diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book34.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book34.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book34.txt" @@ -0,0 +1,373 @@ +ڪتاب جو نالو: خوش خصلت خاتون + + + +خوش خصلت خاتون +سيد ميران محمد شاهه +پيش لفظ +غالباَ َ هي ٻيو دفعو آهي جو مصنفه ادبي دنيا ۾ پير پاتو آهي. هڪ تصنيف سندس اڳي به منهنجي نظر مان گذري آهي. هيءَ تصنيف اڳيئن کان بدرجها بهتر آهي. +مصنفه هڪ موچاري ۽ متوسط درجي جي خاندان جي فرد آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي والده کان ملي اٿس. پاڻ به انهيءَ جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو اٿس. اردو، پارسي ۽ انگريزي زبانن جو چڱو مطالعو اٿس_ جئن هت به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته موقعي موقعي تي ڪونه ڪو پارسي، اردو يا انگريزي قول يا شعر ڏنو اٿس. انهن زبانن تي قادر ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي تجربات، معلومات ۽ احساس جي دائري کي قلمبند ڪري، پنهنجي هم جنس طبقي کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. اهڙيءَ ڪوشش ۽ جفا ڪشيءَ ڪرڻ لاءِ، هيءَ خاتون تحسين ۽ تبريڪ جي لائق آهي؛ ڇو ته جيتريقدر مون کي معلوم آهي، سنڌ ۾ تمام ڳاڻ ڳڻين عورتن ميدان ادب ۾ پير رکيو آهي. جيڪڏهن ڪن مضمون نگاريءَ جي ڪوشش ورتي آهي، ته به اخباري ڪالمن يا رسالن جي دائري اندر. تنهنڪري بادام بيگم کي بيشڪ جس هجي، جنهن پنهنجي مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي. +هي ڪتاب مقالات جي صورت ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ خدا تعاليٰ جي صفت ۽ حمد ۽ ديباچي لکڻ بعد ڏهه مقالا درج ڪيا ويا آهن، اهي مقالا مختلف موضوعن تي لکيا ويا آهن، جهڙوڪ ”عورت“، ”مرد“، ”حسن ۽ عشق“، ”بهار ۽ خزان“، ”مفلسي ۽ مرتبو“، ”عمل ۽ عبادت“، وغيره وغيره. انهن مان ٻه مضمون ساڳئي نموني جا ٻن خيالي ڪهانين تي مبني ڪيا ويا آهن _ مثلاَ َ مقابلو نمبر 1 ”حميده جي ڪهاڻي“، ۽ مقالو نمبر 9 ”حسينه جي سرگزشت“. حقيقت ۾ ٻنهي هيروئنن جي احوال زندگيءَ تي نظر ڦيرائبي ته ڄڻ ٻنهي جو هڪڙو ئي معاملو ٿو معلوم ٿئي_ ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته مصنفه پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي انهن هيروئنن جي واتان بيان ڪئي آهي. +ڪتاب تي نظر وجهبي ته هڪ گلن جي ٽوڪري نظر ايندي. مصنفه هڪ جذباتي تماشائيءَ جي حيثيت ۾ باغ ادب جو معائنو ڪندي، ويئي آهي گل گونٽا، ڪنڊا ڪرڙا، ٽاريون ٽانگر، پن ٻوٽا پٽيندي ۽ هڪ ٽوڪريءَ جي تري ۾ داخل ڪندي. انهن فطرت جي نفيس نازڪ وڻن کي گلدستي جي شڪل ڏيئي، گلدان جي حوالي ڪرڻ هن پنهنجو فرض نه سمجهيو آهي_ اهو فصل ۽ عمل بڪارين جي ذمي ڇڏيو اٿس. (يعني اعليٰ اديبن جي). تنهنڪري، موجوده صورت ۾ اهي گل گونٽا بي ترتيبا نظر اچن ٿا ۽ سندن ذاتي نکيڙ نمايان ۽ نمودار نٿو ڏسڻ ۾ اچي. باوجود انهيءَ جي، غائر نظر سان ڏسبو، ته نه گلن خوشبوءِ کي خيرباد چئي آهي، نه پنن ساوڪ جي سونهن ڇڏي آهي ۽ نه ٽارين تازگي مٽائي آهي_ فقط ٽوڪريءَ جي تري ڏانهن هٿ ڊگهيربو، ته ڪنڊن ڪرڙن جون رهڙون البت ايذائينديون. هن تمثيل جو مطلب هي هو ته مصنفه جي مقالات جو نفس مضمون توڻي طرز تحرير بلڪل پسنديده آهن_ مگر منجهس خاميون به ڪي ڪجهه نظر اينديون،_ مثلاَ َ ”عمل ۽ عبادت“، ”مفلسي ۽ مرتبو“، ”حسن ۽ عشق“، ”بهار ۽ خزان“ جي مقالن ۾، هن دلچسپ نوع ۾ درس اخلاق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ موجوده معاشرتي زندگيءَ جا نقص نروار ڪري ناظرينن جي آڏو رکيا آهن، جن مان نوجوان نر ۽ ناريون سبق پرائي سگهن ٿا_ خصوصاَ َ عورت جي هيڻائي، جهالت ۽ مظلوميءَ ڏانهن قـلم کي قـرطـاس +جي ميدان تي زياده ڪڏايو اٿس، ۽ متمول طبقي جي مردن جي عورتن سان ارهه زورائي ۽ ظالمانه روش تي ڳچ جيترا ڳوڙها ڳاڙيا اٿس_ پر ڪٿي ڪٿي، جوش ۽ جذبي جي لهرن ۾ لڙهي، ڪنهن ڪنهن مهل، مبالغي ۽ مغالطي جي ڪـُنن ۾ ڪاهي پيئي آهي. سوسائٽيءَ جي هر هڪ طبقي جي مرد بنسبت ڪجهه نه ڪجهه خيال آرائي ڪئي اٿس. سياسي ليڊرن تي نقط چيني، وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن تي جرح، ۽ مفلس طبقي کي تنبيهه ڪئي اٿس. ڪٿي ڪٿي ناصحانه نقطا نروار ڪندي تصوف جي بحر ذخار ۾ شناوريءَ جو شوق ڏيکاري، ”تنبو، ترهو، نه تڙ تانگهو_“ نهاريندي، ”لڙهي لهرين ۾ لهواري“ جي مصداق بنجي وڃي. تصوف جي فلسفي جي گوناگون مسئلن جو پورو محاورو ڪونه ڪيو ٿو ڏسجيس، مگر جذبات جي هجوم کان متاثر ٿي، جسماني جهان کي بي ثبات ۽ بي فيض ڏيکاري، روحاني راهه ڏانهن راغب ٿيڻ جي تلقين ڪئي اٿس. ”حقوق الله ۽ حقوق العباد“ جي مسئلن تي به زور ڏنو اٿس. جهالت کي تڙي توائي ڪري علم جي چراغ کي سرزمين سنڌ ۽ قلمروي پاڪستان ۾ روشن ڪرڻ جي پرجوش ترغيب ڏني اٿس. +مٿئين تبصري مان معلوم ٿيندو ته مصنفه رواجي رومان لکڻ جي بجاءِ، جو اڄڪلهه جو دستور آهي، پنهنجي ڪلڪ کي ڪارآمد مضمونن لکڻ تي مجبور ڪيو آهي_ جو هڪ عورت لاءِ آسام ڪم نه آهي،_ ۽ ائين ڪرڻ سان، مصنفه سنڌي اديب عورتن لاءِ هڪ نئون رخ رٿيو آهي_ شايد سندس هم جنس به هن کان پوءِ سندس نقش قدم تي هلي، اسان جي ثقافتي ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻين. +ڪراچي +2_ جون 1955ع __ ميران محمد شاهه سيد +انتساب +آءٌ، هيءُ پنهنجي محبت ڀريءَ محنت جو ناچيز تحفو، پنهنجي پياريءَ ماءُ جي خدمت ۾ ”نذر عقيدت“ طور عرض ٿي رکان ۽ سندس نالي منسوب ٿي ڪريان: جنهن مون کي ماءُ وانگر نپايو، ۽ پيءُ وانگر پاليو؛ استاد ٿي پڙهايو، ۽ پنهنجي عالماڻي ۽ شريفاڻي مزاج جي فيض جي گنج مان، نيڪ تربيت سان نوازيو ۽ صلاحيت ۽ سنجيدگيءَ جو سبق پڙهايو. +هيءَ نيڪ بخت خاتون، هڪ پاڪ خمير ۽ خالص دل جي مالڪياڻي آهي. هن قسم جي بلند خيال ۽ نيڪ اخلاق ماءُ ڪنهن خوش نصيب ٻار کي ڀاڱي ۾ آئي هوندي، ڇو ته اهڙي قسم جي ماءُ هڪ ”فيض جو درياءُ“ آهي. انسانيت ۽ نيڪي، ماءُ جي جهوليءَ کان سواءِ، ڪٿان ملڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته محال ضرور آهي: ماءُ جي تربيت، هر ٻار جي مستقبل جو گويا ”سنگ بنياد“ آهي. جو ڪجهه مون حاصل ڪيو آهي، سو سندس ئي نيڪ تربيت ۽ نيڪ ڪوشش جو نتيجو آهي. اهڙي نيڪ خصلت ماءُ جي غير معمولي خدمتن جي ڀيٽ ۾، هي تحفو معمولي ۽ ادنيٰ آهي. منهنجي ماءُ جو هي سبق، نه فقط اسان اولاد پر ساريءَ قوم لاءِ ڪارآمد آهي: +”دنيا مصيبتن جو گهر آهي. هڪ نه ٻيءَ مصيبت ۾، هر بشر گرفتار آهي؛ مگر دل تي هڪ ’شاندار نظريو‘ اڪريل هجي، ته پوءِ مصيبت، مصيبت معلوم نه ٿيندي، پر سٺي لڳندي، ڇو ته ان حالت ۾ اکين آڏو هر وقت ’مقصد‘ هوندو، جنهن سان انسان جو بيخود عشق هوندو؛ تنهنڪري تتيءَ ۽ ٿڌيءَ ڏانهن نه ڏسجي، پر ’مقصد‘ آڏو رکي، فقط ڪم ڪجي ۽ ڪندو رهجي: بس“ +هن جي ٻي نصيحت هيءَ آهي ته: +”ڏک ۾ صبر ڪجي، خوشيءَ ۾ شڪر ڪجي، ۽ هر حال ۾ راضي رهجي؛ ڇو ته ’هر چه از دوست آيد خوب است‘؛ غربت ۾ به شان سان رهجي، عزت برقرار رکجي، ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگجي.“ +غرض ته هن جو هر قول، فعل ۽ خيال شاهاڻو ۽ عارفاڻو آهي: شاعر جو هيءُ سخن سندس خيالن جي هوبهو تائيد ٿو ڪري ته: +”گر بدولت بَرسِي، مست نه گردي، مردي؛ +گر بغربت بـُرسِي، پست نه گردي، مردي.“ +خدا ڪري ان نيڪ سيرت ۽ اهل دل عورت جي بدولت، منهنجي هيءَ محنت بار آور ثابت ٿئي _ آمين! +_ بادام ”ناتوان“ +عرض حال +آءٌ ڪا ايڏي علمي لياقت ڪانه ٿي رکان، ۽ نه پنهنجي علمي لياقت جي آڌار تي قلم هٿ ۾ کنيو اٿم. البت دل زنده اٿم، جا چاهي ٿي ته ’زندگي‘ حسرتن تي ڇانئجي وڃي؛ ۽ نه حسرتون، زندگيءَ تي: جا جذبات سان ٽمٽار ۽ ڀرپور آهي، ۽ جنهن جي بي ڪنار ۽ عميق جذبات جي درياءَ ۽ ان جي موجن ۽ لهرن جي اٿل ۽ اڇل کي روڪڻ منهنجي دست قدرت کان ٻاهر آهي: +”جي پيا مـُنهِن، مهراڻ، تن ٻانڌين ٻيٽ نه اڄهي.“ +_شاهه +حياتي مختصر آهي؛ جا خدمت پاڻ کان پڄِي سگهي، تنهن ۾ دير هرگز نه جڳائي: سو منهنجي قلم به محض دلي جذبات جي ماتحت ئي ايتري ساريءَ منزل طئه ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي؛ ۽ سفر جي دوران ۾، جذبات کان بدمست، خطرناڪ رفتار سان، سمورو وقت اڳتي ڪاهيندي، صرف منزل مقصود تي پهچڻ جي ڪوشش ۾ ئي محو رهي آهيان. +”اَڻکو تان ڪوه، ڪچو آيم ڪرم، +جيءَ جن جا جَم، پڪا سي پڇنديون.“ _شاهه +هي چند مضمون جيڪي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا اٿم، تن سڀني ۾ صرف پنهنجي جذبات جي ئي لڙهه لڳي آهيان. جيڪڏهن مون کان ڪي خاميون۽ غلطيون سرزد ٿيون هجن، ته اميد اٿم ته ناظرين انهن تي چشم پوشي ڪندا، ڇو ته هيءُ منهنجي خالص اندر جي اڌمن ۽ من جي وِجهـُل جو نتيجو آهي، ۽ نه منهنجي علم ۽ عقل جو. +”وَڻَندُن ته وَڙُ ڪندا، نه تـه اڳيـن جـي اخـتـيار، +ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ کڻي!“_شاهه +جهنگ جي ويران هڪ طرف، دل جي پريشاني ٻئي طرف _ روزمره جو سج بس ائين ئي پيو اُڀري ۽ لهي، تنهن هوندي به، هوبهو آفتاب وانگر، دنيا جي هر وندرکان دور، پهاڙ جيان فرض تي محڪم رجهي، ڪم ۽ غم جي گردش ۾، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سال ڪندي، دل دنيا تان تارڪ ٿي چيو: +چرا زان آشـيان بيگـانه گشـتي؛ +چو دونان چغد اين ويرانه گشتي! +اُٿِ پکي به پرواز ٿا ڪن؛ تو ۾ ته لامڪان جي سفر ڪرڻ جي قوت آهي! عمل ۽ عبادت سان انسان ڇا ڇا نٿو ڪري سگهي؟ سڀ کان پهريائين حقوق العباد يعني خدمت خلق جو فرض آهي: هيستائين ته فقط پنهنجي اولاد ڏانهن حق پئي ادا ڪيا اٿئِي، اڃا ته منزل پري آهي! +پنهنجي مهجوريءَ کي مدنظر رکي، مظلوم ”مسلم عورت“ کي سجاڳ ڪرڻ جي نيت سان قلم هٿ ۾ کڻي، پنهنجي ئي روح رنجائي ۽ چڪيل چاڪن کي چوري ڦولهي، دل، جا بذات خود هڪ ڪتاب بلڪ هڪ خزانو آهي، ان جي معصوم خيالن کي عطيه طور، وڃي پنهنجي اٻوجهه ڀينرن جي آڏو عرض رک؛ ڇو ته لفظ ”عبادت“ جي اصل معنيٰ آهي ئي اها ته الله تعاليٰ جي مجبور ۽ بيڪس بندن جي رهبري ۽ واهر ڪئي وڃي؛ محبوب حقيقي سان واصل ٿيڻ جو پڻ جو اهو هڪ ئي رستو آهي ته سندس ”حڪم جي بجاوري“ ڪئي وڃي؛ جنهن لاءِ شاهه صاحب ٻين لفظن ۾ فرمايو آهي ته ”يا رهه وٽ پرين يا ڪر پچار پرين جي“: تنهنڪري، +بيفشان بال و پرز آميزشِ خاڪ، +بــپـر تـا ڪ نگري ايوانِ افلاڪ. +حقيقت هيئن آهي ته منهنجي دل کي، دنيا جي ناجائز ۽ نامناسب روش، ۽ پرده نشين ڀينرن جي بي انتها دکن ۽ سندن پنهنجين عجيب غريب عادتن، ۽ اولاد ڏانهن بي توجهيءَ تي بيحد ارمان ۽ عجب لڳندو آهي. سچ ته هن ڪتاب جي لکڻ وقت، مون مس جي عوض، جگر جو خون ڪم آندو آهي. آءٌ اميد ٿي رکان ته سنڌ جون ڀينرون، هيءُ ڪتاب پڙهي، ان مان پورو پورو فائدو وٺنديون ۽ نئون انقلاب آڻينديون، جوئي هن بيقرار دل لاءِ تسڪين جو باعث ٿيندو_ آمين! باقي، ”حال دل جو ته آهي چوڻ کان وڌيڪ.“ +جيڪڏهن باري تعاليٰ، انساني شِڪوي ۽ شڪايت کان بالاتر آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ، هي جو انسان انسان تي، حڪمران رعيت تي، زميندار ڪـُڙمين تي، سرمايه دار مزدورن تي ڪيس ڪري رهيا آهن، تن کي ظاهر ڪرڻ، ۽ ان لاءِ کين مياردار بنائڻ ۾ ته ڪو قصور نه آهي! ڪيئي حليم ۽ سليم نياڻيون، نااهل ۽ ڪند فهم ڊاڪـُن، ۽ رهزن سـَسـُن جي رخ چڙهيل آهن، جن کي روحاني، جسماني ۽ دلي دُکن، گونگو، ٻوڙو ۽ بدحواس ڪري ڇڏيو آهي. اڪثر، نيڪي بديءَ جي هٿ ۾، ملائڪ شيطان جي هنج ۾، ۽ رحم ظلم جي وس ۾ اچي چـُڪو آهي، ۽ معلوم هي ٿي رهيو آهي ته اسان پنهنجي ديس کي اڃا پارسا عورتن جي لائق، مادر وطن ثابت ڪري نه سگهيا آهيون. +ڪاش! منهنجي سنڌ جون، منهنجون ڀينرون سجاڳ ٿين! +درسخن مخفي منم، چون بـُوي گل دربرگ گل، +هر که ديدن ميل دارد، در سخن بيند مرا. +شڪارپور +20 مارچ، 1955ع _ بادام ”ناتوان“ +دعا +لوچان ٿي لاحد ۾، هادي! لهان نه حد. +ساون پنن جي وچ ۾ لڳندڙ نسيم جي نازڪ جهوٽن ۾؛ ڪارن ڪوئلن جي وچ ۾، ٻرندڙ باهه جي سونهري اُلن ۾؛ درياهه جي دهشت ڀرين ۽ امنگ اٿاريندڙ ڇولين ۾ـ ميريءَ مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ، من موهيندڙ خوشبودار گلن ۾؛ آسمان جي نيريءَ چادر، بدمست طوفان جي گهوگهاٽ، هـُنَ جي راڳ، هِنَ جي جلوه آرائي ڏٺيم؛ يعني ڪائنات جي ڪـُل ڪار سازيءَ ۾، الله عزوجل جي اڪبري قوت جا اظهار ڏٺم. اي عظيم ڪلاڪار! تون واحد، پر تنهنجي جلي جا جمال سئو هزار ڏٺم: +”ڪوڙيين ڪايائون تنـهـنـجون لِکن لـَکَ هزارَ، +پـريم تـنـهـنـجـا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوانَ“ _شاهه +اي ڄاڻڻهار! هر جاءِ هر حالت ۾، تنهنجي ئي مام ڀري مصلحت ڏٺيم. هـُنَ جي عظمت، هِن جي هيڻائيءَ، هڪ جي حـُسن، ٻئي جي ڪوجهائيءَ ۾ به، اي باري بيپرواهه! اي نرمل نور! تنهنجوئي جلال ڪار فرما نظر آيم: ڏسي ڏسي ڳوليم، ڳولي لڌم، لهي پاتم، ۽ دنيا جي رنگينيءَ کي بنهه ڀـُلايم: ڇو ته پنهنجيءَ بي بسيءَ مان پڻ توکي ئي حاصل ڪيم. چنانچه ٻين کي خوش، پاڻ کي غم ۾ رکيم؛ ٻين سان وفا، پاڻ سان دغا ڪيم؛ مگر هر حال ۾، اي انساني دل ۾ رهڻ وارا موليٰ! سندءِ آواز جي عزت رکيم، ۽ پاڻ کي نهايت اطمينان ۾ ڏٺم: +”وڏي سـگـهه سـندياءِ، ٻاجھن ڀريو آهـين، +مون تان مهر مَ لاهه، آئون تنهنجي آهيانَ“ _شاهه +حميده جي ڪهاڻي +حميده ان گهر ۾ ڄائي هئي، جنهن گهر تي خدا جي خاص عنايت هئي. ننڍن خواهه وڏن ۾، عجيب سلوڪ هوندو هو. هر مرد ۽ عورت نيڪيءَ جي جنسي تصوير هئي. غرض ته سـُونهن سوڀيا سان گڏ، نيڪ سيرت پڻ انهن کي عطا ٿيل هئي. +حميده، هڪ چنڊ جهڙو چهرو، شڪل شباهت ۽ حسن اخلاق ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. گول مـُنهن، آبدار اکيون، ڪشادي پيشاني، چمڪندڙ چهرو_ مطلب ته نه رڳو حـُسن جي راڻي هئي، بلڪ ان سان گڏوگڏ، شرم و حيا، پرهيزگاريءَ، بردباريءَ، خدمت گذاريءَ؛ صبرـ دک برداشت ڪرڻ ۽ ٻين انيڪ خوبين جي مالڪياڻي هئي. مگر افسوس جو حميده؛ اٺن سالن جي عمر ۾ يتيم ٿي، ۽ پوءِ بلوغت کي پهچڻ سان، دستور موجب، هن جي شادي ٿي ويئي. +هيءَ دنيا آهي: پنهنجي دستور تي قائم آهي: دل ۽ انجي ذاتي جوهرن کان اڪثر بي خبر ۽ بي نياز آهي. گهڻي قدر، هن دنيا ۾؛ انسان اهو ڪامياب آهي؛ جو چالاڪ آهي، جو مڪر ۽ فريب ڄاڻي ٿو. سڌو سادو ۽ نيڪ سيرت انسان، ڪو مشڪل سان ڪامياب نظر ايندو. نيڪي ۽ اخلاص جو قدر، عام طرح، هتي ٿئي ڪونه. ماڻهن ۾ نه آهي اها چشم بينا ۽ نه اٿن حق ۽ انصاف جو احساس، جو ڪنهن خوبيءَ ۽ خاصيت جي تميز ۽ قدر ڪري سگهن. +حميده جو واسطو به اهڙن ماڻهن سان پيو هو، جن وٽ نيڪ خصلتن جو قدر ڪونه هو. پنهنجي شريڪ حيات جي اڍنگيءَ روش کان، حميده جي دل دائمي مغموم ۽ منجهيل رهندي هئي. هن جي حالت هميشه اهڙي غمزده معلوم ٿيندي هئي، جهڙي جهرڪيءَ جي باز جي چنبي ۾ اچڻ وقت هوندي آهي. ويچاري حميده، پريشان پر خاموش زندگي گذارڻ لڳي. هوءَ يتيم هئي؛ آخر پنهنجي درد جي دانهن ڪنهن کي ڏئي! +حميده جي نماڻي دل، جا اڳيئي دکايل هئي، سا ڏينهون ڏينهن وي��ي وجهلندي ۽ ڳڻتين ۾ ڳرندي جهرندي. سسڻس جي رِنجهه ڪِنجهه هڪ طرف، ۽ مڙس جو ڏاڍ ۽ ڏمر ٻئي طرف. دنيا هن جي دردوند دل کي خوب ستايو. حميده جي دل، جهوريءَ ۾ جهڄندي، اوسيڙن ۽ ارمان جا انبار گڏ ڪري، حسرتن جو مرڪز بنجي پيئي. هن جو سينو سوز سان ڀرپور ٿي ويو، ۽ نراس ٿيڻ لڳي ته سهڳ ته سنئون نه آهي؛ ڪٿي اولاد جي حق ۾ اُميديون اجايون نه وڃن! هوءَ هاڻ محسوس ڪرڻ لڳي ته: +”ٽڙياسين دامن صحرا تي، خوشبوءِ ئي اجائي ويئي، +خدا معلوم، ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين.“ +هن، دل جي سور کي دل ۾ پالي وڏو ڪيو؛ دنيا کي وڌيڪ غور سان جانچيو؛ زال ذات جي بي بسيءَ کي پڙهيو ۽ پروڙيو. هن جي دل؛ دريا وانگر موجز هئي، جنهن ۾ جذبات جو طوفان متل هو، ۽ دل ئي دل ۾ چوندي هئي: ”اي خاتون! جڏهن توکي بيدرديءَ سان ٺڪرايو وڃي، جڏهن تنهنجي هر خدمت بي معنيٰ سمجهي وڃي، جڏهن تنهنجي هر لياقت نظر انداز ڪئي وڃي، جڏهن توکي ڪو رفيق حيات بنائي پوءِ به رفيق نه رهي، ته پوءِ عين اهڙن نازڪ ۽ نراس لحظن ۾، تنهنجي جذبات ۾ ولولو نه پيدا ٿئي، خون ۾ جوش ۽ جنبش نه اچي، ۽ اهڙي قسمجي ظلم۽ تشدد ۽ انسانيت سوز ڪارروائين خلاف آواز بلند نه ڪرين، ته پوءِ حيف آهي_ صد بار حيف آهي، تنهنجي هستيءَ تي!“ +مگر هيءُ سڀڪجهه سمجهڻ جي باوجود به، هوءَ ڪري ڪجهه نٿي سگهي؛ ڇو ته هوءَ بيوس هئي؛ ۽ جهڙا تهڙا حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽيندي ٿي رهي. ڪڏهن ڪڏهن تنگ ٿي ۽ زندگيءَ مان بيزار ٿي، هيءَ بي بس عورت، درگاهه عاليءَ ۾ پڪارڻ ۽ ٻاڪارڻ لڳندي هئي ته ”اي ذات پاڪ! مون کي پنهنجي حضور ۾ گهراءِ! هن قسم جي زندگي آءٌ وڌيڪ عرصي لاءِ نٿي سهي سگهان!“ +هيءُ، ان جهوني ۽ جهل جي پاتال ۾ پيل زماني جو ذڪر آهي، جنهن زماني ۾، والدين نياڻين جي عاقبت کان وڌيڪ رسم ۽ رواج جو خيال رکندا هو. هو، ان جي شادي اڪثر پنهنجي ڪنهن عزيز سان ڪرائيندا هئا، چاهي اهو ڪهڙو به جاهل ۽ نااهل هجي _ ڇوڪريءَ جي زندگي هميشه لاءِ تلخ رهي يا تارج ٿي وڃي: ڇا هڪ پارسا ۽ عابد عورت، ڇا هڪ بدڪردار مرد! +آخر قدرت کي حميده تي قياس آيو. حميده جي مڙس کي بوتل سان اڻکٽ محبت هئي، ۽ بوتل وگهي ئي، هڪ ڏينهن اوچتو حميده جِي هميشه لاءِ جند آزاد ڪري، راهه رباني وٺي رمندو رهيو. +حميده، پاڻ کي اڪيلي سمجهي؛ يا پنهنجي ارد گرد پنهنجا ٻه ٻچا ڏسي؛ ڪڏهين به نااُميد يا نراس نه ٿي. هوءَ هڪ پاڪدامن ۽ پارسا عورت هئي؛ ۽ هن کي پنهنجي پروردگار ۾ پورو پورو ڀروسو هو. هن کي معلوم هو ته: +”ڪـار سازِ مابفڪ ڪارِ ما؛ +قڪرِ مادر ڪارِ ما آزارِ مـا.“ +خداوند تعاليٰ سڀڪنهن لاءِ روزيءَ جو ذمو کنيو آهي؛ سندس نالو ئي رازق آهي ته پوءِ غم ڇا جو: ”خدا داري، چه غم داري، دهد روزي هزاران را“_ ها، ايترو ضرور آهي ته انسان کي ڪوشش ڪرڻ کپي: سو حميده، پراڻيءَ رسم مطابق، سال کن عدت ۾ ويهڻ کان پوءِ، پنهنجن معـصوم ٻـچن جـي پـرورش ۽ گذاري لاءِ محنت مزدوري شروع ڪئي: جو انسان بک، بيروزگاريءَ، بيماريءَ ۽ ٻين دنياوي دُکن جي داٻ هيٺ اچي ٿو، ۽ پوءِ هـُو پنهنجي سموريءَ خداداد قوت سان، ناساز ۽ پريشان ڪندڙ حالتن کـي سـازگار بنائـڻ لاءِ، عزم ۽ استقلال سان مردانه وار مقابلو ڪري ٿو، اهو نيٺ فتح پائي ٿو. ان وقت اهڙي انسان جي دل ۾ سـُکن ۽ خوشين جي تمنا نٿي رهي. هن جو آُدم ۽ اورچائي محض مصيبتن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ئي قائم رهي ٿي. ساڳي حالت حميده جي هئي. هوءَ پنهنجي آرام ۽ آسائش کي هڪ طرف رکِي، ۽ پنهنجي نفس جي دنيا ڀـُلجي، ڏينهن رات پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پالن�� جي خيال ۾ محو ۽ مصروف رهي. هن کي جيڪڏهن ڪا تمنا ۽ آرزو هئي، ته فقط اها ته پنهنجي اولاد جو عروج ۽ اقبال ڏسان. اها خواهش ۽ اهو ارادو، سندس هڪ انقلابي خواهش ۽ هڪ انقلابي ارادو هو: ڇاڪاڻ ته تِن ڏينهن سندس ديس ۾، ويچاري عورت، معصوم ٻارڙن وانگر، اڃا پنهنجن پيرن تي به بيهڻ ڪين سِکي هئي. هن صورت حال ۾، هن صاحبدل خاتون جا خيال ۽ ارادا جنسي عرش تي اڏامندا رهيا. + + +حميده حسين هئي، ۽ اڃا ننڍيءَ عمر جي هئي؛ سو، هن کي سندس عزيزن ٻي شاديءَ تي آماده ڪرڻ لاءِ خوب ڪوششون ڪيون، مگر هن جي فولادي ارادي جي آڏو، سڀ ڪوششون اجايون ويون. هن سوچيو ٿي ته ”شادي محض هڪ رنگين خواب آهي ۽ بس. ٻي شادي اهي ڪن، جي انسان ذات جا حق ۽ ذميواريون محسوس نه ڪن؛ يعني اولاد جي عزت، عظمت، عصمت، علميت، صحت ۽ صفائيءَ جي جوابداري خيال ۾ نه رکن. ٻيءَ حالت ۾، هڪ ايمان واريءَ عورت کي هرگز اهو ڪم ڪرڻ نه جڳائي، جنهن ۾ هن هڪ بار شڪست کاڌي هجي. منهنجي دل جو ٿانءَ وسيع آهي، ان ۾ دک جي مـاپـڻ لاءِ +ڪافي جڳهه آهي. مان رب جي رضا تي راضي آهيان: الله صمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي. پوءِ مان ڏکن جي آڏو، جهولِي حاضر ڇو نه ڪريان؟ اوهان زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ تائين، منهنجي نسبت ڪا به نازيبا شڪايت نه ٻڌندا _ مان اهو قدم هرگز نه کڻنديس، جو الله جو آڏو شرمسار، خلق جي آڏو خوار، ۽ منهنجي اولاد کي رسوائي عام ۽ وڏي ٿيڻ تي مهڻيهاب ڪري_ مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. آءٌ ڪنهن تي بوج ڪين بنبيس.“ +حميده جي هن سالها سال جي جدوجهد ۽ اڻٿڪ ڪوشش سان، سڀڪو ائين محسوس ڪندو هو، گويا ڪو وڏو ارادو هٿ ۾ کنيو اٿس، جنهن لاءِ تتيءَ ٿڌيءَ ڪين نهاري، پورهئي ۾ ئي ڏينهن رات پيئي ڳهي ۽ پاڻ کي ڳاري. هيءَ بيواهه پر بلند اخلاق عورت، فولادي قوت رکندڙ هئي؛ ڄڻ ته ماڻهوءَ جي صورت ۾ ملائڪ هئي. فرشته خصلت حميده، سڄي ڏينهن جي جان ٽوڙ محنت مزدوريءَ بعد به، رات جو پورو آرام ڪونه ڪندي هئي؛ ۽ اڌ رات کان پوءِ، +وري عبادت ۾ محو ۽ مشغول رهندي هئي. محنت ۽ عبادت، هن جا عزيز ترين شغل هئا. غرض ته هيءَ نيڪ صفت خاتون، ڏينهن ڪم ۾، ۽ رات بندگيءَ ۾ صرف ڪندي، ۽ اهڙيءَ طرح هوءَ نيٺ، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سال ڪاٽي ۽ جهاڳي مٿي چڙهي. الله تعاليٰ ڪنهن جي به محنت اجائي نه وڃائيندو آهي: هن جي عمل ۽ عبادت به نيٺ رنگ لاتو. +حميده محنت ۽ مزدوريءَ سان گڏ پنهنجي اولاد جي نيپاج ۽ تربيت جو خاص خيال رکندي هئي. هن جي اولاد جي اخلاق تي، وڏي نظر هوندي هئي. هوءَ، وقتائتي روڪ ٽوڪ، ضابطي ۽ پيار، مهميز ۽ سمجهاڻيءَ کان ڪم وٺندي هئي. سندس عمل جي انهيءَ طريقي جو اهو اثر ٿيو، جو سندس ٻارن جـي +ذهنيت، اڪثر عام ٻارن کان علحدي ۽ اهميت ڀري بنجي پيئي. حميده کي هميشه اهوئي خفت، بلڪ عشق، هوندو هو ته ”مان پنهنجي اولاد جو عروج ڏسان.“ انهيءَ عشق ۾ هن پنهنجي دل ۽ ان جي جذبن ۽ تقاضائن کي فراموش ڪري ڇڏيو هو. رات ڏينهن پنهنجي ڌُن ۾ لڳي پيئي هوندي هئي. جيتوڻيـڪ، بظاهر ان وقت ائين معلوم ٿيندو هو ته ”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪَڇي اُڀ“_ ڇو جو ويچاري حميده، بيواهه ۽ بيوس ۽ بي سر و سامان هئي_ ليڪن ”سون ساريڪا هٿڙا، ڪوهه نه ڪتين رَڏِ!“ کي ڪنائيندي ظاهري حالتن ۽ بيڪسيءَ جي باوجود، هن جي سيني ۾ جادل هئي_ جنهن ۾ خداوند تعاليٰ هڪ غيبي قوت رکي هئي_ سا غربت ۾ به ٻهڪي منظرعام تي آئي. هن جا ارادا هر حالت ۾ بلند ۽ محڪم هئا: صبر، تحمل ۽ استقلال سان قدم قدم هوءَ اڳتي ٿي وڌندي رهي. هيءَ صاف، سچي ۽ الله ۾ اعتقاد ر��ندڙ عورت، پاڻ کي ڀـُلائي، حسرتن ۽ مسرتن کان بي نياز ٿي، فقط ڪوشش ۽ محنت ئي ڪندي رهي. خداوند اڪثر ڪارساز آهي: ڪنهن جي به محنت ضايع ٿيڻ واري نه آهي: +”سهسين جئن سانڌاڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا! +وَهـهِ وڃــائــي پـاڻ، ڏي ڏٻـائـون ڏڱـريـن!“ _ شاهه +نيٺ عمر جي لڳاتار ڪوشش ۽ جدوجهد سان، هن بيواهه خاتون، پنهنجيءَ دنيا تي فتح حاصل ڪئي، ۽ پنهنجي خيال کي عملي شڪل ۾ ڏٺو: هن پنهنجي اولاد جو رتبو ڏٺو، ۽ ان آب حيات مان پاڻي پِي، پنهنجي ٻن گهڙين واري بي بقا زندگيءَ کي غير فاني بنائي ڇڏيو. سندس پورهيو ساب پيو، ۽ ڪشالا ڪامياب ٿيا؛ سندس ٻارن جي ذهنيت بلند پايي جي ٿي؛ صحت، صورت، سيرت، ۽ علم عقل ۾ پنهنجا ثاني پاڻ هئا. هن خوش خصلت خاتون دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته پرهيزگاريءَ ۽ ڪوشش سان انسان ڇا مان ڇا نٿو حاصل ڪري سگهي! +جيڪڏهين حميده ٻي شادي ڪري ها، ته هن جي حسن ۽ جوانيءَ جي آڏو هرڪو گردن جهڪائي ها، مگر هن پنهنجي نفس ۽ انجي خواهشن کي هيچ سمجهي، پاڻ پلي، پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي علم۽ عمل جي زيور سان سينگاريو؛ ڇو ته ٻي شادي اهڙي قسم جي پاڪباز عورت جي اصول جي خلاف هئي، ۽ ائين ڪرڻ سان سندس خودداري هرگز نه رهي ها؛ ۽ نه سندس اولاد انهيءَ بلند مرتبي ۽ تربيت کي حاصل ڪري سگهي ها. +جو ڪجهه مٿي بيان ڪيو اٿم، اها ڪا خيالي ڪهاڻي نه آهي: حميده جو قصو هڪ سچو واقعو آهي، جو مون پنهنجن هنن گنهگار اکين سان ڏٺو آهي. هن نيڪ نيت خاتون جي محڪم يقين، استقلال ۽ پرهيزگاريءَ کي مون پاڻ ڏٺو. منهنجي سامهون، هن بهادر عورت، سڪين پاسرين تي، دنيا کي ترڪ ڏيئي، پاڻ وڃائي، عظمت حاصل ڪئي: اسان ڀينرن کي، حميده کان سبق سکڻ کپي، ۽ هن جي مثال کي پنهنجي پيش نظر رکي، اهڙي ئي قسم جي ڪارآمد زندگي گذارڻ گهرجي. حميده هڪ صحيح عورت جو نمونو هئي. عورت جو حسن، هن جي پرهيزگاريءَ، پختي مَنَ ۽ بلند خيالن ۾ آهي. جنهن قوم ۾ انهيءَ قسم جون مائرون هونديون، اها قوم يقيناَ َ ترقي يافته ۽ سربلند رهندي. +منهنجي محترم ڀيڻ حميده! آفرين، صد آفرين، آهي توکي. تون قوم لاءِ مثال آهين؛ اسان ڀينرن لاءِ هڪ نه وسرندڙ سبق، ۽ مائرن لاءِ هڪ اوجل آئينو. سنڌ جي اونداهيءَ افق تي، تون هڪ چمڪندڙ ستارو آهين؛ تنهنجي روشنائي هزارين گمراهه ۽ منجهيل ڀينرن کي دڳ لائيندي، ۽ پنهنجي منزل مقصود تي پهچائيندي. خدا ڪري، سنڌ جون مائرون تنهنجي نقش قدم تي هلي، پنهنجي اولاد تان تـَن مـَن فدا ڪري، انهن ۾ بلند خيالي، ۽ پرهيزگاري پيدا ڪن ۽ انهن کي ان اقبال ۽ مرتبي تي پهچائين، جو اهي نونهال ٻچا سونهاريءَ سنڌڙيءَ جي مستقبل کي روشن ڪن، ۽ موجوده ناسازگار حالتن کي سازگار بنائي، پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو مـُنهن مٿي ڪن. +خدا ڪري، اي نيڪ سيرت خاتون! تنهنجي نيڪي رنگ لائي! خدا ڪري، اسان جي پٺتي پيل ۽ ڪربل قوم ۾ تو جهڙيون مائرون پيدا ٿين، ۽ اسانجي قوم جي ڪشتي، جا حوادث جي درياءَ جي پـُر شور لهرين ۽ وهڪرن اندر، خطري ۾ اچي ويئي آهي، سا سلامتيءَ سان ساحل تي وڃي پهچي: +”ناکئون نگهبانُ، مــُـعـَـلم مـنجـي خبرون، +جن ساري کنيو سمونڊ تي، سفر جو سامان، +سـنـڀـاري سـُبحان، وڃي عـادنـئـون اُکـَتا!“ +_شاهه +عورت +مان ڄاڻان ٿي ته عورت لاءِ ڪو جدا ”نسوان نگر“، ڪا جدا سلطنت يا ڪو جدا ملڪ مخصوص نه ڪيو ويو آهي، ۽ نه وري هوءَ، پنهنجي هر اختيار جي مختيار آهي، جو هن کي پنهنجي شخصيت لاءِ ذميوار ٺهرائجي. هر زماني ۾ ۽ هر هنڌ، هوءَ هميشه مرد جي زير نظر ۽ حڪم هيٺ رهندي آئي آهي. ڪٿي کيس ج��ل جي زندان ۾ رکيو ويو آهي، ڪٿي عالم بي عمل؛ ڪٿي کيس عيش و طرب جو سامان سمجهيو ويو آهي، ته ڪٿي هڪ زرخريد غلام؛ ڪٿي ازحد آزادي، ته ڪٿي بيحد بنديخانو! آخر ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هوءِ صحيح علم کان محروم، ۽ پنهنجي وجود جي اهميت کان بي خبر آهي. هن جي عصمت ۽ عزت جو ضامن به مرد سمجهيو وڃي ٿو؛ پوءِ جتي ضامن خود خائن بنجي بيهي رهي، اتي ويچاري پناهه گزرين عورت، زندگيءَ جي ڪهڙي املهه جوهر کي بچائي سگهندي! علم ۽ عقل جي پختگي به منجهس نه آهي، جو هوءَ پنهنجي نجات جي ڪا صحيح راهه ڳولي لهي. جنهن کي انسان سمجهيو نٿو وڃي، تنهن کي انسان جي ”عظمت“ جي ڪهڙي ڄاڻ! تنهنڪري، جيڪڏهين جاهل ۽ مجبور عورت، ڪڏهين ڪڏهين زندان مان نڪرڻ خاطر، وڃي ٿي ٻيءَ مصيبت ۾ پاڻ کي وجهي، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ”عزت ۽ عصمت“ جو خون ڪري، پاڻ کي گنهگار ۽ شرمسار ٿي ثابت ڪري، ته ان ۾ هن جي ڪهڙي خطا! هيءُ ته ظاهر آهي ته هوءَ نفساني خواهشن جي انڌ کان ائين هرگز ڪين ٿي ڪري: حقيقت هيئن آهي ته زال ذات کي پنهنجي دل ۽ جسم جي نگهبانيءَ ۽ سنڀال جو علم نه ڏنو ويو آهي، ۽ نه منجهس اهو ڀروسو ئي پيدا ڪيو ويو آهي، ته هوءَ پنهنجي وجود جي سنڀال ڪا پاڻ ڪري سگهي ٿي. +عصمت جي نقطي نظر کان، عورت هڪ بي بها گوهر آهي: ان بي بها لعل بدخشان جي قيمت، لفظن ۽ انگن ۾ ادا نه ٿي سگهندي؛ قلم ۽ زبان هن معاملي ۾ عاجز آهن. پر عورت جي بدنصيبي هيءَ آهي، جو ڄائي ته مائٽ بيزار، سهاڳ لڌائين ته مڙس جي زرخريد غلام، ۽ جي خدانخواسته بيواهه ٿي، ته پنهنجن پراون، سڀني جي اکين جو ڪنڊو ۽ پنهنجي پاڻ لاءِ هڪ لاڳيتي مصيبت! +”سر جي تان سـُور، سامائي ته سـُک ويا، +اهـي ٻـيـئي پـُـور، نـمـاڻيءَ نصيب ٿيا“. _شاهه +اهوئي سبب آهي، جو مون، هن ”نماڻيءَ نار“ جي بي بسيءَ کان متاثر ٿي، هن جي موزون ۽ مناسب تخلص ”ناتوان“ سان، ادب جي ميدان ۾، هيءُ گستاخانه پير پاتو آهي، پر عورت کي ايترو عاجز سمجهڻ وارن پنهنجن ڀائرن کي فقط هيترو چوڻو اٿم ته +”فريدا، ڪـَکُ به نه نندجي، ڪک به وڏي وٿ، +اُڏي پــوي جــي اک ۾ تــه وڏو ڏئــي ڏکُ!“ +ياد رکڻ جڳائي ته انساني عظم جي خيال کان، عورت هرگز ”ناتوان“ نه آهي: هوءَ ته قدرت جي ڪلا جو هڪ بي مثل مثال آهي. اها ڪهڙي قوت يا صلاحيت آهي، جا عورت ۾ بنيادي طور موجود نه آهي؟ شاعر ۽ مصنف، فصاحت ۽ بلاغت جي مالڪ، شجاعت ۾ پنهنجو ثاني پاڻ آهي. نه ڪمي سونهن ۾ ۽ نه ڪوتاهي عقل ۾ اٿس، ۽ اڪثر مرد کان زياده، انهن خوبين ۽ خاصيتن سان آراسته ۽ پيراسته آهي، جيڪي انسانيت جو امتيازي نشان آهن. تنهنڪري، جيڪڏهن هوءَ پنهنجي حقيقي مقام کان واقف ٿي وڃي، ته پوءِ پنهنجي انهيءَ اعليٰ اشرف کي محفوظ رکڻ لاءِ هن کي پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي پناهه ۽ بچاءَ جي ڪا ضرورت ئي پيش نه ايندي. انسانيت جو اهو ”بي بها گوهر“ جو وٽس موجود آهي، تنهن جي جيڪڏهين کيس پوري پرک ۽ پروڙ پئجي وڃي، ته هوند، ڏک ۾ توڙي سک ۾، دَلبي سان توڙي دڙڪي سان، ڪنهن جي مجال آهي جو کانئس اهو املهه ماڻڪ کسي وٺي! +”جتي ماڻڪ ماڳ تِتي چوران تڪيو، +سئون تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو!“_ شاهه +”عورت“ هڪ عربي آهي، جو ”ڍڪڻ جهڙي شيءِ“ جي معنيٰ ٿو رکي. هن کي انگريزيءَ ۾ ”ووُمن“ (Woman) چون ٿا، جنهن جو ڪن جي نظر ۾ مطلب آهي، ”مرد لاءِ مصيبت“ (مرد= Man + مصيبت = Woe). ارباب نظر لاءِ، لفظ جون هي معنائون، وڏي اهميت رکن ٿيون، مگر زال ذات جو مطالعو ڪا اهڙيءَ مسخريءَ جي ڳالهه نه آهي. مردن ته هن ”غير جنس“ جي اصلي جوهر کي پروڙڻ جي گهڻي ڪوشش به ڪڏهن ڪانه ڪئي آهي. هڪ نڪته بين عورت ئي ٿي سگهي، جا پنهنجي دل جو پاڻ ويجهو مطالعو ڪري، پنهنجي ”هم جنس“ زال ذات کي سمجهي سگهي ٿي، حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليَ عورت کي، مرد جي هم رفيق ۽ همدم بنائڻ جي لحاظ کان، هڪ نهايت غير معمولي ”دل“ سان نوازيو آهي. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته صبر، تحمل، ۽ دک برداشت ڪرڻ جو انگ، عورت ۾ مرد کان زياده آهي. هندوُ، هن کي ”ڌرتي ماتا“ سان مشابهت ڏيندا آهن. قرآن مجيد هِن کي مرد جو لباس ۽ مرد کي وري هن جو لباس سڏيو آهي. غرض ته عورت، مرد لاءِ، هر نقطي نگاهه کان، ڪيميا کان ڪم نه آهي. +عورت نه فقط خانه دار آهي، مگر هن دنيا روپي باغ جي گلن، يعني ٻارڙن جي نگهدار هڪ طرف، ۽ مرد جي عاقبت ۽ آخرت جو توشو ٻئي طرف آهي. هوءَ محبت جي طالب وفا جي کاڻ، رحم جو گهر، نيڪيءَ جي تصوير، صداقت جو مجسمو، اعتبار رکندڙ، معصوم، ڀولي ڀالي ۽ ٺڳجي ويندڙآهي. مرد اڪثر هن کي ”بيوقوف“ چون ٿا، ڇو ته هن ۾ ”مردم شناسي“ گهٽ ۽ ٻئي جي چرٻ زباني تي اعتبار ڪرڻ جو مادو گهڻو آهي. +اي خاتون! اي بي بسيءَ جي جيئري صورت! اي صبر ۽ تحمل جي مورت! اي حڪم جي پيروي ڪندڙ ۽ زير نظر هلندڙ صابره! اي صبر سان پنهنجي بيڪسي برداشت ڪندڙ بيوس! اي پنهنجي جذبن تي ٻين جي حڪمراني سهندڙ سيم تن! تون ڪيستائين نازڪ ٿي رهندينءَ، ۽ ڪيستائين پنهنجي سونهن جي ثنا ٻڌڻ تي خوش ٿيندينءَ؟ تون ڪيستائين مرد جي رحم جي آڌار تي، زندگيءَ جو زيان سهندي به، پاڻ تي سوين نالا ۽ لکين الزام رکائيندينءَ؟ تون ڪيستائين پاڻ کي زيورن سان جهِنجهيل ۽ ريشم سان ڍڪيل هڪ بي جان گـُڏي سمجهي، مرد جي حرفت تي اعتبار ڪري، پنهنجي شخصيت کي دفنائيندي رهندينءَ؟ ياد رک ته جيستائين پاڻ کي انهن زيورن ۽ ريشم ۾ ڍڪيل گـُڏي بنائي، پنهنجيءَ ان ذلت تي خوشي ۽ فخر ڪندي رهندينءَ، ۽ ان جي بدران، جيستائين پنهنجي ذاتي عظمت کي پنهنجي زندگيءَ جوسهارو نه بنائيندينءَ، تيستائين پنهنجي شخصيت کي اهڙيءَ طرح هميشه دفنائي رکڻ لاءِ تون پاڻ ئي ذميوار رهندينءَ!. توکي ياد رکڻ جڳائي، ته خداوند تعاليٰ، انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو آهي، هن کي سڄيءَ ڪائنات جو مالڪ ڪيو آهي، ۽ ان سان گڏ، هن تي ڪي جوابداريون ۽ فرض مقرر ڪيا آهن. جيڪڏهن هو پنهنجي پاڻ کي نه سڃاڻندو، ۽ پنهنجي خالق اڪبر جي مقرر ڪيل فرضن جي بجاوريءَ ۾ ڪوتاهي ڪندو، ته هـُو ”اشرف المخلوقات“ جي ڀلاري لقب سان مشرف ٿيڻ جو ڪڏهن مستحق نه رهي سگهندو. +انسان ذات تي، الله پاڪ ٻن قسمن جا حق رکيا آهن: حقوق الله ۽ حقوق العباد. جيتريقدر حقوق الله جو سوال آهي، ان ۾ مرد ۽ عورت جو ڪو به فرق نه آهي، ڇو ته خدا جي آڏو مرد ۽ عورت ٻئي هڪ جهڙا جوابدار آهن. حقوق العباد جو جيتريقدر تعلق آهي، ان ۾ مرد ۽ عورت تي، اسان جي موجوده سماج، جدا جدا قسمن جون جوابداريون ۽ ذميواريون رکي ڇڏيون آهن. هر مرد ۽ هر عورت جي پيدائش، عورت جي بطن مان ٿئي ٿي. هر هڪ مرد ۽ عورت جي زندگيءَ جو ابتدائي دور، ماءُ جي گود ۾ گذري ٿو. سڀ، ماءُ جي هٿان نشوونما پائين ٿا. پيءُ کي، ٻاهرين مصروفيتن سبب، گهر جي چوديواريءَ اندر رهڻ ۽ معصوم ٻارن سان ملڻ جو وقت تمام ٿورو بچي ٿو. +معصوم ٻار، جڏهين کان هن ڪائنات ۾ قدم ڌري ٿو، جڏهين کان ان ۾ ٿوري سمجهه پيدا ٿئي ٿي، تڏهين کان هو پنهنجي ماءُ جي تربيت هيٺ رهي ٿو. ماءُ پنهنجي ٻار کي سڀڪجهه سيکاري، سمجهائي ۽ ٻڌائي ٿي. ننڍو ٻار، جو ڪجهه ڏسي ٿو، اهو پهريون ئي دفعو ڏسي ٿو؛ ۽ جو ڪجهه ٻڌي ٿو، اهو پهريون ئي دفعو ٻڌ�� ٿو. اها ماءُ ئي آهي، جا هر نئين شيءِ جي اصل کان پنهنجي نونهال ٻچي کي باخبر ڪري ٿي. ٻار ۾، سندس ابتدائي دور ۾، قوت جاذبه تمام مضبوط رهي ٿي. والده جي طرفان جو ڪجهه ٻار کي ٻڌايو ويندو، اها ان لاءِ هڪ اهم حقيقت بنجي پوندي. انهيءَ نازڪ دور ۾، ٻار جي طبيعت تي، پنهنجي اَميءَ جا سبق ۽ اثر ائين آهن، جيئن پٿر تي چٽ. اهي اثر، جيڪي هرهڪ ٻار جي ٻاراڻيءَ زندگيءَ ۾، پنهنجو تاثر ڏيکاريندا رهن ٿا. نه فقط ايترو، پر انهيءَ ”ابتدائي“ تعليم ۽ تربيت جي بنياد تي، هر هڪ ٻار جي زندگيءَ جي عمارت ٺهي ٿي: گويا ائين چئجي ته ٻار جي آئنده زندگيءَ جو سنگ بنياد، سندس اها ” تربيت“ آهي، جا هـُو پنهنجي والده کان، ٻاراڻي زماني ۾، حاصل ٿو ڪري. اهڙيءَ طرح هر ”مرد“ ۽ ”عورت“ پنهنجي والده جي زير نظر گذاري ٿو، ۽ سڀ کان پهريائين انهيءَ ئي درسگاهه جو شاگرد آهي. ٻار، پنهنجي معصوميت جي زماني ۾، جيڪِي ڪجهه، هن درسگاهه ۾ حاصل ڪيو هوندو، ۽ جهڙي نموني جي تربيت کيس اتي ملي هوندي، ۽ جهڙي قسم جا اخلا ق منجهس اتي پيدا ڪياويا هوندا، اهي سڀئي، ان ٻار ۾، وڏي ٿيڻ تي، نمايان صورت اختيار ڪندا. دنيا جي تاريخ شاهد آهي، ته جيڪي مرد يا عورتون دنيا ۾ بلند مرتبي جا ٿِي گذريا آهن، ۽ جن جي يادگيري هر انسان جي دل ۾ زنده آهي، ۽ جن جي صفت ۾ هر زبان گويا آهي، جن جي ساراهه ۾ هر قلم روان ۽ دوان آهي، جن جا ڪارناما سندن ياد کي هميشه تازو رکندا اچن ٿا، اهي بي بها هستيون، اهي صحيح معنيٰ ۾ انسان، اهي اخلاق حسنيه جا مجسما، اهي بي بها گوهرن ۽ جوهرن جا مالڪ، اهي باعمل ۽ باايمان شخص، اهي عالم ۽ فاضل، اهي صوفي ۽ سنت، اهي سلطنتن جا مالڪ ۽ حڪمران، اهي انصاف ۾ نوشيروان، اهي سخا ۾ حاتم_ جن دنيا جي تاريخ ۾ انقلاب آندو، انسان ذات ۾ انسانيت جو ٻج وڌو، حق ۽ انصاف کي اهميت ڏني، ڪوڙ ۽ باطل جو مقابلو ڪيو، انسانيت کي حيوانيت ۽ بربريت تي ترجيح ڏني، حق ۽ صداقت خاطر جان ۽ مال کي قربان ڪيو، پنهنجي نفس اَمّاري کي پنهنجي تابع ڪيو، پاڻ کي صحيح انسان بنايو، ۽ پاڻ ۾ ملڪـُوتي قوتون پيدا ڪيون_ اهي سڀ پنهنجي سڳوريءَ والده جا شاگرد هئا؛ انهن مان هر هڪ ان پهرين درسگاهه ۾ سبق حاصل ڪيا هئا، جتي ابتدائي زندگيءَ جي دور ۾ سندس اخلا ق ۽ صحيح خيالن جو سنگ بنياد وڌو ويو هو: اهو سڀڪجهه ان عالم عورت ۽ ڪامل والده جي ڪوشش جو نتيجو هو، جنهنڪري هو ايتريقدر ظاهري ۽ باطني قوتن جا صاحب ٿيا. +”آهي عورت گهر جي ملڪه، مڙس پنهنجي جي وزير، +آهي ماءُ اولاد جي استاد، هر امڪان ۾.“ +جن قومن ۾ عورتون بيدار آهن، ۽ پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي نٿيون ڪن، ۽ صحيح طريقي سان پنهنجي نونهال ٻچن جو نيپاج ڪن ٿيون، ۽ انهن کي ايندڙ زندگيءَ جي ڪشمڪش لاءِ تيار ڪنٿيون، سي قومون ترقيءَ جي ميدان تي گامزن آهن ۽ گهڻو اڳتي وڌي ويون آهن: ڇو ته هر قوم کي هلائيندڙ؛ اهي ئي هستيون آهن_ پوءِ اهي مرد هجن يا عورتون_ جيڪي ڪڏهن پاڻ قوم نونهال ٻچا هئا. اهي ٻار جي اڄ معصوم آهن، سي سڀاڻي قوم جا ابا ۽ اڳواڻ ٿيندا، ۽ پنهنجي قوم۽ ملت جي بهبوديءَ ۽ بهتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا، ملڪ جي اندروني ۽ بيروني معاملن لاءِ مناسب تدارڪ وٺندا، قوم ۽ ملڪ جي عزت ۽ آبروءَ لاءِ لڙندا، پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪندا. ساڳيءَ طرح، صغير ڇوڪريون ايندڙ نسل جون مائرون ٿينديون ۽ انهن جي ئي ڪـُلهن تي ايندڙ نسل جي نيپاج ۽ تربيت جو بار رهندو. +هن وقت اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اسين عورتون ڪيتريقدر سالم انسان ۽ صحيح مائرون آهيون، ۽ جي نه آهيون ته اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟ سماج طرفان اسان مٿان، اهي مڙي ئي اهم ۽ نازڪ ذميواريون جيڪي رکيون ويون آهن، تن سڀني جي ادا ڪرڻ جي، اسان ۾ هن وقت جيتريقدر صلاحيت آهي، سا اسين پاڻ محسوس ڪريون ٿيون: ۽ اها اسان جي موجوده نسل مان ئي نمايان آهي؟ انتهائي افسوس آهي ته اسين عورتون نهايت پٺتي پيل آهيون. اسين هن وقت زندگيءَ جي هڪ خطرناڪ دور مان گذري رهيون آهيون. اسان جي حالت ناگفته به آهي. اسان جي حال زار تي جيترو گهڻو روئجي، اوترو ٿورو آهي. اسان عورتن ڪم علميءَ، سستيءَ ۽ جهالت جي ڪري، پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو ايترو نقصان ڪيو آهي، جنهن جي تلا في نه ٿي سگهندي. مگر اڃا به وقت ويو نه آهي؛ هن کان پوءِ به، جيڪڏهن اسان پاڻ نه سنڀاليو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۽ عزت لاءِ پاڻ نه پتوڙيو، ته يقيناَ َ اسين هميشه لاءِ پنهنجو وقار ۽ عزت وڃائي ويهنديون سين. اسان عورتن جي حالت ايتريقدر ڪِري چڪي آهـي، جـو مـرد هـرگـز ائيـن نـٿا سـمـجـهن ته اسان کي به، گهٽ ۾ گهٽ انساني +حيثيت ۾، ساڻن برابريءَ جو ڪو حق آهي، يا جيڪا دل، ۽ جيڪي جذبا وٽن آهن، سي ڪو اسان عورتن وٽ به موجود آهن! هوڏانهن تاريخ شاهد آهي ته ڪئين اهڙيون عورتون ٿي گذريون آهن، جن علم عقل، سياست ۽ بهادريءَ ۾ مردن کان ڪو گهٽ جوهر نه ڏيکاريو آهي، جنهن مان ثابت آهي ته خداداد قوتون جيڪي مرد ۾ آهن، سي عورتن ۾ به آهن. مگر افسوس فقط هيءُ آهي ته اسان عورتن جون اهي قوتون، اسانجي بي علميءَ ۽ بي توجهيءَ ڪري، دٻيون پيون آهن يا بلڪل مفقود ٿي ويون آهن: پنهنجي انهن لڪل ۽ مئل قوتن کي جاڳائڻ ۽ زنده ڪرڻ سان ئي اسين پنهنجو اصل وقار ۽ صحيح مرتبو حاصل ڪري سگهنديون سين. +مگر اي منهنجون ڀينرون! ڪڏهن هڪ لمحي لاءِ اهو به سوچيو اٿئون ته اسين ڇا ڪري رهيون آهيون ۽ ڇا ڪرڻ کپيسون؟ خدارا، ٻڌايو ته هن کان پوءِ، ڪڏهن خواب غفلت کان بيدار ٿينديون سين؟ ڇا، اوهين پنهنجي ذات ۽ پنهنجي وجود کي ختم ڪرڻ گهرو ٿيون؟ ڇا، اوهين هميشه لاءِ زوال، پستيءَ ۽ بي چارگيءَ جي زندگي بسر ڪرڻ گهرو ٿيون؟ ڇا، اي نماڻيون ناريون! توهين پنهنجي عزت ۽ عظمت کي ٻنهي جهانن ۾ ناس ڪرڻ جو مڪمل ارادو ڪري چڪيون آهيو؟ ڇا، توهان پنهنجيون ذميواريون_ الله ڏانهن، انسانن ڏانهن، قوم ڏانهن، گهـَرَ ڏانهن ۽ ٻارن ڏانهن_ وساري ڇڏيون آهن؟ ڇا، توهان کي پنهنجي هن حال تي ڪو به رحم ڪونه ٿو اچي؟ ڇا، توهان جو احساس ايتريقدر گم ٿي ويو آهي، جو توهين نفعي ۽ نقصان کان بي خبر ۽ بي خوف آهيو؟ آخر ڇو توهان تي ايتريقدر بي حسيءَ جو عالم طاري آهي؟ +منهنجون عزيز ڀينرون، توهين پاڻ کي سنڀاليو! عورت جي هستي، رواجي هستي نه آهي. هوءَ هن ڪائنات جي معمار آهي ۽ دنيا جي هر ڪاروبار ۾ حيدار. هوءَ قوم جي نگ ۽ ناموس لاءِ جوابدار آهي. هن جي صلاحيت قوم جي صلاحيت آهي. هن جي زوال ۾ قوم جو زوال آهي. +تنهنڪري منهنجي محترم ڀيڻ تون پاڻ کي صحيح معنيٰ ۾ ”انسان“ بنائڻ جي ڪوشش ڪر! پاڻ کي ”عورت“ تصور نه ڪر؛ ڇو ته هن وقت ”عورت“ لفظ جو تنهنجي دماغ ۾ غلط تخيل ويهي ويو آهي، جو تون ائين سمجهي ويٺي آهين ته هار سينگار ۽ زيور ئي عورت جي زندگيءَ جو مقصد آهي ۽ بس. مگر ”عورت“ سمجهڻ کان اڳ ۾، پاڻ کي هڪ انسان سمجهه. هروڀرو نه مڙين، ته به فقط اهي گهڙيون پاڻ کي عورت سمجهه، جي گهڙيون تون پنهنجي مرد جي حضور ۾ آهين، ۽ بس. جڏهين تون پاڻ کي صحيح انسان بنائيندينءَ، تڏهن ئي تون ”عورت“ لفظ جي ذلت آميز مفهوم کي سمجهندينءَ. تنهنڪري پهرين پاڻ کي انسان بناء�� ۽ پاڻ ۾ انسانيت پيدا ڪر، ان کان پوءِ ئي تون پنهنجو پاڻ سڃاڻيندينءَ؛ اڃا تائين تو پنهنجو پاڻ نه سڃاتو آهي. تون جو ڪجهه پاڻ کي تصور ڪري رهي آهين، اُها نه آهين؛ ۽ نه انهيءَ مقصد سان الله تعاليٰ توکي هن ڪائنات ۾ موڪليو آهي. توتي وڏيون جوابداريون ۽ ذميواريون آهن. تون پنهنجي دل ۾ پنهنجي ذميوارين جو احساس پيدا ڪر. تنهنجي بي توجهي ۽ بي حسي، قوم کي بي حس بنائي ڇڏيندي. تنهنجي ترقي، قوم جي ترقي آهي، ۽ تنهنجي تنزل ۾ قوم جو تنزل آهي. قوم کي از سر نو بنائڻ لاءِ، مرد جي اڪيلي ڪوشش ڪجهه نه ڪري سگهندي، ۽ نه هو اڪيلي سر هن بگڙيل حالت کي درست ڪري سگهندو. توکي ئي هن سان ساٿ ڏيڻو آهي، ۽ قوم جي ڪِريل حالت کي درست ڪرڻ ۾ هن جي مدد ڪرڻي آهي: جيڪڏهين تون وڌيڪ وقت، انهيءَ گهريءَ ننڊ ۾ رهندينءَ ته قوم ۾ ڪمزوري، تفرقو، خود غرضي، سياسي تعطل، ۽ بي حسي طاري ٿي ويندي، ۽ پوءِ حالتن کي مـُنهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. اک ورائي ڏس ته موجوده مرد ۽ عورتون ۽ انهن جي حالت ايتري ڪريل ۽ ڪم_وهيڻي فقط انهيءَ ڪري آهي، جو انهن جي صغيريءَ ۾، انهن جي مائرن، انهن جي ڪا به پوري ۽ سنئين پرداخت ڪانه ڪئي آهي. انهن جي جسماني ۽ روحاني ترقيءَ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. نه انهن کي پوري تربيت ملي آهي، ۽ نه انهن کي پوريءَ طرح سنڀاليو ويو آهي. زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ ڏسجي ٿو ته اسان جي روش، انسانيت جي درجي کان ڪريل آهي: رشوت خوري، ٺڳي، زنا، چوري، خونريزي، وغيره وغيره، روزمرهه جا واقعا آهن. اهي ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته اسين صورت ۾ انسان آهيون، پر اسان جي سيرت، اخلاق ۽ اسان جي روش ڄڻ ڪنهن حيوانيت جي سانچي ۾ ڍالي ڇڏي آهي. ڀِتِ جي هر هڪ سِرَ بذات خود ڪا به حيثيت نٿي رکي؛ مگر جڏهن اهي سرون گڏ ٿين ٿيون، تڏهن ئي ڀت جي صورت اختيار ڪن ٿيون، جا نهايت مضبوط ۽ طاقتور رهي ٿي. اسان مان به هر هڪ جي حيثيت ”قومي ديوار“ جي هڪ سر جي برابر آهي. جيڪڏهن اسان گڏجي ڪو به ڪم هٿ ۾ کڻنديونسين، ته يقيناَ َ ڪامياب ٿينديونسين، ۽ جيڪڏهن سڀڪا سِرَ الڳ الڳ رهندي ته ان جي حيثيت هڪ سر جهڙي رهندي، جنهن کي ڪا به وقعت نه آهي، بلڪ اهو ان اڪيليءَ جو موت آهي. تنهنڪري جڏهن اسين هڪ تنظيم جي صورت ۾ رهنديونسين، ته گويا اسين زنده آهيون، ۽ جڏهن اسان مان هر هڪ اڪيلي ۽ جدا آهي، ته اها گويا سڀ جي تباهي آهي. +ان ڪري، خدارا، اي منهنجي ڀيڻ! انهيءَ خواب غفلت مان سجاڳ ٿيءُ: پنهنجي عاقبت، عظمت، عصمت ۽ عزت جو خيال رک. پـنـهـنجي حال ۽ +خيال ۾ سنجيدگي پيدا ڪر. پنهنجي قول ۽ فعل کي درست رک. هي ظاهر هار سينگار ۽ بيهوديون ڳالهيون، تنهنجي لاءِ زهر قاتل جي برابر آهن. اهڙين ڳالهين ۽ ظاهري سينگار ۽ پوشاڪ جي بدران، پاڻ کي خوش اخلاق ۽ نيڪ عادتن سان آراسته بناءِ. فقط انساني صورت نه کپي. بلڪ ”انساني سيرت“ به گهرجي. پنهنجو پاڻ سڃاڻ. پنهنجي جدا جدا جوابدارين ۽ ذميوارين کي محسوس ڪر. پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي نه ڪر. پنهنجي، ۽ پنهنجي قوم جي ننگ ۽ ناموس جو خيال رک. تنهنجي ذميوارين جي ابتدا تنهنجي گهر مان ٿئي ٿي؛ جا سڀ کان وڏي، ۽ تنهنجي پهرين ذميواري آهي. پنهنجي معصوم ٻچن کي صحيح تربيت ڏي. هنن جي ظاهر ۽ باطن کي سينگار. باقي جيڪڏهن غير صالح ۽ ناڪام اولاد پيدا ڪيئي، ته چئبو ته رڳو ڍنگرن تي اٽو پئي هاريو اٿئي. نانگ بلا پيدا نه ڪر، جي قوم جي دلين کي دم دم ڏنگين، بلڪ فرشته خصلت انسان پيدا ڪر، عامل ۽ ڪامل فيض جا دريا، عقل جا خزانا، ۽ ماڻهوءَ جي صورت ۾ ملائڪ پيدا ڪر. جي ماڻهوءَ جي صورت ۾ شيطان پيدا ڪيئي ته گويا پنهنجي نااهليءَ ۽ جهالت جو ثبوت ڏنئي. تون اولاد نوڪرن جي حوالي ڪري، ڪلب يا سئنيما تي نه وڃ، ڇو ته هو، هنن ۾ بدخصلتون پيدا ڪندا. نونهال ٻچو، تو وٽ قوم جي امانت آهي، جنهن جي پرداخت ۽ تربيت جو بار توتي وڌو ويو آهي. ان جي روحاني ۽ جسماني ترقيءَ جي سڄي جوابداري تنهنجي ذمي ڪئي ويئي آهي، ۽ ان کي بااخلاق يا بدڪردار ڪرڻ تنهنجي هٿ وس آهي. تنهنڪري، تون پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي قوم ڏانهن وفادار ٿي، قوم جي سپرد ڪيل امانت جو هر وقت خيال رک. هن نازڪ ۽ ڪچڙي گل کي، دنيا جي گرم ۽ سرد هوائن جي جهـُوٽن کان، محفوظ رک. هن گل مان بدلجي ڦـُل ٿيندا. انهيءَ گل مان ٻج، ۽ ٻج مان پودا ۽ درخت. گويا قوم جي نشوونما جو مدار، تنهنجي گردن تي آهي. قوم جي اجڙيل باغ کي سرسبز ۽ آباد، ۽ بارءَ جو نيپاج نهايت احتياط سان ڪر. تون، ان کي صحيح تربيت ڏي. قوم سان، فعل سان، عقل سان، نرميءَ سان، گرميءَ سان، ضابطي سان، پيار سان، ان کي درست ڪر. سڀ طريقا اختيار ڪر، سڀ حيلا هلاءِ، هر تجويز عمل ۾ آڻ، هر مناسب ڪوشش وٺ، ۽ پاڻ کي پنهنجي قوم جي آڏو سرخرو بناءِ، ۽ قوم کي هڪ صحيح انسان تحفي طور پيش ڪر! +جڏهن تو پنهنجي انهيءَ پهرينءَ ذميواريءَ کي پوريءَ طرح ادا ڪيو، ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته ٻيا سڀ قومي مسئلا آسانيءَ سان حل ٿي ويندا، ۽ تنهنجي قوم هڪ صلاحيت واري قوم ٿي پوندي، ۽ ڪا به ڌاري طاقت ان کي ريٽي نابود ڪري نه سگهندي، ۽ سندس هر هڪ فرد آزاديءَ ۽ عزت جي زندگي بسر ڪري سگهندو. +هيڻيءَ عورت جي صلاح، ڏاڍي مرد کي +هن ڪائنات ۾، هر مخلوق ٻن جنسن ۾ موجود آهي: ”مذڪر“ ۽ ”مونث“. قرآن شريف ۾ پڻ ائين آيل آهي ته ”مون شين کي، جوڙو جوڙو ڪري، خلقيو آهي.“ اسان کي ائين چيو ويندو آهي ته هر شيءِ، جا مذڪر آهي، اها مونث تي غالب آهي: خداوند تعاليٰ، جيتوڻيڪ ذات ۽ صفات کان بالاتر آهي ۽ هر چيز کان نيارو، ۽ هڪ نـُور آهي، تاهم سندس سمورا نالا، جهڙوڪ، قادر، قيوم، ڪريم، رحيم وغيره سڀ مردانه آهن: خداوند تعاليٰ، پهريائين حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو؛ جنهن جي آڏو ملائڪ به سر سجود ٿيا؛ بيبي حوّا ته پوءِ، خود حضرت آدم عليه السلام جي پاسريءَ مان پيدا ٿي: جيڪي به پيغمبر يا نبي، انسان ذات ڏانهن موڪليا پئي ويا آهن، سي سڀ مرد هئا، وغيره وغيره. اسان جي انساني سماج ۾، پنهنجي بلند مرتبي ۽ برتري غابت ڪرڻ لاءِ، اڪثر مرد، مٿيان دليل پيش ڪندا آهن، ۽ چوندا آهن ته مرد، عورتن کان، هر نقطي نظر کان، زياده لياقت رکن ٿا ۽ ان زياده لياقت سبب ئي مردن کي، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ حاڪميت حاصل آهي! + + +مردن وٽ، پنهنجي موجوده برتريءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ، اهي ۽ ٻيا اهڙا دليل، هٿيڪا ۽ ٺهيا جڙيا رکيائي رهن ٿا. سندن اهي دليل، مصلحت طور، اڄ کڻي مڃجن به سهي، پر کين ايترو ته گهٽ ۾ گهٽ، بنا ڪنهن خوف خطري جي، چئي سگهجي ٿو، ته ڀائرو، جيڪڏهين پروردگار هيءَ ساري ڪائنات، عام انسانن لاءِ نه، پر فقط اوهان مردن لاءِ ئي اُپائي آهي، ته به ويچاريءَ عورت کي خلقيو جو ويو آهي، ته هن لاءِ به ڪا ته جڳهه منجهس مقرر رکي ويئي هوندي: هن جنجال ڀرئي جهان ۾ عورت پيدا ڪرڻ جو ڪو ته مقصد هوندو! ٻيو نه، ته من هي ئي کڻي مڃو ته عورت، مرد جي ٻانهِي ۽ غمخوار، همسفر ۽ رفيق حيات آهي! نه فقط ايترو، پر گهر ٻار جي بهبوديءَ جا بار مٿس آهن؛ گهر جي اندروني نظام ۽ نونهال ٻچن جي نيپاج ۽ تربيت جو ذمو پڻ گهڻي ڀاڱي مٿس ئي آهي_ ان لحاظ کان، هوءَ مرد جِي وزير، پورهيت، غلام ۽ هر حالت ۾ مرد جي تابعداري ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي سمجهي ۽ سڏائي سگهي ٿي! +پوءِ ڀلا، جڏهن مرد جو ايڏو درجو آهي، تڏهن ته کيس ضرور کپي ته پنهنجي ان عظيم الشان هستيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ، پاڻ ۾ ”مردانگيءَ“ جون خوبيون ۽ خاصيتون پيدا ڪري، جنهن کان سواءِ هو واقعي ائين رهجي ويندي، جيئن هڪ اڇو، هلڪو، واءَ سان ڀريل ڪڪر، جنهن ۾ بارش جي ڪا به اُميد نه هجي. مرد ته اهڙو ڪرم جو ڪڪر هجڻ کپي جو اُڃين جي بياس پياس ٻجهائي، ويران ۽ غير آباد زمين کي سرسبز ۽ آباد ڪري، جنهن جي گجگوڙ ۾ به آسائتن کي ڏڍ ۽ دلاسو ٻڌڻ ۾ اچي؛ مطلب ته مرد جي وجود کي دنيا جي بهبوديءَ ۽ فلاح جو باعث بنجڻ گهرجي: هن ۾ شجاعت ۽ بهادري هجي، ۽ سندس آواز ۾ محبت آميز دٻدٻو ۽ اثر هجي، ڇو ته هن جي دست قدرت ۾ سڄي سماج جو ڪاروبار آهي، ۽ پوءِ جيڪڏهن منجهس ”مردانگي“ جون خوبيون نه هونديون، ته ظاهر آهي ته هِن جهڙي بيڪار شيءِ ٻِي نه آهي، نه ٿيندي. +تنهنڪري، ضروري آهي ته هر مرد ۾ اهي خوبيون هر حالت ۾ هئڻ گهرجن، جن ۾ ”مردانگيءَ“ جي خوشبوءِ هجي. هو سادي لباس ۾ هجي، چاهي اميري پوشاڪ ۾، هر حال ۾ ۽ هر فعل ۾ ۽ هر قول ۾، هن جي روش مردانه وار هجي: هو بدن جو مضبوط ۽ دلير هجي؛ هن کي مصيبتن سان مقابلي ڪرڻ جي توفيق هجي، ته جيئن پنهنجي گهر ٻار ۽ ملڪيت جو وقت سر بچاءُ ڪري سگهي. هو سخا جـو صـاحب هـجي، ته جيئن راهه حق ۾ سڀڪجهه قربان ڪري +سگهي ۽ وقت اچڻ تي جان جي بازي لڳائي. تنگدل ۽ بخيل نه هجي، جو اِهي ٻيئي ڳالهيون مردانيت کان ڪيرائيندڙ آهن. هو پرهيزگار ۽ نيڪ نيت هجي، جو هر گنهگار ۽ بدنيت مرد، بجاءِ رحمت، انسان ذات لاءِ زحمت ۽ پنهنجي گهر ٻار لاءِ مصيبت جو باعث بنجي ٿو پوي. هن جي دل ۾ رحم ۽ حيا کان سواءِ، انسان، ”انسان“ نه آهي. بي رحم ۽ ظالم، بي عقل ۽ جاهل مرد، انسان ذات جي وجود لاءِ هڪ بيماريءَ جي مثل آهي، جنهن مان قوم خواه سندس وجود کي خطرو ۽ نقصان آهي. تنهنڪري، مرد ۾ اُهي خوبيون هجن، جي انسان ذات لاءِ ضروري آهن. هر مرد، جو صحيح معنيٰ ۾ ”مرد“ آهي، اهو پنهنجي آل اولاد، ننگ ناموس، وطن ۽ قوم لاءِ جان ڏيندو آهي، ليڪن هر نااهل ۽ نامرد، هميشه بدڪاريءَ ۽ حرامخوريءَ جي ڪري قوم لاءِ خطرناڪ پئي ثابت ٿيو آهي، ۽ پنهنجِي جان به ائين ئي گِيدين وانگر فضول گنوائيندو آهي_ جنهن لاءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم نهايت سهڻو فرمايو آهي ته: +”نامرد ساهه ڏين ٿا، مال حرام تي، +آهن جي مرد، سي ٿا مرن ننگ نام تي.“ +مرد کي گهرجي ته هو پاڻ ۾ مردانگي، ۽ ان جون خوبيون پيدا ڪري، ۽ پنهنجي مردانگيءَ جي شان کي برقرار رکي. سينگار ڪرڻ ۽ پائوڊر وغيره لڳائي ناز نخرا ڪرڻ، مرد لاءِ نازيبا آهن، جو اهو عورتن جو ورثو ليکيو وڃي ٿو. مرد جو جوهر، سندس مردانگي آهي. هو زياده محبوب تڏهن آهن، جڏهن سندس ڪردار ۽ عمل نيڪ آهي. اهو مرد نه آهي، جو دنيا جي رَو ۽ سيلاب ۾ لـُڙهي، روانو ٿئي؛ ڇو ته دنيا مرد لاءِ آهي ۽ نه مرد دنيا لاءِ. ائين نه ٿئي، جو پنهنجي اصليت کي وساري ويهي، ۽ دنيا جي معاملات ۾ اهڙو ڦاسي وڃي، جو ان ۾ پنهنجي وجود ۽ خودداريءَ کي ئي گم ڪري ڇڏي. هڪ مرد جو منزل مقصود واقعي گهڻو اڳتي آهن: ان تي پهچڻ جِي ئي هن کـي ڪـوشش ڪـرڻ گهرجي. +مگر افسوس آهي ته جيئن زمانو گذرندو وڃي ٿو، تيئن مرد، پنهنجي اصليت کان پري ٿيندا وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته مرد پنهنجي ڪم همتيءَ ۽ ڪوتاهين جي ڪري، الٽو پنهنجي بيروني ڪمن ڪارين کي به، ڪنهن حد تائين، عورتن مٿان مڙهي ٿا ڇڏين. جيتوڻيڪ هر بيروني معاملي کي مـُنهن ڏيڻ، مرد جو ڪم آهي، ۽ عورت تي اهو بار آهي ته هوءَ گهَر جِي پوري نگهباني ڪري، ان جو نظام هلائي، نونهال ٻچن جو نيپاج ۽ تربيت ڪري. پر اڄ انهن سڀني ڳالهين جي برخلاف، زالن کي رونبا، لابارا ۽ ٻيا پورهيا، ويندي نوڪريون به ڪرڻيون ئي پون ٿيون! جيڪڏهن گهر جو ڪاروبار، ۽ اولاد جي نيپاج ۽ تربيت جو سمورو ڪم زال جي ئي ذمي آهي، ته پوءِ جيڪڏهين هو سمورو وقت بيروني مشغولين ۾ گذارينديون، ته هو گهر ۽ ان جو نظام ڪهڙو رکي سگهنديون، ۽ ٻارن جي صحت ۽ صفائيءَ ۽ انهن جي تهذيب ۽ تربيت جو ڪهڙو خيال رکي سگهنديون! واقعي جيڪڏهن ٻارن جو نيپاج، انهيءَ طرح بيدرديءَ ۽ بي توجهيءَ سان ٿيندو، ته پوءِ ايندڙ نسل ۾ ڪهڙي اميد رکي سگهبي! ائين چئجي ڇا ته مرد پنهنجي بيروني ڪم ڪارين جو ڪجهه حصو عورتن جي حوالي ڪري، ان حد تائين عورتن جي سينگار ۽ گهرو ذميوارين کي پنهنجي حوالي ڪيو آهي! جيڪڏهن ائين نه آهي، ته پوءِ، جي اها حالت برقرار رکي، ۽ مردن پنهنجي ذميواري محسوس نه ڪئي، ۽ هو فيشن ۽ فاحش ڳالهين جي پويان پيا، حرام ۽ حلال، جائز ۽ ناجائز، حق ۽ باطل جو فرق نه سمجهيائون، رڳو طرحين طرحين پوشاڪن پائڻ ۽ پنهنجي زيب زينت ۾ مشغول رهيا، ته ان جا نتيجا نهايت خراب نڪرندا. فقط عورت تي غالب پوڻ، هن کان حق ڇنڻ، هن جي ضمير کي چيچلائڻ، هن سان عقوپبتون ۽ زيادتيون ڪرڻ، پنهنجي نفس جي گهوڙي کي بي لغام ڪري ڇڏي ڏيڻ، حرص هوس ۾ بدحواس ٿيڻ، خلق جي خواري ۽ ملامت جي طوق ڳچيءَ ۾ وجهڻ، ۽ رڳو اخبارن جي ڪالمن کي پنهنجي عجيب غريب ڪارروائين سان ڪاري ٿيڻ تي ڪڇون ٺوڪڻ، ”مردانگي“ نه چئبي. +تنهنڪري، اي مرد، تون لفظ ”مرد“ جي اهميت سڃاڻ: تون پنهنجي حيثيت ڏس. ڇا تنهنجي زندگيءَ جي تقاضا آهي، ۽ ڇا تون ڪري رهيو آهين! توکي هن ڪائنات جو مالڪ بنايو ويو آهي ۽ ان جون واڳون قدرت تنهنجي حوالي ڪيون آهن، تون هڪ امتيازي هستيءَ جو مالڪ آهين، ته پوءِ تون لفظ ”مرد“ کي بي معنيٰ ته نه بناءِ: هي پٽا پٽي ۽ ريشمي ڪپڙا تنهنجي شايان شان نه آهن؛ تون سينگار ۽ عورتن سان بازي نه لڳاءِ. تون عظمت، صداقت ۽ سخاوت جو مجسمو ٿي. ڪاميابي، ڪمن مان ظاهر ٿيندي، ۽ نه سونهن ۽ سينگار مان. انسانيت جو صحيح مظهر، خوبيون ۽ نيڪ خصلتون آهن؛ ۽ نه رڳو ظاهري سـُونهن ۽ سوڀيا. تنهنجِي حقيقي سـُونهن، تنهنجي ”مردانگيءَ“ ۾، تنهنجي قدر قيمت، نيڪ ڪردارن ۾ آهي؛ ورنه تون، هڪ مٽيءَ جو بوتو ۽ هَوَس جو ڀانڊو آهين. تنهنجي ڪاميابيءَ جو راز، نيڪ اعمالن ۾ آهي. تنهنجي مرد هجڻ جي اها تقاضا آهي ته تون پنهنجي هر قـول ۽ فـعل ۾ مردانه وار ٿـي هـل؛ ۽ +تنهنجو هر قول ۽ فعل تنهنجي نالي جي شايان شان هجي. تون دنيا کي جيتڻ جي ڪوشش ڪر؛ هڪ عورت جنهن کي پنهنجي هٿن سان هيڻي ۽ بيوس بنائي پنهنجي ماتحت رکيو اٿئي، تنهن کي تو جِيتيو ته ان ۾ تنهنجو ڪهڙو وڏو ڪمال آهي! +اولاد جي اڪثر نگهباني، ماءُ ڪري ٿي؛ مگر جيئن ته مسلمان عورت، گهڻو ڪري چوديوارين ۾ بند آهي، تنهنڪري، پيءُ جو فرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻاهرينءَ دنيا ۾، اولاد جي چال چلت، سنگت ساٿ ۽ تعليم ڏانهن توجهه ڏئي. ماءُ، پنهنجي اولاد جي ٻاهرين نظرداري ڪري نٿي سگهي. انسان هجڻ جي لحاظ کان ”انسانيت“ اشد ضروري آهي؛ ۽ اها ڪا اهڙي معمولي ڳالهه نه آهي، جا ٻارن ۾ آسانيءَ سان اچي سگهي. تڏهين مرد جو فرض آهي ته هو پنهنجي ملاقاتين، سئنيمائن، راندين، ڪلبن تي وقت وڃائڻ بدران، اولاد جي علم، ادب ۽ اخلاق تي مڪمل نگهباني ڪري. اڄوڪيءَ دنيا ۾ اک ورائي ڏسبو، ته وڏا ماڻهو جن جي نالي وٺندي عوام جي ڇاتي پيئي ڇرڪِي، سي پنهنجي پويان اهڙو اولاد ڇڏي ويا آهن، جو ٽڪو ئي نه لهي: شراب خوري، زنا، رشوت انهن جا مول متا آهن. منهنجا عزيز ڀاءُ! دنيا ۾ ٿو رهين، ڪنهن برپٽ ۾ ته ڪونه ٿو رهين! بادشاهيون پيون ڦرن گهرن، زمانو پيو دمدم نازڪ دور مان لنگهي؛ پوءِ انسان کي پنهنجي ذاتي دوست، يعني علم ۽ هنر ئي ڪم ٿا اچن، ۽ نه مال ملڪيت. اڻ پڙهيل باغبان به پنهنجي باغ کي سرسبز ۽ شاداب ڪري، ان جا ڦـَلَ ڦـُلَ ڏسي ٿو؛ تو جهڙي هڪ پڙهيل پرجهيل شخص، انساني زندگيءَ کي ترقيءَ ڏانهن گامزن نه ڪيو، ته پوءِ حيف، صد بار حيف آهي تنهنجي حال تي! رڳو حڪومت جي نشي ۾ حق تلفي ڪندڙ نه ٿيءُ! +گهرن خواه قومن جو هلائيندڙ، هيلتائين، برابر اڪثر مرد پئي رهيو آهي؛ هن پاڻ کي پنهنجي گهر جو به عام مختيار مقرر ڪيو آهي؛ پوءِ، هو جيڪڏهين زال کي آزاري ٿو، ٻي شادي ٿو ڪري، اولاد جا حق ٿو ڀڃي، ته ان وقت به ڪير کيس چوڻ چوائڻ وارو ڪونهي. ان مان ثابت آهي ته موجوده سماج ۾ ، مرد ، پنهنجي گهر اندر ، هڪ غير محدود شهنشاهه کان به زياده اختيار جو مالڪ آهي. تڏهين حڪومت جي نشي ۾ پنهنجي حيثيت جو فائدو وٺي، فرض کي فراموش نه ڪر، ڇو ته گهر ٻار جا حق ضبط ڪرڻ، ان پـُل کي ڊاهڻو آهي، جنهن تي انسان خود بيٺو آهي. +جڏهن خدا توتي ”خاص فضل“ جو ڦيرو ڪري، تنهنجي عزت، گهر جي مڙني ڀاتين ۾، اعليٰ ڪئي آهي، تڏهن تنهنجو گردن شڪر ادائي ڪندي جهڪي، ۽ تنهنجي دل خدا جي خوف سان ڀرجي وڃي ته بهتر آهي؛ ڇو ته جنهن خالق اڪبر توکي هن ”رتبي“ تي رسايو آهي، سو توکان سڀڪجهه کسي به سگهي ٿو. بادشاهي ڪڏهن به عياشي نه آهي، بلڪ هڪ بار آهي، جوابداري آهي، جنهن جا فرض، توکي ڊڄي ڊڄي ضرور پوريءَ ريت ادا ڪرڻ گهرجن. +جڏهن تون ان کان به ڪنهن وڏي جوابدار عهدي تي رسين، ۽ ملڪ ۽ قوم جي حڪومت جا وڏا بار تنهنجي ڪلهن تي پون، ۽ انگ اگهاڙيءَ، پيٽ بکيءَ قوم جي ڍڪڻ ۽ ڍَوَڻ جي ذميواري تنهنجي مٿان اچي، تڏهن تون نهايت هوشياريءَ ۽ احتياط سان اهي پاڻ تي رکيل جوابداريون پوريون ڪر: قوم جي خدمت جا حق بجا آڻ. بک، بيروزگاري ۽ بي علميءَ جي پاڙ پٽ. جيڪڏهن تون قوم جي سياه سفيد جو مالڪ آهين، ته فرض جي پڪار تنهنجي ڪنن ۾ گونجڻ گهرجي: تون مظلومن جو مددگار ۽ هيڻن جو حامي ثابت ٿيءُ، ۽ تنهنجو دامن داغدار نه رهي. اها ڪيتري نه حسرت ڀري ڳالهه ٿيندي، ته بحيثيت هڪ عملدار جي؛ سڀڪجهه سمجهڻ جي باوجود، دنيا جي قومن جي ترقي پذير حالت ڏسندي، تون پنهنجي مرده قوم ڏانهن غافل رهين ۽ پنهنجو سمورو وقت محض پنهنجي طاقت ۽ اقتدار کي قائم رکڻ ۾ ضايع ڪرين، رڳو ڏيکاءَ جي فڪر ۾ رهين؛ دورن ۽ ٺَلهين دعوتن ۾ مست گهمندو وتين؛ مسڪين، ڏُتڙيل قوم جي پئسن مان دنيا جي چئني ڪنڊن جا سير ڪري، پنهنجي اباڻي ڏاڏاڻي وطن جي مورڳو جاگرافي ئي ڀلي وڃين! فقط تقريرن مان ڇا ورندو: ”مغزما خورد، حلق خود بدريد“ ۽ بس! بادشاهي هلائڻ ڪا مزيداري نه آهي؛ مگر ڪم ڪرڻو آهي؛ ۽ هڪ اهم جوابداري آهي. هڪ صحيح انسان کي، اهو چڱيءَ پر سمجهڻ گهرجي ته حقيقي عزت ۽ سچي طاقت، خدمت ڪرڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿي. سو، جڏهن خادم ٿيندي، تڏهن مخدوم بنجڻ جي نوبت اينديئي. +هونئن به بند کي بندي تي لازم آهي. هر نيڪ ڪم، جو نيڪ ارادي سان ڪجي ٿو، اهو عبادت ۾ داخل آهي. ان لحاظ کان، پهرين حقوق العباد، پوءِ حقوق الله. حقوق العباد جي حالت ۾، توکي پنهنجي زال، اولاد خواه همساين سان بهتر ورتاءُ ڪرڻ کپي. تنهن کان سواءِ، هر دنيوي معاملي ۾ _ جنگ ۾، صلح ۾، واپار ۾، ڌنڌي ۾ _ مقرر ڪيل اصولن جي پائبندي ڪر. ڪنهن جو حق غضب نه ڪر؛ واعدو ڪرين ته پورو ڪر؛ ٺڳي، چوري، دغا بازي ۽ دوکيبازيءَ کان پري رهه؛ ڪنهن جِي دل آزاري، قول يا فعل سان، نه ڪر؛ ڇو ته جو انسان هنن ٿورن اصولن جي پائبندي نٿو ڪري، اهو انسانيت جي درجي کان ڪِريل آهي. +پاڇي پٺيان نه ڊوڙ: دنيا ۽ ان جون خوشيون بي بقا شيون آهن. تون مرد خدا ٿي، ظاهر بين نه ٿيءُ. انهن ڳالهين جي پويان نه پئو ۽ اهي فعل نه ڪر، جن جو نتيجو خراب نڪري، ۽ تنهنجي لاءِ وبال جان ثابت ٿين. هيءَ دنيا ۽ ان جون خواهشون، توکي گمراهيءَ جي طرف نينديون، ۽ توکي وڃي ڪنهن وڏي اُلجهن ۾ وجهنديون. تون پاڪيزگيءَ کي پنهنجو شان سمجهه، جا توکي پروردگار جي حضور ۾ پهچائي. عزت انسان جو تاج آهي. تون ”قالو بليٰ“ واري قول کي کي ياد ڪر. هيءَ زندگي چار ڏينهن آهي. توکي ان خالق اڪبر جي حضور ۾ حاضر ٿيڻو آهي، ۽ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي؛ پوءِ اتي تون پنهنجن گناهن لاءِ ڪهڙو عذر پيش ڪندين؟ تنهنڪري، تون پرهيزگاريءَ کي پنهنجو پيشو بناءِ. ائين نه ٿئي جو خدا وند تعاليٰ جي درگاهه عالي ۾ پشيمان ٿيڻو پويئي. تون پاڻ ۾ اخلاق حسنه پيدا ڪر. چند روز توکي موقعو ڏنو ويو آهي: جيڪي ڪمائيندين، ان جو اڳتي ڦل پائيندين. وقت وڃائيندي ته پڇتائيندين. وري هيءُ مور نه ملندءِ. +اي راهه رو! تون پنهنجي زندگيءَ کي عمل جي سوجهري سان چمڪاءِ: +”در جهان روشن تر از خورشيد شو!“ + + +والدين ۽ اولاد جون ذميواريون +عورتن ۽ مرد، والدين جي حيثيت ۾، پنهنجي محبت جي مٺڙي ميوي کي، پنهنجي گڏيل سايي، ۽ رحم ۽ پيار جي پناهه هيٺ پالين ٿا: نه صرف پالي وڏو ٿا ڪن، ليڪن هِن ڪشاديءَ دنيا جي خرابين کان، هن لاءِ بچاءَ جو سهارو پڻ هـُو ئي آهن. جوابداري محسوس ڪندڙ والدين ته اولاد کي تهذيب ۽ تربيت جي اعليٰ سانچي مان ڪڍي، اُن کي هڪ صحيح معنيٰ ۾ انسان بنائي، علم جي زيور سان آراسته ڪري، هڪ مـُنور ۽ روشن ستاري واري اهميت بخشين ٿا. جاهل طبقو يا ڪوتاهه بين انسان به وت ۽ سمجهه آهر، پنهنجي اولاد جو وڏو خيال رکن ٿا، ۽ هر نقطي نگاهه کان هنن جي حفاظت ۽ نگهباني ڪن ٿا. اها ايتري محنت والدين کان ڪير ٿو ڪرائي؟ اها آهي ”محبت“_ لافاني، پاڪ ۽ بي غرض محبت _ جا ئي کين پورهئي لاءِ آماده ڪري ٿي. اولاد، پنهنجي پيءُ ماءُ جي انهن احسانن کي ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهي؟ پنهنجي ساهه صدقي ڪندڙ مائٽن جي محبت جو اهو بوج، اولاد آخر ڪيئن لاهي سگهندو؟_ بغير انهيءَ جي ته هو پاڻ وڏي ٿيڻ تي، والدين جي صورت ۾، پنهنجي اولاد ڏانهن اهڙا ئي فرض بجا آڻي، ۽ اهڙيءَ ريت، پنهنجن مائٽن جو اهو فرض ادا ڪري! +باوجود انهيءَ بي ڪنار ۽ بي لوث محبت جي، جا هنن پنهنجن مائٽن کان حاصل ڪئِي، ڪي والدين، هر هنڌ، هر قوم ۽ هر گهر ۾، پاڻ کي صحيح والدين ثابت ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿا ٿين. سو ڇو؟ اهو سوال ويچار جي قابل آهي، ۽ نهايت اهم آهي. مگر، ان جو بي ڌڙڪ جواب هيءُ آهي ته: ”پيار آهي، پر سمجهه نه آهي.“ ماءُ، جنهن جي ذمي ايتريون حياتيون بطور ”امانت“ جي آهن، تنهن کي اهو علم ڪونهي، جو هوءَ اولاد جي عاقبت، عزت ۽ عظمت، علميت، عصمت ۽ صحت صفائيءَ وغيره جو اونو رکي، محنت ڪري، انهن سان مٿو هـڻي، ۽ انهـن کي هڪ مڪمل ماڻهوڪري سگهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته کيس اهڙي +تعليم پنهنجي پست پيل قوم مان ملي نه آهي. فقط پيار ڪنهن کي به مڪمل انسان بنائڻ لاءِ ڪافي هٿيار ٿي نٿو سگهي. جيئن ڪو ڊاڪٽر هڪ بيماريءَ لاءِ قسمين قسمين جوهر ملائي، هڪ مرڪب دوا يا پـُڙي ٺاهيندو آه��، هـُو بهـُو ائين، والدين کي به هڪ معصوم کي سڌارڻ لاءِ هزار طريقن کي استعمال ۾ آڻي، هڪ خاص قسم جو گهربل انتظام قائم ڪرڻو پوي ٿو. +سون نج آهي، مگر زيور جي صورت تڏهن ٿو وٺي، جڏهن سونارو ان کي باهه ۾ پگهاري، اوزارن سان ٽـُڪ ٽـُڪ ڪري، موڙي مروڙي، ڪا نه ڪا صورت بخشي ٿو. لوهه، تلوار جي صورت ڪيئن ٿو وٺي؟ جڏهن ان کي باهه ۾ ڳاري، ان جي هستي ماري، ان کي اوزارن جي رُخ چاڙهي، تلوار جي صورت ۾ آڻجي ٿو: +”هيچ چيزي، خودبخود چيزي نه شد، +هيٺ آهن، خودبخود تيغي نه شد!“ +اهڙيءَ طرح، ٻار به سراپا ”معصوم“ يا اڻ ڄاڻ پيدا ٿئي ٿو. هن کي روڪ ٽوڪ، ضابطي، مار، پيار ۽ سمجهاڻيءَ سان ئي ”انسانيت“ جي سند حوالي ڪري سگهجي ٿي. دنيا جو سڄو ڪاروبار ”انتظام“ تي هلي ٿو. ڪورٽن جو ڪارخانو، اسڪولن ۽ اسپتالن جو ڪاروبار، پيرين پنڌ مسافرن، ريل گاڏين ۽ جهازن جي سرانجامي، اهي سڀ ڳالهيون هن هڪ لفظ ”انتظام“ ماتحت ئي پوري پئماني تي ممڪن ٿي سگهن ٿيون. آزمودو ٻڌائي ٿو ته هر ڪاروبار ۾ ”انتظام“ جي هڪ تِر جيتري انحرافي ڪرڻ سان سڄو سرشتو ڊهِي اچي پٽ پوندو آهي. ”تـِر جي گـُٿي سئو چوٽون کائي.“ مثلاَ َ، هڪ آگ گاڏي، هڪ اسٽيشن کي مقرر وقت تي نٿي ڇڏي، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلي ٿِي، ته يقيناَ َ، ڪٿي نه ڪٿي رستي تي، ڪنهن نه ڪنهن ٽرين سان، هن جي ٽڪرجڻ جو امڪان آهي؛ ڇو ته سامهونءَ واري ٻي گاڏي تي پنهنجون اسٽيشنون ۽ پٽا مقرر مهل تي مٽائيندي ۽ بدلائيندي ايندي. +پوءِ جڏهين خسيس بدانتظامي، جان ۽ مال جي نقصان جو باعث بنجي ٿي، تڏهن انسان ذات ڏانهن غافل رهڻ، يا ان کي بدانتظاميءَ سان هلائڻ جو نتيجو، تنهان ئي زياده اُگرو ڇو نه ثابت ٿئي؟ تنهنڪري، +”چرا ڪاري ڪـُند عاقل، +ڪ باز آيد پشيماني؟“ +ظاهر آهي ته اولاد تي جيڪڏهن باريڪ نظر رکبي، ته هر نقطي نظر کان، جلد ئي اڳتي هلي، ضرور ”سئو چوٽون“ کائڻيون ئي پونديون. تنهنڪري، سنڌ جي ڀينرن کي استدعا آهي ته هو دل جون اکيون، دل جا ڪـَن، ۽ مـَن جون اندريون کولي، هيءُ مضمون پڙهن ۽ دل سان هنڊائين. +والدين جو پيار ته پڌرو آهي: پر جاهل والدين جو پيار به اولاد لاءِ اڪثر الٽي مصيبت ۽ عذاب جو سبب ٿو بڻجي. پيار ته پيار جي ماڳ، پر اڪثر جاهل طبقن جا ماءُ پيءُ، پنهنجي اولاد تي اها حڪومت، زبردستي ۽ ظلم ڪن ٿا، جو معصومن جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. وڏي ٿيڻ تي وري هنن جي شادي، پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪري، هنن غريبن جي ساري زندگي تلخ تاراج ڪري ٿا ڇڏين ۽ پوءِ، جي اولاد ٿو روئي کڻي سامهون ڪجهه ٻه حرف ٿو ڪڍي، ته بس ”ڌڻي ڏئي ٻانهو سـَهي“ واري ڪار ڪري ڇڏيندس. چي: ”اسان اوهان کي ڄڻي، هيءُ جهان ڏيکاريو، انهيءَ لاءِ ته اسانجي ڏاڙهي پـَٽيو ۽ مـُنهن ۾ ٿـُڪيو!“ وغيره وغيره. +ائين برابر آهي پيءُ ماءُ تي غير معمولي جوابداريون آهن، اولاد جي زندگاني گويا سندن مـُٺ ۾ آهي، ۽ ”زندگيءَ“ جي وڏي قيمت آهي؛ پر تنهن جي معنيٰ اها نه آهي ته مائٽ پنهنجي اولاد جي ”روحانيت“ کي به دفنائي ڇڏين، ۽ کين بنهه ”صدقي جي ٻڪري“ سمجهي، پنهنجي عجيب غريب خواهشن ۽ خيالن جي اڏيءَ تي چاڙهي قربان ڪري ڇڏي! بجاءَ انهيءَ جي، مائٽن کي ڪشاده دل ٿيڻ گهرجي: اولاد جا مناسب انگل آرا به کڻڻ گهرجن، ۽ اولاد جي وڏي ٿيڻ تي، ساڻن واسطي رکندڙ ڳالهين ۾، خاص طرح، کين هنن جو رايو وٺڻ گهرجي. آخر ته هـُو به انسان آهن! آخر ته انهن ۾ به خدا جا عطا ڪيل جوهر موجود آهن! ساڻن فراخدليءَ سان پيش اچبو، ته هنن جي سمجهه وڌندي، ۽ دل به وڏي ٿيندين. اولاد ته برابر ٿيو، مگر هنن کي هڪ الڳ اهميت ۽ هڪ ڌار زندگي به آهي. تنهنڪري، اسان کي، هنن سان ائين هلڻ گهرجي، جنهن مان هنن کي محسوس ٿئي ته اسان کي سندن انفرادي شخصيت جي ڄاڻ ۽ ان لاءِ عزت آهي. ڇو ته ٻار، نفيس گل آهن. هنن کي پيار جي ريج سان پالي وڏو ڪرڻو آهي؛ ورنه هـُو ڪـُومائجي ۽ مـُرجهائي يا ته هميشه ڊيڄڙي جي مرض جا شڪار ٿي پوندا، يا منجهانئن ڪي وري، اسان جون ڇڙٻون ۽ سختيون سهي سهي، ”خشڪ مزاج“ ۽ پٿر دل حيوان بنجي ويندا. ياد رکڻ گهرجي ته زور زبردستيءَ سان هلائڻ ڪري، معصوم ٻار جي ”خودداري“ ناس ٿي وڃي ٿي: هو هميشه ڦلهڙو ۽ زرد رُو پيو معلوم ٿيندو، ۽ پاڻ کي ”هيچ“ سمجهي سمجهي، ڪڏهن به هن ۾ دنيا جي آڏو سرخرو ٿيڻ جي همت ئي نه پيدا ٿيندي. +هر بشر جي سيني ۾ هڪ ”دل“ آهي، جا خدا جو گهر آهي؛ ۽ ان ۾ خـُودي آهي؛ جا خـُودي، بيجا عزت جو نقصان ۽ بيجا ٻئي جي آڏو جهـُڪڻ پسند نه ڪندي آهي. اهوئي سبب آهي جو ٻار ڪڏهن ڪڏهن مائٽ جي سامهون پوندو آهي، ۽ مائٽَ بجاءَ ان جي، جو هن کي سمجهن ۽ پنهنجيءَ زيادتيءَ تي پشيمان ٿين، اٽلو ٻار کي وڌيڪ مجرم ٺهرائي، هن کي ”بي ادب“ ۽ ”بي حيا“ جهڙن ذليل ڪندڙ لقبن سان وڌيڪ خراب ڪندا آهن. کڻي مڃجي ته والدين اولاد جي زندگيءَ جا مالڪ آهن، مگر عزت جا ڪڏهن به نه: هـُو ٻار جي جسم جا وارث ٿي سگهن ٿا، مگر روح جا ڪنهن به صورت ۾ نه. +اهي انسان، جن کي سڀ ڪجهه اوهان سيکاريو، ۽ جيڪي اوهان جي هنج ۾ نپجي وڏا ٿيا، سي جي اوهان کي سامهون پون يا ٻيءَ طرح خراب ثابت ٿين، ته جوابدار ڪير؟ جواب ظاهر آهي، ته انهن جا هلائيندڙ. پوءِ، هلائڻ اسان کي نه اچي، ۽ جوابدار اولاد کي سمجهون! اهو آخر ڪٿان جو انصاف آهي؟ هو اسان جي قبضي ۾ آهن، ۽ نه اسان هنن جي: تنهنڪري، اسان تي هنن جا وڏا حق آهن، جيڪي اسان کي ادا ڪرڻ گهرجن. جيئن رات، ڏينهن کي؛ ۽ ڏينهن، رات کي هڪ ٻئي جي چادر ۾ ويڙهين ٿا، ۽ هڪ جي ختم ٿيڻ ۽ ٻئي جي شروع ٿيڻ وارن لحظن ۾ ڪا به لکا يا پريشاني پيدا نٿي ٿئي، تيئن والدين ۽ بعد ۾ اولاد، هڪ ٻئي کي محبت ۽ خدمت جي ”پاڪ چادر“ ۾ ننڍپڻ کان وٺي ٻڍاپي تائين، ۽ ٻڍاپي کان وٺي ننڍپڻ تائين، ائين ته ويڙهين ٿا، جو اها خبر ئي نٿي پوي ته والدين جو وجود ڪٿان کان شروع ٿيو ۽ اولاد جو ڪٿان کان. +”ڪرهو ڪيسر آءٌ، پسو ولاڙيو +ٻيٽو ٻاپ ملاءُ، ذرو ضايع نه ڪري.“ _شاهه +والدين جا فرض هي آهن: +1_ اولاد جو نالو اهڙو رکن، جو وڻندڙ ۽ سڏڻ ۾ سولو هجي، ڇاڪاڻ ته نالي کي به پنهنجي ذاتي سـُونهن ٿيندي آهي، ان جو اسان جي زندگيءَ تي نفسياتي اثر پڻ ٿيندوآهي. منهنجو مطلب هروڀرو اهو نه آهي ته فقط عربي ٻوليءَ جا ئي نالا رکجن: بادل، سانوڻ، گلاب، بهار، بهادر، سچـُو، وندر، سهڻي، هير، وينگس، ڀاڳ ڀري_ اهي نالا ڪي گهٽ معنيٰ وارا ۽ گهٽ سهائيندا نه آهن. +2_ ”پالنا“ لفظ ۾ انيڪ قسمن جون ذميواريون سمايل آهن. پالڻ جي معنيٰ فقط ”ننڍي وهيءَ ۾ کير مکڻ، ۽ وڏي ٿيڻ تي کاڌ خوراڪ ڏيڻ“ نه آهي؛ پر ان جي معنيٰ آهي ته ٻار کي سندس ”انسانيت“ کان آگاهه ڪري، ان عظيم درجي تائين پهچڻ لاءِ لائق بنائڻ. پرورش ۽ پيار سان گڏ پوشيده پيغام به پهچائڻا آهن، ۽ سندس ذهن کي فهم جي بلنديءَ سان روشن تر به ڪرڻو آهي. نه فقط مار سان، نه صرف پيار سان، بلڪ اهڙيءَ يڪجهتيءَ ۽ انتظام سان ٻار کي هلائڻو آهي، جو ”لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي“: يعني خوش خلقيءَ ۽ سمجهائڻ سان، ٻار ۾ اهڙين اعليٰ عادتن جو ٻج وجهڻو آهي، جيڪي عادتون، اڳتي هلي، سندس طبيعت جا لازمي جزا بنجي پون. ٻار کي اڍنگي هلڻ تي روڪڻو آهي؛ نه چئي مڃڻ تي، سمجهائڻو آهي؛ ۽ هن جي تربيت لاءِ اهو ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جو هـُو خود بخود باز اچي وڃي، ۽ ازخود چڱي مـَٺي کي سمجهي وڃي. +معصوم ٻار جي طبيعت اهڙي ته سٻاجهڙي ٿي ٿئي، جو اڪثر فقط همدرديءَ ۽ پيار سان سمجهائڻ تي ئي، هـُو پنهنجيءَ نازيبا روش کي سڌاريو ڇڏي. سوال رڳو آهي ته ڪو سمجهائڻ وارو هجي، ۽ واقعي جيئن ٻار کي سمجهائڻ جڳائي، تيئن ڪو سمجهائي به سگهي. ”نيم طبيب خطرهء جان“ جي قصي وانگر، اڻ ڄاڻ والدين به ٻار لاءِ جنسي زحمت ثابت ٿيڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ٿا لائين. ماءُ کي گهرجي ته اولاد جي دل تي ”سٺن خيالن“ جو ٻج ڇٽي: هن جي تندرستيءَ سان گڏ، ”من _ درستيءَ“ جو به فڪر ڪري. چوندا آهن ته ”سـَلو اَنگورين ڀلو“: پڪن گهـَڙن کي ڪَنا ڪين وجهي سگهبا آهن. سمجهدار مائٽ اُهي، جي ڄاڻن ٿا ته ٻارن جا بيسود ناز ۽ انداز برداشت ڪرڻ معنيٰ کين هٿ وٺي کارڻ. +نهايت ضروري آهي ته عمر ۽ عقل جي مدنظر، نوڪرن هوندي به، ٻارن کي ڪجهه ڪم تي ڪيڙجي. نرسين ۽ نوڪرين جي حوالي، ٻار ڇڏڻ، هنن جي معصوميت سان گويا غداري ڪرڻ جي برابر آهي. هنن ابهمن جي روبرو خانگي ڳالهيون ۽ جهيڙا فيصل نه ڪرڻ گهرجن. بار بار هنن جا ضد پورا ڪري، کين ضدي نه ڪرڻ گهرجي. کين نقد پئسن جون خرچيون ڏيئي، سندن تندرسي نه بگاڙجي. غرض، هنن کي اهڙيءَ سيرت سان سرفراز ڪري وڃجي، جو ٻيا ماڻهو هنن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ نشست برخاست جو نقل ڪري کين ٻه دفعا ڏسن، ڇو ته اخلاق زندگيءَ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي. +3_ طهرائڻ: هيءَ مسلماني رسم آهي، ۽ سنت طور بجا آڻبي آهي. ڪٿي، غريب مائٽ، مالي حالت تنگ هئڻ سبب، نهايت دير سان ٻار کي طهرائيندا آهن. اها هڪ وڏي ناداني آهي، ۽ ٻار لاءِ پڻ گهڻي عذاب جو باعث آهي. ڪٿي وري، شاهوڪار، طهر تي تمام گهڻو پئسو ضايع ڪندا آهن. طهر هڪ ”نبوي سنت“ آهي، جا اهڙيءَ عمر ۾ ادا ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ٻار کي شرم نه اچي ۽ نه عذاب ٿئي، ۽ نه ان ۾ فضول خرچ ڪرڻ جو بنهه ضرور نه آهي. +4_ پرڻائڻ: هيءَ هڪ نازڪ جوابداري، والدين جي ڪلهن تي آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته نه صرف نياڻيون پر ڇوڪرا به، گهڻن هنڌ، مائٽن جي مرضيءَ جي آڏو اچي نه سگهندا آهن، ۽ پوءِ زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ تائين، روحاني ۽ ذهني ڪشمڪش ۾ گرفتار هوندا آهن. هيءُ حياتيءَ جو سودو آهي، ۽ جيتوڻيڪ، والدين کي پنهنجي ٻار جي متعلق سوچڻو ئي پوي ٿو، تڏهين به کين گهڻي قدر، هن معاملي ۾، ٻار جي ئي رايي سان هلڻ گهرجي. ڇوڪريءَ جي مائٽن کي ته فطرتي طرح پهريائين ڏسڻ کپي ته ڇوڪرو پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي يا نه، هو گهر جي بار کڻڻ جهڙو آهي يا نه، ۽ اهو سڀڪجهه ڏسي وائسي، سوچي سمجهي پوءِ کين ڪو قدم کڻڻ گهرجي. +سڀ کان اول، ٻار جو خيال جاچڻ گهرجي. مبادا اها مائٽي سندس ارادن جي ابتڙ هجي. جيڪڏهن، اتفاقاَ َ ڇوڪرن جو خيال ڪنهن غير موزون جڳهه يا غلط رستي تي هجي، ته به مائٽن کي زبردستيءَ کان ڪم وٺڻ نه گهرجي، ڇو ته جيئن ٻاراڻي اوستا معصوم آهي، تيئن جواني وري ديواني ۽ مستاني آهي، ۽ ان ۾ به، والدين کي، تحمل ۽ سمجهاڻيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڪٿي وري، مائٽ، زبردستيءَ سان، پنهنجن ۾ شادي ڪرائيندا آهن، حالانڪ ڇوڪرا تعليم يافته هوندا آهن ۽ ڇوڪريون نه. اهڙي قسم جي شادين جو نتيجو آهي ناسازي: پوءِ مرد ته پنهنجي هر فعل جو مختيار آهي، سو گهر سان ناساز ۽ ٻاهرينءَ دنيا سان سازباز ڪريو پيو حياتي گذاريندو، ليڪن نياڻي تباهه ٿي ويندي. ڇوڪريءَ جي شادي، هن جي بلوغت کان به گهٽ ۾ ��هٽ ٽي سال پوءِ ڪرائجي. ياد رکڻ گهرجي ته ڪچيءَ عمر جون شاديون، عورت خواه اولاد لاءِ، نقصان ڪار آهن. ڇوڪريءَ متعلق هي به ڏسڻ گهرجي ته علم ۽ هنر سان گڏ، هوءَ گهَر جي بار کڻڻ جي لياقت ۽ عقل به رکي ٿي يا نه. لفظ ”شادي“ ”شاد“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشي“: سو ان ۾ بيپرواهي ۽ بي نيازي هرگز نٿي جڳائي. البت جوانيءَ جي انڌ ۾، ٻار غلط راهه تي هجي ته کيس سـمجهائي ۽ ٻـي مناسـب ۽ صـحيح راهه ڏَسـي، باز آڻـڻ جـي ڪـوشش ڪـري سگهجي ٿي، ۽ اها ڪوشش، جيڪڏهن مخلصانه ۽ محبت ڀري آهي، ته مائٽ کي ضرور ڪاميابي نصيب ٿيندي. ڪٿي، ڪي مائٽ جن کي اولاد لاءِ اٿاهه محبت هوندي آهي، اولاد جي شادي، زردار مگر بدڪردار سان ڪرائي، کين اهڙو ته پاڙئون لـَٽي ڇڏيندا آهن، جو وري منجهن اُسرڻ جي اميد ئي نه رهي. ڪـُهڻ جو اوزار فقط ”ڪاتي“ به نه آهي: اولاد جي غلط هنڌ تي شادي ڪرائي به کين ڪـُهي سگهجي ٿو! +موت جي جن نازڪ لحظن مان ماءُ لنگهي ٿي، جنهن پگهر جي پورهئي سان اولاد کي پيءُ پالي ٿو، اها ڪيفيت ۽ حالت اڪثر ٻار نه ڏسن ٿا ۽ نه سمجهي ئي سگهن ٿا. تنهنڪري، کين اهڙي قسم جا احسان جتائڻ، ۽ اها ڪوشش ڪرڻ ته هو انهن کي محسوس ڪن، ائين آهي جيئن ”ٻٻر کان ٻير گهرڻ“: تنهنڪري، اولاد سان هميشه دوستانه سلوڪ رکڻ گهرجي، هنن جي دل وٺڻ گهرجي، هنن جي جذبن ۽ روحانيت سان راند ڪري، کين اهڙي هميشه جي قهري ڪـُن ۾ ڦٽو نه ڪرڻ گهرجي، جتان کين نڪرڻ بنهه مشڪل يا محال ٿي پوي. اولاد جي ناتوانيءَ جو اڍنگو فائدو وٺي، انهن کي اوڙاهه ۾ نه اڇلائڻ گهرجي. غرض ته انتخاب صحيح ڪرڻ گهرجي. هنن کي، هڪ ٻئي جي ڏسڻ جو هڪ دفعو موقعو ضرور ڏيڻ گهرجي. ائين نه ڪرڻ سان ناخوشگوار نتيجا نڪرندا آهن.ا +پست پيل قوم جي ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي! ڪن غريب ۽ جاهل مائٽن لاءِ ته نياڻيون دولت جو ذريعو بڻجيو پون: پوءِ اهڙا ڪلور ڪندا، جو توبهه نعوذ باالله: شريف ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو، جي مناسب رقم به ڏيندو ته اتي پنهنجي نياڻي نه ڏيندا، ته باقي ڪو بدچال ۽ بي سمجهه پئسن جي جهول ڀري ڏيندن، ته نه ڏسندس عمر ۽ نه جاچيندس اطوار ۽ افعال. ههڙا به آهن ڪي حضرت ”ماءُ _ پيءُ“، جن جي محبت چانديءَ جي چمڪي ۽ سون جي سڪي سان ته آهي، پر پنهنجي جگر گوشن ۽ ساهه جي ساٿين سان نه! +”(مائٽ مائٽ) نه چئو، آهيڙي آهين، +مرونءَ سندي ماس تي، ٿا ماڻڪ مٽائين، +اهڙائي آهين، لعنتي ’لطيف‘ چئي.