diff --git "a/sindhiadabiboard.org/Navel/Book4.txt" "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book4.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/Navel/Book4.txt" @@ -0,0 +1,3463 @@ +ڪتاب جو نالو: شفاخانه + + + +شفاخانه +بينگالي ناول + +تارا شنڪر بندوپاڌيايه + +”شري تارا شنڪر بنڌو پاڌيه“ +ليکڪ جي واقفيت: +شرت بابو کانپوءِ بنگلا (بينگالي) جي جنهن ناول نويسن وڌيڪ نالو ڪڍيو آهي، اهو آهي شري تارا شنڪر بنڌو پاڌيايه (بئنر جي). هو زنده بنگالي ناول نويسن (اپنياس – ڪارن) ۾ برک ناول نويس آهي. +اتر راڙه (اولهه بينگال) جي هارين جي دک سک کي، ڳوٺاڻي جنتا جي هر هڪ طبقي جي جيون ۽ چرتر جي هن غير رواجي ۽ بي جوڙ اوکه ڊوک ڪرڻ ۾ ڪمال حاصل ڪيو آهي. +سنڌيءَ جا پاٺڪ به هندي ۽ ٻين ٻولين جي پاٺڪن وانگر شري تارا شنڪر بابو جي ساهت ڪلا کان واقف ٿي چڪا آهن، سندس برک ناولن، ’راڌا‘ (اتهاسڪ،) ’راجڪمل‘، ’ڪالندي‘ (سنڌي ۾ به نڪتل آهي)، ’ڌرتي ماتا‘، ’گڻ ديوتا‘، ’منونتر‘، ۽ ’ڪوي‘ وغيره رچنائون قابل ذڪر آهن. جن مان ڪيترن جو سنڌي ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ ٿي رهيو آهي. ’آروگيه نڪيتن‘ تارا شنڪر جي نين رچنائن ۾ برک رچنا آهي. جيون ۽ مرڻ جي عظيم مقصد جهڙي ڳوڙهي فلسفي وشيه (دارشنڪ وشيه) جي عبارت ۽ ذڪر، نئين (جديد) ۽ جهوني علاج جي طريقن جي مقابلي جي پس منظر (بئڪ گرائونڊ) ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ به سڀاويڪ نوع ۽ عوامي زندگيءَ جي سچائيءَ جي سوتر کي ڪٿي به هٿ مان نه ڇڏي ڏيڻ تارا شنڪر بابو جو ئي ڪرتب آهي- خاصيت آهي. +هن پستڪ کي ’رويندر – پرسڪار‘، (انعام) حاصل ٿي چڪو آهي. سنه 1956ع ۾ ساهتيه اڪاڊمي طرفان به هن ڪتاب کي سال جو بهترين ڪتاب (بنگالي زبان ۾) چونڊيو ويو ۽ 5 هزار روپيه انعام ڏنو ويو. هينئر ساهتيه اڪاڊمي طرفان جدا جدا ديسي ٻولين (سنڌيءَ سميت) ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو پيو وڃي. + + +ٻه اکر + +سنڌيڪار جي قلم مان: +”شفاخانه“ بينگالي ناول ”آروگيه نڪيتن“ جو ترجمو آهي. ”آروگيه نڪيتن“ جو ليکڪ مهاشيه، شري تاراشنڪر بئنرجي ڪنهن به تعريف جو محتاج ڪونهي. هو صاحب سنڌي ساهت پريمين ۾ بينگال جي چوٽيءَ جي سهتيڪارن، گرديو رويندر ناٿ ٽئگور شرت چندر چئٽر جي ۽ بنڪم چندر چئٽر جي کان پوءِ مشهوري حاصل ڪري چڪو آهي. سندس ڪيترائي مقبول ناول ترجمو ٿي چڪا آهن. اهي لڳ ڀڳ سماجڪ آهن. ’آروگيه نڪيتن‘ به سماجڪ اپنياس آهي. البت هن ۾ ڪجهه صحت ۽ روڳ، علاج جي جهونن ۽ جديد طريقن جهڙوڪ: نبض ڏسڻ۽ ايلو پئٿي ۽ ديسي علاج جي طريقن جي ڇنڊڇاڻ، بيمارين جو مقابلو ڪرڻ وغيره سمورو ڳوٺاڻي ماحول ۾ هن نهايت قابليت سان دل اُٿاريندڙ نموني ۾ لکيو آهي. ناول جو نائڪ به هڪ ڪويراج (ڊاڪٽر يا وئد) آهي. سندس نالو آهي، ’جيون مهاشيه‘ ائين چئجي ته جيون مهاشيه جو جيون چرتر لکيل اهي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. +’آروگيه نڪيتن‘ جيون مهاشيه جي دواخاني جو نالو آهي. ان جي لفظي معنيٰ آهي ’شفاخانه‘. آروگيه = شفا، نڪيتن = خانه (گهر) = شفاخانه يا شفا جو گهر. +پر اهو لفظ سنڌي جنتا ۾ شايد ڪا غلط فهمي پيدا ڪري يا سمجهڻ ڪٺن ٿئي ان ڪري سنڌي انواد جو نالو ”شفاخانه“ ئي موزون سمجهي ڏنو ويو آهي جو اميد ته مقبول ٿيندو. +ناول جو حرف بحرف ترجمو ٿيل اهي. ڪابه ڦيرڦار گهٽ وڌاءُ ڪيل ڪونهي. ٻوليءَ جي روانيءَ ۽ شئليءَ ۾ ڪجهه نواڻ ڏسڻ ۾ ايندي. اها تارا شنڪر بابو جي اَپج آهي. +ناول جي خوبي ليکڪ جي آهي ۽ خامي منهنجي آهي. پڇاڙيءَ ۾. +ساهت اڪاڊمي ۽ سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ خصوصاً ان جي ڪنوينر پرنسيپال اجواڻي صاحب جي شڪر ادائي ڪرڻ فرض سمجهان ٿو جن منهنجي همت افزائي ڪري ههڙي برک بينگالي ساهتيڪار جي ’انوپم رچنا‘ جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو شرف مون کي عطا ڪيو. +ترجمي جا ٻه دستخط (Manuscripts) ��کيا اٿم. ٻئي دستخط جي نقل اتارڻ ۾ ڪماري پشپا سامتاڻي، منگهي سامتاڻي، شريمتي لاجونتي ٽهلرام ۽ شريمتي سروج موٽواڻي سهيوگ ڏنو، انهن جو به تهدل شڪر گذار آهيان. +جئه هند! +ٽهلرام آزاد +بمبئي 17 فبروري 1961ع + + +”آروگيه نڪيتن“ +عرف +شفاخانه +مول ليکڪ: شري تارا شنڪر بئنرجي +ترجمان: ٽهلرام آزاد + +سوچنا +آروگيه نڪيتن يعني اسپتال يا شفاخانه. پر اسپتال ڪانهي، خيراتي دواخانو ڪونهي، اهو آهي ديوي پور جي ٽن پيڙهين کان طبابت جو ڌنڌو ڪندڙ مهاشيه خاندان جو شفاخانه. +هيءُ شفاخانه اٽڪل اسي سال اڳي برپا ٿيو هو. اڄ ڪلهه ڀڳل ٽٽل حالت ۾ آهي. ڪچين ڀتين ۾ ڏارون پئجي ويئون اٿس. وچوارو حصو به ڊهي پٽ ٿي پيو اٿس. جيئن گُڪي جي پُٺ ۾ گُڪ پئجي ويندو آهي. ڪنهن نموني هينئر به بيٺو آهي. راهه تڪي رهيو آهي، پنهنجي پڇاڙيءَ جي. ڪڏهن سمورو ڊهي اچي پٽ پوندو، ان ساعت جي واٽ نهاري رهيو آهي. +ليڪن جنهن ڏينهن ان شفاخاني جي اسٿاپنا ٿي هئي تنهن ڏينهن ان جي سنسٿاپڪ جڳه بنڌو، ڪويراج پنهنجي گهاٽي دوست ٺاڪرداس مصر کي چيو هو، ’ياوتِ چندراڪ، ميدني‘ ته خير ڪونه چوندس، ليڪن... پنهنجي و نش جا ماڻهو جيسين هتي رهندا، تيسين هن کي قائم ڄاڻج. وري کلي چيائين: ان ۾ منهنجي ڪا هام نه سمجهه، هيءَ هام نه آهي. وري هٿ ٻڌي پنهنجي ڳلن سان ڇهائي چيائين: دائمي نفعي جو واپار آهي. جيترو به دان ڪر، تيترو ئي وڌندو ويندس. سچ پڇين ته دنيا ۾ هيءُ ئي وڌيڪ نفعي جو ڪاوربار آهي. هن ۾ تورتڪ، ڏي وٺ، ٻنهي درشٽين کان چڱو اپراسو آهي ۽ مزو وري ڪهڙو جو ٻنهي مان هڪڙي ڌر کي به نٿو ٺڳي سگهجي. +پر هن جو متر ٺاڪرداس مصر به اول نمبر جو عيار ۽ حسابي آدمي هو. پڪو دنيادار. زميندار جو گماشتر هو. وڏا وڏا انگ حساب سمجهي ويندو هو. معاملي مقدمي جي ڳالهين ۾ به ڀڙ هو، عريضي – درخواست- دستاويزن جو علم به پيٽ ۾ پيل هوس، مگر انهن جي باريڪين جي کيس خير ڪا ڄاڻ هئي. سو ذرا آڏي ويچار کان ئي چيو هئائين: اهو ته آءٌ به سمجهي سگهان ٿو ته ولين – ٻوٽين کي پيسي ڪٽي، چورڻ بڻائي ۽ انهن جون گوليون ٺاهي ڏيڻ سان رپئي مان چوڏهن آني جو نفعو ته ضرور آهي، پر ان مان ويچارن بيمارن کي ڪهڙو لاڀ آهي؟ جو تنهنجو نفعو آهي، سو هنن جو گهاٽو آهي، قرض ئي ڇو نه وٺڻو پوي، اهو خرچ ته ڪرڻو ئي آهي. ويچاري مريض کي پئسي ۽ حياتي ٻنهي ۾ ڇيهو آهي. +جگ بنڌو مهاشيه وچ ۾ ئي ٽوڪي چيو هو: تون ته هميشه ٽيڏي چال هلين مصر. پئسو ته پوءِ جي ڳالهه آهي. مون جنهن لاڀ جي ڳالهه ڪئي، اهو لاڀ پئسي جو ڪونهي بلڪ سڀ کان سريشٽ لاڀ اهو ئي آهي. هڪڙي کي صحت جو فائدو ۽ ٻئي کي شيوا جو پڃ، توکي اها سڌ آهي، ته سنسار جو سڀ کان وڏو لاڀ صحت – لاڀ آهي؟ هڪ تندرستي – هزار نعمت! يکش ڌرمراج يڌشٽر کان جيڪي سوال ڪيا هئا، تن مان هڪڙوهو: لاڀا نا متميم ڪم؟ ارٿات – سنسار ۾ سڀ کان اتم لاڀ ڪهڙو آهي؟ يڌشٽڙ وراڻيو هو: لاڀا نام شرييه آروگيم، يعني تندرستي ئي سنسار ۾ سڀ کان اتم لاڀ آهي. +مصر تنهن ڏينهن ان ڳالهه تي کلي ڏنو هو. چي: ”ڏس جگو، ساڳه وجهي ڪري مڇيءَ کي لڪائي نٿو سگهجي، چاهي اهو ساڳه گنگا ڪناري جو ڇو ڪين هجي! تنهنجي ان شلوڪ- ڌرم پتر يڌشٽر جي ڳالهه سان لاڀ ٿيڻ واري روپين جي ڳالهه به نٿي لڪي سگهي.“ ۽ پنهنجي ڳالهه ختم ڪري، دوست کي ڳالهائڻ ۾ لاجواب ڪري خوشيءَ وچان ناڪرداس ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو. ليڪن ڪجهه ڏينهن بعد اچانڪ پٺيءَ جي سلهه ۾ مبتلا ٿيو. ٽي مهينا محتاج جڏو بڻجي ٻاڏائيندو رهيو ۽ ساڳئي جڳهه مهاشيه جي علاج سان ئي نئوبنو ٿي هن چيو هو: ��ادا جڳو، تو مون کي بچائي ورتو، ياد رکج، جيڪڏهن ڪا ضرورت پوي ته مان تو لاءِ پنهنجي جان به ڏيندس.“ +جڳه بنڌو مهاشيه کلي چيو هو: يعني لاڀا نام شرييه آروگيه م-‘ اهو نيٺ اڄ توکي مڃڻو پيو؟ +ٺاڪرداس به کلي وراڻيو: ”مڃي ويس“ +۽ ٻئي ڏينهن ئي مصر آروگيه نڪيتن (شفاخاني) ۾ ويو. هڪ ڪاٺ جي سري ۾ ول لپيٽي ڪري، تيل سنڌر سان پنهنجي هٿن سان ڀت تي وڏن – وڏن حرفن ۾ لکي ڇڏيائين. ”لاڀا نام شرييه- ارو گيه م يعني ”هڪ تندرستي هزار نعمت.“ تنهن وقت اڃا ان جو نالو ”اروگيه نڪيتن“ ڪونه پيو هو. ان علائقي جا ماڻهو ان کي يا ته ’مهاشيه جو ڪويراج خانو‘ يا شفاخانو چوندا هئا. +’آرو گيه نڪيتن‘ نالو هڪ پيڙهيءَ بعد پيو، هن جي سپاتر جيون مهاشيه جي ڏينهن ۾ زمانو بدلجي چڪو هو ۽ هڪ نئون يگ شروع ٿي چڪو هو. اها نئين آبهوا ديش جي مرڪز يعني شهرن ۾ ته گهڻو اڳي بيشڪ شروع ٿي چڪي هئي؛ پر ڳوٺن ۾ ان جي شروعات مس ٿي هئي. جيون مهاشيه شفاخاني جو نالو بدليو هڪ تختي تي ڪارن اکرن ۾ ”آروگيه نڪيتن“ لکي ڪري ان کي ورانڊي جي اڳيان لٽڪائي ڇڏيو. نه رڳو ايترو پر هن پتا جي جوڙايل مڪان ۾ به ڪافي ڦير گهير ڪرائي. صندل تي فراسي- چادر جي رواج کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو، پر بينچ، ٽيبل ۽ ڪرسي به وڌائي ڇڏيون. +اڄ به اهو اوهان ڏسي سگهندا. لڏندڙ- لمندڙ ميز ٽٽل ڀڳل هٿن ٻانهن واري ڪرسي اڄ به موجود آهي. بينچ مضبوط آهي ۽ اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي. +اجهوڪي ڪريو- جهڙو آروگيه نڪيتن جو مڪان، ڪارن حرفن ۾ لکيل اهو تختو، ان تائين جيڪڏهن توهان وڃو ته اڄ به جيون ٻنڌو مهاشيه کي ڏسي سگهندا. +مهانگريءَ کان به پنجاهه ڪوهه پري وڃڻو پوندو. وڏي لائين واري ريل گاڏيءَ ۾ وڃو. جنڪشن کان ننڍي پٽي تي ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ وسنديءَ واري اسٽيشن، چوڌاري بدجندڙ وقت جي پڌري ڇاپ، اُتي اوهان کي هڪ ڀاڙي جي موٽر ملندي، هڪ بس به ملندي ۽ سائيڪل رکشا ۽ بيل گاڏي ملندي. اسٽيشن کان آروگيه نڪيتن هروڀرو پري ڪونهي. ٿورو ئي پنڌ آهي. ميل کان ڪجهه وڌيڪ. وڻي ته ڀاڙي تي ڪا بيل گاڏي ڪريون، وڻي ته سائيڪل رکشا. مگر پيرين پنڌ وڃڻ وڌيڪ صلاح ڀريو آهي. +ڊٺل ۽ اڏيل جي وچ ۾ ڳوٺ ۾ نئين- پراڻي جو عجيب ميلاپ نظر ايندو. +ڳاڙهي سڻڪ تان هلي پؤ. زميندارن جا جهونا- ڳاڙهن گلن واري ڪپهه سان ڇانيل پٿراهان ۽ سرن جا پڪا مڪان ڏسندا، نيست و نابود بغيچا، ٽٽل ڦٽل ڀتيون، ڄاري سان ڇانيل زبون مندر مڙهيون، تلاون جا گهاٽ به ٽٽل ڀڳل. جهونا آڳاٽا مندر، جيڏانهن نهار، ڌوڙ ۽ ڌڌڙ جا انبار، گرد ۽ غبار. تهه ڄميل زمين ۾ جهنگل جهاڙي. ڀرسان ئي هڪ پراچين بڙ جو وڻ ڏسبو. هن جون شاخون، ٽاريون ۽ ڏانڊيون ڏٻريون ٿي ويئون آهن. هيٺ هڪ چبوتڙوآهي، تنهن ۾ به ڏارون پئجي ويئون آهن. اهو ڳوٺ جو ديوي جو مندر آهي. ان جي اڳيان ئي اها واٽ هڪ ڪشادي پڪي رستي سان گڏجي ختم ٿي ويئي آهي. ڳاڙهي مٽيءَ ۾ پٿر جي ڀترن سان ٻڌل رستو- رستي جي ٻنهي پاسن کان دڪان. اها آهي بازار. آمدرفت ڪري رونق اٿس. لڏيل ڀريل گاڏين جي قطار، ماڻهن جي ڀيڙ، شورو غل هڪ عجيب بانس پئي ايندي. ڏينهون ڏينهن بازار وڌندي ئي رهي ٿي. چانهه جا، مٺائي جا دڪان آهن. بک اُڃ لڳي ته ڪنهن ۾ به وڃي ويهو، نوگرام ميڊيڪل اسٽور جي ڀرسان ئي مٺائيءَ جو سڀ کان عمدو دڪان آهي. ڳولڻ جي ضرورت ڪانهي. نوگرام- ميڊيڪل اسٽورس جي چقمقي عمارت، سامان، دوائن جا رنگبرنگي اشتهار اوهان جو ڌيان ضرور ڇڪائيندا. پينٽ ۽ بش شرٽ ۾ اوهان هرين ڊاڪٽر کي ويٺل ڏسندا، ڳچيءَ ۾ سٽيٿس ڪوپ. چانهه جو عمدو دڪان به اُتي ئي آهي. +اُتان ئي وري اُتر طرف ويندڙ هڪ سڻڪ ملندي گهڻي ويڪري ڪانهي، هڪ گاڏي لنگهي سگهي ٿي ۽ ٻنهي طرفن کان ماڻهو هلي سگهن ٿا، ايتري ئي ويڪري آهي. +پاءُ ميل ته ڄڻڪ اوهان کي ڇانوَ واري واٽ تان وڃڻو پوندو. ٻنهي طرفن کان چار پنج ڍنڍون آهن. ڍنڍن جي ٻنڌ تي انبن، ڄمن ۽ آمڙي ۽ سرنهن جي وڻن جي پنن پنهنجي ڇانوَ رستي تي پکيڙي ڇڏي آهي. ان بعد کليل ايراضي. هتي اوهان کي عجيب و غريب نظارا پسڻ ۾ ايندا. نوان نوان مڪان، بنهه نئين ڍنگ جا، نئين عمارتي فن جا نمونا! شهري دفتر کلي ويو آهي. دفتر جي آسپاس ننڍا ننڍا ڪوارٽر آهن. هڪ پاسي نئون واهه کوٽجي رهيو آهي. تنهن کان پوءِ ٻي هڪ قطار ملندي مڪانن جي. ڪجهه ننڍين ننڍين عمارتن جي چوڌاري وڏا وڏا محل کڙا ٿي رهيا آهن. هر طرف منهه ٻڌي، پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن. پورهيت استريون گيت ڳائي ڇت ڪٽي رهيون آهن. هٿن ۾ سائيڪل جهلي، هئٽ ڪوٽ وارا انجنيئر اوور رسيئر چڪر لڳائي رهيا آهن. هيءُ ننڍيون عمارتون اسپتال جون آهن. سرڪاري ننڍڙي اسپتال. ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جا به ننڍڙا ننڍڙا ڪوارٽر، ڪجهه ننڍا ننڍا ڪچا گهر به آهن، جن ۾ نرسون به رهندوين آهن. ڪجهه پرڀرو اوهان کي ٻيو گهر ڏسڻ ۾ ايندو، اهو موتيا ڍرم (اڇوت) جو آهي ۽ هوءَ جيڪا وڏيري اڌوري عمارت آهي، سا به اسپتال جي آهي تعلقي جو صحت مرڪز بڻجي رهيو آهي. +مگر اهو سڀڪجهه ڏسي ٽهي نه بيهو! هن نونرماڻ جي يگ ۾ آشا جو تروڙو آهي، ان ۾ آئنده اڏجي رهيو آهي تنهنڪري من ۾ موهه جو سلو اڀرندو، ڪلپنائن دئاران سپنا سجاڳ ٿي اٿندا ۽ اوهان انهن سپنن ۾ ڄڻڪ کوهجي ويندا. آروگيه نڪيتن تائين وڃڻ لاءِ من ئي نه چاهيندو. +اڃا اڳتي وڌي هلو. انهن اڏيل اڻ والاريل عمارتن کي کاٻي پاسي ڇڏي اڳتي وڌي هلو. اڇا به هڪ ميل هلڻو پوندو! ٻنهي پاسي فصل تيار! ڀليون ٻنيون- کيت وچ ۾ هڪ سڻڪ پيچڙي جيئان سرڪندي ويئي آهي. سڻڪ ويڪري ڪشادي، پر ريتيءَ جي ڳاڙهي ۽ ڏنگي ڦڏي ۽ هڪ بيل گاڏيءَ جي هلڻ لائق آهي. اڌ ڪوه لتاڙي ايندو ديوي پور ڳوٺ، پراڻو- آروگيه نڪتين اتي ئي آهي. +ديوي پور هڪ اُجڙيل ٻهراڙي آهي، نه رڳو غربت جي ڪارڻ پر ڪال چڪر به کيس ڏٻرو ۽ هيڻو بڻائي وڌو آهي. غور سان چاهيندا، ته جن وڻن جي ڳوٺ تي ڇانوَ پوي ٿي، سي سمورا جهونا آڳاٽا آهن. نون وڻن جي وڻڪار، سونهن ۽ سوڀيا شايد ئي ڪٿي نظر ايندي. جيون جي نواڻ جي سونهن، دراصل ٻهڪندڙ وڻن جي سانوري سونهن ۾ ئي آهي. سڀ کان پهرين ڪنهن طوفان کان جهڪيل مولسريءَ جي وڻ تي ئي اوهان جي نظر پوندي. جنهن جي هيٺان- ڌرم ٺاڪر جو مندر آهي. ان کان پوءِ لوهار ڪو دڪان. ان لوهار خاني جي هستيءَ جو علم ته اوهان کي گهڻو اڳي معلوم ٿي ويندو. اتان جي ٺڪ ٺڪ جو آواز ديوي پوري کان دکن تائين- جتي اهو نئون شفاخانو بڻجي رهيو آهي، گونجبو رهي ٿو. نين ڀتين سان اهو آواز ٽڪرائجي پڙاڏو پيدا ڪري ٿو. +لوهار خاني ۾ ماڻهن جو ميڙاڪو لڳو ئي رهي ٿو. پگهريل لوهه جا لعل ڇنڊا چٽخندا رهن ٿا. بس اُتان ئي ڳوٺڙو شروع ٿئي ٿو. ننڍرو ڳوٺڙو، شانت بانس جي لڪڙن جي جهڳٽن ۾، سرس جي وڻن تي جهرڪين جي چهڪ. طرحين طرحين جون جهرڪيون ۽ سندن ڪا ڪا ڪا ڪا! ڪِ ڪِ ڪِ ڪِ! ڪٿي ڪٿي ڪاهوءَ جي وڻن جي جهڳٽي تي سرڻ رڙ ڪندي آهي: سرڻ گرِرر! سڻڪ تي ئي مئنائن جي ڇن پٽ، جهٽ جهپٽ ڪِن ڪِين- ڪِرر ڪرر. ڪِچه مچه، ڪَٽ ڪَٽ ۽ ان بعد هڪ ٻئي ۾ جنبي پوڻ ۽ هٿين بجي پوڻ ۽ چنبڙڻ. +آدمي ته مشڪل سان ڪو ملندو. جيڪڏهن هڪ ٻه مليو به، ته اهو جسم ۾ ڏٻرو، من ۾ ٿڪل ماندو ۽ نگاهن ۾ پريشان! اوهان کي ڏسي به ڳالهائڻ کان وَنءُ ويندا. ش��ي نظرن سان اوهان کي ڏسي اڳتي نڪري ويندا. ڪجهه پرڀرو وڃي منهن ورائي گهُوريندا. آخر آهي ڪير؟ ساڄي ڌر (گرم دل) وارو يا کاٻي ڌر (گرم دل) وارو؟ ووٽ ته ڪونه گهرندو؟ چندو؟.... +ليڪن جن ڏينهن، ”آروگيه نڪيتن“ پهرين پهرين قائم ٿيو هو، ڳالهه ئي اور هئي، ديش جي حالت به نرلاي هئي، ڪوٺن ۾ اناج ڀريل هو، وٿاڻن ۾ گايون مينهون هيون، ڀنڊار ۾ ڳڙ هوندو هو، تلاوتن ۾ مڇيون هيون. هڪڙي هٿ سان ماڻهو پيٽ ڀري کائيندا هئا، ته ٻنهي هٿن سان جند جان سان محنت ڪندا هئا. سرير ۾ قوت هئي، پراڻن ۾ هو آنند. هو ماڻهو ئي اور قسم جا هئا. اڄوڪي جيئان ڪرتو جوتو ڪين پهريندا هئا. گوڏن تائين ڌوتي، کليل ڇاتي، صاف سفيد ڪپڙن ۾ اوهان کي ڏسي نمسڪار ڪري پڇندا هئا: ڪٿان اچڻ ٿيو آهي بابوُ؟ ڪيڏانهن ويندا ديوتا! +اوهان جواب ڏيندا: آروگيه نڪيتن. +- او، ان کان سواءِ هن ڄٽڪي واهڻ ۾ اوهان جهڙا ماڻهو ٻيو ويندا به ڪٿي! ها، ائين هليا وڃو! هو ڏسو سامهون، هوُ- ديويءَ جو مندر آهي. ساڄي چندو بابوُ جو نقلي زيورن جو دڪان رهيو: ساڄي پاسي وڃو، جڳن وارو کوهه ملندو- سرڪاري کوهه آهي. ان جي ڀرسان ئي جيون مهاشيه جو شفاخانو آهي- آروگيه نڪيتن. ماڻهن سان ٽمٽار ڀريل، بيل گاڏين جي قطار لڳل آهي.... اهو ئي آهي. وڃو! +ليڪن اڄ هتي اوهان کي اها ڀيڙ ڪانه ملندي ٽمٽار هجوم جي ڳالهه تي ويساهه ئي ڪونه ايندو، بلڪ ان جي نالي تي کل پئي ايندي. صبوح جي وقت ٻه يا گهڻي ۾ گهڻا ڇهه ست مريض ايندا آهن. نبض ڏيکاري هليا ويندا آهن. آروگيه نڪيتن ۾ هينئر دوا ڪانه ملندي آهي. دوائن جون الماڙيون خالي پيئون آهن. انهن جي پالش ڊهي ويئي آهي، ڌوڙ ۽ ڄاري جا تهه ڄمي ويا آهن. ٻن ٽن ڪٻٽن جا تهه انجيس به اُکڙجي ويا آهن. نبض ڏيکارڻ وارا نسخا لکائي هليا ويندا آهن؛ ان بعد لڳ ڀڳ سمورو وقت سناٽو رهي ٿو. +ڪڏهن اوهان ٽپهريءَ ٽاڻي وڃي نڪرو، ته ڏسندا جيون ٻنڌو مهاشيه اڪيلو ويٺو آهي. اُتر- ڏکڻ اٽڪل پنجويهه هٿ ڊگهو هڪ ڪوٺو، ويڪر ٿيندس ڪي ٻارنهن- چوڏهن هٿ سامهون سمينٽ جو ورانڊو، جو هينئر هر هنڌان ٽٽي چڪو آهي، جتي ڪٿي مٽيءَ جا سلا اڀري آيا آهن. ٽن طرفن کان جيڪا سرن جي معمولي اونهي ديوار آهي، جتان ڪٿان هيٺ پيهي ويئي آهي. چوڌاري ڌوڙ ڄمي ويئي اٿس. رڳو ورانڊي جي ٻنهي ڪنڊن ۾ ڳاڙهي ڪنير جا ٻه وڻ بيشمار گلن سان ڇانيل هوا ۾ جهومي رهيا آهن. ٻڍو جيون مهاشيه، انهن وڻن ڏانهن ويٺو تڪيندو آهي- هڏن جو پڃرو- ميرو مٽيءَ سان ڀريل جهور پير مرد ستر جي لڳ ڀڳ ڄمار. ڪنهن زماني ۾ قداور برجستو مڙس هينئر هڏائون پڃرو- سوڙهي سڪوڙيل چمڙيءَ سان ڍڪيل؛ بنا ماس جي پڃري جون هڏيون صاف بکي رهيون آهن؛ پر ٿلها- ٿلها هٿ ۽ اهڙائي ٻه ٿلها پير. سامهون ئي اوهان ڏسندا ٻه وڏا- وڏا جوتا، ڦاٽل- چتيون ٽوپا لڳل. مارڪين جي ميري ڌوتي- تنهن ۾ به سلائي. سونهن جي هڪڙي ئي چيز آهي؛ سندس عاج جهڙي سفيد سونهاري ۽ مڇون. مٿي جا وار به اڇا، پر کسيل، ڇڻيل ۽ ننڍڙا ننڍڙا ٽڙيل پکڙيل. +جهوني زماني جي هڪ پيرن واري صندل تي ڦاٽل فراسي وڇائي ويٺو هوندو آهي ۽ گلن سان ڇانيل وڻن ٻوٽن کي ڏسي سوچيندو آهي! الائي ڪهڙيون ڪهڙيون، ڪيترن ئي قسمن جون گوناگون ڳالهيون. +سوچيندو آهي: آدميءَ کان وڻن جي عمر ڪيتري وڌيڪ ٿيندي آهي! ڪنير جي ٻوٽن کي سندس پتا ئي لڳايو هو؛ تنهن کي اٽڪل سٺ سال ٿيا! پر اڄ به انهن ٻوٽن جي تازگي ۽ نوان ساڳي ريت برقرار آهي. نالي ماتر به ڪين ڪوماڻا آهن. اوچتو هن جي ويچار ڌارا ۾ اٽڪ پئجي ويندي. نه ڄاڻ ڪٿان اسڀاويڪ بگڙيل آواز ۾ ڪير ڪجهه چئي وجهي. هو چوڌاري نگاهون ڊوڙائيندو، مگر ڪير به ڪٿي نظر نه ايندس ۽ ٻيءَ کن ۾ هو کلي ويهندو. مهاڻي جي هوءَ پاليل جهرڪي ڀرسان ئي ڪنهن وڻ تي ويٺي آهي. هيٺان ڪنهن واٽهڙوءَ کي ڏسي ٻولي ٿي؛ ”مڇي ڪانه آهي!... مڇي ڪانه آهي!!“ +هيءَ جهرڪين ۽ پکين ۾ هڪ وِڏ آهي- بگڙيل عادت چئجي. پاليل جهرڪي، هڪوار ڇٽي وڃي ته وري واپس ڪين وَري. شروع شروع ۾ گهرجي آسپاس لامارا ڏيندي آهي، ڇپر تي ويهندي آهي، آڳنڌ ۾ لهي ايندي آهي؛ پر پڃري ۾ داخل ڪانه ٿيندي. پر هيءَ جهرڪي نرالي قسم جي آهي. گهر جا ڀاتي کيس صبوح جو پڃري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي آهن، هوءَ اُڏامي هلي ويندي آهي ۽ شام جو وري موٽي ايندي آهي. پڃري جو دروازو کليل هوندو ته پاڻمرادو اندر هلي ويندي آهي. کليل نه هوندس ته پڃري جي مٿان ويهي ڪري پڪاريندي آهي؛ ”اما، اما ٻڍو- ٻڍو- اي ٻڍا! +ٻڍو يعني هو مهاڻو. هن جي زال به کيس ٻڍو ئي چوندي آهي. اهو چوڻ هوءَ به سکي ويئي آهي. ائين پيو ڀانئجي ته هوءَ ڀرسان اچي ويٺي آهي ۽ لات لنوي رهي آهي. انسان جي درشن سان هن پنهنجي جيون کي ڪارائتو بڻايو آهي، گهٽ ۾ گهٽ لوڪراءِ ته اها ئي آهي. چون ٿا، گذريل جنم جو ڦل آهي. پورب جنم ۾ ماڻهو هئي، ڪنهن سبب کان سراپجي جهرڪي بڻجي پيئي آهي. +جيون مهاشيه پنهنجي سونهاري سنواريندي پيو کلندو. اڄ ڪلهه جيون، جنم جنمانتر جي باري ۾ رايا بدلجي ويا آهن. ويچارن ۾ پلٽو اچي ويو آهي. سو ان باري ۾ ته هو سوچيندو ئي ڪونهي. بلڪ تيزيءَ سان پنهنجي ڏاڙهي کنهڻ لڳندو- بار بار. ڪڏهن ڪڏهن مٿي جي کسيل وارن تي به هٿ ڦيري وٺندو. ڏاڍو مزو ايندو اٿس هٿن ۾ ڪتڪتائي پيئي ٿيندس. +هو وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو ”مڪرجي ته اڃان تاءِ ڪونه آيو؟ هو اچي وڃي ته هڪ شطرنج جي بازي ٿي وڃي. هن وقت جي بحران ۾ ٿورو ئي مفاصلو، ٻيو نه ته هڪ نوڙيءَ جيترو مفاصلو ڪاغذ جي ٻيڙي دئاران ئي مزي سان پار ڪري وٺجي.“ ساوڻ جو مهينو، ٽپهريءَ جو ٽاڻو. جيون مهاشيه راهه تڪيندو رهيو. اُڀ ڪڪرن ڪارو ڪيو هو. ڦڙ- ڦڙ وسي رهي هئي. منجهند کان ئي وسڪارو شروع ٿي ويو، جهڙ اهڙو گهاٽو جو سنجهان جو انومان ٿي رهيو هو، ليڪن سفيد ڪپڙن سان ڍڪيل ستاب مڪرجي واري ڇٽي پري کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ويندي. جيون مهاشيه جون اکيون تيز آهن، جيتوڻيڪ عمر ڪافي اٿس. عينڪ هوندي به سئي ۾ ڌاڳو وجهڻ ۾ تڪليف ٿيندي اٿس، وري به، پريائين ۽ خاص ڪري ڪاري تي اڇي يا اڇي تي ڪاري شيءَ جهڙي ڪابه وڏي شيءِ ڏسڻ سڃاڻڻ ۾ هرو ڀرو تڪليف نه ٿيندس. جيڪر شروعات ۾ تندرستيءَ جو هڪ اونو رکي ها، ته نظر جو ايترو نقصان نه ٿئيس ها. ستاب جو ڏيل- ڏيک به خاصو آهي. وقتي وقتي سندس نبض به هيءُ ڏسي وٺندو آهي: ”ٻڍي جي راهه رباني وٺي وڃڻ ۾ اڃا اوير آهي، اڃا نبض جي چال ڪيتري آهي؟... وغيره“ +جيون مهاشيه ناڙيءَ جي چال ۾ ڪال جي پيرن جي آهٽ به سڻي سگهندو آهي! علم ۽ دولت جي اهائي باقي پونجي سندس موروثي آهي، پيءُ ڏاڏي جو ورثو! هو سڀ ڪويراج هئا. جيون مهاشيه ئي پهريون ڊاڪٽر ٿيو آهي. طبابت به ڄاڻندو آهي. ٻئي علاج ڪندو آهي، جڏهن جهڙي ضرورت پوي. ليڪن نبض شناس ئي هن جي نجي خاصيت آهي. ان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. نبض جي ڌڙڪ مان بيمار جي روڳي جيون جي پرک ۽بيماريءَ جو اصلي سروپ، موت جي چنبي ۾ ڦاٿل زندگيءَ جي ڌيمي آهٽ مان سمجهي سگهندو آهي ته موت ڪيترو پري آهي. +آخرين، تز ۽ نرنيه واري اڳڪٿيءَ ۾ هن جو نالو وڳل آهي، اڄ به اٿس. هن پنهنجي ڊاڪٽري جيون ۾ هن کان اڳي هن سوين بيمارن جي نبض جاچي موت جي اڳڪٿي ڪئي آهي. هڪٻئي جي پٺيان انهن بيمارن جي ياد اکين اڳيان تري اچي ۽ پل ۾ غائب ٿي وڃي ٿي. يادگيري جي اها رفتار بيحد تيز هئي. هڪ هنڌ اچي اچانڪ رڪجي ويئي: ليڪن، اُتي رڪجي ويس- جڏهن سرين مصر جي ننڍي پٽ ششانڪ جي موت جي اڳڪٿي واري ڳالهه ياد آيس. کيس ششانڪ جي سورنهن سالن جي وڌوا جي اها انوکي ۽ نماڻي درشٽي ياد اچي ويئي، ياد آيس هن جون دلسوز ڳالهيون. +مهاشيه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. +نڄاڻ ڪيترا موت، ڪيترا رودن، سڏڪا- ورلاپ هن ڏٺا! بيمار ساهه ڇڏيو ۽ هو ڀاري قدمن سان پير پير ۾ پائي ٻاهر نڪري آيو. اهو ڄاڻيندي ته سڀ ڪوششون وترٿ وينديون، هو آخرين ڪوشش ڪرڻ کان باز نه ايندو هو. اهڙي مريض جي گهر مان نڪري هو سڄي واٽ من ۾ ٻڏتر ڪندو هلندو. ان حالت ۾ رستي تان ڪو جڳري دوست لنگهي وڃيس، اک کڻي به ڪين نهاريندو. مرض جي ڳالهه؟ علاج جي باري ۾ سوچيندو ويندو، ته ڪڏهن ڪڏهن موت جي ڳالهه به سوچيندو ويندو. ان وقت هن جو جذباتي من ديش- دنيا کان اکيون ڦيري، طبي سائنس جا ورق ورائيندو ويندو. تنهنڪري ائين آڏو ڪنهن کي ويندو ڏسي به نه ڏسي سگهندو. ڪيترا ڀيرا خاص ڪري ڪنهن ڏورانهين ٻهراڙيءَ يا واهڻ ۾ بيمار جي مري وڃڻ تي کيس لاچار انتظار ڪرڻو پوندو هو. غمگين ڪٽنب سان گڏ هو ڳنڀير ڀاو ۾ ويٺو رهندو- گهٽ ٻوساٽ واري هوا جي هڪ لوڏي بنا سخت اونهاري جي ٽاڪ منجهند جي مرجهايل ونسپتيءَ جيئان. انهن ڳالهين ڪري ئي ڊاڪٽرن کي پٿر دل چيو ويندو آهي. در حقيقت ائين چوڻ ڪو غلط ڪونهي. موت ۽ شوڪ وچان چنچل من جي تڙڦ به هنن مان موڪلائي ٿي وڃي ۽ ڳوڙهي ٺوٺ بڻجي اها تڙڦ خشڪ ٿي پوي ٿي. ششانڪ جي بيماري ۾ هن جي موت کي نشچت ڄاڻي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ کيس شخصي طور چوٽ لڳي هئي، پر هڪ ڊاڪٽر جي فرض کي هن لهس به اچڻ نه ڏني آهي. پنهنجي ئي پٽ.....“ +هن وري هڪ ڊگهو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڦڪي مرڪ مرڪيو. پنهنجي سڪيلڌي جي نبض جاچي هن جي موُت جي به اڳڪٿي ڪئي هئائين. هو ته ٽي مهينا اڳي ئي تاڙي ويو هو. پنهنجي استريءَ کي به هن چتائي ڇڏيو هو. پٽ به ڊاڪٽر هوس هن کي به اشاري سان ٻڌائي ڇڏيو هئائين. اڄ هو سوچي ٿو ته نيٺ به هن ڇو ٻڌايو هو؟ +ڇا علاج- معالج ۾ ماهر هوئڻ جي دم تي؟ +جيڪڏهن اها ڳالهه نه هجي ها، ته ان سچائيءَ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ هن جي ڪنڊ ۾ پيڙا ۽ پڇتاءُ جو ميل اڄ به ڇو آهي؟ ان جي ياد ايندي اندر مان ڇي- ڇي جي ٻاڦ ڇو ٿي نڪري اچي؟ آخر، پرمانند ماڌو[1] جي ياد ڇو نٿي اچي؟ ڊاڪٽر نماڻا نيڻ کڻي نيلي آڪاش کي نهاريندو رهندو ليڪن ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ به ته جڳائي، ٻڌائڻ گهرجي، اهڙو نيم آهي. اهو ڊاڪٽر، وئدن ۽ طبيبن جو فرض آهي. هنن جو کيتر آهي. +[1] پرماتما. + + +[1] +عيسوي سنه اُنيهه سو پنجاهه- بينگالي سنبت تيرهن سو ڇاونجاهه- ساوڻ جو مهينو، هڪ ڏينهن ٽپهڙيءَ جو ٽاڻو. جيون مهاشيه ساڳي ريت آسمان ڏانهن تڪي رهيو هو. رستي تان اچانڪ ڪنهن کيس آواز ڏنو: +ڏنڊوت ڊاڪٽر چاچا! +ڪير؟ موتي! ڪيڏانهن جي تياري آهي؟ +ڪوئلي جي ڀور جهڙي ڪاري ٿيل اَٺ هٿن واري ڌوتي پهريل موتي لوهار الائي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. موتي، گهوشٺ لوهار جو پٽ آهي. گهوشٺ کي ڊاڪٽر لاءِ ڏاڍي شرڌا هوندي هئي. ڊاڪٽر به کيس ڀائيندو هو. گهوشٽ کي به ڪيترائي اڪسير دوائن جا نسخا ياد هئا- سنياسي جون ٻڌايل دوائون. سنياسي رگهوير ڀارتي هڪ پهتل يوگي هو. دوائن جا نسخا گهوشٺ کي هن مان ئي معلوم ٿيا هئا. گهوشٺ ڊاڪٽر کي به اهي سڀ نسخا ٻڌائڻ چاهيا ٿئي. پر ڊاڪٽر نابري واري. پر ڪيترن مريضن کي هو گهوشٺ ڏانهن ئي اُماڻيندو هو. خصوصاً اهڙن مريضن کي جن کي ٽيهڙ تپ ايندو هو. ڏاڍو واهيت تپ آهي! واري جو تپ، هڪ ڏينهن ڇڏ�� ٻئي ڏينهن اچي ٿو ۽ دوا جي سڻي ٿو. پر ڪمبخت ٽيهڙ تپ ته ڪنهنجي به نه ٿو ٻڌي. ان کي قاعدي تي آڻڻ ۾ به ڏينهن لڳيو وڃن. ڪوئنين جي سئيءَ کي به ناڪام ڪيو ڇڏي پر رگهوير ڀارتيءَ جي دوا جي نسخي مان صرف هڪ ڏينهن ۾ ڪافور! اڳي اها دوا گهوشٺ ڏيندو هو، هينئر موتي ڏيندو آهي. جنهن ڏينهن تپ چڙهي، هيڊ سان زرد ڪيل ڪپڙي ٽڪري ۾ ڪنهن پاڻياٺي ٻوٽيءَ جو ست نچوڙي ۽ ان ۾ ٻڌي سنگهڻ لاءِ ڏيندو آهي. ان مان ئي تپ لهي ويدنو آهي، خاطريءَ سان لهي ويندو آهي. دوا جي خاصيت جو عجيب راز! نهايت ئي عجيب! +مريض موڪلڻ جي سلسلي ۾ ئي گهوشٺ جي ڊاڪٽر سان گهرائپ ٿي هئي. هن ديش جي سنياسي سمپردايه ۾ علاج جو انوکو طريقو رائج هو ۽ اهو اسراري اثر ڏيکاريندڙ هو. اهو طريقو سکڻ جي ڊاڪٽر کي به هڪوار چاهنا ٿي هئي، ليڪن.... ليڪن سندس گروءَ جي منع هئي. ”جڏهن ڊاڪٽري سکيو آهين، ته ان رستي تان نه وڃج. وگيانڪ ڍنگ سان جنهنجي گڻ جي ڄاڻ نه هجي، اُن شيءِ جو واهپو نه ڪرڻ گهرجي.“ +موتيءَ چيو: اوهان وٽ ئي آيو آهيان ڪاڪا! +مهاشيه کي ڄڻ نئون ساهه مليو! ڪير اچي ڳالهائي، اهڙي ڪنهن سڄڻ لاءِ هو ماندو ٿي رهيو هو. هاڻ صندل تي پلٿي ماري ويٺو. پراڻي وهاڻي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي چيائين: اچ ويهه، ڪهڙي خبر آهي؟ ذرا منهنجي گهر هلڻو پوندو. +ڇو؟ +اما کي ڏسڻو آهي. +تنهنجي ماءُ کي ڇا ٿيو؟ +جي، اٽڪل هڪ مهينو ٿيو، تلاءَ ۾ پير کسڪڻ سان ڪري پيئي هئي. پير ۾ ڏاڍو سور ٿيو هوس. آءٌ اسپتال وٺي ويومانس. ملم پٽي ڪري چيائون- ٻن چئن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي، ذرا هلڻ چلڻ بند رکوس. پير ٺيڪ به ٿي ويو هو. پر وري ڪيترن ڏينهن کانپوءِ پراڻو درد جاڳيو اٿس- رات ڏينهن سور جي دانهن ٿي ڪري. وري وٺي ويس اسپتال. اتي چيائون ايڪس ري کانسواءِ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهجي. ايڪس ري ته وڏي خرچ جو ڪم آهي، وڏو جهنجهٽ پڻ آهي. مون سوچيو، هڪوار ڪاڪي کي ئي کڻي ڏيکاريان. +جيون مهاشيه کليو، ويچارو موتي! ٻڍڙي ماءُ گلي ۾ ڪنڊي جيئان اٽڪي اٿس. موتي ته ماءُ کي ڏاڍو چاهيندو آهي. ماءُ لاءِ هيتري ڀڳتي شرڌا هئڻ سبب ماڻهو کيس ٻڍو- ٻالڪ چوندا آهن. کانئس ماءُ جي پيڙا به ڏٺي نٿي ٿئي ۽ ايڪس ري جو جهنجهٽ سهڻ به نٿو پڄيس. لاچار هتي آيو آهي. چي: ٺيڪ آهي. سڀاڻي هلندس. +جي، سڀاڻي نه، اڄ ئي هلو، هاڻي. ٻڍڙي سور واچان رڙيون ۽ واڪا ڪري مون کي گاريون ڏيئي رهي آهي. چوي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي ڌيءَ هجيم ها ته بنا دوا دوارونءَ جي ههڙيءَ لاپرواهيءَ سان رکي ها! +چوندي چوندي موتي ٿڌا ساهه کڻڻ لڳو- سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏهن مون ماءُ جي ٽهل شيوا ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ اڄ هوءَ مون کي...... ائين چئي هو روئي پيو هو. +ڊاڪٽر پگهرجي چيو: ته چڱو هل، ڏسي اچانس! +ڊاڪٽر اُگهاڙي بدن سان هلڻ لڳو. +پاڻ سنڀالي موتي چيو- ۽ اوهان جي ڇٽي؟ +ڇٽيءَ جي ضرورت ڪانهي. ڦڙ ڦڙ هلڪي ٿي رهي آهي، اُن ۾ ڇٽيءَ جي گهرج ڪانه پوندي. +ڊاڪٽر ڳرن قدمن سان هلڪي چال ۾ هلڻ لڳو. موتي گوهي ڏيئي کسڪي نڪري ويو. چي: آئون ذرا پهچي گهر خبر ڪريان چاچا! +وڃ! +اڳ ۾ پهچي موتيءَ کي ذرا گهر- اڱڻ صاف سٿرو ڪرڻو هو، ٻارن کي سنڀالڻو هو. ماڻس به شايد ميرن ڦاٽلن ڪپڙن ۾ ئي ويٺي هجي، ان کي به صاف ڌوتل ڪپڙا پهرائڻا هئا. +دروازي تي پهچي ڊاڪٽر نڙيءَ کي صاف ڪري کنگهڪار ڪئي، سڏيائين: موتي! +موتيءَ وراڻيو: جي آيس: آيس يعني ٿوري دير اڃا صبر ڪري ڊاڪٽر، تياري نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر بيٺو رهيو. چڱو ئي ٿيو. سامهون پريان صاف ڏيکائي ڏني ڪچي سڻڪ! انهيءَ سڻڪ تان سفيد ڪپڙي جي ڇٽي ڍڪي ستاب مڪرجي اچي رهيو هوندو. هن جي هڪ هٿ ۾ هوندي اها ��ٽي، ٻئي ۾ وساميل لالٽين ۽ شطرنج جي ٿيلهي. ڪٿي اچي رهيو آهي ستاب؟ +موتيءَ سڏيو: ڪاڪا، اندر اچو. +ٻڍڙي سور وچان بيحال هئي. موتيءَ سچ چيو هو. گوڏو سڄي پيو اٿس. سوڄ تي ڊاڪٽر هٿ رکيو، ٻڍي ڦٿڪڻ لڳي ۽ ڊاڪٽر ڇرڪي ويو. شايد تپ به اٿس! گوڏي تان هٿ هٽائي چيائين، ذرا نبض ڏسان! +ڊاڪٽر ناڙي جاچيندي پڇيو: اهو تپ ڪڏهن کان آهي؟ +موتيءَ چيو: تپ ڪٿي آهي ڪاڪا؟ +تپ اٿس. نبض ڏسندي ئي هن وراڻيو. +گهونگهٽ جي اَندران موتيءَ جي ماءُ ڀڻ ڀڻ ڪئي. اُهو ته سور جي آڪڙ وچان تپ ٿو لڳي. سور ڇڏيندو ته اهو به هليو ويندو. +”بيشڪ، ٻرو ويندو ته سور به ڇٽندو ته تپ به هليو ويندو.“ +”نه، نه، تپ جي دوا آئون ڪانه کائينديس. تپ پاڻمرادو لهي ويندو. اوهان مون کي سور جي ئي دوا ڏيو. تپ جي علاج جي ڪابه لوڙ ڪانهي. مون کان ڪوئنين کائڻ ڪانه پڄندي، نه وري سئي لڳائڻ جي ٿيندي. بک....“ ٻڍي چپ ٿي ويئي. بنا کاڌي رهي ڪانه سگهنديس، اهو چوڻ ۾ کيس شايد لڄ ٿي آئي. +ڊاڪٽر کلي چيو: ”اپواس ڪڍڻو ڪونهي. اپواس لاءِ چوندس به ڪونه. تون منهنجي ڪا اڄوڪي بيمار ته نه آهين. جڏهن هتي نئين ڪنوار بڻجي آئينءَ، تڏهن کان ڏسي رهيو آهيان. تنهن دفعي جو پراڻو بخار، مون ئي ته ٺيڪ ڪيو هو. گهوشٺ منهنجي سامهون قبول ڪيو هو ته هو توکي آڌي رات جو رنڌڻي مان مڇي ۽ چانور لڪائي آڻي کارائيندو هو. مون کي سڀ معلوم آهي، ان ڪري ئي مون کيس چانورن جي صلاح ڏني هئي.“ ڊاڪٽر کلڻ لڳو. +گهونگهٽ جي اَندران ڄڀ کي چڪ پائي موتيءَ ماءُ پاڻي پاڻي ٿي ويئي، لڄ وچان! +دراصل گهوشٺ هن کي لڪائي ڪونه کارائيندو هو، هوءَ پاڻ چوري ڪري کائيندي هئي. هڪ ڏينهن گهوشٺ اها چوري پڪڙي ورتي. ان جي ٻئي ڏيهاڙي هو ڊاڪٽر کان سندس لاءِ چانورن جي اجازت وٺي آيوهو. ڊاڪٽر پڇيو: کائڻ لاءِ دل ٿي چاهي ته ٻڌاءِ، ڇا ٿي چاهي؟ +موتيءَ جي ماءُ چپ رهي، ڀلا ان لاءِ چئي به ڇا سگهي؟ کيس ته ڌرتيءَ ۾ سمائجي وڃڻ جي واٽ گهربل هئي. ڇه! ڇه! ڇه! +شرماءِ نه، چئو! جيڪي کائڻ چاهين، کاءُ! جيڪي جيءَ ۾ اچيئه! +موتيءَ ڏانهن تڪي ڊاڪٽر آکيو: ماڻهين کي جيڪا به کائڻ جي اڇا هجي، ڏجانس! +”۽ دوا؟“ شڪي ٿي موتيءَ ورجايو. +”دوا ٻوا کي ڇڏ. ماءُ کي چڱيءَ ريت کارائي پياري ڇڏ. ديويءَ جي مندر جي ڀڀوت آڻي لڳائينس، بس!“ +موتيءَ جي ماءُ به گهونگهٽ کي ٿورو مٿي ڇڪيندي چيو: ”پر سور وچان ته منهنجو ساه ئي نڪري ويندو.“ +”ته باه جي ٽاڪور ڪرينس! شت وئديه سمنگ اَگني ه[1]، ان کان وڌيڪ ڪابه دوا ڪانهي. لوڻ جي ٽاڪور ڪرينس! جيڪي ٿيڻو هوندو. سو ان مان ئي ٿيندو.“ +جيڪي ٿيڻو هوندو سو اُنهيءَ مان ٿيندو؟ ”دوا ڪانه ڏيندا؟ جيڪي جيءُ چاهي سو کان؟ ته پوءِ آئون هينئر ڪجهه ڪين ورتائينديس؟“ موتيءَ جي ماءُ گهونگهٽ هٽائي ڇڏيو ۽ مٿيون سوال ڪري ڊاڪٽر ڏانهن ٽڪٽڪي ٻڌي نهارڻ لڳي. عجيب هئي اها درشٽي! جنهن ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو سوال ڀريل هو! جيون جو باقي سوال! +اهڙي درشٽيءَ جي سامهون شايد ڪوبه ٽڪي نه سگهي. ٽڪي سگهندا آهن ٽن قسمن جا ماڻهو. هڪڙو ويچارڪ- جنهن کي موت جي سزا ڏيڻي پوندي آهي. جيڪڏهن ملازم سوال ڪري ته مون کي مرڻو پوندو؟ ته ويچارڪ کي چوڻو پوندو: ها، مرڻو پوندو! +ٻيو جلاد! جيڪو اها سزا پنهنجي هٿن سان ڏيندو آهي. ۽ ٽيون ٽڪي سگهي ٿو ته علاج ڪندڙ ڊاڪٽر يا وئديه! +جيون مهاشيه اڳي ضرور ٻڍي، جهوني مريض کي ئي چوندو هو ته ”هينئر وڌيڪ جيئرو رهي به ڇا ڪندين؟ ڏسي به ڪافي ورتئه، سڻي ٻڌي به ڪافي چڪو آهين، ڀوڳيئه ۽ ڀوڳائيئه به گهڻو. هينئر جيڪي آهي، ان کي رکي ڪري....“ ۽ هو کلڻ لڳندو هو. +سندس ڏاڏو دين بندو مهاشيه آخرين ڏينهن ۾ چوندو هو- اڙي! گووند ڀڄ. هرنام چو. ”پرڀو نام جي ٻيڙي گهاٽ تي ٻڌل آهي.“ +جيون مهاشيه کي ڊاڪٽري سيکارڻ وارو گرو رنگلعل ڊاڪٽر به نهايت عجيب انسان هو. مريض جي سامهون رواجي ريت مرڻ جو ذڪر ڪونه ڪندو هو، پر ڪير پڇيس ته چئي ڏيندو: ’ميڊيسن ڪئن ڪيور ڊسيزبٽ ڪئن ناٽ پروينٽ ڊيٿ[2] ۽ ڊگها قدم ڀريندو مرض جي ڪمري مان نڪري ايندو هو. +ڊاڪٽر جيون موتيءَ جي ماءُ ڏانهن نهاريو ۽ کلندي چيو: ”ائين ٿئي ته ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڏوهٽا، پوٽا، ننهن- پٽ جي رهندي سانسين سکالي ٿي وڃي سکي بڻج! جيڪڏهن ٿي سگهي ته تيرٿ ياترا لاءِ نڪري وڃ.“ +موتيءَ وچ ۾ ئي واڪ ڏنو: ”اوهان به ڇا پيا چئو ڪاڪا! ڀلا ان لاءِ اسان جي هڙ ۾ ڪجهه آهي؟“ +”ڇو؟ ڏهن ڪوهن جو ئي ته مفاصلو آهي. ٽرين ۾ وڃو، مسواڙ تي ڪوئي ڪمرو ڀاڙي هليو اچ. ان ۾ ڀلا خرچ ڪيترو ٿيندو؟ ڪٽوئا ۾ ذرا ڀيڙ وڌيڪ ٿيندي. پوربي بينگال جا ماڻهو (نرواسي) اتي گهڻا ئي اچي ويا آهن. اڌارڻ پور وڃڻ ئي بهتر ٿيندو! گام گنگا جو ڪنارو. جيڪڏهن سڌرڻ تي هوندي ته هڪ مهيني اندر گنگا جي هوا لڳڻ سان بيماري به هوا ٿي ويندي! پاڻ ڏسج، امڙ جو جسم ئي نئون ٿي ويندو..... روز سنان ڪندي ۽ نه ته....“ ڳالهه کي اڌورو ڇڏي ڊاڪٽر ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. وراندي ۾ ٻئي هٿ وڌائي چائين: ”موتي ذرا پاڻي ڏي.“ +* * * + + +[2] +ڊاڪٽر کي ڪجهه اهڙي جهڙي تڪليف نه ٿي. موتيءَ جي ماءُ جي ڪافي عمر هئي، عمر جي نزلي سان صحت گهڻي ڊهي پيئي اٿس. گئس جي تڪيلف پيٽ جي گڙ ٻڙ- هيءَ هوءَ ڪيتريون ئي بيماريون. انهن آفتن جي مٿان آفت اها جو پير جي هڏيءَ ۾ ڌڪ لڳي ويس، ٽٽي پيئي. شايد ٿي سگهي ٿو جو انت ۾ پڪي به ٿي وڃي. سڪيلڌو پڻ اٿس، ننهن آهي، ڪيترائي پوٽا- ڏوهٽا اٿس. هاڻ موڪلاڻي ڇو نه ڪري پوڙهي! ان نموني موڪلائڻ ته پاڻ سک جو ڪارڻ آهي. مگر ٻڍڙيءَ کي مرڻ جي اڇا ڪانهي، ان کي ڊاڪٽر هڪ ئي نظر ۾ پرکي ورتو هئو، موت جي ڳالهه ٻڌي ڇرڪي نه وڃن، اهڙا ماڻهو سنسار ۾ ڪي ورلي ئي ٿيندا آهن، وري به ڊاڪٽر چوي انڪري ٿو جو ماڻهن جي اڳتي وڃڻ جي ڪائي حد ته ڪانهي. +ويچاري موتيءَ جي ماءُ ته اوندهه ۾ آهي، پٺتي پيئي آهي. هن کي ڏوهه نٿو ڏيئي سگهجي. پٽ، ننهن، پوٽو، پوٽي، گهر- گرهستي- سڀني ۾ اَڙجي ويئي آهي ٻڍڙي- جيئن ڪوڙڪي ۾. +”آهه نيهني ڀوُتاني گڇنتي بم مندرم، +شيشاه اِسٿرتو مڇنتي ڪماشچريمتہ پرم.“ +ٺيڪ اڄ ٻڍڙي به ساڳيو سناتن اچرج ٿي پيئي آهي. ليڪن هن کي وڃڻو ئي پوندو، ۽ وڃڻ ۾ ئي سندس ڪلياڻ آهي. ها ڪلياڻ آهي. نه ته درگتيءَ جي ڪائي حد نه رهندي. +ڊاڪٽر جو سرير وزني آهي. جسم جي بار سببان ٻئي پير زمين تي ٽپڪ ٽپڪ ڪندا هلندا آهن. جڏهن هو رستي تان لنگهندو آهي، آسپاس جي گهرن وارا ماڻهو سمجهي ويندا آهن ته ڊاڪٽر صاحب اچي رهيو آهي. سانوڻ جي تک ڦڙي بارش سان نرم ٿيل مٽي ۽ ترڪڻ واري رستي تان سنڀال ڪري هلڻ گهرجي، نگاهون هيٺانهين ڏانهن چوڪس رهڻ گهرجن. ڊاڪٽر لاءِ ٻئي ڳالهيون پريشانيءَ جو باعث آهن. مگر ٻيو چاڙهو به ته ڪونهي. ڪٿي پير کسڪيو يا ترڪيو ته هڏي- پاسرءَ جو خير ڪونهي. ڌرتيءَ کي ماڻهو ماتا چوندا آهن. سائي سبز گاهه ۽ ڪکن پنن سان ڍڪيل ڇانيل ڌرتيءَ کي چون ٿا. ڪومل انگنا- نازڪ بدن، مگر هڪوار ڪير ڪري پوي ته غلطي معلوم ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر پنهنجو پاڻ کلڻ لڳو. +- ”اڙي – ڙي – ڙي!“ – ترسي ڪري ڊاڪٽر زور سان آواز ڪيو، رستي جي ڪناري هڪ کڏ ۾ هن سخت بارش جو ٿورو پاڻي ڄمي ويو هو. ٻه نينگر ڏاڍي چوڄ مان ان پاڻيءَ سان کيچل ڪري رهيا هئا. بيٺل پاڻيءَ سان رستي جي ان وٿيءَ کي به هنن گپ چڪ سان ڀري ڇڏيو هئو. +نينگر رڪجي ويا. جيون مهاشيه کي هن پاسي سڀ عزت ڏيندا آهن. +- مڇي آهي- هيڏي ساري وڏي هڪ مڇي! +- ”تون مدن گهوش جو پٽ آهين نه؟“ +- ”جي، آئونمدنا جو پٽ بدنا آهيان.“ +ڊاڪٽر کي کل اچي ويئي- ”صرف مدنا جو پٽ بدنا ڇو، تون گڏهه آهين، پاجي آهين، اُلو آهين.“ +- ”ڇو، مون اهڙي ڪهڙي ڀل ڪئي؟“ +- ”ڇا ڪيئيه؟“ ڊاڪٽر جو آواز هينئر ڪجهه نرم پئجي ويو- ”پتا جو، پنهنجو نالو ڪو ان ريت ٻڌائبو آهي؟ ڇي، ڇي. چوڻ گهرجي- جي ها، شري مدن لعل گهوش جو پٽ آهيان. منهنجو نالو آهي شري بدن لعل گوش. سمجهي وئين؟“ +بدن پنهنجي گردن جهڪائي مٿي کي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. ڏاڍو خوش ٿي ويو. ڊاڪٽر پڇيو- ”۽ هيءُ ڪير آهي؟“ +ڏسڻ ۾ هو نينگر سهڻو هئو. ڏاڍي ٺاهوڪي موچاري شڪل، لڳو نٿي ڪو ان ڳوٺ جو آهي. هن ڊاڪٽر جي سوال جو جواب نه ڏنو. بدن ٻڌايو- ”هيءُ هتي سرڪار وٽان آيو آهي- پنهنجي مامي وٽ.“ +- او، اَهيندر سرڪار جي ڌيءَ اَتسيءَ جو ڪڪو آهي؟ +ٻالڪ ٻه ڀيرا پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي چيو- ها، ها. +ڊاڪٽر چيو- پاڻيءَ ۾ پسڻ نه گهرجي، گهر وڃو. زڪام ٿيندو، تپ اڃي ويندو، مٿي ۾ سور ٿيندو. +بدن ورجايو- اوهان ڀلا ڇو پسندا آهيو؟ +ڊاڪٽر ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. چي- اڙي لچ، مان ڊاڪٽر آهيان! بخار مون کان ڊڄندو آهي. وڃو، گهر وڃو. هلو، مون سان ئي گڏجي هلو. +ٻنهي ٻالڪن کي ڊاڪٽر ساڻ وٺي موٽيو. جيڪڏهن ستاب مڪرجي نه آيو هوندو، ته هنن سان ئي پاڻ وندرائبو. رستي ۾ هلندي چيائين- خبر اٿو، گدامڙي- آمڙي کائڻ سان هاضمو بگڙندو آهي ۽ ان مان بخار ٿي پوندو آهي؟ مگر ڊاڪٽر پاڻ آمڙي کائيندا آهن. اسان ماڻهن کي چوندا آهيون ته اسين آمڙي کائيندا آهيون، ليڪن ماڻهن کي منع ڪندا آهيون ته کٽاڻ نه کائو.“ +’آروگيه – نڪيتن‘ جي ورانڊي تي ستاب مڪرجي اڳي ئي اچي ويٺو هئو. ڊاڪٽر تي نظر پوندي ئي چائين- ڪيڏانهن ويو هئين؟ مان اچي سوچڻ لڳس: نيٺ به ويو ڪيڏانهن؟ هتي نه ته نندو آهي، نه اِندر، ٻنهي مان هڪ به ڪونهي.“ +ڊاڪٽر اُنهن ٻارن کي چيو- ”هاڻ پنهنجي گهر وڃو.“ وري ستاب کي چيائين- ذرا موتي لوهار جي گهر ويو هوس. هن جي ماءُ جو پروانو پهچي ويو آهي. تون ويهه، مان اندر چانهه لاءِ چئي وٺان. چلم جي ڦل کي به ڦوڪي وٺان، اِندي ٻاهر ويو آهي.“ +ستون- اٺون چلم ۾ تماڪ ڀريل آهي- ازانسواءِ به ڦل تماڪ الڳ رکيو آهي. نندو ڀري ڪري رکي ويو آهي؛ ضرورت پوڻ تي وري رکيو رهي ٿو ته اِندو ڀري ڏيندو اٿن يا خود ڊاڪٽر يا ستاب ٽانڊو رکي وٺندا آهن. ٻئي ڄڻا شطرنج جي بازي تي ويهي ويندا آهن. ڪير ڄاڻي ڪيستوڻي هلندي اها بازي؟ اندر رسوئي ڍڪي پيئي هوندي آهي. سو نه اڳي جهڙي ته شڪتي رهي آهي، نه اُتساهه. +چانهه جي فرمائش بعد چلم ڀري ڦل دکائي ٻئي کيڏڻ ويهي رهيا. راند اچانڪ ڄڻڪ ڄمي ويئي. ڊاڪٽر ٺپ سان ستاب جي فرضيءَ جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. هيڏانهن آسمان ۾ به خاصو جهڙ ڇانئجي ويو، بارش به چڱي شروع ٿي ويئي. جهپ- جهپ پاڻي وسڻ لڳو، ڀاسيو بارش اڃا وڌيڪ پوندي. راند چپ چاپ هلي رهي هئي. ستاب چيو- ڊاڪٽر، اندر هلون. سردي محسوس ٿي رهي آهي. +- سردي محسوس ٿي رهي آهي؟ ائين ڇو؟ مون کي ته آرام اچي رهيو آهي. +- تنهنجي ڳالهه تي نرالي آهي. ايتري چرٻي اَٿي، سردي ڇو لڳندي ڀلا؟ منهنجي طبيعت به ٺيڪ ڪانهي. +- تپ ته ڪونه اٿي؟ نبض ڏسان؟ +- معاف ڪر، نبض ڏسڻ جي ضرورت ڪانهي. مرض ٿي پيو آهي توکي. نبض ڏسڻ مون کي به ايندي آهي. ڏسي چڪو آهيان، نبض چنچل آهي ٿوري. ڪائي ڳالهه ڪانهي. هل، اندر هل. – ستاب هٿ سميٽي ورتو. +مگر ڊاڪٽر موڪل نه ڏني. هڪ طرح زوريءَ هن ستاب جو هٿ ڇڪي ورتو. ٺيڪ آهي، نبض ۾ ڪافي جوش آهي. ليڪن ناڙيءَ جي رفتار جي انڀو جو موقعو نه مليو. ستاب ڪرائيءَ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. +- ڪرائي ڇڏي ڏي جيون، ڇڏي ڏي. +- چريائي نه ڪر، نبض ڏسڻ ڏي. +- نه. – ستاب مڪرجي چلائي اُٿيو. +- اڙي ٿي ڇا ويو آهي توکي؟ اڙي؟ - جيون مهاشيه دنگ رهجي ويو. +- نه، نه، نه. ڇڏي ڏي منهنجي ڪرائي. ڇڏي ڏي. – جهٽڪي سان پنهنجو هٿ ڇڏائي ستاب اُٿي کڙو ٿيو. هن جي لالٽين هڪ پاسي پيئي هئي. هن ان کي ٻاريو به ڪونه. هٿ ۾ کڻي وراندي کان هيٺ لهي پيو. +- ستاب، هيءُ وٺ تنهنجي ڇٽي. +ستاب واپس وريو. پنهنجي لالٽين جلائي چيائين- پنهنجي نبض جاچ. مان چوانءِ ٿو، هينئر تون ويندين. ٻين جي نبض جاچي اڳڪٿي ڪندو وتين. پنهنجي به سوچ. +برسات ۾ ئي ستاب هليو ويو. +ڊاڪٽر چپ ويٺو رهيو. وچ – وچ ۾ ستاب بي سبب بگڙي پوندو آهي. بي سبب چوڻ به ٺيڪ ناهي، جڏهن چال – ڀلجي ٿو وڃي ته من ئي من پنهنجو پاڻ تي خفي ٿيندو آهي ۽ ڪوئي بهانو مليو ناهي ته جهڳڙو ٺهه پهه. اُٿي ڪري پڇ پائي ڀڄندو. واپس اچڻ مشڪل آهي. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر ئي هن وٽ ويندو آهي. ڊاڪٽر کي ڏسنديئي ستاب به امالڪ چئي ڏيندو- اچ، اچ، ويهه. بس آئون تو ڏانهن اچي ئي رهيو هوس ته تون اچي وئين. +ڊاڪٽر ذرا کليو ۽ اندر وڃڻ لاءِ وريو. دواخاني جو دروازو بند ڪرڻ ويو ته ڇرڪي بيهي رهيو. ستاب جو اڄوڪو غصو گپت وڪار ته ڪونهي؟ جوش وچان تپ وڌيڪ ته محسوس ڪين ٿيو- پر ستاب نبض ته جاچڻ ئي نه ڏني! ڀرون تاڻي ذرا دير لاءِ هو اسٿر بيٺو رهيو- سوچڻ لڳو- هينئر ئي هن وٽ وڃان؟ +نه، ڪوئي لاڀ ڪونهي. جيڪڏهن ائين هجي به کڻي، ته به ستاب نبض هرگز ڏسڻ نه ويندو، اٽلو وڌيڪ بگڙي ويندو. +وري ههڙي مينهن ۾ ڀڄڻ! وڃڻ ڏينس، ٿيڻو هئو سو ٿيو. موت مرض جو هڪ اِتفاق ٿيندو آهي بهانو، نهايت ئي وچتر، نهايت ئي عجيب وغريب، حيرت انگيز! +ٻئي ڏيهاڙي. +عام طرح ڊاڪٽر دير سان اُٿندا آهن. اڄ ذرا ڀنڀرڪي ويل ئي اٿي ويٺو. سڄي رات کيس ننڊ به چڱي نه آئي. ستاب جي چنتا هن کي بيحال ڪري وڌو هئو. انتظاري به ڪهڙي عجيب! بيمارين جا جيترا به اهڃاڻ ۽ عجيب نشانيون هن کي ڌيان ۾ هيون، يا هن پنهنجي اکئين پسيون هيون، انهن مڙني نشانين، علامتن کي هو ستاب جي عمل سان ملائي ڪري ڏسندو، سوچيندو رهيو. جيترو سوچيائين، سڀ ٺيڪ ملندو پئي ويو. کيس افسوس ٿيو ته مون آخر ستاب کي جڪڙي ڪري ڪمري ۾ بند ڪري ڇو ڪين رکيو؟ مينهن ۾ هن کي وڃڻ ڇو ڏنم؟ هڪ ته گپت و ڪار وارو بار ئي تمام برو ٿيندو آهي، وري ڪٿي پاڻيءَ ۾ ڀڄي ٿڌ لڳي ويس، ته لاعلاج سمجهو. +هونئن به ستاب جي عمر چڙهي چڪي آهي ۽ ڪوئي ٻنڌن به جيون ۾ ڪونه اٿس. چوڻ لاءِ هڪ ٻنڌن اٿس- هن جي استري. ليڪن هوءَ اهڙي سمرٿ ۽ ڏندين ڏاند آهي، جو ستاب جي نه هوئڻ جو خال کيس نه کٽڪندو. ستاب جي وڇوڙي کي هن خود محسوس ڪيو. هن کانسواءِ ڊاڪٽر جا ڏينهن نٿا ڪٽجن. ڪيئن رهندو؟ +سج اڀريو ته ڊاڪٽر ستاب جي گهر وڃڻ جي تياري ڪئي. ڊاڪٽر جي پتني اسر ويل ئي جاڳي پوندي آهي ۽ هن جي وچتر سڀاءَ جو سڀ کان عجيب انگ جيڪو آهي، سو صبوح جو ئي ظاهر ٿيندو آهي. هن جو نالو آهي درگا. درگا- پرهرارڻي جي سمان صبوح جو ئي يڌ لاءِ تيار ٿي جاڳندي آهي. مزاج ستين آسمان تي ۽ ساڳئي جوش ۾ بڪ جهڪ سان سڄي گهر کي ٿر ٿر ڪنبائي ٿوريءَ ساعت ۾ حيرت انگيز ڍنگ سان هڪدم ڳنڀير ۽ بردبار ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر جي دير سان جاڳڻ جي ڪارڻن ۾ هوءَ مکيه ڪارڻ آهي. جڏهن درگا شانت ٿي ويندي آهي، تڏهن هو نسچنت ٿي بسترو ڇڏيندو آهي. +درگا اڳ ئي سجاڳ ٿي هئي ۽ ريتي- رک سان باسڻ ملڻ سبب نوڪرياڻيءَ تي غصو ڇنڊي رهي هئي. ههڙيءَ حالت ۾ باسڻ ڪيترا ڏينهن ٽڪندا؟ دنيا ۾ جيڪي پهتل مهاتما آهن، موت جن جي پنهنجي هٿن ۾ آهي، انهن جي مٿي تي ڏنڊو هڻو ته انهن کي به مرڻو پوندو، ۽ هيءُ ته جڙ ڌاتوءَ جو گلاس ٿيو. مائيءَ کي ور- ور ڏيئي اهو به محسوس ڪرائي رهي هئي ته اڄڪلهه ڪنجهي جا باسڻ ڪيترو نه مهانگا ٿي ويا آهن. ڊاڪٽر نڙيءَ مان کنگهڪار ڪري سوچنا ڏني. پوءِ هيٺ لٿو. گنڀير ٿي چيائين- مان ذرا ٻاهر وڃي رهيو آهيان. صبوح صبوح پهرين ڳالهه ۾ کيس ڪوڙ چوڻو پيو، نه ٿو ڳالهائي ته پتنيءَ جي نگاهه شو شنڪر جهڙي ڀينڪر ۽ تيز ٿي اٿندي. +پنهنجي ڇٽي کڻي نڪتو. سڌو بازار واري دڙي تي وڃي پهتو. صدر سڻڪ ڇڏي پيچرو پڪڙيائين ۽ ستاب جي دروازي تي وڃي رڪيو. +- ستاب! +ستاب پڻ سجاڳ ٿي چڪو هو. چوڪي تي ويهي ناريل پي رهيو هو. ڊاڪٽر کي ڏسي کلندي چيائين- اچي وئين؟ +ڊاڪٽر هن جي بغل ۾ ويهي رهيو. چيائين- خير! تپ ته ڪونه آهي؟ چهري مان ته ڪونه ٿو لڳي. ستاب به ڪرائي وڌائي چيس- ڏس. +- ڏس! ڊاڪٽر کليو. +- ڏس اڳڪٿي ڪري وجهه. هاڻ نٿو رهيو ٿئي. زندگيءَ کان نفرت ٿي ويئي آهي. +کلندي ڊاڪٽر چيو- اهو ته مان ڪالهه ئي تاڻي ويو هوس، جو بگڙي پئين ڪالهه تون مون تي! +مگر ستاب ان ڏانهن ڪن به ڪونه ڏنو. چي- ڪالهه ٻڍي جيتري قدر آپي کان ٻاهر ٿي مون تي، سو ڇا ٻڌايان توکي. مٺ جيترا مرمليا (سنڱر) به کائڻ لاءِ نه ڏنائين. مون رڳو چيو: زڪام آهي. تپ وانگر ڪجهه لڳي پيو. جيون ٿورا سنڱر ۽ ٿورو کير کائڻ لاءِ چيو آهي. جيڪڏهن گيهه، اٽو هجي، ته ٻه چار گرما گرم پوريون ته پاڻ وڌيڪ چڱو ٿئي. خبر اٿئي، اٽو، گيهه گهر ۾ موجود هئو. ان ڪري مون ڄاڻي ٻچجهي ائين چيو. بازار ۾ اٽو ندارد آهي. پنهنجي کيت ۾ ڪي ٻه مڻ ڪڻڪ ٿي هئي. ان جو مون اٽو پيهائي رکيو آهي. ٻيو ڪجهه نه ته، گهر ۾ ڏيڍ سير کير ته ٿي ئي ويندو آهي. ان جي سموري مکڻ جو هوءَ گيهه ٺاهي ڇڏيندي آهي. مکڻ جو منهن ته ڏسڻ به نصيب نه ٿيندو آهي ڪڏهن. ڪالهه ئي هن مکڻ جو گيهه بڻايو آهي. مگر پنهنجي ڀاڳ ۾ نه ڀوت (ماضي)، نه ڀوشيه (مستقبل)، ٻيو ته ٺهيو، جيڪو به منهن ۾ آيس، توکي به سڻائيندي ويئي. جاڳيو آهيان ۽ صبوح لاڪر ئي بک جي ماري ۽ پيٽ ۾ چڪ پئجي رهيا آهن. باه ٻري رهي آهي، ڄڻڪ کانڊو بن جي آگ هجي. پر به نيٺ ڪريان ڇا، ويٺي ويٺي حقي مان دم ڇڪي رهيو آهيان. هن کان ته مري وڃڻ ئي بهتر آهي. جي ڪري ڇا ڪرڻو آهي؟ +ڊاڪٽر ستاب جي ڪرائي ڇڪي ورتي. ڇهنديئي تاڻي ويو، تپ لهي رهيو آهي. رات جوڻس کاڌي لاءِ نه ڏنو، سو چڱو ئي ڪيائين! ذرا ساعت نبض ڏسندو رهيو. وري چيائين- اڄ ذرا سبزيءَ جو شوروو ۽ چانور کائج. هينئر نه هجي ته چانهه سان گڏ کائج ڪجهه. هاڻ تپ اچڻ جا آثار ڪونه آهن. +- ڪجهه کاءُ!- ستاب رکائيءَ سان چيو- ڪجهه کاءُ! ۽ ٺاڪر جي پوڄا؟ اهو ڪير ڪندو؟ +- ڪنهن ٻئي کي چئي ڇڏ، ڪري ڇڏيندو پوڄا. +- ڪري ڇڏيندو؟ اڄڪلهه ڪنهن ڪمبخت کي ان جو عقل به آهي يا ڪرڻ جي شرڌا آهي ڪنهن ۾؟ بس هو گابيءَ جو چاچو هڪ اهو ئي لنگڙو رهجي ويو آهي، چئٽرجيءَ جو نينگر. پر هن وٽ وڃي ڪير؟ ڪٿي هن کي سمڪ پئجي وڃي ته مون کاڌو کائي ڇڏيوآهي، ته هڪ ئي ويلي لاءِ پورا اٺ آنا طلب ڪري وهندو. +طلب ڪري ته کڻي ڏجانس. اول شرير يا اول ڏوڪڙ! بک وچان پيٽ ۾ باهه لڳي ويئي اٿئه، مان خوب ٿو سمجهان. تون کائي وٺ. نه ٿي سگهي ته مان ئي بندوبست ڪري ٿو وٺان. محلي مان مصر يا ٻئي ڪنهن کي موڪلي ڏيندس. چڱو؟ تون کاءُ، پيٽ ڀري کاءُ. چانهه ۾ مرملا وجهي کائجه. +ستاب ڌيمي سئر ۾ چيو: تون به ذرا چوندو و��ينس نه، ٿورو سيرو ئي ٺاهي ڏي. اٽي کي ڇاڻي ميدو ڪڍي وٺي، کنڊ ڪانهي. نه آهي ته نه، سهين، ڳڙ پيو آهي؛ کجور جو ڳڙ به وٽس آهي. مزو ته ڏس، پاڻ روز رات جو کير چانور کائيندي آهي ۽ کجور مان ڳڙ ڪڍندي آهي. هن جي ليکي مان ننڊ ۾ آهيان. پر مان ڌت ماري سمهيو پيو هوندو آهيان. مگر مون کي بوءِ ملندي آهي. ذرا چئي ته ڏسينس. ڊاڪٽر کلي پيو. ستاب هميشه کان پيٽوڙي رهيو آهي. کاڌي پيتي جو شوقين آهي، ان ڪري سندس زال نالو رکيو آهي. ’ٻالڪ داسي.‘ ’چي، هيءُ آهي نه، کاڌي جو ڏاڍو لالچي آهي! رام چو، اهڙي ڄڀ کي ته ڪپي ڦٽو ڪجي. کاڌي بنا ماڻهو جيئرو نٿو رهي. ٺيڪ آهي- بک لڳي ته اکئين آڏو اوندهه نظر ايندي، ان ڪري کائڻو پوي ٿو. پر، هيءُ کان- هو کان، اها ڪهڙي حرڪت! رام رام!! +پر سچ پچ کاڌي جي هٻڇ زال مڙس ٻنهي کي آهي. ٻڍاپي سان گڏ اهو شوق تهائين وڌيڪ ٿيو اٿن. ان ڳالهه ڪري پتي پتني چپ پيا پوندا آهن، ڊاڪٽر کي ئي وچ ۾ دخل ڏيئي ٺاهه ڪرائڻو پوندو آهي. ان ڪري ستاب جي ڳالهه تي ڊاڪٽر کان کل نڪري ويئي. +ستاب ڀرون تاڻي چيو: کلين ڇا ٿو؟ ڊاڪٽر چيو: آخرين علامت جي ڳالهه ڪئي هئم نه؟ هڪ کن ۾ ستاب جي منهن جو پنو لهي ويو. ڊاڪٽر تاڻي ورتو ۽ دوست جي پٺي ٺپريندي آٿت واري نوع ۾ چيائين: نه نه، ڊڄ نه، منهنجو هروڀرو اهو مطلب ڪونه هو. اڃا تون ڪافي ڏينهن هن دنيا جو درشن ڪندين. وڃڻ ۾ اوير آهي. اڃا ذائقو به ساڳيو قائم آهي. پر سيرو اڄ نه کائج. تپ کي هڪ ڀيرو ڀڄڻ ڏي. بلڪ هڪ شام اڄ شوروو ۽ چانور کاءُ، شام ٽاڻي جيڪڏهن تپ نه چڙهي- ذرا نبض ته ڏسان- بدن ڇهڻ سان لڳس، ٽپ لهي رهيو آهي؛ تنهنڪري ناڙي نه ڏٺائين- چڱو ڏسان وري، ته تپ چڙهندو يا نه. ڊاڪٽر ناڙي جاچي. کلي چيائين: نه، هاڻي تپ چڙهڻ جو اهڃان ڪونهي. سيرو مان توکي سڀاڻي کارائيندس. رڳو اڄوڪو ڏينهن رهڻ ڏي. پر اوچتو سيري تي دل ڪيئن سرڪيهءِ؟“ +”چانهه مرملا ٻڌڻ سان ئي دل ڪچي ٿين لڳي. ٻڌءِ ڪونه، بد ذائقو ڪيئن نه ٿي پيو آهي؟ خير، هڪ ڪم ڪر- چوندو وڃينس، دڪان تان ٻه اچر بسڪوٽ ئي گهرائي ڏئيم. چانهه ۾ ٻوڙي بسڪوٽ کائڻ ۾ مزيدار ٿيندو. ڊاڪٽر خود بسڪوٽ موڪلڻ جو وچن ڏيئي اُٿي بيٺو. ستاب جي گهر واريءَ سان گفتگو ڪڍندي ئي هوءَ بحث ڇيڙي وهندي.“ بيمار لاءِ وڌيڪ ڪارائتا مرملا آهن يا بسڪوٽ؟ ۽ اهڙو بحث ڪري وهندي ڄڻڪ پاڻ ڊاڪتر هجي. اُمالڪ سوال پڇندي: ”ديس ۾ جڏهن بسڪوٽ ڪونه هئا، تڏهن بيمار نيٺ ڇا کائيندا هئا؟ ۽ ڇاڪاڻ ته هو بسڪوٽ نه کائيندا هئا ته انڪري هو نڪي اِنسان هئا يا سندن بيماري به ڪانه لهندي هئي؟“ +ستاب جي استري ناريءَ جي بدران پرش هجي ها ته سٺو وڪيل بڻجي سگهي ها. ڪروڌ ۽ چيخ پڪار نه مچائي ها، بلڪ پنهنجي جڳهه تي اٽل رهي آڏي پڇا ڪري ها، ڇا مجال جو ڪوئي هڪ قدم به هن کي پوئتي هٽائي سگهي. اڄوڪي يگ ۾ جنم وٺي ها، ته به جيون سڦل ٿئي ها. ڇو ته اڄ عورتون به وڪيل، جج، مئجسٽريٽ ٿيڻ لڳيون آهن. +اهي ڳالهيون ڊاڪٽر جي من ئي من ۾ اٿڻ لڳيون. هن ستاب کي چيو- ديوي جيءَ کي چوڻ بيڪار ٿيندو. سو موٽندي ڪنهن نه ڪنهن جي هٿان مان ئي موڪلي ڏيندس. پر تون ٻاهر ئي رهج، سمجهي وئين؟ +پنهنجي ناشتي جي باري ۾ خاطري ڪري ستاب ڊاڪٽر جو هٿ سڪ وچان دٻايو. چي- ويهه، ويهه، چانهه پي ڪري وڃج. +کلي ڊاڪٽر وراڻيو- چانهه ئي پيئڻ لڳندس ته تنهنجو بسڪوٽ ڪير موڪليندو؟ وري ڪرم ڦل جو ڀوڳ، اهو ڪير ڪندو؟ ٻه چار ڄڻا نبض ڏيکارن اچن ٿا، سي انتظار ۾ ويٺا هوندا. نه! مان هلان ٿو. +۽ ڊاڪٽر اُٿي کڙو ٿيو. +ستاب لاءِ هن کي جيڪا انتظاري هئي، سا ته ويندي رهي. ”پرمانند ما��و، پرمانند ماڌو!“ نالو جپيندي هو هوريان هوريان هلندو ٿيو. +هن کليل ڇٽيءَ کي مٿي جي اڳيان ٿورو آندو. جن جي گهرن ۾ بيمار آهن، اهڙن جي نظر پئجي ويئي، ته وڃڻ ئي ڪين ڏيندا.- ڊاڪٽر بابوُ، ذرا ترسو. ٻار جي نبض ته ڏسي وڃو. ذرا. يا، ذرا منهنجي گهر هلڻ جي ڪرپا ڪندا. بابا ڏهن ڏينهن کان کٽ داخل آهي، نبض ته ڏسي وٺو. +پوءِ ساراهه جا پل. خوشامد چئوس. ببا پئسي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو آهي آخر! مگر ان ۾ ڊاڪٽر کي ڪائي خاص تڪليف ڪانهي، اعتراض ڪونهي. ڇو ته پتا جي وقت کان ئي پنهنجي سڄي ڄمار غريبن ۽ وچولي درجي وارن وٽ بنا فيءَ جي ئي بيمار ڏسندو پئي رهيو آهي. پر هن عمر ۾ ته هاڻ پورت نٿي پوي. وري...... جهڙالي ههڙن ڏينهن ۾ سردي هوندي به، هن جا ڪن جهن جهن ڪري وڄندا هئا. ماڻهو کيس پسند نٿا ڪن. ها، نٿا ڪن پسند. چون ٿا- هڪ ته اُن يگ جو ڊاڪٽر، وري ڊاڪٽري پاس به ته ڪونهي. دراصل ٽوٽڪائي- علاج وارو آهي. اڄ طبي- علاج جي ڪيتري نه ترقي ٿي ويئي آهي، اهو سڀ ڪجهه به هو ڪين ڄاڻي. +ڪوئي- ڪوئي گئو- وئديه چوندو هوس. +ڊاڪٽر جا قدم تيز ٿي ويا. +رستي جي ڪناري تي ئي اسپتال اچي ٿي، نئون تندرستي- مرڪز، تيار ٿي رهيو آهي. ان ڏانهن نهارڻ بنا نه رهيو ٿيو هن کان. ويندي وقت به انتي هڪ نگاهه وجهندو ويو هئو. ان وقت سناٽو هئو، هينئر ته سڀ جاڳي اٿيا هئا. استپال جي وراندي تي ٻه- چار روڳي اچي ويٺا آهن. ٻهاري صفائي- وارا ٻئي زال- مڙس چڪر هڻي رهيا آهن. نرسن جي ڪوارٽرن کان نڪري ٻه نرسون اسپتال ڏانهن اچي رهيون آهن. خيراتي دواخانه جي دروازي تي ڪيترائي بيمار ڳاهٽ اچي ٿيا آهن. ايندا به وڃن ٿا. هوڏانهن، هن طرف ”سواسٿ- ڪيندر“ جون نيون جڳهيون جڙي رهيون آهن. نهايت وڏو مڪان. وڏيون- وڏيون تياريون.ڪيترائي بسترا، ڪيترائي وڀاڳ، ٻال، ڪلياڻ، ماتر منگل (ويم گهر)، پکڙجندڙ بيمارين جا وڀاڳه، رواجي وڀاڳ، سرجري جو به تمام وڏو وڀاڳ جدا کلندو، رت کان وٺي جن، جن شين جي جاچ ٿي سگهي ٿي، سڀني جو بندوبست ٿيندو. خير، چڱو ئي ٿي رهيو آهي. ديش ۾ بيمارين جي جيڪا ٻوڏ ڪاهي پيئي آهي، ان ۾ اهڙو وراٽ پر ٻنڌ نه هجي، ته روڳ جي پاڙ پٽجڻ وٽان ئي نه آهي. ڊاڪٽر کي ياد آيو، سڀ کان اڳي اهو خيراتي دواخانو هتي ئي کليو هئو. سنه اُڻويهه سو ٻن يا ٽن جي لڳ ڀڳ. +۽ ان اڳي ............... +- پرڻام ڊاڪٽر صاحب. ڪٿي مريض ڏسڻ ويا هئا؟ +ڇرڪي ڊاڪٽر پوئتان اکيون ڦيريون. ڏٺائين، اسپتال جو ڪمپائونڊر هريهر پال پنهنجي سائيڪل جهلي سندس پٺيان بيٺو آهي. استپال وڃي رهيو هئو شايد، رستي ۾ ڊاڪٽر کي ڏسي ڪري گهنٽي نه وڄائي، پنهنجي رٿ تان لهي پيدل هلڻ لڳو هئو هن جي عزت افزائي وچان. سرهائيءَ وچان ڊاڪٽر ٻوليو- خوش ته آهين هريهر؟ +- جي. +- ٻي ڪهڙي خبرچار آهي؟ ڪهڙو حال آهي تنهنجو؟ +- جي، مڙيوئي پيو هجي. +ڊاڪٽر تاڻي ويو، هريهر جي اڄڪلهه چاندي ئي چاندي آهي. هن منهن ورائي ڇڏيو. چي- پينسلن ته خوب هلائي رهيو هوندين، ڪيئن؟ اڄڪلهه ته ان جو زمانو آهي. +- جي سو ته آهي. جيڪي هجي، سڀ ۾ پينسلين ۽ ڪم به سٺو ٿي ڏي- چوندي چوندي هن سامهون جي طرف يعني جتي ڊاڪٽر بيٺو هو، ان جي پٺئين طرف نهاريو. ڪجهه اتاولو ٿي چيائين. +- اسان جو ڊاڪٽر صاحب اچي رهيو آهي. اوهان جي ئي ڳوٺ جي طرفان ايندو پيو ڏسجي. ها، شايد موتي جي ماءُ کي ڏسي پيو موٽي اچي. رات هو سڏائي ويو هوس. +مهاشيه جي من ۾ بجلي جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي. سو موتي مون تي ڀروسو ڪين ڪري سگهيو، ڊاڪٽر کي سڏائي ويو ۽ انهيءَ وقت هو منهن ورائي کڙو ٿي بيٺو. اسپتال جو ڊاڪٽر تيزيءَ سان سائيڪل تي سوار ٿي اچ�� رهيو هو. جيون مهاشيه نمسڪار ڪيو- نمسڪار! +اسپتال جو ڊاڪٽر سائيڪل تان لهي پيو. جوان آدمي- پوشاڪ ۾ پئنٽ۽ بشرٽ تي برساتي، مٿي ۾ آئل سڪرين سان ڍڪيل هيٽ. اکين تي عينڪ. ڪلڪتي جو رهاڪو آهي- نالواٿس پرديوت بوس. هن جواب ۾ مهاشيه کي نمسڪار ڪيو ۽ کيڪاري چيائين- ڪيئن خوش ته آهيو اوهان؟ +- بلڪل خوش! ڪا تڪيلف ته ڪانه آهي. دنيا ۾ ان جو نالو ئي خوش رهڻ آهي. موتيءَ جي ماءُ کي ڏسي آيا؟ +- جي ها، ڏسي آيس. رات موتي آيو هو. انهيءَ وقت وٺي وڃڻ لاءِ اتاولو هئو. هن جي ماءُ سور، وچان بيحال ٿي رهي هئي. مڃي ئي نه پيو! ڪيس ته منهنجو اڳي ئي ڄاتل هئو. جڏهن هن ڌڪو کاڌو هئو، ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهي هئي. سور ته سندس گهڻي حد تائين وڃي به چڪو هو. وري ڪو سور وڌي ويو اٿس. منهنجو خيال آهي، انهيءَ حالت ۾ هلندي- ڦرندي ۽ ڪم- هاج ڪندي رهي آهي. ڪٿي ڪو وري ڌڪ ٻڪ لڳي ويو اٿس. ڪالهه اوهان به ته ڏسي آيا آهيو، ڄاڻندا ئي هوندا سڀ ڪجهه. +- ڏٺو اٿم، تڏهن ته پڇي هيو آهيان، ڇا خيال آهي اوهان جو؟ +- ذرا پيچيدو ڪيس ٿي ويو آهي. ايڪسري بنا ٺيڪ علاج ٿيڻ مشڪل آهي. اندر هڏيءَ ۾ سخت ڌڪ لڳو اٿس، ڀڄي به پيئي هجيس شايد- جيڪڏهن فريڪچر ٿي ڪٿي هڏي ٽڪري- ٽڪري ٿي ويئي هجيس، ته نشتر هڻڻو پوندو! اپاءُ ٿي سگهي ته چڱي ڀلي ٿي پوندي- اهڙو ته ڪجهه نه آهي. ڊاڪٽر پنهنجي ٻنهي چپن تي بيپرواهي جي ريکا ڊوڙائي. +مهاشيه ڪجهه سوچيو، وري چيائين- هڏي ٽڪري ٽڪري نه ٿي آهي، ۽ نڪوئي فريڪچر آهي. سوُر ڦر رهيو آهي، سوڄ به. وڍ- ڪٽ ۾ پنهنجو دخل ڪونهي. سمجهان- ٻجهان نٿو، مان نبض سڃاڻي سگهان ٿو. جهڙوڪ منهنجو خيال آهي، اهو صرف اهڃاڻ آهي. +- اهڃاڻ يعني بهانو- سچ پچ ته.... ۽ کلي اشاري سان ئي هن پنهنجي اڌوري ڳالهه کي پورو ڪري ڇڏيو. +پرديوت بابو هن جي منهن واري ڳالهه ڇني ڪري ذرا رکائيءَ سان چيو- اوهان ته گيان- گنگا ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي.- هو کليو ۽ مذاق ۾ چيائين- مون ته وڃي ڏٺو، ٻڍيءَ کي ايتري قدر ڌڙڪڻ هئي جو گيان- گنگا جي نوبت ئي اچڻ واري ڪانهي. اسٽيشن تائين وڃڻ لاءِ ڍڳا- گاڏيءَ ۾ چڙهندي- چڙهندي ئي دل بيهي وينديس. +پرديوت ڊاڪٽر وري کليو. چي- نه نه بچي ويندي ٻڍڙي ٿورڙو خرچ ڪرڻ لاءِ ته موتي به تيار آهي، باقي خرچ جو انتظام اسپتال مان ڪرائي مان هن کي سنڀالي وٺندس- مرڻ ڪونه ڏيندس. +پرديوست جي انهن آخرين لفظن ۾ حقارت ڀري ٽوڪ تيزيءَ سان وڄڻ لڳي. ڀاسيو، هن تير ڇوڙيو هجي ۽ اهو تير مهاشيه جي سر جي ننڍن- ننڍن- وارن کي ڇهندو نڪري ويو هجي. تارونءُ يا ڳل ۾ ان جي چڀڻ سان جيڪا تڪليف- پيڙا ٿئي ها، هيءَ جلن تنهن کان سو ڀيرا وڌيڪ دل گهائيندڙ هئي. +ڪنڌ ڌوڻي مهاشيه چيو- ڊاڪٽر بابو، مرڻو مون کي نه آهي، هوءَ پاڻيهي مري ويندي، پاڻيهي،. ٽي مهينا ٿين يا ڇهه مهينا. انهيءَ عرصي ۾ ئي ٻڍڙي راهه رباني وٺندي. ڪيتريونئي جزائون پالي رکيون اٿائين. ان چوٽ جي هلندي اهي سڀ...... +ڇرڪي پرديوت بابوُ ڪنڌ کنيو ۽ روڪ وجهي چيائين- پينسلين، شٽريپٽو- مائيسن- ايڪسري جي هن يگ ۾ ائين چوڻ ڪجهه سونهين ته نٿو. ٺيڪ به ڪونهي. اسان جڙي- ٻوٽي، ڪف- وات- پت جي هن يگ کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهيون. ٻيو ته اهي ڳالهيون ان- هيومن آهن- غير انساني. +مهاشيه کي وڌيڪ ڪجهه چوڻ جو موقعو نه ڏيئي پرديوت بابوءَ چيو- چڱو، نمسڪار. اسپتال کي دير ٿي رهي آهي. مان هلان ٿو. هو پنهنجي سائيڪل تي سوار ٿي ويو ۽ اسپتال جي احاطي ڏانهن رمندو رهيو. ڪنهن کي سخت سخن سڻائي اک جي شرم کي بچائڻ لاءِ ماڻهو اهڙي ئي ناٽڪي ڍنگ سان منهن ورائي هليا ويندا آهن. +ڪجهه پرڀرو وڃي هو وري لٿو. چي- ڪڏهن هيڏانهن اچجو، اسان جو بندوبست ڏسي ڪري ئي سمجهي ويندا. ميڊيڪل-جنرل مان نوان- نوان علاج ۽ انهن جو عجيب غريب اتهاس پڙهي ٻڌائيندس اوهان کي. جن ڏينهن ۾ جيڪي ڪيو سو ڪيو. ليڪن اڄ، جڏهن وگيانڪ طريقا ايجاد ٿي چڪا آهن، ماڻهن کي اهي ميسر به هجن، ته اهڙو ڪهنو علاج هڪ تمام وڏو گناه آهي، ٻيو ڪوئي ملڪ هجي ها ته اوهان کي جيڪر سزا ملي ها. +جوان ڊاڪٽر جو چهرو لعل ٿي ويو. +جيون مهاشيه چڪرائجي ويو: مان گناهگار آهيان! ٻيو ڪوئي ملڪ ها. ته مون کي سزا ملي ها؟ +هيءُ ڇوڪرو ڊاڪٽر هيڏي وڏي ڳالهه چئي ويو؟ هو حيران- پريشان بيٺو رهيو. اسپتال وڃڻ وارا ڪيترائي مريض کيس ڏسي ڇرڪي بيهي ويا، اچرجه وچان کيس تڪيندا رهيا. جيون مهاشيه کي ته ان جو ڌيان به نه رهيو. هو ڳيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جيتوڻيڪ هن جي لاءِ ڪا اها نئي ڳالهه ته ڪانه هئي. هن لنبي زندگيءَ ۾ هتي ڊاڪٽري پاس ڪيل ڊاڪٽر الائي ڪيترا آيا ۽ ويا. ضلعي جا وڏا ڊاڪٽر آيا. ڪلڪتي کان به آيا. متڀيد ٿيندو رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کين انحرافي به سهڻي پوندي آهي، پر آخر ۾ اهو ئي ثابت ٿيو ته جيون مهاشيه جو رايو ئي تز ۽ وزنائتو آهي. هو ڪنهن وهم ۾ مبتلا ڪونهي! نه، جيون مهاشيه نه، هو نه، بلڪ نبض شناس ئي بي وهم ۽ ٺيڪ آهي. +سڀ ڳالهيون، گهٽنائون ياد اچڻ لڳيون. +هيءُ گيان- يوگ سندس ڏاڏي دين ٻنڌو دت کي وئديه- ڪل تلڪ ڪرشڻ داس سين وٽان ئي مليو هئو. +هو ڌيري ڌيري اڳتي وڌڻ لڳو. +[1] سو وئدن يا طبيبن جي برابر باهه. +[2] دوا بيماريءَ کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿي، پر موت کي نٿي ٽاري سگهي. + + +[3] +زبون ٿيل ’آروگيه - نڪيتن‘ جي وراندي ۾ هيستائين اٽڪل ڏهه کن روڳي اچي ويٺا هئا، گهڻي ڀاڱي مسلمان، ٽن پيڙهين کان- دين ٻنڌو مهاشيه جي وقت کان وٺي هيءُ خاندان لڳاتار طبابت ڪندو پيو اچي. جيون مهاشيه ٻڍو ٿي ويو آهي. نه چاهه رهيو آهي، نه اتساهه رهيو آهي. ته به اهي ماڻهو کيس ڇڏين نٿا. سندس هڪڙو ئي سڪيلڌو گذاري ويو آهي. پنهنجو اٿاه اڊمسبر نيئي نئون ڊاڪٽري- وگيان آيو آهي. خود هڏائون پڃرو بڻجي ويو آهي، جيون ۾ ڪا شانتي به نه رهي آهي، بعضي بعضي هو سوچيندو، هاڻ ان کي ڇڏي ئي ڏيندس. پر ڇڏيندي ڇڏيندي به ڇڏيو نٿو ٿئيس. اڄ هن طيءِ ڪيو ته هاڻ بس، وڌيڪ بنهه نه، اڄ ئي ان جو انت ڪري ڇڏيندس. +دواخاني ۾ هاڻ دوا ئي ڪانهي. اهو انتظام به هن کڻي ڇڏيو آهي. نسخو لکي ڏيندو آهي. نو گرام جي بي- ڪي- ميڊيڪل سٽورس تان مريضن کي دوا ملندي آهي. ٻن ٽن مهينن ۾ ڪميشن ڪجهه ملي ويندي اٿس. +ٽٽل – ڀڳل جيڪي ٽي الماڙيون رکيون آهن، انهن تي اڄ به حساب ڪتاب جي وَهين جو ڍڳ لڳو پيو آهي. وَهين جي ڳاڙهن جلدن کي اڏوهي چٽي ڇڏيو آهي. اندرين پنن کي به جيوڙن کائي کائي هلندو ڪري ڇڏيو آهي. تڏهن به اهي کرڙا کاتا رکيا ئي آهن. ڊاڪٽر جو در ڀاڳيه سمجهو، گهڻوڪونه لڳو آهي، باهه جو حادثو ڪونه ٿيو آهي. ڪڏهن گند ڪچري جا انبار لڳا پيا آهن. جيون مهاشيه ان طرف ڏسي پيو کلندو آهي. انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه ٽيهه هزار روپين جو باقي حساب وٺجي، ته ليکو لکن ۾ لهي. صرف سندس وقت جي آڌار ئي گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار روپيه ٿيندي. +سندس ڏاڏو دين ٻنڌو دست ان نو گرام ۾ راءِ چوڌري ونشن جي سهاري هيٺ هڪ پاٺشالا هلائيندو هئو. هنن جي ديوتر جائداد جون وهيون به لکندو هئو، ڪجهه ڍل اڳاڙڻ جو به ڪم ڪندو هو. ڪي راج شرومڻي ڪرشڻ داس ين هن وٽ ئي علاج ڪرڻ ايندو هو. دين ٻنڌو دت کي هن پنهنجو شاگرد بڻايو هو. راءِ چوڌري خاندان جي وڏي بابوءَ جي سڪيلڌي پٽ کي دماغي تپ ٿي پيو هو. سڀني سندس بچڻ جي اميد لاهي ڇڏي هئي. ماءُ غم وچان کٽ ورتي هئي. پيءُ بي سڌ ٻڌ ويٺو رهندو هو ۽ جوان پتنيءَ جي اکين مان گنگا جي ڌارا جاري هئي. مگر ڪوي راج جي نااميد ڪونه ٿيو. هن چيو هو ته هڪ آدمي گهرجي اورچ- اڻ ٿڪ محنتي شيوا ٽهل ڪرڻ واسطي. پوءِ مان واعدو ٿو ڪريان ته بيماري ڏينهن چاهي ڪيترا به وٺي، پر بيمار چاق چڱو ڀلو ٿي اٿندو. ۽ شيوا جي لاءِ تيار ٿيو دين بنڌو دت. سانده اٺيتاليهه ڏينهن پڄاڻان بخار ٽٽو. ڪويراج جيءَ دين ٻنڌوءَ کي چيو ته توکي اڃا موڪل ڪانه ملندي- اڃا گهٽ ۾ گهٽ ٻيا به چوويهه ڏينهن توکي شيوا ڪرڻي پوندي. اهڙي ئي وقت ۾ شيوا ڪرڻ بيحد ڏکي ٿيندي آهي. سنيهه- پيار جي انڌ وچان سڳا سنٻنڌي ۽ مٽ مائٽ سڪ واري شيوا جي نالي تي بيمار کي هاڃي پهچائي وجهندا آهن. هو بيمار کي گهڻو بڪ بڪ ڪرڻ ڏيندا آهن ۽ جيڪي سو کائڻ پيئڻ لاءِ به ڏيندا آهن. اهڙي وقت توکي سخت چوڪسي رکڻي پوندي.. دين ٻنڌو ان ڪاريه کي وڏي مستعديءَ سان نباهيو هئو. +پٽ جي تندرست ٿيڻ تي وڏي بابوءَ کيس انعام ڏيڻ چاهيو هئو. پردين ٻنڌو سئيڪار نه ڪيو. ڪرشڻ داس ڪويراج چيو ته انعام توکي مان ڏيندس. نامنظور نه ڪجه. توکي لامحدود صبر ۽ ڌيرج آهي. تنهنجي سمجهه به سليم آهي ۽ توکي لوڀ لالچ ڇيهو به ڪونهي. تون مون کان طبابت جو ڪم سک. +سو طبابت سکي ڪري هوان ئي ننڍڙي شانت ڳوٺ ۾ وسي ويو. نوگرام ۾ ڪين رهيو، ان ڪري جو اتي هو براهمڻن جي هڪ هٽي هئي، تنهنڪري لڙائي جهڳڙو لڳو ئي رهي ها. وري جيئن ته اتي بازار به ويجهي ئي هئي، ان ڪري شور و غل به ٿئي ها. هن انهن کٽراڳن کان پري رهڻ ٿي چاهيو ٿي. چوندو هو ته ديوتا پرسن ته سولائي سان نٿا ٿين، پر ناراض ڏاڍو جلدي ٿين ٿا. صرف معمولي غلطيءَ لاءِ سڄي حياتيءَ جي شيوا کي وساري وهن ٿا ۽ بازار وڻجارن جي رهڻ جي جڳهه آهي. اتي چنتن جو وجهه ڪٿان؟ +دين ٻنڌو دت کي ئي مهاشيه جي اُپاڌي ملي هئي. بنا ڪناريءَ واري ڌوتي ٻڌندو، پيرن ۾ چمپل، اگهاڙي بدن ڳوٺ ڳوٺ بيمار ڏسڻ ويندو هو. علائقي جو هڪ هڪ ٻار کيس سڃاڻندو هو. هو سڏي سندن علاج ڪندو هو. سڀني کي ماکي کارائيندو هو. دٻن ۾ ماکي ڀريل رهندي هئي. ساڌن سنتن سان اٿاهه پريم هوس. ساڌن جي شيوا چاڪري ڪري هن عجيب ۽ حيرت انگيز جڙين ٻوٽين جا نسخا ۽ ٽوٽڪا سنگرهه ڪري رکيا هئا. کيس ڪيترن ٺوڳين ۽ ڍونگي ساڌن کان پاڻ ٺڳائڻو پيو هو، پر ان کان کيس شڪايت دانهن نه هئي ۽ نڪو پڇتاءُ، ڪوئي چريو ڪري کيس چوندو ته تون ٺڳجي وئين ته چوندو هو ته هن مون کي ٺڳيو آهي، مون هن کي ڪونه ٺڳيو. ان ۾ مون لاءِ دک ۽ ارمان جو ڪو ڪارڻ ڪونهي. رڳو ساڌو- سنياسي ئي ڇو، الائي ڪيترائي نٽ، فقير، ٻاوا، گڻي وغيره، تن کان به هن سندن وديا سکي پرائي هئي. +سندس پٽ جڳ ٻنڌو به لائق فرزند هو. هن به پتا کان اهي سموريون وديائون سکيون هيون. مرڻ وقت دين ٻنڌو مهاشيه پنهنجي پٽ کي چوندو ويو ته زندگيءَ ۾ سمر ته خاص ڪجهه ڪٺو ڪري ڪين سگهيس، پر اوچ مقصد ڇڏي وڃان ٿو اهو اوچ مقصد بچائي رکج. لوڪ- پرلوڪ ٻئي سڌري ويندءِ. +جڳ ٻنڌو مهاشيه پنهنجي پتا جي ان هدايت جي اکر به اکر پيروي ڪئي هئي. ماڻهو هن کي به جڳت مهاشيه چوندا هئا. پتا مهاشيه پڻي جي جيڪا پونجي ڪمائي ويو هو، هن نه رڳو تنهنجي حفاظت ڪئي، بلڪ ان کي وڌيڪ ٻيڻو چمڪايو هن سنسڪرت سکي هئي ۽ آيور ويدڪ جو اڀياس ڪيو هو. پاروليا جي وئديه پيٺ جو شاگرد هو. علاج ڪندڙ جي لحاظ کان آيورويدڪ ۾ جهڙو ڀڙ هئو، اهڙو ئي نرلوڀي ۽ بيمارن ڏانهن مهربان ۽ عزيز هو. وري منش جي ناتي جهڙي هن ۾ مريادا جي ڄاڻ هئي، تهڙو ئي ��ٻاجهو هئو سندس ساءُ. سڀاءُ جي اها مڌرتا سندس مٺين ٻولين مان، سوکي رس گيان ۽ سهڻن چرچن مان پئي بکندي هئي. هنجي خوشمزاجيءَ جي يادگيرين هتان جي رهواسين جي اڻ لکيل برزبان رس شاستر جي اتهاس ۾ ڪي اڌياءَ- باب ڳنڍي ڇڏيا آهن. کلمک سڀاءُ جي خاصيت جو اهو ڪمال هو جو هن ۾ ڪوڙاڻ جي بوءِ ئي ڪانه هئي. ماڻهو هن جي ميٺاج مان اشنان ڪري تازا توانا ٿيندا هئا. +نوگرام کان ڳاڙهي سڻڪ هن ڳوٺ تائين آئي آهي ۽ هن پار جي ڏورانهين وسيع ميدان جي ڇاتيءَ کي چيريندي هلي ويئي آهي. ان جو ذڪر ايندي ئي ماڻهن کي جڳت مهاشيه جي ياد ايندي آهي. هنجي خوشمزاجي واري ڳالهه تي ماڻهن جو من ڀرجي ايندو هو ۽ ٽهڪڙن ۾ اچي پوندا هئا. +پنجيتاليهه سال اڳي جي ڳالهه آهي. تڏهن هن ڳوٺ جي ان سڻڪ جو صرف هڪڙو روپ ئي رهيو هو. مندر به هو. حالت به رهي هئي چئجي ڪري، ليڪن ڪائي بناوت ڪانه هئي. اتاهين لاهي، کڙ کٻڙ هئي. مينهوڳي ۾ ته ڇاتيءَ تائين گپ چڪ ٿي ويندي هئي. ان ڌٻڻ جي اڄ ڪوئي ڪلپنا به نه ڪري سگهندو. اهو ته جت مهاشيه جي خوشمزاجيءَ مان ئي سمجهي سگهبو. +ديوي پور جي جهونين کاهين خندقن جي باري ۾ اڄ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڪنهن به سن رسيده کان پڇي ڏسندا، يڪدم اوهانکي ٻڌائيندو ته ”چور- پڪڙي“ يعني ان گپ م پيو ته چور جو ڇوٽڪارو ڪونهي. ”گئو ماري ناله“ ان نالي جي ڌٻڻ ۾ برج نائيءَ جي گانءِ ڦاسجي مري ويئي هئي. جتي ان ڳالهه جي ياد آئي ته ماڻهو کلي کلي بيحال ٿيندا. کل بنا رهن به ڪيئن؟ اوهان ئي سوچي ڏسو ذرا، برج جي مئي گانءِ، مگر گانءِ جي مرڻ سان وڏي مصيبت اها اچي پيئي ته پرائشچت لاءِ هن جو مٿو ڪير ڪوڙائي؟ حجم ته هو خود ئي هئو، پاڪي به هئي هن وٽ، پر پاڪي هلائي ڪير؟ اڄ وانگر تن ڏينهن سڀني کي پاڪي هلائڻ ٿورو ئي ايندي هئي! ٻيو ته جيڪڏهن اچي به کڻي ته به پنهنجو مٿو پاڻ ڪوڙڻ ته هرگز نٿي ٿي سگهيو! ڪويراج ٿيو. ڪيترائي ڀيرا مريض جا مٿا کيس ڪوڙڻا پوندا هئا. اهڙن مريضن کي هو حجم جي ڀروسي ڪين ڇڏيندو هو. تنهن ڏينهن برج جي مٿي کي کاٻي هٿ سان پڪڙي کل ۾ اچي ڇٽڪيو هو ۽ وار بڻائيندي کلي ڪري ئي چيو هئائين ته ڪيئن برج چڪايان بدلو؟ +جي! برج اهڙو ڪڇي، جهڙي ڀت! بدلو؟ ڇا جو بدلو؟ +- حجامت ڪندي ڪيترائي ڀيرا تو رت ڪڍيو آهي.اڄ منهنجو وارو آهي بدلو چڪايان؟ +خير. ان رستي جو سڌارو به هن يعني جيون مهاشيه ڪيو. ڪاٺ جي تختيءَ تي جو نالو لکي ٽنگيل آهي، اهو به سندس ئي ڪرايل آهي. جڳ ٻنڌو مهاشيه ڪويراج (ويڄ) هو. جيونمهاشيه ڊاڪٽر – ڪويراج ٻئي آهي. تن ڏينهن گهر گهر ۾ هڪ چوڻي مشهور ٿي ويئي ته جڳت کائيندين، ڪين جيون کائيندين؟ ڪوئي بيمار ٿي پوي ته گهر جا ڀاتي مريض کان پڇندا هئا ته جڳت کائيندين ڪين جيون کائيندين؟ مطلب اهو ته ڊاڪٽري دوا کائيندين- جيون ڊاڪٽر کي گهرايان؟ يا ڪويراج جي دوا کائيندين، جڳٻنڌو ڪويراج کي گهرايان؟ +هاڻي اڄڪلهه ماڻهن هميشه جي لاءِ اها ڳالهه ئي وساري ڇڏي! +- مهاشيه بابوُ جي! +چوٽ کاڌل جيون مهاشيه چپ چاپ ٿي اچي ويٺو، وري ڪاٽر نگاهن سان ٻاهر جي طرف نهاريندو رهيو. بس، اڄ کان قصو ختم! خاندان جي ’مهاشيه‘ لقب ۽ طبابت جي ڪم جو اڄ کان ئي انت ٿي وڃي! +ايتري ۾ شيخ ٽولي جو ٻڍو مقبول دروازي ڀرسان اچي ويهي رهيو. سڏيائين- مهاشيه بابو جي؟ +جيونمهاشيه جي ڇاتيءَ اندران ازخود ٿڌو ڊگهو شوڪارو ٻاهر نڪتو. ڪير؟ هن مقبول ڏانهن ڪنڌ موڙي غور سان ڏٺو. +مقبول چيو ته ذرا نبض ڏسو بابوُ جي! هن ٻڍاپي ۾ ڏاڍي تڪيلف سهي رهيو آهيان. سڄي بدن ۾ سور ۽ هلڪو تپ آهي. هلڻ جي تياري آهي. اهو آئو�� ڄاڻان ٿو، مگر هيءَ تڪليف ته هاڻ سٺي نٿي وڃي. ڪوئي اپاءُ ڪريو. +ڪنڌ ڌوڻي مهاشيه چيو- هاڻ مون وٽ نه ايندو ڪر مقبول. هاڻ مان علاج نه ڪندس. هاڻ گهڻو ئي بهتر نموني جو علاج نڪري چڪو آهي. اسپتالون کلي ويئون آهن، نوان ڊاڪٽر اچي ويا آهن. تون اوڏانهن ئي وڃ. +مقبول سناٽي ۾ اچي ويو. ائين جيون مهاشيه چئي رهيو آهي! دين مهاشيه جو پوٽو، جڳت مهاشيه جو پٽ جيون مهاشيه ائين چئي رهيو آهي؟ جنهن جي نبض تي هٿ رکڻ سان مقبول کي محسوس ٿيندو آهي ته اڌ بيماري غائب ٿي ويئي آهي، هن جي منهن مان اهڙي ڳالهه! +هن جي چهري جي طرف تڪيندي ڦڪي مرڪ کلندي ڊاڪٽر کيس سمجهايو- مونکي هاڻ ڪجهه نٿو اچي مقبول! وري عمر به ماتا کائي مٿي چڙهي آهي، غلطي به ٿي سگهي ٿي.... +- اڙي ڀائي ڊاڪٽر، تون علاج ڪرڻ ڇڏي ڏيندين ته اسان ماڻهن جو ڇا حال ٿيندو؟ اسان ڪيڏانهن وينداسون؟ هاڻ رهڻ ڏي، نبض ڏسي موڪل ڏي ويچارن ماڻهن کي. غلطي ٿيندي آهي، غلطي جيڪڏهن ٿيندي ته مڃڻو پوندو ته پنهنجي قسمت ۾ ڪاڻ آهي! نئون علاج، نوان ڊاڪٽر، وراٽ واپار. ان لاءِ نه اسان ماڻهن ۾ سمرٿي آهي نه هنن تي ڪو وشواس ئي آهي- ڪامديو پور جي دانتو گهوشال چيو، ويچارو وڏي ڪشٽ سان ايترو ڪجهه چئي سگهيو. +يڪساهي ايترو ڳالهائي وڃڻ کان پوءِ هو زور زور سان کنگهڻ لڳو ۽ کنگهندو رهيو. کنگهه جي زور تي هڏائون پڃرو ڪنڀار جي ٽٽل ڌمڻيءَ جيان سهڪڻ لڳو. ائين ڀاسيو، الائي ڪڏهن هن جو ساهه اٽڪي پوي ۽ هو اتي ئي ڍيري ٿي زمين تي پوي. ڊاڪٽر هڪ پنکي جي ڳولها ۾ چوڌاري نظر ڊوڙائي، يا ڪابه اهڙي چيز ملي، جنهن سان هن کي هوا ڪري سگهجي. دانتو جي پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا ڳرڻ لڳا. پر ڊاڪٽر کي اهڙي ڪابه چيز ڏسڻ ۾ نه آئي. ڪمبخت نندوءَ جي ڪري ڪا چيز رهي به سگهي! شيشي بوتل کان وٺي منيم گلاس، ملم ٺاهڻ جو سرو سامان، ٿرماميٽر جو باڪس ايتريقدر جو نڪي سٽيٿڪوپ جي رٻڙ جون نليون به سميٽي ويو آهي، جڏهن ڪجهه نظر نه چڙهيس ته اٿي ڪري ڊاڪٽر پراڻي ڪٻٽ مان حساب جي هڪ وهي ڪڍي، جنهن وهيءَ ۾ لک روپيه جو حساب هو؛ ان جو جلد ڦاڙي هو دانتوءَ کي جهلي ڪرڻ لڳو. جيڪي بيمار ويٺا هئا، انهن مان هڪ کي چيائين- ذرا اندران هڪ گلاس پاڻي کڻي اچ. جلدي! +ٻڍي دانتو گهوشال جي سڄي حياتي ان ريت گذري. هو جهڙو نڀاڳو آهي، تهڙو ئي لوڀي؛ سڄي عمر وات جي چشڪي لاءِ سڄي دنيا گهمي ڪري کائيندو ڦريو؛ پر ان مان سندس لوڀ ته ڪونه ڀريو، البت روڳ وڌيو. صحت جي بدران سندس شرير جو ناش ٿيو. مٿان وري گانجي پيئڻ جي عادت. ڪڏهن هو انڪري گانجو پيئندو هو ته بک وڌندي. دم لڳائي کائڻ ڪوئي ويهي ته هاضمو شايد بئلون- وانگر ڦونڊجي ٿو پوي، وڌيڪ کاڌو کائي سگهجي ٿو. رڳو ڊاڪٽر وٽ ئي هڪ دفعي نوتي تي دانتوءَ ٽوڪري کن اناج جون شيون چٽ ڪري ڇڏيون هيون. ان جي مٿان جڏهن مٺائي آئي ته هن پورن ستيتاليهه رس گلن جي خبر ورتي. ڄيٺ جي مهيني ۾ هڪ سڄي جو سڄو ڪدو کائي هو ڪيترائي ڀيرا بستري تي ليٽيو- تڙڦندو رهيو آهي، چئي نٿو سگهجي! چار- چار ڀيرا ڪالرا ٿيڻ کان بچي ويو. مگر جيڪي به ٿئي، لوڀ ڇڏيو نه ٿيو- بدهضميءَ کان هاڻ دم جو شڪار آهي. ان جي مٿان نشي جي چاٽ. گانجي جا دم ڀري جڏهن ناريل کڻي ڪري پيئڻ ويهندو آهي؛ پيئندو ويندو آهي ۽ کنگهندو به ويندو آهي! کنگهندي کنگهندي دم اڀامڻ لڳندو اٿس. هفتي ۾ ٻه ڏيهاڙا ڊاڪٽر وٽ حاضري لڳائي ايندو آهي- ڊاڪٽر، ڪائي دوا ڏي. هاڻي سهڻ نٿو ٿئي. +دانتوءَ کي دوا سٺي گهرجي، مگر دام نه لڳي- مفت! دانتو جيون مهاشيه جو هم- ڪلاسي رهيو آهي ننڍپڻ ۾. پاٺشالا ۾گڏ پڙهيو آهي. ��يترن چڱن- برن ڪمن ۾ ساٿ ڏيندو رهيو آهي، ان ناتي هن جي علاج ۽ دوا جي کيس بي روڪ دعويٰ آهي. وري يجمان- ورت واري ڪندڙ براهمڻ ٿيو گهوشال! غلط سلط منتر پڙهي- پڙهي پوڄا ڪرائيندو آهي. ان ناتي به هن جو حق آهي. انگريزي ڊاڪٽر ته هن جي ان حق کي نٿو مڃي. هو ته نٿو به مڃي سگهي، مگر جيون ڇو ڪونه مڃيندو؟ ين ٻنڌو مهاشيه، جي وقت کان ئي هو ان جو حقدار رهيو آهي، هاڻي ڪيئن ڇڏي ڏي، ڇو ڇڏي ڏي؟ مگر دانتوءَ ۾ گڻ به آهي. ڳوٺ ۾ ڪٿي به ڪو اتسو هجي، اهڙي گهران ڪنهن جي به واتان نياپو موڪلي ڏيو، دانتو حاضر آهي. رات- ڏينهن ڪم ۾ جنبي ويندو، سڀ ڪري- ڪرائي ڀوڄن ڪري، تڏهن واپس. دکشڻا ڏيوس، نه ڏيوس، دانتو کي ڪوبه عذر ناهي. هڪ ٻه پڙيون گانجو سو ملي وڃيس،نهال ٿي ويندو ويچارو! مردو کڻڻ ۾ ته جهڙس ڪو ڪانڌي ڪونه ملندو! ان لحاظ کان هو سڄي علائقي جو سڄڻ آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي! اتسو جي موقعي تي به هوندو آهي، پر مساڻ ڏانهن ڪانڌي ٿي هلڻ لاءِ هردم تيار آهي ۽ راجا جي دروازي ۾ به حاضر آهي. مقدمن ۾ ته هو پيشه ور گواهه آهي. +سالم ٿيڻ ۾ دانتو کي چڱو ئي وقت لڳي ويو. هن اوَ- اوَن- کوُن – کوَن ڪري ٻه – ٽي ڀيرا اوڳاڙڻ جي ڪوشش ڪئي۽ پڇاڙيءَ ۾ زور – زور سان ٻه – ٽي ڀيرا اوڳاڙي ڊگهو ساهه کينچي چيائين- آهه، جان بچي! ان کانپوءِ وري چيائين- نه ٿئي ته تون باقي ماڻهن جي نبض ڏس ڊاڪٽر، آئون تيسين ساهه پٽي وٺان. +وجهه وٺي سڀ کان اول مقبول ئي پنهنجي ڪرائي اڳيان ڪئي. ڊاڪٽر نبض پڪڙي. هڪ عجيب مشڪ وچان سندس چهرو ٽڙي پيو. نيٺ اپاءُ ڪهڙو آهي؟ پاڻ ڇڏڻ به چاهي ته به هيءُ ماڻهو کيس ڇڏڻ وارا ڪونهن- هيءُ مقبول وغيره! نئي علاج کان کين ڊپ ٿئي ٿو. ان کي هنڊائڻ جي هنن ۾ سمرٿي ڪانهي، من جي به ڪانهي ته مالي حالت جي به ڪانهي. مقبول جي بناوٽ به عجيب آهي. هڪ گرين ڪئنين کائي ته پگهر جي شل ٿي پوي ۽ پڇاڙيءَ ۾ نبض ڇٽڻ جي نوبت. هو انگريزي دوا کان ائين ٿو ڊڄي ڄڻڪ زهر هجي. ”ڊاڪٽر هڪ – هڪ ڪري سڀني مريضن کي ڏٺو، کين علاج ٻڌايو، پڇاڙيءَ ۾ دانتوءَ کي ڏٺائين. +گهوشال جي حالت ايتري ئي دير ۾ ڪافي سڌري ويئي. هن ڊاڪٽر جي طرف پنهنجو هٿ وڌائي ڏنو. ڊاڪٽر چيو- تنهنجو هٿ ڏسي ڪري ٿيندو به ڇا دانتو؟ تنهنجي بيماري چڱي ٿيڻ وٽان نه آهي! تنهنجي اصلي بيماري ته تنهنجو لوڀ آهي ۽ هيءُ ڪمبخت لوڀ دوا سان ته نٿو وڃي سگهي. مٿان وري توکي آهي نشي جي علت ههڙيءَ حالت ۾ به تون صبوح مرداني، گانجو پي ڪري آيو آهين. دانتو شرمندو نه ٿيو. هن سڀويڪ نوع ۾ ئي وراڻيو هيءُ گانجي جو نتيجو نه آهي جيون؛ آهي ٻيڙيءَ جو! ٻيڙي، چوچيءَ لڳي ٻيڙيءَ جي ئي سموري خرافات آهي. تنهنجي ورانڊي ۾ اڃا اچي ويٺيس ئي مس، ته نالو ڇا اٿس طائر شيخ ٻيڙي پيئندو ڏسڻ ۾ آيو. ٻاڙ اچي لڳي ٻيڙيءَ جي. هن کان ئي هڪ ٻيڙي ورتم. هڪ ڪش لڳايم ۽ سمجهه ته ساهه ئي ڀرجي ويو. وري يڪساهيءَ ۾ توکي هيتريون ڳالهيون چئي ويس. چئي ويس ته سمجهه کڻي اوچتو....“ +دانتوءَ پنهنجا ٻيئي هٿ لوڏيا- هٿ لوڏ ڪري ئي ٻڌايائين ته اوچتو بيماري وڌي ويئي. ان ۾ سندس ڪهڙو قصور؟ هڪ بيقصور جيئان هڪ ڊگهو شوڪارو ڀريندي چيائين- هيءُ سڀ گرهن جو ڦير آهي، سمجهيئيه؟ خير! ڪجهه به هجي، ڪائي اهڙي دواڏي جو هيءُ دم جو سهڪڻ ۽ کنگهه گهٽ ٿي وڃي. صبوح سانجهيءَ چانهه سان سِجهائي ٻه چهريون ڪوڪيون کائي رهيو آهيان، پوءِ به ڪوئي نتيجو ڪونهي. +ڊاڪٽر چيو- گاجو ۽ تماڪ پيئڻ ڇڏي ڏيڻو پوندءِ. ٻين وٽ جو کائيندو ٿو وتين، سو به بند. صرف سبزيءَ جو شروو ۽ چانور. بس. نه ته دوا مان ڪجهه نه ورڻو اٿئه �� مان اهڙي حالت ۾ دوا ڏيندس به ڪونه توکي. +- ته هڪ ڀيرو چڱيءَ طرح منهنجي نبض ڏسي وٺ- دانتوءَ ڪرائي اڳيان وڌائي- ڏس، ڏسي ڪري ٻڌاءِ ته مان مرندس ڪڏهن. فتويٰ ڏيئي ڇڏ. ان ۾ ته تون آڪاش واڻي جيئان سِڌ آهين. چئي ڏي. ٻڌءِ، هن لوهار ٻڍڙيءَ کي تو آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. گنگا تيرٿ ڪرڻ جي به صلاح ڏني اٿئه. مون کي ٻڌاءِ +ڊاڪٽر ڇرڪي ويو. صبح واري ڳالهه اچانڪ دماغ ۾ ڦري ويس. ذرا بيچين ٿي پر سنڀالي ويٺو. چي- ترس دانو، ترس. +تڪڙ تڪڙ ۾ هن ڪاغذ جو ٽڪرو کنيو، نسخو لکيائين ۽ دانتوءَ کي ڏيندي چيائين- وٺ. جڙي ٻوٽي آهي، پساريءَ جي دوڪان تان صرف ٻه ٽي شيون خريد ڪري وٺج ۽ انهن کي تيار ڪري کائج. +ڊاڪٽر اٿي کڙو ٿيو. ڪرسي کسڪائي ورتائين ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. اَمرڪنڊيءَ وارو پراڻ خان ٻاهر بيٺو هئو. هن سلام ڪيو. ٻاهر ڇپر واري گاڏي بيٺي هئي. پراڻ جي ٽين زال مدت کان بيمار آهي. ڇهن مهينن کان هوءَ کٽ داخل آهي. هن هڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو هو ۽ تڏهانڪر بستري تي جهولي رهي آهي. هفتي ۾ ٻه ڀيرا پراڻ ڊاڪٽر کي وٺي ويندو آهي. اڄ به وڃڻ جو وارو آهي. وڃڻو پوندو. خان هڪ آسودو ڪڙمي آهي. ڊاڪٽر کي في برابر ڏيندو آهي هو کلي پيو. اوچتو هڪ ڳالهه ياد اچي ويس. مفت علاج ڪرائڻ وارن روڳين کي جڏهن هن اهو چيو ته هينئر کان مان علاج نه ڪندس، تڏهن هو ان ڳالهه کي قطعي وساري ويٺو ته نيٺ به گذران ڪيئن ٿيندو؟ جيئڻو ته پوندو ئي. ڪڇ به نه رهيو نه آهي پلئه. وري رڳو پاڻ ئي ته ڪونهي، استري آهي. اها به اهڙي استري جيڪا کميا جو نالو نٿي ڄاڻي. +پراڻ پڇيو- دير لڳندي اڃا؟ +- نه؛ دير ڇا جي؟ ڊاڪٽر قدم وڌايو، هل. +پراڻ هيڏي- هوڏي ذرا نهاريو ۽ چيو- اوهان گاڏيءَ تي سوار ٿيو، مان پيدل ئي هلان ٿو. وک کڻي ٿو اچي جهليان گاڏيءَ کي- آڳو پيڇو ڪري چيائين- ٿوري سبزي کڻي آيو هوس. نندو اندر کڻي ويو آهي. ٽو ڪري کڻي اچي. +پراڻ پراڻي زماني جو ماڻهو آهي، سنيهه جي قيمت اڄ به چڪائي ٿو. جڏهن- تڏهن کيت جو اناج، تلاو جون مڇيون ڊاڪٽر ڏانهن موڪليندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن خود به پهچي ويندو آهي. جڏهن کان زال بيمار پيئي اٿس، سوغات موڪلڻ ذرا وڌي وئي آهي. ڊاڪٽر تي هن کي ڪامل اعتقاد آهي. نئي جديد علاج تي وشواس هجي چاهي نه هجي، جوان ڊاڪٽرن تي هن کي اعتبار نٿو اچي. ٽين زال- جوان، خوبصورت به آهي، مٿان وري پراڻ کي آهي شڪ جي بيماري. بيبيءَ کي بچائڻ ڪاڻ هو آتو آهي، کيس چاهي جيڪي ٿئي پرواهه ناهي، مگر هن جو آبرو وڃائي بچڻ کان مري وڃڻ بهتر سمجهي ٿو. جيون مهاشيه جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي. مٿو اڇو ٿي ويو اٿس، اکين ۾ پتا جهڙي نظر- سروپا. هو آدمي سياري جي گنگاندي جي پاڻيءَ جهڙي نرمل آهي! +گاڏي هوريان – هوريان رواني ٿي. +پراڻ جهڙن ٻن- چئن دامي گراڪن جي هوئڻ سبب ئي جيون مهاشيه اٽي – دال جي ڳڻتيءَ کان آجو رهندو هو. برسات ۾ چانورن جي ڪمي ٿي پوي. ته هيءُ سڄڻ چانور به پهچائي ويندا هئس. ڊاڪٽر جي ڪابه کوٽ معلوم ٿيندي ته پورت ڪري وڃن ٿا. وري به ڊاڪٽر هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. +وٽس ڇا نه هو؟ +گاڏي کيتن وٽ اچي پهتي. چوڌاري ڀلن فصلي کيتن تي ازخود نگاهه پئجي ٿي وئي. انهن کيتن مان گهڻي ڀاڱي مهاشيه پريوار جا ئي هئا. پنجا جو هو شاهي تلاءُ، گهوش جو هو بينچو! صرف کيت ۽ تلاءَ ئي ڇو، هن جي پتا جڳهه ٻنڌو مهاشيه هن ڳوٺ جو به ٿورو حصو خريد ڪيو هو. ڪافي ملهه ڏيئي هن هڪ آلو حصو ٻُڌو هئو. +گاڏيءَ جي اندر ويهندي ويهندي کيس ڪشور اوسٿا جي يادگيري آئي. +نوگرام مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هئو. اسڪول ۾ اهو سندس آخرين سال هو. تن ڏينهن زميندار ٿيڻ جو رعب ئي ٻيو هئو. انهن ڏينهن ۾ جنهن به زمينداري خريدي، ان جو مزاج بدليو. زميندار ٿيندي ئي ماڻهو سمجهندا هئا ته هاڻ اسان وٽ لڪشمي قيد ٿي ويئي. ياترا منڊلي جي اڌڪاري ڪنٺ مهاشيه جو گيت مشهور هو- ان جو ارٿ هو، ”اول زمينداري خريد ڪريو، وري پڪ سرو مڪان بڻايو.“ سندس ئي هڪ رشتيدار، گهوش گرام جو راڌا ڪرشڻ متر نو گرام جي ان اسڪول ۾ پڙهندو هو. اسڪول جي سنٿاپڪ ان ڳوٺ جي معزز زميندار جي ڀاءُ سان هن جي شرط هلندي هئي. پڙهڻ لکڻ جي شرط نه، زميندار خاندان جي هوئڻ جي شرط. جڏهن- تڏهن جهڳڙو- جهڙپ ٿي ويندي هئي ۽ هر ڀيري ان جي شروعات راڌا ڪرشڻ کان ٿيندي. هو چوندو هو- هي اِز اي زميندار س سن، آءِ ايم آلسو اي زميندارس سن[1] اڃا تائين جهڙپ ئي ٿيندي آهي، وڏي هوندي دنگي فساد جي نوبت ايندي. +جڳه ٻنڌو مهاشيه جي زمينداري خريد ڪرڻ کان پوءِ جيون مهاشيه جي من ۾ به اهو اپاءُ ٿورو- گهڻو جاڳيو هو. ماڻهن هم ڪلاسين چيس؛ ”پادو هاڻي فرضي ٿي ويو آهي. هوشيار!“ +پنهنجي ڪشور اوسٿا جي روپ جي ياد آيس. روپ، جيڪو روپ ڪومل، نازڪ ۽ صاف ٿيندو آهي، اهو سندس ڪڏهن ڪونه ٿيو هو، مگر روپ هوس. ٻلوان جانٺو قدم، گول چهرو، چمڪندڙ اکيون ۽ بيخوف، سانورو رنگ، خوفناڪ ڳڀرو. ڪٻٽي راند ۾ ڊو- ڊو ڪري جڏهن هو ڌوڪي پوندو هو، ته مقابلي واري ڌر جا جوان وڌيڪ پوئتي هٽي قلع بندي ڪندا هئا. ڄڻڪ ڪو وڏو رانديگر ڪاهي پيو اچي! +هڪ چڪر ڪاٽي موٽڻ جي بهاني وچ واري ليڪي تائين اچي وري بون- بون ڪري حملو ڪندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن کي مات ڏيئي واپس ورندو. +گهر جي پٺيان ئي آکاڙو هئو. شرير کي رشٽ پشٽ بنائڻ لاءِ لنگوٽ چاڙهي ملائم مٽيءَ تي پڇاڙ کائيندو رهندو هو. وري مدگر ڦيرائڻ، جي اڄ به پيا آهن. +سر تي جڳهه ٻنڌو مهاشيه سوار نه هجيس ها ته جيون خونخوار ٿي پوي ها. مگر جڳهه ٻنڌو مهاشيه جو چت ڪڏهن به چلاتما نه ٿيو. هن جي لاءِ خانداني روايت پٽاندڙ اوچ مقصد ئي سڀ کان وڏي چيز هئي. هن ڪوڙي شان جي موهه وچان زمينداري ڪانه ڳڌي هئي. ان تي به کيس ڪوئي موهه به نه هو. زمينداري جي ڪوڙي شان جي گرمي کان راحت ماڻڻ لاءِ ئي هن زمينداري خريدي هئي. زمينداري خريد ڪرڻ وارن ڏينهن جي هڪ ڳالهه ياد آيس. +جڳهه ٻنڌو مهاشيه جي متر گماشتا ٺاڪرداس مصر، جنهن ’آروگيه نڪتين‘ جي ڀت تي لکيو هو: +”لاڀا نانگ شرييه آروگيه۾،“ هن کي شليش کان پڇيو ئو، يعني تون زميندار ٿي ويئي! اُديش کان وسيه نيٺ وڏو ٿي رهيو. هيستائين ماڻهو مهاشيه چئي آڌر ڀاءُ ڪندا هئا، هاڻي ته ماڻهو جهڪي ڪري سلام ڪندا. ’زميندار صاحب‘ چئي ڪري! يا ’بابو مهاشيه‘ چئي ڪري‘ ڳالهه جي پيڙا ۽ تندرستيءَ جو لطف ٺاڪرداس هڪوار وساري چڪو هئو. ڏينهن به ٿي چڪا هئا. +جڳه ٻنڌو چيو هئو- ڀائي، ڍال۽ تلوار ٻئي هٿيار آهن. جنهن کي انهن مان هڪ به آهي، اهو جوڌو آهي. ليڪن تلوار جي بدران ان جي وار کان سر بچائڻ خاطر جيڪي رڳو ڍال رکن ٿا، تن ۾ ۽ تلوار باز ۾ فرق آهي. آهي يا ناهي فرق، تون ئي ٻڌاءِ. ڀائي مصر، هيءَ ته صرف ڍال آهي منهنجي، ڍال. هتان جي تلوار باز زميندار جي تيز ۽ بي قابو تلوار جي قهر کان اديش جو سر بچائڻ مشڪل ٿي پيو هئو. ان ڪري هٿيار هوندي به ڍال جي شرڻ وٺڻي پيئي. توکي کولي ڪري سڀ ٻڌايان، هتان جي زميندار کان عزت بچائڻ وئل ٿي پيو آهي. جڏهن ڏسو، لڙڻ جي لاءِ تيار. نوگرام جي راءِ چوڌري پريوار جي تلوار ڀڄي پيئي آهي، هو ان جي هتيئي جي وار سان هاڻ ماڻهو جا مٿا ڦوڙڻ چاهي ٿو. نئون زميندار برجلعل بابوُ، ڳوٺ جي اَٺ آنن جو مالڪ آهي. هن جي تلوار اڃا تائين تيز آهي. گذريل ڇهن مهينن کان سوچي رهيو آهيان، وٽن ڪو بيمار پوي ٿو ته ڪوٺ چپراسيءَ جي معرفت اچي ٿي. سلام بيشڪ بجا آڻنيدو آهي. چوندو آهي، ڊاڪٽر بابوُ، سلام، ذرا بابوُ وٽ هلڻو آهي. هنن جي ڏسندي- ڏسندي راءِ چوڌري وٽان به ماڻهو- واٽ ويندي، جتي به ملاقات ٿئي؛ چوڻ لڳا، مهاشيه جي، ذرا اسان وٽان به ٿيندا وڃجو. برج بابوءَ وٽان ته في به ملي ويندي آهي، هن وٽان اَها به ندار. سمجهي ويا، گهڻو سوچي ويچاري ئي هيءَ ڍال خريدي اٿم. هيءَ پنهنجي لاءِ ڪري تلوار ڪانهي. هڪ هٿ ۾ هيءَ ڍال رهي، ٻئي ۾ کرل- ڇٽيءَ جي بدران سمجهي وڃ. +جيئري ئي هن مٿين ڳالهه جي سچائي پڻ ثابت ڪري ڏيکاري هئي. ان ڍال جي سايي ۾ ڳوٺ جي ڪيتري ماڻهن کي هن پناهه ڏني هئي ۽ ان ڍال سان هن هٿيار واري جي منمستيءَ جي ڪري ڪنهن به ڳوٺ واري جو اپمان ٿيڻ نه ڏنو. جيون مهاشيه اهي ڳالهيون پنهنجي ڪنين ٻڌيون هيون. ان ڏينهن هو ڀر واري ڪمري ۾ ويهي پڙهي رهيو هو. +ايتري هوندي به جيون مهاشيه جي من ۾ شان شوڪت جي دٻدٻي جي گرمي پيدا ٿي هئي. ٻيو ڪري به ڇا؟ گرمي ٿيڻ تي گرم مزاج ٿيڻ سڀاويڪ آهي. ان کان ڇوٽڪارو پائڻ سولو ڪونهي! ائين نه هجي ها ته هو ڊاڪٽر نه هجي ها، نه پنهنجي پتا کان طبابت ئي سکي ها. گرم ٿيل چيز سڀاويڪ طور مقدار ۾ وڌڻ چاهيندي آهي. زميندار ۽ شاهوڪار جي نينگر جي دٻدٻي ۽ غرور سان گرم ٿيل من پنهنجي ابدي- ڏاڏي جي حياتي واري حد کان وڌيڪ وسيع ٿيڻ چاهي رهيو هو. ان ڪري جڳ ٻنڌو مڊل اسڪول جي پڙهائي ختم ٿيڻ تي کيس سنسڪرت پاٺشالا ۾ موڪلڻ چاهيو ٿئي. هن جي مرضي هئي، وياڪرڻ جي پڙهائي پوري ڪري ڇوڪر آيرويد جو اڀياس ڪري. پر جيون مهاشيه چيو: منهنجي مرضي ڊاڪٽري پڙهڻ جي آهي.“ +”ڊاڪٽري!“ +”جي. هاڻ ته ڊاڪٽري جو ئي رواج چالو ٿي ويو آهي. وئديڪ علاج کان ماڻهو جو ويساهه گهٽجندو پيو وڃي. بردوان۾ ڊاڪٽري اسڪول کلي ويو آهي، مان اتي ئي پڙهندس.“ +دراصل ايلوپيٿي علاج سرڪاري سر پرستي ۽ جشن جي رٿ تي سوار ٿي طوفان مان نڪري چڪو هو. ڪلڪتي ۾ ميڊيڪل ڪاليج، اسپتال، بردوان ۾ ميڊيڪل اسڪول، هر هڪ ضلعي جي صدر ۽اسپتال، خيراتي دواخانو، انگريزي ڊاڪٽر، نامور ديسي ڊاڪٽرن جي پوشڪا هئي: بند گلي وارو ڪوٽ، پتلون، گول ٽوپي، گارڊ چين، پالشن ڪيل ڪاٺ جو اوزار- باڪس، ليبل لڳل شيشن ۾ تکي ۽ رنگبرنگي دوا، دوا ٺاهڻ جي وڏي ۽ مختصر ڪِرپا. سڀ گڏي- سڏي ڪري هڪ سلسلو ئي سمجهو. هن کيتر ۾ تڏهن به ڪيوراج جي علاج جو بول بالا هو. جيئن ڪو انبوڙيءَ سان حملو ڪيو وڃي، تيئن ئي اتر ۽ ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ ۾ ٻه ڊاڪٽر اچي ڄمي ويا هئا. هڪڙي وڌي- لعل گهوڙي تي سوار برجيس ۽ بند وچيءَ جو ڪوٽ پهري بون ڊاڪٽر جڏهن- ڪڏهن هن طرف کان ايندو- ويندو آهي ۽ اتر جي طرف کان ايندو رهندو آهي، ڊاڪٽر رنگ لعل- پوشاڪ ۾ تشر جي پتلون بند گلي وارو ڪوٽ، ڪاري ڌاڳي ۾ ڳچيءَ جو ڪوٽ پهري ڀون ڊاڪٽر جڏهن- ڪڏهن هن طرف کان ايندو- ويندو آهي ۽اتر جي طرف کان ايندو رهندو آهي، ڊاڪٽر رنگ لعل- پوشاڪ ۾ تشر جي پتلون بند گلي وارو ڪوٽ، ڪاري ڌاڳي ۾ ڳچيءَ کان لٽڪندڙ کيسي جي واچ. هيءُ پالڪيءَ تي ايندو- ويندو آهي. اٽڪل چئن ميلن جي مفاصي تي رهندو آهي. محلي ۾ ايلو پيٿي جو عيوضي ٿي ڪري آيو آهي. غضب جو ڊاڪٽر آهي! سٺو ناماچار اٿس. ميڊيڪل ڪاليج يا اسڪول ۾ ڪين ويٺو، گهر ويٺي ئي علاج- شاستر جو اڀياس ڪيو اٿائين. نديءَ مان، مساڻ مان لاش آڻي ڪتابن ۾ لکيت پٽاندڙ چير- ڦاڙ، وڍ- ڪٽ ڪري هن شرير وگيان سکيو آهي. انوکي ساڌنا آهي هن جي ۽ اهڙي کيس ملي آهي شفا. ڪٿي هگ��ي ضلعي جو رهواسي، هُتان هڪ هاءِ اسڪول جو ماستر بڻجي هتي آيو. انگريزي تي هنکي شايد غير رواجي اڌڪار حاصل هئو. اهڙو ئي اونهون هئو سندس آم و شواس- خود اعتمادي. +پنهنجي زماني جي مشهور هيڊ ماستر شوَ بابوُ جي لکل مسودن ۾ جتي- درستيون ڪري ڇڏي يا هن جي جاءِ تي هيءُ لکڻ چڱو ٿيندو.“ اهو چوڻ ۾ کيس هچڪ نه ٿيندي. اچانڪ الائي ڪهڙي ڪشش هيٺ من ميوُراکشي نديءَ جي ڪپ تي هڪ سڃي ڳوٺ ۾ اچي تپسويءَ وانگر اهڙي ساڌنا ڪئي ۽ ان بعد هڪ ڏينهن هن ظاهر ڪيو- ’هاڻ مان علاج ڪندس‘ ٿورن ڏينهن جي اندر ئي هن علائقي ۾ وڏي ناموس ڪڍي. هن جي علاج نه رڳو کيس عزت ڏياري بلڪ ايلوپيٿي علاج جو مان به وڌايو. چئني طرفن کان ڪيترائي ماڻهو نئي علاج کي شرڌاانجلي ڏيڻ لڳا. +ڪستوري ۽ جوانيءَ جي وچ ۾ واري عرصي ۾ جيون مهاشيه ڪويراجيءَ جي بدران ڊاڪٽريءَ ڏانهن مائل ٿيو. عزت گهرجي، جس گهرجي، ناڻو گهرجي ۽ ماڻهن جي اپار شرڌا گهرجي. ان لاءِ حوصلو سندس ننڍي زمينداريءَ وڌايو. سوچيائين، بابي جڏهن زمينداري خريدي آهي، ته مون کي ڊاڪٽري ضرور پڙهائي سگهندو. ان ڪري مڊل پاس ڪري هو ڪاندي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ بعد ايف – اي پڙهندس، پوءِ ڊاڪٽري. +* * * +بيل گاڏيءَ جي رڪندي ئي ڊاڪٽر جي خيالات جو سلسلو ٽٽي ويو. سامهون پراڻ جي ڏيوڙي هئي. اچي پهتا. ماضيءَ کان اصل زمان حال به آهي. +[1] هو زميندار جو پٽ آهي ته مان به زميندار جو پٽ آهيان. + + +[4] +پراڻ خان جي زال اڳي کان بهتر هئي. کيس ان کان به وڌيڪ تندرست ٿيڻ گهربو هو، پر هوءَ نٿي ٿئي. نبض جي چال مان ڊاڪٽر کي جيڪي لڳي ٿو، ان مان ته بيماريءَ جي اهڃان جو ڪو ميل ئي نٿو وهي. بيماريءَ کان ته بيماريءَ جو وهم ئي گهڻو هئو. هتي سوُر، هتي سوُر، بستري تي ليٽندي ليٽندي ڦٿڪڻ، آنڊن ۾ جلن ته ذري به نٿي گهٽجي. مزي جي ڳالهه وري اِها، جو هتي ته اهو چئي ڏنائين ته چڱي ڀلي ته آهي، بس بيماري وڌي ويئي. ڊاڪٽر ڪري به ته ڇا، ان جو ڪوئي علاج، وٽس ڪونهي. هن اهو سمجهيوته هوءَ چڱي ڀلي رهي ڪري گهمڻ ڦرڻ کيس پسند ڪونهي. ڊاڪٽر ان ڪري هڪ ترڪيب ڪڍي آهي، هو لڳاتار هڪ ئي رٽ لڳائي رهيو آهي ته مرض نالي ماتر به ڪونه گهٽيو آهي. اڄ به هن ساڳي ڳالهه ڪئي ۽ چيو- پر ڪوبه خطرو ڪونهي خان. گهٻراءِ نه. ان کان سواءِ خان کي ٻيو چيو به ڇا؟ جيڪڏهن سچي ڳالهه ٿو ڪري ته خان جيڪو روپ ڌارڻ ڪندو،سو ڊاڪٽر کان لڪل نه هو. ويچاري ٻڍي جي زندگي بيچيني سان ڀرجي ويندي. پتي- پتنيءَ جي جيون- گاڏي نه هلڻ جهڙي اشانتي ٻي ڪانهي. ڊاڪٽر پاڻ سڄي زندگي ساڳي باهه ۾ جلي رهيو آهي. اها باهه ڪڏهن به نه وسامي سگهي. اڄ به مريض ڏسي گهر موٽيو ته ڏٺائين، هوءِ اڀامي ويٺي آهي. سمجهي نه سگهيو ته ان ۾ آهوتي ڪهڙي پئجي ويئي! عطر ٻائي تيسي ۽ ڪاوڙ وچان بڪندي پيئي وڃي. اڃان تاءِ پنهنجو پاڻ بڪ شڪ ڪري رهي آهي. مٿس ۽ نوگرام جي ڊاڪٽر ششيءَ تي ملامت جو ڌوڙيو وسائي رهي آهي. باهه ۾ گيهه جا ڇنڊا ته ڊاڪٽر ششي ئي وجهي ويو آهي؛ سندس غير حاضريءَ ۾ هو ڪو آيو هو. ڊاڪٽر گڏيس ڪونه، سواندر ويهي عطر ٻائيءَ جو مٿو کائي ويو آهي. تماڪ پيئندو رهيو ۽ رک ويو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هن اها ڳالهه به عطر جي ڪنن ۾ ڀري ڇڏي، جيڪا اسپتال واري ڊاڪٽر جيون مهاشيه کي سڻائي هئي. بدنصيب ششيءَ تي عطر جي جيتري ممتا آهي، اوترو ئي ڪروڌ به. +ششي هن جو شاگرد آهي.’آروگيه – نڪيتن‘ ۾ ئي هن ڊسپينسنگ سکي – علاج جو اکر آرنڀ به هتان ئي ٿيو. تنهن کان پوءِ ويو بردوان. ڪمپائونڊري پاس ڪيائين ۽ نوگرام جي خيراتي دواخاني ۾ پهريون ڪمپا��ونڊر بحال ٿيو. ڪمپائونڊري کيس سٺي ايندي آهي ۽ معمولي طور دوا دارون ڪرڻ به سکي ويو آهي. هن ئي کيس نبض پڇاڻ، مرض سڃاڻڻ سيکاريو هو. مگر بيحد گندو آدمي. حجامت، سنوارت جي جهنجهٽ کان ڏاڙهي، مڇون رکي ڇڏيون اٿائين، اشنان شايد ئي ڪندو آهي، ڏند به شايد صاف نه ڪندو آهي. هڪ ڪڙتي کي پندرهن ڏينهن تائين پهريندو رهندو آهي؛ جيستائين هن مان سخت بدبوءِ اچڻ نه شروع ٿئي، تيسين بدلائڻ جو نالو به نه وٺندو. جڏهن ڏسوس، تماڪ پيو ڇڪيندو. تماڪ جي گولي ۽ ڀرڻ جي سرائي هردم کيسي ۾ موجود اٿس، هٿ ۾ حقو. شراب به پيئندو آهي. ڪڏهن، ڪڏهن بيهوش ٿي ليٿڙيون پيو پائيندو آهي. ان حقي جي ڪارڻ ئي سندس نوڪري هلي ويئي هئي. حقو- تماڪ چلم، گولين جو دٻو- اهي سڀ کيسي ۾ وجهڻ بنا هو هڪ وکه به ڪين چرندو. چي، ڀائي، ماڻهو لڪي- ڇپي پنهنجي پيءُ جي حقي مان دم لڳائي تماڪ پيئڻ سکندا آهن مون پنهنجي بابي جي بابي کان پيئڻ سکيو. ۽ ڪوئي لڪي- ڇپي ڪونه سکيس، هو پاڻ چلم ڀري ڪري مون کي پيئاريندو هو. تماڪ کانسواءِ هلڻ منع آهي. پنهنجي ٻارن کي مون به چئي ڇڏيو آهي ته مان مري وڃان، ته منهنجي چکيا تي چلم- تماڪ، حقو، گوليون ضرور رکجو. تيلي ماچيس جي ضرورت ڪانه پوندي- چکيا جي باهه مان ئي ڪم هلي ويندو. اسپتال ۾ دوا جي الماڙين ۾ تماڪ جون گوليون رکندو هو. چلم جي رک هڪ ڪنڊ ۾ ڍڳ ڪري رکندو هو. ڊاڪٽر جي اچڻ تي ڪاغذ، ڪپڙو يا پيڪنگ باڪس وجهي ڍڪي ڇڏيندو هو ته به ڳالهه پڌري ٿي پوندي هئي، ٽي – ٽي ڀيرا پڪڙيو، وري به ڪنهن نموني نوڪري رهجي آيس. چوٿين ڀيري ۾ نه بچي سگهيس نوڪري. نه بچيس، نه سهين، پنهنجي هنر مان ئي هن ڪمايو- کاڌو ۽ اڄ به گذارو ٿي رهيو آهي. هينئر شراب ڪجهه گهٽجي ويو آهي. پٽ نوڪري ڪندا اٿس. پاڻ ڪهڙو به هجي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ روپيه ضرور ڪمائيندو آهي. صلاح مصلحت لاه جيون مهاشيه وٽ هليو ايندو آهي. کيس گرو جي چوندو آهي. هن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. جيڪي ڪجهه ڄاڻان ٿو، ان جو ٻارهن آنه!- اهو چئي ڪري هو خوب کلندو آهي. ڳالهه ۾ هڪ اِشارو هوندو اٿس. هن گروجيءَ کان صرف ڊسپينسنگ ۽ ڊاڪٽري ئي ڪانه سکي، شطرنج کيڏڻ به سکيو۽سکيو، ڪيرتن ۾ ڏوهيڙا ڏيڻ. انهن ٻن ڳالهين ۾ کيس ڪمال حاصل هو، جنهن کي چئبو آهي- ”ڏاچي لهي ڏهه، توڏو تيرهن.“ +شطرنج تي ششيءَ کي وهاري ڪري سندس يار سندس گهران کاڌو آڻي چٽ ڪري ويندا هئا. گهر وڃي چوندا- ڀائو کي ڪال ٿيو آهي، رات کيس روڳيءَ وٽ رهڻو آهي. سو هن اسان کي چيو: ادا، گهران وڃي کاڌو کڻي اچو ته نصيب ۾ ڀوڄن جڙي نه ته ته ....... ان جو کاڌو ڏيو. +ششي رات جو ئي رسوئي ڪندو هئو ۽ هن جي زال جي هٿ جي روٽي مشهور هئي. رات جو ٻي وڳي هو راند تان جيئن فارغ ٿيندو ته خالي باسڻ هن جي هٿن ۾ ڏيندي دوست چوندا- ادا، هيءُ کڻندو وڃ. ٿالهي تنهنجي آهي- بس، ششي جو گهر وڃڻ ٿي ويو! گار گند ڪري اتي ئي بکيو سمهي رهندو. هونئن به گهر وڃڻ سان هن جي ’ڪال‘ جي مرجادا جو هلي ويندي‘ ٻئي ڏينهن ڪنهن کان ٻه روپيه ڇڏائي تڏهن گهر ويندو. ويندي ئي چوندو- هيءُ ڪال جا روپيه آهن، سنڀالي وٺ. +جيون مهاشيه کان سکيل ٽين وديا سنگيت ۾ ته هو دئيت آهي- راڪاس چوڻ سان به ٺيڪ وياکيا نه ٿيندي، خوفناڪ راڪاس چئوس. هڪڙو نه بيحد بڇڙو آواز، مٿان بتالو ۽ بي سرو وري بنا پيئڻ جي اسٽيج تي وڃي نٿو سگهي. وڏن- وڏن استادن جا حوالا ڏيندو. +ڪيرتن ۾ به هو گلو ڦاڙي ڪري ٻاڪاريندو. +مٿو ڪُٽي کلندي جيون مهاشيه چوندو- پنهنجو نصيب!- ڪڏهن ڪڏهن ششيءَ کي چئي ڏيندو- ڏس ششي، هيئن هڪ ڌڪ سان هري ۽ تان جو خون ته نه ڪر. شش جو پاپ گروءَ کي ڀوڳڻو پوندو آهي! مونکي نرڪ ملندو- ششي چوندو- اوهان ڳڻتي نه ڪريو! اوهان جو رٿ روڪي ڪهڙو.... +۽هو ٽهڪ ڏئي ها- ا- ها- ڪري کلڻ لڳندو. اهو ئي آهي ششي ڊاڪٽر! +ڪڏهن – ڪڏهن هو صلاح مصلحت لاءِ ايندو- هيءُ ڪيس ته پڪو ٿي ويو آهي ڊاڪٽر بابو! +جيون مهاشيه چوندو- مريض ڪچو آهي يا پڪو، اول اهو ٻڌاءِ. جيڪڏهن پڪو آهي ته ڀڄڻ ڏينس. تنهنجي علاج کان وڌيڪ هن جي عمر جو ڏوهه وڌيڪ آهي. +ڪڏهن- ڪڏهن ششي ڊاڪٽر جيونمهاشيه کي به گهرائي وٺندو آهي. اهڙا سڏ گهڻو ڪري مفت وارا ٿيندا هئا، فيءَ جا پئسا ڪونه ملندا هئا. ڇاڪاڻ ته ششي ڪمپائونڊر جتي ڊاڪٽر جي روپ ۾ گهرايو ويندو هو، اتي غريبيءَ جو ئي راڄ هوندو. هو صرف چئن- اٺن آنن تي ئي راضي ٿي ويندو هو. اهڙن هنڌن تي جيون مهاشيه کي فيءَ جو هڪ روپيه ڪٿان ڏنو وڃي! ۽ جيون مهاشيه هتان جي مٽي، ماڻهو، وڻ – ٻوٽن جي دلين کي به سڃاڻندو آهي. انهن جي تڪليف جو کيس پتو آهي. سندس ابي-ڏاڏي جي دواخاني جو دروازو اهڙن جي لاءِ هميشه مفت کليو رهندو هو. پنهنجو به دروازو هن انهن لاءِ بند ڪين رکيو. هو ويچارا جيستوڻي هڪوار لاچار نه ٿي پون تيستوڻي انهن چار آنه پئسن کي بچائڻ جي خاطر رڙهي ڪري به خيراتي دواخاني تائين اچن ٿا. ڀلا اهڙن کان جيون مهاشي في وٺي سگهيو ٿي؟ +هيڏانهن ششيءَ جي سامهون هڪ نئون مسئلو اچي کڙو ٿيو آهي. لڙائي جي زماني ۾ علاج شاستر جون جيڪي ڪجهه حيرت انگيز ايجادو ٿيون آهن، انهن سان تال ميل ڪري هلڻ هن لاءِ مشڪل ٿي پوي آهي. هيستوڻي اهڙي مشڪلات درپيش ڪانه ٿي ئي. ويتر سلفا- گروپ جي گولين نڪرڻ سان ويچاري جو برو حال ٿي ويو آهي. ان بعد پينسلين آهي، اسٽر- ئپٽومائيس آهي. نوان ڊاڪٽر انهن دوائن جو لاحساب استعمال ڪري رهيا آهن. پينسلين کي ڇڏي ڪري ته ڪا ڳالهه ئي نٿا ڪن. پرششيءَ کي انهن دوائن جو ٿورو به واهپو ڪرڻ ۾ جيڪر ڊپ ٿئي. ڊپ ٿيڻ جي ڳالهه به آهي، ڊڄڻ به گهرجي. نتيجو اهو نڪري ها جو ششي بگڙي اهڙو ڪجهه ڪري وجهي ها جو چڪتسا (علاج) شاستر ۾ لاثاني آهي. ٿورا ڏينهن اڳي ڪوڙا رام باوري جي ڌيءَ کي نمونيا جي چپيٽ اچي ويئي. ڪوڙارام ششيءَ کي چيو- ڊاڪٽر صاحب اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته سئيءَ واري دوا سان جلد آرام ٿيندس، سو..... +ششي تاڻي ويو، ڪوڙارام جو مطلب پينسلين سان آهي. ششي آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي- کڻي اچ روپيه، هڻانس ٿو سئي. اک ڇنڀ ۾ سئي چڀائي آڱوٺي کي دٻائي ڇڏيندس- مون کي ته ايتري ئي تڪليف ٿيني آهي. باقي جلن پاڻ سنڀالج. روپيه جي گرمي آهي، سنڀالي وٺندين. ها، سئي لڳائڻ جي في هڪ روپيه لڳدني، چئي ٿو ڇڏيانءِ. +- پوءِ؟ +- پوءِ جيڪي جيءَ ۾ اچيئه سو ڪر. اسپتال جي ڊاڪٽر جڏهن ٻڌايئه، تڏهن هن اسپتال مان سئي ڏنئه ڇو ڪين؟ مريض کي ڀرتي ڇو ڪين ڪيائين؟ +- جي اسپتال ۾ جڳهه ڪانهي ۽ اتي اهي دوائون نٿيون ڏنيون وڃن. +- پوءِ جيڪي مان چوانءِ، سو ڪر. هڪ کان هڪ بيماري اڄ تائين کائڻ جي دوا ۽ مالش سان ڇٽندي رهي آهي؛ ۽ تنهنجي ڌيءَ جي ڇاتي ۾ ٿوري سردي ڇا لڳي آهي، پينسلين بنا رهي نٿي ٿي! +- ته اهو ئي ڪريو. +نشو ۽ ٻڍاپي اچڻ ڪري ششيءَ جي دماغ ۾ ٿورو خال اچي ويو آهي، سو ناڪاميءَ سبب ويتر وڌي وڃيس گهري سوچ ويچار کان پوءِ هن طئه ڪيو هو ته مالش ۾ سرنهن جي تيل جي بدران گاسليٽ ملائڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيندو. گاسليٽ وجهڻ سان باهه ٻري ٿي، ان ڪري هڏن ۾ جيڪا ٿڌ ڄمي ويئي آهي، تيزيءَ سان پگهرجي ويندي. جهڙو سوچيائين، تهڙو ئي ڪيائين. نتجيو اهو نڪتو جو ويچاريءَ جي ڇاتيءَ ۾ ڦوڪڻا نڪري آيا ششي ڀڄندو- ڀڄندو جيون مهاشيه وٽ پ��تو. +جيون مهاشيه بگڙيل ڪم کي سنواري به ورتو هو، وڌيڪ ذلت سهڻي نه پيس. جيئن ته ڪافي شيوا پرداخت ٿيس، ان ڪري ڦٽ ڪونه ٿيس. ڦوڪڻا ڦاٽي پيس ۽ ڇٽي ملي ويس. ڪيئن به بچي اٿي بيماريءَ مان ان جو شرف ڪنهن کي آهي، جيون ڊاڪٽر کي معلوم ڪونهي. چاهي ششيءَ جي اها سوجهه باڪمال هئي، چاهي هن نينگريءَ جي نصيب سان، ڦوڪڻا ٿيڻ جي باوجود به نمونيا ويندي رهي. نه پينسلين پئي ته نه مالش ٿي، نه وري اينٽي فرزسيٽن جي پٽي ٻڌي- ڪل ڪيترن ڏينهن ۾مريض خطري کان ٻاهر نڪري ويئي. +اڄ ساڳيو ششي جيونمهاشيه وٽ پهتو هو. ڇو ويو هئو، ڪير ڄاڻي! مگر ڪمبخت عطر ٻائيءَ جو پارو گرم ڪري ويو. ڍنگ مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته هن موتي لوهار واري ڳالهه جو به ذڪر ڇيڙيو هو. ڇي! +ان ڇوڙ کي پڪڙي شريمتي عطر هن تي اچي مَٽي آهي. آخر عمر تائين ماڻهوءَ جو هڪڙو ئي سڀاءُ رهي؟ ٺوڪر کائي به سبق ڪين سکئين؟ هيءَ فتويٰ ڏيڻ جو اهنڪار ڪهڙوآهي؟ ڪنهن کي اهو چوڻ جو لاڀ به ڀلا ڪهڙو ته تون فلاڻي ڏينهن تي مرندين؟ ڊاڪٽري پاس ڪئي هجئيه ها ته ڪا ڳالهه به هئي! گهر ويٺي پڙهي- پڙهائڻ ڪوئي سرو وديا ۾ وشارد به ٿي ويندو آهي؟ ڇي، ڇي. ذرا ڪنين وڃي سڻي اچه ته نوگرام جو ڊاڪٽر ڇا پيو ٻولي. ۽ هيءُ مئو باهه لڳو ششي، ساڙ سڙيو ڇا نٿو بوگس بڪواس ڪري. + + +[5] +هن بوگس لفظ جي ئي استعمال سان ششيءَ هڪ جهنجهٽ کڙو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ عطر کي ان لفظ جو مطلب به معلوم ڪونهي، مگر هن جي اچارڻ جي ڍنگ مان هن کي ڀاسيو ته اهو لفظ وڏي اپمان وارو آهي. +پر ان ۾ششيءَ جو ڪو به قصور ڪونهي. هو به ان ڪري آيو هو جو کيس اها ڳالهه چڀي ويئي هئي. هيڏانهن نوگرام ۾ پرديوت ڊاڪٽر به ڪافي هلاچو مچائي ڇڏيو آهي. سنسار ۾انياءِ جو بدلو چڪائڻ انسان جو ڌرم آهي. نتيجو اهو ٿيو جڏهن هڪ ماڻهو مخالفت ۾ آواز اٿاريو، ته ٻيا به ڏهه ماڻهو ان۾ شامل ٿي ويا. اها مخالفت هڪ چڱو زوردار تحرڪ بڻجي پيو. +نوگرام ۾ جيترا به ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر آهن، پر ديوت شايد سڀني کي ائين چيو آهي ۽ ڊاڪٽر جي جمائت اها ڳالهه ڇنڊجي بازار تائين پکڙجي ويئي آهي. چوڻي آهي، موت کان وڌيڪ ڪائي گار ڪانهي. حقيقت ۾ موت کان وڌيڪ ڪٺور ۽ ڀوائتي ٻي ڪائي چيز نه ٿيندي آهي. ماڻهو ته مرندائي رهن ٿا، روز مرن ٿا، هر گهڙي مرن ٿا، پر موت کي اڄ تائين ڪنهن ڪونه ڏٺو آهي، هن جو آواز ڪنهن ڪونه ٻڌو آهي، ورڻ،بوءِ رنگ روپ شبد، شپرش، سواد- ڪنهن ۾ به ڪنهن کي اڄ تائين ان جو احساس نه ٿيو آهي. هن جي وياکيا نٿي ٿي سگهي، ڪنهن به اڄ تائين هن جي وياکيا ڪئي ڪانه. رواجي طور ڪير ڪنهن کي مرڻ لاءِ چوي ته ڊپ نٿو ٿئي. پر جيڪڏهن ڪوڊاڪٽر چوي ته خوف ٿئي ٿو ۽ خاص ڪري ڪنهن بيمار کي ائين چئجي ته هن جي ۽ ڦاسي جي مجرم جي خوف ۾ ڪوبه فرق نٿو ٿئي. پرد يوت ڊاڪٽر جو به اهوئي چوڻ آهي. هن چيو آهي، ته اهڙي سنگدلي جي ڳالهه ٻي نٿي ٿي سگهي. ان کان ڪنهن گونڊي يا خوني يا ڌاڙيل جو هٿ ۾ ڇرو کڻي ڪنهن کي وهائي ڪڍڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هن جي راءِ آهي ته ضلع مئجسٽريٽ کي ان مطلب جي هڪ درخواست موڪلجي، جنهن تي سڀني ڊاڪٽرن جون صحيحون هجن. +نوگرام ۾ ڪل ٽي ڊاڪٽر آهن. هڪڙو ته پرديوت پاڻ اسپتال ۾آهي، باقي ٻن ڄڻن مان هڪ آهي هريندر، سڳائي ڳوٺ جو آهي، عمر ۾ پرديوت کان ڪجهه سال وڏو آهي. ميڊيڪل اسڪول ۾ ڊاڪٽري جو امتحان پاس ڪيو اٿائين ۽ ڳوٺ ۾ ئي پرئڪٽس ڪندو آهي. پنهنجو ننڍو دواخانو اٿس. ٽيون آهي ’چارو بابو‘ ڪرڙوڊ ڊاڪٽر. +انهن سڀني ۾ پر ٻيڻ آهي چارو بابوُ؛ پنجاهه کان وڌيڪ عمر. هتان جو سڀ کان پهريون ايم- بي پاڻ آهي. اڄ کان اٽڪل پنجويهه سال اڳي ڊاڪٽري پاس ڪيائين ۽ نوڪريءَ ۾ هتي جي اسپتال ۾ ئي آيو. ڏهه سال اڳي ملازمت ترڪ ڪيائين. پنهنجي پرئڪٽس ڪرڻ لڳو. گذريل چئن سالن کان هڪ طرح پرئڪٽس ڪرڻ به ڇڏي ڏني اٿائين. هينئر يونين بورڊ، اسڪول بورڊ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳو آهي. البت ماڻهو ائين ضرور چون ٿا، ته پرئڪٽس ڍري پئجي ويئي هيس، ان ڪري ٻئي طرف جهڪي ويو. هن جا پٽ به لائق ٿي چڪا آهن. وڏو پٽ ڪنهن وڏي سرڪاري عهدي تي آهي. ننڍو ڊاڪٽري پڙهي رهيو آهي. جيڪي به هجي، چارو ’بابو‘ ماڻهو سچو آهي. کلي دل وارو ماڻهو ۽ وڏو حسابي. روز شام جو ميجر گالس سان ماپي ڪري ٻه آئونس برانڊي پيئندو آهي. +هن علائقي ۾ گهڻن ئي ڊاڪٽرن جي بقايا رقم ڪجهه نه ڪجهه ٻڏي ويٺي آهي، پر چارو ’بابو‘ جي وهيءَ ۾ ڄڻ تر جي چوڪ به نٿي رهي، ساڳي ريت هڪ ڪاري ڪوڏي به بقايا ۾ نه ٿي رهي سگهي. هر مهيني سندس ڪمپائونڊر يونين ڪورٽ ۾ باقيا (اوڌر) جا ٻه چار ڪيس دائر ڪري ايندو آهي. بعضي – بعضي ماڻهو ان ڳالهه جي شڪايت ڪندا آهن، کري کوٽي ٻڌائڻ کان به باز نه ٿو اچي، مگر چارو ’بابو‘ چوندو آهي- لڪ اَئٽ جيون مهاشيه- اول ان ٻڍي جي گت ڏسي وٺو پوءِ اهڙي ڳالهه چو. وهيءَ ۾ پنجاهه هزار جي بقايا جو حساب ۽ ان وهيءَ کي اڏوهي کائي ويئي. ٺوڪر کائي ڪري سکڻ جي صلاح نه ڏيو ڀائي! ٿوري گهڻي پرئڪٽس جيڪا هو اڄ به ڪري ٿو، اها ان ڪري جو شخصي خرچ هلندو رهي. پرئڪٽس گهٽ ٿيندي ئي هن جي ڊسپينسري به ننڍي ٿي وئي آهي. چئن ڪٻٽن مان رڳو هڪ ۾ دوا آهي ۽ هڪ جي پنج خانن مان ٽي خالي پيئون آهن. +ڪواليفائيڊ ٿيل ڊاڪٽر هڪڙو ٻيو به آهي- چڪرڌاري بابو. ڄمار ۾چارو بابو کان به وڏو آهي. ايل- ايم- ايف آهي. چارو بابو کان اڳي هتان جي خيراتي اسپتال جو ڊاڪٽر هوئي هو. هنجي جاءِ تي ئي چارو بابو جي بحالي ٿي هئي. هاڻ ته هو سنياسي جهڙو ٿي ويو آهي. رهندو ته گهر ۾ئي آهي، پرگيڙو ڪپڙا پهريندا آهي ۽ پوڄا پاٺ ۾ لڳو رهندو آهي. پرئڪٽس ته ڇڏي ڏني اٿائين، پر ڀلجي ڀٽڪي ڪوئي نبض به ڏيکارڻ ايندو آهي- هيءُ سڀ بيڪار آهي، بيڪار. ناڙي ڏسي ڪري ٿيندو ڇا؟ ڪوئي ڪجهه ڄاڻي به ٿو؟ هيءُ سڀ اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ آهي ڀائي، اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ. لڳو ته تير، نه ته تُڪ. فيءَ جا روپيه ته کيسي ۾ اچي ئي ويندا. بيماري سچ پڇو ته پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندي آهي. چڱو ڀلو ٿيڻ جي سگهه بيمار جي پنهنجي شرير ۾ ئي ٿيندي آهي. هيءُ ڊاڪٽر تيز ۽ ڪوڙيون دوائون رڳو انداز سان ڏيندا آهن. بيمار سمجهي ٿو، ته دوا سان بيماري ڀڳي. پر ها، ٻه – چار اهڙا ڊاڪٽر آهن، جيڪي سچ پچ چاق ڪندا آهن. +پوءِ تماڪ جو دم لڳائي چڪر ڌاري پنهنجي جواني جي ڏينهن جي ڪهاڻي شروع ڪري ڇڏيندو آهي. سر نيل رتن، ٻڌان راءِ، نلني سين گپتا جي ڪهاڻي. عجيب – عجيب ڪهاڻي! چڪرڌاري چوندو ويندو- پنهنجي اکين سان سڀ ڏٺو اٿم. هتان جي رنگ لعل کي ڏٺو- ڊاڪٽر ئي هو! هتي هڪ شخص ٻيو به آهي. هيءُ جيون مهاشيه. هيءُ نبض جي ناس ۾ ماهر آهي. هن جو پنهنجو پٽ ون وهاري (بن بهاري) به ڊاڪٽر هو. پنهنجو يار هو. گڏ ويهي شراب پيتو اٿائون، موج مزا ڪيا اٿائون. هن ون وهاري کي ٿي بيماري، موت جي بيماري- اسان کي ان جي سڻس به نه پئجي سگهي.... ليڪن مهاشيه.... +بيمار جو صبر ٽٽي پوندو. هو اٿي هليو ويندو. چڪرڌاري کلي چوندو- گووند، گووند. وري چوندو مفت ۾ نبض گهڻوئي ڏٺم- هاڻ نه. +پرديوت وري چڪرڌاريءَ کي ڊاڪٽر ئي نٿو مڃي. ان ڪري هن جي حساب موج نوگرام ۾ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن جو تعداد صرف ٽي آهي. هن جي ڳالهين جي مخالفت ڪنهن به ڪانه ڪئي، نه ڪا هريندر نه وري چارو ’با��و‘ ئي. سمجهيو هوندائين ته ماٺ ۾ رهي سڀني هن جي ڳالهه کي مڃي ورتو آهي. ڀلا ڪنهن جي منهن تي ائين چوڻ ته تون هاڻ وڌيڪ وقت جيئرو نه رهندين- ان کان سنگين ڳالهه ٻي وري ڪهڙي ٿي سگهندي؟ اهو به سچ آهي ته ان ڪري مرض جو آتم ٻل ٽٽي پوي ٿو ۽ مرض سان جنگ جوٽڻ ۾ به هو ڪمزور پئجي وڃي ٿو. جيئڻ جي اٻلاشا- جيئندس- اهو وشواس ئي جيئڻ جي سڀ کان وڏي دواآهي، ان کان ڪير انڪاري ٿي سگهي ٿو؟ پرديوت جي ان ڳالهه سان سهمت ٿيندي به هريندر هٿ جوڙي معافي ورتي يعني ان لاءِ مون کي بخشو. پرديوت ان تي سندس خوب نڪ وڍيا هئا- اوهان ڇا ڊاڪٽري کي رڳو آجيوڪا ڪمائڻ جوئي وسيلو ٿا سمجهو، هريندر بابو؟ اوهان جو ڪوئي پوتر ڪرتويه ڪونهي؟ اهڙي فتويٰ ڏيڻ وارن ۽ گيڙو ڌاري ٻاون پنڊتن ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي؟ جڙي- ٻوٽي، جهاڙ- ڦوڪ، پاڻي پڙهي ڏيڻ واري علاج ۽ بازيگرن جي اناچاري علاج ۾ به ڊفرنس ئي ڪهڙو آهي؟ +هريندر ويچارو شروع کان آخر تائين هٿ ٻڌي بيٺو رهيو، پرديوت جو ليڪچر جڏهن پورو ٿيو، تڏهن کلي چيائين- مان هن ئي ڳوٺ جو آهيان. ننڍپڻ ۾ مون کي جيون مهاشيه ئي بچائي ورتو هو. +ذرا ساعت رڪي ڪري وري چيائين- ڪنهن وقت هو بهترين علاج ڪندو هو. لاشڪ مان هڪ نهايت معمولي ڊاڪٽر آهيان، پنهنجي سوجهه- ٻوجهه ٿوري رکندو آهيان. ايترو چئي سگهان ٿو، ناڙي جاچي ڪري مرض جي سڃاڻپ غضب جي هئي. هاڻ ٻڍو ٿي ويو آهي، شايد ائين هجي جو.... ’مني نانگ چه متي ڀرم.‘ اوسٿا ته ان کان به پار لنگهي ويئي اٿس. ساڳئي وقت- وري ڪشور بابو اڃا حاضر نه آهي. هن جي غير حاضريءَ ۾ ائين ڪرڻ ٺيڪ نه ٿيندو- ڪشور بابو! ڪشور بابو! پرديوت آپي کان ٻاهر ٿي ويو. ڪشور بابو ڪير؟ هو وڌيڪ ڪجهه نه چئي ڪري هليو ويو. +چاروُ بابوچيس- اوهان جوان آدمي آهيو، رت ۾ تيج آهي. وري اڄ هتي آهيو، سڀاڻي نه هوندا. ٻئي ڪنهن هنڌ رمندا رهندا. ڪنهن چيو ته پئي اوهان جي هيءَ نوڪري ٽراپيڪل ڊزيز جي ايڪپيرسنس جي لاءِ آهي. اِسپيشلائيز ڪندا. هن ٻڍي آدميءَ تي بگڙجڻ اوهان کي سونهين ٿو؟ ڇڏي ڏيو. اهڙي عريضي موڪلڻ سان هن آدميءَ سان گڏ ٻين جي روزي به کسجي ويندي. سون جي جان وٺي ماڻهو ويڄ بڻجي ٿو، هزارن جا پراڻ وٺي ڊاڪٽر. پرائي حياتيءَ سان کيلي اهڙا وئديه حڪيم پنهنجو گذران ڪن ٿا ۽ ٻين جو به اپڪار ڪن ٿا. پر اوهان جهڙن لاءِ اهڙو غصو ڇنڊڻ ٺيڪ نه آهي. مان بلڪ هن کي منع ڪري ڇڏيندس ته ان طرح فتويٰ نه ڏيندو ڪري. اسان ماڻهن جي زماني ۾ هڪ گپت رائج هو- اسين اهو خوب آلاپيندا هئاسون، ان جو ڀاو هيءُ هو- ”جيڪي به ڪرڻو اٿو بابا، ڌيري ڪريو، آهستي ڪريو، چڀي ڪري زخم نه ڪريو.“ ۽ چاروُ بابو خوب ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. +اڄ پرديوت کي چاروُ بابو ڏاڍو وڻيو. هتي اچڻ کانپوءِ هن جي ساڻس سڃاڻپ ضرور ٿي، پر اها سڃاڻپ اهڙي هئي، ڄڻڪ ڀلمانسائي جو مکڙو پهريل ڇڪتاڻ! اڄ چاروُ بابو ان نقاب کي لاهي ڦٽو ڪيو: خوب کلي ڳالهيون ڪيون. مزي جو آدمي آهي. پرديوت جو من ڪافي پگهرجي ويو. ذرا شرمائجي به ويو- چاروُ بابو جو چيو هوس ته هن ٻڍي آدميءَ تي هن ريت بگڙجڻ توکي سونهين نٿو. +پرديوت چيو- خير، اوهان جي ڳالهه ٺيڪ رهي. پر هن کي اوهان ساوڌان ڪري ڇڏيو. اها سٺي ڳالهه ڪانهي. هڪڙو ته ڳالهه ئي ڏاڍي ڪٺور آهي ويتر بلڪل ان- سائنيفڪ آهي. نبض ڏسي ڪري، پت، ڪف، وات، نيٺ- هيءُ سڀ ڇا! +چاروُ بابو چيو- ڪو زمانو هو، جو مهاشيه جي ڳالهه بيحد ڦلبي هئي. ذري پري- سو في صدي ٺيڪ نڪرندي هئي- ۽ اڄ به. هن پنهنجي نڙيءَ کي ملائم ڪندي چيو- ليڪن اوهان موتيءَ جي ماءُ کي ڪلڪتي يا بردوان موڪلڻ جو سوچيو اهي، موڪلي ئي ڏيو. نه ته ڪٿي ٻڍي جي ڳالهه تز بڻجي ويئي ته.... – هرگز نه ٿيندي- درڍتا سان هن جي ڳالهه کي ڪاٽيندي ۽ اتم وشواس ظاهر ڪري پرديوت سائيڪل تي سوار ٿي هليو-[1] هي مسٽ پرووهم سيلف. مان هن ٽوٽڪائي علاج جو پول کولي رکندس. منهنجو هڪ مقصد آهي، صرف روپين سان کيسا ڀرڻ لاءِ مان ڊاڪٽر ڪين بڻيو آهيان. +ڳالهه لڪل نه رهي. ٿورن ئي لاڪن ۾ سڄي نوگرام ۾ اها خبر پکڙجي ويئي ته ڊاڪٽر پرديوت، جيونمهاشيه کي جيل موڪلي ئي دم پٽيندو. مهاشيه ڪو چيو ته موتيءَ جي ماءُ مري ويندي، پرديوت هن کي بچائي وٺندو ۽ ضرورت پيئي ته مقدمو هلائيندو. اهڙي درخواست ڏيندو ته هن ٽوٽڪائي علاج کي قانوناً بندش وڌي وڃي. انهن ڳالهين تي سڀ کان وڌيڪ گرم ۽ تکي ٽيڪا ٽپڻي جي- ڪي ميڊيڪل اسٽورس ۾ ٿي. ونيه جو هيءُ دوڪان- جي- ڪي- ميڊيڪل اسٽورس هن علائقي ۾ دوا جو سڀ کان وڏو دوڪان آهي. جيڪي ڊاڪٽر پنهنجي پرئڪٽس سان گڏو گڏ دوائن جو به ڪاروبار ڪن ٿا، سڀ هتان ئي ٻڌيون دوائون خريد ڪندا آهن. سڄي علائقي ۾ ان دوڪان جي هاڪ متل آهي. پرچاروُ بابو اتان دوا خريد ڪونه ڪندو آهي. هن جي ئي دوڪان جي چٽاڀيٽيءَ ۾ هيءُ دوڪان کليو هو. چاروُ بابو جڏهن اسپتال جي نوڪري ڇڏي هئي ۽ اهيندر بابوُ، ٻيو نئون ايم-بي ڊاڪٽر سندس جاءِ تي بدلي ٿي هتي آيو هو، تڏهن هيءُ دوڪان کليو هو. اهيندر بابوءَ ئي ونيه کان هيءُ دوڪان کولايو هو. هن جا سمورا نسخا هتي ئي ايندا هئا، شام جو خود به ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ اچي دوڪان ۾ ويهندو هو. مفت ۾ مريضن کي ڏسندو هو. اهيندر بابوءَ کان پوءِ اسپتال ۾ ٽي ڊاڪٽر آيا- هنن سڀني به ونيه جي مدد ڪئي. پر پرديوت هنن جي ليڪ تي وک ڪانه وڌائي. هن سان ڪن ڳالهين ۾ ونيه جو ونجوڳ پيدا ٿي پيو هو. +ونيه کي عالج جي خير ڪا ڄاڻ آهي، پر ڊاڪٽر- ڪويراج جي اتهاس ۾ هن کي شڪ ديو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. رات ڏينهن ڊاڪٽرن جي وچار ئي هن جو پيشو آهي. ششي ڊاڪٽر اتان ئي ٿيندو هريجنن جي محلي ڏانهن روڳيءَ جي ڳولها ۾ وڃي رهيو هو. ونيه سڏ ڪيس- ڊاڪٽر، تماڪ پيء وڃ.- وري چرچو ڪري چيائينس- هاڻ توهان ماڻهو ويا ڊاڪٽر، ويا! چوي ٿو، هنن ڪمبختن کي جيل اُماڻيندس. +تهان پوءِ گرماگرم ٽيڪا ٽپڻي شروع ٿي ويئي. +ششي اهي سموريون ڳالهيون وڃي ڊاڪٽر جيون مهاشيه جي استريءَ کي سڻايون هيون. +- آخر ضرورت ڪهڙي هئي؟ مفت ۾ موتيءَ جي ماءُ کي وڃي ڏسڻ ۽ ڏسي ڪري اهڙي فتويٰ ڏيڻ- انهن سڀني جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ هيءُ زمانو سائنس جو آهي. هيءُ وقت انهن ڊاڪٽرن جو آهي، جن ڊاڪٽري پاس ڪئي آهي. وات- پت- ڪف وارو زمانو لڏي ويو! هاڻ ان جو ذڪر ڪرڻ ئي بيڪار آهي! +اهو ٻڌي ڊاڪٽر جو من بيحد دکي ٿيو. هيءُ جيون جي سڀني دک- دردن جي گويا انتها هئي. ڪنهن تکي ڦر واري ترار سان اوچتو ڪنهن کي ڪنهن هنڌ ڌڪ لڳي ۽ ان مان سڄي بدن ۾ زهر پکڙجي وڃي، اها ڄڻڪ اهڙي ئي ڳالهه هئي. هن جو نصيب! نصيب ڌاران چئي به ڇا ٿو سگهجي! وجهه ملندي به هو ڊاڪٽري پڙهي نه سگهيو. جيڪڏهن ڪاليج مان نڪري هو ڊاڪٽري پڙهي وٺي ها، ته هن گهر ۾ عطر جو اچڻ به نه ٿئي ها. +حيرت جهڙي ڳالهه چئبي. ڊاڪٽر ڊگهو شوڪارو ڀريو. هڪ مکريلي سندس سڄي حياتي کي وئرٿ بڻائي هلي ويئي. ساڳي مکريليءَ جي جادوءَ هيٺ ڪاندي جي اسڪول ۾ پڙهندي هڪ اوچ ذات واري ڇوڪر سان سندس جهڳڙو ٿيو. ڇوڪرو پنهنجي ئي ذات جو هو- ڪاسٿ ڪريل حالت واري هڪ زميندار گهر جو هو. +پر هاءِ ڙي ڪشور اوسٿا! پنهنجي سمرٿي ۽ لياقت کي سوچي ڪري ڪڏهن به شرط ڪين پڄائي. تاڙ جي پتي جي ترار هٿ ۾ کڻي ڪشور راڪاسن سان ٿو مقابلو ڪري. ريڍار جو پٽ راج��مار سان مقابلي- چٽاڀيٽيءَ ۾ پٺتي ڪين پوندو، نڪي ڊڄندو. +[1] هن کي پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻو ئي پوندو. + + + +[6] +نوگرام مان مڊل پاس ڪري مئٽرڪ پڙهڻ جي لاءِ جيون مهاشيه ڪاندي ويو. اتي راج هاءِ اسڪول ۾ ڀرتي ٿيندو- ڪيتريون ڪلپنائون، ڪهڙيون- ڪهڙيون آشائون هئس من ۾! ڊاڪٽري جيون جون ڪهڙيون- ڪهڙيون تصويرون هردي پٽ تي آندائين! سوچيندو هو، ڊاڪٽر رنگ لعل وانگر تشر جي پتلون ۽ بند گلي جو ڪوٽ پهري ڪري سادي گهوڙي تي سوار ٿي ڪري سڄي تڪ ۾ گهمندو رهندو. سوني زنجير سان اٽڪيل کيسي جي واچ- ٿرماميٽر، اسٽيٿسڪوپ، مريض ڏانهن کڻي وڃڻ واري بئگ. گهر ۾ دولت هئي، پتا به پيار وارو مليو هوس، گهر ۾ لڪشمي هئي، پنهنجي ديهه ۾ سگهه ۽ من ۾ اتساهه- حوصلو هو. تنهنڪري ڪاندي ۾ اتساهه يا موج- مزي جي کوٽ نه هئي. هيڏانهن خوب سئر- سپاٽا ٿيندا هئا هوڏانهن بورڊنگ جي صندل تي سمهندي- سمهندي ڀوشيه جا سپنا لهندو هو- ڊاڪٽر جيون سفيد گهوڙي تي سوار ٿي وڃي رهيو آهي. اچانڪ هڪ ڏينهن سارونقشو ئي بدلجي ويو. نئوجوان جيون دت محبت جي چپيٽ ۾ اچي ويو. هڪ غريب کتري ماستر جي ڌيءَ سان سندس پريم ٿي ويو. سندس عمر ارڙهن ۽ نائڪا جي ٻارهن ورهيه هئي. ان زماني ۾ چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ڇوڪريون جوان ٿي وينديون هيون. چوٽيءَ ۾ ويڻي لٽڪائي هلندڙ اڄڪلهه جي انهن سترهن ورهين جي جوانڙين کان تن – من ۾ ڪافي مضبوط هونديون هيون. وري هيءَ نينگري ته ڪجهه وڌيڪ ئي آبدار ٿي ويئي هئي. جيڪر ائين چئجي ته بيوقتي ساماڻبي ويئي هئي ته جيون مهاشيه کي ان ۾ اعتراض ٿو ٿئي. بيوقتي ساماڻجڻ ۽ وقتي ساماڻجڻ ۾ فرق ٿيندو آهي. جيڪي بيوقتي ساماڻجن ٿيون، انهن جي بناوٽ ۾ خاميون ٿين ٿيون، جنسي عيب ٿين ٿا. ليڪن جيڪي وقت سر مڪمل طور مضبوط ٿي ساماڻجن ٿيون، تن ۾ خامي نٿي رهي، جن- جن جزن جي ميلاپ سان شباب اڀري ٿو بيهي، چاهي اهو تن جو هجي، چاهي من جو، پنهنجي مٺي خوشبوءِ سان هردي کي ڇڪي ٿو، اها سموري سامگري هن ۾ موجود رهي ٿي. بلڪ ائين چئجي ته مقدار ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي رهي ٿي، نه ته وقت کان اڳي ئي ڪيئن پچي راس ٿئي ها؟ منجري ڪجهه اڳي ئي ٽڙي پيئي هئي. +نالو سندس منجري هو. +صحت هن جي ڏاڍي سٺي هئي. ٻارهن سالن جي هوءَ نينگري، اڄوڪي ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڪشوريءَ يا پوريما کان صحت ۽ سگهه ۾ به پورڻ انگنا هئي. رڳو هن جي وارن کي ڏسي شڪ پوندو هو ته هوءِ ڪشوري ناهي، ڇو ته چڳون چيلهه کي پار ڪري هيٺ تائين ڪونه پهتيون هيون. گهاٽن ڪارن وارن جا جهڳٽا جڏهن چيلهه جي هيٺ تائين جهولڻ لڳندا آهن، تڏهن ڪشوريءَ جي روپ جي تڪميل سمجهي ويندي آهي. ڪيئن، خبر اٿئه؟ ڄڻڪ شرد پورڻيما جي لڪشمي- مورتي کڙي هجي پران جي پٺيان رانگي جي سازن جو گهيرو نه ڏنل هجي! اهو لڳي وڃي ته مورتي سروانگي پورڻ ٿي پوي. بس ايتري ئي ڪمي هئي. +ذرا وڌاءُ ٿي ويو هو، ڊاڪٽر من ئي من ۾ درست ڪري وٺندو هو. مروتي ته لڪشمي جي هئي، پر سانوري ۽ ان ڪري گويا هو پاڻ وڌيڪ دلڪش ڀاسندي هئي. منجريءَ جو روپ ڀونءِ چمپا جي سائي ٿلهي ٽاريءَ جهڙوهئو جنهن تي گلن جو جهڳٽو اڃا ڪونه ڦولاريو هو، ٻُور نڪرڻ جون سڀ تياريون ٿي چڪيون هيون. +جيتري قدر من جو سوال آهي، اوڏانهن به منجري ڪنهن ڪشوريءَ کان گهٽ نه هئي. جسم جي پختائيءَ ۽ صحت جي نعمت دئاران هن کي ڪشوريءَ جو من مليو هو. سورهن آنن جي اڌڪارڻي، بلڪ ارڙهن آنن جي چئوس ۽ چئوس ڇا، جيون دت جي حساب موجب ته ائين ئي هجي ها. سورهين سال ۾ جيڪڏهن ڪشور اوسٿا چئجي ته حقيقي عمر جي لحاظ کان به ٻارهن آنا ته ٿيڻ گهرجن، باقي چار آنن مان ٻه آنه هن جي تندرستي پورتي ڪئي ۽ باقي ٻه آنه هن جي گهرو سکيا. سنسڪارن ۽ ماءُ جي پڙهايل ساهرن وڃڻ جي منتر سان حاصل ڪيا هئا. ان کان سواءِ به ٻي ٻن آننجي پونجي به سندس هئي. اها پونجي کيس ڪٿي پيل ڪانه ملي هئي پڙهڻ لکڻ سان. غريب هوندي به پتا ماستر هوس. هن کيس معمولي هندي پڙهائي هئي ۽ چيو هئائينس، رامايڻ، مهاڀارت پڙهندي ڪر، پر هوءَ رامايڻ- مهاڀارت تائين ئي ٻڌل ڪانه رهي. پداولي- ساهتيه پڙهيائين، پراچين مهاڪاويه پڙهيائين. اهي گرنٿ گهر ۾ ئي هئا؛ پراچين مهاڪاويه پڙهيائين. اهي گرنٿ گهر م ئي هئا؛ وَهين ۾ لکيل بزرگن جي ميراث. ان بعد بنڪم- ساهتيه هٿ آيس. پرتاپ شيوليني، جڳت سنگهه عايشه جي واقفيت ٿيندي ئي سورهن آنه ڦونڊجي ڪري ارڙهن آنه ٿي ويا. بنڪم- ساهتيه هن کي سندس وڏي ڀاءُ ئي ڏنو. +جيون کي هم ڪلاسي مليو منجري جو وڏو ڀاءُ بنڪم- بورڊنگ ۾ جيون جو ذڪر هلندو هو- فضول خرچي ۾ هٿ ڇوٽ هوس. پڻهس جيڪا زمينداري خريدي هئي، جيون اتي ان جا خوب ساراهه جا گيت ڳايا هئا. ان ۾ عمدي تماڪ جي بوءِ ذرا وڌيڪ هئي. انهيءَ بوءِ سان پهچي ويو چترانن. بنڪم جو سڏ جو نالو هو چترانن. ڇوڪرا چوندا هئا، ته بنڪم چئن واتن سان تماڪ پيئندو آهي ۽ چئن واتن سان ڳالهائيندو آهي. تماڪ جي گنڌ تي بنڪم ڇڪجي آيو هو. گهرائپ ٿي ويس. انهيءَ سلسلي ۾ هن اها به ايجاد ڪري ورتي هئي ته جيون هنن سڀني جو رشتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه لڳي ٿو. بنڪم جومامون جيون جي پنهنجي ماميءَ جي ڏير جي خاص پنهنجي سنڍوءَ جي پٽ جو ناٺي آهي. سو هڪ ڏينهن کيس ڇڪي ڪري پنهنجي گهر وٺي ويو. پنهنجي پتا سان سڃاڻپ ڪرائيندي چيائين- ”هيءُ پنهنجو رشتيدار ئي آهي.“ بنڪم جي پتا نوڪرشڻ سنگهه ته رشتيداريءَ کي خاص اهميت ڪانه ڏني، پر هن سندس ڏاڍي سڪ سان آدرڀاءُ ڪيو. +”تون دين ٻنڌو مهاشيه جو پوٽو آهين؟ جڳ ٻنڌو دت جو پٽ؟ تون ته مهاشيه پريوار جو آهين! آيورويد توهان وٽ خانداني وديا آهن. مون ٻڌو آهي، تنهنجي پتاجيءَ زمينداري خريدي آهي!“ +جيون اهو ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو. لڄ وچان سر جهڪائي بيٺو رهيو: اها ساراهه کيس ڏاڍي وڻي. +نوڪرشڻ چيو- ”اڙي ڀائي، پنهنجو گهر به ته انهي طرف آهي. نوڪري وارو ماڻهو، دسهڙي جي موڪلن ۾ ويندو آهيان. گرمين ۾ ڪونه ويندو آهيان. اتي ڪائي خاص جائداد ڪانه اٿم. پنج ست ايڪڙ زمين آهي. حصيدار ۾ اڻبڻت آهي. وڃي ڪريان به ڇا؟ نه ته آهي ته رڳو پنج ڪوهن جو پنڌ، پنهنجو سنٻنڌ به ڪجهه نه ڪجهه آهي، واقفيت هجي ها. خير. توسان سڃاڻپ ٿي، ڏاڍو سٺو ٿيو. ليڪن.... +ذرا ڀرون تاڻي ڪري هن پڇيو- ”پر تون انگريزي ڇو پڙهيو آهين؟“ +جيون هن جي سوال جو مطلب نه ڄاڻي سگهيو. جواب ۾ هن سوال جيئان ئي چيو- ”جي؟“ +”آيورويد ئي ته توهان ڪل- وديا آهي، بلڪ ڪول ڌرم به چئي سگهجي ٿو. اڙي ڀائي، ان لاءِ ته توکي سنسڪرت پڙهڻ گهربي هئي؟ انگريزي ڇو پڙهڻ آيو آهين؟ ٻيو رڳو وديا جي ئي ڳالهه ڪانهي، يجمان جئيان گهر ٻڌل آهن. انهيءَ جي بدولت توهان جي گهر جي ناموس آهي، مهاشيه و لقب مليو اٿو، زمين- جائداد، زمينداري، تلاءُ سڀ انهيءَ مان ته ٿيا آهن. +”منهنجي اِڇا ڊاڪٽري پڙهڻ جي آهي.“ +”ڊاڪٽري! واهه – واهه. ڏاڍو سٺو سوچيو اٿئه، اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.“ نوڪرشڻ مگڌ ٿي ويو هو. تهان پوءِ هن چيو هو- ”وڃ، اندر وڃ. بنڪم ماڻهي وٽ وٺي وڃينس. سڀ ڪجهه دراصل ته هوءَ ئي ٿي. اسان سڀ ته هن جي ئي رشتي ڪري پنهنجا ٿياسون! وڃ.“ +منجري تنهن وقت پنهنجي ننڍن ڀائرن- ڀينرن سان ’چيڪلي‘ پائي رهي هئي. چيلهه تي ٻئي هٿ رکي لاٽئون وانگر ’چيڪلي‘ يعني ڦيري پائي رهي هئي. لوڪ گيت به چوندي پئي ويئي: +”چيڪلي چڙو گلابي پڙو +ڀاڀي پٽ پيٽ ۾ +ڄائو آهي چيٽ ۾.“ +گيت آلاپيندي ۽ چڪر کائيندي هوءَ ساڳي ريت ڦيريون پائيندڙ ٻارن سان ٽڪرجي به رهي هئي. پوءِ انهن ۾ ڀاءُ هجي، چاهي ڀيڻ هجي، ڌڪو کائي زوم مان وڃي ٿي زمين تي ڪريا. پر اهڙي حالت ۾ ڪرندي ڪائي ڪاوڙ نه لڳندي آهي، بلڪ راند جي رنگ ۾ اکيون ٻوٽي زمين تي ڪريل حالت ۾ ئي رهڻو پوندو آهي. کين ائين ڀاسندو، ڌرتي ڦري رهي آهي، آسمان لڏي رهيو آهي، مڪان به لڏي رهيا آهن ۽ ائين پيو لڳندو آهي ته ڪنهن آتال پاتال جي طرف وڃي رهيا آهيون. شرير ۾ هڪ عجيب ڏڪڻي پيدا ٿي ويندي آهي. +بنڪم جڏهن جيون کي وٺي اندر گهڙيو، منجري چڪر کائي ڪنهن سان ٽڪرجڻ پئي چاهيو. ان چڪر جي رفتار ۾ هوءَ ٺيڪ انداز ۾ ڪري سگهي ۽ ڀاءُ جي دوکي ۾ جيون جي ڇٽيءَ ۾ وڃي ٽڪري ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي. جيون ته بدحواس ٿي بيٺو رهيو. هيڏانهن منجريءَ جا ٽهڪ به سناٽي ۾ بدلجي ويا. پنهنجي غطلي کيس معلوم ٿي ويئي. ڀاءُ جي دوکي ۾ هن هڪ اڻڄاڻ آدميءَ سان ٽڪر کاڌو آهي، اهو خيال ايندي ئي وسميءَ ۾ لڄ وچان ٻئي اکيون ڦرڪائي هوءَ ’اَماڙي اَما‘ چوندي اندر ڀڄي ويئي. ڀڄي ڪري هن وري زور سان ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. جيون وياڪل ٿيو بيٺو ئي رهيو. +ان زماني ۾ ايترو ئي ڪافي هو. +گهٽنا اتي ئي ختم نه ٿي ويئي، ان جو اڃا باقي حصو به آهي. ڀڄندڙ منجريءَ کي اشارو ڪندي بنڪم به کلندي چيو هو... ”مُر وڃي اڀاڳڻ!“ تهان پوءِ هن پنهنجي ماءُ سان جيون جي سڃاڻپ ڪرائي. جيون پرڻام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن چيس- ”نه اَبا، رشتي ۾ تون مون کان وڏو ٿين ٿو. منهنجو ڀاءُ تنهنجي ماسيءَ جي ڏير جي سنڍوءَ جي پٽ جو ناٺي آهي. ان حساب سان تون منهنجي ڀاءُ جو سهري وانگر ٿو لڳين. منهنجو به لڳ ڀڳ اهو ئي ٿئين. ويهه – ويهه پرڻام نه آءُ توکي ڪندس، نه تون مونکي ڪجه.“ +ان مٽي مائٽي طئي ٿي وڃڻ سان بنڪم کي ڏاڍي سرهائي ٿي. چي، ”تڏهن ته اسان سان ٽين پيڙهيءَ جو سنٻنڌ ٿيو، پوٽي ڏاڏي جو.“ +ماءُ جل پان آڻن لاءِ جيئن اٿي ويئي، تيئن بنڪم اندر وڃي منجريءَ کي چيو- ”اڙي اوسڀاڳي، هل ڏاڏي صاحب کي ڏس.“ +”ڪير؟“ منجري ڳالهائي ته دٻيل آواز ۾ رهي هئي، تڏهن به جيون کي ٻڌڻ ۾ پئي آيو. +”ڏاڏو ري، ڏاڏو.“ +”هل! هيءُ ڏاڏو وري ڪيئن ٿيو! جهنگلي سوئر جهڙي ته شڪل اٿس. بابا ري! ڪارو- ڪوجهو.“ +”ڇي! تون ڏينهون ڏينهن وڏي انهيءَ لاءِ ٿيندي ٿي وڃين؟ اڙي چري، پنهنجو وڏو مامو هن جي ماسيءَ جي ڏير جي پٽ جو ناٺي آهي.“ +”واه خوب ٻڌائيه! سکيءَ جي ننهن جي ساهيڙيءَ جي ڀاڻيجيءَ جو ناٺي!“ +”هل چري. منهنجو دوست آهي. امير گهراڻي جو ڇوڪرو آهي.“ +”شاهوڪار گهر جو آهي ته جهنگلي سوئر جهڙي شڪل ڇو اٿس؟“ +”ڇا بڪ شڪ لڳائي ويٺي آهين تون! بهادر جي شڪل اٿس، مدگر ڦيرائيندو آهي!“ +”ته پوءِ پڙهڻ جي بدران ڪنهن ناٽڪ- منڊلي تي ۾ ڀيم پهلوان جو پارٽ ڇو نٿو کڻي؟ اسان کي به گدا يڌ ڏسڻ جو وجهه ملندو! تون وڃ، آءٌ ڪالهه هلنديس.“ +بنڪم بگڙجي هليو ويو. +جيون به جهنگلي واراهه جهڙو مٿو جهڪائي ويٺو هو، چڱو ڪين لڳس. جوانيءَ ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪنهن کي به خوش نه ڪنديون. هو موٽي وڃڻ لاءِ اتاولو ٿيڻ لڳو چي، ”ته اڄ هاڻ اجازت ڏيوم، ڪم آهي.“ +ايتري ۾ ماءُ جل پان جي ٿالهي کڻي اچي پهتي. ٿالهي رکي هن سڏ ڪيو- ”منجي ڪيڏانهن ويئي، منجي! هڪ گلاس پاڻي ته کڻي اچ، منجي!“ +ماءُ ذرا ڳري مزاج واري آهي. هن جي ڳالهه آسانيءَ سان ٽاري نٿي سگهجي. هن جي ڳالهه جي وچ ۾ ٽوڪيندي به هو’نه‘ نه ڪري سگهيو. هڪ ��ي منٽ ۾ اندران پاڻي ڀريل گلاس نيئي منجري به اچي ويئي. +ماءُ چيس- ”نمستي ڪر. تنهنجي ڀاءُ جو دوست ٿي نه، اسان جو سڳو سنٻنڌي به آهي. تنهنجو ته ڏاڏو لڳندو.“ +منجري وات ۾ ڪپڙو رکي کلڻ لڳي. +”اڙي، کلي رهي آهين! نمستي ڪر!“ +”هيڏو سارو ڪو ڀلا ڏاڏو ٿين000دو آهي؟“ +”ضرور ٿيندو آهي. ماما- چاچا عمر ۾ ننڍا ڪونه ٿيندا آهن؟ تلسي دل کي به ننڍو- وڏو ڏٺو ويندو آهي؟“ +منجري هينئر پرڻام ڪيو- تنهن زماني ۾ زمين تائين نئڙي ڪري پرڻام ڪبو هو، اڄ جيئن پير ڇهي ڪري مٿي تي هٿ لڳائبو آهي، تيئن نه. منجري اٿي ڪري وري کلڻ لڳي. +چري ڪري ماڻهس چينڀيس- ”کلين ڇو ٿي؟“ +”ڏاڏو لڳي نٿو، ان ڪري کلي رهي آهيان.“ +”ڇا نٿو لڳي؟“ +”هن جو جامو وانگرکو ڪٿي آهي؟ ڪتاب ۾ لکيل آهي- ’ٻڍو ڏاڏو، پائي انگرکو.‘ ائين چئي کلندي منجري هلي ويئي. +ان بعد ڪشور جيون دت جي ڪهڙي حالت ٿي، چوڻ جي ضرورت ڪانهي. +هو ته مست ٿي پيو، منجري! منجري جي دل کي جيتڻو پوندو. پر اوچتو هن جي راهه ۾ هڪ ٻيو ماڻهو اچي حائل ٿيو. +هيءُ اهو ئي ساڳيو ڇوڪرو آهي، جنهن سان جهڳڙو ڪري حياتيءَ جون سڀ آشائون ترڪ ڪري هو گهر موٽي آيو هو. ڀوپتي ڪمار بسو، اوچ گهراڻي جو هٺيلو جوان. ماڻهو کيس ڀوپي بوس ڪري چوندا هئا. ڀوپي بوس اتان جو وڏو شيطان هو. جهومي ڪري موالين وانگر هلڻ جو جيڪو فئشن، شهر- بازار ۾ ڪاهي پيو هو، ڪاندي ڳوٺ ۾ اها چلن، هيءُ ڀوپي بوس کڻي آيو هو. هو جڏهن جنهن قدم کي وڌائيندو هو، ان طرف سڄو بدن جهڪائي ڇڏيندو، ڄڻڪ ماڻهن جي اکين ۾ آڱريون کپائي ڏيکاريندو هجي. جيڪي سندس اڳيان- پٺيان هوندا هئا، تن کي ته ڏسڻو ئي پوندو هئو؛ جيڪي بغل کان هلندا هئا ۽ اهو ڏسڻ جو کين وجهه نه رهندو هو، سي هن جي اڍنگي چال کان ڌڪو کائي ڊڄي پري ٿي ويندا هئا. +’ڀوپي وڃي رهيو آهي!