وفات وقت سندس وڏي فرزند کان سواءِ ٻيو اولاد ۽ ڪي عزيز حاضر هئا. سڀني کي نيڪيءَ جي هدايت ڪندو رهيو. آخر ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي گهريائين؛ جنهن ماڻهوءَ کيس پاڻي ڏنو، تنهن کي پاڻيءَ ۾ ماکي ملائڻ لاءِ چيائين. ان بعد پاڻي ڏيندڙ کي ٽي دفعا ڪلمون طيب وڏي آواز سان پڙهڻ لاءِ چيائين ۽ پاڻ به ڪلمون طبيب ٽي دفعا چئي، پوءِ پاڻي ڏيندڙ کان ٽي دفعا سندس نالو پڇيائين، ان بعد پاڻي وٺي، ٽن ساهين سان پي، ”شڪر الحَمدُ ِلله چئي، آخر ۾ ”اَلله جل الشانھ“ چيائين، ۽ روح پروزا ڪيو. +آخوند صاحب ٻه نڪاح ڪيا هئا- پهريون تعلقي حيدرآباد جي ٽنڊي غلام محمد ڀرڳڙيءَ ۾ رهندڙ گراڻن مان، جنهن مان پنج فرزند ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيا. انهن ��ان پهريون فرزند ۽ پهرين نياڻي ننڍيءَ عمر ۾ ئي فوت ٿي ويا، باقي چار فرزند، ميان علي احمد، ميان ولي محمد، ميان خير محمد، ميان محمد الياس ۽ هڪ نياڻي حيات ڇڏيائين. ميان علي احمد، 8 مارچ 1949ع مطابق 7 جمادي الاول 1368 هه جي 81 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو- فقط هڪ فرزند تاج محمد ڇڏيائين، جو به 13 جولاءِ 1954ع جي بنا اولاد وفات ڪري ويو. ميان ولي محمد 29 جنوري 1946ع مطابق 25 صفرالمظفر 1365 هه جي وفات ڪئي- عمر 62 ورهيه ٽي مهينا تيرنهن ڏينهن شمسي سال جا- پوئتان ٻه فرزند، ميان احمد علي، فقير محمد ۽ هڪ نياڻي ڇڏيائين، جي حال حيات آهن. ميان خير محمد تاريخ 20 سيپٽمبر 1945ع جي 59 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس ٻه فرزند، محمد حسين، گل محمد عرف رمضان ۽ هڪ نياڻي حال حيات آهن. ميان محمد الياس هن وقت 70 ورهين جي عمر جو حال حيات آهي- کيس هڪ فرزند، عبداللطيف ۽ هڪ نياڻي حال حيات آهن. هڪ نياڻي آخوند صاحب جي هن وقت 80 ورهين جي عمر جي حال حيات آهي، جا بنا اولاد آهي. آخوند صاحب پنهنجي ڀاڻيجي ميان غلام محمد ولد آخوند حاجي لقمان کي پرڻائي ڏني هئي، جو فقط ست مهينا شاديءَ بعد جيئرو هو- اُن جي مرڻ بعد اُها نياڻي وري به پنهنجي پيءُ آخوند صاحب وٽ رهي ۽ هو پاڻ ان کي سنڀاليندو رهيو. آخوند صاحب جو ٻيو نڪاح پهرين زال فوت ٿيڻ بعد مير صاحبن ڪوشش ڪري جکرا قوم جي پير بخش نالي بزرگ جي هڪ نياڻي سان ڪرايو، جا فقط 4 سال جيئري رهي. ۽ ان مان آخوند صاحب کي ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. +هاشماڻي گهٽي، شيراڻي محلو، فقط 1- جنوري 1957ع +حيدرآباد سنڌ. احمد علي ولد ميان ولي محمد + + + +داستان پهريون +آزر بائيجان جي بادشاهه بيدار بخت جو بي اولاد هئڻ ۽ درگاهه قاضي الحاجات ۾ بصدق دل رجوع ٿيڻ، رحم جي درياءَ جو جوش ۾ اچڻ ۽ کيس فرزند دلبند تولد ٿيڻ. ۽ پڻ ساڳئي وقت ۾ وزير باتدبيرکي به فرزند تولد ٿيڻ ۽ ٻنهي جو گڏ نپجڻ +غزل – +اندر ۾ عشق جو آزار آهيم. +بره ۾ دل رهي بيمار آهيم +اٿم بلبل سان حاصل هٿ منوائي، +حلاوت تنهن لاءِ منجهه گفتار آهيم. +ڪري دلڙي سندم ٿي خوش بياني، +انهيءَ لئي ڪِلڪَ شڪربار آهيم. +ندامت جا وهن ڳوڙها اکين مان، +اصل کان چشم گوهر بار آهيم. +اچي ”عاجز“ اڱڻ منهنجي هو جانان، +ڪريان سر صدقي هي اقرار آهيم. +شعر- +ڀريو ساقيا جام مي ارغوان مان، +ته مستيءَ ۾ آءٌ ڪريان ڪو ڪلام. +نشي عشق جي ۾ مان مدهوش ٿي، +محبت ۾ مخمور پر جوش ٿي. +سيلاني بيابان سخن جا مختصر هن طرح ٿا بيان ڪن ته ڪنهن زماني ملڪ آزر بائيجان ۾ هڪ ناميارو بادشاهه بيدار بخت نالي راڄ ڪندو هو، جو بلڪل حسين، بهادر، عادل، عالي دماغ، رعيت پرور ۽ باخبر هو. پنهنجي اَقليم عدل ۽ انصاف سان قائم ڪيائين ۽ رعيت خوش رکيائين، سندس حڪومت ۾ امير خواه فقير، تونگر خواه مسڪين بلڪل خوش خورم هئا. انصاف اهڙو ته رکيائين، جو شينهن ٻڪري گڏ پيا گهمندا هئا. بادشاهه به سدائين شاد ۽ آباد هو، فقط چشم چراغ نه هو، انهيءَ غم کان دل تي داغ ۽ پريشان دماغ هوس. قدرت جو ڪو ڦير هو، روشن گهر ۾ غمن جو ڍير هو. سچ آهي، دنيا ۾ لاولديءَ جهڙو ڪو غم نه آهي، اهو درد مرض موت کان ڪم نه آهي. +قصو ڪوتاهه، بادشاهه ذيجاه لاءِ اولاد جي نه هجڻ جو ارمان سراسر سورن جو سامان هو جنهن ۾ هن هنيو پئي هاريو ۽ پاڻ پئي ڳاريو. رات ڏينهن پنهنجي خالق جي درٻار ۾ زاري نيزاري ڪندو رهندو هو. آخرڪار ان جي آهه زاري اثر واري ٿي. الله تعاليٰ هن تي مهرباني فرمائي، هن جي دعا اجابت ۾ آئي. پنجاهه ورهين جي عمر ۾ هڪ فرزند دلبند، حسين ۾ حسين، هو بهو ماه جبين، هن کي عطا ٿيو، جنهن جي حسن جي تعريف لکڻ کان ٻاهر آهي، زبان قاصر آهي، جيڪڏهن حور ڏسي ته پنهنجي حسن جي غرور جو قصور مڃي. پريءَ کي طاقت ناهي ذري، جو پنهنجي سونهن جي لياقت بيان ڪري. يوسف ثاني يا ماه ڪنعاني چوان ته بجا آهي. +چؤطرف خوشيءَ جو هل پيو، ۽ مبارڪ سلامت جو غل پيو. امير توڻي فقير، صغير توڻي ڪبير جي خوشيءَ جو بيان بيان کان ٻاهر آهي، هر ڪنهن جي منهن ۾ بشارت ظاهر آهي. بادشاهه اها خبر فرحت اثر ٻڌي زور خوش ٿيو. حرم سراءِ ۾ وڃي شهزادي کي جهوليءَ ۾ کنيائين، مٿو ۽ اکيون چميائين، ڇاتيءَ سان لاتائين، ڏاڍو پيارڪيائينس ۽ نالو ”راحت جان“ رکيائينس. بادشاهه ٻاهر درٻار ۾ اچي حڪم ڪيو ته ”در خزاني جا کوليو، فقير فقراءَ کي ڳوليو.“ سون ۽ چانديءَ جو سِڪو هَليو، اهو هوڪو هُليو ته ”نه ڪنهن کي جهليو نه پليو، جواهر بيشمار ڏيو يا موتي آبندار ڏيو، جنهن کي جيڪي وڻي سو کڻي.“ ٻيهر حڪم ٿيو ته ”اميرن وزيرن کي نئين سر عمديون خلعتون پهرايو، جڙادار ڪرسيون امداد ڪريو.“ لشڪر ۽ فوج نئين سر درست ڪرايائين. آفيسرن ۽ سپھ سالارن کي ڪرچون سونيون جڙادار جوهردار ٻڌايائين، اهل قلم جي تعظيم ۽ مرتبو وڌايائين، عزيزن قريبن کي پشت به پشت جاگيرون انعام ڏنائين. هر خاص ۽ عام تي اڪرام ڪيائين. قيدي ڇٽي ويا، قيد خانا ڦِٽي ويا. گهر گهر شادي خانه آبادي هئي. رعيت تي هڪ سال جو محصول معاف ٿيو، سَخا ۾ اڳيون پويون خزانو صاف ٿيو: +شعر- +اميرن کي جاگير لشڪر کي زر، +وزيرن کي الماس لعل و گوهر. +خواصين ۽ خوجن کي جوڙا ڏنئين، +پيادا هئا، تن کي گهوڙا ڏنئين. +بادشاهه جي فرمان سان پنڊت، مُنجم ۽ رمال، هر فن ۾ باڪمال، اچي حاضر ٿيا، قَرعو اَڇليائون، ڍارا ڍاريائون ۽ زائچو ڀريائون. چار شڪليون نڪتيون: +(1) قبض الداخل، (2) عتبتھ الداخل، (3) نصرت الد اخل، (4) بياض. عرض ڪيائون ته ”جهان پناه، شهزادي جي عمر دراز هجي! هي چارئي شڪليون سعد آهن، جن مان ٽي داخل آهن ۽ هڪ ثابت آهي. خدا تعاليٰ جي مهربانيءَ سان شهزادو صاحب اقبال وارو آهي. روءِ زمين جا بادشاهه تابعدار، ۽ سرڪش فرمانبردار رهن. دوست ته بجاءِ خود پر دشمن به ان جي محبت جو دم ڀرين. رعيت دلشاد، هر ڪنهن جو خانو آباد، ظالم بي بنياد بد نهاد جو گهر برباد ڪري. چوڏهون خانو سعد اڪبر آهي، مگر خارج ڪرڻ لاءِ ٿورو ضرر آهي، ڏهون خانو نحس اڪبر، خرابيءَ جو گهر آهي. ڪي سال زوال آهي، ٿورو طبيعت تي ملال آهي، آخر وصال آهي. مزاج خاڪي آهي، ٽئين خاني ۾ زحل سان ملاقي آهي، تعجب نه آهي ته شهزادو ڪنهن موذيءَ جي قيد ۾ اَسير ۽ دلگير ٿئي. آخر ڪنهن تدبير سان او پاڻ ئي دستگير ٿئي. عشق جي بيماريءَ کان سفر جي تياري ڪري. سفر ۾ البت ٿوري ڪلفت آهي، مگر ناجنس جي الفت آهي. جان هر طرح سلامت آهي. اهو سڀ سامان دور آسمان جو نشان آهي. شڪل مؤنث آهي، اڳيان عشق جي وادي آهي، نيٺ خانه آبادي آهي، اهو ٿورو ضرر آهي، پر تقدير جي خبر نه آهي، جيڪي آه ته ويرانيءَ جو سَير آهي، ٻيو سڀ خير آهي.“ +بادشاهه نجومين جو بيان ٻڌي چيو ته ”اڪثر نجوم جي بات واحيات، بلڪ بي ثبات آهي، ان تي اعتبار ڪرڻ عقل کان دور آهي، ناحق حيراني ۽ پريانيءَ ۾ اچڻ جو ڪهڙو ضرور آهي! الحاصل نجومين کي سرو پاءِ ڍڪائي، چڱيءَ طرح پهرائي، انعام اڪرام ڏيئي رخصت ڪيائين، شهزادو داين دَدَائن جي حوالي ڪيائين ۽ ان جي پرورش ۾ گهڻو تاڪيد ڪيائين، جنهن اُن جو حسن دلفريب ٿي ڏٺو، سو ڄڻ ته محبت ۾ مٺو ؛ اهو رنگ هويدا ٿيو، جو هر ڪو ٿي هن تي شيدا ٿيو. تان جو اچي ويهڪ ٿيو ۽ پنڌ ڪيائين. ڳالهائڻ ٻولهڻ جهڙو ٿيو. بادشاهه هڪ عالِم عجيب، اُستاد، اديب، هرفن ڪامل، مِڙني علمن جو عامِل سڏايو. شهزادو تعليم لاءِ اُن جي سپرد ٿيو، ۽ هن جو قدم واديءَ علم جي پهرينءَ منزل ۾ پيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي هوش ۽ ذهن جي زور سان هن علم صَرف و نحو، منطق منُعانِي، طب، حڪمت حقانِي، ادب ۽ هِئت ۾ تبحّر حاصل ڪيائين. رياضِي، جفر، نجوم ۽ رمل ۾ هو ڪامل ٿيو. مطلب ته هر ڪنهن علم جو عالم ۽ عامل ٿيو، استاد جي ڪوشش ۽ سعيو ظاهر ٿيو. الغرض، اڳ ئي حُسن ۾ حَسين خوبصورت، هو بهو چنڊ جهڙي مورت، ٻيو وري مھ جَبين خوبصورت هو، ۽ وري سندس گفتگو جو عمدو طريقو: اُٿڻ ويهڻ جو سهڻو سليقو، شيرين زبان ۽ خوش بيان، تنهن مَلڪَ موهي وڌا. قيافي شناسيءَ جو سامان ان جي چهري مان عيان ۽ اهڙو نمايان هو، جو ان جي تعريف ۾ بيان لکڻ کان قلم قاصر آهي. +بيت- +القصه، بينظير هو حسن و جمال ۾، +محبوب روزگار هو فضل و ڪمال ۾. +قدرت کيس وري وزيرباتدبير هم عمر، موچاري مورت، نيڪ سيرت عطا ڪيو هو- جنهن به ساڻس گڏ پرورش پاتي هئي. سو به راحت جان جو ”جانثار“ ۽ عالم روزگار هو. رات ڏينهن شهزادي جو محرم راز ۽ دمساز هو. نهايت محبت ۽ غايت الفت جي ڪري گهڙي به جدا نٿي ٿيو. اهڙو شيدا هو، جو ڄڻ ته بصد جان فدا هو. شهزادو به وزير زادي کي جان کان زياده عزيز رکندو هو. + +* درگاهه شريف حضرت خواجه حاجي صفّي الله اَلملُقّب به قيُوّم جهان رحمتھ الله عليھ +1 * مون هڪ دفعي پنهنجن وڏن کان پڇيو ته جڏهن ٽالپر حڪومت ختم ٿي ۽ انگريز حڪومت جو دور دورو ٿيو، ان وقت اوهان وٽ سڀ ڪجهه هو، پوءِ ڇو نه ٿي حڪومت سان تعاون ڪري، پوين کي انگريزن جي تعليم، ڏياريوَ، ته هن وقت هوند اسين به دنيوي پَستيءَ ۾ نه هجون ها. مون کي حيرت سان ڏسي، منجهن بزرگن فرمايو ته ظالم جي هٿان مليل پئسي مان گذران ڪندڙ بيرحم ٿيندو، فرنگين جي تعليم به ظلم ۽ فساد پيدا ڪندي. منجهس بي حيائي ۽ بي شرمائي وڌندي، دينداري ۽ ديانتداري گهٽبي، وغيره وغيره. + + + +داستان ٻيو +حضرت عشق جي آمد. سودا جي تياري. محبت جي فسونڪاري. راحت جان جو عالم خواب ۾ آرام جان تي عاشق ٿيڻ ۽ جان نثار جو پتي لهڻ لاءِ وڃڻ. +شعر- +پياريو ڀري ساقيا، جام عشق، +ته آسان ٿئي دل تي آلام عشق. +ميسر ٿئي جنهن سان ديدار يار، +لهِي دل مٿان سڀ وڃي غم غبار. +ترار محبت جا ڪٺل، خنجر الفت جا ڦٽيل، گرفتار زلفِ خمدار جا حُسن پرست، شراب محبت جا مَست، عشق جو داستان فرحت بيان هن طرح ٿا قلم کي سپرد ڪن، ته جڏهن راحت جان تي بعد فراغت علم جي ۽ مشقت مشق قلم جي، جوش جوانيءَ جو قائل ٿيو، تڏهن هو شوق شڪار ۽ عشق عاشقيءَ ڏي مائل ٿيو. جيئن ته اڪثرعاشق مزاجن ۽ گهٽيءَ حسن جي محتاجن جو حسن پرستيءَ ۽ عشق جي مستيءَ ۾ سهڻي نظاري خواهه موهڻي مورت ڏي دل جو لاڙو رهندو آهي، ۽ ان جو اُن بانُ پسند ايندو آهي، تن کي بڻڇي نگاهه خنجر آبدار وانگر بي روڪ ٽوڪ سيني جي آرپار آهي، ۽ طوق ملامت ۽ زنجير خواريءَ جو ڳچيءَ جو ڳهڻو، لُڪڙي ۽ هار آهي. ڪُسڪڻ ۽ فرياد ڪرڻ اُن مرد ميدان لاءِ بهانو آهي، تير نظر کي سينو سپر نه ڪري، سو مرد نه آهي زنانو آهي. عالم شباب ۾ عشق جو اسباب ڪنهن جي سيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جو ناهي. جتي فصل و بهار آيو، جوانيءَ جو گلذار کليو. حسن جو جهَلڪو ڏٺو، نسيم آه جو سَٽڪو سَٺو، ته ڏِيو عقل جو گُل ۽ بيڪار ٿيو- سامان وحشت جو تيار ٿيو، جنهن کان عاشق مجبور ۽ بي اختيار ٿيو. +عشق ۾ ڇا ڀلا هنر گهرجي، +آه ۾ ٿو ذرو اثر گهرجي. +اڪثر وقت تنهائيءَ جي ۾، جان نثار سان گفتگو ڪندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته ”اي يار دلدار، دل تمام بيقرار، مثل فرار* آهي. جيڪڏهن ڪو ڪو خريدار هٿ چڙهي ته اوڻي پوڻي ناڻي جو تڪرار نه ڪجي، مهانگي سهانگي دل هلائي ڇڏجي. مگر جي قدردان هٿ اچي ته ڪو ڏاڍو رنگ رچي! ڪو چوکو وکروهائجي. دوست کلڻو، من موهڻو، طبيعت جو تيز گهرجي، خفقانيءَ کان خوف، مطلبيءَ کان موشو، ۽ گانڊوءَ کان گوسو ڪجي. هڪ رات راحت جان کي عشق عاشقيءَ جو قصو، ليليٰ مجنون جي رسالي جو پهريون حصو، پڙهندي، غلبو ننڊ جو چڙهيو. ڪتابُ سيني تي ڌري، ٿڌو شوڪارو ڀري ننڊ جي جهٽڪي ۾ سمهي رهيو. شمعون، جي ٻري پنهنجوپاڻ ڳري رهيون هيون، رخصت ٿيون. ڪليو قاعدو آهي ته جنهن ڌيان ۾ انسان جي اک لڳي ويندي آهي، اهڙو ئي احوال خواب ۾ ضرور ڏسڻ ۾ ايندو آهي. +شهزادي کي به خواب ۾ عجب آن بان ۽ شان مان سان هڪ نازنين، حسين مھ جبين، بصد ناز ۽ انداز، ڏسڻ ۾ آئي. ڏسندي اک اڙي، دل لڙي، طبيعت بگڙي. پاڻمرادو دل ۾ ارادو ڪيائين ته هٿ کان جهلي، سينو سيني سان ملي، ڳلو ڳلي سان لائي پيار ڪريان. پر ان معشوق پر ذوق ڏاڍي ناز انداز سان شهزادي کي ٿيلهو ڏنو، جنهن جي هيبت ۽ ڌڪي جي دهشت کان درد ناڪ دانهن ڪري جاڳي وري بيهوش ٿي ويو. اهڙي اوچتي هيبتناڪ دانهن تي ٻانهيون، ڪار غلاميون، خواجه سرا ۽ چوڪيدار ڊوڙي آيا. شهزادي کي ڏٺائون ته بيهوشيءَ جي حالت ۾ صاحب فرش آهي. تمام ششدر ٿيا. ڪن وڃي ملڪھ دل آرام شهزادي جي والده کي چتايو، ته ڪن بادشاهه ذيجاه کي ٻڌايو. بادشاهه خواه ملڪھ اها خبر وحشت اثر ٻڌي، پيرين پيادا افتادا ڊوڙندا آيا. اچي ڏسن ته هٿ پير شهزادي جا سرد، سينو پُر درد آهي. ڪو چوڻ لڳو ”سر سام جو سَٽڪو آهي“ ، ته ڪو چوي پيو ته ”جنڙيءَ جو جَهٽڪو آهي.“ ڪنهن آکيو ته ”پريءَ جو پاڇو آهي“ ، ته ڪنهن وراڻيو ته ”ديو ديوس جو واسو آهي.“ الحاصل، جيترا وات اوتريون باتيون. آخر شاهه جمجاه جي حڪم سان طبي عامل، حڪمت جي فن جا ڪامل اچي حاضر ٿيا. پنهنجي پنهنجي خيال موجب بالا تفاق راءِ علاج ڪيائون. لخلخا سنگهايائون، ترياق فاروقي، نوشدارو، معجون ۽ ياقوتي کارايائون. ڪن نقش ڀريا تهڪن تعويذ لکيا ۽ ٻڌا، پليتا ساڙيا. مگر ڪجهه نه وريو. ويچارن کي خبر نه هئي ته هي مرض لا علاج آه. هت دوا جو نه، پر محبوب جو احتجاج آهي. عشق جي بيمار جي دوا آهي دوست جو ديدار، ان کي ڇا اثر ڪندو شربت دينار! سواءِ وصال يار جي مريض عشق جو ڇٽڻ محال آهي، گويا جيئڻ جنجال آهي، ٻيو فقط اجايو خيال آهي. +بيت – +جنونِ عشق جو دارون دوا درمل نه ڪو ٿيندو، +چئو هيئن چاره گر کي، ”سڀ سندءِ بيڪار تدبيرون!“ +گهڻيئي حيلا عقل جا وسيلا هلايائون، مگر شهزادو هوش ۾ نه آيو. ويچاريجان نثاربه گهڻي جان نثاري ڪئي، آخرڪار اچي شهزادي جي سيرانديءَ ويٺو. پنهنجا ٻيئي هٿ شهزادي جي ڳلن تي رکي، پيشاني چمي، اکين مان زارو زار پاڻي وهائي، بلڪل هيڻي آواز سان شهزادي کي سڏ ڪرڻ لڳو. ٿوريءَ دير گذرڻ بعد، شهزادي اکيون کوليون، چوڌاري نهاري وري کڻي بند ڪيائين ۽ آهستي اشاري سان جان نثار کي فرمايائين ته ”سڀني کي رخصت ڪريو!“ جان نثار هٿ ٻڌي بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته ”حضور جن خاطر جمع رکن ۽ سڀني کي رخصت فرمائين.“ حاصل ڪلام، جڏهن سڀئي ماڻهو بادشاهه سيمت اٿي ويا، تڏهن شهزادي راحت جان فرمايو ته ”اي جان نثار، دوست غمخوار، آئون ڀائيندو هوس ته محبت جي معنيٰ پيار فرحت آثار آهي، پر اڄ معلوم ٿيو ته هن ۾ وڏو آواز آهي، موتمار اگهاڙي ترار آهي. الفت ۾ سُود جي عيوض زيان، بلڪ جان جو نقصان آهي. عاشق لاءِ ته قيامت آهي. اگرچ نفس لاءِ قباحت به نه آهي، بلڪه روح جي خوراڪ به آهي، پر ڪا نصيب جي بازي هئي، دل وحشيءَکي گهڻن ڏينهن کان اها آس هئي، قلب کي ڪا ڍو ۽ پرت جي پياس هئي ته ڪا سهڻي صورت من کي مست ڪندڙ مورت ڏسجي. سو اڄ رات انهيءَ تات ۾ عالم خواب ۾ هڪ ڌَڄ مَڄ جهڙو چَهَرو ڏسي، دل گهائل ٿي ۽ طبيعت اوڏانهن مائل ٿي.“ جان نثار عرض ڪيو ته ”شرح وار بيان کي نروار ۽ روئداد جو اظهار ڪريو.“ راحت جان پنهنجو حال جان جو وبال هن طرح احوال ڪيو ته ”اي دوست غمخوار، قصو ليليٰ ۽ قيس جو پڙهندي ننڊ کڻي ويم، عالم خواب ۾ ڏسان ٿو ته هڪ ميدان بيابان ۾ شڪار لاءِ تيار آهيان. سواءِ ذات پاڪ جي ٻي نڪا سنگت آهي نه ساٿ آهي. آڌي رات آهي، ٻيو سڀ خير آهي، فقط چاندنيءَ جو سَير آهي، قسمت جو ڪو ڀير آهي، جو پَري کان هڪ شهر عاليشان، محل مڪان با ساز و سامان نظر آيم، اڳتي قدم وڌايم، ويجهو وڃي شهر ۾ داخل ٿيس، سُبحَانَ الله! سڄو شهر عجائبات سان معمور، جايون جواهرات سان جَڙيَليون، سرون سون چانديءَ جون، فرش عقيق جا، ميخون مرجان جون، در زمردي، دريون ياقوت جون: مطلب ته هر محل عجيب رنگ محل، هر مڪان تان ڪبريائي شان عيان آهي، سڄو شهر آباد آهي، هر ڪو دلشاد آهي. سندس رهاڪو نهايت حسين، مڙد توڙي عورتون مھ جبين. هڪ هنڌان تير غمزي جو ڇٽو، هيڏانهن جگر ٽٽو، گلو ڦٽيو، اهڙو جنسار نه ڪڏهين ٻڌو، نه ڏٺو: ڏسين هوند ته چوين ته غيرت ماه آهي، حُسن جو شاهه آهي يا محبوبن جو پيشوا آهي. بازاريءَ کان وٺي هفت هزاري درٻاريءَ تائين، امير توڻي فقير، چانديءَ ۽ سون ۾ غرق آهن. بازار ڪشادي، خلق جي آبادي، رستا صاف سنگ مرمرين،فرش زرڪاري، نهرون پاڻيءَ جون گچڪاري ۽ پاسن تي گلڪاري سدا بهاري، سڀ ڪنهن دڪان تي لکن جو سامان موجود ۽ تيار، دڪاندار خوش پوش هوشيار، خلق جو ازدهام، ايندڙن ويندڙن جي ڌوم ڌام: اهو تماشو ڏسندي، سير ڪندي، شاهي محل جي ويجهائيءَ ۾ هڪ باغ نظر آيم، قدم اندر وڌايم. ٿڌي ٿڌي هوا، باغ خوشنما، موسم بهاري، چوڌاري گلزاري، گل گلاب جي مهڪ، بلبل جي چهڪ، ڊيل جو ٽهڪ، مور جو شور قمريءَ کان زور، ڳيري جي هُو هُو، ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو. ڀلا اهڙو مڪان معمور، پُر سرور ڇڏي، ڪير ڪمبخت ٻاهر نڪري! اڳتي وڌيس ته عجيب قسم جي تياري، جيءَ جياري، قادر جي قُدرت نياري ڏٺيم. سڙڪون هموار، پاسن کان وڻ ميويدار تيار، قطار در قطار، هر ڪو نئون نهال دوشبدوش، خوش نصيب وارن جيئن هم آغوش، هر قسم جو پکي خوش الحان، بلبل خوش بيان غزل خوان. صحن بلند، چمن دلپسند، رستا صاف، ڪک ڪچري کان پاڪ. باغائڻيون حسين نازنين، غيرت لبين ۽ چين بجبين. جا بجا نهرون. هر ڪنهن سَرو جي ڀر ۾ ڦوهارو، گلن تي بوندن جو وسڪارو، خوش موگرو هزارو..... اهو چرچو ڏسندو، اڳتي وڌندو هليس. هڪ سبز خِطي ۾ شاميانو زر بفت جو کڙو ڪيل، منجهس فرش ايراني، غاليچا داغستاني پکڙيل، وچ ۾ هڪ تخت طلائي جواهرن سان جڙيل، مٿس مسند نوراني وڇيل. چوڌاري اُن جي تحرير، لعل ياقوت جا گل ٻوٽا بي نظير، جدول جي لڪير. چوڌاري حوض، جنهن جي چئن گوشن تي ڦوهارا، جن مان وَهِي ٿي گلاب، چنبيلي، ڪيوڙو ۽ مگرو جي ڌارا. زمين سبز ميناڪاري. مسند تي تڪيو بلور جو هو. تخت تي صندلي جواهر نگار پيل، جنهن تي هڪ نازنين پدمني، مرگهه نيني ويٺل، جنهن کي ڏسندي سحرجادو جو گمان ٿئي، ۽ بيخوديءَ جو سامان ٿئي. جيڪر هزار بار درياءَ نور جي ۾ ٽٻيون ڏيئي، زبان مشڪ سان ڌوئي، اهڙين سؤ زبانن سان ان جي حسن جي وصف بيان ڪريان، ته به نا تمام آهي. ڇو جو عقل ”عاجز“ جو خام آهي، شمع نور چوان، يا جلوهء طور چوان، پري انسان برابري نه ڪري ذري حور پنهنجي حسن جي غرور جو قصور مڃي مٽ مور نه اچي. عمر چوڏهن سال، جمال با ڪمال، وه واه سندس خدو خال، جنهن جي پهرينءَ نظر ۾ دين ۽ ايمان جو سوال! هُتي حسن تي ناز انداز هو، هِتي طبيعت ۾ اعجاز هو. اُهو محبوب خوبصورت ڏسي، بي اختيار اوڏاهين وڌيس. عرض ڪيم ته ”پرواني تي به ڪا نظر جي عنايت ٿئي!“ ائين چئي پنهنجا ٻيئي هٿ کڻي، کيس سوال ڪرڻ لڳس: +غزل- +حسينن جا سرتاج اي مھ لقا، +سلامت رکي حسن تنهنجو خدا! +لٽيئي صرف عاشق جي دل جو متاع، +متاع، جنهن کي سمجهو ٿي مون بي بها. +ڏجان دل کان ساق ڪو جام شراب، +جو گل جيان زماني کي ناهي بقا. +لٽي وئينم دلڙي مون کي ناهي غم، +سَندءِ زلف ڌاران نه ٿس جاءِ ڪا. +سندم آه جو تير وسندو پري، +رسي جنهن کي ان کي نه پهچي دوا. +سڄڻ کي سموريون سريون نعمتون، +عجب آه اهڙو جو نه آهيس وفا. +مثل مھ منورجي ٿيو ماهرو، +ڪجا شاه خو بان، هي ”عاجز“ ڪجا. +”اُن نازنين غور سان منهنجي صدا ٻڌي، مشڪي بيپرواهيءَ سان مننجو هٿ وٺي جهٽڪو ڏنو، جنهن کان پاڻ سنڀالي نه سگهيس، آه ڪري، غش کائي، ڪري پٽ پيس. اُن ڌڪ جي صدمي سبب ننڊ مان سجاڳ ٿي، جان اکيون کوليان ته نه اُهو گلزار باغ بهار آهي، نه اُهو دل جو دلدار آهي. هي آستانو مثل ويرانو آهي. فقط تير عشق جو سيني مان پار آهي، جنهن کان دل بيمار آهي.هاڻي ڪيترو ئي پاڻ کي سمجهايان ٿو ۽ دل وندرايان ٿو ته ”اي ڪمبخت هي به هڪ خواب آهي يا خيال آهي، پوءِ ڇو جان تي جنجال آهي! ماڻهو ڇا چوندا، اهو احوال ٻڌندا ته چريو سودائي سڙيو ليکيندا. هٿن ۾ هٿ ڪڙيون، پيرن ۾ ٻيڙيون، ڳچيءَ ۾ ڳٽ ۽ چيلهه ۾ سنگهرون ڍڪائيندا. ٻڌاءِ ته پوءِ ڪهڙي شاهي رهندي، ڪهڙي وڏائي؟، +پر دل نٿي ٻڌي، ورندي ٿي ڏئي ته اِهي ته حضرت عشق جا ڳهڻا، هار، گل ڦل ۽ ويس وڳا آهن. جي عاشق جي سونهن ۽ مرتبو دوبالاڪرڻ لاءِ حضرت عشق خاص نوازش ڪندو آهي. اي ديوانا، ماڻهن جا مهڻا ۽ طعنا ته عاشق جا بانا آهن! ، افسوس، مرض لا علاج ٿيو، جو نه حڪيم جو احتجاج، نه دو اجو محتاج ٿيو! هاڻي ڪيڏانهن وڃان، اهو درد ڪنهن کي سليان؟ موت جيڪڏهن هٿ سان حرام نه هجي ها، ته جيڪر هن جاڙ جيئڻ کان خنجر هڻي يا زهر پي مرجي ها. +بيت- +صدمي فراق يار کان بهتر ٿيو موت آه، +کائي مران مان زهر، مگر سو حرام موت....“ +جان نثار عرض ڪيو ته ”اي دوست، اي شهزادا، عاشقن وٽ خنجر سان يا زهر سان مرڻ مرديءَ ۾ داخل ناهي.... انهيءَ ڪم ۾ ڇا حاصل آهي؟ جَامِعُ المُتَفَرقَينِ ان جو نالو نرالو آهي. دلدار جو وصل ان جي اڳيان سهل آهي، جيتوڻيڪ خواب خيال بي اعتبار آهي، ته به ان جي دربار ۾ اميدوار رهجي. جيڪڏهين عمر برقرار ۽ حياتي پائدار آهي، ته يار درڪنار درد برڪنار آهي. هن جان نثار کي موڪل ملي ته انهيءَ گمنام بي نشان جو پتو لڳائي، ڪنهن طرح سان محبوب ملائي ته رنج دور ٿئي، دل مسرور ٿئي، فضل خدا جو شامل حال ٿيندو، ته پتو لڳي ويندو، جي انسان هم جنس هوندو، ته ان جو مطيع ڪرڻ به آسان ڪندو. جي هوندي پري ته به همت نه هاريندس ذري. کيس ڌتاري، شيشي ۾ اتاري بند ڪندس، هن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪو ڇند ڪندس. +بيت __ +پهڻ ٿي پاڻي پوي، آهم اثر تقرير ۾، +آدمي ٿيو آدمي، ايندي پري تسخير ۾. +راحت جان چيو ته ”اي جان نثار اگرچ هن بيڪسيءَ ۽ تنهائيءَ ۾ تنهنجي جدائي ناگوار آهي، مگر ڇا ڪجي- دل تي جو آزار آهي، سو مون لاءِ سراسر بار آهي، تنهن ڪري اُن تي به اِهو جبر ڪريان ٿو، ۽ تنهنجي موٽڻ تائين صبر ڪ��يان ٿو، هاڻي تيار ٿي ڪم تي وڃ، سگهو سِڌار ۽ وفا جو ثبوت ڏيکار، بسم الله، في امان الله- جلد ڪو پتو ڪڍ، ۽ ڏي ڪو ڏڍ، رات ۽ ڏينهن ڪاهج، ويلو نه وڃائج، تنهنجي اچڻ جي اُميد ۾ دل بهلائيندس، طبيعت وندرائيندس. جيڪڏهن خدا مطلب حاصل ڪيو ته بهتر، نه ته لاچار دل بي اختيار آهي، پوءِ جيئڻ بيڪار آهي، جنهن کي معشوق جي ديدار سان سروڪار آهي، اُهو سدائين بيمار، ان جي حياتي بي تار، بي اعتبار آهي.“ + +ٽيون داستان +جادو بيان: جان نثار جو موڪلائي وڃڻ، شهر مَينَو سواد ۾ پهچڻ، شهزاديءَ جان جهان تي عاشق ٿيڻ، جادوءَ ۾ گرفتار ٿيڻ، ۽لڙائيءَ ڪرڻ بعد بامراد موٽي اچڻ. +شعر- +ڪٿي آهين اي ساقيء خضر دم، +ڪريو هاڻ ”عاجز“ تي نظرِ ڪرم! +ڏيو جام ڪو رشڪِ آبِ حيات، +ته ظلماتِ غم کان وٺي دل نجات! +الفرض جان نثار، عاشق جو غمخوار، معشوقن جو طلبگار، حَسينن جو غلام، حُسن پرستن جي امام راحت جان کان رخصت وٺي، دل داغيل، جگر گهايل، هڪ طرف ڏي روانو ٿيو. پنج منزلون ائين ئي ڪاهيندو هليو. پاڻ به نيرانو ۽ گهوڙي کي به نه گاهه نه داڻو- بک ۾ گهوڙي جدائي ڪئي، پياده پائي پيش آئي. هلندي ڪهندي، منزلون ڪندي،سوين ڪوهه جهاڳي، اُتي وڃي رسيو، جتي آسمان جون رنگينيون ميٽجي ويون، ڪنڊن سان تريون ڦٽجي پيون، پير ڦلڻا، جگر ڇلڻا ٿي پيو: هڪڙي عزيزن جي جدائي، اُن تي طره تنهائي، وري مٿان پياده پائيِ سر تي آئي. ظاهر آهي ته جنهن کي سر سان لڳي هوندي، تنهن کي خبر آهي. بي خبر کي ڇا اثر آهي! حاصل ڪلام، جان نثار با چشم اِشڪبار، مرندو جهرندو، بُکن مان ڍَؤ ڪندو، نيٺ هڪ شهر نَحُوست اثر ۾ اچي پهتو. ڇا ڏسي، سبحان الله، محل مڪان عاليشان، رستا سٿرا صاف، ڪشادي بازار، هر ڪنهن دڪان تي، جاءِ بجاءِ، هر جنس هر وکر تيار، وڪڻندڙ ويچيندڙ بيشمار،ڪو پيادو ڪو هسوار، حيوان کان انسان تائين، پيرمرد کان جوان تائين، تماشائي توڻي وڻجار، اصلي صورت، مگر پٿرجي مورت آهن، جان نثار اهو تماشو بي تحاشو ڏسي، هيبت ۾ اچي ويو. نيٺ دهشت جهلي، هڪ ٻن تي هٿ رکيائين،جيئن ڏٺائين، تيئن سمجهيائين ته هي شهر جنات جو آهي، يا ڪارخانو طلسمات جو!آخر سير ڪندو، گهمندو ڏسندو اڳتي هليو، کيس هڪ شاهي گَس مليو. سامهون هڪ شاهي محلات ڏٺائين، اوڏانهن رخ رکيائين. ويجهو پهچي چوڌاري نهاريائين. مٿي ڏٺائين ته محلات جي هڪ دريچي ۾ هڪ عورت بلڪل حسين، مھ جبين، ناز انداز سان، مگر ڪجهه ملول خاطر، ويٺل ڏسڻ ۾ آس ويچاري جان نثار، تڪليفن جي شڪار، گويا جيئڻ کان بيزار جو، هڪڙي ئي ديدار سان، ڪم تمام ٿيو، عاشق ڇا بلڪ بيدام غلام ٿيو. سلام ڪيائين، وري هي ڪلام ڪيائين.؛ +بيت – +هميشھ چوندا هئا ”الفت آهي زشت نصيب“ +اسان کي تنهجي گهٽيءَ ۾ ٿيو بهشت نصيب! +اُن نازنين، صاحب جمال، با ڪمال، مرڪي چيو ته ”اي پنهنجي جان جا دشمن، موت جا طلبگار، ڇو مرڻ تي تيار ٿيو آهين! جي هن شهر بد اثر ۾ سر ڏيڻ جي آس رکي آيو آهين ته بهتر، اُها آس جلد پوري ٿيندي، سسي ڌڙ تان لهي ويندي، ورنه هتان پري ٽر، ڪو هوشڌر، جلدڪر، مٿي تي پير رکي پُر، لڪي ڀڄي نڪر، هي شهر ويرانو، منجهيل ۽ واٽ ڀليل لاءِ قيد خانو آهي. مون کي تنهنجي جوانيءَ تي رحم ٿو اچي، تنهن لاءِ توکي خبردار ڪيو اٿم، آئينده مختيار آهين.“ جان نثار اکيون ٻوٽي، گفتگو جوٽي، چيو ته ”اي ذره نواز، سراپا ناز، اوهين آسمان تي هوائي، آءُ زمين تي توائي، ٻئي پاسي سفر جي ماندڪائي.“ +ڪنن تي هٿ رکي چيائين ته ”ٻوڙو به آهيان، جنهن ڪري هوش به پورو نه اٿم، ۽ ٻڌي به پورو ڪو نه ٿو س��هان. جيڪڏهن ڪجهه فرمائڻواَٿَوَ ته پاڻ وٽ گهرايو، پوءِ ڪجهه سڻايو.“ نازنين دل ۾ سوچيو ته ورهن کان پوءِ،انسان جي بوءِ آئي اهي، خدا صاحب اهڙي سهڻي صورت، ملوڪ مورت پسائي آهي. من ڪو حيلو ۽ ڇوٽڪاري جو، وسيلو پيدا ٿئي. ازان سواءِ، جان نثار به حسن ۾ آفت روزگار هو، ٻيو وري حضرت عشق جو اسرار هو. شهزادي به هزار جان سان جان نثارتي فدا ٿي، اسير دام تزويرٿي. ڪمند دلبند اڇلايائين، جان نثارتي ڄار وڌائين، ڇڪي مٿي محلات ۾ آندائين. جان نثار، گفتگو ۾ هوشيار، رند بي باڪ، دامن پاڪ، چست ۽ چالاڪ هو. رمزدار ڳالهيون ڇيڙيائين. محبت جو دام پکيڙيائين، شهزاديءَ جي دل ورتائين، جا هزار جان سان قربان، خريد بي دام ٿِي. جان نثار شهزاديءَ کان تنهائيءَ ۽ ساري شهر جي هيڻائيءَ جو حال پڇيو. شهزاديءَ چيو ”اي جان، آءٌ ننگ خاندان، پنهنجي ڪئي تي پشيمان، ڪا گهڙي مهمان آهيان. آءٌ هن شهر جي شهزادي، ۽ باعث بربادي، آهيان. نالو جان جهان اٿم. هن شهرکي، مَينَو سواد، سدا آباد، چوندا هئا. جنهن ۾ منهنجو پيءُ، بادشاهه جان عالم نالي، سدائين دلشاد با مراد، هر غم ۽ اندوهه کان آزاد، راڄ ڪندو هو، قضاڪار، هڪ دفعي شهر يار سخت بيمارٿيو. حڪيم حاذق علاج کان عاجز ٿيا. هوڪو پئجي ويو ته جان عالم بيجان، موت جو سامان ٿيو. هر ڪو ذي روح پريشان ٿيو. مگر سڪرات جي وقت، هڪ شخص وارد ٿيو. فقيري صورت، شيطاني سيرت جان لُوس نالي ظاهرٿيو. خدا وند واحد شاهد آهي ته ڇا پڙهي دم ڪيائين، جو شهريار عالي وقار يڪدم تندرست، اڳئين وانگر چست ٿيو. غسل صحت جو ڪيائين، درٻار ڪوٺايائين، جنهن ۾ جان لُوس منحوس فتنهءِ نفوس، کي به سڏايائين، حڪم فرمايائين ته ”گهر جيڪي گهرين.، ان فقير بي پير، جاڻ لوس ديوس، چيو ته ”اي بادشاهه ذيجاه ”جان جهان“ ٿو گهران!“ شاهه ڪاوڙ کان ڪنڌ ورايو، جلاد کي فرمايو ته ”هن گستاخ قُر مساق جي گردن اُڏائي وڃي.، انهيءَ حڪم ملندي ئي، جلاد پنهنجي ڇريءَکي توري، ڪنڌ تي رکي، جان لوس ديوس ڏي وڌيو ۽ چوڻ لڳس ته ”تو ناحق ملڪ الموت کي سڏيو، هاڻي نه ٿي ماندو، آءٌ هڪ ئي ڌڪ سان ڀڃي گڙ گانڊو، ڪندوسانءِ هيڪاندو.“ جان لوس منحوس فقير نه هو، پر ڪو ساحر بي پير، فن سحر و ساحريءَ ۾ بي نظر هو. هوڏانهن جلاد تيز رفتار، هٿ ۾ ترار کڻي وريو. هيڏانهن هن منتر پڙهيو، جنهن هي گهاٽ گهڙيو، جو سڀ درٻاري، شهري بازاري، خواه ٻهراڙي، انسان توڻي حيوان، پرندا خواه درندا، جو جتي سو تتي، سواءِ هن هڪ نڀاڳيءَ جي، پنڊ پهڻ ٿي پيا. در حقيقت هو گبرناهنجار بدڪار، فقط جان جهان جو طلبگار هو. محبت جي پاس نه ڪيائين، ري وسواس سارو شهر ناس ڪيائين، ۽ مون کي اداس ڪيائين. جڏهن آءٌ ڪمبخت، دل سخت هيڪلي رهيس، تڏهن بدحواس ٿي ملعون محلات ۾ آيو. ان جي شڪل ڏسي، غش ٿي، اصل بيوس ٿي ويس: رنگ زرد، بدن سارو سرد، ساهه سڪي ويم، چلڻ چڪي ويم، ان وقت ڪو خنجر هڻي، ته رت جو ڦڙو نه ڇڻي. ڪو وقت ته اها حالت رهي، آخر غيرت کان پاڻ سنڀاليم، ۽ مجنون وانگر پاڻ کي سودائي، ديوانو توائي بنايم، هُن نادان ڄاتو ته مون کي ڪنهن جن يا پريءَ جو پاڇو آهي، جنهن کان هي حال ٿيو آهي. سو ويهي سحر جو شور، جادوءَ جو زور ڏيکارڻ لڳو. مانهن جا داڻا پڙهي اڇلايائين، سوين حيلا هلايائين، مگر ڪجهه نه وريو. ڀلا هتي ته هٿرادي جن ڀوت جو آثار هو، سو جادو ڇا بلڪه اسم اعظم سان به لهڻ دشوار هو. آخرڪار جک ماري، سرڳاري، لاچار ٿيو، ويو هليو. آءٌ هن عمر ۾، هن وحشت جي گهر ۾ بي يار مددگار، نه مونس نه غمگسار، مثل خاطي گنه��ار جي، گرفتار آهيان. ڏينهاڻي شام، اچڻ جو انجام، مقرر اٿس. بلا ناغي، بي دغدغي اچي، پريان ويهي بڙ بڙ ڪري ۽ ڪجهه پڙهي ۽ ڪجهه ميوا ۽ پاڻي هتي رکي هليو وڃي. آءٌ هن هيڪلائيءَ ۾ پيءُ ماءُ جو غم کائي جيان ٿي، حياتيءَ جاڏينهن ڪٽيان ٿي، افسوس، جيئڻ جنجال آهي، جان و بال آهي!“ جان نثار ته اڳي ئي جيئڻ کان بيزار هو، تنهن اهو حال پرملال ٻڌي سر ڏيڻ لاءِ تيار ۽ پاڻ تي مرڻ هموار ڪيو. غيرت ۾ اچي لاحول پڙهيائين، تلوار ڪڍيائين، ۽ هي ڪلام ڪيائين ته ”جادوگر ڇا بلا آهي، ڏسان ته منجهس ڪهڙي ڪلا آهي! فضل باري شامل حال ته هن جو پهچڻ محال آهي. انشاءَ الله ضرور اهو منُهم سٿر ڪندس، ان کان هرگز درگذر نه ڪندس. اهو جادوگر ماري، تو تان آفت ٽاري، دل ٺاري، توکي ان جي ڦندي مان ڇڏائيندس، پاڻ ملهائيندس!“ جان نثار اها لٻاڙهني، مُڇون مُنڊي، ڏاڙهي ڇنڊي، ترار کڻي اُٿي هليو. شهزاديءَ هن کي هٿ کان جهليو، چيو ته ”شال خدا پناهه ڏئي! هو گمراهه، جادوگرن جو بادشاهه آهي. جنهن وقت اچي ٿو ته دهشت کان در ديوار دهليو وڃن. انهيءَ خيال بيحد محال تان درگذر ڪر، هوش ڌر، وڃي پنهنجو ڪم سرانجام ڪر، مون کي مفت بدنام نه ڪر، هيڏانهن به ته ڪو خيال ڪر.“ جان نثار بي حجاب ٿي هي جواب ڏنو ته ”اي جان جهان، تنهنجي قدم تان سر قربان، هيءُ آهي محبت جو نشان. مون کي قسم آهي تنهنجيءَ جان جو، اها تنهنجي بيپرواهي، سراسر ڪج ادائي آهي. مون کي قسمت آزمائڻي آهي، تو تان مصيبت لاهڻي آهي. حق وارن کي خدا جي حمايت حاصل آهي، پوءِ ڇا ٿيو جي ديو مقابل آهي؟ آءٌ انهيءَ کي ماريندس، تو تان آفت ٽاريندس، عاشقيءَ جو نالو اُجاريندس!“ شهزاديءَ جان جهان گهڻو ئي جهليس ۽ پلئه پائي پليس، پر جان نثار هڪ به نه ٻڌي. ترار زهردار ۽ خنجر آبدار ڪمر سان ٻڌي، ترڪش ۾ تير بي پير، ڪلهي ۾ ڪمان، موت جو سامان، سپر سيني ڪري، توڪل خدا تي ڌري، اُٿي روانو ٿيو. جان جهان ويچاري، درد جي ماري، دل زار بنهه بيقرار ڏسندي رهي. غرض ته جان نثار اڃا محل کان لهي، سنڀري سهي، شهر کان ٻاهر مس پهتو، ته اوچتو هوا جو طوفان کڙو ٿيو. هڪ طرف کان هڪ سياهه بادل چڙهندو نظر آيو، ڏسندي ڏسندي سڄي آسمان ۾ ڇانئجي ويو، گوڙ جا گڙڪاٽ وڄ جا چمڪاٽ ٿيا. هڪ وڏو ڌڪاءُ ٿيو، جنهن جي دهشت ڏهڪاءُ وڌو. ڪڪر ڏريو، منجهانئس تخت آتش ڍريو، جنهن تي هو ساحر، فن سحر جو ماهر، فقيري لباس ۾ ظاهر ٿيو. زمين تي پهچي، تخت تان لٿو، محلات ڏانهن قدم وڌايائين، جان نثار هن جي هيبتناڪ صورت ڏسي دهلجي ويو. وري به پاڻ سنڀالي ترار ڪڍي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو. ڪمان ڪلهي تان لاٿائين، منجهس تير چاڙهيائين، جادوگر کي للڪاريائين. جادوگر ڪنڌ ورائي ڏٺو. هيڏانهن تير ڇٽو، جادوگر مُٺو. جلدي ڪيائين، هٿ کنيائين، چمڪو ٿيو، تير جليو، جادوگر کليو، جان نثار تلوار ڪڍي وريو، جادوگر مٽي کڻي منتر پڙهيو، جان نثار ڏانهن اُڇليو، نئون گل کُليو، غبار ٿيو جنهن ۾ جان نثار غار ٿيو. کن بعد غبار ٽريو، وزير زادو ٺريو، هيٺيون ڌڙ پٿر مٿيون ڀڙ ٿي پيو... ويچاري انسان ضعيف الحال جو ڇا احوال آهي، هن بي پر و بال جي ڪهڙي مجال آهي، جو تقدير جي اڳيان ڪجهه ڪڇِي پڇي سگهي! هڪ رات جان جو خيال، ٻيو پنهنجي گرفتاريءَ جو ملال- جان جهان جي دُوري، ڻيو وري درد مهجوري، رقيب جو ظلم ۽ ستم، عجب غم اَلَم،- هٿ کڻي شاهي محلات ڏي نهاري، وڏي سڏ پڪاري، چوڻ لڳو ته ”اي جان، تو تان قربان، تنهنجي عشق ۽ محبت ۾ سر ڏيڻ کان انڪار نه ڪيم، بي تڪرار مرڻ اختيار ڪيم، افسوس! بلا ۾ گرفتار، بيو�� لاچار ٿيس.“ +۽ بلڪل ڏک ۾ ڀرجي هي غزل پڙهيائين؛ +غزل - +عشق ۾ حاصل ٿيو آزار، قسمت کي چوان! +دوستن جو دور ٿيو ديدار، قسمت کي چوان! +جنهن جي ڪارڻ هيڏيون سختيون سهايم سر مٿي، +بند ۾ بيوس ٿيس لاچار، قسمت کي چوان! +هڪ وطن کان دور، ٻيو جنهن ۾ رهيو ٿي آسرو، +هاءِ تنهن کي ناه ڪو اختيار، قسمت کي چوان! +هو ته بيوس هو اڳيئي، منهنجو وس ويندو رهيو، +ڪير آهي جو ٿئي آڌار؟ قسمت کي چوان! +يا الله العالمين، ڏي غيب مان امداد ڪا، +آه مشڪل منهنجي سامهون تار، قسمت کي چوان! +عاجزيءَ سان آه ”عاجز“ جي اها ٿي التجا، +ڏينهن ڏکن جا مون مٿان تون ٽار، قسمت کي چوان! +ويچارو جان نثار ڪي ڏينهن مجنونءَ وانگر انهيءَ بر ۾ اُڃيو بکيو پيو هو. رات ڏينهن پنهنجي پروردگار جي دربار ۾ پيو التجا ڪندو هو ته ”اي ڪريم ڪارساز، بنده نواز! تون ئي رحمت ڪندڙ دکُ مٽيندڙ آهين، تو کان سواءِ ڪو به سڏ ٻڌندڙ ڪو نه آه، تون پنهنجي فضلَ ڪرمَ سان هن بلا مان آزاد ڪر، ۽ هن جادوگر بي پير، جنهن کي هن سڄي ملڪ برباد ڪرڻ تي ذرو به ترس نه آيو، تنهن کي ذليل ۽ خوار ڪر. آخرڪار، ڪنهن مدت پڄاڻان سندس آه و زاري اثر واري ٿي. هڪ رات جو خواب ڏٺائين: هڪ پير مرد سفيد ريش، نوراني ويس آيس پيش، جنهن پٺي ٺپري هٿ بدن تي گهمائي، سيني سان لائي، دلداري ڏيئي، فرمايو ته ”سڏ تنهنجو رب العالَمين اُونايو. هاڻي ڪو فڪر نه ڪر، دل جمع ڪر، احوال ظاهر ڪر، جو مون کي ڪم سرانجام ڪرڻ لا حڪم مليو آهي.“جان نثار عرض ڪيو ته ”اي پير، نيڪ تصوير، جيڪڏهن اوهان کي بارگاه ايزديءَ مان اهڙو حڪم حاصل آهي، ته ضرور منهنجو ڪُلي حال روشن هوندو. زياده عرض ڪرڻ بي ادبيءَ ۾ داخل آهي، ان ۾ ڇا حاصل آهي!“ اها ڳالهه ٻڌي، پير مرد ٻه لفظ ”اسم دعا، جا سيکاريس ۽ فرمايائين ته ”موليٰ مدد ڪري، ته اهو ڪلام جادو سحرکي رد ڪري، باقي ٻيو ڪم راحت جان جي سر تي منحصر آهي، فقط ايتري خبر آهي ته ”آرام جان“ نالي شهزادي، جان جنان جِي ملڪ جي، خواب ۾ ڏسي بي تاب ۽ مفتون ٿيو آهي: ڪوه قاف جي اڀرندي کي قريب، اهو شهر عجيب آباد آهي. ان کان وڌيڪ ڪهه چوڻ جو حڪم نه آهي.“ ائين چئي، نوراني صورت بزرگ غائب ٿي ويو. جان نثار خوشيءَ مان اڇليو، جنهن ڪري خواب مان بيدار ٿيو. تمام شاد، ۽ لفظ دعا جا ياد هئس، جهٽ پڙهي پاڻ تي دم ڪيائين ته جادوءَ جو اثر جسم کان صاف ۽ ڪُل درد غم معاف ٿيو- بدن جي ڳورائي دور، دل مسرور ٿي. صبح ٿي چڪو هو، محلات ڏي رخ نه ڪيائين، بلڪه هي پهه پچايائين ته اول جادوگر ماري، اها آفت ٽاري، پوءِ منهن ڏيکاريندس. اهو خيال ڪري، هڪ طرف تلاءَ تي آيو. هٿ منهن ڌوتائين، نفل دوگانه شڪريي جو ادا ڪيائين. انتظار۾ ويٺو رهيو ته جادوگر اچي، ته ان سان مقابلو مچي. الغرض سج لڙيو، ساڳيو ڪڪر چڙهيو، طوفان وريو، جادوگر ڍريو... جان نثار هڪ هيبتناڪ هڪل ڪيس ۽ چيس ته ”اي شيطان جا ٻچا! گهڻا ڏينهن تڪبر ۽ غرور ۾ گذاريا اٿيئي، اڄ تو کي قضا هن پُنر فضا ۾ گهلي آئي آهي- خبردار هيڏانهن گوش ڪر، يڪجاءِ هوش ڪر، محلات جو قصد نه ڪر، پوئتي پير ڌر!“ هُن ابليس جان نثار ڏي نهاري ٽهڪ ڏنو. چوڻ لڳو ته ”ڪنهن کي موت تي ريس ٿي آهي، جنهن اچي توکي آزاد ڪيو آهي. آءُ توکي ۽ تنهنجي انهيءَ حمايتيءَ کي بخش ٿو ڪريان- هتان هليو وڃ، نه ته ڪچو ئي ڪچومر ڪري کائي ويندو سانءِ.“ جان نثار ورندي ڏنيس ته ”اي ابليس جا سالا، منهن ڪالا، تون خسيس ملعون ڇا ڪري سگهندين؟ منهنجو مددگار قادر ڪردگار آهي!“ +جادوگر اهو جواب ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو- +ڪجهه پڙهي آسمان تي دم ڪيائين، مٿان بيٺل ڪڪر مان گوڙ ٿي، هزار هزار مڻ جا پٿر ڪِرڻ ۽ زمين جي ڇاتِي ڇنڻ لڳا. جان نثار خدا کي ياد ڪري، پير اڳتي ڀري، پيرمرد وارو ياد ڪرايل ”اسم“ پڙهي دم ڪيو، جنهن هي ڪم ڪيو جو پٿرن جو مينهن بند ٿي ويو، ڪڪر دونهانٽجي غائب ٿي ويو، ۽ جادوگر اٻاٽجي ويو. جادوگر اهو حال ڏسي، ڪجهه پڙهي، باهه وَسائي،جيڪا جان نثار ”اسم اعظم“ جي اثر سان اُجهائي... هُو پاڻي وسائي، ٻوڙ ٻوڙان ڪرڻ لڳو ۽ هي جادوگر کي مارڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو. جادوگر اهو حال ڏسي ڊنو، ٻئي هٿ زمين تي هڻي، ڪجهه پڙهي بازُن سان لاتائين، پَر پيدا ڪيائين، ڀڄڻ ۽ جان بچائڻ لاءِ اڏامڻ لڳو. جان نثار اهو حال ڏسي، تير ڪمان ۾ ڪشيو، ”اسم اعظم، دم ڪري جادوگر کي تڪيو، تير ڇٽو، جادوگر مُٺو. سحر ڪيائين، بجلي چمڪايائين، مگر قضا کان ڪيڏانهن وڃي نه سگهيو، موت کان بچي ۽ ڀڄي نه سگهيو، تير بي پير، سيني پُر ڪيني مان لنگهي، پٺيءَ کان نڪري نروار ٿيو، ساحر خجل ۽ خوار ٿيو، ڏاڍو انڌوڪار ۽ غبار ٿيو. ٿوريءَ دير ۾ صاف صفائي ٿي ويئي ۽ جان نثار خوشيءَ کان ڪَڇَون ٺوڪيندو، ڊڪندو، سڌو شاهي محلات ۾ آيو، جان جهان کي ڪمال، لڙائيءَ جو احوال ٻڌايائين. چيائين ته ”خدا جي فضل سان جادوگر مئو، سڀ غم ويو، هاڻي دل ٺاريو، ٻيو قصو وساريو“ +جان جهان کي انهيءَ ڳالهه تي يقين نه ٿيو، بي چين ٿي چيائين ته ”اَجايو ٺوڙهيءَ وارو دم پيا هڻو، خواه مخواه قسم پياکڻو. اهو ڪم ڪرڻ ڪو حلوو کائڻو آهي ڇا، جو بي ناڻي گهران نيراني کائي اجهي آياسون!