“ _شاهه +اولاد جا فرض: +ٻار جڏهن هن دنيا ۾ پيدا ٿئي ٿو، ته هن کي ستين سالين ۽ اڃا به وڌيڪ عمر تائين ته پنهنجي ”جوابدارين“ جو احساس نٿو ٿئي. برابر هو پڙهي ٿو ته ”ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي“، يا هن کي وڏا ٻڌائين ٿا ته به ڏٺو ويو آهي ته هو بي خبر رهي ٿو. تنهنڪري، ٻار ۾، شروع ۾، فقط ”چئي مڃڻ“ جي عادت وجهڻ گهرجي. ”مڃتا“ اڳتي هلي، ”ادب“ جي صورت اختيار ڪندي. جڏهن اهو جوهر وجود ۾ ميسر ٿي ويو، ته ٻيون خاصيتون خودبخود ڊوڙنديون اينديون. تڏهن ته سالڪن به خدا سائين کان ادب گهريو آهي: +”از خدا خواهيم توفيق ادب، +بي ادب محروم ماند از لطب رب“. +اولاد تي ٻيو حق اهو آهي، ته جڏهين والدين پيرسن ٿين، ته انهن ٻڍڙن جي، پنهنجي ”اولاد“ سمان سار لهن، ۽ هنن جا ناز سهن، هنن سان محبت ڀريو ورتاءُ ڪري، پنهنجو محشر موچارو ڪن، هنن جي بيوقوفيءَ ڀريون باتيون به وڏي دل ڪري درگذر ڪن، انهن چند لحظن جي مهمانن کي نه چيڙائين، کانئن بيزار نه ٿين، ۽ پنهنجن ”شرير“ ٻارن کي کين خفا ڪرڻ جو موقعو نه ڏين: غرض ته ٻڍڙن مائٽن جي اها پرورش ڪن، جو مٿانئن سر صدقي ڪرڻو پوي ته ان کان به نه گسن. +والدين جا، اولاد تي، ان کان ٻيا وڌيڪ ڪهڙا حق ٿي سگهن ٿا؟ ڪٿي ته ٻڍاپي کي پهچڻ هوندي به مائٽ اولاد جا محتاج نٿا ٿين. ڪٿي وري، اولاد وهيءَ رسي ئي رسي، تيسين ويچارا وڏڙا اڳيئي ٻيءَ دنيا ۾ وڃيو آرامي ٿين. باقي جتي هو کڻي جيئرا به آهن، ۽ حالتون به محتاجيءَ ڏانهن مائل اٿن، ته به ڇاڪاڻ ته هو مونا کائي وڃي مٿي چڙهيا آهن، تنهنڪري، بغير پيار ڀريءَ پرورش جي، آخر ٻئي ڪهڙي حق جي؛ هو ويچارا پنهنجي اولاد کان طلب ڪري ٿا سگهن! +بهار ۽ خزان +بهار ۽ خزان سال جا لازم ملزوم منظر آهن؛ الله عزوجل جي نمايان قدرت ۽ حڪمت جو جيئرو مظهر آهن: ظاهر پرست انسان لاءِ وصال جي عيد ۽ فراق جي برابر آهن، ڏسڻ واريءَ اک لاءِ نور جي نمائش؛ ۽ فنا ۽ بقا جو پيغام؛ نڪته بين دل لاءِ قدرت جي ڪرشمه سازيءَ جو اعليٰ ترين ڪارنامو آهن. +قدرت الاهي، انسان ذات کي ڏيکاري ٿي ته دنيا ۾ غم ۽ خوشي ٻيئي لازم ملزوم آهن: هميشه نه خوشي رهندي ۽ نه غم رهندو. درحقيقت، هر غم ۽ هر خوشيءَ ۾ اونهو راز رکيل آهي. جنهن، غم کي رڳو غم سمجهيو ۽ خوشيءَ کي رڳو خوشي _ اهو دوکي ۾ آهي. قدرت جا جدا جدا منظر ۽ نظارا انسان ذات لاءِ سبق آهن. جنهن هن راز پنهان کي سمجهيو ۽ پروڙيو، سو بچيو، جو منجهيو، ان جو موت آهي. +بهار، مصنف جي قلم جي زينت کي وڌائي ٿو. شاعر، قلم هٿ ۾ کڻڻ ۽ گوناگون نظارن ڏسڻ بعد حيران ۽ پريشان آهي ته هو ڇا لکِي ڇا لکي: پوءِ هو، مستيءَ ۾ مست ٿي چوي ٿو ته: +”هر اڪ گل دا ويک تماشا، ٿيوين رمز شناسي، +ويک گلان وچ جلوه ذاتي، هوندي گم حواسي!“_ +غرض ته موسم بهار کان باغ کي ناز، ۽ باغبان کي بهاري، ۽ دل کي طراوت ۽ تازگي آهي. گلستان ۾ ڀانت ڀانت جي گلن ڦلن جي رنگيني ۽ جلوه آرائي آهي: هر گل ٽڙي ٿو، ۽ هر مکڙي کِلي ٿي: هر درخت جي ساوڪ، ٽارن جو جهومڻ، پکين جي للڪار ۽ انهن جي ”ڪو ڪو“، ”چو چو“ ۽ ”هو هو“ جي جدا جدا آوازن جو اچڻ، هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪن ٿا_ مطلب ته ساري دنيا محو تماشا آهي. +وري ساڳئي وقت، خزان جي موسم ۾ حالت ئي اور آهي. ڪٿي اهو بوستان ۽ ان جي رنگيني! ڪٿي ان جي ساوڪ، ۽ ڪٿي اهي دلڪش نظارا! ڪٿي باغبان جي بهاري! ڪٿي پکين جي للڪار! ڪٿي ”ڪوڪو“ ڪٿي ”چو چو“ ۽ ”هو هو“ جا آواز! ڪٿي گلن جي گلزاري، ۽ ڪٿي انهن جي خوشبوءِ! ڪٿي اهي منظر جن شاعرن جي جذبات کي ڀڙڪايو ٿي، ۽ سندس قلم کي تڙپايو ٿي! ڪٿي ڪائنات جي بي نظير ڪيفيت! ڪٿي اهي گوناگون نظارا! گويا؛ دنيا جي هر طرف هڪ خاموشي ڇانيل نظر ايندي. هر شيءِ منجهيل، مرجهيل ۽ مغموم هوندي. ٻسيون ٽاريون؛ پيلا پن ۽ سڪا ڏار ڏسي دل دهلجي ويندي، ۽ ائين معلوم ٿيندو، گويا ساريءَ ڪائنات تي غم ۽ اونداهه طاري آهي. +بهار جي موسم ۽ سرءُ جي موسم ثابت ٿيون ڪن ته ڪا به شيءِ هميشه نه رهي آهي، نه رهڻي آهي، ۽ نه رهندي؛ ۽ انسان انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته هر شيءِ فاني ۽ بي بقا آهي: فقط الله پاڪ فنا ۽ بقا تي قادر آهي. +”طرفته العيني جهان برهم زند، +کس نمي آرد که آنجا دم زند!“ +دنيا ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو نظر ايندا. هڪڙا اُهي آهن، جن کي نه خيال حال جو آهي ۽ نه ڳڻتي مستقبل جي. عيش عشرت ۾ محو آهن. زماني جي گرم يا سرد جهوٽن يا پنهنجي نفعي نقصان کان بي خبر آهن. موسم بهار جي عارضي خوشيءَ کي دائمي خوشي سمجهن ٿا. هو ائين نٿا سمجهن ته بهار جي پويان خزان به آهي، خوشيءَ جي پويان غم به آهي، ۽ هر بني آدم سان ڏک ته ائين لڳا ئي رهن ٿا. هي ماڻهو، پنهنجي ڪم عقليءَ ۽ ڪوتاهه بينيءَ ڪري، پنه��جي پاڻ ئي ڀلائي ويٺا آهن. +ٻيا وري اهي آهن، جي ٿوري تڪليف ۽ مصيبت اچڻ بعد سمجهن ٿا ته هو ڪنهن دائمي عذاب ۾ گرفتار آهن. هنن جي دل تي نااميديءَ جو عالم طاري ٿي وڃي ٿو. هو ائين نٿا سمجهن ته خدا عزوجل، هر وقت، شامل حال آهي، ۽ ”لاتقنطو من الرحمت الله“ سندس قرآن قولي آهي. هيءُ پڻ ڪم علمي، جهالت ۽ اعتقاد جي ڪمزوريءَ جو نتيجو آهي. +ٽئين قسم جا ماڻهو اُهي آهن، جي سمجهن ٿا ته موسم بهار جو بظاهر خوشيءَ جو پيغام، حقيقت ۾ غم ۽ مصيبت جو پيغام آهي، ۽ موسم خزان ۾ پاڻ راز خوشيءَ ۽ خوشنوديءَ جو مضمر آهي: يعني ائين وسهڻ ٿا ته هيءَ خوشي، غم جي خبر آهي؛ ۽ هو غم، خوشيءَ جي ويجهي هئڻ جو اطلاع: جنهن کي ظاهر پرست خوشي سمجهن ٿا، سو غم آهي، ۽ جنهن کي غم سمجهن ٿا، سا خوشي آهي. هي ماڻهو بهار کي بهار نٿا سمجهن، ۽ نه خزان کي خزان. هنن وٽ اصل ۽ نقل کي ڏسڻ واري اک آهي. هو ظاهر کي نه، پر حقيقت کي ڏسن ٿا. هنن کي هر وقت عاقبت جو انديشو آهي. هر نشيب ۽ فراز کي سمجهن ٿا. هو روز شب يار جي ياد ۾ گذارين ٿا. جن جي اندر ۾ عشق الاهي موجزن آهي، تن کي هميشه اهوئي هڪ روحاني ”درد“ دامنگير آه، ۽ هيءُ اهو درد نه آهي، جنهن ۾ هڪ ظاهر پرست گرفتار آهي. هن قسم جو درد ۽ غم ۾ ئي درحقيقت خوشي آهي، جنهن کي اصل خوشي چئجي. هيءُ غم ڪنهن خوش نصيب کي حاصل ٿيندو آهي. هن غم ۾ هڪ انوکي قسم جي لذت آهي. هن حقيقت جي ڄاڻ انهيءَ کي ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪو سراپا سوز و گداز آهي، جنهن گويا محبت جي ٻرندڙ مچ ۾ ئي بهار ۽ بهشت جي خوشي حاصل ڪئي آهي_ اها خوشي جيڪا هڪ بحر عميق جي حيثيت رکي ٿي. دنيا ۾ انسان ذات جي اچڻ جو مقصد اهو آهي ته هو وري ان محبوب حقيقيءَ سان ملي، ۽ ان جو وصال حاصل ڪري. وصال حقيقيءَ جو ذريعو فقط درد محبت جي احساس ۽ قدر ۾ آهي_ ۽ بس. ڪو به بي درد هن سفر ۾ هلي نٿو سگهي. +تنهنڪري، هيءَ حقيقت ڪنهن دل جي صاحب کان پڇجي، جنهن عشق جي حقيقي خوشي حاصل ڪئي، ۽ سڀ منزلون ۽ مرحلا طئه ڪري، نور حق جو مظاهرو ڪيو آهي. +هن مان ثابت آهي ته انسان پنهنجي اعمالن جي ذريعي بهار به پيدا ڪري سگهي ٿو، ۽ خزان به. مگر ان بهار جي بهاري، هن ظاهري بهار کان نياري هوندي؛ ۽ ان خزان جو غم به هِن خزان جي غم کان نيارو. موسمِ بهار ۽ موسمِ خزان ٻئي عارضي آهن: مگر حقيقي بهار ۽ موسمِ خزان دائمي آهن ۽ انهن کي ئي حقيقت ۾ ”بهار“ يا ”خزان“ چئجي. اقبال پڻ جنت (بهار) ۽ جهنم (خزان) لاءِ فرمايو آهي ته انسان جي عملن جو نتيجو آهن، جو انسان پنهنجي عملن جي ذريعي ئي، هِت توڙي هـُت، جنت يا جهنم پيدا ڪري ٿو. +”عمل سي زندگي بنتي هي، جنت بهي جهنم بهي، +يه خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري هي!“_ +تنهنڪري، اسان کي گهرجي ته نيڪ عملن ۽ نيڪ ڪردارن جي ذريعي اها فضا پيدا ڪريون، ۽ اها خوشي پيدا ڪريون، جا دائمي هجي؛ ۽ پاڻ کي ايندڙ خزان جي عذاب کان بچايو. پر اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيندو، جڏهن اسين ان عشق اِلاهيءَ ۾، پنهنجو پاڻ وڃائي، غير الله ۽ ان جي تصور کي ختم ڪنداسين، ۽ پنهنجي نفس اماري کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻينداسين، ۽ ”پاڻ پاسي پاڻ کان ٿي، ڏس پرينءَ کي پاڻ ۾“ واري خيال کي عملي صورت ۾ آڻينداسين. +اسان کي پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ تي مغرور نه ٿيڻ گهرجي، جو هي حسن ۽ جواني ۽ زندگاني سڀ عارضي آهن، ۽ موسم بهار وانگر بي جٽا آهن. جيئن موسم بهار جي ختم ٿيڻ سان گل ختم ٿي وڃن ٿا، تيئن پيري ۽ موت انسان جي حسن ۽ جوانيءَ کي ختم ڪن ٿا. پر ..... گل پنهنجو پاڻ وڃائي، پوءِ پاڻ مان عطر پيدا ڪري ٿو _ جيڪا شيءِ هڪ نها��ت ديرپا، مفيد ۽ عزيز ترين شيءِ آهي، ۽ گل جي گم ٿي وڃڻ جي باوجود، اها گل جي هستيءَ جي گواهي ڏئي ٿي_ تيئن انسان به پنهنجي هستي وڃائي، پنهنجي نيڪ اعمالن جي ذريعي، دنيا ۾ نيڪ نامي پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪا سندس موت کان پوءِ به سندس نالو باقي رکي سگهي. انسان جي بقا جو راز فنا ۾ آهي. گل پاڻ کي فنا ڪرڻ سان ئي بقا حاصل ڪن ٿا. ورنه ٻيءَ صورت ۾ انهن جو نالو نيشان ئي نه رهي، ۽ بهار کان پوءِ، هو سـُڪي سڙي، هميشه لاءِ خاڪ ٿي وڃن! اسان کي به گلن کان ”موتو قبل انت موتو!“ جو سبق سکڻ گهرجي، ۽ پارسيءَ واري جي لفظن ۾ پاڻ کي هن هدايت هيٺ هلائڻ گهرجي ته ”خاڪ شو، پيش آن ڪ خاڪ شوي!“ +حـُسن ۽ عشق +حسن خوبصورتيءَ جو ٻيو نالو آهي. حسن معنيٰ هڪ ”قدسي صفت“، جنهن جي ڪشش ۾ چقمق جو اثر هجي، جو سامهون واري جون نگاهون، بي اختيار بار بار ڏانهنس ڇڪجي وڃن. جيئن عام طرح، مرد کي رڳو عورت جو، ۽ عورت کي رڳو مرد جو حسن معلوم ٿئي ٿو_ جو هنن هڪ ٻئي جي ثنا ۽ صفت ۾ شعر شاعري ۽ رومانوي داستان سرائي ڪري ڪري، دفترن مٿان دفتر ڪارا ڪري ڦٽي ڪيا _ رڳو ائين ۽ محض انهن تائين حسن محدود نه آهي، بلڪ هيءَ ساري ڪائنات، حسن جو ڀنڊار، ۽ ان جي شيدائي آهي. + + +خدا عزوجل، پاڪ، بي عيب، ۽ هڪ نور آهي؛ ۽ اهڙيءَ طرح سندس هر هڪ فعل بي عيب ۽ بي مثل آهي. خالق اڪبر، هن ڪائنات ۾، جو ڪجهه پيدا ڪيو آهي، اهو مصلحت کان سواءِ نه آهي، ۽ ان ۾ بذات خود هڪ قسم جو حسن ۽ خوبي رکيل آهي. سندس بي انداز مخلوق_ نباتات، جمادات، حيوانات وغيره_ جي حقيقت ڏسڻ سان، هر هڪ انسان حيران ٿي وڃي ٿو، ۽ سمجهي نٿو سگهي ته دنيا ۾ هيتريون شيون ڪيئن وجود ۾ آيون. ۽ ڪيئن هيءُ سڄو سرشتو هلي رهيو آهي. مگر ٿوري غور ۽ فڪر کان پوءِ، هو انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته قدرت جو هڪ مقرر ٿيل نظام آهي، ۽ هر هڪ شيءِ هڪ اصول جي ماتحت ڪم ڪري رهي آهي. سج ۽ چنڊ جو پوري وقت تي اڀرڻ ۽ لهڻ، موسمن جي ڦيرڦار، ۽ انهن جو پنهنجي مقرر وقت تي اچڻ وغيره ثابت ٿو ڪري، ته هي سڀڪجهه هڪ مقرر ٿيل نظام ۽ قانون جو نتيجو آهي، ۽ هيءُ اهو نظام آهي، جنهن ۾ ڪو به نقصان ڪونهي، جنهن ۾ ڪا به اوڻائي ڪانهي. +خالص نور مان، جا به چيز وجود ۾ آئي، سا حسن ۽ دلبريءَ جو زنده سرچشمو آهي. ڏسڻ واريءَ اک رکندڙ کي بي اختيار ٿي چوڻو ئي پوي ٿو: +”تون جلوي تي جلوو آن، مان جذبي تي جذبو؛ +ڍاپي نه ڪڏهن تومان، هيءَ چشم تماشي ئي!“_ +ڪائنات جي هنن بينظير ڪيفيتن ۽ مختلف نظارن ۾ جيڪا الاهي حسن جي جهلڪ نمايان آهي، تنهن مان انسان جي دل اثر پذير ٿيڻ کان سواءِ رهي ئي نٿي سگهي. باغن جي بهاري، گلن ڦلن جو خوشنما نظارو، مهراڻ جون موجون ۽ سندن اڇل ۽ اٿل، لهرون، چشما ۽ آبشار، ۽ منجهن نرمل پاڻيءَ جا دل لڀائيندڙ رقص ۽ سرود، چنڊ جون سيتل ۽ نماڻيون چانڊوڪيون ۽ سندن ٿڌيون ٿڌيون دل ڌتاريندڙ روشنيون، آفتاب جو آب تاب، تارن جو جهرمر، کڙکٻيتي جي کنڀن ۾ کنوڻ، ڪوئل جي ”ڪوڪو“ چتونءَ جي ”ٽيون ٽيون“، هڪ سالڪ جي ”هو هو“_ لافاني حسن جا اهي سڀيئي لاثاني راز ۽ رمزون، پنهنجيءَ پنهجيءَ پر ۾، انسان جي حساس دل کي پوتر پريم جا نت نوان پيغام پهچائينديون ئي رهن ٿيون. ڪائنات جي هر هڪ شيءِ خود حسن بي بها آهي، ۽ ان سان گڏ هڪ تنهان ئي اعليٰ تر حسن جي ڳولا ۾ سرگردان. +”چاهه تنهنجو چنڊ کي، ۽ سج کي تنهنجي آهه سڪ، +هو رلي ٿو رات جو، هو ڏينهن تنهنجي تار ۾! +بات تنهنجي برهه جي، بلبل سنيءَ منقار ۾!“_ +چوڏهينءَ تاريخ، چنڊ جو آسمان ۾ شان شوڪت سان جلوه افروز ٿيڻ؛ پرڀات جي مخ��صر لحظن ۾، وهائو تاري جو ٽمڪڻ، ۽ پوين تاريخن ۾، ڪمان مثل چنڊ جي آسمان تي جلوه نمائي؛ ٿڌي، ۽ دل پذير هير جو گهلڻ؛ شبنم جي بينظير ڪيفيت؛ رات جو، جڏهن ساري ڪائنات تي سانت ۽ سڪون جو عالم طاري آهي، تڏهن پرهه ڦٽيءَ جي ننڊاکي سمي، باغ ۾ جدا جدا قسمن جي پکين جي گڏيل ”چرڙ ورڙ“ ۽ ”چيئون ميئون“ جي آوازن جو اچڻ؛ هد هد جي ”هو هو“ ۽ پاريهل جي ”گهو گهو“ جي ٻولي_ ڪير آهي اهو ناشناسائي حسن، جيڪو حسين قدرت جي هنن حسين دلبرين کان متاثر نه ٿئي! +حضرت انسان جي ذات ۾ ته پاڻ قدرت جي هن حسن مطلق پنهنجي ظهور جي انتها ۽ ڪمال ڪيو آهي: انسان جو حسن، ڪائنات جي حسن جو نقطهء عروج آهي: جيڪڏهن سڀ جو جوڙيندڙ اهو ڪامل ڪلاڪار آهي، جيڪڏهن سڀ جو اصل اهو حسن مطلق ئي آهي، ته پوءِ ڪوجهائي ڪنهن ۾، ۽ قباحت ڇا جي؟ دنيا جنهن به انسان کي ”ڪوجهو ۽ ڪارو“ تصور ڪري ٿي، ان ۾ جلوه آرائي آخر ڪنهن جي آهي؟ انسان ته هڪ عاجز هستي آهي: هو پنهنجو ننهن به جوڙي نٿو سگهي: پوءِ هن بن بناءَ جي بوتي ۾ اهو ڪنهن جو ته آهي؟ قاتل محبوب جي قهري نگاهن، حسن ۽ جمال، ناز ۽ انداز، خـُلق، ۽ خوش ادائيءَ ۾ ڪنهن جو ته راز لڪل آهي! هو پاڻ پرين، گهڻن کي گهائڻ لاءِ، مجازي محبوب ۾ مخفي ٿي ته نه آيو آهي! ائين ته نه آهي، جو +”مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت ۾ سي ئي!“_ +پوءِ، ڪي حسين ۽ جميل، آبدار ۽ ڪٽوري اکين سان، ته ڪي ڪوجها ۽ ڪاڻا، ڪي چريا چلولا، ته ڪي عاقل عقل جا؛ ڪي جاهل جهالت ۾؛ ته ڪي عالم علم جا؛ ڪي بخيل ۽ بي رحم؛ ته ڪي صاحب سخا جا؛ ڪي عابد عبادت اڳرا؛ ڪي زاهد زمانا؛ ڪي صاحب شرم حيا جاـ ته ڪي ظالم زوراور ذات؛ ڪي گونگا ۽ ٻوڙا؛ ته ڪي فصيح ۽ بليغ؛ ڪي ضعيف ۽ ڪمزور؛ ته ڪي تڪڙا ۽ طاقتور! +”لک نالا مٿس لوڪ ۾؛ رخ ڪروڙين راهه؛ +آهيان مان عبرت ۾؛ منجهه سالڪ هن صلاح: +’ ان پر ڪيئن الله؛ پاڻ ڇپايو آ پنهنجو‘!“ +انسان ذات، هن ڪائنات ۾، طرحين طرحين انقلاب آهن؛ ۽ هر انقلاب، دنيا جي رنگ رفتار ۽ نظام ۾، وري انقلابن مٿان ٻيا انقلاب آندا. ڪن، پنهنجي هنر ۽ علم جي ذريعي، ناياب هٿيار ۽ مشينون پيدا ڪيون، جي دنياکي زياده زينت ور به ڪري سگهن ٿيون، ۽ ساڳئي وقت ان جي تهذيب ۽ تمدن کي ختم به ڪري سگهن ٿيون. حضرت انسان، علم ۽ سائنس ذريعي، ايترو عروج حاصل ڪيو آهي، جو ڪائنات جي هر شيءِ تي حاوي آهي، ۽ ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو. انسان ذات جي پيدائش، ۽ سندس هي ڪارناما پڻ قدرت جي اصلي حسن جا ئي ڪرشما آهن. +چانهه پکيءَ جي سهڻن پرن، مور جي ڪلنگيءَ، ڪاريهر جي ڦڻ ۽ کپر جي سهڻيءَ کل سان گڏ موتمار زهر ۾ به ڪنهن جا ته ڪرشما ۽ باريڪ راز رکيل آهن! ڪهڙي آهي اها چيز،ڪٿي آهي اهو هنڌ، جتي حسن اِلاهيءَ جا مانڊاڻ منڊيل نه آهن، ۽ مصلحت اِلاهيءَ جا دسترخوان پکڙيل نه آهن! +سياهه بادلن جو آسمان ۾ هلڻ، ۽ انهن جي هيبتناڪ گجگوڙ ۽ ڪڙڪاٽ؛ بجليءَ جو چمڪاٽ، ۽ بارش جو وسڻ؛ خطرناڪ طوفان جو لڳڻ، انهن جي تيز رفتار، ۽ گهوگهاٽ جو آواز؛ هماليه جبل جون فلڪ بوس چوٽيون، ۽ انهن تي برف جي نوراني چادرن جو پٿارجڻ؛ برف ۽ بارش جي طوفانن جو لڳڻ؛ جبلن جي چوٽين ۽ ماٿرين تان پاڻيءَ جو وهي، نين ۽ نهرن جي صورت ۾ ميدانن تي لهي اچڻ، ۽ ڪٿي ملڪ کي سيراب ۽ آباد ڪرڻ، ته ڪٿي ملڪ کي زير آب ۽ برباد ڪرڻ، ڪٿي سبز گاهه ۽ فصلن جو پيدا ٿيڻ ته ڪٿي فصلن ۽ چراگاهن جو زيرآب ختم ٿيڻ؛ ڪٿي ويرانيءَ مان آبادي، ته ڪٿي آباديءَ مان ويرانيءَ جو وجود ۾ اچڻ؛ ريگستانن ۾ چراگاهه، جهنگل ۾ منگل؛ باغن ۾ بهاريون، گلن ۽ پنن جون رنگينيون؛ چ��چ ساون وڻن ۾، سڪل سڙيل ٽاريون؛ نفيس ۽ نازڪ ڇٻر جي غاليچن ۾ نکيون چڀندڙ ڊاڀوڙيون؛ لالـُن جهڙن ڳاڙهن ٻيرن ۽ پيرن جو، ٺوٺ سڪل ٽارين جي وچ ۾، جهومڻ، ڪونجن جون قطارون، بلبلين جا ناز انداز، ڀونرن جي ”ڀون ڀون“، ماکيءَ جي مکين جي ”زون زون“، ۽ پري پري کان ايندڙ پرديسي پکين جون لاتيون ۽ نراليون باتيون_ غرض ته ڇا ڇا نه آهي هن ڪائنات جي بوستان ۾ غل ۽ شور، چهچٽو ۽ چوٻول! +”بهار بي خزان آهي، الاهي حسن جي دنيا، +حياتِ جاودان آهي، اسان جي عشق جو پل پل.“_ +شمع جي روشنيءَ، ۽ ان جي ڪشش تي پرواني جو مست ٿي، بي تحاشا پنهنجو پاڻ ان تي اڇلائڻ، پلڪ به پري نه ٿيڻ، تڙپڻ ۽ ڦٿڪڻ ڏيکاري ٿو ته هو ”وصال“ ۾ حيات جاودان سمجهي ٿو، ۽ انهيءَ جدوجهد ۾، هو جيئڻ مرڻ کان بي نياز ٿي، آرام يا مصيبت جو امتياز نه رکي، وصال يار خاطر، پنهنجي جان زخطري ۾ وجهي، پوئينءَ گهڙيءَ تائين، لڳاتار ڪوشش سان، پنهنجو پاڻ فدا ڪري ٿو. غرض ته حسن جي هر جلوي تي عشق جو جذبو، جو اتم ٿو ٿئي، سو ئي فقط زندگيءَ جو راز ٿو ٻڌائي: حسن ۽ عشق جي انهيءَ باهمي ڪشش ۽ هماهميءَ جو ئي ته ٻيو نالو زندگي آهي! +عشق: +عشق جي بيان لاءِ ڪلام ۽ قلم ناڪافي آهن. هن لامحدود ”روحاني ڪشش“ جي گهيري هيٺ، جڏهن معصوم دل اچي ٿي وڃي، ته ان جون سڀ انساني تقاضائون، تمنائون ۽ نفساني خواهشون جلي، سڙي، خاڪ ٿي وڃن ٿيون. عشق، پاڪ ضمير ۽ نماڻيءَ دل جي معصوم تخليق آهي، ۽ ان جا ويس ۽ روپ به معصوم۽ نماڻا آهن. خالص پاڪائيءَ ۽ معصوميت کي فقط محسوس ئي ڪري سگهبو آهي: ان جو پورو بيان، انساني زبان ۽ انساني ٻوليءَ جي وس کان ٻاهر آهي. بس ائين چئي سگهجي ٿو ته ”عشق معنيٰ محبت: هيءَ هڪ روحاني ڪشش آهي!“ عربي زبان ۾ هن لاءِ ”العشق نارٌ يحرق ماسوالله“ چيو ويو آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي ته ”عشق هڪ باهه آهي، جا خدا کان سواءِ ٻيو سڀڪجهه ساڙي ٿي ڇڏي. اها آگ آهي، جنهن ۾ دل جون ٻيون سڀ خواهشون ختم ٿي وڃن ٿيون، ۽ يار جي ياد ۽ طلب کان سواءِ باقي ان ۾ ڪجهه به نٿو رهي. انسان جا سڀ خيال ۽ وهم هٽي وڃي ثانوي حيثيت وٺن ٿا: مٿن فقط محبوب جي تصور جو ئي تسلط رهي ٿو _ دل تي، دماغ تي، خيال تي ان جو ئي قبضو ۽ غلبو رهي ٿو. اهو خوش نصيب انسان، پوءِ دنيا جا فريب ۽ فتنا، ويروروڌ، ٺڳيون ۽ دل آزاريون سڀ ڀلجيو وڃي؛ ڇو ته انهن جي عوض هو خود ئي هڪ ٻئي اونهي ۽ دلپذير ۽ آزار ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. هر جا، ۽ هر دم، هن کي پنهنجو اهو هڪ ئي محبوب نظر اچي ٿو_ ”اچي آري ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس.“ هو، هن پاڪ جذبي جي بدولت، آخر انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ۽ ائين سمجهي ٿو ته ’محبت‘ ئي دنيا ۾ سڀ کان املهه چيز آهي؛ ۽ پوءِ دنيا ۾ هر چيز کي انهيءَ محبت جي ئي روشنيءَ ۾ هو ڏسي ٿو. اهڙيءَ طرح، هن ”همه اوست“ واري اها حالت پيدا ٿئي ٿي، جنهن لاءِ پارسيءَ واري چيو آهي: +”عشق آن شعله است، که چون بر فروخت، +هر چه جز معشوق بوده، جمله سوخت!