diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book26.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book26.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book26.txt" @@ -0,0 +1,1346 @@ +ڪتاب جو نالو: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا + + + +پيش لفظ انگريزي زبان انهن زبانن مان هڪ آهي، جيڪي دنيا جي مختلف تمدنن ۽ تهذيبن جي عڪاسيءَ ۽ تعمير ۾ اڄ پيش پيش آهن. انگريزي زبان جي اظهار ۽ بيان جي قوتن ۽ همه گير صلاحيتن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، - زندگيءَ جي لطيف ترين جذبن ۽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ لاءِ هيءَ ٻولي اڄ دنيا جي ڪامياب ترين ٻولين جي زمري ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ نمايان جڳهه والاريو بيٺي آهي. هي مجموعو، جديد آمريڪي افسانوي ادب جو هڪ انتخاب آهي. آمريڪا جي زبان انگريزي هوندي به، ان جو تمدن، تهذيب ۽ زندگيءَ جو اسلوب ٻين انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن کان ڪجهه قدر مختلف آهي: آمريڪي زندگي ڪن خاص متضاد عناصرن جو مرڪب آهي، ۽ انهن کي صحيح طرح بيان ڪرڻ آمريڪي ادب جو هميشھ هڪ عظيم مقصد پئي رهيو آهي. چنانچه هن افسانن جي مجموعي ۾ آمريڪي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي ئي اجاگر ڪيو ويو آهي. ’مختصر افسانو‘ اظهار جي بهترين اسلوبن مان آهي، ۽ افساني جي ذريعي ئي زندگيءَ جا لطيف ۽ گوناگون پهلو روشن ۽ نمايان ٿين ٿا. فني لحاظ کان افسانو ادب جي هڪ مشڪل صنف آهي؛ ۽ ان کي، ڪردارن، ماحول، منظر ۽ مقصد جي نقطه نگاهه کان ڪاميابيءَ سان نڀائڻ، ادب جي تخليقي قوتن جو عروج آهي. هن مجموعي ۾ آمريڪا جي چوٽيءَ جي ڪهاڻي نويسن جا افسانا آهن - ۽ هر افسانو، پنهنجي منهن، آمريڪي ادب ۾، هڪ بلند ۽ زنده مقام رکي ٿو. اسان جي زبان ۾ ٻين زبانن جي شاهڪارن کي پيش ڪرڻ جي ضرورت کان انڪار ڪرڻ، حقيقتن کان منهن موڙڻو آهي. اسان جو ادب ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ انهيءَ ميدان ۾ اڃا گهڻو پوئتي آهي. انهيءَ مان نه رڳو اسان جي پڙهندڙن اڳيان حقيقتن جون نيون دنيائون کلي پون ٿيون، بلڪ لکندڙن کي پڻ صحيح قسم جي ذهني تربيت ملي ٿي. هي افسانا اميد ته انهيءَ مقصد جي مناسب حد تائين پورائي ڪندا. اسان جي ڪن اديبن جي ذهن ۾ ترجمي لاءِ خواهمخواهه جي غلط فهمي ڦهليل آهي. هو ائين ٿا سمجهن ته ترجمو هڪ آسان چيز آهي - ۽ جيڪي اديب تخليقي ڪم ڪري نٿا سگهن، اهي ئي ترجمي ڏانهن هٿ ٿا وڌائين! اسان جي گذارش محض هيءَ آهي ته ترجمو ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ڪا طبعزاد چيز لکڻ. طبعزاد چيزن لکڻ ۾ پنهنجي زبان جي همه گير ڄاڻ ۽ تخليقي قوتن جي ضرورت آهي، پر ترجمي ۾ انهن ٻن چيزن کان سواءِ هڪ ڌارينءَ زبان ۽ ان جي مزاج جي گهري احساس جي به ضرورت آهي. پُر اثر ۽ بامقصد ترجمو، تخيلقي قوتن ۽ صلاحيتن جو اهڙو ئي مظهر آهي، جهڙو طبعزاد ادب. اسان پنهنجي ممڪن ادبي ڄاڻ ۽ صلاحيت موجب ۽ ڪافي محنت سان هنن افسانن جو ترجمو ڪيو آهي، - اسين پنهنجي مقصد ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ٿيا آهيون، ان جو فيصلو پڙهندڙن ۽ نقادن جي هٿن ۾ آهي. آخر ۾ اسين پنهنجي عزيز دوست محمد ابراهيم جويي صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، جا انتهائي شڪر گذار آهيون، جنهن هر مرحلي تي، هن ڪم ۾، اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. ڪراچي - سراج الحق جولاءِ 5، 1958ع - غلام رباني. +پيش لفظ + +انگريزي زبان انهن زبانن مان هڪ آهي، جيڪي دنيا جي مختلف تمدنن ۽ تهذيبن جي عڪاسيءَ ۽ تعمير ۾ اڄ پيش پيش آهن. انگريزي زبان جي اظهار ۽ بيان جي قوتن ۽ همه گير صلاحيتن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، - زندگيءَ جي لطيف ترين جذبن ۽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ لاءِ هيءَ ٻولي اڄ دنيا جي ڪامياب ترين ٻولين جي زمري ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ نمايان جڳهه والاريو بيٺي آهي. هي مجموعو، جديد آمريڪي افسانوي ادب جو هڪ انتخاب آهي. آمريڪا جي زبان انگريزي هوندي به، ان جو تمدن، تهذيب ۽ ز��دگيءَ جو اسلوب ٻين انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن کان ڪجهه قدر مختلف آهي: آمريڪي زندگي ڪن خاص متضاد عناصرن جو مرڪب آهي، ۽ انهن کي صحيح طرح بيان ڪرڻ آمريڪي ادب جو هميشھ هڪ عظيم مقصد پئي رهيو آهي. چنانچه هن افسانن جي مجموعي ۾ آمريڪي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي ئي اجاگر ڪيو ويو آهي. +’مختصر افسانو‘ اظهار جي بهترين اسلوبن مان آهي، ۽ افساني جي ذريعي ئي زندگيءَ جا لطيف ۽ گوناگون پهلو روشن ۽ نمايان ٿين ٿا. فني لحاظ کان افسانو ادب جي هڪ مشڪل صنف آهي؛ ۽ ان کي، ڪردارن، ماحول، منظر ۽ مقصد جي نقطه نگاهه کان ڪاميابيءَ سان نڀائڻ، ادب جي تخليقي قوتن جو عروج آهي. هن مجموعي ۾ آمريڪا جي چوٽيءَ جي ڪهاڻي نويسن جا افسانا آهن - ۽ هر افسانو، پنهنجي منهن، آمريڪي ادب ۾، هڪ بلند ۽ زنده مقام رکي ٿو. +اسان جي زبان ۾ ٻين زبانن جي شاهڪارن کي پيش ڪرڻ جي ضرورت کان انڪار ڪرڻ، حقيقتن کان منهن موڙڻو آهي. اسان جو ادب ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ انهيءَ ميدان ۾ اڃا گهڻو پوئتي آهي. انهيءَ مان نه رڳو اسان جي پڙهندڙن اڳيان حقيقتن جون نيون دنيائون کلي پون ٿيون، بلڪ لکندڙن کي پڻ صحيح قسم جي ذهني تربيت ملي ٿي. هي افسانا اميد ته انهيءَ مقصد جي مناسب حد تائين پورائي ڪندا. +اسان جي ڪن اديبن جي ذهن ۾ ترجمي لاءِ خواهمخواهه جي غلط فهمي ڦهليل آهي. هو ائين ٿا سمجهن ته ترجمو هڪ آسان چيز آهي - ۽ جيڪي اديب تخليقي ڪم ڪري نٿا سگهن، اهي ئي ترجمي ڏانهن هٿ ٿا وڌائين! اسان جي گذارش محض هيءَ آهي ته ترجمو ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ڪا طبعزاد چيز لکڻ. طبعزاد چيزن لکڻ ۾ پنهنجي زبان جي همه گير ڄاڻ ۽ تخليقي قوتن جي ضرورت آهي، پر ترجمي ۾ انهن ٻن چيزن کان سواءِ هڪ ڌارينءَ زبان ۽ ان جي مزاج جي گهري احساس جي به ضرورت آهي. پُر اثر ۽ بامقصد ترجمو، تخيلقي قوتن ۽ صلاحيتن جو اهڙو ئي مظهر آهي، جهڙو طبعزاد ادب. +اسان پنهنجي ممڪن ادبي ڄاڻ ۽ صلاحيت موجب ۽ ڪافي محنت سان هنن افسانن جو ترجمو ڪيو آهي، - اسين پنهنجي مقصد ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ٿيا آهيون، ان جو فيصلو پڙهندڙن ۽ نقادن جي هٿن ۾ آهي. +آخر ۾ اسين پنهنجي عزيز دوست محمد ابراهيم جويي صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، جا انتهائي شڪر گذار آهيون، جنهن هر مرحلي تي، هن ڪم ۾، اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. + +ڪراچي - سراج الحق +جولاءِ 5، 1958ع - غلام رباني. + + + +نئٿن ائش پولنڊ جي وارسا شهر ۾ 1902ع ۾ ڄائو هو. هو مشهور ناول نويس ’شوليم ائش‘ جو پٽ آهي. تيرهن ورهين جي عمر ۾ آمريڪا آيو؛ تنهن کان اڳ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ سئٽزرلنڊ، جرمني ۽ فرانس ۾ رهيو هو. آمريڪا جي ’سائرا ڪيوز‘ ۽ ’ڪولمبيا‘ يونيورسٽين ۾ تعليم ورتائين. سندس پهريون ڪتاب ”دي آفيس“ 1925ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ به ٻيا پنج ڪتاب شايع ٿيا اٿس. انهن کان سواءِ ڪيترائي افسانا پڻ لکيا اٿس. هن وقت سئنفرئنسڪو جي ڀرسان ’مل وٽلي‘ ڪئليفورنيا، ۾ رهي ٿو. + +مغربي سمنڊ جي ساحل تي + +مسافر لاريءَ ۾ ڏاڍي آرام ۽ فرحت سان ويٺا هئا. لاري هلڻ ۾ هاڻ دير ڪانه هئي. اوچتو سڀني مسافرن جون نگاهون هڪ ئي وقت لاريءَ جي اڏي جي انتظار گاهه ڏانهن کڄي ويون، جتان ”مارج“ ۽ سندس گدلا ٻار لاريءَ ڏانهن وڌي رهيا هئا. سمورا مسافر بي چين ٿي ويا، ۽ منهن ورائي پنهنجي پاسي وارين خالي سِيٽن کي ڏسڻ لڳا. ”مسٽر پرسيل“ ته خاص طور ڏاڍو پريشان ٿي ويو: هو تمام سويري آيو هو، ۽ لاريءَ جي هڪڙيءَ پٺينءَ سيٽ تي اچي ويهي رهيو هو. ان کان اڳينءَ رات کيس ۽ سندس زال کي، اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺندڙ پٽ ک��ن تار پهتي هئي ته هن هڪ اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان تازو شادي ڪئي هئي، جنهن کي هنن ڏٺو به ڪين هو. تار پهچڻ جي وقت کان وٺي هو ٻيئي ڏاڍو پريشان هئا. هاڻي مسٽر پرسيل پنهنجي پٽ ڏانهن وڃي رهيو هو؛ سو جڏهن مارج ۽ سندس ٽن ٻارن کي ڏٺائين، تڏهن اچي انهيءَ ڳڻتيءَ ورايس ته هو اچي سندس ڀرسان ويهندا ۽ هن جي خيالن ۾ رنڊڪ اچي ويندي ۽ جنهن نازڪ مسئلي جي حل تلاش ڪرڻ ۾ هن جو ذهن رڌل هو، تنهن ۾ خلل پئجي ويندو. +”مس باما“، جيڪا هن کان ڇهه سيٽون اڳيان ويٺي هئي، سا اڃا تائين اڳينءَ رات واريءَ اعزازي دعوت جي اثر کان تذبذب جي حالت ۾ هئي. اها دعوت کيس سندس پراڻن شاگردن ڏني هئي، جن مان ڪيترا ته هن کي بنهه ياد به ڪونه هئا. هن جي نوڪريءَ تان پينشن تي لهڻ ڪري، سڀئي شاگرد گڏجي، اظهار عقيدت طور کيس سفر جي استعمال لاءِ هڪ صندوق سوکڙيءَ طور پيش ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. اها شاندار سوکڙي لاريءَ ۾ سندس مٿان سامان جي طاق تي رکي هئي. ٻي هڪ سادي صندوق، لاريءَ جي سامان خاني ۾ رکائي هئائين. اهي ٻه صندوقون، ٽين پاڻ – دنيا ۾ وٽس اهوئي ڪجهه وڃي رهيو هو. اڳينءَ رات، شهر جي ڪيترين ئي زالن ۽ مردن، کلندي مرڪندي، کيس يقين ڏياريو هو ته هنن کي هن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هميشھ هميشھ ياد رهنديون: سندس ڪي خاص جملا ۽ محاورا، جيڪي هوءَ مختلف موقعن تي استعمال ڪندي هئي، ڪلاس ۾ سندس اچ وڃ جو نظارو، سندس بي ڌيانا ۽ بي نياز اشارا – سڀ کين ياد رهندا. هنن کيس اهو به چيو هو ته هو انهن ڳالهين جي ياد کي پنهنجي زندگيءَ ۾ نهايت عزيز رکندا. مس باما ڪلهن کي ٿورو مٿي کنيو. هن کي ڪابه اهڙي ڳالهه ياد نه آئي، جنهن ۾ هن ڪو غير معمولي ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي. هوءَ سوچڻ لڳي: جڏهن استاد آخرڪار رٽاير ڪندا آهن، سندن ڪهڙو حال ٿيندو هوندو؟ هن جي ذهن ۾ هڪ جهاز جو خيال آيو، جيڪو سالن جا سال ننڍن ننڍن ڄاتل سڃاتل سمنڊن ۾ سفر ڪندو رهيو هو، ۽ جنهن کي آس پاس جي سمورن ساحلن ۽ سندن ورن وڪڙن جي پوري پوري ڄاڻ هئي؛ پر هاڻ اهو جهاز هڪ وسيع ۽ اڻ ڏٺل سمنڊ ۾ سفر ڪري رهيو هو، ۽ اجنبي، غير واقف ۽ انوکي ماحول ۾ گهيرجي ويو هو. +”مسز آرٿرر بيريمئن“ پنهنجي ڌيءُ ”لارا“ سان، اڳيان ئي اڳيان، دروازي جي ڀرواريءَ سيٽ تي ويٺي هئي. هن پنهنجو بهار جي موسم لاءِ ٺهرايل ڪوٽ ڇڪي پنهنجي ڪلهن تي وڌو. ڌيڻس لارا شهر جي ’بئلي‘ ناچ جي هڪ سڪول ۾ وظيفو کٽيو هو، ان جي خوشيءَ ۽ جوش ۾ هن خريدارين جي ڌُم لائي ڏني هئي، ۽ لارا ۽ پنهنجي لاءِ طرح طرح جون رنگارنگي پوشاڪون کڻي خريد ڪيون هئائون. پر ائين ڪرڻ سان مرڳو سندن زندگيءَ جي مستقبل جو پروگرام خطري ۾ پئجي ويو هو. هن کي اها اچي ڳڻتي لڳي هئي ته هن بيوقوفي ڪري پنهنجي معاملي کي پاڻ ئي ڪمزور ڪري ورتو هو. سندس تجويز اها هئي ته پاڻ ۽ لارا، ”آرٿر“ (سندس مڙس) سان ملاقات ڪري، ٻئي وري شهر موٽي اينديون؛ ۽ آرٿر گهر ۾ رهي، ڪمائي، پنهنجي ڌيءَ کي انهيءَ نئينءَ راهه تي قدم رکڻ ۾ گهربل مدد ڏيندو رهندو. لارا ۾ ڪافي صلاحيتون هيون، ۽ کيس موقعو ضرور ملڻ گهربو هو. اهو سندن مقدس فرض هو ته هو ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺي، ڪجهه پاسيرو ڪندا وڃن، ۽ قربانيون ڪري پنهنجي ڌيءُ کي هڪ عظيم رقاصه بنجڻ ۾ مدد ڪن. پر جڏهن آرٿر بهار لاءِ خريد ڪيل انهن نفيس نفيس پوشاڪن جي انبار کي ڏسندو، ۽ سندس ذهن جڏهن انهن جي قيمتن جي اندازي لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو، تڏهن هو آرٿر کي قائل ڪهڙيءَ ريت ڪري سگهنديون؟ مسز بيريمئن، مارج ۽ سندس ٻارن کي ايندو ڏٺو، ته دل ئي ڏڪي ويس. ايترا ٻار ۽ سندن اها حالت ضرور ڪنهن شخص جي غير ذميداريءَ جو نتيجو هئي! هوءَ رڙهي لارا کي ويجهي ٿي ويئي، ڄڻ ته لارا کي پناهه ڏيئي رهي هئي، ۽ ڄڻ ته هوءَ لارا ۽ پنهنجي پاڻ کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته هو پاڻ ڪڏهن به اهڙي بيوقوفيءَ جو شڪار نه ٿينديون. +”پيٽ ڊئلي“ آخري ڇيڙي تي پنهنجي نرم و گداز سيٽ تي ويٺو هو، پر هن کي محسوس ائين ٿي رهيو هو، ڄڻ ته هو سڄيءَ دنيا جي چوٽيءَ تي چڙهيو ويٺو هو، ۽ سندس ذهن ۾ زندگيءَ ۾ ٻڌل ناچ جي سنگيت جون سموريون طرزون وڄي رهيون هيون. سندس هڪڙو هٿ کيسي ۾ پيل هو، ۽ کيسي ۾ پيل پنهنجي هيڪلي سڀاڳي چانديءَ جي ڊالر کي مضبوطيءَ سان جهليو ويٺو هو؛ سندس هٿ جي پٺ هڪڙي گول ويڙهي کي پئي ڇُهيو، جنهن ۾ ڏيڍ سئو ڊالرن جا نوٽ ويڙهيل هئا. جڏهن پيٽ، مارج ۽ سندس ٻارڙن کي لاريءَ جي اڏي جي ايوان وٽان ايندو ڏٺو، تڏهن گهڙيءَ لاءِ سندس سنگيت خاموش ٿي ويو، ۽ پنهنجو واندو هٿ ورائي کڻي ڀرواريءَ خالي سيٽ تي رکيائين. اڳينءَ رات هڪ شرابخاني جي پٺئين ڪمري ۾ ڇڪي جي جوا پئي هلي؛ هو به راند ڏسڻ لا بيهي رهيو هو. هِن وقت، هن وٽ نه فقط نوٽن جو ويڙهو هو...، بلڪ لاريءَ جي ٽڪيٽ به خريد ڪري چڪو هو. هن ڏاڍيءَ آس منجهان انتظار گاهه ڏانهن پئي نهاريو. هن اهو پئي سوچيو ته ڪا خوبصورت جوانڙي اڌ اگهاڙين ٽنگن سان لچڪندي مٽڪندي بس ۾ داخل ٿيندي – ڪا اهڙي جوانڙي، جنهن لاءِ هو پنهنجي نوٽن جي ويڙهي کي کولڻ لڳندو، ۽ جنهن لاءِ هن پنهنجي لڳو لڳ ڀرواري سيٽ روڪي ڇڏي هئي. +”مسٽر هو ريس ڪواءِ“، جيڪو پنهنجي ٻن تجارتي سامان سان ڀريل صندوقڙين سان، لاريءَ جي وچئين رستي جي سامهون واريءَ سيٽ تي ويٺو هو، سو پنهنجي ليکي جي ڪتابڙيءَ ۾ ڪي انگ اکر لکي رهيو هو. بي خياليءَ منجهان ٻاهر نهاريائين، ۽ مارج تي نظر پيس. هن جو نظرون مارج جي مُرين کي تڪڻ لڳيون، ۽ اهو ڏسي ذرا ارمان ٿيس ته هن کي سندس ڪارخاني جي ڇاپ وارا جوراب پيل ڪين هئا. +”ورجينا گووئنس“ پيٽ ڊئلي ڏانهن گهوري رهي هئي، ۽ سندس نظر تيسين مارج ۽ سندس ٻارن تي ڪانه پئي، جيسين هو لاريءَ اندر نه اچي سهڙيا. ورجينيا، ڊرائيور جي پٺيان سيٽ اچي والاري هئي، ۽ اها اميد هيس ته ڊرائيور سان گفتگو شروع ڪندي. پر هيڏانهن هوڏانهن لوڻي ڦيرائڻ کان پوءِ سندس نظر وڃي پيٽ ڊئلي تي پئي، جيڪو ’ٽيڏو – پسي – ٽي‘ وارين نظرن سان کيس تڪي رهيو هو؛ ۽ هن کي هاڻ ارمان ٿيڻ لڳو ته هن اجايو ڊرائيور تي قسمت آزمائي ڪئي. +جنهن وقت هيءُ ننڍڙو ڪٽنب لاريءَ ۾ چڙهڻ لاءِ پهتو، ان وقت لاريءَ ۾ اڃا ٻيا به ڪجهه مسافر ويٺل هئا. هڪڙي ته ”مسز فريزر“ هئي، جنهن وٽ ايتريون ته هڙون هيون، جو کيس اها ڳڻتي ئي ڪانه هئي ته ڪو سندس ڀرواري سيٽ اچي والاريندو. ٻي ”مس ٽيٽ“ هئي، جا غلطيءَ کان هن لاريءَ ۾ چڙهي پئي هئي، ۽ جنهن کي، لاري هلڻ کان اڳ ڊرائيور لاهي ڇڏڻ وارو هو. +مارج ۽ سندس ٻار – ”جوئِي“، ”جيروسلم بيلي“ ۽ ننڍڙو ڪڪو – اچي بس ۾ چڙهيا. بهار جي هن سرد ڏينهن تي، مارج کي ڏينهن جا پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پيل هئا – ڦاٽل جوراب، ميرا گهنجهيل سوٽي ڪپڙا، مٿو اگهاڙو. ننڍڙو ڪڪو ڪڇ تي هوس. جوئي ۽ جيروسلم بيليءَ جا پير اگهاڙا هئا. جوئِيءَ کي چتين لڳل پتلون پئي هئي، ۽ مٿي تي ڪکن جو هڪ پراڻو ڇنل ٽوپلو هوس. جيروسلم بيليءَ کي هڪ ڊگهو چولو پيل هو، ۽ ڀورن وارن ۾ چهچ ڳاڙهي رنگ جي ربين ٻڌي پئي هيس. جڏهن هي ننڍڙو ڪٽنب لاريءَ کان ڏهن فوٽن جي فاصلي تي هو، ته ٻئي وڏا ٻار ڊڪ پائي، ٽپ ڏيئي، لاريءَ اندر چڙهي آ��ا. پهريائين جيروسلم بيلي چڙهي – لاريءَ جي وچئين رستي تان اڇل ڏيئي، دريءَ جي ڀرسان، هڪ سيٽ خالي ڏسي ويهي رهي. جوئِي به سندس ڀر ۾ ويهي رهيو، ۽ بلند آواز ۾ چوندو پئي آيو ”اهڙي خار ٿي اچيم، ڀانءِ ته خون ڪري ڇڏيانءِ.“ +لاري شاهراه تي اهڙيءَ طرح هلي رهي هئي، ڄڻ ته ڪو جهاز سمنڊ جهاڳي رهيو هو، ۽ رستي جي ٽڪرن ۽ ٽيلن تان سمنڊ جي لهرن وانگر ڪڏهن مٿي ٿي چڙهي ته ڪڏهن هيٺ ٿي لٿي. اندران، لاري مختلف چيزن سان ڏٽي پئي هئي: پهرين ته سائي رنگ جي بخملي سيٽن جون قطارون هيون، جن مان هر هڪ سيت جي مٿان مٿي ٽيڪڻ لاءِ اڇي رنگ جي ٽيڪ به ٺهيل هئي؛ لاريءَ جي وچئين رستي تي هلڻ وقت پاڻ کي لوڏن کان بچائڻ لاءِ هٿيا لڳل هئا؛ پردا، بتيون، ڊرائيور جي ڌيان ڇڪائڻ ۽ چتاء ڏيڻ لاءِ نوڙيون، اوچتي جهٽڪي کان بچڻ لاءِ چمڙي جون پٽيون به موجود هيون؛ مسافرن لاءِ عام اطلاع، اشتهار، باهه وسائڻ جي چمڪندڙ مشين، پاڻي ٿڌي ڪرڻ جو ڊم - ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون ڀريون پيون هيون. لاريءَ جي مهڙ ۾ لڳل آرسيءَ ۾ اندرين شين جو عڪس پوڻ ڪري لاري ٻيڻي ڀريل ٿي نظر آئي. هر گهڙيءَ بدلجندڙ ٻاهرئين نظاري به لاريءَ جي انهيءَ ڀيڙ کي وڌيڪ نمايان ٿي ڪيو – ٽيليگراف جا ٿنڀا ۽ تارون، گهر، ٻنيون، تيل وجهائڻ جون جايون، ۽ رستي ۾ ايندڙ ڳوٺڙا – سڀ تيزيءَ سان پويان ڀڄندا ٿي ويا. +ڊرائيور، ”چارلي فئريل“ (ڪمپني نمبر پهريون – هڪ ڀيرو ڪمپنيءَ کان تنبيهي چتاءُ به ملي چڪو هوس، شادي ڪيل هئس ۽ هڪڙو ٻار به هئس)، - پنهنجي پويان طاق تي نظر ڪئي، جتي ڪڪڙ جي آنن جا ٽي درجن رکيا هئائين؛ پوءِ هڪڙو هٿ ’اسٽرنگ‘ تان کڻي پنهنجي ’ٽاءِ‘ جي ڳنڍ تي ڦيرڻ لڳو ته واقعي ٺيڪ ٻڌل هئي يا نه. گهڙيءَ کان پوءِ سندس نظر آرسيءَ تي پئي، ۽ لاريءَ ۾ موجود مسافرن جي ويهڻ جي ترتيب معلوم ڪري ورتائين. پوءِ رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ ’ايڪسيليٽر‘ تي پير سان زور ڏنائين، ۽ لاريءَ هيٺان شاهراه وڌيڪ تيزيءَ سان پوئتي ڊوڙڻ لڳي. رفتار تيز ٿيڻ ڪري سندس ٽنگ ۾ به هلڪي لرزش اچي ويئي. هن وري آرسيءَ مان هڪ مسافر تي نگاهه وڌي، جنهن جا ڪارا ڪارا وار سندس اکين تي وري آيا هئا؛ ۽ پڪ ٿيس ته هن ائين ئي ويٺي پنڪيون کاڌيون، ۽ کيسي ۾ لڪايل شراب جي بوتل مان ڍڪ ڀرڻ جي ڪوشش ڪانه ٿي ڪيائين. چارليءَ پنهنجي پٺيان ٿوري چرپر محسوس ڪئي، ۽ اهو خيال ٿيس ته سندس پويان ويٺل عورت اجها ٿي مٿس سوالن جي وارو وار شروع ڪري. هن پنهنجي ڪلهن کي اڳيان جهٽڪو ڏنو، ۽ ’اسٽيرنگ‘ تي جهڪي ويو. +مسٽر پرسيل جي ڀرواري سيٽ خالي رهجي ويئي هئي. تصور ئي تصور ۾، هو پنهنجي پٽ جي مٿان بيٺو هو، آڱر سان پٽ جي چِٽيل ڏکيل ۽ شوخ وشنگ ڪنوار ڏانهن اشارو ڪندي چئي رهيو هو – ”پنهنجي ماءُ جو ته ڪجهه خيال ڪرين ها، جا روئي روئي ماندي ٿي ويئي آهي!“ مس باما جون اکيون بند هيون. هوءَ ”ڊاڪٽر ڪائولي“ جا حيرت ڀريا لفظ ٻڌي رهي هئي – ”تون ته بنهه چري ۽ ديواني ٿي پئي آهين. حيرت آهي، تو پنهنجي عمر جا سٺ ورهيه ته ڏاڍي عقلمندي ۽ سمجهداريءَ سان گذاريا آهن. هاڻ توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ پيٽ ڊئلي کي اوچتو محسوس ٿيو ته کيس بک لڳي هئي: خوشيءَ جي زعم ۾، نوٽن جي ويڙهي کي کولي، کاڌي جي ڪا شي به خريد نه ڪئي هئائين. ورجينيا گووئنس ڊرائيور کان پڇڻ واري هئي ته سڄو ڏينهن لاري هلائڻ ڪري هو ٿڪجي ته ضرور پوندو هوندو؛ پر ايتري ۾ پويان پيٽ ڊئلي جو ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيس. هن ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو، ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڪنڌ کي پٺيان سٽ ڏيئي سڌي ٿي ويهي رهي. پيٽ ڊئلي کيس اک ڀڳي هئ��. جيروسلم بيلي پنهنجو نڪ دريءَ جي ٿڌي شيشي سان لڳائي، رستي جا وڻ ڳڻي رهي هئي – ”هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنجن، ڇهه.... ست“ پر لاريءَ جي تيزيءَ ۾ سڀ اکين اڳيان گم ٿي ٿي ويس. هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته جوئِي مٿس ليٽندو ٿي آيو. هن سندس جسم جو بوجهه محسوس ڪيو ۽ ڌڪو ڏيئي کيس پاڻ کان پري ڪري ڇڏيائين. پوءِ سيٽ جي بخمل جي پوري اڌ تي، جوئِي ۽ پنهنجي وچ ۾ هٿ رکي، جوئِيءَ کي چيائين: ”هي اڌ منهنجو، اهو اڌ تنهنجو: هاڻ هيڏانهن سري نه اچجانءِ! هن ليڪ جي هن پاسي وارو حصو منهنجو آهي.“ +جوئِي ۽ جيروسلم بيليءَ واري ساڳيءَ سيٽ تي مارج پنهنجي ڪڪي کي کنيو ويٺي هئي. ننڍڙو ٻالڪ ماءُ جي هنج ۾ ڏاڍيءَ فرحت سان آرام ڪري رهيو هو: ٻنهي جون نظرون، برف جهڙن اڇن وارن واريءَ ٻڍڙيءَ عورت کي گهوري رهيون هيون. مس باما پنهنجون اکيون کوليون، ۽ مارج ۽ ڪڪي کي ڏسي مرڪڻ لڳي. پوءِ مارج کان پڇڻ لڳي، ”تنهنجو ڪڪو ڪافي ڀريل ٿو ڀانئجي؟“ مارج ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. ”ڏاڍو همت ڀريو ٻالڪ آهي!“ مس باما وري چيو. +مسز بيريمئن ته بنفس نفيس ميٽرو پوليٽن اوپيرا هائوس (ناچ گهر) جي ڪمري ۾ بيٺي هئي، جتان مڪمل ’آرڪيسٽرا‘ جي سنگيت جون لهرون سندس ڪنن ۾ گونجي رهيون هيون. هن جي ڏڪندڙ هٿن ۾ هڪ ريشمي چادر هئي؛ ۽ جڏهن اپسرائن جهڙي لارا رقص ڪندي اسٽيج تي ترندي ترڪندي ٿي ويئي، تڏهن سندس دل اضطراب کان لرزي رهي هئي. مسز بيريمئن زور سان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳي. آرٿر کان دور رهڻ ۾ هن لاءِ ڪا خوشي ڪانه هئي، اها ته پاڻ هن لاءِ هڪ قرباني هئي. ائين سوچيندي، هوءَ انهيءَ ڪاوڙ ڏياريندڙ آواز کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، جيڪو آرٿر پنهنجو گلو صاف ڪرڻ مهل ڪڍندو هو. هن کي ياد آيو ته منجهند جو جڏهن گهر جي اڱڻ ۾ هوءَ آرٿر جي قدمن جو آواز ٻڌندي هئي، تڏهن هوءَ پنهنجي پاڻ کي ڪيترو نه ٿڪل ۽ بيزار محسوس ڪندي هئي. هن بيچين ٿي لارا تي هڪ نظر وڌي، ۽ چيائين ”مٺڙي، ’چيوئنگ گم‘ کائيندينءَ؟“ لارا ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. +مسٽر پرسيل سختيءَ سان پٽ کي چئي رهيو هو: ”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻي، جڏهن تو منهنجي ڪلهن تان پنهنجي سنڀالڻ جو بار لاهي ڇڏيو آهي، تڏهن تو پنهنجي لاءِ ضرور ڪا نوڪري چاڪري تلاش ڪئي هوندي.“ مسٽر ڪواءِ پنهنجي تجارتي سامان جي صندوقڙين ڏي نظر ڪئي، ۽ دل ئي دل ۾ اهو فيصلو ڪيائين ته هيڏي ساري ڌنڌي تي ويندي، جيڪڏهن لاريءَ جي اڏي تائين ٽئڪسي ڪري اچي ها، تڏهن به هو حق بجانب هو. پوءِ پنهنجي ڪتابڙيءَ ۾ ان جي عيوض پنجاسي سينٽن جو انگ داخل ڪيائين، ۽ ان سان گڏ پنڌرهن سينٽ بخشيش جا به ليکي ۾ چاڙهي ڇڏيائين. پيٽ ڊئلي ٻيهر ويچارڻ لڳو؛ ’گوشت جي چاپ بصرن ۾ نه، پر کُنڀين سان ترسيل هوندي.‘ +مس باما، مارج جي اڳيان سميٽ تي جهڪيل سندس ٻن وڏن ٻارن کي ڏسڻ لڳي. ٻنهي پنهنجا ڪنڌ هن ڏانهن ورايا. ننڍڙي ڇوڪريءَ بنا هٻڪ جي چئي ڏنو: ”اڄ صبح جو اسان نيرن به ڪانه ڪئي!“ +”هان!“ مس باما حيرت مان چيو. +جيروسلم بيلي ۽ جوئِي ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي. مارج به پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ڪڪو ٻاراڻي فطرت جي خلاف خاموش هو. +ورجينيا گووئنس ٿورو اڳيان جهڪي آئي؛ ڊرائيور کي پٺيان ئي چوڻ لڳي، ”لاريءَ ۾ پويان به ايترائي لوڏا ۽ جهوٻا ايندا، جهڙا هت ٿا اچن؟“ چارليءَ جواب ڏنو، ’ڳالهه ته ساڳي ٿيندي.‘ +ورجينيا ’کِي کِي‘ ڪري کلڻ لڳي. ”ٻڌ، آءٌ به ڏاڍي عجيب آهيان“، هوءَ چوڻ لڳي، ”هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو آءٌ ڪنهن لاريءَ ۾ چڙهي آهيان. منهنجي سموري بدن ۾ عجيب لرزش پئي ٿئي!“ +لاري هڪ واديءَ ۾ لهڻ لڳي. هڪ نديءَ وٽ پل ٽپي ان کي وري مٿي چڙهڻو پيو، ۽ مٿي چڙهڻ وقت ’گهر گهر گهر‘ جو آواز ڪري، زور لڳائي مٿي چڙهڻ لڳي. چارليءَ جيئن ئي ’گيئر‘ مٽايا، تيئن آواز جهڪو ٿي ويو، ۽ پوءِ پهرين ٿوري، پوءِ گهڻي شور سان لاري چوٽيءَ تي چڙهڻ لڳي. چوٽيءَ تي پهتي، ۽ گهڙيءَ لاءِ هيٺ سرسبز کيتن ۽ ڳوٺن جو نظارو ڏسي هيٺ لهڻ لڳي. اندر ويٺل مسافرن جا ڪنڌ به جهڪي ويا. +اڳيان، هڪ تختي تي، ”’جو‘ جو پڪل گوشت“ لکيل نشان آيو، ۽ لاري ان جي سامهون اچي بيهي رهي. چارليءَ اندرئين کيسي منجهان سگريٽ ڪڍي، دروازي جي هٿئي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، ۽ پنهنجي سيٽ ۽ اسٽيرنگ جي چڪري جي وچ ۾ اٿي بيٺو، ۽ چيائين؛ ”ڏهه منٽ آرام ڪريو. اندر زالن لاءِ ضرورت جو جدا ڪمرو آهي. ٻئي پاسي مردن لاءِ ڪمرو آهي. “ سگريٽ چپن ۾ رکي ، هن مس باما کي هيٺ لهڻ ۾ مدد ڪئي. مس باما سندس شڪريو ادا ڪيو، ۽ سامهون جاءِ جي ڀڳل دروازي منجهان، انهيءَ بوسيده عمارت ۾ داخل ٿي. هڪڙو ماڻهو ’ڪافيءَ‘ جي ڪٽليءَ ۾ ٽهڪندڙ پاڻي وجهي رهيو هو. ان کان پڇيائين ته ”اوهان وٽ کير هوندو؟“ +ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ ورايو – “پڪ ڪانه اٿم، پر شايد هوندو!“ +مس باما چيو، ”مون کي چار چاڪليٽ جون لٺيون گهرجن، ۽ ڪجهه مٺائيءَ جون ٽڪيون به گهرجن.“ +دروازو وري چيچاٽ ڪري کليو، ۽ پيٽ ڊئلي اندر داخل ٿيو. ”کاڌي پيتي لاءِ اوهان وٽ ڇا ملندو؟“ هن پڇيو. +”کاڌي پيتي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪين اٿئون“؛ ماڻهوءَ جواب ڏنو، ”’ڪافي، آهي، مٺيون ٽڪيون آهن - ۽ سگريٽ آهن.“ +”ٻاهر جو لکيو پيو آهي ’پڪل گوشت‘؛ ڇا انهيءَ جو مطلب اهو ڪونهي ته کائڻ لاءِ اوهان وٽ ٻيو ڪجهه به ملي سگهندو؟“ +ماڻهوءَ کير ڏسڻ لاءِ پنهنجو منهن کڻي برف جي پيتيءَ ۾ وڌو، سو جواب ئي ڪين ڏنائين. +لاريءَ ۾، چارليءَ ورجينيا گووئنس کي ٻه ٽي سيٽون پٺيان هٽائي وهاريو، ۽ مسز بيريمئن ۽ لارا ٻنهي کي عجيب نظرن سان ڏسي رهيون هيون. ورجينيا حد کان زياده غرور ۽ شان جو مظاهرو ڪري رهي هئي. جئن ئي سندن ڀرسان لنگهي، چوڻ لڳي، ”ڇوڪريءَ کي ٿيلهو ته ڪونه آيو؟ ڀلائي ڪري معاف ڪجو.“ مسز بيريمئن ۽ لارا ڪجهه به ڪين چيو، ۽ چپ چاپ ويٺيون رهيون. +مسز فريزر، پنهنجي جهجهين هڙن تي جهڪندي ڊرائيور کي سڏ ڪيو، ”او ڊرائيور، ڀلائي ڪري هي ته مٿي طاق تي رکي ڏينم.“ +”بلاشڪ!“ ائين چئي، چارليءَ ورجينيا جي پيتيءَ کي ائين ئي وچ واري رستي تي ڇڏي ڏنو، ۽ مسز فريزر جون هڙون چڱيءَ طرح طاق تي رکي، لاريءَ کان هيٺ لهي ويو. ورجينيا، پيٽ ڊئليءَ کي لاريءَ ۾ چڙهندو ڏٺو. پنهنجي پيتيءَ جي ڪڙي ۾ هٿ وجهي، وري ڇڏي ڏنائين. پيتيءَ ۾ چڱو وزن هو، ۽ هوءَ ويچاري ٿي بيهي رهي، ۽ پيٽ ڊئليءَ ڏانهن نهارڻ لڳي. پيٽ ڊئلي اچي سندس ڀرسان بيٺو، ۽ پڇيائينس، ”چئين ته آءٌ پيتي طاق تي رکي ڏيانءِ؟“ +”مهرباني، تون ته ڪو ڏاڍو ڀلو ماڻهو ٿو نظر اچين!“ هن چيو. پيٽ پيتي کڻي طاق تي رکي، ۽ وچئين رستي تان ٿيندو، پنهنجي سيٽ تي ويهڻ لاءِ اڳتي وڌيو. سندس ڀرواريءَ سيٽ تي هوءَ اڳي ئي وڃي ويهي رهي هئي. +”آءٌ هميشھ چوندي آهيان ته ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن تي نظر پوڻ سان چئي سگهبو آهي ته هي ماڻهو ڀروسي ۽ اعتماد جوڳا آهن“.... هوءَ چوڻ لڳي. پيٽ ٻڌڻ کان نٽائڻ لڳو، ۽ پنهنجي پاڻ کي دريءَ ڏانهن کسڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين. +چارلي لاريءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ سڏ ڪري چيائين: ”سڀ مسافر چڙهيل آهن، يا اڃا ڪو پٺتي آهي؟“ مس باما جي هٿن ۾ ڪاغذ جا ٻه پڙا هئا، تنهن کي سهارو ڏيئي ڏاڪن کان مٿي چاڙهيائين، ۽ جيسين هوءَ ويهي نه رهي، تيسين بيٺو رهيو، پوءِ وڌي پنهنجي سيٽ تي وڃي ويٺو، ۽ دروازو بند ڪري، لاريءَ کي چالو ڪيائين. +مسٽر پرسيل مرڪڻ لڳو – ”مون کي پڪ هئي، تون ضرور منهنجي خيالن جي تائيد ڪندين،“ هو چوڻ لڳو. هو پنهنجي پٽ کي انهيءَ عورت کان دور وٺي ويو هو، ۽ هاڻ هو هن سان خلاصو ڳالهائي ٿي سگهيو. ”ڪي ماڻهو پنهنجي اولاد سان ڪين ٺهندا آهن، پر تنهنجي ماءُ ۽ مون توسان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه تڪرار نه ڪيو آهي. اسين ٻئي گڏجي واپس هلنداسون، ۽ اسان کي ڏسي هوءَ عجب ۾ پئجي ويندي: هن کي تنهنجي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پيئي آهي.“ +مسز بيريمئن لارا کي چئي رهي هئي: ”ياد رک ته اتي ڳالهائينديس رڳو آءٌ. تون هڪڙو اکر به نه ڪڇجانءِ!“ +مس باما پنهنجي هڪڙي پڙي مان چار ڪاغذ جا ننڍا گلاس ڪڍيا، ۽ کير جي شيشي جو ٻوچ کوليائين. ”پهريائين ننڍڙي ڪڪي کي ملندو،“ هن چيو؛ ”هو ننڍڙو چوزو آهي، ائين نه؟“ مارج ڪنڌ لوڏي ’هائو‘ ڪئي. ٻالڪ مس باما کي ڏسڻ لڳو، سندس چهرو جذبات کان عاري هو، رڳو سندس چپڙا حرڪت ڪري رهيا هئا. جڏهن گلاس جو ڪنو چپن تائين پهتس، تڏهن اکيون پورجي ويس، - پر وات چُرندو رهيس. +چارليءَ جي پٺيان سيٽ تي ڪوئي ويٺل ڪونه هو، ان ڪري هن پنهنجي ڪلهن کي پويان ڍرڪائي ڇڏيو، ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اڌ ليٽي پيو. هن آرسيءَ تي نظر وڌي، ۽ مرڪڻ لڳو. نخريليءَ نينگر يقيناً پنهنجي ڏانو جي ماڻهن کي جهٽ ٿي سڃاتو. هاڻ هن هڪ دل ڦينڪ جوان کي وڃي ڦاسايو هو، جيڪو پنهنجي سيٽ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙو ٿيو ويٺو هو، ۽ هوءَ کيس پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهي هئي. +مس باما ٻن وڏن ٻارن کي چاڪليٽ آڇڻ لڳي. ٻارڙا وٺڻ کان ٿورو هٻڪڻ لڳا. ”اچي، هان وٺو –“ مس باما زور ڀرين. ننڍڙا ننڍڙا هٿ آهستي آهستي اڳتي وڌيا، ۽ پوءِ مس باما جي هٿ مان چاڪليٽ کسي ورتائون. +ٻار سيٽ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيا. سندن اگهاڙا پير سيٽ هيٺان وريا پيا هئا. سندن ڪنڌ جهڪيل هئا، ۽ چاڪليٽن تان چانديءَ جهڙي پنِي لاهڻ لڳا. ”تون هي ٽڪيون کائيندينءَ؟“ مس باما مارج کان پڇڻ لڳي. +ورجينيا گووئنس چئي رهي هئي: ”آءٌ به ڏاڍي عجيب آهيان. ڪو ماڻهو ڇا ٿو ڪري، مون کي ان سان ڪو تعلق ڪونهي. منهنجي دل کي جي ڪو ماڻهو وڻندو آهي، ته بس؛ پوءِ آءٌ کيس هڪدم پسند ڪرڻ لڳندي آهيان. آءٌ ٻين ڇوڪرين جهڙي ڪانه آهيان: اهي ته تيسين توکي ڪو موقعو ئي ڪونه ڏينديون، جيسين کين پوريءَ طرح خبر نه پوي ته تو وٽ آهي ڇا؟“ +مسٽر پرسيل جي مرڪ جهڪي ٿي ويئي. کيسي مان واچ ڪڍي وقت ڏٺائين، ۽ وري کيسي ۾ رکي ڇڏيائين. پوءِ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو: سندس نظرون انهيءَ علائقي جو سفر ڪري رهيون هيون، جتي کيس وڃڻو هو. سندس چهري تي ڪجهه گَهريون ليڪون ظاهر ٿيون – ”چڱو ڀلا، جوان پٽ“، هو چوڻ لڳو، ”تو پنهنجي بستري کي تيار ڪري ڇڏيو آهي، ته پوءِ ڀل وڃي سمهي پئو!“ +”بس،“ مس باما ٻنهي وڏن ٻارن کي چئي رهي هئي، ”هاڻ اوهان کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ملندو. گهڙي کن ترسو: خالي پيٽ سان ايترو گهڻو کائڻ نه گهرجي. کير پيئندو؟“ ٻارن ڪنڌ سان ناڪار ڪئي. سندن اکيون مس باما جي منهن تي نه، پر سندس هٿن ۽ ڪاغذ جي پڙي تي هيون. چپڙي ڪري، کيس پڙي ۾ ڪجهه ڳوليندي، ۽ چاڪليٽ ٻاهر ڪڍندي ڏسندا رهيا. +لارا پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍي، چپن کي آلو ڪرڻ لڳي. چيائين، ”اما!“ +”چئه، مٺڙي.“ +”مسٽر برنس ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي.“ +مسز بيريمئن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪا ٿڌي شي اچي سندس جسم سان لڳي هئي. هن ڪنڌ هيٺ ڪري لارا جي اکين ۾ نهارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لارا جو نئون ٽوپلو سندس اکين کي آڏو ڏيو لڪايو بيٺو هو. +”جڏهن اسين شهر موٽي اينديونسين، تڏهن اسان کي ملڻ ايندو؟“ لارا پڇيو. +مسز بيريمئن گهڙي ترسي چيو، ”منهنجو خيال آهي ته هو ضرور ايندو.“ +”ڀلا هو اسان کي رهڻ لاءِ گهر هٿ ڪري ڏيندو؟“ +مسز بيريمئن ڪجهه گهڙين لاءِ لارا جي سنهڙن ڪلهن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ خود پنهنجي خاموشيءَ کان وحشت زده ٿي چوڻ لڳي، ”شايد وٺي ڏيندو.“ +لاري ڄڻ ته ڪنهن سنگيت جي لهرن تي لهرا ڏيئي هلي رهي هئي. +”لاريءَ کي بيهاريو!“ جوئِيءَ رڙ ڪئي. سڀني جا ڪنڌ هڪ جهٽڪي سان هن ڏانهن مُڙي آيا. ”لاري بيهاريو – بيهاريو!“ چارليءَ ’اسٽيرنگ‘ کي ڦيرائي، لاري رستي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏي، ۽ پاڻ ڇوڪري ڏانهن وڌيو. مس باما اڳي ئي ڇوڪري تي جهڪيل هئي. + + +”اهو آهي جهجهن چاڪليٽن کائڻ جو نتيجو!“ ڪنهن چيو. +مس باما ڳالهائي نه پئي سگهي. ”هن کي تازي هوا گهرجي“، هوءَ چوڻ لڳي. ”بهتر آهي ته گهڙيءَ لاءِ هن کي لاريءَ کان ٻاهر ڪڍي ليٽائجي.“ +چارليءَ هن جو گهنجن پيل پريشان چهرو ڏٺو، ۽ چيائين، ”مائي، تون ويهي رهه. آءٌ پاڻيهي ٿو هن کي هيٺ لاهيان.“ +ڪڪو انهيءَ هنگامي کي ڏسي ڊڄي ويو، ۽ روئڻ لڳو. مارج هن کي ٻانهن ۾ لوڏي ماٺ ڪرائڻ لڳي. مس باما وري اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي. ڊاڪٽر ڪائولي جا لفظ سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳا – ”مون توکي اڳي ئي چيو هو!“ هن پنهنجي ڇاتيءَ جي هڏي هيٺان هڪ چڀندڙ سور محسوس ڪيو – هن جو اهو درد ڪلهي تائين پهچي، کاٻيءَ ٻانهن ۾ لهي پيو. هن جي اکين اڳيان دنيا تحليل ٿيندي، گم ٿي رهي هئي. هن جي درد جي شدت کان هزارين ميل دور، ڪنهن هنڌ ڊاڪٽر ڪائولي جي ڏنل گورين جو پڙو پيل هو، پر هوءَ اتي پهچي نه ٿي سگهي. +پيٽ، دريءَ منجهان چارليءَ کي ننڍڙي ڇوڪري سان بيٺل ڏٺو. ڇوڪرو اُلٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڊرائيور ڇوڪري کي چئي رهيو هو، ”جلدي ڪر، الٽي ڪري وٺ!“ پيٽ پنهنجي پٺيان ڳچيءَ تي ورجينيا جي ساهه کي محسوس ڪيو. جڏهن هن پنهنجو ڪنڌ پاسيرو ڪيو، تڏهن ڏٺائين ته هوءَ لاريءَ کان ٻاهر نه، پر کيس ئي ڏسي رهي هئي – جوئِيءَ گهڻائي زور لاتا، پر کيس الٽي نه آئي. نيٺ روئڻ لڳو. ”الٽي نه ٿي اچي“، هن ڪڪ ٿي، روئندي چيو. +لارا کي ڪابه خبر نه هئي ته ڇا پئي ٿيو. هن نه ڪجهه ڏٺو، نه ڪجهه ٻڌو. هوءَ انهيءَ انتظار ۾ هئي ته سندس ماءُ، جا سندس پاسي ۾ آڪڙي ويٺي هئي، ڪجهه ٿڌي ٿئي، ته وري کانئس ڪي سوال پڇي. +”ٺهيو هاڻ هل اندر.“ چارليءَ ڇوڪري کي چيو. ڇوڪر جي پويان پاڻ به اندر آيو. نون ڪپڙن وارين ٻن مسافر عورتن وٽان لنگهي، هڙن واريءَ وٽان ٽپي، ٻين به ٻن مسافرن کي اورانگهي، هڪ سيٽ وٽ اچي بيهي رهيو. ”هاڻ ماٺ ڪري هت ويهي رهه، ۽ ڪابه چُرپُر نه ڪجانءِ،“ هن ڇوڪري کي چيو. جوئِي، لٿل منهن سان، ماٺ ڪري، جيروسلم بيليءَ جي ڀر ۾ ويهي رهيو، جيڪا دهشت زده ٿي هن کي ڏسي رهي هئي. چارليءَ مس باما کان پڇيو: ”مائي، منهنجي لائق ڪا ڪار خذمت هجي ته چئي ڏي!“ ڪنهن دور دراز هنڌ تان واپس ايندي، مس باما ڪنڌ لوڏي ناڪار ڪئي. چارليءَ وري چيس، ”ڪنهن به ڳالهه جي ضرورت ٿئي، ته رڳو نوڙي ڇڪي اطلاع ڏجانءِ!“ +چارليءَ لاري چالو ڪئي؛ ۽ سندس چهري تي هڪ مرڪ ڇانئجي ويئي. هو اهو سوچي رهيو هو ته پنهنجي زال کي پهرين ڪهڙي ڳالهه ٻڌائي – آنن جي سودي جي ڳالهه ٻڌائي، يا اڄ جيڪو واقعو ٿيو هو، سو بيان ڪري. هن کي افسوس ٿيڻ لڳو ته اهو واقعو انهيءَ ساڳئي ڏينهن ٿي پيو هو، جنهن ڏينهن هن ڪڪڙ جي آنن جو سودو ڪيو هو. ٻين ڏينهن تي هو جڏهن گهر پهچندو هو، تڏهن پٽس اڱڻ ۾ پيو راند روند ڪندو هو، ۽ ”هيلن“ اچي سندس آ��يان ڪندي هئي؛ ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه هوندي هئي، جا کڻي کيس ٻڌائي. اڄ ته هڪڙي ئي ڏينهن ٻه ڳالهيون ٿي پيون هيون. هن آرسيءَ تي نگاهه وڌي، ۽ سندس مرڪ غائب ٿي ويئي. ٻڍڙي مائي شايد پنهنجي سيٽ تي هيٺ جهڪي ويئي هئي؛ هو کيس ڏسي نه سگهيو. +مسز بيريمئن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. اولاد لاءِ پنهنجي زندگي قربان ڪر، پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هن لاءِ وقف ڪر، راتين جا اوجاڳا ڪڍ، هن جي اون رک...... هن جي ذهن ۾ جئڪ برنس جون اکيون اڀري آيون، جن ۾ نهارڻ سان هن ۾ هڪ عجيب غير ثابت قدميءَ جو احساس پيدا ٿيو، پر نهايت ديانتداريءَ سان هن انهيءَ دل لڀائيندڙ گهُور کي هٽائي ڇڏيو، ۽ تصور ئي تصور ۾ لارا سان گفتگو ڪرڻ لڳي؛ ”واقعي تون عظيم رقاصه آهين! اي منهنجي نو عمر ڌيءَ، توکي صرف اهڙي موافق ماحول جي ضرورت آهي، جنهن ۾ تون پنهنجي لياقتن کي ڀلجي نه سگهين.“ +مس باما جي دل جو دورو ختم ٿيو، ۽ هو ائين محسوس ڪرڻ لڳي ڄڻ ته هن جو جسم گهٽجي ويو هو، ۽ هوءَ پنهنجو پاڻ نه رهي هئي. هن کي اهو اچي خوف ٿيو ته هوءَ پنهنجو ڪنڌ به چوري نٿي سگهي. پر اهو خيال اجايو هوس، هن جو ڪنڌ برابر مڙي سگهيو ٿي. هن پنهنجي آس پاس، ۽ پاڻ کان پري ويٺل اجنبي انسانن کي ڏٺو – ٻن وڏن ٻارن، غير معمولي ڪڪي ۽ سندس ماءُ کي ڏٺائين. ڪڪو کيس ڏسي مرڪي رهيو هو، ۽ مس باما کي تعجب لڳي رهيو ته هوءَ ان ڏينهن ايتري بي اعتنائي ڇو محسوس ڪري رهي هئي. +پيٽ چئي رهيو هو – ”آءٌ نٿو ڀانيان. آءٌ ته سڌو اڳتي وڃي رهيو آهيان.“ ورجينيا پڇيس – ”سڌو وڃڻ مان تنهنجو مقصد ڇا آهي؟ توکي آرام جي ضرورت آهي. ٺيڪ آهي يا نه؟“ +هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو، ۽ ٽيڏيءَ اک سان ورجينيا کي ڏسڻ لڳو، ۽ هن ۾ اها چيز تلاش ڪرڻ لڳو، جا هن کي پسند ٿي آئي. هن کي اچي ڳڻتين ورايو. ورجينيا جي لائق بنجڻ لاءِ هن ڇا ڪيو هو؟ هو پنهنجي بخت کان غير مناسب ڳالهه ته طلبي ڪونه رهيو هو؟ +”جيڪڏهن تون اهو ٿو سمجهين ته تون مون کي ڌتاري يا هرکائي سگهندين، ته اهو خيال ئي لاهي ڇڏ،“ ورجينيا چوڻ لڳي. ”منهنجي طبيعت هميشھ دوستيءَ تي آماده آهي. آءٌ هميشھ چوندي آهيان ته ماڻهن کي پنهنجي مرڪ سان وندرائڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي: انهيءَ سان ماڻهن جي دل خوش ٿي ٿئي.“ +لاري هڪ ويڪريءَ شاهراه جي ڇيڙي تي اچي پهتي هئي - ۽ چارليءَ لاريءَ جي رفتار ڍري ڪري، هڪ سوڙهي ڪڪريءَ ۽ ريتيءَ جي رستي تي موڙ کاڌو. منجهند جو وقت هو، ۽ اُس سڌي اکين ۾ پئي آيس، انهيءَ ڪري اُس کان بچاءَ واري تاڪي هيٺ ڪري ڇڏيائين. +لاري مانيءَ جي وقفي لاءِ بيهي رهي. چارلي لاريءَ کي سفر جي وچئين اڏي تي وٺي آيو هو؛ ۽ اعلان ڪيائين: ”ماني کائڻ جي وقفي لاءِ لاري ويهه منٽ هت ترسندي.“ پوءِ هو آنن جي هڙ، ۽ انهيءَ غريب ڪٽنب جي ڳالهه پاڻ سان کڻي پنهنجي گهر هليو ويو. بنا ڪنهن حرڪت جي، لاري ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ بيٺي رهي. مسر بيريمئن ۽ لارا هڪ ميز تي خاموشيءَ سان ماني کائي رهيون هيون. مسٽر ڪواءِ پنهنجي لاءِ ’سُوپ‘ جو آرڊر ڏنو هو. گهٻرايل ۽ بک مري ويل پيٽ ضد منجهان اعلان ڪيو ته هن کي بک ئي ڪانه لڳي هئي؛ ۽ ورجينيا سوچڻ لڳي؛ ’هي ته عجيب ڳالهه آهي؛ منهنجي دل به ماني کائڻ تي بنهه ڪانه ٿي وري!‘ مس باما نستي ٿي پنهنجي سيٽ تي ليٽي پئي هئي، ۽ پنهنجي ذهن تي زور لڳائي، ٻاهرينءَ دنيا سان پنهنجا لاڳاپا معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ماضيءَ جي ڪوهيرن منجهان هن جي ذهن تي اهي کُڏ ۽ ڇتيون تري آيون، جيڪي پنهنجي ڪلاس جي ڪمري جي درين مان هوءَ ڏسندي رهندي هئي؛ ۽ هن کي اسڪول جي چوڪيدار جو ماتا جي داغن سان ڀرپور چهرو ياد اچي ويو. +بس وري هلڻ لڳي؛ ۽ هاڻ ان کي ”جان جوزف توهي“ هلائي رهيو هو، جو ڪمپنيءَ جو هڪ نهايت پراڻو ملازم هو، ۽ سندس خلاف ڪابه شڪايت درج ٿيل ڪانه هئي. توهي پنهنجي مرضيءَ سان لاري هلائڻ جو ڪوبه وقت مقرر ڪرائي ٿي سگهيو، پر رات جو سفر هن ان ڪري پسند ڪيو هو، جو رات پنهنجي گهر ترسڻ نه ٿي گهريائين: سندس ٻارن جون به شاديون مراديون ٿي ويون هيون، ۽ انهن وڃي پنهنجا گهر وسايا هئا. رستو الهندي طرف ٻيلن منجهان ٿي لنگهيو. ائين ٿي معلوم ٿيو ته لاري سڌي سج ڏانهن سفر ڪري رهي هئي. مس باما، ٿورو اٿي ويٺي، ۽ پاڻ ۾ ڪجهه سگهه به محسوس ڪرڻ لڳي. ڪجهه ڪجهه بک جا وٽ به محسوس ڪيائين. جئن ئي کير جو شيشو ٿي کوليائين، تئن لاري هڪ ننڍي شهر ۾ گهڙي، ۽ ’ٽرئفڪ‘ جي بتيءَ وٽان لنگهي ’بس ڊيپو‘ جي نشان وٽ اچي بيهي رهي. توهيءَ دروازو کوليو، ۽ مارج ڏانهن اشارو ڪري چيائين، ”توکي هتي لهڻو آهي.“ جڏهن هوءَ پنهنجي جاءِ تان ڪين چري، تڏهن موٽي وٽس آيو. ”توکي هن شهر ۾ وڃڻو آهي نه؟“ هن پڇيس. مارج رڳو پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”پر تنهنجي ٽڪيٽ ته هتي جي آهي،“ هن وري چيو، ”توکي هيءَ ٽڪيٽ ڪٿان ملي؟“ +”هن خريد ڪئي هئي،“ جيروسلم بيليءَ چيو. +ڊرائيور هن ڏانهن منهن ڪري پڇيو، ”هوءَ ڳالهائي نه ٿي سگهي ڇا؟“ +ٻنهي وڏن ٻارن پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”ڇو ڪين، بلڪل ڳالهائي سگهي ٿي.“ +ورجينيا گووئنس پنهنجي سيٽ تان جهڪي، ڊرائيور کي سڏيندي چيو، ”منهنجي خيال ۾ وٽن ڪوبه سامان سڙو ڪين آهي.“ +توهيءَ وري پڇيو، ”توکي هيءَ ٽڪيٽ ملي ڪٿان؟“ +”هن پاڻ ان لاءِ صحيح ڪئي هئي،“ جيروسلم بيليءَ چيو. ”هن ماڻهوءَ چيو ته اسان کي پنهنجي ناني وٽ وڃڻو آهي.“ +”ڪنهن چيو؟“ ڊرائيور پڇيو. +”ويمي ڪمپنيءَ جي ماڻهوءَ،“ جوئيءَ جواب ڏنو. +ٻاهر ڪنهن موٽر جي ’پون پون‘ جو آواز آيو، جيڪا لاريءَ جي پويان اچي بيهي رهي هئي. +مس باما پڇيو، ”اوهان جو نانو ڪٿي ٿو رهي؟“ +پهرئين ڀيري، سڀني مارج جو آواز ٻڌو: ”هِن رستي جي ڇيڙي تي.“ +مس باما ڊرائيور کان پڇڻ لڳي، ”هنن کي اوستائين وڃڻ لاءِ ڪيترو تفاوت ڀرڻو پوندو؟“ +”ڪڪي جو ڀاڙو ته ڪين لڳندو. هنن ٻن ٻارن جو ڀاڙو به اڌ لڳندو. ڪل اٺ ڊالر ۽ ٽيهه سينٽ ٿيندا،“ ڊرائيور چيو. +”آءٌ ان منجهان ڪجهه حصو ڀرڻ لاءِ تيار آهيان،“ پيٽ ڊئلي ورجينيا کي ٿورو ريڙهيندي چيو. ”يا سڄو ئي ڀاڙو آءُ ٿو ڀري ڏيان.“ ائين چئي کيسي منجهان نوٽن جو ويڙهو ڪڍيائين. +مس باما چوڻ لڳي، ”نه، اڌ آءٌ ڀرينديس.“ +توهيءَ چيو، ”ڏاڍو چڱو، جيڪا اوهان جي مرضي.“ هن پيسا وٺي، باقي ريزو کين واپس ڪيو. ”اوهان کي خبر آهي ته قانون منهنجا ٺاهيل ڪين آهن.“ ”ٺهيو، ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي،“ پيٽ چيو. پوءِ مس باما کي گهوريندي چوڻ لڳو، ”مائي، اسان وٽ ته آيو ۽ ويو وارو حساب آهي.“ مس باما هن کي ڏسي مرڪڻ لڳي. هو نوٽن جو ويڙهو کيسي ۾ وجهي، پوئتي موٽي ويو. +ورجينيا چوڻ لڳي، ”ڏسو ته سهي؛ هن تنهنجو شڪريو به ادا ڪين ڪيو. توکي پنهنجي پئسن خرچڻ ۾ ايتري بي پرواهي نه ڪرڻ گهرجي!“ +هو ويهي رهيو، ڏاڍو خوش هو. پوءِ ڏاڍي انتظار منجهان پنهنجي پاسي ۾ ويٺل جوانڙيءَ ڏانهن ڏٺائين. مار! هوءَ هينئر کان ئي هن جي پئسن خرچڻ جي اون ۽ ڳڻتي ڪري رهي هئي! +مسٽر پرسيل چئي رهيو هو: ”پٽ ڌيان ڏيئي، منهنجي ڳالهه ٻڌ! هيڏانهن اچڻ ۾ مون کي وڏو سبق حاصل ٿيو آهي. لاريءَ ۾ هڪ غريب ڪٽنب چڙهيل هو: ٻارن جا پير اگهاڙا هئا، ۽ گذريل رات کان هنن ڪجهه به ڪين کاڌو هو. شايد سندن پيءُ مري ويو هو: شايد ڪنهن حادثي جو شڪار ٿيو هو، ڇو جو هو چئي رهيا هئا ته کين ڀاڙي لاءِ پئسا ويمي ڪمپنيءَ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڏنا هئا. هنن کي پنهنجي سفر پوري ڪرڻ لاءِ به پورا پئسا ڪين هئا، ۽ هنن لاءِ لاريءَ ۾ مسافرن کي چندو ڪرڻو پيو. هو پنهنجي ناناڻي گهر وڃي رهيا هئا، ۽ محتاجن وانگر، مٽن مائٽن جي خيراتن تي وڃي زندگي گذاريندا. اهو رڳو انهيءَ ڪري، جو ڪنهن گهڙيءَ جذبات جي ڪمزوريءَ کان هڪ جوان مرد ۽ جوان عورت هڪ اهڙو بيوقوفيءَ جو ڪم ڪري وڌو، جهڙو تو ڪيو آهي، ۽ جو کين ڪڏهن به ڪرڻ نه گهربو هو.“ +لارا پنهنجي پاڻ کي چئي رهي هئي: ”هاڻ آءٌ دنيا جي هر شيءِ حاصل ڪري سگهان ٿي. جيڪي دل ۾ آيم، سو ڪري سگهنديس. جيڪڏهن اما مون کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کيس چونديس ته آءٌ بابي کي خط لکي ٿي موڪليان!“ +لاري شام پوري ڪري رات جي سفر ۾ داخل ٿي. لاريءَ جي مهڙ ۾، ٻه روشن متلاشي اکيون چمڪي رهيون هيون پر اندر اوندهه هئي. مسافر آرام ڪرڻ جي خيال کان ور وڪڙ کائي رهيا هئا، پنهنجي جسم کي هيڏانهن هوڏانهن مختلف ڪنڊن تي سهسائڻ جي ڪوشش ڪري، ننڊ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ٿوري وقت کان پوءِ ڪجهه مسافرن اها ڪوشش ڇڏي ڏني ۽ اکيون کولي ويهي رهيا؛ دريءَ منجهان ٻاهر گهوريندا رهيا، ۽ پنهنجا ڪنڌ ورائي هڪ ٻئي جي بي چين چهرن کي تڪيندا رهيا. اڳين بتين جي روشنيءَ ۾ ڊرائيور جي پٺ به کين نظر اچي رهي هئي. +مسز بيريمئن سوچي رهي هئي ته هن کي دنيا ۾ ڪوئي موقعو نه مليو هو. پنهنجي سڪول جو آخري سال، رومان لڙائڻ وارا ڏينهن، ۽ سندس پيار ۾ آرٿر جي فضول خرچيءَ کي ياد ڪرڻ لڳي. انسانن کي پنهنجي زندگيءَ جو اهم ترين فيصلو ان وقت ڇو ٿي ڪرڻو پيو. جڏهن هو بنهه ناتجربيڪار هوندا آهن؟ هن کي سندس ڪنهن به فطري احساس اهو چتاءُ نه ڏنو ته هي جو آرٿر کيس گل دائوديءَ جا تحفا ٿي موڪليا، کيس هوٽلن ۾ دعوتون ٿي کارايون، جڏهن هاءِ سڪولن جا ڇوڪرا پنهنجي دوست ڇوڪرين کي رڳو سوڍا پيارڻ لاءِ ٻاهر وٺي ويندا هئا، سو ان جو سبب رڳو اهو هو ته هو انهيءَ معاملي ۾ اڳي ئي تجربيڪار هو. هو اڳئين نسل جو ماڻهو هو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي اڳيئي هڪ خاص مقام تي پهچائي چڪو هو. جن ڇوڪرن هاءِ سڪول ۾ ئي پنهنجون ونيون تلاش ڪيون هيون، سي هاڻ مالي حالت ۾ آرٿر جهڙائي هئا، ۽ ڪي ته کائنس گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا. آرٿر هاڻ ٻڍو ٿي چڪو هو، ۽ اهو وقت پري ڪين هو، جڏهن کيس سندس تابوت سان ڪانڌي ٿي وڃڻو پوندو – جيتوڻيڪ اڃا هوءَ پاڻ جوان هئي، ۽ منجهس کل خوشيءَ ۽ موج مزي جون خواهشون به موجود هيون. هوءَ مرڪڻ لڳي. هوءَ وري اڳينءَ رات واري ’ريسٽورانٽ‘ ۾ پهچي ويئي، ڪجهه پيتل به هئي، ۽ ڪجه خوفزده ٿي جئڪ برنس کان پنهنجي باري ۾ ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. +لارا اوندهه کان ڊڄندي هئي. هوءَ رڙهي ماءُ جي ويجهو آئي، ۽ دل ۾ چيائين: ”پياري اما، منهنجو مقصد اهو ڪين هو. آءُ بابا کي خط ڪنهن به صورت ۾ ڪانه لکان ها.“ ڏاڍيان چوڻ ۾ هن کي ڊپ ٿي ٿيو. شايد هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي؛ ۽ جيڪڏهن هوءَ ڪوڙ ڳالهائيندي، ته ممڪن آهي سندس ماءُ کي خبر پئجي وڃي. هن جي ماءُ کي هميشھ سندس ڪوڙ جي خبر پئجي ويندي هئي. +جيروسلم بيلي ۽ جوئِي پنهنجي سيٽ تي ٻانهون ٽنگون ورايو، آرام سان ويٺا هئا. ڪڪو ڪجهه بي آرام هو. هن شڪايت جي انداز ۾ رون رون ڪرڻ شروع ڪئي. +مس باما چيو، ”مون کي ڏيندينءَ، ته آءٌ جهلي ويهانس؟“ هن ٿورو ڇڪي، انهيءَ گرم ۽ وزني ٻار کي پنهنجي ٻانهن تي آندو. اوندهه ۾ هن ڪڪي جي اکين کي پنهجي اکين ۾ گهوريندو ڏٺو؛ ۽ هوءَ پنهنجي ذهن ۾ ٻار کي سمهارڻ جا طريقا تلاش ڪرڻ لڳي. هوءَ هڪ گيت ڳائي، ٻار کي لولي ڏيڻ لڳي. +مسٽر پرسيل سمجهيو ته هو اهو گيت ٻڌي رهيو هو، جيڪو هن جي زال پٽ کي ننڍي هوندي سمهارڻ مهل ڳائيندي هئي. سندن ڇوڪرو هميشھ بيمار رهندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن مسٽر پرسيل کي رات جو اويرو جاڳ ٿيندي هئي، ۽ پنهنجي بستري جو پاسو خالي ڏسندو هو، تڏهن هو اٿي ٻار جي ڪمري ۾ ويندو هو، ۽ ڏسندو هو ته سندس زال ٻار تي جهڪي اهائي لولي پيئي ڳائيندي هئي. +پيٽ کي بک کان پيٽ ۾ وڪڙ پوڻ لڳا. هو ڪالهه ڪٿي هو؟ سڀاڻي ڪٿي هوندو؟ هو ڪنهن هنڌ ترسي، ڪنهن چيز کي حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪندو، يا نه؟ هن لاريءَ ۾ هو ڇو چڙهيو هو؟ هو هتي ڇا ڪري رهيو هو؟ هن منتظر جوانڙيءَ کانئس ڇا ٿي چاهيو؟ وٽس ڪجهه به ته ڪين هو. هو اڪيلو ۽ آزاد هو، ۽ ور وڪڙ کائيندو نهن کان چوٽيءَ تائين هيٺ ڪرندو ٿي ويو. +ورجينيا، ’هن‘ کي هڪ ڪڪر منجهان، يا چنڊ، يا ٻئي ڪنهن هنڌ تان، هڪ سفيد گهوڙي تي چڙهيل، شاهي دٻدٻي سان ايندو ڏسي رهي هئي. ’هو‘ ان چرئي شخص جهڙو ڪين هو، جيڪو سندس ڀر ۾ ويٺو هو، جنهن کي هن پسند به ڪونه ٿي ڪيو، ۽ تنهن هوندي به کيس خبر نه ٿي پئي ته هوءَ ان لاءِ ايتري فڪرمند ڇو ٿي رهي هئي. ’هو‘ مرڪي رهيو هو، ۽ ’هن‘ جو هٿ ٿڌو ۽ مضبوط هو، ۽ ٻئي گڏجي ڪنهن ڪڪر ۾ گُم ٿي ويا. +مسٽر ڪواءِ پنهنجو مٿو هيٺ مٿي لوڏي رهيو هو. هن کي ڪو ليکو چڱيءَ طرح ياد نه پئي آيو. اوندهه ۾ هن جيئن تيئن ڪري انگ اٽڪائي ڇڏيا، ۽ اچي اها ڳڻتي ٿيس ته سڀاڻي الائجي انهن انگن کي پڙهي سگهندو يا نه. +مس باما لوليءَ جي آخري لفظن کي وري وري دهرائي، ڊگهو ڪري رهي هئي، ۽ انهن لفظن سان هن جي سموري ڊگهي زندگي، جيڪا هاڻ پوري ٿي رهي هئي، ڪنهن نتيجي تي ٿي اچي پهتي. مسز بيريمئن محسوس ڪيو ته لارا رڙهي کيس ويجهي آئي هئي. ورجينيا ۽ سندس تصور جو سردار بلند کان بلند تر اڏامي رهيا هئا: سندس مٿو پيٽ جي ڪلهي تي رکيو هو، ۽ سندس ٻانهون هن جي چوڌاري ويڙهيون پيون هيون. مسٽر پرسيل ’سڀاڻي‘ ۾ داخل ٿي رهيو هو. مس باما پنهنجي لولي پوري ڪئي، ۽ ستل ٻار موٽائي ماءٌ جي حوالي ڪيائين، پوءِ هوءَ ويهي رهي ۽ انتظار ڪرڻ لڳي. +صبح ٿي ويو هو. لاري هڪ نشان – ”شهر جون حدون – رياست جو انتظام هتي پورو ٿيو“ – وٽان لنگهي گئريجن، ۽ تيل کڻڻ جي ڊيپن وٽان ٿيندي، شهر جي گهرن وٽان گذرندي، ’ٽرئفڪ‘ جي ڳاڙهي بتيءَ وٽ اچي بيهي رهي. تو هي سڄي رات لاري هلائيندو رهيو هو. جڏهن سائي روشني ظاهر ٿي، تڏهن ’ڪلچ‘ دٻائي، لاريءَ کي اڳتي وڌايائين. بس وري هلڻ لڳي، مسافرن ۾ به چرپر پيدا ٿي. مسز بيريمئن هڪ ننڍڙي دستي آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ لڳي، ۽ کيس پنهنجي منهن جا گهنج نظر آيا. لارا، پنهنجو مٿو ماءُ جي هنج ۾ رکي ستي پيئي هئي. مس باما خاموش ويٺي هئي. هن کان پوءِ، جيروسلم بيلي ۽ جوئِي دريءَ سان نڪ لڳايو ويٺا هئا. مارج اڃا تائين پنهنجي وزني ٻار کي کنيو ويٺي هئي. مسز فريزر پريان ئي ڊرائيور کي سڏ ڪندي چئي رهي هئي؛ ”مهرباني ڪري ياد ڪجانءِ، مون کي هڙون هيٺ لاهي ڏج!“ +مسٽر ڪواءِ کي اميد هئي ته بس ڊيپوءَ ۾ ضرور ايتري صفائي هوندي، جو هو اتي ويهي ڏاڙهي لاهي ۽ منهن هٿ ڌوئي سگهندو، جيئن ائين معلوم ٿئي ته هو ڪنهن ريل گاڏيءَ جي گاڏي مان لٿو هو. مسٽر پرسيل رات جو پنهنجا ڪالر مٿي کڻي ڇڏيا هئا، سو هاڻ انهن کي ٺيڪ ڪري بٽڻ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ورجينيا پنهنجا وار ٺيڪ ڪري رهي هئي. هن جي وات ۾ سيون سيون لڳي رهيون هيون، ۽ هوءَ ڀيڙيل چ��ن منجهان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي: ”توکي بلاشڪ هتي هڪ چڱو ڪمرو ملي ويندو.“ هوءَ هن کي زور ڀرڻ لڳي – ”هي شهر ڏاڍو سهڻو آهي.“ +”آءٌ رهندس ڇا تي؟“ +ورجينيا چيو – ”توسان مصيبت اها آهي، جو تون پنهنجي پئسن جو ملهه ڪين ٿو سڃاڻين. تون ضرور ڪنهن کي هٿ ڪر، جا تننجي پئسن جي تنهنجي لاءِ سنڀال ڪري!“ +صبح جو هيترو سوير به شهر اهڙو ئي ساڳيو معلوم ٿي رهيو هو، جهڙو هميشھ مسز بيريمئن کي معلوم ٿيندو هو. هن کي هاڻ ڪالهوڪي عجيب و غريب ناممڪن تجويزن جو ڪو خيال ڪونه هو. هن کي هن وقت فقط پنهنجي گهر، گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ، گرم شال ۽ سليپرن جي ضرورت هئي. هن جي اندر ۾ آرٿر جي ڏٺل وائٺل چهري کي ڏسڻ جا ناقابل اظهار تمنا موجود هئي. هن محسوس ڪيو ته لارا سندس هنج ۾ مٿو چوري رهي هئي، سو پڇيائينس: ”مٺڙي ننڊ چڱي آيئي؟“ ننڊ مان اٿيل لارا جون اکيون ۽ چپ مرڪڻ لڳا. +پيٽ کي ايتري بک لڳي هئي، جو مٿو ڦرڻ لڳس. دريءَ مان منهن ڪڍي، ٻاهر ڏسڻ لڳو. هو سوچڻ لڳو: جيڪڏهن هو هت رهي پيو ته هو ٿوري ئي وقت اندر شهر جي جڳهين جي هر پٿر ۽ سر کان واقف ٿي ويندو، جتان لنگهندو اتان دڪانن کي سڃاڻي وٺندو، ۽ هر واٽهڙوءَ جي چهري کي سڃاڻڻ لڳندو. +مسٽر پرسيل رستي تي هڪ نشان ڏٺو – ”يونيورسٽي ڏيڍ ميل.“ هو اهوئي سوچي رهيو هو ته هن کي ٽئڪسي ملي سگهندي يا نه، ۽ اها به پريشاني هيس ته پٽس الائجي يونيورسٽيءَ ۾ ئي هوندو يا ان عورت سان شهر ڏانهن نڪري ويو هوندو. لاري بيهي رهي. ورجينيا ڏٺو ته پيٽ سندس صندوق لاهي رهيو هو. هن جي مرضي هئي ته هوءَ هن جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي، هن سان گڏ هلي، ۽ ڪنهن طرح هن کي پاڻ سان وٺي وڃي. مسٽر ڪواءِ خوش هو ته هن کي مزوري بچي پئي، سو ٻنهي هٿن ۾ ٿيلها کڻي ٻاهر نڪرڻ لڳو. +”اجهو، بابو!“ لارا رڙ ڪئي. مسز بيريمئن کيس چيو ته ”ڇوڪري، سڀ کان پهريون ڪم توکي اهو ڪرڻو آهي ته هتان هلي سمهي پئو.“ +سڀ اٿي ويا، پر مس باما ويٺي رهي. سندس اکيون بند هيون، ۽ چهري تي هڪ مرڪ ڇانيل هيس. مسز فريزر ڊرائيور لاءِ ترسيو بيٺي هئي ته کيس هڙون لاهي ڏئي. مارج ۽ سندس ٻار به بيٺا هئا ته جيئن ٻيا مسافر پهرين لهي وٺن. پيٽ، ورجينيا جي پويان هو، جنهن سان ممڪن هو ته سندس شادي ٿي وڃي ها! جڏهن هو هن غريب ڪٽنب جي ڀرسان پهتو، تڏهن ڪنهن خيال کان بيهي رهيو، ۽ ورجينيا جي صندوق کڻي هيٺ رکيائين. کيسي ۾ هٿ وجهي نوٽن جو ويڙهو ڪڍيائين – ”هان هي وٺ،“ هن جوئِيءَ کي چيو، ”هي پنهنجي ماءُ کي ڏجانءِ!“ پوءِ ورجينيا ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ڀيڻ، سڀ ڳالهيون اجايون آهن. آءٌ ته هڪ سيلاني ماڻهو آهيان!“ ورجينيا جي ساهه جي رفتار گهڙيءَ لاءِ نهايت تيز ٿي ويئي. پوءِ سندس چهرو هڪ اجنبيءَ جو چهرو بنجي ويو. +ڊرائيور چيو – ”هيءَ لاريءَ جي آخري منزل آهي!“ +لارا، ”بابا، بابا“ چوندي ٻاهر ڀڳي. مسز بيريمئن نهايت سنجيدگيءَ سان هيٺ لٿي. مسٽر پرسيل دريءَ منجهان پنهنجي پٽ جو چهرو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، ۽ کيس هٿ سان اشارو ڏنائين. ڇوڪري کي سندس اچڻ جي خبر ڪئين پئي؟ اڳينءَ رات ماڻس تار ته ڪين ڪئي هيس؟ مسٽر پرسيل ايترو ته بي چين ٿي ويو، ڄڻ ته ساڻس ڪا نهايت عجيب و غريب خوشيءَ جهڙي ڳالهه ٿي گذري هئي. مسٽر پرسيل هڪ ڇوڪريءَ کي حجاب ڀرين نظرن سان پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏٺو. هو سوچڻ لڳو – ”هيءَ ته اڃا ٻار ٿي ڏسجي.“ +مارج، پنهنجي ٻارڙي ۽ غيبي دولت کي قابو جهليندي هيٺ لٿي. جيروسلم بيلي ۽ جوئِي سندس پويان لٿا. مسز فريزر رڙ ڪئي، ”ڊرائيور، آءٌ اڃا تائين تنهنجي لاءِ ترسي بيٺي آهيان.“ +تو هيءَ آرسيءَ ۾ نهاريو. لاريءَ ۾ باقي ٻه مسافر نظر آيس – هڪ ته اها بي صبر عورت هئي، ۽ ٻي ٻڍڙي عورت، جا اڃا ننڊ پيئي هئي. هن کي اهو محسوس ٿيو ڄڻ ته هوءَ سندس زال ”مارٿا“ هئي، ۽ هن کي جاڳائيندي هن کي ڏک ٿي رهيو هو. شايد اهڙي ڪا چيز باقي ڪانه هئي. جنهن لاءِ هوءَ جاڳي. هن پهرين مسز فريزر ۽ سندس هڙن کي هيٺ لاٿو، ۽ پوءِ وچئين رستي ڏانهن وڌيو. هو مس باما جي مٿان جهڪيو مس، ته هن پنهنجون اکيون کولي ڇڏيون. + + +”ڪافر“ +ز – جئڪ لنڊن مترجم - سراج +_________ +The Heathen +By +Jack London + +Published by permission of Charmain K. London + +جئڪ لنڊن ( 1876ع – 1916ع) ڪئليفورنيا رياست جي اوڪلئنڊ شهر ۾ ڄائو هو. هن جي زندگي سندس ڪتابن جي بنسبت وڌيڪ غير معمولي آهي. هن خود به ضرور اها ڳالهه محسوس ڪئي هوندي، ڇو ته هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو زياده تر آتم ڪهاڻيءَ جي طرز جو آهي. ننڍي هوندي جي مسڪينيءَ ۽ غربت، جوانيءَ جي وقت جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي ڪري، هن ۾ غريبن ۽ مصيبتن جي ماريل انسانن لاءِ همدردي پيدا ڪئي. هن جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾، غريبن ۽ مصيبت زده انسانن لاءِ همدردي ۽ سندن بهتريءَ لاءِ جدوجهد جو جذبو نمايان آهي. +هن جو اهو اعتقاد هو ته فطرت جي دنيا ۾ جيڪا ڪشمڪش آهي، سا انسان ۽ انسان جي وچ ۾ باهمي ڪشمڪش کان گهڻي گهٽ آهي. سندس ڪامياب ترين ڪتاب ”دي ڪال آف دي وائيلڊ“ ”مشابهتي يگانگت“ (Allegorical Parallelism) جو هڪ نمونو آهي. +هن جي ڪيترن دلڪش افسانن ۾ انسان ۽ فطرت جي ٻاهرينءَ دنيا جي باهمي ڪشمڪش جي تصوير چٽيل آهي. + + +منهنجي هن سان پهرين ملاقات هڪ طوفان ۾ ٿي هئي؛ ۽ جيتوڻيڪ طوفان جي دوران ۾ ساڳئي جهاز ۾ سوار هئاسين، پر منهنجي نظر هن تي تيسين نه پئي، جيسين اسان جو جهاز ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويو. لاشڪ هن مون کي ”پيٽيٽ جين“ جهاز تي ”ڪناڪا“ ملاحن جي جٿي ۾ ڏٺو هو، پر آءٌ هن جي موجودگيءَ کان آگاهه ڪين هوس، ڇو ته جهاز ۾ بي شمار ماڻهو سٿيا پيا هئا. جهاز، اٺن ڏهن ڪناڪا ملاحن کان سواءِ هڪ سفيد فام ڪپتان، سندس نائب، مال ڪپتان، ڇهه ڪئبن وارا مسافر ۽ اٽڪل پنجاسي ڊيڪ جا مسافر کڻي ”رنگيروئا“ کان نڪتو هو – جن ۾ ”پاموٽن“ ۽ ”ٽهٽين“ ماڻهو – زالون، مرد ۽ ٻار – هئا، ۽ جن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي واپار جي پيتي هئي، ۽ ان کان سواءِ وٽن سمهڻ لاءِ اڪيچار تڏا، ڪمبل ۽ ڪپڙن جون هڙون هيون. +”پاموٽس“ کاريءَ ۾ موتين جي مند ختم ٿي هئي، ۽ سڀ ماڻهو ”ٽهٽي“ ٻيٽ ڏانهن واپس موٽي رهيا هئا. ڪئبن مسافرن مان اسين ڇهه ڄڻا موتين جا سوداگر هئاسين: ٻه آمريڪي هئا، هڪ چيني، ”آه چون“، هو – (مون پنهنجي ڄمار ۾ گوري ۾ گورو چيني اهو ڏٺو هو)- ، هڪڙو جرمن هو، هڪ پولنڊ جو يهودي، ۽ ڇهون آءٌ هوس. +ان سال موسم چڱي ڪامياب ۽ نفعي بخش ثابت ٿي هئي. اسان مان ڪنهن کي به ڪو شڪايت جو سبب ڪونه هو، نڪي هنن پنجاسي ڊيڪ جي مسافرن مان ئي ڪنهن کي اهڙو سبب هو. سڀني چڱو ڪمايو هو، ۽ سڀني کي اها آس هئي ته ”پپيٽي“ شهر ۾ پهچي، آرام ۽ فرحت سان وقت گذاريندا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ”پيٽيٽ جين“ جهاز تي حد کان وڌيڪ بار لڏيل هو. ستر ٽنن جو جهاز مس هو؛ ۽ کيس مٿس چڙهيل ماڻهن جي هجوم جي ڏهين حصي کڻڻ جو به حق ڪين هو. سندس تختن هيٺان موتين جي سپين ۽ ڏونگهين جا انبار ائين سٿيا ۽ ڏٽيا پيا هئا، جو تر ڇٽڻ جي جاءِ ڪانه هئي. ملاح کيس ڪنهن طرح هلائي رهيا هئا، اهو به هڪ معجزي کان گهٽ ڪين هو. ڊيڪ تي ڪابه چرپر ڪانه هئي: ماڻهو هڪ ٻئي تي ائين ڳاهٽ هئا، جو مس ٿي رڙهي سگهيا؛ ان ڪري ملاح به رڳو ريلن جي آڌار تي ��ئي لٿا چڙهيا. +رات جو هو سمهيل ماڻهن کي اورانگهي مٿان لنگهيو ٿي ويا: سڄي ڊيڪ سمهيل ماڻهن سان ائين سٿيل هئي، ڄڻ ته ڊيڪ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڪو ٿلهو فراس وڇايو پيو هو. ماڻهو هڪ ٻئي جي بنهه مٿان ستا پيا هئا. اف، ڪا گپا گيهه هئي! ڊيڪ تي سوئر، ڪڪڙيون، پٽاٽن جون ڳوڻيون – الائي ڇاڇا پکڙيو پيو هو. ڪا اهڙي جاءِ نه ڇڏي هئائون، جتي ناريلن جون قطارون ۽ ڪيلن جا ڇڳا نه پئي لڙڪيا. ٻنهي پاسن تي سڙهن جي اڳيُن ۽ وچيُن ٿوڻين جي وچ ۾، رسا اهڙيءَ طرح ڇڪي ٻڌا ويا هئا، جئن اڳيون سڙهه چڱيءَ طرح هوا ۾ ڀرجي سگهي، ۽ انهن رسن مان هر هڪ ۾ ڪيلن جا اٽڪل پنجاهه پنجاهه ڇڳا پئي لڙڪيا. +جيڪڏهن ڏکڻ اوڀر کان سڻايون تجارتي هوائون لڳنديون آهن، ته هيءُ سفر ٻه ٽي ڏينهن مس وٺندو آهي. اسين هي سفر ٻن ٽن ڏينهن اندر ئي کڻي پورو ڪريون ها، ته به هي ڪو سفر هو! – ٻن ٽن ڏينهن جو خيال دل ۾ آڻي، طبعيت تي وحشت طاري ٿيو ٿي ويئي! پر سڻائو واءُ به ڪين وريو. پهرين پنجن ڪلاڪن کان پوءِ تجارتي هوا گِهڏي گِهڏي ٿورو چري، پر ڏهن ٻارنهن جهوٽن کان پوءِ وري ٻٽجي ويئي. سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن سمنڊ بنهه مئو پيو هو – سمنڊ جي ماٺائي به اهڙي ته کائيندڙ ۽ شيشي وانگر بي رنگ هئي، جو رڳو ان تي هڪ نگاهه وجهڻ جي خيال اچڻ سان مٿي ۾ ڦيري پوڻ ٿي شروع ٿي. +ٻئي ڏينهن هڪ ماڻهو مري ويو – ايسٽر آئلنڊ جو ويٺل هو، ۽ ان مند ۾، کاريءَ جي بهترين ٽوٻن مان هڪڙو هو. ماتا ......... ها، ماتا وگهي مري ويو: آءٌ اڃا تائين سمجهي ڪين سگهيو آهيان ته ماتا جهاز تي پکڙي ڪيئن، جو جڏهن اسان ”رنگير وئا“ ڇڏيو هو، تڏهن اتي ساحل تي ڪوبه ماتا جو ڪيس ڪونه ٿيو هو. ان هوندي به ماتا پکڙجي ويئي – هڪ ماڻهو مري ويو، ٽي ٻيا ماتا ۾ ڊٺا پيا هئا. +ڪجهه به ته نه ٿي ڪري سگهياسون. بيمارن کي الڳ به نه ٿي ڪري سگهياسون، نه ئي هنن جي پرگهور لهي ٿي سگهياسون. مکين ماڪوڙين وانگر هونئن ئي هڪ ٻئي تي سٿيا پيا هئاسون؛ سو ٿي به ڇا ٿي سگهيو – سواءِ ان جي ته ڪِنا ٿي مرون. پهرئين موت کان پوءِ جا رات آئي، ان رات ڪجهه به نه ٿي سگهيو: البت ان رات نائب ڪپتان، مال ڪپتان، پولش يهودي ۽ چار مقامي ٽوٻا مڇين مارڻ جي هڪڙيءَ وڏيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي کسڪي ويا. ان بعد هنن جو ڪو پتو پار ڪونه پيو ته مئا ڪي بچيا. صبح جو ڪپتان هڪدم سڀني ٻيڙين کي ٽڪائي سوراخ ڪرائي ڇڏيا – هاڻ ته آقي باقي به جهاز تي ئي قابو ٿي وياسين. +ان ڏينهن ٻه موت ٿيا، ٻئي ڏينهن ٽي، ٽئين ڏينهن هڪدم وڌي انگ وڃي اٺن کي پهتو. اسان سڀني جي حالت ڏسڻ وٽان هئي: مثال طور مقامي ماڻهو ته ڊپ کان ڄڻ ته بنهه بي حس ۽ گونگا ٿي ويا هئا. ڪپتان، جنهن جو نالو ”اوڊائوز“ هو ۽ فرينچ هو، تنهن جا به حواس خطا ٿي ويا هئا، ۽ ڊپ کان وڦلڻ لڳو هو. هن کي سچ پچ اچي ٿڙڪڻيءَ ورتو. چڱو ٿلهو متارو مڙس هو، اٽڪل ٻه سو پائونڊ تور هيس. ڏڪڻيءَ وقت سندس حالت اهڙي هئي، ڄڻ ته چرٻيءَ جو ڪو پٽڙو جبل لرزي رهيو هو. +جرمن مسافر، ٻن آمريڪين، ۽ مون گڏجي، جهاز تي جيڪا به اسڪاچ وسڪي ملي سگهي، سا خريد ڪئيسون - ۽ ويهي پيڻ لڳاسون. اسان جو ويچار ڪافي ڪامياب ٿي نظر آيو – ته جيڪڏهن اسين پاڻ کي شراب ۾ ٻڏل رکنداسون، ته ماتا جو جيڪو جيوڙو اسان جي ويجهو آيو، سو سڙي رَکُ ٿي ويندو، ۽ اهو ويچار بيشڪ ڪامياب ثابت ٿيو. البت ايترو اعتراف ڪندس ته ڪپتان اوڊائوز ۽ آهه چون چينيءَ تي به بيماريءَ حملو نه ڪيو: فرينچ ڪپتان ته ماڳهين شراب کي هٿ به ڪين لائيندو هو، باقي آهه چون روزانو هڪڙو پيگ مس پيئندو هو. +سج اتر طرف لڙي، بنهه ڪاپار مٿان چمڪي رهيو هو. هوا بند هئي، رکي رکي تيز واچوڙا ٿي لڳا. انهن واچوڙن پنجن منٽن کان وٺي اڌ ڪلاڪ تائين نهايت تيزيءَ سان لڳي، نيٺ رکي رکي طوفان ۽ مينهن جي وسڪارن جو روپ ورتو. هر واچوڙي کان پوءِ ساڙيندڙ اس ٿي نڪري آئي، جنهنڪري ڊيڪ جي پسيل تختن منجهان ٻاڦ جا ڪڪر نڪرڻ شروع ٿي ٿي ويا. +اها ٻاڦ ڏاڍي بڇڙي هئي، ڄڻ ته موت جي ٻاڦ هئي، جنهن ۾ ڪروڙين جيوڙا ڀريل هئا. اسان جڏهن به مري ويلن يا مرندڙ بيمارن مان اها ٻاڦ اٿندي ٿي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻه گلاس شراب جو وڌيڪ ٿي پيتوسون. اهڙن موقعن تي اسين شراب کي اهڙيءَ طرح ملائيندا هئاسون. جو تنهان ئي تيز ٿي پوندو هو، ۽ هڪدم ٻه ٽي گلاس چاڙهي ڇڏيندا هئاسون. ان کان سواءِ جڏهن مري ويل ماڻهن کي جهاز جي چوڌاري مڙي آيل ڄرڪن ۽ واڳن جي حوالي ڪندا هئا، تڏهن به هڪ ٻه گلاس چڙهڻ جو اسان پاڻ لاءِ هڪ نيم مقرر ڪري ڇڏيو هو. +هفتو کن اها حالت رهي، پوءِ وسڪي به ختم ٿي ويئي. وسڪيءَ جي ڪري پئي تڳياسين، نه ته ته آءٌ هيستائين جيئرو رهي ڪين سگهان ها. پر وسڪيءَ جي ختم ٿي وڃڻ ۾ به ڪا حڪمت هئي، ۽ آخرين صورت ۾ آءٌ ان حڪمت سبب ئي بچي نڪتس. اُن کان پوءِ جيڪي حالتون پيش آيون، انهن مان فقط هڪڙو ئي ٻيو اڻ پياڪ ماڻهو بچي نڪتو. جڏهن اوهان کي سموري حقيقت ٻڌائيندس، تڏهن ئي اوهين مٿين خيال ۾ مون سان شامل راءِ ٿيندا. اهو ٻيو ماڻهو هو ”ڪافر“ – مون کي جڏهن هن جي موجودگيءَ جي ڄاڻ پئي، تڏهن ڪپتان اوڊائوز کي کيس انهيءَ نالي سان سڏيندو ٻڌو هوم. +خير! هفتي جي پڇاڙيءَ ۾، وسڪي به ختم ٿي ويئي، ۽ موتين جا سوداگر به گم سم ڪنڊڙيءَ ۾ ويڙهجي ويهي رهيا. اتفاق سان ڪئبن واري رستي تي ٽنگيل بئراميٽر تي منهنجي اوچتي نظر وڃي پيئي. پاموٽس ۾ ان جو اوسطه درجو 9 عـ 29 آهي، ۽ عام طرح 85 عـ 29، 00 عـ 30 ۽ 05 عـ 30 درجن جي وچ ۾ پيو ڦرندو گهرندو آهي، پر مون جيڪو درجو ڏٺو – يعني 62 عـ 29، سو ته اهڙو هو، جو ڪنهن نشي ۾ بنهه ٻڏل موتين جي سوداگر جا به نشا ٽوڙي ڇڏي، پوءِ هو کڻي اسڪاچ وسڪيءَ سان ماتا جي جيوڙن کي بي اثر ڪري، ماتا کان بچي ويو هجي. +مون ڪپتان اوڊائوز کي سڏ ڪري، سندس ڌيان ان طرف ڇڪايو؛ پر هن جواب ڏنو ته هن کي اڳئي خبر هئي، ۽ گذريل چند ڪلاڪن کان درجي کي هيٺ ڪرندو ڏسي رهيو هو. بچاءَ جي صورت خيرڪا رهي هئي، پر جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو ٿي، سو موجوده حالتن هيٺ هن بيشڪ نهايت عقلمنديءَ سان ڪيو: هلڪا سڙهه لهرائي ڇڏيائين، طوفاني بادبان کي ننڍو ڪري، بچاءَ وا را سڙهه پکيڙائي ڇڏيائين - ۽ پوءِ هوا جو انتظار ڪرڻ لڳو. پر هوا جي چرڻ کان پوءِ هن جيڪي ڪيو، سا هن جي نسوري غلطي هئي. هن جهاز کي ساحلي رخ تي موڙيو – خط استوا جي ڏکڻ ۾ ائين ڪرڻ بلڪل ٺيڪ آهي، بشرطيڪ جهاز طوفان جي بنهه رستي ۾ نه هجي. +اسين طوفان جي بنهه سڌي رستي ۾ هئاسون. هوا جي رفتي رفتي وڌڻ ۽ بئراميٽر جي درجي جي هري هري ٿي گهٽجڻ مان آءُ اهو بخوبي ڏسي پئي سگهيس. منهنجي مرضي هئي ته هو جهاز کي موڙي، هوا سان گڏ ساحلي رخ تي ان وقت تائين هلندو رهي، جيسين بئرا ميٽر جو درجو گهٽجڻ بند ٿئي، ۽ پوءِ سڙهه ڇڪائي اڳتي هلي. گهڻي ئي دليل بازي ڪئيسون، ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن کي ذري گهٽ ماليخوليا ٿي پئي، پر مڙس مڙيو ڪين. سڀ کان خراب ڳالهه ته اها ٿي، جو آءٌ ٻين موتين جي سوداگرن کي پنهنجي تائيد ڪرڻ تي آماده ڪري نه سگهيس. آءٌ ڪير ٿيندو هوس، جنهن کي هڪ خاص طور سکيا ورتل ۽ آزمودگار ڪپتان کان به وڌيڪ سمنڊ ۽ ان جي معاملن جي خبر هجي؟ اهي هئا خيال هنن جي دماغ ۾ - سا ��ون کي به خبر هئي. +طوفان سان سمنڊ به خطرناڪ حد تائين چڙهي آيو؛ ۽ مون کي سمنڊ جا اهي ٽي اڀار ڪڏهين به ڪين وسرندا، جن ’پيٽيٽ جين‘ تي حملو ڪيو. اهڙن خطرناڪ وقتن تي هميشھ جهازن جا تختا ئي اکڙي پوندا آهن: پهريون اُڀار آيو، ۽ اسان جو جهاز ان جي سٽ جهلي نه سگهيو، ۽ هڪ پاسو ٽٽي پيس. بچاءَ جا تختا به فقط مضبوط ۽ سگهارن ماڻهن جي ڪم اچي ٿي سگهيا، پر هت ته اهي انهن لاءِ به بيڪار ثابت ٿيا؛ ۽ زالون، ٻار، ڪيلا ۽ ناريل، سوئر ۽ واپار جون پيتيون، بيمار ۽ مرندڙ – هڪ ئي بي پناهه، گجگوڙ ڪندڙ ريلي ۾ ٻهارجي ويا. +ٻيو اڀار آيو ۽ سڄي ڊيڪ ريلن تائين پاڻيءَ سان تار ٿي ويئي، ۽ جئن ئي جهاز جو دنبالو پاڻيءَ ۾ هيٺ ويهي رهيو، ۽ چوٽي آسمان ڏانهن اڇلجي ويئي، تئن سامان ۽ بدنصيب انسانن جي زندگيءَ جو هڪ انبار جو انبار پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو. هڪ انساني سيلاب هو، جو پوري زور سان وهي اُٿي هليو: ڪي اونڌا، ڪي ابتا، ته ڪي پاسيرا، ڦيريون پائيندا، وٽبا سٽبا، ويڙهبا سيڙهبا، لڙهندا ٿي ويا. ڪيڏيءَ مهل ڪنهن جو هٿ اوچتو ڪنهن تختيءَ يا نوڙيءَ ۾ پئجي ٿي ويو، پر پويان لڙهي ايندڙ جسمن جي زور پوڻ ڪري هن جو هٿ وري ڇڏائجيو ٿي ويو! +هڪ ماڻهو ڏٺم، مٿي ڀر وڃي زور سان جهاز جي ساڄيءَ ڪنڊ واريءَ ٿوڻيءَ سان ٽڪريو، ۽ سندس مٿو ڪڪڙ جي آني جيان ٽڙڪي پرزا پرزا ٿي ويو. مون کي اچي پنهنجي سر جي لڳي، سو ٽپ ڏيئي ڪئبن جي مٿان چڙهي ويس؛ ۽ اتان سڀ کان وڏي سڙهه کي وڃي چهٽي پيس. آهه چون ۽ هڪڙي آمريڪيءَ منهجي پويان اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آءُ هڪڙو ٽپ هنن کان اڳ نڪري ويو هوس. آمريڪي ته پنهنجي تختي تان ڪکن ڪانن وانگر ٻهارجي ويو. آهه چون جو هٿ چڪر جي هڪ آري ۾ پئجي ويو، ۽ هو انهيءَ جي پٺيان لڙڪي پيو. پر عين ان وقت ”رارو ٽانگا“ قوم جي هڪ ٿلهي متاري عورت – سندس وزن 250 پائونڊ ته ضرور هوندو – اچي هن سان ٽڪري، ۽ سندس هڪڙي ٻانهن آهه چون جي ڪنڌ ۾ پئجي ويئي. ويچاري آهه چون پنهنجي ٻئي هٿ سان پاسي ۾ بيٺل ’ڪناڪا‘ ملاح کي کڻي جهليو، پر عين ان گهڙيءَ جهاز جي ساڄي پاسي وارو تختو اونڌو ٿي پيو. +ڪئبن ۽ ريلن جي وچ ۾، پاڻيءَ جي ڇوليءَ جي تيزيءَ ۽ لاشن جي اڇل اوچتو ڦيرو کاڌو، ۽ سڌو زور رکيائون ساڄي پاسي واري تختي تي. هڪدم ٿلهي عورت، آهه چون ۽ ملاح ٻهارجي ويا؛ ۽ آءٌ قسم سان ٿو چوان ته جيڏيءَ مهل آهه چون ريلن تان اٿلندو وڃي پاڻيءَ هيٺ پهتو، ان وقت هن مون ڏانهن هڪ عجيب فيلسوفانه صبر ۽ رضا جي نظر سان ڏٺو، ۽ سندس چپن تي هڪ تلخ مرڪ ڇانئجي ويئي هئي. +ٽيون اڀار، جيڪو ٽنهي اُڀارن منجهان سڀ کان وڏو اُڀار هو، تنهن ايترو نقصان ڪونه پهچايو. جيسين اهو اڀار پهتو، تيسين گهڻو ڪري هر شخص آخرين ڪوچ ڪرڻ جي تياريءَ ۾ هو. ڊيڪ تي باقي ڪي ڇهه ڄڻا، مصيبت جا ماريل، بي هوش و حواس ۽ اڌ مئا وڃي بچيا هئا، جي ڦيريون پائيندا ڪنهن سلامتيءَ واري جاءِ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پاڻيءَ جي اڇلن وچان مون ۽ ٻين موتين جي سوداگرن اٽڪل پندرهن زالن ۽ ٻارڙن کي ڪئبن ۾ آڻي، حفاظت خاطر ڪئبن کي بند ڪري ڇڏيو. پر انهيءَ ڪوشش به ويچارن کي پڇاڙيءَ ۾ خير ڪو فائدو پهچايو. +هوا؟ پنهنجي سموري زندگيءَ جي تجربي ۾ مون کي يقين ئي نه ٿي ٿي سگهيو ته اهڙيءَ طرح به هوا لڳي سگهي ٿي، جهڙي ان ڏينهن لڳڻ شروع ٿي هئي. ان جو بيان ته ڪري ئي نٿو سگهجي. ڀلا ڪنهن ڀيانڪ خواب جو بيان ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگهي؟ ساڳي ڳالهه انهيءَ هوا سان لاڳو هئي. هوا اسان جي بدنن تان ڪپڙا پٽي ڦاڙي آسمانن تائين اڇلي ڇڏيا. آءٌ چوان ٿو ته هوا اس��ن جي بدن تان ڪپڙن کي بنهه پٽي ڦاڙي ويئي، ۽ اهو اکر به اکر حقيقت آهي. آءٌ اوهان کي يقين ڪرڻ لاءِ زور ڪين ٿو ڀريان: آءٌ ته فقط اوهان کي اهو ڪجهه ٿو ٻڌايان، جيڪو آءٌ پاڻ اکين سان ڏسي ۽ معلوم ڪري چڪو آهيان ڪڏهن ڪڏهن ته آءٌ پاڻ به يقين نه ڪندو آهيان ته ڪو ائين ٿيو هوندو. پر اها واردات مون سان ٿي گذري آهي - ۽ اهو چوڻ مون لاءِ ڪافي آهي. اهڙيءَ هوا جي زد ۾ اچي، ماڻهوءَ جو زنده رهڻ قطعي ممڪن نه آهي. هڪ عجيب ڀيانڪ چيز هئي، هيءَ هوا - ۽ ان ۾ سڀ کان ڀيانڪ ڳالهه ته اها هئي ته جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي ويئي، ۽ وڌندي رهي! +اوهين ذرا بيشمار، ڪروڙين بلڪ اربين، واريءَ جي ٽنن جو تصور ڪريو: ۽ سمجهو کڻي ته اهي واريءَ جا بيشمار ٽن نوي، سو، سو ويهه يا ان کان به وڌيڪ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چيريندا اڏامندا پيا اچن. البت اهو تصور ڪريو ته اها واري ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي، بلڪ غير محسوس ۽ بي جسم هئي، - ان هوندي به منجهس واريءَ جو وزن ۽ گهاٽائي موجود هئي. اهو تصور ڪرڻ سان شايد اوهان کي تمام هلڪو اندازو ٿي سگهندو ته اها هوا ڪهڙي قسم جي هئي. +شايد واريءَ واري مشابهت به صحيح نه آهي. سمجهو کڻي ته اها هوا ٿلهيءَ گپ يا گاري وانگر ئي ڳوري هئي. نه نه، انهيءَ کان به وڌيڪ – ائين سمجهو ته انهيءَ هوا جو هڪ هڪ اَڻو، گاري جو هڪ انبار هو، ۽ پوءِ انهن بيشمار گاري جي انبارن جي وسڻ جو اثر تصور ۾ آڻيو. نه نه منهنجي بيان ڪرڻ جي طاقت کان اهو بنهه ٻاهر آهي. هر ڪا زبان ۽ ٻولي حياتيءَ جي رواجي حالتن کي ته بيان ڪري سگهي ٿي، پر هوا جي ايتري بي انداز ڇوهي جي حالتن کي بيان ڪرڻ ڪنهن ٻوليءَ لاءِ قطعي ناممڪن آهي. بهتر ته ائين هو - ۽ جيئن شروع ۾ ارادو به ڪيو هوم – ته انهيءَ کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪريان ها! +آءٌ فقط ايترو چوندس ته پهرين سمنڊ جو جيڪو اڀار چڙهيو، سو هوا جي سٽ نه جهلي وري لهي ويو. بلڪ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته سمنڊ چوسجي طوفان جي اوجهريءَ ۾ سمائجي ويو هو، ۽ خلا جي انهيءَ حصي ۾ اڇلون ڏيندو رهيو، جيڪو اڳ هوا سان والاريل هو. +اسان جو بادبان ڪافي وقت ٿيو، لڙهي ويو هو. پر ڪپتان اوڊائوز وٽ ’پيٽيٽ جين‘ جهاز تي هڪ اهڙي شي موجود هئي، جيڪا مون اڳ ڪنهن به ڏکڻ سمنڊ جي جهاز تي ڪانه ڏٺي هئي - ۽ اها چيز هئي سامونڊي لنگر. اهو ٽڪنڊي شڪل جي ٽاٽ جي ٺهيل هڪ ڳوٿريءَ وانگر هو، جنهن جو منهن هڪ گول لوهي دائري سان کليل هو. اهو لنگر هڪ لغڙ وانگر واڳيل هو، ۽ جئين لغڙ مٿي هوا ۾ ڄڻ چڪ پائي بيهندو آهي، تيئن هي لنگر به پاڻيءَ ۾ چڪ پائي قابو ٿي ٿي ويو، پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته سامونڊي لنگر سمنڊ جي سطح هيٺان عمودي يا اڀي نموني ۾ اٽڪي بيهي ٿي رهيو. اهو لنگر وري جهاز سان هڪ ڊگهي رسي سان ڳنڍيل هو. انهيءَ ڪري ’پيٽيٽ جين‘ هوا جي رخ تي، جهڙي سمنڊ جي حالت هئي، تيئن ان تي گهلجندو رهيو. +جيڪڏهن اسين طوفان جي عين رستي ۾ نه هجون ها ته شايد صورتحال ڪجهه فائديمند ٿي پوي ها. هو ا اسان جي بادبانن کي کوهن تان ڦاڙي پٽي ڇڏيو، سڙهه ٻهاري ويئي، ۽ گيئر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هئائين، تڏهن به هوند اسين چڱيءَ طرح ۽ سلامتيءَ سان ان مان پار پئجي وڃون ها، بشرطيڪ اسين وڌندڙ طوفان جي وچ واري واٽ ۾ ڦاسي نه پئون ها. انهيءَ آفت اسان کي بنهه لاچار ڪري وڌو. انهيءَ هوا جي اثر کان منهنجا حواس خطا ٿي ويا، جسم سُن ٿي ويو، ۽ ڄڻ ته اڌ رنگ جي حالت ۾ گرفتار هوس، ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته جڏهن طوفان جي محور ۾ گهيرجي وياسون، تڏهن ته آءٌ هٿ پير هلائڻ ڇڏي مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هوس. عين ��نهيءَ وقت چوڌاري ٻٽ ٿي ويئي – اوچتو ئي اوچتو، ڄڻ هوا خلا ۾ گم ٿي ويئي ڪٿي ان جو نالو نشان به نه رهيو؛ ۽ انهيءَ ٻوسٽ جي وحشتناڪ اثر کان گويا ماڻهوءَ جي دل نپوڙجي منهان ٻاهر ٿي نڪتي. +ياد رکڻ گهرجي ته برابر ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسين نهايت شديد قسم جي اعصابي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهياسون، ۽ هوا جي ڀيانڪ دٻاءَ جا شڪار ٿيندا رهياسون: ۽ پوءِ اوچتو هوا جو دٻاءُ ختم ٿي ويو. مون کي ياد آهي ته ان وقت مون کي ائين محسوس ٿيو ته آءٌ اندر ئي اندر اڀامي ۽ ڦوڪجي رهيو آهيان، ۽ ڄاڻ ته منهنجا پرزا اڏامي هر طرف پکڙجي ويندا. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته منهنجي جسم جو هر هڪ اڻو، ٻئي اڻي کي زور سان ڌڪي هٽائي رهيو هو، ۽ نهايت شديد قوت سان خلا ۾ اڏامي وڃڻ لاءِ آتو هو. پر اها حالت فقط ڪن گهڙين لاءِ رهي. تباهي اسان جي مٿان بنهه لامارا ڏيئي رهي هئي. +هوا ۽ دٻاءَ جي نه هجڻ ڪري وري سمنڊ ۾ اڀار آيو؛ ۽ اهو اڀار ٽپا ڏيندو، اڇلون ڏيندو سڌو ڪڪرن کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ياد رکو ته قطب نما جي هر رخ کان اها ناقابل تصور هوا، سمورو وقت ماٺائيءَ جي هن محور ڏانهن وڌندي رهي. نتيجو اهو ٿيو ته سمنڊ به قطب نما جي هر رخ کان اٿل کائي چڙهڻ لڳو. انهن چوطرف اٿندڙ چڙهاءَ کي روڪڻ لاءِ هوا به ڪانه هئي. پاڻيءَ جا اهي اُڀار ائين ٿي چڙهيا جئن پاڻيءَ جي ڪنهن برتن جي تري مان ٻوچ بوڙيا ڏيئي ٻاهر اڇلبا آهن. انهن ۾ ڪنهن به قسم جي پائداري ۽ تنظيم ڪانه هئي. پاڻيءَ جي هنن اڀارن ۾ ڄڻ هڪ قسم جو جنون پيدا ٿي پيو هو. گهٽ ۾ گهٽ به هي اڀار اسي فٽ جا هئا. پاڻيءَ جا هي اڀار نه لهريون هيون، نه ويريون: انسان پاڻيءَ جا اهڙا اڀار ڪڏهن به ڪين ڏٺا هوندا. +اهي پاڻيءَ جا سيلاب هئا – ديو قامت سيلاب، ۽ بس! سيلاب، جيڪي اسي فٽ اوچا هئا. اسي! اسي کان به وڌيڪ. پاڻيءَ جون هي ديون جهڙيون ڇوليون اسان جي سڙهن مٿان وري ٿي آيون – ڄڻ ته نشي ۾ هيون. ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن طرح اچي ٿي ڪريون. اهي هڪ ٻئي سان وڙهي رهيون هيون، هڪ ٻئي سان نهايت زور سان اچي ٿي ٽڪريون. اهي نهايت تيزيءَ سان وڌي يا ته هڪ ٻئي سان زور سان اچي ٿي ٽڪريون، يا ته ٽڪر جي هڪ ئي وقت هزارن آبشارن جي صورت ۾ ميلن ۾ ڦهلجي ٿي ويون. اهڙي قسم جو غضبناڪ سمنڊ ۽ طوفان جو محور ڪنهن جي خواب ۾ به نه آيو هوندو. هنگامه در هنگامه جو مثال هو. آپيشاهي ۽ افراتفريءَ جو عالم هو. ڄڻ ته ديواني سمنڊ جي پاڻيءَ جي هيءَ هڪ دوزخي کڏ هئي. +’پيٽيٽ جين‘؟ مون کي ڪا خبر ڪانهي. ”ڪافر“ به مون کي ڪجهه وقت کان پوءِ ٻڌايو ته هن کي به ڪا خبر ڪانه هئي. جهاز ڀڄي ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ڏري ۽ ڌونڌاڙجي پرزا پرزا ٿي ويو، سٽجي ٻورو ٿي ويو، ۽ نيست و نابود ٿي ويو. جڏهن آءٌ هوش ۾ آيس، تڏهن آءٌ پاڻيءَ ۾ هوس، ۽ پاڻهي پاڻ بنا ارادي تري رهيو هوس؛ آءٌ اڌ ٻڏو ته ٿي چڪو هوس. آءٌ اتي ڪيئن پهتس، سو مون کي به ياد ڪونه ٿو پوي. ايترو ياد پويم ٿو ته مون ”پيٽيٽ جين“ جهاز جا پرزا اڏامندا ڏٺا هئا، ۽ شايد اِهو اُهو وقت هو، جڏهن ويرين ۽ لهرين جي ڌڪن ڌومن کان منهنجا هوش حواس موڪلائي رهيا هئا. خير، هاڻ ته آءٌ پاڻيءَ ۾ هوس، ۽ موجوده حالتن ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو هوم، جيتوڻيڪ اميد خير ڪا هيم. هوا وري لڳي رهي هئي، ڇوليون به گهٽ ۽ ڪجهه قاعدي ۾ هيون، ۽ مون سمجهيو ته آءٌ طوفان جي محور مان نڪري آيو آهيان. خوش قسمتيءَ سان آس پاس ڄرڪا وغيره به ڪونه هئا. ڄرڪن جو هڪ ڌڻ جو ڌڻ اچي موت جي ان جهاز جي چوڌاري گڏ ٿيو هو، پر طوفان ٻنهي کي گهڙيءَ ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو. +اٽڪل ٻپهريءَ جو وقت هو، جنهن مهل ’پيٽيٽ جين‘ تباهه ٿيو هو؛ ۽ شايد ان کان ٻه ڪلاڪ کن پوءِ مون کي جهاز جو هڪ ٿلهو تختو هٿ چڙهي ويو. مينهن به گهاٽو وسڻ لڳو هو، ۽ اهو آخري موقعو مليو هوم، انهيءَ تختيءَ جي منڍ تي ٿوري نوڙي به ٻڌل هئي؛ ۽ مون کي پڪ ٿي ويئي ته جيڪڏهن ڄرڪن کان بچي ويس ته ڏينهن اڌ انهيءَ تختي تي ڪڍي وٺندس. ٽي ڪلاڪ يا ان کان به وڌيڪ وقت تختي تي قابو ٿي چهٽو رهيس، ۽ اکيون بند ڪري، پنهنجي ذهن کي رڳو انهيءَ سوچ ۾ مشغول رکيم ته ڪنهن طرح ايتري تازي هوا کائي وٺان، جيڪا ڪجهه وقت تڳائي، ۽ ساڳئي وقت انهيءَ ڪوشش ۾ رهيس ته جئن نڪ وات کي پاڻيءَ کان بچائي، ٻڏڻ کان بچندو رهان. ايتري ۾ مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيم. منهن به بند ٿي ويو هو، ۽ هوا ۽ سنڊ به ماٺا ٿيڻ لڳا هئا. ڏٺم ته مون کان اٽڪل ويهن فٽن جي فاصلي تي، ٻئي هڪ تختي تي ڪپتان اوڊائوز ۽ ”ڪافر“ چهٽا پيا هئا. ٻئي ڄڻا تختي تي قبضي ڄمائڻ جي خيال کان هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا – گهٽ ۾ گهٽ فرينچ ڪپتان کي ته مون وڙهندو ئي ڏٺو. +مون فرينچ ڪپتان جي دانهن ٻڌي، ۽ ساڳئي وقت ڏٺم ته ڏاڍي زور سان ’ڪناڪا‘ کي هڪ ٿڏو هنيائين. ان وقت ڪپتان جي جسم تي بوٽن کان سواءِ ڪابه پوشاڪ ڪانه بچي هئي، ۽ بوٽ به پاڻيءَ ۾ پسي ڳرا گهيتلا ٿي پيا هئس. ” ڪافر“ کي اهو ڌڪ ڏاڍو ظالمانه هنيو هئائين، جو هن غريب کي اها لت اچي وات ۽ کاڏيءَ جي وچ تي لڳي، ۽ هن جا اڌ حواس خطا ٿي ويا. مون سمجهيو ته هو ضرور بدلو وٺندس، پر هو ماٺ ڪري ڪپتان کان ڏهن ٻارهن فوٽن جي مفاصلي تي اڪيلو ترڻ لڳو. لهرين جي ڪري جيڪڏهن ڪپتان جي ويجهو ٿي اچي ويو، ته هو ٻنهي هٿن سان لڙڪندي، هن کي ٻنهي پيرن سان لتون هڻڻ ٿي لڳو. هر لت هڻڻ مهل، هن ڪناڪا کي ”ڪارو ڪافر“ ٿي سڏيو. + + +مون پريان ئي رڙ ڪري چيو، ”گورا حيوان، بيهه ته آءٌ ٿو تنهنجي خبر وٺان، ۽ پاڻيءَ ۾ غرق ڪريانءِ!“ پر آءٌ اوڏانهن نه وڃي سگهيس؛ ۽ منهنجي نه وڃڻ جو سبب رڳو اهو هو ته آءٌ پاڻ کي بيحد ٿڪل ۽ نستو محسوس ڪري رهيو هوس. رڳو تري اوستائين وڃڻ جي خيال به دل ۾ بيزاري ٿي پيدا ڪئي. انهيءَ ڪري مون ڪناڪا کي پاڻ ڏانهن سڏيو، ۽ پنهنجي تختي ۾ هن کي ڀائيوار ڪيم. هن پنهنجو نالو ”اوتو“ ٻڌايو (اچار هوس ’اُوتو اُو)، ۽ اهو به ٻڌايائين ته رياستن جي بنهه الهندي پاسي ”بورا بورا“ جو باشندو هو. مون کي ڪجهه وقت کان پوءِ معلوم ٿيو ته تختو پهريائين هن کي ئي هٿ لڳو هو، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڪپتان اوڊائوز کي لڙهندو ڏسي، هن کي پنهنجي تختي ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئائين، ۽ جتان ايتري مصيبت سهسائڻ کان پوءِ پاڻ ٿڏجي نڪتو هو. +اها هئي منهنجي ۽ اوتوءَ جي پهرين ملاقات. هو جهيڙاڪ يا ويڙهاڪ نه هو. هو محبت ۽ نهٺائيءَ جو مجسمو هو، نهايت پيارو انسان هو. جيتوڻيڪ ڇهن فوٽن جو قداور مڙس هو، ۽ بدن ۾ به پهلوانن وانگر پيٺل هو، پر جهيڙاڪ بنهه ڪين هو، نڪي وري ڪو ڪانئر هو. شينهن جي دل هيس؛ ۽ ايندڙ سالن ۾ هن اهڙا اهڙا جوکم سر تي کنيا، جي آءٌ هوند خواب ۾ به ڪين برداشت ڪري سگهان! +منهنجو مقصد هي آهي ته اوتو جيتوڻيڪ جهيڙاڪ نه هو، ۽ هميشھ جهيڙي جهڳڙي کان پاسو ڪندو هو، پر جڏهن سر تي اچي ويس ته ڪڏهن به پٺ نه ڏيندو هو. مون اوتوءَ کي ”ويئرشول“ ڀيري پهريون دفعو وڙهندي ڏٺو، جيڪا حالت هن ”بل ڪنگ“ سان ڪئي، سا مون کان هرگز ڪين وسرندي. ”بل ڪنگ“، آمريڪي بحري فوج ۾ باڪسنگ جو ”هيوي ويٽ چئمپين“ سمجهيو ويندو هو. هو انسان جي روپ ۾ هڪ ڀيانڪ حيوان هو، سچو پچو گوريلو ٿي معلوم ٿيو: موتمار ڌڪ هڻ��، سخت جان هجڻ ۽ ٺونشيبازيءَ جي فن ۾ ماهر هجڻ جي خصوصيتن کان هو تَرَ ۾ ڏاڍو مشهور هو. جهڳڙو به هن ئي شروع ڪيو، ۽ اوتوءَ کي ٻه لتون وهائي ڪڍيائين. اوتو جيسين وڙهڻ جي ضرورت محسوس ڪري، تيسين هن ٻيو ڌڪ به وهائي ڪڍيس. بس پوءِ ته ٻئي ڄڻا گڏجي ويا. آءٌ نٿو سمجهان ته ڪو جهڳڙي چار منٽ به جٽاءُ ڪيو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ بدنصيب بل ڪنگ جون چار پاسريون ٽن هنڌان ڀڄي پيون، هڪ ٻانهن ڀڳيس، ۽ ٻي ٻانهن ڪلهي وٽان نڪري پيس. اوتوءَ کي باڪسنگ جي هنر جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي؛ هو ته فقط پنهنجي بازن جي سگهه سان ٿي وڙهيو. اوتوءَ جي هٿان بل ڪنگ کي ان ڏينهن ’ايپيا بيچ‘ تي جيڪي ٿورڙو ڪجهه ٿيو، ان مان صحتياب ٿيڻ ۾ اٽڪل ٽي مهينا لڳي ويس. +پر آءٌ پنهنجي ڪهاڻيءَ کان اڳڀرو هليو آيو آهيان. سو مون ڳالهه پئي ڪئي ته اسين هڪ ئي تختي تي ڀائيوار ٿياسون: واري واري سان هڪڙو تختي تي ساهه پٽڻ لاءِ ليٽي ٿي پيو، ۽ ٻيو فقط هٿن جي آڌار تي ڳچيءَ تائين پاڻيءَ ۾ تڙڳندو ٿي رهيو. ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون، ان طرح واري واري سان ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ته ڪڏهن تختي تي، اسين سمنڊ ۾ لڙهندا رهياسون. آءٌ ته سڄو وقت گهڻو ڪري هذيان جي حالت ۾ هوس؛ ۽ ڪنهن ڪنهن وقت اوتوءَ کي به پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڀٽڪندو ڪرڪندو ٿي ٻڌم. گهڻي وقت ۽ لڳاتار پاڻيءَ ۾ رهڻ، اسان کي اڃ وگهي مرڻ کان بچائي وڌو هو؛ جيتوڻيڪ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي تيزابي اثر ۽ تيز اس اسان کي بنهه لوساٽي ڇڏيو هو. +آخرڪار اوتوءَ منهنجي حياتي بچائي؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ هوش ۾ آيس، تڏهن آءٌ ڪناري تي، پاڻيءَ کان ويهارو فٽ پري ليٽيل هوس، ۽ منهنجي جسم مٿان اس کان بچاءَ لاءِ ٻه ٽي ناريل جا پن پيل هئا. اوتوءَ ئي مون کي گهلي اوستائين آندو هو، ۽ ناريل جا پن مٿان وجهي ڇڏيا هئائين. هو پاڻ به منهنجي پاسي ۾ ليٽيو پيو هو. ان کان پوءِ وري آءٌ بي هوش ٿي ويس؛ ۽ ٻئي دفعي، جو اک کليم، ته ڏاڍي ٿڌيري ۽ تارن ڀري رات هئي، ۽ اوتو منهنجي چپن تي ناريل رکي، مون کي ناريل جو پاڻي ڍڪ ڍڪ ڪري پيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. +’پيٽيٽ جين‘ جهاز منجهان رڳو اسين ٻه ڄڻا بچيا هئاسين، ڪپتان اوڊائوز به شايد ٿڪ ۽ نستائيءَ جي ڪري مري ويو؛ ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس تختو خالي اچي ڪناري سان لڳو. آءٌ ۽ اوتو انهيءَ ٻيٽ جي مقامي ماڻهن سان ڪجهه ڏينهن رهي پياسون، جتان اسان کي هڪ فرينچ جهاز کڻي ”ٽهٽي“ پهچايو. انهيءَ دوران ۾ اسان هڪ ٻئي سان نالن مٽائڻ جي رسم به ادا ڪري ڇڏي هئي. ڏکڻ وارن سمنڊن ڏانهن اها رسم ٻن شخصن کي رت جي رشتي ۽ سڳن ڀائرن کان به وڌيڪ ڳنڍي ڇڏيندي آهي. انهيءَ جي شروعات به مون ئي ڪئي؛ جڏهن ساڻس اها ڳالهه ڪيم؛ تڏهن هن جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي. +”ڏاڍو چڱو ٿيو،“ هن ٽهٽين ٻوليءَ ۾ چيو، ”ڇو ته اسين موت جي وات ۾ ٻه ڏينهن ساٿي جو ٿي رهيا آهيون!“ +مون مرڪي چيو، ”پر موت اسان کان ڊڄي ويو!“ +هن جواب ڏنو ته، ”مالڪ تو نهايت بهادريءَ جو ڪم ڪيو هو، ۽ موت کي اسان سان ڳالهائڻ جي به مجال نه ٿي.“ +”تون مون کي ’مالڪ‘ ڇو ٿو سڏين؟“ مون ڏکويل انداز ۾ هن کان پڇيو. ”هاڻ ته اسان پنهنجا نالا مٽايا آهن: تو لاءِ آءٌ ’اوتو‘ آهيان، ۽ مون لاءِ تون ’چارلي‘ آهين. اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي لاءِ هميشھ هميشھ ائين ئي هونداسين: تون چارلي هوندين، ۽ آءٌ اوتو. انهيءَ رسم جو مقصد به اهوئي آهي، جڏهن اسين مري وينداسون، ۽ جيڪڏهن هن آسمان ۽ تارن جي پٺيان ڪنهن دنيا ۾ هلي رهڻو پيو، تڏهن به تون منهنجي لاءِ چارلي هوندين، ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ اوتو هوندس!“ +”هائو، مالڪ!“ هن جواب ڏنو؛ هن جون اکيون خوشيءَ کان چمڪي رهيون هيون. +”وري ڏس، وري ساڳي ڳالهه!“ مون رڙ ڪندي چيو. +هن دليل ڏيندي چيو، ”رڳو منهنجي چپن جي ڪجهه چوڻ سان ڇا ٿو ٿي پوي؟ اهو ته رڳو منهنجا چپ ٿا چون؛ آءٌ ته توکي هميشھ اوتو ئي سمجهندس. جيڏيءَ مهل به آءٌ پنهنجي باري ۾ سوچيندس، ان مهل تنهنجي لاءِ به ضرور سوچيندس؛ جڏهن ماڻهو مون کي نالي سان سڏ ڪندا، تڏهن به فوراً مون کي تنهنجو خيال ايندو؛ ۽ هنن تارن ۽ آسمانن جي پٺيان به، هميشھ هميشھ لاءِ، تون منهنجي لاءِ اوتو ئي رهندين. ٺيڪ آهي، نه مالڪ؟“ +مون پنهنجي مرڪ لڪائيندي چيو، ”هائو، ٺيڪ آهي.“ +’پپيٽيءَ‘ وٽ اسان هڪ ٻئي کان موڪلايو. آءٌ اتي ئي ساحل تي ڪجهه وقت آرام ڪرڻ لاءِ رهي پيس، ۽ هو هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنهنجي ٻيٽ ’بورا بورا‘ ڏانهن روانو ٿي ويو. ڇهن هفتن کان پوءِ، هو وري واپس اچي سهڙيو. آءُ حيرت ۾ پئجي ويس، ڇو ته هن مون کي چيو هو ته هو پنهنجي زال ڏانهن موٽي ٿي ويو، ۽ آئنده هو ڊگهين مسافرين تي وڃڻ ڇڏي ڏيندو. +خوش خير عافيت کان پوءِ هن مون کان پڇيو، ”مالڪ، هاڻ ڪيڏانهن اسهڻ جو ارادو آهي؟“ +مون پنهنجي ڪلهن کي ٿورو لوڏيو، ۽ سوچ ۾ پئجي ويس: واقعي سوال ته ڏاڍو ڏکيو هو. +نيٺ جواب ڏنم، ”سموري دنيا، سمورا سمنڊ، ۽ سمنڊن جا سمورا ٻيٽ گهمندس!“ +”آءٌ به توسان هلندس،“ هن سادگيءَ سان چيو؛ ”منهنجي زال مري ويئي!“ +مون کي ڪوبه سڳو ڀاءٌ ڪونه هو؛ پر جن ماڻهن کي سڳا ڀائر آهن، انهن جي حالت مان اندازو لڳائي ٿو چوان ته جيڪي ڪجهه اوتو منهنجي لاءِ هو، سو ڪو ڀاءُ به ڪنهن جي لاءِ ڪين هوندو. هو منهنجو ڀاءُ، منهنجو پيءُ، منهنجي ماءُ – منهنجو سڀڪجهه هو. هيءُ مون کي يقين آهي ته رڳو اوتوءَ جي طفيل ئي مون پنهنجي زندگي بهتر ۽ صحيح طريقي سان گذاري. ٻين ماڻهن جي مون کي پرواهه ڪانه هئي، پر اوتوءَ جي نظرن ۾ مون کي سڌو ٿي رهڻو هو. محض هن جي ڪري پنهنجي آبروءَ سان کيڏڻ جي مون کي همت نٿي ٿي. هن مون کي پنهنجو آدرش بنايو هو، ۽ منهنجي خيال ۾ هن پنهنجي پيار ۽ پوڄا جي جذبي هيٺ مون کي اها حيثيت ڏني هئي؛ ۽ اهڙا به موقعا آيا جڏهن آءٌ دوزخ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل هوس، ۽ جيڪڏهن اوتوءَ جو خيال مون کي نه روڪي ها ته هوند آءٌ ڪڏهوڪو ان ۾ ڪري پوان ها. هن جو مون تي فخر ۽ غرور، خود مون ۾ پيهي آيو هو، تان جو منهنجي ذاتي اخلاق جو اهو هڪ مکيه متو ٿي پيو ته آءٌ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندس، جا هن جي غرور ۽ فخر کي صدمو رسائي. +ظاهر آهي ته هن جا منهنجي لاءِ جيڪي جذبات هئا، انهن کي هڪدم آءٌ پروڙي ڪين سگهيس. هو ڪڏهن به مون تي ڪا نقطه چيني نه ڪندو هو؛ ڪڏهن به مون کي پنهنجي غلطين تي ڪين ٽوڪيندو هو؛ ۽ آهستھ آهستھ، هن جي اکين ۾ جيڪو منهنجو بلند مقام هو، سو مون تي واضح ٿيڻ لڳو؛ ۽ رفتھ رفتھ مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته منهنجي ڪا ٿوري ۾ ٿوري لغزش به هن جي جذبات کي بي انتها ڏکوئي ۽ زخمي ڪري ٿي سگهي. +اسين سترهن سال گڏ رهياسون؛ سترهن ئي سال هو بنهه گڏ مون ساڻ رهندو آيو: آءُ ننڊ ڪندو هوس، ته هو منهنجي نگهباني ڪندو هو؛ مون کي ڦٽ ڦرڙي يا ڪو تپ تاءُ ٿيندو هو، ته منهنجي تيمارداري ڪندو هو ؛ - نه رڳو ايترو، پر منهنجي لاءِ وُڙهي پنهنجي سر تي سٽون سهندو هو. هن پنهنجو نالو به ان جهاز تي داخل ڪرايو، جنهن تي آءٌ سوار ٿيس؛ ۽ ’هوائي‘ کان ’سڊني هيڊ‘ ۽ ’ٽوريس‘ کارين کان ’گالا پگوس‘ تائين سمورو پئسفڪ سمنڊ گڏجي لتاڙيوسون. ’نيو هيبرائيڊس‘ ۽ ’لائين‘ ٻيٽن کان وٺي الهندي طرف سڌو، ’لوليسياڊس‘، ’نيو برٽن‘، ’��يو آئرلنڊ‘، ۽ ’نيو هئنوور‘ تائين اسين ٻانهنِ جو واپار ڪندا رهياسون. ٽي ڀيرا اسان جا جهاز تباهه ٿيا – ’جبرالٽر‘ ۾، ’سانتا ڪروز‘ ۾، ۽ ’فجي‘ ٻيٽن ۾. ڪٿي به اسان کي واپار سانگي، موتين، سپن، ناريلن، ڪَڇُن ڪُمين جي کلن ۽ جهازن جي ڀڳل ٽٽل شين مان هڪڙي ڊالر ڪمائڻ جي به اميد هئي، اتي اسين گڏجي ويندا هئاسون. +هن جڏهن دور دور سمنڊن ۽ ٻيٽن ڏانهن مون سان گڏجي هلڻ جو ارادو ڪيو، ان کان ٿورڙو وقت پوءِ هڪ ڀيري اسين ’پپيٽيءَ‘ ڏانهن اچي رهيا هئاسون. پپيٽيءَ ۾ انهن ڏينهن هڪڙي ڪلب هوندي هئي، جتي ڏکڻ سمنڊ جا موتين جا سوداگر، واپاري، ڪپتان ۽ ٻيا ڪيترائي اوباش ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا، جوا زور شور سان هلندي هئي، شرابن جا دنگ پيا لٽبا هئا؛ ۽ آءٌ اتي نهايت دير ۽ ڪمهلي وقت تائين ويٺو هوندو هوس، جا ڳالهه مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ بنهه شانائتي ڪانه هئي. جڏهن رات جو آءٌ ڪلب مان نڪرندو هوس، تڏهن کڻي ڪهڙو به ڪمهلو وقت هجي، اوتو در جي ٻاهران، مون کي سلامتيءَ سان گهر پهچائڻ لاءِ ڌرني ماريو ويٺو هوندو هو. +شروع شروع ۾ ته سندس هن روش کي مون کلي ٽاري ڇڏيو، پر پوءِ جهڻڪيومانس. نيٺ سڌو سنئون چئي ڏنومانس ته ”مون کي ڪنهن نگهبان جي ضرورت نه آهي.“ ان کان پوءِ، ڪلب کان ٻاهر نڪرڻ وقت اوتو ٻاهر نظر نه آيم. اوچتو هڪ ڀيري، هفتو ڏيڍ پوءِ، مون کي خبر پئجي ويئي ته اڃا ائين، مون کي گهر تائين سلامت پهچائڻ لاءِ، گهٽيءَ جي هن ڀر انبن جي وڻن جي پاڇولن ۾ لڪندو، هو پٺيان پٺيان پيو ايندو هو. آءٌ ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ ۽ پوءِ جيڪي ڪجهه ڪيم، سو آءٌ ڄاڻان ٿو. +ان کان پوءِ آءٌ غير محسوس طرح سوير موٽڻ لڳس. بارش يا طوفان جي راتين ۾، عيش عشرت ۽ جوا بازي جڏهن پنهنجي پوري زور تي هوندي هئي، ان وقت مون کي لامحاله اوتوءَ جو خيال ايندو هو، ۽ انبن جي وڻن وچان سندس مون تي لڪل نظرداري ياد اچي ويندي هئي. واقعي، هن مون کي هڪ بهتر انسان بنائي ڇڏيو. هو مذهب جو ايترو پائبند ۽ پرهيزگار به ڪين هو، ۽ هن کي عام عيسائي اخلاقيات جي به ڪا خبر ڪانه هئي. ”بورا بورا“ ٻيٽ جا سمورا ماڻهو عيسائي هئا، پر هي ڪافر هو؛ پنهنجي ٻيٽ تي اڪيلو منڪر ۽ ملحد شخص هو: بنهه ماده پرست هو، جنهن کي اهو عقيدو هو ته جڏهن هو مري ويندو، تڏهن هو هميشھ لاءِ مري ويندو. هن جو يقين فقط سچائيءَ، نيڪيءَ ۽ جائز ۽ مناسب سلوڪ ۾ هو. هلڪڙائيءَ واري ڪميڻپ، هن جي اصولن موجب، خون ڪرڻ جهڙو ئي سنگين جرم ۽ گناهه هو، ۽ مون کي اهو يقين آهي ته هو هڪ خونيءَ کي هڪ ذليل ۽ ڪميڻي ماڻهوءَ کان دل ۾ وڌيڪ عزت ۽ احترام لائق سمجهندو هو. +رهيس آءٌ، سو منهنجي ذات لاءِ هو منهنجي هر انهيءَ ڳالهه تي اعتراض ڪندو هو؛ جيڪا منهنجي لاءِ نقصانڪار هوندي هئي. هو خود به هڪ شوقين جواري هو، پر چوندو هو ته رات جو ڪمهلو کيڏڻ صحت لاءِ نقصانڪار هو. هن اهڙا ماڻهو تپن ۾ لڇندي مرندي ڏٺا هئا، جن پنهنجي صحت جي اون نه ٿي ڪئي. هو نشي کان خواه مخواه باغي، يا بنهه صوفي ڪونه هو؛ ۽ جڏهن جهازن يا ٻيڙين تي صورتحال اهڙي تهڙي هوندي هئي ته هو پاڻمرادو ٻه ٽي تيز گلاس خوشيءَ سان چاڙهي ڇڏيندو هو. پر هو شرابخوريءَ ۾ به اعتدال جو حامي هو. هن ڪيترن ماڻهن کي اسڪاچ وسڪيءَ جي بي انداز پيڻ ۽ نشي جي ڪري مردو، يا ذليل ٿيندو ڏٺو هو. +اوتوءَ جي دل ۾ هميشھ منهنجي ڀلائيءَ جو اونو هوندو هو. هو منهنجي لاءِ مون کان به ٻه قدم اڳتي سوچيندو هو، منهنجي رٿن تي غور ڪندو هو، ۽ انهن ۾ مون کان به وڌيڪ دلچسپي وٺندو هو. شروع شروع ۾ جڏهن مون کي هن جي انهيءَ دلچسپيءَ جو پتو ڪونه هو، تڏهن هو منهنجي ارادن کي پاڻ تاڙي ويندو هو: مثال طور پپيٽيءَ ۾ هڪ مقامي ٺڳ ۽ دوکيباز ماڻهوءَ سان هڪ ڀيري سانڊن جي واپار ۾ ڀائيواري ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هوس – تڏهن مون کي خبر ڪانه هئي ته اهو شخص ڪو بدمعاش هو. ’پپيٽيءَ‘ ۾ ڪنهن به گوري ماڻهوءَ کي اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هو ٺڳ ۽ بدمعاش هو. اوتوءَ کي به خبر ڪانه هئي؛ پر جڏهن هن ڏٺو ته اسين پاڻ ۾ گهرا ٿيندا پئي وياسون، تڏهن منهنجي چوڻ کان سواءِ پتو لهي آيو. ’ٽهٽيءَ‘ ۾ ڪيترا مقامي ملاح اچي گڏ ٿيندا آهن؛ ۽ اوتو رڳو ٿوري شڪ پوڻ جي ڪري، انهن وٽ وڃي فوراً سڄي معلومات هٿ ڪري آيو، جنهن مان هن جو شڪ پڪو ٿي ويو، ۽ ڳالهه سچي نڪتي. ”رنڊولپ واٽرس“ ٺڳ جي زندگي هڪ عجيب واردات هئي، ۽ جڏهن اوتوءَ مون کي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي، تڏهن مون کي خود يقين نه پئي آيو. پر جڏهن مون ”واٽرس“ کي منهن تي چئي ڏنو، تڏهن هو ماٺڙي ڪري، منهن ڦلهڙو ڪري نڪري ويو، ۽ ان ئي ڏينهن پهرئين جهاز ۾ ”’آڪلنڊ‘ ڏانهن رفوچڪر ٿي ويو. +ايترو اعتراف مون کي ڪرڻو پوي ٿو، ته اول اول منهنجي معاملن ۾ اوتوءَ جي هن دخل اندازيءَ تي مون کي ڪاوڙ اچي ويندي هئي. پر مون کي خبر هئي ته انهيءَ ۾ هن کي پنهنجي ذاتي لالچ ڪانهي؛ ۽ نيٺ مون کي سندس ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ۽ ترت فيصلي جي قوت کي تسليم ڪرڻو پيو. هن جون اکيون هميشھ منهنجي لاءِ بهترين موقعي جي تلاش ۾ هونديون هيون. هو ڏاڍو تيز فهم ۽ دور انديش شخص هو. ٿوري ئي وقت ۾ هو منهنجو صلاحڪار بنجي پيو، ۽ منهنجي معاملن جي مون کان به وڌيڪ خبر هن کي هوندي هئي. هن کي منهنجو مفاد، مون کان به وڌيڪ پيارو هو. منهنجي ته ڄڻ جوانيءَ جي لاغرض ۽ بي پرواهه طبيعت هئي، ڇو ته آءٌ محض ڊالرن، ۽ عيش عشرت جي زندگيءَ جو ڪو ڏيو هوس. ان ڪري چڱائي انهيءَ ۾ هئي ته منهنجي معاملن جي ڪو شخص نظرداري ڪندو رهي. مون کي يقين آهي ته اوتو نه هجي ها، ته اڄ آءٌ به هتي نه هجان ها! +بي شمار واقعن مان، آءٌ هڪڙو واقعو ٿو اوهان کي ٻڌايان. ’پاموٽس‘ ۾ موتين جي سوداگريءَ تي وڃڻ کان اڳ، مون کي حبشي ٻانهَن جي واپار جو ڪجهه آزمودو هو. ’ساموئا‘ ساحل تي آءٌ ۽ اوتو ترسيل هئاسين – اسين ڪناري تي لٿل هئاسين، ۽ پئسو پنجڙ به ڪونه بچيو هو -، تڏهن ٻانهَن جي سوداگرن جي هڪ ٻيڙي، حبشين کي ڀرتي ڪرڻ جي نوڪريءَ جو موقعو ملي ويم. اوتوءَ به هڪ ملاح طور پاڻ کي ڀرتي ڪرايو؛ ۽ ان ڏينهن کان برابر ڇهه سال اسين ’ميلنيشيا‘ جي خطرناڪ ۽ ڀيانڪ علائقن ۾ گڏ ڀٽڪندا رهياسون. اوتو هميشھ اها ڪوشش ڪندو هو ته هن کي منهنجي ٻيڙيءَ ۾ ونجهه هڻڻ جو موقعو ملي. ٻانهَن کي ڀرتي ڪرڻ جو اسان وٽ دستور اهو هوندو هو ته ڀرتي ڪرڻ واري ٻيڙي ڪناري تي آڻي بيهاريندا هئاسين. هڪ وڏي بچاءَ جي وڏي ٻيڙي ڪناري کان ڪجهه سو فٽن جي مفاصلي تي لنگر کڻڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺي هوندي هئي. جڏهن آءٌ پنهنجي ٻيڙي ڇڏي، سودي جي سامان سان هيٺ لٿس، تڏهن اوتو به پنهنجي جاءِ تان اٿي ٻيڙيءَ جي پوري وچ تي ٿي بيٺو، جتي هڪ ’ونچيسٽر‘ بندوق ٽاٽ جي ٽڪري ۾ ويڙهي رکي هئي ته جئن ضرورت پوڻ شرط امالڪ اتان کڻي سگهجي. ٻيڙيءَ جا ٻيا ملاح به سڀ هٿياربند هئا: هنن وٽ ٽوٽيءَ واريون بندوقون هيون، جي ٻيڙيءَ جي ڪناري تي ٽاٽ جي پردن ۾ ڍڪيون پيون هيون. جيسين آءٌ گهنڊيدار وارن وارن حبشين سان ڳالهيون ڪري، کين ’ڪئينسلنڊ‘ ۾ ٻنين تي ڪم ڪرڻ لاءِ هرکائيندو هوس، تيسين اوتو ڏاڍي خبرداريءَ سان پيو چوڪسي ڪندو هو؛ ۽ اڪثر ڪري حبشين جي مشڪوڪ حرڪتن ۽ دوکيبازيءَ کان هلڪا آواز ڪري مون کي خبردار ڪندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هن جي رائيفل مان هڪ گوليءَ جو تکو آواز، مون کي پنهنجي جاني خطري جو پهريون ئي چتاءُ ڏيندو هو. اهڙن وقتن تي جڏهن آءٌ پنهنجي ٻيڙيءَ ڏانهن ڀڄندو هوس، تڏهن اوتو اڳي ئي ونجهه تيار ڪيو ويٺو هوندو هو ته جئن مون کي سلامتيءَ سان ڪڍي وڃي. هڪ ڀيرو، مون کي ياد آهي، ’سانتا ائنا‘ ۾، ڪناري سان ٻيڙي لڳڻ شرط آفت اچي ويئي. بچاءَ واري ٻيڙي اسان جي مدد لاءِ تيزيءَ سان اچڻ لڳي، پر سوين وحشي ان جي پهچڻ کان اڳ اسان کي ختم ڪري ڇڏين ها: ان وقت اوتو ٽپو ڏيئي ڪناري تي لهي پيو، ۽ سودي جي سامان ۾ ٻئي هٿ وجهي، چئن ئي طرفن تي تماڪ، موتين جون مالائون، ڪاترون، چاقو ۽ ڪپڙا پکيڙي ڇڏيائين. +گهنڊيدار حبشين لاءِ اهو ڪافي هو. جيسين هو انهيءَ خزاني کي ميڙين، تيسين اسين ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي چاليهه فٽ کن پاڻيءَ ۾ نڪري وياسين. ان ساڳئي ٻيٽ تي چئن ڪلاڪن کان پوءِ، مون ٽيهه ڄڻا ڀرتي ڪيا. +جيڪو خاص واقعو آءٌ ٻڌائڻ گهران ٿو، سو ’مئليٽا‘ ٻيٽ تي ٿيو؛ اهو ٻيٽ ’سالومن‘ ٻيٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ وحشي ٻيٽ آهي. مقامي ماڻهو غير معمولي طرح، مهربانيءَ ۽ قرب سان پيش اچي رهيا هئا؛ ۽ اسان کي ڪهڙي خبر ته سڄي ڳوٺ جي ماڻهن گذريل ٻن سالن کان چندا گڏ ڪري رکيا هئا ته هڪ گوري ماڻهو جو سر خريد ڪن؟ اهي ڪميڻا سڀ آدمخور هئا، ۽ هنن کي گوري ماڻهوءَ جو سر وڌيڪ پسند ايندو هو. هنن منجهان جيڪو شخص، گوري ماڻهوءَ جو سر آڻيندو هو، ان کي اهو سمورو گڏ ٿيل خزانو ڏيندا هئا. جيئن آءٌ چئي چڪو آهيان، هو ڏاڍا مهربان نظر اچي رهيا هئا؛ ۽ ان ڏينهن آءٌ ڪناري تي ٻيڙيءَ کان سو کن وال اڳڀرو نڪري آيو هوس. اوتوءَ مون کي اڳ ۾ ئي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو؛ ۽ هميشھ جيان، جڏهن هن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنم، ته آفت ۾ اڙجي ويس. +اول ته وڻن جي ٻوڙن مان مون تي ڀالن جو وسڪارو ٿي ويو. اٽڪل ٻارنهن ڀالا اچي منهنجي بدن ۾ کتا. مون ڀڄڻ شروع ڪيو، پر هڪڙو ڀالو جيڪو بڪيءَ ۾ لڳو هو، تنهن تي ٿاٻڙجي ڪري پيس. حبشين وٺي منهنجي پويان ڊڪ پاتي؛ هر هڪ جي هٿ ۾ هڪ وڏي ڳن سان ڊگهو ڪات هو، جنهن سان منهنجي سر وڍڻ جو ارادو هون. هو انعام حاصل ڪرڻ جي خيال ۾ اهڙا ته محو ۽ مگن هئا، جو هڪ ٻئي سان ٽڪرجڻ لڳا. انهيءَ مونجهاري ۾، ريتيءَ تي پاڻ کي ساڄي کاٻي اڇلائيندي، مون ڪيترا وار گسائي ڇڏيا. +پوءِ ته اوتو اچي پهتو. ڪنهن طرح هن کي ڳرو ڏنڊو هٿ چڙهي ويو هو، ۽ هٿو هٿ مقابلي ۾ اهو ڏنڊو بندوق کان به وڌيڪ ڪارگر هو. اوتو بنهه سندن وچ ۾ بيهي رهيو، ان ڪري هو هن تي ڀالي سان حملو به نه ٿي ڪري سگهيا، ۽ سندن ڪات ته بنهه بيڪار ثابت ٿيا. هو منهنجي لاءِ وڙهي رهيو هو، ۽ جوش ۾ بنهه وحشي ٿي بيهي رهيو. جنهن نموني هو ڏنڊي کان ڪم وٺي رهيو هو، سو حيرت انگيز هو. هنن جون کوپڙيون پڪل نارنگين وانگر ڦسي ٿي پيون. تيسين هن کي ڪو زخم ڪونه پهتو، جيسين سڀني کي هڪالي، مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي ڊوڙڻ نه شروع ڪيائين. ٻيڙيءَ تائين پهتو، ته سندس پٺ ۾ چار ڀالا اچي کتا؛ ايندي شرط اچي ’ونچيسٽر‘ بندوق کنيائين، ۽ هر گوليءَ سان هڪڙو حبشي ٿي ڪيرايائين. پوءِ اسين ٻيڙي ڪڍي اڳتي نڪري وياسون، ۽ سلامتيءَ جي جاءِ تي ويهي مرهم پٽيءَ جو بندوبست ڪيوسون. +سترهن سال اسين گڏ هئاسون: هن مون کي سڀڪجهه بنائي ڇڏيو. جيڪڏهن هو نه هجي ها ته اڄ آءٌ وڌ ۾ وڌ يا ڪو مال ڪپتان هجان ها، يا ته اهوئي حبشي غلامن جو ڀرتي ڪندڙ. +هڪ ڏينهن هو چوڻ لڳو ته ”تون پنهنجا پئسا خرچ ڪري ٿو ��ڏين؛ ٻاهر وڃي وري ڪمائي ٿو اچين. هن وقت ناڻو ڪمائڻ سولو آهي. پر جڏهن تون ٻڍو ٿي ويندين، ۽ تنهنجو ناڻو به خرچ ٿي ويندو، تڏهن تون ٻاهر وڃي ڪمائي ڪين سگهندين. مالڪ، مون کي سڄي خبر آهي. مون گورن ماڻهن جي طريقي کي چڱيءَ طرح پروڙيو آهي. ساحلي ٻيٽن تي مون ڪيترا ٻڍڙا ڏٺا آهن، جيڪي ڪنهن وقت جوان هئا، ۽ تو وانگر ناڻو ڪمائي ٿي سگهيا. هاڻ هو ٻڍڙا ٿي ويا آهن، ۽ پئسو پنجڙ به ته ڪين اٿن؛ ۽ هاڻ فقط تو جهڙن جوانن جي انتظار ۾ آهن، ته مَنَ هنن کي ٻه ٽي ڍڪ شراب جا خريد ڪري ڏين! +”حبشي نينگر ٻنين تي ٻانهو ٿي ڪم ٿو ڪري، کيس سال ۾ ويهه ڊالر ٿا ملن: هو سخت پورهيو ٿو ڪري. داروغو محنت ڪين ٿو ڪري: رڳو گهوڙي تي چڙهي حبشي نينگر جي ڪم جي نگهباني ٿو ڪري؛ هن کي سال ۾ ٻارنهن سو ڊالر ٿا ملن. آءٌ ٻيڙين يا جهازن تي ملاح ٿي ٿو ڪم ڪريان. مون کي مهيني ۾ پندرهن ڊالر ٿا ملن: اهو به ان ڪري جو آءٌ هڪ سٺو ملاح آهيان؛ آءٌ پورهيو به سخت ٿو ڪريان، ڪپتان کي ٻٽي ڪمائي آهي، ۽ هو ڊگهين ڊگهين بوتلن منجهان سدائين بيئر پيئندو ٿو رهي. مون هن کي ڪڏهن ڪو رسو ڇڪيندي يا ونجهه هڻندي ڪين ڏٺو آهي. ڏيڍ سو ڊالر مهيني ۾ ٿا ملنس. آءٌ ملاح آهيان، ۽ هو جهازن کي ٿو هلائي. مالڪ، منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن تون جهاز هلائڻ سکين، ته ڏاڍو سٺو!“ +اوتوءَ مون کي اشتياق ڏياري، نيٺ اهو ڪم سيکارايو. منهنجي پهرئين ٻن سڙهن واري ننڍي جهاز تي هو منهنجو نائب ڪپتان ٿي رهيو، ۽ منهنجي قيادت تي مون کان به وڌيڪ هن کي فخر هو. ڪجهه وقت کان پوءِ چوڻ لڳو: ”مالڪ، ڪپتان کي برابر پگهار سٺو ٿو ملي، پر جهاز جي نگهباني ۽ سنڀال به هن کي ئي ڪرڻي ٿي پوي، ۽ انهيءَ اون کان هو ڪڏهن به فارغ ڪين ٿو رهي. جهاز جي مالڪ کي سٺي ڪمائي ٿي ٿئي – جهاز جو مالڪ، جيڪو شهر ۾ نوڪرن چاڪرن سان آسائش ۽ فرحت ۾ رهي، پئسا ٺاهيندو ٿو رهي!“ +”ٺيڪ آهي، پر ننڍي ۾ ننڍو جهاز به پنج هزار ڊالر ٿو کائي – سو به پراڻو جهاز.“ مون اعتراض ڪندي چيو. ”پنج هزار ڊالر گڏ ڪرڻ ۾ منهنجي ته عمر ئي ڳري ويندي!“ +”گورن لاءِ ناڻي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي سولا رستا آهن.“ هن ناريل جي وڻن سان ڍڪيل ساحل ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ان وقت اسين ’سالومن‘ ٻيٽن تي هئاسين، ۽ ’گاڊل ڪئنال‘ جي اڀرندي ڪناري تان عاج جو مال لڏي آيا هئاسون. +”هن درياهه ۽ ٻئي درياهه جي وچ ۾ ٻه ميل فاصلو آهي،“ هو چوڻ لڳو. ”اتان سڌي زمين ڪافي پري تائين هلي ٿي وڃي. هينئر ان جو ڪوبه ملهه ڪونهي. آئينده سال ڪهڙي خبر؟ يا ان کان ٻئي سال انهيءَ زمين لاءِ ماڻهو ڪافي ناڻو آڇيندا. لنگر گاهه چڱو آهي. وڏا آگبوٽ ويجها بيهي سگهن ٿا. ٻڍڙي سردار کي، تون ڏهه هزار تماڪ جون ڏانڊيون، ڏهه بوتلون شراب جون، ۽ هڪڙي ٽوٽيءَ واري بندوق ڏيئي، اها زمين خريد ڪري سگهين ٿو – ان تي ڪل خرچ سئو ڊالر مس ٿيندو. اهو دستاويز تون ڪمشنر وٽ داخل ڪرائي، جمع ڪرائي ڇڏ. آئينده سال، يا ان کان سال پوءِ، اها زمين وڪڻي، تون آسانيءَ سان جهاز خريد ڪري سگهين ٿو.“ +مون هن جي صلاح تي عمل ڪيو، هن جا لفظ بلڪل صحيح ثابت ٿيا؛ البت ان ۾ ٻن جي بجاءِ ٽي سال لڳي ويا. ان کانپوءِ، ’گاڊل‘ ڪئنال جي چراگاهي زمين وارو سودو ڪيوسون – ويهه هزار ايڪڙ زمين، نو سو نوانوي سالن جي سرڪاري مقاطعي تي نهايت ٿورن پئسن ۾ ملي ويئي. مون وٽ اها زمين فقط نوي ڏينهن رهي، ۽ پوءِ هڪ ڪمپنيءَ کي وڪڻي ڇڏيم، ۽ ان منجهان به چڱي خاصي دولت ملي ويم. اوتو ئي هميشھ دور انديشي ڪري اهڙا موقعا تلاش ڪندو هو. ’ڊانڪاسٽر‘ جهاز جي سودي لاءِ به هو ئي ذميدار هو – نيلام ۾ سئو پائونڊن ۾ ورتائين، ۽ خرچ لٿي ان مان ٽي هزار پيدا ڪيائين. هن ئي مون کي ’سوائي‘ جي ٻنين، ۽ ’اپولو‘ تي ”ڪوڪا“ (هڪ قسم جي وڻ جي ڇوڏن) جو سودو ڪرايو. +اسين اڳئين جيترو بحري سفر ڪونه ڪندا هئاسون. آءٌ ڪافي سکيو ۽ مالدار ٿي چڪو هوس. شادي ڪيم، ۽ زندگيءَ جو معيار به بلند ٿي ويو؛ پر اوتو ساڳيو اوتو رهيو: پٺن تي هڪ شلنگ جي گنجي، چئن شلنگن واري پراڻي پتلون، وات ۾ ڪاٺ جو پائيپ – سڄو ڏينهن گهر يا آفيس ۾ پيو اچ وڃ ڪندو هو. پئسي ڏوڪڙ خرچڻ لاءِ، ڪوشش جي باوجود، آءٌ هن کي آمده ڪري نه سگهيس. هن جي ٿورن لاهڻ جو رستو سواءِ کيس پيار ڏيڻ جي، اسان وٽ ٻيو ڪوبه ڪونه هو، ۽ اهو ڀرپور پيار خدا ٿو ڄاڻي هن کي اسان وٽان هر طرح ملندو هو. ٻار ته بنهه کيس پوڄيندا هئا؛ ۽ جيڪڏهن گهڻي پيار سبب کري پوڻ جهڙو هجي ها، ته منهنجي زال جو پيار يقيناً هن جو مٿو ڦيرائي ڇڏي ها. +ٻار! هن منهنجن ٻارن کي زندگيءَ جي عملي ميدان ۾ واقعي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سيکاريو. هن ئي هنن کي پنڌ سيکاريو. جڏهن ٻار بيمار ٿيندا هئا، ته هي سندن مٿان راتين جون راتيون ويٺو رهندو هو. هر هڪ ٻار کي، اڃا هو پنڌ ڪرڻ جهڙو مس ٿيو ته ڀرواري تانگهي ڍنڍ تي وٺي ويندو هو، ۽ اهڙي طرح سڀني ٻارن کي سٺو تارو بنائي ڇڏيائين. مڇين جي عادتن ۽ کين ڦاسائڻ جا اهڙا گُر هنن کي سيکاريائين، جن جي مون کي به خبر ڪانه هئي. ”ٽام“ ستن سالن جو ٿيو ته هن کي واڍڪو ڪم ايترو اچي ويو، جو آءٌ خواب ۾ اهڙو ڪين ڪري سگهان. ”ميري“ ڇهن سالن جي هئي، ته اُڀي ٽڪريءَ تان بنا ڪنهن ٿيڙ کائڻ جي تيزيءَ سان لهي ويندي هئي - ۽ مون چڱن خاصن مضبوط ماڻهن کي انهيءَ معاملي ۾ دل هڻندي ڏٺو آهي؛ ۽ ”فرئنڪ“ اڃا ڇهه سال مس پورا ڪيا، ته ارڙهن ويهن فوٽن جي اونهي پاڻيءَ منجهان ٽٻي هڻي، شلنگ جا سڪا ڪڍي ايندو هو. +”’بورا بورا‘ ۾ منهنجي قوم جا ماڻهو اسان ڪافرن کي پسند ڪين ٿا ڪن – اهي سڀ عيسائي آهن؛ ۽ مون کي وري ’بورا بورا‘ جا عيسائي ڏٺي ڪين وڻن.“ هڪ ڏينهن هو چوڻ لڳو. هڪ ڀيري جڏهن کيس ڪجهه پئسن خرچڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جيڪي سچ پچ هن جا پنهنجا هئا، مون کيس اسان جي جهازن مان هڪڙي جهاز تي پنهنجي ٻيٽ تان گهمي ڦري اچڻ لاءِ آڇ ڪئي، تڏهين هن جو اهو سفر هن جي ”فضول خرچيءَ“ جو هڪ انوکو مثال ٿي پوي ها! +مون ’اسان جي جهازن‘ جا لفظ استعمال ڪيا آهن، جيتوڻيڪ قانوني طرح اهي صرف منهنجي ملڪيت هئا. هن کي پاڻ سان ڀائيوار ڪرڻ لاءِ مون کي واقعي ڏاڍا مٿا مونا هڻڻا پيا. +آخر هن چيو: .اسين ’پيٽيٽ جين‘ جي ٻڏڻ واري ڏينهن کان ڀائيوار رهيا آهيون. پر جيڪڏهن تنهنجي دل هروڀرو ائين ٿي گهري ته پوءِ اسين بيشڪ قانوني طرح به ڀائيوار ٿينداسون. مون کي ڪوبه ڪم ڪار ڪونهي، ان هوندي به منهنجو خرچ وڏو آهي: آءٌ کان پيئان گهڻو ٿو، ۽ تماڪ به گهڻو ٿو ڇڪيان – مون کي خبر آهي ته ان تي ڪافي خرچ ٿو اچي. ’بليئرڊس‘ راند لاءِ به آءٌ پئسا ڪونه ڀريان، جا تنهنجي ميز تي کيڏندو آهيان؛ پر تڏهن به پئسا ته وڃن ٿا. مڇي مارڻ اميرن جو شوق ۽ وندر آهي: ڪنيون ۽ رسيون به مهانگيون آهن. هائو؛ ضروري آهي ته اسين قانوني طرح ڀائيوار ٿيون. مون کي پئسي جي ضرورت آهي. آءٌ آفيس جي وڏي منشيءَ کان پاڻهي پيو وٺندس.“ +سڀ ڪاغذ پٽ تيار ٿي ويا. سال کن کان پوءِ وري مون کي شڪايت ڪرڻي پئي. +مون کيس چيو، ”چارلي، تون ته ڪو وڏو ٺڳ آهين: بنهه ڪنجوس، مرچوٽ ۽ زمين جو چچڙ آهين. هي ڏس سڄي ڌنڌي جي نفعي ۾ تنهنجي ڀائيواريءَ جو حصو هزارين ڊالر ٿيو آهي. وڏي منشيءَ مون کي هي ڪاغذ ڏنو آهي: ان ۾ لکيل آهي ته سڄي سال ۾ تو فقط ستاسي ڊالر، ويهه سينٽ کنيا آهن!“ +”ڪجهه بچت ٿي اٿم ڇا؟“ هو ڪجهه فڪرمند ٿي پڇڻ لڳو. +مون رڙ ڪندي جواب ڏنو، ”ڪي ئي هزار ڊالر!“ +هن جو چهرو ڄڻ ته ڪنهن وڏي بوجي لهي وڃڻ ڪري ٽڙي پيو. ”ڏاڍو چڱو ٿيو،“ هو چوڻ لڳو، ”پر ڏسج متان وڏو منشي حساب ڪتاب ٺيڪ نه رکي. جڏهن به مون کي ضرورت پئي، ته آءٌ پاڻهي کانئس وٺندس، پر هڪڙي سينٽ جي به کوٽ ۽ غلطي نه ٿيڻ گهرجي.“ +پوءِ ٿورو ترسي منهن ڳاڙهو ڪري چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن ڪا پائي به کٽي، ته اها منشيءَ جي پگهار مان اڳڙڻ کپي.“ +مون کي ڪافي وقت کان پوءِ خبر پئي ته هن جي وصيت ۾، جيڪا ’ڪاروٿرس‘ وڪيلن تيار ڪئي، هئي، ۽ آميريڪي ايلچيءَ جي ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ رکيل هئي، هن مون کي پنهنجو اڪيلو وارث مقرر ڪري ڇڏيو هو. +پر نيٺ پڇاڙي آئي، جيئن هر انساني رفاقت جي نيٺ پڇاڙي ضرور اچڻي آهي. اهو واقعو ’سالومن‘ ٻيٽن تي ٿيو، جتي اسان جي جوانيءَ جي طوفاني ڏينهن ۾ زندگيءَ جو سڀ کان مشڪل ڪم سرانجام ٿيو هو؛ ۽ جتي هڪ ڀيرو وري محض تفريح لاءِ آيا هئاسين. ان سان گڏ ’فلوريڊا‘ ٻيٽ تي پنهنجي ملڪيت جي نظرداري ڪرڻ، ۽ ’مولي پاس‘ ۾ موتين لڀڻ جي امڪانن کي جاچڻ جو به ارادو هو. اسين ’ساوو‘ ٻيٽ تي ترسيل هئاسين. +’ساوو‘ موتمار ڄرڪن جو ڄڻ ته گهر هو. حبشي پنهنجي مُردن کي سمنڊ ۾ اڇلائيندا هئا، سو انهيءَ ڪري آس پاس جي پاڻين ۾ ڄرڪا هميشھ پيا لامارا ڏيندا هئا. بدقمستيءَ سان، هڪ ڏينهن آءُ حد کان وڌيڪ لڏيل، هڪ ننڍڙيءَ مقامي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي آيس، ته ٻيڙي اُٿلي پئي، ٻيڙيءَ ۾ مون کان سواءِ چار حبشي به چڙهيل هئا – يا ائين کڻي چئجي ته ٻيڙيءَ ۾ اڀ کُڙيا بيٺا هئا. جهاز سئو کن والن جي مفاصلي تي بيٺل هو. مون اتان ئي رڙ ڪري جهاز وارن کي ٻيڙي موڪلڻ جا اشارا پئي ڏنا، ته هڪڙي حبشيءَ وٺي دانهن ڪئي. ٻيڙيءَ جي ڪنڊ ۾ سندس هٿ پيل هئا، ۽ پنج ڇهه ڀيرا پاڻيءَ هيٺان هن کي ۽ ٻيڙيءَ کي ڇڪ آئي. نيٺ هن جا هٿ ڇڏائي ويا، ۽ گُم ٿي ويو. هڪڙو ڄرڪو کيس ڳهي ويو. +باقي بچيل ٽن حبشين پاڻيءَ مان نڪري ٻيڙيءَ جي پٺيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. مون گهڻيون ئي دانهون ڪيون، ۽ ويجهي بيٺل حبشيءَ کي ٻه چار مڪون به وهائي ڪڍيم، پر وريو ڪجهه به ڪين. ٻيڙي هڪڙي جو بار به مس سهي سگهي ها، سو ٽن جي بوجي ڪري پاسيري ٿي پيئي،۽ ٽيئي ڄڻا اڇلجي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪِريا. +مون ٻيڙيءَ کي ڇڏي، جهاز ڏانهن ترڻ شروع ڪيو، ۽ اميد هيم ته جهاز تائين پهچڻ کان اڳ بچاءَ جي ٻيڙي اچي مون کي کڻي وٺندي. هڪڙو حبشي به مون سان گڏ ترڻ لڳو، ۽ اسين خاموشيءَ سان هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ترندا هلياسون. ڪيڏي ڪيڏي مهل، پاڻيءَ ۾ منهن وجهي، ڄرڪن جو خيال به ڪندا رهياسون. جيڪو ماڻهو ٻيڙيءَ سان چهٽيو رهيو، تنهن جي دانهن مان سمجهيوسين ته هو به ڄرڪن جي ور چڙهي ويو. مون پاڻيءَ ۾ پئي نهاريو ته ڏٺم ته هڪ وڏو هيبتناڪ ڄرڪو بنهه منهنجي هيٺان لنگهي ويو. سورنهن فوٽن کان به ڊگهو هو. مون سڄو واقعو اکين سان ڏٺو: ويچاري حبشيءَ کي ڄرڪي کڻي وچ مان ورتو، ۽ کڻي وٺي ڀڳس؛ ويچاري جو منهن، ڪلها ۽ ٻانهون سڄو وقت پاڻيءَ کان ٻاهر پئي نظر آيا، ۽ دل کي چيريندڙ رڙيون ۽ واڪا پئي ڪيائين. سوين فوٽ ائين ئي کڄيو پئي ويو، تان جو پاڻيءَ جي سطح هيٺ گُم ٿي ويو. +آءٌ پوري عزم سان ترندو رهيس، - مون کي اميد هئي ته اهو آخري ڄرڪو هو، جيڪو حبشيءَ کي کڻي ويو. پر اجهو، ٻيو به اچي پهتو. اهو ساڳيو ڄرڪو هو، جنهن حبشين کي ڳڙڪايو هو، يا ڪو ٻيو هو، جنهن پنهنجو شڪار ٻئي هنڌ به ڪيو هو، تنهن جي مون کي خبر ڪانهي. ايترو هو ته هن کي ايتري تڪڙ ڪانه هئي، جهڙي ٻين ۾ مون ڏٺي هئي. آءٌ هاڻ تيزيءَ سان تري به نه ٿي سگهيس، جو منهنجي ڪوشش جو وڏو حصو ته ڄرڪي تي نظر رکڻ ۾ ئي صرف ٿي ٿيو. جنهن مهل هن مون تي پهريون حملو ڪيو، ان وقت منهنجي نظر مٿس ئي هئي. خوش قسمتيءَ سان منهنجا ٻئي هٿ هن جي نڪ تي وڃي پيا، ۽ جيتوڻيڪ هن جي ٿيلهي ۽ زور مون کي ڪافي هيٺ ڌڪي ڇڏيو، پر آءٌ هن کي پاڻ کان پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. هن پنهنجو رخ بدلايو، ۽ منهنجي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳو. ٻئي ڀيري به ساڳئي نموني آءٌ پاڻ بچائي ويس. ٽئين حملي ۾ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌڪ گسائي وياسون. جيڏيءَ مهل منهنجا هٿ هن جي نڪ تي پوڻ گهرجن ها، هو ڌڪ گسائي ويو، پر سندس کهري کهري کل، منهجي هڪڙي ٻانهن جي ٺونٺ کان ڪلهي تائين چمڙي رهڙي ڪڍي ويئي. (مون کي بنا ٻانهن جي گنجي پيل هئي.) +آخرڪار آءٌ ٿڪجي پيس، ۽ مون بچڻ جو آسرو لاهي ڇڏيو. منهنجو منهن پاڻيءَ اندر هو، ۽ آءٌ ڄرڪي کي نئين ڪوشش ڪندي ڏسي رهيو هوس، ته اوچتو گهري ناسي رنگ جو هڪ جسم اسان جي وچان اچي لنگهيو، اهو اوتو هو. +”مالڪ، جهاز ڏانهن تکو تري وڃ!“ هن چيو. هن ڪجهه اهڙي انداز اهي لفظ چيا، ڄڻ ته سڄو واقعو هڪ چرچي جهڙي ڳالهه هئي. چوڻ لڳو ”ڄرڪن کي آءٌ گهڻو سڃاڻان. هي ڄرڪو ته منهنجو ڀاءٌ آهي.“ +مون سندس چوڻ مڃيو، ۽ آهستھ آهستھ ترندو هليس: اوتو به منهنجي پويان ترندو آيو، ۽ منهنجي ۽ ڄرڪي جي وچ ۾ پاڻ سندس حملن کي روڪيندو، مون کي همٿائيندو پٺيان پئي آيو. +”هنن جهازن کي اسهڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو آهي، ۽ رسا وغيره هيٺ لاهي ڇڏيا اٿن؛“ گهڙيءَ کان پوءِ هن چيو، ۽ پوءِ نئين حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻيءَ منجهه هليو ويو. +جهاز باقي ڪو ٽيهارو فوٽ وڃي رهيو هو، پر مون مان سگهه ختم ٿي چڪي هئي. آءٌ چري به نه ٿي سگهيس. جهاز تان اسان ڏانهن ڳرا رَسا اڇلائي وڌا هئائون، پر اسان تائين پهچي نه سگهيا ۽ کٽيو ٿي پيا. ڄرڪي ڏٺو ته کيس ڪو ڇيهو ڪونه ٿو رسي، سو وڌيڪ بود ۾ اچي ويو. ڪيترا ڀيرا ذري گهٽ مون کي جهٽ وڌو هئائين، پر هر ڀيري اوتوءَ وچ ۾ اچي عين ان گهڙيءَ تي مون کي بچائي ٿي ورتو. بيشڪ اوتو پنهنجي پاڻ کي سولائيءَ سان بچائي وڃي ٿي سگهيو، پر هن منهنجو ساٿ نه ڇڏيو. +”خدا حافظ، چارلي، هاڻ منهنجو خير ڪونهي!“ اهي لفظ منهنجي وات مان مس اڄهيا. +مون کي خبر هئي ته هاڻ پڇاڙي ويجهي هئي، ۽ گهڙيءَ کان پوءِ منهنجا هٿ مٿي کڄي ويندا، ۽ آءٌ هيٺ هليو ويندس. +پر اوتوءَ کلي چيو، ”آءٌ توکي هڪ نئين حرفت ٿو ڏيکاريان. بيهه ته آءٌ ٿو هن ڄرڪي جا ڏند کٽا ڪري ڏيکاريانءِ.“ +ائين چئي هو منهنجي پٺيان پاڻيءَ اندر هليو ويو، جتي ڄرڪو مون تي حملو ڪرڻ وارو هو. +گهڙيءَ کان پوءِ مون کي سڏ ڪري چيائين، ”ٿورو کاٻي تي هليو وڃ. پاڻيءَ ۾ رسو اٿئي. ٿورو کٻي تي، مالڪ........ اڃا به ٿورو کٻي تي!“ +مون پنهنجو رخ بدلائي، اکيون بند ڪري جهٽ هنيو. آءٌ ان وقت مس هوش ۾ هوس. جيئن ئي منهنجا هٿ رسي ۾ ڦٻيا، مون مٿان جهاز تان هڪ دانهن ٻڌي. منهن ورائي ڏٺم: اوتوءَ جو نشان به ڪونه هو. گهڙيءَ کان پوءِ پاڻيءَ جي سطح چيري هو مٿي آيو. +ڪراين وٽان هٿ ٻئي ڪپجي ويا هئس، ۽ سندس سٿرن مان رت جون ڌارون وهي پئي نڪتيون. +”اوتو!“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو؛ ۽ آءٌ هن جي نگاهن ۾ اهو پيار بنهه ڏسي پئي سگهيس، جيڪو هن جي آواز ۾ لرزي رهيو هو. +ان وقت ۽ فقط ان وقت، اسان جي سمورن سالن جي انهيءَ پڇاڙيءَ واريءَ گهڙيءَ تي، هن مون کي ان نالي سڏيو – ”اوتو، الوداع!“ +پوءِ هو هيٺ گهلجي ويو، ۽ مون کي مٿي ڇڪي ورتائون، جتي آءٌ ڪپتان جي ٻانهن ۾ بيهوش ٿي ويس. +۽ ان طرح اوتو گذاري ويو، جنهن مون کي بچايو، ۽ جنهن مون کي انسان بنايو، ۽ جنهن پڇاڙيءَ ۾ به منهنجي جان بچائي. اسين طوفان جي پيٽ ۾ گڏيا هئاسون، ۽ ڄرڪي جي پيٽ ۾ جدا ٿياسون – ۽ انهيءَ وچ ۾ سترهن سالن جي رفاقت ۽ ڀائپي هئي. جنهن جهڙو مثال، آءٌ جرات سان دعويٰ ٿو ڪريان ته ڪن به ٻن ماڻهن – هڪڙي گوري، ۽ هڪڙي ناسي چمڙيءَ جي ماڻهن – جي وچ ۾ هرگز ڪونه ٿيو آهي. جيڪڏهن خداوند تعاليٰ پنهنجي بلند مقام تان هر ساهواري جي زندگيءَ ۽ موت جي ڪارڪردگيءَ کي واقعي جانچي رهيو آهي، ته پوءِ سندس حضور ۾ اوتو – ’بورا بورا‘ جي هڪ ’ڪافر‘ – جي سربلندي ۽ سر افرازي، ڪنهن به صورت ۾ گهٽ مرتبي ۽ گهٽ مقام واري نه هوندي. + + + +”واديءَ جو ڪڙمي“ +از – ايڊ نافربر مترجم – سراج +Farmer in the Dell +By +Edna Ferber + +From “One Basket.” Reprinted by permission of +the author. Copyirght, 1919, Crowell Publishing Co. + +ايڊنا فربر 1887ع ۾ مچيگن رياست جي ’ڪالامزو‘ شهر ۾ ڄائي هئي. سندس ماءُ پيءُ ٻئي يهودي نسل مان هئا. سندس پيءُ هنگريءَ ۾ ڄائو؛ ۽ سندس ماءُ ’ملواڪيءَ‘ ۾ ڄائي هئي. جڏهن هوءَ اڃا ننڍي هئي، تڏهن هو لڏي ’وسڪانسن‘ رياست جي ’ائپلٽن‘ شهر ۾ آيا، ۽ ننڍپڻ جو سمورو عرصو هن اتي گذاريو. +جڏهن پڻس اکين کان ويهي رهيو تڏهن هن کي مجبوراً ناٽڪن جي تعليم جي تمنا کي ترڪ ڪري، نوڪري ڪرڻي پئي. هن کي ”ائپلٽن ڊيلي ڪريسينٽ“ اخبار ۾ هفتيوار ٽن ڊالرن جي نوڪري ملي ويئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هوءَ ”ملواڪي جرنل“ ۽ ”شڪاگو ٽربيون“ اخبارن لاءِ به لکڻ لڳي. +کيس پنهنجو پهريون ناول بنهه پسند ڪين آيو، ۽ ڪاوڙ مان اڇلائي ڇڏيائين. ڪنهن طرح سندس ماءُ کي اهو ڪتاب هٿ چڙهي ويو، سو هڪ ناشر کي ڏياري موڪليائين. 1911ع ۾ اهو ئي ڪتاب ”ڊان اوهارا“ جي نالي سان سندس پهريون ڪتاب ٿي شايع ٿيو. +مس فربر 1924ع ۾ پنهنجو مشهور ڪتاب ”سوبِگ“ شايع ڪرايو. ان کان پوءِ سندس ٻه مقبول عام ناول ”شوبوٽ“ (جنهن جي آڌار تي پوءِ هڪ نغميه ناٽڪ، فلم ۽ ريڊيو فيچر تيار ڪيا ويا)، ۽ ”سائميران“ شايع ٿيا. +هوءَ ناٽڪ نويسيءَ ۾ به چڱي ڪامياب رهي آهي. ”جارج ايس .ڪوفمئن“ سان گڏ سندس ”ڊنر ائٽ ايٽ“، ”دي رايل فئملي“، ”اسٽيج ڊور“، ۽ ”دي لئنڊ از برائيٽ“، مشهور ناٽڪ شايع ٿيل آهن. پڇاڙيءَ واري ناٽڪ کان سواءِ ٻين سڀني ناٽڪن جون به فلمون بنايون ويون آهن. + + + +ٻڍڙو ”بين ويسٽر ويلڊ“ پنهنجي دل کي پرڀائي رهيو هو، نس نس ڇڪيل، رڳ رڳ ڦوڪيل، سندس تيز اکيون ڪمري جي گهٽيل ماحول ۾ اوندهه جي پردي کي چيرڻ جي اجائي ڪوشش ۾ مصروف – بين ويسٽر ويلڊ پنهنجي بستري ۾ ليٽي دل کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پر ڏاڍي مشڪل ڳالهه هئي – سخت مشڪل. هن اٿڻ ٿي چاهيو. هن جي اٿڻ جي آرزو ايتري ته شديد هئي، جو ليٽي رهڻ جي محض ڪوشش به هن جي سموري بدن ۾ پيڙا پيدا ڪري رهي هئي. هن جي پيرن جا پٻ انهيءَ ڪوشش ۾ وٽجي ڦڏا ٿي ويا هئا. سندس مٺيون ڀيڙجي وييون هيون. سندس ساهه جي رفتار گهٽجي ويئي، ۽ هن جون سٿرون مروڙجي رهيون هيون. هو شديد قسم جي اعصابي روڳ ۾ گرفتار هو. پر ٻڍڙي بين ويسٽر ويلڊ کي پنهنجي ان روڳ جي ڄاڻ ڪانه هئي. پنهنجي ڌنڌي کان سبڪدوش ٿيلَ، پنهنجي مڇي مانيءَ واري هڪ ڪڙميءَ کي اعصابي روڳ جي ڪهڙي ڄاڻ، ۽ خاص طور تڏهن، جڏهن هو پنهنجين ٻنين تان لڏي شهر ۾ اچي آباد ٿيو هو، ۽ پنهنجي دل کي پرڀائي رهيو هو. ڪاش، هن کي رڳو اها خبر هجي ها ته ان مهل وقت گهڻو ٿيو هو. هت شڪاگوءَ ۾ ته واچ ڏسڻ کان سواءِ خبر ئي ڪانه پوندي ته چار وڳا آهن يا ست. سو وقت معلوم ڪرڻ لاءِ بتي ٻارڻ جي ضرورت هئي. ۽ بتي ٻارڻ جي معنيٰ هئي پاسي ۾ ستل پنهنجي زال ”بيلا“ جي بدمزاجيءَ ۽ شڪايتن جي سيلاب جو منهن کولڻ. +جڏهن اوهين زندگيءَ جا پنجيتاليهه سال فجر جو ساڍي چئين بجي اٿڻ جا عادي هجو، تڏهن سستيءَ منجهان بي اونو ٿي ستو رهڻ جي عادت پرائڻ ڏاڍي مشڪل آهي. انهيءَ ۾ پوريءَ طرح ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهين فطري طرح ڄائي ڄم کان ننڊ جا ڪوڏيا هجو ۽ ان پنهنجي اصلوڪي طبيعت ڏانهن موٽڻ چاهيندا هجو. بيلا ويسٽر ويلڊ برابر ننڊ جي ڀري هئي، تنهن ڪري اها اڃا تائين ستي پيئي هئي. ٻڍڙو ”بين“ ته ننڊ جو ڪوڏيو ڪونه هو، سو هو اکيون کولي جاڳي رهيو هو، ۽ انهيءَ حيرت ۾ هن ته جڏهن هو ماٺ ڪيو ائين بيڪار ليٽيو پيو هو، تڏهن سندس دل ايتري تيزيءَ مان ڇو ٿي ڌڙڪي. جيڪڏهن روشني هجي ها، ته سندس ماٺيڻي چهري جي لڙڪي آيل ماس ۾ اوهان کي مجبوريءَ جي تسليم و رضا جون ليڪون ۽ گهنج نظر اچي سگهن ها. +شهر ۾ رهندي کين پورو سال اچي ٿيو هو، پر روز صبح جو هن جي اهائي حالت هوندي هئي. اکيون کولي، هڪڙي هٿ سان، جيڪو هاڻ اچي نستو ٿيو هو، بستري جي پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي لڙڪيل پنهنجي پورهئي جا خاڪي ڪپڙا کڻندو هو. پوءِ هن کي ڪجهه ياد ايندو هو، ۽ وري بستري تي ڊهي پوندو هو، ۽ سندس دل تي بي انتها افسردگي ۽ دل شڪستگي ڇانئجي ويندي هئي. ڀلا اُٿي به ڇا لاءِ؟ دل کي چوندو هو: ’ڪپڙا وري ڪرسيءَ تي رکي ڇڏ.‘ هو پاڻ کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. +جڏهن ”الينائس“ رياست جي ڏکڻ ۾ پنهنجي ٻنين تي هوندو هو، تڏهن اکيون کولڻ سان هن کي وقت جي خبر پئجي ويندي هئي. هِتي ته پاسي وارو فلئٽ ايترو ويجهو هوندو هو، جو سمهڻ واري ڪمري ۾ منجهد جي وقت به ڀنڀرڪي واري اوندهه ڇانئجي پيئي هوندي هئي. ٻنين تي، هو رڳو اندازي مان ئي وقت ٻڌائي سگهندو هو ،- اتي وقت هن لاءِ هڪ عجيب غير شعوري چيز هئي، پر هن جو اندازو ڪڏهن به غلط نه ويندو هو. هو انهيءَ اوندهه جي خاصيت منجهان وقت جو اندازو لڳائي وٺندو هو، جيڪا پرهه کان اڳ ڇانيل هوندي آهي. ڪڪڙن جون ٻانگون، چوپائي مال جي اٿڻ جا آواز سندس دريءَ جي مٿان جيڪو ’ايلم‘ جو پوڙهو وڻ هوندو هو، ان جي مٿان پکين جون ٻوليون – پر انهن چيزن جي به هن کي ايتري ضرورت نه هئي. هن کي ڄڻ ته ڪنهن طرح اڳيئي ڄاڻ هئي: پر هت، شڪاگو جي هن وڻن کان خالي ٽڪري ۾، جنهن کي .”اينگل وُڊ“ (اينگل جو ٻيلو) جو بي تڪو نالو ڏنو ويو هو، خود اوندهه به عجيب خاصيت جي هوندي هئي. بيشمار عجيب و غريب ۽ ناآشنا آواز هن کي منجهائي وجهندا هئا. هتي ته نه ڪڪڙ هئا، نه چوپايو مال، نه ڪو ايلم جو وڻ. سڀ کان عجيب ڳالهه اها هئي ته هت ته ڪو اهڙو فطري احساس به ڪونه ٿي ٿيو. هڪ ڀيري، جڏهن شهر ۾ هو نوان نوان آيا هئا، تڏهن ته هو ساڍي ٻارهين بجي ننڊ مان اٿي ويهي رهيو، ۽ سمجهيائين ته صبح ٿي ويو هو. سو هڪدم اُٿي. پنهنجي فلئٽ ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندو ٽهلڻ لڳو __ سڀ جاڳي پيا، ۽ سندس زال اٿندي ئي پنهنجي وات مان اهڙيون ته مٿس تيزابي گاريون وسايون، جو هن جو اجهامي ويل احساس به جلي رک ٿي ويو. +پاسي واري فلئٽ جي سمهڻ واري ڪمري ۾ ستل ماڻهن ضرور بيلا جي هنن ڳالهائن کي ٻڌو هوندو. +”او جهنگلي! آڌيءَ رات جو اٿي ڍڳن وانگر ڪهڙو ممڻ کڻي مچايو اٿئي؟ جيڪڏهن اهڙو انڌو ۽ گونگو ٿي ويو آهين، جو رات ڏينهن جو فرق نٿو محسوس ٿيئي، ته ڀلائي ڪري گهَر جي پويان هڪڙو مَنَهه اڏي، اتي وڃي ڊهندو ڪر!“ +شادي ڪئي پنجٽيهه سال ٿي ويا هئس، پر هو ”بيلا“ جي طبيعت ۽ ڳالهائڻ جي سختيءَ ۽ کهراڻ کان اڃا به ڊڄندو هو، - اها بيلا جنهن سان جڏهن هن شادي ڪئي هئي، تڏهن هوءَ ڏاڍي نرم مزاج، نازڪ ۽ نفيس هوندي هئي. هو ان واقعي کان پوءِ لڄي ٿي، وري بستري ۾ گهڙي ويو، پر ڀرواري فلئٽ جي سمهڻ واري ڪمري منجهان رهندڙ جوڙي کي ڪرڪندي، مٿن قياس گاڏڙ انداز ۾ ٿورو کلندي ٻڌي رهيو هو. انهيءَ ڀرواري فلئٽ جي سمهڻ واري ڪمري کان به اڃا تائين هو ٿورو خوف کائيندو رهندو هو. ان جي ڀت سان ڀت واري ويجهڙائي، ۽ زوريءَ جي واقفيت ۽ آشنائي به هن کي روزانو صدما پهچائيندي هئي. جڏهن هو پنهنجي ٻنين تي هوندو هو، تڏهن سندس ويجهي ۾ ويجهو پاڙيسري به اڌ ميل جي مفاصلي تي هوندو هو. ڪاٺ جي فرش تي، ڪنهن جي بوٽ ڪِرڻ جو آواز، غسل خاني ۾ پاڻيءَ جو آواز، رات جو انهيءَ جوڙي جون پاڻيءَ ۾ سرگوشيون، رات جي وقت ڪنهن ٻار جي ڊيڄاريندڙ رڙ – اهي سڀ ڳالهيون هن کي سخت پريشان ۽ اداس ڪري وجهنديون هيون. هو ته کيتن جي ڀرپور آوازن تي هريل هو. هن جا ڪم لاباري جي مشين جي آواز جي موسيقيءَ جا آشنا هئا، ۽ ٽرئڪٽر جي گڙ گڙ ۽ آيل آگبوٽ جي سيٽي ٻڌي هن جي دل کي فرحت ملندي هئي. هن جون ٻنيون تيز ۽ ڪڙڪي سان وهندڙ مسيسپي نديءَ جي ڪناري سان بنهه لڳ هيون. +جڏهن کان هو شهر ۾ آيا هئا، تڏهن کان فقط هڪڙو آواز هن کي وڻندو هو – پرهه ڦٽيءَ جو کير واري جي کڙ کڙ ۽ ٺڪ ٺڪ ۽ هن جو زورائتو ڳرو آواز. کير وارو صبح جو ڇهين بجي ايندو هو، ۽ هو ڄڻ ته فرشتو هو، جو بين ويسٽر ويلڊ کي هن بڇڙي قيد خاني جي هولناڪ خواب مان سجاڳ ڪري ڇڏيندو هو، - ۽ جڏهن سياري جا مهينا ايندا هئا، ۽ هو دير سان اچڻ لڳندو هو، تڏهن هو به هن لاءِ هڪ بيڪار گهڙيال وانگر بنجي ويندو هو. پر هاڻ وري مارچ جو مهينو هو، موسم به چڱي هئي. کير واري جو سڏ وري به ٻڍڙي بين لاءِ سجاڳ ٿيڻ جي صدا بنجي ويندو. جڏهن کان هتي، پنهنجي فطري دنيا کان پري، هن پنهنجي دل کي پرڀائڻ شروع ڪيو هو، ان کان اڳ صبح جو ڇهين بجي هن جي ننڍڙي دنيا هڪدم پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويندي هئي، ۽ هن جا پنهنجا سخت ۽ کهرا کهرا پورهيت هٿ ئي انهي سموري ڪاروبار کي حرڪت ۾ آڻيندا هئا. انهن ساڳين هٿن هاڻ هن کي منجهائي وڌو هو. هاڻي هو انهن ڏانهن عجيب بي تعلق نظرن سان ڏسڻ لڳندو هو، ڄڻ ته اهي ڪنهن ٻئي جا هٿ هئا، سندس هٿ سفيد، لسا ۽ نرم ٿي ويا هئس، جيڪي هونئن سخت پورهئي ڪرڻ ڪري پاڻيهي ٽٽي پوندا هئس. ڪجهه ڏينهن کان هٿن جي پٺ ۽ آڱوٺن جي چوڌاري ناسي رنگ جا چِٽا ٿي پيا هئس. +”ڀانيان ٿو ته منهنجو جيرو وڌي ويو آهي.“ هن انهن چِٽن کي مهٽيندي سوچيو. ”شايد ڪوبه ڪم نه ڪرڻ ڪري، جيرو به سست ٿي پيو آهي. بهار جي موسم ۾ ڪا طاقت جي دوا وٺان، ته شايد فائدو ڏئي! ڪجهه توانائي اچي ويندي.“ +رستي نمبر ٽيهٽ جي پاسي، هالسٽيڊ گهٽيءَ ۾ هڪ دوائن جي دڪان تان هن کي ناسي رنگ جي دوا جي هڪ شيشي ملي. دوا فروش، جنهن کي صاف سٿرا سفيد ڪپڙا پيل هئا، ڏاڍو خوش مزاج شخص هو. سڳنڌ ڀرئي دڪان اندر ڏاڍيءَ مروت سان هن سندس آجيان ڪئي هئي. انهيءَ ناسي رنگ جي دوا حيرت انگيز اثر ڪيو، ۽ ترت ئي ٻڍڙي بين کي چڱو ڀلو ڪري وڌائين – دوا هلي به گهڻو وقت – هن ٻه شيشيون خريد ڪيون: پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن دوا پيڻ ڇڏي ڏني، ته وري سندس صحت ڍرڪي پيئي. +بين ويسٽر ويلڊ اسٽور تان ورتل سبيل ٺهيل پوشاڪ - صاف نيري قميص ۽ بي ڊولو ٽوپلو – پايو بنا ڪنهن مقصد جي شڪاگو جي مشغول پٿرائين گهٽين ۾ پيو رلندو هو. افسوس! سندس زندگي ڪيڏي نه المناڪ بنجي ويئي هئي! هي سندس وڏا، مضبوط ۽ ڪارائتا هٿ، جيڪي هاڻي سندس بيڪار ڪراين مان پنگلن وانگر پيا لڙڪندا هئا، سي ڪڏهن ڌرتيءَ کان رزق ۽ روزري ڇِني وٺندا هئا؛ سندس عجيب چٽين نيرين اکين ۾ اڃا نگاهه جي اها تيزي هئي، جيڪا زمين ۽ آسمان جي وسيع ميدانن ڏانهن نهارڻ سان پيدا ٿيندي آهي؛ سندس مضبوط ۽ ويڪري جسم کي ڏسي، بي سود قوت جو خيال ٿي آيو. اف، سندس زندگيءَ جو هي الميه روپ! بلڪ ان کان بدتر – ڏٺو وائٺو زيان! +اٽڪل اڌ صديءَ لاءِ هن شخص زندگيءَ جي حقيقتن کي اوچي ڳاٽ، سجاڳ نظر ۽ مضبوط جسم سان منهن ڏنو هو. هن هوا، سج، مينهن ۽ سوڪڙ، طوفانن ۽ ٻوڏن سان چوٽون کاڌيون هيون. هو هميشھ پرهه کان اڳي سجاڳ ٿيو هو، ۽ سج لهڻ سان سمهي پيو هو. انهيءَ دوران ۾، هن تي انهن وڻن، انهيءَ ڌرتيءَ ۽ انهن پهاڙن جي اڻ گهڙيل ڪيفيت ۽ رنگ چڙهي ويو هو، جتي هن رات ڏينهن پورهيو ڪيو هو. ڪجهه هن ۾ انهن جو شان ۽ وقار به اچي ويو هو، جيتوڻيڪ ڪو عام شهري ماڻهو شايد سندس ٻاهرئين روپ جي تهه ۾ انهيءَ کي ڏسي نه سگهي ها. هن ۾ شهري ماڻهن واري وڏائي، ڏيکاءُ ۽ شوخي بنهه ڪانه هئي. ائين ٿي معلوم ٿيو ته هو فطرت جي پس منظر سان ايتري قدر هم آهنگ ٿي ويو هو، جو هن کي هوا ۾ اڏامندڙ پکين ۽ جهنگ جر ۾ گذاريندڙ ٻي مخلوق وانگر، فطرت کان جدا ڪري سڃاڻڻ محال هو. هيءُ ڪڙمي، شهري ماڻهوءَ کان ائين مختلف هو، جئن هڪ قدرتي ٽڪَر ”گولف“ راند جي هٿرادو ٺاهيل دڙي کان مختلف هوندو آهي، جيتوڻيڪ صورت ۽ بناوت ۾ ٻئي هڪ جهڙا هوندا آهن. +بين ويسٽر ويلڊ کي اها ڄاڻ ڪانه هئي ته سندس زندگي هڪ الميه بنجي چڪي هئي، ڪڙمي ڪڏهن به اندر ۾ جهاتي پائي سوچيندو نه آهي، انهيءَ ڪري هر ڪنهن کي خبر آهي ته شهر ۾ هو هڪ تماشو ۽ مذاق بنجي پوندو آهي. تماشن، ناٽڪن، اخبارن جي خاص هفتيوار پرچن ۽ مزاحيه رسالن ۾ هن کي ٺٺوليءَ ۽ مذاق جو نشانو سمجهيو ويندو آهي. پر شايد هن کي صحيح سڃاڻڻ لاءِ لابارن جي ڏينهن ۾ پگهر ۾ شل، ۽ ڳاهن ۽ وائرن جي زماني ۾، تُهيءَ، بُهه ۽ ڪکن ڪانن سان ڀڀوت ٿيل ڏسڻ گهرجي، جڏهن سندس بوٽن جي تري ۾ مسيسپي نديءَ جي ڀرواريءَ زمين جو زرخيز ۽ ڪارو راءُ ۽ مٽي ڄميل هوندي آهي. +پنجويهن ورهين جي عمر ۾، ٽئونر سان ٽوپلو، ريشمي صدري، ۽ گوڏن تائين جوراب چڙهيل، ۽ وات ۾ هڪ ڊگهو سنهون پائيپ – بين ويسٽر ويلڊ، موج مزي ۾ هڪ مست رئيسزادو ٿي معلوم ٿيو؛ اک ۾ مستي، ڳاڙها ڳل، جوانيءَ جي قوت سان ڀرپور – بنهه هڪ شرارت جو پتلو؛ ڳالهائڻ جو بلا، پر گفتگو ۾ رس ۽ ميٺاج: جيئن وڏو ٿيندو ويو، منجهس سنجيدگي ۽ سيتلتائي ايندي ويئي، ۽ هن جي چنچل ۽ شرارت ڀري طبع مٽبي ويئي، تان جو جڏهن آسوده ۽ خوشحال زندگيءَ جي دور ۾ قدم رکيائين، تڏهن سندس جوانيءَ وارا جوش، شوخيون ۽ شيطانيون ائين ماٺيون ٿيندي ٿيندي، نيٺ ختم ٿي وييون. +ويسٽر ويلڊ جا وڏا ”ڊچ“ هئا، جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي. سوين سال اڳي ويسٽر ويلڊ ڪٽنب جو پهريون شخص آمريڪا ۾ آيو هو، ۽ وقت گذرڻ سان انهيءَ ڪٽنب جون آمريڪين سان سڱابنديون ٿينديون رهيون، تان جو منجهانئن هالنڊ جي اصليت ئي نڪري ويئي. لڏپلاڻ ڪندي هو نيٺ اچي ڏکڻ ’الينائس‘ رياست ۾ پهتا ۽ ’ڪلهائون‘ ضلعي ۾ اچي آباد ٿيا، جيڪو ان وقت بنهه ويران علائقو هو، پر منجهس پر رونق پهاڙ، عاليشان درياه، ۽ سرخ سونهري زمينون هيون. پر ويسٽر ويلڊ جي عملي ذهن لاءِ، حسين پهاڙن، مستيءَ ڀرين درياهن ۽ سرخ ميدانن جي وجود جي اهميت صرف فصلن ۽ آب و هوا جي نسبت سان هئي. بين ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاريندو هو، پر، هو ائين ڪو محض آسمان ۾ ڪڪرن جي مدهوش ڪيفيت جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪونه نهاريندو هو. ائين ته هو پنهنجي هَرَ جي هٿئي تي جهڪي، ڀڙڪا کائي اڏامندڙ تترن ڏانهن به نهاريندو هو. هن کي جيڪڏهن ڪا شعوري محبت هئي، ته صرف پنهنجي کيتيءَ جي ڪم سان. هو ان جي مسلسل محنت مان ڪڏهن به بيزار نه ٿيندو هو. هو فطري طرح هڪ ڪڙمي هو، جيئن ڪي ماڻهو فطري طرح مستري، ڳائڻا يا واپاري هوندا آهن. هو ڀائيندو هو ته ڌرتيءَ مان هر شي هن لاءِ ئي اڀري رهي هئي. هن کي فطري طور زمين ۽ ٻج جي رشتي جي حقيقن جو علم هو، جيڪو ٻين ماڻهن کي تجربي ۽ ڪتابن مان حاصل ڪرڻو پوندو آهي. سندس ڳوٺ واري علائقي ۾ ماڻهو چوندا هئا، ته ”بين ويسٽر ويلڊ ٽڪَرن تي به فصل اپائي سگهي ٿو.“ +ڳوٺ جي ميڙن ملاکڙن ۾، جيڪي رانديون رونديون ٿينديون هيون، انهن ۾ حصو وٺندڙ ڪڙمي جوانن جي ڀيٽ ۾، بين ويسٽر ويلڊ، ڊوڙ، پڃرين کڻڻ ۽ زور آزمائڻ ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويندو هو. جڏهن هو ڪنهن ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ وجهي، سڌي ٻانهن جهلي، کڻي مٿي ڪندو هو، تڏهن اها ڇوڪري ڪجهه خوف، ڪجهه خوشيءَ، مان دانهون ڪرڻ لڳندي هئي. ڳوٺ جون سموريون ڇوڪريون ”بين“ تي اول گهول پييون وينديون هيون. ڪجهه هن جي بدن جي سگهه سندن اندر جي عورت کي متاثر ڪندي هئي، ڪجهه هن جي نرم مزاجي سندن نازڪ ۽ لطيف روح کي لوڏي سجاڳ ڪندي هئي. هو به ڇوڪرين کي پسند ڪندو هو؛ ۽ جي چاهي ها، ته پنهنجي لاءِ ڪنهن به ڇوڪريءَ کي چونڊي ٿي سگهيو هو سڀني ڇوڪرين کي چيڙائيندو هو، کين گهوڙي گاڏيءَ ۾ سير ڪرائيندو هو، يا کين دعوتن تي وٺي ويندو هو. پر جڏهن پنجويهن سالن جو ٿيو، تڏهن ڀرواريءَ ٻنيءَ جي ’بائرس‘ ڪٽنب جي هڪ ڇوڪريءَ سان نينهن اٽڪي ويس. پاڙيسرين جي چوڻ موجب ٻنهي جي وچ ۾ دلين جو راضپو هو، جيتوڻيڪ هن شايد ڪڏهن بائرس ڇوڪريءَ کي شاديءَ لاءِ زبان سان چيو ڪونه هو. هفتي جي ستن راتين مان چار راتيون هو بائرس ڪٽنب ڏانهن ويندي ڏسبو هو. مضبوط ۽ ڳري جسم جي باوجود، هن جي وک تمام هلڪي هوندي هئي، ۽ پورهئي کان ٿڪجي چور ٿيل هاريءَ جي ڳري ۽ بيجان قدم کان سندس هلڻ بنهه مختلف هو. هن جي عادت هوندي هئي ته هلڻ مهل هو ڪنهن وڻ مان ڪا ٽاري ڀڃي هٿ ۾ ڪندو هو، هلندي انهيءَ ٽاريءَ کي ڏاڍي مزي سان هيڏانهن هوڏانهن گهمائيندو رهندو هو. انهيءَ ٽاريءَ جي لڪڻ ڀڃڻ ۽ ان کي گهمائڻ منجهان، سندس بدني قوت ۽ جوانيءَ جون چـَـريون ڪيفيتون ظاهر ٿينديون هيون. پر ان سان رستي تي بيٺل ٻوڙن جي ڪنهن ڪچڙي گونچ کي به هن ڪڏهن ڪين مـُـنڍيو. +انهيءَ ڇوڪريءَ سان سندس معاشقو به هڪ عجيب بي زبان قسم جو هو. +”هلو، ايما،“ +”ڪيئن آهي، بين؟“ +”خيال آيم ته شايد تون گهڙي کن ٿورو ٽنگون ساهڻ لاءِ نڪرين، ته آءُ به گڏيو هلانءِ، ’آگ ٽيٽجينس‘ وٽ هڪ گابڙو پنجن ٽنگن سان ڄائو آهي، ڏسڻ هلندينءَ؟“ +”مون به ٻڌو آهي. ٽنگن ساهڻ جو برابر خيال اٿم، پر ڪجهه ٿڪل آهيان، پر ينهن ونگار جو ڏينهن آهي، سڄو ڏينهن رڌ پچاءَ ۾ گذارڻو اٿئون.“ +بين جي شرارت ۽ خوش مزاجيءَ جي پردي ۾ ٿوري لڄ لڪل هئي. ٻئي ڄڻا رستي تي هڪ عجيب پياري پياري تذبذب ۽ اضطراب سان هلندا رهيا هئا. پاڙيسرين سچ ٿي چيو ته هنن جو اڃا تائين ڪو پڪو فيصلو ڪونه ٿيو هو، هنن ٻنهي جي دلين ته اڳيئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڀيري بين چيو هو: ”بابا چوي ٿو ته آءٌ اتر وارا اسي ايڪڙ ننڍين ننڍين قسطن تي کڻي ٿو سگهان، جيڪڏهن ................ جڏهن ................“ +الما بائرس جو منهن حيا کان سرخ ٿي و��و هو، پر جواب ڏنو هئائين: ”اها زمين به ڀلي آهي. تنهنجو والد ته ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي.“ +هنن ٻنهي جي ٻاهرين بي حسيءَ جي پردي ۾ ڪافي گداز ۽ ڀرپور جذبات لڪل هئا. ايما بائرس جي ذهين پيشاني ۽ تيز اکين منجهان اها ڪيفيت صاف ظاهر ٿي رهي هئي. سندس ماءُ مري ويل هئي، پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ لاءِ گهر جو ڪم ڪار کيس ئي ڪرڻو پوندو هو. هن کي سڏيندائي هئا ”بائرس جي سچلي ڇوڪري.“ ڳوٺ کان ٻارهن ميل پري ‘ڪامرشل‘ مارڪيٽ ۾ سڄي ضلعي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سندس مکڻ، بيضا، ڀاڄيون ۽ ميوا وڏن اگهن تي وڪامندا هئا. ڳوٺ جي معيار مطابق هوءَ هروڀرو ڪا ايتري حسين به ڪانه هئي، پر هن ۾ ٻاويهن سالن جي عمر ۾ به ايتري ذهانت، سياڻپ ۽ ڀروسي جوڳي سنجيدگي هئي، جنهن مان بين ويسٽر ويلڊ جي مستقبل جي خوشيءَ ۽ مسرت جي ساک ٿي ملي. +پر بين ويسٽر ويلڊ جو مستقبل ايما بائرس جي سگهڙ هٿن ۾ اچڻو ئي ڪين هو. هن ان وقت ئي اهو محسوس ڪيو، جڏهن هن جي ”بيلا هڪنس“ تي نظر پيئي هئي. بيلاهڪنس ’ريڊ فرنٽ‘ واري ٻڍڙي ”هڪنس“ جي ڌيءَ هئي، جو ”ڪامرشل“ مارڪيٽ ۾ ساڳئي ئي پر لطف نالي واري هوٽل جو مالڪ هو. بيلا اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو هو، سو ان ڪري نه ته ڪو کيس علم سان ايترو چاهه هو، پر ماستريءَ کي هوءَ ڏاڍو شاندار ڌنڌو سمجهندي هئي. هڪنس ڪٽنب ايترو معزز ڪونه هو. انهن ڏينهين ڪنهن ڳوٺ ۾ سال ٻه پڙهائڻ سان اڄوڪي وقت جي ماستريءَ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو هو.، بيلا جي نظر ”ڪامرشل“ واري ڳوٺ کان چاليهه ميل پري ”سينٽ لوئي“ شهر تي هئي. انهيءَ ڪري هن ڳوٺ جي اسڪول کي هڪ ڏاڪو اڳتي ٽپڻ جو سمجهي، اتي ماستري ورتي هئي، جيتوڻيڪ هن کي ڳوٺاڻي زندگيءَ کان بڇان ايندي هئي، ۽ هِن وچ واريءَ آزمائشي نوڪريءَ کان ته بنهه تنگ هئي. +”هڪڙي بگي کڻي وٺنديس، جنهن ۾ چڙهي گهمي به سگهنديس ۽ ڇنڇر آچر تي شهر به موٽي سگهنديس -،“ هن چيو هو. +بين ويسٽر ويلڊ جي هن سان پهرين ملاقات رستي تي ٿي. هوءَ ڪاري رنگ جي الپاڪي جي تنگ پوشاڪ ۾ هن جي سامهون رستي تان پئي آئي. شام جو وقت هو، ۽ لهندڙ سج کي پٺي ڏيندي، هوءَ سامهون پئي آئي. هن جا وار چمڪندڙ سونهري رنگ جا هئا. هن جي چيلهه ايتري ته سنهڙي هئي، جو هوند بين ويسٽر ويلڊ جي ٻنهي هٿن ۾ اچي وڃي. بين کي اها ڄاڻ پوءِ پيئي؛ پر ان وقت هن ائين سمجهيو ته اهڙي نفيس ۽ پرين جهڙي چيز هن ٻي ڪابه ڪانه ڏٺي هئي – جيتوڻيڪ ان وقت اها تشبيهه هن جي ذهن ۾ ڪانه جڙي آئي هئي. هو ٻين اهڙين ڳالهين يا خيالن ۾ تيز ڪونه هو. +هن هڪدم سمجهيو ته هوءَ نئين ماسترياڻي هئي. هن سندس اچڻ جو ٻڌو هو، پر ان وقت انهيءَ گفتگوءَ ۾ هن ڪائي دلچسپي نه ورتي هئي. بيلا کي به خبر هئي ته هو ڪير هو. جنهن ڏينهن هوءَ پهتي هئي، تنهن کان ٻه ڏينهن پوءِ هن ضلعي جي سمورن قابل نظر نوجوانن جا نالا ۽ ٻي سموري معلومات حاصل ڪري ورتي هئي. اهو سڀ، ڪجهه ته سندس ذاتي تجسس جي ڪري هو، ۽ ڪجهه انهيءَ حقيقت جي ڪري ته هوءَ هڪ بيوه ’بيڪر‘ سان گڏ رهندي هئي، جا سڄي ضلعي اندر ڳالهين جي ڳهير ليکي ويندي هئي، بيلا جي ذهن ۾ جوانن جي جيڪا فهرست هئي، ان ۾ بين ويسٽر ويلڊ جو نالو اڳيئي چوٽيءَ تي هو. +جڏهن هو هڪ ٻئي جي ويجهو پهتا، تڏهن بين ويسٽر ويلڊ پنهنجو چهرو سرخ ٿيندي محسوس ڪيو. پنهنجي اضطراب کي لڪائڻ لاءِ هن پنهنجي اکڙوٽ جي لڪڻ کي زور سان گهمايو ۽ پنهنجي ڪتي ’ڊنڊر‘ کي سڏ ڪيائين؛ جيڪو رستي تي نوس نوس ڪندو پئي آيو. ڊنڊر اڳيان مڙي، نئين ماڻهوءَ کي ڏسي، ڪتن واري فطري تجسس ۽ ڏاڍي ڪوڏ منجهان بيلا ��انهن اڇل ڏني. +بيلا کان رڙ نڪري ويئي. هوءَ رڙيون ڪندي ڀڳي، ۽ بين کي چنبڙي پئي، ۽ پنهنجا ٻئي هٿ کڻي سندس ٻانهن ۾ وڌائين. بين پنهنجو لڪڻ مٿي کڻي زور سان ڊنڊر کي وهائي ڪڍيو، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن ڪتي کي ايذاءُ پهچايو هو. ان وقت کان وٺي بيلا هڪنس سان شادي ڪرڻ جي وقت تائين، جيڪڏهن هن کي ڪا سمجهه اچي ها ته کيس ڪتي جون ڊنل اکيون ۽ ڏڪندڙ جسم ڪڏهن به ڪين وسرن ها ۽ کيس جيڪو ايذاءُ رسايو هئائين، ان لاءِ پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪري ها. +بيلا هن جي جسم سان چنبڙي، اڃا به ڪيڪون ڪري رهي هئي. بين چئي رهيو هو: ”ڪتو توکي ايذاءُ ڪونه رسائيندو. ڊڄ نه! توکي ڪونه ايذائيندو.“ ۽ هن جي ڪلهي تي ٿپڪيون به ڏيندو رهيو. هن ڊپ کان بيلا جي زرد ٿيل چهري ڏانهن نهاريو. هوءَ ڪيتري نه نازڪڙي، ٻارن جهڙي ۽ ڳوٺاڻين سگهارين ڇوڪرين کان ڪيتري نه مختلف هئي. انهن ڇوڪرين کان – جن کي هو سڃاڻندو هو، هوءَ ڪيتري نه مختلف هئي. هن جي بي وسيءَ ۽ نسوانيت جي خصوصيت هن جي مردانگيءَ جي ذري ذري کي بي حد متاثر ڪيو. بيلا، تجربيڪار بيلا، هن جي جسم سان چهٽندي، پيرن کان چوٽيءَ تائين، پاڻ ۾ بجليءَ جي هڪ عجيب لرزش محسوس ڪئي، جنهن ۾ لا انتها لطف ۽ ڪيف هو، پر ان ۾ پنهنجي ڪمزور هڏين کي چيڀاٽائي ڇڏڻ جي هڪ خاموش آرزو به هئي. جيڪڏهن هوءَ محض ڪا بيوقوف دل آڙائڻ جي شوقين عورت هجي ها، ته کيس احساس ٿئي ها ته هو ڀرپور قسم جي مردانگيءَ جو هڪ جيئرو جاڳندو روپ هو، جنهن سان کيڏڻ آسان نه هو. پر هن جي چهري تي مرڪ اچي ويئي، ۽ هن کي گهوريندي چيائين: ”الا! منهنجو ته ساهه ئي نڪري ويو هو!“ +هوءَ هن کان ٿورو هٽي بيهي رهي – بنهه ٿورو. +”هو ته ڪنهن مک کي به ڪين ايذائيندو“‘ بين چيو. +پر بيلا وري آڏيءَ اک سان ڏٺو ته ڪتو رستي تي بيٺو هو، ۽ بين کي هڪ غير يقيني نگاهه سان ڏسي رهيو هو. ڪتي کي شايد اهو خيال اچي رهيو هو ته اها ڪا نئين راند هئي؛ جيتوڻيڪ کيس انهيءَ راند ڪرڻ جو خيال ڪونه هو، پر جيڪڏهن سندس مالڪ جي دل کي ڳالهه وڻي آهي ته پوءِ کيس اها راند کيڏڻي ئي پوندي. بين ٿورو نمي، هڪ پٿر کنيو، ڊنڊر ڏانهن اڇلايائين – پٿر اچي ڪتي جي ڪک ۾ لڳو. +”وڃ گهر!“ هن سختيءَ سان حڪم ڏنو. ”ڀڄ هتان، وڃ گهر!“ هو سخت ڪاوڙ منجهان ڪتي ڏانهن وڌيو. ڊنڊر هلڪي ڀونڪ ڪري، پڇ ٽنگن جي وچ ۾ ڏيئي، وٺي گهر ڏانهن ڀڳو – ويچارو ڪتو! +بيلا، بين جي منهن ۾ گهوريندي رهي. بين جون نگاهون به بيلا جي جسم کي گهوري رهيون هيون. +”تون نئين ماسترياڻي آهين، ائين نه؟“ +”هائو! سمجهان ٿي ته تون مون کي بيوقوف سمجهي رهيو آهين، جو آءٌ ٻارن وانگر ڪتي ڀر پيئي ڊڄان.“ +”سڀئي ڇوڪريون هوند هن کان ڊڄي وڃن، جيڪڏهن هنن کي اها خبر نه هجي ته هو ڪنهن کي به ڪونه ايذائيندو آهي. هو ڏاڍو غريب ڪتو آهي!“ +هو گهڙي لاءِ چپ ٿي ويو. سندس منهن مان ڦڪائي ظاهر ٿي رهي هئي. ”منهنجو نالو بين ويسٽر ويلڊ آهي.“ +”تو سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي اٿم.“ بيلا جواب ڏنو. +”تون ڪهڙي پاسي ويندينءَ؟ ٽيٽجين واري پاسي به هڪ ڪتو آهي، جنهن کان سڀ ڊڄندا آهن. هن بنهه خچر جيڏو ٿو لڳي. وڏو دنير ڪتو آهي.“ +”صبح جو اسڪول ۾ ڪا شي وساري آئي هيس – سو اها کڻڻ لاءِ اسڪول پئي ويس.“ اهو هن ڪوڙ ڳالهايو. ”اميد اٿم ته منهن – سوجهري ۾ ئي اتي پهچي وينديس. تون ٻئي پاسي ٿي وئين، ائين نه؟“ +”اوهه! ڪنهن خاص پاسي وڃڻ جو ارادو ڪونه هوم. اسڪول کان ٿي واپس اچڻ تائين توسان هلڻ ۾ خوشي ٿينديم.“ هن کي پنهنجي هن اوچتيءَ استاديءَ تي حيرت ٿي رهي هئي. +هو ٻئي رستي تي او��اريون لهواريون ڳالهيون ڪندا هلڻ لڳا، ڄڻ ته ٻئي هڪ ٻئي جا ورهين جا واقف هئا. بين هميشھ جيان بايرس جي ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ نڪتو هو، پر بايرس جي ٻني ۽ ايما بايرس هن جي ذهن مان مڪمل طرح نڪري ويون، ڄڻ ته اهي جادوءَ جي زور تي گُم ٿي ويو هيون. +بيلا هڪنس کي هن سان شادي ڪرڻ جو ڪوبه خيال ڪونه هو. ٻنين جي زندگيءَ کان هن کي نفرت هئي. ڪڙمين کي هوءَ ڌڪار جي نگاهه سان ڏسندي هئي. رڌ پچاءَ ۽ پورهئي کان هن کي بڇان ايندي هئي. هڪنس ڪٽنب ”ڪامرشل“ ۾ پنهنجي هوٽل جي مٿان رهندو هو، ۽ مسز هڪنس هميشھ سوئر جي گوشت ۽ ’زبان‘ اٻارڻ، سوئر جي پاين رڌڻ ۽ گوبيءَ جي پنن ڪترڻ ۾ مشغول رهندي هئي. اهي چيزون هيٺ هوٽل ۾ ٻپهريءَ جي مانيءَ لاءِ هونديون هيون. بيلا گهڻو وقت اڳ اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته سندس زندگيءَ ۾ اٻارڻ، رڌڻ، ۽ مرچ مصالح سڪائڻ جو ڪو ڪم نه هئڻ گهرجي. جڏهن به ڪو بهانو هٿ ايندو هوس، تڏهن هوٽل ۾ پئي چڪر ڏيندي هئي. اتي هن کي زندگي ۽ رنگ روپ نظر ايندو هو. ٻڍڙو ”ريڊ فرنٽ هڪنس“ هن کي اتان تڙي ڪڍندو هو، ۽ هوءَ وري به ڪو بهانو ڳولي، هيٺ اچي سهڙندي هئي – ڪڏهن ڪا کاڌي جي پليٽ دخل تي آڻي رکندي هئي، ته ڪڏهن ڌوتل ٽوال کڻي ايندي هئي. +بين ويسٽر ويلڊ به پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به صاف لفظن ۾ ڪين چيو هو ته ”آءٌ بيلا سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“ هن کي انهيءَ خيال کي عمل ۾ آڻڻ جي جرات ئي نه ٿيندي هئي. هن نهايت ديانتداريءَ سان ايما بايرس سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. پر هيءَ ڳالهه هن جي وس کان ٻاهر ثابت ٿي. باقي بيلا، ساهن تي کلندي رهندي هئي، پر دل ۾ هن کان ڊڄندي به هئي. ٻئي ڄڻا انهيءَ خيال سال پنهنجي پنهنجي من ۾ وڙهندا رهيا – هوءَ خود غرضيءَ کان ۽ هي بنا ڪنهن غرض جي، ڇو ته بائرس ڇوڪري، پنهنجي صاف ۽ پرسڪون اکين ۽ ڀروسي جوڳين عادتن سان هن جي دل تي قابض هئي. بيلا لاءِ بين جي ڪشش محض هن جي مقناطيسي مردانگيءَ ۾ هئي. هن ڪڏهن به هن جي لطيف خاصيتن تي ڪين سوچيو هو. بين لاءِ هن جي ڪشش سندس نازڪ ۽ هرکائيندڙ نسوانيت ۾ هئي. پر نيٺ پڇاڙيءَ ۾ ٻنهي شادي ڪئي. سڄي ڳوٺ کي حيرت کان ڏندين آڱريون اچي ويون. +رومان لڙائڻ واري عرصي ۾ مرد پنهنجي پسند جي ڇوڪريءَ کي هر کائڻ لاءِ طرح طرح جا رنگ روپ ڪندو آهي؛ پر بين ويسٽر ويلڊ نهايت ديانتداريءَ سان، جيئن هو اصل هو، تيئن ئي هلندو چلندو رهيو. هن پاڻ وڻائڻ لاءِ يا بيلا کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪوبه اهڙو سانگ ڪونه رچايو هو. هو ايترو ته ايماندار ۽ سچو مڙس هو، جو اڳتي هلي، هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته هيءَ بدتميز ۽ جهيڙاڪ عورت اها ساڳي نازڪ، دلڪش ۽ خوبصورت عورت هئي، جنهن سان هن شادي ڪئي هئي. هن ۾ ذاتي صفائيءَ جي عادت هئي، سا به انهن ڏينهن ۾، جڏهن ماڻهو سال ۾ فقط هڪ اڌ دفعو ڪنهن خاص ڏڻ يا موقعي تي وهنجندا هئا، ۽ ان ڪري بدن جي صفائي ڏاڍي مشڪل هوندي هئي؛ ۽ ڪپڙن پائڻ کان پوءِ هوءَ ايتري بي داغ ۽ خوبصورت رڳو ان ڪري لڳندي هئي، جو سندس چمڙيءَ ۽ اکين ۾ قدرتي طور هڪ رونق ۽ صفائي هئي، ۽ سندس سونهري وار، سندس پيشانيءَ تان پاڻهي پاڻ صفائيءَ سان پوئتي مڙيا بيٺا هوندا هئا. باقي ٻين ڳالهين ۾ هوءَ پڪي وڇائت ۽ وڻواند عورت هئي؛ گاريون ته اهڙيون ڏيندي هئي، جي هوند ٻڍڙي ”ريڊ فرنٽ هڪنس“ جي شرابخاني جي ڪنهن گراهڪ کي ئي سونهن ها. +هنن کي ٽي ٻار ٿيا – هڪ ڌيءَ، ٻه پٽ. پنهنجي زال جي انهيءَ طبيعت جي باوجود، هو جئين پوءِ تيئن آسودو ٿيندو ويو. ڪجهه سالن ۾ اسي ايڪڙ هِتي ۽ اسي ايڪڙ هُتي وٺندو ويو، تان جو سندس زمينون مسيسپيءَ جي ڪنارن تائين وڃي لڳيون. انهيءَ ۾ ڪو گمان ئي ڪونهي ته سندس زال هن جي راهه ۾ گهڻيئي رنڊڪون وڌيون، پر هو اهڙو ته هوشيار ڪڙمي هو، جو ڪنهن طرح ناڪام ٿي نه سگهيو. فصل ڳاهڻ جي موقعي تي، سڀ ڪڙمي بين لاءِ ڪم ڪرڻ واسطي آتا هوندا هئا، پر سندس زال بيلا جي رڌل کاڌي کان توبهون ڀريندا هئا. سڄي ضلعي ۾ هوءَ رڌڻ پچائڻ ۽ گهر سنڀالڻ ۾ صفا بي لڇڻي عورت مشهور هئي. سمورا سال، ڏکن سکن ۾، سندس اهائي شڪايت ۽ دانهن هوندي هئي ته ”جيڪڏهن اها سڌ هجيم ها، ته هيئن مون کي ٻهراڙيءَ ۾ ۽ ٻنين تي سالن جا سال سڙڻو پوندو ۽ هنن ماڻهن جي رات ڏينهن غلامي ڪرڻي پنديم، ته هوند ان کان مرڻ بهتر سمجهان ها: هتي هيئن سڙي مرڻ کان ته اهو موت چڱو ٿئي ها.“ +ماستريءَ وارن ڏينهن جي سندس شائسته انگريزي به بس ٿي چڪي هئي – هاڻ ته سندس گفتگو به اهڙي ئي گندي هوندي هئي، جهڙي سندس پوشاڪ. بدن ۾ به ٿلهي ۽ بي ڊولي ٿيندي ويئي، ۽ سندس جسم جي چمڙي به گهڻي کائڻ ۽ سنڀال نه ڪرڻ ڪري کهري ٿيندي ويئي. پنهنجي اولاد جي دلين ۾ ڪڙميءَ ۽ کيتيءَ جي زندگيءَ خلاف نفرت ڀريندي رهندي رهي. ”تون پاڻ کي هن عذاب کان بچائي سگهين ٿي،“ هن پنهنجي ڌيءَ ’مِنيءَ‘ کي صلاح ڏني. ”تون پنهنجي پيءُ وانگر هڪ خسيس هاري نه ٿجانءِ،“ هن پنهنجي وڏي پٽ ”جان“ کي چتاءُ ڏنو هو. مِني اڃا سترهن سالن جي هئي، ته ”ڪامرشل“ ۾ وڃي نوڪري ڪرڻ لڳي. هن جي واڌ عمر جي لحاظ کان گهڻي اجائا هئي، ۽ اجائي ڏيکاءَ ۽ تيل ڦليل لاءِ بي حد چاهه هوندو هوس. ويهن سالن جي ٿي، ته هڪ دستڪار سان شادي ڪيائين، جو نهايت آواره ۽ بدمزاج شخص هو. هڪڙي شهر کان ٻئي شهر ڀٽڪندا رهيا. ڪنهن به هڪ نوڪريءَ تي هن کي ٽڪاءُ ئي نه ٿي آيو. ”جان“ به پنهنجي ماءُ جو اهڙو ئي پٽ ثابت ٿيو، جهڙي مِني پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ هئي. نڪمو، ڪُرڪريو، بي وقوف – پڻس کي منجهائنس ڪابه اميد ڪانه هئي. پنهنجي ٻنين جي گهوڙن کي شرطن جي گهوڙن وانگر جبلن تي ۽ ماٿريءَ ۾ سرپٽ ڊوڙائيندو رهندو هو. سڄو ڏينهن پيو ڳوٺ جون گهٽيون ڪڇيندو هو؛ ماڻس کان ”ڪامرشل“ ڏانهن وڃڻ لاءِ هميشھ پئسن جون تقاضائون ڪندو رهندو هو. اها سَستي ڀاڙي وارن آگبوٽن شروع ٿيڻ کان اڳي جي ڳالهه آهي. کيتيءَ ۾ جيڪي چيزون لازمي آهن، انهن مان ڪابه ڳالهه جيڪڏهن هن کي ڪرڻي پوي ها، ته هن جي حياتي گهڻو اڳ ختم ٿي وڃي ها. پر جيڪا حياتي هو گهاري رهيو هو، ان ۾ به هو جالي نه سگهيو؛ ۽ هڪ ڏينهن پرهه ڦٽيءَ جو کيس رستي جي ڪناري تي پيل ڏٺو ويو، ۽ گهوڙا، پرزا پرزا ٿيل گاڏيءَ کي گهليندا آهسته آهسته اچي پنهنجي ڪڙهه وٽ پهتا هئا. اڳينءَ رات جڏهن چوڪيدار سمهي رهيو هو، تڏهن هو چوريءَ گهوڙا گاڏيءَ ۾ جوٽي، ٻاهر آيو هو، ۽ پوءِ گهوڙن کي تکو ڀڄائيندي، شهر ۾ پنهنجي روزاني آستان تي وڃي پهتو هو. گاڏيءَ منجهان رڳو ڪري پوڻ ڪري شايد کيس ايترا زخم نه ٿيا هجن، پر شايد اهو اٽڪل ميل کن پنڌ جو گاڏيءَ سان گهلجندو آيو هو، ۽ پوءِ گاڏيءَ جي ڀڄي پوڻ ۽ رينن ٽٽي پوڻ سان سندس جسم چچرجي، چيٿاڙجي، گاڏيءَ مان ڪري هڪ پاسي تي پئجي رهيو هو. +اهو ڀيانڪ واقعو شايد بين ويسٽر ويلڊ ۽ سندس زال کي هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ ۽ سندن پرچاءَ ۾ مدد ڪري ها، پر ائين نه ٿيو. پاڻ ڳوٺ ۽ ان جي زندگيءَ لاءِ بيلا جي تلخي ۽ نفرت وڌي ويئي. + + +”هاڻ ته تنهنجي دل کي آرام آيو هوندو.“ هن بين تي ملامتن جو ڌوڙيو وسائيندي چيو. ”ڀانيان ٿي ته هاڻ تنهنجي دل ڏاڍي خوش ٿي هوندي. تو هن کي ڪڙمي بنائڻ تي سندرو ٻڌو هو. سو هاڻ قصو ئي ختم ٿي ويو. بهتر اٿئي ته ها�� وري ’ڊائيڪ‘ تي به پنهنجو هٿ آزمائي ڏس.“ +”ڊائيڪ“ سندس ننڍو پٽ هو. سورهن سال عمر هيس. پيءُ وانگر هو به فطري طرح سچو پچو ڪڙمي هو. پنهنجي ڪوڏاڻي جي نالي کي سچو ثابت ڪيو هئائين. منهن مهانڊي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ عادتن ۾ هو پنج سو ورهين اڳ جي پنهنجي ڊچ ابن ڏاڏن تي ويو هو. سرخ ڀريل ڳل، ويڪرا ڪلها، تيز اکيون - ۽ مزاج جو سانتيڪو. اسڪول ۾ هڪ ڀيرو جڏهن ”ڊچ ڇوڪري“ واري آکاڻي ٿي پڙهيائون، جنهن ۾ هڪ ڊچ ڇوڪري پنهنجي ڳوٺ کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بند جي سوراخ ۾ کڻي هٿ وڌو هو، ۽ تيسين اتان هٿ نه ڪڍيو هئائين، جيسين ماڻهو مدد لاءِ نه پهتا هئا، تڏهن ڪلاس جي ڇوڪرن ڪتاب ۾ انهيءَ ڊچ ڇوڪري جي تصوير ڏسي، هن ننڍي بين ويسٽر ويلڊ تي کڻي ”ڊائيڪ“ نالو رکيو هو، ۽ پوءِ هميشھ هو ڊائيڪ ئي رهيو. +ڊائيڪ ۽ سندس پيءُ جي وچ ۾ هڪ گهاٽو پر خاموش سٻنڌ ۽ هم آهنگيءَ جو احساس هو. ڇوڪر به اهڙوئي کيتيءَ جو هوشيار هو، جهڙو پڻس سندس عمر واري وقت هوندو هو. آچر ڏينهن تي ٻئي ڄڻا گڏجي ٻنيءَ جو چڪر هڻندا هئا، سوئرن تي نظرداري ڪندا رهندا هئا – سندن سوئر چڱا متارا هوندا هئا، جيڪي هوند پنهنجي تور جيتري چانديءَ جيترو ملهه ڪن؛ اَن ۽ گاهه جي ذخيرن کي ڏسندا هئا، ۽ پنهنجي زرخيز زمين تي اپريل جي چهچ سائيءَ ڪڻڪ کي ڏسي، اندازو لڳائيندا هئا ته سياري ۾ ڪڻڪ جو فصل ڪيئن ٿيندو. جوان ڊائيڪ پائيپ ڇڪيندي سياڻپ ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجي راءِ ڏيندو هو ته سياري جي ڪڻڪ سٺي ٿيندي. بين ويسٽر ويلڊ پٽ جي راين کي ٿڌي دماغ سان ٻڌندي، اندر ۾ بي پناهه خوشي محسوس ڪندو هو، پر ان جو اظهار ڪين ڪندو هو. شادي شده حياتيءَ جي عذاب، رنج ۽ تلخ نااميدين جو اجورو نيٺ هن ڇوڪري جي وجود ۾ نصيب ٿيو هوس. +هن جي انهيءَ شادي شده زندگيءَ کي ٽيهن کان به مٿي ورهيه اچي ٿيا هئا، پي ايتريءَ عمر هوندي به بين ويسٽر ويلڊ وک جو کڙو تڙو هو. ويڪرن ڪلهن واري ڀريل جسم ۾ ڪا ٿوري ئي لهس ۽ هيڻائي آئي هيس. پنجونجاهه ۾ به هو اهڙوئي صاف سٿرو هو، جهڙو پنجويهن جي ڄمار ۾ هو - ۽ اها صفائيءَ جي عادت اهڙي آهي، جا ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ قائم رکڻ ڏاڍي مشڪل آهي. ماڻهو کيس پري کان سڃاڻندا هئا، ۽ عزت ڏيندا هئا. هو چڱيءَ حيثيت جو ماڻهو هو. جڏهن سياري جي هڪ صاف صبح جو رڍ جي کل جو ڪوٽ، ٽونر سان ٽوپلو ۽ بوٽ پائي شهر ۾ آيو هو، ۽ فرسٽ نئشنل بئنڪ ۾ داخل ٿيو، تڏهن خود ’شموي‘، بئنڪ جي خزانچيءَ، پنهنجي ڊيسڪ تان ڪنڌ مٿي کڻي کيس آڌرڀاءُ ڪندي چيو هو: ”هلو، ويسٽر ويلڊ؛ ڪهڙا حال آهن؟“ جڏهن شموي ڪنهن ڪڙمي جو ان نموني آڌرڀاءُ ڪندو هو، تڏهن سمجهبو هو ته انهيءَ ڪڙميءَ جي کنڌي ڪا اوڌر يا قرض رهيل ڪونهي. +جيڪي ڪجهه بين ويسٽر ويلڊ وٽ هو، سو سندس پورهئي جو ثمر هو، سندس بازن جو ڦل هو: باغ، ٻنيون، اَن جا گدام، چوپايو مال، گاهه جون دنيون – انهن سڀني چيزن جي آئيندي جو دارومدار هن تي، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ڊائيڪ تي هو. هو پنهنجا ڏينهن گذاري آيو هو. سندس ڪم جو گهڻو حصو، ڏکيو ۽ سخت محنت ۽ مشقت جو هو. پر اهو ئي سندس شان هو. هن جي وجود جو جواز ئي اهو هو. ۽ هو محسوس ڪندو هو ته اهو جواز ڏاڍو چڱو هو، جيتوڻيڪ انهيءَ خيال کي هن ڪڏهن به لفظن ۾ بيان ڪين ڪيو هو. هن کي فقط اها ڄاڻ هئي ته زندگيءَ جي عظيم سٽا جو هو به هڪ حصو هو، ۽ پنهنجي حصي جو ڪم هو چڱيءَ طرح سرانجام ڏيئي رهيو هو. جيڪڏهن هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ها، ته شايد هي لفظ چوي ها: ”خير، زندگيءَ ۾ مون کي پنهنجي حصي جو ڪم مخصوص ٿي مليو، ۽ آءٌ ان کي ڪري رهي�� آهيان، ۽ ٺيڪ ڪري رهيو آهيان.“ +هاڻ هنن وٽ هڪ ٽرئڪٽر به هو؛ وٽن وچولي درجي جي هڪ مضبوط ڪار به هئي، جنهن ۾ ويهي جهوٽا کائيندي، بيلا شهر گهمڻ ويندي هئي. +جڏهن بين ويسٽر ويلڊ آسودگيءَ ۾ پير پاتو، تڏهن سندس موقعه شناس ۽ چالاڪ زال پنهنجا هٿ ساڄا ڪرڻ لڳي. بين خود غرض قسم جو ڪڙمي ڪونه هو، جو کيتيءَ جي اوزارن ۽ گهر جي سامان سڙي ۾ پندرهينءَ صديءَ جون پراڻيون شيون استعمال ڪرڻ لاءِ زور ڀري. هن پنهنجي گهر کي چڱو وڌايو هو؛ هڪ پاسي سمهڻ جي هڪ وڌيڪ ڪوٺي اڏائي هئائين، اونهاري لاءِ ٿڌڪار وارو بورچيخانو الڳ تيار ڪرايو هئائين، برف جي ڪوٺي ۽ دروازي اڳيان ڏيڍي ٺهرائي هئائين؛ ڪپڙن ڌوئڻ جي مشين ورتي هئائين؛ ۽ وهنجڻ جي جاءِ جوڙائي هئائين. پر بيلا جو من تڏهن به ڪين ڀريو. هن جون اکيون ته شهر ڏانهن هيون. نيٺ آهسته آهسته، ٽيهن سالن جي لڳاتار ڪُرڪر بين تي اثر ڪرڻ شروع ڪيو. هو نرم طبيعت جو شخص هو، ۽ هوءَ بلڪل ابتڙ طبيعت جي هئي. نيٺ هن کيس اهڙو موڙي وڌو، جئن لوهه سون کي موڙي وجهندو آهي. +مِني هاڻي شڪاگوءَ ۾ رهندي هئي – طبيعت جي چڱي هئي، پر پنهنجي ماءُ وانگر ڏاڍي سست ۽ ڪم چور هوندي هئي. سندس بدمزاج مڙس اڃا تائين پنهنجي حقن بابت پيو دانهون ڪندو هو، ۽ شاهوڪارن کي گاريون ڏيندو رهندو هو. کين ٻه ٻار هئا. مِنيءَ پنهنجي ماءُ ڏانهن ٻنهي ٻارن جو احوال، ۽ شهر جي فرحتن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون خطن ۾ لکي موڪليون هيون: روز سئنيما ڏسڻ؛ گهرجي پاسي ۾ هالسٽيڊ گهٽي؛ وڏا وڏا دڪان؛ لاريون، جيڪي جهٽ ۾ سڄو شهر گهمائي اچن؛ سڀ کان وڏي ڳالهه ته شهر ۾ هر گهڙيءَ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿي رهيو هو. بيلا ويسٽر ويلڊ، اهڙن خطن کان پوءِ ته بنهه بدمزاج ۽ بي حد زبان دراز عورت بنجي پيئي هئي. +جڏهن بين ويسٽر ويلڊ ڪڻڪ جي فصل ۽ سوئرن جي پرورش تي خاص توجهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن کيس اها ڳالهه خواب خيال ۾ به ڪانه هئي ته ڪڻڪ ۽ سوئرن لاءِ ايندڙ چار سال ڪو ايترو گرم رهندا. پوءِ جڏهن اهو وقت آيو، تڏهن ٻئي چيزون چڱي چوکي انداز ۾ هن وٽ موجود هيون، ۽ دلگهرين اگهن تي وڪڻي ڇڏيائين. پر ان ڏينهن، سوئر، ڪڻڪ ۽ مارڪيٽون ڪنهن کي ياد به نه هيون، جنهن ڏينهن ضلعي جي ستن ٻين جوانن سان ڊائيڪ کي فوج ۾ ڀرتي ڪري ويجهي تربيتي ڪئمپ ڏانهن موڪليو ويو، ته جيئن اتان تربيت وٺي، هو فرانس ۾ جنگ تي هليا وڃن. +بيلا ته ڏٺو وائٺو گهمسان مچائي ڏنو؛ اوڇنگارون ڏيئي، ڇڙيون هڻي، ڏنڊڻجيو ٿي ويئي. ٻڍڙي بين نهايت ضبط ۽ صبر کان ڪم ورتو. هو پاڻ پٽ کي گاڏيءَ تي چاڙهي شهر ڇڏي آيو. جڏهن ريل گاڏي ڇٽي، ته سندس نيريءَ قميص جي مٿان سندس گردن جون رڳون ۽ نسون ڦوڪجي آيون هيون، پر ٻيو ڪجهه به ڪين ٿيس. ڪجهه هفتن کان پوءِ سندس کڙي تڙيءَ وک ۾ فرق لڳو. هن جو پٽ ته فقط سندس هٿان ڪين ويو هو – گويا سندس ساڄيءَ ٻانهن جهڙو مددگار کانئس وڇڙي ويو هو. ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وارا ٻيا ڪمي به ڪين ٿي مليا. ٻڍڙو بين سمورو ڪم اڪيلي سر به نه ٿي ڪري سگهيو. سياري ۾ سنڌن جي سور ٻه مهينا کن کيس اڌ لولو بنائي ڇڏيو هو. بيلا جي زبان پوءِ به پنهنجي عادت نه ڇڏي. +”مان ته سمجهي نٿي سگهان ته تون اڪيلو سڄو بوجو ڪيئن سنڀالي سگهندين؟ تون ته مري پنهنجي جند ڇڏائي ويندين، ۽ هي سڄو ڳٺ منهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو“ – اهي لفظ ٻڌي هو آتشدان جي ويجهو ڪرسيءَ تي ويٺي ئي کيس خاموشيءَ سان ڏسڻ لڳو. هن جي برداشت جي قوتِ هاڻ جواب ڏيئي رهي هئي – کيس اها خبر هئي. هو اڃا مرڻ وارو ڪونه هو – اها به هن کي خبر هئي. پر منجهس ڪا شي ض��ور مري رهي هئي. ڪا شي جنهن ايترا سال کيس پنهنجي زال کي برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. ڪا شي، جيڪا هن کي انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ايتري تائين خود خيال ۽ باوقار بنايو بيٺي هئي. +انهن بيماريءَ وارن ڏينهن ۾، جڏهن هو آتشدان جي ويجهو ويٺو هو، تڏهن کيس اڪثر ايما بايرس جي يادگيري ايندي هئي. هوءَ اٺاويهه سال اڳ ڳوٺ مان لڏي ويئي هئي – شادي به ڪئي هئائين؛ ۽ هن ٻڌو هو ته شڪاگو ۾ ڏاڍي خوشحال زندگي گذاري رهي هئي. اجائي افسوس ڪرڻ ۾ هو پنهنجو وقت ڪين وڃائيندو هو. هن بيوقوفي ڪئي هئي، ۽ بيوقوفيءَ جي ڳري قيمت ادا ڪري چڪو هو. بيلا جا ڪمري ۾ هُل مچائيندي پئي ايندي ويندي هئي، تنهن کي ان ڪمري ۾ ٽئين شخص جي موجودگيءَ جو احساس ئي ڪونه هوندو هو – ٻاويهن ٽيويهن سالن جي هڪ قداور ڇوڪري، خوبصورت منهن، ذهين ۽ تيز اکيون، ويڪري ۽ سنجيده پيشاني – بيلا ان جو ڀلا ڪيئن تصور ڪري ٿي سگهي؟ +”جيئن پوءِ تيئن حالت بگڙندي ويندي.“ بيلا پنهنجي بڪ جاري رکندي چيو. ”سڀڪو ٿو چوي ته لڙائي اڃا به سالن جا سال هلندي رهندي. تون پنهنجي ڪم ۾ اڪيلو پڄي ڪين سگهندي. هرڪا چيز زبون ٿيندي پئي وڃي. ٻيو نه ته آزمودي خاطر ٻن سالن لاءِ مقاطعي تي ڏيئي ڇڏ. ’بروڪرس‘ خوشيءَ سان کڻڻ لاءِ تيار آهن. هنن وٽ ٽي ڏٽا مٽا اڻ گهڙين ڪاٺن جهڙا جوان ويٺا آهن، جن ۾ نه آهي عقل نه سمجهه، ۽ فوج جي لائق ئي ڪين آهن. پاڻهي اهي حصا پتيون ڪري پوکيندا. جيڪڏهن کين ڪو وجهه لڳو، ته ممڪن آهي ته سڄي زمين رڳو خريد به ڪري وٺن. ڊائيڪ به هاڻ مشڪل ئي واپس .....“ +پر ان گهڙيءَ هن جي چهري جي ڪيفيت ڏسي ۽ اوچتو هن جي غير معمولي غصي جي گُهٽيل دانهن ٻڌي، هڪدم هن پنهنجي بڪ بڪ کڻي بند ڪئي. +بهار جي شروع ۾ هو لڏي شڪاگو آيا. ڊائيڪ کي جنگ تي اسهڻ وقت، گاڏيءَ تي پهچائڻ لاءِ وٺي وڃڻ مهل، بين ويسٽر ويلڊ جي منهن جي جا ڪيفيت هڻي، سا وري سندس چهري تي اڀري آئي، - پر هن ڀيري شايد اها ڪيفيت مٽجڻ جهڙي نه هئي. ’ڪلهائون‘ ضلعي ۾ بهار اچڻ سان ڄڻ ڪئليفورنيا جو سمورو حسن اچي هڪ هنڌ ڪٺو ٿيندو آهي. سڄي ماحول ۾ هڪ عجيب سونهري روشني ڦهليل هوندي آهي ۽ پهاڙن تي قرمزي ڪوهيرا جمع ٿي ويندا آهن. بين ويسٽر ويلڊ کي رستي تان لنگهندي، ڪنهن ڳوٺاڻي ناٽڪ جي ڪردار کان به وڌيڪ چڀندڙ ڊرامائي احساس ٿي رهيو هو. البت ناٽڪ وانگر هن پٺ ورائي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ڪونه نهاريو. هن کي نهارڻ جي همٿ ئي نه ٿي. +شڪاگو ۾، مِنيءَ جي گهر کان سڏ پنڌ تي هنن اينگل وڊ ۾ هڪ فلئٽ مسواڙ تي ورتو. بيلا انهن ڏينهن ۾ ڪجهه نهٺي ٿي پئي هئي. شهري زندگيءَ کي هن اهڙيءَ طرح اختيار ڪيو، جو ڄڻ ته گذريل ٽيهه سال هن جي زندگيءَ ۾ آيا ئي ڪين هئا. نرم سفيد چمڙي جا بوٽ، نفيس نفيس چيزن جا دڪان، فلمون، گهورڙين سان کٽ پٽ، ماڻهن جا انبوهه، گوڙ گهمسان، عجيب گهٽيل ۽ غير فطري طرزِ زندگي – جيڪا چئن ڪمرن واري فلئٽ جو لازمي نتيجو هئي – اهي سڀ شهري لوازمات هن لاءِ اهڙيون ته فطري چيزون هيون، جو ڄڻ ته ڄائي نپني انهن چيزن جي وچ ۾ هئي. +مِني ۽ پاڻ سڄا سڄا ڏينهن اجاين خريدارين ۾ وڃائينديون هيون. هن جي پاڙي ۾ چڱا عزتدار ماڻهو – دستڪار، منشي، اڪائونٽنٽ ۽ ننڍا دڪاندار – رهندا هئا، گهرن ۾ البت زالون پنهنجي ميرن ڪپڙن ۽ داغدار زنانين ٽوپين سان ڪم ڪار ڪنديون رهنديون هيون – انهن ٽوپين هيٺان سندن کنڊريل ۽ مَـــرُ کان ڀورا ٿيل مٿا لڪل هوندا هئا. ائين ٿي ڀانيو ته کين اجائي گفتگو ۽ يٽن شتن هڻڻ لاءِ ڪافي وقت ملندو هو. صبح جو ستين بجي کان شام چئين بجي جي وچ ۾ جتي ڪٿي زالون پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندي نظر اينديون هيون. آمهون سامهون گهرن جي سمهڻ وارن ڪمرن جي بالڪنين مان هر هنڌ ٻه زنانيون ٽوپيون جهڪيل نظر اينديون، ڪي دهليز ۾ بيٺل هونديون، ته ڪي گهر جي ٿلهي کي صاف ڪندي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه وقت ڪڍي وٺنديون، ۽ ڪي رستي تي بيٺيون اوڀاريون لهواريون ڪنديون. مني ته ”اجهو، گهڙيءَ لاءِ اما وٽان ٿي اچان ٿي“ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃائيندي هئي. هڪ ٻئي جي طبيعت جي ناواقف هجڻ ڪري، هو پاڻ ۾ وڙهنديون به ڏاڍو هيون، پر جن خاصيتن هنن کي ويڙهايو ٿي، تن ساڳين خاصيتن ڪنهن عجيب مقناطيسي طريقي سان هنن کي وري پرچائي به ٿي ڇڏيو. +”اڄ بازار مان ڪجهه خريداري ڪرڻي اٿم،“ مني چوندي هئي. ”امان تون هلندينءَ؟“ +”وٺڻو ڇا اٿئي؟“ +”اوهه، خيال ڪيم ته ’پـَـرلِيءَ‘ لاءِ ٻه چولا وٺي اچان.“ +”جڏهن تنهنجي وهيءَ ۾ هيس، تڏهن تنهنجا سمورا ڪپڙا آءٌ پنهنجي هٿن سان سبندي هيس.“ +”بلي ڙي بلي! ڏاڍا ٺاهوڪا ٺاهيندي هئينءَ – هيءَ ٻهراڙي ته ڪانهي. مون کي جنهن به شي جي ضرورت ٿيندي آهي، ته جهٽ ٺهيل جڙيل وٺي ايندي آهيان. سئي سڳي سان ته منهنجي پويئي ڪانه.“ +”آءٌ ته مائي سڀ هٿ سان ڪندي هيس – گهر جو ڪم ڪار، سيبو ٽوپو، رڌ پچاءُ، ۽ تنهن کان سواءِ....“ +”تو گهڻائي ڇيهه ڪيا هئا – مون کي ڇا ٿي چئي ٻڌائين!“ +اها چخ چخ جهيڙي جي صورت اختيار ڪندي هئي، پر پڇاڙيءَ ۾ ٻئي گڏجي شهر وينديون هيون. هو بازار ۾ رڏ ڪڏ سان، هڪ ٻئي کي آڱرين سان اشارا ڏينديون، ”اسٽيٽ“ گهٽيءَ جي کاٻي پاسي تي ”پنجن – کان – ڏهن – سينٽن“ وارن ستن دڪانن تي ڪُر ڪُر ڪنديون، خريداري ڪنديون هيون. ماڻهن جي انبوهه وچان گهتون هڻنديون، سستي شيءِ جي ڪپڙي يا ڪنهن ردي ڪپڙي جي ٽوٽن ٽڪرن تي جهپ هڻنديون رهنديون هيون. ڪڏهن ڪنهن دڪان تان نمڪين بوهي چڻن جو ڳوٿرو خريد ڪنديون هيون، ته ڪڏهن گلابي رنگ جا کٽمٺڙا وٺنديون هيون، ۽ پوءِ سڄي واٽ انهن کي چرنديون چٻاڙينديون هلنديون اينديون هيون. +پوءِ دير دير سان ٿڪجي ٽٽي، پنهنجي بت مان بيزار ٿي، اچي گهر سهڙنديون هيون، ۽ دڪانن تان ورتل شين سان رات جي ماني کائي وڃي ڊهي پونديون هيون. +ان طرح سابق ڪڙميءَ بين ويسٽر ويلڊ، جي فارغ البال زندگي پئي گذرندي هئي. ۽ هو هاڻي بستري ۾ بي صبريءَ سان پاسا ورائي رهيو هو، بي چينيءَ مان چادر جي ڪناريءَ کي پريشان هٿ سان مهٽيندي پنهنجي پاڻ کي چئي رهيو هو ته ’خير جو ٻيو ڏينهن به اچي ويو. پر ڏينهن ڪهڙو هو؟ ترس ته حساب ڪريون. ڪالهه ڏينهن هو..... ڪالهه!‘ +هن تي ٿورو هراس ڇانئجي ويو. هن کي اهو به ياد نٿي پيو ته ڪالهه ڏينهن ڪهڙو هو. ڏاڍيءَ محنت سان هن پٺيان ڏينهن ڳڻڻ شروع ڪيا، ۽ نيٺ انهيءَ نتيجي تي پهتو ته اڄ خميس جو ڏينهن هئڻ گهرجي. ائين به ڪونه هو ته انهيءَ سان ڪو فرق ٿي پئجي ويو. +شهر ۾ رهندي کين سال کن ٿي ويو هو. پر شهر بين کي هضم ڪري نه سگهيو. هو هڪ چم جهڙي اهڙي گرنهه مثل هو، جو ڳريو ئي نه ٿي. هو شڪاگو جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو – نه ڪجهه ڪيائين ٿي، نه ڪجهه کيس ئي فائدو حاصل ٿي ٿيو. هڪ ڳنوار وانگر کِل جهڙي ڪالر واريءَ قميص ۾ هالسٽيڊ يا اسٽيٽ گهٽيءَ ۾ بي مقصد پيو ڀٽڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو مِنڍڻ ۽ گدلي چوڪيدار سان زور ڪري وڃي ڳالهائيندو هو، جيڪو اصل سوئيڊن جو رهاڪو هو ۽ هت ڳاڙهين سرن وارين فلئٽن واري بلاڪ جي پهريداري ڪندو هو. هڪ عجيب حسرت سان بين انهيءَ چوڪيدار وٽ وڃي لهواري اوڀاري ڪندو هو. بين، مِنيءَ جي بدمزاج مڙس ”گس“ کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه سڃاڻ��دو هو. بدتميز گس، بين کي پنهنجي نفرت جي لائق به ڪين سمجهندو هو. جڏهن بين کي اهي خيال ايندا هئا ته جڏهن هو ڪامرشل جي مکيه گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندو هو تڏهن کيس ڪيتري نه عزت ۽ آڌرڀاءُ ملندو هو، ۽ جڏهن هن کي اهو خيال ايندو هو ته ڳوٺ ۾ ڪوهن تان ڪهي ڪڙمي وٽس صلاح مشوري لاءِ ايندا هئا، - تڏهن هن جا چپ مِڙي ويندا هئا، ۽ ڳچ وقت لاءِ خاموش ٿي ويندو هو. +ڪڏهن پهريدار مهرباني ڪري پنهنجي بلڊنگ جي بٺيءَ ۾ کيس وٺي ويندو هو، جتي هو پاڻ رهندو هو. بس اُتي ڦلهيار ڪڍي، بٺيءَ ۾ کرپيءَ سان اڱر وجهندو هو؛ شين کي کڻندو، رکندو، اٿلائيندو پٿلائيندو هو. اڱر ڍوئيندو رهندو هو، ۽ پنهنجي پائيپ جي دونهين مان لطف اندوز ٿيندو رهندو هو. هتي هن کي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪرڻ لاءِ ملي ويندو هو. هو اتان دونهين ۾ ڪارو ٿي اٿندو هو، پر هن جي دل کي ڪجهه خوشي ملي ويندي هئي. +”تون انهيءَ بٺيءَ جي کُنڌ کُنڌ جي پچر ڪين ڇڏيندين!“ بيلا هن کي ڇينڀيندي چوندي هئي. ”جي هروڀرو ڪم ڪرڻ لاءِ ماندو آهين ته ڇو نه گهر جيپٺئين پاسي ۾ ڪو باغ پوکين ۽ ڪا ڀاڄي ڀُتي اُپائين؟ ٻنيءَ تي ته توکي چرين وارو شوق هوندو هو.“ +بيلا جي تنبيهه ٻڌي گهڙيءَ لاءِ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو. هو هن کي سمجهائي نه ٿي سگهيو ته انهيءَ ننڍڙيءَ بٺيءَ ۾ ڪم ڪرڻ سان هن جي پنهنجي نظرن ۾ ڪابه آبرو گهٽ ڪانه ٿي ٿي پئي؛ پر عزت نفس هن کي باغ رکڻ جي اجازت ئي نه ٿي ڏني – جنهن شخص ڇهه سو ايڪڙن جي زرخيز زمين تي حڪمراني ڪئي هئي، ان جي دل هڪ ٻن وکن جي باغ رکڻ تي ڪهڙي ورندي! +سياري جي راتين جو هو فلمن تي هليو ويندو هو. ۽ اتي جي گهٽيل ۽ اونداهي ماحول ۾ پنهنجون بيڪار گهڙيون گذاري ايندو هو. ٽوڪيو، روم، گيليپولي شهر فلمن ۾ ڏسندو هو. هو خوبصورت عورتن کي گورين ٻانهن سان بناوٽي پيار منجهان مضبوط جوانن کي ڀاڪر پائيندي ۽ چميون ڏيندي ڏسندو هو. هن جي انهيءَ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي. جيڪو ساڻس ڳالهائيندو هو، تنهن سان ڳالهائيندو ئي رهندو هو – جيتوڻيڪ هو فطري طرح هڪ لڄارو شخص هو. هو حجام، باڪري، دوا فروش، لاريءَ جي ڪنڊڪٽر، کير واري ۽ برف واري سان هڪدم ڳالهين ۾ جنبي ويندو هو. پر انهن ماڻهن کي ڪڻڪ جي اگهن سان ڪائي دلچسپي ڪانه هوندي هئي. هنن کي اها ڄاڻ ڪانه هئي ته ڪڻڪ جي قيمت دنيا جي گفتگوءَ جو اهم ترين موضوع هو. +”هن سال ئي کڻي ڏسو،“ هو چوندو هو، ”هن سال ڪڻڪ جو فصل اٽڪل ايڪانوي ڪروڙ ستر لک ’بشيل‘ لٿو آهي. اهڙي سٺي فصل سان ئي لڙائيءَ ۾ فتح حاصل ٿيندي. بالڪل، ائين اٿو، سائين، آءٌ ته چوان ٿو ته ڪڻڪ نه هوندي، ته جنگ به ڪين جيتبي.“ +”هائو........ ائين ئي هوندو!“ شهري ماڻهو هن تي کلڻ لڳندا هئا، پر عجيب ڳالهه اها هئي ته ڪڙميءَ بين جي ڳالهه سچي هئي. +مِني ته بين کي آيا وانگر استعمال ڪرڻ لڳي. انهيءَ طرح کيس يٽن هڻڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ملي ويندي هئي. +”بابا، گهڙيءَ لاءِ پَرلِيءَ کي ته راند ڪراءِ. مون کي بزار ۾ هن رنگ جو ٿورو ڪپڙو ڏسڻو آهي. جيڪڏهن پاڻ سان ٿي کڻي وڃانس، ته بيزار ٿيو پوي، ۽ ڪپڙا لٽا خراب ڪريو وجهي. اما به مون سان گڏ ٿي هلي.“ هوءَ چوندي هئي. +پَرليءَ جي نازڪ نازڪ بخملي هٿن کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي هن کي بي انتها خوشي ٿيندي هئي. هو هن کي ”ننڍڙي مائي“ سڏيندو هو. هن جون وڏيون ناسي رنگ جون آڱريون هن جي ننڍڙين پوشاڪن جا بٽڻ کولڻ ۽ بند ڪرڻ، سندس نازڪڙا چپ صاف ڪرڻ ۽ ٻين به ڪيترين اهڙين چاڪرين ڪرڻ تي حيرت انگيز نموني سان هري ويون هيون. هو پنهنجي پاڻ سان هڪ انوکي راند کيڏي رهيو ه��، ۽ تصور ئي تصور ۾ اهو ڍونگ ڪندو هو ته ڊائيڪ وري ننڍڙو ٻالڪ بنجي ويو هو. هڪ ڀيري ٻئي ”لنڪن پارڪ“ گهمڻ ويا، جتي سڄو ڏينهن، جانورن کي ڏسندي، مڪئيءَ جا ڦلا کائيندي، ۽ رانديڪي جي ننڍي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي، کيل تماشي ۾ گذاريائون. +شام جو ٿڪجي، مٽيءَ ۾ لٽجي واپس آيا، پر سندن دليون ڏاڍيون خوش هيون. +بيلا گهڻو وقت هميشھ ڊائيڪ لاءِ سوچيندي، ڳڻتيون کائيندي رهندي هئي. بين، ڊائيڪ بابت ورلي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو. پر سندس خيالن ۾ هو هر وقت موجود هوندو هو. هنن ڊائيڪ کي شهر ۾ لڏي اچڻ جو احوال لکيو هو. پر معلوم ائين ٿي ٿيو ته هن کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ئي ڪين آيو هو. هن جي خطن مان ظاهر ٿيندو هو ته هن جي خيال ۾ هو شايد مِنيءَ کي ڏسڻ لاءِ شهر آيا هئا – يا ائين ئي تفريح لاءِ اتي آيا هئا. ڊائيڪ خط گهٽ لکندو هو. پر انهن ٿورن خطن کي به بين هڪ خزانو سمجهندو هو ۽ ورائي ورائي پيو انهن کي پڙهندو هو. جڏهن جنگ فتح ٿي ۽ صلح جون خبرون پهتيون، ۽ ڊائيڪ جي اچڻ جو امڪان نظر آيو، تڏهن بين، ڪوشش ڪندي تصور ۾ هن کي جنگ کان موٽڻ بعد شهري زندگيءَ ۾ آباد ٿيندي ڏٺو. پر خيال ايندي ئي بين جو سمورو وجود لرزجي ويو. +هالسٽيڊ ۽ ٽيهٺ نمبر گهٽين جي ڪنڊ تي هو ڪيترن ئي سانوري رنگ ۽ موهيڙن سان ڀريل چهرن وارا نوجوان بيٺل ڏسندو هو، جيڪي رستي تي ٿڪون اڇلائيندا رهندا هئا ۽ ڏاڍيءَ مهارت سان چپن ۾ سگريٽون جهلي گهمندا رهندا هئا. هو هلڪي آواز سان فقره بازي ۽ گندي گفتگو ڪندا رهندا هئا، ۽ جڏهن تنگ پوشاڪن سان لپ اِسٽڪ لڳل ڇوڪريون ٿي لنگهيون، تڏهن کين ڏسي سندن اکيون چنجهيون ٿي ٿي ويون. بين ويسٽر ويلڊ کي دل ۾ ڊپ اچي جاڳيو هو. +جسماني پورهئي ۽ ورزش نه هئڻ ڪري بين جي جسم تي برو اثر پوڻ لڳو هو. سستيءَ ۽ ڪاهليءَ کان مٿس ڪا ٿولهه ۽ چرٻي به ڪانه ٿي چڙهي. ان جي برعڪس سندس چمڙي، سندس جسماني پڃري تي، بت کان وڏيءَ پوشاڪ وانگر لڙڪڻ لڳي هئي. هو پنڌ تمام گهڻو ڪندو هو؛ ۽ شايد سندس ڪمزوريءَ جو اهوئي سبب هو. شهر جي رستن تي ميلن جا ميل جهاڳي ايندو هو. هو پاڻ کي نهايت اڪيلو محسوس ڪندو هو. ۽ پوءِ، هڪ ڏينهن اتفاق سان هو ”سائوٿ واٽر“ گهٽيءَ ۾ اچي نڪتو. جڏهن اتي پهتو تڏهن ان ڏانهن اهڙيءَ طرح گهوڙڻ لڳو، جيئن ڪو پاڻيءَ جو پياسي مسافر، ڪنهن بيابان ۾ پاڻيءَ جي چشمي کي ڏسي شڪرگذاريءَ سان پاڻي پيڻ لڳندو آهي. +سائوٿ واٽر گهٽي شڪاگو جي ان داتا آهي. انهيءَ ڳتيل رستي تي وڪري لاءِ ايتريون ڀاڄيون ۽ ميوا ايندا آهن، جيڪي هوند ڏهن لکن دستر خوانن لاءِ پورا ٿي اچن. بين ان بابت ڪيترا ڀيرا ٻڌو هو، پر ڪڏهن به ان گهٽيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئائين. هاڻ اوچتو اتي اچي پهتو هو، ۽ اتي بيهي سال کان به وڌيڪ وقت کان پوءِ هن پهريون ڀيرو شڪاگو ۾ سک جو ساهه کنيو. هن سگهارن انسانن کي پورهئي جي ڪپڙن ۾ اتي گهمندو ڦرندو ڏٺو. سندن هٿن ۾ چهبڪ هئا – ها، گاڏين هلائڻ وارا چهبڪ. جڏهن کان پنهنجون ٻنيون ڇڏي آيو هو، تڏهن کان هن اهڙا ماڻهو ڪونه ڏٺا هئا. هنن کي ڏسي، هن جي دل ۾، پنهنجي وطن جي يادگيريءَ ۾، اداسيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي، هن جو هٿ کيسي کان ٻاهر آيو ۽ ڊڄندي ڊجندي هن جي هريل مريل آڱر، رستي جي هڪ پاسي کوکي ۾ پيل پٽاٽن تي وڃي پيئي. پوءِ هن جون آڱريون وڌنديون ويون، ۽ پٽاٽن کي هٿن ۾ جهلي هن جي دل خوشيءَ کان اڇلون ڏيڻ لڳي. +ائين ٿي ڀانيو ته هن جي اندر ۾ ڪا شي تڻڪيل ۽ بکايل هئي، ۽ پٽاٽن کي ائين ڇهڻ سان هن جي سڪ ڍري ٿي ويئي، ۽ بک پلجي ويئي. اهي هن جون نسون هيون، جن کي وري اه�� ساڳيو کاڌو مليو، جنهن لاءِ هو هڪ عرصي کان بک جي ڪري پاهه ٿي رهيون هيون. +هو هڪڙي طرف کان ٻئي طرف اچڻ وڃڻ لڳو. ڀاڄين جا ٽوڪرا، بصرن جا کارا، صوفن جا کوکا، - مار، ڀاڄيون ته ڏسو ڀاڄيون! مورين ۾ واهه جو قرمزي رنگ آيو هو. گجر هڪڙي هڪڙي ڄڻ ته ڪنهن ڪنوار کي تحفي ڏيڻ جهڙو گلدستو پئي معلوم ٿيس. +۽ ماڻهو ته ڏسو! هن کي ڪڏهن خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه آئي هئي ته هن ٺٺ ٺانگر، ٺاهه ٺوهه ۽ اڇن ڪالرن وارن ماڻهن جي شهر ۾ ههڙا ماڻهو به هوندا. سانوري رنگ جا ماڻهو – پنهنجي ڦاٽل، ميرن ۽ پورهئي جي ويڪرن ڪپڙن يا نيرين قميصن ۽ بي پرواهيءَ سان پيل ٽوپلن سان هيڏانهن هوڏانهن هلي گهمي رهيا هئا. ماڻهو – خوش مزاج، نيڪ طبيعت، صاف ۽ تيز اکين وارا ماڻهو، جن ۾ اها ساڳي زندگي بخش تازگي ۽ صحت بخش پاڪيزگي هئي، جيڪا سندن فصلن جي پيداوار ۾ هوندي آهي. +”بين“ بصرن، ٿوم ۽ ٻين ڀاڄين سان چنبڙيل تيز تيز هڳاءَ مان هڪ اونهو ساهه کنيو – ڪمال سادگيءَ ۾ شڪر گذاريءَ جي احساس سان اونها ساهه کڻندو رهيو، ۽ هن کي هڪ عجيب سڪون محسوس ٿيڻ لڳو. +اها گهٽي ڏاڍي مصروف هئي. بين کي ڪيترائي ڀيرا هٿ گاڏين، گهوڙي گاڏين ۽ ٺيلهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ وک وڌائڻي ٿي پئي. پر ان هوندي به انهن مصروف ماڻهن کيس کيڪارڻ ڪين وساريو. ”ڪهڙا حال احوال آهن –“ ماڻهو کانئس عزت سان پڇڻ لڳا – ”خوش ته آهين نه؟“ هن کي مارڪيٽن جي ايتري ڄاڻ هئي ته انهن مصروف ماڻهن مان ڪي دلال هئا، ڪي باڪري هئا، ڪي خريدار ۽ منشي هئا. انهيءَ گهٽيءَ ۾ عورت جو نشان به ڪونه هو. هڪ هنڌ جتي واپار سڀ کان تيز هو، اتي گهٽيءَ جي هڪ ڪنڊ تي، دلال جي هڪ دڪان اڳيان، هن کي هڪ عورت نظر آئي. هوءَ واپار ۾ مصروف هئي، ۽ هن ڏٺو ته ماڻهو هن وٽ ٻيرن ۽ ڀاڄين جا ٽوڪرا چڪاس ڪرائڻ لاءِ کڻيو پئي آيا. انهيءَ عورت کي نيري رنگ جي ”اسڪرٽ“ (پڙي جو هڪ ننڍو قسم) پيل هئي، ۽ ڪاري رنگ جو ننڍو ٽوپلو مٿي تي هوس. +زال ذات لاءِ اهو ڌنڌو به عجيب هو، - هاڻ ته الائجي هو ڪهڙن ڪهڙن ڌنڌن ۾ ڪاهي پيون هيون! هو ٿورو مڙي هڪ سوڙهي لنگهه مان، عورت جي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهن جي هجوم کان نڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. انهن مان هڪ ماڻهوءَ – ڳاڙهن ڳلن واري، خوش مزاج نوجوان – کلي چيو، ”خير، ايما، تو کٽيو، مون هارايو. اگهه پار ۾ توسان پڄڻ جي جاءِ ناهي. مون بس ڪئي. جيئن وڻيئي، تيئن ڪر!“ +ان هوندي به هن کيس نه سڃاتو. هن کي خواب خيال به ڪونه هو ته هيءَ سنهي جسم جي، صاف سٿرن ڪپڙن سان، اڇن وارن واري عورت، جيڪا ماڻهن سان ا هڙيءَ پڪائيءَ سان واپار ڪري رهي هئي، سا ڪا پراڻن ڏينهن واري ايما بائرس هئي. پر هو گهڙيءَ لاءِ اتي ئي ويهي رهيو ۽ تجسس سان هن ڏانهن نهارڻ لڳو، ۽ عورت به ان وقت ڪنڌ مٿي کنيو. هن ڏانهنس نهاريو، ۽ هو انهن ذهين اکين ۽ ڳنڀير پيشانيءَ کي سڃاڻي ويو. انهن اکين ۽ انهيءَ پيشانيءَ جي تصوير پنهنجي دل ۾ ٽيهن کان مٿي سال سانڍيندو آيو هو، سو ان ۾ ڪابه حيرت جهڙي ڳالهه ڪانه هئي. +هو هٻڪيو ڪونه. هو جي ٿورو سوچ ۾ پئجي وڃي ها، ته شايد ڪجهه هٻڪ ٿئيس ها؛ پر هو ته بنا ارادي هن ڏانهن وڌي آيو، ۽ هن جي اڳيان اچي بيهي رهيو – ”تون ايما بائرس آهين نه؟“ +هن پهريائين کيس ڪين سڃاتو. هن ويچاريءَ جو به ڪهڙو ڏوهه، - هن زرد ۽ اداس اکين واري ٻڍڙي ۾ اهو شرير ۽ سگهارو ڪڙمي جوان، جيڪو هن جي ذهن ۾ اچي ٿي سگهيو، مڪمل طرح بنهه گم ٿي ويو هو. +”اوهه، بين!“ هن آهستگيءَ سان چيو. هن جي آواز ۾ رحم هو، جيتوڻيڪ هن جو مقصد اتي اهو ظاهر ڪرڻ جو ڪونه هو. هن پنهنجو هٿ – اهو ساڳيو ڪارائتو ۽ پُر يقين هٿ – وڌائي، هن جي هٿ ۾ ڏنو ۽ گهڙيءَ لاءِ چپ ڪري بيٺي هن کي ڏسندي رهي. اها هڪ عجيب ۽ پر معنى ڳالهه هئي ته هوءَ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو ائين بيٺي رهي. +”ايما، تون هت آخر ڇا پئي ڪرين؟“ هن خوش مزاج ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. هن منهن ورائي ان شخص ڏانهن ڏٺو، جنهن سان سودو طي ڪري رهي هئي، ۽ مرڪندي چيائين – +”جوُ، آءٌ هتي ڇا پئي ڪريان؟“ +جوُ به مرڪڻ لڳو، ۽ مذاق طور چوڻ لڳو – ”ڪجهه به نه، صرف رستي تي هلندڙ ماڻهن کي ماري ڪٽي، ايترو ناڻو پئي ٺاهين، جو........“ +پر هن کيس وچ ۾ ئي روڪيو. ”بس بس، آءٌ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي سمجهاڻي ڏيان، ته بهتر.“ هوءَ وري بين ڏانهن منهن ورائي چوڻ لڳي، ”۽ تون هت شڪاگو ۾ ڇا پيو ڪرين.“ +بين کاڏيءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو. +”آءٌ؟ آءٌ...... اوهه! اسين ته هتي ئي رهون ٿا – ها، هتي ئي ٿا رهون!“ +هن ٿورو تکائيءَ مان بين کي ڏٺو. ”ته ڇا، ٻنين کي ڇڏي آيو آهين، بين؟“ +”هائو!“ +”گهڙي ترس،“ ائين چئي جوُ سان سودو طي ڪيائين؛ ۽ واپار به ڏاڍو تيزيءَ سان ۽ پنهنجي اطمينان سان ڪيائين. پنهنجي تيز نيرين اکين جي ڦڙتائيءَ ۽ تيز تيز حرڪتن مان هوءَ ڄڻ جهرڪي پئي لڳي – واپار ڪندڙ جهرڪي – جيڪا جيتن ڦاسائڻ ۾ ماهر هئي. +هن جي ٻئي گفتي هن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ”تو منجهند جي ماني کاڌي آهي؟“ +”ڇو نه، مون خيال.......“ +”ستين بجي کان هت اچي بيٺي آهيان. بک ۾ ساهه ٿيو وڃيم. هل ته هن ڪنڊ واري يوناني هوٽل تي ڪجهه ٽڪر ڀور کائون. ڪافي ۽ ’سئنڊوچ‘ ئي کڻي کائينداسون.“ +ننڍڙي خالي ميز تي ويهي، هوءَ پنهنجي ذهين، سمجهدار ۽ مهربان اکين سان هن جو جائزو وٺندي رهي، ۽ هو ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ ته ماضيءَ جا ساڳيا سال ڦري هن جي اڳيان اچي بيٺا هئا. هو محسوس ڪري رهيو هو ته ٻئي ڳوٺ واري رستي تي هلي رهيا هئا، ۽ هوءَ خاموشيءَ سان سندس ڳالهيون ٻڌي، کيس صلاح مشورو ڏيئي رهي هئي. +هوءَ کانئس نرميءَ سان سوال پڇڻ لڳي. پر هن ۾ سندس پراڻي صلاحيت وري اڀري آئي. ”نه، پهرين تون پنهنجو احوال ڏي. مون کي ته ڪائي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي – تون ۽ هتي سائوٿ واٽر گهٽيءَ ۾ - هي واپار وغيره؟“ +هوءَ کيس مختصر طرح پنهنجو احوال ٻڌائڻ لڳي. هوءَ دلاليءَ جي ڌنڌي ۾ لڳل هئي. چڱي ڪامياب هئي. وڏين هوٽلن، جهڙوڪ ”بلئڪسٽون“ ۽ ”ڪانگريس،“ ۽ ٻين به اڌ ڊزن هوٽلن لاءِ خريداريون ڪندي هئي. هن کيس حقيقتون بيان ڪري ٻڌايون. پر هو به ڪافي هوشيار هو، ۽ واپار جي چڱي موچاري خبر هيس، سو از خود به سمجهي ويو ته هيءَ عورت واپار ۾ برابر هڪ حيثيت حاصل ڪري چڪي هئي. +”پر اهو ڪيئن آهي ته تون اهو سمورو وقت اڪيلي ڪم ڪندي ٿي رهين؟ تون نيٺ ڪنهن سان.... ائين نه، ته ڪو تون ائين ٿي معلوم ٿين..... پر .....“ هو ڪجهه هٻڪڻ لڳو، ۽ چپ ٿي ويو. +هوءَ کلڻ لڳي – ”بلڪل ٺيڪ آهي، بين. آءٌ توکي غلط فهميءَ ۾ ڇور کان. آءٌ ڪم ڪندي ٿي رهان. جو ڪم مان مون کي خوشي ٿي حاصل ٿئي. آءٌ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. منهنجا ٻار مون کي هاڻ آرام ڪرڻ لاءِ چوندا رهندا آهن، پر مون کي کانئن بهتر ڄاڻ آهي. آءٌ پاڻ کي ڪٽجڻ ڪين ڏيندس. آءٌ ڪم ۾ ئي ڳهي وڃڻ ٿي چاهيان.“ پوءِ هڪ اڻ پڇيل سوال هن جي اکين ۾ ڏسي چوڻ لڳي: ”ها، هو مري ويو. ويهه سال ٿيا سندس وفات کي. پهرين، جڏهن ٻار اڃا سنها هئا، تڏهن ڏاڍي مصيبت ۽ تڪليف ٿي؛ پر مون کي گهٽ ۾ گهٽ باغبانيءَ جو ڪم ته ايندوئي هو. اهو فطري طرح مون کي اچي ويو هو. بس اهي آهن احوال!“ +۽ پوءِ هن به بين کان سندس احوال ٿورو ٿورو ڪري معلوم ��يو. هن ٻنين ۽ ڊائيڪ جي به ڳالهه ڪئي، ۽ ان وقت هن جي آواز ۾ فخر نمايان ٿي رهيو هو. هن بيلا، حادثي ۾ مري ويل پٽ ۽ مِنيءَ جي به ڳالهه ڪئي. هن جو آواز ۽ هن جا لفظ اٿڙي رهيا هئا. هو ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو – پر ڌوڪو ڏيئي نه ٿي سگهيو. جڏهن هن پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي، تڏهن ايما چيو: +”بين، منهنجي ڳالهه ٻڌ. ڀلائي ڪري تون ٻنين تي موٽي وڃ!“ +”ناممڪن. هوءَ ....... آءٌ واپس وڃي نه ٿو سگهان.“ +هوءَ ڪنهن جذبي کان هيٺ جهڪي ويئي. +”توکي ٻنين تي واپس وڃڻ گهرجي.“ +هن هارائڻ جي انداز ۾ مٺيون ڀيڙي ڇڏيون. ”آءٌ واپس وڃي نه ٿو سگهان!“ +”توکي هت رهڻ نه گهرجي. تون پنهنجي پاڻ کي هٿ وٺي ماري رهيو آهين. پنهنجي پاڻ کي زهر ڏيئي رهيو آهين. ڪڏهن زهري جيوڙن جي ڳالهه ٻڌي اٿئي؟ انهيءَ جي معنيٰ آهي زهر ۽ موت، ۽ تون پاڻ کي پاڻ زهر ڏيئي رهيو آهين! تون انهيءَ وگهي ئي مري ويندين. تو ۾ اڃا پورهئي جا ويهه سال موجود آهن: توکي ڪهڙي چيز عليل ڪيو آهي؟ تون پنهنجي ڪڻڪ، پنهنجي صوفن ۽ پنهنجي سوئرن ڏانهن موٽي وڃ. دنيا ۾ انهيءَ کان بلند ۽ بهتر ٻيو ڪوبه ڪم ڪونهي.“ +هن جي روح افزا شخصيت جي گرميءَ کان هن جي چهري ۾ گهڙيءَ لاءِ چمڪ اچي ويئي. پر اها چمڪ اتي جو اتي وري مري ويئي. جڏهن هو وڃڻ لاءِ اٿيا، تڏهن هن جا ڪلها وري ڍرڪي پيا، ۽ سندس رڳون وري ساڻيون ۽ نستيون ٿي وييون. دروازي تي هو گهڙي کن بيهي رهيو، ۽ لڄي لڄي ٿيندي هن کان موڪلايائين. هن جو رنگ زرد ٿي ويو - ۽ هو هٻڪڻ لڳو. +”ايما – منهنجي دل جي آرزو هئي ته توکي دل جي ڳالهه ٻڌايان. خدا جي اها مرضي هئي، جو تنهنجي نصيب هن طرح ڦيرو کاڌو – پر مون هميشھ چاهيو ٿي....“ +ايما وري به هن جو هٿ پنهنجي مضبوط هٿ ۾ جهليو، ۽ پنهنجي مهربان نيرين نيرين اکين سان هن کي ڏسندي رهي. ”بين، مون توکي ڪڏهن به ڏوهه ڪين ڏنو. مون کي سمجهڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. پر منهنجي دل ۾ ڪا به شڪايت نه هئي. ڀانيان ٿي ته شايد ائين ٿيڻوئي نه هو. پر بين، منهنجي ڳالهه ٻڌ. جيئن چوانءِ ٿي، تيئن ڪر. تون پنهنجي ڪڻڪ، پنهنجي صوفن، پنهنجي سوئرن ڏانهن موٽي وڃ. انهيءَ کان وڌيڪ مردانگيءَ جو ڪم دنيا ۾ ٻيو ڪوبه پيدا نه ٿيو آهي. تنهنجي پناهه، تنهنجو آکيرو اهوئي آهي.“ +بنا ارادي هن جا ڪلها وري سڌا ٿي ويا. ۽ ان طرح هنن ٻنهي هڪ ٻئي کان موڪلايو. +هو ميلن جا ميل گهر ڏانهن پنڌ ڪندو رهيو. شايد رستو ڀلجي ويو هو. هڪ ڪنڊ تي پهچي ڏٺائين ته گهٽيءَ جو نالو اوپرو معلوم ٿيس. +هو ڀٽڪندو رهيو؛ ماڻهن کان ڏس پڇيائين، پر پاڻ کيس وڌيڪ گمراهه ڪيائون. نيٺ هڪ گهٽيءَ منجهان ٿيندو، هلندي هلندي ستين بجي اچي پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ پهتو. هن کي خبر هئي ته گهر پهچندي کيس تنبيهه سهڻي پوندي. +پر جڏهن گهر جي دروازي تي پهتو، تڏهن گهر مان ايندڙ گوڙ جو آواز ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو. سڀ وڏي واڪي ڳالهائي رهيا هئا. دستور موجب بيلا جو آواز سڀني کان ڳرو هو، پر مِنيءَ جو به آواز اچي رهيو هو. گس جو گوڙ، پرليءَ ۽ ڇوڪري ايڊيءَ جا آواز ۽ ...... +۽ ٻئي آواز تي هن جو هٿ ڏڪي ويو، ۽ در جي تاڙي ٿڙ تڙ ڪرڻ لڳي، ۽ هو ان کي ڦيرائي نه سگهيو. نيٺ هن تاڙيءَ کي ڦيرايو ۽ گهر ۾ ٿاٻڙجندي داخل ٿيو. هن جو ساهه ڏاڍي مشڪل سان کڄي رهيو هو. اهو ٻيو آواز ڊائيڪ جو هو. +هو شايد ان وقت ئي آيو هو. حال احوال جي گرمي اڃا به جاري هئي. ڊائيڪ جو چمڙي جو ٿيلهو اڃا سندس پٺن تي هو، ۽ سندس هيلميٽ (لوهه جو هول) ڪلهي تان لڙڪي رهيو هو. سانورو، مضبوط ڊائيڪ ڪافي ڊگهو ۽ سهڻو ٿي پيو هو - ۽ عمر ۾ به ڪجهه وڏو پئي لڳو. +اهو سڀ ڪجهه بين بجليءَ جهڙي هڪ سيڪنڊ ۾ ڏسي ورتو. پوءِ پنهنجي هٿن سان ڊائيڪ جي مضبوط ڪلهن کي جهلي بيهي رهيو - ۽ ڊائيڪ چئي رهيو هو – ”بابا“ +سڄي ڪمري ۾ ٻڍڙو بين ۽ ڊائيڪ ئي خاموش هئا. ٻيا سڀ ڊائيڪ جي احوالن کي دهرائي رهيا هئا، عجب کائي رهيا هئا، ۽ طرح طرح جا سوال پڇي رهيا هئا. +”هو ڪالهه........ پهتو هو. ڊائيڪ، انهيءَ شهر کي ڇاٿا ڪوٺين؟....... ها، ’هوبوڪن‘ شهر ۾ ڪالهه اچي، اتان ڳوٺ نياپو موڪليو هئائين. ڊائيڪ، تو اسان جا خط ڪين پڙهيا هئا ڇا، ته اسين هاڻ هت هئاسون؟ هت ڪلاڪ مس ٿيو اٿس. کين وري ”ڪئمپ گرانٽ“ وڃڻو آهي، جتان کين واپس وڃڻ جي موڪل ملندي. اوچتو مِنيءَ جي گهر اچي پهتو. ڪيڏو نه وڏو ٿي ويو آهي!“ +پر ڊائيڪ ۽ سندس پيءُ هڪ ٻئي کي خاموشيءَ سان تڪي رهيا هئا. پوءِ ڊائيڪ ڳالهائڻ لڳو. هن جو آواز ٻڍڙي بين وانگر ٿلهو ۽ ڍرو ڪين هو. هو هڪ نئين لهجي سان لفظ اچاري رهيو هو. +”بابا، تون فرينچ ڪڙمين جون ٻنيون ڏسين، ته حيرت ۾ پئجي وڃين. هر هڪ کي ايڪڙ زمين جو مس آهي، پر ان ايڪڙ جو هڪ هڪ انچ هو ڪم ۾ آڻين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن وڻ جي پور ۾ ڪا مٽي ڄمي وڃي، ته هوند اتي به ڪجهه پوکي ڇڏين. مون اهڙي حالت ڪٿي ڪانه ڏٺي. اسين هتي ته ان رکڻ ۾ ئي ڪيترو زيان ٿا ڪريون. ۽ اوزار! يقين ڪر، اوزار بنهه حضرت نوح جي زماني جا اٿن. اسان جا ٽرئڪٽر ڏسن ته هوند سمجهن، ته جرمن اچي ويا. پر انهن پراڻن اوزارن کي هلائڻ جا هو ڪاريگر آهن. مون وٽانئن گهڻائي نوان خيال پرايا آهن. اسي ورهين جا پوڙها – زالون مرد – ٻنين تي سڀ ڪم پنهنجي هٿن سان ڪن – هنن کي ڪرڻو ئي پوي ٿو. هنن جي پوکڻ جا ڪيترا نمونا آءٌ سکي آيو آهيان.“ +”ٻنين کي هاڻ وساري ڇڏ،“ مِني چوڻ لڳي. +”ها“ گس واڪو ڪري چوڻ لڳو – ”ٻنين جي ڳالهه ئي نه ڪر. آءٌ توکي هتي چوئيتاليهه سينٽ روزاني پگهار تي نوڪري وٺي ڏيندس – ڪم سکي وئين، ته ڇهه ٻيا به ملندءِ.“ +ڊائيڪ سڀني جا منهن تڪڻ لڳو – ڪجهه ڊپ ۽ ڪجهه حيرت مان. هن کي اعتبار ئي نه ٿي آيو. ”ڇا پيو چوين – نوڪري؟ نوڪري ڪير ٿو ڪري! ڇا اوهين سڀ......“ +بيلا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. خدا جي واسطي، ڊائيڪ اکيون ته کول. اسين هت رهون ٿا، هي اسان جو گهر آهي. هاڻي اسين اهي ٻهراڙيءَ جا ڳنوار ڪونه آهيون. +ڊائيڪ منهن ورائي پيءُ ڏانهن ڏٺو. هن جي منهن تي حيرت ۽ بدحواسي هئي – رحم جوڳي ڪيفيت هئي. ڪا اهڙي ڳالهه هئي جنهن هڪدم ٻڍڙي بين کي پرليءَ ڏانهن متوجهه ڪيو، جنهن کي سندس ماءُ ڪنهن ڳالهه تان ٿڦڙ وهائي ڪڍيو هو. +”آءٌ ته ٻنين جي آسري تي ئي جيئرو رهيو آهيان –“ هو ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳو. ”آءٌ وري اوڏانهن واپس وڃڻ جي خيال تي ئي زندهه رهيو آهيان. ڀلا آءٌ ........ هتي جون گهٽيون ته ڪهڙيون سوڙهيون ۽ گهٽيل آهن. منهنجو آسرو هميشھ ٻنين تي رهيو آهي. آءٌ واپس وڃڻ گهران ٿو. آءٌ وري ڪڙمي ٿيڻ گهران ٿو. آءٌ چاهيان ٿو ته ......“ +۽ پوءِ بين ويسٽر ويلڊ ڳالهائڻ لڳو – هڪ نئون بين ويسٽر ويلڊ – اڳيون بين ويسٽر ويلڊ. بين ويسٽر ويلڊ، ڇهه سو ايڪڙن جي زرخيز زمين جو بادشاهه! +”بلڪل ٺيڪ آهي، ڊائيڪ،“ هن چيو. ”تون واپس اوڏانهن هلي رهيو آهين. آءٌ به توسان واپس هلندس. مون ۾ اڃا پورهئي جا ويهه سال باقي آهن. اسين ٻنين تي واپس هلنداسون.“ +بيلا جهنگلي ٻليءَ وانگر هن تي چڙهي آئي. ”هرگز نه، اسين ڪڏهن به واپس ڪين وينداسون. آءٌ ڪڏهن به ٻنين تي واپس ڪين وينديس.“ +پر بين ويسٽر ويلڊ وري پنهنجي گهر جو مالڪ بنجي چڪو هو. ”توکي به واپس هلڻو پوندو، بيلا!“ هن آهستگيءَ سان چيو. ”هاڻ حالتون ئي ٻيون آهن. تون واپس هلندينءَ، ۽ جيئن آءٌ چوان ٿو تيئن توکي گهر هلائڻو پوندو. نه ته تون مون کي سڃاڻين ٿي. جيڪڏهين تون گهر نه هلائي سگهندينءَ، ته آءٌ توکي پاڻهي گهر هلائڻ سيکاريندس. ۽ آءٌ ۽ ڊائيڪ – اسين پنهنجي ڪڻڪ، پنهنجي صوفن ۽ پنهنجي سوئرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهيون. ها، دنيا ۾ انهيءَ کان وڌيڪ مردانگيءَ وارو ٻيو ڪوبه پورهيو ڪونهي!“ + + +آرزو مند مهمان +از – نئٿنيل هاٿورن مترجم – سراج +--------- +The Ambitious Guest +By +Nathaniel Hawthorne + +نئٿنيل هاٿورن (1804ع – 1864ع) ڇائيتاليهن ورهين تائين، خود پنهنجي ئي لفظن ۾ ”آمريڪا جو گمنام ترين اديب“ رهيو – تان جو پنهنجو ڪتاب ”دي اسڪارليٽ ليٽر“ شايع ڪيائين، جنهن کيس بي انداز شهرت ڏياري. ان کان اڳ هن جا ڪيترا افسانا ۽ خاڪا شايع ٿيا، پر انهن تي هو پنهنجو نالو ڪين ڏيندو هو. هن ”سوفيا پيباڊي“ سان شادي ڪئي؛ ۽ ٽي ورهيه ’سئلم‘ بندر جو سروير ٿي ڪم ڪيائين. ”دي اسڪارليٽ ليٽر“ هن کي هڪ اديب جي حيثيت ۾ زنده جاويد ڪري ڇڏيو. ٻن سالن کان پوءِ ”اولڊ ورلڊ“ شايع ڪيائين. 1860ع ۾، اٽليءَ جي ڏيڍ سال جي قيام جي عرصي ۾، ”دي ماربل فان“ لکي، ڇپايائين. زندگيءَ جي آخري چئن سالن ۾ گهڻو ڪجهه ڪين لکيائين. ’گهرو لڙائي‘ آئي، ۽ هن جي صحت ڪرندي ويئي؛ لکڻ جي پورهئي هن کي ڪافي ٿڪائي وڌو هو. +سندس موت کان پوءِ، رکي رکي سندس ذاتي خط، ۽ نوٽبڪ ۽ ٻيون چيزون شايع ٿينديون رهيون. انهن چيزن هن جي شهرت کي ڪو خاص فائدو ڪين پهچايو، پر انهن مان هن جي فن جي غير معمولي گهرائي ۽ سندس فڪر جي سنجيدگي، ۽ ان جي بلندين جي تصديق ٿئي ٿي. + + +سيپٽمبر جي هڪ رات جو گهر جا سمورا ڀاتي، آتشدان جي چوڌاري ويٺا هئا. پهاڙي چشمن ۾ وهي ايندڙ ڪاٺين، صنوبر جي سڪل ڏوڏن ۽ پراڻن وڻن جي ڇوڏن جو هڪ انبار آتشدان ۾ پيل هو. چمنيءَ ۾ باهه جا اُلا اٿي رهيا هئا، جن جي ڪري ڪمري ۾ گرميءَ سان گڏ چڱي خاصي روشني ڦهلجي ويئي هئي. ماءُ ۽ پيءُ جي چهرن تي هڪ گنڀير خوشيءَ جي لهر ڇانيل هئي، ٻار کلي رهيا؛ وڏي ڇوڪري، جنهن جي عمر سترهن سال کن هئي، خوشيءَ ۽ مسرت جو پيڪر معلوم ٿي رهي هئي؛ ۽ پوڙهي ڏاڏي، جا ڪمري جي هڪ ڪوسيءَ ڪنڊ ۾ ڪجهه مَڙهي رهي هئي، تنهن جي منهن تي هڪ اهڙيءَ خوشيءَ جو عڪس نچي رهيو هو، جنهن ۾ قدامت ۽ دائميت جا آثار ظاهر هئا. ساري نيو انگلنڊ جي ظلمت ڪده ۾ هنن سڀني کي ڄڻ ته اها اڻلڀ ٻوٽي هٿ چڙهي ويئي هئي، جنهن کي ”دل جو سڪون“ سڏيندا آهن. هي ڪٽنب سفيد ٽڪرين (وائيٽ هلز) جي هڪ چوٽيءَ تي آباد ٿيل هو، جتي سڄو سال تيز ۽ تند هوائن جا واچوڙا ۽ طوفان لڳندا آهن، ۽ جتي سيارن ۾ هوائون ڏاڍيون ظالم ۽ سرد هونديون آهن. اهي هوائون چوٽيءَ کان ٿينديون، ’ساڪو‘ جي واديءَ ۾ پهچڻ کان اڳ، هنن جي ننڍڙي گهر ۾ پنهنجي سموري تکاڻ ۽ تازگي ڇڏي وينديون هيون. هيءُ ڪٽنب هڪ سرد علائقي ۾ رهندو هو، جو ڪافي خطرناڪ پڻ هو، ڇاڪاڻ ته هنن جي مٿان هڪ اهڙو جبل بيٺل هو، جو ايترو ته لڙيل هو، جو اڪثر آڌيءَ رات جو جڏهن ڪا ڀاري ڇپ خطرناڪ ڌماڪي سان اڇلجي اچي هيٺ ڪِرندي هئي، ته هي سڀ ڊپ کان وسامجي ويندا هئا. +ٿوري دير ٿي، جو ڇوڪريءَ ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي هئي، جو سڀني جا منهن خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳا هئا، پر جڏهن ماٿريءَ جي چوٽين جي طرف کان هوا جو هڪ تيز جهوٽو آيو، ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته اهو جهوٽو هنن جي ننڍڙي گهر جي دروازي تي گهڙيءَ پلڪ لاءِ ترسي پيو هو، ۽ دروازو زور سان کڙڪڻ ۽ وڄڻ لڳو، تڏهن ڄڻ ته هنن جي چوڌاري ٻاهر دانهن ڪوڪن جهڙو دلخراش شور بلند ٿيو. گهڙيءَ ساعت لاءِ سڀني جا منهن لهي ويا، حالانڪه انهيءَ گوڙ شور ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي، جا هروڀرو هنن لاءِ غير معمولي هجي. جهٽ کان پوءِ هن ڪٽنب جي ڀاتين جي منهن تي وري رونق ڇانئجي ويئي، ۽ سندن خوشي موٽي آئي. هنن کي اهو گمان ٿيو ته شايد ڪنهن واٽهڙوءَ رستي جي ڦاٽڪ کي کوليو هو، ۽ اهو آواز واقعي ڦاٽڪ کلڻ جو ئي آواز هو؛ پر ان نو وارد جي قدمن جو آواز تيز هوا جي شور ۾ هنن کي ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو؛ پوءِ جڏهن اهو واٽهڙو قدم اڳتي وڌائڻ لڳو، تڏهن گهڙيءَ پلڪ لاءِ هوا روڪجي ويئي، ۽ ترت ئي ڄڻ ته دانهون ڪوڪون ڪندي آخر دروازي وٽان لنگهندي اڳتي هلي ويئي. +هي ڪٽنب جيتوڻيڪ هڪ تنها علائقي ۾ رهندو هو، پر هنن جا لاڳاپا باقي دنيا سان به قائم هئا. چوٽيءَ جو پر رونق لَڪُ، ڄڻ ته ان علائقي جي هڪ وڏيءَ شريان وانگر هو، جنهن جي ذريعي منجهس اندروني تجارت ۽ واپار جو زنده خون مسلسل جاري رهندو هو. ان جي هڪ طرف ”مين“ رياست آهي، ٻئي طرف ”گرين مائونٽين“ (سبز جبل) ۽ ”سينٽ لارينس“ نديءَ جا ڪنارا آهن. سرڪاري گاڏي به هميشھ هن گهر جي دروازي تي اچي بيهندي هئي، هر ڪو ڪوچوان پنهنجي عملي جي ماڻهن سان هتي ترسندو هو، ۽ ڪجهه اوڀاريون لهورايون ڪندو هو ته جئن هن سفر ۾ انهيءَ جابلو لڪ مان لنگهڻ ۽ ٻيءَ منزل تائين پهچڻ تائين اڪيلائيءَ جو احساس مٿس غالب نه پئجي وڃي؛ ۽ ڪو پورهيت ’پورٽ لئنڊ‘ جي مارڪيٽ ڏانهن ويندي رات هتي ئي رهي پوندو، ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنوارو هوندو هو ته سويل ئي سمهي رهڻ بدران ڪلاڪ اڌ وڌيڪ جاڳندو هو، ۽ موڪلائڻ کان اڳ پهاڙي دوشيزه جي چپن تان اڌ چمي چورائي وٺندو هو. هيءَ هڪ اهڙي سراءِ هئي، جتي مسافر فقط پنهنجي کاڌي پيتي ۽ رهڻ جو خرچ ڀريندو هو، پر جتي کيس اهڙي گهريلو محبت ۽ پنهنجائپ نصيب ٿيندي هئي، جنهن جي ملهه جو ڪاٿو ئي ڪرڻ مشڪل هو. +جڏهن ٻاهرئين ۽ اندرئين دروازي جي وچ ۾ ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن ڪٽنب جا سمورا ڀاتي – پوڙهي ڏاڏي، ماءُ، ٻار ۽ سڀ – اٿي بيهي رهيا، ڄڻ ته هو اهڙي شخص جي آجيان ڪري رهيا هئا، جو هنن جو پنهنجو هو، ۽ جنهن جي قسمت هنن جي قسمت سان وابسته هئي. +دروازو هڪ نوجوان کوليو. هن جي چهري تي سڀ کان اول ڏکويل ۽ غمزده تاثرات جي هڪ جهلڪ نظر آئي – هڪ اهڙي اداسي ۽ مايوسي، جا هڪ وحشتناڪ، سرد ۽ ويران رستي تي سفر ڪندڙ ڪنهن مسافر جي چهري تي نظر ايندي آهي. جڏهن هن پنهنجي آجيان ايتري محبت ۽ گرمجوشيءَ سان ٿيندي ڏٺي، تڏهن هن جا اهي غمگين تاثرات ڄڻ ته تسليءَ ۽ اطمينان جي روشنين ۾ تبديل ٿي ويا. هن کي محسوس ٿيو ته سندس دل ڄڻ هنن ماڻهن سان اڳيئي پنهنجي لاءِ بيتاب هئي: انهيءَ ٻڍڙيءَ سان، جنهن هن لاءِ پنهنجي چولي سان هڪ ڪرسيءَ تان مٽي صاف ڪئي. ۽ انهيءَ ٻارڙي سان، جنهن هن کي ڏسي پنهنجون ننڍڙيون ٻانهون اڇلائي اڳيان ڪيون – انهن سڀني سان ملڻ لاءِ هاڻ هن جي دل اڇلون ڏيئي رهي هئي. وڏي ڇوڪريءَ جي هڪ دزديده نظر ۽ هلڪيءَ مرڪ هن کي هڪ معصوم پنهنجائپ جو احساس ڏياريو. +چوڻ لڳو: ”واهه، هيءُ مچ – ته وڏي نعمت آهي؛ ۽ اهڙي موقعي تي ته خاص ڪري هن نعمت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جڏهن آتشدان جي چوڌاري ههڙا دلڪش ماڻهو موجود هجن! آءٌ ته بنهه ٺري ڳڱ ٿي پيو آهيان؛ جنهن لڪ کان آءٌ لنگهي آيو آهيان، سو ته ڄڻ ڪنهن برف جو وڏو پائيپ آهي، جنهن مان ’بارٽلٽ’ کان وٺي هيستائين سرد هوائن جا واچوڙا منهنجي منهن ۾ سٽبا رهيا آهن.” +”چئبو ته اوهين شايد ’ورمانٽ‘ وڃي رهيا آهيو؟“ گهر جي مالڪ، نوجوان جي ڪلهن تان سندس چمڙي جو ٿيلهو لاهيندي پڇيو. +هن جواب ڏنو، ”ها، ’برلنگٽن‘ – بلڪ ان کان به اڳتي وڃڻو اٿم. اڄ رات ته مون کي ’ايٿن ڪرافورڊ‘ پهچي وڃڻ گهربو هو؛ پر پيرين پيادو مسافر ههڙي رستي تي هونئن ئي ڪڪ ٿي سست قدم ٿي پوندو آهي. خير، چڱو ٿيو؛ هي ٻرندڙ مچ، ۽ اوهان جا هي خوشيءَ کان ٻهڪندڙ منهن ڏسي، مون کي ائين محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ ته اوهان هيءُ مچ رڳو مون لاءِ ٻاريو آهي، ۽ ڄڻ ته اوهين منهنجا ئي منتظر هئا. ان ڪري آءٌ هتي ترسندس، ۽ اوهان جو اڻ ڪوٺيو مهمان ٿي رات جا چار پهر هتي آرامي ٿيندس.“ +اڃا هي زنده دل اجنبي جوان ڪرسي ريڙهي، آتشدان جي ويجهو ويٺو ئي مس، ته ٻاهر ڪنهن شي جي ڳوري قدم جهڙو آواز ٿيو، ڄڻ ته ڪنهن نهايت ئي ڳريءَ چيز، جبل جي ترائيءَ مان ٿيندي، گهر جي پاسي وٽان ايترو زور سان ٽپ ڏنو هو، جو سامهون ٽيلي سان وڃي ٽڪري هئي. گهر جي سمورن ڀاتين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو، ڇو ته هنن کي خبر هئي ته اهو آواز ڇا جو هو؛ ۽ سندن مهمان جو ساهه به خوبخود روڪجي ويو. +گهر جي مالڪ پاڻ سنڀاليندي چيو، ”هن ٻڍڙي جبل اسان ڏي هڪ ڇپ اڇلائي آهي: انهيءَ خيال کان ته اسين کيس وساري نه ويهون. ڪڏهن ڪڏهن ته هو پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي، اسان کي هتان هيٺ لهي وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندو آهي؛ پر اسين هن جا پراڻا پاڙيسري آهيون، ۽ اسان جي وچ ۾ صلح ٿيل آهي. پر جيڪڏهن هو سچ پچ ڪاوڙ ۾ ڀرجي مٿان ڪِري پوي، ته هيءَ جاءِ اسان لاءِ هڪ بهترين پناهه گاهه پڻ آهي.“ +هاڻ اسان کي هي معلوم ڪرڻ گهرجي ته هي اجنبي آخر رڇ جو گوشت کائي رات جي مانيءَ کان واندو ٿيو، ۽ پنهنجي فطري بي تڪلفيءَ سان سڄي گهر جي ڀاتين جي دلين ۾ جاءِ حاصل ڪري ورتائين. ان ڪري هو هن سان ايترو ته حجت ۽ بي تڪلفيءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳا، ڄڻ ته هو به انهيءَ پهاڙي علائقي جو ئي هڪ سپوت هو. هو هڪ باوقار پر نرم فطرت جو انسان هو؛ ۽ اميرن ۽ وڏي مرتبي جي ماڻهن جي وچ ۾ هو بد دماغ ۽ مغرور ٿي هلندو هو، پر غريب جي جهوپڙيءَ سامهون عقيدتمنديءَ ۽ نياز وچان سر جهڪائي ڇڏيندو هو، ۽ اُتي جي آتشدان اڳيان هو هڪ پٽ يا ڀاءُ بنجي پوندو هو. لڪ جي نزديڪ هن گهر ۾ هن کي محبت، گرمجوشي ۽ احساس جي سادگيءَ جي دولت ملي، دل ۾ گهر ڪرڻ واري نيو انگلنڊ جي دانائي ۽ شعريت ملي، جيڪا هنن پنهنجي روماني پر خطرناڪ علائقي مان سهيڙي هئي. هو سڄي عمر اڪيلو ۽ طويل سفر ڪندو رهيو هو. هن جي سموري زندگي هڪ ويران ۽ سنسان رستي وانگيان هئي، ڇو ته هن جي فطري بلندي ۽ احتياط پسنديءَ هن کي اهڙن ماڻهن کان هميشھ پري رکيو هو، جيڪي هوند اڄ هن جا شايد اڻانگا ساٿي هجن ها. هي ڪٽنب، جيتوڻيڪ ڏاڍو مهربان ۽ مهمان نواز هو، پر ان جي ڀاتين ۾ هڪ قسم جي باهمي يڪجهتي ۽ باقي دنيا کان بي تعلقيءَ جو احساس هو؛ ۽ اهو احساس هر گهريلو ماحول ۾ هڪ اهڙو مقدس مقام پيدا ڪري ٿو، جتي ڪو اجنبي آسانيءَ سان داخل ٿي نٿو سگهي. پر ان رات ڪنهن غيبي همدرديءَ جي احساس، هن تعليم يافته ۽ بااخلاق جوان کي مجبور ڪيو ته هو هنن سادن سودن پهاڙي باشندن جي اڳيان پنهنجي دل جا داستان کولي ٻڌائي؛ ۽ موٽ ۾ ساڳيءَ غيبي همدرديءَ جي احساس کان ان گهر جا ماڻهو هن جي سوالن جا جواب ساڳيءَ آزاديءَ ۽ اعتماد سان ڏين. ائين ٿيڻ به گهربو هو: ڇا قسمت جي همرنگيءَ جو رشتو، خون ۽ نسل جي رشتي کان وڌيڪ مضبوط رشتو نه آهي؟ +هن نوجوان جي ڪردار جو راز سندس هڪ بلند ۽ نازڪ آرزوءَ ۾ لڪل هو. هو هڪ بي نام و نمود زندگي ته بيشڪ گذاري ٿي سگهيو، پر هن کي اها ڳالهه ڪين ٿي وڻي ته مرڻ کان پوءِ هن کي ڪو ياد به نه ڪري. هن جي اها آ��زو ۽ هن جا آسرا ڀرپور اميدن جي درجي تي پهچي چڪا هئا، ۽ اهي اميدون، جيڪي ڪافي عرصي کان هن جي سيني ۾ پلجي رهيون هيون، هاڻي يقين جي حد تي پهچي چڪيون هيون. هن کي يقين ٿي چڪو هو ته هو پنهنجي انهيءَ ڊگهي سفر ۾ پنهنجي راهن تي، جيئن جيئن قدم اڳتي وڌائيندو ويندو، تيئن تيئن هن جي اڳيان سندس ڪامرانين جي روشني ڦهلجندي ويندي. هن کي يقين هو ته شايد ترت ائين نه به ٿئي، پر جڏهين ايندڙ نسل حال جي ڪوهيرن ۾ - جيڪو آخر ماضي بنجي ويندو -، جهاتي پائيندا، تڏهن انهن کي هن جا چمڪندڙ نقش پا ضرور نظر ايندا: اهڙيءَ طرح، جو جڏهن ٻين جون مختصر ۽ ڦڪيون ڪامرانيون ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ لَٽجي وينديون، تڏهن ايندڙ نسل هن جي عظيم ڪارنامن کي ياد ڪري اعتراف ڪندا ته هڪ شخص، جنهن کي خدا هيتريون صلاحيتون عطا ڪيون هيون، پنهنجي ٻالڪپڻ جي جهولي مان ائين ئي وڃي قبر ۾ ستو، پر هن جي جيئري نه هن کي ڪنهن پورو سڃاتو ۽ نه هن جي عظمت جو قدر ڪيو. +اجنبيءَ جون اکيون ۽ ڳل عجيب جوش کان بکي رهيا هئا، ۽ هو بلند آواز سان چوڻ لڳو، ”اڃا تائين ته مون ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو آهي. سڀاڻي جيڪڏهن آءٌ ائين ئي هن جهان مان موڪلائي وڃان، ته اوهان کان وڌيڪ مون کي ڪو سڃاڻندو به ڪين؛ ۽ اها سڃاڻپ به ڪهڙي: بس اها ئي ته هڪ گمنام جوان هڪ رات ’ساڪو‘ جي ماٿريءَ کان آيو، ۽ پنهنجي دل کولي کڻي اوهان جي اڳيان رکيائين. ۽ پوءِ سج اڀرڻ وقت لڪ پار ڪري جيئن آيو هو تيئن هليو ويو، ۽ ان بعد هن کي ڪنهن به ڪين ڏٺو. ڪو هڪڙو انسان به اهڙو نه هوندو، جو کڻي پڇا ڪري ته ’مسافر ڪير هو؟‘ يا ’اهو سيلاني ڪيڏانهن، ڪهڙي طرف ويو؟‘ پر نه نه، جيسين مون پنهنجي زندگيءَ جو مقصد حاصل نه ڪيو آهي، تيسين تاريخ ۾ آءٌ ڪين مرندس: پوءِ ڀل ته موت اچي؛ تيستائين تاريخ ۾ آءٌ پنهنجي لافانيت جا سامان پيدا ڪري چڪو هوندس!“ +اهي خيال ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ جيتوڻيڪ بلڪل نوان ۽ انوکا هئا، پر خيالن جي محويت ۾ فطري جذبي جي ايتري ته وهڪ هئي، جو هو نوجوان جي جذبات کي چڱيءَ طرح سمجهي ويا. اجنبيءَ کي پنهنجي بيجا جذباتي ڪيفيت جو فوراً احساس ٿيو، ۽ اُن جي جوش ۽ گرميءَ کي محسوس ڪري لڄي لڄي ٿيڻ لڳو. +”توهين سڀ مون تي کلو پيا –“، هو وڏيءَ ڇوڪريءَ جو هٿ هٿ ۾ جهلي مشڪي چوڻ لڳو، ”اوهين سمجهو ٿا ته آءٌ جنهن آرزوءَ ۽ تلاش ۾ نڪتو آهيان، سان بي معنيٰ آهي: ڄڻ ته آءٌ ڪو مائونٽ واشنگٽن جي چوٽيءَ تي پهچي برف ۾ ڄمي مري وڃڻ لاءِ نڪتو آهيان، محض انهيءَ لاءِ ته جيئن اوسي پاسي جا ماڻهو هر طرف کان نگاهون اوچيون ڪري، مون ڏانهن نهاريندا رهن. آءٌ ته سمجهان ٿو ته انسان جي پتلي لڳائڻ لاءِ اها جڳهه تحقيق هڪ عاليشان مقام آهي!“ +”پر بهتر ته ائين آهي ته هن وقت اسين مچ جي ويجهو ڪوسا ٿيا ويٺا رهون“، ڇوڪريءَ شرمائيندي جواب ڏنو. ”اسان کي گهرجي ته آرام سان رهون ۽ ان تي ئي قناعت ڪريون، پوءِ ڀل ته ماڻهو کڻي اسان بابت نه ئي سوچين!“ +ڇوڪريءَ جو پيءُ به ڳالهين جو لطف وٺندي چوڻ لڳو، ”۽ منهنجي خيال ۾ نوجوان جيڪي چوي ٿو، ان ۾ ڪجهه فطري صداقت به آهي. جيڪڏهن اوائل ۾ منهنجو ذهن به ان طرف وڃي ها، ته شايد آءٌ به اهو ئي سوچيان ها!“ پوءِ زال ڏانهن منهن ڪندي چوڻ لڳو، ”پياري، عجيب ڳالهه آهي ته هن جون ڳالهيون ٻڌي، آءٌ به اهڙيون ڳالهيون سوچڻ لڳو آهيان، جيڪي ڪڏهن به پوريون ڪين ٿينديون.“ زال چيو، ”شايد ٿي پون! مُٺيس، متان هي مڙسالو اهو ته ڪونه پيو سوچي ته رنِجي وڃڻ کان پوءِ هو ڇا ڪندو؟“ +هو پنهنجي زال جي انهيءَ خيال تي نهايت محبت آميز آزردگيءَ سان چوڻ لڳو، ”نه نه، ايسٿر! تنهنجي موت جو خيال ايندو آهي، ته آءٌ پنهنجي موت جو به تصور ڪندو آهيان... آءٌ ته رڳو اهو پيو سوچيان ته ڪاش، ’بارٽليٽ‘ ۾ اسان کي ڪا چڱيري ٻني هجي ها، يا ’بيٿلهم‘، ’لٽلٽن‘، يا ’وائيٽ مائونٽين‘ (سفيد جبل) جي ڪنهن پاسي؛ پر يقيناً ڪنهن هاڻوڪيءَ جهڙيءَ جڳهه تي نه، جتي جبل کي جڏهن وڻي، تڏهن اسان جي مٿان ڇپن ۽ پٿرن جو وسڪارو ڪري ڏئي. منهنجي دل به چوي ٿي ته آءٌ پنهنجي پاڙيسرين سان اوچي ڳاٽ بيٺل هجان، ۽ مون کي ’سائين‘ سڏين. آءٌ عدالت ۾ وڃان، ڇو ته هڪ سچار ۽ ايماندار ماڻهو عدالت ۾ قانونداد جي حيثيت ۾ ڪافي ڪجهه ڪري سگهي ٿو؛ ۽ جڏهن آءٌ ٻڍو ٿي وڃان، ۽ تون به پوڙهي ٿي وڃين، جڏهن اسان مان ڪو مئو، ته ٻيو به هن جي پٺيان ڪوچ ڪرڻ ۾ دير ڪانه لائيندو، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ ٻنهي ۾ ڪنهن لمبيءَ جدائيءَ جو خوف ئي ڪونه رهندو، - تڏهن شل پهريائين آءٌ پرسڪون ۽ مسرور مري وڃان، ۽ اوهان سڀني کي پنهنجي چوڌاري روئندو ڇڏي وڃان. رهيو ڪتبو، سو ڪاري پٿر جو هجي يا سنگمرمر جو، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي؛ بس، ان تي منهنجو نالو هجي، ۽ هڪ دعا - ۽ ٻيو ڪجهه به جي لکيل هجي، ته فقط اهڙا ٻه لفظ، جن مان ماڻهن کي اها خبر پوي ته مون ايمان ۽ سچائيءَ جي زندگي بسر ڪئي، ۽ آخر تائين عيسائي هئس.“ +اجنبي چوڻ لڳو، ”بلڪل صحيح! مون به ته اها ئي ڳالهه ٿي ڪئي! انسانن ۾ قبرن تي ڪتبن لڳائڻ جي خواهش فطري آهي، پوءِ اهي کڻي ڪاري پٿر جا هجن يا سنگمرمر جا؛ چاهي سنگ خارا جا ڪي ٿنڀ هجن يا فقط ڪي پر عظمت يادگيريون ئي هجن. جي انسانن جي دلين ۾ اڪريل رهجي وڃن.“ +زال جي اکين ۾ لڙڪ جهلڪي رهيا هئا؛ چوڻ لڳي، ”اڄ ڪجهه عجيب عجيب ڳالهيون ٿي رهيون آهن. چوندا آهن ته اهڙيون ڳالهيون بدسوڻ آهن، ۽ انهن مان نه چوڻ جهڙا واقعا رونما ٿي پوندا آهن. هوڏانهن ٻارڙن جون ڳالهيون به ته ٻڌو!“ +سڀ ڪَن لائي ٻڌڻ لڳا. ننڍن ٻارن کي هڪ جدا ڪمري ۾ سمهاريو ويو هو، ۽ ان ڪمري جو دروازو کولي ڇڏيو هئائون ته جيئن انهن جي گرما گرم ڳالهين جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو رهي. ائين ٿي ڀانيو ته ٻارن به آتشدان جي چوڌاري ويهي جيڪي ڳاليهون ٻڌيون هيون، انهن کان ڪافي متاثر ٿيا هئا، ۽ نوجوان جي آرزوءَ جو احساس هنن جي دلين ۾ به پيهي آيو هو. هر ڪو شخص هڪ ٻئي کان وڌيڪ هوائي قلعا اڏي رهيو هو. ٻار سوچي رهيا هئا ته جڏهن هو وڏا ٿيندا، ۽ ٻارن مان ڦري مرد ۽ زالون بنبا، تڏهن هو ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما ڪندا. آخرڪار هڪڙو ٻارڙو پنهنجي ڀائرن سان مخاطب ٿيڻ بدران، بلند آواز سان ماءُ کي سڏيندي چوڻ لڳو: +”اما، آءٌ ٻڌايانءِ ته آءٌ ڇاٿو ڪرڻ چاهيان؟ منهنجي دل ٿي چوي ته تون، بابا، ڏاڏا، ۽ اسين سڀ، ۽ هي صاحب به – سڀ گڏجي هينئر هيٺ هلي نهر منجهان پاڻي پي اچون!“ +آتشدان جو دامن ڇڏي، ڪوسن بسترن مان نڪري ٻاهر وڃڻ ۽ نهر جي پاڻي پيئڻ جي خواهش جي اظهار تي هو پنهنجي کل روڪي نه سگهيا. اها نهر سامهون ٽِلي وٽان ٿيندي لڪ تائين ٿي ويئي. اڃا ٻارڙي جي ڳالهه پوري مس ٿي، ته رستي تان هڪ گاڏيءَ جي لنگهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آڏي دروازي جي سامهون اچي بيهي رهي. بظاهر ائين ٿي معلوم ٿيو ته انهيءَ گاڏيءَ ۾ ٻه ٽي ماڻهو هئا، جيڪي پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ هڪ گيت بي سُرن آوازن ۾ ڳائي رهيا هئا. هنن جي ڳائڻ جو آواز، پهاڙي رستي جي هيٺاهين مٿاهين جي ڪري ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. شايد مسافر اهو سوچي رهيا هئا ته سفر جاري رکجي، يا اتي ئي گوڏو کوڙي منزل ڪجي. +ڇوڪري چيو، ”بابا، هو اوهان جو نال�� وٺي، اوهان کي سڏي رهيا آهن!“ پر هن نيڪ بخت کي اها پڪ ئي نه پئي ٿي ته ڪو سچ پچ هنن کيس سڏ ڪيو هو يا نه. ٻاهر وڃڻ تي دل نه ٿي ٿيس: شايد مرضي اها هيس ته ويٺي ئي هنن کي سڏي چوي ته هو جي چاهين، ته رات وٽس رهي ڀلي آرامي ٿين. ان کان وڌيڪ هن مسافرن کي آڻي ٽڪائڻ ۽ پيسن ڪمائڻ لاءِ ڪو خاص انتظار ڏيکارڻ نٿي گهريو. ان ڪري هو دروازي ڏانهن ڪين ويو. ايتري ۾ ٻاهر رستي جي ڦاٽڪ کلڻ جو آواز آيو، ۽ مسافر لڪ ۾ داخل ٿي ويا. هو اڃا تائين ٽهڪ ڏيئي کلي رهيا هئا، ۽ ڳائي رهيا هئا....... البت سندن ڳائڻ جو آواز ٽڪرين وچان نهايت جهيڻو ۽ جهڪو ٿيندو پئي ويو. +ٻارڙي وري چيو، ”امان ٻڌين ٿي – هاڻ ته نهر تائين وڃڻ لاءِ سواريءَ جو انتظام به ٿي ويو!“ +ٻار جي راتين جو گهمڻ ڦرڻ جي انهيءَ ٻاراڻيءَ خواهش تي سڀني کان کل ڇٽڪي ويئي. پر ڇوڪريءَ جي روح مٿان ڄڻ ته هڪ هلڪو مبهم پاڇولو لنگهي ويو؛ ۽ هوءَ نهايت گنڀير ٿي باهه جي شعلن کي گهورڻ لڳي. هن هڪ اونهو ٿڌو ساهه ڀريو، ڄڻ ته کانئس آهه نڪري ويئي. ڪافي ضبط جي باوجود اها آهه سندس چپڙن مان نڪري ويئي، ۽ هوءَ شرمائجي ويئي. هن جو منهن سُرخ ٿي ويو ۽ هوءَ آتشدان جي چوڌاري ويٺل ماڻهن کي سرسري نظر سان ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته انهن سندس سيني جي اندر جي خلش کي پروڙي ته ڪين ورتو هو. اجنبيءَ کانئس پڇيو، ”تو ڇا پئي سوچيو؟“ +هن نظر جهڪائيندي، زير لب مرڪندي چيو، ”ڪجهه به نه، فقط پنهنجي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهي هيس!“ +اجنبيءَ ڪجهه سنجيدگيءَ سان چيو، ”اوهه! مون ۾ اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته آءٌ ماڻهن جي دلين جو حال پروڙي وٺندو آهيان. چئين ته توکي تنهنجي دل جو راز ٻڌايان؟ مون کي خبر آهي ته جڏهن هڪ دوشيزه آتشدان جي گرميءَ ۽ حرارت ۾ پنهنجي ماءُ سان گڏ ويٺي اڪيلائي محسوس ڪري، ته انهيءَ جو مطلب ڇا هوندو آهي. ڇا انهن احساسن کي لفظن ۾ بيان ڪري ٻڌايانءِ؟“ +”جيڪڏهن اهي لفظن ۾ بيان ٿي ويا، ته پوءِ اهي احساس هڪ ڇوڪريءَ جا احساس ته نه رهيا!“ پهاڙي حور کلندي، پنهنجون نظرون اجنبيءَ کان بچائيندي، جواب ڏنو. +شايد هنن جي دلين ۾ پريت ڪر موڙي رهي هئي: هڪ اهڙي بي لوث پريت، جيڪا آسمانن ۾ ئي پلجي اُڀري سگهي ٿي، ڇو ته اهڙي بي لوث محبت هن دنيا ۾ ته جالي ئي ڪين سگهندي. عورتون اهڙي وقار جي پوڄا ڪنديون آهن، جهڙو هن اجنبيءَ ۾ هو؛ ۽ مغرور ماڻهو، جيڪي هميشھ اوچي ڳاٽ هلندا آهن، سي اڪثر اهڙي سادگيءَ جو شڪار بنجي ويندا آهن، جهڙي هن دوشيزه ۾ هئي. پر گفتگوءَ جي نرميءَ ۾ هو دلاويز غمگينيءَ ۽ روشن پاڇولن کي ڏسي رهيو هو – هڪ دوشيزه جي شرميلي فطرت جي ناز و ادا کي ڏسي رهيو هو. لڪ مان لنگهندڙ هوا جي شور جو آواز جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو ويو، ۽ وڌيڪ گونجڻ لڳو؛ ۽ اجنبيءَ جي چوڻ موجب اهي آواز ڄڻ ته انهن روحن جي گيتن جي آوازن جهڙا هئا، جيڪي قديم ”ريڊ انڊين“ باشندن جي دور ۾ هنن ٽڪرين ۾ آباد ٿيل هئا، ۽ جن هنن جبلن کي پنهنجو مقدس آماجگاهه بنايو هو. رستي تي ڄڻ ته هڪ دانهن ڇانئجي ويئي، ڄڻ ته ڪو جنازو لنگهي رهيو هو. وڌندڙ اوندهه کي دور ڪرڻ لاءِ هنن آتشدان ۾ سڪل پن وجهڻ شروع ڪيا، ۽ باهه ۾ پوڻ شرط اهي سڪل پن ٽڙ ٽڙ ڪري ٻرڻ لڳا. مچ وري دهڪڻ لڳو، شعلا جاڳي پيا، ۽ وري هڪ دفعو سڪون ۽ اطمينان جو ماحول پيدا ٿي پيو. روشني ڦهلجي ويئي، ۽ هنن سڀني جا منهن – ٻارڙن جا منهن، جيڪي پنهنجي بسترن مان ليا پائي رهيا هئا، نوجوان جو منهن، دوشيزه جو منهن، ۽ ٻڍڙيءَ ڏاڏيءَ جو منهن، جا اڃا تائين هڪ ڪوسيءَ ڪنڊ ۾ ويٺي مَڙهڻ ۾ مصروف هئي – سڀ انهيءَ روشنيءَ ۾ اجاگر ٿي ويا. ٻڍڙيءَ نظر مٿي ڪئي، پر سندس آڱريون مڙهڻ ۾ رڌل هيون. +ٻڍڙي چوڻ لڳي: ”وڏڙن کي به هميشھ پنهنجا پنهنجا عقيدا هوندا آهن - جهڙيءَ طرح نوجوانن کي پنهنجا خيال آهن. توهين سڀ هوائي قلعا اڏيندا رهيا؛ اوهان اهڙيون ڳالهيون ويٺي ڪيون، جو آءٌ به ويچار ۾ پئجي ويس. پر هڪ ٻڍڙي عورت، جا قبر ڪنڌيءَ تي ويٺي هجي – ان جي خواهش ٿي به ڪهڙي ٿي سگهي؟ منهنجا ٻچڙو، جيڪڏهن آءٌ پنهنجي خواهش، اوهان کي نه ٻڌائينديس ته منهنجا خيال رات ڏينهن مون کي پريشان ڪندا رهندا!“ +زال مڙس ٻنهي هڪ ئي وقت پڇيو، ”اما، ڪهڙي خواهش؟“ +تڏهن ٻڍڙي عورت پراسرار انداز ۾ چوڻ لڳي ته ڪجهه سال اڳ هن پنهنجي ڪفن جو بندوبست ڪري رکيو هو. پڻئي جو ڪفن، ململ جي ٽوپي، ۽ ٻيون به سموريون چيزون جيڪي ڪفن دفن لاءِ ضروري هونديون آهن، سي سڀ جمع ڪري رکيون هئائين. اهي سڀ شيون اهڙي عمدي ڪپڙي جون هيون، جو هن اهڙو ڪپڙو شاديءَ کان پوءِ وري ڪين پاتو هو. پر ان رات هنن جون ڳالهيون ٻڌندي، هن کي هڪ وهم اچي ورايو هو. سندس جوانيءَ جي زماني ۾ ماڻهو چوندا هئا ته جيڪڏهن مڙدي سان چڱو سلوڪ نه ڪيو وڃي – جيڪڏهن ڪفن سٺي ڪپڙي جو نه هجي، يا ان کي ٽوپي صحيح طور نه پارائي وڃي – ته پوءِ مڙدي کي آرام نه ملندو. انهيءَ وهم هن کي ڏاڍو پريشان ڪيو هو. +ڇوڪريءَ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڏاڏي، واسطو اٿئي، اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر!“ +پوڙهي چوڻ لڳي، ”منهنجا ٻچڙو، منهنجي خواهش آهي ته جڏهن آءٌ مري وڃان، ۽ مون کي ڪفن پارايو وڃي، تڏهن اوهان مان ڪو منهنجي منهن اڳيان آرسي کڻي بيهي: شايد آءٌ پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهان، ۽ اهو معلوم ڪري سگهان ته منهنجي آخري سينگار جي هر چيز ٺيڪ آهي يا نه!“ +اجنبي جوان سڀڪجهه ٻڌو، ۽ آهستگيءَ سان چوڻ لڳو، ”اسين جوان هجون يا پوڙها، پر اسين رڳو قبرن ۽ ڪتبن بابت ئي سوچيندا ٿا رهون. مون کي حيرت اها ٿي ٿئي ته جهازن ٻڏڻ وقت ملاحن کي ڪهڙو احساس ٿيندو هوندو؟ هو سڀ بينام ۽ غير معروف، هڪ ٻئي سان گڏ، هڪ اٿاهه سمنڊ جي بينام قبر ۾ هڪ ئي هنڌ دفن ٿيو ٿا وڃن. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي!“ +گهڙيءَ کن لاءِ هن ٻڍڙي عورت جون ڀيانڪ ڳالهيون، ٻڌڻ وارن جي ذهنن تي اهڙيءَ طرح ڇائنجي ويون، جو رات جي اونداهه ۾ ٻاهر جيڪو زبردست ڌماڪو ۽ ٺڪاءُ ٿيو، سو به هنن کي ٻڌڻ ۾ ڪين آيو. اهو ڌماڪو ايترو زوردار ۽ ايترو شديد هو، جو گهر ۽ ان جي هر چيز لرزجي ويئي. ائين ٿي ڀانيو ته زمين جا بنياد لڏي ويا آهن، ڄڻ ته اهو ڀيانڪ آواز صور اسرافيل مان نڪتو هو. +ٻڍي ۽ جوان – هر شخص جي اکين ۾ وحشت نظر اچي رهي هئي. هر شخص پنهنجي جڳهه تي بنا حرڪت، ساڪت ٿيو ويٺو هو – زرد، خوفزده، خاموش ۽ بي حس و حرڪت! ۽ پوءِ سڀني کان به يڪ آواز دانهن نڪري ويئي. +”جبل ٿو ڦاٽي...... جبل ٿو ڦاٽي!“ +انهن سادن لفظن ۾ حادثي جو اظهار ته هو، پر اها ڀيانڪ تصوير نه هئي، جا سموري ماحول جي عڪاسي ڪري سگهي. هي سڀ ماڻهو گهر کان نڪري وٺي ڀڳا، هڪ اهڙي هنڌ وڃي پناهه ورتائون، جنهن کي پنهنجي خيال موجب محفوظ ٿي سمجهائون، ۽ جتي اهڙي قسم جي حادثن کان بچاءَ لاءِ هڪ پناهگاهه ٺاهي ويئي هئي. افسوس، هنن هڪ محفوظ جڳهه کي ڇڏي ڏنو، ۽ تباهيءَ جي رستي تي وڃي نڪتا! ايتري ۾ جبل جو هڪ وڏو حصو اچي هيٺ ڦهڪيو، ڄڻ ته خود تباهي اچي هيٺ ڪري هئي: گهر جي جاءِ تائين پهچڻ کان اڳ، اتان مڙي، اُن ٻه مختلف واٽون اختيار ڪيون؛ ان جو رخ ڪنهن هڪ طرف نه هو، بلڪ آسپاس جي هر شي، هر چيز ان جي زد ۾ هئي؛ ۽ ان کان اڳ جو انهيءَ جبل ڦاٽڻ جي آواز مان جيڪا گونج ۽ گرج پيدا ٿي هئي، سا ختم ٿئي، هي سڀ ماڻهو ختم ٿي چڪا هئا؛ هنن کي سڪون نصيب ٿي چڪو هو. هنن جي لاشن جو به پتو ڪين پئجي سگهيو. +ٻئي ڏينهن صبح جو گهر جي بخاري مان هلڪو دونهون نڪري، هوائن سان ملي، جبل طرف وڃي رهيو هو. گهر اندر آتشدان ۾ اڃا تائين باهه دکي رهي هئي، ۽ آتشدان جي چئني پاسن کان ڪرسيون پيون هيون ۽ ائين ٿي ڀانيو ته هن گهر جا ڀاتي تباهيءَ جي منظر ڏسڻ لاءِ بنهه هاڻي ٻاهر نڪري ويا آهن، ۽ ٿوريءَ دير ۾ ڄاڻ ته واپس آيا، ۽ واپس اچي خدا جو شڪرانو ادا ڪندا ته ڪنهن معجزي هنن جي جان بچائي ورتي هئي! هر شخص پنهنجو ڪونه ڪو يادگار ڇڏي ويو هو؛ ۽ انهن يادگارن جي ڪري، اهي ماڻهو، جيڪي هن ڪٽنب جا واقف هئا، هر مري ويل شخص لاءِ ڳوڙها ڳاڙي ٿي سگهيا. ڪير آهي، جنهن هنن جو نالو ڪونه ٻڌو آهي؟ هيءَ ڪهاڻي هر هنڌ ٻڌائي ويئي آهي، دهرائي ويئي آهي، ۽ هنن پهاڙن ۾ هميشھ دهرائي ويندي. شاعرن انهيءَ حادثي تي المناڪ شعر لکيا آهن. +اهڙا آثار موجود آهن، جن کي ڏسي ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ان ڀيانڪ رات جو هن جاءِ ۾ هڪ اجنبي آيو هو، ۽ گهر جي ڀاتين سان گڏ اهو به حادثي جو شڪار ٿي ويو. +ڪجهه ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي نٿا مڃين، ۽ چون ٿا ته اها روايت ئي بي بنياد آهي. افسوس آهي انهيءَ پر عظمت روح جي مالڪ جوان تي، جنهن هن دنيا ۾ لافاني بنجڻ جا خواب ڏٺا، ۽ سندس نالي ۽ شخصيت تي هيئن لاعمليءَ جا پڙدا چڙهي ويا. هن جي زندگي، هن جي زندگيءَ جو طريقو، هن جا ارادا ۽ آدرش – اهي سڀ اهڙا اسرار آهن، جيڪي ڪڏهن به حل ٿي نه سگهندا: ۽ هن جي زندگي، ۽ هن جو موت – ٻيئي محض هڪ گمان رهجي ويا! ڇا چئجي، انهيءَ موت جي گهڙيءَ جو ايذاءُ ڪنهن کي پهتو؟ + + + +ڪونج +از سارا اورني جيوئيٽ مترجم – سراج + +------------- +A White Heron +By +Sarah orne jewett + +سارا اورني جيوئيٽ (1849ع 1909ع) هڪ ڀيري هڪ افسانه نويس دوست، ”ولاڪارٿر“ کي صلاح ڏني هئي ته زندگيءَ ۾ ’جيڪي چيزون ڏسجن، انهن کي نهايت سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان لکڻ گهرجي‘. جيڪا صلاح پاڻ ولاڪارٿر کي ڏنائين، ان مان انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ پئجي وڃي ٿي ته مس جيوئيٽ پنهنجي ’نيو انگلنڊ‘ جي ماڻهن متعلق ڇا لکيو آهي. جيتوڻيڪ هاڻي تمام ٿورا ماڻهو سندس لکيل چيزون پڙهن ٿا، ان هوندي به هن جي افسانن ڪيترن ئي نون لکندڙن کي ڪافي متاثر پئي ڪيو آهي. +هوءَ، ’مين‘ رياست جي ’بروڪ‘ شهر ۾ هڪ چڱي سڌريل ڪٽنب ۾ پيدا ٿي. سندس پهريون ڪتاب ”ڊيپ هيون“ (عميق آسمان) 1887ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب ۾، آتم ڪهاڻيءَ جي طرز ۾ نيو انگلنڊ جي رهواسين جو نهايت بغور مطالعو ڪيو اٿس. ان کان پوءِ به سندس ڪيترائي ناول ۽ افسانا شايع ٿيندا رهيا، ۽ انهن سڀني ۾ هوءَ پنهنجي ڪردارن کان – جن کي پاڻ ايترو قريب رهي هئي – ڪڏهن به دور ۽ غافل نه رهي آهي. + + + + +جون جو مهينو هو، شام جا اڃا اٺ به ڪين وڳا هئا، ٻيلي ۾ پاڇولا گهرا ٿيندا پئي ويا. البت وڻن جي ٿڙن جي اوٽ منجهان ٻڏندڙ سج جي جهيڻي روشني لياڪا پائي رهي هئي. هڪ ننڍڙي نينگر، پنهجي ڳئون کي هڪليندي گهر ڏانهن پئي ويئي. ڳئون هميشھ جيان پنهنجي سست ۽ ڪڪ ڪندڙ رفتار سان پنڪيون کائيندي پئي هلي. پر ان هوندي به اها ڳئون ئي ننڍڙيءَ نينگر جي بهترين رفيق هئي. روشني جهڪي ٿيندي پئي ويئي، پر هي ٻئي ساٿي ان گهاٽي ۽ گنجان ٻيلي ۾ ائين هلندا رهيا. هنن جا قدم ٻيلي جي ورن وڪڙن ۽ پيچرن جا چڱيءَ پر هيراڪ ۽ آشنا هئا: هنن جون اکيون ڪجهه ڏسي سگهيون ٿي يا نه، انهيءَ جي هنن کي پرواهه ئي ڪانه هئي. +اونهاري جي مند ۾ شايد ئي ڪا اهڙي رات هوندي هئي، جڏهن اها ٻڍڙي ڳئون چراگاهه جي لوڙهي اندر بيٺل ڏسڻ ۾ اچي: ائين ٿي ڀاسيو ته ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته ٻيلي ۾ ڪنهن ‘هڪل بيري‘ وڻ جي ٻوڙن ۾ وڃي لڪي بيهي رهي. سندس ڳچيءَ ۾ هڪ وڏو چڙو به ٻڌل هو، پر شايد کيس اها پروڙ پئجي ويئي هئي ته جيڪڏهن هوءَ هڪ ئي هنڌ چپ چاپ بنا ڪنهن چرپر جي بيهي رهندي، ته چڙو ڪين وڄندو. ان ڪري ننڍڙي نينگر، ”سِلويِه“، کي ٻڍڙيءَ ڳئون کي ڳولڻ ۾ ڏاڍو حيران پريشان ٿيڻو پوندو هو. گهڻيئي آواز ڏيندي هئي – ”آهو.... هو ..... آهو“، پر ڪٿان به ڳئون جي ”بان.... بان“ جو آواز ڪين ايندو هو. تان جو هن جو ٻاراڻو صبر جواب ڏيئي وهندو هو. جيڪڏهن اها ڳئون مالڪن کي ايترو گهڻو ۽ سٺو کير نه ڏيندي هجي ها، ته شايد هنن جو ڍڳيءَ سان سلوڪ ڪجهه ٻيو ئي هجي ها. ڀلا ننڍڙي سلويه به هوندي هئي، سڄو ڏينهن واندي، نه ڪم نه هاج، سو ڍڳيءَ جي سموري اون کيس ئي ڪرڻي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن موسم خوشگوار هوندي هئي، تڏهن ڍڳيءَ جون اهي ڇيڳرايون به دل کي پيون وڻنديون هيون، ۽ ائين ڀائنبو هو ڄڻ ته ڳئون ننڍڙي سلويه سان لڪلڪوٽيءَ راند ٿي ڪئي. ننڍڙي سلويه کي به راند روند لاءِ جيڏي ساهيڙي هئي ڪانه، سو هوءَ به انهيءَ وندر ۾ خوشيءَ خوشيءَ مشغول ٿي ويندي هئي. +هيءَ ڳولا ۽ تلاش به ڪجهه ايتري طويل ٿي چڪي هئي، جو خود ڍڳيءَ خلاف معمول رنڀ ڪري پنهنجي موجودگيءَ جو اعلان ڪيو. سلويه جڏهن پنهنجي ٻڍڙي ڳئون – مائيءَ ”موليءَ“ – کي ٻوڙن ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن کان کل نڪري ويئي؛ ۽ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان کيس هڪليندي گهر ڏانهن هلڻ لڳي. ٻڍيءَ ڳئونءَ کي به شايد وڌيڪ رلڻ گهمڻ جو ارادو ڪين هو، ان ڪري بنا ڪنهن چون چرا جي اڳتي وڌڻ لڳي؛ ۽ جڏهن ٻئي چراگاهه کان ٻاهر نڪتيون، تڏهن ڍڳيءَ سڌو گهر وارو رستو ورتو، ۽ ڪجهه تيز رفتاريءَ سان وک وڌائيندي اڳتي هلندي رهي. +کير ڏهڻ جو وقت به اچي ڀريو هو، ۽ هوءَ به کير ڏيڻ لاءِ تيار هئي، ان ڪري رستي تي گاهه پکو ڏسي چڪ اڌ هڻڻ لاءِ به لوڻو ڪونه ٿي ڦيرايائين. ڪافي دير ٿي چڪي هئي، ۽ سلويه کي اچي ويچار ورايو ته سندس ٻڍڙي ناني الائي کيس ڇا چوندي: ساڍي پنجين بجي گهران نڪتي هئي، ۽ مٿان اچي رات پئي هيس؛ پر اها خبر به سڀن کي هئي ته انهيءَ ڳئون کي چارڻ ۽ ڳولي اچڻ به جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانه هئي، جا جهٽ ۾ ٿي پوي. ”مسز ٽلي“، سلويه جي ناني، پاڻ به انهن ”ٻن سڱن واريءَ بلا“ جي ڳولا ۾ تهه اونهارن جا ڏينهن جا ڏينهن رلندي سهڪندي گذاري چڪي هئي؛ سو هاڻي ڪنهن کي به دير مدار لاءِ ميار ڪين ڏيندي هئي. هاڻ ته شڪرانا، جو کيس سلويه جهڙي سلڇڻي نينگر ملي ويئي هئي، جا کيس اوير سوير چڱي خاصي مدد پئي ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن نيڪ بخت ٻڍڙيءَ کي اهو شڪ جاڳندو هو ته سلويه بعضي بعضي پنهنجي مرضيءَ سان به هيڏي هوڏي گهمندي ڦرندي هوندي؛ ۽ هو به ائين – دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ٻار هوندو، جيڪو سلويه وانگر گهر کان ٻاهر ايترو گهمڻ ڦرڻ لاءِ ماندو هجي. ماڻهو چوندا هئا ته سلويه جهڙي نينگر لاءِ، جنهن پنهنجي ڄمار جا اٺ ئي سال هڪ گنجان صنعتي شهر ۾ گذاريا هئا، هيءَ تبديلي ڏاڍي چڱي ثابت ٿيندي. پر سلويه پنهنجي لاءِ ائين سمجهندي هئي ته ٻنين تي اچڻ کان اڳ هوءَ ڄڻ ته زنده ئي ڪانه هئي! +جڏهن ٻڍڙي مسز ٽلي، پنهنجي ڌيءَ جي ٻارن ڀرئي گهر منجهان خلاف اميد سلويه کي پاڻ سان نيئڻ لاءِ چونڊيو هو، ۽ پنهنجي ٻنين ڏانهن اسهي هئي، تڏهن دل ئي دل ۾ مرڪندي چيو هئائين ته ”ويچاري ماڻهن کان ٿي ڊڄي!“ +”ماڻهو ٿا چون ته ’ماڻهن کان ٿي ڊڄي‘! پر مون کي سا پڪ آهي ته هيڪر مون سان هلي، ته هن نينگر کي پنهنجي پراڻي گهر کان وڇڙڻ جو گهڻو ڏک ڪين ٿيندو.“ ۽ جڏهن هو ڳوٺڙي واري سنسان گهر وٽ پهتا ۽ قلف لاهڻ لڳا، تڏهن هڪ ٻلي زور سان ’غر غر‘ ڪندي، هنن جي پيرن سان پنهنجو جسم مهٽڻ لڳي. ويچاري اڪيلائيءَ جي ماريل ٻلڙي گهر جون جهرڪيون کائي کائي متاري ٿي پئي هئي. سلويه دل ئي دل ۾ ويچار ڪيو ته هن گهر ۾ زندگي گذارڻ ۾ ڪيڏو نه لطف ايندو – هوءَ پنهنجي شهري گهر واپس ورڻ جي ڪڏهن ڀلجي به خواهش ڪانه ڪندي. +ٻئي ساٿي ٻيلي جي پاڇولن سان ڍڪيل پيچري تي هلي رهيا هئا. ڳئون آهستھ آهستھ پر وڏي وڏي وک کڻي رهي هئي، ۽ نينگر سندس پويان تيز تيز قدم کڻندي پئي آئي. نهر جي ڪناري تي پهچي ڳئون پاڻي پيڻ لاءِ ڳچ وقت بيهي رهي. سلويه کي به سندس انتظار ۾ ماٺ ڪري بيهڻو پيو. پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا پير نهر جي تانگهي پاڻيءَ ۾ وجهي، پير ٺارڻ لڳي، ۽ شام جي جهيڻي روشنيءَ ۾ اڏامندڙ ڀنڀوريون هن جي بدن سان ڏاڍيءَ نرمانيءَ سان اچي ٽڪرڻ لڳيون. جڏهن ڳئون اڳتي وڌي ته هوءَ به نهر منجهان ئي سندس پوئتان هلڻ لڳي، ۽ نهر جي تانگهي پاڻيءَ ۾ هلڻ ڪري جيڪو ڇپ ڇپ جو آواز پيدا ٿي رهيو هو، ان کي ٻڌي هن جي معصوم دل خوشيءَ کان اڇلون ڏيڻ لڳي. هن جي مٿان وڻن جي ٽارين تي عجيب هنگامو متل هو: وڻن جون ٽاريون پکين ۽ ننڍڙن جانورن سان سٿيون پيون هيون، ۽ اهي سڀ چڱيءَ طرح جاڳي رهيا هئا. هو پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ ئي مست مگن هئا، ۽ پنهنجي ننڊاکرين ٻولين ۾ پنهنجي ساٿين کي ’شب بخير‘ چئي رهيا هئا. سلويه به هلندي هلندي ڳهرجڻ لڳي. پر هاڻ گهر به ايترو دور نه هو، ۽ هوا به ڏاڍي خوشگوار لڳي رهي هئي. اڳي ٻيلي ۾ ڪڏهن به ايتري اوير ڪانه ٿي هيس: هوءَ اهو محسوس ڪري رهي هئي، ڄڻ ته هوءَ به انهن ڀوري رنگ جي پاڇولن ۽ حرڪت ڪندڙ پنن جو هڪ جزو آهي. سلويه سوچي رهي هئي ته هن کي ٻنيءَ تي آئي سال کن مس ٿيو هو، پر اهو عرصو ڪيترو نه طويل ٿي محسوس ٿيو. هوءَ حيرت مان اهو ويچارڻ لڳي ته الائجي هن جي گنجان ۽ پرشور شهر ۾ هر چيز ساڳئي نموني پئي هلي، جيئن جيئن هوءَ ڇڏي آئي هئي، يا نه. اچانڪ هن کي سرخ چهري وارو ڇوڪر ياد آيو، جيڪو هن جو تعاقب ڪري هن کي ڊيڄاريندو رهندو هو. اهو خيال ايندي ئي سلويه وڻن جي پاڇولن کان بچڻ لاءِ تڪڙي تڪڙي رستي تي وڌڻ لڳي. +اچانڪ هن هڪ سينڍ جو آواز ٻڌو، ۽ ٻيلي جي هيءَ ننڍڙي نينگر وسامجي، سهمجي بيهي رهي. سينڍ جو آواز چڱو صاف هو، ۽ گهڻو پري به ڪين ٿي ڀانيو. اها سينڍ ڪنهن پکيءَ جي به ڪانه هئي، جو ان ۾ هڪ قسم جي مانوسيت هجي ها؛ پر هيءَ ته ڪنهن ڇوڪري جي سينڍ جو آواز هو، جيڪا ارادتاً وڄائي ويئي هئي، ۽ ان منجهه ڪجهه چيڙائڻ جي به ڪيفيت هئي. سلويه ڊڄندي ڊڄندي، ڳئون کي پنهنجي حال ۽ قسمت تي ڇڏيندي، چپڙي ڪري ٻوڙن ۾ لڪي ويهي رهي. پر کيس ڪجهه دير ٿي ويئي، ۽ دشمن کيس ڏسي ورتو هو، ۽ ڏاڍي مٺي ۽ دلنشين لهجي ۾ کيس سڏيندي چيائين، ”ننڍڙي نينگر، رستو هتان گهڻو پري آهي؟“ ۽ سلويه ڏڪندي ڪنبدي، نهايت جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنو ”چڱو پنڌ آهي!“ +هن ۾ ايتري به جرات نه پئي ٿي، جو هن قداور جوان ڏانهن همت ڪري نهاري، جنهن جي ڪلهي تي بندوق رکيل هئي. البت هوءَ ٻوڙن مان نڪري ٻاهر آئي، ۽ ماٺ ڪري ڳئون جي پويان پويان هلڻ لڳي؛ هو جوان به هن جي پاسي کان هلڻ لڳو. +اجنبي جوان نرم لهجي ۾ چون لڳو، ”مون هتي پکين جو شڪار پئي ڪيو، ۽ شڪار ڪندي رستو ڀلجي ويو آهيان. مون کي هڪ ساٿيءَ جي سخت ضرورت آهي، جيڪو منهنجي رهنمائي ڪري. تون ڊڄ نه، ۽ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ. تون ڇاٿي ڀانئين، ڇا اهو ممڪن آهي ته اڄوڪي رات آءٌ تنهنجي گهر هلي گذاريان - ۽ صبح جو وري پنهنجي شڪار تي نڪري پوان. +سلويه کي هاڻ ته هيڪاري گهڻي ڊپ اچي ورايو. الائي سندس ناني ڇا سمجهندي - ۽ سڄو ڏوهه مٿس مڙهيندي؟ پر ههڙي اتفاق جي ماڻهوءَ کي اڳواٽ ڪهڙي خبر؟ هن جو ته ان ۾ ڪوبه ڏوهه گناهه ڪونه هو. هن ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، ڄڻ ته ڪنڌ جو مڻڪو ئي ڀڄي پيو هوس. پر نئين ساٿيءَ جڏهن ٻيهر نالو پڇيس، تڏهن جئن تئن ڪري مشڪل سان جواب اڄهيس – ”سلويه!“ +جڏهن ٽيئي ساٿي گهر پهتا، ته مسز ٽلي اڳ ئي دروازي تي بيٺي هئي. ڍڳيءَ مسز ٽليءَ کي ڏسندي ئي هڪ ڊگهي رنڀ ڪئي، ڄڻ ته سموري قصي جي وضاحت ڪري رهي هئي. +”ها ها، ماري، تون پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳالهاءِ ته چڱو. سلويه، هن ڀيري هيءَ ڪٿي وڃي لڪي هئي؟“ پر سلويه ڊپ ۾ اڃا به خاموش بيٺي رهي. هن سمجهي ورتو هو ته سندس ٻڍڙيءَ نانيءَ کي اڃا هن گنڀير صورتحال جو احساس ڪين ٿيو هو؛ ۽ هوءَ اجنبيءَ کي ڪو اوسي پاسي جو ڪڙمي جوان سمجهي رهي هئي. +نوجوان ڪلهي تان بندوق لاهي دروازي جي پاسي ۾ اُڀي ڪري ڇڏي، ۽ شڪار جو ٿيلهو به لاهي کڻي پاسي تي ڇڏيائين. مسز ٽليءَ کي سلام ڪري، رستو ڀلجي وڃڻ وارو قصو کيس ٻڌايائين، ۽ پڇيائينس ته ڇا هو رات سندس گهر ۾ بسر ڪري ٿي سگهيو. ”آءٌ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾، جتي اوهان جي مرضي هوندي، ليٽي پوندس. صبح جو ساجهر مون کي وڃڻو آهي؛ في الحال ته سخت بک لڳي اٿم – ٻيو جيڪڏهن نه، ته ڀلائي ڪري کير ڍڪ ته ڏيوم!“ +ٻڍڙيءَ ميزبان چيو، ”بيشڪ، سائين!“ ڄڻ ته هن جي عرصي کان ستل مهمان نوازيءَ جي فطرت جاڳي پئي هئي. ”هتان ميل اڌ جي پنڌ تي شايد اوهان کي رات وڌيڪ آرام ۽ آسائش سان بسر ڪرڻ جو موقعو ملي – پر جڏهن اسان وٽ هلي آيا آهيو، ته ڀلي آيا، جيءُ آيا؛ جيڪي اسان وٽ آهي، سو اوهان جي اڳيان حاضر ڪنديس. آءٌ گهڙيءَ ۾ کير ڏهي ٿي وٺان، تيسين اوهين ٿورو آرام ڪريو. پنهنجو گهر اٿو – وڻيو ته گاهه تي سمهو، وڻيو ته کنڀن جي وڇاڻي تي سمهي پئو!“ ٻڍڙي شفقت ڀريل لهجي ۾ وري چوڻ لڳي: ”اهي کنڀ مون پنهنجي هٿن سان گڏ ڪيا هئا. هيٺ ترائيءَ ۾ چڱو خاصو سبزه زار آهي، جتي ڪافي هنج ۽ مرغابيون چوڳي لاءِ اينديون آهن. سلوي، اٿ مهمان لاءِ دستر خوان وڇائي، رڪيبيون وغيره رک!“ سلويه فوراً اٿي اندر ويئي؛ ڪم هاج ملڻ تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، ۽ کيس بک به اچي لڳي هئي. +نيو انگلنڊ جي هن ويران علائقي ۾ ههڙي صاف سٿري ۽ آرام ده گهر جو هجڻ حيرت جهڙي ڳالهه هئي. نوجوان کي هن علائقي جي دقيانوسي طرز رهائش جي براين جي پوري خبر هئي، ۽ هن کي خبر هئي ته هن علائقي جي سماج جو معيار ايترو ته غليظ ۽ پست هو، جو ماڻهن کي ڪڪڙين سان گڏ رهڻ ۾ به ڪا ڪراهت ڪانه ٿي محسوس ٿي. پر هيءُ گهر قديم وضع جي ڪڙمي گهراڻي جي ڪفايت شعاريءَ جو بهترين نمونو هو، جيتوڻيڪ ايترو مختصر هو، جو ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ڪا خانقاهه هئي. نوجوان ٻڍڙيءَ جي انوکين ڳالهين کي ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو؛ ۽ سلويه جي زرد زرد چهري ۽ ڀورين ڀورين اکين کي ڏسي رهيو هو، جيڪي وڌندڙ مسرت جي جذبي کان چمڪي رهيون هيون. پوءِ ڏاڍي ڌيرج سان چوڻ لڳو ته پوري مهيني کان پوءِ هن کي رات جي بهترين ماني نصيب ٿي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هي نوان دوست اٿي آڳنڌ ۾ ٿي ويٺا، ۽ چنڊ به اڀري آيو. +”ٻيرن جي مند به اچي مٿان پئي آهي؛ ۽ سلويه ٻيرن چونڊڻ ۾ ڪافي مون کي مدد ڏيندي، ڳئون چڱو کير ٿي ڏئي، پر جڏهن ٻيلي ۾ ٿي وڃي، تڏهن کيس ڳولڻ آفت آهي.“ ٻڍڙي دل کولي اجنبيءَ سان لهواري اوڀاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ کيس ٻڌايائين ته چئن ٻارن کي قبر ڀيڙو ڪري چڪي هئي، باقي سلويه جي ماءُ ۽ هڪ پٽ (جو به شايد مري ويو هجي) – وڃي اولاد مان بچيا هئس، جي ڪئليفورنيا ۾ رهندا هئا. +”منهنجو پٽ، ’ڊئن‘، ڏاڍو سٺو نشانيباز شڪاري هو. جڏهن هو گهر ۾ هوندو هو، تڏهن مون وٽ ڪڏهن به تترن يا سيهڙن جي کوٽ نه هوندي هئي.“ ٻڍڙي ڏکويل دل سان پنهنجي پٽ جون ڳالهيون اورڻ لڳي. ’هو سيلاني هو. لکڻ پڙهڻ ته هن کي آيوئي ڪين، جو کڻي مون ڏي خط پٽ لکي. پر آءٌ هن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان: جيڪڏهن منهنجو وس پڄي، ته هوند آءٌ به دنيا ڏسڻ لاءِ ڪيڏانهن نڪري وڃان ها!“ +ٻڍڙيءَ، ڪجهه گهڙيون چپ رهڻ کان پوءِ، ساڳئي جذباتي انداز ۾ چيو، ”سلويءَ هت اچي هن جي جاءِ ڀري آهي. ٻيلي جو هڪڙو فوٽ به اهڙو ڪونهي. جنهن جي هيءَ واقف چاڪف نه هجي. هتي جا جهنگلي جانور به هن کي پاڻ منجهان هڪڙو ٿا سمجهن. نوريئڙن کي ته اهڙو هيرائي ڇڏيو اٿس، جو سندس هٿن ۾ اچي کاڌو کائيندا آهن. ساڳي حالت پکين سان آهي: پرسال سياري ۾ ته بيشمار ڪٻرون اچي گڏ ٿينديون هيون، ۽ جيڪڏهن آءٌ کيس نه جهليان ها ته هوند سمورو کاڌو ڪٻرن کي کارائي ڇڏي ها، ۽ پاڻ پئي بکن ۾ پاهه ٿئي ها. آءٌ کيس چوندي آهيان ته ڪانون کان سواءِ باقي سمورن پکين لاءِ آءٌ توکي چوڳو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. خود ڊئن به هڪ ڪانءٌ پاليو هو، جو ٻين ڪانون جهڙو ئي ڇسو بيوقوف هو: جڏهن ڊئن هليو ويو، تڏهن به اهو ڪانءُ ڪافي وقت هتي پيو چڪر هڻندو هو. ڊئن ۽ سندس پيءُ پاڻ ۾ ڪين ٺهندا هئا. پر جڏهن کان ڊئن کيس سامهون ٿي، گهر ڇڏي هليو ويو، ان وقت کان پوءِ پڻس وري ڪڏهن ڪنڌ سنئون نه ڪيو.“ +مهمان کي ٻڍڙيءَ جي خانداني ڏکن جي هن قصي ۾ خير ڪا دلچسپي هئي؛ ۽ هو پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هو. +”سو، سلويءَ کي پکين بابت چڱي خاصي ڄاڻ آهي، ائين نه؟“ اجنبيءَ ننڍڙيءَ نينگر ڏانهن نهاريندي چيو، جا چانڊوڪيءَ ۾ نهايت گنڀير ٿيو ويٺي هئي، ۽ مٿس ننڊ به هوريان هوريان غلبو ڪري رهي هئي. ”آءٌ پاڻ مختلف قسمن جي پکين کي جمع ڪري رهيو آهيان. ننڍي هوندي کان مون کي پکين گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“ (مسز ٽلي مرڪڻ لڳي.) +”ٻن ٽن اڻلڀ قسم جي پکين جي تلاش ۾ گذريل پنجن سالن کان رلندو رهيو آهيان. منهنجو مقصد رڳو اهو آهي ته آءٌ پاڻ پنهنجي هٿن سان انهن کي جهليان.“ +”تون انهن کي پڃرن ۾ رکندو هوندين؟“ مهمان جي انهيءَ چاهه ۽ شوق ڀرئي ارادي کي ٻڌي، مسز ٽليءَ کانئس پڇيو. +مهمان جواب ڏنو، ”نه نه، آءٌ انهن ۾ بوسو ڀري کين محفوظ ڪري رکندو آهيان: درجنن جا درجن - ۽ اهي سڀ منهنجي پنهنجي هٿن جا شڪار ٿيل يا ڦاسايل آهن. ڇنڇر جي ڏينهن هتان ڪجهه ڪوهن جي پنڌ تي مون هڪڙي سفيد ڪونج اڏامندي ڏٺي؛ ۽ ان جي پٺيان هلندي هلندي هن طرف اچي نڪتو آهيان. ان قسم جون ڪونجون هن سموري علائقي ۾ ڪڏهن به ڪين لڀنديون آهن. هڪ ننڍڙي کير جهڙي سفيد ڪونجڙي آهي!“ ائين چئي هن سلويه جي منهن ڏانهن ان اميد سان نهاريو ته شايد هن به اها ڪونج ڪٿي ڏٺي هجي. +پر سلويه ته سامهون ٻاهرئين سوڙهي پيچري تي هڪ ڏيڏر کي ٽپ ڏيندي ڏسي رهي هئي. +اجنبي وري به ڏاڍي اشتياق منجهان چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن تو انهيءَ ڪونج کي ڏٺو هوندو، ته ضرور سڃاڻي ويئي هوندينءَ. هڪ عجيب سفيد ڊگهڙو پکي آهي - نرم ۽ نفيس کنڀڙا اٿس، ۽ ڊگهيون ڊگهيون ٽنگون اٿس. سندس آکيرو به ضرور ڪنهن اوچي وڻ جي چوٽيءَ تي هوندو، ۽ باز جي آکيري وانگر ڪاٺين جو ٺهيل هوندو.“ +۽ سلويه جي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪر�� لڳي. هوءَ انهيءَ عجيب پکيئڙي کي سڃاڻندي هئي، ۽ هڪ ڀيري، دور ٻيلي جي هن پار، ڌٻڻ جي چمڪيلي سائي گاهه تي اهو پکي ويٺو هو، تڏهن هوءَ لڪندي لڪندي، هوريان هوريان وڃي ان جي ڀرسان بيٺي هئي. اتي هڪ کليل پَٽُ هو، جتي اُس هميشھ عجيب طرح جي زرد زرد ۽ گرم محسوس ٿيندي هئي، ۽ جتي ڊگها ڊگها سَرَ بيٺل هئا. ان بابت کيس سندس نانيءَ منع ڪري ڇڏي هئي ته ان طرف ڪڏهن به وڃڻ جو خيال نه ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪڏهن به ان طرف ويئي ته نرم نرم ڪارڙيءَ گپ ۾ پاسي هيٺ هلي ويندي، ۽ وري سندس نالو نشان به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو. اتان کان ٿوروئي دور نرم گاهه جا ٻوڙا هئا، جنهن جي ٿورو پريان سمنڊ هو – سمنڊ، جنهن بابت سلويه کي هميشھ حيرت ۽ عجب لڳندو هو، ۽ سدائين جنهن جا خواب پئي ڏسندي هئي، پر اکين سان ان کي ڪڏهن به ڪين ڏٺو هئائين. ان جو آواز ڪڏهن ڪڏهن طوفاني راتين ۾ ٻيلي جي آوازن کان به چٽو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. +خوبصورت اجنبي چئي رهيو هو ته ”بس، مون کي انهيءَ ڪونج جو آکيرو ملي وڃي، ته بس منهنجي دل جي آس پوري ٿي وڃي. ان کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه مون لاءِ ٻي ڪانه آهي. جيڪو به مون کي انهيءَ جو آکيرو لهي ڏيندو، ان کي آءٌ ڏهه ڊالر ٿيندس.“ ٿورو جوش ۾ ايندي، وري چوڻ لڳو ته”جيڪڏهن ضرورت پئي، ته آءٌ پنهنجون سموريون موڪلون ان جي پٺيان گذاري ڇڏيندس. ٿي سگهي ٿو ته اهو پکي يا ته فقط سيلاني آهي، يا ته ڪنهن شڪاري پکيءَ ان جو تعاقب ڪري کيس پنهنجي علائقي مان تڙي هت آڻي ڪڍيو آهي.“ +مسز ٽلي اجنبيءَ جي ڳالهين کي حيرت گاڏڙ ڌيان سان ٻڌي رهي هئي؛ پر سلويه اڃا تائين ڏيڏر کي ڏسڻ ۾ محو هئي: کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، جيڪا هوند معمولي سڪون جي حالت ۾ هوءَ هڪدم سمجهي وڃا ها، يعني هي ته ويچارو ڏيڏر دروازي جي چائنٺ هيٺان پنهنجي ٻر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر رات جو ايتري دير ٿي وڃڻ جي باوجود ايترن سارن ماڻهن کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، ٻر ۾ وڃڻ کان هٻڪي رهيو هو. ان رات، هر طرح جي خيالن جي باوجود هوءَ سمجهي نه سگهي ته اجنبي جن ڏهن ڊالرن جو ايتريءَ سادگيءَ سان کلندي کلندي ذڪر ڪري ويو، انهن سان ماڻهوءَ جون ڪيتريون دلپسند ضرورتون پوريون ٿي ٿي سگهيون! +ٻئي ڏينهن شڪاري نوجوان سڄو ڏينهن ٻيلي ۾ گهمندو رهيو، ۽ سلويه به سمورو وقت ساڻس گڏ هلندي رهي، ڇاڪاڻ ته نوجوان کي ڏسي اول اول جيڪو خوف سندس دل تي طاري ٿي ويو هو، سو لهي ويو هو، ۽ هاڻي ته هو نهايت همدرد ۽ مهربان ثابت ٿيو هو. هن سلويه کي پکين بابت بي انداز ڳالهيون ٻڌايون – پکي ڇا ڇا ٿا ڄاڻن، ڪٿي ٿا رهن، ۽ هڪ ٻئي سان ڪيئن ٿا هلن، وغيره. هن سلويه کي هڪڙو چاقو به سوکڙيءَ طور ڏنو، ۽ سلويه سمجهيو ڄڻ ته هوءَ ڪنهن غير آباد جزيري جي رهواسڻ هئي، ۽ هن کي هڪ وڏي دولت ملي ويئي هئي. سڄو ڏينهن اجنبيءَ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪئي، جنهن کان سلويه کي ڪو ڏک پهچي يا خوف ٿئي، سواءِ هڪڙي واقعي جي، جڏهن اجنبيءَ هڪ مٺي ٻوليندڙ پکيءَ کي، وڻ جي ٽاريءَ تان اوچتو ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو هو. سلويه اجنبيءَ کي بنان بندوق جي وڌيڪ پسند ڪري ها؛ هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته جن پکين کي هو ايترو پسند ٿو ڪري، انهن کي ماري ڇو ٿو؟ پر جيئن ڏينهن گذرڻ لڳو، سلويه نوجوان کي چاهه ڀرئي شوق ۽ محبت جي نگاهن سان ڏسڻ لڳي: هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو موهيندڙ ۽ دل کي وڻندڙ ماڻهو ڪونه ڏٺو هو، شايد هن ٻارڙيءَ جي سيني اندر عورت جي ستل دل ۾ محبت جي ڪنهن خواب هلچل مچائي ڏني هئي. انهيءَ عظيم قوت جي آگاهيءَ هنن جوان دلين ۾ هڪ جنبش، هڪ ��هر پيدا ڪئي، جيڪي هڪ خاموش احتياط سان آهسته آهسته جهنگن کي طي ڪري رهيون هيون. هڪ پکيءَ چهڪار ڪئي، هنن جا قدم روڪجي ويا؛ وري شوق منجهان اڳتي وڌڻ لڳا؛ ٽارين کي اڳيان هٽائيندا، ڪڏهن هڪ ٻئي سان نهايت جهيڻي آواز ۾ سرگوشيون ڪندا، اڳتي وڌندا رهيا: نوجوان اڳيان هو، ۽ سلويه سندس پويان پويان، ڄڻ ته جادوءَ جي زور هيٺ هلي رهي هئي، ۽ سندس ڀوريون ڀوريون اکيون جوش جي غلبي کان گهريون ٿي ويون هيون. +هن کي ٿورو ڏک ٿيڻ لڳو ته سفيد ڪونج جو ڪو نشان پتو ڪونه پيو، جنهن لاءِ اجنبيءَ کي ايتري تمنا هئي؛ پر هن اجنبيءَ جي رهنمائي نه ڪئي، هوءَ ته فقط هن جي پويان پويان هلندي رهي. گفتگو خود شروع ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو. جيڪڏهن هوءَ ڪو ڀڻڪو ڪڍي ها، ته شايد پنهنجي ئي آواز کان وحشت زده ٿي وڃي ها – هن لاءِ ته رڳو ضرورت پئي ’هائو‘ يا ’نه‘ جو جواب ڏيڻ به نهايت مشڪل هو. نيٺ جڏهن سانجهي ٿيڻ لڳي، تڏهن ٻئي ڄڻا ڍڳيءَ کي هڪليندا گهر ڏانهن راهي ٿيا. جڏهن هو ان جاءِ تي پهتا، جتي هن اجنبيءَ جي سينڍ جو آواز ٻڌو هو، ۽ ڊڄي ويئي هئي، تڏهن خوبخود سندس چپڙن تي مرڪ ڇانئجي ويئي. + +گهر کان اڌ ميل جي پنڌ تي، ٻيلي جي ٻئي ڇيڙي وٽ جتي زمين نهايت مٿاهين هئي، صنوبر جو هڪ وڏو وڻ بيٺل هو، جو شايد پنهنجي زماني جو آخري وڻ وڃي بچيو هو. خبر نه آهي ته ان وڻ کي اتي سرحدي نشان طور ڇڏيو ويو هو، يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ان کي اتي رهڻ ڏنو ويو هو؛ - ۽ اهي ڪاٺير، جيڪي ان وڻ جي ساٿين کي وڍي کڻي ويا هئا، سي به ڪڏهوڪا مري کپي ويا هئا؛ ۽ انهيءَ هنڌ تي صنوبر ۽ شاهه بلوط جي وڻن جو هڪ نئون ٻيلو اڀري آيو هو. پر صنوبر جي انهيءَ وڻ جي چوٽي، باوقار انداز ۾، سڀن کان اوچي ۽ بلند هئي، ۽ ميلن جي مفاصلي تان سمنڊ ۽ سندس ساحل ڏانهن اوچي ڳاٽ پيئي نهاريندي هئي. سلويه کي اها خبر هئي: هن کي يقين هو ته جيڪو شخص ان پوڙهي وڻ جي سڀ کان اوچي ڏار تي چڙهي ويندو، سو آسانيءَ سان سمنڊ کي ڏسي سگهندو؛ ۽ هن ننڍڙيءَ نينگر ڪيترائي ڀيرا انهيءَ وڻ جي ٿلهي، کهري کهري ٿڙ تي هٿ رکي، ڏاڍي اشتياق سان ان جي گنجان ۽ ڪارين ڪارين ٽارين ۽ شاخن کي ڏٺو هو، جيڪي هوا جي لهرن تي پيون لڏنديون لمنديون هيون. هن ڀيري هن کي انهيءَ وڻ جو خيال هڪ نئين جذبي ساڻ آيو – هوءَ سوچڻ لڳي ته ............... جيڪڏهن ڪو پرهه ڦٽيءَ جو ساجهر ان وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي، ته هوند سڄيءَ دنيا کي ڏسي سگهي، ۽ آسانيءَ سان اهو پتو به لڳائي سگهي ته اها سفيد ڪونج ڪٿان اڏامي ٿي اچي، ۽ سندس آکيرو ڪٿي لڪل آهي. +ڇا سندس حوصلو، ۽ ڇا سندس بي ضبط تمنا! اهو صبح ڪيترو نه آرزومند فتحيابي، ڪامراني ۽ خوشيءَ سان ڀرپور صبح ٿيندو، جڏهن هوءَ انهيءَ راز جو انڪشاف ڪندي! اهو جذبو ايترو ته حقيقي ۽ بلند هو، جو هن جي ٻاراڻيءَ دل جي وسعت ۽ برداشت کان ٻاهر هو! +سڄي رات ان ننڍڙي گهر جو دروازو کليل رهيو، ۽ در جي مٿان ابابيلن جهڙا پکي ايندا ۽ ٻوليندا رهيا. نوجوان شڪاري ۽ سندس ميزبان ٻڍڙي گهريءَ ننڊ ۾ هئا، پر سلويه کي سندس عظيم تجويز ننڊ ڪرڻ نه ڏني. هن جون اکيون کليل رهيون ۽ هوءَ جاڳندي رهي – شايد ننڊ بابت سوچڻ به هن کي وسري ويو هو. اونهاري جي ننڍي رات به، سياري جي اونداهيءَ رات وانگر، هن کي طويل ۽ ڊگهي محسوس ٿيڻ لڳي. آخرڪار جڏهن ابابيلن جون ٻوليون به بند ٿي ويون، ۽ هن کي پڪ ٿي ته ڄاڻ ته پرهه ڦٽي ۽ صبح ٿيو، تڏهن هوريان هوريان پنهنجي گهران نڪتي، ۽ چراگاهه جي پيچري تان ٻيلي ڏانهن هلڻ لڳي. تيز تيز وکون کڻندي، هوءَ سامهون نظر ايندڙ ميدان ڏانهن وڌڻ لڳي. رستي ۾ ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺل پکيءَ جي ننڊ هن جي چرپر ڪري ڦٽي پئي، انهيءَ پکيئڙي جي چون چون جي ننڊاکري ٻوليءَ، هن جي دل ۾ عجيب فرحت ۽ رفاقت جو احساس پيدا ڪيو. انساني اشتياق جي اها عظيم لهر، جا هن ننڍڙيءَ بيرنگ زندگيءَ ۾ سيلاب وانگر ڦهلجي ويئي هئي، سا جيڪڏهن هن جي معصوم دل مان فطرت جي قرب ۽ ٻيلي جي گونگي حياتيءَ جون بخشيل خوشيون ۽ تسڪين کسي وٺي، ته ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه ٿيندي! +زرد زرد چانڊوڪيءَ ۾ صنوبر جو ٻڍڙو وڻ اڃا ننڊ پيو هو. ننڍڙيءَ نادان سلويه ڏاڍيءَ بهادريءَ سان ان وڻ جي چوٽيءَ ڏانهن چڙهڻ شروع ڪيو. جوش کان اڀامندڙ رت، هن جي بدن جي سمورين رڳن ۾ تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو. هن جا اگهاڙا پير ۽ هٿن جون آڱريون، انهيءَ آسمان ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ جي شاخن کي پکين جي چنبن وانگر چهٽي ٿي پيون. هن سوچيو ته هن کي پهريائين پاسي ۾ گڏ بيٺل سفيد شاهه بلوط جي وڻ تي چڙهڻ گهرجي. اتي پهچي هوءَ سياهه شاخن ۽ ماڪ سان آلن ساون پنن ۾ بنهه گم ٿي ويئي. هڪ پکيئڙو پنهنجي آکيري مان ڦڙڦڙ ڪري اڏاڻو، ۽ هڪ ڳاڙهي رنگ جو نوريئڙو هيڏانهن هوڏانهن ڊڪون پائڻ لڳو، ۽ زور سان چيٽون ڪري هي بي ضرر چور کي ڇينڀڻ لڳو. سلويه ڏاڍي اطمينان سان اڳتي وڌڻ لڳي. هوءَ اڳ به ڪيترائي ڀيرا انهيءَ وڻ تي چڙهي چڪي هئي، ۽ کيس خبر هئي ته شاهه بلوط جي چوٽيءَ وٽ هڪ ٽاري صنوبر جي هڪ ڏار تي لڙيل هئي؛ ۽ ان هنڌ تي صنوبر جون هيٺيون شاخون هڪٻئي سان ڳتيل هيون. اُتي، جڏهن هوءَ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي ٽپي وڃڻ جو جوکم جهڙو قدم کڻندي، تڏهن هن جي عظيم مهم شروع ٿيندي. +شاهه بلوط جي جهولندڙ ٽاريءَ تان هوءَ رڙهي مٿي آئي، ۽ ڏاڍيءَ جرات سان ٻڍڙي صنوبر جي وڻ تي ٽپي ويئي. هتان ته پاڻ سندس اميدن جي برعڪس رستو وڌيڪ مشڪل هو؛ هن کي اڃا ڪافي مٿي چڙهڻو هو، ۽ گرفت به مضبوط رکڻي هئي. جيئن جيئن هوءَ مٿي چڙهندي ٿي ويئي، تيئن هن جي جسم تي تکيون نوڪدار سڪل ٽاريون ڪاوڙيل شڪاري پکيءَ جي چنبن جيان رهنڊا پائڻ ٿي لڳيون، ۽ ٿڙ جي سخت سخت ڇوڏن هن جي نازڪ سنهڙين آڱرين کي رهڙي بي ڊولو بنائي وڌو هو. پر هوءَ جيئن پوءِ تيئن مٿي چڙهندي ويئي. هيٺ ٻيلي ۾ جهرڪيون ۽ ڪٻرون جاڳي رهيون هيون، ۽ پرهه جي ٻولي ٻولي رهيون هيون، پر صنوبر جي چوٽيءَ تان اهي آواز نهايت جهيڻا ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. سلويه سوچڻ لڳي ته مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هن کي جلدي ڪرڻي پوندي. +جئن جئن هوءَ مٿي چڙهندي ويئي، ائين ٿي ڀاسيو ته وڻ به پنهنجي اوچائيءَ کي اينگهائيندو ڦهلائيندو ٿي ويو. اهو وڻ ڄڻ ته هن سفر ڪندڙ ڌرتيءَ جو مکيه سڙهه هو. ان ڏينهن جي صبح تي، صنوبر جي انهيءَ وڻ، انساني روح جي ان شراري کي، جيڪو ارادي ۽ ازم جي گرميءَ کان دکي رهيو هو، پنهنجي سڄي تن بدن ۾ محسوس ڪيو هوندو، جيڪو هڪ هڪ ٽاريءَ کان ٿيندو، ٽپندو مٿي بلندين تي چڙهندو ٿي ويو. ڪنهن کي خبر ته ان وڻ جا ڪمزور کان ڪمزور ٽارين ۽ ڇانگن، هن هلڪڙي ڪمزور جيتامڙي انسان کي، پنهنجي بلنديءَ جي رستي تي ڪيترا ڀيرا سهارو ڏنو هوندو. ٻڍڙي صنوبر کي پنهنجي هن نئين مهمان سان ضرور محبت ٿي ويئي هوندي. هن کي بازن، چمڙن، جيتن ۽ ٻين ڪيترن خوشنوا پکين کان به وڌيڪ پيار، هن تنها ڀورين اکين واريءَ ٻارڙيءَ جي دلير ۽ ڌڙڪندڙ دل لاءِ پيدا ٿيو هوندو. جون مهيني جي ان صبح جو، اهو وڻ چپ چاپ بيٺو رهيو، ۽ هوائن کي دڙڪا ڌمڪيون ڏيندو هڪاليندو رهيو؛ ۽ مشرق ۾ پرهه به وڌيڪ روشن ٿيندي ويئي. +نيٺ آخري نوڪدار ٽاري به لنگهي ويئي، ۽ سلويه ڏڪندي ٿڙڪندي، ٿڪل پر فتحيابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جي مسرت سان ڀرپور، وڻ جي سڀ کان اوچيءَ چوٽيءَ تي پهچي ويئي. ان وقت ڪو ماڻهو هيٺ زمين تان بيهي ڏانهن نهاري ها، ته سلويه جو منهن کيس هڪ زرد تاري جيان نظر اچي ها. ها، اهو آهي سمنڊ، جنهن جي مٿان اڀرندڙ سج پنهنجي سونهري روشني ڇڙڪائي رهيو هو. انهيءَ چمڪندڙ اوڀر طرف، ٻه باز پنهنجن پرڙن کي هوريان هوريان هلائي اڏامي رهيا هئا. ايتري اوچائيءَ تان هو ڪيترو نه هيٺ اڏامندا ٿي نظر آيا؛ پر زمين تان ڏسڻ سان هو ڪيترا نه بلند ۽ دور، ۽ نيلي آسمان جي ويجهو ڪارن داغن وانگر نظر ٿي آيا. انهن جا ڀورڙا پر ڀنڀورين جهڙا نرم هئا، ۽ هو وڻ کان فقط ٿورڙي فاصلي تي ٿي نظر آيا. سلويه کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هوءَ پاڻ به اڏامي ڪڪڙن تائين پهچي ٿي سگهي. الهندي طرف ڪوهن جي مفاصلي تي ٻيلا ۽ کيت نظر اچي رهيا هئا؛ ڪٿي ڪٿي ديولين جا منارا ۽ سفيد سفيد ڳوٺڙا ٿي نظر آيا – بيشڪ اها دنيا ڪيتري نه وسيع ۽ پر عظمت هئي! +پکين جي ٻولين جو آواز به تيز ٿيندو ٿي ويو، ۽ سج به بيحد روشن ٿي چڪو هو. سلويه دور سمنڊ ۾ جهازن جا سڙهه ۽ بادبان ڏسي رهي هئي. هوءِ ڪڪرن کي ڏسي رهي هئي، جيڪي ٿوري دير اڳ واڱڻائي ۽ گلابي رنگن جا هئا، ۽ پوءِ پيلا ٿيندا، جهڪا ٿيندا ويا. سلويه سوچڻ لڳي ته ساين ساين ٽارين جي هن سمنڊ ۾ سفيد ڪونج جو آکيرو ڪٿي هو؟ ڇا هيتري خطرناڪ بلنديءَ تي چڙهڻ جو انعام فقط دنيا جو هي حيرت انگيز ۽ خوبصورت نظارو ئي هو؟ سلويه، تون ٿورو هيٺ نظر ته ڪري ڏس، جتي چمڪندڙ ”برچ“ ۽ ڪارن ”هميلاڪ“ جي وڻن جي وچ ۾ سائي سائي ڌٻڻ آهي، جتي تو اڳ به هڪ ڀيرو انهيءَ ڪونج کي ڏٺو هو – ها، توکي اتي وري نظر ايندي. ڏس، هو ڏس، هڪ اڇو داغ نظر اچيئي ٿو، - ڄڻ ته هڪ سفيد کنڀ سڪل ’هميلاڪ‘ وڻ تان اڏامندو اچي: جئن ويجهو ايندو وڃي، تئن وڏو ٿيندو ٿو وڃي -، اجهو هاڻ صنوبر جي پاسي کان، پنهنجي سنهي ڊگهي ڳچي ۽ ڪلنگيءَ وارو مٿو ڪوئيندو، تيز تيز پرڙا هڻندو لنگهي ويو. ترس، ٿورو ترس! ننڍڙي نينگر، پنهنجي هٿن پيرن کي نه چور؛ پنهنجي انهن مشتاق اکڙين مان روشنيءَ ۽ آگاهيءَ جو تير نڪرڻ نه ڏي، ڇو ته ڪونج تنهن ٽاريءَ جي ويجهو ئي هڪ ٻيءَ ٽاريءَ تي اچي ويٺي آهي، ۽ پنهنجي جوڙي کي آواز ڏيئي رهي آهي، جيڪو شايد آکيري ۾ ويٺو آهي؛ ۽ ڏس ته هوءَ نئين صبح جي آجيان ڪرڻ لاءِ پنهنجا پرڙا سوئي رهي آهي. +گهڙي ساعت کان پوءِ ننڍڙي نينگر کان هڪ آهه نڪري ويئي؛ ڇو ته پکين جو هڪ ولر اچي انهيءَ وڻ تي ويٺو، ۽ انهن جي شور ۽ گهمسان کان سانتيڪي ڪونج ٽهي اڏامي ويئي. پر هاڻ سلويه کي سندس راز جي خبر هئي: جهنگلي، هلڪي ۽ هڪ – ساريکي بدن جو پکيئڙو، جو هوا ۾ ترندو ٿي ويو، ۽ جيڪو هيٺ سرسبز دنيا ۾ پنهنجي آکيري ڏانهن تير وانگر ٿي اڏاڻو. جڏهن سلويه جي دل پوريءَ طرح مطمئن ٿي چڪي، تڏهن هن وري ساڳئي خطرناڪ رستي تان هيٺ لهڻ شروع ڪيو. جنهن ٽاريءَ تي پاڻ هئي، ان کان هيٺ نهارڻ جي منجهس همت ڪانه هئي. هيٺ لهندي هڪ ڀيرو ته کانئس هلڪي رڙ نڪري ويئي، جو سندس آڱريون سور ڪري رهيون هيون، ۽ سندس زخميل پير هر هر ٿڙڪي ٿي ويو. هن کي رکي رکي اهو خيال ٿي ٿيو ته اجنبي کيس ڇا چوندو، ۽ جڏهن هوءَ کيس ڪونج جي آکيري جو ڏس ڏيندي، تڏهن هو ڇا سوچيندو؟ +”سلوي سلوي!“ ٻڍڙي نانيس بار بار سڏ ڪري رهي هئي، پر ڪنهن به کيس جواب نه ڏنو. گاهه جو ننڍڙو بسترو خالي پيو هو، ۽ ننڍڙي سلويه غائب هئي. +مهمان هڪ خواب مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو، ۽ پنهنجي سڄي ڏينهن جي دلچسپين ۽ مصروفيتن کي ياد ڪري تڪڙو تڪڙو ڪپڙا پائڻ لڳو ته جئن سوير ئي پنهنجي مشغوليءَ کي شروع ڪري. ڪالهه ننڍڙي نينگر ٻه ٽي ڀيرا هن جي طرف اهڙين نظرن سان ڏٺو هو، جنهن مان هن کي پڪ ٿي ويئي هئي ته ڇوڪريءَ ڪونج کي ڏٺو ضرور آهي، ۽ هاڻ ڪنهن طرح هن کي ڏس ڏيڻ تي آماده ضرور ڪرڻ گهرجي. اجها هوءَ پيئي اچي – اڳئين کان به پيلي ۽ زرد، سندس ننڍڙو پراڻو فراڪ ليڙون ليڙون ٿي ويو آهي، ۽ هنڌ هنڌ تي صنوبر جا ڇوڙا چهٽا پيا اٿس. پوڙهي نانيس ۽ اجنبي، ٻئي گڏجي دروازي وٽ بيهي هن کان سوال پڇڻ لڳا آهن، ۽ هن لاءِ اها خوبصورت گهڙي آئي آهي، جڏهن هوءَ سبز ڌٻڻ جي ڪناري تي بيٺل سڪل ’هميلاڪ‘ وڻ جو ذڪر ڪندي! +پر سلويه ڪجهه به ڪين ٿي ڪڇي؛ جيتوڻيڪ ٻڍڙي ناني ڪاوڙجي هن کي ڇينڀي رهي آهي، ۽ نوجوان جون ٻاڏائيندڙ اکيون هن جي اکين ۾ کتل آهن، پر سلويه خاموش بيٺي آهي. هو هنن کي پئسا ڏيئي شاهوڪار ڪري سگهي ٿو، هن اهڙو انجام به ڪيو آهي، ۽ هو هن وقت غريب آهن، هو هنن کي خوشي عطا ڪري سگهي ٿو. هو انهيءَ ڪهاڻيءَ جو منتظر آهي، جيڪا سلويه ئي ٻڌائي سگهي ٿي. +پر نه، هن کي خاموش رهڻ گهرجي! ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن هن کي بلڪل گونگو بنائي ڇڏيو آهي؟ سندس عمر ته اڃا نو سال ئي مس آهي – پوءِ جڏهن دنيا هن جي اڳيان پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، تڏهن ڇا فقط هڪ پکيئڙي جي ڪري انهيءَ هٿ کي موٽائي ڇڏي؟ صنوبر جي سبز سبز شاخن جي ڀڻڀڻ ۽ انهن جون سرگوشيون اڃا تائين هن جي ڪنن ۾ ٻُري رهيون هيون. هن کي ياد آيو ته ڪيئن سفيد ڪونج سونهري فضا مان اڏامندي آئي، ۽ ڪيئن ٻنهي گڏجي سمنڊ ۽ صبح جي جلون کي ڏٺو هو. سلويه ڳالهائي نٿي سگهي؛ هوءَ ڪونج جو راز کولي نٿي سگهي؛ هوءَ ان کان ان جي زندگي نٿي کسي سگهي. +۽ جڏهن ان ڏينهن مهمان نااميد ۽ مايوس ٿي هليو ويو، تڏهن هن جي معصوم وفاداريءَ کي وڏو صدمو پهتو. هن جي اها وفاداري اجنبي مهمان جي خذمت ڪري سگهي ها، ۽ هڪ ڪُتڙي وانگر هن کي محبت ڪري، هن جي پويان پويان وڃي سگهي ها! ان کان پوءِ جڏهن سلويه پنهنجي ڀٽڪندڙ ڳئون کي ٻيلي مان وٺي گهر ايندي هئي، تڏهن ڪيترائي ڀيرا رات جو هن کي اجنبيءَ جي سينڍ جو پڙاڏو ٻيلي ۾ گونجندو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. هن کي اهو غم به وسري ويو هو، جو هن جي بندوق جي ڌڪ سان زخمجي ڪرندڙ پکين کي ڏسي ٿيو هو، جن جا نرم ۽ نازڪ کنڀڙا رت ۾ رڱجي ويندا هئا، ۽ جن جون مٺيون مٺيون ٻوليون هميشھ لاءِ بند ٿي وينديون هيون. ڇا هن لاءِ ٻيلي جا پکي، شڪاري کان به بهتر دوست هئا............ ڪير چئي سگهي؟ خير، هن جا الائجي ڪهڙا ڪهڙا خزانا لٽجي ويا.... اي ٻيلو، ۽ اي اونهارو، اوهين ياد رکجو: پنهنجون سموريون سوکڙيون ۽ دلڪشيون آڻي هن ڳوٺاڻيءَ نينگر کي ڏيو، ۽ چپ چاپ پنهنجا دلنواز راز کيس ٻڌايو. + + +پٿر جي عظيم شڪل +از – نئٿنيل هاٿورن مترجم – سراج +---------- +The Great Stone Face +By +Nathaniel Hawthorne + +هڪ ڏينهن شام جو، جڏهن سج هري هري ٿي الهي رهيو هو، هڪ ماءُ ۽ هن جو ننڍڙو پٽڙو، پنهنجي ننڍڙي گهر جي دروازي وٽ ويهي، ”پٿر جي عظيم شڪل“ بابت ڳالهائي رهيا هئا. هنن جي اکين مٿي کڻڻ جي دير هئي؛ ۽ پريان ڪافي دور هجڻ جي باوجود، اها شڪل کين ائين نظر اچي رهي هئي، ڄڻ ٻاهر، بنهه ويجهڙو، ڪٿي اها بيٺي هئي! پوئين سج جا ڪرڻا سڌو ان جي منهن تي پئي، ان جي خدوخال کي تنهان ئي روشن ڪري رهيا هئا. +اها ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڇا هئي؟ +بلند بلند پهاڙن جي گود ۾، هڪ تمام وسيع وادي هئي، جنهن ۾ هزارين انسان آباد هئا. انهن نيڪ انسانن مان ڪيترا، اُڀين ۽ مشڪل ٽاڪرو بستين ۾، ڪاٺ جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا. سندن چوڌاري هڪ گهاٽو ٻيلو ڇانيل هو. ٻين کي پنهنجا آرام ده ڳوٺاڻا گهر هئا، ۽ هو ماٿريءَ ۾ آس پاس جي لاهين ۽ سندن ميدانن جي زرخيز زمينن کي پوکيندا هئا. اڃائي ڪجهه ٻيا آسپاس جي وسندڙ ڳوٺن ۾ رهندا هئا، جتي هڪ سرڪش جابلو ندي، پنهنجي مٿانهن جبلن جي جنم آسٿان تان لهندي، ور وڪڙ کائيندي، وهندي ويندي هئي؛ ۽ جنهن کي انسانن پنهنجي ڪاريگريءَ سان مطيع ڪري، پنهنجي ڪپهه جي انجڻين کي هلائڻ تي مجبور ڪيو هو. هن واديءَ ۾ بيشمار انسان آباد هئا، جيڪي حياتيءَ جي مختلف ڌنڌن ۽ دستورن ۾ رڌل رهندا هئا. پر انهن سمورن رهواسين، ٻارن توڙي ٻڍڙن جي انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان هڪ قسم جي آشنائي ۽ پنهنجائپ هئي. انهن مان ڪي ماڻهو هئا، جن کي هن قدرت جي عظيم مظهر جي شناس پنهنجن ٻين پاڙيسرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهري ۽ مڪمل هئي. +ائين کڻي چئجي ته هيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ فطرت جي شاهانه رمزيت ۽ شوخيءَ جو هڪ ڪارنامو هئي، جيڪا هڪ جبل جي عمودي پاسي تي، ڪن بيحد ڀاري ڇپن منجهان ٺهي پيئي هئي. اهي ڇپون ڪجهه اهڙي انداز سان اڇلجي، سهيڙجي پيون هيون، جو ڪجهه فاصلي تان ڏسڻ سان منجهانئن بلڪل ڪنهن انسان جا مهانڊا ٿي معلوم ٿيا – ائين معلوم ٿي ٿيو، ڄڻ ڪنهن عظيم ديو يا يوناني ديوتا جبل ۾ پنهنجي شبيهه تراشي ڇڏي هئي: سو کن فوٽ اوچي، پيشانيءَ جي محرابي بيهڪ، ڊگهيءَ ڪناريءَ سان نڪ، ۽ ويڪرا چپ – جيڪي هوند ڪڏهن ڳالهائي سگهن ها، ته سندن لفظن جي گجگوڙ واديءَ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ٿيڙ کائيندي سموريءَ فضا کي هوند ٻُرائي ۽ لرزائي ڇڏي ها. البت، ماڻهو جيڪڏهن ان جي بنهه ويجهو هليو ٿي ويو، ته انهيءَ ديو جهڙيءَ صورت جو خاڪو هن جي نظر کان گم ٿي ٿي ويو، ۽ هن کي فقط بي انداز ڀاري ۽ بي ڊولين ڇپن جو هڪ ڍير نظر ٿي آيو، جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان عجيب بي هنگم نموني ۾ سٿيون پيون هيون. ڪجهه قدم پٺتي هٽي وڃڻ سان، وري اهي حيرت انگيز مهانڊا نظر اچڻ ٿي لڳا؛ ۽ جيترو ماڻهو پوئتي هٽندو ٿي پئي ويو، اوترو اهي مهانڊا وڌيڪ واضح ٿيندا، انساني چهري جهڙا ٿيندا ٿي ويا، جن ۾ اها ساڳي انفراديت ڏيا ۽ الوهيت موٽي ظاهر ٿيندي پئي ويئي: جيئن جيئن فاصلو وڌندو ٿي ويو، آسپاس جبلن جي مٿان ڪڪرن ۽ سونهري ڪوهيرن ۾ اها شڪل نيٺ جهڪي ٿيندي ٿي ويئي – تان جو ان جو مهيب تصور ئي ڏسندڙ جي ذهن ۾ وڃي ٿي باقي بچيو: اُتان جي بيشمار رهواسين کي اها ”پٿر جي عظيم شڪل“ سچ پچ جئري جاڳندي ۽ پاڻ وانگر هڪ زنده حقيقت ٿي معلوم ٿي. +واديءَ جي ٻارن جي اها خوش قسمتي هئي، جو اهي انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ کي پنهنجي اکين سان ڏسندي ڏسندي وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ٿي رهيا، ۽ نيٺ وڃي بلوغت ۽ پڪيءَ عمر جي درجي کي ٿي پهتا؛ ڇاڪاڻ ته انهن پرشڪوهه مهانڊن ۾ نيڪي ۽ عظمت نمايان هئي؛ ۽ انهيءَ چهري جي ڪيفيت اهڙي ته عظيم الشان ۽ دلاويز هئي، جو ائين ٿي معلوم ٿيو – ڄڻ اها هڪ وسيع ۽ محبتي دل جي چمڪ هئي، جنهن سڄي انسان ذات کي پنهنجي شفقت جي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو هو، ۽ منجهس اڃا به وڌيڪ انسانن جي سمائجڻ جي گنجائش موجود هئي. ان ڏانهن ٺلهو نهارڻ به هڪ قسم جي تعليم هئي. ڪيترن ماڻهن جو ته اهو عقيدو هو ته سندن واديءَ جي زرخيزي انهيءَ مبارڪ صورت جي ئي طفيل هئي، جنهن سدائين ان جي مٿان چمڪي، اونداهن ڪڪرن کي به روشن ٿي ڪيو، ۽ جنهن ساڙيندڙ اس جي آڏو اچي ان ۾ به نرمي ڀري ٿي ڇڏي. +خير، اسان ڪهاڻي اتان شروع ڪئي هئي ته هڪ ماءُ ۽ سندس پٽڙو پنهنجي گهر جي چائنٽ وٽ ويهي، انهيءَ عظيم صورت ڏانهن گهوري رهيا هئا، ۽ ان بابت گفتگو ڪري رهيا هئا. نينگر جو نالو هو ”ارنسيٽ.“ +”اما،“ ڇوڪرو چوڻ لڳو، ۽ ان وقت هن جي مٿان اها ديوتائن جهڙي شڪل مرڪي رهي هئي – ”اها صورت جي ڳالهائي سگهي، ته هوند ڇا ٿئي؟ پريان اِها اهڙي ته مهربان ٿي نظر اچي، جو ان جو آواز به ضرور وڻندڙ هوندو. جيڪڏهن مون کي ههڙن مهانڊن سان ڪو ماڻهو نظر اچي، ته هوند آءُ هن کي ڏاڍو پيار ڪريان.“ ماءُ جواب ڏنو، ”پٽ، هڪ پراڻي پيشنگوئي جيڪڏهن سچي نڪري پوي، ته پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن اسان وٽ هوبهو انهن مهانڊن جو ماڻهو ضرور پيدا ٿيندو!“ +”مٺڙي امڙ، ڪهڙي پيشنگوئي؟“ ارنسيٽ اشتياق منجهان پڇيو. ”ڀلائي ڪري ٻڌائينم ته سهي!“ +ماڻس هن کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي، جيڪا هن پاڻ، جڏهن هوءَ ارنسيٽ جي عمر جي هئي، تڏهن پنهنجي ماءُ کان ٻڌي هئي؛ هڪ اهڙي ڪهاڻي – جا گذريل ڳالهين جي نه، پر جيڪي آئينده ٿيڻو هو، ان جي ڪهاڻي هئي؛ ۽ اها ڪهاڻي ايتري ته قديم هئي، جو خود سرخ هندستاني، جيڪي اڳ انهيءَ واديءَ ۾ رهندا هئا، تن به پنهنجن ابن ڏاڏن کان اها ٻڌي هئي، ۽ جن کي وري اها ڪهاڻي پهاڙي ندين جي سرگوشين ۽ وڻن جي بلند چوٽين تي لڳندڙ هوا جي ڀڻڪن منجهان معلوم ٿي هئي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو مطلب اهو هو ته مستقبل ۾ ڪنهن ڏينهن ان واديءَ ۾ هڪ اهڙو ٻار پيدا ٿيندو، جيڪو پنهنجي زماني جو عظيم ترين ۽ نيڪ ترين شخص بنبو، ۽ جنهن جي شڪل، جوانيءَ ۾ هوبهو انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جهڙي هوندي. ڪيترن ئي پراڻي طور طريقي جي ماڻهن ۽ جوانن جو، پنهنجي اميدن جي جذبي هيٺ، انهيءَ پيشنگوئيءَ ۾ پڪو عقيدو، ۽ پورو يقين ٿي ويو هو. پر ڪيترا اهڙا به هئا، جن زماني ۾ ڪجهه وڌيڪ ڏٺو وائٺو هو ۽ جيڪي نهاري نهاري آخر ٿڪجي پيا، پر کين اهڙو ماڻهو ڪٿي به نظر نه آيو؛ نڪي ڪو اهڙو ماڻهو ئي ڏٺائون، جيڪو پنهنجي پاڙيسرين کان ڪو گهڻو مرتبي وارو يا نيڪ ثابت ٿيو هجي: اهي شخص نيٺ انهيءَ نتيجي تي پهتا هئا، ته اهو محض هڪڙو من گهڙت قصو هو. بهرحال، پيشنگوئيءَ وارو عظيم شخص اڃا تائين ان سرزمين تي ظاهر ڪين ٿيو هو. +”مٺڙي امڙ، آءٌ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو شخص ضرور ڏسندس!“ ارنيسٽ ٻاراڻي جذبي کان پنهنجي مٿي تي هٿڙا ڦيريندي چيو. سندس ماءُ ڏاڍي مهربان ۽ سمجهدار عورت هئي، ۽ هن محسوس ڪيو ته هن ننڍڙي ٻارڙي جي اميدن جي همت شڪني نه ڪرڻ ئي سياڻپ ڀري ڳالهه هئي. سو سندس شل دل وٺندي، کيس ايترو جواب ڏنائين، ”هائو پٽ، شايد تون کيس ڏسي سگهين!“ +ارنيسٽ کي ماءُ کان ٻڌل ڪهاڻي هرگز ڪين وسري. جڏهن به هو ”پٿر جي شڪل“ ڏانهن نهاريندو هو، تڏهن سندس دل ۾ هميشھ اها ڪهاڻي تازي ٿيندي هئي. هن پنهنجو ٻالڪپڻ انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ گذاريو، جت ڄائو هو. پنهنجي ماءُ جو نهايت فرمانبردار ۽ سهابت ڀريو پٽ هو، ۽ پنهنجي ننڍڙن هٿڙن ۽ محبت ڀريءَ دل سان ماءُ جي مدد ڪندو رهندو هو. انهيءَ نموني هڪ مسرور پر فڪرمند ٻار مان وڌي، هڪ نرم مزاج، ماٺيڻو، ۽ صلح پسند نينگر بنجي پيو. ٻنين ۾ پورهيو ڪرڻ ڪري رنگ ٿورو سانورو ٿي ويو هوس. پر چهري تي ذهانت جي هڪ اهڙي چمڪ هوندي هيس، جا وڏن وڏن مشهور اسڪولن ۾ تعليم وٺندڙ شاگردن ۾ به خبر ڪا هوندي آهي. ارنيسٽ کي ته ڪوبه تعليم ڏيڻ وارو هو ئي ڪونه، سواءِ انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي جيڪا هن جو دائمي استاد بنجي پئي هئي. جڏهن ڏينهن جو پورهيو ختم ٿيندو هو، تڏهن هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو انهيءَ ڏانهن گهوريندو هو، تان جو هن ۾ اهو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته انهن وسيع مهانڊن واريءَ صورت هن کي سڃاتو ٿي، ۽ هن جي عزت ۽ احترام ڀريءَ نگاهه جي موٽ ۾ انهيءَ صورت کيس شفقت ۽ همت افزائيءَ سان ڀرپور هڪ مرڪ ٿي ڏني. جيتوڻيڪ حقيقت ۾ انهيءَ شڪل ارنيسٽ کي ڪو آسپاس جي دنيا جي ڀيٽ ۾ مختلف نظرن سان ڪين ٿي ڏٺو، نه ڪي اها شڪل ڪا ارنيسٽ تي وڌيڪ مهربان ٿي نظر آئي؛ پر انهيءَ جو اسرار هي هو ته هن نينگر جي نازڪ ۽ اعتماد سان ڀرپور سادگيءَ ان ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، سو ٻيا ماڻهو نه ڏسي سگهيا، ۽ ان طرح محبت جي نعمت، جيڪا سڀني لاءِ ساڳي آهي، سا سموري هن جي شخصيت جو خاص حصو بنجي ويئي. +ان وقت ڌاري، واديءَ ۾ اهو افواهه هُلڻ لڳو ته صدين جي پيشنگوئيءَ وارو اهو عظيم شخص، جنهن جا مهاندا انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان هوبهو مشابهه هئا، سو آخرڪار ظاهر ٿيو آهي. ائين معلوم ٿي ٿيو ته ڪافي ورهيه اڳ هڪڙو ماڻهو انهيءَ واديءَ مان لڏي هڪ دور دراز سامونڊي بندر تي وڃي رهڻ لڳو هو، جتي ٿورا ڏوڪڙ گڏ ڪري، هڪڙو ننڍڙو دڪان کولي ويٺو هو. سندس نالو هو ”گئدر گولڊ“ (سون سميٽو)، پر اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهو سندس سچو پچو نالو هو، يا سندس عادتن ۽ زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيءَ جي ڪري مٿس اهو نالو پئجي ويو هو. ڏاڍو چالاڪ ۽ اورچ ماڻهو هوندو هو؛ ۽ خدا به کيس اها حيرت انگيز لياقت بخشي هئي، جيڪا وڌي وڌي اها ڪجهه بنجي پئي، جنهن کي دنيا ڀاڳ سڏي ٿي: انهن ڳالهين جي ڪري هو هڪ نهايت دولتمند واپاري، ۽ ڪيترن ئي ڳرن جهازن جي هڪ وڏي آرماڙ جو مالڪ بنجي پيو هو. ائين ٿي معلوم ٿيو ته دنيا جي سڀني ملڪن گڏجي رڳو هن شخص جي بي انداز دولت کي ئي پئي وڌايو: آرڪٽڪ گهيري جي پاڇولي ۾ جيڪي به اتر جا ٿڌا علائقا هئا، سي هن ڏانهن پنهنجا نذرانا پشم ۽ سنجاب و سمور جي صورت ۾ موڪليندا هئا؛ گرم آفريڪا پنهنجي دريائن جي سوني مٽي هن لاءِ ٿي گڏ ڪئي، ۽ پنهنجي ٻيلن مان هاٿين جا ڏند هن لاءِ ٿي ڪٺا ڪيا، ايشيا هن لاءِ پنهنجي قيمتي شالن، مصالحه، چانهه، هيرن جي چمڪ دمڪ، ۽ بي بها موتين جي روشن پاڪيزگي ٿي آندي؛ سمنڊ به زمين جي ريس ۾ هن لاءِ پنهنجي ’ويل‘ مڇي ٿي پيش ڪئي، ته جيئن مسٽر گئدر گولڊ ان جو تيل وڪڻي دولت ڪمائي. اصل شي ڪهڙي به هجي. پر هن جي هٿن ۾ آئي، اها هڪدم سون ٿيو ٿي پئي. هن لاءِ، آکاڻيءَ واري ’مئڊاس‘ بادشاهه وانگر ائين کڻي چئجي ته جنهن به شي کي هن هٿ ٿي لاتو، سا چمڪندي، زرد رنگ اختيار ڪندي، سون ۾،- يا جا ڳالهه هن لاءِ وڌيڪ سهوليت ڀري هئي -، سونن سِڪن جي انبار ۾ تبديل ٿي ٿي پئي. ۽ جڏهن مسٽر گئدر گولڊ ايترو شاهوڪار ٿي ويو، جو هوند پنهنجي دولت ڳڻڻ ويهي، ته به جيڪر سو ورهيه لڳي وڃنس، تڏهن کيس اصلوڪي وادي ياد پئي، ۽ اهو پڪو ارادو ڪيائين ته اوڏانهن موٽي پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن اتي پورا ڪري، جتي هو ڄائو نپنو هو. انهيءَ مقصد کي خيال ۾ رکي، هن هڪ نهايت هوشيار معمار موڪليو ته واديءَ ۾ هن لاءِ اهڙو محل تيار ڪري، جيڪو هن جهڙي دولتمند ماڻهوءَ جي شان وٽان هجي. +جيئن مٿي چئي آيا آهيون، اتي اڳي ئي اهي افواهه هُليل هئا ته مسٽر گئدر گولڊ پيشنگوئيءَ واري اها ساڳي شخصيت آهي، جنهن لاءِ ماڻهو ايترو سارو وقت اجايو انتظار ڪندا رهيا هئا؛ ۽ هن جا مهانڊا مڪمل طرح ۽ هوبهو ”پٿر جي عظيم شڪل“ جهڙا هئا. ماڻهن جڏهن سندس پيءَ جي غريباڻي ٽٽل ڦٽل گهر جي جاءِ تي اهڙو عظيم الشان محلات تعمير ٿيندو ڏٺو، جو ڄڻ ته جادوءَ منجهان تيار ٿيندو پئي ويو، تڏهن ته هيڪاري هنن کي پڪ ٿيندي ويئي ته اها ڳالهه ضرور سچي هئي. ٻاهريون حصو اهڙي ته چمڪندڙ سفيد سنگ مرمر جو ٺهيل هو، جو ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ سڄو محلات اجهو ٿو برف جي گهرڙن وانگ�� ڳري وگهري وڃي – بلڪل اهڙن گهرڙن وانگر، جيڪي هر شي کي سون ۾ مٽائڻ جي اٽڪل سکڻ کان اڳ، مسٽر گئدر گولڊ ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي هٿن سان وسندڙ برف منجهان ٺاهيندو هو. ان محلات ۾ اڳيان هڪ خوبصورتيءَ سان جڙيل ڏيڍي هئي، جا بلند بلند ستونن تي بيٺل هئي. ان جي هيٺان وري هڪ بلند دروازو هو، جنهن ۾ چانديءَ جا ڪڙا ڪنڍا لڳل هئا، ۽ جيڪو اهڙي قيمتي ڪاٺ جو ٺهيل هو، جيڪو ست سمنڊ پار وارن ملڪن کان آيو هو. هر شاهاڻي ڪمري ۾ فرش کان وٺي ڇت تائين هر هڪ دري هڪ تمام وڏي يڪي شيشي جي چادر منجهان ٺهيل هئي، ۽ اهو شيشو اهڙو ته شفاف هو، جو چيو ٿي ويو ته خود کليل روشنيءَ کان به وڌيڪ نفيس ۽ صاف هو. ان محل جي اندرئين حصي کي ڏسڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪانه هئي؛ پر ماڻهن ٿي چيو - ۽ ان ۾ ڪافي سچ ٿي ڀاسيو – ته اندريون حصو ٻاهرئين حصي کان به وڌيڪ رونقدار ۽ دلاويز هو؛ ۽ ٻين گهرن ۾ جتي لوهه يا پتل ڪم ايندو آهي، هن محل ۾ انهن جاين تي چاندي ۽ سون لڳل هئا: ۽ خاص ڪري مسٽر گئدر گولڊ جي سمهڻ وارو ڪمرو ته ايترو ٿي ٻهڪيو، جو رواجي انسان ته اتي پنهنجون اکيون بند ئي نه ٿي ڪري سگهيو. ٻئي طرف، مسٽر گئدر گولڊ پنهنجي دولت کي ڏسڻ جو ايترو ته عادي ٿي ويو هو، جو سمهڻ وقت شايد تيسين هو پنهنجون اکيون بند ئي ڪري نه سگهندو هو، جيسين ان جي چمڪ بنهه سندس اکين جي پردن هيٺان نه پهچندي هئي. +نيٺ اهو محل تيار ٿي ويو؛ ان کان پوءِ عاليشان قسم جو ساز و سامان آڻي محل کي سينگاريو ويو. ان کان پوءِ گورن ۽ ڪارن نوڪرن جي هڪ قطار به اچي پهتي. مسٽر گئدر گولڊ جا نقيب به اچي پهتا هئا. آخر هڪڙي ڏينهن مسٽر گئدر گولڊ، بنفس نفيس، پنهنجي شاهاڻي شان سان، سج لٿي مهل اتي پهچي رهيو هو. اسان جي دوست ارنيسٽ جي دل ۾ انهيءَ خيال هڪ عجيب طوفان مچائي ڏنو هو ته آخرڪار، صدين جي انتظار کان پوءِ، سندن واديءَ ۾ پيشنگوئيءَ وارو اهو عظيم شخص، اهو نيڪ مرد، عنقريب ظهور ۾ اچڻ وارو هو. پنهنجي ننڍيءَ عمر جي عقل سارو هن کي اهو خيال ٿيو ته مسٽر گئدر گولڊ ڪيترن ئي طريقن سان پنهنجي بي انداز دولت جي طفيل پنهنجي پاڻ کي نيڪيءَ ۽ ڪرم جو فرشتو بنائي ٿي سگهيو، ۽ انساني معاملن تي ايترو وسيع ۽ شفقت ڀريو ضابطو حاصل ڪري ٿي سگهيو، جيتري وسعت ۽ شفقت ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي مرڪ ۾ هئي. انهيءَ اميد ۽ ايمان سان ڀرپور هجڻ ڪري، جيڪي دنيا پئي چيو. ارنيسٽ کي ان جي صداقت ۾ ڪنهن به قسم جو گمان ڪونه هو؛ ۽ هاڻ رڳو هن کي جبل وارن عظيم ۽ حيرت انگيز مهانڊن جي مشابهت جو ديدار ڪرڻو هو. هو اڃا تائين واديءَ جي جبلن ڏانهن ڏسي رهيو هو، ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ هميشھ جيان موٽ ۾ هن ڏي شفقت ۽ مهربانيءَ سان گهوري رهي هئي. ايتري ۾ ورن وڪڙن واري رستي تي ڪنهن گاڏيءَ جي ڦيٿن جي هلڻ جو آواز ٿيو. +”اجهو، اچي ويو؛ اجهو، اچي ويو!“ ماڻهن جي هڪ ٽولي دانهن ڪئي. اهي سمورا ماڻهو هن جي آجيان ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ”ڏسو، ڏسو؛ عظيم انسان مسٽر گئدر گولڊ، اچي ويو!“ +چئن گهوڙن سان هڪ گاڏي، رستي جي موڙ وٽان تيزيءَ سان ڦرڻ لڳي. انهيءَ گاڏيءَ اندر، دريءَ کان ڪجهه ٻاهر نڪتل هڪڙي ٻڍڙي جا مهانڊا ظاهر ٿيا، جنهن جي چمڙي ايتري ته خشڪ ۽ زرد هئي، ڄڻ ته خود پنهنجي مئڊاس بادشاهه جهڙن هٿن سان پنهنجي چمڙيءَ کي به سونو ڪري ڇڏيو هئائين: سوڙهي پيشاني، ننڍڙيون شوخ اکيون، جن جي چوڌاري بي انداز گهنج پئجي ويا هئا، ۽ تمام سنها چپ، جيڪي هن جي زور سان ڀيڙڻ ڪري وڌيڪ سنها ٿي ويا هئا – اهو هو مسٽر گئدر گولڊ. +”واقعي، ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جو هوبهو عڪس آهي!“ ماڻهن دانهن ڪئي. ”نيٺ اها پيشنگوئي سچي ثابت ٿي ۽ آخر اهو عظيم شخص اسان وٽ پهچي ويو!“ +۽ جنهن ڳالهه ارنيسٽ کي بنهه منجهائي وڌو، تنهن ڳالهه لاءِ ماڻهن کي ڄڻ ته پورو پورو يقين اچي ويو هو ته واقعي هن ۾ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي مشابهت آهي. رستي جي هڪ پاسي ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۾ هڪ ٻڍڙي بکارڻ پنهنجي ٻن ننڍڙن ٻارڙن سان بيٺي هئي؛ شايد ڪنهن دور دراز هنڌ تان هو ڀٽڪندا ڀٽڪندا هت اچي پهتا هئا. جيئن ئي گاڏي اڳتي وڌي، هنن پنهنجا هٿ کڻي اڳتي واڌيا، ۽ نهايت نماڻي ۽ رحم جوڳي آواز سان خيرات لاءِ سوال ڪيائون. هڪ زرد ۽ پيلي رنگ جي مٺ – جنهن ساڳيءَ مٺ ايتري ساري دولت ڪٺي ڪئي هئي – گاڏيءَ جي دريءَ کان ٻاهر نڪتي، ۽ ڪجهه ٽامي جا سڪا کڻي زمين تي اڇلايائين. هن عظيم شخص جو نالو ته مسٽر گئدر گولڊ (سون سميٽو) هو، پر ان ڪنجوسيءَ تي هوند سندس نالو مسٽر سڪئٽر ڪاپر (ٽامي ڇَڙڪو) رکجي ته به ٺهي اچي. پر، ان جي باوجود، ماڻهو ساڳئي يقين ۽ بلند آواز سان اهو ئي پڪاريندا رهيا – +”اچي ويو، ’پٿر جي عظيم شڪل‘ وارو انسان؛ هوبهو ان جو عڪس – بنهه اهو ساڳيو!“ +پر ارنيسٽ، نهايت ڏکويل جذبات سان، انهيءَ گهنجن پيل بخيل چهري تان پنهنجو نظرون ڦيرائي، واديءَ جي وسعتن ۽ ان جي عظيم پهاڙن جي بلندين ڏانهن ڏٺو، ۽ وڌندڙ ڪوهيرن وچان، سج جي آخري ڪرڻن جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ هو انهيءَ تابناڪ چهري کي گهورڻ لڳو، جنهن سان زندگي سندس روح کي ايڏو متاثر ڪيو هو. انهيءَ چهري جي هر خدو خال ۾ هن جي لاءِ شفقت ۽ همت افزائي هئي. اهي شفقت سان ڀريل چپ ڄڻ ته کيس اهو پيغام پهچائي رهيا هئا....... +”هو ضرور ايندو. ارنيسٽ، تون ڳڻتي نه ڪر، اهو انسان ضرور ايندو!“ +سال گذرندا ويا، ۽ ارنيسٽ به ڇوڪري مان هڪ جوان مرد ٿي پيو. واديءَ جا باشندا هن ڏانهن گهڻو توجهه نه ڏيندا هئا، ڇو ته هنن سندس زندگيءَ ۾ ڪابه غير معمولي چيز ڪانه ٿي ڏٺي، سواءِ انهيءَ جي ته جڏهن ڏينهن جو پورهيو ختم ٿيندو هو، تڏهن هو پاسيرو وڃي ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن گهوريندو، ۽ ويچاريندو رهندو هو. ماڻهن ليکي، اها هن جي بيوقوفي هئي، پر کين سندس انهيءَ عادت کي نظرانداز ڪرڻوئي پوندو هو، ڇاڪاڻ ته ارنيسٽ نهايت محنتي، مهربان ۽ سٺو پاڙيسري هو، ۽ انهيءَ بيڪار مشغلي ۽ عادت جي ڪري هو پنهنجي ڪنهن به ضروري فرض کان غفلت ڪين ڪندو هو. هنن کي اها خبر نه هئي ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ هن لاءِ روحاني استاد بنجي چڪي هئي، ۽ انهيءَ شڪل ۾ جيڪي جذبات نمايان هئا، تن هن جي قلب کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع ۽ اونهين همدردين سان ڀرپور ڪري ڇڏيو هو. هنن کي اها خبر ڪانه هئي ته انهيءَ منجهان هن کي ڪتابن جي ڀيٽ ۾ بهتر فهم ۽ بهتر علم نصيب ٿيندو، ۽ هن جي زندگي ٻين جي زندگين جي بدنما مثال کان بدر جها بهتر نموني ۾ تڪميل پائيندي. خود ارنيسٽ کي به اها خبر ڪانه هئي ته جيڪي خيال ۽ تاثرات هن ۾ ٻاهر ٻنين تي يا گهر ۾ آتشدان جي ڀرسان يا ٻئي ڪنهن هنڌ پنهنجي پاڻ سان همڪلام ٿيڻ سان پيدا ٿي رهيا هئا، سي ٻين سمورن ماڻهن جي خيالن کان گهڻو بهتر، پاڪيزه ۽ بلند هئا. ڪيترو نه ساده لوح انسان هو – ايترو ساده لوح، جو جڏهن ماءُ پهرين پهرين هن کي قديم پيشنگوئي ٻڌائي هئي، تڏهن کان وٺي هو انهيءَ عظيم الشان صورت کي پنهنجي روشنيءَ سان واديءَ کي منور ڪندو ڏسي حيرت ۾ هوندو هو ته آخر ان جي هم شڪل انسان ظاهر ٿيڻ ۾ ايتري دير ڇو لاتي هئي! +وقت گذرندو رهيو: ان وچ ۾ ويچارو مسٽر گئدر گولڊ به وڃي قبر ڀيڙو ٿيو؛ ۽ سڀ کان عجيب ڳالهه اها هئي ته سندس د��لت جنهن ۾ هن جو ساهه هو – بلڪ جيڪا خود هن جو ساهه هئي – سابه سندس موت کان اڳ ختم ٿي چڪي هئي، ۽ هن محدود ۽ مختصر انسان ۾ سواءِ گهنجن پيل زرد زرد چمڙيءَ سان ڍڪيل جسم جي ٻيو ڪجهه به باقي نه رهيو هو. جڏهن کان هن جا خزانا کپي کاڄي ويا هئا، تڏهن کان ماڻهو به تسليم ڪرڻ لڳا ته واقعي جبل واري عظيم شڪل، ۽ هن زبون ۽ تباهه ٿي ويل واپاريءَ جي فرسوده مهانڊن ۾ ڪابه قابل توجه مشابهت ڪانه هئي. ان ڪري سندس حياتيءَ ۾ ئي ماڻهن کيس اهو اڳيون مان ۽ عزت ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو، ۽ سندس موت کان پوءِ ته کيس بنهه ئي وساري ڇڏيائون. البت اهو صحيح آهي ته ٻارهين ڇهين مهيني جڏهن هن جي ٺهرايل عاليشان محل جي ڳالهه نڪرندي هئي، تڏهن گهڙيءَ لاءِ ماڻهو هن کي به ياد ڪندا هئا. انهيءَ محل کي هاڻي اجنبي مسافرن جي رهڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ کڻي تبديل ڪيو هئائون، جتي هر اونهاري جي مند ۾ هزارين ماڻهو فطرت جي انهيءَ عجائب، يعني ”پٿر جي عظيم شڪل“ جو ديدار ڪرڻ لاءِ اچي سهڙندا هئا. جڏهن مسٽر گئدر گولڊ ائين بي مانو ٿي ماڻهن کان وسري ويو، تڏهن وري هو پيشنگوئيءَ واري عظيم انسان جو انتظار ڪرڻ لڳا. +ڪئين سال اڳ انهيءَ واديءَ جو هڪ مقامي جوان فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو هو، ۽ ڪافي جنگين ۾ جانبازيءَ سان لڙڻ کان پوءِ، هو فوج جو هڪ ناميارو ڪمانڊر بنجي ويو هو. تاريخ ۾ هن کي کڻي ڇابه سڏين، پر فوجي ڇانوڻين ۽ جنگ جي ميدان ۾ هن کي ”شير دل سپاهيءَ“ جي نالي سان سڏيندا هئا. جنگ جو سٽيل هي سپاهي، وڏيءَ عمر ۽ موتمار زخمن جي ڪري اپاهج ۽ محتاج ٿي پيو هو، ۽ فوجي زندگيءَ جي سختين، ۽ بيوگل ۽ دف جي آوازن کان ورچي، جيڪي سدائين هن جي ڪنن ۾ پيا ٻُرندا هئا، هن نيٺ ارادو ڪيو ته پنهنجي وطن جي واديءَ ڏانهن موٽي، زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڪجهه آرام ۽ فرحت سان اُتي وڃي گذاري. واديءَ جي باشندن – سندس پراڻن ساٿين، ۽ ان جي اولاد – هن جنگي جوڌي جي آجيان ڪرڻ لاءِ توبن جي سلاميءَ ۽ عوام طرفان هڪ دعوت جي اهتمام جو پڪو ارادو ڪيو. جڏهن کين اها خبر پئي ته انهيءَ سپاهيءَ ۾ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي مشابهت به هئي، تڏهن ته سندن شوق ۽ جوش تنهان ئي وڌي ويو. ايتريقدر، جو انهيءَ فوجي ڪمانڊر جا پراڻا ساٿي ۽ واقفڪار سنهن قسم کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته سندن يادگيريءَ موجب، جڏهن اهو جنرل اڃا ٻار هو، تڏهن به سندس مهانڊا انهيءَ عظيم شاهاڻي شڪل سان لڳي ٿي آيا، پر ان وقت کين ان حقيقت جو خيال ئي نه آيو هو. انهيءَ ڪري سموريءَ واديءَ ۾ ڏاڍو اشتياق ۽ جوش ڦهلجي ويو، ۽ ڪيترا ماڻهو، جن انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن سالن جا سال نهاريو به ڪين هو، سي به هاڻ سڄو سڄو ڏينهن انهيءَ کي گهوريندا رهندا هئا ته ڏسن ”شير دل سپاهيءَ“ جا مهانڊا ڪيتري قدر ان سان لڳي ٿي آيا. +انهيءَ جشن واري ڏينهن، ارنيسٽ به واديءَ جي ٻين ماڻهن سان گڏ، پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، انهيءَ هنڌ تي پهتو، جتي عاليشان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو. جڏهن هو اُتي پهتو، تڏهن ”ڊاڪٽر بئٽل بلاسٽ“ (اعلانِ جنگ) نالي پادريءَ موقعي جي لحاظ کان حاضرينن لاءِ جيڪي چڱيون شيون سندن ذهن ۾ هيون، تن جي سڪار لاءِ مناسب دعائون گهريون، ۽ پوءِ سڀني گڏجي هن امن جي شيدائي ڪمانڊر جي عمر درازيءَ ۽ خيريت لاءِ پڻ دعا گهري. +ٻيلي ۾ هڪ هنڌ تي جهنگ جهر صاف ڪري، هڪ گهيري ۾ ميزون رکيون ويون هيون، جن جي چوڌاري ڊگها ڊگها وڻ بيٺل هئا، پر فقط اڀرندي طرف ٿورو حصو اهڙيءَ طرح کليل هو، جتان ”پٿر جي عظيم شڪل“ بلڪل صاف نظر اچي ٿي سگهي. جنرل جي ڪرسيءَ مٿان – جيڪا ڪرسي جارچ واشنگٽن جي گهر جي هڪ يادگار ڪرسي هئي – گلن ڦلن سان سينگاريل هڪ محراب ٺاهيو ويو هو، جنهن جي وچ ۾ گلن جو هڪ ڇٽ نهايت خوبصورتيءَ سان ٽنگيل هو. ان جي مٿان وري ملڪ جو جهنڊو چڙهيل هو، جنهن جي سايي هيٺ هِن فوجي ڪمانڊر ڪيترائي ڀيرا جنگين ۾ فتح ۽ ڪامراني حاصل ڪئي هئي. اسان جو دوست، ارنيسٽ، هن نامياري مهمان جي چهري جي هڪ جهلڪ ڏسڻ خاطر پٻن تي ٿي بيٺو، پر مهمان جي اڳيان پيل ميزن وٽ، تقريرن ۽ جنرل جي واتان جواب ۾ ٻه ٽي لفظ ٻڌڻ لاءِ، ماڻهن جو هڪ وڏو انبوهه جمع هو؛ تنهن کان سواءِ محافظ رضاڪارن جو هڪ جٿو سنگينون کڻيو بيٺو هو، ۽ خاص ڪري جنهن ماڻهوءَ کي نمايان طور خاموش بيٺل ٿي ڏٺائون، ان کي پنهنجي سنگينن سان بنهه پوئتي هٽائي ٿي ڇڏيائون. ان ٿيلهه ٿيلهان ۾، ارنيسٽ پنهنجي ماٺيڻي طبيعت جي ڪري بنهه پٺيان پس منظر ۾ ڌڪجي ويو، ۽ اتان هو ٻڍڙي جنرل ”شير دل“ جي شڪل شبيهه ڏسي ڪين سگهيو. پنهنجي پاڻ کي آٿت ڏيڻ ڪاڻ، هن نگاهون ڦيري ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن نهاريو، جا هڪ وفادار ۽ تاعمر دوست جيان، موٽ ۾ ٻيلي جي کليل حصي مان هن ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي. ان دوران ۾، ارنيسٽ آيل ماڻهن جون ڳالهيون به ٻڌي رهيو هو، جيڪي هن سورمي جي شبيهه ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ کي ڀيٽي رهيا هئا. +هڪڙو ماڻهو خوشيءَ مان اڇلون ڏيئي چئي رهيو هو: ”بنهه ساڳي هوبهو ساڳي شڪل اٿس: وار جو به تفاوت ڪونهي!“ ٻئي جواب ۾ چيو: ”بيشڪ، سچ ٿو چئين. حيرت آهي، بنهه هوبهو هن جهڙي شڪل!“ +ٽيون چوڻ لڳو: ”هن جهڙي شڪل! سو ڪيئن؟ آءٌ ته چوان ٿو ته اها ’پٿر جي عظيم شڪل‘ هڪ ديو جيڏي غيبيءَ آرسيءَ ۾ خود اسان جي هن ’شير دل سپاهيءَ‘ جو ئي عڪس آهي؛ ۽ هجي به ڇو نه؟ هي لاشڪ هن صديءَ بلڪ هر صديءَ جو عظيم ترين انسان آهي!“ +پوءِ انهن ٽنهي ماڻهن وٺي زور سان هڪ نعرو هنيو، جنهن ڄڻ ته سڄي مجمعي ۾ بجليءَ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي؛ ۽ پوءِ هزارن آوازن گڏجي هڪ زوردار نعرو هنيو، جنهن جو پڙاڏو ميلن جا ميل جبلن ۾ گونجندو رهيو، ۽ ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ ته خود ”پٿر جي عظيم شڪل“ انهيءَ نعري ۾ پنهنجي ساهه جي گونج ملائي ڇڏي هئي. ماڻهن جي انهن راين ۽ ايتري اشتياق اسان جي دوست جي دلچسپيءَ ۾ پاڻ اضافو ڪيو؛ ۽ ان وقت هن کي پڪ ٿيندي ٿي ويئي ته جبل واريءَ عظيم شڪل کي نيٺ پنهنجو انساني جوڙ جيس ملي ويو هو. +اها حقيقت آهي ته ارنيسٽ پنهنجي تصور ۾ ائين ئي سمجهندو هو ته اها شخصيت، جنهن لاءِ ماڻهو هڪ عرصي کان منتظر هئا، ضرور ڪنهن امن دوست انسان جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي، جنهن جي زبان مان دانائيءَ جا موتي نڪرندا، جيڪو نيڪيءَ جو مجسمو هوندو، ۽ جيڪو انسانن کي خوشي ۽ مسرت بخشيندو. پر هميشھ جيان، وسيع نظر کان ڪم وٺندي، پنهنجي سموريءَ سادگيءَ جي باوجود، هو اهو ويچارڻ لڳو ته انسان ذات کي ڀلائي پهچائڻ لاءِ فطرت پنهنجو ذريعو پاڻ چونڊيندي آهي، ۽ جيڪڏهن هن معاملي ۾ به عام سمجهه کان بالاتر فطرت جي فهم ۽ ادراڪ اهو ئي بهتر سمجهيو آهي ته پوءِ ممڪن آهي ته اهو عظيم مقصد هڪ جنگي جوڌي، ۽ هڪ خونخوار تلوار باز دواران پڻ حاصل ٿي پوي. +”جنرل، جنرل!“ سڀني جي وات اها ئي آيت هئي. ”خاموش، خاموش! شايد ’شير دل سپاهي‘ تقرير ڪندو!“ +خير، جڏهن ڪپڙو هٽائي ڇڏيائون، ۽ جنرل جي صحت لاءِ دعا گهري ويئي، تڏهن تاڙين جي ڦهڪن وچان، جنرل پنهنجي آجيان ڪندڙن جي شڪر ادائي ڪرڻ لاءِ اٿيو. ارنيسٽ هن کي ڏٺو: اڳيان مڙيل مجمعي جي ڪلهن مٿان، ٻن چمڪندڙ فوجي ٽوپن جي وٿيءَ مان،- ڀرت ڀريل ڪالر مٿي کنيل، گلن ڦل�� سان سينگاريل محراب ۽ ڇٽ جي هيٺان، جنرل پاڻ نظر اچي رهيو هو؛ مٿان ڦڙڪندڙ جهنڊو هن جي پيشانيءَ تي لڏي رهيو هو. انهيءَ ساڳئي هنڌان، ساڳيءَ نگاهه ۾، ٻيلي جي کليل منظر منجهان، ”پٿر جي عظيم شڪل“ به نظر اچي رهي هئي. ڇا واقعي ٻنهي جي مهانڊن ۾ ايتري مشابهت هئي، جنهن لاءِ ماڻهو سنهن قسم کڻي تصديق ڪري رهيا هئا؟ افسوس، ارنيسٽ انهيءَ کي تسليم نه ڪري سگهيو! هن هڪ جنگين جو ماريل ۽ هوائن جو سٽيل چهرو ڏٺو، جنهن ۾ طاقت ۽ مضبوط ارادي جي جهلڪ هئي؛ پر هن شوخ طبع ”شير دل سپاهيءَ“ جي شڪل ۾ اها نماڻي دانائي ۽ ڏاهپ، اها اونهي، وسيع ۽ پريم ڀري همدردي ڪٿي! ۽ جيڪڏهن ”پٿر جي عظيم شڪل“ هن جي چهري واري شوخي ۽ هيبت اختيار به ڪري ها، تڏهن به گڏوگڏ ان ۾ نرميءَ ۽ نفاست جا آثار ضرور باقي موجود هجن ها! +”هي پيشينگوئيءَ وارو شخص نه آهي!“ ارنيسٽ ٿڌو ساهه ڀري دل ئي دل ۾ چيو، ۽ مجمعي مان ٻاهر نڪري ويو. ”ڇا دنيا کي اڃا به وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو؟“ +دور جبل جي چوڌاري ڪوهيرا گڏ ٿي ويا هئا، ۽ پريان ”پٿر جي عظيم شڪل“ جا پر شڪوه ۽ رعبدار مهانڊا نظر اچي رهيا هئا، رعبدار پر نهايت محبت ۽ شفقت سان ڀرپور، - ڄڻ ته ڪو پُر عظمت فرشتو پهاڙن ۾ ويٺو هو، ۽ سونهري ۽ فيروزي ڪڪرن منجهان ٺهيل پوشاڪ ۾ ملبوس پنهنجي اردگرد کي پنهنجي فيض ۽ برڪت جي نگاهن سان نوازي رهيو هو. جيئن ئي هن ڏٺو، ارنيسٽ ائين سمجهيو، ڄڻ پٿر جي انهيءَ صورت تي هڪ مرڪ ڦهلجي ويئي، جنهن جي چمڪ جيئن پوءِ تيئن تيز ٿيندي ٿي ويئي، جيتوڻيڪ ان جي چپن ۾ ڪابه حرڪت نه ٿي آئي، شايد اهو الهندي کان ايندڙ سج جي هلڪيءَ روشنيءَ جو اثر هو، جيڪا انهن ڪوهيرن کي چيريندي پئي آئي، جيڪي ارنيسٽ ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي وچ ۾ ڦهلجي ويا هئا. پر – هميشھ وانگر – هن جي عظيم الشان دوست جي صورت هن کي ايترو ته بااُميد ڪري ڇڏيو، جو هو محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته هن جي اميد ڪڏهن به اجائي نه ويندي. +”ارنيسٽ، ڳڻتي نه ڪر،“ هن جي دل چيو؛ ڄڻ ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ هن جي اندر ۾ سرگوشيون ڪري رهي هئي. ”ڪابه ڳڻتي نه ڪر؛ ارنيسٽ، هو ضرور ايندو!