“ جان نثارکلي چيو ته ”اي جان، ان جو امتحان تمام آسان آهي، تنهنجي سر جو قسم، هي ڪوڙو بم نه آهي، تو کي خاطري ڪرڻي آهي ته پريان ان موذيءَ جو هڏ ۽ چم پيو آهي، ۽ هي مون وٽ برزبان اسم اعظم آهي.“ شهزاديءَ چيو ته ”هي ڪهڙو ڪم آهي، جو سڄو شهر اڃا تم آهي، جنهن جو مون کي وڏو غم آهي!“ ان دم، جان نثار شهزاديءَ جي تسلي لاءِ اسم اعظم پڙهي دم ڪيو، جنهن هي ڪم ڪيو، جو ان جي برڪت سان سڄو شهر، انسان خواه حيوان پنهنجي اصلي صورت تي آيا. واه واه، تعريف خدا لم يزل جي! اجڙيل شهر وري نئين سر آباد ٿيو، جادوگر برباد ۽ هر ڪو دلشاد ٿيو. جان جهان پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڏسي خوش ٿي ۽ شڪرانو پروردگار جو بجاءِ آندائين، جان نثار جا ٿورا مڃيائين. بادشاهه جان عالم، جلاد کي جان لوس ديوس جي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، پنڊ پهڻ ٿي ويو هو، سو سڄيءَ درٻار سميت، هوشيارٿيو... جان لوس کي نه ڏٺائين، جلاد کي تلوار الاريندو ڏٺائين. جلاد ويچارو جان لوس کي نه ڏسي ششدر ٿيو، ڏاڍو منتظر ٿيو. سڄيءَ درٻار اها حالت ڏٺي. بادشاهه کي ڪجهه ٿڪاوٽ محسوس ٿي، ۽ درٻار برخواست ڪري، محل سراءِ ۾ وارد ٿيو. راڻيءَ کي ڏٺائين، تسلي ڪيائين، وري ٻيئي گڏجي شهزاديءَ جان جهان جي محل ۾ آيا. شهزادي بادشاهه جو ٻڌي، استقبال لاءِ اچي حاضر ٿي، سلام ڪيائين. بادشاهه جان نثار کي ڏسي عجب ۾ پيو. ڌيءُ کان پڇيائين، جنهن اول کان آخر تائين، سڄي ڳالهه ٻڌائي. بادشاهه جادوگر جو لاش گهرائي ڏٺو، نهايت مسرور ٿيو، سڀ درد دور ٿيو، جان نثار سلام ڪيو، بادشاهه کيس ڳراٽي پائي مليو، خوشيءَکان کليو، - جواهر بيشمار جان نثار تان نثار ڪيائين، ۽ پاڻ سان گڏ تخت تي وهاريائينس، ڪيترا ڏينهن مجلس عيش برپا رهي. هڪ ڏينهن، جان عالم پنهنجي وزير پُنر تدبير سان صلاح ڪئي ته ”شهزادي جان جهان جي شادي خانه آبادي، جان نثار سان ڪجي، تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ وزير ادب سان عرض ڪيو ته ”جان نثارهر طرح لائق آهي، ان جو اسان تي وڏو حق آهي. حضور جو اهو راز آهي، ته اسان مڙني کي ڪهڙو اعتراض آهي؟“ اها ڳالهه ڳڻي، جان نثار کي شاديءَ جو چيائون، جان نثار بادشاهه کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”مون کي يار جو وصل، منظور بَدِل آهي، مگر ڪي ڏينهن سفر مد نظر آهي. بلفعل بي اختيار، لاچار آهيان.“ ۽ پنهنجو سارو قصو ڪري ٻڌايائين، چيائين ته ”مون کي فرحت وٺڻ عقل ۽ نمڪ حلاليءَ کان دور آهي، جيڪڏهن منهنجي مرضي منظور آهي ته هن وقت آءُ معذور آهيان، بلڪه مجبور آهيان. جيڪڏهن حياتي برقرار آهي ته پو اوهان جي اختيار آهي، هينئر مون کي لاچار آهي.“ ائين چئي سنبريو، وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. جان عالم خواه جان جهان کان رخصت گهريائين، جن بَصدَ دقت سندس ڳالهه قبول ڪري، رخصت ڏني. وزيرزادو موڪل وٺي پوئتي موٽيو. سگهو ئي اچي آذر بائيجان ۾ پهتو، شهزادو راحت جان ان جي اچڻ جو منتظر هو، تنهن کي دلبر جي خبر فرحت اثر ٻڌايائين، يار جي ڳليءَ جو ڏس ڏنائين. عرض ڪيائين ته ”اُها حور، حُسن ۾ مشهور، باعث خوشي ۽ سرور، ڪوه قاف جبل جي اڀرندي ملڪ ۾ شهر جان جنان جي مقيم آهي. نالو آرام جان، با شان مانُ، اَٿس- سچ پُچ جان جو آرام، ۽ محبوبن جو امام آهي.“ +راحت جان اها خبر فرحت اثر ٻڌي، هلڻ لاءِ تيار ٿيو، ذرو ترسڻ به دشوارٿيو، جان نثار ساٿ ڏيڻ پاڻ تي هموار ڪيو. +شعر- +محبت کي ٿيو عقل و دانش سان وير، +ڪرائي محبت بيابان جو سير، +ملائي اُها ڪوهه کي ڪاهه سان، +ته ڪو ساهه پنهنجو ٿو ڏي چاهه سان، +اُنهيءَ کان جگر گل جو ٿيو پاشپاش، +رکي غم کي بلبل ٿو پنهنجو معاش، +ٿيو قيس ”مجنون“ انهيءَ ئي سبب، +مليو ”ڪوه ڪن“ ڪنهن کي اُن کان لقب، +محبت ۾ ٿي تلخ ”شيرين“ کي جان، +ته ”مومل“ ڦٽايا مڙيئي مڪان، +ڳچيءَ ۾ ڍڪايائين اُلفت جو طوق، +سريو ان کان ”عاجز، کي مجني تي فوق. +* فرار = پارو + + +داستان چوٿون +راحت جان جو جوڳي ٿي، پيءُ کان رخصت وٺي، وزير زادي سميت نڪرڻ،واٽ ۾ پريءَ جي ملاقات، ۽ جان نثار کان وڇڙڻ، عشق عاشقيءَ جو بيان ۽ دوبدو گفتگو. +غزل - +بيان ۾ ڪينڪي ايندي تجلي روءِ زيبا جي، +نه مجني کان سواقيمت ڪَٿي ڪنهن حسن لِيليٰ جي. +دِل عاشق جو ويرانو اچي آباد ڪر سهڻا، +بهار، حسن تنهنجو آه رونق يار صحرا جي. +گهڻا ڏينهن ٿيا، سڪايل ٿو سڪي ان ساءَ کي سهڻا، +نظر عاشق تي اڄ ڪر ڪا وڏي لذت تماشا جي. +اَلا اي يوسف خوبي، سندءِ حسنِ ملاحت کي، +سڪي بيدل جي هيءَ دلڙي، ٿي غمگين جان زليخا جي. +سندُءِ ٿيو درد عاشق لئي، مِٺو ماکيءَ کان اي مهرو، +ڪندي ڪئن ترڪ دل منهجي، پچر تو تُرڪ يغما جي. +جهان ۾ شور پيو آهي، شڪر لب جي حلاوت جو، +ٻڌي ”عاجز“ نڪا فرياد تنهنجي شور غوغا جي. +شعر- +ڪٿي آهين اي ساقي سوخ سنگ، +ڏيو ميء ته دل جو وڌي ڪِي ترنگ. +ڪريان آيت ِ فَسَجدَو“ تي عَمَلُ، +ڏيان راه معشوق ۾ سر جو ٻَلُ +واٽ ويندڙ گهٽيءَ دلدار جا، پڇائيندڙمنزل يار جا ۽ تيار ٿيندڙ سفرجان جنان جا، هن پر بيان ڪن ٿا ته راحت جان لباس شاهي لاٿو، خرقو فقيريءَ جو پاتو، ڪيئن سير موتين جا جلايائين، تن جي خاڪ لڱن کي لاتائين، منهن تي ڀڀوت ملي، پاڻ کي جوڳين جي رنگ ۾ رلي، سر تي پشم جو حلقو، ڳلي ۾ ڪفني ۽ خرقو، هٿ ۾ سمرن ۽ ڪلهي تي بيراڳڻ، بين بغل ۾، عشق جي نشي ۾ سرشار، يار جي ديدار جو طلبگار، هلڻ لاءِ تيار ٿي، جان نثار کي چيائين ته ”اي يار غمٽار، اول ته هلو ته پيءُ ماءُ جو ديدار ڪجي، صرف رخصت جو تڪرار ڪجي، عشق جو آغاز آهي، سفر دور دراز آهي، الاجي ڪير مرن ڪيرجيئن!- اُنهن ڪهڙن لاڏن ڪوڏن سان نپايو پاليو ۽ ڪوشش سان سنڀاليو، متان اسان جي ��دائيءَجي غم ۾ اَرمان کائي انهن جي دل تي ملال ۽ سندن جيئڻ و بال ٿئي. مفت اسان جي دل تي به موڪلاڻيءَ جو، غم ۽ ارمان رهجي وڃي!“ ائين چئي، شاهي محلات ڏي روانو ٿيو. بادشاهه بيدار بخت، شهزاي راحت جان کي پري کان ڏسندي سڪتي جي حالت ۾ اچي ويو، محلات ۾ ماتم مچي ويو. تصوير قالين چوان يا نقش ديوار لکان، راڻي دل آرام پنهنجي فرزند دلبند جو اهو حال ڏسي، ملال کان دانهن ڪري ڊوڙي، پٽ کي ڀاڪر پائي ڇاتيءَ سان لائي، پيشاني چمي چوڻ لڳي ته ”اي ارجمند، اهڙيءَ صورت موچاريءَ مورت کي گيڙو ويس، ڪفني ڪاري، ڳچيءَ ۾ ڳانا، فقيري بانا، تاج شاهيءَ جي عيوض ڪُلاه گدائيءَ جي سان ڇپائڻ جو ڪهڙو باعث آهي؟ ديوانو عقل کان بيگانو ته ڪو نه ٿيو آهين!“ +راحت جان روئي ماءُ کي پيرين پَئي چيو ته ”امان، جان جنان جو ارادو ڏاڍو آهي، قرب جو ڪاڍو آهي- دل بي اختيار، عقل سان ڪو سروڪار نه آهي- هي آخرين ديدار آهي. هن دل ملول جي منٿ معذرت قبول ڪري رخصت ڏيو.“ راڻي اِها ڳالهه ٻڌي چري ٿي، هٿ پير ٺري ويس، روئي چيائين ته ”اي راحت جان، ڏاڍو ارمان آهي. هن پيريءَ جي حالت ۾ پيءُ ماءُ کي ڇڏي، ڏکن ۾ گڏي ٿو وڃين. اسان ساري عمر جي ڪمائي خاڪ ۾ ملائي، تڏهين تنهنجي چنڊ جهڙي صورت نظر آئي، جڏهن لائق ٿيو آهين، تڏهن ٿو ويس مٽائين، حڪومت ڦٽائين ۽ اسان کي رلائين! خير، جي تو کي لاچار آهي ۽ واڳ قسمت جي اختيار آهي ته، اسان کي جيئري قبر ۾ پوري يا درياهه ۾ ٻوڙي لوڙهي وڃ، نا ته هي مڙدا قبر ۽ ڪفن جا محتاج ۽ راڄ ۽ تخت تاراج آهن. اي راحت جان، سودائي ڇو بنيو آهين، جيڪڏهن حسن و جمال جو بکيو آهين ته پنهنجو چنڊ جهڙو چهرو آئيني ۾ ڏسي دل وندراءِ، طبيعت کي بهلا، اسين هر ڪا ڪوشش ڪريون ٿا، چوڌاري ماڻهو موڪليون ٿا: دنيا ۾ ڪيئي شهزاديون حسن بازيون هونديون، پوءِ جيڪا انهن مان توکي پسند هوندي، تنهن سان تنهنجو پيوند ڪيو ويندو، ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو.“ ايتري ۾ سڀ ڪا پرستار خواص خذمتگار، احوال ٻڌي بدحواس ٿي، و ماس ۾ اچي ويئي، هر ڪنهن تي اداسي ڇانئجي ويئي، ڪنهن جند جان قربان ڪئي، ڪا ويچاري محبت جي ماري، مٿي تي واري وسائي، چوڻ لڳي ته ”هاءِ هاءِ! شهزادو عشق جي ملڪ جو بادشاهه ٿيو، گهر تباهه ٿيو.“ ڪا اوڇنگارون ڏيئي زارو قطار روئڻ لڳي، ته ڪا منهن تڪڻ لڳي، ڪنهن هار ڇنو، گل ڌار ڪيو، ته ڪنهن لباس تار تار ڪيو، ڪنهن چيو، ”افسوس، خانو آباد، و يرانو ۽ برباد ٿيو.“ راحت جان چيو ته ”اِها اوهان جي وائي بلڪل اجائي آهي. هي عشق جو ڪارخانو آهي، جتي آشنا به بگانو آهي، خود بدولت يگانو آهي- ان جو طعنو، عاشق لاءِ، ڳچيءَ جو ڳانو برهه جو بانو آهي، ڪڏهين ته آءٌ پاڻ هوشيار خبردار هوس، هاڻي بيخبر ۽ بي اختيار، بيوس ۽ لاچار آهيان، ڇا ڪريان، ڪمبخت دل کي ڪيترو سمجهايو اٿم، نٿي مڃي، دل جي پڪائيءَ کان، کلجي ٿو ته روئڻ اچيو وڃي، البت روئڻ سان بخار نڪريو وڃي. آه ڪرڻ خون جگر جو پيئن آهي، ماٺ ۾ جنون آهي. خلط سودا جو سڙيو ته خفقان پيدا ٿيو. باغ جي سير کان دل سَير آهي، هي حضرت عشق جو پير آهي. جان جنان جي خيال ۾ هي حال آهي، جو دل غمناڪ سينو چاڪ آهي، چشم گريان، دل بريان آهي، دماغ ۾ دونهون، عشق سونهون آهي. جيڪڏهن ويهي رهان، اوڏي نه وڃان، ته پوءِ جيئڻ جي ڪهڙي لذت ۽ اوهان کي ڪهڙي فرحت حاصل ٿيندي- مجنونءَ وانگر پير ۾ زنجير قيدجي تدبير، سو امان جان، قسم خدا جو آهي ته هن حيران حال جي احوال تي رحم فرمائي، کلي خوشيءَ سان رخصت ڏيو، ۽ دعا ڪريو ته مراد حصول ۽ محنت وصول ٿئي.“ ني�� دلارام چيو ته ”اي فرزند دلبند، جيتوڻيڪ هن بدن بيجان کي درد فراق جي سهڻ جي طاقت نه آهي، ته به توکي رخصت آهي- خدا نگهبان، امام ضامن زمان آهي!“ راحت جان پيءُ ماءُ جا قدم چمي، لڏي لَمي، اُٿي هليو، محلسراءِ کان موڪلائي، پيرپوئتي هٽائي ٻاهر آيو- محلات ۾ شور آه فغان جو متو، ڪنهن منهن پٽيو، ته ڪنهن مٿو، پر نڪي ڪجهه وريو نڪي کُٿو، - شهزادو سڀني کان منهن موڙي، هٿ جوڙي، ڪنهن جي رنج ملال جو خيال نه آڻي، مُرڪندو خوشيءَ کان کلندو، ٽڙندو، هي غزل پڙهندو، جان نثار سان اچي مليو: +غزل - +هيءَ نقاضا عشق جي ٿي، ”پير پرين جو پڇاءِ“ +جوءِ جانب جنهن طرف ٿي، تنهن طرف وک کي وڌاءِ! +لاهه لاڳاپا مڙيئي، هل انهيءَ هڪ هوت ڏانهن، +اهک آڏو ڪو اچي جي، پير کي ٻانهون نه پاءِ! +سي سڳا ٿيا سيڻ جن سان پرت وارو پيچ پيو، +ڀاءُ برادر جا مڙيئي واسطا ميڙي مٽاءِ! +پوءِ ڏس پاڻهي پرو ڪيئن پرت وارن جو پوي، +حب رکي هل تون هئين ، وات وائي تن وراءِ! +جي جبل جاڙون ڪري، يا سر چڙهي سوريءَ مٿي، +”عاجزا“ آڏو اچي مشڪل اُهو سر تي سهاءِ. +جان نٿار ته اڳيئي هو تيار، فقط شهزادي جي اچڻ جو هوس انتظار، ٻيئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي قول قرار چئي، شراب الفت جي ۾ بيهوش، ميءِ محبت جي ۾ مدهوش- نه ٻڌجي ٻُڌ، نه منگل جي سُڌ، - پير مرد جي ڏس تي گس وٺي، اُٿي هليا، ٻيئي همدم نرم نرم قدم هلندي، گهڻي مدت ۽ غم ۽ الم سان جبل ۽ جهنگل جهاڳيندي، هڪ ڏينهن ڪنهن مرغزار زمردوار ۾ اچي رسيا. +جا بجا نهرون ۽ ناليون جاري، خوش نما باد بهاري، جنهن جي چوڌاري، شمشاد سر و آزاد، قطار در قطار، هر باغ راحت افزا، نمونه ء ازل جي عمدي تياري ۽ پنهنجي قدرت ڪامل جو نقوش ڏيکاريو، هر ڪو نهال ويهاريو، زمردي فرش وڇائي نمونهء عرش بنايو. صحن هموار، چمن سايه دار، هر ڪو ٿڏو دوش بدوش، عاشق معشوق وانگر هم آغوش، جنهن پاسي ڪنڌ ورايو، سواءِ سبزيءَ جي ڪي به ڏسڻ ۾ نه آيو. هڪ پاسي خودرو جو گل کليل، ته ٻئي پاسي نرگس سُنبل ڦليل، ڪنهن طرف ٽانگڙ ٽڙيل، ته ڪٿ عشق پيچ پکڙيل، بلبل غزل خوان، مرغ هزار داستان خوش الحان، خزان جو نه نالو نه نيشان، چمن سر سبز سدائين باغ بهار، لالان جو گل داغدار سورج شرمسار، هو. گل گلاب جو کليو، مستن ميء جو پيالو هٿن ۾ جهليو- نشي محبت جي ۾ ڀرپور شراب الفت جي کان چڪناچور، اک نرگس جي خماردار، سوسن، سنبل، مثل زلف محبوب جي پيچدار: ڪنهن پاسي گونٽو زعفران درد عاشق کان زرد رو ته رتو گلاب سرخرو، جا بجاءِ گلن جي چمڪ ڌمڪ، خوشبوءِ جي مهڪ، قمري جي ڪوڪو، ڳيري جي اِلاهو، ڪوئل جي ڪوڪار، تاڙي جي تنوار، مور جو شور، چيهن جي چهه چهه، ڊيل جي قھ قھ- گنبذي آسمان ۾ پڙلاءُ، اٿيو، هوا جنون خيز، نهرون عطر آميز، - عجيب ڪيفيت هئي، اِها زمين فرحت انگيز رشڪ بهشت هئي. راحت جان اهڙو مڪان فرحت آثار ڏسي، جان نار کي چيو ته ”اي يار، اڄ رات هتي مقام ڪجي ته دل کي بهار اچي.“ وقت شام جي، سج لهڻ مهل، روح کي سرور عجب ڪيفيت جو پور ڏسڻ ۾ آيو، زاهد ڏسي ته دنيا ۽ آرت جو ملال ۽ بهشت جو خيال ڪرڻ به جان جو وبال معلوم ٿئس، مصليٰ ۽ تسبيح به وسري وڃيس. چنڊ جي چانڊوڪي نور جو ظهور هئي، عجب دل مسرورهئي، راحت جان با چشم گريان سينه بريان هن قدرتي نظاري ۾ محو ٿي، دل غمناڪ مان آه سرد پُر درد ڪڍي، ۽ هي غزل پڙهيو؛ +غزل – +داغ- جنون کان دل ٿي سندم لاله زار آه، +هر دؤر ٿيو فراق ۾ فصل- بهار آه. +سا دل چوان ته آه ٿي ڪهڙي نه خوش نصيب، +منجهه سوز- ساز عشق جي جا داغدار آه. +دل ٿِي سندم جي يار جي زلفن سندي اسير، +دامن جنون کان پنهنجو ٿيو تار تار آه. +هي هي اسير پنجه ء غم ۾ ٿي مبتلا، +منجهه درد اُن جي ”عاجز“ زارو نزار آه. +انهيءَ حالت ۾ چاندني رات جو سير ڪندي، گلشن جو تماشو ڏسندي، هڪ روح افزا هنڌ تي اچي ويٺا- راحت اجن محبوب جان جنان جي تصور ۾ غرق ٿي ويو. بين ڪڍي درست ڪري سر ملائي هي غزل ڇيڙيائين؛ +غزل- +دام ۾ دلڙيون دٻائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +پيچ ۾ تنهنجي توائي توڙ کان طالب تمام! +تانگهه ۾ تنهنجي توائي توڙ کان طالب تمام! +هجر ۾ هاتڪ هڄائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +ڪئين مُٺا مشتاق مڙيئي مهر پرور ماهرو، +بره جون بڙڇون بڇائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +ور وجهي واسينگ وانگر زلف رنگيءَ ڪيو زبون، +قهري ڪاڪل ۾ اڙائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +هت ڪئين هاتڪ هڄي ويا ناز ۾ نازڪ نجيب، +قرب ۾ قابو ڪرائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +عاشقن سان اصل کان آهين انجامي وصل جو، +ناز سان نرمل نٽائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +هيج سان هيرائي هينئڙو پرت ۾ پهرين پرين، +رمز سان رانجهن رَمائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +مل مٺا مَهرو مون کي مرهم موافق ڏي ته ڪو، +”نحن اقرب“ سان نوائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +عشق کان عاشق اگهو ٿيو عجز ۾ ”عاجز“ عجيب، +راز ساڻ رهبر رُچائي، پوءِ بيپروا نه ٿي! +هن غمگين بي تسڪين جي آواز حزين کان شجَرَ ۽ حَجَر مَحو، پکي ان جي سرود ۽ ساز کان سرد ٿي ويا. اِهو سبزه زار عجب اسرار ڪنهن پريءَ حسن ڀَريءَ جو سير و شڪار گاهه هو، جا اڪثر چاندني رات ۾ اُن مڪان فردوس نشان ۾ اچي دل وندرائيندي هئي. +قضا ڪار، اتفاق روزگار، اُن وقت محلات ۾ ويٺي ويٺي دل گهٻرايس، سک نه آيس، تخت هوادار تي سوار ٿي، سير ڪنان دل سير ڪندي اچي لانگهائو ٿي. اُن شهپريءَ، زيب زريءَ، حسن جلوه گريءَ جي جمال باڪمال، خط ۽ خال جي بيان جي زبان کي ڇا مجال آهي، جو پيش ڪري. رڳو ٿورو طبع آزمائيءَ جو خيال آهي. آفت جان نالو هوس- جواني ڀرپور حسن ۾ معمور، بلند قامت، مجسم قيامت، نشي عشق جي ۾ چڪناچور، ٻيا ته ڇڏيو پر هواکان به وهلور، بين جو اواز دلنواز ٻڌي، دل ۾ سوز گاز پيدا ٿيس، عقل پرواز ڪيس، عش پيدا ٿيس. دل ۾ چيائين ته ”واه واه! ڪهڙو نه آواز مٺو راڳيندڙ سٺو آهي، جنهن جي سرود دل کي درد مندڪيو آهي! جيڪر ويجهو هلي ڏسجي!“ ائين چئي، تخت هوادار تان لهي، آهستو آهستو پير پير ۾ پائي، پاڻ کي لڪائي، وڻن جي اوٽ ۾ بيهي نهاريائين، راحت جان تي نظر پيس ته دل کي هارايائين، پاڻ کي نذر ڪيائين، حسن جو قدر ڪيائين، دل فدا ٿي، محبت پيدا ٿي، جگر ڪباب، شوق جي ولولي ۾ اضطراب ٿيس. ٻه ٽي قدم وڌي ڇم ڇم ڪندي، راحت جان کي اچي پهرين سلام ڪيائين، پوءِ هي ڪلام ڪيائين ته ”او ميان مسافر، هي ميدان پرين جي سير جو مڪان آهي، پرستان جي حد ۾ داخل آهي، اوهان جو هتي رهڻ خطري ۾ شامل آهي!“ شهزادو آرام جان جي ڌيان ۾ اهڙو ته محو هو، جو جواب ته بجاءِ خود، پر اک کڻي به نه ڏٺائين ته ڪير اهي، ڪهڙي بلا آهي. آفت جان غمناڪ ۽ شرمناڪ ٿي، بي اختيار جان نثار کان پڇيو ته ”هي حسين جوان ڪير آهي، جو هيتريقدر بي سڌير آهي؟ هن جي آهه ۾ عجب تاثير آهي، هن جي هر ادا جگر جو تير آهي، خدا گواهه آهي ته هي محبوبن جو شاهه آهي.“ جان نثار آفت جان جي اها گفتگو ٻڌي، چيو ته ”هل هل، پنهنجو ٻوٿ جهل! واتراڌي، جِن جي دادي، گهڻي زبان درازي ڪيئي. تون پري آهين ديواني، ته هتي به آهي نئين جواني، هل هٽ، پنهنجو رستو وٺ.“ واه واه عشق جو وسيلو، محبت جو حيلو ٿيو!‘ آفت جان اهو شوخيءَ جو جواب ٻڌ، جلي ڪباب ٿي ويئي. آتش عشق جي ته اڳيئي معمور، ويتر دل چڪناچور ٿيس، جگر جلي ويس. صورت بدلجي ويس. جان نثار کي پَرُ هڻي، بيهوش ڪيائين، ۽ شهزادي کي نرميءَ ۽ آهستگيءَ سان کڻي تخت تي ويهاريائين ۽ آڻي پنهنجي باغ ۾ لاٿائين. راحت جان تصور دلدار ۾ اهڙو ته محو هو، جو هر آمدرفت کان بيخبر بي اثر هو. بين وڄائيندي، جڏهين خمار چڙهيس، ته بين بغل ۾ رکي سمهي رهيو. آفت جان پرين کي حڪم ڪيو، جن باغ نئين سر سينگاريو، هر ڪنهن مڪان خواهه دالان کي ٺاهه ٺوهه سان سنواريو، هر ڪا هار سينگار ڪري، پنهنجي ڪم ڪار تي تيار ۽ هوشيار ٿي. جڏهين فارغ ٿيون، تڏهين آفتجان جي اڳيان حاضرٿيون. کين فرمايائين ته ”جنهن وقت هي جوان البيلو، آفت جو پتلو، بيدار ٿئي، ته جلد هٿ ٻڌي، سندس حضور ۾ حاضر رهجو. خبردار اجايو ڪلام ڪري، پرستان کي بدنام نه ڪجو.“ پاڻ حمام گرم ڪرائي، غسل ڪري، نئين پوشاڪ پهري، بوندي لهردار زريءَ ڪنار، سارو جوهر جنسار ڪري، وڄ جو ٽڪرو ڌڄ مڄ جهڙو چهرو، اڳيئي حسن بي انداز ويتر ساز ۽ ناز سان، ٻئي مڪان ۾ مصند جڙادار، جنهن تي ڪرسي جواهر نگار پيل هئي، تنهن تي تاب تجمل ۽ شان مان سان شهزادي جي سامهون نظر ملائي ويهي رهي. هيءَ، شهزادي جي عشق ۾ هوش ۽ عقل، صبر ۽ تحمل ته پهرينءَ ئي نظر سان نذر ڪري چڪي هئي. پري کان راحت جان جي گلشن بهار ۽ روءِ زيبا ۾ محو ديدار هئي، ۽ هي غزل ويٺي جهونگاريائين ته روح وندرايائين: +غزل- +دلبر سو دلبرن ۾ اٿم دلرباي شوخ، +مشهود شاهدن ۾ اٿَوَ، جانفزاي شوخ، +جهڙس حسين ناهه جهان ۾ ڪو مهجبين، +سهڻن ۾ سهڻو آهه سندم مھ لقاي شوخ. +حملي سان حسن جي ته هڻي هوش کي ويو، +ڌاڙي سنا دل دٻائي، ڪري بينواي شوخ. +بلبل خزان ۾ آهه تڏهن آشيان بدوش، +گل جي ثنا ۾ آهه جڏهن خوش نواي شوخ. +ضايع ذرو نه ڪنهن جو ڪري وقتِ باز پرس، +آهي هو بيعديل سندم بيرياي شوخ. +حيلو هلي ٿو ڪو نه، ٿيو يار بينياز، +وه واه آهه ”عاجز“ ٿيو آشناي شوخ. +حاصل ڪلام، گهڻيءَ دير کان پوءِ راحت جان جاڳيو. اکيون کوليائين، وزير زادي کي ڳوليائين، نه ڏٺائين. هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ته نه اُهو مڪان، نه اُهو ه بستان آهي، هي ته ڪو نئون آشيان زمستان آهي، شايد اسيريءَ جو سامان آهي: نه سج جي روشنائي نه وڻن جو سايو آهي، شايد قدرت رات ڏينهن ملائي عجب وقت بنايو آهي، لَٽَ غبار جي عيوض بادصبا مشڪ ۽ عنبر ملايو آهي- نه گرمي نه سردي، ڄڻ ته بهار آيو آهي! سڀ ڪو درخت ميويدار تيار، مالهڻيون مهجبين طبيعت ۾ هوشيار، ۽ البيلي چال، مستيءَ ۾ بيحال، تختي بنديءَ ۽ چمن بنديءَ ۾ مشغول، وڻن جا ٿڙ سون جا، ٽاريون مينائي، پن زبر جد جا، گل ڦل لعل و گوهر، هر رنگ ۽ جوهر، ناليون شير و عبير: ڪن ۾ آب موتيو ۽ گلاب پُر، ته ڪن کي آب انار تي فخر؛ جن ۾ هر ڪنهن قسم جون مڇيون بحري، ڪي سونهري، ڪي روپهري. هر درخت ۾ گوهر شب چراغ، جنهن جي شعاع کان چنڊ کي داغ. حوضن جو عجب شان هو. هر حوض ۾ پاڻي صاف، مثل بلور جي شفاف: جاءِ بجاءِ ڦوهارا، مثل اک عاشق جي قطار قطار اشڪبارا. هر ڪا بوند، گوهرُ آبدارُ ٺهيو ٿي، سودو نقدي ڊهيو ٿي- فرش تي ڪِرڻ سان دماغ معطر ۽ سارو باغ خوشبوءِ کان پُر ٿيو ٿي. طائرَ طلسم جا ٺهيل، پکي نور جا جُڙيل، هر ڪو پنهنجي جاءِ خوش الحال غزلخوان، نه ويجها اچن نه ڀڄن. هڪ طرف سَروُ معشوق جي قد وانگر باقرار، ته ٻئي طرف نرگس مثل آه عاشق جي مشتاق ديدار، سنبل، سوسن ۽ عشق پيچ مثل زلف يار پيچدار، گل شيرين جي نظاري ۾بي اختيار. +مطلب ته عجائبات سامان ۽ طلسمات جو مڪان ڏسي، انسان جو هوش پريشان ٿئي، هي داستان اتي ئي رهجي وڃي: تنهن ڪ��ي قلم جي گهوڙي جي واڳ موڙي، مضمون جي ميدان ۾ جولان ڏيئي، تيز ڪاهيم، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ واري جي ملامت ياد آيم، ٻاره دريءَ ڏي وک وڌايم، وري به خشڪ دماغ کان بهتر آهي دماغ تر،، ۽ خاموشيءَ کان پرجوشي آهي. خوشتر. مڪان رنگ محل هوا ۾ بيٺل، سون چانديءَ جون سرون، چوکي چوديواري جنهن تي گنگا جمنيٰ گلذاري، ڇت نقش نگاري، عجب گلڪاريءَ جوهرداري؛ محرابيون ياقوت رُماني، ڪمانون عقيق يماني، پايا پکراج ته دروازا لعل بدخشاني، فرش بلور جو جنهن تي مخمل ڪاشاني، ميزون مرمرين، جن تي قالين شطرنجي ايراني، تڪيا نيلم جا، جن تي مسندون ريشم اصفهاني، جهالريون زريدار، لڙيون موتين جون قطار قطار ۽ مقيش جي تار تار، جن ۾ ٻيڙا مشڪ تانار، فانوس هنڊيون بلور جون منجهن شمعون ڪافور جون، جن جي روشنائيءَ ۾ هڪڙا رنگ رليا ٿي ته ٻيا کليا ٿي. ڪنڊن ۾ عود جون قماريون رکيل، جن جي خوشبوءِکان سارو محل واسيل. ميزن تي جا بجا گلدستن جي قطار، جن جي هٻڪار کان سڄو بستان مشڪبار هو. ڀتين تي تصويرون رنگا رنگي، ڪي آرميني ڪي فرنگي،ڪي چيني ماچيني، ڪي هندي ته ڪي سنڌي، ڪي عربي ايراني، مصري همداني، ڪي تاتاري ترڪستاني- ڪي مثل عاشق معشوق جي هم آغوش. ته ڪي هم ڪلام، آئينه بنديءَ جو اهڙو سامان جنهن کان هوش ۽ عقل حيران هو، تماشبين جو به حال پريشان هو. +صحن چمن جي ۾ خواصون خوبصورت حسين مهجبين، اک ڪاري ڪجلدار، جيئن نرگس ننڊ جي غفلت کان بيدار- راحت جان جي ديدار ۾ اک اڙايو، دل لڙايو هڪٻئي ۾ اشاري ڪنايي سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. هڪڙيءَ چيو ته ”هي انسان ته نه آهي، هور يا غلمان آهي.“ ٻيءَ چيو ته ”نه، ڙي نه، هي يوسف ثاني ماه ڪنعاني آهي.“ ڪنهن چيو ته ”ٻڙي، چري ٿي آهين يا ديواني! هيءَ ته آهي نئين جواني، صورت انساني، دلين جو دلبر، محبوبن جو سر افسر، ملڪ حسن جو شاهه، معشوقن جو بادشاهه آهي. جيڪڏهن ويس گدائي اٿس، ته چهري مان شان شاهي اٿس. حسن سندس بي نظير ڄڻ ته بدر منير آهي. حضرت سليمان جو قسم ته جيڪڏهين انهيءَ انسان جو سايو پرين تي پوي، ته سارو پرستان قيد خانو بڻجي وڃي. حضرت عشق جي زنجير ۾ دل جو پير اَسير، جان دلگير رهجي وڃي. خبردار پاڻ بچايو، متان ساريءَ عمر جو سوز گداز پرايو.“ +آفت جان پرين جو اهو بيان ٻڌي ڇينڀ ڏيئي چوڻ لڳي ته ”رنون رولاڪون، ڇا وڃايو اَٿو، اجايو مغز کڻي کپايو اَٿوَ!“ هڪڙيءَ کلڻيءَ پيچباز، راز جي همراز چيو ته ”قربان وڃان، اڄ هن باغ ۾ نئون چنڊ کڙيو آهي، کٽڻهار ٽڙيو آهي، چاندنيءَ جو سير آهي، ٻيو سڀ خير آهي، هڪڙو سامي سوالي آهي يا رند لا اُبالي، جنهن جي حسن جي مالي ۽ ڳلن جي لالي ڏسي، هوش پريشان عقل حيران آهي ۽ ان تان جند جان قربان آهي.“ +راحت جان اهو چڻ ڀڻ جو آواز ٻڌو، اُٿي ٿيو سڌو. هيڏي هوڏي نظرڪيائين، ڏٺائين ته هڪ عورت خوبصورت صاحب جمال، عمر چوڏهن پندرهن سال، حسن ۾ ڪمال، زيورن زينت ۾ مالا مال، ڪرسي زرنگار تي تڪيو ڏيئي ڏاڍي شان، تجمل طورلان سان، صحن چمن ۾ گلن جي سير ۾ مشغول، دل ملول ويٺي آهي. حافظي کي زور ڏنائين، اکيون مهٽيائين، دل ۾ چيائين ته ”هيءَ هوشياري عالم بيداري آهي، يا خمار ننڊ جي ۾ خواب جي ڏيکاري!“ پاڻ کي چهنڊڙي هنيائين، چڪ پاتائين، تڏهن سمجهيائين ته هيءَ برابر بيداري آهي ۽ اها سڀ انهيءَ طُراريءَ جي مڪاري آهي.زبان کوليائين، ٻول ٻوليائين ته هيءُ ڪهڙيءَ سهه پريءَ جو مڪان آهي، زمين آهي. يا چوٿون آسمان آهي؟“ آفت جان مرڪيو، ناز انداز سان منهن ڦيرائي پنهنجي روءِ تنواريو ته هتي نه ڦاهي درڪار آهي نه ڄاري، گيڙو ويس ڪفني ڪاري، رنگ ڄمائي هيڏانهن هوڏانهن اک ملائي نظر وچڙائي ته دل شڪار ٿي، طبيعت بيوس بي اختيار ٿي- ڀلا ڀڳت صحب جنهن جي در تي آيو، تنهن تعظيم لاءِ سيس نمايو ڪنڌ جهڪايو، پوءِ گهر ماتام ٿيو ۽ پاڻ بيدام غلام ٿيو- ٿيو نقد دل جو پهرينءَ جهلڪ سان انعام ٿيو- حضرت عشق امداد ڪيو ته بيداد متو، جنهن جي بدولت هي انجام ته ڪٿي محرم راز، ڪٿي سوز و گداز، ڪنهن جو همراز ته ڪنهنجو دمباز ٿي راز فاش ڪيو، - - ائين چئي، حڪم ڪيائين ته ”ڏسو ڙي! اهو فقير ڪير آهي؟ اهڙو ڪو دلير آهي، جو نه پڇا نه ڳاڇا، پرائي باغ ۾ امالڪ داخل ٿيو آهي، جي درويش سالڪ آهي ته دلين جو مالڪ آهي، سوالي خالي نه ڪريو، غريب نوازي ڪريو، ”موهن ڀوڳ“ کارائي راضي ڪريو، آزي نيازي ڪريو، البت، هوشياري ڪجو متان ڪا بازي ڪري، اکين مان سرمو به نه چورائي وڃي!“ راحت جان اهو شوخيءَ جو ڪلام ٻڌي، غصي ۾ ڀرجي ڏني ورندي ته ”او چالاڪ، شرم و حيا کان بيباڪ! بس، بس ، پنهنجو منهن آرسي ۾ ڏس، پاڻ هن هنڌ جي واحد مالڪ آهي ۽ ٻيو ڪو بکيو سائل سڃو سالڪ آهي!“ اهڙيءَ زبان درازيءَ طره سازيءَ جي گفتگو پنهنجي ڪنهن خريدار کي ٻڌاءِ، جو تنهنجو طلبگار آهي- هتي هر ڪو خود مختار آهي- رڳو جبر ۽ زور کان لاچار آهي.“ ۽ سمجهي ويو ته هي دغابازي ۽ ڪارسازي به خاص انهيءَ مڪاره جي آهي. چوڻ لڳو ته ”اسين ته رڳو اکين مان سرمو ٿا چورايون، پر هتي ته سڄو سارو جيئرو جاڳندو انسان چورايو کڻيو اچن ۽ گم ڪريو ڇڏين، ۽ پاڻ بيخبر نامعلوم! شاهه شاهوڪار هوائي گهوڙي جا هسوار، نه آدميت جي پاس نه مروت ۽ لحاظ- ڪپڙن کي رت مکي شهيدن ۾ داخل ٿيڻ، اهو عشق عاشقءَ کي بدنام ڪرڻو آهي. +حقيقت ۾ معشوق جو ڪڙو ڳالهائڻ عاشق کي تمام مٺو لڳندو آهي ۽ پيو وڻندو آهي- آفت جان البت انهيءَ جواب کان ڪڙهي ڪباب ٿي. انهيءَ عتاب جو جواب شتاب ڏنائين، هيئن خطاب ڪيائين ته ”اي انسان! هي پرستان جو مڪان آهي، انسان کي هن هنڌ گذرجو امڪان نه آهي- نڪي ڪنهن پريءَ جو وصل مُيسر آهي. ڪڏهين ڪنهن پريءَ جو نالو ڪنهن ڪتاب۾ پڙهيو ته بس محو ٿي ويو. بيوس ٿي اجايا خيال لامحال دل ۾ ڌاري، هو ساري عمر انهيءَ هَوسَ ۾ گذاري! ڀلا ٻڌاءِ ته ڪڏهين ڪا پري ٻڌيئي يا ڏٺيئي!“ راحت جان باخنده پيشانيءَ وراڻيو ته ”واه واه ڏٺيم اهڙي ڏيڻ، جهڙي جبل جي دُٻي جي پيڻ اَي چٻ بنگالي! حضرت انسان جو شان آهي علي. اشرف المخلوقات کي گهٽ ڄاتئي، ۽پريءَ کي پڏايئي، عرش تي اُڏايئي! سبحان الله- ڪا لڪڻڇيءَ وانگر، ڪلهن تي ٻه پَرَ، هي به رشڪ، قمر؟ اڙي نادان! جيڪڏهن انسان کي پريءَ جو حسن پسند هجي ها ته سارو پرستان شيشي ۾ بند هجي ها! “ آفت جان دل ۾ سمجهيو ته هي آدم زاد، غيرتمند آزاد، هڪ رشڪ، شمشاد آهي. گفتگوءَ جو بيباڪ بلڪل چالاڪ آهي، مگر ڪنهن درد کان غمناڪ آهي، متان وڌيڪ ستائڻ سان ملول ٿئي. پهلو ڳالهه جو بدلايائين، ڪلام معقول ڪيائين. چيائين ته ”ايتريقدر، حُسن تي مغرور ٿي، ايترو وهلور نه وڃو. هتي بهرحال خاطرداري منظور آهي. اسان وٽ جان جو تصدق به دور نه آهي- هر ڪوئي پنجهنجي جان جو مختيار آهي. هي خانو ويرانو، پنهنجي قدوم ميمنت لزوم سان منور ۽ روشن فرمايو، دل شاد ۽ هي خانو با رونق آباد ڪريو، ته ماند ڪائي سفر جي دور، دل مسرور ٿئي- جو چمچو آش جو ميسر آهي، سو حاضر آهي.“ راحت جان چيو ته ”اڃا جگرجي اندر جو درد ۽ فراق جو سوز هضم نه ٿيو آهي، الفت جي غم سان پيٽ ڀريل آهي، جنهن ڪري ڪنهن ڳالهه جو بکايل ڪين آهي- نڪي ڪنهن چيز ڏانهن دل مائل آهي- پوءِ زور ۽ زبردستي بي حاصل آهي.“ آفت جان گهڻيءَ منت ۽ معذرت سان عرض ڪيو ته ”دعوت قبول نه ڪرڻ مروت کان دور آهي! اهو ڪٿي جو دستور آهي؟ اسان کي لاچار پيرين پوڻ به ضرور آهي.“ راحت جان کي دل ۾ جان نثار جي جدائيءَ جو غم غايت درجي جو هو، مگر خيال ڪيائين ته ”حريف ظريف آهي، منصف مزاج ۽ طبيعت لطيف آهي. ٻيو ته پري، آهي ڏسڻ ۾ چري، جيڪڏهين بگڙي پوي ته پوءِ پڳڙي به بچائڻ مشڪل. البت، نرم ڪلام سان ڪم سرانجام ٿيندو.“ حاصل ڪلام، آفت جان کي چيائين ته ”کائڻ پيئن، سمهڻ فرحت وٺڻ. اها هَوس ته گهڻي وقت کان بند، دل کي ناپسند آهي، مگر اوهان جي خاطر منظور آهي، ۽ اسان جو به اهو دستور ناهي ته ڪنهن جي دل شڪني ڪجي.“ پريءَ اهو جواب باثواب ٻڌي، راحت جان جو هٿ هٿ ۾ جهلي، وٺي آڻي کيس مسند تي ويهاريو، ۽ طرحين طرحين طعام لذيذ، ميوا مزيد، خاصا خوشبودار اڳيان حاضر ڪيائين. شاهزادي بادل ناخخواسته ٻه ٽي گراه کاڌا، پاڻي پيتائين- شراب ته اصل خون جگر جو هو- هوڏانهن جبر هو، لاچار بي اختييار رهڻو پيو، ۽ وڇوڙو ورهن جو سهڻوپيو. + + +داستان پنجون +راحت جان جي ڪج ادائي، آفت جان جو غم کائڻ، راز فاش ٿيڻ، طالب مطلوب جي گرفتاري، عاشق جي بيقراري. +شعر- +ڪٿي آهين اي ساقي سيم بر، +تپش عشق جي کان جلي ٿو جگر. +ڀري جام وحدت ڏي بهرِ خدا، +ڪريان جان ايمان تو تان فدا. +سوز محبت جا خريدار، محبوب جا ناز بردار،چشم نرگسين جا ڦٽيل بيمار، عاشق جا غمخوار، ڪشته ءِ تيغ بيد ريغ جا تيماردار نئين گرفتار بلا جو احوال هن طرح ٿا بيان ڪن ته آفت جان به بنسبت ٻين پرين جي صاحب شعور، ناز نخري ۾ ڀرپور، فتنھ انگيز مشهور هئي. راحت جان جي وندرائڻ ۽ دل بهلائڻ لاءِ ڏينهاڻي نئون راڳ رنگ، نئون روپ ڍنگ ۽ نئين مجلس وندر لاءِ ويهاريندي هئي – جيئن ٻڌڻ ڏسڻ واري جو هر غم غلط ٿئي. پر راحت جان بي اختيار، دل پريشان، لاچار، غير جنس جي صحبت ۾ گرفتار، پنهنجي دلنواز يار جي ياد ۾ بيقرار، نه محرم نه همدرد، جنهن سان دل جو راز اوري، سوز جو ساز ملائي، نه دل يک قوت نه طبيعت ۾ طاقت- جي مدهوش نه هو، ته ذي هوش به نه هو- اندر جو جوش خروش ڪنهن سان اوري! چت ۾ پيو چوري، مُهر چپن تي، خاموش هو، ڪنهن ڪنهن مهل ته خود فراموش هو. دل ۾ چيائين ته ڪنهن حبيب جي دروازي تي جبين سائيءَ لاءِ شاهي ترڪ ڪيم ۽ ان جي گهٽيءَ جي گدائي اختيار ڪيم! پر قسمت ڇڪي تاڻي هن بي تميز جي ڦندي ۾ آڻي ڦاسايو، معشوق جي بهاني دل جو خانو ويرانو ٿيو، عاشق لاءِ قيد خانو ٿيو.“ +غرض، رات ڏينهن رنجيدو، پريءَ کان دامن چيدو، اڪثر وقت اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هو. پنهنجي دلارام يعني معشوق آرام جان کي ياد ڪري، ان جي ڌيان ۾ دل کي وندرائيندو هو ۽ هر لحظي، هي ڪلام وحشت انجام ورد زبان هوندو هوس؛ +غزل – +وصال، يار ٿيو ناهي لکيل شايد مقدر ۾، +اچي اڄ ڪلهه ويو آهي جو منهنجو بخت چڪر ۾. +شراب، شوق جو ساقي! اُڃايل آءٌ مدت کان، +خدارا ڏي ڀري اڄ ڪو شتابيءَ ساڻ ساغر ۾. +هليس ڪنهن ڪاڻ، ڪٿ پهتس، اها مونکي خبر ناهي، +رسائيندي ڪڏهن قسمت، اسان کي ڪوي ء دلبر ۾! +نه ڪنهن هوندو ٻڌو ڪڏهين اهو ئي عشق جو حال، +ڏکن جا ڏينهن ۽ راتيون، گذارڻ غير جي گهر ۾. +جلي ٿي خاڪ جو تودو، وڃي جنهن کان قفس يڪدم، +اثر ڏي آه کي اهڙو، اثر جو آه اخگر ۾. +جئڻ هاڻي عبث منهنجو فراق، يار ۾ آهي، +ملڻ محبوب سان ٿيندو ته سو ٿيندو به مشر ۾. +خدا گهريو ته ٿي ويندو اثر ”عاجز“ جي آهن ۾، +ذرو ڪو رحم جو ايندو ڪڏهين تان دل ستمگر ۾. +ائين چئي، اوڇنگار ڏيئي زار زار رنائين؛ اک سوسن جيئن اشڪبار، مثل نرگس جي بيمار، مڇي بي آب جيئن بيتاب، بيقرار ٿي ڦٿڪڻ لڳو، مثل صيد نيم بسمل جي، تڙڦڻ لڳو. هي حال، هڪ خاص ٻانهي ڏسي، بدحواس ٿي مٺيون ڀيڙي ڀڳي. اچي آفت جان کي ٻڌايائين، ۽ هيئن عرض ڪيائين ته ”اي شهپري، تنهنجي حسن جي بازار چهري هجي. حضور، تون ته صاحب، شعور آهين، پر جنهن جي خنجر ابروءَ ۽ تير نگاهه کان مجروح آهين، ۽ چڱي ڀلي جان ڏيئي عشق جي آفت خريد ڪئي اٿئي، سو ته ڪنهن ٻيءَ جو عاشق راز ۽ طلبگار آهي... ڪنهن جي زلف پيچدار جو گرفتار آهي، جنهن کي مسيحا ٿي سمجهين، سو پاڻ بيمار آهي؛ جو اڳيئي تير نظر جو گهايل آهي، تنهن کي پاڻ ڏي مائل ڪرڻ محال آهي. هو ته گونٽي، زعفران وانگر زرد، لين تي آه سرد، عڪس آئيني ونگر حيران، حال پريشان آهي- توکي ڪهڙو خيال آهي؟“ آفت جان ويچاريءَ روئي، هجن سان منهن ڌوئي، چيو ته ”اَي نادان، ڏيتيءَ ليتيءَ وقت نفعي نقصان جو ڪهڙو ڌيان؟ سود ۽ زبان جو ڇا ارمان! محبت هڪ بَلا آسماني، تير نا گهاني آهي، ڪشيو ته سيني جي آرپار سٽيو، ڪو چٽ ته ڪو ڦٽيو- زلف خمدار، زهري ترار آهي، ويچاري دل بي اختيار، جگر داغدار، حسن جي سرڪار ۾ تابعدار فرمانبردار آهي. جنهن دل دلدار جي نذر ڪئي، مرم اسرار ٿيو، باقي مٽي خوار ۽ شرمسار آهي، نه دل رهي، نه اُهو سينو رهيو- يگانو عقل کان بيگانو ٿيو: ڪٿ مجنون سڏايائين، ڪٿ رند مستانو، ڪٿ شمع، ڪٿ پروانو، ڪٿ عشق جو آستانو، +ڪٿ معشوق مستانو- خلق جو طعنو، عاشق جو بانُو: ڪٿ فرهاد جو خطاب، ڪٿ رانجهن جو القاب، ڪٿ سهڻي ڪٿ ميهار، اُهو دلير ڪير آهي، جو عقلجي تدبير سان، انهيءَ گهٽيءَ مان پير هٽائي، لکيو تقدير جو مٽائي يا گهٽائي ۽ ڦٽائي. واسطي خدا جي منهنجي ڦٽيل دل تي رحم ڪري، قرب جي ڪٺل تي ڪرم ڪريو، دل آرام کي ريجهائي رام ڪريو، ڪو تسلي جو ڪلام ڪريو. جي عشق عاشقيءَ جو اهو انجام آهي، ته پوءِ اسان جو سلام آهي. مرض نه آهي علاج پذير، ته ان ۾ طبيعت جي ڪهڙي تقصير، تقدير جي عمل ۾ تدبير جو دخل بيحال اهي. چوڻي اصل آهي ته دُرد واري جي آه ۾ اُهو سوز گداز آهي، جنهن جو آواز ڪنهن بي پير جي ڪن تي پوي ته هڪ سخن ۾ حيرت جي ڪُن ۾ غرق ٿي وڃي، دل کي چوٽ لڳي وڃيس، ۽ بدن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وڃيس، واٽ ويندي ٻڌندڙ کي اکين ۾ پاڻي آڻي، ڇڪي تاڻي، اهڙيءَ گهاڻيءَ ۾ هڻيس- اهڙو سهانگو ڪريس، جو ري ناڻي وڪجي، ته هوند نهاريس به ڪونه.“ آفت جان جي اها تقرير ٻڌي خواص کي رحم آيو. تسلي جو ڪلام ڪيائين، ۽ اچي شهزادي جو سلام ڪيائين، ۽ وري هي ڪلام ڪيائين ته ”خدا وحده لاشريڪ تان هزار بار جان نثار آهي، جو ههڙي پري، نزاڪت ڀري تو تي ڇڪن ۽ چري آهي. هنن تنهنجي الفت جو دم ڀري، ننگ ناموس جو لحاظ نه ڪيو. آبروءَ تان هٿ ڌوتائين، جان قربان ڪيائين، ۽ تنهنجو مان مٿي ڪيائين؛ دوست، دشمن ڪيائين، تنهنجي خاطر- - هوءَ توکي پيار ڪري، دل سان گهري، تون جدائي ڪج ادائي ڪرين، اجايو تڪرار ۽ انڪار ڪرين! قسم آهي ڏاڍو سنگدل آهين، بيرحم آهين. پرستان اهڙو مڪان آهي، جنهن جو سير انسان ڇا، بلڪ ملڪ کي به ميسر نه آهي، پر تنهنجي قسمت آهي، زبردست، جنهن ههڙيءَپريءَ حسين مهجبين کي توڏي مائل ۽ محبت ۾ گهايل ڪيو. اصل هيئن آهي ته خدا تعاليٰ ڪنهن کي به محبت جي دام ۾ اسير ۽ دلگير نه ڪري، توکي لائق اهي ته جيسين جيئن، تيسين اهڙيءَ پريءَ جا هوند پير ڌوئي پئين. خد ا گواهه آهي ته حسينن جي پيشوا آهي، قسمت آزمائيءَ سان هٿ آئي اهي، تنهنجي عش رسائيءَ ڪري ترسائي آهي. ان کي رنج ڪرڻ لازم نه آهي. تنهنجي سر جو ��سم آهي ته اهو حسن جو غرور جوانيءَ جو پور، نشي جو زور، اکين جو سرور سدائين معمور نه آهي. جواني فاني، ان تي غرور ڪرڻ ناداني، آهي، زندگاني جاوداني نه آهي- هر ڪمال کي زوال آهي: سدائين نه خزان نه بهار، گل جي ڀر ۾ نوڪ خار آهي. جي ڳالهه هٿان ويئي ته پوءِ آزار آهي، جي پريءَ کي خبرپيئي ته هي ڪنهن ٻيءَ جو طلبگار ۽ عاشق زار آهي، جنهن جي برهه ۾ بيمار آهي، ته پوءِ لاچار بي اختيار ٿي گرفتار بلا نه ڪرائي، يا ڪو ٻيو اسرار نه جاڳائي آزار مچائي، جنهن کان زياده درد غم ۽ مزاج برهم درهم نه ٿئي ۽ وڌيڪ بي آرام ۽ بيقرارنه ٿئي، جو وري ڪنهن علاج جو احتجاج ڪڍڻو پوي. جيتوڻيڪ اها نصيحت سخت آهي، مگر مشڪل نه آهي، سهل آهي- پنهنجيءَ جان کي به خلل نه آهي ۽ ٻئي تي به ڪهل آهي. اها ڳالهه ازروءِ امانت جي چئي اٿم، اڳتي مالڪ مختيار آهيو.“ راحت جان اهو بيان ٻڌي امالڪ گهنڊ پائي، مهميز ڏيئي خواص کي چيو ته ” اي بيتميز، هڪ چرٻيءَ جي پُتِلي ناچيز کي حسين مهجبين کڻي بنايو اٿئي، اجايو مغز کڻي کپايو اٿئي. واه واه! اها به ڪا تميز آهي؟ حسن هر دلعزيز آهي، شناخت لاءِ باريڪ نظر ۽ جان قربان ڪرڻ لاءِ وڏو جگر گهرجي. عشق ۾ هزار طرح جو درد آهي؛ جو جان صدقو نه ڪري، سو نامرد آهي. محبت ۾ خوف، موت ۽ قوت جو ناهي. تنهنجي بيبي گمنام، مفت عشق کي بدنام ڪيو آهي، جيڪڏهن ان ۾ مري ته انجام بخير گذري، عشق جو دم ڀرڻ، ۽ معشوق تي ظلم ڪرڻ، ڪهڙي مذهب ۾ روا آهي؟ ٻڌاءِ! ڪوڙيءَ دعوا جي ڇا سزا آهي؟ محبت ۾ اهو دستور ناهي؛ خير، اوهان جو قصور ناهي.“ راحت جان اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏيئي، کائڻ پيئڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪيو. خاص ٻانهي شهزادي کان سِڌي ٻُڌي، خير سان کَٽي، پوئين پير هَٽي- ”آئي کُٽي، جهل ٻُٽي!