“_ +عشق جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ، عاشق جي دل ۾ يا تصور ۾ يا نظر ۾ فقط محبوب رهي ٿو، ۽ بس. عشق جي هيءَ محويت، ٻين لفظن ۾، حقيقي عشق جي مترادف آهي. حقيقي محبت جي هن ڪيفيت ۾، انسان دنيا ۽ ان جي هر معاملي کان بي نياز رهي ٿو. هو، هميشه پاڻ کي حق جي حضور ۾ ئي حاضر رهي ٿو: ۽ تنهنڪري، دنيا ۽ ان جي عيش آرام، زيب زينت، جاهه جلال ۽ مال ملڪيت کي، محبوب جي ان دائمي ديدار جي مقابلي ۾ هيچ ۽ بيڪار سمجهي ٿو. +پر محبوب جو اهڙو ديدار حاصل ٿئي، تنهن لاءِ ضروري آهي ته پهريائين پنهنجو پاڻ سڃاڻجي. جنهن پاڻ سڃاتو، تنهن گويا خدا کي سڃاتو_ ”من عرف نفسه فقد عرف ربه“؛ سنڌ جي سونهاري لطيف جي لفظن ۾ : ”و في انفسڪم افلا تبصرون“_ ”سوجهي ڪري سهي!“ تنهنڪري، ”در وجود خود بڪن تفتيش يار!“ اها حقيقت آهي ته حقيقي دوست جو ديرو دل ۾ ئي آهي، ۽ ان کي اتي جو اتي پائي سگهجي ٿو. اهو بي سمجهه ۽ بدنصيب آهي، جو عشق جي هن رمز کان ناواقف آهي، ۽ پاڻ کي پرينءَ کان پري سمجهي ٿو. +”از من برون نيست، منزل گه من؛ +من بي نصيبم، راهي نيابم!“ +عشق هڪ رحمت آهي، جا دنيا جي زحمت کان ٿڪل هاريل دل کي نجات ٿي ڏئي: جڏهن خدا جي شفقت مان حصي وٺڻ لاءِ، دنيا پنهنجي پنهنجي محدود ۽ مادي مطالبن لاءِ دست بدعا آهي، تڏهن عاشق دعا ٿو پني محض يار جي ديدار لاءِ. دنيا ۽ ان جي هر شيءِ کان دل کڻي، جاهه جلال جي محبت، مال ۽ اولاد جي محبت ڇڏي، يار حقيقيءَ سان لنئون لڳائبي، تڏهن ئي يار جو وصال حاصل ٿي سگهندو: ڇو ته دنيا ۽ ان جي محبت ۽ آرزو، انسان کي قابو ڪري، جڪڙي ڇڏين ٿيون، ۽ کيس عشق حقيقيءَ جي رحمتن ۽ نعمتن کان محروم بنائي ٿيون ڦٽي ڪن. +مبارڪ آهي ان دل کي، جا دنيا ۽ ان جي دام هوس کان بچيل آهي. دنيا جو هوس ۽ خدا جي محبت ٻيئي متضاد شيون آهن، ساڳئي وقت دل ۾ ٻنهي جو هجڻ محل آهي. جو انسان چوي ٿو ته ’آءٌ خدا به حاصل ڪريان ۽ دنيا به قبضي ۾ رکان‘، اهو دوکي ۾ آهي؛ ڇو ته +”گر خدا خواهي وهم دنياي دون، +اين خيال است و محال است و جنون!“ +هيءُ معاملو نيارو آهي. عشق جي دنيا، ان جون رسمون رواج جداگانه آهن. +”منزلِ عشق از جهانِ ديگر است، +مرد مومن را نشان ديگر است!“_ +عاشق جو نمونو، هن جي روش ۽ هن جي هلت چلت، هڪ هوس پرست کان جدا نموني جي هوندي آهي: جڏهن نفس ۽ ان جي خواهش کي ترڪ ڪندو، تڏهن ته دوست وٽ پهچي نور حق جو مظاهرو ڪري سگهندو، ڇو ته ”نفس جي شڪست ۾ ئي عشق جي فتح آهي“. جنهن دل ۾ عشق ديرو دمائي ٿو، اها دل هميشه بيتاب ۽ بي صبر رهي_ سوز ۽ گداز، انسانن لاءِ همدردي ۽ خير خواهي، ڪائنات جي ذري ذري سان انس ۽ محبت، انهيءَ دل جي خوراڪ آهي. جيتوڻيڪ هن قسم جون پاڪ ۽ بيباڪ ۽ محبت جي پاڪيزگيءَ کان آگاهه دليون، ناياب آهن. پر اها دل واقعي خوش نصيب آهي، جنهن حضرت عشق کي ههڙي قسم جي آجيان چئي آهي: ۽ بدنصيب آهي اها دل، جا هن عشق جي لذت کان محروم آهي، جا هوس جو مرڪز، مڪار نفس جي ٻانهي ۽ شيطانيت جي خدمتگذار آهي. اهو انسان جنهن جي دل ۾ عشق نه آهي، سو انساني درجي کان ڪريل آهي، ۽ انسانيت جي بلند مرتي کي هرگز حاصل ڪري نٿو سگهي، ڇو ته عشق جو جذبو، انساني دل جي سڀني جذبن جو سردار جذبو آهي: +”عشق را بد مگو که سلطان است، +هر که را عشق نيست، حيوان است.“_ +عشق ڪو افسانو يا رواجي ڳالهه نه آهي، ۽ نه انسان جي هٿ وس آهي، جو ان جي خوبين کان متاثر ٿي، ان کي کڻي جيءَ ۾ جاءِ ڏئي! عشق جي چڻنگ چولي ۾ اچانڪ پوندي آهي، ۽ خيالن ۽ عملن ۾، جيڪي ٻه دليون هڪ جهڙيون آهن، اهي باهمي عشق جي جهڙپ ۾ اچي ئي وينديون آهن. پوءِ، انهن سيڪڙائتين دلين جي دروازي تي، نماڻو عشق جڏهن اچي دستڪ ڏيندو آهي، تڏهن هنن لاءِ ”عشق آيو، ڪر آمين“ کان سواءِ، ٻيو چارو به ڪهڙو! + + +عشق جو سودو، درحقيقت، سر ساهه جو سودو آهي. هيءُ قربانيءَ جو ميدان آهي، ڪوس گهر آهي: هتي سر جي سٽ آهي، دنيا، مال، اولاد ۽ جان سڀڪجهه نذر ڪرڻو ٿو پوي. +”عشق ناهي راند، جيئن کيڏن ڳڀرو، +سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي!“_شاهه +عشق واقعي آسان معاملو نه آهي. عشق جي راهه پرخطر آهي، جتي هزارها مصيبتن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو، صدها آزمائشن جي هيٺ اچڻو پوي ٿو. عشق، پنهنجي دعويدار جي سچائي ۽ ثابت قدمي پرکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. رنج ۽ مصيبت، عشق جو لازمي نتيجو آهن. نااميدي ۽ ناڪامي، ان جي سفر جا سامان آهن. درحقيقت، اهو درد، جو عشق، انسان جي دل ۾ پيدا ٿو ڪري، ان جي ئي بدولت سڀ منزلون ۽ مرحلا طئه ڪري، هڪ عشق، هر آزمائش ۽ هر امتحان ۾ ڪاميابي پائي، وصال حق حاصل ڪري ٿو سگهي. +هيءُ درد بذات خود دست جي در وٽ پهچڻ جو ذريعو ٿئي ٿو، ۽ درد مان ڦري دوا ٿئي ٿو. جنهن هن درد کي درد سمجهي قدم هٽايو، سو وصال يار کان محروم رهجي ويندو: جو اڳتي وڌيو، تنهن يار پاتو! عشق جو درد ئي عشق جو رهبر آهي. سواءِ درد جي، سواءِ رنج ۽ مصيبت جي، هيءُ مشڪل حل نه ٿيندو سچ ته هيءُ آهي ته عشق جو درد، درد نه آهي؛ بلڪ هڪ پرلطف ۽ ناياب سرور ۽ راحت آهي، جنهن جي لذت پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هيءُ درد يا غم اهو نه آهي، جنهن ۾ هڪ ظاهر پرست يا نفس جو غلام گرفتار آهي. هيءُ عشق جو غم، ظاهر بين لاءِ، عذاب مثل؛ ۽ عاشق لاءِ هزار نعمتن جو سرچشمو آهي. هو؛ پنهنجي محبوب جي جسماني گرفتار ۽ رفتار ۾ الله عزوجل جا اونها اسرار ڏسي ٿو، ۽ انهيءَ سپرينءَ جي سونهن مان سالڪ بنجي پنهنجي حقيقي مالڪ جي جستجو ڪري ٿو. +”صحيح سڃاتم سپرين، يار يقينو ٿيون، +’خلق الاشيا و هو عينهما‘ شڪ وچون ٻيو ويو!“_ +پوءِ جيڪڏهن، هڪ دفعو عشق حقيقيءَ دل ۾ ديرو ڄمايو، ته پوءِ دنيا جون هزار نعمتون هڪ طرف، ۽ درد دل جو لطف ٻئي طرف: ڇو ته عشق جي بيمار جي سيني ۾؛ جو محبت جو سيلاب وڌندو رهندو، سو سڄيءَ دنيا کي هن لاءِ زهر مثل ڪري ڇڏيندو. اهوئي سبب آهي، جو هڪ عاشق، دنيا جي هر شيءِ کي يار جي خاطر قربان ڪري ٿو. جان، مال، اولاد، عيش آرام ۽ ٻيون دنيا جون سڀ لذتون هن جي نظر ۾ هيچ آهن، ۽ فقط وصال يار هن لاءِ حيات جاودان ۽ پنهنجي دل جي خوشيءَ ۽ شادڪامي جو سبب آهي. پروانو شمع تي عاشق آهي: هو ڪيئن شمع لاءِ تڙپي، سڙي ۽ پچي ٿو! سوين عذاب سهي ٿو، پر پري نٿو ٿئي، تان جو جان فدا ڪري ٿو. شمع جو عشق، پرواني کي پنهنجي مصيبت، عذاب بلڪ حياتيءَ کان به بي نياز بنائي ٿو ڇڏي. پنهونءَ جو عشق، سسئيءَ کي جهنگ ۽ جبل رلائي ٿو: هوءَ وادين ۽ ماٿرين ۾ ڀڄي ٿي؛ ڊڪي ٿي، ۽ پهاڙن ۾ پنهونءَ لاءِ پڪاري ٿي؛ پر جي مرن ۽ بلائن کان بي خطر ۽ پنهنجي موت يا حياتيءَ کان بي فڪر ٿي، پنهنجي پياري پنهونءَ لاءِ، آخر پنهنجي قيمتي حياتي ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي. مجنون، ليليٰ جي عشق ۾ پنهنجو خون سڪائي ٿو. سهڻي، ميهار جي وصال خاطر، بي تحاشا درياءَ جي پرشور لهرين ۾ پاڻ اڇلائي ٿي، ۽ پنهنجي جان جي ڪا به پرواهه نه ڪري، آخر درياءَ جي بدمست موجن ۾ لڙهي رواني ٿئي ٿي. +جڏهن مجازي عشق جي پرستارن جو اهو حال آهي،تڏهن اهي سالڪ جيڪي محبوب حقيقيءَ جا متوالا هوندا، سي ڇا ڇا نه ڪري سگهندا! ڪٿي عشق حقيقي، ۽ ڪٿي عشق مجازي! جيڏو وڏو نالو الله جو، اوڏوئي بلند مرتبو سندس عشق ۽ عاشق جو آهي، ۽ اوتري زياده آهي سندس عشق جي ڪشش ۽ ان جي لذت. اهڙي محبوب ۽ ان جي وصال لاءِ، ڪو عاشق هڪ نه بلڪ هزار جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي، ته به سودو کيس سستو ئي اڪلندو. +”جي ڪر قيام مڙن ته به اوڏا سپرين، +تنهان ڏور سجهن، واڌايون وصال جون!“_ شاهه +عمل ۽ عبادت +عمل: +انسان جي روزاني رهڻي ڪهڻيءَ، چال چلت، ۽ ٻين انسانن ڏانهن سندس نيڪ خواهه بدسلوڪ ۽ وهنوار کي ”عمل“ سڏيو وڃي ٿو. جزا ۽ سزا به نيڪ ۽ بد عمل جي ماتحت، درگاهه عاليءَ مان ملي ٿي، ۽ نه عبادت جي ڪثرت يا قلت جي خيال کان. +”انسانيت“ جو سمورو دارومدار ”عمل“ تي آهي، ۽ نه انساني صورت تي. گناهن جا داغ به نيڪ عمل ۽ توبهه تائب ٿيڻ سان صاف ٿي سگهن ٿا، ۽ نه ”عبادت“ سان. الله پاڪ کي اسان جي عبادت جي پرواهه ناهي: جِنَ، مـَلڪ، حورون، پريون، پکي وکڻ، انسان حيوان، سڀ هن جي عبادت ۾ محو آهن. عبادت برابر انسان کي الله سان واصل ٿي ڪري، مگر نيت صاف ۽ عمل پاڪ کان سواءِ، عبادت کي هڪ ”اٽڪل“ چئجي ته به بجا آهي: ۽ ”اٽڪل“ سان الله نه ملندو آهي. +انسان هڪ مٽيءَ جو ڀانڊو، هوس جو مرڪز ۽ حرص جو پتلو آهي. حالتن جي لحاظ کان، هو، بجنسي هڪ جانور جو مجسمو آهي؛ مگر روحاني قوتن جي خيال کان، هو ”اشرف المخلوقات“ آهي: ڇو ته هو انهن قوتن جي ذريعي الله سائينءَ جي قريب ٿي سگهي ٿو؛ ۽ پنهنجي ذهني قوت جي ڪري، باقي مخلوق تي (جا به دنيا ۾ آهي) غالب آهي. +بزرگن جو قول آهي ته پهرين ”حقوق العباد“ جو انسان تي وڏو بار آهي، جنهن ۾ هن کي عورت، اولاد، والدين، پاڙيسرين، ۽ پوءِ هر انسان ذات (بکين، ڏکين، اگهاڙن ۽ عاجزن) ڏانهن، پنهنجي وسعت آهر، حق ادا ڪرڻا آهن: ۽ پوءِ ”حقوق الله“، يعني پنهنجي مهربان مالڪ ڏانهن بندگيءَ جو فرض کيس بجا آڻڻا آهن، عبادت ۾ محض هن جي حضور ۾ ”ادب جا تحفا“ عرض رکڻا آهن، ۽ عمل ۾، هن جي هر امر جي اطاعت ڪرڻي آهي. هاڻي امر ڀلو يا ادب! ان لاءِ حديث آهي ته ”اَلامر فوق الادب“ (امر، ادب کان مٿي آهي). ”اَمر“ جي معنيٰ آهي حـُڪم، ۽ حڪم جي پيروي هيءَ آهي ته جا ڳالهه حاڪم کي ناراض ڪري، ان کان قطعاَ َ پرهيز ڪرڻ، ۽ هڪ حاڪم سان گڏ، ٻيءَ ڪنهن چيز جي اطاعت نه ڪرڻ. +ماڻهن جي اکين ۾ سرمون وجهڻ، ۽ دنيا کي ٺڳڻ وارن کي سمجهڻ گهرجي ته جهان جو خالق، دلين جو مالڪ ۽ ڄائڻهار آهي. انسان، جنهن نيت سان، جو به فعل ڪري ٿو، سو هن کان ڳجهو نٿو رهي؛ ۽ ”نيڪ را نيڪ، بد را بد“ حساب مندو ئي ٿو رهي. +قادر مطلق، انسان ذات ۾ ٻن قسمن جون قوتون ۽ خواهشون ميسر رکيون آهن: پوءِ، ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ ۾، انهن ٻن طاقتن جي ڪشمڪش ۽ مقابلو ٿيندو آهي. اهي ٻه چيزون، هڪ ”رحماني“ ۽ ٻي ”شيطاني“ طاقتون آهن. رحماني قوت، روحاني ڳالهين جهڙوڪ عبادت، زهد، تقويٰ ۽ نيڪيءَ لاءِ ترغيب ڏئي ٿي، ۽ بد ڪمن لاءِ ملامت ڪري ٿي؛ شيطاني قوت، انسان کي نيڪيءَ جي رستي کان هٽائي، بديءَ ڏانهن هلڻ تي آماده ڪري ٿي. هنن ٻن قوتن کي ٻين لفظن ۾ ”روح ۽ نفس جون خواهشون“ ٿو چئجي. انسان کي، الله تعاليٰ ڪنهن حد تائين فعل مختار به ڪيو آهي. هن کي جائز خواه ناجائز جي سمجهڻ جي قوت به ڏني آهي. هر هڪ شخص کي ”ضمير“ به خدا ڏنو آهي، جنهن کي اندر جو آواز به سڏجي ٿو، ۽ ان ۾ اها طاقت آهي، جو هو فوراَ َ ٻڌائي ڏئي ٿو، ته هيءُ ڪم ڀلو آهي يا برو آهي، جائز آهي يا ناجائز آهي؛ هي ڪجي يا نه ڪجي، وغيره وغيره. +پر جيڪڏهن ڪو انسان، فطرت جي پسند ڪيل دستور جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندو رهندو، اندر واري جي آواز جي حڪم تي نه هلندو، ۽ باز نه ايندو، ته ڪو وقت اهڙو ضرور ايندو، جو هن کي ڪنهن به قسم جي گناهه ڪندي، پشيماني نه ٿيندي. هيءَ اها حالت آهي، جنهن کي پهچڻ کان پوءِ، انسان پنهنجي ”انسانيت“ وڃائي ٿو ويهي. هن جي روحانيت دفنائجي ٿي وڃي. هن جو وري خدا ڏانهن موٽڻ مشڪل ٿو ٿئي، ۽ روح ۽ ايمان جي شڪست سبب، هڪ شتر بي مهار جيان، هو گناهه جي انتها ۾ ٿو وڃي پوي. اهڙن انسانن لاءِ، خداوند تعاليٰ قرآن شريف ۾ چيو آهي ته ”اهڙن ماڻهن جي دلين تي مهر هنئي ويئي آهي: هـُو ڪنن هوندي ٻوڙا آهن، ۽ اکين هوندي انڌا آهن.“ هنن جي دل، صحيح حقيقت کي سوچي ۽ سمجه�� نه سگهندي. هنن جو دماغ، عاقبت ۽ آخرت جي معاملن کي سلجهائي نه سگهندو. هو اهو سمجهي نه سگهندا ته انسان، هن دنيا ۾ مهمان آهي، ۽ فقط چند ڏينهن لاءِ تماشو ڏسڻ آيو، ۽ هيءَ دلفريب دنيا، الله ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ پردو آهي: پردو پري ڪيو ته پرين سامهون آهن. +حديث آهي ته ”دنيا هڪ ڍونڍ آهي، ۽ ان جا طالب ڪـُتا آهن“. تنهنڪري، صالح انسان کي، هن طلسمي ڄار ۾ ايترو گرفتار ٿي، پاڻ کي گنهگار ۽ شرمسار ۽ سزا الاهيءَ جو حقدار نه ڪرڻ گهرجي. کيس، هميشه، دنيا جي عذاب، سڪرات جي عذاب، ۽ قبر جي عذاب،۽ مرڻ واري وقت کان قيامت تائين واري عرصي، جنهن کي ”عالم برزخ“ چئجي ٿو، ان جي عذاب جو خيال رکڻ گهرجي. پوءِ، جن جا عمل صالح آهن، انهن کي ”اندر باغ بهاريا، ٻيا ميوا منجهيئي“ ٿي ملندا، ۽ قبر ۾ آرام ۽ سڪون سان رهندا، ۽ انهن کي قبر کان قيامت تائين وارو وقت، ”ٻه رڪعتون نفل“ جيترو معلوم ٿيو. پر .... هڪ گنهگار، اهو ساڳيو وقفو سمجهندو ته هزارها سال آهن، ۽ اهو سڄو وقت هـُو قبر جي عذاب ۾ گرفتار هوندو. مگر ڪوتاهه بين انسان ڪجهه به نٿو سمجهي: +”مرد مان را سربسر در خواب دان، +گشت بيدار آنڪ رفته از جهان“. +الله پاڪ قيامت جي ڏينهن سڀني کي وري وجود ۾ آڻيندو: اهو اسان مسلمانن جو عقيدو ۽ ايمان آهي. حساب ڪتاب ٿيڻ کان پوءِ، صالح بهشت ۾ ويندا، ۽ گنهگار، دوزخ ۾: ۽ ان کان پوءِ سڀني کي ”حيات ابدي“ ملندي، سڀ جوان رهندا، نه پيرسن ٿيندا ۽ نه مرندا. +ان مان ظاهر آهي ته هي انساني جامو، عارضي وقت لاءِ، هڪ سعيد موقعو آهي. هن دنيا جي نعمتن ماڻڻ سان گڏ، اسان کي گهرجي ته محبوب حقيقيءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ عبادت جي تحفي سان گڏ، نيڪ عمل جو توشو به ساڻ کڻون، تان ته وٽس مقبوليت پائي سگهون. +عبادت: +عبادت جي معنيٰ آهي بندگي: هر نيڪ فعل، جو نيڪيءَ جي ارادي، ۽ خدا جي واسطي ڪيو وڃي ٿو، سو عبادت ۾ داخل آهي. انسان ذات کي، خداوند تعاليٰ فقط پنهنجيءَ عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي: جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته ”جـِنَ ۽ انسان عبادت لاءِ ئي پيدا ڪيا ويا آهن“. پارسيءَ واري پڻ چيو آهي ته +”زندگي آدم براي بندگي ست، +زندگي بي بندگي شرمندگي ست“. +پر، جيڪو انسان غافل رهيو، ۽ پنهنجي اچڻ جي مقصد کي وساري ويٺو، ۽ پنهنجي معبود جي عبادت کان منهن موڙيائين، تنهن کي انساني درجي کان ڪريل ئي سمجهڻ گهرجي. +انسان جو درجو، خدا عزوجل سٺي مخلوقات کان بالاتر ڪيو آهي، ۽ هن کي ”اشرف المخلوقات“ جي لقب سان نوازيو آهي. ملائڪ، ڏينهن رات خدا جي عبادت ۾ رهن ٿا، جن کان ڪو به گناهه سرزد نٿو ٿئي، انهن کان به انسان جو درجو مٿي ڪيو اٿس: ڇو ته ملائڪ، هر نفساني خواهش کان پاڪ آهن، هنن جي ذهن يا خيال ۾ ڪنهن به گناهه جو ارادو پيدا ٿي نٿو سگهي، ۽ نه هو ڪو گناهه جهڙو ڪم ڪريئي ٿا سگهن، ۽ نه اهڙي ڪا اهليت ئي رکن ٿا: تنهنڪري ئي هو سڄو وقت عبادت ۾ رهن ٿا. مگر انسان جي حالت نرالي آهي. هن ۾ خدا تعاليٰ، نـُوري ۽ ناري، ملڪوتي ۽ حيواني قوتون رکيون آهن، جنهنڪري هو هڪ وڏي آزمائش هيٺ آهي. انسان، نفس ۽ شيطان ۽ دنيا ۽ انهن جي خواهشن سان ٽڪر کائي، پاڻ بچائي، ۽ انهن کي شڪست فاش ڏيئي، پنهنجي معبود حقيقيءَ جي عبادت جي طرف قدم وڌائي ٿو، ۽ پوءِ ئي پاڻ کي سچو ٻانهو ثابت ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو کيس اشرف المخلوقات جو لقب عطا ٿيو آهي. +اها حقيقت آهي ته نيڪيءَ جا ڪم بظاهر ڏکيا ۽ مشڪل نظر ايندا، ۽ هر بڇڙو ڪم سهل نظر ايندو، ۽ ان ۾ لذت نفساني آهي. انسان جي نفس جي تقاضا آهي ته هو عيش ۽ آر��م ۾ رهي، ۽ تڪليف کان بچي. مثلاَ َ، روزي رکڻ جي حالت ۾ انسان کي بک ۽ اُڃ جي تڪليف سهڻي پوي ٿي، ۽ پڻ هر نفساني خواهش کي ضبط ڪرڻو پوي ٿو. هن کي: ”هوش دردم، نظر برقدم، خلوت در مجلس“ ٿي دنيا ۾ وڏي ذميواريءَ سان هلڻو ٿو پوي. مرد مجاهد، انهن بلڪ هزارها ٻين تڪليفن ۽ خوف ضابطگين جي باوجود چوندا آهن: ”اسان الله پاڪ جو اڃا حق ادا ڪري نه سگهيا آهيون“. +رات جو اٿي ٿڌ يا گرميءَ ۾ عبادت ڪرڻ، مٺي ننڊ ڦٽائي، راهه حق ۾ جنگ ڪرڻ يا شهيد ٿيڻ، مال اولاد جي قرباني ڪرڻ وغيره سڀ عبادت ۾ داخل آهن، پر هي سڀ ڪم نفس لاءِ تڪليف ده ۽ مشڪل آهن، ۽ انهن سڀني ڪمن جو نه ڪرڻ، نفس لاءِ نهايت آسان آهي. روزي رکڻ جي عيوض، سڄو ڏينهن، کائڻ پيئڻ ۽ عيش ڪرڻ، يا رات جو ننڊ ڦٽائي، عبادت ڪرڻ جي عيوض، ننڊ ۽ آرام ڪرڻ، يا جنگ جي ميدان ۾ وڃي، جان ڏيڻ جي عيوض، پنهنجي گهر سلامتيءَ سان ويهي رهڻ، اهي سڀ ڳالهيون نفساني خواهشن جي +مطابق آهن. اهڙيءَ طرح، نيڪيءَ ۽ عبادت جي راهه ۾، نفس ۽ ان جون خواهشون، رڪاوٽون آهن؛ ليڪن خداوند تعاليٰ، انسان ذات جي هن مشڪل جو حل به پيدا ڪيو آهي: يعني کيس اهو وجدان بخشو اٿس، جنهن جي مدد سان، هو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ امتياز ڪري سگهي ٿو، ۽ ان سان گڏوگڏ انسان کي عقل ۽ فهم به عطا ڪيو اٿس، ته جيئن هو هر ڳالهه کي سمجهڻ جي اهليت رکي. ساڳئي وقت، انسان کي هڪ حد تائين فعل مختيار به ڪيو اٿس: يعني هن ۾ اها صلاحيت رکي اٿس، جو هو بديءَ سان مقابلو ڪري، پاڻ بچائي سگهي ٿو. ايترين ڳالهين کان پوءِ به ڪو انسان وڃي الجهن ۾ پوندو، ۽ نفس ۽ دنيا جي خواهشن ۾ پاڻ مبتلا ڪري، خدا کي وساري ويهندو، ته اهو وڏو بدبخت آهي ۽ سزا جو مستحق آهي. +مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته نيڪيءَ جي ڪم ۾ وڏيون قربانيون ڪرڻيون پونديون آهن، ۽ هر نيڪيءَ جو ڪم مشڪل هوندو آهي، ۽ هر بدي آسان ۽ سهنجي، پوءِ ڀلا ڪهڙي آڌار تي انسان پاڻ کي تڪليف ۾ وجهڻ لاءِ تيار ٿيندو ۽ ايتريون قربانيون ڪندو؟ ان سڄيءَ ڳالهه جو دارومدار، انسان جي اعتقاد ۽ ايمان تي آهي. جيڪڏهن اعتقاد درست نه هوندو ۽ ايمان پختو نه هوندو، ته ڪو به انسان عبادت هرگز ڪري نه سگهندو، ۽ نه هن کي عبادت مان ڪو لطف ايندو. جيڪڏهن دل ۾ اهو اعتقاد هوندو ته نيڪ ڪمن ۽ نيڪيءَ ڪري خدا راضي ٿيندو، خدا جو پاڪ ڪتاب ۽ ان جا واعدا سچا آهن، قيامت ٿيندي، جزا سزا جو ڏينهن ٿيندو، دوزخ ۽ بهشت آهن، قبر جو عذاب به آهي، هر گناهه جي سزا ۽ هر نيڪ عمل جو ثواب آهي، خدا جي راهه ۾ جيڏي وڏي قرباني ڪبي، اوترو هن جو لطف ۽ نوازش جي نظر ٿيندي، ۽ اوتريون نعمتون حاصل ٿينديون: جيڪو به انسان انهيءَ اعتقاد جو هوندو ۽ پختو ايمان جو هوندو، بس اهوئي نيڪ عملن جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. هو پاڻ، پنهنجي اهل اولاد، مال ملڪيت کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو؛ ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ان قربانيءَ جي عيوض خدا وٽ تمام وڏو آهي. خدا وٽ هر نيڪ عمل جو قدر ۽ قيمت آهي. هن اعتقاد تي، هو پنهنجا سڀئي دين دنيا جا مطلب، پنهنجي خالق جي اختيار تي ڇڏي،پاڻ ”ٿي تحقيق تسليم سين لاهي غم و هم“، فقط خدا جي ياد ۾ محو رهي ڪري، راه راست تي ئي ثابت قدم رهي ٿو. هن قسم جي يقين محڪم سان هو پنهنجا ٻئي جهان موچارا ڪري، وڃي حاصل حضور ٿو ٿئي. +پر هتي وري اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته عبادت، جا بظاهر ڪئي وڃي ٿي، سا واقعي عبادت آهي يا نه؟ ان لاءِ حديث آهي ته ”الاعمال بِالنّيات“، يعني سڀ عمل نيتن تي آهي. سو، هر عبادت جو ڪم عبادت آهي، جيڪڏهن اهو ڪم نيڪ نيتيءَ سان، خدا جي واسطي، ڪيو ويو هجي. عبادت اها آهي، جي رياءَ ۽ ڏيکاءُ کان پاڪ هجي، ۽ انهيءَ نيت سان نه هجي ته ماڻهو نيڪ يا چڱو چون. تنهنڪري، عبادت کي هڪ ”رسم“ سمجهي ادا نه ڪجي، پر محبت ۽ عقيدت سان، هڪ نيازمندانه فرض ادائيءَ طور ان کي ادا ڪرڻ گهرجي. +”تون سمنڊ آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتار آءٌ ڏوهه؛ +تون پارس آءٌ لوهه، جي سڃين ته سون ٿيا!