‘ هو رنگ جو گورو ۽ ٿلهو- متارو هئو، مٿي ۾ گهنڊيدار وار، زميندار جو لاڏلو ٿيو! ڀوپي به بنڪم جو دوست هئو. هن گهڻي وقت کان منجريءَ ۾ اکيون وجهي ڇڏيون هيون. سو هن سان چٽاڀيٽي ٿي هليس. حيرت پسند وڌاتا واگهه- واراهه تماشي جي رچنا شروع ڪئي. واگهه ٿيو ڀوپي بوس، واراهه جيون دت. اهي نالا منجريءَ رکيا هئا. + + + +[7] + +بورڊنگ ۾ جيڪي ڀرسان رهندا هئس، تن هم ڪلاسين کيس هوشيار ته ڪري ڇڏيو هو، پر تيسين ڪافي اوير ٿي چڪي هئي. اها غلطي نه ڪا هنن جي هئي، نه نوجوان جيون جي هئي. هم ڪلاسين کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي ته ڪو جيون جي ڇاتيءَ ۾ منجريءَ جو ڌڪ لڳو آهي ۽ ڌڪو کائڻ بعد به جيون انهيءَ طرف ڊوڙي رهيو آهي. سو جيون کي به اها ڪل ڪانه هئي ته ڪو ڀوپي روپي واگهه منجري جي ٽوهه ۾ ويٺو آهي. ان وقت ڪنهن سببان ڀوپي مجري جي ڪٽنمب سان نارض ٿي ويو هو ۽ اچڻ وڃڻ بند ڪرڻ جو بهانو ڪري ڇڏيو هئائين. ٺيڪ اهڙي موقعي تي واراهه (جيون دت) قدم رکيو. +ڀوپي عمر م جيون کان گهڻو گهڻو وڏو هو. پر هر سال فيل ٿي- ٿي ڪري هينئر صرف هڪ سال ئي مٿي پڙهي رهيو هو. ڪاندي اسڪول جوهڪ هڪ وديارٿي کييس سڃاڻندو هو. تن ڏينهن جيڪو به اتان جو وديار ٿي رهيو آهي، سڀني کيس پنج ستن ڏينهن جي اندر ئي سڃاڻي ورتو آهي. هن جي مستاني چال تي اولسڀني جي نظر پوندي، پوءِ سندس ڪيه- ڪلام جو پرلاءُ ڪنن ۾ پوندو هو. +”اڙي ڇورڪا گهر ڪٿي اٿئي؟“ ڳوٺ- گهر جي غريب نينگرن کان پهريون سوال پڇندو. +هن جي شڪل، لباس ۽ ٻول- چال کان نوان ايندڙ غريب ڇوڪرا هيسجي ويندا هئا، اڄوڪي وانگر بغاوت ڪرڻ هنن جي لاءِ ممڪن ڪين هو. سمو الٽو هئو. سو هو پنهنجي ڳوٺ جو نالو باادب ٻڌائيندا هئا. ڳوٺ جو نالو ٻڌي ڪري ڀوپي چوندو- ”اڙي، ٿاڻو ڪهڙو اٿئه؟ پرڳڻو؟ ڪهڙي ٻني؟“ +وري چوندو- ”هون؛ اتي پنهنجي به هڪ ٻني آهي. شايد پنج سو ست يا ست سو پنج.“ يڪدم ڪوئي نه ڪوئي نمبر هو ٻڌائيندو. +پر پهرينءَ ملاقات ۾ جيون دت کان هن ان لحظي ۾ سوال ڪونه ڪيا. ذرا خاطر تواضح ڪندي چيائينس- ”ڇوڪرا، گهر ڪٿي آهي تنهنجو؟“ جيون جو رنگ روپ ۽ صاف سٿري پوشاڪ ڏسي ڪري ’اڙي – ٻڙي‘ ڪانه ڪيائنس. +جيون کي هن جو ڳالهائڻ ڪين آئڙيو. اندر ئي اندر پوسري کامي ويو. پر پنهنجي پوسراڻ کي ضبط ڪري ٻڌايو هئائين- ”نوگرام.“ +چئي ڪري ئي هو رمندو رهيو هئو. ڏنڊ واري، ننهن واري ۽ سڱن واري کان پري رهڻ ئي ٺيڪ آهي، کيس ان نيتي- وچن جي يادگري تري آئي هئي ۽ ڀوپيءَ کي هن انهيءَ درجي ۾ ڳڻيو هو. مگر ڀوپيءَ به هن جو پيڇو ڪونه ڇڏيو. ٻن – چئن ڏينهن کانپوءِ هو پاڻيهي آيو، جيون جي ڪمري م گهڙي ڪري چيائين- ”مون کي خبر آهي، تون تماڪ به شايد پيئندو آهين. مونکي به ته ذرا پيئار ڏسان، ڪيئن تماڪ ٿو پيئن، تون!“ هن جي آواز ۾ پٺڀرائي جو سر هو. +جيون خوفناڪ ته هو، پر اسڀيه نه هو، وري زمينداري جيتري پراڻي هوندي زميندار گهراڻي ۾ سڙاڻ نڪرندي آهي، ان خيال کان هن جي هڪ آني حصي واري زمينداري اڃا ايتري ڪهني ۽ غيرمهذب ڪانه ٿي سگهي هئي. سچ پڇو ته ڀوپي بوس ڏانهن، تنهن ڏينهن هن من ئي من ۾ ڪجهه عزت جو انڀئه ڪيو هو. وڏ گهراڻو ڇوڪر، خاصو چهرو، ههڙي ٻول چال، ۽ جيون ٿيو پر ديسي. ڀوپي ته اتان جوئي رهواسي هو، تنهنڪري اهو انڀئه سڀاويڪ ئي هو. جيون به ان ڏينهن کيس تماڪ نه پياريو. موٽندي وقت ڀوپي جي نگاهه جيون جي مدگر جي جوڙي تي پيئي. کلندي هن جو نالو رکي ڇڏيو هئائين- ؟مدگر سنگهه.“ +ٻنهي ۾ لڙائي اوچتو ٿي ويئي. +ڀوپي نوڪرشڻ بابو جي گهران نڪري رهيو هو ۽ جيون اندر وڃي رهيو هو. ڀوپيءَ جي وات ۾ پان، ساڻ گڏ هوس بنڪم، سندس پٺيان بنڪم جي ماءُ. گرمين ۾ جيون ڪونه هو. سندس غير حاضريءَ ۾ هنن جا آپسي جهڳڙا ٿي چڪا هئا. +جيون جي پٺيان- پٺيان هڪ موٽو هو. ڳوٺ جو ئي هو. گرميءَ جي موڪلن بعد گهران آيو هو. گهران هڪ وڏي ساري ٽوڪري ۾ ٿورو باغ جو ميوو انب، ونگيون، ساڳ سبزي کڻندو آيو هو، پال ۾ لپٽيل هڪ هيڏي ساري مڇي به آندي هئائين. +ڀوپي جا قدم رڪجي ويا. ڀرون تاڻي ڪري جيون ڏانهن تڪيندو رهيو. چي- ”ڀلا، خيريت ته آهي؟ مدگر سنگهه هتي ڪيئن؟ هن گهر ۾؟“ +پوئتان تکا شبد تير جيئان آيا. ”هيءُ اسنا جي سکي جي ننهن جي ساهيڙي جي ڀاڻيجي جي ننهن جي ڀاڻيجيءَ جو ناٺي آهي. ناتي ۾ اسان جو ڏاڏو ٿيندو آهي! اوهان ڇا آندو آهي ڏاڏو صاحب؟“ +وات ۾ ڪپڙو وجهي کلندي منجري سڀ جي جي پوئتان نڪري اڳيان اچي بيهي رهي. +سڀني سان گڏ ڀوپي به وري موٽي آيو. چي ”هلو هلو، ذرا اسان به ته ڏسون ڏاڏا مدگر سنگهه ڇا کڻي آيو آهي؟ لاهي، ٽوڪرو لاهي.“ +شيون ڏسي هن شڪل بنائي. هڪ انب کڻي ڪري ڏندن سان وڍيائين، ذرا ساعت سواد چکي ٿو- ٿو ڪري ٿڪ ڇڏيائين. ”رام، رام، انبڙي آهي! مون ته انب ئي سوچيو. انب آئون سڀاڻي موڪلي ڏيندس. گلاب خاص ۽ ٻيوڇا نالو اٿس، ڪش ڀوڳ، انهن انبن تي ڪاغذ جي چٽ تي لکيل هوندو ته ڪهڙو انب ڪڏهن کائڻو آهي. ها، کائڻو ذرا انهيءَ حساب سان پوندو، نه ته اهو مزو نه ايندو.“ +ڀوپي هليو ويو. منجريءَ جي ماءُ چيو- ”اچ پٽ، سک آنند ته آهي؟“ +”جي، سڀ ٺيڪ آهي. مان هينئر وڃان ٿو. ترت ئي هيڏانهن پهتو آهيان. بورڊنگ جي ورانڊي ۾ سمورو سامان ڇڏي ڪري هليو آيو آهيان. ڪوچوان کي سڀ سونپي هيءُ شيون ڏيڻ هليو آيس.“ هن کان بيٺو نٿي ٿيو. ڀوپيءَ جي ڳالهين کيس خفي ڪري وڌو هو. +”نيرڻ جيڪر نه ڪرين؟“ +”جي نه، ڪوچوان پڪو ڳوٺاڻو آهي. هن کي ڊپ ٿيندو. مان هينئر وڃان ٿو.“ +نوجوان جيون دت ڀوپيءَ جي زهر کي انهيءَ ڏينهن ئي محسوس ڪيو ۽ ان ڪري ڀر واري سيٽ واري هم ڪلاسي کي مجبور ٿي سموري ڳالهه کان واقف ڪيائين. ٻڌائڻ کانسواءِ ڪو اپاءُ به ڪونه هو. هيڏي وڏي مڇي، ڪاڪڙيون (ونگيون)، هيترو سارو سامان، اهي سڀ ويا ڪنهن وٽ، اهو ڄاڻڻ لاءِ ڇوڪرن جي ڪتوهل جي ڪائي حد نه هئي. ڇاڪاڻ ته هنن کي به لوڀ هو. لاچار جيون کي سڀ ٻڌائڻو پيو. +سندس دوست ٻڌي سراپجي ويا- ”باپ ڙي باپ، هيءُ تون ڪٿي وڃي نڪتو آهين؟ شينهن جي غار ۾ گدڙ جو اَجهو؟ اڙي، هوءَ ته ڀوپي بوس جي منجري آهي!“ +”ڀوپي بوس جي؟“ +”ها ڀاءُ، ها. ڀلجي به اوڏانهن هٿ متان وڌائين، هٿ وڍي ڇڏيندءِ.“ +جيون ڪجهه ساعت گم ۾ ويٺو رهيو، ان بعد چيائين- ”توکي خبر آهي، ڳالهه پڪي ٿي ويئي آهي؟“ +”ڪانه ٿي آهي. سو......“ +”ٺيڪ آهي، پوءِ ڏٺو ويندو ته منجري ڪنهنجي آهي؟ اڃا ته هوءِ پتا روپي وڻ تي ٽڙي آهي، جنهن ۾ دم هوندو، اهو ئي هن کي پوئي ڪري پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائيندو. منهنجو نالو جيون دت آهي؟“ +هن گاڏيءَ واري جي معرفت ماءُ کي ڳجهي چٺي موڪلي. ”ترت پنجاهه روپيه موڪل.“ ان وقت جا پنجاهه روپيه اڄ سنه اوڻويهه سو پنجاهه جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن هزار روپين جي برابر ٿيندا. +لڳو ڌڪڙ تي اٽو. +شروع ۾ ئي ڀوپا بوس ڪڇ لکايوئي ڪونه. سوچيائين، منهنجي رقيب واراهه (جيون)، بنڪم يا منجريءَ، ڪنهن نه ڪنهن کان پنهنجي ان تذڪري، جو حال ضرور سڻيو هوندو ۽ سڻي ڪري کيس بيحد اچرج ۽ ترپتي ٿي هوندي! جيئن منجري هن کي جهنگلي سوئر چيو هو، ان ڪري ڀوپي به هن کي ’واراهه‘ چوندو هو. پر آڙ- اوٽ ۾. وري مڇي، کٽن انبن يا ڪجهه ونگين وغيره کي هو شمار ۾ به ڪونه آڻيندو هو. هن خوب ڄاتو ٿئي ته ڪجهه لنگڙا انب يا بمبئيءَ يا ڪشن ڀوڳ انب، ڏهه – ويهه ليچيون يا ڪجهه ٻيو ڦل تن جي قيمت هن کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي. تنهنڪري هن ڪابه پرواهه نه ڪئي. پنهنجي روپ ۽ جواني جي باري ۾ هو ڪافي سجاڳ هو. +پر روپ جي ان ڪميءَ جي پورٽيءَ ۾ جيون هيڏانهن ولاسي ٿي پيو. گهر مان روپين جي طلب وڌندي ويس. جڳ ٻنڌو مهاشيه فڪرمند ٿيڻ لڳو. تڏهن به سڪيلڌي پٽ جي طلب کي هو سولائي سان ٽاري نٿي سگهيو. پيءَ کانسواءِ پنهنجي ماءُ کان به هو روپيه گهرائيندو رهندو هو؛ ضرورت جا سمورا روپيه پيءُ کان گهرائڻ جي کيس همٿ ئي نه ٿي ٿي. +جيون کي ان جي شڪوه- شڪايت ڪڏهن به نه رهي، اڄ به ڪانهي. +ٿئي به ڇو؟ جوانيءَ جو سپنو، نارءَ جي پريم جي چٽاڀيٽي، ان کان وڌيڪ موهيندڙ، ان کان وڌيڪ خواهش جي چيز جوانيءَ ۾ ٻي ڪهڙي ٿي ٿي سگهي؟ صرف جوانيءَ ۾ ئي ڇو، سڄي عمر جنهن ڪنهن ناريءَ کي پوري طرح جيتي پنهنجي جيون ۾ حاصل ڪيو آهي، ان کان وڌيڪ خوشنصيب ڪير آهي؟ منجري جي پريم جي شرط ۾ جيڪڏهن زمينداريءَ جي پئسي ڪوڏيءَ جو حصو به وڪامجي وڃيس ها ته به ڇا هو. پوءِ به کيس افسوس نه ٿئي ها. +اهوئي ٿئي ها شايد. پيءُ کان جڏهن پئسا نه ملندا هوس، تڏهن اُڌار وٺندو هو. هن جي روش مان ائين ئي ٿيو هو جو ماڻهن ۾ اها ڳالهه پکڙجي ويئي هئي، ته جيون دت اهڙو جهڙو نه آهي، مشهور ڌنوان جو پٽ آهي. سو کيس قرض ملڻ ۾ ڪائي دقت نه ٿيندي هئي. بنڪم ڏانهن هو نت نئي سوغات موڪليندو رهندو هو. +ڪانديءَ ۾ هو بابو جيءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويو هو. جتان لنگهندو دوڪاندار پڇندا- ”ڪيڏانهن. +خاص لال باغ جي سرهي ڪاندي ڳوٺ ۾ اميرن جي زماني جو ’جي‘ شبد اڃا به زنده هو. ڪمپنيءَ[1] جي زماني واري ’بابوُ��� ۾ ان ’جي‘ کي لڳائي ڪري مخاطب ڪرڻ ۾ ئي عزت سمجهي ويندي هئي. +جيون کلندو هو. +عثمان شيخ اتان جي سڀ کان وڏي پسارڪي دوڪان جو مالڪ هو. جيون هن کان ڪافي جمع ڪيو هو. هن کي هو چاچا جان چوندو هو. دوڪان ڏاڍو وڏو هو، ڪيتريون ته هنجون شاخون هيون. مڃارڪي، بوٽن جي، تماڪ جي اوڌر کاتي ۾ عثمان جيون جي ڪاڻ هڪ پنو کولي ڇڏيو هو. چاچا جان ماڻهوءِ جي شناس رکندو هو. ضرورت نه هوندي به چاچاجان جيون کي سڏائيندو- ”جيون، ٻڌ ته سهي پٽ!“ +”ڪهڙي ڳالهه آهي چاچا جان؟“ +”اڄ چئن پنجن ڏينهن کان تنهنجي تلاش ۾ آهيان. نئين سڳنڌ آندي اٿم. شهر ويو هوس (يعني مرشبد آباد) مهاجن ڏيکاري چيو- ”هيءَ خوشبو وٺ عثمان ميان. عطر مات آهي. راج ڀون ڪاڻ نيو وڃ. خريدي مون؛ راج ڀون ڪاڻ ورتم، ٽن زميندارن جي لاءِ ورتم، حاڪمن جي ڪاڻ به ورتم وري پوءِ مون چيو؛ ”ٻه شيشيون ٻيون به ڏئي ڇڏ. مون ڄاتو ٿي ته توکي ٻن جي گهرج پوندي. هڪ پنهنجي لاءِ ۽ هڪ...“ کلي ڪري چاچا جان چوندو.... ”۽ هڪ شيشي گهر جي واسطي. وٺي وڃ.“ +يڪدم ڪاغذ ۾ ويڙهي کيس ڏيندو. +”پر قيمت؟“ +”قيمت ملي ويندي، تون ان کي نيندو وڃ. مون لاءِ هاڻ رکڻ مشڪل آهي. ان وچ ۾ ڀوپي ٻه ڀيرا چڪر هڻي ويو آهي. هن کي وڪيل صاحب وٽ ان جي خوشبو ملي ويئي آهي. ٻه شيشيون گهرڻ لڳو. مون چيو: ”ڪونهن.“ چي: ”ضرور آهن؛ مان دوڪان جي تلاشي وٺندس. تو جيون ڪاڻ لڪائي رکيون آهن. ڏاڍي وڏي مشڪل سان لڪائي رکيون اٿم. کنيو وڃ. قيمت تنهنجي نالي لکي ڇڏيندس. ان جي ڳڻتي نه ڪر.“ +جيون رومال ۾ خوشبو وجهي ڇڏيندو. ڀوپيءَ جي سامهون وڃي رومال ڪڍي منهن اگهڻ لڳندو. ڀوپي حيران ٿي ويندو. سوال ڀري نظر سان ڏانهس تڪيندو رهندو. جيون تاڻي ويندو۽ کلڻ لڳندو. ڀوپيءَ جو سوال اهو هوندو ته ”منجريءَ جي ڪپڙن ۽ هن واراهه جي رومال ۾ هڪ ئي قسم جي مٺي خوشبو ڪٿان اچي ويئي؟“ +مگر ڀوپي ڪجهه اهڙو جهڙو ته هو ڪونه، ٻئي ڏينهن تي پنهنجي رومال ۾ ساڳي سڳنڌ ملي ڪري نڪرندو. جيون سوچڻ لڳندو ته ”هيءُ به ته ڪو اهڙو تهڙو ماڻهو نه آهي. عثمان جي دوڪان تان نه مليس، ته مرشد آباد مان گهرائي ورتي هوندائين.“ +ليڪن هاءِ، تڏهن کيس اها ٿوري ئي سمڪ هئي ته سندس سوغات ڏنل خوشبو انوکي ڍنگ سان ڀوپيءَ وٽ اچي پهتي آهي! +خير، وڃڻ ڏيوس. ان تي افسوس ڪهڙو ڪرڻو؟ اڄ کيس ڪنهن به ڳالهه جو ارمان ڪونهي. مذاق ڪندو آهي. پريم دراصل هڪ وقتي جنوني مرض آهي! نوجوان جيون کي به انهيءَ روڳ اچي ڳٿر کان جهليو هو. هن مقابلي ۾ هارائڻ جي انتها ٿيڻ کان هڪ پل اڳي به کيس اها خاطري هئي ته ”جيت سندس ئي هئي، اڻ ٽر هئي.“ سوچيو هئائين، ”هار جي امڪان ڪري ڀوپي جي منهن جو پنو لهي ويو آهي!“ +جيون جي شهه خرچي ڏسي ڪري ڀوپي بوس جي پريشاني ڪافي وڌي ويئي هئي. جڏهن ڪڏهن، حيلي بهاني جهڙپ ٿي ويندي هئن. جيون کي مزو ايندو هو. هو ڪسرتي ٻانهن جا ڏورا ڪڍي ڀوپيءَ جي سامهون ئي پردرشن ڪندو هو. مُدگر ته روز ڦيرائيندو ئي هو. رات جو به هم ڪلاسين سان شرط پڄائي پنجويهه- ٽيهه روٽيون کائي ويندو هو. هن جو ڪسرتي جسم ڏسي ڪري به ڀوپيءَ کي ڀو ٿيندو هو. جيون کلدو رهندو. جيت ضرور ٿيندي. ڌن جي شرط ۾ ته بازي پنهنجي ئي رهي، ٻل ۾ ته مقابلو ئي ڪهڙو آهي! سويمبر لاءِ ٻيو کپي ئي ڇا؟ +هاءِ هاءِ! ڙي انسان جي ٻٽاڪ! ۽ من به ماڻهوءَ جو عجيب ٿئي ٿو! خاص ڪري عورت جو من! ان من کي ڪوئي ڪيئن ٿو پائي سگهي، ڪوئي نٿو ڄاڻي! +اوچتو هڪ ڏينهن سندس اهو ڀرم به ٽٽي پيو. ڀوپي بوس سان چڱي لڙائي ٿي پيس ۽ ڌن- ٻل ۾ اڳرو هوندي به جيون دت جا سپنا چڪنا چور ٿي ويا. +هولي جو ڏينهن. +هڪ وڏي ٽوڪريءَ ۾ سوکڙي نيو جيون دت منجريءَ وٽ پهتو. ان وقت توڻي منجري جي بدن تي عنبير گلال جي ذري نشاني به ڪانه لڳي هئي. جيون جي اڇا هئي ته ”هنجي سهڻي مکڙي کي مان ئي پهرين رنگ سان لعل ڪندس.“ پر پهريائين ماڻهس سان ئي ملاقات ٿي ويس. ڀيٽا جي ٽو ڪري هنجي سامهون ئي رکي چيائين: ”اما موڪليو آهي. مون کان جو اوهان جي باري ۾ سڻي رکيو اٿائين.“ +منجري جي ماءُ ذرا گنڀير سڀاءُ جي استري آهي. جيون هن کي ٺيڪ سمجهي نه سگهيو هو. ڪهڙو نه کانئس ڊپ ٿيندو هوس ۽ هوءِ ڪا کيس چڱي به نه لڳندي هئي. +هن وراڻيو: نه ته هيءُ ڪا سٺي ڳالهه ڪانهي جيون‘. هن ٽوڪري کنئي ۽ ڇت تي هلي ويئي. هيٺ رهجي ويئي منجري، هن جي سڄي منهن تي، اکين ۾ نٺر اچرج کيلي رهيو هو. جيون کي اهو نٺر اچرج ڄڻڪ وڻندو هو ۽ ان نٺرتا ڪري اهو اچرج تهائين وڌيڪ مٺو لڳندو هو، ۽ ماٺيڻي نوع ۾ اهوکيس وڌيڪ ڇڪيندو رهندو هو. +هن کي اڪيلو ڏسي جيون کيسي مان گلال ڪڍيو ۽ چيائينس: ”اڄ گلال ته ضرور مکيندس.“ منجريءَ به کلي چيو: ”مان به عنبير وجهنديس، پسائي رکيو اٿم، ترسجو!“ +هوءَ ڊوڙي اندر ويئي. ٻئي هٿ پٺيان لڪائي موٽي. جيون کي سمڪ نه رهي. هن سندس سر تي ۽ منهن تي عنيبر مکي ڇڏيو. وري اچانڪ منجري جا ٻئي هٿ هن جي منهن ڏانهن وڌي ويا، ٻنهي هٿن جي ترين ۾ ڏامر ڀريل. +جيون پوئتي هٽڻ لڳو ۽ پٺ ڏيکاري دروازي ڏانهن ڀڳو؛ ’جهنگلي سوئر جيئان!‘ +دروازي تي ئي هو واگهه ۽ واگهه جي پٺيان پرجاپتي چترانن بنڪم‘ +واراهه ۽ واگهه جو گهنگهور مقابلو ٿيو. ڀڄندڙ جيون جي مضبوط جسم جو ڀوپيءَ بوس کي ٿيلهو لڳي ويو؛ بنڪم ايتري ۾ ٽپو ڏيئي هن ورانڊي ۾ وڃي ٿيو، جتي منجري بيٺي هئي. ڀوپيءَ جيون جو ڌڪو سنڀاليندي به سنڀالي نه سگهيو. ڌو زمين تي وڃي اُبتو ڪريو. ٽڪرائجي جيون ڇرڪي ڪري بيهي رهيو. چوٽ کيس به ڪا گهٽ نه آئي هئي، پر اوتري سهڻ جي سگهه هن ۾ هئي. پاڻ کي سنڀالي ڪري هو سچ پچ ئي، همدردي ڀرئي نوع ۾ ڀوپي بوس کي هٿ کان جهلي اٿارڻ لڳو. هن محسوس ڪيو اڻڄاڻائي ۾ چاهي ٿي هجي، پر چوڪ ته سندس کان ئي ٿي آهي. سو هن رڳو هٿ کان جهلي ئي کيس اٿاريو ئي نه، بلڪ ڏسڻ لڳو ته ڪٿي ڪا چوٽ ته ڪانه لڳي اٿس، ڏوهيءَ وانگر هن جي ڪپڙن تان ڌوڙ ڇنڊڻ لڳو. +ايترو جو موقعو ملي ويس، سو ڀوپيءَ ڇنل چمپل کي کڻي ڪري جيون جي خبر وٺڻ شروع ڪري ڇڏي. منهن تي، مٿي تي. پٺيءَ تي چمپلن جو وسڪارو ڪري ڏنائين. گاريون ڏيڻ لڳو: ”سوئر جا ٻچا، حرامزادا، الو!“ +بس پوءِ ڇا هو، مست هاٿيءَ وانگر جيون ڀوپيءَ تي ٽٽي پيو. ان ڏينهن هو نشي ۾ به هو. ڀنگ پيتي هئائين. ڪهڙي طرح ڪشتي ٿي، تنهنجي کيس سڌ نه رهي؛ مگر ڇاتيءَ تي سوار ٿي سموري شرير جي طاقت سان هن ڀوپيءَ جي نڪ تي ٺونشو وهائي ڪڍيو هو. ماريندي ئي ڏٺائين، هن جو نڪ ڦسي پيو آهي ۽ ساڻ ئي رت جي ڌارا وهي ڇٽڪي آهي. ڀوپيءَ جو نڪ رتورت ٿي پيو ۽ ڪرتي ڌوتيءَ ۾ به رت جا داغ لڳي ويس. بنڪم چيخ ڪئي: ’اڙي، اڙي، هيءُ ڇا ڪيو تو!‘ هڪ ٻيو به دردناڪ آواز هن جي ڪنن تائين پهتو، ”باپ ڙي باپ، خوني ڌاڙيل خون ڪري وڌو، خون!“ +ڇرڪي ڪري مست جيون آپي ۾ آيو. +ٺيڪ ته آهي! هيءُ مون ڇا ڪري وڌو! هن جي ڇاتيءَ تي ئي کيس محسوس ٿيو ته ڀوپي هوش ۾ نه آهي. کيس آفت جو خطرو ٿيو. علائقو ته اهو ڀوپيءَ جو آهي. ڏيوالئي زميندار جو نينگر. ڏاڍا هو ماڻهو خوفناڪ آهن. جنهنجا ڏند ۽ ننهن ٽٽل ڀڳل هوندا آهن، اهو ئي واگهه آدمخور هوندو آهي. وري منجريءَ جو دردناڪ رودن ٻڌي به هن جو سپنو ٽٽي پيو. کن ۾ اٿي کڙو ٿيو ۽ ڀڳو. ڀڳو سو ڀڳو. سڌو ��نهنجي گهر جي طرف. ڏهه ڪوهن جو مفاصلو. پر هو سڌي رستي ڪين موٽيو، رستي بي رستي، ميوراکشي جي ڪناري ڪناري ڀڳو، تيرهن چوڏهن ڪوهن جو پنڌ جهاڳي گهر ڀيڙو ٿيو. نديءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا ڌوتائين، گپ لڳائي رت جا داغ لڪائي، تڏهن گهر پهتو. +ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو جيڪو سپنو هو، رهجي ويو. رهجي ويو منجري جي موهه ۾ پوڻ سان. ان ڪري سڀني اميدن تي پاڻي ڦري ويس. +جڳهه ٻنڌو مهاشيه ۽ هن جي استري پنهنجي پٽ جي درگت ڏسي ڏڪي ويا. گهٻرائجي پڇيائون: ”ڇا ٿيو آهي؟ تون هن ريت ڇو ڀڄي آئين؟ ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ +جيون سر جهڪائي بيٺو رهيو. ورندي نه ڏنائين. +جڳ ٻنڌو جهڙي سخت ماڻهوءَ جي سامهون به هو اڏول رهيو، چاهي جيڪي به ٿئي، ’منجريءَ جو نالو ظاهر نه ڪبو‘ آخر ۾ هن ٻڌايو: ”هڪ اميرزادي مونکي چمپل سان ماريو هو، مون هن کان بدلو چڪايو آهي. مار هن کي سخت ڏني اٿم؛ اصل رتورت ڪري ڇڏيو مانس؛ ان ڪري ڀڄي آيس. اتي رهان ها، ته هو شايد منهنجو خون ڪرائي ڇڏي ها. هاڻ اتي نه ويندس، ٻئي ڪنهن هنڌ پڙهندس. سئوڙي يا بردوان جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندس. +نه:، هاڻ نه. +جڳ ٻنڌو مهاشيه چيو: ”هاڻ مان توکي ٻاهر ڪين موڪليندس. پنهنجي جيڪا خانداني وديا آهي، سائي پڙهه.“ +هن جو آواز ڪٺور هو، پر ڪومل. ان آوز سان جيون جا سمورا عضوا برف ٿي ويا. ياد اچي ويس. هيءُ اهو ئي نڙيءَ جو آواز آهي، جنهن آواز ۾ چيل جڳ ٻنڌوءَ مهاشيه جي ڪائي ڳالهه ٽاري نٿي سگهجي. ياد آيس، نوگرام جي بابوئن وٽ هڪ اناچاري بدچلن ۽ ويچاري ڪرڙوڊ ماڻهو جو علاج ڪندي ڪندي اچانڪ هڪ ڏينهن انهيءَ ڪنٺ سر سان علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري وڌائين. بابو صاحب شرابي هو، جڳ ٻنڌو مهاشيه کيس شراب ڇڏي ڏيڻ لاءِ چيو، مگر هن مهاشيه جي آگيا جو النگهن ڪيو هو. هو مريض وٽ ويو ۽ اها ڳالهه ڄاڻندي ئي هو اتان واپس هليو ويو. مٽ مائٽ کيس پرچائي ريبائي وٺي وڃڻ ڪاڻ آيا. هن ساڳئي ڪٺن- ڪومل سر ۾ چيو: ’نه‘ بس هڪ ننڍڙي ’نه‘ تي ئي اهي ماڻهو ڇرڪي ويا. هن ’نه‘ جي ’ها‘ وري ڪڏهن به نه ٿي سگهي. اڄوڪي اها ’نه‘ به ساڳي ئي ’نه‘ هئي. ان سان گڏ هن ٻيا به جيڪي شبد چيا، تن ۾ به ساڳي ڪوملتا ۽ ڪٺورتا هئي. +ڇرڪي ڪري کن ساعت لاءِ جيون پنهنجي پتا جي منهن ڏانهن نهاريو ۽ وري پنهنجو سر نمائي ڇڏيو هو. کيس هاڻ ذرو به شڪ نه رهيو هو ته ان ’نه‘ جي هاڻ ’ها‘ هر گز نه ٿي سگهندي. +جڳ ٻنڌو مهاشيه ٽپڻو کوليو. چي: ”وديا جي مهورت جي تاريخ طئي ڪنداسون.“ +[1] ايسٽ انڊيا ڪمپني. + + +[8] + +شڀ ڪم ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. وري نڪمن جي دلين ۾ برائين جا بي روڪ ٽوڪ اشارا هلندا رهن ٿا. ڦاڳڻ جي انت ۾ ئي جڳ ٻنڌو مهاشيه جيون کي وياڪرڻجو پهريون سبق ڏيئي ڇڏيو. آيورويد پنجون ويد آهي. چئن ئي ويدن جيئان اهو به خود پرجا پتيءَ جي رچان آهي. اهو به ديوڀاشا ۾ چيو ويو آهي؛ ديو ڀاشا ۾ لکيو ويو آهي. سو اول ديو ڀاشا تي اڌڪار ڪري وٺڻ لازمي آهي. ليڪن جيون کي وياڪرڻ ايترو پسند ڪين آيو؛ ”نره نروَ نراه“ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين رٽڻ ڪائي سولي ڳالهه ڪانهي. پر هڪ ڳالهه سٺي لڳيس. صبوح جو جڳ ٻنڌو مهاشيه جيئن بيمارن جي نبض جاچيندو هو، تيئن کيس ڀرسان ويهاريندو هو. آيورويد ڀون جون دوائون ٺاهڻ جو ٿورو ٿورو ڪم کيس ڏيندو هو. ٽاريون، ٻوٽيون، گل ڦل سڃاڻڻ جو کيس موقعو ڏيڻ لڳو. کيس سڀ کان سٺي لڳي نبض شناس! وچتر حيرت انگيز آهي هيءَ وديا! ڪويراج جي گهر جو سپاتر ٿيو، ڪشور اوسٿا ۾ ئي نبض جي پڇاڻ ٿوري گهڻي اچي ويئي هيس. تپ آهي يا نه، تپ لهي ويو يا نه، ايترو ته نبض ڏسي ڪري ٻڌائي وٺندو هو. جنهن ڏينهن ج�� ٻنڌو مهاشيه کيس نبض شناس جو پهريون سبق ڏنو، هو اچرج ۾ ٻڏي ويو. اڄ به اها گهٽنا ياد اٿس. +اشٽ يوتا کي پرڻام ڪري هن ٻڌايو هو. بيماريءَ جي نرنيه ڪاڻ سڀ کان اول ته تفصيل ۾ وڃجي، تهان پوءِ بيمار جي ڪمري جو بوءِ جو انڀئه ڪرڻ گهرجي پوءِ مٿي کان پيرن تائين بخار کي غور سان ڏسڻ گهرجي. ان بعد بيمار کان پڇڻ گهرجي ته کيس تڪليف ڪهڙي آهي. ان مان ئي. نتيجي تي پهچبو. پوءِ ظاهر تپاس جي پهرين ۽ مکيه ڳالهه ’نبض شناس.‘ پوءِ ڄڀ ڏسڻ گهرجي، پيشاب، ڪاڪوس گديا، هاضمو وغيره. نبض سڀ کان پهريائين. +”آدو سرويشو روگيشوناڙي جو ها گرسمڀوام، +پريکشانگ ڪاريٽيڊ وئدينگه پشچادرونگ چڪتسييت.“ +نبض جي پڇاڻ سڀ کان ڪٺن ڪم آهي. نهايت مشڪل. ڪوبه بيمار پيل اهي، روڳ ڀرشٽ ناڙي يا سوسٿ ناڙيل اهو سمجهڻ بيشڪ ڪٺن ڪم ڪونهي. مون غور ڪيو آهي، سو ته تون به ڏسين ٿو. +جڳ ٻنڌو مهاشيه کلي پيو. ستت ئي وري گنڀير ٿي چيائين: پر جنهن سمجهه سان بيماريءَ جو نرنيه، ان جي معياد جو نرنيه ۽ جيڪڏهن موت جي مرض ۾ مبتلا هجي ته مرڻ واري عرصي تائين نرنيه ڪري سگهجي ٿو، جو ڏاڍو سوکيم گيان وارو آهي؛ گيان ناهي، اهو ٻوڌ آهي: جنهن لاءِ سڀ کان پهرين گهرجي ڌيان يوگ. اسين جو اکيون ٻوٽي نبض ڏسون ٿا، ان جو اهو ئي مطلب آهي ته نب جي چال لاءِ ڌيان منگهن ٿي پوءِ ڪجهه نرنيه ڪريون ٿا. آسپاس جي ٻي ڪنهن به ڳالهه سان من جو هيءُ يوگ نشٽ نه ٿيڻ گهرجي. جيئن اِندرين جي اگوچر شڪتي ۽ رهسيه، جيڪو جڳت جي ڳوڙهي انتر ۾ هلي ۽ چمڪي رهيو آهي، اها شڪتي جهڙي طرح ڌيان يوگ سان يوگين ۾ لڪل روپ ۾ سمايل ٿئي ٿي، ٺيڪ ساڳي ريت آيورويد جو ڄاڻو جڏهن روڳيءَ جي ناڙي تپاسي ٿو، تڏهن اکين سان نه ڏسڻ ۾ ايندڙ ديهه جي اندر جي روڳ شڪتي ۽ ان جي ڪريا جو روپ آيور ويد جي ڄاڻو کي ڌيان يوگ دئاران ٺيڪ ٺيڪ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. وايو، ڪن ۽ پت: انهن ٽنهي مان جنهنجي يا جن جي بگڙجڻ سان بيمار جي رت جي دوري ۾ ڪريا ٿئي ٿي، نبض ۾ ان جي گتي يا رفتار ڇا آهي: اهو سڀ صحيح حساب وانگر بي کٽڪي ڄاڻي سگهجي ٿو ۽.... +جڳ ٻنڌو مهاشيه جو آواز گنڀير ٿي ويو. هن چيو: ”گيان يوگ سان، ناڙي گيان (نبض شناس) سان من جي ايڪاگرتا جيڪڏهن انڀئه ۾ بدلجي سگهي، ته سمجهي ويندين ته مرض جي اوٽ ۾ ڪوئي آهي يا نه آهي.“ +پٽ ڏانهن مهڙ ڪري هن چيو هو: منهنجو پتا جي چوندو هو ته هڪ سنياسي کيس ٻڌايو هو... هن سنياسي کيس نانگ ڏنگ جي دوا ٻڌائي هئي؛ چيو هئائين: ”نانگ جي ڏنگڻ سان جيڪو زهر چرهي ٿو، ان جي دوا آهي، پر جيڪو نانگ موت جو پروانو وٺي ٿو اچي، ان جي ڏنگ سان موت يقيني آهي، ان جي ڪائي دوا نٿي ٿي سگهي. ٺيڪ ساڳي طرح بيماري جي ته دوا آهي، علاج آهي، پر جيڪو مرض موت بڻجي ٿو اچي، ان جي نه ڪا دوا آهي، نڪو ڪوئي علاج. اسان ويڄ آهيون، علاج اسان جي آجيوڪا آهي، ان ڪري علاج ته ڪرڻو ئي پوي ٿو، پر ان جو ڪوئي نتيجو نٿو نڪري. ان نبض شناس دئاران ئي اهو ڄاتو وڃي ٿوته روڳ مقرر معياد اندر ئي ماٺ ٿي ويندو يا پڇاڙيءَ ۾ ڪال روڳيءَ کي پنهنجي منهن ۾ ڳڙڪائي ويندو.“ +جيون هڪ منو ٿي ٻڌي رهيو هو. ٻڌندي ٻڌندي سندس من جي دنيا ئي اُلٽ پلٽ ٿي ويئي. +تنهن زماني ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل جي پرئڪٽس خوب هلندي هئي. جيون جي نگاهه به هن تي ئي هئي. ڪرنڊيءَ جو ڪوٽ پئجامو، سوني زنجير، سفيد گهوڙو ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه، هن جي آمدني، دولت، عزت. انڪري ڊاڪٽري پڙهڻ ئي هن جو سپنو هو. پر ان ڳالهه کي هو قبول ڪندو آهي ته تنهن ڏينهن شاستر تتوَ جي چرچا ۾ اهي سموريون ڳالهيون هو وساري ويٺو هو. هن جي پتا، هن ج�� گوروءَ کيس هڪ انوکي گيان لوڪ جي سنگهه دئار تي آڻي کڙو ڪيو هو. چيو هئائين، ان جي اندر داخل ٿي سگهئين، ته امرت جو ڳجهه لهي ايندين. هن ڄڻڪ ان جي جهلڪ ئي پسي هئي. +سندس پتا چوندو هو: مان به مڃان هو ته ڪنهن شاستر کي ڄاڻڻ ۽ ان جو گيان اهي ٻئي جدا جدا ڳالهيون آهن. چي: پٽ، اسان جي شاستر ۾ لکيل آهي، گوروءَ جي ڪرپا ٿيڻ بنا گيان نٿو ملي؛ سکيا ٿي سگهي ٿي. رٽي سگهجي ٿو. پر اها سکيا جڏهن گيان ۾ بدلجي وڃي ٿي، تڏهن دنيا جي شڪل ئي پلٽجي وڃي ٿي. جيڪو اکين کان اگوچر (لڪل) آهي اهو پڌرو ٿي پوي ٿو، جنهن کي اسين ڇهي نٿا سگهون اهو انڀوتي (احساس) جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هيءَ نبض وديا جيڪر گيان ۾ رڱجي پوي ته تون زندگيءَ ۾ ئي موت جو انڀوَ ڪري سگهين ٿو. +اها سچي ڳالهه آهي. جيون دت اوچي آواز ۾ اعلان ڪري سگهي ٿو ته اهو سچ آهي، سچ آهي. +جيون جي هن لنبي عرصي ۾ ڪيترو ڪجهه ته ڏٺائين: ڌرتيءَ جي سرحد جمبو ديپ (ڀارت ورش) کان وڌي ڪري اولهه اڌ گول، اوڀر اڌ گول، اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب ائين پکڙجي ويئي. گذريل ايامن ۾ جنهن کي ماڻهن سچ سمجهي رکيو هو، سو ڪوڙ ثابت ٿيو. نئي سچ کي تسليم ڪرڻو پيو، پر اهو سچ ڪوڙ نه ٿيو. اهو ته سناٽن سچ آهي. +غوطا خورن (ٽوٻن) جي ڳالهه پڙهي اٿو. اهي سمنڊ جي اندر ويندا آهن. خاص طرح بڻيل پوشاڪ پهري سمنڊ جي اندر موتي چونڊڻ ويندا آهن. سمنڊ جي گرڀ جي شوڀا کان مگت ٿي ڪري ذرا ساعت لاءِ هو موتي چونڊڻ جي ڳالهه کي وساري ڇڏيندا آهن. ٺيڪ اُن ريت تنهن ڏينهن جيون دت سڀ ڪجهه وساري ويٺو هو: عزت، دولت، مان مرتبو: سڀ ڪجهه. انهي پرنگ هلندي جڳ ٻنڌو مهاشيه کيس هڪ ڪهاڻي سڻائي هئي. موت ڪير آهي؟ انهيءَ جي باري ۾ هئي ڪهاڻي. +جڳه ٻنڌو مهاشيه ڪٿا واچڪ جيئان ڳالهين ۾ ڀڙ هو. هن جي ڪامل ۽ حسن بيانيءَ جو جيون دت قائل ٿي چڪو هو. +هن چيو: مرض چاهي جيڪو هجي، موت جو ڇهاءُ ان ۾ ٿئي ٿو. مهاڀارت ۾ لکيل اهي: ”من جي آنند سان ڀڳوان پرجاپتيءَ سرشٽي شروع ڪئي.... رچنا ڪندو ئي ويو، هڪ جي بعد ٻي! هڪ کان هڪ عجيب ۽ انوکي.ان وقت پرٿويءَ تي هڪ ئي سرشٽي (ڪائنات) هئي، ان جي لئه يا سرشٽي تي مرتيو ڪونه هو. اهڙي حالت ۾ کيس الائي ڪنهن جي ڌيمي آواز جو پڙلاءُ ڪيئن پيو. دردناڪ آواز. هو ڄاڻڻ لاءِ اتاولو ٿيو. ايتري ۾ ڪا بانس هن جي نڪ ۾ گهڙي ويئي. هن پنهنجي ڪائنات ڏانهن نظر ڦيري. اڙي هيءُ ڇا! هن جي سرشٽيءَ جو هڪ وڏو سارو حصو زبون گندو، هڏائون پڃرو ۽ ٺوٺ بڻجي چڪو هو. ڌرتيءَ جي ڇاتي انيڪ جيون سان ڀريل هئي، پر ڇڙواڳ هوندي به جهڙا سرد آهه مثل اجهاميل ۽ وسائل. وري پيڙت پرٿوي درد وچان ڪراهي ۽ ٻاڏائي رهي هئي ۽ هوءَ بانس؟ اها بانس نڪري رهي هئي جهريل سرشٽيءَ جي ڳريل سڙيل ديهه مان.“ +پرجاپتي برهما سوچ ۾ پئجي ويو: ”ڇا ڪيو وڃي؟“ ڳل تي چنتا جون ريکائون نمودار ٿي آيون. يڪا يڪ سندس چهرو پاڻمرادو سخت ٿي ويو. پرسن مستڪ تي ڀرون تڻجي ويس. کلمک مهانڊي تي ناراضگي جي جهلڪ. ڄڻڪ شفاف نيري اڀ تي سرڳ لوڪ کان ڪڪر اچي مڙيا. ان سمي هن جي انگ مان ڇايا جهڙي ڪائي صورت ٻاهر نڪتي ۽ ان ڇايا ڌيري ڌيري ڪايا گره ڪئي: ڏسندي ڏسندي هٿ جوڙي هڪ نار نماڻي جي مورتي سندس سامهون اڀي ٿي بيٺي. ڳچيءَ ۽ ڪرائيءَ ۾ ڪمل ٻج جا ڳهڻا، پيلا وار، پيلا نيڻ ۽ پيلو رنگ، گيڙو وستر. ان ناري ورتيءَ کي نمسڪار ڪري ڀڳوان کان پڇيو: ”پتا، مان ڪير آهيان؟ منهنجو ڪرم ڪهڙو آهي؟ اوهان منهنجي رچنا ڇا لاءِ ڪئي؟“ +ڀڳوان پرجاپتيءَ چيو: ’تون منهنجي ڪنيا آهين، مرتيو[1] سرشٽيءَ ۾ سنگهار ڪاريه (مارڻ) جي ڪاڻ تنهنجي رچنا ٿي آهي. ��هو ئي تنهنجو ڪرم آهي.‘ +مرتيو کان ڇرڪ نڪري ويو. مرتيو يعني اها ناري مورتي. دردناڪ سر ۾ چيائين: ’پتا ٿي ڪري اوهان اهڙي سخت ۽ سنگدل واري ڪاريه ۾ مونکي مقرر ڪيو؟ اهو ڀلا ناريءَ جو ڪرم آهي؟ منهنجو ناري هردو، ناري ڌرم ان کي برداشت ڪيئن ڪندو؟‘ +ڀڳوان کلي چيو: ’مان ڇا ڪريان، ڪوئي اپاءُ ڪونهي. جڏهن رچنا مون ڪئي آهي، ته هاڻ اهو ئي ڪرم توکي ڪرڻو پوندو.‘ +مرتيو چيو ”پر مون کان اهو ٿيڻو نه آهي.“ +”ٿيڻو ئي پوندو.“ +مرتيو تپسيا شروع ڪئي. ڏاڍي ڪٺور تپسيا ڪئي. ڀڳوان آوي. چي ”ور گهر.“ +مرتيو ور گهريو: ”هن ڪٺور ڪرم کان مونکي مڪت ڪريو.“ +ڀڳوان موٽي ويو: ”اهو نه ٿيندو.“ +مرتوي ٻيهر تپسيا ڪئي، گذريل ڀيري کان به وڌيڪ ڪٺن تپسيا. +پرجاپتي وري آيو. مرتيو وري به ساڳيو وردان گهريو: ’پتا‘ هن نجس ڪرم کان مون کي مڪتي ڏيو. +پرجا پتي چپ بيٺو رهيو. ڪنڌ ڌوڻي ذهن نشين ڪيائين: ’اهو نٿو ٿي سگهي.‘ +پرجاپتي غائب ٿي ويو. +مرتيو ڪافي دير توڻي اڀ ڏانهن تڪيندي رهي. وري تپ ڪرڻ ويٺي. +هيءُ ٽيون ڀيرو تپ ۾ مگهن ٿي مرتيو. هن ڀيري جيڪا تپسيا هن ڪئي، ان کان ڪٺور تپسيا ڪڏهن ڪنهن ڪانه ڪئي. برهما کي وري اچڻو پيو. مرتيو وري به اهوئي وردان گهريو. هن جا چپ ور گهرندي ڏڪڻ لڳا. اکين ۾ لڙڪن جي لڙي وهي آئي. سيگهه ۾ ٻُڪ جهلي برهما ان ۾ لڙڪ ڀري ورتا. چي: ”ڌيءُ، تنهنجا لڙڪ پوندي ئي سرشٽي تباهه ٿي ويندي.“ +ڏسندي ئي ڏسندي انهن لڙڪن مان هڪ هڪ ڪري خوفناڪ شڪلين جو جنم ٿيو. ڀڳوان چيو: ”هيءُ روڳ آهن. هيءُ تنهنجي ئي رچنا آهي ۽ اهي تنهنجا ساٿي ٿي رهندا.“ +مرتيو چيو: ”پر ناري ٿي ڪري مان پتنيءَ جي بغل مان پتيءَ کي ڪيئن کڻي اينديس؟ ماءُ جي ڇاتيءَ مان الاد کي ڪيئن ڇننديس؟.... من هردي هيڻ ڪرم جو پاپ....“ +ٽوڪي ڪري ڀڳوان چيو: ”تون پاپ پچ کان پري آهين. توکي پاپ ڪين ڇهندو. ويتر هن جا ڪرم ڦل روڳ جي وسيلي توکي ڪوٺ ڪندا. انسان بدچلني، ويچار، ظلم ۽ پاپ جي روڳ جا شڪار ٿيندا رهندا ۽ تون پاڻ انهن کي ڏيندي رهندينءَ پيڙا کان مڪتي، جوالا کان شانتي، پراڻي کان نئون جنم.“ +”پر....“ وياڪل ٿي ڪري مرتيو چيو: ”شوڪ ٻڏل استري، پٽ، ماتا پتا ڦٿڪندا رهندا، ڇاتي پٽيندا رهندا، مٿو ڦوڙندا، اهي سمورا دردناڪ نظارا آئون ڪيئن ڏسي سگهندين؟“ +ڀڳوان چيس: ”ته وٺ، تون انڌين ٿينءَ. تنهنجي درشٽي نه رهي. توکي ڪجهه به ڏسڻو نه پوندو“ +مرتيوچيو : ”پر هنن جو اهو زارو زار روئڻ پٽڪو؟ ناري ڪنٺ جي دلسوز دانهن پڪار؟“ ڀڳوان چيو: +”تون ٻوڙي رهه. ڪو به آواز تنهنجي ڪنين نه پهچندو.“ +جڳ ٻنڌو مهاشيه چيو هو؛ ”هيءُ موت انڌو آهي، ٻوڙو آهي. هيءُ روڳ مرض ئي هن کي هٿ کان پڪڙي سدا ساڻ نيو هلن ٿا. ها، هن کي قبضي ۾ رکيو آهي، نيم ۽ڪال. جنهنجو وقت ڀرجي ٿو اچي، تنهن کي وڃڻو ئي پوي ٿو. اڪال مرتيو به ٿيندو آهي. انسان پنهنجي پاپ سان پنهنجي عمر گهٽائي ٿو ۽ بيوقتو ڪال کي نوتو ڏي ٿو. هيءُ جيڪو پنجونويد، اسان جو آيورويد آهي، ان جي شڪتي اها آهي جو جتي ڪال روڳ جو سهائڪ نه آهي، اتي هو انکي روڪي ٿو. اهڙي حالت ۾ روڳ واپس موٽي وڃي ٿو، ساڻ گڏ موت به موٽي وڃي ٿو. پر جڏهن وقت پورو ٿي وڃي ٿو، اتي روڳ جي حملي سان اڙيءَ جي رفتار ۾ جيڪي اهڃاڻ پروڙجن ٿا، ان مان پتو پوندو آهي ته هتي موت ڪال جي اشاري تي ئي آئي آهي. ايتريقدر جو نبض جاچي ايترو به چئي سگهجي ٿو ته ڪيتري دير، ڪيترا پل، ڪيترا ڏينهن، هفتا يا مهينا گذاري موت پنهنجو ڪم پورو ڪري وٺندو. +جڏهن اها ڳالهه هلي رهي هئي، گهرجي ڪنڊ ۾ هڪ ڪرڙيءَ جو آواز ٿيو هو. مٽيءَ تي آڱر جي ٺوڪ لڳائي ڪري جڳهه ٻنڌو مهاشيه چيو: ”هو ڏسي وٺ“. +اول ته جيون اهو سمجهيو ته بابا اهو چوڻ چاهي ٿو ته ڪرڙيءَ به ان ڳالهه جي تائيد ڪئي. پر نه. جيون ٽپ ڏيئي ڪري ڏٺو، ڪرڙيءَ جهپٽو ڏيئي هڪ پتنگ کي دٻائي ورتو. پتنگ ڦٿڪي رهيو آهي. +جڳ ٻنڌو مهاشيه ٻوليو: ”اُبتڙ حالت ۾ مثلاً ڪنهن کي خوامخواهه ۾ ڪنهن اچي دٻايو هجي يا ڪوئي ٻن سخت شين جي وچ ۾ دٻجي ويو، پيسجي ويو، اهڙي ۾ ان جي نبض ڏٺي وڃي ته ان ۾ زندگي جي چيخ صاف سمجهي سگهين ٿو، پڌري پٽ انڀئه ٿيندو، ڄڻڪ اکيئن پسجي رهيو هجي.“ +نبض – وگيان ۾ موت جي پڌرائي ڪرڻ جي سندس جيڪا پهرين ڄاڻ هئي، ان جي ڪهاڻي به جڳ ٻنڌو مهاشيه سڻائي هئي. چيو هئائين: ’گريش بابو جي ماءُ، اهو ئي نوگرام وارو گريش بابو، برسات ۾ هن جي ماءُ تلاوت جي گهاٽ تي ترڪي ڪري پيئي. ڪرندي ئي بيهوش ٿي ويئي. منهنجو پتا جي سرڳواس ٿي چڪو هو. منهنجو عمر تڏهن گهٽ هئي. مان ويس. نبض جاچي شڪي ٿيس. پر ٺيڪ ٺيڪ سمجهي نه سگهيس. مون ڏٺو، ڌڪ لڳڻ سان نبض جيئن گتي هيڻ ٿي ويندي آهي نه، تيئن ئي ٿي ويئي هئي. ان ۾ هروڀرو حالت روڪڻ کان ٻاهر ته نه ٿيندي آهي. تڏهن به ڪهڙو نه خطرناڪ شڪ جاڳيم. مون به کولي ڪري ئي چيو. هن حالت ۾ موت به ٿي سگهي ٿو، نه به ٿي سگهي ٿو. اوهان ڪنهن آزمود يگار ڪويراج کي ڏيکاري سگهو ٿا. سنجها جو جو پاروليا جو ٻڍو ڪويراج آيو. هن جاچ ڪئي ۽ چيو: ”ٽي ڏينهن ڪنهن ريت ڪٽجي وڃن ته سمجهو ڇوٽڪارو ٿيو. پر..... +هن وري به ناڙي جاچي. ڳچي ۽ ڪرائيءَ وٽ نبض کي پرکيائين. چي: ”بچي به وڃي ته هڪ سال جي اندر هن جو ديهانت ٿيندو ۽ ديهانت کان اڳي کيس بيحد پيڙا ڏسڻي پوندي، جتي اڄ ڌڪ لڳو اٿس. ان ڏينهن به ائين ئي محوسس ٿيندس، ڄڻڪ اڄ وري ڌڪ لڳو اٿس.“ +گريش بابو ٻئي ڏيهاڙي ئي ماءُ کي پالڪيءَ تي کڻائي گنگا جي ڪانري وٺي ويو. سڀني اهو ئي چاتو، هوءَ ٽن ڏينهن جي اندر ئي چالاڻو ڪري ويندي. ماءُ جي به ڏاڍي اڇا هئي ته گنگا جي ڪناري شرير تياڳي. پر اتي وڃي ڪري چوٿين ڏينهن ٻڍيءَ کي هوش آيو. هوري هوري هوءَ چڱي ڀلي ٿي اٿي. مرڻ ڪاڻ گنگا ڪناري وڃي وري واپس موٽي اچڻ جو نيم ڪونهي. اتي ئي رهجي ويئي: سال پوري ٿيڻ تي آيو. هڪ هفتو اڳي کيس ساڳئي هنڌ تي سور معلوم ٿيو، جتي ڌڪ لڳو هوس. اهو سور وڌندو ئي ويو. چوويهه ڪلاڪ سور وچان ڦٿڪي ڦٿڪي هوءَ بيهوش ٿي ويئي. ٻارهن ڪلاڪن بعد گذاري ويئي. +هيءُ منهنجو پهريون اکين ڏٺو تجربو آهي. پوءِ ته مون پاڻ به گهڻوئي ڏٺو. تون به ڏسندين. اِها هروڀرو سمجهائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ان جي وياکيا ڪرڻ بيڪار آهي. اها پاڻ ميسر ڪرڻ جي سگهه ۽ قسمت تي مدار رکي ٿي. جيڪڏهن تنهنجي اهڙي قسمت آهي، اهڙي شڪتي جيڪر تون پيدا ڪري سگهين ته تون به اهو سمجهي سگهندين. +[1] هندي ۾ ’مرتيو‘ جنس مونث آهي. بينگاليءَ ۾ ’مرتيو‘ جنس مونث آهي. + + +[9] + +اچانڪ اڄ جيون مهاشيه پنهنجي نبض پڪڙي ڪيتري دير آهي اڃا؟ ڪيترو پري؟ ڪافي دير نبض جهلي ويٺو رهيو. پر ڪٿي، ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي. ڪيڏانهن ويئي انڀئه جي اها شڪتي؟ هن نوجوان ڊاڪٽر جي حملي سان ڇا هو اندر ئي اندر بيوس ٿي ويو؟ +’اهو ڇا ٿي رهيو آهي؟ پاڻ پنهنجي نبض ڏسي رهيو آهين؟ عطر ڪڙڪو ڪري پڇيو. +ڊاڪٽر پنهنجي ناڙي ڇڏي ڏني. عطر اچي سهڙي اچڻو ئي هوس. سڄي ڄمار اهو ئي نيم رهيو اٿس، کائي پي سڀني کي کارائي پيئاري هوءَ هٿ ۾ پنکو کڻي سندس بستري جي ڀرسان اچي ويهندو آهي. پان زردو (تماڪ) چٻاڙيندي آهي ۽ پنکو لوڏيندي آهي. ڪافور جي واس ڏنل پاڻيءَ جو گلاس وهاڻي وٽ رکي ڇڏيندي آهي. هٿ سان شيوا ڪندي آهي ۽ وات سان دل کي چوٽ پهچائڻ واريون پر مٺيون ڳالهيون ڪندي ويندي آهي. سڌو مڙس کي ڪجهه نه چوندي آهي اڪثر پنهنجي نصيب کي لوئيندي رهندي آهي. لازمي طور هن کي الزام نٿو ڏيئي سگهجي. جيون مهاشيه جيڪڏهن ٽوڪيندو ته چوندي: ”مان توکي ته ڪجهه چوان نٿي، پنهنجي نصيب کي ٿي ڪٽيان، تون ڇو ٿو بڙ بڙ ڪرين؟“ +ڪيترا ڏينهن اڳي جي ڳالهه آهي، هڪ لڱا هن جي صبر جو پيالو ٽٽي پيو هو. هن چيو هو: ”ايشور تنهنجي نصيب کي مون سان جو ٻڌي ڇڏيو آهي، چوٽ ڪرڻ سان مونکي ئي لڳي ٿي!“ +عطر ڳچي ٽيڙهي ڪري ترڇي نطر سان ڏسي رڪي پڇيو هو ”توکي چوٽ لڳي ٿي؟“ +”ها توکي پتو نٿو پوي؟“ +عطر پٿر سان پنهنجي ڳل کي ڦوڙيندي رتورت ڪري ڇڏيو ۽ پڇيو ”ڪٿي ٿي لڳي، ڪٿي، ڪٿي؟“ +مٿئين واقعي کان پوءِ جيئن ئي ڏاڪڻ تي پيرن جي آهٽ ٿيندي آهي، جيون مهاشيه اکيون ٻوٽي سمهڻ جو بهانو ڪري پيو رهندو آهي. اڄ پراڻين ڳالهين جي ياد ۾ ايترو غرق ٿي ويو هو جو آهٽ به سڻي نه سگهيو. +عطر وري پڇيو ”طبيعت ٺيڪ آهي نه؟“ +جيون مهاشيه ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. چوڻ چاهيان ”جي- سگهو نه آهي.“ پر ائين ٿو چوي ته عطر ٻائي جي مورتي ٻيو ئي سروپ ڌارڻ ڪندي. هن کي ٻالڪ جيئان بيوس بڻائي شيوا چاڪريءَ سان نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيندي. +ڪيترائي ڀيرا جيون مهاشيه جي من ۾ آيو ته هيءَ عطر ئي هن جي زندگيءَ ۾ نقلي ويس ڌاريل موت آهي. سندس پتا به چوندو هو ۽ هن پاڻ به پنهنجي لنبي عرصي واري ڊاڪٽري آزمودي مان پرايو هو ته مرتيو نقاب پوش ٿيندو آهي. پريان کان ان کي سڃاڻڻ مشڪل آهي. انکي ڏسي ڪري خوف ضرور ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته هو ڦٿڪائيندڙ ۽ چيچلائيندڙ بيمارين جي پٺيان ايندو آهي، جيئن ويساکي واچوڙي جي پوئتان وسڪارو ايندو آهي. بيماري زندگيءَ جي جلائيندي تڙڦائيندي ويندي آهي ۽ مرتيو بارش بڻجي جلن ۽ تڙڦ کي ٿڌو ڪري ڇڏيندو، هميشه واسطي ساڻو ڪري ڇڏيندو آهي. ٺيڪ اهڙي ئي آهي عطر. جيستوڻي هوءَ پري رهندي آهي، ڀينڪر لڳندي آهي. ڳوڙها بند ٿيندي هنن جون ٻرندڙ ڳالهيون روڳ جي جلن جهڙيون ئي ٻرندڙ ٿينديون آهن. پر..... +نه، عطر هن جي زندگي ۾ محض هڪ مرض آهي. مرتيو آهي، حقيقت ۾ هوءَ منجري. عمر رهندي زندگيءَ ۾ ڪيرموت کي حاصل نٿو ڪري سگهي. ان ڪري هو منجريءَ کي به حاصل ڪين ڪري سگهيو. مرتيو وچ وچ ۾ دوکو ڏيئي ويندو آهي، اچي اچي موٽي ويندو آهي، پڪڙ ۾ نٿو اچڻ چاهي. هو پنهنجي حملي جي نشاني ڇڏي ويندو آهي، ڪيترائي ڀيرا نه ڇٽڻ واري بيماري ڇڏي ويندو اهي. منجري به هن کي دوکو ڏيئي هلي ويئي آهي، روڳ روپڻي عطر کي مٿس مڙهي ويئي آهي. +جيون مهاشيه چپ چاپ سرد آهه ڀري. هنجي سوال جو جواب ڏي، سوچي ڪين سگهيو. هن جي ان ماٺ تي عطر ويتر ڏمرجي ويئي. من ئي من ۾ جيون مهاشيه چوندو ”عطر جو غصو مليريا جي ٽيمپريچر وانگر چڙهي ٿو، ڏسندي ئي ڏسندي هڪ سو پنج ڊگريون.“ +حقيقت ۾ هوءَ هن جي زندگيءَ جو موسمي بخار ئي آهي، گهم ٿي؛ جتي ذرا بدپرهيزي ٿي ته ظاهر ٿي پيو. بدپرهيزي نه به ٿئي پر پونم اماس ٿي ٽپي ڪري درش ڏيڻ ضرور آهي. +اڄ ته ڪمبخت ششي کيس پنهنجي سچي روپ ۾ جاڳائي ويو آهي. عطر ششي کي مڃيندي به آهي. ششي هن گهر ۾ ڪافي ڏينهن تائين رهي چڪو آهي، عطر جا ننڍا وڏا حڪم بجا آڻيندو رهيو آهي، ٻارن کي ڀنڀلائيندو ڌتاريندو رهيو آهي. هتان هليو نه ويو آهي، پر ناتو ڪين ٽوڙي ويو آهي. جڏهن ڪڏهن ايندو رهندو آهي. جيون مهاشيه چوندو رهندو آهي: ”هيءُ ششي جيڪو آهي، سو آهي مليريا جو جيوڙو، ان جو چڪ پيو ته مليريا جاڳي.“ +عطر ٻائي تپي چيو: ”مان پڇان ٿي، منهنجي ڳالهه جي ورندي ڏيندي به آخر سمجهڻ ۾ اٽڪل ٿي پويئه؟“ +هن ڀيري جيون مهاشيه به سڌو سوال ڪيو: ”ٻڌاءِ ته. ششي توکي ڇا چئي ويو آهي؟“ +”ششي؟ ششي ڇا چئي ويندو مونکي؟ هيءُ ڇار اڇلائن جو ڀڳل ڇڄ! ڪائي ڳالهه هجي، ششي اچي ٽپڪيو. ڪنهن کي سڌ نه آهي ته تو لوهار ٻڍيءَ جي موت جو اعلان ڪيو آهي؟ ڪنهن کان اها ڳالهه لڪل رهجي ويئي آهي ته سرڪاري ڊاڪٽر سڀ جي سامهون تنهنجو اپمان ڪيو آهي! چيو اٿس، اهڙو اعلان نه ڪندو ڪري. هو درخواست موڪلڻ وارو آهي، مقدمو دائر ڪرڻ وارو آهي. ويچاري ششيءَ ته ايترو ئي چيو آهي، ته جڏهن هن جي ٽنگ ڀڳي آهي، ته موت جي پڌرائي نه ڪري ها، ته ڇا ٿئي ها. آخرت جا روڳي ٿيندا ضرور آهن. اتي پاس ڪيل ڊاڪٽرن جو عقل جواب ڏيئي ويندو آهي. خود ششيءَ جو ئي مريض آهي، ڊاڪٽرن کان ڪجهه نه ٿي سگهيو. ششي توکي ڪوٺڻ آيو هو. ان تي اهڙي تهمت ڇو؟“ +ٻڍو جيون مهاشيه چپ ئي رهيو. چوي به ڇا. زمانو بدلجي ويو آهي. طبي علم ڪافي ترقي ڪري چڪو آهي. هو ئي پٺتي رهجي ويو آهي. نه ته، گذريل ڏينهن جي علاج جي حساب سان هن ڪو غلط ڪين چيو. ٻڍيءَ کي مرڻ ئي گهرجي. هن ڌڪ سان ته موڪلاڻيءَ جي ئي نوبت اچڻ گهرجي. ها وڍ- ڪٽ جي اڄڪلهه وڏي ترقي ٿي آهي، ايڪس-ري جي ايجاد ٿي آهي. اهي ڳالهيون اڻ ڄاتل ڪونهن، پر اهي خرچائو وڌيڪ آهن. +ڪفايتي ڪونهن، تنهن ڪري ان لاءِ هن سوچيو ئي ڪونه. وري هن وقت ٻڍڙيءَ جو چالاڻو ڪرڻ ئي بهتر آهي، راڄ ڀاڳ ماڻي سڀني جي هٿن ۾ ساسين سکالي ٿيندي. پتا جي چوندو هو..... +پتا جي ڇا چوندو هو، انهن ڳالهين کي ياد ڪرڻ جو موقعو ڪين مليو. ٻاهران ڪنهن آواز ڏنس. ”ڊاڪٽر صاحب!“ +ڊاڪٽر کان ڇرڪ نڪري ويو. عطر ٻائي به دنگ رهجي ويئي. هيءُ ته نوگرام جي ڪشور جو آواز آهي. ٻنهي جا چهرا کن ۾ ٽڙي پيا. ڪشور! ڪشور جو اچڻ اهڙو ئي آهي جهڙو برسات جي ڪٺن رات بعد سرءُ جي سهاوڻي پرڀات جو اچڻ ٿيندو آهي. عمر ۾ پڪو ٿيڻ کان پوءِ به ڪشور، هميشه کان ڪشور ئي رهجي ويو آهي. ٻال برهمچاري ڪشور اوڻويهه سو ستيتاليهه تائين راڄنيتي ڪم ڪندڙ ۽ سماج سيوڪ هو. هينئر هن اهو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو آهي. هوميوپٿي علاج ڪندو ٿو وتي. پر جيئن ته پراڻي عادت اٿس، ان ڪري ماڻهن جو ڪڇ اپڪار ڪرڻ بنا رهيو به نٿو ٿئيس ۽ مانهو به کيس ڇڏين نٿا. هيءُ ڪشور جيون ڊاڪٽر جي جيون جو هڪ اڌياءِ آهي. هن جي جيون ۾ ڪشور هڪ مکيه آستان بڻائي ڇڏيو آهي. +”ڊاڪٽر صاحب!“ ڪشور جو وري آواز آيو. +”جواب ته ڏي! هن کي اچڻ لاءِ چئو!“ عطر بود ۾ ڀرجي جهڻڪيو. پر هن پتيءَ لاءِ نه ترسي ۽ هيٺ لهي ڪري چيو- ”اچ ڪشور، اچ.“ +ٿلهي کاڌي جي ڌوتي، اڌ ٻانهن وارو ڪرتو، ان تي هڪ چادر. اهائي ڪشور جي سدا کان پوشاڪ رهي آهي. سدا بهار، کلمک، سانتيڪو ۽ موچارو آدمي. جيڪا به پوشاڪ هجي، هن کي خوب ٺهڪندي آهي. سگهارو بدن، اورچ، سرل اُجرو من، هن جي اندر گهڙندي ئي گهر ٻهڪي اٿندو آهي. هو ايندي ئي زمين تي ويهي رهيو ۽ بنا ڪنهن مهاڳ جي چيائين ”اوهان کي ذرا ٻاهر هلڻو پوندو.“ +عطر هڪ آسڻ وڇائي ڏنس. ”هن تي ويهه. زمين تي ڪيئن ويٺو آهين!“ +کلي ڪري ڊاڪٽر ٻوليو ”مهاراجا اشوڪ زمين تي ويهي راجا ٿيو هو. ڪشور راجا چاهي نه ٿئي، منسٽر ضرور ٿيندو! ڪيئن ڪشور؟“ +ڪشور هٿ جوڙي ڪري چيو ”ان کان ته هن عمر ۾ به مونکي وهانءُ ڪرڻ قبول آهي ڊاڪٽر صاحب. ڇنڇر جو گرهه اچي، سو به منظور. خير، اوهان کي پر جلد ئي هلڻو آهي.“ آخري لفظن ۾ هن جي آواز مان اتاوليائي ظاهر ٿي. هن آگاهه ڪري ڇڏيو ته کل چرچي جي نوع ۾ هينئر هو نه آهي. +”نيٺ به ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“ +”منهنجي ڳوٺ. رتن بابو هيڊ ماستر جي پٽ و پن جي طبيعت خراب آهي. اوڏانهن ئي اوهان کي هلڻو پوندو.“ +ڊاڪٽر اچرج ۾ پئجي ويو. اهڙي درڍ چريتر وارو ماڻهو ملڻ مشڪل آهي. پٽ به پيءُ جو سپوت آهي. سٺي سڀاو وارو آهي. ناميارو وڪيل آهي. رت داٻ جي بيماري ۾ ورهين کان مبتلا آهي. هيڏانهن بيماري ڪجهه وڌي ويئي اٿس، سو علاج ڪاڻ ڪلڪتي ويو هو. اتان دوا دارون وٺي موٽيو آهي. آرام وٺي رهيو آهي. آرام ئي ان روڳ جو علاج آهي. نوگرام جو ڊاڪٽر هريندر ان سلسلي ۾ ساڻس گڏ ڪلڪتي ويو هو. علاج جو جيڪو طريقو سمجهي ٻجهي آيو آهي ان پٽاندڙ علاج هلي رهيو آهي. ڊاڪٽر سوچيو ”اهڙي ڪهڙي ڳالهه اچي بڻي آهي جو ڪشور مون کي ڪوٺڻ آيو آهي؟“ +ڪشور چيو ”هلو رستي ۾ سڀ ٿو ٻڌايانوَ.“ +رستي ۾ ويندي ويندي ڪشور روڳ جون سڀ ڳالهيون سڻايون. +”رت جو داٻ گهٽائڻ جي خيال کان ڪلڪتي جي وڏي ڊاڪٽر رت ڪڍيو هو. پيشاب جي نليءَ ۾ به خرابي هئي. اڄڪلهه گلوڪوس جي سئي ئي مکيه علاج آهي. ساڻ ۾ ڪي ٻيون به دوائون آهن. ان کان ته وپن بابوُ ڪلڪتي ۾ ئي چڱو هو. ان ڪري موٽي به آيو. ڊاڪٽر هريندر ڀروسو ڏنو هوس ۽ وڏي ڊاڪٽر به موٽي وڃڻ جي راءِ ڏني هئي. پر هينئر مرض اوچتو ڄڻڪ اچي پرگهٽ ٿيو آهي. هڪ عجيب علامت ڏيکائي ڏني آهي، اها آهي هڏڪي. پنج ڏينهن ٿيا آهن، هڏڪي ساڳي پيئي هلي، اسپتال جي پرديوت ڊاڪٽر کي به گهرايو ويو هو، پر ڦڪين فرق نه ڪيو. هڪ ئي سٺو اهڃاڻ اڃان تائين آهي جو ناڙي يا دل جي ڌڪ ڌڪ تي ڪوبه اثر نه ٿيو آهي. پر ٿيڻ ۾ دير به ڪهڙي لڳي ٿي؟ ڪالهه مون هو ميوپيٿي دوا ڏني هئي. ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. ان ڪري اوهان کي ڪوٺڻ آيو آهيان.“ +ڊاڪٽر پرديوت جي نالي کان جيون مهاشيه ڪجهه خبردار ٿي ويو. چي، ”اسپتال جو ڊاڪٽر اڃا به علاج ڪري رهيو آهي؟ هو به اتي هوندو ڇا؟ وري هريندر؟ ڇا هن جي راءِ ورتي ويئي آهي؟“ +ڪشور ڏانهنس نهاريندي چيو ”مون پرديوت واري ڳالهه سڻي آهي. هونئن ته هو آدمي برو ڪونهي، مون کي ته چڱو ئي لڳندو آهي. پر اوچتو ئي اهڙي بدفضيلت..... +”اِها فضليت- بدفضيلت جي ڳالهه ڪانهي ڪشور! اها ڳالهه آهي سچ ۽ ڪوڙ جي. جيڪڏهن پرديوت جو اهڙو ئي وشواس هجي ته نبض ڏسي ڪري مان جنهن ڍنگ سان علاج ڪريان ٿو، اها غلطي آهي، ڪوڙ آهي، ته هو مون کي گارين سان ڌڪاري سگهي ٿو. خير. ان کي اتي ئي رهڻ ڏي. هينئر مان جيڪي پڇڻ چاهيانٿو، ان جو جواب ڏي.“ ايترو چئي ڊاڪٽر جا پير راهه ۾ رڪجي ويا. +ڪشور حيرت وچان ڊاڪٽر ڏانهن نهاريو ڊاڪٽر چيو ”ڪشور مون کي صاف صاف ٻڌاءِ. تون سڀني جي راءِ صلاح وٺي ڪري ئي مون کي سڏڻ آيو آهين؟ يا پنهنجي من سان آيو آهين؟ ڇو ته ائين اچڻ جو مرض به توکي آهي. گنجي کوپڙي واري لاءِ اها ڳالهه شوڀاڏئي ٿي، تنهنجي لاءِ به اها ڳالهه سونهي ٿي. جيڪي ٻين جي ڀلائي ڪندا رهن ٿا، تن کي ٻين جي گهر جي قاعدي قانونن کي پلٽي ڇڏڻ جو به حق آهي. +ڪشور ذرا کلي ڪري چيو ”زندگيءَ جي آخرين ڏينهن ۾ اوهان اهڙو ٿا مان ڪريو ڊاڪٽر صاحب! هيترو اڀمان!“ +”ها ڪشور، ڪيو اٿم ۽ ان کي هاڻ ٽوڙي به نٿو سگهان.“ +”ڊاڪٽر صاحب، اوهان کي مان ئي ڪوٺڻ ڪونه آيو آهيان. مريض جي پتا اوهان کي سڏايو آهي، رتن بابو سڏايو آهي! هن چيو، ’جيون ڊاڪٽر هڪوار ناڙي ڏسي وٺي ته مان نشچنت ٿي سگهان، گهٽ ۾ گهٽ هن مصيبت جي چوٽ کان راحت ته ملي. جيون ڊاڪٽر بلڪل ٺيڪ چئي ڏيندو.“ +يعني موت جي ڳالهه! +جيون مهاشيه گهٻرائجي ويو. رتن بابو سندس هم عمر آهي. صرف ٻه سال ننڍو. کانئس هڪ درجو گهٽ پڙهندو هو. جنهن سال جيون مهاشيه ڀوپي بوس جو نڪ ڀڃي ڪانديءَ مان ڀڳو هو، رتن ساڳئي سال ايم-اي (M.A) جي امتحان ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪري ڪانديءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو هو. رتن کي اينٽرنس جي امتحان ۾ به اسڪالرشپ ملي هئي. سدا کان ڳنڀير رهندو آيو هو. صبر وارو آدمي، ۽ انهيءَ رتن ائين چيو هو؟ چيائين ته، ’جيو ناڙي ڏسي ته ڳڻتي کان ڇوٽڪارو ملي! هو سڀ ٺيڪ چئي ڏيندو.‘ +ڇو نه ائين چوندو رتن‘ جيون ڊاڪٽر ٽي مهينا موت کان اڳي پنهنجي پٽ جي موت جي اڳڪٿي ڪئي هئي. پوءِ رتن ائين ڇو نه چوي؟ +ائين ته رتن بابو ڪومل ڪنٺ سان ئي ورجايو هو، پر ڪومل هوندي به ڪنٺ ڪنبيو ڪونه. پڇيائين، ”ڇا خيال آهي؟ ڇا ڏسي رهيو آهين؟“ +جيون هٿ ڌوئي ڪري بيٺي بيٺي ٻڌايو، ”هن هڏڪي جي ڳڻتي نه ڪر، هيءَ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ويندي رهندي.“ +اسي جي ڄمار هوندي به رتن بابو جو شرير سڌو سنواٽو آهي، ذرو به نه جهڪيو آهي. اهڙو ڊگهو به گهڻو نه آهي ۽ بدن ۾ به بيشڪ ڀريل ڪونهي. ته به ڪجهه جهڪڻ گهرجي ها، سو ڪين جهڪيو آهي. نظر ڌنڌلي ضرور ٿي ويئي اٿس، پر اسٿر ۽ خشڪ آهي. پاڻي جلدي نه وهندو اٿس. جڏهن ٽيهن جو هو پتني چالاڻو ڪري ويس. خود رسوئي ٺاهيندو رهيو ۽ ٻالڪ جي پالنا ڪندو رهيو. آدرش وادي آهي ۽ نيتيءَ جو پوڄاري. رتن بابو ذرا کلي ڪري چيو ”پر منهنجو اهو ته سوال ڪونهي. مون جيڪي چيو آهي، سو تو سمجهيو آهي؟“ +”سمجهيو اٿم، پر....“ +”تو کان ’پر‘ جي اميد نٿو ڪريان. جيئن ته تون صاف صاف ٻڌائي ڏيندو آهين، ان ڪري منهنجو توتي ايترو زور آهي.“ +ڊاڪٽر زمين ڏانهن تڪيندو رهيو. +”جيون؟“ رتن بابو هوريان سڏ ڪيو. +؟مان سوچي رهيو آهيان.“ +”منهنجي لاءِ؟ منهنجي لاءِ نه سوچ، ’يَسيه ڇايا مرتنگ يَسيه مرتيو‘ هتي ته مڙيو ئي پرم آنند آهي.“ +ڊاڪٽر ڇرڪي ويو. گذريل ڏينهن جون سڀ يادگيريون ڄڻڪ هڪ پل ۾ ولوڙجي اٿيون. نبض- گيان ڏيندڙ سندس گورو به ته ائين ئي چوندو ڪندو هو: ”جيون ۽ مرتيو؟ يسيه ڇايا مرتنگ يسيه مرتيو..... اهو ئي ته آنند سروپ آهي!“ اهو چوندي چوندي جڳت مهاشيه سونگهي کنئي هئي، جيون ڊاڪٽر کي اڄ به اها ڳالهه ياد آهي. الائي سونگهي مان چپٽي ڏيڻ سان يا دل جي جزبي وچان، جيئن به هو، هن جو آواز ڳورو ٿي ويو هو ۽ ان ڀاري آواز ۾ ڳالهين جي پڙاڏي سان جيون ڊاڪٽر جي دل برساتي بادلن جي گرج سان جيئن ڌرتي جي حالت ٿيندي آهي، هڪ آنند دائڪ انڀوتي سان نهال ٿي ويو هو. هن چيو هو: ”پٽ، هن ۾ ٻيئي تتو ٿيندا آهن، هيءُ لوڪ ۽ پرلوڪ، ٻيئي. جيڪو پرماند سروپ آهي، اسان جو ماڌو اهو ئي آهي.... پنهنجو اشٽ ديوتا.“ +’ڌيان يوگ ۾ پهتل ڪوئي معالج يا ويڄ جڏهن ڳوڙهي ايڪاگرتا سان ناڙيءَ جي پرک ڪندو آهي، تڏهن زندگي ۽ موت جي لڙائي وڇوڙي جو اَنت آڻڻ واري نه لڳندي آهي، لڳندي آهي ته هيءَ وشو برمهانڊ جي دائمي ليلا آهي ۽ تڏهين سولائي سان اهو ٻڌائي سگهبو آهي ته سنجها جي ويل اچي ويئي آهي. سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ جو آنند هيڪڙو ئي آهي، جدا ناهي.‘ +رتن بابو ڄڻڪ هن جي طرف ئي تڪيندي ڪڇ انتظار ڪري رهيو هو. هن پڪاريو ”جيون؟“ +جيون سجاڳ ٿيو. رتن بابو جو چهرو ڏسي ڏڪي ويو. چي: ’رتن، اڃا ته ڪو اهڙو اهڃاڻ ڏسڻ نٿو اچيم، پر..... +پر ڇا؟ ٻڌاءِ هٻڪ ڇاجي؟“ رتن بابو کليو، نهايت دردناڪ ۽ پرسوز مشڪ ۾. ان مشڪ جي سامهون بيهي سگهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اک سان اک ملائي ڪري سکڻو دلاسو ڏيئي نٿو سگهجي. سر نمائي ڳالهه ڪرڻي پوي ٿي. +جيون ڊاڪٽر هن کي ڪوڙ نٿي ٻڌائڻ چاهيو. سچ ئي ٻڌائڻ جو ارادو هوس، شايد ان ڪري هن پنهنجو سر ڪين نوايو. چي: ”هيءَ بيماري اچانڪ دم ٽوڙ ٿي پوندي آهي. هيءَ هوري هوري به ڪانه وڌندي آهي ۽ هن جي وڌڻ جو ليکو به مطلب کان پري هوندو آهي. ڪهڙي به چوٽ جو بهانو مليو، اها چوٽ چاهي ڏينهنڪ هجي، چاهي مهيني کان، ته هيءُ سروناش جي ڏيوڙيءَ تي پهچائڻ ۾ دير نٿي ڪري.“ +”اها مون کي پروڙ آهي.“ +”پوءِ ته مهنجي چوڻ لاءِ باقي ڪڇ نٿو رهي. بيماري پنهنجي مڪمل حالت ۾ آهي. ته به ڪو اهڙو اهڃاڻ نٿو ڏسڻ ۾ اچيم جو مان لاعلاج چوان. ڪٺن علاج ضرور آهي. لاعلاج مان مور نه چوندس. ها، ان مرض جي فطرت اهڙي ئي آهي جو ڪنهن به ويل لاعلاج ٿي سگهي ٿو. ڀڳوان جي ڪرپا ۽ ان ڪرپا جا اوهان ٻيئي پيءُ پٽ حقدار آهيو.“ +”حقدار؟ ان ديا تي به ڪنهن جو اڌڪار آهي جيون؟“ +جيون ماٺ ۾ ئي رهيو. ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهيو. +رتن بابو چيو ”خير هن هڏڪيءَ کي ته تون روڪي وٺ.“ +”منهنجي دوا سان ڊاڪٽر کي اعتراض ته نه ٿيندو؟ ايلوپئٿي ۾ ان جي جيڪا دوا ٿي سگهي ٿي، تنهنجي باري ۾ کانئس وڌيڪ ڄاڻو ته مان ڪونه آهيان. مان ان جي دوا ڏيندس پنهنجي ريت پٽاندڙ.“ +ڊاڪٽر هريندر ڀرسان بيٺو هو. هن چيو: ”جيڪڏهن اسان دوا ڏينداسون، ته اوهان کي ته اعتراض ڪونه ٿيندو؟ ضرورت ٿيندي ته اسان هڪ اڌ سئي هڻنداسون گلوڪوس ڏينداسون ۽ خاص ڪري سئي لڳائڻ بنا هن کي ننڊ نٿي اچي. وري جي ڪڏهن داٻ وڌي وڃي، ته ڪڇ نه ڪڇ ڏيڻو ضرور ئي پوندو. هڪ ڳالهه ٻي...“ +هريندر رڪجي ويو. هزار ڪڇ هجي، نيٺ هريندر ان ڳوٺ جو ئي ٿيو. جيون ڊاڪٽر کي هو وڏي شرڌا سان ڏسندو آهي، هن جي ڪيترا ڀيرا دوا کاڌي اٿائين اڄ به بعضي بعضي بيمار کي چوندو آهي ته ڀائي، ”ان جي لاءِ جيون مهاشيه وٽ وڃ. هن جي دوا مان وڌيڪ فائدو ٿيندو.“ +ان ڏينهن آخرت جي باري ۾ پرديوت ڊاڪٽر کي هن چاهي جيڪي ڪڇ به چيو هو، پر جيون مهاشيه جيڪر ناڙي ڏسي ڪري روڳ جو نرنيه ڪري ڏي ۽ پيشاب- ٽوري جي جاچ تپاس ڪرڻ بنا ئي هو هن جي هدايت پٽاندڙ علاج جاري رکي سگهي ٿو. ان ڪري چوڻ ۾ کيس هٻڪ پئي ٿي. +”اوهان کي ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي.... ته به...“ هن معافي ورتي ۽ کلي پيو. باقي ڳالهه ڪانه چيائين. +جيون ڊاڪٽر بي صبر ٿي پيو. کيس ڊاڪٽر پرديوت جو چهرو ياد آيو. ٻئي نئي يگ جا آهن؛ لڳ ڀڳ هڪڙي ئي وقت ٻنهي ڄڻن ڊاڪٽري پاس ڪئي آهي. جيئن ته ڏينهن کان سڃاتل ڄاتل آهي، انڪري پرديوت وانگر ملامت چاهي نه ڪري سگهي، اپديش جي بهاني ڌڪار وجهي سگهي ٿو. اڌير ٿي ڪري جيون مهاشيه چيو: ”چوڻ جي ضرورت آهي هريندر. جيڪي چوڻو هجيئي، صاف صاف چئو.“ +هريندڙ ڪڇ سوچيو، وري سنڀالي ڪري چيائين، ”اسان هارٽ ۽ ڪڊني جو خيال رکيو آهي ۽ ان جي دوا ئي ڏيئي رهيا آهين. آفيم واري دوا سان هڏڪي رڪجي سگهي ٿي، پر بيمار جي هارٽ کي ڏسندي ان جو استعمال ڪين ڪيو اٿئون. نسخو ته اوهان ڏٺو ئي آهي.“ +”مان جيڪا دوا ڏيندس، ان سان دل تي ڪوبه برو اثر ڪونه پوندو. خاطر جمع رک، مان ڪائي آفيم واري دوا ڪانه ڏيندس.“ + + +[10] + +ڊاڪٽر ذرا تکي وک وڌائيندو پئي ويو. من ۾ ڄڻڪ ٽانڊا ٻري رهيا هئس. ڪهڙي دوا ڏيڻي آهي، طئي ڪري چڪو هو. دوا کي هو خود پنهنجي هٿن سان تيار ڪندو هڪ مشقي يوگ. ڪيترين ديسي شين جو بڻيل. پر ماڻهن کي ٻڌائيندو ڪونه دوا آهي ڪهڙي؟ جيڪي شيون سنسار ۾ سلڀ ٿينديون آهن، انهن تي ماڻهن جي دل ڄمائي نه ٿيندي آهي. سو هرگز ڪين ٻڌائيندو. رڳو هڪ ڏينهن ۾ ئي مريض جي هڏڪي بند ڪري کين ڏيکاري ڇڏيندو ته وٽس عجيب علاج ۽ انوکي اوشڌي آهي. راهه هلندي هلندي اوچتو وري هٽڪي بيٺو. هڪ ڀيرو ستاب کي ڏسي اچجي. پر هاڻ موٽڻو پوندو. من جي الجهن ۾ الجهيل هو ستاب جي گهر واري گهٽي پوئتي ڇڏي آيو هو. رهي به، ٻڍي جو ت�� اڄ ضرور لهي ويو هوندو. شايد اڪيلو ئي شطرنج وڇائي ڪري مُهرا هلائي رهيو هوندو. سڀاڻي صبوح جو ڏٺو ويندو. هلي ڪري سيگهه ۾ دوائي تيار ڪري وٺان. +”اڙي، جيون مهاشيه آهي ڇا؟ او جيون مهاشيه!“ ڀر واري گهٽيءَ مان ڪنهن زناني آواز ۾ پڪاريو. ”ذرا ٻڌو ته سهين، ترسجو.“ +جيونمهاشيه رڪجي ويو. گهٽيءَ مان هڪ ڪرڙوڊ وڌوا نڪري ڪري آئي. هوءَ هئي نشي ٺڪرائڻ. ڳوٺ ۾ مشهور. اڄڪلهه جا ڇوڪرا لڪي ڇپي ڪري کيس چوندا آهن ”مسز شريف آف نوگرام“ ڳوٺ ۾ سندس رعب داٻ گهڻو آهي. +ايندي ئي هن پڇيو، ”ها، هن کي، يعني رتن بابو جي نينگر کي ڏسي آئين؟ ڪيئن آهي هو؟“ +جيون مهاشيه چڪر ۾ پيو. آواز مان هن کي نشي ٺڪرائڻ جو انومان ئي نه ٿي سگهيو هو. ٿيڻ گهربو هو. پر، جيئن ته هن گهٽي ۾ اهڙي اختياري واري واڻيءَ ۾ پوڪاري ڪير ٿي سگهي؟ هوءَ پنهنجي ورانڊي ۾ ويهي رهندي ۽ جڏهن جنهن کي وڻندس سڏ ڪري من جي پڇندي پڇائيندي. جيون ڊاڪٽر مختصر ۾ چيو: ”هن کي بيماري ڏاڍي ڏکي آهي، پر نااميدي جهڙي ڪانهي. چڱو، مان هلان. دوا ڏيڻي آهي.“ +”اوهان کي گهوڙو هجي ها ته الائي ڇا ڪريو ها اوهان! ٿورو ترسو کڻي.“ +”دوا ڏيڻي پوندي.“ +”مان سمجهان ٿي. ساڻ ۾ آدمي به انڪري کنيو اٿو. اي ڀائي، تون وڌي وڃ. ڊاڪٽر صاحب اجهو آيو! منهنجي امروٽ جي ڌيءَ بيمار آهي. هن جي پيٽ جي بيماري وڃي ئي نٿي. هڪوار هن کي ڏسي وڃو. اڄڪلهه جي هنن ڊاڪٽرن جي چپيٽ ۾ اچي ڪري هيترو سارو ناڻو خرچ ڪيوسين، پر نتيجو ڪوبه ڪونه نڪتو. اڄڪلهه اوهان ته ان طرف اچو ئي ڪونه، اسان ماڻهن کي هڪوار ڇڏي ئي ڏنو اٿو. نيهار... اڙي نيهار.... ”پڪارڻ جي ضرورت ڪانهي، هل ته ڏسي ئي اچان.“ +مهاشيه جي اندر ويندي ئي نشيءَ ڄڻڪ هن جي راهه روڪيندي پڇيو ”مون کي ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايو، رت ماستر جو پٽ چڱو ڀلو ٿيندو يا مري ويندو؟“ +نشيءَ جي ڳالهه تي جيون مهاشيه کي ڪو اچرج نه لڳو. هن جي عادت ئي اها آهي. دنيا ڀرجي ڳجهين ڳالهين جو منجهه هن کي ڪڍڻو ئي آهي. صرف پتو ڪڍڻ سان ئي هن کي سنتوش نه ملندو آهي، سڀني هنڌ ڳالهه کي وائکي ڪري ئي هن کي سک ملندو آهي. +مهاشيه ڳنڀير ٿي چيو: ”مون توکان ڪجهه به لڪائي نه چيو آهي نشي. نبض مان آئون ڪجهه به نه سمجهي سگهيو آهيان.“ +”سمجهي نه سگهيا! اوهان ٿيا جيون مهاشيه، اوهان سمجهي نه سگهو، اهو به ممڪن آهي ڀلا! ماڻهو چون ٿا، جيون مهاشيه جي نبض پڪڙيندي ئي موت جي بيماري پنهنجي مرڻ جي پير سان آهٽ ڪري بتائيندي آهي. اوهان لڪائي رهيا آهيو.“ +هينئر ڊاڪٽر جا ڀرون تڻجي ويا. نشي پڇڻ کان ته باز آئي، پر کيس ڊپ ڪين ٿيو. چي: ”سمجهي ويس. ٿيو اهو ئي آهي. اڙي او نيهار، ڪيڏانهن ٿي وڃين تون؟“ +’ڇا آهي پڦي! نيهار ڪمري جي اندران ئي ورندي ڏني. هن دروازو کولي ٻاهر ليئو پاتو. ليئي پائڻ سان ئي جيون مهاشيه کي آچار جي بوءِ آئي. هوءَ اندر لڪي ڪري کٽاڻ کائي رهي هئي. ’هيءَ‘ گرڀ جي بيماريءَ جي هڪ نشاني آهي. بيماري هاڻ لاعلاج ٿي چڪي آهي، نه ته هاڃيڪار شين جو هيئن چشڪو ڇو لڳي؟‘ +هوءَ نينگري ٻاهر آئي. +سنهڙي ڏٻري، اڀريل هڏيون، مرجهايل بانسي عطسي گل جهڙي رنگ واري هڪ ڪشوري. سينڌ ۾ سنڌر! ڪشوري هئي، پر ٻار جي ماءُ ٿي چڪي آهي. +جيون مهاشيه کان ڇرڪ نڪري ويو. سڄي شرير تي ڄڻڪ پاڇو پئجي ويو اٿس. +نشيءَ چيو: ’گرڀڻي ٿي آهي. ٻه ٻار اٿس. برو حال ٿيندس.‘ نشيءَ ڊگهو ساهه کنيو ۽ روئي پيئي. +”ٻه ٻار اٿس؟ ڪيتري ڄمار اهي هن جي؟ +چوڏهن؟ ڊاڪٽر اچرج وچان پڇيو. +نشيءَ اکيون اگهي ڇڏيون. چي؛ ’ٻارهن سالن جي عمر م پهريون ٻار ٿيو اٿس ۽ جيڪو هنج ۾ اٿس، سو چوڏهن سالن ۾. چنڊ جهڙو ٻچڙو اٿس، ڇا ٻڌايانوَ، ڏسي ڪري اندر جهڄي ٿو.“ +’چند ڇا جو، بم آهي بم، پنهنجي ماءُ کي کائڻ آيو آهي. هي پيءُ جي سراسر زيادتي آهي.‘ جيون مهاشيه جو سڄو هردو پڄري ويو. اهڙن ظالمن کي سزا به نٿي ملي؟ ڊاڪٽر ٿڌو ساهه کنيو. هن جي پتا چيو هو: ’پٽ، جڏهن مريض کي ڏسين ته ڪهڙي به سببان هن تي ڪاوڙ يا ڌڪار نه ڇنڊج. ائين ڪرڻ واجب ناهي.’ هو چوندو هو: ’ان ۾ ماڻهوءَ جو پنهنجو به ڪهڙو وس ٿو هلي، انسان ته رانديڪو آهي.‘ +جيون مهاشيه جو ايلوپئٿي جو گورو ڊاڪٽر رنگ لعل چوندو هو: ’انسان بنهه بيوس ٿئي ٿو. هن ۾ ڪام، ڪروڌ ۽ لوڀ ته پسونءَ جو ٿيندو آهي، پر سرير ۾ پسونءَ جو ٻل نه ٿيندو اٿس. ان تي ڪاوڙ متان ڪرين، ائين ڪاوڙ ڪري سگهين ٿو، غصي ٿيڻ جو توکي حق آهي، پر اهڙي حالت ۾ علاج جو پيشو اختيار نٿو ڪري سگهين.‘ +ڊگهو ساهه کينچي ڊاڪٽر چيو: ’نيٺ هيترن ڏينهن تائين تون ڪري ڇا رهي هئين؟‘ +”هي – هو ڪجهه نه ڪري رهي هئي. وري گرڀ ته ٿيندو ئي آهي، ههڙو حال ٿي ويندو، مون ڪٿي ٿي ڄاتو! هيڏانهن ڪيترن ڏينهن لاڪر نوَن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريندي رهي. هيءُ ته الائي ڇا ڇا بڪندا ٿا وتن. خرچ جي هيڏي ساري فهرست! ايترو خرچ ڪٿان پورت ڪريان؟‘ +’هون.‘ ڊاڪٽر چپ رهيو. +پر نشيءَ جي ڳالهه اڃا پوري نه ٿي هئي؛ ’جڙي- جنتر، ديوتا جو پرساد، گهڻو ڪجهه ڪري چڪي آهيان.’ +اهو ته ڊاڪٽر ڏسي ڪري ئي تاڻي ويو هو. ڳچيءَ ۾ تعويذن ۽ سڳن جو گند. ڪرائيءَ تي ٻڌل هو ڪپڙي جو جنتر. ’پر ڪري ڇا؟ ڇا ڪري ڊاڪٽر؟ هڪ وئديڪ دوا آهي، سوچڪا ڀرڻ!‘ +’کارائي سگهندينءَ نشي؟ پاڻي پيائرڻ جي ان ۾ بلڪل منع آهي!‘ +”پاڻي پيئارڻ منع آهي؟“ نشي ڇرڪي ويئي: ’چئو ڇا پيا توهان؟‘ +’ها، پاڻي پيئارڻ منع آهي. وري به هڪ ڀيرو نبض ڏسان ٻچي.‘ +موت جي مريض ٻچي منهن ۾ ڪپڙو وجهي کلڻ لڳي؛ ’ٻن – ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان مان ٻچي آهيان!‘ +ڊاڪٽر به مشڪيو ۽هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو. زهر ئي هڪ ماتر دوا رهجي ويئي. نگري مرض لاءِ زهريلي دوا، ترياق. نبض ۾ هن کي پيرن جي آهٽ ملي رهي آهي. +نشيءَ ڪوڙ ڪين ٻوليو هو. موت جي پيرن جي جيڪر هن ديش جي استرين جهڙي آهٽ هجي ته ڊاڪٽر کي هن جي ڇمڪ ٻڌڻ ۾ اچي. ماڻهو چوندا آهن، نيٺ ڊاڪٽر جو پتا ڪهڙو نه هو، ڪهڙي نه هئي هن جي سکيا! هن جو پتا سندس گرو به هو ناڙي پريکيا جي وديا ۾ پر ٻيڻ. ديکشا جو ڏينهن، وياڪرڻ جو پاٺ پڙهائڻ کانپوءِ ٻيو ڏينهن، جنهن ڏينهن ناڙي- وديا جو مهورت ٿيو، ڏاڍو شڀ ڏينهن هو. ويساکه جي اکشيه ٽيج هئي. +هن ٻڍاپي ۾ به کيس اهي ڳالهيون ڪالهه جهڙيون ڀاسي رهيون هيون. صاف ياد اچي رهيون هئس. سڀ واٽ ويندي هو سڀ سوچيندو پئي هليو. +* * * * +ڊاڪٽر هڏڪي جي دوا تيار ڪئي. پُرزي تي کارائڻ جي ترتيب لکي ڪري ساڻ آيل آدميءَ کي ڏنائين ۽ آيورويد- ڀون جي ورانڊي ۾ ويهي ڪري هن ڊگهو ساهه کنيو. کيس نشي ٺڪرائڻ جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. نوڪر اندر ناريل کڻي ڪري اچي بيٺو. +ڊاڪٽر هن جي چهري ڏانهن ڏٺو. هو رتن بابو جي پٽ جي هڏڪي جي سوچي رهيو هو: ’سڀاڻي صبوح توڻي هڏڪي شايد بند ٿي وڃي. هڏڪي بند ٿيندي. پوءِ ڊاڪٽر پرديوت ڇا چوندو؟‘ +’تماڪ پيئو. ماتا جي چوي ٿي، چانهه جو پاڻي ٽهڪي رهيو آهي.‘ +مطلب اهو ته عطر اندر پهچڻ جو نياپو موڪليو آهي. ڊاڪٽر ناريل کي هٿن ۾ ورتو. چي: ’نه ٿي سگهي ته، چانهه تون هتي ئي کڻي اچ؛ اٿڻ تي اڃا من نٿو ڪري.’ +’آخر هيئن کلئي هنڌ ويٺا رهندا. اڀ جهڙالو آهي، الائي ڪنهن وقت مينهن اچي وسي.‘ +ڊاڪٽر اڀ ڏانهن مٿي نهاريو. ساوڻ جي آسمان ۾ ڇڊن ڪڪرن جي هڪ تهه جي هيٺان هڪ ڪارو ڪڪر ڦيرا پائي رهيو آهي، هڪ اچي ٿو، ته ٻيو وڃي ٿو.‘ +اِندر وري به بيٺو رهيو. ڊاڪٽر کي ياد اچي ويو. هو هر روز جي سودي واسطي پئسن جو انتظار ڪري رهيو آهي. +دستور اهو آهي ته ڊاڪٽر جيئن مريض ڏسي موٽندو آهي، ته اپت جي سموري رقم عطر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهي. اڄڪلهه ته ڌنڌو لڳ ڀڳ ڇڏي ئي ڏنو اٿائين. ڪڏهن اهڙو به هو جو ڏيهاڙي پنجويهه- ٽيهه روپيه ڪمائي گهر ايندو هو. هاڻ ڪڏهن ته چار روپيه، ڪڏهن ڇهه ۽ ڪڏهن ٻه ئي. ڪنهن- ڪنهن ڏينهن ته گراهڪ ئي نه ايندو ۽ ڪڏهن پري کان ڪوئي سڏ ٿيندو به ته ڊاڪٽر وڃڻ کان نابري واريندو. اڄ ڊاڪٽر عطر کي روپيه ڪونه ڏنا هئا. پراني شيخ وٽان موٽڻ کانپوءِ کائي- پي چڪڻ بعد عطر سان ڊاڪٽر جي جهڙپ ٿي ويئي هئي. تهان پوءِ ڪشور اچي رتن بابو وٽ ڪوٺي ويس. ان وچ ۾ هن ڪرتو لاهي ڇڏيو هو. اگهاڙي بدن ويٺو هو. هن ڪرتو اِندر کي ڏيئي ڇڏيو. چي، ’کيسي ۾ روپيه آهن.‘ +’چار روپيه آهن.‘ +’عطر کي وڃي ڪري ڏي. مون کي هاڻ تنگ نه ڪج.‘ +’چلم ٺاهي رکي وڃان؟‘ +’رکي وڃ. پر تون وڃ. تون ڏاڍي بڪ بڪ ٿو ڪرين.‘ +هيتريون سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر آسمان ڏانهن تڪي ڪري رهيو هو. اکين سان پسي رهيو هو بادل، ڪن هئا اندر جي ڳالهين تي، رکي رکي وات سان ورندي به ڏيندو پئي ويو، پر هن جي من ۾ ولوڙا وجهي رهي هئي، وپن جي هڏڪي، ڊاڪٽر پرديوت جي ڳالهه، نشي جي ڳالهه: ’ماڻهو چون ٿا، جيون ڊاڪٽر نبض پڪڙي ٿو ته موت پيرن جي آهٽ سان بتائي ٿو. ڪهڙو نه هو سندس پتا، ڪهڙي نه هئي هن جي وديا!‘ +* * * +اُن ڏينهن ويساکه جي اکشيه ٽيج هئي. پٽ جي ديکشا لاءِ انهيءَ شڀ ڏينهن کي جڳت مهاشيه طئي ڪيو هو. تنهن ڏينهن هڪ ايڪانت واري ڪمري ۾ پٽ کي ويهاري هن جي چيتنا کي هن تيز فهم ڪرڻ چاهيو هو. گهر ۾ سڀني کي چتائي ڇڏيو هئائين، ’خبردار، هن کي سڏي ڪري ڪير به رڪاوٽ نه وجهي.‘ +جيون نبض پڇاڻ مان ٿورو گهڻو واقف هو. ويڄ جي گهر جو هوئڻهار سپوت. ننڍپڻ ۾ راند روند ۾ سٿين سرتن جي نبض ڏسندو هو، ڌوڙ مٽيءَ جون پڙيون ٺاهي دوا ڏيندو هو. جيون جي ماءُ به نبض ڏسڻ ڄاڻندي هئي، نبض شناس جي باريڪيءَ جو پهريون سبق پاڙهي، مرتيو جي ڪهاڻي سڻائي پڻهس تنهن ڏينهن جي بيمارن جي ناڙي پاڻ جاچي ڪري کيس چيو: ’وٺ، هنن جي ناڙي ڏس.“ +بيمارن جا نسخا لکي ڪري دوا- وڀاڳ ڏانهن موڪلي جيون کي هن نبض جي خاصيت ٻڌائي. جڳت مهاشيه جي سکيا جو طريقو ان قسم جو هو. +آيورويد- ڀون جو ڪم ڪار ختم ڪري هو پٽ کي ڪيترن بيمارن جي گهر ساڻ وٺي ويو. موٽندي رستي ۾ ٻڌايائين: ’پٽ، جيڪي ويڄ طبيب نبض شناس ۾ ماهر ٿي ٿا وڃن، موت کي انهن سان صلح ڪرڻو پوي ٿو. جتي مرتيو جو اڌڪار هوندو آهي، اتي ته هو رستي تان هٽي وڃڻ لاءِ چوندو آهي. چوندو آهي، ’اهو منهنوج اڌڪار آهي.‘ ۽ جتي سندس اڌڪار نه آهي ۽ هو غلطي وچان ليئو پائيندو آهي، اتي ويڄ چئي ڏيندو آهي، ’يمراج! اڃا وقت نه آيو آهي، توکي موٽي وڃڻو پوندو.‘ +’ڪارڻ اهو آهي ته هن درجي جا جيڪي ويڄ يا حاذق ٿين ٿا، تن کان نڪي مرض جي پڇاڻ ۾ چوڪ ٿيندي آهي، نه علاج طئه ڪرڻ ۾. مرتيو جيئن اچوڪ ٿيندو آهي، پنجين ويد آيورويد جي سرشٽا (رچيندڙ) برهما جو بڻايل ڀيشج (دروا) ۽ اڻ جي شڪتي به ساڳي ريت وئرٿ نه ويندي آهي. جنهن برهما جي ڀرون تاڻي ڪٺور درشٽيءَ مان مرتيو جو جنم ٿيو آهي، انهي برهمان جي پرسن درشٽيءَ مان ڀيشج جي سرشٽي ٿي آهي. اها شاستر برهما دکش پرجاپتيءَ کي ڏنو هو، دکش کان اهو اشوني ڪمارن (سورهيه پترن) کي مليو، اشوني ڪمارن کان پراپت ڪيو اندر ديوتا ۽ اندر ڏنو ڌنونتري کي. هتي آيورويد جا ٻه ڀاڱا ٿيا. ڌنوتريءَ کي شليه- چڪستا (وڍ ڪٽ يا سرجري) جو ڀاڳه مليو هو، بعد ۾ حاصل ڪيو پنروَ سو ۽ اَتريه. تنهن بعد ان کي اگني ويش حاصل ڪيو. آچاريه اگني ويش اگني ويش سنها‘ (آيورويدڪ گرنٿ) جي رچنا ڪئي. انهيءَ ’سنهتا‘ مان ”چُرڪ سنهتا“ بڻي. پنچ ند (پنجاب) پرديش جي مها پنڊت چرڪ نئين سر ان ’سنهت‘ جو سنسڪار ڪيو هو. چرڪ چرنجيو (امر) بڻيو.