“ آفت جان جي سر تي آفت ٽُٽي، نقد دل جو ويس هٿان ڇُٽي- اڳي وصال جسمانيءَ جي اميد هيس، هاڻي زباني ٻول چال جي به هلي ويس، درد مان دانهن ڪري هي غزل پڙهيائين؛ +غزل – +منظور روءِ يار ٿيو قران جي عوض، +جام شراب چشم ٿيو ايمان جي عوض، +دل ڇو فدا نه منهنجي ٿئي مرُگان جي تير تان، +سيني مان پار جو ٿيو پيڪان جي عوض. +دستور عشق آه نرالو جهان کان، +برسي ٿي باهه برهه جي باران جي عوض. +مشڪ نتار چين ڏئي ڪو، وٺان نه سا، +آءٌ، اُن جي تارِ زلف پريشان جي عوض +راحت جان جي بيپرواهيءَ کان، حالت تنهائيءَ جي ۾ ارمان کائي، وري هن طرح چيائين: ”اي دل، تون اصل ڏکن ڪاڻ ڄائي آهين، سورن لاءِ ساماڻي آهين، هاڻي ڪمبخت ناڪام، اها مصيبت صبح شام- تنهنجي قسمت جي نارسائي آهي!“ اها وائي وات، ۽ اُٿي ويٺي راحت جان جي تات هيس، وري روئي دل کي سمجهايائين ته ”اي دل، موت جو قدم مبارڪ هجي، جنهن کي مسيحا دم سمجهيهءِ، سو پاڻ بيمار آهي، جيئن کان بيزار آهي، پوءِ وصل جو ڪهڙو تڪرار آهي! هاڻي حياتي بيڪار آهي. مصرع: +جواب موت ڏنو، هاڻ ڇا علاج ڪجي. +حاصل ڪلام، آفت جان جو دستور هوندو هو ته ڏينهاڻي هار سينگار ڪري، ماءُ جي ملاقات لاءِ ويندي هئي. جنهن ڏينهن کان حضرت عشق جي بندگيءَ ۽ محرابِ ابروءَ ۾ گردن نمايائين، اُن ڏينهن کان ماءُ جي حاضريءَ ۽ مجري کي خيرباد ۽ سلام ڪيائين. خيال ُ يار جو امام ڪيائين. انهيءَ حالت کي ڪي ڏينهن گذري ويا، ماڻس هڪ ٻانهيءَ کان پڇيو ته ”توکي ڪا خبر آهي، آفت جان جو ڪهڙو حال آهي؟ رات ڏينهن دل کي فڪر دامنگير آهي.“ بانهي ته رازدار پرده دار هئي، تنهن هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”قصور معاف ٿئي- ٿورو طبيعت ۾ ڦير آهي، ٻيو سڀ خير آهي، هاڻ البت سڌير آهي. بندي اوهان جي قدم بوسيءَ ل��ءِ اڄ سڀان اچي حاضر ٿيندي.“ مهر جان علالت جي خبر ٻڌي ملالت ۾ آئي. مهر مادريءَ جي کان گهڙي به نه ترسي، آفت جان جي مڪان ڏي ڊوڙندي آئي. ڌيءُ جو حال ڏٺائين ته اُٿڻ ويهڻ کان ته بجاءِ خود، پر پاسو ورائڻ به محال آهي. پيار مان ڳراٽي پائي، ڇاتي ڇاتيءَ سان لائي، پڇيائينس ته ”جان من، ڪهڙو حال آهي؟“ آفت جان عرض ڪيو ته اما جان، ظاهر ته ڪا بيماري ڪا نه آهي، پر دل ٻڏيو وڃي. هٿ پير مڙيو وڃن، بي اختيار آهه جاري، ۽ بيقراري آهي.“ مهر جان اکين ۾ پاڻي آڻي، ڇاتيءَ سان لائي، پنهنجي محل ۾ وٺي آيس. علاج شروع ڪرايائينس. حڪيم حاذق نبض ڏسي نسخو لکيو. جيئن جيئن علاج ٿيو، تيئن مرض وڌيو- اڄ رتي، سڀاڻ ماسو، نئين نئين قسم جو تماشو، منهن زرد، حالت رد، دماغ ۽ هٿ پير سرد- نمونو ماليخوليا جو، ويهي روئڻ منهن تڪڻ ۽ اجايو بڪڻ لڳي- ۽ هي غزل پڙهڻ لڳي: +غزل – +سڄڻ جي ڄاڻان ها، مون ڏي آهي، +سندياءِ دل ۾، غبار سچ مچ، +ته خاڪ در جي، ٿي هوند گهاريان، +سدائين ٿي خاڪسار سچ مچ. +مثل پرڻ جي سنديم ٿي دلڙي، +فراق دلبر ۾ ويئي ڦٽجي، +نظر جي بڻڇي اسان جي دل کي، +ڪري ته ويئي شڪار سچ مچ. +هوُ زلفِ مُشڪين جي پيچ جو وٽ، +ڏئي ورائي جي منهنجي وٽ ۾، +ائين مان ڄاڻان ته آيو ٻک ۾، +غزال ملڪِ تتار سچ مچ. +وهيون جي بوندون سندم اکين مان، +ڪري قطارون هليون ڳلن تان، +اُهي ٿيا موتي صدف هَنجُن جا، +پيم ڳچيءَ ۾ ٿي هار سچ مچ. +شمع حسن تي پتنگ جيان جو، +پچي وڃي ٿو جوان جلدي، +ته ڄاڻي جانان جلائي جان کي، +اسان مٿان ٿيو نثار سچ مچ. +ٻڌايان ڪنهن کي چغل هزارين، +سوين ٿيا سانع، لکين فسادي، +جي آهيان ڪوڙو، کريوڪ کوٽو، +ته ڄاڻي سهڻو ٿو يار سچ مچ. +بچاءِ ”عاجز“ کي تنهن بلا کان، +جو زلفِ پيچان بُري بلا ٿيو، +ٻَڌي دلين کي ڏنگي هزارين، +مثال آهي سو سارُ سچ مچ. +هڪ ڏينهن ڪنهن حال محرم پڇيس ته ”صاحبه، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي، ذرو اکيون ته کول، ڪا ٻولي ته ٻول. معشوق جي جدائيءَ درد جي تنهائيءَ ۾، ناله فروشي درڪار، خاموش بيڪار آهي.“ آفتجان اکيون کوليون، ۽ جواب ڏنائين: +غزل – +نو گرفتاريءَ ۾ خانو عقل جو برباد آه، +هجر جانان ۾ سدائين لب مٿي فرياد آه. +عشق جو آزار سرتيون، ڪا نه ڪا مون کان پڇي، +سوز جو سامان هردم دل مٿي بيداد آه. +ٿو اچي جنهن ويل دل تي حال دلبر جو خيال، +مرغ دل جي لاءِ جيڏيون دام ۽ صياد آ. +رات ڪاري هجر واري ٿي تصور ۾ ڏسان، +خلق تي خنجر برهه جو سُر اُڀو جلاد آه. +ناه ڪو همدرد منهنجو، حال ڀائي يا رفيق، +مُحب منهنجي ماڙ ڪر، تو در مٿي فرياد آهي. +ٿيو غلط جي هيئن چوان ”ٿي منهنجي دل ويران آه“ +درد دلبر کان سدائين جا رهي آباد آه. +ويا نماڻيءَ کي ڇڏي ننڊ ۾ نهوڙي، ڏير ڏس، +تا ته هن ماتم کان ”عاجز“ ڪو نه ڪو آزاد آه. +”اي همدم حل محرم، زبان کي ڇا مجال آهي جو دل جو حال شرحوار اظهار ڪري. ظاهر آهي ته تون پرده دار رازدار آهين، رمز انهيءَ کان وقفڪار آهين؛ محبتجي ماريل، تير عشق جي گهايل ۽ انهيءَ درد جي ستايل کي ههڙي جيئڻ کان شرمندگي آهي، اها حضرت عشق جي بندگي آهي- بيمار عشق جي علاج کان حضرت مسيح به لاچار آهي. سچ چيو اٿن ته ”عاشق جو نصيب، ڪاتب ازل جي، عجيب ۽ انڌو پيدا ڪيو آهي، - ڀلائي ڪر ته برائي، چڱائي ڪر ته مدائي ٿئي- هڪ خواّص رحم ڪيو ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇٽي ويو، اما جان ڪرم ڪيو ته ديدار جي وندر ٽٽي، رهي سهي جان مُٺي، رات جو ننڊ ڦٽي ته ڏينهن جو بي آراميءَ جي چٽي. افسوس، اڳي جان بيقرار، يار جي ديدار کان سدا بهار ۽ گلزار هئي، اک رقيب جي شرمسار، دل داغدا�� هئي: هاڻي هي مشتاق ديدار، دور ڪنان گلچين رُخ دلدار، جدائيءَ جي درد کان غمناڪ، سوز فراق جي کان بيچاڪ، اهڙيءَ حياتيءَکان شرمناڪ آهي: بي جمال يار جي جيئڻ شاق آهي. ڪير آهي جو اما جان کي چئي، سمجهائي ۽ ٻڌائي ته هي درد لاعلاج دوا جو محتاج ڪين آهي، بلڪه اوهان جي غمخواريءَ ۽ تيمارداريءَ، بيمار کي وڌيڪ بيمار ڪيو آهي- ضعف ان جي کان اٿڻ ويهڻ لاچار ٿيو آهيل +درد منهنجي جو ڪٿي درمان آهي ڪو نه ڪو، +وڃ وري موٽي مسيحا، خوامخواه مون کي نه ڇيڙ! +بيت- +نينهن جي پهرئين نظر نابود ڪيو، +اک اڙڻ سان دل وئي، هي حال ٿيو! +”خير، ڪنهن کي غرض پيو آهي، ڪير چئي، ڪير سمجهائي، ڄاڻي واڻي پاڻ کي مصيبت ۽ آفت ۾ ڦاسائي، مفت آبرو وڃائي ۽ ڳالهائڻ کائي، جيڪڏهين آءٌ پاڻ منهن تان ادب ۽ حيا جو نقاب لاهي، بي حجاب ٿيان، ته بيشڪ عرض ڪريان ته +غزل – +وصل ڌاران ناه ڪو ٻيو درد وارن جو علاج، +آه ٿيو درڪار دل کي غمگسارن جو علاج. +تنهنجي درسن لاءِ دلبر آهيان اميدوار، +منهن پسائڻ مهربان، اميدوارن جو علاج. +ڏينهن جو جهوري جهڄڻ، ۽ رات ۾ ٿيان اشڪبار، +ٿيو روئڻ سُسڪڻ سدائين اشڪبارن جو علاج. +هجر ڌاران ناه مونس يا سندم ڪو غمگسار، +ٿي ويو بيڪار آهي، چاره ڪارن جو علاج. +رات ڏينهن منجهه هجر تنهنجي آه ”عاجز“ بيقرار، +بِرِ نه ٿي بَرَ ۾ اچي ڪر بيقرارن جو علاج. +”مريض، عشق جي تندرستي موت کان ابتر آهي. +ان جيئڻ کان موت گهڻو بهتر آهي: مُلي جي تعويذن پليتن کان بيماري نياري، اجل جي تياري آهي. جنهن کي اهڙي بي اختياري آهي، تنهن کي اوهان جي غمخواري بيڪار آهي. هتي مرڻ به دشوار، ته پوءِ جيئڻ لاءِ ڪهڙو تڪرار آهي، فقط يار جو ديدار درڪار، جنهن لاءِ دل طلبگار آهي. زبان تي آه فرياد، طبيعت ناشاد، عقل برباد آهي.“ +حاصل ڪلام آفت جان جي اها گفتگوهڪ پريءَ دشمن جان نالي ٻڌي، وتِي، سڌي اچي هٿ ٻڌي ماڻس کي ٻڌايائين، سارو مذڪور بيان ڪيائين ۽ چيائين ته ”حضورَ اوهين ته عقل شعور ۾ مشهور آهيو. قربان وڃان، ڪنهن جو ٿا علاج ڪريو! آفت جان ته ڪنهن خوشروءِ جوان، رمزدار گلعذار جي زلف پيچدار ۾ گرفتار آهي، ظاهر ڪرڻ کان شرمسار آهي. عرق باديان، شربت بنفشه، تخم ريحان هن کي ڪهڙو فائدو ڪندا! عتاب لب يا سبب زلخدان ان جي جياپي جو سبب ۽ سامان آهي. جيڪڏهين اها دوا ميسر آهي، ته پوءِ جان جو خطرو نه آهي ؛ باقي ٻيو اجايو فڪر آهي.“ مهر جان اهو ٻڌي، تپي مچ ٿي ويئي، چيائين ته ”سچ آهي، هن مردار، بدڪار مڙدن سان اک لڙائي، دل اڙائي- مون کي بدنام، پنهنجي آبروءَ کي سلام، بلڪ ساري خاندان ڇا ساري پرستان کي گمنام ڪيو. اڙي، آهي ڪا اهڙي، جا هن بلا کي ماري، اسان تان هيءَ آفت ٽاري: جيئري اهو سور ڪيئن سهان، اهو حال ڪنهن کي چوان.“ سڀئي پرستاريون، تابعداريون، فرمانبرداريون، ڳچيءَ ڳارو ڪري آزي نيازي ڪرڻ لڳيون- پيرن تي ڪري، عرض ڪرڻ لڳيون ته ”اي شھ پري، خداجي واسطي ايترو ڏمر نه ڪر، اهڙو قهر نه ڪر، غصو سرد ڪر- نئين جواني هوش کان بيگاني، عقل کان ديواني- حماقت جي نشاني آهي، اها عمر مستاني آهي. حضور معاف ڪريو، غصي کان دل صاف ڪريو، خيال ۽ انصاف ڪريو ته جڏهين اوهان جو اهو سن ۽ سال هو، تڏهن ڪهڙو حال هو.“ مهر جان مرڪيو، ۽ چيو ته ”خير اوهان جي سفارش قبول ڪيم، آفت جان تان درگذر ڪيم، مگر جنهن گمنام اسان کي بدنام ڪيو آهي، سو ڪٿي آهي ته اُن جو ڪم تمام ڪجي ۽ موت تي سندس انجام ڪجي.“ هڪڙي ڪارپرداز، فتنه ساز غمسار اُتي بيٺل هئي، تنهن چيو ته ”حضور، اُهو پر قصور، آفت جان جي باغ �� گلشن جي سير ۾ مشغول آهي. هلي ڏسي تسلي ڪريو.“ مهر جان ڏاڍي تُنديءَ مان باغ ۾ پهتي. پري کان نظر ڪيائين ته صحن چمن ۾ هڪ جوان سهڻو من موهڻو، حسين مهجبين، سانولي صورت، دل ڀانولي مورت، صانع قدرت خاص توجھ سان بنائي ۽ باغ فرحت افزا ۾ رکائِي آهي. حسن هر دلعزيز چوکي چيز آهي، هر ڪو ان جو عاشق باتميز آهي. مهرجان جيتوڻيڪ پير سال بيحال هئي، راحت جان جو جمال ڏسندي سان غشي جاري، ۽ بيهوشي طاري ٿيس. ويچاري اوچتو آفت ماري، جنهن لاءِ جلادُ ٿي هلي، اٽلو پاڻ کي صياد جي دام ۾ مبتلا ۽ گرفتار ڏٺائين. ڪلي قاعدو آهي ته معشوق جي اڳيان عقل خطا، هوش حواس جدا ٿيو وڃي.، گهڙي کن ته مهر جان حيرت جي ڪُنَ ۾ غوطا کائڻ لڳي. اوچتو دل ۾ خيال آيس ته متان ڇوڪريون ۽ سهيليون کلن ۽ ٺٺوليون نه ڪن، تنهن ڪري پاڻ سنڀالي ڪاوڙ جي ڏاڍي جوش مان چيائين ته ”هي مڙسالو اُهو آهي ڇا!“ هڪڙيءَ کلڻيءَ ترڪتال، جيءَ جي جنجال جهٽ پٽ چيو ته ”هائو، صدقي وڃان اهو آهي. ذرو ويجهڙو هلو ۽ ڏسو. پر بي ادبي ۽ قصور معاف ڪريو، حضور عرض ڪرڻ خلاف دستور ۽ ادب کان دور آهي. هي جوان بي نشان، حُسن ۾ نرالو آفت جو پرڪالو آهي-گويا عشق عاشقيءَ جو رسالو آهي. پوءِ وري ننڍي بيبيءَ تي ڪهڙو اوڀالو آهي؟ جنهن کي ان جو ديدار نصيب ٿيو، اُهو خدا جي مهربانيءَ سان خريدار طلبگار ٿيو، ۽ رقيب بنيو، حقيقت ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ به هن جي حُسن جو جهلڪو ڏسي، ته تاب نه جهلي جهڪو ٿئي. خير، هن آفت ۾ فقط آفت جان مبتلا آهي، پر هيءَ بلا ڪنهن ٻئي جي ڳچيءَ نه پوي ۽ ساري پرستان جو نقشو نه بگاڙي! اي بيبي، پيار جي نظر ڪنهن جي ڇپائڻ ۽ لڪائڻ جي نه آهي!“ مهر جان اهو پيچبازيءَ جو بيان زبان درازءَ کان ٻڌي، سُن کائي ويئي. دل ۾ چيائين ته جيڪڏهين سزا کان سواءِڇڏي ڏيان، ته ڇوڪريون کل ٽوڪ ۽ نوڪ چوڪ سان اڏائي ڇڏينديون: چونديون ته دل تي رحم کائي رحم ڪيائين- جنهن ڪم لاءِ آئي سو پاڻ غم کائي ماٺ ڪري ويهي رهي.“ اها ڳالهه ڳڻي، هڪڙي ديوَ کي حڪم ڪيائين ته ”جزيري سياه جي گهر تباه ۾، جتي ڪاثر قيدين جو زندان آهي، هنِن جوان کي کڻي انهيءَمڪان ۾ وڃي قيد ڪرينس ۽ محبت جو مزو چکائينس.“ هُن موذيءَ کي عاشق دلسوز تي ڪا ڪهل نه آئي- مثل بلبل جي، هِن برگ گل کي ٽاريءَ گل جي تان کڻي اڏاڻو، ۽ جزيري سياه ۾ نئي هُن سارو بدن سندس پنڊ پهڻ بنايو، ۽ اهڙيءَ طرح آخرمحبت هُن کي خاڪ ۾ ملايو. آفت جان اها خبر وحشت اثر ٻڌي حالت سَڪتي جي ۾ اچي ويئي: هٿ پير ٺري، ڏند مِڙي ويس- ڄڻ ته ساهه نڪري ويس. خواصين ٻانهين واءِ ويلا مچائي: ڪنهن زار زار رنو ته ڪنهن اوڇنگارون ڏيئي هار ڇنو، گل ڌار ڪيو، ڪنهن روئي، منهن ڌوئي چيوته ”واه واه، محبت جي بيماريءَ جي عمدي دواٿي، جو هڪ دم ۾ واٽ، فنا جي ورتائين ۽ راهي ملڪ بقا ٿي!“ الغرض، نزديڪ دُور ساري پرستان ۾هُل مشهور ٿي ويو ته آفت جان مري ويئي. ڪفن دفن جي تجويز ڪيائون، غسل ڏيئي ڪفن ڍڪايائون، جنازو سينگاريائون. مهرجان اها حالت ڏسي بيهوش مدهوش ٿي، آفت جان تي اچي ڪِري. ان جي ڪرڻ جي صدمي کان ڪَر موڙي هٿ پير چوريائين، ماڻهن جي روئڻ جي آواز تي ڪفن چاڪ ڪيائين، دل غمناڪ مان آه دردناڪ ڪڍيائين، ۽ هي شعر پڙهيائين: +بچاءِ محبت ۾ پروردگار، +انهيءَ ۾ جيئڻ جو عبث اعتبار +اها دشمنِ جانِ عُشاق آهه، +اها آفتِ جانِ مشتاق آهه. +سدا آهه اهڙيءَ ئي تدبير ۾، +ته ڦاسي ڪو زلف گره گير ۾. +مهر جان ڳراٽي پائي پيار ڪيس، مڙني سرتين سهيلين سمجهايس ۽ چيس ته ”اي آفت جان، اسين تنهنجون دشمن ته ڪين آيون، ازروءِ دلسوزيءَ جي چئون ٿيون ته محبت جو مزو حقيقت جو جُزو آهي، پر جيئڻ جو لطف نه آهي، ڇاڪاڻ ته حضرت عشق جي بندگي، بي لطف زندگي آهي: ٽڪر دل جوکائڻو، رت جگر جو پيئڻو آهي ۽ ريءَ کٽيءَ مرڻو آهي- ڪڏهين قيد ڪڏهين ماتم، ڪڏهين خوشي ڪڏهين غم آهي. تون بفضل خدا پرستان جي پري آهين، پوءِ آدمزاد سان ڪهڙي نسبت، انهيءَ محبت مان ڪهڙي لذت؟ فرهاد ويچاري عمر ساري عشق ۾ بربادڪئي، قيس جي دل ناشاد رهي، ڪنهن به مراد کي ڪين پهتا، انهيءَ ارمان ۾ مفت جان وين. ٻڌاءِ ته ڪهڙي فوقيت ۽ شان رهين، ڪهڙي جس جڙين؟ سياڻي ٿي، سمجهه، دل ويڳاڻي، چاڻي واڻي دردن هاڻِي نه ڪر- ڇو چنبي عشق جي ۾ گرفتار، جيئڻ کان بيزار ٿي آهين!“ آفت جان اهو ٻڌي جواب ڏنو ته ”ها افسوس، اوهان رڳو عشق جي عيبن جي ڪيفيت ٻڌائي آهي، مگر حيف آهي اوهان جي حال تي، جو محبت جي لذت جي حقيقت بيان ڪري نه سڻايو: پنهنجي مطلب جي ڳالهه ظاهر ۽ حقيقت تي پردو رڳو هٺ ڌرميءَ جي وائي، اصل ڳالهه لڪائِي يا ياد نه آئِي! فرهاد ۽ مجنونءَ کي هڪ پاسي رکو جو رڳو وصل جي آس ۽ اميد تي ئي پئي تڳيا، پر مون جهڙن سون هزارن انهيءَ واديءَ ۾ قدم رکيو آهي، محبت جو مزو چڱيو آهي. جن هِن کي حقيقت جو جزو ليکيو، انهن جي دلين ۾ ڪهڙي ڳالهه سمائي، جو هُنن خنجر نظرجي اڳيان گردن نمائي. تير عشق جو کائي، ڪمر جهڪائي، سري وڍائِي: ڪنهن کَل کَلائِي، ڪنهن بيشرم ته موچڙن جي زماني ۾ ماڻهو چريا، عقل کان کريا، بيگانا، خلق جي نظر ۾ ديوانا هئا، جن دليون شيدا ڪري، جانيون فدا ڪيون! جيتوڻيڪ ظاهر ۾ مري هڏ به ڳري ويا اٿن، ته به اڃا تائين انهن جو نالو دفتر عاشقن جي ۾ يادگار، قيامت تائين برقرار آه.“ ٻانهين پرستارين، خذمتگارين عرض ڪيو ته ”محبت ڪرڻ کان ڪا منع نه آهي، نڪي اُها بي نفع آهي- اُهو ڪير آهي، جو پر ناجنس ۽ غر ڪٽنب تي مرڻ۽ ڇڪن ٿيڻ، پنهنجي قوم کي بدنام ڪرڻ آهي. ٻيو ته انسان ضعيف البيان، ڪيئن پرستان ۾ جاءِ پائي؟ تنهنجو معشوق آدمزاد آهي، جيڪڏهين ڪو پريزادو هو ته ڪڏهوڪو شادي خانه آبادي ٿي وڃي ها. ڀلا خيال ته ڪر، انسان ڪشيف بندو گندو، مٽيءَ مان بنيل، پريزاد باهه لطيف مان خلقيل: پوءِ ان جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪهڙو نه مشڪل آهي! انسان کي پريءَ جو وصل اصل حاصل نه آهي، اهڙو مرتبو ان کي لاحاصل آهي- ڪير آهي جو اهڙي عمر جي بدنامي سر تي وِهائي، مصيبت جو مينهن وسائي؟“ آفت جان چيو ته ”اها منصفي خاص بي انصافي آهي، مون کي معافي ڏيو. ڏسو ته جنهن صورت ۾ خاڪيءَ کان ناري وڌيڪ مرتبي ۾ ويو، تڏهين ته نوري بيشڪ سڀني کان بهتر ۽ افضل چئبو. پر اها ڳالهه سراسر غلط، مرض شناسيءَ جو ابتڙ خلط آهي ؛ بلڪ بيان ڪوڙو بي نشان آهي: ڇا لاءِ ته جڏهين اُپائڻهار، حضرت آدم جو ظهور ڪرڻ منظور ڪيو، تڏهين فرمان جاري ٿيو ته آءُ زمين تي هڪڙو نائب پيدا ڪندس. نورين عرض ڪيو ته ”اُهو زمين تي فساد ڪندو، تنهنجي بندگيءَ لاءِ اسين دلشاد بامراد حاضر آهيون. سرڪار لا اُباليءَ جو حڪم صادر ٿيو ته اوهين بيخبر آهيو؛ انهيءَ اسرار کان آءُ باخبر آهيان! پوءِ حضرت آدم کي پنهنجي ڄاڻ وانگر صورت ڏيئي خلقيائين، ۽ کيس اشرف المخلوقات جي لقب سان نوازي، ڪُل عِلم جي عطا فرمايائين. هاڻي ٻڌايو ته ڪير فوقيت ۾ بهتر، ۽ برتر آهي: نوري، ناري يا خاڪي؟ بيشڪ حضرت انسان سڀ کان مرتبي ۾ برتر آهي، سڳورو ڪل مخلوقات ۾ حضرت انسان جو شان آهي. حضرت سليمان ڪير هو؟ ساري پرستان جو نبي ۽ ساري جهان جو سردار هو: اسين ته ڇا بلڪه دنيا جا سڀ جاندار خواه بيجان سندس تابع فرمان هئا. اوهين رڳو اجايو فخر، بيفائدو تڪبر ٿيون ڪريو. اي چريون، ڪڏهين ملائڪن به ڪنهن پريءَ يا پريزاد کي سجدو ڪيو، ڪڏهين ڪنهن پريءَ پريزاد ڪنهن انسان کي شيشي ۾ بند ڪيو؟ اسان جي قوم ۾ به ڪنهن جو ڪو محبوبيءَ جو خطاب خلقيندڙ بادشاهه وٽان بخشش ٿيو، ڪو پريزاد به رسالت ۽ معراج کان مشرف ٿيو؟ صباح لاڪر ڪَٻَرن وانگر اجائي ”ٽر ٽر“ کڻي مچائي اَٿَوَ. بيفائدو شيخيءَ جو دم: اهو ڪم به اُتم آهي ڇا؟ هاڻي، خدا جي واسطي بس ڪريو، منهن تان ٽرو، هتي دل بيوس آهي. درد کان وهلور، هوش کان معذور آهي، شراب محبت جي کان مخمور، نشي عشق جي ۾ چڪنا چور ۽ بيخوديءَ ۾ ڀرپور آهي، جيڪڏهين وڌيڪ چونديس ته مزاج درهم، ڏک کان برهم ٿيندو، ۽ اوهان کي يڪدم ڪاوڙ ايندي.“ پوءِ ويچاري آفت جان بلڪل ڏکياري ٿي هيءُ غزل سوز جگر جي کان دانهن ڪري پڙهيو: +غزل – +بخت اُلٽو ٿيو سندم، ويئي ڦري تقدير آهه، +عرش تائين ٿي رسي، پر آه بي تاثير آهه. +ڇو نه منهنجي جان دل جانب مٿان ٿيندي فدا، +آه، جو لائق پرستش ٿي سندس تصوير آهه. +ڪر تلاشِ يار ۾ صحرا نوردي اختيار، +دشتِ غربت عشق وارن جي اصل جاگير آهه. +مونسن مان اُنس نڪتو، ڪو به اُن جو غم نه آهه، +رنج ۾ همدرد منهنجِي نالهء شبگير آهه. +قتل ڪن، سنگسار ڪن، ته به سا سزا ڪافي نه آهه، +عشق جي دعويٰ ڪرڻ بيشڪ وڏي تقصير آهه. +ماٺ ۾ ماڻهو پون، حيران ٿئي ڪل ڪائنات، +با اثر تحرير پنهنجي، با اثر تقرير آهه. +ڪو مسيحا کي ٻڌائي درد فرقت جو علاج، +خاڪ ڪوچهء يار جي تاثير ۾ اڪثيرآهه. +عمر ”عاجز“ جي اچي ٿي آهه منزل جي قريب، +قرب واري ساڻ ڪا ٿي وصل جي تدبير آهه. +اِهو بيان درد ڀريو داستان ٻڌي، ننڍين توڻي وڏين،سرتين خواه خواصين، شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪيو، ماٺ ڪيائون، ڪي ڪين ڪڇيائون، مگر مهر جان غضب جي حالت ۾ ڀرجي چيو ته .هٿ جيڏي ڇوڪريءَ سڀني ننڍين توڻي وڏين جو وات کڻي منڊيو آهي. بي هراس، منهنجي آبروءَ جي پاس نه ڪيائين، بي وسواس، مڙني جي عزت ورتائين ۽ پنهنجي آبروءَ تان به هٿ ڌوتائين. واتراڌيءَ اهڙي زبان درازي ڪئي، جو پريءَ مان ڦري چري ٿي پيئي!“ مٿان وري ٻين ڏيڻين ٻرنديءَ تي تيل وڌو: چوڻ لڳيون ته ”ٻڙي هان! مائي، اهڙي ڪيائين وائي اجائي، جو پنهنجيءَ پرائيءَ جو به ڌيان نه ڪيائين!“ انهيءَ چوڻ تي مهر جان کي غصو ڀڙڪيو، ۽ ڪاوڙ زياده ٿي – ويچاريءَ آفتجان تي آفت آئي- اهڙو منتر پڙهيائين جو آفت جان جو هيٺيون ڌڙ پٿر ٿي پيو. حڪم ڪيائين ته ”هن ندوريءَ کي به زوريءَ کڻي، ساڳئي جزيري ۾ جتي سندس يار گرفتار آهي، ان جي ڪنار ۾ بند ڪريو، ته ڀلي سڄي عمر سر ٽڪرائي، محبت جو مزو پرائي.“ غرض، هڪ ديو خونخوار کي حڪم ٿيو، جنهن آفت جان کي کڻي جتي راحت جان پٿر جي بيجان تصوير بنيو پيو هو، اتي وڃي ڦٽو ڪري آيس. افسوس، هن جوڳڻ غم جي روڳڻ جو ڪهڙو احوال بيان ڪريان، وقت ڪاغذ قلم، لکندڙ هَٿ، پڙهندڙ اکيون ۽ ڄاڻندڙ دليون، هر هڪ پنهنجي قدر موجب آگاهه آهن؛ جنهن کي معلوميت نه آهي، اُهي گمراهه آهن. البت، انهيءَ ذلت جو جزو، انهيءَ عاقبت جو مزو، عاشق مزاجن کي ئي معلوم آهي. مفت ڪلام فضول آهي. والله اعلم. + + +داستان ڇهون +جان نثار جو هوش ۾ اچڻ، هڪ ديو جي مدد سان جزيري سياه ۾ پهچڻ، ۽ عاشق معشوق جو بند مان ڇٽڻ +شعر – +ڪٿي آهين اي ساقي ء خوش خصال +مٽايو سندم دل جو رنج و ملال، +نشو اوت سو بهرِ پرور دگار، +ته ممنونء احسان رهان زير بار. +چنبي غم جا گرفتار، وادي ء محبت جا جان نثار، طالب مطلوب جي آزاديءَ جي راهه هن نموني ٿا ڏيکارين ته جڏهين جان نثار دل افگار اُن واديءَ لاله زار ۾ (جتي آفت جان کيس پَرُ) هڻي، بيهوش ڪري، کڻي ويئي هئي) هوش ۾ آيو- هوڏانهن نهاريائين، شهزادو نه ڏٺائين، هڪُ هاءِ جو نعرو هنيائين، زار زار رنائين- فرياد داروگير ڪرڻ لڳو، چوڻ لڳو ته ”هاءِ، هاءِ، پنهنجي شهزاد ڪُٺل فراق جان جنان جي مشتاق کي ڪٿي ڳوليان! ڪنهن کان ڏس پڇان؟“ آسپاس نهاريائين: نه پير جو نشان نه ڳولڻ جو امڪان، لاچار بيوس ٿي سورن جو سامان، تنهائيءَ جو مڪان، ساڻ ڪري، ارمان کائيندو صدمي جو سور پيئندو، شهزادي جي درد جدائيءَ جو دونهون، منزل جو سونهون، ڪري هڪڙو هيڪلائيءَ جو خيال، ٻيو جدائيءَ جو ملال، ٻيئي سائي ساڻ- افتادو پيرين پيادو، ويچارو وزيرزادو، ڪَڙهندو مصيبت جو ستم سهندو، جانورن جي دهشت ۽ دل جي وحشت کان حزين، هڪ طرف توڪل برخدا چئي اُٿي هليو- ڪي ڏينهن هلندي، جهنگل بَر جهاڳيندي، هڪ رات ڪنهن جبل جي ماٿريءَ ۾ اچي ڊاٻو ڪيائين. ڪجهه جهنگلي ميوا کائي، پاڻي پي، رات ڪاڻ لاءِ مٿي ڪنهن ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ ويهي پنهنجي دوست جي تات ۾ ساري رات الله الله جل ّ الشانھَ ياد ڪيائين، سُبحّان اَلله جي تسبيح پڙهيائين. ساري رات بي آرام، ننڊ حرام، قريب پوئينءَ رات جي، هڪ آواز درد ناڪ ٻڌائين. خيال ڪيائين ته هي آواز ڪنهن بندي خدا جو آهي؛ متان ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا يا قيدَ مشقت ۾ گرفتار بلا هجي. سو ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو- باربار اهو آواز تڪرار ٿيو ته آهي ڪو خدا جو بندو، جو منهنجي حال تي رحم ڪري، منهنجي مدد ڪري!، جان نثار لاحول پڙهي، دل ۾ خيال ڪيو ته ويرانيءَ جو مڪان آهي، متان ان ۾ ڪو غُول بيابان آهي- اجايو رلائي. سو اهو خيال لاهي، ياد الاهيءَ ۾ مشغول رهيو. کِن گزرڻ بعد، وري ساڳيو آواز دردناڪ ٻڌائين. دل ۾ چيائين ته ”نه ڏسڻ کان هلي ڏسڻ بهتر آهي. متان ڪو ويچارو تڪليف جو ماريو، پڪاريندو هجي، ان جي مدد ڪرڻ سان مَنَ رب راضي ٿي، منهنجي مطلب برآري ڪري.“ اهو سوچي، ”ماشاءُ الله“ چئي، آواز جي توهه تي اُٿي روانو ٿيو: ڀلا هڪ اونداهي رات، ٻي راحت جان جي تات، ٽيون جبل جو پنڌ- واٽ کڙٻڙ ۽ گند، هڪ طرف غار ته ٻئي طرف وڻن جي قطار- ڪرندو جهرندو، اکيون ڦاڙيندو نهاريندو، ويجهو وڃي پهتو. سج به اچي اُڀريو، پري کان هڪ طرف سج جو چمڪو ٿيو، ته ٻئي طرف ڪجهه ڌمڪو ڏٺائين، جتان آواز پئي آيو. جان نثار ان ڏانهن وڌيو، ڏٺائين ته هڪ بلور جو گنبذ آهي، جنهن ۾ هڪ ديوُ بند آهي. ديوَ جان نثار کي ڏسندي، عاجزيءَ ۽ نيزاريءَ سان عرض ڪيو ته ”اي خدا جا بندا مون کي هن بند دل تنگ مان، واسطي پنهنجي پروردگار جي آزاد ڪر ۽ دلشاد ڪر!“ جان نٿار سمجهيو ته ”هن ۾ ڪو جن“ يا ديو خبيث ڪنهن ڪامل اڪمل، عمل جي زور سان بند ڪري ڇڏيو آهي، اگرچ نيڪي ڪرڻ ٻنهي جهانن جي سعادتمندي آهي، پر بڇڙن وٽ نيڪيءَ جو عيوض بدي آهي. ٻيو ته هي فرقو شيطان جو، اونڌي کوپڙي، دشمن انسان جو آهي، سو دشمن تي رحم ڪرڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي گردن تي ڇري ڦيرڻ آهي. سياڻا چوندا آهن ته ”موذيءَ کي ماريو ايذاءَ رسائڻ کان اڳ.“ جيڪڏهين خدانخواسته ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار ٿيان، جتان ڇٽڻ لاچار ۽ خلاصي بي اختيار ٿئي- انهيءَ حال ۾ هڪڙو شهزادي جي جدائيءَ جو ملال، ٻيو پنهنجي گرفتاريءَ جو رنج ۽ تنهائي جو خيال! خدا کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، ڪنهن به قسم جي پناهه ناهي- ڪير آهي جو اچي سختيءَ ۽ مصيبت کان ڇڏائي؟ اهو خيال پچائي، منهن مٽائي، پيرهٽائي، پنهنجي واٽ ورتائين، شيشي کي هٿ به نه لاتائين.- اوچتو آواز آيو: ”اي بندا خدا جا، هن مظلوم جي مدد ڪر، ڪو ڀلائيءَ جو پير ڀر، غريب نوازي ڪري خدا راضي ڪر، هن بازيءَ تي دل نوازي ڪر! اگرچ آءُ نامعلوم، تنهنجيءَ قوم مان نه آهيان، فقط هڪ واسطو خدا جو آهي، جي مون کي ڇڏي ويندين ته آءُ سڀاڻي دانهن ڪندس ۽ تون اتي جواب نه ڏيئي سگهندين، شرمندو ٿيندين، بخدا مون کي آزاد ڪر، ساري عمر احسانمند رهندس، جيئن چوندين تيئن ڪندس ۽ دل جان سان نوڪر وانگر ڪم ايندس.“ جان نثار اِهو ٻڌي چيو ته ”اوهين اصل کان اونڌي کوپڙي آهيو- مردم آزار آهيو. توهان جي ڳالهه ڪين پَري: اوهان جي قول اقرار ۽ فعل تي اعتبار نه آهي- اگرچ هن وقت عجز انڪسار آهي- مون کي تنهنجي ڪهڙي درڪار آهي! ضرور توکي ڪنهن ڪاملَ، مخلوق خدا کي ايذاءُ رسڻ کان بچائڻ لا، هن قيد ۾ گرفتار لاچار ڪيو هوندو.“ هُن ناشاد فرياد ڪئي ته ”اول منهنجي ڳالهه ٻڌ، حقيقت سمجهه، پوءِ جي توکي دلجاءِ ٿئي ۽ عقل تنهنجو راءِ ڏئي، ته مون کي آزاد ڪج، جي نه ته اِهو بيداد ته اصل منهنجي ڪمبختي، نصيب جي سختي آهي.“ جان نثار چيو ته ”ڀلا پنهنجو سچو احوال بيان ڪر!“ ديو هن ريت احوال شروع ڪيو ته ”آءُ پنهنجي قوم ۾ تمام رحمدل عام مشهور آهيان؛ ڪنهن تي به ڪا سختي ڏٺيم ته نفس جي هستي ڇڏي، يڪدم ان جي مدد ڪيم- بهرحال، ڪوتاهي نه ڪيم. اهڙي ئي قسم جي تقصير جي تعزير ۾ تقدير آڻي ڦاسايم. حقيقت جي ڳالهه هن طرح آهي ته هڪ پريزادآفت جان نالي، تنهن جو هي گنهگار خاص خذمتگار آهي. شهنشاهه بيپرواهُ- جنهن کي دولت حسن جي عطا فرمائي، دل ۾ سودا جو خيال رکائي آرزو پڄائي، ته جڏهين ڪو خريدار، مغز بيدار، پيدا ٿئي، دل شيدا ٿئي، ته جان فدا ڪجي. سچ آهي حسن خداداد مُيسر آهي ۽ خريدار آزاد حاضر نه آهي، ته پوءِ ان جو هئڻ نه هئڻ ٻيئي برابر آهن- ڀلا نياز ڪير ڪري، ۽ ناز ڪير کڻي؟ اصل ته هيئن آهي ته نه ”آر نِي“ چئجي نه لَن تَرانِي“ ٻڌجي، حسينن جي دماغ ۾ خلل پئجيووڃي، دل ڄُڪيو وڃي، وصل ڏي ڇڪيو وڃي. ڀلا جوڀن جو بهار، حسن جي سرڪار ۾ زلف پيچدار شڪار لاءِ تيار ٿيو، عشق جو رسالو هسوار ٿيو: هوڏي تير غمزي جو جو ڇٽو، هيڏي ڳلو ڦٽيو، سينو ٽٽو، جگر پاشپاش، راز فاش ٿيو. رفتي رفتي هڪ آدمزاد رشڪ شمشاد سان اک لڙي، دل اڙي، جدائي بي دستور آهي، تنهائي ڪنهن کي منظور نه آهي، ته وري رسوائي به ضرور آهي. دل بي اختيار، بيقرار ٿيس، لاچار ماءُ جي لڪ چوريءَ محلات ۾ آندائين، پنهنجي مڪان ۾ رکيائين. مگر عشق جي آتش، برهه جي باهه دٻائڻ ۽ خون کٿوري ڇپائڻ، سهل نه آهي، سخت مشڪل آهي. آخرڪار راز کلي پيو، ساز رُلي ويو، پريزاد جو هيٺيون ڌڙ پنڊ پهڻ، ۽ آدمزاد سڄو پهڻ ڪري، پريءَ جي ماءُ ٻنهي عاشق معشوقن کي جزيري سياه ۾ قيد ڪرايو، ۽ الفت جو مزو چکايو. هي بردو، نمڪ پروردو قَدِيم، پريءَ جي حالت سقيم ڏسي ڏاڍي غم ۾ اچي، رحم کائي، لِڪي ميوا تر خشڪ کڻي، پريءَ کي کارائي، پاڻي پياري ايندو هوس. هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي ته پريءَ ڏاڍي درد ۽ جوش خروش مان وڍيءَ دل سان هڪ آه سرد پُر درد ڪڍي. مون کان به ان جي بيقراري، اشڪباري ڏسي، بي اختيار دانهن درد ناڪ نڪري ويئي، جا چوڪيدارن مان ڪنهن سنگدل بيرحم جي ڪن تي پيئي. ان وڃي آفت جان جي ماءُ مهر جان، وٽ چغلي هنئين- جنهن جي نتيجي ۾، پاداش جي صورت ۾، نيڪيءَ جو هيءُ انجام قيد جي آلام ۾ ڏسي رهيو آهي. اڄ ورهين کان پوءِ تنهنجي صورت ڏسڻ ۾ آئي آهي. جيڪڏهين تون ڪو نيڪيءَ جو ننگ سڃاڻي، هن بيحال جي حال تي رحم ۽ ٻاجهه آڻي، آزاد ڪندين، ته خدا تعاليٰ توکي به دلشاد بامراد ڪندو. جي نه، ته اُو رحيم ڪريم ٻاجهارو سلطان، مُسبب الاسباب آهي، پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ نرالو، آخر ڪو حيلو حوالو، مون عاجز جو وسيلو پيدا ڪندو ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندو.“ جان نثار پنهنجي مطلب جي ڳالهه سمجهي چيو ته ”اُن آدمزاد جو نالو ڇا آهي؟“ ديو جواب ڏنو ته ”نالي ٻالي جي مون کي خبر ناهي، مگر پري جڏهين پنهنجي درد ۽ بخار کان دانهن ڪندي آهي ته ”راحت جان“ پڪاريندي آهي. خبر نه آهي ته پيار کان چوندي آهي، يا بي اختياريءَ کان.“ جان نثار اها گفتار ٻڌي، مثل گل نوهار جي کُلي پيو، درد غم ڀُلي ويو. ديو کي چيائين ته ”تون مون کي اوستائين پهچائي سگهندين.؟“ ديو چيو ته ”هڪ دم ۾.“ وري وزير زادي پڇيس ته ”ڀلا ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي دستور آزاد ٿين؟“ ديو چيو ته ”اها ڳالهه مشڪل نه آهي، مگر سهل آهي. آءُ گذريل رات درٻار باري تعاليٰ جي ۾ هميشھ وانگر آزيون نيزاريون ڪري رهيو هوس، مون کي ننڊ جو خمار ٿيو، خواب ۾ حضرت سليمان نمودار ٿيو، جنهن مون کي آزاد ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ۽ هن گنبذ جي مُهر تي ڪو اسم لکيائين، ۽ فرمايائين ته ”ڪو آدمزاد ايندو، اُهو هي اسم ياد ڪري پڙهندو ته مُهر ٽٽندي ۽ تون آزاد ٿيندين: تنهن کان سواءِ، اهو اسم مبارڪ ڪنهن به جادوءَ جي ٽوڙڻ لاءِ ڪتب ايندو، . “ جان نثار مُهر تي نظر ڪئي. اسم بلڪ صاف اڪريل ڏٺائين، پڙهي ياد ڪيائين، ديو کي فرمايائين ته ”اوهين اصل اونڌي کوپڙي آهيو ۽ انسان جا خاص ويري، سو جيڪڏهن تون حضرت سليمان جي انگشتريءَ جو قسم کڻي وفادريءَ ۽ فرمانبرداريءَ جو انجام ڪرين، ته توکي آزاد ڪريان.“ ديو قسم کڻي اقرار ڪيو. جان نثار اسم پڙهي دم ڪيو، جنهن اهو ڪم ڪيو، جو گُنبذ بلورين ٽُٽو، ديو ڇُٽو: جان نثار جي قدمن تي ڪري، عرض ڪيائين ته ”بندو فرمانبرداريءَ لاءِ حاضر آهي، جيڪو حڪم ڪريو ته بجاءِ آڻيان.“ جان نثار چيو ته ”ڪم خير جو آهي، فقط دل جي آرزو آهي ته جزيري سياه جو سير ڪريان، ۽ انهن ٻنهي عاشق معشوقن جو ديدار ڪريان.“ ديو گردن نمائي تيار ٿيو، جان نثار سوار ٿيو، ديو پرواز ڪيو ۽ ان دم جزيري سياه ۾ منزل انداز ٿيو. عرض ڪيائين ته ”اي محسن انسان، آءُ هت خذمت ۾ حاضر آهيان، هو سامهون برج زندان آهي، جتي ٻيئي عاشق معشوق گرفتار مصيبت آهن. منهنجو اڳتي هلڻ خطري کان خالي نه آهي: چوڪيدار مون کي يڪدم سڃاڻي وٺندا، هاءِ دُوس مچائيندا.“ جان نثار ديو کي اُتي ڇڏي، قدم وڌايو، برج ۾ داخل ٿيو- لڪي ڇپي نظر بچائي. زندان ڳولي لڌائين. آفت جان ڏٺو ۽ وزير زادي کي سڃاتو. جان نثار سلام ڪيو، وري هي ڪلام ڪيو ته ”سبحان الله، آفت جان جهڙي پري، حسن ۾ چهرِي، گفتگوءَ ۾ کَهري، جنهن جو دماغ چوٿين آسمان تي هو، سا ههڙي درد مصيبت ۾ پائمال آهي، نه اُهو جمال نه اُهو ڪمال آهي، بستري خاڪيءَ تي بيحال آهي! هاڻي ٻڌاءِ ته ڪهڙو حال آهي؟“ آفت جان ويچاريءَ وزير زادي جو هي ڪلام نافر انجام ٻڌو، بي اختياريءَ کان ڳوڙهن جي بوند جاري ٿيس. دل آزاريءَ کان هيءَ دانهن ڪيائين: +غزل __ +حاصل اهو ئي عشق جو آهي ٿيو مال، +يعني ته درد آه سريو هڪڙو لازوال. +نت نت نوان ٿا زخم رسن دل کي هاءِ هاءِ، +ڳولڻ سان جنهن جو ڪو نه ملي ٿو ڪو اندمال. +هڪڙو سهارو عشق جو مون کي نصيب هو، +افسوس آه سو به ويو ٿي ته پائمال. +ڪو ڪو نه منهنجو آه ٿيو همدرد ۽ رفيق، +ڪنهن کي ٻڌايان ڪنهن نه ڏٺو منهنجو خسته حال. +آهي خدا جي فضل ۾ ”عاجز“ اميد وار، +ڪڏهين ٿو يارو ٿئي اُميد جو نهال! +...... ۽ چيائينس ته ”ڪي ڪين پڇ، جيئڻ جنجال مرڻ وبال، آهي، نه ننگ جو خيال نه ناموس جو لحاظ آهي- صبر دل تي جبر آهي: حضرت دل ڪفر جي نالي کان منهن ڦيرايو ۽ پيرهٽايو ٿي، پر مذهب عشق ۾ اچي گردن نمايائين، ڪمر جهڪايائين، دامن گريبان کي دين ايمان تائين به نه ڇڏيائين، وحشت جو سامان ڏيکاريائين، نه ننگ ناموس جي پاس، نه جيئڻ جي آس، نه موت جو هراس آهي- تن عُرياني زندگيءَ جو خاصو لباس آهي: نه ڦاٽي نه ٽٽي، نه سبڻ جو احتياج نه رفوگر جو محتاج، نه ميرو ٿئي نه ڌوٻي ڌوئي ؛ خدا تعاليٰ جي عنايت سان هاڻ نه ڪنهن قسم جو خوف آهي، نه ضرر آهي.“ (وري راحت جان ڏانهن اشارو ڪري ”.... قسم آهي ته هي منهنجو صنم آهي..... پوءِ ڪهڙو غم آهي! حضرت عشق جي بدولت، آه زاري بيقراري ۽ اختر شماري آهي، ناله فروشي خانه بدوشي، غم کائڻ هنجون هارڻ، بيخوابي بيتابي، سڀڪي هيءَ دل سهسائي رهي، مگر افسوس، جو وصال يار جو اچي تائين نصيب ناهي. اسان جو اجهو هيءُ حال آهي، جو تنهنجي اڳيان حاضر آهي.“ جان نثار چيو ته ”استغفرالله! تون محبت مان ڇا ڄاڻين؟ الفت جو نالو وٺڻ سهل ناهي، مشڪل آهي. اِها اسان جي دل آهي جنهن ايترو تحمل ڪيو، سچ چئج، هٺ ڌرميءَ تي نه اچج، محبت ۾ صبر گهرجي يا جَبَر؟ ڀلا ٻڌاءِ ته معشوق تي ظلم ۽ جفا ڪڏهين ڪنهن روا رکيو آهي ! اِهو ڪهڙي مذهب ۾ درست آهي؟ باوجود ممانعت جي، راحت جان کي زبردستيءَ کڻي، مون کي حيران پريشان ڪيئه ۽پاڻ کي به بدنام ۽ شرمسار ڪيئه- جهڙي ڪيئه، تهڙي لوڙيئه، هاڻ ويٺي ڇاڻ ٻُهار، “ آفت جان وزيرزادي جو اِهو بيان ٻڌي، ٻڏي ويئي، روئي روئي بيهوش ٿي ويئي، جان نثار پٺي ڦيرائي، منهن ورائي، شهزادي تي اسم اعظم پڙهي دم ڪيو، ته ان دم پنهنجي اصل روپ ۾ آيو. جان نثار قدمن تي ڪري پيو. شهزادي ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لائي زار زار رُنو، وزيرزادي عرض ڪيو ته ”آقا، ڪهڙو حال آهي؟“ جواب ڏنائين ته ” وصل جي آس ۾ وصال ٿي چڪو. مگر افسوس جنهن جي دروازي جي جبين سائيءَ لاءِ شاهيءَ کي گدائيءَ سان ميٽيم، ان جي مڪان تائين اڃا رسائي، ميسر نه ٿيم، زماني جي گردش، رقيب بدنصيب جي دروازي جي خاڪ ڇاڻائي، عمر جي ڪمائي گنوائي: جنهن لاءِ تنهائي، ۽ ماءُ پيءُ جي جدائيءَ جو غم کائي، مصيبت وهائي، ڏک ڏولاوا ۽ سفر جا رولا سٺم ۽ جهنگ جبل جَر جهاڳيم، پر اڃا وصل ان جو حاصل نه ٿيم.“ +غزل- +صنم جي سوز ۾ حاصل نه ٿيم سوائي فراق، +مسيح ڪا نه ڪڏهين ڪا ڪئي دوائي فراق. +وهاءِ چشمي مان چشمن جي توڻي درياء ٿي، +وسامي باهه جگر جي نه، ٿو لڳائي فراق. +سندُ ءِ فراق نه ويندم قبر حشر تائين، +عجب نه آهي جو نڪري سدا صدائي فراق. +وصال کان اي صنم پنهنجي خوش ڪڏهين نه ڪئي، +غمِ فراق ۾ آهيان، آءٌ مبتلائي فراق. +جڏهانڪر آهي خدا ڪيو جهان کي پيدا، +فراق مون لئه پيدا ۽ آءٌ برائي فراق. +فراق، فرق ۾، هڪ الف جو ٿيڙو فرق ”عاجز“، +جڏهن ٿئي فرق دلين ۾، تڏهين ٿئي جائي فراق. +ائين چئي، اوڇنگارون ڏيئي زارو زار رنائين. وزير زادي پنهنجو حال هن طرح عرض ڪيو ته ”جنهن ڏينهن هيءُ ڪمبخت پري مون کي پَرُ هڻي، بيهوش ڪري، اوهان کي کڻي ويئي، صبح جو هوش آيم، اوهان کي نه ڏٺم، عجب ڪم بختي پيش آيم، ڏکيا ڏينهن گهاريم. آخر قسمت زبردست ٿي- بند ۾ بست، ديو دَست چڙهيم، اسم اعظم هٿ آيم،ان کي ڇڏايم،- جنهن جي مدد سان هتي پهتس ۽ برڪت اسم اعظم جي تنهنجو ديدار نصيب ٿيم، اکين جي روشني دل جو سرور رسيم. اهي سڀ سختيون هن آفتجان جي شامت کان ئي ڪاٽيم. جيڪڏهين اِها ڪم بخت، دل سخت، توکي چورائي کڻي نه وڃي ها، ته نڪي آءُ سختيون سهان ها، نڪي تنهنجي جان تي هيءُ آفت اچي ها. خير، جهڙي ڪيائين، تهڙي پيئي لوڙي. هاڻي خوشيءَ جو سامان آهي، هيءَ پري هاڻ ڏينهن ٻن جي مهمان آهي- اڄ نه مئي، ته سڀان مرندي.“ راحت جان اکين ۾ پاڻي آڻي، چيو ته ”شال خدا پناهه ۾ رکي، اِها ڳالهه بي دستور آهي- مروت کان دور ۽ مون کي نامنظور آهي. هن ويچاريءَڏکن جي ماريءَ جو ڪهڙو قصور آهي- محبت ۾ نيڪ بد جي تميز جو ڪهڙو ضرور آهي- دماغ ۾ خلل اچيو وڃي، دل وس کان بيوس ٿيو وڃي. آفت جان چڱي ڀلي جان ڏيئي، سودا پرائي ۽ جان فدا ڪئي. خيال ته ڪر، اسان به ته ڪنهن جي محبت ۾ گرفتار، بي اختيار، پيءُ ماءُکي لاچار روئندو ڇڏي، غمن ۾ گڏي، جهنگل بيابان، سورن جو سامان اختيار ڪيو. اسان کي به ته فقط وصل جي آس، دل ۾ اُداس آهي- آفت جان ويچاري محبت جي ماري به ته وصال جي اميد تي تڳي رهي آهي، سا به جيڪڏهن ٽٽي ويس، ته پوءِ اسان کي حضرت عشق جي درٻار کان ڪهڙي اميد رکڻ گهرجي؟ عاشقن تي نرمي ڪجي نه ڪي گرمي. فقط وصال جي اميد تي جيئڻ ۽ درد فراق جو صدمو سهڻ، انهن جو عين جيئڻ آهي: جيترو ٿي سگهي اوترو هنن جي دلجوئي ڪجي. جي خدا تعاليٰ نيڪيءَ جي همت نه ڏئي، ته بدي به نه ڪجي. اگرچ نازُ عين محبوبي شان آهي، مگر پنهنجي وقت شايان آهي- ڪرم جي وقت غمزو ستم ۾ داخل آهي، ان ۾ ڇا لطف اصل آهي. دلارام کي ايترو لحاظ ۽ خاطر پاس کپي، جو عاشق ڪُش مشهور نه ٿئي. +سبحان الله، اهڙا معشوق باوفا، دل جا صفا، خدا تعاليٰ پيدا ڪيا آهن، جو جفاڪاريءَ کان بيزاري ڪري، عاشقن جي غمخواري ڪن. البت، خوش قسمتيءَ کان چڱي نصيب وارن کي هٿ اچيو وڃن، جو جفا جي عيوض وفا ڪن، ۽ عاشقن جي همدرديءَ جو دم ڀرين.“ جان نثار شهزادي جو رايو معلوم ڪري، ان دم اسم اعظم پڙهي، آفتجان تي دم ڪيو، پري سحر جي گرفتاريءَ کان آزاد ٿي، هوش سنڀاليائين ۽ اکيون کوليائين، راحت جان کي مٿان بيٺل ڏٺائين، اُٿي سندس قدمن تي مٿو رکيائين. راحت جان کيس ٻنهي هٿن سان اٿاري، ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لاتو. اگرچ آفت جان جي دل درد ۽ غم ۽ وزيرزادي جي ڪيل ستم جي شڪايت سان ڀريل هئي، پر آب عنايت جي کان سڀئي مَحو ٿي ويس. فراق جي ذلت وصل جي لذت سان مٽجي ويئي. راحت جان دلاسو ڏيئي چيس ته ”آءٌ تنهنجو تابعدار آهيان، مگر ڪي ڏينهن صبر، دل تي جبر ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهين حياتي مستعار باقي آهي، ته يار اوطاقي آهي، نه ته موت ملاقي آهي.“ +حاصل ڪلام، پري اِها تقرير دل پذير ٻڌي، بهار جي گل وانگر ٽڙي پيئي، عرض ڪيائين ته ”اي شهزادا خاطر جمع ڪريو – تنهنجي محبوب جي ملائڻ جو اهتمام ۽ انهيءَ ڪم جو سرانجام منهنجي سر تي لازم آهي. اگرچ مذهب عشق جي ۾ رقيب بدنصيب جو غلام ٿيڻ عين ڪفر آهي- بلڪه سراسر شرڪ آهي- اگر زهر ۾ ترياق جو اثر به آهي ته پوءِ عمدي دوا آهي، کائڻ روا آهي- جيڪڏهن وصل جو وسيلو آهي، ته اِهو مسئلو جائز رکڻ به هڪڙو حيلو آهي.“ شهزادي فرمايو، ”اي ديواني، عقل کان بيگاني، اِها ڪهڙي ناداني آهي! دل ۾ ته خيال ڪر، سمجهي ڳالهه ڪر! محبوب جو محبوب ته عين محبوب آهي! ڪيڏانهن حبيب آئينه رخسار گلعذار، ۽ ڪيڏانهن رقيب بي نصيب مردار جفاڪار!