“_شاهه +اڪثر ڏٺو ويو آهي ته عبادت يا هر نيڪ ڪم، بطور نمائش جي ڪيو وڃي ٿو. ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جي بظاهر پرهيزگار ۽ نيڪ آهن، پر روزمره جي معاملات ۾، هنن کان وڌيڪ بدتر ماڻهو نه ملندو. ان جو سبب هيءُ آهي ته هو عبادت نيڪ نيت ٿي نٿا ڪن، جنهنڪري ان جو اثر به نٿو ٿئي، ورنه هن جي طبيعت ۽ ذهنيت ڀلا ڇو نه بدلجي، ۽ هر معاملي ۾ صاف ۽ سٿرا ڇو نه هجن، ۽ هزارها الاهي آزمائشن جي باوجود، هو ڇو ڪين اطمينان جي زندگي بسر ڪن؟ رياءَ وغيره جي دوکيبازي پڻ نفس ۽ شيطان جي شرارت جو نتيجو آهي. خاص طرح، رياءَ جي معاملي ۾ شيطان نهايت عجيب غريب طريقا اختيارڪري، ٻانهي کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ هن کي راهه راست کان ڀٽڪائي، وڃي وڏيءَ الجهن ۾ وجهندو آهي. رياءُ هڪ وڏي موتمار بيماري آهي، جا اسان جي نيڪ عمل ۽ عبادت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏي ٿي: ظاهري هر قول، فعل ۽ عبادت سان گڏ، انسان جو باطل يعني نيت به ٺيڪ ۽ نيڪ هئڻ گهرجي، ورنه عبادت، عبادت نٿي رهي. +صحيح معنيٰ ۾، عبادت جو معيار اڃا بلند آهي؛ جو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، اهو عام ۽ رواجي ٻانهي سان واسطو رکي ٿو. خدا جا خاص ۽ نيڪ ٻانها اهي آهن،جن جو مقصد فقط الاهي رضا حاصل ڪرڻ آهي: هنن جو مرڻ ۽ جيئڻ، خدا جي واسطي آهي. هو دنيا ۽ ان جي هر خواهش ۽ هوس کان، ۽ آخرت جي هر نعمت کان بي نياز آهن. هو عبادت، بهشت ۽ ان جي نعمتن حاصل ڪرڻ لاءِ يا دوزخ ۽ ان جي عذاب کان بچڻ لاءِ ڪونه ٿا ڪن. هنن جي دلين ۾ نه بهشت جي تمنا ۽ خواهش آهي، ۽ نه دوزخ ۽ ان جي عذاب جو ڀو آهي. هو عبادت، کي وصال حق جو ذريعو سمجهي ۽ فرض سمجهي ٿا ڪن. هو عبادت کي زندگيءَ جو مقصد ٿا سمجهن. هنن لاءِ عبادت هڪ روشن چراغ آهي، جنهن جي اجالي ۾ هو پنهنجي مالڪ ۽ معبود کي ڳولي هٿ ٿا ڪن: تنهنڪري، هو هر قربانيءَ لاءِ تيار آهن. اهڙيءَ عبادت ۾ جو لطف آهي، اهو دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي؛ ۽ اهوئي سبب آهي جو زاهد جي دل هر لمحي، خدا جي ياد ۾ محو ۽ مصروف رهي ٿي. +پرهيزگاري +”پرهيزگاري“لفظ جي معنيٰ آهي پاڪيزگي، گناهن کان پرهيز ڪرڻ يا پري رهڻ. لفظ پرهيز گاري بذات خود دلفريب ۽ دلچسپ آهي. هيءَ اها خاصيت آهي، جنهن جي بنا تي انسانيت، روحانيت ۽ ايمان جي ديوار کڙي ڪجي ٿي. هيءَ صفت، الله تعاليٰ کي بلڪل محبوب ۽ پسند آهي، ڇو ته خداوند تعاليٰ پاڻ پاڪ آهي، ۽ انهيءَ ڪري پاڪيزگي پياري اٿس. هيءَ صفت، مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ سينگار آهي. ۽ ان کان سواءِ ٻيئي بي زيب ۽ بيڪار آهن. پرهيزگاري، انسان کي فرش کان عرش تي پهچائي ٿي، ۽ ملائڪن کان به سندس مرتبو مٿي ڪري ٿي. ملائڪن جي پاڪيزگي، سندن خوءِ ۽ عادت آهي، جو انهن ۾ نفساني خواهشون عدم موجود آهن: هو فطرتي طور تي ڪو به گناهه نٿا ڪري سگهن. باقي انسان کي پنهنجي نفس ۽ دنيوي خواهشن سان مقابلو ڪري، پنهنجي عصمت ۽ پرهيزگاري رکڻي آهي. انهيءَ ڪري، هڪ پرهيزگار انسان جو درجو ملائڪن کان به مٿي آهي. +پرهيزگاريءَ جو سمورو دارومدار ”دل“ ۽ ان جي حالت تي آهي، ۽ نه علم تي. تحقيق، علم انسان کي نيڪ ۽ بد ۽ ان جي سٺي ۽ خراب نتيجن کان آگاهه ڪري ٿو، پر نيڪ ۽ بداعمالن جو ڪرڻ يا نه ڪرڻ، دل ۽ ان جي حا��ت تي دارومدار رکي ٿو. +”دل“ بظاهر ته هڪ ننڍڙي شيءِ آهي، پر حقيقت ۾، هوءَ هڪ بي انت مها ساگر جي حيثيت رکي ٿي: هوءِ گوناگون ۽ بي پناهه جذبن جي کاڻ آهي. نفرت ۽ محبت جي جذبن جو مرڪز آهي، ۽ هن ساري جسم تي حڪمران آهي، ڇو ته دل ۽ ان جي جذبات جو سڄي بدن تي قبضو ۽ ضابطو آهي، ۽ جسم جو هر حصو ۽ ان جي ماتحت ۽ زير فرمان آهي. +هر نيڪ ۽ بدخيال ۽ خواهش؛ جا پيدا ٿئي ٿي، سا دل ۾ پيدا ٿئي ٿي. ان ۾ هزارها خواهشون ۽ جذبا پيدا ٿيندا رهن ٿا. انسان کي کپي ته دل، جا الله جو گهر آهي؛ ان کي صفا رکي، ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي خرابيءَ کي اچڻ نه ڏئي؛ ڇو ته خداوند تعاليٰ ان دل ۾ پنهنجي جاءِ نه ڪندو، جا دينوي هوس سان ڀريل هوندي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي دل پاڪ ۽ درست رکون، ڇو ته اسان جي هر قول ۽ فعل جو مدار، اسان جي دل ۽ ان جي چڱائيءَ ۽ برائيءَ تي آهي. انسان، تيسين تائين، انسان نه ٿيندو، جيسين تائين هن جي دل درست نه هوندي ۽ دنيا ۽ ان جي هر خواهش ۽ خرابيءَ کان پاڪ نه هوندي. +انسان جي اچڻ جو اصل مقصد فقط اهو آهي ته پاڻ کي، دنيا ۽ ان جي هر خواهش کان الڳ رکي، پنهنجي خالق اڪبر جي بندگي ۽ ان جي هر حڪم جي پيروي ڪري. انسان ۾، خدا عزوجل، نفساني خواهشون به رکيون آهن. پرهيزگاري اها راهه راست آهن، جا بندي کي پنهنجي منزل مقصود تي پهچائي ٿي. جتي هو معبود حقيقيءَ جو وصال حاصل ڪري ٿو: ۽ اهوئي انسان جي پيدا ٿيڻ جو مقصد، ۽ سندس عروج جو ڇيهه آهي. ليڪن هن رستي ۾ ڪيئي مشڪلاتون آهن، ڪيترين ئي مصيبتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو آهي، باطل جو مقابلو ۽ حق جي طرفداري ڪرڻي پوندي آهي. اهو سڀڪجهه اهوئي انسان ڪندو، جنهن جو اعتقاد ۽ ايمان مضبوط ۽ پختو هوندو؛ جو الله جي رضا مندي حاصل ڪرڻ ۾، پنهنجي خوشي ۽ خوشنودي سمجهي ٿو؛ جو ديدار حق ۾ هڪ پرڪيف لذت محسوس ڪري ٿو؛ جنهن جي نظر ۾، دنيا ۽ ان جون لذتون هيڍ آهن؛ جو سمجهي ٿو ته دنيا جو هر عيش وبال جان ٿيندو؛ ۽ اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلائيندو جتان نڪرڻ محال ٿيندو؛ جو سمجهي ٿو ته دنيا جو عيش هڪ ڄار آهي، جنهن جو نتيجو محروميءَ ۽ مصيبت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي: خدا ناراض ٿيندو، سندس هر مهربانيءَ کان بندو محروم رهندو، سندس ڪنهن به شفقت جو حقدار نه رهندو، بلڪ سندس غصي ۽ غضب جو شڪار ٿيندو، سندس سرڪار ۾ هڪ مجرم جي حيثيت ۾ پيش ٿيندو، ۽ خدا جي سرڪار وٽ هر گناهه جي اها ڳري سزا آهي، جنهن جي گرفت کان ڪو به پاڻ بچائي نه سگهندو؛ جو ڄاڻي ٿو ته گهڙيءَ جو عيش يا لذت هن لاءِ دائمي عذاب جو باعث ٿيندو: مطلب ته دنيا ۽ ان جي خواهشن ۾ مبتلا ٿيڻ سان، انسان اهو سودو ڪري ٿو، جنهن ۾ سندس نقصان ئي نقصان آهي. تنهنڪري، ضروري آهي ته انسان پنهنجيءَ دل کي قبضي ۾ رکي ۽ ان ۾ ناپاڪ ۽ ناجائز خيالن کي ڪو به دخل نه ڏئي. +”دل بدست آور، ڪ حج اڪبر است، +از هزاران ڪعبه يڪ دل بهتر است: +ڪعبه بنياد خليل آذر راست، +دل گذر گاهه جليل اڪبر است“. +هر انسان، جو پيدا ٿيو آهي، سو ان لاءِ ته هو وري اوج ۽ عروج حاصل ڪري، روحاني ترقي ڪري. هو ”اشرف المخلوقات“ آهي؛ تنهنڪري هن جا ڪم ڪاريون به انداز تي هئڻ گهرجن. هو، هڪ جانور وانگر، فقط وحشاني خواهشن ۾ مبتلا نه رهي. جيئن ڪنول گل پاڻيءَ ۾ رهندي به پاڻيءَ کان مٿي ٿو رهي، تيئن انسان به دنيا ۾ هجي، پر دنيا کان ٻاهر هجي: يعني هر ناپاڪ خواهش کان بالاتر هجي؛ هن جو مرڻ ۽ جيئڻ حق جي واسطي هجي: دنيا هن لاءِ هجي ۽ هو دنيا لاءِ نه هجي. +جو انسان، زندگي انهيءَ طرح گذاريندو، ۽ پنهنجي نفس تي قبضو رکندو، ۽ روحاني تقاضائن موجب هلندو، ته يقيناَ َ ان جو درجو ملائڪن کان مٿي هوندو: هو زمين جي عيوض افلاڪ جا سير ڪندو. +”بيفشان بال و پرز آميزشِ خاڪ، +بپر، تاڪ نگري ايوانِ افلاڪ“. +اهڙو ماڻهو اهي انوار الاهي ڏسندو ۽ اهڙا مشاهدا ڪندو، جو هن کان هيءَ دنيا ۽ ان جون لذتون بلڪل وسري وينديون. پرهيزگار، اهو انسان ٿي سگهي ٿو، جنهن کي خدا جي محبت سڀ کان زياده هوندي؛ جنهن جي دل ۾، دماغ ۾، ذهن ۽ جسم جي رڳ رڳ ۾ سوز ۽ گداز هوندو، جنهن کي ديدار حق لاءِ جنون هوندو، جو بيتاب ۽ بيقرار هوندو، جو نفس مڪار ۽ ان جي هر خواهش کان بالاتر هوندو، جو نفس مڪار ۽ ان جي هر خواهش کان بالاتر هوندو، جنهن پنهنجي هر خيال ۽ خواهش کي معبود حقيقيءَ ڏانهن رجوع ڪيو هوندو، جنهن دنيا ۽ ان جي هر لذت کي هيچ سمجهِي، هر مصيبت کي آزمائش ۽ امتحان سمجهي، خنده پيشانيءَ سان برداسٽ ڪيو هوندو، ۽ ان کي بار جو سنيهو سمجهي قبول ڪيو هوندو. + + +تنهنڪري، اي انسان، تون پنهنجو پاڻ سنڀال: پنهنجي دل کي درست رک، ۽ ان کي دنيا جي هر نيچ خواهش کان پاڪ رک، ته ديدار حق حاصل ڪرين. حياتي ڏينهنڙا ٻه چار آهي. هر گهڙيءَ جي قيمت آهي. هي موقعو غنيمت ڄاڻ ۽ ان کي هٿان نه وڃاءِ. هن حياتيءَ جي عرصي کان سجايو ڪر. پرهيزگاريءَ ۽ پاڪيزگيءَ کي زندگيءَ جو اصول بناءِ. تون انسان آهين: توکي اشرف المخلوقات جو لقب آهي. تون پنهنجي لقب کي نه لڄاءِ. خيال ۽ عمل ۾ پاڪ رهه. تون بندو خدا جو آهين، نفس جو غلام نه ٿيءُ. وحشاني خواهشن ۾ مبتلا نه ٿيءُ. انسانيت ۽ ان جي نالي کي خاڪ ۾ نه ملاءِ. پنهنجي انسانيت کي برقرار رک. پرهيزگاري تنهنجي زندگيءَ جو شان آهي، ان ۾ تنهنجي لاءِ خوشي ۽ خيريت جو سامان آهي، ان ۾ تنهنجي لاءِ هر مصيبت کان نجات آهي، ان ۾ رضاءِ الاهيءَ جو راز آهي، ان ۾ تنهنجي ڪاميابي ۽ ڪامراني آهي. اهو هڪ واحد حل آهي، جو انسان کي الله تائين پهچائي ٿو. دنيا جي دريا ۽ ان جي پرشور لهرين يا ان جي طرحين طرحين بلائن کان بچڻ لاءِ، اهو هڪڙو ئي دروازو آهي. اهائي ڪشتي آهي، جنهن جي وسيلي تون سلامتيءَ سان ساحل تي پهچي سگهين ٿو. +جيڪڏهين تون صحيح معنيٰ ۾ پرهيزگار آهين، ته اهو آزمودو آهي ته هڪ ڏينهن تنهنجي دل ۾ عشق ۽ محبت جو اهو ماٺيڻو ۽ نامعلوم جوهر پيدا ٿيندو، جنهن جي اثر هيٺ، سواءِ حق ۽ نور جي، ان مان ٻيو سڀ اير غير نڪري ويندو، ۽ منجهس سواءِ هڪ الله جي، نه ٻئي ڪنهن جو تصور باقي رهندو، نه خيال ۽ نه ڪري خواهش_ يقين ڄاڻ! +تنهنڪري، اي ڀاءُ، خدا کان پناهه گهـُر، ۽ درگاهه عاليءَ ۾ دست بدعا ٿيءُ ته ”اي خداوند اڪبر! تون پنهنجي هن ڪمزور بندي جي هر وقت دستگيري ۽ رهبري ڪر، نفس ۽ دنيا جي دوکي ۽ فريب کان بچاءِ، راهه راست تي هلڻ جي توفيق ڏي، ۽ پرهيزگاري عطا ڪر_ بس!“ +نيڪ سيرت عورت ۽ نااهل مرد +هوءَ هڪ باحيا، باوفا، باادب، ۽ باايمان عورت هئي. هن جو نالو ”حسينه“ هو، نه فقط نالو حسينه هئس، ليڪن واقعي هن جو، حسن ۾، نظير ملڻ مشڪل هو. تعليم به مناسب ورتل هيس: عقل تي ڪا ڊگرين جي مهر لڳل نه آهي. چوندا آهن ته ”ملڪ دل جو موڪرو، جنهن عرض زمين آسڻ.“ هوءَ حسن ۽ خلق، تدبر ۽ تميز جي پتلي هئي. ڀرئي مٽ وانگر بردبار، گفتار ۽ رفتار جي سنجيدي، ۽ ڪفايت ۽ قناعت جي ڪوڏي هئي. هوءَ غريب نه، بلڪ آسوده حال گهر جي لاڏ ڪوڏ سان نپايل نماڻي نينگر هئي. ماءُ جي اکين جو نور، مامي جي دل جو حضور هئي. والد گذاري ويو هوس. مامي جي اجهي هيٺ پلبي هئي. چوڏهينءَ جي چنڊ جو سڄو جمال، ۽ هن جون فقط آهوءَ مثال تابدار اکيون. حسن جو اڪثر مدار اکين تي آهي، ۽ ٻيو نڪ تي. جتي ويهندي هئي، اتي سڄي مجلس جو نڪ بنجي ويهندي هئي. +اولاد پيارو ٿيندو آهي، پر حسن کي پنهنجي ذاتي ڪشش آهي. هن به، پنهنجي طوطيلين ٻولين ۽ من موهيندڙ نماڻي مـُهانڊي جي ڪري، ماءُ ۽ مامي جي هانو ۾ جايون جوڙيون هيون: هيءَ حسن کي، قدرت کان، ڪرامت حاصل آهي. ويتر هن کي، پنهنجيءَ مهربان مٺڙيءَ ماءُ کان، گهرو خواهه علمي خواهه راڳ جهڙي فن لطيف ۾ مهارت حاصل ٿي چڪي هئي. +چوندا آهن ته ”اڻ سينگاريل حسن ۾، پنهنجو ئي انتهائي سينگار موجود هوندو آهي.“ سو، سادي لباس ۾ به حسينه جو حسن ٻهڪندو هو. هڪ انگريزيءَ جي شاعر جو قول آهي ته ”حسن صداقت آهي؛ ۽ صداقت حسن: ان کان سواءِ دنيا ۾ ٻيءَ ڪنهن چيز جي ڄاڻڻ جي ضرورت ئي ڪانهي“. پر، اڄ حسن سان گڏ، حسينه جي اسرندڙ عمر تي، شباب پڻ ڪَرَ موڙي رهيو هو. سو لعل لب، وات گلابجي ٻن نرم ۽ نازڪ پتين جهڙو، اکيون آبدار، ڏند ڏاڙهونءَ جا داڻا: اهڙي مثل حسن جي هاڪ ٻڌي، ڪيئي ڪـَهي آيا، ۽ آخر حسينه جي شاديءَ جي رسم، ڌام ڌوم سان، هڪ جاگيردار سان نهايت خير خوبيءَ ۾ ادا ڪرائي ويئي. +افسوس! دنيا کي اها خبر اڃا نه پيئي آهي ته جيئن حيوان ”انس“ نه هئڻ ڪري، انسان ڪين ٿي سگهندو آهي، تيئن زردار به ”دل“ نه هئڻ سبب، دلدار ڪڏهن ڪين ٿي سگهندو آهي. انسان جي قول ۽ فعل جو اثر حيوان جي دل تي ’پاڻيءَ تي چٽ‘ کان زياده اهميت نٿو رکي. زردارَ، زر جي زور تي چوڌاري پاڻ وڻائيندائي رهن ٿا: پوءِ پنهنجي دل جي مالڪ کي دنيا اڳيان پيش ئي ڇو ڪن؟ +اهڙيءَ طرح، پنهنجي هر قسم جي ذاتي جوهر کي خير باد چئي، هو بنهه بي معنيٰ انسان بنيا وتندا آهن. چوڌاري انسانيت تي چٿرون ڪندا، گهمندا ڦرندا، ۽ الغرضايون ڪندا. اهڙن ننگ انسانيت لاءِ ئي، سالڪن چيو آهي ته ”ٽوڪريءَ ڪچري مٿان، ٿو ڪين سونهي ڪيمخاب“. پر هيءَ دنيا آهي، جنهن ۾ ”جنهن جي پـَلوَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا“. هتي ڪيئي ڪند فهم ۽ ڪم شناس انسان، زر جي پوش سان ڍڪيا پيا آهن، حالانڪ هو نئن ٽڪو ئي نه لهن: وڏا غدار، مڪار، احمق، زاني، ۽ نااهليت جا جيئرا مجسما، سماج جا رکوال ۽ ٺيڪيدار بنيا، وتن ٿا ماڻهن کان عزتون ۽ تعظيمون حاصل ڪندا. +ٻئي پاسي، علم ۽ ادب جا صاحب، اخلاق جي زيور سان آراسته ٿيل، مفلس ۽ مسڪين هوندي به باشناس ۽ حق ادائي ڪندڙ، گهر ٻار، الله خواهه قوم جي حقن جي ڄاڻ ۽ فهم رکڻ وارا ڪيترائي ويچارا، اڪثر ڪسمپرسيءَ واري زندگيءَ ۾ ٺوڪرون ئي کائيندا رهن ٿا: +”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ تي، +پلئي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!“ _شاهه +حسينه جي، جنهن گهر ۾ شادي ٿي هئي، سو به پنهنجي ظاهري رونق ۽ زيب زينت ۾ رشڪ جنت هو_ منجهس باغ هئا، بستان هئا، تن ۾ پکي ۽ مور وغيره هئا، حوض ۽ ڦوهارا هئا، بجلين جون روشنايون هيون؛ مطلب ته ان ۾ اهو سڀڪجهه موجود هو، جيڪو پئسي سان دنيا ۾، عام طرح، مهيا ٿي سگهندو آهي_ هن ظاهري سونهن ۽ صفائيءَ واري محل ۾، هيءَ انساني حسن جي راڻي، واقعي مـُنڊيءَ تي ٽِڪ وانگر سونهي ها؛ پر افسوس، واءِ افسوس، هن ٻاهرئين رنگ روپ، ڏيک ويک، ۽ عش آرام واري سونهري پڃري ۾، انساني دل جي تسڪين ۽ روح جي راحت جو اهتمام ڪجهه مختصر ئي هو! حسينه جو مرد، جنهن سان هن جي حياتيءَ جو سودو ڪيو ويو هو، جنهن جي قبضي ۾ هن جا حق سونپيا ويا هئا، اهو به فقط صورت ۾ انسان هو، ۽ بس! زال مڙس جي هن بي جوڙ جوڙي کي ڏسڻ سان، ائين محسوس ٿيندو هو، گويا حسن بدصورتيءَ جي، سچ ڪوڙ جي، ۽ نيڪي بديءَ جي قبضئه قدرت ۾ سونپي ويئي آهي. همراهه، شڪار جو شوقين، شراب جو شائق، فحاشيءَ جو جيئرو مظهر؛ بدچال ۽ بيوقوف_ راڳن روپ جي محفل ۾، اڪثر ٻاهر يا اوطاق ۾ پيو گذاري؛ قسمتي گهر ۾ پير پائي؛ شڪاري ڪتن جا وٽس ڌڻ، ڪتن ۽ رڇن جي ويڙهه ڏسڻ هن جو بهترين شغل؛ گاني جي محفل ۾ روزاني شرڪت هن جو اولين ڌنڌو؛ بيهودين مجلسن ۾ پنهنجو قيمتي وقت خرچ ڪرڻ هن جو پيشو: ۽ پوءِ به ”ڀوتار“ وٽ، خلق خدا جي ائين پئي نمي، جو ڀو پيو لڳي، ڪٿي هيءُ ننڍڙو نمرود، دل ۾ خدائيت جي دعويٰ نه ڪندو هجي! کٽ تي ويهي، ته ماڻهو تڏن تي؛ گلم تي خول وهاڻي جي ٽيڪ تي آرس پٽي، ته ماڻهو مورڳو پٽ تي جـُتين سان گڏ؛ اُٿي ته ماڻهو اڳيِي پيرن ڀر؛ ڪيڏانهن قدم رنج فرمائي، ته وک وک تي ماڻهو پيرين پونس: مطلب ته جيڪڏهن ڪو انسان معبود ۽ مسجود جي حيثيت ۾ ڏسڻو هجي، ته هن لاکيڻي لـُرَ کي ئي ڏسڻ ڪافي ٿئي. پوءِ ڀلا هن دولت جي دادلي ديوتا کي، هي پر متڙيا، بي پهچ ”پوڄاري“ ڇو نه اٿي ۽ اڇلون کائي چون ”سائين، اسان جو توکي ووٽ آهي!“ وڏيرو صاحب، سائين، پوءِ ڪيئن نه ميمبر ۽ وزير ٿئي! ماڻهن جو ڌُڻيل جو ٿيو! جڏهن ڪائو ڪچ ائين پيو عام جام اگهامندو، تڏهن ماڻڪ مسڪين بي مانائتا ٿيا پيا موٽندا نه، ته ٻيو ويچارا آخر ڇا ڪندا. +سنڌ جا اڪثر زميندار اهڙائي ”ڪائا ڪچ“ آهن؛ هو پنهنجي ان حال تي نهايت خوش آهن، ته اڃا، عام جام هڪ هٽيءَ واريءَ چيز وانگر، پيا ٿا اگهامن. گهڻو کائڻ، ڪم نه ڪرڻ، بيسود گفتگو ۾ وقت وڃائڻ، ڪڪڙن، ڪتن ۽ رڇن جون ويڙهيون ڏسڻ، لياقت نه هئڻ جي باوجود اڃا خرچ ڪري اسيمبلين ۾ وڃڻ، ’پئسي سان هر چيز حاصل ڪري سگهجي ٿي‘ محض انهيءَ ويساهه تي زندگي گهارڻ: اهي هنن جا مول متا آهن. مطلب ته عمر برباد ڪرڻ ڪو هنن کان سکي. بس، ڄمي ڦاٿا آهن؛ ۽ دنيا کي به اجايو کڻي ڏولائن ۾ وڌو اٿن. زندگيءَ جي پيچري تان، هو علم جي مشعل بنا پنڌ ڪن ٿا. سندن هر قدم غلط کڄي ٿو ۽ کين توڙي دنيا کي اوڙاهه ۾ ٿو اڇلي. هنن جي دل ۽ دماغ ۾ اونڌهه آهي. هو نيڪيءَ جا باغي ۽ بديءَ جا حامي آهن. سنڌ جي ٻهراڙي ۾، جي هڪڙا آهن ”غريب ڄٽ“، قه هي حضرت آهن ”امير _ ڄٽ“! پر، ڪير چوين ته ”شينهن، اوهان جي وات ۾ بوءِ آهي“! +حسينه کي، عام زالاڻن مڪرن، سازشن، جهيڙن ۽ طعنن تنڪن جو بهاڪثر نشانو بنجڻو پوندو هو. تنهنڪري، هوءَ ڪوشش ڪري، اوڙي پاڙي جي اهڙين ترنياڪ عورتن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کان پرهيز ڪندي هئي. پر جيڪڏهن ڪرڙ ۽ ڪيوڙو هڪ هنڌ گڏ هوندا آهن، ته ڪيوڙي جي سهڻن ۽ سر سبز پنن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪرڙ جا ڪنڊا ضرور ضربي وجهندا آهن؛ تيئن حسينه کي، پنهنجي ڪمال سنجيدگيءَ ۽ بردباريءَ هوندي به، وقت بوقت، زالن جي گلا غيبت، چور ۽ سـُس پـُس کي سـَهڻو ئي پوندو هو: ياد رهي ته نيچ فطرت انسان به وڇونءَ جيان دائمي ڪنهن جي دل کي ڏنگڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي، اهڙو موقعو تلاش ڪندو رهندو آهي: پارسيءَ واري جي مقولي جيان ”مقتضاي طبيعتش اين است.“ +هڪ طرف حسن و جمال خاص خوبين سان، خالق خلقيو، ته پوءِ ڪوجها ڪمينا ڪيئن ٿا سک سمهن! ”حسود هرگز نيا سود“. اصل به بديءَ کي نيڪيءَ سان هڪ قسم جو مخفي وير ٿيندو آهي. نيچ فطرت انسان ۾، قدرتي طور، ”حسد ۽ ايرکا“ جو مادو موجود هوندو آهي؛ ايتريقدر، جو هو ڪوشش ڪري به، دنيا آڏو، ٻئي کي پاڻ جهڙو ڪري پيش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن؛ ۽ ”الغلط المشهور افصح من الصحيح غير المشهور“ جي مقولي جيان، جيسين وڃي سچ ”سچ“ ٿئي، تيسين ڪنهن حد تائين اهڙا ماڻهو ڪامياب به وڃي ٿيندا آهن: جا ڳالهه ئي ڪريل فطرت آدمين جي خوش��ءَ جو مرڪز آهي. +حسينه، پاڙي جي اهڙن ماڻهن کان اڪثر دور گذاريندي هئي. هوءَ پنهنجو اڪثر وقت، عبادت ۽ اولاد جي پرورش ۾ خرچ ڪندي هئي. فرصت ۾، ڪتاب ۽ اخبارون مطالع ڪندي هئي. گاهي گاهي رات جي پڙهڻ جو پروگرام بند ڪري، ٻارن سان خوش خوش گفتگو ڪندي هئي. عمر آهر، کين بزرگن جون ڳالهيون، ننڍيون نصيحت آموز آکاڻيون، ڪجهه تاريخي ڳالهيون وغيره ٻڌائيندي هئي. وقتي انهن سان راند به ڪندي هئي. هن جو کلڻ کيڏڻ ٻارن تائين محدود هوندو هو_ گويا ٻار ئي هن جا دوست هئا؛ هن جي اولين ۽ آخرين ”وندر“ هئا. هوءَ گهر ٻار خواهه جسماني صفائيءَ ۾ پاڻ بيحد پاڪيزه رکندي هئي. اڄڪلهه جي ڇوڪرين جيان، نـُنهن وڏا ۽ لعل رنگ ۾ رتل_ سو نه ڪندي هئي؛ باقي سراپا صفائي اهڙي رکندي هئي، جو هن جي جـُتي به جهرڪندي هئي: انهن سڀني گـُڻن هوندي به، ويچاري حسينه جي برخلاف، گهـَرَ ۾ سس ۽ نڻانن طرفان لائي _ چائي لڳي ئي رهندي هئي. +ٿڌيءَ دل سان سڀڪجهه برداشت ڪرڻ جي باوجود، هن جي دل ٻرندڙ جبل جيان شعله زن هئي؛ ڇو ته احساس رکندڙ عورت لاءِ، هيءَ اها حياتي هئي، جنهن کان پناهه گهري، هوند پاڻ کي هميشه لاءِ مٺي موت جي آغوش ۾ وڃي آرامي ڪجي! درياءَ جي قهري ڪـُنن ۾ پاڻ کي غرق ڪجي، مگر هن قسم جي حياتي نه گذارجي! +حسينه جو مرد، پنهنجي ڀينرن ۽ مائرن جي ڦندن ۾ ڦاٿل هو، سو هنن نيٺ سندس ٻيءَ شاديءَ جو سلسلو شروع ڪيو. نيٺ هڪ ڇوڪري تاڙيائون، جيڪا پنهنجي ملڪيت جي اڪيلي وارث هئي: ڪجهه اها لالچ دامنگير هـُين، ڪجهه حسينه جي ضمير کي چيچلائڻ پئي چاهيائون_ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار_ حالانڪ هوءَ ٻي ڇوڪري نه خوبصورت هئي، نه خوب سيرت! +اڪثر مسلمان مردن جو خيال آهي ته چار شاديون، هنن لاءِ، قرآن، نه فقط جائز ڪيون آهن، پر اهو هنن جو هڪ غير مشروط حق آهي: جنهن جو فائدو وٺي منجهانئن ڪي واقعي چار شاديون ڪن ٿا _ ڪي ٻه، ڪي ٽي؛ مگر حقيقت هيءَ آهي ته هنن قرآن جو مفهوم غلط سمجهيو آهي: +”و ان خفتم الا تقسطو في اليتمى فانکحو ما طاب لکم من النساءِ مثنى و ثلث و ربع فان خفتم الا تعدلو فواحده.