‘ پيءُ پٽ ڳالهيون ڪندا رستي تان وڃي رهيا هئا. ٻئي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيا هئا. عام طور جڳت مهاشيه گاڏيءَ يا پالڪي کي ڪم ۾ ڪين آڻيندو هو. گهڻو پريان ويندو هو ته ڍڳي گاڏيءَ ۽ تڪڙو وڃڻو هجيس ته کٽولي کي ڪتب آڻيندو هو. ان ڏينهن هن پٽ کي هڪ روڳڻي ڏيکاري هئي، ٺيڪ جهڙي اڄوڪي ٺڪرائڻ جي ڀائٽي هئي. هوبهو اهڙي ئي. ڪشوري؛ گهڻي ۾ گهڻو هوندي ته سورهن ورهين جي. هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، ٽيون ٻار ٿيڻ وارو هوس. +ان ڏينهن هلندي هلندي جڳت مهاشيه بتايو هو: ’شاستر ۾ مقرر ٿيل عمر جو ذڪر آهي. پر ڪرم ڦل ۾ اها عمر گهٽجي وڌجي ٿي. انسان ويچار ڪري مرتيو کي نوٽو ٿو ڏي. اهڙن موقعن تي اها ئي ڪار ٿيندي آهي، ته به....“ +جڳت مهاشيه چپ ٿي ويو. شايد هن جي من ۾ شڪ جاڳيو هو. ذرا ساعت چپ رهي چيو هئائين: ’ڪڏهن ڪڏهن شاستر جي ڳالهه تي شنڪا ٿي اٿي جيون. اسان جي شاسترن جو چوڻ آهي ته پتيءَ جي پاپ ۾ پتني حصيدار ناهي. پر هيءُ جيڪي ڪجهه تو ڏٺو، تنهن کي اسين ڇا چئو؟ مڙس جي بري لڇڻ جو نتيجو هيءَ ويچاري ڀوڳي رهي آهي، انهيءَ سبب هن کي اڪال – ڪال جوگره ٿيڻو پوندو. +وري کن ترسي چيائين ’شايد هجي ته اهو هن ڇوڪريءَ جي پورب جنم جو ڪرم ڦل هجي، ان جي ڪارڻ ئي هيءَ گهٽ عمر پائي پيدا ٿي. پر اهو به ڪير چئي؟‘ +تنهن ڏينهن جيون مهاشيه به انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪيو هو. من ئي من ۾ هن پنهنجي ڀاڳيه وڌاتا کي پرڻام ڪيو هو جو هن کيس بچائي ورتو هو. ’منجري هئي ته خاصي تندرست، پر ٻارهن ئي سالن جي ته هئي. ڪير ٿو چئي سگهي ته هن جي به اهائي گت نه ٿئي ها؟‘ +هڪ ڊگهو ساهه ڇڪي ٻڍي جيون مهاشيه اڄ وري آسمان ڏانهن تڪيو. هن جي چپن تي هڪ عجيب مشڪ نمودار ٿي ويئي. پنهنجي سونهاريءَ تي هٿ ڦيريائين. آڪاش ۾ شفق جي الاڻ ڏيکائي ڏني. دور دور پکڙيل بادلن جا تهه به لعل ٿي رهيا هئا، هيٺ ٻگهه پکين جي قطار اڏامي رهي هئي. اوچتو هن جي نگاهه پيئي، چانهه جو ڪٽورو سامهون ڍڪيل رکيو آهي. الائي ڪيتري دير کان اندر رکي ويو آهي. ماضي ۾ محو رهڻ سبب چانهه جي ياد به نه آيس. اِندر ورجهايو ضرور هوندو، هن ياد ڏيارڻ جي ڪوشش به ضرور ڪئي هوندي، پر هن کي ياد نه اچي رهيو آهي. اڄ چانهه رهجي ويئي. +گذريل ڳالهين کي سوچڻ ۽ ياد ڪرڻ جو به هڪ نشو ٿيندو آهي. ڏاڍو سهڻو هوندو آهي ان جو روپ ۽ سلسلو. نظر پئجي وڃي ته اک هٽڻ جي نه ڪندي. خاص ڪري هن وقت جتي جي ڳالهه ياد آياس. اها جڳهه جھڻڪ آڪاس جي هن لعل سنجها جهڙي ئي گهاٽي ڳاڙهي هجي. +رستي تي منجريءَ کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ هو ڀاڳيه وڌاتا کي ڌنيواد ڏيندو آيو ۽ گهر اچڻ سان ئي ڏٺائين... +وري هو مشڪيو. ڪيترائي ڀيرا ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريائين. ها، ڪرم جي چڪر (ڦيري) سان جن چر جي رچنا ڪئي، اهي جهڙا چڪري آهن، تهڙائي زنده دل به آهن. +* * * * +ان ڏينهن هو ٽئين پهر کانپوءِ گهر موٽيو هو. جيون جي ماءُ انتظار ۾ هئي ته هيءُ موٽن ته چانور اُٻاري. پر اها ڪائي خاص دير ته نه چئجي. ويڄ جي کاڌي جو وقت ٽيون پهر ئي آهي. +هٿ منهن ڌوئي، آلو انگوڇو پٺي تي ڦيريندي جڳت مهاشيه چيو: ’جيون کي اڄ ڪل ڪرم جي سکيا ڏيئي مان بيفڪر ٿيس. پر تنهنجو منهن هاڙو ڇو لڳي رهيو آهي جيون جي ماءُ؟‘ +”ڪهڙو لڳي رهيو آهي؟“ +”لڳي ٿو، ڏاڍي فڪرمند آهين، ڪجهه سوچي رهي آهين؟“ +”سوچينديس ڇا؟ جيون جي ماءُ ٽاري ويئي. +”ڇا سوچيندينءَ! ڇا خوب چيئيه! زالن کي ڳهه ڳٽن جي ڳڻتي رهندي آهي. ڌيءَ پٽن جي وهانءُ جي چنتا رهندي آهي. تون انهن ٻن مان ڪجهه سوچي سگهين ٿي.“ +جيون جي ماءُ کلي. رنڌڻي ۾ وڃي ڪري هن چلهه تي چڙهيل ديڳڙي جو ڍڪ هٽايو ۽ ڇاڻيءَ سان چانور ڪڍي ڪري ڏسڻ لڳي. +ان ڏينهن جڳت مهاشيه جو چت پرسن هو. سرءُ جي ڪڪرن کان صاف آڪاس جهڙو. هن خوشيءَ ۾ ڀرجي پڇيو؛ ’ڇو، ڪوئي جواب نه ڏنئه؟“ +ورندي جيون ماءُ چيو: ’مان ڇا چوان؟ تون ته انتريامي آهين. مون چيو، ڪجهه سوچي ڪانه رهي آهيان، پوءِ به تون چوين ٿو ته سوچي رهي آهيان. تڏهن تون ئي ٻڌاءِ ڇا سوچي رهي آهيان؟‘ +جيون هينئر به مونجهه ۾ هو. پتا جي ڳنڀير ڳالهين جي گونج هن جي دماغ ۾ ٿي رهي هئي. +هڪ اوچتي ڌڪ سان هن جي ايڪاگرتا ۾ ڀنگ پيو. هو ڇرڪي اٿيو. +’کاڌو پيتو جڏهن ختم ٿيو ته هڪ رڪيبيءَ ۾ هرير جا ٽڪرا آڻي سامهون رکي هن چيو؛ ’تون سچ پچ انتريامي آهين، سو مون ڪو مذاق وچان نه چيو آهي. ٻپهرن جو چٺي کڻي ڪانديءَ کان هڪ آدمي آيو آهي چٺيءَ ۾ لکيل ڇا آهي، سو مون کي خبر ڪانهي، پر موڪلڻ واري جو نالو ٻڌي ڪري مون کي ڳڻتي ويڙهي ويئي آهي. چٺي نوڪرشڻ سنگهه لکي آهي: ’هيءَ وٺ.‘ +هن چٺي سامهون رکي ڇڏي. +جڳت ٻنڌو مهاشيه چٺي پڙهي. جيون حيران ۽ پريشان اکين سان پيءُ جي چهري کي ڏسندو رهيو. پر هن جي چهري مان هو ڪو انومان لڳائي نه سگهيو. هن چٺي پڙهي پوري ڪئي ۽ ويساکه جي تتل آسمان ڏانهن اسٿر اکين سان نهارڻ لڳو. +جيون کي اهو سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو آهي. +سج الهيو هو. ٽيون پهر وهامي رهيو هو. اڀرندي دروازي واري گهر جي ورانڊي تي ويٺو هو، سامهون الهندي دروازي واري هڪ تري واري رنڌڻي جي مٿان ڏسڻ ۾ ايندڙ پروهت- برهامڻ جي گهر جي مولسري وڻ جي مٿي تي اس کان ٻرندڙ ويساکي آسمان ڄڻڪ تپسيا ۾ لنولين شو ڀڳوان جي اڌ ٻوٽيل ٽئين نيتر جي جوالا کان تپيندڙ هجي. چو طرف سناٽو هو. هوا جو نالو به نه هو. ائين پئي ڀاسيو، شام ٿيندي ٿيندي طوفان لڳندو. الهندي خلاءِ تي آثار نمودار هئا. جيون انهيءَ طرف نهاري رهيو هو. ائين پئي ڀاسيو، هن جي هردي ۾ طوفان مچندو. ’نوڪرشڻ سنگهه ڇا لکيو آهي؟ منجري، شايد منجري جي ماءُ، هن ڏيوالو ڪڍندڙ زواليت کي پهتل ڪٽنب جي شيطان ڇوڪر تي مست آهن، ان ۾ شڪ جي گنجايش ڪانهي. بنڪم ۽ منجريءَ لاءِ ته سوچڻ ئي بيڪار آهي، هو انکي نچائي رهيا آهن. ۽ اهو ئي ڇو چئي. دراصل هو خود ڀولڙو آهي، هنن وٽ ڀولڙو ناچ نچي ٿو، هو مزو وٺن ٿا. ڀولڙي جو ناچ نه، رڇ جو ناچ. ڀولڙي ۽ رڇ ۾ تفاوت ئي ڪيترو آهي؟ ٻئي جانور آهن ۽ ٻئي مورک. پر نوڪرشڻ سنگهه نيٺ لکيو ڇا آهي؟ سندس خلاف شڪايت ته لکي موڪلي اٿائين؟ ڪوڙو الزام، ذليل الزام! جيون ڇا ڪري؟ ڀڳوان ساکي آهي، پر هو ته گواهي ڏيڻ ايندو ناهي! هو ته ائين ڪونه چوندو، جيڪڏهن دل سان پيار ڪرڻ گناهه آهي، ته جيون گنهگار آهي. ان کانسواءِ جيون ڪو به ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. هو موت جي سزا مليل مجرم جيئان انتظار ڪندو رهيو. +مهاشيه نظر هيٺ جهڪائي ڪري پڇيو، ’جيون جي ماءُ‘، هن جو آواز گنڀير هو. +جيون جي ماءُ به انتظاريءَ ۾ بيٺي هئي. زور ڏيئي چيائين: ’چئو. ٻڌڻ لاءِ ئي ته مان بيٺي آهيان.‘ +’جيون جي شاديءَ جو بندوبست ڪر.‘ +’ڪنهن سان؟ نوڪرشڻ جي ان نينگريءَ سان؟‘ +.ها، انهيءَ سان. وهانءُ ڪرڻو ئي پوندو. نوڪرشڻ لکيو آهي، هن گهٽنا سبب هن جي ڌيءَ جي بدنامي پکڙي آهي. هو جيڪو بدچلن ڇوڪرو آهي، هن جيون ۽ منجري جي باري ۾ ڪيترن قسمن جا افواه پکيڙيا آهن. چيو اٿائين، جنهن ڏينهن جهڳڙي جو واقعو ٿيو، ان ڏينهن هن عنبير مهٽڻ جي بهاني جيون کي منجري جي بدن تي هٿ لڳائيندي ڏٺو اٿس.‘ +ماءُ پٽ ڏانهن نهاري چيو: ”جيون!“ +جيون ماءُ کي هن مورتيءَ ۾ اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. +ماءُ وري دهرايو: ”چئو منهنجا پير ڇهي ڪري چئو...“ +ان ڏينهن پتا جي صحبت، هن جي اندر ڇهاءُ سان جيون کي ڄڻڪ نئون جنم مليو هو. هو اٿيو، ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چيائين، ”مون هن جي ڳل تي عنبير جو ٽڪو لڳايو هو، ۽ ٻيو مون ڪوبه ڏوهه ڪين ڪيو آهي.“ +مهاشيه چيو، ”ڇي – ڇي، تون اهو سڀ ڪهڙو تماشو ڪرڻ لڳينءَ جيون جي ماءُ! مون جڏهن وهانءُ جي پرٻنڌ جو چيو، ته پوءِ هيءُ سڀ ڇا؟ حقيقت ۾ جيون دل سان ان ڇوڪريءَ کي چاهي ٿو. اهڙي حالت ۾ به ڪوئي قسم کڻائيندو آهي. تون وهانءُ جي تياري ڪر.“ +’واه، ائين به ڪو ٿيندو آهي؟ ٽپڻو ڏس، خود وڃي ڪري ڇوڪريءَ کي ڏسي اچ، ان کان پوءِ ڳالهه ٻول، ڏيتي ليتي...“ +”نه، اهڙي حالت ۾ هيءُ سڀ ڪجهه نه ٿيندو. چٺيءَ سان گڏ هن اهو به موڪليو آهي، مان ان کي ڦاڙي ٿو ڇڏيان. شايد ان مان ارچڻ پيدا ٿئي ۽ ڏيتي ليتي ڇا جي؟ هن لکيو ڇا آهي، ڄاڻين ٿي؟ لکيو اٿس، اوهان جي ڪٽنمب جي اپاڌي مهاشيه آهي، اهڙي خاندان جا اوهان آهيو. خود به هن علائقي جا مشهور ويڄ آهيو. اوهان جو پٽ ڊاڪٽري پڙهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ منهنجي هيءَ ڪوشش جيڪا حالت پيدا ٿي چڪي آهي، ان ۾ جيڪڏهن اوهان انڪار ڪري وڌو ته منهنجي نياڻيءَ کي گنگا ۾ ٻڏڻ جو بهانو ملي ويندو. بس، هن کان پوءِ ٻي ڪائي ڳالهه ٿي نٿي سگهي. ويساک ۾ چونڊي ڳڻي گهڻا ڏينهن رهجي ويا آهن. ايترو جلد ٿيڻ ته تمام ڏکيو آهي ۽ جھيٺ ۾ مربي پٽ جو وهانءُ نه ٿيندو آهي. پهرئين آکاڙ ۾ ئي وهانءُ ٿيندو.“ + + + +[11] + +پراڻي ڳالهين کي ياد ڪري من ۾ جيترو رس محسوس ڪرڻ لڳو، جيون مهاشيه اوترو ئي پنهنجي سونهاريءَ تي تڪڙو تڪڙو هٿ ڦيرڻ لڳو. سفيد ڏاڙهي، تماڪ جي دونهين سان ڪجهه حصو ٽامي جو رنگ تي مائل ٿي ويو اٿس. جيئن ته پوري سنڀال نٿو ڪري، ان ڪري ڪجهه رکي ۽ سخت ٿي ويئي آهي. تڏهن به هٿ ڦيرڻ کان سواءِ رهيو نٿو ٿئي. ڏاڙهي سنواريندي کلندي، ان کل ۾ جوانيءَ جي ڏينهن جا پاڻ سان چرچا ڪندو آهي. رڳو پاڻ سان ئي ڇو، ٻين سڀني ماڻهن کي کلائيندو آهي. +خبر ناهي جوانيءَ ۾ اهڙو ڪهڙو جاود آهي، جيئن لاهيءَ طرف پاڻيءَ جو وهڪرو هوندو آهي، اهڙي ئي چال. جوانيءَ جو من به جڏهن ڪنهنجي طرف ڊوڙندو آهي، تڏهن ساڳيءَ رفتار سان ڊوڙندو آهي، ان وقت شاسترن جون ڳالهيون؛ چڱي بري جو خيال، سماج جي رڪاوٽ، هزارين ڳالهين جو ڪجهه به نٿو اثر ٿئي، من لغام مڃيندو ئي ڪونه. جيڪڏهن شاسترن جي اهڙين ڳالهين کي ريتيءَ جي ڀت چئون، ته من کي پاڻيءَ جو تيز وهندڙ چشمو (جهرڻو) چوڻ گهرجي. يا ته اها ڀت ڊهي ٿي يا پاڻي سڪي وڃي ٿو. +ان ڪري ئي اڄ جيون مهاشيه کلي رهيو آهي. تنهن ڏينهن جڏهن هو ڪشوري مريض کي ڏسي ڪري موٽي رهيو هو ته هن ايلاءِ ڀاڳيه وڌاتا جي شڪر ادائي ڪئي هئي ته هوءِ بلا سندس ڳچيءَ ۾ نه پيئي. منجري. جي اصلي روپ ڏسڻ کانپوءِ هن جي ويراڳ ورتيءَ جي به ڪا حد نه هئي. پر جيئن ئي جڳت مهاشيه استريءَ سان پهرئين آکاڙ ۾ پٽ جي وهانءُ جي ڳالهه ڇيڙي، جوان جيون ان وقت سڀ وساري ويٺو هو. ۽ وساري ٿي ڇا ويٺ، ائين ڀاسيو هن هٿ وڌائي چنڊ کي لڳ ڀڳ ڇهي ورتو آهي. جيڪا ٿوري- دوُري رهجي ويئي آهي، اها آکاڙ ۾ ئي ��وري ٿي ويندي. +جيون دت جي آسائتي ٽڙندڙ من روپي لوٽي مان آنند ڄڻڪ چوڌاري ڇڻڪي ويو هو. ڌرتيءَ جو جيترو به حصو هن جي اکين ۾ سمائجي سگهيو، سڀ ڄڻڪ آنند مئه بڻجي ويو هو. سڀ ڪجهه ماکيءَ جهڙو مٺيرو! مندائتو! مڌوُ وانا رتايتي! +هوڏانهن ڍٺين جي اچ وڃ جو سلسلو جاري هو. جڳت مهاشيه نوڪرشڻ سنگهه کي خط لکيو هو. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ هن جي ورندي آئي. +ٻئي خط ۾ نوڪرشڻ لکيو: ’لڄ ۽ دک وچان منهنجي منجري کٽ پڪڙي هئي. اوهان جي چٺي ايندي ئي هن جي چپن تي خوشيءَ جي ريکا نمودار ٿي آهي. هوءَ اٿي ويٺي آهي؟ پنهنجي ماءُ کي چيو اٿائين، آخر منهنجو شو پوڄا بيڪار نه ويئي. +جيون دت خوشيءَ ۾ پاڻ وساري ويٺو هو. منجري جي ٻهڪندڙ صورت گلن سان ڇانيل ٻوٽي جيئان سندس اکين اڳيان ٿر ڪي ويئي. +هن جهٽڪو ڏيئي ستاب، سريندر ۽ نيپال کي اها چٺي وڃي ڏيکاري هئي. اها چٺي چورائي ڪري ويو هو. +پنهنجي تر جو سريندر ۽ نوگرام جو ستاب ۽ نيپال هن جا دلي دوست هئا. سريندر ۽ نيپال تيسين شراب جو دور شروع ڪري ڇڏيو هو. ان وقت ان علائقي ۾ هڪ چوڻي مشهور ٿي ويئي هئي ته ’هتي جي مٽي به شراب پيئندي آهي. سچ پچ مٽي شراب پيتو ٿي. تيرهن چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي شراب جي علت پئجي ويندي هئي. نانترڪن جو علائقو، سڀ جا سڀ تانترڪ؛ خاص ڪري براهمڻ. ديکشا وٺڻ (پوئلڳ ٿيڻ) بعد هيءَ علت ڌرم جو انگ بڻجي ويندي. مطلب ته کلئي عام پيئڻ جي موڪل ملي ويندي. شراب نه پيئندو هو صرف هڪڙو ستاب. براهمڻ نه هو به هو، شاڪت (نتنتروادي)، پر هو دور ڀڄندو هو. جيون ڀر هو پتل جي برتڻ ۾ ناريل جو پاڻي اوتي ڪري تانترڪ * ترپڻ ڪندو آيو هو. +سريندر ٺاڪرداس مصر جو نينگر. پتيداري جو ڪم سکيو آهي، چالاڪ آهي. هن چيو: ’ڏس اڄ کارائڻو پيئارڻو پوندءِ. شراب ۽ گوشت. روپيه ڪڍ.‘ +نيپال پيءَ جو دلارو پٽ. سڀ رجسٽري آفيس جو ڪلارڪ. پيءَ جي ڪمائي ڪافي هئي. ماڻهن هڪ چٽڪو ٺاهي ڇڏيو هو: +’آهه ونود جي لنبي جيب، +ريزگاري ڀرڻ جي ٽيب‘ +سچ پچ ونود مڪرجي گهر موٽندو ته ٻيئي کيسا ريزگاري سان ٽمٽار ڀريل هوندا هئس ۽ ٻنهي هٿن سان انهن کي سنڀالي ايندو. نيپال ماڻهو مزي جو هو، بڪ بڪ ڪندو، ها ها ڪري کلندو، پير پٽڪائي هلندو. سادي سڀاءُ ۽ کليءَ دل وارو آدمي. هڪ ڀيري هو راگهوپور نوٽو کائڻ وڃي رهيو هو. رستي ۾ اچانڪ ياد اچي ويس، ڳچيءَ ۾ جڻيئو ڪونهي. ڪٿي ڪري پيو آهي. رستي ۾ ڪاري باندري کان پڇيائين، ”چڱو ٻڌاءِ ته ڀُورا، ڇا ڪيو وڃي! جڻيئو تون ڏيئي سگهين ٿو؟“ ان بعد جيون مهاشيه وٽ پهچندو. مهاشيه جي دواخاني ۾ داخل ٿي ويندو. مودڪ (لڏون) جي بدلي مزي سان هريڙ کائي ويندو. سواد جو به کيس پتو ڪين پوندو ۽ انهيءَ مان نشو به چڙهي ويندس! +نيپال سريندر جي ڳالهه جو جواب ڏنو هو: ’ضرور کارائيندس، ضرور.‘ +سوا ان ڏينهن کارائڻ پئيارڻ جو وارو نيپال جو ئي رهيو. ٽن روپين جي چماٽ لڳس پوريون، مانس، مٺائي، شراب. رات جو ٻين بجي تائين گاني بجاني جو دور هلندو رهيو. طبلي تي سنگت ڪئي هئي سريندر، نيپال ۽ جيون گيت ڳايو. ٻڌڻ وارو هو ستاب. +’چنڊيداس ۽ ودياپتي جي پداولي (ڏوهيڙا).‘ ٽيئي ڄڻا ملي ڪري ’پورب راڳ‘ جا سمورا پدڳائي ويا. ڪنڌ ڌوڻي ڌوڻي رڪي ستاب ’واه – واهه‘ جو داد ڏيئي رهيو هو. +چوڪ ٿي رهي آهي، ٻڍي جيون مهاشيه هينئر ايتري دير کانپوءِ ڊگهو ساهه کنيو. ان ڏينهن خود هنن چمپا ۽ موتئي جي گلن جي مالها پوتي هئي، چئني مترن اها مالها پاتي هئي. +نيپال ۽ سريندر ڏاڍو ضد ڪيو. هٿ جوڙيا، پيرين پيا ’ٿوري چڪي پي وٺ. ههڙي خوشخبري ملي آهي؛ اڄ ٿوري کڻي پي وٺ. ذرڙي – چڪڙي ڪري پيءُ! هيتري تر جيتري.‘ +مگر جيون پنهنجو ڌرم ڪونه هاريو. +مهاشيه- ڪٽنمب ويشڻو سنتر جو اُپاسڪ هو. سو جيون شراب ڪونه پيتو. هن چيو هو: معاف ڪريو ڀائي، بابي کي ته توهان ڄاڻو ئي ٿا. وري منجري جي ڪٽمنب وارا به اسان وانگر ويشڻو آهي.‘ +هيڏانهن گهر ۾ وراٽ جشن جي تياري هلي رهي هئي. جڳه ٻنڌو مهاشيه جي سڪيلڌي پٽ جي شادي. براهمڻ ڀوڄن، برادريءَ جو ڀوڄن، ڳوٺ وارن جي دعوت، ايتريقدر جو آسپاس جي مسلمانن جي کاڌي – پيتي جو پرٻنڌ. دعوت ۾ ڪائي ڪور- ڪسر نه رهجي وڃي ان جو پورو خيال ڪري رهيا هئا. دهل دمام، بئنڊ باجا، آتشبازي. ٻه ڏينهن ناٽڪ ڪرائن جي رٿ تي به ويچار ٿي رهيو هو. سريندر، ستاب ۽ نيپال کان وٺي ٺاڪرداس مصر جهڙا معتبر آدمي به ان ڳالهه تي اڙيل هئا ته ناٽڪ جي بنا ڪيئن سونهندو! سڀ ڦڪو لڳندو! +مهاشيه ته چيو هو، آکاڙ جو مهيندو. ’برسات اچي ويئي ته سڀ ڳڙ ڳڙڌاڻي ٿي ويندو. شامياني ۾ پاڻي ڪاهي ايندو. ان ۾ جيڪو خرچ ايندو، بهتر آهي ته ان رقم مان ڳوٺ جي ڪالي مندر جو ورانڊو پڪو ڪرائي ڇڏجي، فرش بڻايو وڃي ۽ ان جو سنسڪار ڪيو وڃي.‘ +انتظار جون گهڙيون جيتريون مٺيون ٿينديون آهن، اوتريون ئي اتاولائي پيدا ڪندر. آترويلا ۾ ڏينهن مهيني جهڙو ڀاسي ٿو، مهينو ٿي وڃي ٿو سال. تڏهن به ڏينهن نبري ويا. آکاڙ جي يارهين تاريخ وهانءُ جو مهورت هو. ’آکاڙ جي پهرئين ڏينهن سان‘ آمد ٿي. آسپاس کان ڪڪر مڙيا. هيءُ بادل جڳ مشهور پشڪر ونش جا بادل ڪونه هئا. هيءُ بجلي اندر ۾ لڪائي رکڻ وارا ڪي شيطان مزاج نا معلوم بادل هئا. اچانڪ انهن مان وڄ ڪري. +”منجري ساسين سکالي ٿي؟“ +ٻپهرن ج خط کڻي هڪ آدمي آيو. ان ۾ لکيل هو، ’منهنجي ڪنيا منجري بيماريءَ ۾ ٽيون ڏينهن چالاڻو ڪري ويئي.‘ +هڪ پل ۾ سک جا مورا سپنا ڌوڙ ۾ ملي ويا. جيون دت ان يگ جو نوجوان هو. ان يگ ۾ ڪنهن جي زال گذاري وڃي، ته ڇاتي ڦاٽي چيرون چيرون ٿي پوي ته به وات مان دانهن نه نڪرندي هئي. هيءَ ته ٿيڻ واري پتني جي دردناڪ خبر هئي. جيون رنو ڪونه. دواخاني جي مٿيئن ڪمري ۾ چپ چاپ ويٺو هو. اچانڪ ڄاڪرداس مصر جي چيخه و پڪار تي هو اٿي کڙو ٿيو هو. +هو رڙيون ڪري رهيو هو: ’مان ٺاڪرداس مصر آهيان. منهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش! ماڻهو ٽاري – ٽاري نه مان پن – پن- تپيداريءَ مان گذر ڪندو آهيان.‘ هيڏانهن ان خبر سان هلچل متل هئي ۽ انهيءَ وچ ۾ هيءُ ڪمبخت ماٺ ميٺ ۾ لهي پيو رستي تي. آخر مطلب ڪهڙو آهي هن جو؟‘ پڇيائينس، ’ڪيڏانهن وڃين رهيو آهين؟‘ چي، ”ذرا جهنگل وڃي رهيو آهيان.‘ اول ته دل ڌڙڪي ويس. ’هوڏانهن ڪالرا جو ڪوپ ٿي رهيو آهي. ڪٿي هيءُ ڪمبخت به ته اهو ئي تحفو ڪونه وٺي آيو آهي؟‘ هوتڪڙو – تڪڙو اڳتي وڌي ويو. ويو سو ويو، سڌو انهيءَ رستي، جتان ٿي آيو هو. ڀرسان جيڪو تلاو مليس، وڻن جا جهاڙيون جهڳٽا مليا، سڀني کي ڇڏي اڳتي وڌي ويو. منهنجي ته نظر پئجي ويئي، پنهنجي ڇٽيءَ کي هو بغل ۾ دٻائي رهيو آهي. جهٽ مان سنڀالي ورتو، هجي نه هجي، هيءُ ڀڄي رهيو آهي. مان به گهٽيءَ کان ٿي ٻاهرئين هنڌ تي وڃي پهتس. ڏٺم، هن ڊوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. مونکي اهو ئي شڪ هو. مگر ڀڄي ڪيڏانهن ويندو؟ هر ڇڏي کيتن مان هاري موٽي رهيا هئا. مون آواز ڏنو: ’پڪڙيو هن کي، پڪڙي وٺو!‘ +ساليمان، ڪريم، سنتن- ٽن ڄڻن هن کي پڪڙي ورتو. مون چيو ’ٽنگاٽولي ڪري وٺي اچو ڪمبخت کي.‘ پڪڙي آيس. سليمان جي هٿ مان بانٺو وٺي مون وهائي ڪڍيس، ’ٻڌاءِ، سچ سچ ٻڌاءِ ته ڳالهه ڇا آهي. سچ ٻڌاءِ نه ته ڏاٽي سان چپ وڍي ڇڏيندو سانءِ.‘ بس پو ڇا هو، سڀ اوڳاڙي ڏنائين. +وچ ۾ جڳت ٻنڌو مهاشيه جو گنڀير آواز گونجيو. ’ٺاڪرداس، هن کي ڇڏي ڏي. هن غريب جو قصور به ڪهڙو؟ هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ هن کي ته هنن ماڻهن موڪليو آهي، اچي ويو. قاصد کي مارڻ نه گهرجي. هيءُ قاصد آهي. جيڪا ڪجهه برائي نوڪرشڻ ڪئي آهي، ان جو پرائشچت هيءُ ڪيئن ڪندو؟‘ +ٺاڪرداس چيو، ’هيءُ سڄو ڏوهه تنهنجو آهي. هڪ چٺيءَ توهانءُ جي پڪ ڪري ڇڏي. نه خود وئين، نه هن کي اچڻ ڪاڻ لکئه.‘ +مهاشيه پنهنجي پتا جي ڳالهين کي دهرايو، ’دوکو مون ڪونه ڏنو آهي ڀاءُ، دوکو ڏنو آهي نوڪرشڻ. ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي ٻڌاءِ؟“ +جيون مٿان لهي هيٺ آيو هو. +ڪالرا وگهي منجري جي مرڻ جي خبر غلط هئي. اوڻٽيهه تاريخ ڄيٺ جي ڀوپي بوس جي شادي هن سان ٿي ويئي هئي. +جيون کي ائين ڀاسيوهو، هوليءَ جي ڏينهن منجري هن جي منهن تي ڏامر هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان ڏينهن تي هوءَ ڪامياب نه ٿي سگهي ٿئي، اڄ اهو ڏامر هن بيشڪ هن جي منهن تي مکي ڇڏيو.. ۽ دور- دور کان هوءَ ساڳي ريت هن تي کلي رهي هئي.“ +ڀوپي به کلي مذاق اڏائي رهيو آهي، ’جهنگلي سوئر!‘ +پٽ جي منهن ڏانهن ڏسي ڪري جڳت مهاشيه چيو هو، ’پٽ، ايشور توتي ديالو آهي. هن توکي سڄي عمر جي دوکي کان بچائي ورتو آهي. هن ڇوڪريءَ سان لائون لهي تون هرگز سکي ڪين گذارين ها. نه رڳو دوکو ٿئي ها بلڪ سڄي زندگي هوءَ توکي گهپيءَ جي باهه ۾ ساڙيندي رهي ها. وري اها به ڳالهه آهي، جيڪو جنهن جي ڀاڳ ۾ آهي. اهو ته تنهنجي منهنجي مرضيءَ سان نٿو ٿئي. شرمندو نه ٿي، ڏک نه ڪر. پنهنجي من کي شانت ڪر.‘ +جيون کي آخرين لفظ ڪين ائڙيا هئا. هو سر نمائي اتان هليو ويو هو. +مهاشيه چيو هو، ’ٻڌ، وڃين متان ڪيڏانهن. توسان ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي. سريندر، توسان پڻ وڃ ڀرواري ڪمري ۾ منهنجو انتظار ڪر.‘ +جيون بغل واري ڪمري ۾ ويٺي- ويٺي سڄو قصو سڻي ورتو. ٺاڪرداس آهستي ڳالهائڻ ڄاڻندو ئي ڪونه هو نه کيس ٻين جو آهستي ڳالهائڻ پسند هو. جڳت مهاشيه جي زور ڀرڻ تي هن قاصد جي جند ته آجي ڪئي، پر کيس چڱي طرح ڌمڪي ڏنائين. هن جي سوال جواب مان جيڪي ڪجه ظاهر ٿيو، سو هن ريت آهي: +”حقيقت ۾ اهو دوکو نوڪرشڻ ڪونه ڏنو هو.“ +دوکو ڏنو هو منجري، بنڪم ۽ هنن جي ماءُ. جيون جي ٺئونشي سان ڀوپي بيهوش ٿي ويو هو. هوش ۾ ايندي ئي هن آسمان سر تي کڻي ورتو هو. ’مان خون ڪندس، هن جهنگلي سوئر کي مان ماري ڇڏيندس.‘ ان بعد ئي سندس نگاهه منجري وغيره تي پيئي. هن جو سمورو غصو وڃي هنن تي ڇنڊيو. هن بنڪم کي ڌڪو ڏيئي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ منجري جي سامهون هٿ لوڏي عجيب ڍنگ سان منهن بڇڙو ڪري چيو هو، ’هيءَ سڄي جعلسازي اوهان ماڻهن جي آهي! اوهان ماڻهن جي! ڀاءُ، ڀيڻ، ماءُ سڀني گڏجي ڪريمون کي ڀڄائڻ جي سازش سٽي هئي روپين جي لالچ وچان، هن سوئر سان، هن نيچه جي اولاد سان پريم ڪرڻ ۾ شرم نٿي آيئه. ڇي، ڇي!‘ تهان پوءِ، واٽ پنڌ هر هنڌ هن هنن جي گلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. ڪجهه ڏينهن کان کيس اهو شڪ ٿيڻ لڳو هو ته منجريءَ جي گهر جا ڀاتي جيون کي پناهه ڏيڻ لڳا آهن. جيون ٻنهي هٿن سان جيئن پئسا لٽائي رهيو هو، انهيءَ مان ئي هن اهو انومان ڪڍيو هو ته هنن جي پناهه ملڻ ڪري ئي جيون پنهنجي آپي کان ٻاهر هو. هو ان جو ثبوت ڏيئي سگهيو ٿي. ائين نه هجي ها ته ڏاڏي- پوٽيءَ جي ناتي سندن کل چرچو حد اورانگهي نه وڃي ها. نڪي منجري قيمتي عطر جي سوغات هن کان وٺي ها، اڄ هن کي ڏامر مکڻ ڪين وڃي ها. ان ڏينهن پنهنجو چٿيل نڪ کڻي هن سڀ هنڌ نندا جو ڌوڙيو وسائي ڏنو هو. پنهنجي ساٿين سان گڏ جيون جي ڳولها ۾ ته هن ڄڻڪ سمنڊ ولوڙي ڇڏيو هو. جيون ڪونه مليس ته هن جي مدگر کي ئي هن ڪهاڙيءَ سان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. +نوڪرشڻ سنگهه اٿاهه سمنڊ ۾ ڪري پيو هو. آر-پار نه هو. سڄي بازار ۾ سڀني کي هڪ ئي وائي وات هئي. ماڻس منجريءَ کي چيو، ”مري وڃ، تون مري وڃ!“ +منجري مري ته ڪانه سگهي، پر هن کٽ پڪڙي ورتي. +بنڪم به ماليخوليا اوڳاڙيندي چيو، ”مان به بنڪم آهيان، ڏسي وٺندس.“ +پڻهس هن جي ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي، ”حرامزادا هنن سڀني حرڪتن جي جڙ تون آهين. تون ئي ٻنهي کي هتي وٺي آيو هئين!! +بنڪم ان تي به ٿڌو نه ٿيو، ناسون ڦوٽاريندي چيائين ”مان هن جو خون ڪندس.“ +نوڪرشڻ ترڇي نگاهن سان کيس ڏسندي پڇيو، ”ڪنهن جو خون ڪندين تون، ڪنهن جو؟“ +بنڪم ان جي ورندي ڪانه ڏيئي سگهيو +هوڏانهن ڀوپي بوس روز نئون شگوف ڇڏيندو رهيو. سندس ڪاوڙ جي ڪا حد هئي! هار مڃي نوڪرشڻ نيٺ جڳت مهاشيه کي خط لکيو. جواب آيس، ته خوش ٿي ويو. منجري به اٿي ويٺي. ڀوپي بوس هن جي باري ۾ جيڪي افواهه ڦهلايا هئا، تن بيشڪ کيس ڏکويو هو بستري تي پوندي پوندي انيڪ ڀيرا هن رنو به هو. دل کي صدمو رسيو هوس. سڄي ڪاندي ۾ جا سندس بدنامي ٿي هئي! جڳت مهاشيه جي خط ۾ اهو سڀ ڪجهه ڌوپجي ويو. نوڪرشڻ جو جهڪيل سر مٿي اٿيو. هو سڀني کي اهو خط ڏيکاريندو ڦريو. هن لکيو هو: ’لڪشمي کي آدر ستڪار سان پنهنجي گهر ۾ آڻيندس، ان ۾ ٻيو ڇا چوڻو آهي؟ منجري به نوبني ٿي اٿي هئي. هوڏانهن پڃري ۾ واگهه جيئان ڀوپي بوس گجگوڙ ڪرڻ لڳو. ٻيو چئي به ڇا ٿي سگهيو هو؟ تڏهن به ڪاندي مان نوڪرشڻ پنهنجي ڳوٺ هليو ويو، هتان وهانءُ ڪرائڻ جي کيس همٿ ڪانه ٿي. گرميءَ جي موڪلن کان ڪجهه ڏينهن بعد ئي وهانءُ جو مهورت نڪتو هو. موڪل جي لاءِ اسڪول ۾ درخواست موڪلي ڏنائين. بنڪم درخواست کڻي ويو. اتي ڪهڙو چرخو ڦري ويو، سو ڪنهن نه ڄاتو. ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڀوپيءَ سان سنيهه جو جيڪو ڌاڳو ٽٽي پيو هو، سو پاڻ وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. موٽي ڪري هن سمورو ڪيو- ڪرايو چوپٽ ڪري ڇڏيو. +هن ماڻهوءَ (قاصد) ٻڌايو- ”کين اها سڌ هئي ته ڇوڪرو ڊاڪٽر ٿيندو. ليڪن جڳت مهاشيه پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته ڇوڪرو ڊاڪٽري نه، ڪويراجي (طبابت) ڪندو. مون کان ئي حڪمت سکي رهيو آهي. ٻڌڻ سان ماءُ جو منهن ٽيڙهو ٿي ويو، ڇوڪريءَ جو منهن به ڀيلڙو ٿي ويو.“ +نوڪرشڻ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان سان ڇاٿو ٿئي؟ منجريءَ جي ماءُ چيو- ”ڪويراج؟ ڇي، ڇي. اڄڪلهه ڪويراجن- ويڄن کي ڪير ٿو پڇي؟ انهن جي آمدني ئي ڪيتري ٿي ٿئي؟ کين لکي موڪل ته ڇوڪري کي ڊاڪٽري پڙهڻي پوندي.“ +ان تي نوڪرشڻ بگڙي ويو. ”ڇوڪرو هنن جو آهي، هو پنهنجي نينگر کي ڊاڪٽري نه پڙهائين؟ هيءُ ٻوجهو پنهنجو آهي يا هنن جو؟“ +شايد منجري لڪي رني هئي. هن جو رودن هن جي ماءُ کان لڪل نه رهيو هو. هن چيو هو، ’نه، ائين نه ٿيندو. هڪ ته ڇوڪر جي راڪاس جهڙي شڪل آهي. سو وري مٿان جي هو ڪويراج ٿيو ته اگهاڙي بدن رهڻو پوندس. گهڻو ٿيو ته ڪري ڪرتو، چادر اوڍيندو.... نه بابا....‘ +نوڪرشڻ ڌمڪي ڏني هئي ”خبردار، جيڪڏهن هيءَ شادي ٽٽي ته مان چئي ٿو ڏيانءِ، تنهنجي نينگريءَ کي ڪنواري ٿي رهڻو پوندو. ڀوپي بوس نانگ جو ٻچو آهي، هن جي زهر سان تنهنجي ڌيءَ جي زندگي اڳي ئي نيلي ٿي ويئي آهي. هيءُ ته جڳت مهاشيه ئي آهي، جو هن کي پنهنجو بڻائي رهيو آهي. ڪويراج آهي، ان ڪري هن کي ٽاري نه ڇڏ.“ +منجري جي ماءُ ورندي ته ڪانه ڏيئي سگهي، پر هوءَ بڻ بڻ ڪري رهي هئي. +هيڏانهن معاملو ان ڪڙيءَ تي پهتو ۽ هوڏانهن ڀوپيءَ سان بنڪم سٽ سٽي آيو. ٻه ڏينهن لڳاتار گهر ۾ خوب جهيڙو ٿيندو رهيو. ٽئين ڏينهن جي رات نوڪرشڻ گهر ۾ ننڊ ۾ الوٽ پيو رهيو ۽ بنڪم سان گڏ سندس ماءُ ۽ منجري ڀاڙي جي بيل گاڏيءَ تي چڙهي ڪانديءَ وڃي سهڙيا. ٻئي ڏيهاڙي، 29 تاريخ ويساک جو،شادي جو ڏينهن هو. +نوڪرشڻ سنگهه ڊوڙندو – ڊوڙندو ڪانديءَ پهتو، پر ڪجهه نه ڪري سگهيو. انوقت منجري ڀوپي بوس سان پلو ٻڌي هن جي جهوني مڪان ۾ پهچي چڪي هئي. +ڀوپي جي کاٻي پاسي منجريءَ کي ڏسي آنند جا ڳوڙها ڳاڙيندي منجريءَ جي ماءُ چئي رهي هئي، ’آه، ڪهڙي نه وڻندڙ جوڙي آهي، ڄڻڪ مدن- منجري آهن.“ +هوءَ ڀوپيءَ جي گهر ويئي، هن جي مٽن- مائٽن، عزيزن- خوشين سنا کلي ڪڏي، چرچا گهٻا ڪري، ٻه ماڙ جي ڇت تي ويهي اوڀاريون- لهواريون اوري کاڌائين – پيتائين.‘ +ٺاڪرداس ان تي چيو هو، ’چيٽنگ ڪيس ڪريوس، ڪرڻو ٿي پوندو.‘ +جڳت ٻنڌو چيو- ”مقدمي کان اڳ سٺي ڪا ڇوڪري ڏسي وٺ. جيڪا يارهين تاريخ طئي ٿيل آهي، انهيءَ ڏينهن شادي ٿيندي. سٺي ڪل جي ڪا سهڻي ڪنيا ڳولهي وٺ. اول شادي ٿي وڃي، مقدمون ان کانپوءِ. کل خوشي، کاڌو پيتو ٿي وڃي، پوءِ پرسن چت سان عدالت ۾ حاضر ٿي چونداسون، ”هنن اسان کي ٺڳڻ چاهيو ٿي، پر اسان ٺڳياسون ڪونه. موقعو پائي مقدمي جي لاءِ تياري ڪري رک.“ +۽ مهاشيه ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو. +سڀ گنگ ٻوڙ ٿي هن جي منهن ڏانهن تڪي رهيا هئا. هيڏي اپمان کان پوءِ به مهاشيه هن ريت کلي رهيو آهي! +جڳت مهاشيه هڪ ئي ضد تي اڙجي ويو، ”ڇوڪري ڳولهيو. يارهين تاريخ تي ئي شادي ٿيندي. هڪ ڏينهن به هيڏانهن هوڏانهن نه. سريندر، تون ۽ ستاب مون سان ڇوڪري ڏسڻ هلو. توکي پسند اچي ته ڪنڌ ڌوڻ ڪج. ان بعد مان پٺڀرائي ڪندس. ڳولهيو، ڪٿي، ڪهڙي غريب ڪٽنمب ۾ خوبصورت ڇوڪري آهي. ها، خاندان سٺو هئڻ گهرجي.“ +ستاب، سريندر ۽ نيپال جي اتساهه جي حد نه رهي. هو ڇوڪريءَ جي ڳولها ۾ جند جان سان جنبي ويا. جيئن به ٿئي، پتو لڳائڻ ئي پوندو. ڀولي – ڀالي ستاب آکيو- ”هيءُ ته راجڪمار، منتري جي پٽ، سوداگر جي پٽ ۽ شهر- رکپال جي پٽ جي ڪهاڻي ٿي ويئي؛“ سڀ راجڪماريءَ جي ڳولها ۾ نڪري پيا. ’پر ادا جيون، تون ذرا کل ته سهين.‘ +ستاب پنهنجي مامي کي خط لکيو هو. ”جيڪڏهن ڪنهن روپونتي سندر ڪائسٿ ڪنيا جو پتو هجي، ته خبر ڏيندا. ڏاج ڏيوڻ ڪجهه نه ٿيندو ور جو پتا آهي هتان جو نامور ڪويراج جڳت مهاشيه. ڪافي آمدني آهي. زمين جائداد آهي. زمينداري آهي. ڇوڪرو پاڻ به ڪويراجي سکي رهيو آهي.“ +پر سريندر ته پاڻ سان چوري (روٽ) ٻڌي ڪري ان ڪم جي ڪڍ لڳي ويو. هن جڳت مهاشيه کان ڪجهه روپيه گهري ورتا ۽ چيو، ”مان ذرا شهر ۾ ڳولها ڪري ڏسان. اهڙن وڪيلن ۽ مختارن جي ڪمي ڪانهي. انهن ۾ ڪائسٿ به ڪيترائي آهن. اهڙن جي ڪا گهڻي هلندي به ڪانهي. اهڙن جي گهرن ۾ ساماڻل ڪنيائون ملي سگهن ٿيون.“ +جڳت مهاشيه سريندر کي اها جوابداري سونپي. +نيپال ته منڍ کان ئي اڌ چريو هو. ڇوڪري ڳولهڻ جو هن جو طريقو ئي عجيب هو. هن جو پتا سب رجسٽري آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. نيپال انهيءَ ڪم جي دلالي ڪندو هو. رجسٽري اول ٿئي، ان جي لاءِ دستاويز داخل ڪندو هو، ڪٿي لکڻ ۾ ڪاٽ- ڪوٽ ٿئي ته ان جي صفائي ڏيندو، شناخت وارو نه ملندو ته پاڻ پيش ٿيندو. مطلب ته ايترو چئي ڏيندو ته ’فلاڻي ماڻهوءَ جيڪو نالو پتو ٻڌايو آهي، سو صحيح آهي. مان نيپال چندر مکو پاڌيايه ولد سڙي ونود لال مکو پاڌيايه، گهر نوگرام، مان هن شخص کي سڃاڻا ٿو‘ ۽ هيٺ پنهنجي صحي وجهي ڇڏيندو. ٻه آنا محنتاڻو وٺندو. دفتر جي ٻاهران بڙ جي هيٺان ويٺو رهندو. جيڪو ملندس تنهن کان پڇندو، ”چڱو چيٽر جي بابو، اوهان جي ڄاڻ سڃاڻپ ۾ ڪائي ڪائسٿ ڪنيا ��هي؟“ +”ٻڌو ته ڇا نالو آهي اوهان جو؟ ڪنهن ڪنواري ڪائسٿ ڪنيا جو پتو ڏيئي سگهندا؟“ +”شيخ صاحب، اوهان ڪٿي رهندا آهيو؟ اوهان جي آسپاس ڪي ڪائسٿ گهر رهندا آهن؟ ڪنهن چڱي ڪائسٿ ڪٽنمب ۾ اوهان جي ڄاڻ ۾ ڪائي سهڻي ڪنواري ڇوڪري آهي؟ مونکي ٻڌائيندا؟“ +واٽ پنڌ ويندي جيڪو به ملي ويندس، تنهن کان مٿيان ئي سوال ڪندو نيپال! ’ڪائي ڪائسٿ ڪنواري ڪائسٿ ڪنيا جو پتو ڏيئي سگهندا؟“ +”شيخ صاحب، اوهان ڪٿي رهندا آهيو؟ اوهان جي آسپاس ڪي ڪائسٿ گهر رهندا آهن؟ ڪنهن چڱي ڪائسٿ ڪٽنمب ۾ اوهان جي ڄاڻ ۾ ڪائي سهڻي ڪنواري ڇوڪري آهي؟ مونکي ٻڌائيندا؟“ +واٽ پنڌ ويندي جيڪو به ملي ويندس، تنهن کان مٿيان ئي سوال ڪندو نيپال! .ڪائي ڪائسٿ ڪنواري ڪنيا آهي؟‘ هڪ ڏينهن هن پنهنجي زمين جي پٽوالي نوين باگڙ کي چيو- ”نوين، ذرا تون ته پتو لڳائي وٺ. ڪائسٿ گهرجي ڪا وڏور ڪنيا.“ +نوين ڪنواٽي کنيو گنگا جل ڀرڻ جي لاءِ ڪٽوا وڃي رهيو هو. نيپال چيو، ”پيرين پيادو هيترو پري وڃي رهيو آهين. ذرا ڳولها ته ڪج.“ +* * * +اڄ جيڪو جيون مهاشيه آهي، سو ان وقت صرف جيون هو؛ ڪنهن گهڻي ۾ گهڻو چيو، ته ’جيون دت.‘ تنهن وقت جيون کي هيءُ صدمو نهايت ڀاري پهتو هو. شڪر آهي جو هو مايوس نه ٿيو بلڪ وهانءُ جي لاءِ ڪروڌ ۽ رنج کان وڌيڪ ئي اتساهت ٿي ويو. ماڻهن کي هن جو اتساهه به عجيب- عجيب لڳو هو. ان ڏينهن جوان جيون من جي رنج ۽ راحت وچان مست ٿي پيو هو. +اڄ ٻڍو جيون مهاشيه مشڪيو. لنبي حياتيءَ جي تجربن جي پونجي ميڙي ڪري هڪ جهان ديده داناه جيئان هو پٺ ورائي پنهنجو جوانيءَ جي ڏينهن کي ڏسي رهيو آهي. +نانگ جي زهر وچان ڪوماڻل ماڻهوءَ جي ڄڀ کي نم به شايد مٺي لڳندي آهي ۽ مٺاڻ لڳندي آهي ڪوڙاڻ. ’نه.‘ +’ڀل ٿي ويئي.‘ ٻڍي جيون مهاشيه ٻه – ٽي ڀيرا ڪنڌ ڌوڻيو. ’نه، نه‘ +منجري ساڻس جيڪا ويساهه گهاتي ڪئي، ان سان منجري ڏانهن سندس پيار جو ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ پيار سان ڀلا ڪڏهن نانگ جي زهر جي ڀيٽ ٿي سگهندي آهي؟ اهو ته هن خود زهر جي نلي وات سان لڳائي ان جي آخري بوند به پيتي هئي. +رنج ۽ چڙ وچان نوجوان جيون دت تنهن ڏينهن ٻه پرتگيائون ڪيون هيون. +پهرين پرگيا- ’هڪ خوبصورت استري آڻيندس ۽ جيڪا سڀ کان وڏو سک آهي، اهو ئي سک ماڻيندس. پتنيءَ کي اهڙو ئي پيار ڪندس، جهڙو راجا ’اج‘ پنهنجي پتنيءَ ’اندومتيءَ‘ کي ڪيو هو.‘ +ٻي پرتگيا- .ته ڊاڪتر ضرور بڻبس. اسڪول، ڪاليج پڙهڻ جي گنجائش نه رهي، ته ڇا ٿيو، گهر ويٺي ڊاڪٽري پڙهندس.‘ ان جو هڪ زنده- روشن مثال سندس اکين آڏو ئي هو. +ان علائقي جو اڳي مشهور ڊاڪٽر هو ’رنگلعل مڪرجي‘ ان وقت نئين سورج وانگر هن جو آديه ٿي رهيو هو. +غضب جو آدمي، غضب جو هن جو شان، شخصيت ۽ سيسراٽ وجهندڙ هئي سندس ساڌنا. علاج به تهڙو ئي‘ گورو رنگ؛ سگهارو محنتي جسم، تيز نگاهه. سو ماڻهن جي ڀيڙ ۾ به ڊاڪٽر رنگ لعل کي سڃاڻي سگهبو هو. هو اهڙن ئي شخصيتن مان هو جن جي چهري مان تيج پيو ٽپڪندو آهي. اهڙا ماڻهو ساهسي ته ٿيندا ئي آهن. ٿورو ڳالهائو هوندو هو، پر هن جا اهي ٿورائي لفظ تز ته نه چئبا، پختا هوندا هئا ۽ ماڻهن کي سخت لڳندا هئا. جنم ٿيو هوس، هگلي ضلعي جي هڪ پراڻي برهامڻ ڪٽنمب ۾، اتي ئي اسڪول ۾ پڙهيو، ڪاليج ۾ ايف – اي پاس ڪيائين. پتا سان ڪجهه اڻبڻت ٿيس ۽ گهر ڇڏي نڪري پيو. جن ڏينهن هگليءَ ۾ پڙهندو هو، اتس اتان جي پادرين جو اثر گهاٽو ٿيو هو. هو وٽن ويندو هو، ساڻسن کائيندو پيئندو هو. ان ڳالهه سببان پيءَ سان اڻبڻت ٿي هئس. +هن پتا کي منهن تي ڦهڪائي ڏنو هو ته ’مان ذات پات نٿو مڃان، ڌرم کي به نٿو مڃان. تنهنڪري هنن ماڻهن وٽ وڃڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ هرج نٿو سمجهان.‘ هن ضلعي ۾ آيو. اول هڪ پاٺشالا ۾ بڻيو گروجي. گروجي مان هڪ اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هڪڙي راج اسڪول ۾ جڳهه خالي هئي. خبر پوندي ئي هن درخواست ڏني ۽بحال ٿي ويو. اتي ئي رهندي رهندي سندس ڌيان ڊاڪٽري علم ڏانهن ڇڪيو. راجا جي اسپتال جي ڊاڪٽر سان دوستي ٿي ويئي هيس. هن وٽ برابر ويندو رهندو هو. اسپتال ۾ گهمي- ڦري بيمارن کي ڏسندو رهندو هو. کانئس ڊاڪٽريءَ جا ڪتاب وٺي ڪري وڃي پڙهندو هو. راتين جون راتيون ان باري ۾ ويهي ساڻس ذڪر ڪندو هو. ذڪر مان بحث ڇيڙيندو ۽ بحٿ لڙائيءَ ۾ بدلجي ويندو هو. +هڪ ڏيهاڙي الائي سندن وچ ۾ ڪهڙو جهڳڙو ٿيو، نه ڪي ان جو ذڪر حياتيءَ ۾ ڪڏهن رنگ لعل ڪيو، نه ڊاڪٽر ئي. پر ٻئي دوست جدا ٿي ويا، نتيجو اهو ئي نڪتو. ڪيترن ڏينهن پڄاڻان رنگ لعل ماستري ترڪ ڪئي ۽ ڪتابن جي گاڏي ڀري اچي هن کيتر ۾ وارد ٿيو. هتان ٻه ميل پري هڪ لال ماٽي جي ڳوٺ ۾، جتي گهڻي ڀاڱي مسلمان رهندا هئا، هو هڪ مسواڙي گهر ۾ رهڻ لڳو. بعد ميوراکشي نديءَ جي ڪپر تي پنهنجو بنگلو جوڙائي رهيو. سامهون دور دور تائين پکڙيل ميوراکسي ندي، هيڏانهن رنگ لعل پنهنجي ورانڊي ۾ ويهي نئين ساڌنا شروع ڪئي. پشاچ اپاسڪ جيئان ڪڏهن ڪڏهن اڌ رات جو نڪري پوندو هو. ڪلهي تي ڪوڏر ۽ ساڻ هڪ ٺيلهو نيو ويندو هو. قبرستان ۾ ويندو هو. نئين قبر جي کوٽائي ڪندو هو. ان کي وري ساڳي ريت پورهيو ڪري ڀري ڇڏيندو ۽ لاش کي ٺيهلي تي کڻي ايندو هو. ان کان پوءِ ٻه چار ڏينهن ٻاهر سندس درشن ڪونه ٿيندو هو. بنگلي جي پوئتان گهيريل احاطي ۾ هن ڪاچ وارو هڪ ڪمرو جوڙايو هو. ان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪانه هئي. اتي ڪتابن جي سهاري لاش کي چيري ڦاڙي، شرير- وگيان (اناٽامي) سکندو هو. ڪجهه ئي ڏينهن اندر هڪ ٻيو اپاسڪ به جنبي ويس، مَنا هاڙي. هو ميوراکشي ۾ ٻيڙي هاڪاريندو هو. هڪ ڳالهه ٻي به هئي جو هو چنڊال به هو، وڏو شرابي هو. انهن سڀني کان سندس وڏي سڃاڻپ اها هئي جو ماڻهو کيس ’راڪاس‘ چوندا هئا. هن جي بک ڪڏهن ڪين لهندي هئي. هڪ ڀيري جو ذڪر آهي، هن هڪ هانڊيءَ (ڪُني) جو ڀَت کاڌو. مساڻن ۾ پهتو. ٿورو پرڀرو پهچندي ئي هڪ ٻڪري کي ڏسي هن جي بک وري جاڳي پيئي. هن ٻڪري جي گردن ڪهي ورتي ۽ چکيا جي باهه تي پچائي چِٽ ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر رنگ لعل جو ڀڳت اهو ئي منا هو. ٻن سالن بعد هو هن جو رسويو بڻيو. هن جي هٿ جي رسوئي رنگ لعل کائيندو هو. لاش پهچائڻ ۾ به اهو ئي کيس مدد ڪندو هو. جيڪو لاش ميوراکشي نديءَ ۾ وهندو ويندو، ان کي کڻي ايندو. ڪيترا ڀيرا شمشان مان پيل لاش کڻي ڪري آڻي ڏيندو هوس. ان ريت پنج سال سانده ساڌنا ڪرڻ بعد رنگ لعل هڪ ڏينهن پڌرا ئي ڪئي ته ’مان ڊاڪٽر آهيان. جنهن به روڳيءَ کي ڪير هتي چاق نٿو ڪري سگهي، تنهن کي مون وٽ وٺي اچو. مان چڱو ڀلو ڪندس.‘ +ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن پنهنجي پڌرائيءَ کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو. ماڻهو هن جي لياقت تي دنگ رهجي ويا. سڀ چوڻ لڳا، ڌنونتري آهي. مريض وٽ وڃڻ ڪاڻ ڊاڪٽر هڪ پالڪي خريد ڪئي. +منا چيو- ’ڊاڪٽر بابو هڪ گهوڙو خريد ڪريو. ڪٿي گهوڙو ۽ ڪٿي ماڻهوءَ جي چال!“ +رنگ لعل چيو- اڙي تون ڇا ڄاڻين، ماڻهوءَ جي ڪلهي ۽ گهوڙي جي پٺي جي ڀيٽ؟ ماڻهوءَ جي ڪلهي ۾ آرام ڪيترو آهي!‘ +’ائين؟‘ +”اهو تنهنجي سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر آهي! گهوڙي کان ڇا هٿ پير ڀڃايان؟‘ +جيون دت ان ڏينهن اسماني گل جي ڪلپنا ڪئي هئي. هن جو آدرش حقيقت ۾ جيو اَنت هو. هن جي خواهش هئي ته ڪافي عزت ڪمائي پنهنجي استريءَ کي زيورن سان جهنجهي هڪ ڏينهن هو ڪاندي وٺي ويندو. پاڻ هلندو سفيد گهوڙي تي، استري ويهندي ڪيمخاب جي پالڪي ۾. +مرشد آباد وڃڻ جي بهاني ڪاندي ۾ ڀوپي بوس جي ڀڳل ڀريل مڪان جي سامهون گهوڙو روڪي ڪري چوندس: ”رات تائين ترسڻ جي اجازت ملي سگهندي ڇا؟“ +”ڄاڻي ٻجهي ٿوري رات گذر ئي هن جي دروازي تي پهچندو. استريءَ کي منجريءَ وٽ اندر موڪلي ڏيندو.“ +منجريءَ کي هوءَ چوندي: ’رات تائين اسان کي هتي رهڻ جي جاءِ ڏيئي سگهندا؟ اوهان ته اسان جا پنهنجا آهيو. سکيءَ جي ننهن جي ساهڙيءَ جي ڀاڻيجي جي ننهن جي ڀاڻيجيءَ جي گهوٽ جو ناتو رشتو به ته ليکي ۾ اچي ٿو‘“ +ان بعد جيڪي ٿيڻو هوندو سو ٿيندو. +ليڪن وهانءُ ٿيڻ پڄاڻان سڀ خيال ئي هوا ٿي ويس. جيون دت سُن ۾ اچي ويو هو، ته ائين ڇو ٿيو؟ +* ٽانترڪ مت جا پوئلڳ جي نهايت وحشي ٿيندا آهن ۽ سوم رس (شراب) ۾ مست ٿي سوم ديوتا ۽ ٻين جنن ڀوتن جي پوڄا ڪندا آهن. بينگلا جو هڪ فرقو. +[1] پترن کي پاڻي پهچائڻ + + +[12] + +تنهن ڏينهن ته کيس اچرج لڳو هو، پر اڄ نٿو لڳيس. +وانءَ کان اڳي جيون جو ٿڌو شوڪارو ’شڪل چوڏس‘ جي سمنڊ جيئان گجي اٿيو هو، وهانءُ جي ئي ڏينهن اهو ’شوڪارو‘ ٻيجه- پرتي پدا جي ڀاٽاپيل سمنڊ وانگر اُداس ٿي ويو. زندگيءَ ۾ پورڻماسيءَ جو ڏينهن ڪڏهن ڄڻڪ آيو ئي ڪين. پر ڇا اوماس آئي؟ نه اڄ تائين اها به ڪڏهن ڪانه آئي. سڪيلڌي پٽ بن بهاريءَ جي موت سان به ڪان آئي. +شادي يارهين آکاڙ تي ٿي هئي. ڇوڪرين جي هن ديش ۾ کوٽ ڪانهي. +ڇوڪري هن ديش ۾ ’دائي‘ آهي ۽ دائي ٿيڻ اهو ئي سخت اڻ سهائيندڙ بوجو آهي. ٻلوان ان بار کي ڍوئي سگهي ٿو ۽ نٻل ان کي لاهيندي وقت ڪيرائيندي سامت جو ساهه کڻي ٿو. هن دنيا ۾ اهڙن هيڻن جو تعداد ئي ته گهڻو آهي! +ڏهن ڪنيائن جي مائٽي آئي. انهن مان ڇهن کي ته جڳت مهاشيه سڃاڻپ ملندي ئي ٽاري ڇڏيو. باقي چئن کي هن ڏٺو ۽ شهر جي هڪ ٻڍي مختيار جي ماءُ جي ڀاڻيجيءَ کي پسند ڪيو. ڏاج ۾ ورتائين هڪ هريڙ. نينگريءَ جو نالو هو ڪرشڻ ڀامني. هوءَ ويچاري اناٿ ٿي رهي هئي. ٻن مهينن کان پوءِ چوڏهن سال پورا ڪري پندرهين ۾ پير پاتو هئائين. سريندر ئي ان نينگري جي خبر کڻي آيو هو. +وهانءُ اتسو ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر نه ڇڏيل هئي؛ نه گهر، نه ٻاهر. ڪويراج جي ناتي مشهوري ۽ روپين پئسن جي درشٽي کان سماجڪ شان شوڪت، مان مريادا ۾ ان سمي جڳت مهاشيه جو رتبو ائين چئجي آڪاش ۾ سج ۽ چنڊ جي جوڙي اڀري! هڪ ته سڪيلڌو پٽ، ان تي اهڙي وچتر حالت ۾ هن جو وهانءُ. ڪانديءَ ۾ جهڙو ماٺ ميٺ ۾ منجري ۽ ڀوپيءَ جو وواهه ٿيو هو. اهڙو ئي ڌوم ڌام سان هتي جيون ۽ ڪرشڻ ڀامني جي وواهه جو اتسو ٿيو. شرنائي، ڍولڪ- دهل دمام، ايتريقدر جو بئنڊ به وڳي. راڙ علائقي ۾ سڀ کان اول بئنڊ وارن جي مجلس مرشد آباد ۾ ٿي، وري ڪانديءَ ۾. نوگرام کان ڪانديءَ جو مفاصلو ڏهه ڪوهه هو. هتان جي باجن جو آواز ڏهه ڪوهه يعني ويهه ميل مفاصلو لتاڙي نئين جوڙي جي ننڊ ۾ خلل چاهي نه وجهي، وڄائڻ وارن جي معرفت اها خبر ٻڌائڻ ضروري هئي. هيتري ڌوم ڌام، اتسو شادماني هوندي به جيون جڏهن ڪنواريتي گهر پهتو، تڏهن موڳو ۽ مايوس ٿي ويو. شامياني ۾ هو ٿڪل ماندو ٿي سمهي پيو. هٿ جوڙي چيائين: ”مون کي معاف ڪجو منهنجي طبيعت خراب آهي.“ +پر استرين کيس اجازت نه ڏني. کيس ڳائڻو به پيو ۽ انهن ڏينهن جي رواج پٽاندڙ ڪرشڻ ڀامني کي هنج ۾ به ويهارڻو پيو. +پڪو سون جهڙو رنگ هو ڪرشڻ ڀامني جو. جيڪڏهن مکڙو ڪومل ۽ سهڻو هجيس ها ته ڇا چئجي! +پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪنوار بڻجي ڪرشڻ ڀامني جنهن ڏيهاڙي ماهشيه جي گهر پهتي، انهيءَ ڏينهن هن جو ساهراڻو نالو مٽائي رکيو ويو، عطر. هن جو رنگ روپ ڏسي ماڻهن جون کايون چرخ ٿي ويئون هيون. ڪنوار جو نئون نالو رکي ڪري جيون جي پڦيءَ چيو هو: ”تنهنجي سڀاءُ جي سرهاڻ سان شل هيءُ گهر ٻهڪي اٿي!“ +سهاڳ رات به سکڻي ئي گذري. جيون ٻاهرين طور کلي رهيو هو، ڏاڏي ۽ ڀاڄاين جي کل چرچي ۾ به هن ڀاڳ ورتو پر سڀ بي دليو، ڄڻڪ ڪٺ پتلي! اڄ کيس هن ٻڍاپي ۾ به ياد اچي رهيو هو ته بدلي چڪائڻ جو اهو آنند ڪيئن نه وساميل ڏيئي جئيان ڪارو ٿي ويو هو. هڪ ڳوڙهي ويدنا کيس ڍڪي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. +هن اپمانجو بدلو چڪائڻ ڪاتر ئي وهانءُ رچايو هو. پر وهانءُ بعد هن ڏٺو، بيعزتي جو بدلي ڪين وٺي سگهيو، صرف وهانءُ ٿيو. +دنيا ۾ بيعزتيءَ جي باهه جيءَ کي جلائڻ واري ٿيندي آهي. اها جلن رڳو بدلي چڪائڻ جي خوشيءَ سان ئي اجهامي سگهي ٿي؛ ان جي جيڪا جوالا جيءَ ۾ ڌڌڪي اٿندي آهي، اها مخالف کي جلائي خاڪ ڪري شانت ٿيندي آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿئي، ته اها آگ ٻري سڙي ازخود ٿڌي ٿي ويندي آهي، جيڪي وڏا ماڻهو آهن، اوچ آهن، تن جي ڳالهه جدا آهي. اهي اپمان جي آگ کي کميا جي پاڻيءَ سان وسائي ڇڏيندا آهن. جيونمهاشيه مهان نه آهي، پاڻ به ائين چوندو آهي. ان ڪري هن جي من جي اها آگ اڄ به ڌڌڪي رهي آهي، ٻاهريان ان جو ڪنهن کي اندازو نٿو ٿئي. ڪنهن کي ان جو اندازو لڳائڻ به ڪين ڏيندو هو. هڪ ئي ان کي ڄاڻي سگهندي آهي، عطر. هوءَ ان کي پهرئين ڏيهن کان ئي ڄاڻندي آهي. +جيون جي اها پيڙا ساري سنسار کان لڪل هئي، پر نئين ڪنوار کان لڪل نه هئي. ايترو ئي ڇو، ان پکڙجندڙ بيماري جيئان ڪنوار تي به حملو ڪيو. سهاڳ رات ئي جيون دت جي دل جو درد ڪنوار جي من تي چوٽ ڪري ويو. +سهاڳ رات جي باقي گهڙين ۾ جيون ڪنوار کي پنهنجي ڇاتيءَ ڏانهن ڇڪيو هو. هن رکائيءَ ۽ تکائيءَ سان دانهن ڪري چيو هو: ”آه! ڇڏي ڏي مونکي.“ +’ڇو، ڇا ڳالهه آهي؟‘ +’ڳالهه ڇا هوندي، ٺيڪ نٿو لڳي.‘ +’ڍيڪ نٿو لڳي؟‘ +’نه. توکي پيرين ٿي پوان، مونکي ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي.‘ +’نيٺ به ڇا ٿيو؟‘ +’ٿيندو ڇا؟ ديا ڪري مونسان لائون لڌيون اٿئه، منهنجو اڌار ڪيو اٿو. داسي ٿي ڪري آئي آهيان، داسي ٿي رهنديس. ڪم هاج ڪنديس، ٻه ٻڪ اناج جا کائينديس. عزت ماڻڻ منهنجو ڪم نه آهي ڇڏي ڏيو.‘ +اڄ به ساڳيو ئي حال آهي. +عطر جوالا مکي بڻجي رهي آهي. باهه و ڦلڻ شروع ٿئيس، ته بس ٿيڻ وٽان نه آهي. +ان ۾ عطر جو ڪهڙو قصور آهي؟ سندس جگر ۾ هن جي (جيون جي) جگر جي ڇهاءُ سان ئي باهه لڳي ٿي وڃي. +پر انهيءَ ۾ ئي هڪ سکيو سنسار وڌيو ويجهيو هئو. جيئن ته عطر چوندي آهي: ”ڪهڙو نه ناماچار هوس. ٻنهي هٿن سان ڪمايائين، چئن هٿن سان لٽائي ڇڏيائين. عزت آبرو، ڌن دولت انهيءَ کي ته چوندا آهن. آدمي ان کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو چاهي؟“ +ڀريو ڀاڳيو گهر سنسار. ٽي ڌيئرون، هڪ پٽ. سُرما، سُشما، سَرما. ڇوڪرو ون بهاري. سڀني ماءُ جو ڍنگ ۽ پيءُ جي صحت ملي هئي. +ناموس ۽ عزت به خوب مليس، اها ناموس ڪشور- جيون جي تمنا جي حساب سان سمنڊ جي مقابلي جيتري نه به هجي ته به هڪ دور ڦهليل ڍنڍ جي مقابلي جيتري وچولي آڪار جي سندر سلوني سروور سان مشابهت ضرور ڏيئي سگهجي ٿي. جنهن ۾ پڪو گهاٽ هجي، پاڻيءَ ۾ مڇيون هجن، نالو به جنهن جو مالڪ جي مرضيءَ پٽاندڙ شيامسر يا شيام سروور هجي. پاڻي به ان جو نرمل رهيو هجي، ان ۾ وهنجي ڪري قتل اسٽايل ڳوٺاڻا ترپت به ٿيا هئا. اڃاين هن جو پاڻي پيتو ۽ مالڪ کي دل سان دعائون ڏنيون. پر اهو تلاءُ دور دراز ڦهليل ڍنڍ جي ڀيٽ ۾ ڪيترو تڇ هئو، ڪيترو خسيس جنهن جو ڪو شمار ئي ڪونهي، اهو ته ان جو مالڪ ئي ڄاڻي ٿو، جنهن ساڳي ئي هڪ ڍنڍ بنائڻ جي خواهش ڏيکاري هئي. جنهن جي ڪلپنا اهڙي هئي جو ان ڍنڍ +جي گهاتن تي الائي ڪٿان ڪٿان جون ٻيڙيون ۽ بجرا اچي ڪپر ڀيرو ٿيندا. +هن وهيءَ ۾ ايندي ئي جيون جا سڀ موهه ويندا رهيا آهن. لال، نيري، سائي، واڱڻائي وغيره ست رنگن جي انڊلٺ هينئر کيس ڏيکائي نٿي ڏي. اکين آڏو هينئر فقط ٻه رنگ ئي رهجي ويا آهن، اڇو ۽ ڪارو. سو جهرو ۽ انڌيرو. اڄ هو اچرج وچان سوچيندو آهي، ’تنهن وقت انڊلٺ وانگر ستن رنگن جي جدا جدا جهلڪ واري تمنا ڪيئن اندر ۾ جاڳي هئي؟‘ +من ۾ اهو سوال ايندي ئي جيون دت مشڪي ڏنو. پاڻمرادو ئي پڇي ويهندو، ’ڇو؟‘ آخر تنهنجي من ۾ ڀيري ڀيري سان اهو سوال اٿي ڇو ٿو؟ ان سوال جي اچڻ جي ڳالهه ته ڪانهي. ٻه رنگ- ڏينهن ۽ رات جي اڇي ۽ ڪاري رنگ کي ڇڏي باقي سڀني رنگن کي تو پنهنجي هٿن سان ئي ته ڌوئي ڇڏيو آهي. هيڻن جو رنگ هار سان ڌوپجي ويندو آهي. ڏکن وچان وهندڙ لڙڪن سان ڌوپجي ويندو آهي. پر تو ته انهن کي ڪوڙ چئي ڪري ڌوئي ڇڏيو آهي! پنهنجي مهاگرو جڳت مهاشيه جي اپديش کي وساري ڇو ٿو ڇڏين؟ انهن اپديش ۾ ئي ته تو پنهنجو پاڻ کي تنهن ڏينهن کوهي ڇڏيو هو... پاڻ ئي پنهنجي ڀل سڌاري جيون مهاشيه ڪنڌ کي ڌوڻيو. بار بار پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريو- ’ٺيڪ آهي! ٺيڪ!‘ +اچانڪ روشنيءَ جو هڪ ڪرڻو اکين سان ٽڪرائجي ويس. روشني؟ اوه، سنجها گذري ويئي. رات ٿي آئي. سمڪ ئي نه پيس. گذريل ڳالهين جي يادگيريءَ ۾ هلندڙ جي کيس سڌ به ڪانه رهي. +روشني اندران ئي اچي رهي هئي. شايد اِندر يا نندو تي کڻي اچي رهيو آهي. پر نه ته. پيرن جي آهٽ مان ته ڪا استري پيئي ڀانئجي. عطر اچي رهي آهي. جيون مهاشيه کي آترويلا ٿيڻ لڳي. بي وقت هن جو اچڻ هن لاءِ شڪ جي ڳالهه آهي. +هوءَ ئي هئي. عطر بتي هيٺ رکي ۽ وڃي سندس ڀرسان بيٺي. ڊگهو پڪل جسم، گورو چٽو رنگ ڳل تي سندور جو ٽڪو اڄ به لڳائيندي آهي، سينڌ ۾ سندور جي ريکا ٻهڪندي رهندي آهي. موقعو مليس ها ته سخت ڪلامي ڪندڙ عطر ڪنهن راجيه جو راج به هلائي سگهي ٿي. کل چرچي ۾ اها ڳالهه جيون مهاشيه انيڪ ڀيرا چئي چڪو آهي. عطر جواب ۾ چيو آهي، ’هڪڙي ئي شخص کي پنهنجي مٺ ۾ قابو نه رکي سگهيس، ته راجيه جي حڪومت!‘ ورندي ڏيئي هن هميشه هڪ عجيب مشڪ سان کليو آهي. +’ڇا ڳالهه آهي؟‘ ڪنڌ مٿي کڻندي جيون مهاشيه پڇيو. عطر جو مکڙو اڄ ڏاڍو مٺڙو لڳي رهيو آهي. برسات سان ڀنل ڌرتي جهڙو ڪومل، ممتا سان ڀريل. +ڪجهه اتاو لائيءَ سان عطر پڇيو، ‘تو اڄ چانهه ڪانه پيتي؟‘ +’پيئڻ وسري ويم.‘ +’وسري ويئه؟‘ عطر مشڪي. ’آدمي چانهه پيئڻ به وساري ويهندو آهي‘ نندوءَ اچي ٻڌايو، تماڪ به ڪونه پيتو اٿئه، هي آواز ڏنو، تو ڪوبه جواب نه ڏنس! طبيعت ٺيڪ آهي نه؟ ڪي خراب آهي؟ نيٺ به ڇا ٿيو آهي توکي؟‘ +ويڳاڻو بڻجي جيون مهاشيه چيو، ’ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. ائين ئي سوچي رهيو هوس. نوگرام ۾ رتن ماستر جي پٽ کي ڏسي آيو آهيان. رستي ۾ ٺڪرائڻ نشيءَ پنهنجي ڀائٽيءَ کي ڏيکاريو. رتن ماستر جي پٽ جي بيماري ڏاڍي سخت آهي، وري به ڪجهه چئي نٿو سگهجي. پر هوءَ نينگري، هنجو....‘ +ڊاڪٽر ڪنڌ ڌوڻيو. وري چيائين، ’ڪالهوڪي ٻار، مشڪل سان پندرهن سالن جي ٿيندي. انهيءَ عمر ۾ ٻه ٻار ڄڻي چڪي آهي. نشيءَ ٻار کي ڏيکاريو. چي ’چنڊ آهي.‘ مون سمجهيو، ’ٻالڪ چنڊ نه آهي، بم آهي. پنهنجي ماءُ کي کائڻ آيو آهي. اف! ڪهڙي نه من جي حالت ٿيم!‘ +’ساڳي ڳالهه تون نشيءَ کي به چئي آيو آهين ڇا؟‘ عطر ڏڪي ويئي. +’نه. پر نشي پرکي ويندي. چئي ڏنو اٿم، پاڻي پيئڻ تي روڪ پوندي. ان کانسواء�� ٻي ڪائي دوا ڪانهي.‘.... ’ڪير؟‘ +ڪير اندر اچي عطر ٻائي جي پوئيان بيهي رهيو. ’اوه.... تون آهين، اِندر.‘ +’ها. مان کيس چانهه ٺاهڻ لاءِ چئي آئي هيس. هان، پيءُ وٺ. تون به خوب ڪمال جو آدمي آهين. چانهه نشي جي شيءِ آهي،ان بنا توکي ڪائي تڪليف محسوس نٿي ٿئي. تماڪ پيئڻ به وسري ٿو وڃئه!‘ +اِندر چانهه سان ٽمٽار پٿر جو گلاس ڏانهس وڌائي ڏنو. عطر ٻائي چيو: ’مان بيٺي آهيان، پيءُ وٺ، گلاس کڻي تڏهن وينديس. اِندر جي هٿ ۾ ڇنڇر وسندو آهي. ڇهن مهينن جي اندر ٽي گلاس ٽوڙي چڪو آهي. اندر وڃه ته، اندران تاڪ تان ڦوٽن جو چورو رکيو آهي، کڻي اچ.‘ +اِندر جيئن اتان هليو ويو تيئن عطر چيو: ’تو مون کان لڪايو آهي. اسپتال جي ڊاڪٽر جي ڳالهين سان توکي سخت صدمو پهتو آهي. نئين زماني جو ڊاڪٽر، نئين عمر، گهمنڊ گهڻو اٿس. هن کي اها خبر به ڪانهي ته هن ڪنهن کي چيو ۽ ڇا چيو. مون کي ڄاڻ آهي ته تنهنجو رايو ڪڏهن به غلط نٿو ٿئي. جڏهن موتيءَ جي ماءُ گذاري ويندي تڏهن هو به سمجهي ويندو. صبوح جو مون توکي لکو مٺو چئي ڏنو. هيءُ مئو، ٻوٿ ٻريو ششي، جو هتي ئي نبض پرکڻ سکيو، ڪمپائونڊري سکيو، سو ڪمبخت به ڇا پيو بڪي ته ’هٿ پير ڀڄڻ سان موت جي اڳڪٿي جي ڳالهه ته مون ڪٿي ڪانه سڻي، مان ته سمجهي نٿو سگهان. خبر نه آهي، مهاشيه ائين ڀلا ڇو چيو؟‘ هن جي واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي منهنجو ته اندر ئي جلي ويو. مون به کيس امالڪ ڦهڪائي ڏنو: ’ششي، تون ڪهڙي منهن سان ائين ڳالهائي رهيو آهين؟ شرم نه آيو توکي؟ جيڪڏهن هيءُ ڪلجڳ نه هجي ها، ته تنهنجي ڄڀ سڙي ڪري پوي ها.‘ +جيون مهاشيه مشڪيو. هن ڪابه ورندي نه ڏني. ’عطر ٻائي ششيءَ تي سخت خفي ٿي ڏسجي.‘ +عطر جواب جو انتظار ڪيو. جواب نه مليس، ته نهايت تيز نگاهه سان پتيءَ کي گهورڻ لڳي. پر مڙس جو چهرو کيس چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. سانوڻ جي ڪڪرن سان ڇانيل ڪاري رات ٽن طرفن کان ڪافي کليل جڳهه جي وچ ۾ ورانڊي ۾، جهوني لالٽين مان جيڪا روشني ملي رهي هئي سا نهايت ئي ناڪافي هئي. وري ٻڍاپي جي ڦڪي نظر جا ٿي. هن لالٽين جي وٽ مٿي کنئين. جهڪي ڪري سواميءَ کي ڏٺو. ناراض ٿي چيائين. ’تون کلين ٿو؟ تنهنجي چمڙي ڇا گينڊي جي آهي؟‘ هن کي کلندو ڏسي ڪري عطر ناراض ٿي ويئي. +ڊاڪٽر ٿورووڌيڪ کلي چيو: ’ٻيو ڇا ڪريان، چئو؟ روئان؟‘ +’روئندين؟‘ ٻرندڙ باهه ۾ گيهه جا ڇنڊا پيا. ’روئندين؟ تون روئندين؟ ايشور تنهنجي اکين ۾ لڙڪ ته ڏنا ئي ڪونهن. روئندين ڪيئن؟ جيڪو آدمي پنهنجي پٽ جي مرڻ جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو، مرڻ وقت ٻاهر ويهي رهي ٿو، چوي ٿو ته ’هن کي ڇا ڏسان؟ ڇهه مهينا اڳي ئي مان ڏسي چڪو آهيان...‘ +ڊاڪٽر ٽوڪي چيو: ’ترس عطر پاڻ کي جهل. توکي منٿ نيزاري ٿو ڪريان. مون کي ذرا سوچڻ ڏي. رتن بابو جي پٽ کي ڏسي ڪري موٽيو آهيان، مونکي ذرا سوچڻ سمجهڻ ڏي.‘ +ڏور ٽٽل تير ڪمان جيئان عطر اچي ڇٽڪي. چي: ’مون کان انياءُ ٿيو آهي. تو سان ڳالهائڻ لاءِ اچڻ ئي منهنجوانياءُ آهي. ها، منهنجو حق به ڪهڙو آهي؟ ديا پالي توهان مهاشيه مون کي وٺي آيا هئا. مئل ماءُ جي ڌيءُ، مامي جي ٽڪرن تي پلجي رهي هيس، ديا پالي بنا ڏاج ڏيوڻ جي ئي مون کي وٺي آيا هئا، وٺي آيا ته ٻانهي نوڪرياڻي جيئان ڪم ڪاج ڪندي رهندي. ان کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪوبه اڌڪار ته ڪونهي. مون اهو اپراد ڪيو آهي، هزار ڀيرا اپراڌ ڪيو اٿم. معاف ڪج.‘ +ايترو چئي هوءَ اوندهه ۾ ئي هلي ويئي. +اهائي آهي عطر‘ سدائين اهڙيئي‘ ڊاڪٽر کليو. پر ڪنهن عجيب آواز جي رنڊڪ پوڻ سان اها کل اڌ ۾ ئي رڪجي ويس. ساڻئي اها جاءِ گهري اوندهه ۾ ڍڪجي ويئي. هينئر ته ڊاڪٽر ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. عطر بتي تيز ڪئي هئي. اها شايد ضروري کان وڌيڪ تيز ٿي ويئي هئي. ڳالهين جي لسلي ۾ ان طرف ڪنهن ڌيان ڪونه ڏنو. ان جي چمني ڌم سان ٽٽي پيئي ۽ لالٽين وسامي ويو. +* * * +هن جو اهو ٽهڪ ڏيئي کلڻ به بند ٿي ويو. من جون ٽڙيل پکڙيل چنتائون اچي مڙيون، عطر اڃا هاڻي چئي ويئي آهي ته ’و ڌاتا توکي اکين ۾ لڙڪ ڀري ڪونه موڪليو آهي.‘ اها ڳالهه ياد ايندي ئي اُمالڪ سندس کِل بند ٿي ويئي. هڪ ڊگهو ساهه ڀري من ئي من ۾ چيائين: ’وڌاتا ته ڀري موڪليو هئو عطر، ڪيترو سارو بيحد، تو انومان به نٿي لڳائي سگهين. سمنڊ جيترو اٿاهه کارو پاڻي انهن ٻن اکين جي اوٽ ۾ ڀري ڀڳوان موڪليو هو. تنهنجي توکي خبر ئي ڪانهي. پر هن وئديه – شاستر جي گيان يوگ، اگستيه مُنيءَ وانگر ان سمنڊ کي انجلي ڪري ڍُڪ ۾ پيءُ ڇڏيو هئو. هينئر اهو اندر سڪل سمنڊ جي سطح جهڙو خشڪ، ريتيءَ سان ڀريل آهي. ان ۾ ڪيترائي موتي، ڪيترائي رتن ماڻڪ شايد هجن، پر، ان ۾ اکين جي پاڻيءَ جي کاراڻ آهي. تو ته اهو به ڪڏهن ڪين سمجهيو، نه ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي! منجري ۽ تون، توهان ٻئي ڄڻيون ئي ته موت آهيو؛ توهان ڪڏهن امرت کي چاهيو ئي ڪونه. جيڪر امرت چاهيو ها؛ ته ويجهو اچو ها، سمجهي وڃو ها.‘ هن وري هڪ ڊگهو ساهه کنيو. +آخر منجري ۽ عطر کي ئي اڪيلو ڇو ڏوهه ڏيئي رهيو آهيان، مان؟ خود مان؟ جيون ۾ امرت کي حاصل ڪرڻ جو مون ئي ڪهڙو انڀو ڪيو آهي ڪڏهن؟ ان ڳالهه کي ٻيو ڪير به نٿو ڄاڻي، ٻه ڄڻا ئي ان کي ڄاڻندا هئا. هڪڙو ته سندس پتا، سندس سکيا ۽ ديکشا گوروُ. +سندس بي صبريءَ جي حقيقت کان جڳت مهاشيه واقف هئو. امرت کي نه حاصل ڪري سگهڻ اشانت ۽ تربت نه ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. مرڻ وقت جڳت مهاشيه پاڻ وٽ گهرائي جيون کي اها ڳالهه چئي هئي. آيوروئدڪ گيان جي جيون کي ديکشا ڏيڻ کانپوءِ به هو ڏهه ورهيه جيئرو رهيو. کيس گيان گنگا ڪرائي ويئي هئي. گنگا ڪناري تي ئي هن چولو ڇڏيو هو. ماتا سندس اڳي ئي چالاڻو ڪري ويئي هئي! هن کي به ان جو ٿورو گهڻو پتو هئو. پر هن کي ان بي صبريءَ جي ڪارڻ جي ڪائي ٻوجهه ڪانه هئي. هن ته بنهه حقيقي دنيا ۾ ئي ان جو ڪارڻ ڳولهيو هو. پتا وانگر گنڀيرتا سان هن جي هردي کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪانه ورتي هئي. +وواهه کانپوءِ جيون آيورويد جي سکيا ۾ تن من لڳائي ڇڏيو. اسڪولي جيون ۾ هن جو چت جنهن پڙهڻ لکڻ ۾ ڪين لڳو، انهيءَ پڙهائي لکائيءَ ۾ هو جنبي ويو هو. جڳت مهاشيه چيو هو؛ ’اسڪول ۾ پڙهائيءَ ۾ هيڻو حال ڏسي مون سمجهيو هو، جيون ڪند فهم آهي. پر هاڻ ڏسان ٿو، آيورويدڪ ۾ هن جو دماغ تيز آهي. پر...‘ چوندي چوندي هو رڪجي ويو هو. پٽ ڏانهن مهڙ ڪري ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو هئائين.‘ ’پر ان سان گڏوگڏ سنگيت سک. راڳ ڳاءِ، آنند ماڻ. ڀڳوان جو ڀڄن ڪرڻ ڌاران هن طبابت جي پيشي کي اختيار ڪري جيئرو ڪيئن رهندين؟‘ +ٺاڪرداس مصر تن ڏينهن ۾ جيئرو هو. هن چيو هو: ’اڙي ڀائي، اهو ته هن جي رت ۾ سمايل آهي. خانداني وديا جي اها خاصيت ٿيندي آهي. منهنجي هن حرامزادي ڇوڪر جي روش جي خبر اٿئيه”‘ +مطلب سريندر سان هو. ’ٺاڪرداس چوندو ئي رهجي ويو.‘ +’حرامزادي‘ شراب پيئڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهو ته معلوم ئي اٿئه. پڙهڻ لکڻ به ڪڏهانڪر ڇڏي ويٺو آهي. سوچيو هئم، هن ڪمبخت کي زمينداري سرشٽي ۾ ڪين لڳائيندس. پوڄا پاٺ جا منتر سيکاري ديوگرام جي وشيشوري مندر جو پوڄاري ڪري بڻائيندوسانس. هتي جي پوڄاري جو ڪو ٻار ٻچو ته ڪونهي. اهائي ورت واري اٿس. پندرهن بيگها زمين آهي. ان جي پوڄا ڪرڻ بنا، پوڄا جو گل نيڻ بنا کيتي ٿيڻ جي نه ��هي. ڪمائي به خوب آهي. پر ڪنهن به طرح راضي نٿو ٿئي. چوي ٿو: ’هيءُ منتر مون کان رٽيو ڪونه ٿيندو. پر هيءَ وري نئين ڳالهه ٻڌ، تنهن ڏينهن هو ڏهه سال اڳي جو جمع خرچ آڻي مون کي ڏيکاريندي چيائين، ’هتي چوڪ رهجي ويئي آهي وري مزو ته ڏس! چوڪ جو مونکي پتو آهي. منهنجي ئي قلم جي نوڪ سان تلاو غائب. ڏهه سال گذري ويا، ڪير پڪڙي نه سگهيو. زميندار وٽ ته هاڻ ان کي ڪير پڪڙي به نٿو سگهي. پر ڪمبخت جي سوجهه ٻوجهه ته ڏسو. چپ چاپ پنا اٿلائيندو رهيو ۽ پيءُ جي غلطي ڪڍي ورتائين. مون ته کيس هڪ چماٽ وهائي ڪڍي چيم، ’چپ رهه پٽ.‘ +پٽ جي فخر وچان جهڙو ٺاڪرداس ڦونڊجي ويو هو، تهڙو جڳت مهاشيه ڪين ٿيو هو. شايد ٺاڪرداس کي ڏک ٿئي، ان ڪري هن مشڪي ڏنو هو، اٽڪ به ڪانه وڌائينس. رڳو مشڪيو هو. جڳت ٻنڌو هو گيان يوگي. اُنهيءَ پتا جو پٽ ۽ شاگرد ٿي ڪري به اصل چيز کي هنڊائي نه سگهيو. پتا چيو هو: ’آيورويد ۾ هو تيز فهم آهي.‘ +ٻڌي هن جي تيز هئي، روڳ ۽ اهڃاڻ، ايتريقدر جو بيماري ۽ اهڃاڻ جي پٺيان گونگي- ٻوڙي مرتيو پنهنجا ٻه برف جهڙا ٿڌا هٿ ڊگهيري جيون کي نهوڙي وڃڻ لاءِ تيار بيٺي آهي يا نه، هو ان جو به انومان لڳائي ٿي سگهيو. ”تون ته اڄوڪو نئون ڊاڪٽر آهين، تو جيون ڊاڪٽر جو مذاق اُڏايو آهي، هن جو اپمان ڪيو آهي، ڪري وٺ. تون ئي علاج وگيان جي اهنڪار وچان هن کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪري وٺ. پر ان وقت ڪوبه اهڙي همٿ ڪانه ڪري سگهندو هو.“ +جهونين يادگيرين کي دهرائيندي جيون مهاشيه ڄڻڪ وڏي پراڻي اجگر وانگر ڦوڪجي ويو؛ هڪ جوان نانگ پنهنجي جواني جي تيزي ۽ زهريلي ڏندن جي تکائي جي گهمنڊ ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان وار ڪندو ويو؛ ٻڍاپي کان سندس زهر جا ڏند ڀڄي پيا آهن، نهوڙجي وڃن سبب سندس شاندار جسم جي چال سست پئجي ويئي آهي، تنهنڪري لاچار سڀ سهڻو پيو. +’نارائڻ، نارائڻ’ پرمانند ماڌو!‘ +جيون مهاشيه وڏي آواز هر نام آچارڻ ڪيو. +مرڻ ويل گنگا ڪنٺ تي جڳت ٻنڌو مهاشيه پڇيو هو؛ ’جيون، مون کان ڪجهه پڇڻو هجئيه ته پڇي وٺ؟‘ +جيون هينئر پاڻ کي روڪي نه سگهيو، روڪيل طوفان اکين جي لڙڪن رستي ٻاهر نڪري آيو هو. هو ڪجهه ڪونه چئي سگهيو. +جڳت مهاشيه چيو هو: ’اڙي، تون روئي رهيو آهين؟ تو ته آيورويد جي ڌيکشا ورتي آهي. جيون ۽ مرتو جو ڀيد توکي معلوم آهي، تڏهن به روئي رهيو آهين؟ ڇي! مون کي گهڻو ڏک نه ڏي؛ جيڪڏهن تون روئندين ته مون کي اهو سمجهي چالاڻو ڪرڻو پوندو ته منهنجي سکيا سڦل نه ٿي. تنهن کانسواءِ هن مرتيو سان مون کي ته ڪوئي دک ڪونهي، ڪائي شڪايت به ڪانهي، مان وڏ شانتي جو انڀو ڪري رهيو آهين، پوءِ تنهنجو روئڻ ڪهڙو؟‘ +جيون مهاشيه جي اکين جو پاڻي خشڪ ٿي ويو هو. جڳت مهاشيه چيو هو: ’مان سمجهان ٿو، تنهنجي من ۾ ڪٿي گنڀير پياس آهي. پر اها رهڻ نه گهرجي. تنهنجي زندگيءَ جو ڪوبه طرف اڻپور ته ڪونهي! +ذرا ساعت رکي وري چيو هئائين: ته به اهي. بيشڪ انهي ماڻهوءَ جو ڪو وس نٿو هلي، اهو مان به ڄاڻان ٿو. پر پٽ، هيءَ ترشنا رهجي ويئي، ته امرت ته نه پائي سگهندين. تون پرمانند ماڌو جو انڀو ڪين ڪري سگهندين. ايترو ضرور آهي ته مرضيءَ مطابق چيز نه ملڻ سان پياس نٿي ٻجهي. پر اها ڪامنا ڇا آهي، ان کي به ڪير ڄاڻي ٿو؟ مان آسيس ڪيو ٿو وڃانءِ، ڪامنا جي وستو پرپات ڪري تنهنجي سموري ترشنا ميٽجي وڃي، تونامرت جو سواد ماڻي سگهين. دک ۾ درد رهي سگهين، دنيا ۾ مرتيو ۾ امرت جو انڀو ڪري سگهين ۽ آنند ۾، سک ۾ رو ئي سگهين. ترپتي چاهي نه ٿئيئيه، پر پٽ گيان يوگ ۾ لنولين رهج. ايورويد ۾ سمائجي وڃج. هيءَ نهايت ۽ خشڪ راهه آهي. سو هجي. گيان دراصل اگستيه مُني آهي، ٻڪ ۾ سمنڊ، دک جو سمنڊ (شوڪ ساگر) کي پي وڃي ٿو. پنهنجي مرضي پٽاندڙ سرشٽيءَ جي ڀلائي ڪاتر هو دکن ڏانهن هليو ويو. +ان گيان يوگ – روپي اگستيه جي سُڪايل سمنڊ وانگر هن جي زندگي به رڳو ريتيءَ سان ڀريل رهجي ويئي آهي. پر ان جي هڪ – هڪ ڪڻي ۾ سمنڊ جي کاراڻ جو سواد آهي. عطر ته ڪڏهن ان کي ڏٺو به ڪونهي، صرف ريگستان (رڻ پٽ) سمجهي ڪري ٻرندڙ ساهن سان انهن کي وڌيڪ جلائيندي رهي. +* * * +’پتا جي مرڻ پڄاڻان گيان يوگ ۾ پنهنجو پاڻ کي غرق ڪري ڇڏڻ ڪاڻ ئي جيون دت ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ اتاولو ٿي پيو. ان سمي انگريزي علاج جي جادو سببان ديش حيران ٿي ويو هو. ڊاڪٽر رنگ لعل جي پالڪي ڍوئيندڙ ڪهارن جي ڪيڪن سان علائقي جا رستا گونجيل هئا، ڊاڪٽر نوين مڪرجي جي گهوڙي جي ٽاپن سان اڏامندڙ ڌوڙ سان ڀرجي ويندا هئا، رستن جا ٻئي ڪنارا. ڪويراجن (ويڄن طبيبن) جي من ۾ به سجاڳي ٿيڻ لڳي هئي. جيون دت کي ان وگيان ته اول ئي ڇڪيو هو، پتا جي مرتيو کانپوءِ کيس سٺو وجهه مليو.‘ +ٻڍو جيون مهاشيه اوندهه ۾ هڪوار وري کليو. ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريائين. هاءِ، ها! سنسار ۾ آدمي پنهنجو پاڻ کي جيترو دوکي ۾ رکي ٿو، ٺڳي ٿو، ان جو سوڻ حصو به شايد ٻئي کي دوکي ۾ نٿو رکي سگهي، ٺڳي نٿو سگهي. +ٻڍي بار بار ڪنڌ ڌوڻيو. ننڍڙي ٻار جي معصوم ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڦلهڙي چالاڪيءَ کي پڪڙي وٺڻ تي ڪجهه نراسائيءَ، ڪجهه سنيهه وچان ۽ ڪجهه پڪڙي وٺڻ جي خوشيءَ ۾ جيئن ٻڍڙا ڪنڌ ڌوڻنيدا آهن، ٺيڪ ساڳي ريت جيون مهاشيه ڪنڌ ڌوڻيو. اڄ هن پنهنجي ان ڏينهن جي پاڻ سان ڪيل ٺڳيءَ کي پڪڙي ورتو هو. +ته ڇا هن گيان لاڀ جي ڪاڻ، گيان يوگ ۾ پاڻ کي سمائي ڇڏڻ جي خيال کان ڊاڪٽري سکڻ چاهي هئي؟ اها ڳالهه ڇا غلط هئي ته خود گهوڙي تي سوار ۽ عطر کي پالڪيءَ تي ويهاري ڪري ڀوپيءَ بوس جي گهر ڪانديءَ وڃڻ جي خواهش ڀڙڪائي رهي هئي؟ +رڳو ايترو ئي؟ جڳت مهاشيه جي چالاڻي سبب ڪي پڪا ٻڌل گهر به سندس هٿن مان نڪري ڪين ويا هئا؟ ڇا ماڻهن اهو ٻوڪ ڪين ڪڍيو هو ته مهاشيه ڪٽنمب جي عزت ويئي؟ ڇا نوگرام ۾ پهريون ايلوپيٿي ڊاڪٽر ڪونه اچي چڪو هو؟ ان کان ٻه مهينا پوءِ ڪشور جي پتا ڪرشڻ داس بابو جي آسري ۾ ڊاڪٽر هريش ڪين پهتو؟ ۽ ان مان هو پاڻ ڇا شڪي ڪين ٿيو؟ +هن جي گروءَ ڊاڪٽر رنگ لعل ان جو ٻيو مطلب ڪڍيو هو. چوندو هو: ’جيون، خبر اٿئي مان توکي ڇو ٿو پيار ڪريان؟ مان توکي انهيءَ ڪري ٿو پيار ڪريان جوتو زندگيءَ ۾ هار ڪڏهن ڪانه مڃي. هن ديش جا ڪويراج هار مڃي ويا، هو گهر ويٺي ايلوپيٿي کي پٽ پاراتا ڏيندا رهيا. هو نه ته پنهنجي شاسترن جي ترقي ڪري ان سان شرط پڄائي سگهيا ۽ نه وري اهو ئي چاهيائون ته ان ۾ ٽٻي هڻي ڏسون ته آخر ان ۾ ڪهڙو تت آهي. تون سٻر ۽ زنده دل آهين. مان توکي ان ڪري به پيار ڪريان ٿو. مان هار مڃڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪوئي اپمان نٿو سمجهان. هار مڃڻ جو مطلب آهي مري وڃڻ. ڊيڊ- مئن[1].... سمجهي وئين؟‘ +هڪ ڊگهو چروٽ دکائي، اگهاڙي بدن، گهٽ ويڪري ڌوتي پهري ڊاڪٽر رنگ لعل ميوراکشي ندي ڏانهن تڪي ڳالهيون ڪندو۽ پير لوڏيندو رهندو هو. +مريض ايندا هئا. ان ڏينهن جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي، جنهن ڏينهن هن مٿين ڳالهه چئي هئي. هڪ جوان مسلمان کي ماڻهو کٽولي تي کڻي آيا هئا. پيٽ جي سور وچان ههڙو نوجوان ماڻهو تڙڦي رهيو هو. هن ڏانهن تڪي ڪري رنگ لعل شڌ ڀاو سان چيو: ”پٺيءَ ڀر ليٽي پو، منهنجي پيرن جي ويجهو ليٽي پو.“ +ڊاڪتر رنگ لعل جيون کي چيو هو: ’نبض ڏسندين؟ ڏسينس. ڏس ته تنهنجي ناڙي وديا ڇا ٿي ٻڌائي. تيزاب آهي، گئس آه�� ڪي تِلي وڌي ويئي اٿس.‘ +مريض چلائڻ لڳو: ’ڊاڪٽر بابو، ڏسو، ڊاڪٽر بابو‘ مان مري ويس، مري ويس. نه ٿئي ته زهر ڏيئي ڇڏيوم، مري ڪري جيئي پوندس. هاءِ ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. ڪويراج، ويڄ، حڪيم، طبيب، ديوي- ديوتا، پير فقير ڪوبه در باقي ڪين ڇڏيو اٿم....“ +ڊاڪٽر رنگ لعل ٽوڪيو: ’اڙي ميان، ان ۾ ديوي ديوتا ڇا ڪري سگهندا؟ کائيندي بي حساب گوشت ته ديوي ويچاري ڇا ڪري؟ هڪ دفعي ۾ ئي گهڻو گوشت کائي ويندو آهين، ڏيڍ سير ڪي ٻه سير؟ تنهنجي پيٽ ۾ بلائون ٿي پيئون آهن، ٽي ٽي، چار چار هٿ لنبيون بلائون!‘ +’دوا ڏيوم ڊاڪٽر بابو، دوا ڏيوم. سور وچان ساهه نڪري رهيو آهي.‘ +’دوا ته ڏيندس، پر روپيه؟ ٻه روپيه فيءَ جا، وري دوا جو دام. اول روپيه رک هتي. ان کانسواءِ دوا ڪانه ملندي.‘ +’هڪ روپيو کڻي آيو آهيان حضور...‘ +جيون چيو هو: ’ته باقي سڀاڻي ڏيئي وڃج.‘ +ان تي رنگ لعل چيو هوس: ’يوآر اَ ڦوُل فيءَ وٺڻ بنا هرگز علاج نه ڪر. دوا اڌار نه ڏي نه ته ويندي جهنم ۾. ان مان هيءُ ماڻهو سمجهندا ته هنن جي هلي نٿي. جيئڻ جي لاءِ ماڻهو کي روپيه گهرجن. انهيءَ جيئڻ ڪاتر ئي ان جو ملهه ڪمائڻ لاءِ ئي ماڻهو ڪمائين ٿا، ان تي به جيڪي سخاوت ڏيکارڻ چاهين ٿا، سي نه رڳو ’فوُل‘ آهن، پر گناهگار آهن. جيون جي سنگرام ۾ هن کي ضرور هار کائڻي پوندي، جسٽ لائيڪ دَ هندوز*؛ اتهاس ساکي آهي ته لڙائيءَ ۾ هندن جي سوڀ پئي ٿي آهي، مسلمانن لڙائي بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، بس، هندو مڃي ويا. چڱو، اڄ آرام ڪري وٺو، لڙائي وري سڀاڻي ٿيندي! پر رات جو مسلمان اوچتو ڪاهه ڪري ڇڏي، لاپرواهه هندو هارائي ويا، قتل ٿي ويا، پر سورڳ ويا. مان اهڙي سورڳ جو ڪانکي ڪونه آهيان، سمجهيهءِ؟