“ آفت جان عرض ڪيو ته ”اي جان، بدگمان نه ٿي، جو تنهنجو پيارو آهي، منهنجي اکين جو تارو آهي. تقصير معاف دل صاف ڪريو، اِها ڳالهه يادگار هجي ته هڪ طرف عاشقن جو هزار هجي، ڏٺي کان پوءِ ضرور هر ڪو رقيب بنجي وڃي، پر هتي ته جان نثاريءَ جو تڪرار آهي، سو ٻيو حيلو حوالو بيڪار آهي.“ جان نثار چيو ته ”جيڪڏهن رقيب نه، ته به پهاج ته ضرور هوندي، سؤت ته هر طرح جو موت، جيءُ جو جنجال آهي، سر تي وڏو وبال آهي.“ پريءَ مرڪ�� چيو ته ”خير، ڪي به هجي ۽ جيڪي هجي، سو ٿيڻ ڏي، وصل ۾ وصال نه آهي: فراق ۾ زبون ٿيڻ، پنهنجو خون ڪرڻ، ملڪ الموت تي خواه مخواه الزام رکڻ آهي، غم ِ مفارقت کي مفت بدنام ڪرڻ آهي. جدائيءَ جي سهڻ جي طاقت ۽ دوست جي مفارقت تمام سخت آهي، نه ته هڪ ساعت ۾ تماشو عشق جو مزو ڏسي رهجي.“ ائين چئي آسمان ڏي نظر ڪيائين. تخت هوادار اچي حاضر ٿيو. سڀئي سوار ٿي آفت جان جي محل ۾ اچي لٿا. انهيءَ ديو کي انعام اڪرام ڏيئي ساڳئي، عهدي تي ممتاز ڪيائين. آفتجان شهزادي ۽ وزيرزادي کي آسودو آرامي ڪري، سڌي ماءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿي. هت ٻڌي عرض ڪيائين ته ”اما جان، هيءَ پرستار قصوروار، ۽ هو آدمزاد حضور جو گنهگار به حاضر آهي- هڪڙو عجيب غريب معاملو گذريو، جنهن جو ٻڌڻ حيرت جو مقام آهي، اڄ تمام ڏاڍي غم ۽ الم کان بيقراريءَ ۽ درد جدائيءَ بَلَم جي انتظاريءَ کان حالت غشي ۽ بيهوشي طاري ٿيم، روئندي روئندي ننڊ کڻي ويم، هڪ عجيب خواب نظر آيم: گويا حضرت سليمان زندان خالي ۾ تشريف فرمائي. مون سلام ڪيو ۽ پيشاني عبوديت لاءِ نمائي. پاڻ هن طرح مخاطب ٿي ڪلام ڪيائون ته ”افسوس جو هيءَ قوم آتش مزاج، اڄ تائين شرارت کان باز نه آئي آهي، ظلم ۽ ستم کان بس نه ڪئي اٿس، جو ههڙي ماه پاره انسان کي بيگناهه بند ڪري، اسان کي نهايت درد مند ڪيو اٿس. مون هٿ ادب مان ٻڌي عرض ڪيو ته ”حضور اهو قصور مهر جان جو ڪين آهي. اسين اڄ تائين امور شرعي ۽ دين جي پابنديءَ ۾ معمور آهيون، هي فقط منهنجي قصور جو بار آهي، جو هي بيگناهه ان ۾ گرفتار آهي- آءٌ اڃا به وڌيڪ پنهنجي ڪردار جي سزا جي سزاوار آهيان- حضرت عشق عقل جو آباد خانو برباد ۽ ويرانو ڪيو. دين ۽ دنيا ۾ ناشاد ۽ بيگانو ڪيو ۽ پاڻ بيگانو ٿيو.“ فرمايائون ته حضرت عشق جي مذمت گناهه آهي، محبت مقبول درگاهه باري آهي- قلب مومن لاءِ ڦاهي آهي- ان جي گدائي شاهيءَ کان بهتر آهي، هاڻي، ٻيو فڪر نه ڪر، اهو شهزادو اسان توکي بخشيو. ائين چئي، هٿ پنهنجو شهزادي جي جسم تي ڦيرايائون، منهنجي مٿي تي هٿ رکيائون. راحت جان کي زنده سلامت ۽ پاڻ کي آجو علالت کان ڏسندي، منهنجي اک کلي پيئي. جان ڏسان ته نه اُهو زندان آهي، نه انهيءَ مڪان جو ڪو نشان آهي- حضرت عشق جي مدد ٿي، ڪل بلا رد ٿي. پنهنجي ۽ شهزادي جي اصلي صورت ڏسي، گهڻي خوشي ٿيم، شڪر جو سجدو ادا ڪيم، سڌو تنهنجي خذمت ۾ هلي اچان- هاڻي جيڪو حڪم هجي، سو بجاءِ آڻيان.“ مهرجان اگرچ انهيءَ بيان جي ٻڌڻ کان وهلور هئي، مگر مهر مادريءَ جي کان مجبور هئي، ٻيو چوڻي آهي ته ”عورت ناقص العقل آهي.“ آفت جان جي دم ۾ اچي ويئي، ڌيءُ کي ڀاڪر پائي زور و زار رنائين، ۽ چيائين ته ”هيءَ ته نصيب جي بازي آهي، جو اسان تي نبي سڳورو راضي ٿي رحم فرمائي، ۽ توکي غم کان ڇڏائي، اهڙو شهزادو سهڻو من موهڻو ملائي... ته ڪير آهي جو ان جي حڪم کان سر کينچي ۽ انڪار ڪري پاڻ کي غضب ۾ گرفتار ڪري؟“ ائين چئي، پرين کي حڪم ڪيائين ته ”شاديءَ جو ڪل سامان موجود ۽ تيار ڪريو!“ آفت جان چيو ته ”اهو ڪم بلفعل مهل رهي- شهزادي کي ڪو مشڪل مهم درپيش آهي.“ ائين چئي، موٽي پنهنجي محل ۾ آئي، ۽ نئين سر محل ۽ مجلس سينگريائين- دور شراب جو هليو، عيش عشرت جو هُل هُليو، ڪو نشي جي خمار ۾ مخمور، ڪو شوق ديدار جي کان مسرور، ڪو شوخيءَ ۾ معمور، ته ڪو پنهنجي بت کان وهلور. راحت جان عشق جي نشي ۾ سرمست، ته آفتجان شوق ديدار کان نيم مست- ساري محفل شراب محبت جي کان المست. انهيءَ پور ۾ پريءَ حجاب جو پردو دور ڪري، راحت جان کي عرض ڪيو ته ”اي دلنواز، سراپا ناز، مهرباني ڪري پنهنجي هٿ پرستار کي دل جي راز کان سرفراز ڪريو. هاڻي هيءَ بي اختيار واعدي بجا آڻڻ لا تيار آهي، مگر جو قول ۽ اقرار آهي، سو برقرار ۽ يادگار رهي، جو هن ناشاد بي مراد جي دل شاد ۽ بامراد رهي. “ راحت جان پنهنجي عشق جو قصو، آرام جان کي خواب ۾ ڏسي عاشق ٿيڻ ۽ جان نثار جو پتو ڳولي ڪڍڻ حرف بحرف بيان ڪري ٻڌايو، ۽ چيائين ته ”بغير وصال جانان جي حياتي محال جيئڻ جنجال آهي.“ آفت جان اهو بيان ٻڌي، جوٽ تي هٿ هڻي چيو ته ”اي شهزادا، جنهن جو تون عاشق زار ۽ طلبگار آهين، ڏاڍي شوخ ستمگار پري رخسار، غضب جي صورت، حسن جي مورت، ڏاڍي مغرور آهي. ڪيئي بادشاهه ۽ شهزادا ان جي واديءَ طلب جي ۾ قدم رکي ڳري مري ويا، ۽ فراق ۾ سڙي ويا، پر ڪنهن ڏانهن اک کڻي به نظر نه ڪيائين. اگرچ جان ڏيڻ آسان ڪين آهي، پر باوجود انهيءَ جي ڪنهن جو فقط ارمان به ڪين ڪيائين، ان جو هٿ اچڻ سهل نه آهي، مشڪل سخت آهي. پر جي خدا تعاليٰ جو فضل شامل حال آهي، ته محبوب جو وصال ميسر بهرحال آهي- يار درڪنار، درد برڪنار آهي. اگرچ دلارام جو رام ڪرڻ محال ۽ دشوار آهي، جي ڪنهن به تدبير سان دام تزوير ان جي گردن ۾ پيو، ته اوهان ۽ منهنجي خوش قسمتي فيروز بختي آهي.“ ائين چئي، ديون کي حڪم ڪيائين ته ”جنهن سر زمين تي آءُ چاندني رات ۾ هوادار تخت تي سير ڪندي آهيان، انهيءَ هنڌ تي هڪ محل عالشان ۽ باغ فردوس نشان، نهايت دلڪش، بلڪل جلد تيار ٿئي- خزانو خواه جواهرات، جيڪي به درڪار ٿئي، سو سڀ اسان جي خزاني مان ورتو وڃي.“ حڪم ٻڌندي، ديو ٻن ٽن ڏينهن ۾ شاهي محل، عجب جوڙ ۽ جنسار، عمدي نقش نگار سان سينگاري، باغ وڻن ميويدار جو ۽ چمن سهڻي اطوار سان تيار ڪري اچي حاضر ٿيا. اُن دم آفت جان شهزادي راحت جان ۽ وزير زادي جان نثار کي ساڻ ڪري، باغ بهشت برين ۽ محل خوش ترين ۾ آندو، ۽ منجهس هر طرح جو عيش عشرت جو سامان موجود ڪيو. اهڙي دستور شهزادي ۽ وزير زادي جي وندر جو سڀ بندوبست ڪري، پاڻ آرام جان لاءِ جان جنان ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪيائين. + +داستان ستون +وصل جي دلداري، آفت جان جي تياري، جان جنان ۾ پهچڻ، آرام جان کي رام ڪرڻ، گفتگوءِ دوبدوء +شعر- +ڪٿي آهين اي ساقي برق دم، +تپش ٿي وڌي دل سندي دم بدم، +مگر شڪل ڏيکار او دلستان، +ڏيان رونمائيءَ ۾ آرام جان. +اڃايل شربت ديدار جا، فراقيل وصل دلدار جا، فرقت کان بيزار ٿي، ڪنوار مطلب جي کي، بصد زيب و زينت، ڏوليءَ بيان جي ۾، هن طرح سوار ٿا ڪن ته آفت جان بطمع وصال حبيب، گهٽيءَ رقيب جي ۾ عجيب فريب بازي ۽ نئين نيرنگ سازي هن طرح پکيڙي، جي لباس معشوقي لاٿائين، ويس فقيري ڍڪيائين، گيڙوئين ڪُڙتي پاتائين، ڪارا ڪيس مثل ڪاري نانگ جي ڪلهن تي ۽ زلفن کي پيچ و تاب ڏيئي، عاشقن کي ونگ وجهڻ لاءِ، ڏاڍي ناز انداز سان رخسارن تي ڇوڙيائين. گويا نئين شڪار جي گرفتاريءَ لاءِ ڦاهيءَ جو حلقو بنايائين- ڪفني ۽ سيلي ڳچيءَ ۾، بين ۽ سمرنِي بغل ۾، بيراڳن هٿ ۾، ”يانبي يا عَلي، مدد“ الک اُچاري، تمام نياز ۽ گهڻي ناز انداز سان، شهزادي جي سامهون حاضر ٿي، حق موجود، جو نعرو هنيائين. ڪاريگر جي بگڙيل چٽ ۽ نقش کي نئون نمونو سمجهيو ويندو آهي، مگر حسينن جي بگڙڻ ۾ ته هڪ قسم جو اداءُ ۽ ناز محبوبي، حسن جو دلفريب بتاءُ يا نظارو نظر ايندو آهي. راحت جان ڏسندي ئي محويت ۾ اچي ويو، ٻانهن ورائي، ڳراٽي پيار سان پائي، رخصت ڪيائينس. آفت جان شهزادي جي جدائيءَ ۾ جهرندي، سڪ ۾ سڙندي مرندي، ڪوچه گردي ۽ صحرانوردي اختيار ڪئي. قريب شام جي هوءَ آرام جان ج�� باغ ۾ پهتي، شهزاديءَ آرام جان جو هميشه جو دستور هوندو هو، جو سج لهڻ کان ٿورو اڳ شام جو باغ جي سير لاءِ، پنهنجين خواصين ۽ سهيلين سرتين سان تخت تي سوار ٿي، گلشن جي گلچينيءَ سان دل وندرائيندي ۽ طبيعت بهلائيندي هئي. اُن ڏينهن به دستور موجب، شام جوڏاڍي شان ۽ تجمل سان سواريءَ جو اهتمام، ڌام ڌوم سان محل مان نمودار ٿيو: اڳيان حبشڻيون مسلح رڪابدار، ڪلهي تي ترار جوهردار، انهن جي پٺ ۾ خواصيون خوبصورت ڪمر ۾ خنجر ۽ ڪٽار، عاشقن جي قتل لاءِ سرگرم تيار، البيلي چال، مستيءَ جي حال- پرستاريون، ٻانهيون بي حجاب، شباب جنگجو اسباب..... ، عقل کي جواب، پوئتان خواجه سرا سونين روپين عصائن سان، سرتيون سهيليون چوڌاري جهرمٽ ۾ جيئن تارن ۾ چنڊ- کل چرچا ڪنديون، هڪ ٻئي تان ٺٺوليون ڪنديون، گل هڻنديون، غزل رندي پڙهنديون، ناز ادا سان ٽلنديون کلنديون- جوانيءَ جو پور، شراب حسن ۾ ڀرپور، نشي عشق جي ۾ چڪناچور، خوشيءَ جو سامان جنهن کي ڏسي انسان، ته عقل ٿئيس، حيران، هوش پريشان: خواجه سرا اُجرا، ايراني، داغستاني، حبشي اوقيانوسي- رنگ آبنوسي، قبا زربفتي ڪلهن تي، مٿي تي شملو، دستار ڪاري مرمرين، ۽ ماڪوڙن جهڙا وار، هٿ ۾ عصا زرين، ڪمر ۾ خنجر خمدار، قطار در قطار: تخت تي هڪ نازنين هسوار، لباس سارو جوهر جنسار، ڳهڻا من موهڻا جزادار، زلف ڪاڪل خمدار، شمع رخسار- بدر منير حسن ۾ بي نظير، چشم نيم مست ۾ ڪجل جي لڪير، پتلي ڪمر لچڪيدار، سيني تي اُڀار مثل انار، صنم جي وصف ڇا بيان ڪندو خاڪسار! صائع جي صنعت، ڪرد گار جي قدرت، اهڙي تصوير ڪئي تيار! آفت جان باغ ۾ قدم رکڻ سان هي سواريءَ جو شان ۽ حسن جو سامان ڏسي، وڻ جي اوٽ ۾ گلاب جي تلاءَ جيڪپ تي، لڪي ويهي تماشو ڏسڻ لڳي، جلوس هلندو، هڪ هنڌ حوض جي نزديڪ ترسيو. ٻه خواصيون پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ ڪوزا کڻي گلاب جي حوض تي آيون: هڪڙيءَ ويچاريءَ جيئن ڪوزو ڀريو، تيئن سندس نظر پاڻيءَ ۾ ڪنهن پاڇي تي پيئي، جنهن جي ڌمڪ اوچتو ڏسڻ شرط ويچاري پاڻ سنڀالي نه سگهي. پوڙيءَ تي ئي پئجي رهي. غش ٿي ويئي.... ٻيءَ گهڻي ئي ان کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر بي سود. ويچاريءَ ڊوڙندي اچي ٻين کي ٻڌايو، سڄي عملي ۾ چرپر پئجي ويئي. هراس ڇانئجي ويو. ٻه حبشڻيون، ٻه خواجه سرا ۽ ٻه ٻانهيون گڏجي ويچاريءَ ڏندڻيل کي کڻي آيا- ڪا ڇنڊا بيد مشڪ گلاب جا هڻڻ لڳي، ڪنهن لخلخو سنگهايو- آخر مس مس ڪري هن کي هوش آيو. ڪا چوڻ لڳي، ”ٻڙي تو سان خيرته آهي!“ ڪنهن چيو ته ”تنهنجو ترڪيو پير آهي.“ ڪا چوڻ لڳي ته ”نه ڙي نه، هي به هڪڙو فند آهي، مڪر جو ڇنڊ آهي.“ شهزاديءَ اِهاچائون چائون ٻڌي چيو ته ”هي ڪهڙو گوڙ آهي، ڇا جو شور آهي؟“ ٻانهين عرض ڪيو ته ”حضور، هڪ ٻانهي حوض تان ڪوزو ڀرڻ ويئي، سا بيهوشيءَ جي حالت ۾ آندي اٿئون. هاڻي هوش ۾ آئي آهي، جنهن ڪري هي چوٻول متو آهي.“ حڪم ٿيو ته ”حاضر ڪريوس!“ ٻانهيءَ کي حاضر ڪيائون، ويچاري ڏڪي رهي هئي. شهزايءَ پڇيس ته ”خير ته آهي! اهڙو ڪير آهي، جنهن اسان جي رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي!“ ٻانهي ويچاري هڪ اڳيئي مصيبت جي ماري، ٻيو هي حڪم جاري، سو هيڪاري ويس مت مارجي. فقط حوض ڏانهن اشارو ڪيائين، ۽ اکيون پوريائين. سڀني اوڏانهن نهاريو- اوچتو هڪ پرستار، ڪجرفتار جي نظر آفت جان تي پئجي ويئي. پريءَ جو حسن جمال باڪمال ڏسي، حيرت ۾ اچي، ٻن کي اشاري ڪنابي سان ٻڌايائين. هڪڙيءَ چيو ته ”ٻڙي، ڏسو ته هي جوان ڪير آهي! فقيري صورت ۾ جن آهي يا بشر، يا محبوبن جو افسر آهي.“ ٻيءَ چيو ته ”نه ڙي نه، ماه ڪنعاني، يوسف ثاني آهي!“ ڪنهن چيو ته ”ديواني، عقل کان بيگاني آهين، ماه منير صورت ۾ بي نظير آهي،سرو آزاد ياپرستان جو پريزاد آهي ؛ پاسو ڪريو، سواري ڦيريو، خدا ڄاڻي ته ڪهڙو اسرار آهي- ڏسو متان ساريءَ عمر جو سوز نه وِهايو!“ ائين چئي، هوادار جو پڙدو لاٿائون، سواري هٽايائون. آرام جان پڇيو ته ”خير ته آهي! سواري روڪيندڙ ڪير آهي؟“ هڪ خاص ٻانهيءَ آفت جان جي طرف اشارو ڪري، چيو ته ”هڪ مرد اجنبي آهي، ڏسڻ ۾ فقير آهي، چهري مان دماغ شاهي عيان آهي. خدا گواه آهي ته محبوبن جو بادشاهه آهي.“ آرام جان ڏسي، بيڪ نگاهه بي آرام ٿي، عجب حالت بيقراريءَ جي ۾ اچي وري پاڻ سنڀالي حڪم ڪيو ته ”احوال پڇو!“ هڪڙو خواجه سرا آفت جان جي نزديڪ ويو، سلام ڪيائين، احوال پڇيائين ۽ هن طرح ڪلام ڪيائين ته ”سائين، هي باغ خاص اسان جي شهزاديءَ جي تفريح گاهه آهي- هتي هوا کائڻ لاءِ تشريف فرمائيندي آهي، سواءِ ماديءَ جي نر کي مجال نه آهي جو اندر قدم رکي سگهي، نا محرم جو گذر محال آهي، هن باغ ۾ مرد جو گذر نه آهي- اڄ تائين بلبل کي به خبر نه آهي. هن گيڙوئين ويس سان فقيري بانا ڳچيءَ ۾ ڳانا ٻڌي، گوشي خلوت ۾ ويهي حقيقت جو سير ڪرڻ سڀ کان اُتم آهي، خدا تعاليٰ جو خوف ڪرڻ ۽ ممنوعات کان پرهيز ڪرڻ، نفس جي شوخ گهوڙي کي مهميز ڏيڻ، ڪاملن جو ڪم آهي، گهوڙي نفس جي کي ڇڙواڳ ڇڏڻ، ۽ پرائيءَ ڌيءَ ڀيڻ کي برائيءَ سان نظرڻ ۽ دنيائي حرص هوس ۾ پوڻ، اهو فقيرن جو ڪم ناهي: تنهنجي سر جو قسم آهي، مون چيو سچ آهي.“ آفت جان وڏي سر جواب ڏنو ته ”اي ٻڍا پيرسن، پُرفن، پهريائين تون ٻڌاءِ ته عورت آهين يا مرد! جيڪڏهين عورت آهين ته ظاهر آهي ته هن رمز کان ماهر نه آهين، جيڪڏهين مرد آهين ته تڏهين عشق کان بيخبر دل سرد آهين، ۽ ڪڏهين اُن گهٽيءَ ۾ گذرنه ٿيو اٿئي، تنهن لاءِ بي اثر آهين، جيڪڏهين خُنثي آهين ته پوءِ صاف معاف آهين- (1)جاويد * يا امان (2) آهين، محبوب (3) ته نه آهين، نه عاشق نه طالب نه مطلوب، ته پوءِ محجوب آهين نه محبوب. اي نادان! امير توڻي فقير، جنهن کي خداوند تعاليٰ طاقت ڏسڻ جي عطا فرمائي آهي، سو بيشڪ ان جي جلوي جي ڏسڻ جو لائق ۽ فائق آهي، هر طرح شائق آهي، هر وقت ان جي قدرت تان قربان آهي- اهو ڪبريائي شان آهي ؛ منهن جي دماغ ۾سوداءُ ناهي، رڳو خشڪ دماغ ڪين آهيان جو معشوقن جي ديدار کان منهن موڙيان ۽ ڏسڻيون واسڻيون پنهنجون اکيون ڦوڙيان: جنهن جي دل ۾ درد ناهي، سو عورت ۽ مرد ناهي، بلڪه دل سرد نامرد آهي- ان جي جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي، بي درد ، آدميت جو شان ناهي، جنهن کي عشق نه آهي سو انسان ناهي. +بيت- +بي عشق آدميءَ جو جيئڻ شان ڪين آهه، +جنهن کي نه هوءِ عشق، سو انسان ڪين آهي. +”.... سچ پڇين ته حسينن جي ديدار کان منع ناهي، البت سهڻي صورت ملوڪ مورت جو لڪائڻ بهتر ڪين آهي. +بيت- +نازنينو! منهن لڪائڻ ٿيو گناهه، +سهڻي صورت جو ڇپائڻ ٿيو گناهه. +”........ افسوس، حسن جو جهلڪو، جو ڀن جو چٽڪو چار ڏينهن مهمان آهي، اِهو آدميءَ جي آزمائش جو نشان آهي، جواني فاني آهي، ان تي غرور ڪرڻ ناداني آهي، بلڪه حماقت جي نشاني آهي: جنهن مهل حسن هٽيو ۽ چهري جو رنگ مٽيو، منهن ۾ گهنج پيا، شباهت ڦري، ته پوءِ منهن لڪائڻ جي حاجت نه رهي. پوءِ جيڪو ڏسندو، سو پاڻهي منهن لڪائيندو، پاسو ڪندو، پري کان سلام ڪندو ۽ هي ڪلام ڪندو: +بيت – +زوال ِ حسن جي آيو ته هوندا ڪين مستانا، +نه هوندي شمع سوزان، ۽ نه هوندا تنهن تي پروانا. +غزل – +اندر ۾ عجيبا اٿم عشق اُٻَ، +وهن نيڻ نارا، وسي جيئن ٿي اُٻَ. +پرت ۾ پرينءَ جي ڏنم عشق ڌوڻ، +سندءِ درد دلبر ڏني ڏاڍي جُهٻ. +نه پِيجان انهيءَ تڙ جو پاڻي پليت، +اٿئي زال دنيا جي واتن جي لُٻ. +مثل الف قد هو جوانيءَ سندو، +پريو ٿيو، ڏنگي پٺ، پيا چيلهه ڪُٻ. +کڻي ٿا سگهون پير ”عاجز“ ته ڪين، +اڃا ڏور منزل، پيا پيرن ۾ کُٻ. +وڻون ڪين سهڻن کي هاڻي ادا، +چٽي ڏاڙهي ٿيڙي، پيا منهن ۾ گهُٻ. +”... حسينن کي ناز بيجا جي بجاءِ، شڪر خداوند ڪريم جو ڪرڻ گهرجي، جنهن دولت حسن جي سان مالا مال ڪري، اهڙي سندين موهڻي مورت بنائي: امير توڻي فقير، جوان توڻي پير، سڀئي حسن جي سرڪار ۾ گرفتار ۽ تابعدار آهن، ۽ سر ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پنهنجي شهزاديءَکي چئو ته فقير فقط ديدار جو طلبگار، ۽ هڪ بوسه ؟ شڪر لب جو خواستگار آهي، ٻي ڪا درڪار نه آهي: حسن جي زڪوات ڏيو، سوالي خالي نه ڪريو!“ +المختصر، شيدي خواجه سرا آفت جان جو سڌو جواب ٻڌي، مُنهن ڦيرائي، پير هٽائي، سڌو سنئون پاهون اچي شهزاديءَ آرام جان جي اڳيان دم پٽيو. ڳچ مهل ته خاموش، گويا بيهوش هو. شهزاديءَ پڇيس ته ”خير ته آهي، اهڙو ڀوتاڙيل ڇو آهين؟“ ويچاري هوش سنڀالي، هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”اي شهزادي، هي ته ڪو رند مستانو آهي يا ڪنهن پريءَ روءِ جو ديوانو، شمع حسن جو پروانو آهي- زبان تي آه فرياد اٿس، پر پٽڻ ۾ آزاد آهي، غيرت شيرين، رشڪ فرهاد آهي، زبان ۾ اُهو تاثير اٿس، جو هر ڪو ڪلام ان جو جگر جو تير آهي، اهڙو سوال ڪري ٿو، جنهن جو پورو ڪرڻ محال آهي، حضور جي سامهون عرض ڪرڻ بندي جي مجال نه آهي ؛ سوال ڪندڙ ڏاڍو مغررو، سوال بي دستور فهم عقل کان دور آهي- غلام جو ڇا مقدور آهي!“ زبان خشڪ، چپن تي مُشڪ، اکين ۾ اشڪ ڏسي آرام جان مرڪيو ۽ حڪم ڪيو ته خواجه سرا هڪ خاص ٻانهيءَ ڏي منهن ڪيو ۽ چيو ته ”ڇا چوان فقير آهي، مگر هوش بي پير اَٿس، تو کان هڪ چميءَ جو طالب آهي.“ خواص تپي باهه ٿي ويئي، چڙي منهن ٻئي پاسي ڪيائين، جُتي ڏيکاريائين، آرام جان مرڪيو ۽ مڙني ٻانهين ٽهڪڙو مچايو. پريءَ چيو ته ”ڀلا بابوُ ڏهه دنيا ستر آخر!“ هي جواب ٻڌي سڀني ٻانهين ان خواص ڏانهن نهاري کليو.هر ڪنهن کي وندر ۽ چرچو لڳي ويو. آرام جان چيو ته ”ورهين کان دل اُداس هئي ته هن عمر ۾ ڪو عاشق مزاج، سهڻي صورت، من موهڻي مورت ڏسجي ۽ دل وندرائجي. سو خدا تعاليٰ اڄ مراد پوري ڪئي، هلو ته ويجهو هلي، ڏسي ٻڌي، دل بهلايون، طبيعت وندرايون ۽ اندر ٺاريون.“ هڪ شوخ سنگ ٻانهيءَ چيو ته ”اي راڻي! ڄاڻي واڻي هڪ غير مرد جي ويجهو وڃڻ دانائيءَ کان دور آهي، شروع ۾ اهو دستور ناهي، ٻيو هڪ چرئي، سودائيءَ، سڙئي جي منهن لڳڻ ڪهڙو ضرور آهي!“ شهزاديءَ جواب ڏنو ته ”ظاهر آهي ته هيءُ ڪو سودائي آهي يا توائي آهي، هن کان پاسو ڪرڻ نه جڳائي، ان ۾ ڪو به خلل ناهي- مستن کان موشو ڪرڻ نخري ۾ داخل آهي، ان ۾ ڇا حاصل آهي! جيڪڏهين سالم عقل ڏي هوش آهي ته به خانه بدوش آهي، اڄ نه سڀان وڃڻ لاءِ تيار آهي ۽ هر ڪو پنهنجي اختيار آهي- گهڙي کن جي مهمان ۾ ڪهڙو نقصان آهي!“ غرض حڪم ٿيو: ”سواري اڳتي نيو!“ ويجهو پهچي شهزاديءَ عرض ڪيو ته ”شاهه صاحب، اسان جي حق ۾ ته دعاي خير ڪريو!“ آفت جان چيو: +”جو پاڻ زندگيءَ ۾ ٿيو ڪڏهن نه بامراد، +اهڙي مريضِ عشق کان تون ڪا دعا نه گهر!“ +هن جواب کان آرام جان کي شرم آيو ۽ منهن ٻئي پاسي ڪيائين. +هڪ خاص ٻانهيءَ چيو: +”سبحان الله، مُنهن ۾ موسيٰ ، اندر ۾ ابليس! ، ٻاهر خرقو، اندر ۾ ڀڙڪو- نه منهن نه مهانڊو، نه هنڊي نه ٽانڊو، هليو آهي عشق پچائڻ ۽ محب جو رنگ رچائڻ. +بيت – +”هتي ڪا نه تنهنجي هلي دسترس، +ڪڍي دل منجهان ڇڏ اهو تون هوس، +نه ڪر نام بدنام تون عشق جو، +انهيءَ ياده گوئيءَ کان ڪر پاڻ بس.“ +پريءَ جواب ڏنو ته ”واه واه، صورت چرين جي، مزاج پرين جو- هي به اهو مثل ٿيو. هان هان، منهنجي چر نه ڪر، خدا ڄاڻي ته ڪهڙي ڌيان ۾ منهنجي زبان مان هڪ شعر نڪري ويو! توهان پاڻ ڏي ڇڪي ورتو، جهٽ پٽ معشوق بنجي ويٺؤ! اسانجي ته ملائڪن کي به خبر نه آهي، نه اسان کي ڪو اهڙو خيال آهي؛ جيڪڏهين ڪو ٻيو ارادو آهي ته پهريائين پنهنجي صورت بنايو، پوءِ ڪو ٻيو حرف زبان تي آڻيو. +بيت – +”دل جو ملهه ڇا هي ڀَلا زلف ڇَليپا ٺهري، +ڪين هجي هڙ ۾ ميان عشق جو سوداءُ ٺهري.“ +آرام جان فرمايو مُشڪي، ته ”هُن مردارِ کي ته هئي خشڪي، تنهن پنهنجي پورهئي جو پاڻي پيتو.ان کي اجورو مليو: پر ڳالهه ڪرڻ جو طريقو، سمجهاڻيءَ جو سليقو ٻيو آهي. ڀلا هوءَ ته ماٺ ڪري رهي، اوهين ته پنهنجي زبان سنڀاليو! ڳالهه جو سِر آهي نه پير، ڀلا پنهنجي صورت ڏسي ڪير!“ آفت جان اهو ٻڌي جواب ڏنو ته ”معلوم ٿيو ته تماشبين آهيو، پاڻ کي حسين سمجهي، سهڻي صورت ڏيکارڻ هليا آهيو ته اسين به حسين نازنين آهيون، جيڪڏهين اهو ارادو آهي ته اسان کي به اوهان جي خاطر منظور آهي. خير، فقير جي منزل دور نه آهي، اوهين دلارام آهيو، آءُ اوهان جو غلام بيدام آهيان.“ آرام جان چيو ته ”محبت ڪا سستي آهي! اها اوهان جي فاقه مستي آهي جو ڳالهه ڪرڻ ۾ جلي رهيؤ . واه واه ڏيڏر کي به ڪو زڪام ٿيو! مفت عشق بدنام ٿيو. رهن ڀونگين ۾، خواب ڏسن محل وارن جا- اهو بلڪل محال آهي. سائين جي اکيون کوليو، طبيعت کي ڳوليو، ڪهڙي پاسي خيال آهي، اهو به ڪو تال پخال آهي.“ آفت جان ورندي ڏني ته .سچ آهي، عاقن جو نالو اهڙو بد آهي جو جيڪي فرمايو، سو رد نه آهي، بلڪه بجا آهي ۽ معشوقن وٽ اها سزا آهي. +بيت – +عرض ڪرڻو ته بي حجابي آهه، +عاشقن لاءِ اِيءَ خرابي آهه. +”... اوهين ته خدا جي فضل سان محبوب آهيو، پر محبت جو نالو اهڙو معيوب اهي، جو گڏهه جي ڪن ۾ کڻي چئجي ته پوک جو ڀيلڻ ئي ڇڏي ڏئي، وري اوڏانهن پٽيءَ نه وڃي. اوهين ته ڏسي وائسي بسڙ ۾ پير ٿا هڻو، ڪنهن خوشرو جوان جو منهن ڏسڻ ٿا گهرو، سهڻي صورت ڏسيو ٿڌا شوڪارا ٿا ڀريو، ته پوءِ ٻين جو ڪهڙو ضرور آهي. جيڪڏهين فقير جي صحبت منظور آهي ته خاڪ نشيني اختيار ڪريو، ٻيو ڪو به تڪرار نه ڪريو، - توهين هوائي گهوڙي جا سوار، فقير پيادو پينار.“ ايتري ۾ ڪنهن ٻانهيءَ چالاڪ، بيباڪ، شهزايءَ کي ڪن ۾ چيو ته ”هي فقير مرد نه آهي، عورت آهي. ڳالهه ڪرڻ ۾ ڀرون چڙهيو وڃنس، نڪ مُڙيو وڃيس ۽ اک جو گوشو ڦريو وڃيس. قسم تنهنجي جان جو امتحان آسان آهي.“ ائين چئي، هڪ حبشڻ کي اشارو ڪيائين، جنهن لڪي آفت جان جي پٺ کان اچي قرابين ڇوڙيو. قرابين جو ڌڪاءُ ڪري ڇٽڻ، آفت جان جو اوچتو ڇرڪ ماري پٽ تي ڪرڻ- بيهوش ٿي هوش حواس کان نڪري ويئي. آرام جان جهٽ پٽ تخت تان لهي، آفت جان کي کڻائي، تخت تي سوار ڪرائي، محلات ۾ آئي- پلنگ تي ليٽايائينس، ڪنهن لخلخو سنگهايو ته ڪنهن گلاب ڪيوڙو ڇڻڪايو، ڪنهن هٿ مهٽيا ته ڪنهن پيرن کي سهلايو، تڏهين مس مس ”شاهه صاحب“ هوش ۾ آيو. آرام جان ڳراٽي پائي اٿاريس ۽ ”ها ها، قهه قهه“ ڪري کليائين، سڀني ٻانهين ۽ سهيلين ٽهڪڙو مچائي ڏنو. ڪنهن چيو ته ”واه واه، ڀڳت صاحب ڏاڍو دلير آهي، عاشقيءَ ۾ شينهن شير آهي!“ ڪنهن کلڻيءَ دمباز چيو ته .سبحان الله، خزاني جي ضربخالي جي بچاءُ جو اپاءَ ته ڏسو!“ – غرض چوڌاري چوٻولو مچي ويو، هر ڪو انهيءَ رنگ ۾ رچي ويو. پريءَ جواب ڏنو ته ”عورت مرد تي ناهي- خير، فقير جي دل آهي، جيڏي آئي آئي: چوڻيءَ ۾ آهي ته ”صوفي سرمست، سودا دست بدست، اسين حُسن پرست آهيون مولا جي ياد ۾ مست، مي محبت جي ۾ معمور، نشي عشق جي ۾ چڪناچور، . “ غرض، دير تائين نوڪ چوڪ ۽ کل ٽوڪ جي گفتگو هلي. حاصل ڪلام، آرام جان حڪم ڪيو، حمام گرم تيار ٿيو ؛ غسل ڪري عمدي پوشاڪ ڍڪيائون، وار سڪائي هٿ هٿ ۾ ملائي ٻارنهن دريءَ ۾ اچي ويٺيون ؛ خاصو حاضر ٿيو، طرحين طرحين عمدا لذيذ طعام، ميوا خوشبوئدارکاڌائون، ٻه ٽي پَٽ شراب جا پيتائون، طبيعت تي سرور نشي جو پور پيدا ٿيو- دالان کان ٻاهر صحن چمن ۾ ڪرسيون جواهر نگار، جن تي جهالريون زريدار وڇارائي ويٺيون. صحبت راڳ رنگ جي شروع ٿي، هڪ ڳائڻيءَ البيليءَ خوش الحان، هيءَ غزل ڇيڙيو: +غزل __ +منهنجي گهر مهمان ٿيو آ دلربا اڄ رات جو، +پير پاتا پرت مان ڪي مھ لقا اڄ رات جو. +خانه ء ويرانِ دل آباد يڪسو ٿي ويو، +آه ڄڻ مون تي ٿيو راضي خدا اڄ رات جو. +”دور ٿيو دور خزان، بستان ۾ آئي بهار‘ ، +بلبلن کي ٿي چوي بادصبا اڄ رات جو. +آه حاصل عشق که ٿي هم نشيني حسن جي، +معاف مستن کي مڙيئي ٿي خطا اڄ رات جو. +دفترِ شڪوه وشڪايت، دفتر ِ رازو نياز، +بعد مدت جي کلن ٿا برملا اڄ رات جو. +اڄ ته اکين مان اها ڪر بند بارش ”عاجز“، +ٿي اجها پوري ٿئي من مدعا اڄ رات جو. +اهڙيءَ ٺاهه ٺوهه ۽ هاءِ هُوءَ جي مجلس ۾ آڌي رات اچي لڙي، اهل محفل کي ننڊ اچي چڙهي، هر ڪا پنهنجي وڇاڻي تي، ڪنڌ وهاڻي تي، چاندني رات ۾ چاندني تاڻي، بيخبر، نه ڪنهن جو خوف نه خطر، سمهي رهي. آرام جان آفت جان جو هٿ هٿ ۾ وٺي هڪڙي جداعاليشان مڪان ۾ هڪ ڇپر کٽ تي آڻي ويهاريو، ۽ چيائين ته ”اَي اَدي، درد وندي، تو کي هن بنديءَ جو قسم آهي، سچ چئج تون ههڙي حسين صورت، من موهڻي مورت- نهن چوٽيءَ تائين سڄي ناز ۽ دلنواز آهين.- ڪنهن بي نياز جي الفت ۾، ڪهڙي دمباز جي دام تزوير ۾ جان گداز اهين؟ باوجود حسن دلپزير جي تنهنجي تقرير ۾ اهڙو سوز ۽ ساز آهي، جو ٻڌڻ وارو يڪدم دلگداز آهي، ٻڌندڙ ڏسندي اکين مان پاڻءَ جي عيوض رت جاري آهي- ٻڌاءِ توکي ڪهڙي بيماري آهي، جنهن جي ايڏي انتظاري آهي!“ آفت جان تمام بيقراريءَ، بصد آه و زاريءَ کان اکين ۾ لڙڪ آڻي، هي غزل پڙهيو: +غزل – +ڇا ٻڌايان اي طبيبو، پنهنجي حالت زار آهه، +مبتلاي عشق آهيان، عشق جو آزار آهه. +موت ري منهنجو نه باقي آه ڪو ٿيڻو علاج، +جنهن کي ڄاتو مون مسيحا، پاڻ سو بيمار آه. +هوت ويو هٿ مان هليو، سَو سور سامهون ٿيا اچي، +سوز دل ساڙي سندم، جا ڪئي لکئي لاچار آهه. +اوريان احوال ڪنهن سان حال محرم ناه ڪو، +پئي چڪاسيان چوطرف، ويجهو نڪو غمخوار آهه. +هي نماڻي روزشب دانهون ڪري ٿي درد کان، +جان ”عاجز“ جي جيئڻ کان جانِ من بيزار آه. +”... اي شهزادي، هيءَ وره جي وادي، منهنجي سر تي بيدادي خانه بربادي آهي، تون عشق کان بيخبر ۽ ان جي اثر کان بي اثر آهين- انهيءَ درد کان دردمند نه آهين، تنهن ڪري دل سرد آهين.- ”موت“ انهيءَ بيماريءَ جو نالو آهي: اڪثر ماڻهو ”محبت“ به چوندا اٿس، دل کان گهرندا اٿس- اِهو مثل اوهان به ٻڌو هوندو ته فلاڻو فلاڻيءَ تي مري ٿو، دل سان گهري ٿو.، پوءِ جيڪو حضرت عشق جو نالو نيراني دل ۾ آڻي، تنهن کي سارو ڏينهن سواءِ درد غم جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿئي.“ آرام جان پڇيو ته ”انهيءَ درد جي دواڇا آهي؟“ آفت جان چيو ته ”دوا جي ڇا پڇا آهي! وڏي هچا آهي، ريءَ مريءَ مرڻو، ريءَ کٽيءَ لڏڻو آهي- - اِهو وري نئون جنجال آهي. عشق جي بيماريءَ جو علاج طبيب وٽ ناهي، مرڻ ۽ جيئڻ نصيب ��ان آهي، هي معاملو عجيب آهي. +بيت - - +هاءِ، بيمار محبت جو ڪندو ڪير علاج؟ +هاءِ، مسيحا نه ٿيو منهنجي دوا جو واقف! +”.... مون بارها عاشقن کان ٻڌو آهي ته محبت جي بيماري، علاج جي اختياري ڪين ڪري. انهيءَ ڪم ۾ توڻي ڪو مسيحا ئي دم ڀري، تان به زور ڪم نه ڪري- جيئن مرهم رکي، تيئن درهم برهم ٿئي، زياده زخم ڪري، جي ناسور ٿيو ته وهلور ويو، گهٽ ۾ گهٽ به گدوبندر جي ديوانيءَ اسپتال وارو حال آهي، تقدير جي ڪمن ۾ تدبير کي مجال نه آهي- - اوهان جو ڪيڏي خيال آهي“ آرام جان اکين ۾ پاڻي آڻي، چيو ته ”ڀلا ! عشق نه ٿيو چٽي ٿي، حضرت مسيحا جي دوا کان شفا ملڻ محال جُڙي، ته پوءِ سر تي چٽي ٿي وبال ٿيو. اهڙي جيئڻ کان پوءِ ڇو نه خنجر هڻي پاڻ کي ختم ڪجي، ته هڪڙو ئي سور- ڏکن جي پور کان ڇٽي پئجي!“ آفت جان چيو ته ”اي ڀيڻ، انهيءَ آزار کان بيزار ٿي، حرام موت ڇو مرجي، عمر تائين پنهنجو نالو بد ڇو ڪجي؟ جيتوڻيڪ عشق موت جو پيغام قضا جو سلام، رضا جو ڪلام آهي، ان ۾ هڪ قسم جو مزو ۽ حقيقت جو جزو آهي. جنهن دل تي ان جو گذر آهي، تنهن کي ان جي لذت جي خبر آهي، بي اثر کي ڪو اثر نه آهي- ڪڏهين درد فراق جو غم، ڪڏهين وصال جي اميد، ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي خبر انهيءَ حال جي! “ آرام جان چيو ته ”ادي، جنهن عشق جو نالو نه ٻڌو هوندو، نه عشق جو دم ڀريو هوندو، نه هم قدم ٿيو هوندو، سو ان جي ڪيفيت ڇا ڄاڻي؟ فراق جي ذلت ۽وصال جي لذت، آزادن جي بلا ڄاڻي، اسان نه ڪڏهين عشق ڪمايو، نڪو ڪو معشوق ڏسڻ ۾ آيو، عمر ساري آزاديءَ ۾ گذاري. تون ٻڌاءِ ته ڪنهن جي جدائيءَ ۾ اِها وٿ ڪمايئي، ڪهڙي دلنواز جي ڦندي ۾ دل اڙايئي؟ ظاهر ڪري ٻڌاءِ، زرو به نه لڪاءِ!“ پري ويچاري، درد جي ماري- بيقراريءَ کان هڪ دردناڪ آه دل غمناڪ مان ڪڍي، چيائين ته ”دل صد چاڪ بيچاڪ آهي سوز فراق جي کان اک مشتاق جي نمناڪ، ٻڌڻ واري جو جيئڻ شاق آهي، اوهان جي دل شائق آهي ته اول جي غزل پڙهڻ جي لائق آهي: +غزل __ +زماني ۾ ظاهر جفا جو رواج، +ڪٿي ڪو نه ڏسجي وفا جو رواج! +روا خون عاشق جو اڄ جا بجاءِ، +نه باقي رهيو خون بها جو رواج! +مريض محبت ٿئي چاڪ ڪيئن، +دوا جو نه جن وٽ دعا جو رواج! +سدا چشم نرگس رهي شرمسار، +حسينن ۾ ناهي حيا جو رواج! +منجهان خون عاشق ته ڪن لعل هٿ، +ڦٽو گلرخن ڪيو حناجو رواج! +اڳوڻا ويا ميٽجي داستان، +ڏسي تنهنجي غمزي، ادا جو رواج! +وري اهلِ محفل کي ”عاجز“ ٻڌاءِ، +زماني ۾ ظاهر جفا جو رواج! +”... منهنجو سارو قصو، غم جو حصو آهي: آءٌ ڪمبخت، دل سخت، پرستان جي پري آهيان، آفت جان نالو اٿم، قسمت زيردست ٿي، هڪ جوان طرحدار گلعذار جي زلف خمدار ۾ دل بي اختيار گرفتار ٿي، يعني هڪڙي آدمزاد، رشڪ شمشاد، ميدان مبت جي ۾ تنها ۽ ڪمزور ڏسي، دل ڦري فقير ڪيو- زلف گره گير جي دام تزوير ۾ اسير ڪيو. هاڻي نه اُهو حسن جو بهار آهي نه جوڀن ۽ جنسار آهي، نه اُهو حسن ۽ جمال آهي نه جوڀن جو ڪمال آهي، يڪدم زوال کائي پائمال ٿيو. دل ۾ درد، لبن تي آه سرد آهي، تنهائيءَ ۾ مفارقت جي قوت نه جدائيءَ جي طاقت آهي، نه وري ايتري جرات، جو بند قبا جو کولي، ناله فروشي ۽ سينه خروشي ڏيکاريان- متان مون بخت سياه جي سوز واريءَ آه کان ڪنهن بي گناهه جي دل کي باهه لڳي وڃي، جو به مون وانگر دربدرخاڪ بسر ٿئي! جڏهين اوهان گهڻو اسرار ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن لاچار ۽ مجبور ٿي احوال ٻڌائڻ ضرور ٿيو. اي آرام جان، هي بيان دل جان سان ٻڌ... ته جڏهين آءٌ پنهنجي سمجهه ۾ آيس ته سرتيون سهيليون چونديون هيون ته ”آفت جان جي مزاج ۾ ڏاڍو سوز ۽ ساز آهي. هيءَ پري ته ڪا چري آهي، رکي چرٻيءَ جي ڀري ڪين آهي، هن جي گفتگو دلنواز ۽ هن جو ڳائڻ جان گداز آهي- جنهن ٻڌو، سو محرم راز ٿيو.“ جڏهين جوان ٿيس ته وحشت جو سامان ۽ حسن ڏانهن دل جو ميلان ٿيو، - عشق جي نشي جو سُرور، حيا ۽ شرم دور ٿيو: حسن ۽ جمال ڏي دل بدر جي ڪمال راغب ٿي، عقل پائمال ۽ هوش جو زوال ٿيو، تان ته اهڙو حال ٿيو، جو خلق آرام ۽ فرحت ڪندي هئي ۽ مون کي ساري رات ڪنهن جي طلب ۽ تات ۾ هيهات! جو کٽ تي پاسا ورائيندي ۽ ڦٿڪندي هيس. اهڙيءَ حالت ۾، صبح ٿي ويندو هو. غرض ته حسن پرستيءَ ڏي دل مائل ٿي، ۽ عشق عاشقيءَ ۾ درجي بدرجي ڪامل ٿي اڃا دل گهائل، طبيعت درد جي ستايل مس قابليت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي، ته هيءَآرزو پيدا ٿي ته ڪو زُهري شڪل، مُشتري شمائل خريدار ٿئي ته ڪا واپار جي گفتار ڪجي: مگر دل عزيز هلڪي چيز نه آهي، جا مفت ۾ ڪنهن بيقدر، تنگدل، بيتميز جي نذر ڪجي ؛ جيتوڻيڪ آءُ پاڻ محبت ۾ دلسوز هيس، پر نَؤ اَموز هيس. هڪڙي ڏينهن، انهيءَ فن جي استاد، رشڪ شيرين، غيرتِ فرهاد منهنجي آه و فرياد ٻڌي، مون کي چتائي ڏسي ورائي چيو ته ”اي سروُ آزاد، هي ڪهڙو بيداد آهي! جوانيءَ جي عمر ديوانيءَ ۾، حسن برباد آهي! نه اُهو ناز نه انداز آهي، رڳو سوز ۽ ساز آهي! هيءَ جواني مستاني چئن ڏينهن جي مهمان آهي. جي اجائي ڌيان ۾ زيان ڪري وڃائجي ويئي، ته پوءِ پيريءَ جي ذلت ۾ ڪهڙي لذت ايندي؟ مٺيس! مائي، ڌيان ڌر، بس ڪر، اهو وحشت جو سامان، ان مان نيٺ خفقان آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي چيم ته پوءِ ان جو علاج ڇا ڪريان؟، کلي چيائين ته چانڊوڪيءَ رات ۾ گلن جو سير ۽ نهرن جي نظاري کان طبيعت وندراءِ، ته دل جي وحشت دور ۽ ان کي سرور حاصل ٿئي.“ اهو بيان ٻڌي چيم ته ”اي همدم، تنهنجو قدم مبارڪ هجي- اها تدبير ۽ تقدير دلپذير آهي.“ ان ڏينهن کان وٺي ساري رات انهيءَ تات ۾ هوادار تخت تي سوار ٿي، باغات جو چاندنيءَ رات ۾ سير ڪرڻ ۽ صبح جو خير سان وري گهر ۾ اچڻ، انهيءَ کان البت فرحت، جان ۽ دل کي راحت حاصل ٿي.ڪي ڏينهن ته خير جي پئي گذري، هڪ رات جو ذڪر آهي ته ڳوهه کي کٽي کڻي ته ڳولي شڪارين جا گهر، ان مثال مطابق خيال پيداٿيم ۽ حد پرستان جي پار ڪري، اڳتي وڌيس. پري کان بيابان ۾ هڪ مڪان عاليشان نظر آيم، قسمت ڀُلايم، هوادار هيٺ لاٿم، ڳالهه جو ڳاٽو نه سنڀاليم، عمارت سنگمرمرين خوش اسلوب، دل کي مرغوب لڳيم، زور پسند آيم، اڳتي وڌي ڏٺم ته چوڪيدار پهريدارَ، غلبي ننڊ جي کان ڀرپور ۽ غفلت جي خمار ۾ مخمور- بار بار جهوٽن جي لوڏ کان ڪنهن جي پڳڙي ور وَر ٿي، بگڙي، ڳچيءَ ۾ پيئي آهي، ته ڪنهن جي اڳيان مثل آنڊن جي ڍير آهي. تخت تان لٿيس، آهستي آهستي پير پير ۾ اڳتي وڌيس: سبحان الله، هڪ پلنگ جڙادار، پايا ياقوت جا جڙيل، ريشمي رنگ آميز نهوار سان مڙهيل، مسند زريدار، تڪيا خود باف جا رکيل، سيجبند سان ڪشيل، مٿس نرم نرم گل پکڙيل، جن جي هٻڪار سان سارو مڪان ۽ محل مُعطَر هو. مڪان جي سامان کان عقل حيران، هوش پريشان هو.“ +آرامجان آفت جان کان ايترو ٻڌي، ٿدو شوڪارو ڀري، چيو ته ”پوءِ ڇا ٿيو ادي!“ آفت جان چيو ته ”اُن تي هڪ شهزادو، حسين محجبين، نئين جواني، آفت جي نشاني، مُنهن نوراني، لباس سارو زرافشاني، ان جي پيشاني ڏسي، دل مان دانهن اندر مان آهه، نڪتي، دل شيدا ٿي – ٻيئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهيس. اکين آڏو انڌوڪار ۽ جان کي ڍڪر اچي ويم. بيوس ٿي هوش حواس کان نڪري ويس. ٿوري وقت گذرڻ بعد، جڏهن هوش سنڀاليم، حواس درست ٿيم، خيال ڪيم ته ويجهڙو هلي ديدار ڪريان، ۽ جاڳائي دل جي سوز کان خبردار ڪريان. پر، دل جي وحشت ۽ حسن جي دهشت جهلي ڪين سگهيس. لاچار بي اختيار ٿي، هٽي، تِري افسوس کان مهٽي، تخت تي سوار ٿي، موٽي پنهنجي جاءِ تي آيس. بس، جڏهن وس نه هليو، تڏهن بيوس ٿي ماٺ ڪري، منهن ويڙهي ليٽي رهيس، باقي رات روئي، هنجن مان منهن ڌوئي، تنهائيءَ جي حالت ۾ جدائيءَ جي ملالت ۾، دل کي چيم ته ”اي ڪمبخت! جيڪڏهن رسوائي ٿي، ته ساريءَ عمر جي ڪمائي برباد آهي، ڪا ڳالهه ياد نه آهي، پر دل ديواني، حيا شرم کان بيگاني، ڪٿي ٿي ٻڌي! آخر سارو ڏينهن سخت مسڪلات سان ڪٽيو. رات ٿي ته وري اُها ئي تات ! هوادار تي سوار ٿي، پري کان ديدارڪريو، دل ٺاريو، ڏينهن ٿيو وڃي- آخر جُڙي بَني، پريءَ مان چري ٿي رهيس، هوش حواس کان نڪري ويس. انهيءَ رڳيءَ آمدرفت کي ڪئين مهينا گذري ويا آهن، نه اُها صورت رهي آهي، نه اُها سيرت! ڏيهاڻي نوان مضمون گهڙيو ۽ ور ور ڏيو پڙهيو وڃان، پر اُتي نه ڪجهه ڪڇان نه هُن کان ڪجهه پڇان، هاڻ نه نصيحت جو اثر آهي، نه جيئڻ مرڻ جي ڪا خبر آهي، رات ڏينهن رڳو اهو ضرر آهي. آخر غم کائيندي، سورسهندي، طاقت طاق ٿي، هن مشتاق جي دل صد چاڪ ٿي- راز فاش ٿيو، جگر پاش پاش ٿيو، اسير دلگيرٿيس. هٿن ۾ ڪڙيون، پيرن ۾ زنجير پيم، حاصل ڪلام، گهڻيءَ مدت کان پوءِ، شربت وِصال جو وعدو ٿيو- اهڙيءَ تلخائيءَ سان، جو ان کان هوند زهر کائي مرجي، نينهن جو نالو به نه وٺجي! يعني جڏهن ملاقات جي نوبت پهتي ته معلوم ٿيو ته اُو پاڻ ڪنهن جي عشق جي تار ۾ گرفتار، جيئڻ کان بيزار آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته بيمار ڪيئن بيمار جو علاج ڪري! جنهن کي حضرت مسيحا ڌڪائي پنهنجي دروازي تان، سو سواءِ قبر جي ڪا ٻي جاءِ نه پائي- لاچار ٿي، اهو ساڙو سر تي هموار ڪيم، انهيءَ ڪم جي اهتمام جو انجام ڪيم، ۽ هي ڪلام ڪيم ته ”اي جان من! اگر تنهنجو مطلوب، دل مرغوب توکي آڻي ملايان، ته ڪهڙو انعام پايان؟“ کلي چيائين ته ”دولت وصال جي کان مالا مال، ۽ ساري عمر نهال ڪريان!“ آفت جان کن رکي چيو ته ”اي ڀيڻ، خيال ڪر ته پهرين پنهنجي جان بچائڻ عين فرض آهي، پرعشق ڪمائڻ به مکڻ جي سيخ پچائڻ آهي. ان دم لباس معشوقي لاٿم، ويس فقيري پاتم، خداوند رحيم ڪريم آهي، پنهنجو ڪرم ڪندو، ۽ هن عاجز تي رحم فرمائي، دولتِ وصال کان مالا مال ڪرڻ جو ذريعو پيدا ڪندو. اگرچ هيءَ نازنين ، عالي دماغ، پنهنجي خاندان جو چشم چراغ آهي- وڏو ستم هي آهي جو حسن ۾ تمام اُتم آهي- پر تڪبر اُها بلا آهي، جنهن حضرت عزازيل کي گمراهه ڪري، شيطان ڪيو، فرعون جو گهر تباهه ڪيو ۽ نمرود روءِ سياهه ٿيو. اي آرام جان! آءٌ حضور ۾ عرض ڪريان ٿي، جيڪڏهين هن مغرورِ کي دماغ ۾ فتور آهي، ته هِتي عجز نياز منظور آهي، اگرچ اُنهيءَ رقيب، خوش نصيب جو گهر زندانخاني کان سخت تر آهي، پر هتي دلبر جو امُر پيش نظر آهي! مگر افسوس، منهنجي لاءِ عين ماتم آهي: غم الم عاشقن جي غزا آهي، درد ۽ زَخم انهن لاءِ سزا آهي. ڇا لاءِ جو رقيب جو الم، حبيب جي غم سان اچي مليو، ته وصل جو مزو ذلت سان بدليو، ۽ مونس اُنس بلڪل ويو هليو. ۽ پهاڄ پڻي جو طعنو مون پاڻ لاءِ منظور ڪيو، اهو به هڪ نئون دستور ٿيو“ اهو افسانو آرام جان لاءِ افسون ٿيو- ٻڌندي بيخوديءَجا آثار، سودا جا اطوار ظاهر ٿيس، گويا مجنونءَ وانگر جنون لڳس- حيرت جي حالت ۾ در ديوار تڪڻ لڳي، سودائن وانگر اجائي وائي بڪڻ لڳي. وري دل کي سنڀالي چوڻ لڳي ته ”ادي، پوءِ ڇا ٿيو، سو ته ٻڌاءِ، آفت جان مرڪي چيو ته ”آءٌ پنهنجي جهوپڙيءَ جو خير ويٺي گهران ته ڪٿي باهه عشق جي وسامي، متان ڪو ٻيو نه کامي! وڏائي ڌڻيءَ جي آهي، جو تيز هوا لڳي ويئي، پاڙي واري جو گهر جلائي خاڪ ڪيائين.“ آرام جان چيو ته ”ادي، اُهو گهر ڪنهن جو هو؟“ آفت جان چيو ته ”ڀيڻ، جنهن وقت عشق جي باهه ڀڙڪو ڪندي ۽ اُن جي تابش تڙڪو ڪندي، تنهن وقت پاڻهي خبر پوندي، اڃا الله توهار ٿي دکي آهي، - دل کي لاڳي لڳي آهي، هن کان وڌيڪ ڪلام فضول آهي. منهنجو شهزادو دير کان دل ملول هوندو.“ آرام جان اهاڳالهه ٻڌي، ته سردي وٺي ويس. منهن ۾ زردي، حالت ردي ٿيس. آفت جان اُٿي کڙي ٿي. آرام جان جهٽ ۾ پري کي چنبڙي ويئي، چيائين ته ”واه واه! بره جي باهه دکائڻ ۽ پرائي دل جلائڻ، مروت کان بعيد آهي. منهنجي واسطي شور ”هَل مِن مزيد“ آهي! اها حقيقت ڏسڻي آهي- ٻڌڻي ناهي! جنهن شمع روءِ تي ديواني، پرواني وانگردل شيدا، جان فدا ڪئي اٿئي، ذرو اسان کي به ان جي ديدار کان سرفراز ڪر- انهيءَ ساز کان جان گداز آهي، تنهنجو هتان ڇٽڻ محال آهي، نه ته منهنجي جان جو تو تي وبال آهي.