diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book28.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book28.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book28.txt" @@ -0,0 +1,2496 @@ +ڪتاب جو نالو: -ڏونگر منجهه ڏيئو + + + +ڏونگر منجهه ڏيئو +(روسي ناول جي اردو ترجمي ”چراغ“ جلتا رها“ جو سنڌي ترجمو) +بورس پوليوائي + +سنڌيڪار طرفان +ڪجهه وضاحتون: +مون جيڪي هيستائين ڪتاب پڙهيا آهن، انهن ۾ به جن ڪتابن کي هڪ ٻه ڀيرا نه، پر تمام گهڻا ڀيرا پڙهيو اٿم، انهن ۾ هڪ شيخ اياز جو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ٻيو روسي ليکڪ بورس پوليوائي جو ناول ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ آهي. مون کي خبر ناهي ته مون ڪيترا ڀيرا روسي ناول جو اردو ترجمو ”چراغ جلتا رها“ پڙهيو آهي، پر تمام گهڻا ڀيرا پڙهيو اٿم. اهو ناول، جنهن جو مون سنڌي ترجمو ڪري مٿس نالو ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ رکيو آهي، سو منهنجي راءِ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مايوسين جي اٿاهه سمونڊ ۾ گهيريل، بنهه همٿ هاريل، حياتيءَ مان ڪڪ ۽ قبر ۾ پير لڙڪائي ويٺل ماڻهوءَ کي پڙهي ٻڌائجي ته جيڪر هو ٻيهر نئين زندگيءَ جي جذبي، جوش ۽ ولولي سان جيئڻ لاءِ نوان گؤنچ ڪڍڻ شروع ڪري ڏئي. اها منهنجي راءِ آهي. منهنجي اها پراڻي خواهش هئي ته آءٌ اهو ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريان. ترجمو ته ڪريان، پر ڇپائڻ جي پهچ مون ۾ ڪانه هئي، سو ڪجهه سال اڳ عظمت پبليڪشن جي همراهه ڊاڪٽر عمر ميمڻ سان ڳالهايم. ڪتاب جي ضخامت ۽ لاڳت جو سوچي ڊاڪٽر صاحب معذرت ڏيکاري. ڊسمبر 1988ع ۾ روشني پبليڪشن جي دوست محترم علي نواز گهانگهري مون کي چيو ته مٿيون ڪتاب ترجمو ڪري ڏج. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس. واعدو ورتومانس ته ڪتاب ضرور ڇپرائي ته جيئن منهنجي محنت رائيگان نه وڃي. پوءِ 13 ڊسمبر 1988ع کان وٺي 10 مئي 1989ع تائينءَ جي مسلسل محنت کان پوءِ مون هي ناول ترجمو ڪري پورو ڪيو. +1988ع کان وٺي حيدرآباد نسلي فسادن جي ميدان جنگ رهندي پئي اچي. هر ٻئي ڏينهن هل هنگامان، هڙتالون، ڦرلٽ، ڌاڙا، باهيون، مارڪٽ، مارا ماري، قتل، گولين جي برسات ۽ پوءِ ڪرفيو جو نفاذ – تنهن ڪري سموري ڪاروبار سان گڏ سنڌي پريسون به تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن. ان سبب جي ڪري ڪتاب جي ڇپائيءَ تي جيترو پبلشر کي توجهه ڏيڻ گهرجي ها، سو ڏيئي نه سگهيو آهي. ان جو ئي نتيجو آهي جو ڪتاب جي پٺيان هڪ ڀلنامو شامل ڪرڻ بنهه ضروري ٿي پيو آهي. ٻيو ته روسين جا نالا ڏاڍا ڊگها هوندا آهن ۽ اسان لاءِ غير معروف به. تنهن ڪري ڪيترا نالا غلط به ڇپجي ويا آهن. مثال طور ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي گريگوري جي محبوبه جو نالو ”انيوتا“ آهي، جيڪو شروع ۾ ’انبوتا‘ ۽ اڳتي هلي وري ’انيوتا‘ ڇپيو ويو آهي. ساڳي طرح ’فيدوتوف‘ کي ’فيدتون‘ به ڪري ڇپيو ويو آهي. 1990ع جي شروع ۾، جيئن ئي هي ڪتاب پريس ۾ ويو آهي، تڏهن کان نسلي فسادن اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو سنڌي ماڻهن جو حيدرآباد ۾ اچڻ بنهه غير محفوظ ٿي پيو آهي. ان ڪري ئي هنن وضاحتي جملن جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي آهي. +مون هي ترجمو، جيئن مٿي ڄاڻايو اٿم، اردو ترجمي ”چراغ جلتا رها“ تان ڪيو آهي. ناول جو انگريزي ترجمو ڪوشش جي باوجود به مون کي ملي ڪونه سگهيو. ترجمي ڪرڻ مهل اها منظر نگاري، جيڪا اجائي ڊيگهه اختيار ڪري ٿي ويئي يا اهي شيون، جيڪي بنهه غير ضروري سمجهيون ويون ٿي، تن کي بنهه ٿورڙو مختصر ڪيو ويو آهي. يعني اجائي پٽاڙ جو مختصر اختصار ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه جو انتهائي خيال رکيو ويو آهي ته گفتگو يا ردعمل جا تاثرات هوبهو ڏنا وڃن. اهڙي طرح ڪٿي به ائين محسوس ڪونه ٿو ٿئي ته هتان ڪا سٽ يا جملو ڪٽيو ويو آهي. +ان جي باوجود به اردوءَ مان منهنجو هي پهريون ترجمو آهي، تنهن ڪري الاهي ڪميون پيشيون ۽ کوڙ ساريون ڪوتاهيون رهجي وڃ�� ممڪن آهن ۽ سنڌيڪار جي حيثيت سان اڃا منهنجي هڪ سيکڙاٽ شاگرد واري حيثيت آهي ۽ غلطيون ته شاگردن کان ئي ٿينديون آهن. مون تي وڏا وڙ ٿيندا، انهن قربدارن جا، جيڪي هن ڪتاب کي غور سان پڙهي، غلطين جي نشاندهي ڪري، ان جو مون کي اطلاع ڪندا. آءٌ سندن لک لائق ڀائيندس. +مٿين چند وضاحتن ۽ گذارشن کان پوءِ ڪجهه ڪتاب جي مهاڳ بابت: هن ناول جي ليکڪ بورس پوليوائي طرفان هن ناول جي لاءِ لکيل ڏهن صفحن تي مشتمل مهاڳ، جيڪو هن نومبر 1950ع ۾ لکيو هو، سو هتي وڏي ضخامت جي لحاظ کان ڪونه ڏنو پيو وڃي. ان کوٽ پوري ڪرڻ جي نقطي کي ذهن ۾ رکي، آءٌ پنهنجي طرفان هن ڪتاب جي سلسلي ۾ ٻه اکر عرض ڪندس. +- هي ناول ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ حصو وٺندڙن ۽ متاثر ٿيندڙن انهن ڪروڙين ماڻهن مان چند ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهي، جن جو تعلق روس ۽ جرمنيءَ سان آهي. جڏهن جرمنيءَ جي بري ۽ هوائي فوجن روس تي حملو ڪيو هو، تڏهن روسي ماڻهو پنهنجي ماتر ڀوميءَ جو، پنهنجن شهرن جو، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين جو ڪيئن بچاءُ ڪيو؟ انهيءَ جي هڪڙي جهلڪ آهي. اهي روسي ماڻهو، جيڪي سڌيءَ طرح جنگ جي ميدان ۾ وڙهي رهيا هئا، تن ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا؟ جن کي تاريخ پنهنجي ورقن ۾ سميٽي پاڻ تي فخر ڪري رهي آهي ۽ اهي روسي ماڻهو، جيڪي جنگ جي مورچن پٺيان هئا، سي پنهنجي وطن جو دفاع ڪهڙي انداز ۾ ڪري رهيا هئا؟ تن جون پڻ ڪجهه جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. وطن سان محبت، فرض سان سچائي، محبت جي لطيف جذبن، اوسيئڙي، ايثار ۽ قربانيءَ جي لازوال ۽ اڻمٽ نشانن، ماءُ جي ممتا، محبوب سان وفاداري، دوستي جو نڀاءُ، پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڄاڻ جو معيار، اٽل ارادو، اورچائي، اڻٿڪ محنت، لگن، جنگي فن ۾ مهارت، جنگي حڪمت عملين جي ڄاڻ ۽ رٿابندي، هوائي جنگ جي پيچيدگين، سهپ، رازداري ۽ ضابطي ۽ ثابت قدميءَ جا اهڙا ڪردار هن ناول ۾ شامل آهن، جيڪي تاريخ ۾ فقط ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن ۽ جڏهن به جنم وٺندا آهن، تڏهن تاريخ جي ورقن ۾ سونهري جاءِ والاريندا آهن. +اهڙن ئي تاريخ ساز ڪردارن مان هڪ ڪردار هن ناول جو هيرو آهي، اليڪسيءَ ماريسئف، جيڪو هوائي جنگي جهاز جو هواباز آهي. سندس هوائي جهاز دشمنن جي گهيري ۾ اچي وڃڻ کان پوءِ تيل ۽ گوليون کُٽي وڃڻ سبب دشمنن جي مورچن پٺيان جهنگل ۾ ڪري ٿو پوي. پاڻ جهاز ڪرڻ کان ٿورو اڳ جهاز مان ٽپي ٿو پوي. سندس پير ڄميل سخت برف تي لڳڻ ڪري خراب ٿي پون ٿا، جن کي نيٺ نگرو بيماري لڳيو پوي. هو ارڙهن ڏينهن تائين اڃيو بکيو، بيڪار پيرن سان، برفيلي جهنگ ۾ رڙهي هڪ جرمنن طرفان اجاڙيل ڳوٺ ۾ پهچي ٿو. پوءِ ماسڪو جي اسپتال ۾ سندس پير ڪاٽيا وڃن ٿا. هو نقلي پيرن سان ٻيهر جنگي جهاز اڏائڻ ۽ جنگ ۾ عملي طرح حصو وٺڻ جو عزم ۽ ارادو ڪري ٿو ۽ جيستائين ٻيهر هو عملي طور هوائي جنگ ۾ حصو وٺي، دشمن جا پنج هوائي جهاز تباهه ڪري ٿو. ان عرصي تائين جو سمورو احوال هن ناول ۾ ڏنل آهي. سندس عزم، همت، اورچائي، حوصلي، لڳاءُ ۽ ثابت قدميءَ جو احوال ناول پڙهڻ سان ئي معلوم ٿي سگهندو. باقي مختصر لفظن ۾ سندس ڀرپور شخصيت ۽ ڪردار کي هوبهو چٽڻ جي همت ٻيلي مون ۾ ته ڪانهي! +جرمنن طرفان اجاڙيل ڳوٺ جي ڳوٺاڻن نانا ميخائيل ۽ سندس نوجوان پُٽ جي بيوه واريا، ماسي واسي ليسا ۽ ٻه ننڍڙا ڇوڪرا – جن کيس جنگ ۾ رڙهندي ڏٺو هو، جا ڪردار لافاني ڪردار آهن. ان کان اڳ جنهن هوائي اڏي تان پاڻ جنگي هوائي جهاز ۾ چڙهي اڏاڻو هو، اتي جا سندس دوست، خاص ڪري اندرئي ديگتيارينڪو ۽ ”موسمي سرجنٽ“ وغيره. ”موسمي سرجنٽ“ جي خاموش محبت ۽ ��ن جو عجيب ۽ انوکي نموني ۾ ڪيل اظهار، ماڻهوءَ جي روح کي جهنجهوڙيو ٿو ڇڏي. ماسڪو جي اسپتال، ان طبي اداري جو سربراهه واسيلي واسيلي وچ – هڪ معالج جي حيثيت ۾ ۽ هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هڪ انقلابي روسيءَ جي حيثيت ۾ - واهه واهه! +اسپتال جي وارڊ نمبر 42 جا مريض خصوصًا گريگوري گووزديف؛ استيپان، ڪامريڊ ڪُميسار ـــــــــ هڪ سچو انسان، سوويت يونين جو هيرو. ميجر استروچڪوف ۽ مڙني کان وڌ اسپتال جي نرس ڪلاوديا ــــــــ هڪ ”سوويت حور!“ ڪوڪو شڪن ۽ ميڊيڪل ڪاليج جي ڇوڪري انيوتا. سڀئي سچا موتي، سچا انسان، جن گڏجي هڪ لڙيءَ ۾ سموئجي هڪ سچن موتين جي مالها ٺاهي هئي. اهڙن ڪردارن کي پڙهڻ کان پوءِ ئي ماڻهن جي طبيعت سندن عظيم جذبن ۽ وطن سان وفاداري ۽ مٿانئس سر گهورڻ جهڙيون ڳالهيون پنهنجي ڀرپور اهميت سان سمجهه ۾ اچن ٿيون. ان کان اڳتي تفريحي سيني ٽوريم ۾ ڳاڙهن وارن واري ڇوڪري زينوچڪا (زينا) جو لافاني ڪردار – هوائي فوج جو سرجن ميرو ولسڪي جو همدرديءَ وارو ڪردار، آزمائشي سکيا واري اسڪول جي استاد ناؤموف جو ميريسئف سان ورتاءُ ۽ اعليٰ هوابازيءَ جي اسڪولن جي ليڪچر ڏيندڙ استاد ڪرنل ڪپوستين جو انسان دوستيءَ ۽ بلند اخلاقيءَ وارو رويو، انهن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪردارن سان گڏ ناول جي هيرو جي پوڙهي ماءُ وارو ڪردار ۽ سڄي ناول ۾ موجود سمورن ڪردارن جو مهندار ڪردار يعني هيروئن اوليا يا اولگا، واهه واهه! ڇا چئجي!! قربتن ۽ محبتن جي عظمتن کي ڇهندڙ هي ڪردار واقعي هڪ ’سچي انسان‘ هجڻ جو درس ڏين ٿا. روس جي عورتن جنگ جي زماني ۾ پنهنجي مردن سان گڏ ڇا ڇا نه ڪيو، سي عظيم ڪردار هن ناول جي جان آهن. +مورچن تي وڙهندڙ جانبازن ۽ زخمي ٿيل ويڙهاڪ جوڌن اڳيان اسپتال ۾ پنهنجي عزيزن، دوستن ۽ پنهنجي محبوبائن جا خط ڪيتري اهميت رکندا هئا، تن جو ذڪر وَرَ وَرَ ڏيئي ڪيو ويو آهي. انهن خطن جي سهاري اسپتال ۾ زخميءَ کي ترياق جيترو فائدو ٿيندو هو ۽ هو جيڪي مورچن تي وڙهي رهيا هئا، تن کي ڄڻ ته اهي خط هڪ نئين ڪُمَڪَ پهچائيندا هئا. خطن جي اهميت کي جهڙيءَ ريت هن ناول ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، تنهن جو شايد ئي ڪو مثال هجي. +روس جي ماڻهن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ روس جي جيڪا نئين سر اڏاوت شروع ڪئي آهي، سا اڃا اڄ تائين به جاري آهي. محترم گوربا چوف جي تازن کنيل اهم قدمن کي ڏسي، اهو چئي سگهجي ٿو ته روسي اڄ به ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ جي اهم ڪردار اليڪسئي ماريسئف وانگر سامهون ايندڙ هر رڪاوٽ ۽ مسئلي کي ساڳي اٽل ارادي، همت ۽ جرئت سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. +هوائي حادثي جي هن واقعي کي ۽ ان واقعي مان جنم وٺندڙ داستان کي جنهن نموني ۾ حادثي جي شڪار ٿيل اليڪسيءَ ماريسئف بيان ڪيو ۽ ان کي سهيڙي سميٽي، ترتيب ڏيئي جنهن ڪمال فن سان روس جي معتبر ليکڪ ۽ صحافيءَ محترم بورس پوليوائي هڪ ناول جي حيثيت ڏني آهي، ان مان سندس گهري مشاهدي، جنگي فن جي ڄاڻ ۽ مختلف ڪردارن جي نفسيات جي پرک جي بخوبي پروڙ پوي ٿي. سندس هيءَ تخليق دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي ۽ هن ئي تخليق کيس بين الاقوامي شهريت جو مالڪ بنائي ڇڏيو آهي. +هروڀرو ائين به ڪونهي ته اهڙا ڪردار، جيڪي هن ناول ۾ شامل آهن، تهڙا دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ موجود ڪونهن يا ٻين ملڪن جي ماڻهن ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو ايترو شديد ڪونهي. ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. هٿ هٿن کان ڀلا پيا آهن. هر آزاد ٿيندڙ ملڪ جي آزاديءَ جي جدوجهد واري تحريڪ کي ڏسبو ته اها بيشمار بيش بها، املهه هيرن ۽ س�� گهور ڪندڙ سورهيه سرواڻن سان سٿي پئي آهي، جن پنهنجون ڪنواريون ڪُهايون ۽ پنهنجا ڪونڌر قربان ڪيا. ڪيترن ملڪن جا نالا کڻجن! رڳو اسان پنهنجي سنڌ تي ئي نظر وجهنداسين ته سنڌ جي تاريخ جو فخر کان ڳاٽ اوچو نظر ايندو. پر ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ اهڙا به موڙ ايندا آهن، جڏهن ڌرتيءَ ڌڻي دشمنن جي وڇايل ڪوڙڪين، اڇليل ڄارين ۽ سٽيل سازشن جو کاڄ ٿي، پنهنجو ايڪو ۽ ٻڌي وڃائي، ڇڙوڇڙ ٿي، بنهه ڪَکُ پَنُ ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ ڌاريون دشمن ديسي دلالن جي نالي ۾ ڏيهه ڌڻين تي قهري قيامتون برپا ڪندا آهن. ويجهڙي ماضيءَ ۽ حال ۾ اسان سنڌ واسين سان به ڪجهه اهڙو ئي لقاءُ آهي. +انگريزن کان آزاديءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن سوڌو، آزاديءَ جي نالي ۾ غلام آهيون. اسين سنڌي قوم هڪڙي عجيب صورتحال ۾ رهون ٿا. آزاديءَ هوندي به آزادي ڪانهي ۽ وري دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ اسان تي قبضو ڪري، اسان کي غلام به ڪونه بنايو آهي. ڏاڍي مزي جهڙي صورتحال آهي. هر مارشل لا ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ سنڌي هوندو آهي ۽ جڏهن به ملڪ کي مارشل لا کان واندڪائي ملندي آهي، تڏهن ملڪ جو وزيراعظم پڻ سنڌي هوندو آهي ۽ سنڌ جي ڪابينه ته هونئن ئي گهڻي ڀاڱي سنڌي هوندي آهي. پر پوءِ به اسين پاڻ کي آزاد چوائڻ جي لائق ڪونه آهيون. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟ ان تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڳڻڻ کان ٻاهر گروهه، ٽولا، تنظيمون ۽ تحريڪون آهن، محاذ ۽ اتحاد به آهن. پر پوءِ به اڃا تائين مسئلو پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. هر ماڻهوءَ آزادي جي ضرورت کي محسوس ڪيو آهي. هر ماڻهوءَ ٻڌيءَ جي اهميت کي به مڃيو آهي، پر پوءِ به سنڌي قوم گڏ ٿيڻ بدران اڃا تائين ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي! جيستائين سنڌي قوم ۾ مڪمل ٻڌي نٿي ٿئي، تيستائين آزادي اسان کي ويجهو به ڪانه ايندي. +اسان کي پنهنجي انفرادي، گروهي ۽ مجموعي ڪمزورين تي نئين سر نگاهه وجهڻي پوندي. پاڻ منجهان هوڏ، انا ۽ ليڊريءَ جي چڪر جهڙيون بدعتون تڙي ڪڍڻيون پونديون. الڳ الڳ ڀونگي ٺاهڻ بدران گڏيل حڪمت عملي ۽ طريقي ڪار ڳولڻو پوندو. اڪيلو اڪيلو ٿي دشمن وٽ استعمال ٿيڻ بدران گڏيل قوت ٺاهي، دشمنن جي چالاڪين جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هڪ ٻئي ۾ اعتماد ڪرڻو ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ سکڻو پوندو. رڳو ٻين تي الزامن جا تير وسائڻ ۽ پنهنجي عيبن ۽ ڪمزورين تي ڪک به نه سهڻ واري روش ترڪ ڪرڻي پوندي. ”غداري ۽ ايجنٽي“ جهڙن ٺپن ٺاهڻ جون فيڪٽريون بند ڪرڻيون پونديون. سموري قوم جو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. ڪارِ ميدان ۾ جيڪي پنهنجا، پنهنجا نٿا رهن، تن کي نظر ۾ رکي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو. وقت اچي ويو آهي ته هاڻي سنڌي عوام پنهنجي ڇڙواڳ سياستدانن ۽ قوم جي تقدير سان کيڏيندڙ سياسي ٻهروپين جو احتساب ڪري ۽ وڌيڪ اجايو وقت زيان ڪرڻ جي کين اجازت نه ڏين. سنڌي عوام کي پاڻ منجهان پنهنجي لاءِ ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ جهڙن ڏيئن کي ڳولي اڳيان آڻڻو آهي. اهڙن هيرن ۽ سچن انسانن کي پنهنجي مهنداري سونپڻي آهي، جيڪي واقعي ”سچا انسان“ هجن ۽ اهڙا سچا انسان، اسان ۾ موجود به آهن. رڳو سڃاڻڻ واري اک جي ضرورت آهي. سنڌي ماڻهن کي اکيون پوري عقيدتمنديءَ جو مظاهرو ڪرڻ بدران ڏويئو کڻي سچا ماڻهو ڳولڻا پوندا – جيئن لطيف سائينءَ فرمايو آهي: +ٻاريم ٻاروچل لئه ڏونگر منجهه ڏيئو! +چڱو ساٿ سلامت +20 آگسٽ 1990ع +پرويز +سنڌ ميڊيڪل اسٽور +ميرپور بٺورو، ٺٽو، سنڌ. + +ڏونگر منجهه ڏيئو + +(يوويت يونين جي ليکڪ ۽ صحافي بورس پوليوائي جي روسي ناول جي اردو ترجمي ”چراغ جلتا رها“ جو سنڌي ترجمو) + +(1) +تارا سڄي رات جو سفر طئي ڪري صبح کي ويجهو پهچي رهيا هئا، پر منجهن سندن پرنور ۽ ٿڌي روشنيءَ واري چمڪ اڃا به موجود هئي، توڙي جو اوڀر کان آسمان ۾ پرهه ڦٽيءَ جي ڌنڌلي ڌنڌلي اڇاڻ پکڙجي رهي هئي. آهستي آهستي اونداهيءَ ۾ وڻ پنهنجا ڪَرَ کڻندا پئي محسوس ٿيا. اهڙي ماٺ واري ماحول ۾ اوچتو ئي اوچتو تکي، تيز ۽ تازي هوا وڻن جي پالوندرن کي جهنجهوڙڻ لڳي ۽ سڄو جهنگل هڪ زوردار ۽ گونجدار آواز سان ٻُري اٿيو. جهنگل جا صدين کان پراڻا وڻ هن اوچتي آفت کان بيقرار ٿي سُرٻاٽن ۾ هڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا ۽ ٻوري جهڙي خشڪ برف وڻن جي پالوندرن تان ڇڻندي ڦهڪو ڪندي اچي پَٽ تي ڪرندي رهي. +هوا جيترو اوچتو ۽ جلدائيءَ سان لڳي هئي، اوترو ئي تيزيءَ سان بند ٿي ويئي. وڻ هڪ ڀيرو وري پاري جهڙي ٿڌاڻ ۾ گهيريل ننڊ ۾ پڄي ويا ۽ تنهن کان پوءِ ئي جهنگل ۾ اُهي سمورا آواز گونجڻ لڳا، جيڪي پرهه ڦٽيءَ جو پيغام ڏيندا آهن. پاسي واري جهنگلي ميدان مان بکايل بگهڙن جي گهيرٽن جو آواز آيو، لومڙين جي ڊنل اونائي ٻڌڻ ۾ آئي ۽ پوءِ وري ڪاٺَ ڪٽي جي مبهم کٽ کٽ جو آواز آيو، جيڪو جهنگل جي ماٺيڻي ماحول ۾ ايترو ته مترنم پئي معلوم ٿيو، ڄڻڪ هو پنهنجي چهنب ڪاٺ تي هڻڻ بجاءِ ڪو وائلن وڄائي رهيو هجي. +پوءِ چيل جي وڻن جي پالوندرن ۾ هوا سوسٽ ڪري نچڻ لڳي. صاف ٿيندڙ آسمان ۾ آخري تارا بنهه آهستي آهستي جهڪا ٿيندا گم ٿيندا پئي ويا. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ آسمان خود سوڙهو ٿي بنهه ڳتيل ٿي ويو آهي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ جهنگل پاري واري راتوڪي اوڍيل چادر پري اڇلائي پنهنجي سمورين سونهن، ساوڪ ۽ شادابين سان مهڪي رهيو آهي . چيڙ ۽ فر جي گهاٽين چوٽين کي ڇهندڙ گلابي لڪير ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي رهي هئي ته سج اڀري چڪو آهي ۽ هڪڙي روشن، فرحت ۽ تازگي بخشيندڙ پاري جهڙي ٿڌي ڏينهن جو آغاز ٿي چڪو آهي. +هاڻ روشني گهڻي قدر پکڙجي چڪي هئي. بگهڙ راتوڪي ڪيل شڪار کي هضم ڪرڻ لاءِ جهنگل جي گهاٽن جهڳٽن ۾ وڃي چڪا هئا. لومڙي به ميدان مان وڃي چڪي هئي، پر پنهنجي چالاڪي ۽ عياريءَ کان ڪم وٺندي برف تي اهڙي طرح وڪڙ کائيندي پئي ويئي ته جيئن ڪو سندس پيرن جا نشان کڻي وٽس پهچي نه سگهي. سمورو جهنگل هڪ اڻ کٽندڙ آواز سان گونجي رهيو هو. ان طويل، بيقرار ۽ سحر انگيز گونج ۾ جيڪا موسيقيءَ جي ماٺيڻي لهرن جيان مسلسل ٻُري رهي هئي، فقط ڪاٺ ڪٽي جي کٽ کٽ يا ته جهرڪين جي چون چون جي ڪري ڪو وقفو پيو ٿي، نه ته اها گونج مسلسل گونجي رهي هئي. +سروڪا جهرڪيءَ پنهنجي ڪاري نوڪدار چهنب بانس جي ٽاريءَ تي صاف ڪندي پويان مڙي نهاريو ۽ غور سان ڪجهه ڏسڻ کان پوءِ اڏامڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳي. وڻن جي ٽارين جو هڪ ٻئي سان لڳڻ جو آواز پيدا ٿيو. ڪو ديو جهڙو مضبوط ۽ وڏو جانور وڻن ٻوٽن مان اڳتي وڌي رهيو هو. ٽارين ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿي، چيڙ جون چوٽيون بي چينيءَ ۾ لڏڻ لڳيون، سروڪا دانهن ڪئي ۽ اڏامي ويئي. +برف سان ڍڪيل چيڙ جي وڻن مان هڪ ڦاڙهو ظاهر ٿيو، جنهن جي مٿي تي مختلف شاخن وارا سنڱ موجود هئا. هن وڏي ميدان جو جائزو ورتو. هن جي اکين ۾ خوف هو ۽ سندس نڪ جون ناسون زور زور سان ڦڙڪي رهيون هيون ۽ منجهائن گرم گرم ساهن کڻڻ ڪري ٻاڦ نڪري رهي هئي. +پوڙهو ڦاڙهو چيڙ جي وڻن جي پاڇي ۾ ڪنهن مجسمي وانگر بيٺو هو. صرف سندس پٺن جي کل ڦڙڪي رهي هئي. خطري جي احساس کان سندس ڪن اُڀا هئا ۽ هر آواز تي متوجهه ٿي ٿيا. هن جي ٻڌڻ واري حس ايتري ته تيز هئي جو هُن ان ڀونئري جو آواز پڻ ٻڌي ورتو هو، جيڪو چيڙ جي وڻ ۾ پنهنجي سُنڍ کپائي رهيو هو. پر هن کي جهرڪين جي اُڏامڻ ۽ ڪاٺ ڪُٽي جي کٽ کٽ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. +ڦاڙهي جي ڪنن کي ته اطمينان ٿيو ته ڪو خطرو ڪونهي. پر سندس نڪ جي ناسن خطري جي بوءِ سونگهي ورتي هئي. ڳرندڙ برف جي خوشبوءِ ۾ هڪ تيز، گندي ۽ اڻ وڻندڙ ڌپ به مليل هئي، جيڪا ان گهاٽي جهنگل لاءِ بنهه اجنبي هئي. ان جانور جي غمگين ۽ ڪارين اکين کي چمڪندڙ سفيد برف جي تهن ۾ ڪارا ڪارا پاڇولا نظر آيا. هو ذرو به ڪونه چريو. هو ڇلانگ لڳائي جهنگل ۾ ڀڄڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر برف تي پيل پاڇولا، جيڪي هڪ ٻئي جي ويجهو هئا ۽ ڪن هنڌن تي هڪ ٻئي جي مٿان سٿيا پيا هئا، بنهه خاموش هئا. انهن جو تعداد ته گهڻو هو، پر انهن مان ڪوبه چريو پريو ڪونه ٿي. اتان ئي اڻوڻندڙ ۽ تيز بوءِ اچي رهي هئي. +پوڙهو ڦاڙهو جهنگلي ميدان جي ڪناري تي بيٺو خوفزده نگاهن سان ڏسي رهيو هو. هن جي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هن خاموش ۽ ساڪت ۽ بظاهر غير نقصانڪار ماڻهن جي وَلَرَ کي ڇا ڪو نانگ سونگهي ويو آهي! +مٿان هڪ آواز آيو ۽ ڦاڙهو ڏڪي ويو. هن جي پٺن جي کل ۾ ڏڪاڻي اچي ويئي ۽ هن جون پٺيون ٽنگون ڀڄڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ تيار ٿي ويون. پر اهو آواز به بي ضرر هو. اهو آواز انهن ڀونئرن جي ڀون ڀون وانگر هو، جيڪي تازن گلن مان رس چوسڻ مهل چڪر هڻندي ڪندا آهن. ور ور ڏيئي هڪ گهوگهاٽ پيدا ڪندڙ آواز ان ڀون ڀون ۾ شامل ٿي ويو. +پوءِ پاري ۾ ڏڪندڙ نيري آسمان ۾ اهي ڀونئرا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي پنهنجي چمڪندڙ پکن سان نچي رهيا هئا، هر ڀيري اهي پکي اڃا به وڌيڪ بلنديءَ تان گجندا نظر آيا. انهن مان هڪ ڀونئرو پنهنجي پکڙيل پکن سميت زمين تي اچي ڪريو. باقي ٻيا ڀونئرا نيري آسمان ۾ نچندا رهيا. ڦاڙهي پنهنجي جسم کي ڍرو ڇڏيو ۽ ميدان ۾ قدم رکيو ۽ آسمان ڏانهن آڏي اک سان نهاريندي سخت برف کي چٽيائين. اوچتو ئي هڪ ٻيو ڀونئرو ان نچندڙ ٽولي مان الڳ ٿيو ۽ پنهنجي پويان دونهن جي هڪ لاٽ ڇڏيندي سڌو جهنگ جي اڻ کليل ميدان ۾ لامارو لڳايو. اهو وڏو ٿيندو ويو ۽ ايترو ته تيزائي سان وڌيو جو مشڪل سان ئي ڦاڙهي کي ڇلانگ لڳائي جهنگ ۾ ڀڄڻ جو موقعو ملي سگهيو هوندو. ان وقت ڪا بنهه وڏي آفت، جيڪا خزان جي موسم واري طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ هئي، وڻن جي چوٽين سان ٽڪرائجندي هڪ زبردست ڌماڪي سان اچي زمين تي ڪري، جنهن جي ڪري سمورو جهنگل گونججي ويو. +هيءَ گونج چيڙ جي سرسبز گهراين ۾ ٻڏي ويئي. ٻوري جهڙي برف، جيڪا ڪرندڙ جهاز جي ڪري درهم برهم ٿي ويئي هئي، سا وڻن جي چوٽين تان اڏامندي هوا ۾ ترندي چمڪندي ۽ جڳمڳ ڪندي اچي زمين تي ڪري چڪي هئي. ٻيهر مڪمل خاموشي ڇانئجي ويئي. انهيءَ مڪمل سانت واري ماحول ۾ هڪ انسان جي ڪنجهه ۽ هڪڙي هلندڙ رڇ جي پيرن سان لتاڙجندڙ برف جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. +رڇ تمام وڏو پڙهو ۽ مضبوط هو، پر اڀرو ٿي لڳو ۽ رڳو ڪلهن وٽ ۽ پوين ٽنگن وٽان ميرا ۽ ڀورا وار لڙڪي رهيا هئا. ڪنهن زماني ۾ هن جهنگل ۾ سواءِ شڪارين ۽ ٻيلن جي رکوالن جي ٻيو ڪير به ڪونه ايندو هو، سو به ڪڏهن ڪڏهن. پر هن خزان جي موسم ۾، اڃا رڇ پنهنجي مڪمل آرام جي تياري پئي ڪئي ته جنگ شروع ٿي ويئي ۽ رڇ کي پنهنجي ٿم مان نڪرڻو پيو. هاڻي هو بک ۾ ساڻو هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو هو. کيس هڪ پل به آرام ڪونه هو. +رڇ ميدان جي ڪناري تي انهيءَ جاءِ تي اچي بيٺو، جتي ٿورو اڳ ۾ ڦاڙهو بيٺل هو. رڇ ڦاڙهي جي پيرن جا نشان سونگهيا. سندس وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن وڏا وڏا ساهه کنيا ۽ ڪن اُڀا ڪيائين. هن کي محسوس ٿيو ته ڦاڙهو ته هٿان نڪري چڪو آهي، پر کيس ويجهڙائيءَ کان هڪ اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ڪنهن زندهه ۽ شايد ڪمزور شيءِ جو ٿي سگهيو ٿي. پوءِ هو تمام آهستي آهستي پنهنجن نرم پيرن سان برف تي بنهه سنڀالي سنڀالي قدم کڻندو ان انساني جسم ڏانهن وڌيو، جيڪو تقريبًا برف ۾ ڍڪيو پيو هو. +(2) +هوا باز ميريسئف فضائي جنگ جي ٻٽي ’چنگل‘ ۾ ڦاسي پيو هو. هوائي جهازن جي ويڙهه ۾ ڪنهن شخص سان ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه خراب ڳالهه ٿي نه ٿي سگهي. هن وٽ موجود سموريون گوليون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ کيس چار جرمن جهاز گهيرو ڪري سندن اڏي ڏانهن هلڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا. +ٿيو هيئن ته ليفٽيننٽ ميريسئف جي سنڀال هيٺ جنگي هوائي جهازن جو هڪ دستو ’ايل‘ هڪ ٻئي هوائي جهازن جي دستي جي نگهبانيءَ لاءِ روانو ٿيو، جيڪو دشمن جي هوائي اڏي تي حملو ڪرڻ پئي ويو. هي دليرانه حملو ڪامياب ٿيو. هڪ قسم جا روسي هوائي جهاز، جن کي بري فوج وارا ”اڏامندڙ ٽينڪون“ چوندا هئا، چيڙ جي وڻن جي چوٽين کي بنهه ڇُهندي آهستي آهستي هوائي اڏي تي پهچي ويا، جتي ڪيترا ئي ’يونڪرس‘ جرمن جهاز قطارون ڪري بيٺا هئا. روسي جهاز اوچتو ئي هوائي اڏي تي اچي ڪڙڪيا ۽ انهن جون مشين گنون ۽ توپون انهن وڏن ٽرانسپورٽ جهازن تي گوليون وسائڻ لڳيون ۽ دونهن وارا بم اڇلڻ لڳيون. ميريسئف پنهنجي چئن هوائي جهازن جي دستي سان ان حملي واري علائقي جي سنڀال ڪري رهيو هو. هن چٽي طرح ڏٺو پئي ته هوائي اڏي تي ماڻهو پاڇولن وانگر ڀڄي ڊڪي رهيا هئا. برف سان ڍڪيل ميدان تي ٽرانسپورٽ جهاز اڏامڻ لاءِ رڙهي رهيا هئا. روسي جهاز ور ور ڏئي حملو ڪري رهيا هئا ۽ ’يونڪرس‘ جرمن هوائي جهازن جا هواباز ان باهه جي طوفان ۾ به پنهنجن جهازن کي رن وي تي ڊوڙائي اڏائي رهيا هئا. +انهيءَ گهڙيءَ ئي ميريسئيف کان اها موتمار غلطي ٿي هئي. حملي واري علائقي جي ويجهڙائيءَ کان نگهباني ڪرڻ بجاءِ هوابازن جي زبان ۾ ’وجهه ۾ آيل شڪار‘ جي لالچ جو هو خود شڪار ٿي ويو. هن پنهنجي جهاز کي لامارو ڏياريو ۽ ان تمام ڳري ٽرانسپورٽ جهاز تي ڇپ وانگر وڃي ڪريو، جنهن اوڏيءَ مهل زمين تان اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان پنج رنگي هوائي جهاز جي مستطيل ڌڙ کي گولين لڳڻ سان پرڻ ڪرڻ ۾ کيس تمام گهڻو مزو آيو. هن کي ايترو ته اعتماد هو جو هن دشمن جي جهاز کي زمين تي ڪرندو ڏسڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي. هوائي اڏي جي ٻي ڇيڙي تان هڪ ٻيو يونڪرس جهاز اڏاميو ۽ اليڪسيءَ ميرسئيف ان جي پويان لڳي چڙهيو. هن حملو ڪيو، پر ناڪام ٿيو. گوليون دشمن جي جهاز جي مٿان ئي هليون ويون. هن ڦڙتائيءَ سان جهاز کي گهمايو ۽ ٻيهر حملو ڪيو ۽ ٻيهر به ناڪام ٿيو. هن پنهنجي شڪار کي هڪ ڀيرو وري وڃي جهليو ۽ هن ڀيري هن جهاز جي سگار جهڙي ڌڙ کي نشانو بنائي کيس جهنگل ۾ ڪيرائي ڇڏيو. يونڪرس جهاز کي ڪيرائڻ ۽ فتح جي خوشيءَ ۾ دونهين جي انهيءَ ڪاري مينار جي چوڌاري ٻه چڪر لڳائڻ بعد هو دشمن جي هوائي اڏي ڏانهن وري موٽيو. +پر هو اوستائين پهچي نه سگهيو. هن پنهنجي ٽن جهازن کي دشمن جي نون ”ميسر“ جهازن سان وڙهندي ڏٺو، جن کي ظاهر آهي ته جرمن هوائي اڏي جي ڪمانڊر روسي جهازن جي حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ گهرايو هو. سندس دستي جا جهاز وڏي دليريءَ سان دشمن تي حملو ڪري رهيا هئا، جيڪي تعداد ۾ کانئن ٽيڻا هئا. +اليڪسيءَ جيڏي مهل سوچيو ته هو وجهه آيل شڪار جي لالچ ۾ اچي ويو آهي، اوڏي مهل هن پنهنجي مِٽِن کي ٻرندو محسوس ڪيو. بهرحال، هن پنهنجو شڪار تاڙيو ۽ ڏند ڪرٽي باهه جي انهيءَ طوفان ۾ ٽپي پيو. هن هڪ ميسر هوائي جهاز کي تاڙيو، جيڪو نسبتًا ٻين جهازن کان الڳ ٿي ويو هو. اليڪسيءَ انتهائي تيزي سان جهاز کي موڙي دشمن جي جهاز جي پاسي کان مٿس حمله آور ٿيو. هن هوائي جنگ جي فن جا سمورا گر استعمال ڪري حملو ڪيو هو. جڏهن هن گهوڙو دٻايو، تڏهن دشمن جي جهاز جو ڌڙ نشاني تي بنهه صاف ظاهر هو. پر دشمن جي جهاز جو وار به ونگو ڪونه ٿيو ۽ اهو پاسي مان لنگهي ويو. اليڪسيءَ جو نشانو ڪڏهن به گسي نٿي سگهيو. شڪار ويجهو به هيو ۽ نشاني تي به بنهه پورو هو. ”گوليون!“ اليڪسي سمجهي ويو ۽ هڪدم جسم ۾ هڪڙي ٿڌ جي لهر ڊوڙي ويئي. هن آزمائڻ خاطر هڪ ڀيرو ٻيهر گهوڙو دٻارو پر کيس گولين هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو، جيڪو هر هواباز پنهنجي مشين گن هلائڻ مهل پنهنجي بدن ۾ محسوس ڪندو آهي. گولين جا سمورا خانا خالي هئا. هن گولين جو سمورو ذخيرو ٽرانسپورٽ هوائي جهازن تي حملا ڪرڻ ۾ ختم ڪري ڇڏيو هو. +پر دشمن کي ان ڳالهه جي خبر ڪانه هئي! اليڪسيءَ فيصلو ڪيو ته مرڪزي لڙائي ۾ ٽپي پئجي ته جي جيئن ٻيو ڪجهه نه ته به لڙڻ وارن جهازن ۾ ته هڪ جو واڌارو ٿيندو ئي. پر اها سندس سوچ بلڪل غلط هئي. جنهن جهاز تي پاڻ ناڪام حملو ڪيو هئائين، ان جو هواباز بنهه تجربيڪار ۽ تيز ذهن هو. ان جرمن هواباز محسوس ڪري ورتو ته دشمن جون گوليون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ پنهنجي ساٿين کي هدايت جاري ڪيائين. چار ’ميسر‘ جهازن ٻين ساٿين کان الڳ ٿي اليڪسيءَ جي جهاز کي گهيرو ڪري ورتو. هڪ هڪ جهاز پاسن کان، هڪ هيٺان ۽ هڪ مٿان. انهن جهازن چئني پاسن کان گولين جي برسات وسائي اليڪسيءَ کي هڪ خاص رخ ڏانهن هلڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ پنهنجي ٻٽي ”چنگل“ ۾ جڪڙي ورتو. +ٿورا ئي ڏينهن الڳ اليڪسيءَ ٻڌو هو ته اولهه کان بهترين هوابازن جي ڊويزن ”ريختگوفن“ هتي آيل آهي، جنهن جي اڳواڻي سڌي طرح گوئرنگ جي هٿ ۾ هئي. اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته هو انهن فضائي بگهڙن جي چنبي ۾ ڦاسي ويو آهي ۽ ظاهر آهي ته اهي کيس پنهنجي اڏي تي وٺيو پيا وڃن ته جيئن کيس گرفتار ڪري سگهن. اهڙي قسم جا واقعا ٿي چڪا هئا. پاڻ خود اکين سان ڏٺو هئائين ته سندس دوستن، سوويت يونين جي هيرو، اندرئي ديگتيادينڪو جي سربراهيءَ ۾ هڪ هوائي دستي ڪيئن نه هڪ جرمن هوائي جهاز کي هيٺ لهڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ هواباز کي قيد ڪيو هو. +جرمن قيديءَ جو ڏک جهڙو چهرو ۽ سندس ٿرندڙ قدم اليڪسيءَ جي اکين اڳيان ڦري آيا. ”قيدي ٿيان؟ ڪڏهن به نه! اها چالاڪي مون سان هلي نه سگهندي!“ هن فيصلو ڪري ڇڏيو. +پر هر ڪوشش جي باوجود به هو بچي نه سگهيو. جرمن هواباز کيس جنهن رستي تان وٺي وڃڻ تي مجبور ڪري رهيا هئا، اتان هو تر جيترو به هٽيو ٿي ته انهن سندس رستي ۾ گولين جي ديوار کڙي ڪري ٿي ڇڏي. هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪسيءَ جي اکين ۾ جرمن قيدي، سندس چچريل چهرو ۽ لڙڪيل واڇون اُڀري آيون. هن جي اکين ۾ خوف جي جهلڪ صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي. +ميريسئف زور سان ڏند ڪرٽيا ۽ انجڻ جي سموري گئس خارج ڪري ڇڏي ۽ عمودي پوزيشن اختيار ڪري هن ان جهاز جي هيٺان لامارو ڏنو، جيڪو کيس هيٺ لهڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. هو دشمن جي جهاز هيٺان نڪرڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويو، پر دشمن هواباز سندس جهاز تي پوري وقت تي گهوڙو دٻائي ڇڏيو هو. اليڪسيءَ جي جهاز هم آهنگي غائب ٿي ويئي ۽ ٿوري ٿوري دير بعد انجڻ بيهڻ لڳي. سڄو هوائي جهاز ننهن کان چوٽيءَ تائين ائين پئي ڏڪيو، ڄڻ کيس سيءَ وارو بخار ٿيو هجي. +”مون تي وار ٿي چڪو آهي!“ اليڪسيءَ سفيد ڪڪرن جي هڪڙي ڍير ۾ لامارو ڏيئي، پويان ايندڙ جهازن کان جان ڇڏائي ويو. پر هاڻي ڇا ڪجي؟ هو زخمي جهاز جي لرزش پنهنجي سڄي جسم ۾ ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ اها زخمي انجڻ جي تڙپ نه، پر سندس پنهنجي بخار جي ڪرڀ آهي، جيڪا سڄي بدن ۾ ڏڪاڻي پيدا ڪري رهي آهي. +انجڻ کي ڪٿي نقصان پهتو آهي؟ اڃا ڪيتري دير هوائي جهاز هوا ۾ اڏامي سگهي ٿو؟ ڇا تيل جي ٽانڪي ڦاٽي پوندي؟ اليڪسيءَ انهن سوالن جي باري ۾ جيترو سوچيو ٿي، ان کان وڌيڪ محسوس ڪيو ٿي. هن محسوس ڪيو ته هو هڪ اهڙي ڊائناميٽ جي ڍڳ تي ويٺل آهي، جنهن جي رسيءَ کي باهه لڳل آهي. هن هوائي جهاز جو رخ پنهنجي هوائي اڏي ڏانهن موڙيو ته جيئن جيڪڏهن مرڻو ئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ماڻهن هٿان ته دفن ٿجي. +اوچتو ئي اوچتو سمورو واقعو پنهنجي انتها تي پهچي ويو. انجڻ بيهي رهي، هوائي جهاز زمين طرف ڪرڻ لڳو. هن جي هيٺ جهنگل هڪ لامحدود سرمائي ۽ نيري سمنڊ وانگر ساهه کڻي رهيو هو........ ”خير آءٌ قيدي ته نه ٿيندس.“ +ويجهي ۾ ويجها وڻ، جيڪي هڪڙي پکڙيل پٽيءَ وانگر پئي لڳا، هن جي هوائي جهاز جي پکن هيٺان ڊوڙڻ لڳا. جڏهن جڏهن جهنگل هن تي هڪ وحشي بگهڙ وانگر ڇلانگ ڏنو ته هن بي اختيار هڪ سَٽ سان انجڻ بند ڪري ڇڏي. هڪ زبردست ڌماڪي جو آواز گونججي ويو ۽ هڪ پَل ۾ ئي هر شيءِ اکين کان اوجهل ٿي ويئي. ڄڻ هو ۽ سندس هوائي جهاز، ٻئي گهري ۽ ڪاري سمنڊ ۾ ٽپي پيا هجن. +هوائي جهاز هيٺ ڪرندي صنوبر جي وڻن جي چوٽين سان ٽڪرايو، ان ڪري سندس ڪرڻ جي تيزي ڪجهه گهٽ ٿي ويئي. ڪيترن ئي وڻن کي ٽوڙيندو هوائي جهاز پاڻ به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، پر اليڪسيءَ ان کان چند لمحا پهرين هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ مان ٽپي چڪو هو. هو سوين سال جهوني فر جي وڏي وڻ تي ڪريو ۽ ان جي ٽارين تان ترڪندو برف جي ان ڍڳ تي اچي ڪريو، جيڪو تيز هوائن وڻ جي پاڙ وٽ گڏ ڪيو هو. برف سندس جان بچائي ورتي. +اليڪسيءَ کي بلڪل ياد ڪونه هو ته اتي ڪيتري دير بيهوش، بي حس ۽ بنا چرڻ پرڻ جي پيو رهيو؟ هن محسوس ڪيو ته اڻ چٽا انساني پاڇا، عمارتن جا نقش ۽ عجيب وغريب مشينن جا اولڙا طوفاني تيزي سان هن وٽان لنگهي هليا ٿي ويا. انهيءَ احساس سندس سموري بدن ۾ سور جون سوٽون جاڳايون. پوءِ تمام وڏي ۽ گرم شيءِ انهيءَ طوفاني هنگامي مان ظاهر ٿي، جنهن جي شڪل شبيهه بنهه اڻ چٽي هئي ۽ سندس چهري تي گرم ۽ بدبودار ڦوڪون هڻڻ لڳي. هن پاسو ورائي انهيءَ آفت کان پري ٿيڻ ٿي چاهيو، پر هن محسوس ڪيو ته هو برف ۾ بنهه ڍڪجي ويو آهي. هن هڪ اڻ ڄاتل دهشت کان مجبور ٿي، جيڪا سندس چوطرف ڦري رهي هئي، سٽ ڏيئي پاسي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن پنهنجي ڦڦڙن ۾ ۽ مٽن وٽ هڪ ٿڌي هير جو ڇهاءُ محسوس ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ زبردست سور جي سوٽ پڻ. پر هن ڀيري سور جي اها سوٽ سڄي بدن ۾ نه پر فقط سندس پيرن ۾ هئي. +”جيئرو آهيان!“ هن جي دماغ ۾ اهو خيال اڀريو. هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ويجهو ئي کيس ڪنهن جي پيرن جي آهٽ ۽ گرم گرم ساهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. +”جرمن!“ هڪدم کيس خيال آيو ۽ هن اک کولڻ شرط ٽپ ڏيئي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي خواهش کي دٻائي ڇڏيو. +”قيدي! نيٺ قيدي ٿي ويس. هاڻي آئون ڇا ڪريان؟“ +کيس ياد آيو ته ڪلهه ئي هر فن موليٰ مستري يورا سندس پستول جي خول جي ٽٽل حصي جي مرمت ڪرڻ لاءِ چيو هو، پر هو مرمت ڪرائي نه سگهيو هو. ڇاڪاڻ ته پستول سندس فلائينگ سوٽ جي کيسي ۾ وجهي هلڻو ٿي پيو. کيسي مان پستول ڪڍڻ لاءِ کيس پاسو ورائڻو ٿي پيو ۽ ائين ڪرڻ سان دشمنن متوجهه ٿي ٿي سگهيو. هو منهن ڀر پيو هو. هن پستول جا تيز ڪنارا پنهنجي ران ۾ چڀندا محسوس ڪيا. پر هو بي حرڪت پيو رهيو. شايد دشمن کيس مردو سمجهي ڇڏي هليو وڃي! +جرمن هن جي ويجهو هلي رهيو هو ۽ ڪجهه عجيب انداز ۾ ساهه کڻي رهيو هو. پوءِ هو سندس ويجهو آيو. اليڪسيءَ سن��س وات مان نڪرندڙ بدبوءِ ٻيهر محسوس ڪئي. هاڻي هو سمجهي ويو ته اتي فقط هڪڙو ئي جرمن موجود آهي ۽ انهيءَ خيال سندس بچڻ جو امڪان وڌائي ڇڏيو. جيڪڏهن هو جرمن کي مسلسل تاڙيندو رهي ۽ موقعو ملڻ تي هڪدم ٽپ ڏئي مٿس حملو ڪري ڏي ۽ کيس هٿيار استعمال ڪرڻ کان اڳ ئي گهوگهو ڏيئي ڇڏي ته......... پر اهو سڀ ڪجهه انتهائي احتياط ۽ ڦڙتائيءَ سان ڪرڻو پوندو. +پاسو ورائڻ کان سواءِ ئي اليڪسيءَ آهستي آهستي اکيون کوليون ته کيس جرمن جي جاءِ تي هڪ ڀورو ڳرو ڍير نظر آيو. هن اڃا به وڌيڪ اکيون کوليون ۽ هڪدم زور سان وري بند ڪري ڇڏيائين. هتي ته سامهون هڪ تمام وڏو رڇ ۽ اڀرو رڇ ويٺو هو. + + +(3) +اس ۾ چمڪندڙ برف ۾ ڍڪيل انساني جسم جي سامهون رڇ بنهه خاموش ويٺو هو. اهڙي خاموشي فقط جانور ئي اختيار ڪري سگهندا آهن. رڇ جون گدليون ناسون ڦڙڪي رهيون هيون. ان جي اڌ کليل وات مان سندس پراڻا ۽ پيلا ڏند ڏسجي رهيا هئا، جيڪي اڃا تمام مضبوط هئا ۽ وات مان ڳاڙهي گگهه جي لارلڙڪي رهي هئي. +لڙائيءَ سندس موسمي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي ۽ هو بيحد بکيو پڻ هو، پر رڇ مئل شي ءِ نه کائيندا آهن. رڇ اليڪسيءَ جو بي حس ۽ اڻ چرندڙ جسم سونگهيو ۽ ميدان ۾ چڪر لڳايا، جتي ڪيترا ئي انساني لاش برف ۾ اڪڙيا پيا هئا، پر هڪ ڪنجهڪار ۽ سرسر جي آواز کيس وري اليڪسيءَ وٽ اچڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. +هاڻي هو اليڪسيءَ جي پاسي ۾ آسڻ ڄمائي ويهي رهيو هو. بک چَڪَ پائڻ لڳس. مئل شيءِ نه کائڻ واري عادت تي کيس خار اچڻ لڳا. نيٺ بک کان بيزار ٿي رڇ اٿيو ۽ هڪ ڊگهو ساهه کنيائين. هواباز جي جسم کي پنهنجن چنبن سان اٿلايو پٿلايو ۽ ننهن سان ورديءَ کي ڇنڻ ڦاڙڻ لڳو. پر فلائينگ سوٽ پنهنجي جاءِ تي مضبوط ڄميو رهيو. رڇ رنڀ ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ اليڪسيءَ اک کولڻ، پاسو ورائي هڪ طرف ٿيڻ ۽ سندس ڇاتيءَ تي سوار ديو جهڙي رڇ کي کڻي هڪ پاسي اڇلائڻ واري خواهش کي ڏاڍي مشڪل سان دٻائي ڇڏيو. هڪ اهڙي لمحي ۾، جڏهن سندس سمورو وجود کيس بهادري ۽ سر تري تي رکي وڙهڻ لاءِ اڪسائي رهيو هو. هن پاڻ کي مجبور ڪيو ۽ بنهه آهستي آهستي، ايترو آهستي جو ذرو به خبر نه پوي، هن هٿ پنهنجي کيسي ۾ وڌو ۽ پستول جي ڳن کي ڇهيو ۽ انتهائي احتياط سان اهڙي طرح ان جو گهوڙو چاڙهيو جو آواز به نه پيدا ٿئي ۽ آهستي ان کي ڪڍي ورتو. +وحشي رڇ ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي هن کي وڪوڙي ويو ۽ فلائينگ سوٽ کي چيرڻ ڦاڙڻ لڳو، پر سوٽ جو مضبوط چمڙو وٽانئس ڦاٽي نه سگهيو. رڇ غصي ۾ گجڻ لڳو ۽ پنهنجا ڏند فلائينگ سوٽ ۾ بچائي ڇڏيا، جيڪي ڪپهه ۽ پشم جي تهن مان ٿيندا اليڪسيءَ جي بدن ۾ چڀڻ لڳا، پر هن آخري قوت برداشت کان ڪم وٺي ايذاءَ ڀري دانهن کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو ۽ ٺيڪ ان مهل جڏهن رڇ کيس برف تان مٿي کنيو، هن پستول جو گهوڙو دٻائي ڇڏيو. +گوليءَ هلڻ سان ڌماڪي جو آواز پيدا ٿيو ۽ هر طرف پڙاڏو بڻجي گونجندو رهيو. رڇ آهستي آهستي پنهنجي شڪار کي ڇڏي ڏنو. اليڪسي ٻيهر برف تي ڪري پيو. پر پنهنجي نظر رڇ تي رکيائين. رڇ پوين پيرن ڀر ويهي رهيو. سندس ڪارين، پچين سان ڀريل اکين ۾ حيراني جهلڪي پئي. سندس نوڪيلي ڏندن جي وچان وات مان ڪاري رت جي سيڙ ٽپڪڻ لڳي. هو ڳري ۽ خوفناڪ آواز سان گرجيو ۽ پوين پيرن تي اٿي بيٺو پر اليڪسيءَ جي ٻي گولي هلائڻ کان اڳ ئي زمين تي ڪري پيو. رڇ جي مٿي وٽ وگهرندڙ برف ۽ سندس رت شامل ٿيندو رهيو. هو مري چڪو هو. +اليڪسيءَ جنهن جذباتي ۽ جسماني ڪشمڪش دوران هي سڀ ڪجهه ڪيو هو، اها ڪيفيت هاڻي ختم ٿي چڪي هئي. هن ٻيهر پنهنجي پيرن ۾ اڀرندڙ ايذاءَ جي شيخ محسوس ڪئي. هو وري به برف تي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. +ٻيهر جڏهن کيس هوش آيو، تڏهن سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو. هن جي ذهن ۾ جيڪو پهريون خيال اڀريو، سو هي هو ته ”ڇا مون رڇ خواب ۾ ڏٺو آهي؟“ +پاسي ۾ ئي نيري برف تي هڪ ديو جهڙو، ميرو گدلو ۽ ڀورو رڇ پيو هو. سڄو جهنگل آوازن سان ٻري رهيو هو. ڪاٺ ڪٽو رڌم سان وڻ جي ٿڙ تي کٽ کٽ جو آواز ڪري رهيو هو. +”آئون جيئرو آهيان، جيئرو آهيان، جيئرو آهيان!“ اليڪسيءَ پنهنجي مُنهن ڀڻ ڀڻ ڪئي. انهيءَ احساس سان ته هو زنده آهي؛ هن جي سڄي وجود ۾، هن جي سڄي بدن ۾ هڪ جادو جي لهر ۽ بي ست بنائيندڙ دهشت ڊوڙي ويئي. انهيءَ احساس جو تجربو ماڻهو کي فقط اوڏيءَ مهل ٿئي ٿو، جيڏي مهل هو هر ڀيري موت جي منهن مان بچي وڃي ٿو. +انهيءَ ئي زبردست احساس تحت ئي هن ٽپ ڏنو ۽ اٿي بيهي رهيو پر ٻئي لمحي ئي هن کان دانهن نڪري ويئي ۽ ڦهڪو ڪري رڇ مٿان ڪري پيو. هن جي پيرن جي اذيت باهه وانگر سڄي بدن ۾ ڊوڙي ويئي. کيس هر شيءِ جيڪا صاف هئي، سا ڌنڌلي پئي ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ آهستي آهستي سرمائي پردي پويان غائب ٿي ويئي. هو ٻيهر بيهوش ٿي ويو. +”هي ته ڏاڍو خراب ٿيو. ڪرڻ وقت شايد ڌڪو آيو هوندو ۽ لڳي ٿو ته پيرن ۾ ڪا خرابي ٿي پيئي آهي.“ اليڪسيءَ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ سوچيو. +هن ٺونٺين ڀر اُٿي جهنگل جي ڪناري کان اڳيان هڪ وسيع ميدان کي حيرت ڀري نگاهه سان ڏٺو، جيڪو نظر جي حد تائين برف سان ڇانيل هو. +ائين پئي لڳو ته سرءُ جي موسم ۾ يا اڃا به هيئن کڻي چئجي ته موسم جي شروعات ۾ هن جهنگل جو آڳر هڪ بچاءُ وارو مورچو رهيو هوندو ۽ انهيءَ مورچي تي روسي فوج جيڪي ٻه ڏينهن قابض رهي هوندي، سا بنهه بهادريءَ ۽ بي جگريءَ سان وڙهي هوندي، جيستائين نه سڀني سپاهين جو خاتمو ٿيو هوندو. جنگ جي انهن زخمن تي برف پنهنجي سفيد ڪپهه جهڙي چادر وڇائي ته ڇڏي هئي، پر پوءِ به انهن تهن هيٺان کڏون، ٽٽل ڦٽل مشين گنن جي ٽڪرن جا انبار، ننڍن وڏن بمن جي ڌماڪن سان ٿيل کڏن کوٻن جو اڻ کٽندڙ سلسلو، جيڪو جهنگل جي ڪناري وٽ تباهه ٿيل، ٻريل سڙيل ۽ اڌ ڪٽيل وڻن جي ٿڙن تائين هليو ٿي ويو، بنهه چٽو ۽ صاف نظر اچي رهيو هو. سموري ميدان ۾ ٽيئنڪن وٽ، کڏن کوٻن جي ڪنارن وٽ ۽ جهنگل جي دنگ وٽ روسي ۽ جرمن سپاهين جا لاشا ٽڙيل پکڙيل پيا هئا. انهن جو ڳاڻيٽو ايترو ته گهڻو هو جو ڪن جڳهين تي ته لاش هڪ ٻئي جي مٿان سٿيا پيا هئا. لاش برف ۾ اهڙيءَ طرح اڪڙيا پيا هئا، جنهن طرح کين سرءُ جي موسم کان اڳ ۾ موت اچي ورايو هو. +انهن سڀني ڳالهين مان اليڪسيءَ کي اندازو ٿيو ته هتي ڪيڏي نه زبردست لڙائي ٿي هئي. هن کي معلوم ٿيو ته سندس ساٿي دنيا جي هر ڳالهه وساري فقط انهيءَ عزم سان وڙهيا هئا ته ڪنهن به صورت ۾ دشمن کي اتي ئي روڪڻو آهي ۽ اڳيان وڌڻ ڏيڻو ناهي. هتان کان ٿورو ئي پري، جهنگل جي ڪناري جي ويجهو چيڙ جي هڪڙي ٿلهي وڻ جي ڇانو هيٺان جرمن سپاهين جا لاش پيا هئا. انهن لاشن ۾ هڪڙو گول چهري ۽ وڏي مٿي وارو جانٺو جوان اونڌي منهن پيو هو. هن کي ڪوٽ کان سواءِ باقي سڄي فوجي وردي پاتل هئي. هن جي ويجهو هڪ رائفل پيل هئي، جنهن جي سنگين ٽٽل هئي ۽ ان جو قنداق به رت ۾ ڳاڙهو ۽ ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو. +ٿورو اڃا اڳيان، جهنگل طرف ويندڙ رستي تي واريءَ سان چيلهه تائين ڍڪيل فر جي هڪ وڻ هيٺ بم سان زخمي ٿيل هڪڙيءَ سانوري ازبڪ ڇوڪري جو لاش کڏ ۾ پيو هو. لاش اڌ کڏ ۾ هو ۽ اڌ ٻاهر. هن جو چهرو ڊگهو هو ۽ ائين ٿي لڳو، ڄڻ کيس هاٿي جي عاج مان تراشي ٺاهيو ويو هجي. هن جي هٿ ۾ به هڪ بم هو ۽ هن جي پٺيان وڻ جي ٽارين هيٺان ٻيا به ڪيترا ئي دستي بم پيا هئا. +اڃا به اڳيان، جهنگل ڏانهن ويندڙ رستي سان لڳولڳ خاڪي رنگ جي ٽئنڪن جي ويجهو وڏن بمن جي ڌماڪن سان ٿيندڙ کڏن جي ڪنارن وٽ ڪن پراڻن وڻن جي ٿڙن وٽ کڏن اندر، مطلب هر جاءِ تي رڳو لاش ئي لاش پيل هئا. انهن لاشن کي ڪپهه وارا جيڪٽ ۽ پتلونون پاتل هيون. اهي برف جي ڍڳن ۾ به نظر پئي آيا ۽ جن کي لومڙين، ڪانگن ۽ ڳجهن چهنبون هڻي هڻي چيري ڦاڙي ڇڏيو هو. +ڪيترا ئي ڪانگ ميدان مٿان لامارا ڏيئي رهيا هئا. انهيءَ منظر اليڪسيءَ جي ذهن ۾ ”جنگ ايگور“ جي ڏکوئيندڙ مگر شاندار تصوير اڀاري ڇڏي، جنهن جو نقل سندس تاريخ جي ڪتاب ۾ موجود هو. +هن سوچيو ”شايد آئون به انهن وانگر اتي پيو هجان ها!“ ۽ پوءِ سندس نس نس ۾ زندگيءَ جي خوش ڪندڙ لهر ڊوڙي ويئي. هن پاڻ کي جهنجهوڙيو. سندس پير اڳي کان به وڌيڪ ڏکي ۽ جلي رهيا هئا. ائين پئي لڳو، ڄڻ سندس دماغ ۾ جنڊ جا ٻه کهرا پڙا ڦري رهيا هئا. هو رڇ جي مڙهه تي ويهي رهيو. هن سوچڻ شروع ڪيو ته ڇا ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، پنهنجي محاذ تائين ڪيئن پهچان؟ +هو جڏهن هوائي جهاز مان ڪريو هو، تڏهن سندس نقشن واري پيتي وڃائجي ويئي هئي، پر کيس جنهن رستي تان وڃڻو هو، سو سندس ذهن ۾ بنهه چٽو ۽ صاف هو. جنهن جرمن هوائي اڏي تي روسي جهازن حملو ڪيو هو، سو سندن مورچي کان اولهه طرف سٺ ڪلوميٽر پري هو. هوائي لڙائيءَ ۾ دشمن جي جنگي جهازن کي سندن جهازن ويهه ڪلوميٽر ٻيا به اوڀر طرف ڌڪي ورتو هو. ”ٻٽي چنگل“ مان جند ڇڏائڻ خاطر هو ٻيا به ڪيترائي ڪلوميٽر اوڀر طرف آيو هوندو. باقي ظاهر آهي ته هو اٽڪل 35 ڪلوميٽر سندن مورچي کان پري ڪريو هوندو. حقيقت ۾ ته هو جهنگل جي وچ تي ڪريو آهي. ان سان ٻه پهلو وابسته هئا. روشن به ته اونداهو پڻ. سٺو ان ڪري ٿيو هو جو ساڻس ڪنهن جرمن سپاهيءَ جي منهن پوڻ جو ڪو امڪان نه هو، ڇو ته جرمن سپاهي عام طرح رستن ۽ شهرن کان پري نه ويندا هئا. خراب ان ڪري ٿيو هو جو سندس پنڌ گهڻو نه هئڻ جي باوجود به ڏاڍو اڙانگو ۽ ڏکيو هو. کيس گهاٽن وڻن مان هلڻو هو ۽ کيس ڪنهن انساني مدد جو ڪوبه آسرو ڪونه هو. مٿو لڪائڻ لاءِ ڪنهن اجهي، ماني ڳڀي يا برفاني سيءَ ۾ ڪنهن گرم چانهه جي پياليءَ جي ملڻ جي به ڪا اميد ڪانه هئي. ٻيو ته سندس پير زخمي هُئا...... ڇا اهي کيس اڳتي وٺي وڃي سگهندا؟ ڇا هو هلي به سگهندو؟ +هو آهستي آهستي ڪري رڇ تان اٿيو. هن وري به اهو ئي ايذاءُ محسوس ڪيو، جيڪو سندس پيرن مان اُڀري سڄي بدن ۾ ڊوڙي ٿي ويو. اذيت ۽ ڪرڀ وچان سندس دانهن نڪري ويئي ۽ هو ٻيهر ويهي رهيو. هن بوٽن لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بوٽ پيرن مان نڪري نه سگهيا. هر سَٽ سان سندس وات مان ڪيڪ نڪريو ٿي ويئي. پوءِ هو ڏند ڀڪوڙي، اکين کي زور سان بند ڪري، ٻنهي هٿن سان زور لڳائي هڪ پادر لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر هڪدم بيهوش ٿي ويو. جڏهن ٻيهر هوش ۾ آيو ته هن ڏاڍي احتياط سان پير جي پٽي کولي. سندس پير سڄي پيو هو ۽ ڌڪ لڳڻ جي ڪري سڄو نيرو ٿي ويو هو. هن جي سَنڌ سَنڌ ۾ سور جون سوٽون ۽ آڳ ٻري رهي هئي. هن پنهنجو پير برف تي رکيو ۽ اهڙي طرح ٿورو سور جهڪو ٿيو. هن هڪ ڀيرو وري اکيون پوري، ڏند ڀڪوڙي، ٻيو پادر به لاهي ورتو. +سندس ٻئي پير بيڪار ٿي چڪا هئا. ظاهر هو ته جڏهن هن پنهنجي جهاز جي ڪاڪ پٽ مان ٽپو ڏنو هوندو، تڏهن سندس پير ڪٿي اٽڪي پيا هوندا ۽ سندس پيرن ۽ آڱرين جون هڏيون ڀڄي پيون هيون. ظاهر آهي ته عام حالتن ۾ اهڙي خطرناڪ چوٽ لڳڻ کان پوءِ اٿي بيهڻ جو خواب به ڏسي نه سگهجي ها. پر هينئر ته هو اڪيلو هڪڙي ويران ۽ بيابان جهنگل ۾ پيو هو. هو دشمنن جي محاذ پٺيان هو، جتي ڪنهن ماڻهوءَ س��ن مٺ ڀيڙ جو مطلب آرام ۽ سڪون واري ڪچهري نه پر موت هو. هن فيصلو ڪيو ته هو جهنگل جي اندران ئي اندران اوڀر طرف وڌندو رهي ۽ ڪنهن آسان رستي يا ڪنهن انساني آباديءَ جي ڳولا نه ڪري ۽ اهو ته هر قيمت تي اڳيان وڌندو رهي. +پڪي عزم ۽ اٽل ارادي سان هو رڇ تان اٿيو ۽ ڪنجهندي ڪنجهندي، ڏند ڀڪوڙي هن پهريون قدم کنيو. هو هڪ پل ائين بيٺو رهيو ۽ پوءِ ٻيو پير برف مان ڇڪيائين ۽ ٻيو قدم کنيائين. هن جي مٿي ۾ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون. سندس اکين اڳيان ميدان نچڻ لڳو ۽ آهستي آهستي غائب ٿي ويو. +اليڪسي ٿڪاوٽ ۽ تڪليف کان ماندو ٿيڻ لڳو. هو چپ چٻيندو اڳتي وڌندو رهيو، تان جو هڪ جهنگلي گس تي پهچي ويو، جيڪو هڪ تباهه ٿيل ٽينڪ ۽ هٿ ۾ پڪڙيل بم سان پيل ازبڪ لاش وٽان لنگهي اوڀر طرف جهنگل جي گهرائين ۾ گم ٿي ويو. نرم برف تي هلڻ ايترو ڏکيو ڪونه هو، پر جيئن ئي سندس پير هوا سان سخت ٿي ويل برف سان ڍڪيل سخت رستي تي لڳو ٿي ته سندس ايذاءُ ايترو ته وڌي ٿي ويو جو اڳيون قدم کڻڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ٿي پيو ۽ هو پريشان ٿي بيهي ٿي رهيو. سندس ٻئي ٽنگون عجيب بي ترتيبيءَ سان هڪٻئي کان ڌار هيون. هن جو سڄو بدن لڏي رهيو هو، ڄڻڪ هوا جي لهرن تي اڏامندو هجي. پوءِ اوچتو سندس اکين ۾ ڌنڌ ڀرجڻ لڳي. رستو، چيڙ جا وڻ، وڻن جون ٽاريون، گنبذ جهڙي آسمان جو نيرو گولو، اهي سڀ شيون ڌنڌ ۾ گم ٿي ويون. هو پنهنجي هوائي اڏي تي سندس جنگي هوائي جهاز وٽ بيٺو هو ۽ مستريءَ يورا، جنهن جا ڏنڌ ۽ اکيون سندس وڌيل مڇن ۽ ڏاڙهيءَ ۽ اڻ ڌوتل چهري ۾ هميشه چمڪندا رهندا هئا، کيس هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ڏانهن اشارو ڪري چوندو هجي ”هليا، جهاز تيار آهي، زون ٿي وڃ.......!“ اليڪسيءَ هوائي جهاز ڏانهن قدم وڌايو، پر زمين ٻرندي محسوس ڪيائين ۽ سندس پير لوساٽجي ويا، ڄڻڪ هن تتل ڳاڙهي لوهه تي پير رکيا هجن. هُن ان باهه تان ٽپو ڏيئي سندس جهاز تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ان جي ٿڌي ڌڙ سان وڃي ٽڪرايو. هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته هوائي جهاز جو اهو حصو نه لسو هو ۽ نه ئي ان تي پالش جي چمڪ هئي، بلڪ اهو بنهه کهرو هو جهڙوڪر چيڙ جي وڻن جا ڇوڏا هجن..... ليڪن اتي ڪوبه هوائي جهاز ڪونه هو. هُو ته رستي تي بيٺو هڪ وڻ جي ٿڙ کي هٿ سان ٿڦڪيون هڻي رهيو هو.......! +”وهم؟ مون کي جيڪو ڌڪ لڳو آهي، ان کان شايد منهنجو دماغ چڪرائجي ويو آهي!“ اليڪسيءَ سوچيو، ”هن رستي تي هلڻ ته عذاب ٿي پوندو. ڇا آءٌ رستي کان هيٺ لهي هلان؟ ائين ڪرڻ سان ته رفتار بنهه سست ٿي ويندي.....“ هو برف تي ويهي رهيو ۽ اهڙي طرح ڏند ڪرٽي هُن بوٽ لاٿو، بوٽ جو مٿيون حصو ڦاڙي ڇڏيائين ته جيئن پيرن کي ڪجهه آرام ملي. پنهنجو اسڪارف ڦاڙي پٽيون ٺاهي پيرن تي ويڙهي پوءِ بوٽ پاتائين. +هاڻي هلڻ ڪجهه آسان ٿي پيو هو، پر ان کي هلڻ چوڻ مناسب ڪونهي! هن اڳتي هلڻ نه بلڪ اڳتي رڙهڻ شروع ڪيو. هو احتياط سان سنڀالي سنڀالي قدم ائين کڻي رهيو هو، جيئن ڪو ماڻهو ڌٻڻ ۾ هلندو هجي. ڪجهه وکون هلڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ ۽ ايذاءَ کان ساڻو ٿي سندس مٿو ڦرڻ ٿي لڳو ۽ هر ڀيري هو بيهڻ تي مجبور ٿي ٿي ويو. هن اکيون بند ٿي ڪيون، ڪنهن وڻ جي ٽيڪ وٺي يا برف جي ڍڳ تي ويهي ٿي رهيو. +ائين هو ڪيترن ڪلاڪن تائين اڳيان رڙهندو وڌندو رهيو، پر جڏهن هن مڙي پويان نهاريو ته اڃا به کيس جهنگل جو ڪنارو ڏسڻ ۾ پئي آيو. اليڪسيءَ کي ڏاڍي مايوسي ٿي. هو مايوس ته ٿيو، پر همت نه هاريائين. ان ڳالهه منجهس ۾ اڃا به تيز هلڻ جي خواهش پيدا ڪئي. هو برف جي ڍڳ تان اٿيو ۽ ڏند ڀڪوڙي اڳتي وڌڻ لڳو ۽ سمورو توجهه ڪنهن ويجهي منزل ڏانهن کپائي هل�� لڳو ـــــــــ چيڙ جي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين، هڪ ٿڙ کان ٻئي ٿڙ تائين، برف جي هڪڙي ڍڳ کان ٻئي ڍڳ تائين. +(4) +۽ اهڙيءَ طرح هو شام تائين هلندو رهيو، جڏهن سج لهڻ وارو هو، تڏهن هو هڪ اهڙيءَ واديءَ ۾ پهچي چڪو هو، جيڪا صنوبر جي سدابهار ٻوٽن سان ڳتي پيئي هئي. اتي کيس جيڪو منظر ڏسڻ ۾ آيو، تنهن کي ڏسي سندس وار ڪانڊارجي ويا ۽ هن محسوس ڪيو ته ڄڻ سندس اگهاڙن پٺن کان پُسيل ٿڌو ٽوال ترڪندو ويندو هجي. +ائين ٿي لڳو ته جڏهن هن ميدان ۾ لڙائي پئي لڳي، تڏهن ڪا ميڊيڪل ڪمپني هن واديءَ ۾ مقرر ٿي هئي. زخمين کي آڻي هتي وڻن جي ٽارين تي ليٽايو ويو هوندو، اهي زخمي اڃا تائين به اتي پيا هئا. ڪي برف ۾ اڌ جيترا ڍڪجي ويا هئا. اهو ته صاف ظاهر هو ته هو زخمن جو سور سهي ڪونه مئا هئا. ڇو ته ڪنهن چاقوءَ سان سڀني جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيا هئا. اُهي سڀئي هڪ ئي انداز ۾ مئا پيا هئا، ڄڻڪ هو پٺيان مُڙي اهو ڏسڻ چاهيندا هجن ته اتي ڇا پيو ٿئي ۽ اتي به ان ڀيانڪ منظر تان پردو هٽندو پئي معلوم ٿيو. هڪڙي وڻ هيٺ روسي فوجيءَ جي برف سان ڍڪيل جسم وٽ هڪڙي نرس ويٺي هئي، جيڪا به چيلهه تائين برف ۾ ڍڪيل هئي. سپاهيءَ جو ڪنڌ سندس هنج ۾ هو. هوءَ بندري قد جي سنهڙي ۽ نازڪ ڇوڪري هئي. هن کي بُجن واري ٽوپي پاتل هئي. هن جي ٻنهي ڪلهن جي وچان هڪ خنجر جو چمڪدار ڳن چمڪي رهيو هو. پاسي ۾ ئي هڪڙي جرمن جو لاش پيو هو، جنهن کي “SS” واري ڪاري وردي پاتل هئي. ان جي پاسي ۾ ئي روسي فوجيءَ جو پڻ لاش پيل هو، جنهن جي مٿي تي رت ۾ ڳاڙهي پٽي ٻڌل هئي. ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جي نڙيءَ مان جهليو موت جي آخري لمحن ۾ گهوگهو ڏئي رهيا هئا. اليڪسي هڪدم سمجهي ورتو ته انهيءَ ڪاري وردي واري سپاهيءَ زخمين کي قتل ڪيو هو ۽ پوءِ جيڏي مهل هن نرس تي وار ڪيو هو، تيڏي مهل پاسي ۾ پيل زخمي روسي سپاهي مٿس حملو ڪري ڏنو هوندو. +اهڙي طرح برف جي طوفان سڀني کي دفن ڪري ڇڏيو هو. اليڪسي اتي ڪي گهڙيون بنهه بت ٿي بيٺو رهيو. پوءِ نرس ڏانهن وڌيو ۽ سندس پٺن مان خنجر ڇڪي ڪڍي ورتائين. هي خنجر به جرمنيءَ جو هو ۽ مٿس “SS” جو نشان لڳل هو. خنجر جي رنڱيل ڦر تي هي لفظ لکيل هئا ته ”سڀ ڪجهه جرمني لاءِ.“ +اليڪسيءَ جرمن جي جسم مان خنجر جو پوش کوليو ۽ خنجر ان ۾ وجهي پاڻ وٽ رکيائين. رستي ۾ خنجر جي ضرورت پوندي. هن برف ۾ ڍڪيل سَوڙ کوٽي ڪڍي ۽ نرس جو لاش ان ۾ ڏاڍي محبت سان ويڙهي دفن ڪيائين ۽ مٿانئس وڻن جون ٽاريون رکي ڇڏيائين....... +تيستائين منهن انڌارو ٿي ويو ۽ پاري وسائيندڙ انڌاري ان ننڍي واديءَ کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي ڇڏيو. چؤطرف ماٺ ماٺوڙو هو. سنهي سنهي برف وسي رهي هئي. +هو ”والگا“ جي هيٺاهن ميدانن ”لامي شن“ ۾ پيدا ٿيو هو ۽ شهر جو رهاڪو هو، تنهن ڪري کيس ڪاٺين ميڙڻ جي ڪا سُڌ ڪانه هئي. ٻيو ته پيرن جي روح ڏکوئيندڙ ايذاءَ منجهس ڪاٺين گڏ ڪرڻ جي سگهه به ڪانه ڇڏي هئي. هن رات گذارڻ يا ٽانڊي ٻارڻ جي ڪابه تياري ڪانه ڪئي. اونده به گهري ڇانئجي ويئي هئي، تنهن ڪري هو گهاٽي وڻ هيٺ سري وڃي ويٺو ۽ گوڏن تي مٿو رکي سانت ۽ سڪون مان لطف وٺڻ لڳو. +هن پنهنجي پستول جو گهوڙو چاڙهي ڇڏيو، پر اهڙو ڪوبه امڪان ڪونه هو جو هو ان کي پهرين رات استعمال به ڪري ها. هن کي ٿڪاوٽ ايڏو ته ساڻو ڪري ڇڏيو هو جو هو دنيا جهان کان بي خبر هو؛ تانجو صبح ٿي ويو. هو ائين ڇرڪي اٿي ويٺو، ڄڻ کيس ڪنهن ڌونڌاڙي اٿاريو هجي. سجاڳ ٿيڻ تي کيس ياد آيو ته هو ڪٿي هو، مٿس ڇا وهي واپري چڪو هو ۽ هُن رات ڪيڏي نه بي پرواهي سان گذاري هئي. انهيءَ خيال ئي کيس خوفزده ڪري ڇڏيو. تيز سردي جي لهر سندس بجن واري فلائينگ سوٽ اندر داخل ٿي وڃي ڇاتي جهلي هئي. هو ڏڪي رهيو هو، پر سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ته سندس پيرن جي هئي. هينئر جڏهن هو آرام ڪري رهيو هو ته تڪليف پهريان کان ڪيترا ڀيرا وڌي چڪي هئي. اٿي بيهڻ جي خيال کان ئي سندس ساهه ٿي نڪتو، پر وقت ڏاڍو ملهائتو هوندو آهي. هن ڪالهه جيئن ڏند ڀڪوڙي بوٽ لاٿو ۽ انهيءَ ئي عزم سان هو ٽپ ڏيئي اٿيو. +اليڪسيءَ کي جيڪي مصيبتون سامهون هيون، تن ۾ ويتر بک جو به واڌارو ٿيس. ڪالهه جڏهن هن نرس جو لاش سَوڙ ۾ پئي ويڙهيو، تڏهن کيس اتي پيل ٿيلهو هٿ آيو هو، جنهن تي ريڊ ڪراس جو نشان هو. پر اوڏي مهل هن ان تي ڪو خاص ڌيان ڪونه ڏنو هو. اڄ هن اهو ٿيلهو کنيو، جنهن ۾ جنگ جي ميدان جو ملم پٽيءَ جو سامان، گوشت جو دٻو، خطن جو هڪ پيڪٽ ۽ هڪ ننڍڙي آرسي پيل هئي. ٿيلهي ۾ ماني پڻ پيل هئي، پر جهرڪين ۽ جانورن کائي ڇڏي هئي. اليڪسيءَ گوشت جو دٻو ۽ پٽيون کيسي ۾ وڌيون ۽ پنهنجي منهن چيائين ”مهرباني منهنجي پياري.“ هن ان جوان ڇوڪريءَ جي پيرن تي ٻيهر سوڙ پاتي، جنهن کي هوا هٽائي ڇڏيو هو ۽ هو اوڀر طرف هلڻ لڳو. هاڻي هن وٽ هڪ ڪلوگرام گوشت هو. هن طئي ڪيو ته روزانو هڪ ڀيرو منجهند جو هو گوشت کائيندو. +(5) +سور جي اذيت مان جند ڇٽائڻ خاطر اليڪسيءَ رستي جي باري ۾ سوچڻ ۽ حساب لڳائڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن هو روزانو ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر پنڌ ڪري ته هو ڇيهه ۾ ڇيهه ٽن منزلن تي پهچي سگهي ٿو. +”اهو ٺيڪ آهي! چڱو ڀلا، ڏهن ٻارهن ڪلوميٽرن جو پنڌ ڇا ٿيو؟ هڪ ڪلوميٽر ۾ ٻه هزار قدم ٿين ٿا، ان جو مطلب هي ٿيو ته ڏهن ڪلوميٽرن ۾ ويهه هزار قدم ٿيا، پر اهي ته تمام گهڻا آهن، ڇو ته مون کي ته هر پنج ڇهه سؤ قدمن کان پوءِ ساهي کڻڻي ٿي پوي......“ +گذريل ڏينهن سفر کي آسان بنائڻ خاطر اليڪسيءَ ڪي منزلون مقرر ڪري، هڪ کان ٻيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. چيڙ جو وڻ، وڻ جو ڪو ٿڙ يا رستي ۾ موجود ڪا کڏ ۽ هو هڪ شيءِ کان ٻيءَ تائين پهچي ساهي پٽي وري اڳتي وڌيو ٿي. اڄ هن وري انهن شين کي انگن ۾ بدلائي ڇڏيو ته هيترن قدمن هلڻ کان پوءِ ساهي پٽڻي آهي. هن فيصلو ڪيو ته هر هزار قدمن يعني اڌ ڪلوميٽر تائين هلبو ۽ پوءِ گهڙي ڏسي پنج منٽ ويساهي کائبي ۽ بس! هن اندازو لڳايو ته هو سج اڀرڻ کان وٺي لهڻ تائين مشڪل سان ڏهه ڪلوميٽر هلي سگهي ٿو. +پر پهريان هڪ هزار قدم ڪيترا ڪٺن هئا، توبهه! هن ايذاءَ کان ڌيان هٽائڻ لاءِ پنهنجا قدم ڳڻڻ شروع ڪيا، ليڪن پنج سؤ ڳڻڻ کان پوءِ هو ڀلجي پيو ۽ ان کان پوءِ کيس بي انتها اذيت کان سواءِ ٻي ڪابه سوچ ڪانه هئي. ها، پر پوءِ به هن هزار قدم پورا ڪري ٿي ساهه پٽيو. جيڏيءَ مهل هن پهريان هزار قدم پورا ڪيا، اوڏيءَ مهل منجهس ويهڻ جي به سگهه ڪانه رهي هئي. هو منهن ڀر برف تي ڪري پيو ۽ ڏاڍي بي ڍنگي نموني برف چٽڻ لڳو. هن پنهنجي جلندڙ پيشاني ۽ ٻرندڙ لونڌڙيون برف تي رکي ڇڏيون ۽ انهيءَ برفيلي ڇُهاءُ ۾ هن کي هڪ ناقابل بيان راحت محسوس ٿي. +هو ڏڪي ويو ۽ گهڙي ڏٺائين. پنج منٽ پورا ٿي رهيا هئا. جيئن ئي پنج منٽ پورا ٿيا، هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ڪنجهندي اڳتي وڌڻ لڳو. ٻنپهرن تائين هو مقرر منزلن مان رڳو چار منزلون طئي ڪري سگهيو. آخري منزل تي هو برف ۾ ڪري پيو هو. ڇو ته هاڻ منجهس ايتري به قوت ڪانه رهي هئي جو رڳو هڪ هٿ جيترو وٿيرڪي وڻ تائين پهچي سگهي. اتي هو ڪيتري دير تائين ويٺو رهيو؟ هن جو مٿو سندس ڇاتيءَ تي ڍرڪي پيو هو. هن نه ڪي سوچيو ٿي، نه ڪجهه ڏٺو ٿي ۽ نه ئي ڪجهه ٻڌو ٿي. هاڻ ته کيس بک به ياد ڪانه هئي. +هن گهرو ساهه کنيو ۽ ڪيترا ڀيرا چپٽيون ��ري برف وات ۾ وڌي ۽ پنهنجي بي حسي ۽ غفلت تي قابو پائيندي پنهنجي کيسي مان زنگيل دٻو ڪڍيائين ۽ جرمن خنجر سان ان کي کوليائين. هن چرٻيءَ جو هڪ ٽڪرو وات ۾ وجهي ڳڙڪائڻ چاهيو، پر اهو ڳري ويو. ان سان گڏ زبردست بک به جاڳي پيس. هن ڪيتري ئي ڪوشش ڪئي، پر هو گوشت جو دٻو پري هٽائي نه سگهيو ۽ نيٺ هن برف ڦڪڻ شروع ڪئي. ڪا ته شيءِ هجي جيڪا کائجي، جيڪا نڙيءَ مان هيٺ لهندي رهي. +اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ هن پنهنجي لاءِ صنوبر مان ٻه لٺيون وڍيون ۽ هو انهن لٺين جي سهاري سان اٿي بيٺو ۽ هلڻ لڳو، پر هر قدم کان پوءِ کيس اڳيون قدم کڻڻ بنهه مشڪل ٿي لڳو. +(6) +........ ان گهاٽي جهنگل ۾ اليڪسيءَ جي دردناڪ سفر جو ٽيون ڏينهن هو. ان دوران کيس ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. پر ٽئين ڏينهن تي هڪ غير متوقع واقعو پيش آيس. +هو جڏهن سج اڀري مهل اٿيو ته سندس جسم سيءَ ۽ بخار ۾ ڏڪي رهيو هو. کيس پنهنجي فلائينگ سوٽ جي هڪڙي کيسي مان لائٽر هٿ آيو، جيڪو کيس مستريءَ يورا رائفل جي هڪ خالي ڪارتوس مان ٺاهي، سوکڙي طور ڏنو هو. +هن ڪجهه ڪاٺيون گڏ ڪيون ۽ ٽانڊو ٻاريو. ٽانڊي جي پاسي ۾ ويهي اليڪسيءَ کي ڏاڍو سڪون ۽ آرام مليو. اتي ويٺي هن فلائنگ سوٽ جي زنجير کولي ۽ کيسي مان مروڙيل سروڙيل خط ڪڍيا. انهن مان هڪ خط منجهه ڪاغذ ۾ ويڙهيل تصوير پيل هئي. اها تصوير هڪڙي سهڻي سلوڻي ڇوڪريءَ جي هئي، جنهن کي ڇيٽ جو فراڪ پاتل هو ۽ هوءَ ڇٻر تي ويٺل هئي. هو ڪجهه دير تصوير کي غور سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڪاغذ ۾ ويڙهي لفافي ۾ وجهي ڇڏيائين ۽ سمورا خط کيسي ۾ رکي ڇڏيائين. +”پرواهه ناهي! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ هن اهي لفظ ڇوڪريءَ کي چيا يا پنهنجو پاڻ کي، سو ٻڌائڻ مشڪل آهي. هن سوچيندي چيو ”ڪا ڳالهه ڪانهي!“ +هو ٽپ ڏيئي اٿيو، بوٽ لاٿائين، پيرن جون پٽيون کولي کين ڏسڻ لڳو. پير پهرين کان وڌيڪ سڄي ويا هئا ۽ آڱريون سوڄ کان مختلف پاسن ڏانهن پکڙجي رهيون هيون. +اليڪسيءَ ٿڌو ساهه کنيو ۽ وسامندڙ باهه تي آخري نگاهه وجهي، اڳيان وڌڻ لڳو. تڪليف کان پنهنجا چپ چٻيندو اڳتي وڌندو رهيو. ڪيڏي ڪيڏي مهل ته هو بيهوش ٿي ٿي ويو. اوچتو کيس هڪ غير مانوس آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جهنگل جي هر آواز کان هو ايترو ته واقف هو، جو هو هن اوپري آواز کي هڪدم سڃاڻي ويو. پري کان هن موٽر جو گوڙ ٻڌو. پهرين ته هن سمجهيو ته اهو سندس وهم آهي، پر پوءِ آواز صاف ٻڌڻ ۾ آيو. ظاهر هو ته اهي جرمن سپاهي هئا ۽ ڏانهس وڌي رهيا هئا. اليڪسيءَ کي هڪدم پيٽ ۾ عجيب قسم جي ٿڌاڻ محسوس ٿي. ڊپ منجهس قوت پيدا ڪئي، هو پنهنجي ٿڪاوٽ ۽ پيرن جي تڪليف وساري ويٺو. تڪڙ ۾ رستي تان لهي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ وڃي لڪو. اتان هو رستو چٽو ڏسي پئي سگهيو، پر کيس ڪير ڪونه ٿي ڏسي سگهيو. +آواز هاڻ بنهه سندس ويجهو پهچي چڪو هو. اليڪسي ويتر وڌيڪ برف ۾ لڪي ويو. هن وڻن جي ٽارين وچان هڪ سفيد رنگ جي بڪتر بند گاڏي ڏٺي. موٽر گاڏي لوڏا کائيندي رستي جي ان حصي وٽ پهتي، جتان اليڪسي سڙڪ تان لهي وڻن ۾ لڪو هو. گاڏي اڳتي وڌي ويئي. ان کان پوءِ هڪ کليل گاڏي آئي، جيڪا هر طرف ڊوڙي سگهي ٿي. هڪ ماڻهو، جنهن کي ڊگهي ٽوپي پاتل هئي ۽ ڊرائيور جي پاسي ۾ ويٺو هو. ان جي پٺيان مشين گن هلائڻ وارا ڪيترا ئي سپاهي ڀوري رنگ جا ڪوٽ ۽ رُڪ جا ٽوپَ پايو بينچن تي ويٺا ڌڏڪا کائي رهيا هئا. هڪ ٻي به کليل گاڏي پٺيان پئي آئي، جنهن ۾ ٻن قطارن ۾ پندرهن کن سپاهي ويٺا هئا. +اليڪسي برف ۾ اڃا به وڌيڪ لڪي ويو. موٽر گاڏيون ايترو ته ويجهو اچي چڪيون هيون جو سڙيل پيٽرول جو دونهون سندس چهري تائين پهچي ويو. هن محسوس ڪيو ��ه سندس لنڱن جا وار ڪانڊارجي ويا آهن. پر موٽر گاڏيون اڳتي وڌنديون هليون ويون. پيٽرول جي سڙيل بوءِ پري ٿيندي ويئي ۽ پوءِ جلد ئي انجڻن جو آواز دور گهڻو دور ٿيندو ويو. +جڏهن هر طرف سانت ڇانئجي ويئي، تڏهن هو رستي تي نڪري آيو ۽ اوڀر طرف هلڻ لڳو. هو مقرر ڪيل حساب سان منزل به منزل اڳتي وڌندو رهيو ۽ اڌ ڏينهن جي سفر کان پوءِ طئي ٿيل پروگرام ۾ آرام ڪيو ۽ ماني کاڌائين. هاڻي هو هڪ جهنگلي جانور وانگر بنهه احتياط سان اڳتي وڌڻ لڳو ۽ بنهه معمولي کڙڪي تي به هوشيار ٿي ٿي ويو. +هواباز هجڻ جي ڪري هو هميشه هوا جي بلندين ۾ وڙهڻ جو عادي هو. هينئر هن پهريون ڀيرو زمين تي دشمن کي ڏٺو هو. ”پرواهه ناهي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو!“ اليڪسيءَ پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ خاطر چيو ۽ اهو وسارڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس پيرن جو درد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿو رهي ۽ اهو ته سندس قوت ختم ٿيندي پئي وڃي. هاڻ سندس پيٽ فر جا ڇوڏا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جن کي هو مسلسل چٻيندو ٿي رهيو ۽ نه ئي ٻين وڻن جي گونچن يا ڳڀ جو مٿس ڪو اثر ٿي ٿيو، جيڪو هو کاڌي طور استعمال ڪندو هو. +شام جو منهن انڌاري تائين هو فقط پنج منزلون طئي ڪري سگهيو هو. رات جو هن زمين تي پيل وڻ تي سڪل پن ۽ ڪاٺيون وجهي، انهن کي باهه ڏيئي وڏو مچ ٻاريو. وڻ جو ٿڙ جهڪيءَ روشنيءَ سان سڙندو ۽ دونهون ڪڍندو رهيو ۽ هو مزي سان برف تي ٽنگون ٽيڙيو ستو پيو رهيو. کيس ننڊ ۾ به زندگي بخش گرمي ڪيڏي مهل هڪ پاسي ته ڪيڏي مهل ٻئي پاسي سڪون پهچائيندي رهي. هو خود بخود ننڊ مان جاڳي اٿيو ٿي ۽ باهه ۾ تازيون ڪاٺيون وجهي مچ کي مچايائين ٿي. آڌي رات جو برف جو طوفان لڳو، وڻ لڏندا لمندا، جهڪندا، سر سر ڪندا ۽ وحشت مان آه زاري ڪندا رهيا. چڀندڙ برف جا ڪڪر زمين تي ڪرندا رهيا. ڀڙڪندڙ ۽ چمڪندڙ باه جي چوڌاري گهگهه اوندهه نچندي رهي. پر ان طوفان به اليڪسيءَ کي تنگ نه ڪيو. هو گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ باهه جي گرمي سندس رکوالي ڪري رهي هئي. +باهه کيس جهنگل جي جانورن کان محفوظ رکيو. باقي رهيا جرمن سپاهي، سو اهڙي رات ۾ انهن جي لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانه هئي. اهي برف جي طوفان ۾ جهنگل جي گهراين ۾ قدم رکڻ جي جرئت به نٿي ڪري سگهيا. انهن سمورين ڳالهين جي باوجود به هن جو ٿڪاوٽ کان چور بدن، باهه جي گرمي ۾ آرام ڪري رهيو هو. پر هر آواز تي سندس ڪن کڙا ٿي ٿي ويا. پرهه ڦٽڻ واري هئي، جڏهن برف جي طوفان جو زور جهڪو ٿيو ۽ خاموش ڌرتي تي کير جهڙي برف ڇانئجي ويئي. تڏهن اليڪسيءَ کي ائين لڳو، ڄڻ پري کان لڙائي جو آواز سندس ڪنن تائين پهچڻ لڳو. ڌماڪا، مشين گنن جي ٽڙ ٽڙ ۽ رائفلن جي ٺڪا ٺوڪي. ڇا محاذ ايترو ويجهو ٿي سگهي ٿو؟ ايترو جلدي؟ +(7) +پر جيئن ئي صبح صاف ٿيو ۽ پکي پکڻ جو آواز پکڙجي ويو، تيئن اليڪسيءَ کي جنگ جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. هن گهڻو ئي ڪنايو، پر نه توبن جو آواز هيو ۽ نه وري رائفلن جا ٺڪاءَ ٻڌڻ ۾ آيا. +اليڪسيءَ صبح جو ئي باقي بچيل گوشت کائڻ جو فيصلو ڪيو. گوشت ڪهڙو هو، مڙيئي ڪي ٻه ٽي ڇيڇڙا سوادي چرٻي ۾ لڳا پيا هئا. هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن هينئر اهو گوشت نه کاڌو ته هو اتان چري به ڪونه سگهندو. هن خالي ٽين کي آڱرين سان اگهي سگهي بنهه اڇو ڪري ڇڏيو، ايتري قدر جو دٻي جي ڪٽيل چهنبدار نوڪن کي لڳي، سندس آڱريون رتو رت ٿي ويون، پر هن محسوس پيو ڪيو ته ڄڻ اڃا به چرٻي جا ڪي ذرڙا اندر چهٽا پيا آهن. هن دٻي ۾ برف وجهي ٽانڊي تي رکيو ۽ پوءِ گرم پاڻيءَ کي ڏاڍي مزي سان ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳو. پاڻي ۾ گوشت جي خوشبوءِ کيس ڏاڍو لطف ڏنو. پاڻي پي هن دٻو کيسي ۾ وڌو. سندس خيال هو ته ڪڏهن ڪڏهن هو دٻي ۾ چانهه ٺاهيندو ۽ گرم گرم چانهه پيئندو، گرم چانهه آه! هي هڪ خوشگوار احساس هو. جيڏي مهل هو سفر تي روانو ٿيو ته هو ڏاڍو خوش هو. +پر هتي هڪ ٻي مصيبت سان کيس واسطو پيو. راتوڪي برف جي طوفان سندس گس گم ڪري ڇڏيو هو. هر طرف برف جا ڍڳ ئي ڍڳ لڳا پيا هئا. سندس سُڄيل پير برف جي ڍڳن ۾ گپيو ٿي ويا ۽ کين ڇڪي ڪڍڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي محسوس ٿي. اوڏي مهل لٺيون پڻ سندس ڪا گهڻي مدد ڪري ڪونه پئي سگهيون. +ٻن پهرن تائين، جيڏي مهل سج وڻن جي مٿان اچي چڪو هو، اليڪسي صرف پندرهن سؤ قدم هلي سگهيو هو. هو ٿڪ کان ايترو ته چور ٿي چڪو هو، جو کيس هر اڳيون قدم کڻڻ لاءِ بي پناهه قوت ارادي کان ڪم وٺڻو ٿي پيو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو ۽ سندس پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي. ٿوري ٿوري دير بعد هو ڪري ٿي پيو ۽ برف تي بنا چرڻ پرڻ جي پيو ٿي رهيو. وري ٿي اٿيو ۽ چند قدم اڳتي ٿي وڌيو. هن کي سمهڻ، ليٽڻ، هر شيءِ کي وسارڻ ۽ بي حس پيو رهڻ جي خواهش اچي سوڙهو ورايو. هاڻ چاهي ڇا به ٿئي، هو بيهي رهيو. بنهه خاموش بيٺو لڏندو رهيو. هن ٻيهر پنهنجا چپ ڀيٽيا ۽ پنهنجي سموري قوت گڏ ڪري مشڪل سان پيرن کي اڳيان گهلي ٻه ٽي قدم کنيائين. +آخر هن کي محسوس ٿيو ته هاڻ هو هڪ قدم به هلي نٿو سگهي. ڪابه طاقت کيس اتان چرڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي. جيڪڏهن هينئر هو اتي ويهي رهيو ته پوءِ ڪڏهن به اٿي ڪونه سگهندو. هن حسرت سان چؤطرف نظر ڊوڙايو. رستي جي ڪناري تي چيڙ جو هڪ گهاٽو نئون ٻوٽو موجود هو. هو پنهنجي قوت جو آخري ڦڙو سميٽي ان طرف وڌڻ لڳو ۽ ٻوٽي تي وڃي ڪريو. سندس ڏاڙهي ٻه شاخي تي رکيل هئي. ان ڳالهه سندس پيرن جو بوجهه ڪجهه هلڪو ڪيو ۽ کيس آرام محسوس ٿيو. هن وڌيڪ آرام حاصل ڪرڻ لاءِ ٽاريءَ جي ٻه شاخيءَ تي کاڏي جو زور وجهي پهرئين هڪڙو پير ۽ پوءِ ٻيو پير گهيريو. پير برف مان آسانيءَ سان نڪري آيا ۽ انهيءَ سان کيس هڪ شاندار اٽڪل به سمجهه ۾ اچي وئي. +”اڙي واهه! واقعي، جيڪڏهن هن ننڍڙي ٻوڙي کي وڍي، سندس ٽاريون ڪپي ڇڏجن ۽ باقي ٻه شاخون وڃي رهن، پوءِ ڏنڊي کي پريان ڪري ٻه شاخي تي کاڏي رکي سڄو بار ان تي وجهجي ۽ پوءِ پير اڳتي وڌائجي، جيئن هينئر آءٌ ڪري رهيو آهيان. ان طريقي سان رفتار تمام سست ٿي ويندي. ها، رفتار ته سست ٿي ويندي، پر آءٌ ايترو گهڻو ڪونه ٿڪندس ۽ اوستائين اڳتي وڌندو رهندس، جيستائين برف جا ڍڳ ڄمي سخت ٿي نٿا وڃن.“ +هو گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ پنهنجي خنجر سان ننڍي وڻ کي وڍيائين، ٽاريون ڪٽي الڳ ڪيائين. پنهنجو رومال ڪڍي پٽيون ٺاهي، ڪاٺيءَ کي ويڙهي هڪدم اڳتي روانو ٿي ويو. +ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪوبه انسان هن ماڻهوءَ کي صبح کان شام تائين هن قسم جي برف جي عجيب ڍڳن مان ڪڇونءَ جي رفتار سان هلندو ۽ سڄي ڏينهن ۾ صرف پنج ڪلوميٽر سفر ڪندو ڏسي ها ته کيس بلڪل حيرت وٺي وڃي ها. پر اتي ته سواءِ ڳجهن جي ٻيو ڪير به ڪونه هو، جيڪو هي منظر ڏسي. ڳجهن به جڏهن سمجهي ورتو ته هي ٽن ٽنگن وارو عجيب غريب بي ڍنگو جانور ڪو نقصانڪار ناهي ته انهن به کانئس ڊڄڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويجهو اچڻ تي صرف ٽپي ٿورو پرڀرو ٿي، کيس عجيب مسخريءَ واري انداز سان گهورڻ لڳنديون هيون. + + + +(8) +اهڙيءَ طرح ٻن ڏينهن تائين هو برف پوش رستي تي منڊڪائيندو هلندو رهيو. هاڻي سندس پير بنهه سن ٿي چڪا هئا، پر هر قدم کڻڻ سان سور جي سوٽ سندس سموري جسم ۾ ڊوڙي ويندي هئي. هاڻي بک جي جاءِ تي سندس پيٽ ۾ درد ۽ تڪليف کان مسلسل چڪ پوندا ٿي رهيا. ائين ٿي لڳو، ڄڻ سندس آنڊا ٻاهر نڪرندا هجن. هاڻي هو وڻن جا ڪچڙا گوئنچ، ڳردار ڇوڏا وغيره کائڻ لڳو هو. هو جهنگلي ٻوٽن جي ٻچن کي جوشاندي وانگر ڪاڙهي گرم گرم پيئندو هو. اهو گرم گرم ڪاڙهو کيس ڏاڍي فرحت ۽ سڪون بخشيندو هو. ڪاڙهي پيئڻ سان کيس پنهنجو سفر ايترو بي مقصد ڪونه لڳندو هو. +سندس سفر جي اڄ ڇهين رات هئي. هو هڪ وڻ هيٺان پنهنجي چوڌاري باهه ٻاري ويهي رهيو. اڃا ايتري اوندهه ڪانه ٿي وئي. وڻ تي ڪو نوريئڙو ان وڻ جو ميوو ڏندن سان ڪتريندو هيٺ ڪرائيندو ٿي رهيو. اليڪسيءَ اهو ميوو کڻي ان مان ٻج ڪڍي وات ۾ وڌو ۽ چٻيائين. کيس مزو آيو ۽ ٻيا به ميوا ڳولي انهن مان ٻج ڪڍي ڦڪيندو رهيو. انهيءَ منظر کيس هڪ پراڻو منظر ياد ڏياري ڇڏيو....... هڪ ننڍڙو ڪمرو، جنهن ۾ سڀئي ڄاتل سڃاتل شيون رکيل هيون. ڇت ۾ ٽنگيل بتيءَ جي هيٺان هڪ ميز. سندس ماءُ، عيد جي رنگين ڪپڙن ۾ ملبوس، شام جي عبادت کان موٽي هئي. هوءَ وڏي طمطراق سان پيتي مان ڪاغذ جو هڪ ٿيلهو ڪڍي ٿي. ان مان صنوبر جون ڦريون ڪڍي طباق ۾ وجهي ٿي. سڄو خاندان، ماءُ، ڏاڏي، سندس ٻه ڀائر ۽ هو پاڻ – جيڪو سڀني کان ننڍو هو، سڀ ميز جي چوطرف، ڪير به ڪونه ٿو ڳالهائي. ڏاڏي ڪانٽي سان، ماڻس سئي سان کلن اندران ٻج ڪڍن ٿيون ۽ جڏهن ڍڳ ٿيو وڃي ٿو ته هو ڪنهن نه ڪنهن ٻار جي کليل وات ۾ مٺ ڀري وجهيو ٿيون ڇڏين. اهو خوش نصيب ٻار پنهنجي چپن تي هٿ جو لمس ۽ ڇهاءُ محسوس ڪري ٿو. هيءُ هٿ کهرو هو ۽ محنت ۽ مشقت جي ڪري سخت ٿي ويو هو، پر عيد جي ڪري ان هٿ مان خوشبودار صابڻ جي بوءِ ٿي آئي. +ڪامي شين....... ٻالڪپڻ! شهر جي ٻآهران اهو گهر ڏاڍو آرامده هو.......! پر هتي جهنگل ۾...... الا، توبهه! اونداهيءَ ۾ چٻري جو چرڙاٽ اڀريو. لومڙ جي غراهٽ اڀري. مچ جي پاسي ۾ بيمار انسان ٻرندڙ اڱارن کي گهوري رهيو هو. ٿڪل ٽٽل گهاٽي جهنگ ۾ بنهه اڪيلو ۽ سندس سامهون اڻڄاتل رستو خطرن ۽ آزمائشن سان ڀريل. +”پرواهه ناهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو!“ ان ماڻهوءَ جي وات مان بي اختيار نڪتو ۽ باهه جي آخري شعلن ۾ سندس چپن تي هڪ مسڪراهٽ اڀري، جيڪا پري پري ڀٽڪيل خيالن جي نشاندهي ڪري رهي هئي. +(9) +ستين ڏينهن اليڪسيءَ کي خبر پئجي وئي ته برف جي طوفان واري رات جنگ جو آواز ڪٿان پئي آيو؟ هو ٿڪجي بنهه چور ٿي چڪو هو. هو قدم قدم کان پوءِ ساهي پٽڻ لاءِ بيهي ٿي رهيو، ليڪن پوءِ به رستي تي پاڻ کي گهليندو رهيو. +اوچتو هڪ هنڌ پهچي، جتان جهنگلي رستو هڪدم کاٻي طرف مڙيو ٿي، هو بيهي رهيو. هن جا پير ڄڻ زمين ۾ ونگجي ويا. ان هنڌ جتي رستو بنهه سوڙهو ٿي ويو ۽ جتي ٻنهي پاسن جا وڻ پاڻ ۾ ملي وري الڳ ٿي ٿيا، اتي کيس اهي جرمن موٽر گاڏيون ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ هن جي پاسي مان لنگهيون هيون. رستي تي ٻه وڏا وڻ پيا هئا. انهن وڻن جي بلڪل پاسي ۾ بڪتر بند ڊٻل روسي گاڏي بيٺي هئي. ان جا ٽائر سڙي چڪا هئا. بڪتربند گاڏي جي پاسي ۾ ان جي هلائڻ وارن ٽن جرمنن جا لاش پيا هئا. ٻه کليل گاڏيون، جيڪي سڙي بنهه تباهه ٿي چڪيون هيون، سي بڪتر بند گاڏي جي پٺيان بيٺيون هيون. رستي جي ڪناري تي ٻوٽن ۾ ۽ کڏن ۾ چئني طرفن کان رڳو جرمن سپاهين جا لاش پکڙيا پيا هئا. اهو صاف ظاهر هو ته هو دهشت کان ڀڳا ٿي ويا ۽ کين سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا رهيو آهي. هر وڻ ۽ هر ٻوٽي جي پويان موت سندن انتظار ۾ هو. جيڪو جتي ويو، سو اتي ئي موت جي ور چڙهيو. +فوجي آفيسر جو لاش، جيڪو ڪپڙن کان آجو هو، هڪ وڻ سان ٻڌو پيو هو. سندس ڳچيءَ ۾ ڪاغذ جو هڪڙو ٽڪر ٻڌو پيو هو، جنهن تي لکيل هو: ”چڱو، تنهنجي مراد ته پوري ٿي.“ ان لکت کان ٿورو هيٺ لکيل هو ”رذيل ڪتا.“ +اليڪسيءَ جنگ جي ان منظر جو جائزو ورتو ۽ کاڌي جي ڪنهن شيءِ جي ڳولا ڪئي. هن کي هڪ ڊبل روٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه مليو. ڊبل روٽي برف ۾ پئي هئي. هن ڊبل روٽيءَ کي وات جي ويجهو آندو. کيس ان جي باسي بوءِ ڏاڍي وڻي. هن چاهيو ته ڊبل روٽي کي چوسي ۽ چٻاڙي ۽ چٻاڙيندو ئي رهي. پر هن ان خواهش کي زوريءَ روڪيو ۽ ڊبل روٽي جا ٽڪر ڪري ٻه ٽڪر کيسي ۾ رکي ڇڏيا. باقي هڪ ٽڪر مان ذرو ذرو ڇني وات ۾ وجهندو رهيو، ڄڻڪ ڪا مٺائي هجي، جنهن مان هو گهڻي کان گهڻو لطف حاصل ڪرڻ چاهيندو هجي. +هڪ ڀيرو وري هن جنگ جي منظر جو جائزو ورتو. هڪڙو خيال سندس ذهن ۾ ڊوڙي ويو: ”هتي ويجهو ئي ڇاپي مار ساٿي ضرور هوندا!“ اهو خيال ايندي ئي هن وات جي چوڌاري ٻئي هٿ رکي سموري قوت سان رڙ ڪئي: ”او ڇاپي مار ساٿي، ڪٿي آهيو؟“ +هو حيران ٿي ويو. سندس آواز ڪيترو ڪمزور ۽ جهيڻو هو، ايتري قدر جو سندس آواز جو پڙاڏو به اصل آواز کان وڌيڪ تيز هو. ”ڇاپي مار ساٿيو....... او هو!“ اليڪسيءَ تيل سان ڪاري ۽ داغدار برف ۾ پيل لاشن جي وچ ۾ ويٺي هر هر پڪاري رهيو هو. +هن جواب ٻڌڻ لاءِ ڪن کڙا ڪيا، پر جواب ڪونه مليو. هن محسوس ڪيو ته ڇاپي مار ساٿي حملو ڪري پنهنجو ڪم پورو ڪري، مال غنيمت هٿ ڪري هليا ويا هئا. +واقعي، ڀلا هن سنسان ويراني ۾ رهڻ مان فائدو به ڪهڙو؟ پر پوءِ به هو سڏ، واڪا ڪندو رهيو. انهيءَ آس تي ته من ڪو معجزو ٿي پوي. من ڪٿان اهي ڏاڙهي وارا ماڻهو پرگهٽ ٿي پون، جن جي باري ۾ هن گهڻو ئي ڪجهه ٻڌو هو. پر سواءِ سندس سڏ کان پڙاڏي جي ٻيو ڪجهه به کيس ٻڌڻ ۾ نه آيو. +هو ماٺ ڪري ويهي رهيو. مڪمل سانت ڇانئجي ويئي. ٿوري دير بعد کيس ڪنن ۾ ڪو ڄاتل سڃاتل آواز گونجڻ لڳو. هن وڌيڪ توجهه سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. بيشڪ هي توپن جي گهمساني لڙائي هئي. واقعي جتي هو بيٺو هو، اتان رستو اوچتو کاٻي پاسي مڙيو ٿي ۽ ان جي سامهون برف جي سفيد چادر وڇائي پئي هئي. اهو توپن جو آواز به اتان اوڀر کان پئي آيو. ڇاپي مارن جي پيرن جا نشان ان طرف غائب ٿي ويا هئا. يقينًا جهنگل جا اهي بهادر سپوت هتي ڪٿي ئي رهندا هوندا. +اليڪسيءَ پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”ڪا ڳالهه ڪانهي، ٺيڪ آهي ساٿيو. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ هن نئين عزم سان، حوصلي ۽ همت سان، پڪي ۽ اٽل ارادي سان پنهنجو سفر جاري رکيو. +(10) +ان ڏينهن هو برف تي ڏيڍ سؤ قدم به هلي نه سگهيو. شام ٿي چڪي هئي. هن هڪ سڪل وڻ جو ٿڙ جانچيو. ان تي پن ۽ ڪاٺيون وجهي پنهنجي لائٽر سان ٽانڊو ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس پگهر اچي ويو. لائٽر جي گيس ختم ٿي چڪي هئي. هن لائٽر کي ڇنڊيو، هيٺ مٿي ڪيو، پٿر واري چڪري کي وري وري ڦيرايو، مگر بيڪار! رات اچي ويئي. هن مجبورًا وڻن جي جهڳٽي ۾ پناهه ورتي ۽ گوڏن تي مٿو رکي ويهي رهيو. ان رات جيڪڏهن هو توپن جو آواز نه ٻڌي ها ته شايد سندس همت جواب ڏيئي وڃي ها. هو گولين جو آواز ۽ توپن جا ڌماڪا چٽي طرح ٻڌي ۽ سڃاڻي ٿي سگهيو. انهن آوازن منجهس همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو. +صبح جو هو ناقابل بيان ڏک ۽ ڳڻتيءَ جي احساسن سان گڏ اٿيو. هن هڪدم پنهنجو پاڻ کان پڇيو: ”هي ڇا هو؟ ڇا اهو ڪو خوفناڪ خواب هو؟“ هن کي لائٽر ياد آيو ـــــــ پر پوءِ سج جي مهربان روشنيءَ ۾ کيس پنهنجي بدقسمتيءَ جو احساس ڪجهه گهٽ ٿيو. ليڪن هڪ ڳالهه ٻي به خراب ٿي پيئي. هن اٿڻ جي ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر اٿي نه سگهيو. ايتري قدر جو اٿڻ جي ڪوشش ڪندي به نه اٿي سگهيو. اٿڻ جي ڪوشش ۾ سندس ٻه شاخي لٺ به ڀڄي پيئي ۽ هن ڳوڻ وانگر اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو. ڪجهه دير کان پوءِ هن ۾ ڪجهه همت پيدا ٿي، ليڪن سندس پيرن ۾ ڪجهه ٿي چڪو هو ۽ اهي هڪ پل لاءِ به سندس بوجهه برداشت ڪري نٿي سگهيا. هو نيٺ هڪ وڻ کي جهلي، ان جي سهاري اٿي بيهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر هو هڪ قدم به کڻي نه سگهيو. انتهائي ڪمزوريءَ ۽ سور جي نئين سوٽ جي شدت کان ساڻو ٿي ٻيهر زمين تي ڪري پيو. +ڇا هي آخري گهڙيون آهن؟ ڇا آءٌ هتي ئي وڻن جي ڇانو ۾ مري ويندس؟ هتي ته جهنگلي جانور منهنجي لاش جي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي ڇڏيندا. باقي فقط هڏ وڃي بچندا. شايد منهنجو لاش به ڪنهن کي هٿ ڪونه ايندو. ڪير به ان کي دفن ڪري نه سگهندو. ڪمزوريءَ جي شديد احساس کيس ڏاڍو نااميد ڪيو هو ۽ هو مايوس ٿي زمين تي ڪري پيو. ليڪن پري ڪٿي توپن جي گجگوڙ ٿي رهي هئي. اتي زبردست جنگ ٿي رهي هئي، جتي هن جا پنهنجا ماڻهو هئا. ڇا هو هي آخري اٺ ڏهه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ جي سگهه به نه ٿو ساري سگهي؟ +توپن جي گجگوڙ منجهس نئون حوصلو پيدا ڪيو ۽ آخرڪار هو هٿن ۽ گوڏن جي مدد سان جانورن وانگر اڳتي سرڻ لڳو. هن طرح هلڻ کيس ڏاڍو آسان لڳو. پيرن تان بوجهه ختم ٿي ويو هيس، تنهن ڪري منجهن گهٽ تڪليف ٿي ٿي ۽ هو هٿن ۽ گوڏن ڀر تڪڙو به هلي ٿي سگهيو. انهيءَ احساس جي ڪري منجهس خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ هن ذري گهٽ روئي ڏنو. هن زور سان چيو، ڄڻ هو ڪنهن اهڙي ٻئي شخص کي آٿت ڏيئي رهيو هجي، جيڪو بنهه همت هاري چڪو هجي ۽ جنهن کي ان طرح سان اڳتي وڌڻ جو ذرو به يقين نه هجي. +”پرواهه ناهي يار جاني، هاڻ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو!“ +هڪ مقرر منزل طئي ڪرڻ کان پوءِ اليڪسيءَ پنهنجا هٿ ٻغلن ۾ لڪائي گرم ڪيا. پوءِ گسڪندو هڪ ننڍي وڻ وٽ آيو ۽ ان مان ٻه چورس ٽڪرا ڪاٽي هٿن تي ٻڌڻ جو بندوبست ڪيو. سندس اوني اسڪارف مان پٽيون ٺاهي هٿ جي ترين تي ڪاٺ جا ٽڪر ٻڌائين. کاٻي هٿ کي ته چڱي طرح اڳڙيون ويڙهي مضبوط ڪري ڇڏيائين، باقي ساڄي هٿ کي وات جي مدد سان مڙيئي اڀرو سڀرو ٻڌائين. بهرحال، هن هٿن ۾ ”جُوتا“ پاتا هئا ۽ هو پنهنجي سفر تي روانو ٿي ويو. هاڻي هن کي هلڻ زياده آسان لڳو. اڳئين منزل تي هن پنهنجي گوڏن تي به وڻ جي ڇوڏيءَ جا ٽڪر ٻڌي ڇڏيا. ٻنپهرن تائين جڏهن ڪافي گرمي ٿيڻ لڳي هئي، هن ڪافي پنڌ ڪري ورتو هو. تڏهن جنگ جو آواز زياده چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. شايد انهيءَ هنڌ کي هو ويجهو پهچي رهيو هو. +جڏهن هو دٻڻ مان لنگهي رهيو هو، جتي پگهريل برف ۽ ڪٿي ڪٿي گاهه جا ٻوٽا اڀريا بيٺا هئا ته اتي کيس هڪ ٻي نعمت نصيب ٿي. هن ڏٺو ته اتي موجوده ٻوٽن ۾ واڱڻائي رنگ جا گول گول ميوا موجود آهن، جيڪي کٽي مٺي رس سان ٽمٽار آهن. اليڪسيءَ ڪنڌ هيٺ جهڪايو ۽ چپن جي مدد سان هڪ ميوو وات ۾ وڌائين ۽ پوءِ جلدي جلدي هڪ کان پوءِ ٻيو ۽ اهڙي طرح هو ميوو کائڻ ۾ جنبي ويو. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ هن کي پهريون ڀيرو سچ پچ مزي جهڙي شيءِ کائڻ لاءِ ملي هئي. هو گاهه جي هڪ جهڳٽي کان ٻئي تائين وڃي رڇ وانگر زبان ۽ چپن سان ميوا کائيندو رهيو. انهن جي کٽي ۽ مٺي رس کيس ايترو ته مزو ڏنو جو اصل کيس ڍؤ ئي ڪونه پئي ٿيو. هن الٽي ڪري وڌي، پر پوءِ به هو کائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. هن پنهنجي هٿن جا ”بوٽ“ لاٿا ۽ دٻو ميوي سان ڀرڻ لڳو ۽ لوهي ٽوپلو پڻ ڀريائين. ان کي ڏور سان پنهنجي جسم سان ٻڌي اڳتي روانو ٿي ويو. +رات جو هن گسڪي فر جي هڪ پراڻي وڻ هيٺ پناهه ورتي. گڏ ڪيل ميوو کاڌائين ۽ سمهي رهيو. پر کيس مزيدار ننڊ ڪانه آئي. هو ذري ذري ڇرڪ ڀري اٿي ٿي ويٺو ۽ پستول ڪڍي چوڪس ٿي ٿيو. هو فقط پرهه ڦٽڻ مهل سمهي سگهيو هو. صبح جو هن ان وڻ جي چ‍ؤطرف لومڙيءَ جي پيرن جا نشان ڏٺا. هن شڪارين کان ٻڌو هو ته لومڙيءَ کي مرڻ واري جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي آهي، تنهن ڪري هوءَ ان جو پيڇو ڪندي آهي ته چئبو ته آءٌ به مرڻ وارو آهيان، تڏهن هيءَ منهنجي چوڌاري پئي ڦري. +”رڳو بڪواس آهي. ڪيڏي نه فضول ڳالهه ٿي لڳي! سڀ ٺيڪ ٿي ئي ويندو!“ هن پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ چيو ۽ هٿن توڙي گوڏن ڀر جهڪي رڙهڻ لڳو. +ان ڏينهن سندس قسمت جو ستارو ٻيهر چمڪيو. خوشبودار صنوبري ٻوٽن ۾ کٽمٺي رس وارا گول گول ميوا ڳوليندي ڳوليندي پنن ۽ ڪکن جي ڍڳ ۾ کيس هڪ ”ڄاهو“ هٿ اچي ويو. هو پنهنجي سموري سفر ۾ ڪنهن جانور يا پکي کي ماري، ان جو گرم گرم خون پيئڻ، گوشت کائڻ جي خواهش دل ۾ سانڍيندو پئي آيو. هن خنجر ڪڍي ”ڄاهي“ کي ڄيري ڦاڙي سندس رت پيتو ۽ گوشت ايتري ته بي صبريءَ سان کاڌو، ڄڻ پاڳل ٿي ويو هجي. هڪ پل لاءِ به هن اهو ڪونه سوچيو ته عام عقيدي موجب ”ڄاهو“ مردار جانور آهي. بس رڳو هن جي گوشت کائڻ جي تمنا پوري ٿي رهي هئي. جڏهن هن سمورو گوشت کائي دنگ ڪيو، ننڍيون وڏيون هڏيون چٻاڙي چوسي ختم ڪيائين، تڏهن سندس پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ کيس آسودگيءَ، گرميءَ ۽ غنودگيءَ جو احساس ٿيو ته وري کيس ڪتي جي گوشت جهڙي سڙاند ۽ ڪراهت جو به احساس ٿيو. +هن ٻيهر هر ڪنهن هڏيءَ کي جانچيو، چٻاڙيو ۽ چوسيو ۽ پوءِ برف تي ليٽي گرمي جو مزو وٺڻ لڳو. هو اتي ڪر سمهي رهي ها، پر کيس لومڙي جي غراهٽن چوڪس ڪيو ۽ اوچتو کيس اوڀر کان توپن جي گوڙ گهمسان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. +هن سموري ٿڪاوٽ کي اڇلائي کڻي ڦٽو ڪيو ۽ آرام جي ضرورت کي بنهه وساري ڇڏيو ۽ ٻيهر جهنگل جي گهرائين ۾ روانو ٿي ويو. +(11) +هو جنهن ڌٻڻ مان رڙهندو گذري رهيو هو، ان کان اڳيان هڪ ميدان هو، جنهن ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن وارو هڪ اڱڻ هو. ٿنڀا زمين ۾ کتل هئا ۽ انهن ۾ ٻٽيون تارون وڻن ۽ گاهه جي تاندورن سان ٻڌل هيون. انهن نشانن مان لڳو ٿي ته ويجهو ئي ڪٿي انساني آبادي ضرور هوندي. انهيءَ خيال ايندي ئي سندس دل خوشيءَ ۾ جهومڻ لڳي. ٿي سگهي ٿو ته هن ڏورانهين هنڌ به جرمن پهچي ويا هوندا ۽ جيڪڏهن پهچي به ويا هجن ته ڇا ٿي پيو؟ هن جا پنهنجا ماڻهو به ته اتي هوندا ۽ پڪ سان اهي هڪ زخمي ماڻهو کي پناهه ڏيندا ۽ سندس هر قسم جي مدد ڪندا. +اليڪسيءَ پنهنجي صحرائي سفر جي پڄاڻيءَ جو خيال دل ۾ آڻي، آرام ڪرڻ کان سواءِ ئي تکو تکو اڳتي رڙهڻ لڳو. هو رڙهندو رهيو ۽ رڙهندي رڙهندي سهڪڻ ٿي لڳو ۽ منهن ڀر برف تي ڪري ٿي پيو ۽ بيهوش ٿي ٿي ويو. هو دڙي تي پهچڻ لاءِ تيز تيز رڙهڻ لڳو. هن کي يقين هو ته دڙي جي ٻئي پاسي هو ان ڳوٺ کي ڏسي سگهندو، جيڪو سندس لاءِ بهشت هو ۽ سندس اجهو بنجڻ وارو هو. هن پنهنجي هر هڪ نس جو زور لڳائي آباديءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. آخرڪار هو ٿڙندو ٿاٻڙندو ۽ سهڪندو دڙي تي پهچي ويو. هن اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪدم اکيون پوري ڇڏيائين. سندس سامهون ڪيڏو نه ڀيانڪ منظر هو! +ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه هو ته ڪجهه ڏينهن اڳي تائين هي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ هو. باقي رهيل نشانين مان بنهه ظاهر هو ته هتي گهر هئا، ٻهراڙي جا ماڻهو رهندا هئا. گهرن جي ڀتين تي چنبيلي جي ول جهومندي هئي. گهرن ۾ دونهي لاءِ ڇڏيل چمنين مان دونهون نڪرندو هو. پر هينئر اتي فقط اهڙا نشان هئا، جن مان رڳو اندازو لڳائي سگهيو پئي. پريان کوه تي چرخي لڳل هئي ۽ ان تي زنجير ۾ ٻڌل ڪاٺ جو ڏول هوا ۾ لڏي رهيو هو. ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ مهل اتي هڪ سهڻو محراب ٺهيل هو، جنهن جي هيٺان هڪ زنگيل لوهي ڦاٽڪ پنهنجي چُوڙ ۾ هوا تي آهستي آهستي چرپر جو آواز ڪڍي رهيو هو. +ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه هو. سڄو ڳوٺ ويران ۽ سنسان لڳو پيو هو. هڪ سهو اليڪسيءَ کي ڏسي ڊپ وچان ٽپ ڏيئي وٺي ڀڳو. سهو ڦاٽڪ وٽ پهچي پنهنجي پوين ٽنگن تي بيهي، ڪن اڀا ڪري پويان ڏسڻ لڳو. جڏهن هن ڏٺو ته هي وڏو ۽ عجيب قسم جو جانور سندس پٺيان پيو اچي، تڏهن ڇلانگ ڏيئي اجڙيل باغن ڏانهن ڀڄي ويو. +اليڪسي مشيني انداز ۾ اڳتي وڌندو رهيو. سندس وڌيل ڏاڙهي ۽ مڇن سان ڍڪيل ڳلن تي ٻه ڳوڙها ڳڙيا ۽ برف تي ڪري ان ۾ جذب ٿي ويا. هو ڦاٽڪ وٽ بيٺو ڦاٽڪ تي اڌ بچيل تي فقط ”ڪنڊر.......“ لکيل هو. هو آسانيءَ سان سمجهي ويو ته هن سرسبز ڳوٺ جي ٻارن لاءِ ڪنڊر گارڊن باغيچو ٺاهيو ويو هو. هو اڳيان وڌيو. اجڙيل باغيچي ۾ ويو. ٻارڙن لاءِ ٺهيل بئنچون پيل هيون. هو هڪڙي بئنچ تي ويٺو، پر سندس پٺيءَ جو ڪنڊو ڏڪڻ لڳو ۽ هو برف تي ليٽي پيو. +- سندس دل ڏاڍي اداس ٿيڻ لڳي. +بئنچ وٽ برف ڳري رهي هئي. برف اندران ڪاري زمين لياڪا پائي رهي هئي. اليڪسيءَ مٽيءَ جي مٺ ڀري، کيس ان مان بوسن ڇيڻن جهڙي وٿاڻ واري بوءِ اچڻ لڳي. +هن کي اندازو ٿيو ته هتي به ماڻهو رهندا هئا. انهن ڪڏهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جهنگ وڍي زمين هموار ڪئي هوندي. هر ۾ ڍڳا جوٽي کيڙ ڪئي هوندي، تَرڏنو هوندو، جهنگلي جانورن کان فصل بچايو هوندو. ايندڙ فصل تائين مشڪل سان ٻن وقتن جي مانيءَ جي فڪر ۾ ٻڏل زندگي - ۽ پوءِ سوويت دور ۾ هتي پئنچائتي فارم ٿيو ۽ ڳوٺاڻا هڪ بهتر زندگيءَ جا خواب ڏسڻ لڳا. کيتي ٻاڙيءَ جون مشينون آيون ۽ ان سان گڏ اطمينان ۽ آسودگي پڻ. شام جي وقت گلابي ڳٽن وارن ٻارڙن لاءِ ڳوٺ جي ماڻهن گڏجي باغيچو ٺاهيو. تنهن کان پوءِ ڪنهن ڪلب گهر، مطالعي جي ڪمري، پڪي رستي ۽ بجليءَ لاءِ سوچيو هوندو...... هينئر ان جاءِ تي هڪ ويران جهنگل ۽ بيابان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. اتي موت جهڙي ماٺ ڇانيل هئي. +جيئن جيئن اليڪسيءَ زياده ٿي سوچيو، تيئن سندس دماغ تيز ڪم ڪرڻ لڳو. سندس ڳوٺ ڪامي شين جو تصور اڀري سامهون آيو ـــــــ وانگا نديءَ جي ڪناري تي هيٺائين ميدان ۾ مٽي، گرد ۽ غبار سان اڏيل سندس ڳوٺ ڪامي شين – هڪڙو ننڍڙو شهر ڪامي شين....... اونهاري ۽ سرءُ جي موسم ۾ هيٺانهين ميدان جون تيز هوائون شهر کي جهنجهوڙينديون، مٽيءَ ۽ واري جا ڪڪر وسائينديون رهنديون هيون ۽ اتي جا رهواسي ڌوڙ ۾ اڇا ٿي ويندا هئا. ڪوٺين ۾، ورانڊي ۾ ۽ دوڪانن ۾ واري جا ڍير ٿي ويندا هئا. اکين ۾ ۽ وات ۾ واري جي ڪرچ ڪرچ پئي ٿيندي هئي. ڪامي شين جا رهواسي نسلن کان وٺي انهيءَ گرد ۽ غبار کي روڪڻ ۽ صاف ۽ شفاف هوا ۾ مزي سان ساهه کڻڻ جا خواب پيا ڏسندا رهيا هئا. اهو سندن خواب فقط سوويت سوشلسٽ ديس ۾ ئي پورو ٿي سگهيو هو. ڳوٺاڻا پاڻ ۾ گڏجي ويٺا، صلاح مشورو ٿيو ۽ واريءَ جي خلاف هڪ مهم جو آغاز ڪيو ويو. +هر ڇنڇر جي ڏينهن شهر جا سمورا ماڻهو، ننڍڙا توڙي وڏا، ٻار توڙي ٻڍا، مرد توڙي عورتون، ڪوڏرون، بيلچا، ڪهاڙيون وغيره کڻي نڪري ايندا هئا ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ شهر جي چوڪ ۾ پارڪ ۽ رستن جي ڪنارن سان وڻن جون قطارون لڳي ويون. هر طرف رنگ برنگي گلن جو قطارون ٺاهيون ويون هيون، جن جي خوشبوءِ سان جڏهن سمورو وايو منڊل واسجي ويو، تڏهن سڀني ماڻهن، جوانن توڙي پوڙهن ڪيتري نه خوشيءَ جو اظهار ڪيو.................... پوءِ هن پنهنجي تصور ۾ جنم ڀومي جي رستن تي جرمن سپاهين کي مارچ ڪندي ڏٺو، جيڪي وڻن کي ٻارڻ واسطي وڍي رهيا هئا. هن جو پنهنجو شهر دونهي ۾ گهريل هو، جتي سندس گهر هو، اتي هڪ ڀيانڪ چمني ڪنڌ کڻيو بيٺي هئي. +درد ۽ پيڙاهه کان سندس دل ڀور ڀور ٿيڻ لڳي. ”انهن کي هاڻي اڳيان وڌڻ نه ڏجي! جيسين اسان جي جسمن ۾ ساهه جي آخري هڏڪي به موجود آهي، تيستائين ساڻن وڙهندو رهڻ گهرجي. ان روسي سپاهي وانگر، جيڪو جهنگلي ميدان ۾ دشمنن جي لاشن مٿان ڪريو پيو هو.“ +اليڪسيءَ ان رستي تي رڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڳوٺ ڏانهن ويو ٿي. رک جي ڍڳن مان لاشن جي بدبوءِ اچي رهي هئي. ڳوٺ جهنگ کان به وڌيڪ ويران لڳي رهيو هو. اوچتو کيس هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. رستي جي موڙ وٽ، رُک جي ڍير وٽ کيس هڪ ڪتو نظر آيو، جيڪو ٿلهو متارو، وڏن ڪنن وارو گهريلو ڪتو ٿي لڳو. سندس چنبن ۾ گوشت جو ڪو شڪر هو، جنهن کي هو کائي رهيو هو. ڪتو، جنهن کي سڀني جانورن ۾ وفادار سمجهيو وڃي ٿو، اليڪسيءَ کي ڏسي ڏند ڪڍي گهِرڻ لڳو ۽ سندس اکيون ٻرڻ لڳيون. اليڪسيءَ پنهنجو پستول ڪڍيو. سندس وار ڪانڊارجي ويا. کيس ڪتي کان، جيڪو وحشي بگهڙ بنجي چڪو هو، ڊپ ٿيڻ لڳو. ڪجهه دير هو ٻئي هڪ ٻئي کي تڪيندا رهيا ۽ پوءِ ڪتي پڇ لوڏيو ۽ گوشت جو ٽڪر وات ۾ وجهي اتان ڀڄي ويو. +”ڀڄ، جيترو جلدي ٿي سگهي، هتان ڀڄي وڃ!“ اليڪسيءَ باقي سج جي ڪرڻن جي روشنيءَ جو فائدو وٺي، بنا ڪنهن سنئين گس جي، برف جي ڍيرن کان اڪري رڙهندو جهنگل ۾ هليو ويو ۽ بنا ڪنهن ارادي جي، ان طرف وڌڻ لڳو، جتان توپن جو آواز اچي رهيو هو. اهو آواز کيس چقمق وانگر ڇڪي رهيو هو ۽ هو جيترو آواز کي ويجهو ٿيندو ٿي ويو، اوتري ڪشش وڌندي رهي . +(12) +۽ اهڙي طرح ايندڙ ٻه ٽي ڏينهن اليڪسي رڙهندو رهيو. هن کي وقت جي ڪابه خبر نه ٿي پيئي. هر شيءِ هڪ بي اختيار جدوجهد ۾ گهيرجي ويئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کيس ننڊ اچي ويندي هئي، يا شايد بيهوش ٿي ويندو هو. هو رڙهندي رڙهندي سمهي پوندو هو. پر اوڀر طرف کيس جيڪا قوت ڇڪي رهي هئي، سا ايتري ته زبردست هئي جو هو ان بيهوشيءَ، ننڊ ۽ خود فراموشيءَ ۾ به رڙهندو رهندو هو. ايتري قدر جو هو ڪنهن وڻ سان وڃي لڳندو هو يا برف تان ترڪي ڪنهن کڏ ۾ وڃي ڪرندو هو. سندس سموري قوت ارادي ۽ سندس سمورا اڻ چٽا خيال فقط هڪڙي نقطي تي جمع ٿي ويا هئا، رڙهندو رهه، هر قيمت تي اڳيان وڌندو رهه ۽ بس! +رستي ۾ هو هر ٻوٽي کي ان اميد سان ڏسندو هو ته من منجهس ڪو ’ڄاهو‘ ويٺل هجي. برف ۽ گاهه هيٺان جيڪي کٽمٺڙا ميوا ملندا هئا، سي کائيندو هو. هڪ ڀيري کيس رستي جي پاسي ۾ ماڪوڙين جو ديرو ڏسڻ ۾ آيو. ماڪوڙيون اڃا ستيون پيون هيون. اليڪسيءَ پنهنجو هٿ ان ڍير ۾ وڌو ۽ جنهن وقت واپس ڪڍيائين ته ماڪوڙيون هٿ تي چهٽيل هيون. هو انهن ڪيڙن کي شوق سان کائڻ لڳو ۽ انهن جي گهاٽي رس واري مادي مان کيس ڏاڍو مزو آيو. هن ٻيهر هٿ اندر وڌو ۽ پوءِ وري وري ائين ڪندو رهيو، تانجو ان حملي سڄي ديري ۾ هنگامو پيدا ڪري ڇڏيو. موٽ ۾ انهن ماڪوڙين به کيس هٿن، چپن، وات ۽ منهن تي چڪ پائڻ شروع ڪيا. اهي سندس وردي ۾ گهڙي ويون. پر کيس اهي چڪ به خوشگوار لڳا. انهن ماڪوڙين کيس مال مليدي ۽ سيري مال پَڙي جو ڪم ڏنو. کيس اُڃ لڳي. هن هڪ کڏي ۾ گڏ ٿيل ڀوري رنگ جو پاڻي ڏٺو. هو پاڻي پيئڻ لاءِ ليٽي پيو، پر هڪدم پري هٽي ويو. ڪاري پاڻيءَ ۾، نيري آسمان جي عڪس ۾ کيس هڪ انتهائي ڀيانڪ چهرو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ڏانهس گهوري رهيو هو. هو هڪ هڏين جي پڃري جو چهرو هو، جنهن تي ڪاري چمڙي چڙهيل هئي ۽ جيڪو ميرن گدلن، سوئن جهڙن وارن سان ڍڪيو پيو هو. اکين جي جاءِ تي ڄڻ ٻن وڏين کڏن مان ٻه گول گول، وحشت کان چمڪندڙ اکيون لياڪا پائي رهيون هيون ۽ مٿي جا چڳيل وار سندس منهن تي پئجي رهيا هئا. +”ڇا هي آءٌ آهيان؟“ اليڪسيءَ پنهنجو پاڻ کان پڇيو ۽ پاڻ کي ٻيهر ڏسڻ جي ڊپ کان هن پاڻي به ڪونه پيتو ۽ برف کڻي وات ۾ وڌائين ۽ وري به ان زبردست چقمقي ڇڪ جي اثر هيٺ هو اوڀر ڏانهن رڙهڻ لڳو. +ان رات هن بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيل کڏ ۾ ترسڻ جو ارادو ڪيو. ان کڏ جي تري ۾ هن کي سڪو�� ۽ آرام مليو، ڇاڪاڻ ته ان کڏ ۾ هوا جو گذر ڪونه هو. +صبح جو اليڪسي اٿيو ته کيس اڃا به وڌيڪ ڪمزوري محسوس ٿي. هن چيڙ جا ڇوڏا به ڪونه چٻيا، جن جو ڍڳ سندس ورديءَ ۾ موجود هو. هن ڏاڍي تڪليف سان پاڻ کي زمين کان الڳ ڪيو، ڄڻڪ رات هو زمين سان چهٽي پيو هو. هن پنهنجي ڪپڙن، ڏاڙهي ۽ مڇن تان برف ڇنڊڻ کان سواءِ ئي کڏ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس هٿ کڏ جي ڪناري تان ترڪيو ٿي ويا ۽ هو ٻاهر نڪري نه سگهيو. هن ور ور ڏيئي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري هو کڏ جي تري ۾ وڃيو ٿي ڪريو. هاڻ سندس همت جواب ڏيڻ لڳي ۽ ڪمزوري مٿس ڇانئجڻ لڳي. نيٺ اها ڳالهه سوچي ته ڪنهن ماڻهوءَ کان سواءِ هو هتان ٻاهر نٿو نڪري سگهي، هو ڏڪي ويو. انهيءَ خيال کيس هڪ ڀيرو ٻيهر مٿي چڙهڻ تي مجبور ڪيو، پر هو مشڪل سان ٿورو مٿي آيو ته وري به ترڪي ڪري پيو ۽ بي حال ۽ بيوس ٿي کڏ ۾ پئجي رهيو. +”بس قصو ختم ٿيو. هاڻي سڀ ٺيڪ آهي.“ +هو ويڙهجي سيڙهجي کڏ ۾ ويهي رهيو. کيس هڪ خوفناڪ سڪون ۽ اطمينان جو احساس ٿيو، جنهن ان چقمقي عمل کي درهم برهم ڪري ڇڏيو ۽ سندس اٽل ارادي کي مفلوج ڪري ڇڏيو ۽ اهو احساس سندس نس نس ۾ داخل ٿي ويو. هن بي خياليءَ مان مروٽيل خط کيسي مان ڪڍيا، پر پڙهڻ جي قوت به منجهس ڪانه رهي هئي. هن ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڇوڪري جي تصوير ڪڍي، جيڪا چيٽ جي فراڪ ۾ گاهه جي ميدان تي ويٺي هئي. هن هڪ غمناڪ مسڪراهٽ سان تصوير کان پڇيو: +”ڇا واقعي اڄ الوداع آهي؟“ ــــــــــ ۽ هڪدم هو ڏڪي ويو ۽ هو تصوير کي ٻيهر هٿن ۾ جهلي خاموش ويهي رهيو. هن کي محسوس ٿيو ته جهڙوڪر هن پاري جهڙي ٿڌي هوا ۾ جهنگل مان هڪ ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي ورتو هو. +هُن يڪدم سستيءَ کي ڀڄائي ڪڍيو. هن اهو آواز سڃاڻي ورتو هو. اهو آواز ”ايل – 16“ جنگي جهاز جو هو. هو اهو ئي ته جهاز اڏائيندو هو. انجڻ جو گوڙ ويجهو ۽ تيز ٿيندو ويو. هوا کي تيزيءَ سان ڪاٽيندي جهاز جو آواز ڪيڏي مهل سينڍ وانگر ٿي پي ويو ته ڪنهن وقت رخ موڙڻ مهل هڪ ڪنجهڪار وانگر ٿي لڳو. نيٺ آسمان جي وسعتن ۾ اليڪسيءَ اهو جهاز به ڏٺو، جيڪو ڌنڌ ۾ ڪنهن وقت لڪي ويو ٿي ته ڪنهن وقت ظاهر ٿي ٿيو. ٺيڪ سندس مٿان جهاز لامارو ڏنو ۽ چڪر ڪاٽي ڏور هليو ويو. پوءِ جلدي ئي جهاز جو گوڙ به ختم ٿي ويو، پر ڪيتري دير کان پوءِ به اليڪسيءَ سمجهيو ته هو اڃا تائين اهو لطيف سينڍ جهڙو آواز ٻڌي رهيو آهي. +هن تصور ئي تصور ۾ پاڻ کي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ ڏٺو. کن پل ۾ هو پنهنجي جهنگل واري هوائي اڏي تي پهچي سگهيو پئي. هن جهاز ۾ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ شايد اندر ئي ديگتيارنيڪو هجي ۽ صبح سويري پيٽرولنگ ڪري رهيو هجي. اهڙن موقعن تي هو دشمنن سان مٺ ڀيڙ ٿيڻ جي اميد ۾ بنهه بلنديءَ تي جهاز اڏائيندو هو......... ديگتيارنيڪو........ هوائي جهاز........ ساٿي، +اليڪسيءَ جي جسم ۾ قوت جو هڪ تازو طوفان اٿيو ۽ هن کڏ جي برفيلي ديوار کي ڏٺو. ”آءٌ هن طرح ته ڪڏهن به نڪري ڪونه سگهندس.“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. ”پر آءٌ هتي ويٺو ويٺو موت جو انتظار به ته نٿو ڪري سگهان!“ هن خنجر ڪڍيو ۽ ڄميل برف کي خنجر سان ۽ واريءَ کي ننهن سان کوٽي کڏ جي ديوار ۾ پير رکڻ جي جاءِ ٺاهڻ لڳو ته جيئن ان جي مدد سان ٻاهر نڪري سگهي. پر هو ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو هو جو خنجر جو ڌڪ بنهه آهستي ٿي لڳو ۽ آڱرين جا ننهن به رتو رت ٿي پيا. آخرڪار هو ٻاهر نڪري آيو. کيس تمام گهڻي تڪليف ٿي ۽ زخم رسيا، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به سندس ڪنن ۾ اڃا جهاز جو آواز گونججي رهيو هو. هن بيحد مشڪل سان پاڻ ۾ قوت گڏ ڪئي ۽ ان پاسي رڙهڻ لڳو، جتان جهاز جو آواز اچي رهيو هو. +(13) +ليڪن رڙهڻ ۾ کيس انتهائي دشواري محسوس پئي ٿي. سندس ٻانهون ڪنبڻ لڳيون ٿي ۽ جسم جو وزن جهلي نٿي سگهيون. ڪيترا ڀيرا سندس منهن وڃيو ڳرندڙ برف تي ٿي لڳو. ائين ٿي لڳو ته زمين جي ڪشش جي قوت ۾ ڪئين ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ بنهه ناممڪن ٿي پيو آهي. اليڪسيءَ جي دل گهڻو ئي چاهيو ٿي ته ليٽي پوي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ کن ته آرام ڪري وٺي، پر اڄ اڳتي وڌندو رهڻ جو عزم ته جنون جي حد اختيار ڪري چڪو هو. ان ڪري هو رڙهندو رهيو ۽ رڙهندو ئي رهيو. هو ڪريو ٿي، اٿيو ٿي ۽ وري رڙهيو ٿي. هن کي هاڻي نه ته بک جو احساس هو ۽ نه ئي درد ۽ پيڙا جو. هن کي ڪابه سڌ ڪانه ٿي پيئي. هن کي توپن ۽ مشين گن جي گوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. +جڏهن سندس ٻانهن رڙهڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو، تڏهن هن ٺونٺين سان سرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ائين ڪرڻ انتهائي اذيت ناڪ هو. پوءِ هو پاسي ڀر گلاٽيون کائڻ لڳو. ها، هن طرح ڪجهه نمونو ٿي ويندو. هن ڏٺو ته هر هر گلاٽيون کائڻ رڙهڻ کان وڌيڪ آسان هو ۽ ان طرح گهڻي ٿڪاوٽ ڪانه ٿي ٿي. پر ائين ڪرڻ سان سندس مٿو ڦري ٿي ويو ۽ هو بار بار بيهوش ٿي ٿي ويو. کيس تمام گهڻي دير ترسڻو ٿي پيو ۽ ويهي زمين، آسمان ۽ جهنگل جي ناچ جي رڪجڻ جو انتظار ڪرڻو ٿي پيو. +هتي لطيف جو بيت +ايندو +هاڻي گهاٽو جهنگل ختم ٿي رهيو هو ۽ هنڌ هنڌ تي صاف حصا ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جتان وڻ وڍيا ويا هئا. اليڪسيءَ هاڻي ان پاسي بلڪل ڪونه ٿي سوچيو ته هو پنهنجن ماڻهن ۾ پهچي به سگهندو يا نه؟ هن پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته جيستائين منجهس ذرو به قوت موجود آهي، تيستائين هو ان طرح گيلاٽيون کائيندو اڳتي وڌندو رهندو. جيڏي مهل هو ان خوفناڪ ٿڪاوٽ کان بيهوش ٿي ٿي ويو، جنهن جي تڪليف کان سندس ڪمزور جسم جو انگ انگ ڏکي رهيو هو، تڏهن به سندس ٻانهون ۽ جسم خود بخود گيلاٽين کائڻ جو هي ڏکيو ڪم پورو ڪري رهيا هئا ۽ هو برف ۾ گسڪندو ٿي رهيو توپن جي گوڙ ڏانهن، اوڀر ڏانهن. +اليڪسيءَ کي ياد ڪونه هو ته هن اها رات ڪيئن گذاري هئي ۽ اڳئين صبح جو هن ڪيتريون منزلون طئي ڪيون هيون؟ هرشيءِ هڪ نيم خود فراموشيءَ جي انڌيري ۾ گم ٿي ويئي هئي. پوءِ اوچتو هن کي هڪ غير معمولي آواز پنهنجي خود فراموشيءَ واري حالت مان سجاڳ ڪيو ۽ کيس هوش اچي ويو! هو ويهي رهيو ۽ چؤطرف جائزو وٺڻ لڳو. هو جهنگل جي هڪ صاف حصي ۾ هو، جتان وڻ وڍي ڇڏيا ويا هئا. هر طرف اُس چمڪي رهي هئي. ٻنپهرن جو سج آسمان ۾ بلند هو ۽ کونئر ۽ صنوبر جي خوشبوءِ برف جي گهميل هوا ۾ رچيل هئي. مٿي....... تمام مٿي هڪ چڪور ڳائي رهيو هو. +هڪ ناقابل بيان خطري جي احساس کان اليڪسيءَ چوڌاريءَ نگاهه ڊوڙائي. جهنگ جو هي حصو تازو صاف ڪيو ويو هو. ڪي وڻ ته بنهه هينئر وڍي ڪيرايا ويا هئا، ڇو ته سندن ٽاريون ۽ پن اڃا ساوا ۽ تازا هئا. ساڳئي وقت جتي جتي وڻن کي وڍ آيل هئا، اتان کونئر ماکيءَ جي لار وانگر ڳڙي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ته جرمن پنهنجن مورچن لاءِ ڪاٺ وڍيندا هجن. ان صورت ۾ ته خير انهيءَ ۾ آهي ته ڀڄي جند ڇڏائجي، متان جرمن ڪاٺيارا پهچي نه وڃن. پر هن پنهنجي جسم کي بي جان، ڳرو ۽ سخت پيڙا ۽ اذيت ۾ گهيريل محسوس ڪيو. منجهس چرڻ جي طاقت ئي ڪانه رهي هئي. +ڇا آءٌ ساڳئي طرح رڙهندو رهان؟ جهنگ ۾ رهڻ جي ڪري منجهس هڪ خاص حس پيدا ٿي پئي هئي، جنهن کيس هوشيار ڪري ڇڏيو هو. هو ڏسي نٿي سگهيو، پر پوءِ به هن محسوس ڪيو ته ڪو ته آهي، جيڪو مسلسل سندس نگراني ڪري رهيو آهي. ڪير هوندو؟ جهنگ ۾ ماٺ ڇانيل هئي. آسمان ۾ هڪ چڪور پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ ڳائي رهيو هو. ڪاٺ ڪُٽي جي کٽ کٽ جو آواز پئي آيو، ڪي جهرڪيون وڻن جي ٽارين تي پاڻ ۾ وڙهي پيون هيون. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به اليڪسيءَ جي بدن جي نس نس ۾ اهو احساس سمايل هو ته ڪا شيءِ سندس جانچ ڪري رهي آهي. +وڻ مان هڪ ٽاري ٽڙڪي. هن مڙي ڏٺو. کيس نون ڄاول چيڙ جي وڻن جو جهڳٽو هوا ۾ لڏندو ڏسڻ ۾ آيو، پر ٻه ٽي ٽاريون اهڙيون به هيون، جن جي لڏڻ جو انداز هوا جي ڪري لڏڻ وارو ڪونه هو ۽ اتان کيس ڀڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ آئي، ماڻهن جي ڀڻ ڀڻ ـــــــــ جهڙي طرح ڪتي کي ڏسي سندس وار ڪانڊارجي ويا هئا، ساڳئي طرح سان هينئر به سندس لڱ ڪانڊارجي ويا. +هن هڪدم ورديءَ مان پستول ڪڍيو ۽ ٻنهي هٿن جي مدد سان گهوڙو چاڙهيو. ائين پئي لڳو ته گهوڙي چاڙهڻ جو آواز ٻڌي وڻن پٺيان ڪو حراسجي ويو هو. +”آهي ڇا، ماڻهو يا جانور؟“ اليڪسيءَ پنهنجو پاڻ کان پڇيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته ان جهڳٽي پٺيان ڪنهن کي پڇندي ٻڌائين ته ”ڇا هي ماڻهو آهي؟“ هي سندس وهم هو، سچ پچ روسي ٻولي ڳالهائيندي ڪنهن کي ٻڌو هئائين؟ ها، ڪنهن ڳالهائي ته روسي ٻولي! ۽ پڪ سان ڳالهائيندڙ روسي آهن. هو خوشيءَ ۾ چريو ٿي پيو؛ هڪ لمحو به نه سوچيائين ته اڳيان دوست آهن يا دشمن؟ ــــــــــ سندس وات مان رڙ نڪري ويئي. هن ٽپ ڏنو ۽ ان طرف رڙهيو، جتان آواز پئي آيو. پر هو هڪدم ڍيري ٿي ڪري پيو، جهڙوڪر کيس ڌڪو ڏيئي ڪيرايو ويو هجي ۽ سندس پستول برف تي ڪري پيو.......... + + + +(14) +اليڪسيءَ هڪ ڀيرو وري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. پر خطري جي احساس وري کيس هوش ۾ آندو. کيس پوري پڪ هئي ته ڪي ماڻهو جهڳٽي جي پويان لڪي کيس ڏسي رهيا آهن. نيٺ هن ڪنهن کي صاف چوندي ٻڌو ”ماڻهو آهي!“ هن پستول هٿ ۾ کنيو ۽ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو...... +بلڪل اوڏي مهل جهڳٽي جي پٺيان ڪنهن ٻار جو سهڪندڙ آواز ٻڌڻ ۾ آيو: +”اڙي، ڪير آهين تون؟ جرمن؟ سمجهي؟“ +اجنبي لفظن اليڪسيءَ کي هوشيار ڪري ڇڏيو، پر هڪڙي ڳالهه چٽي ٿي ته اهي لفظ ڪنهن روسي ٻارڙي چيا هئا. +”هتي ڇا پيو ڪرين؟“ ڪنهن ٻار جو آواز ٻڌائين. +”توهان ڪير آهيو؟“ اليڪسيءَ پڇيو، پر پنهنجي جهيڻي آواز تي حيران ٿي ويو. +”ڪوڙ نه ڳالهاءِ. تون اسان کي ڌوڪو نٿو ڏيئي سگهين. آءٌ ڪوهن کان ڏور جرمنن کي سڃاڻي سگهان ٿو. ڇا تون جرمن آهين؟“ +”۽ توهين ڪير آهيو؟“ +”اهو تون ڇو ٿو پڇڻ چاهين؟“ +”آءٌ روسي آهيان.“ اليڪسيءَ وراڻيو. +”تون اسان کي بيوقوف ٿو بڻائين...... اکين جو قسم تون فاشسٽ آهين!“ روسي ٻار جو آواز آيو. +”آءٌ روسي آهيان، روسي! هڪ هوا باز. منهنجي جهاز کي جرمنن ڪيرايو آهي.“ اليڪسيءَ کي يقين ٿي ويو ته وڻن پٺيان هن جا پنهنجا ماڻهو آهن، روسي ماڻهو! – تنهن ڪري هن ڪجهه لڪائڻ جي ضرورت ڪانه سمجهي. پر هنن کي هن تي يقين ڪونه پئي آيو. جنگ احتياط سيکاري ٿي. جڏهن کان هو سفر تي روانو ٿيو هو، تڏهن کان اڄ پهريون ڀيرو هو ايترو هيڻو ۽ بيوس ٿيو هو. هن محسوس ڪيو ته هو هٿ پير به چوري نٿو سگهي، نه هو سري سگهي ٿو ۽ نه ئي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي ٿو. هن جي مِٽُن مٿان ڪارين کڏن مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. +”ڏس ته سهي، هو روئي پيو!“ وڻن جي پٺيان آواز آيو. +”اڙي ٻڌين ٿو؟ تون روئين ڇو پيو؟“ +”آءٌ روسي آهيان، توهان وانگر روسي ۽ هڪ هواباز به.......“ +”ڪهڙي هوائي اڏي جو هواباز آهين؟“ +”پر توهين ڪير آهيو؟“ +”اهو تون ڇو ٿو پڇڻ چاهين؟ هان، جواب ڏي!“ +”مونچالو فسڪي هوائي اڏي جو هواباز آهيان. پر توهين منهنجي مدد ڇو نٿا ڪريو؟ٻاهر نڪري اچو. حيف اٿو! آءٌ پيو مران ۽ توهين پيا انگل ڪريو......“ +”ٻڌيئي، هو چوي ٿو ته هو مونچالو فسڪي هوائي اڏي جو هواباز آهي..... شايد سچ ڳالهائيندو هجي...... ۽ هو روئي به ته پيو......“ پوءِ هڪڙي هڪل ٿي. ”او هواباز! پنهنجو پستول پري اڇلي ڇڏ. پستول نه اڇليندين ته اسان ٻاهر ڪونه اينداسين ۽ ڀڄي وينداسين، سمجهيئي!“ +اليڪسيءَ پستول پري اڇليو، تڏهن ٻه ڇوڪرا ڊڄندا هٿ هٿ ۾ ڏيئي، ڀڄڻ لاءِ بلڪل تيار، آهستي آهستي اليڪسيءَ وٽ آيا. وڏي ڇوڪر وٽ هٿ ۾ ڪهاڙي هئي. سندس وار سنهڙا ۽ اکيون نيريون هيون ۽ صفا سنهڙو هو. ننڍي ڇوڪري جا وار ڳاڙها هئا. هو حيرت ۽ تجسس مان اکين ڇنڀڻ کان سواءِ وڏي ڇوڪري کان هڪ قدم پٺيان هلي رهيو هو ۽ آهستگي سان چئي رهيو هو: ”هيءُ ته روئي پيو. اڙي ها، سچ پچ روئي پيو. ڏس ته سهي، ويچارو ڪيترو نه اڀرو ٿي ويو آهي. رڳو سندس هڏن تي چمڙي چهٽل آهي!“ +وڏي ڇوڪري اڳيان وڌي پستول کي ٿڏو هڻي پري ڪيو ۽ پڇيو: +”تون چوين ٿو ته هواباز آهين. ڇا تو وٽ اهڙا ڪاغذ آهن؟ ڏيکار ته سهي!“ +”هتي ڪير آهن، پنهنجا ماڻهو يا جرمن؟“ اليڪسيءَ بي اختيار مسڪرائي پڇيو. +”مون کي ڪهڙي خبر؟ آءٌ ته هتي جهنگل ۾ رهندو آهيان. مون کي ته ڪوبه اطلاع ڪونه ٿو پهچائي.“ وڏي ڇوڪر ڏاڍي شان ۽ مدبرانه انداز ۾ جواب ڏنو. +اليڪسيءَ کي ڪاغذ ڏيکارڻا پيا. هن وردي ۾ هٿ وجهي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڪڍيو. آفيسر جي ڳاڙهي ڪارڊ ڇوڪرن تي جادوءَ جو ڪم ڪيو. +”ها ها، اسان جا ماڻهو هتي آهن. هو ٽن ڏينهن کان هتي آهن.“ هڪڙي ڇوڪري رڙ ڪري چيو. +”تون ايترو اڀرو ڇو ٿي ويو آهين؟“ ٻئي چيو. +”...... اسان جي ماڻهن هنن جي چڱيءَ ريت مرمت ڪئي آهي. هتي زبردست لڙائي لڳي هئي ۽ دشمنن جا تمام گهڻا ماڻهو مارجي ويا هئا، تمام گهڻا.“ +”....... ۽ ڀڳا ڪيئن ٿي، بنهه کُڙيون پئي ڪياڙيءَ سان لڳن. هڪڙو گهوڙي تي چڙهي وٺي ڀڳو، ٻه ڦٽيل هئا، تن ٻنهي گهوڙي جي پڇ ۾ جهليو ۽ ٽيون ان تي چڙهي ويٺو. تون جي ڏسين ها ته ڏاڍو مزو اچئي ها.....! هنن توکي ڪٿي ڪيرايو هو؟“ +ڪجهه دير تائين ٻنهي ڇوڪرن جي زبان قئنچي وانگر هلندي رهي، پر پوءِ کين اليڪسيءَ جي مدد ڪرڻ جو خيال آيو. اتان سندن ڳوٺ پنج ڪلوميٽر پري هو. وٽن ڪاٺين کڻڻ لاءِ جيڪا گاڏي هئي، سا بنهه ننڍي هئي، نه ته اليڪسي ان گاڏيءَ تي ماپي سگهي ها ۽ نه ئي وري هو ٻئي ان کي گهلي سگهن ها. نيٺ وڏي ڇوڪري ’سيريونڪا‘ سندس ننڍي ڀاءُ ’فيدي‘ کي چيو ته تون ڊوڙ پائي ڳوٺ وڃ ۽ آءٌ هتي رهي اليڪسيءَ جي حفاظت ٿو ڪريان. +اليڪسي چيڙ جي ٽاريخن ۽ پنن تي پيو، جهوٽا کائي رهيو هو. سندس اکيون اڌ پوريل اڌ کليل هيون. هو ڇوڪر جي بڪ بڪ ٻڌي رهيو هو، پر انهن مان ڪي چند لفظ ئي سندس پرسڪون گهل کي اورانگهي، سندس ذهن تائين پهتا. کيس پنهنجي مادري ٻولي ٻڌڻ سان ڏاڍي راحت پئي آئي. +”........ بابا پنچائتي فارم جو صدر هو ۽ جرمن ان کي مُکي چوندا هئا.“ اليڪسيءَ کي سيريونڪا جو ڳالهائڻ ڄڻ ڀت جي ٻئي پاسان ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ”انهن بابا کي ماري ڇڏيو. منهنجي وڏي ڀاءُ کي پڻ ماري ڇڏيائون. هو جڏو هو، هن جو فقط هڪڙو هٿ هو. سندس هڪڙو هٿ ان ڳاهيندي مشين ۾ چچرجي ويو هو ۽ پوءِ ڪٽي ڇڏيائونس. انهن اسان سڀني کي اهو خوني تماشو ڏسڻ تي مجبور ڪيو. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو. بابا سخت غصي ۽ ڪاوڙ مان انهن کي چيو هو: ”بدمعاشو، توهان کي هنن ڪرتوتن جي سيکت ضرور ملندي. توهين پنهنجي ڪئي تي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندؤ.“ +”......... هاڻي اسان گهر ۾ فقط ٽي ڄڻا آهيون. فيدڪا، امان ۽ آءٌ. منهنجي هڪ ڀيڻ به هئي. سندس نالو ’نيوشڪا‘ هو. اها سرءُ جي موسم ۾ مري ويئي. مرڻ کان اڳ هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين سُڄي دهل ٿي پئي هئي ۽ هڪ منهنجو ننڍڙو ڀاءُ به هو، سو به مري ويو. هاڻي بس اسان رڳو ٽي ڄڻا آهيون. جرمن وري ته ڪونه ايندا. هان تنهنجو ڇا خيال آهي؟ منهنجو نانو هاڻي صدر آهي. اهو چوي ٿو ته جرمن ڪونه ايندا. ڪڏهن مردا به ڀلا قبرن مان موٽي ايندا آهن؟ ليڪن امان ڊڄي ٿي. هوءَ هتان ڀڄي وڃڻ ٿي چاهي. اها چوي ٿي ته متان جرمن وري اچن....... هوڏانهن ڏس، نانا ۽ فيدڪا اچن پيا.“ +فيدڪا هٿ سان اشارو ڪري نانهس کي اليڪسي ڏيکاريو. گول ڪلهن وارو، ڊگهو پوڙهو ”نانا ميخائيل“ جنهن کي گهر جو سُبيل چتيڻ وارو ڪوٽ پاتل هو ۽ مٿي تي جرمن آفيسر جي ڊگهي ٽوپي پاتل هئس. سندس چهرو، سينٽ نڪولاس وانگر هو، جنهن مان ٻاجهه، محبت ۽ شفقت جو نور وسي رهيو هو. اهڙو ئي نورڳوٺ ۾ موجود ديوتائن جي تصويرن مان پڻ وسندو نظر ايندو آهي. ننڍڙي ٻار جهڙيون روشن روشن ۽ چمڪندڙ اکيون، نرم نرم سفيد ڏاڙهي ــــــــ نانا ميخائيل اليڪسيءَ کي هنڌان هنڌان چتين لڳل رڍ جي کل مان ٺهيل ڪوٽ ۾ ويڙهيو ۽ ڏاڍي تعجب مان ڀڻڪيو: ”ويچارو، الا ويچارو ڇوڪرو! ابا تون ته ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهين! رب منهنجي پناهه، تون ته مرڳو هڏن جو پڃرو وڃي بچيو آهين! ٻيو ڇا! هاءِ هيءَ نڀاڳي جنگ ماڻهن تي ڪيڏو نه عذاب ٿي آڻي. ڪيڏو نه ظلم آهي هي.“ +هن اليڪسيءَ کي تمام احتياط ۽ پاٻوهه مان کڻي برف واري گاڏي ۾ وڌو، ائين ڄڻ هو ڪو تازو ڄاول ٻار هجي. کيس هڪ رسي سان ٻڌائين، کن پن لاءِ سوچيائين ۽ پنهنجو ڪوٽ لاهي مٿانئس وڌائين ۽ ڪجهه حصو سرڪائي مٿي هيٺان رکيائين. پوءِ هو گاڏي جي اڳيان ويو ۽ بڪرم ۽ اڳڙين مان ٺهيل گاڏي جو جوٽڻو پنهنجي ڪنڌ تي رکيائين ۽ ٻنهي ڇوڪرن کي هڪ هڪ رسو ڏيئي چيائين: ”هلوـــــــ الله توهار!“ +(15) +اڳين ٻن ٽن ڏينهن تائين اليڪسيءَ کي ائين پئي لڳو، ڄڻ هو گهري ۽ گرم ڌنڌ ۾ گهيريل هجي. کيس پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ ڳالهين جي اڻ چٽي تصوير نظر پئي آئي. حقيقت، وهم ۽ گمان ۾ ٻڏي رهي هئي. گهڻو پوءِ کيس ايترو هوش آيو، جو هو حقيقي واقعن ۽ وهمن کي جدا جدا ڪري ڏسي سگهيو ٿي. +هي پناهگير ان گهاٽي جهنگل ۾ رهندا هئا. انهن جي خندقن مٿان ڍنگر پيل هئا ۽ انهن تي برف ڄمي پئي هئي، تنهن ڪري انهن کي ڳولڻ ڏاڍو مشڪل هو. جنهن ڏينهن اليڪسي اتي پهتو هو، فضا ۾ ڏاڍو سڪون ۽ شادابي هئي. +سڀني ماڻهن ــــــــ جن ۾ عورتون، ٻار ۽ ڪجهه پوڙها هئا، جڏهن ٻڌو ته نانا ميخائيل هڪ روسي هواباز کي هتي وٺي پيو اچي، جيڪو الائجي ڪيئن هيستائين پهتو آهي ۽ جيڪو فيدڪا جي چوڻ مطابق رڳو ”هڏين جو پڃرو“ آهي ته سڀيئي ان جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڊوڙي آيا. وڻن جي جهڳٽن مان جڏهن برف گاڏي “تروئيڪا“ نظر آئي ته سڀيئي عورتون ٻارڙن کي پري هٽائي گاڏي جي چوطرف ڦري بيهي رهيون ۽ پوءِ روئنديون اوڇنگارون ڏينديون، گاڏي سان گڏوگڏ هلنديون خندقن تائين آيون. سڀني عورتن جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ چتين لڳل هئا ۽ سڀئي عورتون هڪجهڙيون ۽ پوڙهيون ٿي لڳيون. خندقن اندر دونهي سندس سدا بهار چهرا ڪاراٽي سانورا بڻائي ڇڏيا هئا. نوجوان عورتن جي سڃاڻپ فقط سندن چمڪندڙ اکين جي جوت ۽ موتيءَ جهڙن ڏندن مان ئي ٿي سگهي ٿي. +”مايون، او مايون! آخر توهان هتي ميلو ڇو لڳايو آهي؟ هي ڪو تماشو ته ڪونهي. خدا جي واسطي گس کان ته پري هٽو. توهين ته بنهه ڪو رڍن جو ڌڻ ٿيون لڳو. ڀلا توهان کي ڇا ٻڌايان؟“ نانا ميخائيل جوٽڻي کي زور سان ڇڪيندي چيو. +عورتن جي هجوم مان اليڪسيءَ ڪجهه آواز ٻڌا: ”هاءِ ويچارو ڏکوئيل ڪيترو نه اڀرو آهي.“ ”بلڪل هڏين جو پڃرو آهي.“ ”چري پري ��ه نٿو سگهي.“ ”ڇا جيئرو آهي؟“ ”بيهوش آهي.“ ”هنکي ڇا ٿيو آهي؟“ ”اوهه، ڪيترو نه ڳري ويو آهي.“ ”بنهه ڪنڊا ٿي ويو آهي ويچارو!“ +انهن اڻ ڄاتل ۽ خوفناڪ تجربن جو خيال ايندي ئي عورتن تي ڪافي اثر پيو ۽ سندن حيرت وارا فقرا به ختم ٿيا، جن مان اليڪسي گذريو هو. هاڻي جيئن جيئن گاڏي خندقن ۽ لڪل ڳوٺ جي ويجهو پهچندي ويئي، تيئن ئي منجهن اهو بحث زور وٺندو ويو ته آخر اليڪسي ڪنهن جي گهر هلي؟ +”منهنجو گهر سُڪل آهي. هر طرف سڪل واري موجود آهي. اتي هوا به سٺي ٿي اچي........ ۽ مون وٽ هڪ چلهو به آهي.“ بندري قد ۽ کلندڙ – چمڪندڙ اکين ۽ گول چهري واريءَ هڪ عورت چيو. +”چلهو! توهين سڀ گهر ڀاتي ڪيترا آهيو؟ اتي جي بدبوءِ ئي توهان سڀني کي ٻيءَ دنيا جو سير ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي. هن کي مون وٽ رهڻ ڏيو نانا! منهنجا ٽي پٽ روسي فوج ۾ آهن ۽ مون وٽ ٿورو اٽو به بچت ۾ آهي، آءٌ هن لاءِ تمام مزيدار ماني پچائينديس.“ +”نه نه! هن کي مون وٽ رهڻ ڏيو. اسين پاڻ ۾ فقط ٻه ڄڻا آهيون ۽ اسان وٽ جاءِ به تمام گهڻي آهي. تون پنهنجي مزيدار ماني اتي ئي آڻي ڏجانءِ. هو ڪٿي به کائي، هن لاءِ ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي. ڪسيوشا ۽ آئون هن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪنداسون. توهين بي فڪر رهو. مون وٽ ڪجهه ٿڌي مڇي ۽ نانگ جون ٻوٽيون آهن....... آءٌ هن لاءِ مڇي ۽ نانگ جو شوروو ٺاهينديس.“ +”ڀلا مڇي مان هن کي ڪهڙو فائدو پهچندو، جڏهن ته هن جا پير قبر ۾ پيا لڙڪن؟ هن کي مون وٽ وٺي اچو نانا! اسان وٽ ڳئون آهي ۽ اسين هن کي ڍوَ تي کير پيارينداسين.“ +ليڪن نانا ميخائيل گاڏيءَ کي ڇڪيندو، پنهنجي خندق وٽ کڻي ويو، جيڪا ’زير زمين‘ ڳوٺ جي وچ ۾ هئي. +.......... اليڪسيءَ کي ياد پيو ته هو زمين اندر هڪ ننڍي ۽ انڌاريءَ خندق ۾ هڪ تختي تي ستل هو. ڀت تي هڪ مشعل لڳي پئي هئي، جنهن مان دونهين گاڏڙ روشني پئي نڪتي. پاسي ۾ هڪ ميز پيل هئي ۽ هڪ نازڪ، سهڻو سلوڻو چهرو به هو، جنهن کي مٿي تي ڪارو رومال ۽ بدن تي پوڙهين عورتن وارو لباس پاتل هو. سا هئي ”وار وارا“ نانا ميخائيل جي ننڍي ۾ ننڍي ننهن. ان سان گڏ کيس ميخائيل جو سفيد وارن جون لڙڪندڙ چڳن وارو مٿو پڻ نظر ايندو هو. +اليڪسي هڪ پٽاپٽي گاديلي تي پيو هو، جنهن ۾ پلال ڀريل هو. هو اڃا تائين رڍ جي کل واري اڳڙين پيل ڪوٽ ۾ ويڙهيل هو، جهن مان گهريلو قسم جي کٽاڻ ڀريل بوءِ اچي رهي هئي..... جيتوڻيڪ سندس سنڌُ سنڌُ سور ڪري رهيو هو، ڄڻڪ کيس سنگسار ڪيو ويو هجي ۽ سندس پير ٻري رهيا هئا، ڄڻڪ مٿن تتل سرون رکيون ويون هجن، پر پوءِ به ان طرح اتي پيو رهڻ ۽ اهو محسوس ڪرڻ ته هو محفوظ جاءِ تي آهي، هن لاءِ ڏاڍو خوشگوار هو. انهيءَ احساس ۾ ڏاڍي فرحت ۽ راحت هئي ته کيس هاڻي پنهنجي جاءِ کان چرڻ جي ضرورت ڪانهي يا ڪجهه سوچڻ جي ۽ هر وقت خبردار رهڻ جي ضرورت ڪانهي. +ڪنڊ منجهان چلهه مان دونهين جا ڪڪر بلند ٿي رهيا هئا. اليڪسيءَ کي ائين پئي لڳو ته نه رڳو دونهون، پر ان سان گڏ ميز، نانا ميخائيل جو مٿو ۽ وار وارا جو ڪومل جسم به هوا ۾ اڏامي ۽ جهومي رهيو هو. در کلڻ سان تازي هوا اندر آئي ته هن جون اکيون به کلي پيون. ميز وٽ هڪ عورت بيٺي هئي. هن پنهنجو ٿيلهو ميز تي رکيو هو. سندس هٿ ٿيلهي تي ئي رکيا هئا، ڄڻڪ هوءَ سوچي رهي هئي ته ”هي ته ختم ٿيو پيو آهي، ڇو نه ٿيلهو واپس کڻي وڃان!“ هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ وار وارا کي چيو ته: ”اچي وٺ، هن ۾ ٿوري سوجي آهي، جيڪا لڙائي کان اڳ جي آهي. مون اها پنهنجي ڪوستيونڪا لاءِ بچائي رکي هئي، پر هاڻي ته ان کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانهي. تنهن ڪري تون هن مان ڪجهه رڌي اليڪسيءَ کي کارائج.“ +هوءَ مڙي در ڏانهن ويئي ۽ پنهنجي غم سان سڀني کي متاثر ڪري ويئي. ڪو پاري ۾ ڄميل مڇيءَ جو ٻوڙ کڻي آيو ته ڪو چُلهه جي پٿر تي سيڪيل ماني کڻي آيو ۽ اهڙي طرح سڄو ڪمرو تازي مانيءَ ۽ ٻوڙ جي کٽي ۽ گرم خوشبوءِ سان واسجي ويو. +سيريونڪا ۽ فيدڪا به اندر مٽي آيا. هنن ٿوري کنڊ آندي هئي، جيڪا ماڻس موڪلي هئي. وڏي ڇوڪري نانا ميخائيل ڏانهن مڙي چيو ته ”اسين وري به ان تباهه ٿيل ڳوٺ ۾ ويا هئاسين. اسان کي هڪ لوهه جو ٿانو، ٻه صحيح سلامت ڪوڏاريون ۽ هڪڙي ڪهاڙي ملي، جيڪي ڪم اچي سگهن ٿيون.“ انهيءَ دوران فيدڪا ڀاڻس جي پٺيان بيٺو، لالچي نگاهن سان کنڊ کي تڪي رهيو هو ۽ ذري ذري ڦِيڻَ ڳهي رهيو هو. +پوءِ جڏهن اليڪسيءَ انهن سڀني ڳالهين تي غور ڪيو، تڏهن کيس انهن سوکڙين پاکڙين جي قدر ۽ قيمت جو اندازو ٿيو، جيڪي سندس لاءِ ڳوٺ وارن آنديون هيون. هن ڳوٺ ۾، جنهن جو چوٿون حصو سرءُ جي فاقن ۾ مري ويو هو ۽ جتي هڪڙو به اهڙو خاندان ڪونه هو، جنهن کي هڪ يا ٻن ڪونڌرن جي ڪُسڻ تي روئڻو نه پيو هجي. +”اڙي مايون! توهان املهه ماڻڪ آهيو. ٻڌين پيو اليڪسي، آءٌ ڇا پيو چوان؟ آءٌ چوان ٿو ته روسي عورت هڪ املهه ماڻڪ آهي. بس رڳو سندس دل موهڻ جي ضرورت آهي ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي آخري پونجي به توهان تي نڇاور ڪري ڇڏيندي ۽ جي ضرورت پئي ته پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندي. اسان جي عورتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڇا آءٌ غلط پيو چوان؟“ نانا ميخائيل اليڪسيءَ لاءِ آندل تحفا قبول پئي ڪيا ۽ ان قسم جون ڳالهيون به پئي ڪيون ۽ ڪم منجهه به لڳو ٿي رهيوــــــ لغام؛ گهوڙي جي جوٽڻي يا بوٽ جي مرمت ڪندو ٿي رهيو. ”۽ ڪم ۾ به اسان جون عورتون اسان کان پوئتي ڪونهن، بلڪ اسان کان به اڳتي آهن. بس مون کي جيڪا سندن ڳالهه پسند ڪانهي، سا آهي سندن زبان! +سندن اها ئي ڳالهائڻ جي عادت منهنجي موت جو سبب بنبي! جڏهن منهنجي زال انيسيا فوت ٿي هئي، تڏهن مون دل ۾ سوچيو هو ته: منهنجا الله! تنهنجو شڪر جو هاڻي مون کي سڪون نصيب ٿيندو. پر ڏسو ته سهي، خدا مون کي ان جي ڪهڙي سزا ڏني آهي. اسان جا سمورا مرد فوج ۾ وڃي ڪونه سگهيا، تنهن ڪري جرمنن سان وڙهڻ لاءِ باقي بچيل مرد ڇاپا مار جٿن ۾ شامل ٿي ويا ۽ مون کي پنهنجي گناهن جي سزا طور عورتن جو سردار بنايو ويو. جيئن هڪ جهنگلي ٻڪر رڍن جي ڌڻ ۾ اچي ڦاسندو آهي. آءٌ چوان ٿو ته هي ڪم ڏاڍو ڪٺن آهي.“ +اليڪسيءَ کي هن ڳوٺاڻي آباديءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون نظر آيون، جن تي کيس ڏاڍي حيرت ٿي. ”پلا وٺي ڳوٺ“ جي رهواسين کان جرمنن سندن سمورو گهرو سامان توڙي پوکي راهيءَ جو سامان، ڍور ڍڳا، ڪپڙا لٽا، بس هر اها شيءِ ڦري ٻهاري ويا هئا، جيڪا هنن ابن ڏاڏن کان محنت مزوري ڪري ميڙي چونڊي هئي ۽ هاڻي اهي ماڻهو جهنگ ۾ انتهائي ڏک ۽ تڪليف جي زندگي گذاري رهيا هئا. هنن کي هميشه اهو الڪو ٿي رهيو ته متان جرمن حملو نه ڪن. هو بک پئي مئا ۽ سيءَ ۾ پئي ٿڙڪيا، پر هنن پئنچاتي فارم کي تباهه ٿيڻ نه ڏنو. جڏهن نانا ميخائيل جي ناٺيءَ کي قتل ڪيو ويو هو، تڏهن هن پئنچاتي فارم جي صدر جو عهدو سنڀاليو ۽ تمام ايمانداريءَ سان ان کي نڀاهڻ لڳو. +سڀ لنگهڻ ويٺا هئا، پر پوءِ به هاري عورتون پنهنجو سمورو ان کڻي اچي گڏيل خندق ۾ گڏ ٿيون. اهو ان هنن ڳوٺ مان ڀڄڻ وقت پاڻ سان لڪائي آندو هو. هينئر اُن اَن جو داڻو داڻو جمع پئي ڪرايو ويو. انهن ڦرن جي تمام گهڻي سار سنڀال پئي ٿي، جيڪي جرمنن کان بچي ويندڙ ڍڳين ڄڻيا هئا. هي ماڻهو پيٽ بکيا هوندا هئا، پر پئنچاتي فارم جو ڍور ڍڳو ڪهي ڪونه کائيندا هئا. ڳوٺ جا ڇوڪرا سر تريءَ تي رکي تباهه ٿيل ڳوٺ ۾ ويندا هئا ۽ اتي مٽي ۽ رک جي ڍيرن ما اٿلائي پٿلائي هَر جو ڦار يا ڪم ڪار جون ٻيون شيون ڳولي کڻي ايندا هئا ته جيئن هو پئنچاتي فارم تي انهن جي مرمت ڪري کين ڪم ۾ آڻي سگهن. +نانا ميخائيل جيتوڻيڪ پنهنجن عورتن تي ڪاوڙبو ۽ کين چهڙون به ڏيندو هو، يا جڏهن ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ سڀ گڏجي سندس خندق ۾ اينديون هيون ته ڪنن تي هٿ رکي ڇڏيندو هو ۽ کين دڙڪو ڏيئي، ماٺ ڪرائيندو هو، پر پوءِ به هي سڀ ڳالهيون ٻڌندڙ مهمان جي خاموشي جو فاعدو وٺي هو ’عورت ذات‘ جي ساراهه ڪندو هو، جو سندن مانَ مرتبي ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيندو هو. +”ڏس اليڪسي، ڳالهه ڇا آهي؟ بس ڳالهه اها آهي ته عورت هر شيءِ کي ٻئي هٿ وجهي کڻي لڪائيندي آهي. ڇا آءٌ ٺيڪ ڪونه پيو چوان؟ هو ائين ڇو ٿيون ڪن؟ ان لاءِ نه ته ڪو عورت ڪنجوس ٿيندي آهي. نه هرگز نه! هوءَ ائين ان ڪري ٿي ڪري، جو کيس اها شيءِ وڻي ٿي. اها ئي ته ٻارن ٻچن کي کارائي پياري ٿي. توهان ڇا به چئو، پر گهر جو سمورو ڪاروبار عورت ئي هلائي ٿي. هاڻي ٻڌ ته هتي ڇا ٿيو هو. تون پاڻ به ڏسين پيو ته اسين زندگي ڪيئن پيا گذاريون. اسان مانيءَ جي ٽُڪر ڀور لاءِ ڪيڏا نه پريشان آهيون. اسين لنگهڻ پيا ڪاٽيون، پر هي قصو جنوري جو آهي. ڇاپا مارن جو هڪ دستو اسان وٽ آيو. اهي اسان جا سڃاڻو ڪونه هئا. اسان ٻڌو آهي ته اسان جا ماڻهو ته ’اولينن‘ جي ويجهو ڪٿي وڙهي رهيا آهن. هي دستو اسان لاءِ بنهه اڻواقف هو. هي ڪي ريلوي جا ڇاپا مار هئا. هنن چيو ته ’اسان بک پيا مرون.‘ هاڻي ٻڌاءِ، تون ڇا ٿو چوين؟ ٻئي ڏينهن انهن عورتن جا ٿيلها کاڌي سان ڀري ڇڏيا، سو به اهڙي وقت، جڏهن انهن عورتن جا سندا ٻار بک وگهي تڙپي مري رهيا هئا. ڪيئن! آءٌ صحيح پيو ڳالهايان نه؟ ها آءٌ بلڪل سچ پيو ڳالهايان. جيڪڏهن آءٌ ڪو وڏو فوجي ڪمانڊر هجان ها ته جرمنن کي ماري ڀڄائي ڪڍڻ کان پوءِ پنهنجي سڀني بهترين فوجن کي هڪ هڪ عورت جي سامهون قطارن ۾ بيهاري کين حڪم ڪريان ها ته مارچ ڪريو هن روسي عورت جي اڳيان ۽ کين سلامي ڏيو. بس آءٌ ته ائين ڪريان ها.“ +پوڙهي جون ڳالهيون اليڪسيءَ تي لوليءَ جو اثر ڇڏينديون رهيون ۽ هو سمهي ٿي پيو. ڪڏهن ڪڏهن سندس دل چاهيندي هئي ته کيسي مان خط ڪڍي پڙهي ۽ تصوير ڏسي، پر هو ائين به ڪري نه ٿي سگهيو. جڏهن نانا ميخائيل عورتن جي ساراهه ڪندو هو، تڏهن اليڪسيءَ کي ائين لڳندو هو، ڄڻ هو ورديءَ جي کيسي ۾ پيل خطن منجهان من موهيندڙ ڇهاءُ محسوس ڪري رهيو هجي. +نانا ميخائيل جي زبان هلندي گونگي ننهن ميز تي ويٺي ڪو نه ڪو ڪم ڪندي رهندي هئي. پهرين ته اليڪسي کيس ڪا پوڙهي عورت سمجهيو هو. شايد ميخائيل جي زال، پر پوءِ ويجهائپ ڪري هن کي خبر پئي ته هن جي عمر ته ويهن ٻاويهن سالن کان مٿي ڪانه هئي. هن جو هلڻ ڏاڍو وڻندڙ هو. هوءَ ڄڻ سونهن ۽ سندرتا جو انوکو نمونو هئي. هن ڏٺو هو ته هوءَ جڏهن به کيس خوفزده ۽ حيران نگاهن سان ڏسندي هئي ته پنهنجو پاڻ ڏڪي ويندي هئي ۽ ٿڌو شوڪارو ڀريندي هئي. ڄڻڪ لڙڪ پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي. ڪڏهن ڪڏهن رات جو اوندهه ۾ اليڪسي محسوس ڪندو هو ته ڪو ماڻهو روئي پيو ۽ پنهنجي سڏڪن کي لڪائڻ لاءِ وهاڻي ۾ چڪ هڻي سڏڪن جي آواز کي ٿمي رهيو آهي. +(16) +نانا ميخائيل وٽ اليڪسيءَ کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. صبح جو پوڙهي کيس چيو ته ” اليڪسي! تنهنجي جسم تي ته ٽولر پيا سُرن. ٽولر ته ڀيڻسان وٿاڻ جي گڏرن کان به خراب آهن ۽ توکي ته کنهڻ ۾ به ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. توکي ٻڌايان ته ڇا ڪرڻو آهي؟ آءٌ توکي وهنجاريندس. تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ توکي گرم گرم پاڻيءَ سان تڙ ڪرائجي، واهه واهه! ڏاڍو مزو ايندئي. آءٌ تنهنجو بدن ڌوئيندس. گرم ٻاڦ سان هڏن کي ڪجهه گرمي پهچندي. ڇا ٿو چوين؟ ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟“ +۽ هن وهنجارڻ جو انتظام ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. هن ڪنڊ واري چُلهي جي باهه ايتري ته تيز ڪري ڇڏي جو چلهه جا پٿر به ٽچڪڻ لڳا. خندق کان ٻاهر هڪ وڏو مچ ٻاريو ويو ۽ اليڪسيءَ کي پوءِ ٻڌايو ويو ته هڪ وڏو پٿر گرم ڪيو ويو. واريا ڪاٺ جي هڪ وڏي هوديءَ ۾ پاڻي ڀري ڇڏيو هو. سُنهري پلال زمين تي وڇايو ويو. تنهن کان پوءِ نانا ميخائيل رڳو لانگوٽي ٻڌي، چيلهه تائين اگهاڙو ٿي، جلدي جلدي ڪاٺ جي ننڍي بالٽي ۾ سوڊيم پوٽاش وجهي، وڻ جي کل مان وهنجڻ لاءِ موهرو ٺاهيو. پوءِ جڏهن خندق ايتري گرم ٿي ويئي جو مٿان ڍنگر مان پاڻيءَ جا ڦڙا ٽمڻ لڳا، تڏهن پوڙهو ٽپي ٻاهر نڪتو ۽ لوهه جي هڪ پتري تي تتل ڳاڙهو پٿر کڻي واپس آيو. هن اهو پٿر هوديءَ ۾ وڌو. ٻاڦ جو هڪ طوفان اٿيو ۽ ڇت تائين هليو ويو ۽ ڇت سان لڳي هر پاسي پکڙجي ويو. ڌنڌ ۾ ڪجهه به نظر نٿي آيو، پر اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته پوڙهي جا مضبوط ۽ چست هٿ سندس ڪپڙا لاهي رهيا هئا. واريا سُهرس جو هٿ ونڊائي رهي هئي. هن گرميءَ کان پنهنجو ڪپهه وارو ڪوٽ ۽ رومال لاهي پري اڇليا ته سندس گهاٽيون چوٽيون پٺن تي لڙڪڻ لڳيون، جن جو رومال ۾ ڪو تصور به نه ٿي ڪري سگهيو. هوءَ منٽ ۾ بدلجي ويئي هئي. هينئر هوءَ پوڙهي راهبه ڪانه لڳي رهي هئي، پر انتهائي نازڪ، وڏين وڏين اکين واري وڻندڙ ڇوڪري بڻجي پئي هئي. هيءَ تبديلي ايترو ته جلد ٿي هئي جو اليڪسيءَ کي پنهنجي اگهاڙپ تي ڏاڍو شرم اچڻ لڳو. +” اليڪسي پٽ، پرواهه نه ڪر.“ نانا ميخائيل سندس حوصلو وڌائيندي چيو. ”هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. تنهنجو هي ڪم ته اسان کي ئي ڪرڻو آهي نه. مون ٻڌو آهي ته فن لينڊ ۾ مرد عورتون گڏ وهنجندا آهن. ڇا واقعي سچ آهي؟ شايد گپوڙو هجي. ليڪن واريا هن وقت ڄڻ اسپتال جي هڪ نرس آهي ۽ هوءَ هڪ سپاهيءَ جو علاج ڪري رهي آهي. تنهن ڪري ان ۾ شرمائڻ جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. واريا، هن کي ٿورو سنڀالج، آءٌ سندس قميص ٿو لاهيان. خدا جي پناهه، قميص ته بلڪل سڙي پيئي آهي. هيءَ ته سڄي پرزا پرزا ٿي پئي آهي.“ +ان مهل اليڪسيءَ کي ان نوجوان عورت جي وڏين ڪارين اکين ۾ خوف نظر آيو. ان تباهيءَ ۽ حادثي کان پوءِ هن پهريون ڀيرو پنهنجو جسم ڏٺو هو، جنهن تي رڳو کل چڙهيل هئي. +پوڙهي چڱيءَ طرح اليڪسيءَ کي وهنجاريو. سندس جسم، جيڪو فقط هڏن جو پڃرو وڃي بچيو هو، ڏسي چيائين: ”رب منهنجا تون پناهه ڏي. اليڪسي! تنهنجي حالت ته ڏاڍي خراب آهي. سمجهئي! آءٌ چوان ٿو ته تون جرمنن جي چنبي مان ته بچي آيو آهين، پر ڇا موت کان بچي سگهندين.......؟ پر تون فڪر نه ڪر، تون ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ نه سوچ. پريشان نه ٿيءُ. اسان موت جي ديوَ کي دسي وجهنداسين، تنهنجو وار ونگو ٿيڻ نه ڏينداسين. تنهنجي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪنداسين. تنهنجي صحت ۽ تندرستي واپس آڻينداسين ۽ توکي بنهه ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڇڏينداسين. منهنجي چوڻ تي يقين ڪر.“ +واريا خاموشيءَ سان پوڙهي جو هٿ ونڊائي رهي هئي. هن ان خوفناڪ سيٽيل جسم کي ڪونه ٿي ڏٺو، جيڪو سندس ٻانهن جي گهيري ۾ هو. پر ڪيڏي مهل اوچتو سندس نگاهه ٻاڦ کي اورانگهي اليڪسيءَ تائين پهتي ٿي ته بدن مان سيسراٽ نڪريو ٿي ويس. هُن سوچيو ٿي ته هي هواباز، جيڪو خبر ناهي ڪيئن سندس گهر تائين پهتو آهي، ڪو اڻواقف ڪونهي. هو ته سندس پنهنجو ’ميشا‘ هو. هي ڪو اجنبي مهمان ڪونه هو، پر هي ته سندس گهر وارو ميشا هو، جنهن سان هن فقط هڪڙي بهار گڏ گذاري هئي. ويڪري ڇاتي وارو، مضبوط ڪلهن وارو، جنهن جي چهري تي ڀرون ايترا ته سنهري هئا جو سندن هجڻ يا نه هجڻ جي خبر ئي ڪانه ٿي پئي. سندس هٿ تمام وڏا ۽ مضبوط هئا ۽ هي اهو هو، جنهن جي دشمنن هيءَ حالت بنائي ڇڏي هئي. هي سندس پنهنجي ئي ميشا جو بيجان جسم هو، جنهن کي هوءَ ٻانهن ۾ جهليو بيٺي هئي. کيس خوف اچي ورايو ۽ سندس مٿو ڦرڻ لڳو، پر هوءَ پنهنجي چپن کي چڪ هڻي پاڻ کي ڪِرڻ کان بچائي رهي هئي. +ٿوري دير کان پوءِ اليڪسي پٽاپٽي گاديلي تي نانا جي چتين لڳل قميص پايو ليٽيو پيو هو. وهنجڻ کان پوءِ کيس سڄي جسم ۾ تازگي ۽ قوت محسوس ٿي رهي هئي. واريا کيس ڪاڙهو پياريو. هو فيدڪا ۽ ڀاڻس جي آندل کنڊ وات ۾ وجهي، چانهه جا ڍُڪ ڀري رهيو هو. پوءِ هو سمهي پيو ۽ اهڙي ته گهري ننڊ ستو جو خواب به وٽس ڪونه ٿي پهچي سگهيا. +جڏهن هو سجاڳ ٿيو، تڏهن کيس نانا ميخائيل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ماسي ’واسي ليسا‘ کي چئي رهيو هو: ”تون بنهه هڪ بيوقوف عورت آهين. تنهنجو دماغ ڪٿي آهي؟ يارهن ڏينهن تائين جنهن ماڻهوءَ ٻاجهر جو هڪ داڻو به وات ۾ نه وڌو آهي، تنهن جي لاءِ تو ڇا آندو آهي؟ ايترا سخت بيدا ٺاهي کڻي آئي آهين جو بس!“ پوءِ وري التجا ڪندي چيائين: ”هن کي بيدن جي ضرورت ڪانهي. توکي خبر آهي واسي ليسا ته هن لاءِ ڪهڙي شيءِ بهتر آهي؟ ڪڪڙ جو سٺو شوروو! ها، ان شيءِ سان هن جي جسم ۾ نئون ساهه پئجي ويندو. هاڻ تون اسان کي پنهنجي ’ڇاپي مار‘ آڻي ڏي ته......“ +”بس بس، نه هرگز نه. آءٌ ڪانه ڏيندس! قطعي ڪانه ڏيندس. مون کي چوڻ بيڪار آهي. پوڙها خبيث، وري مون کي ان باري ۾ نه چئجانءِ. هن کي پنهنجي ’ڇاپي مار‘ آڻي ڏيان! ڪڪڙ جو شوروو...... ڏسين نه ٿو ته ڳوٺ جي ماڻهن ڪيترو آڻي ڏنو آهي. ايترو راشن ته هڪ سڄي شادي لاءِ ڪافي آهي. اڃا به تون ڇا ٿو گهرين؟“ +”واسي ليسا! توکي عورتن وانگر وڏي واڪي ٽر ٽر ڪندي شرم اچڻ گهرجي. خود تنهنجا ٻه پٽ مورچن تي ويل آهن ۽ پوءِ به تون اهڙيون بيوقوفيءَ جهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين! هن ماڻهوءَ اسان لاءِ پاڻ کي معذور بنايو آهي، اسان لاءِ خون وهايو آهي.......“ +”مون کي هن جو خون نه گهرجي. منهنجي لاءِ منهنجا پٽ ئي پنهنجو رت وهائي رهيا آهن. مون کي وڌيڪ چوڻ جي ضرورت ڪانهي! مون چئي جو ڇڏيو ته آءٌ ڪڪڙ ڪانه ڏينديس ـــــــــ ۽ بس ڪانه ڏينديس.“ +اليڪسيءَ کان ڪنجهڪار نڪري ويئي. پوڙهو هڪدم ڏانهس وڌيو. واسي ليسا وڃي چڪي هئي. پوڙهي نانا چيو: ”ڇا تون ستل ڪونه هئين اليڪسي؟ ڇا تون سموريون ڳالهيون ٻڌيون آهن؟ پر اليڪسي! تون دل ۾ نه ڪجانءِ. هي لفظ ڇا آهن؟ کَلون آهن کَلون. انهن لفظن جي اندر وارو مغز تمام سٺو آهي. ڇا تون سمجهين ٿو ته هن کي ڪڪڙ سان واقعي ايترو پيار آهي؟ اليوشا! نه بلڪل نه. ائين ڪونهي. هي ڏهن ڄڻن جو هڪ ڪٽنب هو. جرمنن کي خبر پئي ته هن جو سڀ کان وڏو پٽ ڪرنل آهي. پوءِ هنن واسي ليسا جي سندن سڄو خاندان ختم ڪري ڇڏيو. گهر ساڙي ڇڏيائون. تون سمجهي سگهين ٿو ته ڪڏهن پوڙهيءَ جي هن عمر ۾ سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏجي ته ان جو مطلب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ هينئر وٽس فقط هڪڙي ڪڪڙ بچيل آهي. اليوشا! توکي ٻڌايان ته اها ڪڪڙ ڏاڍي چالاڪ آهي. پهرئين ئي هفتي ۾ جرمنن سڀني ڪڪڙين ۽ بدڪن جي صفائي ڪري ڇڏي. انهن کي ڪڪڙيون پسند آهن. پر هيءَ ڪڪڙ انهن کان بچي وئي. جيڏي مهل به جرمن ايندا هئا ته هيءَ ڪڪڙ ڀڄي لڪي ويندي هئي ۽ جڏهن هو هليا ويندا هئا، تڏهن ظاهر ٿيندي هئي. تنهن ڪري ڳوٺ وارا کيس ”ڇاپي مار“ سڏيندا آهن.“ +اليڪسي ننڊ ۽ جاڳ واري سرحد جي وچ ۾ بيٺو هو. بس سندس اکيون کليل هيون. ميخائيل خندق ۾ ڦري رهيو هو. هن وري به ساڳيو مسئلو ڇيڙيو: ” اليڪسي! تون هن عورت کي برو نه سمجهج منهنجا ڀاءُ. کيس سمجهڻ جي ڪوشش ڪج. هوءَ جهنگل جي هڪ وڏي گهاٽي وڻ وانگر هئي ۽ هاڻ سندس ڏار ۽ شاخون ڪٽجي ويون آهن، رڳو سڪل ٿڙ ئي وڃي باقي بچيو آهي ۽ هيءَ ڪڪڙ سندس دل تي آخري پهو آهي. تون ڪجهه ڳالهائين نٿو. ڇا ستو پيو آهين؟ چڱو سمهي رهه!“ +اليڪسي جاڳيو به پئي ته ستو به پيو هو. هو رڍ جي کل هيٺان پيو هو، جنهن مان مانيءَ جي بوءِ اچي رهي هئي. ان ننڊ ۽ جاڳ جي گهيرٽ ۾ کيس پنهنجي چوگرد واري زندگيءَ جو احساس هو، ڄڻڪ اها حقيقي زندگي ڪانه هئي، پر پردي تي ڪا فلم هلي رهي هئي، جيڪا ڄڻڪ خيالي به هئي ته ترتيب کان سواءِ به. +بهار جي موسم اچي چڪي هئي. ڳوٺاڻا ڏاڍا سخت ڏينهن ڪاٽي رهيا هئا. هنن کاڌي پيتي جون شيون جيڪي لڪائي رکيون هيون، سي آهستي آهستي ختم ٿي رهيون هيون. هاڻي بهار اچي ويو هو، برف پگهرجي رهي هئي، کين فصل پوکڻ ۽ ڀاڄين جا باغ لڳائڻ جو فڪر هو. +هڪ ڏينهن نانا ميخائيل خندق ۾ داخل ٿيو ته هو خوش به هو ته پريشان به. پاڻ سان هڪ سائي گاهه جو ٻوٽو کڻي آيو هو. اليڪسيءَ کي ڏيکاريندي چيائين: ”اليڪسي! ڏس ته سهي، آءٌ هينئر ٻنيءَ تان پيو اچان، زمين تان برف گم پئي ٿئي ۽ زمين جي آرهه مان سرءُ جي فصل جا سَلا پيا ڦٽن. بهار جو فصل ته اسان کان ويو، پر سرءُ جي فصل مان مڙيئي پيٽ ڀرڻ لاءِ داڻا ملي پوندا. آءٌ وڃيو ٿو عورتن کي ٻڌايان، ويچاريون ڏاڍو خوش ٿينديون.“ +ان رات نانا ميخائيل گهڻي دير تائين سمهي نه سگهيو. هو پنهنجي پلال واري هنڌ تي پاسا ورائيندو رهيو. ڪنهن وقت کنگهيائين ٿي ته ڪيڏي مهل بدن تي کنهيائين پئي ۽ ڪنهن ٽاڻي ڪنجهيو پئي. ٻه ٽي ڀيرا هو اٿيو ۽ اٿي پاڻي پيتائين. نيٺ هن کان برداشت ٿي نه سگهيو. هن اٿي بتي ٻاري ۽ اليڪسي کي ڇُهي ڏٺائين، جيڪو نيم بيهوشيءَ ۾ اکيون پٽيو پيو هو. +ان رات اليڪسيءَ جي حالت بنهه نازڪ ٿي ويئي هئي. نانا ميخائيل جيڪو کيس غسل ڏياريو هو، تنهن سندس سمورا حواس بحال ڪري ڇڏيا هئا. تنهن ڪري کيس انتهائي ٿڪاوٽ، هيڻائي، پيرن جي سور جي شدت بي حال ڪري وڌو هو. هو ٻري ۾ ٽهڪي، گاديلي تي پاسا ورائي، ڪنجهي ۽ ڏند ڪرٽي ڪنهن کي سڏي رهيو هو. هُو وڦلي رهيو هو ۽ ان وڦل ۾ هو ڪجهه مطالبا ڪري رهيو هو. واريا سڄي رات سندس پاسي ۾ ويهي گذاري ڇڏي. هوءَ سندس اُڀن گوڏن تي پنهنجي کاڏي رکيو پنهنجي وڏين وڏين گول اکين سان کيس سامهون گهوري رهي هئي. ٿوري ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڀنل ٿڌو ڪپڙو اليڪسيءَ جي نراڙ ۽ سيني تي رکيائين ٿي، جنهن کي اليڪسيءَ کڻي اڇلائي ٿي ڇڏيو ۽ هوءَ سمورو وقت پنهنجي دلبر مڙس جي باري ۾ سوچي رهي هئي، جنهن کي جنگ جي طوفان کڻي الائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ وڃي اڇليو هو. +پرهه ڦٽندي ئي پوڙهو اٿيو ۽ اليڪسيءَ تي هڪ نگاهه وڌائين، جيڪو ان مهل ننڊ جي گهيرٽ ۾ هو. هن واريا کي آهستي ڪجهه چيو ۽ پاڻ سفر جي تياري ڪرڻ لڳو. موٽر جي ٽائر مان پنهنجي هٿن سان ٺاهيل جوتو پيرن ۾ پاتائين، تاندوري سان چيلهه وٽ ڪوٽ کي چوڌاري ٻڌائين ۽ صنوبر جي هڪ وڏي لٺ هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪري ويو. + + +(17) +اليڪسيءَ جي حالت اهڙي هئي، جو کيس نانا ميخائيل جي وڃڻ جي ڪابه خبر ڪانه پئي. هو اڳيون سڄو ڏينهن بيهوش رهيو. ٽئين ڏينهن وڃي کيس هوش آيو. ان وقت سج مٿي چڙهي آيو هو. خندق ۾ ڪير به ڪونه هو. در وٽان واريا جي جهونگار ٻڌڻ ۾ پئي آئي. هوءَ ڪنهن ڪم ۾ رڌل هئي ۽ ڪو پراڻو گيت ڳائي رهي هئي، جيڪو هن جهنگلي علائقي ۾ تمام گهڻو مقبول هو. اهو گيت ’ريبي نا‘ وڻ جي باري ۾ هو. ريبي نا، شاهه بلوط جي وڻ ڏانهن وڃڻ لاءِ واجهائي رهي آهي، جيڪو ٿورو پري اڪيلو بيٺو آهي. اليڪسي اڳ به اهو گيت ڪيترا ڀيرا ٻڌي چڪو هو. اهي گيت اُهي ڇوڪريون ڳائينديون هيون، جيڪي هوائي اڏي کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ ڀر وارن ڳوٺن مان ٽولين ۾ اينديون هيون. هن کي گيت جي ڌن ۽ لئي ڏاڍي وڻندي هئي، پر هن اڄ کان اڳ ڪڏهن به گيت جي ٻولن تي ايترو غور ڪونه ڪيو هو؛ پر اهي ئي ٻول هن نوجوان، وڏين اکين واري عورت جي چپڙن مان ڪهڙي نه جذبي تحت ڦٽي رهيا هئا ۽ انهن ۾ نه رڳو شاعراڻو انداز هو، پر ايتري ته چقمقي ڇڪ ۽ تڙپ هئي، جو اليڪسيءَ کي ان گيت جي گهرائيءَ جي اڄ وڃي سڌ پئي. کيس خبر پئي ته واريا جيڪا ريبي نا جو وڻ هئي، سا پنهنجي شاهه بلوط لاءِ ڪيئن نه واجهائي رهي هئي. +........ پر ريبي نا جي نصيب ۾ اهو ڪونهي +ته هوءَ اڪــيــلي شـاهه بلوط سان ملي +سچ ته هن ويچاريءَ کي +صدين تائين برهه جي باهه ۾ اڪيلو جلڻو آهي. +واريا جڏهن ڳائي رهي هئي ته سندس آواز سان گڏ بي اختيار اکين مان لڙڪن جون لارون وهي هليون هيون. +اليڪسيءَ پنهنجي تصور ۾ ڏٺو ته هوءَ ٻاهر وڻن هيٺ ويٺل هئي ۽ انهن وڻن جي پنن ۽ ٽارين سان بهار جي اس کيڏي رهي هئي ۽ هن جون وڏيون وڏيون گول اکيون ڀرجي آيون هيون. انهيءَ تصور ايندي ئي اليڪسيءَ پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪندي محسوس ڪئي ۽ سندس دل ۾ انهن خطن ڏسڻ جي ـــــــ ها، پڙهڻ جي نه فقط ڏسڻ جي ــــــــ بي انتها خواهش پيدا ٿي. اهي خط، جن ۾ لکيل هر اکر کيس برزبان ياد هو. اهي خط، جيڪي سندس وردي جي کيسي ۾ پيا هئا. هن جي دل چاهيو ته هو ان نازڪ ڇوڪري کي ڏسي، جيڪا چراگاهه ۾ ڇيٽ جا ڪپڙا پايو ويٺي آهي. هن تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جو بي ستو هٿ گاديلي تي ڪري پيو. پوءِ هر شيءِ سرمائي رنگ جي اوندهه ۾ گم ٿيڻ لڳي، جيڪو انڊلٺ جي وڻندڙ رنگن جي دائرن ۾ هڪ وڏي بدنما داغ وانگر ٿي لڳو. انڌيري کان عجيب وغريب آواز اچي رهيو هو، ڄڻ ڪير اوندهه کي خنجر سان چيريندو هجي. انهيءَ اوندهه ۾ کيس ٻه آواز ٻڌڻ ۾ آيا ــــــــ واريا جو آواز ۽ هڪ ٻيو آواز ـــــــــــــــ ٻيو آواز ڪنهن ڄاتل سڃاتل پوڙهيءَ جو هو. ٻئي سرٻاٽن ۾ ڳالهائي رهيون هيون. +”ڇا هو ڪجهه به ڪونه ٿو کائي؟“ +”نه، هو ڪجهه کائي نٿو سگهي. ڪالهه هن ڪيڪ جو هڪ ٽڪر چٻاڙڻ چاهيو، پر سندس هينئون اچي خراب ٿيو ۽ کيس الٽي اچي ويئي. هن لاءِ اهو کاڌو ٺيڪ ناهي. هو رڳو ٿورو کير پي سگهي ٿو، تنهن ڪري اسين کيس ٿورو کير ڏيون ٿا.“ +”اچي؛ هي ڏس، مون ٿورو شوروو آندو آهي........ شايد ويچارو ڪجهه پي سگهي.“ +”ماسي واسي ليسا!“ واريا جي وات مان رڙ نڪتي. ”ڇا تو سچي پچي شوروو........“ +”ها، هي ڪڪڙ جو شوروو آهي. ڇو توکي تعجب ڇو پيو ٿئي؟ هيءَ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. هن کي جاڳاءِ، شايد ٿورو گهڻو پي وٺي.“ +اليڪسيءَ نيم بيهوشيءَ ۾ اهي سموريون ڳالهيون ٻڌي ورتيون. کيس واسي ليسا جي سموري خاندان ۽ ان اڪيلي ڪڪڙ جو قصو ياد آيو، جنهن تي ”ڇاپي مار“ نالو پئجي ويو. پوءِ هر شيءِ، پوڙهي عورت، واريا، ميز تي رکيل لوهه جي ٿانو مان نڪرندڙ مزيدار خوشبوءِ، سڀ شيءِ لڙڪن جي سمونڊ ۾ ترڻ لڳي. کيس پوڙهي عورت جي ڪڙي نگاهه نظر آئي، جيڪا بي پناهه رحم سان گڏ مٿس ڄميل هئي. جيڏي مهل هوءَ دروازي ڏانهن مڙي وڃڻ لڳي، تڏهن هو مشڪل سان چئي سگهيو: ”ناني! تنهنجي مهرباني.“ +دروازي وٽ پهچي ماسيءَ چيو: ”ان جي ضرورت ڪانهي. ان ۾ مهرباني ڪهڙي؟ منهنجا به ته ٽي پٽ محاذ تي وڙهي رهيا آهن. شايد انهن کي به ڪير شوروو ڏيندو هجي. پي منهنجا ٻچا، خدا ڪري ان مان توکي فائدو پهچي ۽ جلدي ٺيڪ ٿي وڃين.“ +”ناني! ناني!“ اليڪسيءَ اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر واريا کيس اٿڻ ڪونه ڏنو ۽ آهستي آهستي گاديلي تي ليٽائي ڇڏيائين. +”نانا ميخائيل ڪيڏانهن ويو آهي؟“ اليڪسيءَ پڇيو. ”هو ڪم سان ٻاهر ويو آهي. کيس ضلعي ڪميٽيءَ جي خبر لهڻي آهي ته اها ڪٿي آهي؟ هو ڳچ ڏينهن تائين ڪونه موٽندو، ليڪن تون هي شوروو پي وٺ. پي نه!“ +جڏهن اليڪسيءَ شروع وارا ٻه ٽي چمچا پيتا ته سندس بک جاڳي پئي ۽ هو پاڻ کي ڏاڍو بکيو محسوس ڪرڻ لڳو. سندس بک ايتري ته وڌي ويئي جو کيس پيٽ ۾ سور محسوس ٿيو. پوءِ به هن رڳو ڏهه چمچا شوروو پيتو ۽ ڪجهه گوشت جا ٽڪر چٻيائين، باقي زوريءَ هٽائي پري ڪيائين. کيس خبر هئي ته هن حالت ۾ وڌيڪ هڪ چمچو به سندس لاءِ زهر ثابت ٿيندو. شوروي معجزي جو ڪم ڪيو. اليڪسي کائڻ بعد سمهي رهيو. هاڻي کيس بي هوشي ڪانه هئي، پر گهري ننڊ هئس. ڪجهه دير کان پوءِ جاڳيو ۽ ٿورو گهڻو وري کاڌائين ۽ وري سمهي رهيو ۽ ڪا مهل ائين گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو، جو نه چُلهه جي دونهي کيس جاڳايو، نه ته عورتن جي گوڙ ۽ نه ئي وري واريا جي ڇهڻ تي جاڳيو، جنهن انهيءَ خيال کان کيس ڇهي پئي ڏٺو ته ڪٿي هو مري ته نه چڪو آهي. +هو زندهه هو ۽ ڏاڍي مزي سان گهرا ساهه کڻي رهيو هو. هو سڄو ڏينهن ستو، سڄي رات ستو ۽ يڪو ستو پيو هو. ڄڻ دنيا جي ڪابه طاقت کيس جاڳائي نٿي سگهي. +اڳين صبح جو سوير ئي جهنگ ۾ ڇانيل ماٺ کي چيريندي، پري کان آهستي آهستي ڪو شور ٻڌڻ ۾ آيو. اليڪسي ڇرڪي اٿيو. وهاڻي تان مٿو کڻي توجهه سان ٻڌڻ لڳو. هڪ ناقابل تسخير ۽ چريو ڪندڙ مسرت ۽ خوشيءَ جي لهر اليڪسيءَ جي نس نس ۾ ڊوڙي ويئي. هو بنا چرڻ پرڻ جي پيو رهيو. جوش ۽ جذبات جي ڪري سندس اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا. هن کي خبر پئجي ويئي ته ”او – 2“ هوائي جهاز جو آواز آهي. اهو صاف ظاهر هو ته هوائي جهاز بنهه ويجهو جهنگل مٿان لامارا ڏيئي رهيو آهي ۽ لهڻ لاءِ ڪا جاءِ ڳولي رهيو آهي. +”واريا، واريا!“ اليڪسيءَ ٺونٺين ڀر اٿڻ جي ڪوشش ڪندي آواز ڏنو، پر واريا خندق ۾ ڪانه هئا. ٻاهران کيس عورتن جو جوشيلو آواز ۽ پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. خندق جو دروازو کليو ۽ فيدڪا اندر آيو: ”چاچي واريا، او چاچي واريا! هوائي جهاز اسان جي ڳوٺ مٿان لامارا پيو ڏي!“ ۽ ان کان اڳ جو اليڪسي ڪجهه چوي، فيدڪا ڊوڙ پائي ٻاهر نڪري ويو. +انتهائي ڪوشش ڪري اليڪسي اٿي ويٺو.سندس دل جي ڌڙڪڻ، لؤڻن وٽ رت جي ڊوڙڻ ۽ پيرن جي درد سڄي بدن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو هو. هو ڳڻڻ لڳو ته هوائي جهاز ڪيترا چڪر ٿو ڏي. هڪ، ٻه، ٽي ۽ پوءِ هو خوشيءَ ۽ جوش مان گاديلي تي ڪري پيو. +هڪ گونجدار ۽ ڳرو آواز آيو، جيڪو آواز هو پري کان به سڃاڻي ٿي سگهيو. سڄيءَ لڙاڪو رجمينٽ ۾ انهيءَ آواز وارو اڪيلو ئي ته ماڻهو هو، اسڪوارڊن ڪمانڊر ”اندرئي ديگتيارنيڪو“اليڪسيءَ اکيون کوليون، پر سمجهيائين ته پاڻ اڃا تائين گهري ننڊ ستو پيو آهي ۽ خواب ۾ پنهنجي دوست جو اُڀريل هڏين وارو، ويڪرو ۽ کهرو چهرو پيو ڏسي، جنهن مان ملائڪن جهڙي معصوميت پئي بکي، جنهن جي نراڙ تي ڳاڙهي زخم جو نشان آهي. هلڪي رنگ جون اکيون ۽ بي رنگ ڇَپر، جنهن کي آندرئي جا دشمن ”سور جا ڇپر“ چوندا هئا. ننڍيون ٻه هلڪيون نيريون اکيون، دونهين کي چيرينديون کيس سوال ڀريءَ نظر سان ڏسي رهيون هيون. +”چڱو نانا! هاڻي اسان کي پنهنجو لڌل خزانو ڏيکار.“ آندرئي چٽي يوڪريني لهجي ۾ ڳالهايو. +آندرئي جي پٺيان نانا ميخائيل جو ٿڪل ۽ زرد چهرو ڏسڻ ۾ آيو. جوش مان سندس اکيون ٻاهر نڪري آيون هيون. سندس پاسي ۾ اسپتال جي هڪ نرس بيٺل هئي. هيءَ هئي مڙيل نڪ واري، تيز ڇوڪري لينوچڪا، جيڪا انڌيري ۾ تجسس ڀريل نگاهن سان ڏسي رهي هئي. سندس بغل ۾ هڪ ٿيلهو هو، جنهن تي ريڊڪراس لکيل هو ۽ هٿ ۾ گلن جو گلدستو هيس. +سڀئي خاموش هئا. آندرئي شايد اوندهه جي ڪري گهٻرايل گهٻرايل ۽ چُهنجين اکين سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هو. هڪ ٻه ڀيرا ته سندس نگاهه اليڪسيءَ جي چهري تان به ترڪندي هلي ويئي، پر هو کيس سڃاڻي نه سگهيو. اليڪسي اڃا به ان سچ کي ڪو خيال ٿي سمجهيو. هن کي اڃا پڪ ڪانه هئي ته ڪو سندس دوست آندرئي به هن طرح اوچتو وٽس پهچي سگهي ٿو. +”الله تون خير ڪر، ڇا تون هن کي ڏسي به نه ٿو سگهين؟ هي آهي اهو.“ واريا اليڪسيءَ تان رڍ جي کل وارو ڪوٽ هٽائيندي آهستي چيو. +پوءِ آندرئي اليڪسيءَ تي حيرت ڀريل نگاهه وڌي. ”آندرئي!“ پاڻ کي ٺوٺين جي مدد سان اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي بنهه جهيڻي آواز ۾ چيو. ”ميريسئيف!“ آندرئي کيس حيرت سان ڏٺو ۽ مشڪل سان پنهنجي خوف کي لڪائي سگهيو. +”آندرئي! ڇا تون مون کي سڃاڻين ڪونه ٿو؟“ ميريسئيف چپن ئي چپن ۾ چيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته هو پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏڪي رهيو هو. +آندرئي هڪ پل ان زندهه پڃري کي ڏسندو رهيو، جيڪو ڪاري کَلَ ۾ لڪو پيو هو ۽ بنهه باهه جو سڙيل ٿي لڳو. هو پنهنجي حسين دوست جا پراڻا نقش ڳولڻ لڳو. نيٺ هو رڳو پنهنجي يار جون وڏيون وڏيون ۽ گول اکيون سڃاڻي سگهيو، جن مان ميرسيئف جي سچائي، عزم ۽ حوصلو جهلڪي رهيو هو. هن جو ٿيلهو پٽ تي ڪري پيو ۽ ان مان بسڪيٽن جا پيڪيٽ، بنڊل، صوف، نارنگيون ۽ ٻيو سامان وکري ويو. +”اليوشڪا! ڇا واقعي تون آهين؟“ جذبات کان سندس آواز ڀرجي آيو ۽ سندس ڊگها پلڪ ڀڄي پيا. ”اليوشڪا! اليوشڪا!“ هن ٻيهر ورجايو. هن بنهه آهستي آهستي ان ڪمزور جسم کي پنهنجي هٿن ۾ کنيو، جيئن ٿڃ پياڪ ٻار کي کڻبو آهي ۽ هن کي پنهنجي سيني سان لڳايائين ۽ رڳو اليوشڪا، اليوشڪا چوندو رهيو. هڪ کن لاءِ هن اليڪسيءَ کي ڇاتيءَ کان الڳ ڪري وري چتائي ڏٺو ۽ ٻيهر کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڇاتيءَ سان لائي چيائين: +”ها ها، تون ئي آهين، اليوشڪا! شيطان جا ٻچا!“ +واريا ۽ نرس اليڪسيءَ جي جسم کي آندرئي جهڙي شينهن مڙس کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون: +”خدا جي واسطي هن کي ڇڏي ڏي. هن ۾ ذرو به سهپ ڪانهي.“ واريا بنهه ڪاوڙجندي چيو. +”هن لاءِ اهڙي جذباتيت نقصانڪار آهي. هن کي هيٺ لاهه.“ نرس سخت لهجي ۾ چيو. +ليڪن آندرئي کي جڏهن پڪو يقين ٿي ويو ته هي ڪارو، سڪل ۽ بي وزن جسم ”اليڪسي ميرسيئف“ جو آهي، سندس پنهنجي ساٿيءَ، پنهنجي فوجي دوست، جنهن کي سڄي رجمينٽ مردو سمجهيو ويٺي هئي، تنهن جو آهي، تڏهن هو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. ڪا گهڙي هن کي خيال ٿيو ته سندس ساٿي ته ڏاڍو ڪمزور ۽ سخت زخمي آهي ۽ هن کيس بستري تي سمهاري ڇڏيو ۽ زور سان فتح جو نعرو هنيائين. جهڪي اليڪسيءَ جي ڪلهن کي جهلي سندس اکين ۾ گهوري گهوري ڏٺائين، جيڪي پنهنجي کڏن ۾ خوشيءَ مان ٻهڪي رهيون هيون ۽ رڙ ڪيائين: ”زنده باد پاڪ مريم! زنده باد – شيطان جا ٻچا! ڪٿي هئين تون هيترا ڏينهن؟ ڇا ٿي ويو هو توکي؟“ +پر جذبات ۾ وهلور ويندڙ هواباز کي نرس زور سان ڌڪي پري ڪيو. ان گول مٽول بندري قد واري نرس کي، جنهن جو نڪ ٿورو اُڀو هو، سندس ليفٽيننٽ جي عهدي جو لحاظ ڪرڻ کان سواءِ ئي رڳو ”لينوچڪا“ يا سِسٽر (ڀيڻ) چوندا هئا. هوءَ هر وقت ڳائيندي ۽ کلندي رهندي هئي ۽ هڪ ئي وقت سمورن ليفٽيننٽن تي لطف ۽ ڪرم جي برسات وسائيندي رهندي هئي. تنهن نيٺ سختيءَ سان حڪم ڏنو: +”ڪامريڊ ڪيپٽن، مريض کي ڇڏي ڏي!“ +هن گلن جو ڇڳو ميز تي اڇلي ڇڏيو. هاڻي انهن گلن جي ڪابه ضرورت ڪانهي. هن پنهنجو ريڊڪراس وارو ٿيلهو کوليو ۽ مخصوص انداز ۾ مريض جو معائنو ڪرڻ لڳي. هن پنهنجي ٿلهين ٿُلهين ۽ سهڻين آڱرين سان اليڪسيءَ جي ٽنگن کي ٺونگا هڻي وڄائي ڏٺو ۽ پڇيو: +”هتي سور ٿئي ٿو؟ هتي؟ ڀلا هتي؟ ۽ ڀلا هتي؟“ اليڪسيءَ پهريون ڀيرو پنهنجي ٽنگن کي چڱيءَ طرح جانچي ڏٺو. پير سُڄي دڙو ٿي پيا هئا ۽ ڪارا نيرا پئي ڏسڻ ۾ آيا. ٿورڙو ڇُهڻ سان به ايذاءُ سندس انگ انگ ۾ ڪرنٽ وانگي ڊوڙي ٿي ويو. پير جي آڱرين جو رنگ ڏسي لينوچڪا جي ذهن کي ڌچڪو پهتو آڱريون بنهه ڪاريون ۽ بنهه بي حس ٿي چڪيون هيون. +نانا ميخائيل ۽ آندرئي ديگتيارينڪو ميز تي ويهي رهيا. انهن ماٺ مٺيءَ ۾ هواباز جي فلاسڪ مان، ان خوشيءَ جي موقعي تي ٻه ڍُڪَ ڀريا ۽ زور شور سان ڳالهائڻ لڳا. نانا ميخائيل کيس سمورو قصو ٻڌايو ته اليڪسي کين ڪيئن مليو هو؟ ظاهر آهي ته هن اها ڪهاڻي ڪا پهريون ڀيرو ڪونه پئي ٻڌائي. +آندرئي سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ نانا ميخائيل جي اڳيان وڌائي چيائين: ”ڇا توهان سگريٽ پيئندا آهيو؟“ +نانا ميخائيل سگريٽ ورتو، پنهنجي کيسي مان اخبار جو هڪ مڙيل سڙيل ٽڪرو ڪڍيو ۽ ان مان هڪ ننڍو ٽڪر ڦاڙي، ان ۾ سگريٽ وارو تماڪ وجهي، ان کي ٻيڙيءَ وانگر ورائي سگريٽ ٺاهيو ۽ ان کي دکائي هڪ زبردست ڦوڪ ڀري. ”ها سگريٽ ڇڪيندو آهيان، ضرور ڇڪيندو آهيان.“ هن هڪ ٻيو به ڪش هنيو ۽ چيو: ”بس، جڏهن کان جرمن آيا آهن، تڏهن کان اسان تماڪ جي شڪل ئي ڪانه ڏٺي آهي. آءٌ ته مڙيئي وڻن جا پن يا گاهه وغيره ڇڪيندو آهيان...... ها البت جيستائين اليڪسيءَ جي گيلاٽين کائڻ جو تعلق آهي ته مون ته کيس ائين ڪندي ڪونه ڏٺو هو. باقي ڇوڪرن جو چوڻ آهي ته هو پاسو ورائي پيٽ ڀر ٿي ٿيو ۽ وري پاسو ورائي پٺيءَ ڀر ٿي ٿيو ۽ اهڙي طرح هن گيلاٽيون پئي کاڌيون. ڏس، ڳالهه هيءَ آهي ته هن ۾ گوڏن ڀر يا ٺونٺين ڀر رڙهڻ جي به طاقت ڪانه رهي هئي. آهي نه حيرت جهڙي ڳالهه. ڪيڏي نه حوصلي ۽ همت وارو آهي هي ماڻهو!“ +آندرئي پنهنجي يار کي ڏسڻ لاءِ هر هر ٽپ ڏيئي ٿي اٿيو، جنهن کي عورتون سُرمائي ڪمبلن ۾ ويڙهي رهيون هيون، جيڪي نرس پاڻ سان آندا هئا. +”پٽ! تون ويهي رهه. ننڍڙي ٻار کي ڪڇو پارائڻ مردن جو ڪم ڪونهي.“ نانا ميخائيل کيس چيو. ”منهنجي ڳالهه تون غور سان ٻڌ. پنهنجن وڏن آفيسرن کي ضرور ٻڌائج ته هن ماڻهوءَ تمام وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. تون ڏسين پيو ته هينئر هو ڇا ٿي ويو آهي. اسين سڀ، سمورو پئنچاتي فارم هڪ هفتي کان وٺي سندس سار سنڀال ڪري رهيا آهيون ۽ هو پنهنجا هٿ پير به چوري نٿو سگهي، پر منجهس جهنگل ۽ دٻڻ مان رڙهندو اچڻ جي قوت هئي. اهڙن ماڻهن جو تعداد ڪو گهڻو ڪونه هوندو آهي. وڏا وڏا ساڌو پڻ پنهنجي عبادت دوران اهڙا ڪارناما ڪونه ٿا ڪن. ڪنهن ٿنڀي تي بيٺو رهڻ ڪهڙي ڪمال جي ڳالهه آهي؟ ڪيئن، آءٌ ٺيڪ پيو چوان نه؟ آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ ٺيڪ ئي پيو چوان. پر ڇوڪرا! منهنجي ڳالهه ته ٻڌ......“ پوڙهو آندرئي جي ڪنن ڏانهن جهڪيو ۽ چيائين: ”پر مون کي اميد آهي ته مرندو ڪونه. تنهنجو ڇا خيال آهي؟ هو جرمنن جي چنبي مان بچي ويو آهي، پر ڇا ماڻهو ملڪ الموت کان بچي سگهي ٿو؟ هڏ ۽ کل ۽ بس! هو ڪيئن وڙهندو رهيو هو، آءٌ ته تصور به نٿو ڪري سگهان. هن جي دل بيحد چاهي رهي هوندي ته هو پنهنجن ماڻهن وٽ پهچي....... ڪيئن؟ بيهوشيءَ ۾ هو يڪو وڦلي رهيو هو: ”هوائي اڏو! ��وائي اڏو!“ ٻيا به ڪي لفظ هئا. ها سچي، هن اولگا جو نالو پڻ ورتو هو. ڇا اوهان وٽ ان نالي واري ڪا ڇوڪري موجود آهي؟ يا شايد اها سندس زال هجي. ڇا تون منهنجي ڳالهه ٻڌين پيو؟ او هواباز! تو ٻڌو ته مون ڇا چيو؟“ +پر آندرئي سندس ڳالهه ڪانه پئي ٻڌي. هو ان ماڻهوءَ جي باري ۾، سندس دوست جي باري ۾ سوچي رهيو هو، جيڪو هڪ معمولي ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ايندو هو، جيڪو پاري ۾ ڄميل ۽ پنهنجي ڀڳل ٽٽل پيرن سان وگهرندڙ برف تي، جهنگل ۽ ڌٻڻ ۾ رڙهي رهيو هو ۽ جيڪو دشمنن کان پري ڀڄڻ ۽ پنهنجن ماڻهن وٽ پهچڻ لاءِ رڙهي ۽ گيلاٽيون کائي رهيو هو. هڪ جنگي هواباز جي حيثيت سان کيس پنهنجي تجربي خطرن ۽ مشڪلاتن اڳيان بي ڊپو ۽ مڙس ماڻهو بنائي ڇڏيو هو. هو هوائي جنگ جي شعلن ۾ ٽپي پوندو هو ته کيس موت جو خيال ئي ڪونه ايندو هو. ويتر کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي، پر اڪيلي سر جهنگل ۾ ماڻهوءَ لاءِ هي سڀڪجهه ڪرڻ....... ڏاڍو حيرت انگيز هو! +”توهان کي هي ڪڏهن مليو؟“ آندرئي پڇيو. +”ڪڏهن؟“ پوڙهي جا چپ چُريا ۽ هن کليل دٻي مان هڪ سگريٽ ڪڍيو. ”ڀلا ڪڏهن؟ ها ها، ٺيڪ آهي، پورو هڪ هفتو ٿيو آهي.“ +آندرئي دل ئي دل ۾ تاريخون ڳڻيون ۽ هن حساب لڳايو ته اليڪسي ميرسيئف ارڙهن ڏينهن تائين رڙهندو رهيو هو. هڪ زخمي ڦٽيل ماڻهو، جيڪو جڏو ٿي چڪو هجي، سو ايترا ڏينهن رڙندو رهي، سو به کاڌي پيتي کان سواءِ ــــــــ اها ڳالهه ناقابل يقين ٿي لڳي. +”چڱو نانا! توهان جي وڏي وڏي مهرباني!“ هواباز زور سان پوڙهي کي ڇاتي سان لڳايو ۽ چيو. +”ادا توهان جي وڏي مهرباني.“ +”ان جي ضرورت ڪانهي! مهرباني ڇاجي؟ ’مهرباني‘ ٿو چوين؟ آءٌ آهيان ڪير؟ ڪو اجنبي، ڪو پرديسي يا ڪير؟ ڇا آءٌ توهان جو پنهنجو ڪونه آهيان؟ پوءِ مهرباني ڇا جي؟“ پوءِ هن ڪاوڙ مان سندس ننهن کي جهڻڪيو: ”هي سامان پٽ تان کڻ! ڏس ته سهي، ڪهڙيون عمديون شيون پٽ تي پکڙيون پيون آهن ۽ هو چوي ٿو تنهنجي مهرباني.“ +انهيءَ دوران لينوچڪا، اليڪسيءَ کي سفر لاءِ تيار ڪري ورتو ۽ چوڻ لڳي: ”ٺيڪ آهي، ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. ماسڪو ۾ ڊاڪٽر توکي چپٽي وڄائيندي ئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا. ماسڪو وڏو شهر آهي، ڪيئن، آهي نه؟ هو توکان به وڌيڪ خراب حالت واري مريض کي به چڱو ڀلو ڪري ٿا ڇڏين.“ لفظ سندس وات مان ائين پئي آيا، ڄڻ ڪنهن ٿيلهي مان مٽرن جا داڻا ڪري رهيا هئا. +نرس جي ڳالهائڻ مان آندرئي کي اندازو ٿيو ته سندس دوست جي حالت بنهه نازڪ آهي. اليڪسي ڪمبلن ۾ چڱيءَ طرح ويڙهيو پيو هو ۽ صرف سندس مٿو آجو هو. هن کي ڏسي آندرئي کي ڪنهن فرعون جي ممي ياد اچي ويئي، جنهن جي شڪل هن تاريخ جي ڪتاب ۾ ڏٺي هئي. هن پنهنجي مضبوط هٿن سان پنهنجي دوست جي ڳلن کي ڇهيو هو، جنهن کي ڏاڙهي ڍڪي ڇڏيو هو. +”ائين ٺيڪ آهي اليڪسي! تون وري به پنهنجي پيرن سان پنڌ ڪندين. اسان کي هدايت ملي آهي ته اسين توکي ماسڪو جي بهترين اسپتال ۾ پهچايون. اتي سڀ ڊاڪٽر پروفيسر آهن. باقي جيستائين نرسن جو تعلق آهي.“ هن مسخريءَ مان لينوچڪا کي اک ڀڃندي چيو، ”هيءَ ته مردن کي به هلڻ لاءِ مجبور ڪريو وجهي! تون ۽ آءٌ ــــــ پاڻ ٻئي وري به هوا ۾ اڏامنداسين........“ هتي پهچي آندرئي محسوس ڪيو ته هو به لينوچڪا وانگر ڪوڙي ۽ نقلي خوشيءَ مان ڳالهائي رهيو هو. اوچتو هن اليڪسيءَ جي ڳلن تي هٿ گهمايو ته کيس آلاڻ محسوس ٿي، لڙڪن جي آلاڻ. ”اسٽريچر ڪٿي آهي؟ اچو اسين سڀ گڏجي هنکي ٻاهر ڪڍون. وقت وڃائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ +واريا اليڪسيءَ جو سمورو سامان سميٽي، ويڙهي هڪ بنڊل ٺاهيو ۽ جنهن مهل هوءَ نازين وارو خنجر ان بنڊل ۾ رکڻ لڳي، تڏهن اليڪسيءَ چيو: ”نانا، هيءَ منهنجي نشاني آهي. مهرباني ڪري قبول ڪجو.“ اليڪسيءَ گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ وقت ٻه ٽي ڀيرا نانا کي خنجر استعمال ڪندي ۽ ان جي واکاڻ ڪندي ٻڌو هو. +”تنهنجي مهرباني اليڪسي، وڏي مهرباني! هن جو لوهه تمام ڀلو آهي. ٿورو ڏسو ته سهي، مٿس ڪجهه لکيل به آهي، پر اهو اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪونهي.“ نانا اهو خنجر آندرئي کي ڏيکاريندي چيو. آندرئي خنجر تي لکيل عبارت پڙهي ۽ ان جو ترجمو ٻڌايو ته ”سڀ ڪجهه جرمنيءَ لاءِ آهي.“ +”سڀ ڪجهه جرمنيءَ لاءِ“ اليڪسيءَ دهرايو ته کيس ياد پيو ته هن اهو خنجر ڪيئن هٿ ڪيو هو. +”چڱو پريان مڙس! هاڻ هن کي کڻو.“ هڪ طرف کان آندرئي اسٽريچر جو هٿيو جهليندي چيو. +سڀ ماڻهو، جيڪي خندق ۾ گڏ ٿيا هئا، سي ”يتيم“ کان موڪلائڻ لاءِ ٻاهر وٺي ڀڳا. واريا اڪيلي اندر رهجي ويئي. هن جي نظر گلن تي پيئي، جيڪي کانئس اتي وسري ويا هئا. هن اهي گل کنيا ۽ نڪ جي ويجهو آڻي ۽ ڊگهو ساهه کنيو. ائين ڪرڻ سان بنفشي جي مرجهايل ۽ هيڊن گلن جي هلڪي، لطيف ۽ تازگي آڻيندڙ سرهاڻ ان نوجوان عورت جي جيءَ ۾ واسجي ويئي، پر هيءُ ”سُڳنڌ“ ۽ مهڪ ايتري ته ڀيني ۽ هلڪي هئي جو دونهي جي بوءِ ۾ ان جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي. واريا پاڻ کي تختي تي ڦٽو ڪيو ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. +(18) +پلاوٺي ڳوٺ جي سموري آبادي ان غير متوقع مهمان کان موڪلائڻ لاءِ اچي ڪٺي ٿي هئي. هوائي جهاز جهنگ جي پٺيان هڪ ننڍڙي پر ڊگهيري ڍنڍ ۾ بيٺو هو. ان ڍنڍ جي ڪنارن واري برف سخت هئي. خندقن کان ڍنڍ تائين ڪوبه رستو ڪونه هو، پر ڪلاڪ کن اڳ ۾ نانا ميخائيل، آندرئي، لينوچڪا جي اچڻ ڪري برف ۾ هڪ گس ٺهي پيو هو ۽ هينئر سمورا ماڻهو ان واٽ تان هلي رهيا هئا. سڀني کان اڳيان سيريونڪا ۽ فيدڪا هلي رهيا هئا. لينوچڪا اسٽريچر جي پاسي کان هلي رهي هئي. هوءَ ڪيڏي مهل اليڪسيءَ جو ڪمبل ٺيڪ ڪندي هلي ته ڪنهن وقت رومال سان سندس مٿو ٿي ڍڪيائين. سڀ کان پٺيان مايون، ڇوڪريون ۽ پوڙهيون هلي رهيون هيون ۽ گڏوگڏ سندن زبانون به تيز تيز هلي رهيون هيون. +اسٽريچر جي پٺيان پٺيان هي قافلو به آهستي آهستي هلي رهيو هو. کليل هوا ۾ پهرين ته اليڪسيءَ کي ڏاڍو سڪون مليو ۽ مسرت جو احساس ٿيو، پر پوءِ هڪڙي مٺاس ڀري خاموش اداسيءَ اچي ورايس. لينوچڪا هڪ ننڍڙي رومال سان اليڪسيءَ جا لڙڪ اگهيا ۽ لڙڪن مان هن اندازو لڳايو ته شايد کيس اسٽريچر جي لوڏن ڪري تڪليف پئي ٿئي ۽ تنهن ڪري ماڻهن کي چيائين ته آهستي آهستي هلو. +”نه، نه! تڪڙا هلو. اڃان به تڪڙا هلو.“ اليڪسيءَ کين گذارش ڪندي چيو. +هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته هو بنهه آهستي، حد کان زياده آهستي پيا هلن. کيس انديشو ٿيڻ لڳو ته هو هتان نڪري نه سگهندو ۽ ماسڪو وارو هوائي جهاز سندس انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي اڏامي ويندو ۽ ڪڏهن به اسپتال پهچي ڪونه سگهندو. اسٽريچر کڻي ويندڙن جي تيز هلڻ ڪري سندس پيڙا وڌي رهي هئي ۽ هو ڪنجهي رهيو هو، پر پوءِ به هو بار بار اهو ئي دهرائيندو رهيو ته ”مهرباني ڪري تڪڙا هلو، اڃا به تڪڙا هلو.“ هو انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ هشڪاريندو رهيو. حالانڪه کيس نانا ميخائيل جي ٿڪجڻ جو هانڀارو به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هن ڏٺو پئي ته نانا هر هر ٿڙيو پئي ۽ ٿاٻا پيو کائي. ٻن عورتن نانا ميخائيل کان اسٽريچر جا هٿيا ورتا. نانا وري لينوچڪا جي ٻئي پاسان اسٽريچر جي ڀرسان هلڻ لڳو. هن پنهنجي ٽوپيءَ سان پنهنجي ٺوڙ ۽ ڳچيءَ تان پگهر اگهيو ۽ ڏاڍي اطمينان سان بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. +”اسان کي چانَڪَ پيو هڻين، ��ان! ايترو تڪڙو آهين؟ ٺيڪ آهي اليڪسي، تون ٺيڪ ٿو چوين. هنن کي تڪڙو هلڻ لاءِ چئو. جڏهن ماڻهو تڪڙ ۾ هوندو آهي ته ان مان ظاهر آهي ته ان ۾ زندگي موجود آهي ۽ اها زندگي تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي آهي. منهنجا پيارا ٻچا، ڇا آءٌ سچ ڪونه پيو چوان؟ اسپتال مان اسان کي خط ضرور لکجانءِ. هي پتو ياد رکجانءِ: ڪالينن علائقو، بولو گوئي ضلعو، ٺهندڙ ڳوٺ پلاوٺي، ڇا؟ ٺهندڙ ڳوٺ پلاوٺي چيو مون. گهٻراءِ نه، خط اسان کي ضرور ملي ويندو. وسارجانءِ نه، پتو صحيح آهي.“ +جيڏي مهل اسٽريچر هوائي جهاز ۾ رکيو ويو ۽ هوائي جهاز جي تيل جي تيز بوءِ اليڪسيءَ پنهنجي نڪ ۾ چڀندي محسوس ڪئي، تڏهن هو خوشيءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ لڳو. هن انهن ماڻهن کي ڪونه ٿي ڏٺو، جيڪي سندس موڪلاڻيءَ لاءِ آيا هئا ۽ پنهنجا هٿ لوڏي رهيا هئا. هن اهو ڪونه ڏٺو ته هڪ سرڻ جي چهنب جهڙي نڪ ۽ بندري قد واري پوڙهي مائي پنهنجي سليٽي رنگ جي رومال ۾ مڇريل ڪانگ وانگر لڳي رهي هئي. هن اهو به ڪونه ڏٺو ته اها پوڙهي عورت خوف ۽ هوائي جهاز جي پنکي مان پيدا ڪيل هوا سان مقابلو ڪندي، اڳيان وڌي ۽ ڪڪڙ جي باقي حصي جو بنڊل به آندرئي جي هٿ ۾ ٿمايو، جيڪو هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ وڃي چڪو هو. هن ڪونه ڏٺو ته نانا ميخائيل ڪهڙي طرح عورتن کي دڙڪا ڏيئي رهيو هو ۽ ٻارن کي پري ڪري رهيو هو ۽ جڏهن تيز هوا ۾ سندس مٿي مان ٽوپي اڏامي پريان برف تي وڃي ڪري، تڏهن ڪيئن هو پنهنجي گنجي ٺوڙ سان پريان بيهي رهيو هو. ان مهل هو ڳوٺ ۾ ٺاهيل سينٽ نڪولاس جي تصوير سان هوبهو مليو پئي. هو پري ويندڙ جهاز کي بيٺو ڏسي رهيو هو. +اليڪسيءَ نه ته ڪجهه ڏسي رهيو هو ۽ نه ئي ڪجهه ٻڌي رهيو هو. هن کي پيٽرول جي بوءِ ۽ هوا ۾ پرواز ڪرڻ جي خوش ڪندڙ احساس بيهوش ڪري ڇڏيو هو. هن کي ان وقت هوش آيو، جڏهن سندس اسٽريچر جهاز مان لاهي ٻئي ايمبولينس جهاز ۾ رکيو پئي ويو. +(19) +هو پنهنجي هوائي اڏي تي انتهائي مصروفيت جي وقت تي پهتو هو. اوڏي مهل به، روزانو وانگر تمام گهڻي رش هئي، جيئن عام طرح بهار جي موسم ۾ هوندو آهي. انجڻين جو گوڙ هڪ پل لاءِ به ڪونه ٿي رُڪيو. پيٽرول کڻڻ لاءِ هڪ جٿو زمين تي لٿو ٿي ته ٻئي ان جي جاءِ ٿي سنڀالي ۽ اهڙي طرح وري ٽيون جٿو. هر ماڻهو، هواباز کان وٺي پيٽرول ڏيڻ واري تائين ۽ گدام جي سنڀاليندڙ تائين، ان وقت تائين مسلسل ڪم ڪندو ٿي رهيو، جيستائين هو بيحال ٿي ڪري نه ٿي پيو. چيف آف اسٽاف جو آواز ويهي رهيو هو ۽ هو هاڻي مشڪل سان ڳالهائي پئي سگهيو، پر سخت گرمي ۽ ڇڪ ڇڪان واري ڪيفيت ۾ به ان ڏينهن هر ماڻهو ميريسئف جو انتظار ڪري رهيو هو. +”ڇا اڃا تائين هو ڪونه پهتو آهي؟“ هوابازن پنهنجي جهاز کي مقرر جاءِ تي بيهارڻ کان اڳ ۾ ئي تمام گهڻي گوڙ ۾ به رڙ ڪري مسترين کان اهو پڇيو ٿي. اهڙي طرح هر ماڻهوءَ جا ڪن اُڀا هئا، ميريسئف جي اچڻ جي خبر ٻڌڻ لاءِ. +جيڏي مهل اليڪسيءَ کي هوش آيو ته هن ڏٺو ته پاڻ اسٽريچر تي سنئون ڊگهو ٿيو پيو آهي ۽ سندس چوطرف سڃاڻو چهرن جو هجوم موجود آهي. سموري هجوم جي زبان مان خوشيءَ جو اظهار ٿي رهيو هو. اسٽريچر جي بنهه ويجهو بيٺل ونگ ڪمانڊر جو جوان ۽ خاموش چهرو، جنهن جي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ پکڙيل هئي ۽ ان کان پوءِ کيس چيف آف اسٽاف جو ڳاڙهو چهرو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن تي پگهر جون بوندون نمايان هيون ۽ پاسي ۾ هوائي اڏي جي انتظامي بٽيلين جي ڪمانڊر جو گول گول ۽ زرد چهرو به ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کان اليڪسي ان جي سخت اصول پرستي ۽ ڪنجوسي جي ڪري نفرت ڪندو هو. ڪيترا ئي ڄاتل سڃاتل چهرا! اڳيان جيڪو اسٽريچر کڻي هلي رهيو هو، سو هو يورا، جنهن جيڏي مهل به پويان مڙي اليڪسيءَ کي ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪئي ته اوڏي مهل ٿاٻڙجي ٿي پيو. ان جي پاسي ۾ ڳاڙهن وارن واري هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي، جيڪا موسميات جي اسٽيشن جي سرجنٽ هئي. پهريائين اليڪسيءَ کي شڪ هو ته هوءَ ڪنهن سبب جي ڪري کيس پسند ڪانه ٿي ڪري. هوءَ هن کان پاسو پاسو ڪندي هئي ۽ کيس ماٺ ماٺ ۾ عجيب نگاهه سان ڏسي وٺندي هئي. هو کل ڀوڳ مان کيس ”موسمي سرجنٽ“ سڏيندو هو. موسمي سرجنٽ جي پاسي ۾ ڪو ڪو شڪن ٽپ ڏيندو هلي رهيو هو. سندس قد بندرو هو ۽ سندس زرقاني چهرو بنهه اڻ وڻندڙ هو. سڄي جٿي ۾ سندس بيزار ڪندڙ عادتن جي ڪري سڀئي کانئس ڇرڪندا هئا. هو به مسڪرائي رهيو هو ۽ يورا جي قدمن سان قدم ملائي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اليڪسيءَ کي ياد آيو ته پاڻ هوائي جهاز ۾ چڙهڻ کان ٿورو اڳ ۾ ان جي چڱي خاصي مرمت ڪئي هئي، ڇو ته هن اڌارا ورتل ڏوڪڙ واپس ڪونه ڪيا هئا ۽ اهو ئي سبب هو جو اليڪسيءَ سمجهيو ٿي ته هو ضدي ۽ ڪيني وارو ماڻهو کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو. پر هينئر هو به اسٽريچر سان گڏ هلي رهيو هو ۽ ڏاڍي احتياط سان اسٽريچر کي سهارو ڏيئي، رستي ۾ بيٺل ماڻهن کي هٽائيندو، پري ڪندو هلي رهيو هو. +اليڪسيءَ کي وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو سندس ايترا دوست آهن. ڪوبه ماڻهو جڏهن پنهنجي اصليت عمل وسيلي کولي سامهون اچي ٿو ته ائين ئي ٿئي ٿو. عمل عوام دوست ۽ وطن دوست آهي ته محبتون کوڙ ۽ جي عمل عوام بيزار ۽ وطن دشمن آهي ته نفرتون هزار! کيس هاڻي ”موسمي سرجنٽ“ متعلق ڏاڍو افسوس پئي ٿيو، جو خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري هوءَ کانئس خوفزده نظر ايندي هئي. هوائي اڏي جي بٽيلن جي ڪمانڊر جي سامهون کيس شرمساري ٿي رهي هئي، جنهن جي ڪنجوسيءَ جي باري ۾ هن خبر ناهي ڪيترا ٽوٽڪا ٺاهي، سڄي ڊويزن ۾ پکيڙي ڇڏيا هئا ۽ کيس ائين لڳو، ڄڻ سندس دل ڪوڪوشڪن کان معافي وٺڻ چاهيندي هجي. هن جي دل چاهيو ته هو ماڻهن کي ٻڌائي ته هو ايترو خراب به ڪونهي. اليڪسي ايتريون مصيبتون سهڻ بعد نيٺ پنهنجي خاندان ۾ پهچي چڪو هو، جتي سندس واپسيءَ تي هر شخص خوشيون ملهائي رهيو هو. +هن کي ڏاڍي احتياط سان ميدان اُڪاري ايمبولينس هوائي جهاز تائين پهچايو ويو، جيڪو جهنگل جي ڪناري سان لڪو بيٺو هو. مسترين انجڻ به چالو ڪري ڇڏي هئي. +”ڪامريڊ ميجر“اليڪسيءَ اوچتو ونگ ڪمانڊر کي چيو ۽ انتهائي ڪوشش ڪري وڏي آواز ۽ اعتماد سان چوڻ لڳو. ونگ ڪمانڊر پنهنجي عادت موجب خاموشي ۽ پراسرار مسڪراهٽ سان اليڪسيءَ کي جهُڪي ويجهو ٿيو. +”ڪامريڊ ميجر...... مون کي موڪل ڏيو ته آءٌ ماسڪو نه وڃان ۽ هتي ئي رهان. توهان سان گڏ........“ ڪمانڊر پنهنجو ٽوپلو لاٿو، جنهن جي ڪري هو ڳالهه ٻڌي نه سگهيو هو. +”آءٌ ماسڪو نه ٿو وڃڻ چاهيان. آءٌ هتي ئي ميڊيڪل بٽيلين ۾ رهڻ چاهيان ٿو......“ +ميجر پنهنجي هٿ تان جوراب لاٿو ۽ ڪمبل اندر اليڪسيءَ جو هٿ ڳولي، پنهنجي هٿ ۾ جهلي زور ڏنو ۽ چيو: ”توکي واقعي ڪنهن سٺي ۽ زبردست علاج جي ضرورت آهي.“ اليڪسيءَ ڪنڌ ڌوڻيو. هتي کيس ڪيترو نه سڪون ۽ آرام ملي رهيو هو. هاڻي کيس نه پويان تجربا خطرناڪ ٿي لڳا ۽ نه پيرن جي پيڙا جي شدت ئي کيس تنگ ٿي ڪيو. +”ڇا ٿو چوي؟“ چيف آف اسٽاف ويٺل آواز ۾ پڇيو. ”هي اسان وٽ رهڻ چاهي ٿو.“ ڪمانڊر مسڪرائيندي چيو. اوڏي مهل سندس مسڪراهٽ ڳجهارت وانگر ڪانه هئي، پر سندس مسڪراهٽ ۾ دوستي ۽ غمگساري هئي. ”بيوقوف! مٿي ڦريل، عاشق ڪٿي جو، ’پراودا‘ لاءِ هڪ سٺو مثال!“ چيف آف اسٽاف چيو. ”هنن ماڻهن ته فوج جي ڪمانڊر جي خاص حڪم سان ماسڪو مان هوائي جهاز موڪليو آهي. پر هي نوجوان...... تنهنجو ڪهڙو خيال آهي هن جي باري ۾.......؟“ +اليڪسيءَ جواب ڏيڻ چاهيو ٿي ته هو عاشق مزاج ڪونهي ۽ هن ٻيو به گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر ان کان اڳ جو هو ڪجهه چوي، گهگهوءَ جي المناڪ ڪوڪ ٻڌڻ ۾ آئي. +هر چهري تي هڪ ڳنڀير ۽ پيشاورانه ڪيفيت جهلڪڻ لڳي. ميجر بلڪل تيز لهجي ۾ ڪيترا ئي حڪم صادر ڪيا ۽ اتي موجود ماڻهو ماڪوڙين وانگر ڊوڙڻ لڳا. ڪي ماڻهو هوائي جهازن ڏانهن ڊوڙيا، ڪي ڪمانڊر پوسٽ طرف ڊوڙيا. ڪجهه ماڻهو مشينن ڏانهن ڊوڙيا، جيڪي جهنگل ۾ لڪيل هيون. اليڪسيءَ کي آسمان ۾ دونهي جي هڪ صاف ليڪ ڏسڻ ۾ آئي. هو هڪدم سمجهي ويو ته هوائي حملو ٿي چڪو آهي. سندس دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ ناسون ڦوڪجڻ لڳيون. سندس بدن ۾ تيز سيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. خطرناڪ گهڙين ۾ هو هميشه ائين ئي محسوس ڪندو هو. جيڏي مهل گهگهو وڳو هو ته لينوچڪا، يورا ۽ ”موسمي سرجنٽ“ جن کي هن هنگامي حالت ۾ ڪو خاص فرض سرانجام ڏيڻو ڪونه هو، ٽنهي اسٽريچر کنيو ۽ ڀڄي جهنگل جي ويجهي ۾ ويجهي اوٽ ۾ پناهه ورتي. هنن قدم سان قدم ملائي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وٺ پڪڙ ۾ ائين ڪري نه سگهيا. +اليڪسيءَ ڪنجهڪار ڪئي. هو ڊوڙڻ جي بدران آهستي آهستي هلڻ لڳا. پريان هوائي جهاز مان توپون گرجي رهيون هيون. هوائي جهازن جي هڪ جٿي پٺيان ٻيو جٿو ”اڏام واري رستي“ تي نڪري آيو ٿي ۽ ڊوڙندو هوا ۾ بلند ٿي ٿي ويو. انجڻن جو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي اليڪسيءَ جو بدن تاڻجي ٿي ويو. جيتوڻيڪ پاڻ اسٽريچر سان ٻڌل هو، پر ائين پئي محسوس ڪيائين ته هو جنگي هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل هو ۽ هاڻي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هوا کي چيريندو اڳيان وڌي رهيو هو. +اسٽريچر ان سوڙهيءَ کڏ ۾ سمائجي نٿي سگهيو، تنهن ڪري يورا ۽ ڇوڪرين کيس ڀاڪرن ۾ کڻي هيٺ وڃڻ ٿي چاهيو، پر اليڪسي ضد ڪرڻ لڳو ته کيس وڻ جي هيٺان ڇڏي ڏنو وڃي. اتي ليٽي هو واقعاسن جو مشاهدو ڪرڻ لڳو، جيڪي تمام جلد جلد رونما ٿي رهيا هئا. فقط خواب ۾ ئي اهڙي تيزيءَ سان واقعا ٿيندا آهن. هوائي جهاز ڀونئرن جيان آسمان ۾ لامارا ڏيئي رهيا هئا. هر طرف انجڻين جو گوڙ، بمن جا ڌماڪا، توپن جي گڙگڙ ۽ دونهين جا ڪڪر آسمان تائين پکڙيل هئا. انهيءَ گوڙ گهمسان ۽ نفسانفسيءَ جي عالم ۾ ”موسمي سرجنٽ“ جي چرپر اليڪسيءَ کي حيران ڪري ڇڏيو. جيڏي مهل بمن جا ڌماڪا پنهنجي عروج تي پهتا، اوڏيءَ مهل اها ڇوڪري کڏ ۾ چيلهه تائين ڍڪيل هئي ۽ بدستور ماٺ ميٺ ۾ آڏيءَ اک سان کيس ڏسي رهي هئي. پوءِ اوچتو ئي اوچتو هوءَ ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتي ۽ اسٽريچر ڏانهن ڊوڙي، زمين تي ڪري ۽ هن اليڪسيءَ جي جسم کي پنهنجي جسم سان لڪائي ڇڏيو ۽ ڊپ ۽ جذبات کان وهلور، ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏڪي رهي هئي. +هڪ لمحي لاءِ هن کي پنهنجي اکين جي ويجهو هڪ بنهه ٻاراڻو سانورو چهرو، ڀريل ڀريل چپ ۽ ٿورو مٿي اُڀريل نڪ نظر آيو. جهنگل ۾ ڪٿان هڪ ڌماڪو ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون ڌماڪو ته بنهه ويجهو ٿيو. پنجون ڌماڪو ايترو ته زبردست هو جو مرڳو زمين ڏڪي ويئي. ان وڻ جي چوٽي، جنهن جي هيٺان اليڪسي پيو هو، بم جي هڪ ٽڪري سان ڪٽجي ڦهڪو ڪري اچي هيٺ ڪري . هن ٻيهر ڇوڪريءَ جو چهرو ڏٺو ۽ پنهنجي ڳلن تي هنجي ٿڌن ڳلن جو ڇهاءُ محسوس ڪيو ۽ ٻن بمن جي ڌماڪن جي وچ ۾ ان ڇوڪريءَ آهستگيءَ سان چيو: ”منهنجا پيارا! منهنجا جاني!........“ +بمن جي ڌماڪن سان وڻ پاڙان اکڙيو اچيو پٽ تي ٿي پيا ۽ هر طرف مٽيءَ جي گرد ۽ غبار ۽ دونهه ڇانيل هو، جنهن مان ٿوم جي بوءِ پئي آئي. جڏهن دونهون ختم ٿيو ته هر طرف ماٺ ماٺو��و لڳو پيو هو. هوائي جنگ جهنگل جي پٺيان ٿي رهي هئي، جنهن جو آواز مس ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. ڇوڪري هاڻي اٿي بيٺي هئي. سندس چهرو هيڊو نه هو، بلڪه هينئر ان تي ڳاڙهاڻ ڇانيل هئي. هن جي چهري جي عجيب ڪيفيت هئي. ائين پئي لڳو ته اجهو ٿي روئي. هن معافي طلب آواز ۾ اليڪسيءَ کان نظر بچائيندي چيو: +”مون توکي ڏکويو ته ڪونه، هان؟ مون کي معاف ڪجانءِ. آءٌ ڪيڏي نه بيوقوف آهيان، نادان آهيان. مون کي تمام گهڻو افسوس آهي.“ +”هاڻي معافي وٺڻ جي ضرورت ڪانهي!“ يورا وهلور ويندي چيو، هو ڏاڍو شرمندو پئي ٿيو، جو موسميات اسٽيشن جي هن ڇوڪريءَ سندس بدران سندس دوست کي بچائڻ لاءِ جان جوکي ۾ وڌي هئي. +هن ڀڻ ڀڻ ڪندي اٿي پنهنجي وردي ڇنڊي ۽ پنهنجي ٺوڙ کنهيائين ۽ ان چوٽي ڪٽيل وڻ کي حيرت ڀري نگاهه سان ڏسڻ لڳو، جنهن جي ٿڙ مان شيشي جهڙو شفاف کونئر ڳڙي رهيو هو. +”ڏسو ته سهي، هي وڻ روئي پيو.“ لينوچڪا چيو، جنهن خطرناڪ گهڙين ۾ به پنهنجو حوصلو ۽ شادابي ڪانه وڃائي هئي. +”ڪڏهن تون ان وانگر ڳوڙها ڳاڙيندين!“ يورا ٿڌو ساهه کڻندي چيو. ”چڱو هاڻي هلو، تماشو ختم پئسا هضم! اميد ته اها ئي آهي ته ايمبولينس هوائي جهاز کي ڪو نقصان ڪونه پهتو هوندو.“ +”بهار جي موسم اچي ويئي.“ ميريسئف وڻ جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ٿڙ کي ڏسندي، زمين تي ڳڙندڙ چمڪندڙ کونئر جي لار ۽ گهرگلي پاتل ڪوٽ ۾ مڙيل نڪ واري ”موسمي سرجنٽ“ کي ڏسندي چيو، جنهن جو نالو به کيس ڪونه ايندو هو. +يورا اڳيان ٿيو ۽ ٻئي ڇوڪريون پٺيان، اسٽريچر کڻي، بمن جي ٺاهيل کڏن کان پاسو ڪندا هو ايمبولينس ڏانهن وڃڻ لڳا. اليڪسيءَ وڏي فوجي ڪوٽ جي ٻانهن مان اهو مضبوط هٿ ڏٺو، جيڪو مضبوطيءَ سان اسٽريچر جو هٿيو جهليو پئي هليو. آخر کيس ڇا ٿيو هو؟ يا هن پاڻ ڊپ جي عالم ۾ رڳو تصور ۾ سوچيو هجي ته هن کان اهي لفظ نڪتا هوندا. +ان ڏينهن، جيڪو هن لاءِ زبردست واقعن سان ڀريل هو. اليڪسيءَ کي هڪ ٻيو واقعو به پيش آيو. کيس چاندي جي رنگ جهڙو ايمبولينس هوائي جهاز به نظر اچي ويو، جنهن کي مستري جانچي رهيو هو ته ڪو نقصان ته ڪونه پهتو اٿس. ان وقت هڪ ٻيلي پٺيان جنگي هوائي جهاز موٽيا ۽ لهندا ويا ۽ هر ڪو پنهنجي جاءِ تي وڃي بيٺو. ستت ئي آسمان صاف ٿي ويو ۽ بنهه خاموشي ڇانئجي ويئي. هوائي اڏي کي صاف ڪيو ويو. انجڻن جو گوڙ بند ٿي ويو. پر پوءِ به ماڻهو هڪ ڪمانڊ پوسٽ ۾ موجود هئا ۽ پنهنجي اکين مٿان هٿ رکي آسمان ۾ ڪا شيءِ ڳولي رهيا هئا. +”9 – نمبر واپس ڪونه ٿيو آهي، لڳي ٿو ته ڪنهن پاسي ٿڙي ويو آهي.“ +اليڪسيءَ کي ڪوڪوشڪن جو زرقاني ننڍڙو چهرو ياد پيو، جنهن مان هميشه بي اطميناني پئي بکندي هئي. کيس ياد آيو ته سوير هن ڪيتري نه احتياط سان اسٽريچر کي سهارو پئي ڏنو. ڇا هو..............؟ جنگ جي ههڙن گرما گرم ڏينهن ۾ هن قسم جو خيال، سو به هڪ هواباز لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي، پر پوءِ به سندس بدن ۾ سيانڊڙو پئجي ويو. +انهيءَ ئي ساعت انجڻ جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ يورا کان خوشيءَ مان رڙ نڪري ويئي: ”هو اچي ويو، هو اچي ويو!“ ڪمانڊ پوسٽ ۾ جيڪي ماڻهو بيٺا هئا، تن ۾ هلچل مچي ويئي. ڪو حادثو ٿي پيو هو. ”9 نمبر“ هيٺ ڪونه ٿي لٿو، پر هوائي اڏي تان وڏو چڪر ڪاٽڻ لڳو. اليڪسيءَ ان کي پنهنجي مٿان اڏامندي ڏٺو ۽ هن هڪدم ڏسي ورتو ته جهاز جي پک جو ٽڪر غائب هو ۽ هي ڳالهه سڀ کان خراب هئي، جو ان جي هيٺان فقط هڪ ٽنگ باقي هئي. هڪ ٻئي پٺيان ٻه ڳاڙها راڪيٽ هوا ۾ سوساٽ ڪندا ويا، پر ڪوڪوشڪن هڪ ڀيرو وري مٿان اڏامندو هليو ويو. سندس هوائي جهاز ان پکيءَ وانگر هو، جيڪو پنهنجي آکيري جي چؤطرف لامارا ڏيندو هجي ۽ کيس سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو ڪٿي لهي؟ هن ٽيون چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيو. +”هڪڙي منٽ ۾ هو ڇٽيءَ ذريعي هيٺ لهي ايندو. هن جو تيل ختم ٿي چڪو آهي ۽ هو آخري چند ڦڙن سان هوائي جهاز اڏائي رهيو آهي.“ يورا چيو ۽ سندس نگاهه گهڙيءَ تي ڄميل هئي. +جڏهن هوائي جهاز کي هيٺ لاهڻ ممڪن نه هجي ته انهن حالتن ۾ هواباز کي اهو اختيار هوندو آهي ته هو هوائي جهاز کي مٿي ڇڏي پاڻ ڇٽيءَ وسيلي لهي اچي. شايد ”9 نمبر“ کي به ان قسم جي هدايت ملي چڪي هئي. پر هو هٺ ڌرميءَ سان ساڳئي طرح هوائي اڏي مٿان چڪر ڪاٽي رهيو هو. +يورا هر هر هوائي جهاز کي ڏسيو وري گهڙي ٿي ڏٺي. جڏهن کيس محسوس ٿيو ته هوائي جهاز جي رفتار ڍري ٿي رهي آهي ته هو ويهي رهيو ۽ هڪ پاسي منهن ڦيري ڇڏيائين. ”ڇا کيس هوائي جهاز ئي بچائڻو آهي؟“ اتي موجود هر شخص جي دماغ ۾ هڪ ڳالهه پئي ڦري ته ”ٽپي پئه، ٽپي پئه يار!“ +هڪ جنگي هوائي جهاز، جنهن جي پڇ تي نمبر ”1“ لڳل هو، هڪدم هوا ۾ بلند ٿيو ۽ انتهائي هوشياريءَ سان کن پل ۾ زخمي ”نمبر9“ جو پاسو وڃي ورتائين، پر جنهن سڪون ۽ ڦڙتائيءَ سان هوائي جهاز اڏايو پئي ويو، تنهن مان اليڪسي سمجهي ويو ته ان کي خود ونگ ڪمانڊر پاڻ اڏائي رهيو آهي. ائين پئي معلوم ٿيو ته ونگ ڪمانڊر کي اندازو ٿيو ته ڪوڪوشڪن جو يا ته ريڊيو ڪم نٿو ڪري، يا هواباز پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي، تنهن ڪري هو سندس مدد لاءِ وڃي وٽس پهتو. هن پنهنجي پرن ذريعي اشارو ڪيس ته ”جوڪجهه آءٌ ڪريان، سو ئي ڪر.“ هن ڪوڪوشڪن کي حڪم ڏنو ته هڪ پاسي هٽي ڇٽي کڻي ٽپي پئه ــــــ پر انهيءَ پل ڪوڪوشڪن گيس گهٽ ڪري ڇڏي ۽ لهڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. سندس جهاز باقي هڪ سلامت ٽنگ سان هوائي اڏي تي لٿو ۽ هڪ ئي ڦيٿي تي ڊوڙڻ لڳو. هن جي رفتار گهٽ ٿي ويئي. اهو هڪ طرف جهڪيو ۽ سندس محفوظ پر زمين سان وڃي لڳو. هوائي جهاز ٿورو ڦيرو ڏنو ۽ برف جو هڪ طوفان اڏاڻو. +جڏهن برف صاف ٿي ته ڪا ڪاري شيءِ زخمي هوائي جهاز جي پاسي ۾ پيل ڏٺي ويئي. ماڻهو ان ڪاري شيءِ ڏانهن ڊوڙيا ۽ هڪ ايمبولينس سيٽي وڄائيندي ان طرف اچڻ لڳي. +”هن پنهنجو هوائي جهاز بچائي ورتو. ڪيڏو نه همت وارو ماڻهو آهي، ڪوڪوشڪن! هن اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ڪڏهن سکيو؟“ اليڪسي اسٽريچر تي پيو سوچي رهيو هو ۽ پنهنجي ساٿيءَ کي رشڪ سان ڏسي رهيو هو. +هن جي دل ۾ ور ور ڏيئي هڪ خواهش زور وٺي رهي هئي ته هو ان پاسي ڊوڙي وڃي، جتي اهو ننڍڙو ماڻهو پيو هو، جنهن کي سڀئي پسند ڪونه ڪندا هئا، جيڪو ايترو بهادر ۽ هوشيار هواباز ثابت ٿيو هو، ليڪن هو ته اسٽريچر سان ٻڌو پيو هو. +ان سموري وٺ پڪڙ ۾ هڪ ڪلاڪ کن مس لڳو، پر اهي سموريون ڳالهيون ايترو ته جلد ٿي گذريون جو اليڪسي پنهنجي ذهن ۾ انهن جو تجزيو ڪري نه سگهيو. ها البته فقط اوڏيءَ مهل – جڏهن سندس اسٽريچر ايمبولينس هوائي جهاز ۾ رکيو پئي ويو ۽ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر سندس نظرون ”موسمي سرجنٽ“ جي نگاهن سان مليون هيون، تڏهن ئي هن انهن لفظن جو واقعي صحيح مطلب سمجهيو هو، جيڪي بمباريءَ وقت ڇوڪريءَ جي وات مان بي اختيار نڪتا هئا. هن ڏاڍي شرمندگي پئي محسوس ڪئي جو کيس ان عظيم بهادر ۽ باهمت ڇوڪريءَ جو نالو به نه ٿي آيو. +”ڪامريد سرجنٽ.........“ اليڪسيءَ ٿورائتين اکين سان ڏانهس نهاريندي چيو. +چئي نٿو سگهجي ته هن انجڻ جي گوڙ ۾ اليڪسيءَ جو آواز به ٻڌو هو يا نه؟ پر هوءَ اڳيان وڌي ۽ هن هڪ ننڍڙو پيڪيٽ اڳيان وڌائي چيو: +”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، هي توهان جا خط آهن. مون انهن کي سنڀالي رکيو هو، ان ڪري جو مون کي خبر هئي ��ه توهان زنده سلامت ۽ جيئرا جاڳندا آهيو ۽ هڪڙي ڏينهن ضرور موٽي ايندا. اهو منهنجي دل جو آواز هو.“ +هن خطن جو ننڍڙو بنڊل اليڪسيءَ جي سيني تي رکي ڇڏيو. هن ڏٺو ته انهن مان ڪيترا خط سندس ماءُ جا آهن ۽ ٻيا ڪيترا خط انهن ڄاتل سڃاتل لفافن ۾ هئا، جهڙا لفافا سندس ورديءَ جي کيسي ۾ هميشه موجود هوندا هئا. سندس چهرو انهن لفافن کي ڏسي ٽڙي پيو. +”ڇا هي خط ڪنهن ڇوڪريءَ جا آهن؟“ موسمي سرجنٽ ڏاڍي اداسيءَ مان هڪ ڀيرو وري ڳاڙهو ٿيندي پڇيو. سندس اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون ۽ سندس دلڪش ڊگها ڊگها پلڪ پُسي ويا هئا. +ميريسئف محسوس ڪيو ته هن بمباريءَ جي وقت اهي لفظ رڳو تصور ۾ ڪونه ٻڌا هئا، پر سچي پچي ان ڇوڪريءَ چيا هئا، جيڪا هينئر به سندس سامهون هئي ۽ اها حقيقت سمجهڻ کان پوءِ منجهس سچ ڳالهائڻ جي همت ڪانه رهي. +”هي خط منهنجي پرڻيل ڀيڻ جا آهن، هاڻي هن جو نالو تبديل ٿي ويو آهي.“ هن اهو جواب ته ڏنو، پر کيس پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي. +انجڻ جي گوڙ کي چيريندي ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيا. پاسي وارو دروازو کليو ۽ هڪ سرجن اندر داخل ٿيو. هو اڻ سڃاتل هو ۽ سندس ڳري ڪوٽ جي مٿان اڇو چوغو پاتل هو. +”چڱو، هتي ته پهرين به هڪ مريض موجود آهي. ٺيڪ آهي.“ هن ميريسئف کي ڏسندي چيو. ”ٻئي کي اندر کڻي اچو، اسان هڪ منٽ ۾ وڃون پيا ۽ محترمه، توهان هتي ڇا پيون ڪريو؟“ هن ٻاڦ ڪري ڌنڌلي ٿيندڙ عينڪ سان ”موسمي سرجنٽ“ کي گهوريندي چيو، جيڪا يورا جي پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ”هاڻي وڃ، اسان هڪ منٽ ۾ روانا ٿي رهيا آهيون. اي! اسٽريچر کي اندر کڻي اچو.“ +”خط ضرور لکجانءِ. خدا جي واسطي مون کي خط ضرور لکج. آءٌ انتظار ڪنديس!“ اليڪسيءَ کي ڇوڪريءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. +يورا جي مدد سان سرجن اسٽريچر کي اندر ڇڪيو، جنهن تي پيل شخص آهستي آهستي ڪنهن جي رهيو هو. اسٽريچر کي پنهنجي خاني ۾ رکيو پئي ويو ته ان ماڻهوءَ تي پيل چادر ٿورو کسڪي ويئي ۽ اليڪسيءَ کي ڪوڪوشڪن جو چهرو صاف نظر آيو، جنهن تي درد جي پيڙاه نمايان هئي. سرجن هٿ مهٽيا، ڪاڪ پٽ ۾ نگاهه وڌي ۽ ميريسئف جي پيٽ تي هٿ گهمائيندي چيو: +”سٺو، تمام سٺو! چڱو ٿيو جو توکي هڪ همسفر ته ملي ويو. نوجوان ڇوڪرا! تمام چڱو ٿيو. هاڻي اهي سڀ، جيڪي اسان سان گڏ ڪونه ٿا هلن، سي لهي وڃو! اڇا هوءَ سرجنٽ جي ريبي نا واري لولي ڏيندڙ ڇوڪري وئي هلي، هاڻ؟ چڱو، هاڻي اسان هلون.......!“ +يورا جي لهڻ تي دل ئي ڪانه پئي ٿي، نيٺ سرجن کيس ڌڪي لاهي ڇڏيو. دروازو بند ٿي ويو. سرجن ميريسئف جي پاسي ۾ ديوار سان لڳي ويهي رهيو. +”تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟ اچ ته تنهنجي نبض ڏسان.“ سرجن سوال ڪندڙ نگاهن سان کيس ڏٺو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”زبردست ڪردار آهي!“ ۽ اليڪسيءَ کي چيائين: ”تنهنجا دوست تنهنجي باري ۾ اهڙا ته قصا ٿا ٻڌائين جو اعتبار ئي نٿو اچي. جهڙوڪر ”جيڪ لنڊن“ جي ڪا ڪهاڻي هجي.“ +هو پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو ۽ هٿ پير ڊگهاري هڪدم ڪنڌ لاڙي سمهي رهيو. ظاهر هو ته هو زرد چهري وارو ماڻهو، جيڪو هاڻي ڪنهن به طرح جوان نه رهيو هو، ڪيترو نه ٿڪل هو. +ايمبولينس هوائي جهاز ماسڪو طرف اڏامي رهيو هو. + + + +ٻيو حصو +(1) +جڏهن آندرئي ۽ لينوچڪا پنهنجي دوست اڳيان گاديءَ واري شهر ماسڪو جي هن اسپتال جي جا واکاڻ ڪئي هئي، جنهن ۾ هاڻي اليڪسي ۽ ڪوڪوشڪن جي داخلا ٿي هئي ته ان ۾ هنن واقعي ڪوبه وڌاءُ ڪونه ڪيو هو. +جنگ کان پهريائين هيءَ اسپتال هڪ اداري جو سکيا گهر هوندو هو. هتي روس جي هڪ مشهور سائنسدان بيمارن ۽ زخمين جي ترت ۽ مڪمل علاج لاءِ تمام بهترين تجربا ڪيا هئا. هي ادارو پنهنجي مضبوط روايتن تي قائم هو ۽ سڄي جڳ ۾ مشهور هو. +جڏهن جنگ لڳي ته ان سائنسدان هن سکيا گهر کي فوجي آفيسرن جي هڪ اسپتال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان اسپتال ۾ مريضن کي ان زماني جي جديد ترين ۽ ترقي پذير سائنس جون سموريون سهوليتون مهيا ٿينديون هيون. جڏهن ماسڪو جي ويجهو زبردست جنگ لڳي هئي، تڏهن اسپتال ۾ مقرر گنجائش کان چوڻا بسترا وڌي ويا هئا. سموريون خالي جايون ــــــ ملاقات جا ڪمرا، مطالعي ۽ تفريح وارا ڪمرا، اسپتال جي عملي جا ڪمرا ۽ کاڌي کائڻ وارا ڪمرا ـــــــــ مطلب ته سموريون خالي جايون وارڊن ۾ بدلائيون ويون. خود سائنسدان پاڻ تجربيگاه جي پاسي واري سندس مطالعي وارو ڪمرو خالي ڪيو هو ۽ پاڻ پنهنجا ڪتاب کڻي، ان ننڍڙي ڪمري ۾ اچي رهيو هو، جيڪو ڊيوٽي تي موجود نرس استعمال ڪندي هئي. تنهن هوندي به گهڻو ڪري ورانڊن ۾ مريضن جا بسترا لڳائڻ جي ضرورت پوندي هئي. +انهن چمڪندڙ سفيد ديوارن جي پٺيان، جن کي ڏسي معلوم ٿي ٿيو ته اهي خاص هن طب جي علم واري سکيا گهر جي مقدس خاموشيءَ لاءِ ٺاهيون ويون هيون، مريضن جون ڪنجهڪارون، دانهون، سُتل مريضن جا کونگهرا ۽ سرسامي مريضن جي وڦل ٻڌجڻ ۾ پئي آئي. ان جاءِ تي جنگ جي پيدا ڪيل ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ گهُٽ ۽ ٻوساٽ جو احساس ٿي ٿيو. رت ۾ ٻڏل پٽين جي بانس، سُڄيل ۽ ڏکوئيندڙ زخمن جي ڌپ، جيئرن ماڻهن جي سڙندڙ زخمن جي بدبوءِ! تازي هوا جي لهر به ان سڙاند واري بدبوءِ کي ختم ڪري نه ٿي سگهي. سائنسدان جي مرضيءَ مطابق ٺاهيل پلنگن جي پاسي ۾ اڀريون سڀريون کٽون به پيون هيون. ٿانون جي کوٽ هئي، تنهن ڪري اسپتال جي چينيءَ جي چمڪندڙ پليٽن سان گڏ جست جا ٿانوَ پڻ استعمال پيا ٿيندا هئا. ويجهو ئي ڪٿي بم اچي ڦاٽو هو، تنهن ڪري درين جا شيشا ڀڄي پيا هئا. هينئر ان جاءِ تي ڪاٺ جا تختا لڳل هئا. پاڻيءَ جي پڻ سخت کوٽ هئي. گيس ته هر هر بند ٿيو ٿي ويئي ۽ اوزارن کي وري پراڻي اسپرٽ واري چُلهي تي اٻارڻو ٿي پيو. پر پوءِ به زخمن جي رس لڳي پئي هئي. انهن جي تعداد ۾ ويتر واڌارو پئي ٿيو. اهي هوائي جهازن، موٽرن ۽ گاڏين ۾ آندا ٿي ويا. انهن جو ڳاڻيٽو اسان جي جوابي حملي ۽ پيش قدميءَ جي وڌندڙ قوت ۽ زور جي حساب سان وڌندو ٿي رهيو. +ليڪن انهن سمورين ڳالهين جي باوجود به اسپتال جو سمورو عملو، ان جو چيف، نامور سائنسدان ۽ اعليٰ سوويت جي رُڪن کان وٺي وارڊ جي نرسن، وارڊ جي نوڪرن ۽ ڀنگين تائين، سڀئي پنهنجي اداري جي پراڻن ضابطن جي پورائي ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا. حالانڪه سڀ جا سڀ ٿڪ کان چور، بنهه بيحال ٿي چڪا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته کين لنگهڻ تي به گذارڻو پوندو هو. وارڊن جي نوڪرياڻين کي ته هڪ پل به آرام ڪرڻ کان سواءِ مسلسل ٽي ٽي ڀيرا لڳاتار ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هئي ۽ ان کان پوءِ جيڪي کين واندڪائيءَ جون گهڙيون مليون ٿي، تن ۾ هو پنهنجي صفائي سٿرائي ۽ ڌوئڻ پوئڻ جو ڪم ڪنديون هيون. سنهڙيون سڪلون، ٿڪل ٽٽل، بنهه چُور نرسون، پهرين وانگر پنهنجي سفيد ۽ صاف سٿرن ڪپڙن ۾ ڪم تي آيون ٿي ۽ ڊاڪٽرن جي هدايت تي پوري طرح عمل ڪرڻ لاءِ ساڳئي جذبي ۽ جوش سان لڳي ٿي ويون. هائوس سرجن اڳ وانگر ئي سختيءَ کان ڪم وٺندو هو ۽ سفيد چادر تي هڪ معمولي داغ به برداشت نه ڪندو هو. هو ديوارن، ڪٽهڙن ۽ دروازن جي ٻانهين کي پنهنجي رومال سان رهڙي ڏسندو هو ته آيا ڪٿي ڪو مٽيءَ جو ذرو رهجي ته ڪونه ويو آهي. ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا، مقرر ڪيل وقت تي اسپتال جو چيف معائني تي نڪرندو هو. هو ڊگهو، ڳاڙهي چهري وارو هڪ پوڙهو ماڻهو هو. هن ج�� هميشه گوڙ پيو پوندو هو. هن جا وار نرڙ تي پيا پوندا هئا. سندس مڇون ڪاريون هيون ۽ وڏي ڏارهيءَ ۾ ڪجهه سفيد وار به نمايان هئا. هو جنگ کان اڳ واري شان ۽ مان سان ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا سرجنن جي قافلي سان وارڊ جي معائني تي نڪرندو هو. ساڻس گڏ سفيد چوغن ۾ سندس نائب هوندا هئا، هو نون مريضن جا ڪيس ڏسندو ۽ نازڪ مريضن متعلق مشورو ڏيندو اڳتي وڌندو ويندو هو. +انهن ڇڪ ڇڪان وارن ڏينهن ۾ کيس اسپتال کان ٻاهر به تمام گهڻو ڪم ڪرڻو ٿي پيو، پر پوءِ به هو پنهنجي ننڊ ۽ آرام حرام ڪري پنهنجي پياري اداري لاءِ وقت ضرور ڪڍندو هو. ڪابه ٿوري گهٽ وڌائي ٿي ته عملي تي وٺ وٺ لاهي ڏيندو هو. سندس ڪاوڙ ۾ هڪ عجيب قسم جو ٻالڪپڻ ۽ جوش هوندو هو. هو پنهنجي ڪاوڙ اُتي جو اُتي ظاهر ڪندو هو ۽ دل ۾ ڪينو سانڍڻ وارو ڪونه هو. هن جو هميشه اسرار هو ته جنگ جي دوران ماسڪو ۾ کڻي ڀلي بليڪ آئوٽ هجي يا گهُگهُو وڄندو هجي، پر اسپتال کي پنهنجو فرض پوري طرح نباهيندو رهڻ گهرجي. هٽلر يا گوئرنگ جو پڻ اهو ئي جواب هو. هو جنگ جي ڪري پيدا ٿيل مشڪلاتن جي دانهن ڪوڪ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو ۽ چوندو هو ته ڪم چور ۽ سست قسم جا ماڻهو هتان ڀڄي وڃن. خاص ڪري ان وقت، جڏهن اسان تي ڏکيو وقت آيو آهي، تڏهن ته اسان کي وڌيڪ چوڪس ۽ نظم وضبط ۾ رهڻو پوندو. هو خود ايتري ته پابنديءَ سان وارڊ جو دورو ڪندو هو، جو وارڊ جون نوڪرياڻيون، کيس ڏسي وارڊ جي گهڙيالن جو وقت درست ڪنديون هيون. بمباري ۾ به هن جي معمول ۾ ڪا رڪاوٽ وجهي نٿي سگهي. +صبح جي هڪ اهڙي ئي وقت چيف، جنهن کي اسان واسيلي واسيلي وچ جي نالي سان ياد ڪندا هئاسين، ٽين منزل جي چاڙهيءَ وٽ هڪ ٻئي جي پاسي ۾ ٻن پلنگن وٽ آيو. +”هيءَ ڪهڙي نمائش آهي؟“ هو گرجيو ۽ سرجن کي کائي ويندڙ نظرن سان ائين پئي گهوريائين جو هو ڊگهو، گول ڪلهن وارو خوش شڪل ماڻهو، جيڪو هاڻي نوجوانيءَ کان موٽي رهيو هو، بلڪل اسڪول جي ٻارن وانگر تاڻجي بيهي رهيو. +”رات ئي پهتا آهن....... هواباز آهن. هن جي ران واري هڏي ۽ ساڄي ٻانهن ڀڳل آهي. حالت سڌندڙ آهي. پر هو......“ هن هڪ ٻئي سڪل سنهڙي انساني ڍانچي ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن جي عمر جي باري ۾ ڪجهه به چئي نٿي سگهجيو. هو اکيون بند ڪريو، بنا چرڻ پرڻ جي پيو هو. ”هي نازڪ مريض آهي، هن جا پير چچريا پيا آهن. ٻنهي پيرن ۾ گينگرين آهي. پر سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي ته هو بنهه بيحال آهي. مون کي يقين ڪانه ٿي اچي، پر ساڻس گڏيل آيل ميڊيڪل آفيسر جي رپورٽ آهي ته هي ماڻهو پنهنجي ڀڳل پيرن سان ارڙهن ڏينهن تائين جرمنن جي مورچي پٺيان، پنهنجي مورچي طرف رڙهندو رهيو....... بيشڪ هيءُ وڌاءُ آهي...... مون کي ته اعتبار ئي ڪونه ٿو اچي.“ +هائوس سرجن جون ڳالهيون ٻڌي اڻ ٻڌيون ڪري واسيلي واسيلي وچ ڪمبل مٿي کنيو. اليڪسي ڇاتيءَ تي هٿ رکيو پيو هو. +”هي هتي ڇو پيو آهي؟“ +”ورانڊي ۾ ڪابه جاءِ ڪانهي، توهان خود..........!“ +”توهان خود! توهان خود! ۽ 42 نمبر لاءِ ڇا ٿو چوين؟“ +”اهو ڪرنلن جو وارڊ آهي.“ +”ڪرنلن جو!“ پروفيسر رڙ ڪئي. ”ڪهڙي بيوقوف جي ايجاد آهي اها؟“ +”ليڪن اسان کي چيو ويو آهي ته ”روسي هيرن“ لاءِ جاءِ بچت ۾ رکجو.“ +”سورما، سورما! هن جنگ ۾ سڀ سورما آهن. پر تون مون کي سبق پڙهائڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪرين؟ هتي جو انچارج ڪير آهي؟ جنهن کي منهنجي ڳالهه نه وڻي، سو گولي ٿي وڃي! هنن ٻنهي کي هڪدم 42 نمبر ۾ پهچايو. ’ڪرنلن جو وارڊ‘ ماڻهن کي ڪهڙيون نه چريائپ جون ڳالهيون سجهن ٿيون.“ +هو پنهنجي قافلي سان گڏ اڳيان وڃڻ لڳو، پر هڪدم واپس وريو. هو اليڪسيءَ مٿان جهڪيو ۽ پنهنجو هٿ، جنهن جي کل مختلف دوائن جي اثر کان اڍڙي ويئي هئي، کڻي سندس ڪلهي تي رکيائين ۽ پڇيائين: +”ڇا اهو سچ آهي ته تون جرمنن جي مورچي جي پٺيان ٻن هفتن تائين رڙهندو رهيو هئين؟“ +”ڇا مون کي گئنگرين آهي؟“ ميريسئف ٻڏل آواز ۾ پڇيو. +پروفيسر پنهنجي قافلي ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريو، جيڪو دروازي وٽ بيهي رهيو هو. پوءِ هن پنهنجيون اکيون مريض جي وڏين ڪارين اکين سان ملائي ڇڏيون، جن ۾ درد ۽ پيڙا جا اهڃاڻ ڀريل هئا. هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو: +”تو جهڙي شخص کي دوکو ڏيڻ گناهه آهي. ها هيءَ گئنگرين (نَنگرو) آهي، پر تون دل وڏي ڪر. ڪابه بيماري لاعلاج ڪانهي. ماڻهو جڏهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندو آهي ته ڇوٽڪاري جو رستو پڻ لڀي پوندو آهي، سمجهيئي نه منهنجي ڳالهه؟ بس ايترو ڪافي آهي!“ +هو لڏندو لمندو، ڊگهيون ٻرانگهون ورائيندو، گوڙ ۽ گهمسان ڪندو اتان هليو ويو ۽ پوءِ ستت ئي پريان ڪٿان ورانڊي جي شيشي مان سندس گرم آواز ٻڌڻ ۾ آيو: +”ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهي.“ ميريسئف پنهنجي ننڊاکڙين اکين کان پري ويندڙ پاڇولي جو پيڇو ڪندي چيو: +”چريو آهي، تو سندس ڳالهه ٻڌي نه؟ هو اسان سان حُجائتي ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري. اسين اهڙي سادي طبيعت وارن ماڻهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا.“ ڪوڪوشڪن پنهنجي بستري تان هڪ چٻي مسڪراهٽ سان چيو: +”چڱو ته هاڻي اسان کي ’ڪرنلن جي وارڊ‘ ۾ رهڻ جو شرف مليو آهي.“ +”گئنگرين“ ميريسئف آهستي آهستي چيو ۽ وري ٻيهر دهرايو، ”نَنگرو!“ +(2) +هي ڪرنلن جو وارڊ ٻي منزل تي هو. ان ڪمري کي اوڀر ۽ ڏکڻ پاسن کان دريون هيون، تنهن ڪري سڄو ڏينهن منجهس اُس لياڪا پائيندي رهندي هئي. هي هڪ ننڍو وارڊ هو، جنهن ۾ ٻن پلنگن، ٻن المارين ۽ هڪ ميز جي گنجائش هئي. پر هن وقت منجهس چار پلنگ پيل هئا. انهن مان هڪ پلنگ تي هڪڙو ڦٽيل ماڻهو پيل هو. هو پيرن کان وٺي مٿي تائين سڄو پٽين ۾ ويڙهيو پيو هو. ائين پئي لڳو، ڄڻ هو نئون ڄاول ٻار هجي، جيڪو سڄو ڪپڙي ۾ ويڙهيو پيو هجي. هو ماٺ ڪريو، سڌو سنئون پيو هو ۽ پٽين جي آڏ مان پنهنجي خالي خالي ۽ ڀورين اکين سان ڇت کي گهوري رهيو هو. هڪ ٻئي بستري تي، جيڪو اليڪسيءَ جي بنهه پاسي ۾ پيو هو، هڪ ٻيو مريض ليٽيو پيو هو. سندس فوجي چهرو سڄو سريو پيو هو، جنهن تي ماتا جا داڻا ظاهر هئا. سندس مُڇون سنهڙيون ۽ سونهري هيون. هو ڏاڍو گهڻ ڳالهائو ۽ ڀوڳائي ماڻهو هو. +اسپتال ۾ ماڻهن جي جهٽ پٽ ۾ دوستي ٿيو وڃي. شام ٿيندي ئي اليڪسيءَ کي خبر پئجي ويئي ته ماتا وارو همراهه سائبيريا جو رهاڪو آهي. پئنچاتي فارم جو صدر آهي. شڪاري آهي ۽ فوج ۾ نشانيباز آهي. وڏي ڳالهه ته پنهنجي هر فن ۾ برک آهي. هن پنهنجي جنگي عمل جي شروعات يلنا جي ويجهو وارين لڙائين سان ڪئي ۽ پوءِ سائبيريائي ڊويزن ۾ شامل ٿي باقاعده جنگ جي ميدان ۾ آيو. جنهن ڊويزن ۾ سندس ٻه پٽ ۽ هڪڙو ناٺي به شامل هئا. سندس چوڻ مطابق هو هيستائين ستر دشمنن کي ”جنم جو رستو“ ڏيکاري چڪو هو. هو سوويت يونين جو هيرو هو ۽ جڏهن هن اليڪسيءَ کي پنهنجو نالو ٻڌايو ته هن ڏاڍي حيرت سان ان سادي سودي ۽ رلڻي ملڻي چهري کي ڏٺو. ان وقت فوج ۾ سندس نالو ڳائجي رهيو هو ۽ وڏين وڏين اخبارن مٿس ايڊيٽوريل لکيا هئا. اسپتال ۾ هر ماڻهو، نرس، هائوس سرجن ۽ خود واسيلي واسيلي وچ به، سڀئي هن کي ڏاڍي احترام سان استيپان ايوانوچ جي نالي سان سڏيندا هئا. +وارڊ جو چوٿون ماڻهو – جيڪو سڄو پٽيون ٿيو پيو هو – سڄو ڏينهن پنهنجي باري ۾ هڪڙو لفظ به ڪونه ڳالهايائين. سچي ڳالهه ته اها آهي ته سندس وات مان ه��ڙو لفظ به ڪونه نڪتو هو. پر استيپان، جنهن کي دنيا جي هر ڳالهه جي خبر هئي، آهستي آهستي هن جو سمورو قصو اليڪسيءَ کي ٻڌائي ڇڏيو. سندس نالو گريگوري گووزديف هو. هو ٽئنڪن واري دستي ۾ ليفٽيننٽ هو ۽ هو به سوويت يونين جو هيرو هو. هو اسڪول مان سَند وٺي نڪتو هو ۽ شروع کان ئي جنگ ۾ شامل ٿي ويو. پهريون ڀيرو هن بريست لينوفسڪ جي ويجهو ڪنهن مورچي تي جنگ ۾ حصو ورتو. بيلوستوڪ جي ويجهو ٽئنڪن جي مشهور جنگ ۾ سندس ٽينڪ ڦاٽي پيئي. هو هڪدم ان مان نڪري هڪ ٻيءَ ٽينڪ ۾ گهڙي ويو، جنهن جو ڪمانڊر مارجي چڪو هو ۽ ٽينڪ ڊويزن جي باقي بچيل حصي کي ميڙي چونڊي مينسڪ طرف، پويان هٽندڙ فوج جي حفاظت ڪندو رهيو. بوگ دريا وٽ لڙائيءَ ۾ هو زخمي ٿيو ۽ وٽائنس ٻي ٽينڪ به هلي ويئي. پوءِ هو ٽين ٽينڪ ۾ گهڙي ويو، جنهن جو ڪمانڊر به مارجي ويو هو. هن ڪمپنيءَ جي اڳواڻي پنهنجي هٿ ۾ آندي، پوءِ جڏهن هو دشمنن جي مورچي جي پٺيان رهجي ويو، تڏهن هن ٽن ٽينڪن جي هڪ گشتي ٽولي ٺاهي ۽ هڪ مهيني تائين دشمنن جي لائين پٺيان رهي، دشمنن جي آمدورفت کي نقصان پهچائيندو رهيو ۽ انهن تي دهشت ويهاريندو رهيو. موجوده جنگ ۾ هن جنگ جي ميدان ۾ ئي پنهنجي ٽينڪ ۾ تيل ڀريو، بم ۽ بارود گڏ ڪيو ۽ ضروري اوزار گڏ ڪيا. +هو دورو گربوز جي آسپاس جو رهاڪو هو. جڏهن هن ڪمانڊر جي ٽينڪ جي وائرليس تان روس جي اطلاعاتي اداري طرفان اهو اعلان ٻڌو ته جنگ جو مورچو سندس اباڻي ڳوٺ کي ويجهو وڃي رهيو آهي ته هو پاڻ تي ضبط نه ڪري سگهيو ۽ ٽن ٽينڪن کي برباد ڪرڻ کان پوءِ باقي بچيل اٺن ماڻهن سان گڏ ٻيهر فوج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جهنگل ۾ ڪاهي پيو. +جڏهن کان جنگ شروع ٿي آهي، تنهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ، گريگوري موڪل وٺي پنهنجي ڳوٺ آيو هو. سندس ماءُ، جيڪا ڳوٺ جي اسڪول جي ماسترياڻي هئي، سخت بيمار هئي. سندس پيءُ کيس تار موڪلي گهرايو هو، جيڪو کيتي ٻاڙيءَ جو مشهور ماهر ۽ مزدورن جي نمائندن جي علاقائي سوويت جو ميمبر هو. +گوزديف کي اسڪول جي ويجهو اها جهوپڙي ياد هئي. سندس ماءُ ننڍي قد جي هڪڙي ڪمزور عورت، جيڪا هڪ پراڻي صوفي تي بيوس پئي هوندي هئي. سندس پيءُ، جيڪو ماڻس جي صوفي جي پاسي ۾ بيٺو کنگهي رهيو هو ۽ پنهنجي سفيد ٻُچي ڏاڙهيءَ کي کنهي رهيو هو ۽ سندس ڪارن وارن واريون ٽي سيبتيون ڀينرون، جيڪي آرڪاڻن ۾ ماڻس جهڙيون هيون. کيس ڳوٺ جي ڊاڪٽرياڻي زينا پڻ ياد هئي. هن جون اکيون نيريون هيون. هوءَ کيس ڇڏڻ لاءِ گهوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي اسٽيشن تائين آئي هئي ۽ هن ڇوڪريءَ سان وعدو ڪيو هو ته هو روزانو کيس خط لکندو. بيلو روس جي تباه ۽ برباد ٿيل ڳوٺن مان جهنگلي جانور وانگر سرندو گذرندي، شهرن ۽ پڪن رستن کان پاڻ بچائيندي، هن ڏکويل دل سان سوچڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ الائي ڇا ڪجهه ڏسڻ ۾ ايندو. هن سوچيو پئي ته ڇا سندس ڳوٺ جا ماڻهو اتان نڪري ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيا هوندا يا نه؟ جيڪڏهن اهي اتان نڪري نه سگهيا هوندا ته پوءِ سندن ڪهڙو حشر ٿيو هوندو؟ +جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ پهتو ته اتي جيڪو حال ڏٺائين، سو سندس سوچيل سڀني انديشن کان تمام گهڻو ڀيانڪ ۽ وحشتناڪ هو. کيس نه ته پنهنجو گهر مليو، نه گهر جا ڀاتي، نه زينا ملي ۽ نه ئي ڪو ڳوٺ جو نالو نشان باقي هو. کيس هڪ سڙيل پوڙهي ملي، جيڪا نچڻ جي انداز ۾ ٽپ ڏيندي ۽ پنهنجي منهن وڦلي، باهه ۾ سڙيل رک جي ڍيرن تي ويهي هڪ چُلهه ۾ ڪا شيءِ پچائي رهي هئي. ان کان معلوم ٿيو ته جرمن ويجهو اچي رهيا هئا، تڏهن اسڪول جي ماسترياڻي ايتري ته بيمار هئي جو زراعت جو ماهر ۽ سندس نياڻيون کيس اتان کڻي وڃڻ جي همت ڪري نه سگهيون ۽ نه وري هن کي اتي ڇڏي پاڻ ڪيڏانهن وڃي سگهيا. جرمنن کي خبر پئجي ويئي ته مزدورن جي نمائندن جي علاقائي ڪاميٽي جو هڪ ميمبر پنهنجي ڪٽنب سان ڳوٺ ۾ رهجي ويو آهي. هنن سمورن ڀاتين کي جهلي ورتو ۽ انهيءَ رات ئي سڀني کي وڻ ۾ لڙڪائي ڦاسي ڏيئي ڇڏيائون ۽ گهر کي ساڙي ڦلهيار ڪري ڇڏيائون. پوڙهيءَ اهو به ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي زينا جرمن اعليٰ عملدارن وٽ گريگوري جي ڪٽنب جي سفارش ۽ وڪالت ڪرڻ ويئي هئي، پر جرمن آفيسر مٿس انتهائي ظلم ڪيو ته جيئن هوءَ مجبور ٿي پنهنجو جسم سندس حوالي ڪري ڇڏي. نيٺ ڇا ٿيو؟ سا ته پوڙهيءَ کي خبر ڪانه هئي، پر ٻئي صبح جو سوير آفيسر جي گهر مان زينا جو لاش ڪڍي نديءَ جي ڪناري تي اڇلايو ويو، جتي اهو ٻن ڏينهن تائين پيو رهيو. پوءِ جرمنن سڄي ڳوٺ کي باهه ڏيئي ڇڏي، ڇو ته ڪنهن جرمنن جي تيل جي ٽانڪين کي باهه ڏني هئي، جيڪي پئنچاتي فارم جي واڙي ۾ رکيل هيون. ان واقعي کي صرف پنج ڏينهن ٿيا هئا. +پوڙهي گووزديف کي سندس سڙي ويل گهر جي رک جي ڍيرن وٽ وٺي ويئي ۽ کيس اهو وڻ به ڏيکاريو. هي اهو ئي وڻ هو، جنهن جي ڏار ۾ پاڻ ننڍي هوندي رسو ٻڌي لوڏ ٺاهي لڏندو هو. هينئر اهو وڻ بلڪل سڪو پيو هو ۽ ان جي هڪ ڏار ۾ پنج ڦاسيءَ جا ڦندا لٽڪي رهيا هئا. پوڙهي نچڻ جي نموني ۾ ٽپ ڏيندي، دل ئي دل ۾ ڪا دعا پڙهندي گريگوري کي نديءَ جي ڪپ تي وٺي ويئي، جتي زينا جو لاش ٻن ڏينهن تائين پيو هو، جنهن سان پاڻ روزانو خط لکڻ جو وعدو ڪيو هئائين، پر کيس وعدو پاڙڻ جيترو وقت ملي نه سگهيو هو. هو اتي هوا ۾ لڏندڙ ۽ جهومندڙ گاهه ۾ ٿوري دير بيٺو رهيو ۽ سموري وايو منڊل تي هڪ نگاهه وجهي جهنگل طرف وڃڻ لڳو، جتي سندس ساٿي انتظار ڪري رهيا هئا. هن نه ته هڪڙو لفظ ڳالهايو ۽ نه ئي ڪو اکين مان ڳوڙهو ڳاڙيائين. سندس چهري تي ڪهڙي قسم جو تاثر هو؟ تنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ڪونهن. +جون جي آخر ۾، جڏهن جنرل ڪونيف حملي جي دوران پيش قدمي ڪئي ته گريگوري ۽ سندس ساٿي جرمن لائن ٽپي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. آگسٽ ۾ کيس نئين ٽينڪ ”ت 34“ ڏني ويئي ۽ سرءُ جي موسم کان اڳ ۾ ئي بٽيلن ۾ هو تمام گهڻو مشهور ٿي ويو. ماڻهو چوندا هئا ”هن همراهه ته دنگ ڪري ڇڏيو.“ سندس باري ۾ اهڙيون ڪهاڻيون چيون ۽ لکيون وينديون هيون، جن تي يقين نٿي آيو، پر هيون سچيون ڪهاڻيون. هڪ رات هو گشت لاءِ نڪتو ۽ انتهائي ڦڙتائيءَ سان جرمن لائين کي چيريندو اڳيان وڌيو ۽ رستي ۾ سموريون رنڊڪون خير سان پار ڪيائين. بي خطا توپن جا ڌماڪا ڪندو، دشمنن ۾ ڏهڪاءُ وجهندو هو هڪ اهڙي شهر ۾ وڃي پهتو، جيڪو اڌ روسي فوج جي گهيري ۾ هو. هو دشمنن جي صفن ۾ افراتفري پيدا ڪندو وڃي پنهنجي فوج سان مليو. هڪ ٻئي موقعي تي هو جرمن لائين جي پٺيان هڪ گشتي ٽوليءَ سان گهمندو ڦرندو وڃي رسدگاهه تي حملو ڪيائين. +سرءُ جي موسم ۾ ٽئنڪن جي هڪڙي ٽوليءَ جي رهنمائي ڪندي رزديف شهر جي ويجهو هڪڙي قلعي بند ڳوٺ جي فوجي جٿي تي حملو ڪيائين. اُتي دشمن جو هيڊ ڪوارٽر هو. هو اڃا ڳوٺ واري موڙ تي مس پهتو ته سندس ٽئينڪ هڪ اهڙي بوتل سان وڃي ٽڪرائي، جنهن ۾ ڪو بارود پيل هو. دونهن جو ڪارو ڪڪر ڀڙڪي اٿيو ۽ سڄي ٽئينڪ شعلن ۾ وڪوڙجي ويئي. پر ٽئينڪ جو عملو پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. ٽئينڪ هڪ وڏي مشعالي وانگر ڳوٺ ۾ ڊوڙندي رهي ۽ ان ۾ موجود سڀ توپون گجنديون رهيون. جرمن سپاهين کي ڳولي ڳولي ماريائون. گريگوري ۽ سندس ساٿين کي اها خبر هئي ته ڪنهن به پل تيل جي ٽانڪيءَ يا ٽئينڪ ۾ موجود گولي بارود کي باهه لڳي سگهي ٿي ۽ ٽئينڪ ڇيهون ڇيهون ٿي ويندي. هو دونهين ۾ گهٽجي رهيا ها ۽ تپندڙ ڳاڙهي لوهه سان سڙي رهيا هئا. سندن ڪپڙن ۾ به باهه لڳي ويئي هئي، پر پوءِ به هو وڙهندا رهيا. تانجو هڪ ڳرو بم گولو ٽئينڪ جي هيٺان ڦاٽي پيو ۽ ٽئينڪ اٿلي پئي. هوا جي جهوٽي يا ان سان اڏايل ڌوڙ ۽ برف جي ڪري ڪجهه ائين ٿيو جو باهه وسامي ويئي. گريگوريءَ کي جڏهن ٽئينڪ مان ڪڍيو ويو ته هو خوفناڪ حد تائين سڙي چڪو هو. هو توپ جي ويجهو توپچيءَ جي لاش جي پاسي ۾ پيو هو، جنهن جي جاءِ هن والاري هئي. +ٻن مهينن تائين هيءُ ٽئينڪ هلائيندڙ موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ لڙڪندو رهيو. چڱڀلائيءَ جو ذرو به آسرو ڪونه هو. سندس دل هر شيءِ کان بيزار ٿي چڪي هئي. هن ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڏينهن جا ڏينهن وات مان هڪڙو لفظ به ڪونه ڪڍندو هو. +ڪوڪوشڪن وري هميشه رڳو ڪاوڙبو ۽ بڪ بڪ ڪندو رهندو هو. سندس خيال هو ته ڀڳل هڏ ٻڌڻ مهل پٽيون ٺيڪ نموني ۾ ڪونه ٻڌيون ويون آهن ۽ گهڻو ڇڪيل آهن، جنهن جو نتيجو هي ٿيندو ته هڏ صحيح نموني ۾ ڪونه ڳنڍبو ۽ وري ٻيهر کولڻو پوندو. گووزديف نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيو هوندو هو. هو ڪجهه به ڪونه ڳالهائيندو هو. پر اهو سولائيءَ سان ڏٺو ويندو هو ته جڏهن نرس ڪلاوديا ميخائلوونا ويزلين جون لپون ڀري سندس زخمن کي ڀريندي هئي، تڏهن هو ڏاڍي اشتياق سان پنهنجي زخمن کي ڏسندو هو يا ڏاڍي غور سان ڊاڪٽرن جا سندس باري ۾ صلاح مشورا ٻڌندو هو. +فقط هڪڙو استيپان ايوانووچ ئي اهڙو ماڻهو هو، جيڪو گُڪو ٿي هلندو هو ۽ پلنگن ۽ ديوارن کي جهلي مسلسل بڪندو رهندو هو ۽ ان بم، جنهن کيس زخمي ڪيو هو ۽ اها بيماري، جنهن کيس وڪوڙيو هو، کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائيندو هو. +ميريسئف پنهنجي جذبات کي لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو ۽ ائين محسوس ڪرائيندو هو، ڄڻ کيس ڊاڪٽرن جي پاڻ ۾ صلاح مشوري سان ڪابه دلچسپي ڪانهي. پر پوءِ به، هر ڀيري جڏهن بجليءَ جي علاج لاءِ پيرن جي پٽي کلندي هئي ۽ هو ڏسندو هو ته سندس پيرن جي ڏکوئيندڙ ۽ خوفناڪ سوڄ آهستي آهستي پر مسلسل مٿئين پاسي وڌي رهي آهي، تڏهن دهشت ۽ خوف کان سندس اکيون ڦاٽل ئي رهجي وينديون هيون. +هو بيچين ۽ غمگين رهڻ لڳو. ڪنهن مريض ساٿيءَ جو ڀوڳ چرچو، بستري جي چادر ۾ پيل سر يا وارڊ جي پوڙهي امان جي هٿ مان ٻهاريءَ جو کسڪي وڃڻ به کيس جوش ڏيارڻ لاءِ ڪافي هو، جنهن کي هو انتهائي مشڪل سان ضبط ڪندو هو. هي سچ آهي ته اسپتال جي بهترين کاڌي جي وڻندڙ مقدار جلد ئي سندس قوت بحال ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي پٽين بدلائڻ وقت يا بجلي جي علاج وقت سندس اڪڙيل جسم کي ڏسي شاگرد ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي خوف ۽ هراس ڪونه ٿيندو هو. پر پوءِ به سندس جسم جيترو مضبوط ٿيندو پئي ويو ته سندس پير وري اوترا ئي خراب ٿيندا پئي ويا. سوڄ سندس سڄي پيرن کي گهيري ورتو هو ۽ هاڻي مٿي چڙهڻ لڳي هئي. پير جي چنبي جي حس بنهه ختم ٿي چڪي هئي. سرجن ان ۾ سئي چڀائيندو هو ۽ اندر تائين گهيڙائي ڇڏيندو هو ته به اليڪسيءَ کي خبر ئي ڪانه پوندي هئي. سرجن سوڄ کي روڪڻ جو هڪ نئون طريقو استعمال ڪيو، جنهن کي ”ناڪا بندي“ پئي سڏيائون، پر پيرن جي پيڙا تمام گهڻو وڌي ويئي. ايذاءُ بنهه ناقابل برداشت ٿي ويو. ڏينهن جو اليڪسي وهاڻي ۾ وات هڻيو خاموش پيو هوندو هو ۽ رات جو ڪلاوديا کيس نشي جي سئي (مارفيا) لڳائيندي هئي. +سرجن پنهنجي صلاح مشوري ۾ ”ڪٽي ڇڏڻ“ جو لفظ گهڻي کان گهڻو استعمال ڪرڻ لڳا. ڪڏهن واسيلي واسيلي وچ اليڪسيءَ جي پلنگ وٽ بيهندو هو ۽ پڇندو هو: +”رڙهڻ واري بهادر نوجوان جو اڄ ڪهڙو خيال آهي؟ اسين ڪاٽي ڇڏيون ته ڪيئن؟ بس کن پل ۾ ڌڪ ئي هڪڙو ۽ معاملو صاف.“ +اليڪسيءَ جو بدن ساهه ڇڏي ويندو هو ۽ هو ڏڪي ويندو هو. ڏند ڪرٽي هو پاڻ کي دانهون ڪرڻ کان روڪيندو هو ۽ رڳو ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيندو هو ۽ پروفيسر گرجندو چوندو هو: ”ها ها، ڀلي پيو سور سهو! هي تنهنجو معاملو آهي، ڏسون ته ان مان توکي گهڻو ٿو فائدو پهچي؟“ ۽ هو ڪا نئين دوا لکي ڏيندو هو. +هن جي وڃڻ کان پوءِ دروازو بند ٿي ويندو هو. سندس پيرن جو آواز ورانڊي مان گم ٿي ويندو هو، پر ميريسئف پنهنجي بستري تي اکيون ٻوٽيو پيو هوندو هو ۽ سوچيندو هو: ”منهنجا پير، منهنجا پير، منهنجا پير..........“ ڇا هو پيرن کان سواءِ ئي رهجي ويندو؟ ڇا هو پوڙهي ملاح ارڪاشا وانگر ڪاٺ جي گهوڙين تي هلندو؟ +هڪڙي ٻي ڳالهه به سندس تلخ خيالن کي اڃا به وڌيڪ ڀڙڪايو هو. اسپتال ۾ اچڻ جي پهرئين ڏينهن هن اهي خط پڙهيا هئا، جيڪي ڪامي شين کان آيا هئا. انهن ۾ هڪڙا خط سندس ماءُ جا هئا، جن ۾ اڌ مضمون ته رڳو ان يقين ڏيارڻ تي هو ته ڳوٺ ۾ سڀ خير آهي. پاڻ، مٽ مائٽ ۽ عزيز قريب سڀ خوش آهن ۽ باقي اڌ مضمون ۾ هدايتون هيون ته سردي کان پاڻ کي بچائج، مٿو ڍڪج، پيرن کي پسڻ نه ڏج، خطرن کان پاسو ڪج، جرمنن جي مڪاري کان هوشيار رهج وغيره وغيره. +نيري رنگ جي لفافن ۾ هڪ ڇوڪريءَ جا لکيل خط هئا، جيڪا ڪارخاني جي هنري سکيا واري اسڪول ۾ ساڻس گڏ پڙهندي هئي. ان جو نالو اولگا هو. هينئر هو ڪامي شين جي ڪارخاني ۾ ٽيڪنيشن هئي، جتي پاڻ به ڪجهه وقت ڪم ڪيو هئائين. هوءَ ڇوڪري سندس ننڍپڻ جي دوست کان ڪجهه وڌيڪ به هئي ۽ سندس خط عام خطن کان مختلف هوندا هئا. اها ڳالهه ڪا تعجب جهڙي ڪانهي ته هن هر خط کي ڪيترا ئي ڀيرا پڙهيو هو ۽ هڪ سادي کان سادي سٽ کي به ان اميد سان غور سان پڙهي رهيو هو ته شايد منجهس ڪا خوش ڪندڙ معنيٰ لڪل هجي، حالانڪ هو پاڻ به چڱيءَ طرح سمجهي نه پئي سگهيو ته هو انهن سٽن ۾ ڇا ڳولي رهيو هو؟ +اولگا لکيو هو ته هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڪم ۾ رڌل هئي. ايتري قدر جو رات جو به هوءَ گهر ڪانه ويندي هئي ۽ اتي آفيس ۾ ئي سمهي پوندي هئي، ته جيئن اچڻ وڃڻ جو وقت بچي پوي. اهو به لکيو هئائين ته هو هاڻي ان ڪارخاني کي سڃاڻي به ڪونه سگهندو ۽ جيڪڏهن کيس اها خبر پئجي وڃي ته هينئر اتي ڇا تيار ٿي رهيو آهي؟ ته ڪَرَ هو خوشيءَ ۾ چريو ٿي پوي. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن کيس هڪ ڏينهن جي موڪل ملندي آهي ۽ گهڻو ڪري اها مهيني ۾ فقط هڪ ڀيرو ئي ملندي آهي، تڏهن هو اليڪسيءَ جي ماءُ وٽ ويندي آهي. سندس ماءُ کان حال احوال ۽ خبرچار وٺندي آهي. امان پوڙهي سندس وڏن پٽن جي سرد مهريءَ کان سخت پريشان آهي. مٿس هينئر ڏکيو وقت اچي ڪڙڪيو آهي. سندس صحت به خراب رهڻ لڳي آهي. اليڪسيءَ کي التجا ڪيل هئي ته هو جلد جلد خط لکندو ڪري ۽ کيس ڪابه صدمي جهڙي خبر نه ٻڌائي ۽ ڪجهه تفصيل سان ئي خط لکي، ڇو ته هو ئي سندس نيڻن ٺار، آخري اميد ۽ واحد خوشي جو سبب آهي. +اولگا جو خط وري وري پڙهڻ کان پوءِ اليڪسيءَ ماڻس جي خواب جي ننڍڙي ڳجهارت ڀڃي ورتي هئي. هن محسوس ڪيو ته سندس ماءُ هن لاءِ تڙپي رهي آهي، ڇو ته هو ئي سندس اميدن جو آخري سهارو آهي ۽ هن اهو به محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن پنهنجي ٽنگن جي باري ۾ ڪجهه لکيو ته اولگا ۽ ماڻس کي ڪيڏو نه زبردست صدمو پهچندو. هن تمام گهڻي دير تائين سوچيو ته هو ڇا ڪري، ڇا نه ڪري؟ نيٺ کيس سچ لکڻ جي همت ڪانه ٿي ۽ هن فيصلو ڪيو ته ڪجهه ڏينهن ٻيا به سڀ ڪجهه لڪائجي. پوءِ هن لکيو ته هو بنهه ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ سندس بدلي هڪ محفوظ علائقي ۾ ٿي آهي. هن ائڊريس جي تبديلي جو سبب هي لکيو ته کيس مو��چي جي پٺيان هڪ خاص ڪم تي مامور ڪيو ويو آهي ۽ لڳي ٿو ته کيس اتي ڳچ ڏينهن لڳي ويندا. +۽ هاڻي جڏهن سندس بستري وٽ سرجنن پاڻ ۾ صلاح مشوري دوران ”وڍڻ“ جو لفظ وري وري اچڻ لڳو هو، تڏهن کيس خوف جو احساس اچي وڪوڙي ويندو هو ته هو لنگڙو لولو بنجي ڪامي شين ڪيئن وڃي سگهندو؟ هو ڪهڙي ريت اولگا کي پنهنجا ڪاٺ جا پير ڏيکاري سگهندو؟ ان سان سندس ماءُ کي ڪيڏو نه روح ايذائيندڙ صدمو پهچندو، جيڪا لڙائيءَ ۾ پنهنجن ٻين پٽن کي ته قربان ڪري چڪي هئي ۽ هاڻي پنهنجي آخري پٽ جو انتظار ڪري رهي هئي. هو وارڊ جي حسرت ڀري ۽ اذيت ناڪ خاموشيءَ ۾ پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويندو هو. +”وڍي ڇڏيندؤ؟ نه! ٻيو جيڪو وڻيوَ، سو ڪريو پر وڍيو نه! ان کان وڌيڪ بهتر آهي ته مري وڃجي........ الا! ڪيڏو نه خوفناڪ ۽ پيڙا ڏيندڙ لفظ آهي ”وڍڻ“ ائين ٿو لڳي ڄڻ دل ۾ خنجر گهپي ويو هجي – وڍڻ؟ نه هرگز نه! اهو ڪڏهن به ٿي نه سگهندو.“ اليڪسي سوچيندو هو. هو خواب ۾ به انهيءَ لفظ کي لوهه جي انبوريءَ جي روپ ۾ ڏسندو هو، جيڪا سندس سڄيل ۽ پکڙيل چنبن کي ڇنڊيندي ڦاڙيندي رهندي هئي. +(3) +هڪ هفتي تائين ته وارڊ 42 ۾ فقط چار مريض ئي رهيا هئا، پر هڪ ڏينهن وارڊ جي نرس ڪلاوديا ٻن ملازمن سان گڏجي کٽن کي سيري هڪ وڌيڪ کٽ جي جاءِ ڪئي ۽ پنجون مريض وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. جنهن مهل مريض کي اسٽريچر تي کنيو پئي آندو ويو، ان وقت ائين پئي لڳو ته هو بيهوش آهي، پر جيئن ئي وارڊ ۾ اسٽريچر رکيو ويو ته هن اکيون کوليون ۽ ٺونٺين ڀر اٿي تجسس سان نهارڻ لڳو. سڀني کي ڏسندي جنهن وقت سندس نگاه استيپان تي پيئي ته کيس اک ڀڳائين، ڄڻ کيس چوندو هجي ته: ”ڇا ته زندگيءَ جو روپ آهي، ايترو خراب به ته ڪونهي. هون؟“ سندس جسم بم جي ڌماڪي سبب بنهه زخمي هو ۽ کيس بيحد ايذاءُ ٿي رهيو هو، پر پوءِ به هو انتهائي ضبط ۽ صبرکان ڪم وٺي رهيو هو. جنهن وقت کيس اسٽريچر تان کڻي پلنگ تي ليٽايو پئي ويو، اوڏي مهل نرس زخمي پير کي هٿ سان ڇهي ڏٺو هو ۽ ان مهل اليڪسيءَ جي نگاهه مريضن جي هيڊي چهري ۽ ان تي نڪري آيل پگهر جي ڦڙن تي پيئي ۽ گڏوگڏ کيس ڪرڀ ۽ پيڙاهه جي جهلڪ به مريض جي سفيد چپن تي ڏسڻ ۾ آئي، پر مريض جي وات مان رڳو اُف به ڪانه نڪتي. هن صرف ڏند ڀيٽي ڇڏيا. +بستري تي ليٽڻ سان ئي هن ساڻس آندل ڪتابن ۽ ڪاپين جو ڍڳ ڪٻٽ ۾ سنواري رکيو. هن ڏاڍي خيال سان ڏندن جو ٻورو، برش، تيل، ڏاڙهي ڪوڙڻ جو سامان ۽ صابڻ هيٺين ڪٻٽ ۾ ٺاهي رکيا. پنهنجي سموري ڪارنامي کي هڪ تنقيدي نظر سان جانچي ڏٺو ۽ مطمئن ٿيو. تنهن کان پوءِ هن هڪدم گهر جي ڀاتين وانگر محبت ڀريئي هڪ گهري ۽ زوردار آواز ۾ چيو: +”چڱو ادا، هاڻي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ ٿي وڃي. منهنجو نالو رجمينٽل ڪميسار سيميون ورو بيوف آهي. آءٌ ٻيڙي سگريٽ ڪونه پيئان. طبيعت جو نرم، مهرباني ڪري مون کي پنهنجي چؤياريءَ ۾ شامل ڪريو.“ +هن هڪ خاموش دلچسپيءَ واري نگاهه سان پنهنجي وارڊ جي ساٿين کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ ميريسئف جي اکين سان سندس اشتياق ڀريل، ننڍڙين ننڍڙين سونهري اکين جي تيز ۽ چڀندڙ نگاهه ملي ويئي. +”آءٌ توهان وٽ گهڻو وقت ڪونه رهندس. ٻين جي باري ۾ ته چئي نٿو سگهان، باقي مون وٽ ايترو وقت بنهه ڪونهي جو آءٌ هتي گهڻن ڏينهن تائين پيو هجان. منهنجا شهسوار ساٿي منهنجو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن. رڳو برف ڳري ۽ رستا سُڪن ته بس آءٌ هليو ويندس. اسين لال فوج جا گهوڙي سوار آهيون....... ڇا سمجهيوَ؟!“ سندس گونجدار آواز وارڊ ۾ ٻُرندو رهيو. +”اسان مان ڪوبه هتي تمام گهڻي عرصي لاءِ ترسڻ ڪونه آيو آهي. جيئن ئي برف ڳرندي، اسين سڀ هلي چرنداسين..... ٽنگهون ٽيڙي، پنجاهه نمبر وارڊ ۾!“ ڪوڪوشڪن چيو ۽ منهن ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيائين. +اسپتال ۾ ڪوبه وارڊ نمبر پنجاهه ڪونه هو. البت مريضن پاڻ ۾ گڏجي اهو نالو مردي خاني تي رکيو هو. ڪميسار کي ان بابت خبر هئي يا نه؟ سا ته پڪ ڪانهي، البت هُن هِن ڀوڳ جو خوفناڪ مطلب هڪدم سمجهي ورتو، پر هو ڪاوڙيو ڪونه. هن ڪوڪوشڪن ڏانهن تعجب سان ڏٺو ۽ پڇيو: +”يار، تنهنجي عمر گهڻي آهي؟ اڙي تنهنجي ته ڏاڙهي به اڇي ٿي رهي آهي. ائين پيو لڳي ته تون وقت کان اڳ پوڙهو ٿي ويو آهين.“ +(4) +نئين مريض ڪميسار جي اچڻ ڪري وارد نمبر 42 جي زندگيءَ جي بنهه ڪايا پلٽ ٿي ويئي هئي. ٻئي ڏينهن تائين ان ٿلهي متاري ۽ سنڌ سنڌ چور زخمي ٿيل ماڻهوءَ سڀني سان دوستي رکي ورتي هئي ۽ جيئن پوءِ استيپان چيو هو ته ”هن هر ماڻهوءَ جي دل جي ڪنجي هٿ ڪري ورتي هئي.“ +استيپان سان هو دل کولي گهوڙن ۽ شڪارن جون ڳالهيون ڪندو هو. ٻئي ڄڻا گهوڙن ۽ شڪار جا شوقين ۽ ماهر هئا. ميريسئف سان، جيڪو جنگ جي بابت گهڻي ڄاڻ رکندو هو، موجوده جنگ ۾ هوائي جهاز، ٽينڪ ۽ گهوڙي سوار فوج جي استعمال متعلق بحث ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙجي چوندو هو ته اهو ٺيڪ آهي ته هوائي جهاز ۽ ٽينڪ بنهه ڪارائتيون شيون آهن، پر گهوڙو به ڪا بيڪار شيءِ ڪانهي. جيڪڏهن گهوڙي سوارن جي نئين سر تنظيم ٿئي ۽ ٽينڪ ۽ توپ خانو سندس حصي طور ڪم ڪن، ڪيترن ئي ذهين ۽ بهادر نوجوانن جي تربيت ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي پراڻي تجربيڪار ڪمانڊرن جو هٿ ونڊائين ته هينئر به گهوڙي سوار فوج اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاري سگهي ٿي جو سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي وينديون. هن ماٺيڻي ٽينڪ مين سان پڻ ڳالهائڻ جو ڪونه ڪو بهانو ڳولي ورتو هو ۽ وري جيئن ئي ڪميسار ڪوڪوشڪن کي شطرنج کيڏڻ جي آڇ ڪئي ته هو پلٽي پيو. سندس بستري تي شطرنج رکيل هو ۽ ڪميسار پنهنجي ئي بستري تان اکيون پوريو ستي ستي ڪوڪوشڪن کي چال ٻڌائيندو هو ۽ اهڙي طرح هن ڪوڪوشڪن کي زبردست شڪست ڏني ۽ اهڙي طرح سان ڪوڪوشڪن جي دل ۾ سندس احترام وڌي ويو. +وارڊ ۾ ڪميسار جو اچڻ به ماسڪو ۾ بهار جي شروعات جي تازي ۽ پُسيل هوا وانگر هو، جيڪا روزانو صبح جو دري کلڻ مهل وارڊ ۾ داخل ٿيندي هئي ۽ رستي واري ڀيڙ ۽ گوڙ سان وارڊ جي اندر واري ڏکوئيندڙ خاموشيءَ کي درهم برهم ڪري ڇڏيندي هئي. اهو سمورو جوش ۽ جذبو جاڳائڻ لاءِ ڪميسار کي ڪا خاص محنت ڪانه ڪرڻي پوندي هئي. بس هو ته رڳو زندگيءَ جي تڙپ سان ٽمٽار هو. هن جي نس نس مان زندگي لياڪا پائيندي رهندي هئي. هو درد جي پيڙاهه کي وساري ڇڏيندو هو يا وسارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. +هو اخبار ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو. اخبار ۾ جنگ متعلق تبصرا ۽ مضمون سندس دلچسپيءَ جو خاص موضوع هئا. هو ماني کائڻ ۽ علاج ڪرائڻ جي وچ ۾ ٻن ڪلاڪن جي وقفن ۾ جرمن ٻولي سکندو هو. وارڊ ۾ ڪنهن کي به ڏاڙهي ڪانه رکيل هئي، پر پوءِ به هو سڀني کي ”پريا مڙس“ چئي سڏيندو هو. +اليڪسي سڄو ڏينهن پيو ڪميسار جو جائزو وٺندو هو ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته آخر هُن جي اٿاه زنده دليءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه هو ته هو انتهائي اذيت ۽ پيڙاهه ڀوڳي رهيو هو. کيس ننڊ ايندي ئي سندس ضبط ٽُٽي پوندو هو ۽ هو ڪنجهڻ لڳندو هو، ڦٿڪندو هو ۽ ڏند ڪرٽيندو هو. سندس چهري تي ڪرڀ جي ڪيفيت نمايان ٿي ويندي هئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ هو ان سڄي حقيقت کان واقف هو ۽ تڏهن ئي هو ڏينهن جو جاڳندو رهندو هو ۽ ڪونه ڪو تماشو ڳولي وٺندو هو. پر جيستائين جاڳندو رهندو هو، تيستائين پرسڪون ۽ تازو توانو رهندو ه��؛ جهڙوڪر کيس ڪا تڪليف ئي ڪانهي. هو ڏاڍي اطمينان سان سرجنن سان ڳالهائيندو هو ۽ جڏهن هو سندس زخمي حصي کي زور ڏيئي معائنو ڪندا هئا ته هو ساڻن کل ڀوڳ پيو ڪندو هو. پر هو جنهن نموني ۾ بستري جي چادر پنهنجي مُٺ ۾ ڀڪوڙيندو هو ۽ جنهن طرح سندس نڪ تي پگهر جا موتي چمڪندا هئا، صرف ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجيو ٿي ته هن کي اذيت برداشت ڪرڻ ۾ ڪيڏي نه تڪليف پئي ٿئي. هواباز سمجهي نه پئي سگهيو ته آخر هي ماڻهو هيڏو سارو سور سهي ڪيئن ٿي سگهيو ۽ هن ۾ ايتري قوت برداشت، ايتري طاقت، ايتري توانائي، ايتري زنده دلي ڪٿان ٿي اچي؟ اليڪسيءَ کي دوائن جي باوجود به سڄي رات ننڊ ڪانه ايندي هئي، تنهن ڪري سڄي رات هو اکيون کوليو اُن سُٽ کي سلجهائڻ ۾ لڳو پيو هوندو هو ۽ پنهنجي ڪنجهڪار کي روڪڻ لاءِ ڪمبل وات ۾ وجهي ڇڏيندو هو. +هاڻي سرجن معائني دوران لفظ ”وڍڻ“ کي اڃا به وڌيڪ استعمال ڪرڻ لڳا هئا. هن محسوس ڪيو ته اهو خطرناڪ ڏينهن ويجهو اچي رهيو آهي ۽ هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته پيرن کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي. + + + +(5) +۽ پوءِ اهو ڏينهن اچي ئي ويو. هڪ ڏينهن واسيلي واسيلي وچ گهڻي دير تائين اليڪسيءَ جي ڪارن نيرن ۽ بي حس پيرن کي آڱرين سان چڱيءَ طرح زور ڏئي تپسائيندو رهيو ۽ پوءِ هڪدم چيلهه سڌي ڪري سڌو اليڪسيءَ جي اکين ۾ نهاري چيائين ”وڍڻو ئي پوندو!“ ۽ ان کان پهريائين جو هواباز، جيڪو بنهه هيڊو ٿي ويو هو، زبان کولي، پروفيسر بنهه سختيءَ سان دهرايو ”وڍڻو ئي پوندو! بس هڪ لفظ به چوڻ جي ضرورت ڪانهي. ٻڌيئي! نه ته تنهنجو خير ڪونهي. منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه؟“ +هو پنهنجي قافلي تي نظر وجهڻ کان سواءِ ئي وارڊ مان نڪري ويو. وارڊ ۾ هڪ ڏکوئيندڙ مايوسي ڇانئجي ويئي. ميريسئف پنهنجي بي رونق چهري سان اکيون ڦاڙيو بستري تي پيو هو. سندس اکين ۾ ڌنڌ گهيريل پوڙهي ملاح جو هيڊو ۽ مڪروهه چهرو، ڌڙ تري آيو، جيڪو دريا جي ڪناري تي باندر وانگر رڙهي رهيو هو. +” اليڪسي!“ ڪميسار کيس نرميءَ سان سڏيو. +”ڇا آهي؟“ هن کيس جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنو. +”منهنجا دوست! وڍائڻو ئي پوندو.“ +انهيءَ لمحي اليڪسيءَ کي محسوس ٿيو ته پوڙهو ملاح نه پر هو پاڻ وڍيل پيرن سان گوڏن ڀر سري رهيو آهي ۽ سندس پياري، پنهنجي اولگا، دريا جي وارياسي ڪناري تي بيٺي هئي. هن کي تکي رنگ جو فراڪ پاتل هو، جنهن کي هوا لوڏي رهي هئي. هوءَ ٻهڪندڙ، نرم، نازڪ ۽ انتهائي حسين هئي. هوءَ اليڪسيءَ کي غور سان ڏسي ۽ پنهنجا چپ ڀڪوڙي رهي هئي. ڇا اهو ئي پنهنجو انجام ٿيندو؟ ۽ هو وهاڻي ۾ منهن وجهي، خاموشيءَ سان روئڻ لڳو. سڀني ماڻهن تي وحشت طاري ٿي ويئي. استيپان گجندو ۽ ڪنجهندو پنهنجي بستري مان نڪتو ۽ اليڪسيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو، پر کيس ڪميسار آڱر مٿي کڻي روڪي ڇڏيو. ڄڻ کيس چوندو هجي ته ”هن کي تنگ نه ڪريو ۽ کيس دل کولي روئڻ ڏيو.“ +واقعي ان کان پوءِ اليڪسيءَ جي دل تان گهڻو بار هلڪو ٿي ويو. جلد ئي هو خاموش ۽ مطمئن ٿي ويو ۽ کيس اهڙو سڪون محسوس ٿيو، جهڙو هر ان شخص کي اهڙو مسئلو طئي ڪرڻ بعد محسوس ٿيندو آهي، جيڪو کيس ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي ستائي رهيو هجي. هن شام تائين هڪ لفظ به ڪونه ڳالهايو. شام جو خدمتگار کيس آپريشن جي ڪمري ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ وٺڻ آيا. روشنيءَ سان جرڪندڙ سفيد ڪمري ۾ به هن ڪجهه ڪونه ڳالهايو. جيڏي مهل کيس اهو ٻڌايو ويو ته سندس دل جي حالت اهڙي آهي جو کيس بيهوش ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري رڳو ٽنگن کي سُن ڪري آپريشن ڪرڻو پوندو ته هن فقط ها ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ بس! آپريشن دوران نه ته هن جي وات مان ڪا ��نجهار نڪتي ۽ نه ئي ڪا دانهن ڪوڪ. واسيلي واسيلي وچ هي سادو آپريشن پاڻ خود ڪري رهيو هو. جڏهن سندس هڏي وڍي ويئي، تڏهن کيس بي انتها اذيت پهتي، پر اليڪسي هاڻي سور ۽ سختيون سهڻ جو عادي ٿي ويو هو ۽ هاڻي ته کيس اهو به سمجهه ۾ نٿي آيو ته سفيد لباس پاتل نقاب پوش سندس پيرن کي ڇا ڪري رهيا آهن؟ پر جڏهن هن کي واپس وارڊ ۾ پئي آندو ويو ته هو بيهوش ٿي چڪو هو. +جڏهن سندس اک کلي ته سڀ کان پهريائين کيس نرس ڪلاوديا ميخائلوونا جو همدرديءَ ڀريل چهرو نظر آيو. تعجب جي ڳالهه ته کيس ڪابه ڳالهه ياد ڪانه هئي. هو سوچڻ لڳو ته آخر هن خوبصورت، نيڪ دل ۽ سنهري وارن واري عورت جي چهري تي غم ۽ پريشانيءَ جا آثار ڇو آهن؟ نرس جڏهن ڏٺو ته هن اکيون کوليون آهن ته سندس چهرو ٻهڪي پيو ۽ هن ڪمبل اندران ئي هن جو هٿ جهليو ۽ کيس ٿڦڪي ڏيڻ لڳي. +”واقعي، توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو.“ هن چيو ۽ هڪدم هن جي ڪارائي جهلي نبض ڏسڻ لڳي. +”هيءَ ڇا پئي چوي؟“ اليڪسيءَ سوچيو. هن پنهنجي ٽنگن ۾ اڳي کان ٿورو مٿڀرو سور محسوس ڪيو ۽ اهو ايذاءُ پهرئين ايذاءُ وانگر ڏکندڙ، جلندڙ ۽ ڀڙڪندڙ ڪونه هو، پر هي درد هڪ جهيڻو درد هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ سندس گوڏن هيٺان ڪنهن ڇڪي تار ٻڌي ڇڏي آهي. هن محسوس ڪيو ته سندس جسم پهرئين کان ڪجهه ننڍو ٿي ويو آهي ۽ پوءِ کيس ياد آيو تيز روشنيءَ وارو سفيد ڪمرو، واسيلي واسيلي وچ جو گوڙ گهمسان ۽ ٻيو سڀڪجهه. +”ته چئبو ته وڍجي به ويون؟“ هن بي ڌيانيءَ سان سوچيو ۽ زوريءَ چپن تي مسڪراهٽ آڻي نرس کي چيو: +”ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجو قد گهٽجي ويو آهي.“ هيءَ هڪ تلخ مسڪراهٽ هئي، جهڙوڪر هو اهل ڪڍي رهيو آهي. نرس تمام نرميءَ سان سندس وار سنواريا ۽ چيو: +”منهنجا جاني، پرواهه نه ڪر. هاڻي بلڪل آرام اچي ويندو.“ +”ها ڇو نه، ڪجهه سير وزن جو گهٽ ٿي ويو آهي.“ +”ائين نه چئو، منهنجا مٺا ائين نه چئو. پر تو واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو. گهڻا ماڻهو رڙيون ڪندا آهن ۽ ڪيترن کي ته ٻڌڻو پوندو آهي، پر تنهنجي وات مان ته ٻڙڪ به ڪانه نڪتي. الا، لعنت ڀري هن جنگ ڪيڏا ڪلور ڪيا آهن.“ +شام جي ڌنڌلڪي ۾ ڪميسار جو ڪاوڙ ڀريل آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”بس بس! پنهنجو روڄ هاڻ بند ڪر نرس! اچي هڪ خط کڻي ڏئينس. ڪي ماڻهو ڪيڏا نه خوش نصيب هوندا آهن. مون کي ته ڏاڍو رشڪ ٿو اچي. سوچ ته سهي ڀلا هيڏا سارا خط هيڪاندا!“ +ڪميسار خطن جو يڪو ڍڳ کڻي اليڪسيءَ کي ڏنو. هي خط کيس سندس رجمينٽ مان آيا هئا. مٿن مختلف تاريخون پيل هيون، پر ڪنهن سبب سمورا خط هڪ ئي ڏينهن تي مليا هئا ۽ هاڻي اليڪسي پنهنجي وڍيل ٽنگن سان ويٺو هڪ هڪ ڪريو پيار ڀريا خط پڙهي رهيو هو. هو خطن پڙهڻ ۾ ايترو ته محو ٿي ويو هو جو هن اهو به ڪونه ڏٺو ته ڪميسار نرس کي اک ڀڃي ڏانهنس اشارو ڪري چئي رهيو هو ته ”منهنجي دوا اوهان جي سمورين ننڊ ڏيندڙ دوائن کان بهتر آهي.“ اليڪسيءَ کي اها خبر ڪڏهن به ڪانه پئجي سگهي ته ڪميسار کي هن تي ايندڙ ڏکين ڏينهن جا پاٽيا اڳ ۾ ئي پئجي ويا هئا، تنهن ڪري هن ڄاڻي ٻجهي سندس ڪي خط رکي ڇڏيا هئا، ته جيئن سندس محبوب هوائي اڏي تان آيل پيار ڀرين خطن جي ڪري سندس هن بي انتها صدمي ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿئي. هن کي هنن تڪڙ تڪڙ ۾ لکيل ڪاغذن جي ٽڪرن جي قدر ۽ قيمت جي ڄاڻ هئي. هن کي خبر هئي ته اهي ڪاغذ جا ٽڪرا ڪڏهن ڪڏهن محاذ تي مانيءَ ۽ دوا کان به وڌيڪ فائديمند هوندا آهن. +اندر ئي ديگتيارنيڪو جو خط تمام کهرو هو. بلڪل ائين، جيئن پاڻ خود هو. ساڳئي لفافي ۾ هڪ ٻيو ننڍڙو خط هو، جنهن جا اکر بنهه سنهڙا ۽ ورن وڪڙن وارا هئا ۽ سڄو خط عجب جي نش��نين سان ڀريو پيو هو. لکيل هو: +”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! هيءَ تمام خراب ڳالهه آهي جو تون پنهنجو واعدو نٿو پاڙئين!! رجمينٽ ۾ گهڻو ڪري تنهنجو ذڪر ٿيندو آهي. آءٌ ڪوڙ ڪانه پئي ڳالهايان. هتي وارا دوست رڳو تنهنجو ئي ذڪر ڪندا رهندا آهن. ٿورا ڏينهن اڳ کاڌي واري ڪمري ۾ ميز تي رجمينٽ جي ڪمانڊر چيو هو ته ” اليڪسي به خوب ماڻهو آهي!!“ توکي ته خبر آهي ته هو ان قسم جا لفظ فقط بهترين ماڻهن لاءِ ئي چوندو آهي. هاڻي جلدي موٽي اچ، هتي تنهنجو ڏاڍو انتظار آهي. کاڌي جي ڪمري واري پوڙهي ليوليا مون کي چيو ته آءٌ توکي لکان ته هوءَ هاڻي توسان ڪونه وڙهندي ۽ مانيءَ مهل توکي ٻئي وقت جون ٽي پليٽون به ڏيندي ۽ پوءِ جي ان سبب سندس نوڪري هلي ويئي ته ڀلي وڃي هلي. پر اها تمام خراب ڳالهه آهي جو تون پنهنجو واعدو ڪونه ٿو پاڙين. تو ٻين کي خط لکيا آهن، پر مون کي ڪونه ٿو لکين. مون کي ان ڪري تمام گهڻو صدمو پهتو آهي ۽ تنهن ڪري ئي آءٌ توکي جدا خط ڪانه پئي لکان. تون مهرباني ڪري مون کي خط لک، جدا خط لک ۽ ٻڌاءِ ته تنهنجا ڪهڙا حال آهن؟ پنهنجي باري ۾ سڀڪجهه لکجانءِ.“ هن دلچسپ خط جي پڇاڙيءَ ۾ لکيل هو؛ ”موسمي سرجنٽ.“ اليڪسي مسڪرايو، پر سندس اکيون وري به لفظن تي ڊوڙڻ لڳيون. ”جلد هلي آ، هتي تنهنجو انتظار پيو ٿئي!“ انهن لفظن هيٺان هڪ ليڪ ڏنل هئي. هو بستري تي ويهي رهيو ۽ ان جاءِ تائين هٿ کڻي ويو، جتي پهرين سندس پير هئا. اوڏي مهل سندس حالت اهڙي ماڻهوءَ وانگر هئي، جيڪو هٿ پنهنجي کيسي ۾ وجهي ٿو، پر ڏسي ٿو ته تمام قيمتي دستاويز ڪري پيو آهي ۽ سندس هٿ کيسي مان آرپار هليو وڃي. +اليڪسيءَ کي هاڻي وڃي پنهنجي سنگين نقصان جو اندازو ٿيو. هو. هاڻي ڪڏهن به پنهنجي رجمينٽ ۾، هوائي فوج ۾ ۽ محاذ تي وڃي ڪونه سگهندو. هو هاڻي ڪڏهن به هوا ۾ بلند ٿي نه سگهندو. هاڻي هو پاڻ کي هوائي جنگ ۾ اڇلي وجهي ڪونه سگهندو، ڪڏهن به نه! هو هاڻي جڏو هو. هو هاڻي پنهنجي پيشي کان محروم ٿي چڪو هو. هاڻي هو هڪ ئي جاءِ تي چهٽو پيو هوندو. هو پنهنجي گهر وارن لاءِ هڪ ٻار ٿي پوندو. زندگيءَ کي سندس ڪابه ضرورت ڪانه هوندي ۽ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين اهو سلسلو ائين پيو هلندو. +(6) +آپريشن کان پوءِ ــــــــ جيڪا وڌ ۾ وڌ خراب ڳالهه اهڙين حالتن ۾ ٿي سگهي ٿي، سا اليڪسيءَ سان به ٿي. هن پاڻ کي پنهنجي دل اندر قيد ڪري ڇڏيو. هو نه ته شڪايت ڪندو هو، نه روئندو هو ۽ نه ئي ڪاوڙبو هو. بس چپ چاپ پيو هوندو هو. +سڄو سڄو ڏينهن هو سنئون ڊگهو ليٽيو پيو هوندو هو. سندس اکيون ديوار ۾ پيل ور وڪڙن واري ڦوٽ تي کتيون پيون هونديون هيون. جڏهن سندس وارڊ جا ساٿي ساڻس ڳالهائيندا هئا ته هو صرف ”ها“ يا ”نه“ ۾ جواب ڏيندو هو. گهڻو ڪري سندس ها يا نه به بي وقتي هوندي هئي. پوءِ هو خاموش ٿي ويندو هو ۽ انهيءَ ڦوٽ کي پيو گهوريندو هو. هو هڪ چئيڪار جي حيثيت ۾ ڊاڪٽرن جون سڀ ڳالهيون پوريون ڪندو هو. جيڪا دوا ملندي هئس، پيئندو هو. هو بي پرواهيءَ سان بنا شوق ۽ جوش جي کاڌو کائيندو هو ۽ ليٽي پوندو هو. +”او پريا مڙس! ڇا پيو سوچين؟“ ڪميسار سڏ ڪري پڇندو هوس ته اليڪسي ڏانهس ڪنڌ ورائي ائين ڏسندو هو، ڄڻ هو کيس نه ڏسندو هجي. +”آءٌ پڇان ٿو ته ڇا پيو سوچين؟“ +”ڪجهه به نه.“ +هڪڙي ڏينهن واسيلي واسيلي وچ وارڊ ۾ آيو ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڇيائين: +”ها ته رڙهڻ وارا نوجوان! زنده سلامت آهين؟ ڪهڙا حال اٿئي؟ تون هڪ هيرو آهين. آءٌ چوان ٿو ته تون هڪ هيرو آهين هيرو، تو ته ٻڙڪ به نه ڪڍي. هاڻي آءٌ يقين ڪري سگهان ٿو ته تون واقعي ارڙهن ڏينهن تائين رڙهي رڙهي جرمنن جي چنبي مان نڪري آيو آهين. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترن ماڻهن جا آپريشن ڪيا آهن، تو اوترا پٽاٽا به ڪونه کاڌا هوندا. پر اڃا تائين مون تو جهڙي ماڻهوءَ جو آپريشن ڪونه ڪيو هو.“ پروفيسر پنهنجا هٿ مهٽيا، سندس هٿ ڳاڙها هئا ۽ مٿانئن کل پئي لٿي ۽ هن جا ننهن ڳري سڙي رهيا هئا. ”تون ٻوٿ بڇڙو ڇو پيو ڪرين؟ آءٌ آهيان سو پيو واکاڻ ڪريان ۽ هي مڙس وري ٻوٿ بڇڙو پيو ڪري. آءٌ ميڊيڪل ڪور ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهيان ۽ توکي حڪم ٿو ڏيان ته مسڪراءِ!“ +ڏاڍي مشڪل سان هن جا چپ پکڙيا، ڄڻڪ اها مرڪ ڪانه هئي، پر زوريءَ رٻڙ کي ڇڪيو ويو هجي. هن سوچيو ته ”جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته منهنجو هي حشر ٿيندو ته آءٌ ارڙهن ڏينهن ڇو پيو رڙهان ها؟ منهنجي پستول ۾ ته ٽي گوليون اڃا هيون.“ +ڪميسار اخبارن ۾ جنگ متعلق رپورٽون وڏي آواز ۾ پڙهي ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن هوائي جنگ متعلق هڪ رپورٽ پڙهي ٻڌايائين، جنهن ۾ دشمنن جي 22 جهازن جي ڀيٽ ۾ اسان جو فقط هڪڙو جهاز تباهه ٿيو هو. رپورٽ ٻڌي اليڪسيءَ سوچيو: ”اهي ماڻهو ڪيڏا نه خوش نصيب آهن، جيڪي اڃا تائين هوا ۾ پرواز ڪن ٿا ۽ وڙهن پيا. پر آءٌ هاڻي ڪڏهن به پرواز ڪري نه سگهندس.“ اڳي هُو جنگ متعلق رپورٽن تي بحث ۾ ڪافي دلچسپيءَ سان حصو وٺندو هو، پر هاڻ هو ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن ڪميسار اخبار پڙهندو هو ته هو ڪمبل ۾ منهن ويڙهي ڇڏيندو هو ته جيئن ڪجهه به سڻي ٻڌي نه سگهي. اوڏي مهل مئڪسم گورڪيءَ جي ”عُقاب جو گيت“ جا ڄاتل سڃاتل ٻول سندس دماغ ۾ ٻري اُٿندا هئا ته: ”جيڪي سُرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن، سي ڪڏهن به اڏامي نه ٿا سگهن.“ +اليڪسي رڳو پيو سوچيندو هو ته ”هڪ ڀيري پاڻ ۽ اوليا والگا نديءَ جي ڪناري تي سير ڪرڻ ويا هئا. موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي. دريا ۾ ڳرندڙ برف جا ٽڪر تري رهيا هئا. پاڻ ٻئي خاموش، ان دلفريب منظر مان لطف وٺي رهيا هئا. هو خواب ڏسي رهيا هئا، مستقبل جا، مسرتن جا. پر ڇا هاڻي اهي خواب ڪڏهن پورا ٿي سگهن ٿا؟ اوليا ته هاڻ هن کان پاسو ڪري ويندي. پر جيڪڏهن هوءَ منهن نه به ڦيري ته ڇا آءٌ اها قرباني قبول ڪري سگهان ٿو؟ ڇا آءٌ پاڻ ان شوخ، ٻهڪندڙ ۽ نازڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاسي ۾ هلڻ جي اجازت ڏيئي سگهان ٿو؟ جڏهن ته آءٌ پاڻ سندس پاسي ۾ ڪاٺ جي گهوڙين تي پيو ڀٽڪندو هجان!“ هو خيالن ۽ سوچن مان جند ڇڏائي نه سگهيو. جڏهن اوليا کي خبر پوندي ته سندس پير وڍجي چڪا آهن، تڏهن هوءَ ڇا سوچيندي؟ ڇا هوءَ کيس ڇڏي ڏيندي؟ کيس وساري ڇڏيندي؟ کيس پنهنجي جيون مان ڪڍي اڇلائي ڦٽو ڪندي؟ هن جو سارو وجود احتجاج ڪري رهيو هو. نه نه! هوءَ اهڙي ڪانهي! هوءَ کيس ڪانه ڌڪاريندي. هوءَ هن کان منهن ڪانه ڦيريندي، پر اها ڳالهه ته اڃا به وڌيڪ خراب آهي. هن تصور ۾ ڏٺو ته اوليا هن سان، هڪ جڏي سان پنهنجي ڪشاديءَ دل جي چاهت کان مجبور ٿي شادي ڪئي آهي. هن اعليٰ هُنري تعليم جو خواب هن لاءِ ڪري ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي لاءِ، جڏي مڙس لاءِ ۽ ڪهڙي خبر ته ٻارن لاءِ به، هن پاڻ کي آفيس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڇا کيس اهو حق آهي ته هو هن قسم جي قرباني قبول ڪري؟ اڃا تائين هو باقاعده ڪنهن ٻنڌڻ ۾ ٻڌل ڪونه هئا. هنن جي رڳو سڱاوتي ٿيل هئي. هو اڃا زال مڙس ڪونه هئا. هو هُن سان پيار ڪندو هو ۽ مٿانئس گهور پيو ٿيندو هو. تنهن ڪري هن فيصلو ڪيو ته کيس اهڙو ڪوبه حق ڪونهي. هن کي پاڻ يڪدم هن سان سمورا ناتا ٽوڙي ڇڏڻ کپن ۽ بس اک ڇنڀ ۾ ائين ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح نه صرف کيس ڏاڍي ڀوائتي مستقبل کان بچڻ کپي، پر موجوده س��چن جي اذيت کان به جند ڇڏائڻ کپي. +پر انهيءَ دوران کيس هڪڙو خط مليو، جنهن تي ڪامي شين جو ٺپو لڳل هو. ان خط سندس سمورن فيصلن کي ابتو ڪري ڇڏيو. هي خط اوليا لکيو هو ۽ ان جي سٽ سٽ ۾ لڪل پريشاني ۽ بيقراري ڀري پئي هئي، ڄڻڪ کيس هن برباديءَ جو اندازو ٿي ويو هو. هن لکيو هو ته هوءَ هميشه ساڻس رهندي، پوءِ مٿس ڇا به ٿي گذري، پر هوءَ هن جو ساٿ ڏيندي. هوءَ فقط هن لاءِ جيئري هئي. پل پل اليڪسيءَ جو خيال سندس من ۾ واسيل هوندو آهي ۽ اهو ئي خيال کيس جنگ جي سختين سهڻ جو حوصلو ۽ همت پيدا ڪري ٿو. هوءَ مل ۾ به هن جي ئي خاطر سڄي رات جاڳي ڪم ڪندي هئي. موڪل جي ڏينهن ۾ ۽ واندڪائي مهل رات جوبه هوءَ خندقون ۽ کڏا کوٽيندي هئي، ته جيئن دشمنن جي ٽينڪن کي روڪي سگهجي. هوءَ اهو ڇو ڀلا لڪائي ته سندس خيال جي سهاري اڌ بک اڌ ڍؤ ڪري زندگي گذاري رهي آهي. اُها آخري ننڍڙي تصوير، جنهن ۾ تون ڪتي سان گڏ وڻ جي ننڍڙي ٿڙ تي ويٺو آهين ۽ مسڪرائي رهيو آهين، هر وقت مون وٽ هوندي آهي. مون ان کي امان جي لاڪٽ (تائٿ) ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڳچيءَ ۾ پائيندي آهيان. جڏهن، ڪڏهن به دل اداس ٿيندي آهي ته آءٌ تائٿ کولي تنهنجي تصوير ڏسندي آهيان ته سڀ ڏک درد ڏور ٿي ويندا آهن........ مون کي يقين آهي، جيستائين اسان هڪٻئي کي ڀائيندا رهنداسين، تيستائين اسان کي ڪنهن به شيءِ کان ڊڄڻ نه گهرجي. هن اهو به لکيو هو ته ڪجهه ڏينهن کان سندس ماءُ اليڪسيءَ لاءِ ڏاڍي اداس ۽ بدحواس رهڻ لڳي آهي. هن وري التجا ڪئي هئي ته هو ماڻس کي تڪڙو تڪڙو خط لکي ۽ ڪابه خراب خبر ٻڌائي پريشان نه ڪري. ڳوٺان آيل هي خط سندس دل ۾ جذبو پيدا ڪندا هئا ۽ محاذ جون مشڪلاتون ۽ سختيون سهڻ جو حوصلو پيدا ڪندا هئا. پر اڄ پهريون ڀيرو کيس خط پڙهي ڪابه خوشي ڪانه ٿي. اهي خط پڙهي سندس دل اڃا به وڌيڪ اداس ٿي ويندي هئي. هن هڪ اهڙي غلطي ڪئي هئي، جنهن پوءِ کيس ڏاڍو ڏک پهچايو. هن پنهنجي گهر وارن کي اهو ڪونه ٻڌايو هو ته ڪو سندس پير ڪٽيا ويا آهن. +بس هن پنهنجي بدنصيبيءَ ۽ غمناڪ انديشن جو تفصيل سان ذڪر رڳو موسميات اسٽيشن واري ڇوڪري سان ڪيو هو. هنن جي پاڻ ۾ ايتري ڄاڻ سڃاڻ به ڪانه هئي. کيس سندس صحيح نالي جي به خبر ڪانه هئي. هو کيس رڳو ”موسمي سرجنٽ“ سڏيندو هو. خط لکڻ مهل به هُن لفافي تي لکيو هو: فوجي پوسٽ آفيس فلاڻي، موسمياتي اسٽيشن ملي ”موسمي سرجنٽ“ کي. تنهن ڪري ئي ان کي اهو سڀ ٻڌائڻ گهر وارن جي نسبت ڪجهه سولو هو. کيس خبر هئي ته محاذ تي خطن جي قدر ۽ قيمت ڪهڙي هوندي آهي. تنهن ڪري کيس اميد هئي ته اويرو يا سويرو پر خط ضرور ان عجيب وغريب ايڊريس تي پهچي ويندو، پر جي کڻي خط نه به پهتو ته به ڪا ڳالهه ڪانهي، هن ته رڳو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهيو ٿي، سو هن لکيو هو. +اليڪسيءَ جا زخم آهستي آهستي ڇٽي رهيا هئا، پر پوءِ به پاڻ ڳرندو سڙندو پئي ويو. هر ڪنهن پئي محسوس ڪيو ته هو ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. ڪوبه علاج ڪامياب نه ٿي ويو. +(7) +بهار جي موسم اچي چڪي هئي. بهار جي موسم پنهنجي اچڻ جو اعلان ڪيترن ئي طريقن سان ڪيو هو. پگهرجندڙ برف جي خوشبوءِ، ننڍڙين جهرڪين جي چرپر، ڏامر جي رستي تان برف جي ڳري وڃڻ ڪري مٿس هلندڙ قدمن جي آهٽ، وڻن جي ٽارين ۾ نوان پن، ٽرامن جي هلڻ جو آواز، ٻاهر ٽين جي چادرن تي وسندڙ مينهن جي ڦڙين جي ٽپ ٽپ ۽ وارڊ نمبر 42 ۾ نرس ڪلاوديا جي زرد چهري تي سرخي پائوڊر جي وڌندڙ استعمال ۽ ٻين طريقن سان بهار پنهنجي پهچڻ جا اهڃاڻ چٽا ڪري ڇڏيا هئا. +”ڇا ٿو چوين استيپان، اسان هن وقت جيڪڏهن ڪنهن جهنگل ۾ هجون ۽ بندوق هٿ ۾ هجي ته ڪيڏو نه مزو اچي.“ ڪميسار ڏاڍي جوش مان چيو. ”پرهه ڦٽندي هجي ۽ اسان شڪار جي انتظار ۾ هجون – ڇا ان کان به وڌيڪ ڪا مزي واري ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ توکي ته خبر آهي ته سونهري سويرو ڇا ٿيندو آهي، سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان واسيل فضا ۽ گڏوگڏ ٿورو ٿورو پارو به هجي ۽ ماڻهو جهنگ ۾ ويٺو هجي ۽ پوءِ اوچتو فر فر فر ڪري پکي اڏامي، پوءِ ٻيو ۽ وري ٽيون.......“ استيپان گهرو ساهه کنيو ۽ ڪا شيءِ ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڄڻ وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو هجيس، پر ڪميسار پنهنجي ۾ مست هو. ”پوءِ ٽانڊو ٻارجي، ماڻهو پنهنجو ڪمبل لاهي پري رکي ۽ خوشبودار چانهه تيار ڪري ۽ پوءِ هڪڙو ڍُڪ واڊڪا (شراب) جو ته جيئن بدن جو هنڌ هنڌ گرم ٿي وڃي، ڪيئن؟ پنهنجي حق حلال جي محنت کان پوءِ.........“ +”بس بس، ڪامريڊ ڪميسار! هاڻ گهڻو ٿيو، وڌيڪ اهو ذڪر نه ڪر.“ استيپان چيو: ”خبر اٿئي ته هن وقت اسان جي علائقي ۾ ڪهڙو شڪار ملي ٿو؟ مڇي جو شڪار! تون اعتبار ڪونه ڪندين، پر اهو سچ آهي. ڇا تون ان باري ۾ ڪڏهن ڪونه ٻڌو آهي؟ ڏاڍو مزي اچو ٿو انهيءَ شڪار ۾ ۽ وڏي ڳالهه ته ڪجهه ڏوڪڙ به مليو وڃن. جيئن ئي برف ڀڄي ڀري ٿي ۽ نديون پاڻيءَ سان ڀرجن ٿيون ته مڇي ڪنارن تي اچيو لڳي ۽ بهار جي موسم ۾ ڪناري تي بيٺل گاهه ۽ گند ڪچري ۾ ويهو رهي ۽ اتي ئي آنا لاهي ٿي. ڪنارو وٺيو پيو وڃ ته ڄڻ توکي ڪاٺ جون دوڳيون ڏسڻ ۾ اينديون، پر اهي ڪاٺ جون دوڳيون نه پر مڇي هوندي آهي! رڳو بندوق کڻ ۽ ڍڳ مڇي جا، ايتريقدر جو کڻڻ به ڏکيو ٿيو پوي! آءٌ قسم کڻي ٿو ڳالهه ڪريان ته اهو بلڪل صحيح آهي........“ ۽ پوءِ شڪارين جي يادگيرين ۽ گپوڙن جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو. +اهڙي طرح هر روز ڪانه ڪا نئين ڳالهه ٿيندي هئي ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي به ٿيندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان وٺي هڪڙي حيرت ۾ وجهندڙ تبديلي ٿي هئي، جنهن کي وارڊ 42 جي هر ماڻهوءَ محسوس ڪيو هو. اها هيءَ ته ڪجهه ڏينهن کان ٽينڪ وارو گووزديف ڏاڍو خوش رهڻ لڳو هو. جڏهن 42 وارڊ جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پئي ته هو ڏاڍو ڪو رلڻو ملڻو ۽ گهڻ ڳالهائو آهي ۽ ساڻس سنگت نڀاهڻ ڏاڍي سولي ڳالهه آهي، تڏهن سڀئي ڏاڍا حيران ٿي ويا. پر اهو سمورو ڪمال ڪميسار جو هو. ڇو ته استيپان جي چوڻ مطابق ته هن کي هر ماڻهوءَ جي دل جي ڏکندڙ نس جي خبر هئي ۽ اهو سڀ ڪجهه هيئن ٿيو هو: +نرس ڪلاوديا هڪ خط هٿ ۾ جهلي وارڊ اندر داخل ٿي ۽ چيائين ته ”چڱو ڀلا ٻڌايو ته اڄ ڪير ٿو نچي؟“ +ان جو مطلب هو ته ٽپال آئي آهي. هوءَ هر خط وصول ڪندڙ ماڻهوءَ کي خوشيءَ ۾ نچڻ لاءِ کيس بستري تي ٿورو لڏڻ لاءِ مجبور ڪندي هئي. گهڻو ڪري اهو ناچ ڪميسار کي نچڻو پوندو هو، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ته کيس هيڪاندا ڏهه ڏهه خط ملندا هئا. پر فقط گووزديف ئي اهڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڪڏهن به ڪو خط ڪونه ايندو هو. سندس ڪوبه ڪونه هو، جو کيس خط لکي. پر هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ اندر داخل ٿي ته ڏاڍي خوش هئي. ”چڱو ڀلا ٻڌايو ته اڄ ڪير نچندو؟“ هن گووزديف جي پلنگ ڏانهن نهاريو ۽ سندس چهري تي مرڪ پکڙجي ويئي. هر ماڻهوءَ محسوس ڪيو ته ڪا غير معمولي ڳالهه آهي. سڄي وارڊ ۾ اميد ۽ آسري واري ڪشمڪش جهڙو ماحول ٿي ويو. ”ليفٽيننٽ گووزديف، اڄ نچڻ جو تنهنجو وارو آهي. وارو ڪر نچي ڏيکار.“ +ميريسئف ڏٺو ته گووزديف سڄو ڇرڪي ويو ۽ هڪدم پاسو ورايائين. سندن اکين ۾ عجيب چمڪ پيدا ٿي ويئي، پر هن هڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ ڪبندڙ آواز ۾ ۽ انتهائي بي نيازيءَ واري لهجي ۾ چيائين: +”نظر چڪ ٿي آهي، ڪنهن ٻئي وارڊ ۾ ڪو ٻيو گووزديف هوندو.“ پر ساڳئي وقت سندس اکيون ڏاڍي اشتياق سان ا��هن ٽن خطن کي ڏسي رهيون هيون، جيڪي نرس جي هٿ ۾ هئا. +”نه، ڪا غلطي ڪانه ٿي آهي.“ نرس چيو. ”ٻڌ، ليفٽيننٽ گ – م – گووزديف ۽ وارڊ نمبر 42، بس هاڻي ڇا ٿو چوين؟“ +ڪمبل اندران پٽين ۾ ويڙهيل هٿ ڏڪندو ٻاهر نڪتو ۽ خط ورتائين. هن خط وات ۾ جهلي ڏندن جي مدد سان لفافو ڦاڙيو. جوش کان سندس اکين مان شعلا نڪري رهيا هئا. حيرت جهڙي ڳالهه هئي جو ٽن ڇوڪرين، جيڪي ڊاڪٽريءَ جي ساڳئي سال ۾ پڙهنديون هيون ۽ هڪ ئي يونيورسٽيءَ ۾ هيون، جدا جدا لکت ۽ لفظن ۾ تقريبًا ساڳيو مضمون خطن ۾ لکي موڪليو هو. هنن لکيو هو ته جڏهن کين خبر پئي ته گووزديف زخمي ٿي ماسڪو اسپتال پهتو آهي، تڏهن ساڻس خط وڪتابت جو فيصلو ڪيو اٿن ۽ اهو به جيڪڏهن کيس هيءَ هجت بري نه لڳي ته هو آئينده به خط لکنديون رهنديون. انهن مان هڪڙي ڇوڪري انيوتا لکيو هو ته هن خط جو جواب ضرور ڏج ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙا حال آهن؟ ڪيئن پئي زندگي گذري؟ ڇا هوءَ سندس ڪا خدمت ڪري سگهي ٿي؟ کيس ڪنهن ڪتاب جي ضرورت آهي؟ جيڪڏهن کيس ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته هو بنا حجاب لکي موڪلي. اهڙي خط ڪتابت شروع ٿي ويئي. پر ڪجهه وقت کان پوءِ ٻن ڇوڪرين خط لکڻ بند ڪري ڇڏيو. باقي نيڪدل انيوتا اڪيلي خط لکندي رهي. انهيءَ کان پوءِ گووزديف نه صرف ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو هو، پر سندس صحت پڻ سڌرندي رهي هئي ۽ هو ڏاڍو تڪڙو چڱو ڀلو ٿي رهيو هو. +ڪوڪوشڪن پنهنجي پٽي کولائي ڇڏي هئي. استيپان ايوانووچ هاڻي ڪنهن سهاري کان سواءِ ئي هلڻ جي مشق ڪري رهيو هو ۽ چڱيءَ طرح گهمي ڦري سگهيو ٿي. هاڻي هو سڄو ڏينهن دريءَ تي بيهي گذاريندو هو ۽ ڏسندو هو ته ”هيڏي ساري دنيا“ ۾ ڇا پيو وهي ۽ واپري؟ فقط ڪميسار ۽ ميريسئف جي طبيعت ڏينهون ڏينهن نازڪ ٿيندي پئي وئي. خاص ڪري ڪميسار ته بنهه لاچار ٿي پيو هو. هاڻي هو صبح مهل ته پنهنجي هٿن پيرن کي رڳو چوري به ڪونه سگهندو هو. سندس جسم ۾ هڪ خطرناڪ قسم جي هيڊاڻ مائل سوڄ ۽ آرسيءَ جهڙي چمڪ پيدا ٿي ويئي هئي. هو هاڻي ته پينسل يا چمچو به هٿ ۾ جهلي نٿي سگهيو. +صبح مهل اسپتال جي مائي سندس هٿ منهن ڌئاريندي هئي ۽ کارائيندي پياريندي هئي. اها ڳالهه ته صاف ظاهر هئي ته هو پنهنجي درد ۽ ايذاءَ کان نه، پر پنهنجي بيوسيءَ جي ڪري مايوس ۽ غمگين هو، پر هن همت ڪانه هاري. سندس آواز ۾ پهرين واري ساڳي تازگي هئي. هو ساڳئي جوش جذبي سان اخبار پڙهندو هو. ايتري قدر جو هن جرمن ٻولي پڙهڻ به بند ڪانه ڪئي هئي. پر پڙهڻ وقت هو ڪتاب جهلي ڪونه ٿي سگهيو. سندس لاءِ استيپان تار مان هڪ رحل ٺاهي هئي ۽ بستري تي رکي ڇڏي هئي. هو بستري تي اچي ويهندو هو ۽ ڪميسار لاءِ اخبار جا صفحا اٿلائيندو هو. پر پوءِ به منجهس ساڳيو جوش، جذبو ۽ تازگي هئي. +ائين پئي لڳو ته جيئن جيئن سندس جسم ڪمزور ٿيندو پئي ويو، تيئن تيئن سندس روحاني قوت وڌندي پئي ويئي. کيس جيڪي بي انداز خط ايندا هئا، تن کي هو ساڳئي دلچسپيءَ سان پڙهندو هو ۽ انهن جا جواب ڏيندو هو ۽ واري واري سان ڪوڪوشڪن ۽ گووزديف کان لکرائيندو هو. هڪ ڏينهن اليڪسي علاج کان پوءِ اوجهري رهيو هو، پر ڪميسار جي گجندڙ آواز کيس ڇرڪائي وڌو. سندس رحل تي ڊويزنل اخبار رکي هئي. ”بچاءُ جي جنگ ۾ ماڻهن جو مٿو ڦري ويو آهي ڇا؟“ +ڪراوتسوف ۽ وري آفيس جو انتظام هلائي؟ سموري فوج ۾ جانورن جو بهترين ڊاڪٽر ۽ وري هلائي آفيس جو انتظام؟ عجيب حالت آهي! گريشيا، هڪدم لک!“ هن وڏي آواز ۾ چيو ۽ پوءِ هن جنگي فوجي ڪائونسل جي هڪ ميمبر کي هڪ گرم گرم خط گووزديف کان لکرائي موڪليو. هو اخبار وارن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو. جيتو��يڪ هو خط بند ڪري دٻي ۾ وجهڻ لاءِ نرس جي حوالي به ڪري چڪو هو، پر پوءِ به ڪاوڙ ۾ سندس زبان بند ڪانه ٿي ٿي. جڏهن هو وهاڻي تي رڳو ڪنڌ به موڙي نٿي سگهيو، تڏهن سندس واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي واقعي ڏاڍو تعجب ٿيندو هو. +انهيءَ شام هڪڙي ٻي به ڳالهه ٿي. ان سانتيڪي ساعت ۾، جڏهن اڃا بتيون ڪونه ٻريون هيون ۽ ڪوٺين جي ڪنڊن ۾ پاڇا گهرا ٿيندا پئي ويا، استيپان ايوانووچ دريءَ وٽ فڪر ۾ گم سم ويٺو دريا جو نظارو ڏسي رهيو هو. ڪجهه عورتون دريا ۾ ڄميل برف ڪاٽي ڊگها ڊگها ٽڪر ٺاهي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڪٺا ڪري رهيون هيون. برف گاڏين جي يڪي قطار ان طرف وڃي رهي هئي. هڪ پوڙهو، جنهن کي ٽوپلو پاتل هو، انهن برف گاڏين کي اوڏانهن وٺي وڃي رهيو هو ۽ عورتون برف جون ناديون کڻي گاڏين ۾ سٿي رهيون هيون. +استيپان جي ڏور رس نگاهن ڄاڻي ورتو هو ته هي ڪم پئنچاتي فارم جي ڪا ٽولي ڪري رهي آهي. پر ڪم ڏاڍو بي ترتيبيءَ سان پيو ٿئي. ڪم تي ضرورت کان وڌيڪ ماڻهو لڳل آهن، تنهن ڪري هڪ ٻئي جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن. هن جي عملي دماغ ۾ اتي بيٺي بيٺي ان ڪم جو سمورو منصوبو تيار ٿي ويو. هن خيال ئي خيال ۾ انهن ماڻهن کي ٽن ٽولين ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ پوءِ هر ٽوليءَ کي جدا جدا ڪم تي لڳايو. هن سمورن لاءِ هڪجهڙي اجرت مقرر ڪانه ڪئي، پر هي شرط لاڳو ڪيو ته جيڪو گروهه جيتريون ناديون ڇڪي ٻاهر ڪڍي ايندو،. ان کي اوتري مزدوري ملندي. کيس انهن ۾ هڪڙي گول چهري ۽ ڳاڙهن ڳٽن واري سرگرم عورت نظر آئي ۽ هن ان کي صلاح ڏني ته هوءَ ٽولين ۾ گڏيل مقابلي جو رواج وجهي وغيره..... هو پنهنجي سوچ ۾ ايترو ته ٻڏل هو جو کيس اهو به نظر ڪونه آيو جو هڪ گهوڙو گهڻو اڳيان وڌي وڃڻ ڪري گاڏي سوڌو کڏ ۾ ڪري پيو. گاڏيءَ جي وزن ڪري گهوڙي جا پويان پير سڪي تي اڙيا پيا هئا، پر دريا جون تيز لهرون گهوڙي کي دريا اندر ڇڪي رهيون هيون. پوڙهو، جنهن جي چيلهه تي ٻڌل ڪهاڙي لڙڪي رهي هئي، رڳو سکڻو گهوڙا گهوڙا ڪري رهيو هو. هو ڪنهن مهل ڦيٿن کي پيو زور لڳائي ته ڪيڏي مهل گهوڙي جو لغام پيو ڇڪي، پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير. +استيپان زور سان رڙ ڪري چيو ته ”گهوڙو ٻڏي پيو!“ ڪميسار انتهائي ڪوشش ڪري ٺونٺين ڀر اُٿي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ جي ڪوشش ڪئي. درد ۽ پيڙاهه کان سندس چهرو رَکَ جهڙو بي ستو ٿي ويو. هن ڇاتيءَ جي سهاري دريءَ تي جهڪي ٻاهر نهاريو ۽ چيو ”خردماغ! ڇا هو ايترو به ڪونه ٿو سمجهي؟ رسو، اڙي رسو! رسو وڍي ڇڏ ته گهوڙو خود بخود ٻاهر نڪري ايندو. پر هي پوڙهو گهوڙو ماري ڇڏيندو.“ پوءِ استيپان دريءَ تي چڙهي تمام وڏي آواز ۾ رڙ ڪري پوڙهي کي چيو ته: ”رسو وڍي ڇڏ.“ پر پوڙهي ڪونه ٻڌو. هن ٻيهر اڃا به وڏي آواز ۾ چيو ”او پوڙها، تو وٽ ڪهاڙي آهي، تنهن سان رسو وڍي ڇڏي.“ پوڙهي رسو وڍيو ۽ گهوڙو آزاد ٿيڻ سان ئي ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪتي وانگر سهڪندو بدن ڇنڊڻ لڳو. +”هن جو ڇا مطلب آهي؟“ اوڏي مهل هڪ آواز آيو. واسيلي کليل گلي سان، اڇو اوڇڻ پهريل ۽ اگهاڙي مٿي سان در وٽ بيٺو هو. هو ڪاوڙ مان پير زمين تي هڻڻ لڳو. هو ڪابه وضاحت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هو. هن چيو ته هي وارڊ پاڳل خانو بنجي چڪو آهي ۽ هو هنن سڀني کي هتان ڪڍي جهنم ڏانهن موڪلي ڇڏيندو ۽ سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ کان سواءِ ته ڇا ٿيو آهي؟ هو سهڪندو، سڀني کي قواليون ٻڌائيندو اتان هليو ويو. چند ئي ساعتن کان پوءِ نرس وارڊ ۾ آئي. سندس اکين مان لڙڪ ڳڙي رهيا هئا ۽ هوءَ ڏاڍي پريشان هئي. هينئر ئي کيس واسيليءَ گهٽ وڌ ڳالهايو هو. پر جنهن وقت ڪميسار جو رَکَ جهڙو اجهاميل ۽ بي ستو چهرو ڏٺو ته هوءَ جهڙپ ڪري وٽس پهتي. شام جو ڪميسار تمام گهڻو بيمار ٿي ويو. کيس ڪافور جي سئي لڳائي ويئي ۽ آڪسيجن ڏني ويئي. هو بي سڌ پيو هو. پر جيئن ئي کيس هوش آيو ته هن نرس ڏانهن نهاري مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا آڪسيجن جي ٿيلهيءَ سان گڏ مٿس جهڪيل هئي. +”کٽڪو نه ڪر، منهنجي پياري نرس! آءٌ ته جهنم مان به توکي اها شيءِ آڻي ڏيڻ لاءِ موٽي ايندس، جنهن سان شيطان پنهنجا موهيڙا ميٽيندا آهن.“ +هي ڪيڏو نه دل ڏاريندڙ منظر هو. ڏينهون ڏينهن هي پاڏي جهڙو مڙس ڳرندو ۽ سڪندو پئي ويو ۽ پنهنجي بيوسيءَ سان خوفناڪ جنگ لڙي رهيو هو. + + + +(8) +ميريسئف پڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ اڀرو ٿيندو پئي ويو. ايتري قدر جو هن ”موسمي سرجنٽ“ کي هڪ خط ۾ لکي ڇڏيو هو ته هو شايد اسپتال مان جيئرو واپس نه اچي ۽ اهو ئي بهتر آهي. ڇو ته ٽنگن کان سواءِ هڪ هواباز ائين آهي، جيئن پکن کان سواءِ پکي، جيڪو جيئرو ته هوندو ۽ داڻو پاڻي به پيو چڳندو، پر اڏامي ڪڏهن به ڪونه سگهندو. هو بنا پکن جي پکي ٿيڻ نٿو چاهي ۽ خراب کان خراب نتيجي ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي. ڪاش اها بري پڄاڻي جلد ٿئي. هو پنهنجي دل جو ڏک درد فقط ان ڇوڪري سان ئي سلي سگهندو هو. پر کيس ان قسم جون ڳالهيون لکڻ ساڻس ظلم ڪرڻ جي برابر هو، ڇو ته هوءَ ساڻس اقرار ڪري چڪي هئي ته هوءَ ڪيترن ئي ڏينهن کان منجهس دلچسپي وٺي رهي هئي ۽ جيڪڏهن کيس اهو خوفناڪ صدمو نه پهچي ها ته هوءَ ڪڏهن به ساڻس سچي ڪانه ڪري ها. +”اڙي هوءَ توسان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. ڀاءَ منهنجا! مردن جي ڏاڍي کوٽ آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي تمام سٺي پينشن ملي ٿي ته پوءِ ان ڳالهه جو ڪنهن کي خيال آهي ته ڪنهن جون ٽنگون آهن يا نه؟“ ڪوڪوشڪن پنهنجي مختصر راءِ ڏني. +پر اليڪسيءَ کي اهو زرد چهرو ياد آيو، جيڪو سندس چهري مٿان ان وقت اچي ڪريو هو، جيڏي مهل موت سندس مٿان لامارا ڏيئي رهيو هو ۽ هن کي خبر پئجي ويئي ته ڪوڪوشڪن جو اندازو غلط هو. هن کي اها به خبر هئي ته غمناڪ اعتراف پڙهي ڇوڪري ڏاڍي وياڪل ٿيندي. کيس ”موسمي سرجنٽ“ جو نالو به ڪونه ايندو هو، پر پوءِ به هو الائي ڇو کيس پنهنجو رازدان ڄاڻندو هو. +ڪميسار کي سڀني جي دلين جي ڪنجيءَ جي خبر هئي، پر هو اليڪسيءَ جي دل جي ڪنجي ڳولي نه سگهيو هو. جنهن ڏينهن هن جو وڏو آپريشن ٿيو هو، تنهن جي ٻئي ڏينهن وارڊ ۾ نڪولائي اوستروفسڪيءَ جي ناول ”دار ورسن جي آزمائش“ وڏي آواز ۾ پڙهي ٻڌايو ويو. اليڪسيءَ کي احساس هو ته هي ڪتاب رڳو سندس لاءِ ئي وڏي آواز ۾ پڙهيو پيو وڃي، پر ان ڪهاڻيءَ سندس دل تي ڪوبه پهو نه رکيو ۽ جيتوڻيڪ پاويل ڪورچانگن (ناول جو هيرو) سندس ننڍپڻ جي بهادرن مان هڪ هو. پر پاويل هواباز ڪونه هو. ڇا هن کي خبر هئي ته ’هوا لاءِ تڙپڻ‘ جو مطلب ڇا آهي؟ اوستروفسڪيءَ اهو ڪتاب ان وقت ڪونه لکيو هو، جڏهن ملڪ جا سمورا مرد ۽ تمام گهڻيون عورتون جنگ لڙي رهيون هجن ۽ جڏهن نڪن مان سنگهه وهندڙ ٻار پڻ بم ٺاهي رهيا هجن. +مطلب ته هن ڀيري ڪتاب رس نه ڄمايو، تنهن ڪري ڪميسار وري ٻيون اٽڪلون ڪرن لڳو. ڪڏهن ڪڏهن هو ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو قصو ٻڌائيندو هو، جنهن جون ٻئي ٽنگون جڏيون ٿي چڪيون هيون، پر پوءِ به هو وڏي عهدي تي فائز هو. استيپان سندس علائقي جي ان ڊاڪٽر جو ذڪر ڪيو، جنهن جو صرف هڪڙو هٿ سلامت هو، پر پوءِ به اهو ضلعي جو سڀني کان سٺو ڊاڪٽر هو. شهسواري ڪندو هو، شڪار جو وڏو شوقين هو ۽ بندوق جو نشانو اهڙو هوس جو ڀڄندڙ نوريئڙي جي اک ۾ چٽي گولي هڻڻ هن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. ان موقعي تي ڪميسار کي هڪ ماڻهو ياد آيو، جيڪو سڄو مفلوج هو ۽ سندس فقط هڪ هٿ صحيح هو. وليمس کي هو ذاتي طرح سڃاڻندو هو ۽ هو زراعتي اداري جو ڊائريڪٽر هو ۽ هو وڏي پيماني تي تحقيقاتي ڪم ڪندو هو. +ميريسئف اهي ڳالهيون ٻڌي رڳو مسڪرايو. ٽنگن کان سواءِ سوچڻ، ڳالهائڻ، لکڻ، حڪم جاري ڪرڻ، ماڻهن جو علاج ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ به ممڪن آهي. پر هو ته هواباز هو، ڄائي ڄم کان وٺي هواباز، ننڍپڻ کان وٺي هواباز! هو ان ڏينهن کان وٺي هواباز هو، جنهن ڏينهن هو ننڍي هوندي ڇانهين جي آرڻ جي واهيپ ڪري رهيو هو، جتي زمين تي سڪل پنن ۾ والگا علائقي جون مشهور ڦارين واريون ڇانهيون لڪيون پيون هيون ــــــــــ ها، ان ڏينهن هن هڪ آواز ٻڌو ۽ پوءِ ڏٺو ته چاندي جي رنگ جهڙو هڪڙو چمڪندڙ ڀونئرو اڏامي رهيو آهي ۽ سندس پک اُس ۾ چمڪي رهيا هئا. اهو هيٺاهين ميدان مٿان آهستي آهستي اسٽالن گراڊ ڏانهن وڃي رهيو هو. +انهيءَ گهڙيءَ کان وٺي هواباز بنجڻ جي خواب هڪ پل لاءِ به سندس جند ڪانه ڇڏي. اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ دوران اهو ئي خيال سندس دماغ ۾ گونجندو رهيو. +نوجوان ڪميونسٽ ليگ کيس ڏور اوڀر موڪليو ۽ اتي هن تائگا جهنگل جي گهراين ۾ آمور نالي نوجوانن جو شهر ٺاهڻ ۾ هٿ ونڊايو. پر هو پنهنجي هوابازيءَ وارو شوق اتي به کڻي ويو هو. ان شهر جي اڏاوت ڪندڙن ۾ سندس جهڙا ٻيا به ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون، جن کي هوابازيءَ جو شوق هو. اهو يقين ڪرڻ مشڪل هو ته واقعي انهن پنهنجن هٿن سان ان شهر ۾ هڪ هوائي ڪلب ٺاهي هئي. شام جي وقت جڏهن هي عظيم الشان اڏاوتي منصوبو ڌنڌ ۾ وڪوڙجي ويندو هو ۽ اڏاوتي ڪم ڪندڙ پنهنجي پنهنجي بيرڪن ۾ واپس ايندا هئا ۽ دريون بند ڪري، دروازن اڳيان دونهيون دکائي مڇرن کان بچڻ جو بندوبست ڪندا هئا، ان وقت هوائي ڪلب جا ميمبر اليڪسيءَ جي رهنمائيءَ ۾ ڪهاڙيون، ڪوڏريون، ڪارايون ۽ بارود جون سرنگهون کڻي تائگا ٻيلي ۾ نڪري پوندا هئا. هو پنهنجي بدن تي مڇرن کان بچڻ لاءِ گاسليٽ مکيندا هئا. هو وڻ وڍي، کڏون کوٻا ڀري زمين سڌي ڪندا هئا ۽ آخر هنن ان گجگاه ٻيلي ۾ هوائي اڏي لاءِ ميلن جا ميل زمين سڌي ڪري ورتي هئي. +۽ انهيءَ ئي هوائي اڏي مٿان پهريون ڀيري اليڪسي هڪ تربيتي هوائي جهاز ۾ چڙهي هوا ۾ اڏاميو هو ۽ آخرڪار سندس ننڍپڻ جو خواب نيٺ پورو ٿيو هو. پوءِ هن فوجي هوابازيءَ جي اسڪول ۾ سکيا ورتي ۽ پاڻ استاد بنجي ويو. هو ان ئي اسڪول ۾ هو ته جنگ شروع ٿي ويئي. اسڪول جي انتظاميه جي مخالفت جي باوجود به هو پنهنجو ڪم ڇڏي فوج ۾ شامل ٿيو. سندس زندگيءَ جو سمورو آدرش، سندس سموريون دلچسپيون، مسرتون، خواهشون، مستقبل جا سمورا خواب ۽ سموريون ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون فقط ۽ فقط هوابازيءَ سان ڳنڍيل هيون. +۽ پوءِ به هنن ساڻس وليمس جي ڳالهه ڪئي هئي. ”پر وليمس هواباز ڪونه هو.“ اليڪسيءَ ائين چئي منهن ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيو. +پر پوءِ به ڪميسار اليڪسيءَ جي ”منجهيل سٽ“ کي سلجهائڻ ۾ لڳو رهيو. هڪ ڏينهن، جڏهن هو بدستور گم سم پيو هو ته هن ڪميسار جو آواز ٻڌو: +” اليڪسي! اچي وٺ، هي پڙهي ڏس. هي تنهنجي باري ۾ آهي.“ +استيپان ڏانهس هڪ رسالو وڌايو، جنهن ۾ هڪ مضمون هو، جنهن تي پينسل جو نشان لڳل هو. اليڪسيءَ سڄي صفحي تي نظر ڊوڙائي، پر ڪٿي به کيس سندس نالو لکيل ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. هي مضمون پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي روسي هوابازن متعلق هو. ان صفحي تي هڪ نوجوان آفيسر جو اڻ سڃاتل چهرو کيس گهوري رهيو هو. +”پڙهه، پڙهه، اهو تنهنجي ئي لاءِ لکيو ويو آهي.“ ڪميسار چيو. +ميريسئف مضمون پڙهيو. هي مضمون هڪ روسي هواباز ليفٽيننٽ وليريان ڪار��ووچ متعلق هو. دشمن جي مورچي تي اڏامندي کيس پير ۾ گولي لڳي هئي. هو چچريل پير سان نه صرف هوائي جهاز اڏائيندو رهيو، پر ڪاميابيءَ سان هوائي اڏي تي لهي به ويو. سندس پير وڍيو ويو، پر هو نوجوان فوج مان نڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. تنهن ڪري سندس لاءِ هڪ نقلي پير ايجاد ڪيو ويو. هو ڪيترن ڏينهن تائين سخت مشق ڪندو رهيو ۽ جنگ جي ختم ٿيندي ئي هو فوج ۾ واپس موٽي آيو. هن کي هوابازيءَ جي هڪ تربيت اسڪول ۾ انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ جيئن مضمون ۾ لکيل هو ته ”هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي هوائي جهاز کي اڏائڻ جي جوکم جو ڪم به ڪندو آهي.“ کيس انعام ۾ آفيسرن جو ”سينٽ جارج ڪراس“ مليو هو ۽ هو هڪ هوائي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تائين هوائي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. +اليڪسيءَ هڪ ڀيرو، ٻيو ڀيرو ۽ وري ٽيون ڀيرو به مضمون پڙهيو. اڀرڙو نوجوان ليفٽيننٽ پنهنجي ٿڪل پر پُرعزم چهري سان کيس ڏسي رهيو هو. سندس چپن تي هڪڙي ٿڪل پر دلير مرڪ پکڙيل هئي. انهيءَ عرصي دوران سمورو وارڊ هڪ عجيب تانگهه سان اليڪسيءَ کي ڏسندو رهيو. هن پنهنجي آڱرين سان پنهنجي وارن کي سنواريو ۽ مضمون تي چوطرف پينسل سان نشان ڪري ڇڏيو. +”تو مضمون پڙهيو؟“ ڪميسار معنيٰ خيز نگاهن سان کيس ڏسندي چيو. اليڪسي خاموش رهيو، پر سندس نظر اڃا تائين مضمون تي ٽڪيل هئي. ”ها ڇا ٿو چوين؟“ +”پر هن جو ته هڪڙو پير وڍيل هو.“ +”پر تون اشتراڪي هواباز آهين.“ +”هو ته فارمين جهاز اڏائيندو هو، اهو به ڪو جهاز هو. اهو ته رانديڪو هو. ان کي اڏائڻ آسان هو، ان لاءِ ڪنهن مهارت يا تيز رفتاريءَ جي ضرورت ڪانه هئي.“ +”پر تون ته اشتراڪي هواباز آهين.“ ڪميسار پنهنجي ڳالهه تي ڄميو رهيو. +”سوويت هواباز“اليڪسيءَ ساڳئي طرح مضمون تي نظر ڄمائيندي بيخوديءَ جي انداز ۾ دهرايو. پوءِ ڪنهن اندروني روشنيءَ سان سندس چهرو ٻهڪي رهيو هو ۽ پوءِ هن جي اکين ۾ جوت وري آئي ۽ هو حيران ۽ مسرت ڀريءَ نگاهه سان پنهنجي بيمار ساٿين کي ڏسڻ لڳو. +ان رات هو هڪ پل لاءِ به ڪونه ستو. سمورو وارڊ گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو. گووزديف پنهنجي بستري تي پاسا ورائي رهيو هو. استيپان ائين کونگهرا هڻي رهيو هو، ڄڻ سيٽي وڄائي رهيو هجي. ائين ٿي لڳو ڄڻڪ سندس جگر ڦاٽي پوندو ۽ ڪميسار هَرَ هَرَ پئي پاسا بدلايا ۽ سندس ڀيٽيل ڏندن مان ڪنجهڪار نڪريو ٿي ويئي. ليڪن اليڪسيءَ ڪجهه ڪونه ٿي ٻڌو. رکي رکي هن وهاڻي هيٺان رسالو ڪڍي، بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ليفٽيننٽ جو مسڪرائيندڙ چهرو ٿي ڏٺو ۽ نيٺ پاڻمرادو چيائين: ”ڪم ته جان جوکي ۾ وجهڻ جهڙو هو، پر تو ڪري ڏيکاريو ۽ منهنجو ڪم توکان به ڏهوڻو خطرناڪ آهي، پر آءٌ به ڪري ڏيکاريندس.“ +اڌ رات جو اوچتو ڪميسار جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ويئي. اليڪسيءَ ڏٺو ته هو سڄو هيڊو ٿي ويو هو ۽ بنهه خاموش سيٽيو پيو هو. هن زور زور سان گهنٽي وڄائي. ڪلاوديا اگهاڙي مٿي سان ڊوڙندي آئي. کن پل ۾ هائوس سرجن پهچي ويو. ڪميسار کي ڪافور جي سئي لڳائي ويئي ۽ آڪسيجن جي ٿيلهي چاڙهي وئي، پر ائين ٿي لڳو ته ڪابه تدبير ڪامياب ڪانه ٿي ويئي. آخرڪار ڪميسار اکيون کوليون ۽ هن ڪلاوديا کي ڏسي مسڪرائي ڏنو، پر سندس مسڪراهٽ ايتري ته هلڪي هئي، جيڪا ڏسڻ ۾ به ڪانه ٿي آئي. هن جهيڻي آواز ۾ چيو: +”مون کي افسوس آهي جو توهان مون ڪاڻ خواه مخواه ايترا پريشان ٿيا آهيو. آءٌ هن ڀيري به جهنم ۾ پهچي نه سگهيس، تنهن ڪري موهيڙن جي دوا ڪانه آندي اٿم. هاڻي ته توکي موهيڙن سان ٺاهه ئي ڪرڻو پوندو. ٻيو ڪو چارو ڪونهي!“ +انهيءَ کل ڀوڳ سان سڀني جي منهن تي سرهائي ڊوڙي آئي. هو ڄڻ ته هڪ شاهه بلوط جو قداور وڻ هو، جيڪو هر طوفان جو مقابلو ڪري سگهيو ٿي. هائوس سرجن وارڊ مان هليو ويو. ڪلاوديا کان سواءِ ٻيا سڀ نوڪر چاڪر هليا ويا. هوءَ ڪميسار جي کٽ جي ايسن تي ويهي رهي. مريض سڀ سمهي پيا، صرف اليڪسيءَ کي ننڊ ڪانه آئي. هو رڳو اکيون پوريو پيو هو. هو انهن نقلي پيرن جي باري ۾ سوچي رهيو هو، جيڪي ڌاڳن سان هوائي جهاز جي پينڊلن سان ٻڌجي سگهيا ٿي. کيس پنهنجي استاد هواباز جي ڳالهه ياد آئي. گهرو لڙائيءَ جي زماني ۾ ڪو هواباز هو، جنهن جون ٽنگون ننڍيون هيون. هن انجڻ جي پينڊلن ۾ ڪاٺ جا ٽڪرا لڳائي ڇڏيا هئا. +”آءٌ به تو جهڙو ثابت ٿيندس، يار جاني.“ هو ڪارپووچ کي پڪاريندو رهيو: ”آءٌ اڏامندس، آءٌ اڏامندس!“ اهي لفظ ڏاڍي خوشيءَ مان سندس دماغ ۾ گونجندا رهيا ۽ ننڊ کي تڙي ڪڍندا رهيا. هو اکيون بند ڪريو ماٺ مٺيءَ ۾ پيو هو. ائين پئي لڳو ڄڻڪ هو گهري ننڊ ۾ مسڪرائي رهيو هجي. +ائين پوندي پوندي هن گفتگو ٻڌي، جيڪا پوءِ کيس انتهائي مشڪل موقعن تي ياد ايندي رهندي هئي. +”پر هي سڀ ڪجهه تون ڇو ٿو ڪرين؟ ايڏي ساري عذاب ۽ پيڙاهه ۾ کلڻ ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ انتهائي خطرناڪ ڪم آهي. جڏهن آءٌ سوچيان ٿي ته تون ڪيڏي نه اذيت ڀوڳي رهيو آهين، تڏهن آءٌ دل جهلي نٿي سگهان. تون هڪ جدا وارڊ ۾ ڇو نٿو وڃڻ چاهين؟“ +ائين لڳو پئي ته هيءَ نيڪدل ۽ خوبصورت ۽ بظاهر جذبات کان خالي نرس ڪلاوديا ڪانه پئي ڳالهائي، پر هي ته عورت جو آواز هو ـــــــ هڪ مخلص ۽ شڪي عورت جو! هن جي آواز مان ڏک ۽ شايد ٻيو به ڪجهه ٽپڪي رهيو هو. ميريسئف اکيون کولي ڇڏيون. بتيءَ جي روشنيءَ ۾ وهاڻي تي کيس ڪميسار جو زرد ۽ سڄيل چهرو نظر آيو. ان جون مهربان ۽ شعلا ڪڍندڙ اکيون نظر آيون ۽ عورت جي نرم ۽ نازڪ چهري جو هڪڙو رخ نظر آيو. ميريسئف پنهنجي نگاه اتان هٽائي نه سگهيو، حالانڪه کيس خبر هئي ته اها ڪا سٺي عادت ڪانهي. +”اڙي، اڙي، هي ڇا! منهنجي پياري نرس! توکي هرگز روئڻ نه گهرجي، توکي ٿورو برومائيڊ ڏيان؟“ ڪميسار ڄڻ ڪنهن معصوم ٻچڙيءَ کي پرچائي رهيو هو. +”چڱو تون وري مسخري پيو ڪرين. تون ڪيڏو نه عجيب ماڻهو آهين. سچ پچ ته هيءَ ڳالهه ڏاڍي عجيب ٿي لڳي ته هڪ ماڻهو ان مهل ٽهڪ ڏئي، جنهن گهڙيءَ کيس اوڇنگارون ڏئي روئڻ گهرجي، ان وقت ڪنهن ٻئي جي دلجوئي ڪرڻ جڏهن پاڻ خود درد ۽ تڪليف کان بُل کائي رهيو هجي. منهنجا پيارا، منهنجا جاني! هاڻي اڳتي ان قسم جي ڪا حرڪت نه ڪج، ٻڌين پيو منهنجي ڳالهه ته آءٌ ڇا پئي چوان؟“ +هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ روئڻ لڳي ۽ ڪميسار محبت ڀري نگاهه سان سندس لڏندڙ ڪلهن کي ڏسي رهيو هو. +”تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي، منهنجي مٺڙي! تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي. مون کان پنهنجي ذاتي معاملن ۾ هميشه دير ٿي ويندي آهي. آءٌ هميشه ٻين جي معاملن ۾ سرگرم رهيو آهيان ۽ هاڻي سمجهان ٿو ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي. هاڻي ته ڪجهه به نٿو ٿي سگهي.“ ڪميسار ٿڌو ساهه کنيو. نرس ڪنڌ مٿي کنيو ۽ لڙڪن ڀريل اکين سان اشتياق سان ڏانهس ڏسڻ لڳي. هن مسڪرايو ۽ ٻيهر ٿڌو ساه کنيائين. هن پنهنجي خاص پيار ڀري ۽ ڪجهه ڀوڳائي انداز ۾ چيو: ”منهنجي عقلمند ڇوڪري! هڪ ڪهاڻي ٻڌ، جيڪا مون کي هاڻي هاڻي ياد پئي آهي. گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي، گهرو لڙائيءَ جو زمانو هو. ترڪستان ۾ هي واقعو پيش آيو هو. ها، انقلاب دشمن ڦورن جو پيڇو ڪندي گهوڙي سوارن جو هڪ جٿو اڳتي وڌندي وڃي ريگستان ۾ ڦاٿو. هڪڙي اهڙي ويران بيابان ۾، جتي هڪ هڪ ٿي گهوڙا ڊهڻ لڳا. ڇو ته هي روسي گهوڙا هئا ۽ کين واريءَ ۾ هلڻ جي عادت ڪانه هئي. تنهن ڪري اسان جو گهوڙيسوارن جو جٿو پيادل جٿي ۾ تبديل ٿي ويو. دستي جي اڳواڻ فيصلو ڪيو ته اسان پنهنجو سمورو سامان ڇڏي ڏيون ۽ فقط هٿيار کڻي ڪنهن ويجهي شهر ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪريون. ويجهي ۾ ويجهو شهر به سٺ ڪلوميٽر پنڌ تي هو ۽ اسان کي وارياسي ميدان ۾ پنڌ ڪرڻو پيو. منهنجي ننڍڙي ڇوڪري، ڇا تون اهو تصور ڪري سگهين ٿي؟ اسان هڪ ڏينهن هلياسين، ٻئي ڏينهن هلياسين، ٽئين ڏينهن هلياسين. سج مان باهه جا اُلا پئي نڪتا. اسان وٽ پاڻي ڪونه هو، اسان جا وات سڪي ويا، چپ ڦاٽڻ لڳا. هوا سان واري پئي اڏاڻي. واري اسان جي پيرن هيٺان سُر سُر ڪري رهي هئي، اسان جي ڏندن ۾ ڪرچ ڪرچ ٿيندي هئي. واري اسان جي اکين ۾ چڀندي هئي ۽ اسان جي نڙيءَ ۾ ڦاسندي هئي. آءٌ چوان ٿو ته هي هڪ انتهائي خوفناڪ تجربو هو. جيڪڏهن ڪو ٿاٻو کائي ڪريو ٿي ته منهن ڀر واريءَ تي پيو هوندو هو ۽ هزارين ڪوششن سان به کانئس اٿيو نٿي ٿيو. ياڪوف نالي اسانجو هڪ ڪميسار هو، ڏسڻ ۾ ڏاڍو نازڪ مزاج ۽ اڀري جهڙو دانشور ٿي لڳو. هو تاريخدان هو ۽ هڪ زبردست انقلابي به هو. ائين ٿي لڳو ته هو سڀني کان اڳ ڪرندو. پر هو اڳيان وڌندو رهيو ۽ ٻين سمورن جو حوصلو وڌائيندو رهيو. ”بس هاڻي گهڻو پنڌ ڪونهي، اسين اجهو پهتاسين.“ هو بار بار دهرائيندو رهيو ۽ جيڪڏهن ڪو واريءَ تي ليٽي پوندو هو ته هو پنهنجو پستول سندس ڇاتيءَ تي رکي چوندو هوس ته ”اٿي هل، نه ته گوليءَ سان اڏائي ڇڏيندوسانءِ.“ چوٿين ڏينهن اسين شهر کان صرف 15 ڪلوميٽر پنڌ تي هئاسين. پر سپاهين ۾ هلڻ جي بنهه طاقت ڪانه بچي هئي. اسين ائين پئي هلياسين، ڄڻ نشي ۾ چور هجون ۽ ٿڙندا ٿاٻڙندا پئي وياسين. اوچتو ڪميسار هڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيو. سندس آواز بنهه بي سرو هو ۽ هن جيڪو گيت پئي ڳايو، سو به بنهه بيوقوفاڻو هو. هي هڪ فوجي گيت هو، جيڪو پراڻي فوج ۾ ڳايو ويندو هو. پر اسان سڀ ساڻس گيت ڳائڻ ۾ شامل ٿي وياسين. مون حڪم ڏنو ته صف سڌي ڪريو ۽ سڀ سپاهي قدم ملائي هلڻ لڳا. توکي يقين ڪونه ايندو ته اسان لاءِ هلڻ ڪجهه آسان ٿي پيو هو. +ان کان پوءِ اسان ٻيو گيت ڳايو، پوءِ ٽيون ۽ اهڙي طرح ڳائيندا رهياسين. ڇا تون اهو تصور ڪري سگهين ٿي؟ آه، کَلَ ساڙيندڙ گرمي ۽ اسين پنهنجن سڪل ۽ ڦاٽل چپن سان گيت ڳائيندا رهياسين. اسان کي جيترا گيت آيا ٿي، سي سڀ اسان ڳاتا ۽ آخرڪار اسين شهر پهچي وياسين. اسان جو هڪڙو ساٿي به بيابان ۾ رهجي ڪونه ويو........ چئو تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ +”ڪميسار جو ڇا ٿيو؟“ +”ڪميسار زنده سلامت آهي. چڱو ڀلو آهي. آثار قديمه جو پروفيسر آهي. پراڻين آثارن جي کوٽائي ڪرائيندو آهي. هي سچ آهي ته ان ڏينهن گيت ڳائڻ کان پوءِ سندس آواز تان کيس هٿ ڌوئڻا پيا. هاڻي هو بنهه جهيڻي آواز ۾ ڳالهائي سگهي ٿو. پر هاڻي کيس آواز جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟........ چڱو، اڄوڪي رات بس، ڪهاڻيون ختم. هاڻي وڃ، وڃي سمهي پئو پياري ڇوڪري، آءٌ هڪ گهوڙيسوار سپاهيءَ جي حيثيت سان توسان واعدو ڪريان ٿو ته اڄ رات ٻيهر آءٌ ڪونه مرندس.“ +آخرڪار ميريسئف گهري ننڊ ۾ سمهي پيو ۽ هن خواب ۾ هڪ عجيب وغريب واريءَ جو بيابان ڏٺو. هن زخمي ۽ رت ٿُڪيندڙ وات ڏٺا ۽ انهن رت ٿڪيندڙ ڦاٽل چپن مان گيت ڦٽي پئي نڪتا. هن ڪميسار ’ولودين‘ کي به ڏٺو، جو خواب ۾ جلندڙ پئي لڳو. +هو تمام گهڻي دير کان پوءِ اٿيو. ان وقت منجهند ٿي چڪي هئي. هو اٿيو ته سندس دل خوشيءَ جي احساس سان ڀريل هئي. هن جي نگاهه رسالي تي پيئي، جيڪو ننڊ ۾ به سندس هٿ ۾ هو. رسالي جي مڙيل سڙيل صفحي تي هن ليفٽيننٽ ڪارپووچ جي تصوير ڏٺي، جنهن جي چهري ��ي مرڪ پکڙيل هئي. هن صفحو درست ڪيو ۽ هواباز کي اک ڀڳائين. +ڪميسار هٿ منهن ڌوئي، ڦڻي ڏيئي چڪو هو ۽ مسڪرائي اليڪسيءَ جو جائزو وٺي رهيو هو. +”تو هن کي اک ڇو ڀڳي؟“ ڪميسار خوش ٿيندي پڇيو. +”آءٌ هوائي جهاز اڏائيندس.“ +”پر ڪيئن؟ هن جي ته فقط هڪ ٽنگ غائب هئي ۽ تنهنجيون ٻئي ٽنگون ڪونهن.“ +”پر آءٌ ته اشتراڪي انسان آهيان، آءٌ رڳو روسي ناهيان!“ +سندس زبان مان هي لفظ ڪجهه اهڙي انداز ۾ نڪتا جي اهي هن ڳالهه جي ضمانت بنجي ويا ته هو ليفٽيننٽ ڪارپووچ کي ضرور مات ڏيندو ۽ اڏام ڪري ئي ڏيکاريندو. +مانيءَ جو وقت ٿيو ته سندس لاءِ آندل هر شيءِ کائي چٽ ڪري ڇڏيائين ۽ وڌيڪ ماني گهريائين. هن جي عجيب ڪيفيت هئي. هو ڪنهن وقت کليو ٿي، ڪنهن ٽاڻي سينڍ پئي هنيائين ته ڪنهن مهل جهونگاريائين ٿي ته ڪنهن مهل پنهنجو پاڻ سان پئي ڳالهيون ڪيائين. جنهن وقت پروفيسر معائنو ڪرڻ آيو ته هن مٿس خاص رعايت جو فائدو وٺي کانئس پڇيو ته جلد چڱو ڀلو ٿيڻ جي ڪهڙي ترڪيب آهي؟ پروفيسر ٻڌايس ته کيس تمام گهڻو کائڻ ۽ سمهڻ گهرجي. پوءِ هن منجهند جي ماني به ٻيڻي کاڌي ۽ ڏيڍ ڪلاڪ تائين سمهڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر کيس ننڊ ڪانه آئي. +خوشي ماڻهوءَ جو پيٽ ڀري ڇڏي ٿي. هن جڏهن پروفيسر تي سوالن جي وٺ وٺان شروع ڪئي هئي، تڏهن هو اهو ڪجهه ڏسي نه سگهيو هو، جيڪو ٻين مريضن ڏٺو هو. واسيلي هميسه وانگر مقرر وقت تي وارڊ ۾ داخل ٿيو هو. ٺيڪ اوڏيءَ مهل، جنهن وقت پاڇو سڄي فرش کي اورانگي ان جاءِ تي پهتو هو، جتان هڪ سِير نڪتل هئي. پروفيسر بدستور ڏاڍي توجهه سان مريضن کي چڪاسي رهيو هو، پر پوءِ به هر شخص محسوس ڪيو ته سندس اکين ۾ جيڪا اداسي هئي، اڳ ڪڏهن به نظر ڪانه آئي هئي. اڄ اڳي وانگر نه هن گوڙ ڪيو، نه ڪنهن کي دڙڪا ڏنائين. سندس سڄيل اکين جي ڪنڊن وٽ رڳ لڳاتار ڦڙڪي رهي هئي. شام جي معائني مهل هو بنهه پوڙهو ۽ ڪمزور لڳي رهيو هو. هن آهستي آهستي وارڊ جي مائيءَ کي ڇينڀيو ته هن صافو دروازي تي ڇو رکيو آهي؟ هن ڪميسار جي بخار جو چارٽ کنيو ۽ دوا لکيائين ۽ ماٺ ميٺ ۾ ٻاهر نڪري ويو. سندس پويان اسپتال جو خاموش قافلو پڻ هليو ويو. انهن ماڻهن جي چهرن تي به پريشاني لياڪا پائي رهي هئي. پروفيسر چائنٺ سان ٽڪرائجي ڪرندي ڪرندي بچيو. ڪنهن وڌي کيس سهارو ڏنو ۽ ڪرڻ کان بچائي ورتو. ان ڊگهي، ٿلهي متاري ۽ ڳري آواز واري بي پرواهه ماڻهوءَ جو ايترو خاموش ۽ نرم ٿي وڃڻ ڪجهه عجيب پئي لڳو. وارڊ جا سمورا مريض حيرت ڀري نگاهه سان سندس پيڇو ڪري رهيا هئا. انهن سڀني کي هن قداور مڙس ۽ نيڪدل ماڻهو سان محبت ٿي ويئي هئي ۽ هن جي انهيءَ تبديليءَ سڀني کي بي چين ڪري ڇڏيو هو. +ٻئي ڏينهن صبح جو سڀني کي خبر پئجي ويئي ته واسيلي واسيلي وچ جو اڪيلو پٽ اولهه واري محاذ تي مارجي ويو هو. ان جو نالو به واسيلي واسيلي وچ هو ۽ هو به ڊاڪٽر هو ۽ وڏو سائنسدان پڻ. هو پنهنجي پيءُ جي عزت ۽ شان هو ۽ سندس اکين جو ٺار هو. معائني جو وقت ٿيو ته سڄي اسپتال پروفيسر جو انتظار ڪرڻ لڳي. خبر ڪانهي ته پروفيسر ايندو به يا نه؟ وارڊ 42 ۾ هر شخص سج جي انهيءَ ڪرڻي تي نظر کپايو ويٺو هو، جيڪو آهستي آهستي فرش تي سري رهيو هو. آخرڪار پاڇو ان نڪتل سر وٽ پهتو ته سڀني هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو، ڄڻ چوندا هجن ته اڄ هو ڪونه ايندو. پر بلڪل اوڏي مهل ورانڊي ۾ ڳرن پيرن جو ڄاتل سڃاتل کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو. پروفيسر ڪلهوڪي مقابلي ۾ اڄ ٺيڪ ته هو، پر پوءِ به سندس اکيون سڄيل هيون ۽ نڪ به، جيئن عام طرح زڪام ۾ ٿيندو آهي. جيڏي مهل هن ڪميسار جو چارٽ کنيو ته سندس هٿ ڏڪ�� رهيا هئا، پر هو بدستور ڪاروباري ۽ پرجوش ڏسڻ ۾ پئي آيو، توڙي جو سندس بي پرواهي غائب ٿي چڪي هئي. +ائين پئي لڳو ته ڄڻ مريضن پاڻ ۾ صلاح ڪري ڇڏي هجي ته اڄ هرڪو مريض پروفيسر کي خوش ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي جاکوڙ ڪندو. هر ماڻهوءَ کيس ٻڌايو ته هو اڄ بهتر پيو محسوس ڪري. بنهه نازڪ مريض به ساڻس ڪابه شڪايت ڪانه ڪئي ۽ چيو ته هو ٺيڪ ٿي رهيو آهي. هر ماڻهوءَ اسپتال جي انتظام جي واکاڻ ڪئي ۽ علاج جي جادوءَ جهڙي اثر جي تعريف ڪئي. هي محبت ۽ دوستيءَ جي هار ۾ پوتل هڪ خاندان هو، جنهن کي هڪ مشترڪه غم پاڻ ۾ گڏي هڪ ڪري ڇڏيو هو. +واسيليءَ کي وارڊ جو چڪر لڳائيندي حيراني ٿي ته آخر ان صبح جو کيس ايتري غيرمعمولي ڪاميابي ڇو حاصل ٿي رهي آهي؟ +پر ڇا واقعي کيس تعجب ٿيو هو؟ شايد هو انهيءَ خاموش ۽ پيار ڀري سازش کي سمجهي ويو هو ۽ جيڪڏهن ائين هو ته ان ڳالهه سندس گهري ۽ ناسور جهڙي زخم جو ايذاءُ سهڻ ۾ سندس گهڻي مدد ڪئي. +(9) +اوڀر طرف کلندڙ دريءَ مان موتئي جي ٽاريءَ لياڪا ٿي پاتا، مٿس تازا پن اُڀريل هئا ۽ گل ٽڙيا هئا. گلن جي مهڪار هوا جي لهرن سان سڄي وارڊ کي واسي ٿي ڇڏيو ۽ ٿوري دير لاءِ اسپتال جي مخصوص بوءِ مان جند ڇٽيو ٿي پئي. +استيپان جون هيرايل جهرڪيون ڪافي متاريون ٿي ويون هيون. هو دريءَ تي ايترو ته گوڙ ۽ شور مچائينديون هيون، جو وارڊ جي مائيءَ کي مجبورًا ٻهارو کڻي کين ڀڄائڻو پوندو هو. ماسڪو درياءَ مان برف ڳري چڪي هئي ۽ درياءُ هاڻي ٻيڙين ۽ جهازن لاءِ کلي چڪو هو. ڪوڪوشڪن جي سڀني خراب اڳڪٿين جي باوجود به ڪير به بهار جي وهڪري ۾ ”ڪونه لڙيو......“ سواءِ ڪميسار جي باقي سڀيئي مريض تيزيءَ سان چڱا ڀلا ٿي رهيا هئا. هاڻي وارڊ ۾ گهڻو ڪري اسپتال منجهان موڪل ملڻ جي باري ۾ بحث ٿيندا هئا. +سڀ کان پهريائين استيپان ايوانوچ کي موڪل ملي. وارڊ ۾ ماٺ ماٺوڙو لڳو پيو هو. اوچتو ڪميسار پاسو ورائي استيپان ڏانهن نهاريو ۽ جهيڻي آواز ۾ چيائين: +”ڳوٺ ۾ هن وقت ڇا هوندو؟ ڌنڌ ڇانيل خاموشي ڳرندڙ برف هيٺان گهميل ڄم ۽ زمين، ڪاٺين ۽ دونهي جي بوءِ. وٿاڻ ۾ ڍڳيون پنهنجي پلال وڇايل سيڄ کي کُرن سان پيون کرڙينديون هونديون. هينئر سندس ڦرجڻ جو زمانو آهي. بهار جو زمانو....... سوچيان پيو ته عورتون الاجي زمين ۾ ڀاڻ وجهي سگهنديون يا نه؟ خبر ناهي ته ٻج ۽ هر ڦار جي سامان جو ڪهڙو حال آهي؟ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي نه؟“ +”تون واقعي جادوگر آهين ڪامريڊ رجمينٽل ڪميسار، تون ٻين جي دلين جا ڀيد ڄاڻين ٿو.......... ها، بيشڪ هي عورتون ڏاڍي ڪم واريون آهن، اهو سچ آهي. پر خدا کي خبر ته اسان کان سواءِ هو ڪيئن پيون ڪم هلائين؟“ +وري ماٺ ڇانئجي ويئي. درياءَ ۾ هلندڙ جهاز جي سيٽي وڳي. +”تون ڇا ٿو سمجهين، ڇا هي جنگ جلد ختم ٿي ويندي؟“ استيپان ڪنهن سبب جي ڪري آهستي پڇيو، ”ڇا هيءَ جنگ مال جي گاهه جي ڪٽائيءَ کان اڳ ختم ٿي ويندي؟“ +ڪميسار جواب ڏنس ته ”تون ڇو ٿو پريشان ٿئين؟ تنهنجي عمر جي ماڻهن کي ته فوج ۾ طلبي ڪانه ٿي آهي. تون ته رضاڪار آهين ۽ تون پنهنجي حصي جي جنگ وڙهي چڪو آهين. جيڪڏهن هاڻي تون درخواست ڏيندين ته توکي موڪل ملي ويندي ۽ پوءِ تون عورتن جو ڪمانڊر ٿي ويندين. محاذ جي پٺيان به عملي ماڻهن جي ضرورت آهي. آهي نه ايئن؟ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ +اهو چئي ڪميسار ايتري ته پاٻوهه ۽ قرب مان پوڙهي سپاهي ڏانهن نهاريو جو هو جوش ۽ ولولي سببان دريءَ تان ٽپي هيٺ لهي آيو، ”ڇا چيئي؟ مون کي موڪل ملي ويندي!“ هن چيو، ”آءٌ به اهو سوچي ��هيو آهيان. آءٌ هينئر به پنهنجو پاڻ کي چئي رهيو هوس ته سمجهو ته آءٌ ڪميشن کي درخواست ڏيان ٿو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ آخر به ته آءٌ ٽي جنگيون وڙهي چڪو آهيان. سامراجي جنگ، گهرو لڙائي ۽ ڪجهه هن جنگ ۾ به. شايد اهو ڪافي آهي. هان؟ تون مون کي ڪهڙي ٿو صلاح ڏئين؟“ +”تون پنهنجي درخواست ۾ لِک ته آءٌ ان ڪري موڪل ٿو وٺان ته جيئن محاذ پٺيان عورتن سان گڏجي ڪم ڪريان ۽ اهو به لک ته توهان کي جرمنن کان بچائڻ لاءِ ٻيا به ماڻهو موجود آهن.“ ميريسئف ڪاوڙ ۾ بي قابو ٿي ويو ۽ پنهنجي پلنگ تان رڙ ڪري چيائين: +استيپان هڪ مجرم وانگر ڏانهس ڏٺو. ڪميسار ڪاوڙ ۾ ڀرون تاڻي چيو ته ”استيپان مون کي خبر نٿي پوي ته آءٌ ڪهڙي صلاح ڏيانءِ؟ تون خود پنهنجي دل کان پڇ، تنهنجي سيني ۾ به روسي دل آهي، اها توکي اهڙي صلاح ڏيندي، جنهن جي توکي ضرورت آهي.“ +پر ٻئي ڏينهن استيپان ايوانوچ کي اسپتال مان موڪل ملي ويئي. هو پنهنجي فوجي ورديءَ ۾ وارڊ اندر موڪلائڻ آيو. سندس ڇاتيءَ تي ”سوويت يونين جو هيرو“ جو سونهري ٻلو لڳل هو ۽ گڏوگڏ ”لينن آرڊر“ ۽ ”بهادري جو ٻلو“ به لڳل هئا. سندس هر هڪ شيءِ مان، بوٽ کان وٺي سندس وٽيل مڇين تائين هر شيءِ مان هڪ جانباز روسي سپاهيءَ جو شان نظر اچي رهيو هو. اهڙي سپاهيءَ جي تصوير پهرئين مهاڀاري جنگ جي زماني ۾ ڪرسمس جي ڪارڊن تي ڇپي هئي. +”خدا حافظ چوڻ آيو آهيان ڪامريڊ ڪميسار.“ +”سڀ سڻائي، استيوپا، سفر خير سان گذرئي.“ ڪميسار جواب ڏنو ۽ پنهنجي پيڙاهه کي لڪائي سپاهيءَ ڏانهن پاسو ورايائين. سپاهي گوڏن ڀر هيٺ ويٺو ۽ ڪميسار جو وڏو مٿو هٿن ۾ جهلي پراڻي روسي رواج موجب ٽي ڀيرا هڪ ٻئي کي چميائون. +”جلدي چڱو ڀلو ٿي وڃ ڪميسار. خدا توکي صحت سان نوازي ۽ وڏي عمر عطا ڪري. تنهنجي دل سون آهي سون – تون اسان لاءِ ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ آهين. آءٌ زندگي ڀر توکي ياد رکندس.“ سپاهي ڏاڍي جذباتي انداز ۾ چئي ويو. +”هاڻ وڃ، وڃ استيپان! هن کي جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت کان بچڻ گهرجي.“ سپاهيءَ کي ٻانهن کان جهلي، ڇڪيندي نرس ڪلاوديا ميخائلوونا چيو. +”سوويت حور آهين، ها سوويت حور!“ استيپان تعظيم سان نرس کي جهڪي سلام ڪيو ۽ انتهائي سنجيده لهجي ۾ چيو. +هاڻي هو جذبات کان بنهه وهلورجي ويو هو. کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اڳيان ڇا چئي؟ انهيءَ حالت ۾ دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو. +”اسان توکي ڪهڙي پتي تي خط لکون؟ ڇا سائبيريا جي ايڊريس تي؟“ ڪميسار مسڪرائيندي پڇيو. +”اهو ڇو ٿو پڇين ڪامريڊ؟ توکي ته چڱيءَ طرح خبر آهي ته محاذ تي وڙهندڙ سپاهيءَ کي ڪهڙي پتي تي خط لکبو آهي؟“ استيپان ڪجهه گهٻراهٽ مان جواب ڏنو ۽ هڪ ڀيرو وري سڀني کي جهڪي سلام ڪري، در کان ٻاهر نڪري ويو. +هڪڙي عجيب قسم جي سانت ڇانئجي ويئي ۽ سمورو وارڊ خالي خالي محسوس ٿيڻ لڳو. گهڻي دير کان پوءِ سانت جو سمنڊ ٽٽو. هرڪو ساٿي پنهنجي پنهنجي محاذ متعلق ڳالهائڻ لڳو. هاڻي سمورا مريض صحتياب ٿي رهيا هئا، تنهن ڪري هرڪنهن پئي چاهيو ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد محاذ تي پهچي وڃي. ڪوڪوشڪن جون پٽيون کلي چڪيون هيون ۽ هو هلڻ چلڻ لڳو هو. گريگوري پڻ بسترو ڇڏي چڪو هو. هو هاڻ گهڻو وقت ورانڊي ۾ لڳل آرسيءَ جي سامهون بيهي پنهنجو منهن ڏسندو رهندو هو. انيوتا سان سندس جيتري دوستي گهري ٿيندي ويئي، اوترو ئي يونيورسٽيءَ جي معاملن جي کيس وڌيڪ ڄاڻ پئي ٿي. جيئن جيئن دوستي وڌندي پئي وئي، تيئن تيئن پنهنجي سڙيل، چچريل ۽ مسخ چهري کي گهري نظر سان ڏسڻ جي عادت پڻ وڌي ويس. انڌيري ۾ يا ڪمري جي اندر ڇانوَ ۾ ته سندس چهرو ايترو ڀيانڪ ڪونه ٿي لڳو، پر چڱو ئي ٿي لڳو. سندس نقش وڻندڙ هئا. اُڀو نرڙ، ننڍڙو پر ٿورو جهڪيل نڪ، ننڍڙيون ڪاريون مڇون، جيڪي اسپتال ۾ ئي نڪري آيون هيس، سنڌڙي انب جي ڦار جهڙا تازگيءَ سان ڀريل ۽ نوجوانيءَ جي مٺي رس سان چڪار، ڀريل، پرعزم چپ ـــــــ پر روشنيءَ ۾ صاف ٿي نظر آيو ته سندس چهرو زخمن جي نشانن سان ڀريل هو ۽ ان جي چوطرف کل ڇڪيل ۽ تاڻيل هئي. جڏهن هو گرم پاڻيءَ سان غسل ڪري ايندو هو ته جذبات ۾ وهلور هوندو هو ته سندس زخم وڌيڪ ڳاڙها ٿي پوندا هئا. اوڏي مهل هو آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندو هو ته سندس اکيون لڙڪن سان ڀرجي وينديون هيون. اوڏي مهل سندس ڦٽيل دل تي پهو رکڻ لاءِ اليڪسي کيس چوندو هو: +”تون ٻوٿ ڇو بڇڙو ڪري رهيو آهين؟ ڇا توکي فلم جو هيرو ٿيڻ جو ارادو آهي، هان؟ جيڪڏهن تو واري ساهيڙي جي محبت سچي آهي ته پوءِ تنهنجي شڪل سان ڪوبه فرق ڪونه پوندو. پر جيڪڏهن ڪو فرق پوي ٿو ته پوءِ ظاهر آهي ته ڇوڪري نادان آهي. اهڙي حالت ۾ ڇوڪريءَ کي چئي ڇڏ ته جهنم ۾ وڃي پوي. جند ڇٽئي ته لک ٿيو. توکي وري ڪو اصلي هيرو ملي ويندو.“ +”اي، سڀئي عورتون هڪ جهڙيون هونديون آهن.“ وچ ۾ ڪوڪوشڪن ٽپو کاڌو. +”پنهنجي ماءُ جي باري ۾ به ڇا تنهنجو ساڳيو خيال آهي؟“ ڪميسار پڇيو. +ڪوڪوشڪن تي انهيءَ خاموش سوال جيڪو اثر ڪيو، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نٿو سگهجي. هو ٽپ ڏيئي پنهنجي پلنگ تي اٿي بيٺو. سندس اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا ۽ منهن سفيد ڪاغذ جهڙو اڇو ٿي ويس. +”هاڻي آئين نه گس تي! ته توکي خبر پيئي نه ته دنيا ۾ تمام ڀليون عورتون به هونديون آهن.“ ڪميسار صلاح واري انداز ۾ چيو. ”تون هي ڇو ٿو سوچين ته گريشيا خوش نصيب ثابت ڪونه ٿيندو؟ زندگيءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، ڳولڻ واري کي خدا به مليو وڃي. +مطلب ته سڄي وارڊ ۾ زندگيءَ جي هڪ نئين لهر ڊوڙي ويئي. فقط ڪميسار جي طبيعت روز بروز نازڪ ٿيندي ويئي. هو رڳو ڪافور ۽ مارفيا سُين جي وسيلي ئي زنده هو. استيپان جي وڃڻ کان پوءِ ته هيڪاري سندس صحت ڪرندي پئي ويئي. ميريسئف درخواست ڪئي ته سندس پلنگ ڪميسار جي پلنگ کي اڃا به ويجهو ڪيو وڃي ته جيئن ضرورت مهل هو سندس ڪا مدد ڪري سگهي. هو روز بروز ڪميسار کي ويجهو ٿيندو پئي ويو. +اليڪسيءَ کي خبر هئي ته پيرن کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي ۽ ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سندس زندگيءَ ۾ ته اڃا به وڌيڪ مونجهارا ٿيندا. تنهن ڪري هو خودبخود هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ويجهو ٿيندو پئي ويو، جنهن کي جيئڻ جو ڍنگ آيو ٿي، جيڪو پاڻ معذور هجڻ جي باوجود به ٻين کي پاڻ ڏانهن چقمق جيان ڇڪيندو هو. هاڻي ڪميسار بيهوشيءَ ۽ گهر مان مشڪل سان جند ڇڏائيندو هو. پر جيڏي مهل به هو مڪمل هوش ۾ هوندو هو ته هميشه وانگر بنهه تازو توانو پيو لڳندو هو. +هڪ ڀيري جڏهن رات ٺري چڪي هئي ۽ اسپتال جو سمورو گوڙ گهمسان دٻجي چڪو هو ۽ جڏهن ان سانت کي فقط کونگهرا، ڪنجهڪارون ۽ سرسام ۾ وڦلندڙ مريضن جون ابتيون سبتيون ڳالهيون ٽوڙي رهيون هيون، تڏهن ورانڊي ۾ ساڳي ڄاتل سڃاتل ڳرن قدمن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ آئي. دروازي ۾ لڳل آرسيءَ ۾ ميريسئف ورانڊي جي هلڪي روشني ۾ واسيلي جو پاڇو ڏٺو. هو پٺيان چيلهه تي هٿ رکيو آهستي آهستي هلي رهيو هو. آخري ڇيڙي تي ويٺل نرس، جنهن سوئيٽر پئي اُڻيو، ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي. پر هن هٿ جي اشاري سان کيس هڪ طرف هٽي وڃڻ جو چيو. سندس سفيد ڪوٽ جا بٽڻ کليل هئا. سندس مٿو اگهاڙو هو. سندس سفيد گهاٽن وارن جون چڳون لڙڪي ڀروئن مٿان پئجي رهيون هيون. +”واسيا پيو اچي.“ ميريسئف آهستي آهستي ڪميسار کي ٻڌايو�� جنهن کيس نقلي پيرن جي ڪا خاص بناوت پئي سمجهائي. +واسيلي وچ بيهي رهيو، ڄڻڪ سندس سامهون ڪا رنڊڪ اچي ويئي هجي. هن ڀڻ ڀڻ ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڀت کان الڳ ڪري وارڊ 42 ۾ گهڙي آيو. ڪمري جي وچ تي بيهي ڏاڙهي کنهڻ لڳو، ڄڻڪ ڪا شيءِ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. سندس وات مان شراب جي بوءِ اچي رهي هئي. +”اچو ويهو واسيلي وچ. اچو ته پاڻ شام جي محفل مچايون.“ ڪميسار چيو. +پروفيسر پنهنجا پير گهليندو پلنگ وٽ پهتو ۽ پاڻ کي پلنگ جي ڪناري تي ايترو ته زور سان ڇڏيائين جو پلنگ جي اسپرنگن مان چيڪٽ نڪري ويا. هو پنهنجا لؤڻا مهٽڻ لڳو. اڳي هو دوري مهل ڪميسار جي پلنگ وٽ بيهي جنگ جي رفتار متعلق گفتگو ڪندو هو، جنهن مان اهو صاف ظاهر هو ته هو ڪميسار کي ٻين مريضن کان الڳ حيثيت ڏيندو هو. تنهن ڪري پوئين رات هن جو اچڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. پر ميريسئف کي ائين لڳو، ڄڻ هو ٻئي ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيندا هجن، جيڪا ڪو ٽيون نه ٻڌي. تنهن ڪري هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڄڻ ته ستو پيو آهي. +”اڄ 29 اپريل آهي، هن جو جنم ڏينهن. هو اڄ 36 سالن جو ٿيو، نه نه، هُجي ها!“ پروفيسر جهيڻي آواز ۾ چيو. +ڏاڍي مشڪل سان ڪميسار پنهنجو سُڄيل هٿ ڪمبل مان ٻاهر ڪڍيو ۽ واسيلي واسيلي وچ جي هٿ مٿان رکيو. اوڏي مهل هڪڙي ناقابل يقين ڳالهه ٿي. پروفيسر جي اکين مان لڙڪن جون لارون وهڻ لڳيون. هيڏي ساري ڏئيت مڙس کي ائين اوڇنگارون ڏيئي روئيندو ڏسڻ ڏاڍو درد انگيز مرحلو هو. اليڪسيءَ بنا ارادي جي پنهنجا ڪلها ڇنڊيا ۽ مٿو ڪمبل ۾ لڪائي ڇڏيو. +”محاذ تي وڃڻ کان اڳ هو مون وٽ آيو هو.“ پروفيسر ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”هن چيو ته آءٌ عوامي رضاڪارن ۾ شامل ٿي ويو آهيان. هن مون کان پڇيو ته کيس سونپيل ڪم ڪنهن جي حوالي ڪري . هو هتي مون سان گڏ ڪم ڪندو هو. مون کي ايتري ته حيرت ٿي جو مون کان رڙ نڪري ويئي. آءٌ سمجهي نه سگهيس ته هڪڙو ماڻهو، جيڪو ڊاڪٽريءَ جو اميدوار هجي ۽ هڪ بهترين سائنسدان ٿيڻ جون منجهس صلاحيتون هجن، سو رائيفل ڪيئن ٿي کڻي سگهيو؟ پر هن سوچيو ـــــــــ مون کي سندس هر هڪ لفظ چٽي طرح ياد آهي ـــــــــ ”بابا، اهڙو به وقت اچي ٿو، جڏهن ڊاڪٽريءَ جي اميدوار لاءِ به رائفل کڻڻ لازمي ٿيو پوي ٿي.“ ها، هن مون کي ائين چيو هو ۽ ٻيهر مون کان پڇيو هئائين: ”منهنجي جاءِ تي ڪير ايندو؟“ منهنجي لاءِ کيس روڪڻ ته ڪو مسئلو ئي ڪونه هو، رڳو ٽيليفون کڙڪائڻ جي ضرورت هئي. پر مون ائين نه ڪيو. هو هڪ فوجي اسپتال جي هڪ شعبي جو ذميوار هو، ڪيئن منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه؟“ +واسيلي واسيلي وچ بيهي رهيو. هو وڏا وڏا گهرا ساهه کڻي رهيو هو، ڄڻ کونگهرا هڻندو هجي. هن وري ڳالهايو: +”پيارا دوست، ائين نه ڪر. پنهنجو هٿ اندر ڪري ڇڏ. مون کي خبر آهي ته تنهنجي لاءِ چرڻ پرڻ به ڪيڏي تڪليف جو باعث ٿي سگهي ٿو. ها، مون سڄي رات ويٺي سوچيو ته ڇا ڪريان؟ خبر اٿئي ته آءٌ هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي به سڃاڻندو هوس. تون سمجهين ٿو منهنجي ڳالهه؟ هن جو به هڪڙو پٽ هو. هو هڪ آفيسر هو ۽ جنگ شروع ٿيڻ وقت ئي مارجي ويو هو. پوءِ خبر اٿئي ته پڻس ڇا ڪيو؟ هن پنهنجي ٻئي پٽ کي به جنگ تي روانو ڪري ڇڏيو. سندس ٻيو پٽ وري جنگي هوائي جهاز جو هواباز هو. جنگ جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ شعبو..........! مون کي اوڏيءَ مهل اهو ماڻهو ياد آيو ۽ مون کي منهنجي سوچ تي شرمندگي ٿيڻ لڳي ۽ مون پٽ کي روڪڻ لاءِ ڪنهن کي به ٽيليفون ڪانه ڪئي......“ +”ڇا هاڻي توکي ان ڳالهه جو افسوس آهي؟“ +”نه، هرگز نه. ڇا تون منهنجي هن حالت کي افسوس ڪرڻ سڏين ٿو؟ آءٌ خود پنهنجو پاڻ کان پڇندو آهيان ته ڇا آءٌ پاڻ پنهنجي اڪيلي پٽ جو قاتل آهيان؟ هو هن وقت هتي هجي ها ته اسين سڀئي گڏجي پنهنجي ملڪ لاءِ وڌيڪ مفيد ڪم ڪري سگهون ها. هو باصلاحيت هو، هو ڏاڍو مضبوط، بهادر ۽ سچار هو. هو روسي ڊاڪٽريءَ جي ميدان ۾ هڪ مايه ناز هستي ٿي سگهيو ٿي....... ها جيڪڏهن آءٌ ٽيليفون ڪري ڇڏيان ها.“ +”ڇا توکي افسوس آهي ته ٽيليفون ڇو ڪانه ڪيئي؟“ +”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟ آه.......... ها، مون کي خبر ڪانهي...... مون کي خبر ڪانهي......“ +”سمجهو ته اهو واقعو کڻي اڄ پيش اچي ته ڇا توهان ڪو ٻيو رويو اختيار ڪندؤ؟“ +ماٺ ڇانئجي ويئي مريضن جي ساهه جو هڪ جهڙو آواز اچي رهيو هو. پروفيسر پنهنجي خيالن ۾ ٻڏيو پيو هو. +”ها؟“ ڪميسار اهڙي لهجي ۾ پڇيو، جنهن ۾ همدردي ۽ غمگساريءَ جي گونج به شامل هئي. +”مون کي خبر نه آهي..... تنهنجي سوال جو مون وٽ ڪوبه ٺهيل ٺڪيل جواب ڪونهي. مون کي خبر ڪانهي، پر مون کي ائين ٿو لڳي ته جيڪڏهن اهي ڳالهيون ٻيهر دهرائجن ته آءٌ به اهو ئي ڪجهه ڪندس، جيڪو هن کان اڳ ڪري چڪو آهيان. آءٌ نه ته ٻين روسي پيئرن کان وڌيڪ بهتر آهيان ۽ نه ئي ڪو انهن کان بدتر ئي آهيان...... الا! جنگ ڪيڏي خوفناڪ شيءِ آهي......!“ +”يقين ڪريو ته هيءَ خبر ٻين پيئرن لاءِ به ايتري ئي خوفناڪ آهي، جيتري توهان جي لاءِ آهي. ان کي برداشت ڪرڻ انهن لاءِ به ايترو آسان ڪونهي.“ +واسيلي واسيلي وچ گهڻي دير تائين خاموش ويٺو رهيو. انهن سست گهڙين ۾ هو ڇا سوچي رهيو هو؟ سندس اڀريل ۽ سَريل نراڙ ۾ ڪهڙيون سوچون اُڀري رهيون هيون؟ +”ها، تون ٺيڪ پيو چوين.“ هن آخرڪار چيو. ”ها، هن لاءِ برداشت ڪرڻ آسان ڪونه هو، پر پوءِ به هن پنهنجو ٻيو پٽ به جنگ تي روانو ڪيو....... تون ڀلو ماڻهو آهين. تنهنجي مهرباني ڀلا ماڻهو، تنهنجي وڏي وڏي مهرباني منهنجا پيارا دوست، ها هاڻي ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونهي.“ +هو پلنگ تان اٿيو. هن تمام گهڻي نرميءَ ۽ احتياط سان ڪميسار جو هٿ کڻي ڪمبل اندر رکيو ۽ چوطرف ڪمبل سولو ڪري ماٺ مٺيءَ ۾ ڪمري مان نڪري ويو. +رات جي پڇاڙڪي حصي ۾ ڪميسار تي بيماريءَ جو ڏاڍو حملو ٿيو. هو بيهوش پيو پنهنجي بستري تي تڙپندو رهيو، ڏند ڪرٽيندو ۽ ڪنجهندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن هو خاموش ٿي ويندو هو ۽ پيرن کان وٺي مٿي تائين سيٽجي ويندو هو. هر ماڻهوءَ سمجهيو ته هي سندس آخري وقت آهي. هن جي حالت ايتري ته خراب هئي جو واسيلي واسيلي وچ پاڻ آيو ــــــــ هو پنهنجي پٽ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي وڏي خالي گهر مان اچي اسپتال جي هڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ رهيو هو ۽ هڪ معمولي پلنگ تي سمهندو هو ـــــــــ هن ڪميسار جي بستري تي پردو وجهڻ جو حڪم ڏنو. سڀني کي خبر هئي ته پردي وجهڻ جو مطلب هي آهي ته شايد مريض کي وارڊ نمبر 50 ۾ کڻي وڃڻو پوي. +ڪافور ۽ آڪسيجن جي مدد سان هن جي نبض کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پوءِ رات وارا سرجن ۽ واسيلي واسيلي وچ واپس هليا ويا ته جيئن باقي جيڪا رات بچي آهي، سا سمهي گذارجي. ڪلاوديا نرس لڙڪن سان پسيل چهري سان مريض وٽ ويٺي رهي. ميريسئف سمهي نه سگهيو. هو ڊپ ۾ پيو سوچيندو رهيو ته ”ڇا واقعي هي آخري وقت آهي؟“ ظاهر هو ته ڪميسار اڃا تائين خوفناڪ درد ۽ ايذاءُ ۾ ورتل هو. هو بار بار وڦلي رهيو هو. ”پيئڻ، پيئڻ، پيئڻ ڏيو.“ +نرس سمجهيو ته مريض کي پاڻي جي ضرورت آهي. سا پاڻي جو گلاس ڀري آئي. پر مريض پاڻي پيئڻ ڪونه ٿي چاهيو. گلاس سندس ڀڪوڙيل ڏنڌن سان ٽڪرايو ۽ پاڻي ڇلڪي وهاڻي تي ڪري پيو. پر مريض وري به چوندو رهيو ”پيئڻ ڏيو!“ هڪدم اليڪسيءَ کي محسوس ٿيو ته اهو لفظ ”پيئڻ“ نه پر ”جيئڻ“ آهي ۽ هي ٿلهو متارو ماڻهو پنهنجي قوت جو آخري ڦڙو به گڏ ڪري موت سان وڙهي رهيو آهي ۽ ”جيئڻ“ چاهي ٿو. +ٿوري دير کان پوءِ ڪميسار خاموش ٿي ويو ۽ هن اکيون کوليون. +”رب سائين، تنهنجو شڪر آهي.“ ڪلاوديا اطمينان جو ساهه کڻي پردو هٽائڻ لڳي. +”پردو نه هٽاءِ، ان کي رهڻ ڏي.“ ڪميسار منع ڪئي. ”پياري نرس، پردو نه هٽاءِ، ان جي ڪري ٿورو آرام ملي ٿو ۽ تون روئندي نه ڪر. ڇا هن ڌرتيءَ تي اڳي ڏکن جي ڪا ڪمي آهي؟ تنهنجي لڙڪن کان اڳ ئي ڌرتيءَ تي لڙڪن جي ٻوڏ موجود آهي. تون ڇو ٿي روئين منهنجي سوويت حور.......؟ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو اسان کي حورن ۽ تو جهڙي مٺڙي حور سان ملڻ جو موقعو به اوڏي مهل ملي ٿو، جڏهن موت در جي چائنٺ تي اچي بيٺو آهي........“ + + +(10) +اليڪسي هاڻي هڪ نئين تجربي مان گذري رهيو هو. جنهن پل کان وٺي کيس اهو يقين ٿي ويو هو ته جيڪڏهن هو مشق ڪري ۽ سکي ته بنا پيرن جي به هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو ۽ ٻيهر هوا باز بنجي سگهي ٿو، تنهن گهڙيءَ کان وٺي زندگيءَ، گرمجوشيءَ ۽ محنت جي هڪڙي زبردست خواهش سندس دل ۾ باه ٻاري ڏني هئي. +هاڻي زندگيءَ ۾ سندس سامهون فقط هڪڙو مقصد هو. هڪ جنگي هوائي جهاز اڏائڻ جو مقصد ۽ هو سموريءَ سچائيءَ، ثابت قدميءَ ۽ فولادي ارادي سان اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ جنبي ويو. پنهنجي محاذ تائين پهچڻ لاءِ رڙهندو رهڻ ۾ به هن ساڳئي ثابت قدمي ۽ ساڳئي فولادي ارادي کان ڪم ورتو هو. سڀ کان پهريائين هن ذري پرزي سميت انهيءَ پهلوءَ تي غور ڪيو ته ڪيئن وقت برباد ڪرڻ کان سواءِ جلد کان جلد پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو. پوءِ هن فيصلو ڪيو ته سڀ کان پهريائين جلد کان جلد کيس پنهنجي صحت بحال ڪرڻ ۽ طاقت حاصل ڪرڻ گهرجي، جيڪا هن فاقن دوران وڃائي هئي. کيس خوب کائڻ ۽ سمهڻ گهرجي. ٻيو ته کيس هڪ هواباز جي حيثيت ۾ وڙهڻ لاءِ اهي سموريون صلاحيتون ۽ خوبيون برقرار رکڻيون پونديون. ان غرض کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن فيصلو ڪيو ته جيستائين هڪ بستري تي پيل مريض لاءِ ممڪن ٿي سگهي ٿو، اوستائين هو جسماني ورزش ڪندو. ٽيون ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ مشڪل ڪم هي ڪرڻو هو ته سندس ٽنگن جي باقي بچيل حصن کي ڪم ڪرڻ جي لائق بنائڻ ته جيئن انهن جي طاقت ۽ چستي برقرار رهي ۽ جڏهن پوءِ کيس نقلي پير ڏنا وڃن ته انهن ٽنگن سان هوائي جهاز اڏائڻ سکي. +بنا ٽنگن واري ماڻهوءَ لاءِ هلڻ چلڻ به ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي. پر اليڪسيءَ اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته هو هوائي جهاز، سو به جنگي هوائي جهاز اڏائيندو ئي رهندو. هي ڪم انتهائي خطرناڪ ۽ جان جوکي ۾ وجهڻ جهڙو هو. خاص ڪري هوائي جنگ ۾ حصو وٺڻ. ان ۾ هڪ هڪ شيءِ جو انحصار هڪڙي سيڪنڊ جي به ڏهين پتيءَ تي هوندو آهي. ان ۾ قدرتي چرپر وانگر هر چرپر کي توريل تڪيل ۽ بنهه ٺيڪ ٺيڪ هجڻ گهرجي. ان ۾ پيرن کي به اهڙي طرح ٺيڪ ٺيڪ ۽ اهڙي طرح چستيءَ ۽ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، جهڙي طرح هٿن کي. کيس پنهنجي مشق کي ايتريقدر وڌائي ڇڏڻ گهرجي جو ڪاٺ جا ٽڪرا ۽ چمڙي جا ڌاڳا، هي نازڪ ڪم بلڪل زنده عضوي وانگر سرانجام ڏيئي سگهن. +هر اهو شخص، جيڪو هوابازيءَ جي مهارت رکي ٿو، سو هن ڳالهه کي ناممڪن تصور ڪندو، ليڪن اليڪسيءَ کي هاڻي يقين اچي ويو هو ته اهو ممڪن آهي ۽ جڏهن اهو ڪم ممڪن آهي ته پوءِ هو ان کي مڪمل ڪري ئي ڇڏيندو ۽ پوءِ هن پنهنجي منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ جو ٻيڙو پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتو. سمورو علاج ۽ دوائون هو ايتري ته پابندي ۽ شوق سان استعمال ڪندو هو جو هو خود ششدر ٿي ويندو هو. هو تمام گهڻو کائڻ لڳ�� هو. بک نه به هوندي هيس، ته به هو ٻيو ڀيرو کاڌو کائيندو هو. ڇا به هجي، پر مقرر وقت واري ننڊ ضرور پوري ڪندو هو. +اڀري سڀري ورزش ته هو اڳي به ڪندو هو، پر بنا ٽنگن واري ماڻهوءَ لاءِ اها هاڻي ٺيڪ ڪانه هئي. تنهن ڪري هن پنهنجي لاءِ ورزش جا نوان طريقا ڳوليا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو هٿ چيلهه تي رکيو ڌڙ کي اڳيان، پٺيان ۽ ساڄي کاٻي جهڪائيندو هو. مٿي کي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانهن جهٽڪا ڏيندو هو. هي سڀ ڪجهه هو ايتري زور ۽ طاقت سان ڪندو هو جو سندس پٺيءَ جو ڪنڊو ٽڙڪاٽ ڪندو هو. سندس وارڊ وارا دوست سندس ورزش تي کل ڀوڳ پيا ڪندا هئا. ڪوڪوشڪن گهڻو ڪري مٿس چٿرون ڪندو هو ۽ مٿس زنامنسڪي برادران، لادو ميگ ۽ ٻين رانديگرن جا نالا پيو رکندو هو. ڪوڪوشڪن کي انهن ورزشن کان نفرت هئي. ورزش کي هو اسپتال جي هڪ مصيبت سمجهندو هو ۽ جيئن ئي اليڪسي ورزش شروع ڪندو هو، هو ورانڊي ڏانهن هليو ويندو هو. +جڏهن اليڪسيءَ جون پٽيون کلي ويون ۽ هو زياده آزاديءَ سان پنهنجي پلنگ تي چري ڦري سگهيو ٿي، تڏهن هن ورزش ۾ ٻيو واڌارو ڪيو. هو پنهنجي پلنگ جي شيخن ۾ پنهنجن ڪٽيل ٽنگن کي ڦاسائي اڃا به وڌيڪ اڳيان پٺيان جهڪندو هو. پوءِ هن پنهنجي پيرن لاءِ نيون نيون ورزشون ڳولي ڪڍيون. ٽنگن جي ورزش ۾ کيس ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي، پر هو هر روز ورزش ۾ هڪ منٽ جو واڌارو ڪندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته درد ۽ تڪليف کان سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ هو پنهنجي بي اختيار نڪرندڙ ڪنجهڪار کي روڪڻ لاءِ پنهنجن چپن کي ايترو ته زور سان چڪ هڻندو هو، جو انهن مان رت نڪري ايندو هو. پر پوءِ نيٺ ورزش جي نتيجي ۾ سندس بدن پهرين وانگر مضبوط ۽ سخت ٿيڻ لڳو هو. +ميريسئف جو سمورو ڌيان سندس ٽنگن تي هو. ڪڏهن ڪڏهن هو خيالن ۾ گم ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ سندس پيرن ۾ سور پيو ٿئي ۽ بي خياليءَ ۾ هو پيرن کي چورڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ تڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته سندس پير آهن ڪٿي! سندس دماغ ۾ پيرن جو خيال ايترو ته واسو ڪري ويو هو، جو هو ننڊ ۾ پاڻ کي تندرست، تيز تيز پنڌ ڪندو محسوس ڪندو هو. خواب ۾ کيس ”سگنل“ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ هو پاڻ کي هوائي جهاز ڏانهن ڊوڙندو، پرَ تي ٽپ ڏيئي چڙهندو، ڪاڪ پٽ اندر ٽپي پوندو ۽ جيستائين مستري يورا انجن چالو ڪري، تيستائين پاڻ کي پينڊلن جي جاچ پڙتال ڪندي پيو ڏسندو هو. ڪڏهن وري پاڻ ۽ اوليا هٿ هٿ ۾ ڏيئي اگهاڙن پيرن گلن سان ڇانيل گاهه تي ڊوڙندا نظر ايندا هئا ۽ گرم ۽ پُسيل زمين جي ڇهاءَ سان لطف پيا وٺندا نظر ايندا هئا. الا! هي سڀ ڪجهه ڪيڏو نه خوبصورت هو، ڪيڏو نه مزيدار هو!! پر اک کلندي هيس ۽ پير ياد ايندا هيس ته سندس دل تي نه ڄاڻان ڪهڙي قيامت برپا ٿي ويندي هئي. +ان قسم جا خواب ڏسڻ کان پوءِ ڪيترا ڀيرا سندس دل اداس ٿي ويندي هئي. هو سوچڻ لڳندو هو ته خواه مخواه هو پنهنجي جسم کي تڪليف ڏئي رهيو آهي. هاڻي هو ڪڏهن به پرواز ڪري نه سگهندو ۽ بلڪل ساڳئي طرح هو ڪامي شين ۾ ان دلربا ڇوڪري سان گڏ ڪڏهن به اگهاڙن پيرن سان ڊوڙي نه سگهندوــــــــ اها ڇوڪري، جنهن کي وڇوڙي جي ديوار اڃا به وڌيڪ دلڪش ۽ محبوب بڻائي ڇڏيو هو. +اوليا سان لڳاءُ هاڻي سندس دل ۾ مسرت جو احساس نٿي جاڳايو. تقريبًا هر هفتي نرس کيس ”نچڻ“ تي مجبور ڪندي هئي، يعني هو پنهنجي بستري تي بدن کي هيٺ مٿي ڪندو هو ۽ تاڙيون وڄائيندو هو. تڏهن کيس نرس اهو خط ڏيندي هئي، جنهن تي اسڪول جي ڇوڪريءَ جا ڄاتل سڃاتل گول گول ۽ صاف هٿ اکر لکيل هوندا هئا. اهي خط هاڻي ڏينهون ڏينهن ڊگها ۽ دلنواز ٿيندا پئي ويا. ائين پئي لڳو ته ان ڇوڪريءَ جي محبت، جنهن جي وچ ۾ جنگ حائل ٿي ويئي هئي، هاڻي گل جيان ٽڙڻ ۽ سرهاڻ سان آس پاس واسڻ لڳي هئي. هو خطن ۾ اهي سٽون وڏين تمنائن ۽ ڏاڍين بي قرارين سان پڙهندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته هو انهن جو ڀرپور جواب نٿو ڏئي سگهي. +هو ۽ اوليا، جن ڪاٺ وڍڻ واري مل جي اسڪول ۾ گڏ تعليم حاصل ڪئي هئي، رومانوي جذبات ۾ ٻڏل هئا ۽ هو ان جذبات کي پنهنجي وڏن جي محبت جو اولڙو قرار ڏيندا هئا. تنهن کان پوءِ هو ڇهن ستن سالن لاءِ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا. پهرئين ته ڇوڪري هُنري اسڪول ۾ پڙهڻ هلي ويئي ۽ جڏهن هوءَ هڪ هنرمند ماهر بنجي واپس مل ۾ آئي، تيستائين اليڪسي شهر ڇڏي چڪو هو ۽ هاڻي هو هوابازيءَ جي هڪ اسڪول ۾ تعليم پرائي رهيو هو. ٻيهر هو جنگ چالو ٿيڻ کان بنهه ٿورو اڳ ۾ مليا. ٻنهي کي پاڻ ۾ ملاقات جو وهم ۽ گمان به ڪونه هو. شايد هو هڪ ٻئي کي وساري چڪا هئا. سندن جدائيءَ دوران گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هو. هڪڙي ڏينهن شام جو اليڪسي ماڻس سان گڏ رستو وٺيو پئي ويو ته سامهون هڪڙي ڇوڪري لنگهي. هن ان ڇوڪري ڏانهن ڪو خاص توجهه ڪونه ڏنو، البت ايترو سو سوچيائين ته ڇوڪريءَ جون ٽنگون ڏاڍيون ڀليون آهن. +”تو ڇوڪريءَ کي سلام ڇو نه ڪيو؟ هيءَ ته اوليا هئي.“ سندس ماءُ کيس ڏاڍي جٺ ڪئي. +اليڪسيءَ مڙي پوئتي نهاريو. ڇوڪري به کيس ڏسڻ لاءِ مڙي نهاريو. جيڏي مهل سندس نگاه پاڻ ۾ ملي، تڏهن اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته سندس دل سيني اندر زور زور سان ڦٿڪي رهي آهي. هو ماڻس کي اتي ڇڏي ڇوڪريءَ ڏانهن ڊوڙيو، جيڪا هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺي هئي. +”تون؟“ هن حيرت مان پڇيو ۽ کيس ائين گهوري ڏسڻ لڳو، ڄڻ ته ڪا ناياب شيءِ ست سمنڊ پار ڪري آئي هجي. +”اليوشا؟“ ڇوڪريءَ به ساڳئي حيرت ڀريل لهجي ۾ پڇيو، ڄڻڪ کيس يقين ئي ڪونه پئي آيو. +هنن ڇهن ستن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڏٺو هو. اليڪسي پنهنجي سامهون هڪ ننڍڙي قد جي نازڪ ڇوڪري ڏسي رهيو هو، جنهن جو بدن لچڪيدار ۽ دلڪش هو. ان جو چهرو ڇوڪرن جهڙو هو. اولگا وڏين وڏين ڀورين ۽ چمڪدار اکين سان ڏانهس ڏٺو ۽ تاڻيل ۽ گهاٽن پلڪن کي آهستي آهستي مٿي کنيو. جڏهن هو جدا ٿيا هئا، تڏهن هوءَ مضبوط ۽ گول گول گلابي چهري واري ڇوڪري هئي ۽ هاڻي ته هوءَ ايڏي ته شاداب، نرم ۽ نازڪ، ايڏي ته پياري ڇوڪري ٿي پئي هئي جو کيس سڃاڻڻ به مشڪل ٿي پيو هو. +اليڪسيءَ ماڻس کي وساري ڇڏيو ۽ ڇوڪريءَ جي حُسن ۾ گم ٿي ويو. هن محسوس ڪيو ته هو ستن سالن جي عرصي دوران هڪ ڏينهن به اوليا کي وساري نه سگهيو هو ۽ سندس ملاقات جا خواب ڏسندو رهيو هو. +”تون ته هاڻي اهڙي ٿي ويئي آهين جو......!“ هن آخرڪار چيو. +”ڪهڙي؟“ ڇوڪريءَ گجندڙ ۽ ڀرپور آواز ۾ پڇيو. هي آواز به ان آواز کان مختلف هو، جيڪو هن اسڪول جي زماني ۾ ٻڌو هو. +”اهڙي جو بس!“ اليڪسيءَ پنهنجي گهور لڪائڻ کان سواءِ چيو. ”چڱو، پر ڪهڙي؟“ ڇوڪريءَ وري کلندي پڇيو. +ماڻس ٻنهي نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي هڪ پل لاءِ ڏٺو ۽ هڪ اداس مسڪراهٽ سان هوءَ اڳتي وڌي ويئي. پر هو ٻئي اتي بيٺا ڳالهائيندا رهيا. هو هڪ ٻئي جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي پنهنجي ٻڌائيندا رهيا ۽ سندن گفتگو دوران گهڻو ڪري هنن لفظن جو بي اختيار استعمال پئي ٿيو: ”توکي ياد آهي......؟“ ”تون ڄاڻين ٿي.......؟“ ”هن کي ڇا ٿيو........؟“ ”ڪٿي آهي........؟“ +هو گهڻي دير تائين اتي بيٺا ڳالهائيندا رهيا. نيٺ اوليا ويجهن گهرن جي درين ڏانهن اشارو ڪيو، جن مان تجسس ڀريل چهرا ڏانهن نهاري رهيا هئا. +”جيڪڏهن توکي واندڪائي هجي ته درياءَ جي ڪناري ڏانهن ٿورو هلون.“ اوليا چيو. ٻئي ڄڻا ه�� هٿ ۾ ڏيئي وڃڻ لڳا. ائين ته هنن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ڪونه ڪيو هو. هنن کي سڀ ڪجهه وسري ويو ۽ هو هلندا هلندا درياءَ جي اڀڪپري تي اچي پهتا. اتان کان والگا جي اڻ کٽ وسعتن ۽ ان جي ٻوڏ واري پاڻيءَ جي ترندڙ برف جي ڇپن جي عظيم الشان جلوس جو شاندار نظارو ٿي پئي سگهيو. +ان کان پوءِ ويچاري ماءُ پنهنجي پياري پٽ کي تمام گهٽ گهر ۾ ڏسندي هئي. ڪپڙن جي معاملي ۾ هو ڪڏهن به ڪو خاص توجهه ڪونه ڏيندو هو. پر هاڻي روزانو هو ڪپڙن تي استري ڪندو هو، بوٽ پالش ڪندو هو ۽ ٽوپي پائي ٻاهر نڪرندو هو، جنهن تي هوائي فوج جو بڪل لڳل هوندو هو. هو روزانو ڏاڙهي ڪوڙيندو هو ۽ شام جو ٽِڪَ ۾ منهن کي ڏسي پوءِ مل جي دروازي تي اوليا سان ملڻ هليو ويندو هو. ڏينهن جو به اڪثر هو غائب ٿي ويندو هو ۽ ائين مُنجهيل مُنجهيل رهندو هو. جيڪڏهن کانئس پڇبو هو ته مڙيئي ابتو سبتو جواب ڏيندو هو. مامتا جي نگاهه سندس ماءُ کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته پٽس سان ڪهڙي ويڌن آهي؟ هوءَ سمجهي ويئي. هوءَ پاڻ کي ان چواڻيءَ تحت تسلي ڏيندي هئي ته: ”پوڙها ته خير اڃا به وڌيڪ پوڙها ٿيندا ويندا. ڦٽڻ ڦاٽڻ ته نوجوانن کي گهرجي.“ +ان جوان جوڙي هڪ ڀيرو به پنهنجي محبت جو ذڪر زبان تي اچڻ نه ڏنو. جڏهن هو سج جي هلڪي اس ۾ چمڪندڙ والگا جي مٿانهن ڪنارن جو سير ڪري ايندو هو، يا شهر کان ٻاهر ڇانهين جي آرڻ مان، جتي وڏن چهچ ساون پنن سان وليون زمين تي پکڙيون پيون هونديون هيون، گهمي ڦري ايندو هو، تڏهن هو پنهنجي گهر منجهه موڪل جا ختم ٿيندڙ ڏينهن ڳڻي فيصلو ڪندو هو ته اڄ هو ضرور اوليا سان محبت جو اظهار ڪندو. پر شام جو مل جي ڦاٽڪ وٽ کيس ملندو هو ۽ ساڻس گڏجي سندس ڪاٺ جي ٻن منزلن واري گهر ويندو هو، جتي اوليا جو هڪ ڪمرو هوندو هو. اتي هو ڏاڍي صبر سان ويٺو انتظار ڪندو هو ۽ اوليا پنهنجي کليل الماريءَ جي دروازي پٺيان بيهي ڪپڙا بدلائيندي هئي. هو اوليا جي نظر ايندڙ اگهاڙين ٻانهن، ڪلهن ۽ ٽنگن کان نظر بچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پوءِ هوءَ منهن ڌوئڻ ويندي هئي ۽ اتان تازي تواني ٿي ورندي هئي. ان وقت سندس ڳاڙها ڳل گلاب جي ٽڙيل گلن وانگر لڳندا هئا ۽ سندس ڪارا وار اڌ پُسيل هوندا هئا. هوءَ هميشه سفيد وڳو پائيندي هئي. +هو سئنيما، سرڪس يا پارڪ گهمڻ ويندا هئا، يا جتي به ويندا هئا ته اليڪسيءَ لاءِ ڪوبه فرق ڪونه هو. هو نه ته پردي تي فلم، نه ڪٽهڙي کي ۽ نه وري پارڪ ۾ گهمندڙ ماڻهن کي ڏسندو هو. سندس اکيون ته بس ان لاءِ هيون ۽ ان کي ئي ڏسندي ڏسندي سوچيندو هو ته ”اڄ رات، ها يقينًا اڄ رات واپس گهر ويندي، آءٌ پنهنجي دل کولي سندس سامهون رکندس.“ پر جڏهن پنڌ کٽي ويندو هو ۽ هو گهر پهچي ويندا هئا، تڏهن سندس همت جواب ڏئي ويندي هئي ۽ هو ڪجهه به چئي ڪونه سگهندو هو. +هڪ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير هو ٻئي والگا جي ٻيءَ ڀر سير ڪرڻ نڪري ويا. هو پنهنجي بهترين سفيد پتلون ۽ قميص پائي کيس ملڻ ويو هو. سندس قميص جا بٽڻ کليل هئا. سندس ماءُ چيو هو ته سندس سانوري ويڪري چهري تي اها قميص ڏاڍي ٺهي ٿي. جڏهن هو اوليا جي گهر پهتو ته هوءَ کيس تيار ملي. هن کاڌي جي رومال ۾ ويڙهيل هڪ هڙ سندس هٿ ۾ ڏني ۽ ٻئي ڄڻا درياءَ جي ڪناري ڏانهن روانا ٿي ويا. پوڙهي ملاح ڪاٺ جي گهوڙين تي ڀٽڪندي ڳري ٻيڙي کي ڌڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي هٿيا هلائڻ لڳو. هو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏو ٿي ويو هو. هو پراڻو سپاهي هو. هو ننڍن ڇوڪرن کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هن اليڪسيءَ کي به سيکاريو هو ته درياءَ جي ڪناري تي ننڍي پاڻي ۾ مڇي ڪيئن ماربي آهي؟ +”چاچا ارڪاشا! ڇا تون اسان ��ي ڪونه ٿو سڃاڻين؟“ +ملاح نوجوان چهرن کي بي نيازي سان ڏٺو ۽ چيائين ”نه“. +”ڇو؟ آءٌ اليوشڪا ميريسئف آهيان. تو مون کي ننڍي پاڻيءَ مان ڪُنڍيءَ سان مڇي مارڻ سيکاري هئي.“ +”شايد مون سيکاري هجي. تو جهڙا ته هتي الاهي ڇوڪرا روزانو پيا ايندا ويندا آهن. سڀني کي ياد ڪرڻ ته منهنجي وس ۾ ڪونهي.“ +”چاچا، پئسا گهڻا ٿيا؟“ اليڪسيءَ پڇيو. +”اهو توهان تي ٿو ڇڏيان. توهان کي ڪجهه گهڻو ئي ڏيڻ گهرجي. توهين ڪيترا نه خوش پيا ڏسجو. پر تون مون کي ياد ڪونه ٿو اچين. ها ياد نٿو اچي.“ +ٻيڙيءَ تان لهندي سندن پير پسي پيا. اوليا جُتي لاهڻ جي صلاح ڏني. ٻنهي جوتا لاهي ڇڏيا، پسيل ۽ ٿڌي واريءَ تي اگهاڙن پيرن سان هلڻ ۾ کين عجيب قسم جي راحت محسوس ٿي. انهن جي دل چاهيو ته هو ٻارن وانگر ٺينگ ٽپا ڏين ۽ گوڙ ڪن. +”جهل ته مڃانءِ.“ اوليا چيو ۽ واريءَ تي ڊوڙندي گلن سان ڇانيل ساوڪ ڏانهن ڀڄڻ لڳي. هن جون مضبوط ۽ سهڻيون ٽنگون چمڪنديون پئي نظر آيون. +اليڪسي سندس پٺيان ڀڳو. هاڻي کيس پنهنجي سامهون هلڪي چمڪدار رنگ جي فراڪ جو رڳو پنج رنگو دٻو پئي ڏسڻ ۾ آيو. هو ڊوڙي رهيو هو ۽ جهنگلي گاهه جا ڇُڳا ۽ گل سندس پيرن هيٺان لتاڙجي رهيا هئا. کيس پنهنجي پيرن هيٺان نرم، پسيل ۽ اُس ۾ گرم زمين محسوس ٿي رهي هئي. ائين پئي لڳو ته اوليا کي جهلڻ انتهائي ضروري ٿي پيو هجيس. ڄڻ ته مستقبل جو گهڻو دارومدار به ان ڳالهه تي ئي هجي. کيس محسوس ٿيو ته هتي، گلن سان جهنجهيل هن اڻ کٽ ساوڪ ۾ هن مست ڪندڙ سڳنڌ ۾ کيس اهو سڀڪجهه ٻڌائڻ آسان ٿي پيو، جنهن کي زبان تي آڻڻ جي اڃا تائين کيس همت ڪانه ٿي هئي. پر هر ڀيري هن سندس ويجهو پهچي کيس جهلڻ لاءِ هٿ وڌايو ٿي ته ڇوڪري گهُت ڏيئي ٻئي پاسي مڙي ٿي ويئي ۽ ٻليءَ جهڙي چستيءَ سان سندس حملي کان بچي ٿي ويئي ۽ ٻهڪندي، کلندي ٻئي پاسي ڀڄندي ٿي ويئي. هن پڪو پهه ڪيو هو ته هوءَ هرگز جهلڻ نه ڏيندي. هو کيس جهلي نه سگهيو. پوءِ هوءَ گاهه مان نڪري دريا جي ڪناري تي گرم ۽ سونهري واريءَ تي ليٽي پيئي – سندس چهرو ٻهڪي رهيو هو. تيز تيز ساهه کڻڻ سان سندس سيني ۾ مانڌاڻ متل هو. هوءَ اتي ليٽي ليٽي کلڻ لڳي. پوءِ اليڪسيءَ گلن سان جهنجهيل ساوڪ منجهه، سفيد تارن جهڙي ڊيزيءَ جي گلن جي وچ ۾ اوليا جي تصوير ڇڪي. ان کان پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي درياءَ ۾ وهنتا ۽ پوءِ هڪ چئيڪار ٻار وانگر اليڪسي هڪڙي ٻوٽي جي پٺيان منهن ٻئي طرف ڪري بيٺو ته جيئن اوليا پنهنجا ڪپڙا بدلائي وٺي. جڏهن اوليا کيس سڏ ڪيو، تڏهن هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين ته هوءَ واريءَ تي ويٺي هئي. هن گاهه تي چادر وڇائي ۽ چئني ڪنڊن تي ننڍڙا پٿر رکي، پوءِ کاڌي جي سڄي هڙ کولي رکيائين. هنن پالڪ جي ساڳ، ٿڌي مڇي ۽ گهر ۾ ٺهيل بسڪيٽن سان مانجهاندو ڪيو. هن لوڻ ۽ سانڌاڻو آڻڻ به ڪونه وساريو هو. هيءَ ننڍڙي نازڪ ڇوڪري جنهن گنڀيرتا ۽ ڦڙتيءَ سان ميزبان جو فرض نباهي رهي هئي، ان ۾ ڏاڍي دلڪشي ۽ ڏاڍي دلربائي هئي. اليڪسيءَ پنهنجو پاڻ کي چيو؛ ”هاڻي وڌيڪ نه ٽار، بس هاڻي طئي سمجهه. اڄ شام جو آءٌ ضرور به ضرور پنهنجي دل جو حال سندس سامهون بيان ڪندس، آءٌ ثابت ڪندس ۽ کيس قائل ڪندس ته هاڻي کيس منهنجي زال ٿي وڃڻ گهرجي.“ +هو اس ۾ واريءَ تي ليٽيا رهيا. پوءِ هو ٻيهر وهنتا. هنن طئي ڪيو ته شام جو اوليا جي ڪمري ۾ ٻيهر ملندا. پوءِ هو مزي مزي سان ٻيڙيءَ ڏانهن اچڻ لڳا. پر تڙ تي نه ته ٻيڙي هئي ۽ نه اسٽيمر. هو گهڻي دير تائين چاچا ارڪاشا کي سڏيندا رهيا، ايتريقدر جو سندن نڙيون ويهي ويون. گاهه جي ميدان ۾ سج لهي رهيو هو. هنن ڏٺو ته ان وقت عام طور جن رستن تي ويراني هوندي هئي، اتي ماڻهن جو وڏو هجوم موجود هو. ماڻهن سان ڀريل ٻه لاريون سامهون لنگهي ويون. هڪ ننڍو فوجي دستو مارچ ڪري رهيو هو. شهر ۾ ضرور ڪا ڳالهه ٿي هئي. +”چاچا ارڪاشا ضرور شراب پي مدهوش ٿي ويو هوندو.“ اليڪسيءَ چيو. ”سمجهو ته جيڪڏهن اسان کي رات هتي گذارڻي پوي ته پوءِ؟“ +”جيستائين تون مون سان گڏ آهين، تيستائين مون کي ڪنهن ڳالهه جو ڊپ ڪونهي.“ اوليا وڏين وڏين چمڪندڙ اکين سان ڏانهس نهاريندي چيو. +اليڪسيءَ پنهنجون ٻانهون اوليا جي چيلهه جي چوڌاريءَ ڦيري، کيس ڀاڪر ۾ جهلي سندس دکندڙ چپن تي پنهنجا اڃايل چپ رکي، ڪا گهڙي دنيا جهان کي وساري ڇڏيو. هيءَ سندن پيار جي پهرين ۽ آخري چمي هئي. دريا مان ٻيڙيءَ جي اچڻ جو آواز اچي رهيو هو. هنن ڏاڍي بيزاريءَ مان ٻيڙيءَ کي ڏٺو، پر پوءِ ان ڏانهن وڌڻ لڳا. کيس وسوسا ورائي ويا ته خبر ناهي ته هيءَ ٻيڙي کين ڪهڙي خبر ٻڌائي؟ +ماڻهو ماٺ مٺيءَ ۾ ٻيڙيءَ مان ٽپي لهي پيا. سڀ موڪل جي ڏينهن وارن سٺن ۽ عمدن ڪپڙن ۾ هئا، پر سندن چهرن تي ڏک ۽ اداسي ڇانيل هئي ۽ ائين پئي لڳو ته هو ڏاڍا تڪڙ ۾ آهن. عورتون، روئڻ جي ڪري سڄيل اکين سان ماٺ ڪيو، سندن پاسي مان لنگهي پئي ويون. کين ڪابه خبر پئجي نه سگهي ته ڪهڙي ماجرا آهي؟ ٻئي ڄڻا ٽپي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پيا. چاچا ارڪاشا سندن ٻهڪندڙ چهرن کي ڏسڻ کان سواءِ ئي چيو. +”جنگ........ اڄ صبح جو ريڊيو تي ٻڌايو ويو آهي.“ +”جنگ؟ پر ڪنهن سان؟“ اليڪسيءَ بنهه ٽپ ڏيندي پڇيو. +”انهن مردار جرمنن سان، ٻيو وري ڪنهن سان؟“ ڪاوڙ مان هٿيا هلائيندي چاچا ارڪاشا گجيو. ”ماڻهو ضلعي جي فوجي آفيس ۾ ويا به هليا. عام ڀرتي پئي ٿئي.“ +اليڪسي گهر ڪونه ويو. هو سڌو فوجي آفيس ۾ پهتو ۽ رات جو 12 لڳي 40 منٽن واري گاڏيءَ ۾ چڙهي پيو. هو پنهنجي هوائي يونٽ ڏانهن پئي ويو، جتي کيس مقرر ڪيو ويو هو. هن کي مشڪل سان ايترو وقت مليو هو جو ڊوڙي گهران رڳو پيتي کڻي سگهي. هو اوليا کان موڪلائي به ڪونه سگهيو هو. +هو هڪ ٻئي کي تمام گهٽ خط لکندا هئا. ان جو سبب هي ڪونه هو ته ڪو سندن جذبات هڪ ٻئي لاءِ ٿڌا ٿيندا پئي ويا، يا هو هڪ ٻئي کي وساري رهيا هئا. نه، ائين نه هو. هو انهن خطن جي راهه تڪيندو رهندو هو، جيڪي هڪ اسڪول جي ڇوڪريءَ جي هٿ اکرن سان لکيل هوندا هئا. هو انهن خطن کي پنهنجي کيسي ۾ محفوظ ڪري رکندو هو ۽ انهن خطن کي ور ور ڏيئي پيو پڙهندو هو. اهي ئي خط هئا، جن کي جهنگل ۾ هئڻ مهل به هو پنهنجي سيني سان لڳائي رکندو هو. هو هڪ ٻئي کي سٺن ۽ پراڻن دوستن وانگر خط لکندا هئا ۽ خطن ۾ اهڙي ڪا وڏي ۽ گهري ڳالهه لکندي ڊڄندا هئا، جيڪا بهرحال اڃا تائين اڻ چيل رهجي ويئي هجي. +۽ هاڻي اسپتال ۾، وڏي حيرت سان هن محسوس ڪيو (۽ اها حيراني روز بروز وڌندي پئي وئي) ته خود اوليا اوچتو پيش قدمي شروع ڪري ڏني هئي. هوءَ هاڻي پنهنجن خطن ۾ بنهه چٽو ۽ صاف صاف پنهنجي دل جي تڙپڻ جي ماجرا لکندي هئي ۽ انهيءَ تي افسوس ڪندي هئي ته ان شام ان خاص لمحن ۾ چاچا ارڪاشا ڇو اچي پهتو هو، جيڏي مهل هو چپ چپن تي رکي دنيا جهان کي وساري ويٺا هئا. هوءَ هن کي يقين ڏياريندي هئي ته چاهي ساڻس ڪهڙو به حادثو پيش اچي، پر هڪ اهڙي هستي موجود آهي، جنهن تي هر حال ۾ هو پورو پورو ڀروسو ڪري سگهي ٿو. هوءَ کيس منٿ ڪندي هئي ته گهر کان ڪوهين ڏور، ائين بيڪار ڦرندي، هميشه هيءَ ڳالهه ياد رکجانءِ ته ڪٿي ڪو اهڙو گوشو آهي، جنهن کي تون هميشه پنهنجو سمجهي سگهين ٿو ۽ جتي جنگ ختم ٿيندي ئي وري واپس اچي سگهين ٿو. ائين پئي ل��و ته هيءَ ڪا ٻي اوليا آهي، هڪ نئين اوليا، جيڪا هي سڀ ڪجهه لکي رهي آهي. جڏهن به هو سندس تصوير ڏسندو هو، تڏهن هو هميشه سوچيندو هو ته جيڪڏهن هوا جي ڪا تيز لهر لڳي ته هوءِ پنهنجي ڇيٽ جي فراڪ سميت اَڪ جي ڌاڳيدار ٻج وانگر اڏامي ويندي. پر اهي خط هڪ عورت جا هئا. هڪ سٺي ۽ محبت ڪرڻ واري عورت جا خط – جيڪا پنهنجي پريتم لاءِ تڙپي رهي هئي ۽ جيڪا پنهنجي محبوب جو انتظار ڪري رهي هئي. انهيءَ خيال ايندي ئي سندس دل خوش به ٿيندي هئي ته غمگين به. هو خوشيءَ تي به بي اختيار ٿي ويندو هو، پر هي سوچي هو غمگين ٿي ويندو هو ته کيس اهڙي محبت جو ڪوبه حق ڪونهي. ڇو؟ ڇو ته آخر کيس اهو لکڻ جي جرئت ڇو ڪانه ٿي ته هو هاڻي اُس ۾ سانورو ٿيل، پرجوش ۽ جانٺو جوان ڪونه رهيو آهي، جنهن کي هوءَ سڃاڻندي هئي. هاڻي ته هو چاچا ارڪاشا جهڙو جڏو ۽ معذور ٿي چڪو آهي. هو پنهنجي ماءُ کي به اهو سچ لکي نه سگهيو هو، ڇو ته هوءَ اهو صدمو سهي ڪونه سگهي ها. تنهن ڪري هو اوليا کي به دوکو ڏيئي رهيو هو ۽ هو هر تازي خط کان پوءِ خود پنهنجي ئي فريب جي ڄار ۾ وڌيڪ وڪوڙجندو پئي ويو. +اهو ئي سبب هو جو کيس ’ڪامي شين‘ کان ايندڙ جيڪي خط ملندا هئا، سي پڙهي سندس دل ۾ متضاد جذبا پيدا ٿيندا هئا. راحت به ته غم به، اميد به ته اوسيئڙو به. اهي خط ساڳئي وقت کيس خوش به ڪندا هئا ته بي چين به. هڪ ڀيري ڪوڙ ڳالهائي، کيس ان ڪوڙ کي لڪائڻ خاطر ڪوڙن مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پيو. اهو ئي سبب هو جو هو اوليا کي مختصر، ڦڪا ۽ خشڪ خط لکندو هو. +ان جي ڀيٽ ۾ ”موسمي سرجنٽ“ کي خط لکڻ ۾ کيس سهوليت ٿيندي هئي. هوءَ ڀوري ۽ وفادار ڇوڪري هئي. آپريشن کان پوءِ، انتهائي مايوس ڪندڙ گهڙين ۾ جڏهن هن پنهنجي اندر جو حال اورڻ چاهيو، تڏهن هن ان ڇوڪريءَ کي هڪ ڊگهو ۽ المناڪ خط لکيو هو. جلد ئي کيس ان خط جو جواب مليو هو. هي خط ڪنهن ڪاپيءَ مان ڇڪي ڪڍيل پني تي لکيل هو. ڏنگا ڦڏا اکر لکيل هئا. جملن جي آخر ۾ عجب جون نشانيون تمام گهڻيون استعمال ڪيون ويون هيون، ڄڻ ته نمڪين بسڪٽ تي جيري جا داڻا پيل هجن. سڄي صفحي تي لڙڪن جا نشان هئا. ڇوڪريءَ لکيو هو ته جيڪڏهن فوجي نظم وضبط سامهون نه اچي ته جيڪر هوءَ سڀ ڪجهه ڇڏي سندس ٽهل ٽڪور لاءِ جيڪر اڏامي اچي. هن التجا ڪئي هئي ته هو اڃا به تڪڙو تڪڙو خط لکي. ان خط ۾ نادانيءَ واريون ٻاراڙيون حرڪتون ۽ جذبات اهڙي طرح کنڊريل هئا، جو اليڪسي ڏاڍو غمگين ٿي ويو ۽ هن پاڻ کي ڏاڍو لوڻيو ته ان ڇوڪريءَ جڏهن کيس اوليا جا خط ڏنا هئا، تڏهن هن ائين ڇو چيو هو ته اوليا سندس اڻ پرڻيل ڀيڻ هئي. هڪ اهڙي هستي کي دوکو ڏيڻ گناهه آهي، جيڪا معصوم هجي ۽ محبت جو مجسمو ۽ پوڄا ڪرڻ لائق هجي. تنهن ڪري هن کيس بنهه صاف گوئيءَ سان لکيو ته ڪامي شين ۾ سندس محبوبه رهي ٿي ۽ اهو ئي ته هو سندس محبوبه کي ۽ ماڻس کي پنهنجي بدنصيبي بابت ٻڌائڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. +”موسمي سرجنٽ“ جو جواب ايترو ته جلد پهچي ويو، جو ان زماني جي صورتحال ۾ ڏاڍو حيرت انگيز ٿي لڳو. ڇوڪريءَ لکيو هو ته هوءَ هي خط هڪ ميجر جي هٿان پئي موڪلي. جيڪو هڪ جنگي خاطو هو ۽ سندس دستي ۾ آيو هو. هن ساڻس محبت ڪرڻ چاهي ٿي، پر پاڻ کيس نظرانداز ڪري ڇڏيائين. حالانڪ هو هڪ سهڻو ۽ خوش مزاج نوجوان هو. خط جي لهجي مان صاف ظاهر هو ته کيس ڏاڍي مايوسي ۽ صدمو رسيو آهي. هن پنهنجي جذبات کي لڪائڻ جي ڪوشش ته ڪانه ڪئي هئي، پر بيڪار. ڇوڪريءَ کيس ٽوڪيو هو ته هن ان وقت ئي کيس سچي ڳالهه ڇو ڪانه ٻڌائي ۽ ڇو چيو هو ته هاڻي مون کي پنهنجو دوست تصور ڪري؟ خط جي پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه ��فظ ٻيا به لکيل هئا، جيڪي پين سان نه پر پينسل سان لکيل هئا. هن ”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ“ کي يقين ڏياريو هو ته هوءَ هميشه سندس سچي دوست رهندي ۽ جيڪڏهن سندس ”ڪامي شين واري“ کيس دغا ڏيئي وڃي (کيس اها خبر هئي ته محاذ جي پٺيان عورتون ڪهڙا رنگ ۽ ڍنگ ڏيکاري رهيون آهن) يا هوءَ ساڻس محبت ڪرڻ بند ڪري ڇڏي يا هوءَ سندس جڏي ٿي وڃڻ جي ڪري پاسو ڪري وڃي ته ان صورت ۾ کيس گهرجي ته ”موسمي سرجنٽ“ کي نه وساري. ها، البت کيس گهرجي ته هو جيڪو به لکي، سو سچ لکي. اهو ماڻهو، جيڪو خط کڻي آيو هو، تنهن هڪڙو بند ٿيل ننڍڙو پيڪٽ به آندو هو. ان ۾ ڪجهه رومال هئا، جيڪي هوائي ڇٽيءَ جي ريشم مان ٺاهيل هئا ۽ جن تي اليڪسيءَ جي نالي جا اکر ٺاهيل هئا. تماڪ جي ٿيلهي هئي، هڪ ڦڻي، هڪ عطر جي شيشي ۽ وهنجڻ جي صابڻ جي چڪي هئي. اليڪسيءَ کي خبر هئي ته جنگ جي ڏکئي وقت ۾ سپاهي ڇوڪرين لاءِ انهن شين جي ڪيڏي نه وڏي قدر وقيمت ۽ اهميت هوندي آهي. کيس ڄاڻ هئي ته صابڻ جي هڪ چڪي ۽ عطر جي هڪ شيشي، جيڪا سوکڙي طور ملي ٿي، انهن ڏينهن ۾ پاڪ مريم جي تعويذ وانگر گلي ۾ سجائي رکي ويندي هئي. کيس انهن تحفن جي اهميت جي خبر هئي، تنهن ڪري جڏهن هن انهن کي ڪڍي بستري جي پاسي ۾ پيل ننڍي ڪٻٽ جي مٿان سجائي رکيو، تڏهن هو خوشي به محسوس ڪري رهيو هو ته شرمندگي به. +هاڻي جڏهن هو زبردست سگهه استعمال ڪري پنهنجي وڍيل ٽنگن کي مرضيءَ مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪري رهيو هو ۽ ٻيهر هوائي جهاز اڏائڻ ۽ جنگ ۾ حصو وٺڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، تڏهن مختلف ۽ متضاد خيال کيس وڪوڙي رهيا هئا. هو اوليا کي مڙيئي گول مول ڳالهيون لکي اڌ حقيقت ٻڌائيندو هو. اوليا سان سندس محبت ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي ويئي ۽ ٻئي طرف ان ڇوڪريءَ کي، جنهن کي هو واجبي طرح سڃاڻندو هو، پنهنجي دل جو سمورو احوال لکندو هو. اها حقيقت سندس ضمير ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳندي هئي. +پر هن بنهه سنجيدگيءَ سان عهد ڪيو ته هو اوليا سان ٻيهر محبت جي ڳالهه فقط ان وقت ڪندو، جڏهن سندس خواب حقيقت ۾ بدلجي ويندو، جڏهن منجهس وڙهڻ جون صلاحيتون ٻيهر پيدا ٿي وينديون ۽ جڏهن هو فوج جي صفن ۾ واپس پهچي ويندو. ان شيءِ سندس جوش ۽ جذبو ويتر وڌائي ڇڏيو هو ۽ هو اڃا به وڌيڪ لگن سان ۽ تڙپ سان پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لڳو هو. +(11) +ـــــــــــ ڪميسار پهرئين مئي تي لاڏاڻو ڪري ويو. +ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي ته اهو ڪيئن ٿيو؟ صبح جي وقت جڏهن کيس منهن ڌئاري، وارن ۾ ڦڻي پئي ڏني ويئي ته اوڏيءَ مهل هن نرس کان پڇيو ته موسم جو ڪهڙو حال آهي؟ هن ڀيري عيد تي ماسڪو شهر جي رونق ڏاڍي وڌيل آهي. هن کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته رستن تان رڪاوٽون هٽايون پيون وڃن ۽ کيس ان ڳالهه تي افسوس ٿيو ته بهار جي موسم جي هن شاندار موقعي تي به مظاهرو ٿي نه سگهندو. هن ڪلاوديا سان به ڀوڳ ڪيو، جنهن پنهنجي منهن تي ميڪ اپ جو راڳو ڏنو هو. هو بنهه نؤبنو پئي لڳو ۽ هر شخص کي اميد ٿي پئي هئي ته آخر هن بيماريءَ کي ماري مات ڏني ۽ هاڻي شايد هو چڱ ڀلائيءَ طرف وڌي رهيو آهي. +جيئن ته هو هاڻ اخبار پڙهي نه سگهندو هو، تنهن ڪري ڪجهه ڏينهن کان سندس پلنگ جي پاسي ۾ ايئرفون لڳايو ويو هو. گووزديف کي ريڊيو جي باري ۾ ڄاڻ هئي، تنهن پنهنجو ڪمال ڏيکاريو هو ۽ هاڻي سڄي وارڊ ۾ ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز گونججي رهيو هو. نوين وڳي اعلان ڪندڙ، جنهن جي آواز کي سموري دنيا جا ماڻهو سڃاڻي چڪا هئا، بچاءُ جي عوامي ڪميسار جو فرمان ٻڌائڻ شروع ڪيو. سڀ ماڻهو بنهه خاموش ٿي ويا. سڀني جون نگاهون ديوار تي لڳل ريڊيو سيٽ تي ک��ل هيون. انهن هڪ لفظ به اڻ ٻڌو ڇڏڻ نه ٿي چاهيو. ”عظيم اڳواڻ لينن جي ناقابل تسخير جهنڊي هيٺ فتح ڏانهن روان دوان وڌندا هلو.“ جڏهن اهي لفظ چيا ويا، تڏهن به اڃا هڪ خاموش ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ موجود هئي. +”هاڻي ڪامريڊ ڪميسار، ٿورڙو انهيءَ تي روشني وجهه.......“ ڪوڪوشڪن چوڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ هڪدم دهشت مان رڙ ڪيائين: ”ڪامريڊ ڪميسار!“ +هر ماڻهوءَ مڙي ڏٺو. ڪميسار بستري تي سنئون ڊگهو ٿيو ليٽيو پيو هو. سندس چهرو بنهه زرد ٿي ويو هو ۽ ان تي ڏاڍو سڪون ۽ ميار جهلڪي رهي هئي. +”اڙي، هي ته مري ويو.“ ڪوڪوشڪن رڙ ڪئي ۽ پلنگ وٽ گوڏن ڀر ڪري پيو. ”اڙي، هي ته مري ويو!“ +انهيءَ ئي شام وارڊ نمبر 42 ۾ هڪ نئون مريض آندو ويو. اهو هو ميجر پاول ايوانووچ استروچڪون. هو ماسڪو جي دفاعي ڊويزن جي جنگي هوائي دستي جو هواباز هو. +جرمنن عيد جي ڏينهن ماسڪو شهر تي زبردست بمباري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ هو قطارون ڪري اڏامندا پئي آيا. ليڪن هڪ زبردست خوني جنگ کان پوءِ هو ’پودسول‘ علائقي ۾ نيست ونابود ٿي ويا. انهن مان فقط هڪڙو هوائي جهاز گهيرو ٽوڙي ڀڄي نڪتو ۽ تمام بلنديءَ تي ماسڪو ڏانهن وڌڻ لڳو. ائين پئي لڳو ته هو پنهنجو فرض ضرور پورو ڪندو ۽ هر قيمت تي عيد جي خوشين کي ماتم ۾ بدلائيندو. گهمسان جي جنگ جاري هئي ته استروچڪوف جي مٿس نظر پئجي ويئي ۽ هو هڪدم پٺيان لڳي چڙهيس. هو بهترين قسم جو روسي هوائي جهاز اڏائي رهيو هو. هن زمين کان ڇهه ڪلوميٽر مٿي وڃي جرمن هوائي جهاز کي جهليو. هن ڏاڍي مهارت سان دشمن جي جهاز کي نشاني تي آڻي، بٽڻ دٻايو ته کيس گهربل آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. هو حيران ٿي ويو، بٽڻ ڪم ڪونه پئي ڪيو. +هن دشمن کان پاڻ بچائيندي بچائيندي، جڏهن ٻيو ڪوبه رستو ڪونه ڏٺو، تڏهن آخرڪار پنهنجي جهاز جو چمڪندڙ پنکو دشمن جي جهاز جي ڌڙ ۾ هڻي ڪڍيائين. زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هو هوا ۾ بلند ٿي ويو. هن ڪاڪ پٽ جو خول پهرئين ئي هٽائي ڇڏيو هو. هن محسوس ڪيو ته هو فضا ۾ ڪلابازيون پيو کائي. هن بيهوش ٿيڻ کان اڳ ۾ ڇٽيءَ جو بٽڻ دٻائي ڇڏيو ۽ آڏي اک سان ڪرندڙ جرمن ”يونڪرس“ جهاز جي پڇ مان دونهين جي لاٽ ڏٺائين. هو ماسڪو جي ٻهراڙين ۾ هڪ سجايل رستي تي اچي ڪريو. اتي جي رهواسين سندس ڪارنامو زمين تان اکين سان روبرو پئي ڏٺو. ماڻهو کيس هڪ گهر ۾ کڻي ويا. هڪڙي ڇت سان ٽڪرائڻ ڪري سندس گوڏا ڦٽجي پيا هئا. تمام گهڻا ماڻهو گڏ ٿي ويا. ڊاڪٽر آيو ته وڏي مشڪل سان کين هٽائي مريض تائين پهتو. +”تازين خبرن“ جي خاص پروگرام ۾ استروچڪوف جي بهادريءَ جي خبر نمايان نشر ٿي هئي. ماسڪو سوويت جو صدر پاڻ آيو ۽ کيس بهترين اسپتال ۾ وٺي ويو. جڏهن استروچڪوف وارڊ ۾ آيو ته سندس پٺيان پٺيان اسپتال جا ملازم گل، ميوا ۽ چاڪليٽن جا دٻا کڻي آيا، جيڪي ماسڪو جي ماڻهن تحفي ۾ ڏنا هئا. +......... ماڻهو خوش مزاج، رلڻو ملڻو ۽ عاشق مزاج ٿي لڳو. وارڊ ۾ داخل ٿيندي ئي پڇيائين ته ٻيلي کاڌي پيتي جو ڪهڙو بندوبست آهي؟ قاعدا قانون سخت ته ڪونهن ۽ هتي ڀلا خوبصورت نرسون آهن يا نه؟ ۽ جڏهن کيس گوڏن تي پٽيون پئي ٻڌيون ويون ته هن نرس ڪلاوديا سان حجائتو ٿيندي ٽوٽڪا پئي ٻڌايا ۽ ڏاڍي دليري کان ڪم وٺندي سندس تعريف پي ڪيائين. جڏهن نرس ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته پويان اک ڀڃي چيائين: +”سٺي ڇوڪري آهي. ڏاڍو رک رکاءُ ٿي ڪري، هان؟ شايد هوءَ اسان جي دلين ۾ خدا جو خوف ويهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. پر اسين به ڀڄڻ وارا ڪونه آهيون. عورتن کي فتح ڪرڻ، قلعن کي فتح ڪرڻ کان وڌيڪ مشڪل ڪم ڪونهي ۽ ڪوبه قلعو اهڙو ڪونهي، جيڪو فتح ٿي نه سگهي!�� ائين چئي هو ٽهڪ ڏيڻ لڳو. +هو هڪ وڏي گُرگَ وانگر پيش اچي رهيو هو، ڄڻڪ هو اسپتال ۾ سڄو سال گذاري چڪو آهي. هن اٿندي ئي اتي موجود ماڻهن کي سندن نالن سان سڏڻ شروع ڪيو. هڪ ڀيري جڏهن کيس نڪ صاف ڪرڻ جي ضرورت پئي ته هن جهڙپ ڏئي اليڪسيءَ جو ريشمي رومال کڻي ورتو. هي انهن رومالن مان هو، جن تي ”موسمي سرجنٽ“ ڏاڍي حُب ۽ اڪير سان سندس نالو ڀريو هو. +”تنهنجي محبوبا موڪليو آهي، هان؟“ هن اليڪسيءَ کان اک ڀڃندي پڇيو ۽ رومال کي پنهنجي وهاڻي هيٺ لڪائي ڇڏيو. ”تو وٽ ٻيا به گهڻا رومال آهن ۽ جي ٻيا نه به هجن ته به پرواهه ڪانهي. تنهنجي لاءِ ڇوڪري خوشيءَ سان وري ٻيا تيار ڪري موڪليندي.“ +هو سڀ ڪجهه اهڙي ريت ڪندو هو، جو ڪنهن کي به کانئس بيزاري ڪانه ٿيندي هئي. ها البت ميريسئف کي سندس عورت لاءِ ايتري نمايان ڪمزوريءَ کان ڪوفت ٿي هئي. +ـــــــــ ٻئي ڏينهن ڪميسار جو جنازو کنيو ويو. +اليڪسي، ڪوڪوشڪن ۽ گووزديف اڱڻ ۾ کلندڙ دريءَ تي ڄمي ويا. هنن ڏٺو ته گهوڙا هڪ توپ گاڏيءَ کي ڇڪيندا اندر داخل ٿيا. بينڊ وڄائڻ وارا قطار ڪري بيٺا. هنن هڪ فوجي جٿي کي اندر ايندي ڏٺو. نرس اندر آئي ۽ مريضن کي دريءَ وٽان پري هٽڻ لاءِ چيائين. هوءَ معمول مطابق خاموش ۽ چست پئي لڳي، پر ميريسئف محسوس ڪري ورتو ته سندس آواز ڏڪي رهيو هو. هوءَ نئين مريض جو بخار ڏسڻ آئي هئي. اوڏي مهل بينڊ جنازي جي نغمي جي ڌن وڄائڻ شروع ڪئي. نرس سڄي هيڊي ٿي ويئي. هن جي هٿ مان ٿرماميٽر ڪري فرش تي ذرا ذرا ٿي ويو ۽ ان جو پارو ننڍن موتين وانگر فرش تي چرڻ پرڻ لڳو. ڪلاوديا پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪائي وارڊ مان ٻاهر نڪري ويئي. ”هن کي ڇا ٿيو آهي؟ ڇا هو هن جو محبوب هو؟“ مريض دريءَ ڏانهن اشارو ڪيو، جتان ماتم جي ساز جو آواز پئي آيو. +دريءَ مان لياڪا پائيندي، هنن ڏٺو ته ڳاڙهي ڪفن ۾ ويڙهيل لاش توپ گاڏيءَ تي رکيل هو، جيڪا ڦاٽڪ پار ڪري رستي تي پهچي چڪي هئي. گلن جا انبار ڪميسار جي لاش مٿان رکيل هئا. گاڏيءَ جي پٺيان سپاهي هڪڙو هڪڙو ٿالهه کڻي پئي هليا، جن ۾ اهي تمغا هئا، جيڪي ڪميسار کي مليا هئا. هڪ، ٻه، پنج، اٺ........ جنرل ڪنڌ جهڪائي پٺيان پٺيان مارچ ڪري رهيا هئا. انهن جي وچ ۾ واسيلي واسيلي وچ پڻ هو. کيس به جنرلن وارو فوجي ڪوٽ پاتل هو، پر خبر ناهي ڇو سندس مٿو اگهاڙو هو. ان جي پٺيان ٿورو پرڀرو ڪلاوديا، سپاهين وچان ظاهر ٿي. هوءَ به اگهاڙي مٿي سان هئي. هوءَ ٿڙندي پئي هلي. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ هن پنهنجي سامهون واري ڪابه شيءَ ڪانه پئي ڏٺي. +”هيءَ ڪير آهي، ساٿيو؟“ ميجر پڇيو. هن به دريءَ تائين پهچي ٻاهر ڏسڻ ٿي چاهيو، پر سندس ٽنگن کي پٽيون ٻڌل هيون، تنهن ڪري هو چري به نٿي سگهيو. +جنازو اکين کان ڏور ٿي ويو. ماتمي نغمي جو هلڪو هلڪو آواز درياءَ جي ڪناري وٽان اڃا به اچي رهيو هو. منڊي چوڪيدار ٻاهريون ڦاٽڪ بند ڪرڻ لاءِ اچي چڪي هئي، پر 42 وارڊ جا مريض اڃا تائين دريءَ وٽ بيٺا ڪميسار کي پنهنجي آخري سفر تي وڃڻ لاءِ الوداع چئي رهيا هئا. +”ڇا توهان اهو نٿا ٻڌائي سگهو ته هي جنازو ڪنهن جو آهي؟ ائين پيو لڳي ڄڻ توهان سڀني کي نانگ سونگهي ويو آهي! جواب ئي نٿا ڏيو!!“ ميجر بي صبريءَ مان چيو. هو اڃا تائين اٿي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. +نيٺ ڪوڪوشڪن کيس خشڪ ۽ بيزاريءَ واري آواز ۾ جواب ڏنو: +”هي هڪڙي انسان جو جنازو آهي، هڪ سچي انسان جو، هڪ انقلاب دوست ساٿيءَ جو.“ +”سچو انسان“ جو فقرو اليڪسيءَ جي دل تي نقش ٿي ويو. ان کان وڌيڪ بهتر خراج ممڪن ڪونه هو. اليڪسي ”سچو انسان��� بنجڻ جي تمنا سان پُر ٿي ويو. ان شخص وانگر، جيڪو هينئر پنهنجي آخري منزل ڏانهن کڄي پئي ويو. + + + +(12) +ڪميسار جي موت کان پوءِ سڄي 42 وارڊ جي زندگي بدلجي ويئي. هاڻي اتي ڪوبه ڪونه هو، جيڪو ڪا هڪڙي سٺي ڳالهه ٻڌائي. اسپتال ۾ ڇانيل غمناڪ خاموشيءَ کي ختم ڪري سگهندو هجي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن اسپتال جي هن وارڊ تي طاري ٿي ويندي هئي ۽ جڏهن هر شخص پنهنجي اداس سوچن ۾ غرق ٿي ويندو هو. هاڻي اتي ڪير به ڪونه هو، جيڪو گووزديف کي پنهنجي زنده دليءَ وارين ڳالهين سان پنهنجي بي ڪيف خول مان ڪڍي سگهي ۽ ڪير به ڪونه هو، جيڪو ميريسئف کي صلاح ومشورو ڏيندو هجي. هاڻي ڪير به ڪونه هو، جيڪو ڪوڪوشڪن جي بڙ بڙ کي هڪ اهڙي ڳالهه سان ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هجي، جنهن ۾ ٽوڪ ته هجي، پر دل آزادي نه هوندي هجي. اها چقمق هلي ويئي هئي، جيڪا انهن سمورين رنگا رنگ هستين کي ميڙي چونڊي هڪ نقطي وٽ گڏ ڪندي هئي. +ليڪن هاڻي ان ڳالهه جي ايتري گهڻي ضرورت به ڪانه رهي هئي. وقت ۽ علاج پنهنجو ڪم ڪيو هو. سڀئي مريض تيزيءَ سان چڱا ڀلا ٿي رهيا هئا ۽ جيترو سندن موڪل ۾ ٿورو وقت بچندو پئي ويو، هو اوترو ئي گهٽ پنهنجي بيماريءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا هئا. هاڻي هو اهي خواب پيا ڏسندا هئا ته اسپتال کان ٻاهر ڇا پيش اچي رهيو آهي؟ جڏهن هو موٽندا ته خاص خاص جٿا سندن ڪهڙي طرح آڌرڀاءُ ڪندا؟ انهن مان هرهڪ فوجي زندگيءَ لاءِ ڦٿڪي رهيو هو، جنهن جا هو عادي بنجي چڪا هئا. محاذ تي ڇانيل خاموشي به هڪ طوفان جو اشارو ڪري رهي هئي. +اسپتال مان نڪري عملي فوجي خذمتن سرانجام ڏيڻ لاءِ محاذ تي واپس وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. پر اليڪسيءَ لاءِ هي هڪ مسئلو بنجي چڪو هو. ڇا سکيا ۽ هنرمنديءَ سان پيرن جي تلافي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا هو هاڻي ڪڏهن به هوائي جهاز ۾ هواباز جي حيثيت ۾ ويهي سگهندو؟ هو وڌندڙ جوش ۽ جذبي تحت پڪي عزم سان پنهنجي منزل طرف وڌندو رهيو. هن پنهنجي ٽنگن جي ورزش جو وقت وڌائي ڇڏيو. گڏوگڏ هو هاڻي صبح شام ٻه ڪلاڪ ورزش ڪندو هو. پر اهو به کيس ٿورو لڳو ۽ هن وچين مهل به ورزش ڪرڻ شروع ڪئي. هو مجنوءَ وانگر لڳاءُ سان ورزش ڪندو هو. هو پنهنجي بدن کي اڳيان پٺيان ۽ ٻنهي پاسن ڏانهن ورائيندو ڦيريندو هو ۽ پوءِ ٻانهن ۽ ڪنڌ جي ورزش ڪندو هو، جو اهو منظر ڏسندي ڏاڍي تڪليف پهچائيندو هو. تنهن ڪري اهي مريض، جيڪي هلي ڦري سگهيا ٿي، سي ورزش وقت ڪمرو ڇڏي ورانڊي ۾ هليا ويندا هئا ۽ بستري تي پيل استروچڪوف وري ڪمبل مٿان ڍڪي سمهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. وارڊ ۾ ڪنهن کي به يقين ڪونه ٿي آيو ته ڪو پيرن وڍيل ماڻهو به هوائي جهاز اڏائي سگهندو. پر هن جي هيءَ ثابت قدمي ۽ جنون ڏسي سندس ساٿي هن جو احترام ڪرڻ لڳا هئا ۽ شايد هو پنهنجو اهو احترام کل ڀوڳ وارن فقرن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. +استروچڪوف جي گوڏن جي زخمن کي جيترو خطرناڪ سمجهيو پئي ويو، اهي ان کان وڌيڪ خراب ثابت ٿيا. اهي زخم بنهه آهستي آهستي ڀرجي رهيا هئا. هن ۾ چڙ وڌندي پئي ويئي. هو ٿوري ٿوري ڳالهه تان چڙي پوندو هو ۽ سڀني تي گارين جو ڌوڙيو لائي ڏيندو هو. وارڊ جي سمورن ساٿين طئي ڪري ڇڏيو هو ته جيڏي مهل هن تي چڙ جو دورو پوي ته ساڻس ڪير به نه ڳالهائي ۽ ڀلي هو دل جو بار هلڪو ڪري. +استروچڪوف پنهنجي بي صبريءَ جو سبب اهو ٻڌائيندو هو ته هو غسل خاني ۾ وڃي سگريٽ پيئڻ کان قاصد آهي. ٻيو ته ورانڊي ۾ نٿو وڃي سگهي ۽ آپريشن واري ڪمري ۾ وڃي ڳاڙهن وارن واريءَ نرس جو ديدار نٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه به هلائي ڇڏي هئي ته پٽي ڪرائڻ وقت ان نرس کيس اشارو پڻ ڪيو هو. ممڪن آ��ي ته ان ۾ ڪا سچائي به هجي، پر اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته هن تي اهي دورا ان وقت ٿي پيا، جيڏي مهل هو هوائي جهاز جو آواز ٻڌندو هو يا ريڊيو يا اخبار ۾ جنگ متعلق توڙي پنهنجي ڄاتل سڃاتل ساٿين بابت ڪا خبر ٻڌندو هو. ان سان ميريسئف ۾ به خوفناڪ بي صبري پيدا ٿي ويندي هئي، پر هو ان کي ضبط ڪري وٺندو هو ۽ اهڙي طرح استروچڪوف سان پنهنجي ڀيٽ ڪري کيس فتح جو احساس ٿيندو هو. کيس محسوس ٿيندو هو ته هو ان ماڻهو جي وڌيڪ ويجهو پهچي رهيو آهي، جنهن کي هن پنهنجي لاءِ آدرشي انسان، ”سچو انسان“ تسليم ڪيو هو. +ميجر استروچڪوف هڪ واٽ تي هلندو رهيو. هو تمام گهڻو کائيندو به هو ۽ تمام گهڻو کلندو به هو. هو ساڳئي وقت عورت جو عاشق به هو ته ساڳئي وقت عورتن کان بيزار به هو. هو خاص ڪري انهن عورتن جي سخت خلاف هو، جيڪي محاذ پٺيان هيون. +ميريسئف کي استروچڪوف جي ڳالهين کان سخت نفرت ٿيندي هئي. جڏهن اهو هن جون ڳالهيون ٻڌندو هو ته کيس اوليا ياد ايندي هئي يا ان ننڍي قد واري موسمي سرجنٽ جي تصوير اڀري ايندي هئي، جنهن جي باري ۾ هيءَ ڪهاڻي مشهور هئي ته هڪ ڀيري هڪ ٽرڙي سرجنٽ کي سنتري خاني ۾ هن رائفل جو قنداڪ هڻي، ڀڄائي ڪڍيو هو. هوءَ کيس گولي هڻي ڪڍي ها، پر قسمت زور هيس. اليڪسيءَ کي محسوس ٿيو ته استروچڪوف اهڙين ئي بيش بها عورتن تي گند اڇلائي رهيو آهي. هڪ ڏينهن جڏهن استروچڪوف پنهنجي بحث جو خاتمو انهن جملن تي ڪيو ته ”اهي سموريون هڪ جهڙيون آهن“ ۽ ”انهن مان ڪنهن کي به ”چپٽي وڄائيندي“ ٺاهي سگهجي ٿو“ تڏهن ميريسئف جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو ۽ هن پنهنجا ڏند ايتري ته زور سان ڀڪوڙيا جو سندس مٽون هيڊيون ٿي ويون. +”ڪنهن کي به؟“ +”ها ها، ڪنهن کي به.“ ميجر ڏاڍي اطمينان سان ورندي ڏني. اوڏي مهل ڪلاوديا وارڊ ۾ داخل ٿي ۽ سڀني مريضن جي چهرن تي ڪشمڪش جا آثار ڏسي چيائين: ”ڇا ڳالهه آهي؟“ +”اسان زندگيءَ تي بحث ڪري رهيا آهيون، نرس! هاڻي اسان ڳالهين بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهون؟“ ميجر هڪ تابناڪ مسڪراهٽ سان جواب ڏنو. +”نرس جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“ جڏهن نرس هلي ويئي، تڏهن ميريسئف ڪاوڙ ڀريل لهجي ۾ چيو. +”ڇا تنهنجي خيال ۾ هن جي ٻج ۾ ڪا ٻي شيءِ گاڏڙ آهي؟“ +”ڪلاوديا کي ان قصي کان پري رکو. اسان وٽ هڪ معزز ماڻهو هو، جيڪو هن کي سوويت حور چوندو هو.“ گووزديف سختيءَ مان چيو. +”ڪير ٿو بازي لڳائڻ چاهي؟“ +”بازي؟“ ميريسئف رڙ ڪئي. سندس اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا. ”ڪهڙيءَ ڳالهه تي بازي ٿو لڳائڻ چاهين؟“ +”پستول جي گوليءَ تي. جيئن پهرين آفيسر ڪندا هئا. جيڪڏهن تون کٽي ويندين ته آءٌ تنهنجي پستول جو نشانو بنيس ۽ جيڪڏهن آءٌ کٽي ويس ته تون منهنجي گوليءَ جو بک بنبين.“ استروچڪوف کلندي چيو ۽ سڄي واقعي کي هڪ کل ڀوڳ جو روپ ڏيئي، ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. +”بازي؟ ۽ اهڙي بازي؟ شايد توکي وسري ويو آهي ته تون سوويت آفيسر آهين. جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچي نڪري ته تون منهنجي منهن تي ٿڪجانءِ.“ ميريسئف آڏي اک سان ڏانهس گهوريندي چيو. ”پر هوشيار ٿج، ائين نه ٿئي جو مون کي تنهنجي منهن تي ٿُڪڻو پوي.“ +”جيڪڏهن بازي نٿا لڳائڻ چاهيو ته نه لڳايو، پر آءٌ بغير بازيءَ جي به توهان کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريندس ته آءٌ سچ ٿو چوان ۽ اسان کي نرس جي خاطر پاڻ ۾ وڙهڻ نه کپي.“ +ان ڏينهن کان پوءِ استروچڪوف ڪم تي چڙهي ويو. هو کل ڀوڳ وارين ڪهاڻين سان ڪلاوديا جي دل وندرائيندو هو ۽ هو انهن قصن ڪهاڻين جو ته ماهر هو. پوءِ کيس پنهنجي گهرو ماحول ۽ اڪيلائي جي اذيت کان واقف ڪيائين. +هڪڙي ڏينهن شام جو پنهنجي ڊيوٽيءَ جي وقت ڪلاوديا وارڊ ۾ آئي. کيس ڪنهن مريض کي ته ڏسڻو ڪونه هو، پر مڙيئي ڪچهري ڪرڻ آئي هئي. هو استروچڪوف جي کٽ جي ٻانهين تي ٿي ويٺي. ميجر پنهنجو هڪ داستان ڇيڙي وڌو. ڪنهن به ڪونه ڏٺو ته ڇا ٿيو؟ پر هوءَ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهي. هر ماڻهوءَ مڙي ڏٺو. نرس منهن تي نفرت ميڙي، ڌکندڙ رخسارن سان ميجر کي گهوري رهي هئي. هو نادم ۽ شايد خوفزده به نظر اچي رهيو هو. +”ڪامريڊ ميجر، جيڪڏهن تون مريض نه هجين ها ۽ آءٌ نرس نه هجان ها ته تنهنجي منهن تي اهڙو ته چنبو وهائي ڪڍيان ها، جو ياد ڪرين ها ڪي ڏينهن!“ +”اڙي اڙي ڪلاوديا! آءٌ قسم ٿو کڻان ته منهنجو مطلب هرگز......... ٻيو ته ان ۾ ڀلا رکيو به ڇا آهي...........؟“ +”واهه! ان ۾ رکيو به ڇا آهي؟“ هاڻي نرس کيس ڪاوڙ مان نه پر حقارت ۽ نفرت سان ڏسندي چيو. ”تمام سٺو، ان کان اڳتي ڪجهه به چوڻ جي ضرورت ڪانهي. ٻڌو تو؟ ۽ هاڻي آءٌ توکي تنهنجي ساٿين جي سامهون چوان ٿي ته آئنده تون مون سان نه ڳالهائج. تون صرف دوا ۽ علاج جي باري ۾ مون سان ڳالهائي سگهين ٿو. چڱو موڪلاڻي ساٿيو.“ +۽ هوءَ وارڊ مان هلي ويئي. دستور خلاف اڄ سندس قدم ڪجهه ڳرا ڳرا پئي لڳا ۽ هن پاڻ کي مطمئن ۽ پرسڪون رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. +هڪ پل لاءِ وارڊ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. پوءِ اليڪسيءَ جو هڪ زهريلو ۽ فتح منديءَ وارو ٽهڪ گونجيو. هر ماڻهو ميجر تي چڙهي ويو: ”ڪيئن؟ توکي پنهنجي بدمعاشي جو نتيجو مليو نه؟“ +ميريسئف اکين ۾ شرارت ڀري ۽ پنهنجي آواز ۾ ڪوڙي همدردي شامل ڪري کانئس پڇيو: +”ڪهڙو خيال اٿئي، هينئر ئي تنهنجي ٻوٿ تي کانگهارو ڪڍي هڻان، يا پوءِ ڪڏهن؟“ +استروچڪوف جو منهن لهي ويو، پر هو پنهنجي شڪست مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو. ها، البت جيڏي مهل هن ڳالهايو ته منجهس پهريون جهڙو اعتماد نه رهيو هو. +”ڇا ٿي پيو؟ حملي جو جواب مليو آهي، وقتي هار ٿي آهي، پرواه ناهي. آءٌ ٻيهر ڪوشش ڪندس.“ +هو آڌيءَ رات تائين سمهي نه سگهيو ۽ پنهنجي مُنهن ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو، ڄڻ پنهنجي ئي سوال جو پاڻ جواب ڏيندو هجي. رکي رکي آهستي آهستي سينڍ وڄائي رهيو هو. +ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد ڪوڪوشڪن کي اسپتال مان موڪل ملي. هن اسپتال ۾ ساٿين کان موڪلائڻ مهل کين چيو ته سندس ماءُ جا خط اچن ته سنڀالي رکن ۽ فوجي دستي جي پتي تي ڏياري موڪلين. ميريسئف کيس چيو ته پنهنجو حال لکج ته دوستن تنهنجو ڪيئن آڌرڀاءُ ڪيو؟ +هن ستت ئي ميريسئف کي خط لکيو. خط ڏاڍو خشڪ لهجي منجهه ۽ ڪاروباري انداز ۾ لکيل هو. پنهنجي باري ۾ هن فقط ايترو لکيائين – لڳي ٿو ته منهنجي اچڻ جي دوستن کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اهو به لکيو هئائين ته موجوده جنگ ۾ پنهنجي جٿي کي گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، تنهنڪري جيڪو به جٿي ۾ ايندو، پوءِ ڀلي گهٽ تجربيڪار هجي، پر بروقت ڊيوٽي تي لڳايو ويندو. هن مري ويلن ۽ زخمي ٿيلن جا نالا به لکيا هئا ۽ لکيو هئائين ته ميريسئف کي اڃا تائين دستي ۾ ماڻهو ياد پيا ڪن. ونگ ڪمانڊر، جيڪو هاڻي ترقي ڪري ليفٽيننٽ ڪرنل ٿي ويو آهي، ان جڏهن سندس جسماني ڪرتبن ۽ ٻيهر هواباز بنجڻ جي اٽل ارادي بابت ٻڌو ته چيائين ميريسئف ضرور واپس ايندو. هو انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي پنهنجي ڳالهه پوري ڪري پوءِ جند ڇڏيندا آهن...... هن جي ڳالهه ٻڌي چيف آف اسٽاف چيو ته بهرحال، ناممڪن ممڪن ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ تي ونگ ڪمانڊر چيو ته ميريسئف جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪابه ڳالهه ناممڪن ڪانهي. اليڪسيءَ کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته خط ۾ ”موسمي سرجنٽ“ متعلق پڻ ٻه ٽي لفظ ل��يل هئا. ڪوڪوشڪن لکيو هو ته سرجنٽ مٿس سوالن جي اهڙي ته بمباري شروع ڪئي جو نيٺ کيس حڪم ڏيڻو پيو ته ”ابائوٽ ٽرن مارچ!“ ڪوڪوشڪن آخر ۾ لکيو هو ته کيس پهرئين ڏينهن ئي ٻه ڀيرا جنگ ۾ حصو وٺڻو پيو هو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر رجمينٽ ۾ نوان ”لا – 5“ جهاز ايندا. آندرئي انهن جهازن کي آزمائي چڪو آهي. ان جو چوڻ آهي ته هن هوائي جهاز جي مقابلي ۾ سڀ جرمن جهاز بنهه بيڪار آهن. +(13) +هن ڀيري گرميون ڪجهه اڳڀرو شروع ٿي ويون هيون. هڪ ڀيري گرمين ۾ صبح جو سوير ڪلاوديا وارڊ ۾ آئي ته هوءَ ڏاڍي ڳنڀير پئي لڳي. ساڻس گڏ هڪ پوڙهو ماڻهو هو، جنهن کي لوهه جي ڪامن واري عينڪ پاتل هئي، جنهن کي هن ڏور سان مٿي جي پويان ٻڌي ڇڏيو هو. هو ڪلف لڳل سفيد نئون چوغو پائي آيو هو. هن ميريسئف جي کٽ جي پاسي ۾ هڪ ٻڌل هڙ رکي ڇڏي ۽ آهستي آهستي ان کي کولڻ لڳو. جڏهن ڪپڙو هٽيو ته ان مان نئون ۽ زرد نقلي پيرن جو جوڙو نڪتو، جيڪو انتهائي مهارت ۽ انتهائي خوبصورتيءَ سان ٺاهيو ويو هو. نقلي پيرن ۾ نوان ڀوري رنگ جا فوجي بوٽ پاتل هئا، جيڪي پيرن ۾ اهڙا ته ٺهيا ٿي جو ڄڻ اصلي پئي لڳا. +”هاڻي رڳو رٻڙ جي بوٽن جي هڪ جوڙي جي ڪسر باقي رهيل آهي، پوءِ ته تون انهن کي پائي، مزي سان پنهنجي شادي ۾ وڃي سگهندين.“ دستڪار چيو ۽ عينڪ جي مٿان پنهنجي ڪارنامي کي تعريف ڀريل نگاهن سان تڪڻ لڳو. ”واسيلي واسيلي وچ پاڻ آرڊر ڏنو هو. هن چيو هو: ’ٻڌ زوئيف، نقلي پيرن جو هڪ اهڙو جوڙو ٺاهه؛ جو بنهه اصلي پيرن کي به ماري وڃي.‘ اچي وٺ! هي آهن اهي پير، زوئيف جا ٺاهيل آهن. بادشاهه پائي ته اهو به ڪر خوشيءَ مان نچڻ لڳي.“ +نقلي پير ڏسي ميريسئف جي ذهن کي ڏاڍو ڌڪ رسيو. هن جي دل ٻڏڻ لڳي، پر پوءِ يڪدم سندس من مان اهو احساس ويندو رهيو ۽ ان جي جاءِ تي وري انهن پيرن کي آزمائڻ ۽ بنا سهاري هلڻ جي شوق ڪَرَ موڙيا. هن پنهنجون وڍيل ٽنگون ڪمبل مان ڪڍيون ۽ دستڪار کي چيو ته هڪدم پائي. پر پوڙهي کي جلديءَ وارو خيال ڪجهه وڻيو ڪونه. هن جي دعويٰ هئي ته ڪنهن وقت هن هڪ راجمڪار لاءِ نقلي پير ٺاهيا هئا، جنهن گهوڙن جي ڊوڙ ۾ پنهنجي ٽنگ ڀڃائي هئي. هن کي پنهنجي تخليق تي تمام گهڻو ناز هو ۽ هو پنهنجي گراهڪ جي خواهش پوري ڪرڻ واري راحت ۽ سڪون کي ڊيگهه ڏيڻ چاهيندو هو. ائين بس ’ڪم لٿو ڪاڳر ڦٽو‘ ۾ کيس مزو ڪونه ايندو هو. هن چاهيو ٿي ته سندس اڻ ملهه سوکڙيءَ جي ڪو تمام گهڻي واکاڻ ڪري ۽ هو ٻڌندو رهي ۽ ٽڙندو رهي. +”ڏاڏا پوڙها، هلي آ ته پاڻ هنن کي ٿورو آزمايون ته سهي!“ ميريسئف پلنگ جي ڪناري تي ويهي ٽنگون هيٺ ڪندي، بي صبري مان چيو. ”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ ’اچ اچ پئي پوني؟‘ چوڻ سولو آهي، پر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ پوڙهو بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. ”واسيلي واسيلي وچ مون کي چيو هو ته زوئيف، پنهنجي زندگيءَ جو سڀني کان بهترين جوڙو تيار ڪج. هي ليفٽيننٽ بنا پيرن جي هوائي جهاز اڏائڻ چاهي ٿو. چڱو خير، اچي وٺ! آءٌ تيار ڪري آيو آهيان. هي ڏس، هنن پيرن سان صرف نه گهمي ڦري سگهندين، پر سائيڪل به هلائي سگهندين. ڇوڪرين کي چيلهه ۾ ڀاڪر پائي پولڪا ناچ به ڪري سگهندين........ بنهه عمدي شيءِ تيار ٿي آهي، ٻڌيئي؟“ +هن اليڪسيءَ جي وڍيل کاٻي ٽنگ کي نقلي پير جي نرم ۽ اوني سانچي ۾ وڌو ۽ مضبوطيءَ سان ڇڪي ڌاڳا ٻڌيائينس، ٿورو پٺتي هٽي معائنو ڪيائينس ۽ پوءِ واکاڻ ڪرڻ ۾ لڳي ويو. +”بهترين بوٽ آهي! ماپ ۾ ته پورو اٿئي نه؟ ڪٿان چُڀئي ته ڪونه ٿو نه؟ منهنجو خيال آهي ته ڪونه ٿو چُڀي. سڄي ماسڪو ۾، ڀلي بتي کڻي پيو ڳول، پر زوئيف جهڙو ڪاريگر ڪونه ملنديئي.“ +��وءِ هن ٻيو پير ٻڌو. پر اڃا هن ڏاڍو ٻڌو ئي مس ته ميريسئف ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيو. پر اها ئي ساعت ته ڌڙام ڪري اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيائين. سندس وات مان رڙ نڪري ويئي ۽ هو سنئون سڌو وڃي فرش تي ڪريو. پوڙهي ڪاريگر کي ايڏو ته تعجب لڳو جو سندس عينڪ ڪرندي ڪرندي بچي. کيس اميد ئي ڪانه هئي ته ڪو سندس گراهڪ ايترو جلدباز کيڏاري ثابت ٿيندو. اليڪسي پٽ تي ٽنگون ٽيڙيو بيوس ۽ بي سُڌ پيو هو ۽ سندس اکين مان گهٻراهٽ، درد ۽ خوف لياڪا پائي رهيو هو. ڇا هو واقعي پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيئي رهيو هو؟ +ڪلاوديا حيرت مان ٻئي ٻانهون ڇنڊي ڏانهس وڌي. پوڙهي ڪاريگر جي مدد سان هن اليڪسيءَ کي اٿاريو ۽ هنڌ تي ويهاريو. هو بي جان ۽ غمزده ويٺو رهيو. هو نااميديءَ جي حسرتناڪ تصوير ٿي لڳو. +”اي نوجوان! توکي ائين ڪرڻ نه گهربو هو.“ پوڙهي چيو. ”ائين ٽپ ڏنئي ڄڻڪ اصلي پير هجنئي. پر همت نه هارڻ گهرجي. توکي بنهه شروعات کان وٺي ئي هلڻ سکڻو پوندو. في الحال تون وساري ڇڏ ته ڪو تون سپاهي آهين. سمجهه ته تون هڪڙو ننڍڙو، پتڪڙو ٻار آهين ۽ توکي هڪ هڪ قدم ڪري هلڻ سکڻو آهي. پهرين گهوڙين جي مدد سان، پوءِ ڀتين کي جهلي ۽ ان کان پوءِ لڪڻ جي سهاري. اهو سڀ ڪجهه تون هڪ ئي ساهيءَ ۾ ته ڪري نه سگهندين. توکي ائين آهستي آهستي ڪرڻو پوندو. پر تون ته ائين ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهين. هي برابر سٺا پير ته آهن پر تنهنجا پنهنجا ته ڪونه آهن ني. هاڻي ڪوبه توکي اهڙا پير ٺاهي نٿو ڏيئي سگهي، جهڙا توکي تنهنجي ماءُ پيٽ ۾ ٺاهي ڏنا هئا.“ +ان بدنصيب ٽپ کان پوءِ اليڪسيءَ جون ٽنگون ڏکڻ لڳيون هيون، پر ان جي باوجود به هو انهن کي هڪدم آزمائڻ لاءِ آتو هو. هنن هن لاءِ اليومينم جي گهوڙين جو هڪڙو جوڙو آندو هو. هن گهوڙين کي فرش تي رکي، سندن نرم مٿا بغلن ۾ دٻايا ۽ پنهنجي سڄي جسم جو وزن گهوڙين تي وجهي، پوءِ هن پنهنجي هڪ ٽنگ اڳيان وڌائي ۽ پوءِ ٻي. گڏوگڏ فرش تي کٽ کٽ جو آواز اڀرڻ لڳو. +”شاباس، مبارڪ هجيئي!“ ڪاريگر آهستي آهستي چيو. ميريسئف تمام گهڻي احتياط سان ٻه ٽي وڌيڪ قدم کنيا. پر انهن شروعاتي قدمن کڻڻ ۾ کيس ايڏي ته جاکوڙ ڪرڻي پئي هئي جو، جڏهن هو دروازي تائين پهچي واپس وريو ته کيس ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ هو ٻه مڻ وزن کڻي ڪا چار ماڙ چاڙهي چڙهي رهيو هجي. هو منهن ڀر بستري تي ڪري پيو. سندس سڄو بدن پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. هو ايترو ته نستو ٿي چڪو هو جو رڳو پاسو ورائي سڌو ٿي ليٽڻ جي به منجهس سگهه ڪانه رهي هئي. +”ڪيئن، پسند آيا نه؟ توکي ته خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جو هن دنيا ۾ اڃا زوئيف جهڙو ڪاريگر موجود آهي.“ پوڙهو ڪاريگر پيرن جا ڌاڳا به کولي رهيو هو ته ٻٽاڪ به هڻي رهيو هو. جڏهن هن جون ٽنگون ٻاهر نڪتيون ته نئين دٻاءَ جي ڪري ڪجهه سڄيل هيون. ”هي پير پائي تون نه صرف معمولي اڏام ڪري سگهندين، پر اڏامي سڌو الله سائينءَ جي گهر به پهچي ويندين. اعتبار ڪرين ته بنهه ڀلي شيءِ اٿئي.“ +”مهرباني، مهرباني! ڏاڏا پوڙها! تنهنجي مهرباني. مون کي خبر آهي ته هيءَ بنهه ڀلي شيءِ آهي.“ اليڪسيءَ وراڻيو. +ڪاريگر ڪجهه دير لاءِ بيهي رهيو، ڄڻ ڪجهه پڇڻ چاهيندو هجي، پر کيس پڇڻ جي همت نه ٿيندي هجي يا ڄڻ ته هو پاڻ ڪنهن سوال جي انتظار ۾ بيٺو هجي. آخر مايوسيءَ ڀريل ٿڌو ساهه کڻي هو آهستي آهستي دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو. +”چڱو الله واهي، اميد آهي ته هي توهان کي پسند ايندا.“ پر هن جي دروازي تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي استروچڪوف سڏي چيس: ”او ڏاڏا پوڙها! اچي هي وٺ، هي ٻه ٽي ڏوڪڙ بادشاهن جي شان وٽان پير ٺاهڻ جي خوشيءِ ۾ ڍُڪ پيئڻ لاءِ اٿئي.“ +”مهرباني، وڏي وڏي مهرباني! واقعي هي موقعو ئي اهڙو آهي، جو ضرور پيئڻ گهرجي.“ پوڙهو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن پئسا اندرئين کيسي ۾ وڌا ۽ چيو: ”مهرباني، آءٌ واقعي پيئندس. باقي جيستائين پيرن جو تعلق آهي ته آءٌ چوان ٿو ته مون پنهنجو بهترين هُنر انهن ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. واسيلي واسيلي وچ مون کي چيو هو: ’زوئيف، هي هڪ خاص قسم جو ڪيس آهي، تون بهتر کان بهترين شيءِ تيار ڪج.‘ پر ڇا زوئيف ڪڏهن بهتر کان بهتر شيءِ کان سواءِ به ڪجهه ٺاهيو آهي؟ واسيلي واسيلي وچ ملي ته چئجوس ته هيءَ شيءِ توهان کي ڏاڍي پسند آهي.“ +اهو چئي ڪاريگر ٻاهر نڪري ويو. ميريسئف سُتي پنهنجي نقلي پيرن کي تڪي رهيو هو، جيڪي سندس پلنگ وٽ فرش تي پيا هئا. هو جيترو انهن کي ڏسندو پئي ويو، کيس اوترو ئي انهن جي خوبصورتي، صفائي، نفاست ۽ گهٽ وزندار هجڻ وڻڻ لڳا. ”سائيڪل هلائي، پولڪا ناچ ڪري، هوائي جهاز اڏائي، اڏامي الله سائينءَ جي گهر هليو وڃ. ها، آءٌ اهو سڀ ڪجهه ضرور ڪندس. ها، ها، آءٌ اهو سڀ ڪجهه ڪندس.“ هن سوچيو. +ان ڏينهن هن اوليا کي هڪ بهترين ۽ پر مسرت خط لکيو. هن کيس ٻڌايو ته نئين جهاز وٺڻ جو جيڪو ڪم سندس حوالي ڪيو ويو آهي، سو هاڻي مڪمل ٿيڻ وارو آهي ۽ اميد ته سرءُ جي موسم ۾ يا ٿورو پوءِ سندس آفيسر کيس هن ٿڪائيندڙ ۽ بيزار ڪندڙ ڪم کان فارغ ڪندا. هو هن ڪم کان بنهه تنگ ٿي چڪو آهي. ها، کيس ٻيهر محاذ تي پنهنجي رجمينٽ ۾ موڪليو ويندو، جتي سندس دوستن کيس ڪونه وساريو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته تڏهن کان هو سڀ سندس گس نهاري رهيا آهن، جڏهن کان کيس حادثو پيش آيو هو. هن اڄ پهريون ڀيرو هي ڀلو ۽ اميد ڀريو خط لکيو هو. پنهنجي محبوبه کي هن اڄ پهريون ڀيرو خط لکيو هو ته آءٌ هميشه تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهندو آهيان ۽ تنهنجي لاءِ تڙپندو رهندو آهيان. هن ڊڄندي ڊڄندي لکيو هو ته منهنجي پراڻي خواهش آهي ته جنگ جي ختم ٿيڻ بعد، جيڪڏهن تنهنجو ارادو بدلجي نه ويو هجي ته توسان گڏجي پنهنجو گهر آباد ڪريان. هن هي خط وَرَ وَرَ ڏيئي پڙهيو ۽ نيٺ ٿڌو شوڪارو ڀري آخري سٽون ڪاٽي ڇڏيائين. +هن جيڪو خط ”موسمي سرجنٽ“ کي لکيو هو، اهو جوش ۽ امنگ سان ڀريل هو. هن ان شاندار ڏينهن جو ذري پرزي جو تفصيل لکيو هو. هن لکيو هو ته هن پهريان قدم ڪيئن کنيا هئا؟ گهڻ ڳالهائو ڪاريگر جو ذڪر به ڪيو هئائين، جنهن پيشن گوئي ڪئي هئي ته اليڪسي سائيڪل هلائي سگهي ٿو، پولڪا ناچ ڪري سگهي ٿو ۽ هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو، تنهن ڪري تون رجمنٽ ۾ منهنجي واپسيءَ جي اميد ڪري سگهين ٿي. ڪمانڊنٽ کي چئجانءِ ته منهنجي لاءِ هڪ نئين جاءِ جو انتظام ڪري ڇڏي. +هڪ ٻي اهڙي جاءِ هئي، جتي ”بادشاهه جي شايان شان پيرن“ کي بحث جو موضوع بنايو پئي ويو. اها جاءِ هئي ماسڪو يونيورسٽيءَ جي ميڊيڪل ڪورس جو ٽيون سال. هن درجي جون سموريون ڇوڪريون، ان زماني ۾ ان درجي ۾ گهڻو ڪري ڇوڪريون ئي هيون. وارڊ 42 جي باري ۾ ذري پرزي جي ڄاڻ رکنديون هيون. انيوتا کي پنهنجي خاطوءَ تي ڏاڍو ناز هوندو هو، پر افسوس جو ليفٽيننٽ گوزديف جا خط، جيڪي عام اطلاع لاءِ ڪونه ويندا هئا، سي ڪڏهن سڄي جا سڄا ته ڪڏهن انهن جا ڪي خاص حصا ڇڏي، باقي سمورا وڏي آواز ۾ پڙهيا ويندا هئا. البت انهن جا بي حجاب ٿي لکيل ٽڪرا ٻين کان لڪايا ويندا هئا. جيئن جيئن خط وڪتابت جو سلسلو اڳتي وڌندو رهيو، تيئن تيئن اهڙن ٽڪرن جو تعداد وڌندو پئي ويو. +ميڊيڪل ڪورس جي ٽئين سال جي سمورين ڇوڪرين کي بهادر گريشا گووزديف سان محبت هئي. سمورو ڪلاس تيز ۽ تکي ڪوڪوشڪن ک�� ناپسند ڪندو هو ۽ اليڪسيءَ جي ناقابلِ تسخير جذبي جو قدر ڪندو هو ۽ سموريون ڇوڪريون ڪميسار جي موت جو سوڳ، پنهنجي ڪنهن عزيز جي موت جي سوڳ وانگر ملهائي رهيون هيون. گووزديف ان جي تعريف ۾ اهڙا ته قصيدا لکيا هئا جو سڀ ڇوڪريون سندس احترام ۽ ساڻس محبت ڪرڻ لڳيون هيون. جڏهن هنن کي خبر پيئي ته زندگيءَ سان ڀرپور هي شخص وفات ڪري ويو ته ڪيترين جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا هئا. +اسپتال ۽ يونيورسٽيءَ جي وچ ۾ خط وڪتابت جو سلسلو وڌندو پئي ويو. هڪ خط ۾ گووزديف، ڪميسار جو هي قول نقل ڪيو هو ته ”هنن ڏينهن ۾ خط پنهنجي منزل تي اهڙي رفتار سان پهچن ٿا، جنهن رفتار سان ڪائنات ۾ ٽڙيل پکڙيل تارن جي روشني زمين تائين پهچي ٿي. ڪنهن ماڻهوءَ جي زندگي جو ڏيئو ته وسامي سگهي ٿو، پر خط آهستي آهستي پنهنجو سفر طئي ڪندا رهندا ۽ آخر جڏهن هو پنهنجي منزل تي پهچندا ته پنهنجي پڙهندڙن کي ڪنهن اهڙي شخص جو احوال ٻڌائيندا، جيڪو گهڻو پهريائين هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو هوندو.“ انيوتا اهڙي باعمل ڇوڪري هئي، جنهن جي دل ۾ جيڪا ڳالهه ايندي هئي، ان تي عمل ڪري ئي رهندي هئي. هن خطن جي جلدي اچ وڃ جو طريقو ڳولي ڪڍيو. هڪ پوڙهي نرس جي شڪل ۾ ڄڻ کيس هڪ قاصد ملي ويو. هيءَ نرس يونيورسٽيءَ جي ڪلينڪ ۾ به ڪم ڪندي هئي ته واسيلي واسيلي وچ جي اسپتال ۾ به. +ان ڏينهن کان پوءِ هر ٻئي ٽئين ڏينهن يونيورسٽي کي وارڊ نمبر 42 ۾ ٿيندڙ ڪارروائيءَ جي معلومات ملي ويندي هئي ۽ يونيورسٽي به هڪدم جواب ڏيندي هئي. نقلي پيرن تي بحث پئي هليو ته آيا ميريسئف هوائي جهاز اڏائي سگهندو يا نه؟ ان پرجوش بحث ۾ ٻئي ڌريون اليڪسيءَ سان همدردي رکندڙ هيون. ڪيترائي گهٽ حوصلو رکندڙ، هوابازيءَ جي پيچيدگين کي نظر ۾ رکندي چوندا هئا ته ميريسئف ڪڏهن به جهاز اڏائي نه سگهندو. ليڪن جوشيلي قسمن جي ماڻهن جو خيال هو ته هڪ اهڙو شخص، جيڪو دشمنن جي مورچن جي پٺيان ارڙهن ڏينهن تائين، خبر ناهي ڪيترن ميلن تائين رڙهندو رهيو آهي، تنهن لاءِ هوائي جهاز اڏائڻ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي. انهيءَ سلسلي ۾ هو تاريخ ۽ افسانن جا حوالا ڏيندا هئا. +انيوتا ان بحث ۾ حصو ڪانه وٺندي هئي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن واندڪائي جا ڪي پل ملندا هئا ته هوءَ گووزديف جي لاءِ سندس جذبات جي باري ۾ سوچيندي هئي. هن محسوس ڪيو هو ته سندس جذبات گهڻي کان گهڻا گنڀير ۽ بيحد پيچيده ٿيندا پئي ويا. شروع ۾ هن جڏهن ان بهادر آفيسر جي غم ۽ الم سان ڀريل زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌو هو، تڏهن کيس هڪ بي لوث خط لکيو هئائين. پر خطن رستي جيئن جيئن سندن دوستي وڌندي ويئي، تيئن تيئن حب الوطني جي جنگ جي هڪ هيري جي خيالي شڪل شبيهه جي جاءِ هڪ حقيقي ۽ زنده نوجوان هستي اچي والاري ۽ پوءِ هي نوجوان کيس گهڻي کان گهڻو پاڻ طرف ڇڪڻ لڳو هو. هن محسوس ڪيو هو ته جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن خط ۾ دير ٿي ويندي هئي ته سندس دل ڏاڍي کجندي هئي ۽ اداس ٿي ويندي هئي. هيءَ هڪڙي نئين ڳالهه هئي، جنهن کيس ڊيڄاري ڇڏيو هو. ڇا اها ئي محبت آهي؟ ڇا هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان محبت ڪري سگهجي ٿي، جنهن کي هن ڪڏهن به ڪين ڏٺو هو؟ جنهن جو هن آواز به ڪونه ٻڌو هو، جنهن کي هوءَ فقط خط وسيلي ئي ڄاڻندي سڃاڻندي هئي؟ جڏهن هڪ خط ۾ گووزديف لکيو هو ته ”آءٌ خط وڪتابت ڪندي ڪندي عشق ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان.“ تڏهن انيوتا کي محسوس ٿيو ته هوءَ به عشق ۾ گرفتار ٿي ويئي آهي. هن محسوس ڪيو ته سندس محبت اسڪول جي ڪنهن ننڍڙي ڇوڪري جي محبت نه، پر هيءَ هڪ سچي پچي چاهت هئي. هن محسوس ڪيو ته جي خط اچڻ بند ٿي وڃن ته شايد زندگيءَ ۾ ڪا معنيٰ باقي نه رهي. هوءَ ڏاڍي بي صبريءَ سان خطن جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي. +اهڙيءَ طرح هنن پاڻ ۾ ملڻ کان سواءِ هڪ ٻئي سان پنهنجي محبت جو اقرار ته ڪري ڇڏيو هو، ليڪن ان کان پوءِ گووزديف کي ضرور ڪو مسئلو درپيش آيو هو، جو سندس خطن مان گهٻراهٽ، بي چيني ۽ اڻ چٽائي پئي جهلڪندي هئي. پر پوءِ هن دل جهلي، همت کان ڪم وٺي انيوتا کي لکيو ته کانئن غلطي ٿي ويئي هئي، جو هنن پاڻ ۾ ملڻ کان سواءِ ئي هڪٻئي سان محبت جو اقرار ڪيو آهي. شايد انيوتا کي ان جو اندازو ڪونهي ته هن جو چهرو ڪيتري قدر مسخ ٿي چڪو آهي. هن لکيو ته مون جيڪا توکي پراڻي تصوير موڪلي هئي، هينئر آءٌ ان کان بنهه مختلف آهيان. گووزديف هن کي دوکو ڏيڻ نٿي چاهيو. هن التجا ڪئي ته هوءَ هاڻي پنهنجي جذبات کي تيستائين نه لکي، جيستائين هوءَ پنهنجي اکين سان اهو ڏسي نه وٺي ته هو ڪهڙي ماڻهوءَ سان محبت ڪري رهي آهي؟ +اهو خط پڙهي پهريائين ته انيوتا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پوءِ کيس ڊپ ٿيڻ لڳو. هن پنهنجي کيسي مان تصوير ڪڍي ڏٺي. هڪ سنهڙو چهرو، جنهن تي جواني ڦُٽي رهي هئي. شڪل ۽ شبيهه مان فولادي عزم جهلڪي رهيو هو. سنهڙو سڌو نڪ، ننڍڙيون ننڍڙيون مڇون ۽ خوبصورت چَپَ سندس سامهون هئا. ”۽ هاڻي؟ ۽ هاڻي منهنجا جاني، هاڻي تون ڪهڙو آهين؟“ هن تصوير کي غور سان ڏسندي چيو. ڊاڪٽريءَ جي شاگردياڻي هجڻ سبب کيس خبر هئي ته باهه جو سڙيل زخم ڏاڍو دير سان ڇٽندو آهي ۽ ڏاڍا گهرا ۽ اڻ مٽ نشان ڇڏيندو آهي. خبر ناهي ڇو کيس ياد آيو ته عضون جي ڄاڻ واري شعبي جي عجائب گهر ۾ هن چمڙيءَ جي مرض واري چهري جو نمونو ڏٺو هو. اهو چهرو سڄو داغن سان چٿيو پيو هو. بي ڍولا ۽ سُڄيل چپ، ڄميل ڀرون ۽ پلڪن کان سواءِ ڳاڙها اکين جا پپوٽا. ڏاڍو ڀوائتو چهرو ٿي لڳو. ڪهڙي خبر جيڪڏهن هن جو چهرو به اهڙو ئي هجي ته؟ انهيءَ خيال جي اچڻ سان ئي سندس رنگ هيڊو ٿي ويو. ليڪن هن دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو لويو. چڱو، سمجهه ته هو اهڙو ئي چٿيل چهري وارو آهي، هو هڪ ٻرندڙ ٽينڪ ۾ دشمنن سان وڙهيو هو ۽ هن ئي هن جي آزاديءَ، هن جي تعليم جي حق، هن جي عزت ۽ هن جي زندگيءَ جي حفاظت ڪئي، هو هيرو آهي. هن خبر ناهي ڪيترا ڀيرا پنهنجي زندگي خطري ۾ وڌي آهي ۽ هاڻي ٻيهر هو محاذ تي واپس وڃڻ، وڙهڻ ۽ وري پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهڻ لاءِ تڙپي رهيو آهي. پر مان پاڻ (انيوتا) هن جنگ ۾ ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي؟ هن خندقون کوٽيون هيون، هوائي حملن کان بچڻ لاءِ ڪجهه حفاظتي فرائض پورا ڪيا هئائين ۽ هاڻي هڪ فوجي اسپتال ۾ ڪم ڪري رهي هئي. ليڪن گووزديف جي ڪارنامن جي ڀيٽ ۾ هن جي ڪمن جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ ”هي شڪ گمان ته اهڙا آهن، جو ائين لڳي ٿو ته جهڙو ڪر آءٌ پاڻ هن جي لائق ڪانه آهيان.“ هن پنهنجو پاڻ تي جلهه ڪئي ۽ پنهنجي اکين جي سامهون اُڀري ايندڙ خوفناڪ چهري کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. +انيوتا کيس خط لکيو. ايڏو ڊگهو خط ۽ ايترو محبت ڀريو خط سندس سموري خطن لکڻ دوران ڪونه لکيو ويو هو. ظاهر آهي ته گووزديف کي انهن وسوسن ۽ انديشن جي باري ۾ ڪڏهن به ڪابه خبر پئجي ڪانه سگهي ها. جيڪڏهن کيس پنهنجي وسوسن ۽ انديشن سان ڀريل خط جو ايڏو سارو شاندار جواب نه ملي ها. هن خط کي ور ور ڏيئي پڙهيو ۽ پوءِ استروچڪوف کي به ٻڌايائين، جنهن سموري ڪهاڻي ڏاڍي شوق سان ٻڌي ۽ چيو: +”يار، ٿورو همت کان ڪم وٺ. توکي هيءَ چوڻي ته ياد آهي نه: ’سهڻو چهرو ۽ دل ڪُلال، سادو چهرو ۽ سوني دل.‘ اڄ ته ويتر اها ڳالهه وڌيڪ آهي، جو مرد ملن ئي ڪونه ٿا.“ +ظاهر آهي ته هيءَ صفائي گووزديف کي دلاسو ڏيئي نه سگهي. جيئن جيئن اسپتال مان موڪل ملڻ جا ڏينهن ويجها ايندا پئي ويا، هو آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل وري وري ۽ گهڻي دير تائين ڏسندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ائين اڇاتري نظر سان ڏسندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو چهري کي بنهه آرسيءَ سان ملائي ڏسندو هو ۽ داغيل چهري کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو مهٽيندو هو. هن منٿ ڪري ڪلاوديا کان ڪريم ۽ پائوڊ گهرايو هو. هو ماٺ ميٺ ۾ غسل خاني ۾ وڃي ڪريم ۽ پائوڊر سان چهري جي مالش ڪندو هو ۽ ڳچ ڳچ دير کان پوءِ اميد ڀري نگاه سان آرسيءَ ۾ نهاريندو هو. پر هن محسوس ڪيو ته ڪريم پائوڊر سندس ڪم جون شيون ڪونهن. پري کان هو ڏاڍو ٺاهوڪو جوان لڳندو هو. مضبوط بدن، ويڪري ڇاتي، سنهڙي چيلهه، سڌيون ۽ مضبوط ٽنگون. پر ويجهڙائيءَ کان پنهنجي ڏاڙهيءَ ۽ ڳلن جا ڳاڙها داغ ۽ ڇڪيل، تاڻيل، سڙيل ۽ کهري کل ڏسي چريو ٿي پوندو هو. ”هيءَ شڪل ڏسي هوءَ ڇا چوندي؟“ هو پنهنجو پاڻ کان پڇندو هو. هوءَ ته ڊڄي ويندو. هوءَ کيس ڏسندي ۽ منهن ڦيري، ڪلها ڇنڊي هلي ويندي. پر ان کان به وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ ٿيندي ته هوءَ اخلاقًا ڪلاڪ اڌ ويهي ڳالهيون ڪندي ۽ پوءِ ڪاروباري انداز ۾ ڪجهه چوندي ۽ پوءِ الله واهي! هو گهٻرائجي ويندي هو ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو پيلو ٿي ويندو هو، ڄڻ ته اهو واقعو هن سان پيش اچي به چڪو آهي. +پوءِ هو پنهنجي کيسي مان هڪڙي تصوير ڪڍندو هو ۽ هڪ گول چهري واري ڇوڪريءَ جي نيڻن نقشن کي ڏاڍي غور سان جانچيندو هو. نرم نرم، کليل وار، مٿئين طرف ٿورو کڙو نڪ ۽ نازڪ نازڪ ٻارڙن جهڙا چپ. مٿئين چپ تي هڪ تر، جيڪو بنهه هلڪو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ان ٻالي ڀولي ۽ من موهڻي صورت ۾ ٻه سرمائي يا شايد نيريون اکيون ٿوريون اڀريل بنهه بيباڪيءَ سان ۽ خلوص سان کيس گهوري رهيون هيون. +“مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي آهين؟ ڇا تون ڊڄي ويندينءَ؟ ڇا تنهنجي دل ايتري ڪشادي آهي، جو تون هن ڀيانڪ ديوَ جهڙي شڪل کي نظر انداز ڪري ڇڏيندينءَ؟“ هو تصوير کي غور سان ڏسندي ان کان پڇندو هو. +انهيءَ دوران ليفٽيننٽ ميريسئف پنهنجي گهوڙين تي کٽ کٽ ڪندو، اچي سندس ڀرسان لنگهيو. هو ورانڊي ۾ بنا ٿڪجڻ جي پئي هليو. هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا، ڏهه ڀيرا، ويهه ڀيرا. هو صبح توڙي شام اها ورزش ڪندو هو. +”هي به عجيب ماڻهو آهي!“ گووزديف پنهنجو پاڻ کي چيو. ”ڌُن جو پڪو! سچ ته همت جا لفظ هن لاءِ ناڪافي آهن. هڪ ئي هفتي ۾ گهوڙين تي هلڻ سکي ويو. ڪي ڪي مريض ته مهينن جا مهينا هلڻ سکي نه سگهندا آهن. ڪالهه ته هن اسٽريچر تي علاج لاءِ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پنڌ ڪري ويو ۽ موٽي آيو. سندس چهرو سڄو لڙڪن سان ڀريل هو، پر هو پنهنجي ئي ڌن ۾ اڳيان وڌندو رهيو ۽ جڏهن نرس کيس سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو مٿس ڪاوڙجي پيو. ڪير ڏسي ته ها، جڏهن هن بنان ڪنهن سهاري جي لهواري چاڙهي چڙهي، مٿي پهچڻ مهل ڪيڏي شان سان پئي مسڪرايو! ڄڻ ته هن هماليه جبل جي چوٽي فتح ڪري ورتي هجي.“ +گووزديف آرسيءَ طرف مڙيو ۽ ميريسئف کي گهوڙين تي تيز تيز قدم کڻندو هلندي ڏسڻ لڳو. ”ڏس ته سهي ڀلا! بنهه ڊوڙي رهيو آهي ۽ ڪيتري نه سهڻي ۽ دلڪش صورت آهي سندس. ڀروئن جي وچ ۾ هڪڙو ننڍڙو نشان آهي. ليڪن ان سان سندس صورت ۾ ڪوبه عيب نه ٿي پيدا ٿيو، پر پاڻ ان سان سندس دلڪشيءَ ۾ ٻيڻو واڌارو پئي ٿيو. ڪاش! منهنجي شڪل به اهڙي هجي ها. پيرن ۾ ڇا رکيو آهي؟ پيرن کي ڪير ٿو ڏسي؟ ۽ يقينًا هو هلڻ به سکي ويندو ۽ پوءِ هوائي جهاز به اڏائي سگهندو. پر چهرو! هن قسم جو ڀيانڪ چهرو لڪائي ته نه ٿو سگهجي. ائين پيو لڳي ته ڄڻ نشي ۾ چور شيطانن هن چهري تي مٽرن جا داڻا ويهي ڏريا آهن.“ +ش��م جو اليڪسي ورانڊي ۾ پنهنجي ورزش جو ٽيويهون چڪر لڳائي رهيو هو. هن جي سموري بدن ۾ سندس سُڄيل رانن جي سور جون سوٽون اڀري رهيون هيون ۽ سندس ڪڇون گهوڙين تي ٽيڪ جي دٻاءَ ڪري ڏکي رهيون هيون. گهوڙين تي هلندي هن آڏي اک سان ٽينڪ مين کي ڏٺو، جيڪو آرسيءَ جي سامهون بيٺو هو. ”چڱي مسخري آهي.“ هن دل ئي دل ۾ چيو. ”آخر هو پنهنجي چهري جي ڪري ايترو پريشان ڇو آهي؟ ظاهر آهي ته هاڻي هو فلمي هيرو ته ڪونه ٿي سگهندو. باقي ٽينڪ مين، ها ٽينڪ مين ٿيڻ کان کيس ڪير روڪي سگهندو؟ مٿو، ٻانهون ۽ ٽنگون صحيح سلامت هجن ته چهري کي ڪير ٿو پڇي؟ ها، ٽنگون، اصلي ٽنگون هجن، ههڙيون لوليون لنگڙيون نه هجن، جيڪي ڏکنديون ۽ جلنديون رهن ٿيون، ڄڻڪ نقلي پير ڪونهن، پر تتل ڳاڙهي لوهه جا ٽڪرا آهن.“ +هن ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو، پر تڪليف جي شدت کان سندس اکين مان لڙڪي وهي رهيا هئا. پر پوءِ به هن چپن کي چڪ وجهندي، لڙڪن کي پيئندي پنهنجو اڻٽيهون چڪر پورو ڪيو ۽ ان ڏينهن جي ورزش ختم ڪئي. +(14) +جون جي وچ ڌاري گريگوري گووزديف اسپتال مان خارج ڪيو ويو. +پنهنجي رواني ٿيڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ اليڪسيءَ سان تمام ڊگهي ڪچهري ٿي هئي. ٻنهي جي هڪجهڙي بدنصيبي ۽ ذاتي معاملن ۾ هڪجهڙي پيچيدگيءَ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو هو. اهڙين حالتن ۾، جيئن ٿيندو آهي، تيئن ئي ٿيو. ٻنهي هڪ ٻئي جي اڳيان پنهنجي دل کولي رکي. ٻنهي هڪ ٻئي کي پنهنجن انديشن جي باري ۾ صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو هو. ٻنهي هڪ ٻئي کي اهي سڀ ڳالهيون به ٻڌائي ڇڏيون، جيڪي پنهنجي شان خاطر ٻين سان نٿي ڪري سگهيا، پر اڪيلائيءَ ۾ ڏک سور پيا سهندا هئا. ٻنهي هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي محبوبا جون تصويرون به ڏيکاريون هيون. +اليڪسيءَ وٽ اوليا جي تصوير هئي، جيڪا ڪي قدر پراڻي ٿي ويئي هئي ۽ ڪجهه ڌنڌلي هئي، جيڪا پاڻ هٿ سان ڇڪي هئائين. اهو جو صاف ۽ شفاف ڏينهن هو. ٻنهي والگا جي ٻئي ڀر گلن سان ڇانيل سرسبز ميدان ۾ ڊوڙ پاتي هئي. هوءَ نرم، نازڪ، ڪومل ۽ خوبصورت ڇوڪري هئي. هوءَ ڇيٽ جو فراڪ پائي، ٻئي گوڏا ڀڃيو، گلن جي وچ ۾ ويٺي هئي ۽ سندس هنج ۾ گلن جو ڍڳ هو. موتئي جي گلن وچ ۾ هوءَ خود به سفيد گل وانگر پاڪيزه پئي لڳي، جهڙوڪر ماڪ ۾ ڀنل موتئي جو گل. گلن کي سجائيندي ڪنهن خيال ۾ ٻڏل سندس مٿو هڪ طرف جهڪي ويو هو، سندس اکيون ڦاٽيون پيون هيون ۽ سندس اکين مان هڪ قسم جي بي خودي جهلڪي رهي هئي. ڄڻ هوءَ هن شاندار منظر جو نظارو پهريون ڀيرو ڏسي رهي هجي. +ان تصوير کي ڏسي گووزديف چيو ته هن قسم جي ڇوڪري ڪنهن شخص کان سندس بدنصيبيءَ واريءَ گهڙيءَ ۾ منهن موڙي نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هوءَ ائين ڪري به ته کيس کڻي جهنم ۾ وجهجي. ان مان فقط ايترو ثابت ٿيندو ته صورتون فريب ۽ دوکو ڏين ٿيون. جيڪڏهن هوءَ توکي ڇڏي وڃي ته بهتر ٿيندو، ڇو ته ان جو مطلب هي ٿيندو ته هوءَ هڪ بي ڪمي ۽ ناڪاره ڇوڪري هئي. ڀلا اهڙي فضول ڇوڪريءَ سان سڄي زندگي ٻڌجي رهڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ +اليڪسيءَ کي انيوتا جو روپ ڏاڍو وڻيو ۽ هن به اهي ساڳيون ڳالهيون، ٿورو مختلف انداز ۾ گووزديف کي ٻڌايون، جن جو اظهار خود گووزديف ڪيو هو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا خاص ۽ اهم ڳالهه ڪانه هئي ۽ انهيءَ بحث مان سندن مسئلن جو به ڪو حل ڪونه ٿي نڪتو. پر پوءِ به ٻنهي جي دل جو بار هلڪو ٿي ويو هو، جهڙوڪر ڪيترن ئي ڏينهن کان ڏکندڙ ۽ ايذاءُ ڏيندڙ ڦٽ ڦاٽي پيو هو. +هنن ٻنهي گڏجي طئي ڪيو ته جڏهن گووزديف کي اسپتال مان موڪل ملندي ته هو ۽ انيوتا ٻئي گڏجي وارڊ وٽان لنگهندا. انيوتا گووزديف کي ٽيليفون ڪري ٻڌايو هو ته هوءَ ايندي ۽ ساڻس ملندي. ان کان پوءِ اليڪسي گووزديف کي خط ۾ لکندو ته هن اليڪسيءَ تي ڪهڙو تاثر ڇڏيو هو؟ ٻئي پاسي گووزديف واعدو ڪيو هو ته هو اليڪسيءَ کي خط لکي ٻڌائيندو ته انيوتا ساڻس ڪهڙي نموني ۾ ملي ۽ جڏهن سندس چچريل ۽ مسخ چهرو ڏٺائين ته سندس ردعمل ڪهڙو هو ۽ هنن جو هاڻ پاڻ ۾ وقت ڪيئن پيو گذري؟ انهيءَ تي اليڪسيءَ به فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن گريشا سان سڀڪجهه خير خوبيءَ سان طئي ٿي ٿو وڃي ته پوءِ هو به هڪدم اوليا کي پنهنجي باري ۾ سموري ڳالهه ٻڌائي ڇڏيندو ۽ کيس درخواست ڪندو ته هوءَ سندس ماءُ کي ڪجهه نه ٻڌائي، جيڪا تمام گهڻي بيمار هئي ۽ مشڪل سان کٽ تان اٿي ٿي سگهي. +اهو ئي سبب هو جو هو ٻئي ڏاڍي گهٻراهٽ ۽ پريشانيءَ مان گريگوريءَ جي روانگيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ٻئي ڄڻا ايترا ته پريشان هئا جو سک سان به سمهي نه سگهندا هئا ۽ رات جو ماٺ ماٺ ڪري ورانڊي ۾ نڪري ويندا هئا. گووزديف ته وڃي آرسيءَ جي سامهون پنهنجي چهري کي مهٽيندو هو، باقي اليڪسي کٽ کٽ جي آواز کان بچڻ لاءِ گهوڙين جي هيٺين حصن کي ڪپهه ٻڌي پنهنجي مشق جو هڪ وڌيڪ ڦيرو لڳائي وٺندو هو. +ڏهين وڳي ڪلاوديا آئي ۽ هڪ شرير مسڪراهٽ سان گووزديف کي چيائين ته توسان ڪو ملڻ آيو آهي. گووزديف کٽ تان ائين ٽپ ڏيئي اٿيو، جهڙوڪر کيس هوا جي ڪنهن طوفاني جهوٽي اڏايو هجي. سندس چهرو بنهه ڳاڙهو لال ٿي ويو ۽ سندس چهري جا داغ اڃا به وڌيڪ نمايان ٿي پيا. هو جلدي جلدي پنهنجا ٽپڙ ٻڌڻ لڳو. +”ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي ۽ ڏسڻ ۾ ڏاڍي گنڀير ٿي لڳي.“ هن گووزديف جي جلد بازيءَ کي ڏسندي، مسڪرائيندي چيو. +گووزديف جو چهرو ويتر ٻهڪي پيو. +”سچ ٿي چوين؟ ڇا هوءَ واقعي توکي پسند آئي؟ سٺي ڇوڪري آهي، ائين نه؟“ هن پڇيو ۽ پنهنجي جوش ۽ اضطراب ۾ الله واهي چوڻ به وسري ويو ۽ تڪڙيون وکون کڻندو وارڊ مان نڪري ويو. ”اهڙا ئي ماڻهو ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسندا آهن.“ ميجر استروچڪوف چيو. +پوين ڪجهه ڏينهن ۾ هن وحشيءَ کي ڪجهه ٿي ويو هو. هو تمام اٻاڻڪو اٻاڻڪو پيو لڳندو هو. گهڻو ڪري بي سبب مٿس ڪاوڙ جو دورو پئجي ويندو هو. هاڻي هو ويهڻ جهڙو ٿي ويو هو، تنهن ڪري پنهنجي بستري تي ويٺو، سڄو ڏينهن دريءَ مان ٻاهر نهاريندو رهندو هو. جڏهن ڪير کانئس ڪو سوال پڇندو هو ته جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو. +سمورو وارڊ، اداس ميجر، اليڪسي ۽ ٻه نوان مريض سڀئي دريءَ وٽ بيهي، پنهنجي سابق ساٿيءَ جي رستي تي نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ”او هو اچي پيو.“ اليڪسيءَ آهستي چيو. +ڦاٽڪ وٽ شاهه بلوط جو ڳرو دروازو کليو ۽ ٻه ماڻهو ٻاهر نڪتا. هڪڙي ته نوجوان عورت هئي، جنهن جو مٿو اگهاڙو هو ۽ کيس سفيد گهاگهري ۽ ڪاري سلوار پاتل هئي. ٻيو ماڻهو هڪ نوجوان سپاهي هو، جنهن کي اليڪسي پهرين ته سڃاڻي ڪونه پئي سگهيو. هو گووزديف هو، جنهن جي هڪ هٿ ۾ پيتي هئي ۽ ٻيءَ ٻانهن تي سياري وارو ڊگهو فوجي ڪوٽ پيل هيس. ائين پئي لڳو ته هو پنهنجي قوت جو امتحان پيو وٺي. هو آزاديءَ سان هلڻ ڦرڻ ۾ ايڏو ته خوش پئي لڳو، جو هو ڊوڙڻ بدران چاڙهيءَ تان ترڪندو پئي محسوس ٿيو. هن پنهنجي ساٿيءَ جو هٿ، هٿ ۾ جهليو ۽ هو ٻئي مينهن جي وڏين وڏين ڦڙين ۾ ڀڃندا دريءَ ڏانهن وڌڻ لڳا. +اليڪسيءَ کين ڏٺو ۽ سندس دل مسرت ۾ سرشار ٿي ويئي. تمام سٺو، سڀڪجهه خير سان ٿي ويو. تعجب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جو هُن جو چهرو ايترو معصوم، پيارو ۽ ٻالو ڀولو آهي. اهڙي ڇوڪري ڪڏهن به دغا ڪانه ڏيندي . نه! ان قسم جون ڇوڪريون ڏکن جي گهڙيءَ ۾ ڪنهن شخص کان منهن ڪونه ٿيون ڦيرين. +هو دريءَ جي ويجهو آيا ۽ ٻئي بيهي رهيا. ٻنهي مٿي نهاريو. هاڻي اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته گووزديف ڏاڍو گهٻرايل پئي لڳو ۽ انيوتا پڻ پريشان نظر پئي آئي، جيڪا واقعي پنهنجي تصوير وانگر ئي سندر ۽ سلوڻي هئي. سندس هٿ بنهه ڍرو ٽينڪ مين جي هٿ ۾ پيل هو ۽ هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين بي چين ۽ بي قرار پئي لڳي. ائين پئي لڳو، ڄڻ اجهو هوءَ پنهنجو هٿ هٿ مان ڇڪي وٺي ڀڄندي. +هنن هٿ لوڏيا، سندن چپن تي رڪيل رڪيل مُرڪَ اُڀري. ڪجهه اڳيان وڌي موڙ وٽان گم ٿي ويا. مريض ماٺ ميٺ ۾ پنهنجن بسترن ڀيڙا اچي ٿيا. +”ويچاري گووزديف جو ڇڪو نه لڳو.“ ميجر چيو، پر بلڪل اوڏيءَ مهل ورانڊي ۾ ڪلاوديا جي آهٽ ٻڌي هو چپ ٿي ويو ۽ منهن ڦيري ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيائين. +اليڪسيءَ کي باقي سڄو ڏينهن دل ۾ خلش رهي. هن شام جي گهمڻ ڦرڻ واري ورزش پڻ لنوائي ڇڏي ۽ سڀني کان اڳ ۾ وارڊ ۾ پهچي ويو ۽ جڏهن سڀ مريض سمهي پيا، پوءِ به سندس پلنگ جا اسپرنگ سندس اٿل پٿل جي ڪري چرڙاٽ ڪري رهيا هئا. +ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، اڃا نرس وارڊ ۾ قدم رکيو ئي مس ته اليڪسيءَ کانئس پڇيو ته سندس نالي ڪو خط ته ڪونهي؟ ”نه خط ڪونهي.“ هن هٿ منهن ڌوتو ۽ منجهيل منجهيل انداز ۾ نيرن ڪيائين. پر هن اڄ معمول کان وڌيڪ ورزش ڪئي. پاڻ کي گذريل شام جي سزا ڏيڻ خاطر هن ورزش ۾ پندرهن ڦيرا وڌيڪ لڳايا ۽ اهڙي طرح هن ڪلهه شام واري تلافي ڪري ورتي. انهيءَ غير متوقع ڪاميابيءَ سبب سندس پريشاني وسري وئي. هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو تمام گهڻو ٿڪجڻ کان سواءِ ئي پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙين تي هلي ڦري سگهي ٿو. ورانڊو پنجاهه ميٽر ڊگهو هو ۽ هن پنجيتاليهه ڦيرا ڏنا هئي. 45 کي 50 سان ضرب ڏيڻ سان ٻه هزار ٻه سؤ پنجاهه ميٽر ٿي ٿيا، يعني سوا ٻه ڪلوميٽر. سندس هوائي اڏي کان آفيسرن جي ”کاڌي واري ڪمري“ تائين ايترو ئي فاصلو آهي. هو تصور ئي تصور ۾ انهيءَ ڄاتل سڃاتل رستي تان پئي لنگهيو، جنهن تي ڪاٺ جي هڪڙي جهوپڙيءَ ۾ نقشن ۽ چارٽن تي جهڪيل ”موسمي سرجنٽ“ پنهنجي فرض ادائي ڪري رهي هئي. ڏاڍو گهڻو پنڌ هو! خدا جو قسم ته ڏاڍو گهڻو پنڌ هو. +ميريسئف روزانو ڇائيتاليهه چڪرن تائين ورزش وڌائي ڇڏي. 23 چڪر صبح ۽ 23 چڪر شام. هن هي به فيصلو ڪيو ته رات جي آرام کان پوءِ صبح جو سوير اٿي، تازو توانو ٿي، بنا گهوڙين جي هلڻ جي مشق ڪندو. هن جو حوصلو وڌي ويو ۽ سندس ذهن عملي ڳالهين ڏانهن متوجهه ٿيڻ لڳو. شام جو هن ايتري ته جوش ۽ ولولي سان ورزش ڪئي جو هو ڏسندي ئي ڏسندي ٽيهه چڪر لڳائي ويو ۽ کيس خبر ئي ڪانه پيئي. عين ان وقت کيس نوڪرياڻيءَ هڪ خط آڻي ڏنو. لفافي مٿان پتي کان سواءِ لفظ ”انتهائي ذاتي“ لکيل هو ۽ ”انتهائي“ جي هيٺان ليڪ ڏنل هئي. +دريءَ کي ٽيڪ ڏيئي اليڪسيءَ خط کوليو. جيئن جيئن هو خط پڙهندو ويو، تيئن تيئن سندس چهري تي اداسي ڇانئبي وئي. گووزديف هي خط گذريل رات ريلوي اسٽيشن تان لکيو هو. هن لکيو هو ته انيوتا بلڪل اهڙي نڪتي، جهڙي سندس تصوير ۾ هئي. هوءَ غالبًا ماسڪو جي حسين ترين ڇوڪري آهي. هوءَ مون سان ڀيڻ وانگر ملي، هوءَ مون کي ڏاڍو وڻي ويئي آهي. +”........ ليڪن اهي ڳالهيون، جن متعلق اسان ڳالهايو هو، بنهه اسان جي چوڻ مطابق ئي ثابت ٿيون. هوءَ ڏاڍي ڀلي ڇوڪري آهي. هن مون سان منهنجي شڪل جي باري ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو. بلڪ هن ڪو هلڪو اشارو به ڪونه ڏنو. هن جو طرز عمل نهايت ئي شاندار ۽ عمدو رهيو، پر آءٌ انڌو ڪونه آهيان. مون ڏسي ورتو ته منهنجو سڙيل چهرو ڏسي هوءَ ڊڄي ويئي هئي. هونئن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هوندو هو، پر اوچتو ئي اوچتو هوءَ مون ڏانهن اهڙين نگاهن سان ڏسندي هئي، ڄڻ ته هوءَ پشيمان هجي يا خوفزده يا گهڻو ڏکويل هجي. آءٌ نه ٿو چئي سگهان ته هن صحيح صحيح ڇا پئي محسوس ڪيو........؟ پر ڪجهه ته هو، جيڪو مون محسوس پئي ڪيو. هوءَ مون کي يونيورسٽيءَ وٺي ويئي. سٺو ٿئي ها جو آءٌ نه وڃان ها. ڇوڪريون منهنجي چوڌاريءَ ڦري بيهي رهيون ۽ مون کي غور سان ڏسڻ لڳيون........ ڇا تون يقين ڪندين ته هو اسان سڀني کي سڃاڻنديون هيون. انيوتا انهن کي اسان جي باري ۾ سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو. مون تاڙي ورتو ته انيوتا انهن ڏانهن معافي طلب نگاهن سان نهاري رهي هئي، ڄڻ چئي رهي هجي ته ’مون هن ڀيانڪ هستيءَ کي هت آندو آهي، مون کي معاف ڪجو.‘ ليڪن اليوشا، اصل شيءِ ته هيءَ آهي ته هن پنهنجي احساسات کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هوءَ ايتري ته سٺي طرح ۽ ايترو ته ڪمال مهربانيءَ سان پيش آئي ۽ لڳاتار ڳالهيون ڪندي رهي، جو ائين پئي لڳو ته ڄڻ ماٺ کان کيس ڊپ ٿي لڳو. پوءِ آءٌ سندس گهر ويس. هوءَ اڪيلي رهندي هئي. سندس ماءُ پيءُ پناهگيرن سان گڏ هليا ويا آهن. لڳي ٿو ته هي خاصا معزز ماڻهو آهن. هن منهنجي لاءِ چانهه تيار ڪئي ۽ ميز تي چانهن پيئڻ دوران هوءَ ڪٽليءَ ۾ مسلسل منهنجو عڪس ڏسندي رهي ۽ ٿڌا ساهه کڻندي رهي. مختصر هي ته مون سوچيو ’خير، هي سلسلو ائين هلي نه سگهندو.‘ مون کانئس سڌو سنئون پڇيو: ’مون کي خبر آهي ته منهنجي شڪل توکي پسند ڪانه آئي ۽ انهيءَ ۾ تون حق بجانب به آهين. آءٌ سمجهي سگهان ٿو. ان سان منهنجي دل آزاري ڪانه ٿي آهي.‘ هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري ٽمڻ لڳا. ليڪن مون کيس چيو: ”روئج نه، تون تمام سٺي ڇوڪري آهين. توسان ڪوبه ماڻهو محبت ڪري سگهي ٿو. پنهنجي زندگي تون ڇو خراب ڪرين؟“ پوءِ مون کيس چيو: ”هاڻي تو ڏسي ورتو ته آءٌ ڪهڙو خوبصورت نوجوان آهيان. ان باري ۾ سوچي وٺ. آءٌ پنهنجي يونٽ ۾ واپس ويندس ۽ توکي پنهنجو پتو موڪلي ڏيندس. جيڪڏهن تنهنجي راءِ بدلجي نه وڃي ته مون کي خط لکج.“ ۽ پوءِ مون چيو ته ”ڪوبه اهڙو ڪم ڪرڻ تي پنهنجو پاڻ کي مجبور نه ڪج، جنهن لاءِ تنهنجي دل نه مڃيندي هجي. منهنجو ڇا آهي – اڄ هتي، سُڀاڻي هُتي. اسين جنگ جي ميدان ۾ آهيون.“ بيشڪ هن لڳاتار پئي چيو ”اڙي نه نه!“ ۽ هوءَ مسلسل روئي رهي هئي. پر مون سڀ ڪجهه سمجهيو پئي. بلڪل اوڏيءَ مهل ڪمبخت گهگهو ڀونئڪڻ لڳو ۽ هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ آءٌ پڻ ان هنگامي جو فائدو وٺي اتان کِسڪي ويس. آءٌ سڌو آفيسرن جي رجمينٽ ۾ ويس. انهن يڪدم منهنجو ڪم ڪيو. هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. مون وٽ ريلوي ٽڪيٽ موجود آهي ۽ ستت ئي آءٌ هتان روانو ٿي ويندس. ليڪن توکي اليوشا ٻڌائي ڇڏيان ته آءٌ پهرين کان به وڌيڪ ان جي محبت ۾ جلي پچي رهيو آهيان ۽ مون کي خبر ڪانهي ته هن کان سواءِ آءٌ ڪيئن جيئرو رهندس؟“ +پنهنجي دوست جو خط پڙهندي اليڪسيءَ کي ائين لڳو، ڄڻ هو خود لياڪا پائي پنهنجي مستقبل جي جهلڪ ڏسي رهيو هجي. بيشڪ ساڻس به اهو ئي سڀ ڪجهه ٿيڻ وارو هو. اوليا کيس دوکو ڪانه ڏيندي. وٽانئس منهن ڪانه موڙيندي. هوءَ اها ئي پاڪ قرباني ڏيڻ چاهيندي. هوءَ به ساڻس مهربانيءَ سان پيش ايندي. اکين ۾ لڙڪ هوندا ۽ هوءَ مسڪرائيندي ۽ پنهنجي بيزاريءَ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي. +”نه نه، مون کي هي سڀ ڪجهه نه کپي.“ هن جي وات مان بي اختيار نڪتو. +هو منڊڪائيندو واپس وارڊ ۾ آيو ۽ ميز تي ويهي اوليا کي خط لکڻ لڳو. مختصر، جذبات کان خالي، ڪاروباري قسم جو خط. کيس سچ ٻڌائڻ جي همت ڪانه ٿي. نيٺ به ته سچ ڇو لکي؟ سندس ماءُ بيمار هئي، ان جي ڏکن ۾ واڌارو ڇو ڪري؟ هن اوليا کي لک��و ته مون پنهنجي ۽ تنهنجي تعلقاتن تي ڪافي غور ڪيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته تنهنجي لاءِ انتظار ڪرڻ انتهائي ڪٺن ۽ مشڪل آهي. ڪنهن کي خبر ته جنگ ڪيترو وقت هلي؟ جنگ ۾ انتظار ڪهڙو؟ اوسيئڙو هڪ بي معنيٰ شيءِ آهي. جنگ ۾ آءٌ مارجي به سگهان ٿو ۽ ائين تون مون سان شادي ڪرڻ کان سواءِ ئي بيواه ٿي ويندينءَ يا اڃا ان کان به وڌيڪ خراب ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته آءٌ لولو لنگڙو ٿي پوان ۽ توکي هڪ معذور ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻي پوي. ان مان توکي ڇا حاصل ٿيندو؟ تنهن ڪري تون پنهنجي جواني نه جلائي ۽ جيترو جلد ٿي سگهي، مون کي وساري ڇڏ. اهو ضروري ڪونهي ته تون مون کي خط جو جواب ڏيئين. جيڪڏهن تون جواب نه به ڏيندينءَ ته به آءٌ دل ۾ ڪونه ڪندس. آءٌ تنهنجي حيثيت کان چڱيءَ طرح واقف آهيان، حالانڪ ان جو اعتراف ڏاڍو مشڪل آهي. پر مون سوچيو آهي ته اهو ئي ٺيڪ ٿيندو. +هن محسوس ڪيو ته خط سندس هٿن ۾ باه لڳائي ڇڏي هئي. هن خط کي ٻيهر پڙهڻ کان سواءِ ئي لفافي ۾ وڌو ۽ تيز تيز قدمن سان ڊڪندو وڃي ورانڊي ۾ پاڻي گرم ڪرڻ واري چُلهي جي ڀرسان ٽنگيل پوسٽ جي دٻي ۾ لفافو وجهي ڇڏيائين. +هو وارڊ ۾ موٽي آيو ۽ ٻيهر ميز تي ويهي رهيو. آخر هو پنهنجو ڏکڙو ڪنهن کي ٻڌائي؟ پنهنجي ماءُ کي ته ٻڌائي نٿي سگهيو. ته ڇا گووزديف کي؟ ها، بيشڪ هو هن جي دک درد کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهندو. ليڪن ڪهڙي خبر ته هو ڪٿي هوندو؟ هو هن کي انهن رستن جي ڄار ۾ ڪٿي ڳولي لهندو، جيڪي سڀ جا سڀ محاذن ڏانهن ٿي ويا؟ ته پوءِ ڇا پنهنجي رجمينٽ کي لکي؟ ليڪن ڇا انهن خوش نصيبن وٽ ايتري واندڪائي آهي، جو اهي ويهي هن جي لاءِ مٿو هڻن؟ ”موسمي سرجنٽ“ کي لکجي؟ ها، اهو ٺيڪ آهي. هن هڪدم لکڻ شروع ڪري ڏنو ۽ لفظن جو درياءُ هو، جو پلٽجي پيو هو ــــــــــــ انهن لڙڪن وانگر، جيڪي ڪنهن پياري دوست کي ڀاڪر پائڻ مهل بي اختيار وهڻ لڳندا آهن. اوچتو هو هڪ جملي جي وچ ۾ رڪجي پيو، هڪ پل لاءِ سوچيائين ۽ پوءِ خط کي مروڙي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلائي ڇڏيائين. +”تخليق جي پيڙا کان وڌيڪ ٻي ڪا پيڙا ڪانهي.“ استروچڪوف پنهنجي خاص کل ڀوڳ واري انداز ۾ چيو. هن وٽ گووزديف وارو خط هٿ ۾ هو، جيڪو هن اليڪسيءَ جي پاسي واري ڪٻٽ تان کنيو هو. +اڄ ڪلهه هر ماڻهوءَ کي ڇا ٿي ويو آهي.........؟ گووزديف کي ئي کڻي ڏسو! اڙي چريا! هڪڙي ڇوڪريءَ ڇا کڻي نڪ موڙيو آهي ته مرڳو لڙڪن جو درياءُ بنهه اٿلي پيو آهي. سِنگهه جهليس ئي ڪانه ٿي. مون خط کڻي پڙهيو آهي. تون ان ڳالهه تي ناراض ته ڪونه ٿيندين نه، هان؟ اسان سپاهين جي وچ ۾ رازداري ڪهڙي؟“ +اليڪسي ناراض ڪونه هو. هو سوچي رهيو هو ته سڀاڻي مون کي پوسٽ جي پٽيوالي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. جڏهن ٽپال ڪڍڻ اچي ته آءٌ پنهنجو خط واپس کڻي وٺان؟ رات جو اليڪسيءَ لاءِ ننڊ به ڏاڍا خراب خواب کڻي آئي. پهريائين ته هن خواب ۾ ڏٺو ته هو برف سان ڍڪيل هوائي اڏي تي آهي، جتي عجيب ڊزائين جو هوائي جهاز ”لا – 5“ جهرڪيءَ وانگر چنبن تي زمين تي بيٺو آهي. مستري يورا ڪاڪ پٽ ۾ چڙهيو ۽ چيائين ته اليڪسيءَ جا هاڻي ”هوائي جهاز اڏائڻ وارا ڏينهن“ پورا ٿي ويا ۽ هاڻي هوابازيءَ جو منهنجو وارو آهي........ پوءِ وري هن ڏٺو ته هو پريان وڇايل بستري تي ليٽيو پيو آهي ۽ نانا ميخائيل سفيد قميص ۽ پُسيل پتلون پايو....... کيس گرم ٻاڦ جو غسل ڏئي رهيو آهي. هو کليو پئي ۽ چيائين پئي ته ”شاديءَ کان پهريائين گرم تڙ ڏاڍي مزي وارو هوندو آهي.“ پرهه ڦٽيءَ کان پهريائين هن اوليا کي خواب ۾ ڏٺو. هو ابتي ٻيڙيءَ تي ويٺي هئي. هن جون مضبوط ۽ سانوريون ٽنگون پاڻي ۾ لڙڪي رهيون هيون. هوءَ ڪيڏي نه نازڪ، حسين ۽ ٻهڪندڙ لڳي رهي هئي. هوءَ سج کان بچڻ لاءِ هڪ هٿ سان اکين تي ڇانو ڪري رهي هئي ته ٻئي هٿ سان کيس سڏي رهي هئي. هو هن ڏانهن ترڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر لهرون شهروز ۽ تيز هيون، جيڪي کيس ڪناري ۽ اوليا کان پري ڌڪي کڻي ويون. هو پنهنجي ٽنگن، ٻانهن ۽ بدن جي هر عضوي سان زور لڳائي، ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن ڀرپور جاکوڙ ڪئي، تڏهن وڃي مس مس کيس اوليا جا هوا ۾ اڏامندڙ وار ٻيهر ڏسڻ ۾ آيا ۽ سندس سانورين ٽنگن تي پاڻيءَ جون بوندون ترڪندي ڏسڻ ۾ پئي آيون......... +اهو ئي خواب ڏسندي هو جاڳي پيو. هو اندر ئي اندر هڪ خوشي ۽ ترنگ محسوس ڪري رهيو هو. پوءِ هو ڪيتري دير ائين اکيون پوريو پيو هو ته جيئن هو ٻيهر ساڳيو سلوڻو خواب ڏسي سگهي، پر ائين فقط ٻالڪپڻ ۾ ٿيندو آهي. کيس محسوس ٿيو ته هن نازڪ، سهڻي ۽ سلوڻي ڇوڪريءَ جي مُکَ هر شيءِ کي اجاري ڇڏيو آهي. کيس پريشان نه ٿيڻ گهرجي، هينئون نه هارڻ گهرجي. هن کي هر قيمت تي وهڪري جي خلاف اوليا ڏانهن ترندو رهڻ گهربو هو. بس هر صورت ۾ اڳتي ترندو رهڻ گهربو هو. پنهنجي قوت جو آخري قطرو به استعمال ڪري، اوليا تائين پهچڻ گهربو هو. پر هو خط؟ هُن پوسٽ جي دٻي وٽ وڃي انتظار ڪرڻ چاهيو ٿي، پر وري هن ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ هٿ کي ڇنڊي، پنهنجو پاڻ کي چيائين ”ٺيڪ آهي، وڃڻ ڏئينس. ان سان سچي محبت ڊڄي ڀڄي ڪانه ويندي.“ ۽ اهو يقين ڪرڻ بعد ته محبت سچي هئي ۽ پوءِ چاهي هو خوش هجي يا اداس، صحتمند هجي يا بيمار، چاهي هو ڪهڙي حال ۾ به هجي، محبت سندس راهون تڪي رهي هوندي. اهو سوچي هن پنهنجي اندر هڪ نئين طاقت کي ڪَرَ موڙيندي محسوس ڪيو. +انهيءَ صبح جو هن بنان گهوڙين هلڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ڏاڍي احتياط سان بستري تان اٿيو ۽ ٽنگون ٽيڙي بيهي رهيو. ڏاڍيءَ بيوسيءَ مان ٻئي ٻانهون هوا ۾ پکيڙي توازن قائم ڪرڻ لڳو. ڀت کي جهلي هن هڪڙو قدم اڳيان وڌايو. سندس نقلي پيرن جي چمڙيءَ چَر چَر ڪئي. سندس بدن لُڏيو، پر هن ٻانهن سان توازن قائم رکيو. هن ساڳئي طرح ڀت کي جهلي ٻيو قدم کنيو. هن ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو ته ڪو هلڻ به ايڏو مشڪل ڪم ٿي سگهي ٿو. جڏهن هن ٽيون قدم کنيو ته سندس جسم جهڪي ويو ۽ سندس پيرن جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ هو ڦهڪو ڪري پٽ تي اچي ڪريو. +انهيءَ ورزش لاءِ هن اهو وقت چونڊيو هو، جڏهن سڀ مريض مختلف علاج ڪرائڻ هليا ويندا هئا ۽ پويان فقط اليڪسي اڪيلو رهجي ويندو هو. هن ڪنهن کي به مدد لاءِ ڪونه سڏيو. هو ڀت تائين گسڪي ويو ۽ ان جي سهاري سان اٿي بيٺو. هن پنهنجي پاسي تان هٿ گهمايو، جتي کيس ڌڪ لڳو هو ۽ ٺونٺ جي رهڙ ڏٺائين، جيڪا ڳاڙهي ٿي رهي هئي. هن ڏند ڀڪوڙيا ۽ ڀت کان هٽي هڪڙو قدم ٻيو به کنيائين. کيس خبر پيئي ته هن کي هلڻ جو گُر سمجهه ۾ اچي ويو آهي. سندس اصلي ۽ نقلي پيرن ۾ فرق هي هو ته نقلي پيرن ۾ لچڪ ڪانه هئي. هو اڃا تائين انهن کان اڻ ڄاڻ هو ۽ اڃا تائين کيس انهن جي هير ڪانه هئي، اڃا تائين کيس هلڻ ۾ خود بخود پيرن بدلائڻ جي مهارت حاصل نه ٿي هئي. اڃا تائين اها خبر ڪانه هئس ته هڪڙو قدم کڻي جسم جو بوجهه کڙين کان پنجن تائين خود بخود ڪيئن منتقل ڪجي ۽ ٻيو قدم کڻندي، ٻئي پير جي کڙين تي بدن جو بار ڪيئن وڌو وڃي؟ ۽ گڏوگڏ کيس اڃا تائين اها به خبر ڪانه هئي ته ٻئي پير برابر نه، پر ٿورا هڪٻئي کان آڙا ٽيڙا ڪري رکبا آهن. انهيءَ ڪري ئي ته هلڻ ۾ توازن برقرار رهي ٿو. +اليڪسيءَ دل ۾ ڀڻي ڪيو ته سندس منزل ڪهڙي آهي؟ ۽ پوءِ ان تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. هو ديوار کان الڳ بيٺو هو ۽ سندس جسم لڏي رهيو هو. هو توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هن محسوس ڪيو ته ٻه ٽي قدم کڻڻ کان پوءِ سندس نڪ تي پگهر جا ڦڙا جمع ٿي ويا هئا. +بلڪل اوڏيءَ مهل واسيلي واسيلي وچ کيس ڏٺو. هو در وٽ بيهي کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ وڌي کيس ڀاڪر ۾ جهلي سهارو ڏنائين ۽ چيائين: +”تمام سٺو، ڇو تون اڪيلو ڇو؟ نه ڪا نرس ۽ نه ڪو خدمتگار؟ ڏاڍو آن ۽ شان وارو آهين. پر ڪا پرواهه ناهي. هر ڪم ۾ پهريون قدم سڀ کان اهم هوندو آهي ۽ تو اهو مشڪل ترين مرحلو طئي ڪري ورتو آهي.“ +ٿورو وقت اڳ واسيلي واسيلي وچ هڪ انتهائي اهم طبي اداري جو صدر مقرر ٿيو هو. هي تمام وڏو ڪم هو ۽ ان ۾ تمام گهڻو وقت ٿي لڳو. تنهن ڪري اسپتال وارو ڪم کيس ڇڏڻو پيو هو. ليڪن هي پوڙهو اڃا تائين اتي صلاحڪار پڻ هو. جيتوڻيڪ ٻيو عملو اسپتال جي نگراني ساڳيءَ طرح ڪندو هو، پر پوءِ به هو هر روز هتي ضرور ايندو هو ۽ جيڪڏهن وٽس وقت هوندو هو ته وارڊن جو چڪر به ضرور لڳائيندو هو ۽ صلاح مشورو ڪندو هو. پنهنجي پٽ جي موت کان پوءِ هو هڪ بدليل انسان ٿي لڳو. سندس ٻاراڻين عادتن سان ڀريل ريجهالپڻو ختم ٿي چڪو هو. هاڻي هو نه رڙيون ڪندو هو ۽ نه ڪنهن تي ڪاوڙبو هو ۽ جيڪي ماڻهو کيس سڃاڻندا هئا، سي انهيءَ کي پوڙهپڻ جي نشاني سمجهندا هئا. +”هليا ميريسئف، هاڻ پاڻ ٻئي گڏجي هلڻ سکنداسين.“ هن تجويز رکي ۽ پنهنجي قافلي ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”توهان وڃي پنهنجو ڪم ڪريو، هتي ڪو سرڪس ته ڪونهي جو بيٺا تماشو ڏسو. مون کان سواءِ ئي معائني جو ڪم پورو ڪريو.“ پوءِ ميريسئف کي چيائين: ”ها هاڻي هل ڇوڪرا. هڪ......! مون کي جهلي بيهه، جهلي بيهه، ڦڪو نه ٿيءُ. آءٌ جنرل آهيان ۽ توکي حڪم مڃڻو پوندو. هاڻي، ها، ٻه! ٺيڪ آهي. هاڻي کاٻو پير. بلڪل صحيح! هاڻي ساڄو، واهه واهه، تمام سٺو.“ +مشهور سرجن خوشيءَ وچان هٿ مهٽڻ لڳو، ڄڻڪ هڪ ماڻهوءَ کي پنڌ ڪرڻ سيکاري، هو خبر ناهي ڪيڏو وڏو تجربو ڪري رهيو هجي. ليڪن هن جي طبيعت ئي اهڙي هئي. هو جيڪو به ڪم ڪندو هو ته ان ۾ بلڪل گم ٿي ويندو هو ۽ هر ڪم ۾ پنهنجو شاندار ۽ پرجوش روح تائين به شامل ڪري ڇڏيندو هو. هر ڪم ۾ پنهنجو تن من۽ ڌن لڳائي ڇڏيندو هو. هن اليڪسيءَ کي وارڊ جي سموري ڊيگهه پار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ جڏهن هو ٿَڪ کان چور، هڪ ڪرسيءَ تي ڊهي پيو ته هن ٻي ڪرسي ريڙهي سندس پاسي ۾ ڪئي ۽ چيو: +”چڱو ڀلا، ٻڌاءِ ته اسان هوائي جهاز اڏائينداسين؟ منهنجو خيال آهي ته تون ضرور هوائي جهاز اڏائيندين. منهنجا ٻچا! هن جنگ ۾ ماڻهن جي سڄي ٻانهن ڪٽجي وڃي ٿي، پر پوءِ به هو سڄي ڪمپنيءَ کي وٺي اڳيان وڌن ٿا ۽ حملو ڪن ٿا. موتمار زخم کائي به ماڻهو ٽينڪون ۽ مشين گنون هلائين ٿا. ماڻهو مشين گنن اڳيان ديوار بنجي بيهي رهن ٿا..... صرف مردا ئي ڪونه وڙهي رهيا آهن.....“ پوڙهي پروفيسر جو چهرو ڪومائجي ويو ۽ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو ”ليڪن جيڪي مري ويا آهن، سي به وڙهي رهيا آهن. انهن جو شان ۽ نالو وڙهي رهيو آهي. ها...... هليا نوجوان، هاڻي اسين ٻيهر هلڻ شروع ڪيون.“ +جڏهن اليڪسيءَ پنهنجو ٻيو ڦيرو مڪمل ڪري ساهي کڻڻ لاءِ ويٺو ته پروفيسر گووزديف جي کٽ ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو: ”ٽينڪ مين ڪٿي آهي؟ ڇا کيس موڪل ملي ويئي؟“ +اليڪسيءَ کيس ٻڌايو ته ٽينڪ مين صحتياب ٿي، پنهنجي يونٽ ۾ واپس هليو ويو آهي. صرف اها ڪمي رهجي ويئي ته سڙڻ جي ڪري سندس چهرو بنهه مسخ ٿي چڪو هو، خاص ڪري هيٺيون حصو. +”ته هن توکي خط به لکيو؟ شايد سندس دل ٽٽي پيئي هوندي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ساڻس ڇوڪريون محبت ڪين ڪنديون. کيس مشورو ڏي ته ڏاڙهي مُڇون رکائي. آءٌ سنجيدگيءَ سان چوان پيو. هو بنهه نئون ۽ نرالو ماڻهو لڳندو ۽ ڇوڪريون مٿس ساهه ڇڏينديون.“ +هڪ نرس ڊوڙندي، سهڪندي اندر آئي ۽ واسيلي واسيلي وچ کي چيائين ته عوامي ڪميسارن جي ڪائونسل مان ٽيليفون آئي آهي. هو اٿيو ۽ در وٽ پهتو ته مڙي خوش ٿي چيائين: +”ها، هن کي لکڻ نه وسارجانءِ. ڇا آهي نالو........؟ هو تنهنجو دوست....... هن کي لکجانءِ ته مون ڏاڙهيءَ جو نسخو تجويز ڪيو آهي، سندس لاءِ. هي هڪ آزمايل ڏس آهي ۽ پوءِ عورتون ان تي ساهه ٿيون ڇڏين.“ +شام مهل اسپتال جو پوڙهو ملازم اليڪسيءَ لاءِ آبنوس جو هڪ پراڻو لڪڻ کڻي آيو، جيڪو ڏاڍو خوبصورت هو. هن جو آرامده مُٺيو عاج جو ٺهيل هو ۽ مٿس ڏاڍي سهڻي گلڪاري ٿيل هئي. +”پروفيسر تنهنجي لاءِ موڪلي آهي.“ پوڙهي ملازم چيو. ”هي لڪڻ واسيلي واسيلي وچ جو پنهنجو آهي، جيڪو توکي سوکڙيءَ طور موڪليو اٿس ۽ چيو اٿس ته هاڻ توکي لڪڻ جي سهاري هلڻ گهرجي.“ + + +(15) +محاذ تي ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي خاموشي ڇانيل هئي، جيڪا ڪنهن ايندڙ زبردست طوفان جو ڏس ڏئي رهي هئي. جيڪي خبرون پئي آيون، تن مان معلوم ٿي ٿيو ته صرف ڪي معمولي جهڙپون پئي ٿيون. ميريسئف ۽ استروچڪوف ٻئي تجربيڪار سپاهي هئا، تن ڄاتو ٿي ته گشت ڪندڙ ٽولين جي معمولي جهڙپن جو مطلب ڇا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو به ته خاموشي جيتري ڊگهي ٿيندي وڃي ۽ هيءَ خاموش ڇڪ ڇڪان جيتري گهڻي دير تائين قائم رهندي، طوفان ايترو ئي وڌيڪ خوفناڪ هوندو. +هڪ ڏينهن خبرنامي ۾ سوويت يونين جي هيرو نشاني باز استيپان ايووشڪن جو حوالو هو، جنهن ڪنهن هنڌ ڏاکڻي محاذ تي پنجويهن جرمنن کي ماريو هو ۽ هاڻ سندس هٿان مرندڙ جرمن سپاهين جو تعداد ٻن سون تائين پهچي ويو هو. گووزديف جو هڪ خط آيو هو، پر هن اهو بلڪل ڪونه لکيو هو ته هاڻ هو ڪٿي آهي ۽ ڇا پيو ڪري؟ البت هن اهو لکيو هو ته هو پنهنجي اڳوڻي ڪمانڊر ياول روتمستروف وٽ پهچي ويو آهي ۽ هو ڏاڍو خوش آهي. هن اليڪسيءَ کي لکيو ته خط ملڻ تي هو انيوتا کي فقط هڪڙي سٽ جو خط لکي ۽ اهو به ته هن پاڻ به انيوتا کي خط لکيو هو، پر خبر ناهي ته انيوتا کي خط ملن ٿا يا نه؟ +انهن ٻنهي ڳالهين مان ڪنهن به فوجيءَ کي بنهه صاف خبر پئجي سگهي ٿي ته ڪنهن هنڌ ڏاکڻي محاذ تي ڪو وڏو طوفان اچڻو آهي. اليڪسيءَ انيوتا کي هڪ خط لکيو ۽ گڏوگڏ گووزديف کي به خط لکي، کيس پروفيسر جي ڏاڙهي مُڇون رکڻ وارو مشورو پڻ ٻڌايائين. +وارڊ نمبر 42 ۾ هڪ خوشگوار واقعو ٿيو. هڪ فرمان جاري ٿيو، جنهن موجب استروچڪوف کي سوويت يونين جو ’هيرو‘ جو خطاب مليو. ليڪن هيءَ مسرت بخشيندڙ خبر به استروچڪوف کي خوش رکي نه سگهي. هو ٻيهر خاموش ۽ اجهاڻو اجهاڻو پئي لڳو ۽ پنهنجي زخمي گوڏن کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائيندو هو، جن کيس هن – هڻ هڻان واري دور ۾ بستري تي سمهاري ڇڏيو هو. هن جي غمگينيءَ جو هڪڙو ٻيو به سبب هو، جنهن کي هو لڪائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪندو هو، پر انهيءَ راز جي اليڪسيءَ کي بنهه اوچتو ئي خبر پئجي ويئي. +هاڻ اليڪسيءَ جو ذهن فقط هڪ نقطي تي کتل هو ته هلڻ سکجي ۽ بس. تنهن ڪري کيس خبر ئي ڪانه پئي ته سندس چوطرف ڇا پيو وهي واپري؟ هو روزانو مقرر ڪيل پروگرام تي سختيءَ سان عمل ڪندو هو. اهو ٽن ڪلاڪن جو پروگرام هو. هڪ هڪ ڪلاڪ صبح، منجهند ۽ شام. هو پنهنجي نقلي پيرن سان هلڻ جي مشق ڪندو هو. شروع ۾ ته ٻين وارڊن جا مريض ڏاڍو بيزار ٿياــــــــــــ جيڏي مهل ڏس، تيڏي مهل هو گهڙيءَ جي ڪانٽي وانگر بنهه پابنديءَ سان نيري پهراڻ ۾ هڪ پاڇولي وانگر نڪرندو هو ۽ هنن جي کليل دروازن وٽان ٿڙندو ٿاٻڙندو لنگ��ندو هو. اهي کيس خاص وقتن تي ڏسڻ جا ايترا هيراڪ ٿي ويا هئا جو هڪ ڏينهن جڏهن اليڪسي زڪام جي ڪري ٻاهر ڪونه نڪتو ته خاص ماڻهو موڪلي، سندس حال پڇيائون ته همراهه ڪيئن آهي؟ +هو صبح جو ورزش ڪندو هو ۽ پوءِ ڪرسيءَ تي ويهي پيرن کي انهيءَ چرپر تي هيريندو هو، جيڪي هوائي جهاز هلائڻ لاءِ نهايت ضروري هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ايتري دير تائين ورزش ڪندو هو، جو سندس مغز ۾ چڪر اچي ويندا هئا ۽ سندس ڪنن ۾ توتڙيون وڄڻ لڳنديون هيون. سندس اکين اڳيان تارا نچڻ لڳندا هئا ۽ سندس پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳندي هئي. جڏهن به ائين ٿيندو هو، تڏهن هو مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهندو هو ۽ ٿوري دير ليٽي پوندو هو ته جيئن جلد ئي ٻيهر سندس قوت بحال ٿئي ۽ هو هلڻ واري ورزش ۾ وقفو نه وجهي. +ان ڏينهن به هو ايتري دير تائين هليو هو جو سندس دماغ چڪرائجي ويو ۽ کيس ڪابه شيءِ نظر ڪانه پئي آئي. هو هٿوراڙيون ڏيندو وارڊ ۾ داخل ٿيو ۽ وڃي پنهنجي بستري تي ڪري پيو. جڏهن سندس هوش بحال ٿيو ته هن ڪجهه آواز ٻڌا ــــــــــ ڪلاوديا جو پرسڪون ۽ ڪي قدر طنز ڀريو آواز ۽ استروچڪوف جو التجا ۽ منٿ وارو آواز. ٻئي ڄڻا ڳالهه ٻولهه ۾ ايترا ته محو هئا جو کين اليڪسيءَ جي اچڻ جي به سڌ ڪانه پئي. +”يقين ڪر، آءٌ بنهه سنجيدگيءَ سان پيو چوان. ڇا توکي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي؟ تون عورت آهين يا نه؟“ +”ها، آءٌ بلڪل عورت آهيان، پر منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون ان موضوع تي سنجيدگيءَ سان ڳالهائي به سگهين ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته مون کي تنهنجي سنجيدگيءَ جي به ضرورت ڪانهي.“ +استروچڪوف کي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ هن رڙ ڪري چيو: +”آءٌ توسان محبت ڪريان ٿو. مون تي لعنت هجي. تون عورت ڪين آهين، تون ته پٿر جو بوتو آهين، جنهن کي ڪجهه به نظر نٿو اچي. سمجهيئي؟“ ائين چئي هن منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ دريءَ جي شيشي تي آڱريون وڄائڻ لڳو. +ڪلاوديا هڪ تجربيڪار نرس وانگر آهستي آهستي ۽ احتياط سان قدم کڻندي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳي. +”ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڇا تون مون کي جواب ڪونه ڏيندينءَ؟“ ”ان باري ۾ ڳالهائڻ جي نه هيءَ جاءِ آهي ۽ نه وقت. آءٌ هينئر ڊيوٽيءَ تي آهيان.“ +”تون صاف صاف ڇو نٿي ڳالهائين؟ مون کي ستائين ڇا لاءِ پئي؟ جواب ڏي مون کي.“ ميجر جي آواز ۾ ڏاڍو درد ڀريل هو. +ڪلاوديا دروازي وٽ بيهي رهي. اونداهي ورانڊي جي پس منظر ۾ هن جو سهڻو سلوڻو ۽ دلڪش وجود اڃا به وڌيڪ نمايان ٿي ويو هو. ميريسئف کي ڪڏهن شڪ شبهو به ڪونه ٿيو هو ته هيءَ ماٺيڻي نرس، جيڪا هاڻ جوان ڪانه رهي هئي، پنهنجي ڪردار ۾ ايڏي ثابت قدم ٿي سگهي ٿي. هوءَ ڳاٽ اوچو ڪريو، دروازي وٽ بيٺي هئي ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ ميجر کي ڪنهن اوچي مينار تان ڏسي رهي هجي. +”تمام سٺو.“ هن چيو، ”ته هاڻي صاف صاف ٻڌ ـــــــــــ آءٌ توسان پيار نٿي ڪريان ۽ شايد آءٌ توسان ڪڏهن به محبت ڪري نه سگهنديس.“ +هوءَ هلي ويئي. ميجر ڌڙام ڪري بستري تي ڪري پيو ۽ وهاڻي ۾ منهن لڪائي ڇڏيائين. هاڻي اليڪسيءَ کي سمجهه ۾ اچي ويو ته گذريل ڏينهن کان ميجر جو رويو ايترو عجيب ڇو هو؟ +واقعي هو ڏاڍي اذيت برداشت ڪري رهيو هوندو. اليڪسيءَ کي مٿس ترس اچڻ لڳو ۽ گڏوگڏ هو خوش به ٿيو. ميجر بستري تان اٿيو ته اليڪسي مٿانئس مسخري ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. +”هاڻ ٻڌاءِ ڪامريڊ ميجر ته آءٌ تنهنجي ٻوٿ تي کانگهارو هڻان يا نه؟“ +جيڪڏهن اليڪسيءَ کي ذرو به خبر هجي ها ته سندس اهي لفظ هن تي ڪو اثر ڇڏيندا ته هو ڪڏهن به اهڙي مسخري ڪونه ڪري ها. استروچڪوف ڊوڙي اليڪسيءَ جي پلنگ وٽ آيو ۽ انتهائي افسوس سان چ��ڻ لڳو: ”هڻ ٿڪ منهنجي منهن تي. آءٌ آهيان ئي ان لائق. پر هاڻي آءٌ ڇا ڪندس؟ مون کي ٻڌاءِ، ٻڌاءِ ته هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟ تو اسان جون ڳالهيون ٻڌيون آهن. ٻڌيون اٿئي نه؟“ +هو ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي اليڪسيءَ جي پلنگ جي ڪناري تي ويهي رهيو. هن جو سڄو بدن ڏڪي رهيو هو. +”شايد تو سمجهيو ته مون هن سان کيڏ پئي ڪئي؟ نه، آءٌ هن سان چالاڪي ڪونه پيو ڪريان. آءٌ سنجيدو آهيان، مون هن بيوقوف ۽ مورک سان سموري خلوص سان پنهنجي محبت جو اقرار ڪيو هو.“ +شام جو ڪلاوديا معمول مطابق آئي. هوءَ هميشه وانگر خاموش، مهربان ۽ صابر نظر پئي آئي. هن جي چهري تي راحت لياڪا پائي رهي هئي. هن ٻين وانگر ميجر ڏانهن به نهاري مسڪرايو. پر ميجر کي ڏسي کيس گهٻراهٽ ۽ ڊپ پئي ٿيو. استروچڪوف دريءَ تي ويٺو، ڏندن سان آڱر جو ننهن ڪٽي رهيو هو ۽ جڏهن ورانڊي ۾ ڪلاوديا جي پيرن جو آواز پري وڃي رهيو هو، تڏهن هن سندس پويان نگاهه ڊوڙائي. هن جي چهري تي ڪاوڙ، درد ۽ پيڙا جي گڏيل ڪيفيت هئي. ”سوويت حور!“ هو گرجيو. ”ڪنهن احمق هن کي اهو نالو ڏنو آهي؟ هوءَ نرس جي ويس ۾ هڪ شيطان آهي.“ +آفيس مان هڪڙي اڌيڙ عمر جي سڪل نرس آئي ۽ پڇڻ لڳي: ”ڇا هتي اليڪسي ميريسئف هلڻ ڦرڻ وارو ڪو مريض آهي؟“ +”نه، هو ڊوڙڻ ڀڄڻ وارو مريض آهي.“ استروچڪوف زور سان چيو. +”آءٌ هتي کل ڀوڳ ڪرڻ ڪانه آئي آهيان.“ نرس سختيءَ سان چيو. ”ميريسئف اليڪسي، سينيئر ليفٽيننٽ، ٽيليفون تي ڪير توهان کي سڏي رهيو آهي.“ +”ڪا جوان ڇوڪري آهي؟“ استروچڪوف ۾ ساهه پئجي ويو ۽ هن نرس کي اک ڀڃندي چيو. +”مون ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ ڪونه ڏٺو آهي.“ نرس بڙ بڙ ڪندي ۽ ڏاڍي شان سان وارڊ مان نڪري ويئي. +اليڪسيءَ بستري تان ٽپ ڏنو. هن خوشيءَ مان ٻهڪندي لڪڻ جي سهاري سان هلندي، وڃي نرس کي جهليو ۽ واقعي ورانڊي ۾ ڊوڙندي هو نرس کان به اڳيان نڪري ويو. هڪ مهيني کان وٺي هو اوليا جي جواب جو انتظار ڪري رهيو هو. هن جي دماغ ۾ هي خيال ڊوڙي ويو: ”شايد هوءَ ئي هجي!“ ليڪن ائين ٿي نٿو سگهي. ههڙي زماني ۾ هوءَ اسٽان گراڊ کان ماسڪو اچي ئي نٿي سگهي. تنهن کان سواءِ کيس منهنجو اسپتال ۾ ڏس ڪنهن ڏنو هوندو؟ هن ته اوليا کي لکيو هو ته هو ماسڪو جي ٻهراڙين ۾ محاذ جي پٺيان ڪنهن آفيس ۾ ڪم پيو ڪري. پر ان لمحي کيس معجزي تي يقين اچي ويو ۽ کيس محسوس به نه ٿيو ته ڪو هو نقلي پيرن سان ڊوڙي رهيو آهي ۽ پهريون ڀيرو ڊوڙي رهيو آهي. +هن آواز جهٽڻو کنيو ۽ کيس هڪ خوشگوار، گهرو ۽ بنهه اجنبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن آواز پڇيو ته وارڊ نمبر 42 جي اليڪسيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي؟ اليڪسيءَ ڏاڍي تيز ۽ ڪاوڙ ڀريل لهجي ۾ جواب ڏنو، ڄڻڪ ان سوال ۾ ڪا دل آزاريءَ جي ڳالهه هئي: ”ها!“ +هڪ پل لاءِ ڪوبه آواز ڪونه آيو. هاڻي هي آواز گهٽيل هو ۽ منجهس هڪ قسم جي ڪشمڪش هئي. هن زحمت لاءِ معافي گهري. صاف ظاهر هو ته کيس اليڪسيءَ جي کهري انداز مان تڪليف پهتي هئي. هن وڏيءَ جاکوڙ کان ڪم وٺندي چوڻ شروع ڪيو: ”آءٌ انيوتا آهيان، گووزديف جي هڪ دوست، توهان مون کي ڪونه ٿا سڃاڻو؟“ +”ڇا تون انيوتا آهين؟ انيوتا؟ آءٌ توکي تمام چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. گريشا مون کي تنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو هو.........“ ”هو آهي ڪٿي؟ هن کي ٿيو ڇا جو هو بلڪل اوچتو ئي اوچتو هليو ويو؟ گهگهو وڳو هو ته آءٌ ٻاهر نڪتي هيس. توکي خبر هجڻ کپي ته آءٌ ترت علاج واري جٿي ۾ شامل آهيان. اتان آءٌ موٽيس ته هو غائب هو. هن نه پنهنجو پتو ڇڏيو ۽ نه ڪا چٺي چپاٽي...... پيارا اليوشا....... اوه معاف ڪجو، ائين پئي اوهان کي مخاطب ڪريان، آءٌ به توهان کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. مون کي هن جي باري ۾ ڏاڍي پريشاني آهي. آءٌ اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته هينئر ڪٿي آهي ۽ ايترو جلد هو ڇو هليو ويو هو.........؟“ +اليڪسيءَ جي دل جذبات جي گرميءَ کان وهلورجي ويئي. هن کي پنهنجي دوست جي لاءِ ڏاڍي خوشي ٿي. هن مسخري کي غلط فهمي ٿي هئي. ڏاڍو جذباتي آهي. ته چئبو ته مخلص ڇوڪريون سپاهيءَ جي معذور ٿيڻ جي ڪري کانئس خوف کائي منهن نٿيون موڙين. ان جو مطلب هي ٿيو ته هو به ڪنهن تي ڀروسو ڪري سگهي ٿو، جيڪا هن جي لاءِ پريشان ٿيندي هوندي ۽ هن کي ساڳيءَ طرح ڳولي رهي هوندي، جيئن انيوتا پئي ڳولي. اهو خيال سندس دماغ ۾ بجليءَ وانگر ڊوڙي ويو. هو آواز جهٽڻي ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ جوش کان ڏڪي رهيو هو. +”انيوتا! سڀڪجهه ٺيڪ آهي. هو هڪ افسوسناڪ غلط فهميءَ جو شڪار ٿي ويو هو. هو هاڻ بنهه ٺيڪ آهي ۽ ٻيهر محاذ تي وڙهي رهيو آهي. ها، محاذ تي وڙهندڙ سپاهين کي پوسٽ باڪس نمبر 42531 جي پتي تي خط لکي سگهجي ٿو. ٻي ڳالهه ٻڌ، هو ڏاڙهي پيو رکي. الله جو قسم انيوتا! هڪ شاندار قسم جي ڏاڙهي...... جهڙي........ جهڙي ڇاپي مارن جي ڏاڙهي هوندي آهي، ڏاڙهي ڏاڍي سهڻي لڳندي آهي.“ +انيوتا کي ڏاڙهيءَ وارو خيال ڪجهه آئڙيو ڪونه. هن جي خيال ۾ اها هڪ غير ضروري شيءِ هئي. اليڪسي اها ڳالهه ٻڌي اڃا به وڌيڪ خوش ٿيو. هن وراڻيو ته انهيءَ صورت ۾ ته گريشا منٽ ۾ ڏاڙهي چٽ ڪري ڇڏيندو. حالانڪ هر ماڻهوءَ جو خيال هو ته ڏاڙهي کيس ڏاڍي ٺهي ٿي. +نيٺ جڏهن هنن ٻنهي آواز جهٽڻو رکيو، تڏهن هو ٻئي پاڻ ۾ گهرا دوست بنجي چڪا هئا. اها ڳالهه طئي ٿي ته ميريسئف اسپتال مان وڃڻ کان اڳ ۾ کيس ٽيليفون ڪندو. وارڊ ڏانهن واپس ويندي کيس ياد آيو ته پاڻ ٽيليفون ٻڌڻ لاءِ ڊوڙندو آيو هو. هن ٻيهر ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيڪار، نقلي پيرن جهٽڪن جي ڪري سندس ٽنگن ۾ زبردست سور جون سوٽون اُڀري رهيون هيون ۽ سور جي پيڙا سڄي بدن ۾ ڊوڙي رهي هئي. پر پرواه ناهي، هو اڄ نه ٿو ڊوڙي سگهي ته سڀاڻي ضرور ڊوڙندو. جيڪڏهن پرهينءَ نه ته ان کان هڪ ڏينهن پوءِ، پر هو ڊوڙندو ضرور. سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. يقينًا هو ڊوڙڻ ۽ هوائي جهاز اڏائڻ لائق ٿي ويندو. هو يقيني طور ٻيهر وڙهي سگهندو ۽ ڇاڪاڻ ته کيس عهد ڪرڻ جو شوق هو، تنهن ڪري هن عهد ڪيو ته پهرين فضائي جنگ ۾ حصو وٺڻ ۽ پهريون جرمن هوائي جهاز ڪيرائڻ کان پوءِ هو اوليا کي خط لکندو ۽ کيس سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو. پوءِ نتيجو چاهي ڪهڙو به وڃي نڪري. + + +ٽيون حصو +(1) +1942ع جون گرميون پنهنجي پوري جوڀن تي هيون. ورزشي بدن وارو هڪ نوجوان، جنهن کي هوائي فوج جي وردي پاتل هئي، ماسڪو جي فوجي اسپتال جي شاهه بلوط مان ٺهيل ڳري در مان ٻاهر نڪتو. هو آبنوس جي لڪڻ جي سهاري هلي رهيو هو. سندس قميص جي ڪالر تي سينيئر ليفٽيننٽ جو نشان لڳل هو. ساڻس گڏ هڪ عورت هئي، جيڪا هڪ سفيد پهراڻ پايو پئي هلي. سندس مٿي تي ڳاڙهي نشان (ريڊڪراس) وارو رومال، جهڙو رومال پهرين مهاڀاري جنگ ۾ نرسون استعمال ڪنديون هيون،سندس نرم ۽ خوبصورت چهري ۾ ڏاڍي پاڪيزگي پيدا ڪري رهيو هو. هو ٻئي چانٺ وٽ بيهي رهيا. هواباز پنهنجي مروڙيل سريل ٽوپي مٿي تان لاٿي ۽ نرس جي هٿ تي چمي ڏيڻ لاءِ ڏاڍي عجيب انداز ۾ هيٺ جهڪيو. نرس سندس پيشاني ٻنهي هٿن ۾ جهلي ۽ سندس نرڙ تي چمي ڏني. ان کان پوءِ هواباز ٿڙندڙ انداز ۾ هلندو، تيز قدمن سان چاڙهيءَ تان لٿو ۽ اسپتال جي ڊگهي عمارت سان لڳولڳ درياءَ جي ڪنڌيءَ سان هلڻ لڳو ۽ پوئتي مڙي به ڪونه ڏٺائين. +رات جي سمهڻ جا نيرا، پيلا ۽ ڀورا ڪپڙا پاتل مريض درين مان هٿ، لڪڻ يا ڪاٺ جون گهوڙيون لوڏي کيس الوداع چئي رهيا هئا ۽ گلو ڦاڙي کيس الوداعي نصيحتون ڪري رهيا هئا. هو سڀني کي هٿ لوڏي جواب ڏيئي رهيو هو. هو لڪڻ جي معمولي سهاري سان تيز ۽ ڪجهه ٿڙندڙ انداز ۾ هلي رهيو هو. جيڪڏهن هر قدم سان چمڙي جي معمولي مِچ مِچ جو آواز نه اڀري ها ته ڪر ڪنهن کي هڪ پل لاءِ به اهو گمان ڪونه ٿئي ها ته ڪو هي جانٺو جوان ۽ مضبوط بدن وارو سريلو ماڻهو پنهنجي اصلي پيرن کان محروم آهي. +اسپتال کان موڪل ملڻ بعد کيس صحت بحال ڪرڻ لاءِ ماسڪو جي ويجهو، هوائي فوج جي سينيٽوريم ۾ موڪليو ويو. ميجر استروچڪوف کي پڻ ساڳي سينيٽوريم ۾ موڪليو ويو هو. هن کي هڪ ڪار کڻڻ آئي هئي، پر اليڪسيءَ اسپتال جي انتظاميه کي چيو ته ماسڪو ۾ سندس مائٽ رهن ٿا، جن سان ملڻ کان سواءِ هو ڪونه ويندو. هن پنهنجو ٿيلهو ميجر کي ڏنو، پاڻ پيدل ئي روانو ٿي ويو ۽ وعدو ڪيائين ته هو شام واري بجليءَ تي هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ سينيٽوريم پهچي ويندو. +ماسڪو ۾ سندس ڪوبه مائٽ ڪونه هو، پر هن گاديءَ واري شهر جو سير ڪرڻ ٿي چاهيو. گڏوگڏ ائين بي سهارو هلڻ جي صلاحيتن جو پڻ اندازو ڪرڻ ٿي چاهيو. هن شور مچائيندڙ ماڻهن جي انبوه ۾ گم ٿي وڃڻ ٿي چاهيو، جن کي هن جو تِر جيترو به فڪر ڪونه هو. هن انيوتا کي ٽيليفون ڪيو هو ۽ پڇيو هو ته آيا هوءَ ساڻس 12 وڳي ملي سگهي ٿي ۽ ڪٿي؟ ها، پوشڪن جي مجسمي وٽ........ درياءَ جي ڪناري تي، جتي درياءَ جون ڇوليون هڻندڙ پاڻي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيو هوندو هو. گرمين جي گرم هوا ۾ وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هو ۽ هوا ۾ ڀيني ڀيني ۽ وڻندڙ سرهاڻ واسيل هئي. +جيڏانهن ڪجي نگاه، تيڏانهن پسجي پرينءَ کي وانگر هر طرف سڀڪجهه ڪيترو نه سهڻو، ڪيترو نه حسين ۽ ڪيترو نه وڻندڙ هو. سندس پاسي مان جيتريون به عورتون لنگهيون، سڀ کيس ڏاڍيون وڻيون. چهچ ساون وڻن ۾ ته غضب جي خوبصورتي هئي. صاف ۽ شفاف هوا ۾ اهڙي ته تازگي هئي، جو ماڻهو مست ٿيو ٿي ويو. فضا ايتري ته صاف ۽ شفاف هئي جو کيس هر شيءِ بنهه ويجهي ٿي لڳي. جيڪڏهن هو هٿ وڌائي ته ڪريملن جي ديوارن کي ڇهي ٿي سگهيو. ان کان اڳ هن انهن ديوارن کي فقط تصويرن ۾ ڏٺو هو. ايوانِ اعظم جي گهڙيال گهر جو گُنبذ ۽ پل جو وڏو ۽ هيٺاهون محراب پاڻي تي جهڪيل پئي نظر آيو. شهر ۾ واسيل مٺڙي ۽ مست ڪندڙ سُڳنڌ کيس پنهنجو ننڍپڻ ياد ڏياري ڇڏيو هو. هيءَ يادگيري اوچتو ڪٿان اچي نڪتي؟ هُن جي دل ايترو زور سان ڇو ڌڙڪي رهي هئي؟ هو پنهنجي ماءُ جي باري ۾ ڇو سوچي رهيو هو؟ موجوده جهور پوڙهي ۽ نٻل ماءُ جي باري ۾ نه، پر تڏهوڪي جوان، قداور ۽ ڊگهن وارن واري، خوبصورت ماءُ جي باري ۾! هو ماءُ سان گڏ هڪ ڀيرو به ماسڪو ڪونه آيو هو. +هو ڪريملن جي ديوار سان لڳولڳ سنسان پنڌ تي هلندو رهيو. ٿوري دير لاءِ وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ هو ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهيو. پوءِ آهستي آهستي هو لال چوڪ ڏانهن ويندڙ چڙهائيءَ تي چڙهڻ لڳو. پڪن رستن تي ۽ چوڪن تي بيٺل وڻن ۾ ساوڪ جي ڀرپور رونق موجود هئي ۽ هلڪي هلڪي ۽ ڀيني ڀيني خوشبوءِ وارن گلن تي ماکيءَ جي مکين جو ڀونڀاٽ پئي پيو. +ـــــــــ ته هي آهي ماسڪو جو شهر! +اسپتال ۾ چار مهينا رهڻ کان پوءِ اليڪسي گرم موسم جو هي شان ۽ رعنائي ڏسي اهڙو ته حيران ٿيو جو پهرين ته کيس محسوس ئي ڪونه پئي ٿيو ته ڪو گاديءَ وارو شهر هوائي فوج جي اصطلاح ۾ ”تياري نمبر پهريون“ جي صورتحال ۾ آهي، يعني ڪنهن به گهڙيءَ دشمن جي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. +اليڪسي هاڻي هلي هلي ڏاڍو ٿڪجي پيو هو ۽ هو پنهنجي لڪڻ تي گهڻو ٻوجهه وجهي، پاڻ کي گهليندو گورڪي سڙڪ تي هلڻ لڳو. ڏاڍي مشڪل سان هو پاڻ کي پوشڪن جي مجسمي ڏانهن گهلي رهيو هو. رستي ۾ هو ساهي پٽڻ لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا ويٺو هو. هو لڪڻ جي ٽيڪ تي ٿورڙي دير لاءِ بيهي ٿي رهيو ۽ وري هلڻ ٿي لڳو. پوشڪن جي مجسمي وٽ پهچي هو ڇانو ۾ سائي ڇٻر تي ٽنگون پکيڙي ويهي رهيو. هن جون ٽنگون، جيڪي نقلي پيرن سان ٻڌل هيون، درد ۽ پيڙا ۾ جلي رهيون هيون. هو ڏاڍو ٿڪل هو، پر پوءِ به ماحول ۾ جيڪا فرحت ۽ راحت هئي، تنهن مان هو ڍاپيو ئي نٿي. وڻن جي تازي ۽ معطر سرهاڻ ٿڌڙي هير ۾ ترندي، سمورو ماحول واسي رهي هئي. کيس مجسمي جي پاسي ۾ گرم ۽ خشڪ واريءَ تي کيڏندڙ ڳاڙهن ڳٽن وارن ٻارڙن جا خوشيءَ جا ٽهڪ ڏاڍا ڀلا لڳا. ميريسئف اکيون بند ڪريو، ماحول ۾ مگن ٽنگون ٽيڙيو آهليو پيو هو. +پهرين ته ٻارن هواباز ڏانهن ڪو توجهه ئي ڪونه ڏنو. پر جڏهن انهن مان هڪڙو ٻار ڊوڙندي هيڏانهن اچي نڪتو ۽ اليڪسيءَ جي ٽيڙيل ٽنگن سان ٽڪرائي، وڃي واريءَ تي ڪريو، تڏهن هن اٿي پهرين ته ٻوٿ بڇڙو ڪيو، پر هڪدم پوءِ هن جي چهري تي گهٻراهٽ جي ڪيفيت پيدا ٿي ۽ ستت ئي گهٻراهٽ جي جاءِ تي دهشت پکڙجي ويئي. ٻارڙي ڊڄي وٺي رڙيون ڪيون ۽ اليڪسيءَ کان پري ڀڄي ويو. کن پل ۾ ڇوڪرن جو سمورو ولر اچي اليڪسيءَ جي چوڌاري بيهي رهيو. اليڪسي پنهنجن خيالن ۾ گم ويٺو هو. هن ڪجهه به ڪونه ٿي ڏٺو. جڏهن هن اکيون کوليون ته پاڻ کي ٻارڙن جي وچ ۾ گهيريل ڏٺائين، جيڪي خوف وچان ڏانهس ڏسي رهيا هئا. تڏهن وڃي کيس خبر پئي ته هو ڇا چئي رهيا آهن؟ +”اڙي ويتامين! تون رڳو ٻٽاڪ پيو هڻين. هي ته سچي پچي هواباز آهي، سينيئر ليفٽيننٽ.“ ڏهن سالن جي هڪڙي زرد چهڙي واري ڇوڪري ڏاڍي گنڀيرتا مان چيو. +”آءٌ ٻٽاڪ ڪونه پيو هڻان. جي آءٌ ڪوڙ ڳالهايان ته ڀلي مري وڃان. آءٌ چوان ٿو ته پير اصلي ڪونهنس، ڪاٺ جا اٿس. بلڪل ڪاٺ جا.“ +اوڏي مهل اليڪسيءَ پنهنجي دل ۾ خنجر ٽنبجندي محسوس ڪيو ۽ ڏينهن جي روشني سندس اکين ۾ ڄڻ وسامي ويئي. هن اکيون مٿي کڻي نهاريو. ڇوڪرا، جن جون نظرون اليڪسيءَ جي پيرن تي ٽڪيل هيون، سي پوئتي هٽي ويا. +آخرڪار انهن مان هڪڙي ويجهو اچي کانئس پڇيو: ”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، تنهنجا پير ڪهڙا آهن، اصلي آهن يا ڪاٺ جا؟ ڇا تون معذور آهين؟“ +ننڍڙي نينگر ڏٺو ته هواباز جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون هيون. هوائي فوج جي ليفٽيننٽ جي اکين ۾ لڙڪ! ان جو کيس شعوري اندازو ته ڪونه هو، البت هن جي ننڍڙيءَ دل محسوس ڪيو ته سندس چيل لفظ ”اپاهج“ سپاهيءَ جي دل کي زبردست صدمو پهچايو آهي. هو خاموشيءَ سان سمورن ٻارن جي ولر کي واپس وٺي هليو ويو. +اليڪسيءَ ڪنهن کي پنهنجو نالو پڪاريندي ٻڌو. هو هڪدم اٿي بيٺو. انيوتا سندس سامهون بيٺي هئي. هن انيوتا کي هڪدم سڃاڻي ورتو. هوءَ ايتري حسين ته ڪانه هئي، جيتري تصوير ۾ پئي لڳي. سندس ٿڪيل چهرو زرد ٿي ويو هو. هن کي فوجي وردي ۽ بوٽ پاتل هو. سندس مٿي ۾ پاتل فوجي ٽوپيءَ جو رنگ ڦٽي ويو هو. هن جون ساواڻ تي مائل ۽ ڪي قدر اڀريل اکيون ميريسئف کي تڪي رهيون هيون. انهن ۾ ايتري ته چمڪ ۽ سادگي هئي ۽ انهن اکين مان دوستيءَ جي اهڙي ته روشني پئي چمڪي، جو هيءَ ڇوڪري، جيڪا سندس لاءِ اجنبي هئي، سا کيس سالن جي پراڻي دوست لڳي، جهڙوڪر هنن ٻنهي ننڍي هوندي هڪ ئي اڱڻ تي گڏجي راند روند ڪئي هجي. +هڪ لمحي تائين هو هڪ ٻئي کي خاموشيءَ سان گهوريندا رهيا. نيٺ ڇوڪريءَ ڳالهايو: +”منهنجي ذهن ۾ تنهنجي تصوير بنهه مختلف هئي.“ +”ڪهڙي تصوير هئي تنهنجي ذهن ۾؟“ ميريسئف پڇيو. +”ها، ڪيئن ٻڌايان؟ ائين سمجهه ته تص��ير ڪجهه هن نموني جي هئي ته تون هڪ تمام قداور هوندين ۽ تمام بهادر نظر ايندين. ها، اهو ٺيڪ آهي. وڏيون واڇون، وات ۾ تماڪ واري سُلفي...... بس اهڙو خاڪو هو منهنجي ذهن ۾. گريشا مون کي تنهنجي باري ۾ ائين ٻڌايو هو. +”تنهنجو گريشا، هو اصلي هيرو آهي.“ اليڪسيءَ سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي ۽ ڏٺو ته هن جو چهرو اهو ذڪر ٻڌي ٻهڪي رهيو هو، تڏهن هو لفظ ”تنهنجو“ تي زور ڏيئي ڳالهائڻ لڳو ”تنهنجو گريشا هڪ سچو انسان آهي. آءٌ ڇا آهيان؟ ليڪن تنهنجو گريشا...... منهنجو خيال آهي ته هن سندس باري ۾ توکي ڪونه ٻڌايو آهي.“ +”ڇا توکي خبر آهي اليوشا؟ آءٌ توکي اليوشا چئي سگهان ٿي نه؟ آءٌ گريشا جي خطن مان ان نالي جي عادي ٿي ويئي آهيان. توکي ماسڪو ۾ ٻيو ته ڪو ڪم ڪونهي؟ ته پوءِ منهنجي گهر هل. آءٌ ڊيوٽي ڏيو پئي اچان ۽ هاڻي سڄو ڏينهن مون کي موڪل آهي. هليا ته هلون. مون وٽ گهر ٿورڙو وودڪا شراب به پيل آهي. ڇا توکي وودڪا پسند آهي؟ هليا، آءٌ توکي وودڪا پيئارينديس.“ +انهيءَ گهڙيءَ اليڪسيءَ جي اکين اڳيان ميجر استروچڪوف جو چهرو اُڀريو ۽ کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ هو اک ڀڃي کيس چوندو هجي ته ”ڏي منهن. ڏٺئي ته ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهي هوءَ؟ اڪيلي رهي ٿي، شراب به موجود آهي! ٻڌاءِ هاڻي ڇا ٿو چوين؟“ پر استروچڪوف ايترو ته رسوا ٿي چڪو هو جو سندس ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪندو. شام ٿيڻ ۾ اڃا ڳچ وقت هو، تنهن ڪري هو ٻئي پراڻن دوستن وانگر کل ڀوڳ ڪندا گهر ڏانهن وڌندا رهيا. اليڪسيءَ کيس ٻڌايو ته گووزديف تي جنگ جي شروعات ۾ مصيبتن جو ڪيڏو نه ڏونگر ڏري پيو هو. انيوتا جڏهن پنهنجن لڙڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ چپن کي چڪ وجهڻ لڳي، اهو ڏسي اليڪسيءَ کي ڏاڍي خوشي ٿي. جڏهن هن گريشا جي محاذ تي بهادريءَ وارن ڪارنامن جو ذڪر ڪيو ته سندس ساواڻ مائل اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا. کيس گووزديف تي ڪيڏو نه ناز هو! ۽ جڏهن هن گريشا جي باري ۾ چونڊي سوال پئي پڇيا ته سندس چهري تي ڪهڙو نه رنگ اچي ويندو هو. اوڏي مهل کيس ڪيڏي نه ڪاوڙ آئي هئي، جڏهن پاڻ ٻڌايائين ته گووزديف جي سبب کيس پنهنجي پگهار جو سرٽيفڪيٽ موڪلي ڏنو هو ۽ اهو ته هو ايترو اوچتو ڇو ڀڄي ويو؟ نه ڪا ڳالهه چيائين، نه ڪا چٺي ڇڏيائين ۽ نه وري پنهنجو پتو! ڇا هي به ڪو فوجي راز آهي ته ماڻهو بنا موڪلائڻ جي هليو وڃي ۽ پوءِ هڪ لفظ به نه لکي. +”ها، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ، تو ان ڳالهه تي ايترو زور ڇو ڏنو ته هن ڏاڙهي رکي آهي؟“ انيوتا کيس تجسس ڀري نگاهن سان ڏسندي چيو. +”اڙي، بس ائين وات مان نڪري ويو. ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.“ +”نه نه، ٻڌاءِ! جيستائين ٻڌائيندين نه، تيستائين جند ڪانه ڇڏينديسانءِ. ڇا اهو به ڪو فوجي راز آهي؟“ +”نه، ائين ته ڪونهي. بس ايتري ڳالهه آهي ته اسان جي پروفيسر واسيلي واسيلي وچ ڏاڙهي رکڻ جو نسخو تجويز ڪيو هو......... ته جيئن ڇوڪريون......... منهنجو مطلب آهي ته هڪ خاص ڇوڪري کيس اڃا به وڌيڪ پيار ڪري.“ +”ته اها ڳالهه آهي. هاڻي آءٌ سڀ ڪجهه سمجهي ويس.“ هڪدم انيوتا جي ساواڻ مائل اکين جا روشن ڏيا وسامي ويا. سندس عمر وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي. سندس چهري جي هيڊاڻ اڃا به وڌيڪ نمايان ٿي ويئي. هن جي پيشانيءَ ۽ اکين جي ڪُنڊن وٽ ننڍڙيون ليڪون اُڀري آيون. هوءَ بنهه وساڻل ۽ ٿڪل پئي لڳي. ها، فقط سندس ننڍن ننڍن، ڀريل ڀريل، ٻهڪندڙ ڳاڙهن چپڙن ۽ انهن مٿان اڻ لکي ٻُر منجهان معلوم ٿي ٿيو ته هوءَ اڃا تائين جوان آهي ۽ سندس عمر مشڪل سان ويهه سال کن ٿيندي. +ماسڪو ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته توهان شاندار بنگلن جي ڇانوَ ۾ ڪشادن رستن تان هلن��ي هلندي، اوچتو ڪنهن موڙ وٽان مڙندي، چند قدم اڳتي ويندا ته توهان ڪنهن اهڙي ننڍڙي گهر وٽ وڃي بيهناد‍، جنهن جون دريون پراڻيون هجڻ جي باعث ڌنڌليون ٿي ويون هجن. اهڙي ئي قسم جي هڪ گهر ۾ انيوتا رهندي هئي. هو هڪ سوڙهي چاڙهي چڙهي مٿي پهتا. ڇوڪريءَ چاٻيءَ سان دروازو کوليو. دروازي جي ڀرسان ئي ورانڊي ۾ کاڌي جي شين جا ٿيلها، ٽين جون ڪجهه ٿالهيون ۽ ڪجهه ٻيا ٿانوَ رکيل هئا. هو انهن شين تان ٽپندا اندر آيا. هو هڪ انڌيري بورچيخاني مان ٿيندا، ٻئي ورانڊي مان اچي، هڪ دروازي وٽ پهتا. سامهون واري دروازي مان هڪ سنهڙي سُڪل پوڙهي عورت جو چهرو لياڪا پائيندو نظر آيو. ”انيوتا! تنهنجو خط آيو آهي.“ پوڙهيءَ چيو ۽ ٻنهي نوجوانن کي ان وقت تائين تجسس مان گهوريندي رهي، جيستائين هو ٻئي ڪمري ۾ اندر داخل ٿيا. پوءِ هوءَ غائب ٿي ويئي. +انيوتا جو پيءُ ڪنهن تعليمي اداري ۾ ليڪچرار هو. جڏهن اداو ٻيءَ جاءِ تي منتقل ڪيو ويو ته سندس ماءُ ۽ پيءُ به ان اداري سان گڏ هليا ويا ۽ هي سڄو گهر انيوتا جي نگرانيءَ ۾ ڇڏي ويا هئا. +”ڏاڍي بي ترتيبي آهي، معاف ڪجانءِ. اصل ۾ ڇا آهي ته آءٌ اسپتال ۾ رهان ٿي ۽ اتان ئي يونيورسٽيءَ هلي وڃان. هن گهر ۾ اچڻ به ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي.“ هن ميزن ۽ ڪرسين تي ٽڙيل پکڙيل شيون ميڙيندي چيو. سندس چهري تي رونق اچي وئي هئي. ”ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن گهر اچان ٿي، تڏهن ايڏي ته ٿڪل هوندي آهيان جو پاڻ کي گهلي گهلي مشڪل سان صوفي تائين پهچايان ٿي ۽ ڪپڙن بدلائڻ کان سواءِ ئي ڦان ٿي ڪريو پوان ۽ وري جڏهن اک کلندي آهي، تڏهن ڊوڙي ڊوڙي اسپتال پهچڻ جيترو وقت مس بچندو آهي. تنهن ڪري صفائي ۽ سٿرائي جو موقعو ئي نٿو ملي.“ +ٿورڙي دير ۾ چانهه جي ڪٽلي ٺهڻ لڳي. چينيءَ جون پراڻيون پياليون، جن جو رنگ به لهي ويو هو، ميز تي رکيون هيون. چينيءَ جي پليٽ ۾ مانيءَ جا ڪجهه ٽڪر رکيل هئا؛ هڪ پياليءَ ۾ ڳُڙ جا ڳنڍا رکيل هئا. گذريل صديءَ جي يادگار، اوني جهالر سان چانهه کي گرم رکڻ واري ڪٽليءَ جي پوش ۾ لڪل ڪٽليءَ مان چانهه جي تازي تازي خوشبوءِ، جنگ کان اڳ جي زماني جي ياد ڏياري رهي هئي. ميز جي وچ تي هڪ اڻ کليل بوتل رکل هئي ۽ ٻه نازڪ پيالا پڻ. +اليڪسي آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. ڪرسي ايتري ته آرامده هئي جو کيس ڏاڍو سڪون آيو ۽ هو ٽنگون ٽيڙي مزي سان ويهي رهيو. انيوتا سندس ويجهو ننڍڙي ٽپائيءَ تي ويهي ڏانهس نهاري، ٻيهر گووزديف جي باري ۾ پڇڻ لڳي. اوچتو کيس ميزبانيءَ جو فرض ياد آيو ۽ هوءَ پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ٽپ ڏيئي اٿي ۽ اليڪسيءَ کي ٻانهن کان جهلي ميز تائين وٺي آئي. +”هڪڙو پيالو ته پيئندين نه؟ گريشا مون کي ٻڌايو هو ته ٽينڪ مين ۽ هواباز به بيشڪ......“ هن پيالو کسڪائي اليڪسيءَ جي ويجهو رکيو ۽ ان ۾ وودڪا اوتڻ لڳي. اليڪسيءَ جڏهن ڏٺو ته ٻيو پيالو خالي آهي، تڏهن پڇيائين: ”۽ تون؟“ ”آءٌ نه پيئندي آهيان.“ انيوتا سادگيءَ سان وراڻيو. ”ٺيڪ آهي، پر سمجهه کڻي ته اسان هن جي نالي ٿا پيئون، گريشا جي نالي جو پيالو؟“ +ڇوڪريءَ مسڪرايو. هن خاموشيءَ سان پيالو ڀريو ۽ اليڪسيءَ جي پيالي سان ٽڪرايو ۽ چيو: +”هو سدائين ڪامياب رهي“ ۽ ڳيت ڏيئي هڪ ئي سُرڪ ۾ سڄو پيالو چاڙهي ڇڏيو ۽ هڪدم کنگهڻ لڳي. سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هوءَ ڏاڍي مشڪل سان پاڻ تي قابو پائي سگهي. +اليڪسيءَ تمام گهڻن ڏينهن کان پوءِ وودڪا چکيو هو. هن محسوس ڪيو ته نشو چڙهي رهيو آهي. هن ٻيهر پيالا ڀريا، پر انيوتا ڏاڍي انڪساريءَ سان نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو ته ”ڏٺئي ڪونه ته ڇا ٿيو؟ تنهن ڪر�� ٻيو پيالو نه!“ ”پر ڇا تون منهنجي ڪاميابيءَ جو پيالو ڪونه پيئندينءَ؟“ اليڪسيءَ التجا ڀري لهجي ۾ کيس اپيل ڪئي. ”ڪاش جي توکي خبر هجي ته مون کي هن جي ڪيتري ضرورت آهي.“ ڇوڪري ڏاڍي سنجيدگيءَ سان کيس ڏٺو، پنهنجو پيالو کنيائين، مسڪرائي مٿو لوڏيائين، آهستگيءَ سان سندس هٿ هٿ ۾ جهلي زور ڏنائين ۽ پيالو خالي ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ وري کنگهڻ ۽ منهن بڇڙو ڪرڻ لڳي. +”هي آءٌ ڇا پئي ڪريان؟“ جڏهن هوءَ سامت ۾ آئي ته چيائين. ”۽ اهو به چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيڻ کان پوءِ! اليوشا هي سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ پئي ڪريان، تون....... گريشا تنهنجي باري ۾ تمام گهڻو ڪجهه لکيو هو...... آءٌ چاهيان ٿي ته تون خوش نصيب ٿئين، اها منهنجي دلي تمنا آهي ۽ تون ضرور ڪامياب ٿيندين. ٻڌين پيو نه، مون کي يقين آهي ته تون ضرور ڪامياب ٿيندين.“ هوءَ خوشيءَ مان ٽهڪ ڏيڻ لڳي. ”پر تون کائين ڇو نٿو؟ ٿوري ماني ته کاءُ، شرماءِ نه، مون وٽ ٻي به ماني آهي. هيءَ ته ڪلهوڪي آهي ۽ مون کي اڄوڪو وِرو (راشن) اڃا ڪونه مليو آهي.“ هُن مانيءَ واري پليٽ هن ڏانهن وڌائي. ”اڙي کاءُ، بيوقوف ڇوڪرا! کاءُ نه ته توتي نشو چڙهي ويندو ۽ ٻڌاءِ ته پوءِ آءٌ توکي ڇا ڪنديس؟“ +اليڪسيءَ مانيءَ جي پليٽ هٽائي ڇڏي. هن انيوتا جي ساواڻ مائل اکين ۽ سندس ننڍن، ڀريل ڀريل ۽ چمڪندڙ ڳاڙهن چپن کي ڏٺو ۽ بنهه آهستي آهستي چيو: +”جيڪڏهن آءٌ توکي چمي ڏيان ته تون ڇا ڪندينءَ؟“ هوءَ هڪدم سنجيده ٿي ويئي. هن خوف ۽ هراس وچان کيس ڏٺو. سندس اکين ۾ ڪاوڙ ته ڪانه هئي، پر هڪ قسم جو تجسس ۽ مايوسي ضرور هئي. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هڪ پل پهرين هي اکيون ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڏسي رهيون هيون، جيڪا پري کان هڪ قيمتي هيري وانگر پئي چمڪي ۽ هاڻي ويجهو اچڻ تي خبر پئي ته اها هڪ شيشي جي خسيس ٽڪر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. +”شايد آءٌ توکي هتان ٻاهر ڪڍي ڇڏيان ۽ گريشا کي لکنديس ته توکي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ جي ڪابه خبر ڪانهي.“ هن سرد مهريءَ سان جواب ڏنو ۽ ٻيهر پليٽ ڏانهس کسڪائي، اسرار ڪيو ۽ چيو: ”کاءُ، تون نشي ۾ آهين.“ +ميريسئف جو چهرو ٻهڪي اٿيو. +”۽ تنهنجو فيصلو بلڪل صحيح هوندو. تنهنجي مهرباني! آءٌ سموري سوويت فوج جي طرفان تنهنجو شڪريه ادا ٿو ڪريان ۽ آءٌ گريشا کي لکندس ته توکي ماڻهن جي بهترين سڃاڻپ آهي.“ +هو 3 وڳي تائين ڪچهري ڪندا رهيا. ڪمري ۾ آڏا پاسيرا ڪرڻا هاڻي ڀت تي سُرندا پئي ويا. اليڪسيءَ جي گاڏيءَ جو وقت ٿي ويو هو. انيوتا کيس اسٽيشن تائين موڪلائڻ آئي هئي. ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏيئي پئي هليا. اليڪسي آرام ڪرڻ کان پوءِ جنهن اطمينان ۽ اعتماد سان قدم کڻي هلي رهيو هو، جو انيوتا هيئن سوچڻ تي مجبور ٿي پئي ته: ”جڏهن گريشا لکيو هو ته اليڪسيءَ جا پير ڪونهن ته ڇا هن رڳو ڀوڳ ڪيو هو؟“ اوچتو ئي اوچتو هن اليڪسيءَ کان پڇيو: ”ڇا تو واقعي سنجيدگيءَ سان اهو چيو هو ته گريشا ڏاڙهي رکي آهي؟“ هوءَ هڪ لمحي لاءِ خاموش ۽ ڏکياري ٿي ويئي ۽ پوءِ چيائين: ”آءٌ هاڻي سڀ ڪجهه سمجهان ٿي، آءٌ توکي ايمانداريءَ واري ڳالهه ٻڌائيندس. ائين، جيئن ڪَر آءٌ پنهنجي پيءُ کي چوان ها. اها هيءَ ته شروع شروع ۾ مون کان سندس چهري جا داغ ڏٺا نٿي ٿي سگهيا. ’ڏٺا نٿي ٿي سگهيا‘اهو چوڻ ته ٺيڪ ناهي. منهنجو مطلب آهي ته آءٌ بنهه ڊڄي ويس. نه، ائين به نه! اهو به صحيح ناهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن بيان ڪريان؟ تون ته منهنجي ڳالهه سمجهين ٿو نه؟ شايد اها ڳالهه ٺيڪ ڪانه هئي، پر آءٌ ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ الا!هو مون کان خفا ٿي ڀڄي ويو. بيوقوف ڇوڪرو، خدا��ا! هو ڪهڙو نه ناسمجهه ڇوڪرو آهي. جيڪڏهن تون کيس خط لکين ته اهو ضرور لکجانئس ته مون کي سندس انهيءَ روش ڏاڍي تڪليف پهچائي هئي. +وسيع ريلوي اسٽيشن تي ايڪڙ ٻيڪڙ سپاهين کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪونه هو. ڪي سپاهي ڪنهن خاص ڪم سان تيز تيز ڀڄندا پئي ويا، ڪي ديوار سان ٽيڪ ڏيو بيٺا هئا ۽ ڪي وچ پٽ تي پاٿوليون هڻيو ويٺا هئا. انهن سڀني جي چهرن تي جهنجهلاهٽ ۽ فڪر جا آثار نمايان هئا. +(2) +بجليءَ تي هلندڙ ريل گاڏي ٻهراڙين مان لنگهي اڳتي وڌندي رهي ۽ ان جي سيٽي ڪاوڙ مان رڙيون ڪندي رهي. ميريسئف دريءَ وٽ ويٺل هو، پر کيس هڪ پوڙهي ڌڪي وڃي ديوار سان لڳايو، جنهن جون ڏاڙهي ۽ مڇون صاف ٿيل هيون. پوڙهي کي ويڪري پٽيءَ واري ميڪسم گورڪي ڪٽ ٽوپي ۽ سونهري ڪمانين واري عينڪ پاتل هئي. هن جي گوڏن جي وچ ۾ کُرپو، ڪوڏر ۽ ٻيانو ڪاغذ ۾ ويڙهيا ۽ ڌاڳي سان ٻڌا رکيا هئا. +انهن ڏينهن ۾ هر شخص وانگر هي پوڙهو به سواءِ جنگ جي، ٻي ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ڪونه سوچي رهيو هو. هن ڏاڍي زور شور سان پنهنجو هٿ اليڪسيءَ جي نڪ جي سامهون لوڏيو ۽ پنهنجي اهميت جتائڻ واري شڪل بنائي هن جي ڪن ۾ چيو: +”ائين نه سمجهه ته ڪو آءٌ غير فوجي آهيان، تنهن ڪري مون کي اسان جي فوجي حڪمت عملي سمجهه ۾ نه ايندي هوندي. آءٌ بنهه چڱيءَ طرح سمجهان ٿو. هي سڀ ڪجهه ان لاءِ آهي ته دشمن کي لالچ جي ڦندي ۾ ڦاسائي والگا جي ميدان ۾ گهڙي اچڻ تي هرکائجي ۽ کيس مجبور ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي رسد واري لائين کي تمام پري تائين کڻي وڃي. تڏهن سندس رابطو پنهنجي محاذ کان ڪٽجي ويندو ۽ جڏهن اتر ۽ ڏکڻ کان وڌي سندس رسد ۽ آمدرفت جو سلسلو وچ مان ڪٽي ڇڏبو ۽ پوءِ دشمن کي گهيري ۾ آڻي ڪچلي ڇڏبو. ها، هي ڏاڍي هوشياريءَ وارو منصوبو آهي. اسان جي خلاف صرف هٽلر ئي ڪونهي، پر هن سڄي يورپ کي اسان جي خلاف ڀڙڪائي اسان تي حملو ڪرايو آهي. اسان اڪيلا ڇهن ملڪن جي خلاف وڙهون پيا، بنهه اڪيلا! اسان کي پنهنجي ملڪ جي گهڻي پکيڙ جو فائدو وٺي، دشمن کي ڪمزور ڪرڻ گهرجي. ها، اهو ئي هڪ مناسب رستو آهي. آخر اسان جا اتحادي به ته اڃا چَپ سُبيو ويٺا آهن، آهي نه ائين؟ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ +”منهنجو خيال آهي ته تون بي مقصد ڳالهيون پيو ڪرين. اسان جي ڌرتي تمام قيمتي آهي ۽ اسان کي ان کان دشمن کي پاڻ سمائڻ جو ڪم نه وٺڻ گهرجي.“ ميريسئف ڪجهه رکائپ واري انداز ۾ جواب ڏنس. کيس اوڏيءَ مهل اهو سڙي رک جو ڍير ٿيل ڳوٺ ياد اچي ويو، جنهن ۾ هو رڙهندو پهتو هو. +ليڪن پوڙهو اليڪسيءَ جي ڪن جي ويجهو ڀُڻ ڀُڻ ڪندو رهيو، تماڪ ۽ ڪافيءَ جي بوءِ سان واسيل ساهه سندس منهن تي ڇڏيندو رهيو. +اليڪسي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳو. گرم ۽ مٽي هاڻي هوا جا جهوٽا سندس چهري تي ٿڦڙ هڻندا رهيا. +”......... تون ته فوجي ماڻهو آهين، ٻڌاءِ ته ڇا هي ٺيڪ آهي؟ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، پر اسين فاشزم سان اڪيلا وڙهي پيا آهيون. ان باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ پر اسان جا اتحادي آهن ڪٿي؟ ۽ ٻيو محاذ ڪٿي آهي؟ ۽ هاڻي تون ٿورو تصور ته ڪر، هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي ڌاڙيل حملو ڪن ٿا، جيڪو بي فڪر ٿيو، پنهنجي مستيءَ ۾ رت ۽ پگهر هڪ ڪري رهيو آهي. پر اهو ماڻهو ڊڄي نٿو ۽ اڪيلو ئي سينو سپر ڪري ڌاڙيلن سان وڙهي ٿو پوي. هو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين رت ۾ ڳاڙهو آهي، پر پوءِ به جيڪو هٿيار هٿ اچيس ٿو، سو کڻي وڙهندو ئي رهي ٿو. هو اڪيلو ۽ چئني طرفن کان ڌاڙيل هئا، پر پوءِ به هو وڙهي پيو. ڌاڙيلن وٽ هٿيار آهن. هو ڪيتري عرصي کان وٺي موقعي جي تاڙ ۾ هئا ۽ ها، ان ماڻهوءَ جا پاڙي وارا، انهيءَ لڙائيءَ جو تماشو ڏسي رهيا آهن. هو چانئٺ وٽ بيٺا آهن ۽ اتان بيهي ان ماڻهوءَ سان همدردي ڏيکاري رهيا آهن ۽ چون ٿا: تمام سٺو يار، وارو ڪر. انهن کي مزو چکاءِ. کين اهڙي سيکت ڏي جو ياد ڪن ۽ پٿر کنيو پيا ڏين ۽ چون پيا: ”هاڻي مزو ٿيو نه! هڻ ڏنڊو، هڻ پٿر، زور سان هڻيس. پر هو پاڻ لڙائيءَ ۾ شامل نه ٿا ٿين ۽ اهڙو ئي رويو اسان جي اتحادين جو آهي.........! مسافر، ها اهي اهڙا ئي آهن.......“ +ميريسئف ڪنڌ ورائي دلچسپيءَ سان پوڙهي کي ڏٺو. ان ڀريل گاڏي ۾ ٻيا به ڪيترا ئي مسافر پوڙهي کي ڏسي رهيا هئا. هر طرف کان آواز آيو: +”ها، هي صحيح پيو چوي. اسان اڪيلا وڙهي رهيا آهيون، ٻيو محاذ ڪٿي آهي؟“ +”پرواه ناهي. اسين ڀرپور حملو ڪنداسين ۽ اسين پاڻ دشمن جو جڙڻ ٻوٽو رلائي ڇڏينداسين. پڪ سان جڏهن تماشو ختم ٿيندو، تڏهن هو ٻيو محاذ کڻي حاضر ٿي ويندا.“ +گاڏي ٿوري دير لاءِ بيٺي. ڪيترا زخمي سمهڻ واري لباس ۾ گهوڙين تي يا لڪڻ جي سهاري تي هلندا، گاڏيءَ ۾ چڙهيا. سڀني وٽ گهڻو ڪري ڪاغذ جي ٿيلهين ۾ سورج مکيءَ جو ٻج يا بوهي مڱ هئا، جيڪي هو کائي رهيا هئا. پڪ سان هو ڪنهن سينٽيوريم مان هتي بازار ۾ آيا هوندا. عينڪ وارو پوڙهو هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پاسي ۾ بيٺل زخميءَ کي زوريءَ پنهنجي جاءِ تي ويهاريائين، جنهن کي ٽنگ تي پٽيون ٻڌل هيون ۽ پاڻ باغبانيءَ جو سامان کڻي دروازي ڏانهن هليو ويو. اليڪسيءَ جي پٺيان ويٺل هڪ عورت ملامت ڀريل آواز ۾ چيو: ”هن ماڻهوءَ کي شرم اچڻ گهرجي. پاسي ۾ زخمي ماڻهو بيٺو اٿس ۽ هو کيس جاءِ نٿو ڏي! ويچارو ڇوڪرو ڪيڏو نه درد ڀوڳي رهيو آهي، پر هن جي ڪن تي جونءِ به ڪونه ٿي سري! ڪيڏي نه شان سان هي ڏٽو مٽو پنهنجي جاءِ تي ڄميو ويٺو آهي. هون، جهڙوڪر کيس ته ڪڏهن گولي لڳي ئي نٿي سگهي ۽ آهي وري هوائي فوج جو آفيسر، منهن ته ڏسوس!“ انهيءَ ناجائز ملامت تي اليڪسيءَ جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان سندس نڪ جون چوٽيون ڦڙڪڻ لڳيون....... پر هڪدم پوءِ سندس چهرو ٻهڪي ويو ۽ هو اٿي بيهي رهيو: +”دوست هليا، اچي ويهه.“ +زخمي حيرانيءَ ۾ بنهه ڏڪي ويو. ”نه مهرباني، ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! تڪليف نه ڪريو. آءٌ بيهي سگهان ٿو. اسان کي هونئن به ڪو گهڻو پري ڪونهي وڃڻو، رڳو ٻه اسٽاپ ۽ بس.“ ”آءٌ چوان ٿو ويهي رهو!“ اليڪسيءَ دلچسپ صورتحال کي پنهنجي سمجهندي ڀوڳن مان سختيءَ سان چيو. هو گاڏي جي هڪ ڪناري ڏانهن هليو ويو ۽ ديوار کي پٺي لڳائي، ٻئي هٿ لڪڻ تي رکي بيهي رهيو ۽ مسڪرائڻ لڳو. ائين پئي لڳو ته جنهن عورت کيس دٻ پٽي هئي، تنهن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ آيو: +”ڏسو ته سهي هن کي. او مائي ٽوپلي واري! راڻي بنجيو ويٺي آهين. هن لڪڻ واري آفيسر کي پنهنجي جاءِ ڇو نٿي ڏئين؟ ڪامريڊ آفيسر تون هيڏانهن اچ ۽ اچي منهنجي جاءِ تي ويهه. خدارا کيس گس ته ڏيو، کيس اچڻ ته ڏيو.“ +اليڪسيءَ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. کيس جيڪو لطف آيو، سو ويندو رهيو. انهيءَ گهڙيءَ ڪنڊيڪٽر انهيءَ اسٽاپ جو نالو پڪاريو، جتي کيس لهڻو هيو. گاڏي آهستي آهستي بيهي رهي. ڪي مسافر لٿا، ڪي چڙهيا ۽ گاڏي ٻيهر ڦيٿن کي زور زور سان ڦيرائيندي، سيٽي وڄائيندي، اڳئين موڙ وٽان گم ٿي ويئي ۽ پنهنجي پويان مٽيءَ ۽ ڌوڙ جو طوفان ڇڏي ويئي. پليٽ فارم تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر وڃي باقي بچيو هو. ستت ئي شام ٽاڻي سڳنڌ ۽ سرهاڻ واسيل سڪون ڇانئجي ويو. +ماسڪو ۾ کيس ٻڌايو ويو هو ته سيني ٽوريم تائين پهچڻ جو ڪهڙو رستو آهي؟ هن هڪ سچي سپاهي وانگر ڏسن پتي وارين نشانين جي مدد سان پنهنجو گس ڳولي ورتو. ڏهن منٽن جو پنڌ مس هو. سيني ٽوريم هڪ سهڻي ۽ خوبصورت ڍنڍ جي ڪناري تي ٺهيل هو. انقلاب کان پهريائين ڪنهن ڪروڙ پتي روسيءَ جي دل ۾ خيال آيو ته گرمين ۾ خوشگوار ۽ پرسڪون گهڙيون گهارڻ لاءِ ڪو اهڙو محل جوڙائجي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ هجي. هن ڪاريگرن کي چيو ته جيڪڏهن اهي ڪا انوکي ۽ نادر شيءِ جوڙي ڏيکارين ته پوءِ هو کين مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ ڪاريگرن پنهنجي آقا جي طبيعت مطابق هن خوبصورت ڍنڍ وٽ سِرن جو هڪ عظيم الشان ڍير کڙو ڪري ڇڏيو. ان ۾ ننڍيون ننڍيون ڄاري واريون دريون هيون. برج، ڏيڍيون، ورن وڪڙن وارا رستا ۽ ورانڊا ٺاهيا. گاهه سان ڍڪيل هن ڍنڍ جي ڪنارن تي اڏيل هيءَ اڍنگي عمارت، روس جي نرالن قدرتي حسين منظرن تي هڪ بدنما داغ هئي. ان جاءِ جو منظر ڪيڏو حسين هو! +تمام گهڻا مشهور مصور اتي ايندا هئا. هن جاءِ جو مالڪ پنهنجي مهمان نوازيءَ ڪري سڄي روس ۾ مشهور هو. هي سڀ قدرتي منظر يا انهن جا ڪجهه حصا اڻ ڳڻين تصويرن ۾ سمايل هئا ته جيئن ماڻهو هنن روسي قدرتي منظرن جي شان وشوڪت کان صدين تائين لطف اندوز ٿيندا رهن. +هاڻي هن محل ۾ سوويت هوائي فوج جي زخمين لاءِ سيني ٽوريم قائم هو. امن جي زماني ۾ هواباز پنهنجي ٻارن ٻچن سميت هتي ايندا هئا ۽ هاڻي زخمي هواباز مڪمل صحتياب ٿيڻ لاءِ اسپتالن مان هتي موڪليا ويندا هئا. اليڪسي اسٽيشن کان هيستائين نه ته بس ۾ چڙهي آيو هو ۽ نه ئي پڪي سڙڪ تان، جنهن جي ٻنهي پاسن کان وڻن جون قطارون بيٺل هيون. هو اسٽيشن کان لهي سيني ٽوريم جي پٺئين پاسي کان هڪ پيچري تان هلندو، قدرتي حسن جو لطف وٺندو اتي اچي پهتو هو. هو اتي پهچي ان هجوم ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو ٻن هيٺ مٿي ڀريل بسن کي گهيريو بيٺو هو. ڳالهين مان کيس پتو پيو ته هي هجوم انهن هوابازن کان موڪلائڻ آيو هو، جن کي سيني ٽوريم مان موڪل ملي هئي. +موڙ تان مڙندي بسون نگاهن کان اوجهل ٿي ويون. سيني ٽوريم جا مريض ٽڙي پکڙي ويا. اليڪسي اندر داخل ٿيو. کيس هڪ آرمينائي منڊو آفيس ۾ وٺي ويو. غور سان ڏسڻ سان معلوم ٿي ٿيو ته هن جي چهري تي گنڀيرتا ۽ ذهانت هئي ۽ سندس وڏيون اکيون خوبصورت ۽ اداس هيون. رستي ۾ هن ڀوڳن ڀوڳن مان پنهنجي سڃاڻپ ”چنڊ منڊلي“ جي صدر جي حيثيت ۾ ڪرائي هئي ۽ ان ڳالهه تي اصرار ڪندو رهيو ته چنڊ جي چانڊاڻ ۾ اشنان هر قسم جي زخم جو علاج منڊيءَ تي ٽِڪ وانگر نسخو آهي. هن چيو ته چانڊاڻ ۾ اشنان جي لاءِ سخت ترين نظم وضبط جي ضرورت آهي ۽ اهو به ٻڌايائين ته هو ذاتي طرح پاڻ ئي چانڊاڻ ۾ گهمڻ ڦرڻ جو انتظام ڪندو آهي. ائين پئي لڳو ته هو سراسر ڀوڳ ڪري رهيو آهي. +آفيس ۾ سندس استقبال هڪ ڇوڪريءَ ڪيو، جيڪا اڇو ويس ڍڪيو ويٺي هئي ۽ جنهن جا وار ايترا ته ڳاڙها هئا جو ڄڻ ته منجهانئن شعلا پيا نڪرن. +”ميريسئف؟