“ +سال پرُامن نموني ۾ تيزيءَ سان گذرندا ويا. ارنيسٽ اڃا تائين انهيءَ واديءَ ۾ رهندو هو، ۽ هاڻ هو اڌڙوٽ عمر کي پهچي چڪو هو. غير محسوس نموني ۾، درجي بدرجي، ماڻهن ۾ هن جي ناموس وڌندي ويئي. هاڻ به اڳئين وانگر ئي هو پنهنجي روزيءَ لاءِ پورهيو ڪندو هو، ۽ ساڳيو ساده لوح انسان هو، جهڙو اڳي هو؛ پر هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو سوچيو ۽ فڪر ڪيو هو، هن پنهنجي زندگيءَ جون ايتريون ته بهترين گهڙيون انسان ذات کي ڀلائي ۽ نيڪيءَ پهچڻ جي اميدن ۾ صرف ڪيون هيون، جو ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ته هو فرشتن سان گفتگو ڪندو رهيو هو، ۽ بي خبريءَ ۾ هنن جي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو هڪ حصو هن ۾ پيهي آيو هو. اهو هن جي روزاني زندگيءَ جي خاموش ۽ پُر فڪر نيڪيءَ منجهان ظاهر ٿي ٿيو، ۽ سندس نيڪيءَ جي اها خاموش لهر پنهنجي سموري رهگذر جي ٻنهي پاسن تي رنگ برنگ گل ۽ ٻهڪندڙ سر سبز درختن جون قطارون بنائي ويئي هئي. اهڙو ڪوبه ڏينهن نه هوندو هو، جڏهن دنيا کي هن جي سادي وجود منجهان نيڪي ۽ ڀلائي نه پهتي هجي. هو پنهنجي رستي تان ڪڏهن به ڪين هٽيو، پر هر حالت ۾ هن جي پاڙيسريءَ کي هن منجهان ڪانه ڪا چڱائي ضرور رسندي رهي. هو بنا ڪنهن ارادي جي هڪ مبلغ بنجي پيو هو. هن جي فڪر جي پاڪيزه ۽ بلند سادگي، جنهن جو هڪ مظهر انهن نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ظاهر ٿيندو هو، جيڪي نهايت خاموشيءَ سان هن جي هٿان پيا سرانجام ٿيندا هئا، سا هن جي گفتگوءَ منجهان پئي ليئا پائيندي ۽ بکندي هئي. هو اهڙيون صداقتون بيان ڪندو هو، جيڪي ٻڌندڙن کي متاثر ڪري، سندن زندگين کي يڪسر تبديل ڪري ڇڏينديون هيون. ٿي سگهي ٿو ته ٻڌندڙن کي اهو ڪڏهن به گمان ڪونه ٿيو ته ارنيسٽ، سندن پنهنجو پاڙيسري ۽ ساڳيو دوست، ڪو هڪ رواجي انسان کان مٿڀرو هو؛ خود ارنيسٽ کي به پنهنجي لاءِ ذري برابر به اهڙو گمان ڪين هو. پر ڪنهن نديءَ جي اٽل سرگوشين وانگر، هن جي چپن مان اهڙا اهڙا خيال ۽ ويچار پيا نڪرندا هئا، جيڪي ڪنهن به ٻئي انسان جي چپن مان ڪڏهن ادا نه ٿيا هئا. +ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن ماڻهن جو جوش ڍرو ٿيو، ۽ سندن دماغ ٿڌا ٿيا، تڏهن هو تسليم ڪرڻ لڳا ته جنرل ”شير دل سپاهي“ جي جنگجو چهري ۽ جبل واري پُرشفقت چهري ۾ ڪنهن مشابهت ڳولڻ ۾ واقعي هنن کان سخت غلطي سر زد ٿي ويئي هئي. پر هاڻ وري، اخبارن ۾ اهي رپورٽون شايع ٿيڻ لڳيون ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان مشابهت هڪ معروف سياستدان ۾ ظاهر ٿي هئي. مسٽر ”گئدر گولڊ“ ۽ ”شير دل سپاهيءَ“ وانگر اهو سياستدان به انهيءَ واديءَ جوئي هڪ رهواسي هو، پر ننڍي هوندي ئي هتان لڏي ويو هو، ۽ پوءِ قانون ۽ سياست جو ڌنڌو وڃي اختيار ڪيو هئائين. دولتمند جي دولت، ۽ جنگي جوڌي جي تلوار جي بدران هن وٽ رڳو پنهنجي زبان هئي، ۽ اها زبان انهن ٻنهي کان طاقتور هئي. هو اهڙو ته بهترين مقرر ۽ خطيب هو، جو هو جيڪي به چوندو هو، ٻڌندڙن کي ان کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪو رستو ئي نه رهندو هو. هن جي لفظن ۾ غلط چيز صحيح معلوم ٿيندي هئي، ۽ صحيح چيز غلط محسوس ٿيندي هئي؛ ڇاڪاڻ ته جيڏيءَ مهل به هن کي وڻندو هو، هو پنهنجي ڦوڪ سان ڄڻ ته هڪ اهڙو روشن ڪوهيرو پيدا ڪري وجهندو هو، جنهن جي پاڇولي ۾ خود ڏينهن جي قدرتي روشني به جهڪي ٿي ويندي هئي. هن جي زبان واقعي ڪا جادوءَ جي ٺهيل هئي: ڪڏهن گجگوڙ وانگر پئي ڪنن ۾ ٻُرندي هئي، ته ڪڏهن مٺڙي سنگيت جيان دل ۾ پئي لهرا ڏيندي هئي. سندس آواز جنگ جو ا علان هو؛ امن جو گيت هو -، ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته انهيءَ ۾ واقعي ڪا دل موجود هئي، پر افسوس، حقيقت ۾ هن وٽ ڪجهه به ڪين هو. حقيقت ۾ هو صرف هڪ عجوبي جهڙي شخصيت جو مالڪ هو، ۽ جڏهن هن جي چتر زبان کيس هر قسم جي ممڪن ڪامرانيءَ ۽ فتحيابيءَ سان نوازيو، - جڏهن هن جون تقريرون رياست جي ايوانن ۽ سلطانن ۽ شهنشاهن جي درٻارن ۾ گونجڻ لڳيون، - جڏهن هو سڄيءَ دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مشهور ٿي ويو، تڏهن سندس ديسواسين هن کي ملڪ جو صدر چونڊڻ جو خيال ڪيو. انهيءَ کان اڳ، جيئن ئي هن جي ناموس ايتري وڌي ويئي، سندس مداحن هن جي شڪل ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ ۾ مشابهت ڳولي ڪڍي هئي؛ ۽ هو انهيءَ کان ايترو متاثر ٿيا هئا، جو هي ناميارو شخص سڄي ملڪ ۾ ”اولڊ اسٽوني فز“ (ٻڍڙو پٿرائون چهرو) جي نالي سان مشهور ٿي ويو. انهيءَ اصطلاح مان سمجهيو ٿي ويو ته هن جي سياسي مفاد کي وڏو فائدو ٿي رسيو؛ ڇو ته وڏي پادريءَ، پوپ، جي عهدي وانگر ڪوبه اهڙو شخص هن ملڪ جو صدر نه بنيو هو، جنهن تي پنهنجي اصلي نالي کان سواءِ ٻيو ڪو دلچسپ ۽ مقبول عام نالو نه رکيو ويو هجي. +جڏهن هن جا دوست هن کي صدر بنائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن ”اولڊ اسٽوني فز“ پنهنجي وطن جي واديءَ جو گشت ڪرڻ لاءِ نڪتو، جتي هو ڄائو نپنو هو. هن جو مقصد رڳو پنهنجي پراڻن ديسواسين سان ملڻ جو هو؛ انهيءَ گشت جو سندس چونڊ تي ڪهڙو اثر پوندو، ان لاءِ هن نڪي سوچيو هو، نه ئي هن ان جي پرواهه ئي ٿي ڪئي. هن نامور سياستدان جي آجيان ڪرڻ لاءِ عظيم الشان تي��ريون ٿيڻ لڳيون: رياست جي سرحد تي سندس خير مقدم ڪرڻ لاءِ گهوڙيسوارن جو هڪ جٿو تيار ڪيو ويو، ۽ واديءَ جا سمورا ماڻهو پنهنجا ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي هن جي مرحبا ڪرڻ لاءِ رستي جي ٻنهي پاسي اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ارنيسٽ به هو. جيتوڻيڪ هو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا نااميد ٿي چڪو هو، جيئن اسين ڏسي چڪا آهيون، پر هن جي طبيعت اهڙي ته بااميد ۽ پُراعتماد هئي، جو هر اها چيز جيڪا کيس سهڻي ۽ نيڪ معلوم ٿيندي هئي، ان ۾ هڪدم يقين آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. هو پنهنجي دل کي هميشھ کليل رکندو هو، انهيءَ ڪري هن کي پڪ هئي ته جڏهن به وقت آيو، کيس نيڪي ضرور حاصل ٿيندي. ان ڪري، هن ڀيري به، هميشھ وانگر، هو ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي همشڪل ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ آيو هو. +گهوڙيسوارن جو جٿو رستي تي ٽاپ ٽاپ ڪندو، سنبن جي وڏي آواز سان، مٽيءَ جا ڪڪر اهڙا ته گهاٽا ۽ بلند ٿيندا ٿي ويا، جو ارنيسٽ جي نظرن کان جبل جو پاسو بنهه لڪي ويو. آس پاس جا سمورا ممتاز ماڻهو گهوڙن تي سوار هئا، - فوجي وردي پهريل آفيسر، ڪانگريس جا ميمبر، رياست جو ’شيرف‘ (پوليس ڪماني)، اخبارن جا ايڊيٽر وغيره، ڪيترا ڪڙمي به مقدس آرتوار جي ڏينهن جا ڪوٽ پائي، پنهنجي ڏٻرن ۽ غريب گهوڙن تي چڙهي آيا هئا. واقعي ڏاڍو رونقدار نظارو هو: خاص طور ان ڪري جو گهوڙيسوارن جي جٿي سان بيشمار جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا، جن مان ڪن تي نامور سياستدان ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جون وڏيون وڏيون تصويرون اهڙيءَ طرح اڪريل هيون، جن ۾ ٻئي ڄڻا، ٻن جاڙن ڀائرن وانگر، هڪ ٻئي ڏانهن مرڪي رهيا هئا. جيڪڏهن انهن تصويرن تي اعتبار ڪجي، ته پوءِ اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته ٻنهي جي شڪلين ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي ۽ مشابهت هئي. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته انهيءَ سان گڏ موسيقيءَ جي هڪ بئنڊ به موجود هئي، جنهن جي نغمن جا پڙاڏا جبلن ۾ اهڙيءَ طرح گونجندا رهيا، جو انهن جي روح افزا نغمگي جبلن جي بلندين ۾ گونجڻ لڳي، ۽ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته هن جي وطن جي واديءَ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کي پنهنجي نامور مهمان جي مرحبا ڪرڻ لاءِ مناسب آواز ملي پيو هو. سڀ کان پُر رونق تاثر ته ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن دور جبلن جي چوٽين کان انهيءَ سنگيت جي باز گشت ٿي آئي، ۽ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ به اهو تسليم ڪندي، ته نيٺ پيشينگوئيءَ وارو انسان ظاهر ٿيو هو، ان فتحيابيءَ جي خوشيءَ ۾ ماڻهن جي انهيءَ سنگيت سان پنهنجو غيبي سر ملائي رهي هئي. +اهو سمورو وقت ماڻهو پنهنجا ٽوپلا هوا ۾ اڇلائي رهيا هئا، ۽ اهڙي ته اشتياق ۽ جوش منجهان نعرا هڻي رهيا هئا، جو ارنيسٽ جي دل به ريجهي ويئي، ۽ هو به پنهنجو ٽوپلو هوا ۾ اڇلائيندي زور سان نعرا هڻڻ لڳو: ”واديءَ جو عظيم انسان زنده باد.............! ’اولڊ اسٽوني فز‘ ......... زنده باد!“ پر اڃا تائين ته هن کيس ڏٺو به ڪين هو. +”اجهو، هو پيو اچي!“ ارنيسٽ جي ڀرسان بيٺل ماڻهن رڙ ڪئي. ”هو پيو اچي. ڏسو، هو پيو اچي! ’اولڊ اسٽوني فز‘ کي به ڏسو، ۽ ’پٿر جي عظيم شڪل‘ کي به ڏسو ته برابر ٻئي جاڙن ڀائرن جهڙا لڳن ٿا ڪي نه؟“ +هن عظيم الشان جشن وچان، چئن گهوڙن سان هڪ کليل گاڏي اچي رهي هئي؛ ۽ گاڏيءَ ۾ اگهاڙي ويڪري مٿي سان، اهو نامور سياستدان ويٺو هو. +ارنيسٽ جي هڪ پاڙيسريءَ کيس چيو، ”هاڻ ته توکي تسليم ڪرڻو پوندو ته ’پٿر جي عظيم شڪل‘ کي نيٺ پنهنجو هم شڪل ملي ويو!“ +ايترو سو آهي ته جڏهن ارنيسٽ سياستدان جي چهري جي پهرين جهلڪ ڏٺي، جيڪو گاڏيءَ منجهان ماڻهن کي سلام ڪري ۽ مرڪي رهيو هو، تڏهن ارنيسٽ کي خيال ٿيو هو ته واقع�� هن جي منهن ۽ جبل تي بيٺل عظيم شڪل ۾ ڪافي مشابهت هئي: سندس پيشانيءَ جي کليل گهرائي ۽ رفعت، ۽ ٻيا مهانڊا به نهايت پروقار ۽ مضبوط قسم جا هئا، ڄڻ ته ڪنهن ديوتا جي مجسمي سان ريس ڪري رهيا هئا. پر اها پاڪيزگي ۽ اهو جلال، ۽ ديوتائن واريءَ دردمنديءَ جي عظيم الشان ڪيفيت، جيڪا جبل واريءَ صورت ۾ پئي بکندي هئي، ۽ جنهن ان جي ڀاري پٿرائين جسم ۾ بي مثل روحاني لطافت پيدا ڪري وڌي هئي، سا هن سياستدان جي چهري ۾ ڳولڻ اجائي هئي. هن منجهه بنيادي طرح ڪنهن چيز جي ڪمي هئي، يا اها چيز هن منجهان گم ٿي چڪي هئي؛ ۽ انهيءَ ڪري هن بي انتها نوازيل سياستدان جي اکين جي تارن ۾ هميشه، هڪ اهڙي سڪڻي ٻار وانگر، هڪ پراڻي بک ۽ سڌ پيئي بکندي هئي، جو جيتوڻيڪ رانديڪن جي عمر کان مٿي چڙهي آيو هو، ته به ڄڻ انهن مان هن ڪڏهن به ڍو ڪونه پئي سنڀريو؛ يا هڪ اهڙي ماڻهوءَ وانگر، جنهن ۾ بي انداز صلاحيتون هيون، پر مقصد ڪوبه نه هوس، جنهن جي زندگي پنهنجي سمورين عظيم ڪامرانين جي باوجود بلڪل خالي خالي ۽ مبهم رهي هجي – ان ڪري جو ڪنهن بلند مقصد نه هجڻ ڪري حقيقت ۽ صداقت کان بنهه دور رهجي ويئي هئي. +ارنيسٽ جو پاڙيسري اڃا تائين کيس پاسي ۾ ٺونٺيون هڻي رهيو هو، ۽ کيس جواب ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هو. +”هاڻي ته اعتراف ڪر؛ ميان، ڪجهه ته تسليم ڪر! ڇا هي تنهنجي ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جي هوبهو تصوير ڪانهي؟“ +”نه،“ ارنيسٽ رکائيءَ مان جواب ڏنو، ”مون کي ته ڪابه مشابهت نظر ڪانه ٿي اچي!“ +”پوءِ ته تنهنجي ’پٿر جي عظيم شڪل‘ خدا کي پرتي!“ پاڙيسري چوڻ لڳو، ۽ پوءِ وري ”اولڊ اسٽوني فز“ لاءِ نعرن هڻڻ ۾ مشغول ٿي ويو. +پر ارنيسٽ غمزده ۽ پريشان، بنهه دل برداشتھ ٿي اتان موٽيو: هن لاءِ هيءَ دلشڪستگي ۽ نااميدي اڳين سڀني کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو سڀ کان زياده شايد پيشينگوئيءَ کي پورو ڪري سگهي ها، سو به غلط نڪتو! ان دوران ۾ گهوڙيسوارن جو جٿو، جهنڊا، موسيقار، ۽ سياستدان جي گاڏي – سڀ هن کان گهڻو اڳتي نڪري ويا؛ هاڻي رڳو ماڻهن جو بيشمار انبوهه ان گاڏيءَ جي پٺيان هلندو پئي ويو. آهستي آهستي مٽيءَ جو غبار هٽندو ويو، ۽ پريان ”پٿر جي عظيم شڪل“ پنهنجي صدين جي شان و شوڪت سان وري صاف صاف نظر اچڻ لڳي. +”ارنيسٽ، مون ڏانهن ته نهار،“ ائين ٿي ڀانيو ته اهي شفقت سان ڀرپور چپ ڪجهه چئي رهيا هئا، ”مون تو کان گهڻو وڌيڪ انتطار ڪيو آهي، پر آءٌ اڃا ٿڪجي نااميد نه ٿيو آهيان. تون ڳڻتي نه ڪر، اهو شخص اوس ايندو.“ +سال تيزيءَ سان گذرندا ويا، ۽ تڪڙ ۾ هڪ ٻئي جي نشانن کي لتاڙيندا ٿي ويا. ارنيسٽ جي مٿي ۾ اڇا نڪرڻ لڳا، ۽ سندس پيشانيءَ ۽ ڳلن ۾ بزرگيءَ جا گهنج پوڻ لڳا. هو هاڻ ٻڍڙو ٿي چڪو هو، پر هن جو ٻڍاپڻ اجايو ڪين هو: جيترا مٿي ۾ اڇا وار هئس، اوترائي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا ويچار سندس دل ۾ هئا. هن جي منهن جا گهنج ڄڻ ته آيتون هيون، جي وقت پنهنجي هٿ سان ويهي لکيون هيون، ۽ جن ۾ دانائيءَ ۽ انسانيت جون اهي ڪهاڻيون لکيل هيون، جن کي حياتيءَ جي روش صدين کان ور ور ڏيئي آزمائيندي پئي آئي هئي. ارنيسٽ جي شخصيت جي گمنامي سندس روح جي ويرانيءَ سان گڏ ختم ٿي چڪي هئي. بنا خواهش، بنا تلاش ڪرڻ جي هن کي اها ناموس ۽ شهرت حاصل ٿي، جنهن لاءِ ڪيترن کي تمنا هوندي آهي؛ ۽ هو پنهنجي واديءَ کان سواءِ – جتي هن پنهنجي خاموش زندگي گذاري هئي – ٻاهر هڪ وڏيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. ڪاليجن جا استاد، ۽ شهرن جا قابل قابل ماڻهو ڏورانهن ڏورانهن هنڌن تان اچي ارنيسٽ سان ملندا ه��ا، ۽ ساڻس گفتگو ڪندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته هر هنڌ اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي هئي ته هن سادي سودي ڪڙميءَ ۽ غريب پورهيت جا خيال عام ماڻهن کان بنهه مختلف هئا، ۽ جيتوڻيڪ اهي ويچار هن ڪنهن ڪتاب مان ڪين پرايا هئا، ان هوندي به سندس اهي ويچار نهايت بلند پايي جا هئا؛ - انهن ۾ هڪ قسم جي پاڪيزه ۽ پرسڪون شان و شوڪت هئي، ڄڻ ته هو فرشتن سان هڪ دوست جي حيثيت ۾ روزانو گفتگو ڪندو رهيو هو. عالم هجي يا سياستدان، يا ڪو انسان دوست شخص -، ارنيسٽ پنهنجي ملاقاتين سان ساڳيءَ مروت ۽ خلوص سان پيش ايندو هو، جيڪو ننڍپڻ کان هن جي ڪردار جي خصوصيت هو؛ ۾ هر معاملي ۾ جيڪي سندس دل ۾ ايندو هو، ۽ جيڪي سندس دل جي گهران مان نڪرندو هو، نهايت فراخدليءَ سان ظاهر ڪندو هو. جڏهن هو ويهي ڳالهائيندو هو، تڏهن هن جو منهن پيو ٻهڪندو هو، ۽ شام جي جهيڻيءَ روشنيءَ وانگر پنهنجي ٻڌندڙن جي ذهن کي هڪ عجيب نور بخشي ڇڏيندو هو. هن جي محبت ڀريءَ گفتگوءَ منجهان ڀرپور امنگ ۽ سوز پرائي، هن جا ملاقاتي کانئس موڪلائيندا هئا، ۽ پرسڪون ۽ بامسرت پنهنجي وطن واپس ورندا هئا؛ ۽ واديءَ مان لنگهندي گهڙيءَ لاءِ ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن نهاريندا هئا، ۽ اهو سوچڻ لڳندا هئا ته هنن انهيءَ شڪل جي مشابهت ڪنهن انساني چهري ۾ ضرور ڏٺي، پر ڪٿي ۽ ڪنهن ۾، سو ياد نه ٿي پين. +ائين ارنيسٽ جي عمر وڌندي رهي، ۽ جڏهن هو وڏيءَ عمر جو ٿيو، تڏهن فطرت هن ڌرتيءَ کي هڪ نئون شاعر عطا ڪيو. هو پڻ، هن واديءَ جوئي باشندو هو، پر پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو، شعريت سان ڀرپور، هن علائقي کان دور گذاريو هئائين، ۽ شهرن جي گهمسان ڀرئي ۽ پرشور ماحول ۾ پنهنجو مٺڙو سنگيت پکيڙيندو رهيو هو. هن جي شعر جي شفاف ماحول ۾ انهيءَ جبل جون برفاني چوٽيون به نظر اينديون هيون، جن سان هن جي ننڍپڻ کان آشنائي هئي. هن ”پٿر جي عظيم شڪل“ کي به ڪين وساريو هو، ۽ پنهنجي هڪڙي نظم ۾ ان کي ڳايو هئائين: اهو نظم ايترو ته شاندار هو، جو ڄڻ ته خود انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي پُرجلال چپن مان ادا ٿيو هو. ائين کڻي چئون ته هي قابل شخص جنت منجهان حيرت انگيز صلاحيتن سان معمور ٿي آيو هو. جڏهن هو ڪنهن جبل تي شعر چوندو هو، تڏهن سموري انسان ذات جون اکيون انهيءَ جبل جي سيني ۾ يا چوٽين تي هڪ اهڙو جلوو پسنديون هيون، جيڪو اڳ ۾ ڪنهن کي به نظر ڪين آيو هو. جيڪڏهن هن جو موضوع ڪا دلڪش ڍنڍ هوندي هئي، تڏهن ان جي مٿان هڪ بهشتي مرڪ ڇانئجي ويندي هئي، جيڪا هميشھ هميشھ لاءِ ان جي سطح مٿان بکندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪنهن وسيع سمنڊ تي ڪجهه چوندو هو ته ائين معلوم ٿيندو هو، ڄڻ ته انهيءَ گيت جي احساس کان سمنڊ جي بي پايان سيني جي عميق وسعت تنهان ئي زياده عظيم ٿي ويئي هئي. مطلب ته جڏهن اُن شاعر دنيا کي پنهنجي نگاهن سان نوازيو ٿي، تڏهن دنيا هڪ مختلف ۽ بهتر صورت ٿي اختيار ڪئي. خالق هن کي بنائڻ ۾ پنهنجي آخرين ۽ بهترين ڪوشش صرف ڪئي هئي. تخليق تيسين مڪمل نه ٿي هئي، جيسين هيءُ لافاني شاعر ان جي تشريح ۽ تڪميل ڪرڻ لاءِ نه پهتو هو. +جڏهن هن جي شعر جو موضوع خود سندس ڀائر – انسان – هوندا هئا، تڏهن سندس شعر جو تاثر اڃا ئي وڌيڪ بلند ۽ دلڪش ٿي پوندو هو. جڏهن هو پنهنجي شاعرانه عقيدت جي ڪيفيت ۾، واٽ ويندي، ڪنهن عورت يا مرد کي، زندگيءَ جي مٽيءَ ۽ غبار ۾ لَٽيل ۽ ليٿڙيل ڏسندو هو، يا ڪنهن معصوم ٻار کي گهٽيءَ ۾ بيخبر راند روند ڪندي ڏسندو هو، تڏهن اهي سندس شعر جا موضوع بنجي زنده جاويد ٿي ويندا هئا. هن انسانن کي انهيءَ عظيم زنجير جون سونهري ڪڙيون ڏيکاريون، جنهن جي ذريعي هو فرشته صفت رشتي سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، هن انسانن جي انهيءَ بهشتي جنم جون لڪل خصوصيتون ڳولي آنديون، جنهن جي ڪري هو اهڙي رشتي جا لائق بنيا هئا. ڪي ماڻهو واقعي اهڙا به هئا، جي پنهنجي عقل ۽ قوت مباحثه کي ثابت ڪرڻ لاءِ اهو دليل پيش ڪندا هئا ته فطري دنيا جي سموري سونهن ۽ عظمت محض شاعر جو هڪ موهوم تخيل آهي. ڀل ته اهي شخص پنهنجين ڳالهين ۾ پاڻ کي خوش ڪن،- کين شايد فطرت هڪ نفرت انگيز تلخيءَ منجهان پيدا ڪيو هو، ۽ جڏهن سمورا سوئر خلقجي ويا، تڏهن باقي بچيل گندگيءَ منجهان انهن جا بوتا ٺاهي کين خلقيو هئائين. اهڙن شخصن کان سواءِ باقي ٻين سمورن انسانن لاءِ شاعر جو آدرش ۽ شاعر جو حسن سڀ کان زياده واضح ۽ سڀ کان زياده روشن صداقت هو. +هن شاعر جا گيت ارنيسٽ جي ڪنن تائين به پهتا. پنهنجي روزاني پورهئي کان پوءِ گهر جي دروازي اڳيان بينچ تي ويهي، هو انهن کي پڙهندو هو، جتي زندگيءَ جو ڳچ حصو، هن ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن گهوريندي، ويچار ۽ فڪر ڪندي، سڪون حاصل ڪيو هو؛ ۽ هاڻ جڏهن هو هنن نظمن جا بند پڙهندو هو، جيڪي سندس روح ۾ لرزش آڻي ڇڏيندا هئا، تڏهن هو نگاهون مٿي کڻي انهيءَ وسيع ۽ روشن چهري ڏانهن نهارڻ لڳندو هو، ۽ موٽ ۾ انسانيت جو اهو ابدي چهرو ڏانهس نهايت شفقت سان نهاري مرڪندو رهندو هو. +”پٿر جي عظيم شڪل“ سان مخاطب ٿيندي، هو آهستگيءَ سان چوڻ لڳندو هو – ”اي منهنجا عظيم الشان ساٿي، ڇا هي شخص تنهنجي هم شڪل هجڻ جو لائق نه آهي؟“ +ائين هن کي معلوم ٿيو ته انهيءَ سوال تي اها عظيم شڪل مرڪڻ لڳي، پر جواب ۾ ڪجهه به ڪين چيائين. +هي شاعر جيتوڻيڪ ڪافي دور رهندو هو، پر هن ارنيسٽ بابت نه رڳو ڳالهيون ٻڌيون هيون، بلڪ هن جي ڪردار تي ڪافي غور و فڪر پڻ ڪيو هئائين. نيٺ هن اهو ئي بهتر سمجهيو ته هن سان وڃي روبرو ملي، جنهن جي فطري دانائي سندس زندگيءَ جي پاڪيزه سادگيءَ سان هٿ هٿ ۾ لائي پئي هلندي هئي. انهيءَ خيال سا، اونهاري جي مند ۾ هڪڙي ڏينهن صبح جو ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيو، ۽ شام جو اچي ارنيسٽ جي گهر ويجهو پهتو. ڳوٺ جو عاليشان هوٽل، جيڪو اڳي ”مسٽر گئدر گولڊ“ جو محلات هو، ويجهو ئي هو، پر شاعر پنهنجو ننڍڙو ٿيلهو پاڻ سان کڻندي ارنيسٽ جي گهر جون پڇائون ڪرڻ لڳو، ۽ ارادو ڪيائين ته ارنيسٽ وٽ وڃي مهمان ٿي لهندو. +دروازي تي پهچي، هن انهيءَ نيڪ ٻڍڙي کي ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو. ان ڪتاب منجهان ڪنهن مهل ڪجهه پڙهيائين ٿي، ته ڪنهن مهل صفحن جي وچ ۾ آڱر وجهي، ڏاڍيءَ سڪ منجهان ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن ٿي نهاريائين. +دعا سلام کان پوءِ شاعر هن کان پڇيو، ”مسافر کي رات جا چار پهر پاڻ وٽ گذارڻ ڏيندو؟“ +”وڏيءَ خوشي سان،“ ارنيسٽ جواب ڏنو؛ ۽ پوءِ وري مرڪندي چوڻ لڳو، ”منهنجي خيال ۾ هن ’پٿر جي عظيم شڪل‘ کي ڪڏهن به ڪنهن اجنبيءَ ڏانهن ايترو مهربان نظرن سان نهاريندو ڪين ڏٺو ا ٿم.“ +شاعر بينچ تي ارنيسٽ جي ڀرسان ٿي ويٺو، ۽ ٻئي پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا. شاعر پنهنجي زماني جي اڪثر داناعـ ۽ نڪته سنج ماڻهن سان گفتگو ڪئي هئي، پر ارنيسٽ جهڙو ڪو ماڻهو ڪين گڏيو هوس، جنهن جا خيال ۽ جذبات ايتري فطري آزادگيءَ سان ادا ٿي رهيا هئا، ۽ جنهن پنهنجي سادن لفظن سان زندگيءَ جي عظيم صداقتن کي ايترو آسان بنائي ٿي وڌو. ائين ٿي معلوم ٿيو ته فرشتن ٻنين تي هن سان گڏ بيهي پورهيو ڪيو هو؛ ائين ٿي ڀانيو ڄڻ فرشتا هن سان گڏ آتشدان جي ڀرسان ويهي رهاڻيون ڪندا هئا، ۽ فرشتن سان دوستن وانگر اٿڻ ويهڻ جي ڪري، هن ۾ سندن ويچارن ۽ خيالن جي پاڪيزگي پيهي آئي هئي، ۽ هن انهيءَ کي پنهنجي گهرو سادڙن ۽ مٺڙن لفظن سان هڪ عجيب رنگ ۽ حسن بخشي ڇڏيو هو. شاعر هن بابت اهو ئي سوچي رهيو هو. ٻئي طرف، ارنيسٽ جي روح ۾ انهن زندگيءَ سان ڀرپور تشبيهن ۽ خيالن هڪ عجيب لرزش ۽ ڪشمڪش مچائي ڏني هئي، جيڪي شاعر جي روح جي گَهراين مان نڪري رهيا هئا، ۽ جيڪي گهر جي دروازي جي آس پاس هوا ۾ حسين تصويرن جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ اهي تصويرون مسرور به هيون، ۽ غمزده به هيون. هنن ٻن شخصن جي باهمي همدرديءَ ٻنهي کي وڌيڪ بصيرت ۽ احساس جي گهرائي عطا ڪئي، جيڪا هوند هو پنهنجي پنهنجي منهن اڪيلا حاصل نه ڪري سگهن ها. هنن جون دليون هڪ ئي رنگ ۾ رڱجي ويون، ۽ انهن مان هڪ اهڙو مٺڙو گيت سنگيت پيدا ٿيو، جنهن کي ٻنهي مان ڪوبه خاص سمورو پنهنجي سڏي نه ٿي سگهيو، نڪي پنهنجي ۽ ٻئي جي سنگيت ۾ ڪو فرق ئي محسوس ڪري ٿي سگهيو. هنن پنهنجي خيالن جي هڪ اهڙي بلند مقام تي هڪ ٻئي جي رهبري ڪئي، جيڪو ان کان اڳ ايترو دور ۽ ايترو جهڪو هو، جو ان ۾ اڪيلي سر ڪڏهن به داخل نه ٿيا هئا، - ۽ اهو مقام اهڙو ته حسين ۽ دلڪش هو، جو هنن ان ۾ هميشھ لاءِ تحليل ٿي وڃڻ ٿي چاهيو. +جڏهن ارنيسٽ شاعر جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، تڏهن هو سمجهڻ لڳو ته خود ”پٿر جي عظيم شڪل“ به ٻڌڻ لاءِ اڳيان نمي آئي هئي. هن شاعر جي روشن اکين ۾ اشتياق منجهان نهاريو. +”منهنجا عزيز دانشمند مهمان، تون ڪير آهين؟“ شاعر انهيءَ ڪتاب تي کڻي هٿ رکيو، جيڪو ارنيسٽ پڙهي رهيو هو. ”تو هي نظم پڙهيا آهن.“ هن چيو، ” ته پوءِ تون مون کي سڃاڻين ٿو – اهي نظم مون لکيا آهن.“ +اڳئين کان به وڌيڪ اشتياق منجهان، ارنيسٽ شاعر جي منهن ۾ گهورڻ لڳو؛ ۽ پوءِ وري ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن نهاريائين؛ ۽ وري به غير يقيني طور پنهنجي مهمان ڏانهن ڏسڻ لڳو. پر سندس منهن لهي ويو، ۽ ڪنڌ کي هلڪو لوڏ ڏيئي، هڪ ٿڌو ساهه ڀريائين. +شاعر پڇيس، ”تون غمگين ڇو ٿي وئين؟“ +ارنيسٽ جواب ڏنو: ”ڇاڪاڻ ته پنهنجي سموري زندگي هڪ پيشينگوئيءَ جي پوري ٿيڻ جي انتظار ۾ گذاري اٿم؛ ۽ جڏهن هي نظم پڙهيم، تڏهن مون کي اميد هئي ته تون شايد ان کي پورو ڪرين.“ +شاعر ٿورو مرڪندي چيو، ”توکي اميد هئي ته مون ۾ ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جي مشابهت ڏسي سگهندين، پر تون ’مسٽر گئدر گولڊ‘، ’شير دل سپاهي‘ ۽ ’اولڊ اسٽوني فز‘ وانگر هن ڀيري به نااميد ٿي ويو آهين. هائو، ارنيسٽ، منهنجي اها قسمت ڪٿي! تون منهنجو نالو به انهن ٽن نامورن ۾ شامل ڪجانءِ، ۽ پنهنجي اميدن جي ناڪامين ۾ هڪ وڌيڪ ناڪاميءَ جو اضافو ڪجانءِ: ڇو ته، - ارنيسٽ، آءٌ انتهائي شرم ۽ افسوس سان اهو چئي ٿو ڏيانءِ – ته آءٌ هن پريان نظر ايندڙ پُرجلال ۽ شفيق صورت جي هم شڪل سڏجڻ جو لائق ئي ڪين آهيان!“ +”پر ڇو؟“ ارنيسٽ پڇيو. ڪتاب ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو، ”ڇا، هي ويچار ۽ خيال الهامي نه آهن؟“ +شاعر جواب ڏنو: ”انهن ۾ الهام جي ٿوري جهلڪ برابر آهي. تون انهن ۾ ڪنهن بهشتي گيت جو دور دراز پڙاڏو ٻڌي سگهندين. پر، پيارا ارنيسٽ، منهنجي زندگي انهن خيالن مطابق نه رهي آهي. مون نهايت شاندار خواب ڏٺا، پر اهي خواب ئي رهجي ويا، ڇو ته مون – پنهنجي ئي مرضيءَ سان – نهايت ئي ڪريل ۽ پست حقيقتن ۾ زندگي گذاري آهي. ڪڏهن ته – مون کي چوڻ ته نه گهرجي – خود مون کي فطرت ۽ انساني زندگيءَ جي انهيءَ سونهن، پاڪيزگيءَ ۽ شان و شوڪت ۾ يقين نه پئي رهيو آهي، جنهن کي چيو وڃي ٿو ته منهنجو ڪلام وڌيڪ نمايان ڪندو رهيو آهي. پوءِ، اي نيڪيءَ ۽ صداقت جا متلاشي انسان، تون مون ۾ انهيءَ’عظيم شڪل‘ جي مشابهت ڏسڻ جي ڪيئن ٿو اميد ڪرين؟“ +شاعر ڏک منجهان ڳالهائي رهيو هو، ۽ سندس اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون هيون. ارنيسٽ جون اکيون به ڇلڪي اٿيون. +سج لهڻ مهل، پنهنجي پراڻي دستور مطابق، ارنيسٽ کي واديءَ جي آس پاس رهندڙ رهواسين اڳيان، هڪ کليل ميدان ۾ تقرير ڪرڻي هئي، هو ۽ شاعر، ٻانهن ٻانهن ۾ ڏيئي، ڳالهائيندا ڳالهائيندا، اچي ان هنڌ تي پهتا. ٽڪرين جي هڪ ڪنڊ ۾، هڪ ڀوري رنگ جو ٽيلو هو، جنهن جي منڍ ۾ نهايت وڻندڙ وليون ڄميل هيون، جن انهيءَ اگهاڙي ٽڪريءَ لاءِ ڄڻ ته هڪ غلاف جو ڪم ٿي ڏٺو. زمين کان ٿورو مٿاهين هنڌ تي، سرسبز گاهه جي وچ ۾ منبر جهڙي هڪ جڳهه نظر اچي رهي هئي، جنهن تي هڪڙو انسان سولائيءَ سان بيهي سگهيو ٿي، ۽ گهري سوچ ۽ صحيح جذبي ماتحت هن جي هر چرپر ۽ حرڪت وسڪنات لاءِ به مٿس ڪافي گنجائش هئي. هن قدرتي ٺهيل منبر تي ارنيسٽ چڙهيو، ۽ پنهنجي ٻڌندڙن تي هڪ ڄاتل سڃاتل محبت ڀري نگاهه وڌائين. ڪي ويٺا هئا، ته ڪي بيٺا هئا؛ ڪي وري گاهه تي ٽيڪ ڏيو سجاڳ ليٽيا پيا هئا. شام جي روشنيءَ جا آخري ترڇا ڪرڻا مٿن پئجي رهيا هئا، ۽ سج جي هار کاڌل روشنيءَ جي رونق، پراڻن وڻن جي هڪ جهڳٽي جي سڪوت سان گڏجي چوڌاري عجيب تاثر پيدا ڪري رهي هئي. ٻئي طرف ، ”پٿر جي عظيم شڪل“ ساڳيءَ ڀرپور رونق، ساڳيءَ متانت ۽ شفقت سان، فضا کي پنهنجي محبت جي آغوش ۾ سميٽي، پر اعتماد ۽ اڏول بيٺي هئي. +ارنيسٽ ڳالهائڻ لڳو: جيڪي سندس دل ۽ روح ۾ هو، سو سڀ ماڻهن ۾ بي خوف ورهائڻ لڳو. هن جي لفظن ۾ طاقت هئي، ڇو ته هن جا لفظ هن جي خيالن سان هم آهنگ هئا؛ هن جي خيالن ۾ گَهرائي ۽ صداقت هئي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال سندس زندگيءَ سان هم آهنگ ۽ هم رنگ هئا، جيڪا هو هميشھ گهاريندو آيو هو. سندس لفظ محض لفظ ڪين هئا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نيڪ ڪمن ۽ مقصد محبت جي زندگي رچيل هئي. هن جي لفظن ۾ سچا ۽ بيش قيمت موتي مڙهيل هئا. شاعر، هن جا خيال ٻڌي اهو محسوس ڪرڻ لڳو ته ارنيسٽ جي وجود ۽ ڪردار ۾ سندس لکيل شعر کان وڌيڪ پاڪيزه شعريت هئي. هن جون اکيون لڙڪن کان چمڪڻ لڳيون؛ هو هن قابل احترام هستيءَ ڏانهن ڪمال نياز ۽ ادب سان چتائي نهارڻ لڳو، ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ته ههڙو چهرو ته ڪنهن پيغمبر يا عارف جو به ڪين هوندو، جنهن ۾ هيتري معصوميت، دلڪشي ۽ فڪرمند ڪيفيت هئي، ۽ جنهن جي چوڌاري سفيد وارن جي هلالي ڪيفيت بکي رهي هئي. دور، سج جي آخري جهيڻن ڪرڻن ۾ ”پٿر جي عظيم شڪل“ صاف نظر اچي رهي هئي، جنهن جي چوڌاري ڌنڌلا ڪوهيرا اهڙيءَ طرح جمع ٿي رهيا هئا، جهڙيءَ طرح ارنيسٽ جي پيشانيءَ جي چوڌاري سفيد سفيد وار پکڙيل هئا، - ان جي شفقت ڀرين نگاهن جي آغوش ۾ دنيا سمايل ٿي ڏٺي. +ان گهڙيءَ، هڪ اهڙي خيال جي هم آهنگيءَ کان جيڪو هو چوڻ وارو هو، ارنيسٽ جي شڪل ۾ اهڙو جلال، هڪ اهڙي پرشوڪت ڪيفيت اڀري آئي، جنهن ۾ پرخلوص پيار، محبت ۽ انسان دوستي ڇلڪي رهي هئي. شاعر ڪنهن اٽل جذبي کان مجبور ٿي پنهنجون ٻانهون هوا ۾ اڇليندي، دانهن ڪئي: +”هو ڏسو، خود ارنيسٽ ئي ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جو هم شڪل آهي!“ پوءِ سڀني ماڻهن نهاريو؛ ۽ ڏٺائون ته واقعي جيڪي دانشمند شاعر چيو ٿي، سو سچ هو. پيشينگوئي پوري ٿي چڪي هئي. پر ارنيسٽ، جيڪي ڪجهه کيس چوڻو هو، سو ختم ڪري، شاعر جو هٿ جهلي، آهستا آهستا گهر ڏانهن هلڻ لڳو. سندس دل ۾ اڃا به اها اميد جاڳي رهي هئي ته هن کان ڪو وڌيڪ دانشمند ۽ بهتر انسان نيٺ ظاهر ٿيندو، جنهن جي شڪل ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان مشابهه هوندي. + + +نيو انگلنڊ جي راهبه +��ز – ميري اي. ولڪنس فريمئن مـتـرجم – سراج +---------- +A New England Nun +By +Mary E. Wilkins Freeman + + +From “A New England Nun and other Stories” +Reprinted by permission of Harper and Brothers + +ميري اي . ولڪنس، ’مئساچيوسيٽس‘ رياست جي ’رئنڊولف‘ شهر ۾ 1852ع ۾ ڄائي. ڪجهه وقت ’ورمانٽ‘ رياست جي ’برئٽلبورڊ‘ شهر ۾ رهي، جتي 1902ع ۾ ڊاڪٽر سي. ايم . فريمئن سان شادي ڪيائين. شادي، کان ترت ئي پوءِ ’نيو جرسي‘ لڏي آيا، جتي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذاريائون. +مسز فريمئن، ’نيو انگلنڊ‘ جي سادن سودن ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري، ادب ۾ هڪ ممتاز مقام حاصل ڪيو. هن پنهنجي ڪردارن جي زندگيءَ ۽ روح جي سادگين کي پنهنجي آکاڻين ۾ چٽيو آهي. 1883ع ۾ جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو، تڏهن هن اڳيان روزگار جو مسئلو پيدا ٿي پيو - ۽ ان لاءِ هوءَ افسانا لکڻ لڳي. پر ادبي نقادن وٽ هن کي تيسين اهو ممتاز درجو حاصل ٿي ڪين سگهيو، جيسين سندس افسانن جو ٻيو مجموعو – ”نيو انگلنڊنن ائنڊ اڌر اسٽوريز“ ڇپجي نه آيو. انهيءَ ڪتاب هن کي وسيع شهرت ۽ نالو بخشيو. هن جي ادبي ڪاوشن ۾ ٻارنهن ناول، هڪ ناٽڪ ۽ شعر جا ٻه جلد به شامل آهن. هن 1930ع ۾ وفات ڪئي. + + +شام جو وقت هو، ۽ روشني جهڪي ٿيندي ٿي ويئي. ٻاهر اڱڻ ۾ وڻن جا پاڇولا به رنگ بدلائي رهيا هئا. دور ڪٿي ڍڳيون رنڀي رهيون هيون، ۽ هڪڙو گهنڊ وُڄي رهيو هو؛ ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪا بيل – گاڏي اچي ٿي لنگهي، ۽ مٽيءَ جا ڪڪر اڏائي ٿي ويئي؛ نيرين قميصن سان ڪجهه پورهيت ڪلهن تي بيلچا کڻيو لنگهي رهيا هئا؛ ۽ نرم نرم هوا ۾ مکيون ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاهي ماڻهن جي چهرن تي نچي رهيون هيون. ائين ٿي معلوم ٿيو ته هر چيز ۾، محض ڍري ۽ جهڪي ٿي وڃڻ واسطي، هڪ هلڪي لرزش جي ڪيفيت پيدا ٿي رهي هئي - ۽ اها ڪيفيت ئي شايد آرام، سڪوت ۽ رات جي اڳواٽ آگاهي ڏيئي رهي هئي. +ڏينهن جي اها هلڪي ۽ سست – هنگامي ڪيفيت ”لوئيسا ايلس“ تي به ڇانيل هئي. منجهند کان وٺي هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ خاموشيءَ سان سبڻ جو ڪم ڪندي رهي هئي. پنهنجي سئي ڪپڙي ۾ ٽنبي، ڪپڙي کي چڱيءَ طرح ويڙهي، پنهنجون چيزون – سئي، سڳا، ڪئنچي ۽ انگشتان، هڪڙيءَ ٽٻڻيءَ ۾ رکي ڇڏيائين. لوئيسا ايلس کي ياد نه ٿي پيو ته ڪڏهن ڪو هن پنهنجي انهن زنانين چيزن کي ڪنهن غلط جاءِ تي رکيو هو؛ ۽ اهي چيزون گهڻي استعمال ۽ مسلسل لڳاءَ جي ڪري هن جي شخصيت جو هڪ حصو بنجي پيون هيون. +لوئيسا پنهنجي چيلهه جي چوڌاري سائي رنگ جو هڪ پيشبند ٻڌو، ۽ سائيءَ ربن وارو هڪ ڪکن جو ٺهيل ٽوپلو ٻاهر ڪڍيائين. پوءِ هڪ نيري رنگ جي چينيءَ جو پيالو کڻي، پنهنجي شام جي ”چانهه“ لاءِ ڪجهه ڊاک چونڊڻ ويئي. جڏهن ڊاک چونڊي لاٿائين، تڏهن دروازي وٽ ويهي، ان جون ڏانڊيون جدا ڪرڻ لڳي؛ ۽ خبرداريءَ سان اهي ڏانڊيون پنهنجي پيشبند ۾ گڏ ڪري، ڪڪڙين جي کاري هيٺ اڇلائي ڇڏيائين. آسپاس جي گاهه تي چڱيءَ طرح نظر ڪيائين، ته ڪا ڏانڊي ڪري ته ڪانه پئي هئي. +لوئيسا پنهنجا ڪم ڪاريون هري هري ۽ ڌيرج سان ڪندي هئي؛ کيس چانهه ٺاهڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. پر جڏهن چانهه تيار ٿي ويئي، تڏهن اها پنهنجي اڳيان اهڙيءَ ته خوبيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان سجائي رکيائين، ڄڻ ته هوءَ پنهنجي پاڻ مهمان هئي. ننڍڙي چورس ميز بورچيخاني جي پوري وچ تي رکيل هئي، ۽ هڪ سفيد رنگ جي ريشمي چادر سان ڍڪيل هئي، جنهن جون ڪناريون گلن ڦلن جي ڀرت سان ڀريل هيون. لوئيسا پنهنجي چانهه جي ٽري مٿان گلابي رنگ جو هڪ ريشمي ٽوال ڏيئي ڇڏيو هو، ۽ ان جي ڀرسان شيشي جو هڪ پيالو رکيل هو، جنهن ۾ چانهه جا چمچا رکيل هئا، ۽ ان جي ڀرسان هڪ چانديءَ جو ’ڪريم‘ وجهڻ جو برتن، چينيءَ جي ٺهيل شڪر داني، ۽ گلابي رنگ جي چينيءَ جو ڪوپ ۽ ساسر رکيا هئا. لوئيسا هميشھ چينيءَ جا ٿانو ڪم آڻيندي هئي سندس پاڙيسرين مان ڪوبه اهي ڪم ڪين آڻيندو هو. هنن جون ميزون عام رواجي ٿانون سان ڀريل هونديون هيون، ۽ جيڪي چينيءَ جي ٿانون جا سيٽ وٽن هئا، سي رڳو ڏيکاءَ لاءِ ڪٻٽن ۾ رکيا هوندا هئا. لوئيسا ڪا کانئن وڌيڪ شاهوڪار يا وڌيڪ سڌريل خاندان جي ڪانه هئي. ان هوندي به هوءَ هميشھ چينيءَ جا ٿانو استعمال ڪندي هئي. رات جي مانيءَ لاءِ وٽس کنڊ ۾ ٺهيل ڊاک جي مربي لاءِ هڪ شيشي جو طباخ، هڪڙي پليٽ ننڍن ڪيڪن لاءِ ۽ ٻي ننڍڙن نفيس بسڪيٽن لاءِ هوندي هئي. ٻه ٽي پن ”سلاد“ جا، هوءَ نهايت نفاست سان ڪتري پنهنجي اڳيان رکندي هئي. لوئيسا سلاد جي ڏاڍي شوقين هئي، ۽ پنهنجي ننڍڙي باغيچي ۾ ان لاءِ پن گوبي، ٽماٽا، موريون وغيره چڱي انداز ۾ پوکي ڇڏيون هئائين. هوءَ ڏاڍي چاهه سان ڍو تي کائيندي هئي، جيتوڻيڪ نهايت ننڍا ننڍا گرهه ڪري کائيندي هئي، ۽ حيرت ٿيندي هئي ته کاڌي جو ايترو انداز پليٽ مان آخر ڪيئن ٿي گم ٿي ويو. +چانهه پيڻ کان پوءِ، پليٽ مٺي اٽي جي ڪيڪن سان ڀريل کڻي، گهر جي پٺيان صحن ۾ آئي. +’سيزر!‘ هوءَ سڏ ڪرڻ لڳي. ”سيزر! سيزر!“ هلڪو آواز ٿيو، ۽ زنجير جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اڇي ۽ پيلي رنگ جو هڪ وڏو ڪتو پنهنجي ننڍڙي مَنهَه منجهان ظاهر ٿيو، جيڪو گاهه ۽ گلن جي ٻوٽن ۾ ڍڪيو پيو هو. لوئيسا چچڪار ڏيئي، ڪيڪن جي پليٽ کڻي سندس اڳيان رکي. پوءِ هوءَ موٽي گهر آئي، ۽ چانهه جي برتنن کي ڌوئي، چينيءَ کي چڱيءَ طرح چمڪائي رکي ڇڏيائين. اوندهه به گهري ٿيڻ لڳي هئي؛ ٻاهر دريءَ منجهان ڏيڏرن جا آواز اچي رهيا هئا. لوئيسا سائي رنگ جو پيشبند لاهي ڇڏيو، پر ان جي هيٺان وري اڇي ۽ گلابي رنگ جو ڇريل ٻيو پيشبند ٻڌو پيو هوس. پنهنجي بتي ٻاري، وري سبڻ جي ڪم تي ويهي رهي. +اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ ”جو ڊئگيٽ“ آيو. لوئيسا هن جي هلڻ جو آواز ٻڌو، ۽ اٿي پنهنجي گلابي ۽ اڇي رنگ جو پيشبند لاهي ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ جي هيٺان اڃا به ٻيو پيشبند ٻڌل هوس، جو اڇيءَ سڻيءَ جو ٺهيل هو، ۽ هيٺان سوٽي ڪپڙي جو سنجاف چڙهيل هوس. مهمانن اچڻ وقت لوئيسا اهو پيشبند پائيندي هئي. جيڪڏهن ڪو مهمان نه هوندو هوس، ته پوءِ ان جي مٿان پنهنجي سبڻ جو سڻيءَ وارو پيشبند چاڙهي ڇڏيندي هئي. هن انهيءَ اڇي ۽ گلابي رنگ جي پيشبند کي ويڙهي، ميز جي هڪ خاني ۾ مس رکيو، ته دروازو کليو ۽ جو ڊئگيٽ اندر داخل ٿيو. +هن جي اچڻ سان ائين ٿي معلوم ٿيو ته سمورو ڪمرو ڀرجي ويو هو. ڏاکڻيءَ ڪنڊ ۾ هڪ سائي پڃڙي ۾ هڪ ننڍڙي مينا ستي پيئي هئي. سا به جاڳي پئي، ۽ پڃري جي تيلين سان پنهنجيون ننڍڙيون ننڍڙيون کنڀڙاٽيون هڻي، زور زور سان ٻولڻ لڳي. +لوئيسا هن جي مرحبا ڪئي، ۽ نهايت سنجيده پنهنجائپ سان کيس پنهنجو هٿ ڏنو. +”هلو، لوئيسا!“ هن بلند آواز ۾ لوئيسا کي کيڪاريو. +لوئيسا هڪ ڪرسي ريڙهي کيس ڏني، ۽ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويهي رهيا – وچ ۾ هڪ ميز رکي هئي. هو سڌو ٿي پنهنجي ڳرن پيرن کي پٻڻ تي بيهاري ويهي رهيو هو، ۽ هڪ عجيب پرمسرت بي آراميءَ سان ڪمري جي چوڌاري نهارڻ لڳو. هوءَ به نهايت بردباريءَ سان ڪرسيءَ تي ويهي رهي، ۽ پنهنجا نازڪ نازڪ هٿ اڇي ريشمي پيشبند جي جهوليءَ ۾ رکي ڇڏيائين. +”اڄ ڏينهن ڏاڍو فرحتي هو.“ ڊئگيٽ چيو. +”واقعي فرحتي هو،“ لوئيسا نرميءَ سان جواب ڏنو. ”تو اڄ سڄو ڏينهن گاهه پئي ڪيو ڇا؟“ هن ڪجهه دير کان پوءِ وري پڇيو. +”ها، سڄو ڏينهن، ڏهن ايڪڙن واري بلاڪ ۾ گاهه پئي ڪيم. ڪافي سخت ڪم آهي.“ +”ضرور هوندو!“ +”هائو، خاص ڪري اُس ۾ ڪم ڪر ڻ سان ته ڏاڍي گرمي ٿي ٿئي.“ +”تنهنجي ماءٌ ته چڱي ڀلي آهي؟“ +”ها! بلڪل چڱي ڀلي آهي.“ +”ڀانيان ٿي ته ’للي ڊاير‘ به هاڻ ساڻس گڏ آهي.“ +ڊئگيٽ جي منهن جو رنگ بدلجي ويو، ”هائو، هوءَ ساڻس آهي.“ هن آهستگيءَ سان جواب ڏنو. +هو عمر جو ايترو ننڍو به ڪين هو، پر تڏهن به سندس چهري تي ننڍن ڇوڪرن واري ڪيفيت هئي. +لوئيسا هن کان ننڍي هئي، سندس مُنهن وڌيڪ ڳورو ۽ سهڻو هو، پر هن جي چهري جي ڪيفيت اهڙي هوندي هئي، جو ماڻهو هن کي عمر جي وڏي سمجهندا هئا. +”منهنجي خيال ۾ هوءَ تنهنجي ماءُ کي چڱي مدد ڏيندي هوندي،“ هن وري چيو. +”برابر، منهنجو به اهو ئي خيال آهي. مون کي خبر نه ٿي پوي ته اما هن کان سواءِ ڪيئن ڪندي.“ ڊئگيٽ هڪ ڪشمڪش ۽ گرمجوشيءَ مان چيو. +”هوءَ واقعي هڪ لائق ڇوڪري آهي. خوبصورت به آهي،“ لوئيسا چيو. +”ها، چڱي خوبصورت آهي.“ +ان وقت ڊئگيٽ ميز تي رکيل ڪتابن کي الٽ پلٽ ڪرڻ لڳو. ميز تي هڪ ته ڳاڙهي رنگ جو چورس ”آٽو گراف آلبم“ هو، ۽ ٻيو ”جوان عورتن جي سوکڙين جو ڪتاب“ هو، جو لوئيسا جي ماءُ جو هوندو هو. هن هڪ هڪ ڪري ٻئي ڪتاب کنيا ۽ کولي ڏسڻ لڳو؛ پوءِ وري ”سوکڙين جي ڪتاب“ مٿان آلبم رکي ڇڏيائين. +لوئيسا هڪ هلڪيءَ بي چينيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي. نيٺ هوءَ اٿي، ۽ ڪتابن جي بيهڪ بدلائي، آلبم کي سوکڙين جي ڪتاب هيٺان رکي ڇڏيائين. اول به ميز تي ڪتاب انهيءَ نموني سان رکيل هئا. +ڊئگيٽ ڦڪو ڦڪو ٿيندي، کلندي چيو، ”ڀلا ڪهڙو فرق ٿو پئي ته ڪهڙو ڪتاب هيٺ آهي، ڪهڙو مٿي؟“ +لوئيسا ناپسنديديءَ جي مرڪ سان هن ڏانهن ڏسڻ لڳي. ”آءٌ انهن کي هميشھ ان نموني رکندي آهيان،“ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. +”تون هر چيز ۾ شڪست ڏيو وڃين،“ ڊئگيٽ وري کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. هن جو ويڪرو منهن لڄ کان ڳاڙهو ٿي ويو هو. +هو ڪلاڪ کن ويٺو رهيو، پوءِ اٿي موڪلايائين. ٻاهر نڪرڻ وقت هن غاليچي تان ٿاٻو کاڌو، ۽ پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ۾ سندس هٿ ميز تي پيل لوئيسا جي ڪم جي ٽٻڻيءَ کي لڳي ويو، ۽ ٽٻڻي اچي پٽ تي ڪري. +هن پهريائين لوئيسا ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ پٽ تي ڪِريل ڍيرن ڏانهن ڏٺائين؛ ۽ ڦڪو ٿي جيئن ئي انهن کي کڻڻ لاءِ هيٺ ٿي نِوڙيو، تيئن هن کيس روڪيو. ”فڪر ناهي.“ هوءَ چوڻ لڳي – ”تنهنجي وڃڻ کان پوءِ آءٌ پاڻيهي انهن کي ميڙي رکنديس.“ +هوءَ هلڪيءَ سختيءَ سان ڳالهائي رهي هئي. يا ته هوءَ ڪجهه بيزار ۽ پريشان ٿي پئي هئي، يا هن جي گهٻراهٽ مٿس اثر ڪيو هو، ۽ هن کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ تي جبر ڪري رهي هئي. +جڏهن جو ڊئگيٽ گهر کان ٻاهر آيو، تڏهن شام جي ٿڌيري خوشگوار هوا ۾ هڪ ٿڌو ساهه ڀريائين، ۽ پاڻ کي اهڙو معصوم ۽ صاف نيت وارو محسوس ڪري رهيو هو، جهڙو چينيءَ جي دڪان مان ڪو رڇ سامان کي هيٺ مٿي ڪري ٻاهر نڪري محسوس ڪري. +ٻئي طرف لوئيسا پاڻ کي اهڙي نيڪدل ۽ دکي محسوس ڪري رهي هئي، جهڙو چينيءَ جي دڪان جو ڪو مالڪ ان رڇ جي ٻاهر نڪرڻ وقت محسوس ڪري. +هن گلابي پيشبند مٿان سائو پيشبند ٻڌي سموريون ٽڙيل پکڙيل شيون ميڙي چونڊي وري پنهنجي ٽٻڻيءَ ۾ رکيون، ۽ غاليچي کي ڇڪي سڌو ڪري ڇڏيائين. بتيءَ کي فرش تي ٺاهي رکيائين، ۽ غاليچي تي پنهنجون آڱريون ڦيري، ان کي ڏسڻ لڳي. +”ڏسجي ٿو ته هو ڪٿان مٽيءَ جي ڪنهن ڍير منجهان لنگهي آيو هو،“ هوءَ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي. ”مون به ائين ئي سمجهيو هو.“ +لوئيسا برش سان غاليچي تي ٿيل هن جي پيرن جا نشان صاف ڪري ڇڏيا. +جيڪڏهن هن کي اِها ڳالهه جي خبر پوي ها، ته هن جو مونجهارو ۽ بي چيني ضرور وڌي وڃي ها، جيتوڻيڪ پوءِ به هن جي وفاداريءَ ۾ ذري برابر به فرق نه اچي ها. هو هفتي ۾ ٻه ڀيرا لوئيسا ايلس کي ڏسڻ ايندو هو، ۽ هر دفعي، هن جي نفاست سان سينگاريل ڪمري ۾ ويهي، هو پاڻ کي ائين ڀائيندو هو، ڄڻ ڏورين ۽ جهالرين جي نرم ۽ نفيس گهيري ۾ ويڙهجي ويو هو. هو چرپر ڪرڻ کان ڊڄندو هو، متان هن جو ڪو اجايو هٿ پير پرين جي هن ڄار ۾ نه لڳي وڃي؛ ۽ هن کي هميشھ ان جو احساس هوندو هو ته لوئيسا انهيءَ ڊپ کان هميشھ هن کي گهوريندي رهندي هئي ته متان هو ڪا اهڙي حرڪت ڪري وجهي. +ان هوندي به لوئيسا ۽ سندس ڏورين ۽ جهالرين لاءِ هن کي مڪمل احترام، احتياط ۽ وفاداريءَ جا جذبا هوندا هئا. پندرهن سالن جي ڊگهي عرصي جي انوکي معاشقي کان پوءِ، مهيني کن ۾ هن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن پندرهن سالن منجهان چوڏهن سال ٻنهي هڪ ٻئي جي صورت به نه ڏٺي هئي، ۽ هڪ ٻئي کي خط پٽ به ورلي لکندا هئا. ”جو“ اهي سمورا سال آسٽريليا ۾ هو، جتي هو دولت ڪمائڻ ويو هو، ۽ دولت ڪمائي موٽي آيو هو. جيڪڏهن هن کي پنجاهه سال انهيءَ مقصد لاءِ اتي رهڻو پوي ها، تڏهن به رهي ها، ۽ پوءِ ضعيف ۽ ابتر حالت ۾ لوئيسا سان شادي ڪرڻ لاءِ ماڳهين واپس ئي ڪونه اچي ها. +پر هن چوڏهن سالن ۾ ئي دولت ڪمائي ورتي ۽ هاڻ انهيءَ عورت سان شادي ڪرڻ لاءِ واپس گهر موٽيو هو، جنهن اهو سمورو عرصو صبر سان ۽ بنا ڪنهن چون چرا جي هن جي انتظار ۾ گذاريو هو. +مڱڻي ٿيڻ کان ٿورو پوءِ، هن لوئيسا کي پنهنجي پختي ارادي کان واقف ڪيو هو ته هو نيون ٻنيون پوکائيندو ۽ شاديءَ کان اڳ هو چڱي آسودي ۽ خوشحال حالت تي رسي ويندو. هن سڀڪجهه ٻڌي، نهايت ڌيرج سان پنهنجي رضامنديءَ جو اظهار ڪيو هو؛ هن پنهنجو اهو ڌيرج ان وقت به هٿان ڪين ڇڏيو هو، جڏهن سندس پريمي هڪ ڊگهي ۽ غير يقيني سفر تي اسهيو هو. ”جو“، جيڪو پنهنجي مضبوط ارادن سبب بااعتماد ۽ اڏول هو، سو به موڪلاڻيءَ جي گهڙيءَ دلگير ٿي پيو هو، پر لوئيسا صرف هلڪي لڄ ۽ حيا مان کيس چمي ڏيئي الوداع ڪيو هو. +”مون کي گهڻو وقت ڪين لڳندو،“ ’جو‘ ڀريل آواز سان چيو هو؛ پر ان ۾ کيس چوڏهن سال لڳي ويا هئا. +انهيءَ عرصي ۾ گهڻو ڪجهه ٿي ويو هو. لوئيسا جي ماءُ ۽ ڀاءُ فوت ٿي ويا، ۽ هوءَ دنيا ۾ اڪيلي رهجي ويئي هئي. پر سڀ کان اهم واقعو – هڪ اهڙو نازڪ واقعو، جو ٻنهي جي ساري سمجه کان بعيد هو – اهو ٿيو هو ته لوئيسا جا قدم هڪ اهڙي رستي تي مڙي پيا هئا، جو نهايت هموار هو، ۽ شايد ڪنهن پُر سڪون ۽ پر اطمينان آڪاش جي هيٺان ٿي لنگهيو، پر اهو ايترو ته سڌو ۽ سنئون سنواٽو هو، جو ان ۾ ڪا روڪ فقط سندس قبر وٽ ئي پيدا ٿي سگهي ٿي، ۽ اهو رستو ايترو ته سوڙهو هو، جو ساڻس گڏ هلڻ لاءِ ان تي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ جاءِ نه هئي. +جڏهن ”جو“ واپس آيو هو (هن کيس پنهنجي اچڻ جو ڪو اطلاع ڪونه ڏنو هو)، تڏهن لوئيسا جو پهريون جذبو هڪ هيبت ۽ خوف جو احساس هو، جيتوڻيڪ هن کي اهڙي جذبي تي خود به اعتبار نه ٿي آيو، ۽ ”جو“ کي ته ان جو خواب خيال به ڪين هو. پندرهن سال اڳ، هن ”جو“ سان نينهن اٽڪايو هو – گهٽ ۾ گهٽ هوءَ پنهنجي طرفان ته ائين سمجهندي هئي. عين ان وقت دوشيزگيءَ جي فطري وهڪ ۾ وهندي، لڄ ڀرئي رضامنديءَ سان هن محسوس ڪيو هو ته شادي زندگيءَ جو هڪ خاطر خواه نتيجو ۽ معقول خصوصيت آهي. انهيءَ موضوع تي پنهنجي ماءُ جا رايا هوءَ نهايت خاموش اطاعت شعاريءَ سان ويهي ٻڌندي هئي. هن جي ماءُ غير معمولي فهم و عقل ۽ نرم ۽ هموار مزاج جي عورت هئي. جڏهن جو ڊئگيٽ ايندو هو، تڏهن هوءَ پنهنجي ڌ��ءَ سان نهايت ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان ڳالهائيندي هئي، ۽ لوئيسا هن کي ڪنهن به پس و پيش کان سواءِ قبول ڪيو هو. هن جي سموري زندگيءَ ۾ هو ئي پهريون ۽ آخري پريمي هو. +هوءَ سمورا سال هن سان وفادار رهي. هن کي ٻئي ڪنهن سان شادي ڪرڻ جي امڪان جو خواب و خيال به ڪونه هو. هن جي زندگي، خاص ڪري پڇاڙيءَ جا ست سال، هڪ خوشگوار سڪون سان ڀرپور رهي هئي، ۽ هن کي پنهنجي پريميءَ جي غير حاضريءَ لاءِ ڪڏهن به بي صبري ۽ شڪايت نه هئي؛ ان هوندي به هوءَ هميشھ هن جي واپس موٽڻ ۽ سندن شادي – زندگيءَ جي هڪ اٽل نتيجي – جي اميد ۾ منتظر رهندي هئي. البت، هوءَ ان جو مستقبل ۾ ايترو دور تصور ڪندي هئي، جو هن جو اهو تعين ڄڻ ته بنهه ٻيءَ حياتيءَ جي سرحدن ۾ ٿي داخل ٿيو. +جڏهن ”جو“ آيو هو، تڏهن کيس اڳيئي هن جي اچڻ جي خاموش توقع هئي؛ ۽ هن سان شادي ڪرڻ جي توقع به چوڏهن سال ڪندي رهي هئي؛ پر جڏهن هو پهتو، تڏهن هوءَ بي انتها حيرت ۾ پئجي ويئي هئي، ۽ ششدر ٿي ويئي هئي، ڄڻ ته هن ڪڏهن انهيءَ جو تصور به ڪين ڪيو هو. +”جو“ جي سامهون اهو مونجهارو ٿورو دير سان آيو. هن اچڻ سان لوئيسا کي اڳئين ساڳئي چاهه ۽ الفت سان ڏٺو. هن ۾ خير ڪا تبديلي آئي هئي. هن ۾ اڃا تائين اها خوبصورتي ۽ دلبري موجود هئي، ۽ ”جو“ محسوس ڪيو ته هوءَ ايتري ته پرڪشش آهي جهڙي اڳي هئي. هن جي پنهنجي خواهش هاڻي پوري ٿي چڪي هئي، ۽ دولت ڪمائڻ جو هاڻ زياده خيال ڪونه هوس؛ ۽ هن جي ڪنن ۾ پراڻي نينهن جو سنگيت ساڳين مٺڙن سُرن ۾ بلند آواز سان گونجڻ لڳو. انهن گيتن ۾، جيڪو هو عرصي کان ٻڌندو رهيو هو، صرف لوئيسا موجود هئي؛ ۽ هڪ عرصي کان هن کي اهو يقين ٿي ويو هو ته اهو سنگيت هو اڃا تائين ٻڌي رهيو هو، پر پڇاڙيءَ ۾ ائين معلوم ٿيو ته جيتوڻيڪ هوائن اهو ساڳيو گيت ٿي ڳايو؛ پر ان جو نالو بدلجي چڪو هو. پر لوئيسا لاءِ ان ڀرپور سنگيت بدران هوائن ۾ ڪن هلڪين سرگوشين کان وڌيڪ ڪجهه ڪين هو؛ ۽ اهي سرگوشيون به هن لاءِ هاڻ جهڪيون ٿي ويون هيون ۽ هر چيز خاموش هئي. هن انهن کي گهڙيءَ لاءِ حسرت ڀرئي توجهه سان ٻڌو؛ پوءِ هوءَ خاموشيءَ سان اتان هٽي ويئي، ۽ پنهنجي شاديءَ جي ڪپڙن سبڻ جي ڪم تي وڃي ويٺي. +”جو“ پنهنجي گهر جي جاءِ ۾ ڪافي ڦير گهير آڻي، ان کي ڏاڍو شاندار بنائي ڇڏيو هو. سندس گهر پراڻو خانداني گهر هو؛ ۽ نئون شادي ڪيل جوڙو انهيءَ گهر ۾ رهڻ وارو هو، ڇو ته ”جو“ پنهنجي جاءِ کي ڇڏي نه ٿي سگهيو، ۽ ماڻس پنهنجي پراڻي گهر کي ڇڏڻ کان به انڪار ڪيو هو. ان ڪري لوئيسا کي پنهنجو گهر ڇڏڻو هو. روزانو صبح جو اٿي، پنهنجي گهر جي صاف، ۽ ڪنوارپ جي زماني وارين چيزن کي ڏسندي هئي، تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ته هوءَ مرڻ وقت پنهنجي پيارن دوستن جا منهن آخري بار ڏسي رهي هئي. ائين برابر هو ته انهن مان ڪيتريون چيزون هوءَ پاڻ سان کڻي وڃي ٿي سگهي، پر هن جي خيال ۾، پنهنجي پراڻي ماحول کان ڇڄي ڌار ٿي، هو اهڙو روپ ڌارينديون، جو هنن جو اصلي وجود ئي تقريباً ختم ٿي ويندو. ان کان سواءِ هن ويچاريو، شايد هن کي پنهنجي مسرور تنها زندگيءَ جون ڪي انوکيون خصوصيتون مجبوراً يڪسر ڇڏڻيون پونديون. هنن دلڪش ۽ مختصر ضرورت جي ڪمن کان شايد وڌيڪ سخت ڪم ۽ جوابداريون هن کي کڻڻيون پونديون. هڪ وڏي گهر جي سنڀال ڪرڻي پونديس، آئي وئي، مهمان مڙي جي هن کي مرحبا ڪرڻي پوندي، ”جو“ جي ڪمزور پر سخت گير ماءُ جي پرگهور لهڻي پوندي، ۽ هڪ کان وڌيڪ نوڪر رکڻ به ڪفايت شعاريءَ جي ڳوٺاڻين روايتن جي خلاف ٿيندو. لوئيسا وٽ عرق چڪائڻ جي هڪ ننڍي مشين هوندي هئي، ۽ اونهاري ۾ هوءَ ڦودني ۽ گلاب منجهان سندن خوشبودار ۽ تيز عرق چڪائي پاڻ وندرائيندي هئي. آهستي آهستي کيس اها وندر به ڇڏڻي پوندي. هن وٽ عرقن جو چڱو مقدار گڏ ٿي ويو هو؛ ۽ هن کي هميشھ وانگر پاڻ وندرائڻ لاءِ عرقن چڪائڻ جو وقت ئي ڪونه ملندو. ان وقت ”جو“ جي ماءُ انهيءَ کي بيوقوفي سمجهڻ لڳندي؛ جنهن اڳيئي اهڙو اشارو کيس ڏيئي ڇڏيو هو. لوئيسا ريشمي ڪپڙي سبڻ کي بي انتها پسند ڪندي هئي – ڪنهن استعمال ۾ آڻڻ خاطر نه، پر سندس ساده طبيعت کي ان منجهان ڀرپور ۽ سچو لطف حاصل ٿيندو هو، ان ڪري هن کي اهو ڪم ڏاڍو وڻندو هو. اهو اعتراف ڪرڻ هن لاءِ ڏاڍو ڏکوئيندڙ ثابت ٿئي ها ته هن ڪيترا ڀيرا ريشمي چادرن کي محض ان ڪري اڊيڙي ٿي ڇڏيو ته جئن انهن کي وري سبڻ جو لطف حاصل ڪري. ڪيترين شامن تي هو پنهنجي دريءَ جي ڀرسان ويهي جڏهن نفيس ۽ نازڪ ڪپڙي ۾ سئي هلائيندي هئي، تڏهن هوءَ همه تن سڪون بنجي ويندي هئي؛ پر مستقبل ۾ کيس اهڙين اٻوجهائيءَ جي فرحتن ۽ مسرتن جو موقعو خيرڪو ملندو. ”جو“ جي سخت گير ماءُ، جيڪا ٻڍي ٿي وڃڻ جي باوجود ڏاڍي شوخ طبع هوندي، ۽ ممڪن هو ته خود ”جو“ به پنهنجي مردانه سختيءَ جي ڪري، - ٻئي ڄڻا هن جي انهن ڪنواري هوندي جي دلپذير پر بي مقصد مشغولين تي کلڻ ۽ ناراض ٿيڻ لڳندا. +پنهنجي تنها ۽ پرسڪون گهر جي صفائي ۽ ترتيب رکڻ ۾ لوئيسا کي هڪ فنڪار جهڙو چاهه ۽ شوق هوندو هو. هوءَ پنهنجي درين جي شيشن کي اهڙيءَ خوبيءَ سان پالش ڪندي هئي، جو هيرن موتين وانگر بکڻ لڳندا هئا، ۽ انهن کي ڏسي هن جي دل بي انتها خوشيءَ ۽ مسرت کان اڇلون ڏيڻ لڳندي هئي. هوءَ پنهنجي لکڻ جي ميز جي خانن کي ڏاڍي شوق ۽ تمنا جي نظرن سان ڏسندي هئي، جن ۾ مختلف چيزون ڏاڍيءَ خوبصورتيءَ سان ويڙهيون رکيون هونديون هيون، ۽ جن ۾ مختلف قسمن جي خوشبوئن، عطرن ۽ پاڪيزدگيءَ جي هٻڪار پيئي ايندي هئي. ڇا هوءَ انهن چيزن جي پائيداريءَ جو يقين ڪري سگهي ٿي؟ هوءَ ويٺي ويٺي هنن پنهنجين دل لڀائيندڙ چيزن جا عجيب غريب خواب ڏسندي هئي، ۽ انهن ۾ هن کي هر هنڌ ٻيون ڌاريون بدنما چيزون پکڙيل نظر اينديون هيون – بيحد گندگيءَ سان ڀريل مردانيون اڍنگيون ۽ کهريون شيون، جن ۾ هن کي فقط ڌوڙ ۽ بي ترتيبي نظر ايندي هئي، جيڪا نفاست سان ڀريل هم آهنگيءَ ۽ خوش ترتيبيءَ جي ماحول ۾ عام طور مرد جي لطافت کان خالي موجودگيءَ مان لازمي طرح پيدا ٿيندي آهي. +هن جي تشويش ۽ پريشانيءَ جي انديشن ۾، سيزر ته در حقيقت هڪ تارڪ الدنيا ڪتو هو. زندگيءَ جو ڳچ حصو هن پنهنجي دنيا کان دور اڪيليءَ جهوپڙيءَ ۾ گذاريو هو، ۽ پنهنجي سموريءَ ذات جي صحبت ۽ ڪتن جي سمورين معصوم مسرتن کان محروم رهيو هو. پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن کان وٺي هن ڪنهن سهي جي ٻر ڏي نهاريو به ڪين هو، ۽ پاڙيسريءَ جي رڌڻي جي در تي ڪنهن هڏي لاءِ نوس نوس ڪرڻ جو لطف به ڪين ورتو هئائين. اهو سڀ ڪجهه هو هڪڙي گناهه جي ڪري ڀوڳي رهيو هو، جيڪو هن ان وقت ڪيو هو، جڏهن پلونگڙي واريءَ ڄمار مان مس مٿي چڙهيو هو. هن هيڻي ۽ معصوم شڪل جي ٻڍڙي ڪتي جي پشيمانيءَ جي گَهرائيءَ جو ڪير به اندازو نٿي لڳائي سگهيو، - پر هن کي پشيماني ٿي هجي يا نه، ليڪن هو انهيءَ جي سزا چڱيءَ طرح ڀوڳي چڪو هو. ٻڍڙو سيزر ڀونڪڻ لاءِ ورلي ڏاڍيان آواز ڪندو هو؛ هن جي اکين جي چوڌاري زرد زرد حلقا پئجي ويا هئا، ۽ ائين معلوم ٿيندو هو ته اکين تي عينڪون چڙهيون پيون هيس؛ پر هڪڙي پاڙيسريءَ جي هٿ تي سندس ڪيترن جوان ۽ تيز تيز ڏندن جي نشان جي اڃا به مهر لڳل هئي، - ۽ ان ڪري ئي هو چوڏهن سال زنجير ۾ ٻڌو پنهنجي ننڍڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ قيد ٿيو پيو هو. اهو پاڙيسري سور کان تپجي بيمار ٿي پيو هو، سو اهو مطالبو ڪيو هئائين ته يا ته سيزر کي بنهه ماريو وڃي يا ماڳهين ڳوٺ مان کيس جلاوطن ڪيو وڃي. انهيءَ ڪري، لوئيسا جي ڀاءُ، جيڪو ڪتي جو مالڪ هو، تنهن انهيءَ ننڍڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ کيس هميشھ لاءِ زنجيرن سان قيد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ جوانيءَ واري جوش کان وٺي، جڏهن هن اهو يادگار چڪ پاتو هو، برابر چوڏهن سال هو قيدي ٿي رهيو هو، سواءِ انهيءَ جي، جو سندس مالڪ يا لوئيسا کيس زنجير کان وٺي ڪڏهن ڪڏهن سير لاءِ وٺي ويندا هئا. ائين چوڻ شايد صحيح نه ٿئي ته پنهنجي محدود دائري ۾ هن ڪو پنهنجي انهيءَ حالت تي فخر محسوس ڪيو، پر ايترو آهي ته ڳوٺ ۾ هو ڪافي مشهور هو ۽ سڀئي ٻار توڙي وڏا هن کي نهايت خونخوار ڪتو سمجهندا هئا. ”سينٽ جارج جي ازدها“ جي به ايتري بدناموسي ڪانه هئي، جهڙي لوئيسا ايلس جي هن پيلي ٻڍڙي ڪتي جي هئي. مائرون پنهنجي ٻچڙن کي طرحين طرحين ڊپ ڏياري، کين منٿون ڪنديون هيون ته ڪتي جي ويجهو نه وڃن، ۽ ٻار به ٻڌي يقين آڻيندا هئا؛ پر ٻاراڻي شوق ڪري، لڪي لڪي لوئيسا جي گهر وڃي چوري چوريءَ هن کي ڏسي ايندا هئا. اتفاق سان جيڪڏهن کڻي ڪتي ڀونڪ ڪئي، ته سڀني کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ۽ ڊپ مان ڀڄي ويندا هئا. واٽهڙو، جيڪي لوئيسا جي گهر وٽان لنگهندا هئا، سي به کيس هيبت زده ۽ هراس ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳندا هئا، ۽ پڇي پڪ ڪندا هئا ته سندس زنجير ته مضبوط هئي. سيزر جيڪڏهن ڇڙواڳ گهمندو ڦرندو هجي ها، ته شايد بلڪل معمولي ڪتو نظر اچي ها، ۽ ايتري بدناموسي ڪين پرائي ها؛ پر زنجير ۾ ٻڌجڻ ڪري، سندس بدناموسي مٿس ڇانئجي ويئي هئي، ۽ هن جون اصلوڪيون خصوصيتون ئي لڪي ويون هيون ۽ هو محض هڪ هيبتناڪ دنير ڪتو نظر ايندو هو. البت جو ڊئگيٽ، پنهنجي چڱي سمجهه ۽ چالاڪيءَ جي ڪري کيس رواجي ڪتو سمجهندو هو. هو ڏاڍيءَ جرات سان هلي ڪتي وٽ ويندو هو، ۽ سندس مٿي تي هٿ ڦيرڻ لڳندو هو؛ لوئيسا کيس گهڻائي چتاءُ ڏيندي هئي، پر پاڻ هو کيس وڌيڪ ڇيڙڻ خاطر، ڪتي کي ڇوڙي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندو هو؛ لوئيسا ايترو ته ڊپ ۾ ڀرجي ويندي هئي، جو هو پنهنجي ارادي کان باز اچي ويندو هو، پر جڏهن ٻئي ڀيري وٽس ايندو هو، تڏهن پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪندو هو – ”هن جهڙو ماٺيڻي طبع جو ڪتو سڄي ڳوٺ ۾ ٻيو ڪونهي؛ هن کي ائين زنجيرن ۾ جڪڙي رکڻ نسورو ظلم آهي. ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور آءٌ هن کي هتان ٻاهر ڪڍندس.“ لوئيسا کي هميشھ اهو خيال رهندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جڏهن هنن ٻنهي جون دلچسپيون ۽ ملڪيتون گڏجي هڪ ٿي وينديون، تڏهن هو ضرور پنهنجي ضد کي پورو ڪندو. هوءَ تصور ئي تصور ۾ سيزر کي پرسڪون ۽ بي بچاءَ ڳوٺ ۾ عضبناڪ حالت ۾ ماڻهن کي چيريندو ڦاڙيندو ڏسندي هئي. هوءَ خود به ٻڍڙي ڪتي کي گهڻو ڀانئيندي هئي، ڇو جو هو سندس فوت ٿيل ڀاءُ جو ڪتو هو، ۽ خود ڪتو به هن سان ڏاڍو مانوس ٿي ويو هو – ان هوندي به لوئيسا کي هن جي خونخوار طبيعت جو اڏل يقين ٿي ويو هو. هوءَ هميشھ ماڻهن کي ڪتي جي ويجهو وڃڻ کان روڪيندي هئي. هوءَ هميشھ هن کي راهبن وارو کاڌو – اٽي جا لولا ۽ ڪيڪ – کارائيندي هئي، ۽ کيس هڏا يا گوشت ان ڪري نه ڏيندي هئي ته متان هن جي خطرناڪ طبيعت ۾ وڌيڪ شوخي ۽ تيزي پيدا ٿئي. لوئيسا ڪتي کي پنهنجو سادو کاڌو چٻاڙيندي ڏسي رهي هئي، ته کيس پنهنجي شاديءَ جو خيال آيو، ۽ هوءَ سڄي ڏڪي ويئي. اڃا تائين ته پنهنجي امن و سڪون جي زندگيءَ بدران بي ترتيبيءَ ۽ مونجها��ن جي اڳڪٿين، سيزر جي غضبناڪ ڇڙواڳيءَ، ۽ پنهنجي ننڍڙي زرد مينا جي مٺين ٻولين جي خيالن هن جي ارادي ۾ وار جو تفاوت به ڪين آندو هو. جو ڊئگيٽ گذريل ايترن سالن کان هن کي پيار ڪندو آيو هو ۽ هن لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، سو ڇا به ٿي پوي، پر هوءَ ڪنهن به صورت ۾ بيوفا ثابت ٿي، هن جي دل کي پرزا پرزا ڪري نه ٿي سگهي. هوءَ پنهنجي شاديءَ جي ڪپڙن ۾ سهڻا سهڻا سيبا ڏيندي رهي، ۽ وقت گذرندو رهيو. تان جو سندس شاديءَ ۾ باقي وڃي هفتو رهيو؛ اربع جي شام هئي، ۽ ٻيءَ اربع تي سندس شادي هئي. +ان رات، چوڏهينءَ جي چنڊ رات هئي. نوين بجي ڌاري لوئيسا رستي تي ٿوريءَ دير لاءِ سير ڪرڻ واسطي نڪتي هئي. رستي جي ٻنهي پاسن کان لابارن لاءِ تيار ٻنيون بيٺل هيون، جن جي ڪنارن کان ننڍيون ننڍيون پٿر جون ديوارون کنيل هيون. هڪ ديوار جي پاسي ۾ ٻوٽن ٻوڙن جا جهڳٽا هئا ۽ انهن جي ڀرسان ٿوري ٿوري پنڌ تي جهنگلي بادامن ۽ صوفن جا وڻ بيٺل هئا. لوئيسا ڀت تي چڙهي ويهي رهي، ۽ هلڪيءَ اداسائيءَ مان پنهنجي متعلق سوچڻ لڳي. هڪ پاسي ٻيرن جي گهاٽن وڻن، ۽ ٻئي پاسي صوفن ۽ بادامن جي وڻن جي نميل ٽارين هن کي ڍڪي ڇڏيو هو. انهن وڻن جي وچ ۾ هن کي ويهڻ لاءِ خالي جاءِ ملي ويئي هئي. رستي جي ٻئي پاسي، هن جي بلڪل سامهون هڪ وڏو گهاٽو وڻ هو؛ چنڊ ان جي ٽارين منجهان جهاتيون پائي رهيو هو، ۽ ان جا پن چانديءَ وانگر پئي چمڪيا. رستي تي چانڊوڪيءَ ۽ پاڇولن جو هڪ عجيب دلڪش منظر ڇانيل هو، ۽ هوا ۾ عجيب پُراسرار خوشبوءِ ڇانيل هئي. هوءَ اتي ڪجهه وقت ويٺي رهي. هن اٿڻ جو خيال پئي ڪيو، ته ڪنهن جي قدمن ۽ آهستي ڳالهائڻ جو آواز ڪن تي پيس؛ هوءَ ماٺ ڪري ويٺي رهي. اڪيلي سنسان جڳهه هئي، ۽ هن کي ٿورو ڊپ به ٿيڻ لڳو. هن خيال ڪيو ته هوءَ وڻن جي پاڇولي ۾ لڪي بيهي رهندي؛ ۽ جڏهن اهي ماڻهو لنگهي ويندا، تڏهن اتان اٿي گهر ويندي. +پر جيئن ئي هو ان جي ويجهو پهتا، سندن آواز ۽ قدم به روڪجي ويا. هوءَ سمجهي ويئي ته انهن ماڻهن کي پٿر جي ڀت تي ويهڻ لاءِ جاءِ ملي ويئي هئي. هوءَ اهو سوچي رهي هئي ته هوءَ آهستي آهستي اتان کسڪي وڃي، پر آوازن وري خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو. اهو ته جو ڊئگيٽ جو آواز هو. هوءَ ماٺ ڪري ويهي رهي ۽ ڌيان ڏيئي ٻڌڻ لڳي. +هڪ ٿڌيءَ آهه سان آواز شروع ٿيو، ۽ هوءَ انهيءَ آواز جي واقف هئي. +جو ڊئگيٽ چيو، ”چئبو ته پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي؟“ +”هائو“، ٻئي آواز چيو. ”آءٌ پرينءَ هتان هلي وينديس.“ +”اها ته ’للي ڊاير‘ ٿي ڏسجي،“ لوئيسا پنهنجي پاڻ کي چيو. اهو آواز هڪ جسم اختيار ڪري، هن جي اڳيان اچي بيٺو. هن هڪ ڊگهي ۽ ڀرپور جسم جي ڇوڪري ڏٺي، جنهن جو شوخ ۽ خوبصورت چهرو چانڊوڪيءَ ۾ وڌيڪ شوخ ۽ خوبصورت نظر اچي رهيو هو، ۽ سندس ڀورا ڀورا وار هڪ وانگوڙي ۾ ويڙهيل هئا. ان ۾ ڳوٺاڻي مضبوطي ۽ جوڀن هو، هن جي چهري تي اهڙي ڪيفيت هئي، جيڪا ڪنهن شهزاديءَ جي چهري تي هوندي آهي. ڳوٺ جا سڀئي ماڻهو للي ڊاير تي مفتون هئا؛ هن ۾ اهي خاصيتون هيون، جن کي هوند ماڻهو ساراهڻ کان رهي ڪين سگهي. هوءَ سلڇڻي ۽ خوبصورت هئي، لوئيسا اڪثر هن جون ساراهون پيئي ٻڌندي هئي. +”مون کي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ئي ڪونه ٿا سُجهن!“ جو ڊئگيٽ چيو. ”مون کي خبر ناهي ته تون چئي به ڇا سگهندين ،“ للي ڊاير وراڻي ڏني. ”هڪڙو اکر به چوڻو ڪين اٿم،“ ’جو‘، ڀريل آواز سان لفظن کي ڏاڍي مشڪل سان دهرايو. پوءِ گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ”مون کي ڪو افسوس ڪونهي،“ آخر هن چوڻ شروع ڪيو، - ”اسان کي اها ڄاڻ فقط ڪالهه پئي....... ته اسان هڪ ٻئي لاءِ ڇا ٿا ��حسوس ڪريون. خير، اسان کي اڳ ڄاڻ پوي ها، ته به ساڳي ڳالهه ٿئي ها. هاڻ آءٌ ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو ڪري سگهان، آئينده هفتي شادي ضرور ڪندس – آءٌ انهيءَ عورت سان دغا ڪري، سندس دل ڪين ڀڃندس، جيڪا چوڏهن سال منهنجي انتظار ۾ ويٺي رهي.“ +”سڀاڻي جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏين، ته هوند آءٌ به وري توکي پنهنجو ڪين ڪريان،“ ڇوڪريءَ ٿورو زور سان پختي ارادي سان چيو. +”خير، آءٌ توکي اهڙو موقعو ڪونه ڏيندس،“ هن چيو، ”پر مون کي يقين ئي نٿو اچي ته تون ائين ئي ڪندينءَ.“ +تون پاڻ ڏسندين ته آءٌ ائين ڪري ڏيکارينديس. آبرو آبرو آهي، ۽ انصاف انصاف آهي. جيڪو شخص منهنجي لاءِ يا ٻيءَ ڪنهن ڇوڪريءَ لاءِ انهن ٻنهي چيزن جي خلاف ويندو، ان ماڻهوءَ لاءِ آءٌ سوچڻ به گناهه سمجهنديس. جو ڊئگيٽ، اهو منهنجو قول به ياد رکجانءِ“ +”خير، تون پاڻ به ڏسندينءَ ته آءٌ تنهنجي يا ٻيءَ ڪنهن ڇوڪريءَ لاءِ انهن ٻنهي چيزن جي خلاف هرگز ڪونه ويندس،“ هن جواب ڏنو. +هنن جي آوازن مان ائين ٿي ڀانيو ته ٻئي هڪ ٻئي سان ڪاوڙجي پيا هئا. لوئيسا ڪن لائي ٻڌي رهي هئي. +”مون کي ڏک رڳو اهو آهي ته تون سمجهين ٿي ته توکي هروڀرو هتان هليو وڃڻ گهرجي. خير، مون کي ته ڪا خبر نٿي پوي. پر شايد اهو طريقو ئي بهتر آهي.“ +”بيشڪ، اهو ئي طريقو صحيح آهي. مون کي پڪ آهي ته اسان ٻنهي ۾ ايترو عقل ضرور موجود آهي.“ +”تون سچ ٿي چئين،“ اوچتو ”جو“ جي آواز ۾ درد ۽ نرمي اچي ويئي. ”للي، هڪڙو عرض ڪندوسانءِ. آءٌ پنهنجي حياتي ته پاڻهي ٺيڪ گذاريندس، پر تنهنجو خيال ٿو اچيم ته دل برداشت ئي نٿي ڪري سگهي – تون پاڻ ڀلائي ڪري هن پنهنجي ناتي کي ياد ڪري، دکي نه ٿجانءِ.“ +“ڀانيان ٿي ته توکي جلد ئي معلوم ٿي ويندو ته آءٌ شادي ڪيل مرد پويان ايترو پاڻ کي دکي ڪين ڪنديس.“ +”اميد اٿم ته تون دکي ڪين ٿيندينءَ – للي، اميد اٿم ته تون ڏک نه ڪندينءَ. خدا ڄاڻي ٿو ته مون کي ڪيترو ڏک آهي. ۽ - اميد اٿم – ته ڪنهن ڏينهن – توکي به – ڪونه ڪو شخص ملي ويندو -.“ +”ڇو ڪين ملندو – نه ملڻ جو سبب ئي ڪونهي،“ اوچتو هن جو لهجو بدلجي ويو. هوءَ ڏاڍي صاف ۽ مٺڙي آواز ۾ ايترو ڏاڍيان ڳالهائڻ لڳي، جو رستي جي هن ڀر ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. ”نه، جوڊئگيٽ.“ هوءَ چوڻ لڳي – ”جيسين جيئري آهيان، تيسين ڪنهن ٻئي شخص سان شادي ڪين ڪنديس. مون کي پنهنجو عقل آهي، ۽ آءٌ هاڻي وڌيڪ پنهنجيءَ دل يا پاڻ تي ماڻهو کِلائڻ ڪين ڏينديس. آءٌ هرگز شادي ڪين ڪنديس؛ ايتري اها پڪ ڄاڻج. آءٌ انهن ڇوڪرين مان ڪين آهيان، ڇا ٻه ڀيرا نينهن ڪري. آءٌ فقط هڪ ڀيرو پريم ڪرڻ واري آهيان.“ +لوئيسا ڪنهن جي آهه ڀرڻ جو آواز ٻڌو، ۽ ٻوڙن جي پويان ٿوري چرپر ۽ ڪشمڪش جو آواز ٿيو؛ ۽ پوءِ للي وري ڳالهائڻ لڳي - ۽ سندس آواز مان ائين معلوم ٿيو ته هوءَ اٿي بيٺي هئي. ”هيءُ سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي،“ هن چيو. ”اسين هتي ڪافي وقت ترسيا آهيون. آءٌ هاڻ گهر ٿي وڃان.“ +لوئيسا پاڇولي ۾ سندن موٽي ويندڙ قدمن جا آواز ٻڌندي رهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، هوءَ به اٿي، ۽ آهسته آهسته گهر ڏانهن هلڻ لڳي. ٻئي ڏينهن هن پنهنجي گهر جو ڪم هاج روزاني ترتيب ۽ طريقي سان ڪيو؛ اهو هن لاءِ ساهه کڻڻ وانگر روزمره جو معمول بنجي چڪو هو؛ پر هوءَ پنهنجي دريءَ جي ڀر ۾ ويهي پور پچائڻ لڳي. شام جو، جو ڊئگيٽ آيو. لوئيسا کي اها ڄاڻ ئي ڪانه هئي ته منجهس ڪا ايتري موقعه شناسي ۽ حڪمت عملي موجود هئي، پر جڏهن هن ان رات انهيءَ جي پنهنجي پاڻ اندر ڳولا ڪئي، تڏهن کيس پنهنجي زنانين خوبين ۾ اها ملي ويئي. اڃا تائين هن کي يقين نه پئي آيو ته جيڪي هوءَ ٻڌي آئي هئي، سو ڪو سچ هو، ۽ هوءَ سوچي رهي هئي ته جو ڊئگيٽ سان پنهنجو مڱڻو ٽوڙڻ سان هوءَ کيس ڪو خطرناڪ زخم ته ڪين پهچائيندي. هن جي مرضي هئي ته پنهنجي لاڙن ۽ ارادن کي ظاهر ڪرڻ کان اڳ، جو ڊئگيٽ کي انهيءَ واٽ تي آڻي. هوءَ ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي، ۽ آخر هنن پاڻ ۾ اهڙو ٺاهه ڪيو؛ پر اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي، ڇو ته جوڊئگيٽ کي پنهنجي جذبات ظاهر ٿيڻ جو به اوترو ئي ڊپ هو، جيترو هن کي. +هن للي ڊاير جو ڪو ذڪر ڪونه ڪيو، هن فقط ايترو چيو ته کيس هن لاءِ ڪا شڪوه شڪايت نه هئي، پر هوءَ ڊگهي عرصي لاءِ هڪ ئي طريقي سان زندگي گهاريندي رهي هئي، ۽ هاڻ انهيءَ کي تبديل ڪرڻ نٿي گهريائين. +”تنهنجي مرضي، لوئيسا، پر آءُ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو آهيان،“ ڊئگيٽ چيو. ”آءٌ ايمانداريءَ سان ٿو چوان، منهنجو خيال آهي ته ممڪن آهي ته اهو رستو ئي بهتر آهي؛ پر جيڪڏهن تون ناتو نباهڻ چاهين، ته آءٌ به توسان مرڻ گهڙيءَ تائين ٻڌل آهيان، اميد اٿم ته تون اهو ڄاڻين ٿي.“ +”هائو؛ مون کي خبر آهي،“ هن چيو. +ان رات هوءَ ۽ ڊئگيٽ اڳين ڀيرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڪ ۽ پيار ڀريءَ دل سان هڪ ٻئي کان جدا ٿيا. دروازي تي بيٺي، هڪ ٻئي جا هٿ هٿن ۾ جهليندي، هنن تي يادگيرين جي هڪ درد ڀري لهر ڇانئجي ويئي. +”خير، اسان ائين ڪڏهن به ڪين سوچيو هو ته آخر ۾ هيئن ٿيندو؛ ٺيڪ آهي نه؟“ ’جو‘ چيو. +هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو؛ سندس پرسڪون چهري تي هلڪي لرزش ڇانئجي ويئي. ”منهنجي ڪرڻ لائق ڪو ڪم ڪار هجيئي ته چئجانءِ“، هن چيو. ”لوئيسا، آءٌ توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندس.“ +لوئيسا سڄي رات اڪيلي پنهنجي منهن روئندي رهي، کيس خبر نه ٿي پئي ته هوءَ ڇو ٿي رني؛ ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو، ننڊ مان جاڳڻ وقت هوءَ پاڻ کي هڪ راڻيءَ وانگر محسوس ڪرڻ لڳي، جنهن کي اهو ڊپ هجي ته متان سندس راڄڌاني کانئس کسجي وڃي، پر هاڻ پنهنجي راڄڌانيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ سلامت ڏسي رهي هئي. +هاڻي ڀل ته سيزر جي ننڍڙيءَ راهبن واريءَ جهوپڙيءَ جي چوڌاري گاهه ۽ ٻوڙا ڄمي پون، ۽ ڀل ان جي ڇت مٿان هر سال برف ڪرندي رهي، پر هو بي بچاءُ ڳوٺ ۾ ڏهڪاءُ مچائڻ هرگز وڃي ڪين سگهندو. هاڻ ڀل ته ننڍڙي مينا هر رات پر سڪون ننڊون ڪري، ۽ کيس جاڳي، ڊپ کان پنهنجون کنڀڙاٽيون پڃري جي سيخن سان ٽڪرائڻ جي ڪا ضرورت نه رهندي. لوئيسا هاڻ پنهنجي مرضيءَ مطابق ريشمي چادرون سبي سگهي ٿي، گلاب چڪائي سگهي ٿي، ڇنڊ ڦوڪ ڪري، ٿانون تي پالش ڪري، ۽ چيزن کي عطرن سان ويڙهي رکي سگهي ٿي. ان شام جو هوءَ پنهنجي سئي سڳو کڻي، دريءَ وٽ ويهي سبڻ لڳي، ۽ هوءَ پاڻ کي سڪون جي دريا ۾ ترندو محسوس ڪرڻ لڳي. للي ڊاير – ڊگهي، قداور ۽ جوان للي ڊاير – سامهون لنگهي ويس، پر هن پنهنجي اندر ۾ ڪابه ڪشمڪش محسوس نه ڪئي. لوئيسا ايلس جيڪڏهن پنهنجو جنم حق وڪڻي ڇڏيو هو، ته کيس ان جي خبر ڪانه هئي – انهيءَ طعام جو سواد ڏاڍو لذيذ هو، ۽ وڏي عرصي کان وٺي هن جي واحد تسڪين انهيءَ خوراڪ ۾ رهي هئي. پر هاڻ سنجيدگي ۽ پرسڪون محدوديت هن لاءِ سندس جنم حق بنجي چڪيون هيون. هن مستقبل جي ڪيترن ئي ڏينهن ۾ نهاريو، جيڪي گلاب جي گلن جي هار وانگر هڪ ٻئي سان پوتل هئا، ۽ انهن ۾ سڀ گلاب جا گل هڪجهڙا هئا – دلڪش، پرسڪون ۽ معصوم. هن جي دل شڪرگذاريءَ سان ڀرپور هئي. ٻاهر اونهاري جي هڪ گرم شام هئي. هوا انسانن، پکين ۽ ماکيءَ جي مکين جي آوازن سان ڀريل هئي، جنهن ۾ هونگارن، کڙکڙ، مٺڙين پڪارن ۽ جهونگارن جا آواز ٻُري رهيا هئا. لوئيسا هڪ غير حجره نشين راهبه وانگر، عباد�� جي نوع ۾، پنهنجا زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻيندي رهي. + + + +لِويءَ جي واپسي +از – يوڊورا ويلٽي مترجم – سراج +---------- +Livvie Is Back +By +Eudora Welty + + +From the Wide Net and other Stories”. Published by permission of Russell and Volkening Inc, New York + + +يوڊورا ويلٽيءَ (1909ع -) جو پهريون افسانو 1936ع ۾ شايع ٿيو. ان بعد، افسانن جي مختلف چٽاڀيٽين ۾ انعامن مٿان انعام کٽندي رهي آهي، ۽ آخري انعام – ”او. هينري ميموريل اواڊر“ – 1943ع ۾ ”لوي از بئڪ“ (”لويءَ جي واپسي“) افساني تي مليس. سندس افسانن جي پهرئين ڪتاب، ”اي ڪَرٽين آف گرين“ جو پُرلطف ۽ پُرمعنى پيش لفظ مشهور افسانه نويس ”ڪئٿرن ائني پورٽر“ لکيو. اهو ڪتاب 1941ع ۾ شايع ٿيو. +مس ويلٽي، ’مسيسپي‘ رياست جي ’جئڪسن‘ شهر ۾ ڄائي، ۽ اڃا تائين اتي ئي رهي ٿي. ’يونيورسٽي آف وسڪانسن‘ جي گريجوئيٽ آهي، ۽ اتان وري ‘ڪولمبيا سڪول آف ائڊورٽائزنگ‘ ۾ تعليم وٺڻ ويئي. جيسين افسانن مان چڱو اپراسو ٿيڻ لڳس، تيسين اشتهار ۽ ريڊيو لاءِ مضمون لکي، روزگار حاصل ڪندي رهي. ’واٽر ڪلر‘ پينٽگ ڪرڻ، ۽ فوٽو گرافيءَ جي فن ۾ به چڱو ڪمال حاصل ڪيائين. ”سارويان“ وانگر، هن کي انهن تڪليفن ۽ دقتن کان سواءِ ئي ڪاميابي حاصل ٿي ويئي، جيڪي ننڍن ۽ نون لکندڙن کي هميشھ پيش اينديون آهن. هوءَ خود به انهيءَ جو اعتراف ڪندي آهي ته ”شروعات کان ئي منهنجي قسمت چڱي رهي آهي.“ + + + + +”سالومن“ جڏهن ”لويءَ“ سان شادي ڪئي، تڏهن هن کي سندس مائٽاڻي گهر کان ايڪيهه ميل دور وٺي ويو، ۽ کيس ’اولڊ نئچز ٽرئس‘ پهاڙي علائقي جي بنهه ٻهراڙيءَ ۾ نيئي پنهنجي گهر ۾ رهايائين. انهيءَ وقت هوءَ سورهن ورهين جي هئي. ماڻهو چوڻ لڳا ته شايد هو سمجهي ٿو ته اتي وٽن ڪير به ڪين ايندو! ٿورو ئي وقت پوءِ، هڪڙي ڏينهن – جيڪو ڏينهن به لويءَ کي پوءِ ياد نه رهيو – ماڻهن جي اها ڳالهه هُن لويءَ کي ازخود ٻڌائي ڇڏي هئي؛ ساڳئي وقت اشاري اشاري ۾ هي به چئي ڇڏيو هئائينس ته ماڻهن جي ڳالهين ۾ ڇا رکيو هو – ڀرسان رستي تي سڄو ڏينهن ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي! لويءَ سان هن جو سلوڪ نهايت محبت ڀريو هوندو هو، پر هميشھ هن کي گهر اندر ئي رکڻ جي ڪوشش ۾ رهيو. لويءَ اهو ڪڏهن ڪونه سوچيو ته هوءَ اتان ڪيڏانهن ٻاهر نٿي نڪري سگهي. البت جتان هوءَ آئي هئي، اتي جي ماڻهن جو چوڻ هو ته هڪ پوڙهو ماڻهو ڪڏهن به ڪين چاهيندو ته سندس ڪنوار کي ماڻهو ڏسن – انهيءَ خيال کان ته متان ڪو کيس وٽانئس ڀڄائي وڃي. شاديءَ کان اڳ، سالومن، لويءَ کان پڇيو هو؛ ڇا هوءَ هن سان خوش رهي سگهندي؟“ – ڪافي اخلاقي جرئت جو سوال هو، ڇاڪاڻ ته هو گورو نه پر هڪ سياهه فام ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجون ٻنيون هيون، جن جا باقاعدي کاتا به سرڪار ۾ هن جي نالي سان داخل هئا؛ ۽ جيئن ته هو وڏو هو ۽ هوءَ پاڻ ننڍي هئي، ان ڪري سوال ٻڌي، ادب وچان لويءَ فقط هيءُ ئي جواب صحيح ڄاتو هو – ”هائو، سائين.“ وري هن لويءَ کان پڇيو هو ته هوءَ سرءُ کي پنهنجي لاءِ انتخاب ڪري، ڪٿي بهار لاءِ ته بيتاب ڪانه ٿيندي! تڏهن لويءَ جواب ڏنو هو، ”بلڪل نه!