“ +(سورة النساء). +] ۽ جيڪڏهن اوهان کي خوف هجي ته اوهين يتيمن جي درميان برابري نه رکي سگهندؤ، ته پوءِ اوهين نڪاح ڪري سگهو ٿا_ زالن مان جيڪي اوهان کي پسند اچن_ ٻه ٻه، ٽي ٽي ۽ چار چار. پر جيڪڏهين اوهان کي اهو خوف ٿئي ته انهن (زالن) ۾ عدل نه ڪري سگهندوء، ته پوءِ فقط هڪڙي.“ [ +هن اجازت جي مراد نفس پرستي نه آهي، بلڪ ”قوميت جو سڌارو“. يتيمن مان مراد آهي، اهي ڇوڪرا خواهه ڇوڪريون، جيڪي والد جي گذاري وڃڻ سبب بيواهه ٿي پون ٿا. اوهين انهن جي، بحيثيت هڪ همسايه يا عزيز جي، سنڀال ڪريو؛ پر جي نه ڪري سگهو، ته اوهين ان عورت سان شادي ڪريو، ۽ هر نقطي نظر کان، انهن جي سنڀال ڪريو. سو به ان حالت ۾ جڏهن اوهين ايتري بوج جي پاڻ ۾ طاقت سمجهو، ته ٻي شادي ڪريو؛ ورنه ته فقط هڪڙي. يا، شادي، ٻي يا ٽين، انهن اهم حالتن هيٺ به ضروري ڄاڻائي ويئي آهي، جڏهن اولاد بنهه نه هجي؛ يا ”پٽ“ جو اولاد اصل نه هجي؛ يا پنهنجي عورت ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿي وڃي. مگر مسلمانن جو قصو ئي الٽو آهي: ڪنهن بيروزگار کي روزگار لائڻ، غريب شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ، مظلومن جي مدد ڪرڻ جي بجاءِ، ويندا شاديءَ تي شادي ڪندا! +حسينه جي مرد به هڪ اهڙيءَ ئي شاديءَ جي تياري ڪئي. ياد رهي ته اڪثر مسلمان پنهنجي زالن کي شرعي قانون موجب پنهنجو رفيق ڪري نه، بلڪ پاڻ لاءِ شرم جهڙي هڪ هيچ ۽ نيچ شيءِ سمجهندا آهن! حسينه، عاقل کان وڌيڪ صابر هئيي، ۽ ”صبر مفتاح ڪار است“ جِي قائل هئي. هوءَ هڪ عابد ۽ اهل الله عورت هئي. هوءَ زهد ۽ تقويٰ جو جيئرو مجسمو هئي. عالمانه مزاج خاتون هئي. نهايت نيڪ بخت ۽ درويش دل ۽ صابر هئي. هن پاڻ کي مخاطب ٿي چيو: ’اي بيقرار دل! هيءُ جذبن جو محشر ڇا لاءِ؟ انسان جو هن دنيا ۾ اچڻ جو واحد مقصد، حقيقي يار جي جستجو آهي. ان کان منهن موڙي، مجاز لاءِ مرڻ ڪم ڪـَچن جو. هڪ انسان کي دل جي ڇانوَ ۾ ويهارڻ نهايت ناداني آهي. ”دل“ خدا جو گهر آهي؛ ان کي ته حضور انور آڏو نذراني طور پيش ڪجي. ههڙيون هزار دليون، لکين جانيون حقيقي محبوب تان فدا ڪجن‘. دنيا سبق جو مڪان آهي_ سو، حسينه جي دل جي روحاني تقاضا، سندس وحشاني مجاز کي ٺوڪر هڻي، کيس ماڻهوءَ مان ملائڪ ڪيو، ۽ هن جي دل ۾ عشق الاهيءَ جو طوفان موجزن ٿيو. هن جي حواني جذبا سرد ٿي ويا. حسرت، مسرت کان بالاتر ٿي، مٿي گهڻو مٿي، پرواز ڪرڻ لڳي. +”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪـَرُ سارنگيءَ ساز، +هيءُ عشق جو آواز، ماڻهو رکيو مـُنڌ تي!“ +_شاهه +هيءَ دنيا روپي باغ، گلن ۽ ڪنڊن يعني نيڪ ۽ نااهل انسانن سان ڀرپور آهي. رب تعاليٰ جو فرمودو آهي ته منافق کي منافق ڏيو، صاحبدل جي شادي صاحبدل سان ڪريو، ڪافر دل ۽ بدڪردار جو هٿ ڪافر دل سان ملايو، ته ته جوڙ جوڙ سان ملي. مگر انسان، الله سائينءَ جي حڪمن جي انحرافي ڪري، فقط زر جي نقطي نظر سان، نياڻين جي شادي ڪرائين ٿا. هو نٿا سمجهن ته هڪ غريب ماڻهوءَ وٽ، جي عورت عزت جي زندگي بسر ڪري، ۽ محبت جا خزانا ماڻي، ته اها انهيءَ حالت کان صدها دفعا بهتر آهي، جو هوءَ هڪ زردار وٽ روحاني عذاب کائيندي، چيچلائيندي رهي: باغ ۽ بنگلا انسان جي خوشيءَ جو باعث تڏهين آهن، جڏهين دل کي چين آهي، ورنه بيڪار آهن. شاعر حق بجانب آهي ته: +”بهارِ گل دلِ آسوده را به ڪار آيد، +چون دل ملول بود، گل بديده خار آيد“. +اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جن جِي دل جذبي ۽ احساس کان خالي آهي. جنهن انسان جي دل ۾ نه جذبو آهي ۽ نه احساس، اهو انسان درجي کان ڪِريل ۽ هڪ بي حس جانور آهي. انسانيت جي اها تقاضا آهي، ته هڪ انسان، ٻئي انسان کي جڏهن رنج و محن ۾ مبتلا ڏسي، ته ان سان شريڪ حال ٿئي؛ ان جي دلجوئي ڪري، ان جي غم کي غلط ڪري، ان کي مصيبت ۾ سهارو ڏئي، هن جي مغموم دل ۾ تسڪين پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. مگر اهڙا خيال فقط چند پاڪيزه مزاج ۽ نيڪدل انسانن تائين محدود هوندا آهن. +حسينه، گهر جي ٻين ڀاتين سان هونئن به خاموشيءَ سان گذاريندي هئي، پر پوءِ هوءَ پنهنجي مرد کان به گوشو ڪرڻ لڳي. هن جي هن خوديءَ کي مغروري تصور ڪرڻ شروع ڪيو ويو_ زال ذات بظاهر هيڻي آهي، مگر خدا کيس وڏي طاقت ڏني آهي_ حسينه هڪ خوددار خاتون هئي. اڄ هن پنهنجي حياتيءَ کي ”دور باش، خوش باش“ جي حد تي پهچايو هو. ۽ بحيثيت هڪ عورت جي ناز و انداز ۽ راز و نياز جون حدون ڇڏي، نهايت نماڻي ۽ ناتوان نظر اچڻ لڳي، ۽ پوءِ هن جي دل جي ڪـَلي وري نه کـُلي: ”وڻ مان پن ڇڄي پوي، ڳنڍڻ ڳوري ڳالهه“. +حسينه جي هٿ ۾ دولت برابر نه هئي، مگر پنهنجي ذاتي جوهرن جي ڪري، هوءَ بذات خود اڻ کٽ خزانو هئي، جنهن کي قدرت قسمين قسمين خوبين سان سينگاريو هو. جيڪي انسان پنهنجي ”وجود“ کي سمجهي نٿا سگهن، سي ٻين جي دلين تي ڪهڙو مطالعو ڪندا. حسينه جا ساهرا، هن جي پيڪين وڃڻ تي هِن کي پنهنجي اولاد کان پڻ الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. سندس اولاد کي زوريءَ پوئتي رهائي ڇڏيندا هئا، ۽ پوءِ نوڪرن ۽ سنڀاليندڙن ۽ ملڪيت جي باوجود، پوئتان انهن جو جيڪو حشر ٿيندو هو، ۽ جي عقوبتون ا��هن سان ٿينديون هيون، سي بيان کان ٻاهر آهن. غرض ته ڪنڊن جي ٻاريءَ ۾ حسينه هڪ مجذوبي گل مثل هئي، جنهن کي اکين کان انڌي سماج پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ۽ چيڀاٽي ڇڏيو هو. حسينه جي ڀڳل ٽٽل دل، هن دنيا جي زيب ۽ زينت کان بنهه کڄي ويئي هئي. ۽ هن دل جا اهي پرزا پرزا چونڊي چپوٽي، کڻي خدا جي حضور ۾ رکيا، ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته: +”سب هيچ هيڻ، خدا ڪِي محبت ڪي سامني“. +مفلسي ۽ مرتبو +تعليم عام ڪرائڻ لاءِ اپيل +مفلسي ۽ ناداري ته اڄوڪي زماني ۾ وڏي مصيبت آهي. هزارين ملڪ، لکين انسان، هن سرزمين تي غربت جي ڪري، ترقيءَ جي راهه ۾ قدم رکڻ کان محروم آهن، ورنه اهي نادار، زردارن کان شخصي لياقتن ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪم نه آهن. +شاهوڪار، جيڪڏهين زر جي گنج سان سرفراز آهي، ته غريب وري پاڻ کي ٻيءَ هڪ لافاني دولت سان مالامال ڪري سگهن ٿا. حسن، حلم، علم، عقل، نيڪي، صدق، سچائي، وفائيءَ جي خاصيتن سان جيڪڏهن هڪ مفلس سينگاريل آهي، ته اهي بذات خود هن لاءِ اکٽ خزانا آهن. +ائين نه آهي ته اهي خصوصيتون مفسليءَ جو ور آهي: غني به انهن خوبين سان آراسته آهن، پر ڇڊا. الله پاڪ جو هر بني بشر تي هڪجهڙو هٿ آهي. هن وسيع دنيا ۾ ”غربت“ جا به وسيع قسم آهن. لکين نعمتون آهن پاڪ پروردگار جون: ڪا ڪنهن تي عطا ٿيل آهي، ڪا ڪنهن تي: ڪو ڪنهن سان نوازيل آهي، ته ڪو ڪنهن سان. ”ڪنهن عقل گهڻو، ڪنهن حسن گهڻو؛ ڪنهن خوب ڏنو تو ڌن کڻي.“ ڪو ڪهڙي لحاظ کان غريب آهي، ته ڪو ڪهڙي نقطي نظر کان غريب آهي. هڪ غريب جي راڳ ۾، هڪ مفلس جي قلم ۾، هڪ نادار جي زبان ۾ جي جادوءَ جو اثر آهي، ته اهو خود هڪ ”خزانو“ آهي. + + +ڪنهن کي به گهٽ نه ڄاڻجي؛ ڇو ته سڀ ۾ پاڻ ٿو پرور وسي، ۽ هن جو فعل حڪمت کان خالي نه آهي، هن جي هر ڳالهه ۾ راز الاهي سمايل آهي. +جميل احمد، سنڌي اسڪول جو هڪ غريب پٽيوالو هو؛ ليڪن هن ۾ صلاحيت هئي، ۽ هو محسوس ڪندو هو ته علم نه هئڻ ڪري هو ڪيترين نعمتن کان محروم هو، ۽ هو هڪ اهڙي زندگي گذاري رهيو هو، جنهن ۾ هن روحاني ۽ ذهني تڪليف ۽ عذاب ٿيندو هو: ڇو ته غريب پٽيوالن يا نوڪرن سان جيڪا عام طور بيجا روش ورتي وڃي ٿي، سا قابل افسوس آهي. ليڪن هو غريبن مفلسي ۽ مجبوريءَ سبب سڀڪجهه برداشت ڪن ٿا. هنن جي دل ۾ درد ۽ غم جا انبار آهن، ۽ هنن جي زبان تي خاموشيءَ جون مهرون آهن. +جميل احمد، اهڙيءَ ذلت جي زندگيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ جو فولادي ارادو ڪري چڪو هو. هن پهريائين پهريائين پنهنجي اسڪول جي ماستر کان موڪل وٺي، شيون وغيره اسڪول ۾ وڪڻڻ شروع ڪيون؛ ۽ رات جو پڙهڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. اهڙي طرح نيٺ هن سنڌيءَ جا ست درجا پڙهي، فائينل جو امتحان پاس ڪيو. وري اڳتي هلي، ڪاليج پاس ڪيائين. قدرت الاهي، هو ان ساڳئي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، ۽ اسڪول جو سارو عملو سندس زير نظر هوندو هو. ڇا پٽيوالو، ۽ ڇا هيڊ ماستري!ٰ محض علم جي ئي ذريعي، جميل احمد ايڏو درجو حاصل ڪيو. برابر علم بادشاهه آهي: +”قلم گويد ڪ من شاهه جهانم، +قلم ڪش را بدولت جي رسانم.“ +جميل احمد کي علم ۽ ان جي قيمت جي خبر هئي، تنهنڪري هن پنهنجي اولاد کي اوچي تعليم ڏني، ۽ انهن کي وڏا وڏا امتحان پاس ڪرايا، جي پنهنجي زماني جا، اڳتي هلي، نهايت نالي وارا ۽ مشهور ماڻهو بنيا. اهو آهي ”علم“، جنهن هڪ معمولي پٽيوالي کي ايڏي رتبي تي رسايو؛ غريب کي شاهوڪار بنايو، ۽ جاهل مان عالم ڪيو. +”بخشي آ وڏي طاقت تعليم کي موليٰ هيءَ، +بدڪار ۽ بڇڙن ۽ وحشين کي سڌاري ٿي.“ +ڪائنات جي ذري پرزي جي اهميت جي خبر، تعليم جي معرفت پوي ٿي. دنيا جي هر ��ولت فنا ٿي سگهي ٿي، ليڪن تعليم هڪ اهو سرمايو آهي، جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت فنا نٿي ڪري سگهي. هيءَ هڪ لازوال دولت آهي، جا ڪڏهن زوال پذير نه آهي. غرض ته علم هڪ بي بها خزانو آهي. انسان ذات کي، انسان بنائڻ لاءِ، علم ضروري آهي؛ جنهن کان سواءِ، انسان، صحيح معنيٰ ۾ بنهي نه سگهندو. جاهل ۽ جانور ۾ تمام ٿورو فرق آهي. جو ماڻهو صحيح فطرت جو صاحب آهي، اهو پاڻ ۾ يڪدم علم نه هئڻ ڪري هڪ قسم جي ڪمي محسوس ڪندو، ڇو ته جو انسان علم کان محروم آهي، اهو ناقص انسان آهي، تنهنڪري، هو پاڻ ۾ هن ڪميءَ جي پوري ڪرڻ جي هڪدم ڪوشش ڪندو. تحقيق: +”ڪسي را ڪ شد در ازل بخت يار، +طلب ڪردن علم ڪرد اختيار،“ +هڪ اکين ڏٺو واقعو آهي ته هڪ ماڻهو نهايت غريب هوندو هو. هن کي علم سان بيحد عشق هو، مگر بيوس هو. قهري فضا ۽ ظالم زمانو، هن جي خيالن کي عملي صورت بخشڻ لاءِ تيار نه هو. هو اميدون کائيندو هو ۽ حسرتون پيئندو هو. هو رستي جي بتين تي پڙهندو هو. جيڪي سمجهه ۾ نه ايندو هوس، ته نماڻو مـُنهن ڪري، لانگهائو پڙهيل آدمين کان پڇندو هو. ائين ڪندي ڪندي، هن مئٽرڪ پاس ڪئي. مگر هن کي آرام نه آيو. هن جي اوچن خيالن جي عمارت فلڪ سان ڳالهيون ڪندي هئي، تنهنڪري هن نوڪري ۽ پڙهڻ گڏ شروع ڪري ڏنا. هن پنهنجي زندگيءَ جي باغ کي سرسبز ۽ شاداب ڪرڻ پئي چاهيو. انسان کي الله پاڪ ايتري طاقت ڏني آهي، جو هو جيڪڏهن ڪنهن به ڪم ۾، دل جي حضور سان هٿ وجهندو ۽ ڪندو رهندو، ته هڪ ڏينهن يقيناَ َ فتح هن جا پير چمندي. +ائين پڙهندي، ۽ ساڻ ساڻ نوڪري ڪندي، هو پنهنجي نيڪ مقصد طرف گامزن رهيو؛ ۽ هن قدم پٺتي نه هٽايو. قدرت هن جي عزم ۽ استقلال جي آڏو اچي نه سگهي، هن کي ولايت وڃڻ جو موقعو موجود ڪري ڏنو: غرض ته هو پنهنجي جوش همت کان ڪم وٺندو آيو، ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي وقت جو حاڪم بنيو. بيشڪ: +”علم اوندهه جي شمع آهي ۽ رڻ جو رفيق آهي، +دنيا ۽ دين حق جِي پسائي ٿو راهه علم“. +برابر ”زر قاضي الحاجات“، ”هر مشڪل جو حل آهي“. هڪ زردار ڪيترو به اخلاقاَ َ يا فطرتاَ َ ڪِريل ۽ ڪمزور آهي، ته به هو زر جي زور تي سرڪار ۾ چندا پياري، پارٽيون ڪري، ماڻهن جي نفس جي ڪتي کي ڀونڪڻ کان بند رکي سگهي ٿو: اڌ يا مـُنو لک خرچ ڪري اسيمبلي ميمبر ٿي سگهي ٿو: مگر، هڪ مفلس انهن مخفي خاصيتن سان سينگاريل آهي، جو هو بغاوت جو نعرو بلند ڪري، پنهنجي غربت سان جهاد ڪري، پنهنجي زندگيءَ کي اعليٰ ارادن موافق هلائڻ جو انجام ڪري، هڪ ڏينهن پاڻ کي ”ڪامل انسان“ ڪري ٿو سگهي. +زر سان حاصل ڪيل عزت ۽ مرتبو هڪ طرف رکو، ۽ پنهنجي لياقت، محنت ۽ نيڪيءَ سان هٿ ڪيل مان ۽ شان ۽ سرفرازي ٻئي طرف رکي: ٻنهي مان ڪهڙي چيز زياده عظيم آهي! +”ڪـُل عزتن جو اصل ۽ مڙني خوشين جو مول، +ڪـُل حادثن جي حملي کان آهي پناهه علم،“ +_حافظ +دنيا جون قومون، جن ۾ علم آهي، سي اڳتي آهن، ۽ جن ۾ جهالت آهي، سي پٺتي آهن ۽ دنيا جي ڪيترين نعمتن کان محروم آهن. علم انسان کي مالامال ٿو بنائي، ان کي وڏي درجي ۽ مرتبي تي پهچائي ٿو، مفلسي ۽ ناداريءَ کان نجات بخشي ٿو، زمين کان آسمان تي رسائي ٿو. علم اها شيءِ آهي، جنهن لاءِ حضرت رسول اڪرم(صلعم) جن فرمايو آهي ته ’علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين ولايت وڃڻو پئيوَ، ته اوڏانهن پڻ وڃو‘، يعني ڪنهن به صورت ۾ علم ضرور حاصل ڪريو. علم هڪ زيور آهي، جنهن سان هر هڪ انسان آراسته ۽ پيراسته هجڻ گهرجي. علم انسان جي سونهن آهي، جنهن کان سواءِ هو نازيبا ۽ اڻوڻندڙ آهي. انسان پنهنجي گفتار، پوشاڪ، نشست برخاست ۾ سنجيدو ۽ سهڻو، محض علم جي ذريعي ٿئي ٿو. پڙهيل ماڻهو هر معاملي ۾ نهايت سنجيدگيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان هلي ٿو: هو نشيب و فراز کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. هن جي سمجهه ۽ هن جو عقل ايترو بلند ٿئي ٿو، جو هو هر ان فعل کان پرهيز ڪري ٿو، جا هن جي لاءِ شرمندگيءَ جو باعث ٿئي. هو هميشه ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندو، جا ان جي عزت ۽ آبروءَ کي وڌائيندي. هو علم جي روشنيءَ ۾، هر صحيح ۽ غلط شيءِ کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو. علم جي اڳيان قارون جو خزانو هيچ آهي. جنهن وٽ علم آهي، اهو حقيقي طور شاهوڪار آهي، ۽ حقيقي عزت ۽ مرتبي جو صاحب آهي. علم انسان جي، دين ۽ دنيا لاءِ شمع راهه ٿي، رهبري ڪري ٿو. علم اها ڪشتي آهي، جا انسان کي هن دنيا جي پرشور لهرن مان، سلامتيءَ سان پار پهچائي ٿي، ۽ سواءِ ان جي سهاري جي، ڪو به ساحل تي پهچي نٿو سگهي. +مرتبو اها شيءِ آهي، جا انسان پنهنجي لياقتن ذريعي حاصل ڪري ٿو. جو انسان، پئسن جي ذريعي ڪو به درجو حاصل ڪري ٿو، تنهن کي رتبو نه چئجي. البت في الحال هو به ڪجهه درجو حاصل ڪري ٿو، پر اهو درجو يا عزت ان انسان جي نه آهي_ اها عزت پئسن جي آهي، ۽ جيڪا عزت ملي ٿي، سا انهن پئسن کي ئي ملي ٿي! اهو مرتبو بيڪار، ۽ بي جٽا آهي، ڇو ته ذاتي نه آهي. جيڪڏهن زماني جي گردش ۾، ان جو اهو خزانو لٽي وڃي، ته گويا ائين سمجهجي ته ان جي عزت به پوري ٿي ويئي. تنهنڪري، مرتبو ان کي چئجي، جو انسان جي لياقتن ۽ خاصيتن تي مبني هجي؛ جو ان کي ڪو به ان ماڻهوءَ کان الڳ ڪري نه سگهي. علم بذات خود مرتبو آهي، عزت آهي، خزانو آهي، هڪ روشني آهي؛ علم اونداهه لاءِ اجالو، راهه زندگيءَ لاءِ رهبر، انسانيت جو زيور، سونهن ۽ سوڀيا آهي_ ڪو به ڊاڪو يا چور، ڪنهن کان علم کسي نٿو سگهي. ڳالهه ڪندا آهن ”شيخ شبلي (رح) هڪ دفعي ڪنهن قافلي سان وڃي رهيو هو. رستي تي ڪن ڦورن ان قافلي کي لٽيو، ۽ قافلي وارن وٽ جو ڪجهه به هو، ڦري کڻي ويا، جنهن تي سڀ قافلي وارا روئڻ ۽ پٽڻ لڳا؛ مگر شيخ شبلي صاحب پئي کليو. پڇا ڪرڻ تي چيائين ته ”هنن ويچارن وٽ جو ڪجهه به هو سو ڦرائي ويٺا آهن، جنهنڪري روئن ٿا؛ ليڪن منهنجو خزانو (علم ۽ روحانيت) مون وٽ سلامت آهي، تنهنڪري آءٌ کلان ٿو!“. +تنهنڪري مفلسي ۽ مصيبت تڏهن آهي، جڏهن انسان بي علم آهي. جنهن وقت هو علم حاصل ڪندو، ان وقت ان جي تقدير ۾ تبديلي ايندي: هو نادار مان زردار، جاهل مان عالم، غلام مان حاڪم ٿيندو. ان ڪري، اسان کي گهرجي ته علم ڏانهن زياده توجهه ڏيون، جنهن ۾ اسان لاءِ هر مصيبت جو علاج آهي، جنهن ۾ هر مشڪل جو حل آهي، جو باعث نجات ۽ خوشحالي آهي. غرض ته تعليم هڪ اهو روشن چراغ آهي، جنهن جي اجالي ۾ ماڻهو پنهنجي منزل مقصود تي پهچي ٿو؛ هڪ اها ”عطاي موسيٰ“ آهي، جا انسان کي ”دين ۽ دنيا جي طـُور“ تي پهچائي ٿي. +هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته پاڪستان جي اندر تعليم جي ڇا حالت آهي. جنهن جو فوري جواب اهو آهي ته ’بلڪل ابتر‘. اسين علم ۾ پٺتي پيل قومن منجهان هڪ قوم آهيون: مفلسي ۽ بيروزگاري ته اسان وٽ؛ واپار ۽ ٻين معاملات ۾ بي ايماني ۽ غداري ته اسان ته اسان وٽ؛ هر قسم جي ڪمي ۽ خرابي ته اسان وٽ؛ اسان جا ملڪي مسئلا سڀ اڌورا؛ اسان جو نظام ناقص؛ حڪومت عوام کان غافل؛ تفرقو اسان ۾؛ حسد ۽ بغض اسان ۾؛ خود غرضي ۽ خويش پروري اسان ۾؛ اسان جون سياسي ۽ معاشرتي حالتون ناگفته به! اهو سڀڪجهه بي علميءَ ۽ جهالت جو نتيجو آهي. علم کان رو گردانيءَ، اسان کي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ ناڪام بنايو آهي. +اسانجي قوم جو وڏو حصو جاهل آهي، جنهنڪري انهن ۾ نه سياسي بيداري، نه صحيح معنيٰ ۾ سياسي شعور آهن: پنهنجي ملڪ جي بيروني ۽ اندروني معاملات کان بيخبر، دنيا ۽ ان جي جدا جدا قومن جي موجوده حالتن کان ناواقف_ هو مصيبت ۽ ذلت ۾ ڳهن ٿا، رنج ۽ اندوهه ۾ مبتلا آهن، هو تڙپن ۽ ڦٿڪن ٿا، مصيبت جي گرداب ۾ قابو آهن؛ ليڪن راهه نجات کان بيخبر آهن. هر هڪ ليڊر خودغرضيءَ ۽ خويش پوريءَ ۾ مبتلا آهي؛ هر هڪ آفيسر رشوت ستانيءَ ۾ محو آهي. عوام، پنهنجي جهالت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ڪري، صحيح انتخاب ڪرڻ کان قاصر آهن: موجوده نازڪ حالت، غلط انتخاب ۽ غلط ليڊر شپ جو نتيجو آهي. +مگر، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان ۾ هر هڪ جي فنا ۽ بقا، عزت ۽ ذلت، اسان جي قوم جي عزت يا ذلت ۽ فنا يا بقا سان وابسته آهي. انفراديت ۾ مبتلا ٿيڻ سان، پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي تباهي آڻينداسين. اسان مان هر هڪ جي خوشحالي ۽ بهبودي، قوم ۽ ملت جي خوشحاليءَ ۽ بهبوديءَ سان آهي: تنهنڪري، جيڪي اسان جي ليڊر برسر اقتدار آهن، سي پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي مفاد کي مدنظر رکي، عوام ۾ ”تعليم“ پيدا ڪن، ۽ پنهنجي قوم ۽ ملت جي عزت کي وڌائين؛ تان ته اسان جو ملڪ دنيا جي ملڪن ۾ ڪا مانائتي جڳهه والاري. +خدا ڪري، اسان جا ليڊر موجوده نازڪ حالتن جو صحيح اندازو لڳائي، عوام کي جهل جي اوندهه مان ڪڍي، علم جي روشنيءَ ۾ آڻين؛ ۽ همت، ايمانداريءَ، محنت ۽ قربانيءَ سان، پنهنجيءَ قوم کي، دنيا جي ترقي يافته قومن جي صف ۾ آڻي بيهارڻ لاءِ جدوجهد ڪن_ آمين! \ No newline at end of file