“ ڇوڪريءَ ڪتاب جدا رکندي پڇيو. ”ڇا تون ئي اليڪسي ميريسئف پيٽرووچ آهين؟“ هن هڪ سوالي نگاه مٿس ڊوڙائي ۽ چيو. ”مون کي چڪر ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪر، سمجهيئي؟ هتي تنهنجو نالو داخل آهي، ميريسئف سينيئر ليفٽينننٽ فلاڻيءَ اسپتال کان اچي پيو ۽ جنهن جا پير وڍيل آهن ۽ تون.........“ +هاڻي وڃي اليڪسيءَ کي هن جو گول چهرو نظر آيو. سفيد ۽ حسين چهرو، جيڪو شعلا پيدا ڪندڙ ڳاڙهن وارن ۾ بنهه لڪو پيو هو. سرخ وارن واري هر ڇوڪريءَ جو اهڙو ئي چهرو هوندو آهي. رت جي ٻهڪندڙ ڳاڙهاڻ سندس چمڙيءَ جي رنگ ۾ بدلجي وئي هئي. هن چمڪندڙ، گول گول ۽ چنچل اکين سان حيرانيءَ سان اليڪسيءَ کي ڏٺو. +”بهرحال، آءٌ اليڪسيءَ ميريسئف آهيان. هي منهنجا ڪاغذ آهن...... ڇا تون ليوليا آهين؟“ +”نه، ڇو؟ منهنجو نالو زينا آهي.“ هن شڪي نگاهن سان اليڪسيءَ جي پيرن ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ”ڇا تو وٽ ايترا سٺا نقلي پير آهن يا ڪو ٻيو معاملو آهي؟“ +”ها، چئبو ته تون زينوچڪا آهين، جنهن فيديا کي موهت ڪيو آهي.“ +”چڱو ته ميجر بورنازيان هاڻي کان ئي قصا ڪرڻ لڳو آهي. مون کي هن ماڻهوءَ کان سخت نفرت آهي. هو هر ماڻهوءَ سان چرچا ٿو ڪري. مون ته صرف فيديا کي ناچ سيکاريو هو. ان ۾ ٻي ڪا خاص ڳالهه ته ڪانه هئي.“ +”۽ هاڻي تون مون کي ناچ سيکاريندينءَ، ٺيڪ؟ بورنازيان وعدو ڪيو آهي ته هو چانڊاڻ ۾ اشنان لاءِ منهنجو نالو داخل ڪندو.“ +ڇوڪريءَ اڃا به وڌيڪ حيرانيءَ سان هن ڏانهن ڏٺو. ”ڇا مطلب آهي تنهنجو، ناچ؟ بنا پيرن جي نچڻ؟ بڪواس، منهنجو خيال آهي ته توکي به هر ماڻهوءَ سان ڀوڳ ڪرڻ جو شوق آهي.“ +بنهه اوڏيءَ مهل ميجر استروچڪوف ڊوڙندو ڪمري ۾ آيو ۽ اچي کيس ڀاڪر وڌائين. +”زينوچڪا!“ هن ڇوڪريءَ کي چيو: ”اهو ته طئي آهي ته سينيئر ليفٽيننٽ منهنجي ڪمري ۾ رهندو. ڪيئن، ٺيڪ آهي نه؟“ +اهي ماڻهو، جيڪي ڊگهي عرصي تائين اسپتال ۾ گڏ رهندا آهن، سي جڏهن ٻيهر گڏبا آهن ته پاڻ ۾ ڀائرن وانگر ملندا آهن. ميجر کي اوچتو منهن سامهون ڏسي اليڪسي اهڙو ته خوش ٿيو، ڄڻ ته سالن پڄاڻان هڪ ٻئي کي ڏٺو هئائون. استروچڪوف جي سامان جو ٿيلهو سيني ٽوريم ۾ پهچي چڪو هو، تنهن ڪري هو هتي نئون پراڻو ٿي ويو هو ۽ پاڻ کي گهر ڌڻي محسوس ڪري رهيو هو. هو هر ماڻهوءَ کي سڃاڻندو هو ۽ هر ماڻهو کيس سڃاڻندو هو. هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هن ڪيترن سان دوستي ۽ ڪيترن سان جهڳڙو به شروع ڪري ڏنو هو. +جنهن ننڍڙي ڪمري ۾ هي ٻئي رهندا هئا، ان جون دريون پارڪ ڏانهن کلنديون هيون. پارڪ جي پاسن کان ڊگهن وڻن جون قطارون، رنگ برنگي گل ٻوٽا ۽ ساوڪ ڏاڍو حسين منظر پيش ڪري رهيا هئا. کاڌو کائڻ کان پوءِ ستت ئي اليڪسي هنڌ تي ليٽي پيو ۽ ٽنگون ٽيڙي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو. +هن رات جو ڏاڍو پريشان ڪندڙ خواب ڏٺا. نيري برف ۽ چنڊ جي چانڊاڻ! جهنگل کيس ريشمي ڄاريءَ وانگر جڪڙي ڇڏيو هو. هن ان ڄار مان پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته برف سندس پير پڪڙي ورتا. هن ڏاڍي سخت جدوجهد ڪئي. کيس احساس ٿيو ته ڪو خوفناڪ حادثو پيش اچڻ وارو آهي. ليڪن سندس پير برف ۾ ٺري ڳڱ ٿي ويا هئا ۽ منجهس ايتري همت به ڪانه هئي جو هو پيرن کي برف مان ڇڪي ڪڍي سگهي. هو ڪنجهندو، ڪُرڪندو ۽ پاسا ورائيندو رهيو...... هاڻي هو وري هوائي اڏي تي هو. ڊگهو قداور مستري يورا هڪ عجيب غريب، نرم ۽ بنا پرن واري هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ موجود هو. هن هٿ لوڏيو، ٽهڪ ڏنو ۽ هوا ۾ بلند ٿي ويو. نانا ميخائيل کيس ڀاڪرن ۾ کنيو، ڄڻ هو ڪو ٿڃ پياڪ معصوم ٻار هجي ۽ کيس همٿائيندي چيو: ”پرواه نه ڪر، اسين توکي ٻاڦ جو غسل ڏينداسين. تنهنجي لاءِ ڏاڍو فائديمند رهندو، ٺيڪ آهي نه؟“ پر نانا ميخائيل کيس گرم غسل ڏيڻ بدران برف تي سمهاري ڇڏيو. هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جهڙوڪر برف سندس پٺيءَ سان چهٽي رهي هئي. نه، هيءَ برف ڪانه هئي. ڪنهن رڇ جو گرم گرم جسم مٿس سوار هو. هو اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ماڻهن کي مدد لاءِ سڏيندو رهيو، پر سندس آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. هن آخري ڀيرو ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو ۽ خبر ناهي ڇو سندس اکين ۾ شعلا اوڳاڇيندڙ ڳاڙهن وارن جي گهٽائن مان زينوچڪا جو ٻهڪندڙ چهرو اُڀريو ۽ تجسس ڀريل چنچل اکيون ٻوٽجي ويون. +اليڪسيءَ جي اک کلي پيئي. کيس ناقابل بيان ڳڻتيءَ اچي ورايو. ميجر هلڪا هلڪا کونگهرا هڻي رهيو هو. آخر اُهي ڀيانڪ ڏينهن ڇو ٿا ياد پون؟ هن ته انهن ڏينهن جي باري ۾ سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. پر جڏهن هو انهن ڏينهن جي باري ۾ سوچيندو هو، تڏهن کيس هي ڏينهن غير حقيقي لڳندا هئا. +اليڪسيءَ کي يعني اٺاويهه ڏينهن رهڻو هو، جيڪو تمام ڊگهو عرصو به هو ته بنهه مختصر پڻ. کيس انهيءَ عرصي جو هڪ هڪ پل ’هڪ انسان‘ بنجڻ جي جدوجهد ۾ لڳائڻو هو. هن بستري تي ويٺي ويٺي، دل ئي دل ۾ پنهنجي ورزشن جو خاڪو تيار ڪيو. ان ۾ هن صبح ۽ شام جي جسماني ورزش، پنڌ ڪرڻ، ڊوڙڻ ۽ پيرن جي خاص مشق جو خاڪو تيار ڪيو. انهيءَ منصوبي ۾ کيس هڪ خاص ڪشش محسوس ٿي. ان ۾ سندس ٽنگن جي خاص نشوونما جو امڪان موجود هو. هن امڪان ۾ موجود اهو ئي خيال هو، جيڪو زينوچڪا سان ڳالهائڻ مهل سندس ذهن ۾ اڀريو هو. +ـــــــــ هن ناچ سکڻ جو فيصلو ڪري ورتو. + + +(3) +آگسٽ جي هڪ صاف شفاف ۽ پرسڪون ٽپهريءَ جو، جڏهن قدرتي نظارن جي هر شيءِ چمڪي ۽ جڳمڳائي رهي هئي ۽ جڏهن گرم هوا ۾ خزان جي اداسيءَ جي هلڪي هلڪي جهلڪ پيدا ٿي چڪي هئي – ها، اهڙي ئي هڪ ٽپهريءَ مهل ڪجهه هواباز ٻوٽن ۾ گهيريل ۽ ور وڪڙ کائي ڪَل ڪَل ڪري وهندڙ چشمي وٽ وارياسي ڪناري تي ويٺا هئا. +گرميءَ جي ڪري مٿن غنودگي طاري ٿي رهي هئي. هو اوجهري رهيا هئا. ايتري قدر جو ڳالهائڻ مان نه ڍاپندڙ بوزنازيان پڻ خاموش هو ۽ پنهنجي ڀڳل ٽنگ تي واريءَ جو ڍڳ گڏ ڪري رهيو هو. سندس ٽنگ جي هڏي صحيح نموني ڪانه لڳي هئي. هو سڀئي بوئي مڱن جي ٻوٽن جي پنن پويان اکين کان اوجهل هئا، پر کين چشمي جي مٿئين پاسي کان سائي گاهه وچان ويندڙ پيچرو نظر اچي رهيو هو. بوزنازيان پنهنجي ٽنگ تي واري رکندي، مٿي نهاريو ته کيس هڪ عجيب منظر ڏسڻ ۾ آيو. +نئون همراهه، جيڪو ڪلهه ئي هتي پهتو هو، رڳو سمهڻ واري پاجامي ۽ بوٽ ۾ جنگل مان ظاهر ٿيو. هن چوطرف نهاريو ۽ جڏهن کيس ڪوبه نظر ڪونه آيو، تڏهن هن ڊوڙڻ شروع ڪيو. ٻه سؤ ميٽر ڊوڙڻ کان پوءِ هو هلڻ لڳو. هو پگهر ۾ شل هو ۽ گهرا گهرا وڏا ساهه کڻي رهيو هو. جڏهن هن ساهي پٽي ورتي، تڏهن وري ڊوڙڻ لڳو. بورنازيان پنهنجي ساٿين جو هن ڏانهن ڌيان ڇڪايو. هو ڊوڙڻ ڪري ٿڪي سهڪي به رهيو هو، پر پوءِ به هو ڊوڙندو ٿي رهيو. نيٺ بورنازيان کان رهيو نه ٿيو ۽ هن رڙ ڪري چيو: ”او دوست! ڇا تون زنامينسڪي ڀائرن جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو قسم کنيو آهي؟“ +اليڪسي هڪدم بيهي رهيو. سندس منهن تان ٿڪ ۽ درد گم ٿي ويو. هن بي نيازيءَ سان ڏانهن نهاريو ۽ هڪ لفظ به ڪڇڻ بنان هلندو جهنگل ۾ گم ٿي ويو. ”اهو ڪير آهي، سرڪس جو مسخرو يا ڪو چريو؟“ بورنازيان ڪجهه گهٻرائجي پڇيو. +ميجر استروچڪوف ٻڌايو ته: ”هن جا پير ڪونهن. هو نقلي پيرن سان مشق ڪري رهيو آهي ۽ هو فوج ۾ ٻيهر وڃڻ چاهي ٿو.“ +انهن جهوٽا کائيندڙ ماڻهن تي هنن لفظن ته ٿڌي پاڻيءَ جي ڇنڊن جو ڪم ڪيو. هو ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيا ۽ سڀئي هڪ ئي وقت ڳالهائڻ لڳا. هو سڀ حيران هئا ته هڪ اهڙو ماڻهو، جنهن ۾ ڪابه عجيب قسم جي ڳالهه ڪانه هئي، ماڻهن جهڙو ماڻهو هو، سواءِ ان جي ته هو ڪجهه عجيب انداز ۾ هلي رهيو هو، سو به ڪو پيرن کان محروم هوندو. کين سندس جنگي هوائي جهاز اڏائڻ وارو خيال بنهه ناقابل يقين بلڪه بڪواس لڳو. هنن اهڙن ماڻهن جي واقعن جو ذڪر ڪيو، جيڪي معمولي ڳالهه تان هوائي فوج مان خارج ڪيا ويا هئا. مثال طور ڪنهن جون فقط ٻه آڱريون ڪٽجي ويون هيون، ڪنهن کي اعصابي ٿڪاوٽ هئي ۽ ڪن کي ته رڳو ان ڪري خارج ڪيو ويو، جو سندس پيرن ۾ سختي پيدا ٿي ويئي هئي. هميشه کان، ايتري قدر جو جنگ جي زماني ۾ به فوج جي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ هوابازن جي صحت جو معيار تمام بلند هو ۽ ان کان سواءِ انهن جو خيال هو ته هوا��ي جهاز جهڙي پيچيده ۽ بنهه ڦڙتيلي تيز حِس مشين کي بنا پيرن واري هواباز لاءِ قابو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. +سڀني کي ان ڳالهه تي اتفاق هو ته ميريسئف جو ارادو محض هڪ دل کي خوش ڪندڙ آسرو آهي. پر پوءِ به کين ان ۾ ڏاڍي ڪشش محسوس ٿي. ”يا ته تنهنجو دوست بنهه پهرئين نمبر جو احمق آهي، يا ته هڪ عظيم انسان. بس ان کان سواءِ ٽين ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي .“ بورنازيان آخر ۾ وڃي اهو نتيجو ڪڍيو. +هيءَ خبر کَن پل ۾ هر هڪ وارڊ ۾ پهچي ويئي ته سيني ٽوريم ۾ هڪ اهڙو ماڻهو موجود آهي، جنهن جا پير ڪونهن. پر پوءِ به هو جنگي هوائي جهاز اڏائڻ چاهي ٿو. مانيءَ جي مهل تائين هو توجهه جو مرڪز بڻيو رهيو. جڏهن هنن کيس ڏٺو ته هو کاڌي جي ميز تي پنهنجي پاسي ۾ ويٺل همراهن سان ٽهڪ ڏيئي کلي پيو، ڏاڍي شوق سان ماني پيو کائي. ماني کارائيندڙ، حسين ڇوڪرين جي روايتي انداز ۾ واکاڻ پيو ڪري، پارڪ ۾ پنهنجي دوستن سان تفريح پيو ڪري، مختلف رانديون سکڻ جي ڪوشش پيو ڪري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته والي بال کيڏڻ جي به ڪوشش پيو ڪري، تڏهن کين هن ۾ ڪا خاص عجيب ڳالهه نظر ته ڪانه آئي، سواءِ ان جي ته هي ٿورو منڊڪائي پئي هليو. حقيقت ته هيءَ آهي ته هو حد کان زياده معمولي ماڻهن مان هڪ ٿي لڳو. هر شخص سندس عادي ٿي ويو ۽ ستت ئي سڀني ڏانهس خاص توجهه ڏيڻ ڇڏي ڏنو. +هتي پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن هو زينوچڪا سان ملڻ لاءِ آفيس ۾ ويو. هن پنهنجي کاڌي مان هڪ پيسٽري بچائي رکي هئي ۽ اها پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. هن ڏاڍي طمطراق سان اها پيسٽري زينوچڪا کي پيش ڪئي ۽ پاڻ حجت مان ميز تي ويهي رهيو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته آخر هوءَ پنهنجو واعدو ڪڏهن پورو ڪندي؟ +”ڪهڙو واعدو؟“ هن ڀرون تاڻي پڇيو. +”زينوچڪا، تون مون کي نچڻ سيکارڻ جو واعدو ڪيو آهي.“ +”ليڪن......“ ڇوڪريءَ احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. +”مون کي ٻڌايو ويو آهي ته تون ايتري ته ڀلي استاد آهين جو اپاهجن کي نچڻ سيکاريو ڇڏين ۽ چڱا ڀلا ماڻهو ته توکان نچڻ سکي نه صرف پيرن سان هٿ ٿا ڌوئن، پر انهن جو دماغ به چٽ ٿيو وڃي، جيئن فيديا سان ٿيو. ها ته اسين ڪڏهن ناچ سکڻ شروع ڪنداسين؟ پاڻ کي قيمتي وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي.“ +زينوچڪا کي هي نئون ماڻهو ڏاڍو پسند آيو. سندس پير ڪونه هئا، پر پوءِ به هن چاهيو ٿي ته زينوچڪا کيس نچڻ سيکاري! ڇو نه؟ هو خوبصورت هو، سندس سانوري چمڙيءَ مان رت جي ڳاڙهاڻ بکي رهي هئي، هن جا وار نرم ۽ گهنڊيدار هئا، هو عام ماڻهن وانگر هلندو هو ۽ سندس اکيون ڏاڍيون خوبصورت هيون، جن ۾ شرارت ڀريل هئي. پر ساڳئي وقت اداس به پئي لڳيون. زينوچڪا جي زندگيءَ ۾ نچڻ جي ڪا گهٽ اهميت ڪانه هئي. هوءِ ناچ جي ڏاڍي شوقين هئي ۽ حقيقت ۾ هئي به ڏاڍي سهڻي ناچڻي........ ۽ ميريسئف، ها، هو به واقعو سهڻو جوان ۽ ڏاڍو دلڪش به هو. +هوءَ راضي ٿي ويئي، توڙي جو کيس يقين ڪونه هو ته ڪو بنا پيرن وارو ماڻهو به ناچ سکي سگهي ٿو. تنهن ڪري هوءَ جن شرطن تي کيس ناچ سيکارڻ لاءِ تيار ٿي هئي، سي ڏاڍا سخت هئا. هڪ ته کيس فرمانبرداري ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻيو ته کيس هن جي محبت ۾ گرفتار ٿيڻ کان بچڻ گهرجي، ڇو ته محبت ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ٿي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ ته کيس ان وقت جلڻ پچڻ نه جڳائي، جيڏي مهل هوءَ ٻين کي پاڻ سان گڏ نچڻ جي دعوت ڏيندي هجي. ڇو ته صرف هڪ سان نچڻ ۾ فن ڪند ٿي ٿو وڃي ۽ واڌ نٿي ٿئي ۽ هر وقت ساڳي ماڻهوءَ سان نچڻ ۾ مزو به نٿو اچي. +اليڪسيءَ اهي شرط دل سان قبول ڪيا. زينوچڪا پنهنجي شعلا اوڳاڇيندڙ وارن واري مٿي کي جهٽڪو ڏنو ۽ پنهنجي حسين پيرن کي خوبصورتيءَ سان کڻ��، اتي جو اتي ناچ جو پهريون سبق ڏيڻ لڳي. ڪنهن زماني ۾ ميريسئف کي پراڻن ناچن سکڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڪنهن حد تائين سکيو به هو. پر هاڻي سندس سامهون ڏکائي اها هئي ته کيس زنده نرم ۽ متحرڪ پيرن کي سيکارڻو ڪونه هو، پر هي فن چمڙي جي انهن ڌاڳن کي سيکارڻو هو، جيڪي سندس مرين سان ٻڌا پيا هئا. ڳرن ۽ نقلي پيرن ۾ زندگي ۽ حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ غير معمولي ۽ غير انساني جدوجهد ۽ قوت اراديءَ جي ضرورت هئي. +پر انهن کي هن پنهنجي مرضيءَ موجب هلڻ تي مجبور ڪري وڌو. هر نئين قدم تي – هر ڊوڙ، هر چڪر ۽ هر جهومر تي – جيڪو ڪجهه هو سکندو هو، ان تي سندس دل خوشيءَ ۾ مست ٿي ويندي هئي. هو ڪنهن ننڍڙي ٻار وانگر خوشيءَ ۾ ٽپ ڏيندو هو. جڏهن هو ڪو نئون ڏاڪو سکي وٺندو هو ته پاڻ تي سوڀ پائڻ جي خوشيءَ منجهه هو پنهنجي استادياڻيءَ کي ڀاڪر وجهي زمين تان مٿي کڻي وٺندو هو. پر ڪنهن کي به ۽ خاص ڪري استادياڻيءَ کي به ذرو برابر به اندازو ڪونه هوندو هو ته کيس هر نئين ۽ ڏکئي قدم سکڻ تي ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳڻي ٿي پوي. اهو ڪير به ڪونه ڏسندو هو ته جڏهن هو مسڪرائيندي پنهنجي چهري تان رومال سان پگهر اگهندو هو ته گڏوگڏ ڏاڍي بي پرواهيءَ سان هو پنهنجي اکين مان نڪرندڙ بي اختيار لڙڪ به اگهي ڇڏيندو هو. +هڪ ڏينهن هو منڊڪائيندو پنهنجي ڪمري ۾ پهتو. هو ٿڪجي بنهه چور ٿي چڪو هو، پر پوءِ به ڏاڍو خوش هو. +”آءٌ نچڻ سکان پيو ۽ آءٌ ضرور ڪامياب ٿيندس.“ هن هڪ فاتح وانگر شان سان ميجر کي ٻڌايو ۽ پنهنجا نقلي پير الڳ ڪري ٽنگن کي هٿ ڦيرائي کنهڻ لڳو. ميجر کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. هو دريءَ ڏانهن منهن ڪريو، پنهنجن خيالن ۾ گم ويٺو رهيو. گهڙيءَ کان پوءِ ميجر جا ڪلها لڏڻ لڳا ۽ سندس وات مان عجيب قسم جا آواز نڪرڻ لڳا، ڄڻ سڏڪا ڀريندو رهيو هجي. اليڪسي ماٺ ميٺ ۾ ڪمبل اوڍي سمهي پيو. ميجر جو ڪجهه عجيب حال هو. هي شخص، جيڪو هاڻ جوان نه رهيو هو، جيڪو ڪالهه تائين اسپتال جي وارڊ ۾ پنهنجو پاڻ کي تيس مار خان ۽ عورت کان ڪوهين ڏور پيو چوائيندو هو، سو هڪ اسڪولي ڇوڪر وانگر محبت ۾ غرق ٿي ويو هو. ائين پئي لڳو ته سندس مرض لاعلاج ٿي ويو هو. هو ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا آفيس ويندو هو ۽ ڪلاوديا کي ماسڪو فون ڪندو هو. هر ايندڙ ويندڙ مريض هٿان گل، ميوو، چاڪليٽ ۽ چٺي چپاٽي پيو موڪليندو هو. هو کيس ڊگها ڊگها خط لکندو هو، پر هوءَ سندس هر پيش قدمي ٺڪرائي ڇڏيندي هئي. کيس ذرو به ترس نٿي آيو. هوءَ لکندي هئي ته آءٌ ڪنهن ٻئي سان محبت ڪريان ٿي ۽ هاڻي ان جو سوڳ ملهائي رهي آهيان. هوءَ ميجر کي دوستاڻي صلاح ڏيندي هئي ته هو کيس وساري ڇڏي، مٿس پئسا ۽ وقت برباد نه ڪري. انهيءَ ئي دوستاڻي ۽ سچي اندازِ محبت ۾ سڀ کان وڌيڪ دل آزار رويي ميجر کي پريشان ڪري وڌو هو. +اليڪسي ڪمبل ۾ ليٽيو پيو هو ۽ ڄاڻي واڻي ماٺ هو. ميجر دريءَ وٽان اٿيو ۽ تڪڙو اليڪسيءَ ڏانهن وڌيو. کيس ڌونڌاڙي رڙيون ڪرڻ لڳو: +”آخر هوءَ ڇا ٿي چاهي؟ آءٌ ڇا آهيان؟ ٻڌاءِ، ڇا آءٌ محبت لائق نه آهيان؟ ڇا آءٌ بدصورت آهيان، پوڙهو آهيان يا ڪوڙهه جو مريض آهيان؟ هن جي جاءِ تي ڪا ٻي هجي ها ته...... پر بڪڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟“ هو آرام ڪرسيءَ ۾ ڪري پيو ۽ پنهنجو مٿو جهلي ويهي رهيو. +”هوءَ عورت آهي، آهي نه؟ کيس منهنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه نه ڪجهه ته لحاظ پيدا ڪرڻ گهرجي. هو ڏائڻ آهي! آءٌ هن سان محبت ڪريان ٿو. ڪاش اهو تون جي ڄاڻين. ڇا تون ان ٻئي ماڻهوءَ کي سڃاڻندو هئين........؟ ٻڌاءِ، اهو مون کان ڪهڙي ڳالهه ۾ وڌيڪ هو؟ هن آخر هِن ڇوڪريءَ جو من ڪيئن موهي وڌو هو؟ ڇا هو مون کان و��يڪ عقلمند هو؟ ڇا هو گهڻو حسين هو؟ هو ڪهڙي قسم جو هيرو هو؟“ +اليڪسيءَ کي ڪميسار وروبيوف ياد آيو، هن جو سڄيل جسم، وهاڻي تي رکيل ميڻ جهڙو چهرو، زرد چهرو ۽ ابدي طرح عورتپڻي جي غم ۾ ٻڏل، عورت جي مجسمي وانگر پاسي ۾ بيٺل هڪ عورت - ۽ ريگستان ۾ مارچ ڪندڙ سرخ فوج جي باري ۾ اها حيرت انگيز ڪهاڻي. +”هو بس سچو انسان هو، ميجر! هو انقلابي هو. ڪاش تون به اهڙو ٿي وڃين.“ +(4) +اها خبر، جيڪا بنهه ٻٽاڪ ٿي لڳي، سا سڄي سينٽوريم ۾ پکڙجي ويئي: وڍيل پيرن واري هواباز نچڻ شروع ڪري ڏنو. +زينوچڪا پنهنجي آفيس جو ڪم پورو ڪري، ٻاهر نڪرندي هئي ته کيس سندس شاگرد ورانڊي ۾ انتظار ڪندو ملندو هو. هو هن لاءِ ڪڏهن گلن جو ڇڳو ته ڪڏهن چاڪليٽ، نارنگي، اڃا به ٻيو ڪجهه کڻي ايندو هو. هوءَ سنجيدگيءَ سان هن جي ٻانهن جهليندي هئي ۽ ٻئي ڄڻا تفريح واري ڪمري ۾ هليا ويندا هئا، جيڪو گرمين ۾ ويران پيو هوندو هو. اليڪسي اڳ ۾ ئي تاش کيڏڻ واريون ميزون ۽ ڪرسيون هٽائي، هڪ طرف نچڻ لاءِ جاءِ ڪري ڇڏيندو هو ۽ زينوچڪا ڏاڍي دلچسپيءَ سان کيس ناچ جو ڪونه ڪو نئون داءُ سيکاريندي هئي. هواباز ڀرون تاڻي کيس فرش تي پنهنجي ننڍڙن ۽ خوبصورت پيرن سان پيچيده ڊزائين بنائيندي ڏسندو هو. تڏهن هوءَ ڇوڪري ڳنڀيرتا ڀريل چهري سان تاڙيون وڄائي ڳڻڻ شروع ڪندي هئي: ”هڪ، ٻه، ٽي. ساڄي پاسي گهم! هڪ، ٻه ٽي، هڪ ٻه ٽي – هاڻي کاٻي پاسي گهم. هڪ، ٻه، ٽي. ها، ها، ٺيڪ آهي. هڪ، ٻه، ٽي، هاڻي جهومر پائي. چڱو هليا، ٻئي گڏجي نچون.“ +بنان پيرن جي ماڻهوءَ کي نچڻ سيکارڻ جو فرض اهڙو هو، جيڪو نه ته باب گورو خوف سرانجام ڏيئي سگهيو هو ۽ نه ئي پال سوداڪي فسڪي يا شايد کيس ڪانگ جي رنگ جهڙن ڪارن وارن ۽ مسڪرائيندڙ اکين وارو سانورو شاگرد وڻي ويو هو. شايد ٻئي ڳالهيون هيون، فرض ۽ محبت! بهرحال، ان جو ڪهڙو به سبب هجي، پوءِ هوءَ پنهنجو سمورو خالي وقت دل سان انهيءَ ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندي هئي. +شام جي وقت سمورا هواباز نچڻ ايندا هئا. اليڪسي ڏاڍي لگن سان نچڻ ۾ حصو وٺندو هو ۽ ناچ جو ڪوبه قسم هٿان ڪونه وڃائيندو هو. ڪيترا ئي ڀيرا سندس استادياڻيءَ کي افسوس ٿيو ته هن هروڀرو پنهنجي شاگرد کي اهڙن سخت شرطن جو پابند ڪري ڇڏيو آهي. اڪارڊين جي ڌن تي جوڙا ڪمري ۾ نچڻ لڳندا هئا. ميريسئف جوش کان ڳاڙهي چهري ۽ چمڪندڙ اکين سان ترڪندو جهومندو، چڪر ڏيندو ۽ ڦرندو پنهنجي نازڪ قدمن واري ۽ شعلا اوڳاڇيندڙ وارن واري ساٿيءَ کي نچائيندو رهيو ته جيئن هن کي ذرو به محنت نه ڪرڻي پوي ۽ انهن ماڻهن کي، جن هن بهادر ناچوءَ کي اکين ڏٺو ٿي، تن کي اهڙو ڪوبه وهم گمان ڪونه ٿي ٿيو ته هو هر ڀيري ڪمري مان ٻاهر نڪري ڇا ٿو وڃي ڪري؟ +هو مسڪرائيندو، رومال سان وڏي شان سان هوا پيدا ڪندو ڪمري کان ٻاهر نڪتو ٿي. پر دروازي کان ٻاهر نڪرندي ئي مسڪراهٽ جي جاءِ تي درد ۽ پيڙا اچيو ٿي واسو ڪيو. چاڙهيءَ جي جهل کي جهليندو، ٿڙندو ۽ ڪنجهندو چاڙهيءَ تان لٿو ٿي ۽ ماڪ ۾ ڀنل ٿڌيءَ ڇٻر تي ڦان ٿي ڪري پوندو هو ۽ سمورو بدن زمين سان لڳائي درد ۽ ڪرڀ وچان خوب روئيندو هو. نقلي پيرن کي الڳ ڪري ٽنگن کي ساهي ڏيندو هو. جڏهن کيس ٿورو آرام ملندو هو ۽ اذيت ٿوري جهڪي ٿيندي هئي ته وري ٻيهر ڪمري اندر داخل ٿيندو هو، جتي پگهر ۾ شل اڪارڊين وارو نغمن جي گونج پيدا ڪري رهيو هو ۽ هو هن ڳاڙهن وارن واري زينوچڪا وٽ پهچي ويندو هو، جنهن جون اکيون اڳيئي سندس انتظار ڪنديون رهنديون هيون. هو چپن تي مسڪراهٽ پکيڙي ڇڏيندو هو، جنهن سان سندس موتين جهڙن ڏندن جي قطار جرڪي پوندي هئي. پوءِ هو چستي ۽ آهستگيءَ سان چڪر لڳائڻ شروع ڪندو هو. زينوچڪا سندس خوب خبر وٺندي هئي ته هو کيس ڇو ڇڏي ٻاهر هليو ويو هو ۽ هو ڀوڳن جي انداز ۾ جوڳو جواب ڏيندو هو. +انهن انتهائي اڙانگين مشقن پنهنجو ڪم ڪيو. هاڻي اليڪسيءَ کي پنهنجي نقلي پيرن جو احساس گهٽ ٿيندو پئي ويو. ائين پئي لڳو ڄڻ هي پير وڻ ۾ پيوند وانگر لڳي ويا آهن. +اليڪسي بنهه خوش هو. هاڻي کيس فقط هڪڙي ڳڻتي هئي، سا هيءَ ته اوليا جو ڪو خط ڪونه ٿي آيو. گووزديف ۽ سندس محبوبا جي افسوسناڪ تجربي کان پوءِ پاڻ جيڪو خط لکيو هئائين، تنهن کي مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو هو. هو هاڻي ان خط کي هڪ خطرناڪ خط سمجهندو هو. ان خط جو جواب اڃا تائين ڪونه پهتو هو. هو بدن جي ورزش ۽ ڊوڙڻ ۾ روزانو هڪ سؤ قدمن جو واڌارو ڪندو رهندو هو. روزانو صبح جو ورزش کان پوءِ هو ڀڄندو خطن جو خانو وڃي کوليندو هو، جتي خطن جا ڍڳ لڳا پيا هوندا هئا، پر سندس خط ڪونه هوندو هو. +هڪ ڏينهن ناچ جي سبق دوران کيس بورنازيان جو ڪارو مٿو تفريحي ڪمري جي دريءَ مان ڏسڻ ۾ آيو. سندس هٿ ۾ هڪ خط هو. پر ان کان پهريائين جو ڪو ڪجهه ڳالهائي، ميريسئف جهڙپ ڏيئي سندس هٿ مان خط ڦري ورتو ۽ ائين گولي ٿي ويو، جو ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه پئي. سندس استادياڻي ڪمري جي وچ ۾ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي بيٺي رهي. ”زينوچڪا! هن زماني ۾ سڀ هڪجهڙا آهن.“ بورنازيان ڪنهن پوڙهيءَ ماسيءَ وانگر ائين ڦٽاڪو ڇوڙيو. ”سڀئي گوهي ڏيو گم ٿي وڃن ٿا. انهن مان ڪنهن جي به ڳالهين تي نه لڳ. انهن کان ائين پري ڀڄ، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان! بهتر ته ائين آهي ته تون مون کي ئي کڻي پنهنجو شاگرد بناءِ.“ +اليڪسي ڊوڙندو ڍنڍ وٽ پهتو. سندس هٿ ۾ خط هو. سندس انداز مان ائين پئي لڳو، ڄڻ سندس پويان ڪير ڊوڙي ايندو ۽ کانئس هي انمول خزانو ڦري وٺندو. هو هڪ وڏي پٿر تي چڙهي ويٺو ۽ خط کولي پڙهڻ لڳو. اٿندي ئي سندس نظر آخري سٽ تي پئي: ”منهنجا جاني، هميشه هميشه لاءِ تنهنجي ۽ فقط تنهنجي اوليا.“ هن جي بدن ۾ ساهه پئجي ويو. هن ڪاپيءَ مان ڦاڙيل پنو پنهنجي ران تي رکي هٿ سان سڌو ڪيو، جيڪو مڙيو سڙيو پيو هو ۽ جنهن تي مٽيءَ جا نشان ۽ ميڻ بتيءَ جي ڳرندڙ ميڻ جا ڦڙا ڄميا پيا هئا. اوليا ته هميشه بنهه صاف سٿري رهندي هئي. پوءِ هينئر آخر کيس ڇا ٿي ويو آهي؟ ۽ پوءِ جڏهن هن خط ۾ اهي ڳالهيون پڙهيون، تڏهن سندس ڪنڌ فخر کان اوچو ٿي ويو. خبر پيئي ته اوليا هڪ مهينو اڳ ڪارخاني کي ڇڏي ڏنو هو ۽ هاڻي هوءَ لهواري ميدان ۾ ”ڪامي شين“ جي ڇوڪرين ۽ ٻين ڇوڪرين توڙي عورتن سان گڏ زندگي گذاري رهي آهي. جيئن هن لکيو هو ته ”هوءَ هڪ وڏي شهر جي چوطرف، جنهن جو نالو اسان سڀني لاءِ مقدس آهي، ٽينڪن کي روڪڻ لاءِ کڏا کوٽي رهي هئي ۽ مورچا بندي ڪري رهي هئي.“ اسٽالن گراڊ جو نالو خط ۾ هڪ ڀيرو به لکيل ڪونه هو، پر هن جنهن محبت، عقيدت، پريشاني ۽ اميد سان ان ”وڏي شهر“ جي باري ۾ لکيو هو، ان مان صاف ظاهر هو ته ان مان سندس مراد اسٽالن گراڊ ئي هئي. +هن لکيو هو ته هن وانگر هزارين رضاڪار ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا هئا. هو کاٽي کڻي رهيا هئا، مٽي ڍوئي رهيا هئا، ڪنڪريٽ پکيڙي رهيا هئا ۽ اڏاوت جو ڪم ڪري رهيا هئا. ان خط مان خوشيءَ جا جذبا ڦٽي رهيا هئا، پر ڪن ڪن جملن مان اها ڳالهه ظاهر پئي ٿي ته ان وقت عورتن ۽ ڇوڪرين تي ڪيڏو نه ٿڪائيندڙ ۽ سخت وقت اچي ويو هو. پهرين ته هن انهن ڳالهين جي باري ۾ لکيو هو، جن ۾ هوءَ دل جي گهرائيءَ سان محو هئي ۽ پوءِ هن سندس سوالن جو جواب ڏنو هو. هن ڪاوڙ مان لکيو هو ته مون کي تنهنجي آخري خط ڏا��و ڏک پهچايو، جيڪو ”مون کي هتي خندقن ۾“ مليو هو. جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ها ته تون هن وقت محاذ تي آهين، جتي ماڻهوءَ جي حواسن تي خطرناڪ دٻاءُ هوندو آهي ته جيڪر آءٌ توکي ڪڏهن به معاف نه ڪريان ها. +هن لکيو هو: ”منهنجا پيارا، اها محبت ڪهڙي، جيڪا قرباني ڏيئي نه سگهي؟ مٺڙا، اهڙي محبت، محبت ڪانه هوندي آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪا محبت هوندي آهي ته منهنجي خيال ۾ ان کي محبت سڏي نٿو سگهجي. هڪ هفتو ٿي چڪو آهي جو آءٌ وهنجي سهنجي پاڻ اجاري نه سگهي آهيان. آءٌ پتلون ۽ بوٽ پائيندي آهيان، پر بوٽ مان پيرن جا پٻ پيا ڏسبا آهن. منهنجو چهرو ڪاڙهي ۾ ڪڙهي ايترو ته ڪاراٽجي ويو آهي، جو مٿانئس کل لهڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ چمڙي بنهه کهري ۽ نيري ٿي وئي آهي. جيڪڏهن آءٌ هن حالت ۾ بنهه بي حال، گندي ۽ ميري، ڳري ڪنڊا ٿي ويل ۽ بدصورت جي تو وٽ اچان ته ڇا تون مون کان منهن موڙي وٺندين؟ يا مون تي الزام هڻندين؟ منهنجا چريا دوست، تون جهڙو ڪجهه به آهين، آءٌ توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته آءٌ تنهنجو هر گهڙيءَ انتظار ۽ اوسيئڙو پئي ڪريان، پوءِ چاهي جهڙو به هجين......... آءٌ اڪثر تنهنجي ئي باري ۾ سوچيندي رهندي آهيان ۽ هنن خندقن ۾ اچڻ کان اڳ توکي خواب ۾ به ڏسندي هيس. هتي ته اسان سڀئي ڪاٺ جي تختن تي ڪرندي ئي مردن وانگر غافل ٿي وڃون ٿا. آءٌ توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته جيسين آءٌ جيئري آهيان، تيستائين هميشه تنهنجي راهه نهاريندي رهندس. تون جهڙو به آهين، منهنجو آهين ۽ آءٌ تنهنجو اوسيئڙو ڪندي رهنديس........... تون چوين ٿو ته ڪهڙي خبر ته تنهنجي دشمنن کي محاذ تي ڪجهه ٿي وڃي. پر جيڪڏهن هنن ’خندقن‘ ۾ مون کي ڪجهه ٿي پوي، ڪو حادثو پيش اچي ۽ آءٌ لولي لنگڙي ٿي پوان ته ڇا پوءِ تون مون کي ڌڪاري ڇڏيندين؟ توکي ياد آهي، جڏهن اسان هنري سکيا گهر ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن اسان الجبرا ۾ انگن جي جاءِ بدلائڻ سان سوال حل ڪندا هئاسين؟ ساڳئي طرح اڄ تون منهنجي جاءِ تي ويهي سوچ. جيڪڏهن تون ائين ڪرين، جيئن تو خط ۾ لکيو آهي ته توکي شرم ڪونه ايندو.“ +ميريسئف گهڻي دير تائين ويٺو خط تي غور ڪندو رهيو. ”هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ڇا کيس غيب طرفان خبر پئجي ويئي آهي؟ خدا طرفان سندس دل ۾ هيءَ ڳالهه پئجي ويئي آهي؟ سندس ماءُ چوندي هئي ته ’دل غيب جون ڳالهيون ٻڌائيندي آهي.‘ يا خندقن جي ڪشف ۽ سخت زندگيءَ هن ڇوڪريءَ ۾ ايتري سمجهه ۽ ساڃهه پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ هن دل ۾ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ورتو هو، جنهن جي ٻڌائڻ جي منجهس همٿ ڪانه ٿي ٿي؟“ هن هڪ ڀيرو وري خط پڙهيو. نه، اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانه هئي. هيءَ غيب جي خبر ڪانه هئي. هي ته رڳو سندس ڳالهين جو جواب هو ۽ جواب به ڪهڙو!ـــــــــ +اليڪسي ٿڌي آه ڀري، آهستي آهستي ڪپڙا لاٿا ۽ پٿر تي ڪپڙن جو ڍڳ ڪيو. هو هميشه هن ننڍڙي، تنها ۽ ماٺاريءَ کڏ ۾ وهنجندو هو. هن جاءِ جي فقط کيس ئي خبر هئي. هو وڻن ٻوٽن سان ڍڪيل هن کڏ ۾ هميشه وهنجندو هو. هن نقلي پيرن جا ڌاڳا کوليا ۽ آهستي آهستي پٿرن تان ترڪندو، پاڻي ۾ لهي ويو، ڇو ته اگهاڙين ڪٽيل ٽنگن سان هلڻ ممڪن ڪونه هو. هو گهڻي دير تائين آرام ۽ سڪون سان وهنجندو رهيو ۽ پاڻي جي سطح تي پاڻ کي آسودو ڇڏي آسمان کي تڪيندو رهيو. +(5) +ڏکڻ واري محاذ تي صورتحال انتهائي نازل ٿي وئي هئي. ڪيترن ڏينهن کان وٺي نديءَ جي ڪناري واري محاذ تان لڙائيءَ متعلق خبرون اخبارن ۾ اچڻ بند ٿي ويون هيون. هڪ ڏينهن سوويت اطلاعاتي اداري طرفان انهن ڳوٺن جو ذڪر آيو هو، جيڪي ڊون نديءَ جي ٻئي طرف والگا ۽ اسٽالن گراڊ واري رستي تي هئا. انهن ڳوٺن ج��، تن ماڻهن جي نظر ۾ ڪابه اهميت ڪانه هئي، جيڪي انهن کان اڻ واقف هئا، پر اليڪسي جيڪو اتي ئي ڄائو ۽ نپنو هو ۽ ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو، تنهن تاڙي ورتو هو ته ڊون نديءَ وارو بچاءُ دنگ ٽوڙي، دشمن اسٽالن گراڊ ڏانهن وڌي رهيو آهي. +توڙي جو اطلاعاتي اداري طرفان اڃا اسٽالن گراڊ جو نالو ڪونه ورتو پئي ويو، پر عام طرح هر شخص جي زبان تي هو. 1942ع جي خزان جي موسم ۾ هي نالو پريشاني ۽ ڏک وچان زبان تي ايندو هو. ان جو ذڪر ڪنهن شهر جي نالي وانگر نه، پر ڪنهن اهڙي پياري ۽ قربائتي مٽ مائٽ جي نالي وانگر ٿيندو هو، جيڪو موت جي منهن ۾ هجي ۽ اليڪسيءَ لاءِ ته اها پريشاني ويتر ڪيترا ئي ڀيرا وڌي ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته اوليا اتي ئي ڪٿي شهر کان ٻاهر، لهواري ميدان ۾ هئي ۽ خبر ناهي ته کيس ڪهڙين ڏکين آزمائشن مان گذرڻو پيو پوندو هوندو؟ هاڻي هو روز کيس خط لکندو هو. پر انهن خطن جي ڪهڙي اهميت هئي، جن تي جنگي ميدان جي ڪنهن ٽپال گهر جو پتو لکيل هوندو هو؟ ڇا پوئتي هٽندڙ فوجن جي هن افراتفري ۽ هنگامي ۾ هي خط کيس ملي سگهندا هوندا؟ سو به اهڙي صورتحال ۾، جتي والگا جي ميدانن ۾ گهمسان جي جنگ – سڄو علائقو جهنم بنائي ڇڏيو هجي!. +هوابازن جو سيني ٽوريم ماکيءَ جي ڇيڙيل ماناري وانگر گونججي رهيو هو. عام تفريحن جا پروگرام ختم ٿي چڪا هئا. شطرنج، والي بال، اٽي ڏڪر ۽ تاش جون رانديون سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو. هر ماڻهو، ايتريقدر جو حد درجي جا سست قسم جا ماڻهو به وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ جاڳي پوندا هئا ته جيئن ريڊيو تان صبح جون ستين وڳي واريون خبرون ٻڌي سگهن. اطلاعاتي اداري طرفان، جڏهن هوابازن جا نالا وٺي، سندن ڪارنامن جو ذڪر ٿيندو هو، تڏهن هر شخص اداس اداس پيو لڳندو هو. نيٺ سيني ٽوريم ۾ آرام ڪندڙن اعلان ڪيو ته هو هاڻي بيزار ٿي پيا آهن ۽ هنن مطالبو ڪيو ته کين مقرر وقت کان اڳ ۾ ئي موڪل ڏيئي محاذ تي موڪليو وڃي. +هڪ ڏينهن پوياڙيءَ مهل هوائي فوج جي عملي جي شعبي کان هڪ ڪميشن آئي. ڌوڙ مان اڇي ٿيل ڪار مان ڪيترا ئي آفيسر لٿا، جن جي وردين تي طبي دستي جا نشان لڳل هئا. اڳين سيٽ تان هڪ ٿلهو متارو آفيسر لٿو، جيڪو اُٿي مس ٿي سگهيو. هي هو پهرئين درجي جو فوجي سرجن ميرو ولسڪي. هو هوائي فوج ۾ تمام گهڻو مشهور هو. هواباز سندس ٻاجهه ۽ شفقت کان ڏاڍا متاثر هوندا هئا. مانيءَ مهل اعلان ٿيو ته هيءَ ڪميشن انهن رضاڪارن جي چونڊ ڪندي، جيڪي پنهنجي موڪل اڳواٽ ختم ڪري محاذ تي وڃڻ چاهين ٿا. +ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اليڪسي اٿيو ۽ معمول مطابق ورزش ڪرڻ کان سواءِ ئي جهنگل ڏانهن هليو ويو ۽ نيرن تائين اتي ئي ويٺو رهيو. نيرن تي به ڪجهه ڪونه کاڌائين. ماني کارائڻ واريءَ ڇوڪريءَ جڏهن ڏٺو ته هن مانيءَ کي هٿ به نه لاتو آهي، تڏهن کيس تنبيهه ڪيائين. اليڪسيءَ کيس ڏاڍو تکو جواب ڏنو، حالانڪ ڇوڪريءَ ساڻس قرب سان پئي ڳالهايو. جڏهن استروچڪوف کيس ٽوڪيو ته ميان ڪجهه خيال ڪر، هوءَ ته توسان اخلاق سان پئي پيش اچي ۽ تون اجايو پيو وهلور وڃين ته هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ماني ڇڏي هليو ويو. +زينوچڪا ڀت تي لڳل سوويت اطلاعاتي اداري جو خبرنامو پڙهي رهي هئي. اليڪسيءَ ساڻس نه دعا سلام ڪئي، نه ڳالهايو ۽ اڳتي وڌي ويو. هوءَ به ائين منهن ڦيري بيٺي، ڄڻ ته هن به کيس ڏٺو ئي ڪونه هو. هن صرف آهستي ڪلهن کي لوڏيو، پر جڏهن هو واقعي کيس نظرانداز ڪري وڃڻ لڳو، تڏهن کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. نيٺ هن کيس سڏ ڪيو. اليڪسيءَ ڪاوڙ مان منهن ورائي چيو: +”ها، ڇا کپي توکي؟“ +”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، تون ڇو ايترو.........“ ڇوڪريءَ تمام نرم لهجي ۾ کيس ورندي ڏني ۽ سڄي ڳاڙهي ٿي ويئي. سندس ڳل باهه وانگر دکڻ لڳا ۽ سندس وارن وانگر شعلا اوڳاڇڻ لڳا. +اليڪسيءَ هڪدم پنهنجي بگڙيل طبيعت تي قابو پاتو ۽ ائين پئي لڳو، ڄڻ سندس سڄو جسم خالي ٿي ويو هجي. +”اڄ منهنجي قسمت جو فيصلو ٿيڻو آهي.“ هن بنهه آهستگيءَ سان چيو. ”هٿ ملائي ۽ منهنجي لاءِ دعا ڪر........“ هو معمول کان وڌيڪ منڊڪائيندو، پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ تالو لڳائي ڇڏيائين. +ڪميشن تفريحي هال ۾ ويٺي هئي. اتي ئي سندن سمورو سامان نسب ڪيو ويوـــــ ساهه جانچڻ جو اوزار، مٺين جي دٻاءُ وارو اوزار، نظر جانچڻ وارو ڪارڊ وغيره. سينيٽوريم جي سموري خلق پاسي واري ڪمري ۾ گڏ ٿي ويئي هئي. اهي سمورا، جن پنهنجي موڪل اڳواٽ ختم ڪرائڻ ٿي گهري، سي قطار ڪري بيٺا هئا. زينوچڪا آئي ۽ ان سڀني کي هڪ هڪ پرچو ڏنو، جنهن تي لکيل هو ته کيس ڪهڙي وقت سڏيو ويندو ۽ مڙني کي اتان هليو وڃڻ لاءِ چيائين. شروع جا ڪجهه ماڻهو، جيڪي ڪميشن وٽ پيش ٿي ٻاهر آيا، تن واتان اهو افواهه پکڙجي ويو ته ڪميشن ايتري سخت ڪانهي. ڀلا اهڙي وقت ڪميشن ڪيئن ٿي سخت ٿي سگهي، جڏهن والگا جي ڪنارن تي خوني جنگ لڳل هجي ۽ سرڌڙ جي بازي لڳائڻ جي مهل مٿان هجي؟ اليڪسي سرن جي ٻجري تي پير لاڙيو ويٺو هو. جڏهن اندران ڪو ماڻهو نڪتو ٿي ته هن ان کان اهڙي بي نيازيءَ سان پئي پڇيو، جو ڄڻ کيس ڪا گهڻي دلچسپي نه هجي. +”ٻڌاءِ، ڪيئن ٿيو؟“ +”منهنجو ته ٻيڙو پار آهي.“ ان ماڻهوءَ خوش خوش ورديءَ جو بٽڻ ٺيڪ ڪندي جواب ٿي ڏنو. +ميريسئف کان اڳ ۾ بورنازيان اندر ويو. هن پنهنجو لڪڻ دروازي وٽ ڇڏي ڏنو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڪوشش ڪندو رهيو ته جيئن بدن ۾ لوڏو ۽ ٽنگن ۾ منڊ پيدا نه ٿئي. دروازو کليو ۽ بورنازيان ڪاوڙ مان ڳاڙهو، سٽ ڏيئي ٻاهر نڪتو ۽ هن ڪاوڙ مان اليڪسيءَ ڏانهن نهاريو، رڙيون ۽ دانهون ڪندو، منڊڪائيندو پارڪ ڏانهن هليو ويو. +”آفيسر شاهيءَ جا غلام! کوهه جا ڏيڏر! کين هوابازيءَ جي باري ۾ اچي ئي ڇا ٿو؟ ڇا سندن خيال ۾ هوابازي به هڪ ناچ آهي؟ ننڍي ٽنگ؟....... ڪمبختن کي رڳو انيما (گهٽ رت واري بيماري) ۽ انجيڪشن کان سواءِ ٻيو اچين به ڇا ٿو؟“ +اليڪسيءَ جي دل ٻڏي رهي هئي، پر پوءِ به هو بنهه خوش خوش، مسڪرائيندو ۽ تيز تيز قدمن سان ڪمري اندر آيو. ڪميشن هڪ ڊگهي ميز جي ڀرسان ويٺل هئي. وچ ۾ گوشت جي ڍڳ وانگر پهرين درجي جو فوجي سرجن ميروولسڪي ويٺل هو. پاسي ۾ هڪ ٻيءَ ميز وٽ زينوچڪا ويٺي هئي. سندس اڳيان مريضن جي ڪارگزاريءَ جي ڪاغذن جو ڍير رکيل هو. هوءَ پنهنجي سفيد ۽ ڪلف لڳل ڊريس ۾ هڪ خوبصورت ۽ ننڍڙي گڏيءَ وانگر ڏاڍي وڻي پئي. سندس سنهي سفيد رومال مان ڳاڙهن وارن جي هڪڙي چڳ ڏاڍي ناز ۽ ادا سان ٻاهر لياڪا پائي رهي هئي. هن اليڪسيءَ کي سندس بيماريءَ جو پروانو هٿ ۾ ڏنو ۽ آهستگيءَ سان سندس هٿ کي زور ڏنو. +”نوجوان، هاڻي بدن جي مٿئين حصي جا ڪپڙا لاهي ڇڏ.“ سرجن اکيون چُنجهيون ڪندي چيو. +ميريسئف جي ورزش اجائي ڪانه وئي هئي. ڪاڙهي ۾ ڊوڙڻ بيڪار ڪونه ويو هو. سرجن دل ئي دل ۾ سندس ڳتيل ۽ خوبصورت جسم جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. سندس بدن جو هر هڪ حصو، سانوري کل هيٺان تڙپندو نظر پئي آيو. +”تون ته ڀوڳن ڀوڳن ۾ دائود جي مجسمي جي نموني طور تي ڪم ڪري سگهين ٿو.“ ڪميشن جي هڪ ميمبر چرچي طور چيس. ميريسئف بنهه آسانيءَ سان سڀني امتحان مان پاس ٿي ويو. سندس مٺين جو دٻاءُ مقرر معيار کان 50 سيڪڙو وڌيڪ هو، ساهه جي جانچ ۾ هن ڪانٽي کي اوزار جي آخري ڇيڙي تائين پهچائي ڇڏيو، سندس رت جو داٻ بنهه صحيح هو ۽ سندس اعصاب بهترين حالت ۾ هئا. آخر ۾ هن طاقت جي چڪاس ڪرڻ واري اوزار جا هٿيا ايتري ته زور سان ڇڪيا، جو مرڳو اسپرنگ ئي ٽٽي پيو. +”هواباز؟“ سرجن پنهنجي چهري تي خوشيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪندي پڇيو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تي آرام سان ڍرڪي پيو. هو ”سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف“ جي ڪارڊ جي مٿئين ڪنڊ تي پنهنجو فيصلو لکڻ ئي وارو هو. +”جي ها.“ +”جنگي هواباز؟“ +”جي ها.“ +”چڱو، همت ڪري اڃا به وڌيڪ ڪارناما سرانجام ڏي. تو جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، تمام گهڻي ضرورت آهي........! ها، پر اهو ته ٻڌاءِ ته توکي تڪليف ڪهڙي هئي؟“ +اليڪسيءَ جو منهن لهي ويو. کيس ائين لڳو، ڄڻ سڄو ٺهيل ٺڪيل معاملو پيو خراب ٿئي. سرجن سندس ڪارڊ جو معائنو ڪيو ۽ سندس چهري تي حيرانيءَ جي ڪيفيت جهلڪڻ لڳي. +”هان! هي ڇا؟ ڪٽيل پير! هيءَ ڪهڙي بڪواس آهي؟ غلطيءَ وچان ڪنهن ٻئي جو ڪارڊ ته ڪونه اچي ويو آهي، هان؟ تون چپ ڇو آهين؟ جواب ڇو نٿو ڏئين؟“ سرجن بنهه رڙيون ڪندي، حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ مان پڇيو. ”نه سائين، اها غلطي نه آهي.“ جواب ۾ اليڪسيءَ بنهه آهستي چيو، جهڙوڪر هو ڦاسيءَ تي چڙهي رهيو هجي. ڪميشن جي ميمبرن ۽ سرجن مشڪوڪ نظرن سان ان ڏٽي مٽي ۽ ڳتيل بدن واري پرجوش جوان کي ڏٺو ۽ سندن سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر معاملو ڇا آهي؟ +”پتلون جا پائنچا مٿي کڻ.“ سرجن بي صبريءَ واري لهجي ۾ حڪم ڏنو. +اليڪسيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو. هن ڏاڍي بيوسيءَ سان زينوچڪا ڏانهن نهاريو ۽ آهستي آهستي پنهنجي پتلون جا پانچا مٿي کنيا. سندس چهري تي مايوسي ڇانئجي ويئي. هن ڪاٺ جي پيرن کي کولي ڇڏيو ۽ هٿ پاسن ۾ ڍرا ڪري ڇڏيا. +”اسان سان مسخري ڪرڻ ٿو چاهين يا تنهنجو اڃا ڪو ٻيو مقصد آهي؟ ڏس ته سهي، اسان جو ڪيڏو وقت زيان ڪيو اٿئي؟ يقينًا تون بنا پيرن جي ته هوائي فوج ۾ وڃڻ جو سوچي ئي نٿو سگهين، آهي نه ائين؟ پوءِ هي ڊرامو ڇو؟“ نيٺ سرجن چيو. +”آءٌ رڳو سوچيان نٿو، پر آءٌ ته واپس وڃي ئي رهندس.“ اليڪسيءَ دٻيل آواز ۾ جواب ڏنو. سندس ڪارين اکين ۾ بغاوت جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا. +”بنا پيرن جي هوائي فوج ۾ ويندين؟ تنهنجي ڪل ته ڪانه ٿڙي ويئي آهي!“ +”ها، آءٌ بنا پيرن جي هوائي جهاز اڏائيندس.“ +اليڪسيءَ جواب ڏنو. هاڻي منجهس بغاوت نه، پر سڪون اوتجي آيو هو. هن پنهنجي پراڻي طرز تي ٺهيل ورديءَ جي کيسي مان هڪ رسالي جو صفحو ڪڍيو، جيڪو تمام حفاظت سان ويڙهيل هو. ”ڏسو!“ هن اهو پنو سرجن کي ڏيکاريندي چيو. ”هن هڪ پير سان هوائي جهاز هلايو هو ته آخر آءٌ ٻنهي پيرن کان بنا ڇو نٿو هوائي جهاز اڏائي سگهان؟“ +سرجن اهو پنو پڙهيءَ ۽ اليڪسيءَ کي حيرت ۽ احترام سان ڏٺو. ”ها، پر توکي ان جهڙو ٿيڻ لاءِ بي پناه محنت ۽ مشق ڪرڻي پوندي. هن ماڻهوءَ ڏهن سالن تائين مشق ڪئي هئي. توکي پنهنجا پير ائين استعمال ڪرڻا پوندا، ڄڻ ته اهي بنهه اصلي آهن.“ هن ڪجهه نرمائيءَ سان چيو. +انهيءَ لمحي اليڪسيءَ کي هڪ غير متوقع ڪمڪ پهتي. زينوچڪا پنهنجي ميز وٽان ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي. هن ٻئي هٿ ائين ملايا، جهڙوڪر دعا گهري رهي هجي ۽ سندس رنگ ايترو ته ڳاڙهو ٿي ويو، جو پگهر جا موتين جهڙا ڦڙا سندس لوندڙين وٽ ظاهر ٿيڻ لڳا. هن چيو: +”ڪامريڊ سرجن، اوهان هن جو ناچ ڏسو. هي ايترو ته بهترين نچي ٿو جو ٻنهي پيرن وارا به اهڙو نٿا نچن.“ +”ناچ؟ خدا جي ڪا مار پوي. ڇا مطلب آهي تنهنجو.........؟ ڇا تون به چرچا پئي ڪرين.......“ سرجن جي وات مان بي اختيار نڪتو ۽ هن چئني طرفن حيرت سان ڪميشن جي ميمبرن ڏانهن نهاريو. +اليڪسيءَ به هڪدم زينوچڪا وارو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڏنو. ”اوهان مهرباني ڪري هينئر فيصلو نه ڪجو. اڄ رات اسان جو ناچ ڏسڻ اچجو ۽ ڏسجو ته آءٌ ڇا ڪجهه ڪري سگهان ٿو.......!“ +جڏهن اليڪسي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو ته هن ٽِڪ ۾ ڪميشن جي ميمبرن جي جهلڪ ڏٺي، جيڪي ڏاڍي جوش خروش سان هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا هئا. +مانيءَ کان اڳ ۾ اليڪسي زينوچڪا کي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ مليو. زينوچڪا کيس ٻڌايو ته سندس وڃڻ کان پوءِ به ڪميشن گهڻي دير تائين سندس باري ۾ بحث ڪيو. سرجن چيو هو ته ميريسئف هڪ غير معمولي نوجوان آهي ۽ ڪهڙي خبر ته واقعي هو هوائي جهاز اڏائي سگهي! هڪ روسي ڇا ڪجهه نٿو ڪري سگهي؟ ان جي جواب ۾ ڪميشن جي هڪڙي ميمبر چيو ته هوابازيءَ جي تاريخ ۾ ان قسم جو ڪوبه واقعو ڪونه ٿو ملي. سرجن ان کي جواب ڏنو ته هوابازيءَ جي تاريخ کي گهڻين ڳالهين جي خبر ڪانه هئي، پر هن جنگ ۾ سوويت هوابازن ڪيترن ئي نون ڪارنامن جو واڌارو ڪيو آهي ۽ تاريخ کي نوان نيکام ڏنا آهن. +رضاڪارن جي روانگيءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ هڪ الوداعي ناچ جو انتظام ڪيو ويو. رضاڪارن جو تعداد ٻه سئو کن هو. هيءَ هڪ شاندار تقريب هئي. ماسڪو مان فوجي بينڊ گهرايو ويو هو. هواباز نچي رهيا هئا. انهن سڀني ۾ نمايان ميريسئف هو. هو باهه جي شعلن جهڙن وارن واريءَ ڇوڪريءَ سان گڏ نچي رهيو هو. +فوجي سرجن ميروولسڪي کليل دريءَ وٽ ويٺو هو. سندس اڳيان ٿڌي بيئر جو گلاس رکيو هو. هو هڪ پل لاءِ به ميريسئف ۽ ڳاڙهن وارن واري ڇوڪريءَ تان نظر هٽائي نه سگهيو. هو هڪ سرجن هو، سو به هڪ فوجي سرجن. هو نقلي ۽ اصلي پيرن جي فرق کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. +هاڻي جڏهن هن ڏٽي مٽي بدن واري هواباز کي پنهنجي نازڪ ۽ دلڪش ساٿيءَ سان نچندي ڏٺو ته هو اهو سمجهڻ لڳو ته ٿي سگهي ٿو ته هن ۾ ڪو دوکو هجي. آخرڪار اليڪسيءَ تاڙيون وڄائيندي تماشائين جي گهيري ۾ روسي لوڪ ناچ ”بارنيا“ نچندو ۽ ديوانگي جي حد تائين محنت ۽ چاهه سان پنهنجي رانن ۽ ڳلن کي ٿڦڪائيندو ۽ ٽپ ڏيندو نيٺ ميروولسڪيءَ وٽ اچي پهتو. هو پگهر ۾ شل ۽ ڏاڍي جوش ۾ هو. سرجن خاموشيءَ ۽ تعظيم سان ساڻس هٿ ملايو. اليڪسيءَ زبان سان ته ڪجهه به ڪونه ڳالهايو، پر هن پنهنجون اکيون سرجن جي اکين ۾ کپائي ڇڏيون ۽ التجا ڀري نظرن سان ڏسندي جواب جي تقاضا ڪرڻ لڳو. +”تون پاڻ ٿو ڄاڻين.“ آخرڪار سرجن چيو. ”ته مون کي ڪوبه حق ۽ اختيار ڪونهي ته آءٌ سڌيءَ طرح تنهنجي مقرري ڪنهن دستي ۾ ڪريان. باقي آءٌ توکي عملي جي شعبي لاءِ هڪ پروانو ڏيندس ۽ اها به سفارش ڪندس ته مناسب سکيا کان پوءِ تون هوابازيءَ لاءِ بنهه لائق ٿي سگهندين. بهرحال، تون منهنجي ووٽ تي ڀروسو ڪري سگهين ٿو.“ +ميروولسڪي سينيٽوريم جي صدر جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي هال مان نڪري ويو. سينيٽوريم جو صدر پڻ ڏاڍو قابل فوجي سرجن هو. ٻنهي جون دليون حيرانيءَ، تحسين ۽ تعريف جي جذبن سان ڀريل هيون. هو هنڌ تي ليٽڻ کان پهريائين گهڻي دير تائين ويٺا سگريٽ پيئندا رهيا ۽ غور ڪندا رهيا ته واقعي جيڪڏهن روسي ماڻهن کي ڪنهن شيءِ جو ڀوت سوار ٿي پوي ته هو اها ڳالهه پوري ڪري ئي ڏيکاريندا آهن. +موسيقي اڃا گونججي رهي هئي، پر ميريسئف مٿئين منزل جي غسل خاني ۾ بند پنهنجي ٽنگن کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ وجهيو ويٺو هو. هو پنهنجا چپ ايترو ته زور سان چٻي رهيو هو، جو منجهانئن بنهه رت نڪرڻ لڳو هو. درد جي پيڙا کان هو ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو. سندس ٽنگن تي نقلي پيرن جي گاٺ جي ڪري رت هاڻيون ڳاڙهيون لڦون پئجي ويون هيون. +هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ميجر استروچڪوف ڪمري ۾ آيو ته ميري��ئف وهنجي سهنجي، تازو توانو ٿي ٽِڪ جي سامهون ويهي پنهنجي گهنڊيدار وارن ۾ ڦڻي ڏئي رهيو هو. +”زينوچڪا توکي ڳولي پئي. توکي ته هن مهل هن سان گڏ الوداعي سير ڪرڻ کپندو هو ۽ تون آهين، سو هتي ويٺو آهين. مون کي ته هن ڇوڪريءَ تي ڏاڍو رحم ٿو اچي.“ +”هليا ته گڏجي هلون.“ ميريسئف ڏاڍي چاهه سان جواب ڏنو. ”هليا، پاويل ايوانووچ، اچ ته هلون.“ هن التجا ڪئي. هن خوبصورت ۽ بنهه ڀلوڙ ڇوڪريءَ سان اڪيلائي ۾ گڏ هجڻ جو خيال، جنهن کيس ناچ سيکارڻ لاءِ هيڏي ساري تڪليف ورتي هئي، سندس لاءِ ڏاڍو پريشان ڪندڙ هو. خاص ڪري اوليا جو خط ملڻ کان پوءِ سندن گڏ هجڻ کيس عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو هو. هو استروچڪوف کي منٿون ميڙون ۽ ايلاز ڪندو رهيو، تانجو نيٺ هن ٽوپي کنئي ۽ اٿي گڏ روانو ٿيو. +زينوچڪا گل هٿ ۾ جهليو ورانڊي ۾ سندس اوسيئڙو ڪري رهي هئي. سندس اڳيان گلن جون ڇڻيل پتيون پکڙيون پيون هيون. اليڪسيءَ جي پيرن جي آهٽ ٻڌي هوءَ ڏاڍي چاهه سان اوڏانهن مڙي، پر جڏهن هن ڏٺو ته هو اڪيلو ڪونهي ته هوءَ ڄڻ وسامي ويئي. +”هليا ته پاڻ جهنگل کان موڪلائڻ هلون.“ اليڪسيءَ ڏاڍي اطمينان سان تجويز پيش ڪئي. +هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي وڻن جي وچان پراڻي ٿڏي سڙڪ تان هلڻ لڳا. هو هلندا هلندا ڍنڍ تائين اچي پهتا. ڍنڍ نرم ۽ سفيد ڌنڌ جي ڪمبل ۾ ڍڪيل هئي ۽ رڍ جي سفيد کل وانگر لڳي رهي هئي. هوا گهميل هئي ۽ منجهس موسم خزان جي خوشبو رچيل هئي. چوطرف چنڊ جي ٿڌي چانڊاڻ ڏاڍي وڻندڙ هئي. هو انهيءَ مست ڪندڙ ماحول ۾ آهستي آهستي ٽِلي رهيا هئا. +”ائين پيو لڳي ڄڻ اسين ديو هجون ۽ ڪڪرن مٿان هلي رهيا هجون. ڪيئن، ٺيڪ آهي نه؟“ اليڪسيءَ ڪجهه سوچيندي چيو. هن محسوس پئي ڪيو ته ڇوڪريءَ جو هٿ زور زور سان سندس هٿ کي دٻائي رهيو هو.“ +”ديو نه پر احمق. اسين پيرن کان وٺي مٿي تائين پُسي پونداسين. رستي ۾ اسان کي ٿڌ لڳي پوندي.“ استروچڪوف ڇوهه ڇنڊيندي چيو. +”انهيءَ معاملي ۾ مون کي پرواهه ناهي. منهنجا ته پير ئي ڪونهن جو پُسن. تنهن ڪري مون کي ته ٿڌ ڪانه لڳي سگهندي.“ اليڪسيءَ کلندي وراڻيو. +”اچو اچو، هن مهل اُتي ڏاڍو مزيدار منظر هوندو.“ زينوچڪا کين ڍنڍ ڏانهن ڇڪيندي چيو. هو ڍنڍ جي ڪناري سان بيٺل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺا ۽ ٻيڙي ڍنڍ جي ماٺاري سطح تي آهستي آهستي ترڻ لڳي. مڪمل خاموشي ڇانيل هئي. ڍنڍ جي هموار سطح تي چنڊ جو چمڪندڙ اولڙو، آس پاس جي ماحول ۾ گلن ڦلن جي سڳنڌ جو واسو، ڏاڍو مزو پئي آيو. نيٺ زينوچڪا ڳالهايو: ”ڏاڍي مشڪل سان يقين ٿو اچي ته ڪو ويجهو ئي ڪٿي زوردار جنگ لڳي پئي آهي....... دوستو! توهان مون کي خط لکندؤ نه؟ ڪيئن اليڪسي! تون ته مون کي خط لکندين نه؟ ها ڀلي خط ڪيترو ئي مختصر ڇو نه هجي. آءٌ پتو لکيل ڪجهه پوسٽ ڪارڊ تنهنجي حوالي ڪنديس. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ تون ضرور لکجانءِ. بس رڳو ايترو ئي ڪافي آهي ته: جيئرو آهيان، ٺيڪ آهيان، ججها سلام ۽ دعا! ۽ ان ڪارڊ کي پوسٽ جي دٻي ۾ وجهي ڇڏج. ٺيڪ آهي نه؟“ +”ٻيلي، آءٌ پڪ ڪونه ٿو ڏيان. توهان کي خبر آهي ته مون کي هتان وڃڻ جي ڪيتري خوشي ٿي آهي. مون کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ هٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي رهي آهي. سو آءٌ ڪجهه چئي نٿو سگهان. باقي اوهين ڄاڻو پاڻ ۾.“ استروچڪوف چيو. +پوءِ هو سڀ ماٺ ٿي ويا. ٿوري دير کان پوءِ زينوچڪا چيو ته ”اچو ته ڳايون“ ۽ انتظار ڪرڻ کان سواءِ ريبي نا وڻ جي باري ۾ گيت ڳائڻ لڳي. هن اڪيلي ئي ڏاڍي درد ڀرئي آواز ۾ ٻول جهونگارڻ شروع ڪيا. پوءِ استروچڪوف به ساڻس گڏجي ڳائڻ لڳو. اليڪسيءَ کي وهم گمان به ڪونه هو ته ڪو استروچڪوف ايت��ي سريلي ۽ دل کي ڇهندڙ آواز ۾ ڳائي سگهي ٿو. آخر ۾ اليڪسيءَ پاڻ به گيت جي آخري ٻولن ۾ گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو. + + + +(6) +ٻئي ڏينهن صبح جو سينيٽوريم جي ڦاٽڪن مان بسن جو ڊگهو قافلو لانگهائو ٿيو. اڃا بسون ٻاهر ڪونه نڪتيون هيون. تيسين استروچڪوف، جيڪو هڪ بس جي فٽ پيريءَ تي ويٺل هو، ريبي نا وڻ وارو گيت ڳائڻ شروع ڪيو. پوءِ ته مڙني بسن مان ماڻهن ساڻس سُر ۾ سُر ملايو ۽ اهڙي طرح الوداعي دعا، آخري سلام، نيڪ خواهشون، بورنازيان جا چرچا گهٻا، دريءَ مان زينوچڪا جون اليڪسيءَ کي ڪيل نصيحتون ۽ ٻيو سڀڪجهه ان پراڻي گيت جي سادن ۽ پر معنيٰ ٻولن ۾ گم ٿي ويا، جنهن گيت کي ڪيتري زماني کان وساري ڇڏيو ويو هو، هاڻ اهو گيت ٻيهر زنده ٿي پيو هو ۽ جنهن حب الوطنيءَ جي عظيم جنگ ۾ ماڻهن جون دليون موهي وڌيون هيون. +اهڙي طرح بسن جو قافلو روانو ٿي ويو. استروچڪوف اڃا تائين اتي ئي ويٺو هو. سندس ورديءَ جا بٽن کليل هئا. هو ڏاڍي جوشيلي موڊ ۾ هو. قدرت جي حسين نظارن جي دل کولي واکاڻ ڪري رهيو هو. هو ڪهڙي دستي ۾ وڃي رهيو هو؟ سا خبر کيس به ڪانه هئي، پر دستو کڻي ڪهڙو به هجي، هو ان کي پنهنجي گهر وانگر سمجهندو هو. ميريسئف بنهه خاموش هو. کيس محسوس ٿي رهيو هو ته اڳيان کيس ڏاڍيون مشڪلاتون سامهون اينديون ۽ هو الاجي انهن رنڊڪن کي پار ڪري به سگهندو يا نه؟ +بس مان لهندي ئي هن سڌو سرجن ميروولسڪيءَ جي آفيس جو گس ورتو. رات رهڻ جو انتظام به ڪونه ڪيائين. هتي کيس پهرين بدقسمتيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. سندس هڪڙو ئي اهو خيرخواه هو، جيڪو ڏاڍيءَ مشڪل سان سندس طرفدار ٿيو هو، سو به غائب هو. سرجن ڪنهن انتهائي ضروري ۽ تڪڙي ڪم سان هوائي جهاز ۾ روانو ٿيو هو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين سندس واپسيءَ جو پڻ امڪان ڪونه هو. جنهن آفيسر سان اليڪسيءَ ڳالهايو هو، تنهن چيو ته قاعدي مطابق هڪڙي درخواست لکي ڏي. هو هڪدم دريءَ وٽ درخواست لکڻ ويهي رهيو. هن درخواست لکي واسطيدار آفيسر کي ڏني، جيڪو بندري قد جو هڪ سنهڙو سيپڪڙو شخص هو. هن جون اکيون ٿڪ ۽ اوجاڳي ڪري پورجي ٿي ويون. هن واعدو ڪيو ته هو پنهنجي وس آهر سندس هرڪا مدد ڪندو ۽ کيس صلاح ڏنائين ته هو ٻن ڏينهن کان پوءِ وري اچي. اليڪسيءَ کيس ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ نيٺ کيس دڙڪا به ڏنائين، پر وريو ڪجهه به ڪونه! آفيسر چيس ته قاعدو اهو ئي آهي ۽ قاعدي جي خلاف ورزي ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. واقعي، ڪنهن به طرح تڪڙ ۾ ڪجهه ٿيڻ ممڪن ڪونه هو. اليڪسيءَ نيٺ هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ٻانهون ڇنڊي اتان اٿي کڙو ٿيو. +ائين سندس لاءِ جنگ واري شعبي جي هڪ آفيس کان ٻيءَ آفيس تائين ڌڪا ٿاٻا کائڻ وارو دور شروع ٿي چڪو هو. سندس مشڪلاتن ۾ واڌارو ان ڪري به ٿيو هو جو هو اسپتال ۾ اهڙي افراتفريءَ واري ماحول ۾ اچي پهتو هو جو وٽس ڪپڙن، کاڌي ۽ پئسن جا پروانا به ڪونه هئا ۽ نه وري اڃا تائين هن انهن شين کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. نه ته وٽس ڪو موڪل جو اجازت نامو ئي هو. توڙي جو انهن معاملن لاءِ هڪ مهربان ۽ مددگار قسم جي آفيسر ساڻس وعدو ڪيو هو ته هو ضروري ڪاغذن لاءِ سندس رجمينٽ کي ٽيليفون ڪري ڪو بندوبست ڪندو، پر ميريسئف کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ان قسم جا ڪم ڪيڏيءَ نه سُستيءَ سان ٿيندا آهن ۽ هن سمجهي ڇڏيو هو ته ڪجهه وقت لاءِ کيس بنا پئسن، بنا رهائش ۽ راشن کان سواءِ ئي ماسڪو ۾ رهڻو پوندو. +هن اسپتال ۾ انيوتا کي فون ڪئي. انيوتا جي آواز مان لڳو ٿي ته هوءَ يا ته سخت پريشان هئي، يا وري ڏاڍي رڌل هئي. پر اليڪسيءَ جي اچڻ تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ اسرار ڪيائين ته هو ڪجهه ڏينهن وٽس ترسي. اهو ان ڪري وڌيڪ مناسب هو جو هوءَ پاڻ اسپتال ۾ رهندي هئي. تنهن ڪري پويان هو اڪيلو آرام سان رهي سگهيو ٿي. +سينيٽوريم مان ويندڙ هر شخص کي پنجن ڏينهن جو سُڪو راشن ڏنو ويو هو. تنهن ڪري غور ڪرڻ کان سواءِ ئي ميريسئف ان ڄاتل سڃاتل گهر ۾ هليو آيو. هن در تي زور سان ٺڪ ٺڪ ڪئي. در ته کليو، پر اڃا زنجير اٽڪيل هئي، تنهن ڪري در اڌو گابرو مس کليو. هڪ پوڙهيءَ عورت سواليه نظرن سان کيس ڏٺو ۽ پڇيائين ته توهان کي ڪنهن سان ملڻو آهي ۽ نالو ڇا اٿئي؟ جڏهن کيس سڄي ڳالهه ٻڌايائين، تڏهن وڃي زنجير کلي ۽ هو اندر لنگهي ويو. +”انيوتا گهر ڪانهي. هن ٽيليفون ڪري تنهنجي باري ۾ ٻڌايو هو. اچ ته توکي سندس ڪمرو ڏيکاريان.“ پوڙهيءَ پنهنجي جهڪيءَ نظر سان سندس چهري، ورديءَ ۽ خاص طور تي سندس ٿيلهي جو جائزو ورتو. ”شايد توکي گرم پاڻيءَ جي ضرورت هوندي. انيوتا جو گاسليٽ وارو چلهو موجود آهي، آءٌ توکي ان تي گرم پاڻي ڪري ٿي ڏيان.“ پر پوءِ پاڻي گرم ڪرڻ جي بجاءِ سڄي جڳ جهان جا قصا پٽي ويهي رهي. ڪنهن جو ابو مئو، ڪنهن جي ادي ڄائي. راشن جي قلت، جنگي محاذ تي جرمنن کي مليل مار، هٽلر جو چريو ٿيڻ، پنهنجي پاڙيسرڻ اليوتينا، جيڪا مزدور نه هوندي به ڪارڊ تي راشن حاصل ڪندي هئي ۽ خود انيوتا ۽ سندس مائٽ، مطلب ته هرڪا ڳالهه جا کيس ياد هئي، پوڙهيءَ جي زبان تکي وهڪري وانگر هلندي رهي ۽ نيٺ وڃي پوڙهيءَ کانئس پڇيو: ”ڇا تون انيوتا وارو ٽينڪ مين آهين، سوويت يونين جو هيرو؟“ +”نه، آءٌ هواباز آهيان.“ ۽ هو اهو ڏسي پنهنجي مرڪ مشڪل سان دٻائي سگهيو ته پوڙهيءَ جي رنگ بدلائيندڙ چهري تي حيراني، ڏک، بي اعتمادي ۽ ڪاوڙ گڏيل سڏيل سموريون ڪيفتون اُڀري آيون. هن چپ ڀڪوڙيا ۽ ڪاوڙ مان زور سان دروازي کي بند ڪري هلي وئي. منجهس منڍ واري خوش اخلاقي ڪانه رهي. ”ها، جيڪر توکي گرم پاڻي جي گهرج پوي ته تون پاڻ گاسليٽ واري چلهي تي گرم ڪري وٺجانءِ.“ +ميريسئف ڏٺو ته سڄو گهر مٽيءَ ۽ ڌوڙ سان سٿيو پيو آهي. ائين پئي لڳو ته انيوتا اسپتال ۾ تمام گهڻي مصروف ٿي رهي ۽ کيس گهر لاءِ وقت ڪونه ٿو ملي. اليڪسيءَ کي هڪ اٽڪل سُجهي آئي. هن سوچيو ته هو ڪمري جي صفائي ڪري صاف سٿرو ٿي ويهي رهي ۽ جڏهن انيوتا اچي ته اچي ڏاڍي خوش ٿئي. هن پوڙهيءَ کان منٿ ميڙ ڪري ٻهاري ۽ بالٽي ورتي ۽ پوءِ انهيءَ مهم ۾ لڳي ويو، جنهن کي صدين کان مرد حقارت سان ڏسندا آيا آهن. ڏيڍ ڪلاڪ تائين هو ان ڪم ۾ لڳو رهيو ۽ کيس ان ڪم ۾ ڏاڍو مزو آيو. شام جو هو پل تي ويو ۽ اتان تازا گل وٺي آيو ۽ انهن کي گلدستي ۾ رکيائين. هو ٺاٺ سان آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيس مٺي مٺي ٿڪاوٽ محسوس ٿي. هو وڏا وڏا ساهه کڻي کاڌي جي خوشبوءِ جو واس وٺي رهيو هو، جيڪو پوڙهي بورچيخاني ۾ تيار ڪري رهي هئي. +پر انيوتا ايتري ته ٿڪل گهر موٽي، جو هن مشڪل سان سلام دعا ڪئي ۽ صوفي تي ڍڳ ٿي ڪري پيئي. جڏهن هُن ٿورو آرام ڪري ورتو ۽ هڪ گلاس پاڻي پيتائين، تڏهن وڃي سندس اکيون کليون. هن ٿڪل مسڪراهٽ ۽ احسانمنديءَ سان اليڪسيءَ جو هٿ دٻايو ۽ چيو: +”هي سڀ ڪجهه تو ڪيو آهي اليوشا....... ڇا تو پاڻ؟ تون ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهين. آءٌ به چوان ته گريشا تنهنجي ايتري واکاڻ ڇو ٿي ڪئي؟ حالانڪ مون کي ان کان ڏاڍو ساڙ لڳندو هو. ڇا توکي گريشا جي ڪا خبر آهي؟ مون کي ڪالهه سندس خط مليو آهي. تمام ننڍڙو خط آهي، چند سٽون آهن ۽ بس. هو اسٽالن گراڊ ۾ آهي. تون ڇا پيو سوچئين؟ ٻڌاءِ ته هو ڇا پيو ڪري؟ هو ڏاڙهي وڌائي رهيو آهي، سو به هن وقت! اتي تمام گهڻو خطرو آهي، آهي نه؟ ڪيئن اليوشا، آهي نه خطرو؟ ماڻهو اسٽالن گراڊ جي باري ۾ ڪيتريون خوفناڪ ڳالهيون ڪن ٿا.“ +هو شام کان وٺي ڪچهري ڪري رهيا هئا. هنن دل ڀري دٻي ۾ بند ٿيل گوشت کاڌو ۽ جيئن ته ٻيو ڪمرو بند هو، تنهن ڪري ٻئي هڪ ئي ڪمري ۾ سمهي پيا. انيوتا پلنگ تي سُتي ۽ اليڪسي صوفي تي. ٻئي ڄڻا ليٽندي ئي جوانيءَ جي ننڊ ۾ غافل ٿي ويا. +اليڪسيءَ جي اک کلي ته ڪمري ۾ سج جا ڪرڻا نچي رهيا هئا. هو اٿي صوفي تي ويٺو. انيوتا وڃي چڪي هئي. کيس هڪ چٺي ملي: ”مون کي جلد اسپتال پهچڻو آهي. ميز تي چانهه رکي آهي، ڪٻٽ ۾ ماني پئي آهي، کنڊ ختم ٿي ويئي آهي. ڇنڇر کان اڳ واپس ڪانه اچي سگهنديس ــــــــــ انيوتا.“ +انهن ڏينهن ۾ اليڪسي ڪيڏي ڪيڏي مهل کان ٻاهر نڪرندو هو. ”ويٺي کان وڳندي چڱي“ وانگر هن پوڙهيءَ جو گاسليٽ وارو چلهو، بجلي جا بٽڻ، ڪافي پيهڻ واري مشين سميت ڪيتريون ئي سنهيون ٿلهيون شيون، جيڪي خراب ٿيون پيون هيون، ٺاهي ڏنيون. اهڙيءَ طرح هن پوڙهيءَ کي خوش ڪيو ۽ سندس مڙس کي پڻ، جيڪو هڪ عمارتي اداري ۾ ڪم ڪري رهيو هو. آخرڪار هي پوڙهو جوڙو هن نتيجي تي پهتو ته خير، ٽينڪ مين هونئن به لاجواب ماڻهو هوندا آهن، پر هواباز به ڪي انهن کان گهٽ ڪونهن. جڏهن ماڻهو کين چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، تڏهن خبر پوي ٿي ته هو ڏاڍا ڳنڀير، سنجيده ۽ گهر توڙي ٻارن سان پيار ڪرڻ وارا هوندا آهن، توڙي جو سندن پيشو اهڙو ئي، يعني هوائي هوندو آهي. +آخر اهو ڏينهن به آيو، جنهن ڏينهن کيس فيصلو ٻڌڻ لاءِ خاص شعبي ۾ وڃڻو پيو. اها سڄي رات هن اکين ۾ ڪاٽي. صبح جو اُٿي ڏاڙهي ٺاهي، هٿ منهن ڌوئي روانو ٿي ويو. هو بلڪل پوري وقت تي آفيس پهتو ۽ سڀ کان پهريائين هو انتظامي شعبي جي ان ميجر جي سامهون وڃي حاضر ٿيو، جنهن کي سندس قسمت جو فيصلو ڪرڻو هو. پهرئين نظر ۾ هن کي اهو ميجر بنهه ڪونه وڻيو. هن اليڪسيءَ ڏانهن اک کڻي به ڪونه ڏٺو، ڄڻ ته هن کيس ايندي ڏٺو ئي نه هجي. هو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو. فائيل ڪڍندو ۽ الڳ الڳ رکندو پئي ويو. هن ڪيترا ئي ٽيليفون ڪيا. ڪلرڪ ڇوڪريءَ کي تفصيل سان سمجهايائين ته فائلن تي نمبر ڪيئن لڳندا آهن؟ پوءِ هو ٻاهر ويو ته ڪيتري دير تائين واپس ڪونه وريو. انهيءَ سموري وچ واري عرصي ۾ اليڪسيءَ کي سندس ڊگهڙي چهري، ڊگهي نڪ، ڏاڙهي مڇون چٽ، ڌوتل ڳلن، چمڪندڙ چپن ۽ ويٺل پيشانيءَ (جيڪا مٿي جي گنج سان وڃي گڏي هئي) کان دلي نفرت ٿي چڪي هئي. آخر ميجر واپس آيو، ويٺو ۽ پنهنجي ڊائريءَ جا ورق اڇلائڻ لڳو ۽ تڏهن وڃي اليڪسيءَ ڏانهن ڌيان ڏنائين: +”ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو ڪم آهي، ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ؟“ هن ڏاڍي شاندار، خود اعتماد ۽ گونجدار آواز ۾ پڇيو. +اليڪسيءَ پنهنجو سمورو احوال کيس ٻڌايو. ميجر ڪلرڪ کان هن جا ڪاغذ گهرايا ۽ جيستائين ڪاغذ اچن، تيستائين پاڻ ميز تي ٽنگون ٽيڙي ڪاٺيءَ سان ڏند کوٽڻ لڳو. ڪاغذ آيا ته هن جانچڻ شروع ڪيا. اوچتو هن تيزيءَ سان هٿ ورايو ۽ هڪ ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪري کيس ويهڻ لاءِ چيو. ظاهر هو ته هو اتي پهچي چڪو هو، جتي وڍيل پيرن جو ذڪر هو. هو پڙهندو رهيو. جڏهن ختم ڪيائين، تڏهن نظر مٿي کڻي پڇيائين: +”چڱو، تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ +”منهنجي مرضي آهي ته مون کي ويڙهاڪ دستي ۾ شامل ڪيو وڃي.“ +ميجر ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان لڳي ڄمي ويو. هن حيرانيءَ سان هواباز کي ڏٺو، جيڪو اڃا تائين سندس سامهون بيٺو هو ۽ هن خود ان لاءِ ڪرسي ڇڪي ويجهي ڪئي. سندس گهاٽا ڀرون سندس سڻڀي ۽ چمڪدار نراڙ تي اڃا به ٿورو مٿي تاڻجي ويا. +”پر تون هوائي جهاز نٿو اڏائي سگهين.“ +”آءٌ هوائي جهاز اڏائي سگهان ٿو ۽ ضرور اڏائيندس. مون کي ڪنهن سکيا واري اسڪول ۾ موڪليو وڃي.“ اليڪسيءَ بنهه رڙيون ڪندي چيو ۽ سندس لهجي ۾ اهڙو ته ناقابلِ تسخير عزم ۽ اعتماد هو، جو ڪمري ۾ ٻين ميزن تي آفيسرن جون سوالي نگاهون ڏانهن کڄي ويون ته آخر هي سانورو ۽ جانٺو جوان ليفٽيننٽ ايتري هٺ ڌرميءَ سان ڇا جو مطالبو پيو ڪري؟ +ميجر کي يقين ٿي ويو ته سندس سامهون بيٺل ماڻهو يا ته ڪو غير معمولي انسان آهي يا ته ڪو پاڳل. هن آڏيءَ اک سان اليڪسيءَ جي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ٽهڪندڙ چهري ۽ شعلا اوڳاڇيندڙ اکين کي ڏٺو ۽ لهجي ۾ انتهائي نرمي پيدا ڪري چيائين: +”پر ڀاءُ! ٿورو سوچ ته سهي، بنا پيرن جي ڀلا هوائي جهاز اڏائڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ۽ تنهنجي خيال ۾ اهڙو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو توکي ان جي اجازت ڏيندو؟ اها ڳالهه ته اڻ ٿيڻي آهي. هن کان پهريائين ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي.“ +”هن کان پهريائين ڪونه ٿيو آهي ته هاڻي ضرور ٿيندو.“ اليڪسيءَ ساڳئي هٺ ڌرميءَ سان چيو ۽ کيسي مان هڪ نوٽ بڪ ڪڍي، ان مان رسالي جو ڪٽيل صفحو ميجر جي سامهون رکيائين. +ٻين ميزن تي ويٺل آفيسرن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويهي غور سان سندن ڳالهيون ٻڌڻ لڳا. انهن مان هڪ آفيسر پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ميجر وٽ ويو ۽ ماچيس گهرڻ جي بهاني اتي بيٺو رهيو. ميجر رسالي جو صفحو پڙهيو ۽ آخرڪار چيائين: +”اسان هن کي ڪا سَند نٿا تسليم ڪريون. اسان وٽ پنهنجيون هدايتون آهن. انهن هدايتن ۾ ڏاڍي سختيءَ سان وضاحت ڪيل آهي ته ڪهڙا ماڻهو هوائي فوج جي ڪهڙن شعبن لاءِ موزون ٿي سگهن ٿا؟ ٻن پيرن جي غائب هجڻ جي ته ڳالهه ڇڏ، پر جيڪڏهن تنهنجيون فقط ٻه آڱريون به غائب هجن ها، تڏهن به تون هوائي جهاز کي رڳو هٿ لڳائي به نٿو سگهين. هي وٺ تنهنجي رسالي جو صفحو، هي ڪو ثبوت ڪونهي، پر پوءِ به آءٌ تنهنجي همت ۽ جذبي جو قدر ڪريان ٿو ۽ توکي جس ڏيان ٿو، پر........“ +ميريسئف غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي دل چاهيو ته ميز تان مس ڪُپڙي کڻي، ميجر جي چمڪندڙ روڏ تي ٺڪاءُ ڪري ڇڏي، پر هن صبر ڪيو ۽ ٻڏندڙ آواز ۾ چيائين: +”ڀلا هن جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟“ +ائين چئي هن پنهنجو آخري پتو ميز تي رکي ڇڏيو. هي هو پهرئين درجي جي فوجي سرجن ميروولسڪيءَ جو ڏنل سرٽيفڪيٽ. ميجر ان کي شڪي انداز ۾ ڏٺو. سرٽيفڪيٽ ته باقاعده ۽ باضابطا لکيل هو. ان تي ميڊيڪل ڪور جي شعبي جو ٺپو به لڳل هو ۽ ان تي اهڙي سرجن جي صحيح ٿيل هئي، جنهن جو هوائي فوج ۾ بيحد عزت ۽ قدر ڪيو ويندو هو. ميجر پروانو پڙهيو ۽ سندس لهجو وڌيڪ دوستاڻو ٿي ويو. سندس سامهون ويٺل ماڻهو ڪو پاڳل ڪونه هو. هن غير معمولي نوجوان پيرن جي غائب ٿي وڃڻ جي باوجود به واقعي سنجيدگيءَ سان هوائي جهاز اڏائڻ چاهيو ٿي. هو هڪ اهڙي ماهر ۽ سنجيده فوجي سرجن کي، جنهن جو تمام گهڻو اثر رسوخ هو، قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ته هو هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو. ميجر ٿڌو ساهه ڀري ميريسئف جي فائيل ٿورو پاسي تي ڪري رکيو. +”آءٌ ته تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، پر ڪجهه به ڪري نٿو سگهان. پهرئين درجي جي فوجي سرجن جي دل ۾ جيڪو اچي، سو ڀلي لکي سگهي ٿو. پر اسان وٽ صاف ۽ قطعي هدايتون آهن ۽ انهن جي خلاف ورزي هرگز نه ٿيڻ گهرجي......... جيڪڏهن آءٌ انهن جي خلاف ورزي ڪندس ته ان جو جوابدار ڪير ٿيندو ــــــــــــ ڇا فوجي سرجن؟“ +ميريسئف انتهائي نفرت سان ان آسودگي پسند، خوداعتماد، مطمئن ۽ خوش اخلاق آفيسر کي ڏٺو. هن سندس بلڪل صحيح ٺهيل ورديءَ جي سفيد ڪالر کي ڏٺو، هن ان وارن سان ڀريل هٿن، وڌيل ۽ بدصورت منهن کي ڏٺو، آخر ڪير هن کي ڪيئن سمجهائي؟ ڇا هو سمجهي سگهندو؟ ڇا کيس خبر آهي ته هوائي جنگ ڇا ٿيندي آهي؟ شايد هن سندس سموري ڄمار ۾ گولين هلڻ جو آواز ئي ڪونه ٻڌو هوندو. هن پنهنجي پوري قوت سان پاڻ تي ضبط ڪندي چيو: +”ته پوءِ هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟“ +ميجر ڪلها لوڏيندي چيو: +”جيڪڏهن تنهنجو گهڻو اصرار آهي ته پوءِ آءٌ رڳو ايترو ڪري سگهان ٿو ته توکي صف بنديءَ واري ڪميشن ڏانهن موڪلي ڏيان. پر اهو توکي هينئر ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته ورندئي ڪجهه به ڪونه.“ +”ٺيڪ آهي،. ته پوءِ مون کي ڪميشن ڏانهن ئي اماڻ.“ ڪرسيءَ تي بنهه ڪرندي اليڪسيءَ زور سان ساهه کنيو. پوءِ آفيس کان آفيس تائين رلڻ جو دور شروع ٿي ويو. ٿڪ کان چور آفيسر، پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ڳچيءَ تائين غرق، هن جون ڳالهيون ٻڌندا هئا، حيرت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ ڏاڍي بيوسيءَ مان ڪلها لوڏي ڇڏيندا هئا. واقعي هو ڪري به ڇا ٿي سگهيا؟ هنن وٽ هدايتون هيون ۽ بنهه صاف چٽيون هدايتون، جن جي منظوري اعليٰ ڪمان ڏني هئي. تنهن کان سواءِ گذريل روايتون به. هو انهن جي خلاف ورزي ڪيئن ٿي ڪري سگهيا؟ سو به تڏهن، جڏهن معاملو بنهه صاف هجي. انهن سڀني کي هن اڻ ٿڪ ۽ نه ڌٻجندڙ اپاهج ماڻهوءَ سان دلي همدردي هئي....... هڪ اهڙو ماڻهو، جيڪو هر گهڙي جنگ ۾ وڙهڻ وارن جي صف ۾ وڃڻ لاءِ تڙپي رهيو هجي. انهن آفيسرن مان ڪنهن کي به همت ۽ جرئت ڪانه پئي ٿي جو کيس سڌو سنئون انڪار ڪري ڇڏي، تنهن ڪري اهي کيس عملي جي شعبي کان صف بندي جي شعبي جي هڪ هڪ ميز جو طواف ڪرائيندا رهيا ۽ هر ڪنهن مٿس رحم کائي ڪميشن وٽ موڪليو. +هاڻي اليڪسيءَ تي نه ته انڪار جو اثر ٿي ٿيو ۽ نه ئي دڙڪي داٻ جو، نه وري لفظي همدردي ۽ ڪرم فرمائيءَ جو. جنهن جي به خلاف سندس روح بغاوت تي آماده ٿي ويندو هو ته ان کي جيڪو هٿ ۾ ايندو هيس، مُنهن تي ڦهڪائي ڏيندو هو ۽ کيس پنهنجو ڪجهه پاڻ تي ضابطو رکڻ جو سليقو به اچي ويو هو ۽ سندس لهجو ڪجهه صلح پسند ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن کيس هڪ ڏينهن ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا انڪار ٻڌڻو ٿي پيو، پر پوءِ به هن اميد جي پلاند کي هٿان نه ڇڏيو. رسالي وارو صفحو ۽ سرٽيفڪيٽ ٻئي، ڏينهن رات کيس ۾ کڻي هلڻ ڪري اهي هنڌ هنڌ تان ڦاٽڻ لڳا هئا، تنهن ڪري مٿن سنهو ڪاغذ چپڪائڻو پيو هو. +سندس آفيسن ۾ رلڻ واريون سختيون ان ڪري به ويتر وڌيڪ خطرناڪ ٿينديون پئي ويون، جو هڪ طرف ته هو رجمينٽ جي جواب جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ ٻئي طرف کاڌي، ڪپڙي ۽ پئسن جي سرٽيفڪيٽ کان محروم هو. سينيٽوريم جيڪو کاڌي پيتي جو سامان ڏنو هيس، سو ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته انيوتا جي گهر ۾ رهندڙ پوڙها زال مڙس، جن سان هاڻ سندس ويجهڙائپ ٿي وئي هئي، جڏهن ڏسندا هئا ته هو هاڻ رڌو پڪو نٿو ڪري ته زوريءَ کيس پاڻ سان گڏي ويهاري ماني کارائيندا هئا، پر کيس اها به خبر هئي ته هي پوڙهو جوڙو درين جي ڇانوَ ۾ زمين جي هڪ تختي تي ڪيئن نه رت ۽ پگهر هڪ ڪري ڇڏيندو هو. هن کي خبر هئي ته هڪ گجر ۽ هڪڙو بصر سندن لاءِ ڪيترو نه قيمتي هو. هو صبح جو سندن راشن واري مانيءَ مان ائين حصا پتيون ڪندا هئا، جيئن ننڍڙا ٻار ڪنهن شيءِ جا حصا ڪري ورهائي کائيندا آهن. تنهن ڪري هن ڪوڙ ڪري چيو ته وٽانئس کاڌي پچائڻ جي تڪليف نٿي ٿئي، تنهن ڪري هو آفيسرن جي کاڌي واري ڪمري مان ماني کائي ايندو آهي. +ڇنڇر آيوــــــــــ يعني اهو ڏينهن، جڏهن انيوتا کي موڪل ملڻي هئي. ان کان اڳ واري سڄي عرصي دوران هو انيوتا کي فون تي پنهنجي غير اطمينان بخش حالات جي رپورٽ ٻڌائيندو رهندو هو. ان ڏينهن هن آخري قدم کنيو. سندس ٿيلهي ۾ پڻس جي چانديءَ جي پراڻي سگريٽن جي دٻي پيل هئي. ان تي هڪ گهوڙا گاڏيءَ جا ڪارا نقش اُڪريل هئا، جنهن کي ٽي ڊوڙندڙ گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. مٿس لکيل هو: ”تنهنجي شاديءَ جي 25 هين سالگره جي موقعي تي تنهنجي دوستن طرفان سوکڙي.“ اليڪسي سگريٽ ڪونه پيئندو هو، پر سندس ماءُ خاندان جي هيءَ قيمتي يادگار محاذ تي وڃڻ وقت سندس کيسي ۾ وجهي ڇڏي هئي ۽ هن هميشه ان اڻ ملهه شيءِ کي پاڻ سان گڏ رکيو هو. جڏهن هو جهاز ۾ چڙهي اڏامندو هو، تڏهن هو سٺي سوڻ خاطر هيءَ دٻي پنهنجي کيسي ۾ رکندو هو. هن اها سگريٽن جي دٻي سامان مان ڪڍي ۽ ڪٻاڙيءَ جي دوڪان تي ويو. +هڪ سنهڙيءَ عورت، جنهن مان فنائل جي گورين جي بوءِ پئي آئي، چيو ته عبارت لکيل شيءِ وڪري جي لاءِ ڪانه وٺبي آهي. +”پر مون کي ان عيوض ڪا وڏي رقم ڪانه کپي. توکي جيڪو وڻي، سو کڻي ڏي.“ اليڪسيءَ چيو. +”نه نه ڪامريڊ! تنهن کان سواءِ تنهنجي اڃا ايتري عمر ئي ڪانهي جو تون پنهنجي شاديءَ جي 25هين سالگره تي اهو تحفو قبول ڪرين.“ ان عورت اليڪسيءَ کي پيرن کان وٺي مٿي تائين گهوري جانچيو ۽ ڏاڍي رکي لهجي ۾ اهو اظهار ڪيو. +اليڪسيءَ جو چهرو ڪاوڙ ۽ غصي مان تپي ڳاڙهو ٿي ويو. هن دٻي کنئي ۽ ٻاهر نڪري ويو. ڪنهن سندس ٻانهن کان جهليو ۽ هن سندس ڪن جي ويجهو شراب ۾ ٻڏل ساهه جي گرمي محسوس ڪئي. +”دٻي ڏاڍي خوبصورت ۽ سهڻي آهي. تو ڇا چيو ته سستي به آهي؟“ ان بدصورت شخص پڇيو، جنهن جون ڏاڙهي مڇون ڪُوڙيل هيون. سندس نڪ ڊگهو ۽ نيرو هو. هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ دٻيءَ ڏانهن وڌايو ۽ چيو: ”زبردست، حب الوطنيءَ جي جنگ جي هڪ هيرو جي اعزاز ۾ تحفو. آءٌ توکي ان جي عيوض پنج سرمائي نوٽ ڏيندس.“ +هن پنج سئو روبل جا نوٽ ورتا ۽ ڪٻاڙ خاني مان نڪري آيو. هن ويجهي بازار مان گوشت، چرٻي، ماني، بصر، پٽاٽا ۽ ويڳر ۽ مصالح ورتو، سامان سان سٿجي گهر پهتو. +”مون ٻيهر پنهنجو راشن وٺڻ ۽ خود پچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. کاڌي جي ڪمري ۾ هو ڏاڍو خراب کاڌو کارائين ٿا.“ هن سامان ميز تي رکندي پوڙهي زال مڙس سان ٻيو ڀيرو ڪوڙ ڳالهايو. +شام جو بهترين کاڌو انيوتا جو انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن هوءَ آئي ته ٿڪ کان بنهه چور ۽ سڄي هيڊي ٿي ويئي هئي. هن زبردستيءَ پاڻ کي گهلي هٿ منهن ڌوتو ۽ ڪپڙا بدلايا. هنن گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ آرام ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي ئي انيوتا ننڊ ۾ غلطان ٿي ويئي. هن جيليءَ جو به انتظار ڪونه ڪيو، جيڪا نلڪيءَ جي هيٺان ٿڌي ٿي رهي هئي. +ڪجهه دير کان پوءِ انيوتا جي اک کلي ۽ سڀني جيليءَ جي هڪڙي هڪڙي پليٽ چٽ ڪئي. پوءِ ڪچهري شروع ٿي وئي. هنن هر هڪ موضوع تي ڳالهايو ۽ خوب ڳالهايو. ڄڻ ته منجهن ڪو معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت هنن گووزديف ۽ ميريسئف متعلق ڪونه ڳالهايو. باقي هر شيءِ بابت ڳالهايائون. پوءِ ٻنهي سمهڻ جي تياري ڪئي. انيوتا ٻاهر نڪري وئي ۽ اليڪسيءَ جي نقلي پيرن جي پٽ تي ڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. پوءِ هن بتي وسائي، ڪپڙا بدلايا ۽ هنڌ ۾ گهڙي ويئي. ڪمري ۾ اونداهي هئي. ٻئي خاموش هئا، پر چادر جي سرسراهٽ ۽ پلنگ جي اسپرنگن جي چيڪٽ مان ظاهر هو ته هو ٻئي جاڳي رهيا هئا. نيٺ انيوتا پڇيو: +”ڇا تون ستو پيو آهين اليوشا؟“ +”نه.“ +”سوچين پيو.“ +”ها، ۽ تون؟“ +”آءٌ پڻ سوچيان پئي.“ +ٻئي خاموش ٿي ويا. ٻنهي جون اکيون کلي پيون هيون ۽ ننڊ جو ويجهڙائيءَ ۾ ڪو ڏس پتو ڪونه هو. +........... ان ڏينهن اليڪسيءَ انيوتا کي پنهنجي بيڪار رلڻ ڦرڻ متعلق ڪجهه ڪونه ٻڌايو هو، پر پوءِ به هن تاڙي ورتو هو ت�� معاملو مڙيئي ڦڏي ۾ پئجي ويو آهي ۽ شايد هاڻي هن جو بي پناهه جذبو مايوسين کان شڪست کائي جواب ڏيڻ لڳو آهي. سندس اندر عورت جي دل کيس ٻڌايو ته هو ماڻهو ڪيڏي نه اذيت، درد ۽ پيڙا ڀوڳي رهيو آهي ۽ ان دل کيس اهو به ٻڌايو ته ڏک چاهي ان تي ڪيڏو به ستم ڪري رهيو هجي، پر همدرديءَ جو هڪ لفظ به هن جي اذيت ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيندو ۽ ڪنهن به قسم جي تسڪين ۽ دلاسو کيس اڃا وڌيڪ صدمو پهچائيندو. +ٻئي طرف هو ٻئي هٿ مٿي هيٺان رکيو ليٽيو پيو هو ۽ ان حسين ڇوڪريءَ جي باري ۾ سوچي رهيو هو، جيڪا سندس بستري کان صرف چند قدم پريان ستي پئي هئي. هوءَ سندس دوست جي محبوبا ۽ هڪ بهترين ساٿي هئي. هو فقط ٻه چار قدم کڻي ان ڇوڪريءَ وٽ پهچي سگهيو ٿي. پر دنيا جي ڪابه طاقت کيس اهي چند قدم کڻڻ لاءِ تيار ڪري نٿي سگهي، جيئن اها ڇوڪري به ائين نٿي ڪري سگهي. ان ڇوڪريءَ کي هو تمام گهٽ سڃاڻندو هو، جنهن کيس پناه ڏني هئي. پر هو ان کي پنهنجي ڀيڻ سمجهندو هو. شايد ميجر استروچڪوف ٻڌي ته ڪر مٿانئس مسخري ڪري ۽ مٿس اعتبار ئي نه ڪري، پر کيس ڪهڙي خبر ته انيوتا ڪهڙي نه سٺي ڇوڪري آهي. ويچاري ڪيترو نه ٿڪجيو پوي ٿي، پر پوءِ به اسپتال جي ڪم ۾ ڪيڏو نه جوش ۽ جذبو ڏيکاري ٿي. +”اليوشا!“ انيوتا آهستي آهستي پڇيو. +اليڪسي صوفي تي سُتو پيو هو. انيوتا پنهنجي هنڌ تان اٿي ۽ اگهاڙن پيرن سان آهستي آهستي قدم کڻندي هن وٽ پهتي. هن جو وهاڻو ٺيڪ ڪيو ۽ مٿانئس ڪمبل ٺاهي وڌو. + +(7) +ڪميشن سڀ کان اڳ ۾ اليڪسيءَ کي گهرايو. تمام ٿلهو متارو فوجي سرجن، جيڪو پنهنجي مهم تان واپس اچي چڪو هو، وري به ڪميشن جي صدارت ڪري رهيو هو. هن اليڪسيءَ کي هڪدم سڃاڻي ورتو ۽ سندس استقبال لاءِ اٿي بيٺو. +”هو توکي نٿا کڻن نه؟“ هن محبت ۽ همدرديءَ ڀري لهجي ۾ چيو. ”ها، تنهنجو معاملو ئي ڪجهه ڏکيو آهي. توکي قانون جون سموريون ديوارون اورانگهڻيون پونديون. تنهنجو مسئلو اَڪ مان ماکي لاهڻ مثل ناهي، پر ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.“ +ڪميشن اليڪسيءَ جي چڪاس ڪانه ڪئي. فوجي سرجن سندس درخواست تي ڳاڙهي مس سان لکيو ته ”عملي جو شعبو ـــــــــ هن نوجوان کي آزمائشي سکيا اسڪول ۾ موڪليو وڃي. +ان ڪاغذ سميت اليڪسئي سڌو عملي واري شعبي جي اعليٰ عملدار وٽ پهتو. پر کيس جنرل سان ملڻ نه ڏنو ويو. هو بنهه باهه ٿي ويو. جنرل جو نائب هڪ ڪارين ڪارين مڇن وارو نوجوان، قد ڪاٺيءَ ۾ سهڻي جسم جوهڪ ڪئپٽن هو، جنهن جو چهرو ايترو ته دوستاڻو، خوش مزاجيءَ سان ڀريل ۽ ٻاجهارو هو جو اليڪسي سندس ميز جي سامهون ويهي رهيو. هن ان ڪيپٽن کي سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي. جڏهن هن کيس اهو ٻڌايو ته ڪيئن نه هڪ آفيس کان ٻيءَ تائين رلايو ويو آهي، تڏهن هو تپي باه ٿي ويو. +”شيطان ڪٿي جا! توکي ائين دربدر ڪرڻ جو کين ڪوبه حق ڪونه هو. تون بنهه لاجواب ماڻهو آهين. واقعي آءٌ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪري نٿو سگهان. تون بنهه مختلف ماڻهو آهين....... پر بهرحال، هو به حق تي هئا. ڏس! بنا پيرن وارو ماڻهو ته هوائي جهاز نٿو اڏائي سگهي نه.“ +”ليڪن بنا پيرن وارو ماڻهو هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو. ٿورو هن کي ته ڏسجو.“ ۽ ميريسئف کيس رسالي جي ڪٽنگ، فوجي سرجن جي راءِ ۽ اهو ڪاغذ ڏيکاريو، جنهن ۾ کيس عملي جي شعبي ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ”پر تون بنا پيرن جي هوائي جهاز ڪيئن اڏائيندين؟ تون ڏاڍو پرلطف ماڻهو آهين. توکي هيءَ چوڻي ته ياد هوندي ته پيرن بنا ماڻهو نچي نٿو سگهي.“ +ٻيو ڪير ائين چوي ها ته يقينًا اليڪسيءَ کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي ها ۽ هو تپي باه ٿي وڃي ها ۽ ڪا نه ڪا خرا�� ڳالهه ڪري وجهي ها، پر ڇاڪاڻ ته ڪيپٽن جو چهرو نيڪ دليءَ سان اهڙي طرح چمڪي رهيو هو جو اليڪسي ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ ڇوڪراڻي حجت مان چيائين: ”توهان اهو ناچ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي؟ ته چڱو، هاڻي ئي ڏسو.“ ۽ انهن لفظن سان ئي هن آڌر ڀاءُ واري ڪمري ۾ سموريءَ وحشت سان نچڻ شروع ڪري ڏنو. +ڪجهه دير ته ڪيپٽن بت بنجي کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ هڪ لفظ به ڳالهائڻ کان سواءِ هن اليڪسيءَ جا ڪاغذ کنيا ۽ اعليٰ عملدار جي آفيس ۾ غائب ٿي ويو. گهڻيءَ دير کان پوءِ، ڪافي بحث مباحثي بعد هو ڏاڍو خوش، مسڪرائيندو ٻاهر نڪتو ۽ چيائين: +”ظاهر آهي ته جنرل هوابازن جي ٽولي ۾ توکي شامل ڪرڻ جي ته ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. پر ڏس ته سهي ڇا لکيو اٿس: ’پگهار يا راشن ۾ ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ کان سواءِ ئي درخواست ڪندڙ کي هوائي اڏي جي انتظامي بٽيلن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي مامور ڪيو وڃي.‘ سمجهيئي؟ بنا ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ جي........“ +ڪيپٽن اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته مسرت جي بدران اليڪسيءَ جي چهري تي ڪاوڙ ۽ غصي جي آڳ ڀڙڪڻ لڳي. +”انتظامي بٽالين! ڪڏهن به نه.“ هن وٺي دانهون ڪيون. ”ڇا توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي؟ آءٌ پگهار ۽ راشن لاءِ پريشان ڪونه آهيان. آءٌ هواباز آهيان ۽ آءٌ هوا ۾ پرواز ڪرڻ چاهيان ٿو. آءٌ وڙهڻ چاهيان ٿو........! ماڻهو اها ڳالهه ڇو نٿا سمجهن؟ انهن کان وڌ ڪهڙن سادن لفظن ۾ آءٌ توهان کي سمجهايان........؟“ +ڪيپٽن گهٻرائجي ويو. واقعي هي ماڻهو عجيب ۽ غريب هو. ڪير ٻيو هجي ها ته ان ڳالهه تي خوشيءَ مان ٽپ ڏئي ها...... پر هي ماڻهو! بنهه ڪو چريو آهي. پر ڪيپٽن کي هي چريو ماڻهو ڏاڍو وڻڻ لڳو. هو دل وجان سان هن سان همدردي محسوس ڪري رهيو هو ۽ هن مصيبت ۾ سندس مدد ڪرڻ پئي چاهيائين. اوچتو کيس هڪ ڳالهه سجهي. هن اليڪسيءَ کي اک ڀڳي ۽ اعليٰ عملدار جي آفيس ۾ کليل در ڏانهن آڱر سان اشارو ڪري چيائين: ”جنرل جي وس ۾ جيڪو ڪجهه هو، سو هن ڪيو. هاڻي هن جي اختيار ۾ ٻيو وڌيڪ ڪجهه به ڪونهي. اها ڳالهه آءٌ پنهنجي عزت جو قسم کڻي ڪريان ٿو. جيڪڏهن هن تنهنجي مقرري هوابازن جي عملي ۾ ڪئي ته ماڻهو خود هن کي ئي پاڳل سمجهندا. تون سڌو اسان جي اعليٰ ترين عملدار وٽ هليو وڃ. فقط اهو ئي تنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو. +اليڪسيءَ جي ان نئين دوست سندس لاءِ هڪ پاس حاصل ڪئي ۽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اليڪسي اعليٰ ترين عملدار جي آفيس جي غاليچي سان ڍڪيل فرش تي بيقراريءَ سان اچ وڃ ڪري رهيو هو. هُن هِن باري ۾ پهرين ڇو ڪونه سوچيو؟ بيشڪ اها ئي جاءِ آهي، جتي کيس ٻئي هنڌ وقت کوٽي ڪرڻ کان سواءِ ئي هليو اچڻ کپي ها. هاڻي هار يا جيت جي سڌي سنئين بازي هئي. +اڄ ڪبيون ڳالهيون صفا، پوءِ تون کٽين يا مان کٽان...... چيو وڃي ٿو ته اعليٰ ترين عملدار پاڻ به پنهنجي زماني جو مشهور هواباز رهي چڪو آهي. هو ضرور منهنجي ڳالهه سمجهي سگهندو. هو هڪ جنگي هواباز کي انتظامي بٽالين ۾ ڪونه موڪليندو.“ +ڪيترا ئي جنرل ۽ ڪرنل آڌرڀاءُ واري ڪمري ۾ ويٺا آهستي آهستي ڳالهائي رهيا هئا. ’ڪي‘ جيڪي ڪجهه گهٻرايل گهٻرايل ٿي لڳا، تن وري زور زور سان ڪش پئي هنيا. سينيئر ليفٽيننٽ پنهنجي عجيب وغريب ڌڏڪي واري چال سان هيڏانهن هوڏانهن رڙهي رهيو هو. جڏهن سڀ ملاقاتي هليا ويا ۽ ميريسئف جو وارو آيو ته هو تيزي سان ميز ڏانهن وڌيو، جنهن وٽ گول گول چهري وارو ميجر وات ڦاڙيو ويٺو هو. +”ڇا تون پاڻ اعليٰ ترين عملدار سان ملڻ چاهين ٿو ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ؟“ ميجر پڇيو. +”ها، مون کي ساڻس هڪ انتهائي اهم ۽ ذاتي ڪم آهي.“ +”شايد تو��ان مون کي اڳواٽ ان باري ۾ ڪجهه ٻڌايو هو. ڪرسي سيري وٺو. ويهو! ڇا توهان سگريٽ ڇڪيندا آهيو؟“ ۽ هن ميريسئف ڏانهن سگريٽ وڌايو. +اليڪسي سگريٽ پيئندو ته ڪونه هو، پر ڪنهن سبب هن سگريٽ ورتو ۽ پنهنجي آڱرين جي وچ ۾ کيس چيڀاٽي ميز تي رکيو ۽ پنهنجي مصيبتن جي ڪهاڻي ڇيڙي ويهي رهيو، جهڙي طرح هن ڪيپٽن اڳيان پنهنجو قصو بيان ڪيو هو. ميجر سندس ڪهاڻي ٻڌي. هن ۾ خوش اخلاقيءَ جو ايترو جذبو ڪونه هو، جيتري منجهس همدردي ۽ دوستاڻو لحاظ هو. هن رسالي جي ڪٽنگ ڏٺي ۽ پهرئين درجي جي فوجي سرجن جي راءِ پڙهي. سندس همدردي ميريسئف جي ايتري ته همت وڌائي جو هن چاهيو ته هو نچڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪري ڏيکاري ۽ ...... عين اوڏي مهل سمورو معاملو ڦڏي ۾ پئجي ويو. ڇو ته بلڪل انهيءَ گهڙيءَ آفيس جو دروازو زور سان کليو، هڪ ڊگهو ۽ سنهڙو آفيسر ٻاهر نڪتو، جنهن جا وارا ڪانگ جهڙا ڪارا هئا. اليڪسي هڪدم کيس سڃاڻي ورتو. هن سندس تصوير ڏٺي هئي، هو پنهنجي ڊگهي ڪوٽ جا بٽن لڳائيندي هڪ جنرل کي ڪجهه چئي رهيو هو، جيڪو سندس پٺيان پئي آيو. هو ايتري قدر ته پريشان هو جو هن اليڪسيءَ کي به ڪونه ڏٺو. +هن پنهنجي گهڙي ڏسندي ميجر کي چيو ته: ”آءٌ ڪريملن وڃان پيو. ڇهين وڳي اسٽالن گراڊ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جو حڪم جاري ڪر. ويرخنايا پوگرومنايا ۾ جهاز لهندو.“ اهي لفظ چئي، هو اهڙي تيزيءَ سان غائب ٿي ويو، جهڙي تيزيءَ سان آيو هو.“ +ميجر هڪدم هوائي جهاز جو حڪم ڏنو ۽ کيس ياد آيو ته ميريسئف ڪمري ۾ ئي موجود آهي. هن معافي وٺندي چيو: ”تنهنجي ته ڪا قسمت ئي ڦٽل آهي. اسين وڃون پيا. توکي ٻيهر اچڻو پوندو. ڇا تنهنجي رهڻ جو ڪو بندوبست آهي؟“ +ان غير معمولي مهمان جي سانوري چهري تي، جنهن مان چند گهڙيون پهرين عزم ۽ قوت ارادي جهلڪي رهي هئي، ان تي هڪدم ايتري ته مايوسي ۽ ٿڪاوٽ ڇانئجي ويئي جو ميجر کي پنهنجي راءِ بدلائڻي پئي. +”چڱو چڱو........ مون کي خبر آهي ته اعليٰ ترين عملدار به اهو ئي ڪجهه ڪري ها.“ +ائين چئي هن هڪ سرڪاري ڪاغذ تي ڪجهه سِٽون لکيون ۽ ڪاغذ کي لفافي ۾ وڌو ۽ ان تي پتو لکيو: +”عملي جي شعبي جي اعليٰ ترين عملدار جي نالي.“ +هن لفافو ميريسئف کي هٿ ۾ ڏنو ۽ ساڻس هٿ ملائيندي چيو: ”آءٌ دل وجان سان تنهنجي ڪاميابي ڏسڻ چاهيان ٿو. +ان چٺيءَ ۾ لکيل هو: ”سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف اعليٰ ترين عملدار سان ملايو آهي. هن تي پورو پورو توجهه ڏنو وڃي. کيس هوابازن جي صفن ۾ واپس وڃڻ ۾ سندس هر ممڪن مدد ڪئي وڃي.“ +هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ننڍين مڇن واري ڪيپٽن اليڪسيءَ کي پنهنجي اعليٰ ترين عملدار جي ڪمري ۾ پهچايو. پوڙهو جنرل تمام ٿلهو متارو ٿي لڳو. هن چٺي پڙهي ۽ وڏو ٽهڪ ڏنو. ”ته تون هتان به ٿي آئين؟ ايترو آءٌ ضرور چوندس ته تون ڏاڍو تيز ماڻهو آهين. تون اهو ئي آهين نه جيڪو ان ڪري باهوڙجي ويو هئي، ڇو جو مون توکي انتظامي بٽالين ۾ موڪليو هو.“ ۽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. هو کلندي ۽ ٽهڪ ڏيندي ڳالهائي رهيو هو: ”نوجوان! تون ڏاڍو سٺو ڇوڪر آهين. آءٌ ڄاڻان ٿو ته تون پڪو هواباز آهين. تون انتظامي بٽالين ۾ وڃڻ نٿو چاهين. اها ڳالهه توکي ڏکي لڳي – آهي نه ائين......؟ ڪهڙي ڏچي ۾ پئجي ويو آهيان؟ نچڻ وارا نوجوان، ڀلا ٻڌاءِ ته آءٌ توکي ڇا ڪريان؟ تون بنهه مرڻ مارڻ لاءِ تيار آهين، پر جيڪڏهن آءٌ توکي بحال ڪريان ته پوءِ مٿيان همراه وري بحاليءَ جي سزا ۾ مون کي پوڙهو خطبي چئي منهنجي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهندا. پر ڪهڙي خبر تون ڇا ڪري ويهين؟ هن جنگ ۾ اسان جي نوجوانن ان کان به وڌيڪ وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي..... کڻ ته تنهنجا ڪاغذ ڏسان.“ +اهو چئي جنرل بي پرواهيءَ سان اڀري سڀري صورتخطيءَ ۾ مشڪل سان لفظن کي مڪمل ڪندي ڪاغذ تي لکيو: ”اميدوار کي سکيا واري اسڪول ۾ موڪليو وڃي.“ اليڪسيءَ ڏڪندڙ هٿن سان ڪاغذ ورتا ۽ ان بيٺي بيٺي تحرير پڙهي ۽ پوءِ چاڙهيءَ تان لهندي ٻيهر پڙهيائين ۽ پوءِ هيٺ، جتي سپاهي تلاشي وٺندو هو، اتي پڙهيائين. پوءِ ٽرام ۾ هلندي پڙهيائين ۽ آخر ۾ رستي تي هلندي مينهن وسندي پڙهيائين. دنيا ۾ هو واحد شخص هو، جيڪو انهن ڇڪي تاڻي لکيل لفظن جو مقصد سمجهي سگهيو ٿي ۽ انهن جي قدر وقميت کان واقف هو. +ان ڏينهن اليڪسي خوشيءَ وچان پنهنجي گهڙي وڪڻي ڇڏي، جيڪا کيس ڊويزنل ڪمانڊر سوکڙي طور ڏني هئي. انهن پئسن مان هن قسمين قسمين کاڌي جون شيون ورتيون ۽ شراب جي بوتل به. هن انيوتا کي فون ڪري منٿ ڪئي ته هوءَ ڪنهن به طرح ٻن ڪلاڪن جي موڪل وٺي اچي. هن پوڙهي زال مڙس کي پڻ دعوت ڏني ۽ پنهنجي عظيم الشان فتح جي خوشيءَ جو جشن ملهائڻ جو انتظام ڪيو. + + + +(8) +ماسڪو جي ويجهو، هڪ هوائي اڏي جي بنهه قريب هي سکيا وارو اسڪول هو ۽ انهن پريشان ڪندڙ ڏينهن ۾ بنهه مصروف هو. +اسٽالن گراڊ جي لڙائيءَ ۾ هوائي فوج مکيه ڪردار ادا ڪري رهي هئي. والگا جي انهيءَ مضبوط قلعي جو آسمان، جيڪو هميشه ڌنڌلو ۽ شعلن ۽ ڌماڪن جي دونهن سان ڀريل هوندو هو، سو هينئر اڻٿڪ فضائي ٽڪراءُ جو مرڪز هو. هي ٽڪراءَ باضابطه جنگين جي صورت اختيار ڪري وٺندا هئا. ٻنهي طرفن ڏاڍو نقصان پئي ٿيو. اسٽالن گراڊ کي گهڻي کان گهڻن هوابازن جي ضرورت هئي....... تنهن ڪري جنگ جي لاءِ هوابازيءَ جي سکيا وارو اسڪول رات ڏينهن ڪم ڪندو هو، جتي اسپتال مان ايندڙ هوابازن ۽ عام هوابازن کي نئين سر تربيت ڏني ويندي هئي. سکيا وارا هوائي جهاز ڊگهين سنهڙين مکين وانگر ٿي لڳا ۽ جٿن جا جٿا، ننڍا توڙي وڏا هوائي جهاز هوائي اڏي مٿان ائين پيا لامارا ڏيندا هئا، جيئن بورچيخاني ۾ مکيون پيون اڏامنديون آهن. +اسڪول جو چيف اسٽاف (عملي جو مهندار) هڪ ننڍي قد جو ڏٽو مٽو شخص هو. هو ڳاڙهي چهري وارو ڦڙتيلو ليفٽيننٽ ڪرنل هو. هن جا ننڊاکڙا نيڻ ڳاڙها پئي لڳا. هن غصي ڀريل نظرن سان ميريسئف کي ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي ته: ”توکي هتي ڪهڙي مصيبت ڇڪي وٺي آئي؟ هونئن به اسان وٽ ڪو ٿورو ڪم اڳ ۾ آهي.“ هن اليڪسيءَ کان ڪاغذ ڦري ورتا. +”هي شخص ضرور منهنجي پيرن تي اعتراض ڪندو ۽ مون کي ڊوڙائي ڇڏيندو.“ ميريسئف ليفٽيننٽ ڪرنل جي ٻچي ڏاڙهي ڏسندي سوچيو. ليڪن عين ان گهڙيءَ ڪرنل کي ٻه هيڪاندا فون آيا. هن هڪ آواز جهٽڻو ڪنڌ ۽ ڪلهي ۾ اٽڪائي ڪن سان لڳايو ۽ ٻئي آواز جهٽڻي ۾ بيزاريءَ مان ڳالهائڻ لڳو ۽ گڏوگڏ اليڪسيءَ جا ڪاغذ به پئي ڏٺائين. ظاهر آهي ته هن صرف جنرل جو لکيل حڪم پڙهيو، ڇو ته هن هڪدم ان تحرير جي هيٺيان لکيو: ”ليفٽيننٽ نائوموف، ٽيون سکيا وارو دستو شامل ڪيو وڃي.“ پوءِ ٻئي آواز جهٽڻا رکندي ٿڪل آواز ۾ پڇيائين: +”ڇا تو وٽ ڪپڙن ۽ کاڌي جو پروانو آهي؟ ڪونهي؟ مون کي خبر آهي ته تون ڇا چوندين. اسپتال ۾ وقت ڪونه مليو، ائين نه؟ پر آءٌ توکي کاڌو ڪٿان ڏيندس؟ هڪدم درخواست لک. پر پرواني کان سواءِ آءٌ اڳيان وڃڻ ڪونه ڏيندوسانءِ.“ +”ٺيڪ آهي، آءٌ اجهو ٿو لکيو وٺان.“ ميريسئف خوش ٿي سلام ڪندي چيو. ”آءٌ ڀلي وڃان؟“ +”ها، ڀلي وڃ.“ ليفٽيننٽ ڪرنل بي پرواهيءَ سان چيو. هڪدم هن رڙ ڪئي: ”بيهي رهو! هي ڇا آهي؟ هن هڪ ڳري لڪڻ ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، جنهن تي سونهري نقش اڀريل هئا ۽ جيڪو واسيلي واسيلي وچ جي سوکڙي هو. جڏهن اليڪسي ڪمري مان ٻاهر ٿي نڪتو ته خوشيءَ ۾ کانئس لڪڻ وسري ويو، جيڪو ڪنڊ ۾ رکيو هئائين. ”هي ڇا آهي؟ هن کي اڇلائي ڇڏ. ماڻهو سمجهندا ته هي فوجي دستو نه پر ڪو خانه بدوشن جو لڏو آهي. بانٺو، لڪڻ يا چهبڪ!..... پوءِ وري تون پنهنجي ڳچيءَ ۾ تعويذ ٻڌيو پيو هلندين ۽ ڪاڪ پٽ ۾ ڪاري ٻلي ويهاريو ويٺو هوندين. مون کي وري هيءَ لعنت نه ڏيکارجانءِ، ڇيڳرو ڪٿي ٿو.“ +”بلڪل ٺيڪ آهي ڪامريڊ ليفٽيننٽ ڪرنل!“ +اليڪسيءَ کي خبر هئي ته اڃا اڳيان تمام گهڻيون رنڊڪون آهن. اسڪول ۾ هميشه اچڻ وڃڻ وارن جي قطار لڳي پئي هوندي هئي، تنهن ڪري کاڌو اڻ پورو هوندو هو. سکيا وٺندڙ سپاهي هڪ وقت جو کاڌو کائي، ٻئي وقت جي فڪر ۾ لڳي ويندا هئا. سڄو اسڪول ڀريو پيو هو. ان عمارت ۾، جتي ٽئين جٿي وارا ترسيل هئا، ٻاڦ واري لائين ڦاٽي پيئي هئي، تنهن ڪري غضب جي ٿڌ هئي. پهرين رات ته اليڪسي سڄي رات هڪ ڪمبل ۽ چمڙي جي ڪوٽ ۾ ڏڪندو رهيو...... پر انهن سمورين افراتفرين ۽ تڪليفن جي باوجود به اليڪسي پاڻ کي ان مڇيءَ وانگر محسوس ڪري رهيو هو، جيڪا واريءَ تي پئي پساهه ڇڏي رهي هجي، پر اوچتو ڪا سامونڊي لهر آئي هجي ۽ کيس گهلي سمنڊ ۾ کڻي وئي هجي. کيس هتي جي هر شيءِ پسند هئي. هي عارضي قيام کيس يقين ڏياري رهيو هو ته سندس منزل بنهه قريب پهچي چڪي آهي. +ڄاتل سڃاتل ماحول، خوش پوش ماڻهو، جن جو هو عادي هو. اها ئي فضا، هوائي جهاز جي پيٽرول جي مٺي ۽ تيز خوشبو ۾ ٻڏل ۽ اڏامندڙ هوائي جهازن جي گونج ۾ ڌڙڪندڙ فضا. ميريسئف هڪدم ٻهڪي ويو. سندس زنده دلي ۽ ريجهالپئي، جيڪا هوابازن جي خصوصيت هوندي آهي، واپس موٽي آئي. حالانڪ ائين پئي لڳو ته اهي خوبيون وٽانئس هميشه جي لاءِ موڪلائي ويون آهن، هو آڪڙجي هلندو هو. پاڻ کان گهٽ عهدي وارن جي سلام جو جواب چستيءَ سان ڏيندو هو ۽ کانئس مٿئين عهدي وارن سان گڏبو هو ته ڦڙتيءَ سان قدم قدم ۾ ملائي هلندو هو. +پهرئين ڏينهن ئي هو ليفٽيننٽ نائوموف سان ملڻ هوائي اڏي تي ويو. هو ٽئين دستي جو استاد هو ۽ اليڪسيءَ کي سندس ئي نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو هو. نائوموف ننڍي قد جو جوشيلو شخص هو. سندس مٿو تمام وڏو ۽ ٻانهون ڊگهيون هيون. هو آسمان ۾ اکيون ٽڪائي ”ٽي T“ واري نشان وٽ ڊوڙي رهيو هو. آسمان ۾ هڪ ننڍو هوائي جهاز اڏامندو پئي نظر آيو. هوائي جهاز ۾ ويٺل هواباز تي گرم ٿي رڙيون ڪري رهيو هو: ”ڪاٺ جو گهوڙو! چوي ٿو ته آءٌ هواباز هوس...... مون کي بيوقوف نٿو بنائي سگهي.“ +ميريسئف پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ اڳيان وڌيو ۽ فوجي قاعدي مطابق سلام ڪيو. ليڪن نائوموف فقط هٿ لوڏيو ۽ آسمان ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪيائين: +”ڏسين پيو؟ وڏو ڪاريگر آيو آهي ڪٿان جو. هوا به ڊپ ۾ ڏڪي رهي آهي. ائين پيو اڏامي جيئن برف جي ڪنهن کڏي ۾ هوا ۾ جهومندڙ ڪو گل.....“ +اليڪسيءَ جي دل کي هي استاد ڏاڍو وڻيو. هو ان قسم جي مٿي ڦريل ماڻهن کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، جيڪي پنهنجي ڪم سان چريائپ جي حد تائين محبت ۽ لڳاءُ رکندا آهن ۽ انهن سان هڪ قابل ۽ پرجوش هواباز جو جوڙ ڏاڍو ڀلو هوندو آهي. اليڪسيءَ ان هواباز جي باري ۾، جيڪو مٿي هوائي جهاز اڏائي رهيو هو، ڪي تمام تُز ڳالهيون ڪيون. ننڍي قد جي ليفٽيننٽ هاڻي هن کي پيرن کان وٺي مٿي تائين غور سان ڏٺو ۽ پڇيو: +”منهنجي دستي ۾ پيو اچين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تو ڪهڙي قسم جا هوائي جهاز اڏايا آهن؟ ڇا تون جنگ ۾ حصو وٺي چڪو آهين؟ ڪيترن ڏينهن کان وٺي تو هوابازي ڪانه ڪئي آهي؟“ +اليڪسيءَ کي پڪ ڪانه هئي ته هو سندس سمورو جواب ٻڌي رهيو آهي، ڇو ته هن وري به پنهنجيون نگاهون آسمان ۾ ڄمائي ڇڏيون ۽ هڪ هٿ جي اوٽ ٺاهي، ٻي مُڪ هوا ۾ لهرائي ۽ رڙ ڪري چيو: ”بدمعاش کي ڏسو ته سهي ته ڪيئن نه پيو چڪر ڪاٽي، جهڙوڪر پڻس جي ٿي کري....“ +هن اليڪسيءَ کي ٻئي صبح جو اچڻ لاءِ چيو ۽ واعدو ڪيو ته هن جي هڪدم جانچ ڪئي ويندي. +”وڃ، هاڻي وڃي آرام ڪر. سفر ڪرڻ کان پوءِ آرام جي ضرورت پوي ٿي. ڪجهه کاڌو پيتو به اٿئي؟ خبر اٿئي ته هتي جي هنگامن ۾ ماڻهن کي کارائڻ پيارڻ به وسريو وڃي....... جاهل، بيوقوف! ٿورو ترس. رڳو هيٺ ته لهه ته توکي مزو ٿو چکايان. وڏو آيو آهي ‘ويڙهو‘!“ +اليڪسي آرام ڪرڻ ڪونه ويو، پر کيس انتظامي بٽالين ۾ هڪ موچي ملي ويو. هن پنهنجي سڄي هفتي جي راشن ۾ مليل تماڪ موچيءَ کي ڏنو ۽ چيو ته منهنجي لاءِ چمڙي جا ٻه ڌاڳا ٺاهي ڏي، جنهن ۾ سوراخ ۽ زبانو هجي. هن انهن ڌاڳن سان پنهنجن نقلي پيرن کي هوائي جهاز جي پيڊلن سان ٻڌڻ چاهيو ٿي. موچيءَ ڪم جي غير معمولي نوعيت ۽ جلدي ضرورت جي پيش نظر تماڪ کان سواءِ وادڪا جو ”اڌڙ“ به گهريو ۽ چيو ته ڪم ”زبردست“ ڪري ڏيندوسانءِ. +هو ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هوائي اڏي تي پهتو، جيڪو اڃا بنهه سنسان پيو هو. هوائي جهازن جون انجڻون گرم پئي ٿيون. مستري جهازن جي پنکن کي ڦيرائڻ کان پوءِ ائين بُل ڏيو ٿي الڳ ٿيو ويا، ڄڻ ڪي نانگ هجن. هوائي اڏي تي صبح جا ڄاتل سڃاتل آواز کيس ٻڌڻ ۾ آيا. +”تيار“ ”رابطو قائم ڪريو!“ ”رابطو قائم ڪريو!“ نائوموف به پهچي ويو هو. هو سگريٽ جو آخري ڪش هڻي رهيو هو. سگريٽ جو ٽوٽو ايترو ته ننڍڙو بچيو هو جو اهو آڱرين ۾ ته بنهه ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿي آيو. +”تون اچي وئين!“ هن اليڪسيءَ سان رسمي دعا، سلام ڪيو. ”چڱو، جيڪو پهرين اچي، سو پهرين ماڻي. نمبر 9 جي پوئين ڪاڪ پٽ ۾ هلي ويهه. آءٌ هڪ منٽ ۾ تو وٽ پهچان ٿو. ڏسان ته تون ڪهڙي قسم جو پکي آهين!“ +اليڪسي جهاز ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ سندس استاد آخري ڪش هڻڻ لڳو. هن استاد جي پهچڻ کان اڳ پنهنجي پيرن کي پيڊلن سان ٻڌڻ ٿي چاهيو. ماڻهو ته بنهه ڀلو ٿو ڏسجي پر ٻيلي ڪهڙي خبر؟ ٿي سگهي ٿو ته اوچتو دل ۾ اچيس ۽ ڪو هنگامو ڪري بيهي رهي! اليڪسي ٽپ ڏيئي جهاز جي پک تي چڙهي ويو ۽ ڏاڍي مشڪل سان ڪاڪ پٽ جي ديوار کي پڪڙيائين. هڪڙو جوش ۽ ٻيو مشق ڪانه ٿيل هئس، تنهن ڪري هن گهڻي ئي جتن ڪيا، پر هو پنهنجي ٽنگن کي کڻي اندر ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. پوڙهي مستريءَ پنهنجو اداس ۽ ڊگهيرڙو منهن کڻي ڏانهس ڏٺو ۽ حيرانيءَ سان سوچيائين: ”بدمعاش شراب پي آيو آهي.“ +نيٺ هن انتهائي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ٽنگون اندر ڪيون ۽ ڌڙام ڪري پنهنجي جاءِ تي ڪري پيو. هن ڌاڳن سان پنهنجي نقلي پيرن کي پيڊلن سان ٻڌيو. ڌاڳا ڏاڍا ڪارائتا نڪتا. +استاد ڪنڌ اندر ڪري چيو: ”اڙي ٻڌاءِ، تون پي آيو آهين؟ چڱو، پنهنجو وات ته ٿورو اوريان ڪر ته سونگهي ڏسان.“ +اليڪسيءَ ساهه ٻاهر ڪڍيو. جڏهن استاد کي پڪ ٿي، تڏهن هن دڙڪي طور مستريءَ کي ٺونشو ڏيکاريو. +”تيار“ ”ڪانٽيڪٽContact “ ”ڪانٽيڪٽ“ انجڻ جو شور بلند ٿيو ۽ اليڪسي خوشيءَ مان بنهه ڏڪي ويو. هن خود بخود گيس جو ليور ڇڪيو، پر انٽرڪام ۾ استاد جو آواز ٻڌائين: +”سانَ وانگيان ٽاپيون نه وجهجانءِ.“ +خود استاد پاڻ سموري گيس کولي ڇڏي. انجڻ گوڙ ڪرڻ لڳي ۽ جهاز آهستي آهستي ڊوڙڻ لڳو. استاد خود بخود اسٽيئرنگ ڇڪيو ۽ ننڍو طيارو، جيڪو هڪ مک وانگر ٿي لڳو، سڌو آسمان ۾ بلند ٿي ويو. هي اهو هوائي جهاز هو، جنهن جو نالو ڏکڻ واري محاذ تي ”مڪائي وارو“، وچئين محاذ تي ”ڪرم ڪلي وارو“ ۽ اترئين محاذ تي ”ٻيلي جو پٽيوالو“ پئجي ويو هو. +��ِڪ ۾ استاد کي پنهنجي شاگرد جو چهرو ڏسڻ ۾ پئي آيو. هن خبر ناهي ڪيترن ئي اهڙن سپاهين جا چهرا ڏٺا هئا، جيڪي هڪ ڊگهي مدت کان پوءِ هوائي جهاز اڏائڻ ايندا هئا. هن تمام گهڻن لاجواب هوابازن جي خوشيءَ وچان بي اختيار مسڪراهٽ ڏٺي هئي. هن اهڙن جوشيلن ۽ جذباتي هوابازن جون ٻرندڙ اکيون به ڏٺيون هيون، جيڪي اسپتالن جا ڌڪا ٿاٻا کائي پاڻ کي ٻيهر اصلي فضا ۾ ڏسندا هئا. هن انهن ماڻهن کي هيڊو ٿيندي ڏٺو هو، جيڪي هڪ ڀيرو هوائي جهاز مان ڪري زخمي ٿيا هئا، انهن جي چهرن تي گهٻراهٽ ڇانيل هوندي هئي ۽ هو پنهنجا چپ چٻيندا رهندا هئا. هن نون سيکڙاٽن جا جسارت ڀريل چهرا ۽ تجسس پڻ ڏٺو هو، جيڪي پهريون ڀيرو هوا ۾ اڏامندا هئا. پر جڏهن کان وٺي هو استاد جي حيثيت ۾ فرض نباهي رهيو هو، ان وقت کان وٺي هيستائين ان سموري زماني ۾ ٽِڪ کيس ڪڏهن به اهڙن عجيب جذبن ۽ ڪيفيت جو اولڙو يا عڪس ڪونه ڏيکاريو هو، جهڙا جذبا ۽ ڪيفيت هن سانوري ۽ ڀلوڙ مڙس سينيئر ليفٽيننٽ جي چهري تان ڇلڪي رهيا هئا. پر اهو ته صاف ظاهر هو ته هو ڪو نئون سيکڙاٽ ڪونه هو. +بخار جهڙي حرارت نئين شاگرد جي چمڙي کي رنگين بنائي ڇڏيو هو. سندس چپن تي هيڊاڻ پئي بکي. اها هيڊاڻ ڪا ڊپ ۽ خوف جي ڪري ڪانه ظاهر ٿي هئي. پر هي رنگ ڪنهن جذباتي ڪيفيت ۽ هيجان سبب پيدا ٿيا هئا، جيڪي نائوموف جي سمجهه کان بنهه ٻاهر هئا. هي آهي ڪير؟ هن سان ڪهڙي ويڌن آهي؟ آخر مستريءَ اهو ڇو سوچيو ته هو پي آيو آهي؟ جڏهن هوائي جهاز اڏامڻو ۽ مٿي هوا ۾ ترڻ لڳو، تڏهن ان وقت استاد ڏٺو ته سندس شاگرد جون هوائي عينڪ کان آجيون اکيون، ڪاريون ڪجليون اکيون، حوصلي ۽ همت سان سرشار اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ هن لڙڪن کي هن جي ڳلن تي ڳڙندي ڏٺو. هن ڏٺو ته جيڏي مهل هوائي جهاز چڪر ڪاٽيو، اوڏيءَ مهل هوا جي هڪ هلڪي جهوٽي انهن لڙڪن کي سندس ڳلن تان اڏاري هوا ۾ تحليل ڪري ڇڏيو. +”شايد ڪا ڪل ٿڙيل اٿس. مون کي ان کان هوشيار رهڻ گهرجي. ماڻهو چاهي ته ڇا ڇا نٿو ڪري سگهي..... ڪهڙي خبر.....؟“ نائوموف سوچيو. پر آڏيءَ ٽِڪ ۾ نظر ايندڙ چهري تي جهلڪندڙ جذباتي ڪيفيت ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جنهن جي ڪري استاد جي دل هن ڏانهن کسڪڻ لڳي هئي. هو اهو محسوس ڪري حيران ٿي ويو ته ڪا شيءِ سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيئي ۽ سندس سامهون وارا اوزار ڌنڌ ۾ گم ٿيڻ لڳا. +”هاڻي تون هلاءِ.“ استاد انٽرڪام ۾ چيو. پر هن صرف اسٽيئرنگ گيئر ۽ پيڊل تان پنهنجي گرفت ڍري ڪئي ۽ باقي پاڻ بنهه چوڪس ويٺو رهيو، ته جيئن ئي شاگرد ڪنهن ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪري ته هو ٻيهر هوائي جهاز کي سنڀالي وٺي. هن محسوس ڪيو ته سندس شاگرد پنهنجي پراعتماد ۽ تجربيڪار هٿن سان هوائي جهاز اڏائي رهيو آهي. عملي جي مهندار (چيف آف اسٽاف) جي اصلاح ۾ ”خدا جي فضل سان هو هواباز“ هو. عملي جو مهندار هڪ پراڻو گرگ هواباز هو ۽ تمام گهڻو اڳي، گهرو لڙائي دوران هڪ هواباز جي حيثيت ۾ فرض ادا ڪيو هئائين. پهرئين چڪر کان پوءِ نائوموف کي نئين شاگرد طرفان ڪوبه خدشو ڪونه رهيو هو. هوائي جهاز چڱي طرح ”قاعدي مطابق“ اڏامندو رهيو. فقط هڪڙي عجيب ڳالهه پئي ٿي. سا هيءَ ته سڌيءَ اڏام مهل هي شاگرد هوائي جهاز کي بار بار ساڄي يا کابي جهڪائيندو هو يا هيٺ مٿي ڪندو هو. ائين پئي لڳو ته هو خود پنهنجي فن جو امتحان پيو وٺي. نائوموف اتي ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ته ٻئي ڏينهن شاگرد کي اڪيلي سر هوائي جهاز اڏائڻ ڏبو ۽ ٻن ٽن اڏامن کان پوءِ کيس سکيا جي هوائي جهاز ”اوت 2“ ۾ ڇڏبو. +ڏاڍي ٿڌ هئي. ٿرماميٽر ۾ گرميءَ جو درجو ٻڙيءَ کان 12 ڊگريون ه��ٺ هو. ڪاڪپٽ ۾ جگر ٺاريندڙ ٿڌي هوا پئي لڳي ۽ استاد جي ڪتي جي کل واري بوٽ ۾ اندر گهڙي سندس پير برف وانگر ڄمائي پئي ڇڏيائين. لهڻ جو وقت ٿي ويو هو. +پر جيڏي مهل هن انٽرڪام ۾ ”لهڻ“ جو حڪم ٿي ڏنو ته اوڏيءَ مهل کيس ٽِڪ ۾ ڪاريون ڪاريون، ٻرندڙ ۽ التجا ڪندڙ اکيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. نه، انهن ۾ التجا ڪانه هئي، پر انهن ۾ مطالبو هو ۽ پوءِ سندس دل انڪار ڪري ڪانه سگهي. ڏهن منٽن بدران هو اڌ ڪلاڪ تائين اڏامندا رهيا. +ڪاڪ پٽ مان نڪري نائوموف پيرن ۽ ٻانهن کي ڇنڊڻ شروع ڪيو ته جيئن صبح واري پاري ۾ ڄميل سندس عضوا حرڪت ڪن، پر سندس شاگرد ٿوري دير تائين ڪاڪ پٽ ۾ ڪجهه ڳوليندو رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪجهه هٻڪندو هيٺ لٿو. جڏهن هو زمين تي لٿو ته هوائي جهاز جي پک وٽ زمين تي ويهي رهيو. سندس چپن تي هڪ مسرت ڀريل ۽ ننڊاکڙي مسڪراهٽ پکڙجي وئي، سندس ڳل پاري جهڙي ٿڌ ۾ به جوش ۽ جذبات کان دکي رهيا هئا. +سندس استاد پڇيو: ”ڪيئن ٿڌ لڳي وئي نه؟ هوا ته منهنجي مضبوط بوٽ ۾ به پئي گهڙيو آئي ۽ توکي ته معمول بوٽ پاتل آهي! ڇا تنهنجا پير ڪونه ٿا ٺرن؟“ +”منهنجا پير آهن ڪٿي؟“ خود پنهنجي خيال تي کلندي نئين شاگرد جواب ڏنو. +”ڇا؟“ نائو موف جي وات مان بي اختيار نڪتو ۽ تعجب کان سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. +”منهنجا پير ڪونهن.“ ميريسئف بنهه صاف ۽ چٽي آواز ۾ دهرايو. +”تنهنجو مطلب ڇا آهي ته تنهنجا پير ڪونهن؟ ڇا تنهنجو مطلب آهي ته تنهنجن پيرن ۾ ڪا خرابي آهي؟“ +”نه، منهنجا پير ته بنهه آهن ئي ڪونه. هي نقلي پير آهن.“ +چند گهڙيون ته نائوموف بلڪل بت بنجي زمين تي ڄمي بيهي رهيو. هن عجيب وغريب شخص جيڪو چيو هو، تنهن تي يقين نٿي ڪري سگهيو. پير بنهه آهن ئي ڪونه! پر هينئر ته هو هوائي جهاز اڏائي رهيو هو، بنهه ٺيڪ ۽ صحيح هلائي رهيو هو.......! +”ڏسان ته سهي.“ هن چيو ۽ سندس آواز ۾ انديشي جو امڪان هو. +ان تجسس کان اليڪسيءَ کي نه ته ڪا ڪوفت ٿي ۽ نه ئي ڪنهن قسم جو صدمو پهتو. ان جي ابتڙ هن ان دلچسپ ۽ ڀوڳائي استاد جي حيرانيءَ کي آخري ڪلي ٺوڪڻ لاءِ سوچيو ۽ هڪ مداري وانگر، جيڪو ڪو ڪرتب ڏيکارڻ چاهيندو هجي، هن پنهنجي پتلون جا پانچا مٿي کڻي ڇڏيا. +شاگرد چمڙي ۽ اليومينم جي ٺهيل پيرن تي بيٺو هو ۽ استاد، مستريءَ ۽ هوابازن جي قطار کي پنهنجي کلندڙ اکين سان ڏسي رهيو هو. +انهيءَ لمحي مائوموف ان نوجوان جي وهلورجڻ واري ڪيفيت جو سبب سمجهي ويو. ان جي چهري جي غير معمولي ڪيفيت، سندس ڪارين اکين ۾ لڙڪن ۽ گهڻي کان گهڻي دير تائين پرواز ڪندو رهڻ جي خواهش کي سمجهي ويو. هن شاگرد کيس حيران ڪري وڌو هو. هو هن ڏانهن ڊوڙيو ۽ زور سان هٿ ملائيندي چيائين: +”نوجوان! آخر تون هي سڀ ڪجهه ڪيئن ڪري سگهيو آهين؟ تون نٿو ڄاڻين.... توکي خبر نه آهي ته تون ڪهڙو ماڻهو آهين......“ +اصلي ڪم پورو ٿي چڪو هو. شاگرد استاد جي دل موهي وڌي هئي. هو شام مهل گڏيا ۽ انهن سکيا جو هڪ پروگرام تيار ڪيو. ٻئي ان ڳالهه تي متفق هئا ته اليڪسيءَ جي پوزيشن انتهائي ڪٺن آهي ۽ تر جيتري ڪوتاهي کيس هميشه هميشه لاءِ هوابازيءَ کان ڏور ڪري سگهي ٿي. سندس دل ۾ اها خواهش نچي رهي هئي ته هو جلد کان جلد جنگي هوائي جهاز ۾ ويهي ۽ اڏامي اتي وڃي، جتي ملڪ جا بهترين هواباز مورچو لڳايو ويٺا آهن ـــــــ والگا جي ڪناري تي ان مشهور شهر ڏانهن ........ پر هو ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته هر قسم جي سکيا جا سمورا ننڍا وڏا مرحلا صبر ۽ سڪون سان طئي ڪندو. هن محسوس ڪري ورتو هو ته سندس جيڪا پوزيشن هئي، ان ۾ فقط ”اي ون“ سرٽيفڪيٽ ئي پنهنجو ڪم ڪري سگهندو. +(9) +ميريسئف سکيا واري اسڪول ۾ پنجن مهينن کان وڌيڪ عرصو رهيو. اسٽالن گراڊ ۾ جرمنن جي ڀاڄ، ڇهين جرمن فوج جي تباهي ۽ پائولس تي قبضي جون خبرون هاڻي پراڻيون ٿي چڪيون هيون. ڏکڻ ۾ هڪ بي نظير ۽ ناقابل شڪست پيش قدمي ٿي رهي هئي. اهڙي وقت ۾ جڏهن محاذ تي ان قسم جون دلچسپ ۽ ڪارنامن سان ڀريل وارداتون ٿي رهيون هجن، اليڪسيءَ جي لاءِ محاذ کان پري رهڻ ڏاڍو اذيتناڪ ٿيندو پئي ويو. ايتري قدر جو هيءَ اذيت ۽ پيڙا اسپتال جي ورانڊي ۾ گهوڙين جي سهاري آهستي آهستي قدم کڻڻ يا سُڄيل ٺوٺين سان ناچ ڪرڻ کان به وڌيڪ محسوس پئي ٿي. +پر اسپتال ۾ هن عهد ڪيو هو ته هو ٻيهر جنگي هوابازن جي فوج ۾ ويندو ۽ عملي خدمت سرانجام ڏيندو. ان ڏس ۾ هن هڪڙي منزل طئي ڪئي هئي. غم ۽ درد، ٿڪاوٽ ۽ مايوسيءَ جي باوجود هو ان مقرر ڪيل حد تائين پهچڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جي جاکوڙ ڪري رهيو هو. هڪ ڏينهن سندس نالي هڪ چڱو خاصو ٿلهو لفافو آيو، جيڪو ڪلاوديا ميخائلونا موڪليو هو. ان ۾ ڪيترا ئي خط هئا ۽ هڪ خود سندس لکيل به هو. هن پڇيو هو ته زندگي ڪيئن پئي گذري؟ ڪيتريون ڪاميابيون نصيب ٿيون اٿئي ۽ سندس خواب سچا ٿابت ٿيا يا نه؟ +”ڇا خواب سچا ثابت ٿيا آهن؟“ هن پنهنجو پاڻ کان پڇيو. ليڪن ان سوال جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي هن خطن کي ڏسڻ شروع ڪيو. هڪڙو خط ماڻس جو هو، هڪ خط اوليا جو، هڪ گووزديف جو ۽ هڪ خط ٻيو هو، جنهن تي کيس تمام گهڻي حيراني ٿي هئي. ان خط تي مٿان پتو ”موسمي سرجنٽ“ جي هٿ جو لکيل هو ۽ ان جي هيٺان هيءَ عبارت لکيل هئي: ”ڪيپٽن ڪوڪوشڪن جي طرفان.“ هن ان خط کي سڀ کان پهريائين پڙهيو. +ڪوڪوشڪن لکيو هو ته کيس ٻيهر هوائي جهاز سميت ڪيرايو ويو هو. سندس جهاز کي گولي لڳي هئي ۽ منجهس باهه لڳي ويئي. هو پاڻ ڇٽيءَ وسيلي ٽپي ويو، پر کيس ٻانهن جي جوڙ وٽ زور اچي ويو آهي. هو هينئر ميڊيڪل بٽالين ۾ بيمارن جي وچ ۾ بيزار ٿي پيو آهي، پر کيس اميد آهي ته هو جلد وري پنهنجي هوائي جهاز تائين پهچي ويندو. هن لکيو هو ته هي خط هو اليڪسيءَ جي مشهور خاطوءَ ويرا کان لکرائي رهيو آهي، جيڪا اڃا تائين سندس ڪري ”موسمي سارجنٽ“ جي نالي سان مشهور آهي. هن اهو به لکيو هو ته ويرا تمام بهترين ساٿي آهي ۽ سندس بدقسمتي واري زماني ۾ سندس زبردست سهارو ثابت ٿي آهي. ان نقطي تي پهچي ويرا خود لکيو هو ته هي محض ڪوڪوشڪن جو وڌاءُ آهي. ان خط مان اليڪسيءَ کي خبر پئي ته اڃا تائين سندس دستي جا ماڻهو کيس ياد ڪري رهيا آهن ۽ کاڌي واري حال ۾ جتي سورمن ۽ بهادرن جون تصويرون ٽنگيل آهن، اتي سندس تصوير پڻ ٽنگي وئي آهي ۽ کيس ٻيهر گارد هوابازن جي وچ ۾ ڏسڻ جي اميد اڃا ختم نه ٿي آهي. گارد هواباز! اليڪسيءَ مسڪرايو ۽ ڪنڌ لوڏيائين. پڪ سان ڪوڪوشڪن ۽ سندس رضاڪار خاطوءَ جي خيال تان اها ڳالهه لهي ويئي هئي، جو هنن اهو ڪونه لکيو هو ته انهن جي دستي کي ”گارد“ جو اعزاز بخشيو ويو آهي. +ان کان پوءِ اليڪسيءَ ماڻس جو خط کوليو. هي هڪ مختصر ڳالهه ٻولهه واري انداز ۾ لکيل خط هو، جيئن عام طرح مائرون پٽن کي لکنديون آهن: زندگي ڪيئن ٿي گذرئي؟ توکي ٿڌ ته ڪانه ٿي لڳي؟ ڇا توکي کاڌو ته پورو پنو ملي ٿو يا نه؟ ڇا توکي سردين جا ڪپڙا ملن ٿا؟ ڇا هوءَ سندس لاءِ گرم دستانن جو هڪ جوڙو اُڻي؟ مان هيستائين پنج جوڙا ٺاهي چڪي آهيان ۽ سوويت سپاهين کي سوکڙيءَ طور موڪلي چڪي آهيان. مون هر جوڙي جي آڱوٺي وٽ هڪ پرچي لٽڪائي ڇڏي هئي، جنهن تي لکيل هو: ”اميد آهي ته توهان جي ڪاميابيءَ لاءِ هيءَ نيڪ فال ثابت ٿيندي.“ کيس اميد هئي ته ��نهن مان هڪ جوڙو سندس پٽ کي مليو هوندو. اهي تمام سٺا ۽ گرم دستانا هئا. هن اهي دستانا پنهنجي ڌاريل سهن جي وارن مان ٺاهيا هئا. هن لکيو هو ته وٽس هينئر سهن جو يڪو ولر آهي. هڪ نر، هڪ مادي ۽ سندن ست ٻچا. خط جي آخر ۾ هن سڀ کان اهم ڳالهه جي باري ۾ لکيو هو: ”جرمنن کي اسٽالن گراڊ مان ڀڄائي ڪڍيو ويو هو. تمام گهڻا جرمن ماريا ويا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهن جو بنهه هڪ وڏو جنرل به قيد ٿيو هو ۽ ها، جرمنن کي ڀڄائي ڪڍڻ کان پوءِ اوليا پنجن ڏينهن جي موڪل تي هتي آئي هئي. هوءَ مون وٽ ترسي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس گهر بم سان تباهه ٿي ويو هو. هاڻي هوءَ انجنيئرنگ دستي ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ ليفٽيننٽ جي عهدي تي پهچي وئي آهي. سندس ڪلهو زخمي ٿي پيو هو، پر هاڻي هوءَ ٺيڪ ٺاڪ آهي. کيس هڪ ٻلو به ڏنو ويو هو. ڪهڙي قسم جو ٻلو.......؟ سا ڳالهه جهونيءَ کي ٻڌائڻ وسري وئي هئي. سندس گهر ۾ رهڻ دوران اوليا رڳو ستي پئي هوندي هئي ۽ جيڏي مهل جاڳندي هئي، اوڏيءَ مهل اليڪسيءَ جي باري ۾ پڇندي رهندي هئي. هوءَ تاش جي پتن جي فال ڪڍندي هئي ۽ هر ڀيري چوڪڙيءَ جي راڻي ڦلوءَ جي بادشاه مٿان نڪرندي هئي. اليڪسيءَ کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ ماڻس لکيو هو ته جيستائين سندس تعلق آهي ته هوءَ پاڻ انهيءَ چوڪڙيءَ جي راڻيءَ کان بهتر ٻي ڪنهن نُنهن جي خواهش ڪانه ٿي رکي. +اليڪسيءَ ماڻس جي انهيءَ تدبير تي مسڪرائي ڏنو ۽ هن گهڻي احتياط سان ”چوڪڙيءَ جي راڻي“ جو سرمائي لفافو کوليو. هي ڪو ڊگهو خط ڪونه هو. اوليا لکيو هو ته ”خندقن“ جي کوٽائي کان پوءِ سندس ”انجنيئرنگ بٽالين“ جي بهترين ڪارڪنن کي باضابطا فوجي انجنيئرنگ دستي ۾ شامل ڪيو ويو هو. هاڻي سندس عهدو ليفٽيننٽ ٽيڪنيشن هو. کيس ”ڳاڙهي جهنڊي“ جو ٻلو مليو هو. هن لکيو هو ته مٿن هينئر ڏاڍو ڪٺن وقت اچي ويو آهي. هر شيءِ، کُرپي کان وٺي دٻي جي گوشت تائين والگا جي ٻئي پاسان آڻڻي ٿي پوي ۽ اتي مسلسل مشين گنن جي بمباري ٿيندي رهي ٿي. شهر جي هڪڙي به عمارت پنهنجي جاءِ تي سلامت ڪانه رهي هئي. سموري ايراضي بمن جي ڌماڪن سان ٺهيل کڏن کوٻن سان سٿي پئي هئي. +اوليا لکيو هو ته هوءَ جڏهن اسپتال مان نڪتي ته هوءَ ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪار ۾ اسٽالن گراد جي رستن تان لنگهيا هئا ۽ هنن ڏٺو هو ته جرمنن جي لاشن جا انبار لڳا پيا هئا، جن کي هڪ يڪي قبر ۾ پورڻ جو بندوبست پئي ٿيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي لاش اڃا رستن جي ڪنارن تي ائين ئي پيا هئا. ”ڪيڏي نه منهنجي دل ۾ خواهش اڀري ته تنهنجو دوست ٽينڪ مين، جنهن جو سمورو خاندان نيست ونابود ڪيو ويو هو، سو هتي اچي ۽ اچي پاڻ اکين سان ڏسي. آءٌ چوان ٿي ته اهي منظر فلمائڻ کپن ۽ اهڙن ٽينڪ مينن جهڙن دوستن کي ڏيکارڻ کپن ته ڪيئن نه اسان دشمنن کان سندن پورو پورو بدلو ورتو آهي.