“ صبحان الله! قادر ذوالجلالَ، حسُن جُمالُ، اهڙي چيز بنائي آهي، جو صاحب جمال جي هڙان هڪ پائي به خرچ نه ٿئي، ۽ ڏسڻ وارو بي خرچ ڏسي ته دل سير ٿي پوي- آخر هر طرح خير ٿي پوي. هان، البت عاشقن جي ڏسڻ وائسڻ کان سهڻن کي معشوقيءَ جو مرتبو حاصل آهي، ويچارو عاشق سوئي دل گهايل آهي، ۽ وري هيءَ مصيبت جو عاشقن کان منهن لڪائڻ ڏي سهڻن جي دل مائل آهي. جيڪڏهن عشق جي منزل ۾ بدناميءَ جو خوف نه هو، ته دنيا ۾ اهڙو ڪو به موچارو شغل نه هو- هيءَ غذا روحاني آهي، ان کي بد سمجهڻ به ناداني آهي. هي غزل محبت جي تعريف ۾ پڙهڻ، موافقت جي نشاني آهي. +غزل – +سهسائي کنيو سر تي جني بار محبت، +اُنهن کان ڇڏائي ٿي پوءِ گهر ٻار محبت. +بازار ۾ الفت جي ٿئي سؤدو نه سوا ”سر“ ، +اي ڪاش ڏسي، ٿي ڪو خريدار محبت. +هيءَ جاءِجتي ناهه ڪو وهنوار ۾ پئسو، +تنهن لاءِ چون چهري ٿا بازار محبت. +منصور سٽيو آهه جڏهن سر سندو سانگو، +تنهن بعد ڪيو آهيس اظهار محبت. +تبريزيءَ جيئن جام جفا جو نه پين جي، +هر گذر نه ٿين تيسين طلبگار محبت. +فرياد و فعان ناله، جو ڪجهه به ٻڌون ٿا، +سو آهه مڙئي راز ۽ اسرار محبت. +تاثير ادا اهه اهو نظم ۾ منهنجي، +تنهن لاءِ مٿم آهه گوهر بار محبت. +دلبر جي طبع تيز، ڪجان آزي نيازي، +”عاجز“ به ڪري عجز بدر بار محبت. +حاصل ڪلام، آفت جان چيو ته ”ادي، تو ته چيو ٿي ته محبت کان بيخبر ۽ بي اثر آهيان. انهيءَ سور جو پور ٻڌا ته ڪيئن ظاهر ٿيو؟ دل لڳيءَ ۾ ته مون کان به غالب آهين، ذري ساعت ۾ پاڻ طالب ٿي ويٺي آهين.“ تنهن تي آرام جان چيو ته ”عشق، استاد ڪامل آهي!ڏسي وائسي پڇڻ مان ڇا حاصل آهي. جيڪڏهن وٺي هلڻو اٿئي ته وٺي هل، نٽائڻ بي اصل آهي.“ آفت جان چيو ته ”واه واه، يڪ نه شُد، دو شُد. هٿن جي صفائي نه ڏٺي هجيو ته هن زال کان سکو، پهاڄپي جو دم ڀرڻ ۽ منٿ به ان کي ڪرڻ، ادي، هن واديءَ ۾ جان جو خطرو آهي، موت جو ضرر آهي- هتي ته عشق جو سفر آهي- نانيءَ جو گهر ناهي- بس کچڻي کاڌي، هلو ته پيڪي گهر هلون- هتي وڏو جگر گهرجي! چوندا آهن ته جگر شينهن جو نه رکين، ته عشق جو سفر نه ڪر“ مون کي نه اڳهين ماڻهو چوندا آهن ته هيءَ پري ته ڪا چري اجايو کري آهي. سچ آهي، بيشڪ انهيءَ ڳالهه ۾ ذري لِڪَ به نه آهي، مگر دوست، دشمن مان ڄاڻي ٿو سگهجي، توکي به سڃاڻان ٿي- هڪڙي رقيب ڪم نصيب جي غم کان هن در جي کي پهتي آهيان ته قضا الاهيءَ جي سان تون به وچ ۾ ٽپي پيئي آهين- مُٺيس، آءٌ ته هر طرح سان مُٺيس ؛ باقي جگر جو ٽڪر رهيو آهي، سو به ڪنهن سِرڻ يا ڪَٻر جي ور چڙهيو ته پوءِ ”پڙهيو جِن سِر چڙهيو“ وارو ذڪر آهي- اسان جو خدا حافظ ۽ ياور آهي.“ آرام جان اهڙو خشڪ جواب ٻڌي، بيوس ٿي، زار زار رنائين، ۽ چيائين ته ”اسان جو به مالڪ مهربان، مسبب الاسباب، وصف جو صاحب آهي. هو ئي ولهين جو وسيلو آهي، اُن جي ئي هٿ ۾ هر ڪو حيلو آهي.“ آفت جان ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لائي، پيار سان چيس ته ”اي ڀيڻ، مون تو سان چرچو ڪيو، تو ساڀيان سمجهو، پاڻءَ کان اڳي موزا لاهڻ سياڻن جو ڪم ڪين آهي. آءُ تنهنجي حڪم جي تابعدار فرمانبردار، بلڪل تيار آهيان، جيئن چوين تيئن ڪريان، جتي چوين اُتي وٺي هلان- توکي اختيار آهي، مون تي ڪنهن به قسم جو بار نه آهي.“ انهيءَ دلاسي کان البت آرام جان کي راحت ۽ دل کي فرحت ٿي. آفت جان وري چيس ته ”اي ڀيڻ، هاڻي رات وهامڻ تي آهي، جي قسمت سڻائي ۽ گهر خدائي آهي، ته سڀاڻ سانجهيءَ اچي حاضري ڏينديس. بلڪل خاطري ڪر. آءُ هينئر رخصت ٿي گهران.“ ائين چئي، آسمان ڏانهن نظر ڪيائين- تخت هوادار حاضر ٿيو، ان تي آفت جان، آرام جان جو آرامُ جان تي حرامڪري ۽ آفتَ جان جِي پويان بڇي تخت تي سوار ٿي پنهنجي محلات ۾ اچي لٿي. ۽ راحت جان کي جان جي راحت، ۽ معشوق جي ملاقات فردا جي وعدي جي بشارت ڏنائين. والله اعلم. +* (1) (2) (3) نالا آهن خواجه سرائن جا. + + + +داستان اٺون. +جادو بيان آفت جان جو بامراد موٽي اچڻ، آرام جان جي ملاقات جي تدبير ۽ تقرير ۽ آفت جان جي شاديءَ جي تدبير +شعر- +ڀريو برف مان ساقيا جام جم، +ته ٿئي رفتي رفتي تپش دل جي ڪم. +مهيا ٿئي سامان عيش و طرب، +ڪريان جشن جمشيد تنهن جي سبب. +ڪٺل انتظار يار جا، خوشخبري پهچائيندڙ وصل دلدار جا، طالع جا زير دست، شراب خاني ازل جي کان مست ٿي، هن طرح بيان ٿا ڪن ته آفت جان مثل هُند خوش خبران، رشڪ، بلقيس، غيرت، برجيس جي خبر، راحت جان کي آڻي ٻڌائي. چيائين ته ”اها رشڪ چمن، غيرت انجمن، پنهنجي جمال باڪمال سان دل جي اونداهي گهر کي وادي ايمن، رشڪ خطا ۽ ختن بنائي، ته انهيءَ حالت ۾ ڪهڙيءَ صورت سان پيش اچين؟“ راحت جان مرڪي چيو ته ”حالت انتظار جي ۾ تمام پيار سان ان جي سنبل خوشبوئدار، ۽ ڪاڪل خمدار تان جان قربان ڪريان، ۽ مثل پرواني ديواني جي اُن شمع رُو، گل عذار، طرحدار جي رفتار تان جان نثار ڪريان، پنهنجي فراق جو قصو، انهيءَ درد ۽ غم جو غصو، اشتياق جو حصو، اهڙي سوز سان بيان ڪريان، جو شمع وانگيان پگهرجي، گرم هنجن سان روئي، منهن ڌوئي، جو اُن مِهري کي دل ۾ ذور به نه رهي. قسم خدا جو، يقين ڄاڻج، ٻٽاڪ سٽاڪ جو ڪو خيال نه ڪج، منهنجي تقرير دلپذير ۾ اُهو تاثير آهي، جو پٿر پاڻي ٿي پوي، ڪنهن بي پير جي ڪن تي پوي ته حيرت جي ڪن ۾ اچي، بي تدبير، پُر تقصير رهجي وڃي. مگر افسوس آهي جو ساري عمر گذري ويئي، ته تير فرياد آه جو، نشان مراد جي کي نه پهتو.“ آفت جان چيو ته ”شهزادا، ٻڌڻ ٻڌائڻ سهل آهي، مگر سچ هيءَ ڳالهه آهي ته معشوقن جي اڳيان حال دل جو بيان ڪرڻ سخت مشڪل آهي، بلڪه دشوار آهي، ان ۾ وڏي همت درڪار آهي- ڏسڻ شرط دل کليو وڃي،وصل جي خوشيءَ کان بدن ڦليو وڃي، شوق ديدار ۾ گهڙيل مضمون ڀُليو وڃي. ۽ جنهن وقت ڪو وصل ۾ رليو مليو وڃي، پوءِ دل کي جهليو، توڻي پليو ته به بي اختيار آهي، آدمي لاچار آهي، انهيءَ ۾ وڏو جگر درڪار آهي!“ راحت جان چيو ته ”سچ آهي! اڪثر حُسن جي دهشت ۽ دل جي وحشت کان دل دهڪيو وڃي، زبان ٿڙڪيو وڃي- هتي فقط وصل جي آس، دل ۾ اُداس آهي، مرڻ جو اَرمان ناهي، جان قربان ڪرڻ آسان آهي.“ آفت جان شهزادي کي تمام پريشان ۽ اداس ڏسي، سارو داستان آرام جان جي اچڻ جو بيان ڪري ٻڌايو، ۽ چيو ته ”مبارڪ هجيئي! اهو چنڊ سانجهيءَ جهوليءَ ۾ اٿيئي.“ راحت جان مُرڪي چيو ته ”قسم آهي! ڏس متان ڪوڙو دم آهي!“ آفت جان چيو ته ”خدا ڪري ته شل ڪوڙو ٿي پوي، ته پهاڄپڻي کان ته ڇٽجي. چوڻ آهي ته عاشقن جون رمزون عاشق ڄاڻن!“ راحت جان چيو ته ”جزاڪ الله في الدارين خيرا ڪم باثواب ٿيو، تو به چڱو ثواب ڪمايو.“ آفت جان رئي جو پَلؤ منهن کي ڏيئي، منهن ٻئي پاسي ڪيو ۽ چيو ته ”هائو تنهنجي ڳالهه ٻڌيسون، - پنهنجي سڄي عمر عذاب۾ وڌي سون، - هن جي ليکي ثواب ڪمايوسون“ غرض، گهڻيءَ دير تائين اها ناز نياز جي گفتگو هلي: هڪ پاسي سوز، ٻئي پاسي ساز. آخر آفت جان چيو ته ”هاڻي وقت کل خوشيءَ جو آهي، وصل جي دلاسي کان دل اُداسي، ايتري قدر پياسي، ڇا لاءِ آهي؟ حمام گرم آهي، غسل ڪر، نئين پوشاڪ پهري، اک جادو ڀريءَ کي سرمي جي ڌار، ڪجل جي ڪارَ سان نيڻ نرگس جي کي شرمسار ڪر، ۽ ڪوٺي جي ڇت تي چڙهي، گلن جو ديدار ڪري، آرام ڪر- روئڻ موقوف، خوشيءَ جو وقوف ڪر- هيهات، رڳي اها ئي وائي وات، آهي ڪا ٻي بات؟ اڄ رات معشوق جي ملاقات، گويا ملڻ جي سب برات آهي- پڪو انجام آهي- خدا خدا ڪري دلارام کي رام ڪيو اٿم، ٻيو ڪو ڪلام نه ڪج؛ جي ننڊ نه هجي ته به ڪوڙو دَمُ گهُٽي، اکيون ٻوٽي، گهوگهري جو آواز ڪج، نه ڪڇج نه پڇج ؛ متان چڙي پوي ۽ بيٺل بنيل نقش بگڙي پوي- جڙي جُڪي ڳالهه هٿان وڃي.“ راحت جان چيوته ”اها ڳالهه جدا آهي- هتي ته دل شيدا، جان فدا آهي، بيقراريءَ ۾ آشڪاريءَ جو جهلڻ بي اختياري آهي، جو رڳي انتظاري ۽ آه زاري آهي.“ آفت جان چيو ته ”جيڪڏهين اهڙي گرم مزاجي آهي، ته پوءِ ڪهڙي احتياجي آهي؟ معشوق ٿي عاشق جي دعوا ڪرڻ توکي زيبا آهي! ان جي ته ڪا وڏي سزا آهي- انهيءَ لاءِ مون جهڙو جگر کپي! جيڪڏهين ڪو سِرُ بدن تان ڪپي، ته ذرو اثر ۽ ان جي ضرر جي خبر نه رهي، جيڪڏهين تير جفا يا خنجر بلا جو گذر ڪري، ته سينو سپر ڪري ۽ منهن ۾ ذروبه سَر نه پوي، ڀل ته آر پار مَٽي. مون کي تنهنجي حال تي کِل ٿي اچي. ته اتفاقي نزلي جي سبب کان ٻه ڦڙا پاڻيءَ جا ٽميا ته بس، محبت جو ڊيش هڻي اٿياسين- اسين به عاشق بنياسين! واه سائين واه، وڃي دوا ڪريو يا ڪو ڪارهو ڪاهي پيو- ان جو نالو زڪام آهي، مفت محبت کي بدنام نه ڪريو.“ راحت جان اهو طعنو ٻڌي، سائو ٿي ويو، ۽ ڪاوڙ جي گهنڊ پائي، دل سان لائي، هي جواب ڏنو ته ”ڀلا ديو زادي، واتراڌي! گهڻي زبان درازي ڪيئي، اجائي وائي تنهنجي دل ۾ سمائي آهي- اندر جي تپش ۽ دل جي سوزش کان تون ڇا ڄاڻين؟ جيڪڏهين منهنجي آهه جو دونهون تنهنجي سيني جو سونهون ٿئي، ته اها چالاڪي بيباڪي ته وسري وڃيئي، پر سارو بدن سڙي ڦلڻا، ۽ جگر ڇلڻا ٿي پويئي! اهڙي ارمان کان بت جو زيان ۽ نقصان ته بجاءِ خود رهيو، پر بجاءِ ان جي حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻ ۽ روزانو روئڻ تنهنجو شيوو ٿي پوي، وري اسري اڏامي به نه سگهين، سڄي کامي وڃين. سو اهو مشڪل آهي، جو تو کي اهڙو مرتبو ڪڏهن به حاصل نه آهي.“ ائين چئي بخار ۾ غزل پڙهيائين؛ +غزل __ +ڪريان ڇا، دل جڏهن منهنجي ڪڙولي يار ۾ آئي، +بلا جو آهه لقمون ٿي دهان، مار ۾ آئي. +بغل ۾ آهه هردم پر بغل سان دشمني آهيس، +نه اهڙي دل ڪڏهن ڪا حصهء اغيار ۾ آئي. +جڏهن منهنجي وسان ويئي، پناري ڪنهن سندي پيئي، +خدا جو منهن اُنهيءَ ڏينهن کان وڏي آزار ۾ آئي. +وڃي ٿِي، ٿِي، انهيءَ ويلي، هزارين دل سندم ٽڪرا، +وصال يار سان جي گفتگو تڪرار ۾ آئي. +اٿي ويٺي هزارين ٿو ڪري آهون پيو ”عاجز“ ، +رُسِي ويٺو الاجي ڇا خيال يار ۾ آئي. +اهو ا��وال آفت جان ٻڌي، ان جو جواب هن طرح ڏنو: +غزل : - +جو مٺا مشتاق مورت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟ +محو حيرت، محو عبرت آءُ نه آهيان ڪير آهه؟ +منهنجي دل آهي هدف ۽ آه ابروءَ جي ڪمان، +ڍير جت تيرِ ملامت آءُ نه آهيان ڪيرآهه؟ +ڪالهه آئينو ڏسي سهڻي چيو ٿي بار بار +ٿا چون جنهن ماه طلعت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟“ +آءُ اچي تون گهاءِ غمزن ساڻ سهڻا هي غريب، +جو اڃو آب، شهادت، آءُ نه آهيان ڪر آهه؟ +ڪين ٿيڙس آشنا، ڪويءَ شريعت جو ادا، +بي طريقت، في الحقيقت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟ +يار قسمت سانگي آيو، ۽ وري ويندو رهيو، +جنهن جي موڙهي آهه قسمت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟ +اک هرڻ جي مست ڏسندي، ياد آيم چشم يار، +پوءِ آهو دشت، وحشت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟ +عشق جي دريا ۾ ڏائيءَ راند کيڏنِ غير سان، +جو ٻڏل دريا ي خجلت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟ +عاصي ۽ ”عاجز“ رهن ٿا تنهنجي در اُميدوار، +لائق عفو و مرحمت، آءُ نه آهيان ڪير آهه؟“ +حاصل ڪلام، انهيءَ دوبدو گفتگو ۾ تون ڇا آءُ ڇا ڪندي، رات اچي ويئي، آفت جان اٿي کڙي ٿي، چيائين ته ”آءُ هاڻي وڃان ٿي، مرضي تنهنجي- وڻيئي ته ڪاري ڪفني لاهه، يا اڃا به مٿانئس ڇل ۽ ڀنل رلي کڻي پاءِ. آءُ آرام جان کي وٺي ٿي اچان، جنهن جو ان ۾ ڪو نقصان نه آهي، بلڪ تولاءِ هڪ قسم جو زيان آهي. تو کي انهيءَ لباس ۾ اچي ڏسندي ته هراس کان و ماس ۾ اچي ويندي، ۽ چوندي ته واه واه، ههڙي مارئي ٺوڳيءَ بدشڪل جوڳيءَ تي ٺڳجي، اجايو مون سان هي ٺڳي ڪئي اٿئي، مفت هن جي محبت ۾ گرفتار ٿي، مون کي به خراب خوار ڪيئي- پوءِ ٻڌاءِ ته ڪهڙو جواب ڏيندين؟ ۽ بيحد لڄي ٿيندين. خير اڄ ته ايندي، ايترو چئي هلي ويندي، پوءِ وري نه ايندي.“ ائين چئي آفت جان ته هلي ويئي، جان نثار عرض ڪيو ته ”حضور! اهو به ڪو شعور آهي؟ پنهنجي غرض لاءِ گڏهه کي پيرين پوڻ، اهو ڪو وڏو عيوض ڏيڻ ناهي! اجايو ضد ڪرڻ، بي دستور مروت کان دور آهي، نفس کي مغرور ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، جيتوڻيڪ عشق جي وڍيءَ ۾ آدمي معذور آهي، ته وري وصال جي خيال تي دل کي ملال اچڻ، اهو به ڪو حال آهي! ڀلا وصل جي دلاسي ۾، دل جي اضطراب کي جواب نه ڪَيُوَ، ته پوءِ معشوق جو خيال ڪرڻ محال آهي.“ راحت جان هيءُ بيت پڙهيو: +بيت – +عشق ڌاران آدمي حيوان آهه، +عاشقي انسان جو ئي شان آهه. +”اي جان نثار، هن مردارجي ايتريءَ ڇيڙ ڇاڙ کان دل بيزار آهي، اگرچ فضول بڪ کان وڌيڪ پڪ آهي ته آرام جان کي وٺي ايندي، پر هڪ ڏينهن ۾ اهڙي شوخ ستمگار کي دام ۾ گرفتار ڪرڻ، ٿوري همڪلام ٿيڻ سان دشوار آهي.“ جان نثار چيو ته ”اهڙا خيال آغاز محبت ۾ ايندا آهن، پر منهنجي پروڙڻ ۾ آهي ته همت هارڻ نه گهرجي- مهمان جي خاطرداريءَ جو سامان درست ڪجي. جيڪڏهين اچي ويو ته واهه واهه، ٻيو ڇا گهرجي! جي نه، ته جا رات دلدار جي انتظار ۾ تمام ٿي، سا رات شب برات کان به خوش انجام ٿي.“ راحت جان کي يقين ڪامل ٿيو ته اڄ رات، شب قدر جو اثر رکي ٿي، يار جي ملڻ جي خبر پوي ٿي. اٿي غسل ڪيائين، لباس شاهي زيب تن ڪيائين: زلف ڪاڪل بينظير، مثل سنبل جي گره گير ۽ ڪارا ڪيس، جي دفتر پريشان وانگرمنجهيل هئا، تن کي عطر ۽ چورو چندن مکي، ڦڻي ڦوڪارو ڏيئي، ڏاڍي پيچتابيءَ سان ڪلهن تي ڇڏيائين، مٿي تي نيم تاج زريءَ جو پهريائين، فرش فروش گلم قالين رنگين، مٿان شطرن جي زرين رنگا رنگي، نئين سر سامان تيار ٿيو، سارو ڪوٺو باغ بهار، مشڪ عطر جو هٻڪارٿيو: چاندني رات نئون گل کِلايو، خوشبوءِ عجب هُل هلايو، هواس مشڪ اذخر ملايو. راحت جان چاندني رات ۾ ڏاڍي شانَ مانَ سان ��لنگ جي نرم وڇاڻي تي، ڪنڌ وهاڻي تي، چادر نوراني ڌڻي، تصور دلدار، محبوب هجي انتظار ۾ ليٽي رهيو ۽ هي بيت پڙهيائين: +وصال يار کان ويتر مزو ٿيو انتظاريءَ ۾، +اها ساعت عجب آهي، وڃي جا بيقراريءَ ۾! +عرض، آڌي رات کان پوءِ تخت جي ڇَن ڇَن جو آواز ڪن پيس. چادر منهن تان وڌائين- اک مثل نرگس بيمار جي کليل رهيس- آفت جان جو چوڻ يادآيس. دل کي چيائين ته خبردار، مهمان تگ مزاج آهي، ان کي ڪو تنهنجو احتياج ناهي، مگر ڪُک جي ڪانَ جو ڪهڙو علاج آهي؟ ايتري ۾ تخت اچي ڪوٺي جي ڇت تي لٿو. آفت جان آرام جان جو هٿ هٿ ۾ وٺي، ٻئي ڏاڍي ناز انداز سان ڇم ڇم ڪنديون، نرم نرم قدم ٽلنديون، راحت جان جي پلنگ ڏي هليون، راحت جان آرام جان کي ڏسندي بيقرار ۽ بي آرام ٿي، ڀانيائين ته اُٿي محبوب جي قدم تان جان نثار ڪريان، مگر حالت بي اختياريءَ جي ۾ اچي، غش کائي، بيخوديءَ جي عالم ۾ هوش کان نڪري ويو. ايتري ۾ هو ٻيئي تمام ويجهو پلنگ ڏي وڌي آيون. آفت جان راحت جان جي چهري مُنور تان چادر سُرڪائِي. آرام جان جي نظر نوراني چهري تي پيئي، اکين اڳيان آنڌي آيس،حسن جي تجليءَ کان اکيون پورجي ويس. آفت جان کي ڀاڪر پائي، مٿس اهلجي پيئي. آفت جان ٻانهن ورائي، ڳراٽي پائي، زور سان ڀاڪر ۾ جهليس. ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏهن هوش آيس، ته آفت جان چيس ته ”ادي، ٻيو ته سڀ خير آهي! هرهر مٿي کي چڪر اچيو وڃيئي، سر ڦريو وڃيئي.“ آرام جان نٽائي، راز لڪائي، ڏاڍي ناز سان چيو ته ”ادي، ٻيو فڪر نه ڪر! ڪڏهين به هوادار تي سوار نه ٿي آهيان، سو اُن جي هوا جي زور کان دماغ ڦري ويو آهي.“ آفت جان مرڪي چيو ته ”ادي، ٻيو ڀيرو به اک ملائج، حال لڪائج ؛ ورائي به چئج ته هوا جي زور کان دشمنن جو مٿو ڦريو آهي- هائو صاحبه، اهو دم ان کي ڏج، جنهن جو اِهو غم کاڌل نه هجي ۽ اهڙوڪم ڪيل نه هجي. اِها حالت غشيءَ بيهوشيءَ جي، هوا جي زور سان هئي، ته ڇا اسان رڳو هوا ۾ اڏامندڙ چڙيون جهٽيون آهن؟ اِها دمبازي ۽ بهاني طرازي ان سان هلج، جا پاڻ پيچباز نه هجي، ڪُڏين جي ٽپين، لِڪين جي ڇپين ته به مون لاءِ اِهو اعتبار دشوار آهي- بلڪ اجايو بيفائدو انڪار آهي. جي ڄاڻين ته اسان جو لايو لڳايو پورهيو سجايو ٿئي، ته رڳو اقرار بحال آهي، نه ته اجايو خيال آهي. جيڪڏهن مفصل حال بيان نه ڪندينءَ ته منهنجو ڪو زيان نه آهي، مگر تو لاءِ نقصان آهي: محبت جو داغ کائڻ ۽ راز ڇپائڻ، موت جو سامان ۽ قضا جو مهمان ٿيڻو آهي، جنهن مان حاصل ارمان آهي.“ +آرام جان آفت جان کي ايتريقدر مهربان ڏسي، هي ڪلام ڪيو ته ”ادي، سچ آهي! هن جوان بي نشان جو حُسن ڏسي، منهنجي هوش پرواز ڪيو، عشق محرم راز ٿيو، سوز گداز دمساز ٿيو- رڳو پلنگ تائين اچڻ جي خبر اٿم- هوڏانهن گتير غمزي جو ڇٽو، منهنجو جگر ٽٽو، سينو ڦٽيو، ڪير ڪريو، ڪير ڊٺو، ڪنهن کي غشي آئي؟ مون رڳو پاڻ کي تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏٺو. اڳ خبر هجيم ها ته اهڙو ڪلام نه ڪريان ها، گهر ويٺي سَو سلام ڀريان ها! مون ڀانيو هو ته خير، ڏسي وائسي مفت جو سيرڪري، دل بهلائي، طبيعت وندرائي، پنهنجي گهر موٽي ايندس ؛ مگر هيءَ گهايل، ڏکن جي ستايل دل هن محفل ۾ رهي- هاڻ هتان ته فقط خالي هٿين هلڻو پوندو! وري سخت مشڪل ته هيءَ ڳالهه آهي جو تو جهڙو رفيق، مهربان ۽ شفيق، انهيءَ درد کان بي اثر نه آهي- پاڻ دل تي داغ محبت جو کائي، انهيءَ صدمي کان علاج جو محتاج آهي: پوءِ هِن نصيبن هيڻيءَ جي نئينءَ دل ڦٽيل ۽ جگر جي زخم جو ڪير هوند احتياج پورو ڪري! تحقيق، نئين جواني ديواني، اها عمر مستاني آهي، هاڻ ته ڪا خبرڪا نه ٿي پوي. دل جو حال بيان ڪجي ته شرم اچيو وڃي- سواءِ حال ونڊڻ جي نه ٻي واه نه راه! جيڪڏهين انهيءَ سور جو پور دل ۾ سانڍجي، ته بي اختياريءَ کان اکين مان پاڻي جاري آهي- اها وري بيماري نياري آهي.“ آفت جان دلداري ڏيئي، چيس ۽ غمخواري ڪيس ته ”ادي، هاڻ بس: دل کي سمجهاءِ، زبان کي جهل، متان ستل فتنو نه جاڳي پوي، ۽ بنيل نقشو بگڙي نه پوي- متان وٺڻ جي عيوض ڏيڻو نه پوي. اگرچ آءُ پاڻ گهايل، انهيءَ سور جي ستايل، انهيءَ نانوَ تان ڪٺل آهيان، پر تنهنجي زخم جگر جو مرهم ڪنديس- وصال جي تدبير ۾ تقصير ڪا نه ڪنديس. هينئر بافعل مناسب آهي ته پنهنجي منڊ ي لاهي شهزادي جي آڱر ۾ پاءِ، ۽ شهزادي جي منڊي لاهي پنهنجي چيچ ۾ پاءِ ته هلون.“ آرام جان منڊيون مٽائي، پير هٽائي، تخت تي اچي ويٺي. آفت جان کيس پنهنجي محلات ۾ پهچائي، کانئس موڪلائي، جلدي اچي راحت جان تي گلاب ڇڻڪايو ۽ مشڪ عطر سونگهايو. جڏهن راحت جان هوش ۾ آيو ۽ اکيون کوليائين. آرام جان کي ڳوليائين، نه ڏٺائين. هڪ آه درد ناڪ، دل غمناڪ مان ڪڍيائين. چيائين ته ”ورهين کان پوءِ دلبر جو ديدار نصيب ٿيو، ڪم بختيءَ هي ڪم ڪيو، جو ننڊ کڻي ويئي، غفلت چڙهي ويئي، دلدار جي اچڻ وڃڻ جي خبر ڪا نه پيئي. خدا تعاليٰ اهڙو وقت شل رقيب بدنصيب کي به نصيب نه ڪري، جو يار اوطاقي هجي ۽ دل ملاقي نه ٿئي!“ ائين چئي، هي غزل پڙهيائين: +غزل – +پنڌرو ڪيم پري کان ساجن جي شوق ڪارڻ، +جنهن ساڻ پيچ اتم، تنهن ساڻ پرت پارن! +گهنڊ گهور ساڻ گهائي، غمزن سان دل ڌتارڻ- +محبوب! ٿيو مناسب، ڪنهن کي نه مفت مارڻ! +ريتيون رسڻ جون گهوريون، ماڻان نه ڪر مُٺيءَ سان، +آهي مزو اِنهيءَ ۾،ڪو ڏينهن گڏ گذارڻ! +انعام عشق جو هي عاشق چون ٿا اصلي، +ساجن جي سڪ ۾ ثابت، گوندرجي گهر ۾ گهارڻ!، +هڪ وار وصل جو جي واعدو ڪجي به ڪنهن سان، +تنهن سان نه گهرجي هر گز ٽاڻي کي يار ٽارڻ! +پرچي پرين پيارو، توڻي رُسي جي رانجهن، +عاش تي آهي واجب، هر ويلي يار سارڻ! +ڪوري ڏنو ڪلهن تان، سورٺ جي ورَ سريءَ کي، +جنهن وير ڳائي ڳڙهه ۾، چوريو هو چنگ چارڻ! +لائق ڪري ڪرم سان هو قول پنهنجو پاريو، +”عاجز“ کان اي عجبا، گهرجي جدا نه گهارڻ! +… انهيءَ ارمان کان حيران پريشان ٿي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. تڏهن آفتجان هٿ کان جهلي چيس ته ”اي شهزادا! انهيءَ غفلت جي ڪهڙي شڪايت آهي، جا عين عنايت آهي، بلڪ ان جي شڪريي ڪرڻ ۾ راحت آهي. چڱو ٿيو جو حالت غشيءَ جي اچي ويئي، جي نه، ته جهڙي ڳالهه چئي هيئي، تهڙي ئي ڪري ڏيکارين ها، ۽ هوءَ معشوق هئي، اگر اِها حرڪت ان کي پسند نه اچي ها، ته ناحق بنيو بنايو کيل بگڙي وڃي ها. هاڻي پنهنجي هٿ ۾ ڏس ته ڇا آهي؟“ راحت جان آرام جان جي منڊي ڏسي، چميءَ اکين تي رکي، ۽ چيائين ته ”خدا تعاليٰ شال اُهو ڏينهن جلد نصيب ڪري، جو دلدار جو وصال حاصل ٿئي!“ آفت جان چيو ته ”رات ٿيڻ ڏي ته يار در ڪنار، درد برڪنار آهي!“ ۽ هي بيت تسليٰ جو پڙهيائين: +بيت – +”وصل واري رات ويجهي آه، اي دل غم نه ڪر! +مدعا تنهنجي مڙيئي ٿئي ٿي حاصل غم نه ڪر!“ +آخر سارو ڏينهن انهيءَ گفتگوءَ ۾ گذري ويو. جڏهن سج لٿو، آفت جان هوادار تخت تي سوار ٿي، سرِ شام باغ ۾ آئي. ڏٺائين ته هوءَ رشڪ گل، غرت بلبل، پيرهن گل، سروَجي ڀرسان حوض جي ڪناري تي- مزاج درهم برهم، نه مونس نه همدم، گل جي ٽاري خوشبوءِ واري هٿ ۾ زلف مثل سنبل جي پريشان ۽ سرگردان، اڳهين بيٺل هئي.آفت جان لهي ويجهو اچي، سلام ڪيو، تسليٰ جو ڪلام ڪيو. آرام جان ٻانهن ورائي، ڳراٽي پائي، چيو ته ”واه واه، ڀيڻ! مون کي هتي ڇڏي، دل ڏکن ۾ گڏي ڇڏيئي! سارو ڏينهن انهيءَ ارمان ۽ تنهنجي ڌيان ۾ گذري ويو…. ته وري چڱي سنڀال سار ورتي اٿيئي! ڪي اهو خيال ڪيئي، ته هن نئين گرفتار، دلدار جي ديدار جي طلبگار جو ڪهڙو حال هوندو- ڪهڙيءَ طرح هن جي دل حزين ۽ غمگين کي چين ايندو! سارو ڏينهن سرتين ۽ جيڏين ته ڪن کڻي کاڌا آهن. چون ته بس مائي، نڪي کائي ٿي، نڪي پيئي ٿي، رڳي وِ ره وائي اٿس، جو منهن ويڙهيو پيئي آهي.، جيڪا به احوال پڇي ٿي ته ڀانيان ته ٻيئي هٿ کڻي منهن تي هڻان. آئي، ادي ڀيڻ! تون البت انهيءَ فن ۾ ڪامل ۽ خنجر ابروءَ جي گهايل، آفت عشق جي ستايل آهين، آءُ نئين ڦاٿل، محبت جي ماريل، سڄڻ جي سڪايل آهيان! اهڙي ڪا تدبير ڪر، جو دل جي ڌڙڪَڻ دور ٿئي ۽ طبيعت مسرور ٿئي.“ آفت جان چيو ته ”اي درد مندي، هيءَبندي، درماندي، دل ماندي، انهيءَ وره کان واندي ڪين آهي، هيءَ باندي قسمت تاڻي آندي آهي- علاج جي محتاج آهي. مان هن طور سان هيڪاندي ٿيان- پانڌي پيئي پڇايان. مگر ايترو چئي سگهان ٿي ته انهيءَ فن ۾ استاد ۽ شاگرد ٻيئي برابر آهن،بلڪه شاگرد ڪيئن رتيون ڪثر آهن. پر هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته محبت ۾ درد فراق جي اشتياق جو غم کائي جيئڻ آهي ريءَ کٽيءَ مرڻ، ۽ مُو تُو، قَبل ِ اَنت مُو تُو – جدائيءَ ۽ تنهائيءَ ۾ سودائي توائي ٿيڻو آهي. ان کي جيئڻ ڪير ٿو چئي! +غزل – +اڻ ڄاڻ ٿي آريءَ جو امڙ عشق ڪمايوم، +کڻي پير پٺيان محب جي ماتام مچايوم. +سڻ قاف، ڪيهو ڏوه؟ ٻري باهه ڀنڀوران، +اچ، آب وصل جي سان پنهون پاڻ وسايوم. +منهنجو ٿيو پنهل ساڻ نڪو، سنگ نه سياڪو، +هوتن جو هلڻ ويل هتان ڪين هلايوم. +ووڙيندي وڻن ساڻ ڪيم سهسين سکائون، +ڪنهن حيلي هنر ساڻ ويل محب ورايوم!، +جيڏيون ٿي جتن لاءِ ڪڍان قاف ڪشالا، +ويو ٿي رڙهان، هاءِ ڪٿي ڪيچ رسايوم. +آريءَ سان رکي عشق سمهڻ سور ٿئي ٿو، +جيجل ته جتن ڪاڻ اِنهيءَ روهه رلايوم. +اولادسندم صالح، ۽ ”سانگيءَ“ جو خدا يار، +”عاجز“ تي ڪريو ڪهل اِهو عرض اگهايوم. +” … اي ڀيڻ، محبت جو طريقو ۽ الفت جو سليقو پيدا ڪرڻ وڏو غضب آهي، اهو عجب لقب آهي. ساري جو سارو عالي مقام، موت جو سلام، قضا جو پيغام آهي، اگرچ گهڻو مشڪل ڪين آهي، آسان ۽ سهل آهي: درد کائڻ ۽ سور سهڻ جي عادت ٿي ويئي، ۽ دل سهسائي رهي، ته پوءِ پورو ڪامل آهي. جيڪڏهين ديدار يار جو منظور آهي، ته بسم الله ! هي تخت هوادار موجود آهي- منزل دلدار جي دور نه آهي.“ آرام جان مرڪيو ۽ چيو ته ”اي ڀيڻ، ڪو اهڙو حيلو ملاقات جو وسيلو ڪج، نه ته هي جسم بيجان آهي، فقط وصل جو ئي ڌيان آهي.“ ائين چئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي، تخت تي چڙهي، اچي راحت جان جي محل ۾ لٿيون، آرام جان چيو ته ”جيڪڏهين رخصت هجي ته دلدار کي ويجهڙو ڏسي، ديدار ڪري، اک انتظارواريءَ کي، ڏاڍي پيار سان، سيراب ڪريان.“ آفت جان چيوته ”فڪر ۽ غم نه ڪر، پر سنڀالي ڪم ڪر، متان ستل بلا نه جاڳي پوي، ۽ آزار ڳچيءَ پوي! آءُ پري آهيان، لڪي غائب ٿي وينديس، تون ضرور سندس تائب ٿيندينءَ.“ آرام جان اهو بيان ٻڌي، پير هٽايو، منهن مٽايو. آفت جان مرڪي چيو ته ”مون تو سان چرچو ڪيو، تو سچ سمجهيو! منهنجي حال تي نه هل- تنهنجي دل کي خيال آهي، ته شوق سان جاڳائي، دلدار کي ڇاتيءَ سان لائي پيار ڪر، تون مختيار آهين.“ آرام جان چيو ته ”آئون نئين گرفتار، تون جهوني گنهگهار! انهيءَ رمزکان خوب واقفڪار آهين.“ آءُ دل لڳيءَ جي راهه ۽ رسم کان محرم اسرار ۽ خبردار ڪين آهيان.“ آفت جان چيو ته ”اي ڀيڻ، آءُ تنهنجي رازدار پرده دار آهيان، مون کي تنهنجي خاطر بهرحال منطورآهي، اسان جو اهڙو دستور نه آهي، اهو مروت کان دور آهي، منهنجو حجاب نه ڪر، بيحجاب شتاب ڪر، پنهنجي دلبر کي ڀاڪر پائي، دل بيتاب کي سيراب ڪر، جو اهڙو وقت وري ڪمياب آهي. جيڪڏهين اهڙو اسباب ميسر آهي، ته ڪو ضرر نه آهي، عقل کي به جواب آهي- اتي نڪو عتاب، نڪو خطاب آهي، حياءُ شرم لا جواب آهي- حال محرم کان ڪهڙو شرم آهي!“ +آرام جان دل جهلي، حياءُ پلي، ويجهو اچي، پلنگ تي ويٺي، ۽ منهن تان چادر جو پلؤ سرڪائي، ڳراٽي پائي، نيڻ نرگسين تي چمي ڏنائين، ڳل ڳل تي رکيائين، راحت جان باوجود بيدار هئڻ جي هيستائين صبر ڪيو، مگرڳل ڳل تي رکڻ ۽ صبر جو پيمانو لبريز ٿيڻ!يڪدم بي اختيارهوشيار ٿي، اکيون کوليائين. آرام جان شرمسارٿي، رَئي جو پلؤ منهن آڏو ڪري، جهٽ پٽ اُٿي کڙي ٿي، راحت جان ان جي حُسن جو تجمل ڏسي، تحمل نه ڪيو، بي تامل ٻانهن کان جهلي، چيائين ته ”اي جان من، جانان من! دل ڏکويل نه ڪر، منهنجو بخت ستل، طالع جاڳيل کان بهتر هو. منهنجي جاڳڻ کان دل تي خفو ۽ طبيعت تي غصو ٿيو هجي، ته اهو قصور معاف ڪريو، دل صاف ڪريو، اوهان جي خاطر داري منظور خاطر اهي- هتي پيرين پوڻ به دور ناهي، دل اصل ملول آهي، وڌيڪ ستائڻ ڇا حصول آهي! اي جاني، ستم رانيءَ کان دل چُور آهي، توڙي بيقصور آهي، جان جيئڻ کان بيزار آهي، اڳتي اوهان جي اختيار آهي- عاشق رنجائڻ، جيءُ جلائڻ، اهو معشوقن جو قديم پيشو آهي، ڪنهن کي شهادت جو خطاب ته ڪنهن کي بيوفائيءَ جو القاب مليو.“ +آرام جان دل ۾ خيال ڪيو ته ڪجهه عشق کي آزمائجي، +پوءِ ڪو قدم اڳتي پائجي. هن کي اهو خيال آيو، جنهن هي ناٽڪ بنايو: راحت جان کان هٿ ڇڏائي، قدم پوئتي هٽائي، چيائين ته ”واه سائين واه! نه ڄاڻ نه سڃاڻ، آءُ تنهنجو مهمان، نه عليڪ نه سليڪ، واٽ ويندي عشق جو اظهار ڪرڻ، شريف زادين سان محبت جو دم، ڀرڻ، شريفن جي شان کان دور، بنهه بيدستورآهي! ڪا هوش جي دوا ڪريو، ۽ درگذر اسان جي خطا ڪريو، جو اسين هتي آياسون، ۽ پاڻ تي اهڙالقب لاياسون.“ راحت جان هيسجي ويو، وري هي غزل پڙهيائين: +غزل – +وڻي تنهنجو دلبر اهو دل کي ماڻو، +بنا ملهه هي مسڪين تو وٽ وڪاڻو. +ڏٺم خواب ۾ تنهنجي صورت جو سهڻا، +ڇڏي تخت، واري ڪيو مون وڇاڻو. +بمشڪل گهڙي هيءَٿي آه حاصل، +خدالڳ سو ٽاري نه ڇڏ يار ٽاڻو. +سوا تنهنجي مطلوب منهنجو نه آهي، +سندم دل ۾ تنهنجو ٿيو ٿاڪ ٿاڻو. +ڇڏي تخت شاهي فقيري کنئي مون، +ڪيو نينهَن نوڪر اوهان جو نماڻو. +سدا تنهنجي در جو ٿي گولو گذاري، +اهو عرض ”عاجز“ سندو جي اگهاڻو. +اهو رنگ ڏسي، آفت جان هي ڍنگ پکيڙيو، جو آرام جان جو هٿ جهلي، چيائين ته ”هاڻ بس ڪر، خريدار ڏسي واپار جو ڪهڙوتڪرار آهي، وڌيڪ ريڙهه پيڙهه بيڪار آهي، جيڪڏهين گراهڪ نزاڪت پسند ۽ گوهر شناس آهي، ته پوءِ ڪهڙي ٻي درڪار آهي! ههڙو وقت هٿان ويو ته پوءِ نئون آزار آهي، وري هٿ اچڻ دشوار آهي- سؤدو مهانگو سهانگو پنهنجي اختيار آهي. حسن اتفاق سان دولت ديدار ۽ صحبت دلدار جي هٿ آئي آهي، اهو ڪم انڪارجي ابتڙ آهي، ان ۾ جان جو ضرر آهي. بهتر آهي ته ڪا گهڙي رات جي رهي وٺجي، متان ورهين جو سور نه سهڻو پوي- اگرچ زمانو بيوفا آهي، مگر جي يار باصفا، دلدار باوفا آهي، ته پوءِ جفا جي ڪهڙي پرواهه آهي!“ ائين چئي، جام صراحي آڻي حاضر ڪيائين، ۽ هي شعر پڙهيائين: +شعر__ +جواني ۽ جوڀن وفادار ناهي، +مگر حاصلِ عمر ٿيو وصل يار. +رهي هيءُ جوانيءَ جو فصل ِ جوان، +جوانيءَ جو عالم رهي يادگار. +بيت - - +سدا دور دنيا ته نيبهه ٿئي، +ويل وقت هرگز نه موٽي اچي. +… ۽ چيائين ته ”اي شهزادا، اڄ اسين تنهنجا مهمان آهيون. آرام جان منهنجي ڀيڻ آهي، ان جي خاطري خاص ۽ مهمانداري ضرور آهي، سبحان الله، هڪ پاسي چاندنيءَ جو نور، حسن جو ظهور، دل جو سرور، ته ٻئي پاسي گلن جي خوشبوءِ، صحن چمن گلزار، مقابل ۾ مھ روءِ گلعذار- شراب ڪباب، عالم شباب، اهو سڀ اسباب حاصل آهي- ته پوءِ عقل ۽ هوش کي جواب آهي.“ +حاصل ڪلام، آفت جان آرام جان جو هٿ وٺي کيس آڻي راحت جان جي ڀر ۾ ويهاريو، ۽ پاڻ ٻئي پاسي ويٺي. مجلس ناءَ نوش جي شروع ٿي- ڪنهن جو هوش خطا، ته ڪنهن جو هواس بيجاءِ ٿيو. راحت جان جام شراب جو ڀري، آرام جان جو تواضع ڪيو، ۽ بين ڪڍي، سر ملائي، هي غزل شوق جو پڙهيو: +غزل – +خدا جو لطف ۽ احسان آهي، +مٺو محبوب هٿ مهمان آهي! +بغل ۾ ماهرو اڄ آهه منهنجي، +ميسر عيش جو سامان آهي! +پيالا پَي به پَي اڄ چاڙهبا ڪي، +لٿو جو دل مٿان ارمان آهي! +اُنهيءَ جيڪي ڪيا الطاف پنهنجا، +اُنهن تان سرسندم قربان آهي! +ڇڏيو اڄ آه کي اي عندليبو، +چمن اُميد جو شادان آهي! +اثر ”عاجز“ جي آندو عاجزيءَ هيءُ، +وصالِ يار کان فرحان آهي! +آرام جان تمام ناز انداز سان وري هي بيت پڙهيو: +بيت__ +دل اسان جي ساق يا هن رمز کان آگاهه ناهه، +يار جو اَلطاف آهي، جان جي پرواهه ناهه! +وري هي غزل پڙهيائين: +غزل__ +هو ڪو وصالِ يار جو مدت کان انتظار، +شڪرِ خدا جو نيٺ لٿو دل مٿان سو بار. +مون وٽ متاع ناهه ٻيو جان کان سوا، +سو جي قبول پئي ته ڪريان تو مٿان نثار. +خوش خلق، بي نياز، سندم شاهه ٿيو ڪريم، +بڇڙي جي اک کان تنهن کي سلامت نگاهه دار. +ٿيو پرده پوش عامُ سندُءِ لطف بي انداز، +ڍَڪ کوٽ، ڪچ ڪوڙ سندم نقدِ عمر يار. +آهيم اميد حشر ۾ تُرندا تُري تي ٻئي، +صوفيءَ جو هُو نقاب، گليمِ شراب خوار. +گهر جي شراب پيڻ ته ساز و سرود سان، +پڙهجو هي شعر، آهه سندم در، شاهوار. +چوڏهن ورهن جو سهڻو، ٻه ورهو شراب هوءِ، +صحبت ٻي اهڙِ ناهه ڪا، بس يار درڪنار. +ان کان وڌيڪ ناهه ڪو”عاجز“ ٿيو خوش نصيب، +حاصل رهي ٿو جنهن کي سدائين وصال يار. +..... اهو غزل پڙهي، وري آفت جان ڏي منهن ڪري چيائين ته ”اُدي، هن مسئلي ۾ تنهنجي ڪهڙي فتويٰ آهي؟“ آفت جان چيو ته ”ٻڙي، چري ته ڪين ٿي آهين؟ عشق جي مسئلي ۾ مفتيءَ جي فتويٰ بي دعويٰ آهي.“ +۽ هي بيت پڙهيائين: +بيت - - +هي حسن و جواني ۽ جوش و خروش، +غفور آهه خالق، تون پيالو بنوش +غرض، آرام جان پيالو راحت جان کان وٺي،سلام ڪيو، ۽ نوش جان ڪيو. اهڙيءَ خوشيءَجهڙيءَ حالت ۾ رڳو نوشا نوشيءَ جو جوش و خروش هو: ڪو نشي شوق جي ۾ مدهوش، ته ڪو ديدار کان بيهوش هو- فقط نالي جو وصال هو- هيڏي ناز ته هوڏي نياز هو، گهڙي کن رهڻو هو، ۽ ورهين جو سور سهڻو هو. ٻه چار ڳالهيون کل خوشيءَ جون مس هليون ته رات بيوفائي ڪئي، پنهنجي عادت قديمي ياد آيس- اوچتو مرغ صبح جي غُل مچايو، ٻانگي اَلله اَڪبَر“ جو هُل هلايو: مندر مڙهين ۾ ناد ۽ ناقوس وڳو آفتجان اُٿي کڙي ٿي، چيائين ته ”اي ڀيڻ، ڏينهن ٿي ويو!“ آرام جان هيءُبيت پڙهيو: +بيت – +فرقت جي رات يار جي زلفن جو ٿي مثال، +گهٽجي اُها ٿي رات، جا گذري ٿي منجهه وصال! +”... هاءِ افسوس، ٻانگي کي ڇا ٿيو، جو ورهين کان پوءِ هڪ رات وصل جي به نه سٺائين. شايد الصلواة خَيراً مِنّ اَلنّوم“ جي اها مراد آهي ته اُٿي ٻانگ ڏجي، مفت اکين تي هٿ رکي داد بيداد ڪجي. آذانِ جي عيوض اصلي دعا پڙهي ها ته بهتر هو. اڃا هينئر سج لٿو ته توڻي اڀريو- ڏاڍو انڌير ٿيو، سج ۾ سَر مع السَير، ٿيو، قسمت جو ڪو ڦير ٿيو.“ آفت جان چيو ته ”ائين اصل کان آهي- وصل جي رات ڪوتاهه آهي، اِت عقل جو گهر تباهه آهي وري ڪنهن سان ڪو نباهه ناهيس. اها ڳالهه نزديڪ دور مشهور آهي، ۽ هلڻ جي تياري ضرور آهي.جيڪڏهن رات تمام ٿي ۽ صبح جو خبر عام ٿي، ته مفت بدنام ٿيڻو آهي.“ راحتجان اها خبر وحشت اثر ٻڌي، ۽ جگر چاڪ ٿيس، دل غمناڪ مان آه درد ناڪ اُٿيس. افسوس ڪري چيائين ته ”جيڪڏهن اها زماني جي بي مهري اهي، ۽ اهڙي بيوفائي ڪج ادائي آهي، ته پوءِ تدبير ڪهڙي آهي!“ +حاصل ڪلام، آرام جان موڪلايو. ٻئي ڄڻيون تخت تي چڙهي، آرام جان جي باغ ۾ اچي لٿيون. آفت جان موڪلائي، جلد ئي اچي راحت جان جي خذمت ۾ هٿ ٻڌي، عرض ڪيو ته .حضور، ڪهڙي مرضي آهي؟“ راحت جان چيو ته ”اي جان، آءُ تو کان گهڻو خورسند آهيان، بلڪه تنهنجو احسانمند آهيان- ديدار يار کان معمور، چشم مخمور آهي. خدا تعاليٰ تنهنجي هر مراد بر ثواب ڪندو.“ آفت جان چيو ته ”بس، چري ڦٺ ۾ ئي خوش! منهنجي محنت جو اهو صلو اهي؟ هي ڪهڙو بهانو حيلو آهي! حضور جو من معمور، ۽ نور پر سرور ٿيو، غم وهم سڀ دور ٿيو، هن بنديءَ کي ڇا سريو! شاباس، هو جي قول ۽ اقرار سي ياد نه باش، باقي والله شاد باش! واه واه، چڱو نڪنه دان پيدا ٿيو، ٻئي جي مُدعا جو ڌيان، بي نشان رهيو.“ راحت جان مرڪيو، ۽ چيو ته ”اي جان، بدگمان نه ٿي، اهو ڪم آسان آهي. تنهنجي تابعداري منظور آهي ؛ اهو اجايو گمان دل مان دور ڪر، دل مسرور ڪر.“ آفت جان وصال جي خوشخبري، معشوق جي واتان ٻڌي،نهال ٿي ويئي. هڪ سهيليءَ جي زباني پنهنجي ماءُ، مهر جان ڏي پيغام شاديءَ جو چوائي موڪليائين. هُتي ته اصل سامان تيار هو، فقط حڪم جو انتظار هو! ڏاڍي ٺاهه ٺوهه سان ۽ ڌام ڌوم سان، شادي برات جو تجمل، مبارڪباديءَ جو هُل پئجي ويو. گهوٽ ڪنوار سينگاري، ساٺ سئوڻ جي مجلس ويهاري، آرسي مصحف ڏيکاري، عقد نڪاح جو ٻڌائون- ٻنهي کي هڪ عاليشان، خلاصي مڪان ۾ آرام پذير ڪيائون، هر ڪو پرين جي تماشي ۾ مشغول ٿيو، عاشق معشوق جو وصال ٿيو، درد فرقت جو زوال ٿيو، حيا پائمال ٿيو- جوانيءَ جي نشي جو سرور، ۽ هر ڪو دل مسرورٿيو: ڪو شراب گلگون جي نشي کان تيز، ته ڪنهن جو جام گردن صحرائيءَ جي وصل کان لبريز ٿيو، ڪنهن دفتر فراق جو کوليو، ته ڪنهن وصال جي پاڻيءَ سان ڏوتو- ٻيئي رل مل ٿي ويا- خدا تعاليٰ فراقيل جي مراد پوري ڪئي. صبح جو ڪو شرمندو ته ڪو مرڪندو، اکيون مليندو اٿيوِ ٻاهر آيا، غسل ڪيائون، نيون پوشاڪون پهريائون، فرق جا ڏينهن کٽا،ڏکن جا ڏولاوا لٿا. + + +داستان نائون +بگڙيل نشان- معشوق عاشق خصال جو ٽيون ڀيرو اچڻ، شاديءَ شاد باديءَ جو راز فاش ٿيڻ، ۽ بگڙي وڃڻ. +شعر- +ڪٿي اهين اي ساقي ء ماه رُوءِ، +اڳيان منهنجي رک آڻي ڪو جام سُوء، +رهان دخترِ زر سان بوسي ڪنار، +نه رهندو هي جوڀن، نه رهندو بهار! +گهٽيءَ دلدار ۾ ناله فروش، دشت پرخارجا خانه بدوش، مي ء محبت جا مدهوش، نشي عشق جا بييهوش، اندر جو جوش ۽ خروش هن طرح ٿا ظاهر ڪن ته اگرچ آفت جان حسن ۽ جمال ۾ اُتم هئي، سونهن صورت ۾ آرام جان کان ڪم نه هئي، پر راحت جان جي دل سائل، طبيعت گهايل، آرام جان ڏي مائل هئي. ڪڏهن اک کڻي پريءَ ڏي نظر به نه ڪئي هئائين، هينئر جڏهن وقت ملاقات جو ڪامل، ۽ نوبت وصل جي حاصل ٿي، شڪل شباهت ۽ خط خال تي نظر پوندي، عاشق ته ڇا، پر ديوانو، شمع حسن جو پروانو بنجي پيو- ڪنهن ڏينهن به خلوت کان ٻاهر قدم نه رکيائين: رات ڏينهن دل آرام ، گل فام ۽ گل اندام سان سرگرم محبت ۽ محوِ صحبت رهيو، ۽ هي بيت هر وقت چوندو رهيو: +رات ڏينهن جام سان گذر آهه، +۽ دل آرا�� سان گذر آه، +عاقبت جي خبر خدا ڄاڻي، +في الحال ته آرام سان گذر آهه! +پر هِتي صحبت عيش جي گرم آهي، هُتي آرام جان لاءِ، ماتم آهي: ان جي ملامت ۽ غم جي علالت ياد آيم، قلم جي شوخ گهوڙي جي واڳ ورايم، ۽ هن جي غمخواريءَ لاءِ اُن کي تيز ڪري ڪاهيم. +... حاصل ڪلام، جنهن ڏينهن کان آفت جان جي آمدرفت يڪلخت بند ٿي ويئي، آرام جان ڏينهن جو سخت بيقرار، بي آرام- دلدار جي انتظار کان کائڻ پيئڻ ڇٽي ويو، رشتو وصال جو ٽٽي ويو. لبن تي آه زاري، خلق جي خواريءَ کان شرمساري، بستري بيماريءَ جي تي دل آرام جي ياد ۾ بي آرام- آشنا بيگانو ٿيو، مرغ دل جو آشيانو ويرانو ٿيو- روئي روئي نڙي منڊجي پيئي، هڏڪي جاري ٿي... ته دل کي چيائين ته ”هيءَ حالت نزع جي يا وقت موت جو آهي- هڏڪي بي سبب ته نه آهي، ڪهڙو عجب آهي ته محب ياد ياد ڪيو هجي! هاءِ ڪم بخت ناڪام! جيڪڏهن محبت جو اهو انجام آهي، ته پوءِ اسان جو سلام آهي- هي آخرين ڪلام آهي. ‘ ائين چئي، اوڇنگارون ڏيئي، زارون زار رنائين، اکين مان آب اوتيائين- اشڪ دريائي لهر جو سامان ٿيو، رشڪ جو طوفان اٿيو. مدد ڪر اي سوز جگر! ته پکي روح جو سڙي وڃي: اثر ڪر اي ديده ءِ تر! ته جگر درياءُ جو ڳري وڃي. +بيت – +گرفتارِ غم جو عجب حال آه، +اڙي ضبط، منهنجو مددگار ٿي! +وري کلي، هي بيت پڙهيائين: +بيت – +سڄڻ ساريا مون به وقت نزع، +۽ هڏڪيءَ چيو ياد ڪيو يار آهه! ‘ +کائڻ جي نالي ٻڌڻ سان او ڪارو اچيو وڃي... ته وري هيئن چوي: +خواب و خور پئي ڇٽي ويا هي ء هيء ، +انهيءَ حسرت کان دل ڪباب ٿيم! +... رات جو وري هي حال هو، جو جيئڻ وبال هو- شب بيداري، اخر شماري، گريه زاريءَ جو ڪهڙو بيان ڪريان! فراق جي رات جبل هئي، ڪاٽڻ مشڪل هئي. سخت درد کان چپن تي آهه سرد ۽ چهرو زرد هو: جگر ڪباب، دل بيتاب هيس، ضعف جي سببان غشي ايندي هيس، ته ننڊ جو بهانو ڪري، چوندي هئي ته ”گهڻيءَ مدت کان پوءِ اک لڳي ته رڳو خواب ۾ به دلدار جو وصل، دل کي حاصل ڪين ٿيو!