“ ان کان پوءِ، هن جي سامهون، جيڪي به هوءَ ڳالهائيندي هئي، سو هميشھ انهيءَ ويچار سان ته هو پير مرد هو، ۽ پاڻ هڪ بي سمجهه ڇوڪري. انهيءَ طرح نو سال گذري ويا، ۽ اهو سمورو وقت، پر مرد پوڙهي کان پوڙهو ٿيندو ويو – ۽ نيٺ ايترو پوڙهو ٿي ويو، جو ڳالهه سندس وس کان نڪري ويئي. آخرڪار هو سڄو سڄو ڏينهن بستري ۾ پيو ننڊون ڪندو هو، - ۽ هِن جي اڃا نئين جواني هئي. +گهر، اندران توڙي ٻاهران، چڱو سهڻو گهر هو. پهرين ڳالهه ت�� ان ۾ ٽي ڪمرا هئا. مُهڙ واري ڪمري جي ڀتين تي ست گلي جي ول سان چِٽيل روغني ڪاغذ لڳل هو، جنهن ۾ ٿوريءَ ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي کجيءَ جا وڏا پن نڪتل هئا. جاري تي پر رونق ڪنارين سان ڪٽيل تازي اخبار جا پنا چنبڙيل هئا، جن تي پيلي رنگ جي فريمن ۾ لڳل ڪن ٻارن ۽ ٻڍڙن جا فوٽا سڌا ٽنگيل هئا – جيڪي سالومن جي خاندان جا ڀاتي هئا. سالومن جو گهر ساز و سامان سان ڀريو پيو هو: هڪ ٻٽو ڪوچ هو؛ هڪڙي چٽن اڪريل جهولڻي ڪرسي هئي؛ مهڙ واري ڪمري ۾ هڪ پيانو رکيل هو؛ ۽ گلابي پٿر سان هڪ گول ٽپائي هئي. جنهن تي هڪ ٽن سونين ٽنگن واري بتي رکيل هئي؛ ان جي ڀرسان هڪ بلوري گلاس رکيل هو، جنهن ۾ ڪڪڙ جا سهڻا سهڻا کنڀ هڪ خاص ترتيب ۽ انداز سان پيا هئا. +مهڙ واري ڪمري جي پٺيان واري ڪمري ۾ پالش ٿيل مُٺين سان هڪ لوهي پلنگ پيل هو، جنهن تي سالومن سڄو ڏينهن ننڊ ڪندو هو، دريءَ تي سفيد ڏوريءَ جا پردا چڙهيل هئا، ۽ بستري تي هڪ جهالر سان چادر پيل هئي: پر سالومن جنهن چيز کي مٿان وجهي، مٺي مٺي ۽ گَهري ننڊ ڪندو هو، سا هئي هڪ اڻ کٽندڙ ٽوپي سان سبيل هئي – ان جو تهه ايڪيهن رنگن جي چار سو چاليهن ٽُڪرين مان ٺهيل هو؛ مٿس هزار کن وال ڌاڳو استعمال ٿيو هو؛ ۽ اها رضائي ئي هئي، جا سندس ماءُ پنهنجن ٻڍڙن هٿن سان پاڻ ويهي ٺاهي هئي. هڪڙيءَ ٽيبل تي انجيل مقدس ۽ چاٻيءَ سميت هڪ صندوق رکي هئي. ڀت تي ٻه پراڻا ڪئلينڊر ۽ هڪ آفرين نامو ٽنگيل هو، جو سالومن جي خاندان مان ڪنهن کي مليو هو، ۽ ان جي هيٺان لويءَ جي اڪيلي ملڪيت – هڪ فوٽو – ڪوڪن سان کتل هو، جنهن ۾ هڪ گوري ٻار جي تصوير هئي، جنهن ٻار جي مائٽن وٽ هوءَ شاديءَ کان اڳ، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾، نوڪري ڪندي هئي. +پريان رڌڻي ۾ هڪ وڏو ڪاٺين ٻارڻ جو چلهو هو؛ اتي ئي ٿورو پرڀرو هڪ وڏي گول ميز رکيل هوندي هئي، جا تقريباً هميشھ آلي رهندي هئي، جنهن تي هڪ بلوري گلاس ۾ ڪانٽا ڇريون پيا هوندا هئا ۽ ٻئي ساڳئي قسم جي گلاس ۾ چمچا رکيل هوندا هئا؛ گلاسن جي وچ ۾ سُرڪي جو هڪ شيشو رکيل هو، ازانسواءِ اتي ئي سڪل انجير، هنداڻا، ٻن چئن قسمن جا مربا ۽ آچار پڻ رکيا رهندا هئا؛ کير ولوڙڻ جي منڌي ٻاهر اُس ۾ پئي هوندي هئي؛ ٽجوڙيءَ جا ٻئي طاق هميشھ بند رهندا هئا، ۽ رڌڻي جي هر ڪنڊ ۾ هڪ ڪئامار پڃرو پيل هوندو هو. +سالومن جو گهر ٻاهران چڱو سهڻو ٿي لڳو. ٻاهرئين حصي کي جيتوڻيڪ رنگ ڏنل ڪين هو، پر ڏيڍيءَ وارو حصو بلڪل هڪ – ساريڪو رڱيل هو. ڏيڍيءَ کان اندر واري حصي ۾ ٻنهي پاسن تي اوچن اسپرنگن واريون ڪرسيون رکيل هيون، جن ٻنهي جي مٿان ڇت ۾ گلن جي هڪ هڪ ٽوڪري ٽنگيل هئي، ۽ ڀرسان هيٺ سادن سودن گلن جي هڪ هڪ ڪونڊي پيل هئي. دروازي جي ڀر ۾ ائٽ رکيو رهندو هو، ان جي سامهون ٻيءَ ڀت ۾ ڦڻيءَ سميت هڪ چورس آئينو کتل هو، جنهن جي هيٺان هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ چينيءَ جي +هڪ گينڊي رکيل هئي. دروازي ۾ عاج جي مٺئي سان ڪاٺ جي هڪ ٽنگڻي کتل هئي، جنهن ۾ سالومن ٻاهران گهر اچڻ وقت پنهنجو ٽوپلو ٽنگي ڇڏيندو هو. گهر کان ٻاهر هڪ کليل پٽ اڱڻ طور هوندو هو، جتان ڪک ڪچرو، ڊڀ ڊاڙي لويءَ جي روزانه کهري ٻهاري ڏيڻ سبب پٽجي صاف ٿي ويا هئا – ايتري قدر جو پٽ تي زور سان ڏنل ٻهاري جي رهڙن جا نشان هميشھ بيٺائي رهندا هئا. گهر جي ٿلهي جي ڏاڪن جي ٻنهي پاسن کان گلاب جا ٻوٽا رکيل هئا، جن ۾ ٻنهي پاسي هر مهيني ٽي چار رت جهڙا ڳاڙها گل ٽڙندا هئا. هڪ پاسي بادام جو وڻ هو، ۽ ٻئي طرف ڏاڙهونءَ جو وڻ بيٺل هو. ان کان سواءِ ’نئچز ٽرئس‘ پهاڙيءَ جي موڙ کان وٺي گهر تائين ”ڪريپ مرٽل“ وڻن جي هڪ سڌي قطار هئي؛ انهن وڻن مان هر هڪ وڻ جي ٽارين سان نيري يا سائي رنگ جون شيشون ٻڌل هيون. سالومن اهو ڪڏهن به ظاهر نه ڪيو هو ته اهي شيشيون وڻن ۾ ڇا جي لاءِ ٽنگيون ويون هيون، پر لويءَ کي خبر هئي ته اهي شيشيون وڻن تي جادو ڪرڻ جي خيال کان ٽنگيون وينديون هيون، ۽ ننڍي هوندي هن ٻڌو هو ته شيشين ٻڌل وڻ گهر کي جنن ڀوتن کان بچائڻ لاءِ هوندا آهن – ڇاڪاڻ ته ماڻهو چوندا هئا ته ڀوت اهي رنگين شيشيون ڏسي، هرکجي انهن اندر گهڙي ويندا هئا، ۽ وري اتان ٻاهر نڪري ڪين سگهندا هئا. سالومن شيشين وارا اهي وڻ نون سالن ۾ تيار ڪيا هئا، ۽ هر هڪ وڻ تي شيشين ٻڌڻ ۾ هڪ هڪ سال لڳي ويو هوس؛ ۽ هن کي انهيءَ پورهئي ڪرڻ تي دل ۾ ڪو رنج به ڪين ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته گهر کي جنن ڀوتن کان بچائڻ جي احتياط ۾ هن کي ايترو ئي فخر ٿيندو هو، جيترو پنهنجي گهر جي ٻئي بندوبست رکڻ تي هوندو هوس؛ ايتري قدر، جو ڪڏهن ڪڏهن اهي شيشين وارا وڻ اُس ۾ هن جي گهر کان به وڌيڪ دلڪش ۽ رونقدار لڳندا هئا. +پر اتي ڪو جن ته ڇا، پر ڪو ماڻهو به ڪونه هو، بلڪ ڪنهن ماڻهوءَ جو پاڇولو به ڪونه هو- ويندي ڪنهن گوري ماڻهوءَ تائين به ڪو ڪونه هو. ۽ جيڪڏهن ڪو هجي ها، ته سالومن لويءَ کي ڏانهنس ڪڏهن نهارڻ به ڪين ڏئي ها. هو پنهنجن ڪمين مان به ڪنهن کي لويءَ ڏانهن نهارڻ ڪين ڏيندو هو، نڪي لويءَ کي ڪنهن ڪميءَ کي ڏسڻ جي اجازت هئي. آس پاس ۾ ٻيو ڪو گهر به ڪونه هو. پرڀرو ڪمين جون جهوپڙيون هيون، پر اوڏانهن وڃڻ کان لويءَ کي منع ٿيل هئي؛ ۽ انهيءَ ترائيءَ ۾، جيتري پنڌ تي هوءَ لڪي لڪي ويئي به هئي، اوتري تائين ٻئي ڪنهن جو ڪوبه گهر ڪونه هو. جڏهن هوءَ اهڙيءَ ريت نڪري ويندي هئي، تڏهن هوءَ ائين محسوس ڪندي هئي ڄڻ ته ڪو درياهه جهاڳي رهي هئي، ڇو ته انهيءَ پيچري تي وڻن جا سڪل پن ايترا ته پيل هوندا هئا، جو گوڏن تائين هوءَ انهن ۾ ڍڪجي ويندي هئي: ۽ جڏهن هوءَ انهن ۾ رهڙجي ڦٽجي پوندي هئي، تڏهن هوءَ سمجهندي هئي ته اُن رستي جي ڪا منزل ئي ڪانه هئي. هڪ ڏينهن، ننڍڙيءَ ماٿريءَ تي چڙهي، هن هڪ قبرستان ۾ چوڌاري ڊَڀَ ڄاول هئا. (هوءَ مٿي ان ڪري چڙهي هئي، جو هن محسوس ڪيو هو ته هن ڪنهن فرشتي جا کنڀ ڏٺا هئا.) پريان اُس ۾ سوٻٽن جي ڄارن منجهان وڻ شعلن وانگر چمڪي رهيا هئا. ڪٿي ڪٿي ٿوهر جا ٻوٽا، سالومن جي گهر ۾ رکيل انجيل جي ”پيغمبرن“ جيان بيٺا هئا. هڪ اداس ڪبوتر جو اڪيلو آواز ماحول ۾ گونجي رهيو هو. ڪاش! هي وڻن جا پن چرندا رهن، ۽ ڪاش، هي ڄار ٽٽي پون! پر ماٿريءَ تان لهندي لويءَ دل ئي دل ۾ اها دعا گهري ته شل ڪو جن ڀوت ائين نه ڪري! سالومن جي منجي جهلڻ کان پوءِ، هوءَ ٻئي هڪ ڀيري کان سواءِ وري ٻاهر نه ويئي. +لويءَ کي احساس هو ته ڪنهن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ گهربل نفاست ته هن جي ڪو اچي ڏسي! ڪير آهي، جو ان لاءِ هن کي داد ڏيئي نه سگهندو! هوءَ ’ٽري‘ ۾ کاڌي جون شيون حيرت جهڙيءَ خوش اسلوبيءَ سان رکندي هئي. جڏهن ڪپڙن کي استري ڪرڻ وهندي هئي، تڏهن پنهنجو ڳائڻ به بند ڪري ڇڏيندي هئي؛ ۽ جڏهن هوءَ بستري تي ويهي پکو جهلي مکيون هڪليندي هئي، تڏهن ته هوءَ اهڙيءَ خاموشيءَ ۽ سڪوت سان وهندي هئي، جو هن کي پنهنجي ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪين ايندو هو. هوءَ سڄي گهر کي، بنا ڪنهن شي ڪيرائڻ جي صفا ڪري سگهندي هئي؛ پليٽون بنا ڪنهن آواز جي ڌوئندي هئي. جڏهن هوءَ کير ولوڙڻ لاءِ ٻاهر ايندي هئي، تڏهن منڌيءَ جو آواز کيس ڏاڍو پُرسوز ۽ ڏک ڀريو محسوس ٿيندو هو؛ ۽ جيڪڏهن سالومن بدران اهو آواز کيس پنهنجي وطن ۽ گهر جي ياد ڏياريندو ��و، ته هوءَ ان تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏيندي هئي. +پر سالومن اکيون کولي هن کي ڏسندو به ڪين هو، کاڌو به مس ڪو چکندو هو. هو ڪو بيمار يا پنگلو ڪين هو، نڪي بدن ۾ ڪو ڏک سور هوس، پر هن جو جسم يقيناً ڳرندو ڀُرندو ٿي ويو. لوي ڪهڙو به لذيذ طعام رڌي آڻي کيس ڏيندي هئي، ته هو فقط ان کي اهڙين نظرن سان ڏسندو هو، ڄڻ ته هن جي کائڻ جا ڏينهن پورا ٿي ويا هئا. هوءَ کيس کائڻ لاءِ ڪا منٿ ڪري، تنهن کان اڳ هو گَهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويندو هو. جيڪڏهن هو ڪا شي نه چکندو هو، ته هوءَ هن کي وڌيڪ ڪجهه چئي به ته نه سگهندي هئي؛ ۽ هن کي هميشھ اها ڳڻتي اچي ورائيندي هئي ته اڳتي هو هن جي آندل ڪابه شي وات تي ڪانه رکندو، - ته پوءِ هو جيئرو ڪيئن رهي سگهندو! +پر هڪڙي ڏينهن صبح جو نيرن جي وقت، قياس ڪري هن لاءِ بيضا تيار ڪيائين، ۽ ’ٽري‘ ۾ رکي کڻي آئي، ته کيس نالو وٺي سڏ ڪيائين. هو گَهريءَ ننڊ ۾ هو. هو بستري جي پوري وچ تي، پنهنجي واچ پاسي ۾ رکي، ڏاڍي شان سان ستو پيو هو. هڪ هٿ سان رضائي مٿي کنيائين: جيتوڻيڪ بهار جي مند اچي ويئي هئي، پر هو اڃا تائين رضائي مٿان ڪري سمهندو هو. دريءَ جي سڻيءَ جي پردن منجهان هلڪي هوا ڦون ڦون ڪندي پئي آئي، ڄڻ ته ڪن ٻارڙن جي گول گول نازڪ ڳلن منجهان ٿي نڪتي. سڄي رات ڏيڏرن ’ٽان ٽان‘ ڪري هُل مچايو هو، پر هو سڄي رات بنا ڪنهن چرپر جي گَهريءَ ننڊ ۾ پيو هو؛ ۽ لوي ساري رات جاڳندي ڏيڏرن کي ”شش، شش“ ڪري ماٺ ڪرڻ لاءِ پاراتا ڏيندي رهي؛ هن کي اهو ڊپ هو ته متان سالومن ڏيڏرن جي آوازن تي رنج ٿي پوي. +هن جي منهن مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته هن اڃا به ڪجهه وقت ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي، ان ڪري ’ٽري‘ پاسي تي رکي، هوءَ هن جي جاڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ان طرح بلڪل سانت ۽ چپ چاپ ويهندي، هوءَ پنهنجي پاڻ کي خواب ۾ محسوس ڪرڻ لڳي. ڪڏهن هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هوءَ جو ان طرح بنا ڪنهن آواز جي اچي، خاموشيءَ سان ويهي رهندي هئي، سو ان ڪري جو گهر ۾ ڄڻ ته ڪو ننڍڙو ٻار سمهيل هو. هوءَ محسوس ڪندي هئي ته هن کي ڄڻ ته هڪ ٻار هو، ۽ هوءَ سندس ماءُ هئي. جڏهن هوءَ سالومن جي بستري وٽ بيهي، کيس ڏسندي هئي، تڏهن هوءَ سوچيندي هئي ته ”هو ڪهڙي نه مٺيءَ ننڊ ۾ آهي!“ ۽ هن کي جاڳائڻ تي مرضي ئي ڪانه ٿيندي هيس. ٻئي هڪ خيال کان به هوءَ هن کي جاڳائڻ کان ڊڄندي هئي، ڇاڪاڻ ته ننڊ ۾ به هو ڏاڍو شوخ نظر ايندو هو. +سامهون ڀت ۾ ٽنگيل فوٽي ۾، سالومن جي جوانيءَ جي تصوير هئي، ڪاش، هن کان اهو وسري وڃي ته اها تصوير ڪنهن جي هئي! ان زماني ۾ هن جي پيشانيءَ تي ڪنهن شاهي ڇٽ وانگر وارن جي هڪ چَڳ پئي لڙڪندي هئي. هاڻ سندس وار گهڻو هٽي ويا هئا، ۽ انهن مان بهار موڪلائي ويئي هئي. جوانيءَ ۾ سالومن جو منهن به رونقدار هو: ڇڊا تڻڪيل ڀرون، تيز ۽ ڀرپور اکيون، رعبدار وات، جنهن تي سدائين هڪ سونهري مرڪ ڇانيل هوندي هئي. اڃا به جڏهن ڪپڙا لٽا پائيندو هو، ته هو اهڙو ئي لڳندو هو؛ پر ڏينهن جو جڏهن بستري ۾ ستل هوندو هو – پوءِ جاڳندو هجي يا ’بائيبل‘ پڙهندو هجي – هو بنهه هڪ مختلف ۽ ننڍڙو شخص معلوم ٿيندو هو. پنهنجي پاڻ جو ڪو ٻڍڙو مائٽ معلوم ٿيندو هو. ۽ جڏهن هو ننڊ ۾ ستو پيو هوندو هو، ۽ هوءَ مٿانئس بيهي مکيون هڪليندي هئي، تڏهن هن جو منهن اهڙو نئون، اهڙو لسو ۽ صاف لڳندو هو، ڄڻ ته سامهون دريءَ جي ڀرسان ڪو بلوري گلاس رکيو هو؛ ۽ هوءَ هن جي پيشانيءَ مان ذري گهٽ پروڙي سگهندي هئي ته هو ڇا سوچي رهيو هو. +هوءَ پکو هڻندي رهي، ۽ نيٺ هن پنهنجون اکيون کوليون، ۽ سندس نالو وٺي سڏ ڪيائين، پر هوءَ جيڪي بيضا تيار ڪري کڻي آئي هئي، تن کي چکيائين به ڪين. +هوءَ رڌڻي ۾ ويئي، ۽ اتي پنهنجي ۽ هن جي نيرن گڏي خوب ڍو ڪري کاڌائين، ۽ پوءِ کليل دروازي کان ٻاهر ڏسڻ لڳي. ڪالهوڪو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات، هن پنهنجي قريب بهار جي ڪيفيت محسوس ڪئي هئي. گهر ۾ بهار جي موجودگي اهڙي انداز ۾ هئي، جيئن ڪو نوجوان ماڻهو گهر ۾ موجود هوندو آهي. چنڊ جون پويون تاريخون هيون، ۽ ٻاهر ماڻهو زمين کي هر ڏيئي رهيا هئا، ۽ ان ۾ مٽر پوکي رهيا هئا. سرخ سرخ ٻنين ۾، جهنگ جي اوڙن کي ڏنل باهه مان دونهون اهڙيءَ طرح ڦهلجي رهيو هو، ڄڻ ته آسمان جو نيلگون پلو لُڏي رهيو هو. ٻنين ۾ هڪ سرخو گهوڙو ۽ بگو خچر هر ڇڪي رهيا هئا. +ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ فضا ۾ گهٽيل گهٽيل پڪارون اٿي رهيون هيون، ۽ هن کي ائين ٿي جاڳايائون ڄڻ ته هوءَ ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ جهوٽا کائي رهي هئي، ۽ کيس چئي رهيون هيون ته ”اٿي، ٻاهر نڪر!“ هوءَ ڏسي رهي هئي ته ٻنين ۾ ماڻهو – جوان ۽ ڇوڪريون، مرد ۽ عورتون – گهمي رهيا هئا، ڪي پيادل هئا، ته ڪي خچرن تي سوار هئا. مٿن تي ٽوپلا پيل هئن، ۽ ڪلهن تي پاهوڙا ۽ ٻيانا رکي، کلندا ڪڏندا ائين وڃي رهيا هئا، ڄڻ ته ڪلهن تي جهنڊا کڻي ڪنهن دور دراز مقام ڏانهن سفر تي نڪتا هئا - ۽ ائين ٿي ڀانيو ته ڪنهن اشاري ملڻ سان، هو نعرا هڻندا، هوڪرون ڏيندا، سانگ ڪندا، هڪ ٻئي کي سڏ ڪندا ۽ جواب ڏيندا، ڊوڙندا ۽ هڪ ٻئي کي جهلڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن گوهيون ڏيندا، آخر وڃي منجهند جي فرحت بخش مدهوشيءَ ۾ زمين تي ليٽي لطف اندوز ٿيندا. پوءِ ٻڍڙيون عورتون پنهنجي جهوپڙن مان نڪري آيون، ۽ پورهيتن کي ماني ڏنائون، ماني کائي سڀ پورهيت ٻنين ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم تي ٽڙي پکڙي ويا. ننڍڙا ٻار به، ڪنهن اڇلون ڏيندڙ درياهه وانگر، ٻنين تي ڇانئجي ويا، ۽ کيڙيل ڌرتيءَ جي کلئي پيٽ تي، مردن ڏانهن، زال ڏانهن، ڪتن ڏانهن، پکين پٺيان – مطلب ته جيڏانهن ٿي آين تيڏانهن ڊوڙ ڊوڙان لائي ڏنائون – سندن سنهڙا آواز مس ٿي ٻڌڻ ۾ آيا. پري ٻنين جي وچ ۾ گاهه جون دنيون سفيد ۽ سونهري مينارن وانگر معلوم ٿي رهيون هيون، ۽ ڪاري رنگ جون ڍڳيون انهن جي پاسن ۾ چڪ وجهڻ لاءِ اچي مڙيون هيون. ٻنين، سندن پنهنجي گهر، جهوپڙين ۽ چوگرد رستي – جيڪو ڄڻ ته ڪنهن کاهيءَ وانگر انهن چيزن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو هو – هر چيز مٿان ڦرندڙ آسمان هو، جنهن جي نيراڻ ۾ شعلن وانگر بلندين تي ڦهليل سهڻا سهڻا سفيد ڪڪر هئا. جيڪي ڪجهه ٻاهر ٿي رهيو هو – اهو سڀڪجهه سالومن جو پنهنجو هو -، ان جي وچ ۾ گَهريءَ ننڊ ۾ ستل سالومن هڪ خاموش نقطي وانگر معلوم ٿي رهيو هو. +گهر اندر به هوا خوشبوءَ سان ڀريل هئي. سالومن لويءَ کي ڪڏهن به ڪڪڙين جي کڏين يا ٻاهر کوهه کان اڳتي وڃڻ جي اجازت نه ڏني هئي. پر جيڪڏهن هوءَ ٻنين ڏانهن وڃي، پاهوڙو کڻي ايترو پورهيو ڪري، جو سندس رڳون سرخ رت ۾ سيٽجي وڃن، ۽ پنهنجي پورهئي ۾ رڱجي ٻين ڇوڪرين وانگر کليل ڌرتيءَ تي پنهنجون ڳل رکي سمهي رهي، ۽ ٻڍڙي سالومن کي پنهنجي مسرت ۽ اشتياق سان شرمندو ڪري، ته هوند ڇا ٿي پوي؟ هن کي شرمندو ڪري! دروازي کان ٻاهر نهاريندي، اها ڪٺور تمنا ڪهڙيءَ نه تيزيءَ سان هن جي دل ۾ اچي ويئي هئي! پوءِ هن پليٽون ڌوئي، ميز به صاف ڪري ڇڏي. هوءَ ننڍڙن ڇيلڙن جون ٻاڪارون ٻڌي رهي هئي. سندس ماءُ جنهن کي شاديءَ کان پوءِ وري ڏٺو به ڪين هئائين، هڪ ڀيري کيس چيو هو ته ’مرد ڀلي کڻي جو چاهي، ٿي پوي؛ پر شل ڪا عورت بڇڙي نه ٿئي!‘ +صبح جو سمورو وقت هوءَ چلهه تي ڪڪڙ جو شورو تيار ڪندي چکندي رهي، ۽ جڏهن تيار ٿي ويو، تڏهن هڪ پيالو ڀري سالومن وٽ کڻي آئي. هو ننڊ ۾ ڪو خواب ڏسي رهيو هو. پر خواب آخر هو ڪهڙو ڏسندو هوندو؟ پوءِ هن ڏٺو ته ننڊ ۾ هن هڪ هلڪو ٿڌو ساهه ڀريو، ڄڻ ته هن جي ذهن ۾ تازي بيضي جهڙي جيڪا گول گول شي موجود هئي. تنهن کي ڀڃي بگيڙڻ نه ٿي چاهيائين. چئبو ته هڪ ٻڍڙو ماڻهو به ڪنهن خوبصورت چيز جو خواب لهي ٿي سگهيو. لويءَ سوچيو ته هو ننڊ ۾ اکيون بند ڪري، شاديءَ جي مُنڊيءَ واري هٿ سان رضائيءَ کي سيرڻ جون ڪوششون ڪندي هن بابت ته خواب ڪين ڏسي رهيو هو؟ شايد هو خواب ۾ اهو ڏسي رهيو هو ته وقت گهڻو ٿي ويو هو، ڇو ته ننڊ ۾ به هو ڪنهن گهڙيال وانگر وقت جي ڄاڻ رکندو هو؛ ۽ هن وٽ جيڪا چانديءَ جي واچ هوندي هئي، ان کي ڏسڻ کان سواءِ ئي هن کي صحيح وقت جي خبر پئجي ويندي هئي. هو سمهندو هو، ته به واچ هٿ ۾ هوندي هيس. ۽ ننڊ ۾ واچ اهڙي طرح پنهنجي ڳل سان لڳائي سمهندو هو، جيئن ٻار پنهنجي رانديڪن کي ڳل سان لڳائي سمهندا آهن. يا ممڪن آهي ته هو ڪنهن آگبوٽ ۾ ’نئچز‘ ڏانهن مسافري ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو هو. ان جي باوجود هوءَ اهو ئي سوچيندي رهي ته هو سندس ئي متعلق خواب ڏسي رهيو هو. پر جڏهن هوءَ ائين چتائي سالومن کي ڏسي رهي هئي، تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو ته پلنگ جون سيخون ڪنهن مضبوط لوڙهي وانگر هن ۽ سالومن جي وچ ۾ اڀري رهيون هيون. هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ تيسين يقين سان ڪجهه چئي سگهڻ مشڪل آهي، جيسين انهن مان هڪڙو جاڳندو هجي، ۽ ٻيو ننڊ پيو هجي. هن کي ان وقت پنهنجي متعلق خواب لهندو محسوس ڪرڻ، جنهن وقت ممڪن آهي ته هو مري رهيو هجي – انهيءَ تصور ئي هن کي ڏڪائي ڇڏيو، - ڄڻ ته هو هن کي به پاڻ سان موت ڏانهن گهلي ويندو. هن ڪمري مان ڀڄي وڃڻ جو خيال ڪيو. گهڙيءَ لاءِ هو پلنگ کي جهلي بيهي رهي، ۽ ڪجهه وقت ائين ئي بيٺي رهي. پوءِ سالومن اکيون کولي کيس سڏ ڪيو، پر ڪابه شي ڪانه طلبيائين. هن لذيذ شوروو به ڪين چکيو. +ان کان ٿورو ئي وقت پوءِ، جيئن هوءَ ٽانڊو کڻيو مهڙ واري ڪمري ۾ ٿي ويئي، تيئن هن ڪو آواز ٻڌو، شايد ڪو اچي رهيو هو. ٻئي پردا ڇڪي، جهاتي پائي، ٻاهر ڏسڻ لڳي. +شيشن وارن وڻن واري رستي تان هڪ سفيد فام عورت اچي رهي هئي. پهرينءَ نظر ۾ هو جوان نظر آيس، پوءِ هوءَ ٻڍڙي معلوم ٿيڻ لڳي. ٻنين واري پيچري تي حيرت جهڙي هڪ ننڍي موٽر، ڪٽليءَ وانگر ٻاڦون ڪڍندي بيٺي هئي – ڪنهن طرح موٽر اتي پهچي ويئي هئي. +لوي ڪافي دير ماٺ ڪري دروازي کي کڙڪائڻ جا آواز ٻڌندي رهي، پوءِ نيٺ دروازي کي ٿورو کوليائين. اها عورت دروازي جي انهيءَ ٿوري لنگهه مان اندر هلي آئي. هوءَ وچولي جسم جي عورت هئي، ۽ مٿي تي هڪ وڏو ٽوپلو به پيل هوس. +”منهنجو نالو ’مس بيبي ميري‘ آهي،“ عورت چيو. +لوي، ڏاڍيءَ عزت منجهان انهيءَ عورت ۽ سندس ننڍڙيءَ صندوق کي ڏسڻ لڳي، جيڪا هوءَ هٿ ۾ جهليو بيٺي هئي. عورت جون نظرون گهر جي ماحول جو جائزو وٺي رهيون هيون - ۽ هوءَ چئي رهي هئي، ”آءٌ هتان..... ’نئچز‘ کان ٿورو پرڀرو رهندي آهيان...... ۽ هي سينگار جون شيون گورن توڙي ڪارن ماڻهن کي ڏيکارڻ ويندي آهيان...... دور دور هنڌن تي ....... سالن جا سال، اهي پائوڊر ۽ لاليون ڏيکاريندي رهي آهيان. مون وٽ اهڙيون شيون آهن، جيڪي ڇوڪريون سولائيءَ سان استعمال ڪري ٿيون سگهن، ۽ پنهنجي گهرن کان پري به وڃڻو ڪين ٿو پوين ”.........“ جيترو زياده هن لويءَ کي گهوريو ٿي، اوترو تيز ڳالهائڻ ٿي لڳي. اوچتو پنهنجو منهن مٿي ڪري چوڻ لڳي، ”گلدانيءَ ۾ کنڀ وجهي رکڻ عيسائيت ۽ صفائيءَ جي اصولن جي خلاف آه��،“ ۽ پوءِ هن پنهنجي چولي جي اڳ مان هڪ چاٻي ڪڍي، صندوق جا ڪلف کولڻ شروع ڪيا. هن جي چهري ۾ چمڪ اچي ويئي؛ سندس منهن اڇي ۽ ڳاڙهي پائوڊر جي تهن سان ڍڪيل هو، ۽ سندس مٿئين چپ جي مٿان چمڙيءَ جا گهنج اڇي پائوڊر جي تهن ۾ لڪي ويا هئا. ڳاڙهن وارن جون چڳون سندس ڪکائين ٽوپلي مان ليا پائي رهيون هيون. هوءَ هڪ عجيب ڪامرانيءَ ۽ رازدارانه انداز سان پنهنجي صندوق مان مختلف شيشيون ۽ دٻلا ڪڍندي ويئي، ۽ هڪ هڪ ڪري ميز، ۽ آتشدان واري تختي تي رکندي ويئي. +”تو ڪڏهن هيترو سارو سينگار جو سامان ڏٺو آهي؟“ بيبي ميريءَ پڇيو. + + +”نه، مئڊم،“ لويءَ چوڻ چاهيو، پر اکر تارونءَ ۾ اٽڪي پيس. +”ڪڏهن سينگار جون شيون استعمال ڪيون اٿئي؟“ +”نه مئڊم.“ +”ته پوءِ، هان، هي وٺ،“ هن کيس چيو، ۽ سڀ کان آخري شي صندوق مان ڪڍندي کيس ڏنائين. +”هيءَ آزمائي ڏس!“ هن جي هٿ ۾ سونهري رنگ جي هڪ ’لپسٽڪ‘ هئي، جيڪا جادوءَ وانگر کلي ٿي پيئي. انهيءَ منجهان هڪ تيز خوشبو نڪري آئي، - ۽ لويءَ اوچتو رڙ ڪري چيو، ”الا، جهڙا موتئي جا گل!“ +هن هٿ وڌائي لپسٽڪ ورتي، ۽ گهڙيءَ لاءِ هوءَ پُر بهار فضا ۾ اڏامڻ لڳي؛ ۽ هڪ مخمور مرڪ سان ڪنهن قرمزي رنگ جي ڪڪر منجهان گهوريندي، هوءَ موتئي جي ٻوٽي – سندس چهچ ساون پنن ۽ نوراني گلن کي – سڏڻ لڳي، ۽ تصور ئي تصور ۾ هوءَ وري ان گهر ۾ پهچي ويئي، جنهن کي ڇڏي آئي هئي. موتئي جي ٻوٽي جي هڪ پاسي سندس ماءُ هڪ ڊگهو پيشبند پايو بيٺي هئي: هوءَ اهو به ڏسي رهي هئي ته سندس ماءُ جي پيشبند جي جهول ۾ پڪل انجير هئا؛ ۽ ٻئي پاسي سندس پيءُ هڪ تلاءَ ۾ مڇين ڦاسائڻ جي ڪنڍي وجهيو ويٺو هو. هوءَ اهو منظر چٽيءَ طرح ڏسي رهي هئي، ۽ ڏٺائين ته تلاءَ جي شفاف پاڻيءَ ۾ مڇيون اڇلون ڏيئي ڪناري تائين پئي آيون. +”نه نه، انهيءَ ۾ موتئي جا گل نه، پر ٻيون ڪي عجيب شيون آهن،“ مس بيبي ميريءَ چيو، ”تون ڀل استعمال ڪري ڏس. چپن تي خوب مهٽي هڻجانءِ.“ +لوي پٻن تي هلندي، پاڻيءَ جي گينڊيءَ تائين ويئي، ۽ آرسيءَ ۾ ڏسندي، چپن تي سرخي هڻڻ لڳي. پاڻيءَ جي سطح تي سندس منهن شعلي وانگر نچڻ لڳو. مس بيبي ميري سندس پٺيان آئي، ۽ لويءَ جي منهن ڏانهن ڏسي چيائين، ”بلڪل ٺيڪ لڳائي اٿئي.“ +لويءَ، لپسٽڪ سان ڀنل چپن کولڻ کان سواءِ، چيو، ”مهرباني.“ +مس ميري لويءَ جي پٺيان بيهي، سندس ڪلهن وٽان آرسيءَ ۾ ڏسندي، هن جي وارن جي ڳُتُن کي ٺيڪ ڪرڻ لڳي. ”هيءَ لپسٽڪ آءٌ توکي فقط ٻن ڊالرن ۾ ڏينديس،“ هن سندس پاسي ۾ بيهندي چيو. +”پر مون وٽ ته پئسو بنهه ڪونهي. نه ڪي ڪڏهن ڪو هئم ئي سهي،“ لويءَ چيو. +”پر تون هينئر ڀلي نه ڏينم. آءٌ وري ڀيرو ڪنديس، تڏهن ڏجانءِ. آءٌ ائين ئي ڪندي آهيان. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري اينديس.“ +”اوهه،....... ڪجهه ڏينهن کان پو!“ +”جي هينئر نه وٺندينءَ، ته وري نه ملنديئي. هي پهريون ڀيرو آهي، جو تنهنجي گهر آئي آهيان – وري نه اينديس.“ مس ميريءَ تکائيءَ مان چيو. ”هي تنهنجو گهر دنيا جهان کان پري آهي؛ تون ڪا شهر جي ويجهو ڪين ٿي رهين.“ +”برابر مئڊم، سچ ٿي چوين. پر پئسا منهنجي مڙس وٽ آهن،“ لويءَ ڪجهه ڏڪندي چيو. ”هو ڏاڍو سخت ماڻهو آهي. هن کي اها به خبر ڪانهي ته ڪا تون هتي آئي آهين – نه ته ...... مس بيبي ميري!“ +”تنهنجو مڙس ڪٿي آهي؟“ +”هُن ڪمري ۾ ستو پيو آهي. ٻڍڙو ماڻهو آهي. کانئس آءٌ پئسا گهري ڪين سگهنديس.“ +مس بيبي ميريءَ لپسٽڪ وري پيتيءَ ۾ بند ڪري ڇڏي. سڀ شيشيون ۽ دٻلا به ميڙي، پيتيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ هوءَ اٿي وڃڻ لڳي. +”خدا حافظ،“ هن چيو، ۽ اهڙيءَ طرح هلڻ لڳي، جئن پٺيان سندس هار سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه چڱيءَ طرح ظاهر ٿئي. پر وري پويان مُڙي ڏسڻ کان رهي نه سگهي. +”ڏسان ته سهي، تنهنجو مڙس ڪهڙو آهي؟“ +لويءَ ڏاڍيءَ فرمانبرداريءَ منجهان پٻن تي هلندي، ٻئي ڪمري جو دروازو کوليو. مس ميري به سندس پويان اچي اندر نهاريو. +”الا، هي ته بنهه ڪو جيتامڙو، ٻڍڙو شخص آهي!“ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو؛ ۽ هٿ مهٽيندي، ڪنڌ ڌوڻيندي، وري چوڻ لڳي، ”هيءَ رضائي ته ڪهڙي نه سهڻي آهي!........ ڪيترو نه پوڙهو آهي هي شخص!“ +”هي سڄو سڄو ڏينهن ائين مٺيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هوندو آهي،“ لويءَ ٿورو فخر منجهان بنهه ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو. +گهڙيءَ لاءِ جو هن کي گهري ننڊ ۾ ستل ڏسنديون رهيون، ۽ پوءِ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳيون. ائين ٿي ڀانيو ته هنن ڪو راز معلوم ڪري ورتو هو. هو بنهه چريو به ڪين. پوءِ لويءَ آهستگيءَ سان دروازو بند ڪري ڇڏيو. +”خير، هاڻ ته آءٌ هيءَ لپسٽڪ ضرور ڏيئي وينديس،“ مس ميريءَ خوش طبعي مان چيو. هوءَ دروازي وٽ بيهي مرڪڻ لڳي. +”پر مون توکي اڳي ئي ٻڌايو آهي ته مون وٽ پئسو ڪونهي، نه ڪي اڳ ڪڏهن هو.“ ”۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندو، ائين نه؟“ پوريءَ فضا ۾، هن سفيد فام عورت جي مٿي جي چوڌاري هڪ روشن حلقو پيدا ٿي پيو هو؛ ۽ اهو ڏينهن واقعي بهار جو ڏينهن هو. +”ڀلا، چئين ته ڪجهه بيضا ڏيانءِ؟“ لويءَ آهستي چيو. +”نه، مون وٽ ڪافي بيضا آهن!“ مس بيبي ميريءَ چيو. +”ته پوءِ ڇا ڪجي؛ مون وٽ پئسا ته آهن ئي ڪين،“ لويءَ چيو؛ ۽ مس بيبي ميري پنهنجي صندوقڙي کڻي، ڪنهن پاسي هلي ويئي. +لوي بيٺي، هن کي ويندي ڏسندي رهي، ۽ سمورو وقت سيني جي ڏائي پاسي ۾ پنهنجي دل جي تيز تيز ڌڪ ڌڪ محسوس ڪندي رهي. هن هٿ کڻي ان جاءِ تي رکيو. ائين ٿي محسوس ٿيو ته سندس چپن جي انهيءَ جهلڪن ڏيندڙ رنگ جي ڪري سندس دل ڌڙڪي رهي هئي ۽ سندس سڄي منهن مان شعلا نڪري رهيا هئا. هوءَ اندر وڃي سالومن جي ڀرسان ويهي رهي - ۽ جڏهن هن اکيون کوليون، تڏهن هن ۾ ڪابه تبديلي ڏسي نه سگهيو. ”شايد سفر جي تياريءَ ۾ آهي،“ هن دل ئي دل ۾ چيو. اهو ئي راز هو. پوءِ هوءَ ٿڌي هوا کائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتي. +هوءَ نئچز ماٿريءَ واري رستي تي هلڻ لڳي. ڪيترو پنڌ ڪيائين، تنهن جي هن کي پروڙ نه رهي، پر اڃا هوءَ گهڻو پري نه ويئي هئي، ته هن کي ڪجهه نظر آيو. اهو هو هڪ ماڻهو....... جيڪو هن کي جن ڀوت وانگر نظر اچي رهيو هو – هوءَ پيچري جي هڪ پاسي بيٺي هئي، ۽ اهو ماڻهو ٻئي پاسي تي. +جئن ئي هن ماڻهوءَ جي هن تي نظر پئي، تئن هو پنهنجي ٺاهه ٺوهه کي ڏسڻ لڳو. پنهنجي چمڪندڙ چهنبدار بوٽ کان شروع ڪندي، هن مٿي نهارڻ شروع ڪيو؛ پنهنجي ڪلهن کان پٽن واري پتلون کي ڇڪيندي، پنهنجي خوبصورت جورابن کي پوريءَ طرح ڏٺائين؛ ڊگهي ۽ ويڪري سائي رنگ جي ڪوٽ کي کولي، پنهنجي بادامي رنگ جي پتلون کي ڏسڻ لڳو؛ ۽ ڪالرن وٽان ڇڪيندي پنهنجي پتلون کي سڌو ڪيائين. کيس هلڪي گلابي رنگ جي هڪ ريشمي قميص پيل هئي. پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ٿالهه جهڙي گول ٽوپلي کي لاهي ڏٺائين، ۽ ان ۾ پيل سائي رنگ جي کنڀ کي هٿ لائي ڏٺائين، جيڪو بهار جي هوا ۾ ڦڙڪي رهيو هو. +هوءَ کڻي ڪهڙي به لڳندي هجي، پر يقيناً هِن جوان جهڙي دلڪش ڪانه ٿي معلوم ٿي - ۽ لويءَ کي انهيءَ تي ڪو افسوس ڪونه ٿيو. هن کي پاڻ هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿي. +هُن ٽي ٽپ ڏنا – هڪڙو هيٺ ٻه مٿي - ۽ لويءَ جي ڀر ۾ پهچي ويو. +”منهنجو نالو ’ڪئش‘ آهي،“ هن چيو. +هُن جي کيسي ۾ هڪ ننڍڙو سهو پيو هو. ٻئي ڄڻا رستي تي هلڻ لڳا. هوءَ هن ڏانهن چتائيندي، گهوريندي رهي؛ هو ائين هلي رهيو ��و، ڄڻ ته هو هن سان گڏ پنڌ ڪرڻ بجاءِ ڪو عجيب جرات ڀريو ڪارنامو ڪري رهيو هو. لويءَ ڏانهنس صرف انهيءَ ڪري ڪين ٿي نهاريو ته ڪو هن کي شهري قسم جا ڪپڙا پيا هئا، يا کيس ڪا اها اميد هئي ته هو ڪو شهري نموني سان هن کي گستاخ نظرن سان ڏسڻ لڳندو. محض هن جي هلڻ جي نموني به هن کي متاثر ڪين ٿي ڪيو – جو هو رستي ۾ گلن کي به ٿڏا هڻندو ٿي هليو، ڄڻ ته هن جي رستي ۾ جيڪي ايندو، تنهن کي مسمار ڪندو ويندو – بلڪ اڃا ڪا ٻي چيز هئي، جنهن کي ڏسي لويءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. جيڪڏهن هن ۾ ان ڏينهن واري ڪيفيت نه هجي ها، ته شايد هوءَ هن کي ايترو چتائي ڪين ڏسي ها؛ پر ماڻهوءَ جي شان ۾ وقت وقت جو به ته فرق آهي، ۽ ڪهڙيءَ گهڙيءَ زندگيءَ ۾ ڪو ماڻهو اچي ٿو نروار ٿئي، اها به ته وڏي ڳالهه آهي! +هو ماٿريءَ جي پنن ڀريل پيچرن تان هلندا رهيا؛ وڻن وچان روشني ۽ پاڇولا هنن جي چوڌاري پکڙجندا ٿي ويا؛ سفيد ’آئرس‘ گل ڪنارن تي شمعن وانگر ٻهڪي رهيا هئا؛ ۽ شاه بلوط جي ٽارين ۾ نوان نوان گونچ سبزستارن وانگر چمڪي رهيا هئا. هو هلندا اچي سالومن جي گهر، شيشين وارن وڻن وغيره وٽ پهتا. لويءَ جا قدم رڪجي ويا، ۽ هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي. +ڪئش سينڍ وڄائي ڪو سُر ڪڍڻ لڳو. لويءَ کي خبر ڪانه هئي ته اهو سُر ڪهڙو هو؛ هن اهو سر اڳ ۾ پري کان ٻڌو هو – پوءِ هن کي ڄڻ ته الهام ٿيو، ۽ سمجهي ويئي. ڪئش ڪڙمي هو. گهڙيءَ ۾ بدلجي ٻيو ٿي پيو هو. ڪئش، سالومن جو ماڻهو هو. پر هن پورهئي جا ڪپڙا لاهي، ٻي پوشاڪ پاتي هئي. ۽ هاڻي هو سالومن جي گهر اڳيان بيهي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. هن جو مٿو گول هو، هن جو چهرو به گول گول هو؛ ۽ هن جي هر چيز جوان هئي، ۽ هو پنهنجي ڪنڌ کي سٽ ڏيئي، مٿي آسمان ڏانهن نهاري رهيو هو، ۽ هو سالومن جي گهر کي سامهون بيٺل ڏسي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. لويءَ نظر ورائي ڏٺو، ۽ سندس نظر مهڙ واري دروازي جي ڪليءَ ۾ ٽنگيل سالومن جي ڪاري ٽوپلي تي پيئي – دنيا ۾ سڀ کان ڪاري چيز اها هئي. +”آءٌ نئچز مان ٿي آيو آهيان،“ ڪئش ڪنڌ آسمان ڏانهن ڦيريندي چيو. +لابارن کان اڳ ۾ ايترو خوبصورت ايسٽر لاءِ تياري ڪئي اٿم.“ +لابارن کان اڳ ۾ ايترو خوبصورت لڳڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ شايد ڪئش ضرور ڪٿان پيسا چوري ڪيا هوندا. لنگهه وٽ بيهي، ٽهڪ ڏيندي، پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيائين ته ڪڏهن مٿي ٿي ڪيائين. هو پنهنجي کڙين سان پوئتي ٿڏا هڻي رهيو هو. لويءَ جي سڄي بدن ۾ سياٽو پئجي ويو. هن جي ٽهڪن ۾ اهڙي دهشت ۽ گهمسان ڀريل هو، جو ائين ٿي معلوم ٿيو ته هو پنهنجي مضبوط هٿ سان ڪنهن ڀير تي ڌڪ هڻڻ وارو هو، يا ڪنهن ماڻهوءَ تي مڪن جو وسڪارو ڪرڻ وارو هو. هوءَ منهن ۾ گهنڊ پائي هن جي ويجهو ويئي، ۽ هن جي جهولندڙ ٻانهن هن کي هڪدم ڇڪي کڻي ڀاڪر ۾ آندو، ۽ هن جي جسم مان ڊپ ائين نپوڙجي نڪري ويو، جئن تيليءَ جو ننڍڙو شعلو انهيءَ ساڳيءَ چيز جي هيٺان دٻجي وسامي ويندو آهي، جنهن سان ان ۾ شعلو پيدا ٿيو هجي. لويءَ ٻانهون ورائي سندس ڳچيءَ ۾ وڌيون، ۽ پٺيان ڪوٽ کي ٻنهي هٿن ۾ ڇڪي جهليندي، پنهنجا چپ هن جي چپن سان ڀچائي ڇڏيائين؛ ۽ هن کي پنهنجي پاڻ تي اهڙي ئي عبرت ٿيڻ لڳي، جهڙي شروع شروع ۾ هن کي ڏسي ٿي هيس. +ان گهڙيءَ هن کي ڪجهه اهڙو احساس جاڳيو، جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي – هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته سالومن جو موت قريب هو، ۽ اهو هن جي لاءِ اڳيئي مري چڪو هو. هن کان دانهن نڪري ويئي، ۽ هلڪيون رڙيون ڪندي گهر ڏانهن ڀڳي. +ڪئش به هڪدم سندس پويان وڃڻ لڳو؛ هو هن جي پويان ڊوڙڻ لڳو. هو هن جي ويجهو پهتو، رستي جي اڌ تي ٽهڪ ڏيندو هن کان اڳتي نڪ��ي ويو. هڪ پٿر کڻي، شيشين جي وڻن ۾ ڦهڪائي ڪڍيائين. لويءَ پنهنجا ٻئي هٿ کڻي پنهنجي مٿي تي رکيا، ۽ شيشين جي وڻن مان غصي ڀريل رڙين جهڙا آواز نڪرڻ لڳا. ڪئش دڙها هڻندو، اڳين ڏاڪن وٽان ٿيندو، اچي دروازي وٽ بيٺو. +جڏهن هوءَ اتي پهتي، تڏهن هو کيسن ۾ هٿ وجهي، مهڙ واري ڪمري ۾ پئي داخل ٿيو. هن جي کيسي مان ننڍڙو سهو منهن ٻاهر ڪڍي جهاتيون پائڻ لڳو. ڪئش جي اڳيان ديوارين تي چِٽيل کجين جا پن ائين ٿي معلوم ٿيا، ڄڻ ته ڪو سست سائي رنگ جو باندر انهن ڀتين تي ٽپا ڏيندو رهيو هو ۽ ڀتين تي سندس هٿن پيرن جا ساوا نشان رهجي ويا هئا. +هوءَ ڪمري مان لنگهي اڳتي ويئي؛ ۽ هن جا هٿ اڃا تائين کيسي ۾ هئا، ۽ ٻئي ڪمري جي بند دروازي کي ڪلهي سان ڌڪو ڏيئي کولي ڇڏيائين. هوءَ وڌي سالومن جي بستري وٽ آئي ۽ سڏ ڪرڻ لڳي، ”سالومن! سالومن!“ ٻڍڙي شخص جو ڏٻرو جسم چريو به ڪونه، ۽ رضائيءَ ۾ ويڙهيو سيڙيو پيو هو، ڄڻ ته اڃا سياري جي مند هئي. +”سالومن!“ هن رضائي ڇڪي لاهي ڇڏيس، پر ان جي هيٺان هڪ ٻي رضائي به هئي، ۽ هوءَ هن جي ڀرسان هيٺ گوڏن ڀر ويهي رهي. هن هڪ اونهي ساهه کڻڻ کان سواءِ ڪوبه آواز ڪونه ڪيو، ۽ لوي، ڦهليل خاموشيءَ ۾، مهڙ واري ڪمري ۾ ڪئش جي هلڪن قدمن جي اچ وڃ جو آواز ۽ بستري منجهان سالومن جي واچ جي ٽِڪ ٽِڪ ٻڌندي رهي. ٻڍڙو سالومن ننڊ ۾ نهايت دور پهتل هو. هن جو چهرو ننڍڙو، شوخ ۽ تَڻيل معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ ته هو اهڙيءَ جاءِ تي محڪم ارادي سان سير ڪري رهيو هو، جتي هوءَ تصور ۾ محض برف وسندي ڏسي رهي هئي. +پوءِ ڪجهه شور ٿيو، ڄڻ ته دروازي مان چيچاٽ آيو، ۽ ڪئش اچي سندس ڀرسان بيٺو. جڏهن هن مٿي نهاريو، تڏهن ڪئش جي منهن جو رنگ ايترو ڪارو هو، جو ان جي ڪاراڻ ۾ به ڄڻ هڪ چمڪ هئي؛ هن جو منهن ايترو تيز ۽ بي حس هو، جو لويءَ جي ذهن ۾ چڀي ويو. هوءَ اٿي بيهي رهي، ۽ پنهنجو ڪنڌ کڻي اوچو ڪيائين. ڪئش ۾ ڪا اهڙي قوت هئي، جو هن جي محض موجودگيءَ، هن جي مرضيءَ بغير، هن ۾ هڪ اٽل قوت پيدا ڪري وڌي هئي. +هنن جي اڳيان سالومن ننڊ پيو هو. ننڊ ۾ پيل ماڻهن جي منهن مان ڏسندڙن کي اهڙين ڳالهين يا چيزن جي ڄاڻ پئجي ويندي آهي، جن جي هنن کي اڳ ۾ ڪابه خبر ڪان هوندي آهي. جڏهن سالومن، لوي ۽ ڪئش جي اکين سامهون ستو پيو هو، تڏهن سندس چهرو هنن کي ديو مالا جي ڪنهن آکاڻيءَ وانگر ٻڌائي رهيو هو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙن ڪهڙن جتنن ۽ ڪوششن سان ۽ ڪهڙيءَ طرح ٿوري ٿوري ڪري عزت حاصل ڪئي هئي. پنهنجي زندگيءَ ۾ مستقبل لاءِ ڪنهن ماڪوڙي به ايتريءَ سخت محنت ۽ احتياط کان ڪم نه ورتو هوندو. جڏهن سالومن جوان هو، جئن مٿي ٽنگيل تصوير مان ٿي ظاهر ٿيو، تڏهن اهو ئي سندس واحد نصب العين هو، ۽ پنهنجي عزت ۽ آبرو حاصل ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۾ هن ڪا حد ئي پوئتي ڪانه ڇڏي هئي. هن اڪيلي پنهنجو گهر تيار ڪيو هو، ڄڻ ڪو پاليل پکي پنهنجي لاءِ پاڻ ڪو پڃرو ٺاهي رهيو هجي؛ پر هن لاءِ انهيءَ گهر جي حيثيت عظيم اهرام جهڙي وڃي ٿي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ اهرام جي تعمير جي خود فراموشيءَ ۾ هو پاڻ کي مصر جي انهن غلام معمارن وانگر محسوس ڪندو هو، جن کي انهيءَ عمارت جي ڄاڻ ۽ مقصد جي ڪابه خبر نه ٿي پئي، جنهن کي تعمير ڪرڻ لاءِ هنن سالن جا سال پنهنجي زندگيءَ جي سڄي قوت صرف ڪري ڇڏي هئي. لوي ۽ ڪئش ڏسي رهيا هئا ته هو پنهنجي بستري ۾ ائين ستو پيو هو، جئن ڪو شخص پورهئي کان پوءِ ٿڪجي ٽٽجي اچي آرام ڪندو آهي، ۽ هو پنهنجي رضائيءَ اندر ننڊ ۾ ڏاڍيءَ فرحت سان اونها ساهه کڻي رهيو هو؛ ۽ شايد پنهنجي خواب ۾ هو ڪا ماڪوڙي، ڪو ٽنڊڻ، ڪو پکي يا ڪو مصري هو، جيڪو پنهنجي پٺيءَ تي بار ڍوئي، ۽ هٿن سان ڪا شي تعمير ڪري رهيو هو، يا شايد هو هندستان جو ڪو ٻڍڙو شخص هو، يا ڪو ٻوڪيءَ ٻڌل ٻارڙو هو، جو بي پرواهيءَ مان هر شي ڏانهن ڏسي مرڪي رهيو هو. +پوءِ اوچتو ئي اوچتو، بنا ڪنهن چتاءَ ڏيڻ جي، سالومن جون اکيون کلي ويون - ۽ هو ننڊ مان سجاڳ ٿي پيو. +۽ ڪئش هڪدم تيزيءَ مان هڪڙو هٿ مٿي کنيو. هن جي نرڙ تي پگهر جون بوندون نمودار ٿيون، پر هن پنهنجي ٻانهن هيٺ نه ڪئي – هوا ۾ ئي بيٺي رهي، ڄڻ ته ٻانهن کي ڪنهن چيز اتي جهلي ڇڏيو هو. +اها ٻانهن لويءَ به ڪانه جهلي – هوءَ ته چري به ڪانه، ڄڻ ته ڪنهن هن کي چيو – ”ترس“، ۽ هوءَ ترسي بيٺي رهي. سندس اکيون سندس بي حس و حرڪت پنبڻين هيٺان جلڻ لڳيون، سندس اکين جا پردا هڪ موڙ کائي جدا ٿي ويا هئا، ۽ پنهنجون ٻانهون پاسن تي سُڪائي جهلي، هوءَ ٻڍڙي سالومن ۽ مضطرب نوجوان ڪئش کان الڳ ٿي بيهي رهي. +ڪا چرپر آئي، ته اها سالومن جي منهن ۾ آئي. هن جو منهن پوڙهو، کهرو ۽ ڪمزور هو، پر ان جي پٺيان، ڪنهن ڍڪيل روشنيءَ وانگيان، هڪ اهڙو جوش نمايان ٿيو، جيڪو هن جي پوڙهپڻ ۾ ڪڏهن ظاهر ٿيندو هو، ته ڪڏهن گم ٿي ويندو هو – پر جيڪو گهڻو وقت هميشھ گم ئي رهيو هو – هن ۾ هڪ عجيب پراسراريت پيدا ٿي ۽ هن جي اکين ۾ رقص ڪرڻ لڳي. اها پراسراريت ئي هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئش کي پنهنجي ٻانهن سان ڌڪ هڻڻو پوي ها، ۽ جنهن لاءِ لوي روئي به ڪانه سگهي ها. پر ڪئش پنهنجي ٻانهن مٿي کڻي بيٺو رهيو. هن جي قوت جي هلڪيءَ حرڪت سان، هن جي هڪ ئي ڦوڪ سان، ٻڍڙو سالومن هوند موت جي مرحلي تي وڃي پهچي ها، بشرطيڪ هن کي پنهنجي انهيءَ ڦوڪ جو استعمال معلوم هجي ها. پر ائين نه ٿي سگهيو: سالومن جي پراڻي ۽ ڪمزور منهن جي هڪ چمڪ ڪمري ۾ اهڙو اضطراب، هڪ اهڙي پراسراريت پيدا ڪئي، جو ڦوڪ ڏيڻ جو موقعو ئي پيدا نه ٿي سگهيو؛ ۽ يقين هو ته ڪئش، پنهنجي ايسٽر جي ڪپڙن ۾ ، بي چين ٿيندي شرم محسوس ڪري رهيو هو ته ڪنهن شخص جي حشمت ۽ شان جي جيئريءَ جاڳنديءَ حقيقت اڳيان، بنا چتاءَ جي، هو هڪ ڦوڪ به ڏيئي نه سگهيو. هن پنهنجو هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو، ۽ لويءَ جي پويان اچي بيهي رهيو. +”جوان ڪڏهن به ترسي نه سگهندا،“ سالومن چيو. +لوي زور سان ڏڪي رهي هئي، ۽ سندس اکين مان زار زار لڙڪ وهڻ لڳا، تيزيءَ سان وڃي پاڻيءَ جو گلاس ڀري آڻي کيس ڏنائين، پر هن کيس اکيون کڻي ڪين ڏٺو. +”سو نيٺ اهو نوجوان اچي ويو، جنهن لاءِ لوي ترسيل هئي. ڪا روم به ڪانه هئي. ڪا روڪ نه هئي. هاڻ آءُ ان کي ڏسي رهيو آهيان، جنهن کي گهڻي وقت کان سڃاڻان. آءٌ کيس ان وقت کان سڃاڻان، جڏهن هو ونئڻن جي هڪ ٻاري ۾ ڄائو هو، ۽ جنهن جو نيپاج به ياد اٿم. هائو، اهو ’ڪئش مڪارڊ‘ پوءِ وڏو ٿي، منهنجي گهر ۾ ايندو هو........ ميرن ڦاٽل ڪپڙن سان، ۽ پيرين اگهاڙو.“ +سالومن جي کنگهڻ مان ناراضگي ظاهر ٿي رهي هئي. پوءِ هن پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيون، ۽ هن جا چپ ڪنهن تسبيح پڙهندڙ وانگر چرندا رهيا. +”جڏهن لويءَ شادي ڪئي، تڏهن سندس مڙس اڳئي ڪجهه بنجي چڪو هو. هن پنهنجي زمين لاءِ ڳري قيمت ادا ڪئي هئي. جڏهن هو کيس گهر وٺي ٿي آيو، تڏهن گاڏيءَ کان وٺي گهر تائين، هن انجير جا پن پکيڙي ڇڏيا هئا، ته جئن سندس پير پٽ تي نه پوي. هو کيس ڀاڪر ۾ کڻي گهر ۾ اندر داخل ٿيو هو، پوءِ هو ٻڍڙو ٿي ويو، ۽ کيس ڀاڪر ۾ کڻي نه سگهيو، ۽ هوءَ اڃا تائين جوان هئي.“ +هن جي هر اکر تي لويءَ جا سڏڪا ڪنهن هلڪي سنگيت وانگر هر واقعي کي دهرائي رهيا هئا. سالومن جا چپ بنا ڪنهن آواز ڪڍڻ جي ٿورو حرڪت ۾ آيا، يا شايد لوي تمام زور سان روئي رهي هئي، ۽ شايد هن جي آواز ۾ هن جا اکر دٻجي ويا، جن ۾ شايد هو پنهنجي سموري زندگي بيان ڪري ويو هجي - ۽ پوءِ هن چيو – ”خدا سالومن کي سندس گناهه معاف ڪندو! خدا سالومن کي هڪ ننڍڙي ڪنوار کڻي اچڻ، ۽ هن کي پنهنجي مائٽن ۽ هڪ جيڏن کان دور رکڻ جو گناهه معاف ڪري، هو کيس پاڻ وٽ واپس نيڻ چاهيندا“. +پوءِ هن پنهنجو ساڄو هٿ لويءَ ڏانهن ڊگهيريو، ۽ هن کي پنهنجي چانديءَ جي واڇ آڇيائين. هو سندس اکين اڳيان واچ گهمائڻ لڳو، ۽ هن پنهنجو روئڻ بند ڪري ڇڏيو، سندس لڙڪ بند ٿي ويا. گهڙيءَ لاءِ سندس مغرور هٿ ۾ واچ جي ٽِڪ ٽِڪ جاري رهي. پوءِ لويءَ اها واچ کانئس ورتي، ۽ هٿ ۾ جهلي بيهي رهي. پوءِ هن پنهنجي رضائي ڇڪي مٿان ڪئي، ۽ پوءِ هو مري ويو. +لوي سالومن کي مئل ڇڏي ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي، لڪندي لڪندي، بنا ڪنهن آواز جي ڪئش به هن جي پويان ويو. هو هڪ پاڇولي مثل هو، پر سندس چمڪندڙ بوٽ مان فرش تي هلڻ مهل چيچاٽ نڪري رهيا هئا، ۽ سندس ٽوپلي ۾ لڳل سائو کنڀ به روشنيءَ وانگر جرڪي رهيو هو. جڏهن هو مهڙ واري ڪمري ۾ پهتا، تڏهن هن هڪ وڏي ڪاري ٻلي وانگر جهپ هڻي کيس کڻي ڀاڪر ۾ کنيو ۽ هن کي چيلهه کان ڇڪيندو پنهنجي قريب آڻيندو ويو، ۽ سندس منهن هن جي منهن تي جهڪي ويو. گهڙيءَ لاءِ هوءَ هڪڙيءَ ٻانهن ۽ انهيءَ ٻانهن جي هٿ کي سڪائي پوئتي جهلي بيٺي رهي، جنهن ۾ سالومن واري واچ هيس. پر پوءِ آڱريون ڍريون ٿي ويس، سندس سمورو وجود نستو ٿي ويو، ۽ سالومن واري واچ فرش تي ڪري پيئي. واچ جي ٽڪ ٽڪ ڪمري جي خاموشيءَ ۾ گونجندي رهي، ۽ ٻاهر ڪنهن پکيئڙي هڪ ڀرپور گيت ڳائڻ شروع ڪيو. +هو ڪمري ۾ اڳتي وڌندا ويا ۽ کليل دروازي جي روشنيءَ ۾ اچي پهتا، ۽ اتي هو بيهي رهيو ۽ هن جي جسم کي ٿورو لوڏيائين. هوءَ آکيري ۾ ويٺل پکيءَ وانگر بنا ڪنهن اعتراض جي چپ چاپ هن جي ڏڪندڙ ٻانهن ۾ ليٽيل هئي. ٻاهر پکيئڙا کنڀڙا هڻي اڏامي رهيا هئا، ۽ جادو ڪيل وڻن جي شيشين ۾ سج جي اس اوتجي رهي هئي، ۽ وڻن جي وچ ۾ بادام جو جوان وڻ بهار جي بي پناهه روشنيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. + + +جونيس مالٽبي +از – جان اسٽينبيڪ مترجم – سراج +--------- +Junius Mlaltby +By +John Steinbeck +From “The Pastures of Heaven.” Reprinted by permission of the anthor’s agent. Copy right, 1932, by john Steinbeck. + +جان اسٽينبيڪ، ’ڪئليفورنيا‘ رياست جي ’ساليناس‘ شهر ۾ 1902ع ۾ ڄائو. سندس تحريرن جو اڪثر حصو، سندس مقامي ضلعي ۽ ’مانٽيريري‘ ساحل – جتي شاديءَ کان پوءِ رهائش اختيار ڪيائين – جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. +چار سال ’اسٽئنفورڊ‘ يونيورسٽيءَ ۾، ڪنهن ڊگريءَ جي اميدوار طور نه، پر هڪ ”خاص شاگرد“ جي حيثيت ۾ گذاريائين. هن سائنس تي خاص ڌيان ڏنو؛ ۽ ’علم حيات‘ – خاص ڪري سامونڊي جيون جي علم حيات – جي ڪافي ڄاڻ ۽ علم اٿس. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ گوناگون مشغوليون اختيار ڪيون: اخباري نامه نگار، تغاري کڻندڙ مزور، مال چارو، مصور، جائداد جو نگهبان، سامونڊي جيون جي علم حيات جو ماهر، سروير، مهاڻو، مالهي، ۽ مصنف ٿي رهيو آهي. 1939ع ۾، سندس تحريرن کي ’پلٽزر انعام‘ مليو. +بدن جو ڳرو ۽ ٿلهو مڙس، نهايت ڪَڪَا وار، گَهريون نيريون اکيون، ۽ اونهو، هلڪو صاف آواز – سٽينبيڪ طبعاً هڪ شرميلو شخص آهي. هن وقت ’ڪئليفورنيا‘ جي ٻهراڙيءَ ۾ سادي ۽ سانتيڪي زندگي گذاري رهيو آهي. + + + + +جونيس مالٽبي هڪ چڱي سکر ڪٽنب جو نوجوان هو. تعليم چڱي ورتل هيس. جڏهن سندس پيءُ ڏيوالو ڪڍي مري ويو، تڏهن جونيس پاڻ کي ڪلارڪيءَ جي نوڪريءَ ۾ اهڙو ته بريءَ طرح ڦاسائي وڌو، جو اتان جند ڇڏائڻ لاءِ برابر ڏهه سال مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو. +نوڪريءَ تان موٽي جونيس پنهنجي سجايل ڪمري ۾ اچي آرام ڪندو هو، ۽ پنهنجي ناٽڪي ڪرسيءَ جي گديءَ کي ڇنڊي ڦوڪي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويندو هو. ”سٽيونسن“ جي مضمونن کي انگريزي ادب ۾ هو تقريباً بهترين شاهڪار سمجهندو هو. ”ٽرئولس وٿ اي ڊانڪي“ (”گڏهه جي پٺيءَ تي سفر جو احوال“) هو ڪيترائي ڀيرا پڙهي چڪو هو. +پنهنجي پنجٽيهين سالگرهه ملهائڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، هڪ ڏينهن شام جو جونيس پنهنجي گهر جي ٿلهي جي ڏاڪن تي ڪري بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن هن پهريون دفعو محسوس ڪيو ته کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي ٿي. هن کي حيرت لڳي ته آخر اهو روڳ هن کي ڪيتري وقت کان هو! جنهن ڊاڪٽر وٽ ويو، سو به ڏاڍو مهربان ۽ همدرد ماڻهو هو، ۽ هن کيس ڪافي اميد ڏياري. +”تنهنجو مرض هروڀرو ايتريءَ حد تائين ڪونه پهتو آهي، جو تون چڱو ڀلو نه ٿي سگهين،“ هن کيس دلداري ڏيندي چيو. ”پر توکي پنهنجي انهن ڦڦڙن کي سئنفرئنسسڪو شهر مان ٻاهر ڪڍي وڃڻو پوندو. جيڪڏهن تون هتي هنن ڪوهيرن ۾ رهين، ته سال به جيئرو ڪين رهندين. ڪنهن گرم ۽ خشڪ آب هوا واري هنڌ هليو وڃ.“ +هن جي صحت سان جيڪو حادثو ٿي پيو هو، ان تي جونيس کي هڪ ڳالهئين ڏاڍي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ذريعي هن جا اهي ٻنڌڻ ٽٽي پيا، جن کي ٽوڙڻ ۾ پنهنجي طرفان هو هميشھ ناڪام ٿيندو رهيو هو. هن وٽ پنج سو ڊالر پنهنجا پيل هئا. ائين به ڪين هو ته هن اهي ڏوڪڙ بچائي رکيا هئا، بلڪ هن کي محض اهي خرچ ڪرڻ وسري ويا هئا. ”هنن پئسن منجهان يا ته صحتياب ٿي زندگيءَ کي نئين سر ڪنهن نئينءَ راهه تي موڙيندس، يا ته مري سموري جهنجهٽ کان ڇٽي پوندس.“ +سندس آفيس جي هڪ ماڻهوءَ کيس هڪ گرم ۽ محفوظ واديءَ – ”پاسچرس آف هيون“ (جنت جا سبزه زار) جو ڏس ڏنو؛ ۽ جونيس هڪدم اوڏانهن اسهيو. کيس اهو نالو ڏاڍو وڻيو. ”يا ته اهو هڪ سوڻ آهي ته هاڻ آءٌ زنده رهي ڪين سگهندس، يا ته وري موت جو اهو هڪ سهڻو ۽ اشاريت سان ڀرپور نعم البدل ٿيندو،“ هن سوچيو. هن محسوس ڪيو ته انهيءَ نالي جي هن سا ڪا ذاتي وابستگي هئي، ۽ هن کي انهيءَ تي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڏهن سالن ۾ دنيا جي ڪنهن به چيز جو هن سان ذاتي ۽ شخصي تعلق ڪين رهيو هو. +’پاسچرس آف هيون‘ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪٽنب هئا، جيڪي مسافرن کي پاڻ وٽ ماهوار خرچ تي رهائڻ لاءِ تيار هئا. جونيس هر هڪ ڪٽنب جي چڱيءَ طرح معائني ڪرڻ کانپوءِ هڪ بيوه ”مسز ڪئيڪر“ وٽ رهڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ گهر ۾ هن کي اها به سهوليت ملي ته هو ٻنيءَ واري گهر کان جدا هڪ منَهن ۾ سمهي ٿي سگهيو. مسز ڪئيڪر کي ٻه ننڍا پٽ هئا، ۽ پنهنجي ٻنيءَ کي سنڀالڻ لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي نوڪر ڪري رکيو هئائين. +گرم آب هوا جونيس جي ڦڦڙن تي ڏاڍو چڱو اثر ڪيو. سال اندر هن جي منهن جو رنگ ئي مٽجي پيو، ۽ بدن جي تور ۾ اضافو اچي ويس. ٻنيءَ تي هو هڪ خاموش، پـُـرسڪون ۽ مسرور زندگي گذاري رهيو هو. سڀ کان وڌيڪ خوشي ۽ لطف انهيءَ ڳالهه مان ٿي محسوس ڪيائين ته آفيس وارا ڏهه سال دل تان ئي لهي ويا هئس، ۽ هو نهايت سست ٿي پيو هو. جونيس پنهنجي ڪَڪَن وارن ۾ ڦڻي به ڪين ڪندو هو؛ هو پنهنجي عينڪ پنهنجي ٿلهي نڪ تي بنهه هيٺ پائيندو هو، ڇو ته هاڻ سندس اکيون به تيز ٿينديون ٿي ويون، ۽ محض عينڪ کي محسوس ڪرڻ جي عادت ڪري هن کي عينڪ پائڻي ٿي پيئي. سڄو ڏينهن ڪنهن ڪاٺيءَ جو هڪ ننڍو ٽڪر پيو وات ۾ آڻيندو نيندو هو، ۽ اها عادت هميشھ سست ۽ گهڻو سوچيندڙ ماڻهن ۾ هوندي آهي. سندس صحتيابي 1910ع ۾ مڪمل ٿي ويئي. +1911ع ۾، مسز ڪئيڪر پاڙيوارن جون چميگويون ٻڌي ڳڻتين ۾ پئجي ويئي. جڏهن هن پاڻ به پنهنجي گهر ۾ هڪ اڪيلي غير مرد ماڻهوءَ جي رهڻ جي مفهوم تي ٿورو غور ڪيو، تڏهن ڏاڍي ششدر ۽ پريشان ٿي ويئي. جڏهن جونيس جي مڪمل صحتيابيءَ جي پوري پڪ ٿي ويس، تڏهن هڪ ڏينهن هن اڳيان پنهنجي پريشانيءَ ۽ بيچينيءَ جو اعتراف ڪيائين. جونيس هڪدم، ڏاڍيءَ خوشيءَ سان هن سان شادي ڪري ڇڏي. هاڻ ته هن وٽ پنهنجو گهرتڙ به ٿي پيو، - ۽ مستقبل به نهايت روشن هو – ڇاڪاڻ ته نئين مسز مالٽبي گاهن پکن سان سرسبز جبل جي ٻن سون ايڪڙن، ۽ ترائيءَ ۾ ڀاڄين ۽ ميون جي پنجن ايڪڙن جي مالڪ هئي. جونيس ترت ئي پنهنجا ڪتاب، ناٽڪي ڪرسي ۽ ’ويلا سڪئيز‘ جي ڪتاب ”ڪارڊينل“ جو هڪ جلد پنهنجي اڳئين گهر مان گهرائي ورتا. مستقبل هن لاءِ هڪ پرلطف ۽ روشن شام معلوم ٿي رهيو هو. +مسز مالٽبيءَ، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نوڪر کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙس کي ڪم ڪار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ان ۾ هن کي ڪافي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، ۽ اها مزاحمت تنهان ئي وڌيڪ پريشان ڪندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ اڳيان وار ڪرڻ لاءِ ڪا خاص چيز هئي ئي ڪانه. صحتيابيءَ جي دوران ۾، جونيس سستيءَ کي بنهه پيار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. هن کي واديءَ ۽ ٻنين سان به چاهه هو، پر هو انهن کي، فقط سندن انهيءَ حيثيت سان، پري کان پسند ڪندو هو؛ هن ڪي نيون شيون اپائڻ، يا پراڻيون اکاڙڻ نٿي گهريون. جڏهن مسز مالٽبيءَ کيس هٿ ۾ ڏانٽو ڏيئي ڀاڄين جي باغ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بيهاريو، تڏهن ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ، توقع مطابق، هن کي چرا گاهه جي نهر ۾ پير وجهي، ”ڪڊ نئپڊ“ ڪتاب پڙهندو ڏٺائين. هن افسوس ظاهر ڪيو هو، ۽ جواب ۾ چيائين ته هن کي اها خبر ئي ڪانه پئي هئي ته ائين ڪيئن ٿيو؛ ۽ اهو برابر سچ هو. +شروع شروع ۾، سندس سستيءَ ۽ پوشاڪ جي اڍنگائيءَ تي هوءَ کيس گهڻو ئي جٺ ملامت ڪندي هئي، پر ترت ئي جونيس پاڻ ۾ هن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏيڻ جي هڪ صلاحيت پيدا ڪري وڌي. هو سوچيندو هو ته جنهن وقت هو هڪ عورت جي حيثيت ۾ سامهون نه هجي، ان وقت مٿس توجهه ڏيڻ بي مروتيءَ جو مثال ٿيندو. اهو ڄڻ ته ڪنهن پنگلي محتاج کي گهوري ڏسڻ جي برابر ٿيندو. ۽ مسز مالٽبي هن جي هن ڪوهيڙي مثل مزاحمت سان ڪافي وقت پنهنجو مٿو ڀڃندي رهي، پر جڏهن نتيجو ڪوبه ڪين نڪتو، تڏهن هن محض لڙڪ ڳاڙڻ شروع ڪيا، ۽ بدلي طور پاڻ به پنهنجي وارن ۾ سينڌ ڦڻي ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. +1911ع ۽ 1917ع جي وچ ۾ مالٽبي ڪٽنب ڏاڍو غريب مسڪين ٿي ويو. جونيس ٻنين جي نظرداري نه ڪئي، سا نه ڪئي. تان جو اها حالت اچي ٿين، جو کاڌي ۽ ڪپڙي لٽي لاءِ پئسن خاطر ڪجهه ايڪڙ چراگاهي زمين جا وڪڻي ڇڏيائون، پر تڏهن به وٽن کائڻ لاءِ پوري ڪين هوندي هئي. مسڪيني ۽ غربت ٽنگون ٽيڙيو ٻنين تي کپ کوڙي ويٺي هئي، ۽ مالٽبي حضراب ليڙن ۾ لپٽيل هئا. هنن وٽ نون ڪپڙن جو ته نالو به ڪين هو، پر جونيس پنهنجي لاءِ ”ڊئوڊ گريسن“ جا مضمون تلاش ڪري وٺي آيو. هن کي پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پيا هوندا هئا، ۽ چراگاهه جي نهر جي ڪناري وارن انجيرن جي وڻن هيٺ ويٺو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن زال ۽ ٻنهي پٽن کي ”ائڊوينچرس اِن ڪنٽينيمينٽ“ (”قناعت جا ڪارناما“) پڙهي ٻڌائيندو هو. +1917ع جي شروعات ۾، مسز مالٽبيءَ کي خبر پيئي ته هوءَ وري پيٽ سان هئي؛ ۽ انهيءَ ساڳئي سال جنگ جي زماني واري ’انفلوئنزا‘ جي بيماري اچي هن ڪٽنب کي ورايو. ٻئي ڇوڪرا، جيڪي هونئن ئي پورو کاڌو نه هئڻ ڪري ڪمزور هئا، سي هڪ ئي وقت وبا ۾ وٺجي پيا. برابر ٽي ڏينهن ويچا��ا ٻار تپ ۾ اسڙڪندا رهيا، ۽ پنهنجي ضعيف آڱرين سان بستري جي چادر کي جهٽي موت جي چنبي مان جان ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا. ٽي ڏينهن هو موت سان مسلسل جدوجهد ڪندا رهيا، ۽ چوٿين ڏينهن ٻئي ڄڻا مري ويا. سندن ماءُ کي سندن ڪائي خبر نه هئي، جو هوءَ پاڻ ويم جي سورن ۾ هئي، ۽ جيڪي زالون گهرن جي نظرداري ڪري رهيون، تن ۾ ايتري همت ۽ ايتري ڪٺورتا ڪانه هئي، جو کڻي کيس ٻڌائين. هوءَ ويم جي سورن ۾ ئي هئي، ته کيس به اچي انهي ڪاري تپ ورتو، ۽ هوءَ پنهنجي نئين ٻالڪ کي ڏسڻ کان سواءِ ئي مري ويئي. +پاڙي وارين زالن، جن انهيءَ ويم واري وقت، هنن سان پير ڀريو هو، تن سموريءَ واديءَ ۾ اها ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي ته جنهن وقت سندس زال ۽ ٻار موت جي منهن ۾ هئا، ان وقت جونيس نهر جي ڪناري تي بيپرواهه ٿيو ڪتاب ويٺو پڙهندو هو. جڏهن هو بيماريءَ ۾ سٽجي پيا، ان ڏينهن به هو نهر جي پاڻيءَ ۾ پير وجهيو ويٺو هو، ڇو ته هن کي خبر ئي ڪانه هئي ته هو ڪي بيمار ٿي پيا هئا. پر جڏهن خبر پيس، تڏهن هڪ بيمار ڇوڪري کان ٻئي تائين پيو اجائي اٿ ويهه ڪندو هو، ۽ کين اجايون سجايون مورکپڻي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. وڏي ڇوڪري کي ٻڌائيندو هو ته هيرا جواهر ڪيئن ٺهندا آهن. ٻئي ڇوڪري جي پاسي ۾ بيهي هو ’سوا ستيڪا‘ جي سونهن، قدامت ۽ اشاريت جو بيان ڪندو هو. هڪڙو ڇوڪرو ته عين ان وقت موڪلائي ويو، جڏهن هو ”ٽريير آئلنڊ“ جو ٻيو باب بلند آواز سان پڙهي رهيو هو، ۽ ڇوڪري جي پساهن ٽٽڻ جي تيسين خبر نه پيس، جيسين اهو باب پڙهي پورو ڪري مٿي نه نهاريائين. انهن ڏينهين هن جي مت ئي منجهي پيئي هئي، ۽ سخت حيران ۽ پريشان هو. هن وٽ جيڪي به چيزون هيون، سي آڻي کين آڇيندو هو، پر هنن ۾ موت سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ئي نه رهي هئي. هن کي خود به اها خبر هئي ته هنن ۾ طاقت ڪانه آهي، ۽ انهيءَ ڪري اهي چيزون هن لاءِ پاڻ وڌيڪ پريشان ڪندڙ ثابت ٿي ٿيون. +جڏهن جنازن کي کڻي ٿي ويا، تڏهن جونيس موٽي اچي نهر تي ويٺو، ۽ ”ٽرئولس وٿ اي ڊانڪي“ جا ڪجهه صفحا پڙهڻ لڳو. ”ماڊيسٽائين“ گڏهه جي هٺ ۽ ضد جو احوال پڙهي، هو غير يقيني طرح چپ بند ڪري کلڻ لڳو. اسٽيونسن کان سواءِ ٻيو ڪير هڪ گڏهه کي ”ماڊيسٽائين“ (نماڻو) نالو ڏيئي ٿي سگهيو؟ +هڪڙيءَ پاڙيسرڻ زال ته کيس سڏي اهڙيون کُتيون ٻڌايون، جو هو سخت گهٻرائجي ويو، ۽ هن جي ڳالهين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر هوءَ زال به ٻئي هٿ دڏين تي رکي، کيس ڌڪار ۽ نفرت سان ڪجهه وقت تڪيندي رهي، ۽ پوءِ هوءَ سندس نئين ڄاول پٽ کي کڻي آئي ۽ اچي سندس هنج ۾ ڏنائين. جڏهن دروازي کان مڙي ڏانهنس نهاريائين، تڏهن هو اڃا تائين هن رون رون ڪندڙ پونگڙي کي ٻانهن ۾ کڻيو بيٺو هو. ڳچ وقت ته هن کي ڪا اهڙي جاءِ ئي هٿ نه آئي، جتي کڻي هن کي رکي، سو ڪافي وقت کيس ٻانهن ۾ ئي کڻيو بيٺو رهيو. +جونيس بابت ڳوٺ جا ماڻهو گهڻيئي پيا ڳالهيون ڪندا هئا. ڪڏهن هن کان نفرت ڪرڻ لڳندا هئا، جيئن مصروف ماڻهو سستن کي هميشھ نفرت سان ڏسندا آهن؛ ڪڏهن هن جي سستيءَ ۽ ڪاهليءَ سان ريس ڪرڻ لڳندا هئا، پر گهڻو ڪري مٿس رحم به کائيندا هئا ته هو سخت غلطي ڪري رهيو هو. سموريءَ واديءَ ۾ ڪنهن کي به اهو احساس ڪونه هو ته هو پنهنجي زندگيءَ مان ڏاڍو خوش هو. +ماڻهو ڳالهيون ڪندا هئا ته هڪڙي ڊاڪٽر جي صلاح تي ٻارڙي جي کير لاءِ ٻڪري وٺڻ ويو. هن ٻڪريءَ جي نر ماد جي ته پڇا ئي ڪانه ڪئي، نڪي ٻڪريءَ جي ضرورت جو سبب ئي بيان ڪيائين. جڏهن ٻڪري سندس گهر پهتي، ۽ هيٺ نهاريائين، تڏهن ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان پڇيائين. ���هيءَ ٻڪري ٺيڪ ته آهي؟“ +”بلڪل ٺيڪ آهي،“ ٻڪريءَ جي مالڪ جواب ڏنو. +”پر سندس پوين ٽنگن جي وچ ۾ مٿڀرو ڪا ڳوٿري يا ڪي ٻي اهڙي شي ته هئڻ گهرجي يا نه؟....... منهنجو مطلب آهي ته کير ڏيڻ لاءِ ............“ +واديءَ جي ماڻهن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن ڪي ڏينهن ته پئي کليا. پوءِ، جڏهن هڪ نئين ۽ ڪارائتي ٻڪري مليس، تڏهن ٻه ڏينهن مٿس مٿا مونا هنيائين، پر کير جو ڦڙو به ڏهي ڪين سگهيو. هن هيءَ ٻڪري به بيڪار سمجهي موٽائي ڏيڻ ٿي گهري، پر جڏهن ٻڪريءَ جي مالڪ ڏهڻ سيکاريس، تڏهن وڃي مُڙيو. ڪن ماڻهن ته ائين به ٿي چيو ته هو ٻار کي ٻڪريءَ جي ٿڻن هيٺان جهلي بيهندو هو ته جيئن پنهنجو کير پاڻ ڌائي پئي، پر ماڻهن جو اهو اجايو وڌاءُ هو. واديءَ جا ماڻهو ائين به پيا هڪ ٻئي کان پڇندا هئا ته جڏهن هن کي ڪابه خبر چار ڪانه هئي ته پوءِ آخر هن ٻارڙي کي ڪهڙيءَ طرح ٿي پاليو نپايو! +هڪڙي ڏينهن جونيس ”مانٽيري“ ويو، ۽ اتان هڪ جرمن کي ٻنيءَ تي مدد ڪرڻ لاءِ پگهار طي ڪري وٺي آيو. هن پنهنجي نئين نوڪر کي پنج ڊالر حساب ۾ ڏنا، ۽ وري کيس پائي به ڪين ڏنائين. ٻن هفتن اندر اندر هي نوڪر به سستيءَ ۾ اهڙو گرفتار ٿي ويو، جو پنهنجي مالڪ کان به ٻه رتيون ڪسر. ٻئي ڄڻا ڪنهن هنڌ ويهي اهڙين ڳالهين تي بحث مباحثو ڪندا هئا، جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ کين منجهائي وجهنديون هيون – گلن تي رنگ ڪيئن ٿو اچي، - فطرت ۾ اشاريت آهي يا نه، - ”ائٽلانٽس“ (ائٽلانٽڪ سمنڊ جو هڪ روايتي گم ٿيل ٻيٽ) ڪٿي هوندو هو، - ”انڪا“ (’پيرو‘ ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو) پنهنجي جنازن کي ڪيئن دفن ڪندا هئا، - وغيره. +بهار جي مند ۾ هو پٽاٽا پوکيندا هئا، ۽ هميشھ دير سان ٻج ڇٽيندا هئا، ۽ جيتن جڻين کان بچاءَ لاءِ مٿن ڪو رک ڦلهيار به ڪين وجهندا هئا. چونئرن، اناج يا مٽرن جو ٻج ڇٽيندا هئا، ڪجهه وقت لاءِ انهن جي نظرداري به ڪندا هئا، پر پوءِ کانئن بنهه ڳالهه ئي وسري ويندي هئي. تان جو هر چيز جهنگ جهر سان ڍڪجي ويئي. اها ته هڪ عام ڳالهه هوندي هئي ته هڪ ڀيري جونيس مٽرن جي ٻوڙي ۾ هٿوراڙيون ڏيندي، رنبي سان کوٽيندي کوٽيندي، هڪ سڪل ۽ پيلو ٿي ويل ونگو لهي آيو هو. هن بوٽ پائڻ ڇڏي ڏنو هو، ڇو ته پنهنجي پيرن تي گرم گرم ڌرتيءَ جو ڇهاءُ هن کي ڏاڍو وڻندو هو، ۽ ڇاڪاڻ ته هن وٽ ڪو بوٽ به ڪونه هو. +شام جو جونيس، پنهنجي نوڪر ”جيڪب اسٽٽز“ سان ڪافي گفتگو ڪندو هو. ”ٻڌ“، هو چوندو هو، ”جڏهن ٻار مري ويا، تڏهين مون سمجهيو هو ته آءٌ خوف ۽ هيبت جي هڪ عجيب چوٽيءَ تي پهچي ويو آهيان. پوءِ خيال ڪندي ڪندي، اهو خوف بدلجي ڏک ٿي ويو، ۽ ڏک به گهٽجي اداسيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. ڀانيان ٿو ته آءٌ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو ئي ڪونه هوس. شايد هو مون کي حد کان وڌيڪ ويجها هئا. اها سڃاڻپ يا ’ڄاڻ‘ هڪ عجيب چيز آهي: ’ڪنهن چيز جي تفصيل کان باخبر ٿيڻ‘ کان سواءِ ان جو مفهوم ٻيو ڪجهه به ڪينهي. ڪن ماڻهن جي ذهني نظر فقط ويجهين شين تي پوندي آهي، ته ڪن جي فقط پري وارين چيزن تي پوندي آهي. آءٌ انهن شين کي ڏسي نه سگهندو آهيان، جيڪي مون کي ويجهيون هونديون آهن. مثال طور، مون کي جيتري ’پارٿينن‘ (اٿينس – يونان جي هڪ عبادتگاهه) جي ڄاڻ آهي، اوتري پنهنجي گهر جي ڪين اٿم.“ اوچتو جونيس جو منهن ڪنهن جذبي کان ڳاڙهو ٿي ويو. ”جيڪب“، هن چيو، ”تو ڪڏهن ’پارٿينن‘ جي ستون جي تصوير ڏٺي آهي؟“ +”هائو، واقعي ڏاڍو شاندار ستون آهي“، جيڪب چيو. +جونيس پنهنجي نوڪر جي گوڏي تي هٿ رکندي چيو، ”اهي (ستون جي چوٽيءَ تي تراسيل) گهوڙا – اهي خوبصور�� گهوڙا – شايد بهشت ڏانهن اڏامڻ لاءِ آتا آهن. ائين ٿو ڀائنجي ته مٿن چڙهيل منتظر ۽ شانائتا جوان شايد ڪنهن حيرت انگيز جشن لاءِ سهي سنبري نڪتا آهن، جو انهيءَ ڪنگري جي آسپاس ٿيڻ وارو آهي. مون کي عجب ٿو لڳي ته انسان کي ڪهڙيءَ طرح اها خبر پئجي ٿي سگهي ته جنهن وقت گهوڙا خوش هوندا آهن، ان وقت سندن ڪهڙا احساس هوندا آهن؛ ۽ انهيءَ بت تراش کي انهيءَ احساس جي ضرور ڄاڻ هوندي، نه ته هو اهي عظيم الشان مجسما هرگز تراشي ڪين سگهي ها!“ +اها هوندي هئي هنن جي گفتگو. جونيس ڪنهن هڪ موضوع تي ته ٽڪندو ئي ڪونه هو. اڪثر ٻئي ڄڻا بک تي ئي سمهي رهندا هئا، ڇو ته رات جي مانيءَ وقت کين گاهه ۾ ڪڪڙين جو ن کڏيون ڪين لڀنديون هيون. +جونيس جي پٽ جو نالو ”رابرٽ لوئي“ هو. جڏهن جونيس کي ڇوڪري تي نالي رکڻ جو خيال آيو هو، تڏهن انهيءَ ئي نالي سان کيس سڏڻ شروع ڪيو هئائين؛ پر جيڪب اسٽٽز ادبي نفاست پسنديءَ جي دليل تي انهيءَ نالي کان بغاوت ڪئي. +”ڇوڪرن تي ڪتن وانگر نالا رکڻ گهرجن،“ هن دليل ڏنو. ”نالي لاءِ هڪڙو اکر ئي ڪافي آهي. خود ’رابرٽ‘ لفظ به تمام ڊگهو آهي. هن کي ’باب‘ جي نالي سا سڏڻ گهرجي.“ جيڪب ذري گهٽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. +”چڱو اچ ته انهيءَ ڳالهه تي پاڻ ۾ ٺاهه ڪريون،“ جونيس چيو. ”اسين هن کي ’روبي‘ ڪري سڏينداسون. ’روبي‘ ’رابرٽ‘ کان ننڍو نالو آهي – تنهنجو ڇا خيال آهي.“ +هو هميشھ جيڪب اڳيان مڙي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪب هميشھ انهيءَ ڪوريئڙي واري ڄار کي ٽوڙڻ جي ٿوري گهڻي جدوجهد ڪندو ئي رهندو هو، جيڪو هن جي چوڌاري اڄندو پئي ويو. ٿوري گهڻي تي، هو پاڪباز قسم جي ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي، ڄار کي ڇني ڦاڙي، گهر صاف ڪري ڇڏيندو هو! +روبي نهايت سنجيده نموني ۾ وڌڻ لڳو. هو گهر ۾ موجود شخصن جي بحثن مباحثن کي ٻڌي سندن پيروي ڪرڻ لڳو. جونيس ڪڏهن به هن سان ننڍن ڇوڪرن وارو سلوڪ ڪين ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ننڍن ڇوڪرن سان ڪهڙيءَ ريت پيش اچجي. جيڪڏهن روبي ڪنهن راءِ جو اظهار ڪندو هو، ته هو ٻئي ڄڻا ڏاڍيءَ شائستگيءَ سان ان کي ڌيان سان ٻڌندا هئا، يا وري ان کي ڪنهن نئينءَ تحقيق جو آغاز سمجهي استعمال ڪندا هئا. شام جو گفتگو ڪرڻ ويهندا هئا ته دنيا جهان جا موضوع آڻي گڏ ڪندا هئا. جونيس جي دماغي ”انسائيڪلوپيڊيا“ تي بيشمار حملا ٿيندا رهندا هئا. چراگاهه جي نهر مٿان انجير جي وڏي وڻ جو هڪ ڏار سڌو ئي سڌو پيل هوندو هو؛ ٽيئي ڄڻا ان تي چڙهي ويهندا هئا، ۽ جونيس ۽ جيڪب پير پاڻيءَ ۾ وجهي، پٻن سان ننڍن پٿرن کي ريڙهيندا رهندا هئا، ۽ ننڍڙو روبي ڏاڍي ڪوشش ڪري سندن هوبهو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پاڻيءَ تائين پڄڻ هن جي لاءِ مردانگيءَ جي معيارن مان هڪ معيار هو. جيڪب به هاڻي بوٽ پائڻ ڇڏي ڏنو هو؛ ننڍڙي روبيءَ ته زندگيءَ ۾ بوٽ پاتو ئي ڪونه هو. +بحث مباحثا نهايت عالمانه هوندا هئا. روبي ٻاراڻا لفظ ۽ محاورا ته اسعتمال ڪري ئي ڪين ٿي سگهيو، ڇو ته هن ڪڏهن ٻاراڻي گفتگو ٻڌي ئي ڪين هئي. هو پاڻ ۾ گفتگو ڪين ڪندا هئا: پر ڄڻ ته تخيل جو ڪو ٻوٽو پاڻهي پاڻ ڦٽي پوندو هو، ۽ هي ڏاڍيءَ حيرت مان ويٺا تڪيندا هئا ته انهيءَ ٻوٽي ڪيئن ٿي شاخون ڪڍيون. هنن کي پنهنجي گفتگو جي عجيب نتيجي تي ڏاڍي حيرت وٺندي هئي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي خيالن ۽ فڪر کي سڌو سنئون رخ ته ڏيندا ئي ڪين هئا، نڪي ٻين ماڻهن وانگر ڪا ان جي تراش خراش ئي ڪندا هئا. +ٽيئي ڄڻا انهيءَ ٿڙ تي ويٺا هوندا هئا: ليڙن جهڙا ڪپڙا هوندا هئن، ۽ کنڊريل وارن کي به رڳو هڪ پاسي تي ورائي ڇڏ��ندا هئا ته جئن اکين ۾ نه پون. ٻنهي مردن کي ڊگهيون اڻ سنواريل ڏاڙهيون هيون. هيٺ تلاءَ ۾ ننڍڙين مڇين کي ڦيريون پائيندي ڏسندا رهندا هئا – اهو تلاءُ سندن پيرن جي کوٽ کوٽان جي ڪري وڌيڪ اونهو ٿي پيو هو. سندن مٿان ديو جهڙو وڻ هوا ۾ هري هري جهولندو رهندو هو، ۽ ڪنهن ڪنهن وقت رومال وانگر اچي سندن پيرن ۾ ڪرندو هو. روبي ان وقت پنجن سالن جو هو. +هڪڙي ڏينهن انجير جو هڪ پن اچي سندس جهوليءَ ۾ ڪِريو؛ ان تي رائزني ڪندي هن چيو، ”منهنجي خيال ۾ انجير جا وڻ ڏاڍا سٺا آهن.“ جيڪب سندس جهوليءَ مان پن کنيو، ۽ کيس چيري ڏانڊيون جدا ڪرڻ لڳو. +”هائو،“ هن سندس ڳالهه تسليم ڪندي چيو. ”انجير جا وڻ پاڻيءَ تي ٿا پيدا ٿين. سٺيون چيزون پاڻيءَ سان محبت رکنديون آهن. بڇڙيون شيون هميشھ خشڪ هونديون آهن.“ +”انجير جا وڻ ڏاڍا وڏا ۽ سٺا آهن، جونيس چوڻ لڳو. ”مون کي ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڪنهن چڱيءَ يا مهربان چيز کي جئري رهڻ خاطر نهايت وڏو هئڻ گهرجي. ننڍيون شيون هميشھ ٻين ننڍين برين چيزن هٿان تباهه ٿي وينديون آهن. وڏي چيز ورلي زهريلي يا دغاباز هوندي آهي. انهيءَ سبب ڪري، انساني فڪر ۾ وڏائيءَ، چڱائيءَ ۽ نيڪيءَ جي خصوصيت آهي، ۽ گهٽتائي برائيءَ جي نشاني آهي. روبي سمجهيئه نه“ +”هائو،“ روبيءَ جواب ڏنو. ”آءٌ سمجهي ويس – مثال طور هاٿي.“ +هاٿي اڪثر برا هوندا آهن، پر جڏهن اسين سندن بابت زياده سوچيون ٿا، تڏهن ڏاڍا چڱا ۽ نيڪدل ٿا معلوم ٿين. + + +”پر پاڻي؟“ جيڪب وچ ۾ ٽپي پيو. ”پاڻيءَ بابت به اهو ئي خيال اٿئي؟“ +”نه، پاڻيءَ لاءِ نه؟“ +”پر، مون کي آهي،“ جونيس چوڻ لڳو. ”تنهنجو مقصد آهي ته پاڻي زندگيءَ جو تخم آهي. ٽنهي عناصرن مان پاڻي جيو گهرڙو آهي؛ ڌرتي، ماءُ جي ڪُک وانگر آهي؛ ۽ اُس ارتقا جو قالب آهي.“ +انهيءَ طرح هو هن کي فضوليات سيکاريندا رهيا. +واديءَ جي ماڻهن هن جي زال ۽ ٻن پٽن جي مري وڃڻ کان پوءِ، جونيس مالٽبيءَ سان بنهه لڳ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا هئا؛ ۽ کيس نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. وبا جي ڏينهن ۾ سندس بيرحميءَ جون ڳالهيون ايترون ته وڌي ويون، جو آخرڪار خودبخود انهن ڳالهين جي اهميت ئي ختم ٿيندي ويئي، ۽ نيٺ اڳتي هلي ماڻهن انهيءَ واقعي کي ئي وساري ڇڏيو. پر جيتوڻيڪ پاڙيسرين اها ڳالهه وساري ڇڏي هئي ته جڏهن سندس ڇوڪرا گذاري ويا، تڏهن هو ڪتاب پڙهندو رهيو هو؛ پر هو انهيءَ مسئلي کي وساري نه سگهيا، جيڪو هاڻ پيش اچي رهيو هو. هن زرخيز واديءَ ۾ جونيس خوفناڪ قسم جي مسڪينيءَ ۽ غربت جي حياتي گهاري رهيو هو. جتي ٻيا ڪٽنب دولت گڏ ڪري رهيا هئا، فورڊ موٽرون ۽ ريڊيا خريد ڪري رهيا هئا، بجلي هڻائي رهيا هئا، ۽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ’مانٽيري‘ يا ’ساليناس‘ شهرن ۾ فلم ڏسڻ ويندا هئا، اتي جونيس جي حالت ابتر ٿيندي ويئي، ۽ هو بنهه چيٿرن ۾ لپٽيل هڪ وحشي بنجي پيو هو. ماڻهن کي سندس زرخيز ترائيءَ واريءَ زمين تي جهنگ جهر ڄاپندو ڏسي، سندس ميوي جا وڻ اڻ تراشيل ۽ اڻ سنڀاليل ڏسي، ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. زالون سندس گهر جي ٿلهي تي گندگيءَ جا ڍير پيل ڏسي، ۽ مٽيءَ سان اٽيل دريون ڏسي، نفرت کان منهن کڻي ٻئي پاسي ڦيرينديون هيون. زالن توڙي مردن کي سندس سستي ۽ ذاتي فخر جي احساس کان عاري هجڻ جي حالت لاءِ سخت ڌڪار پيدا ٿي پئي هئي. گهڙيءَ لاءِ هن وٽ پير ڀري ايندا هئا، ته من سندن صفائي سٿرائي ڏسي، هو پنهنجي گندگيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري. پر هو هنن سان نهايت فطري طرح ۽ برابريءَ واري دوستيءَ جي جذبي سان ملندو هو. هو پنهنجي مسڪينيءَ يا ليڙن کان ڪائي لڄ محسوس ڪين ڪندو هو. رفتھ رفتھ پاڙيسرين جونيس کي اڇوت سمجهي هن سان قطع تعلق ڪري ڇڏيو. هاڻ ته هو هن جي گهرواري رستي تان به ڪين لنگهندا هئا. هنن پنهنجي شريفانه سماج ۾ هن جو داخل ٿيڻ ممنوع ٺهرائي ڇڏيو ، ۽ فيصلو ڪيائون ته جيڪڏهن هو پاڻ ڪنهن سان کڻي ملڻ به اچي، ته به ڪير هن کي منهن نه ڏئي. +جونيس کي پاڙيسرين جي نفرت جي ڪائي سڌ ڪانه هئي. هو اڃان به ڏاڍي شان سان مسرور زندگي گذاري رهيو هو. هن جي زندگي به هن جي خيال ۽ فڪر جهڙي غير حقيقي، روماني ۽ فضول هئي. اُس ۾ ويهڻ ۽ نهر جي پاڻيءَ ۾ پير وجهي ويهڻ ۾ ئي هو خوش هو. هن وٽ سٺا ڪپڙا ڪين ها، پر کيس اهڙو هنڌ به ڪين سُجهندو هو، جتي هن کي چڱا ڪپڙا پائي وڃڻو پوي. +جيتوڻيڪ ماڻهو جونيس کي ڌڪاريندا هئا، پر کين ننڍڙي ڇوڪر روبيءَ تي ڏاڍو قياس ايندو هو. زالون هڪٻئي سان ڳالهيون ڪنديون هيون ته ٻار جو ههڙي گندي ماحول ۾ پلجڻ ڪيترو نه دکدائڪ هو. پر جئن ته ماڻهو گهڻو ڪري سڀ شريف هئا، انهيءَ ڪري هنن جونيس جي ذاتي معاملن ۾ دخل ڏيڻ مناسب نه ٿي سمجهيو. +”خير، جيسين اسڪول وڃڻ جي عمر کي پهچي“، ’مسز بئنڪن‘ هڪ ڏينهن پنهنجي گهر آيل چند مهمان زالن کي چئي رهي هئي، ”تيسين اسين جيڪڏهن ڪجهه چاهيون، ته به نٿيون ڪري سگهيون. في الحال ته هو پنهنجي پيءُ جي حوالي آهي. پر ڇهن سالن جي عمر جو ٿيو، ته آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته سرڪار کي ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو.“ +’مسز ائلن‘ پنهنجو ڪنڌ لوڏيو، ۽ ڪنهن ويچار کان اکيون کڻي بند ڪيائين. پوءِ چوڻ لڳي، ”اسان ته اهو وساري ٿيون ڇڏيون ته هو جهڙو پٽ مالٽبيءَ جو آهي، اهڙو ’مئمي ڪئيڪر‘ جو به ته آهي. منهنجو ته خيال آهي ته اسان کي هن کان گهڻو اڳ دخل ڏيڻ کپندو هو. پر خير، جڏهن اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو، تڏهن ويچاري کي اسين ڪجهه چيزون وٺي ڏينديون سين، جيڪي هن کي ڄمار ۾ نصيب ڪين ٿيون آهن.“ +”گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته اسين ڪري ٿيون سگهون ته کيس بدن ڍڪڻ لاءِ پورا ڪپڙا ڏيون،“ هڪ ٻيءَ عورت انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪندي چيو. +ائين ٿي معلوم ٿيو ته سموريءَ واديءَ جا ماڻهو ان وقت تائين اهڙيءَ طرح انتظار ۾ وٽ کائيندا رهيا، جيسين روبي اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو. جڏهن اسڪول کليا، ۽ ڇهين سالگرهه کان پوءِ روبي داخلا وٺڻ لاءِ ڪونه پهتو، تڏهن ’جان وائيٽ سائيڊ‘، اسڪول بورڊ جي منشيءَ ، جونيس مالٽبيءَ کي هڪ خط لکي اماڻيو. +”مون کي ته اهو خيال ئي ڪونه آيو هو،“ جونيس خط پڙهي، روبيءَ کي چيو. ”منهنجي خيال ۾ توکي اسڪول وڃڻو ئي پوندو.“ +”آءٌ نٿو وڃڻ چاهيان،“ روبيءَ چيو. +”مون کي اها به خبر آهي. خود آءٌ به تنهنجي وڃڻ ۾ راضي ڪونه آهيان، پر قانون قانون آهي. قانون سان گڏ هڪ خود ساخته ضميمو به آهي، جنهن کي سزا ’سڏين‘ ٿا. اسان کي قانون ٽوڙڻ جي خوشيءَ ۾ سزا ڀوڳڻ جو بدلو ادا ڪرڻو پوندو. ’ڪارٿيجينينس‘ ته ماڻهوءَ کي هن جي ’بدقسمتي‘ لاءِ به سزائون ڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪو جنرل محض بدبختيءَ ڪري جنگ هارائي ويهندو هو، ته کيس ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيندا هئا. موجوده دور ۾ اسان جو سماج ماڻهن کي ڄمڻ جي اتفاق ۽ ٻين مالي حالتن جي اتفاق لاءِ ساڳئي نموني ۾ سزائون ڏئي ٿو.“ +انهيءَ بحث جي دوران ۾ خط جي ڳالهه ئي دل تان لهي وين. جان وائيٽ سائيڊ وري کين هڪ تنبيهي خط لکي موڪليو. +”ٻڌ روبي، منهنجي خيال ۾ هاڻي توکي ضرور وڃڻو پوندو –“ جونيس اهو خط پڙهي روبيءَ کي چيو. ”ان کان سواءِ، اُتي توکي هو چڱيون ۽ ڪارائتيون ڳالهيون سيکاريندا.“ +”تون ڇو نٿو اهي ڳالهيون مون کي سيکارين؟“ روبيءَ دليلبازي ڪندي چيو. +”اوهه، آءٌ هاڻ ڪٿي ٿو سيکاري سگهان. جيڪي چيزون هو سيکاريندا هئا، سي سڀ مون کان وسري ويون آهن.“ +”آءٌ بنهه وڃڻ نٿو چاهيان. آءٌ ڪجهه به سکڻ نٿو گهران.“ +”مون کي خبر آهي ته تنهنجي مرضي ڪانهي، پر مون کي ٻيو ڪو رستو به ڪونه ٿو سُجهي!“ +سو نيٺ هڪ ڏيهن صبح جو روبي اسڪول ۾ نمودار ٿيو. هن کي هڪ قديم قسم جي پرائي پتلون جيڪا گوڏن ۽ ويهڻ جي هنڌ وٽان بنهه ڳري ويئي هئي، ۽ هڪ نيري رنگ جي قميص پيل هئي، جنهن جو ڪالر به ڳري ڦاٽي ويو هو - ۽ بس. سندس ڊگها وارا اکين تي ائين لڙڪي رهيا هئا، جيئن ڪنهن خچر جي منهن تي اڳيون بشڪون پيون لڙڪنديون آهن. +اسڪول جي اڱڻ ۾ سمورا ٻار هن جي چوڌاري مڙي آيا، ۽ خاموشيءَ سان هن کي تڪڻ لڳا. هنن سڀني مالٽبي ڪٽنب جي غربت ۽ جونيس جي سستيءَ جون ڳالهيون ٻڌيون هيون. ڇوڪرا انهيءَ گهڙيءَ جي انتظار ۾ هئا، جڏهن کين روبيءَ کي ستائڻ جو موقعو ملي. آخر اُها گهڙي به اچي ويئي هئي؛ سندن مرضي هئي ته کيس ”اهي ڪپڙا ڪٿان هٿ ڪيا اٿئي“، يا ”وار ته ڏسوس“، يا ٻيا ڪي اهڙا جملا چئي چيڙائيندا؛ پر ڪنهن به ڇوڪري اهي جملا ڪين چيا. کيس ايذائڻ جي چاهنا دل ۾ پيدا نه ٿيڻ ڪري ڇوڪرا منجهي پيا هئا. +رهيو روبي، سو پنهنجي چوڌاري مڙي آيل ڇوڪرن کي ڏاڍين ڳنڀير نظرن سان چتائي رهيو هو. هن کي ڊپ ته بنهه ڪونه هو. ”اوهين راند ڪونه ڪريو ڇا؟“ هن پڇيو. ”بابا ته چيو ٿي ته اوهين رانديون ڪندا آهيو.“ +پوءِ ته سڀئي ڇوڪرا ڳالهائڻ ۾ لڳي ويا. ”هن کي ڪائي راند ڪانه ٿي اچي،“ – ”اچو ته هن کي ’پيوي‘ راند سيکاريون.“ – ”نه نه، ’شيدي ڇوڪر واري راند‘ ، - ”ٻڌو، ٻڌو! پهرين کيس ’قيدي‘ راند سيکارجي“ – ”هن کي ڪائي راند ڪانه ٿي اچي!“ ۽ جيتوڻيڪ کين سبب جي ڪائي ڄاڻ ڪانه هئي، پر سڀ ڇوڪرا سمجهڻ لڳا ته راند نه ڄاڻڻ پاڻ سٺي ڳالهه آهي. روبيءَ جو سنهون منهن اشتياق مان چمڪي رهيو هو. ”پهرين ’پيوي‘ راند کي آزمائڻ گهرجي.