“ هن آخر ۾ لکيو هو (اليڪسيءَ انهن غير واضح جُملي کي ڪئين ڀيرا پڙهيو هو) ته هاڻي هوءَ محسوس ڪري ٿي ته اسٽالن گراڊ واري لڙائيءَ کان پوءِ هوءَ ان سورمن جي سورمي جي لائق ٿي وئي آهي. هي خط تڪڙ ۾ لکيل هو ۽ ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي، جتي گاڏي ٿوري دير بيٺي هئي، دٻي ۾ وڌو ويو هو. خبر ناهي ته ڪيڏانهن پئي ويا؟ تنهن ڪري خط ۾ پتو به ڪونه لکيل هو. نتيجي طور جيستائين کيس ٻيو خط نٿو پهچي، تيستائين اليڪسيءَ نه ته کيس خط لکي سگهيو ۽ نه ئي اهو ٻڌائي سگهيو ته هوءَ ڇوڪري، نازڪ ۽ ننڍڙي ڇوڪري، جنهن گهمسان جي جنگ ۾ ايتري ته جانفشانيءَ سان ڪم ڪيو هو، حقيقت ۾ هوءَ پاڻ ”سورمن جي سورمي“ هئي. هن لفافي کي اٿلايو ۽ هن ڏٺو ته چٽو لکيل هو: گارد جونيئر ليفٽيننٽ ٽيڪنيشن، اولگا...... +جيڏيءَ مهل به اليڪسيءَ کي هوائي اڏي تي مهلت ملندي هئي ته هو هي خط ڪڍندو هو ۽ وري پڙهندو هو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين هي خط هوائي اڏي تي جگر کي ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ ۽ ”9 الف“ جي ڪلاس روم ۾، جيڪو هيستائين سندس ٺڪاڻو هو، سندس دل کي گرم ڪندو رهيو. +آخرڪار استاد نائوموسف سندس چڪاس واري اڏام مقرر ڪئي. کيس هڪ ”اوت 2“ هوائي جهاز اڏائڻو هو. ان اڏام جو معائنو استاد کي نه، پر چيف آف اسٽاف کي خود ڪرڻو هوــــــــ انهيءَ ڦڙتيلي ۽ ڏٽي مٽي ليفٽيننٽ ڪرنل کي، جنهن سندس اچڻ تي هن جو استقبال انتهائي سردمهري سان ڪيو هو. +اها خبر هوندي به ته زمين تان سندس سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ اهو به معلوم هوندي ته اڄ سندس قسمت جو فيصلو ٿيڻو آهي، اليڪسيءَ ان ڏينهن ڪمال ڪري ڇڏيو. هن انهيءَ ننڍڙي جهاز کي ايتري ته مهارت، ڦڙتائيءَ ۽ خوبصورتيءَ سان اڏايو جو بي اختيار ليفٽيننٽ ڪرنل جي وات مان واهه واهه نڪري ويئي. جڏهن ميريسئف هوائي جهاز مان لٿو ۽ چيف جي سامهون اچي حاضر ٿيو ته نائوموف جي اک جي پڇڙيءَ مان جهلڪندڙ خوشيءَ ۽ جوش مان ئي هو سمجهي ويو ته هو امتحان ۾ پاس ٿي ويو آهي. +”تو وٽ هوابازيءَ جو هڪ شاندار انداز آهي. ها، تون ئي اهو هواباز آهين، جنهن لاءِ آءٌ چوان ٿو ته ”خود الله سائين پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي.“ ليفٽيننٽ ڪرنل گرجدار آواز ۾ چيو: ”ٻڌ، ڇا تون هتي استاد جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض پورو ڪري سگهين ٿو؟ اسان کي تو جهڙن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.“ +ميريسئف بنهه صاف انڪار ڪري ڇڏيو. +”ٺيڪ آهي، تون احمق آهين. وڙهي ته ڪير به سگهي ٿو، پر تون هتي رهي ماڻهن کي اڏامڻ سيکاريندين ۽ پاڻ جهڙا ڪئين هواباز پيدا ڪري سگهندين.“ +اوچتو ليفٽيننٽ ڪرنل جي نظر وڃي اليڪسيءَ جي لڪڻ تي پيئي، جنهن جي سهاري تي هو بيٺو هو. ڪرنل سڄو ڳاڙهي ٿي ويو. +”ته تو سان اڃا تائين هيءَ مصيبت چهٽي پئي آهي. هيڏانهن کڻ، مون کي ڏي! ڇا تنهنجو خيال آهي ته تون هي لڪڻ کڻي پڪنڪ ملهائڻ نڪتو آهين؟ تون ڪنهن ٿڌي سڙڪ تي گهمي ته نه رهيو آهين...... چيو نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 48 ڪلاڪ گارڊ روم ۾ بند...... بهترين هواباز، تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي. هاڻي تون وري هوائي جهاز جي پَرَ تي چوڪڙيءَ جو يڪو ٺاهيندو نظر ايندين. 48 ڪلاڪ بند! تو ٻڌو ته مون ڇا چيو؟“ +ليفٽيننٽ ڪرنل، ميريسئف جي هٿ مان لڪڻ وٺي ورتو ۽ ڪا اهڙي سخت شيءِ ڳولڻ لڳو، جنهن تي هڻي هو ان کي ڀڃي ڇڏي. +”ڪامريڊ ليفٽيننٽ، مون کي ڪجهه چوڻ جي اجازت ڏيو. هن جا پير ڪونهن.“ استاد نائوموف وچ ۾ ڳالهايو. +عملي جي مهندار جو چهرو اڃا به وڌيڪ ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکيون ٻاهر نڪري آيون ۽ هو زور زور سان ساهه کڻڻ لڳو. +”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟ ڇا تون مون کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش پيو ڪرين؟ ڇا جيڪو ڪجهه استاد چيو آهي، سو سڀ سچ آهي؟“ +ميريسئف ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ٻڏل اکين سان پنهنجي قيمتي لڪڻ ڏانهن ڏٺو، جيڪو ان وقت تباهيءَ جي خطري ۾ گهيريل هو. واقعي هاڻي هو واسيلي واسيلي وچ جي ڏنل سوکڙيءَ کي پاڻ کان بنهه ڌار ڪونه ڪندو هو. +ليفٽيننٽ ڪرنل شڪي نظرن سان انهن دوستن کي ڏٺو ۽ وڏي آواز ۾ چيائين: +”ٺيڪ آهي......... جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ پنهنجا پير ڏيکار...... هونهن.......!“ +اليڪسي پهرئين درجي جي بهترين سرٽيفڪيٽ سان سکيا واري اسڪول مان رخصت ڪيو ويو. ان ڪاوڙيل ليفٽيننٽ ڪرنل، ان جهوني ”هوائي بگهڙ“ سڀني کان وڌيڪ اليڪسيءَ جي مهارت ۽ ڪمال جي تعريف ڪئي ۽ جيڏي مهل شاباس ۽ تحسين ڏيڻ تي پيو ته هن ذرو به ڪنجوسائي ڪانه ڪئي. هن سفارش ڪئي ته ”ميريسئف بنهه ڦڙتيلو ۽ تجربيڪار ۽ مضبوط قوت ارادي جو مالڪ هواباز آهي ۽ هوابازيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ هر قسم جا فرائض پورا ڪري سگهي ٿو.“ +(10) +ميريسئف سياري جا پويان ڏينهن ۽ بهار جي شروعات جو زمانو اعليٰ هوابازيءَ جي اسڪول ۾ گذاريو. هي هڪ پراڻي طرز جو اسڪول هو. هتي هڪ بهترين هوائي اڏو هو، رهائش جو پڻ بهترين بندوبست هو ۽ لاجواب ڪلب گهر هو، جتي ڪڏهن ڪڏهن ماسڪو جون ٿيٽر ڪمپنيون اچي پروگرام پيش ڪنديون هيون. هي اسڪول به سڄو شاگردن سان ڀريو پيو هو. پر هتي جنگ کان پهرين وارا قاعدا قانون رائج هئا ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ٿيندو هو ۽ شاگردن کي ورديءَ وغيره جي معاملي ۾ بنهه ننڍين ننڍين ڳالهين تي به خاص توجهه ڏيڻو پوندو هو. ڇو ته جيڪڏهن بوٽ پالش نه هوندي هئي يا ڪوٽ جو ڪو ٻيڙو ڇنل هوندو هو ته ان ڏوهاريءَ کي به ٻه ڪلاڪ ورزش ڪرڻي پوندي هئي. +هوابازن جو هڪ وڏو گروهه، جنهن ۾ اليڪسي پڻ شامل هو، هڪ نئين قسم جو روسي جنگي جهاز اڏائڻ جي مشق ڪري رهيو هو. سکيا تمام تفصيل واري هئي، جنهن ۾ انجڻ ۽ ٻين حصن جو مطالعو پڻ شامل هو. ليڪچر جي وقت اليڪسي اهو ڏسي حيران ٿي ويندو هو ته سندس غير حاضري واري مختصر عرصي دوران روسي هوابازيءَ ۾ ڪيڏي نه شاندار پيش قدمي ٿي آهي. جنگ جي شروعات ۾ جيڪي ڳالهيون وڏن ڪارنامن ۽ شاهڪارن جي حيثيت اختيار ڪري چڪيون هيون، سي هاڻي پراڻيون گٺل پيٺل ٿي لڳيون. تيز رفتار ”ابابيل“ ۽ آرامده ”ميگس“، جن کي شروع ۾ ڏاڍي اهميت حاصل هئي، هاڻي انهن کي هٽائي، سندن جاءِ تي جنگ دوران ايجاد ٿيل جديد هوائي جهاز آندا پئي ويا. جديد ترين نموني جا شاندار ”ياڪس“، ”لا 5“، جيڪي هاڻي عام ٿي چڪا هئا ۽ ٻن ماڻهو وارو ”ابل“. هي اڏامندڙ ٽينڪون، جيڪي زمين تي پاڪي ڦيري ڇڏينديون هيون ۽ دشمن تي گوليون، بم ۽ شيل وسائينديون وينديون هيون. جرمنن بدحواسي ۾ انهن کي پنهنجي لاءِ ”موت جا ڪارا ديو“ جو نالو ڏيئي ڇڏيو هو. جنگ ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن جي حڪمت ۽ دانش جيڪي نوان هوائي جهاز ايجاد ڪيا هئا، انهن جي ڪري فضائي جنگ جو فن ڏاڍو منجهيل ۽ ڏکيو ٿي پيو هو. هواباز جي لاءِ نه رڳو پنهنجي هوائي جهاز جي ڄاڻ ۽ ناقابل تسخير همت ئي ڪافي هئي، پر هوا ۾ ترت سڌو رستو ڳولي لهڻ، فضائي جنگ کي ان جي مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏڻ ۽ اڪثر موقعن تي حڪم جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي لڙائي جو فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت جو هجڻ پڻ نهايت ضروري هو. +هي سڀ ڪجهه ڏاڍو دلچسپ هو، پر خوفناڪ ۽ زبردست پيش قدميءَ جي جنگ ته محاذ تي ٿي رهي هئي ۽ روشن ۽ شاندار ڪلاس روم ۾، هڪ آرامده ۽ ڪاري ڍڪ واري ڊيسڪ جي سامهون ويهي ليڪچر ٻڌندي ميريسئف جي دل محاذ تي وڃڻ لاءِ تڙپندي رهندي هئي. +هن جي جيءَ چاهيو ٿي ته هو جنگ جي فضا ۾ ساه کڻي. هن جسماني درد ۽ پيڙا تي قابو پائڻ سکي ورتو هو. هن کي ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جو گُر اچي ويو هو. پر زبردستي ۽ مجبورًا مٿس مڙهيل بيڪاريءَ جي ڪوفت تي ضابطو رکڻ جي قوت اراديءَ کان هو اڃا محروم هو ۽ هفتن جا هفتا هو اسڪول جي چئني طرفن اداس اداس ۽ وائڙو وائڙو ۽ ڪاوڙيل ڪاوڙيل وڙ ڪندو رهندو هو. +خوش قسمتيءَ سان ميجر استروچڪوف به انهن ڏينهن ۾ ان اسڪول ۾ موجود هو. هن عادت موجب پنهنجو پاڻ کي نئين ماحول ۾ هيري، سڀني سان ياري رکي ڇڏي هئي. هو اليڪسيءَ جي اداسيءَ جو سبب سمجهي ويو هو. هڪ ڀيري کيس چيائين ته ”يار، دل ڇو ٿو لاهين؟ اڃان ته اسان جي وڙهڻ لاءِ گهڻو وقت بچيل آهي. ڏسين ڪونه ٿو ته اڃا برلن گهڻو پري آهي. اسان کي اڃا سوين ميل اڳتي وڌڻو آهي. اسان کي پنهنجو حصو ملي ويندو. تون گهٻراءِ نه، خوب دل کولي وڙهنداسون.“ +اليڪسي ۽ استروچڪوف هوابازيءَ جي مشق شروع ڪري ڇڏي هئي. اليڪسي هاڻي ”لا 5“ هوائي جهاز کان گهڻو واقف ٿي چڪو هو. آخرڪار اهو وقت به آيو، جڏهن سموري ٽوليءَ کي قطار ۾ بيهاريو ويو. هر شخص پنهنجي صلاحيت ۽ فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ بي چين هو. سڀني کان اڳ ڪير ٿو اڏامي؟ اها چڻ ڀڻ پئي ٿي. تيستائين استاد استروچڪوف جو نالو پڪاريو. ميجر جون اکيون چمڪي ويون ۽ هو معنيٰ ڀريل انداز ۾ مسڪرائي پنهنجي هوائي ڇٽي جو ڪشو ٻڌندي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺو ۽ سينڍ وڄائڻ لڳو. +ميجر استروچڪوف سمورا مقرر ڪرتب پورا ڪري واپس لٿو. جڏهن هو ٽپ ڏيئي ڪاڪپٽ مان هيٺ لٿو، تڏهن هو جوش ۽ هيجان مان بنهه وهلور پئي ويو. هو اسڪول جي ڪنهن ڇوڪر وانگر خوشيءَ مان مرڳو نچي رهيو هو. +”يار، هيءَ مشين ته ڪانهي. هي ڪو وائلن آهي وائلن. الله جو سنهن ته وائلن آهي.“ هو سهڪي رهيو هو ۽ پنهنجي استاد جي ڳالهه به ڪانه ٿي ٻڌائين، جيڪو کيس انهيءَ چريائپ تي جُٺ ڪري رهيو هو. هن اليڪسيءَ کي ڀاڪر وجهي زور ڏنو ۽ چيو: +”زندگي ڏاڍي ڀلي آهي، اليوشا!“ +واقعي، هي هڪ لاجواب هوائي جهاز هو. هر شخص کي ان ڳالهه تي اتفاق هو. ميريسئف جو وارو آيو، هن پنهنجي پيرن کي ڌاڳي سان هوائي جهاز جي پيڊل سان ٻڌو ۽ هوا ۾ بلند ٿي ويو. هن هڪدم محسوس ڪيو ته هي گهوڙو هن جهڙي بنا پيرن واري هسوار لاءِ ضرورت کان وڌيڪ تيز رفتار آهي، تنهن ڪري هن لاءِ وڌيڪ احتياط جي ضرورت هئي. جڏهن هوائي جهاز هوا ۾ بلند ٿيو، تڏهن اليڪسي ۽ هوائي جهاز ۾ اها هم آهنگي پيدا ٿي نه سگهي، جيڪا هوابازي کي پرمسرت بنائي ٿي. هو انتهائي عمدو هوائي جهاز هو، جيڪو هواباز جي هر اشاري کي محسوس ڪري وٺندو هو ۽ يڪدم ان مطابق عمل ڪندو هو. جيتري قدر هڪدم محسوس ڪرڻ جي صلاحيت جو تعلق هو ته هو واقعي وائلن هو. هاڻي وڃي اليڪسيءَ کي پنهنجي ناقابل تلافي نقصان جو اندازو ٿيو. کيس محسوس ٿيو ته سندس نقلي پير ڪيترا نه بي حس آهن. هن محسوس ڪيو ته هن جي بهترين هوائي جهاز ۾ بهترين نقلي پير، بهترين سکيا جي باوجود به جيئرن جاڳندن ۽ لچڪيدار پيرن جي جاءِ پوري نٿا ڪري سگهن. +هوائي جهاز ڏاڍي سهوليت سان هوا کي چيريندو اڏامندو رهيو ۽ اسٽيئرنگ جي بنهه هلڪي کان هلڪي اشاري تي لبيڪ چئي، ان مطابق عمل ڪندو رهيو. ليڪن اليڪسي ڊڄي رهيو هو. هن محسوس ڪيو ته جيڏي مهل هو رخ بدلائي ٿو، اوڏيءَ مهل سندس نقلي پير ڪجهه سستي ٿا ڏيکارين. انهن ۾ اها هم آهنگي ڪانه هئي، جيڪا هڪ هواباز لاءِ هڪ قسم جو قدرتي ردعمل بنجي ويندي آهي. انهيءَ سستيءَ سبب هوائي جهاز هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿو ۽ اها شيءِ موت جو سبب به بنجي سگهي ٿي. اليڪسيءَ پاڻ کي سرڪس جي پابند گهوڙي وانگر محسوس ڪيو. هو بزدل ڪونه هو، هو موت کان ڪونه ٿي ڊنو. هن ته پنهنجي هوائي ڇٽيءَ جي جانچ پڙتال کان سواءِ ئي اڏامڻ شروع ڪيو هو. پر هن کي ڊپ رڳو اهو هو ته سندس بنهه ننڍڙي ڀل به کيس ويڙهو فوج مان خارج ڪرائي سگهي ٿي ۽ سندس محبوب ترين پيشي جو دروازو سندس لاءِ هميشه لاءِ بند ٿي ويندو. هن ٻيڻي ٽيڻي احتياط کان ڪم ورتو ۽ جڏهن هن هوائي جهاز هيٺ لاٿو، تڏهن هو ڪافي بدحواس هو. سندس پيرن جي بي حسيءَ سبب هو هوائي جهاز صحيح نموني ۾ لاهي ڪونه سگهيو هو. +اليڪسي ڪاڪ پٽ مان لٿو ته بنهه خاموش هو ۽ سندس موڊ ٺيڪ ڪونه هو. سندس ساٿين ۽ استاد پنهنجي ڳڻتي لڪائيندي سندس واکاڻ ڪئي ۽ کيس مبارڪباد ڏني، ليڪن انهيءَ مروت ۽ لحاظ سان کيس وڌ��ڪ صدمو پهتو. هن هٿ جي اشاري سان کين هڪ طرف هٽايو ۽ پاڻ پنهنجا پير گهليندو، ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو اسڪول طرف وڃڻ لڳو. ناڪامي به جنگي هوائي جهاز ۾ ويهڻ کان پوءِــــــــ! ڪمند به تڏهن ٽٽو، جڏهن آسمان باقي ٻه ٽي هٿ وڃي بچيو هو! اپريل جي ان صبح کان پوءِ، جڏهن سندس هوائي جهاز چيڙ جي وڻن سان ٽڪرايو هو، هي سڀ کان وڏو حادثو هو. هن نه منجهند جي ماني کاڌي ۽ نه ئي رات جو کاڌو کائڻ ويو. اسڪول جي قاعدي جي خلاف ورزي ڪندي هو ڏينهن جي وقت ٻانهن سيراندي ڏيو ستو پيو هو. ڪنهن به، جنهن کي سندس درد ۽ پيڙا جي خبر هئي، کيس تنگ ڪونه ڪيو. نه ته سندس پاسي مان لنگهي ويندڙ آفيسرن کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ نه ئي اسڪول جي پٽيوالي. استروچڪوف اندر آيو ۽ ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر جڏهن کيس ڪوبه جواب نه مليو، تڏهن هو افسوس ڪندو واپس هليو ويو. +استروچڪوف جي ڪمري مان ٻاهر وڃڻ شرط ئي اسڪول جو سياسي آفيسر، ليفٽيننٽ ڪرنل ڪپوستين اندر آيو. هو ننڍي قد جو معمولي شڪل وارو ماڻهو هو. هن جي اکين تي ٿلهن شيشن واري عينڪ چڙهيل هئي ۽ کيس تمام ويڪري وردي پاتل هئي، جيڪا کيس ٻوريءَ وانگر ٿي لڳي. هتي جا شاگرد بين الاقوامي مسئلن تي سندس ليڪچر ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا. انهن ليڪچرن دوران هي معمولي ماڻهو منجهن فخر جو احساس پيدا ڪري ڇڏيندو هو ته هو هن عظيم جنگ جا سپاهي آهن. ليڪن وري اهي ئي شاگرد کيس هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ ڪابه اهميت ڪانه ڏيندا هئا. هو هن کي هڪ غير فوجي ماڻهو سمجهندا هئا، جيڪو اتفاق سان هوائي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو هو ۽ جنهن کي هوابازيءَ متعلق ڪابه خبر ڪانه هئي. هن ميريسئف ڏانهن ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو ۽ ڪمري ۾ چئني طرف نظر ڊوڙائي ۽ هوا کي سونگهيو ۽ هڪدم ڪاوڙجي چيائين: +”هتي سگريٽ ڪنهن پيتو آهي؟ سگريٽ پيئڻ لاءِ جڏهن الڳ ڪمرو موجود آهي ته پوءِ هتي ڇو؟ ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، آخر هن جو مطلب ڇا آهي؟“ +”آءٌ سگريٽ ڪونه پيئندو آهيان.“ اليڪسيءَ بي نيازيءَ سان چيو ۽ پنهنجي بستري تي پيو رهيو. +”۽ تون هتي ڇو پيو آهين؟ ڇا توکي اسڪول جي قاعدن جي خبر ڪانهي؟ جڏهن ڪو اعليٰ عملدار اندر اچي ٿو ته تون اٿي ڇو نٿو بيهين؟ اٿي مٿي!“ +هي حڪم ڪونه هو، پر ان جي ابتڙ هي ڳالهيون هڪ غير فوجي، مهذب ۽ نرم انداز ۾ چيون ويون هيون. پر ميريسئف بي نيازيءَ سان ان حڪم جي تعميل ڪئي ۽ هو اٿي پنهنجي بستري وٽ فوجي انداز ۾ بيهي رهيو. +”ها، هاڻي ٺيڪ آهي. ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! هاڻي ڀلي ويهي رهو ۽ اچ ته ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪريون.“ ڪپوستين حوصلو وڌائيندڙ انداز ۾ چيو. +”ڇا جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪريون؟“ +”تنهنجي باري ۾. هليا ته ٻاهر هلون. آءٌ سگريٽ پيئڻ چاهيان ٿو ۽ هتي سگريٽ پيئڻ جي منع آهي.“ +هو ٻاهر ورانڊي ۾ ويا، جتي جهڪي روشني هئي. بليڪ آئوٽ جي سبب بجليءَ جا بلب نيري رنگ سان رنگيا ويا هئا. هو دريءَ وٽ بيهي رهيا. ڪپوستين سلفيءَ جا سوٽا ڀرڻ لڳو. هر سوٽي سان سندس ويڪرو ۽ فڪرمند چهرو ٻهڪي ٿي ويو. +”اڄ آءٌ تنهنجي استاد جي خبر وٺندس.“ هن چيو. +”سو ڇا جي لاءِ؟“ +”اسڪول جي آفيسرن جي موڪل کان سواءِ هن توکي هوائي جهاز ۾ مٿي موڪليو. ان لاءِ....... تون مون کي ائين ڇو گهوري رهيو آهين؟ حقيقت ۾ ته آءٌ پاڻ جُٺ جو لائق آهيان جو مون اڳ ۾ توسان ڇو ڪونه ڳالهايو هو؟ مون وٽ ايترو وقت ڪونهي. هر وقت مصروف ٿو رهان. آءٌ چاهيان ٿو، پر..... ڇڏ انهن ڳالهين کي. ڏس ميريسئف! تنهنجي لاءِ هوابازي ڪا سولي ڳالهه ڪانهي ۽ ان ڪري ئي آءٌ تنهنجي استاد جي خبر وٺڻ چاهيان ٿو.“ +اليڪسيءَ ڪ��هه نه ڳالهايو. هو حيران ٿي سوچيندو رهيو ته هي سلفيءَ جا سوٽا هڻندڙ شخص ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل ماڻهو آهي؟ ڇا هو ڪو آفيسري لائين جو ماڻهو هو، جيڪو فقط ان ڪري ڪاوڙيو پيو هلي ته ڪنهن سندس حاڪماڻي برتري کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو ۽ اسڪول جي هڪ غير معمولي واقعي جو کيس اطلاع ڪونه ڏنو هو يا هو هڪ حقير عملدار هو، جنهن قاعدن مان وڃي اهو نقطو ڳولي ڪڍيو هو، جنهن سبب انهن ماڻهن لاءِ هوابازي تي بندش هئي، جيڪي جسماني طور ٺيڪ نه هئا، يا ڪو ساڙيلو ۽ ضدي هو، جيڪو پنهنجي طاقت جي مظاهري ڪرڻ جي تلاش ۾ رهندو آهي؟ آخر هو ڇا ٿو چاهي؟ آخر هو ان وقت ڇو آيو آهي، جنهن وقت هونئن به اليڪسيءَ جي دل ٽٽي پئي هئي ۽ سندس دل چاهيو پئي ته پنهنجي گلي ۾ ڦاهيءَ جو ڦندو وجهي ڇڏي.......! +هن جي دل چاهيو ته هن ماڻهوءَ کي ٿڏو هڻي هتان ڊوڙائي ڪڍي. پر هن ڏاڍي مشڪل سان پاڻ تي ضبط ڪيو. ڪيترن مهينن جي مصيبتن ۽ اذيتن کيس ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ جلد بازيءَ کان بچڻ جو ڏس ڏنو هو ۽ سبق پڙهايو هو. کيس ان معمولي ماڻهو ڪپوستين ۾ ڪميسار وروبيوف جي هلڪي هلڪي جهلڪ نظر آئي، جنهن کي اليڪسي سچو انسان چوندو هو. ڪپوستين جي سلفيءَ جي روشني ڀڙڪي ٿي ۽ وري جهڪي ٿي ٿي ويئي، هو ڳالهائيندو رهيو: +”ٻڌ ميريسئف! آءٌ تنهنجي واکاڻ ڪرڻ ڪونه ٿو چاهيان، پر تون چاهي ڇا به سمجهين، باقي تون دنيا جو اڪيلو ماڻهو آهين، جنهن جا پير ڪونهن، تنهن هوندي به لڙاڪو هوائي جهاز اڏائي رهيو آهين ـــــــ ها، دنيا جو واحد شخص! آءٌ تنهنجي جنگي فوجي دستي ۾ واپسيءَ جي خواهش جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان. واقعي اهو جذبو واکاڻ جوڳو آهي، پر ان ۾ ڪا خاص ڳالهه به ڪانهي. اهڙي زماني ۾ هر شخص فتح حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وس آهر سڀ ڪجهه ڪري ٿو......“ هن ٻيهر سلفيءَ جي اڳئين حصي کي صاف ڪيو، ڄڻ هو اُن سلفيءَ ۾ گم هو. اليڪسيءَ کي اها ئي ڳالهه سٺي ڪانه لڳي. هو هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ بيتاب هو. ڪپوستين پنهنجي سلفيءَ کي درست ڪيو ۽ ڳالهائيندو رهيو، ڄڻ ته کيس اهو ڄاڻڻ جي پرواهه ئي ڪانه هئي ته انهن لفظن جو مٿس ڪهڙو اثر ٿي رهيو آهي؟ +”هي سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف جو ذاتي معاملو ڪونهي. نقطو هي آهي ته تنهنجا پير ڪونهن، پر پوءِ به تون اهو هنر ۽ مهارت حاصل ڪئي آهي، جيڪا هيستائين دنيا جي نظرن ۾ فقط هڪڙو ماڻهو حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو بدني لحاظ کان بنهه درست ۽ چاق چڱو ڀلو هجي ۽ اهو به سون ۾ هڪڙو. تون فقط شهري ميريسئف نه آهين، پر تون هڪ عظيم تجربو ڪندڙ ماڻهو آهين...... تنهن ڪري چوان ٿو ته اسين توسان هڪ معمولي هواباز وارو سلوڪ نٿا ڪري سگهون، اسان کي اهو حق ناهي. سمجهيئي؟ تو هڪ انتهائي اهم تجربو شروع ڪيو آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته اسين تنهنجي هر طرح سان مدد ڪريون. پر ڪهڙي طرح؟ اهو تون ٻڌاءِ ته اسين تنهنجي مدد ڪهڙي طرح ڪريون؟“ +هن واعدو ڪيو ته هو اسڪول جي مهندار سان ملي طئي ڪندو ته اليڪسيءَ لاءِ وڌيڪ اڏامڻ جو بندوبست ڪري ۽ اليڪسيءَ کي چيو وڃي ته هو خود پنهنجي لاءِ سکيا جو پروگرام مرتب ڪري. +”پوءِ ان ۾ ته تمام گهڻو ٻارڻ زيان ٿيندو.“ اليڪسيءَ افسوس سان چيو ۽ ان تي حيران ٿي ويو ۽ هن ننڍي قد واري معمولي ماڻهوءَ ڪيتري نه سادگيءَ سان سندس سمورن انديشن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. +”بيشڪ ٻارڻ هڪ اهم شيءِ آهي، سو به خاص ڪري هن وقت، جڏهن تيل جي هڪ هڪ ڦڙي جي ڏاڍي اهميت آهي. پر تيل کان به وڌ ٻيون شيون قيمتي آهن.“ ڪپوستين وراڻيو. +ٻئي ڏينهن کان ميريسئف اڪيلي سر مشق ڪرڻ شروع ڪري ڏني. هن هي ڪم رڳو ان مستقل مزاجيءَ سان ڪو��ه ٿي ڪيو، جنهن نموني هو هلڻ، ڊوڙڻ ۽ نچڻ جي مشق ڪرڻ جي زماني ۾ ڪندو هو. پر هن هي ڪم اهڙي انداز ۾ شروع ڪيو، ڄڻ کيس ڪا طاقت مٿي کڻي رهي آهي. هن هر شيءِ، هر نقطي، هر گُرَ جو انتهائي باريڪ بينيءَ سان، بنهه شروعات کان ۽ انتهائي ذهانت سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ نئين سر، نئين جوش ۽ ولولي سان پنهنجي مهم ۾ جنبي ويو. آهستي آهستي هن محسوس ڪيو ته هو ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ساڻس سندس بي جان پير ۽ هوائي جهاز جا پرزا مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح هڪ ڀيرو وري به هو پنهنجي منزل کي ويجهو، بنهه ويجهو پهچي رهيو هو ۽ سندس مايوسيون آهستي آهستي ختم ٿي رهيون هيون. + + + + +(11) +تمام گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اليڪسي ننڍو هو، تڏهن هو برف تي ترڪڻ واري راند ”اسڪيٽنگ“ پئي سکيو. هن تختن تي اڃا پير رکي ترڪڻ شروع ئي مس ٿي ڪيو ته هڪدم ڦهڪو ڪري ڪري ٿي پيو. ڪيترا ئي ڏينهن ائين پيو ڌڪا کائيندو هو. پوءِ هڪڙي ڏينهن نيٺ هو ڪجهه قدمن تائين ترڪڻ سکي ويو. اليڪسيءَ کي اهو ڏينهن بنهه چٽي طرح ياد هو، جنهن ڏينهن هن چمڪندڙ ڄميل برف تي خوش قسمتيءَ سان صحيح قدم کنيو هو ۽ پوءِ ان راند ۾ ترقي ڪندو پئي ويو. +اڄڪلهه به ساڻس ساڳي ڪار ٿي رهي هئي. هو ڪيترا ڀيرا سموري ثابت قدميءَ سان هوائي جهاز کڻي هوا ۾ بلند ٿيو. هن پاڻ کي هوائي جهاز ۾ جذب ڪرڻ ۽ پنهنجي نقلي پيرن سان ان کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته هو ڪامياب پيو ٿئي ۽ اها ڳالهه سوچيندي ئي سندس دل باغ بهار ٿي ويندي هئي. پر جيئن ئي کيس معلوم ٿيندو هو ته اڃا پنڌ پراهون آهي، هوائي جهاز هڪ طرف جهڪندو، سندس هٿ مان نڪرندو محسوس ٿيندو هو ۽ هو انتهائي ڪوڙاڻ سان اميد جي ڪليءَ کي ڪومائبو محسوس ڪندو هو ۽ ائين ناڪام موٽندو هو. +پر مارچ ۾ هڪ ڏينهن هوائي جهاز کي ٺيڪ رخ تي وجهندي، هن اوچتو محسوس ڪيو ته هوائي جهاز اڄ بلڪل سندس چئي ۾ آهي. اهو احساس بجليءَ وانگر سندس ذهن ۾ چمڪيو ۽ پهرين ته کيس ان تي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. هن ايتريون ته مايوسيون ڏٺيون هيون، جو هينئر کيس پنهنجي خوش نصيبيءَ تي جلد اعتبار ئي ڪونه پئي آيو. +هن تيزيءَ سان ساڄي هٿ تي هوائي جهاز جو رخ موڙيو. هوائي جهاز ائين ئي ڪيو، جيئن هن چاهيو ٿي. کيس ائين لڳو، ڄڻ ته بيزار ڪندڙ ۽ اداس ڏينهن هڪدم روشن ۽ چمڪندڙ ڏينهن ۾ تبديل ٿي ويو هجي. هن جي دل خوشيءَ سببان بنهه تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ جذبات ۾ ايترو وهلورجي ويو، جو کيس گلي ۾ ڄڻ ڪا شيءِ اٽڪي رهي هئي. +هڪ اڻ ڏٺل سرحد تي پهچي، سندس سمورين ثابت قدم ڪوششن جو امتحان ٿيو. هو ان سرحد کان اڳيان وڌي ويو ۽ هاڻي هن انهن بيشمار ڏينهن جي جفاڪشيءَ جي ڦل جو مزو بنا ڪنهن ٿڪ ۽ دشواريءَ جي وٺڻ شروع ڪيو هو. هن اها خاص شيءِ حاصل ڪري ورتي هئي، جنهن جي حاصلات لاءِ هو ڪيترا ڏينهن ناڪام ڪوششون ڪندو رهيو هو. هو بنهه هوائي جهاز ۾ جذب ٿي ويندو هو. کيس محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ اهو به سندس جسم جو هڪ حصو آهي. هاڻي بي حس ۽ بي جان نقلي پير سندس لاءِ رڪاوٽ بڻيل ڪونه هئا. سندس نس نس ۾ سرشاري ۽ مسرت جون لهرون ڊوڙي رهيون هيون. هن ڪيترا ئي ڀيرا هوائي جهاز کي موڙيو، غوطو لڳايو ۽ ڪرتب ڏيکاريا ۽ مشق پوري ڪندي ئي هوائي جهاز کي زمين ڏانهن ڦيرايو. کيس هوائي اڏو، اسڪول جي عمارت، موسمياتي اسٽيشن جو مينار، سڀ ڪجهه هڪ گول دائري ۾ نچندا محسوس ٿيا. هن هڪ پراعتماد جنبش سان هوائي جهاز کي زور سان ٻيهر مٿي هوا ۾ بلند ڪيو. هاڻي وڃي کيس ان وقت جي مشهور هوائي جهاز ”لا 5“ پنهنجي ڄاتل ۽ ا�� ڄاتل خوبين کان واقف ڪيو هو. تجربيڪار هٿن ۾ هي هوائي جهاز ڪهڙي شيءِ هو! اسٽيئرنگ گيئر جي هڪ هڪ اشاري تي نچندو، بنهه مشڪل ۽ نازڪ قسم جا ڪرتب بلڪل آسانيءَ سان ڪندو ۽ صفا تير وانگر هوا کي چيريندو فضا ۾ بلند ٿي ويندو هو، بنهه ڦڙتيلي، چست ۽ تيز باز وانگر! +ميريسئف ڪاڪپٽ مان نڪتو ته جهومي رهيو هو، جهڙوڪر نشي ۾ هجي. سندس وات ڦاٽو پيو هو ۽ چپن تي عجيب چريائپ جهڙي مرڪ پکڙيل هيس. هن ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿيل استاد کي به ڪونه ڏٺو ۽ نه ئي سندس ڪا ڳالهه ٻڌائين. کيس بڪڻ ڏيو. گارڊ روم؟ ها ها ٺيڪ آهي، هو گارڊ روم جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار هو. هاڻي ڪهڙو فرق پئجي سگهي ٿو؟ هڪڙي ڳالهه صاف ظاهر هئي ــــــ اها هيءَ ته هو هواباز هو ۽ تمام سٺو هواباز! سندس سکيا تي جيڪو واڌو پيٽرول خرچ ٿيو هو، سو اجايو ڪونه ويو هو. هو ان خرچ جو بدلو سئو ڀيرا وڌيڪ ادا ڪندو. ها، پر رڳو هي همراه کيس محاذ تي موڪلين. +سندس ڪمري ۾ هڪ خوشگوار ۽ غير متوقع شيءِ سندس انتظار ڪري رهي هئي. سندس وهاڻي تي گووزديف جو هڪ خط پيو هو. هي خط پنهنجي منزل تائين پهچڻ کان اڳ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان ٿيندو، ڪيترن ڏينهن تائين ۽ ڪنهن ڪنهن جي کيسن مان ٿيندو هتي پهتو هو؟ اهو ٻڌائڻ مشڪل هو، ڇو ته خط سڄو مڙيو سڙيو، ميرو گدلو ۽ تيل جي داغن سان ڀريو پيو هو. هي خط هڪ صاف لفافي ۾ رکيل هو، جنهن تي انيوتا جي هٿ سان لکيل پتو هو. +ٽينڪ مين لکيو هو ته جرمنن جي هوائي جهاز جي پک سان سندس مٿي ۾ ڌڪ لڳو هو. هو هن وقت فوجي اسپتال ۾ هو. کيس اميد هئي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ کيس موڪل ملي ويندي. هن اسٽالن گراڊ واري جنگ ۾ پيش ايندڙ انهيءَ واقعي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو هو. +هن ان ڇاپي جو ذڪر ڪيو هو، جيڪو سندس سربراهي ۾ ٽينڪن جي دستي جرمنن جي لڪل فوجي هوائي اڏي تي هنيو هو، جنهن ۾ جرمنن جا ڪيترا ئي هوائي جهاز تباه ڪري ڇڏيا هئائون. کيس ان حملي دوران هوائي جهاز جي پک جو هڪ ٽڪر اڏامي اچي مٿي ۾ لڳو هو. هن اهو به لکيو هو ته اسپتال ۾ سندس ڏاڙهي زوريءَ ڪوڙي چٽ ڪري ڇڏي اٿن ۽ اهو به ته هو اسپتال مان موڪل ملڻ کان پوءِ ٻيهر ڏاڙهي رکندو. گووزديف لکيو هو ته انيوتا الائجي ڇو سندس ڏاڙهيءَ پويان هٿ ڌوئي لڳي آهي ۽ هر خط ۾ ڪئين صلواتون ٻڌائيندي آهي. +خط تمام ڊگهو هو. ظاهر آهي ته گووزديف اسپتال جي بيزاري ختم ڪرڻ لاءِ ايڏو ڊگهو خط لکيو هو. هن اهو به لکيو هو ته جڏهن هو اسٽالن گراڊ جي ويجهو، سندس پراڻي ٽينڪ جي تباه ٿيڻ ۽ نئين ٽينڪ ملڻ تائين واري عرصي ۾ بنا ٽينڪ جي وڙهي رهيو هو، تڏهن کيس استيپان ايوانووچ مليو هو. هن هڪ ڪورس مڪمل ڪيو هو ۽ هاڻي هو بنا ڪميشن وارو عملدار ٿي ويو هو. هو ٽينڪ ٽوڙ پلٽڻ جو اڳواڻ سرجنٽ ميجر ٿي ويو هو. استيپان، گووزديف کي اليڪسيءَ لاءِ سلام چيا هئا. +ان خط اليڪسيءَ جي دل تي پهو رکيو هو ۽ گڏوگڏ کيس غمگين پڻ ڪيو هو. وارڊ نمبر 42 جا سمورا ساٿي ڪيتري وقت کان ٻيهر جنگ ۾ حصو وٺي رهيا هئا ۽ ان ڪري به ته هاڻي هن وقت گووزديف ۽ استيپان ڪٿي هئا ۽ ڪهڙي طرح زندگي گذاري رهيا هئا؟ جنگ جون ڇوليون کين ڪٿي لوڙهي کڻي ويون هيون؟ ڇا هو اڃا زنده آهن؟ اوليا ڪٿي آهي؟ +پوءِ کيس ڪميسار وروبيوف جي ڳالهه ياد آئي. هن چيو هو ته سپاهين جا خط انهن وساڻل تارن جون روشنيون آهن، جيڪي اسان تائين پهچندي هڪ جڳ بنائن ٿيون. تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته اهو تارو گهڻو اڳي وسامي چڪو هوندو آهي، پر سندس چمڪ ۽ دل جي ڪليءَ کي سگهه پهچائيندڙ روشني خلا کي چيريندي ايندي آهي ۽ اسان تائين وساڻل تاري جي نرم سهائي پهچائيندي رهندي آهي. + + +چوٿون حصو +(1) +1943ع جي گرمين ۾ هڪ ڏينهن، جڏهن فضا گرم هئي، هڪڙي ڀڳل ٽٽل ٽرڪ ٻنين وچان هڪ ڪچي رستي تان وڃي رهي هئي. رستو کڏن ۽ کوٻن وارو بنهه خراب هو، تنهن ڪري ٽرڪ ڌڪا ٿاٻا کائيندي، گهوگهاٽ ڪندي، اڳتي وڌندي ٿي ويئي ۽ پويان ڌوڙ جا ڪڪر اڏائيندي پئي وئي. سندس ٻنهي پاسن کان ڀڳل ٽٽل تختن تي ”جنگ جي ميدان جي ٽپال“ لکيل هو. +ٽرڪ ٽپال جي ٿيلهن ۽ تازين اخبارن جي بنڊلن سان سٿي پئي هئي. ان ۾ هوائي فوج واري ورديءَ ۾ ٻه فوجي ويٺل هئا. سندن مٿن ۾ ڊگهيون ٽوپيون پاتل هيون، جن ۾ نيريون ڦيتون لڳل هيون. هو به ٽرڪ جي لوڏن ۽ جهٽڪن سان گڏ لڏي ۽ جهومي رهيا هئا. ٻنهي مان ننڍي عمر وارو همراهه سندس ڪلهن تي ٽانڪيل نون ٻلن مان هوائي فوج جو سرجنٽ ميجر ٿي لڳو. سنهري وارن واري انهيءَ نوجوان جو بدن ڏاڍو مضبوط ۽ ٺاهوڪڙو هو. سندس چهري تي معصوميت جي اهڙي ته لطيف نرمي هئي، جو ائين پئي لڳو ته سندس وڻندڙ ۽ شفاف چهري هيٺان ڊوڙندڙ رت لياڪا پائي رهيو آهي. سندس عمر اوڻيهه ورهيه هئي. هو ائين پئي پيش آيو، ڄڻ ته هن دنيا جون سرديون ۽ گرميون چڱي طرح ڏٺيون آهن. هن ڏند ڪرٽي ٿڪ ٿي اڇلائي ۽ ڳري آواز ۾ دشمنن کي گاريون پئي ڏنائين. آڱر جهڙو ٿلهو سگريٽ ٺاهي ٿي پيتائين ۽ هر شيءِ کان بي نياز نظر اچڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر انهن سمورين ڳالهين جي باوجود به هيءَ ڳالهه صاف ظاهر هئي ته هو پهريون ڀيرو محاذ تي وڃي رهيو هو، تنهن ڪري گهٻرايل هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان جنگ جي تباه ڪارين جا پيل نشان، جن ۾ تباه ٿيل ٽينڪون، ڪيرايل هوائي جهاز ۽ بمن جي ڌماڪن سان ٺهيل زمين ۾ کڏا به شامل هئا، ان نوجوان لاءِ حيرت ۽ تعجب جا جذبا پيدا ڪري رهيا هئا. +ٻئي طرف اهو صاف چٽو پئي ڏسڻ ۾ آيو ته سندس ساٿي، جيڪو سينيئر ليفٽيننٽ هو، واقعي پراڻو سپاهي هو ۽ گهڻيون ئي سرديون توڙي گرميون ڏسي ويٺو هو. آس پاس جي قدرتي منظرن جو مٿس ڪو خاص اثر ڪونه ٿي پيو. جنگ جي تباه ڪارين جا نشان ڏسي کيس ذرو به حيرت ۽ تعجب ڪونه ٿي ٿيو. +اهو آفيسر اخبار جي بنڊلن جي ڍڳ تي آرام ڪرسي جهڙي جاءِ ٺاهي، هڪ انوکي ۽ ڳري آبنوسي لڪڻ جي مٺ تي ڏاڙهي ٽڪائي اوجهري رهيو هو. ان لڪڻ تي سونهري گلڪاري ٿيل هئي. ٽرڪ جي ڌڏڪن تي هن اکيون کوليون ٿي ۽ مسڪرائي چئني طرفن نگاهه وجهندي گرم ۽ سڳنڌ واسيل هوا ۾ زور زور سان ساه کڻڻ ٿي شروع ڪيا. کيس رستي کان ٿورو پرڀرو، جهومندڙ ڳاڙهاڻ مائل ڊگهي گاه جي ڇوليون هڻندڙ سمنڊ مٿان پري کان ٻه دٻا نظر آيا. هن هڪدم ڊرائيور کي چيو ته ٽرڪ کي رستي تان لاهي، هڪ پاسي ڪري ۽ کيس وڻن جي جهڳٽي ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪيائين. +گهٽ عمر واري سپاهيءَ جي چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي. بظاهر هوائي جهاز تمام پري ائين بيڪار چڪر هڻي رهيا هئا. ائين پئي لڳو ته کين هن اڪيلي ٽرڪ جي ڪا خاص ڳڻتي ڪانهي. +جيئن ئي ٽرڪ وڻن وٽ موجود کڏي وٽ پهتي ته سينيئر ليفٽيننٽ ٻاهر نڪتو ۽ گاهه تي ويهندي غور سان رستي جو جائزو وٺڻ لڳو. +”تون آخر هي سمورو ڪهڙو هنگامو پيو پيدا ڪرين.......؟“ ننڍي عمر واري سپاهيءَ چيو ۽ طنز ڀريءَ نظر سان ان آفيسر کي ڏٺو،. پر ان کان پهرين جو هو جملو پورو ڪري، سينيئر آفيسر منهن ڀر زمين تي ڪري پيو ۽ رڙ ڪري چيائين: +”زمين تي ليٽي پئو.“ +بلڪل ان وقت ٻه وڏا وڏا پاڇولا انجڻ جي گوڙ سان گڏ لنگهيا. ”اڙي، هو ته باهه لڳائڻ وارا بم وسائي رهيا آهن، هاڻي ته هو ٽرڪن پويان بنهه ڪات ڪهاڙا کڻي پئجي ويا آهن.“ ٽرڪ ڊرائيور چيو. +”شڪاري آهن.“ سينيئر ليفٽيننٽ اڃا به وڌيڪ آرام گاهه تي ليٽي ��يو ۽ اطمينان سان ورندي ڏنائين. ”اسان کي اڃا انتظار ڪرڻ گهرجي. هو جلد ئي ٻيهر موٽي ايندا. هو رستي تي چڪر ڪاٽي رهيا آهن. ڇوڪرا، توکي ٽرڪ اڃا به وڌيڪ پٺيان، هن برچ جي وڻ هيٺان ڪاهي اچي بيهارڻ کپي ها.“ +هن اها ڳالهه ايتري ته اطمينان سان چئي، ڄڻ جرمن هوابازن هينئر هينئر کيس پنهنجي سموري منصوبي کان واقف ڪري ڇڏيو هجي. ٽپال گاڏي سان گڏ هڪ ٽپال ڇوڪري پڻ گڏ هئي. هوءَ نوجوان ڇوڪري هئي. ان وقت هن جو چهرو سڄو هيڊو ٿي ويو هو. سندس مٽي هاڻن چپن تي هڪ ڪمزور ۽ پريشان مرڪ پکڙيل هئي. هوءَ ڌُنڌلي نظرن سان پرسڪون آسمان کي تڪي رهي هئي، جنهن تي اونهاري جي موسم جا ڪڪر هڪٻئي پٺيان تري رهيا هئا. سرجنٽ ميجر، جيڪو دل ئي دل ۾ عجيب قسم جي گهٻراهٽ محسوس ڪري رهيو هو، تنهن حقيقت ۾ هن ڇوڪريءَ کي ئي ٻڌائڻ خاطر ڏاڍي لاپرواهيءَ سان چيو: +”چڱو، ته ائين آهي ته اسان اڳتي وڌون، هتي ويهي وقت ڇو برباد ڪيون؟ جو ماڻهو ڦاسي تي چڙهڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، سو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ته ڪونه مرندو.......!“ +سينيئر ليفٽيننٽ خاموشيءَ سان گاهه جو ڪک چٻاڙيندي ان نوجوان ڏانهن ڏٺو. ان وقت سندس ڪاوڙيل اکين ۾ تمام هلڪي چمڪ پيدا ٿي. +”ٻڌ ڇوڪرا! ان کان اڳ جو توکي هن جو مزو چکڻو پوي، تون اها چوڻي وساري ڇڏ. هڪ ٻي ڳالهه به ياد رک ڪامريڊ سرجنٽ ميجر! محاذ تي توکي بالا عملدارن جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪم آهي ’زمين تي سمهي پئو!‘ ته توکي سمهي پوڻ گهرجي.“ +هوائي جهازن جو گوڙ ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو. ٻئي جهاز بنهه هيٺ اڏامندا رستي جي مٿان پئي ويا. هو ايترا ته هيٺ هئا جو سندن پرن تي لکيل اکر ۽ نشان چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. سينيئر ليفٽيننٽ گهڙي ڏٺي ۽ حڪم ڏنو: +”خطرو ختم ٿيو. اچو ته هلون. هن هنڌ کان اسين جيترو جلد پري هليا وڃون، اوترو ئي بهتر آهي.“ +ٽرڪ اڳتي هلڻ لڳي ته نوجوان سينيئر ليفٽيننٽ کان پڇيو: ”توکي اها خبر ڪيئن پئي ته هو هاڻي ڪونه ايندا ۽ هاڻي اڳتي سفر محفوظ آهي؟“ +”اها ڳالهه ته بنهه صاف چٽي آهي ته هي هوائي جهاز ”ميسرز“ يعني ”م ي 109“ آهن، جن ۾ مني ڪلاڪ کان وڌيڪ جو ٻارڻ ڪونه هوندو آهي. هينئر سندن ٻارڻ ختم چڪو آهي ۽ هو ٻيو ٻارڻ کڻڻ وياآهن.“ +هاڻي نوجوان وڌيڪ غور سان آسمان جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. هن چاهيو ٿي ته هاڻي ”ميسرز“ کي ڏسڻ جي خبر پاڻ ٻڌائي. پر هوا ايتري صاف شفاف هئي ۽ منجهس گلن ۽ گاهه جي سرهاڻ ايتري ته واسيل هئي، جو هو بي اختيار ئي جهازن جو خطرو وساري، پنهنجي خوشگوار آواز ۾ ان وقت محاذن تي مقبول گيت ڳائڻ لڳو. هي گيت ان سپاهيءَ جي باري ۾ هو، جيڪو محاذ تي خندق ۾ پيو پنهنجي محبوبه لاءِ تڙپي رهيو هو. +”ڇا توکي ’ريبي نا‘ وارو گيت ياد آهي؟ سندس همراهه پڇيو. نوجوان ”ها“ ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ اهو پراڻو گيت ڳائڻ لڳو. +”يار تون صحيح نموني ۾ ڪونه پيو ڳائين. هي ڪو مزاحيه گيت ته ڪونهي. هن گيت ڳائڻ لاءِ ته توکي پنهنجي دل چيري رکڻ کپي.“ پوءِ هن پاڻ آهستي آهستي سريلي آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. +ٿوري دير کان پوءِ ڊرائيور ٽرڪ بيهاري ۽ ڪيبن مان ٽپالي ڇوڪري نڪري آئي. +”مون توهان کي ڳائيندي ٻڌو، سو سوچيم ته آءٌ به توهان سان گڏجي ڳايان....“ ۽ پوءِ ٽنهي ڄڻن گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو. نوجوان کي مزو اچي ويو، هن پنهنجي ٿيلهي مان باجو ڪڍيو ۽ وڄائڻ لڳو. هو ڳائڻ ۾ ايترو ته محو هئا جو جڏهن ڊرائيور اوچتو بريڪ لڳايو ته هو ڏڪي ويا ۽ ٽرڪ مان ڪرندي ڪرندي بچيا. هنن ڏٺو ته رستي جي ڪناري تي هڪ ٽرڪ اٿلي پئي آهي ۽ سندس ڦيٿا مٿي آهن. نوجوان جو رنگ ڦري هيڊو ٿي ويو، پر سندس س��ٿي ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ ڊوڙندو ٽرڪ ڏانهن ويو. هو عجيب نموني ۾ ٿڙندو ۽ منڊڪائيندو ٽرڪ ڏانهن ويو. ٿوري دير بعد ٽپال گاڏيءَ وارو ڊرائيور ڪئبن مان هڪ ڪوارٽر ماسٽر ڪيپٽن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. سندس مٿو شيشي سان ڪٽجي ويو هو ۽ چهري تي رهڙون آيون هيس. هن جو چهرو ڪاراٽجي ويو هو. سينيئر ليفٽيننٽ ڏسي چيو: ”هي ته مري چڪو آهي. ٻيو ڪير ٽرڪ ۾ آهي؟“ +”ها، ڊرائيور آهي.“ ٽپال گاڏي جي ڊرائيور چيو. +”تون اتي پري بيٺو ڇا پيو ڪرين؟ اچ، اچي اسان جو هٿ ونڊاءِ.“ سينيئر ليفٽيننٽ پري بيٺل اداس نوجوان کي ڇينڀيو. ”ڇا تون ڪڏهن رت ڪونه ڏٺو آهي؟ تون رت ڏسڻ تي پاڻ کي هيري ڇڏ. اڳيان توکي تمام گهڻو رت ڏسڻو آهي. ها، هي آهي شڪارين جو ڪيل شڪار.“ +ڊرائيور اڃا جيئرو هو. هو آهستي آهستي ڪِنجهي رهيو هو، پر سندس اکيون پوريل هيون. کيس ڪوبه ظاهري ڌڪ يا زخم ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، پر معلوم ٿي ٿيو ته جيڏي مهل بم ٽرڪ کي لڳو هو ۽ ٽرڪ کڏ ۾ وڃي ڪري هئي، تڏهن ڊرائيور جي ڇاتي زور سان ٽرڪ جي اسٽيئرنگ سان لڳي هوندي ۽ هو اتي ڦاسي پيو هو. سينيئر ليفٽيننٽ کيس کڻي ٽپال گاڏي ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو. ليفٽيننٽ وٽ ڪپڙي جي هڪڙي ٽڪر ۾ ويڙهيل هڪ بلڪل نئون فوجي ڪوٽ موجود هو. هن اهو ڪوٽ زخميءَ جي لاءِ وڇايو. هو ٽرڪ جي فرش تي ويهي رهيو ۽ زخمي جو مٿو پنهنجي جوٽ تي رکي ڇڏيائين ۽ حڪم ڏنائين ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو تيز ڀڄي هلو. زخميءَ جي مٿي کي ڏاڍي پاٻوه سان سهارو ڏيندي کيس پنهنجو ڪو پراڻو خيال ياد اچي ويو ۽ هن مسڪرائي ڏنو. +سج لڙي چڪو هو. شام جي ويل هئي. ٽرڪ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿي. اهو ڳوٺ ڪنهن ننڍي هوائي دستي جي ڪمانڊ پوسٽ هئي. گهرن اڳيان لانڍين ۽ ڇپرن ۾، جتي ڳوٺاڻا پنهنجو چوپايو مال ٻڌندا هئا، يا هر پانجاري ۽ ڪوڏر ڪهاڙي رکندا هئا، اتي موٽرون ۽ جيپون بيٺل هيون. ننڍين ننڍين جهوپڙين ۾ نيرين ڦيتن واريون ٽوپيون پاتل سپاهي پئي ڏٺا ۽ ٽائپ رائٽر جي کٽ کٽ جو آواز پئي آيو. هڪڙي ڪوٺڙيءَ مان ٽيليگراف جو آواز مسلسل پئي آيو. +هي ڳوٺ مکيه رستي ۽ ننڍن ننڍن رستن کان بنهه پاسيرو هو. ائين پئي لڳو ته هن ويران ۽ گاهه سان ڍڪيل واديءَ ۾ هي ڳوٺ هڪ نشانيءَ طور رهجي ويو آهي ته جيئن ايندڙ اچي ڏسن ته هٽلر جي حملي کان اڳ هن خطي جا ماڻهو ڪهڙي نه خوشگوار ۽ پرسڪون زندگي گذاريندا هئا. +زخمي ماڻهوءَ کي هڪ جهوپڙيءَ ۾ پهچايو ويو، جنهن تي ڳاڙهي منڌيئڙي وارو جهنڊو لڳل هو. پوءِ ٽرڪ اُن ڳوٺ اندر داخل ٿي ۽ هڪ صاف سٿري جاءِ جي اڳيان وڃي بيٺي. هيءَ ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت هئي. پهري تي بيٺل مشين گن واري سپاهيءَ کي ڏسڻ سان اندازو ٿي ٿيو ته هي عملي جو هيڊڪوارٽر آهي. +”آءٌ ونگ ڪمانڊر سان ملڻ چاهيان ٿو.“ سينيئر ليفٽيننٽ پٽيوالي کي چيو، جيڪو دريءَ وٽ ويٺو هڪ رسالي جو معمو حل ڪري رهيو هو. +”ڪرنل صاحب واندو ڪونهي.“ پٽيوالي ورندي ڏني. +”ان کي چئو ته مون وٽ هوائي فوج جي اسٽاف هيڊڪوارٽر جي عملي واري شعبي جو هڪ تمام ضروري خط آهي.“ +”توهان کي انتظار ڪرڻو پوندو. ڪرنل صاحب هن وقت هوائي اسڪائوٽن جي هڪ گروه سان پيو ڳالهائي ۽ سندس چوڻ آهي ته کيس کوٽي نه ڪيو وڃي. توهان باغ ۾ وڃي ٿوري دير ويهي وقت گذاريو.“ +پٽيوالو وري معمو حل ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ هي نووارد ٻاهر وڃي گلن جي ڪونڊين جي پاسي ۾ پيل بينچ تي ويهي رهيا. +ڪرنل جي آفيس هڪ ڪشادي ڪمري ۾ هئي. ڪاٺ جي اگهاڙين ڀتين واري هن ڪمري ۾ فقط هڪڙي ميز پيل هئي، جنهن تي جنگ جا ٽيليفون رکيل هئا. هڪ وڏو نقشو رکيل هو ۽ پاسي ۾ ئي ڳاڙهي پينسل پئي هئي. ڪرنل ننڍي قد ۽ ڀريل بدن وارو زنده دل ماڻهو هو. هو هٿ پٺيان ٻڌي ٽهلي رهيو هو ۽ سوچ ۾ ٻڏل هو. هو اتي فوجي انداز ۾ بيٺل ٻن هوابازن جي پاسي مان ٻه ڀيرا لنگهي ويو، پوءِ هڪدم هو انهن جي سامهون ٿي بيٺو ۽ ڪجهه سواليه نگاهن سان کين ڏسڻ لڳو: +”سينيئر ليفٽيننٽ اليڪسي ميريسئف حاضر آهي.“ +سانوري آفيسر بوٽ جي کُڙين کي زور سان وڄائي سلام ڪندي چيو. +”سرجنٽ ميجر اليڪساندر پتروف.“ نوجوان تعارف ڪرايو ۽ هن پڻ فوجي سلامي پيش ڪئي. +”ونگ ڪمانڊر، ڪرنل ايوانوف.“ جواب ۾ چيف گرجيو. ”خط؟“ +ميريسئف کيس خط ڏنو. هن جلدي جلدي پڙهيو ۽ چيو: ”تمام سٺو، اوهين ڏاڍي وقت تي پهتا آهيو. پر هنن ايترا ٿورا ماڻهو ڇو موڪليا آهن؟“ اوچتو کيس ڪا ڳالهه ياد آئي ۽ سندس چهري تي حيرت جهڙي ڪيفيت ڇانئجي وئي. ”هڪ منٽ ترسجو.“ سندس وات مان بي اختيار نڪتو. ”ڇا تون ميريسئف آهين؟ هوائي فوج جي عملي جي مهندار مون کي تنهنجي باري ۾ ٽيليفون تي چيو هو ۽ مون کي خبردار ڪيو هئائين ته تون.......“ +”اها ڪا اهم ڳالهه ڪانهي، ڪامريد ڪرنل!“ اليڪسيءَ ڳالهه ڪاٽيندي چيو. سندس لهجو ڏاڍو رکو هو. ”اوهان رڳو مون کي منهنجا فرائض پورا ڪرڻ جي اجازت ڏيو.“ +ڪرنل سينيئر ليفٽيننٽ کي تجسس ڀريل نگاهن سان ڏٺو ۽ ڪنڌ لوڏيندي مسڪرائي منظوري ڏيئي ڇڏي. +”ٺيڪ آهي. پٽيوالا! هنن کي عملي جي مهندار وٽ وٺي وڃ ۽ منهنجي طرفان کيس حڪم ڏي ته هنن جي کاڌي پيتي ۽ سمهڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. اهو به چئج ته هنن کي گارد ڪيپٽن چيسلوف جي اسڪوارڊن ۾ شامل ڪيو وڃي.“ +پتروف جو خيال هو ته ونگ ڪمانڊر ضرورت کان وڌيڪ هنگامو ڪندڙ ماڻهو هو. اليڪسيءَ کي هو ڏاڍو پسند آيو. کيس اهڙا ماڻهو، جيڪي ڦڙتائيءَ سان ڪم ڪن، کن پل ۾ معاملي کي سمجهي سگهن، صفائي سان سوچي سگهن ۽ قطعي فيصلا ڪري سگهن، ڏاڍا وڻندا هئا. +(2) +جيئن جيئن اليڪسي منزل کي ويجهو پهچندو ويو، تيئن تيئن سندس بيچينيءَ ۾ واڌارو ٿيندو پئي ويو. ايتري قدر جو هن پتروف کي پوري ماني به کائڻ ڪانه ڏني. هو ٻئي ڄڻا تيل واري ٽرڪ ۾ چڙهي هوائي اڏي تي پهتا. هوائي اڏو ڳوٺ کان پري هڪ چراگاه ۾ هو. اتي پهچي هن اسڪوارڊن ڪمانڊرن، هوائي دستي جي اڳواڻ چيسلوف سان پنهنجو تعارف ڪرايو. هو هڪ سدائين ڪاوڙيل ۽ ٿور ڳالهائو شخص هو، پر تنهن هوندي به هو ڏاڍو نيڪدل ۽ پرخلوص ماڻهو هو. هن رڳو رسمي ڳالهيون ڪونه ڪيون، پر هو کين سڌو گاه سان ڍڪيل مٽيءَ جي هڪ ڇاپري وٽ وٺي ويو، جتي ٻه بلڪل نوان چمڪندڙ نيري رنگ جا ”لا 5“ هوائي جهاز بيٺا هئا ۽ انهن تي يارنهن ۽ ٻارنهن نمبر لڳل هئا. هي اهي هوائي جهاز هئا، جيڪي انهن نوجوانن کي اڏائڻ لاءِ ڏنا ويا هئا. هنن باقي شام جو رهيل وقت اتي ئي گذاريو. +هو پنهنجي ڌن ۾ ايترو ته محو ٿي ويا جو کين ڳوٺ ڏانهن ويندڙ آخري ٽرڪ ۾ وڃڻو پيو، جنهن ڪري کين ماني تان به هٿ کڻڻو پيو. پر ان سان کين ڪا گهڻي پريشاني ڪانه ٿي، ڇو ته سندن سامان ۾ خشڪ کاڌو موجود هو. باقي رهائش جو مسئلو اڃا موجود هو. سموريون جهوپڙيون هوابازن سان ڳتيون پيون هيون. ڪيترين ئي گنجائش کان وڌيڪ ڀريل جهوپڙين جا چڪر لڳائڻ ۽ اتي جي رهواسين طرفان کين رهائڻ کان انڪار ۽ اجائي بڪ بڪ ٻڌڻ کان پوءِ ڪوارٽر ماسٽر پنهنجي فلسفاڻي راءِ جو اظهار ڪيو ته ڪوٺيون رٻڙ جون ته ٺهيل ڪونهن، جو کين ڇڪي وڏو ڪري سگهجي. ان هنن ٻنهي نوجوانن کي پاسي واري مڪان ۾ ئي جهوڪي ڇڏيو ۽ چيو ته: ”اڄوڪي رات ته ڏکي سکي هتي ئي گذاريو. باقي صبح جي ڳالهه صبح سان.“ +ان جهوپڙيءَ ۾ اڳي ئي نَو ماڻهو موجود هئا. گاسليٽ و��رو ڏيو ٽمڪي رهيو هو، جيڪو شيل جي خول مان ٺاهيو ويو هو. ڏيئي جي جهڪي جهڪي روشني ننڊ ۾ سُتل انسانن کي اجاگر ڪري رهي هئي. انهن مان ڪي کٽن تي ته ڪي تختن تي ۽ ڪي ته وري رڳو پراڙ وڇائي پٽ تي ئي ستا پيا هئا. انهن نون ڄڻن کان سواءِ ان جهوپڙي جي پوڙهي مالڪياڻي ۽ سندس نوجوان ڌيءُ به موجود هيون، جيڪي جاءِ جي کوٽ هئڻ سبب وڏي روسي چلهي جي مٿئين حصي تي ستيون پيون هيون. +نووارد چانئٺ تي بيهي رهيا ۽ سوچ ۾ پئجي ويا ته انهن ستل ماڻهن مٿان ڪيئن ٽپي اڳتي وڃجي؟ تيستائين مٿان پوڙهيءَ هڪل ڪئي: +”وڃو وڃو، هتي جاءِ ڪانهي. ڪانهي هتي جاءِ. ڏسو ڪونه ٿا ته هتي پهرين به گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن؟ توهان کي وري ڪٿان جاءِ ڏيون، ڇا ڇت ۾ ٽنگهي ڇڏيون توهان کي؟“ +پتروف ته ايترو توائي ٿي ويو، جو مرڳو پوئتي ڀڄڻ تي هو، پر اليڪسي احتياط سان قدم کڻندو ميز ڏانهن وڌيو. ”ناني، اسان کي رڳو هڪڙي ڪنڊ کپي، جتي اسان رڳو ماني کائي سگهون. سڄو ڏينهن ڪجهه به ڪونه کاڌو اٿئون. تون اسان کي فقط هڪڙي ٿالهي ۽ ٻه پياليون ڏي. هتي اسين سمهي توکي تنگ ڪونه ڪنداسين. اڄ ته چڱي خاصي گرمي آهي. اسين ٻاهر باغ ۾ ئي سمهي پونداسين.“ +چُلهي جي ڇت تان ان بيزار پوڙهيءَ جي پٺيان ٻه اگهاڙا پير ظاهر ٿيا. هڪڙي نازڪ پري پيڪر ماٺ ميٺ ۾ چلهي تان ترڪي هيٺ لٿي ۽ ستل ماڻهن جي وچان ڏاڍي مهارت سان پاڻ سنڀالي ورانڊي جي دروازي ۾ گم ٿي ويئي. ستت ئي هوءَ ڪجهه ٿالهيون ۽ رنگين پياليون کڻي آئي. پهرين ته پتروف سمجهيو ته هوءَ ڪا ننڍڙي ڇوڪري آهي، پر جڏهن هوءَ ميز وٽ پهتي ۽ جڏهن زرد سوجهري سندس چهري کي اونده مان اجاگر ڪيو، تڏهن هن ڏٺو ته هوءَ ته جوان جماڻ ڇوڪري هئي. ڏاڍي ملوڪڙي ۽ ڏاڍي سهڻي ڇوڪري. ها، البت سندس ڇنل ڦاٽل ڪپڙن سندس بيمثال حسن کي ڪجهه ڪسو ڪري وڌو هو. +”مارينا، او مارينا! هيڏانهن اچ ڏائڻ.“ پوڙهيءَ اتان ئي وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي، پر ڇوڪريءَ کيس ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هن ڏاڍي ڦڙتائيءَ سان ميز تي اخبار وڇائي، ٿالهيون، پياليون ۽ چمچا رکيا. هوءَ بار بار آڏيءَ اک سان پتروف کي ڏسي رهي هئي. +”چڱو، هاڻي توهين ماني کائو. مون کي اميد آهي ته توهان کي ماني کائڻ ۾ مزو ايندو. ڪنهن شيءِ جي وڍڻ جي يا گرم ڪرڻ جي ضرورت هجي ته مون کي ٻڌائجو. ها، هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکجو ته ڪوارٽر ماسٽر چيو آهي ته ٻاهر پڌر ۾ ٽانڊو نه ٻارجو.“ ڇوڪريءَ چيو. +”مارينا! هيڏانهن اچ.“ پوڙهيءَ سڏ ڪيس. +”هن ڏانهن ڌيان نه ڏيو. هوءَ ڏاڍي ڊنل آهي. هن جي ذهن ۾ جرمن سپاهين جو ڀوت سوار ٿي ويو آهي.“ ڇوڪريءَ چيو. ”رات جو سپاهين کي ڏسي ٿي ته منهنجي لاءِ پريشان ٿيو وڃي ٿي. توهان دل ۾ نه ڪجو. رڳو رات جو ائين ٿي ڪري، باقي ڏينهن جو هوءَ بنهه ٺيڪ هوندي آهي.“ +ميريسئف جي ٿيلهي مان ٿوري کٽاڻ، گوشت جو هڪ دٻو، ٻه سڪل مڇيون، جن تي لوڻ لڳل هو ۽ هڪ ڊبل روٽي ملي. پتروف وٽ رڳو گوشت ۽ ڊبل روٽي هئي. مارينا اهي سڀ شيون پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن پر مضبوط هٿن سان وڍيون ۽ انهن کي ٿالهين ۾ اهڙي طرح سجائي رکيو جو ڏسڻ سان وات ۾ پاڻي ڀرجي ٿي ويو. سندس گهاٽن پلڪن ۾ لڪل اکيون ور ور ڏيئي پتروف جي چهري جو جائزو وٺڻ لڳيون. پتروف پڻ کيس لڪ چوريءَ ۾ پئي ڏٺو. جڏهن ٻنهي جون اکيون ٿي مليون ته ٻئي ڄڻا ڳاڙها ٿي ٿي ويا. سندن ڀرون تاڻجي ٿي ويا ۽ هنن منهن ڦيرائي ٿي ڇڏيو. هنن ٻنهي پاڻ ۾ سڌي طرح نه پر ميريسئف جي معرفت ٿي ڳالهايو. انهن کي ڏسي اليڪسيءَ کي ڏاڍو مزو آيو. کيس مزو به آيو ته هو ڏاڍو غمگين به ٿي ويو. هو ٻئي ڪيڏا نه خوش ۽ جوان هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ هن پاڻ کي پوڙهو ۽ ٿڪل محسوس ڪيو. +”مارينا! تو وٽ ڪجهه ونگا ته ڪونه هوندا، هان؟“ اليڪسيءَ پڇيو. +”آهن ته سهي.“ ڇوڪريءَ شرارت ڀريل مسڪراهٽ سان چيو. ”۽ شايد ڪجهه اٻاريل پٽاٽا به هجن؟“ +”ها، آهن پر جي تون ڍنگ سان گهرين ته!“ +پوءِ هوءَ ستلن مٿان بنا آواز جي ٽپ ڏيندي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويئي، ڄڻ ته ڪو پتنگ هئي. +”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! آخر تون هڪ نئين ۽ اوپري ڇوڪريءَ سان ايترو حجائتو ڪيئن ٿو ٿي وڃين؟ هن کان پٽاٽا گهرڻ ۽......“ پتروف احتجاج ڪيو. +ميريسئف هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو: +”دوست ٻڌ، تنهنجو ڇا خيال آهي، تون ڪٿي آهين؟ اسان جنگ جي محاذ تي آهيون، آهي نه ائين؟ هتي اسان کي زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن زندهه دليءَ سان گذارڻا آهن. او ناني، تون پنهنجي وڦل بند ڪر. هيٺ هليا ۽ اچي اسان سان گڏ ماني کاءُ.“ +پنهنجي منهن وڦلندي ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي پوڙهي هيٺ لهي آئي ۽ ميز وٽ پهچندي ئي کٽاڻ تي شروع ٿي ويئي. پوءِ خبر پئي ته جنگ کان اڳ کيس کٽاڻ ڏاڍي وڻندي هئي. +چارئي ڄڻا ميز جي چوڌاري ويٺا ۽ ستلن جي کونگهرن ۽ ننڊ ۾ وڦل جي ساز تي ويهي مزي مزي سان ماني کائڻ لڳا. اليڪسي سمورو وقت ڳالهائيندو رهيو. هو ڪنهن وقت پوڙهي سان کل ڀڳ ڪرڻ ٿي لڳو ته ڪيڏي مهل مارينا کي کلائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. آخرڪار پاڻ کي فوجي فضا ۾ محسوس ڪندي، هن ان شيءِ جو ڀرپور مزو وٺڻ شروع ڪيو. کيس محسوس ٿيو ته هو مدتن کان پوءِ ۽ سڄي ملڪ ۾ آواره گهمڻ کان پوءِ پنهنجي گهر موٽي آيو هو. +ماني ختم ٿيڻ مهل تائين کين خبر پئجي ويئي ته هي ڳوٺ دشمن جي عتاب کان ائين بچيو آهي، جو هي ڳوٺ جرمن فوج پنهنجو هيڊ ڪوارٽر بنايو هو. جڏهن روسي فوج پيش قدمي شروع ڪئي، تڏهن جرمن فوج ائين افراتفريءَ ۾ ڀاڄ کاڌي جو کين هي ڳوٺ تباه ڪرڻ به وسري ويو. فاشي جرمنن پوڙهيءَ جي روبرو سندس وڏي ڌيءَ جي لڄ لٽي ۽ اهڙو ته وحشي پڻي ۽ بي حيائيءَ جو مظاهرو ڪيو، جو نيٺ هوءَ ويچاري چري ٿي پئي ۽ کوه ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين. سڄا سارا اٺ مهينا، جيستائين فاشي جرمن هن ضلعي ۾ رهيا، مارينا گهر جي پٺيان تهه خاني ۾ لڪي پئي هئي، جنهن جو گس پراڙ ۽ گند ڪچري سان ڍڪيو پيو هو. پورن اٺن مهينن تائين مارينا سج جي روشني به ڪانه ڏٺي. ماڻس کيس ماني ۽ پاڻي دونهن نڪرڻ واري ڏر مان ڏيندي رهندي هئي. اليڪسي جيترو گهڻو ڇوڪريءَ سان کل ڀوڳ ڪندو رهيو، اوترو ئي گهڻو هوءَ وري پتروف کي ڏسندي رهي. سندس چنچل ۽ شرميلين اکين ۾ هڪ قسم جي واکاڻ جهلڪي رهي هئي. +هنن کلندي ۽ ڀوڳن ڪندي ماني کائي ورتي. مارينا ڪفايت کان ڪم وٺندي بچيل شيون ساري سنڀالي اليڪسيءَ جي ٿيلهي ۾ رکيون ۽ چيو ته ڏکئي وقت ۾ هر شيءِ سپاهيءَ جي ڪم اچي ٿي. ان کان پوءِ هن ماڻس کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ مڙي هنن کي چيائين: +”ٻڌو، جڏهن ڪوارٽر ماسٽر توهان کي هتي ڇڏي ئي ويو آهي ته پوءِ اڄوڪي رات هتي ترسي پئو. اڄوڪي رات ئي ته آهي. توهان مٿي چلهي تي سمهي پئو. اسين هيٺ تهه خاني ۾ ٿيون وڃون. سفر کان پوءِ توهان کي آرام جي ضرورت هوندي. اسين سڀاڻي توهان جي لاءِ جاءِ جو بندوبست ڪري وٺنداسين.“ +”ڪيئن ٿو ڀائين يار، ڇوڪري سٺي آهي نه؟“ ميريسئف پراڙ تي ليٽندي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجا هٿ پير ايترو ته زور سان ٽيڙي ڇڏيا جو منجهانئن ٺڪاءَ نڪري ويا. +”خراب ڪانهي.“ پتروف بناوتي بي نيازيءَ سان چيو. +”تو ڏٺو پئي ته ڪيئن نه هن توکي گهوري گهوري پئي ڏٺو!“ +”نه، مون ته ڪونه ڏٺو. هوءَ ته سمورو وقت توسان کل ڀوڳ ڪري رهي هئي.“ +هڪ منٽ کان پوءِ کيس رڳو ساه کڻڻ جو آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيو، ليڪن ميريسئف سمهي نه سگهيو. ٿڌي ۽ پرسڪون پراڙ تي ليٽندي هن ڏٺو ته مارينا ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ ڪجهه ڳولڻ لڳي. هر هر سندس نگاه چُلهي ڏانهن کڄيو ٿي وئي. هن ميز تي رکيل ڏيئي کي وسايو ۽ ڪيترا ئي ڀيرا لڪ چوريءَ چُلهي ڏانهن نهاريائين ۽ ستل ماڻهن وچان آهستي آهستي قدم کڻندي دروازي مان نڪري وئي. خبر ناهي ڇو کيس چتين لڳل ڇنل ڦاٽل ٿڳڙين ۾ لڪل هن سندر ۽ نازڪ ڇوڪريءَ کي ڏسي اليڪسيءَ جي روح ۾ هڪ قسم جي اداسي ۽ سڪون جو احساس ٿيو. سمهڻ جو مسئلو حل ٿي ويو هو. صبح جو کيس پهريون جنگي اڏام تي وڃڻو هو. ساڻس گڏ پتروف هو. ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هو سٺو ڇوڪر ٿي لڳو. پهرين نظر ۾ مارينا سندس عشق ۾ گرفتار ٿي وئي هئي. خير، ٺيڪ آهي، سٺو ٿئي جو هو ٿوري دير آرام ڪري وٺي. +هن پاسو ورايو. پراڙ ۾ سرسراهٽ ٿي ۽ هو بي خبر ٿي سمهي پيو. +جڏهن هو اٿيو ته کيس محسوس ٿيو ته ڪو وڏو حادثو ٿي چڪو آهي. هڪدم ته کين سمجهه ۾ ئي ڪونه آيو ته ڳالهه ڇا آهي؟ پر هڪ سپاهيءَ جي فطري جذبي تحت هو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پنهنجو پستول سنڀاليو. کيس خبر نٿي پئي ته هو ڪٿي آهي؟ ڪڙي دونهي جا ڪڪر، جن مان ٿوم جهڙي بوءِ پئي آئي، هر شيءِ کي وڪوڙي ويا هئا ۽ جڏهن دونهون ختم ٿيو ته کيس پنهنجي مٿي مٿان عجيب ۽ وڏا وڏا تارا ٽمڪندا نظر آيا. ڏينهن جهڙي روشني پکڙيل هئي. هن ڏٺو ته جهوپڙيءَ جي ڀتين جا ٻُنڌا ماچس جي تيلين وانگر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. ڇت اکڙي پيئي هئي ۽ داسا پري پيا هئا ۽ پويان ڪا شيءِ سڙي رهي هئي. سندس ڪنن ۾ ڪنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. کيس هوائي جهازن ۽ انهن مان ڪرندڙ بمن جا خوفناڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيا. +”سمهي پئه.“ هن پتروف کي رڙ ڪري چيو، جيڪو مٽيءَ جي ڍڳن ۾ چُلهي جي ڇت تي ويٺو پنهنجي چوڌاري وحشت مان نهاري رهيو هو. ”چُر پُر نه، خاموش پيو رهه.“ هن اُٿي ڀڄڻ جي خواهش کي دٻائي ڇڏيو. اها خواهش رات جو بمباريءَ وقت هر شخص جي دل ۾ پيدا ٿئي ٿي – جنهن طرف به آيو، نڪ سڌو ڀڄندو وڃ، جيستائين دم ۾ دم آهي، تيستائين ڀڄندو وڃ ـــــــــــ! +بمبار نظر نٿي آيا. هو هوائي ڇٽين ۾ ٻڌل راڪيٽن جي روشنيءَ جي ۾ ڳوٺ مٿان چڪر ڏيئي رهيا هئا، پر انهيءَ روشنيءَ ۾ ڪرندڙ بم صاف صاف نظر پئي آيا. هواباز چلهي سان چهٽي ويا، جيڪو هر بم ڌماڪي سان لڏي ٿي ويو. پوءِ بمبارن جو آواز پري گم ٿيندو ويو ۽ سانت ڇانئجڻ لڳي. ”ها، انهن اسان کي ٿورو ڌونڌاڙيو آهي. هاڻي اسين تازا توانا ٿي وياسين.“ اليڪسيءَ پرسڪون بنجندي چيو ۽ پنهنجي ڪپڙن تان پراڙ ۽ مٽي ڇنڊڻ لڳو. +”پر انهن ماڻهن جو ڇا ٿيو، جيڪي هتي ستل هئا؟“ پتروف خوف وچان پڇيو ۽ پنهنجي ڏڪندڙ واڇن ۽ آترويلائي کي روڪيندي چيو. ”۽ مارينا؟“ +هو چلهي تان لٿا. ميريسئف وٽ هٿ بتي هئي. هن ٽڙيل پکڙيل تختن ۽ ٻُنڌن هيٺان ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ڪجهه به نظر ڪونه آيو. پوءِ کين خبر پئي ته هوابازن خبرداريءَ جو اطلاع ٻڌي ورتو هو ۽ سڀئي ڀڄي وڃي خندقن ۾ لڪا هئا. ميريسئف ۽ پتروف سمورن مٽيءَ جي ڍڳن کي ڳوليو، پر کين مارينا ۽ ماڻس جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. هنن سڏ ڪيا، پر کين ڪوبه جواب ڪونه مليو. آخر هنن جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ ڇا هو هن بمباريءَ کان بچي نه سگهيون؟ +ڳولا ڪندڙ ٽوليون رستي تي اچي چڪيون هيون ۽ امن بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. انجنيئرنگ جي دستي جا ماڻهو باهه وسائي رهيا هئا. مٽيءَ کي هٽائي، انهيءَ مان لاشن ۽ زخمين کي ڪڍي رهيا هئا. پٽيوالا رستن تي ڊوڙي رهيا هئا ۽ هوابازن جا نالا پڪاري رهيا هئا. رجمينٽ هڪدم هڪ ٻئي مرڪز تي پهچا��ي ويئي. هوابازن ۽ مسترين کي هوائي اڏي تي گڏ ڪيو ويو ته جيئن پره ڦٽندي ئي هو پنهنجا هوائي جهاز کڻي اڏامن. ڳڻپ مان خبر پئي ته جاني نقصان ڪو ايترو گهڻو ڪونه ٿيو هو. هڪ هواباز زخمي ٿيو هو، توڙي مستري ۽ پنهنجي چوڪين تي پهرو ڏيندڙ ڪيترا ئي سپاهي ماريا ويا هئا. اندازو هو ته ڳوٺاڻا به ڪيترا ئي مارجي ويا هئا، پر ڪيترا؟ سو اونداهيءَ ۽ افراتفريءَ جي ڪري چٽو چئي نٿو سگهجي. +صبح جو تڙڪي نڪرڻ بعد ميريسئف ۽ پتروف ان گهر وٽان لنگهيا، جتي هنن رات گذاري هئي. هنن جي دل اها ڳالهه قبول ئي ڪانه پئي ڪئي. هو کن پل لاءِ بيهي رهيا. ٻنڌن ۽ ڪاٺين جي انبارن وچان انجنيئرنگ جي دستي جا ٻه سپاهي هڪ اسٽريچر کنيو پئي آيا، جنهن تي رت ۾ ٻڏل چادر ۾ ويڙهيل لاش هو. ”ڪير آهي؟“ پتروف پڇيو. هن جو چهرو زرد هو ۽ خراب انديشن سبب سندس دل ڀرجي آئي. +”هڪ پوڙهي ۽ هڪ ڇوڪري، اسان کي تهه خاني مان مليون. کين ڪرندڙ سرن جا ڌڪ لڳل آهن. هو ڌڪ سان ئي مري ويون. خبر ناهي ته هي لاش ڪنهن جوان ڇوڪريءَ جو آهي يا ڪنهن معصوم ٻچڙيءَ جو؟ ايترو ته ننڍڙي آهي جو خبر ئي نٿي پوي. مکڙي مان ڏاڍي سهڻي من مهڻي ٿي لڳي. سندس ڇاتيءَ تي سرون ڪريون آهن. ڏاڍي خوبصورت آهي، بنهه ڪنهن معصوم ٻارڙيءَ وانگر.“ +........ ان رات جرمنن پنهنجو آخري وڏو حملو ڪيو ۽ روسي فوجن تي حملو ڪري، هنن ڪورسڪ جي اها جنگ شروع ڪري ڏني، جيڪا سندن لاءِ موت جو پيغام بڻي. +(3) +اڃا سج ڪونه اڀريو هو. اونهاري جي مختصر رات جي تاريڪ ترين گهڙي هئي. پر هوائي اڏي تي گرم ٿيندڙ هوائي جهازن جي انجڻن جو گوڙ لڳو پيو هو. ماڪ ۾ ڀنل ڇٻر تي نقشو پکڙيو پيو هو. اڳواڻ چيسلوف نقشي تي جهڪي پنهنجي هوابازن کي نئون هوائي اڏو ۽ ان جو رستو ڏيکاري رهيو هو. +”اکيون کليل رکو ۽ هڪ ٻئي کي نظرن کان پري ٿيڻ نه ڏيو. هوائي اڏو جنگ جي بنهه اڳين صفن ۾ آهي.“ +نئون هوائي اڏو واقعي جنگ جي مورچي جي بنهه ويجهو هو. نقشي تي مورچي جو نشان بلو پينسل سان ٺهيل هو. سج جي پهرين ڪرڻن آسمان کي روشن ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ٻيو دستو پنهنجي اڳواڻ جي پويان اڏاڻو، تڏهن اڃا ٻنين ۾ گلابي ڌنڌ ڇانيل هو. هڪٻئي جي ڀرسان اڏامندي هوائي جهازن ڏکڻ جو رخ رکيو. +ميريسئف ۽ پتروف ٻئي ڄڻا پنهنجي پهرين اڏام ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو اڏامندا رهيا. ان مختصر اڏام ۾ ٻنهي ڄڻن هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. +نئون هوائي اڏو پيادل رجمينٽ جي پٺيان هو. جيڪڏهن جرمنن کي انهن جي خبر پئجي وڃي ها ته اهي ڳرين توپن سان ئي نه، پر هلڪي توپن سان به کين پنهنجو نشانو بنائي سگهيا پئي، پر انهن وٽ ايترو وقت ڪٿي هو جو اهي پنهنجي نڪ هيٺان موجود هوائي اڏي جي ڳولڻ جو انتظام ڪن. اڃا اونداهي ئي هئي جو هنن روسي فوجن جي مورچن تي گولا وسائڻ شروع ڪري ڏنا. ڌماڪن سان آسمان ڏري رهيو هو. هر منٽ بعد ائين ٿي لڳو، ڄڻ گهاٽو جهنگ هوا ۾ اڏامندو هجي. انهيءَ گوڙ گهمسان واريءَ اونداهيءَ ۾ ڪنهن شيءِ جي خبر وٺڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي. سج هڪ ميرانجهڙي ڳاڙهي ٿالهيءَ وانگر هو. +هڪ مهينو اڳ روسي هوابازن جرمنن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ جيڪو آسماني دورو ڪيو هو، سو ڪو بيڪار ڪونه ثابت ٿيو هو. ان مان جرمن اڳواڻن جي ارادن جي ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي پئي سگهي. انهن جي فوجن جي پوزيشن ۽ مورچا بندي جو احوال نقشي تي موجود هو. جرمن پنهنجي عادت مطابق غافل ۽ ستل دشمن جي پٺيءَ ۾ خنجر هڻڻ جا منصوبا ٺاهي رهيا هئا، پر دشمن رڳو اهو محسوس پئي ڪرايو ته هو ستل ۽ غافل آهي ۽ هٿ وٺي کين لالچائي اهڙي ته ڦندي ۾ ڦاسايائين جو سندن بچڻ محال ٿي پيو هو. ڪوڙيون[1] ميلن تي پکڙيل محاذ توپن جي تيارين جو گوڙ گهمسان اڃا ختم ئي ڪونه ٿيو هو ۽ اڃا جرمنن جا ڪن پنهنجي توپن جي آوازن سان ئي ٻوڙا ٿي رهيا هئا ۽ بارود جي دونهن جا ڪڪر سندن صفن تي اڃا ڇانيل هئا ته کين بنهه پنهنجي ئي خندقن تي بمن جا سرخ گولا ڪرندا نظر آيا. روسي توپن جا گولا پوري نشاني تي ٿي ڪريا. انهن جرمنن جي سموريءَ محاذ تي بم ڪونه ٿي اڇلايا، پر ڪن خاص خاص مرڪزن کي نشانو ٿي بنايو. هنن پلين، زمين اندر لڪل گولي بارود جي ذخيرن ۽ ڪمانڊ پوسٽن کي نشانو بنايو. +جرمن گولاباريءَ وڌيڪ هڪ خوفناڪ جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان مختلف قسمن جي هزارين توپن حصو ورتو. جڏهن اڳواڻ چيسلوف جو دستو هوائي اڏي تي لٿو، تڏهن زمين ڏڪي ويئي ۽ ڌماڪا آسمان ڏاري رهيا هئا. رجمينٽ جي هوائي اڏي مٿان بمبارن جا ولرن جا ولر لهندا رهيا. +دستن کي حڪمن ڏنو ويو ته اهي ”ٻئي مرحلي لاءِ“ تيار رهن، جنهن جو مطلب هو ته هواباز پنهنجي هوائي جهازن جي ڪاڪ پٽ ۾ موجود هجن ۽ جيئن ئي پهريون راڪيٽ هوا ۾ بلند ٿئي ته هو هليا وڃن. +ميريسئف پنهنجي بيقرار ساٿيءَ کي ڏٺو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو ته: ”اسان جي عمر لڳ ڀڳ هڪ جيتري آهي. هو 19 سالن جو آهي ۽ آءٌ 23 سالن جو. مرد ماڻهوءَ لاءِ چئن سالن جو فرق ڪو ايڏو وڏو ڪونهي. پر پوءِ به پنهنجي ساٿيءَ جي ڀرسان هن پاڻ کي هڪ تجربيڪار، سنجيدو ۽ ٿڪل پوڙهو ماڻهو محسوس ڪيو. پتروف بيقراريءَ مان ڪاڪ پٽ ۾ ويهي پنهنجا هٿ مهٽي رهيو هو، کلي رهيو هو ۽ مٿان لنگهندڙ روسي هوائي جهازن سان رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هو ۽ اليڪسي ان مهل پنهنجي جاءِ تي ٽنگون ٽيڙيو آرام سان ويٺو هو. هو پرسڪون هو. هن جا پير ڪونه هئا، تنهن ڪري سڄي دنيا جي هوابازن جي مقابلي ۾ سندس لاءِ هوائي جهاز اڏائڻ ڏاڍو مشڪل هو. پر پوءِ به هو پريشان ڪونه هو. هن کي پنهنجي فن تي پورو يقين ۽ پنهنجي وڍيل ٽنگن تي پورو ڀروسو هو. +شام تائين رجمينٽ ”ٻئي مرحلي“ ۾ رهي، ڪنهن سبب جي ڪري هنن کي بچت ۾ رکيو ويو. ظاهر هو ته هنن ضرورت کان اڳ هنن جي پوزيشن ظاهر ڪرڻ نٿي چاهي. +رجمينٽ کي سمهڻ لاءِ جيڪي خندقون مليون هيون، سي جرمن فوجن ٺاهيون هيون. اهي خندقون ان زماني ۾ ٺاهيون ويون هيون، جڏهن هتي جرمنن جو قبضو هو. +ميريسئف ۽ پتروف کليل آسمان هيٺ سمهڻ لاءِ پنهنجا ٽپڙ پکيڙيا. کين ڪپڙن لاهڻ کان سواءِ ئي سمهڻ جو حڪم هو. اليڪسيءَ رڳو پنهنجي پيرن جا ڌاڳا ڪجهه ڍرا ڪيا. هو سڌو سنئون ستو پيو هو ۽ آسمان کي تڪي رهيو هو. پتروف هڪدم سمهي پيو. هو ننڊ ۾ کونگهرا هڻندو رهيو، وڦلندو رهيو، واڇون ٽيڙيندو ۽ چپ چوسيندو رهيو. هو هڪ ٻار وانگر ٽونڊڙو ٿيو ستو پيو هو. ميريسئف پنهنجو فوجي ڪوٽ مٿانئس وجهي ڇڏيو. جڏهن هن محسوس ڪيو ته کيس ننڊ نٿي اچي ته هو سيءَ ۾ ڏڪندو اٿيو ۽ پنهنجا هٿ ۽ پير زور زور سان هلائڻ لڳو ته جيئن ڪجهه گرم ٿئي ۽ پوءِ هو هڪ وڻ جي ڪريل ٿڙ تي وڃي ويهي رهيو. +توپن جو بِگل وڳو. ڪٿي ڪٿي فقط چند توبچين ايڪڙ ٻيڪڙ گولا وسايا. انهن مان ڪي گولا هوائي اڏي جي آس پاس ڪريا. اليڪسيءَ انهن ڌماڪن ڏانهن مڙي به ڪونه ڏٺو. سندس نگاهون لڙائيءَ واري مورچي ڏانهن ڄميل هيون. اونڌه ۾ به مورچو چٽو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ان وقت لڙيءَ رات جو پڻ زبردست لڙائي ٿي رهي هئي. +رات جي بمبارن جو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ سمورو محاذ گولين جي گرجدار آواز سان ٻري رهيو هو، پر برچ وڻن جي پالوندرن تي ڦيرا ڏيندڙن ڀونئرن جي ڀونڀاٽ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿي پيو. جهنگل جي گهراين مان ڪٿان هڪ عق��ب انساني آواز ۾ دانهن ڪئي هي سٺو سنوڻ ڪونه هو. گهاٽن وڻن ۾ هڪ بلبل ڳائي رهي هئي. سندس دل مان ڏينهن وارو خوف ختم ٿي ويو هو. پهرين ته هن هٻڪي هٻڪي ٿي ڳايو، ڄڻڪ پنهنجي آواز جو امتحان وٺندي هجي، پر پوءِ ڀرپور نموني ۾ ڳائڻ لڳي. ايتري قدر جو ٻيون بلبلون پڻ ڳائڻ لڳيون ۽ ٿوري دير کان پوءِ سڄو محاذ هر طرف کان مٺڙن نغمن سان گونجڻ لڳو. تڏهن ته ڪورسڪ جون بلبلون سڄي دنيا ۾ مشهور آهن! +هاڻي بلبلن جي نغمن سان سمورو آسمان گونججي رهيو هو. اليڪسي، جنهن کي صبح جو ڪنهن ڪميشن جي سامهون نه، بلڪ خود موت جي سامهون امتحان لاءِ وڃڻو هو، بلبلن جي انهيءَ گڏجي ڳائڻ واري شور ۾ جاڳندو رهيو. سندس خيالن جو مرڪز ايندڙ صبح ڪونه هو، نه ئي ايندڙ جنگ هئي، نه ڪو موت جو امڪان هو. سندس خيالن جو مرڪز ته اها ڏور رهندڙ بلبل هئي، جنهن ڪنهن وقت ڪامي شين جي ٻاهران سندس لاءِ هڪ نغمو ڳاتو هو. سندس خيال ۾ هن جي ”پنهنجي“ بلبل، پنهنجي اوليا رچيل هئي. +اوڀر ۾ آسمان جو رنگ پيلو ٿي ويو. آهستي آهستي بلبلن جا نغما توپن جي ڌماڪن ۾ گم ٿي ويا ۽ سج آهستي آهستي جنگ جي ميدان مٿان اڀريو. + +[1] هڪ ڪوڙي ۾ ويهه ميل ٿين ٿا. + + + +(4) +ڪورسڪ جي زبردست جنگ انهيءَ خون خرابي سان هلندي رهي. پهريون جرمنن جو منصوبو هو ته ڪورسڪ جي ڏکڻ ۽ اتر ۾ اسان جي دفاعي لائين کي ٽوڙي روسي فوج جي ڪورسڪ واري جٿي کي چوطرف گهيرو ڪري، اتي ”جرمن اسٽالن گراڊ“ جو بنياد رکجي، پر روسي فوج جي بچاءَ واري ثابت قدميءَ سندس منصوبن تان پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جرمن اڳواڻن محسوس ڪيو ته هو اسان جي دفاعي لائين ٽوڙڻ ۾ ناڪام ويندا، پر جيڪڏهن ڪامياب به ٿيا ته سندن نقصان ايترو ته گهڻو ٿي چڪو هوندو، جو اڳيان وڌي گهيرو وجهڻ لاءِ وٽن ڪي گهڻا سپاهي ڪونه بچندا. پر هاڻي ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. +روسي ڪمان جرمن حملن جو جواب انهن فوجن جي مدد سان ڏنو، جيڪي هتي بچاءَ وارا مورچا سنڀالي ويٺيون هيون. روسي ڪمان جرمنن جي انهيءَ خوفناڪ ۽ جان ٽوڙ جنگ جو نظارو ڪري رهي هئي. هن پنهنجي بچت وارين فوجن کي پري رکي ڇڏيو هو ۽ دشمن جي ٿڪجڻ ۽ بيوس ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. جيئن اليڪسيءَ کي پوءِ معلوم ٿيو ته سندس رجمينٽ جو ڪم هي هو ته هوءَ ان فوج جي حفاظت ڪري، جيڪا جوابي حملي لاءِ صفون ٻڌيو بيٺي هئي، تنهن ڪري اهي ٽينڪن ۽ هوائي فوج جا دستا، جن کي ساڻس گڏ حملو ڪرڻو هو، سي هن عظيم جنگ جي شروع ۾ خاموش تماشو ڏسندا رهيا. جڏهن دشمن جون سموريون فوجون ڇڪجي جنگ جي ميدان ۾ اچي ويون، تڏهن هوائي اڏي تي ”ٻئي مرحلي“ جو حڪم ختم ٿيو ۽ هوابازن کي خندقن ۾ ڪپڙا لاهي سمهڻ جي اجازت ملي. +صبح جو وقت هو. سج جا ڪرڻا خندق اندر فرش تي پئجي رهيا هئا. هي ٻئي دوست تختن تي ستا پيا هئا. اوچتو مٿي رستي تي تيز تيز قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڪنهن هڪل ڪئي ”ٽپالي!“ محاذ تي اهو لفظ جادوءَ جو اثر رکي ٿو. +ٻنهي ڄڻن گڏوگڏ پنهنجا ڪمبل لاهي ڦٽا ڪيا ۽ جيستائين اليڪسي پنهنجي پيرن جا ڌاڳا ٻڌي، تيستائين پتروف ڊوڙي ٻاهر نڪري ويو. هن ٽپاليءَ کي وڃي جهليو ۽ اليڪسيءَ لاءِ ٻن خطن سوڌو ڏاڍي سوڀاري شان سان اندر آيو. هڪڙو خط سندس ماءُ جو ۽ هڪ خط اوليا جو. اليڪسيءَ اڳيان وڌي کانئس ٻئي خط ڦري ورتا. عين انهيءَ پل هوائي اڏي تان بگل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو هوابازن کي پنهنجي پنهنجي جهاز تائين پهچڻ جو اطلاع ڏئي رهيو هو. +ميريسئف ٻنهي خطن کي پنهنجي ورديءَ ۾ وڌو ۽ ٿوري دير کان پوءِ کيس انهن جي ڳالهه ئي وسري وئي. هو پتروف جي پٺيان جهنگل جي ان رستي تي هلڻ لڳو، جيڪو هوائي جهازن ڏانهن ٿي ويو. هو ڪافي تيز ڀڄي رهيو هو. هو پنهنجي لڪڻ جي سهاري هلي رهيو هو ۽ بنهه معمولي منڊڪائي رهيو هو. جڏهن هو هوائي جهاز وٽ پهتو، تڏهن ان جو ڪاڪ پٽ کليل هو ۽ منهن ۾ ماتا وارو مستري، جيڪو ڳالهه ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏيندو هو، بي صبريءَ سان سندس انتظار ڪري رهيو هو. +انجڻ گوڙ ڪيو. ميريسئف پنهنجي دستي جي اڳواڻ جهاز نمبر6 کي گهوري رهيو هو. اڳواڻ چيسلوف پنهنجي هوائي جهاز کي ڊوڙايو ۽ کلي ميدان ۾ نڪري ويو. هن ٻانهن مٿي ڪئي، جنهن جو مطلب هو ”بنهه تيار رهو!“ ٻيون انجڻون به گوڙ ۽ شور ڪرڻ لڳيون. +جڏهن اليڪسي پنهنجي هوائي جهاز ڏانهن ڊوڙندو پئي ويو ته اوڏيءَ مهل کيس ٻئي هواباز ٻڌايو هو ته هاڻي ٽينڪون پيش قدمي ڪري رهيون آهن، جنهن جو مطلب هي هو ته هاڻي جنگي هوائي جهازن کي ٽينڪن جي ان رستي جي حفاظت ڪرڻي پوندي، جيڪو دشمن جي ڀاڄ کاڌل مورچن وٽان ٿيندو ٿي ويو. انهيءَ جو مطلب ڇا هو؟ يقينًا ان جو مطلب ڪا پرسڪون اڏام ڪانه هئي. اويرو يا سويرو دشمن سان ضرور ڇتي ويڙهه ٿيندي. هاڻي امتحان جو وقت پيو اچي. هاڻي هو ثابت ڪندو ته هو ڪنهن به هواباز کان گهٽ ناهي ۽ اهو ته هن پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. +اليڪسي ٿورو گهٻرايل ٿي لڳو. انهيءَ جو مطلب اهو ڪونه هو ته ڪو هو موت کان ڊنل هو. ان جو ڪارڻ خطري جو اهو احساس به ڪونه هو، جيڪو بهادر کان بهادر ۽ پرسڪون کان پرسڪون ماڻهوءَ کي به متاثر ڪري ٿو ڇڏي. ڪا ٻي شيءِ هئي، جيڪا کيس پريشان ڪري رهي هئي. ڇا اسلحه خاني وارن مشين گنن ۽ توپن جي جانچ ڪري ورتي آهي؟ ڇا سندس نئين هوائي ٽوپلي ۾ ڪن ۾ آواز پهچائيندڙ اوزار لڳايو ويو آهي، جنهن جي آزمائش اڃا ڪانه ٿي هئي؟ ڇا پتروف پٺيان رهجي ته نه ويندو، يا هو دشمن سان وڙهڻ ۾ ضرورت کان زياد تيزي ته ڪونه ڏيکاريندو؟ لڪڻ ڪٿي آهي؟ هن واسيلي واسيلي وچ جو تحفو وڃائڻ نٿي چاهيو. کيس اها به پريشاني هئي ته هو خندق ۾ جيڪو ڪتاب ڇڏي آيو هو، سو ڪير کڻي نه وڃي. هو انهن ئي خيالن ۾ هو، تيستائين هٿ هيٺ ٿيو ۽ ڪاڪ پٽ جي ڇت بند ڪئي وئي. +ٽن هوائي جهازن جي هڪ ٽولي هوا ۾ اڏاڻي، پوءِ ٻي ۽ ان کان پوءِ ٽين. ميريسئف ٻي ٽوليءَ ۾ هو. هو جنگ جي اڳئين صف جي مٿان پهتا. عجيب منظر هو. بمن جي گولن سان زمين ۾ پرڻ وانگر ڏر، کڏون، کوٻا ٺهي پيا هئا. سموري تباهه حال وادي هيٺ ٿيندڙ جنگ ۾ پيدا ٿيندڙ پيلي روشنيءَ سان چمڪي رهي هئي. هي سڀ ڪجهه مٿان بلندي تان ڪيترو نه معمولي، رانديڪي جهڙو ۽ عجيب نظر اچي رهيو هو. ماڻهوءَ کي مشڪل سان يقين ٿي آيو ته هيٺ هر شيءِ سڙي رهي آهي، گوڙ ڪري رهي آهي، لڏي رهي آهي ۽ ڌڙڪي رهي آهي. +هو لڙائيءَ جي اڳئين صف تان اڪري اڳتي هليا ويا. دشمن جي پٺيان هڪ چڪر لڳايو ۽ ٻيهر لڙائيءَ واري لائين پار ڪئي. ڪنهن به مٿن گولي ڪانه هلائي. ماڻهو هيٺ ئي پنهنجي مصيبتن ۾ ايترا ته ورتل هئا، جو مٿانئن ڦيرا ڏيندڙ نون جهازن ڏانهن ڪنهن به توجه ڪونه ڏنو. پر ٽينڪون ڪٿي آهن؟ او اهي! ميريسئف کين جهنگل مان سرندو ٻاهر نڪرندي ڏٺو. جلد ئي قطارن ۾ وڏي تعداد ۾ اهي جهنگل مان نڪري آيون، رستن ۽ کڏن کوٻن مان اڳتي وڌنديون رهيون. اوڏيءَ مهل هن ڪن ۾ آواز پهچائيندڙ اوزار (ايئر فون) ۾ اڳواڻ چيسلوف جو آواز ٻڌو: +”خبردار! آءٌ آهيان چيتو ٽي، چيتو ٽي! ساڄي طرف جرمن هوائي جهاز! ساڄي طرف!“ +اليڪسيءَ پنهنجي سامهون هڪ آڏي ليڪ ڏٺي. هي اڳواڻ جو هوائي جهاز هو. هوائي جهاز ڌڏڪا کاڌا، جنهن جو مطلب هو ته ”اهو ئي ڪريو، جيئن آءٌ ڪريان.“ +مي��يسئف پاڻ سان گڏ واري هوائي جهاز لاءِ ساڳيو حڪم دهرايو. هن مڙي ڏٺو: سندس ساٿي بنهه سندس ويجهو اڏامي رهيو آهي. ٺيڪ آهي ڀاءُ! +”مڙس ٿي مقابلو ڪجانءِ.“ هن رڙ ڪري چيو. +”تون فڪر نه ڪر.“ موٽ ملي. +هن ٻيهر آواز ٻڌو: +”آءٌ آهيان چيتو ٽي، چيتو ٽي! مون سان گڏ اچو.“ +دشمن ويجهو هو، بلڪل سندس هيٺان. انهن جي قطار ائين هئي، جو هڪ جي پٺيان ٻيو جهاز هو. هي انداز جرمنن کي ڏاڍو وڻندو هو. هي ”يونڪرس 87“ جو دستو هو، هڪ انجڻ وارن غوطو کائيندڙ جهازن جو دستو. هي اهي خوفناڪ بمبار هئا، جن پولينڊ، فرانس، هالينڊ، ڊنمارڪ، بيلجيم ۽ يوگوسلاويا جي لڙائين ۾ ڏاڍي شهرت حاصل ڪئي هئي. انهن جي باري ۾ سڄي دنيا جي اخبارن، جنگ جي شروع ۾ وار ڪانڊاريندڙ داستان ڇاپيا هئا، پر روس جي لامحدود وسعتن ۾ انهن جا ڌاڻا نڪري ويا هئا. تمام گهڻين لڙائين ۾ روسي هوابازن سندن ڪيتريون ئي ڪمزوريون پروڙي ورتيون هيون ۽ هاڻي اسان جا هواباز انهن ”يونڪرس“ کي هڪ معمولي شڪار سمجهندا هئا، ڄڻ ته اهي ڪي جهنگلي تتر يا سها هجن، جن جي شڪار لاءِ ڪنهن قابل شڪاريءَ جي ضرورت ڪانه هئي. +اڳواڻ چيسلوف سڌو دشمن سان ڪونه ٽڪريو. هن هڪ چڪر لڳايو. ميريسئف سوچيو ته ”هوشيار اڳواڻ سج کي پنهنجي پويان ڪرڻ ٿو چاهي“ ته جيئن سج جي اولڙي کان بچي سگهجي. هن هي به سوچيو ته ايتري احتياط کان ڪم وٺي، انهن تي حملو ڪرڻ ڪري انهن معمولي جهازن جي اجائي عزت ڪئي پئي وڃي، پر پوءِ به احتياط ڪرڻ ۾ ڪو نقصان ڪونهي. +هن ٻيهر مڙي ڏٺو. پتروف سندس پٺيان هو. +جرمن دستو هاڻي سندس ساڄي هٿ تي هو. اليڪسيءَ پنهنجي اڳواڻ جي حڪم جا آخري لفظ ٻڌا: +”چيتو ٽي، وارو ڪريو.“ +هن ڏٺو ته چيسلوف ۽ سندس ساٿي دشمن جي پاسي کان ڳجهه وانگر جهپو هنيو. بنهه ويجهي ”يونڪرس“ تي گولين جي برسات اُٺي. يونڪرس ڪري پيو ۽ چيسلوف ۽ سندس ساٿي ۽ ٽيون هواباز، ٽئي جرمن هوائي جهازن جي صف ۾ پيل ڏار مان هيٺ نڪري ويا. +جرمنن هڪدم پنهنجون صفون درست ڪيون. +اليڪسيءَ اشارو ڏنو ۽ هن رڙ ڪري چوڻ ٿي چاهيو ”وارو ڪريو“ پر هو جذبات ۾ ايترو ته وهلورجي ويو، جو سندس وات مان رڳو ”وارو....... وارو....... وارو.........“ ئي نڪري سگهيو ۽ وڌيڪ ڪجهه به چئي نه سگهيو. +هو گهت ڏيئي هيٺ ٿي ويو هو ۽ کيس سڪون ۽ آرام سان اڏامندڙ جرمن جهازن جي قطارن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿي آيو. هن ان هوائي جهاز کي نشانو بنايو، جنهن چيسلوف طرفان ڪيرايل جهاز جي جاءِ اچي ڀري هئي. سندس ڪنن ۾ گونج ٻڌڻ ۾ آئي. سندس دل اهڙي ته تيز ۽ وحشت سان ڌڙڪڻ لڳي جو سندس نڙي سڪي خشڪ ٿي ويئي ۽ گلو گهٽجڻ لڳو. هن پنهنجي چونڊيل شڪار کي نشاني جي سوراخ ۾ رکيو ۽ پنهنجي ٻنهي آڱوٺن کي گهوڙن تي رکي ان طرف وڌيو. سرمائي رنگ جي دونهين جون لڪيرون سندس پاسي مان لنگهي ويون. اڙي! هو ته گوليون وسائي رهيا آهن. نشانو خالي ويو. ٺيڪ آهي، وري ٻيهر! هن ڀيري اڃا به وڌيڪ ويجهڙائيءَ کان! ڪوبه نقصان ڪونه پهتو. پتروف جو ڪهڙو حال آهي؟ هن کي به ڪو نقصان ڪونه پهتو آهي. هو کاٻي طرف آهي. دشمن جو وار خالي ويو. شاباس ڇوڪرا! جرمن هوائي جهاز جو پاسو سائيز ۾ وڌندو ويو. سندس آڱوٺن اليومينم جي ٿڌن بٽڻن کي محسوس ڪيو. اڃا ٿورو ويجهو ٿيان......! +هيءَ اها گهڙي هئي، جڏهن اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته هو پاڻ بنهه هوائي جهاز جو هڪ پرزو ٿي ويو آهي. هن انجڻ جو ڌڙڪڻ ائين ٿي محسوس ڪيو، ڄڻڪ سندس دل جو ڌڙڪڻ هجي. هن جي سموري وجود هوائي جهاز جي پرن ۽ چرخيءَ جو ڦڙڪڻ محسوس ڪيو ۽ کيس لڳو ته هن جي نقلي پيرن ۾ پڻ سرت اچي ويئي آهي ۽ اهي کيس ۽ هوائي جهاز جي تيز چرپر جي سموري وابستگيءَ ۾ ڪابه رڪاوٽ نٿا وجهن ـــــــ نشاني تان هٽي ويندڙ جرمن جهاز کي هن ٻيهر پنهنجي نشاني تي آندو ۽ گهوڙا دٻائي ڇڏيا. هن نه ته گولين جا ٺڪاءَ ٻڌا ۽ نه ئي گولين جو وسڪارو ڏٺو، پر پوءِ به کيس يقين هو ته سندس نشانو خالي ڪونه ويو آهي. هن نشاني تان نظر هٽائي ته کيس دشمن جو ٻيو جهاز به ڪرندو ڏسڻ ۾ آيو. ڇا هن ٻه جهاز ڪيرايا آهن؟ نه، هيءُ پتروف جو ڪارنامو هو. هو سندس ساڄي پاسي کان هو. بنهه نئين نڪور هواباز لاءِ اها ڳالهه ڪا خواب مثل ڪانه هئي. کيس پنهنجي ڪاميابيءَ کان وڌيڪ پتروف جي ڪاميابيءَ تي خوشي ٿي. +جرمن هوابازن جي قطارن ۾ پيل شگاف مان ٻي ٽولي به لنگهي ويئي ۽ تڏهن ئي اصل تماشو شروع ٿي ويو. جرمن هوائي جهازن جي ٻي کيپ اچي وئي. ان ۾ نسبتًا گهٽ تجربيڪار هواباز هئا، ڇو ته انهن پنهنجي صفن کي ٽوڙڻ شروع ڪري ڏنو هو. چيسلوف جي ٽوليءَ جا جهاز ٽڙيل پکڙيل يونڪرس تي ڪاهي پيا ۽ انهن کي ڀڄائي ڇڏيائون. هنن انهن کي مجبور ڪيو ته پنهنجا بم خود پنهنجن مورچن تي وسائين. اڳواڻ چيسلوف جي مهم واري ڳالهه هاڻ سمجهه ۾ آئي هئي...... هن جو مقصد هو ته دشمن کي پنهنجي مورچن تي بم وسائڻ تي مجبور ڪيو وڃي. سج کي پنهنجي پٺيان ڪرڻ ڪو هن جو اصل مقصد ڪونه هو. +جرمنن جي پهرين قطار ٻيهر درست ٿي ويئي ۽ يونڪرس ان طرف اڏامڻ لڳا، جتان ٽينڪن وڇوٽي پيدا ڪئي هئي. ٽينءَ ٽوليءَ جو حملو ڪامياب ڪونه ٿيو. جرمن جي جهازن مان ڪوبه جهاز ڪونه ڪريو، ويتر روسي جهازن مان هڪ جهاز گهٽجي ويو هو. ان کي جرمن توپچيءَ ڪيرايو هو. هو اتي پهچي رهيا هئا، جتي ٽينڪن پنهنجي حملن ۾ تيزي پيدا ڪري ڇڏي هئي. هاڻي گهڻو مٿي وڃڻ جي ضرورت ڪانه هئي. چيسلوف هيٺان ئي حملي ڪرڻ جو خطرو ٻولي کنيو. اليڪسيءَ دل ئي دل ۾ سندس تائيد ڪئي. هو خود بيقرار هو ته پاسيرو حملو ڪري ”لا -5“ جي شاندار خوبين جو ڀرپور فائدو وٺجي ۽ دشمن جي پيٽ کي ”چيري ڦاڙي“ ڇڏجي. پهرين ٽولي مٿي گوليون هلائڻ شروع ڪري ڇڏيون. ٻه جرمن هوائي جهاز صف مان غائب ٿي ويا. انهن مان هڪ ته پڪ سان وچان اڌو اڌ ٿي ويو هو. +”هليا، مون سان گڏ اچ.“ ميريسئف رڙ ڪري پتروف کي چيوـــــ زمين بنهه ابتي ٿي نچڻ لڳي. اليڪسي پنهنجي جاءِ تي ڪري پيو، ڄڻ ته کيس ڪو زبردست ڌڪ لڳو هجي. کيس پنهنجي وات ۽ چپن تي رت جو ذائقو محسوس ٿيو. سندس اکين ۾ ڳاڙهي ڌنڌ ڇانئجي ويئي. اوڏيءَ مهل کيس هڪ يونڪرس جو پيٽ نظر آيو ۽ هن گهوڙا دٻائي ڇڏيا. هوائي جهاز تيل جي ٽانڪين ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪدم ڦاٽي پيو ۽ دونهين ۾ غائب ٿي ويو. +هو انهيءَ شعلن گاڏڙ دونهي جي بادلن مان لنگهي ويو. سندس ساٿي سندس ساڄي پاسي کان اڏامي رهيو هو. آسمان بلڪل خالي هو. پري ڪڪرن جي پس منظر ۾، اُفق تي کيس ننڍا ننڍا نقطا ڏسڻ ۾ پئي آيا. هي اهي يونڪرس هئا، جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا هئا. هن گهڙي ڏٺي ۽ حيران ٿي ويو، هن جي ليکي هيءَ ويڙهه اڌ ڪلاڪ کن هلي هوندي ۽ سندس ٻارڻ هاڻي ختم ٿيڻ تي هوندو. پر واچ پئي ٻڌايو ته اهو سڀ ڪجهه شروع کان آخر تائين فقط ساڍن ٽن منٽن ۾ ختم ٿي ويو هو. +”جيئرو آهين؟“ هن پنهنجي ساٿيءَ کان پڇيو، جيڪو ساڄي پاسي کان ڦري کاٻي پاسي اچي چڪو هو. +هن قسمين قسمين آوازن جي شور ۾ پري کان خوشيءَ جي نشي ۾ ٻڏل آواز ٻڌو: ”ها زنده آهيان....... هيٺ، ٿورو هيٺ ڏس.....“ +هيٺ رڳو دونهون ئي دونهون هو. هنڌ هنڌ تي جرمن هوائي جهاز سڙي رهيا هئا ۽ خاموش فضا ۾ گهاٽي دونهين جا ڪڪر سڌا آسمان ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، پر اليڪسيءَ انهن جلندڙ جهازن کي ڏسڻ بدران پنهنجي نظر انهن ساواڻ مائل سرمائي ڀونئرن تي ڄمائي رکي، جيڪي ٻنين ۾ پري پري تائين اڏامندي نظر اچي رهيا هئا. +اڳواڻ چيسلوف جي دستي جي نون هوائي جهازن مان ٻه واپس اڏي تي ڪونه پهتا. انهن جي عيوض دشمن جا نو يونڪرس جهاز ڪيرايا ويا هئا. جيڪڏهن جهازن جي ڳڻپ جي حساب کان ڏٺو وڃي ته نون جي عيوض ٻن جو فرق وڏي فتح جو ثبوت هو، پر ٻن ساٿين جي مارجي وڃڻ ڪري فتح جي خوشي، خوشي ڪانه رهي هئي. پنهنجن هوائي جهازن مان لهڻ بعد هوابازن نه ته جنگ جي باري ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، نه وري فتح جا نعرا هنيا ۽ نه ئي خطري ٽري وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ زنده دليءَ جو مظاهرو ڪيو. هو ڏکويل دل سان پنهنجي عملي جي مهندار وٽ آيا، هنن خشڪ ۽ ڪاروباري جملن ۾ پنهنجي مهم جي نتيجن جي رپورٽ ڏني ۽ هڪ ٻئي سان اکيون ملائڻ کان سواءِ ئي هليا ويا. +اليڪسي رجمينٽ ۾ نئون هو، تنهن ڪري هو انهن ماڻهن کي ڪونه سڃاڻندو هو، جيڪي مارجي ويا هئا. پر سندس ڪيفيت پڻ ساڳي هئي. اڄ سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان انتهائي اهم واقعو ٿيو هو. هي اهو واقعو هو، جنهن جي لاءِ هو پنهنجي جسم ۽ دماغ جي سموريءَ قوت سان جاکوڙ ڪندو رهيو هو ۽ انهيءَ تي ئي سندس سڄي مستقبل جو دارومدار هو – بنهه ٺيڪ ٺاڪ ٿي پنهنجي صفن ۾ واپسي – اڄ اهو خواب پورو ٿي چڪو هو. هن اسپتال جي بستري تي ۽ پوءِ جڏهن هو هلڻ ۽ نچڻ سکي رهيو هو، نه ڄاڻان ڪيترا ڀيرا انهيءَ گهڙيءَ جا خواب ڏٺا هئا. ان عرصي دوران جڏهن هو هواباز جي حيثيت ۾ ٻيهر پنهنجو فن سکڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيو هو، تڏهن به هن هر گهڙيءَ اهو ئي خواب ڏٺو هو ۽ هاڻي جڏهن سندس پراڻو خواب پورو ٿيڻ جو ڏينهن اچي چڪو هو، جڏهن هن ٻه جرمن جهاز تباه ڪيا هئا ۽ جڏهن هو ٻيهر هوابازن جي صفن ۾ شامل ٿي چڪو هو، تڏهن هن ٻين هوابازن وانگر پنهنجي ڪاميابيءَ جي رپورٽ عملي جي مهندار کي ڏني، جنگ جي حالات تي روشني وڌي ۽ پنهنجي ساٿيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ پوءِ برچ جي وڻن جي ڇانو ۾ ويهي رهيو. +پتروف واحد شخص هو، جيڪو هوائي ميدان ۾ ڊوڙي رهيو هو. هن جو مٿو اگهاڙو هو ۽ سندس سونهري وار هوا ۾ اڏامي رهيا هئا. جيڪو به ماڻهو کيس گڏيو ٿي، هو ان جي ٻانهن جهلي کيس پنهنجو قصو ٻڌائڻ لڳي ٿي ويو. +”هو بنهه منهنجي ڀرسان هو..... هڪ هٿ جي فاصلي تي ئي سمجهو....... ٻڌ ته سهي....... مون ڏٺو ته سينيئر ليفٽيننٽ دشمن جي اڳواڻ کي نشانو پيو بنائي ۽ پوءِ مون ان جي پاسي واري جهاز کي نشانو بنايو ۽ ٺا.........!“ +هو ڊوڙندو اليڪسيءَ وٽ پهتو ۽ سندس ڀرسان نرم گاهه تي ليٽي پيو ۽ ٽنگون ٽيڙي پئجي رهيو. هو وري ٽپ ڏئي اٿيو ۽ چيائين: ”اڄ ته تو بنهه ڪي شاندار ڪرتب ڏيکاريا هئا! تمام بهترين. منهنجو ته ساهه هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي رهجي ويو هو. تو ڏٺو ته مون دشمن کي ڪيئن نشانو بنايو؟ ٻڌ ته سهي........ آءٌ تنهنجي پٺيان اڏامندو رهيس ۽ هاڻي هو منهنجي بلڪل ويجهو نظر آيو، بلڪل ائين، جيئن تون ويٺو آهين.........“ +”هڪ منٽ ترسجانءِ دوست.“ اليڪسيءَ پنهنجي کيسي ۾ هٿ هڻندي چيو. ”هو خط، اڙي اهي خط ڪيڏانهن ويا؟“ هن کي اهي خط ياد آيا، جيڪي کيس انهيءَ ڏينهن مليا هئا. جڏهن هن کيسن ۾ خط ڪونه ڏٺا ته کيس ٿڌو پگهر نڪري آيو. هن پنهنجو هٿ ورديءَ اندر هنيو ۽ سر سر ڪندڙ لفافن کي محسوس ڪري اطمينان جو ساه کنيائين. هن اوليا جو خط هٿ ۾ کنيو ۽ انهيءَ داستان کان بي نياز ٿي لفافو کولڻ لڳو، جيڪو سندس دوست کيس ٻڌائي رهيو هو. +بنهه انهيءَ ساعت آسمان ۾ هڪ راڪيٽ ڦاٽو. هواباز ٽپ ڏيئي اٿيا ۽ ڊوڙي وڃي جهاز ۾ ويٺا. هن لفافو رکي ڇڏيو. هو هڪ لفظ به پڙهي نه سگهيو هو. خط کولڻ مهل کيس ڪا سخت شيءِ پڻ محسوس ٿي هئي. هوائي جهاز هلائيندي به هو خطن جي گرمي محسوس ڪري رهيو هو ۽ هو حيران هو ته آخر اوليا کيس ڇا موڪليو آهي؟ +ان ڏينهن، جڏهن ٽينڪن واري فوج دشمن جي مورچن ۾ ڏرڙ وجهي ڇڏيا هئا، تڏهن گارڊ جنگي جهازن جي دستي لاءِ، جن ۾ اليڪسي پڻ شامل هو، هڪ ڇتي ويڙهه جو آغاز ٿيو هو. جٿن پويان جٿا اڏامي رهيا هئا. پهريون جٿو اڃا هيٺ لٿو ئي مس ٿي ته ٻيو جٿو اڏاميو ٿي. هوابازن ان ڏينهن کاڌي لاءِ به ڪاڪ پٽ ڪونه ڇڏيو. کين اتي ئي کاڌو پهچايو ويو، پر ڪوبه کاڌي جي موڊ ۾ ڪونه هو. مانيءَ جو گرهه کين نڙيءَ ۾ ڦاسي ٿي پيو. +اڳواڻ چيسلوف جو جٿو ٻيهر هيٺ زمين تي لٿو. جهاز ڊوڙي وڃي جهنگل ۾ پهتا. سندن ٽانڪين ۾ تيل ڀرجڻ لڳو. اليڪسي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺو ٿڪاوٽ جي مٺي مٺي سور جي احساس سان مسڪرائي رهيو هو ۽ بي صبريءَ سان آسمان کي گهوري رهيو هو. +جڏهن شام جو انڌيرو ڇانئجڻ لڳو، تڏهن وڃي هوابازن کي ڪا موڪل ملي. ميريسئف پنهنجي رهائش ڏانهن وڃڻ لڳو، پر هن جهنگل مان لنگهندڙ ٿوري پنڌ وارو رستو ڪونه اختيار ڪيو. هن پنهنجي خيالن کي گڏ ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ سڄي ڏينهن جي گوڙ شور کان پوءِ آرام ڪرڻ ٿي چاهيو. کيس سڄي ڏينهن جي وٺ پڪڙ کان پوءِ سڪون جي تلاش هئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ ته اڄوڪو ڏينهن کٽندو ئي ڪونه! +هو پنهنجي خيالن ۾ گم رستو ڏيو پئي ويو ته اوچتو سندس پٺيان هڪ جيپ اچي بيٺي. پٺيان مڙڻ کان سواءِ ئي اليڪسيءَ سمجهي ورتو ته اهو ونگ ڪمانڊر ئي هوندو. سندس ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ هو پنهنجي لڪڻ سان زمين کوٽڻ لڳو. پر اوچتو هن ڪرنل جو آواز ٻڌو: +”او يار! تون هتي ڇا پيو ڪرين؟ آءٌ آهيان سو چئني پاسن پيو توکي ڳوليان. هر ماڻهو پنهنجي بهادر هيري جي باري ۾ پيو پڇا ڪري ۽ تون آهين سو هتي گاهه ۾ لڪو پيو آهين.“ +ڪرنل ٽپ ڏيئي جيپ مان لٿو. هن کي جيپ هلائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو ۽ واندڪائيءَ ۾ ڪار ۾ چڙهي هيڏانهن هوڏانهن پيو گهمندو ڦرندو هو. هو گهڻو ڪري نيرو وڳو پائيندو هو، تنهن ڪري ٻين مسترين جي وچ ۾ رڳو پنهنجي ڊگهي ٽوپيءَ ۽ مخصوص مهانڊن جي ڪري ئي سڃاڻجي سگهندو هو. +اليڪسي اڃان تائين پنهنجن خيالن ۾ ٻڏل لڪڻ سان زمين کوٽي رهيو هو. ڪرنل سندس ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ چيائين: +”يار! بيهه ته توکي ڍؤ ڪري ڏسي ته وٺان! هونءَ ڀاءُ توکي خدا ئي سمجهي. اهڙي ته ڪا خاص ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي. هاڻي آءٌ توکي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌايان. تون جڏهن اسان وٽ پهتو هئين، تڏهن فوجي هيڊ ڪوارٽر ۾ جيڪي ڪجهه تنهنجي باري ۾ چيو پئي ويو، ان جي باوجود به مون کي يقين ڪونه ٿي آيو ته ڪو تون جنگ ۾ ڪامياب ٿيندين، پر تو ته جنگ ۾ سوڀ حاصل ڪري ئي ڏيکاري ۽ اها به ڪهڙي طرح......! هيءَ ڌرتي، هي اسان جو روس، اسان جي ماءُ آهي. پڪ سان تون پنهنجي ماءُ جي ٿڃ جو ٿورو لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهين. توکي مبارڪون هجن دوست! آءٌ تنهنجو دل جي گهرائين سان قدر ٿو ڪريان ۽ توکي شاباس ٿو ڏيان. تون واقعي اڙٻنگ انسان آهين، مٿير مڙس آهين. تون ئي ڌرتيءَ جو ڌڻي آهين. ڌرتيءَ کي تو جهڙن ٻچڙن تي ناز آهي. هليا ته توکي جيپ ۾ گهر پهچائي اچان.........“ +جيپ مڙي ۽ رستي تي ڀڄڻ لڳي. هر موڙ تي هوءَ چريائپ واري انداز ۾ مڙي ٿي ۽ سڄي هڪ پاسي جهڪيو ٿي وئي. ”ٻڌاءِ، شايد توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي، شايد توکي ڪنهن قسم جي تڪليف هجي؟ ڪنهن به قسم جي مدد گهرڻ ۾ حجاب نه ڪجانءِ، ڇو ته تون ان جو پورو حقدار آهين.“ ڪرنل چيو. هو ڏاڍي هوشياريءَ سان جهنگل ۽ رهائشي جاين وچ ۾ جيپ کي ڊوڙائي رهيو هو. +”مون کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانهي، ڪامريڊ جرنل! آءٌ ڪنهن به طرح ٻين کان مختلف ڪونه آهيان. ڏاڍو ڪو سٺو ٿئي جو ماڻهو اها ڳالهه وساري ڇڏين ته منهنجا ڪي پير ڪونهن.“ اليڪسيءَ جواب ڏنو. +”ها، تون بلڪل ٺيڪ ٿو چوين. ڪهڙي جاءِ آهي تنهنجي؟ هيءَ؟“ ڪرنل هڪ جهٽڪي سان جيپ روڪي ۽ اڃا ميريسئف لٿو ئي مس هو، تيسين جيپ زوزاٽ ڪندي هلي ويئي. +اليڪسي خندق ۾ ڪونه ويو. هو خوشبوءَ سان معطر ماحول ۾ برچ جي هڪ وڻ هيٺان ليٽي پيو ۽ ڏاڍي احتياط سان لفافي مان اوليا جو خط کوليائين. هڪ تصوير لفافي مان ترڪي وڃي هيٺ ڪري. اليڪسيءَ هڪدم اها کڻي ورتي. سندس دل ڏاڍي تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. +تصوير مان هڪ ڄاتل سڃاتل چهرو کيس گهوري رهيو هو، پر پوءِ به هاڻي ان چهري کي سڃاڻڻ ڏکيو پئي لڳو. هيءَ اوليا هئي، جيڪا فوجي لباس پايو بيٺي هئي. گلي تائين بند فوجي وردي، پيٽي ”سرخ ستاري“ جو ٻلو ۽ گارد دستي جو ٻلو ۽ اهو سڀ ڪجهه کيس ڪيترو ٺهيو ٿي! هوءَ آفيسر جي ورديءَ ۾ هڪ نازڪ ۽ تمام خوبصورت ڇوڪرو پئي لڳي. +ها، بس ڇوڪري جي چهري تي رڳو ٿڪاوٽ هئي ۽ سندس وڏين وڏين، ڪشادين ۽ چمڪدار اکين ۾ جوانيءَ جي اها جوت ڪانه هئي، جيڪا ان جي عمر ۾ ٿيندي آهي. هونءَ ته هي اکيون دل ۾ جاءِ ڪنديون پئي ويون. +اليڪسي ڪيتري دير تائين ٽڪ ٻڌي انهن اکڙين کي گهوريندو رهيو. سندس دل هڪ اهڙي ناقابل بيان مٺي درد ۽ پيڙا سان پُر هئي، جا ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي محبوب ۽ پياري گيت کي پري کان آهستي آهستي ٻڌڻ سان جاڳندي آهي. کيس سندس کيسي مان اوليا جي پراڻي تصوير ملي. هوءَ ڇيٽ جو فراڪ پايو سفيد تارن جهڙي موتئي جي گلن جي جهڳٽن ۾ ويٺي هئي. هيءَ عجيب ڳالهه آهي، جو وردي پاتل ڇوڪري، جنهن جون اکيون ٿڪل ٿي لڳيون ۽ جنهن کي هن ڪڏهن انهيءَ انداز ۾ ڏٺو به ڪين هو، کيس ڇيٽ جي فراڪ واري ڇوڪريءَ کان وڌيڪ پياري ٿي لڳي. نئين تصوير جي پٺيان لکيل هو: ”سدائين ياد رکجانءِ.“ +خط مختصر هو پر بامقصد هو. هاڻي هيءَ ڇوڪري انجنيئرنگ پلٽڻ جي ڪمانڊر هئي. ها، پر اها پلٽڻ هاڻي جنگ جي ميدان تي وڙهي ڪانه پئي ۽ هاڻ پرامن تعمير جو ڪم ڪري رهي هئي. هيءَ اسٽالن گراڊ جي ٻيهر تعمير ۾ هٿ ونڊائي رهي هئي. هن پنهنجي باري ۾ بنهه گهٽ لکيو هو، پر هوءَ هڪ عظيم شهر جو ذڪر ڪندي جذبات ۾ بلڪل وهلورجي ويئي هئي. هن ان جي مٽيءَ جي ڍيرن ۽ کنڊرن جي باري ۾ لکيو هو، جن ۾ نئون پساه پئجي رهيو هو. هن عورتن، ڇوڪرين ۽ نوجوانن جي باري ۾ لکيو هو، جيڪي ملڪ جي سمورن حصن مان شهر جي اڏاوت لاءِ آيا هئا. هو خندقن، تهه خانن، سرنگن ۽ غارن ۾ رهيا پيا هئا، جيڪي جنگ کان پوءِ ائين خالي پيون هيون. هو ريل گاڏيءَ جي دٻن ۽ ڪکائن جهوپڙن ۾ رهندا هئا. هن لکيو هو ته ماڻهو چون ٿا ته هر ان شخص کي هڪڙي جاءِ ملندي، جن شهر جي تعمير ۾ ڀرپور حصو ورتو هوندو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اليڪسي کي به يقين اچڻ گهرجي ته جنگ کان پوءِ کين هڪڙو گوشو ضرور ملي ويندو. +انڌيرو ڇانئجي ويو هو. اليڪسيءَ خط جون آخري سٽون هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ پڙهيون. جڏهن هن خط پڙهي ورتو، تڏهن وري تصوير تي روشني وڌائين. هوءَ ورديءَ ۾ پنهنجي تيز ۽ پرخلوص نظرن سان کيس گهورڻ لڳي. ”منهنجي مٺڙي! مون کي خبر آهي ته توتي ڏاڍو ڪٺن وقت آيو آهي...... هن ظالم جنگ توکي به بخش ڪونه ڪيو، پر اها تنهنجي همت ۽ حوصلو ڦُري ڪونه سگهي آهي. ڇا تون منهنجو اوسيئڙو ڪري رهي آهين؟ تون انتظار ڪر، آءٌ ايندس، ضرور ايندس. تون مون سان محبت ٿي ڪرين؟ ڪندي رهج، منهنجي مٺڙي! تون هميشه مون کي پيار ڪندي رهجان.“ پوءِ هڪدم اليڪسيءَ شرمندگي محسوس ڪئي، جو هن ارڙهن مهينن تائين هن کان، اسٽالن گراڊ جي هڪ مجاهدڻ کان پنهنجي بدقسمتيءَ جي ڳالهه لڪائي رکي هئي. هن جي دل چاهيو ته هو هڪدم خندق اندر وڃي ۽ اوليا کي هر شيءِ جي باري ۾ صاف صاف لکي ڇڏي. پوءِ هوءَ پاڻ فيصلو ڪري ۽ اهو ڪم جيترو جلدي ٿي سگهي، اوترو ئي سٺو آهي. سڀ ڪجهه طئي ٿي وڃي ته ٻنهي لاءِ سهوليت ٿي پوي. +ان ڏينهن جي ڪارنامي کان پوءِ هاڻ هو هن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائي سگهيو ٿي. هاڻي هو نه رڳو هوائي جهاز اڏائي رهيو هو، پر وڙهي به رهيو هو. ڇا هن عهد ڪونه ڪيو هو ته جڏهن يا ته سندس سموريون اميدون ۽ آسرا، جاکوڙ ۽ جدوجهد بنهه ڇيهون ڇيهون ٿي وينديون، يا وري هو ٻين سپاهين جي صفن ۾ برابريءَ جي حيثيت ۾ شامل ٿي ويندو، تڏهن هو کيس پاڻ متعلق سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو؟ هاڻي هن پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو هو. هن جيڪي ٻه هوائي جهاز ڪيرايا هئا، تن کي سڀني ڏٺو هو. ان ڏينهن ڊيوٽيءَ تي موجود آفيسر دستي جي روزنامچي ۾ به داخل ڪيا هئا ۽ انهيءَ جي رپورٽ ڊويزنل فوجي هيڊ ڪوارٽر ۽ ماسڪو پڻ موڪلي وئي هئي. +هي سڀ ڪجهه سچ هو. هن پنهنجو واعدو پاڙيو هو ۽ هاڻي هو اوليا کي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهيو ٿي، پر ٿورو سوچيو ته سهي ”جهرڪيءَ“ جهڙو جهاز اسان جي ويڙهو هوائي جهاز جي شاني شريڪ آهي؟ هڪ قابل توپچي پنهنجي ڪمال جو ثبوت اهو ته پيش ڪونه ڪندو ته مون سهو ماريو هو. ڪيئن؟ +اليڪسي اڃا تائين برچ جي وڻ هيٺ نرم ڇٻر تي ويٺو هو، جنهن کي ماڪ پُسائي ڇڏيو هو. هن هڪ ڀيرو وري تصوير کيسي مان ڪڍي ۽ ان کي هنج ۾ رکيو ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ان تي نظر ڄمائي، خيالن ۾ گم ٿي ويو. ڳچ دير کان پوءِ اليڪسيءَ هڪ ٿڌو ساه ڀريو ۽ تصوير کيسي ۾ وجهي ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ خندق ۾ هليو ويو، جتي پتروف سنئون ڊگهو ٿيو پيو هو ۽ اگهور ننڊ ۾ زور زور سان کونگهرا هڻي رهيو هو. + + +(5) +پره ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ئي هوابازن کي جاڳايو ويو. هيڊ ڪوارٽر کي اطلاع مليو هو ته ان علائقي ۾، جتي روسي ٽينڪن دشمن جي لائين ٽوڙي آهي، جرمن هوائي فوج جو هڪ زبردست دستو اچي ويو آهي. زمين جي نشانين ۽ مخبرن جي اطلاعن ان خيال جي تصديق ٿي ڪئي ته جرمن اڳواڻ ان خطري کي محسوس ڪري ورتو هو، جيڪو ڪورسڪ جي مورچي کي ٽوڙي، روسي ٽينڪن جي اندر گهڙي اچڻ جو سبب پيدا ٿيو هو. انهن ”ريختگوفن“ هوائي ڊويزن کي گهرائي ورتو هو، جنهن ۾ جرمنيءَ جا بهترين هواباز شامل هئا. ان ڊويزن کي آخري ڀيرو اسٽالن گراڊ جي ويجهو ڀڄائي ڪڍيو ويو هو، پر جرمن محاذ جي پٺيان ڪٿي هن ڊويزن جي ٻيهر نئين سر تنظيم ڪئي ويئي هئي. رجمينٽ کي خبردار ڪيو ويو هو ته دشمن جو تعداد به گهڻو آهي ۽ وٽن جديد ترين هوائي جهازن ”فوڪي رولف ـــــــ 190“ به موجود آهن ۽ جنگ جو به تمام گهڻو تجربو اٿن. حڪم جاري ٿيو ته پيادل فوج جي ٻئي جٿي جي پوري پوري حفاظت ڪئي وڃي، جيڪو ان رات ٽينڪن پٺيان دشمن جي صفن ۾ پيل ڏار ۾ اندر گهڙڻ جي لاءِ روانو ٿي چڪو هو. +”ريختگوفن!“ هي نالو تجربيڪار هوابازن کي چڱيءَ طرح ياد هو ۽ هنن کي خبر هئي ته ان ڊويزن کي هرمين گوئرنگ جي خاص رهنمائي حاصل آهي. جڏهن به ڪٿي جرمن تي گهڻو دٻاءُ ٿي پيو ته هو هن ڊويزن کي اوڏانهن روانو ڪندو هو. هن ڊويزن جا هواباز، جن مان ڪجهه اسپين ۾ پنهنجي وحشت پڻي جو مظاهرو ڪري چڪا هئا، ڏاڍا مضبوط ۽ ڄاڻو هواباز هئا ۽ خطرناڪ دشمن جي حيثيت ۾ سندن ڏاڍي هاڪ هوندي هئي. +”ماڻهو ٿا چون ته اسان جي لاءِ ڪو ’يختگوفن‘ موڪل��و ويو آهي. ها! آءٌ چاهيان ٿو ته جيترو جلد ٿي سگهي، ان سان ملاقات ٿي وڃي. اسين ان ريختگوفن جي چڱي طرح سان سارَ لهنداسين.“ کاڌي واري ڪمري ۾ پتروف تڪڙا تڪڙا گره ڳڙڪائيندي کليل دريءَ ڏانهن نهاريندي اعلان ڪيو. اتي ماني کارائڻ واري ’رايا‘ بيٺل هئي. ظاهر آهي ته پتروف ’ريختگوفن‘ تي جيڪي ڇوهه ڇنڊيا هئا، سي ڪي اليڪسيءَ کي ٻڌائڻ لاءِ ڪونه هئا، جيڪو ڪافيءَ جو ڪوپ خالي ڪري چڪو هو. اها ڳالهه ته ان ڇوڪريءَ کي ٻڌائڻ لاءِ چئي هئائين، جيڪا گلن سان کيڏي رهي هئي ۽ جيڪا وَر وَر ڏئي آڏيءَ اک سان خوبصورت ۽ ٺاهوڪڙي جوان پتروف ڏانهن نهاري رهي هئي. +ميريسئف کين شفقت واري مسڪراهٽ سان ڏسي رهيو هو، پر سنجيده ڳالهين ۾ کيس کل ڀوڳ اصل ڪونه وڻندو هو. هن چيو: +”ريختگوفن، ريختگوفن پيو ڪرين. خبر به اٿئي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو مطلب آهي ته جيڪڏهن تون اڄ جهنگل ۾ سڙي مرڻ نٿو چاهين ته پوءِ پنهنجيون اکيون کليل رک، پنهنجا ڪن سرلا رک ۽ لاڳاپو ٽٽڻ نه ڏج. سائين منهنجا! ريختگوفن اهڙا وحشي بگهڙ آهن، جو هو پنهنجا نيش تنهنجي گوشت ۾ ٽنبي ڇڏيندا، پر توکي کڙڪ ئي ڪانه پوندي.“ +صبح جو سوير، خود ڪرنل جي اڳواڻيءَ ۾ پهريون جٿو اڏاڻو. اڃا اهو مٿي ئي هو ته ٻارنهن ڄڻن جي ٻي ٽولي اڏامڻ لاءِ تيار ٿي وئي. ان جي اڳواڻي گارد ميجر فيدوتوف ڪري رهيو هو. هو روس جو هيرو هو ۽ ڪرنل کي ڇڏي باقي رجمينٽ ۾ سڀني کان تجربيڪار هواباز هو. هوائي جهاز تيار هئا. اليڪسيءَ ڪاڪ پٽ مان ڏٺو ته پهرين ٽوليءَ جا هوائي جهاز مٿان کان هيٺ بلڪل سڌا پئي لٿا، جهڙوڪر آسمان مان وسندا هجن. هن غير ارادي طور کين ڳڻڻ شروع ڪيو. کيس ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي، جيستائين وڃي ٻه آخري جهاز به هيٺ نه لٿا، جن کي لهڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي هئي. +اڃا پهرين ٽوليءَ جو آخري جهاز ميدان تان موٽيو ئي ڪونه هو، تيستائين فيدوتوف جو ”نمبر هڪ“ زمين کان الڳ ٿي اڏاڻو. سندس جٿو ٻن ٻن جي ٽولين ۾ هوا ۾ بلند ٿي ويو. هي جٿو آسمان ۾ اڏندڙ لغڙن وانگر لڏندو لمندو واپس وريو. عين ان گهڙيءَ اليڪسيءَ کي افق تي هڪ ٽڪو نظر آيو ۽ پوءِ اهو سمورو ولر، جيڪو بنهه هيٺ زمين کي ويجهو اڏامي رهيو هو. جرمن! سي به بنهه هيٺ اڏامي رهيا هئا ۽ سندن رخ ان دونهن ڏانهن هو، جيڪو ٻنين مٿان تري رهيو هو. هن بي اختيار مڙي ڏٺو. سندس ڀيچي سندس پٺيان هو ۽ جيترو ممڪن هو، اوترو هو ساڻس گڏ گڏ اڏائي رهيو هو. +هن ڪنن تي زور ڏنو ۽ کيس پري کان هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”آءٌ سامونڊي ٻگهه نمبر ٻه فيدوتوف آهيان. آءٌ سامونڊي ٻگهه نمبر ٻه فيدوتوف آهيان. هوشيار! مون سان گڏ اچو.“ +گوڙ ۽ شور ۾ ٻيو حڪم ختم ٿيڻ شرط ئي سموري ٽوليءَ ٻن ٻن جي جوڙي ٺاهي، پنهنجو رخ بدلايو ۽ هڪ ٻئي کي بنهه ويجهو ويجهو، اڏامندي جرمنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. نظر، ڪن ۽ دماغ انتهائي شدت سان هڪ ئي نقطي تي ڄميل رکيائون. اليڪسيءَ کي دشمنن جي جهازن کان سواءِ ڪجهه به نظر ڪونه ٿي آيو، جيڪي سندس اکين اڳيان ڏاڍو تيزيءَ سان وڏا ٿيندا پئي ويا. کيس آواز ۾ ٻئي حڪم جو انتظار هو، پر ان حڪم جي بدران هن چٽيءَ طرح جرمن ٻوليءَ ۾ وهلور ويل آواز ٻڌو: ”خبردار، خبردار! ”لا – 5“ خبردار!“ هي آواز ضرور جرمن جي زميني ڪنٽرول طرفان پنهنجي هوابازن کي چتاءُ ڏيڻ جو حڪم هوندو. +جيئن ته ان مشهور هوائي ڊويزن جو قاعدو هو، هنن جنگ جي سڄي ميدان ۾ ڏاڍي احتياط سان چوڪيدارن ۽ مشاهدو ڪندڙن جو ڄار وڇائي ڇڏيو هو، جن کي ريڊيو، وائرليس ۽ زميني ڪنٽرول جون ٻيون سهوليتون پڻ مهيا ڪري، گذريل رات جي متوقع جنگي ميدان ۾ هوائي ڇٽين ذريعي لاٿو ويو هو. +پوءِ ڪجهه گهٽ واضح آواز ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: ”لعنت هجي اوهان تي. ”لا – 5“ کاٻي طرف، ”لا – 5“ ان آواز ۾ بيزاريءَ کان سواءِ پريشاني پڻ شامل هئي. +’ ريختگوفن‘ ڇا توهان اسان جي ”لا -5“ کان ڊڄو پيا؟“ ميريسئف پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪئي. هو ويجهو ايندڙ دشمن جي صفن کي ڏسي رهيو هو. هن جي نس نس ۾ عجيب خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. +هاڻي دشمن صاف نظر اچي رهيو هو. اهي هئا جنگي هوائي جهاز ”فوڪي وولف 190“ اهي تمام مضبوط ۽ تيز رفتار هوائي جهاز هئا، جيڪي بنهه هاڻ استعمال ۾ اچڻ لڳا هئا. +انهن جو ڳاڻيٽو فيدوتوف جي ٽوليءَ کان ٻيڻو هو. هو نهايت سخت پابنديءَ سان صفون ٺاهيو اڏامي رهيا هئا، جيڪا انهن جي بهترين صفت هئي. هي ٻن جي جوڙي ٺاهي هڪ ٻئي پٺيان هيٺ مٿي چاڙهيءَ جي ترتيب ٺاهي اڏامي رهيا هئا، اهڙي انداز سان ته جيئن هر جوڙي پنهنجي اڳيان واري جوڙيءَ جي پٺئين حصي جي حفاظت ڪري سگهي. فيدوتوف پنهنجي بلنديءَ جو فائدو وٺي دشمن تي حملو ڪيو. اليڪسيءَ پهريائين ئي پنهنجي نشاني جي چونڊ ڪري ڇڏي هئي ۽ ساڳئي وقت هو ٻين جهازن کان پڻ بي نياز ڪونه هوـــــــ هو پنهنجي شڪار ڏانهن وڌيو ۽ کيس نظر کان پري ٿيڻ نه ڏنائين، پر ڪنهن ٻئي وٽانئس نمبر کڻي ورتو. ”ياڪ“ هوائي جهازن جي هڪڙي ٽولي ٻئي طرف کان آئي ۽ انهيءَ مٿان ئي مٿان جرمنن تي حملو ڪري ڏنو. هي وار ايترو ته ڪامياب ويو، جو ان دشمن جي صفن کي صفا ٽوڙي ڇڏيو. ان گهڙيءَ ۾ فضا ۾ هڪ قسم جو هنگامو ۽ افراتفري پکڙجي وئي. ٻئي ڌريون ٻن ٻن ۽ چئن چئن جي ٽولين ۾ ورهائجي ويا ۽ ڇتي ويڙهه وڙهڻ لڳا. +ميريسئف جيڪو شڪار پنهنجي لاءِ چونڊيو هو، سو سندس نظر کان پاسيرو ٿي ويو هو. هن مڙي ڏٺو ته ڪٿي هنگامي ۾ سندس ساٿي ڪيڏانهن رُلي ته ڪونه ويو. نه! هو بنهه سندس پاسي ۾ اڏامي رهيو هو. +”يار، ڪٿي رهجي نه وڃجانءِ.“ اليڪسيءَ ڏند ڪرٽيندي چيو. سندس ڪنن ۾ گوڙ گهمسان ۽ ڳائڻ جو آواز پئي آيو ۽ سندس ڪنن ۾ فتح جي نعرن، دهشت ڀريل رڙين، گارين ۽ وڏن وڏن ساه کڻڻ جو آواز، ٻنهي زبانن ۾ صاف صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. +ميريسئف اُٿلي دشمن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو هن کي پگهر اچي ويو؛ بلڪل سندس هيٺان هڪ ”لا – 5“ تي هڪڙو ”فوڪي“ لامارو ڏيئي رهيو هو. هن روسي جهاز جو نمبر ته ڪونه ڏٺو، پر سندس دل چيو ته اهو پتروف هوندو. ”فوڪي وولف“ پنهنجي سمورين مشين گنن سان ان تي گوليون وسائي رهيو هو. پتروف جي زندگي بس هڪ پل کان وڌيڪ ڪانه رهي هئي. هو ٻئي ايترو ته هڪ ٻئي کي ويجها هئا، جو جنگ جي عام قاعدي موجب اليڪسي پنهنجي ساٿيءَ جي ڪابه مدد ڪري ڪونه ٿي سگهيو، پر سندس ساٿيءَ جي زندگي خطري ۾ هئي، تنهن ڪري هن هڪ غير معمولي قدم کڻڻ جو عزم ڪيو. هن پنهنجي هوائي جهاز کي سڌو هيٺ ڪيرايو ۽ گيس تيز ڪري ڇڏي. جهاز پنهنجي وزن ۽ گڏوگڏ انجڻ جي سموري سگهه سبب غير معمولي ڏکائيءَ سان بنهه پٿر وانگر ننڍن پرن واري ”فوڪي“ تي ڪريو. پٿر وانگر نه، راڪيٽ وانگر. هن ”فوڪي“ کي وسندڙ گولين جي منهن ۾ گهيريو. هن محسوس ڪيو ته تيز رفتاريءَ سان هيٺ ڪرڻ جي ڪري سندس مٿو ڦري رهيو هو ۽ هو بيهوش ٿيڻ تي هو. هو هيٺ ڪرندو رهيو ۽ هن فضا ۾ ڇانيل ڌنڌ ۾ فقط ايترو ڏٺو ته سندس پنکي جي بلڪل سامهون ”فوڪي“ ڌماڪي جي دونهين ۾ گم ٿي ويو. پر پتروف جو ڇا ٿيو؟ هو غائب ٿي ويو هو، هو ڪٿي هو؟ ڇا ڪري پيو؟ ڇا هو ڇٽيءَ وسيلي لهي ويو؟ ڇا هو بچي ويو؟ +چئني طرفن فضا خاموش هئي. خاموش هوا ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل هوائي جهاز جو پري ک��ن آواز ٻڌڻ ۾ آيو. +”آئون سامونڊي بگهڙ نمبر 2 فيدوتوف آهيان، آءٌ سامونڊي بگهڙ نمبر 2 فيدوتوف آهيان، صفون درست ڪريو، منهنجي پٺيان اچو، گهر واپس هلو. آئون سامونڊي بگهڙ نمبر 2........“ +ظاهر هو ته فيدوتوف پنهنجي ٽولي کي واپس وٺي وڃي رهيو هو. +”فوڪي وولف“ کي نشانو بنائڻ ۽ پنهنجي جهاز کي لامارو ڏيئي سڌو ڪرڻ بعد پنهنجي جاءِ تي اليڪسي وڏا وڏا ساه کڻي رهيو هو. کيس خطري جي ٽري وڃڻ ۽ پنهنجي سوڀ جو احساس هو. واپسيءَ جي ڏس جو اندازو ڪرڻ لاءِ هن هر طرف ڏسڻيءَ تي نظر وڌي ۽ پوءِ ٻارڻ جي ڪانٽي کي ڏٺو، سندس ڀرون تاڻجي ويا. ٻارڻ تمام ٿورو وڃي بچيو هو ۽ هوائي اڏي تائين مشڪل سان پهچي سگهيو ٿي. ليڪن ٻئي لمحي هن ٻڙيءَ تائين تائين پهچندڙ ڪانٽي کان به وڌيڪ خطرناڪ شيءِ ڏٺي. وڏن وڏن ڪڪرن جي پٺيان اوچتو ڪنهن نازل ٿيندڙ آفت وانگر هڪ ”فوڪي وولف 190” سڌو ڏانهس اڏامندو پئي آيو. سوچڻ سمجهڻ جو ڪو رستو ڪونه بچيو هو. بچي نڪرڻ يا ڀڄي وڃڻ جو باقي ڪو رستو ڪونه بچيو هو ۽ پوءِ هو تيزيءَ سان دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مڙيو. +(6) +جن رستن تان حملو ڪرڻ وارين فوجن جي پٺيان انتظام سنڀاليندڙ ڪاروان اچي رهيو هو، انهن رستن مٿان فضا جي وسعتن ۾ لڙي ويندڙ جنگ جو گوڙ گهمسان نه فقط وڙهندڙن هوائي جهازن جي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل هواباز ٻڌي رهيا هئا، پر اهو آواز گارد ويڙهو جٿي جي اڳواڻ ڪرنل ايوانوف به پنهنجي هوائي اڏي تي ويٺو ريڊيو تي ٻڌي رهيو هو. هو پاڻ به تجربيڪار هواباز هو، تنهن ڪري آواز مان ئي هن اندازو پئي لڳايو ته ويڙهه ڏاڍي زور شور سان ٿي رهي هئي. دشمن ڏاڍو مضبوط ۽ سخت جان هو ۽ هو آسمان مان هٽڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. اها خبر سڄي هوائي اڏي تي باه وانگر پکڙجي وئي ته فيدوتوف کي پاڻ کان ٻيڻي سگهه سان وڙهڻو پيو پوي. جنهن کي به موقعو مليو، سو جهنگل مان نڪري ميدان ۾ اچي بي چينيءَ سان ڏکڻ طرف تڪڻ ٿي لڳو، جتان هوائي جهازن کي موٽڻو هو. +سرجن مانيءَ جو گرهه چٻاڙيندي ۽ چادر ٺيڪ ڪندي کاڌي واري ڪمري مان ٻاهر نڪتو. ايمبولينس جون گاڏيون، جن جي ڇتين تي ڳاڙهي منڌيئڙي (ريڊڪراس) جو نشان لڳل هو، وڻن مان نڪتيون ۽ انجڻ چالو ڪري وقت جو انتظار ڪرڻ لڳيون. +سڀ کان پهريائين نمبر هڪ ۽ نمبر ٻه هيٺ لٿا ۽ پوءِ آهستي آهستي هڪ ٻئي پٺيان ستون، اٺون، نائون ۽ ڏهون نمبر به لٿا. ٻه هوائي جهاز اڃا غائب هئا. دلين ۾ خبر ناهي ڪهڙن وسوسن ۽ انديشن جنم ورتو ۽ انتظام ڪندڙ هجوم تي خاموشي ڇانئجي ويئي. ڏاڍي تڪليف واري سستي سان گهڙيون گذري رهيون هيون. +”ميريسئف ۽ پتروف!“ ڪنهن خاموشي سان چيو. اوچتو هڪ خوشيءَ سان ڀريل عورتاڻو آواز ٻنين مان اڀريو: +”هڪڙو هوائي جهاز هو پيو اچي.“ +هڪ هوائي جهاز جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. نمبر 13 برچ جي وڻن کي ڇهندو هيٺ لٿو. هوائي جهاز کي نقصان پهتو هو. کاٻي پر جو هڪ حصو ڪٽجي چڪو هو ۽ ڪنهن تار سان ٻڌو لڙڪي رهيو هو. لهڻ کان پوءِ جهاز عجيب نموني ۾ ڌچڪا کائيندو، هيٺ مٿي ٿيندو، ميدان جي ڪناري تائين هليو ويو ۽ اتي هڪدم پڇ مٿي کڻي بيهي رهيو. ايمبولينس جون گاڏيون، جن جي فٽ پيريءَ تي سرجن بيٺا هئا، ڪيتريون جيپون ۽ سمورو هجوم، جيڪو انتظار ۾ بيٺو هو، سو هوائي جهاز ڏانهن ڊوڙيو. ڇت هٽائي وئي. پتروف پنهنجي جاءِ تي رت ۾ ڳاڙهو ٿيو پيو هو. سندس مٿو انتهائي مايوسيءَ جي عالم ۾ سندس ڇاتيءَ تي لڙڪيو پيو هو. سندس چهرو ڀنل سونهري وارن جي چڳن ۾ لڪو پيو هو. +سرجنن ۽ نرسن پتروف کي ڪاڪ پٽ مان ٻاهر ڪڍيو. سندس ٻانهن ۽ ٽنگ زخمي ٿيون هيون. هو بي سُڌ پيو هو؛ کيس شروعاتي ملم پٽيءَ کان پوءِ اسٽريچر تي لٽايو ويو ۽ جيڏي مهل کيس ايمبولينس گاڏيءَ ۾ ليٽايو پئي ويو، اوڏيءَ مهل هن اکيون کوليون. هن چپن چپن ۾ ڪجهه چيو، پر ايترو ته آهستي ڳالهايائين جو سمجهه ۾ ڪونه آيو؛ ڪرنل مٿس جهڪيو. +”ميريسئف ڪٿي آهي؟“ زخميءَ پڇيو. +”اڃا تائين ڪونه لٿو آهي.“ +اسٽريچر ٻيهر کنيو ويو، پر زخميءَ زور زور سان ڪنڌ لوڏي ڪيڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اسٽريچر تان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪيائين. +”نه نه! مون کي نه وٺي وڃو. آءٌ ڪيڏانهن به وڃڻ نٿو چاهيان. آءٌ ميريسئف جو انتظار ڪندس. هن منهنجي حياتي بچائي آهي.“ هواباز ايترو ته زبردست احتجاج ڪيو ۽ پنهنجي ملم پٽي لاهي اڇلائڻ جي ڌمڪي ڏنائين جو ڪرنل کين هٿ سان اشارو ڪري، منهن ڦيري ۽ ڏند ڪرٽيندي چيو: ”چڱو چڱو، هن کي ڇڏي ڏيو. مرڻ کان ته بچي ويو آهي. هاڻي ميريسئف به اچڻ وارو آهي. سندس جهاز اچڻ ۾ باقي هڪ منٽ جو تيل آهي.“ +ڪرنل اسٽاپ واچ تي اکيون ڄمائي ڇڏيون ۽ سيڪنڊ واري ڳاڙهي ڪانٽي کي چڪر ڪاٽيندو ڏسڻ لڳو. باقي ٻيا سڀ ماڻهو سُرمائي جهنگل ڏانهن ڏسندا رهيا، جنهن جي مٿان آخري جهاز اچڻو هو. سڀني جا ڪن پڻ اوڏانهن لڳل هئا، پر ڏور ڏور تائين صرف توپن جو ئي گوڙ شور ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ ويجهو ئي ڪٿان ”ڪاٺ ڪُٽي“ جي کٽ کٽ جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. +واقعي ڪڏهن ڪڏهن هڪ پل به ڇڪجي ڪيترو نه ڊگهو ٿي پوندو آهي، جو کٽڻ جو نالو ئي ڪونه وٺندو آهي. +(7) +ـــــــــ ميريسئف دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مُڙيو. +”لا – 5“ ۽ ”فوڪي وولف 190“ ڏاڍا تيز جهاز هئا. ٻئي بجليءَ جهڙي تيزيءَ سان هڪ ٻئي کي ويجها ٿيندا ويا. اليڪسي ميريسئف ۽ مشهور ”ريختگوفن“ جو اڻڄاتل جرمن هواباز هڪ ٻئي جي بنهه آمهون سامهون هئا. اهڙي طرح سامهون وارو ٽَڪَر – کن پل ۾ قصو ختم ڪريو ڇڏي. هيءُ بنهه مختصر گهڙي ٿئي ٿي، پر اهو هڪڙو پل به اهڙي اعصابي ڇڪ پيدا ڪريو ڇڏي، هڪ مجاهد جي حيثيت ۾ هواباز جي اعصابن کي هڪ اهڙيءَ آزمائش ۾ وجهيو ڇڏي، جنهن جو تجربو زمين تي سڄو ڏينهن وڙهندڙ سپاهيءَ کي به نٿو ٿئي. +ٿورو سوچيو ته سهي ته هڪ ٻئي تي آمهون سامهون حملو ڪندڙ ٻن هوائي جهازن مان هڪ ۾ توهين آهيو، ٻئي جهاز هڪٻئي تي بجليءَ جهڙي تيز رفتاريءَ سان حملو ڪري رهيا آهن. دشمن جو جهاز توهان جي اکين جي سامهون وڏو ۽ وڏو ٿيندو پيو وڃي. پوءِ هڪدم اهو پنهنجي سموري ساز ۽ سامان سميت سامهون اچي وڃي ٿو. سندس پر، نچندڙ چرخي جو چمڪندڙ، گول ۽ ڪارا ڪارا توپن جا منهن – بس هڪ کن پل کان پوءِ ٻئي هوائي جهاز هڪ ٻئي سان اهڙي طرح ٽڪرائجي ڀسم ٿي ويندا جو هوائي جهازن جي تباهه ٿيل باقيات مان هوابازن جي جسمن جي ٽڪرن کي جدا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. بس انهيءَ ئي هڪڙي پل ۾ هواباز جي نه رڳو قوت ارادي جو، پر اخلاقي جرئت جو پڻ امتحان ٿي وڃي ٿو. ڪمزور اعصابن وارو شخص انهيءَ ڪشمڪش کي برداشت نٿو ڪري سگهي. هڪ اهڙو ماڻهو، جيڪو آزاديءَ لاءِ مرڻ نه چاهيندو هجي، سو بي اختيار اسٽيئرنگ گيئر ڇڪي وٺندو ۽ پاڻ ڏانهن وڌندڙ موتمار طوفان جي مٿان پاسو ڏيئي هليو ويندو ۽ ٻئي لمحي سندس هوائي جهاز پنهنجي پرڻ ٿيل پيٽ يا ڀڳل پر سان هيٺ ڪرندو نظر ايندو. ڪابه طاقت کيس بچائي نه سگهندي. تجربيڪار هواباز اها ڳالهه خوب چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ۽ فقط اهي ئي پنهنجي جان جي پرواه نه ڪندڙ، آزاديءَ جا متوالا، وطن دوست، اڻ موٽ انسان ئي آمهون سامهون ائين وڃي ٽڪر هڻن ٿا. +ٻئي هوائي جهاز هوا ۾ تير جيان هڪ ٻئي طرف وڌي رهيا هئا. +اليڪسيءَ کي خبر هئي ته سندس سامهون جيڪو هواباز اڏامندو پئي آيو، سو ڪو اناڙي ڪونه هو. پر هي ”ريختگوفن“ ڊويزن جو مڃيل ۽ سلجهيل هواباز هو. هو هڪ اهڙي هوائي جهاز ۾ سوار هو، جنهن جي پاسن کان فضائي جنگين ۾ حاصل ڪيل هنن جا ڪيترا ئي نشان لڳل هئا. هي هواباز نه گهٻرائيندو ۽ نه ئي پنهنجي رستي تان هٽندو ۽ نه ئي ويڙهه کان ڪترائيندو. +”هوشيار ’ريختگوفن‘ هوشيار!