‘ +بيت – +طلب طعام جي ننڊ نيڻن ڇُٽي، +ڪيم هاءِ حسرت هڻي دل ڪباب! +افسوس ۽ ارمان اکئي، هي غزل پڙهڻ لڳي: +غزل – +آهه اڄ افسوس منهنجي آه زاري ٿي غلط، +رات ڏينهن جي بيقراري، اشڪباري ٿي غلط! +هَئي رُسي ويو رات رانجهن، دل سنديم ٿي بيقرار، +ڇا ڪريان دلڙي، سندءِ هيءَ بيقراري ٿي غلط! +محب جي ميلاپ جو هر دم ڪڍيم ٿي انتظار، +هاءِ صد افسوس، منهنجي انتظاري ٿي غلط! +دل کي دلبر آهه دائم رات ڏينهن ۾ اضطراب، +بي شڪيبي، هر گهڙيءَ جي اضطراري ٿي غلط! +دل سندي ميدان تي ڪو نتل ڪڏائن شهسوار، +منزل اَول ۾ ”عاجز“ ، شهسواري ٿي غلط! +آخرڪار، آرام جان جي اها آه زاري، ڏينهن رات واري، اثر واري ٿي، جو هڪ رات عين نشاط جي تات ۾، آفت جان کي آرام جان جي جدائي ۽ تنهائي ياد آئي، راحت جان کي چيائين ته ”حضور، مروت کان دور آهي، پنهنجي منظور نظر کي دل جي تختيءَ تان ميساري، وساري ڇڏڻ، غم ۽ الم ۾ گڏڻ- اهو ڪم بيجاءِ آهي، اُتم ناهي، خدا جو قسم آهي- جيڪڏهن حڪم هجي ته اهڙيءَ بي مهريءَ کي ڇڏي، هُن مِهريءَ جي خبر گيري لهي، ذرو سهي اچان. اسان جي دوريءَ ڪري، هن جي درد مهجوريءَ کان دل چاڪ آهي، ۽ هن غمناڪ جي ڏسڻ لاءِ دل مشتاق آهي.“ راحت جان چيوته ”اگرچ هي مدهوش ان جي جدائيءَ ۾ بيهوش آهي، پر تنهنجي خاطر خاموش هوس – هيءَ دل پريشان، ديدار يار جي لاءِ حيران آهي، رات ڏينهن ان جي دل جو ڌيان آهي. اي جان، اهو نسيان ڪين آهي، آزمايش جو نشان ۽ تنهنجو امتحان آهي! تنهنجو اوسان خطا ۽ حواس باخته آه. اگر محبت ۾ قصور آهي، تڏهن سوال بي دستور آهي. جيڪڏهن اهڙي حال ۾ وصال منظور آهي، ته پڇڻ جو ڪهڙو ضرور آهي!“ غرض، آفت جان ان وقت هوادار تي سوار ٿي، آرام جان جي محلات ۾ اچي لٿي، دل ۾ خيال ڪيائين ته ڏسان ته ڪيتريقدر محبت جو اثر دل تي ڪارگر اٿس. پاڻ کي ڇپائي، اندر ڪمري ۾ لنگهي، نظر ڪيائين. ڏٺائين ته هوءَ ناچاڪ، بستري خاڪ جي تي فراق کان درد ناڪ، اونڌو منهن ڪيو، غمناڪ صدمي اشتياق جي کان آهي، ۽ هي بيت پڙهي رهي آهي: +بيت – +الله ڪنهن کي ڪين ڏئي هيئن فراق ِ يار، +يعني ڪڍي ٿو جان منجهان ساه انتظار! +... وري غزل پڙهيائين ٿي، دل کي آٿت ڏنائين ٿي. +غزل - - +ٿو اچي منهنجي اکڻ تي ماه ڪنعان، غم نه ڪر! +ڄاڻ ٿو روشن ٿئي هي بيت احزان غم نه ڪر! +ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن واڳ هيڏانهن يار واريندو ضرور، +اي سندم محزون و غمگين دل پريشان، غم نه ڪر! +هن خزان جي دور کي دائم بقا رهندو ته ڪو، +نيٺ هت ايندي بهاري، اي گلستان، غم نه ڪر! +جي ڦري ٿي ڪينڪي گردش بحسب ِ مدعا، +ڪو ڏهارو اهيون هن دنيا ۾ مهمان، غم نه ڪر! +اڄ مريض ِعشق کي ڏسندي مسيحا ٿي چيو: +”بوسه ّ لب شڪرين سان ٿيندو درمان، غم نه ڪر! +ڪئين ٿيا ”عاجز“ اداسي، ڪُوي جا نان، غم نه ڪر! +سرتين ساهيڙين، هڪ جيڏين، مڙي سِڙي چيس ته ”اي شهزادي، ظاهر ته ڪا بيماري ڪا نه آهي، پوءِ ڇو هيتري آه و زاري آهي! ٻڌاءِ ته ڪهڙي گرفتاري آهي، جو لبن تي آهه سرد، ۽ رنگ زرد آهي. توکي ڪهڙو درد آهي؟ کائڻ پيئڻ ڳالهائڻ ٻولائڻ بند آهي، اها ڳالهه ناپسند آهي. افسوس، هڪڙي ئي هفتي ۾ اهڙو حال آهي، جو شفا پائڻ محال آهي، بلڪ جيئڻ وبال آهي! اي راڻي، ڄاڻي واڻي اهڙي حالت پريشان رکڻ ڪو شان نه آهي- آبروءَ جو نقصان، جنون جو سامان آهي. اُٿي هٿ منهن ڌوئي، کاءُ پيءُ، ڳالهاءِ، ٻولاءِ، غسل ڪري پوشاڪ بدلاءِ، ۽ گل جي سير کان دل بهلاءِ، طبيعت وندراءِ، اجايو پاڻ کي کڻي بيحال ڪيو اٿئي! اگرچ، محبت بلاي آسماني آهي، تير ناگهاني آهي- غضب آهي، جنهن جي سبب هيءَ حالت آهي، سو پاڻ به ته دلجان سان طالب، هڪ جان دو قالب هجي! اي صاحبه، جيڪڏهين هن ڪمبخت کي ذرو محبت جو اثر هجي ها ته ڇو هيتري قدر پنهنجي محبوب کان بيخبر رهي ها؟ وري جدائيءَ ۽ حيڪلائيءَ جو ضرر ڪيئن پسند ڪري ها! ضرور پرواني ديواني وانگر، شمع حسن جي تي شيدا ٿي، جان فدا ڪري ها! هي فرقو حسن پرست، بد مست، معشوقيءَ جي صف کان ممتاز آهي - عاشق جي سوز ۽ گداز کان بينياز: نه ناز سهن، نه نياز ڪن، نه ڪنهن جانباز جي سوز ساز سان غرض رکن، اڄ هن تي فدا، سڀان هن تي شيدا ۽ ڇڪن- مثل بلبل جي، گل جي نظاري کان اڄ هڪڙي گل تي کلي، سڀان ٻئي تي ڦُلي- قديمي، صحبت به ڀلي ويا.“ آرام جان اهو بيان ٻڌي، اکين ۾ پاڻي آڻي، هي بيت پڙهيو: +بيت - +ڪنهن جي بدي تون نه ڪر، عيب آهه، +انهيءَ جو خدا عالم الغيب آهه. +وري روئي ڏنائين، ۽ غزل پڙهيائين: +غزل – +دل اڙي يار سان، بيداد، +ري روئڻ جي، ڪو کلڻ ناهي ياد! +بار غم جو اچي ٽُٽو دل تي، +هاءِ، تنهن درد کان اٿم فرياد! +هي نوشتو نصيب جو ڄاڻج، +ناهي شڪوو ڪو دل سندو صياد! +فوج غم جي ته پَئي به پَئي ڪاهيو ؛ +رات ڏينهن آهه دل مٿي بيداد! +تو بنا ناهي واهه ”عاجز“ جي، +اچي دردن کان دل ڪريو آزاد! +... ۽ فرمايائين ته ”هاڻي بس ڪريو، گهڻو جس کٽيُوَ - وڌيڪ بڪ، اجائي جهڪ بيڪار آهي، هتي دل بيوس ۽ بي اختيار آهي. جيڪڏهن ضرور گاريون کائڻيون اَٿَو، ته وڃي ڪنهن سودائي چرئي جي چُر ڪريو، يا ڪنهن ديواني مستاني جي پچر ڪريو- منهنجي ستائڻ ۾ ڇا حاصل آهي، دل اڳ ئي گهايل، ۽ الفت جي ستايل آهي. آفت جان تي ڪهڙي مصيبت، سخت آفت نازل ٿي، جو يڪ لخت هن ڪمبخت کي وساري ڇڏيائين، وري سار سنڀال به نه لڌائين- جي نان، ته هن درد فراق جي اُها رازدار، هن مشتاق ديدارجي پرده دار هئي ۽ غمخوارهئي. خدا ڄاڻي ته ڪنهن بند ڪئي يا قيد ۾ پيئي، يا اصلي مُئي ، ويئي! جي نه ته منهنجو هي حال بيحال هن کي ڪڏهن به منظور نه هو. افسوس جو منزل دور آهي، ۽ مشهور ناهي، دل درد کان وهلور آهي، هن گمنام جو مڪان بي نشان ۽ منزل لامڪان آهي. جيڪڏهن منهنجي حال ابتر کان بيخبر آهي، ته تڏهن منهنجي آهه بي اثر آهي! جيڪڏهن ذرو تاثيرجو هو، ته هوند هن کي اثر پهتو، ورنه هن بي پير جي ڪهڙي نقصير؟ خير، تقدير جي لکئي جي تدبير نه آهي“ ائين چئي، زارون زار رنائين، ۽ غزل پڙهيائين: +غزل – +دلا اڄ واديء محبت ۾ قسمت آزمائي آهه! +ڀلا ڏسجي ته غم جي آه ڪيئن ان ۾ سمائي آه ! +اسيرانِ بلا کي طوق ۽ زنجير گردن ۾، +اهو ئي سلسلو زلفِ مسلسل جي رسائي آهه! +نگاههِ ناز سان گهائل ڪرڻ اڄ ٿو گهري دلبر، +بلا وسواس عاشق ان اڳيان گردن نمائي آهه ! +سب، فرقت ۾ ٿو رو سُمّ کائي پوءِ سمهي رهجي، +دوا جا درد دل جي سهل، مون توکي سڻائي آهه! +اچي جيڪر اڱڻ منهنجي، قسم ان ناز بيجا جو، +ڪريان دل جان آءُ قربانُ، طالع آزمائي آهه! +چيو ڪنهن طرهء سنبل، شب ديجور ٿيو اَسودَ، +ڀلا شاعر ته ڏس ڪيئن زلف تي تهمت لڳائي آهه! +ڪريان تعريف ڪهڙي آءُ قلم پنهنجي جي شوخيءَ سان، +مل رستم جي هٿ مضمون شرڪس جي لڙائي آهه ! +غزل تنهنجي تي هر ڪنهن ٿي چئي وه واه اي ”عاجز“ ، +صدا ي آفرين وه واه فلڪ کان توتي آئي آهه! +الحاصل، آفت جان، اهو حال ابتر آرام جان جو ڏسي، ظاهر ٿي، بيمار وانگر حزين آواز سان، هن غمگين کي سلام ڪيائين ۽ هي ڪلام ڪيائين ته ”شهزادي، مزاج شريف، طبع حنيف جو ڪهڙو حال آهي؟ ڇو دشمنن جي طبيعت پرملال آهي- بي اختيار آهه جاري آهي! ٻڌاءِ ته ڪهڙي بيماري آهي!“ آرام جان آواز سڃاڻي، اکيون کوليون. چيائين ته ”اجها آهي آئي ڪُلال- بس، جڏهن دلدار جي صحبت کان فرحت ماڻي نهال ٿي، ۽ فرصت مليس، تڏهن قسمت تائِي آڻي ڪڍيس. عجب آهي ڪو غم فراق جي کان جان بَلَب، ته ڪو دلدار جي ڪنار ۾ دار طلب، توکي ٻئي جي ملاقات يا موت حيات سان ڪهڙو مطلب! اي آفت جان! +بيت – +”افسوس، غمَ هجر کان دل آه داغدار، +تون يار جي ديدار کان دلشاد چون بهار، +ريءَ تات طلب ان جي عمر آهه اجائي، +آءُ درد جدائيءَ کان ٿيس دور کَون دلدار. +بلبل جي مثل ڇو نه ڪيان آه وفغان مان، +گلشن کان ڇنس ”عاجز“ منجهه موسم ِ بهار. +آفت جان چيو ته ”جوش خون جي کان جنون ته ڪو نه ٿيو اٿئي، سير ڇوڙاءِ! جيڪڏهين گهڻي خوشيءَ کان مغز ڪمزور ٿي پيو اٿئي، ته مفرح ياقوتي کاءُ ته عقل جاءِ ٿيئي. مون کي جيڪڏهين غرور منظور هو، ته پنهنجو راز ظاهر ڪرڻ ڪهڙوضرور هو! اجائي ٽوڪ ڪرڻ بيدستور آهي- اهو به ڪو شعور آهي! هيءَ عشق جي سرڪار آهي، وڏو جگر درڪار آهي! گهٽيءَ دلدار جي ۾ پير رکڻ دشوار، بلڪ آزار اهي، دلفگار آهي: اهو حال آهي، جوجيئڻ جنجال آهي- مون رقابت جو خيال ۽ پهاڄپي جو دل تي ملال نه ڪيو، پنهنجو سمورو حال تو کي ٻڌايو.محبت جو حيلو ملاقات جو وسيلو ٿيو- هڪ ڏينهن ۾ يڪدم معشوق بنجي ويٺينئن- دوستيءَ ۽ اخلاص جو دم ڀرڻ ۽ نَنهن کان ماس جدا ڪرڻ موت جو همدم ٿيڻ آهي. راحت جان منهنجو دين هو، ايمان هو، صبر هو، آرام هو. تون اهڙو گرو ٿي گڏينءَ، جو اک ڇنڀ ۾ ڦري ويٺيئن.“ +شعر- +عشق ۾ سخت خار بازي آهي، +هيءَ به ڪا مفت يار بازي آهي! +هُو مبارڪ هجي توهان کي حضور، +مون کي خواهش نه هئي پري يا حور. +س�� جَلي جو هجي سندءِ دشمن، +عين راحت ۽ اک منهنجي روشن. +تون اڙاءِ انهيءَ سان دل ماندي، +ناهي ”عاجز“ جي وره کان واندي. +وري آرام جان چيو: +شعر- - +کل چرچي ۾ تون ته وئينءَ وهلور، +سئين پئينءَ ڳالهه ۾ آهين معزور! +”... هاڻ ٺهيو مائي، نقصير معاف ڪر، دل صاف ڪر. آءُ گنهگار عيبدار، مون غذر ڪيو، تڏهن لائق تعذير، عذر پذير آهيان، عاجز بانياز آهيان.“ آفت جان چيو ته ”اَي ديواني، ذرو خيال ته ڪر، هيڏانهن به ته ڌيان ڌر، ڇهه ست ڏينهن آءُ پاڻ بيمار هيس، جيئڻ کان بيزار هيس، کٽ تان پير پٽ تي نه رکيو اٿم. اڄ البت بت ۾ طاقت ۽ طبيعت ۾ ٿوري قوت ٿي اٿم، ته يڪدم اچي تنهنجي حاضري ڀري اٿم. واه واه، تو ته مون تي چڱي انعام اڪرام جي ورکا شروع ڪئي! خير، پنهنجي سهڻيءَ صورت تي ناز ڪرڻ، ٻئي غريب کان بي نياز ٿيڻ نه جڳائي.“ آرام جان اها ڳالهه ٻڌي، درد ۽ غصي کان سرد ٿي ويئي. آفت جان کي ڳراٽي پائي، چيائين ته ”ڀيڻ منهنجي انهيءَ تقرير ۾ هيءَ تدبير آهي ته تنهنجي دل جي مدعا صاف معلوم ٿئي، سو معاف ڪج، ايترو به ماڻهن جي طعني ڪري تو ڏانهن انومان هو، ورنه مون کي ته ڪنهن به قسم جو گمان يا ارمان ناهي. قسم آهي ته ڪنهن کي بي جرم، پائمال ستم جو ڪرڻ، پنهنجو ڌرم ڪين آهي. غم ۽ الم کان دل وماس هئي، قرب جي پياس هئي. آفت جان چيو ته ”ادي، هيءَ بندي تنگ مزاج ناهي، ۽ نڪي انهيءَڳالهه کان رنجيدي، دامن چيدي آهي. خير، ٻه ڳالهيون تو ڪيون، چار مون ڪيون، آيون ويون- هڪ پاسي عذر ٿيو، ٻئي پاسي قبول پيو، ته ٻنهي جي دل صاف ٿي. هاڻي کِلو مِلو، اُٿو سنبري هلو- شهزادو انتظار ۾ تمام بيقرار هوندو.“ آرام جان هار سينگار ڪري، ڏاڍي جوت جنسار سان، آفت جان سان هٿ ۾ هٿ ملائي، هوادار تي سوار ٿي، راحت جان جي محل ۾ آيون. آفت جان طلب ۽ مطلوب، محب ۽ محبوب کي يڪجاءِ، ويهاري، لڪ چوريءَ هيٺ ڪوٺي کان لهي آئي. هوڏانهن مڪان اغيار کان خالي هو، گل مراد جي کان جهولي پُر هئي- خالي بوسه ّ ڪنار، يار درڪنار، درد برڪنار هو، محبت بي اثر نه هئي، طبيعت بااثر هئي، اضطراب جلدي، نه ڪئي، صبر ۽ تحمل، حُسن جو تجمل ڏسي، رخصت نه ڏني، ۽ لغام سمند خوش خرام تيز گام جو سنڀالي، دَورَ ڪرڻ کان روڪيو- فقط سينو با سيني طور هو، شراب ارغوانيءَ جو دور هو، نوشا نوشيءَ جو شور هو- هوڏانهن اکين ۾ سرور هو، ته هيڏانهن نشي جو زور هو. انهيءَ وٺ پڪڙ، ڌُم ڌَڪڙ جي حالت ۾ آرام جان جي نظر راحت جان جي مينديءَ رکيل هٿ تي پئجي ويئي. ڏسندي ئي اکيون ڳاڙهيون ۽ منهن تپي لعل ٿي ويس.ڪاوڙ جي چيائين ته ”بس بس، هي رڳو هوس! هُتي منهنجو بدن سوز ۽ فراق ۾ جلايو، هِتي پنهنجي دلدار سان ويٺا آهيو رنگ رلايو- عيش آرام ۾ بي کٽڪي، بي وشواس، غير کان بي هراس، ۽ آءُ هُتي ديدارجي پياس ۾ اُداس، هِتي اوهين خوش راس، نه ڪنهن جي آسِ نه پاس.“ انهيءَ ٻڌڻ سان راحت جان جا اوسان خطا ٿي ويا، عقل گم، هوش ٿمُّ ۽ دَمُّ تَم ُّ ٿي ويو. دل ۾ خيال ڪيائين ته شايد پريءَ شاديءَ جو حال ٻڌايو اٿس، جنهن کان ملال رسيو اَٿس، تنهن ڪري خفگيءَ جو آثار آهي. انڪار ۾ مصلحت نه ڄاتائين، اقرارڪيائين. آفتجان جي عشق جي حقيقت ۽ پنهنجي قيد ٿيڻ جي مصيبت ۽ شاديءَ جي ڪيفيت، موبموءِ بيان ڪيائين. آرام جان ٻڌي، هيڪاري سي ڪباب ٿي ويئي. بيتاب ٿي جواب ڏنائين، ۽ خطاب ڪيائين ته +شعر- +”مرين تون پريءَ تي، هوءَ توتي مري، +سگهو هاڻ مون کان ڀڄي ٿي پري. +رقابت جي طاقت ٿي ڪائي نه آهه، +انهيءَ لاءِ مون دل اڙائي نه آهه. +”... مون ڏسڻ سان ئي هُن مڪاره، ناڪاره، عياره جي چال مان سهي ڪيو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي! ايتريءَ دير ۾ ضرور ڪو ڀير آهي. ڏاڍو غم ۽ وهم ٿيم، گهڻي ڪوشش ڪيم. افسوس منهنجي دم ۾ نه آئي، اٽلو مون تي سيڙهي مکيائين. مون يڪدم گردن نمائي، ۽ هلي آيس. حيف آهي اهڙي عاشق تي، جو معشوق جو ناز نه کڻي، ۽ نياز نه ڪري! ۽ افسوس، صد افسوس، اهڙي معشوق تي، جو عاشق جو غم نه ڪٽي، دمساز نه ٿئي! دنيا جي ڪارخاني ۾ طرفين جي محبت برابر کپي، ائين نه ٿئي جو ڪو عشق مان لنگهي جنون کي پهچي، ته پوءِ وصال جي تدبير زبون آهي، عقل سرنگون آهي. چوڻي آهي ته ”جني لاءِ مياس، سي ڪانڌي ڪين ٿيا. ! توهان کي غير جو خيال، ته پوءِ منهنجو ڪهڙو حال، پرملال هوندو؟ +”منهنجي هوندي وڃي ملئين ٻئي سان، +ستم ان کان سواءِ ٻيو ڇا هي! “ +”... مون تنهنجي محبت ۾ جان گنوائي، رسوائي ڪمائي، سر تي مصيبت وِهائي، خاڪ اڏائي- تو منهنجي حال تي رحم کائي،هيءَعنات فرمائي، جو بيوفائي پيش آئي. اگرچ تون بيقصور آهين، پر هي ڪنهن کي منظور آهي! ان کان جان ڏيڻ بي دستور نه آهي،وڌيڪ هٿ درازي ضرور نه اهي، مروت کان دور آهي- هُوءَ تنهنجي دلدار ۽ خريدار آهي، تون ان جو مونس غمگسار، ۽ غمخوار آهين.ڪنهن کي پيئي آهي جو پرائي کڏ ڀري، ۽ پاڻ کي بَد ڪري ۽ ساري عمر حسرت ۾ سڙي ۽ ارمان ۾ ڳري! سچ آهي ته معشوقن جي ٻالي، ڀلي ڳالهه تي نه ڀلججي، ڏسي وائسي پير کڻجي، متان مفت سڄي عمر نه سڙجي: +شعر- +”خوش رهو پنهنجي دل کي شاد ڪريو، +غم نه آهي ته مون کي ياد ڪريو“ +توکي عشرت ۽ هو مزا ماڻي، +ٻالي جو جُوٺو منهنجي بلا تاڻي. +... خير، اصلي عادت کان آدمي مجبور آهي، مثل مشهور آهي ته ”جهڙو روح، تهڙو فرشتو.“ +غرض، راحت جان اهو ٻڌي، تمام شرمسار ٿيو ۽ هيءَ گفتار ڪيائين: +بيت – +پري پسند طبيعت کي ناهي حُور پسند، +تنهنجو غلام آهيان، جي ڪرين حضور پسند! +”... اَي صاحبه، منهنجي لاءِ آفت جان طالب، تون مطلوب، هوءَ محب، تون محبوب، جيڪڏهين مون کي ديوانو بيگانو ڪرڻ منظور آهي، ته پوءِ آفتجان جو بهانو ڪرڻ، ڪهڙو ضرور آهي؟“ ائين چئي، هي غزل پڙهيائين: +غزل – +هاڻ وس تنهنجي ٿيس، بس، ٻيو عبث تڪرار آهه، +جان و دل تو تان فدا ٿي، تو مٿي سڀ بار آهه. +کِل پيارل قرب مان، ڪو وصل جو وارو وراءِ، +وَهُو مَعڪُم اَينَ مَا ڪُنتم“ سندين گفتار آهه. +ناز پرور ناز ڀريا من موهن منهنجا مٺا، +جيءُ جلائڻ عاشقن جو اصل کان اقرار آهه. +رات ڏينهن دل ۾ وسي ساجن سدائين دم بدم، +ڪين وسري هوت هر دم عشق جو آزار آهه. +هاڻ ”عاجز“ ٿيو اسير و مبتلا منجهه درد غم، +هاءِ، دل ههڙيءَحياتيءَ کان سنديم بيزارآهه. +حاصل ڪلام، انهيءَ گفتگو دوبَدوُ، ۽ ڇڏ وٺ ۾ صبح جا آثار نمودارٿيا. آفت جان اچي سلام ڪيو، ۽ خيريت پڇيائين. آرام جان جواب ڏنو ته ”واه واه، گو سائين گهر گهر واڌائي، چڱو رنگ رنڱائي، پرستان جو نڪ ڪپائي، اجهو آئِي، - ڀلا بيماريءَجي بهاني جو ڪهڙو ضرور هو! مون کي پرايو محبوب کسڻ ڪڏهن به منظور نه هو. خير، آدمي لاچار بي اختيار آهي، ماڻهو وڃائي سکي ٿو. انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو غم آهي، - بخدا سودا ڪم آهي، عشق جو زنجير اگرچ باري هو، مگر مثل تار عنڪبُوت ٽٽي ويو، خنجر نظر جو زخم ڪاري هو، مگر حرف غلط وانگر ميسارجي ويو، نقش دل تي اڪريل هو، مگر مثل نقش برآب جي ڦِٽي ويو.“ +شعر – +هر چند نه درمل ته ٿئي عشق جو يارو، +زخمِ دل مجروح جو ٿئي ڪو نڪو چارو. +هن غم ۾ مرڻ آه جيئڻ ناهه ڪا اميد، +پر شڪرٿيو علاج سُهل محب ٿيو مارو. +هي حال ڏسي ”عاجز“ بيتاب ويو ان جو، +جاري ٿيو دل کان سندم رت جو ڦوهارو. +... ائين چئي، فرمايائين ته ”هاڻ اسان بس ڪئي، گهڻو ڍَو ڪيو سون- مهرباني اوهان جي، اسان کي پنهنجي مڪان تائين پهچايو. اگر بدن ۾ جان رهي ته اهڙو دلخواه نالو، وري زبان تي نه رهندو.“ +آفت جان اهو بيان ٻڌي، سمجهيو ته شايد شاديءَ جو راز فاش ٿيو آهي، هاڻي لڪائن ضرور ناهي. تمام شوخيءَ ۽ گستاخيءَ سان چيائينس ته ”جيڪڏهين غمزو بيجا منظور آهي، ته جيڪو تنهنجو عاشق مشهور آهي ان تي ڪر، ۽ ناز جونشان ان تي ڌر، جو تنهنجو ناز بردار خريدار هجي، ۽ ڳچيءَ جو هار طلبگار هجي- هتي هر ڪو پنهنجي اختيار آهي. هي به اهو مثل ٿيو ته هو نِين ِ ساڻ ڪين، چي، ٽپي ڏاند چڙهان- لڪڻ به ڏيوم هٿ ۾، ته پاڻيهي هڪليان.“ واه واه، هيءَ به معشوق بني آهي، اجائي رُکي صورت مردود آهي- اجهو تخت موجود آهي- بسم الله سوار ٿي سڌاريو، روڪڻ واري جو نالو ٻڌايو. جيڪڏين ديدار جو وري خيال ٿيو ته منهنجو انتظار نه ڪجو، شوق سان اچي ملاقات ڪجو.“ آرام جان اهو الحان ٻڌو، هيڪاري ٻرنديءَ تي تيل مثل اثر ٿيو. دل جلي خاڪ ٿي ويس، هوش گمراهه ۽ خيل تباهه ٿيس، اکين اڳيان آنڌي اچي ويس. جهٽ پٽ تخت هوادار تي سوار ٿي، اچي پنهنجي محلات ۾ لٿي. ٽيڙ تپ چڙهي ويس، ترش بيماريءَ جي ڪري دل مجروح، صاحبِ فرش ٿي رهي. + + +داستان ڏهون +مريض محبت جي بيماري، راحت جان جي بيقراري، آفتجان جي چالاڪي، وزيرزادي جي طراري، نسبت جي گفتگوءِ. +شعر- +ڪٿي آهين اي ساقيء بيخبر ؛ +نشو پيار ٿئي دور داغ ِ جگر ؛ +پياريو مون کي جام اڄ پَي به پَي؛ +اجائي هوس ۾ وئي عمر هَي! +طلسم ڪٽيندڙ صدمي الفت جا، عزمتون پڙهندڙ آسيب محبت جا ، مدت فراق جي بسر ڪري، عاشق معشوق جو وصال هن طرح، هن صورت ۾ بيان ڪن ٿا ته آرام جان راحت جان کان جدا ٿي... اچي بستري ماتام جي تي بي آرام ٿي، ڪِري پيئي- - سڄي غم جي صورت بنجي پيئي: نه جان ۾ جان، نه بدن ۾ هوش، نه اڳيون جوش و خروش رهيو، باقي رات ڪاٽڻ مشڪل هئي. دل کي چيائين ته هن رات جو صبح ضرور قيامت جو ڏينهن هوندو، شور محشر جو ٿيندو – مفت شوڪت شان ويو، آدمي بي مان ٿيو ۽ بي نشان رهيو- سور جو سامان ٿيو، هڪ گمنام جي سبب مفت بدنام ٿيو، آخر هي انجام ٿيو جو جيئڻ بيڪار ٿيو، ۽ هن آزار کان بچڻ دشوار ٿيو: ڪٿ خريدار طلبگار ٿيو، ڪٿ غمخوار محرم اسرار ٿيو، ڪنهن جو خانو خراب ڪيائين، ته ڪنهن کي مثل مجنونءَ جي ديوانو بيتاب، جگر ڪباب ڪيائين.، وري روئي، زبان حال جي سان دل کي جواب ڏنائين ته ”افسوس، اي دل! جيڪڏهن اها خبر پويم ها ته الفت جو نالو به نه وٺان ها! هاڻ هن بيڪار جيئڻ کان موت ڀلو آهي... ڇپر موت جي حرام نه هو ته هوند خنجر هڻي يا زهر کائي مرجي، اهڙو سور ڇا لاءِ سهجي! – سواءِ مَلَڪ الموت جي ڪو علاج ناهي. حڪيمن جو قول آهي ته بيمار کي بيمار وٽ رکڻ، اهو نئون آزار آهي- جيڪڏهن هو پاڻ بيمار آهي ته علاج جو ڪهڙو تڪرار آهي، جڏهن غمخوار پاڻ پنهنجي صورت کان بيزار آهي ته پوءِ صحبت جو ڪهڙو آثار آهي! وري جذبي محبت جي جواب ڏنو ته ” بيوفائي، ڪج ادائي، اصل معشوقن جي آڏو ڏائي آهي، ان ۾ عقل جو ڪهڙو قصور آهي- سوال بي دستور آهي: جيڪڏهن معشوق با وفا ۽ دوست باصفا ڳولجي ته دنيا دورنگيءَ ۾ ساري عمر هٿ نه اچي.، ايتري ۾ صبح ٿي ويو. هڪ محرم راز دمساز اچي آرام جان جو اهو حال ڏسي، روئي چيو ته ”اي شهزادي، رات ڪهڙو حال هو، ۽ صبح جو هي ڪهڙواحوال آهي؟ ظاهر ته ڪو آزار ناهي، مگر ڏسڻ ۾ جهڙو ورهين جو بيمار آهي! +بيت – +هي حُسن جواني ۽ هي غم ۽ اَلُم، +ستم آه، ستم آه، ستم آه، ستم! +”... خدا جي واسطي، ��ي راڻي،روئڻ بس ڪر، پنهنجي نئين جوانيءَ تي ڪو ترس ڪر!“ +شعر- +هَل ڪعبي ۾ ڪرمومن، ڇڏ هِن بت جي آستاني کي، نقش پيرن رقيب جو محراب ڪيئن سونهي، هاءِ هن ديواني کي! +آرام جان ٻڌي، زارو زار روئي چيو ته ”اي همدم، دل بيوس، بي اختيار آهي... +غزل – +اُلٽي پيو بخت، اونڌي تقدير ٿي عَبث، +دل ۾ رهيو نه سوز ۽ تدبير ٿي عبث. +ڪوڙين لکيم ڪتابت، احوال پُر ملال، +قاصد، نڪو ڪبوتر، تحرير ٿي عبث. +هر هر ڪيان بيان ڇا احوال شر حوار، +معلوم اٿس مڙئي، تقدير ٿي عبث. +هَي هاءِ، موٽيو ڪين مرڻ تائين مَهه لقا، +افسوس، منهنجي نالءِ شبگير ٿي عَبث. +مجنونءَ جيئن ڏياريئين جاگير ڪوه دشت، +ليليٰ جي ديد ڌاران، جاگير ٿي عبث. +غم کان سواءِ مونس و غمخوار ناهي ڪو ؛ +نقش، وصال ڌاران، تصوير ٿي عبث. +ڪاوڙ مان ڪالهه قاصد کي چيائين هن طرح : +”عاجز“ جي آهي دام ِ تزوير ٿي عبث. +”... منهنجي حال تي ترس نه آهي، مرض لاعلاج آهي، دوا جو محتاج نه آهي. اي نادان، مبت بلاي آسماني تير ناگهاني آهي، جنهن جي سيني تي رسيو، آر پار هليو ويو، جيڪڏهن ڪو ان ۾ اختيار هو ته ڪو ڪنهن جو خريدار ۽ تابعدار نه هو، هر ڪو آزاد هو- نه اهو داد بيداد، نه ايترو فساد هو. خير، محبت جي لذت ۽ فرقت جي ذلت ۾ عمر برباد ٿي، دل ناشاد ٿي.“ +غرض، اها تقرير اهڙِ دلگير هئي، جو هر ڪا ٻڌي، بي سڌير ٿي. هيڏانهن راحتجان رنجيدو، پريءَ کان دامن چيدو، دل ملول، مطلب بي حصول ٿي، آفت جان کي چيائين ته .اي نادان، مهمان رنج ڪرڻ دانائيءَ کان دور آهي، محبت ۾ اِهو دستور ناهي، سراسر تنهنجو قصور آهي. افسوس، يار رٺو، جنهن مون کي مُٺو- جيڪڏهن جواني آهي ته به زندگاني و بال آهي، جيءَ جو ملال، جيئڻ جنجال آهي! خدا اُهو ڏينهن ڪري، جو هُو بت بي پير تقصير معاف ڪري، دل صاف ڪري- وصل جي تدبير ٿئي ۽ هيءَ دل سڌير ٿئي، قلب جي ظلمات کي اُو انور اچي منير ڪري.“ +ائين چئي، هي بيت پڙهيائين: +بيت – +هو جي هئا ڪالهه، ڏٺم،. اڄ نه، ڏسان مانَ سُڀا، +جوءِ ۾ جت جَجها، آهن آري اَلڀا. +ورهه ويراڳ وندر منجهه رلائي سسئي ڪيچ کي، +رات کي چاڙهي ويا جَتَ پنهنجو ڀاءُ. +آفت جان چيو ته ”اي شهزادا، قسم تنهنجي سر جو آهي، ڇا لا ايتريقدر متفڪر ۽ منتظر ٿيو آهين- اِنهيءَ حال کان بيخبر آهين. آرام جان جو پيءُ ڏاڍو متڪبر آهي، ڪيترن بادشاهن ۽ شاهزادن آرام جان جي محبت ۾ مست ٿي نسبت جي درخواست ڪئي، ته ڪنهن جو خط ته نه پڙهيائين، پر ڪيئي قاصد مارايائين- اهڙو سخت نَخُوت پرست آهي، بلڪ ان جو قول درست آه ته انهيءَ کان زهر کارائي مارائي ڇڏيندس، مگر پنهجي جيئري ان جي شاي نه ڪندس. آرام جان جي ڪنواريءَ رهڻ جو اِهو ئي سبب آهي.“ راحت جان اِها ڳالهه ٻڌي ۽ هيءَ آهه درد ناڪ، دل غمناڪ مان ڪڍيائين: +غزل – +محبوب جي ملڻ جي تدبير ٿي غلط، +حيلا حوالا دل جا تزوير ٿي غلط. +سَو سَو سلام منجيم، ناهي نياز جي حد، +جو ڪجهه لکي مُجان ٿو، تحرير ٿي غلط. +ظاهر زبان سان احوال ڪجهه ڪريان ٿو، +ڪجهه ڪين ٿيو مؤثر، تقدير ٿي غلط. +دل جي مراد هئي، ته پسان يار جو جمال، +افسوس، آهي ”عاجز“ تقدير ٿي غلط. +... ۽ چيائين ته ”هيءُ عجيب قصو آهي، اُن کان به دل تي خفو آهي، اڳي اڃا اميد هئي، وصال جي، مگر هينئر نااميديءَ وبال آندو آهي، جنهن پائمال ڪيو- تڏهن منهنجو حال زوال ٿيو. افسوس! جوانيءَ جو جمال ۽ حسن جو ڪمال ويو، ته پوءِ پيريءَ ۾ حبيب جو وصل نصيب ٿئي ته ڇا حاصل ٿيو!“ تنهن تي وري آفت جان چيو ته ”اجائي غم جو ڪير قائل آهي؟ انهيءَ جي واٽ مشڪل نه آهي، تمام سهل آهي، ٻڌي پسند ڪندؤ ۽ دل خورسند ٿينديوَ – يعني ته آءٌ وڃي آرام جان تي پنهنجو سايو وجهان! اگرچ هن جو پيءُ تمام سنگدل بي مروت آهي، ته به ڌيءُ جو برو حال سهي ڪين سگهندو. ضرور بيحال ٿي علاج معالج لاءِ ڪوشش ڪندو. جڏهن علاج بي اثر ڏسندو، ته پڙهيا ۽ ملان ٻانڀڻ پڇائيندو. جنهن وقت ٻڌندو ته پريءَ يا جن جو آسيب آهي، ته بِلا ريب، زياده دلگير ۽ بي تدبير ٿي پوندو. اهڙيءَ حالت ۾، جان نثار موقعي جو فائدو وٺي، نسبت جو خواستگار ٿي، تنهنجي تصوير کڻي آڻي ڏيکاري. پوءِ جيڪا هو تقرير ڪري، سا ضرور دلپزير ٿيندي، ڇا لاءِ ته هو به وزير آهي، بي تدبيرنه آهي. عنايت پروردگار شامل حال آهي، ته مقصد حاصل آهي.“ في الحال شهزادو وصل جي موزون تدبير ٻڌي، دلشاد ٿيو، غم وهم سڀ برباد ٿيو، خوشيءَ کان آباد ٿيو- کلي ڏنائين ۽ آفت جان جي عقل تي آفرين چيائين. فرمايائين ته مَنورتي معقول آهي، اِهو فهم فضول نه آهي- گل مراد جو موصول آهي.“ +بيت – +دنيا ۾ تو جهو ڪوئي استاد نه هوندو، +استاد هُجي، تنهن کي پر فن هي ياد نه هوندو. +آفت جان شهزادي کي تسلي ڏيئي، وڃڻ جي تياري ڪئي. ۽ جان نثار کي چيائين ته ”هڪ مهيني کان پوءِ منهنجي خبر وٺج، جلدي نه ڪج.“ پاڻ اُن ڏينهن رخصت وٺي آرام جان جي باغ ۾ آئي. ڏٺائين ته آرام جان ان وقت باغ ۾ هڪ سَروَ جي سائ ۾، ٽاري گل جي هٿ ۾، قمريءَ جي ڪُو ڪو، ڳيري جي هُو هُو هُو تي الاهُو چئي، راحت جان جي ڌيان ۾ دل بيتاب، جگر ڪباب،بيحجاب، عقل کي جواب ڏيئي، جزبي شوق جي کان جهولي رهي آهي. پريءَ يڪدم مٿس سايو ڪري، جسم تي عمل ڪيو ۽ وجود ۾ دخل ڪيو. آرام جان ڪَرَ موڙيا ۽ ان دم هڪ هيبتناڪ رڙ ڪري، پَٽَ تي بيدم ٿي ڪِري پيئي، غش اچ ويس. اوچتي رڙ تي ٻانهيون ڇينيون، ڪار غلاميون، عطر دانيون، کڻي ڊوڙيون: ڏٺائون ته شهزادي بيحال، بيجان، زمين تي پائمال آهي – ڏسي، منهن موڙيائون، هار ٽوڙيائون، وار ڇوڙي واويلا مچايائون- گلاب عطر، لخلخا سونگهايائون، گهڻيئي تدبيرون ڪيائون، مگر بي حاصل. آخرڪار، تخت آندائون، کڻي ان تي ليٽايائون، محل ۾ آندائون، گهڻيئي تدبيرون ڪيائون، مگر ڪجهه به نه وريو، ڪي خواصيون ڀڳيون، جن وڃي ملڪه ۽ بادشاهه کي احوال سڻايو. ٻيئي ماءُ ۽ پيءُ، مٿي پيرين اگهاا ڊوڙندا آيا، جن اچي حال ڏٺو ۽ احوال ٻڌو: منهن مٿو پٽيائون، چيائون ته ”هاءِ، هي ڇا ٿيو!“ڪنهن چيو ته ”اوچتوسر سام ٿيو اٿس“ ڪنهن چيو ته ”نه ڙِ نه، ام صبيان اٿس“ ڪا چوڻ لڳي ته ”ٻڙي، چريون ته ڪين ٿيون آهيو، هي ته ڪو جن جو واسو، يا پريءَ جو سايو آهي، ان مرض جو ٻيو ڪو به پايو نه آهي.“ هڪ پرستار مُسخرات جي اسرار کان واقفڪار هئي، تنهن هڪ نقش لکي، کُٽيءَ کي تاڻي، آرام جان کي آڻي ڏيکاريو. آرام جان اکيون کولي نقش ڏٺو، اکيون ڳاڙهيون ڪيون، ۽ ڀڙڪو کائي انهيءَ پرستار کي گردن کان جهلي، سسي مروٽي، هڪ وڻ تي کڻي لڙڪايائين. ۽ وري چوڌاري نهاري، چريائيءَ کي تاڙي، اُتي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيائين- زر زيور سڀ پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين. ملڪھ اهو حال ڏسي، بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو. بادشاهه يڪدم ٻاهر آيو، غمگين، دل ملول ٿي ڪچهريءَ ۾ به نه ويو، منهن ويڙهي پئجي رهيو، ملڪھ ڌيءَ جو هيءُ حال ڏسي، سلام ڪري، چيو ته ”اي شاهه جنات! آءُ نڪي طبيب عامل آهيان،نڪي ڪنهن فن ۾ ڪامل آهيان، فقط توهان جي اچڻ جو احوال دريافت ڪرڻ آئي آهيان، حڪم ٿئي ته عرض ڪريان، نه ته پوئين پير هٽان.“ آفت جان (آرام جان جي قالب ۾) جواب ڏنو ته ”آءُ جنن جو باشاهه، خلجان نالي آهيان، ڪوه ڪاف ت�� منهنجو مڪان آهي. اڄ رات سير ڪندي، گهمندي ڦرندي، هيءَ عجب دلبند صورت، دلفريب مورت، ڏسي پسند ڪيم- حسينن سان دل جي رغبت ازحد آهي، اگرچ اوهان جي دانست ۾ اها عادت بد آه، اوهان جي دل شايد ان کان دردمند آهي.“ ملڪھ هي احوال ٻڌي، حران ٿي، هوش پريشان ٿي ويس، جلدي اچي بادشاهه سان ڳالهه ڪيائين. بادشاهه ان دم ڪي عامل، انهيءَ فن جا ڪامل سڏائي، انهن کي تاڪيد ڪيو ته شهزاديءَ جو علاج شروع ڪريو، بعد غسل صحت جي هر ڪنهن کي حسب لياقت انعام اڪرام ڏنو ويندو، ۽ خلعت سان سرفرازڪيو ويندو.، انهيءَ لالچ تي هزارين عزيمت خوان ۽حڪيم عامل اچي حاضرٿيا. جيڪو نقش تيار ڪري، کڻي سامهون ٿيو ۽ پريءَ ان جي گردن مروڙي، سر ٽوڙي، خاتمو ڪيو، جيڪو ويجهو آيو، سو وري جيئرو واپس نه وريو. اهو حال ڏسي، هر ڪو عامل، حڪيم ڪامل بيحال ٿيو، بيزار ٿي، ڀڄي ڌار ٿيو. آخر، عامل ڪامل ويچارا ڊپ کان لڏي، شهر ڇڏي ڀڄي ويا. انهيءَ قصي کي جڏهن هڪ مهينو تمام ٿيو، تڏهن جان نثارانجام تي شهزادي جي تصوير غلاف ۾ ويڙهي، ساڻ ڪري، هڪ ديو زاد جي مدد سان جان جنان ۾ اچي وارد ٿيو: ڪاروان سراءِ ۾ لٿو، رات رهي، صبح جو سڳا، فقيري ٽڳا پهري، حڪيماڻي وضع ڪري، بغل ۾ بگري، هڪ هَٿ بيراڳڻ ۽ ٻي ۾ تسبيح کڻي، شهر ۾ پَهري پيو. اهڙيءَ ريت، هر بازار ۾ چڪر لڳائي، بيمار ۽ انڌا منڊا گڏ ڪري، انهن جو علاج ڪرڻ لڳو. هڪڙو ڍنڍورچي هٿ ڪيائين، جنهن سڄي شهر ۾ هُل هلايو ته ٻڌو، يارو! هن شهر ۾ هڪ حڪيم ڪامل، فن سحر سامريءَ ۾ عامل، هر مرض جو ماهر، پوشيده خواه ظاهر – هٿ شفا ۾ هاڪارو، هيڻن جو هَمراهه، غريبن جو غمخوار، مسڪينن جو مددگار، اڙين جو آڌار آيو آهي. هزارين مريض ان کان شفاياب، فيضياب ٿيا آهن. علاج شرطي، گهٽ رتي نه ڪندو آهي. .. مريضن جو هجوم ٿيو، هر ڪنهن جو ڪم ٿيو. اِها خبر رفتي رفتي بادشاهه جي ڪن پيئي. حڪم ٿيو ته اِهو حڪيم حاضر ڪريو، عامل کي ترت آڻيو! شهر جي ڪوٽوال حڪيم کي بادشاهه جي خذمت ۾ حاضر ڪيو، جنهن اچڻ شرط شاهي آداب بجا آندو ۽ شاهه جو سلام ڪيو. بادشاهه هي ڪلام ڪيو ته ”اي حڪيم ڪامل، عزيمت جا عامل، منهنجي شهزاديءَ تي ڪنهن جن جو واسو يا پريءَ جو پاڇو آهي. اسان جو اِهو ارادو آهي ته تو کان جيڪڏهن انهيءَ جو علاج ٿئي، ته اسين بلڪل احسانمند رهنداسون، ۽ مالا مال ڪنداسون.“ وزير زادي جان نثار ٻڌي، هي جواب ڏنو ته ”سرڪار! بندو انهيءَ ذره نوازيءَ جو بيحد شڪر گذار آهي. منهنجي هيءَ گفتار آهي ته جي آءُ شهزاديءَ جو علاج ڪري، صحياب ڪريان، ته منهن گهريو انعام پايان.“ بادشاهه فرمايو ته ”اي درويش ڪامل، پير سفيد ريش عامل! شهزايءَ جو عجيب حال آهي، جان جي ساڃاهه ڪا نه اٿس- تون ضرور روبروءِ نقش مُڪمل ۽ علم جوعمل ڪندين: سو جيڪڏهن شهزادي چڱي ڀلي ٿي ته پوءِ تو کي دل گهرئي انعام جو اقرار آهي، ٻيءَ صورت ۾ تنهنجو موت درڪار آهي.“ جان نثار عرض ڪيو ته .حضور بندي کي اِهو شرط منظور آهي.“ ان وقت بادشاهه خواجه سرا کي حڪم ڪيو، جو حڪيم صاحب کي وٺي آرام جان جي باغ ۾ آيو- ملڪھ کي سڄو قصو ٻڌايائين، ۽ قول اقرار کان واقف ڪيائين. ملڪھ ٻه ٻانهيون جان نثار ڏي موڪليون، جي کيس وٺي باغ اندر داخل ٿيون- اڳتي هلڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ آرام جان پريان ڏيکاريائون. جان نثار ٻانهين کي دلاسو ڏنو ۽ چائين ته ”فڪر نه ڪريو“ مون وٽ اهڙو نقش تيار آهي، جنهن جي ڏسڻ سان ڪهڙو به زبردست جن خواه ڀوت مسخر آهي، ۽ اوهان کي ڪو به خطر نه آهي. آءُ نقش پنهنجي منهن اڳيان جهليندس، جنهن ڪري ڏسي ڪين سگهندس.“ حاصل ڪلام، جان نثار راحت جان جي تصوير غلاف ۾ ويڙهيل، ڪڍي اڳيان ڪئي، ٻيئي ٻانهيون پٺيان، پاڻ اڳيان، آرام جان ڏي وڌندا رهيا: اوچتو آرام جان جي نظر پيئي، مستيءَ جوش ڪيو، ايندڙن تي هڪلل ڪري وڌي- هيڏانهن ٻنهي ٻانهين جو جگر ڌڙڪيو، پير ٿڙڪيو- ويچاريون ڊپ جون ماريون، ڌُو وڃي زمين تي ڪِريون، جان نثار تصوير تان پردو لاٿو. آفت جان يڪدم آرام جان جي قالب مان نڪري پرواز ڪيو. شهزادي هشيار ٿي. سامهون راحت جان جي تصوير ڏٺي، هوش سنڀاليائين، پاڻ کي ننگو ڏٺائين، بلڪل شرمندي، پاٿل ماري، ويهي آواز ڪيائين ته مون کي ڇا ٿيو آهي، هي حال ڪنهن ڪيو آهي؟، اِهو آواز ٻڌي، ٻانهين جي جان ۾ جان آئي، ڊوڙيون ڪپڙا آندائون، شهزاديءَکي ڍڪايائون، محلات ۾ آڻي ويهاريائون، ۽ ملڪھ کي خبر ڏنائون. جان نثار شهزادي راحت جان جي تصوير غلاف ۾ ويڙهي ٻاهر آيو. چوڌاري هُل هليو ته شهزاي چڱي ڀلي ٿي!، گهر گهر واڌائي پيئي- مبارڪ سلامت جو هو ڪو پيو، هر ڪو خوش ٿيو. بادشاهه جان نثار تان زر نثار ڪئي، سڄي درٻار بهار ٿي. ٽي ڏينهن خوشيءَ جو جشن ٿيو، هر ڪوئي پرشن ٿيو. بادشاهه چوٿين ڏينهن درٻار ڪئي... جان نثار کي فرمايو ته ”اي استاد ڪامل، اسان بلڪل خوش راضي ٿيا آهيون، پنهنجي قول اقرار تي ڪاربند ۽ قائم آهيون.“ وزير زادي هٿ ادب جا ٻڌي، عرض ڪيو ته شاهه عاليجاهه، جهان پناهه! آءٌ حقير، فقير آهيان، مگر شهزاديءَ جو خواستگار آهيان.“ بادشاهه چمجاه، اها طلب ٻڌي، ڏاڍو دلگير ٿيو. سڄيءَ درٻار تي نظر ڪيائين، سڀني کي ملول خاطر ۽ غمگين ڏٺائين. وزير عرض ڪيو ته ”اگرچ طلب نامعقول آهي، مگر قول اقرار جو لحاظ نه ڪرڻ، شان شاهيءَ خلاف آهي.“ شاهه توڻي درٻارين تي سناتو ڇانئجي ويو. جان نثار اهو حال ڏسي، شهزادي جي تصوير ڪڍي، بادشاهه جي روبرو پيش ڪئي. عرض ڪيائين ته ”جهان پناهه! هيءُ آذر بائيجان جو شهزادو، راحت جان نالي آهي، جنهن جي لاءِ نسبت جو طلبگار آهيان، آءُ ته ان جو هڪ ادنيٰ غلام ۽ خذمتگار آهيان، منهنجي ڇا مجال آهي، جو شاهن شهنشاهن سان همسري ڪريان.“ جان نثار پنهجي تقرير، دلپذير، اهڙيءَ ته فصاحت ۽ بلاغت سان بيان ڪئي، جو سڀ ڪنهن جي زبان مان صدا تحسين آفرين جي پيدا ٿي. راحت جان جي تصوير، بي نظير ڏسي، بادشاهه جي دل شيدا ٿي، جان فدا ٿي، ۽ هر خاص و عام کي محبت پيدا ٿي. بادشاهه فرمايو ته ”اي جان نثار، منهنجو قول اقرار برقرار آهي، ان کان مون کي ڪو به انڪار نه آهي، مگر هن ڳالهه ۾ آءُ مجبور آهيان، جو اهو قبوليت جو ڪم منهنجو ناهي، البت انجو غم اٿم.“ تصوير کڻي، ڊوڙندو، خوش ٿيندو، محلسراءِ ۾ وارد ٿيو، ملڪ کي مبارڪباد شهزاديءَ جي صحت جي ڏنائين، ۽ فرمايائين ته ”آرام جان جو خواستگار آيو آهي- جنهن ئي احسان ڪري اسان کي هن غم کان ڇڏايو آهي، دل ۽ جان ان تان نثار آهي. هيءَ ان جي تصوير آهي، جنهن لاءِ خواستگاريءَ جي تقرير آهي.“ راڻيءَ بادشاهه کان تصوير وٺي، ڏسي، ڏاڍو خوش ٿي ۽ چيائين ته ”ههڙو حسين، مهجبين طلبگار آهي، جيڪو ڏسي سو بي اختيار ٿئي. شهزادي به حسين طرحدار آهي، اگر هيءَ تصوير ڏسندي ته انڪار نه ڪندي؛ ڇاڪاڻ ته هي شهزادو ان کان به وڌ مهجبين آهي.“ +ائين چئي، آرام جان وٽ آئي. آرام جان ملڪھ کي ڏسي، ڊوڙي اچي پيرين پيئي. ماءُ ڳراٽي پائي، هنج ۾ ويهاري پيار ڪيس. چيائينس ته ”تون پنهنجي ڪيفيت بيان ڪر، جو سڄو مهينو گذري ويو ته اَن پاڻي حرام هو، طعام بي نام هو، اسان وٽ گهر گهر ماتام هو- خدا خدا ڪري آرام ٿيو.“ آرام جان عرض ڪيو ت�� ”اما جان، صحن چمن جي ڪٽهڙي ۾، گلن جي نظاري ۾، هڪ سَرو جي سائي ۾، گلن جي گلچينيءَ ۾ مشغول هيس ته اوچتو ڪا شيءِ سرايت ڪري بدن ۾ داخل ٿي، پوءِ ٻي ڪا خبر نه آهي. مگر اڄ دل کي تمام فرحت ۽ مسرت حاصل آهي، طبيعت کي صحت ڪامل آهي.“ ملڪه دائيءَکي اشارو ڪيو. آرام جان جون جيڏيون سرتيون ڊوڙي آيون، هڪ ٻين سان اشارا ڪيائون. ايتري ۾ دائي آرام جان کي جهوليءَ ۾ ويهاري، تمام پيار ڪري، عرض ڪيو ته .حضور، خداوند تعاليٰ جي فضل ڪرم سان هاڻ صاحب شعور آهين – قصور معاف ٿئي! اوهان جي والده صاحبه فرمائي ٿي ته جان من حياتي ناپائدار آهي، اُن تي ڪهڙو اعتبار آهي- انسان بي اختيار آهي. هينئر اسانجي پيري، گهر ۾ ڌيءَ جوان، اهو بدناميءَ جو سامان آهي، خوف جو نشان آهي. چوڻءَ ۾ آهي ته رکيل مُڱ کي سگهو سُرو لڳي، جلد ڪِينئرو ٿي پوي. گهڻيءَ مدت کان تنهنجي نسبت جو خيال ۽ مرتبت جو ملال، دل تي ڪمال هو، ته ڪنهن نونهال خوش خصال، حسين دلبند سان، پيوند موافقت ۽ عقد مواصلت جو ڪري، دل جو ارمان ڪڍجي. هن وقت خدا تعاليٰ جي فضل سان هڪ شهزادو، راحت جان نالي، حسن صورت ۽ شڪل شباهت ۾ شايانِ شان، غيرت حُور، رشڪِ غلمان- پَري اُن سان ذري نه لڳي- تنهنجو خواستگار آهي؛ بلڪه عاشق زار آهي- ان جي رخسار گلعذار کان گلزار کي سدا بهارآهي، ان جي خذمگار جي بدولت تون هن بلا کان رستگار آهين: تون زهرو آهين ته هو مشتري آهي، هو سَرو آهي ته تون قمري آهين، ان جو احسان لاهڻ آسان ڪين آهي، مگر اسان سڀني کي ان جو شڪريو ڪرڻ ضرور آهي. اجها هيءَ تصوير ان جي حاضر حضور آهي، ڇا اِهو رشتو اوهان کي منظور آهي؟“ +آرام جان ويچاري، درد جي ماري ته اصل کان انهيءَخنجر آبروءَ جي گهايل، ان جي سوز جي ستايل هئي، جنهن ڪري طبيعت اصل اوڏانهن مائل هيس. تصوير ڏسي، دل داغ واري، باغ باغ ٿيس، روشن دماغ ٿيس- جذبي محبت ۽ شوق جي ڪشش کي، ڏاڍيءَ ڪوشش سان جهلي، دل کي پلي ۽ سنڀالي، مٿينءَ دل سان رنائين، اکين ۾ خوشيءَ جو پاڻي آڻي، چيائين ته ”زور ۽ جبر اڳيان انسان لاچار آهي- خدائي شان آهي، جنهن تان جان قربان آهي، احسان جو عيوض احسان گهرجي، نه ڪي جيئرو جاڳندو انسان گهرجي! ظاهر آهي اهو ڪم شان شاهيءَ کان ٻاهر آهي. انعام ڏيئي، اڪرام ڪريو، زر جاگير ڏيئي، مرتبو وڌايو. اجايو پنهنجي وات سان ميان مِٺو چئي، شهزادي کي نه پڏايو، ۽ نڪي مون کي آسمان تي اُڏايو.“ تڏهن دائيءَ چيو ته ”واه، مائي واه! شاباش اٿيئي! وڏي قدردان آهين. بس، حضور، ان جو اِهو عوض منطور آهي، اِهو جملو بي دستور آهي. هتي ڪيئي عامل عزيمت خوان حڪيم ڪامل بيدخوان، مٿا ڏيئي، ويچارا بيجان ٿي، ڌڙ ڦٿڪندي ۽ سر وڻن ۾لٽڪجندي ڏسي، ملڪ ئي ڇڏي، اسان کي ويتر ڏکن ۾ گڏي، پَٽ اد بار جي ۾ نگهو سار ٿي ويا- نه ڪنهن جو زور هليو نه حيلو، هر ڪو پنهنجو اجورو جهليو، دل پليو، ويو هليو، اڄ مس مس ڪري هن شهزادي جي پيرن جي اڏامندڙ خاڪ جي بدولت توکي صحت ۽ اسان مڙني کي مُسرت ڪامل حاصل ٿي آهي، جو تنهنجي ديدار کان هر ڪو مثل گل جي ٽڙيل، منهن کُليل آهي.واه واه، چڱو انصاف ڪيو اٿيئي! قسم آهي، اهڙو به ڪو ماڻهو هٺ ڌرم، ۽ احسان فراموش ٿئي ڇا!“ آرام جان ٻڌي هوش ۾ ائي، کڻي ماٺ ڪائين ۽ ڪنڌ هيٺ ڪيائين، ڪي ڪين ڪڇيائين. هڪ جيڏين ۽ سرتين چيوته ”پري ٿيو، مايون چريون ته ڪين ٿيون آهيو! اهو به ڪو انصاف آهي ڇا؟ هاڻي معاف ڪريو، ڇانو ۾ ويٺي ويٺي اڇا مٿا ٿيا اٿوَ! ڪنوار جي واتان اقرار ڪرائڻ، بار بار تڪرار ڪرڻ، ۽ ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ مان ڇا حاصل آهي؟ اهو به ڪو عقل آهي! ماءُ پيءُ جي جدائيءَ ته ڪنهن ناقابل کي به پسند ڪين آهي، ۽ عقلمند ته ضرور انهن جي حڪم جو پائبندآهي. تقدير جي تحرير کان انسان بي تدبير ۽ لاچار آهي، ان ۾ اختيار جو تڪرار بيڪار آهي.