‘ ۽ هن مريض سان گڏ آيل ماڻهن کي چيو هو: ’وڃو ٻيو به هڪ روپيو کڻي اچو. بيمار کي هتي ئي رهڻ ڏيو. ڊڄو نه. هيءُ مرندو ڪونه. وڃو.‘ +جڏهن هو هليا ويا، تڏهن هن چيو: ’زندگيءَ ۾ روپين جي ضرورت آهي جيون. روپيه گهرڻ ڏوهه ڪونهي. ڪنهن کان بيک نه گهر، ڪنهن سان ٺڳي نه ڪر، ڪنهن کي تباهه ڪري حاصل به نه ڪر، پر جن ڪم لاءِ تون محنت ڪرين ٿو، ان جي مزوري، ان جي في وٺڻ ۾ سنڪوچ نه ڪر. ائين ڪندين ته بک مرندين سرڳ ويندين يا نه، سو نٿو ڄاڻان.‘ +[1] مئل ماڻهو. +* تون بيوقوف آهين. +[2] هندن وانگر. + + +[13] + +ڊاڪٽر رنگ لعل به عجيب ماڻهو هو. +رواجي ماڻهو کيس گهمنڊي، اڌ پيشاچ ۽ مرده دل سمجهندا هئا. ٺيڪ هن جي پتا جي ابتڙ. ڳالهائڻ جو رکو. غير پنگتي ماڻهو هو. +جيون ڊاڪٽر سان جڏهن پهرين سڃاڻپ ٿي هيس، تڏهن هن اهڙي ئي خشڪ ٻوليءَ جو استعمال ڪيو هو. +جڳت مهاشيه سرڳواسي ٿيو. ان وقت هن جي من ۾ سخت پريشاني هئي. جڳت مهاشيه جي شفقت کان محروم ٿيندي ئي ستل ترشنا ڄڻڪ پرچند پياس ڀري جاڳي پيئي هيس. پتا جي گنڀير شخصيت جي غير وجوديءَ سبب آزاد ٿي. هن جو پيار جهڙو پرسن ۽ گهاتو هو، تهڙو ئي سخت ۽ ناقابل انڪار هوهن جو فرمان ۽ دٻدٻو. جيون جي جيڪا بي صبري دٻيل هئي اها ان جبل جي ڇاتيءَ جي باهه وانگر نڪري آئي، جنهن جي چوٽي ٽڪرا ٿي ڪري پيئي هجي. +پهرئين ڏينهن جيڪا باهه ڀڙڪي، تنهنجي ياد اچي رهي آهي، اوه! انهي ڏينهن عطر پهريون ڀيرو پنهنجو مٿو پٽيو هو. هوءَ به هميشه کان بي صبريءَ جي باهه کي جگر ۾ سانڍي هلي رهي آهي. سهاڳ رات کان وٺي جيون ڊاڪٽر هن جي لهس کي سهندو اچي رهيو آهي. +ٻالڪپڻ ۾ ئي ماءُ پيءُ موڪلائي ويس. مامي جي گهر پلي. ننڍپڻ لاڪر زبان دراز. سدائين کان.... ڇا چوي؟ مهاڪاليءَ کان سواءِ ڪائي صفت ڪانهي، سدا کان مهاڪالي. غضب جي جيوني شڪتي! ننڍپڻ کان ئي مٿو ڪُٽي بغاوت ڪندي هئي. جيتري سختي ٿيس، اوترو ئي مٿو ڪٽيندي رهي. اوترو ئي رني. ان کان پوءِ ڪشور اوسٿا ۾ صبوح کان سانجهي تائين برابر ڳهندي وهندي رهي مامي جي گهر ۾. هڪ ڏينهن به آرام نه مليس. پر هن جي زبان درازيءَ جي به ڪائي حد ڪانه هئي. وري ان جي مٿان اپواس. مهيني ۾ ست اٺ ڏيهاڙا هوءَ لنگهڻ ڪڍندي هئي، جڏهن ماڻهو دٻدٻي جي نالي تي کيس ستائي هار مڃي ويهندا هئا، تڏهن هوءَ داڻو پاڻي گرهڻ ڪندي. +سهاڳ رات ۾ ئي جيڪر اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪليجي مان باهه جون ڄڀيون يا سيڪ نڪري ته حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پر نئين ڪنوار جي ناتي هن گرهستيءَ ۾ نالو ڪمايو هو. انهن ڏينهن ۾ پري کان ئي جيون مهاشيه ڏسندو هو، عطر پرسن آهي، شانت آهي، کلمک آهي. سس جي عزت بيشڪ ان جو هڪ مکيه ڪارڻ هو. ماءُ سندس ڏاڍو آدر ڪندي هئي. ماءُ جو خيال هو، عطر جهڙيون سهاڳڻ اِستريون ملڻ جون نه آهن. وهانءُ کان پوءِ جيون کي آيورويد جي پڙهائيءَ ۾ مگن ٿيندو ڏسي ئي هن تي اهڙو اثر ويٺو هو. چوندي هئي، ڪنوار جي شڀ لڇڻ سان ئي ائين ٿيو آهي. نه ته ڀلا ان جيون جي اهڙي گت مت ٿي سگهي ٿي، جيڪو مٿو جهڪائي سر جي ڌڪي سان وڏن وڏن جوانن کي زخمي ڪندو رهيو آهي، ويساکه جي ڏينهن ۾ صبوح جو گهران نڪتو سو ٻپهري گذاري تاڙ[1] کائي ڪري گهر موٽيندو آهي، مالڪني تلاو کي ويهه ڀيرا پار ڪري پاڻيءَ کي ڪدو بڻائي تڏهن وڃي ٻاهر نڪرندو آهي! اسڪول ۾ امرڪٽ ڪندو رهيوآهي. ڪتاب کي ڇهندو ئي ڪونه هو. هيءُ ته ڄڻ اهو جيون ئي ڪونهي. ان کي ڪنوار جو شرف نه مڃان ته ٻيو ڇا چوان؟ هن گهر ۾ نونهن جا قدم پيا ۽ ائين ٿيو. +تن ڏينهن اهو سڀ ڪجهه سڻي ڪري عطر جو منهن هلڪي مشڪ سان ڀرجي ويندو هو. +جڳت مهاشيه جي قابليت جو ان وقت ڌاڪو ڄميل هو. هن جي چترائي ۽ دورانديشيءَ جي هاڪ چوڌاري پکڙجي ويئي هئي. تنهن وقت هورواجي روڳين کي ڏسڻ ڪين ويندو هو، جيون مهاشيه ويندو هو. البت جي بيماري ڏکي هوندي ته پاڻ ويندو هو. ائين چوندو هو، ته هن ۾ منهنجي وڃڻ جي ڪائي لوڙ ڪانهي، جيون وڃي رهيو آهي. هن جون وڃڻ منهنجو ئي وڃڻ سمجهو. ائين چئي هو هلڪي مشڪ مشڪندو هو. +جيڪي ڳالهه جي مرم کي نه ڄاڻندا هئا، تن کي هو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪين ڪندو هو؛ جيڪي مذاق مان نه ڄاڻندا هئا، تن سان هو کل چرچو نه ڪندو هو. سادي نوع ۾ چوندو: ’جيون ڏسي ڪري مونکي ٻڌائيندو، ان مان ئي ڪم هلي ويندو. جيڪي ڪرڻ گهرجي، سو مان جيون کي ئي ٻڌائي ڇڏيندس، دوا ٻڌائي ڇڏيندس، تون ڳڻتي نه ڪر.‘ +ويندو به هو، جڏهن جيون کيس وڃڻ لاءِ چوندو هو. ٻيو جڏهن ٻئي ڪنهن ڊاڪٽر جي مريض کي ڏسڻ لاءِ ڪوٺ ٿيندي هيس، تڏهن ويندو. جتي آخرين پڌرائي ڪرڻ جي نوبت ايندي، اتي ويندو. +هڪ گهٽنا ياد اچي ٿي. ان گهٽنا جي ڪري جڳت مهاشيه جي مشهوري مڪمل ٿي چڪي هئي. نوگرام جو بابو وردا پرساد سخت بيمار ٿي پيو. اهي ماڻهو هتان جا سڀ کان آڳاٽن زميندارن مان هئا. هڪ پيڙهي اڳي هنن وٽ ئي جڳت مهاشيه جو پتا دين ٻنڌو مهاشيه منيب هوندو هو۽ ٻارن کي پاڙهيندو هو. هتي ئي هڪ نينگر جي بيماريءَ ۾ ٽهل شيوا ڪندي دين ٻنڌو مهاشيه کي آيورويدڪ وديا جي سکڻ لاءِ صلاح ملي هئي ۽ جڏهن هو ڇوڪرو تندرست ٿي ويو تڏهن ڪويراج ڪرشڻ داس خود کيس آيورويد جي ديکشا ڏني هئي. انهيءَ احسان جي بدلي پنهنجي عمر جي چاليهه- پنجيتاليهه ورهيه تائين جڳت مهاشيه بنا ڪجهه وٺڻ جي وٽن علاج ڪندو رهيو. پر هو ماڻهو ان کي نباهي نه سگهيا. ايتري- قدر بي مروت ٿيا جو دوا جو ملهه به ڪين چڪائيندا هئا، چون ته مال گذاريءَ ۾ مجرا ڪري ڇڏينداسون. ان وهنوار کان بچڻ جي لاءِ جڳت مهاشيه ڳوٺ جي ڪيترا ٽڪا زمينداري خريد ڪري ڇڏي هئي ۽ پنهنجي پت ان ريت بچائي به هئائين. تڏهانڪر نوگرام جي راءِ چوڌري خاندان جا ماڻهو علاج ڪاڻ کيس ڪين گهرائيندا هئا. ڪائي سخت بيماري هوندي. ته راگهورپور جي گپت ڪويراج کي گهرائيندا هئا. وردا بابوءَ جي بيمارءَ ۾ مجبور ٿي سندس پٽ جڳت مهاشيه کي ڪوٺايو هو. وردا بابو جو پٽ ڪلڪتي ۾ ڌنڌو ڪندو هو. پيءُ جي بيماريءَ جو ٻڌي ڳوٺ هليو آيو ۽ راگهورپور جي گپت ڪويراج کي گهرايائين. گپت اچي ڪري ٺهه پهه چئي ڏنو ته ”يا ته ٽن ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ يا نائين ڏينهن هن جو مرڻ اڻ ٽر آهي.“ +پٽس چيو: ’مان کيس ڪلڪتي وٺي ويندس.‘ +گپت سچيت ڪيس: ’اهڙي حالت ۾ هو رستي ۾ ئي دم ڏيندو. جيڪي ٽي ڏينهن جي سگهي ٿو، سي به نه جيئندو.‘ +پٽ، ڊاڪٽر رنگ لعل کي گهرايو. چي: ’نبض ڏسي ڪري ڪويراج ٻڌايو آهي ته....‘ سخت ڪلامي ڪندڙ ڊاڪٽر رنگ لعل وچ ۾ ئي ٽوڪي چيو: ’مان ان وديا کي نڪي سمجهان ٿو، نڪي ان تي يقين ڪندو آهيان.‘ +پٽ وري چيو: ڪويراج چيو آهي، ’يا ته ٽن ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ يا نائين ڏينهن هن جو مرڻ لازمي آهي.‘ +رنگ لعل چيو: ’مان اوهان کي اهو به ڪين ٻڌائي سگهندس، ها، هن کان اوهان لکائي وٺي سگهو ٿا. جيڪڏهن ديهانت نه ٿئي ته مٿس دعويٰ ڪري سگهو ٿا. جيڪر هو لکي ڪري مون کي ڏي، ته مان دعويٰ دائر ڪريان.‘ +ڇوڪر چيو: ’مان پتا کي علاج لاءِ ڪلڪتي وٺي وڃن ٿو چاهيان.‘ +’پوءِ مونکي گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ وٺي وڃوس.‘ +’پر ڪويراج چيو پئي. رستي ۾ ئي پراڻ هليو ويندس؛ جيڪي ٽي ڏيهاڙا جي سگهندو، سي به ڪين جيئندو.‘ +’ٿي سگهي ٿو. نه به ٿي سگهي ٿو. مان دوا ڏيندو ٿو وڃان. بيماري سخت آهي. جيئندو يا مرندو، سو مان نٿو ٻڌائي سگهان.‘ +جڏهن رنگ لعل ڊاڪٽر هليو ويو تڏهن لاچار هن کي جڳت مهاشيه کي گهرائڻو پيو. +جڳت مهاشيه ناڙي ڏٺي. چي، ’بهتر علاج واسطي ڪلڪتي وٺي وڃڻ چاهيو ٿا، وٺي وڃوس. مان روڪ نه وجهندس. ڪوبه ڊپ ڪونهي. ان جو ذميوار مان آهيان.‘ +پٽس چيو، ’ڏسو سوچي ويچاري ڪري چئو....‘ +’بنا سوچي سمجهي هيڏي وڏي جوابداري کڻي سگهان ٿو چوڌري صاحب؟ توهان وٺي وڃوس. مان هيترن ماڻهن جي سامهون اهو وچن ڏيان ٿو ته مان جيڪي چئي رهيو آهيان، ان جي خلاف ٿيندو ته مان علاج ڪرڻ ڇڏي ڏيندس. ٻيو....‘ +هن کلندي چيو هو، ’۽ وردا بابوءِ کي بيماري ته ڀوڳڻي آهي، پر ان ۾ هن جي مرتيو ڪونه ٿيندي البت ان جو ڪو علاج نه ٿئي يا سٺو علاج نه ٿئي ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. علاج درست ٿيندو ته هيءُ به ٺيڪ ٿي ويندو. توهان کيس ڪلڪتي وٺي وڃو.‘ +سندس ڳالهه ئي صحيح ثابت ٿي. وردا بابوءَ جي ڪلڪتي پهچڻ ۾ ڪو وگهن ڪونه پيو ۽ هو چڱو ڀلو ٿي پيو. ٿورا ڏينهن ديو گهر ۾ گذاري صحت سڌاري گهر موٽيو. +جڳت مهاشيه وردا بابوءَ کان في ڪانه ورتي. موٽڻ تي وردابابو کيس سوغات موڪلي هئي، ديو گهر جا کيرپڙا، حقو ۽ عاج جي مُٺئي واري لڪڙي، ٿورو سڳنڌي مينپوري تماڪ ۽ هڪ بالاپوش. +ان واقعي کان پوءِ جيون پتا کي چيو هو: ’هاڻ توهان کي پنهنجي في وڌائي چار روپيه ڪري ڇڏڻ گهرجي.‘ +پر جڳت مهاشيه ان تي راضي ڪونه ٿيو. جيون به مڇڏو هو. چي، ’جيڪي غريب آهن، تن کي اوهان بنا فيس جي وڃي ڏسي اچو. پر، جيڪي جيئن وڻين سو ڏين، ان مان اوهان جي عزت کي ڌڪ لڳندو.‘ +دت خاندان جو اهو سمو هر نقطي نگاهه کان عاليشان هو. جيون جي ماءُ چوندي هئي: ”هيءُ سڀ ڪناور جي سلڇڻ جو پرتاپ آهي.“ +عطر خود به اهوئي سوچيندي هئي. +ٽن ڏينهن جيون ڊاڪٽر جڏهن مريضن کي ڏسڻ لاءِ وڃڻ لڳندو هو، تڏه�� نبم پٽاندڙ عطر سندس سامهون اچي بيهندي هئي. هن جو منهن ڏسي سفر جي سڦلتا اڻ ٽر هئي. +* * * +جڳت مهاشيه جي مرتيو سان مهاشين جي مشهوريءَ ۾ سڀاويڪ طور زواليت اچي ويئي. +ڪيترائي پڪا گراهڪ (مريض)، ٻڌا گراهڪ هٿن مان نڪري ويا. چئن پنجن ڳوٺن جا ماڻهو وٽس وڃڻ جي بدران هريهرپور جي پاٺڪ وئديه ۽ ڪامديو پور جي مڪرجي ڪويراج وٽ وڃڻ لڳا. هوڏانهن نوگرام جي بابو صاحبن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ايلوپيٿي ڊاڪٽر کي آڻي ويهاريو، درگاداس ڪُنڊو. تن ڏينهن جيون مهاشيه صرف جيون دت هو. ’مهاشيه‘ ڪو ماڻهو سولائيءَ سان ڪونه چوندا هئا. ها، ڊاڪٽرن کي هڪ سهوليت آهي. عمر چاهي جيڪا هجي، تجربو هجي چاهي نه هجي، ڊگري رهي ٿي. ڊگري جي زور تي ئي هو ’ڊاڪٽر‘ ٿي رهن ٿا. +جيون دت جي سمهيل ڪامنا، نڀاڳي ڏينهن جي طوفان سان، رک سان اڏامندڙ ٽانڊي وانگر شعاع ڪڍڻ لڳي. هن ڊاڪٽر بنجڻ جو ارادو ڪيو. سامهون هوس ڊاڪٽر رنگ لعل جو زنده مثال. هوڏانهن نوگرام ۾ هڪ ٻيو به ڊاڪٽر آيو. هن جي دوست ڪرشڻ داس بابو، ڪشور جي پتا، هڪ نئين ڊاڪٽر کي آسرو ڏنو. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته هُتان جي نئين شاهوڪار بر جلعل بابوءِ هڪ خيراتي انگريزي دواخانو کولڻ جو ارادو ڪيو هو. سو جيون مهاشيه ماٺ ميٺ ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي. ڪافي اوک ڊوک بعد هن ٻه خاص ڊاڪٽري ڪتاب گهرايا، ڊاڪٽري سکيا ۽ ميٽريا ميڊيڪا. سندس چاهنا ته ڏاڍي هئي، خشڪ مزاج ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ وڃڻ جو کيس ساهسن ڪين ٿيو. +اٽڪل ٽن مهينن بعد، اوچتو ڊاڪٽر رنگ لعل سان گڏجاڻي ٿي ويس. هن سان جيون جو يوگ سوُتر[2] ناتو جڙڻ جي هيءَ پهرين ڳنڍ هئي. +هو ڪشور کي ان ڪري ئي ايترو گهڻو ڀائيندو هو. ’سوُتر‘ جُڙڻ جو سهرو به هن جي سِر تي هو. +هڪ ڏينهن اوچتو ئي کيس اها خبر ملي ته ڪرشن داس بابو جو نينگر ڪشور سخت بيمار آهي. ڏهن ڏينهن کان بخار اٿس، معيادي بخار. نئون ڊاڪٽر هريش سندس علاج ڪري رهيو هو. مهينو مس هتي آئي ٿيو هوس. ڪرشڻ داس بابوئي کيس سهارو ڏنو هو. پاٽنا مان پاس ڪري آيو هو. جيسين سندس ڊاڪٽري ڄمي، تيسين سمورو بوجو ڪرشڻ داس بابو پنهنجي سر تي کنيو هو. ڪشور کي هوئي ڏسي رهيو هو، اڄ رنگ لعل ڊاڪٽر اچڻ وارو هو. +جيون دت حيران ٿيو؛ شڪي به. پاڻ کي هن ڌڪاريو ان ڳالهه جي خبر رکڻ مناسب هئي. ڄمار ۾ وڏو هوندي به ڪرشڻ داس بابو سندس دوست هو۽ هن جي دلي دوست نيپال جو مائٽ هو. وري ڪشور کي هو ڀائيندو به گهڻو هو. هن نئي ڊاڪٽر جي اچڻ کان اڳي يعني چار ئي مهينا اڳي وٽس ئي هو علاج ڪرائيندا آيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو هن جو اتي وڃڻ واجب هو. جيتوڻيڪ ويڄ جي روپ ۾ بنا ڪوٺ جي وڃڻ ۾ مريادا جي گهٽتائي آهي، پر هن سان گهاٽي ياراڻي به ته رهي آهي. ڪرشڻ داس سان به آهي، ڪشور سان پڻ. جڏهن به ان ٽوليءَ ۾ ويندو آهي، سڏائي ڪري ڪشور سان ٻه چار رهاڻيون ڪري ايندو. ڇهن ستن ورهين جو هيءُ نينگر ڪمال جو تيجه ٿو رکي. تيجوان ۽ تيز فهم. +اڃا تنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي: +”نيپال سان گڏ هو سندس گهران اچي رهيو هو. ڪشور رستي تان وڃي رهيو هو. ٻپهري ٽاڻي پنهنجي سنڍوءَ جي پٽ کي اڪيلو ويندو ڏسي پاڳل نيپال جي فرض شناس جاڳي پيئي. ڪشور کي ويندو ڏسي ڪوبه ائين سمجهي ٿي سگهيو ته هو پنهنجي گهر ڏانهن ئي وڃي رهيو آهي، پر مواليءَ نيپال کانئس بي سبب سوال ڪيو: ’ڪيڏانهن ويندين‘؟ منهنجي گهر؟“ +”نه.“ +”تڏهن؟ هن ٻپهريءَ ۾ ڪيڏانهن ويندين؟“ +ڪشور وراڻيو: ”تنهنجي ساهري ويندس.“ +نيپال ان چرچي کي سمجهي ڪين سگهيو. جيون ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو. +خود جيون ڊاڪٽر به هن جي سامهون ڦڪو پئي لڳو. ڪيترائي مهينا اڳي، تڏهن هو ئي وٽس علاج ڪندو هو. ڪشور کي ئي تپ ٿيو هو. هن ناڙي ڏٺي، تيزاب هو. ڪرشڻ داس بابو جي ڀيڻ چيو، ”ٿيندس نه، ته ٻيو ڇا ٿئي آخر؟ ڪالهه بخار ۾ ئي هن چوري ڪري ملائي کاڌي هئي.“ +جيون پڇيو هو: ”هان، تو چوري ڪري کاڌي آهي؟“ +ڪشور ٺهه پهه وراڻيو: ”ها“. +”خبر اٿئه، چوري ڪري کائڻ سان پاپ ٿئي ٿو.“ +ڪنڌ ڌوڻي هن چيو هو؛ ”ٿيئ ٿو، پر ملائي کائڻ سان نه.“ +جيون هڪو ٻڪو رهجي ويو هو. پڇيو هئائينس، ”اهو توکي ڪنهن چيو؟“ +ڪشور وراڻيو: ”ڀڳوان جي آکاڻيءَ ۾ ٻڌو اٿم. خود ڪرشڻ ملائي- مکڻ چوري ڪري کائيندو هو. مون کي ڇو پاپ لڳندو؟“ +جيون کي هار مڃڻي پئي هئي. بعد ۾ هن کي صحت جي باري ۾ کيس سمجهائڻو پيو هو. هن ڌيان سان ٻڌو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ايترو چيائين: ”چڱو، هاڻ گهڻو نه کائيندس، گهٽ کائيندس.“ +ان کان پوءِ هو ڪشور کي ڏسندي ئي پُراڻن ۽ شاسترن جا سوال پڇندو هو. ڪشور اڪثر جواب ڏيندو هو ۽ هڪ عجيب ڍنگ سان. هن پڇيو، ”راوڻ جا ڪيترا سر هئا؟“ ڪشور چيو هو، ”هنجا ڏهه سر ۽ ويهه هٿ هئا. خبر اٿو، راوڻ ڪڏهن به سمهندو ڪونه هئو؟“ +”ڇو؟“ +”ان ڪري جو پاسو ڪيئن ورائي؟“ +ان ريت هن ڇوڪر سان سندس گهاٽو نينهن ٻجهي ويو هو. اڄ هن جي ئي طبيعت خراب آهي، وڌيڪ خراب آهي، ڊاڪٽر رنگ لعل ڏسڻ وڃي رهيو آهي... جيون کان رهيو نه ٿيو. هو پنهنجي مرضي پٽاندڙ ڪرشڻ داس بابو وٽ پهتو. ڪرشڻ داس بابو منجهي پيو. جيون چيس: ”ڪائي ڳالهه ڪانهي ادا، توهان جيتوڻيڪ براهمڻ آهيو۽ مان ڪائسٿ آهيان، ته به توهان منهنجا ڀائر آهيو. چاچو هوئڻ جي ناتي مان ڪشور کي ڏسڻ آيو آهيان. هلو، ذرا کيس ڏسي وٺان.“ +ڪشور بي سرت پيو هو. ساهه کڻڻ ۾ ڪف جي گرڙاٽ ٿي رهي هئي، هلڪي – هلڪي. رکي رکي پئي وڦليو. بڊي جو مهينو، ان هوندي به سڄو ڏينهن کيس گرم ڪپڙن ۾ لپيٽي سمهاريو ويو هو. نئي ڊاڪٽر چيو، ”ڦڦڙ ۾ سردي لڳي ويئي آهي. هڪ سو ٽي بخار اٿس. هن مهل تائين نمونيا پنهنجي جوڀن ۾ هجي ها، پر مون کيس ٻڌي ڇڏيو آهي. پتو ناهي، پوءِ به بخار لهي ڇو نٿو.“ +جيون ڊاڪٽر ڪافي دير تائين ٻنهي هٿن جي ناڙي ڏٺي. ڄڀ ڏٺي، اکيون ڏٺيون، پيٽ جي جاچ ڪئي. ان بعد اٿي هن هٿ ڌوتا ۽ ڪرشڻ داس بابو جي ڀر ۾ ويٺو. چي، ”ادا، ايڪويهه يا چوويهه ڏينهن کان پوءِ هيءُ بخار ويندو. ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي،پر بخار ڪجهه ڏنگو آهي. آيل تپ سرسام وانگر آهي، پر زوردار ڪونهي، جان کي به خطرو ڪونهي. ڪف جو دٻاو.... ڊاڪٽر بابو جيئن چيو آهي....“ +هن هريش ڊاڪٽر ڏانهن نهاريندي چيو، ”اها ٿوري حصي ۾آهي، موُل ڪارڻ اها نه آهي.“ +ڊاڪٽر هريش به لڳ ڀڳ سندس ئي ڄمار جو هو. جيون دت کان ڪي ٽي چار سال ننڍو هو. ڪرم جيون ۾ عمر جو ايترو فرق گهڻو فرق ڪونهي. هن چيو هو: ”نه، مون اسٽيٿسڪوپ لڳائي ڏٺو آهي، سردي ئي موُل خرابي آهي. منهنجو خيال آهي، اوهان جيڪا سرسام يا ٽائيفائيڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، سا ٺيڪ ڪانهي.“ +”جيون دت ڌيان مگن ٿي ناڙي جي جاچ ڪئي هئي. هن جيڪي ڪجهه سمجهيو، سو غلط نٿو ٿي سگهي. ٿورو مشڪي هن ڪنڌ لوڏيو هو. ايتري ۾ ٻاهر پالڪيءَ جي ڪهارن جي هُڻڪار ٻڌڻ ۾ آئي.“ +هريش اُمالڪ ٻاهر ويندي چيو، ”هو اچي ويو.“ +جيون ڊاڪٽر وڃڻ جي لاءِ تيار ٿيو ته سندس نگاهه منهنجي ڍڪيل ڪشور جي سيرانڌيءَ کان ويٺل هن جي ماءُ تي پيئي. هن وشواس سان ڀروسو ڏيندي دهرايو هو: ”ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڪوئي چاهي ڪڇ به چوي، ايڪويهه يا چوويهه ڏينهن ۾ تپ لهي ويندو. ڪشور چڱو ڀلو ٿي اٿندو.“ +ان ايڪويهه ۽ چويهه ڏينهن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر رنگ لعل سان به ڇڪتاڻ ��ي ويئي. +رنگ لعل روڳيءَ کي ڏٺو. +پهريائين اهو چيائين: ”ڪمري ۾ بيڪار ماڻهو ميڙ لڳائي رکن، اهو مون کي پسند نه آهي. جيڪي ڊاڪٽر ڏسي رهيا آهن، اهي ۽ هڪ اڌ شيواڌاري...“ +جيون دت به ٻاهر وڃي رهيو هو. پر ڪرشڻ داس بابو چيو: ”تون ترس جيون.“ +هن سندس هٿ پڪڙيو. جيونمهاشيه کي ياد آهي ته ڊنل ڪرشڻ داس بابو جو هٿ پگهرجي رهيو هو. جيون کيس پاٻوهه وچان دلداري ڏيندي چيو هو: ”ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ +مريض کي جاچي رنگ لعل ڊاڪٽر ڪجهه ڪونه چيو. هن نسخو ڏسڻ چاهيو. نسخن کي پڙهيو. اهي نسخا موٽائي ڏنائين ۽ نئو نسخو لکي ڪري ڊاڪٽر هريش کي ڏيندي چيائين: ”مون نئي دوا لکي ڏني آهي. پرهيزي کاڌي ۾ رٻ، پنير جو پاڻي ۽ قنڌاري ڏاڙهونءَ جي رس ڏيئي سگهو ٿا. ڳرو کاڌو نه هوئڻ گهرجي. ٻالڪ کي ٽائيفائيڊ ٿيو آهي.“ +ڊاڪٽر هريش جي منهن جو پنو لهي ويو هو. ساڻ ئي سڀني جون نگاهون جيون ڊاڪٽر ڏانهن گهمي ويئون هيون، اهو جيون مهاشيه کي ياد آهي. پر جيون ڊاڪٽر هريش ڏانهن ڪونه ڏٺو هو. چي، ”ويچاري کي ڪهڙو نه برو لڳندو.“ +ڪمري کان ٻاهر نڪري ڪري ڊاڪٽر رنگ لعل هريش کي ڀلي ڀانت سڀ سمجهائي ڇڏيو. +جيڪي ڪجهه ٻڌايائين، ان مان ڪڇ حصو جيون دت جي ڪويراجيءَ جي نيم جي ابتڙ هو. پر هو چپ رهيو. سندس حق به ڪهڙو هو؟ تنهن بعد ڊاڪتر رنگ لعل دوا تيار ڪرڻ لڳو. اها هن جي خاصيت هئي. پاڻ ئي بئگ مان دوا بڻائي ڪري ڏيندو هو. ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر وٽان يا ڪنهن دوا خاني جي دوا هو مريض کي ڪونه ڏيندو هو. ايتريقدر جو جيڪڏهن اوچتو بيماريءَ ۾ ڪنهن تبديل جي شنڪا ٿيندي هئس، ته ان جي به دوا تيار ڪري. اڳي ئي ڏيئي ڇڏيندو هو. چوندو هو، ”جيڪڏهن هيئن ٿئي، ته هيءَ دوا ڏجو. هونئن ٿئي ته هيءَ دوا. هڪ هڪ ڏينهن کانپوءِ مون کي حال کان واقف ڪندا رهجو.“ ها، جيڪي ڊاڪٽر اڳي ئي ڏسندا آيا هوندا، تن کان هو ڪڇ لڪائيندو نه هو. جيڪڏهن هو سندس وشواس جوڳا هوندا ته کانئن ئي نسخو ڏيئي دوا تيار ڪرائي وٺندو هو. چي: ”مون کي خبر آهي ته زهر ملائي ڪري بيمار کي نقصان ڪين رسائيندا، زهر جي قيمت آهي. منهنجي هٿ جو نسخو آهي، توهان مون کي جوابدار ڪين بڻائيندا. پر پاڻي جتي افراط آهي، اتي پاڻيءَ جو ملهه نٿو لڳي. ڪوئي دوا جي بدران پاڻي ملائي ڇڏي، ته ڇا ٿو ڪري سگهان. ڇهن دوائن مان ٽي ئي ڏي ته ڇا ڪيو وڃي؟ يا پراڻيون رکيل بانسي دوائون ڪري ڏي ته مان ڇا ڪري سگهندس؟ منهنجي پاڻ بدنامي ٿيندي.“ +هن دوا جي ٻن شيشين کي لوڏيو ۽ چڱي طرح انهن جو رنگ، ان جي شڪل ڏسي ڪري ڊاڪٽر هريش کي ڏنائين. چي: ”ٻن قسمن جي دوا آهي. اهائي هينئر هلندي. جيڪڏهن بخار تيز ٿي وڃي ۽ مريض وڦلڻ لڳي، بخار ٿيڻ سان ئي وڦلڻ شروع ڪندو ۽ وڦلڻ لڳي ته سمجهو ته بخار وڌي ويو آهي، اهڙي حالت ۾ هيءَ دوا ڏجو. سمجهي ويا؟ ۽ هيءُ جيڪي گرم ڪپڙا ويڙهي ڇڏيا اٿو، سي لاهي ڦٽي ڪريو. انهن ۾ دٻجي ويچاري ٻالڪ جي جان هلي ويندي. اُس- هوا اچڻ ڏيوس. سمجهي ويا؟“ +ڪرشڻ داس ڀرسان اچي پڇيو: ”مدي جو تپ آهي؟“ +”ها، بيماري سخت آهي.“ +”جي، اهو ئي پڇي رهيو آهيان ته....“ +”جيئڻ مرڻ ايشور جي هٿ ۾ آهي، اهو مان نٿو ٻڌائي سگهان.“ +ڪرشڻ داس به ساهسي آدمي هو. جواب ڏيڻ ۾ تکو هوندو هو. چيو هئائين: ”اهو اوهان ئي ڇو، اسان به چئي سگهون ٿا. ڏسڻ سان اوهان کي ڇا معلوم ٿيو؟ سر سام ٿيڻ سان ئي ٽائيفائيڊ لاعلاج نٿو ٿئي. ان جا به قسم آهن، هلڪو، وچولو ۽ سخت.“ +تيز نگاهه سان کيس ڏسندي ڊاڪٽر رنگ لعل پڇيو هو: ”توهان ئي ته ڪرشڻ داس بابو آهيو؟ ڇوڪر جا پتا؟“ +”جي ها.“ +”بيماري وچولي آهي. پر آه�� زوردار. ان کي سخت ٿيندي ڪيتري دير ٿي لڳي؟ جهڙي گهرجي، تهڙي شيوا ۽ نيم سان دوا نه ملي ته هيءَ بيماري وڌي سگهي ٿي. هن ۾ شيوا ٽهل ئي سڀ کان بهتر علاج آهي.“ +”ان جا ذميوار اسين آهيون. ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندا؟“ +”اهو مان ڪيئن ٻڌايان؟ اهو نٿو ڄاڻان.“ +جيون ڪويراج سهي نه سگهيو هو. هن چيو هو: ”ڀائو ڪرشڻ داس، توهان گهٻرايو نه، ٻاويهن کان چوويهن ڏينهن جي اندر ڇوڪر جو بخار لهي ويندو.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل جهڪي ڪري پنهنجي بئگ ۾ دوائون سڀنالي رهيو هو، چوٽ کاڌل ڪاريهر وانگر سيٽجي پٺتي مڙيو. +”توهان ڪير آهيو؟ جوتشي؟“ +”نه هيءُ انسان اجي ڳوٺ جو ويڄ آهي. جڳه ٻنڌو مهاشيه جو نالو شايد ڄاڻندا هوندا.“ +”بيشڪ ڄاڻان ٿو. نهايت ڪمال جو ڪويراج هو. بيماريءَ جي نرنيه جي غصب جي ڏات هئس. هتان جي وردا بابوءَ جي ڳالهه مون کي ياد آهي.“ +”هيءُ هن جو ئي سپتر آهي، جيون دت.“ +”رنگ لعل وري به جيون دت ڏانهن نهاريو. چي: +”ٻاويهه کان چويهه ڏينهن ڪيئن سمجهي ويا؟ نبض سان؟“ +”جي ناڙيءَ مان مون کي ائين ئي لڳي ٿو. چوويهن ڏينهن ۾ بخار کي لهي وڃڻ گهرجي. ٽي هفتا. پر اسان جي ديش ۾ شروعاتي جيڪو هڪ ٻن ڏينهن جي بخار جو احساس ٿيندو آهي، سو هن ۾ شامل نٿو ٿئي. تنهنڪري ئي مون ٻاويهه کان چويهه ٻڌايو.“ +”توکي ساهس آهي. ننڍي عمر آهي، تازو نئون رت.“ ڊاڪٽر رنگ لعل کليو، چي: ”تنهنجي خاندان جي ناڙي گيان جي هاڪ مون ٻڌي آهي، وردا بابو جي بيماريءَ ۾ اکئين پسيو به اٿم. پر اها اسان جي شاستر کان ٻاهر جي ڳالهه آهي.“ +ٺيڪ چوويهن ڏينهن ۾ ڪشور جو تپ لهي يو هو. جيون دت کي گهرائي ڪرشڻ داس بابو هن سان چنبڙي ويو هو. +ڊاڪٽر رنگ لعل ڏانهن هٿيڪي ماڻهوءَ جي معرفت چٺي موڪلي هئائين. لکيو هئائين: ”اڄ چوويهين ڏينهن ڪشور جو بخار ٽٽو آهي. اڳتي جي لاءِ دوا ۽ هدايت موڪلڻ جي ڪرپا ڪندا جيڪڏهن اچڻ جي ضرورت سمجهو ته اطلاع ڏيندا ته ڪڏهن اچي رهيا آهيو.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل وري ڪونه آيو. صرف دوا ۽ هدايت هن موڪلي ڏني هئي. لکيو هئائين ته ”جڳت ٻنڌو مهاشيه جي پٽ کي منهنجي آشيرواد چوندا.“ +اتساهه وچان جيون دت چار ميل پنڌ ڪري کيس پرڻام ڪرڻ ويو هو. +باهه ڀريل ٻه سنبل جا وڻ! هڪ ٻئي جي سامهون ايندي ئي ٻنهي جي اندر جي آگ ڀڙڪي اٿي!! +* * * +جيون دت جي پٺ تي هٿ ڦيرئيندي تنهن ڏينهن ڊاڪٽر رنگ لعل کيس آشيرواد ڏني هئي. ان ڇهاءُ ۾ جيون دت سنيهه جو انڀو ڪيو هو. هڪ اچرج چئجي. ڊاڪٽر رنگ لعل ٿيوتانترڪ، لاش- ساڌڪ مساڻي طبعيت ماڻهو. آچار- وهنوار ۾ بنهه الٽ، ڪنهن به مروج آچار نيم جو پابند نه هو. تکو ۽ رکو سڀاءُ، ڳالهائڻ جو ڪوڙو تند مزاج. ميوراکشي مان ترندڙ- وهندڙ لاشن کي کڻي چيري ڦاڙي ڏسي ٿو، ماءُ جي گود ۾ ٻار کي مرندو ڏسي به هن جو من نٿو لڏي، سنسار ۾ ڪنهن جي سامهون به سر نٿو جهڪائي. هن تنتر پرست کيتر جا ماڻهو چوندا هئا: ”ڊاڪٽر رنگ لعل هڪ لڪل تنتر وادي آهي. واماچاري- هٺ ڌرمي آهي.“ +ڪوئي ڪوئي کيس ناستڪ به چوندو هو. +پهرين ئي ڳالهه جيڪا ڊاڪٽر رنگ لعل کيس چئي هئي ته ”تو جيڪر ڊاڪٽري پڙهي سمجهي ها، ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها. تنهنجي اندر ته هڪ قدرتي علاج ڪندڙ آهي. مان ائين نٿو چوان ته ڪويراجي شاستر ۾ ڪجهه به ڪونهي. پر اهو به اسان جي هندو جاتيءَ وانگر وقت جي انوسار اڳتي اسري ڪين سگهيو. جن ڏينهن هن شاستر جي رچنا ٿي هئي، هن جي ترقي اوج تي هئي، تن ڏينهن طبي علم جي ايتري ترقي ڪانه ٿي سگهي هئي. ازانوساءِ ٻين به ڪيترين شين جي کوج ۽ ايجاد نه ٿي هئي. اهو سمجهه ته ان کانپوءِ الائي ڪيترن ��لڪن مان ڪيترا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ آيا. ساڻن گڏوگڏ آيا سندن روڳ. هوا، پاڻي ۽ مٽي ڀيد سان انهن جي عجيب شڪل ٿي ويئي. ان کان سواءِ ٻي به ڳالهه آهي ته ’آيل بيماري‘ چئي ڪري آيورويد جتي ڄمي بيهي ويو آهي، اتي يورپ وارن جي ڊاڪٽري ريسرچ ۽ خوردبيني دئاران جيوڙن جي معومات حاصل ڪري ڪافي اڳتي وڌي ويئي آهي.“ ان ريت هن نين بيمارين ۽ علاج جي باري ۾ ڪيتريون ڳالهيون ڪيون هيون. جيون پاڻ سمائي ٻڌي رهيو هو. کيس پنهنجي پتا ۽ گروءَ جڳت مهاشيه جي بار بار ياد پئي آئي. ٻنهي جي ڳالهين ۾ تفاوت رڳو ايترو هو ته سکيا جي سلسلي ۾ جڳت مهاشيه ايشور، قسمت، وڌاتا جو بار بار ذڪر ڪندو هو؛ ۽ هن جي ڳالهه روڳ وگيان (طبي علم) جي وياکيا کان سواءِ هڪ ڀاو- وياکيا (جذباتي تقرير) جيئان به لڳندي هئي، هن ۾ ڳلهين جي مطلب کان سواءِ ڀاو به ڀريل هوندا هئا؛ ڊاڪٽر رنگ لعل جي ذڪر ۾ ايشور نه هو، ڀاڳيه نه هو، سمورو بيان خشڪ ۽ دماغي هو، مطلب کي ڇڏي هن ۾ ڀاو جي بوءِ به ڪانه هوندي هئي. رنگ لعل چوندو هو، ”آدمي جي مرڻ کان پوءِ اسان ڪنهن به طرف نٿا ڏسون. سمجهي وئين؟ هن ديهه جي پڃري کي ٽوڙي ڪري پراڻ پکيڙو ڪيئن ڦرڙ ڪري اڏامي ڀڳو، اسان اهو ڏسڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون.“ وچ وچ ۾ وري کلي ڪري ائين چوندو: ”اڙي ڀائي، پراڻ جيڪڏهن پکي آهن، ته بندوق وارا شڪاري به آهن ۽ اهو لاشڪ پکيءَ جو ماس کائين ٿا، پوءِ ڇا، پنر جنم ختم.“ +ان ڏينهن جيون چيو هو: ”منهنجي هڪ وينتي آهي. مون کي ڪرپا ڪري توهان ڊاڪٽري سيکاريو.“ +”تون ڊاڪٽري سکندين؟“ ڊاڪٽر رنگ لعل تيز نگاهه وجهندي هن کي ڏٺو. انتر ڀيدي هئي اها درشٽي! ڳلن ۾ ڏسندي ڏسندي ڪيترا گهنج پئجي ويس. ان ۾ اچرج، سوال- گهڻو ڪڇ هو. ان بعد پڇيو هئائين: ”ڪويراجي چڱي نٿي لڳي ڇا؟“ +جيون کلي ڪري جواب ڏنو هو: ”پڙهيل لکيل طبقي ۾ ان جو چلن ضرور ڪجهه گهٽيو آهي، پر عام ماڻهن ۾ چڱي ٿي هلي.“ +”ننڍپڻ کان ئي منهنجي ڊاڪٽري پڙهڻ جي اِڇا هئي. پر....“ جيون دت هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. +”پوءِ پڙهيئه ڇو ڪين؟ تنهنجي پتا جي مالي حالت ته سٺي هئي.“ +ڦڪي مرڪ کلندي جيون چيو هو: ”اسان ته ڀاڳيه کي مڃون ٿا، ان ڪري مان چوندس منهنجو ڀاڳيه. ٻيو چوان به ڇا؟ ائين ته منهنجي اِڇا منڍ کان ئي هئي پر...“ +”تنهنجي پتا پڙهڻ جي موڪل نه ڏني؟“ +”جي نه، ڏوهه منهنجو آهي.“ هن منجري جي ڳالهه لڪائي ڀوپي بوس سان مارڪٽ وارو قصو سڻايو. چي: ”مان گهر موٽي آيس. پتاجيءَ چيو، بس، توکي پرديس موڪلي هاڻ مان نشچنت ڪين رهي سگهندس. تون موروثي وديا جي ديکشا وٺ.“ +هن جي ڳالهه سڻي ڪري ويران جبل جهڙو ڊاڪٽر رنگ لعل ’ها – ها‘ ڪري ٽهڪ ڏيئي کلي پيو هو، ڄڻڪ گنجي ٽڪر جهڙو ڪارن پهڻن جو هو ڪارو پهاڙ عجب وچان ڦاٽي پيو ۽ اندران جهر جهر ڪري وڃي ڇٽڪيون جهرڻي جون ڦوهارون. ڊاڪٽر رنگ لعل کي ان ريت کلندو شايد ئي ڪنهن ڏٺو هجي. +ٿوري ساعت کلندو رهيو. وري چيائين: ”ڀوپي بوس جو سڊول نڪ تو ڀڃي وڌو هو؟ اَڙي، مون هن کي ڏٺو آهي. هن جو علاج ڪيو اٿم. بيحد شراب پيئڻ سان ليور (جگر) جي بيماري ٿي پيئي هيس. سندس سهرو کيس پاڻ وٽ علاج ڪاڻ نيئي ويو هو. مون کي گهرايو هئائين. هن جي نڪ تي داغ ٿي ويو هو، ڄڻڪ ڪنهن خوبصورت ڳاڙهي ڦل ۾ ڪيڙي لڳڻ جونشان هجي.“ +رگ لعل بابو اچانڪ گنڀير ٿي ويو. چي: ”مون کي اهو شڪ ٿيو ته اهو گرميءَ وچان ٿيو آهي. وڏي ماڻهوءَ جو پٽ، عضبناڪ شرابي. شڪ ٿيڻ ته سڀاويڪ ئي هو. مون پڇيس. پر باسي ئي نه پيو. نيٺ باسيائين. جهڙوڪ هتي جي ماڻهن جي عادت آهي. ”ڊاڪٽر رنگ لعل جوش ۾ اچي ويو؛ وات مان چر��ٽ کي هٽائي چيائين: ”هيءُ ديش به غضب آهي غضب! شرم وچان بيماري لڪائي ڇڏي ٿو، پيڙهين کان مرض جي وراثت ڏيئي وڃي ٿو! خود به ڀوڳي ٿو. اهو هرگز سمجهڻ جو ناهي ته نيٺ اسان به انسان آهيون، رت ماس جا پتلا، ڪي ديوتا نه آهيون. بک، لوڀ، ڪام جا غلام!“ +ڊاڪٽر رنگ لعل اٿي کڙو ٿيو چي: ”هن سوئر ڇا ٻڌايو هو، خبر اٿئيه؟“ ٻڌائي پيو ته اهو ڪيئن ٿيو، مون کي خبر ڪانهي. پنهنجي زال کي ڇڏي ٻئي ڪنهن جي صحبت ۾ ته مان ويو ڪونه آهيان. مون کان به رهيو نه ٿيو. ٿڦڙ الاري چيم: هڪ وڄائي ڏيندوسانءِ. الو ڪنهن جاءِ جو!“ +ذرا ساعت چپ رهي هو پنهنجي آسڻ تي اچي ويٺو هو. چروٽ دکائي ٻه ڪش ڀري هلڪي نموني کلندي چيائين: ”ته اهو تنهنجي مدگر وانگر ٺونشي جي ڌڪ جو نشان آهي؟ وڏو خونخوار ٿئين تون؟ پر تون سچ پچ ڀوپي بوس جي متر جو ڪم ڪيو آهي. ان نشان سان تو هن جي ان پاپ- روپ کي پڪڙڻ جو. سنجوڳ ڪري ڏيکاريو آهي.“ +ان بعد ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”مان توکي سيکاريندس. جيترو ٿي سگهي، مون وٽان وٺي وڃ. ڇو؟ سوچي ڇا رهيو آهين؟“ +جيون ان ڏينهن ان وقت منجري ۽ ڀوپي بوس جي ڳالهه سوچڻ لڳي ويو هو. جيسين رنگ لعل ڀوپي بوس جي باري ۾ چوندو رهيو، جيون هن جي منهن ڏانهن اهڙي طرح تڪيندو رهيو، ڄڻڪ هن ۾ چنتا- شڪتي ئي ڪانهي. ڊاڪٽري سيکارڻ جي خاطري ڏيئي رنگ لعل بابو پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي. ان جو جواب ڏيڻ بدران جيون دت سوال ڇڪيو هو. ”ڀوپي کي ليور جي بيماري ٿي ويئي. ٺيڪ ٿي يا نه؟“ +هن ڏانهن نهاريندي ڊاڪٽر رنگ لعل چيو: ”ڀانيان ٿو ڀوپيءَ جي لاءِ توکي ڪجهه پيار به آهي، جيون؟“ جيون هينئر سچيت ٿي ويو. لڄي به ٿيو. +رنگ لعل چيو: ”توهان ماڻهو ته ويشڻو آهيو؟“ +”جي.“ +”ان ڪري،“ وري چيائين، ”في الحال ته هن جي بيماري چڱي ٿي ويئي آهي. پر وري اٿلي پوندي. هو وڌيڪ ڏينهن جيئرو رهي نه سگهندو. انهيءَ مان هن جي مرتيو ٿيندي. هن جي زال... هڪ طرح هن جي ماءُ وانگر آهي، جيڪا بيمار ٻالڪ کي لڪائي کارائيندي آهي، ٺيڪ انهيءَ وانگر آهي. ڊاڪٽر سخت منع ڪري رکي آهي، ڀوپي شراب جي ڪاڻ ڦٿڪي رهيو آهي، هن جي زال ڪنهن کي انعام ڏيئي ڪري لڪائي شراب گهرائي ڏيندي اٿس. چوندي اٿس، ’ذرو پيئجه، گهڻو نه.‘ تعجب آهي هوءَ پنهنجا ڳهڻا وڪڻي کيس پيئاري ٿي. غضب آهي. پُراڻ۾ لکيل آهي ته ستي استري موت سان لڙي پنهنجي پتيءَ کي بچائي ٿي. پر هيءَ عورت، پريم ۾ ته انهن کان ننڍي ڪانهي، پر موت کي سڏي ڪري پنهنجي پتيءَ کي هن جي هٿن ۾ سونپي رهي آهي. وچتر آهي.“ +جيون ڊاڪٽر سناٽي ۾ اچي ويو. مڪان، زمان، ڪردار سڀ ڪجهه وساري ويٺو هو، ارٿ هيڻ هڪ آڪار ٿي ويو. ڊاڪٽر رنگ لعل هن کي آپي ۾ واپس آندو. چي: ”هن شاهوڪاري ڪلڇڻي ڇوڪري جي ڳالهه کي ڇڏي ڏي. هيءُ انسان جي پنهنجي پاپ بيڪار رچنا آهي. هاڻ ڪم جي ڳالهه ٻڌ. تون ڊاڪٽري سکڻ چاهين ٿو؟ اها تنهنجي لاءِ مون وانگر ڪٺن ڪانهي. تون علاج ڪرڻ ڄاڻين ٿو، مرضن جي پڇاڻ توکي آهي. تنهنجي واسطي هيءُ سڀ سهنجو آهي. مون انگريزي طبي علم جي ڪتاب جو هتان جي رهواسين واسطي ترجمو ڪيو آهي. مان توکي مدد ڪندس، سيکاريندس ۽ پڙهائيندس.“ +هينئر جيون اهو ٻڌو. پل ۾ هن جي سموري اداسي ۽ سناٽي واري اوسٿا غائب ٿي ويئي. جيون ۾ آگ ٻرڻ لڳي. +منجري ۽ ڀوپي بوس بادل ۽ هوا بڻجي ڪري هن جي جيون جي تيز آگ تي نڀاڳي ڏينهن جي بيوقت برسات وسائي ڪري ان کي ٺاري ڇڏيو هو. پر وڻ جي پاڙ کان چوٽيءَ تائين جيڪا جوالا ڌڌڪي رهي هئي سا هڪ دفعي ۾ ئي ٿڌي ڪانه ٿي ويئي هئي. اها وري ڀنڀٽ ڪري اٿي هئي! هو منجريءَ کي ڀلجي ويو، ڀوپيءَ کي ��لجي ويو. کيس ان گهريءَ عطر جي ياد به ڪانه رهي. بس، ڊاڪٽر رنگ لعل ئي تنهن ڏينهن سامهون رهيو. هن جي هٿ ۾ چمڙي واري هڪ ٿلهي وَهي هئي ۽ اکين جي سامهون هو مستقبل، چمڪندڙ ۽ روشن! +[1] کجور جهڙو ميوو +[2] آيورويد جي آدي آچاريه مهرشي پتنجلي جي رچيل يوگ سنٻنڌي سوُترن جو سنگرهه – گرنٿ. + + +[14] + +چار سال تنهن کانپوءِ جيون دت جي جيون جو اُديه لڳن. نئون جنم يا نئين جنم جي تپسيا ٿي. +وچ وچ ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل چرچو ڪندو هو. هڪ ڀيري چيو هئائين: ”سچ پچ جيون، ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي. من ۾ ايندو آهي، مون شادي ڇو ڪين ڪئي؟“ +ان طرح جون ڳالهيون اڪثر رات ۾ ٿينديون هيون. ورانڊي ۾ ويهي هو مقرر انداز ۾ برانڊي پيئندو ۽ چروٽ جا سوٽا هڻندو؛ پر جيون دت اتي هوندو، ته ساڻس ويهي رهاڻيون ڪندو يا ڪتاب پڙهندو رهندو. ڪڏهن ڪڏهن منا کي گهرائي هن سان ڳالهيون ڪندو رهندو. پاڻ ڪڇ ڪين چوندو، منا قصا ويهي ڪٽيندو هو. جنن ڀوتن جو قصو؛ ٻڌندو رهندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ ٽهڪ ڏيئي کلندو هو. +جيون دت کي هن ترجمي جا سمورا دستخط ڏيئي ڇڏيا هئا. جيون گهر م انهن جو اڀياس ڪندو ۽ پنهنجي طبابت ڪندو هو. ٻه چار ڏينهن وچ ۾ رکي صبوح جي ڪمن کان فارغ ٿي ڊاڪتر رنگ لعل وٽان ٿي ايندو هو. جيڪا ڳاهه سمجهه ۾ نه ايندي هيس، سا هن کان سمجهي ايندو هو. جيترو پڙهي چڪو هوندو، سو ڊاڪٽر کي ٻڌائي ايندو. هو ٻڌندو. تفصيل ۾ پڇندو. ڪنهن وٽ ويندو، ڪنهن وٽ نه ويندو. جنهن وٽ به ويندو ساڻس گڏ جيون به ويندو. گرو پالڪيءَ ۾ ويندو، جيون پيادو. سگهارو ۽ جانٺو بدن، اٺٽيهه انچ ويڪري ڇاتي، ٻه مڻ کان وڌيڪ وزن، مدگر ڦيرايل، ڪسرتي ۽ مضبوط جسم، جوان هاٿيءَ وانگر ڀاري قدم وڌائيندي جيون دت ڪهارن سان گڏ هلندو ويندو. +پرٿورن ئي ڏينهن ۾ جيون محسوس ڪيو، ڊاڪٽري سکڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي. هو ڍلو پئجي ويو. گروءَ جي من ۾ به عاجزي ڀرجي آئي. ڪيترن ڏينهن کان هو جيون کي ان ڪانچ واري ڪمري ۾ لاش جي چير ڦاڙ ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو، هڪ ڏينهن جيون لاش جي چير ڦاڙ ڪئي هئي. نتيجو اهو نڪتو جڏهن رات جو ڀوڄن ڪيائين ته الٽي ڪري وڌائين. تنهن کانپوءِ ڪي چار پنج ڏينهن گروءَ جي گهر ڏانهن قدم به ڪين کنيائين. ڇهين ڏينهن هن سوچيو، هن سڙيل لاش کي ته هاڻ گروءَ ضرور ڦٽو ڪري ڇڏيو هوندو. ان ڏينهن گروءَ مٿس ڏاڍي ملامت وڌي هئي ۽ منا کي ٻيو لاش آڻڻ جو حڪم ڏنو هو. +ٿورن ڪلاڪن کانپوءِ پنجن ورهين جي هڪ ٻالڪيءَ جو لاوارٽ لاش کڻي آيو. هتان جا هندو به پنج سالن جي عمر وارن جي لاشن کي ساڙيندا نه، پر پوري ايندا هئا. جيون دت ٻئي هٿ جوڙي ليلائي گروءَ کي چيو: ”مون کان هيءُ نه ٿيندو. هن ٻالڪا جي شرير ٿي...“ هو روئي پيو هو. چيو هئائين: ”توهان يقين رکو، منهنجي ڌيءَ به ڏسڻ ۾ ٺيڪ اهڙي ئي، هوُبهوُ اهڙي ئي هئي، اهڙا ئي وار، اهڙي ئي بناوٽ....!“ +ڊاڪٽر رنگ لعل جن اکين سان هن کي گهوريو، سي اکيون ڪٺورتا سان ڦوٽاريل هيون. پر ڏسندي ڏسندي ڪومل ٿي ويئون. چيو هئائين: ”چڱو، رهڻ ڏي. تون وڃي بنگلي تي ويهه... مان هن کي بي- سيڪشن ڏيئي اچان ٿو. ڀانيان ٿو، ته اوچتو ئي موت ٿيو آهي. بيماريءَ جي ته ڪائي نشاني ڪانه آهي.“ +در اصل اها ٻچي ڏسڻ ۾ گهڻي ڀاڱي جيون دت جي پهرين ڪنيا سشما جهڙي هئي. عطر کي ان وقت تائين به سنتان ٿيا هئا. وڏي هئي ڌيءَ، سشما، ان کان پوءِ پٽ، ون بهاري.“ +ان ڪانچ واري ڪمري مان نڪري جيون دت وڌيڪ اوسيڙو نه ڪري، سڌو گهر راهي ٿيو. ان ڪري سندس گرو عاجز اچي ويو هو. +ڪيترن ڏينهن پڄاڻا جڏهن جيون دت اتي ويو، ته گروءَ چيس: ”ويهه. توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.شڪي نوع ۾ جيون ويهي رهيو. ڊاڪٽر چروٽ جي ڪش مٿان ڪش ڇڏيندو پئي ويو.ذرا ساعت کانپوءِ چروٽ کي ڇڏي چيائين: ”جيون، توکي جهڙو بنائڻ جو مون سوچيو هو، سو نه ٿي سگهيو. تو۾ اها لائقي ڪانهي. تنهن کانسواءِ انگريزي چڱي طرح ڄاڻن بنا به هن علم ۾ قابليت حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. مون ته سوچي ڇڏيو هو، تنهنجي ان ڪميءَ جي پورتي مان ڪري ڇڏيندس. هاڻ ڏسان ٿو، اهو به سوکو ڪم نه آهي. مون کي عاجز ٿيڻو ٿو پوي ۽ تنهنجي لاءِ به هن علم جو ڪجهه حصو گهڻي قدر من پسند ڪونهي. تون ان غير پسنديءَ کي دور نه ڪري سگهندين، ناممڪن آهي.“ +ڊاڪٽر چپ ٿي ويو. +کن رکي چيائين” ”تنهنجو پتا تنهنجي ڌاتو کي تپائي، ڪٽ يڪٽي بڻائي ويو آهي، ان کي نئي سر ڳارڻ کان سواءِ ان مان ٻيو ڪجهه بڻائي نٿو سگهجي. تلوار ۽ کڙڳ ٻيئي هٿيار آهن، پر ٻنهي ۾ تفاوت آهي. تلوار سان سانڍ جي قرباني ممڪن ناهي ۽ کڙڳ سان اڄوڪي يگ جي لڙائي نٿي لڙي سگهجي.“ +ايتري ۾ ڪٿان سڏ ٿيو. علائقي جي هڪ نام ڪٺيي ڪٽنمب مان ڪوٺ ٿي هئي. ڊاڪٽر رنگ لعل جڏهانڪر پرئڪٽس شروع ڪئي، تڏهانڪر سندس ان ڪٽنمب سان سروڪار آهي. بلڪ ان کان به وڌيڪ چئجي! شايد قرب جو به ناتو آهي، هتي جي عام ماڻهن ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل جي من ۾ ڌڪار جو جذبو ڀريل آهي پر ان ڪٽنمب لاءِ ان جي بنهه ابتڙ سنيهه ڀريل آهي. گهرجي مالڪياڻي بيمار آهي. عجيب بيماري اٿس. صرف ٻن ڪلاڪن ۾ بيماري اگرو روپ ڌارڻ ڪري ويئي. بدهاضمي جي شڪايت کيس اڳي ئي رهندي ائي آهي. اڄ ٻه ڪلاڪ اڳي هوءَ ٺوڪر کائي اَڱڻ ۾ ڪري پيئي هئي. ايتري دير ۾ ئي حالت ايتري بگڙجي ويئي. ڌنش وانگر ڏنگي ٿيندي پيئي وڃي. بيحد تڪليف، ڳالهائي به نٿي سگهي. مهاڙون ٻڌجي ويئون اٿس. +ڊاڪٽر رنگ لعل وائڙو ٿي پڇيو: ”ڪڏهن ڪري؟“ +”اٽڪل ٻه ڪلاڪ ٿيا؟“ +”بس ٻه ڪلاڪ ٿيا؟“ +”جي ها.“ +”مار! ايترو جلدي؟ من اڪهارن کي سڏ.“ +جيون به ماٺ ميٺ ۾ گروءَ ساڻ راهي ٿيو. +رنگ لعل بابو کي سمڪ ڪانه پيئي هئي؛ اڌ رستي ۾ هن کيس ڏٺو. پڇائين: ”تون به هلي رهيو آهين؟“ شايد هن جي مرضي نه هئي. هن ناتو ٽوڙڻ ڪاڻ ئي ڳالهيون ڇيڙيون هيون جو وچ ۾ ئي بيمار جو سڏ ٿيس. +”اها تصوير جيون کي اڄ به چٽي ياد اچي رهي اهي. سکيو آسودو ڪٽنمب؛ راڙ ڊويزن ۾ ڪوٺي وارو گهر، مٽيءَ جي ٻماڙ عمارت؛ صاف سٿرو، پڪو فرش، ڀتيون چن سان پوچيل. تيز روشني ٻري رهي هئي؛ ان زماني جو خوبصورت شيڊ وارو چوويهن بتين وارو شمعدان. +ڪيترا ماڻهو، سڳا سنٻنڌي، مٽ مائٽ، ٿورو پرڀرو ويٺا هئا. +هڪ طرف بستري تي ڏوري ڇڪيل تير ڪمان جهڙي وريل اها استري ليٽي پيٽي هئي. ان تي به مٿان کان ڄڻڪ کيس ڪير ڇڪي رهيو هجي، ڪوئي غيبي شخص ڪرنگهي تي مترڪي جا ڌڪ هڻي ٻلوان هن سان کيس وڌيڪ زور سان ڇڪي ٽنڪار ڪڍي رهيو هجي، ٻئي چپ سيٽجي ويا هئس. مهاڙون ويهي ويئون هيس، اهو ٺيڪ آهي، تڏهن به جيون سمجهي ويو. وڏي ساهس سان هوءَ ويچاري عورت هيءَ پيڙا برداشت ڪري رهي هئي. ڊگها ساهه کڻي هوءَ اندر جي پيڙا جو پريچيه ڏيئي رهي هئي. ساڻ گڏ هڪ عجيب آواز به نڪري رهيو هو. ان آواز کي هوءَ ويچاري دٻائي نٿي سگهي. +ڊاڪٽر رنگ لعل به يڪ ٽڪ بيمار کي جاچي رهيو هو. شايد پنجن منٽن بعد پڇيائين: ”اڄ ئي ڌڪ لڳو ۽ ٻن منٽن۾ ههڙي حالت بڻجي ويئي؟“ +”جي. ٻه ڪلاڪ به پورا نه ٿيا هوندا.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل به ڀرون تاڻي چيو: ”ڪٿي ٺوڪر لڳي آهي ۽ رت نڪتو آهي؟“ +”ساڄي پير جي آڱوٺي ۾. رت ڪونه نڪتو آهي.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل آڱوٺي کي باريڪي سان تپاسي ڏٺو. هٿ لڳائڻ سان سڄو گهر ڄڻڪ ڇرڪي ويو. سخت سور وچان روڳڻيءَ هڪ روئڻهارڪي، گونگي دانهن ڪئي. جيون ان وقت تائين هڪ اچرج وچان هن بيمار عورت کي ڏسندو رهيو هو، ڪهڙو نه لاثاني صبر! نگاهن ۾ ئي هن جي درد جو اظهار نروار ٿي چڪو هو. مهاڙون بند ٿي ويئون هئس، نڙيءَ مان دردناڪ دانهن نڪرڻ ٿي چاهيو ۽ ان کي هوءَ جند جان سان ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هيڏيءَ پيڙا کان پوءِ به هوش هوس. +ڪٿي ڦٽ ڪونهي، رت جو نشان ڪونهي.... بيحد سور وچان ٽيڙي پئجي رهي هئي. ايترو بس نه هو، شرير تي جهرڪيءَ جو کنڀ ڇهائڻ سان ٿر ٿر ڪنبڻ ٿي لڳي. نڙيءَ مان درد ناڪ دانهن نڪري رهي هيس. +ڊاڪٽر رنگ لعل ناڙي ڏٺي. روڳڻيءَ درد وچان دلسوز اکرن ۾ ٻڪاريو. نسون ائين سيٽجي ويئون هيس جو ڇهڻ سان ئي انهن جي ٽٽڻ جهڙي سور کيس بي صبر ٿي ڪري وڌو. +رنگ لعل ڀرون تاڻيون. ڳنڀير بڻجي چيائين: ”تون ڏس ته جيون، ناڙي گيان مان تون ڇا ٿو سمجهين؟“ +ڊاڪتر رنگ لعل اتان هٽي پري ٿي بيٺو. +جيون دت سنڀالي ويٺو. شڪ گاڏڙ ڊپ وچان هن جي هيانءُ ۾ ڌڪ ڌڪ ٿي رهي هئي. رنگ لعل شُڪر آچاريه جهڙو ڊاڪٽر ۽ هن جي اڳيان پريکشا جي نوبت. ناڙيءَ جي انڀو جو کيس موقعو به ڪونه مليو، جيڪو مليس، تنهن مان اهو به ڪين سمجهي سگهيو ته هن ۾ چرپر به آهي يا نه. ڊاڪٽر رنگ لعل ته ڪرائيءَ کان ٿلهي آڱر سان دٻائي ڪري نبض جاچي، ڌڪ ڌڪ جو شمار ڳڻيو، اهو ڏٺائين ته رکي رکي ڪري رفتار سست ٿئي ٿي يا نه، بس، ان کان وڌيڪ هو ڏسڻ جي ڪوشش به ڪانه ڪندو هو. +روڳڻيءَ جو هٿ بستري تي جهڙو هو، تهڙو ئي پيو رهيو؛ جيون دت به ڪرائيءَ تي آڱر رکي. اکيون بند ڪري آسپاس جي شين تي ڄڻڪ پردو وجهي ڇڏيو. لڳ ڀڳ اگهاڙي پپر جي وڻ جي سنهڙي ٽاريءَ تي ڄڻڪ هڪڙوئي پن ڪنبي رهيو آهي، هلڪي هوا جي جهونڪي سان نظر کان اوجهل. انهيءَ ڏڪڻيءَ کي انڀو ڪري ٿو، پر ذري لاپرواهي ٿي ته اهو پتو به ڇڻي ڪِري پوندو. هو نهايت سوکيم ڇهاءُ جي احساس کي جاڳائي ويٺو، ڄڻڪ ڌيان مگن هجي. +سندس پتا جي به چوندو هو: ”شڪتيءَ جو ڌرم ئي آهي جو هوءَ وهنوار ۾ سوکيم ۽ تيز ٿيندي آهي. انڀو به وڏي سوکيم شڪتي آهي. ان کي اسٿول ڪريو ته گدا بڻجي پوي.“ +جهيڻي، نهايت ئي جهيڻي چرپر جو هن انڀو ڪيو. ڄڻڪ رکي رکي گم ٿي ٿي ويئي. +ايتري ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل جو آواز ڪنين پيس: ”نبض ملي ئي؟“ +وڏيءَ ساوڌانيءَ سان ڪنڌ ڌوڻيندي جيون دت ٻڌايو: ”ملي رهي آهي.“ اهڙي طرح چيائين جو ڪنڌ لوڏڻ سان هٿ نه لڏي وڃي. شرير جي ڌوڻ سان من جي ڪنهن سوکيم- ڏڪندڙ- لهر کي چوٽ نه رسي. +”سمجهه ۾ اچيئه ٿو ڪڇ؟ ڏس، وري چڱي طرح ڏس.“ +جيون هينئر ڪوبه اشارو نه ڪيو. پنهنجي من جي ايڪاگرتا کي هن تهائين وڌيڪ گنڀير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گيان۽ ٻڌيءَ جي بتيءَ جي وَٽ کي اڃا به تيز چمڪائي بيماري جي تهه تائين پهچي ان کي ظاهر ڪرڻو هو کيس خود به سمڪ نه رهي ته هن ڪيستوڻي ناڙيءَ کي جاچيو. پر هن کي محسوس ٿيو، هيءَ نبض جهيڻي چاهي جيتري به هجي، اجهل ڪانهي. مٿاهين هنڌ، اتاهين چوٽيءَ تان ڪرڻ تي يا ڀڳل هڏي ڳنڍڻ وقت اتيسار، بدهضمي ۽ وايو روڳ ۾ اها حالت ٿيندي آهي.پر اها اجهل يا لاعلاج هرو ڀرو نه ٿيندي آهي. هتي هڪ ئي وقت ٻه ڪارڻ اچي بڻيا آهن. نديءَ جي ٻوڏ ۾ اوچتو ٻي نديءَ جووهڪرو اچي مليو آهي ۽ ان شرير روپي کيت کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. بدهضمي جي بيماري ڪري شرير هيڻو هو، اهڙي حالت ۾ ڪري پوڻ جي سبب ئي ائين ٿيو آهي. چوٽ صرف بهانو اهي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بگڙيل وايو جي ڪارڻ حواسن واريون نسون جي سيٽجڻ لڳيون آهن، تن کي روڪڻ. +”ڇا ڏٺئه؟“ ڊاڪٽر رنگ لعل اتاولائيءَ سان پڇيو. +”جي؟“ جيون نهٺائيء�� سان چيو هو: ”ناڙيءَ مان ته مون کي ائين نٿو لڳي ته هيءَ بلڪل اجهل آهي.“ هن پنهنجو انومان ٻڌايو ۽ چيو: ”هيءَ ڌنش ٽنڪار نه اهي.“ +ڪنڌ ڌوڻي ڊاڪتر رنگ لعل به پٺڀرائي ڪئي. چي: ”ٽٽيئنس[1] ته هرگز نه آهي، ۽ گهڻو ممڪن آهي، تون جيڪي چئي رهيو آهين، سوئي ٺيڪ آهي. تون چوين ٿو ته اجهل ڪونهي، پر ضبط ڪئين ٿئي؟ مهاڙون ويهي ويئون اٿس، دوا اندر وڃي نٿي سگهي. شرير تي ڪٿي به هٿ رکڻ جي گنجائش ڪانهي. مالش ڪرڻ غير ممڪن آهي. اهڙيءَ حالت ۾ روڪي ڪيئن ٿو سگهجي؟“ +ڊاڪٽر رنگ لعل ڪنڌ ڌوڻي ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر ايڪانت ۾ جيون کيس چيو؛ ”توهان دوا ڏيوس. چمچي يا ستيءَ ۾ وجهي ڦڙو ڦڙو ڪري پيئاريوس. ٻيو جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته مان ’مُشٽي يوگ‘[2] آزمايان. ان سان وايوُ جي ان آپدا جو اثر هوريان هوريان ويندو رهندو. تنتن جي هيءَ سپيٽ به دور ٿي ويندي ۽ مهاڙون به کلي پونديون.“ +”مشٽي يوگ؟“ +”اهو مشٽي يوگ منهنجي ڏاڏي کي هڪ سنياسي کان مليو هو. تاڙ جي وڻ مان نڪتل انهن پنن کي، جن کي اڃا هوا ۽ اس جو درشن ڪونه مليو آهي، گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪائڻو پوندو ۽ انهيءَ ٽهڪيل پاڻيءَ جي ٽاڪوڙ ڪرڻي پوندي.“ +”تون آزمائي سگهين ٿو. منهنجي لاءِ ته هيءَ مئل جي برابر آهي.“ بيمار جي مائٽن کي چيو هئائين: ”دوا ڏيندو وڃان ٿو. جيون هتي رهندو. مون کي ڪائي اميد نظر نٿي اچي. جيون نا اميد ڪونهي؛ هو ڪوشش ڪري ڏسي. جيڪڏهن حلات ۾ سڌارو اچي ۽ مهاڙون کلي پون ته مون کي خبر ڪجو، جيون هڪ ’مشٽي يوگ‘ جو تجربو ڪندو. ان کي ٺيڪ ڪرڻ ڏيندا. سمجهي ويا؟“ +ڊاڪٽر جيون سڄي رات ڀرسان بيٺو ئي رهيو. +گرم پاڻيءَ جي ٻاڦ ڏيڻ جو بندوبست ڪيائين. رات جو ٻارهين وڳي کانپوءِ هوءَ سهڻ کان ٻاهر پيڙا گهٽجي ويئي. جيون نبض جاچي. منهن ٽڙي پيس. پڇيائين: ”ذرا ڏسان ته، ٽاڪوڙ سهي سگهي ٿي يا نه؟“ +پاڻي نچوئي گرم پاڻيءَ جي ٽڪري کي جتن ڪري هن خود بيمار جي هٿ تي رکيو. ”ڏسندا رهوته شرير ڏڪي ٿو يا نه.“ ڪين ڏڪيو، پڇيائين: ”سهي سگهندا؟ تڪليف ته ٿيندي، پر برداشت ڪرڻي پوندي.“ +غير رواجي مريض! بت بڻجي ڌرتيءَ جيئان سهڻ جي سگهه. هن’هاڪار‘ ۾ ڪنڌ ڌوڻ ڪئي. جيون جو حوصلو وڌيو. پاڻ ٽاڪوڙ ڪرڻ ويهي رهيو. ڦڙو ڦڙو ڪري دوا ڏني پئي ويئي. ڪلاڪ کانپوءِ مريض جي حالت تجويز ڪري هن چيو: ”هان دوا ذرا وڌيڪ انداز ۾ ڏيئي ڏسو ته!“ هڪ عورت هن جي وات ۾ دوا وجهي رهي هئي. چپ چاپ زندگي ۽ موت جي لڙائي هلي رهي هئي. +رات جو ٽيون پهر گذريو. ڊاڪٽر جيون غور ڪيو: ”جيڪو شرير زبردست طاقت سان ڏوري کينچي تير ڪمان جيئان جهڪي ويو هو، سو ڌيري ڌيري سڌو ٿي رهيو آهي. خبرداريءَ سان ڊڄندي ڊڄندي مريض سڌي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڪوئي ڏوريءَ کي ڄڻڪ ڍلو ڪندو پيو وڃي.“ +جيون پاٻوهه وچان پڇيو: ”ذرا ڪوشش ڪري ته ڏسو، ’ها‘ ڪري سگهو ٿا يا نه؟“ +هوءَ وات کولي سگهي. تمام ٿورو کولي سگهي، ته به ڄڀ کي ڦيرائڻ جي جڳهه ملي ويس. دٻيل آواز ۾ چائين: ”ڪري سگهان ٿي.“ +جيون کيس دوا جي هڪ پوري خوراڪ پيئاري. ٽاڪوڙ جو بار سندس پٽن کي سونپي چيئاين: ”ٻاهرئين وراندي ۾ منهنجي آرام جو انتظام ڪري ڇڏيو. مان ٿورو آرام ڪندس. منهنجو خيال آهي، سج اڀرندي ئي هيءَ چڱي ڀلي ٿي ويندي. هاڻ ڪوبه خطرو ڪونهي.“ +جيون دت پوري ويساهه سان ائين چيو. وايو جو وقت نبري ويو، هاڻ موافق وقت آيو آهي. طوفان رڪجي ويو آهي؛ موافق هوا ۾ جيئن ٻيڙي هلندي آهي، زندگي جي ٻيڙي به هاڻ ڪناري سان لڳندي.“ +ٿيو به ائين! ان ڏينهن جي خوشي هن جي حياتيءَ جي سڀ کا وڏي خوشي هئي! پنهنجي گروءَ ��نگ لعل کي هو تپرس ۾ وجهي سگهيو هو. +اٺ وڄي رهيا هوندا. رنگ لعل مريضن کي ڏسي رهيو هو. ان وقت هو بيمارن کان في ڪونه وٺندو هو. مريضن کي ڏسدي ڏسندي ئي هن اتساهي اکين سان جيون ڏانهن نهاريو. +ڪن تان سٽيٿسڪوپ لاهيندي پڇيائين: ”بچائي سگهئين هن کي؟“ +”جي ها. خطرو ٽري ويو.“ +”واه! اڄ هتي ئي رهي پو. آرام ڪر.“ +ٻپهرن جو خود روڳڻيءَ کي ڏسي آيو. خوش ٿي چيائين: ”ان جو ٻارهن آنا شرف توکي آهي، جيون. منهنجي دوا ۾ ڪجهه خاص نه هو. جيڪي ڪجهه هو، ان جو اثر چار آنا مس هو. هاڻ هن جي ڪالڪ جو علاج ڪرڻو آهي. مون ڪويراجي علاج جي راءِ ڏني آهي. تون ان جو پرٻنڌ ڪر.“ +انهيءَ رات جو برانڊيءَ جي رنگين نشي ۾ هلڪو کلندي ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”اڄ مونکي افسوس ٿي رهيو آهي، جيون، مون وهانءُ ڇو ڪين ڪيو.“ وري ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. +کل بند ڪري چيائين: ”ائين ڇو چيم، سمجهين ٿو؟“ جيون سنيهه ۽ شرڌا وچان گد گد ٿي رهيو هو.ان حالت م ئي پڇيائين: ”جي؟“ +”تون منهنجي ڀيٽ دَئتيه گروءَ شوڪر آچاريه سان ڪندو آهين، اهو مون ٻڌو آهي. مونکي ان تي ڪاوڙ ڪانه لڳندي آهي. شڪر آچاريه وِراٽ پرش آهي، ڪاڻو ٿيو ته ڇا ٿيو!“ وري کلڻ لڳو. چيائين: ”پر اڄ منهنجي خواهش تنهنجي ڀيٽ ڪَچَ سان ڪرڻ تي ٿي رهي آهي.“ کل ۾ اونڌو ٿي ويو.”وهانءُ ڪريان ها ته ڪائي ديوياني مليم ها!“ +[1] هڪ بيماري جو نالو. Tituanus +[2] ’هٺ يوگ‘ جون ڪجهه ڪريائون جيڪي روڳ ناس ڪندڙ، سگهه وڌائيندڙ ۽ شرير رکيڪ مڃيون وينديون آهن، سولو طريقو. + + +[15] + +هڪ سال بعد ڊاڪٽر رنگل لعل کانئس موڪلاڻي ڪئي. اوچتو پرئڪٽس ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. چي: ”هاڻ نه ٿيندي. هاڻ رڳو پڙهندس ۽ سوچيندس. زندگي ۽ موت: لائيف اينڊ ڊيٿ. انهن جي پٺيان جيڪا زبردست طاقت آهي، تنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ديسي دوائن جهڙوڪ جڙي ٻوٽيءَ تي هڪ ڪتاب لکندس.“ +جيون کي چيائين: ”تنهن جو ڊاڪٽري سکڻ شايد ٺيڪ نه ٿيو جيون. ههڙو انوکن ’مشٽي يوگن‘ جي دريافت ڪرين ها‘ پر توکان ته اهو به نٿو پڄي. اهڙو وگيانڪ من ڪونهي تنهنجو. ڪم ٿيڻ ۾ ئي تنهنجي خوشي آهي. آخر اها جڳياسا تو ۾ ڇو نه آهي؟ خير وڃڻ ڏي. تون ته بلڪ ڊاڪٽري، ڪويراجي ۽ مشٽي- يوگ- انهن ٽنهي سان پنهنجي ٽراءِ- سائيڪل تيار ڪر. ان تي سوار ٿي پنهنجو سفر شروع ڪر. ”هن پاڻ هڪ اسٽيٿسڪوپ کيس ڏنو. پر ٿرماميٽر ڪونه ڏنو ۽ خريد ڪرڻ جي به منع ڪيائينس. چي: ”ان جي توکي ضرورت ڪانهي.“ +تنهن کان پوءِ به جيون دت بعضي وٽس ويندو هو. ڊاڪٽر رنگ لعل ساڻس ملندو هو، پر علاج وغيره جي باري ۾ ڪوبه ذڪر نه ٿيندو هو. پڇڻ تي چوندو: ”اهو سڀ ڀلجي ويو آهيان. هان ته مون باغ لڳايو آهي. وڻ ٻوٽن جي باري ۾ ڪجهه پڇڻو هجيئه، ته پڇ.“ +اديش سچ پچ باغيچي جو ڪونه هو، ڊاڪٽر پنهنجي سماڌيءَ جي جاءِ تيار ڪري رهيو هو. مرڻ پڄاڻان کيس اتي پوريو ويو هو. هن جي اهائي خواهش هئي. هو وصيعت ڪري ويو هو ۽ان ۾ اهوئي لکيل هو ته کيس باغيچي ۾ ئي دفنايو وڃي. +ڪمري ۾ ساهه ڇڏيندي وقت اڪيلو ئي هو. ٻيو ڪير به ڀرسان ڪونه هئس. اها به سندس ئي هدايت هئي. منا دروازي تي پهريدار هو. زارو زار روئندو رهيو، پر ڪنهن کي به اندر وڃڻ نه ڏنائين. چي: ”مون کان اهو نه ٿيندو. بابوجيءَ جو حڪم نه آهي.“ +* * * +ڊاڪٽر رنگ لعل جي ڏنل اسٽيٿسڪوپ سان ئي جيون انگريزي علاج شروع ڪيو. ڪويراجيءَ کي هن بنهه ڪين ڇڏي ڏنو. مشٽي يوگ به هلندو رهيو. انهيءَ سال دواخاني جو نالو رکيو ويو. ”آروگيه نڪيتن“ +نوگرام ۾ تن ڏينهن ڊاڪٽر هريش پنهنجي فارمسي کولي. برجلعل بابو هڪ خيراتي اسپتلا کولي..... نالو ان جو رکيائين ’پيئرسن چئريٽيبل ڊسپينسري‘. +هڪ هوميوپيٿ به آيو هو. اڌ چريو. پنهنجو نالو ٻڌائيندو هو ’ڪي-ايم- براروري يعني کيتر موهن باڙوري. +هن جي دواخاني جو نالو هو ’براروري هوميوهال.‘ +جيون ڊاڪٽر دوائن جي لاءِ جڏهن ڪلڪتي ويو هو ته اتان پنهنجو سائن بورڊ لکائي آيو- ’آروگيه نڪيتن.‘ +پر ان تي جيڪا عطر بگڙي سو نه پڇو! +جيون ڊاڪٽر انگريزي دوائون، الماڙي، ٻيون به طرحين طرحين جون شيون ڳنهڻ لاءِ پنج سو روپين ۾ پنج بيگها (اڍيئ ايڪڙ) زمين وڪي هئي. غصو ان جو هوس، ائين ته اهي روپيه هڪ طرح جمع ئي ٿيا پيا هئا. +غصي جو ڪارڻ به هو. جڳت مهاشيه جي سمي کان هيستائين ماڻهن (گراهڪن) جي بلي هڪ دوا جي قيمت جا ڪي ٽي – چار هزار روپيه اوڌر رهيل هئي. اوڌر به گهڻي ڀاڱي انهن جي نالي بقايا هئي جن جي مالي حالت چڱي هئي. پر هن گهرج جي وقت ان مان ڪي سو روپين کان وڌيڪ وصول نه ٿي سگهيا هئا. +خود ڊاڪٽر جيون کي به ان جو رنج هو. پر عطر جي رنج جي ٻي ڳالهه هئي. هن جو رنج هو ڊاڪٽر تي ۽ ان ڪاوڙ ۾ کميا ڪانه هئي. ان جي ٻاهرئين رنج جو مول ڪارڻ ڪري ڇا به هجي، ڪاوڙ ڇنڊيندي ئي ان جو مول ڪارڻ به ظاهر ٿي بيٺو ۽ اهو هو، ڪڏهن به نه وسامندڙ چکيا وانگر ڊاڪٽر تي سندس سنتوش جي آگ! +في الحال زمين جي وڪري سبب من ئي من ۾ اها آگ ڀڙڪو کائي اٿي هئي. جيتريقدر ياد اچي ٿو، باقي روپين جي ادائگيءَ ۾ جيڪي نڪتو، تنهن ۾ روپيه ملڻ ته دور رهيا، تکا ويڻ ٻڌي ڪري هن جي من ۾ به رنج پيدا ٿيو هو. بقايا وارا چوڻ لڳا: ”پنجاه روپيه؟ دوا جي قيمت؟ اهڙي ڪهڙي دوا ڏني هئئه؟ سون جو خاڪو يا موتين جو ڪي ماڻڪن جو ڪشتو؟ ڇا ڏنو هئئه؟ پنجاهه روپيه؟ جڙي ٻوٽي، هيءَ هوءَ ۽ ”رس سنڌر“، ان جا پنجاهه روپيه؟ جيڪي جيءَ ۾ آيو، سو کڻي لکيو؟ رام رام!“ +ڊاڪٽر جيون ان بعد ڪوبه اعتراض ڪونه ورتو. دک ۾ پشيمان ٿي موٽي آيو هو. موٽندي شبن شاهه کي سڏي گهر وٺي آيو هو. دواخانو ته کيس کولڻو ئي هو، وڏيون وڏيون اميدون هيس. ڪيتريون ئي تمنائون. هو ڊاڪٽر رنگ لعل جي جڳهه ڀريندو. بيمار جي گهر پهچندي ئي آس جي خوشي ٽڙي پوندي. نبض پڪڙيندو ته مريض جو مرض سچيت ٿي ويندو. نوگرام جا گهمنڊي اميندار آدر وچان جهڪندا ۽ رڳونوگرام جا ئي ڇو؟ سڄي علائقي جا زميندار، شاهوڪار ماڻهو نيچو نوائيندا. وڏو گهوڙو ڳنهندو. سفيد گهوڙو. هڪ پالڪي نه رکندو. پري جي سڏ تي پالڪيءَ ۾ ويندو. علائقي جي چوڌاري حد جو کيس پتو ڪونهي، اوڀر ۾ گنگا جي ڪپ تائين ڪاندي، پانچ ٿوپيءَ جا ڳوٺ. هيڏانهن اجيه جو ڪنارو. جيڪڏهن ڪانديءَ وڃڻ ٿيو، ته ڀوپيءَ سان ملي ايندو. پنهنجي علاج سان هن کي تندرست ڪرڻ جي اٻلاشا ٿيس. حياتيءَ ۾ ڪيتريون اميدون. سندس ٻچڙو ون هاري تڏهن ٽن ورهين جو هو. کيس هو ڊاڪٽري پڙهائيندو، نهايت وڏو ڊاڪٽر بڻائيندو. هو ميڊيڪل ڪاليج مان ايل-ايم-ايس پاس ڪندو. +اڄ جن ماڻهن اوڌر جا روپيه ڪونه ڏنا آهن، بلڪ مٿان ڪوڙا بهتان هنيا آهن، اهي ئي ماڻهو مصيبت ۾ مبتلا ٿي ڪڏهن وٽس ليلائي ايندا ۽ تڏهن هو هن کي...! نه، موٽائيندو ڪونه، کوٽي ڳالهه به نه چوندو. وٽن ويندو به. مهاشيه ونش جي مريادا کي لهس به اچڻ نه ڏيندو. +رستي ۾ اگهه پارطئي ڪري ئي هو گهر پهتو. چي: ”شبن، تون ذرا ويهه. مان ڪجهه کائي وٺان. پوءِ نڪرندس. ڪاڳڙ دستاويز خريد ڪري لکپڙهه ختم ڪري ئي گهر موٽندس. رجسٽريءَ ۾ ته ٽن مهينن جي معياد ٿيندي ئي آهي.... +شبن ٻوليو: ”هن لکپڙهه جي ئي اهڙي ڪهڙي تڪڙ پيئي آهي؟ اوهان ٿيا مهاشيه ونش جا، اڄ ته اوهان ئي مهاشيه آهيو. مان روپيه ڏيئ�� وڃان ٿو، لکپڙهه ۽ رجسٽري ٿيندي رهندي.“ +ان ڏينهن شام جو شبن پنج سو روپيه پهچائي ويو هو ۽ هوڏانهن گهر ۾ عطر ٽانڊا وَسائڻ لڳي هئي. نصيب! نصيب! سڀ نصيب جو کيل! ماءُ کي کاڌم، پيءُ کي کاڌم، ننڍپڻ ۾ مامي ماميءَ جي نوڪرياڻي رهيس بنا پئسي جي. هتي آيس ته سهري کي کاڌم، سس کي به کائي ويس. سو هينئر جي گهر مان لڇمي ٻهارجي رهي آهي ته ڪهڙو اچرج آهي؟ مان دويه درشٽيءَ سان سڀ ڏسي رهي آهيان، ڇوڪر آهي، ڇوڪري آهي، سڀني جو هٿ پڪڙي در در تان مونکي بيک پنڻي پوندي. در در ڀٽڪڻو پوندو. +جيون دت جي دماغ ۾ به باهه ٻري رهي هئي. ڏاڍي مشڪل سان هن پاڻ کي روڪي چيو هو: ”چي! عطر، ڇي!“ +”ڇو؟ ان ۾ ڇي جي ڪهڙي ڳالهه ٿي؟ اهو ئي ته آهي، پنهنجو نصيب! ان ۾ ڪٿي ڪوڙ آهي، ٻڌاءِ! سهرم جڏهن گذريو، ان جي هڪ مهينو اڳي به نئين زمين آئي. ۽ هن جي گذر ئي صرف چار سال ٿيا، تنهن وچ ۾ زمين ويندي رهي.“ +”سال گذرندي نه گذرندي پنجن جي جاءِ تي ڏهه بيگها خريد ڪري وٺندس.“ +”ڀلا تون به نه خريد ڪندين! هيڏو وڏو جو ڊاڪٽر ٿئين، هڪدم ولايت پاس ڪيل ڊاڪٽر صاحب!“ +جيون کان وڌيڪ سٺو نه ويو. ڏڙي ڏيندي چيائين: ”عطر!“ +ان آواز تي هوءَ چمڪڻ لڳي. ٿوري ساعت سناٽي ۾ رهي وري روئڻ شروع ڪري ڏنائين. جيون هن جي روئڻ جي پرواهه ڪانه ڪئي. ”روئڻ جي لاءِ ئي هن جو جنم ٿيو آهي. روئي. مان ڇا ڪريان؟“ +انهيءَ رات جو ڪلڪتي هليو ويو هو. +ڪلڪتي مان دوا وٺي آيو، الماڙي آندائين ۽ آڻي سائين بورڊ ٽنگي ڇڏيائين: ”آروگيه نڪيتن!“ +ستاب مڪرجي هڪ گڻيش جي مورتي آڻي ڏني هئي. مورتيءَ جي هيٺان سريندر سندور سان لکي ڇڏيو هو: شري- شري گڻيشايه نمئه. +مستاني نيپال کيس جلد واري نوٽ بوڪ آڻي ڏني هئي، ان زماني جو نوٽبوڪ. هوتنهن وقت نوگرام جي شاهوڪار برجلعل بابو وٽ ڪم ڪندو هو. برجلعل بابو جو ناٺي انجنيئر هو. نيپال جي ساڻس دوستي هئي. ان کان ئي اهو نوٽبوڪ وٺي آيو هو. جيون کي ڏيندي چيو هئائين: ”وٺ، ڊاڪٽر رنگ لعل وانگر سڀ نوٽ ڪري رکج.“ ان ڏينهن اتان جا سڀ ڊاڪٽر به آيا هئا. ڪرشڻ داس بابو وٽ رهندڙ ڊاڪٽر هريش به آيوهو. مڪاني اسڪول جو هيڊ امستر آيو هو. ٿاڻي جو داروغو (صوبيدار) آيو هو. +ششيءَ کي ساڻ نيئي سندس پڦي آئي هئي. +”پٽ!“ +”آڙي توهان! ڇا ڳالهه آهي؟“ جيون دت کي شڪ پيو، ”ششيءَ کي ڪجهه ٿيو آهي؟“ +”علاج سکڻ جي ششي جي ڏاڍي چاهنا آهي. پڙهڻ لکڻ ته ٿيو ئي ڪونه. ٿورو گهڻو سيکاري ڇڏيندس ته ڪنهن طرح روٽي ڪمائيندو.“ +پر اڃا ڪچي ڄمار جو هو ششي. عمر به ڇا هوندس؟ سترهن ارڙهن ورهيه! اڌ چرئي جهڙو هو. جهڙو نيپال ڦِس ڦِس ڪري کلندو هو. +’آه؛ اها به هڪ منوهر رات هئي! کانو پينو، وندر ورونهن، گانو بجانو. اتي مست نيپال هڪ عقل جو ڪم ڪري ڏيکاريو. دوائن سان گڏ ڪيتريون گلاب جي پاڻيءَ جون بوتلون هيون. چوري ڪري هو گلاب جل هڻڻ لڳو هو. دوکي ۾ هن فرينچ وارنش هڻي ڪڍيو. جيون دت اسباب جي سونهن ڪاڻ وٺي آيو هو. بس پوءِ پڇوئي نه! وارن تي وارنش جي پالش سان جيڪا ويچاري جي درگتي ٿي! ماڻهو کل ۾ اونڌا ٿي پيا. ششي سڀ کان گهڻو کليو. هڪ ته عمر جو ننڍو هو، وري ان ڏينهن هو جيون مهاشيه کي ريجهائڻ لاءِ سنڀري آيو هو.‘ +’افسوس! اڄ اهوئي ششي سندس اڳڪٿيءَ جو هوڪو ڏيئي پنهنجي عاجزي ڏيکاري ويو هو، کري کوٽي ٻڌائي ويو هو!‘ جيون مهاشيه ٿڌو ساهه کنيو. +’مهاشيه‘“ ڪنهن ڄڻڪ آواز ڏنو. +ٻڍي جيون دت ڇرڪ ڀري نهاريو. اوندهه ۾ ئي ويٺو هو. اوچتو روشني جي ڌنڌلي جهلڪ آئي. ’ڪير سڏي رهيو آهي؟‘ او، ماضيءَ جي يادگيرين ۾ هو هڪدم کوهجي ويو هو. ه��نئر هو حال ۾ موٽي آيو. ها، ڪير آيو آهي. سڏي رهيو آهي. هن جي هٿ واري لالٽين مان هيٺاهين طرح روشني پئجي رهي آهي. مٿي لالٽين جي مٿئين ڍڪڻ جي ڇايا. +’رتن بابو جي پاسي جو ماڻهو ته ڪونهي؟‘ پر هن جي شرير مان جيڪا بوءِ نڪري رهي آهي، ان مان ڀانئجي ٿو، ساڌو سنياسي قسم جو ڪوئي آهي. گانجو، ڀسم ڌوڙ دونهين سان خشڪ چمڙي ۽ وارن جي ڌپ سڀ ملائي ڪري هڪ خاص قسم جي بانس اهڙن جي شرير مان ايندي آهي. هيءَ بانس به اهڙي ئي آهي. ڪداچت چنڊي ٿان جي مهنت جو آدمي آيو هجي. هو بيمار سنياسي ڪجهه ڏينهن کان بيمار رهي ٿو. هن جو انومان غلط ڪين نڪتو. مهنت جو چيلو ئي هو. چي: ”ذرا ساڌو بابا کي ڏسڻ لاءِ هلڻو آهي.“ +”رات ۾؟“ +”جي ها. شام کان ئي رت جا دست اچي رهيا اٿس. ڏاڍي تڪليف آهي. ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي. چي، هڪ ڀيرو جيون کي سڏائي وٺو! گهٽ ۾ گهٽ خبر ته پئجي وڃي ته اڄ ئي رات ڇوٽڪارو ملي ويندو. هو هڪوار ڏسي وڃي.“ +”ٻڍي جي جان ڏاڍي سخت هئي. الائي ڪيترا ڀيرا ههڙي حالت ٿي چڪي هيس. گهٽ ۾ گهٽ ويهه پنجويهه ڀيرا. رت جا دست، هڏڪي، نبض جو گم ٿيڻ، سڀ دشا ٿي چڪي، تڏهن به جيئرو آهي.“ سڀ جي جڙ آهي گانجو. پر هو گانجو پيئڻ هرگز ڪين ڇڏيندو. شراب ڪونه ورتائيندو، اهڙي به ڪائي ڳالهه ڪانهي. پيئندو آهي، پر خاص خاص موقعن تي. تنتر جي نيمن جي رکيا ڪندو آهي. شراب نوشيءَ کي چوندو آهي؛ ’ڍڪو- ڍڪوُ‘. جيون ئي سدا کان کيس چڱو ڀلو ڪندو رهيو آهي. ٻڍو انگريزي دوا ڪونه پيئندو آهي. سئيءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. مهاشين جي ٽوٽڪن تي کيس بيحد شرڌا آهي. پر جڏهن حالت سخت بگڙندي اٿس، تڏهن جيون کي گهرائيندو آهي. گهرائي چوندو آهي: ”ذرا ڏس ته ڀاءُ، سڏ ٿيو آهي ڇا؟“ اڄ ٻڍو وري بيمار پيو آهي. اڄڪلهه سگهو سگهو سخت بيمار ٿي ٿو پوي. +جيون اٿي کڙو ٿيو. +’ٻڍاپو، پهر رات ويامي چڪي: ساڍا ڏهه وڳا هوندا. ساوڻ جو مهينو. ڏينهن وڏو ٿيندو آهي، رات ننڍي. ساڍا ڏهه ڇو نه وڳا هوندا. پر وڃڻو ئي پوندو. يو اپاءُ ئي ڪونهي. هل.‘ +گهر ڏانهن مهڙ ڪري سڏيائين: ”عطر!“ +”هيتري رات ويامي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ ڪنهن وٽ؟ نه، نٿو وڃي سگهين. ڪوئي ضرور ڪونهي. ٻيا ڪيترائي ڊاڪٽر پيا آهن. نئي عمر جا آهن، پنڊت آهن، ڊگريون اٿن. هو وڃن. هن عمر ۾ توکي، توکي ته رڳو ان ڪري ٿا گهرائين جو في ڪانه ڏيڻي پوندي. نه وڃ.“ +هن ڪومل ڪنٺ سان چيو: ”چنڊي ٿان جو ساڌو بابا بيمار آهي عطر.“ +مختصر ۾ ئي وڏي ڳالهه ٿي ويئي. عطر کن پل ۾ ئي نرم ٿي ويئي. نرم ئي ڇا، بلڪل ڄڻڪ ٻي عورت ٿي ويئي. پڇيائين: ”ساڌو بابا بيمار آهن؟ کين ڇا ٿيو آهي؟“ +”ٻيو ڇا ٿيندو، جيڪي ٿيندو آهي. رت جا دست، پيٽ ۾ ولوڙو.“ +”ڀانئجي ٿو، هن ڀيري بابا چولو ڇڏيندو. عمر به نه گهٽ ڪانهي.“ +”ڏسجي، ڇا ٿو ٿئي. هن ته چوائي موڪليو آهي ته ذرا جيون کي گهرايو. ڏسي ٻڌائي ته سڏ ٿيو آهي يا نه.“ +سنسان ڳوٺ جي رستي جي ٻنهي پاسي جي گهرن ۾ ڀاري جوتي جي آواز جو پڙاڏو ڪندو ٻڍي هاٿيءَ وانگر جيون ڊاڪٽر روانو ٿيو؛ محلو لتاڙي، ننڍي ٻاهرئين حصي کي لتاڙي، نوگرام جي اڀرندي ڇوڙ تي لوڙهن سان گهيريل مڙهيءَ جي طرف هليو. برسات جي رات، پر نه پوڻ جهڙي برسات، ته به رستي ۾ ترڪڻ هئي، سنڀالي هلڻو ٿي پيو. ساڌو بابا جو نئوجوان چيلو لالٽين کڻي تيز هلي رهيو هو، ڊاڪٽر لڳ ڀڳ اونده ۾ ئي هلي رهيو هو. کيس ڪابه تڪليف ڪانه ٿئي ٿي. انڌيري ۾ رستو ڳولهي هلڻ جي کيس هير هئي. پر هن کي اٽڪ اها ٿي رهي هئي جو هن نوجوان ساڌوءَ جي هٿ جي لالٽين لڏي رهي هئي. هر گهڙيءَ اکين کي چمڪائي رهي هئي. ڊاڪٽر چيو: ”ڀائي ڀولاناٿ لالٽين کي ان ريت نه لوڏ. هل، هل، بيهه نه. لالٽين نه لوڏ.“ +”ڪير، مهاشيه جي؟“ +مڙهيءَ جي صدر دروازي وٽ ئي آواز آيو. پڇڻ وارو جهنگل جي ٻاٽ اوندهه ۾ بيٺو هو. آواز سڃاتل هئي، ته به سمجهي نه سگهيو. هو بي خيالو ساڌو بابا جي باري ۾ ئي پهه پچائيندو پئي ويو. ’ڪيترن ڏينهن کان ساڌو بابا هتي آهي. ڪيتريون ئي هن جون يادگيريون آهن.‘ +”مان بيمار کي سمهاري آيو آهيان.“ هو کلڻ لڳو. +”ششي!“ ڊاڪٽر ڇرڪ ڀريو. ”ڪهڙي دوا ڏيئي سمهاريو اٿئه؟“ +پاڳل ششي کلڻ لڳو. دئيت جو علاج دئيتاڻو ئي ٿيندو آهي. +”پر توکي گهرايو ڪنهن؟“ +”اوچتو اچي نڪتس. رام هريءَ کي ڏسڻ ڪاڻ گَلاءِ چنڊي ويو هوس. سخت بيمار آهي. ٻپهرين جو توهان کي سڏڻ ويو هوس. پر موتيءَ جي ماءُ جي اڳڪٿي واري ڳالهه ۾ اٽڪي ڀلجي ويس. ڀاڀيءَ توهان کي ڪونهي ٻڌايو ڇا؟ سڀاڻي هڪ ڀيروتوهان کي اتي هلڻو پوندو.“ +”سڀاڻي جي سڀاڻي ڏٺي ويندي. هينئر هتي جي ٻڌاءِ. تو مهنت جو ڪهڙو علاج ڪيو؟“ کيس آنڌمانڌ ٿي رهي هئي، ڇو ته ششي کي هو ڄاڻندو هئو! +ششي چيو: ”هتي جي ڇا ٻڌايان، موٽندي مان مڙهيءَ ۾ ويس. مينهن ۾ ڀڄي ڀت ٿي پيس: سوچيم هلي، ديويءَ کي پرڻام ڪري اچان ۽ مهنت وٽ گانجي جو دم لڳائي اچان.“ +”چڱو، پوءِ؟“ +”مون ڏٺو، ٻڍو سهڪي رهيو آهي. رت جا دست آيس. ناڙي غائب آهي، سور وچان ڦٿڪي رهيو آهي. ٻڌم ٽن ڏينهن کان گانجو ڪونه پيتو اٿائين. مون چيو، وڃڻو ته آهي ئي بابا، پوءِ بنا گانجي جي ڇو، دم لڳائي وٺو. چي، نه نه، تون شيطان آهين. هن گانجي ئي مون لاءِ موت جي راهه بڻائي آهي، بس، ٻه قدم ئي باقي آهي. موت اچي، اهي به پورا ٿي ويندا. هاڻ گانجو ڇو! خير، مون هڪ ڊوز ڪينو سينيڊڪا جو ڏنو. ساڻ ئي هئم. مان نيندو آهيان. وٺندي ئي ٻن ٽن منٽن ۾ ٻڍو سمهي پيو. ڏسو، نبض به هلڻ لڳي هوندي. گانجي جو هيراڪ ٿيو!