“ هن پاڻ فيصلو ڏنو. نين راندين ۾ هو بنهه اناڙي هو، پر سندس نون استادن کيس ان تي چيڙائڻ شروع ته ڪيو. اٽلندو، هن کي ’پيوي‘ جي ڪاٺي جهلڻ جي نموني سيکارڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ هو هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳا. ’پيوي‘ راند جا به ڪيترائي نمونا آهن. روبي، پاسي تي ٿي ڪا گهڙي هنن جو تڪرار ڏسندو رهيو؛ نيٺ هن پنهنجو استاد پاڻ چونڊيو. +اسڪول تي روبيءَ جو اثر ڏاڍو ترت ٿيو. وڏن ڇوڪرن ته کيس پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو، پر ننڍا ڇوڪرا ته هر ڪنهن ڳالهه ۾ هن جو نقل ڪرڻ لڳا: ايتريقدر، جو هو پنهنجي پتلونن ۾ گوڏن واري هنڌ تي سوراخ ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن هو اُس ۾ اسڪول جي ڀت کي پٺ ڏيئي، منجهند جي ماني کائڻ ويهندا هئا، تڏهن روبي کين پنهنجي پيءُ ۽ انجيرن جي وڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. هو اهي ڳالهيون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندا هئا ۽ دل ئي دل ۾ اها تمنا به ڪندا هئا ته ڪاش سندن پيءَ به اهڙا مهربان ۽ واندا هجن ها. +ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڇوڪرا، پنهنجي مائٽن جو چيو نه مڃي، لڪي لڪي مالٽبيءَ جي گهر ايندا هئا. مالٽبي هميشھ جيان انجير جي ڏار تي ويٺو هوندو هو، ۽ جڏهن ڇوڪرا سندس ٻنهي پاسن کان ويهي رهندا هئا، تڏهن کين ”ٽريير آئلنڊ“ پڙهي ٻڌائيندو هو يا کين ”گانڪ (فرانس جي) جنگين“ ۽ ”ٽرئفلگر“ جي لڙائي احوال ٻڌائيندو هو ٿوري ئي وقت اندر روبي پنهنجي پيءَ جي پٺڀرائي سان اسڪول جي ايوان جو راجا بنجي پيو. اهو انهن حقيقتن مان ٿو ظاهر ٿئي ته ڇوڪرن مان ڪوبه هن جو مخصوص دوست ڪونه هو، ڇوڪرن هن تي ڪڏهن به چيڙ جو نالو ڪين رکيو، ۽ هو ڇوڪرن جي سمورن تڪرارن ۽ جهيڙن کي نبيريندو هو. هن کي ايترو ته بلند مرتبو ملي ويو هو، جو ڪنهن به ڇوڪري هن سان وڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي. +روبيءَ کي اهو احساس رفتھ رفتھ پيدا ٿيو ته هو اسڪول جي ننڍن ڇوڪرن جو اڳواڻ بنجي چڪو هو. هن ۾ ڪا اهڙي خود ضابطگي ۽ پختگي هئي، جو سندس سمورا ساٿي هن کي اڳواڻ بنائڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ٿوري ئي وقت اندر هن جو هڪڙوگفتو ئي فيصلو ڪندو هو ته ڪهڙي راند کيڏڻ گهرجي. ”بيس بال“ راند ۾ هو ’امپائر‘ بنجندو هو، سو به رڳو ان ڪري جو ٻيو ڪوبه ڇوڪرو فساد ڪرائڻ کان سواءِ ڪوبه فيصلو ڏيئي نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ هن کي پاڻ اها راند ايتري ڪانه ايندي هئي، تڏهن به راند جي قاعدن قانون لاءِ اڻ پڇيو هن کان ئي فيصلو ورتو ويندو هو. +جونيس ۽ جيڪب سان ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ، روبيءَ ٻه نيون رانديون ايجاد ڪيون، جيڪي ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍيون مشهور ٿي ويون. هڪڙيءَ جو نالو رکيائين ”سلڪي ڪوائٽ“ جا مقامي ”ڪتي ۽ سهي“ واريءَ راند جهڙي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو هو ”ٽنگ ڀڳي“. انهن ٻنهي راندين لاءِ قاعدا قانون به هو پنهنجي مرضيءَ تي گهڙيندو هو. +مس مارگن، ماسترياڻيءَ، کي به هن ننڍي ڇوڪري سان دلچسپي پيدا ٿي پئي، ڇو ته ڪلاس ۾ به هو ايترو ئي حيرت انگيز هو، جهڙو ڪلاس کان ٻاهر اسڪول جي ايوان ۾. هو نهايت هوشياريءَ سان سبق لس پڙهي ويندو هو، ۽ وڏيءَ عمر جي ماڻهن وارا لفظ استعمال ڪندو هو، پر لکي ڪجهه به نٿي سگهيو. هن کي انگن جي سڄي خبر هئي – کڻي ڪيترا به وڏا انگ هجن، سڃاڻي ويندو هو؛ پر سولي کان سولي حسابي ڪم ڪرڻ کان بنهه نابري واري ٿي بيٺو. روبي ڏاڍو مشڪل سان لکڻ سکيو. پنهنجي اسڪول جي پٽيءَ تي هو ڏڪندڙ هٿن سان عجيب بي ڍنگا اکر لکندو هو. نيٺ مس مارگن هن کي خاص مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. +هڪڙو هڪڙو اکر ڪري کڻ، ۽ ان کي وري وري لک، ته جئن پڪو ٿي وڃيئي،“ مس مارگن کيس صلاح ڏني. ”هر اکر کي نهايت خبرداريءَ سان جهلي جهلي لک“. +روبي پنهنجي ذهن ۾ اهڙي شي تلاش ڪرڻ لڳو، جيڪا کيس پسند ايندي هجي. نيٺ هن هي اکر لکيا: ”دنيا ۾ ڪابه چيز ايتري ڀيانڪ ڪانهي، سواءِ ان جي، جو اسين پاڻ ئي ان کي ڀيانڪ سمجهي ويهي رهون“. هن کي ’ڀيانڪ‘ لفظ ڏاڍو وڻندو هو. انهيءَ لفظ ڪنهن چيز کي ڏاڍي ڳنڀيرتا ۽ رعب ٿي بخشيو. جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ هئا، جن جي اچار جي قوت سان زمين منجهان ڪي جن ڀوت پنهنجي مرضيءَ بنان ئي نڪري اچن، ته پوءِ ’ڀيانڪ‘ لفظ بيشڪ انهن اکرن مان هڪ هو. هن اهو جملو وري وري پئي لکيو، ۽ خاص ڪري ’ڀيانڪ‘ لفظ کي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان جهلي جهلي ٿي لکيائين. ڪلاڪ کان پوءِ مس مارگن پٽي ڏسڻ آئي. +”روبي، ٻڌاءِ ته سهي ته آخر تو هي جملو ڪٿان ٻڌو آهي؟“ +”مئڊم، اهو جملو ’اسٽيونسن‘ جو آهي؛ بابا کي سڄو بر زبان ياد آهي.“ +مس مارگن، جونيس جي ڪافي بدنامي ٻڌي چڪي هئي، ۽ ان هوندي به هن کي پسند ڪندي هئي. پر هاڻ ته هن سان ملاقات ڪرڻ جي کيس ڏاڍي چاهنا ٿي پئي. +اسڪول ۾ راندين جي دلچسپي به ختم ٿيندي ٿي ويئي. هڪ ڏينهن اسڪول وڃڻ وقت روبيءَ ڏاڍي ڏک مان سڄي حقيقت جونيس کي ٻڌائي. جونيس ڏاڙهي کنهندي سوچ ۾ پئجي ويو. ”’جاسوس‘ به سٺي راند آهي،“ هن آخرڪار چيو. ”مون کي ياد آهي ته مون کي ننڍي هوندي ’جاسوس‘ راند ڏاڍي وڻندي هئي.“ +”پر جاسوسي به ڪنهن تي ڪريون؟“ +”ڪنهن تي به نه. انهيءَ جو ڪو فڪر ڪونهي. اسين ته اٽليءَ وارن تي جاسوسي ڪندا هئاسون.“ +روبي ڏاڍي جوش ۽ اشتياق منجهان اسڪول ڏانهن ڀڳو، ۽ ان ڏينهن شام جو ڪافي محنت کان پوءِ اسڪول جي لغت مان هن ”بي. اي. ايس. ايس. ايف. اي. اي. جي.“ نالو تجويز ڪيو. انهيءَ جي معنيٰ هئي ”بوائز آڪسيليري سيڪريٽ سروس فار ايسپيونيج اگينسٽ دي جئپنيز“ – (جپانين خلاف جاسوسي ڪرڻ لاءِ ڇوڪرن جي خفيه مددگار فوج)؛ هو اها معنيٰ هڪ ٻئي کي به بنهه ڪَن ۾ ٻڌائيندا هئا. ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري نه، ته به محض انهيءَ رعبدار نالي جي ڪري انهيءَ تنظيم کي ڪافي قوت ملي ويئي. هڪ هڪ ڪري، سڀني ڇوڪرن کي پاڻ سان اسڪول جي ايوان ۾ وڻ جي ڇانوَ ۾ وٺي ويو، ۽ اتي سڀني کان جدا جدا انهيءَ راز کي ڳجهي رکڻ لاءِ وڏا سنهن قسم کڻايائين. پوءِ سموري گروهه کي هڪ هنڌ گڏ ڪيائين. روبيءَ ڇوڪرن کي اها سمجهاڻي ڏني ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جپانين سان اسان جي جنگ ضرور ٿيندي. +”اسان جو فرض آهي ته اسين هاڻ تيار رهون،“ هن چيو. ”انهيءَ ڀيانڪ قوم جي ڀيانڪ ڪار گذارين جي جيتري وڌيڪ معلومات هٿ ڪنداسون، اوتري وڌيڪ جاسوسيءَ جي معلومات جنگ شروع ٿيڻ تي اسين پنهنجي ملڪ کي پهچائي سگهنداسون.“ +جاسوسيءَ جي اميدوارن کي انهيءَ شاندار تجويز کي مڃڻ کان سواءِ چارو ئي ڪونه هو. هو انهيءَ صورتحال جي سنجيدگيءَ کي محسوس ڪري دل ئي دل ۾ ڪنبي ويا، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ اهڙن وڏن لفظن جي ضرورت پيش آئي هئي. ڇاڪاڻ ته اها جاسوسي في الحال اسڪول ۾ ئي ٿيڻي هئي، ان ڪري ننڍڙو ”تڪاشي ڪيٽو“، جيڪو ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو، سڀ کان پهريون ان جو شڪار بنيو. ان وقت کان پوءِ هن ويچاري کي گهڙيءَ لاءِ به شخصي تنهائي نصيب ڪانه ٿي. جيڪڏهن تڪاشي اسڪول ۾ ٻه آڱريون اڀيون ڪندو هو، ته روبي ’مددگار فوج‘ جي هڪڙي ڇوڪري ڏانهن معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندو هو، ۽ ترت ئي هڪڙو ٻيو هٿ به هوا ۾ اڇلجي اُڀو ٿي ويندو هو. جيڪڏهن تڪاشي اسڪول پوري ڪرڻ کان پوءِ گهر وڃڻ لاءِ نڪرندو هو، ته اٽڪل پنج کن ڇوڪرا رستي جي ٻوڙن مان نڪري، هن جو پيڇو ڪندا هئا. آخرڪار، مسٽر ڪيٽو، تڪاشيءَ جي پيءُ، هڪ رات پنهنجي دريءَ مان هڪ گوري چهري کي جهاتيون پائيندو ڏسي، بندوق جو ٺڪاءُ ڪرايو. ٻئي ڏينهن روبيءَ ڏاڍي اڻتڻ کان پوءِ مددگار فوج جو هڪ ميڙ ڪوٺايو، ۽ حڪم ڏنائين ته سج لٿي کان پوءِ جاسوسي نه ڪئي وڃي. ”دشمن رات جي وقت ڪابه ڪار گذاري ڪري ئي نه سگهندو،“ هن کين سمجهائيندي چيو. +پڇاڙيءَ ۾ تڪاشيءَ کي به پاڻ تي ٿيندڙ جاسوسيءَ مان ڪو نقصان ڪين پهتو. مددگار فوج کي هن تي نظر رکڻي هئي، ان ڪري هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ کان سواءِ هو ڪوبه ڪارائتو گشت ڪري نٿي سگهيا. هن ڏٺو ته هن کي هر هنڌ دعوت ڏيئي گهرايو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هن تي نظر رکڻ لاءِ ڪنهن به پوئتي رهڻ قبول نٿي ڪيو. +ڇوڪرن جي مددگار فوج کي خاتمي جو ڌڪ ان ڏينهن لڳو، جنهن ڏينهن تڪاشيءَ، جنهن کي سندن وجود جي ڪنهن طرح کڙڪ پئجي ويئي هئي، ’فوج‘ ۾ داخلا لاءِ درخواست ڪئي. +”توکي داخل ڪرڻ لاءِ مون کي ته ڪو رستو ئي ڪين ٿو سجهي“، روبيءَ هن کي سمجهائيندي چيو. ”تون خيال ته ڪر ته تون هڪ جپاني آهين، ۽ اسان کي جپانين کان نفرت آهي.“ +ويچاري تڪاشيءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ”جهڙا اوهين هتي ڄاوا آهيو، اهڙو ئي آءٌ هتي ڄائو آهيان،“ هو روئڻ لڳو. ”آءٌ اوهان جهڙو ئي آمريڪي آهيان – آهيان ڪي نه؟“ +روبي سوچ ۾ پئجي ويو. هن تڪاشيءَ سان ظلم ڪرڻ ڪين ٿي گهريو. پوءِ هن جي پيشانيءَ تان سوچ جا گهنج لهي ويا. ”چڱو ڀلا، توکي جپاني ٻولي اچي ٿي؟“ هن پڇيو. +”هائو، بلڪل چڱيءَ طرح.“ +”ته بس، تون اڄ کان اسان جو ترجمان آهين؛ ۽ سمورا ڳجها نياپا توکي ئي ترجمو ڪري ڏيڻا پوندا.“ +تڪاشيءَ جو منهن خوشيءَ کان چمڪڻ لڳو. ”بيشڪ، آءٌ اهو ڪم ڪري سگهندس،“ هن ڏاڍي جذبي ۽ اشتياق منجهان چيو. ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته پوءِ اچو ته بابي تي ئي جاسوسي شروع ڪريون.“ +پر تجويز ناڪام ٿي ويئي. مسٽر ڪيٽو تي جاسوسي ڪرڻ کان سواءِ، مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو ئي ڪونه هو؛ ۽ ڊپ هو ته متان مسٽر ڪيٽو پنهنجي ننڍيءَ ڇيرن واريءَ بندوق سان مرڳو کين ڪو نقصان نه پهچائي وجهي. +’شڪراني‘ جو هفتو به گذري ويو. انهيءَ دوران ۾ ڇوڪرن تي روبيءَ جو اثر انهيءَ مان ظاهر ٿيڻ لڳو ته سڀئي ڇوڪرا لفظن جو چڱو موچارو انداز سکي پيا هئا، ۽ کين بوٽن ۽ هر قسم جي نون ڪپڙن پائڻ کان نفرت ٿي پئي. جيتوڻيڪ روبيءَ کي خود به اهڙو احساس ڪين هو، پر هن هڪ اهڙي اسٽائيل، هڪ اهڙي وضع پکيڙي ڇڏي هئي، جيڪا جيتوڻيڪ بنهه نئين به ڪين هئي، پر وڌيڪ پختي ۽ سخت ضرور هئي. سٺا ڪپڙا پائڻ مردن جو شان نه هو، ۽ سڀ کان وڌيڪ، اها روبيءَ جي بي عزتي سمجهي ويندي هئي. +هڪ جمعي جي شام جو، روبيءَ چوڏنهن چٺيون لکي، لڪ ڇپ ۾ اسڪول اندر چوڏنهن ڇوڪرن کي پهچايون. انهن چٺين ۾ لکيل هو ته ”سڀاڻي ڏهين بجي، منهنجي گهر، ريڊ انڊينس (سرخ هندستانين) جو هڪ وڏو لشڪر، آمريڪا جي پريزيڊنٽ کي جيئري جلائڻ لاءِ ڪاهي ايندو. اوهين هيٺ ٻنين ۾ لڪي ويهجو، ۽ لومڙن وانگر هوڪارون ڪندا رهجو. آءٌ اچي اوهان جي اڳواڻي ڪندس، ۽ پوءِ هن ويچاري کي انهيءَ آفت کان بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسون.“ +ڪافي مهينن کان مس مارگن، جونيس مالٽبيءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ارادو ڪري رهي هئي. هن بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌيون هئائين، ۽ وري ڇوڪري سان جو لاڳاپو رهيو هوس، ان ڪري سندس دلچسپي تنهان ئي وڌي ويئي هئي. ڪلاس ۾ اڪثر ڪونه ڪو ڇوڪرو مالٽبيءَ متعلق ڪا نئين معلومات بيان ڪندو رهندو هو. مثال طور هڪ ڇوڪري، جيڪو واقعي پنهنجي مورکپڻي جي ڪري اڳئي مشهور هو، مس مارگن کي ٻڌايو ته ”هينگيسٽ“ ۽ ”هورسا“ انگلنڊ تي ڪاهه ڪئي هئي. جڏهن ڇوڪري تي زور رکيائين، تڏهن هن ٻڌايس ته اها معلومات کيس جونيس مالٽبيءَ وٽان حاصل ٿي هئي، ۽ اهو به چيو هئائين ته اها هڪ راز جي ڳالهه هئي. ٻڪريءَ واري ڳالهه ٻڌي ماسترياڻيءَ کي ايترو ته لطف آيو، جو هڪ مخزن کي لکي موڪليائين، پر ڪنهن به مخزن اها خريد نه ڪئي. ڪيترائي ڀيرا مالٽبيءَ جي ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ ڏينهن مقرر ڪري چڪي هئي. +ڊسمبر جي هڪ صبح جو جاڳي، ته هوا ۾ پارو ڄميل، ۽ تکي اُس پکڙيل ڏٺائين. نيرن ڪري، ’ڪارڊ راءِ‘ ڪپڙي جي اسڪرٽ، ۽ ريشمي بوٽ پائي، گهر کان ٻاهر نڪتي. اڱڻ ۾ ويٺل پنهنجي پاليل ڪتي کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چچڪار ڏنائين، ۽ ٻيا ڪتا هلڪي ’ڪون ڪون‘ ڪري وري وڃي اُس ۾ سمهي رهيا. +مالٽبيءَ جو گهر ٻه ميل پري ”گيٽو اماريلو“ نالي هڪ ننڍڙي لڪ منجهه هو. انهيءَ لڪ ۾ اڃا ڪافي سيءٌ هو، جو اتي سج اڃان جبلن کان چڙهي مٿي ڪين آيو هو. هلندي هلندي مس مارگن محسوس ڪيو ته هن کي پنهنجي اڳيان ڪنهن جي هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، پر جڏهن موڙ تي پهتي ته ڪير به نظر نه آيس. البت، رستي جي پاسي ۾ ٻوڙن منجهان عجيب و غريب آواز پئي آيا. مس مارگن اڳ ڪڏهن به ان پاسي ڪانه آئي هئي. پر جڏهن اتي پهتي، تڏهن مالٽبيءَ جي ٻنين کي سڃاڻي ورتائين. لوڙها ڊٺا پيا هئا، ۽ مٿانئن ڪن ڪچرو وري ويو هو. ميوي جي وڻن تي بيپاڙي چڙهي ويئي هئي، ڪارن ٻيرن جون وليون صوفن جي وڻن تي چڙهي ويئون هيون. سندس پيرن هيٺان نوريئڙا ۽ سها گهڙيءَ گهڙيءَ اوچتيون اڇلون ڏيئي وٺي ٿي ڀڳا، ۽ مٺڙين ٻولين وارا ڪبوتر ڦڙ ڦڙ ڪر�� اڏامي رهيا هئا. هڪ ڊگهي صنوبر جي وڻ تي بيشمار ڪٻرون ڪو مناظرو ڪري رهيون هيون. ڪجهه اڳتي هلي، ’ايلم‘ وڻ جي پاسي ۾، جنهن جا پن پاري ۾ سڙي ڀورا ٿي ويا هئا، مس مارگن کي مالٽبيءَ جي گهر جي ڇت جون سينواريل ڪنگريون ڏسڻ ۾ آيون. جاءِ جي خاموشيءَ مان ائين ٿي ڀانيو ته هيءَ جاءِ ڪا هزار سالن کان ويران ۽ سنسان پيل آهي. ”ڪهڙي نه ويران ۽ اجاڙ جڳهه آهي،“ هن سوچيو. ”بنهه بي تُڪي، پر نهايت پياري جڳهه آهي!“ هوءَ هڪڙي ننڍڙيءَ ڪاٺ جي ڏاڪائين دروازي مان گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿي. ٻنيءَ واريون جڳهيون، هوائن ۾ ڄڻ ته کاڄي ويون هيون، ۽ ڀتين تي طرح طرح جون جهنگلي وليون چڙهي ويون هيون. مس مارگن اڱڻ جي ڪنڊ ۾ نهاريو، ۽ اتي ئي ڏانوڻ پئجي ويس؛ وات حيرت کان ڦاٽي ويس، ۽ سڄي بدن جا وار ڪانڊارجي ويس. اڱڻ جي پوري وچ ۾ هڪ مضبوط ٿوڻي کتل هئي، ۽ انهيءَ سان چيٿڙن جهڙن ڪپڙن پهريل هڪ ٻڍڙو ماڻهو نوڙين سان چوکنڀو ٻڌو پيو هو، ۽ ٻيو به هڪ چيٿڙن ۾ لپٽيل – پر ٿورو عمر جو ننڍو شخص – سندس پيرن هيٺان سڪل ڪاٺين ۽ ڪکن جو هڪ ڍير گڏ ڪري رهيو هو. مس مارگن کي ڏڪڻي وٺي ويئي، ۽ ڊپ ۾ ماٺ ڪري هڪ ڪنڊ ۾ بيهي رهي. ”هن زماني ۾ ههڙيون ڳالهيون ٿي نٿيون سگهن،“ ”هوءَ پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ لڳي. ”متان خواب لهي رهين آهين. ههڙيون ڳالهيون بنهه ناممڪن آهن!“ ۽ پوءِ هن ڏٺو ته ٻئي شخص پاڻ ۾ نهايت دوستانه نموني ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا. +”ڏهه اچي وڳا آهن،“ ’ايذائيندڙ“ چيو. +’قيديءَ‘ جواب ڏنو، ”هائو؛ ڪکن جي باهه ڏيڻ ۾ خبرداري ڪجانءِ. باهه ڏيڻ کان اڳ اها پڪ ڪجانءِ ته هو اچي رهيا آهن.-“ +مس مارگن اها ڳالهه ٻڌي اطمينان منجهان ذري گهٽ رڙ ڪرڻ واري هئي. هوءَ آهستي آهستي ٿوڻي ڏانهن وڌي آئي. ’آزاد‘ ماڻهوءَ مڙي کيس ڏٺو. گهڙيءَ لاءِ ته هو حيرت ۾ پئجي ويو، پر جلد ئي پاڻ سنڀالي کيس سلام ڪيائين. ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۽ اڻ سنواريل ڏاڙهيءَ واري شخص وٽان اهو سلام ڏاڍو کل جهڙو پر وڻندڙ پئي لڳو. +”آءٌ اسڪول جي ماسترياڻي آهيان،“ مس مارگن يڪساهيءَ چوڻ لڳي، ”سير ڪرڻ لاءِ نڪتي هيس؛ هن گهر تي نظر پيم، سو لنگهي آيس. گهڙيءَ لاءِ هن جئري جلائڻ جي منظر کي بلڪل سچو ۽ سنجيده سمجهي آءٌ نهايت ڊپ ۾ ڀرجي ويئي هيس.“ +جونيس مرڪڻ لڳو. ”پر هي واقعو واقعي بلڪل سنجيده آهي. جيڪو تنهنجو اندازو آهي، ان کان به وڌيڪ سنجيده آهي. گهڙيءَ لاءِ ته مون سمجهيو هو ته تون بچاءَ واري گروهه مان آهين. ڏهين بجي بچاءَ وارو گروهه پهچڻو آهي.“ +گهر جي پٺيان لومڙن جون وحشي ڪوڪارون ٻڌڻ ۾ آيون. ”اجهو، واهر به پهچڻ واري آهي،“ جونيس چيو. +”مس مارگن، معاف ڪجانءِ. منهنجو نالو جونيس مالٽبي آهي، ۽ هي شخص جيڪو هونئن ته جيڪب اسٽٽز سڏبو آهي، پر اڄ هي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو صدر آهي، جنهن کي ’انڊين‘ ماڻهو جئرو جلائي رهيا آهن. گهڙيءَ لاءِ ته اسان سمجهيو هو ته هي ’گئينيور‘ ثابت ٿيندو، پر پوري شڪل صورت نه هئڻ هوندي به هي ڪنهن ’گئينيور‘ کان وڌيڪ سٺو پريزيڊنٽ ٿو لڳي. ڪيئن ٿي ڀانئين؟ ان کان سواءِ، هن ’اسڪرٽ‘ پائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.“ +”بنهه مورکپائي چئبي،“ پريزيڊنٽ اطمينان منجهان جواب ڏنو. مس مارگن کلڻ لڳي. ”مسٽر مالٽبي، آءُ بچاءَ جو ڪارنامو ڏسي سگهان ٿي “ +”آءٌ مسٽر مالٽبي ڪونه آهيان، آءٌ هن وقت ’ٽي سو انڊين ماڻهو‘ آهيان.“ لومڙن جي اونايون وري گونجڻ لڳيون. ”تون هتي ٿلهي وٽ ٿي بيهه،“ ’ٽن سو انڊين ماڻهن‘ چيو. ”اتي توکي انڊين سمجهي، هو ’خون‘ نه ڪندا.“ هو نهر طرف چتائي نهارڻ لڳو. نيٽ جي وڻ جي هڪ ٽاري زور سان لڏي رهي هئي. جونيس هڪ تيلي پنهنجي پتلون سان ريڙهي ٻاري، ۽ ٿوڻيءَ هيٺان گڏ ٿيل ڪکن ڪانن کي باهه ڏنائين. جيئن ئي شعلا بلند ٿيا، نيٽ جا وڻ ڄڻ ته پرزا پرزا ٿي پيا، ۽ هر هڪ پرزو هڪ ڇوڪرو بنجي پيو. ڇوڪرن جي لشڪر اڳيان جلهه ڪئي؛ هو اهڙن اجاين سجاين هٿيارن سان مسلح هئا، جهڙا ’بئسٽلي‘ تي حملي ڪرڻ وقت فرينچ انقلابين وٽ هئا. باهه تيزيءَ سان پريزيڊنٽ ڏانهن وڌي رهي هئي -، پر جلد ئي ان کي ٿڏن سان وسائي ڇڏيائون. بچائيندڙ لشڪر وارا ڏاڍي جوش مان هڪدم سڀ نوڙيون ڪپي ڇوڙڻ لڳا، ۽ جيڪب اسٽٽز آزاد ٿي فخر ۽ خوشيءَ مان هيٺ لهي آيو. ان کان پوءِ جيڪو جشن ٿيو، سو به گهٽ اثرائتو ڪين هو. جڏهن ڇوڪرن جو لشڪر سلاميءَ لاءِ تيار ٿي بيٺو، تڏهن پريزيڊنٽ سڄي قطار لتاڙيندي، هر هڪ ڇوڪري جي ڪوٽ تي شيهي جو هڪ ٻلو ٽاچيندو ويو، جنهن تي ”بهادر“ لفظ کرڙي لکيو ويو هو. راند پوري ٿي چڪي هئي. +”آئينده ڇنڇر تي اسين ڏوهاري بدمعاشن کي ڦاهيءَ تي چاڙهينداسون، جن ههڙي ڀيانڪ سازش جي ڪوشش ڪئي آهي.“ روبيءَ اعلان ڪيو. ڇو نه هينئر ئي ڪريون؟ اچو ته هينئر ئي کين ڦاهيءَ چاڙهيون،“ فوج يڪ آواز ٿي چيو. +”نه منهنجا پهلوان ساٿيو؛ اسان کي ٻيا به ڪيترائي ڪم سرانجام ڏيڻا آهن. ڦاهيءَ جو تختو به ته تيار ڪرڻو پوندو!“ هن مڙي پنهنجي پيءُ ڏانهن ڏٺو. ”منهنجي خيال ۾ اوهان ٻنهي کي ڦاسيءَ تي چاڙهڻو ئي پوندو،“ هن چيو. گهڙيءَ لاءِ هن مس مارگن کي به حريص نگاهن سان ڏٺو، پر پوءِ بيد ليو ٿي هن جو خيال لاهي ڇڏيائين. +اهڙي پر لطف شام زندگيءَ ۾ مس مارگن خير ڪا گذاري هئي. جيتوڻيڪ هن کي انجير جي ڏار تي ويهڻ جي عزت واري جڳهه به ڏنائون، پر ڇوڪرن هن جي استاد هجڻ جو ڪو گهڻو خيال ڪين ڪيو. +پنهنجا بوٽ جيڪڏهن لاهي ويهين، ته هوند وڌيڪ فرحت محسوس ڪندينءَ،“ روبيءَ کيس دعوت ڏيندي چيو. ۽ واقعي جڏهن هن پنهنجو بوٽ لاهي، پير پاڻيءَ ۾ وڌا، تڏهن هن ڏاڍي فرحت محسوس ڪئي. +ان شام جو، جونيس ”ائليوشن انڊين“ ماڻهن ۾ آدمخورن جي ٽولن جو ذڪر ڪيو. هن کين ٻڌايو ته ڪيئن غلامن جي فوج ’ڪارٿيج‘ جي خلاف ٿي پئي هئي. هن کين ’لئڪيڊيمونين‘ ماڻهن جو قصو ٻڌايو، جيڪي ’ٿرموپلي‘ وٽ مرڻ کان اڳ پنهنجي وارن کي ڦڻيون ڏيندا رهيا. هن ارڙهين صديءَ واري ’مڪاروني‘ فرقي جي اصليت جو احوال به بيان ڪيو؛ ۽ کين ٽامي جي دريافت جو احوال اهڙيءَ طرح ٻڌايو، ڄڻ ته پاڻ اتي حاضر هو. آخرڪار جڏهن باغ عدن مان حضرت آدم جي نڪرڻ جي مسئلي تي جيڪب سندس دليل جي مخالفت ڪئي، تڏهن پاڻ ۾ وڙهي پيا، ۽ سڀ ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. مس مارگن ڇوڪرن کي وڃڻ جي اجازت ڏني، ڇو ته هُن هِن عجيب شخص بابت اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه سوچڻ ٿي چاهيو. +اسڪول بورڊ طرفان اسڪول جي معائني ڪرڻ واري ڏينهن کان استاد توڙي شاگرد ڏاڍا ڊڄندا هئا. اهو ڏينهن ڏاڍو بي آراميءَ جو ڏينهن هو. سبقن جو وري وري دور ٿي رهيو هو. ڪنهن ڇوڪري جيڪڏهن ڪنهن لفظ جي هجي ڪرڻ ۾ ڪا غلطي ٿي ڪئي، ته ڄڻ ته هن کان ڪو وڏو گناهه ٿي سرزد ٿيو. ان ڏينهن تي ڇوڪرا هميشھ کان وڌيڪ چڪون ڪندا هئا، ۽ استاد جا حواس ته بنهه خطا ٿي ويندا هئا. +’پاسچر آف هيونس‘ جي اسڪول بورڊ جي جماعت پندرهين ڊسمبر جي منجهند جو، سڪول جي معائني ڪرڻ لاءِ پهتي. منجهند جي ماني کائي، هو هڪ هنڌ گڏ ٿيا، ۽ ڏاڍا اداس، مغموم ۽ لڄارا ٿي رهيا هئا. پهرين اسڪول بورڊ جو ٻڍڙو سيڪريٽري ”جان وائيٽ سائيڊ“ پهتو. تعليم متعلق هن جا خيال ڏاڍا آزاد هئا، ان ڪري واد��ءَ ۾ اڪثر هن تي سخت نقطه چيني ڪئي ويندي هئي. ان کان پوءِ ”پئٽ هئمبرٽ“ آيو. پئٽ انهيءَ ڪري چونڊجي ويو هو، جو هن چونڊجڻ چاهيو ٿي – تنهائي پسند ماڻهو هو، ۽ خودبخود ماڻهن کي وڃي ملڻ جي هن ۾ عادت ئي ڪانه هئي؛ ۽ ماڻهو زوريءَ هن کي پنهنجي صحبت ۾ گهلي ايندا هئا. هن جا ڪپڙا اهڙائي اڻ ٺهڪندڙ ۽ بي تڪا هئا، جهڙا واشنگٽن ۾ ابراهم لنڪن جي مجسمي تي پتل جا ڪپڙا پيل آهن. ان کان پوءِ ”ٽي . بي . ائلن“ آيو. هو واديءَ جو اڪيلو واپاري هو، ان ڪري بورڊ ۾ سيٽ ملڻ جو پاڻ ئي حقدار هو. ان جي پٺيان ”ريمند بئنڪس“ آيو، جو بدن جو ڀريل ۽ طبيعت جو خوشمزاج هو. سندس هٿ ۽ منهن نهايت سرخ سرخ ٿي نظر آيا. انهيءَ قطار ۾ سڀ کان پويان، نئون چونڊيل ميمبر ”برٽ منرو“ هو. ڇاڪاڻ ته اسڪول ۾ پهريون دفعو آيو هو، ان ڪري ميمبرن جي پويان ويندي هو ڏاڍو ڦڪو ۽ لڄارو ٿي رهيو هو. سڀ ڪلاس – ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيا. +جڏهن سڀ ميمبر ججن وانگر اڳيان اچي ويهي رهيا، تڏهن سندن زالون پويان اچي ڪلاس ۾ شاگردن جي پٺيان ويهي رهيون. شاگرد انتظار ۽ بي آراميءَ کان وٽ کائي رهيا هئا. هو ائين محسوس ڪري رهيا هئا، ڄڻ ته هنن جي چوڌاري گهيرو ڪيو ويو هو، ۽ ڀڄڻ جي واٽ ئي ڪانه هئي. پنهنجي سيٽن تي بي آراميءَ منجهان هنن ڏٺو ته زالون ڏانهن ڏاڍيءَ مهربانيءَ ۽ شفقت جي نظرن سان ڏسي رهيون هيون. هو مسز منرو جي هنج ۾ هڪ وڏي ڪاغذ جي پڙي کي چتائي ڏسي رهيا هئا. +اسڪول شروع ٿيو. مس مارگن، ڏاڍي مشڪل سان چپن تي مرڪ آڻي، ميمبرن جي آجيان ڪئي. ”صاحبو، اڄ اسين اوهان کي ڪا غير معمولي چيز پيش ڪين ڪنداسون. بس جيڪي روزمره ڪلاس ۾ ڪم ٿيندو آهي، بلڪل اهو ئي اوهان ٻڌندا، ۽ اميد اٿم ته اوهان کي ان تي اطمينان ۽ خوشي ٿيندي.“ گهڙيءَ کان پوءِ هن کي احساس ٿيو ته ناحق هن اهي لفظ چيا. پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ هن اهڙا ڪجسا ۽ بيوقوف شاگرد ڪين ڏٺا هئا. جن شاگردن مس مس ڪجهه ڳيتون ڏيئي ڪي لفظ ڳالهايا ٿي، انهن کان به ڏاڍيون ڳريون چڪون ٿي رهيون هيون. هجي ڪرڻ ۾ ته سڀني نهايت شرمناڪ چڪون پئي ڪيون. هنن جو پڙهڻ ڄڻ ته چرين واري بڙ بڙ پئي معلوم ٿي. بورڊ جا ميمبر هونئن ته پنهنجي پاڻ تي ضابطو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر ٻارن جي بي آرامي ۽ اضطراب کي محسوس ڪري، هو مرڪڻ کان رهي نه سگهيا. مس مارگن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون نمودار ٿيڻ لڳيون. هوءَ تصور ئي تصور ۾ ڏسي رهي هئي ته بورڊ ڪاوڙجي کيس ڊسمس ڪري رهيو هو. پٺيان ويٺل ميمبرن جون زالون به مرڪي رهيون هيون، ۽ وقت گذري رهيو هو. جڏهن حسابن جي گڙٻڙ به پوري ٿي، تڏهن جان وائيٽ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو. +”مهرباني، مس مارگن،“ هو چوڻ لڳو. ”جيڪڏهن اجازت ڏين، ته ٻارن سان ٻه اکر ڳالهايان؛ پوءِ ڀل تون کين موڪل ڏيئي ڇڏج. اسان جي هت اچڻ تي هنن کي ڪو ته اجورو ملڻ گهرجي.“ +ماسترياڻيءَ ڇوٽڪاري جو هڪ ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ چوڻ لڳي، ”شايد اوهان سمجهي چڪا آهيو ته شاگرد اڳئين وانگر ايترا هوشيار ڪين آهن. خير چڱو ٿيو، جو اوهان کي خبر ته پئجي ويئي.“ +جان وائيٽ سائيڊ مرڪڻ لڳو. هو اسڪول جي معائني وارن ڏينهن تي ڪيترا اهڙا پريشان ۽ مضطرب استاد ڏسي چڪو هو. ”جيڪڏهن آءٌ اهو سمجهان ته ڇوڪرا نهايت هوشيار ٿي ويا آهن، ته هوند آءٌ اسڪول کي ئي بند ڪري ڇڏيان،“ هن چيو. پوءِ ٻارن سان پنج منٽ مخاطب ٿيو، ۽ کين هدايت ڪيائين ته هنن کي محنت ڪري پڙهڻ گهرجي، ۽ پنهنجي استاد جي عزت ڪرڻ گهرجي. اها ننڍڙي ۽ آسان تقرير هو ورهين کان ڪندو آيو هو. جڏهن تقرير پوري ٿي، تڏهن هن ماستريا��يءَ کي ٻارن کي موڪل ڏيڻ لاءِ چيو. ٻار اول ته خاموشيءَ سان ٻاهر ڀڳا، پر ٻاهر نڪرندي شرط خوشيءَ مان ڪيڪون ڪندا، هڪ ٻئي سان وڙهندا ماريندا، اڇلون ڏيندا، اسڪول جي اڱڻ ۾ پکڙجي ويا. +جان وائيٽ سائيڊ مس مارگن سان هٿ ملايو، ۽ ڏاڍيءَ شفقت سان چيائين، ”اسان کي اڃا تائين اهڙو استاد نه مليو آهي، جنهن جي ڪلاس ۾ هيڏو انتظام هجي، توکي شايد خبر نه هجي، پر شاگرد توکي ڏاڍي محبت ۽ عزت سان ٿا ڏسن.“ + +”ٻار به سمورا سلڇڻا ٻار آهن،“ هن باضابطه جواب ڏنو. ”هو نهايت سٺا ٻار آهن.“ +”بيشڪ صحيح آهي،“ جان وائيٽ سائيڊ اعتراف ڪندي چيو. ”خير، ڀلا هو ننڍڙو ڇوڪرو، مالٽبي، ڪيئن پيو هلي؟“ +”هو ڏاڍو ذهين ٻار آهي – ڏاڍو عجيب ڇوڪرو آهي. منهنجي خيال ۾ ته هڪ نهايت تيز ۽ روشن ذهن جو ٻار آهي.“ +”مس مارگن، اسان بورڊ جي ميٽنگ ۾ به ان ڇوڪري بابت ڳالهيون ٻولهيون ڪيون هيون، توکي ته خبر آهي ته هن جي گهرو زندگي اهڙي ڪانهي، جهڙي هئڻ گهرجي. اڄ ته مون خاص طور هن کي ڌيان سان ڏٺو. ويچاري ٻارڙي کي پورا ڪپڙا به ته پيل ڪونه هئا.“ +”برابر، پر هن جي گهر جي عجيب حالت آهي،“ مس مارگن محسوس ڪيو ته هن کي جونيس مالٽبيءَ جو پاسو کڻڻو ئي پوندو. ”اهو گهر عام رواجي گهرن جهڙو ڪين آهي، پر اهڙو خراب به ڪين آهي.“ +”مس مارگن، مون کي غلط نه سمجهه، اسين هن جي معاملن ۾ دخل ڪين ٿا ڏيڻ گهرون. اسان رڳو ايترو سوچيو ته هن کي ڪجهه چيزون ڏيڻ گهرجن. توکي ته خبر آهي ته هن جو پيءُ ڏاڍو غريب ماڻهو آهي.“ +”مون کي سموري خبر آهي،“ هن آهستي جواب ڏنو. +”مسز منرو هن لاءِ ڪجهه نوان ڪپڙا وٺي آئي آهي. تون ڀلائي ڪري هن کي اندر سڏ ڪري وٺ، ته کيس اهي ڪپڙا ڏيون.“ +”اوهه. بلڪل نه، آءٌ کيس ڪانه سڏينديس........“ هوءَ چوڻ لڳي. +”پر ڇو نه؟ اسان هن لاءِ هڪ ٻه ننڍريون قميصون، هڪڙي پتلون ۽ بوٽ آندو آهي.“ +”پر، مسٽر وائيٽ سائيڊ، ممڪن آهي ته ڇوڪري کي ڪجهه رنج ٿي پوي، هو ڏاڍو مغرور ٻار آهي، نون ڪپڙن تي رنج ٿيندو؟ بلڪل غلط، منهنجي خيال ۾ هن کي پاڻ اهي ڪپڙا نه ملڻ تي رنج ٿيندو، پر انهيءَ کان سواءِ، ههڙي سيءَ ۽ ٿڌ ۾ هن جو پيرين اگهاڙو رهڻ ڏاڍو خطرناڪ آهي. هفتي کان وٺي روزانو صبح جو پارو ٿو وسي.“ +”ڪاش، اوهين پنهنجي ڳالهه تان لهي وڃو،“ هن لاچاريءَ مان چيو، ”ڪاش، اوهين ائين نه ڪريو!“ +”مس مارگن، تون اهو نه ٿي سوچين ته تنهنجو ضد اجايو آهي؟ مس منرو رحم کائي هن لاءِ اهي چيزون خريد ڪري آئي آهي. ڀلائي ڪري سڏ ڪرينس، ته هوءَ کيس ڪپڙا ڏئي.“ +گهڙيءَ کان پوءِ روبي سندس اڳيان بيٺو هو. هن جا کنڊريل وار سندس منهن تي پئجي رهيا هئا، ۽ سندس اکيون شايد پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ کيڏيل ناٽڪ جي هيبت کان چمڪي رهيون هيون. ڪمري ۾ گڏ ٿيل گروهه هن کي شفقت ۽ پيار جي نظرن سان ڏسڻ لڳو. هنن سندس ليڙن ٿيل ڪپڙن کي هروڀرو تڪي ڪين ٿي ڏٺو. روبي ڏاڍيءَ بيچينيءَ مان هنن ڏانهن نهاري رهيو هو. +مس مارگن چيو، ”رابرٽ، مسز منرو تنهنجي لاءِ ڪي شيون وٺي آئي آهي.“ پوءِ مسز منرو اڳتي وڌي آئي، ۽ ڪاغذ جو وڏو بنڊل کڻي سندس هٿن ۾ ڏنائين – ”ڪهڙو نه سٻاجهو نينگر آهي!“ +رابرٽ ڏاڍي خبرداريءَ سان بنڊل کڻي پٽ تي رکيو، ۽ پنهنجا هٿ پٺيان ٻڌي بيٺو رهيو. +”رابرٽ، بنڊل کي کولي ته ڏس“ ٽي. بي. ائلن ٿورو تکائي سان چيو. +”اڄ تنهنجي لڇڻن کي ڇا ٿيو آهي؟“ +روبيءَ هن ڏانهن شڪايت ۽ ڪاوڙ ڀريل نگاهن سان نهاريو. ’هائو، سائين،‘ چئي، هن بنڊل جا ڌاڳا ڇوڙيا. نيون قميصون ۽ نئين پتلون ۽ نئون بوٽ هن جي اڳيان کلي پيا؛ ۽ هو ��نهن ڏانهن هڪ عجيب اٻوجهائيءَ مان گهورڻ لڳو. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته اهي ڪهڙيون چيزون هيون! هن جو منهن تپي ڳاڙهو ٿي ويو. گهڙيءَ لاءِ هن پنجوڙ ۾ ڦاٿل ڪنهن جانور وانگر هراسيل نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو؛ ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو، لوهه ڏيئي دروازي ڏانهن ڀڳو – ڪپڙن جو بنڊل اتي ئي رهيو. اسڪول بورڊ جي ميمبرن اسڪول جي اڱڻ ۾ هن جي ڊوڙڻ جو آواز ٻڌو؛ ۽ روبي وڃي چڪو هو. +مسز منرو بيوسيءَ مان ماسترياڻيءَ ڏانهن ڏٺو. ”هن سان آخر وئل ڪهڙو آهي؟“ +”ڀانيان ٿي ته هن کي ڏاڍو رنج پهتو آهي،“ مس مارگن چيو. +”پر هن کي رنج ڇو ٿيڻ گهرجي، اسين ته هن سان چڱائي ڪري رهيا هئاسون.“ ماسترياڻي هنن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر انهيءَ ڪوشش ۾ هوءَ هنن سان ڪاوڙجي پئي. +”اوهان ته ظلم ڪري ڇڏيو، ڏٺوَ نه........... هڪ گهڙي اڳ هن کي اهو احساس ئي ڪونه هو ته هو ڪو غريب هو. هن جي پندار کي ڌڪ لڳو آهي.“ +”اها منهنجي چڪ هئي،“ جان وائيٽ معافي گهرندي ۽ افسوس ڪندي چيو. ”مون کي سخت افسوس آهي، مس مارگن!“ +”هاڻ ان لاءِ آخر ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ برٽ منرو پڇيو. +”مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. سچ پڇ ته هاڻ مون کي ڪو رستو نظر نٿو اچي.“ +مسز منرو پنهنجي مڙس کي چوڻ لڳي، ”برٽ، منهنجي خيال ۾ تون پاڻ وڃي مسٽر مالٽبيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري اچ؛ شايد ڳالهه ٺهي پوي. تون هن سان مهربانيءَ سان پيش اچج. رڳو ايترا ٻه اکر چئجانس ته ڇوڪر کي ان طرح پيرن اگهاڙو گهمڻ نه گهرجي. ممڪن آهي ته انهن ٻن اکرن مان ئي قصو ٺهي پوي. مسٽر مالٽبي ممڪن آهي ته ننڍڙي رابرٽ کي چوي ته کيس ڪپڙا وٺڻ گهرجن. اوهان جو ڇا خيال آهي، مسٽر وائيٽ سائيڊ؟“ +”مون کي اها تجويز بلڪل پسند ڪانهي. منهنجي راءِ کي ريٽڻ لاءِ اوهان کي شايد ووٽ وٺڻا پوندا. آءٌ اڳئي ڪافي نقصان پهچائي چڪو آهيان.“ +”منهنجي خيال ۾ هن جي جذبات کان هن جي صحت وڌيڪ اهميت ٿي رکي،“ مسز منرو چوڻ لڳي. +اسڪول ويهين ڊسمبر کان ناتال جي موڪلن لاءِ بند ٿي ويو. مس مارگن پنهنجون موڪلون ”لاس اينجلز“ ۾ گذارڻ جو پروگرام رٿيو هو. هوءَ هڪ چوسول تي ”ساليناس“ ڏانهن وڃڻ واريءَ لاريءَ جي انتظار ۾ بيٺي هئي ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري ۽ هڪ شخص کي ”پاسچرس آف هيون“ مان پاڻ ڏانهن ايندڙ رستي تي ڏٺو. هن کي نهايت سستي قسم جا نوان ڪپڙا پيل هئا، ۽ هو ٻئي اهڙيءَ طرح هلي رهيا هئا، ڄڻ ته سندن بوٽن کين پيرن ۾ لڦون وجهي ڇڏيون هيون. جڏهن هو ويجهو پهتا، تڏهن مس مارگن ڇوڪري ڏانهن چتائي نهارڻ لڳي، ۽ ڏٺائين ته هو روبي هو. هن جي منهن مان ڏک ۽ اُداسي ظاهر ٿي رهي هئي. +”ڇو رابرٽ، ڳالهه ڇا آهي؟ ڪاڏي پيا وڃو؟“ مس مارگن پڇيو. هن شخص جواب ڏنو، ”مس مارگن، ’سئنفرئنسسڪو‘ ٿا وڃون.“ +هوءَ هن ماڻهوءَ ڏانهن نهارڻ لڳي. هو جونيس مالٽبي هو، هن پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي هئي. هن کي اهو احساس ئي ڪونه هو ته هو ڪو ايترو پوڙهو هو. سندس اکيون، جيڪي جوان لڳنديون هيون، سي به هاڻ پوڙهيون ٿي ويئون هيون. هن جو منهن ڏاڍو زرد هو؛ شايد هيترو وقت سندس ڏاڙهي هن جي منهن کي اُس کان بچائيندي رهي هئي. هن جي منهن تي هڪ سخت مونجهاري ۽ پريشانيءَ جي ڪيفيت هئي. +”موڪلون ملهائڻ پيا وڃو ڇا؟“ مس مارگن پڇيو. ”ناتال جي ڏينهن ۾ سجايل سينگاريل دڪان مون کي ڏاڍا وڻندا آهن. ڏينهن جا ڏينهن ڀانءِ ته انهن کي بيٺي ڏسندي هان!“ +”نه،“ جونيس مالٽبيءَ هوريان جواب ڏنو، ”شايد اسين هميشھ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيا آهيون. مس مارگن، آءٌ هڪ اڪائونٽنٽ آهيان. گهٽ ۾ گهٽ ويهه سال اڳ ته آءٌ ��ڪائونٽنٽ ئي هوس. نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ٿو وڃان.“ هن جي آواز ۾ هڪ عجيب درد سمايل هو. +”پر آخر ڇو ٿو ائين ڪرين؟“ هن پڇيو. +”ڏس، مس مارگن،“ هن سادگيءَ سان کيس سمجهائڻ شروع ڪيو، ”مون کي اهو احساس ئي ڪونه هو ته هت آءٌ پنهنجي پٽ سان ڪو ظلم ڪري رهيو هوس. مون ان تي ڪڏهن سوچيو ئي ڪين هو. هاڻ خيال ٿو ڪريان ته مون کي ان بابت ضرور سوچڻ گهربو هو. تون خود به ضرور اهو محسوس ڪندينءَ ته هن ٻار کي هيئن مسڪينيءَ ۽ اڻ هوند جي ماحول ۾ نپائڻ نه گهرجي ها. تون اهو محسوس ڪرين ٿي يا نه؟ مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ماڻهو اسان لاءِ ڇا چئي رهيا هئا!“ +”پر تون هت ٻنين تي ڇو نٿو رهين؟ تنهنجي زمين به ڪافي ڀلي آهي!“ +”پر آءٌ انهيءَ مان گذر سفر پيدا ڪري نه سگهيس، مس مارگن. مون کي ٻنين يا هارپ جي ڪابه سڌ ڪانهي. جيڪب ٻنيءَ کي وري آزمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي. پر جيڪب ڏاڍو سست آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ، جڏهن ڪجهه پير کوڙي ويس، ته انهيءَ زمين کي وڪڻي ڇڏيندس، ۽ روبيءَ کي ڪجهه شيون وٺي ڏيندس، جيڪي زندگيءَ ۾ هن کي ڪڏهن نصيب نه ٿيون آهن.“ +مس مارگن کي چڙ اچي ويئي، پر ساڳئي وقت هن کي ائين محسوس ٿيو ته هوءَ روئڻ واري هئي. ”تون بيوقوف ماڻهن جي چوڻ تي اعتبار ٿو ڪرين ڇا؟“ +هو ڏانهنس حيرت مان نهارڻ لڳو. ”بلڪل نه؛ پر تون خود ڪانه ٿي محسوس ڪرين ته هڪ وڌندڙ ڇوڪري کي جانورن وانگر نپائڻ نه گهرجي؟“ +پريان رستي تان لاري ايندي نظر آئي. جونيس، روبيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هِن ته اچڻ ئي نه ٿي گهريو. ڀڄي وڃي جبلن ۾ لڪو هو. ڪالهه رات جيڪب ۽ آءٌ وڃي جهلي وٺي آياسونس. گهڻائي ڏينهن جانورن وانگر گذاريا اٿس. ان کان سواءِ هن کي اها خبر ئي ڪانهي ته سئنفرئنسسڪو ۾ رهڻ ڪيترو نه چڱو آهي.“ +لاري اچي سندن سامهون بيهي رهي. جونيس ۽ روبي چڙهي پٺين سيٽن تي وڃي ويهي رهيا. مس مارگن به سندن ڀر ۾ ويهڻ واري هئي، پر اوچتو هن کي ڪو خيال آيو، ۽ رخ ڦيري اڳيان وڃي ڊرائيور جي ڀر واريءَ سيٽ تي ويهي رهي. ”بيشڪ“، هوءَ پنهنجي ئي پاڻ کي چئي رهي هئي. ”بيشڪ، هنن کي اڪيلائيءَ جي ضرورت آهي!“ + + +ٻلين جو بادشاهه +از – اسٽيفن ونسينٽ بنيٽ مترجم – رباني +--------- +The King of the Cats +By +Stephen Vincent Benet + + +Published by permission of Brandt and Brandt,New York. + + +اسٽيفن بنيٽ (1898 - 1943). اڻ مندائتي موتَ، جو جنگ جي پروپئگنڊا جي اڻ کٽ ڪم لاءِ اورچائي سان ڪيل موثر محنت جو نتيجو هو، اسان جي دور جي هڪ نامياري جمهوريت پسند اديب جي زندگي ختم ڪري ڇڏي. اسٽيفن ۽ ڀاڻس وليم روز بنيٽ، اديبن ۽ فوجين جي هڪ ڊگهي سلسلي منجهان آهن. هو بيٿلهم، پنسلوينيا ۾ ڄائو، ”ييل“ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿيو، ۽ پوءِ ”ساربون“ (فرانس) ۾ داخل ٿيو، جتي مسز بنيٽ سان ملاقات ٿيس، ۽ جوش جذبي سان لکڻ شروع ڪيائين. 1929ع ۾، کيس ”جان برائونس باڊي“ لاءِ، ”پلزر جو شاعريءَ واسطي انعام“ – مليو. ساڳئي ئي انعام جو، ٻيهر 1944ع ۾ آمريڪا، جي ترقيءَ تي سندس لکيل شاهڪار، ”ويسٽرن اسٽار“، لاءِ اعلان ٿيو. ”ويسٽرن اسٽار“ سندن موت کان پوءِ، 1943ع ۾ ڇپيو. سندس ٻه ناول ”بگننس آف وزڊم“ ۽ ”اسپئنش بايونيٽ“ ايترو ڪامياب ڪين ويا، پر سندس مختصر افسانا سندس شاعريءَ سان گڏ زنده رهندا. منجهانئن هڪ، ”دي ڊيول، ائنڊ ڊينيل ويسٽر“، فلمايو به ويو هو، ۽ آمريڪي لوڪ ثقافت جي بهترين مظهر – ”گرانڊ آپرا“ وسيلي به پيش ٿيو. + + + + +مس ڪلورين ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”پر مَنَ! تون ائين ته نٿي چئين ته ........ ته هن کي سچ پچ هڪڙو پڇ آهي.“ +”بلڪل، بلڪل،“ ’مسز ڊنگل‘ ڪنڌ ڌوڻي چيو. ”پنهنجي اکين سان ڏٺو اٿم. ٻه ڀيرا. هڪ ڀيري پئرس ۾، ۽ ٻئي ڀيري روم ۾، جتي هو وڏي شان سان پيش ٿيو هو. اسان شاهي باڪس ۾ ويٺا هئاسين، هن ’آرڪيسٽرا’ (سازينه) جي مهنداري پئي ڪئي. مان ٿي چوان ته تو سڄيءَ عمر ۾ اهڙي عمدي وڄت نه ٻڌي هوندي!... ۽ منهنجي مٺڙي،“ هن ٿورو رڪجي، آهستي چيو، ”هدايتڪاريءَ جا اشارا اُنهيءَ سان ئي ٿي ڪيائين!“ +مسز ڪلورين اشتياق مان چيو، ”ڏاڍي عجب جي ڳالهه چئبي! ڇا چئجي! هتي اچي، ته دعوت ڪيونس؛ الائي ڪڏهن ٿو پهچي؟“ +”ٻارهينءَ.“ مسز ڊنگل جي اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي؛ چوڻ لڳي ”’نيو سمفنيءَ‘ وارن (جديد موسيقارن) کيس دعوت ڏني آهي ته واڄي جي ٽن محفلن ۾ سندن مهنداري ڪري.......... ارادو اٿم ته جڏهن هتي اچي، ته هن جي کاني جي دعوت ڪريان – توکي به شرڪت جي دعوت ڏينديس.............. هتي هوندو ته ڏاڍو مشغول، پر اسان سان هونئن به وعدو ڪيو اٿائين ته جيڪا به واندڪائي ٿيس، سا اسان سان گڏ گذاريندو.“ +”سا ته تنهنجي مهرباني؛ تون سدائين مهربان ميزبان هوندي آهين، پر پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اسان کي به وارو ڏي. ٿڪجي نه پئين. ڪجهه ته اسان کي به پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي، هونئن ته ’هئري‘ ۽ مان اکين سان....“ مسز ڪلورين جڏهن اهي اکر ٿي چيا، ته کيس اها ڳالهه دل ۾ پئي کُکي ته تازو مسز ڊنگل جي دلپسند انگريزي ناول نگار جو ڪيئن گذريل دفعي خوامخواهه پاڻ مٿو ئي کائي ويئي هئي. +مسز ڊنگل کان به ڳالهه اڃا نه وسري هئي. چوڻ لڳي، ”من! اها ته تنهنجي نوازش چئبي، پر اسان ’موسيو تائيبالت‘..... ڪيئن نالو وڻيئي ٿو نه!.... چون ٿا ته ’روميو جيوليٽ‘ ڊراما ۾ جيڪو تائيبالت ڪردار آهي، هي انهيءَ جي ئي اولاد مان آهي، - ان ڪري ’شيڪسپيئر‘ کان چڙ اٿس! ها، سوچيم ٿي ته اسان موسيو تائيبالت جي خوش مرحبا تي گهڻو کٽراڳ ڪونه ڪنداسون. بس واڄي جي پهرينءَ محفل کان پوءِ هڪڙي مختصر ۽ معمولي دعوت.“ ميز جي چوڌاري نهاري چوڻ لڳي، ”وڏيون دعوتون کيس وڻن ئي ڪونه. بس اها ئي هن جي اجائي چرڙيائپ!“ ٿورو آهستي کنگهي، وري چوڻ لڳي، ”ڌارين سان ملندي شرمائبو آهي.“ +”پر، چاچي ايملي،“ مسز ڊنگل جي ڀائٽئي ’ٽامي بروڪس‘ چيو، ”مان اڃا اها ڳالهه ڪانه سمجهي ته هن وحشي تائيبالت کي، ڀولڙن يا ٻين جانورن جيان پڇ آهي!“ +مسز ڪلورين تڪڙو ٿي چيو، ”ٽامي! اول ته موسيو تائيبالت وحشي ناهي..... . هو هڪ وڄت جو وڏو ماهر آهي...... هڪ عظيم موسيقار! يورپ ۾ اهڙو ٻيو هدايتڪار ڪونهي! ۽ تنهن کان پوءِ....“ +”کيس“ مسز ڊنگل ڌيرج سان چيو. ”کيس سچ پچ پڇ آهي. انهيءَ سان ئي هدايتڪاري ڪندو آهي.“ +اها ڳالهه ٻڌي ٽاميءَ جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. چوڻ لڳو، ”اڙي! پر ايمان سان..... منهنجو مطلب آهي...... خير، چاچي جي تون چوين ٿي، ته پوءِ مون کي اعتبار اچي ٿو ته کيس ...... پر پوءِ آهي ته ڏاڍي عجيب ڳالهه..... منهنجو مطلب ته سمجهين ٿي نه چاچي!....... ڪيئن پروفيسر ’ٽاٽو‘ اوهان جو ڇا خيال آهي؟“ +پروفيسر ٽاٽوءَ پهريائين ته پنهنجي نڙي صاف ڪئي. ”اُنهه“ ڪيائين. ۽ پوءِ پنهنجي ٻنهي هٿن جي آڱرين جي چوٽين کي گڏي چوڻ لڳو، ”مون کي موسيو تائيبالت کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. مون اڄ تائين ته پڇ سان ڪو ماڻهو ڪونه ڏٺو آهي، ان ڪري ڪجهه گمان ٿو ٿئيم؛ پر تڏهن به.... مثلاً وچئين دور ۾.... پڇ وارن ماڻهن يا پڇ جهڙي شي رکندڙ ماڻهن بابت چيو ويندو هو ته اهي موجود آهن؛ ۽ جيستائين اسان تحقيق ڪري سگهيا آهيون، ته ان زماني ۾ اهو اصل عام عقيدو هو. ارڙهين صديءَ ۾ ولنديزي سامونڊي ڪپتان، جنهن جي ڳالهه تي واقعي ڪج��ه ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، فارموسا ٻيٽ ۾ اهڙن ساهوارن جي هڪ جوڙي جو ذڪر ڪيو آهي. منهنجو خيال آهي ته اهي اڃا تهذيب جي شروعاتي دور ۾ هئا، پر منجهن مذڪور نشانيون بلڪل چٽيون هيون. ۽ 1860ع ۾، ڊاڪٽر ’گرم بروڪ‘، انگريز جراح، دعوا ڪئي هئي ته هن آفريڪا ۾ هڪڙن ٽن ڄڻن جو علاج ڪيو هو، جن کي ننڍڙا پر چٽا پٽا پڇ هئا. جيتوڻيڪ سندس انهيءَ دعوا جي ٻئي ڪنهن به تصديق ڪانه ڪئي هئي. خير، اها ڳالهه ناممڪن ته ناهي – جيتوڻيڪ ان ۾ شڪ ضرور جاڳي ٿو. ماڻهن ۾ ڄاريءَ وارا ڳنڍيل پير.... يا ڳچيءَ وٽ ٻاهر لٽڪندڙ ڳلڦڙا....... اهي ته عام آهن. زائد آنڊو ته اسان سڀني کي آهي. بن مانس مان اسان جي ارتقا جو سلسلو اڃا مڪمل نه ٿيو آهي. باقي رهيو پڇ جو سوال، سو.....“ ائين چئي، هن ميز جي چوڌاري نهاريو، ۽ ٿورو آهستي چوڻ لڳو، ”اسان جي پٺيءَ جي ڪنڊي جون پڇاڙيءَ واريون ريڙهيون، دراصل پڇ جو شروع وارو حصو ئي ته آهن! سو، اها ڳالهه بلڪل ممڪن آهي... بلڪل، بلڪل... ته ڪنهن غير معمولي حالت ۾ ڪو پنهنجي اصل ڏانهن موٽندو هجي،....... جيتوڻيڪ، البت.....“ +”مون اڳاهرو توکي چيو نه!“ مسز ڊنگل ائين چيو، ڄڻ ڪا سوڀ کٽي هئائين؛ ”آهي نه مزيدار ڳالهه! ڪيئن شهزادي؟“ +شهزاديءَ ويورڪا نرد جون آسمان جي گهراين جيان وڏيون ويڪريون ۽ بنفشي جي گل جيان نيريون اکيون گهڙيءَ کن لاءِ مسز ڊنگل جي چمڪندڙ چهري تي کپي ويون. سندس آواز ائين ٻڌڻ ۾ آيو، جيئن ڪنهن ريشمي ڪپڙي تي هٿ ڦيري ڇڏيو هجي. +”بلڪل عجيب،“ هن وراڻيو، ”مان ته ....... مان ته سچ پچ موسيو تائيبالت سان ملڻ ۾ ڏاڍي خوش ٿينديس.“ +”ها، ڀلي اچي سر اڏيءَ تي رکي!“ ٽامي بروڪ يڪساهيءَ آهستي چيو؛ پر ڏانهنس هونئن به ڪو ڪونه ڌيان ڏيندو هو. +جيئن جيئن هنن رياستن ۾ موسيو تائيبالت جي اچڻ جو وقت ويجهو پوندو ويو، تيئن تيئن ماڻهن کي اچي اڻتڻ لڳي ته ڪٿي شهزاديءَ سچ ته نه چيو هو..... ڇو ته ان وقت تائين موسم جي گرمي شهزادي ئي هئي - ۽ اها ته اوهان کي خبر آهي ته سوسائٽيءَ ۾ جن جو ايڏو قدر ٿيندو آهي، انهن ۾ ڪيڏي دلبري هوندي آهي! +اِها، جي اوهان کي ياد هوندو ته سيامي رُت هئي. نج سيامي چيزن لاءِ خلق ائين ئي شائق هئي، - جيئن ڪنهن زماني ۾ جڏهن ’شيوسورس‘ کي عجوبو سمجهيو ويندو هو، ته روسي لب لهجي جو ايڏو قدر ٿيڻ لڳو هو. هيڪاندو خرچ ڪري، سيامي آرٽ ٿئيٽر گهرايو ويو هو، جنهن تي ”سينچري ٿئيٽر“ ۾ خلق جي ڌم متي پئي هئي. سنهن اکرن سان اڻويهن ٿلهن جلدن ۾ ڇپيل، سيامي ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت رزميھ ناول ”گوسپ تزگو“ لاءِ تازو ’نوبل پرائيز‘ ڏنو ويو هو. پالتو جانورن وڪڻڻ وارن جو چوڻ هو ته سيامي ٻلين جو مارڪيٽ اڃا تيز هو، ۽ انهن جي عام جام کاپي ۾ ڪا ڪمي ڪانه آئي هئي. ۽ سيامي چيزن سان دلچسپيءَ جي هن لهر جي چوٽيءَ تي شهزادي ويورڪا نرد ائين براجمان هئي، جيئن ’هوائي‘ (Hawii) ٻيٽن جو جل – ٻچو، آبي تخت تي عجب بي نيازيءَ جي شان مان سان بيٺو هجي. سندس ڪو مٽ ثاني ڪونه هو. هوءَ هر جاءِ حاضر هئي. +جوڀن ۽ جواني، اڻ ميو ڌن دولت، هڪ طرف سيامي جي شاهي خاندان سان ۽ ٻئي طرف ”ڪيبٽ“ خاندان سان رشتيداري (جيتوڻيڪ سندس 21 ورهين مان پهريان 18 سال، قياس آرائين کان مٿڀرو، سراسر اسرار جي سونهري پردي ۾ ويڙهيل هئا) – نسلن جي هن ميلاپ کيس عجيب، بي مثال حسن بخشيو هو. هوءَ ائين هلندي هئي، جيئن ڪا ٻلي البيلائيءَ سان وک کڻي، ۽ سندس چمڙي اهڙي هئي ڄڻ ته نجي سون جي ذرڙن سان ان جي هلڪي غازه ڪاري ڪئي وئي هئي؛ سندس ترڇن ۽ هلڪن نيڻن جي نيراڻ اهڙي پاڪ ۽ موهيندڙ هئي�� جهڙو ”مين“ جي پهاڙن درميان سانتيڪو بيٺل سمند! +سندس سونهري وار گوڏن تي پئي پيا – ’انجمن تحفط حجام‘ کيس ڪيترا ڀيرا آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن هوءَ کانئن وار سنوارائيندي، ته هو موٽ ۾ کيس دل گهريون رقمون ڏيندا. جيئن نه ڀورن پهاڙن تان ڪوآبشار ٿيڙ کائيندو ڪري! انهن وارن ۾ صندل ۽ ٻين انيڪ سرهين ٻوٽين جي سرهاڻ هئي، ۽ سج جهڙي رنگت. ڳالهائيندي ٿورو هئي...... ڇو ته ان جي کيس ضرورت ئي نه پوندي هئي. سندس آواز ۾ هڪ يگاني هلڪي، سريلي، رکائي هئي، جا دل کي گهاءَ پئي ڪندي هئي. اڪيلي رهندي هئي، ۽ ڏاڍي سست ٻڌبي هئي،........ گهٽ ۾ گهٽ هر ڪنهن کي اها سڌ هئي ته هوءَ ڳَچ ڏينهُن سمُهي پورو ڪندي هئي؛ پر رات جو سندس خماري نيڻ ”چنڊ – گل“ جيان کلي پوندا هئا. +تنهنڪري جيڪڏهن ٽامي بروڪ مٿس عاشق ٿي پيو، ته اها عجب جي ڳالهه نه هئي. عجب ته اهو هو ته ٽامي بروڪ جي انهيءَ گستاخيءَ کي هن گوارا ٿي ڪيو. ٽاميءَ ۾ ڪابه خاص ڳالهه ڪانه هئي. بس، هو انهن خوش مزاج جوانڙن مان هڪڙو هو. جي ڀائنجي ٿو ته پيدا ئي ان لاءِ ٿيا هئا ته سڄو ڏينهن يونيورسٽي ڪلب ۾ اخبارون پڙهي پورو ڪن، ۽ بهرحال مٿن اهو ڀروسو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن ڪنهن رات دعوت ۾ ڪنهن مهمان جي ڪا خالي جاءِ رهجي وڃي، ته هو ڪٿان نه ڪٿان اچي پر گهٽ ٿين، ۽ اها جاءِ ڀري ويهي رهن. اهو ته درست آهي ته شهزادي ويورڪا نرد پنهنجي چاهيندڙن کي محض گواره به ڏاڍي مشڪل سان ڪري سگهندي هئي. پر ان کان وڌيڪ منجهانئس ڪا اميد رکڻ به اجائي هئي. ڪڏهن ائين ڪين ٿيو هو ته ڪو مرد آيو هجي، ۽ شهزاديءَ جي ارڏين اکين ۾ ڪا چمڪ پيدا ٿي هجي. پر ڀائنجي ٿو ته هوءَ ٽاميءَ کي ٻين کان مڙيو ئي سرس گواره ڪندي هئي. ايتري قدر، جو نيٺ ڏينهن جا خواب ڏسندڙ هي جوانڙو تَنَهائين ۽ ”پارڪ اَوينيو“ جي خيالي مڪانن جي ويچارن ۾ محو ٿي ويو، - پر عين انهيءَ منزل تي ميدان ۾ موسيو تائيبالت اچي وارد ٿيو، ۽ ترت ئي ”ڪارنيگي هال“ ۾ پنهنجي وڄت جو پهريون تماشو ڏيکاريائين. +ٽامي بروڪ شهزاديءَ جي ڀر ۾ ويٺو هو، پر اميد ۽ پيار ڀريل نظرن سان نهاري رهيو هو، پر شهزاديءَ جو چهرو نقابي چهري جيان غير متاثر هو. شروعات واريءَ پيهه ۾ هن رڳو ايترو چيو، ”ڀائنجي ٿو ته ماڻهو گهڻا آيا آهن.“ ۽ ٽاميءَ کي ٻيو نه، ته گهٽ ۾ گهٽ اهو آٿت ته مليو ته شهزادي اڄ مڙئي موج ۾ ڪانهي؛ ڇو ته اڳئين ڏينهن تي، مسز ڪلورين جي دعوت کان پوءِ، کيس اهو وسوسو ٿي پيو هو ته ڪٿي هي نئون مخلوق، تائيبالت، شهزاديءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري وٺي. سو، هن موقعي تي ٽاميءَ جي موجودگي ئي اهو ٻڌائي رهي هئي ته هو ڪيتري قدر نه موهت هو. ڀلا جنهن شخص جي طبيعت ”رڳو ٿورڙي پيار ۽ هڪ ننڍڙيءَ مٺيءَ“ ۾ ئي موسيقيءَ جي فن جو نچوڙ موجود تصور ڪيو هجي، تنهن لاءِ سچي پچي موسيقيءَ جي هيءَ ’معمولي‘ محفل ته واقعي نسورو عذاب هو؛ پر شام واريءَ هن محفل جي عذاب برداشت ڪرڻ لاءِ هو اڄ دل جهليو، همت ٻڌيو ويٺو رهيو، ۽ هر هر زور ڪري مرڪي رهيو هو. +”شـِّ....-.....-......!“ مسز ڊنگل سهڪندي چيو، ”اچي ٿو!“ +جڏهن موسيو تائيبالت داخل ٿيو، ته ايڏيون ته تاڙيون وڳيون، جو ٽامي ائين ڇرڪ ڀري پنهنجو پاڻ ۾ پيهي ويو، ڄڻ سخت گوليبازيءَ وقت خندق ۾ پناهه وڃي ورتي هئائين. +اهي تاڙيون پوءِ آهستي آهستي جهڪيون ٿينديون ويون، ۽ انهن جي بدران عجب ۽ اضطراب جي هڪ عام صدا بلند ٿي ويئي، - پر ان کي صدا نه به چئجي، ڄڻ هڪ اُڀو ساهه هو، جو حاضرينن هڪ ئي وقت گڏجي ڀريو هو! ڇو ته اخبارن واقعي ڪوڙ ڪين لکيو هو، - پڇ برابر موجود هو! +ڪن اخبارن فقط هي لکيو هو ته اهو هُن جو ناٽڪپڻو هو. ائين ئي سهي، پر هُن ناٽڪپڻي کي ڪيڏو نه چڱيءَ طرح سمجهيو هو! مٿي کان پيرن تائين ڪاريءَ پوشاڪ ۾ ملبوس (سندس ڪاري قميص) کيس ’مسولينيءَ‘ کان قدرشناسيءَ طور تحفو ٿي ملي هئي)، هو هلي نه رهيو هو پر ڄڻ چهلقدمي ڪري رهيو هو – آهستگيءَ سان، آسانيءَ سان ۽ بي نيازيءَ سان؛ نانءِ چڙهيو پڇ سندس هڪڙي هٿ جي ڪرائيءَ ۾ البيلائيءَ سان ويڙهيل هو. ڄڻ هڪ ڪارو، بردبار چيتو رمز ڀريءَ ڪنڌ – لوڏ سان ائين باغ ۾ گهمي رهيو هو، جيئن بي آواز چيتا پڃري جي سيخن جي پويان هلندا آهن. سندس اکين جي پراسرار چمڪندڙ ڪاراڻ کي ڪابه حيرت، ڪابه برتري. ڪوبه جذبو متزلزل، نه ٿي ڪري سگهيو. جڏهن تاڙيون وڃي جنون جي حد کي پهتيون، ته هن شاهانه انداز سان ڪنڌ لوڏي شڪريو ادا ڪيو. هن جي ڪنڌ لوڏ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جنهن ٽاميءَ کي بي تحاشا شهزاديءَ ويورڪا نرد جي ياد ڏياري. پوءِ هو پنهنجي آرڪيسٽرا ڏانهن منهن ورائي بيهي رهيو. +حاضرين محفل وري هڪڙو ٻيو ۽ زياده گَهرو ساهه ڀريو، ڇو ته جيئن هن پٺي ورائي ته سندس ويساهه ۾ نه اچڻ جهڙي پڇ جي چوٽيءَ، نهايت بي نيازيءَ سان ور کائي، ڪنهن لڪل کيسي مان هڪڙي ڪاري ڏنڊي ڪڍي کڻي ٻاهر ڪئي. پر ٽاميءَ ايڏانهن توجهه ئي ڪونه ڏنو. هو ان جي بجاءِ شهزاديءَ ڏانهن نهاري رهيو. +شروع ۾ ته شهزاديءَ تاڙي به ڪين وڄائي هئي، پر هينئر....! سچ پچ ٽاميءَ ڪڏهن به کيس ايترو محو ڪين ڏٺو هو! هن تاڙيون ڪين ٿي وڄايون. سندس ٻئي هٿ گود ۾ ڀڪوڙيل هئا، ۽ سندس سڄو جسم اصل لوهه جي سيخ وانگر هڪ هنڌ سُڪو بيٺو هو. سندس اکين جا نيرا گل، موسيو تائيبالت ڏانهن حيرت جي عالم ۾ جهڪيل هئا، ۽ سندس جسم ائين ساڪن هو جو ٽاميءَ کي خفقانين جيان اچي اهو ڊپ لڳو ته ڪٿي شهزادي پتنگ جيان ٽپ کائي وڃي تائيبالت جي ڀر ۾ نه بيهي،...... هائو، بلڪل ائين..... عقيدت خاطر، پنهنجي مغرور پيشاني رڳو هن جي ڪاري ڪوٽ سان رڳڙڻ خاطر! ڪٿي مسز ڊنگل نه گهڙيءَ ۾ اها حالت ڏسي وٺي! +”شهزادي.........“ هن هراسجي ڀڻڪو ڪيو، ”شهزادي........“ +هوريان هوريان شهزاديءَ جو بت ڍرو ٿيڻ لڳو. هوءَ آرام ۾ آئي، ۽ سندس اکين ۾ ساڳي اصلوڪي سانتيڪائي اچي ويئي. +”هان، ٽامي؟“ هن پنهنجي مخصوص دستوري آواز ۾ چيو. پر اڃا به هن جي ڪيفيت........ +”ڪجهه نه، رڳو ....... ٺهيو، ڇڏيندس........ هو شروع ڪري رهيو آهي!“ ٽاميءَ چيو. موسيو تائيبالت پنهنجا ڍرا ٻڌل هٿ اڳيان ڪري، حاضرين ڏانهن منهن ڪيو. هن جون اکيون جُهڪيون ۽ پڇ موثر نموني لڏيو، ۽ پوءِ شروع ڪرڻ لاءِ فرش تي ڏنڊي سان ٽي ڀيرا ٺڪ ٺڪ ٺڪ ڪيائين. +”گلوڪ“ جي نغمي ”افيجيني اِن آلس“ تي به شايد ئي ڪڏهن ايتري واهه واهه ٿي هجي. جيتري هينئر ٿي؛ پر جڏهن اٺون سُرُ پيش ٿيو، حاضرين اصل حواس باخته ٿي ويا. ”جديد موسيقارن“ ڪڏهن به ايڏي ڪمال سان واڄو ڪين وڄايو هو. بيشڪ هن کان اڳ ڪڏهن به سندن اهڙي شاندار هدايتڪاري ڪانه ڪئي ويئي هئي. حاضرين ۾ موسيقيءَ جا ٽي ناميارا هدايتڪار، واڄي جي خاتمي وقت، ساڙ ۾ سڙيل ٻارن جيان ٿڌا ساهه ڀري رهيا هئا؛ منجهانئن هڪڙي لاءِ ته ٻڌو ويو ته اوڏيءَ مهل ئي هڪڙي مشهور جراح کي، جو اتي ويٺو هو، ڏهن هزارن ڊالرن جي رڳو ان ڳالهه لاءِ آڇ ڪيائين ته هو رڳو ان ڳالهه جي ثابتي ڏئي ته بنا پڇ واريءَ مخلوق ۾ سائنس جي ڪرشمي سان ڪونه ڪو پڇ پيوند ڪري سگهجي ٿو. ۽ هاڻي ان ۾ ڪو شڪ به نٿي ٿي سگهيو................. ڪوبه فاني هٿ يا ٻانهن، کڻي اهي ڪيتري به تجربي وارا ڇو نه هجن، ائين نزاڪت ۽ حسن جي آميزش نٿي ڪري سگهيا، جيئن موسيو تائيبالت جي پڇ ڪري ڏيکاريو. +ڪاريءَ ڏنڊيءَ، پيتلي سازن مان ائين ور ور ڏيئي نغما پئي پيدا ڪيا، جو ڄڻ ڪاري وڄ پئي مٿن وراڪا ڏنا؛ هن غيبي چهبڪ، ڪاٺ جي ٺهيل سازن مان جهنگل جي هوائن جي اصلوڪي سريلي ساهه جو آخري دم به ڇڪي ٻاهر پئي آندو، ۽ انهن جي طوفاني تارن تي سچي پچيءَ جادوءَ جي لڪڙيءَ جيان ڄڻ راڄ ٿي ڪيو. موسيو تائيبالت وري وري پئي جهڪيو ۽ هر دفعي واه واه جي گوڙ کان ايوان جا بنياد لڏي ٿي ويا؛ ۽ آخرڪار جڏهن هو ٿڪجي، ساڻو ٿي، پلئٽ فارم تان هيٺ لٿو، تڏهن ”هفتيوار موسيقي محفل“ جي صدر صاحبه کي وڏيءَ مٿاڪٽ سان ان ڳالهه تان لاٿو ويو، جو هوءَ داد ڏيڻ خاطر پنهنجو نوي هزار ڊالرن جو هيرن جو هار ڏانهس اڇلڻ واري هئي. +هو نيو يارڪ ۾ آيو، اکئين ڏٺائين، ۽ نيو يارڪ فتح ٿي چڪو هو. مسز ڊنگل کي اخباري نمائندن اچي ورايو؛ ۽ هينئر ٽامي بروڪ ان ”مختصر دعوت“ جو انتظار ڪري رهيو هو، جتي هن کي وقت جي معزز مهمان سان، گويا موت جي برقي ڪرسيءَ تي ويهي، منهن قابل ٿيڻو هو. +شهزاديءَ ۽ موسيو تائيبالت جي ملاقات سندن توقعات کان بهتر به ثابت ٿي ۽ بدتر پڻ. بهتر ان ڪري، جو هنن گهڻو ڪونه ڳالهايو ٻولهايو؛ ۽ بدتر ان ڪري، جو ٽاميءَ هنن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ قسم جو اهڙو دلي لڳاءُ محسوس ڪيو، جنهن لاءِ لفظن جي ضرورت ئي ڪين رهندي آهي. جڏهن موسيو تائيبالت شهزاديءَ جي هٿ چمڻ لاءِ جهڪيو، ته حاضرين ۾ انهن ٻن جهڙو ٻيو سرهو جوڙو موجود ڪونه هو. مسز ڊنگل ڀڻڪيو: ”هي ٻئي پرديسي ڪيترا نه پيارا آهن، ۽ ڪيڏا نه مختلف!“ پر ٽامي ساڻس اتفاق راءِ نه ڪيو. +برابر ٻيئي هڪ ٻئي کان مختلف هئا...... هو سانورو چست اجنبي جيڪو عجيب بي نيازيءَ سان پنهنجو حيرتناڪ پڇ کيسي ۾ رکيو پئي گهميو، ۽ هيڏانهن هيءَ نيرين اکين ۽ سونهري وارن واري ڇوڪري. پر اهو امتياز ته پاڻ ٻنهي جي هڪ جهڙائيءَ کي هيڪاري نمايان ڪيو بيٺو هو، - سندن چرپر ۾، سندن خاموشيءَ ۾، سندن اکين جي بيهڪ ۾ ڪا شيءِ.... ڪا اهڙي شيءِ ضرور هئي، جا خون ۽ نسل جي قرابت کان به وڌيڪ گَهري هئي. ٽاميءَ ان پروليءَ کي سلڻ ٿي چاهيو، ۽ پوءِ چوڌاري ٻين ڏانهن نهاريندي، هن کي ڄڻ الهام اچي ويو. ائين محسوس ڪيائين، ڄڻ واقعي هو جوڙو پرديسي هو..... نه فقط نيو يارڪ لاءِ، پر سموري عام انساني نسل لاءِ..... ڄڻ ته هو ٻيئي بنهه ڪنهن ٻئي سيّاري کان لهي آيل معزز مهمان هئا. +مطلب ته ٽاميءَ جي شام چڱي ڪين گذري، هِنَ جو مَنُ هوريان هوريان اِها ڳالهه ويچاريندو رهيو، ۽ گهڻو گهڻو دير سان کيس هڪ جنون آميز شڪ جاڳيو. +شايد ٽاميءَ جي ترت پرولي سلي نه سگهڻ کي ڏوهه ڏيئي نٿو سگهجي. آئينده چند هفتا هن لاءِ سخت پريشانيءَ ڀريا گذريا. ائين ڪين هو ته ڪو شهزاديءَ جو ڏانهنس رخ مٽيل هو – هن هينئر به کيس ائين ئي ٿي سَٺو، جيئن اڳي؛ پر موسيو تائيبالت هنن جي سامهون هر وقت حاضر هو. هو وقت بوقت وٽن ائين ماٺ ماٺ ۾ اچي پئي نڪتو، ڄڻ ته هوا جي سنهي تهه مان اوچتو ئي اوچتو نڪري ظاهر ٿي ٿي ويو. پنهنجي ڊگهي قد جي باوجود هو ائين ٿي چپ چاپ گهميو، جيئن پوپٽ اڏامي. نيٺ حالت اها اچي بيٺي، جو ٽامي، غاليچي تي پيرن کڻڻ جي انهي هلڪيءَ آهٽ کي، جا موسيو تائيبالت جي موجودگيءَ جو اطلاع ڏيندي هئي، ائين ڌڪارڻ لڳو جيئن ڪڏهن موتمار توبزنيءَ کي به نه ڌڪاريو هئائين. +پر، ٻيون ڳالهيون ته پري رهيون، هي شخص وري به ڪيترو نه لَسو ۽ ڪيڏو نه ٿڌو ۽ نرم هو! ڪڏهن به ڪاوڙ ڪين ٿي لڳيس، ڪڏهن به ڪا پريشاني منهن تي ڪانه هيس. هو ٽاميءَ سان ڪيڏيءَ نه حليمائي ۽ نرمائيءَ سان پيش ايندو هو، - پر تڏهن به ٽاميءَ کي محسوس ائين ٿيندو هو، ڄڻ نظرن ئي نظرن ۾ هو سندس مذاق اڏائي رهيو هو، ۽ جواب ۾ کيس هو ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيو. شهزادي هوريان هوريان هن اجنبيءَ ڏانهن اهڙي خاموش نموني ڇڪجي رهي هئي، جو ان کي اظهار جي ضرورت ئي نه هئي، - ۽ ٽايمءَ اهو سڄو رنگ ڏٺو ٿي، ان کي ڌڪاريائين ٿي، پر تڏهن به ڪري ڪجهه نٿي سگهيو: هن کي هينئر تائيبالت جي روح ۽ جسم ٻنهي سان نفرت ٿي ويئي هئي. شايد انهيءَ ڪري هينئر هو ڏاڍي ننڊ ڪرڻ لڳو هو، ۽ جڏهن به ننڊ ٿي ڪيائين ته خواب ٿي لڌائين – تائيبالت جا، جو هن جي نظرن ۾ هاڻي ماڻهو نه رهيو هو، بلڪ هڪ پاڇو، هڪ ڀوت بنجي پيو هو، هڪ اهڙي جانور جو ڀوت، جنهن جو هر لفظ سندس تيز نوڪدار ڏندن مان ٻليءَ جي غر غراٽ جيان ٿي نڪتو. يقيناً هن شخص جي شڪل ۾ ئي ڪجهه رولو هو........ هن جي پاڻيٺ مٿ نرمي، مٿي جي بيهڪ؛ ٻيو ته ٺهيو، پر هن جي خود ننهن جي ساخت ۽ نمونو............. پر اصلي معاملو ڇا هو – اهو ٽاميءَ کي باوجود سخت ۾ سخت سوچ ويچار جي به سمجهه ۾ نه آيو. ۽ جڏهن هو هڻي هڻي نيٺ وڃي مقصد تي پهتو، ته پهريائين ته کيس اعتبار ئي نه آيو! +آخر ٻن حادثن هن جي اڳيان اهي راز کولي ڇڏيا، جن جي قبولڻ کان اڃا به سندس عقل لاچار هو. سياري جي هڪ شام جو، هو مسز ڊنگل ڏي انهيءَ آسري سان ويو ته مَنَ شهزاديءَ سان ملاقات ٿي وڃي. مسز ڊنگل پنهنجي چاچيءَ سان گڏجي ٻاهر ويئي هئي، پر آسرو هو ته چانهه جي مهل تي ضرور موٽي ايندي. سو هو سندس انتظار ڪرڻ لاءِ سستيءَ وچان وکون کڻندو، لئبرريءَ ۾ داخل ٿيو. لئبرريءَ ۾ اونهاري جو به (جڏهن ٻاهر اس گهڻي هوندي آهي) اوندهه هوندي هئي. ان ڪري ٽامي بتي ٻارڻ تي هو، ته پريان ڪنڊ ۾ چمڙي جي ڪوچ تي، ڪنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌائين. هو هوشياريءَ سان اوڏانهن وڌيو، ڏٺائين ته ڪو موسيو تائيبالت جهڙو، ڪوچ تي ليٽيو، آرام سان ننڊ ڪري رهيو آهي. اهو ڏسي ٽاميءَ کي ڏاڍي مٺيان لڳي، ۽ دل ئي دل ۾ گهٽ وڌ چوندو، ٻاهر نڪرڻ جي ارادي سان، دروازي ڏي موٽيو. جڏهن در وٽ پهتو، ته هڪڙي عجيب احساس، جنهن جي اسان سڀني کي خبر آهي ۽ جنهن کان اسان سڀ نفرت ڪيون ٿا ته ڪي اکيون اسان کي ڏسي رهيون آهن، جن کي اسان ڪين ٿا ڏسون، هن جي پيرن ۾ وَنگ وجهي ڇڏيا. پوئتي مڙيو. موسيو تائيبالت ائين جو ائين ليٽيو پيو هو، پر هينئر سندس اکيون کليل هيون ۽ اهي اکيون هينئر نڪي ته ڪاريون هيون ۽ نه ئي وري انساني. اهي سايون هيون......... ٽامي ان ڳالهه جو قسم کڻي وڃي ها، ۽ ان ڳالهه جو به قسم کڻي وڃي ها ته انهن اکين جي ڪا انتها ئي ڪانه هئي، ۽ اهي ائين چمڪي رهيون هيون جيئن اوندهه ۾ زمرد جا هيرا چمڪندا آهن! اها ماجرا هن فقط گهڙيءَ پلڪ ڏٺي، ڇو ته ٽاميءَ جي هٿ پاڻ مرادو بجلي بتيءَ جي بٽڻ کي دٻايو، ۽ سوجهرو ٿي ويو. موسيو تائيبالت پنهنجي اصلي حال ۾ سندس اڳيان موجود هو! اوٻاسيون ڏيئي نرمائيءَ سان معافي گهريائين. پر ان عرصي ۾ ٽاميءَ کي سوچڻ جو وقت ملي ويو. ان ماجرا کان پوءِ، ٿورو عرصو رکي، جيڪي ڪجهه ٿيو، تنهن ته ٽاميءَ کي هيڪاري آنڌ مانڌ ۾ وجهي ڇڏيو. +هنن باهه ٻاري هئي ۽ ان جي اڳيان ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪري رهيا هئا. هاڻي ٽامي، تائيبالت کي ايترو ته ڌڪارڻ لڳو هو، جو منجهس اهو احساس بيدار ٿيو هو، جنهن موجب جنهن سان شديد نفرت ڪبي آهي، ان جي غير موجودگيءَ ۾ اٻاڻڪائي محسوس ڪبي آهي. ٽاميءَ اهو ڏسي جڪ پئي کاڌا ته تائيبالت ڪيئن نه مزي سان ويٺي ٿي تئو ورتو ۽ گذريل واقعن کي بيان ڪندي، ڪيئن نه پاڻمرادو پئي گد گد ٿيو. ايتري ۾ گهٽيءَ جي دروازي کلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ تائيبالت امالڪ ڇرڪ ڀري اڇانگ ڏنو. اڇانگ ڏيڻ ۾ سندس هڪ جوراب، لوهي چلهه جي نوڪدار ڪنڊ ۾ ڦاسي ڦاٽي پيو، ۽ لٽڪڻ لڳو. ٽاميءَ جي نظر پاڻمرادو وڃي جوراب جي انهيءَ انگهه تي پئي. ڏٺائين ته رڳو اکٻوٽ جيتري لحظي لاءِ، پر اهو ئي هن لاءِ ڪافي هو،......... ڇو ته، ٽاميءَ جي يادگيريءَ موجب، اهو پهريون دفعو هو، جو تائيبالت هڪدم غصي ۾ ڀرجي، آپي کان ٻاهر نڪري ويو هو. هو هڪدم ڪنهن غير ملڪي زبان ۾ گاريون ڏيڻ لڳو. سندس چهرو گهڙيءَ ۾ بگڙي ويو. هڪدم هٿ وڌائي جوراب جي انگهه کي لڪايائين، ۽ پوءِ ٽاميءَ ڏانهن خار مان گهوريندو، اڇانگ ڏيئي روم کان ٻاهر نڪري ويو. سندس ٻڌا ٻڌا ٽپ ڏيئي ڏاڪڻين لتاڙڻ جو آواز، ٽاميءَ کي چڱيءَ طرح ٻڌڻ ۾ پئي آيو. +هي پهريون ڀيرو هو، جو ٽامي، هال ۾ شهزاديءَ جي کلڻ جو آواز ٻڌڻ جي باوجود ڪرسيءَ تي ڄميو ويٺو رهيو. هن شهزاديءَ کي ڏسڻ نٿي چاهيو. ڪنهن کي ڏسڻ نٿي چاهيائين. جڏهن موسيو تائيبالت جي جوراب ۾ انگهه ائي هئي، تڏهن ٽاميءَ جيڪا شيءِ ان پل ۾ ڏسي ورتي هئي، سا هن لاءِ گويا هڪ الهامي چيز هئي........ اها انسان جي چمڙي ئي ڪانه هئي! ٽاميءَ ان جي صرف هڪ جهلڪ ڏٺي هئي............ ڇا هئي هيءَ چيز! ڪارو مخمل! ۽ ان کان پوءِ تائيبالت غصي ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويو هو. الاهي! ڇا هن شخص عام رواجي جورابن هيٺان ڪاري مخمل جا جوراب ٿي پاتا؟ يا وري ائين ته نه هو......... ڪٿي هو سچ پچ........ ڇا ائين به ٿي سگهيو ٿي....... پر، اتي ٽاميءَ پنهنجو تتل مٿو کڻي پنهنجي هٿن ۾ جهليو. +ان رات، هو هنن فرضي سوالن جو ڦورو کڻي پروفيسر ٽاٽوءَ وٽ ويو. پر جيئن ته پنهنجا سچا پچا شڪ شبها ان جي اڳيان ظاهر نٿي ڪري سگهيو، ان ڪري پروفيسر جي فرضي جوابن هن کي هيڪاري منجهائي وڌو. اِتي، هن کي ”بيلي اسٽرئنگ“ جي يادگيري آئي. بيلي ڪم جو ماڻهو هو. عجيب غريب ۽ انوکين ڳالهين ۾ هن جو دماغ واهه جو ڪم ڪندو هو. هن معاملي ۾ بيلي ئي شايد ڪجهه مدد ڪري سگهي. + + +ٽن ڏينهن تائين بيلي کيس لڀي ڪين سگهيو، ۽ اهي ٽي ڏينهن هن بي صبريءَ جي بخار ۾ گذاريا، پر پوءِ نيٺ هو بيليءَ جي جاءِ تي رات جي مانيءَ تي گڏيا. بيليءَ جا عجيب و غريب ڪتاب به اُتي رکيل هئا. ٽاميءَ پنهنجي شڪن جو منجهيل ڦورو کڻي بيليءَ اڳيان رکيو. +جيستائين ٽامي ڳالهائيندو رهيو، تيستائين بيلي چپ چاپ کيس ٻڌندو رهيو. پوءِ هن پائيپ جو ڪش هڻندي، ڪجهه احتجاجي انداز ۾ چيو، ”پر، منهنجا پيارا دوست........“ +ٽاميءَ پنهنجا هٿ ڏانهنس اڀا ڪندي چيو، ”چڱو، چڱو........ يار، اهو ته مان به ڄاڻان ٿو. آءٌ برابر خفقاني آهيان. تون مون کي اهو نه ٻڌاءِ. ڇا به هجي، پر مان توکي ٻڌايان ٿو ته هي شخص ٻلو آهي. مون کي اها ته خبر ناهي ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، پر ڳالهه ائين ئي آهي، جيئن آءٌ ٿو چوان. ٻين ڳالهين کي ته ٻَنِ ڏي، اها ته هر ڪنهن کي سڌ آهي ته هن کي پڇ آهي!“ +”ٺيڪ آهي!“ بيليءَ سوٽو هڻندي چيو. ”۽ منهنجا پيارا ٽامي، مون کي تنهنجي اکين تي به شڪ ناهي، نڪي جيڪي سمجهي ٿو ته تو ڏٺو، يا جيڪي ڪجهه چوين ٿو، ان تي ئي: پر پوءِ............“ هن ائين چئي، ڪنڌ ڌوڻيو. +ٽاميءَ چيو، ”چڱو ڀلا، هو جو ڳالهائيندڙ پکين، انسان نما بگهڙن، ٻانڀُن، وغيره بابت، ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن........“ +اهو ٻڌي بيلي ٻڏتر ۾ اچي ويو. ”ٻيلي برابر!“ هن قبوليو، ”اِتي مون کي تو برابر جهلي ورتو. ڪم از ڪم پڇ وارو ماڻهو ممڪن ته آهي، ۽ انسان نما بگهڙن ۽ ٻانڀُن بابت ڏند ڪٿائون تمام پراڻيون آهن، سو.......... مان اهو ته نٿو چوان انسان نما بگهڙ ۽ ٻانڀون، وغيره ناهن يا ڪڏهن هئائي ڪين؛ مان ته پاڻ اڪثر ماڻهن کان وڌيڪ ۽ گهڻيون ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار آهيان. پر هڪ انسان نما ٻلو يا اهڙو انسان جو ٻلو آهي يا اهڙو ٻلو جو انسان آهي.......... ٽامي، سچ پڇين ته...........“ +”بيلي! خدا جي واسطي مون کي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان. جي مون کي ڪا سهڻي صلاح نه ملي، ته مان چريو ٿي پوندس.“ +”مون کي سوچڻ ڏي،“ بيليءَ چيو. ”اڳ ۾ هي ته ٻڌاءِ ته اها توکي پوري پڪ آهي ته هي ماڻهو.......“ +”ٻلو آهي. هائو،“ ٽاميءَ گرم ٿي چيو. +”وري به پڪ ڪج. ۽، جي ٽامي توکي دل ۾ نه ٿئي، ته هي به ته ٻڌاءِ........ ته هيءَ ڇوڪري، جنهن سان تنهنجو پيار آهي، سا به.... تنهن ۾ به..... توکي انسان نما ٻليءَ جي رڳ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ .... ڀانئين ٿو ته هوءَ ان ڪري ئي ڏانهنس ايترو ڇڪجي رهي آهي “ +”يا الله! جيڪر، بيلي، اها مون کي خبر هجي!“ +”خير....... کڻي ..... مڃ ته ائين آهي. ڀلا پوءِ به تون هن کي پيار ڪندين؟“ +”جي نه هوءَ هر اربع رات ازدها بنجي وڃي، ته به مان ساڻس شادي ڪندس،“ ٽاميءَ چيو. +بيليءَ مرڪيو. ”هون،“ هن چيو، ”پوءِ ته ڪيئن به ڪري هن موسيو تائيبالت کي هتان تڙي ڪڍڻو پوندو. مون کي سوچڻ ڏي.“ +هن سوچيندي سوچيندي ٻه ڀريل پائيپ ساڙيا، ۽ ٽامي اهو وقت ڄڻ ڪنڊن ۽ سُين تي ويٺو رهيو. ۽ پوءِ امالڪ هو اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪيو. +ٽاميءَ منهن سڄائي چيو، ”ڀلا ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ +”ڪجهه به نه، ٽامي. ائين ئي ويٺي ويٺي هڪ ڳالهه سُجهي آيم....... آهي ته ڀوڪپائي..... پر واقعي جي هو اهو ئي آهي.... جو تون ان کي سمجهين ٿو ..... ته معاملو آسان آهي....“ ائين چئي، هو ڪتابن جي ڪٻاٽ ڏي ويو، ۽ هڪڙو ڪتاب ڪڍي آيو. +”جي تون اهو ٿو سمجهين ته ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ جهڙي ڪا آکاڻي پڙهي، مون کي....“ +”هاڻي بڪ نه ڪر. جي تون سچ پچ پنهنجي هن ٻلي دوست مان جند ڇڏائڻ ٿو چاهين، ته ٻڌ!“ +”ڇا آهي؟ چئه!“ +”’وائنزرئپليئر‘ جو ڪتاب. ٻلين بابت. ٻڌ.“ +”هِن جڳ پرسد ڪهاڻيءَ جي اسڪنڊينيوين ٻوليءَ ۾ به روايت آهي. هيءَ ڪهاڻي ’سروالٽر اسڪاٽ‘ ’واشنگٽن اِرونگ‘ کي ٻڌائي هئي، ۽ ’مانڪ ليوس‘ ’شيليءَ‘ کي ٻڌائي هئي. هيءَ مختلف پيراين ۾ تقريباً هر ڪنهن ملڪ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ موجود آهي؛.... ٽامي هاڻي ڌيان ڏي.... (هيءَ) هڪڙي سياح جي ڳالهه (آهي)، جنهن هڪڙيءَ ڦٽل ديول ۾، ٻلين جي هڪ جلوس کي، هڪڙو ننڍڙو جنازو، جنهن جي مٿان تاج رکيل هو، قبر ۾ لاهيندي ڏٺو هو. اهو ڏسي هو ڊپ مان وٺي ڀڳو، پر جڏهن پنهنجي منزل مقصود تي پهتو، ته پنهنجي هڪ دوست کي اهو عجيب قصو ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو، ۽ اڃا پنهنجي دوست کي اهو قصو ٻڌائي پورو مس ڪيائين، ته سندس دوست جو ٻلو، جو چلهه جي ڀر ۾ ليٽيو پيو هو، ٽپو ڏيئي چوڻ لڳو، ’پوءِ ته ٻلين جو بادشاهه آءٌ ئي آهيان!‘ ۽ ايترو چئي چلهه جي دونهي سان ملي، غباري مان ٻاهر نڪري غائب ٿي ويو. +”هاڻي...... ڇاٿو ڀانئين؟“ بيليءَ ڪتاب بند ڪري چيو. +”الله جو سنهن! تون سمجهين ٿو ته ڪاميابيءَ جو امڪان آهي؟“ +”ڪيئن چئجي؟ پر پوءِ جيڪڏهن تون هي نسخو آزمائڻ چاهين، ته.....“ +”مان ٿو چوان ته مون کي جيڪي ڪجهه ملندو، تنهن سان هن تي وار ڪندس، پر مان ڦٽل ديول جو نالو....“ +”يار، ذهن تي زور ڏي، ائين کڻي چئو ته شاهي باغ ۾.... مڙيوئي هڪ هنڌ....... ڪٿي به. ائين ڳالهه ڪج، جو ڄڻ اها ماجرا تو پاڻ ڏٺي آهي. ڳالهه مان ڳالهه ڪڍي، ائين شروع ٿي وڃجانءِ. ڏس نه..... ائين ئي ڪا عام ڳالهه .... هيئن ئي کڻي شروع ڪج..... ���عجب جي ڳالهه چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو ڏند ڪٿائن جهڙا ثابت ٿيو پون. اجهو ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته.......‘“ +”عجب جي ڳالهه چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو ڏند ڪٿائن جهڙا ثابت ٿيون پون،“ ٽاميءَ طوطي وانگر نقل ڪندي چيو، ”اجهو ڪالهوڪي ڳالهه آهي ....“ +”مان شاهي باغ مان پئي لنگهيس، جو هڪ حيرت جهڙو واقعو ڏٺم.“ +”مان شاهي باغ مان پئي لنگهيس، جو ........ هاڻي هيڏانهن ڪر ڪتاب!“ ٽاميءَ چيو. ”اڳتي سڄو واقعو بر زبان ياد ڪري ڇڏيندس.“ +موسيو تائيبالت جي مغرب جي دوري تي اسهڻ کان اڳ مسز ڊنگل سندس اعزاز ۾ جا ڊنر پارٽي ڏيڻ واري هئي، تنهن جو انتظار گهڻي توقعات سان ڪيو پئي ويو. +نه رڳو ان لاءِ ته هرڪو اتي حاضر هوندو، شهزادي ويورڪا نرد سميت؛ پر مسز ڊنگل، جا اشارتاً ڳالهه چوڻ ۾ پنهنجو مٽ ڪانه رکندي هئي، اهو به هـُـلائي ڇڏيو هو ته ان موقعي تي هڪ اهڙو اعلان ڪيو ويندو، جو هر شخص لاءِ غير معمولي دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو. سو، گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ موقعي تي، هڪ دفعو، هرڪو شخص مهل سر اچي حاضر ٿيو، سواءِ ٽاميءَ جي. هو پندرهن منٽ سڀ کان اول آيو هو، ڇو ته پنهنجي چاچيءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيائين؛ پر بدقسمتيءَ سان اڃا پنهنجو ڪوٽ ئي مس لاٿو هئائين، ته چاچهنس سندس ڪن ۾ ڪا نئين ڳالهه اهڙيءَ تيزيءَ سان چئي ويئي، جو ٽاميءَ لاءِ ان جو هڪڙو اکر سمجهڻ به مشڪل ٿي پيو. +”اها ڳالهه ڪنهن بني بشر کي نه ٻڌائجانءِ!“ هن خوشيءَ ۾ نه ماپندي چيو. ”اعلان کان اڳ اها ڳالهه ظاهر ڪرڻي ناهي...... مان سمجهان ٿي ته اها ڳالهه اسان سلاد کائڻ وقت..... ماڻهو سلاد ڏانهن گهڻو توجهه ڏين ئي ڪونه.“ +”ڇا نه ٻڌايان، چاچي! ايملي؟“ ٽاميءَ پريشانيءَ وچان چيو. +”شهزادي، مَنَ..... شهزاديءَ ۽ موسيو تائيبالت اڄ شام جو پنهنجي شادي طي ڪئي آهي.... ويچارا پيارا ماڻهو! ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“ +”هون!“ ٽاميءَ بيخياليءَ سان چيو، ۽ ڀرواري دروازي ڏانهن وڌيو. +”اتي نه، پيارا..... لئبرريءَ ۾ نه. تون پوءِ به کين مبارڪ ڏيئي سگهين ٿو. مَس مَس هينئر گهڙي کن ته حال اورڻ لاءِ اڪيلائي ملي اٿن....“ ۽ ائين چئي، حواس باخته ٽاميءَ کي اتي ڇڏي، هوءَ بورچيءَ جي ميڄالي چٽڻ لاءِ بورچيخاني ڏي وڌي. +پر گهڙيءَ کن کان پوءِ، ٽاميءَ جي منهن تي سرهائي آئي. اڃا ميدان ۾ هن بنهه هارايو ڪونه هو. +”عجب جي ڳالهه چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو ڏند ڪٿائن جهڙا ثابت ٿيو پون!“ هو پنهنجي منهن چپن ۾ دور ڪرڻ لڳو، ۽ ائين بڙ بڙ ڪندي، لئبرريءَ جي دروازي ڏي مڪ اولاريائين. +هميشھ جيان مسز ڊنگل غلط هئي. شهزادي ۽ تائيبالت لئبرريءَ ۾ ڪونه هئا، هو ته ڊرائنگ هال ۾ هئا. ٽاميءَ کي اهو پتو تڏهن پيو، جڏهن هو ائين ئي هلندو هلندو، ڊرائنگ هال جي شيشن لڳل دروازن کان لنگهيو. +هن اندر نهارڻ نٿي چاهيو، ۽ رڳو لنوڻو وجهي، وري کڻي ڪنڌ ڦيرايائين. پر اهو هڪڙو لنوڻو ئي ڪافي هو. تائيبالت ڪرسيءَ تي، ۽ هوءَ سندس ڀرسان اسٽول تي ويٺل هئي. تائيبالت آهستي آهستي سندس وارن تي هٿ ڦيري رهيو هو – ڪارو ٻلو ۽ سيامي پونگڙو. شهزاديءَ جو منهن ٽاميءَ کي نظر نٿي آيو، پر تائيبالت جي چهري تي سندس نظر پئي ٿي، ۽ هو ٻنهي جو آواز به ٻڌي پئي سگهيو. +هنن ڳالهايو ڪونه ٿي، پر سندن وچ ۾ مڙيوئي ڪو آواز هو. خوشيءَ ڀريو، مسرور آواز – جيئن ڪنهن پوري ٿڙ ۾ ماکيءَ جون مکيون ڀونڀٽ ڪنديون آهن...... هڪ سونهري، سريلي ڀڻڪار..... نڙيءَ جي اونهائيءَ مان نڪرندڙ آواز..... تائيبالت جي چپن مان ٿي نڪتو ۽ ان جي جواب ۾ شهزاديءَ به اهڙو ئي آواز پئي ڪڍيو...... ٻليءَ جي نرم نرم، نازڪ نازڪ غرغراٽ وانگر. +ٽامي مهمانن جي ڪمري ۾ موٽي آيو. مسز ڪلورين ساڻس هٿ ملائيندي کيس صاف چئي ڏنو، ”سڄو منهن هيڊو ٿي ويو اٿئي! اڳي ته توکي ائين ڪڏهن به ڪونه ڏٺم اٿم!