“ اها گفتار ٻڌي، مڙني بس ڪئي. آرام جان شرم کان بيوس ٿي، اُٿي، ٻئي طرف هلي ويئي. دائيءَنذرانو پيش ڪيو، ساري محل ۾ مبارڪ سلامت جي صدا پئجي ويئي، خواجه سرا خوشيءَکان کلندو، ڊوڙندو ڪچهريءَ ۾ آيو، ۽ بادشاهه کي منظوريءَ جي خوشخبري ڏنائين. چوڌاري مبارڪباديءَ جي صدا بلند ٿي، ساري شهر ۾ خبر عام مشهور ٿي، نوبتون خوشيءَ شادماني جون وڳيون، ڪئين مجلسون جشن جون لڳيون، درٻاري، هفت هزاري، شهري توڻي بازاري، خوشين ۽ تماشن ۾ محو ٿيا. اندر توڻي ٻاهر اُن ڏينهن جي بيان لکڻ کان قلم قاصر آهي. بادشاهه وزيرن اميرن کي خلعتون پهرايون، ۽ اڳيون پوشاڪون لهرايون. جان نثار کي خلعت فاخره بازر قاصره مرحمت فرمايائين، ۽ انجام شاديءَ جو ٻڌي، رخصت ڪيائين. جان نثار فتح ۽ نصرت سان پوئتي پير موٽايو. ديو زاد کيس کڻي آڻي راحت جان جي خذمت ۾ رسايو. والله اعلم. + + + +داستان يارهون +جان نثار جو بامراد موٽي اچڻ، شاهزادي راحت جان جي شادي خانه آبادي، عين وصل جي رات ۾ جدائي ۽ بربادي، راحت جان جو غائب ٿيڻ ۽ مڙني جو هڪ ٻئي پٺيان وڇڙڻ جدا ٿيڻ ۽ هڪٻئي کي ڳولڻ +شعر – +ڪٿي آهين اي ساقي ء گلعذار، +کليو در بٺيءَ جو ۽آيو بهار. +قريني سان رک تون مي جام ۾، +ملي جشن جمشيد انعام ۾، +اچي رشڪ گردون کي انجي سبب، +انهيءَحال کان هوشمند ڪن عجب. +عاشق معشوق جا مساز وڇڙيلن جي وصال جا حيله ساز، ڦٽيل خنجر فراق، جا، ۽ گهايل تير تفنگ اشتياق جا، غم ۽ درد جا ڏينهن بسر ڪري، شاديءَ جو سامان هن طرح گڏ ٿا ڪن ته جان نثار وفادار، شاهه عاليجاهه کان رخصت وٺي، شاديءَ جو انجام ٻڌي، وري ساڳئي ديوزاد جي مدد سان نيٺ آئي راحت جان کي پيغام شادمانيءَ جو پهچايو. هيڏانهن شهزادو وصال جو منتظر، انهيءَ ئي خيال ۾ متفڪر هو، ۽ جان نثار تي نظر پوندي، پڇيائين ته ”ڪهڙو حال آهي؟“ جان نثارعرض ڪيو ته ”چڱي خبر آهي، شاديءَ مبارڪباديءَ جو ڏينهن مقرر ٿيو آهي.“ راحت جان خوشيءَ کان کلي، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. آفت جان ته صاحبِ شعور هئي، سمجهي ويئي ۽چيائين ته ”حضور، هي وقت کل وشيءَ جو آهي، ان ۾ مغمومي ۽ غريب الوطنيءَ جو ڌيان آڻي، ارمان کائڻ بيجا آهي. اگرچ هي پرستان آهي، پر هينئر ته اوهان جو ئي مقام آهي. هڪ ڏينهن ۾ اُهو سامان گڏ ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ڏسي، انسان جو هوش پريشان ۽ فرشتو به حيران رهجي وڃي.“ راحت جان اِهو بيان ٻڌي، آفت جان جي گهڻي شڪر گذاري ڪئي، فرمايائين ته ”هي جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، تنهنجي همت ۽ مدد سان ٿيو آهي. جي نا، ته انسان ضعيف جي ڇا طاقت آهي!“ +آفت جان اِهو نڪتو ٻڌي، بيحد دلشاد ٿي. ديون کي حڪم ڪيائين ته ”جان جنان جي گردو نواح ۾ زمين صفا ۽ هموار ڪريو، مشڪ اذخر ملائي خوشبودار ڪريو، فرض تي سوني روپِي سر جڙادار ڪريو، وڻ ميويدار تيار، گل ٻوٽا، جوهر جنسار، تيار ٿيا، پن عجائبات، نهرون آب حيات جون، پکي طلسمات جا، پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ هر ڪو غزلخوان، خوش بيان ؛ جاءِ بجاءِ تنبو زربفت جا، قاناتون الفت جون، جن جي اندر ٻاهر پرند چيني ماچيني، دل افروزي، فرش زردوزي، پردا ڪار چوبي، رسيون ريشم يماني، ڪِلا سون جا، وچ ۾ نمونو شيش محل، سرديءَ جو خوف نه گرميءَ جوڊپ، نه ڌوڙ جو خلل- بجاءِ نوبت خانه نقار خانه، اهڙي ساز ۽ ناز سان وڄن، جو پري کان هڪ آواز ٻڌڻ ۾ ��چي، وڄائڻ وارو ڏسڻ ۾نه اچي- تماشبين پيا تلاش ڪن ته ڪهڙو اسرار آهي، ۽ ان جي لذت ۾ مر پيا جهولن ۽ بار بار تڪرار ڪن. سڀ ڪنهن روش ۽ چوڪ تي پريزاديون تمام حسين، محجبين، ڪبڪ رفتار، تيار- چل پل چوڌار- دڪان دوش بدوش تيار، ناز ۽ نياز جو واپار، هر قسم جي سوز ساز جو انبار، ويٺل وڻجار، جن جي حسن جي هونگار صورت شعليدار حسن پرست ڏسي ته بدمست ٿئي، يقين نه ٿئيس ته خود پرست ٿئي. گهوٽ جي شيش محل کان ڪنوار جي رنگ محل تائين سڙڪون هموار، چوڌاري درخت سايه دار، قطار در قطار، جاءِ بجاءِ، قنديل ۽ جهاڙ، هنڍيون ڪي سبز، ڪي سرخ- طرحين رنگين، جن جي روشنائيءَ جي چَمَڪَ ڌَمَڪَ کان زمين زرنگاري، عجب نقش نگاري هئي. ان جي تجلي کان نظر جو هڪ جاءِ ٽڪڻ محال هو. سڙڪن جي آسپاس نهرون جاري- ڪا گلاب موتئي جي، ته ڪا مشڪ اذخر جي، ڪنهن پاسي شراب احمر جي. سڀ ڪو تماشبين، شهري خواه بازاري، درٻاري هفت هزاريءَ تائين نشي جي خمار ۾ مدهوش هو، عطر ۽ مشڪ جي هٻڪار کان هر ڪو باخبر بيهوش هو. جيڪڏهين سامان جو بيان لکجي ته طعام نا تمام رهجي وڃي، ۽ تماشبين بک مري وڃي. رڳو شراب پي، نقل ڪباب کان سواءِ دل بيتاب رهجي وڃي، طعام تيار- هڪ پاسي ٻوڙ پلاءَ، ته ٻئي پاسي نان خطائي ۽ حلوا- ڪنهن پاسي دم بخت چاشنيدار، ته ڪنهن هنڌ قورمو يخنيدار تيار، ڪٿ شيرڻي، ڦيرڻي، جعفر خالي باقر خانيءَ جو هو ڪو، ته ڪٿ ست رڇيءَ جو ڌوڪو ؛ ڪٿ مربا مريادار، ڪٿ فالوده ۽ آچار، طرحين طرحين مِٺايون، ڪنهن کي پڪوان تلي ٻڌيون هنجن ۾، ته ڪنهن کي سنبوسو جليبي جهوليءَ ۾، ڪنهن کي قرص لڏون هٿ ۾، ڪنهن کي مِيسو موهن ٿال مٿي تي ؛ ڪن کاڌا ميوا خوشبودار، ڪنهن صوف ڏاڙهون جهٽيو ته ڪنهن ناسپاتي زيتون پٽيو، ڪنهن ڪيوڙو نوش جان ڪيو، ڪنهن رس انگور جو پيتو، پريون، حسين، مهجبين سڀ ڪنهن تنبوءَ ۾ ناچ ۽ مجري لاءِ تيار، هر جاءِ نئون تماشو- هر ڪو حسن جو پياسو هو. ڪٿ چنگ مرڌنگ، ڪٿ ستار، ڪٿ سارنگي نيرنگي، يڪتار دوتار، سرندي جي تنوار، ته ڪٿ بين جي ڀڻڪار، ڪٿ نفلي مرلي سرلي، ڪٿ هارموني جي هونگار، ڌڪڙن جي ڌم ڌم، طبلن جي تم تم، پڪواز جي پڪار، ڪٿ جهانجهه جي جهونگار، ڪٿي وايولين پيانو، ڪٿي ني جو آواز نماڻو، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارا نقش ديوار هئا، يا مثل تصوير عڪسي مَحو ديدار هئا. ويهن ٽيهن ڪوهن تان تماشبين آيا ٿي، مفت جون مانيون کايو، ٻار ٻچا رُسايو، پاڻمرادو غزل ڳايو، هڪ ٻئي مان ٽوڪ مذاق لايو بيٺا رهيا... تان جو انهيءَ پور ۾ آڌي رات اچي لڙي. +۽ حڪم ٿيو ته شادي برات جو سامان کڻجي: ست سؤ خواّصون ۽ پرستاريون، تمام خوبصورت ۽ همجنس، پوشاڪ ابريشم يمانيءَ جي ملبوس، مٿن تي تاسريون زرفشاني، ڪنهن ۾ لعل بدخشاني ته ڪنهن ۾ ياقوت رُماني؛ پٺ ۾ پريزاديون آزاديون، حسين مهجبين، نازنين، لباس رنگا رنگي زردوزي، زرڪاري، مٿن تي ڪپڙن جا بقچا، همعمر ۽ همشڪل خوجيسراءِ ۽ ناظر، جن کي سينيِوُن لَغَن جڙادار، جن ۾ موتي هيرن جا هزار، ۽ اسي هزار غلام، جن کي خونچا ڍاڪن سان ڀريل، پوش زرنگاري مٿان پيل، پُٺ ۾ نوشھ جي هسواري- بصد شان ۽ تجمل، سارو جوهر جنسار سان جڙيل- خلق جي ڌوم ڌام چوڌار، سواري جي اهتمام ۾ پريزاد آزاد، رشڪ شمشاد، قطار در قطار. جنهن جي نظر راحت جان تي پيئي، تنهن جي دل هٿان ويئي. وصل جي خوشيءَ کان شهزادي جي حُسن جو اهو سامان هو، جو هرڪو هوش پريشان ۽ عقل حيران هو. ڪيئي هوش کان نڪري ويا.، ڪن جا اوسان خطا ٿي پيا، معشوقن جا وات پاڻي هئا. جنهن ڏٺو، تنهن چيو ته ”آسمان خوبيءَ جو ستارو آهي، يا حسن جي اک جو تارو آهي؟ مُلڪ محبوبيءَ جو پير آهي، يا بدر منير آهي؟ سواريءَ جي ان جو ڪهڙو بيان ڪريان: گهوڙا ترڪي، مشڪي، پنج ڪلياڻ، سمند بور شهزور، لال بور، سُرخا، چينا ته ڪن جي منهن تي بِينا، ڪي خدنگ، مڪڙا، نقرا، ابلق، ديناري هزاري، ڪي عربي، گجراتي، ڪاٺياواڙي قمقام، قيمت ۾ بي دام- ساز پنج سنجي سونپي، ڳلخور، مُڇي، ڳاني، جنوئي جنساري، زين زڪاري، تنگ بالا تنگ، دمچي دورنگي تي ڪم زردوزي – عجب تياري، واڳون جوهر جنساري، اهڙي ٺاهه ٺٺ سان سواري سڙڪ تي اچي چڙهي... ۽ وڻن مان آتشبازي ڇڙي: هڪ پاسي هوائيءَ جو شعاع، ته ٻئي پاسي غباري جو ڌڪاءُ، ڪنهن پاسي ڦرموٽيءَ جي فر فر، ته ڪنهن پاسي ڦٽاڪن جي ٽڙ ٽڙ- ٽونٽيءَ ٺڪاءُ ڪيو ته ڪٿان وڇون ڇُٽڪي ويو- ڪنهن جي ڇاتي ڦٽي، ته ڪنهن جي پڳڙي لٿي، ڪنهن جي ٽوپي اڏاڻي ته ڪنهن جي آنگي چولي کاڻي، اهو چهچٽو، عجيب چٽِ پَٽو هو. نشي شراب جي کان هر ڪو گينوار، شوق بهاريءَ ۾ هر ڪو سرشار هو. ڳائڻيون حسين مهجبين آيون، جن جي حُسن کان سورج شرمسار هو، گل لالا داغدار هو، ڀيڄ ڀنيءَ رات، غزل ٺمريءَ جي وائي وات، جن جي تان کان تانسين حيران پريشان رهجي وڃي. ڇيرن جي ڇم ڇم، مُهري تي پير جي ٺوڪر کان زهرو مشتري بيجان هو. سارنگيءَ جي سوزساز، ڪرناءِ شرناءِ جي آواز، اهڙو ته رس لاتو، جو ٻڌڻ وارو بيوس هو: طرحين طرحين راڳڻيون ڇڙي پيون: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، شام ڪلياڻ، گجري، بياس، درپت ولاس، ججونتي ڪپات، برج- جوڳ- بلهاڳ- سورٺ، پوريا، ڪانرو، ٽوڙهي، آسا، ڪلنگرو، کنڀات، راڻو، مالڪوس، ڏني سڀني کي دونس- سرتال، گت، مرڌنگ جياواز کان دل تنگ ته ڪٿ کڙتال ۽ چنگ اٻنگ کان ويتر ٻجوڙيو دنگ هو. اهڙي شان، تجمل تومان سان برات نڪتي، جو گويا شب برات هئي. اگرچ عشق مزاجيءَ ۽ حسن پرستيءَ کان داغدار دل باغ باغ آهي ته به اجائي مغز خراشيءَ کان خالي دماغ آهي- اجائي جهڪ، وڌيڪ بڪ بيڪار آهي. قريب صبح ڪنوار جي محل پهتا. گهوٽ کي آڻي مسند تي ويهاريائون. قاضي صاحب عالم فاضل آيو، نڪاح عقدپڙهيو. ساري سلطنت جي خراج، مَهر مقرر ٿي. هوڏانهن آرام جان کي غسل ڪرائي، پوشاڪ پهرائي- بوڇڻي زرداري، زريءَ ڪناري، چولي ريشمي ڪناريدار، مٿس مقيش جي تار تار، پڙو پيشواز جنهن ۾ ازاربند، جهوڙيدار، زيور جڙادار، جهالريون مڻيا دار- اک ۾ ڪجل جي ڌار، اک نرگسين کي شرمسار ڪيو حسن بي انداز، ناز نياز سان رلمل ٿي ويو. اهڙو ساز بنيو، جو ڏسڻ وارو دمساز ٿيو، شيدا ٿيو، جذبو محبت جو پيدا ٿيو. گهوٽ کي زنانخاني ۾ آندائون، ڪنوار جي ڀرسان تخت تي ويهاريائون. هڪ پاسي پرين پَرو ٻڌي مبارڪباد ڳائي، جو راجا اندر جي محفل ڏسِي ٻڌي، شرمائي. جنهن جي نظر راحت جان تي پيئي، بيهوشيءَ کان سڪتي جي حالت ۾ اچي ويئي. +آخر، سڀ ريت رسم پاري، آرسي مصحف ڏيکاري، گهوٽ ڪنوار کي خلوت ۾ ويهاري، هر ڪو پرين جي ناچ تماشي ۾ مشغول ٿيو... هُتي ڪنهن گهونگهٽ ۾ اک چوري ۽ نهاريو، ته ڪنهن اک جو اشارو ڪيو: هڪ پاسي غمزو ۽ ناز، ته ٻئي پاسي رَمز ۽ نياز هو. شهزادي جذبي شوق جي کان گهونگهٽ سرڪائي، پاڻ ڏي ڇڪيو، ته آرام جان رُکو مُنهن ڪري، چيو ته ”بس، سائين بس، اِها هٿ درازي وڃي آفتجان سان ڪريو، جا توهان جي معشوقه آهي ۽ دل جي شوق کان پرڻي اٿوَ. آءٌ عاجز مٽيءَ جي پيدائش، هوءَ پرستان جي پري- منهنجي ان سان ڪهڙي برابري! هوءَ پريزاد ۽ تون سرو آزاد، ٽيون ڪير وچ ۾ پئي، پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري؟ اِهو محبت جو دم به اُن سان ڀريو. هن واتراڌيءَ سان شاي خانه ابادي رچائي اَٿَوَ، ��ها رغبت به وڃي ان سان رکو.“ راحت جان ڳراٽي پائي، اکين ۾ پاڻي آڻي، چيس ته ”ڏس، تنهنجي محبت ۾ تخت ڇڏيم، فقير بنيس، دلگير ٿيس، درد غم ۾ اسير ٿيس، ڪي ورهيه جهنگل بيابان ۾ بي تدبير رليس، ديس پرديس ڦريس، ماءُ پيءُ حيران پريشان ڇڏيم، وحشت جو سامان پيش آيم، عقل، مت، صورت شباهت ويئي. مون کي اگر آفت جان جو وصل منظور هو، ته شايد اُتي عيش عشرت دور هو، جو ايتريقدر فراق جي صدمي سهڻ سهائڻ جو ضرور پيو! جيڪڏهين الفت نه هجي ها ته تنهنجي ملاقات جو خيال محال هو. پنهنجي جان بچائڻ لاچار ٿيم، جنهن کان بي اختيار ٿي قبول ڪيم، آخر مطلب حصول ٿيم. مون کي ٻيءَ سان اک لڙائڻ، دل اڙائڻ جو ڪهڙو ڪم آهي؟ تنهنجي سر جو قسم آهي، ته آءُ تنهنجو خاص تابعدار آهيان. فرمانبردار، جان نثار، بلڪه خاص خذمتگار آهي. اي جان عزيز، هوءَ به جيتوڻيڪ حسين باتميز آهي، مگر تنهنجي نيز هر دلعزيز آهي. ڀلا هاڻ معاف ڪر، دل صاف ڪر، بلڪه انصاف ڪر ته آفت جان عنايت جي لائق آهي، يا شڪايت جي؟ جيڪڏهن توکي هُن رنجور جو ستائڻ ۽ کپائن منظور آهي، ته رقيب بدنصيب تي تهمت جو مڙهڻ ڪهڙو ضرور آهي؟ خلاف دستور، مروت کان دور آهي.“ شهزادي جي اها تقرير دلپذير ٻڌي، آرام جان شرمائجي ويئي. چيائين ته ”سائين، هوءَ منهنجي همشيره آهي، ان جي ڪهڙي تقصير آهي! مون کي توتي غصو آهي، اهو خفو آهي، ته مفت مون کي مصيبت ۾ ڦاسائي، محبت جي دام ۾ گرفتار بيمارڪيئي، جو آءُ هتي طبيعت ۾ بي مزي، پاڻ هُت عيش عشرت ۾ بامزي! منهنجو هِت ڦٿڪي ساهه سڪي ويو هو.“ وري مرڪي چيائين ته ”اي جان جي راحت! مون انهيءَ شڪر رنجيءَ ۾ اُها تلخي ڏٺي آهي، جو رقيب بدنصيب کي به شال پيش نه اچي. بارهِا ارادو ڪيم، دل کي چيم ته هلي عذرخواهي ڪريان، معافي گهران، سر قدمن تي ڌريان، پر شرم دامنگير ٿيو. لاچار صبر، دل تي جبر، اختيار ڪيم. خير، گذري گذري! آفت جان جي گفتار وضعدار آهي، ان جي ديدار لاءِ دل بيقرار آهي.“ +راحت جان پريءَکي سڏايو. آفت جان اچي سلام ڪيو، ۽ آرام جان ڳراٽي پائي، هي ڪلام ڪيو ته ”اَدي، چيو چوايو معاف ڪر، دل صاف ڪر، نشي جي حالت ۾ تنهنجي بابت ۾، منهنجي زبان مان الاجي ڇا ڇا نڪري ويو، تو کي ناپسند آيو، جو اچڻ وڃڻ بند ڪيئي، هر ڪنهن کي جان پياري آهي، مون کي پنهنجي ڪنيز ڪري ڄاڻج.“ آفت جان چيو ته ”شهزادي، تون منهنجي سرتاج آهين.“ آءُ تنهنجي تابعدار، ڪنيز خادم آهيان. پنهنجي قصور کان نادم آهيان. مون کي معاف ڪج!“ خير، آئي ويئي، صفائي ٿي ويئي. آفت جان ٻاهر نڪري آئي- در پردا لهي ويا، حجاب دور ٿيو، نشي جو سرور ٿيو، دماغ ڀرپور ٿيو. گهڻين راتين جي اوجاڳي کان ورهين جو دفتر کليو: نسيم بهارجي سان ڦٽل گلزار، پاڻيءَ وصال جي سان سرسبز شاداب ٿيو. مکڙي کُلي سرخروءِ ٿي، گلاب جو گل ٽڙيو، کٽڻهار کڙيو. لالا داغدار، سور جو شرمسار ٿيو. نسيم سحري وري، گهوٽ ڪنوار کي جهولي ۾ ويو خمار چڙهي- فراق جي ذلت کان مانوس، وصال جي لذت ۾ هم آعوش، بيهوش، مدهوش ٿي ويا، ۽ کين ننڊ کڻي ويئي. حسن اتفاق قضاڪار، اتفاق روزگار، آرام جان پاسو ورايو، اکيون کوليائين. اوچتو سارو محل شعاع سان روشن ٿي ويو، ان جي تجلي کان اکيون پورجي ويس. هوش گم ٿي ويس. بيجان پريشان پئجي رهي. ڪجهه وقت گذرڻ بعد هوش آيس. پاڻ سنڀاليائين، اکيون پٽيائين، نهاريائين ته جو دلدار هنئين جو هار هم آغوش هم ڪنار هو، ان کي نه ڏٺائين. هڪ آه آسمان ڏاريندڙ، دل فگار مان ڪڍيائين. شور واءِ ويلا، واءِ حسرتا، مچايائين، داد بيداد ڪيائين. چيائين، ��مٺيس، ڦريس! ڊوڙو، اَچو! ڏسو هي ڪهڙو قهر، ڪهڙو انڌير ٿيو؟ هاءِ غضب ٿيو، شهزادو ڇٽي ويو. افسوس، مدت مديد بعد، وڻ اميد جي ڦر مرادجو ڏيکاريو، ۽ وصل جي واءَ سان ڦردار ٿيو. افسوس، ڪنهن ستمگر، هن ڦٽيل جگر کي خاڪ اشتياق ۽ فراق جي ۾ ملايو، ۽ روهه ۾ رُلايو! هن باغ نوبهار کي باد، خزان جي هڪ ئي جهوٽي سان اجاڙ ڪيو! اچو، ڀڄو، ڊوڙو! هن بيڪس جي فرياد جو ڪو داد ڪريو!“ اهو هُل ٻڌي، خواجه سرا، ٻانهيون، خوصيون ڊوڙنديون آيون. شاديءَ مان بربادي، عيد مان ماتام ٿي پيو- گويا محرم وارو الم هو. +بيت- +ڇا چوان اي آسمان، هن تنهنجي ڪج رفتار کي، +جو جدا ڪيو آهه تو، مون کان مٺي منٺار کي. +ابتداي عيش ۾ قائم قيامت تو ڪئي، +ڳوليان ڪهڙيءَ ڳليءَ ۾، دوست کي، دلدار کي. +خاڪ ماتم جي وسائي، پنهنجي سر تي ”عاجزا“ +پير کڻ، ۽ پهچ ڪنهن پر، تون يگاني يار کي. +آفت جان ويچاري، دردجي ماري، آرام جان کي ڳري لڳي، روئي چيو ته ”ادي، خداجي واسطي روئڻ موقوف ڪر، ڪجهه وقوف ڪر. هن بيڪس جو حال ته ڏَس ته ڇا ٿيو، ڪهڙو حادثو، ڪهڙو واقعو پيش آيو، جو ايڏو وماس آهي! ٻڌاءِ، ڇالاءِ اداس آهين؟ مون کي ڏاڍو وسواس آهي، هراس آهي.“ آرام جان دل بريان، با چشم گريان، آفت جان جو بيان، ٻڌي، هڪ آه فلڪ شگاف، دل صد چاڪ مان ڪڍي، هي غزل پڙهيو: +غزل +هَي چنيسر چاهه وارو ويو لڏي، +درد مندي، گوندرن ۾ ويو گڏي! +هاڻ ٻئي ليلائي ليلا منجهه لهور، +ناز پرور، مهر وارو من سڏي! +هاءِ، وَرُ وارو ڏيئي هيڪر وري، +من اچي اُو مهه لقا منهنجي تڏي! +واه ڪئونروءِ ڪوڏ مان ڏيئي شب چراغ، +ڪانڌ کٽيو، محل ۽ ماڙيون ڇڏي. +دل اُڪنڊي درد کان وهلور آهه، +بيت احزان، هاڻ ويهه ”عاجز“ اڏي. +”... اي ڀيڻ، ڇا چوان! راحت جان ڀاڪر ۾، ننڊ کان بيخبر، نه ڪنهن جو خوف نه خطر... ڪنهن مهل اک کوليان ته سارو محل روشن ٿي ويو. اُن جي دهشت کان دل ڏڪي ويئي، اکيون پورجي ويون. وري دل جهلي، اکيون کولي ڏسان ته نه اُهو شعلو آهي، نه شهزادو. هاڻي ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان؟ ڪنهن کي چوان، سور جو پور ٻڌايان.“ آفتجان اهو جواب ٻڌي، بي تاب، مثل مڇيءَ بي آب جي، زمين تي ڪِري ڦٿڪڻ لڳي. دل بي اختيار سودا جا آثار- خفقان، جنون جو سامان، پيدا ٿيو. جڏهن بيخودي دور ٿي، تڏهن روئي، هي غزل پڙهيائين: +غزل – +دوست جنهن سان دل اڙي، سو دلربا ويندو رهيو، +خان منهنجي ڪا ڏٺي شايد خطا، ويندو رهيو، +جنهن جي صورت جي سهائي ساڻ دل روشن رهي، +هاءِ سو محبوب منهنجو مهه لقا، ويندو رهيو. +دار دنيا ۾ رهيم ارمان جنهن جي وصل جو، +ڇا ڪريان، بيوس آهيان، من مدعا ويندو رهيو. +درد جي درمان لئي مون التجا آزي ڪئي. +هاءِ، سو سڻندي سڄڻ، مون کان سما ويندو رهيو. +آهه ”عاجز“ عاجزيءَ ري، ٻيو وسيلو واههَ ڪونه، +ويڄ جنهن جي وس رهي، دل جي دوا، ويندو رهيو.“ +... ۽ چيائين ته ”ادي، هاڻ ڇا منطور آهي! اُٿو، هلو ته ڳولا ڪريون، ويهڻ جو ڪهڙو ضرور آهي- جيئڻ بي يارآزار آهي- قسمت جي اختيار آهي ته يار درڪنار آهي. اجائي ويهڻ کان طلب دلدار جي ۾ رلي مرڻ به هڪ قسم جو مزو آهي، اهو وصل جو جزو آهي. آخر خدا تعاليٰ رحم ۽ پنهنجو ڪرم ڪيو، ته فراق جي ذلت وصل جي لذت سان مبدل آهي.“ +حاصل ڪلام، هو ٻيئي دل آرام گل اندام، پري رخسار گلعذار، ٽيون وزيرزادو جان نثار سنڀري نڪتا. شاه عاليجاهه ۽ ملڪه بانو ٻنهي کي خبر پيئي، ڊوڙندا آيا. گهڻو ئي سمجهايائون، دلاسا ڏنائون، مگر سڀ بيسود، هر ڪو ڏسندو رهجي ويو. ويچاريون شهزاديون، پريزاديون آزاديون، پيرين پيايون- ڪٺلون فراق جون، غمنا��، درد ناڪ، تپ جدائيءَ کان بيچاڪ، دل صد چاڪ، ۽ هو مشتاق سراسر فراق، راحت جان جي اشتياق۾ ڪمر همت جي چوبند چاڪ ڪري، هڪ طرف وٺي روانا ٿيا. افسوس، جن نازنينن کي فرش گِل جي تي ويهڻ مشڪل، هلڻ دشوار هو ۽ پير رکڻ آزار ٿي ٿيو، تن کي هڪ پاسي درد يار جو تار هو، ته ٻئي پاسي دلدار جي سڪ، بک اُڃ، سج جي تابش ۽ تِک، ڏينهن تتو ۽ لُڪ جهولي جي گرميءَ کان پکي وڻن ۾ لڪي ويا ٿي، جانورن جا ساهه سڪي ويا ٿي. زمين ٽامڻي هئي، جنهن تي ويهڻ مشڪل ۽ هلڻ دشوارهو. پير ڦاٽي، ڦلڻا ۽جگر ڇلڻا ٿي ويو. حيران، سرگردان، دل پريشان، رلندي، جهنگل بيابان گهمندي، هڪ ڏينهن ڪنهن مرغزار، زمردوار ۾ اچي پهتا. پري کان هڪ چشمو پاڻيءَ جو ڏسي، اوڏاهين ڪاهيائون. هٿ منهن ڌوئي، ڪجهه ميوا کائي، پاڻي پيتائون. هڪ درخت سائيدارهيٺ ويهي آرام ورتائون. ويچارا ڳڻتين جا ڳاريا، منزلن جا ماريا، گهڻن ڏينهن جا اوجاڳيل ٿڪل ۽ جانب جا وڇڙيل هئا. ٿڌيءَ هوا جي لڳڻ ڪري، بستر خاڪ جي تي به ننڊ کڻي وين. هنن گلفام نازڪ اندامن، هڪڙي ٻانهن مثل وهاڻي جي، ٻي ٻانهن معشوق جي بدران بغل ۾ ڪئي ۽ آرام ڪيائون. افسوس، زماني جي بيمهريءَ عجب نئون گل کلايو، فضا هُل هلايو – ڪنهن مهل آرام جان بيدار ٿي، ته آفت جان کي پاسي ۾ نه ڏٺائين، وري هوشيار ٿي، دل جهلي، اکيون ملي، جان نثارکي جاڳائي، خبردار ڪيائين. جان نثار اُٿي ڏسي ته آفت جان جو نه پيرو نه گس مليو وحت ۽ دهشت ٿيس. چيائن ته ”ڪهڙي آفت نازل ٿيس، متان ڪو جانور کڻي ويس، يا ڪو جهاتو جهٽي ويس!“ اڃا هڪڙي آزار ۾ گرفتار هئا ته مٿان وري نئين مصيبت ٽٽي پين، هوش حواس گم ٿي وين. ڏاڍيءَ اُداس ۽ دل جي پياس کان انهيءَ آس ۾، اُن چشمي جي آسپاس ڳولها ڦولها ڪرڻ لڳا ته متان ڪٿان ڪو گس ٿئي يا ڪو ڏس ملي. لاچار بيوس ٿي، اڳتي هليا. خدائي شان تان جان قربان! وڻ تمام گهاٽا هئا، نهاريندي، ڳوليندي، ٻيئي هڪٻئي جي نظر کان پري نڪري ويا، پاڻ ۾ وڇڙي ويا: هڪ طرف جان نثار، ٻئي طرف آرام جان ويچاري، دردن جيماري قرب جي ڪُٺل، فراق جي ڦٽيل، اشتياق يار جي ۾ مثل ڪڪر نوبهار جي زار و زار اشڪبار، ان بر پٽ پُرخار ۾ بار بار روئندي رڙندي، صبح شام بيقرار بي آرام قريب شام جي هوءَ دل آرام گل اندام درماندي ٿي، ٿڪجي، هڪ وڻ جي هيٺان منهن ويڙهي، پئجي رهي: هڪڙي پياده پائيءَ جي مصيبت، ٻي تنهائي ۽ رفيقن جي جدائي، جانورن جي هيبت ۽ دهشت، زماني جي ڪج ادائيءَ ۽ بيوفائيءَ جو غم کائي، ساري رات روئندي، ڦٿڪندي ڏينهن ٿي ويس ۽هي غزل پڙهندي رهي: +غزل – +پنهل پٺيان پيس ڪاهي، +وندر جا وڻ ولوڙينديس، +جيان جيسين، جتن ڪارڻ، +هي وڻڪارون مان ووڙينديس. +سڃا سرتيون اهي آتڻ، +سڃيون ڀنڀور بازاريون، +مڙئي محبوب جي ڌارا، +اهي آتڻ اکوڙينديس. +جبل جاڙون ڪرين جيئن جيئن، +جتن جي تار تن ۾ تيئن، +بنائن کان سندئي بنياد، +آهن سان اُلوڙينديس. +ڪيم جو قول ڪيچيءَ سان، +اُنهيءَ تي ڪهه ته ٿيان قائم، +ننگر سان جي سندم ناتا، +اهي سڀئي نهوڙينديس. +وڻن مان جي ڪري واڪا، +ورن مون تي بدو برجا، +اچن آڏو لکين مشڪل، +اُنهن کان منهن نه موڙينديس. +وجهي جي ويرَ مون سان تن، +ڇڏيا لاڳاپا سڀ لاهي، +اپر آزيون ڪري ”عاجز“ +جتن سان آءُ جوڙينديس. +آرام جان باحال پريشان، جگر بريان، جدائيءَ جو درد، منهن زرد، لبن تي آه سرد، آه زاري، بيقراري، جيئڻ کان بيزاري، منزل مقصود جي نامعلوم، درد فرقت کان مظلوم، تمام دقت ۽ شدت کان قدم کڻندي، بيدم بڻندي، هلندي هلندي، هڪ درياءَ جي ڪناري تي اچي پهتي. جيئڻ کا�� ته اصل سير ٿي چڪي هئي! دل ۾ سوچيائين ته اهڙيءَ بي لذت حياتيءَ کان موت بهتر آهي!، اِهو خيال لامحال دل ۾ آڻي، الله اڪبر چئي ٽپو ڏيئي درياءَ ۾ ڪاهي پيئي، مگر وڏو افسوس ته اِهو آهي، جو عاشق ويچاري، مصيبت جي ماري کي، آفتن جي منهن ۾ به موت ويجهو نه اچي- واه ڙي نصيب! پر انهيءَ عجب ۾ به هي عجيب ڪم آهي، مخفي ۽ لڪل آهي، جو عاشق جي درد ۽ غم کان موت کي به شرم آهي. ريءَ کُٽيءَ مرڻ کان بچيل آهي، اِهو وري نئون جنجل آهي. +حاصل ڪلام آرام جان لهرين ۾ لڙهندي، ٻڏندي اپڙندي- نه ڪنهن دريائي جانور ستايس، نه ڪنهن مَڇَ جهَليس، نه ڪنهن واڳونءَ وات وڌس. ٿر لهرن ۾ لهواري لڙهندي رهي. قضاڪار، اتفاق روزگار، هڪ شهريار ٻيڙيءَ تي هسوار، مڇيءَ جو شڪار ڪندو درياءِ جو تماشو ڏسندو، دل وندرائيندو ٿي ويو. پري کان ڪا شيءِ لهرين ۾ لُڙهندي تلڪندي، ايندي ڏٺائين، مير بحرن کي حڪم ڏنائين ته ”بلڪل خبرداريءَ سان هٿو هٿ کڻي آڻيو!“ اِهو حڪم ٻڌندي جهٽ پٽ آرام جان کي کڻي، ٻيڙيءَ تي آندائون. بادشاهه هُن جي سهڻي صورت، دلفريب مورت ڏسي، دل جان سان عاشق زار، بيقرار، بي اختيار ٿي ويو. آرام جان جي دلبري ڪيائين، کيس هڪ خلاصي ڪمري ۾ ويهاريائين. ڪجهه طعام کارائي، پاڻي پياري، کانئس احوال پڇيائين، آرام جان پاڻ کي آفت جي منهن ۾ ڏسي، هڪ آه دردناڪ دل غمناڪ مان ڪڍي، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو ۽ ڪي ڪين ڪڇيو. وري بادشاهه چيوته ”اي نازنين، مهجبين، ترس ڪر، هوش ڌر، پنهنجي حال کان واقف ڪر!“ جيتوڻيڪ آرام جان کي ڳالهائڻ منطور نه هو، ته به جواب ڏيڻ ضرور ٿيو، جو پاڻ کي غير جي دام ۾ گرفتار ڏٺائين، ۽ هيءَ گفتار ڪيائين ته ”اي صاحب، هيءَ بندي، دردمندي، غم ۽ الم کان زماني جي ستم کان، بيدم ۽ نادم آهي. رفيق همدم ڇٽي ويا، حال محرم جو رشتو ٽٽي ويو. قسمت اُلٽي ٿي، مصيبت ليٽي پيئي. آرام جان نالو اٿم، جان جنان جي مُلڪ جي شهزادي آهيان. هڪ شهزاي سان شادي خانه آبادي ٿي، عين برات جي رات، خوشيءَ جي تات ۾ ڪنهن وقت پاسو ورايم، جنهن صنم سان همدم هيس، نظر نه آيم، انهيءَ وقت بدحواس ٿي، انجي طلب تات ۾ پٺيان ڪاهيم، نه ڪنهن کي چيم نه ٻڌايم، ڳچ ڏينهن ڳولا ڪندي، ڏکن جا ڏولاوا سهندي، مڇي بي آب جيئن نه موت جو حجاب، نه جيئڻ جو اسباب، خسته حال، پريشان خيال ٿي، روزمره جي آفتن کان بيحال ٿي، درياءُ ۾ ٽپي پيس. افسوس، نه مُيس نه جيس! هر طرح سان مٺيس. خير، تقديرکي ڪهڙي تدبير آهي؟ خالق مطلق، قادر برحق آهي. هن عاجز تي رحم جي نظر فرمائي، پنهنجو ڪرم ڪندو! اُهو شهنشاهه ٻنهي جهانن ۾ ڪل ڪائنات جو والي آهي، ان جي سرڪار عالي آهي، ڪوبه سوالي ان جي دربار مان خالي نه آهي. چوڻي آهي ته ”جيڏانهن رب رضا،واهڙ به وهي اوڏهين“. آرام جان اِهوبيان ٻڌائي، صبر ڪيو. ظاهر آهي ته جذبو الفت جو ۽ غلبو محبت جو، عاشق مزاجن کي چڱيءَ طرح ياد آهي، جو انهن وٽ معشوق جو ڪلام آيت الاهي ۽ حديث موليٰ آهي، ان ۾ ڪهڙي خبيث کي ريس آهي! مينديءَ رکيل هٿ پير، عطر جي بُوءِ، هار جي خوشبوءِ، شاديءَ جو وڳو، شاهي دڳو، سهري جو نشان، پرڻي جو سامان، سڀ موجود ڏسي، بادشاهه سمجهيو ته شهزادي مقرر سچي آهي. ٻارهن مهينن تائين صبر ڪجي ته اِهو ڌڪ به سهسائي رهي. جلدائيءَ ۾ جان جو ضرر آهي، موت فوت جو خطرو آهي. غرض، ٻيڙي پُٺ تي ورائي، بندر تي اچي لنگر ڪيائين. شهر ۾ اچي آرام جان لاءِ هڪ محل مڪان عاليشان مقرر ڪيائين: پرستاريون، خذمتگاريون، خذمت لاءِ مقرر ڪيائين. بادشاهه چوٿين پنجين ڏينهن رخصت وٺيو، آرام جان جو دي��ار ڪيو، حال احوال وٺيو دل بهلايو ويندو هو. اِهو بادشاهه ملڪھ جان جهان جو پيءُ، جان عالم هو، جنهن کي جان نثار جادوگر کان ڇڏايو هو. الله اعلم! + + +داستان ٻارهون +آفت جان جو ننڊ مان کڄي وڃڻ، وري قيد مان آزاد ٿيڻ ۽ آرام جان سان ملڻ، جان نثار جو راحت جان سان گڏجڻ ۽ عاشقن معشوقن جي ملاقات، وزيرزادي جي شاي جو بان ۽ خير سان پنهنجي وطن پهچڻ. +شعر- +ڪٿي آهين اي ساقي ء هوش، +رهيو دل ۾ مطلق نه جوش و خروش. +ڏيو آخرين ٻيا به ٽي چار جام، +ته ٿئي دور دردن جو جن سان تمام، +ميسر فلڪ جو مون کي سير ٿئي، +۽ خاتمو پنهنجو بالخير ٿئي. +ٻُڏل درياءَ غم جا، هلندڙ واديءَ الم جا، شراب عشق جا مدهوش، مشتاق لذت وصال جا، فراق جي ذلت کان هوش ۾ اچي، وڇڙيلن جي ميلاپ جو داستان هن طرح ٿا بيان ڪن ته جنهن مرغزار، زمرد وار ۾ آفت جان، آرام جان ۽ جان نثار ستل هئا، اُهو ڪنهن بادشاهه جو خاص شڪارگاهه هو. حسن اتفاق، اُهو بادشاهه ذيجاهه، عاشق مزاج، حسن جي ڳليءَ جو محتاج، شڪار ڪندي، انهيءَ چشمي تي اچي وارد ٿيو. پريءَ جو حسن آفت روزگار ڏسي، عاشق زار، برهه جو بيمار ٿيو. آفت جان کي آهستگيءَ سان کڻائي، محافي ۾ لڪائي، سوار ڪري، يڪدم پنهنجي شهر ڏي روانو ٿيو. وزير کي حڪم ڪيائين ته ”هن پريءَ، نزاڪت ڀريءَ کي، پوشاڪ زريءَ جي ڍڪائي، هار سينگار ڪرائي، حفاظت سان خلوت ۾ موڪليو!“ وزير با تدبير، نهايت داناءُ باتميز هو، طبيعت ۾ فهيم ۽ تيز هو. هٿ ٻڌي، عرض ڪيائين ته ”خداوند بي نياز عمر شاهه جي دراز ڪري، هيءَ عورت سَرُلُ زاد، پريزادآهي، آدمزاد نه آهي. هن جي صحبت تي اعتبارناهي، خدانخواست جاڳي پوي ۽ خار سان ناشاد ٿئي، ته شور قيامت جو برپا ڪري- حڪومت سڄي سَر وَپا ڪري! خدا جي واسطي هن سروَ کي آزاد ڪريو: ملڪ برباد نه ڪريو، دل تي بيداد نه ڪريو! قول حڪيمن جو ياد ڪريو ته بادشاهه عاشق مزاج، لائق تخت ۽ تاج جو ناهي.،“ +بيت – +عيش ۽ آرام ناهي زيب زينت شاهه جي، +جا ڪري ممتاز، سا آهي ”عدالت“ شاهه جي! +بادشاهه چيوته ”اي وزير، صاحب تدبير، منهنجو نالو ته عشق جي دفتر ۾ اظهار آهي، دل بي اختيار آهي، وڌيڪ نصيحت ناگوار ۽ بيڪار آهي- اهو واپار نروار ٿيو، جدائي سهڻ دشوار ٿيو. بهرحال، خدا مددگار آهي ته سر جو ڪهڙو تڪرار آهي- عاشق اصل خنجر ملال جي سان حلال آهي، اهو به هڪ قسم جو وصال آهي، ڪمال کي آخر زوال آهي، عمر پائمال آهي.“ وزير اها تقرير ٻڌي، تمام دلگير ٿيو. تدبير سوچيائين، عرض ڪيائين ته ”جڏهن تقدير مقرر آهي، ته وصال ميسر آهي، نه ته تقصير مقرر آهي.“ بادشاهه چيو ته ”ڪو اهڙو حيلو، ملاقات جو وسيلو ڪريو، نه ته هيءَ جان سواءِ وصل جانان جي ناتوان آهي.“ وزير ان دم عامل، تسخيرات جا ڪامل سڏائي، آفتجان کي شيشي ۾ بند، دل دردمند ڪرائي، بادشاهه جي حوالي ڪيائين. جڏهن آفتجان جياک کلي، عجب تماشو ڏٺائين. بجاءِ آرام جان ۽ جان نثار جي، پاڻ کي قيد ۾ بند ڏٺائين- هڪ آه درمند ڪيائين. +غزل- +هجر تنهنجي ۾ گذاريان، هاءِ حيران منجهه قفس، +آهي همدم آه زاري، درد پنهان منجهه قفس. +هير کان بادِ بهاري منجهه چمن غنچا کلن، +منهنجي هجرِ گلبدن کان، چاڪ دامان منجهه قفس. +پير هن گل جو بوقتِ وصل ڪيو بلبل ٿي چاڪ، +تيئن سندم فرقت کان ٿيو چاڪ گريبان منجهه قفس. +ٿا وهن ڳوڙها ڳلن تان، مثل شمع اشڪبار، +ٿو جلي جان و جگر، آه سوزان منجهه قفس. +رات ”عاجز“ ساڻ سهڻي ڪيو سُتي هن پر خطاب، +”روڄ راڙي سان رهج، هر حال گريان منجهه فقس.“ +... ۽ چيائين ته ”اي ستم ايجاد بدنهاد، حيف ��نهنجي بنياد تي آهي، چو دلدار ۽ غمخوار جي رنج الم کان وري نئين مصيبت ۾ گرفتار ڪيئي، ۽ خون بيگناهه اختيار ڪيئي. خداجي واسطي منهنجي حال زار تي رحم ڪريو، ۽ ڪرم ڪري، شيشي جو منهن کوليو، ۽ آزاد ڪريو! اهڙو بيداد نه ڪريو- مظلومن جي دستگير ڪريو، اڳتي جي رستگيري، گهرو، ڪنهن جي دل رنجائڻ ۽ ڪعبو ڊاهڻ، ٻيئي خدا جي نزديڪ برابر هڪ جهڙا فعل آهن.“ بادشاهه ٻُڌي، هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”جان من، جي وصل منظور آهي، ته پوءِ دل مسرور آهي، نا ته اهو ڪلام بيدستور آهي، عقل کان دور آهي، جيڪڏهين وصال کان انڪار آهي ته پوءِ اوهان کي اختيار آهي، ۽ هتان خلاصي پائڻ لاچار آهي.“ آفت جان ٻڌي، جوش ۾ اچي چيو ته ”اي مدهوش، هوش ڪري ڳالهاءِ، نه ته انهيءَ ڳالهه جو ساءُ چڱو چکائجئي، پر افسوس بيوس آهيان.“ ائين چئي، بس ڪيائين ۽ وري نه ڪڇيائين. بادشاهه گهڻو ئي آزيون نيزاريون ڪيون، پر پريءَ ڪو به جواب نه ڏنس. +حاصل ڪلام، هڪ ڏينهن بادشاهه نشي جي حالت ۾ بدمست ٿي، پنهنجي راڻيءَ کي فرمايو ته ”هو شيشي جو پڃرو کڻي اچ، ته ڪا دل جي وندر ڪريان.“ راڻي ته اڳهين پهاڄ جي سور ۾ ڀرپور هئي، اڳي پوءِ جي وچور نه ڪيائين، پڃرو کڻي، بادشاهه جي اڳيان آڻي پٽ تي سٽيائين- شيشو ڀڳو، آفت جان کي وجهه لڳو. آزاد ٿي، بادشاهه کي گردن کان جهلي، نپوڙي ماري پنهنجي دل ٺاريائين. راڻيءَ ڏي نهاري، چيائين ته ”ڀيڻ، هيءَ حڪومت ڪنهن وقت تائين تنهنجي حوالي آهي.“ وزيرن اميرن کي چشم نمائي ڪري، تاڪيد راڻيءَ جي تابعداريءَ جو ڪري، پاڻ راحت جان جي تلاش ۾ نڪتي. دل کي چيائين ته هي ناز نخرو، حسن جو بخرو، دلفريب صورت، موهني مورت ۽ هي جوهر جنسار، ڪٿي وري ٻيءَ ڪنهن مصيبت ۾ نه گرفتار ڪري، خوار نه ڪري؟، انهيءَ آزار کان زمين تي ليٽي، بلبل بنجي، پنهنجي گل جي تلاش ۾ پرواز ڪندي، سارو ڏينهن سور سهندي رهي. رات جو هڪ دفعي، نه مونس نه غمگسار، نه دلدار نه دلنواز- ڏاڍي سوز ۽ ساز سان زار زار اشڪبار، هڪ وڻ تي ويٺل هئي. اتفاق روزگار، ٻه طوطا نرماد به انهيءَوڻ تي ٿڪل ٽتل ويٺل هئا. نَرَ با دل پريشان، ماديءَ ڏي ڏسي چيو ته ”اي جان، رات تمام وڏي آهي، تو کي ڪهڙو فڪر ڳڻتي لڳي آهي، جو کڻي صبر جو سرڪ ڀريو اٿيئي، غير معمول ڇا لاءِ ملول آهين!“ طوطيءَ چيو ته اي يار، غمگسار، جيءُ جا جيار، اڄ سامهون اُتر پاسي داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ هڪ باغ ۾ وڃي پهتيس. اندر هڪ سنگمرمرين جو جڙيل مڪان عاليشان، منجهس هر قسم جو عيش عشرت جو سامان ڏسي، حيران ٿيس. وري ٻيو نئون احوال پرملال ڏٺم، جنهن جي غم، کان نه بک جو خيال نه پياس جو وبال آهي. ان کان دل اُداس آهي. ڏٺم ته هڪ نازنين، حسين، مهجبين، لاله روءِ، مشڪ بوءِ، عنبرين، موءِ، مثل پريزاد جي آزاد، شمشاد جي ساي ۾ زارو نزار، مثل ابر نوبهار جي اشڪبار آهي: رنگ زعفراني، لباس ارغواني، زبان تي فراق خواني، بيان الامان، ظاهر ۾ ڪنهن تي عاشق زار بيقرار ڪنهن غير جنس جي قيد ۾ گرفتار، جيئڻ کان بيزار، پابند بلا، فراق ۾ مبتلا آهي. ۽ ڏک ۽ ارمان کان دل بيدرمان مان، آه و فغان سان هي غزل چئي رهي هئي: +غزل – +سوڍل جي ساءَ سرتيون ڏٺي آهه سور سٽ، +آهي اڳهين اگهي، ته وري ٿيڙا تازا ڦٽ. +ڄائي ڏکن جي ڪاڻ ۽ سامائي کائي سور، +جيئڙو جلايو جوش ۽ گُهٽيا گهٽيءَ جا گهٽ. +تارا تڪيندي تات طلب ۾ ۽ ساري رات، +ويئي وهلي ساري، لهي ويا مڙئي نکٽ، +موٽيو نه مينڌرو ڪي وري ڪاهي ڪاڪ تي، +آڌي لڙي اچي، ۽ ڪي ڀڻڪا ڀان ڀَٽ. +چرخو اڳئي چور، ڪتي ڪاڄ ڪُهه ڪريان، +سرتيون سري سهاڳ، ته په��يان پرت مان پَٽ. +ريتيون رسڻ جون گهوريون، تون مينڌرا به موٽ، +ڪوڏهين گڏ گذار، اچي ويهه منهنجي وَٽ. +سوڍل سواءِ سيج سڃي آهه صاف صاف، +پٿراڻيون پٽولا ڀڃي، ٻاريان ٻانهين کٽ. +لاهه اُميد ڪين تون ”عاجز“ الله مان، +اڄ يا سڀاڻي ايندو، ڍوليو منجهاران ڍٽ. +... ۽ بار بار نبض تي هٿ رکي، چيائين ٿي ته ”افسوس، هن بيمار جي علاج ۾ اڃا به طبيب کي غور آهي، انهيءَ حال ۾ جيئڻ بي طور آهي، دل وهلور آهي.“ آفت جان طوطيءَ جو بيان ٻڌي، دل ۾ چيو ته اِها فال مبارڪ آهي، شڪ نه آهي ته آرام جان جو پتو مليو. ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي زبان ۾ اهڙو تاثر نه آهي. اِهو ان جي ئي آه جو تير آهي، جو جگر کان گذر ڪري، دل تي اثر ڪري، جنهن کان ميان مٺو منتظر، متفڪر آهي.“ آفت جان بيتاب ٿي، يڪدم اُڏامي، ميان مٺوءَجي ڏس تي، گس وٺي، سڄ اڀري سر ٿيو ته انهيءَ باغ ۾ اچي پهتي، ڏسي ته برابر آرام جان، دل بريان باچشم گريان، زلف ڪاڪل، مثل چوٽي سنبل جي پريشان، سرگردان انهيءَ سروَ جي سايي ۾بيٺل هئي. دلدار جي ڌيان ۾، ننڊ جي خمار ۾ گينوار، چهرو زرد، لبن تي آهه سرد، ۽ هي غزل زبان تي ورد هوس: + + +غزل – + +آفت جان اهو احوال، پر ملال، آرام جان جو ڏسي، زبان حال ۽ ڀريل دل سان هي غزل پڙهيو: +غزل – + +آرامجان اهو آواز سوز گداز جو ٻڌي، هيڪاري وهلور ٿي، هيڏي هوڏي نهاريائين، ڪجهه به نه ڏٺائين. آواز ڏنائين، ”اي خوشنوا! اهو ڪهڙو سوز گداز آهي، جنهن کان روح پرواز آهي! توکي قسم بينياز جو آهي، جلد ڪر، ظاهر ٿي، هن بيتاب کي شاد ناب ڪر!“ آفت جان وڌيڪ ترسڻ ۽ آرام جان کي تڪليف ڏيڻ مناسب نه ڄاتو، يڪدم وڻ تان هيٺ لهي، زمين تي ليٽي، اصل شڪل ۾ ظاهرٿي، آرام جان کي ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لاتائين. ٻيئي ڄڻيون زار زار روئڻ لڳيون. جڏهن دل جو بخار روئڻ جي رستي هلڪو ٿيو، تڏهن ٻيئي گڏجي محل ۾ آيون، هڪ ٻئي کي وڇڙڻ ۽ بند ٿيڻ جو احوال ڏنائون. آفتجان آرام جان کي دلداري ڏيئي چيو ته ”ڪو به فڪر نه آهي، ڪريم ڪارساز آهي، ان جي درٻار ۾ نياز سان عاجزي ڪرڻ کان سواءِ ڪو به چارو نه آهي. اُو بينيازُ پنهنجي رحم سان وڇڙيا مُحب ملائيندو، دک مٽيندو!“ +الغرض، هي ٻيئي ڄڻيون، هڪ ٻئي جي دلداري ڪنديون، اُتي دم گذارڻ لڳيون. هوڏانهن ويچارو وزير زادو جان نثار، پيرين پيادو، افتادو، وڳر کان وڇڙيل، مصيبتن جو ماريل، آرام جان کي به وڃائي جهنگل ۾ بلڪل پريشان حال، پُرملال رلندو، ڳوليندو، اچي ڪنهن بيابان ۾ نڪتو، سج جي تپش کان رنجور، بدن چڪناچور، خشڪيءَ کان وهلور، تڪليفن جو سامان، وڇوڙي جو ارمان- جيڏانهن نهار تيڏانهن تتل واري، چوطرف چوڌاري- پنڌ ڪندو هلندو رهيو. پريان هڪ سفيد گنبذ سربفلڪ ۽ زمين پيوند نظر آيس. اُميد ۽ آسري منهن پسايس- اوڏانهن هليو، ۽ قريب شام جي اچي پهتو. ڏسي ته هڪ سفيد گنبذ آهي، جنهن کي ڪو به در دروازو ناهي. چوڌاري چڱيءَ طور جاچيائين، آخر قريب شام جي انهيءَ گنبذ جي ديوار تي هڪ نقش نگار ڏٺائين، ٻيو ڪو به آثار نمودار نه ٿيو. لاچار ساري رات اُتي رهيو، ۽ ڌڻي تعاليٰ جي درٻار ۾ التجا ڪيائين ته ”اي سٻاجها سائين! مون کي هنن مشڪلاتن، ڏکن ڏولاون تمام تنگ ڪيو آهي، جن جي سهڻ جي طاقت ناهي. آءُ بندو، گنهگار گندو آهيان، تو ستر پوش ستار، مالڪ مهربان آهين، پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان هن ڳجهه کي ظاهر ڪر، ۽ هن راز کان مون کي ماهر ڪر!“ سڄي رات، مناجات بدرگاه، قاضي الحاجات ڪندو رهيو. قريب فجر جي اک لڳي ويس، ننڊ ۾ هڪ مرد بزرگ ڏٺائين. سلام ڪيائين. مرد بزرگ فرمايو ته ”اي بندا خدا جا، تو کي ڇا منطور آهي؟“ جان نثار عرض ڪيو ته ”اي راهنما رهبر، اگر منهنجي مدد ضروري آهي، ته عرض بيدستور آهي.“ پير مرد مشڪي فرمايو ”هن گنبذجي ڀت تي جا تصوير آهي، سا فجر کان پوءِ گم ٿي ويندي. تون فجر کان اڳ اُٿي، اُن تصوير جي سامهون ڏائيءَ اکجي تاري تي ٿورو زور ڏيندين ته دروازو ٿي پوندو. اندر جيڪي ڏسندين، تنهن مان تنهنجو مقصد بر ايندو.“ ائين چئي، پير بزرگ غائب ٿي ويو. جان نثارڇرڪ ڀري اٿيو. ڏٺائين ته فجر ٿيڻ کان آهي. يڪدم اٿي گنبذ جي ويجهو آيو. پير مرد جي چوڻ موجب تصوير جي اک تي آڱر رکي، زور ڏنائين، ته گڙگڙاهٽ جو آواز ٿيو، دروازو کليو، جان نثار انر داخل ٿيو، ڏٺائين ته وچ گنبذ ۾ هڪ حوض ننڍو، صاف شفاف پاڻيءَ جو آهي، جنهن جي چوڌاري ننڍو چمن آهي. هٿ منهن ڌوتائين،نفل دوگانه شڪر جو بجا آندائين. ڪجهه ميوا کائي، پاڻي پي، تازو توانو ٿيو. گنبذ اندر چوڌاري، مثل آسمان جي نقش نگاري ڏسڻ ۾ آيس. ٻارهن برج، ٻارهن خانا، ست ستارن جا- مثل سچ چنڊ ستارن جي، پوري گردش جي مڪمل، ڪنهن عامل اڪمل جا جوڙيل. جان نثار اڳ ئي ان فن ۾ ماهر هو. يڪدم خانا ڳولي، زائچو کولي، اول حساب شهزادي راحت جان جو دريافت ڪيائين. واه واه، عجب راز کليو! هي ڏَسُ مليو ته راحت جان کي هڪ ديوڻي ننڊ مان کڻي ويئي آهي، جنهن جي هڪ سڪيلڌي ڌيءِ نوجوان ٿي آهي، ان جي لاءِ وَرَ جي ضرورت آهي: ڳوليندي شهزادو ڏٺائين، پسند آيس، دل خورسند ٿيس، افسوس پڙهي، شهزادي کي بيهوش ڪري، کڻي ويئي. ان جي قيد ۾ بند، دل دردمند آهي. تقدير شامل حال آهي، هڪ ديو جي مدد سان شهزادي کي ڇوٽڪارو ملندو، وڇوڙو لهندو. وري جان نثار آفت جان ۽ آرام جان جو حساب ڪري، زائچو ڪڍيو. ظاهر ٿيو ته ٻيئي سلامت آهن. هڪ هنڌ گڏ آهن. تقدير جو ڪم آهي ڪو به غم ناهي، عنقريب ملنديون، ڳولڻ سان هٿ اينديون. +اهو احوال ڏسي، جان نثا، ٻيهر شڪرانو بجا آندو. ٻاهر نڪتو، هڪ طرف روانو ٿيو. ٻه ٽي ڏينهن پنڌ ڪندو اچي هڪ سبزه زار ۾ پهتو. هڪ حوض ڏسي ترسيو، پاڻي پيتائين، هٿ منهن ڌوتائين، ڪجهه ميوا کائي آرام ڪيائين. ان سبزه زار، گلزار ۾ هڪ ديو، مهيب صورت عفريت نالي رهندو هو. ان ڏينهن شڪار جي بهاني ڪيڏانهن نڪري ويو هو. جڏهن موٽي آيو، عجب تماشو ڏٺائين. هڪ آدمزاد تلاءَ جي ڪپ تي ستل ڏٺائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته خداوند ابليس، پراڻي خبيث تي اڄ راضي ٿيو آهي، جنهن گهڻي مدت بعد، آمزاد موڪليو آهي. تمام خوش ٿيو ۽ جان نثار ڏانهن وڌيو. وزير زادو ننڊ ۾ هو. ديو جي هلڻ جي آواز سان سجاڳ ٿيو. ڏسي ته مار! هڪ ديو جبل جيڏو اچي رهيو آهي. هشيار ٿي هڪل ڪيائين ته ”خبردار اڳتي قدم نه وڌايو! ترسو، خبر چار ٻڌايو.