“ هو، هي- هي ڪري کلڻ لڳو. + + +[16] + +پاڳل ڪجهه غلط ڪونه ٻڌايو. ڪينو سينيڊڪا جي هڪ ڊوز سان ٻڍي ساڌوءَ کي ننڊ وٺي ويئي ۽ جيئن ته ننڊ اچي ويس، ان ڪري سور به گهٽجي ويس، ناڙي به ڌڙڪڻ لڳي. پر ناڙيءَ مان ڊاڪٽر ڪجهه سمجهي ڪين سگهيو. +ساڌو سنسياسي جي ڌاتو- پرڪرتي به جدا ٿيندي آهي، عام ماڻهن کان الڳ. آچار ۽ سنجمي جيون جو اثر شرير تي صاف پيو جهلڪي. سهڻ جي سگهه بيحد وڌي ويندي آهي ۽ دوا به انوکي ڍنگ سان اثر ڪندي آهي. بنا کيڙيل زمين ۾ ٻج ڇٽڻ وانگر. تنهنڪري ڪجهه چئي به نٿو سگهجي. مرتيو ڀرسان ايندي به هن جي پراڻ شڪتيءَ کان هار کائي موٽي وڃي ٿي. ڊاڪٽر جيون اهو نمونو ڪيترا ڀيرا ڏٺو آهي. سندس پتا به کيس ائين ٻڌائي ويو آهي. چيو هئائين: ”هنن ساڌو سنياسين جي ناڙي ڏسي سولائي سان ڪوبه نرنيه متان ڪري ويهين. اول اهو جاچي ڏسجه ته هو خود شرير تياڳڻ چاهين ٿا يا نه. انسان جي پنهنجي خواهش ۾ زبردست ٻل آهي. جيڪو مريض خود مايوس ٿي پوندو آهي، تنهن کي بچائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. ساڌو فقيرن کي مايوسي ڪانه ٿيندي آهي، هنن جو من مضبوط ٿيندو آهي، اِڇا شڪتي پرٻل ٿيندي اٿن ۽ مرتيو کي انگيڪار ڪرڻ جي اِڇا به هو پاڻ ڪري سگهن ٿا.“ +ساڌو گهري ننڊ ۾ الوٽ هو. ڊاڪٽر چيو: ”ڀولاناٿ رات جو ذرا هوشيار رهج. جيڪڏهن ننڊ ٽٽي پوي ته پيئڻ ڪاڻ پاڻي ڏج. پاڻيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه مان صبوح جو ايندس.“ +ششي خوب کلڻ لڳو. تڪبر جي حد نه رهي. ڊاڪٽر کيس ساڻ نيو. چيائين: ”هل، گڏئي هلون.“ +ششي به ساڻ ٿيو: ”هلو. اوهان کي رام هريءَ جو حال ٻڌائي ڇڏيان. سڀاڻي اوهان کي هلڻو ئي پوندو.“ +ڊاڪٽر چيو: ”ڏس ششي، اڄ جيڪي توڪيو، وري ائين متان ڪرين.“ +”ڇ��؟ اهو ٻڍي کي جيڪو ڪنيو سينيڊڪا ڏنم؟“ +”ها، تو تمام وڏي غلطي ڪئي آهي.“ +”جيڪڏهن غلطي ڪئي آهي ته پوءِ ٻڍو چڱو ڀلو ڪيئن ٿي ويو؟“ +”ڪيئن ٿي ويو، اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي. کيس گانجي جي علت هئي، گانجو نه ملڻ سان به هڪ قسم جي پيڙا بيماريءَ جي پيڙا سان مليل هئي... اها پيڙا ويندي رهيس ۽ نشي و اثر ته باقي آهي. ننڊ ٽٽڻ سان ٿي سگهي ٿو ته حالت نازڪ ٿي وڃيس.“ +”اون هون. مان چوان ٿو، ٻڍو نوبنو ٿي اٿندو. مون ڪڙي باوڙي جي ڌيءَ کي نمونيا ۾ ڪيروسين تيل جي مالش ڪرائي هئي، اوهان سڀ ڄڻا مونکي گاريون ڏيئي رهيا هئا، پر هوءَ ته تندرست ٿي ويئي هئي.“ +ڊاڪٽر ڌمال چاڙهيس. ”ششي، هيءَ سموري چريائپ ڇڏي ڏي. ڪڏهن آفت ۾ پئجي ويندين اڄ ئي توکي چئي ٿو ڇڏيان.“ +”مان چريو آهيان؟“ +”بيشڪ تون چريو آهين. هينئر مون کي ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي.“ +ذرا ساعت چپ رهي ششيءَ چيو: ”خير. چريو ئي سهين. خير.“ وري ٿوري سماعت چپ رهيو. وري چيائين: ”سڀاڻي پر رامهريءَ کي ڏسڻ لاءِ هلڻو پوندو. اڄ ئي چئي ٿو ڇڏيان.“ +”رامهريءَ کي ڇا ٿيو آهي؟“ +”اهو ته ’ست ڏون چوڏهن‘ وارو معاملو آهي. هلڻهار ڪو آهي.“ +”هلڻهارڪو آهي ته پوءِ منهنجي ڇڪتاڻ ڇو؟ وڃي. هن عمر ۾ ته موڪلائڻ ۾ ئي ڪلياڻ آهي. يا ان لوهار ٻڍيءَ جيئان وڃڻ (مرڻ) جي اڇا ڪانهيس؟ ويچاري جي اها اِڇا سڀاويڪ ئي آهي! هن عمر به هن اڃا هاڻي تازو ’مالا چندن‘[1] ڪيو آهي!“ +”ها. ڇوڪري اٽڪل پنجويهه ورهين جي آهي. پر جيئڻ جي آس تي هو اوهان کي نٿو سڏائي. موت جي اڳڪٿيءَ لاءِ سڏايو اٿائين. اوهان هلي اهو ٻڌايو ته هو گيان- گنگا وڃي يا نه؟ گيان- گنگا جي کيس ڏاڍي اٻلاشا آهي، اڌارڻ پور يا ڪٽوا وڃن جي اِڇا اٿس. پر اتي وڌيڪ جيئرو رهڻ به وڏي آفت! ڪنٽرول جو زمانو. هن ضلعي جا چانور هُن ضلعي نٿا وڃي سگهن ۽ خريد ڪري کائڻو پوي ته گهڻو خرچه ٿيندو.“ +ششي بڻ بڻ ڪندو رهيو؛ ”چور جو راڄ آهي، سڀ چور آهن. کُڙيءَ کان چوٽيءَ تائين چور. راجا چور، راڻي چور، ديوان چور، سڀ چور. اسان چور توهان چور.... سڀ چور. چانور جي قيمت آهي سورهن روپيه وري هن ضلعي ۾ سورهن آهي ته هن ضلعي ۾ ڇويهه... ٻه قدم ٻيا وڌي وڃو ته ڇٽيهه، ۽ هڪدم اڳتي چاليهه.“ +مهاشيه سڀ ڳالهيون برابر ڪونه ٻڌي رهيو هو. هو ڪجهه سوچي رهيو هو. سوچي رهيو هو رامهريءَ جي ڳالهه. ششي پاڻمرادو بڪندو پئي هليو. اوچتو ذرا رڪيو۽ وري شروع ڪيائين: هينئر سر ئي ٻيو آلاپڻ لڳو. ديش جي آلوچنا ڇڏي هو خوشمزاجيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويو. چي: ”رامهريءَ کي گيان- گنگا وڃڻو آهي پر بي حسابي جو ڪم ڪري هو وڃڻ نٿو چاهي. اوهانکي ٻڌائڻو پوندو ته هو ڪيترا ڏينهن جيئرو رهندو ان حساب سان ئي هو پاڻ سان دال چانور نئيندو. چوي ٿو، اوهان کي ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڏهه ڏينهن وڌيڪ جيئرو رهيو، ته چانور گهٽ ٿي ويندا. اهڙي حالت ۾ اتي نقد ملهه تي ڳنهڻ جي نوبت ايندي ۽ ڪٿي پنج ڏينهن گهٽ ئي جيءُ سگهيو، ته چانور بچي پوندا. اهي چانور موٽائي گهر نٿا آڻي سگهجن. وڪڻڻا پوندا. اهو سڀ ٻين جي هٿان ٿيندو. پنج ڀوت ملي ڪري سڀ تحس نحس ڪري ڇڏيندا. ذرا ذرا ڪري ڇڏيندا. ذرا سوچي ڏسو، هن کي حساب سمجهڻ جو وجهه نه ملندو. ڪمبخت چوي ڇا ٿو ته وريمان سرڳ وڃي به سک نه سمهندس. مون چيو، تنهنجو سرڳ وڃڻ ئي نه ٿيندو، رٿ تي سوار ئي نه ٿيندين ته چلائي اُٿندين.... روڪيو، روڪيو. مان لهندس.... رٿ کي موٽائي نماڻا نين کڻي تون نهاريندو رهجي ويندين. مصيبت آهي. گنگا ڪناري مرڻ سان ڀوت ٿيڻ جي به گنجائش ڪانهي. ڀوت ٿئي ته کيس ڀروسو رهندو. ماڻهن جي کردن دٻائي سگهي ها. پٺيان پوي ها ۽ نڪ ۾ دم آڻي چوين ها؛ ”ڏيو، منهنجا روپيا واپس ڏيو.“ اهو چئي ششي هي- هي ڪري کلڻ لڳو. +سانوڻ جي اونداهي رات ۾ ٻئي هلندا پئي ويا. +ٻڍو جيون مهاشيه من ۾ رامهريءَ جي ڳالهه سوچي رهيو هو. ائين ڪيئن ٿيو؟ ائين ٿئي ڪيئن ٿو؟ رامهري گيان- گنگا وڃڻ چاهي ٿو؟ بنا سوچي، بنا ڪنهن اِڇا جي ويراڳ يوگ، مڪتي جي چاهنا جاڳي سگهي ٿي؟ مان مرندس، اهو سوچي ڪري خوشيءَ سان دل سان سڀ ڪجهه ترڪ ڪري وصل جو مشاهدو ماڻڻ وانگر وڃي سگهجي ٿو؟ ايامن تائين انتظار ڪرڻ بعد نئي نوجوان ڪنوار جو پنهنجي پتيءَ سان ملڻ واسطي پوڪن جو گهر ڇڏي وڃڻ وانگر وڃي. سگهجي ٿو؟ +رام هري شروعات ۾ سيکڙاٽ چور هو، بعد ۾ پڪل اناج جو چور بڻيو؛ ٻه ڀيرا جيل مان ٿي آيو هو. اچانڪ هن ۾ زبردست ڦيرو اچي ويو. مٿي تي تلڪ لڳائي، ڳچيءَ ۾ ڪنٺي مالها پائي هو ’ڌرماتما‘ بڻجي پيو هو. آجيوڪا ڪمائڻ لاءِ هن ڌنڌو شروع ڪيو. ڀاڄي وکر جو ڌنڌو. کيتن مان ساڳ سبزي خريد ڪري هٽن جا چڪر ڪاٽڻ لڳو. يعني ڦيريءَ وارو ٿي ويو. ائين هو ڳالهيون اڪثر گهڻيون ڪندو هو، ڌنڌي ۾ به اهوئي حال هوس. ڪريا ڪرم جي موقعن تي ماڻهن وٽ پاڻ ڀاڄيون پهچائيندو هو. ليڪن هن جو اصلي واپار ان جي اوٽ ۾ هلندو هو. هو نديءَ جي ڪناري جهنگل جي ويدن جي مرت سنجيوني چڪائڻ وانگر شراب چڪائيندو هو. بوتلن ۽ دٻن ۾ آٺرايل شراب ڀري جهنگل ۾ پوري رکندو هو. ايترو ئي نه، نديءَ جي ڪپر تي گانجو به پيدا ڪندو هو ۽ ان جي ڪافي کپت ٿيندي هئي. تان نرڪن جو ديش ٿيو، منتر جنتر، جهاڙ ڦوڪ هجي چاهي نه هجي، ڄاڻي يا نه ڄاڻي، ماڻهو ’ڪارڻ‘ ڪند اهئا. ڳل تي سندُر جو ٽڪو، زبان ۾ ’ڪالي ماتا‘ جي رٽ ۽ ’ڪارڻ ڪرڻ‘[2] ۾ سو ۾ نوانوي ماڻهو سِڌپرش. تنهنڪري هزار جي نمت سان سڌ پرش جي پرساد جي هلندي رامهري جي ’لڪشمي لاڀ‘ جي واسطي ’سنگهه دئار‘ (صدر دروازو) چاهي نه هجي، هڪ شاندار ڦاٽڪ ضرور کلي پيو هو. محنتي ۽ اورچ رامهري کي ڪمال جي همٿ هئي. نوگرام پويلس ٿاڻي جي سامهون ڀاڄي جي ٽوڪرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار پنج شراب جون بوتلون وجهي، هو کلندي کلندي نڪري ويندو هو. بازار ۾ انهن جو وڪرو ڪندو هو. پيٺي يا ڪدوءَ جو منهن وڍي اندران ٻج ۽ ڀڳ ڪڍي ڇڏيندو ۽ ان ۾ گانجو ڀري هليو ويندو هو. هوڏانهن پنهنجي گهر ۾ ’ديوتا‘ جي مورتي جي اسٿاپنا ڪئي هئائين. نم جي وڻ جي لڪڙيءَ جي ’گوهري‘ مورتي. پر ديوتا جو ڏيل ٿلهو متارو هو. چڱي مغز ماري، ڇاتي ۽ پٺيءَ جي طرف ٻه جدا لڪڙون جوڙي اندران ڪافي پوري جڳهه ڇڏي ڏني هئائين ۽ اهو ’ديوي گودام‘ هن هڪ پڪي مستريءَ کان ٺهرايو هو. پٺيءَ جي طرفان جيڪا ڪاٺي هئي، ان جي مٿان- هيٺان ڍڪڻ وارو منهن جوڙائي رکيو هئائين. مٿان ان ۾ گانجو ڀري ڇڏيندو هو ۽ جڏهن جيتري ضرورت هوندي ڪڍي وٺندو هو. ان کان به هڪ قدم اڳتي وڌي هو رام هريداس بڻجي ويٺو هو. سبزيءَ جو روزگار بند ڪري هومودي بڻجي ويٺو. دڪان کوليائين. اناج خريد ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪيائين. ڀيک ورتائين، داس جو لقب ورتائين ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هو ڪن ڳاڻ ڳڻين مان ليکجڻ لڳو. رڳو ڀيک ئي ڪونه ڌارڻ ڪيائين، پر هن پنهنجي نيات واري استريءَ ۽ پٽ کي ٻاهر ڪڍي هڪ اوچ ورڻ جي وڌوا کي آڻي ’ويشوي‘ بڻايو. ان کان پوءِ به شايد ٻن – ٽن استرين کي وٺي آيو. انهن مان ٻه ڄڻيون ته ڇيڻا ٿڦيندي مري ويئون ۽ کين شانتي ملي. هڪ ڄڻيءَ ڀڄي جند ڇڏائي. آخرين استري جوان آهي ۽ اهائي رامهريءَ کي پياري آهي. +”اهو ئي رام هري اڄ پنهنجي مرضي پٽاندڙ موت جي واسطي گنگا ڪانري وڃڻ چاهي ٿو؟ مڪتي چاهي ٿو؟ اچرج جي ڳالهه چئبي!“ ششيءَ تماڪ پي ڪري حقي کي هٿ ۾ جهليندي چيو: ”سڀاڻي هڪوار ضرور ٿي اچو، مان چئي ڇڏيو آهي، پنج روپيه ڏيڻا پوندا. ڊاڪٽر بابو هاڻ مريض ڏسڻ ڪونه ويندو آهي. ست ستاءُ ڪري کين راضي ڪري وٺندس. ايتري ۾ تيار ٿي ويو.“ +پر اهي ڳالهيون ڊاڪٽر صاحب جي ڪنين ڪونه پهتيون. هن جو منورٿ ڊوڙي رهيو هو. کن ۾ئي ٻيو يگ پار ڪري پٺتي ئي پرڪرما ختم ڪري هينئر شايد ورتمان ۾ اچي رڪيو. هو کليو. +ششيءَ پڇيو: ”اوهان کلي رهيا آهيو؟“ +جيون چيو: ”نوگرام جي بابو صاحب جي علاج واسطي ڪلڪتي وڃڻ توکي ياد آهي؟“ +”ڇو ڪين؟ پالڪيءَ تي نڪتو، سڀني ٺاڪردئارن ۾ پرڻام ڪيائين...“ +”اها ته ’گيان گنگا‘ جي ياترا هئي. ان ۾ ته جيڪي به ويا، تن سڀني اهو ئي ڪيو. هو ڪين...“ +”پوءِ؟“ +”بابو صاحب ڪاشيءَ ڪونه ويو، اڌارڻ پور جي گنگا ڪانري تي به ڪين ويو، ويو ڪيڏانهن، ڪلڪتي گنگا ڪلڪتي ۾ به آهي. پر هو مرڻ جي ڪاڻ گنگا ڪانري ڪونه ويو، ويو علاج واسطي.“ +”ڇو نه وڃي ڀلا؟ هيڏي وڏي جائداد، اٿاهه ملڪيت هيترو جس! انهن کي ڇڏي به ڪير ڪٿي مرڻ چاهيندو آهي؟“ +”اهو ئي ته مان چوڻ چاهيان ٿو. هن کي مرڻ جي واسنا ڪانه ٿي، رام هري کي ٿي آهي. رام هريءَ جيترو ڪجهه ڪيو آهي، ان جي لحاظ کان اهو گهڻو آهي. گهڻو... وري جوان زال.“ +ششي وات ڦاڙي ڊاڪٽر ڏانهن تڪيندو رهيو. +جيون مهاشيه کلي چيو: ”وات ڦاڙي تڪيندو نه ڪر. وڃ، پنهنجي گهر وڃ. رات ڪافي گذري چڪي آهي. سڀاڻي ايندس. چئي ڇڏج، ٻپهرن کان پوءِ گاڏي موڪلي ڏين.“ +ششيءَ چيو: ”اسين ٻه واٽي تي پهچي ويا آهيون ڇا؟“ +”ها.؟“ +هتان ڪچي رستي کان ڊاڪٽر جيون پنهنجي ڳوٺ ويندو ۽ پڪي سشڪ تان ششي ويندو نوگرام. +جيونمهاشيه چيو؛ ”گانجو – ڀنگ گهٽ پيئندو ڪر ششي“ ششيءَ مٿي کي کنهيو. لڄي ٿي ڪري چيائين؛ ”برابر اهو ئي سوچيندو آهيان، پر بڻجي نٿو.“ وري بِر ٿي چيائين: ”هلو، توهان کي پهچائي اچان. ڏاڍي اوندهه آهي. رات به ڪافي گذري چڪي آهي.“ +”ڪمبخت ڪنهن جاءِ جو! مون کي پهچائڻو ڪونه پوندءِ. گهر وڃ. مونکي گهر پهچائيندين؟ توکي پوءِ ڪير پهچائيندو؟ ترت کي کيس ڪائي ڳالهه ياد آئي ۽ ڇرڪ ڀري چيائين: ”چڱو هل، مان ئي توکي تنهنجي گهر پهچائي اچان.“ +ياد آيس، ”ڪيترا مهينا اڳي ششي جي ماءُ گذري ويئي آهي. شايد اڪيلو ويندي کيس ڀو ٿيندو آهي. اڃا هاڻي کيس چيو هئائين ته ’گلائي چنڊيءَ‘ کان موٽندي بدن ڇم ڇم ڪري رهيو هو يعني کيس ڊپ ٿي رهيو هو.‘ او! ان ڪري هو مڙهيءَ ۾ وڃي پهتو هو.“ +جيون مهاشيه چيو: ”سچ سچ ٻڌاءِ، ڳالهه ڇا آهي. ڊپ لڳو اٿئه؟“ +ششيءَ مٿو کنهندي چيو: ”يعني منهنجي ماءُ...“ +”تنهنجي ماءُ؟“ +”ڀانئجي ٿو، هوءَ ڀوت بڻجي آسپاس ڦرندي رهي ٿي. ڀانئجي نٿو، پر سچ پچ ئي هوءَ گهمندي- ڦرندي وتي ٿي.“ جيون مهاشيه چيو: ”رهڻ به ڏي. هل.“ +ششيءَ چيو: ”اما مون کي ڊيڄاري نٿي، رستي ۾ ڇڪ ڏيندي آهي.“ سڄي واٽ ششي ان ريت بڪندو هليو. رام هريءَ جي باري ۾ ئي گهڻو ڳالهائيندو ويو. ”نرنيه ٻڌائي هڪوار هن ’ڇوڪري ڊاڪٽر‘ کي توهان ضرور ڏيکاريندا!“ +[1] بينگال جي ويشڻون جي شاديءَ جي ريت. +[2] ننتر وادين جي ريتي موجب ڪاريه سيڌي. (ڪارڻ ڪرڻ) + + +[17] + +ڊاڪٽر پرديوت ورانڊي ۾ ويٺو هو. سانوڻ جي ڪڪرن سان ڪاري رات. گهٽ ٻوساٽ ۾ اندر سمهي سگهڻ ناممڪن هو، وري مٿان مڇرداني. ماڻهو چون، مڇرداني نه هجي ته مڇر ڀڄائي کڻي وڃن. اڄڪلهه مڇر گهٽ ٿي ويا آهن. گذريل سال کان ڊي- ڊي- ٽي ڪئمپين (مهم) شروع ٿي ويئي آهي. تڏهن به پرديوت مڇرداني کانسواءِ نه سمهندو آهي. نيٺ هڪ مڇر به چڪ پائي س��هي ٿو۽ اهو مڇر به اينافلس ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ئي مئلنگنيٽ- مليريا جا جيوڙا ٿي سگهن ٿا. مڇرداني وجهي ڪري ٻاهر سمهي سگهجي ٿو، پر هن جو يعني ڊاڪٽر پرديوت جي استريءَ کي ڊپ ٿيندو آهي، هڪ ته شهري ڇوڪري، وري ننڍپڻ کان چور ڌاڙيلن، ڀوت پريتن، نانگ وڇن جون ڪيتريون ئي هن ڪهاڻيون ٻڌيون آهن. منجوءَ جي ماءُ جا ناناڻا هتي ئي هئا. ماڻهس جو نانو جيئرو ڪونهي ۽ هن کي مامو ته ڪو هئو ئي ڪونه. منجو پنهنجي ماءُ پيءُ جي سڪيلڌي ڌيءَ هئي. منجوءَ جي پرناني پان جيئري آهي. ڪنن کان ٻوڙي آهي. اکين جي نظر به گهٽ ٿي ويئي اٿس. اهائي آکاڻيون ٻڌائيندي هئي. ڀوت پريت تي منجوءَ کي اعتقاد ڪونهي، بحث به ڪندي آهي، پر اوندهه ۾ ڪو کڙڪو ٿئي ته ڇرڪ ڀريندي آهي. ان ڪري بند ڪمري ۾ سمهڻو پوندو آهي. اندر داخل ٿيڻ کان اڳي جيتري دير ٿي سگهندي، پرديوت ٻاهر ويٺو رهندو آهي. وچ وچ ۾ فلٽ به ڇڻڪائي ويندو آهي. چوڌاري ورانڊي جي هيٺان ڏاڪڻ تي ڪاروبولڪ ائسڊ سان پسيل پال پيا هوندا آهن. ڊي – ڊي – ٽي ۽ بيلچنگ پاؤڊر ڇڻڪيل رهندو آهي. جنهن سان نانگ، وڇون، جيو جنتو نه اچي سگهن. +اڄ صبوح کان ئي هن جو دماغ خراب آهي. رتن بابوءِ جي پٽ وپن بابوءَ جي ڪيس ۾ هرين ڊاڪٽر کيس گهرايو هو. اچانڪ هڏڪي جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. سڀاڻي صبوح جو گهرايو هئائين. سخت تڪليف ڏيندڙ حالت. ائين پئي ڀاسيو، ته ڪنهن به مهل بري م بري حالت پيدا ٿي سگهي ٿي. هرين سان صلاح ڪري جيڪي ڪجهه ڪرڻو هو، سو ٿي چڪو آهي، پر ڪوبه نتجيو ڪونه نڪتو. اڄ صبوح جو ئي ڪشور صلاح ڏني، ته مهاشيه جيون کي گهرايو وڃي.‘ اها صلاح شايد رتن بابو جي هئي، پر ڪشور جي دئاران ڏني ويئي هئي. پرديوت ڇا چوي؟ پاڻ مرادو من ۾ جواب ملي ويو هوس، ”ٺيڪ ته آهي، هن کي ئي ڏيکارين. پر هاڻ مان نه ايندس.“ پر ان ڳالهه چوڻ کان اڳي ئي ڪشور اُمالڪ زور ڀريندي چئِ ڇڏيو: ”پر اوهان اهو نٿا چئي سگهو ته ’مان نه ايدس‘. اها منهنجي حجت آهي. مون ٻڌو آهي اوهان ڪجهه ناراض آهيو. پر هو اهڙو ماڻهو نه آهي.“ +ڊاڪٽر پرديوت چيو هو: ان ۾ ناراض يا خوش جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مريض توهان جو آهي، مرضي هجيو ته اوجها کي به گهرائي سگهو ٿا.“ +”اوهان ڪجهه زياده ئي چئي رهيا آهيو پرديوت بابوُ. نه ڇا؟ پنهنجي مريادا کي ئي وڏو نه بڻايو. سچائي کي وڏو سمجهو ۽ پوءِ چئو....“ +ڪشور ذرا وچتر ماڻهو آهي. ان ۾ ڪا مڙيو ئي اهڙي وصف آهي جو هن جي ڳالهه جو النگهن نٿو ڪري سگهجي. سڄي علائقي جا ماڻهو کيس مڃيندا آهن. سڄي عمر ديش جي شيوا ئي ڪري رهيو آهي. جڏهن کان پرديوت ڊاڪٽر آيو آهي، پتو نه آهي، تڏهن کان هن جا ڪيترائي ننڍا وڏا احسان کڻي چڪو آهي. هتي جا ماڻهو سولا ڪونهن. منجو آزاد طبع آهي، سائيڪل تي گهمندي آهي. ماڻهو هن جي گلا ڪري ماٺ ڪري ڪونه ويٺا، مٿي به شڪايت لکي موڪليائون. پرديوت جو متر صدر ۾ لئباريٽري هلائيندو آهي، وچ وچ ۾ ايندو آهي.ان جي باري ۾ افواه ڦهلايا ويا ۽ درخواست ۾ به لکي موڪليو ويو، دوا چوري ڪرڻ جو الزام. ڪيترن مريضن جو رت تپاس ڪرڻ واسطي ان ۾ موڪليو ويو هو، درخواست ۾ ان تي به گهڻو ڪجهه لکيو ويو هو؛ ۽ زباني جيڪي ڪجهه چيو ٿي ويو تنهن جو ته ڪو حساب ئي ڪونه هو. عجيب- عجيب سوال! ’ٻنهي مترن گڏجي ڄار پکيڙي آهي. رت جي جاچ، ٿڪ کانگهاري جي جاچ، پيشاب جي جاچ.... بس، آڻيو روپيه. اڌو اڌ حصو. چور جو ڀاءُ ڳنڍيڇوڙ. هيستائين ايتري جاچ نه پئي ٿي ته ڇا بيماريءَ مان ڇوٽڪارو نٿي مليو؟‘ +انهن الزامن کان ڪشور ئي کيس بچايو هو. هو پنهنجي من سان ان ۾ جنبي ويو هو. +جڏهن هتي رهندو آهي، ڪشور ٻئي وقت انهن ماڻهن جي کوج خبر وٺندو آهي. ان ڪري هن جي زور ڀرڻ تي ڊاڪٽر کي سوچڻو پيو. هن چيو هو؛ ”توهان ڀلي ڀانت سوچي ڏسو. هتي هڪ قيمتي زندگيءَ جو سوال آهي. وري به مهاشيه کي اسان اوهان جي مٿان رکڻ جي لاءِ ته ڪونه گهرائي رهيا آهيون. اوهان جي مدد لاءِ ئي کيس گهرائي رهيا آهيون. هو ذرا ناڙي ڏسندو ۽ هن هڏڪيءَ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ۾ اوهانجو ڪو شرط هجي ته هن کي چئي ڇڏيون. هرين، چارو بابو، اهي ته ان تي اعتراض نٿا وٺن!“ +”هرين ۽ چارو بابو منظوري ڏيئي ويا آهن. چاروُ بابو چئي ويو آهي، ’ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي. هن وٽ ڪيترائي مُشٽي يوگ آهن. سٻل سجايا. ها، آفيم مان ٺاهيل ڪا دوا نه ڏجو.‘ +سو لاچار پرديوت کي به پنهنجي راءِ ڏيڻي پيئي. هو اهو ته نه چئي سگهيو ته ’هن جي هو ڄاڻي، منهنجي پنهنجي راءِ آهي. مان هاڻ نه ايندس.‘ پر ان ڪري هن جي من ۾ صبوح کان وٺي ڪهڙي نه عجيب پريشاني ولوڙا وجهي رهي آهي. هو جيونمهاشيه جي دوا جي نتيجي لاءِ آتو آهي. هڪ ڳالهه جي کيس خوشي آهي ته هتي مهاشيه موت حياتيءَ جي اڳڪٿي ڪانه ڪئي. سندن ڪائي غلطي ڪانه ٻڌائي. شايد ٻڍي اها نقطچيني ٻڌي ورتي آهي، جيڪا چارو بابو وٽ ٿي هئي. تڏهن به کيس بيچيني هئي. هن جي دوا جي ڦل جي لاءِ بيچيني. ان سان گڏ ڄڻڪ ٻي به آهي. اڄ سندس هٿان هڪ روڳي مري پيو آهي! +الائي ڇا ٿي ويو آهي؟ +سڀ کان وڌيڪ تڪليف کيس سندس ڊپ ئي ڏيئي رهيو آهي. صبوح جو روڳيءَ کي ڏسي هو پاڻ چئي آيو آهي: بلڪل ٺيڪ آهي. تپ لهي ويو آهي. سڀاڻي پرهيزي کاڌو ڏبس. +ڪجهه ڊرائوزي جهڙو هوس، بيمار ڍڪيل نموني پيو هو. ڊاڪٽر ان کي ڪمزوري سمجهيو هو. ٻالڪ هو. بيمار جي ٻڍي ڏاڏيءَ چيو هو: اوهان ٺيڪ ڪيئن ٿا چئو ڊاڪٽر صاحب؟ ٻالڪ بيمار.... جيڪڏهن تپ نه آهي، ٺيڪ آهي ته پوءِ سر مٿي ڇو نٿو کڻي؟ کاڌو ڪٿي ٿو وڻيس؟ +ڊاڪٽر چئي آيوهو: سر مٿي کڻندو. نٻل آهي. ڪمزوري دور ٿيڻ سان ٺيڪ ٿي ويندو. ٻيو ته، اسان جي ڳالهين تي وشواس ڪرڻ گهرجي. نه ڪندا ته علاج ڪيئن ڪندس؟ +ٽپهريءَ جو ٻالڪ جي حالت بگڙي ويئي. ڊاڪٽر اتي ڊوڙندو ويو. ٻه ٽي سيون هنيئاين. پر... سنجها جو نينگر ويندو رهيو. ڊاڪٽر سوچيندو رهيو، غلطي ڪٿي ٿي؟ شروع کان آخر تائين؟ ڊائگونسيس؟‘ ها. مليريا سمجهي هئائين. هئي ميلنگنيٽ مليريا. اتي ئي غلطي ٿي ويئي. هن ڪوئنين جي سئي به لڳائي هئي.‘ ان مان لاڀ نه ٿيو، پر ٽڪي نه سگهيو. انٽرا وينس ڏيڻ گهربو هو.‘ اچانڪ ڊاڪٽر ڇرڪ ڀري ڪرسيءَ تي سيٽجي ويٺو. ’ڪوئنين جو ايمپول....؟‘ ان ۾ ڪوئنين ئي ته هئي؟ ونيه جي دڪان تان ورتو هئائين. اڄڪلهه جي دوا فروشن جو اعتبار ڪهڙو؟ نه. هي ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري گهن ٿا. ڪلڪتي ۾ تازو نقلي دوائن ٺاهڻ جي هڪ لڪل ۽ وڏي ڪارخاني جو راز فاش ٿي چڪو هو. ان مان دوا- فروش جي سازش ۽ ڊوهه جو به پتو لڳي چڪو هو. ونيه به اول نمبر جو استاد آهي. چرب زبانيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سچائي ۽ ساڌو پڻي جو اهڙو ڪمال ڏيکاريندو جو ظاهري سندس لاءِ من ۾ عزت پيدا ٿي ويندي آهي. پر پرديوت خود ڊاڪٽر ٿيو. ونيه جي نفعي خوري کانئس لڪل ته ڪانهي. دوا جي جنهن خوراڪ جي قيمت چار پئسا، ان جا هو چار آنا وصول ڪندو آهي. ان باري ۾ ساڻس ڳالهائي به چڪو آهي. پر ونيه هميشه نهٺائيءَ سان کيس اهائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ايتري کان گهٽ وڪڻڻ ۾ گهاٽو اڻ پڇو ٿيندو! ونيه سال به سال زمين خريد ڪندو آهي. وٽس ناڻو به ڪافي گڏ ٿيو آهي. ٻڌجي ٿو ته نئون مڪان به اڏائي رهيو آهي. ونيه لاءِ سڀ ڪجهه ممڪن آهي! پرديوت جا ٻئي ڪن تپي باهه ٿي ويا! ��ن ۾ جوش جو طوفان مچي ويو. آرام ڪرسيءَ تان اٿي هن دوائن جي پيتي ڪڍي. ان مان هڪ ايمپول ڪڍي ڀڳائين. ڄڀ تي ذرو چکي سواد ورتائين. سڄو وات زهر ٿي ويس. +ڊاڪٽر ڊگهو ساهه کنيو ۽ وري ٻاهر اچي ويٺو. سڏ ڪيائين، منجو! منجو! +منجو يعني! منجولا، ڊاڪٽر جي پتني. منجو رنڌڻي ۾ هئي. رسوئيي کي ته ڪابه ڄاڻ ڪانهي. بنهه ڄٽ آهي، ڳنوار. عقل جو ڪورو. سڪل ساڳه، ڪيلي جي ٿڙ جي ڳڀ ۾ وڙيون ۽ ڦريون يا ڦرين ۽ ڦرين ۾ ڪيلي جي ٿڙ جو ڳڀ- ڏيئي وٺي اهي ٻه ٽي ڀاڄيون ٺاهي ڄاڻندو آهي. چوٿين ڪابه نه. ازانسواءِ ڪجهه ٺاهي ڄاڻندو آهي ته بس ’کيڙون‘ نالي هڪ چيز. ’کيڙون‘ هنداڻي جي ڀاڄي ٿيندي آهي. ڪڙاهيءَ جي دال ۽ چٽڻي به هو ٺاهي وٺندو آهي. کٽاڻ کي هو کٽاڻ نه چوندو آهي، ’ٽڪ‘ چوندو آهي. ڪچي مڇيءَ ۾ کٽاڻ وجهي رڌيندو آهي. وڏين مڇين جي منڍي کٽاڻ سان گڏ کائيندو آهي. سٺي رسوئي جو مطلب- تيل مصالحن جو شراڌ ئي سمجهي. ڊپسيسيا جي روڳ کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ اتم ڀاڻ وجهي ڀلي زمين تيار ڪرڻ يعني ان روڳ ۾ مبتلا ٿيڻ ان کي ئي چئبو آهي‘ ڊاڪٽر جي پسندي نئين قسم جي آهي- اسٽو، سوپ، اوٻاريل سلاد- بس! انهن جا ته نالا به، هيءُ دهقاني ڳنوار اڃا تائين ياد نه ڪري سگهيو آهي. لاچار منجوءَ کي پاڻ بيهي کيس سڀ سمجهائڻو پوي ٿو. ايترو ئي نه- هڪ اڌ ڪورس ته هوءَ پاڻ پنهنجي هٿن سان رڌيندي آهي، اهو منجوءَ جو نجي شوق آهي. +منجو! ڊاڪٽر وري پڪاريو. آيس! هينئر منجوءَ جواب ڏنو. +هن قداور جوانڙيءَ جو روپ رنگ ڏاڍو موهيندڙ ۽ ڪومل آهي. وري سندس رنگ ۾ به هڪ اهڙي چمڪ آهي، جيڪا رواجي طور ڏسڻ ۾ نه ايندي، جا غير رواجي چئي سگهجي ٿي. منجوءَ کي ڏسڻ سان اکيون کپي وينديون آهن، ساهه ۾ موهه جاڳي اٿندو آهي. منجوءَ نئين زماني جي چنچل ناري آهي. گانو ڳائي ڄاڻي. انٽر تائين پڙهيل آهي. ڊاڪٽر سائيڪل جي سواري به سيکاري ڇڏي اٿس. بندوق هلائڻ به سيکاري اٿائينس. +’ڇا ٿا چئو؟ رسوئي خراب ٿي ويندي!‘ ’ڇا رڌي رهي آهين؟‘ +’ٽڪ!‘ منجو کلڻ لڳي. ’ڪچي مڇيءَ جي ٽڪ‘ مونکي به ڏاڍي وڻي ٿي!‘ اڳي ٻڍي ڏاڏي ان جو ذڪر ڪندي هئي ته اسان ڏاڍو کلندا هئاسين. پر هيءُ ٽڪ ٿئي به سوادي ٿو. سرهه جي تيل ۾ مصالحي جي رائي ڏيئي ۽ ڪچو تيل وجهي اهڙو ذائقيدار ٿو ٿئي جو پڇوئي نه! +تون هتي ويهه. اڪيلائي ۾ مزو نٿو اچي. ڪوراڳ ٻاڳ ٻڌائيءِ. طبيعت الائي اڄ ڪيئن پيئي لڳي. هن جو ٻالڪ اوچتو الاجي ڪيئن مري ويو! +رسوئيو ٻڌائي رهيو هو.... +”ڇا چئي رهيو هو؟“ ڊاڪٽر وري ڪجهه تيز ٿيو. +چئي رهيو هو، جيترا وات اوتريون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. +وري به ٺيڪ ئي آهي. جيترا منهن- ان کان ڏهوڻ ڳالهيون ته نه ٿي رهيون آهن نه؟ پرديوت کليو. +صبوح جو اوهان اهو ته چئي ڪونه آيا ته سڀاڻي پرهيزي کاڌو ڏيندس؟ +”ها، ڇو؟“ ”ماڻهو گهڻي ڀاڱي اهائي ڳالهه چئي رهيا آهن. ٻڌم چارو بابو چئي رهيو هو. اڙي بابا! موت جي ڳالهه به ڪڏهن ڪير چئي سگهيو آهي؟ ان جي مٿان ڊاڪٽرن جو ڪهڙو وس هلندو!“ ڪڪرن سان ڇانيل اُڀ مان اوچتو کنوڻ چمڪي. دور تائين بادلن جي گجگوڙ ٿي. ڪافي دور. پاٻوهه وچان ڊاڪٽر چيو: ساوڻ جي رات جو ڪوئي گيت ڳاءِ. +اجهو آيس. رسوئي کي چئي اچان، مڇي لاهي رکندو. +سڙڻ ڏينس. جيڪڏهن هو نه لاهي رکي ته سڀاڻي کيس ڪڍي ڇڏ. +گن گنائيندڙ سر ۾ منجو شروع ڪيو: +آئون موري گهنشيام.... +آءٌ هي گهنشيام. سيتل، منٺار رامرت ورکا ڪر، +آڪاش ڏانهن تڪي رهي آ ويوڳڻ- جوڳڻ.“ +ڊاڪٽر بيخودي ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سوچيائين: ورکا ٿئي ته سچ پچ پرديش نهال ٿي پوي. جان بچي. منجوءَ گيت ختم ڪري چيو، مان اچان ٿي. ريڊيو کولي ٿي اچان، سٺا راڳ پيا اچن. هن جو من رنڌڻي ۾ لڳو پيو هو. ’ٽڪ‘ کيس دل سان وڻندو هو. ڊاڪٽر ساڳئيءَ حالت ۾ اکيون ٻوٽي پيو رهيو: ”سو چارو بابو سندس خلاف ڪونه چيو. هيءُ ٻڍو ٿلهو متارو آهي، پر آهي چڱو.“ +ريڊيو تي سازن جو سنگيت اچي رهيو هو: گٽار. سُر ڪنبي رهيو هو، روئي رهيو هو. +ڊاڪٽر سوچيو: چارو بابو ڊفيٽيڊ سولجر[1] آهي. ڀلمانس هار مڃي ويو. ساڌو ٻولي ۾، آتم سمرپڻ يعني آڻ مڃيائين. +سرينڊر (Surrender) ڪري ويو!..... موت جي اڳڪٿي ڪير نٿو ڪري سگهي. ان تي به ڊاڪٽر جي ته هڪ نٿي هلي سگهي.‘ پرديوت سوچيندو رهيو، ”هلي ڇو نٿي سگهي، هلي سگهي ٿي، جيڪڏهن هتي ڪائي ڪلنڪ (Clinic) هجي! شروع ۾ ئي جيڪڏهن بلڊ کي ڪلچر ڪري وٺجي ها ۽ اصلي دوا جيڪڏهن ملي ها! پوءِ ڪير ٿي چئي سگهيو ته هو ٻالڪ جيئرو نه رهي سگهي ها؟“ +ريڊيو تي گيت گونجيو: ’هي مرتيو، تون ئي منهنجي شيام!‘ ڊاڪٽر ڀرون تاڻيون. ريڊيو بند ڪري ڇڏيو. +احاطي جي ڦاٽڪ وٽ پون پون ٿي. سائيڪل رڪشا جو هارون وڳو. ڪير آيو آهي؟ ڇو آيو آهي؟ سڏ ٿيو آهي؟ ڊاڪٽر اٿي کڙو ٿيو. اندران اسٽوو ليمپ کڻي آيو. ٻه رڪشا هئا. هڪ ۾ هئي هڪ جوانڙي، بيهوش حالت ۾. دائي کيس پڪڙي ويٺي هئي. سڄو بدن ڪپڙي سان ڍڪيل. دائيءَ جي ڪلهي تي ڪنڌ لڙڪيل هوس. دٻيل پيڙا وچان رکي رکي نيري ٿيندي پئي ويئي، چهرو بدنگ ٿيندو پئي ويس. ڪپڙي جي هيٺان رت جو داغ. ويم جو ڪيس. شايد پهريون ٻار. هٿ ۾ بتي جهلي ڊاڪٽر هيٺ لهي آيو. آواز ڏنائين: هريهر بابو! مس داس!“ +ڪمپائونڊر ۽ مِڊوائيف. پر هو ڪير؟ پوئين رڪشا تي؟ اسٿول شرير ڌاري جيون مهاشيه؟ +جيون مهاشيه ششيءَ کي سندس گهر اماڻڻ ويو هو. شش جي پاڙيسري ڀٽاچاريه جي گرڀڻي ڌيءَ ساهري گهر ۾ بيهوش ٿي ويئي هئي. جيون مهاشيه کي ڏسندي ئي هنن سندس شرڻ ورتي. پر اهڙي حالت ۾ هو ڇا ڪري؟ پر هنن ماڻهن هڪ نه ٻڌي. چي: ”ذرا نبض ڏسو.“ +”نبض ڏسي ڇا ڪندس مان؟ اول ويم ڪرائڻ ضروري آهي. اهڙي کي گهرايو، جيڪو ويم ڪرائيندو هجي يا اسپتال ۾ کڻائي وڃوس.“ مائٽ کيس اسپتال وٺي آيا. پر جيون مهاشيه کي ڪونه ڇڏيائون. +”اوهان ساڻ رهو!“ اوف! ڇوڪريءَ جي پتا جي نيزاري! +مهاشيه ان کي ٽاري نه سگهيو. +* * * +قميص جي آستين کنجي، نيم پٽاندڙ هٿ ڌوئي، جيوڙا ناسڪ لوشن لڳائي ڪمري م ويندي ڊاڪٽر ڇرڪي بيهي رهيو. +”اوهان ويم لاءِ ڪا دوا ڏني آهي؟“ +”نه.“ +”گڊ. اوهان انتظار ڪندا؟“ +”هائو، ترسندس.“ مهاشيه مشڪيو. +”چڱو، هن ڪرسيءَ تي ويهو. نبض ڏسي ڪجهه ٻڌايو اٿو؟“ +”ناڙي ڏٺي اٿم. پر....“ ڪمري مان دٻيل چيخ نڪتي. +”ڊاڪٽر بابو!“ مِس داس جو آواز آيو. +پرديوت ڪمري م هليو ويو. جيون مهاشيه ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل آسمان کي تڪنيدو رهجي ويو. هن کي الائي ڪيئن ته پئي لڳو. ”آخر آيو ڇو؟ گهر وارن جي مرضي هئي ته ويم ٿيڻ کان پوءِ هو هڪوار ناڙي ضرور ڏسي. پر ويم ۾ ئي جيڪڏهن....“ +”ويهو مهاشيه جي.“ هريهر ڪمپائونڊر چيو. هو ڪپهه، گرم پاڻي، بئنڊيجه وغيره کڻي وڃي رهيو هو. +”مزي ۾ آهيان.“ مهاشيه کليو. گرڀڻيءَ جي عمر ٽيهه ٿيندي. کيس تانگهه ٿي رهي هئي. مهاشيه ڇرڪ ڀريو. سور وچان زچه وري چلايو. ”جئه پرما پرڪرتي! جئه گووندا!“ مهاشيه من ۾ آراڌيو. +’هريرهر بابو، گرم پاڻي‘ ڪپهه.‘ ڊاڪٽر پرديوت جو گنڀير آواز ٻڌڻ ۾ آيو. نهايت گنڀير ۽ ڌير آواز. +* * * +ٽوال سان هٿ اگهندو ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو. ڇوڪريءَ جي پتا چيو، ”ڊاڪٽر بابو!“ +”سيف ڊليوري ٿي. پٽ آهي.“ +”نيهار هوش ۾ اچي ويئي؟“ +”نه.“ +”هوش ڪونه آيو؟“ +”نه. اوهان گهر وڃو. جيڪي ڪرڻو هوندو، مان ��ندس. هتي رهي شور مچائڻ سان ڪجهه ڪين ورندو. گهر وڃو ۽ اوهان به ويٺا ئي آهيو؟ کميا ڪندا، اڃا مان ناڙي ڏسڻ ڪانه ڏيندس. اوهان ٻيو ڪجهه نه سوچيو. جيتريقدر مون سمهجيو آهي. نبض ٺيڪ پيئي هلي.... ايترو ئي چئي سگهان ٿو.“ ايترو چئي ڊاڪٽر پنهنجي ڪوارٽر ۾ هليو ويو. +”منجو!“ +”چانهه ڇاڻي رهي آهيان.“ +”ميني ٿئنڪس، ميني ميني ٿئنڪس.[2] جلدي کڻي اچ.“ +”ڇا مريض جو...“ +”ناٽ گڊ[3]، پر بري حالت به ڪانهي. بٽ شي مَسٽ لِو[4]. ضرور....“ چانهه جي چسڪي ڀري چيائين: ”اول ته مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. دَيٽ اولڊ مئن[5]، فيمس مهاشيه آف ديس پليس[6]، اهو به مهاشيه ساڻ آيو هو.“ +”ڪائي بري ڳالهه ته ڪانه چيائين؟“ +”نه. گهر وارن ته چاهيو پئي ته مهاشيه هڪوار ناڙي ضرور ڏسي. مون چيو، ’نه، ناڙي مان ڪانه ڏسڻ ڏيندس.“ +”هن کي چانهه پيئڻ لاءِ ڇو ڪين سڏايو؟“ +”سڏائڻ واجب هو، ڪيئن؟“ +”بيشڪ واجب هو.“ +چانهه جي پيالي رکي پرديوت سگريٽ دکايو ۽ اسپتال ڏانهن رخ رکيو. هڪ ٻي به سئي هڻڻي هيس. مهاشيه وڃي چڪو هو. بيجا ڪم ٿيو. ٽن ٽن گهڙيال وڳو. رات جا يارهن بجا. بيمار جي ڪمري مان درد- پيڙا جو جو هلڪو- هلڪو آواز اچي رهيو هو. سور گهٽجي رهيو هو. ”شي مسٽ لو، هوءَ ضرور بچندي.“ هريهر ٻاهر نڪتو. +”ڪيئن آهي؟“ +”بهتر پيئي ڀانئجي.“ +”ٺيڪ ٿي ويندي. سئي تيار ڪر.“ +ڊاڪٽر سرينج کي کڻي روشنيءَ جي سامهون رکيو. محسوس ٿيس، ڦاٽڪ کليو. ’وري ڪير آيو؟...‘ +هريهر اڳتي وڌيو. رتن بابو وٽان آدمي آيو آهي. +”هڏڪي وڌي ويئي اٿس ڇا؟“ +”جي نه. شهر مان هوءَ روپوٽ آئي آهي. بابوءَ چيو، وڃ، جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جاڳندو هجي، ته ڏيئي اچينس.“ +وپن بابو جي يورين رپورٽ هئي. +”هڏڪي ڪيئن هئي؟“ +”ساڳي ئي اٿس. ڪجهه گهٽيل لڳي ٿي.“ +”ڪائي ڪِلنڪ ڪاش هتي هجي ها! ايڪسري ته بجليءَ کانسواءِ نٿو ٿي سگهي. ميوراکشي يوجنا کي ته اڃا ڪي ورهيه لڳندا. ان کان اڳي ته آثار نٿا ڏسجن. پر رڳي هڪ ڪلنڪ هجي، ڪيترن جون جانيون بچي پونديون! هيءَ نينگري ڀلا بچي سگهي ها؟ اسپتال، هي اوزار نه هجن ها ته هيءَ به مري وڃي ها،“ ڊاڪٽر چوندو ويو، ”نبض ڏسي ڪنڌ ڌوڻيندي جيون مهاشيه اڳڪٿي ڪري سگهيو ٿي، پر ڪري ڇا ٿي سگهيو؟ موت تي ڪنهنجو وس آهي، تنهنجو يا منهنجو؟“ +[1] هار کاڌل سپاهي. +[2] بيحد شڪريه، گهڻا گهڻا شڪريه. +[3] سٺي ڪانهي. +[4] پر هن کي ضرور جيئرو رهڻ گهرجي. +[5] هو ٻڍو. +[6] هن اسٿان جو مشهور مهاشيه. + + +[18] + +جيون دت جڏهن سڏ تي ٻاهر ويندو هو ۽ عطر کي ننڊ اچي ويندي هئي ته هوءَ ننڊ ۾ وڦلندي هئي: ’پلڪن ۾ انتظار ڪر، اکين ۾ متان اچين، هن کي اچي وڃڻ ڏي، پوءِ اچج.‘ ليٽندي ليٽندي به زبردستي پيئي جاڳندي. جهوٽا ۽ اوٻاسيون اچن، ته اکين کي بار بار ڦهلائيندي، پاسا ورائيندي، راڌا گووند جو نالو جپيندي؛ ننڊ گهڻو ستائينديس، ته اٿي ڪري پان- تماڪ چٻاڙڻ لڳندي، وچ- وچ ۾ نندوءَ کي جهڻڪيندي، نندوءَ کي نه ته هن جي نڪ (کونگهرن) وڄڻ کي. چي، ”نڪ ٻين ماڻهن جو به کرڙاٽ ڪندو اهي، پر هيئن ڪو وڄندو آهي ڪٿي؟ سنگا[1] به مات ٿيو وڃي! رڳو سنگا؟ ڀانئجي ٿو، ڪارائي سان، نندو ڪنهن دروازي کي چيري رهيو آهي! نندو! اڙي، نندو! ٻڌين ٿو؟ ذرا نڪ ته گهٽ وڄائي بابا! پاسو ورائي ڇڏ.“ +جڏهن جيون مهاشيه اچي ويندو ته مٿين معاملن جو حل ٿي ويندو. ڪڏهن پڇندي، ”ڪيئن ڏٺو؟“ ڪڏهن ڪڇ پڇندي ئي ڪانه، سمهي رهندي ۽ کن دير ۾ سندس نڪ وڄڻ لڳندو. +نندو به اٿي کڙو ٿيندو. هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڏيندو. هٿ منهن ڌوئي هو جپ ڪرڻ ويهندو. پوءِ پاڻ ڍڪيل رسوئي ڪڍي کائڻ ويهند��. نندو چلم ڀري ايندو. مهاشيه کي حقو ڏيئي پاڻ وڃي سمهي پوندو. کائي پي ڪري تماڪ پيئندو ۽ مرض جي باري ۾ سوچيندو رهندو؛ ڪڏهن ڪڏهن مرتوي جي ڳالهه. ڪڏهن ڪڏهن بيمار مري پوندو هو ته موٽي علاج جي ڳالهه ئي سوچڻ لڳندو. پوءِ گوبند جو نالو وٺي سمهي پوندو هو. جنهن ڏينهن ڪٿان سڏ نه ٿيندو هوس، ستاب سان ويهي شطرنج راند ڪندو هو ۽ چال جي باري ۾ سوچيندو رهندو هو. هڪ کان اڳي ڪڏهن به سمهڻ نه ٿيندو هوس. اڄ اٽڪل ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳي چڪا هئا. +* * * +صبوح جو جاڳڻ ۾ دير ٿي. +سڀ کان اول گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ ياد آيس. ڪيئن آهي هوءَ؟ هو نندوءَ کي سڏڻ ويو. هن کان پڇي ڏسندو، هنن وٽان ڪوئي آيو هئو يا نه. پر ٻئي دم ئي سندس انب جي مقدار کان گهڻو وڏو مٿو ڌوڻيو، ’نه، نه.‘ ۽ هن گنڀير آواز ۾ چيو، ’جئه گووند! پرمانند!‘ +هٿ جوڙي دريءَ کان ٻاهر نهاريندي چيائين، ”نمہ: وِوَسوتي برهمڻ ڀاسوتي وشڻو تيجسي جڳت سويتري ڪرم دايني... نمہ!“ +”مرتيو نشچت آهي. دنيا ۾ ايترو چنچل ٿيڻ سان ڪم ڪيئن هلندو؟“ هٿ منهن ڌوتائين. چانهه پيئڻ ويٺو. ننڍو حقو ڀري ڏيڻ لڳو. چي، ”اڄ اٺ ڏهه مريض آيا آهن.“ +ڪش ڀري مهاشيه پڇيو: ”نوگرام مان ڪير آيا آهن؟ گڻيش ڀٽا چاريه؟“ +”جي، نه ته.“ +”هون.“ من ۾ ڪجهه ڪُڙهيو. ”ڪالهه رات ٻارهين بجي توڻي گڻيش جي لاءِ ويٺو رهيس. ڊاڪٽر پرديوت جا طعنا تنڪا ٻڌم ۽ اڄ هن خبر به ڪانه موڪلي؟ سمجهيم، ڇوڪري ٺيڪ آهي. آنڌ مانڌ ويندي رهيس، سو ڀلجي ويو.“ هن ڊگهو ساهه کنيو. +نندوءَ چيو، ”هو دانتو بابا شور مچائي رهيو آهي.“ +”ڇو، ڪالهه ئي ته کيس هفتي جي دوا ڏني اٿم؟“ +”اڄ به آيو آهي. چي بنا گانجي جي ننڊ نٿي اچي. چوي ٿو، يا ته گانجي پيئڻ جي موڪل ڏيو يا ننڊ جي دوا ڏيو. جيئن آيو آهي، مٿي تي آسمان کڻي ڏنو اٿس.“ +”کڻڻ ڏينس آسمان مٿي تي. پُراني ميان آيو آهي؟“ +”نه. اڃا توڻي ته ڪونه آيو آهي. هاڻي ايندو.“ +لڳاتار ڪيترائي دم لڳائي هن حقو نندوءَ کي ڏنو. اٿي کڙو ٿيو. چي، ”مريض کي ويهڻ لاءِ چئجه. مان ذرا مهنت کي ڏسڻ مڙهيءَ ۾ وڃي رهيو آهيان.“ +مٿو کنهندي نندوءَ چيو، ”هنن کي ڏسي نسخو ڏيئي وڃو ها. پراني ميان گاڏي وٺي ايندو، رستي ۾ مهنت کي ڏسي وٺو ها.“ مهاشيه ڪابه ورندي نه ڏني. هن سفيد ڪرتو پهريو کيسي ۾ اسٽيٿسڪوپ وڌو ۽ پراڻو جوتو پاتائين. نندو ڀڻ ڀڻ ڪندو نڪري ويو. ”سڀ بيراڳي.... صبوح مردان مفت مريض ڏسڻ! اهڙي حالت ۾ مريض اچن به ڇو؟ هون! انهيءَ ڪري ته هيءُ حال ٿيو آهي! متر بابو ته چئي ڏنو هو.... اهڙي ماڻهوءَ جو چوڻ ڪوڙو ٿي سگهي ٿو؟“ +مهاشيه کليو. ياد اچي ويس، نندو زميندار گورهري متر جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. نندو تنهن وقت اتي ئي هو. هن ٻڌي ورتوهو. +تنهن وقت آروگيه نڪيتن ۾ ڀيڙ لڳي رهندي هئي! اوف! چاليهه پنجاهه، سٺ روڳي! +جڳت مهاشيه جي مرڻ پڄاڻا (آروگيه نڪيتن) جي حالت سقيم ٿي ويئي هئي. جيون مهاشيه ان کي وري اوج تي آندو هو. ڊاڪٽر رنگ لعل کان سکي ڪري هن ايلوپيٿي، ڪويراجي، مُشٽي يوگ، ٽنهي ۾ علاج شروع ڪيو هو. گروءَ رنگ لعل چرچي ۾ چيو هو، ”تون ٽراءِ سائيڪل تي سوار ٿي.“ قسمت سان هوءَ ٽرائسائيڪل موٽر واري وئن بڻجي پيئي هئي. شفاخاني جو نالو آروگيه- نڪيتن پئجي چڪو هو. ٽي- ٽي آدمي ڪم ڪندا هئا. ايلوپيٿي جو ڪمپائونڊر هوندو هو ششي. ششي چوندو هو، ”گم گم‘، پرئڪٽس!“ +وري جڏهن چُڪڙي پيئدنو هو، ته چوندو هو، ”مهاشيه جي پرئڪٽس... هَپ، ٻيڙي چئو ٻيڙي، نديءَ ۾ بس هلي رهي آهي؛ س- س س ...“ هو ڪمبخت شراب ننڍپڻ کان ئي پيئندو آهي، نوگرام جي براهمڻ گهراڻي جو نينگر. هن جي شرارت سبب وائينم گڻليسيا ۽ مرت- سنجيوني امرت جهڙين اڪثير دوائن کي لڪائي رکڻو پوندو هو. نظر چڙهي مس ته بوتل لڳائيندو ٻوٿ تي. ٿوري چڪي پيئندو، چوندو: +”رنگ لعل دي سيڪنڊ آهي.“ +اها هام جيونمهاشيه جي اٻلاشا ڄاڻڻ بغير هڻندو هو. وڌاءُ ڪري خوامخواهه چوندو هو. اها اٻلاشا پوري ڪانه ٿي. رنگ لعل جي جڳهه ڀرڻ هن جي ڀاڳيه يا مقصد م نه هو، رنگ لعل جي جاءِ ڀرجي نٿي سگهي. وري به ڪيرڻاهر جي ڊاڪٽر نوين ڪنهن حد تائين اها ڪمي پوري ڪري ڇڏي هئي. ها، صدر ۾ هڪ چڱو- خاصو ڊاڪٽر آيو آهي. گولڊ- ميڊلسٽ! ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد. پر قسمت جو به وچتر کيل چئو يا ڪرتوت، جو اهڙي ڊاڪٽر جي به بدنامي پکڙيل هئي. ماڻهن جو چوڻ هو، ته ”جنهن به مريض کي ڊاڪٽر گوڪل ڇهندو، اهو بچي نه سگهندو.“ ڊاڪٽر گوڪل به جيون مهاشيه جي عزت ڪندو هو. پڇندو هو: ”ناڙيءَ ۾ اوهان ڇا حاصل ڪيو؟“ ۽ هن جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندو هو. نوگرام ۾ تن ڏينهن سندس مٽ ڪونه هئو. +جڳت مهاشيه جي ديهانت کان پوءِ اتي ٽي ڊاڪٽر آيا پهريون ڊاڪٽري پاس ڪيل هو درگاداس ڪنڊوُ. ڪنڊوُ هن جون هسيون ڪندو هو، ”گاهه پنن، جڙي ٻوٽين وارو ڊاڪٽر!“ +ان بعد ڊاڪٽر هريش. هريش البت کيس مڃيندو هو. ڪشور جي بيماريءَ ۾ ڊائگنوسز[2] ۾ کانئس مات کائي سبق سکي ويو هو. +ٻيو هڪ چرٻٽ آيو هو. کيت باڙوُري. هو پاڻ کي ڪي-ايم- برادري هوميوپيٿ ڪوٺائيندو هو. ماڻهو ڀلو هو، سڌو سنواٽو پر چرٻٽ هو. چروٽ ڇڪيندو هو. چينائي ڪوٽ پهريندو هو. چوندو هو: ”هڪ طرف آهي ڊاڪٽر هريش ۽ ٻئي طرف مان. وچ ۾ ويچارو دت دٻجي ڪري مري ويو! هن کي ڀلا هاڻ ڪير سڏائيندو؟ صرف ناڙي ڏسڻ جي ڪاڻ ڪير کيس گهرائيندو! هوُن.“ +سڀ کان اول آيو هو درگاداس ڪنڊوُ. هليو به سڀ کان اول هوئي ويو. چوندو ويو هو، ”اهو نٿي ڄاتم ته هيءُ ڍڳن- رڍن جو علائقو آهي. هنن ماڻهن جي بيماري گاهه- پنن، جڙي ٻوٽي سان ئي چڱي ٿئي ٿي. انگريزي دوا هنن کي نٿي ڀانءِ پوي.“ +ان بعد باڙوُري به ڀڳو. رهيو رڳو هريش. برجلعل بابوُ، جيئن ته نوگرام ۾ خيراتي دواخانو کوليو، ان ڪري هو ٽڪي سگهيو. اتي ئي نوڪري ڪيائين، پگهار هئس ٽيهه روپيه. +انهيءَ وقت جيون دت مهاشيه بڻيو. آمدني ڪيتري هئي، ياد ڪونهي. حساب جو ليکو ئي نه هئو. رات ڏينهن ۾ ڪڏهن به آرام ڪونه هو.مريض ڏسندي ڏسندي ڏينهن جا ٽي وڄي ويندا هئا. +هندو، براهمڻ، ڪائسٿ، شودر، مسلمان، پرائي مهوُ ڳوٺ جا خان، اولهه ٽولي جا شيخ، واپاري ٽولي جا واپاري، مير ٽولي جا ميان به بيل گاڏيءَ تي آيا. ڏولي، گاڏي ۽ پالڪي. ان ڏينهن پنج ڪوه ڏورانهين هنڌان گور هري متر به آيو هو. پالڪيءَ ۾ ئي کليل دروازي کان آسمان ڏانهن تڪيندو پئجي رهيو. +آروگيه- نڪيتن ۾ ان ڏينهن سڀ کان اول هوئي پهتو هئو. رات جڏهن باقي ڪجهه رهجي ويئي هئي، تڏهن جيون مهاشيه سڏ تي نوگرام ويو هو. پست ٿيل زميندار راءِ چوڌري جي هڪ شريڪ حال وٽ. ٻڍو گورانگ راءِ چوڌري اچانڪ بيهوش ٿي ويو هو. سنياس روڳ! هن کي ڏسڻ کان پوءِ ئي کيس فرصت ڪانه ملي، هن جي گنگا ياترا جي پرٻنڌ ۾ به رهڻو پيس. هن کي گنگا ڪناري لاءِ پالڪيءَ ۾ روانو ڪري تڏهن موٽيو هو. اچڻ سان هن پهرين ئي پنهنجي متر مهاشيه کي ڏٺو هو. هن کميا به گهري هئي. +”اوهانکي ڪافي دير انتظار ڪرڻو پيو. پر ڇا ڪريان؟ هتان جو پراڻو زميندار.... پراڻو خاندان....“ +ٿوري ۾ ئي کيس وستار به ٻڌائڻو پيو هو. +متر کلي ڪري چيو هو؛ ”دت بابو، نه نه، دت نه اوهان پنهنجي اباڻي- لقب مهاشيه جا حقدار ٿيا آهيو. اهو اوهان جي لائق آهي. پر ذرا هيڏانهن به ڌيان رکندا ڪريو. پري- پري کان مريض ڪهي اچن ٿا. اهي مريض ئي اوهان جي لڇميءَ جا دوت آهن. جيڪڏهن هنن کي تڪليف ٿيندي، هنن جي ڳاڻ نه ٿيندي ته هيءُ به تيسين توهان وٽ ايندا رهندا جيسين کين ٻيو ڪوئي اوهان جهڙو ملي نه وڃي.“ +جيون مهاشيه کي ڳالهه کُپي ويئي هئي. ڳالهه دل سان لڳڻ جهڙي هئي. هن چيو هو؛ ”مان نظر انداز نٿو ڪريان. ائين ڪرڻ سان پاپ لڳندم. هنن جي تڪليف دور ڪرڻ جي به وس پڄندي ڪوشش ڪريان ٿو.“ +ڪندو به هو. دير ٿيڻ جي حالت ۾، مريضن کي شربت، سابوداڻا، ڏيندو هو. ڊسٽرڪٽ بورڊ جي مدد سان آروگيه- نڪيتن وٽ کوهه به کوٽايو هئائين. +تنهن وقت اتي چوڙي، ڳڙ، پتاشي جو هڪ دوڪان به لڳندو هو. مهاشيه اهو به چيو هو، ”رهي جس ناموس جي ڳالهه، سا ڀڳوان جي ديا آهي. گروءَ جي سکيا ۽ پنهنجو عمل. سڀ کان وڏو آهي ڀاڳيه. جيسين رهڻو آهي، رهندو. خير، ٻڌايو اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ هيستوڻي جيڪا دوا درمل ڪندا پيا اچو، ان ۾ ڪا بيماري ٻڌائي اٿن؟“ +متر وراڻيو، ”ذرا اڪيلائي هجي ته وڌيڪ سٺو.“ +نندو ئي اتي هو. مهاشيه هن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو. اڪيلي ۾ متر چيو، ”پٽ وٽ وڃي رهيو آهيان. آخرين ڏينهن ۾ هن جي ڪلهن جو بوجو بڻجڻو پيو. مقدمي ۾ زمين جائداد سواها ٿي ويئي. استري گذاري ويئي. ڪنهن ريت مڙيوئي گذارو ٿي رهيو هو. پيئان ڏاڍو ٿو. ڊپ وچان آپگهات نٿو ڪري سگهان. ڌيءُ پنهنجي گهر وٺي وڃڻ چاهي ٿي. وڃڻ ڌاران ڪو چاڙهو به ڪونهي. رستي ۾ سوچ ۾، اوهان کي نبض ڏيکاريندو وڃان اوهان جي ڏاڍي ساراهه ٻڌي اٿم. ڪيستوڻي جيئندس، ٻڌائي سگهندا؟ ڏسو ته ناڙي.“ +ڊاڪٽر هڪو ٻڪو ٿي ويو هو. چي، ”مون ۾ اها سمرٿي ڪانهي. شايد ئي ڪٿي ڪنهن ۾ اها سمرتي ٿي سگهي ٿي. بيماري ڪائي ڪانهي....“ +”بيماري آهي. ليور جو سور. دماغ خراب ٿي ويندو آهي.“ +”پيئڻ جو نتجيو آهي. پيئڻ سان اڃا به وڌندو. ڇڏي ڏيڻ سان گهٽ ٿي ويندو.“ +چپ چاپ ٻه روپيه رکي گور هري اٿي کڙو ٿيو. جيون چيو. ”معاف ڪجو، في مان ڪانه وٺندس. هتي بيمارن کان في وٺڻ جي خانداني منع ٿيل آهي.“ +”ڪنهن غريب مريض کي مدد جي روپ ۾ اهي روپيه ڏيئي ڇڏجو. مان ته فيءَ ڏيڻ بنا ڪنهن کي ڪونه ڏيکاريندو آهيان.“ ايترو چئي، هو، گورو قداور، ڪجهه جهڪيل ڀلمانس ٻڍڙو رمندو رهيو هو. هن جي شڪل صاف ياد اچي رهي هيس. هن کان پوءَ اوچ ڪل جا ٻيا مرض آيا هئا، ٺاڪر ٽولي جا ميان. +”آداب عرض ڊاڪٽر صاحب!“ +”آداب، آداب. اچو، ڇا حال آهي؟“ +ڪنهن زماني ۾ اهي ’ميان‘ هن علائقي جا مالڪ هئا، نواب. ٺاڪر جو خطاب مليل هون. چون ٿا، هيءُ يوگي- ونش جا هئا. مسلم سماج گرو، مرشد. يلڪن بعد ۾ دولت ۽ عيش و عشرت جي چشڪي ۾ ڀرشٽ ٿي ويا. صفا ويل ٿي پيا هئا. ايترو ئي نه، خانداني مريض بڻجي پيا هئا. +ذرا ساعت ترسي ميان چيو، ”بدن تي رت جي وڪار جهڙا داغ ٿي رهيا آهن ڊاڪٽر صاحب. پٺيءَ ۾ ڄنگهه ۾ هيءُ ڏسو، گوڏي وٽ.“ ميان پئجامو مٿي کڻي داغ ڏيکاريا. +ڊاڪٽر تيز نگاهه سان ڏانهنس نهاريو. ڏٺائين، ڪن جون پاپڙيون، نڪ جي نوڪ ڳاڙهي ٿي ويئي آهي. خانداني روڳ! اها ئي بيماري. ڪيترائي ماڻهو ان ۾ مبتلا ٿي مري چڪا آهن. ٻه ڄڻا هينئر به شڪار آهن. +”ڊاڪٽر صاحب!“ +”چئو ٺاڪر صاحب.“ +”ٻڌايو.“ +”ڇا ٻڌايان؟ روڳ خانداني ئي لڳي ٿو. اوهان هينئر کان ئي علاج شروح ڪري ڇڏيو. مون وٽ ان جي دوا نه آهي. ٺاهڻ ۾ ڏاڍو خرچ ٿيندو آهي. ڪلڪتي مان گهرائي وٺو.“ +”اوهان لکي ڏيو.“ +ميان صاحب هليو ويو. +نارائڻ پور جو ڀٽاچاريه بابو ڏوليءَ تي آيو هو. +گهڻن پيشابن جي بيماري! +گهڻا پيشاب، نئون بخار، پراڻو بخار، سنگر هڻي، اتيسار! +پرهلاد باگدي آيوهو. خونخوار لٺباز. ڌاڙيل. جيل مان ٿي آيل ڏوهي. +”ڇو پرهلاد! توکي وري ڇا ٿيو؟“ +”ٻيو ڇا ٿيندو. اهو ئي...“ +”وري؟“ +ٿيو هوس. اهو شايد پنجون ڀيرو ٿيو هوس. +مٿو کنهندي پرهلاد چيو هو، ”جيڪو ڏاند اڻ پچندڙ کائي ٿو، سو به ان کي وساري سگهي ٿو مهاشيه!“ +نوگرام جي وڏي بابوءَ وٽ وڃڻو هوس. سڏ ٿيو هو. هن جي ننڍي پٽ کي ذيابيطس[3] ٿي آهي. اهو چوٿون ڀيرو آهي. +کيس پنهنجي پتا جي ڳالهه ياد آئي. هو چوندو هو، پٽ، رواجي عمر ۽ وڏي عمر ٻه ڳالهيون آهن، رڳو ڳالهه جي ڳالهه ناهي. ان جو اونهو مطلب اهي. لنبي عمر ٿيڻ سان ’وڏي عمر‘ نٿي ٿئي ۽ ننڍي عمر هجي ته اها ’وڏي عمر‘ نه ٿي، اهڙي ڳالهه ڪانهي. وڏي آورجا اهوٿو ماڻي، جنهن جو جيون سکدائڪ ۽ آنند مئه آهي. نه ته، شڪتي جو ذڪر ڪري به آدمي وڏي عمر جو ٿئي ٿو. بيماري کي سهارڻ ڪري سگهي ٿو، جيئي سگهي ٿو. +اها ڳالهه هن انهيءَ پرهلاد جي باري ۾ چئي هئي. پهريون ڀيرو جڏهن کيس باد فرنگ[4] ٿيو هو، ته هن علاج ئي ڪونه ڪرايو. جهڙو تهڙو ملم وغيره لڳائي رهجي ويو. ٻيو دفعو ٿيس، جڳت مهاشيه وٽ پهتو. انهيءَ وقت هن چيو هو ۽ پرهلاد جواب ڏنو هئو، ”ماڻهن ڏيکارڻ واسطي چيو، ان ڪري آيو آهيان؛ نه ته هيءُ روڳ پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندو آهي.“ +پرهلاد اڄ به جيئرو آهي. اڄ به لٺبازي ڪندو رهي ٿو. اڄ به ٻانهون ٺوڪي زمين تي باجوليون پائيندو آهي. +پرهلاد چيو، ”علاج ۾ ذرا جلدي ڇٽجي ٿو، ان ڪري دوا ڏيو.“ +ان وقت سئيءَ جو رواج ڪونه نڪتو هو. هو دوا وٺندو، ڊاڪٽر کي نمسڪار ڪري هليو ويندو هو. هڪ روپيو في به ڏيئي ويندو هو. +ڊاڪٽر چوندو، ”هيءُ ڇا پرهلاد! في ڇا جي؟ گهر ۾ مان في وٺندو ڪڏهن آهيان؟“ +”جي، ڊاڪٽر کي دکشڻا ڏيڻ بنا بيماري ويندي ڪانهي. هن کان پوءِ ٿورو ئي ڏيڻو اٿم!“ +زماني ڀرجو حساب آهي، مگر پرهلاد جي نالي وَهيءَ ۾ ڪجهه به بقايا ڪانهي. +هڪ هڪ ڪري روڳي ايندا ويندا هئا. گرڀ، خبار، مليريا، ريميٽنٽ (وائي سور) ٽائيفائيڊ (معيادي بخاري)، اتيسار ۽ ٻيا به الائي ڪهڙا ڪهڙا مرض! ڪنهن ڪنهن کي ته هڪ ئي وقت ڪيترائي مرض لڳل هوندا هئا، عجيب کچڻي! سندس پتا چوندو هو، ”شاسترن ۾ ائين لکيل آهي ته سڀني مرضن جي اڄ تائين ڪابه ايجاد ڪانه ٿي آهي. جيڪڏهن ڪا بيماري نئي لڳي ته ان ڪري شرم يا سنڪوچ متان ڪرين ته تون ان جو نالو نٿو ڄاڻين. علامت ڏسي علاج ڪج. مغربي سائنسن جي ڪرپا سان هينئر لئباريٽري ٿي ويئي آهي. گذريل زماني ۾ اسان کي اهڙي سهويلت ڪانه هئي.“ +ان کان پوءِ ’پئڪاري‘ (دستوري) جاچ شروع ٿي ويندي هئي. ’پئڪاري‘ نالو ششيءَ جو رکيل آهي. +مريضن جي اچڻ تي ڪمپائوندر کين ٻن حصن ۾ ورهائيندو هو. سولي بيماري وارن کي هڪ پاسي ويهاريندو هو. ها، جيڪڏهن بيمار ڌنوان آسودا هجن ته بيماري سولي هوندي به ڊاڪٽر اول انهن کي ئي ڏسندو. +پئڪاري جاچ وقت ڊاڪٽر ٻاهر ورانڊي ۾ اچي ويهندو. ڀرسان گوپال ڪمپائونڊر بيٺو رهندو. جاچ کانپوءِ ڊاڪٽر نسخو ٻڌائيندو ۽ ڪمپائونڊر لکي ڏيندو. ششيءَ تي هن کي ڀروسو ڪونه هئو. خام خيالي ماڻهو ٿيو، الائي ڇا جو ڇا لکي ويهي؟ وري اها به مصيبت هئي جو لکڻ کان پوءِ ششي پنهنجي لکيت پاڻ نه پڙهي سگهندو هو. ڊاڪٽر کان ئي اچي پڇندو ته ”توهان ڇا ٻڌايو آهي، ٻڌايو؟ پڙهي نٿو سگهان ته ڇا لکيو اٿم.“ +ان وقت آروگيه نڪيتن ۾ ٽي ڪمپائونڊر هئا. ششي، گوپال ۽ ڪويرا جي وڀاڳ ۾ پتا جيءَ جي وقت جو ٻڍو چرڻ داس سنگهه. هو ڪمري ۾ ويٺي- ويٺي سنڍ، آورا وغيره ڪٽيندو چورو بڻائيندو رهندو، لڏون ٺاهيندو ۽ پڙيون ٻڌندو هو. +ڊاڪٽر چوندو ويندو، ”ڪئنائين سلفيٽ 10 گرين، ائسڊ سائيٽرڪ 20 گرين، مئگ سلف 10 گرين، اسپرٽ ائنيسي 5 ڦڙا، پاڻي...“ +”اول هڪ ڊوز ڪئسٽر آل پيئارينس. +هڪ مريض ويندو، ٻيو ايندو. ”گرڀ جي تڪيلف.“ ”ڪيترن ڏينهن کان آهي. ”ڊاڪٽر سڏ ڪندو، ”چرڻ سنگهه!“ چرڻ سنگهه اچي کڙو ٿيندو. ”هن کي ’ريسا خادم اي‘ ڏيوس.“ اهو سندس مشٽي يوگ هو. +”توکي ڇا ٿيو آهي؟“ +”سورج ڦوڙ‘ سج اڀرڻ سان ئي مٿو سور ڪرڻ شروع ڪري ٿو، سج لهڻ تي سور لهي ٿو. سڄو ڏينهن بيحد درد رهي ٿو“ +جيو مهاشيه وري پوڪاريندو. ”سنگهه جي!“ هن کي ’سورج ڦوڙ‘ جو ’مٽي يوگ بتائي ڪري وري ٻئي کي ڏسڻ لڳي ويندو. ڇرڪي ويندو. +’ٽن ڏينهن کان هلڪو پت. ٻري وانگر. سر ۾ درد.‘ +”ڏسان، ڄڀ ڏيکار.“ ڄڀ ڏسي هو خبردار ٿي ويندو هو. +ذرا نبض ڏيکار.“ نبض کي دٻائي ڏسندو. +”ٻيو هٿ ڏيکار.“ +”هون. ذرا هن ميز تي ليٽي پو. پيٽ ڏسي وٺان. هون.“ +”تون ذرا هوشياريءَ سان رهه. ڀانئجي ٿو، ٻه ڏينهن ڊوڙڻو پوندءِ. سمجهيئه؟“ +”ناڙيءَ مان بيامريءَ جي ڪٺن هئڻ جو اهڃاڻ ملي رهيو آهي. اڃا صاف نه بيٺو آهي. پر ڀانيان ٿو، ڄڀ ۽ پيٽ مان به لڳي ٿو، ٽائيفائيڊ يعني مدي جو تپ!“ +”گوپال! ڪاڳڙ آڻ.“ +نسخو لکائيندي لکائيندي ڊاڪٽر ٻڌايو، ”غور ڪجهه ته بخار ٻه ڀيرا چڙهي- لهي ٿو يا نه.“ +”جي نه. بخار گهڻو نٿو رهي. بس ائين ئي، هڪ جهڙو....“ +”نه، نه، خوب چڱي طرح غور ڪري ٻڌاءِ. چانور، مرملا متان کائين. سيگو داڻا، کير. اونهن، کير به نه. ۽ هن ريت ريل ڇيل نه ايندو ڪر. سمجهيئه؟ وقت لڳندو.“ +”بس. ان ريت ڳوٺ ۾ ٻن- چئن روڳين وٽ وڃڻ باقي رهجي ويو. ان کان پوءِ نوگرام. ساها وٽ نمونيا جي ڪيس جو روڳي، سورڻ بابو جي پٽ کي ريمٽينٽ، راجيندر بابو جي ننڍي نينگر کي مٺا پيشاب. ڀائي نيپال جي استريءَ کي ويم ڪا سور. في ڪوئي ڏيندو، ڪوئي نه ڏيندو. جيڪي ڏيڻ وارا به آهن، انهن مان به هڪ ٻن وٽ بقايا رهندي. +رستي ۾ ڪيترائي ماڻهو کيس پاڻ وٽ سڏي ويندا آهن! +”مهاشيه جي، ڪرپا ڪري منهنجي نينگر کي ذرا ڏسي ويندا.“ ٻا رکي هنج ۾ کنيو واٽ تي ئي ڪيترا ماڻهو بيٺا هوندا هئا. ڪنهن- ڪنهن جي گهر وڃڻو پوندو هو. جيڪي ٻڍا آهن، کٽ داخل آهن، سي ٻاهر ڪيئن ٿا اچي سگهن؟“ +’مهاشيه جي، منهنجي ماءُ کي ذرا ڏسي وڃو ها!‘ +ياد آيس، تنهن ڏينهن ستاب کيس يوگي بئنرجي کي ڏسڻ لاءِ گهرايو هو. ”جيون، ذرا يوگي بئنرجي کي ڏسندو وڃج، ڀاءُ، ڪوئي اٿس ڪونه، مون کي ئي چئي ڇڏيو اٿائين ته جيڪڏهن جيون مهاشيه سان گڏجاڻي ٿئيئه، ته چئجانس، مون کي ڏسندو وڃي. خيراتي دواخاڻي جي دوا مان ته ڪو ٻوٽو ڪونه ٻريو.“ +ستاب ۽ نيپال، ٻيئي ڄڻا اهڙن هيڻن جا همراهه هئا. هو ڊاڪٽر جي واٽ تڪيندا هئا. +جيون ڌت کلندو ويندو. کين چوندو،”حال ڄاڻي ٻڌائجو، مان ويندس.“ +نيپال وڃي چوندس، ”هريهر ڪافي بيمار آهي. هن کي هڪ ڀيرو ڏسي اچ. گوپال باوري جي ماءُ بيمار آهي. هن کي به ڏسندو وڃج.“ +هريهر چاق ٿي پوي ته نيپال کانئس هڪ خاصي[5] وصول ڪندو. جيون دت کي اها ڄاڻ هئي، هن کان خاصي وٺي نيپال خود پنهنجي پاران دال چانور گيهه ڏيئي ڪري دعوت ڏيندو. جيون جي حصي ۾ ايندي مٺائي ۽ مڇي. +گهر موٽندي- موٽندي ٻپهر ٿي ويندا هئس. کيسي ۾ روپيه-آڌيا، سڀ ملائي ٿيندا هئا ڏهه- ٻارهن روپيه. تنهن وقت في هوندي هئي هڪ روپيو. هڪئي ڀيرو في ملندي هئي. ٻيهر ساڳئي ڏينهن ڏسڻ جي نوبت ايندي هئي ته في ڪانه ملندي هئي. اچڻ سان ئي ڪرتو لاهي عطر کي ڏيندو هو. ون وهاري، سشما ڀرسان اچي بيهندا هئس. +”دادا پئسا.“ +موٽند�� وقت جيون آڌيو مٽائي ايندو هو. ريزي ۾ ڪجهه پئسا ضرور هوندا هئا. چار پئسا ون وهاريءَ کي، ٻه سشما کي. بنو ڊبل پئسا وٺندو هو، چي، ’مان ته وڏو پئسو وٺندس.‘ سشما کي ننڍي- وڏي جو خيال نه هوندو هو. ٻه ملي وڃنس، بس. پٽ ۽ ڌيءَ. نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏيندو. زميندار بابو ٽ فيءَ جا روپيه باقي رهيا.‘ +ايتري ۾ آروگيه نڪيتن جي ٻاهران ومني ڳوٺ جي شيخ جي گاڏي اچي سهڙي. ڪرشڻ پور کان آدمي پهتو. ڪائسٿن جو ڳوٺ آهي ڪرشڻ پور. متر بابوجي چٺي آئي آهي، ”دت ماشيه، ديا پالي هڪ ڀيرو هيڏانهن پڌارجو. منهنجي وڏي پٽ کي ٽيهڙ تپ آهي راگهوپور جو ڪويراج علاج ڪندو هو، پر ڪوبه لاڀ نه ٿيو. سک. سريش چندر متر.“ +نندوءَ گور هري بابو جي ان ڳالهه کي ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو آهي. مهل بي مهل چئي ڏيندو آهي. جيون مهاشيه ان تي کليو. تن ڏينهن جي آروگيه- نڪيتن جي اوج ۾ هيءُ به حصيدار هو. ڪمائي به خوب ٿيندي هئي. تن ڏينهن ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ دوا ويندي هئي. جتي جيون مهاشيه کي پيرين پنڌ وڃڻو پوندو هو، اتي نندو يا اِندرو کي باڪس مٿي تي ڍوئڻو پوندو هو. ڪنهن کان ٻه آنا ملي ويندا هئا، ڪنهن کان هڪ آنو. پر اڄ اهو حال آهي جو وقت تي پگهار به پوري ڪانه ٿي ملي. +جيڪي ڏينهن هليا وڃن ٿا، سي وري موٽن نٿا. ڏينهن سان گڏ وقت وڃي ٿو. وقت سان گڏوگڏ گذريل ڪال جي عزم وڌي ٿي، پراڻي ٿيئ ٿي، ڪال هيڻو ڏٻرو ٿي وڃي ٿو، نبري وڃي ٿو. هن جي به اها ناموس ويندي رهي، ان لاءِ کيس رنج ملال ڪونهي، پر ڏک ته ٿئي ٿو! ذلت سهارڻ نٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن ذلت ذاتي هجي ته سهارڻ ڪري وڃي. هيءَ ته وديا جي ذلت آهي! +”اچو!“ مهنت جي شش ڀولاناٿ سواگت ڪيو. رستي تي ئي بيٺو رهيو. مڙهيءَ وٽ هڪ عجيب بانس ملندي آهي. الائي ڪيترن قسمن جون ويلون ۽ ميوا اتي آهن! اننت مول جو ته راڄ ئي سمجهو! +ڀولاناٿ چيو، ”صبوح کان وٺي مهنت جيءِ اوهان جي نالي جي رٽ لڳائي ڏني آهي. مهاشيه کي گهراءِ، اچي ذرا منهنجي نبض ته ڏسي وڃي.“ +[1] سڱن جو ساز يا توتارو. +[2] مرض جي سڃاڻپ. +[3] مٺا پيشاب +[4] سوزاڪ - آتشڪ +[5] هڪ قسم جو ٻڪر + + +[19] + +ساڌو بابا صبوح جو تندرست پئي لڳو. ليٽيو پيو هو. سور ڪونه هو. ٻاهر اڀ ڏانهن تڪي رهيو هو. جيون مهاشيه کي ڏسي چيائين، ”اچ ڀاءُ اچ. ڪالهه تون آيو هئين، پر مان سمهيو پيو هوس. ڪمبخت ششي الائي ڪهري دوا ڏيئي ڇڏي، پنجن منٽن جي اندر مان سمهي پيس.“ +”اڄ ته اوهان چڱا ڀلا آهيو. دوا ڪم ته ڪيو.“ ڊاڪٽر کليو. +”ڪهڙي خبر ادا!“ هن ڪنڌ ڌوڻيو. +”ڇو؟ سور آهي؟ وري ڇا جو الڪو!“ +”ٺيڪ – ٺيڪ سمجهه ۾ نٿو اچي. تون ناڙي ڏس. ڏس ته مون کي ڇوٽڪارو ملندو ڪي اڃا نه؟“ +؟وٺڻ جي مرضي هجيو ته ڇوٽڪارو ملي ويندو. جيڪڏهن نه چاهيو ته اوهان ساڌو ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڪٿي؟“ +”پڻيه جي اها شڪتي مون وٽ نه آهي ڀاءُ.“ +جيون دت ڄاڻي ويو هو ته سنياسي ۾ پچ جي اها شڪتي نه آهي. هجي ها ته جيون مهاشيه کي پتو پئجي وڃي ها. ڪالهه جيڪا کيس سهڻ کان ٻاهر پيڙا هئي، ان مان به ٻارنهن آنا ته گانجو نه پي سگهڻ جي هئي. هن ۾ اها سوکيم انڀوتي به ڪانه رهي هئي، من کوکو ٿي چڪو آهي. جن ۾ يوگ جي ساڌنا هوندي آهي، تنجو من ڏاڍو شڪست شالي ٿيندو آهي. جسماني هيڻائي هنن کي ڇهي نٿي سگهي. ان وقت هو پرانو چولو تياڳي نئون چولو ڌارڻ جي اڇا ڪندا آهن.اها هن ديش جي تمام جهوني روايت آهي. اها ڳالهه هن پنهنجي پتا کان ٻڌي آهي، ٻين ڪيترن رشين منين کان به ٻڌي آهي. ڊاڪٽر پرديوت جهڙا ماڻهو ان تي يقين نٿا ڪري سگهن، ٻڌي به کلي ڏيندا، پر جيون مهاشيه ان تي وشواس ڪندو اهي. هن ساڌو بابا جي ڪرائي پڪڙي. +ساڌو با��ا ڌيمي آواز ۾ چيو،”ڀانيان ٿو ته ڀاءُ هاڻ موڪل ملي ويندي. رات ڀاسيم، اتان ڏهن ٻارهن چاکڙين جي کٽ- کٽ جو آواز اچي رهيو آهي. ائين به من ۾ آيو ته رگهوير جو شبد پراپت ڪري رهيو آهيان. جهنگل ۾ جيڪو پنچ تپ جو آسڻ آهي، ڄڻ اتان ئي پڪاري رهيا هجن، ’اچو، هيڏانهن اچو.‘ +جيون مهاشيه کي انهن غير رواجي ڳالهين جو مطلب سمجهڻ ۾ ڪا دير ڪانه لڳي. جهنگل ۾، هن طرف، هتان جي گذريل مهنتن جون سماڌيون آهن. ساڌو بابا کي چاکڙين جو آواز به اتان ئي ٻڌڻ ۾ آيو. مطلب اهو ته سندن ’وڏا‘ کيس ڪوٺ ڏيڻ آيا هئا. ’رگهو ويرجي‘ سندس گروءَ مثل هو ۽ کانئس اڳي سندس ’گاديءَ‘ تي به هوئي براجمان هو. هو سچ پچ يوگي هو، هن يوگ ساڌن سان پنهنجي اندروني نيترن کي جهڙو شڪست- شالي بڻايو هو، تهڙي ئي شڪتي، هن ڪٺن ورت پالن دئاران، قدرت جو تيجه سهڻ جي لاءِ ڪٺي ڪئي هئي. ويساک ۾ ’پنچ اگني‘ جو تاپ وٺندو هو. سج اڀرندي ئي پنجن ڪنڊن ۾ باهه ٻاريندو هو. انهن جي وچ ۾ ويهندو هو. هڪ کان پوءِ ٻيءَ ڪنڊ ۾، ان ريت سڄو ڏينهن آهوتيون ڏيئي سنجها ڌاري ان ڏينهن جو ’هوم‘ پورو ڪندو هو. سردين ۾ اگهاڙي بدن وڻ جي هيٺان ويهي سڄي- سڄي رات ’تپ‘ ڪندو هو؛ سج اڀرڻ کان اڳي ئي تلاو جي برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڳچيءَ سارو ٽٻي هڻي تيستوڻي ويٺو رهندو، جيستوڻي سج ڪني نه ڪڍي. ’ساڌو بابا چئي رهيو آهي انهيءَ ’رگهوير‘ کيس ڪوٺايو آهي.‘ +”عام ماڻهو مرڻ کان اڳي سرڳ سِڌاريل پنهنجن سڳن عزيزن کي ڏسندا آهن. شايد اهي به ڪوٺڻ ايندا آهن. ساڌو بابا جا سڳا مٽ مائٽ ته گمناميءَ جي ڪنهن گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويا آهن. هينئر ته ان مڙهيءَ جا مهنت ئي هن جا ’پنهنجا‘ آهن، بزرگ آهن، رگهو وير بابا انهن ئي ’بزرگن‘ کي ڏٺو آهي.“ +نبض جاچي هن جي ڪرائي بستري تي رکي جيون دت چيو، ”اوهان جي موڪل جو وقت ڀرجي آيو آهي بابا. اڄ سانجهيءَ کان پوءِ يعني ساڳئي وقت، جنهن وقت اوهان جو سور سخت وڌي ويو هو. ائين ئي ڀانئجي ٿو.“ +ساڌو بابا جي ٻڍاپي وچان کليل چپن تي کل نمودار ٿي ويئي. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو. +گذريل چاليهه ورهين کان سانده ساڌو بابا هتي رهندو آهي. ٽيهه ورهين کان وڌيڪ ته هو هتان جو مهنت ٿي رهيو آهي. اٽڪل چاليهه- پنجيتاليهه ورهين جي ڄمار ۾ هو هتي آيو هو. ڏسڻ مان معلوم پئي ٿيو، ٽيهه ورهين جو جوان آهي! ڊگهو قداور ڪسرتي شرير. شاسترن ٻاسترن سان واسطو ڪين رکيائين، ڳوڙهي اڀياس، لڳن ۽ ڪجهه نيتي شلوڪن سان هو سنياسي بڻيو هو. سنت چاهي نه هو، ساڌو سڀاءُ جو بيشڪ هو. +ساڻس پهرين واقفيت عجيب ڍنگ سان ٿي هئي. +ان وقت ان علائقي جي صورت ڏاڍي ڀينڪر هئي. هر هنڌ ڪالرا، پليگ وغيره پکڙيل هئي. هڪ کان ٻئي ڳوٺ، هتان کان هُتان. گرميءَ جي ڏينهن ۾ ڪکن جي باهه جيئان، پنهنجي ڀيانڪ- رت پياسي اساٽيل- ڄڀ ڦهلائي مهاماري پکڙجي ويئي هئي. تن ڏينهن وبا جو ڪو علاج ئي ڪونه هوندو هو. هڪڙو ئي سهارو هو، ڪلورو ڊائين. ڪويراجي- طبابت ۾ اثر ڪرڻ واري ڪابه دوا يا ترياق ڪونه هوندو هو ۽ ڪلوروڊائين جو استعمال ڪن، اهڙا علاج ڪندڙ ئي ڪونه هئا. اڻاٺ هئي. جيڪي ٿورا ڪجهه هئا انهن جي منهن تي خود ڊپ جا آثا رنمودار هئا. هريش ڪالرا جي روڳيءَ کي ڏسڻ ڪونه ويندو هو. هوميوپيٿي ڊاڪٽر براروري ان سمي اتان روانو ٿي چڪو هو. هجي ها ته به نه وڃي ها. نوگرام ۾ هڪ نئون ڊاڪٽر آيو هو. ڪالرا جي مريض کي ڏسڻ جي ڀو وچان هڪ رات ۾ هو به رفوچرڪ ٿي ويو هو. چوڌاري عجيب افواه هوندا هئا. تنهن وقت جهڙو وشواس ماڻهن ۾ هو، تهڙائي خوفناڪ افواه! ”ماڻهو ڪالرا جي بيمارءَ کي ڏسڻ به لڳا... هوءَ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ جا چڪر هڻندي وتي ٿي.‘ سانجهيءَ جو وڻن جي جهڳٽن ۾ ڏيکاري ڏي ٿي. اُڀريل هڏيون، انهن جو سڪل پڃرو، اکين ۾ ٽانڊا ڇڏيندڙ آگ، خشڪ – انسي وارا، خوفناڪ ڏندن واري عورت، پهراڻ هڪ ڇنل ڦاٽل اڳڙيل ٿوڙيل! هوءَ انهيءَ واٽ کان لاش ڍويئندڙ تڏو بغل ۾ دٻائي ڳوٺن ۾ گهمندي ٿي رهي، جتان لاش نيو ماڻهو مساڻن ڏانهن وڃن ٿا. شام جو ئي ڳوٺ ۾ هوءَ ٿِر ڪري ويهندي آهي. ويندي وقت جيڪو سامهون گڏجي وڃيس، رات جو اهو ئي بدنصيب ڪالرا جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ان وگهي هو مري وڃي ٿو ۽ پوءِ گهر گهر ۾ وبا پکڙجي وڃي ٿي.‘ +ڳوٺ ڇڏي ماڻهو ڀڄڻ لڳا هئا. +جيڪي آسودا هئا، سي سڀ کان اول پڇ پائي ڀڳا. ڀاڄوڳڙن ۾ سڀ کان اڳرا هئا نوگرام جا بابو لوڪ يعني ’مهذب‘ ماڻهو. ان بعد ’عام‘ ماڻهو. رهڻ ڪاڻ رهجي ويا ويچارا غريب ۽ بي همٿ اٻوجهه ماڻهو. انهن ۾ به گانجوڙين جو تعداد وڌيڪ هو. شراب پي ڪري گانجي جو دم لڳائي نشي ۾ الوٽ رهندا هئا. ’ڪالي- ڪالي“ جي رٽ لڳائيندا هئا. ڀڳوان جو نالو به وٺندا هئا. مهاشيه ڪيرتن منڊليءَ وارن جو هميشه کان مول ڳائيندڙ ٿي رهيو. اهڙو خاص آواز به ڪونهيس، ڪنٺ به سريلو ڪونهي، پر راڳ جي کيس پرک آهي ۽ ڳائي به ڄاڻي ٿو. بيشڪ ڳائي ڄاڻي ٿو. ڏهه ڪوهن تائين ڪيرتن ۾ اڄ به هو ڳائي سگهي ٿو. ان ۾ ساڻس برميچڻ وارو آدمي سڄي علائقي ۾ ڪونهي. هوندو به ڪيئن؟ اوچ شاستري سنگيت جي تانگهه ئي ڪنهن کي آهي؟ گهڻو ڪجهه ڏٺائين! هارمونيم، گراموفون ۽ هاڻ ريڊيو. نوگرام ۾ئي ڪيترن گهرن ۾ ريڊيو اچي چڪو آهي. هن پاڻ ٻڌو آهي. ڪٿي اُهي گيت ۽ ڪٿي اڄوڪا گيت! هوُ، ”شيام، تنهنجو برج ڌام پسي آيس، بس نالو ئي رهجي ويو! هاءِ، هاءِ! نالي طور ئي آهي، ٻيو ڪجهه نه رهيو. راڌا سورڻلتا دالچيني جي ڇوڏن کي شيام سمجهي اڌ مئي ٿي ڌرتيءَ تي غش کائي ڦٿڪي رهي آهي!“ +ڪيرتن- منڊلي ساڻ ڪري روز سنجها جو هو رستن تي گهمندو هو. هن جو وشواس هو، ته هري نام سان آپدائون ٽري وينديون. هر هڪ ڳوٺ ۾ شرابي- ماڻهو ’رکشا – ڪالي‘ جي پوڄا ڪندا هئا. انهن کي به ساڳيو ئي پڪو وشواس هو. +اونداهي رات ۾ رستن تي سدائين ڪتا ڀونڪندا آهن. اڄڪلهه اها ڀونڪ ڀونڪ ڄڻ وڌي ويئي هئي. ٻيو ڄڻڪ ان چيخ ۾ ڳوڙهو مطلب هجي. چيخ ۾ ڪروڌ نه، ڀو هوندو آهي. ڪتا رات جو ان ڀورن وارن واريءَ کي رستن تي گهمندو ڏسندا هئا. خوف وچان چلائي اٿندا هئا ۽ گهر- گهر جا ڌڪاڻل ماڻهو ڇرڪ ماري اٿندا هئا. +ڊاڪٽر جيون کي موت جي پرواهه نه هئي. هو گهمندو رهندو هو. پر گهمي ڪري به ڇا؟ آخر ۾ هو ڊوڙندو ڀڄندو آيو هو ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ. ”ٻڌايو. هنجي دوا ٻڌايو.“ ڪافي دير بعد ٻڍو رنگ لعل ڏانهس تڪيندي اٿي کڙو ٿيو. ميڊيڪل- جرنل جا پنا اٿلايا ويا. نسخو لکيائين، ”ون ڪست گرينڪيلو ميل اينڊ سواڍ باءِ ڪرارب. ڪلاڪ- ڪلاڪ بعد. اهڙي حالت ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿي ٿي سگهيو. +ان دوا سان ڪيتريون جانيون بچيون هيون. ڇا ڏينهن ڇا رات، جيون مهاشيه گهمندو ڦرندو هو. اباڻي ڪُل جي مريادا، گرورنگ لعل جو فرمان ۽ پنهنجي وويڪ جي ويدنا! +نسخو لکي رنگ لعل پڇيو هو: ”خير. ٻڌم ته تون ڏاڍي زور سان هري نام- ڪيرتن ڳائي وبا کي ڀڄائي رهيو آهين؟“ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو. +جيون لڄي ئي نه ٿيو، سا ڳالهه ڪانه هئي. پر اڏول رهيو. چي: ”اپاءُ ڪهڙو آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ ان مان ماڻهن کي آٿت ٿو اچي. ڀروسو ٿو ڄمي.“ +”۽ توکي؟“ +جيون ذرا ترڇي ڍنگ سان پر نمرتا پوروڪ چيو هو: ”اوهان کي ته ڄاڻ آهي، مان ڪڏهن ناستڪ ڪين رهيو آهيان.“ +”ان ڪري نڪي مان دکي آهيان، نه ڪي مون کي اعتراض آهي. هري نام ڪيرتن- لاءِ به عذر ڪونه اٿم. پر، مون کي هيءُ ڏي- هوُ ڏي، منهنجي رکيا ڪر دشمن کي ناس ڪر، اهڙي ڪامنا سان ڪيرتن ڪرڻ مون کي پسند ڪونهي. ڪيرتن، ڪيرتن لاءِ ئي هجي، پريم سان نه ته ان جو ڦل نه ملندو.“ +جيون مهاشيه چيو هو: ”جهنگل ۾ باهه وچڙڻ سان جيئن پسون بدحواس ٿي ڀڄندا آهن، تيئن ئي انسان ڀڄي رهيا آهن. ائين ٿا سمجهن، ڄڻڪ مان سڀ ڪجهه صاف پسي رهيوآهيان.“ امنگ ۽ جذبات جي جوش ۾ ان ڏينهن جيون ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ فيلسوفيءَ جو اظهار ڪري ويٺو. چي؛ ”موت، زندگيءَ کي ڌڪاڻي هلي رهي آهي. وار ٽڙيل، خوفناڪ صورت، هٿ ڊگهيري ڊوڙي رهيو آهي، سڀ ڳڙڪائي ويندو، اهڙي ڀيانڪ بک! ۽ ڌرتيءَ جا ساهوارا هراس وچان پاڳلن جيئان ڊوڙي رهيا آهن. ڊوڙندي- ڊوڙندي ڍرڪي پون ٿا، موت کين هڙپ ڪري وڃي ٿو. هردم مرتيو ان ريت شڪاريءَ وانگر پيڇو ڪندو ٿو وتي ۽ بَک وٺندو وڃي! اهڙي حالت ۾ ڀڳوان جو نانءُ ڳنهي ماڻهن کي آٿت ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿوڪري سگهجي؟“ +ان جي جواب ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل ان ڏينهن کل ڪونه اڏائي. مشڪي چيائين: ”حقيقت اهائي آهي جيون. هار جيت جي به هڪ لڙائي آهي. ليڪن، جهڙي توکي هيءَ نطر اچي رهي آهي، ذرا نظر وڌيڪ تيز هجنئه، ته تون ڏسي سگهين ها ته ڪو- ڪو شخص ڪيتريقدر پلٽو کائي ڄمي ٿو وڃي.“ چوندو، ’اچ. تون جو ههڙي خوفناڪ لباس ۾ اچي رهيو آهين، اچ ته مان تنهنجو اصلي روپ ڏسان. يا چئو ته مان تنهنجي پڪڙ ۾ خود اچي وڃان، پر جيڪي ماڻهو ڀڄي رهيا آهن، تن کي جيئڻ ڏي.‘ پوءِ ته موت جو نقاب اگهاڙو ٿي ٿو پوي ۽ هو ’وشوَ موهڻي‘ نظر اچي ٿي. ٻيو ته تون اهو به نٿو ڄاڻين ته مرتيو جيترو زندگيءَ جو بک وٺي ٿو، تنهن کان ٻيڻو زندگي جنم وٺي ڪري خوشيءَ جاآواز ڪندي ڦري ٿي، چوي ٿي، پڪڙيو ته ڏسان! زندگي هار نٿي مڃي. هڪ ڳالهه ٻي به چوانءِ. انسان هارايو نه آهي. مهاماريءَ الائي ڪيترين بستين کي اجاڙيو آهي. بستيون وري اڏجي ويئون آهن. انهن جي بچاو جا وسيلا به بڻجي ويا. اتي ئي انسان کي جيتي نٿو سگهجي. هو ڪين هارايو. هو مرندو، پر ان ريت نه. هو مرندو وڏي فيل مست وانگر. جنهن ڏينهن هو ٻڍو ٿيندو، جيون کان موت جو سواد وڌيڪ سٺو لڳندس تنهن ڏينهن هو مرندو، جهڙي طرح مهاگج[1] گهاٽي جهنگل جي اندر سوين سالن جي ڪنهن خندق ۾ آڪاش لوڏيندي ”مان هليس“ جي ڌني ڪندو مرندو آهي. خبر اٿئيه، ڇو؟ ان ڪري جو هن جي لاش جي سٿراڻ- بدبوءَ مان ڪائي بيماري پيدا ٿي، ڪري ٻين هاٿين کي متان پنهنجي چپيٽ ۾ وٺي سگهي.“ +ان مهاماريءَ جي ٺاپر ۾ اچڻ کان پوءِ ساڌو بابا سان سڃاڻپ ٿيس. جيون مهاشيه سماج جو پرڌان بڻيو. نوگرام جي بابولوڪن کي نظر انداز ڪري سرڪار کيس پئنچايت جو پرڌان بڻايو. انهيءَ پرڌان جي ناتي هڪ جهڳڙي جي نبيري ڪاڻ مڙهيءَ ۾ ويو هو. +ساڌو بابو سندس اڳيان آيو هو ۽ چيوهئائين؛ ”اڙي ڀائي، تنهنجو نالو جيونمهاشيه آهي؟ ٻڌو اٿم، تون ڏاڍو بهادر آهين. اڄ. هڪ هٿ جو چنبو لڙائي ڏسون.“ +هٿ جي پنجي جي لڙائيءَ ۾ جيونمهاشيه هارائي ويو هو، پر ساڌو بابا کي جيتڻ ۾ دققت محسوس ٿي هيس. +پوءِ ته ڪيترائي ڀيرا الائي ڪيتريون ڳالهيون ٿيون. هڪ ڏينهن جو واقعو ياد اچي رهيو آهي. چنڊي- منڊپ جي ميلي ۾ جوئا ۾ آخرين پائيءَ تائين هارائي ويو. ساڌو بابا وٽ وڃي چيائين: ”گو سائين جي، مون کي ته سو روپيه اڌارا ڏيڻا پوندوَ. سڀاڻي مان موڪلي ڏيندس.“ +ڏانهس ذرا تڪيندي مشڪندي، گوسائين مڙهيءَ جي خزاني مان سو روپيا کيس ڏنا هئا. ڊاڪٽر وري وڃي جوئا تي ويٺو هو. ڪلاڪ کان پوءِ گو سائين جي آيو هٿ کان پڪڙي کيس اٿاريدندي چيائين: بس، گهڻو ٿيو. هاني اُٿي کڙو ٿيءُ.“ +جوئاريءَ کي چيائين، ”سڃاڻين ٿو، هيءُ ڪير آهي؟ هيءُ هتان جو سڀ کان وڏو ڊاڪٽر آهي ۽ پئنچايت جو پرڌان آهي. هن جا جيڪي روپيا کٽيا اٿئه، سي موٽائي ڏي.