“ اليڪسيءَ ڏند ڪرٽيندي چيو. هو ڏندن سان چپ ڪاٽي رهيو هو، ايتري قدر جو انهن مان رت نڪرڻ لڳو. هن پنهنجو بدن سيٽي ڇڏيو ۽ اکيون نشاني واري سوراخ تي ڄمائي ڇڏيون ۽ اهڙي طرح هن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ته جيئن سامهون کان حملو ڪندڙ دشمن جو مقابلو ڪندي سندس اکيون پورجي نه وڃن. +هن پنهنجي احساسن کي ايترو ته تيز ڪري ڇڏيو، جو کيس محسوس ٿيو ته گهمندڙ چرخيءَ جي پردي مان کيس دشمن جي ڪاڪ پٽ جو شفاف پردو نظر اچي رهيو هو. پردي جي پٺيان ٻه اکيون کيس گهوري رهيون هيون ۽ اهي اکيون انتهائي نفرت کان جلي رهيون هيون. هيءَ تصوير اعصابي ڪشمڪش يا وهلورجي وڃڻ جو نتيجو ڪانه هئي، پر اليڪسيءَ کي پختو يقين هو ته هن اهو سڀ ڪجهه سچي پچي ڏٺو آهي. ”چڱو، معاملو ختم ٿيو.“ هن مشڪن ۾ اڃا به وڌيڪ ڇڪ پيدا ڪندي سوچيو. ”ڀانيان ٿو ته معاملو ختم ٿيو.“ کيس سامهون وڌندڙ هوائي جهاز نظر آيو. اهو ڏانهس هوا جي جهوٽي وانگر وڌي رهيو هو. ”نه، جرمن به رستو ڪونه ڇڏيندو. بس ڪم پورو ٿيو.“ +هو انهيءَ لمحي مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر بنهه انهيءَ گهڙيءَ، جڏهن کيس محسوس ٿيو ته جرمن هوائي جهاز صرف هڪ هٿ جي پنڌ تي رهجي ويو آهي، جرمن هواباز جي همت جواب ڏيئي وئي ۽ سندس جهاز مٿئين پاسي ٽپ ڏنو. جرمن هوائي جهاز جو اُس ۾ چمڪندڙ نيرو پيٽ سامهون نظر آيو. انهيءَ لمحي اليڪسيءَ پنهنجي سڀني گهوڙن کي دٻائي ڇڏيو ۽ دشمن جي جهاز ۾ گولين جون قطارون ٽنبي ڇڏيون ۽ پنهنجي جهاز کي لامارو ڏياريو. +”اوليا!“ هن فتح جي احساس جي انتهائي شادمانيءَ ۽ سرشاريءَ واري جذبي سان نعرو بلند ڪيو ۽ سڀ ڪجهه وساري هو هڪ تنگ گولائي ۾ چڪر ڪاٽيندو، جرمن هوائي جهاز جي آخري سفر ۾ گڏ هلڻ لڳو، تانجو جرمن هوائي جهاز گاه سان ڀريل ڳاڙهي زمين تي وڃي ڪريو ۽ ان مان دونهن جا آسمان ڏانهن اڏامندڙ سڌا ڪڪر بلند ٿيڻ لڳا. +تڏهن مس مس وڃي سندس اعصابي ڇِڪ گهٽ ٿي ۽ سندس مشڪون ڍريون ٿيون. کيس ٿڪاوٽ جي زبردست احساس اچي ورايو. هن تيل جو ڪانٽو ڏٺو. ڪانٽو ٻڙيءَ جي بنهه ويجهو ڏڪي رهيو هو. +ٽن يا وڌ ۾ وڌ چئن منٽن جو ٻارڻ باقي بچيل هو ۽ هوائي اڏي تائين پهچڻ ۾ کيس گهٽ ۾ گهٽ ڏهه منٽ لڳندا ۽ پوءِ ٿورو وقت ته مٿي چڙهڻ ۾ به لڳندو. واقعي، هن کان بيوقوفي ٿي ويئي جو هو ڪرندڙ جهاز سان گڏ هيٺ لٿو هو. بنهه هڪ بيوقوف ٻار وانگر هن پاڻ ئي پاڻ کي ڇينڀيو. +جيئن هڪ بهادر ۽ ٿڌي دل ۽ دماغ وارن ماڻهن سان خطري جي گهڙين ۾ ٿيندو آهي، هن جو ذهن بلڪل صاف هو ۽ بلڪل گهڙيءَ وانگر صحيح صحيح ڪم ڪري رهيو هو. پهرين ڳالهه ته کيس بلنديءَ تي پهچڻو هو، چڪر ڪاٽيندي نه پر سڌو هوائي اڏي ڏانهن اڏامندي. +هن پنهنجي هوائي جهاز کي ان طرف موڙيو ۽ ٿڌيءَ دل سان غور ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ٻارڻ ڏيکاريندڙ ڪانٽي ۾ کڻي ڪا غلطي به هجي، ته به اهو هوائي اڏي تائين پهچڻ لاءِ ناڪافي هو، تنهن ڪري ٻارڻ تي ڀروسو ڪرڻ فضول هو. +ڇا هوائي اڏي تي پهچڻ کان اڳ ۾ لهي پئجي؟ پر ڪٿي؟ هن دل ئي دل ۾ مختصر رستي جو حساب لڳايو: جهنگل، اڻ سڌي ڌٻڻ، مستقل مورچن جي کڏن سان ڀريل ٻنيون، جن ۾ آڏا ابتا هر ڏنا پيا هئا، جتي بم گولن سان کڏون ٺهي پيون هيون ۽ جتي ڪنڊن واريون تاريون وڇايون پيون هيون. +”نه! جيڪڏهن آءٌ ڪٿي لٿس ته مارجي ويندس.“ ته پوءِ ڇا ڇٽيءَ وسيلي ٽپو ڏيان؟ ها، اهو ممڪن آهي. هاڻي ئي ڪاڪ پٽ جي ڇت کوليو، هوائي جهاز جو رخ موڙيو، بٽڻ دٻايو ۽ بس. پر هوائي جهاز جو ڇا ٿيندو؟ هن شاندار، بجليءَ وانگر تيز رفتار ۽ چوڪس پکيءَ جو ڇا ٿيندو؟ ان جي جنگي خوبين جي صلاحيتن اڄوڪي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا سندس جان بچائي هئي. ان کي ائين ڇڏي ڏيان، ان کي ائين ڀور ڀور ڪري ڇڏيان، ان کي ٽٽل ڦٽل لوه جي ڍڳ ۾ تبديل ڪري ڇڏيان؟ ائين به ڪونه هو ته ڪو ان ڳالهه جو مٿس الزام مڙهيو ويندو. کيس ان ڳالهه جو ذرو به ڊپ ڪونه هو، پر حقيقت ته قاعدي موجب اهڙيءَ صورتحال ۾ کيس ڇٽيءَ وسيلي ٽپي پوڻ جو بنهه پورو پورو اختيار ۽ حق هو. پر تنهن وقت کيس هي هوائي جهاز هڪ مضبوط ۽ ڪشادي دل وارو، جيئرو جاڳندو لڳي رهيو هو. نه، ان کي ائين ڇڏي ڏيڻ دغابازي ٿيندي ۽ پوءِ ـــــــ پنهنجي شروعاتي اڏامن ۾ بنا جهازن جي موٽان ۽ واندو ويٺو واري اچڻ جو انتظار ڪريان؟ هن وٺ پڪڙ جي عرصي ۾ آءٌ هٿ هٿ تي رکيو ويٺو هجان؟ جڏهن محاذ تي عظيم الشان سوڀ جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ آءٌ اهڙي وقت ۾ بيڪار بيٺو رهان؟ اهو مون کان ڪونه پڄندو. +”نه، ائين ڪم ڪونه هلندو.“ اليڪسيءَ زور سان چيو، جهڙوڪر ڪنهن ٻئي جي صلاح مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو هجي. ان وقت تائين اڏامندو رهه، جيسين انجڻ بند نه ٿي وڃي ۽ پوءِ؟ پوءِ ڏٺو ويندو. +هو اڳيان اڏامندو رهيو. پهرين ته ٽن هزار ميٽرن جي بلنديءَ تي ۽ پوءِ چئن هزار ميٽرن جي بلنديءَ تي. هو هيٺ زمين جي به جانچ ڪندو پئي ويو ته شايد ڪٿي ڪو سڌو ميدان نظر اچي وڃي. اهو جهنگل، جنهن جي پٺيان هوائي اڏو هو، هاڻي پري افق کان نظر پئي آيو، اهو اٽڪل پندرهن ڪلوميٽر پري هو. تيل جي ڪانٽي جي ڏڪاڻي بند ٿي چڪي هئي. هاڻي اهو آخري نقطي تي اطمينان سان بيٺو هو، پر انجڻ اڃا ڪم ڪري رهي هئي. هو ڪهڙي شيءِ جي ڏڍ تي اڏامي رهيو هو؟ مٿي، اڃا مٿي...... صحيح آهي! +اوچتو هوائي جهاز جو هڪ جهڙو آواز تبديل ٿي ويو. آواز جي اها هڪ جهڙائيءَ هواباز محسوس به ڪونه ڪندو آهي، جيئن هڪ صحتمند ماڻهو پنهنجي دل جي ڌڙڪڻ جي آواز کان بي نياز رهندو آهي. اليڪسيءَ انهيءَ تبديليءَ کي هڪدم سمجهي ورتو. جهنگل هاڻي صاف نظر اچي رهيو هو. جهنگل ست ڪلوميٽر اڃا پري هو ۽ اٽڪل ڪري چار ڪلوميٽر ويڪرو هو. هي پنڌ ڪو گهڻو ڪونه هو، پر انجڻ جي ڌڙڪڻ ۾ اها خوفناڪ تبديلي اچي چڪي هئي، جنهن کي هواباز جو سمورو وجود محسوس ٿو ڪري، ڄڻ ته اها انجڻ ڪانه هئي پر خود هو پاڻ ساه کڻڻ لاءِ ڦٿڪي رهيو آهي. آخرڪاراهو ئي هيبتناڪ ”چڪ، چڪ، چڪ“ جو آواز اچڻ شروع ٿيو، جيڪو سندس سموري جسم ۾ درد ۽ پيڙا جي اذيت ڏيندڙ سوٽ پيدا ڪري ٿو وجهي.......! +”نه، ٺيڪ آهي، ڪا ڳالهه ڪانهي. جهاز صحيح نموني ۾ ڪم ڪري پيو. اڙي، هي ته ڪم ڪري پيو. ٺيڪ آهي، هاڻي ٿيو نه مزو ۽ جهنگل به اجهو هي پهتو.“ کيس برچ وڻن جون چوٽيون سمنڊ وانگر ڇوليون هڻنديون محسوس ٿيون. ها، جهنگل! هاڻي هوائي اڏي کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به لهڻ ممڪن ڪونهي. هاڻي فقط هڪڙو ئي رستو هو ته اڳتي وڌ ۽ اڳتي وڌ. +چڪ، چڪ، چڪ............! +انجڻ ۾ ٻيهر شور پيدا ٿيو. ڇا اهو گوڙ ڳچ دير تائين جاري رهندو؟ هو جهنگل مٿان اڏامي رهيو هو. چڪ، چڪ، چڪ! ۽ اوچتو خاموشي ڇانئجي ويئي. هيءَ ماٺ ايتري ته گهري هئي جو کيس ايريل جي تار جو هوا ۾ پيدا ٿيندڙ سوسٽ ٻڌڻ ۾ آيو. چڱو، معاملو پورو ٿيو. ميريسئف جي جسم ۾ سيئانڊڙو ڊوڙي ويو. ڇا ڇٽي کڻي ٽپي پوان؟ نه! ٿورو اڳيان هل. هن هوائي جهاز جو رخ لاهيءَ طرف موڙيو ۽ پاسيرو هيٺ ترڻ لڳو. هو ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هو ته جيستائين ممڪن ٿي سگهي، توازن قائم رکي ۽ هوائي جهاز ڪنهن چڪر ۾ ڦاسي نه پوي. +هوا ۾ هيءَ موت جهڙي ماٺ ڪيڏي نه اذيت ناڪ هئي. هيءَ ايڏي ته گهري ماٺ هئي، جو کيس ٿڌي ٿيندڙ انجڻ جي ٽڙڪاٽن جو آواز، پنهنجي ڪنن جي پاپڙين جي ڦڙڪڻ جو آواز ۽ تيز غوطو کائڻ جي ڪري سندس ڪنن ۾ سوسٽ ٻڌجي رهيا هئا. زمين ڏاڍو تيزيءَ سان کيس گلي لڳائڻ لاءِ مٿي اڀري رهي هئي، جهڙوڪر هڪ زوردار چقمق کيس هوائي جهاز ڏانهن ڇڪي رهي هئي. +جهنگل جو ڪنارو ويجهو پهچي ويو ۽ کيس هوائي اڏي جو ميدان ڏسڻ ۾ آيو. تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي؟ پنکو هڪ طرف جهڪي بيهي رهيو. ان کي هوا ۾ ائين بيٺل ڏسڻ ڏاڍو ڀيانڪ هو. ڇا هيءَ پڄاڻي هئي؟ ڇا اوليا کي ڪڏهن به خبر پئجي سگهندي ته هن جو انت ڪيئن آيو؟ گذريل ارڙهن مهينن ۾ هن ڪيتري نه زبردست ناقابل يقين محنت ڪئي هئي ۽ هن آخرڪار پنهنجي منزل ماڻي هئي. هو هڪ سچو، ها واقعي هڪ سچو انسان بنجي چڪو هو ۽ هي سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان هڪدم پوءِ ڇا هن کي ائين ڪِري فنا ٿيڻو هو؟ +ڇٽي کڻي ٽپي پوان؟ وقت هٿان وڃي چڪو هو! هوائي جهاز هيٺان جهنگل تيز تيز ترندي پئي نظر آيو. ان طوفاني ڊوڙ ۾ وڻن جون چوٽيون هڪ هموار ۽ سلسليوار ميدان وانگر نظر اچي رهيون هيون. هن پهرين به ان قسم جو نظارو ڏٺو هو. ڪڏهن؟ بيشڪ بهار جي موسم ۾ پنهنجي خوفناڪ حادثي وقت! هن آخري ڪوشش ڪئي ۽ اسٽيئرنگ گيئر ڇڪي ورتو. +(8) +گهڻو رت وهي وڃڻ جي ڪري پتروف کي ڪنن ۾ سيٽيون وڄنديون پئي ٻڌڻ ۾ آيون. هر شيءِ ــــــ هوائي اڏو، ڄاتل سڃاتل چهرا ۽ ٽپهريءَ جا سونهري بادل ــــــــ ها، هر شيءِ اوچتو غائب ٿيڻ لڳي. آهستي آهستي بنهه گم ٿي ويئي ۽ پوءِ جهڙوڪر ڌنڌ ڇانئجي ويئي. هن پنهنجي زخمي ٽنگ چوري ۽ درد جي اذيت ۽ شدت کان هوش ۾ اچي ويو. ”ڇا هو اڃا تائين ڪونه آيو آهي؟“ هن پڇيو. ”نه، اڃا ڪونه پهتو آهي. پر تون ڳالهاءِ نه.“ جواب مليو. +اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ان ڏينهن بنهه ان گهڙيءَ، جڏهن پتروف جي سامهون موت جو فرشتو ناچ ڪري رهيو هو، تڏهن ميريسئف عقاب وانگر جرمن جهاز تي اچي ڪڙڪيو هو ۽ کيس موت جي منهن مان ڇڪي ڪڍي آيو هو، سو هينئر اهو ساڳيو ميريسئف پاڻ سڙيل گوشت جي ڍڳ کان سواءِ ڪجهه به ڪونه هوندو – گوشت جو ڍڳ، جيڪو بم گولن سان ڇيهون ڇيهون ۽ پرڻ ٿيل زمين تي ، خبر ناهي ڪٿي پيل هوندو؟ ڇا سرجنٽ ميجر پتروف پنهنجي مهندار جون ڪاريون، وحشت ڀريل وڻندڙ ۽ کلندڙ اکيون وري ڪڏهن به ڏسي ڪونه سگهندو؟ ڪڏهن به نه؟ ڇا اهو ئي انت آهي؟ +ونگ ڪمانڊر پنهنجي ٻانهن هيٺ ڪري ڇڏي. هاڻي کيس گهڙي ڏسڻ جي ضرورت ڪانه رهي هئي. هن پنهنجي هموار وارن کي ٻنهي هٿن سان ٺيڪ ڪندي چيو. +”بس!“ +”ڇا هاڻي ڪابه اميد ڪانهي؟“ ڪنهن پڇيو. +”نه، تيل ختم ٿي چڪو. شايد هن ڪٿي هوائي جهاز لاٿو هوندو يا ڇٽيءَ وسيلي لهي ويو هوندو...... هاڻي هي اسٽريچر هتان کڻي وڃو.“ +ڪرنل مڙيو ۽ بي سري انداز ۾ ڪنهن ڌُن تي سينڍ وڄائڻ لڳو. پتروف کي ٻيهر ڪا شيءِ نڙيءَ ۾ ڦآسندي معلوم ٿي، جيڪا ايڏي ته وڏي ۽ گرم هئي، جو سندس نڙي گهٽجڻ لڳي. کنگهه جو هڪ عجيب قسم جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوائي اڏي جي وچ تي اڃا تائين سڀئي ماڻهو سانت ۾ بيٺا هئا. انهن مُڙي ڏٺو ۽ هڪدم ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيائون. زخمي هواباز ميجر پتروف اسٽريچر تي سڏڪا ڀري روئي رهيو هو. +”هن کي کڻي وڃو. ڇا ٿي ويو آهي توهان کي.....؟“ ڪرنل گهٽيل آواز ۾ رڙ ڪري چيو ۽ وڃڻ لڳو. هو هجوم کان نظر بچائي��دو وڃڻ لڳو ۽ اکيون چنجهيون ڪري ڇڏيائين، ڄڻڪ تيز هوا کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. +ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا، ليڪن بلڪل ان سمي جهنگل جي ڪناري مٿان لومڙيءَ جهڙي خاموشيءَ سان هڪ هوائي جهاز ترندو نظر آيو، جنهن جا ڦيٿا وڻن جي چوٽين کي ڇهندا ترڪي رهيا هئا. هڪ جادوءَ جي جهاز وانگر اهو ماڻهن مٿان ترندو هليو ويو ۽ ان جا ٽيئي ڦيٿا هڪ ئي وقت زمين تي لڳا، ڄڻڪ ڪنهن شيءِ کيس پاڻ ڏانهن ڇِڪي ورتو هجي. گهٽيل کڙ کڙ جو آواز اڀريو. بجريءَ جي چر چر ۽ گاه جي سر سر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هيءَ هڪ غير معمولي ڳالهه هئي. ڇو ته جڏهن هواباز لهندا آهن، تڏهن انجڻ جي گوڙ ۾ هي آواز ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندا آهن. هي سڀ ڪجهه ايترو ته اوچتو ٿيو، جو ڪنهن کي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ته ڇا ٿيو آهي؟ حالانڪ معاملو انتهائي معمولي هو؛ هڪ هوائي جهاز لٿو ۽ اهو هو نمبر 11. اهو ئي هوائي جهاز، جنهن جو سڀ ايتري دير کان انتظار ڪري رهيا هئا. +”ساڳيو آهي.“ ڪنهن بنهه جنوني ۽ غير فطري آواز ۾ رڙ ڪئي، جنهن سان سمورن جي خاموشي ٽٽي پئي. +هوائي جهاز ڊوڙڻ بند ڪيو ۽ هوائي اڏي جي ڪناري سان بيٺل سفيد کل واري برچ جي نَون ۽ گهاٽن وڻن جي سامهون اچي بيهي رهيو. +ڪاڪ پٽ مان ڪير به ٻاهر ڪونه نڪتو. ماڻهو بي اختيار هوائي جهاز ڏينهن ڊوڙڻ لڳا. دل ۾ هر قسم جا انديشا کنيو ڊوڙندا ويا. ڪرنل انهن جي اڳيان اڳيان ڊوڙي رهيو هو. هو ٽپ ڏيئي پَرَ تي چڙهي ويو ۽ هن ڇت هٽائي ڪاڪ پٽ ۾ ليئو پائي ڏٺو. ميريسئف اگهاڙي مٿي سان ويٺو هو. سندس چهرو اونهاري جي ڪڪرن وانگر سفيد ٿي چڪو هو، سندس رت کان خالي سانواڻ مائل چپن تي هلڪي مسڪراهٽ پکڙيل هئي. ڏندن سان چٻيل چپن مان رت جون ٻه سيرون سرڪي رهيون هيون. +”جيئرو آهين؟ ڌَڪَ ته ڪونه لڳا اٿئي؟“ +ميريسئف انتهائي هيڻائيءَ سان مسڪرايو ۽ بنهه ٿڪل اکين سان ڪرنل ڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ چيائين: +”بنهه ٺيڪ آهيان. ٿورو هراسجي ويو هيس.... اٽڪل ڇهن ڪلوميٽرن کان هوائي جهاز ۾ هڪ ڦڙي به تيل جي ڪانه هئي.“ +هوابازن جو هجوم اليڪسيءَ جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهي رهيو ۽ کيس زور زور سان مبارڪون ڏيڻ ۽ ساڻس هٿ ملائڻ لڳا. +”يارو ٿورو سنڀاليو ته سهي. مون کي نڪرڻ ته ڏيو. ائين ته توهان هوائي جهاز جو پر جهوري وجهندؤ. خدا جي واسطي ائين نه ڪريو.“ +ٺيڪ انهيءَ مهل هن پنهنجي مٿان جهُڪيل هجوم مان هيٺان کان ڪو ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌو. پر هي آواز ايترو ته جهيڻو هو، جهڙوڪر گهڻو پري کان اچي رهيو هجي. +”اليوشا! اليوشا!“ +ميريسئف جي سگهه يڪدم ٻيهر بحال ٿي وئي. هو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. هن ٻانهن جي سهاري زور ڏئي پاڻ کي مٿي کنيو ۽ پنهنجي پيرن کي ڪاڪ پٽ کان ٻاهر ڪڍيو. پَرَ تي بيٺل ڪنهن ماڻهوءَ سان ٽڪرائجندي مس مس بچيو ۽ ٽپ ڏيئي هيٺ لهي ويو. +ان وقت تائين پتروف جو زخمي چهرو سُڄي دڙو ٿي ويو هو ۽ سندس وڏين گهرين اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. +”اڙي يار! تون جيئرو آهين. تون..... اڙي بدمعاش!“ اليڪسيءَ گوڏن ڀر اسٽريچر جي هڪ پاسي ڪِرندي دانهن ڪئي. هن پنهنجي ساٿيءَ جو بيوسيءَ ۾ پيل مٿو پنهنجن هٿن ۾ جهليو ۽ سندس ايذاءُ کان بي چين ۽ مسرت جي چڻنگن سان روشن اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو. +”تون جيئرو آهين!“ +”تنهنجي مهرباني اليوشا، تو منهنجي جان بچائي. تون..... اليوشا..... تون.....!“ +”بس هاڻي گهڻو ٿيو. زخميءَ کي هتان کڻي وڃو. اُتي چرين وانگر وات ڦاڙيو ڇا پيا ڏسو؟“ ڪرنل گجندڙ آواز ۾ چيو. +”سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف، پنهنجي اڏام جي باري ۾ رپورٽ ڏي. ڪو جهاز ڪيرايئي به؟“ ڪرنل آفيسراڻي لهجي ۾ مطالبو ڪي��. +”جي ها ڪامريڊ ڪرنل، ٻه فوڪي وولف.“ +”ڪهڙي نموني؟“ +”هڪ آڏي پاسيري حملي ۾، اهو جهاز پتروف جو پيڇو ڪري رهيو هو ۽ ٻيون آمهون سامهون واريءَ جهڙپ ۾. هي واقعو عام لڙائيءَ واري علائقي کان اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ٿيو هو.“ +”مون کي خبر آهي. زمين تان نظرداري ڪندڙ هينئر هينئر مون کي اطلاع ڏنو آهي.... ٺيڪ آهي، مهرباني.....“ +”آءٌ اوهان جي خدمت ۾ ڪجهه........“ اليڪسيءَ فوجي قاعدي موجب چوڻ چاهيو، پر ڪرنل کيس روڪي ڇڏيو، توڙي جو قاعدي ۽ ضابطي واري معاملي ۾ هو ڏاڍو سخت هو، پوءِ به هن غير رسمي لهجي ۾ چيو: +”تمام سٺو! سڀاڻي توهان ڪمانڊر ٿيندؤ..... ٽئين جٿي جو ڪمانڊر هوائي اڏي تي ڪونه پهتو آهي.“ +هو گڏجي ڪمانڊ پوسٽ ڏانهن وڃڻ لڳا. ان ڏينهن جون اڏامون پوريون ٿي چڪيون هيون، تنهن ڪري سمورو هجوم انهن جي پٺيان هلڻ لڳو. هو اڃا ڪمانڊ پوسٽ وٽ پهتا ئي مس ته اتي ڊيوٽي تي موجود آفيسر ڊوڙندو آيو. هو تيزيءَ سان ڪرنل جي اڳيان سڌو بيهي رهيو. هن جو مٿو اگهاڙو هو ۽ هو بنهه خوش هو ۽ وهلور پئي ويو. هُن اڃا ڪجهه چوڻ لاءِ وات کوليو ئي مس ته کيس ڪرنل رُکي ۽ سخت آواز ۾ روڪي ڇڏيو. +”تنهنجي مٿي تي ٽوپي ڇو ڪانهي؟ تون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ ڇا تون شاگرد آهين ۽ وچ واري موڪل جي ڪلاڪ ۾ مزا پيو ماڻين؟“ +”ڪامريڊ ڪرنل! مون کي اطلاع ڏيڻ جي موڪل ڏيو.“ جوش ۾ ڀريل ليفٽيننٽ جي وات مان نڪتو ۽ هو سڌو ٿي بيهي رهيو ۽ سهڪي رهيو هو. +”ڇا آهي؟“ +”اسان جي ڀر واري ڪمانڊ پوسٽ جو ونگ ڪمانڊر توهان سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ چاهي ٿو.“ +”اسان جي پاڙيوارو؟ ان کي ڇا کپي.......؟“ +ڪرنل تکا تکا قدم کڻندو خندق جي چاڙهيءَ تان لهڻ لڳو. ”ضرور ڪا تنهنجي باري ۾ ڳالهه آهي.....، ليفٽيننٽ اڃا اليڪسيءَ کي چوڻ شروع ئي مس ڪيو ته هيٺان ڪرنل جو آواز آيو: ”ميريسئف کي مون ڏانهن موڪليو.“ +جڏهن اليڪسي ضابطي تحت سڌو ٿي، سندس سامهون بيٺو، تڏهن هن آواز جهٽڻي تي هٿ رکيو ۽ غصي مان گرجيو: ”تو مون کي غلط اطلاع ڇو ڏنو؟ اسان جو پاڙي وارو پڇڻ ٿو چاهي ته ”يارهون نمبر“ ڪير اڏائي رهيو هو؟ مون جواب ڏنو ته سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف. وري هن پڇيو ته تو اڄ سندس هٿان ٿيل گهڻا شڪار لکيا آهن؟ مون چيو ٻه، پر هو چوي ٿو ته هن جي نالي وڌيڪ هڪ ٻيو به لکج. هن هڪ ٻيو به ”فوڪي وولف“ ڪيرايو هو، جيڪو منهنجي پٺيان پيو هو. مون خود پاڻ ان کي ڪرندي ڏٺو هو. ها؟ خاموش ڇو آهين؟ ٻڌاءِ اهو سڀ ڪجهه سچ آهي؟“ ڪرنل جا ڀرون تاڻجي ويا ۽ هن ڪاوڙ ڀريل نگاهن سان اليڪسيءَ کي ڏٺو. اهو چوڻ ڏاڍو مشڪل هو ته هو ڀوڳ ڪري رهيو هو يا سنجيدگيءَ سان چئي رهيو هو؟ ”ڇا اهو صحيح آهي؟ هان وٺ، تون پاڻ ڳالهائيِ ڏس...... هيلو! ڇا تون آهين؟ ميريسئف هتي موجود آهي، ساڻس ڳالهاءِ.“ +ٽيليفون مان هڪ اڻڄاتل ڳرو آواز آيو: +”تنهنجي مهرباني سينيئر ليفٽيننٽ! توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو. توهان کي شابس هجي، توهان منهنجي جان بچائي آهي. ها، آءٌ ان سان گڏ زمين تائين ويو هوس. مون کيس زمين تي ڪرندي ڏٺو هو. ڇا تون پيئندو آهين؟ تون مون وٽ اچ، تنهنجي نالي جي بوتل مون وٽ آهي. اچ ته گڏجي پيون. چڱو، هڪ ڀيرو وري به تنهنجي مهرباني، باقي جڏهن روبرو ملنداسين ته ڀاڪر پائينداسين، چڱو پنهنجي مهم جاري رک.“ +ميريسئف فون رکي ڇڏي. ان ڏينهن هو جن تجربن مان گذريو هو، تنهن کان پوءِ هو ٿڪجي بنهه چور ٿي چڪو هو. کيس فقط هڪڙو خيال ذهن ۾ هو ته هو ڪنهن نه ڪنهن طرح خندق تائين پهچي ــــــــ هو نقلي پير لاهي پري اڇلي ۽ ٽنگون ٽيڙي سنئون ڊگهو ٿي سمهي پوي ۽ پوءِ ٽيليفون رکي آهستي آهستي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو. +”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ڪرنل سندس رستو روڪي ڇڏيو. هن ميريسئف جو هٿ پنهنجي هڏائين هٿ ۾ ورتو ۽ ايترو ته زور سان دٻايائينس جو سندس هٿ ڌکڻ لڳو. +”چڱو، مون وٽ تنهنجي واکاڻ لاءِ لفظ ڪونهن. سواءِ ان جي ته بس تون انتهائي ڀلو ماڻهو آهين. مون کي فخر آهي ته تو جهڙا ماڻهو به منهنجا ماتحت آهن...... ان کان وڌيڪ آءٌ ڇا چوان......؟ تنهنجي مهرباني ۽ ها، هو تنهنجو يار، منهنجو مطلب آهي پتروف، اهو به ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي ۽ ٻيا به...... آئون چوان ٿو ته اسان وٽ جيسين توهان جهڙا سرويچ موجود آهن، اسين هيءَ جنگ هارائي نه ٿا سگهون.“ +۽ هن ٻيهر زور سان ميريسئف جو هٿ دٻايو. +ميريسئف پنهنجي خندق ۾ پهتو ته رات پئجي چڪي هئي، پر هو سمهي نه سگهيو. هن وهاڻي کي اٿلايو پٿلايو، هزار تائين انگ ڳڻيائين ۽ وري ابتڙ ڳڻپ ڪيائين. هن پنهنجي سمورن سڃاڻو ماڻهن جا نالا ياد ڪيا، جن جا نالا الف ۽ ب سان شروع ٿيندا هئا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه........ ۽ پوءِ هن ٽِڪَ ٻڌي گاسليٽ جي ٻرندڙ چمنيءَ کي گهورڻ شروع ڪيو، پر ننڊ جي ديويءَ کي ريجهائڻ ۾ ڪامياب ڪين ويو. اکيون بند ڪرڻ سان ئي مختلف ڄاتل سڃاتل چهرا، ڪي چٽا ته ڪي ڌنڌلا سندس سامهون اچي ٿي بيٺا. ڪن کي ته سڃاڻڻ به مشڪل ٿي پيس ـــــــــ چاندي جهڙن اڇن وارن جي چڳن مان لياڪا پائيندڙ ۽ فڪر ۾ ٻڏل نانا ميخائل جون اکيون، آندرئي ديگتيارنيڪو جون وڏيون وڏيون پکڙيل پکڙيل اکيون، جيڪي هميشه پٽبيون ۽ پوربيون رهنديون هيون، واريا جون پنهنجي وَرَ لاءِ منتظر اکيون، واسيلي واسيلي وچ، جنهن جا گهاٽا وار هميشه لڙڪندا رهندا هئا ۽ هو هميشه ڪنهن نه ڪنهن کي دڙڪا ڏيندو رهندو هو، هو پوڙهو نشاني باز، سندس سپاهين جهڙو چهرو، جنهن تي مسڪراهٽ سان گهنج پئجي ويا هئا، کيس ڪميسار وروبيوف جو ميڻ جهڙو چهرو نظر آيو، جيڪو وهاڻي تي رکيو هو ۽ هو پنهنجي ڏور رس، چڀندڙ ۽ دل تي پهو رکندڙ مرڪندڙ اکين سان گهوري رهيو هو. کيس ڪلاوديا ميخائيلونا ’سوويت حور‘ جو چهرو نظر آيو. سندس اکين ۾ زينوچڪا جا ڳاڙها وار تري آيا. تصور ئي تصور ۾ ننڍي قد واري جوشيلي استاد نائوموف مسڪرايو ۽ سندس دل جي ڳالهه سمجهندي، کيس اک ڀڳائين. تمام گهڻن شاندار ۽ پنهنجائپ وارن چهرن کيس ڏٺو ۽ اونده مان لياڪا پائيندي مسڪرايو. انهن چهرن ڪيترين يادگيرين کي تازو ڪري وڌو ۽ سندس دل کي، جيڪا پهريائين ئي جذبات کان وهلور پئي وئي، خوش ڪري وڌو. پر پوءِ انهن سمورن دوستاڻن چهرن جي وچ مان اوليا جو چهرو اڀريو ۽ ٻيا سڀ چهرا آهستي آهستي گم ٿي ويا. سنهڙو چهرو، آفيسر جي فوجي ورديءَ مان لياڪا پائيندڙ، ڇوڪرن جهڙيون وڏيون وڏيون ۽ ٿڪل ٿڪل اکيون. اهي اکيون کيس ايتريون ته صاف ۽ چٽيون پئي ڏسڻ ۾ آيون، ڄڻڪ هوءَ واقعي سندس سامهون اچي بيٺي هجي ـــ ۽ ڪجهه اهڙي انداز سان جو هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به کيس اهڙي انداز ۾ ڪونه ڏٺو هو، تصور جا خواب اهڙا ته روشن ۽ واضح هئا جو هو ڇرڪي پيو. +سمهڻ جي ڪوشش بيڪار آهي. هو خوشيءَ ۽ سرشاريءَ جي مستيءَ ۾ جهومندو اٿيو ۽ چمنيءَ جي وَٽِ صاف ڪري هن اوليا کي خط لکڻ شروع ڪيو. +”منهنجي پياري!“ هن خط صاف صورتخطيءَ ۾ لکيو. هو انهن خيالن کي مشڪل سان سميٽي پئي سگهيو، جيڪي سندس ذهن ۽ دماغ ۾ گردش ڪري رهيا هئا. ”اڄ مون ٽن جرمن جنگي هوائي جهازن کي ڪيرايو آهي، پر اها ڪا خاص ڳالهه ڪانهي. روزانو اسان جا ساٿي اهو ئي ڪجهه ڪري رهيا آهن. منهنجي جند، منهنجا روح! اڄ آءٌ چاهيان ٿو ۽ اڄ مون کي اهڙو حق پڻ حاصل ٿ�� چڪو آهي ته آءٌ توکي ٻڌايان ته ارڙهن مهينا اڳ مون تي ڪهڙي قيامت ڪِري هئي ۽ جنهن لاءِ مون کي معاف ڪجانءِ، خدا جي واسطي مون کي معاف ڪجانءِ، جنهن کي مون توکان لڪايو هو؛ پر اڄ مون فيصلو ڪري ئي ورتو آهي.......“ +۽ اليڪسي پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويو. کليل دروازي مان ٿڌڙي هوا سان گڏ گاهن ۽ گلن جي سرهاڻ اندر پئي آئي. سڳنڌ سان گڏ پکين جو آواز پڻ آيو پئي. ڪٿان پري کان گهاٽيءَ جي ٻي پار کان، شايد آفيسرن جي کاڌي واري ڪمري کان ٻاهر ڪنهن مرد ۽ عورت جي آواز ۾ ”ريبي نا“ جي وڻ واري گيت جا ٻول جهونگارجي رهيا هئا. ڏوريءَ ان گيت جي ڌن ۾ هڪ عجيب ڌيرج پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ ان ڌيرج رات جي وقت ان گيت ۾ هڪ انوکو لطف ۽ جادوءَ ڀريو رس ڀري ڇڏيو هو. گيت اليڪسيءَ جي دل کي هڪ مٺاس ڀري اداسي ــــــ انتظار، اوسيئڙي ۽ اميد سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو.......! + + +پڇاڙي + +اوريل واري ويڙهه پنهنجي سوڀ کي بنهه ويجهي پهچي چڪي هئي. اتر کان وڌندڙ فوجن جي آس پاس واريون خبرون پهچي رهيون هيون ته ڪواسو گورسڪ ٽڪرين تان ٻرندڙ شهر نظر اچي رهيو آهي ۽ اهڙيءَ صورتحال ۾ هڪ ڏينهن برياسڪ محاذ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اطلاع پهتو ته گذريل نون ڏينهن ۾ روسي هوابازن دشمن جا 47 هوائي جهاز تباه ڪيا آهن ۽ سندن فقط پنج هوائي جهاز تباه ٿيا آهن ۽ رڳو ٽي هواباز مارجي ويا آهن. ٻه هواباز ڇٽين وسيلي لهي پيرين پنڌ پنهنجي هوائي اڏي تي پهچي ويا هئا. روسي فوجن جي تڪڙي پيش قدميءَ واري ڏينهن ۾ هي هڪ غير معمولي واقعو هو آءٌ رابطو ڪندڙ هڪ هوائي جهاز ۾ چڙهي ويٺس، جيڪو ان رجمينٽ ڏانهن ئي پئي اڏاڻو. منهنجو ارادو هو ته اتي وڃي ان دستي جي هوابازن جي جانبازي ۽ بهادريءَ جا داستان معلوم ڪريان ۽ ”پراودا“ (روسي قومي اخبار) لاءِ مضمون لکان. هي هوائي اڏو به انهن ميداني هوائي اڏن مان هڪ هو، جيڪي جنگ جي قيامت خيز ڏينهن ۾ عام هئا. هواباز ۽ هوائي جهاز برچ جي وڻن ۾ قطارون ڪريو ائين لڪا بيٺا هئا، جيئن تتر مادي پنهنجي ٻچن جي ولر سان ٻوڙن ۾ لڪندي آهي. +اسين پوئين پهر اتي لٿاسين. رجمينٽ جو مصروف ۽ هنگامو برپا ڪندڙ ڏينهن ختم ٿي رهيو هو. اوريل جي علائقي ۾ جرمن هوائي جهاز ڪجهه وڌيڪ جوش ۽ جذبو ڏيکاري رهيا هئا ۽ ان ڏينهن هر ويڙهو هوائي جهاز ست اڏامون ڪري چڪو هو ۽ سج لٿي ڌاري هوائي جهاز پنهنجي اٺين اڏام تان واپس موٽي رهيا هئا. ڪرنل ننڍي قد وارو ماڻهو هو. سندس چهرو سانورو هو ۽ هن سينڌ ڏاڍي صفائيءَ سان ڪڍي هئي. کيس نئون نئون نيرو هوائي لباس پاتل هو. هن صاف انڪار ڪندي چيو ته هو ان ڏينهن جي باري ۾ ڪابه ڪهاڻي نٿو ٻڌائي سگهي. هو صبح جو ڇهين وڳي کان هوائي اڏي تي موجود هو ۽ ٽي ڀيرا پاڻ به اڏامون ڪري چڪو هو. هو ايترو ته ٿڪل هو جو ٺيڪ بيهي به نٿي سگهيو. ٻيا آفيسر پڻ ان ڏينهن اخبار وارن کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. مون سوچيو ته مون کي سڀاڻي تائين ترسڻو پوندو. ويتر، دير به ايتري ٿي چڪي هئي جو واپس موٽڻ به مشڪل هو. جهاز لهندا پئي ويا. سڀني کان آخري هوائي جهاز دستي نمبر3 جي ڪمانڊر جو هو. ڪاڪ پٽ جي شفاف ڇت مٿي کنئي ويئي. سڀ کان اڳ جهاز مان عاج وارو آبنوسي لڪڻ زور سان ٻاهر نڪتو، جنهن تي سونهري گلڪاري ٿيل هئي. لڪل گاه تي ڪري پيو. پوءِ سانوري رنگ جي ويڪري چهري ۽ ڪارن وارن واري ماڻهوءَ پاڻ کي پنهنجي مضبوط ٻانهن جي زور تي مٿي کنيو، ڦڙتائيءَ سان پنهنجي جسم کي هڪ طرف ڪڍيو ۽ پر تي لٿو ۽ پوءِ زور سان زمين تي ٽپ ڏنائين. ڪنهن مون کي چيو ته اهو رجمينٽ جو سڀني کان سٺو هواباز آهي. مون سوچيو: اڄ��ڪي شام اجائي ڇو وڃي؟ ڇو نه ان سان ئي ڳالهه ٻولهه ڪري وٺجي. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هن کلندڙ جوشيلي جوان، ڪارين اکين سان مون کي گهوري ڏٺو هو. سندس اکين ۾ ڇوڪرائپ جو اڻ مٽ اٻالوپڻ موجود هو، جنهن ۾ اهڙي ماڻهوءَ جي ٿڪل ٿڪل دانشمندي جو ميلاپ به موجود هو، جنهن سان گهڻو ڪجهه وهي واپري چڪو هجي. هن مسڪرائيندي مون کي چيو: +”اڙي بندا خدا جا! آءٌ ايڏو ته ٿڪل آهيان جو ڳالهه ئي نه پڇ. خبر ناهي ڪيئن پنهنجا پير گهليندو پيو هلان ۽ مٿي ۾ چڪر پيا اچن – پر خير، تو ماني کاڌي آهي؟ نه! چڱو، پاڻ ماني کائڻ واري ڪمري ۾ گڏجي ماني ٿا کائون. کاڌي ۾ اسان کي هر ڪيرايل جهاز جي انعام ۾ ٻه سؤ گرام وودڪا شراب ملندو آهي. اڄ آءٌ ڇهه سئو گرامن جو حقدار آهيان جيڪو پاڻ ٻنهي لاءِ کوڙ آهي. ته پوءِ هلين ٿو نه؟ جيڪڏهن تون ڪهاڻي ٻڌڻ لاءِ ايترو بيقرار آهين ته پوءِ اچ ته هلون، گڏجي ماني به کائينداسين ۽ ڪچهري به ڪنداسين.“ +آءٌ راضي ٿي ويس. مون کي هي سچ ڳالهائيندڙ ۽ کل مک آفيسر ڏاڍو پسند آيو. اسين ان گس تان وياسين، جيڪو جهنگل مان هوابازن جي هلڻ ڪري پيچرو ٺهي پيو هو. منهنجو نئون دوست تکو تکو هلندو ۽ هر هر ڪو نه ڪو جهنگلي ميوو پٽڻ لاءِ هيٺ ولين ڏانهن جهڪي ٿي ويو. واقعي، هو ڏاڍو ٿڪل هو، ڇو ته سندس قدم مس ٿي کنيا. پر هن عجيب قسم جي لڪڻ جو سهارو ڪونه ٿي ورتو. اهو بس سندس ٻانهن ۾ لڙڪيل هو. جڏهن اسان نالي پار ڪري ترڪڻيءَ چڙهائيءَ تي مٿي پئي چڙهياسين، تڏهن به هن پاسي ۾ بيٺل ٻوٽن جي ٽارين کي جهلي چڙهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر لڪڻ جو سهارو ڪونه پئي ورتائين. +کاڌي واري ڪمري ۾ پهچڻ شرط سندس ٿڪاوٽ هڪدم اڏامي وئي. هن دريءَ جي پاسي ۾ پيل ميز ويهڻ لاءِ چونڊي، جتان اسين لهندڙ سج جي لالاڻ جو نظارو ڪري پئي سگهياسين. هن ڏاڍي شوق سان پاڻيءَ جي ڀريل ڇَل ڏوڪ ڏوڪ ڪري پيتي. پوءِ خوبصورت ۽ گهنڊيدار وارن واري ماني کارائيندڙ ڇوڪريءَ سان اسپتال واري دوست جي باري ۾ ڀوڳ ڪيو. هواباز ٻڌايو ته هن ڇوڪريءَ ان زخمي هواباز جي ڪري کاڌي ۾ ايترو ته لوڻ وجهڻ شروع ڪيو آهي، جو سڀني جو جيئڻ حرام ٿي پيو آهي. هو ڏاڍي شوق سان ماني کائيندو رهيو ۽ چانپ جي هڏيءَ تان ڏندن سان گوشت پٽيندو کائيندو رهيو ۽ ٻين ميزن تي ويٺل دوستن سان کل ڀوڳ به ڪندو رهيو. هن مون کي چيو ته ماسڪو جون تازيون خبرون ٻڌاءِ. اهو به پڇيائين ته ڪهڙا ڪهڙا نوان ڪتاب ڇپيا آهن ۽ ٿيٽرن ۾ ڪهڙا نوان ڊراما پياهلن ۽ انهيءَ ڳالهه تي افسوس ظاهر ڪيائين ته هو هڪ ڀيرو به ماسڪو آرٽ ٿيٽر ۾ ڪونه ويو آهي. جڏهن اسان آخري گرهه کڻي رهيا هئاسين، تڏهن مون کان پڇيائين: +”ڇا تو رات گذارڻ جو بندوبست ڪيو آهي؟“ مون چيومانس ته ”نه!“ ”ته پوءِ اچ ته هلي منهنجي خندق ۾ ٿا سمهون.“ هن پنهنجا ڀرون تاڻيا ۽ چيائين ته ”اڄ منهنجو ساٿي ڪونه موٽيو آهي.... تنهن ڪري هڪ تختو خالي پيو آهي. آءٌ ڪٿان ڪا صاف چادر کڻي وٺندس ته پوءِ اچ ته هلون.“ +سا ڳالهه پڌري پَٽِ هئي ته هو انهن ماڻهن مان هو، جن کي ماڻهن سان ڏاڍو لڳاءُ هوندو آهي ۽ جن کي نون مهمانن سان ڪچهري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي. آءٌ راضي ٿي ويس. خندق ايڏي ته ٿڌي هئي ۽ ٻاهر جهنگلي جيتن جي سريلي آوازن جو سلسلو ايترو سڪون بخشيندڙ هو جو اسان ٻنهي کي ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳا ۽ اسان ڪچهري ڪرڻ ۽ پيئڻ جو پروگرام ٻئي ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. +هواباز ٻاهر ويو ۽ مون زور زور سان ڏنڌڻ ڪرڻ ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس کنگهار جو آواز پري پري جهنگل تائين هليو ويو. هو ڏا��و خوش خوش ۽ تازو توانو ٿي اندر آيو. سندس وارن ۽ ڀروئن تي پاڻيءَ جا ڦڙا چمڪي رهيا هئا. هن ڏيئي جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڪپڙا بدلايا. ڪا شيءِ ٺڪاءُ ڪري پٽ تي ڪري. مون هيٺ ڏٺو ۽ مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي ڪونه آيو. سندس پير وڃي پٽ پيا هئا! بنا پيرن وارو هواباز! ۽ سو به هڪ جنگي هوائي جهاز جو هواباز! جنهن ان ڏينهن ست اڏامون ڪيون هيون ۽ دشمن جا ٽي هوائي جهاز ڪيرايا هئا!! سا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي. +پر حقيقت هيءَ هئي ته سندس نقلي پير، جن تي بنهه ٺيڪ فوجي بوٽ پاتل هئا، پٽ تي پيا هئا! حيرانيءَ مان منهنجو وات پٽيو پيو هو. منهنجي ميزبان خوش مزاجيءَ مان ڏاڍي شرير مسڪراهٽ سان چيو ته: ”ڇا توکي پهرين خبر ڪانه هئي؟“ +”منهنجي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته ڪو........“ +”مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. مهرباني! پر آءٌ حيران آهيان ته ڪنهن توکي اڃا ٻڌايو ڇو ڪونه؟ اسان جي رجمينٽ ۾ ماڻهو جيترا سٺا هواباز آهن، اوترا ئي گهڻا ڳالهير!. ويتر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هڪ نئون ماڻهو اچي، سو به ”پراودا“ جو خاطو هجي ۽ هو ڊوڙي کيس اهو نه ٻڌائين ته انهن وٽ هتي هڪ عجيب شيءِ آهي. واقعي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي.“ +”پر هيءَ ته آهي ئي هڪ غير معمولي ڳالهه، سو ته تون به مڃيندين. بنا پيرن جي جنگي هوائي جهاز اڏائڻ! ڏاڍي دليريءَ ۽ مڙدانگيءَ جو ڪم آهي. مون کي ته هوابازيءَ جي تاريخ ۾ ڪٿي به اهڙو مثال ڪونه ٿو سجهي.“ +هواباز ڏاڍي لئي سان سينڍ وڄائي. +”هوا بازيءَ جي تاريخ! تاريخ کي انهن تمام گهڻين ڳالهين جي خبر ڪانه هئي، جيڪي ان هن جنگ دوران اسان هوابازن کان سکيون آهن، پر ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ تون يقين ڪر ته هنن پيرن بدران آءٌ پنهنجي اصلي پيرن سان هوائي جهاز اڏائڻ کي هزار ڀيرا وڌيڪ سمجهان ٿو. پر هاڻي ٻيو ڪو چارو به ته ڪونهي. جيڪو ٿيڻو هو، سو ته ٿي ويو.“ هواباز ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيو: ”۽ سچي ڳالهه اها آهي ته هوابازيءَ جي تاريخ کي اهڙن واقعن جي اڳواٽ خبر آهي.“ +هن رسالي جو اهو ورق ڏيکاريو، ”پر هن جو ته هڪڙو پير اڃا سلامت هو ۽ ٻيو ته هو جنگي هوائي جهاز ڪونه اڏائيندو هو. هو ته پراڻو ”فارمين“ اڏائيندو هو. مون وراڻيو. +”پر آءٌ ته اشتراڪي هواباز آهيان. ها، اهو نه سمجهجانءِ ته آءٌ ڪو ٻٽاڪ پيو هڻان. هي لفط منهنجا چيل ڪونهن. هي لفظ هڪ مون کان تمام ڀلي ۽ سچي انسان چيا هئا....... (هن لفظ ”سچي“ تي خاص زور ڏنو) جيڪو هاڻي مري چڪو آهي.“ +هواباز جي ويڪري ۽ جوشيلي چهري تي دلڪش ۽ وڻندڙ اداسيءَ جي ڪيفيت ڇانئجي وئي. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس مهانڊو پنهنجي عمر کان ڏهه سال گهٽ ڏسڻ ۾ پئي آيو. بنهه نوجوان جهڙو ۽ آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته هي ماڻهو، جنهن کي ٿورو اڳ آءٌ ڪرڙوڍ سمجهيو ويٺو هوس، سو ته ٽيويهن سالن جو مس ٿيندو. +”مون کي ان ڳالهه کان نفرت آهي ته ماڻهو مون کان پڇن ته ’ڇا‘، ’ڪڏهن‘ ۽ ’ڪيئن‘ ٿيو؟ پر هن وقت مون کي سڀ ڪجهه ياد پيو اچي..... تون منهنجي لاءِ بلڪل نئون آهين...... سڀاڻي اسين هڪٻئي کان موڪلائينداسين ۽ شايد وري ڪڏهن به نه ملي سگهون ........ تنهن ڪري جيڪڏهن تون ٻڌڻ چاهين ته آءٌ توکي پنهنجي پيرن جي ڪهاڻي کڻي ٻڌايان.......“ +هو پنهنجي هنڌ تي ڪمبل ويڙهي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو ۽ ڄڻ هن منهنجي موجودگي وساري ڇڏي هئي. پر هو پنهنجي ڪهاڻي ايڏي ته سهڻي انداز ۾ ۽ ايتري ته صفائيءَ سان ٻڌائي رهيو هو جو مون محسوس ڪري ورتو ته آءٌ هڪ انتهائي اهم ۽ هڪ بي نظير ��صو پيو ٻڌان ۽ اهڙو قصو شايد آءٌ ٻيهر ٻڌي نه سگهان. سندس حافظو ڏاڍو تيز هو، ذهن ڏاڍو سٺو هئس ۽ سندس دل ڏاڍي ڪشادي هئي. مون ميز تان اسڪول جي ڪاپي کنئي، جنهن تي لکيل هو: ”اسڪوارڊن نمبر3 جو روزنامچو........“ ان ڪاپيءَ ۾ مون ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي. +هُو جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو، سا ايتري ته حيرتناڪ هئي جو مون وڌ کان وڌ تفصيل سان لکڻ ٿي چاهي. هڪڙي ڪاپي ڀرجي وئي. مون کي ٻي ڪاپي طاق مان ملي ويئي. سا به ڀرجي وئي. ميريسئف ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ ۽ آءٌ لکڻ ۾ ايترو ته محو هئاسين، جو اسان کي ڪا خبر ئي ڪانه پئي ته رات اڇ هڻي چڪي آهي. اليڪسي ميريسئف جي ڪهاڻي ان موڙ تائين پهچي وئي هئي، جڏهن هن ”ريختگوفن“ ڊويزن جا ٽي هوائي جهاز ڪيرائڻ کان پوءِ اهو محسوس ڪيو هو ته هاڻي هو ٻيهر هوابازن جي قطار ۾ شامل ٿي چڪو آهي. +اسين ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ رات ماٺ ميٺ ۾ گذري ويئي. ”مون کي صبح جو سوير هوائي جهاز اڏائڻو آهي. مون توکي ٿڪائي وڌو آهي. اچ ته ٿوري دير اک پوري وٺون.“ هن ڪهاڻي جو سلسلو ختم ڪندي چيو. +”ليڪن اوليا جو ڇا ٿيو؟ هن خط جو ڪهڙو جواب ڏنو؟“ مون پڇيو ۽ پوءِ پاڻ کي روڪي چيم: ”معاف ڪجانءِ، شايد هي سوال مون کي نه پڇڻ کپندو هو. جيڪڏهن جواب نه ڏين ته به خير آهي.......“ +”ڇو؟“ هن کلندي چيو. ”اسان ٻئي پاڳل هئاسين. مون کي پوءِ خبر پئي ته اوليا کي سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي معلوم هو. منهنجي دوست آندرئي ديگتيارينڪو کيس اڳواٽ سڀ ڪجهه لکي ڇڏيو هو. پهريائين جهاز ڪرڻ جي خبر ۽ پوءِ پيرن وڍجڻ جي، پر جڏهن اوليا ڏٺو ته آءٌ کانئس ڳالهه لڪائي رهيو آهيان ته هوءَ به منهنجي لاءِ اڻ ڄاڻ بنجي وئي. اسين هڪ ٻئي کي دوکو ڏئي رهيا هئاسين. خبر ناهي ڇو؟ ڇا تون کيس ڏسڻ چاهين ٿو؟“ +هن ڏيئي جي وٽ ڇاڻي، جهڪي روشنيءَ ۾ مون کي ٻه تصويرون ڏيکاريائين. هڪ تصوير ۾ هوءَ ڇيٽ جو فراڪ پايو، گلن ٻوٽن جي وچ ۾ ويٺي هئي ۽ بي فڪريءَ سان مسڪرائي رهي هئي ـــــــــ ٻيءَ تصوير ۾ ساڳي ڇوڪري جونيئر ليفٽيننٽ ٽيڪنيشن جي ورديءَ ۾ نظر اچي رهي هئي. سندس چهرو تکو ۽ سنهڙو هو ۽ اکين ۾ غور ۽ فڪر جي ڪيفيت جهلڪي رهي هيس. هوءَ ايتري ته ننڍڙي هئي، جو هوءَ فوجي ورديءَ ۾ به هڪ خوبصورت ڇوڪري لڳي رهي هئي. پر ان ڇوڪريءَ جون اکيون ٿڪل ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ پئي محسوس ٿيون. اهڙيون اکيون جن مان ڇڙواڳي غائب ٿي چڪي هئي. +”ڇا توکي وڻي ٿي؟“ +”تمام گهڻو.“ مون ڀرپور خلوص سان چيو. +”مون کي به وڻي ٿي.“ هن خوشگوار مسڪراهٽ سان موٽ ڏني. +”۽ استروچڪوف هاڻي ڪٿي آهي؟“ +”خبر ناهي. مون کي سندس آخري خط گهڻو اڳ مليو هو، جيڪو هن ”اليڪسي لوڪي“ وٽان ڪٿان موڪليو هو.“ +”۽ هو ٽينڪ مين، ڇا نالو اٿس؟“ +”تنهنجي مراد گريشا گووزديف مان آهي؟ هو هاڻي ميجر آهي. هن ’پروخورووڪا‘ وٽ مشهور ويڙهه ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ ’ڪورسڪ‘ وٽ ٽينڪن جي حملي ۾ به حصو ورتائين؛ توڙي جو اسان ٻئي ساڳئي علائقي ۾ وڙهي رهيا هئاسين، پر هڪ ٻئي سان ملي ڪونه سگهياسين. هو هڪ ٽينڪ رجمينٽ جو ڪمانڊر آهي. خبر ناهي ڇو هن ڪيترن ڏينهن کان مون کي خط نه لکيو آهي. پر خير، پرواه ناهي. جي زنده رهياسين ته جنگ کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڳولي لهنداسين. پر ڀلا زنده ڇو ڪونه رهنداسون......؟ چڱو هاڻي ٿوري دير لاءِ سمهي وٺون. رات ته ختم ٿي ويئي......!“ +”آءٌ تنهنجي باري ۾ ’پراودا‘ ۾ لکڻ چاهيان ٿو.“ مون چيو. +”ان جو فيصلو توکي ڪرڻو آهي.“ هواباز ڪا خاص گرمجوشي ڏيکارڻ کان سواءِ ئي چيو. پوءِ ننڊهاڻڪي آواز ۾ چيائين: ”پر بهتر ٿيندو ته تون نه لک. گوئبلز سڄي دنيا ۾ هن ڪ��اڻي جو پڙهو ڏيندو ته ڏسو، روس وارا بنا پيرن جي هوابازن کي به جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن ۽ ان قسم جون ٻيون به واهيات ڳالهيون ڪندو...... توکي خبر آهي ته فاشسٽ ڪهڙا نه گنديءَ ذهنيت وارا هوندا آهن.“ +ٻئي پل هو زور زور سان کونگهرا هڻي رهيو هو. پر آءٌ سمهي ڪونه سگهيس. هن ڪهاڻيءَ جي سادگيءَ ۽ عظمت منهنجي نس نس ۾ اهڙو ته وجدان پيدا ڪري ڇڏيو هو، جو هي ڄڻ ڪو تمام خوبصورت ۽ خيالي داستان معلوم پئي ٿيو. جيڪڏهن ان جو هيرو منهنجي سامهون نه هجي ها ۽ سندس نقلي پير اکين اڳيان فرش تي پيل نه ڏسان ها ته شايد ئي اعتبار ڪري سگهان ها. +ان کان پوءِ آءُ اليڪسيءَ سان تمام گهڻي وقت تائين ملي ڪونه سگهيس. پر جنگ جون موجون مون کي جيڏانهن به گهلي کڻي ٿي ويون، اهي ٻئي ڪاپيون مون سان گڏ هونديون هيون، جن ۾ مون ’اوريل‘ جي ويجهو هڪ هواباز جو ناقابلِ يقين داستان لکيو هو. جنگ جي زماني ۾؛ طوفان کان اڳ گهٽ ۽ وري زبردست جنگ وارن ڏينهن ۾ مون آزاد يورپ وٽان لنگهندي ڪيترا ئي ڀيرا هن جي ڪهاڻي لکڻ چاهي، پر هر ڀيري لکي نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه آءٌ لکي ٿي سگهيس، سو هن جي حقيقي زندگيءَ کان ڪيترا ڀيرا ڦڪو ۽ بنهه گهٽ ٿي لڳو. +آءٌ نورمبرگ جي هڪ بين الاقوامي فوجي عدالت جي هڪ اجلاس ۾ موجود هيس. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن ’هرمين گوئرنگ‘ کان آڏي پڇا جو سلسلو ختم پئي ٿيو. لکت ۾ ثبوت کان چڪرائجي ۽ روسي وڪيل جي سوالن کان مجبور ٿي ”جرمن جي ٻئي نمبر نازيءَ“ هٻڪندي ۽ ڏند ڪرٽيندي عدالت کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح روس جي وسعتن ۾ ويڙهه وڙهندي روسي فوج جي ڀرپور ۽ ماهراڻن حملن جي ڪري فاشزم تباه ۽ برباد ٿي ويو. پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هن اکيون مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاري چيو ته: ”خدا جي اها ئي مرضي هئي.“ +”ڇا تون هن ڳالهه جو اعتراف ڪرين ٿو ته دغا بازي سان روس تي حملو ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ جرمنيءَ کي شڪست کائڻي پئي، تو هڪ شرمناڪ ڏوه ڪيو هو.“ روسي وڪيل ’رومن رودينڪو‘، ’گوئرنگ‘ کان پڇيو. +”هي ڏوه ڪونه هو. هيءَ هڪ تباه ڪندڙ غلطي هئي.“ گوئرنگ ڀُرون تاڻي، اکيون جهڪائيندي بنهه آهستي چيو. ”آءٌ فقط ايترو چوندس ته اسان اٻهرائيءَ ۽ بي پرواهيءَ وارو قدم کنيو هو، ڇو ته جيئن جنگ دوران واضح ٿيو ته اسين گهڻين ڳالهين کان بي خبر هئاسين. اسان کي گهڻين ڳالهين جي خبر ڪانه هئي. بنيادي ڳالهه اها ته اسين روسين جي ڪردار کان بلڪل اڻ واقف هئاسين ۽ کين سمجهي ڪونه سگهياسين. روسي ــــــ هڪ ڳجهارت هئا ۽ اڃا به آهن. دنيا جي بهترين جاسوسن جو ڄار به روس جي اصلي جنگي قوت جي سُڌ رکي نه سگهيو. منهنجي مراد ٽينڪن، هوائي جهازن ۽ توبن جي تعداد مان ڪانهي. ان باري ۾ ته اسان کي ٿلهي ليکي خبر هئي. منهنجي ذهن ۾ انهن جي صنعت جي وسعت ۽ صلاحيت آهي. منهنجي ذهن ۾ اتي جا ماڻهو آهن. پرديسين لاءِ روسي هميشه هڪ ڳجهارت رهيا آهن. ”نپولين“ پڻ انهن کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيو هوـــــــ ۽ اسان محض نپولين جي غلطي کي دهرايو.“ +”روسين جي ڳجهارت“ هجڻ جو ۽ اسان جي ملڪ جي اڻ ڄاتل ”جنگي قوت“ جو مجبور ٿي اعتراف ڪرڻ سان اسان جون دليون فخر جي احساس سان ڀرجي ويون. اسان کي پورو يقين آهي ته سوويت عوام، انهن جون خوبيون، انهن جون صلاحيتون، انهن جي همت ۽ بي لوث قربانيون، جن تي جنگ دوران سڄي دنيا دنگ رهجي ويئي، ’گوئرنگ‘ جهڙن ماڻهن لاءِ ڳجهارتون ئي هيون ۽ آهن. واقعي جرمنن کي ”فوق البشر“ هجڻ واري ”نظريي“ کي جنم ڏيندڙ هڪ اهڙي قوم جي روح ۽ طاقت کي سمجهڻ جي ��لاحيت ڪٿان آئي، جيڪا هڪ اشتراڪي ديس ۾ پلجي نپجي تيار ٿي هجي؟ ۽ مون کي هڪدم اليڪسي ياد اچي ويو. شاه بلوط جي ڪاٺ مان ٺهيل ان اونداهي ۽ اداس ڪمري ۾ سندس ڌنڌلي تصوير اڀري ۽ بنهه اتي فاشزم جي اڏي ’نيورمبرگ‘ ۾، منهنجي دل ۾ زبردست خواهش پيدا ٿي ته انهن ڪروڙين سوويت ماڻهن مان هڪ جي ڪهاڻي کڻي ٻڌايان، جنهن ڪيترن ئي مورچن تي دشمن جي منهن تي دانگي ملي ڇڏي هئي. +نيورمبرگ ۾ هيڊي جلد واريون ڪاپيون مون سان گڏ هيون. انهن مان هڪ تي خود اليڪسيءَ جا هٿ اکر لکيل هئا: ”اسڪوارڊن نمبر3 جي وڙهندڙ دستي جو روزنامچو“ فوجي عدالت کان موٽي پنهنجي رهائش گاه تي پهچڻ کان پوءِ مون ڪاپيون پڙهيون ۽ ٻيهر لکڻ شروع ڪيم ۽ اليڪسي ميريسئف جي باري ۾ بنهه سچائيءَ سان داستان لکڻ ويٺس، جيڪو هن مون کي ٻڌايو هو. +- هن جيڪي ڪجهه چيو هو، ان مان گهڻو ڪجهه آءٌ لکي ڪونه سگهيو هيس ۽ انهن چئن سالن جي عرصي ۾ ان مان به گهڻو ڪجهه مون کان وسري به ويو هو. حجاب کان اليڪسيءَ پنهنجي باري ۾ تمام گهٽ ٻڌايو هو ۽ مون کي پنهنجي تصور سان خانه پُري ڪرڻي پئي هئي. ان رات هن جنهن خلوص ۽ تفصيل سان پنهنجي دوستن جا مهانڊا چٽيا هئا، سي مون کي ياد ڪونه رهيا هئا ۽ مون کي پنهنجي تصور جي مدد سان انهن جا نقش اڀارڻا پيا. آءٌ ان سلسلي ۾ حقيقت جي ٺيڪ ٺيڪ عڪاسي ڪري نه سگهيس، تنهن ڪري مان ’هيري‘ ۽ سندس ساٿين ۽ مددگارن جي نالن ۾ بنهه ٿورڙي ڦير گهير ڪئي آهي. جن به ماڻهن کي ڪردارن جي تصوير ۾ پنهنجي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ته مون کي اميد آهي ته اهي مون کي معاف ڪري ڇڏيندا. +مون هن ڪتاب کي ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ جو نالو ڏنو آهي، ڇو ته منهنجي نظر ۾ اليڪسي ميريسئف هڪ ڏيئو آهي، هڪ سچو انقلابي روسي انسان، هڪ اهڙو انسان، جنهن کي ’هرمين گوئرنگ‘ پنهنجي انتهائي شرمناڪ موت واري ڏينهن تائين به سمجهي نه سگهيو ۽ اهڙا سمورا ماڻهو اڃا تائين به کيس نٿا سمجهي سگهن، جيڪي تاريخ جو سبق وسارڻ چاهين ٿا. اهي سمورا ماڻهو، جيڪي اڄ به ”نپولين“ ۽ ”هٽلر“ جي رستي تي هلڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. +ائين ئي ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ ڪتاب جنم ورتو. جڏهن مسودو تيار ٿي ويو، تڏهن مون چاهيو ته هن ڪهاڻيءَ جو خاص هيرو هڪ ڀيرو مسودي کي ڏسي وٺي، پر ڏاڍي ڪوشش جي باوجود مون کي همراه هٿ اچي نه سگهيو. +ڪهاڻي رسالي ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ريڊيو تي پڻ پڙهي پئي وئي. هڪ ڏينهن صبح جو سوير فون جي گهنٽي وڳي. مون فون کنيو ته مون کي هڪ گهٽيل گهٽيل مرداڻو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ڪجهه ڪجهه ڄاتل سڃاتل پئي لڳو. +”آءٌ توسان ملڻ چاهيان ٿو.“ +”ڪير ٿو ڳالهائي؟“ +”گارڊ ميجر اليڪسي ميريسئف.“ +ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ اليڪسي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ساڳي چال، ساڳي تيزي، اهو ئي هشاش بشاش چهرو ۽ ڏسڻ ۾ ڏٽو مٽو. جنگ جي چئن سالن ۾ منجهس مشڪل سان ڪا تبديلي آئي هئي. +”مون گهر ويٺي ڪتاب پڙهيو. ريڊيو وڄڻ لڳو، ليڪن آءٌ پڙهائيءَ ۾ ايڏو غرق هيس جو منهنجو ڌيان ريڊيو ڏانهن ڪونه ويو. اوچتو امان جي وات مان نڪتو: +”ٻڌ پٽ! هي تنهنجي باري ۾ چيو پيو وڃي.“ منهنجا ڪن اڀا ٿيا. واقعي، منهنجو داستان ٻڌايو پئي ويو. منهنجي حيرتناڪ تجربن جي باري ۾. آءٌ حيران ٿي ويس. ڪنهن لکيو هوندو هي داستان؟ مون کي ياد ڪونه پئي آيو ته مون ڪنهن کي اها ڪهاڻي ٻڌائي هئي ۽ پوءِ مون کي هڪدم ياد آيو ته ’اوريل‘ جي ويجهو تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات ٿي هئي، جيڪا ان خندق ۾ ٿي هئي ۽ ڪيئن نه مون پنهنجا تجربا ٻڌائيندي، توکي رات جاڳڻ تي مجبور ڪيو هو. پر هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مون سوچيو. پ�� ڳالهه ڪيڏي نه پراڻي ٿي چڪي آهي. اٽڪل پنج سال کن ٿي چڪا آهن. ڪهاڻي پڙهڻ واري پڙهڻ بند ڪيو ۽ ليکڪ جو نالو ورتائين. اهڙي طرح مون توکي ڳولڻ شروع ڪري ڏنو.“ +هن اهو سڀ يڪساهيءَ ۾ چئي ڇڏيو. سندس چپن تي اها ئي مسڪراهٽ پکڙيل هئي، ٿورڙي شرمايل بلڪل اها ئي اليڪسيءَ جي مسڪراهٽ، جنهن کي آءٌ پهرين به ڏسي چڪو هوس. +گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٻن سپاهين جي ملاقات جي وقت هميشه کان جيئن ٿيندو آهي، اسان ٻئي ٻيهر جنگ جي سمورن مرحلن مان لنگهياسين. انهن آفيسرن جي باري ۾ ڳالهايوسين، جن سان اسان ٻنهي جي واقفيت هئي ۽ انهن ماڻهن کي نيڪ تمنائن سان ياد ڪيوسين، جيڪي فتح جو ڏينهن اکين ڏسي نه سگهيا هئا. پهرين وانگر هينئر به اليڪسيءَ پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ ۾ ڪجهه هٻڪيو پئي، پر مون کي ايتري ته خبر پئجي وئي ته هن اسان جي ملاقات کان پوءِ به ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون. هو پنهنجي گارڊ رجمينٽ سان گڏ 1943ع کان 1945ع واري مهم ۾ شامل رهيو. منهنجي وڃڻ کان پوءِ اوريل جي ويجهو هن ٻيا به ٽي هوائي جهاز ڪيرايا هئا ۽ پوءِ بالٽڪ ساگر جي ڪناري وارين لڙائين ۾ هن ٻه ٻيا به هوائي جهاز ڪيرايا هئا. مختصر هي ته هن دشمن کان پنهنجي پيرن جي ڏاڍي ڳري قيمت وصول ڪئي هئي. حڪومت کيس ’سوويت يونين جو هيرو‘ جو خطاب ڏنو. +اليڪسيءَ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ به ٻڌايو. مون کي خوشي آهي ته منهنجي ڪهاڻيءَ جو خاتمو ڏاڍو پرمسرت ۽ خوشگوار ٿيو. جنگ کان پوءِ هن ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن سان کيس محبت هئي ۽ هاڻي کين وڪٽر نالي هڪ پٽڙو به آهي. سندس ماءُ ’ڪامي شين‘ ڇڏي هينئر ساڻن گڏ رهي ٿي ۽ پنهنجي پوٽڙي وڪٽر سان وندري ويٺي آهي. +اڄ ڪلهه اخبارن ۾ گهڻو ڪري منهنجي ڪهاڻيءَ جي هيري جو نالو پيو ڇپبو آهي. هن سوويت آفيسر، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تي حملو ڪندڙ دشمن جي خلاف جدوجهد ۾ سرفروشي ۽ بهادريءَ جو مثال قائم ڪيو، سو هاڻي امن جو مجاهد آهي. ’بڊا پيسٽ‘ ۽ ’پراگ‘، ’پيرس‘ ۽ ’لنڊن‘، ’برلن‘ ۽ ’وارسا‘ پورهيت عوام کيس ڪيترا ئي ڀيرا ڪانفرسن ۽ اجلاسن ۾ ڏٺو آهي. هن سوويت سپاهيءَ جو حيرت ڪندڙ داستان سندن پنهنجي وطن جون سرحدون اورانگهي پري پري تائين پکڙجي چڪو آهي ۽ سچ ته امن جو نيڪ ۽ مقدس مطالبو ان وقت سڌو دل ۾ لهي ٿو وڃي، جڏهن اهو هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي چپن مان ڦٽي نڪري ٿو، جيڪو وڏي همت ۽ بهادريءَ سان جنگ جي سخت آزمائشن وقت مڙس ماڻهو ٿيو بيٺو رهيو. +عظيم ۽ آزاديءَ جي متواليءَ عوام جو هيءُ سپوت اليڪسي ميريسئف امن لاءِ پڻ انهيءَ ئي لڳاءُ، ڌن ۽ سوڀ جي انهيءَ ئي پراعتماديءَ سان وڙهي رهيو آهي، جنهن سان هو جنگ دوران دشمن سان وڙهيو هو. +سچي سوويت انسان – اليڪسي ميريسئف جي ڪهاڻيءَ جا ايندڙ باب خود زندگي لکي رهي آهي. +ماسڪو، 28 نومبر 1950ع + + +(ترجمو مڪمل ٿيو صبح جي 3 لڳي ڇاونجاه منٽن تي، تاريخ 10 مئي 1989ع ــــــ پرويز)z + + +[30] +ننڊ اچڻ ڪري رات جو ٽيون پهر ويامي ويو. رات جي ڏيڍ بجي سئي هڻي ڊاڪٽر پرديوت پنهنجي گهر ويو هو. ان بعد ٻچي جي ناڙي جاچي مهاشيه موٽيو هو. هنڌ تي ليٽندي ليٽندي ڪيتريون ڳالهيون دل تي تري آيس، ننڊ اچڻ ۾ ٽن کان وڌيڪ وڄي ويا هئا، تڏهن به ننڊ صبوح جو سويل ئي کلي پيس. ٻالڪ جي لاءِ هينئر آنڌ مانڌ ڪانه هئس. حالت کي هو رات ئي ڄاڻي ويو هو: ’اشاري واري گهڙي ايندي ايندي به ڪانه اچي سگهي، دوا ان جو رخ پلٽي ڇڏيو. تڏهن به ننڊ کلي پئي. تپ ڪيترو آهي، سوڄ ڪيتري رهي، ڪهڙي نموني گهٽ ٿي- ڏسڻ گهرجي. رات جو چڱيءَ طرح ڏسي ڪونه سگهيو هو. پرديوت کي واڌايون ڏبيون، ڪشاده دليءَ سان واڌايون. هو گهڙيال جي ڪانٽي وانگر وقت تي پهچي ويندو، سئي هڻندو.“ +عطر کانئس ئي اڳ ۾ جاڳي هئي. هيٺ هڪ قسط بڪ شڪ ڪري چڪي هئي. صبوح جو ڪالي مندر ۾ جل چاڙهڻ ويئي ته موتي لوهار جي ماءُ سان ملاقات ٿي ويس. ڪالي مندر وٽ ئي هن جو گهر آهي. موتيءَ جي ماءُ پنهنجي دري کولي مندر ڏانهن مهڙ ڪري دردناڪ آواز ۾ دک دور ٿيڻ جي لاءِ پرارٿنا ڪري رهي هئي. هن جي پلاسٽر ڪيل پير جو درد ڪالهه کان ڪنهن سبب کان وڌي ويو آهي. بردوان کان هتي ايندي رستي ۾ ڪائي بدپرهيزي ٿي ويئي هوندي. اتس نطر پوندي ئي عطر رات جي روڪيل غصي کي مٿس ڇنڊي وڌو. +منش کي جيئڻ جي ههڙي لالسا؟ مرڻ جو ايترو ڏک، ايترو ڀو؟“ ڇڙٻون ڏيندي هن موتيءَ جي ماءُ جي سامهون اهي سمورا دائمي سوال کڙا ڪري وڌا. بيهي رهي. پڇيائين: ”ايترو سويل جاڳي پئين؟ ٻي بجي کانپوءِ رات جو ته سمهيو هوئين!“ +”ننڊ ٽٽي پئي. ذرا هن ٻچي جو حال پڇي وٺان. ڪيئن آهي.“ +”اتي به ڪو اعلان ڪري آيو آهين ڇا؟“ +گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”نارائڻ، نارائڻ!“ +”رهڻ ڏي پنهنجو نارائڻ- نارائڻ! پنهنجي پٽ کي مرڻ وقت جيڪو دوا جي بدلي کير۽ گنگا جل ڏئي ٿو، ان جو ڪجهه اعتبار ڪونهي. پر اهو سمو ٻيو هو. اڄ جهڙو ڏينهن هجي ها ۽ هن ڊاڪٽر جهڙو ڪو ڊاڪٽر هجي ها ته پنهنجو بنو هرگز ڪين مري ها. موتيءَ ماءُ کي ڏسي آيس. ڪوٺيءَ جي دري کولي ڪالي ماتا کي پرڻام ڪري رهي هئي!“ +مهاشيه خفي ڪونه ٿيو. ذرا کليو. عطر کي هو ڇا چوي؟ هوءَ زنگيءَ ۾ لاعلاج بيماريءَ وانگر دٻجڻ کان زور آهي. موت جي شانتي نٿي ڏيئي سگهي، رڳو درد ۽ تڪليف، سڄي زندگي ڏيندي رهندي! +ڀتار جي چپن تي کل ڏسي عطر به کلي. کلي چيائين: ”رتن بابو جي پٽ کي ڏسي ڇا چئي آيو آهين؟ ڇي، ڇي، ڇي! ائين نه چوندو ڪر، ائين چوڻ به نه گهرجي. ڪالهه ان وقت ڪافي رات گذري چڪي هئي. تون تنهن وقت اهيندر سرڪار جي گهر هئين. رتن بابو جو آدمي چار رپيا ۽ هڪ چٺي ڏيئي ويو آهي. آئون اتاولي ٿيس: ڪٿي هينئر ئي نه سڏ هجي. ونين ويٺو ئي هو، تنهن کي گهرائي چٺي پڙهايم. هن ٻڌايو: مهاشيه کي وڃڻ کان منع ڪيل آهي. سڀني ڊاڪٽرن بتايو آهي ته وپن بهتر آهي. هڪڙي مهاشيه ئي چيو آهي، زبان سان ڪونه چيائين، اشاري ۾ ٻڌايو اٿائين؛ حال چڱو نه آهي. پر وپن بابو کيس نٿو چاهي. هان وٺ چٺي. رات مون ڪانه ڏني. نيٺ ماڻهوءَ جو من ٿيو.“ +هن چار رپيا ۽ چٺي اڳيان ڪري رکيا. مهاشيه رپين کي ڇهيو به ڪونه. چٺيءَ کي کنيائين. ها، رتن بابو اهو ئي لکيو آهي، معافي به گهري اٿائين: آئون ڄاڻان ٿو ته تو جيڪي اشارو ڪيو آهي، اهو اٽل سچ آهي ۽ ان سچ کي سهڻ ڪاڻ آئون پاڻ کي تيار به ڪري رهيو آهيان. پر وين بابو اهو سهڻ لاءِ تيار نه آهي. پرديوت بابو وغيره ٻين ڊاڪٽرن جو رايو ٻيو آهي. هنن جو خيال آهي: ”وپن بهتر آهي. هنن ڪلڪتي مان وڏي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ کي گهرائڻ جي صلاح ڏني آهي. وپن به اهو ئي چاهي ٿو. تنهنڪري.....“ +’خير. ڇوٽڪارومليو.‘ هن ڊگهو ساهه کنيو. ”پر ڇوٽڪارو به ڪٿي؟ وپن ته... هن کيس اچڻ کان منع ڪئي آهي، ٺيڪ آهي، ڪونه ويندس. پر هوءَ ناسي وارن واري ته ڪانه موٽندي!“ وپن جي لاءِ هن جي من ۾ اٿاه دک ڀرجي ويو. +”مهاشيه جي؟ جاڳي ويا! مهاشيه جي؟“ +”ڀنل آواز، ڇڪي ڳالهائڻ جو ڍنگ؛ راڻا پاٺڪ ئي هوندو. اڄ کيس گهرايو هوم.“ +”مهاشيه جي؟“ +”لڳي ٿو، هو اتاولو ٿي پيو آهي.“ +”ڪالهه رات ڪجهه وڌيڪ رت اچي ويو آهي.“ +”اهڙي حالت ۾ تنهنجو پيادو اچڻ چڱو نه ٿيو.“ +”آئون به ڇا ڪريان، اوهان اڄ جو ڪوٺايو هو.“ +ذرا ساعت چپ رهي مهاشيه چيو: ”پر آئون هن روڳ ۾ ڪري به ڇا ٿو سگهان ڀاءُ!“ +”جيڪڏهن ڪُپڙيءَ ۾ ڪڻا هوندا ته بچي پوندس، نه هوندا ته وقت سر ٻڌائي ڇڏيندا، ديوي ماتا جو نالو ڳنهي تيار ٿي ويندس. جيتري ٿي سگهي، اوتري تڪليف اوهان گهٽائي سگهندا، ٻيو ڇا ڪندا؟“ +مهاشيه ٿوري ساعت وري به چپ ٿي ويو. آسمان ڏانهن نهاريندي سوچڻ لڳو: ”ڇا ڪريان؟“ +”مهاشيه!“ +”راڻا!“ +”منهنجي ناڙي ڏسو. اوهان سوچي ڇا رهيا آهيو؟“ +”سوچي رهيو آهيان، ڊاڪٽر پرديوت کي ڏيکاري...“ +هن وچ ۾ ٽوڪي چيو: ”جي نه. هن ماڻهوءَ جو منهنجي سامهون نالو به نه کڻو. نه هن جو، نه وري چارو بابو جو نالو کڻجو. انهن ٻنهي وٽ آئون ويو هوس. مون اهو سڀ ڪجهه اوهان کي نه ٻڌايو آهي. رڳو ايترو ٻڌايو هوم ته هنن هڪ لنبي فهرست بڻائي ڏني آهي. پر ڳالهه ٻي به آهي. مون چيو هو، توهان ايڪس- ري جو چئي رهيا آهيو، وٺو ايڪس- ري!- براهمڻ جي ناتي، غريب سڏائي ڪري.... اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: برهامڻ- براهمڻ مان نٿو مڃان. ۽ غريب جي ناتي ئي توتي مان ديا ڇو ڪريان؟ تون بدچلن آهين. هڪ استريءَ جي ڇوت جي بيماري تو ڳڌي آهي. چارو بابو چيو، تو وٽ ته ڪالي آهي، ڪافي اپت ٿيندي هوندءِ. وري چيائين: ڪاليءَ جي اڳيان ڌرڻو هڻ، اها چڱو ڀلو ڪين ڪري ڇڏيندءِ؟... آئون ههڙن ماڻهن وٽ نٿو وڃي سگهان.“ +مهاشيه جي چهري تي اداس کل نمودار ٿي ويئي. راڻا جي دل جي اڀام کي هو سمجهي ويو. راڻا جي ذات ئي نرالي آهي. اهڙي ڳالهه چوڻ جو هن کي ئي ساهس آهي. +راڻا به چوندو ويو: ”آئون اوهان کي ٻڌايان، مون جهڙي دئيت جي بدن ۾ اها بيماري هڪ عورت جي دئاران ئي آئي آهي. اها اڀاڳڻ ڪلڪتي جي هئي. فسادن ۾ هن کي ڪي گونڊا ڀڄائي ويا هئا. پوءِ هن کي هتان هتان ڦيرائي سندس عصمت درازي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئائون. ڪٿي بهار ٿيو، اوستائين به کيس وٺي ويا. اتان وري ڪلڪتي. ڪلڪتي ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ گونڊي رحمت خان کي هوءَ ملي ويئي. رحمت کيس برقعي ۾ هتي وٺي آيو. نديءَ ۾ کيس ٻيڙي تي اچي وهاريائين. آئون به موقعي سان تيار ويٺو هوس. ڳچيءَ ۾ جڻيئو، رشٽ پشٽ سرير. مٿان وري لٺ کي جهٽڪو ڏيئي مون نٿرو هنيو: ڪالي ماتا جي جئه! هري هري بولو! ٻيڙيءَ ۾ لڳ ڀڳ سڀ هندو ويٺل هئا. سڀني ان کي دهرايو. ويچاري هن عورت کي به همٿ آئي. هن برقعو لاهي ڦٽوڪيو ۽ چلائڻ لڳي: ’مون کي باچيو! مان هندو آهيان! هيءُ مونکي پڪڙي وٺي وڃي رهيو آهي.‘ رحمت ڇرو ڪڍي رهيو هو. ليڪن منهنجي لٺ جو وار کڄي چڪو هو. ٻچو نديءَ ۾ ٽپي پيو. هن جو ساٿي به ٽپي پيو. عورت کي آئون پنهنجي گهر نيئي آيس. مسلمان مون وٽ آيا. چيائون، هن عورت کي واپس موٽائي ڏي، نه ته چڱو نه ٿيندءِ. مون چيو، راڻا بري کان ڀو نه کائيندو آهي. اهو سڀ توهان کي معلوم آهي. جيڪڏهن قوت اٿوَ ته وٺي وڃوس. اهائي عورت گهر وڃڻ لاءِ راضي ڪانه ٿي. ان بعد باهه ۽ گيهه جو ميل. خاڪ به خبر نه هئم ته هن کي اهو موذي مرض لڳل آهي. هن کي به دراصل ڪل ڪانه هئي. آهستي آهستي خبر پيئي. ليڪن تڏهن هن کي ڇڏي ڏيڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. ماڻهو بدچلن چون ٿا، چوڻ ڏيون. مون هن سان هڪ طرح شادي رچائي ڇڏي آهي. هن کي مون پيار ڪيو آهي. پريم ونڊيندي هيءُ روڳ مون ورتو، تنهن لاءِ آئون پشيمان نه آهيان. جيڪي وڻين، سو چون. مري ڪري به مونکي سک پڙپندو. چارو بابو ڪاليءَ لاءِ چوي ٿو. خبر ڪانهيم، هن وٽ اهو روڳ ڇٽي ويندو آهي يا نه. ديويءَ جي ڪرپا ٿي، ته ٺيڪ ٿي ويندو. پر مون کان اهو ڪونه چيو ٿيندو- ”ماءُ منهنجي بيماري چڱي ڪر.“ ڪاليءَ کان اها گهر ڪندس ته: ڪال کان آئون ڪڏهن نه ڊڄان. ان جو نا�� آهي موکش. ڪاليءَ کان سندس گود جي بيک پنان ٿو. مون کي ڄاڻ آهي، اوهان گهٽ ۾ گهٽ نڪو مون کان نفرت ڪندا، نه وري ڪاليءَ جي ڳالهه جي کِل اڏائيندا، ان ڪري اوهان ڏانهن گهڻو آسائتو آهيان.“ +مهاشيه ائين ڪونه ڪندو- ڪري ڪين سگهندو. سندس پتا آکندو هو: ”روڳيءَ جي روڳ لاءِ کيس ڪڏهن به تکاويڻ نه ڪڍج. نندا نه ڪج. پاپ – پڃ جي هن دنيا ۾ منش پڃ ئي ڪرڻ چاهين ٿا، پر کانئن ڪيو نٿو پڄي. حڪم هلائج، ڌمڪي ڏج، ضرورت پوي ته ڊپ به ڏيارج. پر هن جي دل کي ڏکوئڻ وارو هڪ حرف به نه پٽج ۽ هو جيڪڏهن شرڻ اچي ته کيس نراس ڪري نه موٽائج.“ +گرو رنگ لعل چوندو هو: ”جيون! انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪڏهن به ڪاوڙ متان ڪرين، نفرت به نه ڌارج.“ +ڪيترائي ڀيرا پاڻ گرو رنگ لعل بيمارن جي ڳلن تي چماٽ وڄائي هوندي. ڀوپي بوس کي هن مار ڪڍي هئي. هڪ شوقين تنتر واري ليور جي بيماريءَ جو شڪار بڻجي وٽس پهتو هو. هن کيس شراب پيئڻ کان منع ڪئي هئي. هو صاف چئي ڏيندو هو، چيو هئائين: ”شراب پيئندين ته ڪونه بچندين. شراب ترڪ ڪرڻو ئي پوندءِ. ”روڳيءَ آکيو هو: ”ليڪن مهنجو ساڌن ڀڄن؟“ رنگ لعل وراڻيو هو: ”بنا شراب جي. ڪنجهي جي برتڻ ۾ ناريل جو پاڻي وجهي رسم ادائي ڪج. جيئن ٻڪري جو بل نه چاڙهي مانهه جا داڻا پکيڙي به ته آهوني ڏيئي سگهجي ٿي.“ هن تنهن تي ڄڀ کي چڪ پائي چيو هو: ”باب ري! تڏهن ته ديوي درشن بنهه ڪانه ڏيندي. اهو ته ماتا جو آديش آهي. هن درشن ڏيئي مون کي آگيا ڪئي آهي ڊاڪٽر بابوُ!“ رنگ لعل جهٽڪو ڏيئي هن جي چوٽي پڪڙي چيو: ”ڇا چيهءِ؟ ماتا درشن ڏيئي چيو آهي؟ ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا؟ ماءُ شراب پيئندي آهي؟ شرابخوري لاءِ آگيا ڏئي ٿي؟ اهو سربا، جنهن سان جگر جلي ٿو؟“ +جيون مهاشيه به ڄاتو ٿئي ته هيءُ روڳي بچڻ جو ناهي. زبردست دشمن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي ۽ هو بچيو به ڪونه. +آدمي بيوس آهي. ڏاڍو بيوس. اِڇائن جي اپل وچان دل ڏارندڙ ڪلنڪ ڪهاڻي رچيندو ويو آهي. اڄ اها ڪهاڻي رچي ٿو- سڀاڻي پڇتائي ٿو، خود سراپجي ٿو، من ۾ سوچي ٿو، آڪاش جو سج اجهامي وڃي، ان جي لوڙ ڪانهي: روشني ڪانه گهرجي. سڀ ڪجهه اوندهه سان ڍڪيو رهي. گهڻو ئي ڪجهه هن ڏٺو آهي. ڪمائو پٽ جي موت جي بستري تي تنهن کي وانجهي پتا کي وصيعت نامو ٺهرائيندي ڏٺو اٿائين. ان کان به وڌيڪ گهور پاپ ڪندي ڏٺا اٿائين. ڀاءُ ڀاڻيجي جي ته ڳالهه ئي نٿو چوي. پٽ کي به کميا ڪري ٿو ڇڏي. استري سڪرات ۾ آهي ۽ هوڏانهن ڀتار ويچار ۾ مشغول: اهڙو اتهاس اڪيچار آهي. پتيءَ جي سڪرات ويل استري به وياچر ڪري ٿي: ڀرشٽ استري. جيڪي ڀرشٽ نه آهن، اهڙين گهڻين کي اهڙي مهل ۾ مڇي چورائي کائيندو ڏٺو اٿائين. صرف ماءُ جو پڃ ئي بي جوڙ ۽ لافاني آهي. +آدمي ڏاڍو بيوس آهي. +مهاشيه اڀو ساهه کنيو. راڻا پڪاريو: ”مهاشيه جي!“ +”ذرا ساهي پٽي وٺ ڀاءُ. ڳالهاءِ نه. ڪافي پري کان ڪهي آيو آهين. ٿوري دير ۾ ڏسان ٿو. ويهه آئون پاسي واري گهر مان ٻار کي ڏسي اچان ٿو.“ +اتسيءَ جو ڪڪو اڄ بهتر آهي. تپ گهٽيل اٿس: سوڄ به گهٽجي ويئي آهي، سوڄ تي جيڪا لالائي هئس، ان جي گهرائپ به گهٽجي ويئي آهي. هن جي بيماري بيشڪ ڪانه گهٽي آهي، پر وڌي به نه آهي. رڪجي ويئي آهي. ڪالهه صبوح جو تپ هڪ سو ٻن جي قريب هو، اڄ هڪ سو کان به گهٽ آهي. هن جي سجاڳيءَ تي ڪمزوريءَ جو جيڪو پردو پئجي رهيو هو، سو هٽجي ويو آهي. ٻه چار اکر ڳالهائي ٿو. ٺيڪ ستين وڳي ڊاڪٽر پرديوت جي سائيڪل جي گهنٽي وڳي. صبوح جو پنجين واري گاڏيءَ ۾ شهر مان ڊاڪٽر اروڻ رت- تپاس جي رپورٽ موڪلي آهي. ڏاڍي سخت بيماري! جان وٺندڙ گهاتڪ حملو ڪيو هئائين. هن رپورٽ ۾ لکيو آهيل ’وٿ اٽينڊسني ٽُ اِرسپلس.‘ هن جو علاج ٺيڪ ٿيو آهي. ان رپورٽ ڪاڻ هو ڪالهه سڄو ڏينهن رات ڪهڙو نه پريشان رهيو! دنيا ۾ رڳو امرت دوا ڪانهي، زهر به دوا آهي. ڪالهه ڏينهن رات اهڙيون ڪيتريون دوائون هو ڏيندو رهيو. ٻڍي مهاشيه ئي چيو هو، پر ان تي هن جي دلجاءِ ڪانه ٿي هئي. وگيانڪ جاچ ۾ به ڪيترا ڀيرا شڪ پئجي ويندو آهي. ڪيترا ڀيرا به ٽي دفعا هڪئي روڳ جي پرک نه ٿي سگهندي آهي. ڪالهه منجهند جڏهن کيس‘ ’ممس‘ جو شڪ پيو ۽ ٻڍي مهاشيه چيو: ’ممس نه آهي ڪٺور زهر جي پکڙجڻ سان رت خراب ٿي پيو آهي. مرض طوفان وانگر وڌي رهيو آهي: وڌندو.‘ تڏهن پرديوت کي ڪجهه غصو لڳو هو. ٻڍو ڪٿي ’مرتيو روڳ‘ چئي وجهي ها ته غصي وچان پرديوت پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃي ها. چوي ها: ’مرتيو- روڳ جي نريه- شڪتيءَ وچان ’سُپيرياٽي ڪمپليڪس‘[1]ٻڍي جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي.‘ +دانتو گهوشال نوبنو آهي. وپن بابو ٺيڪ آهي. موتيءَ جي ماءُ بردوان کان ڪاله موٽي آئي آهي. ڪالهه کان ٻڍڙيءَ جي پير جو سور ڪجهه وڌي ويو آهي. هاڻي جيئن هو اچي رهيو هو، رستي ۾ سڪل ٻوٿ ڪري موتي بيٺو هو. چي:”ڊاڪٽر صاحب، رات امان جي پير ۾ سور وڌي ويو! سو..؟“ +پرديوت جي سمجهه ۾ دير ڪانه لڳي ته موتي جيڪي چوڻ چاهي ٿو، پر هن جي وات مان اڪلي نٿو. اهو ڇا آهي؟ هڪوار سندس من ۾ آيو ته چئي ڏي، ”ته مهاشيه جيڪي ٻڌايو آهي، سو وڃي ڪر. دهل ڌمام وڄائيندو گنگا جي ڪناري ڪيرتن ڪندو وڃ.“ پر پاڻ کي روڪي ورتائين. چيائين: ”موٽندي وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين ۾ پير ۾ ٿوري حرڪت اچي وئي هوندي؛ ان ڪري سور وڌي ويو آهي.“ +مهاشيه ئي پرديوت جو سواگت ڪيو: ”اچو. اوهان جو مريض مزي ۾ ٻولي رهيو آهي. ٺيڪ آهي. مٿي تي هٿ لڳائي نمسڪار جي ورندي ڏيئي هو بيمار جي بستري تي ويهي رهيو. +مهاشيه چيو: ”مون ڏٺو آهي....“ +وچ ۾ ئي پرديوت واڪ ڏنو: ”مان ڏسان؟“ +”آفت ٽري ويئي آهي.“ +”نه“، پرديوت پڇيو ”رات پيشاب ڪيئن ٿيو ٻڌايو ته؟“ +مهاشيه سمجهي ڪين سگهيو، ’دوا جو اثر آهي، پيشاب بند ٿي سگهي ٿو، پيٽ اڀامي سگهي ٿو.‘ +”پيشاب تمام ٿورو آيو اٿس. رات جي ٻارهين بجي کان صبوح تائين هڪ ڀيرو. پيٽ ٿورو ڦوڪيل آهي. ڪيترا ڀيرا پٽڙا دست به آيس.“ پيٽ ۾ وڪار ٿيو آهي. پرديوت ڌيان سان ڏٺو، وري انجيڪشن جو سرنج ڪڍيائين. +انجيڪشن هڻي پرديوت اٿيو. ”ڪٿي آهي؟ مهاشيه ڪٿي آهي؟“ +”ڪونهي، هليو ويو،“ اهيندر ٻڌايو: ”آروگيه نڪيتن مان ڪوئي سڏڻ آيو هوس.“ +پرديوت بيهي ڪري ڪجهه سوچيو: ”هن ڪائي آگري ڳالهه ته ڪانه چئي نه؟‘ +اهيندر چيو، ”مون کي گهرائي هن چيو: خطرو ٽري ويو آهي. اوهان جي ڏاڍي واکاڻ ڪري ويو. چي، ڏاڍو مقابلو ڪيو اٿائين. صاحب خوب آهي! ڏاڍو ڌير جوان آهي.“ +پرديوت چيو: ”پيشاب تي ذرا ڌيان رکبو. ٿورو دير سان ئي ايندو، ليڪن خيال ضرور رکندا. پيٽ ڪجهه ڦوڪيل آهي. تنهن هوندي به خيال رکندا. جيڪڏهن لڳي ته وڌي رهيو آهي ته مونکي ترت خبر ڪندا. هڪ ڳالهه ٻي. مهاشيه بار بار ناڙي ڏسي ٿو. اهو ٺيڪ ناهي. ان مان اوهان کي به گهٻرائٽ ٿي سگهي ٿي، منهنجو به من خراب ٿي سگهي ٿو.“ ايترو چئي هو نڪري ويو. +ساڍا اٺ ٿيڻ لڳا. اسپتال ۾ ڪم ڪيترو آهي! هريهر ڪمپائونڊر هتان جو آهي. ڄامر چڙهي آئي اٿس. ڏاڍو آلسي آهي. ’ٿي رهيو آهي، ٿيندو:‘ اهو ئي هن جو سڀاو آهي. ’ڏهن پنجن منٽن ۾ ڇا ٿو اچي وڃي؟ نرسن کي به سهولت رهي ٿي.‘ +منجوءَ کي سنڀال ڪرڻ لاءِ چئي آيو آهي. هوءَ نظر رکندي. نيم انوسار هوءَ سڀ ڏسندي ڪن��ي آهي. ان خيال کان پرديوت ڀاڳوان آهي. منجو هن جي ڪمن جو بوجو پنهنجي سر ئي هموار ڪري هن جي تانگهه لاهي ڇڏي آهي. روز صبوح جو هوءَ خود بيمارن جي سار سنڀال لهندي آهي؛ پاٻوهه سان مٺو ڳالهائي کين دم دلاسو ڏيندي آهي. اسپتال جي صفائيءَ تي خاص ڌيان ڏيندي آهي. بيمار عورتن جي باري م ڊاڪٽر منجوءَ جي ڪري بي فڪر آهي. سڀني جي دادي! سٺ سالن جي روڳڻي به کيس دادي ئي چوندي آهي! +۽ هن ڪمبخت دانتو گهوشال جي ته ساڄي لڳي ويئي آهي. اسپتال جي ’ڀَت‘ سان گڏ منجوءَ جي موڪليل ڀاڄي نه هجيس ته وٺي رڙيون ڪندو. دنيا ڀرجي ڀوتن جا قصا ڪهاڻيون سڻائي هن کپ کوڙي ڇڏيا آهن. نهايت بيهودو آهي. اسپتال ۾ به هو الاجي ڪيئن گانو پيئندو آهي، ڪٿان آڻيندو آهي، پرديوت جي سمجهه کان ٻاهر آهي. کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍي ها. پر مهاشيه جيئن ته اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري ضد وچان رکيو اٿائين. هن کي به ڏسڻو آهي. +آروگيه نڪيتن کان لنگهندي کيس نظر آيو: مهاشيه ڪنهن مريض جو هٿ جاچي رهيو آهي. ڪنڌ ذرا جهڪيل اٿس. شايد اکيون ٻوٽي ڇڏيون اٿانئين. پرديوت کليو. کيس پتو پيو آهي؛ ونيه، مهاشيه کي پنهنجي دوڪان تي وهڻ لاءِ چيو آهي. تيسين جيسين، کيس ٻيو ڪوئي ڊگري يافته ڊاڪٽر نه ملي وڃي. +مهاشيه راڻا جو هٿ ڏسي رهيو هو. نانگ جي چال. جسم جي خرابيءَ ۾ زهريلي نانگ اڏو ڄمائي ورتو آهي. هن جي زهريلي اثر سان سڄو شرير هر گهڙيءَ تپ وچان جهيڻو آهي. شرير جي بانس مان به اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي. جيڪو وک جو وئد اننگ جي بدن جي بوءَ کي سڃاڻي ٿو، ان کي ٻر جي ٻاهران ويهندي به مهڪ محسوس ٿيو وڃي. اها مهڪ هن کي به محسوس ٿي رهي آهي. ڌيري ڌيري هن اک کولي. راڻا جي منهن م ڏٺائين. اکين جي چوڌاري ڪارا ليڪا پئجي ويا آهن؛ ٿڪاوٽ کان ٻئي اکيون اماس جي چنڊ جهڙيون اداس، ان جي چوڌاري راهوءَ جي کڙڪائڻ جهڙو ڳوُڙهو ڪرشڻ پکش. (اونداهي رات). +راڻا جي هٿ کي ڇڏي ڦڪي مرڪ مرڪي هن چيو! ”بيماري ته اهائي ساڳي آهي ادا.“ +راڻا کلندي چيو: ”سو ته مون کي معلوم آهي. شروع کان ئي ته چوندو اچان. پر اڄ ڪيئن سمجهي رهيا آهيو؟ بچي سگهندس؟ چڱو ڀلو ٿي سگهندس نه؟“ وري ذرا کلي چيائين: ”ته اهو ئي ٻڌايو ته جي مرڻو ئي آهي، ته ڪيستائين؟ اوهان بي کٽڪي چئو. راڻا کي مرڻ جو ڊپ ڪونهي.“ +مهاشيه چپ ويٺو رهيو. اسٽريپٽو مائسن جي ڳالهه سوچي رهيو هو، جيڪا نئين ايجاد ٿي آهي، پر ’اها وئرٿ دوا آهي.‘ +راڻا ورجايو: ”اوهان بيپرواهه ٿي چئو. اوهان ڇو هٻڪي رهيا آهيو؟“ +مهاشيه ٻاهر جي طرف تڪيندي سوچي رهيو هو. +اوچتو هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيائين: ”اڄ به ڪجهه ڪونه ٻڌائيندس، ادا. سڀاڻي اچج. ٽئين پهر. هتي نه، سڌو ونيه جي دوڪان تي. آئون اتي ئي ملندس. پر اڄ وانگر پنڌ نه اچج. بيل گاڏيءَ تي اچج. هلچل، محنت، مشقت اهو سڀ هينئر بند رک ۽ هن ورت جو سنگ بلڪل ڇڏڻو پوندءِ. سمجهيهءِ؟“ +راڻا خوش ٿي ويو. چي:”جي. اوهان جيڪي به چوندا، سو آئون ڪندس. سڀاڻي گاڏيءَ ۾ ئي ونيه جي دوڪان تي ايندس. منهنجي هڪ ڳالهه اوهان کي رکڻي پوندي.“ +”ڪهڙي ڳالهه، چو؟“ مهاشيه کليو. +”هن عورت جي بيماري مون کان به سخت آهي. ڪانه بچندي. پر بيماري ته نيٺ هڪڙي آهي. هن کي به مون سان گڏ ڏسو. اوهان يقين ڄاڻو، آئون هن کي ڇهندس به ڪونه. پر جڏهن هن کي پناهه ڏني اٿم.... هن جو.... هن کي انهن گونڊن کان بچائي آندو اٿم، ڪجهه جوابداري ته آهي. اڄ هن کي هڪالي ڇڏيان ته مون کي پاپ ڪونه لڳندو؟ هوءَ اڀاڳڻ الائي ڪٿي، ڪنهن گهر ويندي ۽ زهر ڦهلائيندي!“ +”چڱو هن کي به نيو اچج. ڏسندس.“ +راڻا هليو ويو. +مهاشيه ونيه کي چيو: ”راڻا کي آئون ان ڪري ئي پيار ڪندو آهيان.“ ونيه کلي چيو: پيار مونکي به اوهان ڪيترو نه ڪريو ٿا. اوهان دوڪان تي وهڻ جي لاءِ رضامندي ڏيکاري منهنجي ڪيتري پت رکي آهي، آئون ڇا ٻڌايان؟“ +اِندرو آيو. هن جي هٿ ۾ اچي هڪ چٺو ڏنائين. چي: ”يڪساهي هڪ مهيني جو سامان ڳنهي آيو آهيان!“ مهاشيه کليو چي: ”ٺيڪ آهي. عطر کي ڏي، رکي ڇڏيندي. جيءَ ۾ آيس، ته اڇلي ڇڏيندي، جيڪڏهن ڪميشن سان پيٽ ڀرجي ويو ته واهه، نه ته ونيه کي تاڙ جو وڻ ڏيڻ سان ڪم هلي ويندو.“ ونيه جي دوڪان تي سانجهيءَ جو ويهڻ هن قبول ڪيو آهي. اهيندر وٽان موٽندي راڻا وٽ ونيه کي ويٺل ڏسي چيائين: ”تون اچي وئين؟ چڱو، پڪو ٿيو. ويهندس تنهنجي دوڪان تي.“ اِندروءَ جي ويندي ئي مهاشيه ستاب کي چيو: ”چيو هوم نه، سنسار چڪر آهي! ڏس، ونيه سڄي مهيني جو سامان موڪلي ڏنو آهي.“ +ستاب ڪمري ۾ ڪنڊ پاسيرو ويٺل هو. شطرنج وڇائي ٻنهي طرفن جون ساريون سجائي اڪيلو کيلي رهيو آهي. +هينئر هن به ڪنڌ کنيو. پڇيائين: ”تاڙ جو درخت وڪڻڻ لاءِ ڌياڻي راضي ٿي ويهءِ؟“ +تلاو وٽ جيون مهاشيه جا تاڙ جا پنجويهه وڻ آهن. ڊگها، سڌا پراڻا وڻ. سڄي علائقي ۾ انهن وڻن جي هاڪ آهي. سڀ مڃيندا آهن. اهڙا جهونا ۽ سڌا درخت اڄڪلهه ملڻ محال آهن. اهي وڻ عطر جي پونجي آهن. هن جو سهارو چئجي ته به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. +مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳي ئي انهن مان هر هڪ جي قيمت ٽيهه رپيا هئي. هينئر ته 80-90 رپيا في وڻ- کل وخوشيءَ سان ماڻهو ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مگر عطر نٿي ڏيڻ چاهي. بد دماغ، لڪشميءَ جي دشمن؛ بدنصيب پتيءَ تي هن جو ويساهه ڪونهي. پنجويهن مان ڏهه پنهنجي ۽ ڏهه پتيءَ جي پرلوڪ- ڪريا ڪرم واسطي هن رکي ڇڏيا آهن. باقي پنج اوکي ويل واسطي رکيا اٿائين. +جيون مهاشيه کلي وراڻيو: ”ويهه ته سنسار ڀو ساگر پار ڪرڻ جي ٻيڙي آهن ۽باقي پنج کڏون کوٻا پار ڪرڻ جو وسيلو. ونيه منٿ ميڙ ڪري هڪ ڏيڻ لاءِ کيس راضي ڪري ورتو آهي. چيو اٿائين، ”رپيا پوسٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو.“ +[1] وڏائيءَ جي ڀاونا + + +[31] + +”اها لڄ رکڻ جي مون وٽ ڪابه جڳهه ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم جي وچان مري ويو آهيان. مون اوهان کي وڏو اهنج پهچايو. هڪ دشمن پٽ جو ڪم ڪيم.“ اهي وپن بابو جا آخرين الفاظ هئا، جيڪي هو پنهنجي پتا کي چئي ويو هو. هيڏانهن هڪ روايت هئي. اِها هيءَ ته پورب جنم جو دشمن پٽ بڻجي جنم وٺي ٿو، پلجي وڏو ٿئي ٿو، ماءُ پيءُ جي دل ۾ انيڪ آسون اميدون جاڳائي ٿو ۽ بعد ۾ هڪ ڏينهن مري وڃي ٿو؛ هنن کي صدمو پهچائي- پورب جنم جو ويري هن ريت پيءُ کان بدلو چڪائي هليو وڃي ٿو. موت کان اڳي ڪافي پڙهيل ڳڙهيل وپن کي به انهن کانسواءِ چوڻ لاءِ ٻيا اکر ڪونه جڙيا هئا. +اٽڪل ويهن ڏينهن بعد جي ڳالهه. +مهاشيه، ونيه جي دوڪان تي ويٺو هو. ڪشور ٻڌائي رهيو هو: ڪالهه رات اٽڪل ساڍي يارهين وڳي وپن چالاڻو ڪري ويو. ڏهه ڏينهن اڳي ڊاڪٽرن چيو هو: وپن بهتر آهي. گهٽ ۾ گهٽ هن ڀيري ته خطرو ٽري ويو. جيڪڏهن حالت وري نه بگڙي ته رفت رفته چڱو ڀلو ٿي پوندو. اٺ ڏيهاڙا اڳي ڪلڪتي مان ڊاڪٽر چئٽرجي آيو هو. هن ٻين ڊاڪٽرن جي راءِ جي پٺڀرائي ضرور ڪئي هئي، پر اهڙي اتساهه سان نه.“ +رتن بابو هن جي اڳيان مهاشيه جو ذڪر ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. چيو هئائين: ”اسان وٽ هڪ ماهر نبض شناس آهي، ٽن پيڙهين کان ناڙي ڏسڻ جو کين خاص شرف حاصل آهي. هن جي اڳڪٿي....“ +وچ ۾ ئي ٽوڪيندي پرديوت چيو هو: ”هن جي ڳالهه جو جيڪڏهن يقين ڪيو وڃي ته...“ +ڀرون تاڻيندي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ آکيو هو: ”ڇا ٻڌايو آهي هن؟ موت جي اڳڪٿي ڪئي اٿائين ڇا؟“ +”جي نه. اهڙو ڪجهه ته ڪونه چيو اٿائين، ليڪن....“ +ڊاڪٽر چئٽرجيءَ چيو هو: ”هٿ ڏسڻ ۾ منهنجو اوشواس هروڀرو ڪونهي. شروع شروع ۾ان تي گهڻو ڀاڙڻو پوندو هو. اسان مان ڪيترائي ڊاڪٽر تمام چڱي طرح ناڙي جاچي سگهندا هئا. اڄ به ڏسي سگهن ٿا پر علاج جڏهن اسان ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان جي ڳالهين جو ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو. هو شايد ائين چوي ته مرض لاعلاج آهي يا هيترن ڏينهن جي اندر ڪجهه ٿيندو وغيره! اسان چئون ٿا: ڪجهه نه به ٿي سگهي ٿو، اسان مرض کي لاعلاج ڪين چونداسين. آخرين دم توڻي لڳا رهنداسين. جيڪڏهن هن جي ڳالهه تي وشواس ٿا ڪريوته بيمار جي سڀني سڳن مٽن مائٽن کي سڀ اميدون لاهي رڳو ان دکدائڪ گهٽنا جي گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو.“ +ان بعد وري چيائين، لاشڪ کلندي چيائين: ”مان به هن ديش جو رهواسي آهيان، اهو ضرور آهي ته مان ڊاڪٽري ڪريان ٿو. پر هن جيڪي بتايو آهي، تنهن کي ته سمجهان ٿو. اها بيشڪ هڪ وڏي ڳالهه آهي. بيماري دکدائڪ آهي، سخت آهي. ڪنهن ريت بچي به وڃي ته جيئرن گڏ مردو ٿي رهندو ۽ سنسار ۾، جتي جنم ٿيڻ سان ئي مرتيو اڻ ٽر آهي، اتي جيڪڏهن سولائي سان ڏٻري ۽ نڪمي سرير جي جلد پڄاڻيءَ کي ثواب ڄاتو وڃي، ته اها هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي. اها ڳالهه اوهان جي فائدي وٽان به آهي. تنهن کي اسان ڇو جئون؟“ +ڊاڪٽر چيٽرجيءَ جي روانگي کان ٽن ڏينهن بعد بيماري يڪا يڪ اگرو روپ ڌارڻ ڪيو. پيشاب جو رنگ خراب ٿي ويو، اندار به گهٽجي ويو. پيشاب جي جاچ مان به خرابيءَ جو شڪ جاڳيو. دل جي اوسٿا به بگڙي ويئي. ڌڙڪڻ جي ماترا ٿي هڪ سؤ ٽيهه ۽اڃا به وڌڻ جو مڪان. +هريندر وري ڪلڪتي ڀڳو. ڊاڪٽر چئٽرجي چيو: ”ان جو ئي انديشو مون کي هو. نيٺ اهو ئي ٿيو هاڻ....“ +ڪجهه سوچي چيائين:”هاڻي ڪوبه چاڙهو ڪونهي.“ +بار بار ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. ”نه. ڪوبه چاڙهو نه رهيو.“ پڇاڙيءَ ۾ چيائين: ”ڊز يٽلس انٽراوينس ڏيئي ڏسوس.“ +هريندر ڏڪي ويو. ”ڊزيٽلس؟ انٽراوينس؟ پوءِ ته توهان پاڻ هلو!“ +”مان؟ مان هلي ڇا ڪندس؟ مون ٻڌايو آهي، حالت نازڪ آهي. ئي سمجهبو. هينئر ته رڳو چانس آزمائڻو آهي. جيڪڏهن دوا ٻوٽو ٻاريو،ته ڪرائيس ويندي رهندي. پوءِ جي ضرورت پئي ته مان به ويندس.“ +مگر اها همٿ هتي ڪنهن به ڪانه ڪئي: ”هريندر، چارو بابو: ڪنهن به نه. پرديوت ڪجهه سوچيو ضرور هو. پڇاڙيءَ ۾ هو به دلشڪستو ٿي پيو، من به بيچيني جي به ڪائي حد نه هئي! +وپن بابو کي ان دم تائين هوش هو. جڏهن ڪلڪتي مان ڊاڪٽر نه آيو، هو تڏهن ئي سمجهي ويو هو. پاڻ کي ان اڻ ٽر خطري لاءِ تيار ڪري پتا کي مٿين ڳالهه چئي هئائين. +”هيءُ لڄ رکڻ جي مون وٽ جاءِ ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم وچان مري ويو آهيان. اوهان کي مون تڪليف رسائي. هڪ دشمن پٽ جهڙو مون ڪم ڪيو.“ +رتن بابو به غضب جو آدمي آهي. اداس کل کلندي پٽ جي مٿي تي هٿ ڦيريندي پيائين! ”تون منهنجو بهادر پٽ آهين: جيون سنگرام ۾ تو دل نه هاري، پٺ نه ورائي، دم نه پٽيهءِ: لڙندي لڙندي وير گتي پرپات ڪيهءِ، ان ۾شرم ڇا جو پٽ؟“ +”شرم؟ شرم ان ڳالهه جو ته هن ٻڍاپي ۾ به اوهان کي زره بخت اختيار ڪرڻي پوندي، هٿيار سنڀالڻا پوندا. مان اوهان کي انهن زحمتن کان بچائي نه سگهيس. اهوئي شرم اچي ٿو. اها منهنجي سڀ کان وڏي هار آهي.“ +پٽ جي مٿي هٿ ڦيري اکين ۾ لڙڪ آڻي چپن ۾ هڪ عجيب مشڪ سان هن چيو هو: ”ڪنهن کان هار ٿي؟ جنهن کان توشڪست کاڌي، ان کان رام، ڪرشڻ، ٻڌ کان وٺي پيسم، دروڻ... نيپولين هارائي چڪا آهن. ان جي ڳڻتي نه ڪر.“ +ڪنڌ ڌوڻي وپن چيو: ”نه. پنهنجو پاڻ ک��ن منهنجي هار ٿي آهي. ڊاڪٽر چئٽرجي مون کي بار بار چتائيندو رهيو. چوندو رهيو ته تون پنهنجي هاج کان باز اچ. اهو رجوگڻ جو روڳ آهي، راجسي ڍنگ ترڪ ڪري ساتوڪ جيون ڌاراڻ ڪرڻ بنا اهو وڃي نٿو سگهي، ملڪ وڌندو رهندو.“ +ان بعد ڪشور ڪمري جي اندر رهي ڪونه سگهيو هو. ٻاهر نڪري آيو هو. ٻئي ڏينهن تي وپن جو پيشاب بند ٿي ويو هو. ان جي اثر هيٺ ساڻو ٿي ٽئين پهر تائين مورڇت پيو رهيو. رات جو يارهين وڳي گذاري ويو. +سڄو ڳوٺ، ڳوٺ ئي ڇو، سمورو علائقو وپن جي مرڻ ڪري مرجهائجي ويو. ههڙي هڪڪرم وير، نام ڪٺيو جسم جو ڀاڳي جوان جماڻ، هن جي مرتيو ڪري ائين ٿيڻ سڀاويڪ ئي هو. صبوح جو جڏهن ارٿيءَ جو وقت آيو. ماڻهن جي ڀيڙ اٿلي پيئي. سڀ اداس سڄي علائقي جي آسمان تي ڄڻڪ ڇايا پئجي ويئي هئي. جيون مهاشيه به اداس اکين سان ٻاهر جي طرف تڪيندو پئي رهيو. ڌرتي ۽ مرتيو جو اٽوٽ سنٻنڌ آهي. اهڙي ڪابه گهڙي ڪانهي، جڏهن لئه نه ٿيندي هجي، موت جي سواري نه نڪرندي هجي. جيون جنم کان موت سان ڇاپي ڇڏڻ ٿو چاهي. پوءِ به ان کي ڄاڻي نٿو سگهجي، ڄاڻڻ جو ڪو اپاو ئي ڪونهي. ان ڪري ئي ان کان هيترو ڊپ ٿئي ٿو. وچ وچ ۾ اهو ڊپ دور ٿي وڃي ٿو، مرتيو جي ڀو کي نه رڳو جيتي وٺن ٿا، پر ان کي گلي لڳائڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه ڊوڙن ٿا. تڏهن ته مرتيو امرت ٿي ويندو آهي. وپن جنهن درجي جو ماڻهو هو، جهڙي سکيا پاتي هئائين،ان سان ديش جي صدقي موت کي گلي لڳائڻ هن جي لاءِ عجب جهڙي ڳالهه ڪانه هئي. جيڪڏهن هو ائين ئي ڪري ها، ته به ڇا اهڙي ئي ڇايا پئجي وڃي ها؟ ڪانه پوي ها. اچانڪ مهاشيه کي سمڪ پئي، ڪشور ڪڏهوڪو هليو ويو آهي! هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.وري پنهنجي نبض پڪڙي ويهي رهيو. +”جهه پتو پوي ٿو؟ ڪوئي آثار؟ ڪوئي اشارو؟ نه.“ +”پنهنجو هٿ ڏسي رهيا آهيو؟“ ونيه آکيو”ها.“ +”طبيعت ڪجهه........“ +”قدرو آيو آهي. اڄ انجيڪشن جو واروآهي.“ +ڪٿي آهي؟“ +”جي سرڪار.“ ٻڍو موچي سامهون اچي بيٺو. +ونيه وٽ قدرو ئي سندس پهريون مريض آهي. راڻا جي اچڻ کان اڳي ئي هو اچي پهتو هو. اتيسار جو روڳي. جهوني بيماري. مگر عضبناڪ آدمي! اهڙو خبردار روڳي ورلي ڪو ملندو آهي. بيماري ٺيڪ ٿيڻ واري نه آهي. اڄ تائين ٺيڪ نه ٿي آهي. پر هن کي بستري داخل ڪڏهن نه ڪري سگهي. روڳ جي وڌندي ئي هو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو. ڊاڪٽر چوندس ته پاءُ کن کاڌو کائج ته هو اڌ پاءُ کان وڌيڪ ڪين کائيندو، کائي ڪين سگهندو. +دوا جو هن کي ڄڻ نشو آهي. ٻارهن مهينا ئي هن کي ڪاٿي نه ڪاٿي دوا گهرجي. ڊاڪٽري، يوناني، ويدڪ، ٽوٽڪائي: جيڪا به هجي. وارو ٻڌل اٿس. ڪجهه ڏينهن انگريزي دوا، ان کان پوءِ آيورويدڪ. +قدرو سندس پراڻو مريضي آهي. مڪاني ماڻهو نه آهي. شايد بلاسپور جو آهي. چمڙي جو ڪاروباري. انهن جي پهرين نيات جڏهن هن علائقي ۾ آئي هئي، قدرو پڻ هن ۾ هو. تڏهن هوجوان هو. ساڻ گهر واري هئس، هڪ ٻار هوس. +ان وقت به مهاشيه سندس ٻالڪ کي نگري مرض کان بچايو هو. ان ڪري هو جڏهن به مهاشيه کي راهه ۾ ڏسندو هو، ادب وچان سامهون بيهي رهندو هو:”بوٽ کي پالش لڳائي وٺان.“ +جوتو صاف ڪرائڻ بنا موڪل ڪانه ملي سگهندي هئي. ترسڻو ئي پوندو هو. چاهي جتي به هجي- بازار، هٽ، اسڪول جي سامهون، سڀ رجسٽراري آفيس جي پپڙ جي هيٺان، واري واري سان قدرو هر هنڌ هڪ هڪ ڏينهن ويهندو هو. اتان مهاشيه لنگهندو هو ته جوتو پالش ڪرائڻو پوندو هوس. +ليڪن مهاشي پئسا ڏيندو هو. جيتوڻيڪ هن جي سڪ جي قيمت نٿي چڪائي سگهيو. ون وهاريءَ جي مرتيو کانپوءِ، جن ڏينهن مهاشيه گهر کان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو، تن ڏينهن به گهر وڃي هن جي جوتي کي پالش ڪئي هوندائين. ڪنهن ڏينهن ڏوڪڙ مليا، ڪنهن ڏينهن نه به مليا. هيڏانهن ڪيترن سالن کان ٻڍاپي سبب قدرو لاچار ٿي پيو آهي. رجسٽري آفيس جي پپڙ کانسواءِ ٻيو ڪٿي به ڪونه وڃي، وڃي نٿو سگهي. ونيه جو دوڪان به سب رجسٽري آفيس جي ڀرسانئي آهي. سو قدرو ٺيڪ اچي پهتو آهي. جو تو به صاف ڪري ڏنائين. هينئر هن جي بيماري اڳري آهي. +قدرو جي مرڻ جو وقت ٺيڪ سمجهڻ مشڪل آهي. هو بيماريءَ کي گنجايش ئي نٿو ڏي. خبردار آدمي آهي. پر لڳي ٿو ته هن جي بيماري آهستي آهستي اتيسار جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. هاڻ ڪنهن ڏيهاڙي هن جي (موت جي) پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ ايندي. +هن دفعي قدروءَ چيو آهي: ”سئي هڻو مهاشيه جي تازي ۽ تيز دوا جي سئي!“ +”سئي؟ انجيڪشن؟“ مهاشيه کليو. ”جلدي آرام وٺڻ ٿو چاهين؟“ +”ها بابا، مشقت نه ڪري سگهندس ته روٽي ڪير کارائيندو؟“ +قدروءَ جا پٽ سياڻا ٿي کيس ڇڏي ٻئي ڪنهن ماڳ هليا ويا آهن. زال مري چڪي آهي. اڪيلو سر آهي. ان ڪري محنت ته ڪرڻي ئي پوندي! +مهاشيه چيو هو: ”بهتر ٿيندو ته تون اسپتال هليو وڃ قدرو. پنهنجي صاحب کي چئي ڇڏ، بس.“ +قدروءَ جو صاحب آهي ڪشور. الائي ڪهڙي ڳالهه کان ننڍپڻ کان ئي قدرو ڪشور کي- صاحب چوندو رهيو آهي. هو به هڪ شخص آهي جو قدروءَ کي پيارو آهي، قدرو هن کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. +فوٽ بال جي مرمت وقت قدرو جي ڪشور سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي، ان وقت هاف پينٽ ۽ جرسي جو ڪپتان هوندو هو، ٿي سگهي ٿو ان ڪري کيس صاحب چوندو هو. بعد ۾ هو کدر پوش ٿي ويو ۽ ڪشور کيس لک منع ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن ڌمال به چاڙهي، پر قدرو کيس صاحب چوڻ نه ڇڏيو. +قدرو اسپتال وڃڻ واسطي تيار نه ٿيو: ”نه، مائي باپ، آئون اسپتال وڃي نٿو سگهان. اتي سڀ وڏا ماڻهو آهن، منڊمون دوا ٿيون پيئارين: وري ڏينهن رات کٽ داخل رهڻ ۽ انهن سڀني کان شيوا ٽهل ڪرائڻ مون جهڙي ڄمار کي سونهي ٿو؟“ +”اڙي ڀائي، انهيءَ ڪم واسطي ته هو ماڻهو مقرر ٿيل آهن. اسپتال ته سڀني واسطي آهي. روڳي ئي اسپتال جا ديوتا آهن. ان ڪري تون ڪو سنڪوچ نه ڪر.“ +”نه بابا، نه.“ +”ڇو؟ آئون چوانءِ ٿو، اهو ئي بهتر ٿيندءِ. تون جهڙي طرح نيم سنجم سان ٿو رهين، جهٽ چڱو ڀلو ٿي پوندين. روڳ ٿيڻ جي حالت ۾ ته کٽ تي پوڻ ئي ٺيڪ آهي.“ +”سو ته ڪندو آهيان. وڻ جي هيٺان تڏو وجهي پيو هوندو آهيان، ويٺي ويٺي ڪم ڪندو آهيان. ننڊ لڳندي ئي سمهي پوندو آهيان.“ +”ته پوءِ اسپتال ۾ ئي سمهه.“ +”آئون دوا جو دام ڏيندس سرڪار.“ +”پئسن جي لاءِ آئون ڪونه ٿو چوان قدرو. اتي وڃڻ سان سٺو ٿيندءِ.“ +”نه سرڪار، اسپتال جيڪو ويندو سو مرندو: آئون چوان ٿو.“ +”ڇو؟“ +”اسپتال ۾ ديو آهن، ديو. رات جو چڪر هڻندا آهن. قبرستان ۾ اسپتال آهي، قبر مان ڀوت نڪرندا آهن.“ +مهاشيه کي ياد اچي ويو. ’اُن ڏينهن شايد پرديوت وٽ به ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽرن مان ڪنهن به گوشت ڪونه کاڌو هو. ٻئي ڏينهن تي دانتو گهوشال اسپتال مان رفوچڪر ٿي ويو هو‘.... مهاشيه ڀرون تاڻيون. هڪ ڳالهه کيس ٻي به هري آئي ليڪن رهڻ ڏي. هن به هڪ ڀيرو ڀوت ڏٺو هو! اهو ڀوت مڇي کائي رهيو هو. رات جو هڪ بجي. هو بيمارن کي ڏسي موٽي رهيو هو. نوگرام ۾ داخل ٿيندي ئي چوواٽي تي، باغيچي واري تلاو جي گهاٽ جي ڀرواري وڻ جي هيٺان کڙيءَ کان چوٽيءَ تائين سفيد ڪپڙو ويڙهيل هڪ مورتي بيٺي هئي، ڪجهه کائي رهي هئي. چانڊوڪيءَ ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته هٿ وات جي ڀرسان آهي. +تنهن وقت ڊپ وچان گاڏيءَ واري جو ساه سڪي ويو هو. مهاشيه کي لوڏو به نه آيو. هو گاڏيءَ مان لهي اڳتي وڌي ويو هو. ڏٺائين، ڀوت ئ�� آهي، مڇي کائي رهيو آهي. اها تصوير گويا اکين ۾ تري رهي آهي. خود هن ڏٺو آهي ڀوت کي! +سندس چهري تي هن دفعي هڪ عجيب کل جي ريکا نمودار ٿي. ’هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه آهي. ڀوت، پريت، برهم، دئيت، سڀ. نه آهي، ڪير ٿو چوي؟ جيڪڏهن سچ پچ اها نظر هجي ته ڏسي سگهجي ٿو.‘ +انجيڪشن سان ئي هن علاج شروع ڪيو. قدروءَ کي به سئي هنيئاين. اڄ به سئيءَ جو وارو آهي. هو اچي سهڙيوآهي. مهاشيه پڇيس: ”ڪيئن آهين؟“ +”اون هون.“ هن ڪنڌ ڌوڻي چيو. ”ٺيڪ نه آهيان. ٿورو گهڻو تپ اٿم.“ +”چڱو، هٿ ڏيکار. اڙي، تون ته ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهين. بيماري وڌي ويئي آهي. دست ته گهڻا ٿا اچئني؟“ +”نه سرڪار. دست ته ٿورو ٿو اچي.“ +”پوءِ؟ کائيندو ڇا آهين؟“ +”ڇا کاوان حضور؟ ٿورو ناريل جو پاڻي. بس. ٻيو ڪي ڪين. ڪجهه به نه“ +”پر کائڻو ته پوندءِ. بنا کاڌي ئي ائين ٿيو آهي.“ +”ڊپ سان ڪم ڪين هلندو. کائڻو پوندو. بکيو رهي ته تون مري ويندين.“ +”مرڻ کان نٿو ڊڄان بابوُ. بيماري جي تڪليف کان ٿو ڊڄان. جيڪڏهن کاڌي پيتي سان وڌي وڃي؟ پيٽ جو سور ڪٿي وڌي وڃي؟ پڇاڙيءَ ۾ ڪهڙو گند مئلي سان ڪنو ٿي مران بابا؟“ +مهاشيه اڄ به ورجايس: ”تون اسپتال هليو وڃ. تنهنجو صاحب ته اتي آهي ئي. هو چوندو ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندو ۽ جنهن قسم جو توکي مرض آهي، اهو به سهنجائي سان ٺيڪ ٿي ويندو.“ +قدرو چيو: ”اتي ئي ته هو بابو صاحب چالاڻو ڪري ويو. هيڏو وڏو بابوُ، هيڏي وڏي قسمت! ڪچي ڄمار م ئي هليو ويو. هيتري دوا دوارون ٿي، هيڏا وڏا ڊاڪٽر آيا. ڇا ڪيائون حضور! ڪجهه نه. ٻئي جي ڳالهه ئي سچي نڪتي.“ +”ڪهڙي ڳالهه؟“ دردناڪ ۽ عجيب آواز ۾ مهاشيه آيو. +”حضور جواڳڪٿي ڪئي هئي ته بابوُ بچندو ڪونه، اهائي ته سچ نڪتي، ڪلڪتي مان ڊاڪٽر آيو، پر وريو ڪجهه ڪونه.“ +مهاشيه جا سمورا عضوا ڪانڊارجي ويا. ’قدرو ڇا پيو چوي!‘ چپ ڪري ويٺو، پاڻ کي روڪي ورتائين. +قدرو چوندو ويو: ”ٻي به ڳالهه آهي بابا. تنهن ڏينهن اوهان کي ٻڌايو هوم، ونيه بابوُ کي به خبر آهي، اسپتال ۾ ڀوت رهندو آهي. اتي ڪير ڪونه بچندو.“ +ونيه ٻاهر بيٺو هو، اندر هليو آيو. چي: ”قدرو ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي. تنهن ڏينهن پرديوت بابوُ وٽ ڊاڪٽرن جي مجلس هئي. گوشت رڌيو ويو هو. دريءَ کان ٻاهر ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽر جي رسويي پنهنجي اکئين ڏٺو آهي. گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ جو اسپتال ۾ ويم ٿيو هو، ڊاڪٽر اهو ڪيس خوب بچايو! پر هوءَ ڇوڪري ڊپ وچان ذري گهٽ مرڻ تي هئي. گڻيش هن کي وٺي اتان ڀڄي آيو.“ +مهاشيه کي ڄڻڪ باهه جي چڻنگ ڇهي ويئي- بيچين ٿي پيو. ڀروُن تاڻي تکو ڳالهائيندي چيائين: ”ڀوت؟“ +ونيه چيو: ”دانتوءَ ڏٺو آهي. قبرستان مان...“ +”دانتو؟“ +”هائو. اڄ صبوح جو هن اسپتال ۾ ڏاڍو هل هلاچو ڪيو. ڪونه رهندو. ڪالهه سڄي رات هو ڊپ وچان سمهي ڪين سگهيو. +ان ڳالهه تي مهاشيه جيڪي ڪيو، اهو ونيه جي ڪلپنا کان ٻاهر هو. مهاشيه بگڙي ويو. ”دانتومرندو. اڳڪٿي ۾ مون کان ڀل ڪانه ٿي آهي. پريت؟ دانتوءَ کي وٺي وڃڻ لاءِ ئي ڀوت ڀريت درشن ڏنو آهي. اهو ڀوت دانتوءَ سان ساڻ ساڻ گهمي ٿو. ٻيو ڪير نٿو ڏسي سگهي، پر آئون ڏسان ٿو.“ +سڻندي ئي قدرو ۽ ونيه ڏندين آڱريون ڏيڻ لڳا. ونيه کي لڳو، ”مهاشيه جو مغز ته خراب ڪونه ٿي پيو آهي؟“ +مهاشيه چيو: ٻيا بيمار هجن، انهن کي سڏائي. هاڻ آئون ويندس. ستاب اڃا تائين ڇو ڪونه آيو آهي؟“ +اڄڪجهه شطرنج کڻي ستاب دوڪان ئي تي ايندوآهي. هتي ئي ڄمي ويندا آهن. خاصي محفل لڳي ويندي آهي. +* * * +ستاب ڪونه آيو، هن جي پاڙي ۾ نشي ٺڪرائڻ جي ڀائٽي مري ويئي آهي. اهائي پندرهن ��رهين جي نينگري، ٻن ٻن ٻارن جي ماءُ، ويم ۾ جنهن جي بدن جو رنگ ٽيسوءَ جي گل جهڙو ٿي ويو هو. جنهن جي ناڙي ڏسي مهاشيه هن جي نشچت موت جي اڳڪٿي ڪئي هئي. آخر ۾ نشيءَ ششيءَ جو علاج ڪرايو هو. ششيءَ پنهنجي نيم طبيبي واري طريقي سان سيگهه ۾ هن کي يم لوڪ پهچائي ڇڏيو- ڀو ساگر پار ڪرائي ڇڏيو. +آخرين ٽي ڏينهن، جڏهن هن جي حالت بنهه نازل ٿي ويئي، نشيءَ ڊاڪٽر هريندر کي گهرايو هو. هن ڪيتريون سيون هنيون. قيمتي دوا ڏني. +هينئر نشي هريندر کي پاراتا ڏيئي رهي هئي. گهر موٽندي مهاشيه ستاب وٽ ويو هو. هڪ اڀو ساهه کڻي موٽي آيو. ڪالهه رات وپن سرڳواسي ٿيو، ارٿيءَ سان گڏ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ٻڍا ٻار، زالون مڙد سڻڪ جي ڪناري ڪناري ڀيڙ ڪري بيٺا هئا. مساڻن تائين جنتا ويئي هئي. سڄو ڏينهن جيون جي جوت تي هڪ ميري ڇايا ڇانئي رهي. ماڻهو ٿڪجي پيا، شوڪ غم ۾ غرق ٿي ويا. هينئر ڪو به ڪونهي. پنهنجي ڀائٽيءَ جي لاش جي ڀرسان نشي او ڇنگارو ڏيئي روئي رهي آهي، ڊاڪٽر کي گاريون ڏيئي رهي آهي. ٻه ٽي پاڙي واريون ڀرسان ويٺل آهن. ٻاهر ڪشور ۽ ٽي چار ’ڪشور پنٿي‘ جوان بيٺا آهن. لاش جا ڪانڌي اهي ئي ٿيندا. +اڄ بازار به مندي آهي. ڪجهه بتيون ٻري رهيون آهن، ڊاڪٽرن جي ’ڪوآپريٽو اسٽور‘ ۾ ٻه بتيون ٻري رهيون آهن. هڪ اندر ۽ هڪ ٻاهر. اڃا سموريون دوائون پهچي نه سگهيون آهن: ٿورو گهڻو دوڪان چالو ڪيو ويو آهي. چارو بابوُ ٻاهر ويٺو آهي. هريندر به آهي. وپن جو ئي ذڪر هلي رهيو آهي. +مهاشيه سوچي رهيو هو نشي جي ڀائٽيءَ جي ڳالهه. ان ڏينهن جيئن ئي هن کي ڏٺو هئائين، تيئن ئي کيس پنهنجي ناڙي سکيا جو پهريون ڏينهن ياد اچي ويو. کيس به ساڻ وٺي ويو هو. اهڙي ئي هڪ روڳڻي هئي هوبهو. ساڳي عمر، اهڙي ئي ٻن ٻارن جي ماءُ: هڪ ٻار گرڀ ۾، موٽندي وقت پتا کيس رستي ۾ چيو هو: ”اهائي آهي موت جي مرض جي ناڙي! هيءَ نينگري ڪانه بچندي پٽ- ۽ هڪ علامت تو ڏٺي؟ هن جي دل انهن شين سان آهي، جن سان مرض وڌي ٿو. هن جي هٿ ۾ تيل جي وڏي پڪوڙي جو نشان ۽ ان جي بوُ هن جي نگاهه کان بچي ڪانه سگهي هئي. نشي جي ڀائٽيءَ به ان ڏينهن آچار چورائي کاڌو هو. اف، ان ڏينهن کيس ’ٻچي‘ چوڻ سان جا هوءِ کلي هئي‘ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس پهريون ٻار ڄائو هو. ساڍن تيرهن ورهين جي عمر۾ هوءَ ٻئي ٻار جي ماءُ بڻي هئي ۽ پندرهن ورهين ۾ هن نينگريءَ ٽئين ٻار کي گرڀ ۾ ڌارڻ ڪيو آهي ۽ هوءِ ٻچي آهي!“ +هوءَ کلندي هئي ته هن جي ٻنهي ڳلن ۾ کڏو پئجي وينديون هيون. اونداهي رات ۾ ڇايا مورتيءَ ڪير اکين آڏو اچي بيٺي هئي. پٺ گهنڊيدار وارنسان ڀريل. هيءَ به وات ۾ ڪپڙو وجهي کلي ٿي. کلڻ سان ڳلن ۾ کڏون پون ٿيون. +منجري شايد مري ويئي آهي. وچ ۾ ايڪانت جي گهڙين ۾ ٺيڪ ساڳي ريت اچانڪ ياد تري ٿي اچي ۽ اتي ئي وري کوهجي ٿي وڃي. +اسپتال جي احاطي ۾ ڊاڪٽر پرديوت جي ورانڊي ۾ بتي ٻري رهي آهي. اڄ پرديوت چپ ويٺو آهي. شايد سوچي رهيو آهي. سڀ ڊاڪٽر سوچيندا رهندا آهن. سوچيندا آهن، ته ڪٿي ڪائي ڀل چوڪ ٿي آهي يا نه. +جيڪڏهن ڀل ٿي ويندي آهي ته پڇتاءُ ظاهر ڪري چپ ويٺو رهندو آهي. هن جو هردو هاءِ هاءِ ڪندو رهندو. جيڪڏهن ڀل ڪانه ٿي هوندي، ته ائين ئي سڀاويڪ خاموشيءَ سان ويٺو رهندو آهي. من خالي ٿي ويندو آهي. اچانڪ ان خلاءَ ۾ هوا لڳي ٿي. ٿڌو شوڪارو ڀري ڊاڪٽر سوچي ٿو. ”بيوس آهي، انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪنهن جي من ۾ بجلي جي چمڪ جهڙو سوال چمڪي ٿو. ڊيٿ! واٽ اِز ڊيٿ؟“[1] Death! What is death? +[1] موت! موت ڇا آهي؟ + + +[32] + +بستري تي ليٽندي به مهاشيه جاڳي رهيو آهي. ننڊ ڪانه آيس. من ۾ ماندگ��. ننڊ به ڪانه اچي رهي آهي. وپن ۽نشي جي ڀائٽيءَ جي مرتيو هن جي من کي چلائمان ڪري وڌو آهي. دانتوءَ ڏانهن جيڪا تلخي، من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هئس، سا ڍڪجي ويئي آهي. ڀرواري بستري تي عطر سمهي پئي آهي. بغل واري دريءَ مان آسان جو ڪجهه حصو ڏيکائي ڏيئي رهيو آهي: سياري جي گهاٽي نير، نکيترن سان ڀريل آسمان جو ٿورو حصو. گوڙن جي اڻ ٿڪ اونائي ڪنن ۾ اچي رهي آهي. مهاشيه به سوچي رهيو هو: موت ڇا آهي؟ اڻ ٽر ميلاپ، هڪ سمجهه کان پري رهيسه: انهن جوابن سان ته جيءُ نٿو ڀرجي. پراڻن شاسترن جي هن ڀورن وارن واريءَ[1] جي ساکيءَ مان به سنتوک نٿو پڙپي. بيهوش پيل مرڻينگ مريض جيئرو ٿي اٿيو. اهڙن ماڻهن مان ٻه چار ڄڻا عجيب وغريب قصا ٻڌائين ٿا. ڪوئي چوي ٿو، هو ڄڻڪ هڪ لامحدود خلاءِ ۾ اڏامندو پئي ويو، موٽي آيو. عجيب آهي آڪاش لوڪ! وري ڪوئي چوي ٿو، ’هو سمنڊ ۾ ترندو پئي ويو.‘ ٻنهي جا آزمودا نرالا آهن. ان ۾ به گوناگون سوال اٿن ٿا. من نٿو ٻجهي. ڪشور جي هڪ ڳالهه ياد اچي رهي آهي. هن جيڪي چيو هو، سو عجيب نموني سندس من ۾ پوتل آهي. ڪافي ڏينهن جي ڳالهه آهي: نوگرام جي گووند پالڪ جو ڇوڪرو نسيرام. مرڻينگ حالت ۾ پيو هو. مرڻ کان پندرهن منٽ اڳ ۾ چيو هئائين: ڪيترو زور سان پگهر ڇٽي رهيو هوس! پنهنجي هيڏي لنبي وئدڪ جيون ۾ ايترو پگهر ڳاڙيندو ڪنهن کي ڪونه سنڀري. شيوا ٽهل ڪرڻ وارا عنبير ۽ سنڍ مليندي مليندي ٿڪجي پيا: عنبير ۽ سنڍ جو وزن ختم ٿي ويو! ڌٻڻ مان جهڙي طرح پاڻي نڪرندو آهي، بدن جي رونگٽن مان پگهر نڪري رهيو هو. زندگيءَ جو چراغ هوريان هوريان اجهامي رهيو هو، پر هن کي هوش هو. اڻ ڇنڀ اکين سان مهاشيه بيٺي بيٺي ڏسي رهيو هو. نبض هئي ڪانه. ڪنهن کيس سڏ ڪيو هو: نسوُ. نسوُ، نسوُ! او نسوُ....! +ڌيري ڌيري هنجو ٻوٽيل اکيون ٿوريون کليون هيون: نظر ۾ جواب جو اسارو بکي رهيو هو. نهايت جهيڻي آواز ۾ هن چيو هو، هان؟ +”ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڏاڍو ڪشٽ ٿو ٿئيهءِ؟“ +تڪليف سان ڪنڌ ڌوڻي چيو هئائين: ”نه“ +ذرا ساعت چپ رهي اکيون بند ڪندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو.... آئون....“ +”ڇا؟“ +”ڄڻڪ ڏاڍو پري پري وڃي رهيو آهيان. توهان جون ڳالهيون چڱي ريت ٻڌي به نٿو سگهان... توهان کي ٺيڪ طرح ڏسي.... +ڪنڌ ڌوڻي هن ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”هو چڱي طرح ڏسي نٿو سگهي. ڪوئي پردو ڪرندو پيو اچي ۽ اهو پردو ڌيري ڌيري گهاٽو ٿيندو پيو وڃي.“ +هن کان ويڪ سهڻو بيورو هن ڪڏهن ڪونه ٻڌو. +ٺيڪ اهڙي ئي وقت ڪنهن ٻاهران سڏ ڪيو: ”مهاشيه!“ +”ڪير؟“ ڀت جي سهاري اُٿي ڪري دريءَ مان ڏٺائين. لالٽين کنيو ٻه آدمي بيٺا هئا. ”ڪير آهن هي؟ ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“ +”ڪير آهي؟“ +”جي اسان آهيون. پراني ميان وٽان آيا آهيون.“ +”ڇا ٿيو آهي؟ بيبي جي مزي ۾ ته آهي؟“ +”جي نه. مصيبت آهي. لڳي ٿو ته بيبي جي زهر کائي ورتو آهي.“ +”زهر کائي ورتو آهي؟ آفت!“ هو جلدي اٿي کڙو ٿيو. ”عجب آهي! آدمي زهر به کائي ٿو، ڦاسي تي به چڙهي ٿو، ڪپڙي ۾ باهه لڳائي سڙي به مري ٿو، پاڻيءَ ۾ ڇلانگ لڳائي ٻڏي ٿو!“ +* * * +پراني ٻنهي هٿن ۾ مٿو جلهي ويٺو هو. سندس منهن خوفناڪ ٿي ويو هو. جوڻس زهريلو ٻج پيسي کاڌو آهي. مهاشيه کي ڏسندي اٿي بيٺو. هن جون اکيون به ڳاڙهيون ٿي ويئون آهن. چي: ”اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ چيو هو مهاشيه جي. مرض جو ته رڳو بهانو آهي: هيءَ عورت ئي شيطان آهي. جيئن ته مون جهڙو ٻڍو آدمي هن کي ڇهي ٿو، ان ڪري بيماريءَ جو بهانو بڻائي پيئي رهندي هئي. زهر کائي پاڻمرادو سڄي ڳالهه ٻاڦي رهي آهي.“ +ٻڌل جهنگلي پاڏي وانگر مٿو لوڏي گرجندي پرانيءَ چيو: ۽ ”هو حرامي، غ��ام، سامهون گڏجي ته هن جي ڳچي ڦوڙي وجهان! حراميءَ جو ٻچو به حرامي‘ ۽ هن جي والده. حرامزادي! ٻانهي! ڪڏهن هوءَ حرامزادي منهنجي...“ پرانيءَ گندا لفظ ڪڍيا. +مهاشيه چيو:”هينئر انهن ڳالهين کي رهڻ ڏي. هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ +”جهنم ۾ وڃي پوي. مري وڃي. شيطان، رنڊي. اوهان رڳو سندس منهن مان ٻڌو ته هن خود زهر کاڌو آهي ۽ هن ڪمبخت، نفر، حرامي ربانيءَ واسطي کاڌو اٿس. نه ته هيءُ شيطان مون کي ڦاسائي وجهندا.“ +پرانيءَ مٺين ۾ پنهنجا بانوار وار ڀڪوڙي، بنا ڏندن وارين مهارن سان دٻائي چيو: ”هاءِ، مون پنهنجي گهر ۾ پاڻ شيطان کي جڳهه ڏني. هاءِ! اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ ئي چيو هو.“ +هوڏانهن سندس بيبي پاڻ ئي سڀ ٻولي رهي آهي. تڪليف وچان هوءَ عجيب آواز ڪري ۽ ساڻ چئي رهي آهي: ”ڦٽل ڀاڳ منهنجو! هن ڦٽل ڀاڳ ڪري هر ڪنهن کي ڪنهن ريت قبول پئي ڪيو اٿم‘ مگر تو ربانيءَ کي ڇو رکيو؟ هن جي ماءُ کي ڇو رکيو ۽ رکيئه سو رکئيه، هن کي پوءِ هٽائي ڇو ڇڏيئيه؟“ +ڳالهه اها ئي آهي. +ڪالهه ٽئين پهر کان پرانيءَ جي بيبي الٽي ڪرڻ لڳي هئي. اول ته سڀني کي اها گرڀ جي علامت لڳي. پر لڳاتار الٽي، اُلٽيءَ سان گڏ ڪئٿي جا ٽڪرا، ڳاڙهن مرچن جون کلون: اهي سڀ نڪرڻ لڳا. تنهن تي ماڻهن کي شڪ پيو، ’بيبيءَ کي اهو سڀ ڪٿان مليا؟ ڪنهن آڻي ڏنا؟‘ +تيسين هوءَ لڳ ڀڳ مورڇت تي ويئي هئي. کوج خبر شروع ٿي. جيتامڙي جي کوج ۾ نانگ نڪري آيو: تيليءَ مان ٿنڀ بڻجي پيو. بيبيءَ جي خاص دائي يعني رباني جي ماءُ وڏي عزت آبرو سان ڪئٿو، ڳڙ، مرچ، لوڻ ملائي ڪري چٽڻي ٺاهي ڏيئي ويئي هئي. جهنگلي ٻير به ڏنا هئائين. اها ڪا اڄوڪي ڳالهه ڪانه هئي. ڪيترن ڏينهن کان لڳاتار اها حرڪت هلي رهي هئي. ڪڏهن بازار جي مٺائي، ته ڪڏهن پڪوڙيون ته ڪڏهن ٻيو ڪجهه. ڪجهه نه ڪجهه مڙوي ئي روز هلندو پئي آيو. آڻي پهچائيندو هو رباني ۽ پنهنجي هٿن سان کيس کارائيندي هئي سڪينه بيوه. ٻڍيءَ سڪينه (ربانيءَ جي ماءُ) شايد کيس بارڊر واري ساڙهي به آڻي ڏني هئي. اها خبر پرانيءَ کي سندس وڏي گهر واريءَ ڏني. هن پنهنجي اکئين ربانيءَ کي ساڙهي آڻي، ماءُ کي ڏيندي ڏٺو آهي ۽ ان ساڙهيءَ ۾ ”نئين بيبيءَ“ کي به ڏٺو اٿائين. +پرانيءَ جي نرگهٽ تي ڄڻڪ ڪنهن لٺ وڄائي ڪڍي. غصي وچان ڏمرجي هن وڏي بيبيءَ جو چوٽو جهليندي چيو هو: تون ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين!“ +وڏي بيبيءَ الله جو قسم کاڌو هو. هن زال جو چوٽو ڇڏي ڏنو۽ سڪينه بيوه ۽ هن ٻانهيءَ جي ٻچي ربانيءَ جي ڳولها ڪئي. پر ٻئي ماءُ پٽ فرار ٿي چڪا هئا. پرانيءَ ان ڳالهه کي وٺي وڌيڪ هل بکيڙو ڪرڻ مناسب نه ڄاتو. آسپاس جي ڳوٺن ۾ هندو-مسلمان، ٻنهي جاتين ۾ سندس دشمن ڀريل هئا. چئن پنجن سالن کان هڪ نئين زمين واسطي هنن جي وچ ۾ مقدمه بازي هلي رهي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پنهنجي ماءُ سان گڏ، ربانيءَ انهن ماڻهن مان ئي ڪنهن وٽ پناهه ورتي آهي. سو زهريلي ڏندن بغير نانگ جيئان پرانيءَ بگڙي پنهنجي نئين بيبيءَ جي خوب خبر ورتي. هوءَ بيهوش جيئان پيئي هئي. ان حالت ۾ هن جي وارن جي چڳن کان ڇڪي بار بار کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. شايد کيس ماري دم پٽي ها. پر وڏي زال کيس روڪي ورتو: ”اڙي، ميان ڇا ڪري رهيو آهين، مري ويندي. توکي ڦاسي ملندي. کيس ڪڍي ٻاهر ڪر.“ +ليڪن پرانيءَ کان طلاق به ڏنو نه ٿيو. ’هيءَ حرامزادي خوشيءَ سان ويندي ۽ ربانيءَ وٽ پهچي ويندي. اهو برداشت نه ٿي سگهندو.‘ ان ڪري هن کيس ڪمري ۾ بند ڪري رکيو هو. ”اڄ هن شام جو گهاٽ تي وڃڻ لاءِ سکا ڪئي هئي، سو وڏي بيبيءَ ڪمرو کولي ڇڏيس، تڙتي هن جي مٿان نظرداري رکي ويئي. گهاٽ جي ڀرسان ئي زهريلي ٻج جا وڻ آهن. پهريدار جي اک بچائي هوءَ ڪيترا ڦل ٽوڙي آئي هئي. الائي ڪڏهن انهن کي کائي ويئي هئي. هاڻ بيهوش ٿي پئي آهي. مري پوي ته بلاٽري. ههڙي بدچلن عورت هت جهنم رسد ٿئي، رنڊي، بدذات، حرامزادي. مهاشيه، صرف ايترو پنهنجي ڪنين ٻڌي ته هن حرامزاديءَ زهر پاڻيهي کاڌو آهي. پرانيءَ ڪجهه نٿو ڄاڻي. هو بيقصور آهي.“ +* * * +خوبصورت جوان عورت! زهر جي اثر ڪري اڌ جاڳرت اوسٿا. درد وچان آنڊن ۾ لوڇ. ساهه ڄڻڪ گهٽجي پيو. وات ۽ نڪ مان گڦ نڪري رهي آهي، ڪليجي ۾ زوردار ڇڪ، ڄڻڪ ڇاتي ڦاٽي چيرون چيرون ٿي پوندي. اڌ ٻوٽيل ٻئي اکيون، لعل: سروناش جو نشو طاري. اڌ اگهاڙي حالت ۾ پيل آهي: وارن جون چڳون ڇڙوڇڙ ڌوڙ ۾ ڀرجي ويئون آهن، چو طرف. ماڻهن جي ڌنڌاڙڻ ۽ چهنڊڙيون پائڻ سانوچ وچ ۾ کيس هوش اچي وڃي ٿو۽ سجاڳ رهي ٿي: ”هاءِ! مرڻ به مونکي نٿا ڏين. مرڻ تي به پنهنجو اختيار ڪونهي. هاءِ ڙي نصيب! هاءِ ڙي تقدير!“ +وري کلي چيائين: ”ڪونه روڪي سگهندين ميان، مون کي روڪي نه سگهندين. رباني شيخ سان ڀلي مونکي وڃڻ نه ڏج، ليڪن هينئر جنهن سان آشنائي ڪئي اٿم، ان جو هٿ تون ڪونه ڇڏائي سگهندين: نه، هر گز نه. هاءِ! مونکي ڇڏي ڏي. ذرا سمهي وٺان.“ +’هاءِ: هاءِ!‘ چوندي ٻيهر زهر جي خماريءَ کيس نستو ڪري وڌو. ڏندڻ پئجي ويس. ڪنڌ لڙڪي پئي ويس. +مهاشيه چيو: ”پراني، بيبيءَ کي تون اسپتال وٺي وڃ.“ +”اسپتال؟ جي نه. مون ته چئي ڏنو آهي ته....“ +”دماغ خراب نه ڪر. آئون تنهنجي ڀلائي جي ٿو چوان. آئون هينئر اهو مهاشيه ڪونه رهيو آهيان. جڏهن پنچايت جو پرڌان هوس، تڏهن الائي اهڙا ڪيترا معاملا منهنجي هڪم سان ميٽجي ويا هئا. هينئر اهي ڏينهن ڪونه رهيا. اڄ جڏهن تو مون کي گهرايو آهي، آئون آيوآهيان ۽ اچي هيءُ سڀ ڪجهه ڏٺو اٿم، تڏهن مون کي ئي ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻو پوندو. وري آئون ٿيس ويڄ. آئون بيمار کي جيئارڻ لاءِ ٿو اچان، بهي هن جو موت ڏسڻ لاءِ نه.“ +پراني ڪيتري دير گم سم ويٺو رهيو. ان بعد چيائين: ”گاڏي وٺي اچ ڙي حنيف! سگهو اچ. ليڪن اوهان ساڻ هلو!“ +رات جا ٻه وڄي رهيا هئا. +مهاشيه آواز ڪيو: ”ڊاڪٽر صاحب! ڊاڪٽر صاحب!“ +ڊاڪٽر ٻاهر نڪتو. ”ڪير؟“ +”آئون آهيان جيون دت.“ +”اوهان هيتري رات گذر ئي؟“ +”هڪ عورت زهر کاڌو آهي. ڪينر جو ٻج. انهيءَ کي کڻائي آيو آهيان. پراني ميان جي بيبي آهي.“ +”اجهو آيس مان. هوڏانهن نرس ڪمپائونڊر وغيره جاڳي رهيا آهن؟ انهن کي سڏيو اٿو؟“ +”ها سڏيو اٿم.“ +”بس هڪ منٽ ۾ اچان ٿو.“ +اندر وڃي هن هاف شرٽ پهري ۽ ٻاهر نڪري آيو. نڪا پڇا نڪا ڳاڇا، نه وري ڪڇيائين. اسپتال جي سامهون هريهر ڪمپائونڊر کي ڏسي پڇيائين: ”سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو؟“ +”اٽڪل پندرهن منٽ ته لڳي ئي ويندا. مون پوٽاش پرمئنگنيٽ لوشن ٿورو پيئاري ڇڏيو آهي.“ +ڊاڪٽر ڪمري جي اندر وڃي رهيو هو. پراني ٻوڪ ڦاڙيو: ”آئون هلان ٿو ڊاڪٽر صاحب. جيڪڏهن هيءَ عورت بچي پوي ته پوليس جي حوالي ڪجوس، نه بچي سگهي، ته لاش صدر موڪلي ڏيندا. اتي چيرڦاڙي جيئن سمجهندا، تيئن ڪن. سلام!“ +اچانڪ پٺتي منهن ڦيرائي وري چيائين: ”ڪاش، ان وقت مون توهان تي غصو نه ڇنڊيو هجي ها: اوهان کان ئي علاج ڪرايان ها! مهاشيه جي ته هُن زماني جو آدمي ٿيو. نبض جاچي موت جو پتو ٻڌائي سگهي ٿو. باقي هيءُ جوان سڀ ڪجهه ڪونه سمجهي سگهندو.“ هو هليو ويو. +پرديوت اندر ويو. مهاشيه چپ چاپ بيٺو رهيو. هن اڀاڳڻ کي نڌڻڪو ڇڏي وڃڻ ۾ گويا سندس پير کڄي نٿي سگهيا. هن جون ههڙيون ��رڪتون هونديون، هو ائين سمجهي نٿي سگهيو. خير، ان ڳالهه کي به هو قبول ڪري ٿي سگهيو. ليڪن کيس خبر هئي؛ ٻڍي مڙس ڏانهن جوان زال جو اهڙو رخ هن جو اڻ ڄاتل ڪونهي، پر ان جي لاءِ حيرت انگيز طريقا وٺڻ جو هن انومان به نٿي ڪيو، پرانيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ لاڏ پيار کي ئي هن ان جو مکيه ڪارڻ سمجهيو هو ۽ پياري ڌيءَ جي لاڏ ڪوڏ کي پتا جنهن سنيهه جي نظر سان ڏسندو آهي،انهيءَ نظر سان ڏٺو هئائين. هن جو خيال هو، اولاد ٿيڻ تي هن جي سنيهه سان جيون جي اها کوٽ پوري ٿي ويندي‘ سو هو هن جي اولاد پيدا ڪرڻ جي شڪتيءَ کي ئي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پئي آيو. هن جون اهي ڪوششون ڪارگر به ٿيون. ليڪن اها ڪوشش- جوانيءَ کان متاثر ٿيل من جي تڙڦ سان هن ناجائز ۽ غلط طريقي سان ڪارگر ٿي سگهي ٿي، اهو ته هو سوچي به ڪونه سگهيو هو. مهاشيه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن عورت سان هو گويا سوين ممتائن جي ڳنڍين ۾ ڳنڍجي ويو آهي. ڪئين ڀيرا نير ڀريل نيڻن سان ڏانهنس تڪيندي هن عورت چيو آهي: ”سمجهي نٿي سگهان مهاشيه بابا، لڳي ٿو ته مرض هتي آهي، هتي، هتي آهي. هر هنڌ. ڪٿي به هڪ هنڌ ڪونهي. ڪهڙي بيماري اٿم، اهو به نٿي ڄاڻان. پوسراٽي آهي، درد آهي. ائين ٿو ڀاسي، بدن ۾ سگهه ڪانهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇهان ٿي ته پوسرائي ٿو.“ چوندي چوندي هن جي اکين مان لڙڪ وهندا هئا. ڪئين ڀيرا هن پڇيو آهي: ”آئون بچي ته ويندس مهاشيه بابا؟“ مهاشيه هن جي اکين ۾ ڏٺو آهي، اپار ڀو! +انهيءَ عورت اڄ زهر کاڌو آهي. بيحد ڳالهائڻ لڳي آهي. چيو اٿائين: ڪونه روڪي سگهندين. ميان، ڪونه روڪي سگهندين. جنهن يار جو هينئر هٿ پڪڙيو اٿم، ان جي هٿ مان مونکي ڪين ڇني سگهندين.“ +هريهر ٻاهر اچي چيو: ”مهاشيه جي، اوهان ويهندا؟“ +”ها. وهندس. پراني ته هليو ويو. مون کان وڃيو نٿو ٿئي. هن اڀاڳڻ جي آخرين دشا ڏسڻ بنا مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“ +دروازو کولي پرديوت ٻاهر آيو. ڪمپائونڊنگ روم مان الائي ڇا ٻاهر کڻي آيو. هريهر چيو: ”هي. اڃا ترسندا سر.“ +”ترسندا! ٺيڪ ته آهي. اڪيلو ٻاهر وهندا؟ اچو اندر اچو.“ +کلي ڪري مهاشيه چيو: ”ٻاهر ئي ترسان ٿو. آئون ٺيڪ ويٺو آهيان.“ +باقي رات جو آسمان ڏانهن ڏسندو ويٺو رهيو. اڀ ۾ نکيترن جي جڳهه بدلجي رهي آهي. وقت بادشاهه ڪافي کسڪي ويو آهي. وسپت گرهه جي ڏنگي پڇ جو ڇور اتي ڏيکاري ڏي پيو. ’ست ڀائرو‘ گهمي رهيو آهي. هو، هتي وسشٺ جي هيٺ اَرونڌتي: جيڪڏهن هن کي ڏسي سگهي، ته سندس عمر ڇهه مهينا ته اوس وڌي ويندي. يعني ٻيا ڇهه مهينا ته هو پڪ ئي پڪ جيئرو رهندو. اهو ته هو پنهنجي ناڙي ڏسي به بتائي سگهي ٿو. ليڪن؟ اچانڪ هن کي خيال آيو، جيڪڏهن هن عورت وانگر زهر به پيئي، ته به جيئندو؟ ناڙي ڏسي اهوته نٿو چئي سگهجي. ارونڌتيءَ کي ڏسي ئي ڇا ائين چئي سگهجي ٿو؟ لاشڪ هو زهر کائڻ وارو ڪونهي. هرگز نه. گهڻي ڀاڱي ماڻهو زهر ڪونه کائيندا آهن. ڪيترو ئي زبردست شوڪ، دک، ناڪاميابي هجي، زهر ڪونه کائيندا. موت کان ماڻهو ڏاڍو ڊڄن ٿا. شراب پي مرن ٿا، ويچار ڪري مرن ٿا، بدفعليءَ ۾ مرن ٿا. ون وهاري وانگر. نشيءَ وانگر. انهن ماڻهن سان گڏ وپن جو نالو نٿو ڳڻجي. ليڪن زهر کائي هي به نٿا مري سگهن. ان جي ذات ئي نرالي ٿيندي آهي. هن نينگريءَ جي ذات؟ استرين ۾ ئي اها ذات وڌيڪ پائي وڃي ٿي. +نارائڻ نارائڻ! هي گووند! +گنڀير ڪنٺ سان اوچتو مهاشيه پڪاريو: ”گووند پت رکي ورتي، نه ته ڀوپيءَ کي نه پائڻ سبب هوءَ به ان ريت زهر کائي مري ها. ها، هوءَ کائي سگهي ٿي. منجري انهيءَ ذات جي عورت هئي.“ +گهٻرائجي مهاشيه ورانڊي کان نڪري کلئي آس��ان جي هيٺ بيهي رهيو. ”پرمانند ماڌو!“ +اسپتال جي ڊگهي ڪمري جي دروازي مان ڇڻجي روشنيءَ جو شعاع پئجي رهيو هو. بيمار سمهيا پيا آهن. ننڊاکڙي حالت ۾ ڪوئي ڪوئي پاسو ورائي رهيو آهي. آسپاس وارا ڪوارٽر شانت آهن. اوندهه ۾ ڪارا پاڇا پيا ڏسجن. قبرستان جي وچ ۾ بڙ جي پنن مان هوا جي تيزيءَ جي سبب لڳاتار يڪساهي سانءِ-سانءِ جو آواز. اوچتو پير جي هيٺ ’پَٽِ‘ جو آواز ٿيو. ”اڙي ڙي‘ ڏيڏر آهي.“ +’ڪير؟‘ اسپتال جي ورانڊي تي سفيد لباس ۾ هڪ ناري- مورتي! +مهاشيه پڇيو: ”ڪير!“ +ڌيمي آواز ۾ جواب آيو: ”مان نرس آهيان. اوهان ٻاهر بيٺا آهيو. اچي ويهو.“ +”ٺيڪ ئي آهيان. هوءَ ڪيئن آهي؟“ +”ٺيڪ ڪانهي.“ +”هي نارائڻ!“ مهاشيه گنڀير سُر ۾ وري نام جپيو. نرس ڪمري جي اندر هلي ويئي. +سندس پيرن هيٺان لتاڙجي هو ڏيڏر پچڪ ڪري مري ويو. ”عجيب آهي. هينئر هوئي موت جو قاصد بڻجي پيو. موت ڪٿي نه آهي؟ ڪنهن ۾ موت ڪونهي؟“ +”مهاشيه جي؟“ +”ڪير؟ هريهر؟“ +”جي.“ +”ڇا ٿيو؟“ +”ختم ٿي ويئي. هيتري ڪندي ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.“ +پردويت ٻاهر نڪري آيو. چي: ”مان ڪجهه نه ڪري گهيس. اوهان ڏسندا؟“ +”نه. پوءِ آئون وڃان؟“ +”چڱو!“ پرديوت اچانڪ پڇيو: ”هن جي گهر وڃي ته اوهان کيس ڏٺو هو. ناڙيءَ مان اوهان سمجهي ڪونه ويا ته هيءَ ڪانه بچندي؟“ +”مون ناڙي ڪانه جاچي هئي ڊاڪٽر صاحب.“ +”ڪانه جاچي هئي؟“ +”نه. مون ئي اسپتال لاءِ صلاح ڏني هئي. اوهان ڏسو؛ اوهان جو علاج جديد آهي. مون ناڙي ڪانه ڏٺي هئي.“ +[1] مرتيو. + + +[33] + +ان ڏينهن کان پوءِ. +مهاشيه آروگيه – نڪيتنجي ورانڊي ۾ ويٺو هو. سامهون هڪ چٺي رکي هئي. ڇپيل چٺي. سفيد ڪاغذ جي چئني ڪنڊن کان ڪارن ڪنارن سان گهيريل. وپن جي شراڌ جو نينڊ پتر. مهاشيه جي نڪرڻ کان اڳي ئي رت بابو جو آدمي رکي ويو. ڪرم يوگي، جس جي ڀاڳي سشيل وپن جو شراڌ جوڳي مريادا سان ئي ڪرڻ جڳائي. رت بابو ائين ئي ڪندو. مهاشيه ائين. ٻڌو ته رت بابو چيو آهي: ”ائين ڪرڻ بنا ڪم ڪئين هلندو؟“ پرانيءَ جي بيبيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم واسطي موڪليو ويو. اڀاڳڻ کي قبر به ڪانه نصيب ٿي. +ڪالهه سنجها ٽاڻي نوگرام ۾ هڪ شوڪ سڀا به ٿي. مهاشيه ان ۾ شامل نه ٿيو. اهڙين سڀائن – سمتين ۾ هن جو دم پيو گهُٽبو آهي. سڀا جو سنيوجڪ هو ڪشور. ميڙ ۾ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو آيا هئا. ڊاڪٽر ته سڀ حاضر هئا. وپن اسپتال کي پنج هزار رپيا دان ڏيئي ويو آهي. انهن روپين مان رت وغيره جي تپاس واسطي ڪلنڪ کولي ويندي. پنهنجي لائق ئي وپن ڪرت ڪري ويو آهي. مريضن جي خير خواهيءَ جو ڪاريه ڪري ويو آهي. جيئن بيوقتي موت جي گتي روڪي سگهجي. جنهن ۾ پيءُ کي پٽ جو شراڌ نه ڪرڻو پوي. +نوگرام جي هڪ نوجوان- جو وڪيل بڻيوآهي، تنهن پنهنجي تقرير جي سلسلي ۾ چيو: ”اسان وٽ ڊاڪٽر آيا آهن، اسپتال کلي ويئي آهي، دوا دارون به ميسر ٿي چڪو آهي، تڏهن به اسان وٽان ٽوٽڪن جي يگه جي پڄاڻي نه ٿي آهي. وپن بابو جي دان سان هينئر اهو انڌيرو دور ٿيو.“ +ڳالهه غلط به ڪانهي. اڪثر ڊاڪٽر هٿ ڏسي نه ڄاڻن، جيڪي ڄاڻن ٿا، تن کي دراصل نبض شناس چوڻ غلطي آهي. تڏهن به مٿين ڳالهه مهاشيه کي چڀي. +”نارائڻ- نارائڻ!“ هن اڀو ساهه کنيو. جيءَ ۾ ڪجهه چڀڻ لڳس. هن نوجوان جي ڊاڪٽر پرديوت سان ياراڻي ذرا گهاٽي ٿي ڏسجي. +اٺ ڏهه مريض پهچي ويا آهن. هيڏانهن وري هڪ- ٻه ڪري بيمار وڌي رهيا آهن. ان جي شروعات ان ڏينهن کان ٿي، جنهن ڏينهن کان هو ونيه جي دوڪان تي ويهڻ لڳو آهي. +ونيه وچ – وچ ۾ کلي چوندو: ”ڏسو! مليريا گهٽجي ويئي آهي. ڊي – ڊي – ٽي ڇڻڪائي مڇرن جو بڻ ناس ڪيو ويو آهي. رهن ڪٿي؟ ٽائيفائيڊ هتي گهٽ آهي. هوڏانهن اسپتال کلي ويئي آهي. اهڙين بيمارين ۾ بيمار اسپتال پهچي وڃن ٿا. چارو بابو، هريندر مکين ويٺا مارين. اوهان وٽ مريض وڌي رهيا آهن.“ +”سچ پچ وڌي رهيا آهن. ڪجهه پراڻي روڳ جا مريض وٽس اچن ٿا. هو چڱو ڀلوڪري سگهين ٿو. خصوصاً جهوني يا ڪهني مرض ۾ جڏهن ڊاڪٽر مريض کي سڃاڻي نه سگهڻ جي ڪارڻ رت جي تپاس، ايڪس ري، وغيره جي فرمائش ڪن ٿا، تڏهن مريض هيڏانهن هليا اچن ٿا. پسگردائيءَ مان وچتر روڳ کنيو مريض اچن ٿا. جن مرضن جا نالا به ديسي آهن؛ جن جي صحيح سڃاڻپ اڃا تائين نئين وگيان ۾ شامل به نه ٿي سگهي آهي. مهاشيه روڳين کي جاچي اماڻي رهيو هو ٽئين ڪلهي تي بيکه جي جهلي لٽڪائي، هٿ ۾ لٺ جهلي مري ويشڻو اچي سهڙي. +”جئه گووند. مهاشيه بابا، پائون لاڳي.“ +زمين تائين جهڪي هن پرڻام ڪيو. ننڍا ننڍا مٿي جا ڇڻيل وار، ڳل تي پلڪ. پنجاهه- سٺ ورهين جي ٻڍي مري ڪيترن ڏينهن کانپوءِ هينئر آئي آهي. ڪڏهن روز ايندي هئي. هن جي پٽ ڌيءَ، ٻنهي کي سلهه ٿي هئي. انهن جي لاءِ دوا وٺڻ ايندي هئي. تنهن کي گهڻا ڏينهن ٿي ويا. مريءَ جو ويشڻو به سلهه ۾ئي مئو؛ ليڪن کيس ڪجهه ڪونه ٿيو. ’هيترن ڏينهن کانپو هن کي به ان ئي ڪال پڪڙويو آهي ڇا؟ هيترن ڏينهن بعد؟‘ +مريءَ کي هتان جو قاعدو قانون معلوم آهي. مهاشيه به هن جي رنگ ڍنگ کان واقف آهي هينئر جيئن هن کان پڇيائين ته توکي ڇا ٿيو آهي، ته هوءِ جهٽ چوندي، ’اول سڀني کي نپٽائي وٺو، پوءِ ٻڌايان ٿي.‘ +جڏهن سڀني کي نپٽائي وٺندو، تڏهن هنجي ٻنهي پيرن تي هٿ رکي چوندي: ”بابا ڌنونتري، اوهان وٽ امرت جو ڀنڊار آهي. آئون اڀاڳڻ آهيان، پاپڻ آهيان، منهنجي ڀاڳ ۾ زهر لکيل آهي، انهيءَ زهر جي باهه کان پڄري اوهان جي لاڙي لڳي آهيان. ٻاجهه ڪريو.“ +ٻاجهه سان به هن جي باهه اجهاڻي ڪانه. ڀتار، پٽ، ڌيءُ سڀ سلهه جا شڪار ٿي ويا. +مري پٽ- ڌيءَ جي مرتيو کي ويٺي ڏٺو هو. رني ڪانه. چي: ”جنهنجو ڌن آهن، تنهن ئي کڻي ورتو؛ روئي ڪري آئون ڇا وٽينديس؟ آئون ڪانه روئنديس. ديوتا تنهنجي چرڻن ۾ منهنجي هڪڙي ئي وينتي آهي، مونکي به گهرائي وٺ. سهارو ڏي. ڏاڍي جلن آهي. پرڀو، پنهنجي پيرن جي ڇانو ۾ مونکي ٿانءُ ڏي. هڪ پاسي، ڪنڊ پاسيرو.“ +آخرين مريض کي اماڻي مهاشيه چيو: ”توکي ڇا ٿيو ڙي؟ سڏ ٿيو آهي ڇا؟ اوچتو اچي نڪتي آهين تون؟“ مري اڳتي وڌي ٺيڪ اڳي جيئان سندس پير پڪڙي چيو: ”نه بابا! مريءَ جا اهي ڀاڳ ڪٿي؟ ننڍپڻ ۾ ٻارهوئي بيمار رهندي هئس: هڪ ٻه ڀيرو ته مرڻينگ حالت ۾ پئي هئس، اجها مئس ڪي مئس واري ڪار ٿي هئي، ان ڪري ماءُ پيءُ نالو به رکيو ’مري.‘ سو سڀني روڳن جي پيڙا ننڍپڻ ۾ ئي ڀوڳي چڙهي آهيان: هينئر مري پڪي تاڙ جي وڻ جهڙي مضبوط ٿي ويئي آهي. آئون اوهان وٽ ڪاليءَ جي شيواڌارڻ اوجهاليءَ جي ڪنيا اڀيا واسطي آئي آهيان بابا! اوهان جي بيڌو مصر جي ننهن، ششانڪ جي استري؟“ +مهاشيه اڌير ٿي ويو. ’ششانڪ جي استري!‘ سڄي بدن ۾ بجلي جي لهر ڊوڙي ويس. +”هائو بابا، انهيءَ موڪليو آهي. چي، تون ذرا مهاشيه چاچا وٽ وڃ. ٻن ڏينهن جي بخار ۾ منهنجي سواميءَ جي ناڙي ڏسي....“ +”ها، ها. ليڪن ڇو، ڇا جي ڪاڻ؟“ +”ڌاڍي بيمار آهي. چيائين، کين چئج، هڪ ڀيرو مون کي ڏسي وڃن. مونکي ٻڌائي وڃن ته باقي ڪيترا ڏينهن جيئڻو اٿم؟“ +”گووند- گووند! نارايڻ- نارايڻ! ليڪن ٿيو ڇا آهي؟“ +”روڳ گهڻائي آهن. ٽيهڙ جهڙو تپ، کون کون ڪندڙ کنگهه. ڇهن مهينن کان هلندڙ آهي. اهڃاڻ سڀ انهيءَ ڪال روڳ (سلهه ) جا آهن.“ +”سلهه؟“ +”ڊاڪٽرن ته اهو��ي ٻڌايو آهي. هريندر ڏٺو آهي، چارو بابو به ڏٺو آهي. اڃا تنهن ڏينهن اسپتال وارو ڊاڪٽر پرديوت به ڏسي ويو آهي. سيون به گهڻيون لڳي چڪيون آهن. ڪيترا لک پينسلن! ڪوبه لاڀ ڪونه ٿيو. کنگهه ساڳي بيٺي اٿس. تپ به ڪونه لٿو آهي. سختيءَ جي ڪابه نشاني ڍلي نه ٿي آهي.“ +مريءَ وري چيو: ”اوهان کي ته خبر آهي، ويچاريءَ جو ڀتار به هليو ويو. هن جو پتا سموري جائداد وڪڻي نقد رپين جي ٿيلهي وٺي ڌيءَ کي پاڻ وٽ وٺي ويو. اتي به مالڪياڻي وانگر رهي. ڀاءُ جي ٻارن جي سنڀال ۽ ڪالي ماتا جي پوڄا- شيوا- انهي ۾ سڀ وساري ويٺي. نيٺ پيءُ به ويندو رهيو، ماءُ ويئي، ڀائر ڌار ڌار ٿي ويا، اڀيا جنهن ڀائٽي کي پالي وڏو ڪيو هو، تنهنجي شادي ڪرائي هن سان گڏ سڀني کان الڳ رهڻ لڳي. هينئر سموري ميڙي چوندي ڀائٽي جي هٿ ۾ آهي، وٽس ڪاري ڪوڏي به ڪانهي. هينئر جڏهن ٻڌائين ته کيس اها بيماري لڳي آهي، ته ڀائٽي به کيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي، ڇا ٻڌايانوَ بابا، گاهه پال جي هڪ ڪمري کي صاف سٿرو ڪري کيس انهيءَ ۾ رکيو ويو آهي. ڪوبه ويجهو نٿو وڃيس، هن جي ساهه کڻڻ سان به بيماري وچڙي سگهي ٿي.“ +اتي مري کلڻ لڳي. کلي چيائين: ”مون سڀ ٻڌو. ٻڌي چيم، منهنجو سوامي، پٽ، ڌيءَ ٽي ئي ڄڻا ان بيمارءَ وگهي مئا آهن. آئون انهنجي بستري ڀرسان ويٺي رهندي هئس. مون کي ته ڪي ڪين ٿيو. سک. هينئر آئون ئي وٽس رهان ٿي. براهمڻ ڪنيا آهي، اناٿ آهي حياتيءَ جي آخرين ڏينهن ۾ وٽس گهاريان. ڪالهه هن اچانڪ ئي مونکي چيو: مري، هڪوار مهاشيه جي وٽ وڃ. مونکي ته هلڻ جي سگهه به ڪانهي. ڀائٽيو بيل گاڏي به ڪونه ڏيندو. کينئي ڇڏ. هڪوار تڪليف وٺي مونکي ڏسي وڃو. ٻيو ڪجهه نه، صرف ايترو ڏسي وڃن ته باقي ڪيترا ڏيهاڙا رهجي ويا آهن.“ +* * * * +ويساک جي کيت جهڙي ڌوڙ ڀريل، سڪل، رُکي، چهري تي، اکين ۾، ڪٿي به ساوڪ جو ذرو به نشان ڪونهي. سڄي شرير تي جيئن ڪو پردو پئجي ويو آهي. ڏٻرو شرير ٽٽي ويو آهي. ڦاٽل چٿريل بستري تي پئي آهي. گهر ۾ چوطرف ٻاٽ اونداهي آهي. ششانڪ جي استريءَ کلي پڇيو: ”ذرا ڏسي ٻڌايو، منهنجي مڪتي اڃا ڪيترو پري آهي؟ ڪيستوڻي ڇوٽڪارو ملندو؟ اوهان کان سواءِ ته ٻيو ڪوئي ٻڌائي نه سگهندو.“ +سڀ ڳالهيون صاف صاف سمجهه ۾ ڪونه ويٺس. کنگهه جي ڪري نڙي گهٽجي ويئي اٿس. نڙيءَ جي نلي ڄڻڪ بند ٿي ويئي اٿس. آواز جي بگڙڻ ڪري گهٽيل گلي ۾ آواز دٻجي ويو آهي. ڦاٽل ڌمڻيءَ ۾ جيئن ڦس- ڦس جو آواز ٿيندوآهي، اهڙي ئي آواز وانگر ڳالهه نڙيءَ ۾ گم ٿيو وڃي. هن پنهنجو هٿ مهاشيه ڏانهن وڌايو. +”ڏسان ٿو. ذرا ترسي ڪري.“ +هوڏانهنس نهاريندو رهيو. مري ڀرسان بيٺي هئي. هن کي چيائين: ”ذرا دروازي کي چڱيءَ طرح پٽي ڇڏي مري.“ +کليل دروازي مان اڀيا جي چهري تي سوجهرو پوڻ لڳو. هن جي چمڪيل ڳل تي مهاشيه هٿ رکيو. اڀياس همينت (برفاني) آڪاش ڏانهن تڪيندي رهي. هن ۾ ٿڪاوٽ آهي، تڪليف جا آثار آهن، پر رنج نه آهي، ڀو نه آهي. نظر ۾ راحت سمايل آهي. +ڪافي دير تائين يڪ ٽڪ نهاريندي هن هٿ کنيو هڪ کانپوءِ ٻيو. +”باقي ڪيترا ڏينهن؟“ هٿ کي ڇڏيندي اڀيا پڇيس. +”اول سمجهي ته وٺان!“ +سوال جواب جو سموروبيورو ڄاڻي چڱيءَ طرح جاچ تپاس ڪري هڪ ڊگهو ساهه ڇڏيندي مهاشيه چيو: ”دنيا ڇا ڏاڍو ڪوڙي ٿي پيئي آهي ڌيءَ؟ برداشت نٿي ڪري سگهين؟“ +اڀيا ذرا کلي، عجيب مرڪ! اهڙي مرڪ اڀيا جهڙيون ناريون ئي مرڪي سگهن ٿيون. سڀ عورتون ائين کلي نٿيون سگهن. اڀيا چيو: ”ڪوڙو کائي ڪري ئي ته جنم گذاريو اٿم بابا. اهو ته نٿي چوان ته برداشت نٿو ٿئيم.“ +”اهو آئون ڄاڻان ٿو ڌيءَ. ائين هجي ها ته جنهن ڏينهن ششانڪ ويو هو، تون ساڳئي ڏينهن ڪجهه ڪري وجهين ها. تلاو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪانه هئي، گهر ۾ نوڙيءَ جي ڪمي ڪانه هئي، دنيا ۾ زهر جو ڏڪار ڪونه پيو آهي. انهيءَ ڪري ته چئي رهيو آهيان، اڃا به سهڻو پوندءِ. تنهنجي بيماري اڻانگي آهي. هڪ ئي وقت ڪيترا مرض چنبڙيل آهن. پر هيءُ مرتيو روڳ ڪونهي. سلهه به ڪانهي.“ +”ڪانهي؟“ اڀيا اٿي ويٺي. +”نه.“ +”سڀ ڊاڪٽر ته هڪڙي ئي ڳالهه چئي ويا!“ +”هنن ايڪس- ري ڪرائڻ جو چيو آهي نه؟“ +”جي.“ +”ايڪس –ري جي لوڙ ڪانهي. هو مرض کي پڇاڻي نه سگهيا آهن. علاج غلط ٿيو آهي. تون هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ئي چڱي ڀلي ٿي اٿندينءَ. دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڃا توکي رهڻو پوندو.“ +اڀيا سناٽي ۾ ويٺي رهي. +”آئون دوا موڪلي ٿو ڏيانءِ. نيم سنجم لاءِ ته توکي چوڻ اجايو آهي. تون نرلوڀي آهين، نيم سان رهندي آهين، اها مون کي ڄاڻ آهي.“ +اچانڪ هن جي اکين جي ٻن ڪنڊن مان لڙڪن جون ٻه لڙيون وهي نڪتيون. پاڻي ڀرجي آيو. ليڪن جهڙي طرح سان هوءَ ٽڪ ٽڪي لڳائي ٻاهر خلاءَ کي ڏسي رهي هئي، انهيءَ ريت ڏسندي رهي. +”ڌيءَ!“ +”تنهن ڏينهن پتا وانگر سنيهه سان اوهان مون کي نوتو ڏنو هو: مون...“ +”انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ پٽ! ٿورن ڏينهن ۾ ئي تون نوبني ٿي پوندينءَ. هڪ نه ٻئي ڏينهن آئون توکي ڏسي پيو ويندس.“ +اڀيا وري چيو: ”جڏهن داد ون وهاري بيمار هو، تڏهن مون ڪالي ماتا جي سکا باسي هئي، پوڄا ڪرائي هئم. من ۾ آيو هوم، پوڄا جو گل هن جي مستڪ سان ڇهائي وڃان، پر نه ٿي سگهيو. هو مري ويو ته منهنجي من ۾ آيو هو ته پنهنجي ڄڀ کي ڪپي ڦٽي ڪري ڇڏيان.“ +مهاشيه چيو: ”تون انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪر ڌيءَ. آدميءَ جي سراپ سان آدمي ڪونه مرندو آهي. آدمي مرندو ان ڪري آهي، ڇو ته هن جو مرڻ اڻ ٽر آهي. ها بيوقتي مرڻ ٿيندو آهي. ون وهاري به پنهنجي ڪرم ڦل ڪري بيوقتي مئو آهي.“ +ٻاهر اڀيا جو ڀائٽيو بيٺو هو. اهو، جنهن کي اڀيا گود جي پٽ سمان تاتيو نپايو هو، جنهن هن جو سڀ ڪجهه ڦٻائي کيس سلهه جي ڊپ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. هن کي ڏسي مهاشيه پڄري ويو. ترت پاڻ کي قابو ۾ رکي ورتائين. ”ويچاري جي منهن تي ڪهڙي نه اڻ تڻ آهي، ڪهڙو نه ڊپ!“ +”اوهان ڏٺس؟“ +”ڏٺم، ڊپ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ڪنوار ٺيڪ ٿي ويندي.“ +”۽ هيءُ ڊاڪٽر ته ٻڌائي ويا...“ +”سلهه! نه نه، سلهه نه آهي. ٿي سگهيئي ته ايڪس- ري ڪرائي پڪ ڪري وٺ. اهو به نه پڇيهءِ ته مهينو انتظار ڪر. پندرهن ڏينهن اندر ئي پتو پئجي ويندو.“ +چوندي چوندي مهاشيه کي خود سنڪوچ ٿيو. آواز ڪجهه ڳورو ٿي ويس، ڳالهه به ڪجهه سخت چئي ويو. +’نارائڻ نارائڻ!‘ من ئي من ۾ هن نارائڻ کي سمرڻ ڪيو. + + +[34] + +”ڏس، ونيه، دنيا ۾ موت اڻ ٽر آهي، جيڪو جنم وٺي ٿو، ان جو مرڻ لازمي آهي. موت جا رستا گهڻا آهن: هو اسٿر آهي، ڌرم سمان. ڪوئي بيماري وگهي مري ٿو، ڪوئي حادثي يا ڌڪ ۾. ڪوئي پنهنجي مرضيءَ سان مري ٿو- آپگهات ڪري. ليڪن بيماري ئي موت جي صدر دروازي جي پڪي سڻڪ آهي. بيماري ڪهڙي به هجي؛ ان ۾ موت جو اثر رهي ٿو؛ پر سڀني بيمارين وگهي ماڻهو مرندا نه آهن، پر اهي موت جي طرف ماڻهوءَ کي ٿورو وڌيڪ ڌڪين ٿيون. جيون شڪتي گهٽائي ذرا ان طرف وڌائين ٿيون. ويڄ طبيب رڳو علاج ڪري ٿو. پاڻ ڄاڻندي به هن کي جنهن جي جيئڻ جي اميد لڳي ٿي، ان کي هو مرڻ جي لاءِ نٿو چوي. مريض جي مرڻ جو شڪ پوندو اٿس ته آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو. چوندو، وڏي ڊاڪٽر کي گهرايو يا ڪوئي پنهنجو رايو صاف ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي.“ +اهي ڳالهيون ونيه جي دڪان تي ٿي رهيون هيون- هڪ ڏينهن کانپوءِ. مهاشيه، ��شانڪ جي استريءَ کي ڏسي جيڪي چيو آهي،ان مان چڱي چهل پهل مچي ويئي آهي. نوگرام جي ڊاڪٽرن- هريندر، چارو بابو، پرديوت ٽنهي ڄڻن نڪ کڻي موڙيو. پرديوت چيو آهي. ”هٿ ڏسي ٻڌايو اٿس، سلهه نه آهي؟“ +اها هلچل ششيءَ مچائي آهي. هو چوندو وتي ٿو: ”شت ماري ڀويد وئديه: سهسر ماري- چڪتسڪہ.“ ٻن چئن هزار بيمارن جي جان وٺي آخر جيونمهاشيه بيمار کي بچائڻ هليو آهي. رام هريءَ کي اتيسار کان بچائي ورتائين، هاڻ ششانڪ جي استريءَ کي سلهه مان بچائيندو. راڻا پاٺڪ کي بچائيندو.“ +ششيءَ جي ها ۾ ها ملائي رهيو آهي دانتو. ونيه چيو: ”هو غريب براهمڻ ڪالهه اسپتال مان موٽي ششيءَ سان وڃي ڳنڍيو آهي. ششيءَ هن کي چيو آهي، دانتو، جڏهن جيونمهاشيه سلهه کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو تڏهن آئون تنهنجي بدهضمي ٺيڪ نه ڪري سگهندس؟ ڪئينوسنڊڪا پيئاري توکي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيندس.“ +مهاشيه ڇرڪ ڀريو: ”دانتواسپتال امان ڀڄي ويو آهي يا ڊاڪٽر کيس ڊسچارج ڪيو آهي؟“ +”زوريءَ هليو آيو آهي. اسپتال ۾ ڀوت جو شور متو هو، ٻڌو نه هوندءِ. وري مٿان ٽيون ڏينهن رات جو زهر کائي پرانيءَ جي گهر واريءَ اسپتال جي ميز تي دم ڏنو. دانتو اقرار نامي تي صحي وجهي هليو آيو آهي.“ +مهاشيه امالڪ بي دليو ٿي اٿيو. دريءَ کان ٻاهر گگن منڊل ڏانهن نهارڻ لڳو. گويا سندس من سڃي خلاءِ ۾ ڪجهه ڳولڻ لڳو. منهن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿيس. +”مهاشيه!“ ڀريل گلي سان پڪاريندو راڻا پاٺڪ اندر گهڙيو. چي، ”آئون اڳي کان بهتر آهيان. ٻن ٽن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ڪالهه ته شايد هوئي ڪونه.“ راڻا بينچ تي ويهي رهيو. اٽڪل پنج سيري مڇي ڌرتيءَ تي ڌريائين. +مهاشيه راڻا ڏانهن نهارڻ لڳو. ڏسڻ لڳو، ته هن جي شڪل ۾ ڪجهه فرق نظر اچي ٿو يا نه. راڻا چيو: ”هريندر، چارو بابو ۽ اسپتال جي ڊاڪٽر ٽنهي کي اڄ کري کري سڻائي آيو آهيان.“ +مهاشيه ڀروُن تاڻيندي پڇيس: ”ڇا چئي آيو آهين؟“ +راڻا چيو: ”ڪوآپريٽو يا فوآپريٽو، الاجي ڪهڙو شفا خانو کوليو اٿن. اتي ويهي هو ششانڪ جي وڌوا جي ۽ منهنجي بيماريءَ جو ذڪر ڪري اوهان جي گلا ڪري رهيا هئا. آئون به بيٺي بيٺي ٻڌي رهيو هوس. سو کين ڦهڪائي ڏنم. جهٽ هن نئين ڊاڪٽر ٻوڪ ڦاڙيو؛ لک حيلا هلاءِ، پر تون بچندين ڪونه. مهاشيه توکي بچائي ڪونه سگهندو. بچڻ چاهين ته ڪنهن سلهه اسپتال ۾ وڃي ڀرتي ٿيءُ. تنهن تي مون به کين کتو جواب ڏنو.“ +”تکا لفظ چيا هوندءِ؟“ +”ٻه چار ضرور چيا هوندم، پر اهڙا تکا نه. جهڙوڪ، اوهان ڪهڙي ڪهڙي ڪٺن بيماري ٺيڪ ڪئي آهي، سو چيم. هن ڪهار جي سلهه وارو قصو سڻايم، جنهن جي وات مان رت ايندو هو.“ +”نه نه. هن ڪهار کي سلهه ڪانه ٿي هئي. رت پت هو.“ +”مگر چڪرڌاريءَ ته سلهه ئي ٻڌائي هئي. چارو بابوءَ پڻ.“ +”هر هڪ آدميءَ کان ڀل ٿيندي آهي ڀاءُ.“ +”ششانڪ جي استريءَ کي به ته هنن سلهه ئي ٻڌايو هو. اوهان چيو، سلهه نه آهي.“ +”ها. منهنجي خيال ۾ ان ۾ به هنن غلطي ڪئي آهي. هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي ايڪس ري ڪن ته ترت معلوم ٿي ويندو. ناڙي شناس هجين ها ته به روڳ پڪڙي سگهن ٿا. دراصل وايو جو وڪار آهي. وڌوا آهي، ان ڪري شرير تي اڻ ڳڻيا ظلم ٿي ڪري. اوير سوير کائيندي آهي، ٽي چار مهيني ۾ ورت واريندي آهي. ليور جي خرابيءَ ڪري ئي کنگهه ٿي اٿس. مٿان اٿس پراڻو بخار. ان کي هو سمجهي ڪونه سگهيا.“ +”مون کي ته سلهه آهي. آئون اڳي کان بهتر آهيان.“ +”بهتر آهين؟“ +”ڀانيان ٿو. ٻن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ٿورو ٿورو آهي. نالي ماتر. خود به نبض ڏسڻ اچيم ٿي. نيم سان کاوان پيئان ٿو. هينئر ڪجهه چڱو لڳي ٿو. وري هن نڀاڳيءَ کان پيڇو ڇڏايو اٿم. هوءَ مري ويئي. هٿ ڏسو نه!“ راڻا آسائتو ٿي چيو. هٿ، ڇاتي سڀ جاچي مهاشيه چيو: ”ساڳي دوا هلڻ ڏي. سنجم سان رهجو. ڏس....“ +”ڇا ٿا ڀانيو؟ مون کان لڪائڻ جي ڪائي ضرورت ڪانهي. راڻا کي اوهان سڃاڻو ٿا. موت جو ڊپ ڪو ڪونهيم. پر ٺيڪ ٿي سگهان، ڪڇ ڏينهن وڌيڪ جيئي سگهان، ته ڀل ڇو نه چاهيان. جڏهن سلهه ٿي اٿم، ته سمجهان ٿو منهنجي مرڻ جو نوٽيس تعميل ٿي چڪو آهي. هينئر جيڪر ضمانت تي ڏهه ڏينهن رهڻ جي مهلت ملي ته من جي مراد پوري ڪري وٺان. اوهان بي کٽڪي ٻڌايو.“ +”اڃا ٻڌائڻ جو وقت ڪونه آيو آهي. ايترو چئي سگهان ٿو، ته خاص ڪجهه بگڙيو ڪونهي. تون هينئر پندرهن ڏينهن کان پوءِ اچج.“ +”چڱو، ائين ئي سهي، هيءَ مڇي اوهان لاءِ آندي اٿم.“ +”ان جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ مون وٽ ڪير کائيندو؟“ +”راهه ۾ ملي ويئي. کڻي آيس. اِڇا ٿي. نديءَ ۾ مهاڻا ڦاسائي رهيا هئا. نديءَ تي پنهنجو راڄ آهي. مال گذاري وصول ٿيندي آهي. بهي ڪري ڏٺم، ڪافي مڇي آهي، ٻه اڍائي مڻ. هيءَ مڇي وڻي ويئي اوهان ياد آيا. کڻي آياس. گهر کڻي وڃو، ونيه وغيره کي ڏجو. پاڙي ۾ ورهايو. مون کي آسيس ڏيو. جيئڻ مرڻ جيڪي به ٿئي، سگهو ئي نبيرو ٿي وڃي. وڌيڪ ڀوڳڻو نه پوي. چڱو آئون هلان ٿو.“ +مهاشيه سوچيو، ’راڻا آسائتو آهي. ڪمال جو آدمي آهي! ڪوبه ڊپ نه اٿس، پر هو بچندو ڪونه.‘ +ونيه چيو: ”ته رات اوهان وٽ ئي دعوت رهي. ٻيو سامان گهرائي مڇيءَ سميت عطر ڀاڀيءَ کي موڪلي ڏيان؟“ +مهاشيه کلي چيو: ”موڪلي ڏي.“ ونيه هليو ويو. +مهاشيه گهر ۾ اڪيلو پنهنجي ناڙي ڏسي رهيو هو. اڄڪلهه اهائي عادت اٿس. جيڪڏهن موت جي پيرن جي آهٽ ٻڌي سگهي! اهائي ڪامنا من ۾ ڀريل ٿيندي ٿي وڃيس. موت کي هو سڀني حواسن سان پڌرو ڪندو. سجاڳ رهندو. هن جي پيرن جي آهٽ، هن جو روپ، آواز، سواد سڀ ڪجهه ظاهر ڪندو. روپ هوندو ته ان کي ڏسندو، آواز کي سڻندو، ڇهاءُ هوندو ته محسوس ڪندو ۽ ممڪن آهي ته هو ٻڌائي به ويندو. +پر هوءَ ڪير آهي؟ عطر ۽ منجري آهي؟ تڏهن ڀلا ڪير آهي؟ ڪير؟ +* * * * +هڪ جوان عورت سندس ڪمري ۾ داخل ٿي. اچرج وچان هو کيس ڏسندو رهيو. وڏيون موڪريون اکيون، ماٺيڻي نگاهه، ٽڙندڙ مهانڊو، گورو رنگ، ڄمار ويهه ٻاويهه ورهيه، سفيد بلائوز، بارڊر واري سفيد ساڙهي، ڳچيءَ ۾ هار چمڪي رهيو آهي، ٻئي ڪرايون ڳهڻن کان خالي، کاٻي هٿ ۾ ڪاري پٽي واري رسٽ واچ. انگ انگ ۾ خوشيءَ جي مهڪ! ڏسندي ئي اکيون کپي ويس. +سندريءَ چيو: ”مان هتي نرس بڻجي آئي آهيان- اوهان جو نالو ٻڌو اٿم. اسپتال جي سامهون ايندي ويندي ڏسندي آهيان. اوهان سان ڳالهائڻ لاءِ من ڏاڍو چاهيندو آهي. بازار وئي هئس، ڏٺم ته اوهان اڪيلا ويٺا آهيو.“ +”ويهه، ڌيءَ ويهه. ڳالهيون ڪرڻ آئي آهين ته بيهڻ سان ڪم ڪيئن هلندو؟ مون جهڙي ٻڍي کان سنڪوچ به ڪهڙو؟ ويهه، تنهن ڏينهن رات جو اسپتال جي ورانڊي ۾ تون بيٺي هئينءَ؟“ +”اوهان کي مون ڏٺو هو.“ +”مون کي؟“ +”اوهان جي باري ۾ ڪيترا قصا ٻڌا اٿم.“ +”ڪنهن کان؟“ +”پنهنجي ماءُ کان.“ منهنجي ماءُ ۽ مون کي اوهان بچايو هو. تڏهن مان ننڍڙي هيس. منهنجو جنم اوهان جيئي ڳوٺ ۾ ٿيو آهي.“ +”تون ڌيءَ، ڪير آهين؟ آئون ته.... مهاشيه جي اچرج جي حد نه رهي.“ +”اوهان ڀلا ڪيئن سڃاڻندا؟ منهنجو نانو هتي نوڪري ڪندو هو. اوهان کي ڪيئن ياد رهندو؟ ڪيترن کي اوهان بچايو هوندو، سڀ ياد اٿو؟ پر جيڪي اوهان جي شفا سان بچي ويا آهن. تن کي ضرور ياد آهي.“ +”ياد آهي؟“ جيون مهاشيه کليو. +”مون کي ته آهي. مان ته هڪ ڪري مري چڪي هيس، اما چوندي آهي. ان ڪري مان اسپتال �� انهن سڀني سان وڙهندي آهيان، جيڪي چوندا آهن. اوهان ڊاڪٽري پاس نه ڪئي آهي. ڪوڙا آهيو!“ +مهاشيه کلڻ لڳو. +”مان چوندي آهيان، نه- ائين ڪورو هو نه آهي. اما کان ٻڌو آهي، اوهان مهاشيه آهيو. يعني مهاشيه ونش مان آهيو.“ +اچرج وچان مهاشيه پڇيو: ”تنهنجي ماءُ! ڪير؟“ +هوءَ چپ رهي. ذرا ساعت رکي چيائين: ”ڪنهن ڏينهن اچي سڀ ٻڌائي وينديس.“ +هن جهڪي مهاشيه جا پير ڇهي پرڻام ڪيو. مهاشيه ذرا چڪرائجي ويو. +”مون کي پرڻام ڪري رهي آهين؟ پر آئون ته ڪائسٿ آهيان. تون برهامڻ يا وئش ته ڪونه آهين؟“ +”نه. ۽ جيڪڏهن هجان ته ڇا ٿيو. اوهان مهاشيه آهيو!“ +”خاڪ مهاشيه! مهاشيائي هاڻي پوري ٿي چڪي!“ ليڪن اچرج آهي، دنيا ۾ اڃا به ههڙي شڪرگذاري ٿيندي آهي! الاجي ڪڏهن ڪهڙي زماني ۾، يادگيري جي حد کان ٻاهر ڪنهن بيماريءَ کان هن کي ڇٽايو هوندم تنهن لاءِ ههڙي شڪر گذاري! مهاشيه سوچيندو رهيو. +”چڱو، هينئر مان موڪل وٺان ٿي.“ +مهاشيه سچيت ٿي ويو. چي: ”تنهنجي واقفيت ته ڪانه ملي. پر نالو؟“ +”سيتا.“ +”سيتا؟“ هوءَ پير پير ۾ هتان هلي ويئي. +”مهاشيه!“ قدرو اچي بهي رهيو، ”آئون هاڻ بهتر آهيان، دوا کپي.“ + + +[35] + +ڪيترن مهينن کان پوءِ، چيٽ جو مهينو. گرمي سخت پئجي رهي آهي. ٽئين پهر اَروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ مهاشيه ستاب سان شطرنج کيلي رهيو آهي. مهاشيه کلي پيو. +”راند ۾ من نٿو لڳئي. اڄڪلهه ٿي ڇا ويو اٿئي؟ وري وري نبض پيو جاچين. کاٻي هٿ ۾ ساڄي هٿ جي نبض ٿامي ويٺو ٿو رهين!“ ستاب اچانڪ ٿڪجي چيو، ”جيون!“ +مهاشيه کلي چيو: ”اڙي يار، ڪجهه ڪونهي. ڪجهه ڪونهي پر هاڻ ڪجهه اُڄهي نٿو. ان ڪري نبض ڏسندو ٿو رهان. پر نبض مان ڪجهه پتو نٿو پوي.“ +ٿڌو شوڪارو ڀري ستاب به اداس ٿي ويو. شطرنج جي سارين سجائڻ مان هينئر کيس به مزو نٿي آيو. +ايتري ۾ اندران سيتا نڪتي. اهائي نرس. چانهه جا ٻه ڪٽورا ٻنهي هٿن ۾ کڻي اچي هيٺ رکيائين. چي: ”دادا! مان هينئر هلان ٿي. اڄ شام جي ڊيوٽي آهي.“ +”چڱو پٽ، وڃ.“ مهاشيه پاٻوهه وچان هنجي پٺي ٺپرنيدي چيو، ”سڀان ڪنهن مهل ايندينءَ؟“ +”صبوح جو وهنجي سهنجي مٺي ننڊ ڪري پوءِ.“ +”هل، ونيه وٽان ٿيندو قدروءَ کي ڏسندو اچان.“ سيتا هلي ويئي. ڪنڌ ڌوڻي اتساهت ٿي ستاب چيو: ”هن قدروءَ کي بچائي اسپتال جي ڊاڪٽر، ته ڪمال ڪيو!“ +”بيشڪ! ڪير سوچي به نٿي سگهيو ته آپريسن سان ڊاڪٽر کيس موت جي منهن مان ڪڍي وٺندو. چارو بابوُ، هريندر ڪنهن به اها ڪلپنا نٿي ڪئي. چارو بابوءَ ته ائين چيو هو، هن ٻڍي تي نشتر هلائي مشق پچائي وٺون. اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا جو به هتي آپريشن ٿي سگهندو آهي؟ ٿي ڇو نه ٿو سگهي. سڀ ٿيندو آهي، رڳو ساهس گهرجي ۽ پرديوت ۾ اهو آهي.“ +قدروءَ کي اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا ٿي هئي. اول ته هو پيٽ جو سور سمجهي گهر ۾ پيو رهيو. ڪشور کي سڻس پئي ته هن يڪدم زوريءَ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. آپريشن نه ٿئي ها ته هو مري وڃي ها. ان ڪري پرديوت ڪنهن جي ڪانه ٻڌي. آپريشن ڪيائين قدرو بچي ويو. آهستي آهستي هو تندرست ٿيو. +مهاشيه هر روز هڪ ڀيرو ڏسي ويندو اٿس. پرديوت سان به اڪثر ملاقات ٿي ويندي اٿس. کلي نمستي ڪري چوندو،”اوهان جو قدرو ٺيڪ آهي.“ هڪ ڏينهن چيائين، ”اوهان هڪوار هن جي نبض جاچي کيس ٻڌايو ته هو چڱو ڀلو آهي. نه ته هو يقين ئي نٿو ڪري. اهڙو مريض به قسمت سان ملندو آهي.“ +ستاب وري ڳوٽيون سنوارڻ شروع ڪيون. چي، ”پر هن ڇوڪريءَ سان تون اجايو پاڻ کي اڙائي رهيو آهين.“ ستاب سيتا جي باري ۾ چيو. هن سان مهاشيه ڪٽنب جي انهن ٿورن مهينن ۾ ئي چڱي گهرائپ ٿي ويئي هئي. مطلب ته نه رڳو مهاشيه سان، مهاشيه جي گهر واريءَ سان پڻ. +مهاشيه کلي چيو: ”ان ۾ ڪوانسان جو وس هلندو آهي، ستاب؟ آئون دانتوءَ جي شڪايت ڪندو هوس. لڀو ۽ لوڀ. ڏسان ٿو، ته هيءَ به مايا آهي. مايا جي موهه کي ڇڏڻ جو ڪوئي اپاو ڪونهي. ڇڏڻ لاءِ سوچيو، ته هيانءُ پيو هڄندو. ڳنڍ تهائين وڌيڪ پختي ٿئي ٿي.“ +اداس اکين سان مهاشيه اُڀ جي نيراڻ ڏانهن نهاريندو رهيو ستاب بت بڻجي ويٺو رهيو. هيتري گهرائپ ستاب کي به نٿي آئڙي. هن ڇوڪريءَ سان جيون ڄڻڪ سوين ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي ويو هو. جيون جيڪڏهن جوان هجي ها، جوان نه- رڳو ڪڙوڍ هجي ها ۽ ”مهاشيه“ نه هجي ها، ته ماڻهو کيس بدنام ڪن ها. تڏهن به لوڪ آهي ٻوڪ! پڇن ٿا، ”نيٺ به هن ڇوريءَ سان مهاشيه جو ڪهڙو لاڳاپو آهي؟“ اهو سوال ستاب کان ماڻهو ڇڪيندا هئا. مهاشيه کي بچائڻ جي نيت سان ستاب جواب ڏيندو هو، ڀاءُ ايترو به نٿا سمجهو؟ +”پٽ- ڌيءَ، ڏوهٽا- پوٽا سڀني جو ساٿ ڇڏي ڏنو، ته هيءَ اچي مٿان ٽپڪي، هنن به کيس پنهنجو بڻائي ڇڏيو.“ پر ماڻهو ٻڌن ڇو ٿا! چوڻ لڳا، ”هن نرس ٻرس جي ذات پات جو به ڪو ٺڪاڻو!“ ستاب چوندو: ”اهي سڀ ادا پراڻي زماني جون ڳالهيون آهن، اڄوڪو زمانو بدليل آهي. جيون جي گهر واري به هن ڇوڪريءَ کي پيار ڪندي آهي. عطر جو پيار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. هوءَ روز وٽن ايندي آهي. ڪتاب پڙهي عطر کي ٻڌائيندي آهي. عطر جا ڏک سور ٻڌندي آهي.“ انهن سڀني ڳالهين هوندي به ستاب سمجهي ٿوته ڇوڪري ڏاڍي سياڻي آهي. ٻڍي- جوڙي جي سڃي جيون جو لاڀ وٺي هوءَ هنن کي ڏهي رهي آهي. رپيا پئسا به کانئن ڇڏائي ٿي. هيءَ پاڻ به... گهٽ ۾ گهٽ جيون کيس ڏي ٿو. +جيوت جي آخرين ڏيهارن ۾ جيون مهاشيه جو چئجي ته ڀاڳ وري آيو. نام گام به ڄڻ موٽي آيس. ان دور جي شروعات رام هريءَ جي علاج سان ٿي، ان کانپوءِ ششانڪ جي وڌوا جي بيماريءَ ۾سندس علاج کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويا. ڊاڪٽر سلهه ٻڌائي هئي. جيون مهاشيه دعويٰ سان چيو هو: ’ته سلهه ڪانهي. آئون هن کي هڪ ئي مهيني ۾ نروڳ ڪري ڏيکاريندس.‘ هن جي ڳالهه اکر به اکر درست نڪتي. ڏيڍ مهيني ۾ ئي ششانڪ جي استري شفاياب ٿي ويئي. ان علاج ۾ جيڪا لگن، جيڪا دلچسپي مهاشيه جيون ورتي، لاثاني آهي. پنهنجي هٿن سان دوا تيار ڪئي. هڪ نه ٻئي ڏينهن ٻه ميل پيدل رستو لتاڙي ان ٽٽل ڦٽل جهوپڙيءَ جي سامهون بيهي ساجهر جوئي پڪاريندو: ”ڌيءَ!“ +مري ويشنوي ته ڄڻڪ سندس اوسيڙي ۾ ويٺي هوندي هئي. کلندي کيڪاريندي: ”اچو.“ +”ڌيءَ جاڳي آهي؟“ +”جي ها، اسرکان ئي راهه تڪي رهي آهي. پوڄا پاٺ ٿي چڪو آهي.“ +بنا ڪناريءَ واري سفيد ساڙهي پهري ڏٻري- سنهڙي گوري- گوري بيمار عورت گهونگهٽ کي ٿورو سرڪائي مشڪدنڙ منهن سان سندس سواگت ڪندي: ”اوهان اچڻ جي تڪليف ڇو ورتي؟ دوا موڪلي ڏيڻ سان ئي ته ڪم هلي وڃي ها. آئون هاڻي چاڪ آهيان“ +”ضرور چاڪ رهندينءَ. تنهنجي بيماري ڪجهه پيچيدي ضرور ٿي ويئي، پر ڪٺن ڪانهي. وري تو ۾ سهڻ جي به اپار شڪتي آهي. ان ڪري تن جي ڀيٽ ۾ تنهنجو من وڌيڪ صحتمند آهي. ناڙي ڏسڻي آهي، ان ڪري ئي اچي ويس.“ +هوءَ لڄي ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چوندي ”مون کي بچائڻ لاءِ اوهان ايتري ڪوشش ڇو ٿا وٺو؟ مونکي شرمندو ٿيڻو ٿو پوي. منهنجي زندگي ختم ٿيڻ جي ڪانهي. نيٺ به هيتري پيڙا ڪير سهي سگهندي؟“ +مهاشيه چيو هو: دنيا سک دک جي آهي. جيترو سک آهي، اوترو ئي دک آهي. اهو ئي سهڻ ڪاڻ جنم ٿيندو آهي.“ +هن لکي چيو هو: ”ٺيڪ آهي بابا، جيترو ڪوڙو اوترو مٺو. نه اوڳاڙي سگهجي، نه ڳرڪائي.“ +”تون به بجا ٿي چوين. مون کي ئي ڏس. جيڪي به هجي، دنيا ۾ مرڻ جي چاهنا نه ڪجي- ۽ موت جي ڊپ کان دنيا کي چنبڙي روئڻ به نه گهرجي. ٻئي پاپ آهن.“ +”انهيءَ پاپ جي ڊپ کان ته. نه ته...“ +هڪ ڏينهن مهاشيه چيو هو: ”پاپ ته نه، انياءُ تون ضرور ڪجهه ڪرين ٿي. مون تي ڏمر نه ڪج.“ +هوءَ ڇرڪي ويئي هئي! ”ڪهڙو انياءُ بابا؟“ +”ڌيءَ، هيءَ جيڪا آتما آهي، جنهن تي منش جو سارو دارومدار آهي، سا دراصل ديهه جي آسري آهي. جيڪر ديهه نه هجي ته هوءِ بي پناهه، بي سهاري ٿي پوي، ان جو ڪجهه به باقي نه رهي. تون انهيءَ ديهه جي سنڀال نٿي ڪرين. جنهن مندر ۾ ديوتا رهن ٿا، جيڪڏهن ان جي گهٽائي ڪئي وڃي، ته ان ۾ ديوتا ڪيئن رهي سگهندا؟ سرير کي ڏک ڏيئي وقت کان اڳي ئي وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ به هڪ قسم جو آپگهات آهي. ان جي ٿوري حفاظت ڪرڻي پوندءِ.“ +ششانڪ جي استري ان ڳالهه جي رکيا ڪئي- يعني پيروي ڪئي. +وقتي مهاشيه صبوح جو نه وڃي سگهندو هو، ته نٽهڻ اُس کي به برداشت ڪري اتي پهچندو هو. +نيٺ هوءَ چڱي ڀلي ٿي. وري پنهنجي ڀائٽي سان کير کنڊ ٿي وئي. البت گهر نيڻ کان اڳي هن جي ڀائٽي شهر مان هن جو ايڪسري ڪرائي خاطري ڪئي هئي. جيون مهاشيه جيڪي چيو هو، ايڪس – ري ۾ به اهوئي ثابت ٿيو. اڄڪلهه به ’مري‘ بکيا جي جهولي کڻي ’جئه گوبند‘ ڪندي وٽن ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي. جهوليءَ مان مٺايون ڪڍي ڏيندي آهي؛ ”اڀيا پرساد موڪليو اهي.“ +مهاشيه جو ٻيو چوڻ به صحيح نڪتو آهي. دانتو گهوشال مري ويو. ڀوت جي ڀو کان هو زبردسي اسپتال مان ڀڄي ويو هو. اچي ويو ششي جي چڪر ۾ ٻن چئن ڏينهن ۾ ئي وپن جو ڌوم ڌام سان شراڌ ٿيو هو.ان ۾ ڌانتوءَ به کاڌو، غضب جو کاڌائين! +پيو بيمار! +هن جو آخرين علاج وري به مهاشيه جيون ئي ڪيو. ڌانتوءَ ٻئي ڪنهن کي گهرايو به ڪونه. کيس ئي گهرايو هئائين. ششي ڪوٺڻ آيوهوس. +مهاشيه جا ٻئي هٿ جهلي دانتو رنو هو. +مهاشيه چيو هو: ”آئون ڇا ٿو ڪري سگهان دانتو! ٻيو ڪير به ڇا ٿو ڪري سگهي. شراڌ جو ڀوڳ کائڻ جي لالچ ۾ تون اسپتال مان ڀڄي آئين؟“ +دانتوءَ انڪار ڪيو: ”گروءَ جو سنهن مهاشيه، ايشور جو سوڳنڌ.“ +”ڀوت جي ڊپ کان ڀڳو هوس، سو به اسپتال جي ڊاڪٽر وٽان....“ +”دانتو!“ مهاشيه دٻ چاڙهيندي چيس:”دانتو!“ +دانتو ترت چپ ٿي ويو هو. مهاشيه چيو: ”سو تون هوئين! ڊاڪٽر جي دريءَ ڀرسان ڀوت بڻجي گوشت توئي گهريو هو! مون کي سڀ معلوم آهي. پر اهو قصو تنهنجو ڪونهي. لوڀ تنهنجو دشمن بڻجي ويٺو آهي. تون نٿو ڇڏي سگهين: هرگز نه. آئون تنهنجي اتهاس کان واقف آهيان. ان ڪري ئي مون توکي ويساهه سان چيو ته لوڀ توکي غرق ڪندو. اسپتال جا ڊاڪٽر تنهنجي رام ڪهاڻيءَ کي ڪونه ڄاڻندا آهن، شايد مون وانگر هو ان تي ويساهه به نه ڪن، ان ڪري توکي بچائڻ لاءِ چيو هوم.“ +دانتو سڏڪا ڀري رنو هو. مهاشيه چيو هو، ”خير ڊڄڻ ڇا جو آهي؟ مرڻو ته هڪ ڏينهن سڀ کي آهي. آئون به مرندس. منش جنم وٺي ٿو، ان مان ڇا ٿيو، هن جي نصيب ۾ سک ڪيترو آهي، دک ڪيترو آهي، ڪوئي چئي نٿو سگهي، سڀ ڪجهه اڻ ڄاتل آهي، هڪ ئي ڳالهه يقيني آهي، اها هيءَ ته هن کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي. تنهنجي عمر به ته ڪا گهٽ ڪانهي. ڌيرج رک، ڀڳوان جو نالو وٺ. موت کان جيترو ڊڄندين، اوترو ئي روئڻوپوندءِ. ڊڄ نه، پوءِ ڄاڻ پوندءِ ته موت ئي تنهنجو اصلي سک آهي. آخر هن ويل ڳريل سرير کي رکي وٽيندس به ڇا؟ ان کي هاڻ بدلي ڇڏ، بدلي ڇڏ.“ +ڳچ دير روئڻ بعد دانتوءَ چيو هو: هن دفعي مونکي بچائي وٺو، هاڻ آئون لوڀ وچان هيئن مور نه کائيندس. هرگز نه.“ +مهاشيه کليو هو. چيوهئائين: ”ڪوشش ته ضرور ڪندس. پر کولي چوڻ ٺيڪ آهي، تنهنجي سرير ۾ هاڻي ڪجهه ڪونه رهيو آهي. نبض بتائي رهي آهي.“ +ڇي، ڇي، ڇي! ڇي، ڇي، ڇي! +وچ۾ ئي دانتو رڙ ڪئي. هن جي موت وقت به مهاشيه حاضر هو. پڇاڙيءَ دم سوڌو کيس هوش هو، هو صرف روئندو رهيو هو. اکين مان لڙڪ زارو زار وهي رهيا هئا. مهاشيه هڪوار پڇيو هوس. ”توکي ٿي ڇا رهيو آهي؟“ +ڪنڌ ڌوڻي هن وراڻيو هو. ”پتو ناهي. ڊپ لڳي ٿو. اها ئي پراڻي وقت جي ڳالهه، آدي ڪال جي پاڻي ڳالهه. مها ڀو! مها انڌڪار! مها شونيه! سنسار! ويراني! ساهه کڻڻ لاءِ هوا ڪانهي. بيهڻ جي لاءِ جاءِ ڪانهي. ڪجهه به ڪونهي. ڪوئي ڪونهي: آئون به ڪونه آهيان.“ +ذرا ساعت لاءِ مهاشيه کي به ڄڻڪ هن جي ڇوت لڳي ويئي هئي. گنڀير آواز ۾ هن به چلايو: ”هي پرمانند ماڌو!“ مهاشيه سان گڏ ستاب هو. هن جو به دانتو، ننڍپڻ جو چٽوڙي يار هو. هو کيس ڏسڻ آيو هو. ستاب مهاشيه جو هٿ سوگهو جهلي ورتو هو. +تڏهانڪر جيوت جا باقي ڏيهاڙا مزي ۾ گذري رهيا آهن. ڪمائي به وڌي ويئي آهي. ستاب جو خيال آهي، انهن ڳالهين ڪري ئي سيتا مهاشيه کي چنبڙي پئي آهي: بڙ جي ول جيئان پکڙجي ويئي آهي، ان جو رس ڪڍي رهي آهي. ستاب ان ڪري ماندو رهي ٿو. هو چوندو آهي، اڄ به چيائين: ”وري ه آئون چوندس جيون، تنهنجي هيءَ حرڪت ماڻهن کي نٿي وڻي. الائي ڪهڙي خاندان جي، ڪٿان جي ڇوڪري ۽ ڪٿي تنهنجو مهاشيه ونش!“ +مهاشيه کلي وراڻيو: ”مهاشيه ونش جي حالت به هن ڇوڪريءَ جهڙي ئي آهي. فرق ڪهڙو آهي ٻڌاءِ؟ ۽ ....“ ڪجهه ٻيو به مهاشيه چوڻ پئي چاهيو، اوچتو رڪجي پيو. +رڪجي سندس گلو ڀرجي آيو: ڪير روئي پيو نه ستاب؟ +”روئي رهيو آهي؟ ها. ڪنهن جي طبيعت خراب هئي؟ ها، روئي ته رهيو آهي!“ +مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. چي: ”شطرنج کڻي ڇڏ. ذرا ڏسي اچان.“ +ٻڍو ستاب انهن معاملن ۾ لاغرض ٿي پيو هو. هن چيو: ”الائي ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“ هن حقو سنڀاليو. +”سايد موتي لوهار جي گهر ڪنهن کي ڪجهه ٿيو آهي. هن جي ماءُ جي بيماري کانپوءِ رڳو هوئي مونکي نٿا گهرائين. ڳالهه ڳالهه ۾ اسپتال. ٻئي ڪنهن وٽ ڪجهه ٿيو هجي ها ته هو مون کي خبر ڪن ٿا.“ +ان لاءِ مهاشيه کي افسوس ڪونهي. موتيءَ تي هن کي ڪائي ڪاوڙ ڪانهي. کيس سڌآهي، کانئس وڌيڪ ٻيو ڪير به ان ڳالهه کي نٿو ڄاڻي ته اهي ماڻهو جيڪي مهاشيه کي نٿا گهرائين سي اوشاس جي ڪري نه، بلڪ لڄ وچان نٿا گهرائين. موتيءَ ماءُ اڳڪٿيءَ کي ڪوڙ بڻائي جيئري رهي، انهيءَ لڄ وچان هو کيس نٿا گهرائي سگهن. موتي خود سندس سامهون نٿو اچي، ڪترائي نڪري ويندو آهي. پر ڳالهه ڪهڙي ٿي آهي؟“ +تڪڙ تڪڙ ۾ پير ۾ جتي پائي مهاشيه نڪري پيو. ٿورو پريان وڃي بيهي رهيو: ”موتيءَ جي ماءُ ئي ته ڪانه موڪلائي ويئي؟ نه....“ +روئڻ پٽڻ ته موتي وٽ ئي ٿي رهيو هو. پر سڀني جي آواز جي مٿان موتيءَ جي ماءُ جي چيخ! ”هي ڀڳوان، هيءُ ڇا ٿيو؟ آئون توکي نٿي ڇڏي سگهان: منهنجي پوٽي کي بچائي وٺ، نه ته تو مون کي ڇو بچائي ورتو؟“ مهاشيه تيزيءَ سان وک وڌائيندو هنن جي مڪان وٽ پهتو. +ٺيڪ انهيءَ کن اسپتال جو ڊاڪٽر وٽانئن ٻاهر نڪتو. مهاشيه سان اکيون چار ٿيس. پٺيان چرين وانگر نڪتي موتيءَ ماءُ. منڊ ڪائيندي ڊوڙندي ڊاڪٽر جي سامهون اچي بيٺي. پيرن تي پڇاڙ کائي ڪري پئي. لاچار ڊاڪٽر کي ترسڻو پيو. چي: ”ڇڏ، وڃڻ ڏي.“ +موتيءَ ماءُ چلايو: ”تون مون کي ماري وڃ. زهر ڏيئي وڃ. مرڻ جي دوا ڏي.“ +مهاشيه جيون گنڀير آواز ۾ چيو: ”موتيءَ ماءُ! ڏانهنس ڏسي موتيءَ ماءُ نئين سرورلاپ شروع ڪيا. پر ساڳئي گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”اٿ، چپ ڪر. هر ڪنهن ڳالهه جي حد ٿيندي آهي، مگر ٿيو ڇا آهي؟ ڪنهن جي طبيعت خرا�� هئي؟“ +موتيءَ ماءُ چلائي ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي. مهاشيه چيو: ”ان طرح نه، ائين نه. ڌيرج رک، ڌيرج سان ٻڌاءِ.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر ٻوليو:”موتيءَ جو وڏو پٽ مري ويو! ”هاءِ ڇي! ڇي!“ مهاشيه جي مک مان نڪري ويو: ”ٻارهن تيرهن سالن جو ڇوڪر. پٿر جهڙو ٺهيل هو، ههڙو مضبوط! هنکي ڇا ٿيو هو؟“ +”شايد ميلنگنيٽ مليريا. رڳوٻن ڏينهن جو تپ. هارٽ فيل ٿي ويو:“ ڊاڪٽر ٻڌائي رهيو هو، پر موتيءَ ماءُ وچ ۾ئي پار ڪڍندي چيو: ”اڙي منهنجا سونا! منهنجا راجا پٽ!“ +ڇاتي پٽڻ لڳي، مٿو ڪٽڻ لڳي: ”تو مون کي ڇو بچايو، مون کي ڇو بچايو؟“ +ڊاڪٽر جيب الجهن ۾ پئجي ويو. هوڏانهن هن جي سائيڪل جي هوا نڪري ويئي هئي. چو طرف ماڻهو مڙي ويا هئا. ڌيمي ڌيمي چوڻ لڳا: ”ڇا ڳالهه آهي؟ مرض کي سڃاڻي ڪونه سگهيا ڇا؟“ +مهاشيه جيون موتيءَ کي سڏ ڪيو. +موتي ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي ويٺو هو. اچي سڏڪن ۾ پيو: ”مهاشيه ڪاڪا، اوهان کي پنهنجو ٻچو ڏيکاريان ها...“ جيون مهاشيه وچ ۾ ئي ٽوڪيو: ”نه. مون کي ڏيکارڻ سانئي هو بچي وڃي ها سو توکي ڪنهن چيو؟ ڊاڪٽر ويڄ روڳ کي چڱو ڪري سگهن ٿا، مرتيو روڳ کي ٺيڪ نٿا ڪري سگهن.“ +موتيءَ ماءُ وري چلائي چيو: ”مون کي ٻڌايو آئون ڇا ڪريان؟“ +”ڪرڻو ڇا آهي، سهو. دنيا ۾ جڏهن ڪٽنب وڌي وڃي ٿو، تڏهن يا ته ڇوٽڪارو پائجي، يا سهڻ گهرجي. موت جو هتي وشرام ڪونهي، موت کي ٻالڪ ٻڍي جي پڇاڻ ڪانهي. ڇا ڪندينءَ، برداشت ڪر.“ +”مون کي ڇو بچايو ويو؟ مونکي ڇو بچايو ويو؟“ هوءَ ڇڙيون هڻڻ لڳي. +”ان ڪري جو هيءُ شوڪ تنهنجي پرالٻڌ ۾ لکيل هو. تنهن کانسواءِ تو جيئڻ به چاهيو هو موتيءَ ماءُ.“ +ڪنهن وچ ۾ واڪ ڏنو:”اهوته سدائين کان نيم آهي. ڪوئي ٻڍو موت جي سيج وڇائي وري اٿي ويهي ٿوته ان تي ڪنهن نه ڪنهن کي سمهڻو پوندو آهي. محصول چڪائڻو ئي پوندو!“ +جيون مهاشيه چپ چاپ هلڻ لڳو، پٺيان پٺيان اسپتال جي ڊاڪٽر اچانڪ چيو: ”اڄڪلهه هتي ميلنگنيٽ مليريا ته ڪانهي. مون کي ان جو شڪ به ڪونه ٿيو. نه وري هنن ماڻهن ڪجهه ٻڌايو. اڄ ٻڌايائون ته ڪيترا ڏينهن اڳي ڇوڪرو ناناڻي ويو هو اتان ئي اها بيماري کڻي آيو.“ +هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريندي مهاشيه جيون چيو: ”بيماريءَ جي علامتن ۽ پڇاڻ ۾ ڀل، ڊاڪٽر جي علاج ۾ شڪ، ٺيڪ دوا جو نه ملڻ: اهي سڀ مرتيو روڳ جون علامتون يا اهڃاڻ ڀلي کڻي نه هجن، پر بهانا آهن. نه ته ڊاڪٽري وگيانکي، اسان ماڻهن جي آيوروئدڪ ۾ ’پنجون ويد‘ چيو ويندو آهي. وگيان ويد آهي، اهو ڪوڙ ڪونهي. ڪوڙ انهن ئي ڪارڻن سان ٿئي ٿو. مرتيو. ضرور، اڄوڪي روڳ- پريکيا جي وڌيڪ ان تي ٿيندي. تڏهن جي ڳالهه آئون چئي نٿو سگهان ته ڇا ٿيندو؟ پر اهو ضرور چوندس ته ڀل تڏهن به ٿيندي.“ +ذرا چپ رهي پرديوت چيو: ”نبض جاچي اوهان سمجهي وڃو ها ته اها ميلنگنيٽ مليريا آهي؟“ +”اهري حالت ۾ شايد نه سمجهي سگهان. ۽ سمجهي به وڃان ها هت بچائي ڪونه سگهان ها.“ +”اهو صحيح ڪونهي. لکها انسان ٺيڪ علاج کانسواءِ بيوقتي مري رهيا آهن؟“ +”ها، سو مري ته رهيا آهن.“ +ان بعد ٻئي چپ چا هلندا رهيا. مهاشيه ڊاڪٽر جي ڳالهه سوچي رهيو هو. ”مرندا آهن، بيوقتي، علاج بنا ڪيترا ماڻهو مرن ٿا.“ +اچانڪ پرديوت ماٺ کي ٽوڙيو. چيائين: پر اوهان موتيءَ ماءُ کي علاج جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون، سي مون کي پسند پيئون. اوهان ٺيڪ ئي چيو، جڏهن وقت ڀرجي اچي، تڏهن مڪتي وٺڻ جڳائي. منهنجي سس جي هڪ ناني آهي. ٽنهي پيڙهين مان سڀ رخصت وٺي ويا: هڪ هوءَ ئي رهجي ويئي آهي. مان جڏهن ويندو آهيان، چوندي آهي: تون ته ڊاڪٽر آهين. منهنجو اکيون ڪن ته ٺيڪ ڪري وڃه! اهڙي ئي آهي موتيءَ جي ماءُ. جيڪڏهن آپريشن نه ٿئي ها، ته اهو ئي ٿئي ها، جيڪو اوهان چيو هو. مري ها. پر اوهان جيڪا گنگا ڪناري وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، سو هن جي روئڻ جو پڇو ئي نه! منهنجا پير پڪڙي چوڻ لڳي: مون کي بچايو ڊاڪٽر بابو! هن روڳ ۾ آئون ڪانه مري سگهنديس. ان ۾ مري مون کي شانتي ڪانه ملندي. منهنجي سدگتي ڪانه ٿيندي.“ +”ڊاڪٽر صاحب اهو سڀ ڇل آهي. آدمي جڏهن موهه مايا جي ڦند ۾ جڪڙجي ويندو آهي، تڏهن هو موت کان هو ڏاڍو ڏڪندو آهي، ۽ ڪيترا ئي بهانا بنائڻ شروع ڪندو آهي ته آئون هن ڪارڻ اڃا به جيئرو رهڻ چاهيان ٿو. مونکي بچايو. موت کان ڊڄڻ وڏي شرم جي ڳالهه آهي، ان ڪري ماڻهو انکي لڪائي ٿو.“ +”اوهان ٺيڪ ٿا چئو. موتيءَ جي ماءُ به اهوئي چيو هو. چيو هئائين، هڪ لالسا رهجي ويئي اٿم. پوٽي جي ننهن کي ڏسي وڃڻ چاهيان ٿي.“ +مهاشيه کلي پيو. چي: ”موتيءَ جي ماءُ وري بيمار پوي، ته وري ٻئي ڪنهن ڪارڻ کان جيئري رهڻ چاهيندي. پر هن ڇوڪري جو موت ته دل ڏاريندڙ آهي. ڏاڍي سٺي صحت هئس. جيئي ها ته وڏو پهلوان بڻجي ها. اسڪول ۾ پڙهندو هو، پيءُ جي واهر ڪندو هو، هٿوڙو هلائيندو هو. هن کي ڏسي مونکي منگل ڪاڪا جي ٻالڪ ڪال ڪيتوءَ جي ياد تري ايندي هئي.“ +مهاشيه وري چيو: ”اڪال مرتيو کان وڌيڪ دکدائڪ ٻي ڪابه گهٽنا ڪانهي ان کي روڪڻ ئي سنسار جو سڀ کان وڏو ڪلياڻ آهي. سک جي سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. اتي ئي موت جو موت آهي، ٻڍاپي ۾ ته هو امرت آهي.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: اڄوڪيون ڳالهيون مون کي سدا ياد رهنديون. مان ڏاڍي الجهن ۾ پئجي ويو هوس! +”نه، نه- الجهن جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟ ڪوشش ۾ ته اوهان ڪجهه گهٽايو ڪونه. ٻيو اوهان ڇا ٿي ڪري سگهيا. +هو اسپتال جي ويجهو وڃي نڪتا هئا. ڊاڪٽر جو نوڪر اندران ڊوڙي نڪتو. ڦاٽڪ کوليائين. ڊاڪٽر جي استري ورانڊي ۾ آئي. اچرج وچان شايد ڏسي رهي هئي. ٿورو هٽي اسپتال جي ورانڊي ۾ سيتا به بيٺي هئي. هوءَ به ڏسي رهي هئي. +ڊاڪٽر چيو: ”اچو. ٿوري دير وهندا ڪونه؟ اوهان ڪيئن ڀيرا اسپتال آيا آهيو، هينئر به ايندا آهيو، قدروءَ کي ڏسڻ اچو ٿا. مون ڪڏهن به ڪونه کيڪاريو آهي. اڄ ٿوري دير مون وٽ ڪونه وهندا؟“ +هٿ جوڙي مهاشيه چيو: اڄ معاف ڪريو ڊاڪٽر صاحب! وري ايندس.“ +پرديوت کن ساعت چپ رهيو. ان بعد چيائين: ”شايد اوهان ڏانهن مون کان ڪا غلطي ٿي ويئي آهي. پر پڪ ڄاڻجو، اها غلطي مون ڄاڻي ٻجهي ڪانه ڪئي آهي. اوهان جي ۽ منهنجي علاج جي طريقي ۾ وڏو تفاوت آهي پنهنجي مت کي ڇڏي مان اوهان جي مت جو وشواس نٿو ڪري سگهان. ان ڪري مان الجهن ۾ پئجي ويندو آهيان. علاج نٿو ڪري سگهان. پر ها موتيءَ جي ماءُ جي اڳڪٿي ٻڌي ۽ هن کي ورلاپ ڪندو ڏسي مونکي ڪاوڙ وٺي ويئي هئي. اڄ مون بيشڪ محسوس ڪيو ته هوءَ مري وڃي ها، ته چڱو هو. پر اسان ماڻهو ته ٺيڪ انهيءَ نگاهه سان ته نٿا ڏسي سگهون.“ +مهاشيه کلي چيو: ”ڄاڻان ٿو. اسان به پهرين ان نطر سان ڏسندا هئاسون. خاص ڪري جڏهن بيمار ٻڍو هوندو۽ بيماري ڪٺن هوندي، ته پيڙا گهٽائڻ جي ئي ڪوشش ڪندا هئاسون، موت سان ڇن ڦاڙ ڪري ان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪيم. چئي ڏيندو هوس، اشاري ۾، صاف صاف به: اڙي ڀائي، اڃا ڇو؟ هيترو ڪجهه ته ڏٺو، گهڻو ماڻيو، هاڻ هن ڌوڙ جي ڌرتيءَ کان نظر مٿي کڻي نهاريو. رواجي ماڻهو، آڪاش جي خلاءَ ۾ پڪڙڻ لائق ته ڪجهه حاصل ڪري نٿو، ان ڪري راءِ ڏيڻ لڳس، تيرٿ وڃو، ديوتا جي مندر جي ڪنگوري ڏانهن تڪيندا رهو. ها، البت ٻڍاپي ۾ به جيڪي ڪيترن جا آسرا رهيا، گهڻي ڪم جا رهيا، جڏهن جا جيئاپا ٿي پي رهيا، تن جي ڪاڻ موت سان لڙائي ڪانه ڪئي اٿم، سا ڳالهه ڪانهي، خوب لڙيو آهيان.“ +پرديوت چيو: ”ٻيو ڪوئي ڏينهن هجي ها، ته بگڙي پوان ها. اڄ نه. مون پنهنجي ناني- سس جو ذڪر ڪيو اسان ئي چئون ٿا، ٻڍي مري پوي ته جند ڇٽي، هن جي به. اسان ماڻهن جي به.“ +مهاشيه: ”بيشڪ، ائين به ٿيندوآهي. دنيا جو اهو به هڪڙو پهلو آهي. سکي جيون، رنگ رس سان ڀرپور جيوَن ڀلا ڳريل سڙيل چيز کي ڪيئن برداشت ڪري؟“ +پرديوت چيو: ”ڪيترن ڪيسن ۾ مون اوهان کي هٿ ڏسڻ نه ڏنو آهي. مون کي ڊپ لڳندو هو، ته الاجي ڇا جو ڇا اوهان چئي وجهو. اوهان جي هٿ ڏسڻ سان مون کي ڪڏهين ڪڏهين ڊپ به لڳندو آهي. اهيندر سرڪار جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ به لڳو هو.“ +”هن کي ته بچائڻ سان اوهان ڪمال ڪري ڏيکاريو.“ واه جو علاج ڪيو! پهريون ڀيرو جو نبض ڏٺم، مون کي موت جي پيرن جي آهٽ محسوس ٿي هئي. +مون هن جو هٿ بار بار ڇو ڏٺو هو، اوهان کي پتو آهي؟ موت کي مون پٺتي هٽندو ڏٺو هو.“ +پرديوت بت بڻجي مهاشيه جي چهري ڏانهن تڪيندو رهيو. ائين نه آهي ته هن سمجهيو ڪونه، پر ان کي هو هن ريت ظاهر نٿو ڪري: هو ان ڍنگ سان انڀو به نٿو ڪري. +”ته هاڻ آئون هلان.“ +”ها، هڪ ٻي ڳالهه راڻا جي باري ۾ ڇا آهي.“ +”هو ڪونه بچندو ڊاڪٽر صاحب! راڻا کي اهو معلوم آهي. هو به هڪ غضب جو آدمي آهي. مرڻ کان ته هو ڊڄي نٿو. شايد اوهان جي علاج سان هن جي جان بچي وڃي. پر هو چوي ڇا ٿو، خبر اٿو؟ چوي ٿو، چڱو ڀلو ٿي به پوان، ته به اهو ساڳيو نه رهندس. لاچار ماڻهن جي قطار ۾ رهي جيئڻو پوندم. ڊپ وچان ماڻهو پاسي ۾ ڪونه بيهندا. ٻار ٻچا به ونءُ پيا ويندا. اهڙي جيئڻ ڪاڻ آخر هيتري تڪليف ڇو سهان، هيترو سارو خرچ ڇو ڪريان؟ ان کان ته اهو ئي بهتر جيڪي به ٿئي اوهان ئي علاج ڪريو.“ هڪ اڀو ساهه کڻندي مهاشيه وري چيو: ”هاڻ ته راڻا مون کي به نٿو ڏيکاري. هينئر مندر جي هوا کائيندو آهي.“ +سوچيندي سوچيندي مهاشيه گهر موٽيو. ’ڪاش، راڻا کي بچائي سگهان!‘ +راڻا کي پرديوت جهڙا شخص بچائي سگهن ٿا. بچائي سگهيا ٿي! هنن وٽ جديد علاج، موزون علاج به هو. ان علاج جو بندوبست وٽس نه آهي. اها شڪتي به ڪانهي. ڪانه هئي اهڙي شڪتي! +جديد علاج جو شاستر سرگرميءَ سان اسري رهيو آهي. هڪ ٻئي جي پٺيان جيوڙن جي کوج ٿي رهي آهي. بيمارين جي باري ۾ جيڪو اثر ويٺل آهي، ان ۾ بنيادي ڦيرو اچي رهيو آهي. اڄ سڀ مرض جديد دور جي درجي ۾ اچي ويا آهن. سڀني جو مول جيوڙا آهن. ٻج، جيو، جيوڙا: وائرس،. کاڌي ۾، پيتي ۾، هوا ۾ پکڙيل آهن. انسان جي جسم ۾ اهي بيحد وڌي ويا آهن. پنهنجي وئدڪ شاسترن ۾ هن پڙهيو آهي: دکش يگيه- ردر مورتي شوَ جي ڪروڌ جو جڏهن انت ٿيو، تڏهن تپ جي رچنا ٿي. انيڪ اهڃاڻ، انيڪ قسم. ان جي فطرت جو ورنن ڪري آچارين ان جو نالو ’تپ‘ رکيو هو. چنڊ تي دکش پرجاپتيءَ جو سراپ هو، ان جي ڪوپ مان يکشما (سلهه يا تپ دق) جي اتپتي ٿي هئي. ’اَتي رمڻ‘ کي ئي يکشا (سلهه) جي حملي جو مکيه ڪارڻ مڃيو ويندو هو. اڄ سٺي خوراڪ جي ڪمي ان جو مکيه ڪارڻ آهي. هر هڪ تپ جي ڪارڻ کي سائنسدانن- ڊاڪٽرن خوردبيني دئاران ظاهر ڪيو آهي. تپ به ڪيترن قسمن جو ٻڌائين ٿا! ’ڪالا بخار‘ ته هنن جي زماني ۾ ئي پڪڙ ۾ آيو آهي. +ڪالا بخار جي دوا، برهمچاري مهوديه جي سئي آهي. پرنٽسل، سلفا گروپ، ان کان پوءِ پينسلين ٽيرامائيسن: دوا جي مٿان دوا. هريندر کان تنهن ڏينهن ٻڌي رهيو هو. پينسلين کي اکئين ڏٺو اٿائين، باقي دوائن کي ڪونه ڏٺو اٿائين. ٻيون به الائي گهڻيئي دوائون ايجاد ٿيون آهن: انهن جو ته شايد هن نالو به ڪونه ٻڌو هوندو.الٽرا وايوليٽ- ڪرڻي جو ع��اج! +رت، بلغم، رڳ، ٿڪ، پيشاب، ڪاڪوس جي جانچ. +بلڊ پريشر جي جانچ. +ايڪس- ري پريکيا. سلهه جي مريض جا ڦڦڙ جيئن نظر اچن ٿا، تهڙي ئي انجي دوا درمل. +اسٽريپٽو مائيسن ٽي-بي جي سڀ کان اثرائتي دوا نڪتي آهي. ان کانسواءِ ڪا پي-اي-ايس نالي دوا نڪتي آهي. ٻڌو اٿائين. ٻنهي جي گڏوگڏ استعمال سان حيرت انگيز فائدو ٿئي ٿو. آپريشن واري علاج جو به ٻڌو اٿائين. +اچانڪ هڪ پراڻي ڳالهه ياد اچي ويس. +گرو رنگ لعل کان ڪالرا جو نسخو وٺڻ ويو هو. موت جي ڀو کان ڊنل ماڻهن جي سلسلي ۾ ويو هو: ”موت ڄڻڪ ٻئي هٿ پکيڙي پاڳل جيئان ڀيانڪ شڪل ڌاري بکُ وٺي رهيو آهي؛ آدمي ڀڄي رهيا آهن، جهنگل جي باهه جي وچڙڻ سان جيئن پسون پرندا بدحواس ٿي رڃ سمجهي سڃ ڏانهن ڀڄندا آهن.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”توکي تنهنجي نظرن ۾ صرف ماڻهن جي ڀاڄ ڏسڻ ۾ آئي، انسان ان سان هر طرح مقابلو ڪري رهيو آهي، اهو تو ڪونه ڏٺو؟ هو هميشه پٺتي هٽندو رهيو آهي، پر پٺ نه ڏيکاري اٿس. هن نوَن نوَن هٿيارن جي ايجاد ڪئي آهي. انسان جي ان اڻ ٿڪ ڪوششن جو ڪوبه انت ڪونهي. موت کي روڪي نٿو سگهجي، مرتيو اٽل ۽ دائمي آهي. ليڪن بيماريءَ جو انسان ڇوٽڪارو ڪري ڏيکاريندو. ماڻهو يوگيءَ وانگر نهايت پڪي اوسٿا ۾ مرندا. ويڄ وٽ وڃي چوندا: ”بس. هاڻ موڪل گهرجي. سمهڻ چاهيون ٿا.[1] پٽ مي ٽُ سليپ پليز Put me to sleep please. ان ڏينهن جيون به من ئي من ۾ چيو هو: ”ها نندرا نه، مهانندرا!“ +[1] مون کي سمهاري ڇڏيو. + + +[36] + +اهڙي نااميدي ته ڪانه هئي، پر خبر گويا اچانڪ ئي ملي. مهيني کان پوءِ. ويساک جي آخرين هفتي ۾. +راڻا پاٺڪ مري ويو. ڪشور خبر ڏني. هو اتي ويو هو. راڻا ئي کيس گهرايو هو. نوگرام جا ڪي مهاڻا مڇي مارڻ ويا هئا. انهن مان ئي هڪڙي کي هن نياپو ڏنو هو: ”ذرا ڪشور بابو کي چئجو، هڪ ڀيرو ٿي وڃي. آئون شايد هڪ ٻه ڏينهن مس ڪڍان. سمجهي وئين.“ +پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ راڻا ڳوٺ جي ٻاهران گهاٽ- ڪناري هڪ جهوپڙي ٺاهي رهندو هو. گهاٽ سندس مقاطعي ۾ هو گهاٽ هن لاءِ بيحد عزيز هو. پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ آنند ۽ خوشي هن اتي ئي ماڻي هئي. نديءَ ۾ تريو آهي، رات جو ڪپر لڳ جهوپڙيءَ يا ٻيڙيءَ ۾ وهي شراب نوشي ڪئي اٿائين.استري ڀوڳ، گانو بجانو، کاڌو پيتو هر طرح جي موج اڏائي چڪو آهي. گهڻو ڪجهه ڪيو اٿائين. خود ٿلهي آواز سان دل کولي ’ڪالي ماتا‘ جو نام جاپ ڪيو اٿائين. انهن ڏيهن ۾ هو سنياسي بڻجي پيو هو. سنياسين جيئان ئي اتي رهندو هو. گيڙو وستر ڌاري، ڏاڙهي مڇون به وڌائي ڇڏيون هئائين، نيم سنجم سان رهيو. دوا ديوي مندر جي ئي کائيندو رهيو. اٽل وشواس! کن پل لاءِ به لوڏو نه آيس. مرڻ توڻي به هن قبول ڪين ڪيو. چيائين: ”منهنجي للاٽ ۾ لکيل ئي اهو آهي، ته ديوتا ڪندا؟“ +ڪشور کي ئي ٻڌايو هئائين. ڪشور جڏهن پهتو، تڏهن راڻا سڪرات ۾ هو. رڳو ڪي ڪلاڪ جيئرو رهيو هو. ڪشور ڊاڪٽر ويڄ گهرائڻ چاهيو. راڻا انهيءَ جي جواب ۾ چيو: ”ڊاڪٽر ويڄ لاءِ اوهان کي ڪونه گهرايو اٿم ڪشور بابو! اوهان کي جنهن واسطي گهرايو اٿم سو ٻڌو. رات جو رهڻ واسطي مون وٽ هڪ آدمي هئڻ گهرجي. وقت تي پاڻي پياري ۽ گدڙن کي ڀڄائي ندي ڪناري لاوارث لاش کائيندڙ گدڙ ڪمبخت ڏاڍا خونخوار آهن. ٻن ٽن ڏينهن کان آسپاس چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن. تختي تي لٺ ٺوڪي ۽ وڄائي، هڪل سان ڪالهه به کين ڀڄايو اٿم. اڄ مون کان ڀڄائڻ به نه پڄي سگهندو. ۽ .......“ +چوندي راڻا ذرا کليو. کلي چيائين: ”مرڻ کان اڳي ته سڀ ايندا آهن. مگر راڻا ڊڄڻ وارو نه آهي. سگهه هجي ها ته للڪاريان ها، آءُ هڪ هٿ ٿي وڃي. پر سگهه نه آهي. ڪوئي ماڻهو ملي وڃي ته سٺو ٿئي. هيءُ ٿيو نمبر هڪ. نمبر ٻيو: لاش جي اگني سنسڪار جو انتظام. سلهه جو مريض ٿيس. ڳوٺ وارا ته ويجهو به ڪونه ايندا. ان جو به بندوبست ٿي وڃي. نمبر ٽيون: ٻار ٻچا. ماءُ ته اڳي ئي گذاري وين. هاڻ بابو به ٿو هلين. اوهان هتي اثر وارا ماڻهو آهيو، ٿي سگهي، ته هنن يتيمن تي ذرا نظر رکندا ۽نمبر چوٿون اهو، ته علاج جي بابت مهاشيه جن جي مون ڏانهن بقايا آهي. کين چئجو، مون کي ان لاءِ معاف ڪري ڇڏين. بس.“ +مهاشيه ونيه جي دڪان تي اهو ٻڌو. سناٽي ۾ اچي ويو. هن جي نيڻن مان ٻه لڙڪ ڪريا ۽ شوجيءَ جي جٽا۾، گنگا وانگر سندس گهاٽي ۽ ڊگهي سونهاريءَ ۾ سمائجي ويا. هو ڪافي دير چپ ويٺو رهيو. نيٺ چيائين: ”گووند! گووند!“ +جيه گووند! +آواز مان ئي تاڻي ويو ته مري ويشڻوي آئي آهي. پر ههڙو ڪمهلو؟ اڪثر هوءِ صبوح ساجهرو ايندي آهي. بکيا ڪاڻ نڪرندي آهي، اڀيا جي موڪليل پرساد جي مٺائي آروگيه نڪيتن ۾ مهاشيه کي ڏيئي پنهنجي واٽ وٺندي آهي. اڄ سنجها ٽاڻي ڪيئن اچي پهتي ۽ سو به ونيه جي دوڪان ۾؟ ڳالهه ڇا آهي؟ اڀيا وري بيمار پئجي ويئي ڇا؟ راڻا جو انتم سنسڪار ڪري ڪشور ٿڪو ماندو پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي سمهي پيو آهي. اڪيلي ۾ مهاشيه پنهنجي نبض جاچي رهيو هو. اها هينئر سندس هير ٿي ويئي آهي. مريءَ جو آواز جو ٻڌائين؛ سو پنهنجي ناڙ امالڪ ڇڏي ڏنائين. سڏيائين: ”مري!“ +”پرڻام بابا!“ +”هينئر تون ڪيئن اچي نڪتينءَ؟“ +هن کلي چيو: ”موٽي رهي آهيان.“ پنهنجي جهوليءَ مان هن پنج انب ڪڍي اڳيان رکيا. +کلي چيائين: ”اڀيا جي وڻ جا انب آهن. پهرين مند جا پڪا آهن. ڪالي ماتا واسطي سڀ کان اول ڪيترائي رکيائين ۽ پوءِ هيءُ پنج انب منهنجي حوالي ڪندي چيائين: ”پهچائي اچ مري. اڄ گوپي ناٿ پور ۾، ”اَشٽيام- هري نام“ هو. رسوئي پاڻي ڪري وئشڻون جي شيوا ٽهل ۾ پنهنجو هٿ پوتر ڪرڻ ويئي هئس. سوچيم، ڏينهن جو هيءُ خراب ته ڪونه ٿيندا پاڻ گڏجي کائڻ لائق ٿي ويندا.“ +مري جهڙين وئشڻوين جي بات چيت جو اهڙو سليقو اڄڪلهه درلڀ ٿي رهيو آهي: ڳالهه ۽ سر جو اهڙو ميٺاج ۽ شيريني سدائين درلڀ آهي. مريءَ ۾ ٻئي خاصيتون آهن. مهاشيه جي من کي ڏاڍو آٿت ملندو آهي. +مريءَ چيو:”گوپي ناٿ پورا کان موٽي رهي آهيان. مونکي سڌ هئي ته اڄڪلهه شام جو اوهان هتي ويهندا آهيو. ان ڪري هتي آيس.“ +غير قلمي انب، پر شرڌا ۽ شڪرگذاري جي ميٺاج ڪري امرت هو. هڪ پل اڳي جيڪا ڌرتي ويراڳ جي گيڙو رتل پهراڻ ۾ اداس نظر اچي رهي هئي، گهري ممتا جي ساوڪ سان ڪومل بڻجي پئي. +مريءَ چيو: ”اڀيا هڪ ٻي ڳالهه به چئي آهي. +”ڪهڙي ڳالهه؟“ +”ڄيٺ ۾ ساوتري چتر دشي (چوڏس) جو ورت آهي. ان ڏينهن جو نوٽو رهيو.“ +کيس ياد اچي ويو، ششانڪ جو موت نشچت ڄاڻي هن اڀيا کي نوٽو ڏيئي پيٽ ڀري کارائڻ چاهيو هو. گهٽي جي موڙ تي هٿ ۾ ڏيئو کڻي بيٺل اڀيا جي اها تصوير اکين ۾ تري آيس. ”سينڌ جي سنڌور تي ڏيئي جي جوت ڇٽڪي پئي آهي: اکين جي پتلين ۾ ان جو پاڇو.“ مهاشيه کان سيسراٽ نڪري ويو. اکيون ٻوٽي ڇڏيائين: ”ساوتري- چوڏس جو کائڻ پيئڻ رات ۾ ٿيندو آهي. ٻڍاپو آهي. رات جو ته مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“ +مريءَ چيو: ”مون کيس چيو هو. پر چيائين، آئون به سمجهان ٿي، پر منهنجي آس آهي. هڪ ڀيرو وڃي زور ته ڀري اچ تون. هڪ ڳالهه ٻي.“ +”چئو.“ +”ٿوري مڇيءَ جي بندوبست واسطي چيو اٿائين. هن سال هن جي تلاو ۾ مڇي ڪانه ٿي آهي.“ +مهاشيه سرهو ٿي ويو. چي: ”اڀيا مڇي گهري آهي؟ موڪلي ڏيندس: موڪلي ڏيندس.“ +”هيءُ انب اوهان ضرور کائجو....“ +”ضرور کائيندس: ضرور!“ +مري پرٿويءَ کي مڌر بڻائي هلي ويئي. +هن کيس وري پڪاريو: ”مري! اڙي او مري!“ +”بابا!“ هوءَ واپس وري. +”هن کي چئج، آئون ايندس. ساوتري ورت جي موقعي تي آئون ايندس. اِندروءَ کي ساڻ نيو ايندس: آئون ايندس: +ڌرتيءَ جو ڄڻۡ سمورو سنڪوچ مٽجي ويو، سموري تلخي ڌوپجي ويئي آهي. هو ويندو. +* * * * +من ۾ هري نام جون ڇوليون اٿڻ لڳيون رات ڪافي گذري چڪي آهي. نوگرام بازار جون بتيون جهڪيون ٿي ويئون آهن. لالٽينن جي چمنين تي ڪارنهن ڇانئجي ويئي آهي، بتين تي غبار ڄمي ويو آهي. ڪنهن جي بتيءَ مان ٻه لاٽون نڪري رهيون آهن، ڪنهن جي هڪ ئي لاٽ ميرانجهڙي ۽ اوچي ٿي ويئي آهي. پيٽرومئڪس (گولن) جو به ساڳيو ئي حال آهي. انهن جا مينٽل به ڳاڙهيسرا ٿي ويا آهن، ڪجهه ڪجهه ڪارا: چٽا ٿي ويا اٿن. گهڻي ڀاڱي مراديءَ جي پيتين کي ڪلف لڳي چڪا آهن: باڪس جي مٿان لعل ڏوريءَ سان ٻڌل جمع خرچ جي وهين جو ڍڳ. دڪان بند ڪرڻ لاءِ آدمي ڪلف ڪنجي کڻي بيٺو آهي. ڌجودت جو دڪان چڱو وڏو آهي: اتي هينئر به چئين اٺين آني جي گراهڪي. ٻُڪي لڳي پئي آهي، نوٽن جي ٿهيءَ جي ڳڻپ ٿي رهي آهي. دوڪان جي ڀرسان کليل جڳهه ۾ ڪيتريون بيل گاڏيون آهن: ڏاندن کي ڇوڙيو ويو آهي. گاڏيءَ جي هيٺان پال جو هنڌ لڳايو ويو آهي. چوسول تي جيڪو چانهه جو دوڪان آهي، ان ۾ اڃا تائين چار پنج ماڻهو ڄميا ويٺا آهن. هڪ طرف ساڌو خان جي هڪ ماڙ- مڪان جي دروازي تي چارو بابو ۽ پديوت ويٺا آهن. هن جو ڪو آپريٽو ميڊيڪل اسٽورس ۽ سهڪاري دوائن جو دوڪان* به اتي ئي آهي. ان جي روشني نئين آهي، ان ڪري اڃا ائين تيز جلي رهي آهي. +”ڊاڪٽر پرديوت ڪنهن مهل موٽي آيو.“ +موٽيءَ جي پٽ جي مرڻ کان پوءِ موڪل وٺي ڪٽنب سميت ڪلڪتي هليو ويو هو. ماڻهن وٺي افواه اُٿاريا ته موتيءَ جي پٽ جي مرڻ ڪري پرديوت کي من ئي من ۾ ڏاڍو صدمو رسيو آهي. انهيءَ شرم مان پنهنجي بدلي ڪرائڻ لاءِ موڪل وٺي ڪلڪتي ويو آهي. +پرسيتا ردڪد ڏنو هو. نه. هو هتان جي ڪلنڪ کولڻ جي سلسلي ۾ ڪلڪتي ويو آهي. جنهن لاءِ وپن بابو پنج هزار رپيا دان ڪري ويو آهي. اهي رپيا سرڪار جي ذمي ڏيئي ڪجهه ٻين رپين جي منظوري ڪرائي جنهن ۾ جلد از جلد ڪلنڪ کولي سگهجي، انهيءَ جي پيروي ڪرڻ لاءِ ويو آهي. اتي وڌان سڀا جي ڪنهن ميمبر جي معرفت مکيه منتري ڊاڪٽر بي-سي- راءِ سان ملندو. چئي ويو آهي ته في الحال جيترا رپيا آهن، انهن جو سامان خريد ڪري ئي ڪلڪتي مان موٽندو. +آدمي ڳالهه جو پڪو آهي. سامان وٺي موٽيو هوندو. +سيتا اهو به چيو: ”پر من ئي من ۾ هو مايوس ٿي ويو آهي. زباني هن جيڪي به چيو هجي، پر اندر ئي اندر هو اوهان تي بيحد ناراض آهي.“ +”اڇا!“ مهاشيه کي اها ڳالهه ٺيڪ ٺيڪ ياد ڪانه اچي رهي هئي. هن سيتا جي ڳالهه جو تکو ته نه، هلڪو وروڌ ڪيو: ”نه، نه. تون ڀل ڪري رهي آهين.“ +ڪنڌ ڌوڻي سيتا چيو: ”اون هون، اوهان هن چڱي مڙس کي چڱيءَ طرح ڪونه ٿا سڃاڻو، ڊاڪٽر صاحب! هڪ به ڳالهه هو وسارندو ڪونهي. وڏي اهنڪار وارو آدمي آهي. ڪنهن به ڊاڪٽر کي چڱو نٿو سمجهي. اهو به ٻڌايانوَ، آئون جو اوهان وٽ هتي اچان ٿي، ان ڪري به هو مون تي ناراض آهي.“ +اهو ٻڌي مهاشيه کي چوٽ رسي هئي. سوچڻ لڳو- +”هڪ معمولي گهراڻي جي ڇوڪري! ويچاري! مون ڪڏهن کيس بچايو هو؛ ان ڪري هوءِ منهنجي احسانمند آهي. ان جي لاءِ به ناراضگي! هڪ ادنيٰ نرس! ان جي شڪرگذاري، هن جي ساراهه... ان جو ملهه به ڪيترو آهي؟ الائي ڪڏهن، بچپن ۾ هن کي چاڪ ڪيو هوم. پاڻ کي به ياد ڪونه اٿس- اها ڳالهه- هن نينگر ئي کيس اها يادگري ڏياري هئي. سنه اوڻويهه سو ٽيهه!“ +”سب رجسٽري آفيس ۾ هڪ هيڊ ڪلارڪ آيو هو: رام لوچن سرڪار. پنهنجي سڪيلڌي وڌوا ڌيءَ سان گڏ، استريءَ ۽ ڌيءَ جي هڪ معصوم ٻچڙيءَ سان گڏ، انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو. ڪل اٺ مهينا هت رهيو هو. هن جي وڌوا ڌيءَ ڏاڍي بيمار ٿي پئي هئي. ڪنهن کي به اميد ڪانه هئي ته هوءَ ڪا بچندي. مهاشيه علاج ڪري کيس نوبنو ڪيو هو. سيتا تڏهن هڪ ابهم ٻالڪا هئي: هڏين جو پڃرو. اوڻويهه سو ايڪٽيهه ۾ جيڪا مليريا ٻارن جي لاءِ مهاماري بڻجي آئي هئي تنهنجي چپيٽ ۾ هيءَ ٻچڙي به اچي ويئي هئي، مئل جهڙي ٿي ويئي هئي. ان مان هن ٻچيءَ کي پاڻ ئي بچايو هئائين. ان ڏينهن گهر ۾ ويهي جڏهن سڄو قصو سڻائي ويئي، تڏهن به مهاشيه کيس ڪونه سڃاڻي سگهيو: سڃاتو عطر. چي: ”اڙي، تون اهائي ڇوڪري آهين؟ ههڙي ٿي ويئينءَ؟ مون توکي ڪيترو هنج ڪڏايو آهي، تيلملي اس کارائي آهي!....“ تڏهن ڌيري ڌيري کيس ياد پوڻ لڳو. کيس ڏاڍو سک مليو هو. گويا اس وچان تتل آسمان مان ڀڳوان اچانڪ ماکيءَ جي هڪ بوند اڇلي! دنيا م اهو سک درلڀ آهي، پر ملهه ان جو ڪجهه به ڪونهي! ڪڏهن مهاشيه جي من ۾ ايندو آهي، وئدڪ جيون ۾ اڳڪٿي (موت جي) جو جيڪو لهڻو (قرض) آهي، ان کي ايشور ششانڪ جي وڌا جي سراپ سان چڪايو آهي ۽ مريض جو قرض چڪايو ويو آهي سيتا جي احسان شناسي سان. هن ٻالڪا کي تڏهن سمجهه به ڪانه هئي. ماءُ کان ٻڌل ڳالهه کي هن ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو آهي.“ +”مهاشيه آهيو؟“ +روشني کان جڳمڳ ٿيندڙ چوراهي تان لڪي وڃن سٿرو ڪونهي. چارو بابوءَ جي نگاهه پئجي ويئي. ترسڻو پيو. منهن ورائي چيائين: ”جي ها. ويٺا آهيون؟ چڱو، پرديوت بابو ڪڏهن موٽيو؟ نمستي.“ +نمستي ورائي پرديوت چيو: ”جي، چار ڏينهن ٿي ويا.“ +”چار ڏينهن؟ ٿيا هوندا. اڄ ڪلهه ڪيترن ڏينهن کان سيتا ڪانه آئي آهي. +”ذرا هيڏانهن ته اچجو. اوهان جي لاءِ ئي اسان هت ويٺا آهيون. چارو بابو آکيو. +”منهنجي لاءِ؟“ مهاشيه کي شڪ پيو. وري الائي ڪهڙي شڪايت؟‘ ’ڇا ٿيو؟ الائي ڪهڙي ڀل چوڪ ٿي ويئي؟‘ من ئي من گهڻو ئي ڦولهيائين. ’نه، ڪنهن جي موت جي اڳ ڪٿي ته ڪانه ڪئي اٿم؟ پوءِ؟ راڻا جو ذڪر؟ آخر به هو ڇا چوندا- ها، ته جيئن ته مون هن کي ڪابه اُميد ڪانه ڏيکاري، ان ڪري نااميد ٿي بنا علاج جي هو ساسين سکالو ٿيو؟ يا ائين چوندا ته مون ئي هن کي ديوسٿان وڃڻ لاءِ همٿايو هو؟! +چارو بابو چيو: ”پرديوت جي پتنيءَ کي بخار ٿيو آهي، اوهان کي هڪ ڀيرو هلي ڏسڻو پوندو.“ +”پرديوت جي استريءَ کي بخار؟ مونکي ڏسڻو پوندو؟“ +”جي. ڪلڪتي مان ئي تپجي موٽي آئي. ڪيئن ته لڳي رهي آهي! اينٽارڪ ته خبر آهي ئي، پر ٽائيفائيڊ جا به اهڃاڻ آهن. ليڪن چار ڏينهن ٻيا گذرڻ کانسواءِ رت جي جاچ بنا پتو ڪونه پئجي سگهندو. اوهان ذرا ناڙي ڏسوس. ٽائيفائيڊ به هوندوته تمام ويرولينٽ ٽائيپ هوندو. چار ئي ڏينهن ٿياآهن. پهريون هفتو آهي، پر بخار هڪ سو ٽي هلي رهيو آهي. پرديوت بابو مون کي گهرايو هو. پر مان بلڪل ٺيڪ ٻڌائي سگهڻ ۾ لاچار آهيان. اوهان ٻڌائي سگهندا. ناڙي اوهان ٻڌائي سگهندا، اهو مان وڏي واڪي چئي سگهان ٿو. هن کي به چيو اٿم.“ چارو بابو آڱر سان پرديوت ڏانهن اشارو ڪندي چيو. +هينئر وري پرديوت به ڪجهه ٻوليو:[1] ”ڊائيگونوسس اوهان جو ڪمال جو آهي. اوهان رڳو اهو ٻڌايو ته ٽائيفائيڊ آهي يا نه!“ +مهاشيه کلي پرديوت ڏانهن نهاريو. هيستائين هو رڳو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. چيائين: ”هلو.“ +* * * * +دلفريب ڪومل انگن واري، هوءَ گلاب جي گل جيئان ٽڙندڙ جوانڙي اڄ ڪوماڻي پيئي آهي. تپ جي جوش وچان منهن ڳاڙهو ۽ ڀريل ٿي ويو اٿس. ڀونئرن جهڙا گهنڊيدار وار ڪجهه ته وهاڻي تي هيٺ پکڙيل آهن، ڪجهه ڳل تي اُڏري رهيا آهن. ڳل تي آلي ڪپڙي جي پٽي اٿس. گهر مان هڪ عجيب بوءَ اچي رهي آهي. اگربتي، اوڊي ڪولين، فنائيل، دوا، سڀني جي گڏيل گنڌ. سيرانڌيءَ کان نرس ويٺي آهي. سيتا! ها اها ئي ويٺل آهي. +پنهنجي ناڙي- وديا جي گرو- پنهنجي پتا کي سمرڻ ڪري هن بيمار جو هٿ مٿي کنيو. هڪ ڇڏي وري ٻيو هٿ کنيائين. ڏسي اهو به رکيائين. بخار تيز آهي. هڪ سو ساڍن ٽن کان به وڌيڪ. چئن جي لڳ ڀڳ. +سيتا سندس منهن ڏانهن تڪي رهي آهي. انتظاريءَ وچان: ڇا ٿو چوي. پتنيءَ جي سيرانڌيءَ کان جهڪي ڪومل آواز ۾ پرديوت سڏيو: ”منجو!“ +ڀرووُن ذرا تاڻي اکيون ٻوٽي هن وراڻيو: ”اوُن“ ”هتان جو جيون مهاشيه توکي ڏسڻ آيو آهي.“ هن اکيون کوليون. وڏيون موڪريون ٻه اکيون. مهاشيه کي هڪوار مٿان کان هيٺ تائين ڏسي هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون. +پرديوت چيو: ”پنهنجي ڄڀ ته ڏيکار!“ +هن ڄڀ ڏيکاري. +چارو بابو سيتا کي چيو: ”ٿرماميٽر کڻي اچ.“ +مهاشيه چيو: ”رهڻ ڏي. هينئر کان پهريائين ڪيترو هو؟“ +ڊاڪٽر هڪ ڪاپي آڻي سامهون رکي: ”هڪ سو ٽي پائنٽ چار.“ +مهاشيه ڪمري کان ٻاهر نڪتو. چي: ”بخار ڪجهه وڌي ويو آهي. اڌ ڊگري.“ +پرديوت وٽس اچي بيٺو. هوريان پڇيائين: ”ٽائيفائيڊ؟“ +جيونمهاشيه کي تڪيلف ٿي. چي: ”اڄ ٺيڪ ٻڌائي نه سگهندس. سڀاڻي ڏسي ٻڌائيندس. اڄ منهنجو من چنچل آهي.“ +”ليڪن مانته ڪلورومائيسيٽن ڏيڻ جي سوچي رهيو آهيان. پهريون هفتو آهي“ هو ڪمري ڏانهن وريو: ”سيتا، ڪيترو بخار آهي؟“ +ٿرماميٽر کڻي سيتا آئي ۽ پرديوت کي ڏسي چپ چاپ موٽي ويئي. ليڪن هڪ هلڪي مرڪ وچان سندس چهرو ٽڙي پيو هو. ڇو ته ٿرماميٽر جي ڪاري ليڪ هڪ سو چئن جي نشان کان هڪ پائنٽ هيڏانهن هئي. ڏسي پرديوت چيو: ”ها هڪ سو چار ئي آهي.“ +جيون مهاشيه چيو: ”بخار اڄ هن کان وڌيڪ ڪونه چڙهندو. آئون صبوح جو سويل ئي ايندس.“ +”مان ڪلورومائيسٽين کڻي آيو هوس. ڏيئي سگهان ها ته....“ +”سڀاڻي اڄ نه هن بيماري ۾ اٺن ڪلاڪن ۾ ڪو خاص فرق ڪونه پوندو.“ ۽ هو مرڪيو: ”اوهان ناراض ته ڪونه ٿيندا؟“ +”جي نه. چئو“ +”اوهان اٻهرا ٿي پيا آهيو ان ڪري اوهان جو علاج ڪرڻ مناسب نه ٿيندو.“ +”جي نه. مان ٺيڪ آهيان. پر علاج مان ڪونه ڪري رهيو آهيان، چارو بابو ڪري رهيو آهي.“ +ٻئي ڏينهن صبوح جو هن جي نبض جهلي جيونمهاشيه ڳچه دير تائين ڌيان ۾ ويٺو رهيو. +ساجهر جي ويل. مشڪندڙ ڪرڻن سان گهرج ٻهڪي رهيو آهي. دريون کليل آهن. ڪمري کي جيوڙا ناس ڪندڙ دوا جي پاڻيءَ سان ڌوتو ويو آهي، هڪ طرف اگربتي ٻري رهي آهي. کٽ جي ڀرسان ٽپائي تي دوا جي شيشي، فيڊنگ ڪپ، ٻه چار سنگترا، ٽيمپريچر چارٽ رکيا آهن. بيمار اڳي کان هاڻ بهتر آهي. تپ گهٽجي ويو آهي. چپ خشڪ اٿس. سستي گهٽ آهي. تڏهن به اکيون ٻوٽي پيئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن کولي ٿي. پلڪون وري جهڪي وڃن ٿيون. مٿي تي پاڻيءَ جي پٽي رکيل ڪانهي. ڳل ۽ منهن لعل ۽ سڪا پيا آهن. کلي روشني جي سرهائي ۽ ويساکي پرڀات جي مهڪ جي هوندي به گويا کيس چين نه آهي. رکي رکي نڪ کي رڳڙي ٿي. +هن نبض جي رفتار محسوس ڪئي. ڌيري ڌيري صاف پتو پوڻ لڳو.... +جهيڻي جهيڻي- ٽٽل ٽٽل- ويڪل ۽ وياڪل ۽..... +تمام جهيڻي ۽ ماندي ٿڪل چال سان ڀاري قدمن سان ڌڏندڙ گتيءَ سان هلي رهي آهي: بيوس ۽ بيڪس جي ڇاپ. گويا: گويا وياڪل جيون، ڦڙڪ، ڊپ وچان ڪو آسرو- سهارو ڳولهي رهي هجي. سر سام- بخار (مدي جي تپ) جا سمورا اهڃاڻ صاف نطر اچي رهيا آهن. تردوش (ٽي خرابيون) جو تکو ۽ ٽطرفو حملو! لڳي ٿو... خير، اها ڳالهه ڇڏي ڏجي. جيون مهاشيه اکيون کولي پرديوت ڏانهن نه��ريو. هو خود سندس ڏانهن نهاري رهيو هو. خبرداريءَ سان بيمار جو هٿ بستري تي رکي هو ٻاهر نڪري آيو. صابڻ پاڻي ۽ ٽوال کڻي نوڪر بيٺو هو. هٿ ڌوئي ٽوال سان اگهندي جيون مهاشيه چيو: هيءُ ٽائيفائيڊ آهي.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: ”شڪ ته مونکي به پيو هو پر منجوءَ مون کي آڳي پيڇي ۾ وجهي ڇڏيو هو. اسان ماڻهو ته دستور موجب ٽائيفائيڊ جي سئي وٺي ڇڏيندا آهيون. چار مهينا اڳي به هيءَ هڪ ڀيرو ڪلڪتي ويئي هئي. سڄو مهينو اُتي رهي هئي. انهيءَ وچ ۾ سئي هڻائڻ جو وقت گذري ويو. مون ته هتي هڻائي ڇڏي هئي. کيس لکي ڇڏيم: اتي ئي ٽي-اي-بي وٺي ڇڏج. هن لکيو ته وٺي ڇڏيو اٿم. مون يقين ڪري ورتو. جڏهن هتي آئي ته مون کانئس پڇيو به هو. هن چيو هو، وٺي ڇڏيو اٿم. اڄ صبوح جو هن ٻڌايو ته سئي ڪونه هڻائي اٿائين. سو به جڏهن مون کيس چيو ته مهاشيه مونکي ٻڌائي ويو آهي ته هي ٽائيفائيڊ آهي. تڏهن ئي هن کولي ٻڌايو، خير، هاڻي نشچنت ٿي ڪلورو مائيسيٽن ڏيندس. چارو بابو، هريندر بابو ٻئي اچي رهيا آهن. تن کان به رايو وٺان ٿو.“ +سيتا ڪمري ۾ آئي. وهنجي سنوارجي هوءَ ڄڻڪ سنجيوني بڻجي موٽي آهي. اڄ هوءَ بيحد خوش آهي. شايد ڊاڪٽر پرديوت جي ان منظوريءَ ڪري هوءَ ڪپڙن ۾ نه سمائجي رهي آهي. +چارو بابو آيو. مهاشيه کي ڏسي چيائين: ”مهاشيه ٻڌايو! پوءِ ڇا، ڪلورومائيسيٽن. بي کٽڪي ڏيو.“ +ڪلورومائيسيٽن! نئين يگه جي ايجاد. ادڀت دوا! اٽوٽ ٽائيفائيڊ: ساکيات مرتيو جي ساهڙي- بيماري. برساتي جابلو نديءَ جهڙي تيز ڌارا: جنهن کي روڪي نٿو سگهجي، جنهن کي ورائي نٿو سگهجي. ٻوڏ وانگر من ماني ريت وهي. پاڻ کي خالي ڪري تڏهن ساهه پٽيندي آهي. ان تيز وهڪري جي رهجي وڃڻ تي زندگي ٽڪي ويندي آهي ته بيمار بچي پوندو آهي. ان باغ جيئان قائم رهندو آهي، جنن جي سموري اپج شڪتيءَ کي ٻوڏ جو پاڻي مٽيءَ سان گڏ وهائي ويندو آهي. ان جي حالت کاڌل- ڪلراٺي زمين جهڙي ٿي ويندي آهي. +برجلعل بابوءِ جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ هن وَڪٽراوفاز ڏٺو هو. ان ڀيري ته ان مان ڪو فائدو ڪونه ٿيو هو. بعد ۾ افاز مان فائدا ڏٺا اٿائين. ڪلورومائيسيٽن شايد تز ۽ اَچوڪ آهي. معيادي بخار جي بيمار کي ڏسڻي ڏيکاري روڪڻ جي جريت هيءَ دوا رکي ٿي. ٻڍو جيون مهاشيه ان کي ڏسڻ جي چاهنا ڏيکاري اتساهه سان ويٺو رهيو. ان دوا جي شيشي ونيه جي دوڪان ۾ ڏسي چڪو آهي. هڪ ڪيس جي لاءِ ٽي شيشيون ڪافي آهن. سڀاڻي کان ئي بخاري گهٽجڻ لڳندو ٽئين ڏينهن تي ته بنهه لهي ويندو. اچرج ئي ته آهي! +پرديوت چيو: منجو! منجو! وات کول! ٽيبليٽ آهن.“ سيتا ٽوال ۽ پاڻي کڻي بيٺي هئي. هن منجوءَ جي وات ۾ پاڻي وڌو. چارو بابو ٽيبليٽ کارايس. +سنجها جو جيون مهاشيه وري ويو. نبض ڏٺائين: ”تپ وڌي ويو آهي. ساڍا چار ٿيندو. سيرانڌيءَ کان اڄ ٻي نرس ويٺي آهي. سيتا شايد موڪل تي هوندي. +ٻئي ڏينهن به بخار گهٽ نه ٿيو. اڳئين ڏينهن کان به وڌيڪ ويو هو. سستي به وڌي ويس. +ٽيون ڏينهن.اڄ تپ لهي وڃن گهرجي، پر ڪٿي؟ مهاشيه گنڀير درشٽي سان ڏسندو رهيو، ”دوا جو اثر ڪيڏانهن ويو؟“ +پرديوت، چارو بابو، هريندر، ٽنهي جا من وياڪل ٿي ويا. ”سوئي ته، ته ڇا...؟“ +جيون مهاشيه درڍتا سان چيو: ٽائيفائيڊ آهي. نبض ۾ ڏاڍو ٻل آهي: ايترو ئي آئون چئي سگهان ٿو.“ ڪرڙوڍ چارو بابو، بي صبر آهي. ٿوري ۾ ئي ڀڙڪي پوندو آهي ۽ ٿوري ۾ ئي واڇون ٽڙي وينديون اٿس. هو دلشڪستو ٿي پيو آهي. اهو ئي ته! سنسار ۾ مني رشي به ڀرمائجي وڃن ٿا! +جيون مهاشيه درڍتا سان ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”نه.مون کي وهم ڪونه ٿيو آهي.“ +پريوت کي ڄڻڪ ڳڍڙيون پئجي ويئون، چ��: ”چارو بابووري ڪلورو مائيسيٽن ڏيو.“ هن پنهنجي هٿ سان شيشيءَ جو منهن کوليو. دوا چارو بابوءَ کي ڏنائين. +جيون مهاشيه جڏهن شام جو پهتو، تڏهن ڏٺائين، پرديوت ٻنهي هٿن سان ڪن جهلي ورانڊي ۾ ويٺو آهي. مريض جي سيرانڌيءَ کان سيتا ويٺي آهي. سيتا ٻڌايس. ”رت جا دست آيا آهن. بخار يڪسان آهي.“ +جيون مهاشيه پاڻيهي ڪمري جي اندر ويو. بستري جي ڀرسان ويهي هن جي نبض ڏٺائين. ٻاهر اچي پرديوت جي ڪلهي تي هٿ رکيائين. +پرديوت نظر کڻي مٿي نهاريو: ”مهاشيه!“ +”ها اوهان دل نه هاريو. رت جا دست ٿيا ته ڇا ٿيو؟ هن بيماريءَ ۾ اڪثر ٿيندو آهي ۽ ٿيندو آهي به ته روڳي جي ڀلي ڪاڻ. مون نبض ڏٺي آهي. ٽطرفي خرابيءَ جو اثر گهڻو ڪجهه گهٽجي ويو آهي. بيمار هينئر بهتر آهي. اوهان ڳڻتي نه ڪريو. مون کان ڀل ڪانه ٿي آهي.“ +ڊاڪٽر يڪ ٽڪ ڏانهنس نهاريندو رهيو. مهاشيه دهرايو: مان اوهان کي ڪوڙو دلاسو نٿو ڏيان.“ +پرديوت ڳچ ساعت چپ ويٺو رهيو. +اسٽيشن کان هڪ بيل گاڏي آئي ۽ احاطي جي اندر گهڙي. ٻه زالون هيون. ئي وڌوائون. هڪ بيحد ٻڍي. ڊاڪٽر اڳتي وڌيو”اما!“ +”منجو ڪيئن آهي پٽ؟“ +”بيمار ئي آهي. مگر: هن کي ڇو وٺي آئي آهين“ پر ديوت خفي ٿي پڇيو. هن ٻڍيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين. +”ڪٿي اُڇلي اچانس پٽ؟ هيءَ ته مون کي ڇڏڻ واري ڪانهي.“ +”پر مان هن کي ڪٿي رکان؟ ڇا ڪريان؟ +”پئي هوندي ڪنهن ڪنڊ پاسيرو.گوڙشور ڪونه مچائيندو. ڪجهه ڏينهن کان الائي ڪهڙي ماٺ وٺي ويئي اٿس. ان ڪري کيس ساڻ وٺي آئي آهيان.“ +”اچو.“ +جيون مهاشيه ڏانهن مهڙ ڪري چيائين: ”اوهان ترسجو ڊاڪٽر صاحب، مان اجهو آيس. منهنجي سس جي ناني اهائي آهي. هڪ ته هيءُ بيماريءَ جو کٽراڳ، مٿان وري هيءَ اچي پيئي“ +جيون مهاشيه ويٺو رهيو. +ويساکه جو آڪاش- ڪالهه ٻنپهرن ٽاڻي هلڪو مينهن واچوڙو آيو هو. اڄ آسمان ميرانجهڙو ڪونهي. تارا جهرمر ڪري رهيا آهن. انهيءَ اڀ ڏانهن نگاهون تڪي هو ويٺو رهيو. اهريءَ حالت ۾ من ڄڻڪ سنسان پئي ڀاسيو. جيڪڏهن ڪهن شيءِ تي نظر کپائي نه ويهجي ته من ڊوڙڻ ڀٽڪڻ جي پيو ڪندو آهي. ڪنهن کان ڇا ٿيندو! هزار قسمن جا سوال. زندگي سهڪي پوندي. ڊوڙي نه سگهندي، ته به ڊوڙندي، ڊوڙڻو آڪاش جي جڳمڳاهٽ ۾ کوهجي وڃڻ جو سنجوڳ ٿيڻ سان کيس ڇوٽڪارو ملي ويو آهي. +”اما. اما.“ +”منجو! ڌيئڙي. آئون اچي ويس.“ +”ڇا اٿئي ڌيءَ؟ ڪٿي تڪليف آهي، ڪهڙي تڪليف آهي؟“ +”هان‘ اما.“ +جيون مهاشيه کليو. +ماءُ! ماءُ چئي رهي آهي اجها آئون هتي آهيان، تڏهن به مريض پڪاري رهي آهي. شايد پاسو بدلائي پڪاري رهي آهي. پنهنجي هن لنبي جيون ۾ اهڙا درشيه ڪيترا پسيا اٿائين! هاءِ ڙي منش! اها ماءُ ڇا تون آهين؟ اها ماءُ ته هوءَ آهي، جيڪا آروگيه روپڻي (سدائين نروڳي) آهي. هن جي انگ انگ ۾ امرت آهي. هن جي ڇهاءَ سان ئي روڳي جو روڳ، هيڻائي سميت مڙي وڃي ٿو. جلن گهٽجن ٿي، وياڪل، بي صبري شانت ٿي وڃي ٿي، سستيءَ جي خماري ميٽجي سجاڳي اچي ٿي؛ جيوت جي خزاني ۾ ساڙ پچ جي ڀڙڪيل باهه دٻجي جيوت جي جوت بڻجي جڳي ٿي. سموري پيڙا مٽائڻ واري، سڀ سور دک ناس ڪرڻ واري آروگيه روپڻي ماءُ هوءَ ئي آهي، هوءُ ڪير آهي. خبر ڪانهي، پر هوءِ امرت روپڻي آهي، اَڀيا (نڏر) آهي. هن کي ڏسي موت پري کان نمسڪار ڪري موٽي ويندو آهي. مهاشيه ٿوري ساعت لاءِ چنچل ٿي ويو. کيس ائين لڳو. موت ڪمري م وارد آهي. ڪنهن ڪنڊ پاسي اوندهه سان گڏجي بيٺل آهي. مريض شايد انهيءَ کي محسوس ڪري امرت روپڻيءَ کي پڪاري رهي آهي. خبرداريءَ سان هن روڳڻي ڏانهن نظر ڦيرائي. +[1] مرض جي پڇاڻ. + + +[37] + +ٻئي ڏينهن ساجهر ويل. +آرگوگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ جيون مهاشيه بيٺو هئو، پرديوت ڏانهن وڃڻ جي تياري هئي، اچانڪ پرديوت ئي سائيڪل تي اچي پهتو. ورانڊي جي سيڙهيءَ تي پير رکي سائيڪل روڪيائين. لٿو ڪونه سهڪي رهيو هو. +”تپ اڄ نوانوي تي آيو آهي.“ +”لهي ويو؟“ +”جي ها. نوانوي پائنٽ ٻه. صبوح کان ئي منجو مزي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. چوي ٿي، ٺيڪ آهيان.“ ”ايشور جي ٻاجهه ۽ اوهان جي انوکي همٿ ۽ دردتا.“ +ان واکاڻ جوان ڊاڪٽر هوبه وروڌ ڪونه ڪيو کلندي بنا سنڪوچ ان کي سئيڪار ڪيائين. رڳو ايترو ضرور چيائين: ”اوهان جي ناڙي گيان جي مدد نه ملي ها ته ايتري همٿ مان نه ڪري سگهان ها. چڱو مان هلان ٿو، خوشيءَ وچان اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙندو آيس.“ +سائيڪل وراڪو کاڌو. ڊاڪٽر تيزيءَ سان نڪري ويو. صبوح جي هير ۾ هن جا سڪل وارو ڦڙ ڦڙ ڪري اُڏامڻ لڳا. +”پرمانند ماڌو! پرمانند ماڌو! هي گووند! پرمانند ماڌو!... نام جاپ اڌورو ڇڏي مهاشيه يڪساهي کليو، ٿڌو شوڪارو ڀريائين. +سنسار ۾ جيڪي ٿورا ڪي ماڻهو ڏاڍو سکي آهن تن مان هيءُ به هڪ آهي. هن جوانڙيءَ کي هن دل سان حاصل ڪيو آهي. ٻئي ملي ڪري مانسورور آهن. +تنهن ڏينهن ڪشور به چيو هئو: ”اهائي پرپاتي ته سڀ کان وڌيڪ آهي. جنهن اهو پاتو، تنهن سڀ ڪجهه تون ڊاڪٽر صاحب. سرشٽي ان وقت مانسروور ٿي پوندي آهي.“ +هن ڪشور کان پڇيو: ”ٻڌو اٿم تون شادي ڪري رهيو آهين. پر ان جو ٿيو ڇا؟“ +هن چيو هئو: ”ڊڄي ويو هوس! وري چيو هئائين. ”وهانءُ ڪرڻ سان وَني ملندي آهي، پر جيڪو پائڻ لاءِ انسان وهانءُ ڪري ٿو، سوئي نٿو ملي، ناري ۽ پرڪرتي: ٻئي هڪڙو ستيه آهن. ٻن ڏينهن ۾ ئي ڇاتي تي پير رکي پنهنجو راهه رمندي ٿي رهي. ڪڏهن پنهنجو ڪنڌ پاڻ ڪپي رت ۾ سنان ڪندي آهي ۽ تڏهن پنهنجي ڀتار کي ڳرڪائي ڌوماوتي ديوي بڻجي پوندي آهي. وري ڪڏهن ته پتا جي مک مان پتيءَ جي نندا ٻڌي جيون تياڳي ڇڏيندي آهي. منش جي پورڻ پريم جي هٿان شانت، گنڀير ٿي شايد ئي پڪڙ ۾ ايندي آهي. جن جي ڀاڳ ۾ اهڙي حاصلات هوندي آهي، تن کي ٻئي ڪنهن به قسم جي ضرورت نٿي رهي- مان، شان، سامراج، ايتري قدر جو مڪتي به نه. انکان وڌيڪ حاصلات ٻي ڪائي ڪانهي. اها شايد ورلو ڪو حاصل ڪري ٿو. سو قدم وڌائي به ڪشور ڊپ کان پٺتي هٽي ويو. ڪهڙي خبر، اسان ٻنهي م ڪٿي ڪهڙي ڦاڪ هجي، ڦاڪ پوڻ سان خيريت ڪانهي، ڦاڪ هجي ته ناري نديءَ جيئان ڀڄندي ويندي ۽ ٻئي ٻانهون ڦهلائي سمنڊ تائين ڊوڙي به هن کي پائي نه سگهندس. ٻانهن جي ٻنڌن- ڀاڪر۾ ٻڌجندي ئي هوءَ مانسورور ٿي پوندي.“ +جيون مهاشيه بار بار من ۾ چيو: ڳالهه بلڪل سچي آهي. سنجها جو پرديوت جي ورانڊي ۾ بهي هن ان سچائيءَ کي پاڻ چڱيءَ طرح محسوس ڪيو. شام جو هن جو تپ صفا لهي ويو. +سيتا کلي ڪري ڊاڪٽر جي پتنيءَ کي چيو: اف! ڪهڙي نه ڊپ ۾ اوهان وجهي ڇڏيو هئو! +”توکي ڏاڍي تڪليف ڏسڻي پيئي نه؟“ منجوءِ جي چپن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿي. +ٻار وانگر چنچل ٿي ڊاڪٽر ڪمپائونڊر کي چئي آيو. نرسن ڏانهن ويو. اسپتال جي بورچي موتيا کي چئي آيو، ”اڙي موتيا، بخار لهي ويو.“ کيس جيون مهاشيه جي موجودگيءَ جي به سڌ نه رهي. +بيمار جي ڪمري ۾ ڊاڪٽر جي سس پهتي. +”اهڙو تو ڊيڄاري ڇڏيو هو جو ڇا چئجي“ +”الائي ٽي چار ڏينهن ته مون کي به سڌ نه رهي!“ +”رهندي وري ڪيئن! بيهوش جا پيئي هئينءَ. اما اما ڪري پڪاريندي رهينءَ. مون چيو، اجها مان آهيان، پر تو ته نهاريو به ڪين. هيڏانهن تنهنجو هيءُ حال ۽ هوڏانهن ويچاري گهوٽهن جو حال ئي نه پڇ. هن جي شڪل ڏسي منهنجو ته روئڻ به محال ٿي ويو. ائين لڳو، م��جوءَ کي ڪجهه ٿي پيو، ته هيءُ ته چريو ٿي پوندو.“ +”چريو ڪونه ٿئي ها سنياسي ٿي وڃي ها يا آپگهات ڪري ها.“ +ورانڊي ۾ بيٺي بيٺي جيون مهاشيه پنهنجي اندر جي اکين سان پروڙيو، روڳڻيءَ جي چپن تي مرڪ جي ريکا نمودار ٿي هئي، وڏي چوڏس جي باقي رات جي اچانڪ کڙيل چانڊوڪيءَ جهڙي کل- ۽ ان کل جي ڪري هوءَ لڄ محسوس ڪانه ڪري رهي آهي. مڪمل پاڻي ملڻ سان جهڙي طرح ناز سان گل ٽڙندو آهي، اهڙي طرح هو تيز مرڪ سان ٽڙي پيئي. +”هي پرمانند ماڌو:“ +ڊاڪٽر اچي رهيو آهي. قدمن ۾ به خوشي ڀريل اٿس. +”ڌرا! ڌرتري! ٻڌين ٿي؟“ +هوءَ جهور ٻڍڙي عورت ڊاڪٽر جي سس کي سڏ ڪري رهي آهي. اڄ ڪيترن ڏينهن کان هو ان آواز کي سڻي رهيو آهي. اندرئين ورانڊي مان اهو آواز اچي ٿو. ڌنڌلي اکين ۾ پسي ٿو: هڪ ڊگهي قدار پيرسن وڌوا خشڪ اکين سان چپ چاپ ويٺي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي پڪاري ٿي: ”ڌرا! ڌر تري!“ +هن پاسي کان ڪوبه جواب نٿو اچي. مريض جي سيرانڌيءَ وٽان ڪير جواب به ڪيئن ڏي؟ هوءَ پيرسن عورت نيٺ چپ ٿي وڃي ٿي. هن کي ڏسڻ سان لڳي ٿو، ڪڏهن هن شاندار جيوت ماڻي آهي. ٿوري ساعت هوءَ چپ رهي ٿي، وري سڏ ڪري ٿي: ”ڌرا: ڌرتري، اڙي او ڌرتري! ٻڙي اهو ته ٻڌاءِ تنهنجي ڌيءَ ڪيئن آهي؟ مون کي ته ڪمري ۾ وڃڻ کان منع ڪيل آهي، ان ڪري وڃان به نٿي. پر هن جو حال ته ٻڌاءِ.“ +انهن جو به جواب ڪير ڏئي؟ ويچاري چپ ٿي ويئي. +اها ئي اڄ به سڏ ڪري رهي آهي. اهو ئي ساڳيو آواز. اڄ ڌرتريءَ ورندي ڏني: ”چئو، ڇا کپيوَ؟“ +”کپي وري ڇا؟ تون ٿينءَ منهنجي ڏوهٽي، تنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ ۽ تنهنجي ڌيءَ ٿي منجو. تنهن وٽ آئي آهيان، اهائي ته وڏي شرم جي ڳالهه ٿي! وري ان جي مٿان ڇا گهران؟“ +”چئي رهي آهيان: منجو ته ٺيڪ آهي؟ ذرا هن ڪمري ۾ وڃان، کيس ڏسان! اکئين ڏسي نٿي سگهان، ذرا هٿ ئي مٿس ڦيري اچان.“ +”او ڊيڪولين ڪونه لڳائيندينءَ؟“ منجوءَ جو آواز. اها جهيڻي کل، پر زور سان کل نڪتي! +”ڏيندينءَ ته لڳائينديس. ڪيترن ڏينهن کان آئي آهيان: تيل ڪونه لڳائي سگهي آهيان. سنان وقت کوپرو لڳائڻ لاءِ ملندو اٿم. اهو ته مان لڳائي نٿي سگهان. ڇا ڪريان اڻڀي مٿي سان ئي وهنجي وٺندي آهيان. اوڊيڪولين نه سهين، ذرا خوشبودر تيل ڏينم.“ +”چپ ڪري ويهه. ناٺيم پيو اچي.“ +منجو جي ماءُ ڊاڪٽر کي ايندي ڏٺو: ٻڍڙيءَ کي هن خبردار ڪري ڇڏيو. +جيون مهاشيه ذرا دکي ٿيو. +“ڪٿي، ڪٿي آهي تنهنجو ناٺي؟ ذرا هن کي ته مون ڏانهن موڪل، اڄ چاهي مان رستي جي ڌوڙ جهڙي ڪم کان ويئي پيئي آهيان، چاهي منهنجو گهڙڻ سان ڪمرو گندو ٿو ٿئي، ڇهڻ سان اوهان جا هٿ ميرا ٿا ٿين؛ پر ڪڏهن منهنجي به روپ جواني هئي: عزت آبرو هئي. سڀ ڏينهن ههڙي حال ۾ ته ڪانه رهي آهيان. وري مان ٿيس منجوءَ جي ماءُ جي ماءُ جي ماءُ. ان ناتي به مون سان ڳالهائڻ ته گهرجيس.“ +”ڇا پئي چوين، ڇا؟“ ڊاڪٽر اهي ڳالهيون ٻڌي ورتيون. ورانڊي ۾ بهي ڪري سڀ ڪجهه سڻي ورتائين. منجوءَ جي ماءُ کي اهڙي حالت ۾ ساوڌان ڪرڻ جو به وجهه ڪين مليو. ڊاڪٽر جو من خوشيءَ وچان ڦوليو نٿي سمايو. سو کلي چيائين: ”ڇو ڪونه، اوهان سان ضرور ڳالهيون ڪندس. اوهان اسان جا پوجنيه آهيو پر منجوءَ جي بيماريءَ ڪري....“ +”ها ادا، سو ته آهي. مونکي جيڪا لڄ، جيڪو ڊپ ٿيو سو ڇا ٻڌايانءِ؟ سوچيم، نيٺ مان آيس ئي ڇو؟ مان ڏائڻ آهيان. سواميءَ کي کاڌم، هن کي کائي ڌيءَ جي گهر ويس، ان کي به کاڌم. انهيءَ ناٺيءَ وٽ تنهنجي سس کي نپايم تاتيم. ڌيءَ جي پهاڄ آئي،. ان جون ڇڙٻون سهي ات رهيس. تهانپوءِ ڌرتريءَ جو وهانءُ ٿيو. هن وٽ پهتيس. هيءَ به وڌوا بڻي. هاڻ آئي آهيان هتي، ڇو آيس؟ جنهن سبب کان آئي آهيان، سو ته ڄاڻين ٿو. وڏو ڊاڪٽر آهين، منهنجون اکيون ٺيڪ ڪر.“ +”چڱو. سڀاڻي کان ئي دوا ڏيندس.“ +”دوا نه، آپريشن ڪر.“ +”ان جو آپريشن ٿورو ئي ٿيندو. موتيو پاڻي ته نه آهي.“ +”نه نه. آپريشن بنا ٺيڪ ئي نه ٿينديون؛ ان سان ئي ٺيڪ ٿينديون. ڪيترن جون ٺيڪ ٿيون آهن.“ +”خير. سڀاڻي کان چڱيءَ طرح جاچ ڪري ڏسندس. چڱو مان ٻاهر وڃان؟ اوهان کي هتي ڪا تڪليف ته ڪانهي؟“ +”تڪليف ته ادا آهي! لڳائڻ لاءِ ڪو سٺو تيل کپي. هيءُ منهنجا ڪپڙا به ڏاڍا پراڻا ٿي ويا آهن.“ +لڄي ٿي ڪمري جي اندران ئي ڊاڪٽر جي سس چيو: ”ان جو اپاو به ڪهڙو آهي؟ ڪپڙي تي ڪنٽرول آهي: ڪپڙي جي اڻاٺ سبب سڄي دنيا ڦاٽل سبيل پهري ڏينهن گذاري رهي آهي.“ +”هائو، سو ته آهي. سکه. هڪ اڌ منجو جو ئي پراڻو ڪپڙو ڏج. اهو ئي پهرينديس.“ +”منجوکلي ڏنو. ”رنگين، ڏوري واري ساڙهي...“ +”ها، اهائي پهرينديس، پر هيءَ لتا ته پهري ڪانه ٿيندي.“ +ورانڊي ۾ جيون مهاشيه کي ڏسي ڊاڪٽر ذرا شرمندو ٿيو. کيس هن جي هوئڻ جو سماءُ ئي ڪين رهيو هو. خوشيءَ وچان وساري ويٺو هو +”مونکي دير ٿي ويئي، مهاشيه.“ +”مڙيو ئي سک آهي.“ +”۽ ڀاءُ منجوءَ جا گهوٽ! ٻڌين ٿو؟ ”هن ٻڍڙيءَ وري چيو. +”مصيبت آهي!“ پرديوت هاڻ خفي ٿي پيو. شايد اهو سوچي گرم ٿي ويو جو هن ٻڍڙيءَ جون ڳالهيون جيون مهاشيه به ڪنين سڻيون. ٻڍڙيءَ تي ته خفي ٿيو، شايد جيون مهاشيه تي به ڏمريو. ’بيٺي بيٺي ٻڌڻ سونهين نٿو، کيس هليو وڃڻ کپي ها. دل ۾ چيائين.‘جيون مهاشيه چيو: ”چڱو ته آئون هلان ٿو.“ +”ٿوري دير وهندا ڪونه؟“ +”سڀاڻي ايندس.“ +”چڱو. جنهن ڏينهن منجوءَ کي ڀت ملندو، مان دعوت ڏيندس.“ +”ٺيڪ ته آهي.“ +”پر اهو اوهان کي ٻڌائڻو پوندو ته ڀت ڪهڙي ڏينهن ڏنو وڃي. ڪلورومائيسيٽن سان تپ لهي ويندو آهي، پر رلئپس جو ڊپ ته رهي ٿو. اوهان جنهن ڏينهن ٻڌائيندا ته نبض ۾ ڪوبه نقص ڪونهي، ڀت يا کاڌو ڏيئي سگهجي ٿو، انهيءَ ڏينهن کيس ڏنو ويندو. جڏهن رت جا دست آيا اٿس ته ضرور اِنٽيسٽائين ۾ پرفوريشن ٿيو آهي. ڀت ان ڪري خوب سوچي سمجهي ڏيڻو پوندو.“ +هوڏانهن هوءَ ويچاري ٻڍڙي سڏ مٿان سڏ ڪري رهي آهي:”اڙي او ڀائو، ٻڌين ٿو؟“ ذرا ساعت ماٺ ڪري وري: ”منجوءَ جا گهوٽ!“ وري: ”ڊاڪٽر صاحب!“ +دٻيل زبان سان منجوءَ جي ماءُ چيس: ”ناني ٿورو ترس؛ هو هينئر مهاشيه سان ڳالهائي رهيو آهي.“ +مهاشيه سان؟ مهاشيه ڪير؟“ +”جيڪو نبض ڏسڻ ۾ ماهر آهي، هتي جو ڪويراج!“ +”اڇا!“ ٻڍڙي ڪنهن اونهي سوچ ۾ پئجي ويئي. +ٿوري ئي دير ۾ سجاڳ ٿي سڏيائين: ”ذرا، هن جي ڳالهه پوري ٿي ويئي؟ مان هڪ ڳالهه چئي رهي هئس.“ +هينئر شايد پرديوت ڪاوڙ وچان چريو ٿي پيو. منهن ورائي امالڪ چيائين: ”چيو مانءِ ته، سڀاڻي اکيون تپاسيندس، پوءِ جيئن هوندو، ڪيو ويندو.“ +”نه ڀاءُ- اهو مان ڪونه چئي رهي آهيان.“ +”ته پوءِ ڪپڙا؟ ڪپڙا به آڻي ڏندس.“ +”نه نه.“ +”تڏهن ڇا؟“ +”هيءُ مهاشيه جي آهي نه، ٻڌو اٿم، نبض ڏاڍي سٺي ڏسي ڄاڻندو آهي...“ +”ها پر هيءُ ڇا ڪندو؟ هو ته آپريشن مان ڪين ڄاڻي.“ +”هڪوار کيس پنهنجو هٿ ڏيکاريان.“ +”هٿ ڇا ڏيکاريو. چڱي ڀلي ته آهين. ڪابه بيماري ڪانهي.“ +”بيماري ته مونکي گهڻي آهي. اوهان ماڻهن جي جهل ۾ نٿي اچي. پراڻا ماهر ئي ان کي ٺيڪ سمجهي سگهندا. ذرا کين چئو ته. تنهنجي لاءِ ته مان ويئي پيئي آهيان، پر هن کي چو ته مان ڪانديءَ جي زميندار فلاڻي بوس جي استري آهيان. فلاڻي بوس کي ته سڃاڻندو هجي، اهڙو ماڻهو ئي هن پرڳڻي ۾ نه آهي. ٻيو، ته اها سموري پنهنجي ئي ذميداري ته هئي. ذرا هن کي چئي ته ڏس، ته ڪهڙي نه عزت سان ڏسي ٿو. ان کانسواءِ منهنجو پتا.... هن جو....“ +پرديوت جي صبر جو پيالو ڪاوڙ وچان ڀڄي پيو. پر چوي به ڇا، ٻاهر مهاشيه بيٺو آهي. +منجوءَ جي ماءُ ٻڍڙيءَ جو هٿ دٻائيندي چيو: ”ناني، چپ ڪر.... هاڻ چپ رهه.“ +ٻاهران مهاشيه سڏ ڪيو: ”پرديوت بابو!“ +پرديوت ٻاهر آيو.سڀ کان اول هن هٿ جوڙي چيو: ”هن جي ڳالهين جو اوهان خيال نه ڪندا. هوءَ ڪهني زماني جي زميندار جي گهر جي ننهن ٿي رهي آهي. هينئر چري ٿي پئي آهي.“ +کلي مهاشيه مرڪندي چيو: ”نه، نه اوهان کي ان ريت سنڪوچ ڇو ٿي رهيو آهي؟ هوءَ هٿ ڏيکارڻ چاهي ٿي، هلو ڏسي وٺان. انهيءَ ڪري ته هن کي خوشي ٿيندي. ڪانديءَ جي ڪهڙي گهر جي ننهن آهي... ڪنهن جي استري؟“ +”ڀوپن بوس جي. ماڻهو کيس ڀوپي بوس چوندا هئا. جهڙو بدفعلي هئو، تهڙو ئي هٿ ڦاڙ. سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو، پرشراب ڪونه ڇڏيائين.“ +”مان هٿ ڏيکارينديس. ٻڌو اٿم، هٿ ڏسي هو موت جي اڳڪٿي ڪري ٿو. مان به ڄاڻڻ ٿي چاهيان ته ڪڏهن مرنديس. تون هن کي ٻڌاءِ، منجري آهي، منجري جو هٿ ڏسڻو آهي. مان هن جي ماستر جي ڌيءَ منجري آهيان. ڪانديءَ جي فلاڻي بوس جي استري! هو مون کي سڃاڻي ويندو.“ +ڄيٺ جي مهيني جي رات، بادل رهت آڪاش اچانڪ ڪومل نيري پرڪاش سان ڀرجي ويو ۽ ان مان ڄڻڪ هڪ تارو ٽٽي پيو. جيونمهاشيه سناٽي ۾ اچي بيٺو رهيو. +”منجري!“ +اسپتال جي ڊاڪٽر پڇيو: ”اوهان هن کي سڃاڻندا هئا؟“ +”ڇو ڪين. خوب سڃاڻان ٿو. اوهان کي اعتراض نه هجي ته آئون هن جي ناڙي ڏسان؟“ +”ٺيڪ ته آهي. اڄ ئي ڏسندا؟“ +ڪهڙو هرج آهي. ڏسي ئي وٺان.“ +پرديوت چيو: ”هن کي گهڻائي روڳ لڳل آهن. ڪيترو سارو زهر ته پتي ڏيئي ويو اٿس. سڀ ڪجهه ته ٻڌايو اٿائين.اوهان به ڄاڻو ٿا.“ +”ڄاڻان ٿو.“ +”هنجي ويچار جو زهر رت ۾ آهي. هٻڇ ڪري اِسٽمڪ- اِنيٽيسٽائين به روڳ ۾مبتلا ٿي ويو اٿس، وقت جي ڪميءَ سببان جسم کوکلو ٿي پيو اٿس. من جي اشانتي به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. اکين کان ڏسڻ کان لاچار آهي. ڪنن کان به ڳري آهي. ڪولائيٽس ته لڳل ئي اٿس، سياري ۾ سهڪو ۽ مٿي ۾ سور رهندو اٿس، تڏهن به جيئري آهي. ڇچوري ڪري کائيندي آهي.“ +ڊاڪٽر پاڻ جهلي ورتو. کيس لڳو، وڌيڪ چوڻ واجب نه ٿيندو. +”منجري چوري ڪري کائيندي آهي، چوري ڪري خوشبوئدار تيل لڳائي ٿي. هٿوراڙيون هڻي جنهنجا به هجن، صاف سٿرا ڪپڙا پهري ٿي. اهي مڙيئي حقيقتون گذريل ڪيترن ڏينهن کان هنن ماڻهن جي واتان مهاشيه ڄاڻي چڪو آهي. +هن پرديوت کي چيو: ”هلو“ +پرديوت چيو: ”تنهن ڏينهن مون کيس موتيءَ ماءُ جو قصو سڻايو.اوهان جيڪي چيو هئو، سو به ٻڌاءِ. پر ڪنهن کي ٻڌائجي، ڪير ٿو ٻڌي؟ چيائين: منجوءَ جو هڪ پٽڙو پنهنجي اکئين پسان، ان کان پوءِ... ان کان پوءِ.“ +مئي ڪانه ته قصو ختم. +* * * * +منجري جي سامهون وڃي مهاشيه ڪجهه دير اسٿر ويٺو رهيو. للاٽ تي قطار ۾ ريکائون بڻجي آيس، اکين ۾ هڪ انوکي نظر نروار ٿي، کيسي مان عينڪ ڪڍي پاتائين. غور سان ڏٺائين. دور کان ’ته کيس ايامن کان ڏسي رهيو اهي، پر اڄ چشمو چاڙهي لڳاتار يڪ ٽڪ نگاهه سان ويجهو ڏٺائين: نه نه، هن جو قطرو به ثابت ڪونه بچيو آهي.‘ +”پنهنجو هٿ ته ڏيکاريوم.“ +’ناڙيءَ ۾ بخار آهي. بيماريءَ کان اندر ويران ٿيل آهي، چت ۾ لوڇ متل آهي. نبض جي هر هڪ ڌڙڪڻ بتائي رهي آهي. جسم جي هر هڪ سوراخ ۾ اُڀ جي تارن جيئان پراڻ ديوتا جي آرتي ڪندي جيڪي جيون – جوتيون جلن ٿيون، پاڻ پچائي پراڻ پوتر ڪري ان کي جاڳرت ڪن ٿيون، اهي اجهامي رهيون آهن، ڪي ٻري ٺري وسامي ويئون آهن. پراڻ ديوتا جي چوڌاري ڇايا جوگهيرو اچي چڪو آهي ۽ برف جا ڇهاءُ پيکري رهي آهي. آخرين حد جي قطري تي پهچڻ جي راهه هينئر نالي ماتر باقي آهي. ناڙيءَ جي ڌڙڪڻ ۾ جيڪو جيون سنگيت جاڳي ٿو، اهو جهيڻو ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي آخرين ڇند سان سماپتيءَ جي سيگهه جي پڌرائي ڪري رهيو آهي.‘ +هن ان هٿ کي رکي ٻيو هٿ وڌائڻ لاءِ چيو. +هڪڙو ئي حال. ساڳيو راڳ، ساڳيو سر. +”ڇا ڏٺو؟ اک ڪن سڌري ويندا؟ چڱي ڀلي ڪري سگهندا مون کي؟“ +”نه“ +”مٿي جو سور، پيڙا؟“ +”هاڻ ٺيڪ نه ٿي سگهندو. پر اڄڪلهه وڏيون سٺيون- سٺيون دوائون نڪتيون آهن- کائيندا، سور گهٽ ٿيندو. آئون هڪ ٽوٽڪوٻڌائي ويندس: تنهن مان ڪجهه گهٽ ٿيندو.پر بلڪل ٺيڪ نه ٿي سگهندو.“ +”۽ پيٽ جي گڙ ٻڙ؟“ +”اهائي ته اوهانجي اصلي بيماري آهي.“ +”ٺيڪ ڪري وٺو.“ +”ٺيڪ؟“ +”ها ها منجوءِ جي ٻار کي ڏسي وٺان!“ +”جنم چڪر ۾ وشواس رکندا آهيو؟ اوهان ئي ٻار بڻجي هنجي گود ۾ موٽي اچو، اهو ته پاڻ وڌيڪ چڱو ٿئي!“ +ذرا چپ رهي ٻڍڙيءَ چيو: ”يعني اوهان وڃڻ لاءِ چئي رهيا آهيو. ڪانه بچنديس. پر، پر مونکي ڏاڍو ڊپ جو ٿئي ٿو.“ +”ڊپ ڪهڙي ڳالهه جو؟ هيءَ ته مڪتي آهي.“ +”مڪتي؟“ +”ها، مڪتي نه ته ڇا؟ اتي اوهانجا پوٽا، ماتا، پتا، ڀاءُ، ڌيءَ، ناٺي سڀ اوهان جي راهه تڪي رهيا آهن.“ +ٻڍڙيءَ جون اکيون چمڪي ويئون. بي نوراکين سان سامهون طرف نهاريندي کوهجي ويئي. +مهاشيه اٿي بيٺو. ڪرسيءَ جي کسڪڻ جي آواز تي ٻڍڙي سچيت ٿي ويئي! چي:”ته توهان به چئي رهيا آهيو، مون کي وڃڻو پوندو. ڪيترن ڏينهن جي اندر؟“ +پرديوت اتي آهي، مهاشيه به ان ڳالهه کي وساري ويٺو. کيس ان ڳالهه جي به ياد نه رهي ته پرديوت کي اڳڪٿيءَ تي سخت اعتراض آهي. هو وري ويهي رهيو. هڪ ڀيرو وري ٻڍيءَ جو هٿ چڱيءَ ريت: ڏٺائين ۽ چيائين: ”ٽن کان ڇهن مهينن جي اندر. انهيءَ عرصي ۾ اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ويندو. پر اڄڪلهه جي دوائن جي استعمال ڪرڻ سان ڪجهه وقت ممڪن آهي وڌيڪ ڀوڳيو. اڄ ڪلهه ڏاڍيون طاقتور دوائون نڪتيون آهن.“ +”نه. دوا هاڻ ڪانه کائيندي آهيان. اوهان مون کي چڱي يادگيري ڏياري ته هو هتي منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. جيترو جلدي مونکي مڪتي ملي، اوترو ئي چڱو ٿئي. اڄ تائين مون کي چڱي ريت اها ڳالهه ڪنهن به ڪانه سمجهائي هئي. اف....! الائي ڪڏهوڪو هو ويچارا منهنجي واٽ ڏسي رهيا هوندا ۽ مان.....“ +ٻڍيءَ جو آواز ڏڪڻ لڳو. بي نور ٻئي اکيون يڪ ٽڪ ٿي ويئون: لڙڪ وهڻ لڳا. +مهاشيه ماٺ ميٺ ۾ اٿي هليو آيو. +اکيون ڦيرائي هڪ اڀو ساهه کڻڻ تي هو ته ڇرڪي ويو. سامهون واري آئيني ۾ هن پنهنجو روپ ڏٺو. اڇا وار، ڳل گهنجن ۽ کڏن سان ڀريل، منهن هيڊو: هڏن جي پڃري جيئان بيٺو آهي. هڪ ڳالهه کيس ياد اچي ويئي. پتا جيءَ چيو هو: ”هر جنم موت کي ساڻ آڻي ٿو. روز روز هو وڌي ٿو ۽ پنهنجي ان واڌ ۾ ئي هو پنهنجو انت آڻيندو هلي ٿو. پاڻ کي موت ڏانهن گهليندو وڃي ٿو. ان ريت جيون سنگرام ۾ جنهن ڏينهن هو ٿڪجي پوي ٿو، انهيءَ ڏينهن ٻڍاپو اچي وڃي ٿو. ٻڍاپي کانپوءِ اچي ٿو انت. يعني جي اڄ آئون سج اڀرائي جنم وٺان ٿو ۽ مران ٿوته ننڊ سان گڏ سج لٿي رات جي اونده ۾ وري نئين جنم جي پرڀات ۾ جنم وٺان ٿو.“ +مهاشيه کي هن ريت غرق ٿيندو ڏسي پرديوت کي تپرس وٺي ويو هو. ڪرسيءَ کي ٿورو کسڪائي چيائين: ”ويهو.“ +مهاشيه جو اٽڪيل اڀو ساه ٻاهر کڄي آيو. هن منهن ورائي ڪرسيءَ کي ڏٺو ۽ ويهي رهيو. پڇيائين: ”ڇا ٿا ڀانيو؟“ +ٻڍيءَ پڇيو. اوهان جيون مهاشيه آهيو؟ نوگرام ديويپور جو جيون دت؟ آئون منجري آهيان. ڪانديءَ جي بنڪ�� جي ڀيڻ. ماستر نوڪرشڻ سنگهه جي ڌيءَ.“ +مهاشيه کلي چيو: ”ٻڌڻ سان ئي سڃاڻي ويس، ڳچه ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اچي ٿي. +’ٺيڪ ٿا چؤ. ڌنڌلي ڌنڌلي. هتي اچي جيون مهاشيه- جيون مهاشيه ٻڌندي رهيس. نوگرام. سڃاتل جهڙو لڳو. ٻڌل جهڙو نالو لڳو، وري اوهان جو ڳالهائڻ ٻڌي ساڳيو ئي زور ڏيئي ڳالهائڻ ٻڌي سمجهي ويس، اوهان ساڳيا ئي آهيو. هو به ته مهاشيه ئي هئا. گهر به سندن نوگرام ۾ هو. دماغ ته اڄڪلهه ٺيڪ نٿو رهي. هينئر ڪجهه ياد آيو. هينئر ئي وسري ويو. پڇاڙيءَ ۾ سوچيم. هو هجن يا ٻيو ڪوئي هجي. هيڏو وڏو ڪويراج آهي، هٿ ته ڏيکاري وٺان. من ڪٿي چڱي ڀلي ٿي پوان.“ +اسپتال کان هو ٻاهر نڪري آيو. ڊاڪٽر پرديوت ڦاٽڪ تائين گڏجي آيس. چي: ”اهائي آهي اوهان ماڻهن جي اڳڪٿي؟“ +مهاشيه کوهيل نگاهن سان هن ڏانهن تڪيندو رهيو. هن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه ڪانه ويٺي. پرديوت چيو: ”اوهان کان سکڻ جي اِڇا ٿئي ٿي.“ +* * * * +مهاشيه جي من ۾ هن پيلي رنگ واري ڇوڪريءَ جي ڳالهه چڪر ڪاٽي رهي هئي. پيلو رنگ، پيلا وار پيلا نيڻ: ريشم پهريل، سڀني انگن ۾ ڪمل ٻج جا ڳهڻا انڌي، ٻوڙي. هر گهڙيءَ اهائي ساڻ آهي، ڪايا سان گڏ ڇايا وانگر. پور هئي سان گڏ جيئن آرام؛ آواز سان گڏ جئين روڪ؛ سجاڳيءَ سان گڏ جيئن رهي ٿي ننڊ. موت جو قاصد هن وٽ پهتو آهي ۽ هوءَ انڌي گونگي ديوي سڀني انگن ۾ امرت جو ڇهاءُ ڪري ٿي ڇڏي. لامحدود، اننت شانتيءَ سان جيون جڙي ٿو پوي. منجري گويا انهيءَ ريت ڳنڍي ٿي ڇڏي ۽ ملڪ الموت اهو گويا ڀوپي بوس جو روپ ڌاري اچي ٿو. +’هي پرمانند ماڌو! سرشٽيءَ ۾ جيڪو تنهنجي ماکيءَ جو رس ڀريل آهي، اهو ئي موت ۾ امرت آهي.‘ +هن پنهنجي نبض پڪڙي رت جي رفتار اڄ تيز آهي، ڇاتيءَ جي ڌڙڪڻ وڌي ويئي آهي. نس نس مان پگهر نڪري رهيو آهي. اهڙي آنڌمانڌ هن هڪ عرصي کان محسوس ڪانه ڪئي. پاڻ ڇا آهي- منجو ڇا آهي؟ پر سندس موت جو قاصد ڪهڙي روپ ۾ ايندو؟ منجري ڪانهي، هوءَ جيون جو ڀرم آهي. وهم آهي. عطر جي ويس ۾؟ سندس پتا جڳت مهاشيه جي صورت ۾؟ گرو رنگلعل جي مورتيءَ ۾؟ يا هو ٻاٽ اوندهه ۾ لڪل هوندو، کانئس ڏٺو نه ٿيندو؟ ونوهاري؟- +ڪير؟- +ان ريت پهه پچائيندو هو اچي اَروگيه نڪتين جي سامهون سهڙيو هئو. هڪ بتي ٻري رهي هئي. ڪير ويٺو آهي. ڀروون تاڻي پڇيائين:”ڪير آهي؟“ +مهاشيه بابا! مان آهيان مان: ”مري!“ +”مري ويشڻوي! هيتري رات مهل” ڪهڙي ڳالهه آهي مري؟“ +”اڄ ساوتري چوڏس آهي بابا! اڀيا چيو: تون ڪنهن کي ساڻ وٺي مهاشيه وٽ وڃ.“ +’ساوتري چوڏس!‘ ڪڏهن ڏهاڳ جي ڏک جي ڪلپنا ڪري هن ابي وانگر سنيهه ۽ سڪ سان اڀيا کي کارائڻ چاهيو هئو، پر هن کي کيس سراپ ڏنو هو. اڄ هوءَ ڏهاڳ رهت- ورت جي سلسلي ۾ کيس ڀوڄن ڪرائيندي. ڌيءَ جهڙي اڪير سان ئي هن نوتو ڏنو آهي.‘ +ڀروون تاڻي ترڇيءَ نگاهه سان هن اوندهه ۾ ئي هڪ ڀيرو تڪيو. شايد پاڻ مرادو سوال ڪيائين. وري کاٻي هٿ سان هڪ ڀيرو ساڄي هٿ جي ڪرائيءَ کي زور سان دٻائي ڏٺائين، پر ستت ئي ڇڏي ڏنائين. چي: ”هل“ + + +[باقي] +چئن مهينن کان پوءِ +اوڻويهه سو ايڪونجاه عيسوي جي سيپٽمبر جو مهينو. سنجها جو ٽاڻو. ڊاڪٽر پرديوت پنهنجي بئگ ۽ بلڊپريشر (رت جو داٻ) ڏسڻ جو اوزار کڻي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ ورانڊي ۾ تيار بيٺو آهي. ڀرسان ئي هڪ ننڍي ٽپائيءَ تي چانهه جو ڪوپ رکيو آهي. +اندران منجو نڪتي. هوءَ به شايد ٻاهر وڃي رهي آهي. +چانهه جي ڪپ ڏانهن ڏسندي چيائين: اڙي اڃا ڪونه پيتي اٿو؟“ +”نه. وڻي ڪانه،“ +”وڻي ڪانه؟ مان ٺاهي کڻي اچان؟“ +”نه. من نٿو چاهي.“ هن هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيو: ”آخر هن رج مڙس سان ايترو جڪڙجي ويس! تنهنجي بيماريءَ جي وقت مدد ته سڀني ڊاڪٽرن ڪئي، پر سهائتا کان وڌيڪ مهاشيه جو سنيهه وڏي ڳالهه ثابت ٿي.“ ذرا ساعت چپ رهي ڪداچت ڪجهه سوچي چيائين: ”اها خوبي ماهرن ۾ ئي ٿيندي آهي اسان کان جيڪي ائين نه ٿئي. وڏي ڄمار ۾ ائين ٿي سگهي ٿو، پر....“ +پتني ڏانهن نهاريندي چيائين:”پر اڄ اڃا هاڻي ته تون آئي آهين، گاڏيءَ مان لهندي ڪلاڪ به نه ٿيو هوندءِ. اڄ کڻي نه هلين ها ته ڇا هو. تنهنجي صحت اڃا اهڙي سٺي ته ڪانه ٿي آهي.“ +بيماريءَ کانپوءِ هن منجوءَ کي آبهوا بدلائڻ لاءِ ٻاهر موڪليو هو. اڄ ئي ٽئين پهر واري گاڏيءَ ۾ موٽي آئي آهي، مهاشيه جي طبيعت خراب آهي. پرديوت هن کي ئي ڏسڻ وڃي رهيو اهي. هوءَ به ساڻس وڃڻ لاءِ تيار ٿي آئي آهي. مهاشيه بيمار آهي. لڳ ڀڳ چئن مهينن کان اهڙي حالت ۾ هلي رهيو آهي. وچ وچ ۾ کٽ داخل به ٿيو. هيڏانهن گذريل ٽن مهينن کان طبيعت وڌيڪ بگڙيل اٿس. رت جي داٻ جي بيماري: بلڊپريشر. ڪليجي ۾ چوٽ. ’ڪارو نري ٿرمبسس‘ +منجو چيو: ”نه نه، ڪوئي هرج ڪونهي. مان ٺيڪ آهيان.“ +”ٺيڪ آهين؟“ پرديوت کليو. من جي اِوشن کي سمجهڻ مشڪل آهي. ”مهاشيه بيمار آهي.“ اهو ٻڌي مان پهرئين ڏينهن وٽن ويو هوس. تڏهن درد ۽ تڪليف ۾ به کلندي چيو هئائين: سنيهه، ديا، پريم ڪجهه ڀي چاهي ڏيو، ڪيترو به ڏيو، پر هو کميا ڪري نٿو سگهي ڊاڪٽر صاحب! پاپ لاءِ هجي توڙي پڃ لاءِ هجي، جيون کي پيڙڻ سان ئي ان سوراخ وسيلي هن جي ڇوت جسم ۾ داخل ٿيندي آهي. منهنجي سرير ۾ به ان جي داخلا ٿي چڪي آهي. منهنجي پڄاڻيءَ جو وقت اچي چڪو آهي.“ +کاٻي هٿ سان پنهنجي ساڄي هٿ جي ڪرائي پڪڙي نبض جاچيندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو، ڳوٺ کان ٻاهر، ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ واري واٽ تي هوُ اچي ويو آهي. ڳوٺ ۾ گهڙي رهيو آهي.“ +ان ڏينهن سندس من جي عجيب حالت هئي. +جڏهن هو منجريءَ کي ڏسي ٻاهر نڪتو هئو. تڏهن هن جي ڏٻري هڏائين سرير ۾ نسن- رڳن ۾ رت جو دورو تيز ٿي ويو هئو. +انو قت دل پراپتيءَ جي هڪ عجيب سواد جو لطف محسوس ڪيو هو. اهو آنند انوکو هئو! بي مثل هئو! +وري مٿان اسپتال جي سرڪاري ڊاڪٽر ڦاٽڪ وٽ کيس چيو: ”اهائي اوهان جي ’اڳڪٿي‘ آهي.“ اها ته مون کي به سکڻ جي خواهش ٿئي ٿي!“ +گهر موٽڻ وقت هن جي من ۾ آيو: ان انڌڪار ۾ هو جهنگلي هاٿي وانگر موت جي غفا جي ڳولها م نڪري پوي. ڌوُ ڌوُ ڪري رهيو آهي، ڏسائن رهت، لوڪ هت، ساهواري رهت علائقي يا گهنگهور اٿاهه بن ڌم ڌم ڪري رهيو آهي، بيشمار گدڙن جي گڏيل اونائي گونججي رهي آهي، لڳي ٿو، مرتيو جي اٿاهه سنسان وجود ۾ جنم جنمانتر کان جيون جو وهڪرو جاري آهي، اتي ئي ان عظيم وهڪري ۾ هينءَ جنم جي اميد ڌاري خوشيءَ سان ٽپو ڏي. هو پنهنجي ناڙي جهلي هلي رهيو هو، پر اجهل خوشيءَ وچان ٻوڌ ٽڪي نه سگهيس. پهچندي ئي گهر ۾ ويشڻو مري مليس. ترت ئي هن سان گڏ نوتو نباهڻ هليو ويو. عطر منع ڪيس، پر هن جي منع ڏانهن ڌيان نه ڏنائين نه مڃيائين، ايترو ئي نه، بلڪ عطر جي ڳالهه تي ڪروڌ وچان جيڪا هن رڙ ڪئي سا اڄ به ڪنن ۾ گونججي رهي آهي. زندگيءَ ۾ هن اهڙي رڙ ڪڏهن به ڪهن ڏينهن به ڪانه ڪئي هئي. +اول عطر ٻائيءَ ئي غصي وچان اڇاترو ڳالهائيندي چيو هو: ”هن عمر ۾ به هيتري رات جو نوتو کائڻ وڃي رهيو آهين! اهڙو خالي تنهنجو پيٽ آهي؛ وَن وهاريءَ کي کائي به تنهنجو پيٽ ڪونه ڀريو اٿئي؟ +ٻيءَ کن ۾ زبردست رڙ سان رات جو آڪاش به ڇرڪي ويو هو: گجندڙ شير وانگر هن گرجنا ڪندي چيو: ”عطر!“ +مري ويشڻوي به ڇرڪ ڀريو. ساڻ گڏجي آيل ماڻهوءَ جي هٿ مان لالٽين ڇڏائجي ڌڙام سان هيٺ ڪري پيو ۽ وسامي ويو. +اڀيا اوندهه ۾ ورانڊي ۾ بيٺي سندن انتظار ڪري رهي هئي. سڄو ڏينهن نرجل اپاس: ڪک سان به پاڻيءَ جو ڦڙو نه ورتائين. سڀاڻي به اڌ ڏينهن اپواس، رڳو پنهنجي وڻ جي ڦل ۽ ماکيءَ تي رهندي. ايندڙ جنم ۾ سهاڳ جو ڦل ملندو. ’جيسين هوءَ جيئري رهندي موت کي سندس پتيءَ جي ڀرسان اچڻ جو به ساهس ڪونه ٿيندو. اڀيا جي هلندڙ جنم جي ورت جي ڦل پڃ سان، جيڪڏهن هو موت جي بيماريءَ جو به شڪار ٿيندو ته به موت کي موٽي وڃڻو پوندو.‘ ساوتريءَ به اهوئي ورت پاليو هئو. ستيوان جا پراڻ کڻي يمراج يم لوڪ وڃي رهيو هئو. اتي جو پنڌ ته آسماني آهي. آسماني- رهسيه لوڪ! دنيوي اکيون اتي جي لاءِ انڌيون آهن. پر ان ورت پالنا جي پڃ سان ئي ساوتريءَ مئل پتيءَ کي جيئاري موٽي آئي هئي. ساوتري جي ڪٿا سچي يا ڪوڙي آهي، ان ورت جي پالنا سان اڄ تائين به ڪڏهن ڪنهنجو اهڙو سوڀاڳيه ٿيو آهي يا نه، ان جو ڪنهن ويچار ڪونه ڪيو. هن ديش جون ناريون سدائين کان ان ورت جو پالن ڪنديون پيئون اچن. هن اڀيا جي اپواس سان سڪل منهن تي انهيءَ درڍ وشواس جي ڇاپ ڏٺي هئي. ان کي ڏسي هن جي منهن تي شڪل پکش جي چنڊ جهڙي سنهڙي مشڪ جي هڪ ليڪ نمودار ٿي هئي. ان ريکا کي ڏسي مهاشيه جي من ۾ ڪروڌ جي جيڪا به آنڌ مانڌ هئي، بلڪل ڌوپجي ويئي هئي، اسوءَ جي شفاف آسمان وانگر هن جو چت چمڪي پيو هئو من ئي من ۾ هن چيو هئو: ”ويڄ جي ناتي آئون اهو ڄاڻان ٿو ته موت کي نه پڃ جو ويچار آهي نڪو پاپ جو، هن جي راهه وناش دئاران آهي، جتي وناش جو زور وڌيل آهي، اتي موت جي جئه آهي، ڌرو سمان اٽل ۽ دائمي آهي! وري به آئون اڄ بار بارآسيس ٿو ڪريان، اهو سچ ثابت ٿئي، ايندڙ جنم ۾ تنهنجي سواميءَ جي جيون ۾ وناش پرٻل به ٿئي ته تنهنجي پڃ پرتاپ سان موت کي ان ۾ هار مڃڻي پوي!“ +هن جي سامهون ڀوڄن جي ٿالهي پرڇي اڀيا چيو هو: ”هيءَ منهنجي ڪيترن ڏينهن کان سَڌ پئي رهي آهي. هر سال ساوتري ورت جي موقعي تي براهمڻ ڀوڄ ڪرائڻ کان پوءِ به مون کي ائين پئي لڳو آهي ته اهو پورو نه ٿيو آهي. اوهان ڀوڄن ڪريو، ته پورن ٿئي.“ +کلي ڪري مهاشيه چيو هو: ”پٽ! هن ڀيري شل پورن ٿئي.“ +”اوهان کي ڇا کارايان؟ مون ٻڌو آهي، رات جو چانورن جي ڀت ۽ ڦل کانسواءِ اوهان ٻيو ڪجهه ڪين کائو. اهوئي آڻيان؟ کير، انب، ڪيلا ۽ مٺائي!“ +”تون جيڪي به ڏينديم ڌيءَ سوئي مان کائيندس. اهو ئي امرت آهي.“ +”هڪ، بس هڪ پوري. ٿوري ڀاڄي، ٿورو شرووو.؟“ +”تون پنهنجي هٿن سان جيڪي به رڌيو هجي سو کڻي آءُ.“ +سچ پچ کاڌو امرت جهڙو کيس لڳو هو. اهڙي چاهه سان هڪ عرصي کان هن نه کاڌو هو. کائي ڪري اٿيو ته کيس لڳو،”گهڻو کائي ويو آهي.“ +انهيءَ ننڍڙي ڇيد جي سهاري هن جو (موت جو) دوت رات جي پوين پهرن ۾ هن جي ڇاتيءَ تي سوار ٿي ويو. ڀانيائي، ڇاتيءَ تي ڪنهن وزني پٿر رکي ڇڏيو آهي. دماغ جون نسون سست پئجي ويون هيون سمجهه ڪنهن اٿاهه سڃي دائري ۾ گم ٿي ويس. رڳو جيوَ سنٻڌي سمجهه جي شڪتي پاڻ کي سچيت ڪري جند جان سان چلائي اٿي- درد گاڏڙ چيخ! +عطر سمهي ڪانه هئي. من جي ماندگيءَ کي هوءَ سڄي رات لڙڪن ۾ وهائيندي رهي. اٿي هن بتي ٻاري ۽ هن جي سيرانڌيءَ کان اچي ويٺي. وئدراج جي نونهن، وئدراج جي پتني، پٽ به سندس ڊاڪٽر بڻيو هو- هوءَ پتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڦان ٿي ڪانه ڪري پيئي. چرين جيئان هائيدوس مچائي ڪانه رئڻ لڳي، هن پتيءَ جي مٿي تي، منهن تي، اکين تي پاڻي ڇڻڪيو، وڃڻي سان هوا ڪئي، اهڙي طرح شيوا ڇا ڪري ڪئي. مهاشيه اکيون ڦاڙي بيسود نظر سان ڏانهنس نهاريندو رهيو هو. +عطر ڪشور ۽ ونيه کي اندروءَ جي ذريعي خبر موڪلي، ستاب کي به چوائي موڪليائين. ڪشور ۽ ونيه ئي هريندر ۽ پرديوت کي خبر ڏني هئي. هنن جي اچڻ تائين مهاشيه پاڻ سنڀالي ورتو هو. +رت جي داٻ هو ٻه سو چاليهه. +ٽئين پهر مهاشيه هيءَ ڳالهه چئي هئي: +’موت کي پاپ- پڃ جو ويچار ڪونهي‘ چيو هئائين ”پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ان جي ڇپيٽ ۾ پاڻ اچڻ سان به موت ايندو آهي ۽ هن سان ڪنهن تي ڇريءَ جو وار ڪندي خود ڇرو کائيندي به موت اچي سگهي ٿو. ان معنيٰ ۾ هو نروڪار آهي.“ +نهنجي ناڙي ڏسندي چيو هئائين: موت جو قاصد اچي رهيو آهي. ائين پيو لڳي ته ڳوٺ جي ٻاهران هن جي شهسواري جي آهٽ ٿيڻ لڳي آهي- ڳوٺ جي مهاڳ واري پٿ تي ڌرمراج جي چبوتڙي تي ويهي ذرا ساهي پٽي رهيو آهي.“ مهاشيه ذرا مرڪيو هو. +پرديوت چيو هو:”اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ منهنجي لاءِ مناسب ته ڪونهي. پر اهو دراصل ٿرمبسس ته ڪونهي- سپئجم جهڙو ٿو لڳي. وڃي رهيو آهي. پار ٿي ويندو.“ +پندرهن ڏينهن ۾ئي نونبو ٿي اٿيو هو. چيو هئائين” ”گنگا جي ڪناري ويندس.“ +ليڪن وڃڻ نه ٿي سگهيو. سندس ئي راءِ بدلجي ويئي. عطر جي باري ۾ سوچي چيو هئائين: نه، رهڻ ڏيو. عطر اڪيلي رهجي ويندي. هن جي تڪليفن جي ڪائي حد نه رهندي. اهو ته اوهان سڄڻ آهيو، جو هٿ وٺايو ٿا. اُتي؟ اُتي ڪير هٿ وٺائيندو؟“ +عطر چون چرا به ڪانه ڪئي. گويا بت بڻجي ويئي، ون وهاري جي وڌوا ۽ سندس پٽ هڪ ڀيرو اچي کيس ڏسي ويا هئا. پهرئين صدمي کان پوءِ مهاشيه چڱو ڀلو ٿي اٿيو هو. گهمي ڦري سگهيو ٿي. +پريوت چيو هو:”مون چيو هو نه، اوهان ٺيڪ ٿي ويندا.“ +مهاشيه کلي ڏنو هو، ڪڇيائين ڪجهه ڪونه. +پرديوت شڪايت ڪئي هئي: ”اسان کي پر هڪ ڳالهه چوڻي آهي. اوهان بار بار پنهنجي نبض ڏسو ٿا.“ هن وراڻيو هو: ”اهوته مان ڪيترن ڏينهن کان ڏسندو پيو اچان، ڊاڪٽر صاحب.“ +”نه. نبض ڪونه ڏسي سگهندا.“ +کلي مهاشيه چيو هو: ”هڪ زماني کان نبض ڏسي ماڻهن کي موت جو ڏينهن ٻڌائيندو پيو اچان. پاڻ جڏهن تندرست هئس، تڏهن کان نبض ڏسندو رهيو آهيان. تنهنجو سراغ حاصل ڪرڻ لاءِ- ۽ اڄ جڏهن هو پاڻ سامهون آهي، تڏهن ان ڪري پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيان ته هن جي پيرن جي آهٽ نه سڻي سگهان؟“ +پرديوت کان ان جي ورندي ڏني ڪانه ٿي هئي. مهاشيه وري چيو هو: موت جو مون کي ڪوبه خوف ڪونهي ڊاڪٽر صاحب. تنهنڪري ان جي گهٻرائٽ سان رت جي داٻ جي وڌڻ جو امڪان ڪونهي.پر...“ +هڪ کن چپ رهي چيو هئائين: ”پر پهرئين ڏينهن تيار ته ڪونه هوس، ننڊ ۾ اوچتو دل تي حملو ٿيو. انوقت دڄي ويو هوس، بي سهاري ٻالڪ وانگر هڪوار رڙ به ڪيم. مون موتيءَ جي ماءُ کي ڌڪاريو پر هن جو قصور ڪونهي. موت جي ڊپ کان وڌيڪ ڪوبه ڊپ ڪونهي. موت جي پيڙا کان وڌيڪ ڪانه پيڙا ڪانهي. ان ڊپ کان بچڻ لاءِ آئون اُٺ پکيءَ وانگر ريتيءَ ۾ منهن وجهيو پيو هجان؟“ +ٽن مهينن کان پوءِ رت جو ٻيو دورو ٿيس. ٻئي ڏينهن چيائين: ڊاڪٽر صاحب! هينئر ته هو ڌرمراج مندر جي مولسري وڻ هيٺان ٿڪ ڀڃي رهيو آهي.“ +پرديوت کي گذريل ڳالهه ياد ڪانه هئي. هن پڇيو: ”جي؟“ +”وري هڪ جهوٽو آيو. رت جو داٻ وڌي ويندو.“ +”جي نه. پريشر ته ساڳيو ئي آهي.“ +”وڌندو. مونکي نبض مان پتو پوي ٿو.“ +پريشر (داٻ) سچ پچ وڌي ويو هو. ٻئي ڏينهن هاءِ بلڊ پريشر چڙهيل هو. شام ڌاري لڳ ڀڳ بيهوش ٿي ويو هو. اڄ کان چار پنج ڏينهن اڳ ٽيون ڀيرو حملو ٿيس. +ڊاڪٽر پرديوت چيو: ”ڪالهه کان ڌيان مگن ويٺو آهي. اکيون ٻوٽي اڌو گابرو سمهيل آهي. مونکي چيائين، مون کي ننڊ جي دوا نه ڏجو... آئون ننڊ ۾ نٿو مرڻ چاهيان، جاڳرت اوسٿا ۾ موڪلائڻ چاهيان ٿو.“ +منجوءَ پڇيو: ”اوهان منهنجي ماءُ جي نانيءَ جي مرڻ جي خبر ٻڌي آهي؟ اوهان مهاشيه کي ٻڌايو هو؟“ +”مون چوڻ ته چاهيو ٿي؛ پر هن ٻڌو ڪونه. چٺي به کيسي ۾ وجهي ويو هوس. چيم، منهجي سس جي هوءَ ٻڍڙي ناني، ڪانديءَ واري ڀوپي بوس جي استري.... جنهنجي اوهان ناڙي جاچي هئي... هٿ سان اشارو ڪري منع ڪيائين. چي؛ ”رهڻ ڏيو.“ +وهاڻي جي سهاري اڌ ليٽيل. اکيون ٻوٽي مهاشيه ڌيرج اوسٿا ۾ پيو هو. موت جو انتظار ڪري رهيو هو. ڄاڻ اٿس ته يمراج جي سواري اچي رهي آهي. هن جي پيرن جي آهٽ محسوس ڪري چڪو آهي؛ جنهن ڏينهن بلڊپريشر (رت جي داٻ) جو پهريون حملو ٿيو هوس. آخري گهڙي هن جي دوبدو ٿيڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن هن کي روپ هوندو، ته هن کي ڏسندو، آواز هوندو ته ٻڌندو، هن ۾ بوءِ هوندي ، ته آخرين پساهه سان ان بوءِ جو واس وٺندو ۽ ڇهاءُ هوندو، ته ان ڇهاءُ کي محسوس ڪندو. وچ وچ ۾ ڄڻڪ سڀ ڪجهه گهاٽي ڪوهيڙي سان ڇانئجي الوپ ٿي وڃي ٿو... سڀ ڪجهه ڄڻڪ غيب ۾ سمائجي رهيو آهي. ماضي، حال، يادگري، خود شناس، مڪان، زمان... سڀ ڪجهه. وري اهي سڀ موٽي ٿا اچن... اکيون کولي انهن کي واچي ٿو. اچي ويئي سواري؟ هو سڀ ڪير آهن؟ پريان کان ڇايا چترن وانگر ڏيکاري ڏيندڙ هو سڀ ڪير آهن؟.... +ڏاڍي جهيڻي ڀاو سان هنن جو آواز سندس ڪنن ۾ پهچي ٿو. +”ڇا ٿا چون؟ ڇا؟“ +”ڇا ٿي رهيو آهي؟“ +مهاشيه ڪنڌ ڌوڻيو ”الاجي“ ڪنڌ ڌوڻيندي ئي هن جون پلڪون وري جهڪي ويئون. پرديوت ڏٺو، هن جي مرجهايل چهري تي هڪ گهري شانتيءَ جي ڇايا پئجي رهي آهي. +”مهاشيه ڇا ڏٺوَ؟“ پرديوت سمجهي ڪين سگهيو. +اهڙي مهورت ۾ عطر مهاشيه جي منهن کي جهلي چيو: +ڌيان سماپت ٿي ويو؟ ماڌوُ جي چرنن ۾ شانتي ملي ويئي؟ ۽ آئون؟ مون کي به ته پاڻ سان نيو هل“ +شانت آتم سمپرڻ ڪندي هوءَ ڀتار جي بستري تي ڍرڪي پيئي. + +سماپت \ No newline at end of file