“ ديو کليو، چيائين، ”اي آدمزاد، اڄ خداوند ابليس، ڏاڍو راضي ٿي مون ڏانهن تو جهڙو چرب لقمو موڪليو آهي، هاڻي آءُ اکيون پوري ۽ وات پٽي ٿو ڇڏيان، منهنجي وات ۾ ٽپو ڏي، تو کي ڪا به تڪليف ڪا نه ڏيندس. نه ڏند لڳائيندس نه ڏاٺ، ائين ئي ڳڙڪائي ويندس.“ جان نثار وري به هڪل ڪري، ديو تي تلوار جو وار ڪيو. ديو کي ٽنگ ۾ ٿورو زخم ٿيو، جنهن کان ڇرڪ ڀري، هٿ وڌائي جان نثارکي قابو ڪيائين ۽ کڻي پنهنجي آستاني تي آندائين. ۽ چيائين ته ”تون اڃا ضعيف آهين، ڪجهه کاءُ پيءُ ٿلهو متارو ٿيءُ، ته پوءِ تو ۾ وڌيڪ لذت ٿيندي.“ ائين چئي تلوار وغيره کانئس کسي، پرزا پرزا ڪري، چيائين ته ”توکي جيڪي گهرجي سو سڀئي موجود آهي، کاءُ پيءُ، هتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندين، ته يڪدم کائي ڇڏيندو سانءِ.“ ائين چئي، آندل شڪار ڪچوئي ڪچو کائي، سمهي پيو. جان نثار ويچارو، مصيبتن جو ماريو، هي حال ڏسي ڏڪي ويو. سمجهيائين ته هتي شايد موت کڻي آيو آهي، ڇٽڻ جي واه ناهي، جهنگ مان ڪجهه ڪاٺيون آڻي، چمڪ پهڻ سان باهه ٻاري، هڪ ٽڪر گوشت جو پچائي کاڌائين. پاڻي پي هڪ درخت جي ڇانوَ ۾ ويهي ويچار ڪرڻ لڳو ته هن موذيءَ کان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي؟ سوچيندي، ڪجهه تدبير سُجهي آيس، قسمت ڀڙايس. ٽن ڏينهن بعد ديو ننڊ مان سجاڳ ٿيو، هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، جان نثار کي ننڊ ۾ سُتل ڏٺائين، اطمينان ٿيس ۽ حوض تي آيو هٿ منهن ڌوتائين، وري جان نثار کي جاڳايائين، پڇيائين ته ”اي آدمزاد! خوراڪ تنهنجي ڪهڙي آهي؟ ٻڌاءِ ته حاضر ڪريان.“ وزير زادي ٻڌايس ته ”انسان جي خوراڪ اٽو، ميدو، گيهه کنڊ، لوڻ مرچ، قند، بصر، ڀاڄي گجر، بند گوبي، گلقند آهي.“ ديو جان نثارجو مڪرفند سمجهي نه سگهيو، چيائين ته ”اي آمزاد، تنهنجي طلب جي تڪرار کان منهنجي مت لاچار آهي.“ ائين چئي، وٺي اُڏاڻو. هڪ طرف زمين تي انسانن جو اجتماع ڏٺائين: ڪو قافلو هو جو واپار سان هيڏانهن هوڏانهن، ملڪ بملڪ هلندو هو، ۽ ان وقت هڪ سبزه زار گلزار ڏسي، منزل انداز ٿيو هو. اڃا سامان نه لاٿو هئائون. ڪَٿ ڪَٿان پئي ڪيائون ته اوچتو مٿان آفت ايندي ڏٺائون. ويچارا وائڙا ٿي ويا ۽ هيڏانهن هوڏانهن لڪي ڇُپي ويا. ديو عفريت مٿان لامارو ڏيئي ٻه چار اُٺ سيدي سامان جا کڻي، جان نثار اڳيان آندا. ۽ چيائين ته ”اي آدمزاد نامراد، ڏس ته هي تنهنجي هم جنس کان کڻي آيو آهيان. تنهنجي طبيعت موجب بحال آهي، ڪين اڃا به ٻيو خيال آهي؟، وزير زادي مال ڏٺو، خوشحال ٿيو. عفريت کيآاکيائين ته ”سڀ ڪجهه موجود آه، دل خوشنود آهي. اچ توکي به اهو طعام لذت ڀريو کارائيندس.“ ائين چئي، هڪ وڏي کڏ کوٽيائين، جنهن ۾ ٻه چار ٻوريون ميدي جون ڇنڊيائين، گهه اوتيائين، ۽ کنڊ وڌائين. ديو کان هيءُ ڪم ورتائين، جو هڪ وڏي پٿر جي ڇِپ آڻي. ڪاٺيون، ڇيڻاان تي ڍڳ ڪري ٻاريائين. جڏهن ڪم تيار ٿيو، وزيرزادو برسرِ ڪار ٿيو، ڳوهت کي لتن سان ڳوٿائين، جهاڳوري ٺاهيائين: تتل ڇپ تي وڏا وڏا چاڻا ڪري، ماني پچايائين. ديو حيرت سان ڏسندو، چپ چٽيندو رهيو، جڏهن ڪم تيار ٿيو، تڏهن ديو جي اڳيان آڻي رکيائين. ديو هٿ وڌو، کاڄ کاڌو. تمام خوش ٿيو، نچيو، ٽپيو، جان نثار تي تمام راضي ٿيو. چيائين ته ”اي آدمزاد! تنهنجي طعام ۾ ڏاڍو سواد آهي! هاڻي آئون توکي تمام خوش رکندس، جيڪي تو کي گهربو، سو موجود ڪري ڏيندس. مگر تون مون کان ڀڄندين ته سزا لهندين.“ ائين چئي، ديو شڪار جي ڳولا ۾ اڏاڻو، گهمندي ڦرندي، هڪ هنڌ ماڻهن جوميڙ ڏٺائين. لهي پيو. اتفاق جي ڳالهه آهي، ڪا شادي هئي، تنهن جي سرانجاميءَ لاءِ سڀ سامان تيار هو. ديو لٿو، ماڻهن جو ڏٺو سو ڊپ کان ڪو ڪيڏانهن، ڪو ڪيڏانهن ڀڳو- هل هُليو ته ”ڀڄو ڀائي، ڪا آفت آئي!“ ڊڪ ڊوڙ پيئي سوڙهه سنگهوڙ ٿي، جنهن ۾ ڪو ٿڙيو ڪو ٿاٻڙيو، ڪنهن جي ٽنگ ٽٽي، ڪنهن جي ٻانهن، ڪنهن جو ڀڳو مٿو، ته ڪنهن جو رهجي ويو کٿو، ڪو ڪريو، ڪو ڊٺو. شاديءَ مان ويچارن لاءِ بيدادي بنجي پيئي. سيڌو سامان، مرچ مصالحا سڀ موجود هئا، فقط طعام تيار ڪرڻ جي دير هئي. ديو اهو رنگ ۽ ڍنگ ڏسي، ڄاتو، اڳتي پير پاتو. سڀ سامان کنيائين ۽ آڻي جان نثار وٽ لاٿائين. سلام ڪيائين. وري هي چيائين ته ”اي آدمزاد! تو جيڪي چاهيو ٿي، سو شايد هٿ آيو آهي. ڏس، ٿيءُ خوش، هاڻي ڪا ڪار ڪر، جلد طعام تيار ڪر، کائي وش ٿيان. پوءِ جيئن چَوين تيئن ڪريان.“ جان نثار حڪم مڃيو: ڪاٺيون آندائين، چرون کوٽيائين، ديڳيون چاڙهيائين، طعام تيار ڪيائين، گلم فرش وڇائي. ان تي ديڳيون ليٽائي، ديوکي سڏ ڪيائين ته هاڻي طعام تمام ڪر، هوش ڌر، ديو کاڌو، ڏسي، چپ چٽيندو اچي ڪِريو: کاڌو کاڌائين، ڪنڌ ڌوڻيائين. ڪلها لوڏيائين ۽ جان نثار کي ڪلهي تي چاڙهي، نچيو، ٽپو زوردار راضي ٿيو. سلام ڪيائينس، پڇيائينس ته .اي آدمزاد! آئون تو کي بلڪل اداس، نراس ٿو ڏسان، ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟“ وزير زادي ديو کي بلڪل راضي ڏسي، راحت جان جي گم ٿيڻ ۽ پنهنجي ڏکن ڏاکڙن سهڻ جو قصو سڻايو. ديو اهو احوال ٻڌي، ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڳچ مدت گذرڻ بعد، ڪنڌ مٿي کڻي، وزير زادي ڏي نهاريائين، پڇيائين ته ”اي آدمزاد! تنهنجي انهيءَ ساٿيءَ جو ڇا نالو آهي“ وزير زادي بيڌڙڪ، بي کٽڪ، شهزادي جو نالو ٻڌايس، ديو نالو ٻڌي، خبردار ٿيو. نالو دل سان لڳل ڄاتائين ۽ وزيرزادي کي چيائين ته ”اي مُحسن! منهنجي هڪ ڀيڻ ڏيهَن جي ڏيڻ آهي، ڪوه قاف ۾ رهندي آهي. ان کي هڪ ڌيءُ، سهڻي شڪل، من موهڻي مورت آهي. سونهن ۾ سرس، حسن بي ترس اَٿس. هينئر ان جوشباب مثل ماهتاب آهي. آءُ اُتي پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ ويندو آهيان، ۽ هفتو رهندو آهيان. هن دفعي منهنجو اُتي وڃڻ ٿيو، ڀيڻ سان ملڻ ٿيو. ڀاڻيجي نه ڏٺم، پڇا ڪيم. هن ڏيڻ ڏند شيڪي چيو ته خبردار، جي وري ان جو پڇيو اٿيئي!، ان جي ڪاوڙ ڏسي، ڏڪي ويس ۽ وري پڇڻ جو خيال لاهي ڇڏيم، دل ۾ چيم ته ڪجهه دال ۾ ڪارو ته آهي. هڪ ڏينهن گهمندي ڦرندي، هڪ طرف وڃي نڪتس: هڪ باغ شاداب ڏسڻ ۾ آيم، دل سير ڪرڻ لا ڀڙڪايم، اڳتي وڌيس، ديوار تائين رسيس، دروازو ڏسڻ ۾ نه آيم، ڳولا ڪيم نه لڌم،لاچار هڪ وڻ هيٺ ويهي آرام ورتم، اندر پنهنجي ڀاڻيجيءَجو آواز ٻڌم، ڏاڍي سوز گداز سان ڪي اشعار ڳائي رهي هئي. بار بار راحت جان، راحت جان، جو اکر زبان تي هوس، جو چٽو ٻڌم، فڪر ٿيم ته الاجي بيمار آهي، يا ڪنهن درد کان لاچار آهي، يا ڪنهن ماهروءَ جي عشق ۾ گرفتار آهي، جنهن کان دلفگار آهي. دل ۾ چيم ته اڏامي، ڀت ٽپي وڃي ڏسان، دل کي تسلي ڏيان،. ايتري ۾ هوءَ ڏيڻ، حرامزادي ڀيڻ اچي نڪتي- هڪل ڪيائين، ڏند کڙڪايائين. ڏڪي ويس، ڀڄي پري ٿيس. چوڻ لڳي، خبدار، هن طرف رخ ڪيو اٿئي، ڪچومر ڪڍي ڇڏينديسانءِ“. مون کي هراس ورتو، احوال کان نراس ٿي، آس لاٿيم، ساڻس گڏجي جا تي آيس. ڪيئي دفعا خيال ٿيم، ڪوشش ڪيم، ليڪن همت جواب ڏنم. هفتو پورو ٿيو، مون موڪلايو. پنهنجي آستاني تي آيس. وقت گذري ويو، اهو خيال لهي ويو. اڄ تنهنجي زباني ٻڌم، اُها ڳالهه ياد آيم. منهنجي ڀاڻيجي، جنهن جو نالو زرنگار آهي، سونهن جي سردار، آفت روزگار آهي. هوءَ متان جوانيءَ جي جوش ۾، ڪنهن جي عشق ۾ مدهوش، دلفگار، چشم اشڪبار آهي، متان سندس زبان تي راحت جان جو نالو بي اختيار آشڪار آهي، يا ان معشوق گلفام کي پيارجي سبب انهيءَ نالي سان بي تڪرار يادگار آهي.“ +جان نثار اهو اذڪار، عفريت کان ٻڌي، سرهو ٿيو. چيائين ته ”اي شاهه، اگر تنهنجو وس هلي، ته اهو راز کلي، مطلوب جو پتو ملي. بندو لاچار قسمت جي اختيار آهي.“ ديو جواب ڏنو ته ”منهنجو مقدور نه آهي، سمجهه کان دور آهي. فقط ايترو ضرور آهي ته توکي ڪنهن رنگ، ڍنگ سان اُتي پهچائيندس.“ وزيرزادو اها خوش خبر ٻڌي، بي اختيار هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ديو وزيرزادي کي ڪلهن تي چاڙهي، آسمان تي اڏاڻو، اک ڇنڀ ۾ منزل مقصود تي پهتو، جان نثار کي لاهي هڪ وڻ هيٺ ويهاريائين، لڪايائين، ڇپايائين، ۽ پاڻ سڌو ڀيڻ جي آستاني تي آيو. ڀيڻ کي غمناڪ، گريبان چاڪ ڏٺائين، ڀاڪر پائي، احوال پڇيائين. هُن ڏيڻ روئي حال بيان ڪيو. هي احوال ڪيو ته ”اي برادر جاني، زرنگار جي ڏٺيم جواني، سونهن ۾ لاثاني، وڱَرَ جي ڳولا ڪيم: پرستان ۾ ڪو پريزادو يا ڪو شهزادو سندس لائق ڪو نه لڌم، پردي دنيا جي تي پُريس، اوڏاهين لڙيس. ڳوليندي هڪ محلات، شب برات وانگر سينگاريل ڏٺيم، اندر داخل ٿيس. رات هئي، ليڪن شب برات- پلنگ تي مشتري ۽ زهري جي وچ ۾ هڪ ماه ڏٺم، پسند پيم، افسون پڙهي، دم ڪري، پورو ڪم ڪري، اُن کي بيهوش بنائي، اُتان اُڏائي، هتي آيس. آڻي زرنگار اڳيان رکيم. زرنگار جو ڏٺو، سو عشق جو تير ڇٽو ؛ طبيعت مائل ٿيس، هڪ ئي گهور گهائل ڪيس- صبر ڪيائين، ڪي ڪين ڪڇيائين. آءُ خوش ٿيس ته جوڙو سجوڙو ٿيو، منهنجو ڪم پورو ٿيو. گهڙيءَ کان پوءِ، شهزادو سجاڳ ٿيو، هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، آواز ڏنائين، زرنگار سندس خدمت ۾ حاضر ٿي. اُن ڏٺو، نظر ڦيرائي پڇيو ته آءٌ ڪٿي آهيان! ڪنهن بدبخت، دل سخت بيگاني، مون کي پنهنجي محبوب يگاني کان وڇوڙي هتي آندو آهي؟“ زرنگار عرض ڪيو ته ”اي سرتاج، هي تخت و تاج حاضر آهي، ۽ هيءَ ٻانهي، ديواني، اوهان جي محبت ۾ مستاني چاڪريءَ ۽ خذمتگاريءَ لاءِ حاضر آهي. شهزادو ٻڌي، گهڻو رنج ٿيو، هڪ دلخراش آه ڪيائين، زرنگار کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ۽ ڪو به توجهه ڪو نه ڪيائين. زرنگار شهزادي جي عشق ۾ معمور، دل چڪناچور، ورهه کان وهلور، خواب خوراڪ ڇٽي ويو، حُسن جو جلوو مِٽي ويو. دل پر درد، لبن تي آه سرد، ديوانن وانگر نه رات جو آرام، نه ڏينهن جو طعام- ٻنهي کي انهيءَ باغ ۾ بند رکيو اٿم، جنهن کان تو کي ٿي روڪيم. اهو ملال دل تي آهي، جنهن کان هي حال آهي، ٻيو ڪو وبال ناهي. منجهي پيئي آهيان ته هاڻ ڇا ڪريان؟ اهڙو ڪو وسيلو ٿئي، جو حيلو ڪري ته ڪم راس ٿئي، پوري آس ٿئي.“ عفريت اهو مذڪور ٻڌي، هن طور چيو ته ”اي ڀيڻ، مون هڪ آدمزاد آندو آهي، ڏاڍو هوشيار خوش گفتار آهي- چالاڪ، بيباڪ، هرفن ۾ طاق، شُهرءِ آفاق آهي. اگر ان جي مدد درڪار ٿئي ته ڪم تيار ٿئي- تنهنجي مرضيءَ تي منحصر آهي، قصو مختصر آهي.“ ديوڻي ٻڌي مسرور ٿي، چيائين ته ”اي برادر، اڃا پيو دل ۾ ڳالهه رکين، جهٽ ڪر، دير نه ڪر! زرنگار به ته تنهنجو اولاد آهي. ان آدمزاد، بامراد کي آڻ، اگر منهنجي دل شاد ڪيائين، ته آءُ به سندس مراد پوري ڪرڻ ۾ قصور نه ڪنديس.“ عفريت انهيءَ دم جان نثار وٽ آيو، سلام ڪيائين، ۽ سموريءَ حقيقت کان واقف ڪيائين. چيائين ته ”هاڻ جلد ڪر!“ جان نثار هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ديو سان گڏجي اُن ديوڻيءَ وٽ آيو، جا ڏسي تمام خوش... هٿ ٻڌائين، پير چميائين، خوشامد ڪيائين، ۽ احوال ٻڌايائين، وزير زادي چيو ته ”اي ملڪھ، مون کي ڏيکار، ڏسڻ تي مدار آهي! جي سمجهيم سماچار ته ڪندس وس ويچار، نه ته بندو آهي بيوس لاچار، هاڻي اهي تنهنجي اختيار.“ ديوڻي هڪدم ”حاضر!“ چئي، جان نثار کي ساڻ وٺي، باغ ۾ آئي. شهزادو پري کان ڏيکاريائينس. جان نثار شهزادي کي ڏٺو، دل ۾ خوش ٿيو. باري تعاليٰ جو شڪر ڪيائين، ۽ ديوڻيءَ کي چيائين ته ”شهزادي ۽ زرنگار کي جدا جدا ڪر، ته آءٌ ٻنهي تي ڌار ڌار منتر پڙهندس، تنهنجو مطلب پورو ڪندس.“ ديو زاديءَ حرامزاديءَ، منتر پڙهيو، واچوڙو وريو- ٻنهي جي وچ ۾ ديوار ظاهر ٿي ۽ هوءَ وزير زادي کي اُتي ڇڏي، ٻاهرٿي جان نثار اڳتي وڌيو، شهزادي کي ويجهو اچي سلام ڪيائين. شهزادي ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو، جان نثار کي بيٺل ڏٺائين- اُٿيو، ڀاڪر پائي مليو، هڪٻئي کي حال ڏنائون، ۽ اورڻ اوريائون. وزير زادي هٿ ٻڌي، عرض ڪيو ته ”اي شهريار، عالي وقار، هتان ڇٽڻ جي فقط هڪ تدبير آهي، حڪم هجي ته ظاهر ڪج��.“ شهزادي فرمايو ته ”اي وزير، باتدبير، پنهنجي تقرير اظهار ڪر، مون کي فقط محبوبن جي وڇڙڻ جو غم آهي، منهنجو ٻئي ڪنهن سان ڪم ناهي.“ جان نثار عرض ڪيو ته ”حضور، هيءَ ديوزادي وڏي حرامزادي آهي. اُن جي ڌيءُ اوهان جي رخ اَنور تي دل ۽ جان سان مفتون آهي، جنهن کان پريشان حال، مجنون آهي. جيتوڻيڪ آرام جان ۽ آفت جان جو مٽ نه آهي، پر تڏهن به سونهن ۾ گهٽ نه آهي. ان کان سواءِ، عشق جي اُساٽ، برهه جي برسات اهڙو حال بنايو اٿس، جو ڏسڻ سان دل جهلڻ مشڪل آهي. انهيءَ ڪري هوءَ بيقصور آهي- اها ڳالهه مروت کان دور آهي، جو ان جي دلبري نه ڪجي، ۽ ان کان ڀڄڻ جو گهاٽ گهڙجي. منهنجي ناقص عقل ۾ ڇوٽڪاري جو سبب به هيئن آهي، جو زرنگار جي دستگيري ڪجي، ته هن جي به قسمت کلي، ۽ عشق جي واديءَ ۾ اوهان جو هُل هُلي، ۽ ڇوٽڪارو به ملي.“ راحت جان وزيرزادي جو بيان ٻڌو، بادل ناخواسته منطور ڪيو. وزير زادو خوش ٿيو ۽ ان دم ٻاهرآيو. ديوڻيءَ کي خوشخبري ٻڌايائين، ۽ چائين ته ”جلد شاديءَ جي تياري ڪريو، دير مدار نه ڪريو.“ ديوڻيءَ جان نثار کان گفتگو خوشگوار ٻڌي، گهڻو خوش ٿي، وزيرزادي جا ٿورا مڃيائين، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي گهرائي، چيائين ته ”هي آدمزاد جيڪو تو آندو آهي، تنهن ڪو اهڙو منتر پڙهيو، جو بگڙيل ڪم جڙيو، هاڻي جلد تياري ڪجي، دير مدار نه ڪجي.“ ائين چئي، شاديءَ جي تياري ڪيائون. شام تائين سڀ ڪجهه تيار ٿي ويو. گهوٽ ڪنوار کي عمدو لباس پهرايائون، خوشبوءِ عطر مکيائون. جان نثارشهزادي جو نڪاح پڙهيو. ٻنهي گهوٽ ڪنوار کي ساڳئي خلاصي محل ۾ اندائون. ٻيئي عاشق معشوق اڪيلا ٿيا. راحت جان پنهنجي دلدارن کان دور، ۽ وڇڙيلن جي ياد ۾ مهجور، انهن جي محبت ۾ مدهوش، بي سرت، بيهوش هو. لبن تي آه سرد، دل بردرد، غمگين، بيچين، پاسا ورائيندو رهيو. زرنگار پنهنجي دلدار جي اها حالت ڏسي، بيقرار ٿي، معشوقانو ماڻهو ڇڏي، بيحجاب ٿي، شهزادي جي نزديڪ ٿي. هٿ ٻڌي، عرض ڪيائين ته ”اي جان من، قربان تو تان جان ۽ تن! ڇا سبب آهي، جنهن کان هيءَ بيقراري، آه زاري آهي؟ خدا جي واسطي هن ڪنيز کان حال نه لڪايو، منهنجو ساهه نه سڪايو. آءٌ هر طرح تابعدار، فرمانبردار، حاضر آهيان. منهنجو انتظار دور ڪريو، دل مسرور ڪريو.“ شهزادي زرنگار کي پنهنجو سمورو قصو سڻايو، ۽ فرمايو ته .اي زرنگار، آئون پنهنجي محبوبن کان وڇڙيل، ۽ انهن جي ياد ۾ بيتاب آهيان. انهن کان سواءِ هيءَ زندگي بيڪار آهي، ۽ جيئڻ کان بيزار آهيان.“ زرنگار شهزادي کان اها خبر، وحشت اثر ٻڌي، ڏاڍي دلگير ٿي، تدبير سوچيائين، شهزادي کي دلاسو ڏنائين، ۽ چيائين ته ”جيتوڻيڪ منهنجي ماءُ تمام دل سخت ۽ بي مروت آهي، ان کي منهنجي جدائي هرگز منظور نه آهي. مگر آءٌ ان جو بندوبست ڪنديس، تو کي خورسند ڏسنديس. جڏهن هوءَ اوهان کان پڇي ته اوهان کي ڇا گهرجي، ته پوءِ کانئس انجام اقرار وٺي، پوءِ فقط ٻه شيون گهرجوس: جن مان هڪ اڏامندڙ غاليچو آهي، جنهن جو ڪم هي آهي ته جتي به حڪم ڪجيس، اُتي سواري پڄائيندو، ٻي شيءِ آهي لٺ، ان جو ڪم هي آهي جو جيڪڏهن اُن سان جاءِ، باغ يا پنهنجي رهڻ لاءِ محل، گلزار چمن، باغيچي وغيره جو زمين تي نقش ڪڍي، حڪم ڪجي ته رات وچ ۾ اُهو تيار. ٻيو لڙائيءَ جي ميدان ۾، وچ ۾ کوڙي ڇڏجي، ته دشمن تي هر حالت۾ فتح نصيب ٿيندي، ۽ هو خوار خراب ٿي شڪست کائيندو.“ اهڙي دستور هڪ ٻئي سان اقرار ڪيائون، ۽ زرنگار شهزادي سان هلڻ لاءِ تيار ٿي. صبح جو سويل اُٿي غسل ڪيائون، نوان عمداڪپڙا پهريائون. ديوڻي پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ ۽ کين ڏسڻ آئي، زرنگار کي ملول خاطر ڏسي، ڌيءُ کان غمگينيءَ جو سبب پڇيائين، ۽ چيائين ته ”اي جان من، گهڻين مصيبتن سهڻ ۽ ڏکن ڏولاون ڪرڻ بعد، تنهنجي لاءِ خوشيءَ جو سامان هٿ آيم، مگر توکي غمگين ڏسي، آءُ بلڪل ناخوش آهيان. ڪهڙو باعث آهي، جو خوشيءَ جي موقع تي تو کي رنج ۽ ملال آهي“ زرنگار شهزاي جو سڄو احوال ڪري ٻڌايس، ۽ چيائينس ته ”جنهن سان منهنجو ناتوهميشھ لاءِ ٿيو آهي، اُهو پنهجي محبوبن ۽ ماءُ پيءُ جي ملڻ لاءِ اُداس ۽ آتو آهي. ان کان اندوهگين ڏسي، مون کي ڪهڙي خوشي حاصل ٿيندي؟ جي تون ماءُ آهين، ۽ مون کي خوش ڏسڻ ٿي چاهين، ته اسان کي موڪل ڏي. شهزادو پنهنجن محبوبن ۽ ماءُ پيءُ سان ملي، غمن جي آفت کان ڇُٽي، ۽ مون کي به ان کي خوش ڏسي، راحت ملي، جي نه، ته هو ۽ ان جي پٺيان آءُ – هتي تنهنجي قيد ۾ بند، دل دردمند رهي، ڳري، مري وينداسين.- تو کي ڇا حاصل ٿيندو!“ ديوڻيءَ اهو احوال ٻڌو، جدائيءَ جو ملال ٿيس. وري ڌيءُ جي خوشنوديءَ جو خيال ڪري، صبر ڪيائين ۽ دل تي جبر ڪري، ڌيءَ کي چيائين ته ”جيتوڻيڪ مون کي تنهنجي جدائي نامنظور آهي، مگر مجبور اِهو سور سهڻو پيو، توکي خوش رکڻو ٿيو.“ ائين چئي، شهزادي وٽ آئي. گهڻي آزي نيازي ڪيائين، ۽ ڪيل قصور کان معافي گهريائين، ۽ راحت جان کي رخصت ڏنائين. ۽ چيائين ته ”اي شهزادا! زرنگار هن ندوريءَ جي اکين جو نور آهي، دل جو سرور آهي، ان جي جدائي جيتوڻيڪ منظور نه آهي، مگر ان کي خوش رکڻ ضرور آهي. مون توکي امانَ ۾ ڏني آهي- مون کي فقط اها هڪ سڪيلڌي ڌيءُ آهي، ان جي پرداخت ڪجانءِ، کيس دلداري ڏجانءِ. آءٌ توکي جيڪي گهرين، سو ڏيان.“ راحت جان دلداري ڏيئي، چيس ته ”زرنگار منهنجي گلي جو هار آهي، ان لاءِ ڪنهن به فڪر ڪرڻ جو تو تي بار ناهي. مون کي ڪنهن به شيءِ سان سروڪار نه آهي، فقط محبوبن ۽ ماءُپيءُ جي ملڻ جي درڪار آهي! ان لاءِ گهڻو انتظار آهي، جي تنهنجو اصرار آهي ته مون کي جنهن شيءِ جي گهرج آهي، سا جي تو وٽ موجود نه آهي، ته پوءِ اهڙو سوال ڪرڻ بيسود آهي.“ ديوڻيءَ چيو، ”اي راحت جان! مون کي اوهان کان وڌ ٻي ڪا به شيءِ مٺي نه آهي. اوهان کي منهنجي جان درڪار آهي، ته اُهابه اوهان جي اختيار اهي. مون کي قسم آهي پنهنجي پروردگار جو، اگر منهنجي وس ۾ هوندي ته هڪدم حاضر ڪنديس ۽ هڪ پل ۾ پهچائينديس.“ حضرت سليمان جو قسم کڻي چيائين ته ”اظهار ڪريو. اوهان کي ڇا درڪار آهي؟“ راحت جان ان تي خوش ٿي، غاليچي ۽ لٺ جي گهر ڪئي. ديوڻي ٻڌي، سناٽي ۾ اچي ويئي، ۽ سمجهيائين ته هي فتنو اُن مردار زرنگارجو اُٿاريل آهي. لاچار، بي اختيار ٿي هلي ويئي. ڪجهه دير گذرڻ بعد، گهڻي ئي سوکڙيون سوغاتون آندائين ۽ پڻ لٺ ۽ غاليچو حوالي ڪيائين. چيائين ته ”اي راحت جان هي ٻيئي شيون اسان جي وڏن جو يادگار آهن، اِهي انهن کي حضرت سليمان کان سندس تابعداري ۽ فرمانبرداريءَ سبب مليون هيون“. پوءِ اُهي راحت جان جي حوالي ڪري، کين رخصت ڪيائين. + + +راحت جان، جان نثار ۽ زرنگار، ديو ۽ ديوڻيءَ کان موڪلائي، غاليچو وڇائي، ان تي ويٺا ۽ حڪم ڪيائون ته ”اسان کي هڪدم اتي پهچاءِ، جتي آفتجان ۽ آرام جان هجن!“ ... غاليچو هڪدم زمين ڇڏي، مٿي هوا ۾ اڏامي هلڻ لڳو. هوڏانهن آفت جان ۽ شهزادي آرام جان شهزادي راحت جان جي جدائيءَ ۾ گريان ويٺيون هيون، ٻنهي کي لبن تي آه سرد ۽ دل پُر درد- هڪ ٻئي سان حال اورڻ جي وندر، غمن جا گوندر! ته اوچتو هڪ ٻانهيءَ اچي عرض ڪيو ته ”بادشاهه جان عالم ۽ وزر، در تي حاضريءَ لاءِ ترسيل آهن، اندر اچڻ جي اجازت جا طلبگار آهن.“ دستور موجب پڙدي جو بندوبست ٿيو، ۽ اجازت جو آواز گوش ٿيو. بادشاهه ۽ وزير اندر داخل ٿيا، مقرر مسند تي ويٺا.بادشاهه جان عالم ٿورو وقت ترسي، احوال خيريت جو پڇي، موڪلائي هليو ويو. وزير باتدبير عرض ڪيو ته ”اي حسن، نازنين، اڄ مقرر ميعاد ٻارهن مهينن جو پورو ٿيو، مدت وعدي جي پوري ٿي، اڳتي ڪهڙو حڪم آهي؟“ آرام جان پريءَ ڏي نهاريو، جنهن کيس اشارن ۾ سمجهايو، آرام جان وزير کي فرمايو ته ”آءٌ بادشاهه ذيجاهه جي تمام گهڻو احسانمند آهيان، جي ڪرم فرمائي بادشاهه اڃا به هن بيڪس، بيوس کي ڪجهه عرصو مهلت ڏيڻ فرمائي، ته ان جو اجورو الله تعاليٰ کان پائي.“ وزير عرض ڪيو ته ”اهو دستور مروت کان دور آهي. بادشاهه جيڪي هنن ٻارهن مهينن ۾ سٺو آهي، ان جو قدر ڪرڻ ضرور آهي- وڌيڪ ترسڻ مشڪل ۽ بي حاصل آه.“ آرام جان، با دل بريان، فرمايو ته ”هن بنديءَ جي تقدير ڦٽل آهي! ڏکن مٿان ڏک، ته به اميد تي تڳيس ٿي. سا به هيئر اچي ختم ٿي. هاڻ هن جان بيدم جي حاصلات مان ڇا ورندو. آئيندي اوهان جي اختيار آهي، هيءَ بندي لاچار آهي.“ وزير اهو خوشي بخشيندڙ گفتو ٻڌي، ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ پوئين پير موٽيو. بادشاهه جي خذمت ۾ حاضر ٿي، مبارڪباد پيش ڪيائين. بادشاهه وزير کي انعام اڪرام ڪري، فرمايو ته .”جلدي سرانجامي ڪريو، دير ذري نه ڪريو..“ هُتي ته اڳيئي تياري ٿيل هئي، فقط حڪم جي دير هئي- سڄو شهر آئينده بند ٿيو، سڀ ڪو خورسند ٿيو. +حاصل ڪلام، صبح جو سوير ڪنوار کي سينگارڻ لا خاص ٻانهيون، عمديون پوشاڪون ۽ زيور جواهردار، عجب جوڙ جنسار سان کڻي، آرام جان جي محل ۾ پهتيون. خاص خذمتگارن سڄو محل نئين رنگ ڍنگ سان سينگاريو: گلدستا گلزاريون بنايائون، چمن درست ڪيائون، سڄو ڪم سرانجام ڪري، تيار ڪيائون. ٻانهين آرام جان کي غسل ڪرائي، عمدي پوشاڪ پهرائي، زيور جوت جنسار سان پهرايائون، ڪنوار بنايائون، بادشاهه کي اطلاع ڪيائون. بادشاهه به پوشاڪ نوشي جي پهري، ڄڃ ساڻ ڪري، گهوڙي تي سوار ٿي، پنهنجي محلات مان نڪتو: سرگشت ڪندو، آتشبازيون ڏسندو، آرام جان جي خيال ۾ محو، خوشيءَ کان ٽڙندو، ڪنوار جي محل ڏانهن وڌندو رهيو. هيڏانهن آرام جان بادل بريان، چشم گريان، آفت جان کي ڳراٽي پائي، شهزاي جي درد فراق کان هڪ آه درد ناڪ ڪڍي، چوڻ لڳي ته ”اي ڀيڻ، حياتيءَ تي ڪهڙو بانور آهي، اڳي پوءِ مرڻ آهي، پوءِ هي غم ڇو سهجي؟ ڇو نه هڪ ئي دفعي سڀني ڏکن ڏولاون کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي؟“ ائين چئي، زاروزار روئڻ لڳي. آفت جان کيس ڳراٽي پائي، دلداري ڏيئي چيو ته ”ايترو غم ڪرڻ چڱو ناهي، صبر ڪر، دل تي جبر سهه! بادشاهه ڀل اچي ته پويس خبر. اندر ايندو ته آءُ پاڻ غائب ٿي، جهٽڪو ڏيئي، ڪنڌ مروٽي، ختم ڪري ڇڏينديسانس، بهرحال، جيسين منهنجي جسم ۾ جان آهي، تيسين توکي ڪو به نقصان نه آهي. ان کان پوءِ تون مختيار آهين. مگر اڄ اي ڀيڻ، منهنجي اک ڦڙڪي رهي آهي، دل ڌڙڪي رهي آهي- سوڻ نيڪ آهي. مون کي يقين آهي ته خدا صاحب پنهجو فضل ۽ ڪرم فرمائيندو، شهزادو راحتجان ملائيندو ۽ هي درد دک لاهيندو.“ آرام جان يڪدم ”آمين“ چئي. ڪجهه قدر پريشاني دور ٿيس، ۽ دل مسرور ٿيس. آفت جان کي چيائين ته ”ڀيڻ، تنهنجي منهن ۾ شڪر ۽ شير آهي، مون کي به ڏاڍي اڪير آهي.“ ايتري ۾، اوچتو آسمان تي هوا جو شور اُٿيو، هر ڪنهن ٻڌو، هر ڪنهن ڏٺو، ته ڪو ڪڪر هوا جي زور شور سان هلندو اچي- آهستي آهستي اچي هيٺ لٿو، باغ ۾ داخل ٿيو، زمين تي پهتو. سڀئي ڏسي حيران ٿيا. ڏٺائون ته هڪ غاليچي تي ٽي صورتون حسين، جنهن ۾ هڪ نازنين ۽ هڪ شهزادو مهجبين، مثل ماه منور جي جلوه افروز لٿا، زمين تي قدم رکيائون. مالهڻيون ۽ خواصيون حيران ٿي شور مچائڻ لڳيون. چوڻ لڳيون ته ”هي ته ڪو آسمان تان سج چنڊ لٿو آهي، يا ڪو پريزادن جو دلبند آهي.، اهو سور غوغاءُ محل ۾ آفت جان ۽ آرام جان به ٻڌو. ٻيئي ڊوڙي، صحن چمن ۾ آيون. ٻانهين ۽ خواصين کان شور جو سبب پڇيائون. ايتري ۾، راحت جان ۽ زرنگار کي جان نثار سان گڏ ايندو ڏٺائون، ٻيئي بيتاب ٿي، ڊوڙي، شهزادي کي چنبڙي ويون: وڇوڙي جا ڏينهن وچان ويا، خوشيءَ جا ڳوڙها ڳلن تي لڙيا، مثل ابر نوبهار جي، بوندن جي برسات ٿي ۽ سڀيئي گڏجي محل ۾ آيا. هڪ ٻئي کان احوال پڇيائون. شهزادي پنهنجي کڄي وڃڻ ۽ ديوڻيءَ جي قيد ۾ ڦاسڻ، زرنگارجي عشق جو داستان، ۽ جان نثار جو اُتي پهچڻ ۽ ان جي ترغيب سان زرنگار سان شاي ڪرڻ ۽ ديوڻيءَ جي قيد مان آزاد ٿيڻ ۽ وٽن پهچڻ جو سڄو احوال تفصيلوار ٻڌايو. هيڏانهن آرام جان، آفت جان ۽ جان نثار ۽ پنهنجو گڏجي شهزادي جي ڳولا ۾ نڪرڻ، ڪنهن مُرغزار ۾ ڏينهن جو آفت جان جو ننڊ ۾ کڄي وڃڻ، جدائيءَ جي فراق ۾ جيئڻ کان بيزار ٿي، درياءِ ۾ پاڻ کي اڇلڻ ۽ بادشاهه جان عالم کي هٿ اچڻ ۽ باحفاظت با آبرو ۽ عزت جي ٻارنهن مهينا گذارڻ ۽ عين شاديءَجي ڏينهن شهزادي جو اچڻ ۽ شاديءَ جي تياريءَ جو سمورو بيان، روئندي اهڙي پيرائيءَ ۾ ٻڌايو، جو ٻڌندڙن کي سڪتي جي حالت وٺي ويئي. شهزادي فرمايو ته ”شڪر آهي ان ستر پوش ستار جو، جنهن تنهنجو ۽ آفت جان جو سيل بچايو.، ۽ آفتجان ڏانهن نهاري، گهڻي پيار مان فرمايائين ته ”آفرين آهي، تنهنجي همت تي، آءُ اهڙي زبان ڪٿان آڻيان، جو تنهنجا ڳڻ ڳايان ۽ ٿورا لاهيان، ۽ شڪرانا بجا آڻيان.“ آفت جان اِهي قرب جا قول، مٺا ٻول ٻڌي، دل ۾ تمام سرهي ٿي، چيائين ته ”اي جان! آءٌ تو تان قربان، جيسين دم ۾ دم آهي، تيسين تنهنجي ٻانهپ منهنجو ڪم آهي، ان ۾ حياتيءَ وڃڻ جو ڪو به غم ناهي. هاڻي انهيءَ ذڪر جو ڪو فڪر نه آهي!“ ائين چئي، زرنگار ڏٺائون. زرنگار به ساڻن ملي تمام خوش ٿي، چيائين ته ”منهنجي محبوب شهزادي جون محبوب آهيو، آءُ اوهان جي به ٻانهي آهيان.“ +جان نثار عرض ڪيو ته ”اي شهريار، عالي وقار! هي شهر مينوسوا جنهن جي بادشاهه جو نالو جان عالم آهي، سو شهزادي جان جهان جو پيءُ آهي. حضور جي هن بندي، جان لوس، ديوس کي ماري، هن شهر ۽ ان جي بادشاهه کي باشندن سميت آزاد ڪيو هو-ان جو ڪهڙو مقدور آهي، جو اهڙي گستاخي ڪري. حڪم هجي ته هن ئي وقت ان جو غرور خاڪ ۾ ملائي، مغرور کي ماري، برباد ڪري، رلائي ڇڏيان.“ شهزادي فرمايو ته ”اي جان نثار، اُن جو ڪو به قصور نه آهي، اهو مروت کان دُور آهي، جو ڪنهن بيخبر کي ڏوهاري سمجهي، ان جي دل آزاري ڪجي. مون کي منظور نه آهي- ترسڻ ضروري آهي، ته ان جي برات پهچي. ايتري ۾ دهلن ڌمامن جو آواز ڪن پيو، گهوٽ ڄڃ سميت محل جي در وٽ پهتو: گهوڙي تان لٿو اندر محل ۾ داخل ٿيو. وزير اميربه ساڻس محل ۾ داخل ٿيا، صحن چمن جي ۾ ترسيا. بادشاهه ٻانهين خواصين جي جلوس سان محل اندر قدم رکيو- سامهون نگاهه ڪيائين: هڪ تخت تي شهزادو راحت جان، بغل ۾ هڪ پاسي آرام جان، ٻئي پاسي آفتجان ۽ اڳيان زرنگار کي ويٺل، هيٺ تخت جي جان نثار هٿ ۾ اگهاڙي ترار، ادب ۾ بيٺل، چست چوبند تيار ڏٺائين. سمجهيائين ته هي ڪو نظر جو ڌوڪو آهي، يا خواب خيال آهي، ورنه ته هي ڪو اهڙو موقعو نه آهي- اکيون ملي، دل جهلي، وري چڱيءَ طرح چتائي ڏٺائين. وزير زادي جان نثاراڳتي وڌي فرمايس ته ”اي عاليجاهه، هي خواب خيال نه آهي، مگر حقيقت حال آهي- چتائي ڏس آءٌ اهو ئي ساڳيو جان نثار آهيان، جنهن جان لوس، ديوس جادوگر ماري، اوهان جي سڄي ملڪ تان آفت ٽاري هئي، ۽ جان جهان جي عزت آبرو بچائي هئي.“ شهزادي ڏي اشارو ڪري، چيائين ته ”هي اُهو منهنجو مالڪ راحت جان آهي. جنهن جي حصول مطلب لاءِ آءُ نڪتو هوس، ۽ اوهان وٽ پهتو هوس“ ان بعد راحت جان جي سڄي حقيقت، خواب ۾ آرام جان تي عاشق ٿيڻ، گڏجي ڏک ڏاکڙا سهڻ، آخرمنزل تي پهچڻ، مقصد حاصل ٿيڻ، وري وڇڙڻ ۽ هتي اچي سڀني جي ملڻ بابت ٻڌايائين. بادشاهه جان عالم اها حقيقت ٻڌي، هڪ طرف بلڪل خوش ۽ ٻئي طرف تمام شرمندو ٿي ويو. راحت جان جي اڳيان ادب سان هٿ ٻڌي، عاجزيءَ سان معافي گهريائين، گهڻو رنائين ۽ ارمان جو اظهار ڪيائين. شهزادي آرام جان ڏانهن نهاريو... آرام جان فرمايو ته ”اي شهريار، توکي ڏسڻ بعد سڀ دک درد دور ٿيو آهي، دل کي سرور حاصل ٿيو آهي. هن ويچاري جان عالم جو ڪو قصور نه آهي. مون کي چڱيءَ حفاظت سان رکيائين، پرورش جو پورو بندوبست ڪيائين. اهو مروت کان دور آهي، جو ان کي لائق سزا سمجهي، ان کي جزا ڏجي.“ راحت جان فرمايو ته ”اي شاهه ذيجاهه، تنهنجو جرم قابل ڪرم آهي. اسان توکي معاف ڪيو، اسان جي تو ڏانهن دل صاف آهي، خدا تعاليٰ تو تي رحم ڪري. مگر منهنجو هي خيال آهي ته هن خوشيءَ جي موقعي ۽ برات جي تياريءَ مان ڪو عمدو فائدو حاصل ڪجي.“ +جان عالم شهزادي جي سهڻي گفتار ٻڌي، تمام مسرور ٿيو. عرض ڪيائين ته”حڪم فرمايو، بندو هر طرح خذمت بجا آڻڻ لاءِ تيار آهي- مون کي هر خاطر منظور آهي.“ راحت جان جان نثار ڏانهن اشارو ڪري فرمايو ته ”اها ڄڃ، هيءُ گهوٽ، ۽ هوءَ ڪنوار عجب جنسار پيدا ڪندو.“ جان عالم ٻڌي تمام خوش ٿيو. انهيءَ وقت پنهنجي وزير کي حڪم ڪيائين ته ”شاهي محل ۾ جان نثار جي آمد جي خبر ڪئي وڃي ۽ شهزايءَ جان جهان جي شاديءَ خانه آباديءَ جي تياري ڪئي وڃي ۽ گهوٽ لاءِ هتي سڀ ڪو بندوبست ڪيو وڃي.“ حڪم موجب وزير باتدبير، بادشاهه جان عالم جي محلات ۾ راڻيءَ کي اچي احوال ٻڌايو، جا ٻڌي تمام سرهي ٿي، انهيءَ دم شهزاديءَ جان جهان کي غسل ڪرائي، وڳو ڪنوار جو پهرائي، تيار ڪيائون. هار سينگار ڪيائون. هوڏانهن جان نثار کي عمدو وڳو ڍڪائي، سينگاري، گهوڙي تي سوار ڪري، ساڳيءَ ڄڃ سان سرگشت ڪندا، گهورون گهوريندا، شاهي محلات ۾ پهتا: ساٺ سوڻ ٿيا، قاضيءَ عقد ٻَڌو، نڪاح پڙهيو. بادشاهه جان عالم پنهنجو سڄو ملڪ شهزادي جان جهان کي ڏيج ۾ ڏنو. ٻين سڀني قدر سارو ڏنو- گهوٽ ڪنوار کي خلاصي محل ۾ آندائون، جي هڪ ٻئي کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا، ورهين جا وڇڙيل هڪ ٻئي سان مليا، وڇوڙي جا ڏولاوا لٿا. +هڪ هفتو شاديءَ جوجشن رهيو، ان بعد، شهزادي راحت جان پنهنجي ملڪ وڃڻ جو سعيو ڪيو. بادشاهه جان عالم کان اجازت ورتائون، غاليچو ديوڻيءَ وارو وڇائي، ان تي هڪ طرف شهزادو راحت جان، شهزادي آرام جان، پريزادي آفت جان، ديوزادي زرنگار ۽ ٻئي طرف جان نثار جان جهان سميت سوار ٿيا. حڪم ڪيائون- غاليچو اڏاڻو، شام جي وقت ملڪ آذربائيجان جي نزديڪ هڪ سبزه زار، گلزار ميدان ۾ اچي لٿا. تنبو رهڻ لاءِ تيار ڪيائون، شهزادي ديوڻيءَ واري لٺ کڻي، ميدان ۾ چڪر ڏيئي موزون جڳه تي نقشو محلات جو پسند موجب ڪڍيو، باغ بستان، چمن گلزار جا نشان، نوڪرن چاڪرن جي رهڻ جون جايون، گهوڙن هاٿين جي رهڻ جون ڪڙهيون ٺاهي، حڪم ڪيو ۽ لٺ اُتي کوڙي چيائين ته ”رات وچ ۾ هي نقشو سڀ ڪنهن اسباب، ساز سامان سان تيار ڪيو وڃي؟“ ائين چئي، موٽي اچي تنبوء�� ۾ رات گذاريائون. صبح جو سوير اُٿي ڏٺائون ته سڄو باغ بستان تيار آهي: جنهن ۾ وڻ ميويدار ۽ گلزار طرحدار، گلڪاريون عجب جوڙ جنسار سان، محل سونهري رنگ، بافرش فروش تيار آهي. ”بسم الله“ چئي، اندر قدم رکيائون. ٻانهيون خواصيون هر طرف تيار، نوڪر چاڪر خذمتگار- ڪجهه لشڪر، پيادا هسوار، سڀئي موجود ٿيا، جي سڀئي ديوزاديون ۽ ديوزاد، بصورت آدمزاد، موجود هئا. سڄو ڪاروبار دنياوي دستور موجب تيار، هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم تي چوڪس ۽ هشيار هو. +شهر آذربائيجان جو ڪجهه فاصلي تي دور هو. اتفاقاً ڪو ڪاٺيار ڪاٺين ڪرڻ جي ارادي ان طرف اچي نڪتو. اوچتو ان هي نظارو ڏٺو. سمجهيائين ته شايد ڀلجي ڪنهن ٻئي طرف وڃي نڪتو آهيان. هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، جهنگل جا آثار ڏٺائين، ته برابر ساڳيا آهن، يقين ٿيس ته هيءُ ڪو جادوءَ جو سامان آهي- جتي ڪالهه بيابان هو، اُتي اڄ هي عاليشان مڪان ۽ هيءَ عجب تياري با ساز سامان آهي. مٺيون ڀيڙي پوئين پير هٽيو، ڀڳو، ۽ اچي سڄي سهر ۾ خبر ڏنائين. شهر ۾ سڀئي انسان، پوڙها ڇا جوان، اها خبر، حيرت اثر ٻڌي، پريشان ٿيا- ڪي ڏسڻ لاءِ اوڏاهين ڊوڙيا، ڪن وڃي بادشاهه کي ٻڌايو. بادشاهه وزير کي فرمايو ته ”حقيقت پڇو، احوال ڏسو! خبر وٺو ڇا آهي، هيءُ ڪهڙو شور آزار آهي؟“ وزير حڪم موجب ڪجهه امير ساڻ ڪري، اوڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي پهتو- اکين سان حال ڏٺائين، عبرت کاڌائين. اڳتي وڌي ڪنهن پيادي کان پڇيائين ته ”هي ڪهڙو مڪان آهي! ان جي مالڪ جو نالو نيشان ڇا آهي؟“ پيادي جواب ڪو نه ڏنو، فقط اشاري سان محلات ڏانهن نهاريائين. وزير باتدبير اڳتي وڌيو. محلات جي درروازي وٽ پهتو، دربان کان پڇيائين، جنهن با ادب سلام ڪيو، ۽ وزير کي اُتي ويهاري، شهزادي راحت جان، کي خبر ڏنائين. راحت جان ان دم جان نثار کي ٻاهر خبرچار وٺڻ لاءِ موڪليو، جان نثار ٻاهرآيو، پيءُکي ڏسي سڃاتائين، ۽ قدم بوسي ڪري آداب بجا آندائين، ۽ اندر محل ۾ وٺي هليو. وزير تمام حيران ٿيو، پنهنجي پٽ کي نه سڃاتائين. دل ۾ خيال ڪيائين ته هي عجب معاملو آهي، جنهن جو ڪو فيصلو ڪري نٿو سگهجي. جان نثار سان گڏ اندرآيو، خاص ديوان خاني ۾ شهزادي راحت جان کي تخت تي ويٺل ڏٺائين، شاهي سلام ۽ آداب بجا آندائين. شهزاي وزير کي ڏٺو ۽ سڃاتو، کيس ويجهو اچڻ جو حڪم ڪيائين ۽ سڀني اميرن کي بالا ڪرسيءَ تي پنهنجي نزديڪ ويهڻ جو اشارو ڪيائين. وزير باتدبير ڪرشان بجا آڻي، ڪرسيءَ تي ويٺو. شهزادي سندس مزاج پرسي ڪري، احوال پڇيو. وزير پنهنجو سڄو ذڪر شهر آذربائيجان جي بادشاهه بيدار بخت جو ٻڌايو ته ”اوچتو اڄ هتي نئين خبر ٻڌي، بادشاه جي حڪم سان احوال وٺڻ آيو آهيان.“ شهزادي بادشاهه جمجاه جو احوال پڇيو. وزير سڄو قصو بادشاهه جي بي اولاد هئڻ ۽ ڌڻيءَ در آه زاري ڪري، اولاد طلب ڪرڻ، ۽ راحت جان جي ڄمڻ ۽ جان نثار جو به شهزادي سان گڏ نپجڻ، عين جوانيءَ ۾ انهن جو عاشق ٿي معشوق جي تلاش ۾ نڪرڻ، ماءُ پيءُکي جدائيءَ جو داغ ڏيڻ، ۽ هن وقت تائين انهن جي نه موٽڻ ڪري اندوهگين ٿيڻ جو ذڪر ٻڌائي، عرض ڪيو ته ”اي شاهه ذيجاهه، اسان هن وقت پنهنجي اولاد جي وڇڙڻ سبب بلڪل لاچار، جيئڻ کان بيزار، حياتيءَ جا ڏينهن ڪٽي رهيا آهيون. اگر اوهان کي ملڪ جي درڪار آهي، ته هيءَ اقليم حاضر آهي. اسان کي فقط گوشه ءِ عافيت جي گهرج آهي، ٻي ڪا سڌ نه آهي.“ شهزادي ۽ جان نثار کي هيءَ گفتار ٻڌي، اکين مان آب جاري ٿيو. راحت جان فرمايو ته ”اي وزير، پرتدبير، آءُ اُهو ساڳيو اڀاڳو راحتجان آهيان، جو عشق جي چنبي ۾ اڙجي، پريشان، سرگردان، پنهنجي جيئڻ جي آس لاهي، مائٽن کي نراس ڪري، ڇڏي، هليو ويو هوس. الله تعاليٰ پنهنجي پيارن جي صدقي مهرباني فرمائي، منهنجي مراد برآئِي.“ ائين چئي، مائٽن جي تڪليفن جو احساس ڪري، اوڇنگارون ڏيئي، روئي سڄو پنهنجو احوال ٻڌايائين، ۽ جان نثار کي پيءُ سان ملايائين. جان نثار پيءُ جي قدمن تي ڪِري پيو. زارو زار رنائين، پيرن کي ڳوڙهن سان ڌوتائين، ۽ چميائين، وزير پٽ کي ٻانهن کان وٺي ڇاتيءَ سان لاتو، گهڻو پيار ڪيائين. وزير زادي پنهنجي ڪنوار، جان جهان، ڏانهن اشارو ڪيو، جا پڻ سهري جي قدم بوسي ڪري، هٿ چمڻ لڳي. وزير ان کي مٿي تي مهر جو هٿ گهمايو، ۽ گهڻو خوش ٿيو. دعا ڪيائين ۽ اتان موڪلائي، خوشي خوشي پوئتي موٽيو، پنهنجي شهر ۾ رسيو، بادشاهه بيدار بخت وٽ حاضر ٿي با ادب سڄو ذڪر گوش گذاريو، بادشاهه وزير کان اها خوشخبري ٻڌي، تمام سرهو ٿيو، يڪدم محلات ۾ آيو، ملڪھ دل آرام کي مبارڪباد ڏنائين، ۽شهزادي جي خيريت سان بامراد موٽي اچڻ جي خوشخبري سڻايائين، ملڪه دلارام ٻڌي، ويچاري پٽ جي فراق ۾ روئي روئي نور کان معزور ٿي رهي هئي، ان جي اکين جا اولا لهي پيا، صاحب ستار ان سان سهنج ڪيا. بادشاهه هڪدم حڪم ڪيو ته ”سواري يڪدم تيار ٿئي، جو ذرو به انتظار سهڻ دشوار ٿو لڳي.“ حڪم موجب سواري هڪدم تيار ٿي، ملڪھ دلارام محافي ۾ سوار، بادشاهه والاجاهه گهوڙي تي هسوار، اڳيان وزير، امير، رڪابدار، وڏي شان شوڪت سان شهر کان نڪري، نروار ٿيا. هوڏانهن شهزادي راحت جان، وزر کي خوشخبري ٻڌائي، روانو ڪيو ۽ پاڻ پيءُ ماءُ ڏانهن قدم بوسيءَ لا خط لکيو. هڪدم سڄو بندوبست سواريءَ جو ٿيو تيار، محافي ۾ اڳيان آرام جان، آفت جان ۽ زرنگار، ٻيءَ ۾ شهزادي جان جهان- جن جي چؤطرف هسوار، خذمتگار، اڳيان شهزادي جي سواري، پاسي ۾ وزيرزادو، جن جي مهندان لشڪري پيادا قطار درقطار، ۽ پوئتان هسوار خبردار: ”هوشيار!“ جو آواز، بئنڊ ۽ دمامن جو ساز- انهيءَ جنسار سان شهر آذربائيجان ڏانهن روانا ٿيا. شهرجي ٻاهران باشاهه جي سواري ڏسي، شهزادو خواه وزير گهوڙن تان لهي، پيادا ٿيا. ۽ اڳتي وڌي بادشاهه جي قدمن کي چميائون. بادشاهه شهزاي راحت جان کي ڏسي، هيٺ گهوڙي تان لٿو، فرزند سان بغلگير ٿيو، پيءُ پٽ هڪ ٻئي سان مليا، وڇوڙا ورهين جا وچان ويا. جان نثار بادشاهه جي قدم بوسيءَ بعد، پنهنجي پيءُ جي دوباره قدم بوسي ڪئي، راحت جان پيءُ سان ملي خوش ٿيو، ۽ ملڪھ دلارام جي محافي ڏانهن قدم وڌائي، ماءُ جي قدم بوسي ڪئي. ماءُ پٽ کي ڏسي خوشيءَ جا لڙڪ وهايا ۽ سڀئي خير سان گڏجي، واپس پنهنجي شهر ۾ آيا. شهزادي پنهنجي محافي کي شاهي محل ۾ آني لاٿو، جنهن مان ڏيئي پري چهره معشوق، نازنين، مهجبين لهي، ملڪھ دلارام جي قدم بوسي ڪري، با ادب ان جي اڳيان سر نمائي بيٺيون، ملڪھ ٽنهي کي ڀاڪر پائي، ڇاتيءَ سان لائي، پيشاني چمي، گهڻي دُعا ڪئي. وزير زادي جان نثار پنهنجي ڪنوار جو محافو پنهنجي پيءُ جي محل ۾ لاٿو، ٻيئي ماءُ پيءُ پنهنجي فرزند ارجمد اکين جي نور، دل جي سرور کي ڏسي، گهڻو خوش ٿيا. سڀني تان ورهين جي جدائيءَ جي مصيبت دور ٿي، ڏکن جا ڏولاوا لٿا. سڄي شهر ۾خوشيون ۽ شادمانا ٿيا ۽ پروردگار جا شڪرانا بجا آندائون. والله اعلم باالثواب. \ No newline at end of file