“ +ڊاڪٽر چيو، ”رهڻ ڏيو، رڳو ويهه روپيه هارايا اٿم. ايترو هن به لهڻو. هلو.“ +رستي ۾ ساڌو بابا جيڪي چيو، سو هن جي اندر ۾ اڄ به اَڪريل آهي. چيو هئائين: ”ڪيئن ڀائي مهاشيه تون مهاشيه ونش جو اولاد آهين، هيءَ جوئا ڇو ٿو کيڏين؟ سڄي-سڄي رات شطرنج؟ ڀڳوان توکي ڇا نه ڏنو آهي؟ توهان جي گهر جي برابري ڪير ٿو ڪري سگهي؟“ +اَف! اهو به هڪ سمو هو. شرير ۾ اکٽ سگهه، من ۾ جبرو ساهس، وڏو نالو، وڏو آستان، مان سمان، گهر گرهستي جي ڳالهه ئي ياد نه رهندي هئي. پر ڪو به انياءُ ڪين ڪندو هو. جوئا کيلڻ جو شوق هوس. اهو ان وقت جو هڪ طريقو هو! پر گهر ۾ جيڪڏهن.... اچانڪ سندس چنتا جو سلسلو شروع ٿي ويو. +من ۾ هڪ سوال اٿي کڙو ٿيس. ”وپن! رتن بابو جي پٽ و پن جي جيون ۾ ڇا...؟ هن کي ڪو دٻيل دک هو؟ اشانتي هئي؟ ٻاهر ئي ٻاهر ڊڪ ڊوڙ، جس ناموس ورهائيندو وتندو هو، ته به پياس نٿي ٻجهيس، بک نٿي مٽي! رڳو ڊڪ ڊوڙ، هڻ کڻ! يا دشمن؟ منش جي ساڌنا جي راهه تي ايندي آهي سڌي. تنهن کان اڳي اچي ٿي عزت ناموس. اها لالسا کي جاڳائي ٿي. ’ٻيو به گهرجي، وڌيڪ گهرجي، اڃا به وڌيڪ.‘ اهو ئي ته آهي ويري، نفس، دشمن. ان جي ئي ڪڍ لڳي ڊوڙندي انسان منهن ڀر ڌوُ وڃي ڪري ٿو، پوءِ سامهون اهائي ڀوري وارن واري صورت اچي کڙي ٿئي ٿي!“ +* * * +رتن بابو جي پٽ جي هڏڪي بند ڪانه ٿي، ڪجهه گهٽ ٿي آهي. رت جو داٻ به گهٽيو اٿس. رتن بابو سرهائيءَ وچان کلندي چيو، ”تنهنجي دوا سان لاڀ ٿيو آهي جيون. ذرا نبض ڏسي وٺ. ائين ته مون کي چڱوئي نظر اچي ٿو.“ +جيون مهاشيه به ذرا کليو. کلڻ جو به سبب هو، ڪجهه ته ڳالهيون وڻيس؛ پر ڪجهه جو سبب الٽو ئي هو. ’هاءِ سنسار ۾ بيمارين کان ڇوٽڪارو جيڪر سوُلائي سان ملي ها! ايتري آسانيءَ سان جيڪر ماڻهو چڱا ڀلا ٿي پون ها! +کل جو هڪ ٻيو به ڪارڻ آهي. رتن بابو جهڙو جيو. پنڊت آهي، گياني آهي: سڪيلڌي پٽ کي هيءَ بيماري ٿيڻ کان پوءِ هن ڊاڪٽريءَ جا ڪتاب گهرايا. پڙهي ڪري انهن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڪجهه ڪجهه ڄاتائين به ۽ هن نيا ۾ منش جي ناسونت هئڻ جي جذبات تت کي به هو ڄاڻي ٿو... سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي باوجود هن ننڍڙي ڳالهه تي کيس سرهو ٿيندي ڏسي هو کليو. +رتن بابو وري چيو: ”ڪيترن ڏينهن کان منهنجي آيوروئدڪ علاج ڪرائڻ جي مرضي هئي ولائتي علاج جي ترقي حيرت انگيز ٿي آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، پر اسان ماڻهن جي ڌاتو سان اهو اڻ ٺهڪندڙ آهي. ان مان ڪاريه راس ٿيڻ بدران بگڙي ٿو پوي.“ +هن نراسائيءَ جي طوفان جي وچ ۾ ڪک جيتري تڇ آشا جو سهارو حاصل ڪري ٻڍو خوش ٿي ويو آهي. کيس ڳالهائڻ ۾ به ڏاڍو مزو ٿو اچي. چي: ”پر مان پنهنجي من جي ڪنهن سان نه ٻوليندو آهيان. سمجهيهءِ ڀاءُ. اهو منهنجو سڀاءُ ئي ناهي. مون ۾ وپن کي به وشواس ڪونهي. نُنهن کي به ڪونهي. وپن جو وڏو پٽ ايم-اي ۾ پڙهي رهيو آهي، اهو ته بنهه نئي روشنيءَ جو پوئلڳ آهي. انکي به مون تي يقين نه آهي. مونکي سڌ آهي، مان چوان ته ڪير اعتراض ڪين ڪندو، وات مان ڪير کار به نه چوندو، پر هنن جو اندر ساٿ نه ڏيندو، من ۾ ڪپت لڳي رهندين: ان ڪري مان ڪجهه نه چوندو آهيان، نه چوندس. ڪالهه جڏهن ڊاڪٽرن اهو چئي ڏنو ته هڏڪي روڪڻ جي وٽن ڪائي دوا ڪانهي، تڏهن مون تنهنجو ذڪر ڪيو. اڄ صبوح جو مون سڀني ڊاڪٽرن کي ڪوٺايو آهي. سڀ ايندا. اسپتال جا ڊاڪ��ر پرديوت، هريندر، سڀ ايندا. سڀ گڏجي ڪري پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪو رستو ڳولهي ڪڍو ڀاءُ.“ +جيون مهاشيه ڳنڀير ٿي ويو. چي: ”ڏس ڀائي رتن، توهان سڀني مون کي صرف هڏڪي بند ڪرڻ واسطي گهرايو آهي. مون انهيءَ جو انتظام ڪيو آهي. گهٽ ٿي ويئي آهي، شام تائين رهي کهي به شايد بند ٿي ويندي! تنهن کانپوءِ ڪوئي هڪڙو رستو ئي اختيار ڪرڻو پوندو. مان ڪويراجي به ڄاڻان ٿو، ايلوپئٿي به. پر ٻن ٻيڙين تي پير رکي ته هلي نٿو سگهجي. يا ته ڪويراجي ڪر يا انگريزي... ٻنهي مان هڪڙي ئي ڪرڻي پوندي. هو ڊاڪٽر به ته اهائي راءِ ڏيندا.“ +ذرا ساعت چپ رهي چيائين، ”اڄ ته مان گهڻو وقت انتظار نه ڪري سگهندس. گهر ۾ ڪيترائي روڳي ويٺا آهن. صبوح ڪالي مندر جي مهنت کي ڏسڻ ويو هوس. موٽندي وپن کي به ڏسڻ اچي ويس. هڏڪي گهٽ ٿي ويئي آهي. مان وڃان ٿو. هو ڊاڪٽر اچي ڏسندا. سڀني جي راءِ سان جيڪي طئي ٿيندو، شام جو معلوم ڪندس.“ +ٻڍڙو رتن بابو ذرا اداس ٿي ويو. وري به خوشمزاجي سان چائين، ”ائين ئي سهي. تون ڏسي وڃ. جيئن تون چئي ويندين. سو کين ٻڌائيندس.“ +”سچ پچ وپن ڪجهه بهتر آهي.“ جيون کي ناڙي تپاسيندي اهڙو ڪجهه محسوس ٿيو. +پر ان ’بهتر‘ هوئڻ تي ئي مدار رکي سکڻي اميد تي لڳڻ جي ڄمار ته هن جي گذري چڪي آهي. چي: ”چڱو ته لڳي پيو. پر اهو چڱو رهڻ به پڪي پائي هئڻ گهرجي ڀائي.“ +”نبض ڪيئن رهي، ٻڌاءِ؟“ +”جيڪي مون ڏٺو، سو ئي ٻڌائي رهيو آهيان. تو جهڙي ماڻهوءَ کان بچائي لڪائي چوڻ جي ضرورت ڪانهي. مان به اهڙو ڪجهه ڪرڻ وارو نه آهيان. ڇو ته مان توکي چڱيءَ ريت سڃاڻان ٿو.“ +رتن بابو ٿڌو شوڪارو ڀريو. +جيون کلي چيو: ”مون نرا سائيءَ جي اهڙي ڳالهه ته ڪانه چئي آهي. هيءَ حالت جيڪر مستقل رهندي اچي ته وپن نوبنو ٿي اٿندو. هڏڪي اڄ ئي بند ٿي وينديس. ان کان پوءِ ڪا ٻي بري علامت ڏسڻ ۾ نه آئي ته ڏهه يارهن ڏينهن جي اندر ٺيڪ ٿي ويندو. ٺيڪ رهڻ کي ئي مستقل اهڃاڻ چوندس... سمجهي وئين؟ تڏهن چوندس، ها، هينئر ڪوبه ڊپ نه آهي. خبرداريءَ سان هلڻو آهي. هينئر هيڏانهن- هوڏانهن ڪندو ڦرڻ سان ڪم ڪين هلندو. گهر ۾ ئي جيڪي بڻي سگهي، سو به گهڻو محنت جو ڪم نه هجي.“ +- بس، بيماريءَ جو ڪارڻ اهو ئي ته آهي. مون ٻارهن دفعا منع ڪئي آهي. ٻارنهن دفعا. پر ٻڌي ڪير ٿو. ڇا چوان ۽ ڇا ڪريان؟ لائق فرزند آهي. پنهنجو مٽ پاڻ، ڄاتل سڃاتل. زندگيءَ ڀر ڪوبه داغ نه لڳو اٿس، بدمزاج ڪونهي، انياءِ مان نه ڄاڻي، کائڻ جو لوڀ ڪونه اٿس، سگريٽ نوشي کان به پري. ڪاوڙ مان نه ڄاڻي، عياش به ڪونهي، بس پرئڪٽس جي پٺيان پيل آهي. پرئٽڪس ۽ پرئڪٽس اهو به توکي ٻڌايان، ته پرئڪٽس به ڪا روپين پئسن جي هٻڇ ڪاڻ نه. مقدمون کٽڻ جو هڪ نشو سمجهه. هيءُ ضلعو، هو ضلعو، هيءَ ڪورٽ، هوءَ ڪورٽ. مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرو هائيڪورٽ جو چڪر. مقدمون جيتڻ جو نشو- نشو. جنهن ۾ هتي هار ٿئي، ان مقدمي کي هائيڪورٽ مان جيتڻ گهرجي ۽ هائيڪورٽ مان جيتي آيو. هن جو هيءُ نشو ڪنهن به ريت ڪونه لٿو. گهر نه ڏٺائين، گرهستي ڪانه ڏٺائين، استري- پٽ هوندي به هنن سان سک ڪين ماڻيائين، سڀني کي منهنجي مٿي تي مڙهي پاڻ مقدمان لڙڻ ۾ لڳو پيو آهي. مون الائي ڪيترا ڀيرا چيو هوندو- ’وپن اهو به تنهنجو دشمن ئي آهي. دشمن کي سر تي نه چاڙهه. وجهه ملندي اهو ئي مرض بڻجي تنهنجي جند جان تي حملو ڪري ويهندو ۽ ٿيس ته....‘ پتا ٿي ڪري اهڙي ڪٺور وچن جو اچارڻ ته نٿي ڪري سگهيس. +جيون دت چيو: ”سک، هن ڀيري ٺيڪ ٿي وڃي. پاڻيهي سنڀالي وٺندو.“ هڪ ڪشور سامهون اچي بيٺس. فيءَ جا روپيه. اهو ئي وپن جو وڏو پٽ آهي. سٺو پٽ. +”- اڙي، چار روپيه ڇو؟ منهنجي في ته ٻه روپيه آهي.“ +ٻه روپيه کڻي پنهنجي کيسي ۾ وجهي جيون مهاشيه رهندو رهيو. هو نينگر به ساڻ- ساڻ ٻاهر نڪتو. چي: ”جڏهن ٻيا ڊاڪٽر صاحبان ايندا، ته اوهان، ڇا نه رهندا؟“ +”آئون؟ آئون رهي ڇا ڪندس؟“ +”پنهنجو رايو ڏيندا.“ +”مون ته رڳو هڏڪيءَ جو علاج ڪيو آهي. هڏڪي ته بيماريءَ جي هڪ علامت آهي. مول علاج ته هو ڊاڪٽر ئي ڪري رهيا آهن.“ هو کليو. +هو نينگر چپ بيٺو رهيو. اچانڪ چيائين: ”ٽئين پهر هڪ ڀيرو نه اچي سگهندا؟“ +”اچڻو آهي؟ چڱو ايندس.“ +ڊاڪٽر هليو ويو. +”وپن، ڀانئجي ٿو، بچي ڪين سگهندو. ڏسڻ ۾ هو چڱو ضورر لڳو، پر اڄ نبض مان کيس پتو پيو ته هن جو موت اچي رهيو آهي. اچي ڇا رهيو آهي، سمجهو ته ڪنڌ تي سوار ٿيو بيٺو آهي. ان جي ڇا يا به پئجي رهي آهي. کيس رتن بابو جو خيال آيو. ويچاري کي ڏاڍو ڌڌڪو ايندو. پنهنجي ڳالهه به ياد آيس. سندس پٽ ون وهاري چالاڻو ڪري ويو. وپن جو همعمر هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ هو مري ويو. پنهنجي بدفعلي ۽ شراب جي علت سان هن پاڻ کي کوکلو بڻائي ڇڏيو هو. ان جي مٿان مليريا جي چپيٽ. کاڄي ويو هو. هيڏانهن وپن به ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪري پاڻ کي ٻوهي ۾ وڌو آهي.“ +رتن بابو جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳس- ’گهر نه ڏٺائين، گرهستي ڪانه ڏٺائين، استري- پٽ هوندي به هنن سان سک ڪين ماڻيائين. بس، ڪم ئي ڪم، مقدمون ۽ مقدمون. ڪيترائي ڀيرا هن سمجهايس – وپن، هيءُ به تنهنجو دشمن آهي.‘ +دشمن ئي ته آهي. ڀينڪر دشمن. نهايت ئي خوفناڪ. هو پاڻ ڀوڳي چڪو آهي! جيئري ئي مري ويو آهي، ان ڪري ڇوٽڪارو به ملي ويو. ون وهاري جي چالاڻي بعد سندس علاج ۾ گهڻو ڌيان نه رهيو ۽ هينئر ته سمي کيس ڪهنو، مسدت خارج ظهار ڪري ڇڏي آهي. سندس حالت اڄ هاٿيءَ جي کاڌل ڪئٿي جي وڻ جهڙي آهي. سچ چئجي ته اها سندس آخرت آهي. +”رتن جو پٽ ڪيئن لڳئه؟“ +”سِتاب!“ +هو ستاب جي گهر وٽ اچي پهتو هو، خيالات ۾ کيس سمڪ ئي نه رهي. +”ڇا ڏٺئه؟“ +”ڇا ڏسان؟ مان ڏسي ٿوروئي رهيو آهيان. ڊاڪٽر بابو ڏسي رهيا آهن. مون کي ته هن هڏڪي بند ڪرڻ لاءِ گهرايو هو. سو هڏڪي گهٽ ٿي ويئي اٿس. شام تائين بند ٿي ويندس.“ +”ناڙي ته تو ڏٺي؟“ +”ڏٺم“ +”ڇا سمجهيئه، سو ته پڇي رهيو آهيان توکان؟“ +”جڏهن ڊاڪٽر پرديوت جهڙا هن کي ڏسي رهيا آهن، تڏهن منهنجو اهو چوڻ شايد ٺيڪ نه ٿيندو ته مون ڇا ڏٺو. اڄ ڪلهه جيڪي دوائون نڪتيون آهن، انهن جي پوري- پوري واقفيت مون کي نه آهي. ڇا ٻڌايان؟“ +”هون. ٺيڪ ئي چيو اٿئي. ڳالهه اها آهي جو رتن بابو اسان جي ڳوٺ جو ماڻهو آهي- انڪري، حالت سٺي اٿس، علاج ڪرائي سگهي ٿو. ڪلڪتي به وٺي وڃي سگهي ٿو.“ +”ڪلڪتي کان اچڻ ئي ته وڏي چڪ ٿي ويئي. اتي رهڻ ئي سڀ کان اتم هو. آرام ملندو، اهو سوچي موٽائي وٺي آيس. پر اهو نه سوچيائين، ته اوچتو بيماري وڌي وڃي، ته ڇا ڪندس. اهو ئي اڪثر ٿيندو رهندو آهي. زماني ڀر جو مون علاج ڪري ڏٺو آهي ته وهم ٿي ويندو آهي، شويا ۾ ڪوتاهي ٿي ويندي آهي. هي- هو سڀ ڪڇ ٿي ويندو آهي.پر هاڻ ڪلڪتي وڃڻ سان ڪي ڪين ورندو يعني...“ +”پوءِ؟“... وچ ۾ ئي ٽوڪيندي ستاب چيو، پر هو پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ڪانه سگهيو، وچ ۾ ئي رڪجي ويو. +”آڙي نه نه، اهڙي ڪائي ڳالهه مون ڪانه چئي، چوڻ لائق ڪجهه مليم ئي ڪونه، پر سمجهي ته رهيو آهين...؛ ڀروسو نٿو ٿئيم.“ +ڊاڪٽر ڊگهو ساهه کنيو. +ان بعد ٻئي ڄڻا چپ رهيا. +اچانڪ ڊاڪٽر اٿي کڙو ٿيو. چي: ”ته هلان، مريض اوسيڙي ۾ ويٺا آهن. چندي ٿان ٿيندو ويندس. خبر اٿئي، گسائين جي هلڻ هارڪو آهي؟“ +”ڪالهه معلوم ٿيو هوم. اڄ شايد ڪجهه چڱيرو آهي. نشي ٺڪرائيڻ جل چاڙهڻ ويئي هئي. اهائي ٻڌائي رهي هئي. شايد دوا جي هڪ خوراڪ ۾ ششي چکو ڪيو اٿس. چئي رهي هئي، منهنجي ڀائٽيءَ کي جيونمهاشيه پاڻيءَ ورتائڻ جي منع ڪئي آهي. پر مان، نه بڻيو، ته ششيءَ کي ئي ڏيکارينديس.“ +جيون دت کان ڇرڪ نڪري ويو. ’ششيءَ کي ڏيکاريندي!‘ کيس ان نڀاڳيءَ نينگر جو مکڙو ياد اچي ويو. ’ڪچڙي ڄمار. من ۾ نڄاڻ ڪيترا ارمان، ڪيتري حوَس. هوته هن کي ماري وجهندو. ششي ته هڪ پاپ بڻجي ويٺو آهي!‘ ساڻ ئي کيس هڪ ٻي نينگريءَ جو چهرو ياد اچي ويو. +ستاب ورجايس- ”تو ڪالهه نشيءَ جي ڀائٽيءَ کي ڏٺو هو؟ پاڻيءَ جي جهل ڪئي هيس؟“ +”ڪئي هيم، جيتري تائين منهنجو علم آهي، ان جي حساب سان هن جي هينئر واحد دوا اها ئي آهي. خير، انکي رهڻ ڏي. ها، گڻيش ڀٽا چاريه جي ڌيءَ جو ڪو سماچار مليو؟ ڪالهه رات... +”ڏاڍي بيمار آهي. هلڻ هارڪي ٿي ٻڌجي. مون ٻڌو ته ڪالهه ناڙي جاچي توئي ٻڌائي ڇڏيو هو.“ +”نه ته؟“ جيون مهاشيه ڇرڪي ويو، ”ويم کانپوءِ ته مون ناڙي ڪانه ڏٺي آهي. اسپتال جي ڊاڪٽر.... +هن جي ڳالهه کي ڪاٽي ستاب چيو ”اسپتال جو ڊاڪٽر ته ٻڌجي ٿو ته، جيءَ جان سان لڳل آهي. ٻڌم، سئيءَ جي مٿان سئي لڳائي رهيو آهي. آڪسيجن ڏني اٿس. گڻيش کي هڪ ٻي آڪسيجن آڻڻ لاءِ چيو اٿائين. +”چڱو مان هلان ٿو.“ اوچتو جيون مهاشيه هلڻ شروع ڪيو.”هيءُ نوجوان ڊاڪٽر بيشڪ بهادر آهي، وير آهي. سمرٿي به ساري ٿو ۽ پان ۾ وشواس به اٿس. ائين چئجي ته جنگ جوٽي رهيو آهي. هڪ ڀيروڏسندو وڃان.“ +دفتر ۾ پرديوت گنڀير مک سان ويٺو آهي. گڻيش ڪونهي. گڻيش جي گهر واري منهن ڍڪي ورانڊي ۾ ويٺي آهي. مهاشيه کي ڏسندي ئي هوءَ روئي پيئي- ”مهاشيه جي، منهنجي ارچنا جو ڇا ٿيندو! هڪ ڀيرو....“ +”روءُ نه!“ گنڀير آواز ۾ پرديوت چيو. +مهاشيه چيو- ”روءُ نه امڙ. ڏس ته ڀڳوان ڇا ٿو ڪري. اها ته هن جي هٿ جي ڳالهه آهي.“ +ڀرون تاڻي پرديوت چيو- ”اوهان ڇا ناڙي ڏسڻ چاهيو ٿا؟“ مهاشيه چيو- ”نه- نه. هتان ئي لنگهي وڃي رهيو هوس. سوچيم، ذرا حال پڇندو وڃان.“ ائين چئي پوين پيرن موٽيو. +”ذرا ويهندا ڪونه؟“ +”نه. هينئر ٻه- چار مريض اچي ويٺا هوندا. سڀ انتظار ڪري رهيا آهن.“ +پرديوت چيو- ”موتيءَ جي ماءُ جي ايڪس- ري رپورٽ آئي آهي. ڏسندا؟ خاص ڪجهه نه ٿيو آهي.“ هينئر پرديوت کلڻ لڳو. +”سٺو ته آهي. اوهان جي ڪرپا سان ئي بچي ويئي ٻڍڙي.“ جيون چال تيز ڪئي. هڪوار من ۾ آيس ته چئيڏي- ”وپن جي هڏڪي بند ٿي ويئي آهي.“ مگر چيئ نه سگهيو. +[1] وڏو هاٿي. + + +[20] + +دانتو گهوشال چلائي رهيو هو. +هو ئي صبوح جو آيو آهي- ”اٺ به ڪين وڳا هئا، هاڻي ساڍا ڏهه ٿي ويا آهن. ساڍي ڏهين واري گاڏي به اسٽيشن تان هلي ويئي ۽ اڃان تائين ويٺو آهيان. آخر ڇو؟ جيون مهاشيه کي ڪهڙي ڳالهه جو گمان آهي؟ سمجهي ڇا ٿو؟ ڇا ٻيو ڪوئي ڊاڪٽر نه آهي؟ يا دانتو گهوشال ايترو ويل آهي؟“ +’نوگرام ۾ چار- چار ڊاڪٽر ويٺا ڦي- ڦي ڪري رهيا آهن. چئريٽيبل- ڊسپينسري هئي؛ چار بسترا هئا. ان کان پوءِ لڙائيءَ جو منونتر (چتريگ) آيو ته ڏهن بسترن جي اسپتال بڻجي ويئي: هاڻ پنجاهه بسترين جو پر ٻنڌ ٿي رهيو آهي. هڪ ننڍو ڊاڪٽر رهندو هو، هاڻ ٻه ٿي ويا آهن، نرس ويئي. اتي وڃي بستري تي پوڻ جي رڳي دير آهي. وقت تي کاڌو، وقت تي دوا، جيترا ڀيرا سڏائي، ڊاڪٽر حاضر. رڳو ذات پات نه بچندي، ان ڪري نٿو مڃان. وري ٻه- ٻه ڄڻا ڪويراج پيا آهن، انهن مان به ڀوديو بدستور پاس ڪيل آهن. ٻه هوميوپئٿ آهن- هڪ محمد علي، ٻيو بانگلا ڊاڪٽر. دواخاني ۾ پئسا به ڪونه وٺي. جيون مهاشيه جو هاڻ مٿو ڦري ويوآهي، نه ته روڳين جو هيئن نڪ ۾ دم ڇو آڻي؟ پراڻو آدمي ٿيو، هٿ ۾ شفا اٿس، مهاشيه- ونش جو آهي- ان ڪري اچان ٿو. بس: هن کان پوءِ نه ايندس. يا ته ڀوديو ڪويراج وٽ يا هريندر ڊاڪٽر وٽ ويندس. جتي ڪوئي درخت نه هوندو آهي اتي ايرينڊي[1] جا وڻ ئي ’درخت‘ سڏائيندي آهن. تن ڏينهن ته ڊاڪٽرن جي اڻاٺ هئي، ان ڪري مهاشيه ’ڌنونتري‘ بڻجي ويٺو هو- اڳڪٿي ڪندو وتندو هو. جنهن تي ٺيڪ نڪرندي هئي، ان جو ڍنڍورو گهمائيندو وتندو هو ۽ جيڪا ٺيڪ نه نڪرندي هئي، ان ۾ چپ رهندو هو. مرڻ جي بدران ڪوئي جيئندو رهي، ته ان جي لاءِ جهڳڙو ڪير ٿو ڪري؟ هاڻ پرديوت جهڙي شينهن سان واسطو پيو اٿس؛ مزو معلوم ٿي ويندس. موتي لوهار ته ٻڍڙيءَ ماءُ کي بردوان اسپتال م داخل ڪرائي ڇڏيو آهي- هن جي پير جو فوٽو ڪڍيو ويو آهي: اندر هڏيءَ جو چورو رهجي ويو اٿس، نشتر هڻي ان کي ڪڍي وٺندو- بس ٿي ويندي چڱي ڀلي. پرديوت ڊاڪٽر چئي رهيو آهي، ’ذرا موتيءَ جي ماءُ سک سان اسپتال مان موٽي ته اچي، پوءِ ناڙي ڏسي نرنيه يا اڳڪٿي ٻڌائڻ واري جو ڦونڊيل ڦوڪڻو ٿو ڦاڙيان.‘ +’گهر ۾ هوڏانهن چلهه ٺري پيئي آهي ۽ هيڏانهن بيمارن سان هيءَ آزاري.‘ دانتوءَ جي زبان قينچي وانگر هلندي رهي. +’نندوءَ ڪيترا مرتبا چيس، ”ڏس، چڱو نه ٿيندئيِ. جيڪي تيڪي اچئي سو به نه.“ پر دانتوءَ پرواهه نه ڪيس. چي: ”تون ڪمبخت بانس توکان ڪرڇي ئي تکي! پِير کان زنده خادم![2]صبوح کان پنج ڀيرا چيو مانءِ، ذرا تماڪ ڏيئي وڃ. پر ڪير ٿو ٻڌي! تنهنجو ڇا آهي. مهينو لڳو پگهار وٺي ڇڏيئه. جيڪي ڪجهه بچيو کچيو هو مهاشيه ونش ۾ سو به چوري ڪري صاف ڪري ڇڏيهءِ. هاڻ روڳين کي هڪالي لڇمي جي موڪلاڻي ڪرائي تڏهن تون ٽرندين.“ +پراني ميان به اعتراض ورتو هو- ”ڏس دانتو، بيجاءِ هلت هلي رهيو آهين. مهاشيه ويو آهي ڪائي ڳري بيماري ڏسڻ. ان ۾ جيڪڏهن ڪائي دير اوير ٿي ويئي ته ڪڄا ٿيو! اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو چوين؟ ڇي، ۽ چئين به ڪنهن کي ٿو؟“ +چوڻ ڏينس خانصاحب، چوڻ ڏينس. هينئر ان کانسواءِ ٻي ڪائي ڳالهه هن جي زبان تي ڪانه ايندي. هن جو عقل ئي مارجي ويو آهي. سروناش وقت ماڻهوءَ جي ٻڌي کوٽي ٿي ويندي آهي. موت کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو ٻيو سروناش ٿي به ڇا ٿو سگهي؟ گهوشال هاڻ هلڻ هارڪو آهي. وڃڻ جو ڏينهن جيترو ويجهو اچي رهيو آهي، هيءُ سڀ ڪجهه اوترو ئي وڌي رهيو آهي.“ جيون مهاشيه اها ڳالهه کل ۾ چئي هئي، هو آروگيه نڪيتن جي اندران ئي نڪري آيو. چندي ٿان کان بستيءَ ۾ اچڻ جو رستو صدر رستي کان ٻئي طرف آهي. انهيءَ رستي کان هو شفاخاني جي پٺ کان اندر ويو ۽ سامهون نڪري آيو. +هڪ کن ۾ دانتو گهوشال جي ٻولتي بند ٿي ويئي.ڊپ گاڏڙ اکيون ڦاڙي حيرت وچان مهاشيه جيون ڏانهن نهاريندو رهجي ويو. جهڙو پٿر. نستو ٿي ڍرڪي ويو. +ڪرسي سيري جيون مهاشيه ويهي رهيو. چي، ”اڄ ذرا دير ٿي ويئي. چندي مندر جو گوسوامي بيمار آهي. شايد موڪلائڻ وارو آهي. اسر جو ئي اوڏانهن وڃڻو پيو. جيڪي ايترو پريان ڪهي طبيعت ڏيکارڻ آيا آهن، بيشڪ انهن جي حالت اهڙي نازڪ نه آهي.“ جيون مهاشيه سونهاريءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو. مريض مان پوءِ به ڪير ڪونه ڪڇيو. سڀ دانتو گهوشال کي ڏسي رهيا هئا. دانتو ته ڦاسيءَ جي سزا يافته مجرم جيئان بيٺو هو. اوچتو هن ٽٽل سُر ۾ چيو: ”ڇا چيو مهاشيه؟ مان ڪونه بچندس؟ مرندس؟“ +جيون مهاشيه لاطمع ٿي بيپرواهيءَ سان وراڻيو: تنهنجي هيءَ بيماري ٺيڪ نه ٿيندي گهوشال. هيءَ بيماري لا علاج آهي. هن بيماريءَ ۾ توکي وڃڻو ئي پوندو. البت ٻه چار مهينا يا ٻه چار سال... سو آئون نٿو چئي سگهان.“ +هينئر دانتو رڙ ڪري چيو، ”تون خاڪ وئديه آهين، خاڪ!“ جيون مهاشيه به چوندو ويو، ”جيڪڏهن هيءَ بيماري ٺيڪ ٿيڻ واري هجي ها ته ٻه ڏينهن گذرندي نه گذرندي تون ڇا کان- ڇا پيئان ڪري ڊوڙندو نه اچين ها، گانجو- تماڪ پيئڻ لاءِ پاڳل نه ٿي وڃين ها، مرتيو روڳ جي هيءَ خاص نشاني آهي. روڳن مان دشمن ڪٿي ملي ويو ته پوءِ خبر ڪونهي. توسان به اها ئي ڪار ٿي آهي.“ +دانتو خارن مان پنهنجو جڻيئو ڇني ڪري ڦٽو ڪيو ۽ چلائي چيو: ”جيڪڏهن آئون براهمڻ آهيان ته ٿورا مهينا ئي ڪين گذرندا ته تنهنجو سرو ناش ٿي ويندو. براهمڻ جي استريءَ جي سراپ سان تنهنجو سڪيلڌو ويو، هاڻ برهامڻ جي سراپ سان تنهنجو سڀ ڪڇ ناس ٿي ويندو.“ ۽ هو هڻڪار ڪندو آروگيه- نڪيتن، جي ورانڊي کان هيٺ لهي ويو. ذرا پرڀرو وڃي هو رڪيو. منهن ورائي چيائين: ”مان اسپتال جي وڏي ڊاڪٽر وٽ وڃي رهيو آهيان. اڄ ئي اتي ڀرتي ٿي ويندس. بچان ٿو يا نه، سو ڏسج.“ +مهاشيه کلي پيو. ان بعد چيائين، ”ها، ڪنهن کي ڪجهه چوڻو آهي ڇا؟“ +سامهون هڪ آدمي اچي بيٺو. سائيءَ جو مريض. ائين پئي لڳو ڄڻ سڄي بدن تي هيڊ مکي آيو آهي. گهڻا ئي حيلا وسيلا ڪيائين. ڪاملا جي مالها پاتائين. گوڏن تائين مالها ڊگهي ٿي ويس... پر بيماري ڪانه ويئي. اسپتال به ويو، ڪوبه لاڀ نه ٿيو، مايوس ٿي هيڏانهن آيو آهي. +جيون دت چيو: ”جڏهن اسپتال مان به ڪوئي لاڀ نه ٿي سگهيو ته ڪڇ وقت لڳندو. ٻيو جيڪڏهن آيو رويد دوا استعمال ڪرڻي اٿئه، ڪرڻي ئي آهي، نه ته هتي ڇو اچين ها، مصيبت اها آهي جو آئون دوائون ته ساڻ رکندو نه آهيان.“ ڊگهو ساهه ڇڏي چيائين، ”هڪ طرح علاج ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿم. نئون يگ آيو آهي، نئون علاج، پسند نئي؛ اهي سڀ ته مون وٽ ڪونهن. ٻيو ته هاڻ هيءُ سڀ ڪڇ خود مون کي به پسند ناهي. پر جيئن ته ڪڏهن علاج ڪندو هوس، ٻه- چار پراڻا ماڻهو اڄ به نٿا ڇڏين، ان ڪري انهن کي ڏسندو آهيان! سمجهي وئين؟“ ٿورو کليو.شايد دانتو گهوشال وارو پرسنگ اڃا به هن جي من ۾ چڪر ڪاٽي رهيو هو. +”چڱو ٿئي جي تون ڀوديو ڪويراج وٽ وڃين. هو دوا دارون رکندو آهي. ڪويراجيءَ جو نئون ڪاليج کليو آهي، اتان ئي پاس ڪري آيو آهي. سمجهي وئين؟ ڪويراجيءَ ۾ پنهنجي دوا ڏيڻ بنا علاج ۾ ڪوئي فائدو نٿو ٿئي.“ +”جي نه سرڪار، اوهان مون کي تپاسيو. نهته آئون شايد نه بچان! منهنجو پتا، منهنجو ڏاڏو، سڀ انهيءَ عمر ۾ گذاري ويا آهن. پنجٽيهه کان چاليهه ورهين جي اندر. مون کي بچايو ڊاڪٽر بابو!“ +”نه نه. اهڙو ڪجهه نه ٿيو آهي جو نه بچين. ٻيو، جيئڻ مرڻ جو سوال هڪ اچرج آهي. ان تي انسان جو ڪجهه وس هجي ها!....“ ڊاڪٽر کليو: ”ٻڌءِ ڪونه، دانتو منهنجي پٽ جي ڳالهه ڪري ويو هينئر! هو به ڊاڪٽر هو.... اڙي، ڙي، تون روئي ڇو رهيو آهين؟ چڱو چڱو، آئونئي توکي ڏسندس. ويهه، ويهي رهو. آئون دوا لکي ٿو ڏيانءِ، ڀوديو وٽان خريد ڪري وٺج. بعد ۾ آئون پاڻ وٽ تيار ڪري ڏيندس. سمجهي وئين؟ ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ٺيڪ ٿي ويندين. هيڏو ڊڄي ڇو ويو آهين؟“ ڊاڪٽر پنهنجي سونهاريءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو. سوچيائين، ”هيءُ ويچارو ڏاڍو ڊڄي ويو آهي. بيماريءَ کان نه، بلڪ ان ڪري جو انهيءَ عمر ۾ سندس ابو ڏاڏو مري ويا آهن. هن جو ڊڄڻ بي سبب ڪونهي. ائين ٿيندو آهي. عجيب ڍنگ سان ٿيندو آهي.“ +پراني ميان کلي چيو: ”هاڻ تون قطعي ڊپ نه ڪر ڀاءُ. مهاشيه چيو آهي ته ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. انکي تون ديو واڻي ڄاڻ.“ +”پراني ميان هن جو من وندرائي رهيو آهي، اهو جيون مهاشيه ڄاتو ٿي. پراني آدمي ڀلو آهي. احسانمند آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا، جيون مهاشيه کيس مدي جي تپ مان بچايو هو. تڏهن هن جي حالت اهڙي سڌريل ڪانه هئي، مزوري ڪندو هو. وٽن به مزوري ڪري چڪو هو. جيون مفت ۾ سندس علاج ڪيو هو، اها ڳالهه هو ڀلجي ڪونه ويو هو. اڄ هو وڏي ڊاڪٽر کي گهرائي سگهي ٿو، چار روپيه في ڏيڻ ۾ به ڪين ڪيٻائيندو، تڏهن به هو جيون دت کي ڇڏي ڪنهن کي نٿو ڏيکاري. رڳو احسان جي ڳالهه ڪانهي. روڳ جيون- مرڻ جو سوال کڻي ٿو اچي، اهڙي حالت ۾ احسان جي ڳالهه ئي وڏي نٿي ٿئي، وڏي ٿئي ٿي ويساهه جي ڳالهه. پراني ميان کي اهو ويساهه آهي جو مٿس ايترو وڏو ويساهه رکي ٿو، تنهن کي قرب ڏيڻ ڌاران هو ڪيئن ٿو رهي سگهي؟ ها، هن جي جوان زال جي معاملي ۾ هو ٿورو عجب کائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. هڪ ڀيري هن خود چيو هو، ”پراني، نه ٿئي ته زال کي هڪ ڀيرو ڪلڪتي وٺي وڃ. اڄڪلهه طرحين طرحين جون جاچ بعد ايجادون ٿيون آهن، ڪرائي اچ.“ ڊاڪٽر اها ڳالهه اهميت ڏيکاريندي چئي هئي؛ مذاق ۾ ڪانه چئي هئي. هن چيو: ”هڪ ڪم ڪر. اسپتال جي وڏي ڊاڪٽر کي هڪ ڏينهن گهرائي وٺ. هن کي ڏيکاري وٺ. هو توکي ٺيڪ بتائيندو. چٺي به ڏيندو ته ڪٿي ۽ ڪنهن کي ڏيکارڻو آهي.“ +ڊاڪٽر پرديوت روڳڻيءَ کي ڏسي کلي ڏنو هو. چيوهئائين: ”بيماري من جي آهي، شرير جي ڪانهي. ٻيو....!“ ذرا ساعت ترسي وري چيو هئائين: ”ڪنهن منوو گيانڪ- ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ مان ئي فائدو ٿي سگهي ٿو.“ +مهاشيه ڳالهه جو ڳاٽو سمجهيو هو، پراني نه سمجهي سگهيو، ته به نئين ڊاڪٽر مان خفي ٿي پيو هو. هنجي زال سندس نظرن جي سامهون اگهي پيئي آهي، هو هن جي شيوا ڪري رهيو آهي؛ اکين سان ڇهاءُ سان هو بيماريءَ کي انڀو ڪري رهيو آهي ۽ هيءُ ڊاڪٽر چئي رهيو آهي، ’بيماري ڪانه آهي!‘ +سو، هن ڊاڪٽر پرديوت کي ئي نه ڇڏيو، بلڪ ڪلڪتي وڃڻ به مهمل ڪري ڇڏيو، هن صرف اهو پڇيو هو ته ”اوهان ڇا سمجهي رهيا آهيو، سو ٻڌايو. جيڪڏهن جان جو خطرو سمجهو ٿا، سمجهو ٿا ته موت اچي سگهي ٿو... تڏهن جي نه ٿي سگهي ته!...“ +”نه، اهو خطرو ڪونه آهي. هونئن ڏينهن لڳي سگهن ٿا نه سمجهيئه؟“ +”سو ڀلي لڳن ڏينهن. ڀوڳيندي. آئون اوهان کي ڇڏي ٻئي جي دوا ڪانه کارائيندس.“ +تڏهانڪر اهو ئي سلسلو جاري آهي. ٽئين- ٽئين ڏينهن تي ڊاڪٽر ويندو رهي ٿو. پر ميان پراني جي مرضي رهندي آهي ته هر روز ايندو ڪري. ڊاڪٽر ائين نٿو ڪري. پراني روز اچي ٿو. حال احوال ٻڌائي ويندو آهي. پڇي وٺندو آهي، ”ڪڇ دوا مٽايئه؟“ +”نه، نه، جيڪا هلي ٿي، سائي هلڻ ڏي.“ +”ڪڇ تندرستي جي دوا، سمهڻ جي دوا. رات جو نالي ماتر به اک نٿي لڳائي، ڦٿڪندي- پاسا ورائيندي رهي ٿي ۽ ڍيرن جا ڍير پاڻي پيئندي رهي ٿي.“ +ڪڇ ڏئيس ته هوخوش ٿي ويندو آهي. اڄ به کيس ڪائي دوا گهرجي. هوان ڪري هن ڊنل جوان کي ڊاڪٽر جي علاج جي ڪماليت سمجهائڻ ويٺو آهي. +ڊاڪٽر هڪ ٻئي پٺيان مريضن کي ڏسندو پيو وڃي. ايتري ۾ هڪ ڇهه فوٽ قداور آدمي اچي بيٺو، ”ذرا ڏسجو.“ هڪ گنڀير آواز. +”ڇا آهي؟ توکي ڇا ٿيو؟ پهلوان کي؟“ +”ڇا ٿيو آهي، ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. کنگهه، ليس، وچ- وچ ۾ تپ. ڇٽي ئي نٿو.“ هن ڪرائي اڳتي وڌائي ڇهه فوٽ قداور، ساڳيو ڊيل ڊوول، بت جي بناوت؛ خاصو جوان. گهاٽ مهيش پور جو راڻا پاٺڪ. ان علائقي ۾ راڻا پاٺڪ وڏو پهلوان آهي، لٺبازي ڪندو آهي، ڪشتي- ملهه وڙهندو آهي، ٻيڙي هلائيندو آهي، ديو آستانن تي ٻليون چاڙهيندو آهي- اهو ئي سڀ هن جو ڏيهاڙي ڪم ڪاج آهي. ڪجهه ئي سلا اڳي انبوواچي جي ڪشتيءَ جي شرطن ۾ راڻا پاٺڪ جو نالو ڪيترن ڏينهن تائين ماڻهو جي زبان تي ٿرڪندو رهندو هو. پوءِ هن جو نالو ٻڌو ويندو هو ڪالي پوڄا جي وقت. مينهن جو ٻليدان ڏيڻ ۾ هن جي چالاڪي ماڻهن جي وات ۾ ڪهاڻي بڻجي پيئي هئي. گهر ۾ ٿوري زمين جائداد هئي، ان جي فصل ۽ پتڻ مان سندس گذران مزي سان ٿيندو هو. مهيش پور گهاٽ جو ٺيڪو سدائين هن جو هو. ٻيو ڪوئي واڪ ڏيئي بندوبست کڻي ته ٻيڙي ڪين هلائي سگهندو هو. راڻا پاٺڪ جي بيمار ٿيڻ جو مهاشيه ڪڏهن ڪين ٻڌو هو. اڄ هن کي ڏسي هو حيران ٿي ويو. ’هيءَ ڇا شڪل ٿي ويئي آهي راڻا جي؟ اکين هيٺان ڪاراڻ ڇانئجي ويئي اٿس. مضبوط بانس جي پاڙ وانگر ٿلهي جوڙ واري هڏي اڀري آئي آهي. ڪرتي جي آڙ مان ڪنٺ پيو ڏيکائي ڏي!‘ +”راڻا، تون پنهنجي چڱيءَ طرح جاچ ڪرائي. بلڪ بردوان وڃي ڏيکاري اچ. يا نه ته هتي ئي جيڪي نوان- نوان ڊاڪٽر آهن، تن کي ڏيکار. ٽوٽڪن يا مشٽي يوگ مان هيءُ سڀ ٺيڪ نه ٿيندءِ.“ +راڻا ڪنڌ ڌوڻي چيو:”اون هون. هنن کي ڏيکارڻ ويس ته هو يڪدم سلهه ٻڌائيندا. هنن لاءِ ته اها ئي بيماري آهي. پوءِ هيڏي وڏي هڪ فهرست هٿ ۾ ڏيندا. ڇاتيءَ جو فوٽوڪڍائي، ٿڪ کانگهاري جي جاچ ڪرائي، هيءُ ڪر، هوڪر. علاج انهن سڀني کان پوءِ. سلهه شايد ٿي آهي، مون کي هڪ عورت مان ڇوت لڳي آهي. پوءِ ايتري پريکشا ڇا لاءِ؟ ٻيو ايتري جا تپاس ئي ڪرڻي پيئي ته ڊاڪٽري ڪهڙي ڳالهه جي؟ اوهان نبض ڏسي ٻڌائي سگهو ته ڇا ڪريان؟ دوا ڏيو. آئون نيم سنجم سان سڀ ڪندس. ان بعد منهنجي وڏي ڄمار ۽ اوهان جو جس ڪيرتي! سئيءَ ٻئيءَ جو کٽراڳ مون کان ڪونه پڄي سگهندو. تپ دق جي دوا ته اوهان ويڄن وٽ به ٿيندي آهي.“ +”آهي. پر اڄڪلهه جيڪي دوائون نڪتيون آهن، سي تمام عمديون آهن تمام عمديون!“ +”اوهان چئي رهيا آهيو؟“ +”اوهان چئي رهيا آهيو. ان ۾ ڪا لڄ ڪانهي. تون ته بلڪ ڊاڪٽر هريندر وٽ وڃ. ڇاتيءَ جي فوٽوءَ جي باري ۾ جيڪي توچيو، سو ڪرائي وٺڻ گهرجي. ايڪس- ري مان پتو پئجي ويندو ته مرض ڪهڙي حالت ۾ اهي. ٺيڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ وري ايڪس- ري ڪرائج، ان مان اهو معلوم ٿي ويندءِ ته بلڪل ڇٽي ويو آهين يا نه. مڃ ڪري، ڪٿي ڪا ڪسر رهجي ويئي، جنهن جي ڄاڻ نه پئجي سگهي ته اها ئي وري ڪجهه ڏينهن ۾ وڌي ويندي.“ +راڻا ڪنڌ ڌوڻيو. بار بار ڪنڌ ڌوڻ ڪري چيائين: ”اون- هون، ته آئون ڪويراج ڀوديو وٽ وڃان ٿو. هوءَ ڪوڙي انگريزي دوا مون کان برداشت نه ٿيندي. انهن ڊاڪٽرن جي ٻولي به عجيب آهي. اسان کي ته ڄڻڪ ماڻهو ئي نٿا سمجهن. تن ڏينهن ۾ اوهان ڏسندا هئا، اوهان جو اهو زمانو به ته آئون ڏسي چڪو آهيان. هيءُ ڊاڪٽر روپيه خوب ڪمائين ٿا، في به گهڻي وٺن ٿا. هڪ ڪوڏي رعايت نٿا ڪري سگهن. پر اها عزت ڪانه اٿن. اوهان ماڻهو مريضن سان گهر جي ڀاتين جيئان ڳالهايو ٿا. منهنجو مزاج آهي سخت. الائي ڪٿي ڪا جهڙپ ٿي پوي. ان کان ڪويراجي ئي بهتر آهي. دنيا ۾ ڪير لوهه سان سر مڙهائي ته آيو ڪونهي.مرڻو پوندو ئي. اڄ يا سڀاڻ! پوءِ رُکيون- مٺيون ڳالهيون سڻي ڪري ڇاڪريان؟“ +راڻا اٿي ڪري هليو. +”راڻا! او راڻا!“ +”جي.“ +”توکي جيڪڏهن آيورويد ئي پسند آهي، ته پڪوڙيا وڃ. سين مهاشيه وٽ. خانداني وئد. هاڪ اٿس. سٺي دوا رکندو آهي، حاذق حڪيم آهي. اتي ئي وڃ. سمجهي وئين؟ هيءَ بيماري لاپرواهي ڪرڻ جي ناهي.“ +پڪوڙيا وڃڻ لاءِ چئي رهيا آهيو؟“ +”ها، وڃ. ڀوديو اڃان نئون آهي. سمجهي وئين؟ چاهين ته ڀوديو کي ساڻ نيو وڃ.“ +”ڏسان. روپيا به ته هئڻ گهرجن.“ راڻا کليو. ”اوهان وٽ اچڻ جو اهو به ته هڪ ڪارڻ اهي! گهٽ خرچ ۾ علاج ٻيو ڪٿي ٿيندو؟“ ڪم خرچ بالانشين! +هليو ويو راڻا پاٺڪ! ٻلوان، قداور ديهه، نڏر، ٻوڏ سان طوفان سان لڙندو آيو آهي، اڄ بيوس بيڪس ٿي پيو آهي. موت جي اڳيان ا��سان بنهه نڌر ٿيو پوي. +جيون مهاشيه ٿڌو شوڪارو ڀريو. راڻا جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هو. راڻا ڪوڙ ڪين چيو. غريب ملڪ، غريب هتان جا ماڻهو. روپيا ڪٿان آڻين؟ ۽ ڊاڪٽر به ڇا ڪن؟ هنن جي روزي ڪيئن هلي؟ پنهنجي اوسٿا سوچي ئي جيون مهاشيه من ۾ چئي رهيو هو! اڄ صبوح کان فيءَ جا چار روپيه مليا آهن. هن جي پتا، ڏاڏي ۽ خود پاڻ جيڪا جائداد بڻائي هئائون، هنن پندرهن ويهن سالن جي عرصي ۾ ان جو ڳچ سارو حصو ختم ٿي چڪو هو. اڄ هو پاڻ بيخود ٿي چڪو آهي. ماڻهو پرالٻڌ جي ساک ڀرين ٿا. عطر پنهنجو ڪرم ڪٽي ٿي. پر جيون مهاشيه ڄاڻي ٿو ته ان جي لاءِ جوابدار هو پاڻ آهي، ٻيو ڪير هوندو؟ +هڪ ڍڳي گاڏي اچي سهڙي. +”ڪٿي آهي، گرديو ڪٿي آهي؟“ +گاڏيءَ مان ششي لٿو. ڳاڙهيون- ڳاڙهيون اکيون. تازو ئي شايد پيتو اٿس. رام هريءَ وٽ وٺي وڃڻ ڪاڻ آيو آهي. رام هري گيان گنگا وڃن چاهي ٿو. ڪالهه رات واريون سموريون ڳالهيون دل تي تري آيس. رام هري ويندو، موت کي پائڻ؟ +ششيءَ چار روپيه رکي ڇڏيا. +”مون چيومانس، انهن چئن روپين مان ڪم ڪين هلندو رام هري. جيون مهاشيه کي زندگيءَ ۾ آخرين ڀيرو ڏيکاريندين،وڌيڪ ڏيڻو پوندءِ. اسانکي ته تو پهرين چڪايل شراب پيئاريو آهي، ٻڪري جو گوشت کارايو آهي، مهاشيه کي تو ڪجهه ڪين کارايو. کارايو به هوندءِ ته ڪدو، ڪونهڙو. ڇوڪر وصيعت ڪرائي رهيو آهي. چيو اٿس، مهاشيه کي گواهه بڻائينداسون. دکشڻا (ڏکڻا) ڏينداسون.“ +ششي ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. +اچانڪ کلڻ بند ڪري چيائين، ”هيءُ ڪمبخت دانتو گهوشال، مري، جهنم ۾ وڃي، اوهان کيس اڳڪٿي ڪري ڇو ٻڌايو؟ روئي رهيو آهي... پرديوت کيس وڌيڪ ڦٿڪائي رهيو آهي.“ +مهاشيه پرواهه ڪانه ڪئي. ”دانتو مرندو، انهيءَ بيماريءَ وگهي مرندو، پرورتيءَ کي اهڙو پرٻل ويري بڻجندي شايد ئي ڏٺو ويندو آهي. پرديوت هن کي ڪنهن به وسيلي نٿو بچائي سگهي.“ اندر ڏانهن وڌيو. چيائين، ”ترس، ڏسي اچان، ديوي مهاراڻي ڪهڙي بڪ شڪ ڪري رهي آهي.“ +عطر جون جهڻڪيون هن جي ڪنن تي پهچي رهيون هيون. +عطر انهيءَ کي ئي جهڻڪي رهي هئي، جنهن کي هو سدائين کان جهڻڪندي آئي هئي يعني پنهنجي نصيب کي. ’هاءِ ڙي نصيب، هاءِ ڙي منهنجي جلي قسمت!‘ +نندو ان پاسي کان ويهي مٽي کوٽي رهيوآهي. کيس شڪ نه رهيو ته ان ۾ نندو به شامل آهي. +ٻنهي ڏانهن مهڙ ڪري مهاشيه پڇيو- ”ڇا ٿيو؟“ +”ڪجهه نه.“ +نندوءَ چيو- ”دانتوءَ کي اهو سڀ ڪجهه چوڻ جي اوهان کي ڪهڙي لوڙ پيئي هئي؟ اسپتال جو ڊاڪٽر جيڪي جيءَ ۾ اچيس ٿو، سو ئي چئي ڏي ٿو. آئون ڪنن سان ٻڌي آيو آهيان، پنهنجي ڪنان.“ +”جيڪڏهن موت ئي ٻڌائڻو اٿئي، ته منهنجو ٻڌاءِ. ڏس هٿ.“ +”تنهنجو موت ته آئون بنا هٿ ڏسڻ جي ئي ٻڌائي سگهان ٿو.“ +”چئو، اهو ئي چئو. آئون مرنديس. هيءَ جلن مون کان وڌيڪ سٺي نه ٿيندي. وڌيڪ نه سهنديس. اهو ئي ٻڌڻو اٿم. پاڻ ’نه‘ جو اوتار بڻيو ويٺو آهين. رتن بابو وٽ فيءَ جا چار روپيه ڏيئي رهيا هئا، تو ٻه موٽائي ڏنا، ٻه وٺي گهر آئين. جنهن کي به تون ڏين ٿو، تنهن کي اهو ئي چوندو ٿو وتين ته تون مري ويندين.“ +هينئر جيون مهاشيه ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ان کل سان عطر سناٽي ۾ اچي ويئي. جيونمهاشيه چيو، ”مرڻ جي لاءِ ئي جنم ٿئي ٿو. عطر! سڀ مرندا، سڀ. امر ڪوئي ڪونهي.“ +گهونگهٽ پاسيرو ڪري عطر اچانڪ رڙ ڪندي چيو، ”ساري دنيا سان منهنجو واسطو ڪونهي. آئون ڪڏهن مرنديس، سو ٻڌاءِ؟ +”منهنجي مرڻ کانپوءِ!“ +وڄ جهڙي تيز ڳالهه. عطر سراپجي ويئي +”منهنجو مرتيو ڪڏهن ٿيندو. آئون اهو ئي اڃا نه ڄاڻي سگهيو آهيان، نه ته ڏينهن- تاريخ سڀ ٻڌائي ڇڏيان ها، ون وهاري جي مرتيو جي مون کي ڄاڻ پئجي ويئي هئي. توکي ٻڌايو هوم، پر توکي يقين نه آيو هو. ان تي يقين ڪر.“ +جيون مهاشيه اتان هليو آيو. ششي لعل- لعل اکين سان ڏانهنس تڪي رهيو هو. +”هل ششي!“ +ششيءَ کي گويا هينئر هوش آيو. چي: ”هلو.“ اچانڪ کلڻ لڳو. چي: ”اوهان بلڪل ٺيڪ چيو آهي. ڪير ڪونه مرندو؟ سڀ مرندا. استپال جو هو ڊاڪٽر، اهو ئي ڪمبخت ڇا امر آهي؟“ +ڊاڪٽر چيو، ”چپ رهه. رهڻ ڏي اهي ڳالهيون.“ +هاءِ ڙي منشيه! نه، هاءِ ڇا جي؟ هيءُ رام هري ته منشيه ئي آهي. کلندي- کلندي مرڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهي.“ +پرديوت سچ پچ آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي. گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ جي ڪجهه چڱي حالت ڏسي اڃا دفتر ۾ اچي ويٺو مس هو ته مٿان دانتو اچي هيانءُ ڦاڙي روئڻ لڳو. ڊاڪٽر جا پير پڪڙي ورتائين، ”ڊاڪٽر بابو مون کي بچايو.“ +”ڇا ٿيو آهي؟ اُٿو. صاف- صاف ٻڌايو.“ +”مون کي بچايو! مان مري ويندس!“ +”اوهان کي ٿيو ڇا آهي جو مري ويندا؟“ +”هاشيه چيو آهي، جيون مهاشيه!“ +”ڪنهن؟ جيون دت!“ +”جي ها. چي، هيءَ تنهنجي موت جي بيماري آهي. شِو جو بابو به اچي ته توکي ڪين بچائي سگهندو.“ +”يعني جوين دت سان شو جي پيءُ جي ڄاڻ سڃاڻپ آهي؟ نه، دماغ خراب ٿي ويو آهي هن ماڻهوءَ جو.“ +”جي!“ دانتو ڪاتر نيڻن سان نهاريندو رهيو. +”اٿو. مان ڏسان ٿو ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي. هلو، ڪمري جي ان ميز تي هلي سمهي پئو. چئو، شڪايت ڪهڙي آهي؟“ +منڍ کان پڇاڙيءَ تائين پيرائتي ڳالهه ٻڌي ڪري ڊاڪٽر ڀرون تاڻيون- چي: ”اهو سڀ ڪجهه اوهان مون کي لکيت ۾ ڏيئي سگهو ٿا؟“ +”ڇو ڪين؟ هزار دفعا لکي ڏيئي سگهان ٿو. هاڻي ئي لکي ڏيئي سگهان ٿو.... هاڻي ئي- ڪائسٿ جي ٻچي...“ +ڊاڪٽر وچ ۾ ئي دٻ چاڙهيس: ”اوهان اهو ڇا پيا چئو؟ +ڪائسٿ ڇا؟ خبر اٿو،مان به ڪائسٿ آهيان. +دانتوءَ ڄڀ کي چڪ پاتو. چي، ”ڀلا اوهان کي ڪجهه چئي سگهان ٿو آئون! جيون کي چئي رهيو هوس، هن ڪمبخت کي.... پر آئون بچي ته ويندس نه؟“ +دانتو روئڻ لڳو. +”نيٺ به اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڪونه بچندا؟ دوا پيئو، نيم سنجم سان رهندا اچو.“ هريهر ڪمپائوڊر ڀرواري ڪمري ۾ دوا ٺاهي رهيو هو. هن چيو، ”دانتوءَ کان اهو ڪين پڄندو. بيماري ته هن پاڻ پيدا ڪئي آهي. کاڌي جي هٻڇ کيس بيمار ڪيو آهي. ٻه ڏينهن مس ٺيڪ رهيو ته ڪنهن نه ڪنهن جي گهر وڃي ڌرڻو ماريندو- اڄ هتي ئي ٻه ٻُڪ کائيندس.“ هريهر کلڻ لڳو. +ڊاڪٽر چيو: ”اوهان کي اسپتال ۾ رهڻو پوندو. رهندا؟“ +”رهندس.“ دانتو جيئڻ چاهي ٿو. کانئس مرڻ ڪين پڄندو. کيس ڀرتي ڪيو ويو. ڊاڪٽر هڪ ڪاغذ کنيو. چيائين، ”ضلع مئجسٽريٽ کي سڀ ڪجهه لکنداسون. هن ريت ماڻهن جي موت جو اعلان ڪندو ڦرڻ اٺوڪي يگ ۾ سهڻ کان ٻاهر آهي. ان جو بدلو چڪائڻ گهرجي!“ +ذرا ساعت کانپوءِ اڌ لکيل درخواست ڦاڙي ڦٽي ڪيائين. چي، ”رهڻ ڏي!“ +”هن ماڻهوءَ جي سرتي ڀوت سوار آهي. موت جي اڳڪٿي ڪندي خوشي ٿي ٿئيس. مرتيو ته دنيا م نشچت ۽ اٽل آهي. ڪير نٿو ڄاڻي؟ ان کي جيتڻ لاءِ آدمي جي ڪوشش جو به انت ڪونهي. اها ساڌنا لڳاتار جاري آهي. ايجاد جي مٿان ايجاد ٿي رهي آهي. مگر اڄ تائين ان کي روڪي ڪير نه سگهيو آهي. اڄ به هو ڌرو وانگر اڏول ۽ اسٿر آهي. پر آهي ته دردناڪ وڇوڙي جو وڻج! ان ۾ اڌياتمڪ يا روحانيت جي ملاوٽ ڪري موت جي اڳڪٿي ڇرڪائيندڙ آهي. رومانٽڪ هوندي به نردئي آهي. بنهه پسونءَ جي ٻل چاڙهڻ سمان. پوڄا پاٺ جي اڊمبر سان اڌياتمڪتا جي ڪوهيڙي ۾ هڪ خيالي لوڪ جي سرشٽي رچائي موت کي مڪتي جي نالي سان ظاهر ڪرڻ تلوار جي وار جهڙي هڪ ڪٺور روايت آهي. هيءُ جيون دت ان جو پروهت بنجي ويٺو آهي.“ ڊاڪٽر سوچيو: هي مَسِٽِ اسٽاپ! هن کي روڪيووڃي. هن کي ضرور روڪيو ويندو- هي مسٽ بي اِسٽاپڊ! +جيڪڏهن هن ويچاريءَ ارچنا جي نبض ڏسي ها ته هن جي موت جي به پڌرائي ڪري وڃي ها. نبض ڏسڻ نه ڏنيمانس سو چڱو ئي ڪيم. هن ڀاڳيه وادي ديش ۾ موت جي اڳڪٿي ڪرڻ وارا طبيب ئي لائق ويڄ مڃيا ويا هئا. تعويذ، تائٿ، جنتر منتر، جڙي ٻوٽي، چرڻا مرت- ڪجهه به ڏيڻ ۾ کين سنڪوچ ڪونهي. +هيءُ ماڻهو- جيڪو پنهنجي سڪليڌي پٽ جي مرڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ به ڪونه گٿو ۽ سا به هن جي ماءُ يعني پنهنجي استريءَ جي سامهون! اف! ڪهڙو نه نرد ئي! ڪلپنا به نٿي ڪري سگهجي!! پرديوت ڊگهو ساهه کنيو. سگريٽ دکائي ۽ ڪمري مان نڪري نرسن جي وارڊ ڏانهن ويو. نرس کي ڪوٺائي چيائين: ”نئين مرض- هن ٻڍي برهامڻ کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. مٿس ڌيان رکجو. هن جي ڪاڪوس جي جاچ ڪرڻي پوندي. اڄ ئي.“ +تهان پوءِ سڄي وارڊ جو چڪر هڻي آيو ۽ ميدان ۾ نئين عمارت جي سامهون اچي بيهي رهيو.- ”سٺي عمارت جڙي رهي آهي. ڊيسينٽ بلڊنگ. چئني طرفن کان ونگس هجن ها ته وڌيڪ چڱو ٿئي ها. ونگس بنجڻ جي اسڪيم به آهي. بعد ۾ بڻبا.“ +”نئون زمانو آيو آهي. وگيان جو يگ. نصيب ۽ قسمت جي نيڪاليءَ جو يگ! انسان بيمارين تي فتح پائيندو. موت سان جنگ جوٽيندو. هن بيوس بڻجي موت ۾ ئي امرت جي کوج ڪئي آهي. اڄڪلهه ڪيترن قسمن جون يوجنائون گهرجن ۽ اڄ اها به ضرورت آهي ته ههڙن مدت خارج ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪجي جيون مهاشيه جهڙن کي. اڳڪٿي- موت جي اڳڪٿي! موت سان هيءُ ديش ڄڻڪ نينهن اڙائي ويٺو آهي. گنگا ڪناري ديهه کي جل ۾ ارپڻ ڪري مرڻ ئي مقصود آهي!“- موتيءَ ماءُ جي ايڪس- ري رپورٽ ملڻ سان پرديوت کي نئون ٻل مليو آهي. موتي رپورٽ کڻي اڄ صبوح جو ئي بردوان کان موٽيو آهي. بردوان جا ڊاڪٽر جيتوڻيڪ پرديوت کان سينيئر آهن، ته به هنن جو پرديوت سان گهاٽو سنٻنڌ آهي. هن لکيو هو: ڪرپا ڪري مونکي سموري رپورٽ تفصيلوار موڪليندا. ڇو ته مان هن ڪيس ۾ گهڻو ’انٽريسٽيڊ‘ آهيان. ٻڍڙيءَ جي موت جي اڳڪٿي ڪري کيس گنگا گهاٽ اماڻڻ جي تياري ٿي رهي آهي. هتان جي هڪ دقيانوسي وئديه مهارجا اها اڳڪٿي ڪئي آهي- ”ته هيترن ڏينهن هيترن مهينن ۽ هيترن پلن جي اندر ٻڍڙيءَ جو پراڻ پکيڙو پرواز ڪري ويندو؛ پير جي سور وچان ئي هن جو انت ايندو. هن ڪيس کي مون زبردستيءَ اسپتال موڪليو آهي. مڪاني ماڻهو منهنجي ان حرڪت تي کل اڏائي رهيا آهن، ته هڪوار جيون دت نبض ڏسي ٻڌايو آهي، ته پوءِ ٻڍڙيءَ کي موت کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟!“ +بردوان جي ڊاڪٽر، ان ڪري موتيءَ جي معرفت سموري رپورٽ موڪلي آهي. ان کي پڙهي پرديوت جو چهرو خوشيءَ وچان ٽڙي پيو ۽ ساڻ کيس بڇان به ڏاڍي آئي. ”ڌڪو کائڻ سان ٻڍيءَ جي پير جي هڪ جوڙ ۾ چوٽ اچي ويئي، هڏيءَ جو ڪجهه حصو اتي رهجي ويو آهي. نشتر هڻي ان خارج عنصر کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو ۽ هڏيءَ جي ڪنهن حصي کي الڳ به ڪرڻو پوي، ته ائين ڪرڻ سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو! شنڪا ڪرڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي.“ +”اڳڪٿي! اڳڪٿي! موت جي اڳڪٿي! هون!“ +اڃا ڪالهه سانجهيءَ جو به اهڙو ئي قصو ٻڌي آيو آهي. بي – ڪي- ميڊيڪل اسٽورس جي مالڪ وجيه وٽان. هو به رت پياڪ ماڻهو آهي. بيماريءَ جو وجهه وٺي ماڻهن جو ڏيوالو ڪڍي ٿو ڇڏي. نقلي دوائون وڪڻي ٿو. ڊگهيون ڳالهيون ڪندو آهي.پرديوت کي لاچار وٽس وڃڻو پوي ٿو، نه ته هو کانئس نفرت ڪري ٿو. هڪ ضروري انجيڪشن جي گهرائڻ لاءِ ويو هو. ’سڀاڻي شام تائين سئي ملڻ گهرجي.‘ ٻيون به ٻه چار دوائون. وجيه وٽ اهڙو بندوبست آهي جو ڏيهاڙي رات جو ساڍي ڏهين بجي ��اري ٽرين ۾ سندس هٿيڪو ماڻهو ڪلڪتي ويندو آهي. صبح جو ضروري شيون خريد ڪري ٻپهرن جي گاڏيءَ دواران شام جو نوگرام واپس پهچي ويندو آهي. پورا چوويهه ڪلاڪ به ڪونه لڳندا اٿس. هاوڙا جي سيزن (ماهواري) ٽڪيٽ وٺي رکندو آهي. +هن وٽ ئي اوطاق ۾ مٿين ڳالهه جو ذڪر نڪتو هو. موتيءَ ماءُ واري ڳالهه. +پرديوت جي هٿان هو نينگر، جيڪو ڪالهه مري ويو هو. تنهن جو ذڪر- ان ريت و پن بابو جي هڏڪيءَ جي ڳالهه. ونيه ناگريزي دوا فرش آهي. نفعو به جهجهو ٿو ڪمائي، پر کيس انگريزي دوائن تي ويساهه ڪونهي؛ سندس صدق آيورويدڪ علاج ۾ ئي آهي. هو ڊاڪٽرن کي به اڪثر چوندو آهي؛ ”اوهان ماڻهن جو علاج ته ڪاڻا ماڻا به ڪري سگهن ٿا. رت، ٿڪ، پيشاب، کانگهارو- ٽورو (ڪاڪوس)، ايڪس – ري وغيره جي هيتري ساري تپاس کان پوءِ ئي خاص علاج ڪري سگهندا، پر اڳئين زماني ۾ نبض جاچي بيماري ٻڌائي سگهندا هئا، فلاڻي ۽ فلان بيماري آهي. هيترن ڪ هيترن مهينن، هفتن يا ڏينهن جي معياد آهي. اسان جي جيون مهاشيه جو مثال کڻي وٺو...“ وجيه، جيون مهاشيه جي اڳڪٿيءَ جو حوالو ڏيندي چيو، ”هڪوار هن موتي ماءُ جي باري ۾ جيڪي چيو آهي ڊاڪٽر بابو- تڏهن...“ ليڪن ايڪس- ري جي رپورٽ ۽ ڊاڪٽر جي خط مان پرديوت کي پريرنا ملي ويئي هئي. هن جو حوصلو وڌيو آهي. هتان جا ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن جو ازخود ڪمزور پيو محسوس ڪجي. ايتريقدر جو چاروُ بابو به هن جي ها ۾ ها ملائي رهيو آهي. هريندر ڊاڪٽر جوان آهي، پر آهي هتان جو. وشواس ته هو به نٿو ڪري، پر اوشواس جي درڍتا منجهس ڪانهي. ٻال اوسٿا جون يادگيريون ڌونڌاڙي کيس نٻل بڻائين ٿيون. ان ڪري به جو مهاشيه کيس موت جي منهن مان بچايو هو. هن جي رام ڪهاڻي به ڪهڙي نه حيرت انگيز آهي! ننڍپڻ جون ٻيون به عجيب ڳالهيون اٿس- ڪيتريون ئي!- ليڪن هينئر پرديوت ثابت ڪري ڏيکاريندو: موتي ماءُ بچي ويندي. دانتو به بچي ويندو. ڊاڪٽر پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. ڪنن ۾ سريلو آواز گونجيو. منجو ڳائي رهي هئي. هڪ وڳو آهي. رسوئي تيار آهي. ڪابه هاج ٻي ڪانهي. عجيب زنده دل عورت آهي. هيءَ منجو! مورتي مثل جيون. جيون جو جهرڻو! ڊگها ساهه ڀري جوش و خروش سان وڌي رهي آهي. وڏي ڪشمڪش کان پوءِ ڊاڪٽرن کي جيتي سگهيو آهي. گهر ۾ ان ڪري ٻيا ڀاتي منجوءَ کي پسند ڪونه ڪن- ايترو لاڏلو هوئڻ به ڪو چڱو آهي ڇا! +پر ڊاڪٽر کي اهو سڀ پسند آهي. کيس سائيڪل هلائڻ سيکاري اٿائين. بندوق ڇوڙڻ به سيکاري اٿائين. هاڻ موٽر ڪار هلائڻ به سيکاريندس. ڪابه روڪ ٽوڪ نه وجهندو. +اهائي، اهائي ته زندگي آهي! وهڪري واري، آنند بخش. سٻل جيون جو آنند به اهوئِي ته آهي- دِس اِز لائيف! +ڏاڪن تي بليچنگ پائوڊر ڇڻڪايل آهي. ان ڪري بوٽ جو ترو صاف ڪري هو مٿي ويو. اتي صابڻ، پاڻي، لوشن، ٽوال تيار. +هوري هوري چون چُرمر جو آواز ڪندي هڪ بيل گاڏي اچي رهي هئي. اسپتال جي ڀرسان ئي سڻڪ آهي. ساوڻ جي اُڀ ۾ ڪڪر مڙي رهيا آهن. ڇانوَ کان ڍڪيل اُداس ٻپهري. رکي رکي ڦڙ ڦڙ وسي رهي آهي. پر گاڏيءَ جي ڇپر اندر هو ڪير؟ سفيد ڏاڙهي، سفيد وار، ٿلهو متاروجسم، ڪڪرن ڇانيل اُڀ ڏانهن پيو نهاري. گاڏيءَ جا ڦيٿا کڏ ۾ اٽڪن ٿا، سرن سان ٽڪرائين ٿا. گاڏي لوڏا ۽ جهوٻا کائي ٿي، پر هولاطمع آهي. ’جيون مهاشيه آهي، ڪٿي بيمار کي ڏسڻ وڃي رهيو آهي.‘ +[1] هيرڻ +[2] ڏاچي هڻي ڏهه، توڏو هڻي تيرهن! + + +[21] + +ها. هوئي آهي، جيون مهاشيه. گلائي چنڊي وڃي رهيو آهي. ششيءَ جي مريض رام هريءَ کي ڏسڻ. اُڀ ڏانهن ئي تڪي رهيو آهي. گاڏي لوڏن ۾ ئي ٿڙڪي رهي آهي. ڪوبه خيال ڪونهي. هن جو سدائين اهو ئ�� حال آهي. بيل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيندي ئي هو ڳوڙهي ويچار ۾ غرق ٿي ويندو يا آڪاش ڏانهن بي سڌ نهاريندو رهندو. +پوئتان ويٺو اٿس ششي. بڪندو پيو وڃي. چي: ”عورتن جي ذات ئي اهڙي ٿيندي آهي، رپين جي هاڃي سهي ڪونه سگهنديون.“ +پر جيون مهاشيه بت بڻيو ويٺو آهي، اچڻ وقت پاڻ جيڪي عطر کي چيو هئائين، ششيءَ سڀ ٻڌي ورتو هو. ان جو ڇور پڪڙي هن پنهنجو چرخو چوري ڇڏيو هو. شروع هيئن ڪيائين؛ ”پرديوت ڊاڪٽر به هڪ ڏينهن مرندو.“ پر مهاشيه ڌمال چاڙهيس. ان ڪري هاڻ وري فيءَ جي ڳالهه تي لهي آيو هو. کن ساعت چپ رهيو. وري چيائين، ”جڏهن هو پاڻ چار رپيا ڏيئي رهيا هئا ته اوهان ورتا ڇو ڪين؟ ان ۾ ڪهڙو قصور هو؟ جيون مهاشيه وري به چپ رهيو. +ششي وري بڪيو- ”هڪوار ڀاڀي بگڙي ته سندس زبان بي لغام ٿيو پوي. هنجي اها عادت ڪانه وڃي سگهي.“ +جيون مهاشيه مٿي نهاري رهيو آهي. عطر جون ڳالهيون من ۾ ولوڙو وجهي رهيون آهن. ڳالهيون نه پر تکا ٻاڻ. انهن ٻاڻن سان ڇلجي به جيون مهاشيه گهائل نٿو ٿئي. هاٿيءَ جيئان مست چال هلندو رهي ٿو. سمورا تير اندر ۾ ڇپي وڃن ٿا، پر کيس ڇهاءُ به محسوس ڪونه ٿئي. الاجي ڪڏهن سڀ وري هيٺ ڪري پون ٿا. پر سرير سڄو انهن جي داغ سان ڀريل آهي. پر ششيءَ کي البت چڙهي ٿي لڳي، ته هن ٻڍي جي حياتي سدائين هڪجهڙي رهي. سو بڪ پر هڪ جي وراني! اهو سمجهڻ مشڪل آهي، ته ڪهڙيءَ ڳالهه سان هن جو من لڏندو- ٻوليندو. اڀي بڪواس ٿي ڪري، پر سندس ئي هلت ڪري جهڳڙو- جهنجهٽ جيڪي به آهي سندس ڪارڻ. ٻين ماڻهن جي ورتاءُ ۾ هوءَ ڪجهه پَسي ٿي. ششيءَ جي جيوت جا اوائلي ڏيهاڙا به ته هن گهر ۾ گذريا آهن، هن کي ته ڄاڻ آهي. پورا ٽي سال هتي رهيو! تنهن وقت عطر ڀاڀيءَ جيڪي ساڻس ڀال ڀلايا، وسان جتن ڪيا، پنهنجائي ڏيکاري سا کيس مور نه وسرندي. سڏ ڪري نيرڻ ڪرائيندي هئي، نه کائڻ تي پيار سان جهڻڪيو اٿس؛ ڏاڍيون مٺڙيون ڳالهيون ڪندي هئي. چي، ”اوجها جي ڪنڌ تي به ڀوت ڪڙڪندو آهي، ششي! ڊاڪٽر وئيد کي به روڳ لڳندو آهي، ان ڪري پوري وقت تي کائيندو ڪر. پنهنجو پيٽ نه بگاڙ. ايترو ئي نه، گهر ۾ جڏهن به جيڪو نئون ٽول وغيره ايندو يا تيار ٿيندو، ته کيس سڏ ڪري کارائيندي هئي. چوندي، ”ذرا کائي ته ڏس ڀاءُ، ڪيئن ٺهي آهي!“ ششيءَ جي شادي ٿي. عطر نئين ڪنوار کي ڏٺو. هڪ منڊي ڏني. +’عطر ڀاڀيءَ کي ته هن ٻڍي ئي تند مزاج بڻايو آهي، مست هاٿي. فيل مست ته آهي! ڪنهن ڳالهه جو اونو ڪونه اٿس. ويٺو آهي- ذرا ڏسو ته سهين، جيئن پٿر جي ڪا ڇپ هجي! ششي ٻيو چوي به ڇا! اڄ پنهنجي لوڙ آهي! مٿو کنهندي کنهندي هن چوڻ شروع ڪيو، ”غلطي ڀاڀيءَ جي ڪانهي، مهاشيه جي! اهو زمانو ياد اچي ٿو، ڏک ٿئي ٿو- ڏک جهڙي ڳالهه به آهي. اف! ڇا ڏينهن، ڇا رات، ڪڏهن به سمهڻ- کائڻ- پيئڻ جي فرصت ئي ڪانه هئي. هو سفيد گهوڙو، ههڙووڏو ۽ شاندار گهوڙو! ٻن سالن ۾ چيلهه وٺي بيڪار ٿي ويهي رهيو ۽ ڇا نه بخار پکڙيو هو سڄي علائقي ۾! وري هو پئنچايت جو پرڌانپڻو. توبهه توبهه! اهو به هڪ سموهو. گنگا ۾ ٻيڙي هاڪارڻ سمان. ڊاڪٽر هريش جي ڪڪي جو موت ياد آهي اوهان کي؟ هيڏانهن نينگر موڪلائڻ جي حالت ۾ ۽ هوڏانهن ڀل وچان مالش جي شيشيءَ تي هريش کائڻ جي دوا جو نالو لکي ڇڏيو! اوها ورتائي لوٽن گرائينءَ جي نونهن جي خطرناڪ حالت! رات جي ٻارهين بجي کوڪا چئٽر جي ڊوڙندو ڊوڙندو آيو. هن جي ڀيڻ ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي آپگهات ڪيو هو. رشوت لاءِ پوليس جو صوبيدار اڪڙجي رهيو هو- هوڏانهن اوهان ميلي ۾ پنجابيءَ جي جوا جي اڏي تي رميل- ڌوتيءَ جي ڪنڊ ۾ رپيا ٻڌل. بابا ڙي بابا! اها رات به قهر واري هئي! ياد اٿو؟ +ڊاڪٽر جيون ٿڌو شوڪارو ڀريو. ذرا سرڪي ويٺو چي، ”نه ان ڏينهن واري ڳالهه چٽيءَ ريت ياد ڪانهي. ياد ڏيارڻ سان ياد ايندي آهي، ياد ايندي بيچيني پيدا ٿيندي آهي. پنهنجو پاڻ کان پڇجي ٿو، ائين ڇو ٿيو هو؟ ڇو؟“ +مهاشيه چنچل ٿي پيو. کيس لڪل سنڪلپ جي ڳالهه دل تي تري آئي- ’گهوڙو خريد ڪري ۽ پلاڻي، ان تي سوار ٿي ۽ عطر کي پالڪيءَ ۾ وهاري هڪ ڏينهن ڪانديءَ وٺي ويندس.‘ گهوڙو خريد ڪيائين. وڏو گهوڙو- سفيد رنگ واور. عطر کي ڳچ سارا ڳهڻا گهرائي ڏنا هئائين. پر ڪانديءَ وڃي نه سگهيو. سنڪوچ يا ڀو وچان، ڪير ڄاڻي؟ شايد ٻئي ڪارڻ هئا. سک، جيڪو به ڪارڻ هو، پر وڃي نه سگهيو. عزت ۽ دولت جي نشي ۾ مست بڻجي پنهنجي پسگردائيءَ ۾ ڦرندو رهيو. عزت ناموس جو اهو ئي اوج وارو سمو هو! سندس هٿ شفا کيس هر دلعزيز بڻائي ڇڏيو هو. عزت افزائي ڪري سرڪار کيس گرام پئنچايت جو پرڌان چونديو هو. ته به من نه ڀريس. ڪنهن به چيز سان نه ڀريس. جيڪي به هٿ آيس، ٻنهي هٿن سان لٽيائين. من کي ترپتي ڪانه مليس سو ناڻو ڪهڙي سک لاءِ ڪٺو ڪري؟ جيڪڏهن چئجي ته عزت وڏائيءَ جي سک لاءِ- چئي سگهجي ٿو. پر اها به دوکي ۾ بدلجي ويئي. ائين ئي ته ٿيندو آهي! سندس پتا چوندو هو، ڊاڪٽر رنگ لعل به چوندو هو. ”عزت جيڪڏهن حقيقت ۾ سک آنند نٿي ڏي، جيڪڏهن هوءَ من کي شانتي نٿي ڏي ته سمجهو ته هوءَ ڇل آهي، ڪوڙ آهي. هوءَ رڳو کهنبي چٽڪي جيئان چار ڏينهن جي مهمان آهي. انهن ڪيترن ڏينهن گذرڻ بعد هوءَ ڀرم ثابت ٿي ٿئي.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل برانڊيءَ جو گلاس هٿ ۾ کڻي چوندو هو، ”بس، هن نشي وانگر!“ +هڪ ڏينهن چيو هئائين- ”نئين جوڙي جي ڪشش وانگر. عزت جيڪڏهن ورپ ۽ جواني جي سمان سکدائڪ هجي ته انهن جي ويندي ئي اهو سک دک بڻجي پوندو، فريب نطر ايندو آهي. پر جيڪڏهن عزت پريم هجي ته هرگز ڪين ويندو، جيون! جيتوڻيڪ مون انهن ٻنهي جو سواد ڪونه چکيو آهي ۽ نڪا ڪا ڄاڻ اٿم.“ +ائين چئي هو زور سان ٽهڪ ڏيئي کليو هو. +پڻس ته پرمانند ماڌو و ئي نانءُ جپيندو هو. پرمانند حاصل نه ٿيو ته ڪجهه نه ڪيو. هن کي پائي به سگهجي ٿو يا نه، جيون مهاشيه کي ڪل ڪانهي. ها، هن نڪي پاتو، نڪي، ڄاتو. جائداد ۾ ڪونه پاتو، عزت مان ڪين پاتو، عطر، سندن ٻارن سشما، سرما، نروپما. ون وهاري- مطلب ته ڪنهن مان به ڪي ڪين پاتو. نشي جي ڪائي علت ڪانه هئس. هڪڙو ئي نشو هوس- مرض ٺيڪ ڪرڻ جو، مريض کي بچائڻ جو. ٻيو نشو هوس شطرنج جو ۽ ميلي ۾ جوئا کيڏڻ جو. ياد اٿس. هٿ وارو مريض جيئندو يا مرندو- من ئي من ۾ ان تي بازي لڳائي جوا ۾ داو کيليندو هو. جيڪڏهن داو لڳي ويس ته جيئندو، هارائي ويٺو ته مرندو. داو خالي ويندو، وري ٻيو داو لڳائيندو. +ان زماني ۾ جوا کيلڻ ڏوهه نه هو، گهٽ ۾ گهٽ وڏن مانهن جي اولاد لاءِ، ننڍپڻ کان ئي ٿوري گهڻي علت هئس. جيئن جيئن عزت وڌيس، اها عادت به وڌندي ويس. ويتر عطر ان کي وڌائي ڇڏيو. +ششي اهڙي هڪ رات جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. بيشڪ ياد اچي ٿي. سڀ ڪجهه. نه رڳو رات، پر ڏينهن- رات- اهو سمو، ان سمي جا لوڪ، سڀني جي ياد تري ٿي اچيس. تهن وقت جا ڀريل پاڻيءَ سان واهه ۽ تلاءَ، سارين جي فصل سان سرشا رکيت، ٻنيون ٻارا ياد اچي رهيا آهن. سيتل- ماٺيني ڇانوَ سان گهاٽا ٿيل صاف سٿرا ڳوٺ- واهڻ، قداور چست ڳوٺاڻا، شيرين زبان، وٿاڻن ۾ گانيون تلاون ۾ مڇيون، اڱڻ ۾ سارين جا سنگ، ڀنڊار ۾ چانورن جي انبارن سان ٽمٽار ڪوٺڙيون، مانهه. مڱ، چڻا، مڻن- خرارن ۾ ڳڙ- اهو سمو، اهو پرديش ڏسندي ڏسندي سڀ ڪجهه بدلجي ويو. +مليريا ڪانه هئي، هرو ڀرو ائين نه هو. پراڻو تپ، ٻن چئن کي ٿيندو هو. پنهنجي سڀاو موجب ششي چوي ته ٺيڪ ٿو. انهن يادگيرين ايندي ڊاڪٽر جيون جو هدو ڪراهي ٿو اٿي. ان وقت ڪيترن ٻالڪن جو موت ٿيو هو، ڪاٿو ڪونهي. ’بارن جي وبا’ چئجي. مائرن جي ورلاپن سان آڪاش گونججي ويو هو‘ سڄي علائقي ۾ تنهن وقت سندس نالو چڙهيل هو. هن کانسواءِ ڊاڪٽر هريش به هو. جنهن کي ڪشور جي پتا ڪرشڻ داس ابو شروع ۾ پاڻ وٽ رهايو هو. برجلعل بابو جي خيراتي شفا خاني ۾ ڊاڪٽر ٿي آيو هو. ششي به کيس ڇڏي اتي وڃي ڪمپائونڊري ڪئي هئي. ڏسندي ڏسندي به ٻيا ڊاڪٽر به اچي ويٺا. ڊاڪٽر پاس ڪيل ڪونه هئا، ڪمپائونڊرن مان ڊاڪٽر بڻيا هئا، روڳ جي موسوم ۾. ان ڳوٺ نوگرام جو نرپتي چوڌري هڪ هوميوپيٿي ڪتاب ۽ ڪجهه دوائون خريد ڪري ڳوٺن ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ هليوويو هو. وردا راءِ چوڌري جو پٽ اسڪول جي پڙهائي ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو- ’آر- جي- ڪري ميڊيڪل اسڪول‘ ۾ پڙهڻ واسطي. اڌ چرئي نيپال جو ننڍو ڀاءُ سنيتارام، جو پڻ ٿورو ٿورو پاڳل هو، دوائن جو دڪان هلائڻ لڳو- ’نوگرام ميڊيڪل هال.‘ ريزڪي ۽ ٻڌي دوائن جو دڪان. +ڪالرا پليگ جهڙين وچڙندڙ بيمارين ۾ ههڙن ماڻهن، هن علاج جي ڌنڌي ۾ جام نانو پيدا ڪرڻ جو سهنجو اوپاءُ ڏٺو. گهرگهر ۾ ڪونه ڪو ڀاتي کٽ داخل ٿيو هو. صبوح کان شام تائين کين رلڻو پوندو هو. بابو ٽولا، بنيا ٽولا، ميان ٽولا، مڇوئا ٽولا، ڊوم ٽولي، ڪمار ٽولي، باوري ٽولي، هريش جا ٻئي کيسا رپين سان ڀرپور رهندا هئا. جيون مهاشيه جا ٽي کيسا ڀريل رهندا هئا، وقتي چار به ڀريل رهي سگهيا ٿئي، پر هن ائين هرگز نه ڪيو. پنهنجي ونش جي پرمپرا کي ٽڪو لائڻ نه ڏنو. ان جو اهو مطلب ڪونهي ته کيس ڌن جي گهرج ڪانه هئي، پر ساڻ ئي پرمارٿ جو ڪانکي هو.ان پرمارٿ تي ئي سندن مهاشيه پڻو ٽڪيل هو. هاءِ ڙي عطر! انهيءَ مهاشيه کي رتن بابو وٽ ماڻهن چار رپيا ٿئي ڏنا، ته هو چار رپيا وٺي ٿئي سگهيو ڀلا؟ ڇي! ڇي!“ +ڪنهن ڪوٺ تي نڪتو، واٽ تي جنهن به جتي سڏيس اتي هليو ويندو هو. راهه ويندي، جنهن جيڪي ڏنس، وٺي رکندو هو، بنا ڏٺي. ڪٿي ضرورت پيئي ته اٽلو ان جي مدد ڪري ايندو هو. هريش پرديسي هو ۽ رپين ڪمائڻ ڪاڻ ئي هت آيو هو. جيون دت هتي ٽن پيڙهين کان وسيل آهي- مهاشيه ونش جو وارث! نه رڳو ايترو، پر پنهنجي ڳوٺ جي زمينداريءَ ۾ حصيدار آهي. ههڙي ماڻهوءَ لاءِ ڇا رپيا ڪمائڻ ئي وڏي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ڪڏهن من ۾ ڀلجي به اهڙو خيال نه آيس. بعضي بعضي کيسن مان نقلي ۽ کوٽا سڪا ڪڍي عطر سندس لپڙي لاهيندي هئي، ته پاڻ ان کي کل ۾ اڏائي ڇڏيندو هو. +عطر چوندي، ”تون کل نه. منهنجي بدن ۾ باهه ٿي لڳي وڃي.“ تنهن وقت جيون ساندهه ٻه گهوڙا ڳڌا هئا. هڪ وڏو ۽ ٻيو وچولو. پر ٽن سالن جي اندر ئي ٻئي گهوڙانڪما ٿي پيا هئا. کين چليهه ۾ وايو روڳ ٿي پيو هو. مهاشيه جو بوجو ڍوئيندي ڍوئيندي ٻه حيوان بيڪار ٿي پيا هئا. ٻنهي ساهوارن جا باقي ڏينهن تماڪ جي واپارين جو تماڪ ڍوئيندي گذري ويا. مهاشيه وري گهوڙو ڪونه ورتو. هن ۾ بدني سگهه جي کوٽ ڪانه هئي، وقت جي اڻاٺ هئي. ليڪن ڪري به ڇا، چئين پنجين بجي روٽي نصيب ٿيندي هئس. اهو ئي سهين. ڳوٺ جو پيچرو وٺي هلندو هو. ماڻهو چوندا هئا، هاٿي وڃي رهيو آهي. هاٿي ئي چئوس. هڪ ڏينهن اِندرو جيئن سندس جتيءَ جي گپ ڌوئڻ ويو، ڇرڪ نڪري ويس. ’بابا ڙي بابا! نانگ!‘ هڪ وچولي ميرانجهڙي نانگ جو مٿو جتيءَ سان چنبڙيل هو. ڄڻڪ ڪنهن ڪاريگر جتيءَ جي ٿري ۾ نانگ جي مٿي تي وڃي ڪڙڪي هئي. اِندرو کيس جتي آڻي ڏيکاري ته کل نڪري ويس. عطر ته ڪانڊار جي ويئي هئي. هن نانگن جي ديويءَ جي سکا باسي. مڙس تي به ڇوهه ڇنڊيائين- ڀلا اهڙو به ڪو پئسن ڪمائڻ جو نشو ٿيندو آهي! رپين لاءِ بيهوش بڻجي پيو ڊوڙجي!“ ان ڳالهه تي به هن کلي ڏنو هو. اڃا ٿورا ڏينهن اڳي ساڳي عطر اُتس ڦٽڪار وڌي هئي، ته جيڪي ڪير ڏيئي ٿو سو وٺي ٿورکين! داتا ۽ ڪرڻ ٿيڻ سان پنهنجي ٻار ٻچن جي گردن تي ڇري وهائڻي پوندي آهي. +يار دوست مذاق ۾ چوندا هئا، ”هيڏانهن پسگردائيءَ ۾ ماڻهن جي تباهي ٿي رهي آهي ۽ ڊاڪٽر جون پنج ئي گيهه ۾!“ +ڊاڪٽر کلندو هو. سمجهي ويندو هو، ته يارن جي دعوت کائڻ جي نيت آهي. چوندو، ”پوءِ ته اوهان يارن جو وات مٺو ٿيڻ گهرجي، ڪا دعوت مجلس ٿيڻ گهرجي.“ +”ڏي، هلاءِ رپيا.“ +ستاب، سريندر، نيپال مجلس جي انتظام ۾ لڳي ويندا هئا. بانس ايندي ششي به جنبي ويندو هو. هريش کي به نينڊ ملندي هئي، اهو سڀ ڪجهه راتورات ۾ ٿيندو هو. ڀلا ڏينهن جو مرڻ جي به فرصت ڪٿي؟ صبوح جو جاڳندو، آروگيه نڪيتن جي مريضن کي جاچيندو، وري بيمارن جي گهرن مان ڏسي موٽندي ٽيون پهر اچي ٿيندس. چار لڳي ويندا هئا. چئين بجي کانپوءِ کاڌو پيتو ۽ وري پوءِ ڏورانهن مريضن ڏانهن ويندو. واپس ورندي نو، ڏهه، يارهن وڄي ويندا هئس. وقتي رات جا ٽي به لڳي ويندا هئا. ٻارهين بجي تائين ستاب ۽ سريندر سندس راهه تڪيندا هئا. لالٽين ٻاري آروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ ويهي سڀ شطرنج کيليندا هئا. اندرو سندن لاءِ چانهه ۽ تماڪ جي شيوا بجا آڻيندو هو. چوڪيدار ويٺا رهندا هئا. تنهن وقت جيون مهاشيه پئنچايت جو پرڌان هو. موٽندي گهٽ ۾ گهٽ هڪ شطرنج جي بازي کيڏي چوڪيدارن جي حاضري لڳائي، تڏهن آرام ڪندو هو. بعضي رات صبوح ۾ بدلجي ويندي هئي. مجلس واري ڏينهن اندرو ۽ ششي نوگرام ويندا هئا. ڊاڪٽر پرزو لکي ڏيندو هو. لوڻ، تيل، گيهه، مصالحا، ايتريقدر جو موديءَ جي دڪان تان شراب به ايندو هو. سريندر، نيپال، هريش، ششي انهن سڀني کي بنا شراب مزو نه ايندو هو. نيپال ۽ سريندر ٻڪري جي تلاش ۾ نڪرندا هئا. چوڪيدار مهاڻي کي وٺي ايندو هو، هو تلاو مان مڇي آڻي ڏيندو هو. ڊاڪٽر پنهنجو پاڻ وساري ويٺو هو، نشي جو خمار هوس. ان رات جي ڳالهه ياد ٿي اچيس. جيون جي لاءِ اهائي يادگيري جي رات آهي. شام جو ٻاهر وڃڻ جي تياريءَ ۾ هو. اول ڊاڪٽر هريش وٽ وڃڻو هوس. هن جي پٽ جي بيماريءَ جي خبر ملي هئس. ان کان پوءِ ميلو. ميلو خوب متل هو. بڊي جو مهينو، ناگ پنچمي جو ميلو. ميلي جا بابنيڪار پاڻ اچي نوتو ڏيئي ويا هئا. اهو طئه ٿيو ته پولس سان چوچاءُ ڪرائي جيون مهاشيه جوا جو پرٻنڌ ڪرائي وٺندو. پهراڻ لاءِ اندر گهڙيو. ڏٺائين ته عطر کيسن مان رپيا ڪڍي ۽ سونجهي رهي آهي. ساڻس اک ملائيندي عطر جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. مڙس جي چوڻ کان اڳي ئي هن وسڪارو ڪيو: جوئا ۾ رپيا هارائي وينهندين. سو جوا ڪرڻ نه ڏينديمانءِ. جوا کيليندي توکي لڄ به نٿي اچي؟“ +مهاشيه وراڻيو هو: ”رپيا نه کڻ، آئون جوئا ڪوه ڪندس. ٻارن ۽ نوڪرن کي ڏيندس. سڀ ميلو گهمي ايندا. ميلي لاءِ به ٻه چار هٿ ڊگهيريندا آهن، ڏيڻو ئي پوندو آهي. رپيا ڏي.“ +”هن ۾ پنج رپيا آهن.“ +”پنجن مان ڇا ورندو؟“ +”وڌيڪ ڪانه ڏيندس، هرگز نه.“ +”خير.“ هن ڪرتو پهريو. پنج رپيا ڪڍي ڦٽا ڪيائين. ٻاهر نڪري ويو. سندس پٽ ون وهاري ٻاهر بيٺو هو. سائيڪل جهلي پتا جو انتظار ڪري رهيو هو. ميلو گهمڻ ويندو. رپيا گهرجنس. ڊبل بريسٽ ڪوٽ پهريل، پيرن ۾ پمپ شو. ڪامورن جي ڇوڪرن جهڙو عياش. نوڪر اِندرو بيٺو هو، نندو تنهن وقت نينگر هو، اهو به بيٺو هو. سڀني کي سڌ هئي ته ميلي جي لاءِ مهاشيه خرچي ڏيندو. مهاشيه ڏسي کامي ويو. عطر پنجين جو نوٽ پٽ کي ڏنو. مهاشيه اندر کي چيو: ”مون سان هل.“ کيس هريش جي پٽ جي بيمارءَ جي ڳالهه وسري ويئي. ٻڌو هئائين، ٻالڪ جي طبيعت خراب آهي. گذريل رات سندس دعوت ۾ هريش ڪونه اچي سگهيو هو. لکي موڪليو هئائين. اوچتو ٿڌ لڳڻ سان ڪڪي کي تپ چڙهيو آهي. گهر ۾ زالون ڊڄي ويئون آهن، سو ڪونه اچي سگهندس.“ جيون مهاشيه خيال ڪيو ته پڇيائيندس، پر پريشانيءَ ۾ وساري ويٺو. نوگرام ۾ ساها جي شراب جي گتي تي پهتو. کيس چيائين: ”مون کي پنجاهه رپين جي گهرج آهي.“ ساها رڳو شراب فروش ڪونه هو، پروياج وٽي جو ڪم به ڪندو هو. سڃاتل ماڻهن کي هئنڊنوٽ تي رپيا اڌارا ڏيندو هو. ساها سناٽي ۾ اچي ويو: ”اوهان کي رپين جي گهرج آهي!“ +ها. سڀاڻ پهرينءَ گهرائي وٺج. کڻي اچ رپيا. +بنا هڪ لفظ چوڻ جي ساها رپيا آڻي کيس ڏنا. يادگيريءَ طور نوٽ به نه ڪيائين. هن ٻه رپيا اندروءَ کي ڏنا ۽ باقي کڻي ميلي ۾ هليو ويو. رات جا اٺ وڄي رهيا هئا. اڏي تي گهمي ڦري اچي ويٺو. پتو ناهي ان ڏينهن هن من ۾ ڪهڙي شرط لڳائي هئي. شايد اهائي ته جيڪڏهن سال جي اندر کيس مرڻو آهي ته اوس کٽندو. +رات جو ڏهين بجي ششي سهڪندو آيو. هو هريش جي ”خيراتي شفا خاني، ۾ ڪمپائونڊر هو. ائين ته هو به ميلي ۾ حاضر هجي ها، پر ڊاڪٽر جي پٽ جي نازڪ حالت سبب نه وڃي سگهيو. هوڏانهن هريش جي مالش واري دوا لوٽن گرائين جي نونهن پي ويئي هئي. هريش جي چوڪ هئي، پٽ جي بيماريءَ سبب مغز ٺڪاڻي ڪونه هئس. هريش ٻن باهين ۾ هو. ششيءَ چيو: ”يڪدم هلو ڊاڪٽر بابو!“ +مهاشيه کي اٿڻو پيو. ڪي ويهه رپيا ڌوتيءَ جي ڪنڊ ۾ ٻڌل هئس. هن اهي يڪي سر جهاز واري خاني ۾ رکيا. ’سڀ لڳا! جهاز ٻڏو ته سڀ ٻڏا. جهاز نڪري آيو ته رپيا رکي ڇڏج، سڀاڻي وٺندس.‘ جهاز ٻڏندو، يعني هو هارائيندو، اها کيس ڄاڻ هئي، ’مطلب ته هڪ سال اندر هو ڪونه مرندو. اڃا گهڻو ڪڇ ڏسڻو آهي. سک. هينئر ته هلي هريش جو پٽ کي ڏسي اچان.‘ +سندس پهچڻ کان اڳي ڪڪو گذاري چڪو هو. مهاشيه کي ڏسي هريش ڇاتي پٽيندي روئي چيو هو: ”جيون! هيءُ مون سان ڪهڙو وئل ٿيو! هاءِ! تون صبوح جو اچين ها، نينگر شايد بچي پوي ها!“ جيون کيس ڇينٻيو هو، ”ڇي! هريش! تون ڊاڪٽر آهين. هن ريت بي صبر ٿيڻ توکي سونهين نٿو. اَهنَيِهَني ڀوُتاني گڇنتي يَم مندر ۾ِ. اها ڳالهه گياني سمجهن ٿا. پر ڊاڪٽر به بي سمجهه ڪونهن. روءُ نه. زالن کي دلداري ڏي. آئون ذرا لوٽن وٽان ٿي اچان.“ کن سماعت ۾ هريش جي شوڪ جو طوفان شانت ٿي ويو هو. گرائين وٽ پوليس جي تفتيش ٿي رهي هئي. هريش خوشنصيب هو جو ان ڏينهن ميلو متل هو. خلق ميلي ۾ ويل هئي. نه ته هن مهل تائين ٿاڻي ۾ رپورٽ پهچي وڃي ها. جيون مهاشيه ويهي رهيو. اول هن اها شيشي هٿ ۾ قابو ڪئي. ان بعد نبض ڏٺائين. زهر جي اثر جا اهڃاڻ ظاهر هئا. پڇيائين: ”سموري دوا پيٽ ۾ هلي ويئي؟“ +نه. ڏاڍي تيز هئي، تنهنڪري روڳيءَ الٽي ڪري وڌي. هاڻي خطرو نه آهي. +مهاشيه ششيءَ کي چيو: ڊسپينسريءَ ۾ اسٽمڪ پمپ آهي، وٺي اچ. +انهيءَ رات کوڪا چيٽرجي اٽڪل ٻارهين بجي اچي پٽڪو وڌو، ”مهاشيه جي! مون کي بچايو، منهنجي ڀيڻ ڦاهو کاڌو آهي!“ کوڪا کيس علاج لاءِ نه ٻئي سبب کان ڪوٺڻ آيو هو. جيون مهاشيه پئنچايت جو پرڌان هو. پوليس جي ڦندي کان هو ئي بچائي ٿي سگهيو. سچ پچ مهاشيه کيس ڇوٽڪارو ڏياريو هو. گرائينءَ جي نونهن کي الٽي ڪرائي، مالش جي دوا پيٽ مان ڪڍائي کيس موت جي منهن مان ڪڍي ۽ نئين دوا ڏيئي رات جو اٽڪل اڍائي بجي مهاشيه کوڪا چئٽرجيءَ جي گهر اڱڻ ۾ وڃي ويٺو. رپورٽ ورتائين. چيائين: ”سنسڪار جو انتظام ڪريو. مان ويٺو آهيان.“ +ستاب کي چيائين: ”وڃ، شطرنج کڻي اچ. هيئن نکمڻو ڪيئن ويهي سگهبو. هڪ اڌ راند ٿي وڃي.“ +اڄ سڀ ڪجهه دل تي هري پيو اچي. ياد ڏيارڻ سان سڀ ڪجهه ياد اچي ٿو. ان ڏينهن صبوح جي چئين بجي تائين شطرنج کيليندا رهيا. بازيءَ جي مٿان بازي کيليندا رهيا کٽندو ويو. شتاب چيو هو: ”تنهنجو نصيب چمڪي رهيو آهي، جيون! خشڪيءَ تي ٻيڙي هلي رهي آهي!“ +جيون به ڪجهه اهڙو ئي محسوس ڪيو هو. پر... اوچتو ٻيڙي رڪجي ويهي. ميلي کانپوءِ ون وهاري ذيابيطس ۾ مبتلا ٿيو هو. جيون مهاشيه کي اها به خبر پيئي هئي ته هن شراب به پيتو هو. +سندس جيڪا ٻيڙي خشڪيءَ تي هلي رهي هئي، سا نه رڳو رڪجي ويئي پر خشڪيءَ ۾ غرق ٿي ويئي، هن پٽ کي گهرائي ڦٽڪار وڌي هئي: ”ڇي، ڇي!“ +ون وهاري سر نمائي بيٺو هو. هن جي جهڪيل چهري تي غصي جا آثار نمودار ئا. +مهاشيه چيو: ”جيڪو پٽ خاندان جي نالي کي ٽڪو ٿو لڳائي اهو ڪُل ڪلنڪي آهي. پيءَ لڄي ٿو ٿئي، ماءُ لڄي ٿي ٿئي، ابا ڏاڏا ۽ بزرگوار ڪنبي ٿا وڃن، پرلوڪ جي سماج ۾ سندن سر نيچو ٿو ٿئي“- کيس اها سمڪ به ڪانه پيئي ته دروازي جي اوٽ به ڪن لڳائي ڪڏهن کان عطر اچي بيٺي آهي. هن انهيءَ دم اچي ڌوڙيو وسايو. ”هڪ معمولي غلطيءَ لاءِ تون هيتري وڏي ڳالهه ڪري وئين؟ منهنجي گرڀ تي لعنت وڌءِ! اهو چيهءِ ته تون لڄي ٿيو آهين! تو اهو سڀ ڪجهه پاڻ کي ڏسندي چيو آهي؟ تو ڪونه ڪيو آهي؟ سنگت ۾ ڪنهن بدچلن جي ڦندي ۾ ڦاسي هڪ رواجي ڀُل ڪري ويٺو آهي پٽ! پر تو؟ تو منجريءَ ڪاڻ جيڪو ڪرتوت ڪيو هو ياد نٿو اچئي؟“ +جيون مهاشيه سناٽي ۾ اچي ويو هو. +پٽ جي سامهون منجريءَ جو قصو سڻائي عطر پٽ جو هٿ پڪڙي زم مان ٻاهر هلي ويئي. ”هل پٽ.