“ +مانيءَ تي پهرين ٻن طعامن هلڻ جي وقت ته ٽامي خوابن جي دنيا ۾ هو، پر مسز ڊنگل جو شراب سرور آفرينيءَ کان مشهور هو، سو جڏهن گوشت جو وارو آيو، ته ٽامي به ڪجهه موج ۾ آيو. هينئر هن جي دل ۾ هڪ ئي ارادو هو. +هن دل ٻڌي وري وري ڪوشش ڪئي ته عام گفتگو کي موڙي، ڪنهن طرح پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪري، پر مسز ڊنگل برابر ڳالهائي رهي هئي، ۽ مسز ڊنگل جي گفتگو کي ٽوڙڻ لاءِ عزرائيل کي به وقت جي گهرج هئي. آخر، توڙي جو هن فقط ساهه کڻڻ لاءِ بس ڪئي، پر ٽاميءَ ڏٺو ته مهل اهائي هئي. +”انهيءَ ڳالهه تي،“ ٽاميءَ اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ته ڳالهه ڪهڙي ٿي هلي، چوڻ شروع ڪيو، ”انهيءَ ڳالهه تي.....“ +”سو مون ٿي چيو ته .....“ پروفيسر ٽاٽوءَ ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. پر ٽامي ڪو مڙڻ وارو هو! پليٽون کڄي رهيون هيون. سلاد جو وارو هو. +”انهيءَ ڳالهه تي.....“ ٽاميءَ وري چيو – ايڏو ته زور سان ۽ اهڙي ته عجيب نموني، جو مسز ڊنگل ڇرڪ ڀري وٺي ٽپ ڏنو. ميز تي چپ ٿي ويئي. ”عجب جي ڳالهه چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو ڏند ڪٿائن جهڙا ثابت ٿيو پون!“ ٽامي شروع ٿي ويو. سندس آواز هيڪاري وڌي ويو. ”اڄ جو اڄ مان ائين ئي شام جو شاهي باغ مان پئي لنگهيس.....“ ۽ ائين هن اکر اکر ڪري پنهنجو سبق ورجايو. ڏٺائين ته جيڏيءَ مهل جنازي جو ذڪر آيو، ته تائيبالت جون اکيون مٿس تيئن کپي ويئون، ۽ شهزادي به زياده گنڀير ٿي ويئي. +ٽاميءَ کي اها خبر ڪانه هئي ته جڏهن ڳالهه پوري ڪندو، ته نتيجو ڇا نڪرندو؛ پر چئن ئي پاسي ڪن کڙا هئا، ۽ سڀ کيس وڏي غور سان ٻڌي رهيا هئا. مسز ڊنگل هر هر ڪرخت آواز ۾ پئي پڇيو، ”پوءِ ٽامي..... پوءِ ڇا ٿيو!“ +نيٺ، ڳالهه پوري ڪري، هو ڪرسيءَ ۾ ڍير ٿي پئجي رهيو. سندس هيانءُ ٻڏڻ لڳو. هو ڪيڏو نه احمق هو! سندس آخري وار به ناڪام ثابت ٿيو! سندس ڪنن ۾ چاچهنس جو آواز آيو، ”سو، هاڻي.....“ ۽ ٽامي سمجهي ويو ته اجهو هوءَ اهو منحوس اعلان ڪرڻ واري هئي. +پر ٺيڪ ان وقت موسيو تائيبالت ڳالهايو. +”هڪڙو منٽ، مسز ڊنگل،“ هن بيحد فضيلت سان چيو، ۽ مسز ڊنگل چپ ٿي ويئي. هن ٽاميءَ ڏانهن منهن ڦيريو. +”شام جو تو جيڪا ماجرا ڏٺي ، سا، ڀانيان ٿو ته توکي پڪ آهي ته بلڪل ائين هئي، جيئن تو ان کي بيان ڪيو، مسٽر بروڪس؟“ تائيبالت جي انهيءَ پڪائيءَ ۾ ٿوري طنز شامل هئي. +”بلڪل،“ ٽاميءَ خار مان چيو، ”تون سمجهين ٿو ته مان....“ +”نه، نه، نه،“ موسيو تائيبالت ڳالهه مٽائي چيو، ”پر .... اهڙي دلچسپ ڳالهه.... هر ڪو ذري ذري بابت پڪ ڪرڻ چاهيندو.... ۽ سمجهان ٿو ته توکي خاطري آهي... بلڪل خاطري ... ته تون جنهن قسم جي تاج جو بيان ڪرين ٿو، سو اُن جنازي تي رکيل هو.“ +”بيشڪ“ ٽاميءَ، عجب کائيندي چيو، ”پر....“ +”ته پوءِ ٻلين جو بادشاهه آءٌ آهيان!“ موسيو تائيبالت رڙ ڪري چيو، ۽ جيئن ئي رڙ ٿي، تيئن ئي بتين جون روشينون سهمجي ويون. جتي واڄي وارا ويٺا هئا، اتي هڪڙو ڌماڪو ٿيو، پر اهڙو جو ڄڻ ته اهو ڪپهه جي تهن ۾ اتي جو اتي دٻجي ويو هو. پوءِ گهڙيءَ کن لاءِ روشنائيءَ جو اهڙو تيز چمڪاٽ ٿيو، جو اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي، ۽ ان کان پوءِ جلد ئي دونهين جا اهڙا گلابي ڀورڙا ڪڪر چوڌاري پکڙجي ويا، جو اکيون ڪُرڻ لڳيون. +اِتي، مسز ڊنگل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”هي بدتميز فو��و گرافر! مون کين منع ڪئي هئي، ته جيسين ماني پوري نه ٿئي، تيستائين بجلي فوٽا نه وٺن، پر مان اڃا سلاد ئي پئي چٻاڙيان ته هنن شيطاني ڪم کڻي شروع ڪيو آهي.“ +ڪنهن جي گهٻراهٽ ڀري کل ٻڌڻ ۾ آئي. پرڀرو ڪنهن کنگهيو، ۽ پوءِ هوريان هوريان دونهين جا ڪڪر هٽڻ لڳا، ۽ ٽاميءَ جي اکين اڳيان رنگا رنگي ترورا آهستي آهستي غائب ٿيڻ لڳا. +سڀيئي هڪ ٻئي ڏانهن ائين واجهائي رهيا هئا، جو ڄڻ اونداهي غار مان نڪري اچي اس ۾ بيٺا هجن. اوچتيءَ تيز روشنيءَ سبب اڃا به سندن اکين اڳيان ترورا ٿي رهيا هئا، ۽ ٽاميءَ کي ته رڳو ميز جي پرئين پاسي وارا ماڻهو به نظر نٿي آيا. +نيٺ، هن لڙاٽيل محفل جي ڪمان، هميشھ جيان همت ڪري، مسز ڊنگل سنڀالي ورتي. هوءَ گلاس هٿ ۾ کڻي اٿي. ”سو هاڻي، پيارا دوست،“ هن چٽي آواز ۾ چيو، ”مون کي پڪ آهي، اوهان سڀني کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته...!“ هوءَ هڪدم چپ ٿي ويئي، سندس وات ڦاٽي ويو، ۽ منهن تي هراس ڇانئجي ويس. سندس گلاس مان شراب جي عنبرين لار ميز پوش تي ڪرڻ لڳي. جيئن هن اٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو هو، ته ميز تي موسيو تائيبالت جي جاءِ ڏانهن نهاريو هئائين.... ۽ هينئر اتان موسيو تائيبالت غائب هو! +ڪن پئي چيو ته جتي هو ويٺو هو، اتان هڪ شعلو اڀريو هو، جو پوءِ دونهي ۾ گم ٿي ويو. ڪن جو چوڻ هو ته هڪڙو دَک ٻلو هو، جو هڪ لحظي ۾ دريءَ مان ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري ويو هو ۽ دريءَ جا شيشا ائين جو ائين سالم بيٺا هئا. پروفيسر ٽاٽوءَ ٿي چيو ته اهو هڪ پراسرار ڪيميائي عمل هو. جنهن جو اثر فقط موسيو تائيبالت واريءَ جاءِ تي ٿيو هو. بورچي، جو بيحد ايماندار هو، تنهن جو چوڻ هو ته شيطان پاڻ اچي موسيو تائيبالت کي کڻي ويو. مسز ڊنگل جي راءِ هئي ته ... پر ڇا به هجي، اها حقيقت ته صاف ظاهر آهي ته روشنيءَ جي چمڪاٽ کان پوءِ جيڪو لحظي جو انڌارو ٿيو، تنهن ۾ عظيم هدايتڪار موسيو تائيبالت پنهنجي پڇ سميت هميشھ هميشھ لاءِ ڪيڏانهن هوا ٿي ويو. +مسز ڪلورين قسم کائي رهي هئي ته هو مشهور معروف عالمي ڌاڙيل هو، ۽ هوءَ ان محفل ۾ سندس ڀانڊو ڦوڙڻ واري هئي، جو تيز روشنائي کان پوءِ دونهين جي آڙ ۾ هو کسڪي ويو؛ افسوس، جو جيڪي به انهيءَ تاريخي دعوت جي ميز تي ويٺل هئا، تن مان ڪوبه مسز ڪلورين سان متفق نه هو. مطلب ته ڪابه معقول وضاحت نٿي ٿي سگهي. پر ٽاميءَ کي اڃا به پڪ آهي ته اصل ڳالهه ڇا هئي، ۽ هن کي اهو احساس هميشھ رهندو پيو اچي، ۽ اڃا تائين جڏهن به هو ڪنهن ٻليءَ يا ٻلي جي ڀر مان لنگهندو آهي، ته اکيون ڦاڙي حيرت وچان ان ڏانهن هڪ ڀيرو ضرور چتائي نهاريندو آهي. +مطلب جي ڳالهه هيءَ آهي ته بيگم ٽامي ٻلين جي معاملي ۾ پنهنجي مڙس سان متفق آهي، هوءَ شڪاگوءَ جي ”گريشن وول وائين“ (يوناني بگهياڙي) آهي. (وول وائين جي ته اوهان کي خبر آهي!).... ٽاميءَ کيس سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي هئي. جيتوڻيڪ ان تي هن گهڻو اعتبار نه ڪيو هو، پر ته به دل ۾ اها پڪ ويهي ويئي هيس ته انهن ٻنهي شخصن مان هڪڙو ته جنس بجنس ائين هو جيئن ٽاميءَ چيو ٿي. اسان لاءِ اهو ٻڌائڻ يقيناً وڌيڪ روماني ٿئي ها ته ٽاميءَ ايڏي همت ۽ مردانگي ڪري آخرڪار وڃي پنهنجي خوابن جي شهزادي حاصل ڪئي هئي. پر پوءِ اها ڳالهه افسوس جو راست گوئيءَ جي خلاف ٿئي ها، ڇو ته شهزادي ويورڪا نرد به هتي اسان وٽ موجود ناهي. ان پراسرار واقعي کان پوءِ سندس دماغ تي جو اثر پيو، تنهن کي مٽائڻ لاءِ هن واسطي سامونڊي سفر ضروري هو، ۽ ان سامونڊي سفر کان موٽي هوءَ وري ڪڏهن به آمريڪا ڪين آئي. +هان! هميشھ جيان ڳالهيون مشهور آهن. ڪو ��وي ٿو ته هوءَ ڪنهن سيامي ديول ۾ راهبه بنجي ويٺي آهي، يا ”لا جارڊن دا ما سيور“ ۾ نقاب پوش رقاصه جو ڪم پئي ڪري. ڪي چون ٿا ته ”پاتا گونيا“ ۾ قتل ٿي ويئي. ڪي چون ٿا ته ”تريبيزاند“ ۾ شادي ڪري ويٺي آهي. پر جيسين حقيقت جو تعلق آهي، ته انهن آکاڻين مان ڪابه سچي ڪانهي. مان ڀايان ٿو ته ٽاميءَ کي دل ئي دل ۾ پڪ آهي ته سامونڊي سفر رڳو بهانو هو، ۽ هوءَ – هن جهان ۾ يا غيب جي جهان ۾ - موسيو تائيبالت سان ڪنهن نه ڪنهن ذريعي، نيٺ وڃي ملي آهي؛ ۽ درحقيقت ڪنهن ويران شهر يا زير زمين محل ۾ هينئر هو ٻيئي بادشاهه ۽ راڻي ٿي، ٻلين جي پراسرار سلطنت ۾ راڄ ڪري رهيا آهن. پر اهو، يقيناً، ناممڪن آهي. + + + +گرم ندي +از – ارسڪن ڪاڊ ويل مترجم – رباني +-------- +Warm River +By +Erskine Caldwell + + +Published by permission of the Author. + + +ارسڪن ڪاڊويل (1903-) ديول جي هڪ مهتمم جو پٽ آهي، جنهن جي پنهنجي پيشي جي سلسلي ۾ مستقل لڏپلاڻ، هن جي تعليم جي مسئلي کي پيچيده ڪري ڇڏيو. ڪاڊويل ”ورجينيا“ ۽ ”پينسلواينيا“ يونيورستين ۾ اعلى تعليم سان روشناس ٿيو. پر سندس ماثر ۽ عملي سکيا جو سهرو وچ آمريڪا جي هڪ فٽ بال رانديگر ۽ اخباري خاطوءَ جي سر تي سونهين ٿو. هن جي پهرين پهرين آکاڻي اشاعت لاءِ قبول ڪئي ويئي، تنهن کان ست سال اڳ هو برابر لکندو رهيو. اها آکاڻي – سندس بهترين آکاڻين مان هئي – “ڪنٽري فل آف سئيڊس“ ..... 1933ع ۾ ”بيل ريويو“ ۾ شايع ٿي. ان کانپوءِ، هن سئو کن ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ناول لکيا آهن. + + + + +ڊرائيور لٽڪندڙ پُل وٽ موٽر بيهاري، آڱر جي اشاري سان مون کي نديءَ جي پرينءَ ڀر مڪان ڏيکاريو. مان کيس اسٽيشن کان ٻن ميلن جي پنڌ لاءِ ڀاڙي جا 25 سينٽ ڏيئي، موٽر مان ٻاهر نڪتس. جڏهن هو هليو ويو، ته مان اڪيلو رهجي ويس؛ بس، ٿڌي ٿڌي رات هئي، ۽ چوطرف ماٿريءَ ۾ تارن جان ٽمڪندڙ روشنيون، ۽ اڳيان وهندڙ وڏيءَ ويڪريءَ نديءَ جو گرم گرم سائيرڙو پاڻي! چوطرف اڀائي اڀا جبل ائين ٿي لڳا، جيئن رات جو ڪارا ڪڪر. ڪاپار ڀر نهارڻ سان، البت گذريل شام جي جهڪي ٿي ويل شفق نظر ٿي آئي. +پل تي پير رکيم، ته چيڪاٽ ڪري پينگهي جيان لڏڻ لڳي. سندس لوڏو منهنجي وکن کان به وڌي ويو. ڇوهيون ڇوهيون وکون کڻي، مان لوڏي کان پاڻ بچائڻ لڳس. جڏهن ٻيءَ ڀر کي سڻائو ٿيس، جتان جبل شروع ٿي ٿيا، ته بئگ کي سوگهو جهلي، پنهنجي سموريءَ سگهه سان وٺي ڊوڙ پاتيم. ۽ پوءِ به، توڙي جو منهنجا قدم هينئر ٽاڪرو پيچري تي ٿي پيا، پر پل جو خوف دل تان نه لٿم. ڀانيم ته جي ڏينهن هجي، ته جيڪر بنان ڊپ ڊاءَ جي پل اڪري وڃان؛ پر رات جي وڳڙي ۾، جڏهن اونداها جبل چوڌاري اڀا بيٺا هئا ۽ پيرن هيٺان وڏي ويڪري سائيرڙي ندي پئي وهي، مان ڊپ سبب ڏڪندڙ هٿن ۽ ڌڙ ڌڙ ڪندڙ دل کي جهلي نٿي سگهيس. +جڏهن مڪان کي ويجهو اچي پيس، تڏهن پنهنجي حال تي کِل آيم – جو پُل وٽ ڀَوَ کان ڊوڙ پاتي هيم. مڪان ڳولڻ ۾ ڏکيائي اصل ڪانه ٿيم؛ پل مَٽيم، ته مڪان اڳيان هو. پر جي ڀلجي به وڃان ها، ته ”گريچن“، جا منهنجي اوسيئڙي ۾ ٻاهرئين دالان جي ڏاڪن تي بيٺي هئي، ضرور هڪل ڪري ها. جڏهن کيس پنهنجو نالو ڳنهندي ٻڌم ته هيڪاري لڄي ٿيس، جو جبلن ۽ انهن جي پاڙ ۾ وهندڙ ويڪريءَ نديءَ کان ڊڄي ويو هوس. +گريچن مون سان ملڻ لاءِ وٺي ڊوڙ پاتي. هٿ ڏيندي، پڇائينم، ”رچرڊ، لٽڪندڙ پل، ڊيڄاري ته نه ڇڏيئه؟“ +”ڊيڄاريائين ته ضرور، پر مان ڊوڙ پائي نڪري آيس،“ مون وراڻيو. +”پهرئين ڀيري هر ڪو ائين ڪندو آهي، پر هڪ دفعو لنگهڻ کان پوءِ، ائين ڀانئبو آهي ڄڻ ته رسين سان سوگهيءَ ڇڪيل ٻنڌ مٿان پ��و هلجي. مان جڏهن ننڍي هوندي هيس، ته ڇڪي ٻڌل رسيءَ تان هٿڙ پٿڙ هلندي هيس. ۽ انهيءَ ڪثرت ڪرڻ لاءِ، اسان پنهنجي گدام جي ٻنهي ڇيڙن جي وچ ۾ هڪڙي رسي به ٻڌي هئي. رچرڊ، تو ڪڏهن اها ڪثرت ڪئي ڪي نه؟“ +”ڪئي ته هونديم پر هينئر سانڀر ڪانهي، تنهن کي به ڪو زمانو ٿيو. هينئر ائين هلڻ بلڪل وسري ويو اٿم.“ +اسان اهي ڳالهيون ڪندا، اچي ڏاڪن وٽ پهتاسين، ۽ دالان ۾ گهڙياسين. گريچن دروازو کوليو. اندران، ڪو ماڻهو بتي کڻي صفحي ۾ ٿي آيو. بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته دروازي جي اندر ڀرو گريچن جون ٻه ڀينرون بيٺيون هيون. +”هيءَ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ ’آين‘ آهي ۽ هوءَ اٿئي ’ميري‘،“ گريچن ٻڌايم. مون اتي، اڌ – اونداهيءَ ۾ ساڻن ٻه ٽي اکر ڳالهايا، ۽ پوءِ صفحي ڏي وڌياسين، جنهن ۾ گريچن جو پيءُ هڪڙيءَ ميز جي ڀر ۾، بتيءَ کي پاسيرو مٿي جهلي بيٺو هو، جيئن مون کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهي. آءٌ اڳي ڪڏهن به ساڻس ڪين مليو هوس. +”بابا سان مل،“ گريچن چيو. ”اڳاهرو ڳڻتي پئي ڪيائين ته توکي مڪان ڳولڻ ۾ ڪٿي ڏکيائي نه ٿئي.“ +”منهنجي مرضي هئي ته پل تي بتي کڻي اچان، پر گريچن چيو ته توکي مڪان ڳولڻ ۾ تڪليف ڪين ٿيندي. تون ڀلئين ته ڪونه؟ سچ پچ، مون کي بتيءَ آڻڻ ۾ تڪليف ڪين ٿئي ها.“ +”ڏکيائي اصل ڪانه ٿيم،“ مون کيس هٿ ڏيندي چيو. ”موٽر واري، نديءَ جي پرينءَ ڀَر مون کي اشاري سان مڪان ڏيکاري ڇڏيو، ۽ پوءِ ته مون مڪان جي روشنيءَ مان اک ئي ڪانه ڪڍي. البت جي هيڪر روشني اک کان ٿڙي وڃي ها، ته هينئر اوندهه ۾ ضرور ڪٿي ٿاٻا پيو کانوان ها، ۽ پڪ ئي پڪ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪران ها.“ +مون کي نديءَ جو ايڏو ڀَو ڏسي، گريچن جي پيءُ کلي ڏنو. +”تڪليف پوءِ به ڪانه ٿيئي ها؛ نديءَ جو پاڻي ڏاڍو وڻندڙ آهي. جڏهن پارو پيو وسندو آهي ۽ پيرن هيٺ برف ڄمندي آهي، تڏهن به ندي اهڙي ڪوسي هوندي آهي، جهڙي بند ٿيل ڪوٺي. اسان سڀني کي نديءَ جو پاڻي ڏاڍو وڻندو آهي.“ +”پر رچرڊ، تون پڪ ڄاڻ ته انهيءَ ۾ ڪڏهن ڪين ڪِرين ها. تون نه جنهن مهل موٽر مان نڪتين، تڏهن مون بيٺي توکي ڏٺو، ٿورو ئي هيڏانهن هوڏانهن ڀلجي پير کڻين ها، ته مان ڊوڙي اچي پهچانءِ ها،“ گريچن منهنجو هٿ جهليندي چيو. +گريچن جي ڳالهه ٻڌي، دل ۾ چيم ته چوانس، ”مهرباني“، پر ايتري ۾ گريچن ڏاڪڻ ڏانهن وڌي، ۽ مون کي اچڻ لاءِ چيائين. بئگ کڻي مان به ڏاڪڻ ڏي وڌيس. مٿئين صفحي جي ڪنڊ ۾ رکيل ميز تي شمعدان پئي ٻريو. وٽ هيٺ هيس. گريچن وٽ سوري، شمعدان کڻي، هڪڙي سامهون واريءَ ڪوٺيءَ ڏي وڌي، مان به سندس پويان ڪوٺيءَ ۾ گهڙيس. ڪوٺيءَ ۾، اسان هڪ ٻئي ڏي جهٽ کن نهاريو. +ڪونري ۾ سڄر پاڻي اٿئي. ٻي ڪا شيءِ گهرجيئي، ته ٻڌائينم. مون ڪوشش ڪري هر ڪا ضروري شيءِ حاضر رکي آهي.“ +”تون اجايو ٿي خفو ڪرين. ٻيو ڪجهه ڪين گهرجيم. ڀلا تون ساڻ هجين، ته پوءِ به ڪنهن شيءِ جي گهرج ٿيندي!“ +گريچن مون ڏي نهاري، کڻي اکيون هيٺ ڪيون. اسان گهڙي کن ته ائين ماٺ ڪيو بيٺا هئاسين. ٻنهي مان ڪنهن به ڪجهه چوڻ نٿي چاهيو. مون کي هڪ خيال آيو ته چوانس ته ’گريچن، تو سان ملي سچ پچ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، توڙي جو هيءَ ملاقات فقط هڪ رات لاءِ آهي‘؛ پر پوءِ ويچاريم ته اها ڳالهه پوءِ به چئي سگهندومانس. گريچن کي ته سموري سڌ هئي ته مان ڇو آيو هوس. +”رچرڊ، مان بتي ڇڏي ٿي وڃانءِ. جلدي تيار ٿي، دالان ۾ اچ. مان اتي هلي ٿي ويهان.“ +اڃا ارادو ڪيم ته چوانس ته ’بيهه، ته بتي کڻي هلي ڏاڪڻ تي جهليان، متان ڏاڪڻ لهڻ ۾ ڏکيائي ٿيئي‘؛ پر جيتري ۾ بتي کنيم، ايتري ۾ هوءَ هلي ويئي. موٽي ڪوٺيءَ ۾ ��يس. گاڏيءَ جي مٽيءَ ۽ مـَـرُ لاهڻ لاءِ صابڻ کنيم ۽ هٿ منهن ڌوتم. گهوڙيءَ تي ڀَرٿ ڀريل ٽوالن جي قطار لڳي پئي هئي. هڪڙو کڻي لڱ اگهيم، ۽ ڦڻي ڏيئي، بئگ مان هڪ صاف رومال ڪڍيم؛ پوءِ در کولي هيٺ لٿس. گريچن پيءُ سان گڏ دالان ۾ ويٺي هئي. پڻس اٿي، مون کي گريچن ۽ پنهنجي وچ ۾ ڪرسي ڏني. گريچن ڪرسي ريڙهي پنهنجي ٻانهن منهنجي ٻانهن سان لاتي. گريچن جي پيءُ، مون ڏي ڪرسي ڦيرائيندي پڇيو، ”ڀانيان ٿو، پهاڙن تي پهريون ڀيرو آيو آهين.“ +”هائو، هن هنڌ جي چوڌاري سو کن ميلن ۾ ڪٿي به ڪونه آيو آهيان. مون کي ته هي ملڪ ئي اوپرو پيو لڳي. پر پوءِ سامونڊي ڪناري بابت اوهان به ائين ئي ويچاريندا هوندئو.“ +”توکي خبر ڪانهي، بابو ’نار فوڪ‘ ۾ رهي آيو آهي،“ گريچن پيءُ ڏي نهاري چيو. ”ڪيئن بابا؟“ +”مان اتي ٽي سال رهيو هوس.“ +گريچن جو پيءُ اڃا ڪجهه وڌيڪ چوڻ وارو هو، ان ڪري اسان چپ رهياسين. +”بابا، وڏو قابل مستري آهي،“ گريچن منهنجي ڪَن ۾ ڀڻڪو ڪيو. ”ريلوائيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندو آهي.“ +”هائو،“ گريچن جي پيءُ ويرم رکي چيو. ”مان گهڻن ئي جاين تي رهيو آهيان، پر هاڻي حياتيءَ جا ڏينهڙا هتي ئي پورا ڪرڻ ٿو چاهيان.“ +سوچيم ته پڇانس، ’هي پهاڙي ملڪ ڇا جي ڪري ٿو وَڻيوَ؛‘ پر پوءِ ستت ئي محسوس ڪيم ته گريچن ۽ پڻس اوچتو معنى خيز نموني خاموش ٿي ويا آهن. مان سندن انهيءَ اوچتي خاموشيءَ تي عجب کائڻ لڳس. گهڙيءَ کن کان پوءِ، گريچن جي پيءُ ڳالهائڻ شروع ڪيو. پر ائين جو نڪي مون کي مخاطب هو ۽ نه وري گريچن کي – ڄڻ ڪنهن ٽياڪڙ سان ٿي ڳالهايائين، جنهن کي، اوندهه سبب، مان ڏسي نٿي سگهيس. مان بيحد انتظار ۽ بيچينيءَ سان گريچن جي پيءُ ڏي ڪن ڏيئي تڪڻ لڳس. گريچن ڪرسي ريڙهي منهنجي ويجهو ٿي. ڪرسي ائين سيريائين، جو ذرو به کڙڪو نه ٿيو. نديءَ کان ڪوسيءَ هوا جو جهوٽو آيو، جو ڄڻ اسان کي اوني کٿو ويڙهي ويو. +”گريچن ۽ سندس ڀينرن جي ماءُ مري وڃڻ بعد،“ هن گوڏن ڀر نوڙي، نديءَ ڏانهن نهاريندي چيو، ”ها، جڏهن گريچن ۽ سندس ڀينرن جي ماءُ مون کان هميشھ هميشھ لاءِ موڪلاڻي ڪئي، تڏهن مان موٽي پهاڙن تي آيس. مان ’نار فوڪ‘ ۾ وڌيڪ ترسي ئي نه سگهيس، ۽ ’بالٽي مور‘ ۾ رهڻ به منهنجي لاءِ ممڪن نه هو. دنيا ۾ مون کي هيءَ ئي هڪڙي جاءِ سجهي، جتي ڀانيم ته سڪون ملندم. گريچن کي به ماءُ ياد ايندي آهي، پر مون کي سندس ياد ڪيترو ستائيندي آهي – اوهان اهو ڪاٿو ڪري نه سگهندئو. اسان ٻئي هتي ڄاوا نپناسون، ۽ هتي ئي اسان ويهه ورهيه راتيون گڏجي گذاريون....... ۽ پوءِ جڏهن هن مون کان هميشھ هميشھ لاءِ موڪلاڻيون ڪيون ته مان اهو ويچاري هتان هليو ويس ته شايد هي هنڌ ڇڏڻ سان کيس وساري سگهندس؛ پر مان غلط هوس، سراسر غلط. ڪير پنهنجي ٻچڙن جي ماءُ کي وساري سگهي ٿو؟ توڙي جو اها پڪ آهي ته ياعمر هو وري کيس ڏسي نه سگهندو!“ +گريچن مون ڏي نوڙي ويجهو ٿي؛ مون اکيون کڻي ڏانهنس نهاريو. نديءَ تي چپ چاپ هئي. گريچن جو پيءُ اڃا به اڳڀرو گوڏن ڀر نِوڙيو، ايتري قدر جو سندس ٺونٺيون وڃي گوڏن تي کتيون. ائين ٿي لڳو، ڄڻ نديءَ جي پرينءَ ڀر پهاڙن تي ڪنهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. هو گهور ڪري نهارڻ لڳو. دروازي جي چير مان ايندڙ روشنيءَ جو شعاع سندس اک جي تارن تي پئي، چمڪڻ لڳو. ڳوڙها سندس نيڻن مان، تارن جي ذرڙن جيان ٽمڻ لڳا، ۽ سندس ڏڪندڙ هٿن تي ڪري خشڪ ٿيندا ويا. +هو اٿي کڙو ٿيو. سندس ڊگهو پاڇو تيستائين گريچن ۽ منهنجي مٿان هو، جيتر هو دروزاي مان لنگهي اندر هليو ويو. مون ڪنڌ ورائي ڏانهس ڏٺو؛ جي��وڻيڪ هو اکين اڳيان پئي ويو پر تڏهن به کيس ڏسي نٿي سگهيس. +گريچن جهڪي اڃا به مون کي ويجهو ٿي. منهنجي آڱرين سان پنهنجون آڱريون وچڙائڻ لڳي، ۽ منهنجي ڪلهي سان پنهنجا ڳَلَ هوريان هوريان مهٽڻ لڳي، ڄڻ منهنجي ڳلن تان ڪا شيءِ اگهڻ ٿي چاهيائين. سندس پيءُ جي ڀاري قدمن جو آواز جهيڻو پوندو ويو، تان جو هاڻ اسان اهو ٻڌي به نٿي سگهياسون. +هيٺ، پرڀرو، نديءَ جي ڪناري سان ڪا تيز رفتار ريل گاڏي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪڙڪا ڪندي لنگهي. ان جي بتين جا شعاع نديءَ جي سائيرڙي پاڻيءَ تي ائين نچندا ٿي ويا، جيئن قطبن ۾ روشنيون. ان جي لوهي ڦيٿن جي آواز جو پڙاڏو، پهاڙن سان ٽڪرجڻ لڳو. گريچن منهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن سان سوگهو جهليو. سندس آڱريون ٿڙڪي رهيون هيون. رچرڊ، تون مون سان ملڻ ڇو آئين؟“ سندس آواز گاڏيءَ جي لوهي ڦيٿن جي آواز جي پڙاڏي سان ملي هڪ ٿي ويو، جا هينئر پري پهچي چڪي هئي. +مون ڀانيو ٿي ته گريچن مون ڏي پئي نهاري، پر جڏهن ڏانهس ڪنڌ ڦيريم، ته ڏٺم ته هوءَ دور دور هيٺ ماٿريءَ ۾ نديءَ جي گرم پاڻيءَ ڏانهن گهوري رهي هئي. کيس خبر هئي ته مان ڇو آيو هوس، پر چاهيائين ٿي ته مان کيس (پنهنجي زبان سان) چئي ٻڌايان ته مان ڇو آيو هوس. مون کي خبر نه هئي ته مان ڇو آيو هوس. مون سمجهو ٿي ته مون گريچن کي دنيا جي هر شيءِ کان پيارو ڀانيو هو، پر هينئر سندس پيءُ جي پيار جو مذڪور ٻڌڻ کانپوءِ، مون ۾ اها همت نه رهي، جو کيس چوان ته مان توسان محبت ڪريان ٿو. مان پنهنجي اچڻ تي افسوس ڪرڻ لڳس. جو گريچن جي پيءُ کي سندس ماءُ بابت ائين ڀريل دل سان ڳالهائيندي ٻڌم. مون اهو ته ڄاتو ٿي ته گريچن مون کي پاڻ ارپي ڇڏيندي، پر کيس موٽ ۾ ڪجهه ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه ڪين هو. هوءَ حسين هئي، بيحد حسين ۽ مون کي ڏاڍو وڻي ٿي، پر اهو منهنجو پهريون خيال هو؛ هينئر مون ڄاتو ٿي ته آءٌ جيڪو هن جو تصور دل ۾ کڻي آيو هوس، سو وري ڪڏهن به دل ۾ آڻي ڪين سگهندس. +”تون ڇو آئين، رچرڊ؟“ +”ڇو؟“ +”ها، رچرڊ؛ ڇو؟“ +منهنجون اکيون ٻوٽجي ويون، ماٿريءَ ۾ تارن جيان ٽمڪندڙ روشنين جي ياد، نديءَ جو گرم گرم پاڻي ۽ گريچن جي آڱرين جو نرم نازڪ ڇهاءُ، منهنجي ذهن ۾ ڦرڻ لڳو. +”رچرڊ، ٻڌاءِ نه، ڇو آئين؟“ +”گريچن مون کي پاڻ سُڌ ڪانهي.“ +”جيتري نه آءٌ توسان محبت ڪريان ٿي، اوتري جي تون به مون سان ڪندو هجين، ته هوند سڌ پويئي ته تون هت ڇو آئين.“ +هن جون آڱريون منهنجي هٿن ۾ ڪنبڻ لڳيون. مون کي خبر هئي ته هن جي مون سان بيحد محبت هئي. مون کي شروع کان ئي ان باري ۾ شڪ ڪونه هو. گريچن کي سچ پچ مون سان محبت هئي. +”شايد مون کي هت اچڻ نه گهربو هو؛“ مون چيو، ”مون چڪ ڪئي، گريچن، مان پري ئي ويٺو هجان ها.“ +”پر تون ته رڳو هڪ رات لاءِ هت مهمان آهين. صبح ساجهر هليو ويندين. رچرڊ توکي ان ڳالهه جو ته افسوس ڪونهي ته تون رڳو هڪ رات اسان وٽ آهين!“ +”مون کي اهو ته افسوس ناهي جو مان هت آهيان؛ البت اهو افسوس اٿم ته مان آيس ڇو. مون کي ڄاڻ ئي نه هئي ته مان ڇا ٿو ڪريان. مون کي هت اچڻ جو ڪو حق ڪونهي. فقط اهي ماڻهو، جيڪي پريت جي ريت نڀائي ڄاڻن، تن کي ......“ +”رچرڊ، پر تون مون سان ڪجهه ته محبت ڪرين ٿو – ايتري کڻي نه، جيتري مان توسان ڪريان ٿي. پر تون مون کي اهو به ٻڌائي نٿو سگهين ته توکي مون سان ڪجهه نه ڪجهه محبت ضرور آهي. رچرڊ، تنهنجي انهن اکرن مان، تنهنجي وئي پڄاڻان، منهنجي مَن کي آسيس ايندي.“ +”پر مون کي خبر ناهي.“ مون ڏڪندي وراڻيو. ”رچرڊ، پيارا......“ +مون سندس هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ قابو ڪري جهليو. اوچتو ڪنهن شي جو احساس ٿيم، جنهن جي تيزي منهنجي اندر ۾ گهاءَ ڪري ويئي. ائين محسوس ڪيم ته جيڪي اکر سندس پيءُ اچاريا هئا، تن جو مطلب منهنجي اڳيان روشن ٿيندو پيو وڃي. مون اڳي نٿي ڄاتو ته محبت ان کي چئبو آهي، جنهن جو هن ذڪر ڪيو هو. مون تي اثر ويٺل هو ته جيئن عورت مرد کي محبت ٿي ڪري، ائين مرد عورت کي محبت ڪري نٿو سگهي؛ پر هينئر مون محسوس ڪيو ته ٻئي هڪجيتريءَ شدت سان هڪ ٻئي سان محبت ڪري سگهن ٿا. +اسان ڳچ وقت ائين هڪ ٻئي جا هٿ جهلي چپ چاپ ويٺا رهياسين. ڳچ رات گذري چڪي هئي – آڌي ته ڪڏهوڪو گذري چڪي هئي، ڇو ته هينئر ماٿريءَ ۾ روشنيون وسامنديون ٿي ويون، - پر پوءِ وقت کي ڪا وقعت ئي نه هئي. +گريچن منهنجي ڪلهي تي ڳل رکي، منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي، منهنجي جان سان جڙي پيئي هئي. هوءَ ايترو ئي منهنجي هئي، جيترو ڪا عورت ڪنهن مرد جي ٿي سگهي ٿي، پر انهيءَ مهل مون محسوس ڪيو ته مان سندس محبت جو فائدو وٺي، انهيءَ احساس سان هتان هليو وڃڻ لاءِ ته مون ساڻس ايتري محبت ڪانه ٿي ڪئي، جيتري هن مون ساڻ ڪئي ٿي، پاڻ کي مجبور ڪري نٿي سگهيس. جڏهن آءٌ هت آيو هوس، تڏهن مون کي اهڙو خيال ڪونه هو. مون ته ايڏو ڊگهو سفر ڇڙو ان لاءِ ڪيو هو ته هيڪر کيس چند ڪلاڪن لاءِ ڀاڪر ۾ جهليان، ۽ پوءِ کيس هميشھ لاءِ وساري ڇڏيان. +نيٺ جڏهن اٿڻ جو وقت آيو، ته مان اٿي کڙو ٿيس. پنهنجون ٻئي ٻانهون کڻي سندس ڳلي ۾ وڌيم. مون جنهن مهل کيس ڇهيو، ته هوءَ ڪرڙيءَ جان ڪنبڻ لڳي؛ مون کي ايترو ته زور سان ڀاڪر وجهي بيٺي، جيترو مون کيس ڇڪي جهليو هو. سندس دل جي دڪ دڪ منهنجي مَنَ ۾ گهڙي ٿي ويئي، سندس سيني جا اڀا تير، دل جي ڌڙڪڻ سان منهنجي من ۾ چڀندا ٿي ويا. +”رچرڊ، هلئي وڃڻ کان هڪوار اڳ، مون کي هڪ مٺي ڏي.“ +هن ڊوڙي وڃي منهنجي لاءِ دروازو کولي جهيلو. ميز تان بتي کڻي، ڏاڪڻ تي، اڳيان ئي اڳيان، ماڙيءَ تائين مون کي وٺي هلي. +منهنجي ڪوٺيءَ جي در وٽ تيسين بيٺي رهي، جيسين مون ٻي بتي ٻاري کيس هٿ ۾ ڏني؛ پوءِ پنهنجي هٿ واري بتي کڻي مون کي ڏنائين. +”شب بخير، گريچن.“ +”شب بخير ، رچرڊ.“ +مون سندس بتيءَ جي وٽ هيٺ ڪئي، ته جيئن دونهون نه ڪري. پوءِ هوءَ صفحي مان لنگهي، پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌي ويئي. +”مان توکي صبح ساجهر اٿارينديس، جيئن گاڏي گسي نه وڃيئي.“ +”مهرباني. خيال ڪجانءِ متان مون کي ننڊ مان جاڳ نه ٿئي. گاڏي ساڍي ستين وڳي ويندي آهي.“ +”الڪو نه ڪر، رچرڊ؛ مان توکي سويرو جاڳائينديس.“ +مان موٽي پنهنجي ڪمري ۾ آيس. دروازو بند ڪيم. ۽ سمهڻ لاءِ ڪپڙا مٽايم. بتي وسائي، بستري ۾ گهڙيس، پر ننڊ اچيئي نه. ائين محسوس ڪيم، ڄڻ ننڊ ايندي ئي ڪانه. اٿي بستري ۾ ٽيڪ ڏيئي ويٺس، ۽ سگريٽ پٺيان سگريٽ ساڙڻ لڳس. دونهين کي ڦوڪون ڏيئي، دريءَ جي پردي مان ٻاهر ڪڍڻ لڳس. ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ، ائين ڀانيم ته گريچن جي ڪمري مان ڪو آواز پيو اچي، پر پڪ نٿي پيم. +ياد ڪونهيم ته ڪيترو وقت ائين بستري جي ڪنڌيءَ تي ويٺو رهيس ۽ گريچن بابت سوچيندو رهيس. اوچتو اٿي کڙو ٿيس ۽ دروازو کولي، صفحو لتاڙي، گريچن جي ڪمري ڏي وڌيس. ڪمري جو دروازو ٻيڪڙيل هو؛ مون کي اڳيئي ائين ٿي وسهيو ته دروزاو بند نه هوندو. آهستي آهستي تاڪ کوليم. چير مان، اندران بتيءَ جو شعاع نڪتو. وڌيڪ در پٽڻ جي ضرورت ڪانه هئي – گريچن مون کان هٿ کن پرڀرو هئي. مون پنهنجون اکيون کڻي ٻوٽيون ۽ اهي ارادا منهنجي ذهن جي سطح تي اڀرڻ لڳا، جي ڪناري کان مسافري شروع ڪرڻ مهل مون ذهن ۾سانڍيا هئا. +گريچن کي در کلڻ جو ڪو پتو نه پيو؛ ک��س منهنجي موجودگيءَ جي ڪابه سڌ ڪانه هئي. ميز تي سندس بتي پئي ٻري. +مون نٿي سمجهيو ته هوءَ جاڳندي هوندي، مون کي ته يقين هو ته هوءَ گهريءَ ننڊ ۾ هوندي. هوءَ بستري جي ڀر ۾ رضائيءَ تي نوڙي، ٻانهن ۾ منهن وجهي سڏڪا ڀري رهي هئي. سندس ڪلهن تي پکڙيل وار چوٽيءَ وٽ، پيليءَ پٽي سان ٻڌل هئا، ۽ بت تي جو سفيد ريشمي چوغو اوڍيل هوس، تنهن جي دامن تي زري لڳل هئي. سندس ڄاريءَ جو ڪالر ڳچيءَ وٽان کليو پيو هو. +هونئن ته مون هميشھ گريچن کي حسين تصّور ڪيو هو، پر ان گهڙيءَ هوءَ ڪيڏي نه دلڪش ٿي لڳي! اهو مون کي اڃان چٽيءَ طرح ياد آهي. مون دنيا ۾ گريچن جهڙي ٻي حسين ڇوڪري اڄ تائين ڪين ڏٺي آهي. +هن کي اڃا به منهنجي موجودگيءَ جو پتو نه پيو هو. هوءَ پلنگ جي ٻانهينءَ تي ڪنڌ جهڪايو، گوڏن ڀر ويٺي هئي؛ سندس مٺيون ڀڪوڙيل هيون، ۽ دلگداز سڏڪا پئي ڀريائين. +جڏهن پهريائين دروازو کوليو هوم، تڏهن نٿي ڄاتم ته ڇا ڪندس، پر هينئر – جڏهن کيس هن حال ۾ بستري تي سڏڪا ڀريندي ۽ دعائون گهرندي ڏٺم، ته مون کي اهو يقين ويهي ويو ته هن کان پوءِ گريچن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن عورت سان ياعمر محبت ڪري نه سگهندس. ايستائين ته مون کي پوريءَ طرح سڌ ڪانه هئي، پر ان گهڙيءَ ڄڻ دل مان ڪو غيبي آواز نڪتو، جنهن کي ٻڌي سمجهيم ته مون کي سچ پچ گريچن سان محبت آهي. مان آهستي دروازو بند ڪري، پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. ڪمري ۾ ڪرسي پيئي هئي، جا دريءَ جي ڀرسان رکي ويٺس صبح جو انتظار ڪرڻ. دريءَ مان نظر ڪري مون ماٿريءَ ڏي نهاريو، جتي گرم ندي وهي رهي هئي. جيئن جيئن اوندهه اکين کي ڀاءِ پوڻ لڳي، تيئن مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ مان نديءَ جي ويجهو ٿيندو ٿو وڃان، - ايتري قدر جو جيڪڏهن چاهيان، ته ان جي گرم گرم پاڻيءَ مان لپ ڀري وٺان. ڳچ ڳچ رات گذرڻ کانپوءِ پرهه ڦٽيءَ ويل، گريچن جي ڪمري ۾ کڙڪو ٻڌم. ڀانيم ته ڪو ماڻهو فرش تي هيڏانهن هوڏانهن پيو اچي وڃي، ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ته يقيني طور پنهنجي ڪمري جي دروازي جي ڀرسان ٻاهر صفحي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي آهٽ ٻڌم. جڏهن صبح جو سويل سج شاخون ڪڍيون، ته مون اٿي ڪپڙا مٽايا ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ محسوس ڪيم ته گريچن پنهنجي ڪمري مان نڪري ڏاڪڻ لهي هيٺ ويئي. سمجهي ويس ته منهنجي نيرن لاءِ پئي تڪڙ ڪري، ته کائي پوءِ گاڏيءَ تي وڃان. گهڙي کن انتظار ڪيم، ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ ڏاڪڻ تي سندس پيرن جو آواز ٻڌم. منهنجي ڪوٺيءَ وٽ پهچي هن مون کي سڏ ڪيو، ۽ دروازي کي هوريان هوريان کڙڪائڻ لڳي. مون ٽپ ڏيئي دروازو کوليو. مون کي ڏسي ايترو عجب لڳس، جو گهڙي کن لاءِ ته تپرس ۾ پئجي ويئي – هن جي ليکي ته آءٌ اڃان بستري ۾ آرامي هوندس. ”گريچن“ مون سندس هٿ وٺندي چيو، ”مون کي ايترو تڪڙو تڙي نه ڪڍ. مان صبح جو ڪونه ٿو وڃان..... مون کي خبر ناهي ته رات مون کي ڇا ٿي ويو هو..... هينئر پتو پيو اٿم ته مان سچ پچ توسان محبت ڪريان ٿو.....“ ”پر رچرڊ! رات ته تو ٿي چيو ته.....“ ”مون ٿي چيو ته آءٌ صبوح جو سويل هليو ويندس، پر مون جيڪي ڳالهايو ٿي تنهن جو مون کي پاڻ پتو نٿي پيو. هينئر آءٌ تيسين هتان نه ويندس، جيسين تون ساڻ نه هلندينءَ. رڳو نيرن ڪرڻ ڏينم. توکي سموري سُڌ پئجي ويندي ته منهنجي مراد ڇا آهي – پر بيهه، پهريائين ٻڌائينم ته نديءَ ڏي ڪٿان وڃبو آهي؛ مون کي اتي وڃي، نديءَ جو پاڻي پنهنجي هٿن سان ڇُهڻو آهي.“ +مان آهستي دروازو بند ڪري، پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. ڪمري ۾ ڪرسي پيئي هئي، جا دريءَ جي ڀرسان رکي ويٺس صبح جو انتظار ڪرڻ. دريءَ مان نظر ڪري مون ماٿريءَ ڏي نهاريو، جتي گر�� ندي وهي رهي هئي. جيئن جيئن اوندهه اکين کي ڀاءِ پوڻ لڳي، تيئن مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ مان نديءَ جي ويجهو ٿيندو ٿو وڃان، - ايتري قدر جو جيڪڏهن چاهيان، ته ان جي گرم گرم پاڻيءَ مان لپ ڀري وٺان. +ڳچ ڳچ رات گذرڻ کانپوءِ پرهه ڦٽيءَ ويل، گريچن جي ڪمري ۾ کڙڪو ٻڌم. ڀانيم ته ڪو ماڻهو فرش تي هيڏانهن هوڏانهن پيو اچي وڃي، ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ته يقيني طور پنهنجي ڪمري جي دروازي جي ڀرسان ٻاهر صفحي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي آهٽ ٻڌم. +جڏهن صبح جو سويل سج شاخون ڪڍيون، ته مون اٿي ڪپڙا مٽايا ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ محسوس ڪيم ته گريچن پنهنجي ڪمري مان نڪري ڏاڪڻ لهي هيٺ ويئي. سمجهي ويس ته منهنجي نيرن لاءِ پئي تڪڙ ڪري، ته کائي پوءِ گاڏيءَ تي وڃان. گهڙي کن انتظار ڪيم، ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ ڏاڪڻ تي سندس پيرن جو آواز ٻڌم. منهنجي ڪوٺيءَ وٽ پهچي هن مون کي سڏ ڪيو، ۽ دروازي کي هوريان هوريان کڙڪائڻ لڳي. مون ٽپ ڏيئي دروازو کوليو. مون کي ڏسي ايترو عجب لڳس، جو گهڙي کن لاءِ ته تپرس ۾ پئجي ويئي – هن جي ليکي ته آءٌ اڃان بستري ۾ آرامي هوندس. +”گريچن“ مون سندس هٿ وٺندي چيو، ”مون کي ايترو تڪڙو تڙي نه ڪڍ. مان صبح جو ڪونه ٿو وڃان..... مون کي خبر ناهي ته رات مون کي ڇا ٿي ويو هو..... هينئر پتو پيو اٿم ته مان سچ پچ توسان محبت ڪريان ٿو.....“ +”پر رچرڊ! رات ته تو ٿي چيو ته.....“ +”مون ٿي چيو ته آءٌ صبوح جو سويل هليو ويندس، پر مون جيڪي ڳالهايو ٿي تنهن جو مون کي پاڻ پتو نٿي پيو. هينئر آءٌ تيسين هتان نه ويندس، جيسين تون ساڻ نه هلندينءَ. رڳو نيرن ڪرڻ ڏينم. توکي سموري سُڌ پئجي ويندي ته منهنجي مراد ڇا آهي – پر بيهه، پهريائين ٻڌائينم ته نديءَ ڏي ڪٿان وڃبو آهي؛ مون کي اتي وڃي، نديءَ جو پاڻي پنهنجي هٿن سان ڇُهڻو آهي.“ + + +ريڍار جي ڌيءُ +از – وليم سارويان مترجم – رباني +------------- +Shepherd’s Daughter +By +William Saroyan +Published by permission of Random House, Inc., New York. + + +منهنجي ڏاڏي، شل ڌڻي وڏي ڄمار ڏئيس، انهيءَ خيال جي آهي ته سڀني ماڻهن کي پورهيو ڪرڻ کپي. اجهو هينئر گهڙي کن اڳ مون کي ميز تي چوڻ لڳي: توکي ڪو چڱو هنر سکڻ گهرجي. ڪاٺ مان يا مٽيءَ مان، ڌاتوءَ مان يا ڪپڙي مان – ڪانه ڪا اهڙي شي جوڙڻ سِکُ جا عام ماڻهن کي ڪتب اچي سگهي. تو جهڙي جوان لاءِ اها ڳالهه شان واري ناهي ته ڪنهن به چڱي هنر جي ڄاڻ نه رکين. آخر تون ڪهڙي شيءِ جوڙي ٿو سگهين؟ ڪا سادي سودي ميز، ڪا ڪرسي، ڪا ٿالهي – ٻيو ته ٺهيو، رڳو هڪڙي’ڪافيءَ – داني‘ ٺاهي سگهين، ته به ڀلو! مان ٿي چوان ته آخر توکي اچي ڇا ٿو؟ +- ۽ ائين چئي ڏاڏي ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان مون ڏي نهارڻ لڳي. +ويرم رکي چوڻ لڳي: مون کي خبر آهي ته تون ليکڪ ٿيڻو آهي ۽ ٿي ويو آهين، هيڏا سارا سگريٽ جو ساڙين ٿو! سڄو گهر دونهي سان ڀريو پيو آهي. پر توکي گهرجي ته اهڙيون شيون ٺاهه، جن کي ڏسي سگهجي ۽ ڇُهي سگهجي. +ايترو چئي، ڏاڏي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ لڳيم: ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ هڪڙو بادشاهه هوندو هو. کيس هڪ پٽ هو جو هڪڙي ريڍار جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو. هڪڙي ڏينهن شهزادو پنهنجي پيءُ وٽ ويو، ۽ چيائينس ته بابا، منهنجي هڪڙيءَ ريڍار جي ڌيءَ سان دل ٻَجهي ويئي آهي؛ ارادو اٿم ته ساڻس نڪاح ڪريان. پڻس چيس ته پٽ، مان بادشاهه آهيان ۽ تون منهنجو پٽ آهي؛ جڏهن مون کي ڌڻي پاڻ وٽ گهرائيندو، تڏهن نيٺ تون ئي ته بادشاهه ٿيندين؛ هاڻي ائين ڪيئن ٿي سگهندو ته تون ڪنهن ريڍار جي ڌيءُ سان شادي ڪرين! شهزادي جواب ڏنو ته قبلا! مان ٻيو ڪي ڪين ٿو ڄاڻان، رڳو اها ڄاڻ اٿم ته مان انهيءَ ڇوڪريءَ سان محبت ڪريان ٿو ۽ کيس پنهنجي راڻي بنائيندس. بادشاهه ڏٺو ته شهزادي جي ڇوڪريءَ سان سچي دل آهي، سو ڇوڪريءَ ڏانهن هڪڙي قاصد ذريعي نياپو مڪائين ته منهنجو پٽ توسان محبت ڪري ٿو ۽ ارادو اٿس ته توکي پنهنجي راڻي بنائي. جڏهن قاصد اهو نياپو وڃي ڇوڪريءَ کي سڻايو، تڏهن ڇوڪريءَ قاصد کان پڇيو ته شهزادو ڪهڙي ڪرت ڪندو آهي؟ قاصد اهو سوال ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو، ۽ وراڻيائين ته هو بادشاهه جو پٽ آهي، سو کيس ڪنهن ڪرت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت! تنهن تي ڇوڪريءَ چيس ته بادشاهه جي پٽ کي پهريائين ڪو ڌنڌو ڌاڙي سکڻ کپي. قاصد وڃي اهو پيغام بادشاهه کي اکر به اکر ٻڌايو. بادشاهه شهزادي کي گهرائي چيو ته ريڍار جي ڌيءُ اجهو هي جواب ڏنو آهي؛ ڪيئن، اٿيئي اڃا ساڻس شادي ڪرڻ جي مرضي؟ شهزادي چيو ته هائو، مان هاڻي کان ئي تڏا ۽ ٽُئا ٺاهڻ ٿو سکان. پوءِ شهزادو دل و جان سان ڪم کي جنبي ويو، ۽ ٽن ڏينهن اندر عمدن پٽاپٽي ۽ رنگارنگي تڏن ٺاهڻ ۾ ڀَڙُ ٿي ويو. قاصد انهن تڏن مان ٻه چار داڻا کڻي ويو ڇوڪريءَ وٽ ۽ چيائينس ته هي تڏا بادشاهه جي پٽ جوڙيا آهن. ڇوڪري تڏا ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ قاصد سان گڏجي محلات ۾ پهتي، ۽ شهزادي سان شادي ڪيائين. +هڪڙي ڏهاڙي شهزادو بغداد جي گهٽين ۾ پئي گهميو ته کيس هڪڙو نانوائيءَ جو دڪان نظر آيو، جو ڏاڍو صاف سٿرو هو ۽ نهايت عمدي نموني سينگاريل هو.شهزادو امالڪ مٿي چڙهي ويو، ۽ وڃي هڪڙيءَ ميز اڳيان ويٺو. مڄاڻ ته اهو دڪان ڪو چورن ۽ ڦورن جو اڏو هو! تن ڇا ڪيو، جو شهزادي کي سوگهو ڪري، آڻي هڪڙي سڪل کوهه جي تري ۾ قيد ڪيائون، جتي اڳيئي شهر جا ڪيترا امير قيد هئا. اهي چور ڇا ڪندا هئا، جو مڙني قيدين ۾ جيڪو ٿلهو متارو ڏسندا هئا، تنهن کي ڪهي، مڙني ۾ جو سنهڙو سيپڪ هوندو هو، تنهن کي زوريءَ کارائيندا هئا! اهو ڄڻ هنن جي ڪاڻ هڪڙو تماشو هو! جيئن شهزادو بت جو هلڪڙو هو، ان ڪري هو في الحال ته موت کان بچيو رهيو. چورن کي اها ته خبر ئي ڪانه هئي ته هو ڪو بادشاهه جو پٽ آهي، ڇو ته شهزادي کين ٻڌايو هو ته مان تيلين مان عمدا تڏا ٺاهيندو آهيان؛ جيڪڏهن توهان مون کي تيليون آڻي ڏيندئو، ته مان ان منجهان توهان کي عمدا تڏا جوڙي ڏيندس، جن جي بها مان توهان جهجهو ناڻو ڪمائيندئو. چورن کيس تيليون آڻي ڏنيون، جن مان شهزادي ٽن ڏينهن اندر ٽي عاليشان تڏا ٺاهيا. چوٿين ڏينهن تي چورن کي چيائين ته جي هي ٽي تڏا کڻي ايران جي بادشاهه کي ڏيندئو، ته هو اوهان کي هڪ هڪ تڏي جو عيوض سئو اشرفيون ڏيندو. چور تڏا کڻي بادشاهه وٽ پهتا، جنهن ڏسڻ سان سهي ڪيو ته تڏا سندس پٽ جا جوڙيل هئا. هڪدم تڏا کڻائي ويو محلات ۾، ۽ نُنهنُ کي چيائين ته هي تڏا پنهنجي شهزادي جا جوڙيل ٿا ڀانئجن، پر شهزادو ته ڪيترن ڏينهن کان گم آهي! ريڍار جي ڌيءُ تڏن کي چتائي ڏسڻ لڳي ته کيس تڏن جي اوڄ ۾ ڪي اکر نظر آيا. اهي اکر پڙهي سڄو سماچار سهري کي سڻايائين، جنهن هڪدم جوڌن جوانن جو هڪ جٿو موڪليو، جنهن وڃي کوهه تي حملو ڪيو، ۽ سمورن چورن کي ماري قيدين کي آزاد ڪرايو، ۽ شهزادي پنهنجي حفاظت هيٺ آڻي بادشاهه وٽ پهچايو. شهزادو پيءُ کي پيرين پئي، سڌو ويو محلات ۾، وڃي پنهنجي زال کي ڀاڪر وڌائين، ۽ چيائينس ته سچ پچ رڳو تنهنجي سياڻپ ڪري منهنجي جان بچي آهي. بادشاهه به پنهنجي ننهن تي بيحد راضي ٿيو. +ڏاڏي ڳالهه پوري ڪري چوڻ لڳي: ڏٺئي ته ڪيئن هنر ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهي! +مون وراڻيو: ڏاڏي، مون سڀ ڪجهه سمجهيو. منهنجو واعدو آهي ته جيئن ئي چار ڏوڪڙ ڪمائيندس، ته سڀ کان اول انهن مان هڪڙو مترڪو، هڪ ڪارائي ۽ ڪاٺ ��ڪر خريد ڪري، پنهنجي لاءِ ڪا ڪرسي يا ڪتابن لاءِ ڪٻٽ جوڙيندس. + + + +سرڪس +از – ڪئٿرائين اين. پورٽر مترجم – رباني +-------------- +The Circus +By +Katherine Anne Porter + +From the Leaning Tower and other Stories, +Copyright, Katherine Anee Porter, 1944. + + +بيضوي گهيري ۾، ڪئنچيءَ جهڙن ٿنڀن تي رکيل، ڊگها ڊگها تختا مٿي ئي مٿي هليا ويا، انهن تي تماشبين ائين ڳتيا ويٺا هئا جيئن، بقول ڊائسي، ”ڪتيءَ جي ڪن تي چچڙ.“ ڊائسي ميرانڊا جو هٿ سوگهو جهلي، هيڏانهن هوڏانهن بڇان مان نهاري رهي هئي. وچ ۾، ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي کتل ٽن پيلپائن تي لڳل وڏي ويڪري تنبوءَ جون سفيد لهرون مٿان ور وڪڙ کائي رهيون هيون. جڏهن هي ڪٽنب ويهي ويو، ته تختي جي هڪ سڄي ٻانهين والاري ويو. +ڊگهيءَ قطار جي هڪ پاسي کان پيءُ، ڀيڻ ميريا، ڀاءُ پال، ڏاڏي، وڏي چاچي ڪيزيا، هڪڙو سوٽ ڪيزيا ۽ ٻيو سوٽ ڪيزيا جو ڪئنٽڪيءَ کان تازو گهمڻ لاءِ آيو هو؛ چاچو چارلس بروڪس، سوٽ چارلس بروڪس ۽ چاچي ميري لين بروڪس ويٺا هئا؛ ٻئي پاسي کان: ننڍڙي سوٽ لوسي بروڪس، وڏو سوٽ پال گي، وڏي چاچي سيلي گي (جا ناس ڏيندي هئي ۽ ان ڪري سڄي ڪٽنب ۾ ڪنهن کي ڪين وڻندي هئي)؛ ٻه عجيب نوان ٻارڙا جي بيحد حسين هئا ۽ شايد پاڻ ۾ سوٽ هجن پر ٻئي يقيناً ميرانڊاگي تي فدا هئا؛ ۽ خود سوٽ ميرانڊاگي پاڻ – ڦڙت ڇوڪري، هڪ ئي وقت اڌ ڊزن کن جهالرين واري لهريدار ريشمي فراڪ سان، سندس وڻندڙ سرهاڻ ۾ ٻڏل گهنڊيدار وار، ۽ تنهن کان سواءِ وڏيون، شوخ، نيريون، پڻس جي چوڻ موجب ”وڇيريءَ جهڙيون“ اکيون. ميرانڊا کي خيال هو ته هوءَ وڏي ٿيندي ته شايد سڄي ساري وڇيريءَ جهڙي ٿي پوندي. ڊائسي جي ٻانهن جهلي، نئڙي سوٽ ميرانڊا کي سلام ڪيائين، جنهن موٽ ۾ کيس سلام ڪيو، ۽ پاسي ۾ ويٺل ٻن عجيب ڇوڪرن به کيس سلام ڪيو. ميرانڊا جي دل زور سان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. اهو پهريون دفعو هو، جو هوءَ سرڪس ڏسڻ آئي هئي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو سندس آخرن ڀيرو به هجي، ڇو ته هن ڀيري به ڏاڏنهس کان موڪل وٺڻ واسطي – ته هوءَ ساڻن گڏ هلي، سڄي ڪٽنب کي گڏ ٿيڻو پيو هو. ”چڱو، پر ڇڙو هي هڪ دفعو“، ڏاڏيءَ چيو هو، ”ڇو ته سڄو ڪٽنب اچي گڏ ٿيو آهي.“ +ڇڙو هڪ دفعو! ڇڙو هڪ دفعو! اهڙيءَ صورت ۾، ظاهر آهي ته هن هر ڪنهن شيءِ کي وڏي شوق ۽ ڌيان سان پئي ڏٺو. تختن جي وٿين مان به هيٺ نهاريائين، ۽ اهو ڏسي عجب لڳس ته هيٺ پٽ تي ويٺل ڦاٽل ڪپڙن سان ڪوجها ڇوڪرا، ڪنڌ کڻي مٿي ڏانهن نهاري رهيا هئا. هو پلٿيون ماري ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ويٺا هئا، چپ چاپ مٿي گهوري رهيا هئا. هن منجهائن هڪڙي جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاريو، ته ڇوڪري موٽ ۾ ڏانهس ڪنهن اهڙي وچتر نموني ڏٺو، جو هوءَ اکيون ڦاڙي هن ڏي گهورڻ لڳي ۽ ان جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڇوڪري جو ڏسڻ اهڙو بيباڪ ۽ بي فضيلتو هو، جو ان ۾ قرب ۽ مروت جي ڪابه جهلڪ ڪانه هئي. ڇوڪرو سنهڙو، سيپڪ ۽ ڪوجهو هو. سندس ڳاڙهن ڪنن ۽ مٽيءَ جي رنگت جهڙن وارن تي هڪ پراڻي سراڻي ٽوپي پيئي هئي. جيئن ميرانڊا ڏانهس گهوري نهاريو، ته هن پنهنجي ڀرواري ڇوڪري کي ٺونٺ هنئي ۽ ڪو سرٻاٽ ڪيو، ۽ پوءِ هو ٻيو ڇوڪرو به ڏانهس ڏسڻ لڳو. بس، حد ٿي ويئي. ميرانڊا، ڊائسيءَ جو پلئه ڇڪي چيو، ”ڊائسي، هو ننڍڙا ڇوڪرا هُتي هيٺ ڇا ٿا ڪن“ ”هيٺ ڪٿي؟“ ڊائسيءَ پڇيو؛ پر شايد کيس اڳيئي سڌ هئي، ڇو ته هن مُڙي تختن جي وٿين مان هيٺ نهاريو، ۽ يڪدم پنهنجي گوڏن کي گڏي، فراڪ کي ڇڪي، ڇوهه مان چيو، ”تون پنهنجو پاڻ سنڀال. ٽنگون ٽيڙي نه ويهه. ايڏانهن ڌيان نه ڏي. هتي گهڻي ئي باندر ويٺا آهن. تون انهن ڏي ڪو ڌيان نه ڏي.“ +ڄڻ هڪ زبردست پيتلي بئنڊ ميرانڊا جي ڪن وٽ ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي. ڄڻ آواز، رنگ ۽ بوءِ سندس چمڙيءَ کي، وارن کي، مٿي کي، هٿن کي، پيرن کي، ۽ دُن کي ڇهڻ لڳا. هوءَ اڇل کائي ڏڪڻ لڳي. اصل ساهه کڻڻ ئي وسري ويس. ”اڙي!“ هن گهٻراهٽ ۾ اکيون ٻوٽي ڊائسيءَ جو هٿ جهلي رڙ ڪئي. چمڪندڙ روشنيون سندس اکين جي ڇپرن کي ساڙڻ لڳيون. غصي جهڙن ٽهڪن جو گوڙ ۽ دهلن ۽ توتارن جو آواز گونجي ويو. هن اکيون پٽيون....... تنهن کان چوٽيءَ تائين سفيد ڍلو ڍالو لباس اوڍيل، ڳچيءَ ۽ مُرَن وٽ ڇڪ ۽ سور سبب گهُنجَ، هڏي جهڙي اڇي کوپري ۽ چاڪ جهڙو سفيد منهن، نرڙ جي وچ ۾ پري ڇڪيل گهاٽا ڀرون، ڪاريون نوڪدار پنبڻيون، اندر پيٺل ڳلن تائين پکڙيل ڳاڙهيون واڇون جي سخت سور ۽ عجب جي حالت ۾ ڪنڊن وٽان ٽڙي وييون هيون -، انهي وضع قطع جو ڪو شخص آکاڙي جي وچ ۾ هڪ تار تي نچي رهيو هو. وزن برابر رکڻ لاءِ هٿ ۾ هڪ ڊگهو سنهو بانس جو لڪڙو هوس، جنهن جي ٻنهي پاسي ڦيٿا لڳل هئا. پهريائين ميرانڊا ائين سمجهو ته هي شخص هوا تي هلي رهيو آهي يا اڏامي رهيو آهي، ۽ اوستائين کيس ڪوبه عجب نه ٿيو. پر جڏهن تار ڏٺائين ته ڊپ وٺي ويس. سندن مٿن کان به مٿي، اهو غير انساني پتلو، ڦيٿا ڦيرائي ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيو هو. هو ٿورو بيٺو، پير ترڪيس، سندس سفيد ٽنگ هوا ۾ ڦڙڪڻ لڳي، لڏيو، لميو، هڪ پاسي کسڪيو، ڪريو، بولاٽي کاڌائين ۽ سٽ ڏيئي گوڏي سان تار پڪڙي، ابتو ٽنگجي لڙڪي بيهي رهيو. سندس ٻي ٽنگ مٿي وٽ لڏي رهي هئي، وري کسڪيو، هينئر سندس کڙي تار ۾ اٽڪي پيئي ۽ هو رومال جيان اڳتي پوئتي ڦڙڪڻ لڳو. تماشبينن جي انبوهه ائين خوشيءَ مان چيٽون ڪيون ۽ ٽهڪ ڏنا، جيئن شيطان گهُري ورتل سزا جي عذاب ۾ خوش ٿئي. ميرانڊا کان به چيٽ نڪتي، پر سچ پچ سور کان. گوڏا سوڙها ڪري پيٽ کي وٺي مٺيون ڏنائين. تار تي جو شخص لٽڪيل هو، سو ’گوج‘ مڇيءَ جيان پنهنجو مٿو هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي رهيو هو ۽ پنهنجي ڪوجهي وات سان تماشبينن جا ويچارا ڪڍي رهيو هو. هينئر ميرانڊا پنهنجي اکين کي هٿن سان ڍڪي رڙيون ڪيون ۽ سندس ڳلن ۽ کاڏيءَ تان ڳوڙها وهڻ لڳا. + + +”گهر کڻي وڃوس! هڪدم هتان ڪڍوس!“ سندس پيءُ ڪاوڙ ۾ چيو؛ جيتوڻيڪ سندس منهن تان کِلَ اڃا نه هٽي هئي. ڇوڪريءَ تي هڪ سرسري نظر وڌائين ۽ پوءِ وري آکاڙي ڏانهن متوجھ ٿيو، ۽ ڏاڏيءَ منهن تان اڌ نقاب لاهي رڙ ڪئي، ”ڊائسي، گهر کڻي وڃينس!“ ڊائسي خار ۾، آهستي، تار تي لٽڪندڙ شخص مان اک ڪڍڻ کان سواءِ اٿي؛ رئندڙ ڇوڪريءَ کي کنيائين ۽ تماشبينن جي گوڏن ۽ پيرن سان ٽڪرندي، تختن تان لٿي، ۽ ٿڙندي ٿاٻڙندي، واريءَ پٿاريل رستي تان لنگهي، تنبوءَ جي هڪ دروازي جو پردو هٽائي اڳتي وڌي. ميرانڊا اڃا به رکي رکي سڏڪا ڀري رهي هئي. لنگهه وٽ هڪ ڄامڙو – مسخرو بيٺو هو، جنهن کي ڏاس جي ڊگهي نقلي ڏاڙهي ٻڌل هئي ۽ مٿي تي ڊگهي چهنبدار ٽوپي ۽ ٽنگن تي سوڙها ڳاڙها پاجاما ۽ پيرن ۾ لانگ بوٽ هئس؛ جنهن جون چوٽيون مٿي مُڙيل هيون. هٿ ۾ کيس هڪ سنهي ڇڙهي هئي. ميرانڊا ان کي بنهه تڏهن ڏٺو، جڏهن بلڪل ساڻس گسڪو ڏيئي لنگهي – سندس بگڙيل چهرو، ڦاٽل وات ۽ چمڪندڙ ڳوڙها بنهه هن جي نڪ سامهون هئا. هو اڳڀرو نئڙيو ۽ ڏانهس ٻاجهارين، غير انساني سونهين اکين سان ائين نهاريائين، جيئن ڪو پري نه ڏسي سگهندڙ ڪتو ڪنهن ويجهيءَ شيءِ ڏانهن ڏسندو آهي؛ ۽ پوءِ ميرانڊا جهڙو منهن ڪري، ڏند ڪڍي ائين بيهي رهيو، ڄڻ چيٻارا ڪڍندو هجي. ميرانڊا آپي کان ٻاهر نڪري ويئي ۽ هن کي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍيائين. ڊائسي جلدي ميرانڊا کي ڇڪي ورتو، پر ايتري ۾ ميرانڊا مسخري جي منهن تي وڏن جهڙي بي ترس شوخي ۽ ناراضگيءَ جا آثار ڏسي ورتا. هوءَ انهن آثارن کان خوب واقف هئي. کيس وري نئين قسم جي ڊپ ورتو. هن کي اميد ئي نه هئي ته هو به ڪو واقعي ماڻهو هو. +”واپسي وٺو. واپسي وٺو.“ هڪ شخص رڙ ڪئي. ڊائسي اکين ۾ ڳوڙها آڻي هن ڏانهن نهاريو، ”ڀائو، مان واپس ڪيئن اچي سگهنديس! ڏسين نٿو! مان هن ڇوڪريءَ سان اڙجي ويئي آهيان! هن آزار کي تماشو ڏيکارڻ لاءِ وٺي آئي هيس، تنهنجو اهو ننڍڙو ڪاغذ جو ٽڪرو هاڻي منهنجي ڪهڙي ڪم جو!“ +سڄي واٽ هوءَ غصي ۾ هئي، ۽ پنهنجي ليکي چوڻ لڳي، ”نٺر ٻار....! عقل ئي ڪونهيس....! جهڙي لوٺي.....! ڪٿي آڻڻ نيڻ جهڙي ناهي.....! ڪڏهن ڪجهه ڏسي ئي ڪين.... هاڻي تڪڙي ٿي...... جڏهن ڏس ته ٻين جو مزو وڃائي.... حرام جي ڪنهن کي ساهه پٽڻ ڏئي. هل هاڻي گهر، اهائي مرضي اٿئي نه؟ تکي ٿي، هل گهر.....“ هوءَ ميرانڊا کي گهليون پئي ويئي. ناراض ته ڏاڍي هئي، پر اهڙي ڪا ٻي ڳالهه نٿي ڪيائين، جو ميرانڊا کي ائين چوڻ جو وجهه ملي ته ”ڊائسيءَ مون کي هيئن چيو يا هونئن چيو.“ ڊائسيءَ کي اهڙين ڳالهين ۾ فقط هڪ مقرر حد تائين اختيار هو. +سڄو ڪٽنب منهن اونداهيءَ کان اڳ گهر موٽي آيو، ۽ هر ڪو پنهنجيءَ ۾ لڳي ويو. هر ڪنهن ڪمري مان کل ڀوڳ جو آواز ٿي آيو. ٻين ٻارن ميرانڊا کي ٻڌايو ته هوءَ ڪهڙا ڪهڙا مزا پوئتي ڇڏي هلي آئي هئي – عجيب عجيب ننڍڙا ننڍڙا گهوڙا، لغامن ۾ گل ۽ ڳانا ۽ گهنٽيون ٻڌل، جن تي مخمل جي صدرين ۽ ڊگهين چهنبدار ٽوپين سان وڻندڙ ڀولڙا سوار هئا: سيکاريل اڇيون ٻڪريون، جن ناچ پئي ڪيو؛ هڪ هاٿيءَ جو ٻچڙو، جنهن پنهنجي اڳين ٽنگن سان منڌيئڙي جو نشان پئي ٺاهيو، ۽ پڃري جي ڀِت سان لڳي کاڌي لاءِ پنهنجو وات پئي پٽيائين – اهڙو هو اهو ٻچڙو! اڳئين کان به وڌيڪ ڀوڳائي مسخرا...... سهڻيون زالون چمڪندڙ سونهري وارن سان، چست سفيد ريشمي ڪپڙا پاتل ۽ چيلهه وٽ سرخ ساٽن جون پٽيون ٻڌل، پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهيون هيون. اهي به پنهنجي آڱوٺن تي پينگهه ۾ لڏيون ٿي. پر ڪهڙي نه وڻندڙ نموني، جهڙا اڏامندڙ پکي! وڏن اڇن گهوڙن جي پٺيءَ تي نچندڙ مرد ۽ عورتون! گهوڙا، آکاڙي ۾ گول گول پئي ڊوڙيا. هڪڙو ماڻهو تنبوءَ ۾ لٽڪندڙ پينگهه ۾ ڏندن سان چڪ وجهي لڏيو ۽ ٻئي هڪ ماڻهوءَ شينهن جي وات ۾ پنهنجو مٿو وڌو. ”اڙي! هن ويچاريءَ ڇا ڏٺو!“ هرڪو سرڪس جون ڳالهيون ڪري خوش ٿي رهيو هو، ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ ڪڙهي رهي هئي ته هڪڙو دفعو سرڪس ڏسڻ جو موقعو مليس، سو به وڃايائين، ۽ ڊائسيءَ جو به سڄو ڏينهن خراب ڪيائين: ويچاري ڊائسي! ويچاري ڊائسي! جن ٻارن کي هن مهل تائين ڊائسيءَ جو خيال نه آيو هو، سي به هينئر ڏک جهڙو منهن ڪري هن ڏانهن نهاري رهيا هئا، ۽ شرارت ڀرين نظرن سان خارن ۾ ميرانڊا کي پوسرجندي هر هر ڏسي رهيا هئا. ڊائسي ڪيترن ڏينهن لاڪر هن ڏينهن جو انتظار ڪري رهي هئي! پوءِ عين موقعي تي هيءَ ميرانڊا ڊپ کان ٻوڪاٽ ڪرڻ ويهي رهي! هڪڙو ٻار ٻئي کي چئي رهيو هو، ”ڀلا انهيءَ پوڙهي مسخري کان ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟“ ۽ پوءِ هو ميرانڊا تي قياس کائي، هڪ ٻئي ڏانهن نهاري مرڪي رهيا هئا. +هڪ ٻئي خيال کان پڻ هي اهم موقعو هو. هي پهريون ئي دفعو هو، جو ڏاڏي سرڪس ڏسڻ لاءِ تيار ٿي هئي. هوءَ اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئي، جن مان پتو پوندو هو ته سندس جوانيءَ جي زماني ۾ سرڪس هئا ئي ڪين، ۽ جي هئا به، ته انهن جو ڏسڻ خراب سمجهيو ويندو هو. بهرحال هوءَ هميشھ اهڙا دليل ڏيندي هئي، جو انهن مان اهڙين ڳالهين لاءِ سندس ناپسندگيءَ جو اظهار ٿيندو هو، ۽ جيتوڻيڪ هن اها ڳالهه ڪانه ٿي ڪئي ته ڪو کيس لطف ڪين آيو هو، پر ان هوندي به ٻيو نه ته سندس ليکي گهٽ ۾ گهٽ هن سرڪس ۾ ڪي اهڙا منظر ۽ آواز ضرور هئا، جن بابت گهٽ ۾ گهٽ هي چوڻ بجا هو ته ننڍيءَ عمر وارن لاءِ اخلاقي نقطه نگاهه کان اهي ڪجهه نامناسب هئا. جڏهن مڙيئي ٻار – ڀائر، ڀينرون، ۽ ٻاهران آيل سوٽ ماسات – سڀ ماني کائي رهيا هئا ته هن جو پٽ هئري وٽن لنگهي آيو ۽ سندن مرڪندڙ چهرن ڏانهن ڏسي چيائين: ”معلوم ٿئي ٿو ته ليلڙن جي ولر کي ڪو خاص نقصان نه پهتو آهي.“ سندس ماءُ وراڻيو، ”هنن جو حال سندن مستقبل کان ايڏو ته پري آهي، جو ان جي ميوي بابت هينئر چئي نٿو سگهجي ته هنن کي نقصان پهتو آهي يا نه. مشڪل ڳالهه اها آهي.“ ۽ هوءَ ٻارن جي مکڻ لڳل ٽوسن لاءِ چمچي سان گرم گرم کير کي ملائيندي رهي. ميرانڊا ڊول سڄائي چپ چاپ ويٺي رهي. سندس پيءُ کيس ڏسي مرڪي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”ڌيءُ، تو ته ڪجهه ڪونه ڏٺو. ڀلا، ان مان ڇا مليئي؟“ +ميرانڊا وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي ۽ زار زار ڳوڙها وهڻ لڳس. نيٺ هن کي اتان کڻي ئي وڃڻو پين، ۽ سندن کاڌو به کيس اندر وڃي ڏيڻو پين. ڊائسي خار ۾ چپ هئي. ميرانڊا ڪجهه به کائي نه سگهي. ٻڌل ڳالهين تي، هن کي ڄڻ سچ پچ ياد اچي رهيو هو ته هن به انهن سهڻين دلير عورتن کي ڏٺو هو، جن سفيد ساٽن جا چست لباس پائي، چيلهه ۾ سرخ پٽيون ٻڌي، پينگهن تي ڪرتب ڏيکاريا هئا؛ هوءَ انهن پيارن پيارن ننڍڙن گهوڙن کي ۽ انهن پالتو باندرن کي ياد ڪندي رهي، جن کي کل ڏيارڻ جهڙا ڪپڙا پاتل هئا، ۽ پوءِ ائين هن کي ننڊ اچي ويئي. هن جون اهي ايجاد ڪيل يادگيريون سندس اصلي يادگيرين لاءِ رستو صاف ڪري ويون – ڍرڙن سفيد ڪپڙن پاتل، ڊنل سهميل چهري واري ماڻهوءَ جو موتمار ڪرڻ، اف! ڪهڙو نه ڀيانڪ تماشو هو! ۽ ان مسخري جي نقلي کل، جو سچ پچ ڄڻ کليو ئي نٿي! هوءَ رڙ ڪري جاڳي پئي ۽ پنهنجي ڏک ۽ پيڙا کي روئي هلڪو ڪرڻ لڳي. +ڊائسي اٿي آئي، سندس ترڇي اکيون ننڊ سبب ڳوريون ۽ اڌ کليل هيون؛ خار ۾ چپ ڊولا، ڳورن اگهاڙن پيرن سان ڌٻ ڌٻ ڪندي آئي؛ چڙ مان سرٻاٽ ڪيائين، ”ياالله! ڇا ٿي ويو اٿئي؟ الله جو سنهن! مار جي ضرورت اٿئي! واڪا ڪري سڀني کي ٿي جاڳائين!“ +ميرانڊا ڊڄ سبب سُسي ويئي هئي، کيس ڊائسيءَ کي چڱيءَ طرح جواب ڏيڻ ايندو هو، هميشھ چئي ڇڏيندي هئي، ”تون چپ ڪر، ڊائسي!“ يا چوندي هيس، ”مون کي تنهنجي حڪم مڃڻ جو ضرور ڪونهي. مون کي ڏاڏيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي پرواهه ڪانهي،“ ۽ سچ پچ هو به ائين. هوءَ چئي ڏيندي هئي، ”سمجهين ڇا ٿي؟” رڳو پيئي بڪين!“ پر، هينئر جو ڏينهن گذريو هو، تنهن سندس رخ بدلائي ڇڏيو هو. سچ پچ ميرانڊا چاهيو ٿي ته هينئر ساڻس ڪوبه غصي نه ٿئي، - ڊائسي به نه. هونئن کيس وڏن جي ڪاوڙ جي پرواهه ئي ڪانه هوندي هئي، - ۽ تيئن هنن کي بيزار ڪندي رهندي هئي: ۽ هاڻي جي ڊائسيءَ کي مٿس ڪاوڙجڻو هو، ته به ان جو ڪو خاص خيال کيس ڪونه هو؛ پر جيڪو ڊپ هوس، سو فقط اهو ته متان ڊائسي ڪٿي بتيون نه وسائي ڇڏي ۽ ائين هوءَ اجهاڳ بي ترس اونداهين ۾ گم نه ٿي وڃي، جتي ننڊ جهلي کيس وڃي ڦٽو ڪندي. هن ٻيئي هٿ ڊگها ڪري، کڻي ڊائسيءَ کي ٻانهن کان سوگهو جهليو، ۽ هانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي. ڏکيا ڏکيا، ابتا سڏڪا ڀريندي چيائين، ”مون تي غصي نه ٿيءُ.... مان سهي نٿي سگهان!“ ڊائسي هڪڙو ڊگهو ٿڌو ساهه ڀري، سندس ڀرسان ليٽي پيئي، جنهن جو مطلب ته ماٺ کان سواءِ هن کي ٻيو چارو ئي ڪونه هو؛ هوءَ ڪوشش ڪري سوچڻ لڳي ته هوءَ عيسائي هئي ۽ کيس صبر سان پنهنجو صليب جهلڻو هو. ”هاڻي تون ننڊ ڪر،“ هن وڏي بنجي، هميشھ جيئن، سمجهائي��دي چيو، ”هاڻي پنهنجون اکيون ٻوٽ ۽ ننڊ ڪر“ مان توکي ڏي ڪانه ٿي وڃان. ڊائسيءَ جو ڪنهن تي به غصو ڪونهي......... دنيا ڀر ۾ ڪنهن تي به نه.“ + + + +مئجائي جون سوکڙيون +از – او. هينري مترجم – رباني +---------- +Gift of Magi +By +O. Henrey + + +From “The Four Million” Published by permission of Doubleday and Company, Inc, New York. + +او. هينري ’قلمي نالو‘ اٿس. سندس اصلي نالو هو ”وليم سڊني پورٽر.“ 1862ع ۾ گرينسبورو، ڪئرولينا، ۾ ڄائو؛ اسڪول جو منهن به اتي ئي ڏٺائين. پنهنجي چاچي جي دوائن جي دڪان ۾ پورا پنج ورهيه ڪم ڪيائين. 1882ع ۾ ٽيڪساس ويو جتي ”رولنگ اسٽون“ نالي هڪ مزاحيه هفتيوار جاري ڪيائين، جا گهڻو وقت هلي نه سگهي: انهيءَ ئي زماني ۾، هوسٽن جي روزانه ”پوسٽ“ ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. +1902ع ۾ پهريون ڀيرو، پورٽر نيويارڪ ڏٺو ۽ او. هينريءَ جي ’قلمي نالي‘ سان، مخزنن کي پنهنجي افسانن سان ٽٻٽار ڪري ڇڏيائين. – لفظ ۽ رٿائون – هن کي سولائيءَ سان ميسر ٿيندا هئا – بلڪل سولائيءَ سان. مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي، جي کيس چڱيون چوکيون رقمون پيشگي طور ڏيئي، مٿس ڌنوڻي ٻڌيو بيٺا هوندا هئا، پورٽر پورا اٺ ورهيه افسانن جي اڻ کٽ انداز سان ڍئيندو رهيو. جڏهن اٺيتاليهن ورهين جي عمر ۾، سلهه وگهي وفات ڪيائين ته سندس لکيل مڪمل – افسانن جو تعداد ڇهه سو هو. + + + +هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽ. اها هئي ڪل پوئجي. انهيءَ رقم ۾ به سٺ سينٽن جون پينيون (Pennies) هيون. پينيون جيڪي پساريءَ، بقال ۽ ڪاسائيءَ کان سودو سٽ وٺڻ مهل، حد کان وڌيڪ پڪائيءَ ڪرڻ سبب، ڏڙهيون کائي، هڪ هڪ ڪري بچايون ويون هيون. ڊيلا پنهنجي پونجي ٽي دفعا ڳڻي پڪ ڪئي. پورا هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽ. ٻئي ڏينهن ناتال جو ڏڻ هئو! +اهڙيءَ حالت ۾، سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو چاڙهو هو ته پاڻ کي ننڍڙي ۽ گدلي ڪوچ تي اڇلائجي ۽ اوڇنگارون ڏجن. ڊيلا ائين ئي ڪيو، جنهن مان پتو پيو ته حياتي لڙڪن، سڏڪن، ۽ ٿورين مرڪن کان سواءِ ٻيو آهي ئي ڇا؟ جيسين گهر جي مالڪياڻي هوريان هوريان لڙڪن کان سڏڪن واري درجي تي پهچي، تيسين ڪا گهر تي نظر وجهي وٺجي. گهر ڇا هو – هڪ فقيراڻي سامان اسباب سان سينگارل هڪ غريباڻو فلئٽ هو؛ جنهن جي هفتيوار مسواڙ اٺ ڊالر هئي. اهڙي گهر جو بيان ئي ڪهڙو ڪجي جنهن جا ٽپڙ پهرين نظر وجهڻ سان ئي پڌرا ٿي پون! +هيٺ ڏيڍيءَ ۾ ’خطن واري ڪاٺوڙي پيتي‘ لٽڪيل هئي؛ جنهن ۾ اڄ تائين ڪنهن خط ڪين اڇلايو هو؛ ۽ هڪ بجلي – گهنٽيءَ جو بٽڻ هو، جنهن کي آڱر سان دٻائي، اڄ تائين ڪنهن به مهمان يا ملاقاتيءَ پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪونه ڏنو هو. انهن کان سواءِ نالي واري تختي پڻ لڳل هئي، جنهن تي ”مسٽر جيمز ڊلنگهام ينگ“ لکيل هو. گذريل خوشحالي واري زماني ۾ جڏهن نالي جي مالڪ جي هفتيوار آمدني ٽيهه ڊالر هئي ته ڊلنگهام سدائين پيو چمڪندو هو؛ پر جڏهن اها آمدني گهٽجي وڃي ويهه ڊالر ٿي، تڏهن ”ڊلنگهام“ جا اکر ائين جهڪا پئجي ويا، جو ڄڻ سادي ۽ لڄاري ”ڊ“ ۾ سسي وڃڻ تي ويچار ڪري رهيا هجن! پر جڏهن به مسٽر جيمز ڊلنگهام گهر ايندو هو، ته ”جم“ سڏيو ويندو هو، ۽ مسز جيمز ڊلنگهام ينگ کيس ڳراٽڙي وجهي، سندس مرحبا ڪندي هئي. ”ڊيلا“ جي نالي سان سندس تعارف، اوهان سان اڳيئي ڪرايو ويو آهي. +ڊيلا روئڻ ڇڏي اٿي. ڳلن کي پائوڊر هنيائين ۽ دريءَ وٽ بيهي، ٻاهر هڪ ميرانجهڙي ٻليءَ کي، هڪ ميرانجهڙي لوڙهي هيٺان لنگهندو ڏسڻ لڳي. ٻئي ڏينهن ناتال جو ڏڻ هو ۽ کيس ’جم’ لاءِ ناتال جي سوکڙي وٺڻي هئي. هوءَ مهينن کان هر اها پيني، جا بچي سگهي ٿي، سا بچائيندي آئي هئي، ۽ هينئر نتيجو اجهو اهو هو. هفتي ۾ ويهه ڊالر ڪهڙي راس آهي! خرچ سندس حساب کان وڌيڪ نڪتو هو، ۽ اهو ته هميشھ ٿيندو آهي. هاڻي ’جم‘ لاءِ سوکڙي خريد ڪرڻ واسطي وٽس ڪل هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽ هئا – پنهنجي ’جم‘ لاءِ. هن ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي، جم لاءِ ٺاهوڪي سوکڙي خريد ڪرڻ جون رٿون رٿيون هيون. ڪا اهڙي سوکڙي جا ڪمياب ۽ خالص هجي...... جيڪا ڪنهن حد تائين جم جي ملڪيت هجڻ جي عزت جي ضرور لائق هجي. +ڪمري جي درين جي وڇوٽيءَ ۾ هڪ وڏو آئينو لڳل هو. توهان اهڙي قسم جا آئينا اٺن ڊالرن واري فلئٽ ۾ ڏٺا هوندا. اهي آئينا اهڙا ته عجيب و غريب هوندا آهن، جو هڪ نهايت سنهڙو ۽ ڦڙت ماڻهو ئي انهن جي اڀين ليڪن جي لاڳيتي سلسلي ۾ پنهنجي عڪس کي ڪنهن حرفت سان هيڏي هوڏي ۽ هيٺ مٿي چوري چوري، پنهنجي شڪل شبيهه جو ڪنهن حد تائين صحيح اندازو لڳائي سگهي ٿو. ڊيلا ڇاڪاڻ ته سنهي ۽ هلڪي هئي، تنهن ڪري هن فن ۾ مهارت حاصل ڪري چڪي هئي. +اوچتو هوءَ دريءَ کان ڦري، آئيني آڏو بيهي رهي. سندس اکيون غير معمولي طور پئي چمڪيون، پر سندس منهن ويهن سيڪنڊن جي اندر اندر پنهنجو رنگ وڃائي ويٺو هو. هن سٽ ڏيئي، پنهنجي ٻڌل وارن کي کولي ڇڏي ڏنو ته، جيئن ڇُڙي پٺيءَ تي ڊگها ڊگها پکڙجي بيهن. +جيمز ڊلنگهام ينگ جي گهر ۾ ٻه شيون اهڙيون هيون جن تي ٻئي زال مڙس ڏاڍو فخر ڪندا هئا، پهرين شي جم جي سوني واچ هئي، جيڪا کيس پنهنجي پيءُ کان، ۽ سندس پيءُ کي پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. ٻي شيءِ هئي ڊيلا جا وار. جيڪڏهن ملڪه سباسامهين فلئٽ ۾ رهندي هجي ها، ته سامهون بيهي، ڊيلا پنهنجا وار دريءَ کان ٻاهر لٽڪائي سڪائي ها، ته جيئن ملڪه عاليه جي هيرن ۽ جواهرن کي شرمائي ڇڏين. ۽ وري جيڪڏهن بادشاهه سليمان پنهنجي سڄي مال متاع ۽ خزاني کي تھ خاني ۾ بند ڪري پاڻ ان تي دربان ٿي ويهي رهي ها، ته جم هن جي سامهون لگنهڻ وقت هر ڀيري ٻانهن مٿي کڻي، پنهنجي واچ جي نمائش ڪري ها، ته جيئن بادشاهه سليمان ان کي ڏسي، ساڙ ۾ پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ کڻي چڪ وجهي. +سو، هاڻي ڊيلا جا کليل سهڻا وار ڪنهن آبشار جي ماٺيڻين لهرين وانگر پئي هوا ۾ لڏيا، ۽ ان جي صاف شفاف پاڻيءَ جيان پئي چمڪيا. ڊيلا جا وار ايترا ته ڊگها هئا، جو سندس گوڏن کان به هيٺ پئي پيا، ۽ بيحد گهاٽي ۽ ڊگهي هجڻ سبب ڄڻ هن جي سڄي جسم کي ڍڪيو بيٺا هئا. جهٽ پلڪ کان پوءِ، ڊيلا کين اداس نگاهن ۽ تڪڙن تڪڙن هٿن سان وري ويڙهي ٻڌي ڇڏيو. ڪا گهڙي ته وچ ۾ هوءَ هٻڪي هٿ جهلي بيهي رهي، ۽ سندس اکين مان هڪ ٻه ڳوڙها ڪري، هيٺ کٿل ڳاڙهي غاليچي ۾ جذب ٿي ويا. +پوءِ تڙ تڪڙ ۾ هن پنهنجو ڀورو جئڪيٽ پاتو. مٿي تي ڀوري ميرانجهڙي ٽوپي وڌائين. اسڪرٽ جي ڦرڙاٽ ۽ اک جي ساڳيءَ چمڪ سان، گهر کان ٻاهر نڪتي ۽ گهٽي ڏيئي اڳتي هلي ويئي. +هوءَ جتي بيٺي، اتي هڪ بورڊ لڳل هو: +”’مادام سافراني.‘ هر قسم جي وارن جو دڪان.“ ڊيلا ڇوهه ۾ مٿي چڙهي وئي. تکو تکو ساهه کڻندي پنهنجا حواس درست ڪيائين. سامهون، هڪڙي بت ۾ اجائي ڀريل، باهه جهڙي ڀوري، برف جهڙي ٿڌي ۽ پٿر جهڙي سخت مادام بيٺي هئي – ”سافراني *“ ته لڳي ئي ڪانه ٿي. +”منهنجا وار خريد ڪندينءَ؟“ ڊيلا کائنس پڇيو. +”مان وار ئي ته خريد ڪندي آهيان،“ مادام وراڻيو. ”تون پنهنجي ٽوپي لاهه، ته سندن رنگ روپ تي نظر ڪري وٺون.“ +بادامي رنگ جو آبشار لهرون هڻندو هيٺ هليو ويو! +”ويهه ڊالر،“ مادام وارن جي مچي کي پنهنجي آزمودگار هٿن ۾ جهليندي چيو. +”جلدي ڪر – مون کي ڏي،“ ڊيلا چيو. +۽ پوءِ – پوءِ پورا ٻه ڪلاڪ گلابي پرن تي اڏامندي رهي. هٿرادو تشبيهه کي ڌيا�� ۾ نه آڻيو، - مطلب هي آهي ته هوءَ جم جي سوکڙيءَ لاءِ دڪان دڪان ڦرندي رهي. نيٺ وڃي ڳولي لڌائين. اها بس ٺهي ئي جم جي لاءِ هئي. ان جهڙي ڪٿي به ٻئي ڪنهن دڪان ۾ ڪانه لڌي هئائين - ۽ هن ان لاءِ ڪا ڳولا ڪئي هئي! سوکڙي ڇا هئي – واچ ٻڌڻ لاءِ پلاٽينم مان ٺهيل زنجير، سادي سودي ۽ اجائي ٺاهه ٺوهه کان پاڪ. ان جي قيمت سندس مال مان ئي بکي ٿي، ۽ نه ٻين شين جيان سندن ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ نمائشي زيب زينت مان. جم جي واچ لائق اها ئي زنجير هئي. جيئن ئي هن زنجير تي نظر پيس، ته سمجهي ويئي ته اها ضرور جم لاءِ ئي ٺهي هئي. هئي به ته سڌ ٻڌ جم جهڙي – نرمل ۽ املهه اهي خاصيتون ٻنهي تي ٺهڪي ٿي آيون. کانئس ان زنجير جي لاءِ ايڪويهه ڊالر ورتا ويا. ستاسي سينٽ کڻي، هوءَ تڪڙي تڪڙي گهر ڏانهن رواني ٿي. اهڙي زنجير ٻڌي، جم کي سنگت ۾ ويهي وري وري وقت ڏسڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي. واچ ته شاندار هئي، پر منجهس زنجير جي بدران هڪ ڇنل چمڙي جي پٽي هئڻ ڪري کيس ڪڏهن ڪڏهن وقت ڏسڻ مهل به لڪ چوريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو هو. جڏهن گهر پهتي، ته سندس سروس ۽ مدهوشيءَ ڪي قدر دور انديشيءَ ۽ سياڻپ کي جاءِ ڏني. هن وار گهنڊيدار ڪرڻ جو سامان ڪڍيو، گئس ٻاريائين، ۽ وڏيءَ دل واري پيار جي آندل تباهيءَ جو ازالو ڪرڻ لڳي - ۽ اهو ڪم، منهنجا دوست، ڏاڍو ڏکيو آهي، - تمام ڏکيو! +ويهن منٽن جي اندر سندس مٿو ننڍڙين ۽ گهاٽين گهنڊڙين سان ڀرجي ويو، ۽ هوءَ ائين ٿي لڳي ڄڻ ڪو شرارتي ۽ گوسڙو اسڪولي ڇوڪرو هجي. هن گهڻيءَ دير تائين چڱيءَ طرح جاچي جوچي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏٺي. +ٻيهر ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي جيڪڏهن جم مون کي ماري نه ڇڏيو، ته هو چوندو ته مان ’ڪوني‘ ٻيٽ جي ڪا خانه بدوش ڳائڻي ڇوڪري ٿي پئي آهيان،“ هن سوچيو. ”پر مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ - هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽن سان مان ڇا ٿي ڪري سگهيس؟“ +ستين بجي ڪافي ٺاهي ويئي. چاپن ترڻ لاءِ، چلهي تي تئي تيار رکي هئي. +جم ڪڏهن به دير سان ڪونه موٽندو هو. ڊيلا زنجير هٿ ۾ کڻي ان در جي ڀرسان پيل ميز جي ڪنڊ تي ويهي رهي، جتان هو سدائين اندر ايندو هو. هن کيس پهرئين ڏاڪي تي پير رکندو ٻڌو، ۽ سندس رنگ جهٽ پلڪ لاءِ هيڊو ٿي ويو. کيس هڪ عادت هئي، ۽ اها هيءَ ته هوءَ روزمره جي ننڍڙين ڳالهين تي به دعائون گهرندي هئي؛ سو هن ڀڻڪيو: ”ياالله! جم جي دل ۾ وجهه ته آءٌ اڃا تائين سهڻي آهيان!“ +در کليو، جم اندر آيو ۽ دربند ڪري ڇڏيائين. بت ۾ لٿل ۽ ڏاڍو سنجيدو ٿي لڳو. ويچارو! اڃا ته سندس عمر ڇڙا ٻاويهه سال هئي.... ۽ مٿس عيال جو بار اچي پيو هو! کيس نئون اوور ڪوٽ گهربو هو ۽ وٽس دستانا به ڪونه هئا. +جم در جي اندر پير رکيو، ته اهڙو آهستي جهڙو تازي ڪتو شڪار جي بانس سنگهڻ مهل کڻندو آهي. سندس اکيون ڊيلا تي ڄمي ويون هيون، ۽ منجهن هڪ اهڙي قسم جو تاثر هو، جيڪو ڊيلا سمجهي ڪين سگهي، ۽ هوءَ ڊڄي ويئي. هن جي اکين ۾ نه ڪاوڙ هئي، ۽ نه وري تعجب جو اظهار؛ نه ناپسندي هئي، نه ئي هولناڪي؛ ۽ نه ئي وري ڪنهن اهڙي قسم جو ڪو جذبو منجهن هو، جنهن لاءِ هن پاڻ کي اڳواٽ تيار رکيو هو. هو رڳو چپ چاپ کيس هڪ ٽڪ ڏسي رهيو هو، هن جي منهن ۾ اهائي ساڳي غير معمولي ڪيفيت موجود هئي. +ڊيلا وٽجي ميز تان لٿي، ۽ وٺي هن ڏانهن ڊوڙ پاتائين. +”پيارا جم!“ هن دانهن ڪئي، ”مون کي ائين نه ڏس. مون پنهنجا وار محض هن لاءِ ڪٽائي، وڪڻي ڇڏيا، جو مان توکي ناتال جي سوکڙي ڏيڻ کان سواءِ رهي ڪين ٿي سگهيس. وارئي ته آهن، وري وڏا ٿي ويندا. تون الڪو نه ڪر. مون لاءِ ٻيو رستو ئي ڪونه هو. هونءَ به منهنجا وار واڌڙ آهن. پيارا جم، چئه ’ناتال مبارڪ!‘ چئه نه! اچ ته ٻئي خوشيون ڪيون. خبر اٿئي، مون تولاءِ ڪهڙي سهڻي .... ڪهڙي پياري، دل گهري سوکڙي آندي آهي؟“ +”تو پنهنجا وار ڪوڙائي ڇڏيا آهن،“ جم ڏاڍي تڪليف ده آواز ۾ چيو، ڄڻ ته گهڻيءَ تڪليف کان پوءِ به هو پنهنجي دماغ کي انهيءَ حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار نه ڪري سگهيو هو. +”ڪوڙايا به اٿم. ۽ وڪيا به اٿم،“ ڊيلا چيو. ”ڇا مان توکي هاڻي اڳي جيان نٿي وڻان؟ مان هاڻي به اهائي ڊيلا آهيان، تنهنجي پنهنجي ڊيلا.“ +جم ڪمري کي اهڙين نگاهن سان ڏٺو، جن ۾ اجنبيت ۽ تعجب جا پاڇولا ٿي ڏڪيا. +”تون چوين ٿي، تنهنجا وار گم ٿي ويا؟“ هن ائين چيو، ڄڻ ڪو بي عقل هجي. +”تون سمجهين ڇو نه ٿو،“ ڊيلا چيو، ”مان ٿي چوان ته وار وڪڻي ڇڏيا اٿم. ناتال جو ڏڻ آهي. مٺا جم! تون مون تي قياس ڪر. وار تو ڪاڻ ئي نه ڏنا اٿم. منهنجا وار ته شايد ڳڻيل هئا – انهن جي به ڪا حد هئي.“ هن جي آواز ۾ اچانڪ اٿاهه ميٺاج ڀرجي آيو، ”پر منهنجو تو لاءِ پيار ته ڪو ڪٿي ئي ڪونه ٿو سگهي.... پيار جي ڪابه حد! مان چاپون وڃي تريان – جم!“ +جم پنهنجي بيهوشيءَ مان جلد ئي جاڳي اٿيو. هن پنهنجي ڊيلا کي کڻي ڀاڪر ۾ جهليو. +زال مڙس کي اتي ڇڏي، اچو ته ڏهن سيڪنڊن جي لاءِ اسان ڪا ٻي ڳالهه ڪريون. ڪنهن جي اٺ ڊالر هفتي ۾ ڪمائي آهي، يا ڪنهن جي ڏهه لک سال ۾ - ڪهڙو تفاوت ٿو پئي؟ حسابن جا ماهر ۽ سياڻا اوهان کي ان جو غلط جواب ڏيندا. مئجاني تمام قيمتي سوکڙيون کڻي آيا هئا، پر انهن سوکڙين ۾ اها موجود ڪانه هئي، ان منجهيل ڳالهه تي اڳتي هلي روشني وڌي ويندي. +جم پنهنجي اورڪوٽ جي کيسي مان هڪ ننڍڙي هَڙَ ڪڍي کڻي ميز تي اڇلائي، +”مون بابت ڪا غلط راءِ قائم نه ڪجانءِ – ڊيلا،“ هن چيو، ”مان نٿو سمجهان ته ڪو وارن ڪٽائڻ يا ڪوڙائڻ يا شمپو ۾ ڪا اهڙي ڳالهه آهي، جا منهنجو پنهنجي ڊيل لاءِ پيار گهٽائي ڇڏي. پر جيڪڏهن تون هيءَ هَڙَ کوليندينءَ، ته توکي خبر پوندي ته مان ائين ڇو منجهي پيو هوس.“ +ڊگهين ڪمزور آڱرين هڙ کولي، ۽ پوءِ هڪ خوشيءَ جي رڙ نڪتي؛ ۽ پوءِ – پوءِ ان جي عيوض هڪدم زالن وارو روڄ، چيخون ۽ ڏندڻجي وڃڻ جا ڪم شروع ٿي ويا – جنهن اها ڳالهه ضروري ڪري ڇڏي ته گهر جو مالڪ ٻيون ڳالهيون ڇڏي، رڳو دم دلاسي ڏيڻ ۽ ڳراٽڙين پائڻ ۾ لڳي وڃي. +هوڏانهن ميز تي ڦڻيون پيون هيون! – ڦڻين جو جوڙو........ جن لاءِ الائجي گهڻن ڏينهن کان هوءَ واجهائيندي رهي هئي. سهڻيون ڦڻيون – خالص سپيءَ جون ٺهيل، جن جي ڪنارن تي هيري جو ڪم ٿيل هو. جن جو رنگ سندس وارن جي رنگ سان بنهه ٺهڪي ٿي آيو. پر هاڻي اهي ڦڻيون ڪهڙي ڪم جون، جڏهن اهي سهڻا وار ئي ڪين هئا! اهي ڏاڍيون مهانگيون هيون – کيس اها خبر هئي ته سندس دل انهن لاءِ ڏاڍو سڪندي هئي، پر انهن جي ملڻ جي اميد ئي ڪڏهن ڪانه هيس. ۽ هاڻي اهي هن وٽ هيون – پر اهي سهڻا زلف ڪٿي هئا، جن جي لاءِ اهي آيون هيون! +تنهن هوندي به هن انهن کي کڻي پنهنجي سيني سان لاتو، ۽ گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ نماڻين نگاهن ۽ جهيڻين اکين سان هوءَ صرف ايترو چئي سگهي: ”منهنجا وار جلدي وڌندا آهن، جم!“ +۽ پوءِ ڊيلا لهڪاريل ٻليءَ جان مٿي ٽپو ڏنو، ۽ کانئس ڏک وچان هڪ وڏو شوڪارو نڪري ويو. +جم اڃا تائين سندس آندل سهڻي سوکڙي ڪين ڏٺي هئي. ڊيلا پنهنجي مٺ کولي ڏاڍي چاهه مان هن جي اڳيان کڻي جهلي. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڳوڙهو املهه ڌاتو، ڊيلا جي روشن ۽ پيار ڀريل روح جي عڪس سان ٻهڪي اٿيو هو! +”ڪهڙي نه نفيس آ، جم! ان جي هٿ ڪرڻ جي لاءِ مون کي سڄو شهر ڳولڻو پيو هو. هاڻي تون ڏينهن ۾ سوين ڀيرا وقت ڏسي ��گهندين. پنهنجي واچ ته مون کي ڏي. ڏسان ته هيءَ منجهس ڪيئن ٿي لڳي!“ +واچ ڪڍي ڏيڻ بدران، جم وڃي ڪوچ تي ڦهڪو ڪيو. پنهنجا هٿ مٿي جي پٺيان ڏيئي، مرڪڻ لڳو. +”ڊيل،“ هن چيو، ”اچ ته ٻئي پنهنجيون ناتال جون سوکڙيون ڪجهه وقت لاءِ ائين ئي رکي ڇڏيون. اهي اهڙيون ته سٺيون آهن، جو انهن کي هاڻي ئي استعمال ڪرڻ ڪجهه سٺو نٿو لڳي. مون پيسن هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي واچ وڪڻي ڇڏي، جيئن تولاءِ ڦڻيون خريد ڪري سگهان. ڀلا هاڻي، چاپون تري اچين، ته ڪيئن ٿي ڀانئين!“ +* مئجائي، اوهان کي جيئن خبر آهي، سياڻا ماڻهو هئا...... ڏاڍا سياڻا ماڻهو......... جيڪي آهر ۾ ستل ٻار† لاءِ سوکڙيون کڻي آيا هئا. اُهي ئي هئا، جن ناتال تي سوکڙيون ڏيڻ جو رواج وڌو هو. اهي پاڻ سياڻا هئا، تنهن ڪري انهن جون سوکڙيون به لاشڪ حڪمت ڀريون هيون، ۽ شايد هڪجهڙين هجڻ جي حالت ۾ انهن جي ڏي وٺ به ٿي سگهي ٿي. هتي مون اوهان کي ويٺي ويٺي، هڪڙي فلئٽ ۾ رهندڙ ٻن بي سمجهه ٻارن جي هڪڙي معمولي ڳالهه کڻي ٻڌائي آهي، جن انتهائي غير دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪندي، هڪ ٻئي لاءِ پنهنجي گهر جي بهترين ۽ واحد خزانن جي قرباني ڏني هئي. پر پڇاڙيءَ ۾ اڄ جي سياڻن کي ٻه لفظ چوڻ کان نٿو رهي سگهان ته منجهانئن اهي، جيڪي هڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏيندا آهن، تن سڀني کان هي ٻه معصوم ٻارڙا وڌيڪ سياڻا هئا. انهن سڀني سياڻن منجهان، جيڪي سوکڙيون ڏيندا وٺندا آهن، اهي جيڪي هنن ٻن جهڙا هوندا آهن، سيئي سياڻن ۾ سياڻا آهن. اهي هر هنڌ ۽ هر صورت ۾ سياڻن کان سياڻا آهن. اهي ئي (اڄ جا) مئجائي آهن. +* سافراني – پئرس جي، فئشنبل وار سنواريندڙ عورت +* ميجالي – ٽي حڪيم، جيڪي حضرت عيسى جي ڄمڻ تي ٽي سوکڙيون کني آيا هئا – هو ٽيئي مشرق جا بادشاهه هئا، جن جا نالا، ملڪئر، گئسپر ۽ بتاذر چيا وڃن ٿا. پهرئين سون ڏنو هو، جيڪو بادشاهيءَ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ٻئي لوبان آندو هو، جيڪا روحانيت جي نشاني آهي. ۽ تئين مرمر آندو هو، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ جي بشارت هئي. +† حضرت عيسيٰ \ No newline at end of file