“ +جيون مهاشيه هڪ ڏوهيءَ جيئان ويٺو رهيو. سو جنهن منجريءَ کي ڏوهيءَ وانگر هن پنهنجي زندگيءَ مان هڪالي ڇڏيو هو، ان ساڳي منجريءَ کي عطر سندس ئي سامهون سر اوچو ڪري کڙي ڪري ويئي، واڻئي وانگر. +عزت آبرو جي ان شادماني جي سمي ۾ ڳچ ڏينهن تائين کيس منجريءَ جي ياد نه آئي. پر تنهن ڏينهن عطر هن جي ياد تازي ڪري ويئي. شرابخوري جي علت سببان ويچار جي پاپ جي نتيجي طور ڀوپي بوس کي جيڪو مرض ويڙهي ويو ان منجريءَ جي نصيب تي ڪارنهن هڻي ڇڏي. جيون مهاشيه کي ڪا ان ڪري سرهائي ٿي هئي؟ اهو ڌڌڪو ڇا کيس انهيءَ ڏوهه ڪري آيو؟ ان ڏينهن ئي هن تاڻي ورتو ته ”ون وهاري جي جيوت ۾ مرتيو جو ٻج ڇٽيو ويو. ماڻهو جو مرڻ ڌرو (نشچت) آهي؛ جنم جي ويل کان ئي منشيه مرتيو ڏانهن هوريان هوريان وڌندو ٿو وڃي. مرتيو اسٿر ٿيندو آهي؛ اچانڪ هڪ ويريءَ جي هٿان ماڻهو ان کي نوتو ڏياري ٿا مولين؛ مرتيو ويجهو اچڻ لڳي ٿو. ڪوئي- ڪوئي مرتيو جا پل پل ڳڻي ۽ سنڀاري ٿو. جهڙوڪ دانتو. دانتو مرندو. ون وهاري جيئان ئي مرندو. پرديوت هن کي هرگز ڪين بچائي سگهندو.“ +اچانڪ هو سجاڳ ٿي اٿيو. هيڏانهن- هوڏانهن نهاريائين. +پوئتان ويٺل ششي هيستوڻي پاڻمرادو ان ٻڍي هاٿيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو. وچ وچ ۾ ڪئنويسنڊا مليل پيڄ جي شيشي کيسي مان ڪڍي چڪڙي چاڙهيندو پئي ويو. تماڪ پيئڻ جي به گاڏيءَ ۾ گنجائش ڪانه هئي. خطرو آهي. پال جي ڍوڳ ۾ باهه لڳي سگهي ٿي. سو پنهنجي لوڀ کي ضبط ۾ ڪري چار پن جون ٻيڙيون ۽ چئن پئسن جي ڏهن گولڊ فليڪ سگريٽن مان هڪ ڇڪي سنتوش ظاهر ڪيو. وچ وچ ۾ ڏند ڪرٽيندي من ۾ سوچيندو رهيو ته ”ٻڍي جي پٺيءَ تي ٺونشو ڄمائي وٺان ته ڪيئن ٿئي؟ نه ته ٻرندڙ سگريٽ جو مهڙ پٺيءَ سان ڇهايانس ته مزو اچي وڃي! تڏهن هو چپ چاپ اڀ ڏانهن تڪيندو سگهندو؟“ +مهاشيه کي لڏندي لمندي ويهندو ۽ ٽپڙيءَ کان من��ن ٻاهر ڪڍي آسمان ڏانهن نهاريندي ڏسي ششيءَ چيو: ”لهي ڪري ڏسان ڇا؟“ +”ڇا ڏسندين؟“ +”اهو ئي ته ڪمبخت دانتو سچ پچ اسپتال ۾ ڀرتي ٿيو آهي ڪي نه؟“ +اڏي ٺيڪ اسپتال جي ڀرسان پهچي ويئي هئي. +”رهڻ ڏي. چڱو، ڪير آهي ڀلا؟ ڏاڍو سريلو آواز! ڳائي به ڏاڍو سٺو پيئي ۽ گيت به سندر آهي! ورانڊي وٽ جيڪو ڇوڪرو بيٺو آهي، ڊاڪٽر آهي نه؟“ +اتساهت ٿي ششي ٽپڙيءَ جي پٺيان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو. چي: ”جي ها، ڊاڪٽر ئي آهي. هن جي گهرواري ڳائي رهي آهي. جهڙو پتي تهڙي ئي پتني. بلڪل ميم صاحب. بائيسڪل هلائيندي آهي، ڊاڪٽر بابو! ۽ هلندي آهي ته ڄڻڪ نچي پيئي. گيت جو ته ڪجهه پڇو ئي نه! گهڙيءَ- گهڙيءَ. اجها، هوءَ رهي- هوءَ. ڏسو نه.“ +سامهون ورانڊي ۾ ٻارن جيئان زال مڙس راند ۾ مست ٿي ويا آهن. جوانڙي پتنيءَ ڇڪي ڪري ڊاڪٽر جو هٿ پڪڙي ورتو آهي، هٿ سان پاڻيءَ جو جڳ کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. خود پاڻي ڏيڻ چاهي ٿي. ڊاڪٽر شايد هٿ منهن ڌوئي رهيو هو. +پر ڊاڪٽر جڳ ڏيڻ ڪاڻ تيار نه آهي. کيس باز آڻڻ لاءِ مجبور ڪرڻ واسطي هو ڏول مان پاڻي کڻي هن جي چهري تي ڇنڊا هڻي رهيو آهي. هوءَ ڊوڙي اندر هلي ويئي. وري ٻاهر نڪتي ۽ ڄڻڪ ڪجهه اڇلي ڊاڪٽر جي منهن تي هنيائين. ڊاڪٽر جو چهرو سفيد ٿي ويو. پائوڊر آهي. پائوڊر اڇلي هنيائين! +ششي ڦي- ڦي کلڻ لڳو. +ڊاڪٽر جي چپن تي به هلڪي مرڪ نمودار ٿي ويئي! گاڏي ڌيري- ڌيري هلڻ لڳي. ”ڀانئجي ٿو، گڻيش ڀٽا چاريه جي ڌيءَ سگهي آهي. اميد جو تروڙو نطر اچي رهيو آهي! ”پرمانند ماڌو.“ نه ته ڊاڪٽر ان ريت کل خوشيءَ ۾ بدحواس نه ٿي وڃي ها. ڇوڪري کي ساهس آهي، ڌيرج آهي. ضد اٿس. وڏي ٿيڻ جون منجهس گهڻيون علامتون آهن. رڳو هڪ ڳالهه ان ۾ نه آهي، ٻئي جي مت کي هو مڃي نٿو سگهي. جيڪڏهن اوشواس ڪرڻو آهي ته وشواس ڪري نه ٺڳجڻ جي بجاءِ اوشواس ڪري ٺڳجڻ سڀ کان وڏو ٺڳجڻ آهي. انهيءَ ۾ آدمي پنهنجو پاڻ کي ٺڳي ٿو. ٻيو ته هيءُ ماڻهو سخت ڪلامي ڪرڻ وارو آهي!“ مهاشيه ڊگهو ساهه کنيو. ٿورو سرڪي ويٺو. ”پر دانتو بچي نٿو سگهي. هو پاڻ پنهنجي هتيا ڪري رهيو آهي، هن کي ڪهڙو ڊاڪٽر بچائي سگهي ٿو؟ اوس ماڻهوءَ ۾ ڦيرو اچي ٿو.“ ڊاڪٽر سوچيندو رهيو. +”نوگرام جو ڪنهائي بابوُ!“ هينئر هو ڪونه رهيو آهي. گهڻو اڳي گذاري چڪو آهي. مهاشيه هن کي ڏٺو آهي. ’شرابي، بدچلن، تند مزاج، چيڙاڪ، ڪوڙو ٻوليندڙ. پهرين زال جي مرڻ پڄاڻان ٻي شادي ڪيائين. ٻي استريءَ جي سپرش سان لوهه جهڙو سخت ڌاتو جو هڪ ٻيو ئي آدمي بڻجي ويو. شراب ترڪ ڪيائين، وڀچار ڇڏيائين، بات چيت جو سليقو بدليائين، ڪاوڙ ته ڄڻڪ پاڻي ٿي ويس. هو نه رڳو سداچار سان شڌ ٿيو بلڪ پڙهي لکي شاستر چرچا سان جيون ۾ نرمل بڻجي پيو. ائين به ٿيندو آهي. پر ون وهاري اهڙو ڪين بڻجي سگهيو. دانتو به ڪين بڻجي سگهندو. وري رام هري جي ڳالهه ياد آيس. من ۾ بار- بار اهو ئي سوال جاڳڻ لڳس: ”ڪيئن اهو ممڪن ٿي سگهيو؟ ڇا هن جي نئين استري هن جي جيون ۾ اهڙو مٺاس ملايو آهي، جنهن مان هن کي ماڌو جي مڌرتا جو سواد مليو آهي؟“ +اوچتو کيس هڪ ڳالهه ياد آئي. هن اوچي ڳاٽ ششيءَ کي پڪاريو: ”لِوُڪس!“ +ان وچ ۾ ششي وچ رستي تي لهي پيو هو. هن جي ڄڻڪ جيءَ ۾ جيءُ آيو. چلم ڀري سوٽا ڪڍي رهيو هو! هن حقي کي هيٺ رکيو ۽ حيرت وچان مهاشيه ڏانهن تڪيائين. ’يڪا يڪ ٻڍي کي ڇا ٿي ويو؟ ليوڪس‘ چئي ڪري پڪاري رهيو اهي! +ششيءَ جو اهو نالو ان سمي جو آهي، جڏهن مليريا پکڙي هئي ۽ مستاني نيپال جي ڀاءُ سيتارام ’نوگرام ميڊيڪل هال‘ کوليو هو- اهو نالو ان سيتارام جو رکيل هو. اهو به اڌ چريو هو. ستر ورهين جي ٻڍي کان وٺي سورهن سالن جي ڳڀرن تائين هن جا يار هئا. هو سڀني سان گڏ تماڪ ڇڪيندو هو. پر هن جي چرتر ۾ هڪ اهڙي خاص مڌرتا هئي جي ڪير به منجهانئس ڪڪ نه ٿيندو هو. هن ڪلڪتي جي وڏن وڏن انگريز ڊاڪٽرن جي نالن پٺيان مڪاني ڊاڪٽرن تي نالا رکي ڇڏيا هئا. +جيون دت جو نالو رکيو هئائين: ’ڊاڪٽر برڊ!‘ +ڊاڪٽر هريش کي چوندو هو: ’ڊاڪٽر مئنارڊ!‘ ششي کي ’ليوڪس.‘ +اسپتال ۾ نئون ڊاڪٽر آيو هو: ڪلڪتي جي ’مِترا خاندان‘ مان هو. هن کي هو سڏيندو هو: ’ڊاڪٽر برئاون‘ +تنهن وقت سيتارام جي اها خوشمزاجي ماڻهن کي ڏاڍي پسند پيئي هئي. خود ڊاڪٽرن کي به مزو ايندو هو ۽ کلندا هئا؛ ڪڏهن ڪڏهن مزاج موج ۾ هوندو هون ته هڪ ٻئي کي انهن نالن سان پڪاريندا هئا. +هيترن ڏينهن کانپوءِ هو ساڳيو نالو؟ ششي کي عجب لڳو. ليڪن تن ڏينهين ان نالي جي پوڪارڻ سان هو جيڪا ورندي ڏيندو هو تنهن کي هو ڀلجي ڪونه ويو هو. ڪنڌ جهڪائي مغربي نوع ۾ چيائين: ”ييس سَر!“ +جيون مهاشيه چيو: ”اهو وقت ڏاڍو سک سان گذريو، ڪيئن ششي؟“ +”ڇا چئجي! ستجڳ هو اهو!“ +ڊاڪٽر کلي پيو.ششيءَ جي هرڪا ڳالهه انتها واري هوندي آهي. چڱو ڇو ته هن کان وڌيڪ چڱو هوندو ئي ڪونه ۽ برو چئجي ته سڀ کا بڇڙو يا ته وئڪنٺ يا وري نرڳ. +ششيءَ چيو: ”سيتارام هڪ سراپيل ديوتا هو، سمجهو؟ مگر اوچتو سيتارام جي ياد اچي ويئي ڊاڪٽر بابو؟“ +”نه. تنهنجو نالو ياد اچي ويو. مان رام هريءَ جي ڳالهه پڇي رهيو هوس.“ +”ٻڌايو مانوَ ته هن جي حالت اڄ نازڪ آهي. ڪائي بدپرهيزي ڪئي هوندائين. پڇڻ به ته پاپ آهي. بگڙجي بيهي رهندو. چوندو مرڻ کان برو ڇا هوندو ۽ مان مرڻ وڃان ٿو. پوءِ بنان کاڌي ئي ڇو، کائي ڪري ئي مران.“ +”اڙي سو ته مان هلي ڏسندس. مان پڇي رهيو آهيان نيٺ معاملو ڇا آهي، يعني شادي ڪري...“ +هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپي ششي حقارت وچان چيو: ”ڪنهن ريت ڪمبخت جو مٿو ڦري ويو هوندو ٻيو ڇا!“ +”هان. رام هري جي استري شايد ڌارمڪ سڀاو واري آهي، ڏسڻ ۾ به شايد سهڻي آهي؟“ +ڪجهه سوچي ششيءَ چيو: ”هوندي شايد.“ +”هان.“ ڊاڪٽر هلڪي مرڪ مرڪندي وري ٽڙيل مکڙي سان اڀ ڏانهن تڪڻ لڳو. +نوگرام جي بازار اچي ويئي. +ڊاڪٽر چيو: ”ڳوٺ جو ٻاهريون پاسو وٺي هل ڀاءُ. ڀيڙ چڱي نٿي لڳي.“ + + +[22] +گاڏي کيتن جو پاسو وٺي ڦيرائي ويئي. +جيون مهاشيه هٿ- پير ڊگها ڪري ليٽي پيو. ششيءَ چيو: ”هان، ذرا ليٽي ئي وٺو. مان پيدل ئي هلي رهيو آهيان. آه! هن وقت ذرا آرام ڪرڻ کانسواءِ به رهيو نه ٿيندو. پنهنجي حياتيءَ ۾ ههڙي اڻانگي وقت ۾ شايد ئي ڪڏهن ٻاهر نڪتو هجان. ڪوبه ڊاڪٽر نه ويندو. آخر ڊاڪٽر به ته ماڻهو آهن.“ +غير مينهوڳي واري سانوڻ جي ٻپهري؛ جهڙ آهي، مينهن ڪونهي. چاهي سوڪ نه پيئي آهي پر آبادي به ڪونهي. فصل اٻالا آهن پرگاهه ٻاهه اڀريل آهي. کيتن ۾ جيڏانهن نهار بانس کتا پيا آهن. محنتي ڪڙمي پاڻي هاري تلاون مان ٻنيون ڀري رهيا آهن. هيٺينءَ سطح جي ٻنين ۾ پوک هلي رهي آهي. اتي ماڻهن- ڍورن جو ميلو متو پيو آهي. گاڏي اوچائيءَ تان ٻاهريون ڪپر وٺي هلي رهي آهي. اتي به ٻه چار هاري جند جان سان کيلي مشفت ڪري رهيا آهن. علائقي ۾ فصل ڪونهي، آسمان ۾ ڪڪرن جو نانءُ نشان ڪونهي ۽ ميگهه ڪٿي مڙي به آيا هت پاڻي اڻ لڀ. بارش ٿئي ٿي ته بيماري به گهٽجي ٿي. هن ڪيترا ڀيرا انڀو مان ڏٺو آهي ته جڏهن به بارش چڱيري وسي آهي، گهٽ ۾ گهٽ موسمي بخار دٻيو آهي. ان وچ ۾ الائي ڪيتريون ايجادون ٿي چڪيون آهن؛ مڇر ئي مليريا جو ٻج پکيڙين ٿا؛ ڪالرا جا جيوڙا پاڻيءَ ۾ وڌن ٿا؛ ڀوڄن دئاران ماڻهن تي حملو ڪن ٿا؛ مکيون تهائين ان کي وڌيڪ ڦهلائين ٿيون؛ ڪالرا جا ٽڪا نڪتا؛ ڪالرا جي علامت سڃاتي ويئي، ڪيترن روڳن جا روپ ظاهر ٿيا! سڀ ڪجهه ڏٺائين. حوَس البت پوري نه ٿيس؛ وڏو ڊاڪٽر بڻجي انهن جي (بيمارين جي) اصلي ڪارڻن جي تهه تائين وڃي جاچڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو نه ميلس؛ ڏٺائين- ٻڌائين، وشواس ڪندو ويو، ڪارج- ڪارڻ جي رهسيه کي ڏسڻ جي دويه- درشٽي هن جنم ۾ نه ملي گهيس تڏهن به گهڻو ڪجهه ڏٺائين، وچ- وچ ۾ ساڌ ٿيندي هيس: اَڻو کوج نيتر (دور بيني) دئاران جيوڙا اکين سان ڏٺا ويندا آهن. انهن جي شڪل، انهن جو طريقو، ڏسڻ جي ساڌ ٿيندي آهي. اڄڪلهه جڏهن ايڪس-ري ورتو ويندو آهي، تڏهن ڇا ٿيندو آهي، اهو ڏسڻ جي ساڌ ٿيندي اٿس. انسان جو هيءُ سهڻو جسم غائب ٿي وڃي ٿو- ان جو هڏائون پڃرو، ان جا آنڊا، زخم- اهي سڀ ڏسي سگهجن ٿا. موتيءَ ماءُ جي پير جي ايڪس- ري پليٽ ڏسڻ لاءِ من چاهي ٿو.‘ +اچانڪ هن جي ويچارن جو سلسلو ٽڙي پکڙجي ويو. ”هٿ لوڏي ششي اهو ڇا ڪري رهيو آهي؟“ ”ڀانئجي ٿو ڪنهن کي اشارو ڪري رهيو آهي! ڪير آهي؟ ڪنهن کي؟ ”ڪير آهي ڙي ششي؟“ +”جي؟“ +”هٿ لوڏي اهو ڪنهن کي ڇا چئي رهيو آهين تون؟“ +”مڇرن ۽ جيوڙن جا ٻچا آهن. منهن وٽ ڍيرن جا ڍير اڏامي رهيا آهن. مينهوڳي جا ڏينهن، بادل- پاڻي جو نالو به ڪونهي، پر هنن جي (جيوڙن جي) ٻوڏ برقرار آهي. ماڪڙ تِڏن کان به وڌي ويا آهن. هن سال کان ئي ته وڌي ويا آهن.“ ششيءَ خلاءَ ۾ بار بار هٿ هلائڻ لڳو. +”گاڏيءَ تي هليو آءُ.“ +”بس اجهو ته پهتس. سامهون ئي آهي هڪ دڙو. دڙي جي پرئينءَ پار گلا نئين چنڊي جي لنگهه دروازي تي رام هريءَ جو گهر. هيءُ آکاڙو آهي. ڳاڙهي سڻڪ سڌي هلي وراڪو کائي ويئي آهي. هڪ سائيڪل سوار وڃي رهيو آهي. ڳوٺ ۾ گهر ۾ به سائيڪل پهچي چڪي آهي ٻه چار ضرور هونديون. مهاشيه جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٻه گهوڙا ٻڌل هئا- بعد ۾ بيل گاڏيءَ سان ئي سفر جي پڇاڙي. +پرديوت سان هن جو ڪهڙو مقابلو! ڊاڪٽر کليو. پرديوت شايد موٽر خريد ڪندو. موٽر نه ته موٽر سائيڪل چئن ڪلاڪن ۾ ويهه ميل دور شهر وڃي واپس به موٽي ايندو. ڪوئي ڊوڙندو پيو اچي. +گاڏيءَ کي ڏسي هو رڪجي ويو- ”جلدي هلو.“ +رام هريءَ جي دروازي تي ڪيترائي آدمي اداس بيٺا هئا. اهو ڏسي سڻي جيون مهاشيه حيران نه ٿيو. هارٽ فيل ٿيڻ سان مرتيو ٿي هوندي. ان ۾ اچرج جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ گاڏيءَ ۾ سندس پوئتان ششي ويٺو هو. هن حيرت وچان پڇيو- ”ڇا ٿيو؟ ڇو ڀائي! ڇا ڳالهه آهي؟“ +”اوهان جي وڃڻ کان پوءِ چار دست آيا؟ ڪهڙي نه حالت ٿي اٿس!“ +مهاشيه اٿي ويٺو. پنهنجي بئگ تي هٿ رکي هن سوچي ورتو. اهڙي حالت ۾ هڪ ٻه سئي لڳڻ سان سٺو ٿئي ها. مڪر ڌوج مرگ ناڀي ته وٽس آهي پر سئيءَ جو اثر وڌيڪ سٺو ٿئي ها. ششي ته انهن معاملن ۾ سکڻو شنک آهي. سئي هڻندو ضرور آهي، هڪ سرنج به اٿس پر سندس سيون به سندس پوشاڪ ۽ بدن جهڙيون گنديون. سندس جنهن کيسي ۾ تماڪ جون گوليون رهن ٿيون. انهيءَ ساڳئي کيسي ۾ به هن کي سئي رکڻ ۾ هٻڪ نٿي ٿئي. ٻيو ته وٽس دوا به ڪانه رهندي آهي. دوا نه رهڻ تي هو ايڪوا (پاڻيءَ) جي سئي بي کٽڪي هڻي ڇڏيندو آهي. +سئي کي رهڻ ڏي. جيڪو ٿيڻو هو سو مڪر ڌوج سان ئي ٿيندو. رام هري جڏهن ايتريقدر تيار ٿي چڪو آهي تڏهن سئيءَ سان موت کي اينگهائڻ مان باقي ڪهڙو لاڀ؟ گيان گنگا ٿي يا گان گنگا نه ٿي ته ڇا ٿيندو! +موت کي ڌرو (اٽل) ڄاڻي ان کي اپنائڻ لاءِ تيار رهڻ وارو من ئي سڀ کان وڏو آهي. نهايت ضرورت پوڻ تي ماکيءَ جي نافت ۾ ڳڙ کان به ڪم وٺبو آهي. تيرٿ ۽ نام جي پڃ جي وشواسي رام هريءَ جي اکين اڳيان ديوتا جي مورتي ۽ ڪيرتن تيرٿ جي ڪميءَ کي ڪنهن حد توڻي پورو ڪندا. گيان گنگا دئاران جيڪڏهن مڪتي جي ڳالهه سوچي وڃي ته ڀاڳيه جي به ته سوچڻي مڃڻي پوندي؟ اهڙو ڀاڳه رام هريءَ جو ٿئي ڪٿان؟ +ڇا ڪرڻو آهي، اهو طئي ڪري ئي جيون مهاشيه اندر گهڙيو. من ئي من هن اهو طئي ڪري ورتو هو ته جيون مهاشيه کي هو ڇا چوندو. پر روڳيءَ کي ڏسندي ئي هن ڀرون تاڻيون. هيءُ ڇا؟ بيجان رام هري هڪ تختي تي پيو آهي. شرير جو رنگ هيڊو ٿي ويو اٿس. پلڪن ۾ اڏام جو موهه. نظر ڪمزور. رکي رکي پنبڙيون ٻوٽجي رهيون آهن. بار بار هو پلڪن کي ڦهلائي ٿو. پلڪون کولڻ سان به نگاهن ۾ آترويلا ڪانهي، ڪوبه سوال ڪونهي، ڪائي چاهنا ڪانهي. هيءَ حالت ڪهڙي؟ ڪُل ملائي هيءَ حالت رڳو دستن سان ته نٿي ٿي سگهي؟ پنهنجي هيترن ڏينهن جي انڀو دئاران هو سمجهي ويو ته روڳي چيچلائي چيچلائي هن حالت تي پهتو آهي. گهر مان اچڻ واري بدبو، روڳي جي شڪل ۽ اهڃاڻ مان کيس ذرو به شڪ نه رهيو ته هيءُ روڳ ڪهنو ڳاريندڙ ۽ اتيسا آهي. اڄوڪا ايلوپئٿي ان کي انٽيسٽائينل ٽيوبر ڪيولاسز چوندا. خوردبيني جي جاچ سان ان ۾ سلهه جا جيوڙا به ملندا. سلهه ماڻهوءَ کي ڌيري ڌيري ڳاريندي آهي. اها حالت اوچتي نه ٿيندي آهي. مريض گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن ڏينهن کان هن حالت ۾ گذاري رهيو آهي. ٿورو ٿورو وڌي اڄ هيءَ نازڪ حالت ٿي وئي آهي. +ششي پاڻ اُٿي هڪ موڙو کڻي آيو. بستري جي ڀرسان رکي رام هريءَ جي ڪن ڀرسان زور سان پڪارڻ لڳو: ”رام- رام! ڊاڪٽر بابو آيو آهي.“ +”رهڻ ڏي. ڳالهائڻ ۾ کيس تڪليف ٿيندي. کسڪي اچ، آءُ ڏسان.“ +ششي اٿي ويو. وري جهڪي چيائين: ”ههڙي حالت ۾ هيءُ دستاويز ڇا جو؟ بستري تان هن هڪ دستاويز کنيو. اتي ئي پيو هو. +ايتري ۾ رام هريءَ جي جوان استريءَ جو ڀاءُ سامهون اچي بيٺو. هوءَ اوچي ورڻ جي وڌوا هئي. پنهنجن سان سمورو ناتو هن رام هريءَ سان شادي ڪري ٽوڙي ڇڏيو هو. پر هن جي بيمار پوڻ تي ڀيڻ جي آپدا ڪال ۾ لاچار ٿي ڀاءُ کي اچڻو ئي پيو. پندرهن ويهن ڏينهن کان هتي آهي. هن چيو: ”هوءَ وصعيت آهي. هن جي خواهش هئي، ڊاڪٽر بابو جي اچڻ کان پوءِ اڱوٺي جو نشان لڳائي؛ ڊاڪٽر بابوءَ کي شاهد رکي. پر جيئن ته هن جي حالت هيءَ ٿي ويئي، سو چيائين- خبر ناهي ڊاڪٽر بابو جي اچڻ کان اڳي ئي ڪجهه ٿي پوي. ڪجهه چئي به ته نٿو سگهي! سو هن پنهنجي آڱوٺي جو نشان لڳايو، شاهدن جي صحي ڪرائي- تهان پوءِ ڏسندي ڏسندي هيءَ حالت!“ +سيرانڌيءَ جي ڀرسان هڪ جوان استري وڏو گهونگهٽ ڪڍي ويٺي هئي هوءَ روئڻ لڳي. ڊاڪٽر هڪوار ڏانهنس نهاريو. ان بعد نبض پڪڙي اکيون ٻوٽي ويهي رهيو. ڏاڍي ڪمزور ناڙي، روڳيءَ جهڙي ئي ڪمزور ڌيمي ڌيمي هلي رهي آهي. جيستوڻي آهي، ان کي هلڻو ئي آهي. رڪجڻ جو وقت ناهي، اڌڪار ناهي، اپاو ناهي. وچ وچ ۾ ڏڪي رهي آهي، چنڊ ۾ گرهڻ لڳڻ سان جيئن چنڊ ڏڪندو آهي، ساڳيءَ طرح جي ڏڪڻي. وڏي سوکيم انڀو سان ڄاڻي سگهبي آهي. ان ۾ هاڻشڪ ڪونهي ته آنڊن کي جيوڙا ان ريت کائي رهياآهن جيئن ريشم جا جيوڙا توت جا پتا کائيندا آهن. جيڪي به هجي ترت مرڻ جو اهڃاڻ کيس نظر ڪين آيو. +اسٽيٿسڪوپ دئاران هن ڇاتيءَ جي ڌڙڪڻ جي تپاس ڪئي. جيڪا حالت آهي، ان ۾ ته ڪنهن به حالت ۾ اوچتو چالاڻو نٿو ٿي سگهي. ناڙيءَ جي گت سان ڇاتيءَ جي ڌڙڪ جي ساڳي سنگت، جهڙي سازيندڙ ۽ راڳيءَ جي! ڪمزور هوئڻ جي باوجود سنگت نٿي رڪجي. +وري هوڏانهن ششي بڪ بڪ ڪندو پيو وڃي- ”هيءَ بيماري پشاچ آهي. اچانڪ دست آيا ته ناڙي غائب! روڳيءَ جون اکيون ٻوٽجي ويئون. اڄ ستن ڏينهن کان مان چوندو پيو اچان- ادا جيڪي به ڪرڻو آهي سو ڪري وَٺو. گنگا ڪناري هلڻو آهي ته نڪري پئو. ڊاڪٽر بابو کي ڏيکارڻو آهي ته وٺي اچان هن کي. مگر ڏيهاڙي ساڳيو ئي جواب- سڀاڻي. روز سڀاڻي موت ڪونه ايندو اهي. اهو ته ڪڏهن ڪونه ايندو آهي. ڀلي ماڻهوءَ جي هڪ ئي رٽ هجي ته، سڀاڻي. هاڻ سنڀاليو. ٿي ويو نه؟“ +هوءَ عورت وري روئڻ ۾ اچي ڇٽڪي. +ششي وري ٻولڻ لڳو. ٿئي به ڪيئن؟ ڀاڳ ۾ هجي ته ٿئي به؟ اهو به ته ڏسڻو پوندو ته ڪرم ڦل ڪهڙو آهي؟ گنگا ڪناري هوش رهندي مرتيو ٿئي، ان جي لاءِ ڪرم به ته اهڙا گهرجن. اسان جي شاسترن ۾ اچي ٿو ته ويڄ ڇا ٿو ڪري سگهي، ڀلي ڌنونتري ئي ڇو نه هجي، چاهي ڇونه هجي نيل رتن بابو يا ڊاڪٽر راءِ؟ ٻيو دوا به ڇا ڪري، اها چاهي امرت ئي ڇو نه هجي، چاهي ڏهه ويهه روپين جو ٽوٽڪو ئي هجي. ڪُپڙيءَ ۾ ڪڻا نه هجي ته ڪنهن کان به ڪجهه نه ٿي سگهندو اهو به ٺيڪ ساڳي ريت آهي، ڀاڳيه ڪرم. سٺي مت هجي ته ڇا، وقت سر دماغ بدلجي ٿو وڃي ۽ ساري ڪئي ڪمائي چوپٽ ڪري ٿو ڇڏي.“ +مهاشيه اٿي بيٺو. ڏسي چڪو هو. +هاڻي اها استري سندس پيرن تي ڦان ٿي ڪري- ”ڊاڪٽر بابو، منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي!“ +مهاشيه هڪوار سڀني ڏانهن نهاريو. چي- ”ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. اُٿ- اُٿ.“ +ششيءَ به تڪڙو- تڪڙو چيو: ”اُٿ، اُٿ. جڏهن ڊاڪٽر بابو چيو آهي ته ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي، ته روئين ڇو ٿي؟ ڊاڪٽر بابو ٻه ڳالهيون ڪونه ڪندو آهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هٽي وڃ. اُٿ.“ +مهاشيه ٻاهر نڪتو. سڀ کان اول هن جي نظر پيئي، سائيڪل تي. سڏ ڪيائين: ”ششي!“ +ششي چئي رهيو هو: ”اڙي! ها، ها. اهوئي هوندو. هن جهڙو آدمي! ڀلا هو ڪڏهن ڏسي سگهيو ٿي ته هڪ ويچاري اٻلا برباد ٿي وڃي؟ سٺي گهر جي نينگري، اوچ ذات جي ڪنيا- ’مني نانچ مَتي ڀرم‘- مت گِسڻ سان ئي جيڪي ڪجهه ڪيو اٿائين ان جي سزا، ان جو ڦل ته ڀڳوان ڀوڳائيندو. اسان انسان آهيون، اسان کيس برباد ٿيڻ نه ڏينداسون. بس.“ +پڪارڻ سان اڳي ئي هن جو آواز جهڪو ٿي ويو هو، هاڻي ماڳيهي ٿڌو ٿي ويو. +”هن کي ماري ئي ڇڏيئه تو” ڄاڻي ٻجهي؟ يا ڄاتئه نٿي، سمجهي نه سگهئين؟“ +”جي؟“ +”هيءَ حالت ته اڄ ٽن ڏينهن کان آهي. جيڪڏهن تنهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو ته گهرائي ڇو نٿي ورتئه؟“ +”جي نه، ڪالي ماتا جو قسم!“ +”ششي!“ ڊاڪٽر دٻ چاڙهيس. +”پنهنجو قسم، ڀڳوان ڪِرييا، گروءَ جو سوڳنڌ...“ +مهاشيه ڌيمي سُر ۾ چيو: ”توهان ڪيترن ماڻهن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏڻ جڳائي. چلائي نه. جيڪي چوان ٿو سو ٻڌ. جيڪو نوجوان سائيڪل تي اسان کي ڏسڻ ويو هو، سو ڪٿي آهي؟ اجهو هيءُ رهيو! اڙي ڇوڪرا! ٻڌ. ذرا مس قلم کڻي اچ. آئون دوا لکي ٿو ڏيانءِ. ونيه جي دوڪان تان وٺي اچ. ٻيو بازار ۾ جيڪو ڊاڪٽر هريندر بابو آهي نه، هيءَ چٺي هن کي ڏج. سمجهي وئين؟ تڪڙو وڃ.“ +مگر ششي کي دٻائي رکڻ به سٿرو ته ڪونهي. انهيءَ ڪرت تي هو زنده آهي. هن ڇوڪري جي هٿ مان نسخو ۽ چٺي ٻئي وٺي ڏٺا. چي: ”گلوڪوس جي سئي هڻندس؟ انٽروينس؟“ +”ها، هيءَ بيڪسي ان سان ئي ويندي. تنهن کان اڳي مڪرڌوج ڏيندس.“ +”بيوسي ويندي؟“ +”ويندي. هن کي مرتيو- روڳ ٿيو آهي. پر موت جي علامت اڃا ظاهر نه ٿي آهي.“ +”نه ٿي آهي. سئي ته اوهان ئي هڻندا؟“ +مون ڊاڪٽر هريندر کي سڏايو آهي. اهو ئي انجيڪشن ڏيندو. جيڪڏهن نه ٿي سگهيو ته مان ڏيندس.“ +”۽ جيڪڏهن مري وڃي؟“ +”اهو مان سمجهي وٺندس.“ منهنجو ويچار آهي، رام هري اڃا بچندو، گهٽ ۾ گهٽ ڪي مهينا. پوءِ وصيعت ٻصيعت جيڪي ڪرڻواٿس سو ڪندو پنهنجو. نه ڪوئي ٿيو ته مان گواهه ٿيندس. هن وصيعت لاءِ ئي هن جو اٿي ويهڻ لازمي آهي.“ +ششي چپ ٿي ويو. +مهاشيه چيو: ”وصيعت ۾ ڇا آهي، مو�� کي سڌ ڪانهي! شايد ٻيءَ زال جي نالي ۾ ئي سموري ملڪيت لکي هجائين؟“ ذرا ساعت چپ رهي وري ڪنڌ ڌوڻي چيائين: ”پر ائين ته ٿيڻ نه گهرجي. مونکي رام هريءَ جي نيت سمجهڻي پوندي. هن جي اڳيئن گهر مان پٽ مري چڪو آهي؛ پر هن جو پٽ؛ رام هريءَ جو پوٽو جيئرو آهي. ننهن موجود آهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڀانيان ٿو ته هيءُ رهجي ويندو. علاج جي لاشڪ ضرورت آهي. ڪوشش ڪرڻي پوندي، اها ڪوشش آئون ڪندس. اهائي گيان گنگا- ياترا ٿيندي رام هريءَ جي- رام هريءَ جا ڇهه ئي ويري سڄي زندگي جي موت کي پڪاريندا رهيا آهن. نشچت مرتيو جي طرف سولائيءَ سان وڌڻ ۾ جيون نٿو ڊڄي. جيون ڊڄندو تڏهن آهي جڏهن موت پاڻ وڌندو اڳيان اچي ٿو تڏهن زندگي چيخ ڪري اٿندي آهي. اهڙي حالت ۾ گيان گنگا ممڪن آهي؟ ون وهاريءَ کان نه ٿي سگهندو. رام هري به نٿو وڃي سگهي. هن جي ٿڪي ماندي، سنهڙي ٿڳڙي ديهه، جهڪو آواز رکي رکي اکين ۾ سڃ لهندي پئي اچي، هڪ ٻه ڀيرو پلڪن کي ڦهلائي ٿو- ان درشٽيءَ ۾ ڪيترو نه ڊپ ويڙهيل آهي، اف! ڪهڙي نه آنڌ مانڌ!“ +ڊاڪٽر هريندر جي اچڻ تائين ڊاڪٽر جيون ويٺو رهيو. وچ ۾ هڪ ڀيرو وري ناڙي ڏٺائين. گت ڪجهه سٻل ٿي آئي هئي، لرزش به آهي. مکڙو ٽڙي پيس. هريندر جي ايندي ئي کيس سڀ ڪڇ سمجهائي چيائين- ”گلوڪوس جي سئي ڏينس. مان چوان ٿو تون ڏينس. جوابدار مان رهيس. ڊڄ نه.“ +هن هڪوار وري ناڙي جاچي. مڪر ڌوج جي گرمي ۽ شڪتي ناڙي ۽ شرير ۾ صاف واسو ڪري چڪيون هيون. ڪرائي ڇڏي چيائين: ”سئي لڳائينس.“ +سئي لڳائي هٿ ڌوئڻ بعد روڳيءَ جي حالت کي ڏسي هريندر چيو: ”اوهان جو هيءُ طريقو نهايت غضبناڪ آهي! غضب!“ +جيون مهاشيه کلي پيو. ٻيو ڪري به ڇا؟ ان جو جواب به ڪهڙو ڏي؟ +ڊاڪٽر هريندر چيو: ”هڪ ٻيو شڀ سماچار اوهان کي ڏيان. وِپن جي هڏڪي بند ٿي ويئي آهي. اڃا هاڻي اچڻ کان ٿورو ماند خبر ملي اٿم. اوه، هن جي هڏڪي ڏسي مان ته اميد ئي لاهي ويٺو هوس. پويون چار راتيون ته هو بنهه سمهي ڪين سگهيو. پيٽ ۾ هڪ داڻو نه ٽڪي سگهيس. اچڻ کان اڳي مان کيس ڏسندو آيس. مزي ۾ ننڊ ڪري رهيو آهي. اوهان کي به هنن ڪوٺايو هو- سڀ ان اول. ماڻهو مڪو هئائون، پر اوهان گهران نڪري چڪا هئا. ٻڍڙو رتن بابو ڪيترو نه احسانمند آهي، ڇا ٻڌايانو! ڊاڪٽر پرديوت به آيو هو. هو سناٽي ۾ اچي ويو هو. گنڀير ٿي چيائين، هن لاءِ هينئر ڪجهه چئي نٿو سگهجي هڏڪي وري به شروع ٿي سگهي ٿي، دوا جو اثر به ٿي سگهي ٿو. ها، هينئر جيڪا نازڪ حالت هئي، اها پار ٿي ويئي. هن کي ان تان ڏاڍو اچرج لڳو آهي. موٽندي وقت رستي ۾ مونکي چيائين، هن ٻڍي جو راز منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي. مون کي ان معاملي ۾ شڪ ڇو ٿي رهيو آهي، اوهان کي ڄاڻ آهي؟ اڄ وري ڊسپيپسيا جو هڪ روڳي آيو، ضرور هڪ سخت قسم جي بيماري آهي، ٻڍي هن کي به چئي ڏنو ته تون بچي نه سگهندين. ڪيترن ڏينهن جي ته شايد کيس معياد به ٻڌائي اٿائين.“ هريندر مهاشيه ڏانهن نگاهه وجهي کانئس پڇيو، ”اوهان ائين چيو آهي ڇا؟“ +جيون مهاشيه هريندر ڏانهن نهاريندي درڍتا سان وراڻيو: ”مون غلط ڪونه ٻڌايو آهي ڀاءُ. دانتو انهيءَ روڳ ۾ مرندو. ها، مون ڪائي معياد مرڻ جي ڪانه ٻڌائي آهي. بس اهائي بيماري سندس مرڻ جو ڪارڻ ٿيندي. ان رائي ۾ رتي جو مون کي شڪ ڪونهي.“ وري ڳوڙهي آواز ۾ ڳنڀير ٿي چيائين، ”هن روڳ ۾ ڌانتو جو ڀاري دشمن وڃي مليو آهي. گهر ۾ باهه لڳڻ سان سڄو گهر ڀسم ٿي ٿو وڃي، ائين هروڀرو ناهي پاڻي وجهڻ سان باهه وسائي به سگهجي ٿي، وسامندي به آهي. پر باهه جي سهائتا ۾ هوا به اچي شامل ٿئي، ته مٽن جا مٽ پاڻي وجهو، ته به باهه ڪانه وسامندي. هوا جي سهاري پنهنجي ڄڀين سان آلي چت کي سڪائي باهه لپيٽي ڇڏينديس. دانتو کي آهي پيٽ جو مرض ۽ ان ۾ اچي مليو آهي هن جو دشمن هٻڇ، اچي ڇا مليو آهي، اهو ته ان روڳ جو هڪ انگ، مرض جي علامت بڻجي پيو آهي. منهنجو پتا جي چوندو هو- جڳت مهاشيه چوندو هو، سنسار ۾ ماڻهن کي سنياسي جهڙي شڪتي چاهي نه هجي، سڀني ويرين کي سنياسي جهڙي شڪتي چاهي نه هجي، سڀني ويرين کي هو ڀلي نه جيتي سگهي پر ڪن ويرين تي سوڀ پائي گهن ٿا. ڪو ٻن ويرن کي جيتي ٿو ته ڪو ٽن کي؛ ڪو- ڪو پنجن ويرين کي به دٻائي وٺي ٿو. پر هڪ- وري ڊگهو ساهه کڻي چيائين، ”هڪڙي کي نٿو جيتي سگهي. هڪ رهجي ئي وڃي ٿو. اهو ئي لنگهه جو رستو بڻجي ٿو. ان جي دئاران ئي مرتيو جو واهڻ منش جي سرير اندر داخل ٿئي ٿو. ان تي به جيڪڏهن ان جو دربان ئي دروازو کولي مرتيو کي سڏ ڪري ته هن جو خير ٿي سگهي ٿو ڀلا؟ رکشڪ ئي پکشڪ بڻجي ٿو ويهي. ڪنهن چيز ڏانهن لاڙو هوئڻ ته ڀاءُ برو ڪونهي. دنيا ۾ لاڙو ئي خواهش آهي. اها پرورتي يا لاڙو جيستوڻي سٺي خواهش بڻجي رهي ٿي. تيستوڻي رکيڪ آهي. کاڌي جي کڻي ڳالهه وٺو. جيستوڻي لاڙو سٺي خواهش ڏانهن آهي بري کاڌي کان بچندو. پيٽ ڀرجندي ئي سٺي سڌ چوندي، بس وڌيڪ نه. پر من جو لاڙو جڏهن بري خواهش يا ترشنا بڻجي ٿي ته اهائي بڻجي پوي ٿي دشمن- ويري. تڏهن به ان کي ترپتي نٿي ٿئي. ڇوٽڪارو ڀاڄ کائي وڃي ٿو. ان ڪري جنهن روڳ جو دشمن سان ميل جوڙ هوندو آهي اهو بيشڪ مرتيو- روڳ ثابت ٿيندو آهي.“ +اهي ڳالهيون موٽندي وقت ٿي رهيون هيون. مهاشيه پيدل ئي موٽي رهيو هو. ششي غائب هو. گاڏي به ڪانه ملي. لاچار هريندر به سائيڪل جهلي ساڻس گڏ پيدل هلي رهيو هو. ڳالهيون ٻڌڻ ۾ کيس مزو اچي رهيو هو. چپ چاپ ٻڌندو پئي هليو. نظر هيٺ جهڪائي هلي رهيو هو. ڳالهيون ڪڇ مبهم ۽ جذباتي هوندي به بي مزي ڪانه هيون، غير مناسب به نٿي معلوم ٿيون. پر هيترا ورهيه سانده سائنس پڙهي اچڻ کان پوءِ اهو سڀ ڪڇ ڪيئن ٿو مڃي سگهجي؟ پر وري به هو ڳوٺاڻو ٿيو، ننڍپڻ جي سنسڪارن ۾ ان جو هڪ دٻيل- لڪل جهوڻو اندر ۾ آهي، انهيءَ سڪل چشمي جي ڌٻڻ ۾ اڻڄاڻائيءَ ۾ اهي ڳالهيون به خشڪ ٿينديون پئي ويئون- گم ٿينديون پئي ويئون. وري جيون مهاشيه جهڙي بزرگوار ۽ انڀو شخص سان بحث ڪرڻ جو به سندس ارادو ڪونه هو. +جيئن ته هريندر ماٺ ۾ هو، ان ڪري مهاشيه اتساهت ئي ٿيو. چوندو ويو- ”ذرا راڻا پاٺڪ جو ئي سوچ- اپار شڪتي! کيس راڪاس ڪري چئجي. هن جو دشمن بڻيو گهڻو ڪم، سمجهيهءِ، هن جي مٺن پيشابن جو علاج ڪري رهيو آهيان؛ ڪيترا ڀيرا گرمي ٿي چڪي اٿس، مون کيس ڪٽوا اماڻي ڊاڪٽر مڻي بابو وٽ علاج ڪرائڻ جو انتظام ڪيو آهي. هاڻي وري کيس سلهه ٿي پيئي آهي. هن ٻڌايو، هڪ استريءَ کان ڇوُت لڳي ويئي اٿس. ان جو مطب اهو ٿيو ته هن ڄاتو ٿئي ته هن عورت کي سلهه آهي، پوءِ به پاڻ کي روڪي نه سگهيو.“ +هينئر هريندر هلڪو کليو. +جيون مهاشيه چوندو ويو- ”توهان ماڻهن ڪونه ڏٺو آهي؛ پر نالو ضرور ٻڌو هوندو، وڏو زبردست (ڀڃينڪ) ڪيرتني. اڙي، اهو ئي سندرداس! سندر نالو، ڪم به سندر؛ ڏسڻ ۾ به سندر ۽ ڳائڻ ۾ به. کيس ڏسي نيڻ ٺري پوندا هئا، من پوتر ٿي پوندو هو. ماڻهو کيس ساڌڪ سڏيندا هئا. منجهس ساڌنا به هئي. نرلوڀي، ڪروڌ هيڻ، شيرين گو، نماڻو، موهه، ايرکا به ڪونه هوس، صرف ڪام هوس. ڪام کي هو ڪونه جيتي سگهيو هو. جيوت جي پوين ڏينهن ۾ هو وحشي ٿي پيو، محتاج به ٿي پيو، ماڻهن چيو، ڪائي ساڌنا ڪندي هن جي هيءَ حالت ٿي ويئي آهي. اسان کي به اهڙو ئي يقين هو. پر جڏهن گرو رنگ لعل وٽ ڊاڪٽري پ��هي رهيو هوس تڏهن هن هڪ ڏيهاڙي ساڳي ڳالهه ڪئي جيڪا هنيئر مان توکي ٻڌائي رهيو هوس. چيائين- جيون تو بلڪل صحيح چيو آهي. مان سندرداس کي ڏسڻ ويو هوس. هو ئي ته تنهن ڏينهن راهه رباني وٺي ويو. پر هن جي ڳالهه برابر ياد ايندي رهي ٿي. هن ويشڻو ڪيرتنيءَ ڀڃينڪ تي ڪڏهن ته غصو به اچي ٿو؛ ڪڏهن ڪڇ، هو نهايت بيوسيءَ جي حالت ۾ روڳ جي دشمنن هٿان مارجي ويو. پاڳل ٿي پيو هو، گرميءَ جي زهر وچان، مٺن پيشابن جي زهر وچان.“ +کن ساعت ترسي مهاشيه وري چيو هو- ”هن وپن بابوءَ جي ڪيس کي ئي وٺ. هتي به دشمن جو ساڳيو هٿ آهي. ايرکا به هڪ طرح جي ويري آهي. جنهن کي پنهنجي عزت جو خيال ڪونهي، اهو به ڇا انسان آهي؟ پر اها ماڻهوءَ جي پرورتي جڏهن سندس دشمن بڻجي پوي ٿي ته ڪهڙو نتجيو نڪري ٿو، ڏسي وٽ.“ +حيران ٿي هريندر پڇيو هو- ”يعني وپن بابو جي باري ۾ اوهان؟....“ سوال اڌورو ئي رهجي ويس. +”نه. ائين مان نٿو چوان. پر ڏاڍو مشڪل آهي؛ بيحد مشڪل.“ +”اڄ ته هو ٺيڪ ئي آهي. مون کي ته ٺيڪ پئي لڳو. هڏڪي بند ٿي ويئي اٿس. سمهيو پيو آهي.“ +”ٺيڪ ئي رهي؛ ٺيڪ ٿي به وڃي. پر ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ به هو ٺيڪ رهي نه سگهندو هريندر. وري کٽ جي شرڻ وٺندو. من جو لاڙو جڏهن دشمن بڻجي ٿو پوي، تڏهن ان کي روڪڻ محلا ٿيو پوي.“ +”مطلب ته اوهان جو ويچار آهي هن ڀيري هو ٺيڪ ٿي ويندو؟“ +”اهو به مان ٻڌائي نٿو سگهان. صرف ٻه ڏينهن ته مونکيس ڏٺو آهي. ان تي به من چنچل آهي. رتن کي ڏسان ٿو، وپن جي نينگر تي نظر پوي ٿي. سمجهي وئين؟ هن نينگر کي ڏسندي ئي، ون وهاري مون کي ياد اچي ويو.“ +مهاشيه ڊگهو شوڪارو ڀريو ۽ کلي به پيو. ان بعد امالڪ چيائين: ”ذرا چنڊي مندر هلڻو آهي. هلندين؟ مهنت اڄ موڪلائي رهيو آهي. هلي ڏسي اچانس. اڄ رات جو ئي هو ديولوڪ پڌرابو.“ +ان وچ ۾ مهنت کي ٻه ٽي ڀيرا ٻيا دست آيا. هٿ پير ڍلا ٿي ويا اٿس. آڱرين جون ٻنڌيون ٿڌيون ٿي ويئون اٿس، پنبڙيون جهڪي آيون اٿس. ڪنهن گنڀير ڇانيل بار هيٺان دٻجي، رکي رکي منهن کي به گهنجائي ٿو، شايد ڪا پيڙا اٿس، سخت پيڙا! +هريندر چيو: ”اوهان چاهيو ته هڪ سئي هڻان؟“ +مهاشيه چيو: ”هڪ ويڄ جي ناتي مان منع ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ ڏيڻ چاهين ٿو، ته ڏي انجيڪشن.“ +مهنت جي شش روڪيو: ”سئيءَ جي لاءِ بابا جي منع ڪيل آهي. هن بار بار منع ڪئي آهي ته سئي يا ٻئي ڪنهن به قسم جو علاج نه ڪيو وڃي... مونکي مهاشه ٻڌايو آهي ته اڄ ڇوٽڪارو گهرجي. شرير قيدخانو بڻجي ويو آهي.“ +شرڌا جي خوشيءَ وچان مهاشيه جو منهن ٻهڪي پيو. هن هريندر جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”ترس.“ هريندر هڪو ٻڪو ٿي مهنت جي وساڻل شري رکي ڏسندو رهيو. هريندر مڪاني ماڻهو آهي. ڊاڪٽري پاس ڪيل آهي، پر ههڙا قصا گهڻا ڀيرا ٻڌا اٿائين. اڄ به ماڻهو آهن، جي سڪرات ويل دوا جون شيشيون هٽائي وات ۾ کير ۽ گنگل جل ڏين ٿا. اڳي جون به انيڪ عجيب و غريب ڳالهيون ٻڌيون اٿائين. وري به موت جو نظارو جيڪو هينئر هو ڏسي رهيو آهي، اهو هن لاءِ نئون ۽ انوکو آهي. +ٿلهي متاري ڏيل وارو، اڄ هڏائين پڃري جي صورت ۾ ڪوماڻل آهي. ساهه کڄي رهيو آهي. نهايت آهستي. اوچتو ائين ڀاسيو جو ڏاڍي هلڪي نموني ٻئي چپ ڏڪي رهيا آهن. +هن اشاري سان مهاشيه کي ڏيکاريو. +مهاشيه چيو، ايشور جو نالو جپي رهيو آهي. اندر ۾ سوجهرو اٿس. اتيسار وگهي مرڻ تائين روڳين کي گيان رهندوآهي. +هريندر بحث ڪونه ڪيو. بحث جي گنجائش آهي. +مهاشيه چيو: هٿ ڏانهن نهار. +مهنت جون آڱريون ’جاپ‘ جي ’موُڊ’ ۾ هيون. +شش ڀولانٿا اچي چيو، ته مهاشيه جي ٻاهر ڪڍون؟ +’ها، ها. ٻاهر ڪڍو. ديهه تياڳي ته ٻنڌڻن ۾ ڇو؟ آڪاش جي هيٺ، ماتا جي آڳنڌ ۾.‘ ٻاهر ماڻهو مڙي ويا. مهاشيه جو نرنيه ٻڌي مهنت صبوح جو ئي شش کي گهرائي تاڪيد ڪئي هئي، ته ”ٻن ٽن ڳوٺن جي ڀڄنيڪن ۽ راڳائين کي سماءُ ڪري ڇڏ. چوائي موڪل ته اڄ مون کي موڪل ملي ويندي. مان چالاڻو ڪندس. توهان پنهنجون ٽوليون وٺي اچي پڌارجو. هري نام ڳايو.. نام ڪيرتن سڻندي سڻندي مان ڪوچ ڪندس. ٻنڌڻ خلاص ٿيندا. سهاور ملي ويندو.“ +مهاشيه خود ٻاهر نڪري چيو. ”رام رام. نام- گان ڪريو. جئه گووند!“ +مردنگ- باجا- کڙتال وڄڻ لڳا. مهاشيه پاڻ سڀ کان اڳي کڙو ٿي بيٺو. نام جي ٻيڙي گهاٽ تي لڳي آهي، تنهن کي هري نام سان گڏوچ سير ۾ ڇڏي ڏيو. +ڌيري ڌيري ماڻهو مهنت کي کڻي ٻاهر آيا. آڪاش جي هيٺ ديوي ٿان جي چبوتري تي کيس ليٽائي ڇڏيائون. ساهه هنجو تيز کڄڻ لڳو. +هريندر هڪوٻڪو بيٺو رهيو. ڊاڪٽر جي ناتي هينئر کيس موٽي وڃڻو هو. اها کيس سمڪ به ڪانه رهي. هيانءُ ماندو ٿي ويس ”عجيب آهي!“ + + +[23] +اٽڪل ڏيڍ مهيني بعد. +مهاشيه ۽ ستاب شطرنج کيلي رهيا آهن. بڊي جو مهينو، پر ان وچ ۾ ئي اَڀ ڪڪرن کان صاف سٿرو ٿي چڪو آهي. خشڪ سالي جي برسات هفتو اڳي ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ هڪ هفتي اندر ئي سرءُ جي مند بڻجي آئي آهي. اڄ وري شطرنج جو داو به خوب ڄميو آهي. وڇايل فراسيءَ جي ڀر ۾ ئي ٿالهي رکي آهي. چانهه جا ڪٽورا پيا آهن. جنم اشٽمي گذري چڪي آهي. عطر پڪل تاڙ جا وڙا ٺاهيا آهن، ٿوري کيرڻي به رڌي اٿائي. ناشتو ڪري همراهه راند ڪرڻ ويٺا آهن. ضرور مهاشيه ڪجهه ڪين کاڌو آهي. هو اوير ۾ چانهه ڌاران ڪي ڪين ورتائيندو آهي، اها عادت هن ڊاڪٽري سکڻ وقت ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ ئي پرائي هئي. ماڻهن کي هو ضورر اپديش ڏيندو آهي ته ڪجهه کائي ڪري چانهه پيئندا ڪريو، پر پاڻ شام جي چانهه بنا ڪجهه کائڻ جي ئي نوش ڪندو آهي. کائڻ ۾ ڪجهه وقت وڌيڪ لڳي ٿو وڃي، بک نٿي رهي، هڪڙو ڪارڻ ان جو اهو به آهي پر اصلي ڪارڻ ته ڪو ٻيو ئي آهي. سنجها کانپوءِ يعني شطرنج کيڏڻ کان پوءِ چاهي ست وڄن، چاهي اٺ وڄن، چاهي ٻارهن وڄي وڃن، هت منهن ڌوئي ڪپڙا لٽا پهري اشٽ ديو کي سمرڻ ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪجهه کائيندو آهي. پرمانند ماڌو! +عطر جو مزاج اڄ ٺڪاڻي تي آهي. ڪالهه جم اشٽميءَ جو اپواس ڪيو هئائين، اڄ نوتو ڏيئي ستاب جو هن ’براهمڻ ڀوڄ‘ ڪرايو آهي، شام جو جل پان به ڪرايائين. جل پان جي شوقين ستاب جي استريءَ ڪاڻ ڪجهه وڙا ۽ کيرڻي جي سوغات ٻڌي ڪري رکي ڇڏيائين. خوش آهي. رڳو براهمڻ ڀوڄ ئي ڇا، پتي- پتني برهم ڀوڄن ٿي ويو! ورت- اپواس ڪرڻ سان عطر ٻائي ٺيڪ ٿي گذاري. شايد هن جي پرلوڪ جي ڪلپنا ان ڪري ٻهڪي ٿي پوي. بندوبست به سٺو ٿي ويو. شڪايت جي ڪا گنجايش ئي ڪانه هئي. مهاشيه، پراني ميان کي ڪجهه عمدا پڪا تاڙ موڪلڻ جي تاڪيد ڪري ڇڏي هئي. رام هريءَ وٽان سٺي ۽ شڌ سامگري اچي ويئي هئي- سنهو اٽو، عمدا اوچا چانور، ٿورو گانءِ جو گيهه، ڊالڊا، تيل، ڀاڄيون ۽ هڪ مڇي. رام هري هينئر مرڻينگ حالت کان ڪافي بهتر ٿي ويو آهي. هن جي ننهن ۽ پوٽو به پهچي ويا آهن. اهي ئي سندس شيوا ٽهلڪري رهيا آهن. مهاشيه ڏانهن هنن سڀني جي شڪرگذاريءَ جي ڪائي حد ڪانهي. هن جي نئي استري پنهنجي ڀاءُ سان ڀڄي ويئي آهي. البت هو چيڙاڪ ٿي پيو آهي. ششي تي ته هو شبد ڀيدي ٻاڻ جهڙا تڪا ويڻ ڇڏيندو رهندو آهي. ننهن ۽ پوٽي تي به وسڪارو ڪندو رهي ٿو. پر ان چڙڻي سڀاو جي باوجود مهاشيه کي ڏسندي ڀنل اکين سان چوندو آهي- ”بابو جي، اڳئين جنم ۾ اوهان ضرور منهنجا پتا رهيا آهيو...“ تنهن ڏينهن کان هو لڳاتار ويهن ڏينهن تائين رام هريءَ کي ڏسڻ اچي رهيو آهي. +رام هري شايد ان ڪري به هيترو سارو سامان موڪلي ڏنو هو. نه ته هنن ڏينهن ۾ ويڄن ڊاڪٽرن کي سوکڙي سوغاتون موڪلڻ جو رواج کڄي ويو آهي. هينئر ته روڪڙ جو زمانو آهي. سو ٻڌي رام هري پنهنجي پورب جنم جي پتا جي وندنا ڪئي. هڪ ڏيهاڙي مهاشيه کلي کيس چيو: ”پوءِ ته ششي ان جنم جو چاچو هوندءِ؛ ڇا خيال آهي؟ توکي واٽ تي ويهاري ڇڏيو هوندائين. ڪيئن؟“ +رام هري به کلي پيو هو. ”مهاشيه چيو هو: ”ڏس، جڏهن تنهنجي اون جنم جو پيءُ ٿي ڪري توتي منهنجي هيتري ممتا آهي، ته تنهنجو هن جنم جي پنهنجي پٽ جي پٽ ڏانهن بي مک رهڻ ڇا چڱو آهي؟ هڪ ڳالهه ٻي به چئي ڇڏيان، تون چڱو ڀلو ضرور ٿي ويو آهين، پر اڃا تنهنجي هيءَ بيماري جڙ کان ڪانه ويئي آهي. سنڀالي ڪري هلج. سمجهي وئين؟ جيڪڏهن وصيعت ڪرڻي اٿئي ته ڪري ئي وٺ. ها، جنهن ويچاري استريءَ توسان پڇاڙيءَ ۾ شادي ڪئي آهي تنهن کي وانجهي نه رکج.“ +رام هريءَ جي ان جوان زال ان وچ ۾ پٺئين رستي کان اندر وڃي ڪري عطر جا پير پڪڙيا ۽ منٿ ميڙ ڪئي. مهاشيه کي ان ڳالهه ۾ رتي جيترو به شڪ ڪونه هو ته اها صلاح هن کي ششي وٽان ملي آهي. ممڪن آهي، هوءَ ڪجهه ڀيٽا به ڏيئي ويئي هجي. ممڪن ڇو، جڏهن عطر هن جي هيتري وڪالت ڪئي آهي تڏهن هن جي في ضرور ورتي اٿائين. مهاشيه کي ان ڳالهه جو ڏمر ٿيو هو، پر هن ڪڇيو پڇيو ڪونه. هن خود رام هري کي اها ڳالهه چئي هئي. عطر جيڪي ڪجهه به ڪيو آهي، ان جي ذميواري مٿس آهي. وري به پتيءَ کي پتنيءَ جي پاپ جو ڀاڳ وٺڻو پيو ته ڪونه ڪيٻائيدو. هتي جڏهن هو عطر جي جلن سڄي حياتي برداشت ڪندو رهيوآهي. تڏهن ڇا پرلوڪ ۾ هو هن جي پاپ جي حصي جو بار به نه ڍوئي سگهندو؟ بيشڪ ڍوئي ويندو. +ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته وپن هينئر ٺيڪ آهي. هن جي هڏڪي بند آهي. اتي به کيس روز وڃڻو پوي ٿو. جيستوڻي هو ناڙي ڏسي نرنيه ڪين ڏيندو، رت بابو کي سنتوش ڪونه ٿيندو. پرديوت به اٿي ويندو آهي. هو وڃي ٿو، جڏهن مهاشيه اتان ٿي ورندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي آهي. هڪ ٻه گفتو به نڪري ويندوآهي. بس، نمسڪار جي اوٽ موٽ. هو هٿ ڏسي ڪري ئي موٽي ايندو آهي. چئي ايندو آهي ته وپن ٺيڪ آهي. ان کان وڌيڪ فضول ٿو سمجهي. من ۾ اهي ڳالهيون چڪر ڪاٽي رهيون آهن، جيڪي هن مهنت جي مرڻ ڏينهن ڊاڪٽر هريندر کي چيون هيون. +حقو هٿ ۾ جهلي ستاب چال سوچي رهيو هو. +مهاشيه چيو- ”ڀاءُ ’نه هري برهما نه چَه شنڪر!‘ هن جو ڪم ته ختم سمجهه ٻچو! ٽي چالون. ٽين چال ۾ ئي تنهنجو فرضي، فِيل[1] جي آمهون سامهون بيوس پيو رهندو.“ هن ستاب جي فرضيءَ کي فيل سان دٻائي رکيو آهي. هيڏانهن ڏني اٿائين قسط. ستاب سوچ ۾ آهي. +مهاشيه کانئس چلم وٺي ڇڪڻ لڳو- ”نيٺ به تماڪ مفت ۾ ڇو جلي!“ ستاب ساريون الٽ ڪري چلم ڪاڻ هٿ ڊگهيڙيندي چيو- ”وٺ! اڄ تنهنجو ستارو بلند آهي.“ +ستاب ڪوڙ ڪونه چيو، مهاشيه لڳاتار ٻه بازيون کٽيون. ستاب معمولي کيلاڙي ڪونهي. هن کان جيتڻ مشڪل آهي. اڪثر بازيون ختم ٿي وينديون آهن. سومان نوي رانديون ختم ٿي وينديون آهن ڏهن مان جيت- هار ٿيندي آهي، سا به برابر- برابر. +هٿ ۾ ڪوئي سخت روڳي هوندس ته کيڏڻ وقت مهاشيه تن ڏينهن ۾ جيئن جوئا ۾ ڪندو هو، شرط لڳائيندو. ”اڄ جيڪڏهن ستاب هارائي ويو ته بيمار کي چڱو ڀلو ٿيڻو پوندو. بيماريءَ کي هارائڻو پوندو نبض ڏسڻ جي انڀوتي ياد اچي ويندي هيس. غلط نٿو ٿي سگهي. غلط ٿيڻ جو ئي نه آهي. روڳ جي چوراکورا پيئي مغز ۾ هلندس. ڪل جي پرزي وانگر راند ڪندو ويندو ۽ هڪوار ستاب اڇل مان چوندو ”مات اچي ويئي!“ +ڪش ڀريندي دونهون ڇڏيندي ستاب د��رايو- ”تنهنجو ستارو اڄ بلند آهي. سچ پچ بلند اٿئي جيون. رام هريءَ کي تو بچائڻ سان ڪمال ڪيو آهي! خوب بچايو اٿئي!“ +جيون مهاشيه وراڻيو- ”پرم اوسٿا پرم اوشڌي (وڏي ڄمار وڏي دوا) آهي ستاب. رام هريءَ جي ڪپڙيءَ ۾ ڪڻا هئا. سڄي عمر ڪشتي کيڏيندو رهيو. ڪسرت ڪندو رهيو، اهو به ته هڪ قسم جو يوگ ئي آهي. عام ماڻهن کان هن ۾ تفاوت آهي. هن ۾ سهن شڪتي ڪيڏي آهي! مون اهو ئي سوچيو هو. عمر جي سڀ کان وڏي ڳالهه آهي شڪتي. روڳ سان دوا ٿوروئي لڙائي لڙندي آهي؟ لڙائي لڙندي آهي جيون شڪتي- ڄمار. +ستاب چيو- ”ڪجهه به هجي، هٿ جو جس ته تنهنجو ئي آهي. اهو جس توکي سدا کان آهي.“ ستاب نئي بازي رچڻ لڳو. سارين کي ٺهڪائيندي چيائين- ”ششي جي حرڪت ٻڌي اٿئي؟“ +”ٻڌي اٿم، ٻڌي اٿم، اها به.“ ڊاڪٽر ساريون سجائيندي- سجائيندي کلڻ لڳو. ۽ ٻيءَ کن ۾ ئي سندس ڳلن جي ٻنهي طرفان نسون سيٽجي ويئون. هن جو ذرا ڏنل منهن ٽامڻي هڻي ويو. +ششي انهي پهرئين ڏينهن ئي رام هريءَ وٽان ڀڄي آيو هو. شراب پيتائين ۽ نوگرام جي هڪ- هڪ ڊاڪٽر وٽ رڙيون ڪندو وتيو- ’مان ته وري به ڪمپائونڊر آهيان. بدستور پاس ڪيل بردوان مان. هو ته توبہ! لاحول والله قوت! جيڪا پونجي اٿس سا ڊاڪٽر رنگلعل جا ٿورا نسخا ۽ ابن ڏاڏن جي مشٽي يوگ جي وَهي! ۽ نبض ڳولهي، اکيون ڦيرائي ٿوري دير آڱرين سان دٻائڻ- ان بعد وايو، ڀت، ڪف! لڳي ٿو ڏهه ڏينهن. نه ته ڪنڌ ڌوڻ ڪري چوڻ، اهو ئي ته‘.... ٻچو بچائي وٺندو رام هريءَ کي! اَڪ جي ماکي آهي ڇا؟ بچائي وٺي ته مان به ڏسان! اهو به ته گلوڪوس جي سئي ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر هريندر کي ئي گهرائڻو پيو! دراصل ڳالهه اهاآهي ته رام هريءَ وٽ رقم آهي، جائيداد آهي. اڙي بابا، سڀ سمجهان ٿو. آخر رام هريءَ کي ته هلڻو ئي پوندو هينئر بچڻ جو دلاسو ڏيئي سئي، دوا في، گاڏيءَ جو ڀاڙو، هي- هوُ دم دلاسا ڏيئي جيڪي ڪجهه سو- ڏيڍ ڦٻائي سگهجي سو ڦٻائي وٺي. اهو ڀلا ڪير نٿو سمجهي؟ منهنجي نالي ته جيڪي به من ۾ اچيس ٿو، چوندو وتي ٿو. ليڪن مهنت کي، چنڊي ٿان جي مهنت کي ڪنهن ماريو؟ ڇا هن نه؟ گذريل رات هڪڙو ئي دوا جو ڊوز ڏيئي مان کيس سمهاري آيو هوس. هو ويو وڃي وري منتر پڙهي آيو، شام جو پاڻ ويندو. هاڻ دوا دارون ڇڏي ڏي. سڄو ڏينهن دوا مک ۾ ڪانه ويئي. ٽئين پهر وري دست ٿيا. دست ته ٿيڻا ئي هئا. بس هن جي اڳڪٿي سڦل ٿي ويئي. +ڊاڪٽر پرديوت به اهوئي آکي ٿو. +چي، ”مهنت مري ويو. ان لاءِ مٿي ۾ سور ڪنهن کي آهي! پر هن جي زندگيءَ جي قيمت تي ئي جيون مهاشيه پاڻ کي ناڙي- گيان ۾ پر ٻيڻ پنڊت ثابت ڪري ورتو. پر مان چوندس ”مهنت کي هن ئي ماريو آهي. بيس اِن دي ٽروُسينس آف دي ٽرم-[2] نيم سان دوا ڏيڻ ۽ ان ريت ڇڪي گهر کان ٻاهر نه ڪڍڻ سان مهنت اڃا به هڪ ٻه ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ ٻه چار ڪلاڪ بچي سگهي ها، ان ۾ ڪوبه گمان ڪونهي. هيءُ ته پنهنجي اڳڪٿيءَ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ هن کي ڇڪي تاڻي مردنگ- دهل ڌمام وڄائي ڇرڪائي کيس همٿائي ماريو ويو آهي.“ +ياد ايندي ئي مهاشيه جون ڦونڊيل نسون ٽرڪڻ لڳيون. +ان ڳالهه جو ذڪر ٿيندي ئي مهاشيه اهڙو مگن ٿي ويو جو بازي ئي هارائي ويٺو. ستاب ٺپ ڏيئي هن جي ساريءَ کي ئي ڪاٽي ڇڏيو. چيائين- ”هاڻ!“ +هاڻ! ٺيڪ ئي چيهءِ.“ اڍائي قدم واري گهوڙي جي زور تي هڪ پيادي جي وڌي سگهڻ جي کيس سوجهه ئي ڪانه پئي. +ستاب کلندي چيو: ”ڏسڻو آهي؟“ +داوُ تي نگهاه ڦيرائيندي مهاشيه وراڻيو- ”نه. سڀ ڪجهه الائي ڪيئن ته ٿي ويو. ذڪر ڇيڙي تو من کي چنچل ڪري ڇڏي. اڙي نندو، ذرا تماڪ ته ڏيئي وڃ پٽ. وري هڪ ڀيرو چانهه ٺاهڻ لاءِ چئي اچ. پي وٺان ته پوءِ اٿا��. دير ٿي ويئي ته شريمتي جي وري قصو ڪٽي ويهندي.“ +يعني رات جي رسوئي جو انتظام شروع ڪندي. گهر واريءَ جي کاڌي جو بندوبست ستاب جي لاءِ اڪثر هيبتناڪ ٿيندو آهي. موٽندي وقت کيس دوان تان ڊانڊا وٺي وڃڻو پوندو آهي. خير، کاڌو ڪجهه سوادي بڻائي ٿي. ستاب هن جو ”نشان“ بڻبو آهي. هو خود ڪڏهن- ڪڏهن چوندو آهي- ”سمجهيهءِ ڀائي جيون، يار اهو ئي سورهن ڏنڀري جي مڇين وارو قصو! اهو ئي جيڪو هڪ ڪوريءَ سورهن ڏنڀري جون مڇيون ڳڌيون ۽ جوءِ کي چيائين- ”ذرا ڍنگ سان رڌي، بصر ۽ گرم مصالحو ٻرڪي گهاٽو گهاٽو شروو، ڳاڙها مرچ، ڄڀ تي چکڻ سان ئي طبيعت ڦڙڪي پوي!“ هيڏانهن جوڻس مڇيون رڌڻ ويئي، هوڏانهن ڪوري آڏاڻي تي ويٺو. جيئن ئي ’ڇن‘ وچ آواز ٿئي ڪوري مٽيءَ تي ’نشان‘ بڻائيندو وڃي. جڏهن ”ڇن“ جو آواز بند ٿيو، هو اٿي کائڻ لاءِ پهتو. جوڻس رسوئي پرڇي ڏني پر مڇي هڪ ئي هئي. +”اڙي هيءُ ڇا، ٻيون مڇيون ڪيڏانهن ويئون!“ +”هڪ ته ٻلي کڻي ڀڳي!“ +”ته به پندرهن بچيون هونديون.“ +”ٻِر مان ڪوُٽوُ نڪتو۽ هڪ هو کڻي ڀڳو.“ +”خير. ٻه ويئون. باقي رهيون چوڏهن.“ +”ٻه کڻي ويو ڀوت! اَڪ جي وڻ واري ڀوت دريءَ مان هٿ وڌائي ٻه ورتيون.“ +”اهو به سهين. پوءِ به ٻارهن بچيون!“ +”ڀوت جي ڊپ کان هراسجي مون کان ڇرڪ نڪري ويو سو هٿ سان لڳي ٻه باهه ۾ ڪري پيئون.“ ستاب کلندو ويو، چوندو ويو، سمجهي ويو ان ريت ڪوريءَ جي زال پندرهن مڇين جو ليکو ٻڌايو. رڌيندي- رڌيندي شريمتي مڇين کي چٽ ڪري ويئي هئي. پندرهن مڇين جو حساب سمجهائي ڪري چيائينس: ”آئون جيئن ته چڱي پيءُ جي ڌيءَ آهيان، ان ڪري ايترو حساب ڏيان ٿي. جيڪڏهن تون به ڀلي پيءُ جو پٽ آهين، ته پڇڙي ۽ مٿو کائي وچوارو حصو مون لاءِ رکي ڇڏ.“ +ستاب ايترو چئي کلي کلي کيرو ٿي پيو. +ٻاهران ڪنهن آواز ڏنو- ”مهاشيه جي! ڪٿي آهيو؟ ڪيڏانهن؟“ مهاشيه ڪجهه حيران ٿي گردن گهمائي ڏٺو؛ ڪشور جو آواز! +هو ڪلڪتي ويو هو. شايد موٽي آيو. ڪجهه نيئي آيو آهي شايد. ڪلڪتي وڃڻ سان هو سندس ڪاڻ ڪجهه نه ڪجهه ضورر آڻيندوآهي. رڳو سندس ڪاڻ ئي ڇو ٻين ڪيترن ڪاڻ به. ڇا ٻڍا، ڇاٻار، ڇا زالون، هو سڀني جو پيارو آهي. ٻارن جي واسطي پينسل، ڪتاب، ڇوڪرين جي لاءِ سلائيءَ جون شيون، غريب- وچولي درجي وارن جي ٻارن ڪاڻ ڪڙتا، سوٽ. مهاشيه کي هن چار پنج ڀيرا نسخا لکي ڏيڻ لاءِ فئاونٽين پين آڻي ڏني. سڀ گم ٿي ويئون. ڪڏهن- ڪڏهن نئون جوتو آڻي ڏيندو اٿس. جينهن ڀيري ٻيو ڪجهه نه آڻي سگهندو آهي ته ميوو وٺي ايندو آهي. ڪشور ۾ سدائين نراڻ رهي. هن آواز ڏنو- ”ڪشور!“ +”ڪٿي آهيو اوهان؟ اچو مون سان گهڻائي آدمي آهن.“ +مهاشيه ٻاهر نڪتو- ’الائي ڪهڙي مصبيت ساڻ وٺي آيو آهي ڪشور. ڪٿي وبا پکڙي، ڪٿي فساد مچي ويو، جيڪي به ٿئي، سڀ ۾ ٽپي پوڻ سندس سڀاو ٿي پيو آهي.‘ +ٻاهر نڪري مهاشيه حيرت ۾اچي ويو. ڪجه سمجهي نه سگهيو.سڀ جا سڀ معزز نگرواسي. پوشاڪ ڪوٽ پلتون، صاف چمڪ، نگاهن ۾ سکيا ۽ ٻڌيءَ جو تيج. سڀ جا سڀ خاص ماڻهو. ساڻ ٿاڻي جو داروغو (صوبيدار)، مڪاني ڪيترا سرڪاري ماڻهو به... ڊاڪٽر پرديوت پڻ. اتان جي شاهوڪار برجلعل بابو جا وارث، سڀ اڄڪلهه شهر ۾ رهندا آهن. هن جماعت ۾ هن جو پوٽ به آهي. يونين بورد جو چيئرمن آهي. سڀ جا سڀ هتي؟ هن جي دروازي تي؟ +هن جا ڪن پاپڙين وٽان ڳاڙها ٿي ويا. سندس چوڻ کان اڳي ئي ڪشور هنن سڄڻن کي چيو: ”هيءُ ئي آهن اسان جو مهاشيه. ٽن پيڙهين کان هتان جي پيڙتن جو دادا. ................... هڪ سو ورهين کان اهو ئي آرگيه- نڪيتن اسان ماڻهن جو هيلٿ- سينٽر ٿي رهيو آهي.“ +ان ٽوليءَ جي خاص ماڻهن جي چهري تي هلڪي کل نمودار ٿي. ان ۾ ڪجهه ڍونگ هو، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. هنن سڄڻن مهاشيه کي نمسڪار ڪئي. مهاشيه به موٽ ۾ نمسڪار ڪئي. +ڪشور هن جي طرفان وڪالت ڪري رهيو هو- ”ڪنهن زماني ۾ هن هتي وڏو ڪاريه ڪيو آهي، هنجي اڄوڪي اوڻائيءَ جو ويچار نه ڪرڻ گهرجي.“ +پديوت ڳنڀير ٿي مٽيءَ جي طرف سر جهڪائي بيٺو هو. ڪوٽ سوٽ پهريل هڪڙو ٻيو جوان آهستي- آهستي کيس الائي ڇا چئي رهيو هو. هڪ طرف بيٺو هو هريندر. +ڪشور چيو- ”۽ هيءُ سڀ اسان جي نئين پرانت جا اڏيندڙ سڄڻ آهن، وشو ڪرمائن جي جماعت. ڪميونٽي پروجيڪٽ جو نالو ته ٻڌو هوندو؟ هڪ سوڳوٺن جي دائري ۾ هڪ نئين ڍنگ جي علائقي جي هيءُ سڄن رچنا ڪندا. پان وٽ به هڪ پرجيڪٽ ٿيندو. ان جو سينٽر نوگرام ۾ ٿيندو. نيون سڻڪون، اسڪول، اسپتالون، بجلي، گهڻو ڪجهه.ان ڪري هيءُ سڀ علائقي کي ڏسڻ آيا آهن. هتان لنگهندي اوهان جي سائن بورڊ تي جا نظر پيئي سو پڇيائون. مون کين ٻڌايو، آروگيه نڪيتن اڄ ٽٽي پيو آهي پر ان ۾ پويان پساهه آهن يعني مهاشيه اڃا موجود آهي. کين ڏسڻ بنا اوهان صاحب اهو ڪين سمجهي سگهندا ته هن سنسٿا جي پراڻ جي ڪيتري قيمت آهي، ڪيتري شڪتي آهي!“ +اچانڪ مهاشيه کي ائين محسوس ٿيو جو خشڪ سمنڊ جي ريتيءَ جي انبار وانگر هن جي اندر ۾ الائي ڪهڙي گهراڻيءَ مان اونهو ساهه لوڻياٺي پاڻيءَ مثل اڀامندو ڪهڙي گهراڻيءَ مان اونهو ساهه لوڻياٺي پاڻيءَ مثل اڀامندو پيو اچي. هن جا ٻئي چپ ٿر- ٿر ڪنبڻ لڳا. ٻنهي لڙڪندڙ ڳلن کي زور سان دٻائي هو چپ چاپ بيٺو رهيو. +ڪشور وري چيو- ”مان مهاشيه جي ناڙي- گيان جو ذڪر ڪري رهيو هوس. هن دفعي جيڪو ڪلڪتي جو ڊاڪٽر سين گپتا آيو هو، برجلعل بابو جي پوٽي کي ڏسڻ واسطي! پنجين ڏينهن مهاشيه مريض کي ڏٺو هو. ڏسي ڪري ٻاهر نڪري آيو. مان به نڪري آيس. مان اتي ئي هوس. ان وقت مان پنهنجي شيوا سنگهه جو منتري هوس. مان ئي ٽهل ٽڪور ۾ لڳل هوس. مهاشيه سان گڏ نڪري پڇيم. +* * * +اها گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي. گهڻن ڏينهن جي. +تنهن وقت ٽائيفائيڊ لاءِ فاز جو استعمال شروع ئي ٿيو هو. ڪلڪتي جي مشهور ڊاڪٽر سين گپت اچي ڪري فاز جو وهنوار جاري ڪيو هو. بر جلعل بابو جي پوٽي جي بيماري ۾ ئي مهاشيه پهريون ڀيرو فاز جو وهنوار ڏٺو هو. ڊاڪٽر سين گپت- ڀلمانس، اوچ آتما ۽ ڌارمڪ ويچارن وارو شخص هو. +[1] هاٿي. +[2] ها، حقيقت اها ئي آهي. + + +جيون مهاشيه ان وقت هن علائقي جو ڌنونتري (حاذق حڪيم) هو. برجلعل بابو هو لکپتي، ناليرو (نام ڪٺيو)، مهاپرش، ويلم چئريٽيبل ڊسپينسري (خيراتي دواخاني) جو پايو وجهندڙ! هو به مهاشيه کي ڀائيندو هو، صرف سنيهه ئي نه، آدرپڻ ڪندو هو. هن ئي مهاشيه کي انگريزي لباس پهرايو هو- جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئس، چوندو هو، ”جيون تون هيڏي نالي وارو ڊاڪٽر آهين، ڪا سٺي پوشاڪ ٺهرائي. خبر اٿئي، مون ڪلڪتي ۾ هڪ ناٽڪ ڏٺو. ان ۾ نئين يگ جي آبهوا ۾ پليل گهر ۾ هڪ ڊاڪٽر مريض کي ڏسڻ آيو. مريض ڊاڪٽر کي ڏسندي ٺهه پهه چيو،’هنجي پيرن ۾ ته جوراب به ڪونهن، هيءُ ڪهڙو ڊاڪٽر آهي؟ هن کي چار روپيه في ڪيئن ٿي ڏيئي سگهجي؟‘ ناٽڪ مزيدار آهي. ڳالهه به صحيح آهي، بيک جي ڪاڻ ڀيک ضروري آهي.“ +جيون مهاشيه چوندو هو- ”جي، پر هن جنم ۾ ئي اهو سڀ پهري شوق پورو ڪري ويندس، ته ايندڙ جنم جي لاءِ باقي ڇا بچندو؟“ +بر جلعل بابو ٽهڪ ڏيئي کلندو- ”اڙي مهاشيه، ڪوٽ پينٽ پهريندي، ولائت ٿي آيل ڊاڪٽر لڳندين؟“ +جيون مهاشيه به دٻجڻ وارو ڪونه هو. چوندو- ”اهو ڊبل پروموشن ٿي ويندو، سنڀالي ڪين سگهندس.“ پڇاڙيءَ ۾ چوندو- ”اوهان جي ڳالهه نرالي آهي. اوهان جي مڪتي آهي ڪرم يوگ ۾. گهر ۾ئي ڪاشي وسائي اٿو، برندابن وسايو اٿو، ڀڳوان کي ٻڌي رکيو آهي؛ اسڪول کوليو اٿو، اسپتال کولائي اٿو، مڪتي ته اوهان جي مٺ ۾ آهي اسين ٿياسون رواجي ماڻهو. ڀڳتي- وڳتي ڪري وڃي ڇوٽڪاروپائينداسون- انهن پوشاڪن جي گرميءَ سان ڀڳتي به ڀر ٿي پوي ٿي، ڪانه رهندي اهو ٺاٺ باٺ اسان جهڙن ڪاڻ ڪونهي.“ +پر اڳيان برجلعل بابو ڪٿي مڙڻ وارو هو؟ ان ڀيري ڪلڪتي جو کيکڙو کائي کيس دست ٿي پيا هئا. هن جي اها بيماري مهاشيه تي ٺيڪ ڪئي هئي. سياري جي مند هئي. درزي موڪلي هن مهاشيه جي ماپ وٺائي ۽ ڪلڪتي مان بادامي چائنا ڪوٽ ٺهرائي مهاشيه کي موڪلي ڏنو هو. وٽن جيڪڏهن بيماري منهن ڪڍندي هئي ته مهاشيه کي ئي ڪوٺ ٿيندي هئي. ائين ته سندس خيراتي اسپتال جا ڊاڪٽر ئي گهر ۾ ڏسڻ ايندا هئا. سندس اسپتال جا ڊاڪٽر، هو ئي کين پاڻ وٽ نه گهرائي ته ٻيا ماڻهو ڇو گهرائڻ لڳا؟ +برجلعل بابو جو ڏوهٽو بيمار پيو. ٻرو تپ. ڪلڪتي کان ناناڻن آيو ۽ تپ جو شڪار ٿيو. ان سمي اسپتال ۾ هڪ نئوجوان ڊاڪٽر آيو هو. هريش اٽڪل اٺ سال اڳي ئي وڃي چڪو هو، تهان پوءِ ٻه ڄڻا آيا، ڪنهن جي ڪانه هلي، سو هليا ويا. ان بعد آيو هيءُ نوجوان ڊاڪٽر چڪرڌاري. اهو چڪرڌاري هينئر ڊاڪٽري ڇڏي سنياسي ٿي ويو آهي. هو مهاشيه جي پٺ ون وهاريءَ جو متر هو. هو ئي مريض کي ڏسي رهيو هو. پنج ڏينهن بعد به جڏهن تپ ڪين ڀڳو تڏهن برجلعل بابوءِ مهاشيه کي سڏايو. بيشڪ تنهن وقت هروڀرو گهٻرائڻ جهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي. پرامير ماڻهو ٿيو، ڪلڪتي مان ڏوهٽو آيو آهي، هڪ جي بدران ٻه ڄڻا ڏسن. سياري جي ڏينهن ۾ مهاشيه ساڳيو ئي چائنا ڪوٽ پهري ڏسڻ ويو هو. برجلعل بابو چرچو ڪيو هو. +”ڪوٽ پهري آيو آهين جيون؟ ڀڳتيءَ کي ڀڄائي ڇڏيئه ڇا؟“ مهاشيه چيو- ”جي ها، ان کي هن جنم جي واسطي ڇڪي تي رکي ڇڏيو اٿم. ايندڙ جنم ۾ ڏٺو ويندو- وري جڏهن ڀڳتيءَ کي ئي ڇڪي تي رکي ڇڏيو اٿم ته ڪوٽ پهرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟“ +هن ڇوڪري جي ناڙي ڏسڻ کان اڳي ئي ڪنن ۾ سرسراٽ ٿي آئي هئي. ڀر واري ڪمري ۾ ڪلڪتي جو ئي ڪوئي چئي رهيو هو: ”هيءُ سڀ ڇا ڪري رهيا آهن، هيءُ مانهو؟ هڪ ٽوٽڪائي ويڄ کي گهرائي ڏيکارڻ چڱو ته ناهي.“ +هن جي آڱوٺي جي نوڪ مان رت جي ڌارا مٿي جي طرف چڙهڻ لڳي هئي. ڏاڍي مشڪل سان پاڻ کي روڪي نبض ڏسڻ ويٺو هو. +سندس پتا جو چوڻ هو- ”نبض جي پرک ڌيان يوگ سان ڪرڻ گهرجي. ان ڏينهن هن جو اهو يوگ ڄڻڪ پل ۾ سڌي يوگ ۾ بدلجي ويو هو، هن ان ڌيان يوگ سان اهو انڀو ڪيو هو ته نبض سخت ڪاپاري تپ ۽ سرسام جي دوش سان ڀريل آهي.“ اتان اٿي ڪري هٿ ڌوٿي هن ڊرڍتا سان چيو هئائين: ٻار کي مغزي بخار آهي. سر سام ۽....“ +”۽ ڇا؟“ +”ذرا سخت قسم جو ٽائيفائيڊ آهي. سٺو علاج ٿيڻ گهرجي. شهر مان ئي ڪنهن کي گهرائي ڏيکارڻ گهرجي.“ +جيڏهن ڀر واري ڪمري وارو ڀڻڪو سندس ڪنن ۾ نه پهتو هجي ها ته شايد هو ان ريت سڌو نه چوي ها، بلڪ ڳالهه گهمائي ڦيرائي چوي ها. +شهر جي ڊاڪٽر اچي چيو هو: ”جنهن سڄڻ ائين ٻڌايو آهي، تنهن ڪجهه وڌاءُ ڪيو آهي. اهو مدي جو تپ آهي، پر اهڙو سخت ڪونهي. ٺيڪ ٿي ويندو.“ +جيون مهاشيه انهيءَ ڊاڪٽر جي سامهون ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي: ”جي نه. منهنجي سمجهه ۾ بيماري سخت آهي. پر جيڪر اوهان جو چوڻ آهي ته مان ٽوٽڪائي وئديه آهيان، ته ٻي ڳالهه آهي.“ +ڪشور تنهن وقت نوجوان هو. هو مهاشيه سان گڏ ٻاهر نڪتو، پڇيائين: ”ڇا ٿا ڀانيوڊاڪٽر بابو“ بيماري سخت آهي؟“ +مهاشيه وراڻيو هو: ”معاملو ذرا ڏکيو آهي ڪشور. شهري ڊاڪٽر جي سمجهه ۾ نٿو اچي. ڄڀ جو داغ، پيٽ جو ڦنڊڻ، ٻه ڀيرا تپ جو چڙهڻ- لهڻ، ٽيمپريچر- اهي ئي سڀ ڏسي هو سوچي رهيو آهي. مون ناڙي ڏٺي آهي. ٽي دوش آهن. ۽ .... تون ڪنهن کي چئجه نه، هيءُ روڳ هينئر برهما- وشڻو جي به وس کان ٻاهر آهي. ها، هڪڙو شوُ، جو مرتيو جو مالڪ آهي سو جيڪر بچائي ته ٻي ڳالهه آهي.“ +ڏهن ڏينهن کانپوءِ بيماري ڳنڀير روپ اختيار ڪيو. شهر جو ڊاڪٽر وري آيو. چي، ”ٻئي هفتي ۾ اها بيماري وڌندي آهي. ان ڪري ئي وڌي آهي. مان دوا ڏيئي ٿو وڃان. ان مان بيماري ٺيڪ ٿي ويندي.“ +تيرهين ڏينهن بيماري وڌيڪ اگرو روپ ڌارڻ ڪيو. +ڪشور کي مهاشيه چيو- ”ڪشور، وِڪار اچي ويو. ارڙهين يا ايڪويهين ڏينهن ويچارو ٻالڪ مري ويندو. مون کي ڀاسي ٿو ته ان کان اڳي سرسام جي اثر ڪري هن جو ڪوئي عضوو بيڪار ٿي پوندو. مان اهو صاف ڏسي رهيو آهيان ڪشور. هن ريت پوري مقدار ۾ مغزي تپ مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“ +چوڏهين ڏينهن نينگر بيهوش ٿي ويو. مئنينزائيٽس وقتي ساٿ ڏنس. ڪلڪتي ماڻهو موڪليو ويو. ’جيترو به خرچ ٿئي، ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي نيو اچ.‘ +ٻيو مهاشيه چيو- ”پوءِ دير نه ڪريو، بابو صاحب اڄ ئي. نه ته هٿ مهٽڻا پوندو. بيماري ڏاڍي سخت آهي.“ +ان گهڙيءَ ڪلڪتي جي ان رشتيدار تي سندس نظر پيئي هئي. هلڪو کلندي چيو هئائين- ”بيشڪ، اهو مون کي ڀاسي رهيو آهي ته بيماري تمام اگري آهي. ڪلڪتي جو وڏو ايم-ڊي ڊاڪٽر آيو هو. عمر ۾ سو ننڍو هو پر علاج ڪندڙ لاثاني هو. ذات جو به وئديه. ناڙي ڏسڻ تي به اڌڪار حاصل هوس. گنڀير، ڌير جوان ۽ مٺو ڳالهائيندي. ڊاڪٽر سين گپت سچو ڊاڪٽر هو.“ +بيماريءَ جو بيورو ٻڌي هو پاڻ سان فاج کڻي ايو هو. فاج جو هن علائقي م اهو پهريون استعمال ٿيو هو. +هن جيون مهاشيه سان به صلاح مصلحت ڪئي هئي. نبض جاچي سندس جيڪو ڪاٿو هو،ان پٽاندر هن چيو هو، ”اوهان جو انومان ئي شايد ٺيڪ آهي. تڏهن به مون کي ته ڪوشش ڪرڻي پوندي، آخرين دم تائين فرض ادائي ڪرڻي ئي پوندي. ڇا ڪريان؟“ +ارڙهين ڏينهن ئي برجلعل بابو جو ڏوهٽو گذاري ويو. ان ڏينهن ئي هن جو کاٻو عضو بيڪار ٿي ويو هو. کاٻي اک به چٽ ٿي ويئي هيس. +ان بعد مهاشيه جي نبض شناس جي ناموس هنڌين ماڳ پکڙجي ويئي هئي. +ڪشور ان يگ جي جيون مهاشيه جو ذڪر ڪندو پئي ويو. +”نه رڳو ناموس پکڙجي ويس، ان کانپوءِ هن ۾ هڪ نئي قسم جي درشٽي اچي ويئي. هو سمجهي سگهيو ٿي. ناڙي ڏسي هو سمجهي سگهيو ٿي ته ڪال جو سڏ ٿي رهيو آهي يا نه ۽ خاص حالتن ۾ يعني روڳي جيڪڏهن ٻڍو هجي ته صاف صاف چئي ڏيندو هو. مڻي چيٽرجيءَ جي ماءُ کي تپاسي چيو هئائين ”پٽ، ڀانيان ٿو، هن ڀيري مٿو ڪوڙائڻو پوندءِ.“ +مڻي چئٽرجي وارن جو ڏاڍو شوقين هو. +رام متر جي پيءُ جي بيماري ۾ پهرئين ڏينهن ئي چئي ڏنو هئائين: ’رام، پتا کان ڪجهه پڇڻو ڳاڇڻو هجئي ته پڇي وٺ. شايد هن ڀيري هي سنئين لڱين اٿڻ وارو نه آهي.“جيڪڏهن بيمار ننڍي عمر جو هوندو، ته اشاري سان چوندو هو: ”سوئي ته، بيماري ڏاڍي اوکي آهي. بهتر ٿئي جيڪر ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي گهرائي ڏيکاريو.“ +ان ريت هر ڪنهن کي پنهنجي نموني محسوس ڪرائيندو هو.“ +انهيءَ وچ ۾ هڪ ڏيهاڙي سريندر جي پٽ ششانڪ جي وڏي ڀاءُ اچي ٻاڏايو- ”مهاشيه چاچا، ذرا ششانڪ کي ڏسي وندا.“ +”هن کي ڇا ٿيو آهي؟“ +”اٽڪل چئن ڏينهن کان تپيل آهي.“ +”چڱو ويندس. سڀاڻي صبوح جو ويندس. اڄ وَنو ڪلڪتي کان آيو آهي. بانسري، طبلو وٺي آيو آهي. گانو بجانو ٿيندو. معمولي کاڌو پيتو به. تون به اچج پٽ. مان سڀاڻي صبوح جو ئي ايندس.“ +ون وهاري جو ششانڪ متر آهي، سال ٻه سال ننڍو آهي، زمينداري سرشتي جي حساب نويس سندس متر سريندر جو پٽ. ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ گذاري ويئي. جيئري ئي سريندر پٽ کي پرڻائي گهرهست ٺاهي ڏيئي ويو آهي. سٺو نينگر آهي، مٺو ٻوليندڙ هن کي ڇا ٿي ويو؟“ +* * * +ٻئي ڏينهن صبوح جو ئي ششانڪ کي ڏسڻ ويو هو. سريندر جي زال ڪانه هئي. ننهرون پنهنجي پنهنجي ڀتارنسانخود مختيار هيون. ششانڪ جي سيرانڌيءَ کان جوان ننهن ويٺي هئي، شايد پتيءَ جي بخار کان ٻرندڙ ڳل تي پنهنجو ڳل رکي پيئي هئي. مهاشيه جي جتيءَ جي آهٽ سان اٿي ويٺي. ششانڪ جي ڳل تي سندورو جو ٽڪو لڳي ويو هو. ڊاڪٽر کلي پيو. گهوٽ ڪنوار، ٻئي ڊاڪٽر جا عزيز هئا. ڇوڪري به سٺي ۽ چڙهيل گهر جي ڌيءَ هئي. ننڍپڻ کان ئي هن کي ڏسندو آيو آهي. سنيهه وچان هن ڇوڪريءَ کي ڏٺو. اکين ۾ ممتا ڀرجي آيس. ڳاڙهي ڪناريءَ واري ساڙهي پهريل گوري ننهن جو نئون روپ کيس نظر آيو. ڄڻڪ هڪ انوکي صورت ڏٺائين. مهاشيه کي ڏسي ڪنوار جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. گهونگٽ ڇڪي هوءَ پاسيري ٿي بيٺي. ڀاسيو، نينگريءَ جي نوَورنيءَ جي روپ ۾ ئي هن جي سڀني صورتن جي اتاهين روشني بکي رهي آهي.“ +ڊاڪٽر ششانڪ جي ڪرائي جهلي. هن جو هٿ ڏڪي ويو. ڇرڪ وچان اکيون ڦاٽي ويس. هن هڪ ڀيرو ڪنوار ڏانهن نهاريو. وري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. +”هيءُ ڇا؟ اڄ ته رڳو ٽيون ڏينهن آهي. ان وچ ۾ ههڙي صاف علامت! وري جاچيائين. نه، ڀل ڪانهي، ڀرم به ڪونهي! هن ڪنوار جي ههڙي اپوروَ ورپ کي ڪُجسو بڻائي ششانڪ کي راهه رباني وٺڻي پوندي؟ ٻن هفتن ۾؟“ +ها. وهم ڪونه ٿيو آهي، سمجهه به جواب نه ڏنو آهي، ڳڻ ڳوت به ڪانهي. ششانڪ کي وڃڻو پوندو. مرتيو جي ههڙي صاف اهڃاڻ کي ڪداچت هن ٻي ڪنهن ناڙيءَ ۾ ڏٺو هجي! رات جي پوئين پهر ۾ آڪاش جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪنڊ ۾ شڪر آچاريه (وهائوتاري) جو اڀرڻ پنهنجي پرڪاش ۾ رات ويامڻ جي پڌرائي ڪندو آهي، ايتريقدر جو پهر- پل ۾ سج اڀرڻ جي معياد بتائي ٿو، ساڳي ريت ٺيڪ ساڳي ريت ناڙي بتائي رهي آهي، ٻه هفتا! چوڏهن ڏينهن!“ +من ۾ بي صبريءَ جي حد نه رهيس، آنڌ مانڌ وڌڻ لڳي، ششانڪ ون وهاريءَ جو هڪجيڏو آهي ٿورو ننڍو ٿيندو. مئل ماءُ جو ٻالڪ سندس دواخاني جي سامهون راند ڪڏندو رهندو هو. سندس اکين آڏو وڌي جوان ٿيو ۽ هيءَ ڪنوار؟ ڳاڙهي ڪناري واري ساڙهيءَ ۾، چوڙين ۾، سينڌ ۾ ڀريل سندور ۽ مستڪ تي لڳل سهاڳ جي تلڪ سان لڪشمي جهڙي نينگري!“ +”شوڀا جي هيءَ سموري سرانجامي ڌوپجي ويندي. مارڪين (بافتي) جي ساڙهيءَ ۾ ٻُٽيوڌوا جي مورتي....“ مهاشيه ڪلپنا به ڪين ڪري سگهيو. کيس سندس ٻالڪپڻ جي ياد اچي ويئي. ڀرواري ڳوٺ جي نينگري. علائقي ۾ جيڪا جاڳرت ديوي آهي، ان جي شيواڌارڻ جي نينگري. ڏاڍي لاڏلي ڇوڪري. ٻالڪپڻ ۾ ماءُ- پيءُ کيس سڏيندا هئا ”ٻلي- پُسي.“ +ان ڪري چوندا هئس جو ڀڀ جي کيس گهڻي لڳل هوندي هئي، کاڌي جي هٻڇ ڏاڍي هيس. هڪ ڏوري جو ڪپڙو پهري ديوي ٿان جي ياترين وٽ سندور جو تلڪ کڻي پئسا وصول ڪندي هئي ۽ بصر کائيندي ويندي هئي. هن جو من درد وچان ڪراهڻ لڳو. +ٻن ڏينهن کان پوءِ ششانڪ جي ناڙي ڏسي هو پگهرجي ويو. پڪو ويساهه ٿي ويس هت، ششانڪ کي وڃڻو ئي پوندو. نبض ۾ هن موت جي پيرن جي آهٽ سڻي رهيو آهي. موت اچي رهيو آهي. دوا بيڪار ٿيندي پيئي وڃي. +ان دل ڪانڊاريندڙ اوسٿا هڪ ڪلپنا ڪري عطر کي سڏائي هن چيو- ”ڏس، رات مون هڪ سپنو ڏٺو آهي. مان ڪالي ماتا کي ڀوڳ ڏيئي رهيو آهيان ۽ هوءَ ڄڻڪ هٿ ڊگهيري سئيڪار ڪري رهي آهي ۽ اچرج جي ڳالهه اها آهي، خبر اٿئي؟ اها ڪالي ماتا جهڙي اسان جي ششانڪ جي ڪنوار آهي!“ +عطر چيو: ”ان ۾ اچرج کائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ششانڪ جي ڪنوار ته ڪالي ��اتا جي شيواڌارڻ جي ڪنيا آهي. شايد....“ +”هڪ ڪم ڪر عطر، ششانڪ جي ڪنوار کي سڀاڻي نوٽو ڏيئي پاڻ وٽ کاراءِ.“ +”ٺيڪ ته آهي.“ +طرحين طرحين جا طعام تيار ڪري هن کارائڻ چاهيو هو. هن جي پاتل ۾ وڏي مڇيءَ جي منڍي رکڻ لاءِ زور ڀريو هئائين. ششانڪ جي بخار جو ڇهون ڏينهن هو. بخار رڳو وڌي ويو هو. ٻيو ڪوبه اگرواهڄاڻ نظر نٿي آيو. بلڪل جي ڪالي مندر مان هن پرسادي مانس به گهرائي ورتو هو. ڪهڙو نه کيس سنسو وٺي ويو.مڇيءَ جي منڍي پاتل تي وجهڻ سان ئي ڪنوار ڇرڪي ويئي هئي. +شام جو ڊاڪٽر ششانڪ کي ڏسي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو. موت جا آثار ڌيري صاف ڏيکاري ڏيڻ لڳا. طبلي جي ٻول تي، ٺيڪ وچ ۾. ساڳي گت سان وڄي رهي آهي، سڀاڻ هفتو پورو ٿي رهيو آهي- هڪ هفتو ٻيو. +گهر جي سامهون ئي هڪ گهٽي آهي. +ڊاڪٽر جا ڳورا پير ويتر وزني ٿي پيا. پوئتان پڪار آئي- ”ترسو.“ ڊاڪٽر منهن ورائي بيهي رهيو. ڏٺائين، هٿ ۾ هڪ لالٽين کنيو ششانڪ جي ڪنوار بيٺي آهي. بتيءَ جي روشني هن جي چهري تي پئجي رهي آهي. گوري چهري تي لعل روشني. سينڌ ۾ سندور ٻهڪي رهيو آهي. اکين ۾ اسٿر درشٽي. ان درشٽيءَ ۾ ڀريل آهي سوال! مهاشيه کي اها نظر برداشت ڪرڻ ڏکي لڳي. هن پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون. +پڇيائين: ”ڪجهه چوڻ چاهين ٿي؟“ +”هو ڪونه بچندا؟ اسان کان نه لڪايو.“ هن جي آواز ۾ غضب جو ڌيرج هو! +ڊاڪٽر سوال جو جواب نه ڏيئي سگهيو. +هن نينگريءَ ورجايو- ”جيڪڏهن نٿا بچي سگهن ته ٻيو اپاءُ ڪهڙو آهي، اوهان به ڇا ٿا ڪري سگهو؟ ليڪن پنهنجي پٽ جي مرتيو جي پڪ ڄاڻي هن ريت اوهان پنهنجي ننهن کي مڇيءَ جو منڍ کارائي سگهو ٿا؟“ +اها ئي ڳالهه مهاشيه کي ياد اچي رهي آهي. +ان ڏينهن ان ڳالهه تي هو وچلت ڪونه ٿيو هو. تڏهن ته جيون مهاشيه آدمي ئي ٻئي قسم جو هو. وِش ڀوشڻ نيلڪنٺ[1] جيئان اڏول. ماڻهو چوندا هئا- ”ڀلوٿئي يا برو، مهاشيه سچي ڳالهه ضرور چوندو. گهڻا اهو چوندا آهن ته موت ڏسندي- ڏسندي ڊاڪٽر- ويڄ به اهڙائي ڪٺور بڻجي پوندا آهن. هن جي دل پٿر بڻجي پوندي آهي. ڪي ماڻهو ته ائين به چوندا ته عزت افزائي ٿيڻ ڪري مهاشيه جيون بدلجي ويو آهي، ڪجهه ڪجهه گهمنڊي به ٿي پيو آهي.“ +ڪنهن جو به چوڻ غلط ڪونهي. سڀ جو چوڻ صحيح آهي. پر اهو مٿاڇرو ئي سچ آهي، گلن جي پنکڙين وارن. وچ ۾ جتي ميڻ جهڙونازڪ پهلو آهي، اتان جي ستيه کي ڪنهن ڪونه ڄاتو. هُتي ته هڪطرف زهر هو، ٻئي طرف امرت. زندگيءَ جا مسئلا، عطر ٻائي جي گهپي ۽ ڏمر، منجري جو سراپ! اهو سراپ سندس هڪڙي ئي سڪيلڌي ون وهاريءَ تي نازل ٿيو هو. ٻئي طرف هن ۾ ناڙي- گيان جو لاثاني وڪاس به ٿيو هو. ٻنهي جي ميلاپ سان هن جي هڪ عجيب حالت ٿي ويئي هئي. ڪڏهن جديد زماني جي تکن ويڻن ۽ طعنن کان متاثر ٿي ته ڪڏهن ڪروڻا کان بيوس بڻجي هو ڪٺور سچائي جو اظهار ڪري ويهندو هو. +هڪ ڊگهو ساهه کڻي مهاشيه هن نينگريءَ کي چيو هو- ”ڌيءَ، جيڪر مان ششانڪ کي بچائي سگهان، ته تنهنجي سوال جو صحيح جواب ٿي سگهي ٿو. پر...“ +۽ هن ڳالهه ڦيرائي ڇڏي هئي- ”تو منهنجي پٽ جي ڳالهه ڪئي ڌيئڙي! ششانڪ ۽ ون وهاري ساڻ ساڻ پڙهيا آهن، راند رمت ڪئي اٿن، اهو ته توکي معلوم ئي آهي.ششانڪ به مون کي پٽ جهڙو آهي. اڄ جڏهن مان هن جي ڳالهه اشاري سان ٻڌائي سگهيس سو جيڪڏهن ون وهاري کي به اڪال ئي مرڻو پيو... ۽ جيڪڏهن اها ڄاڻ مون کي پئجي سگهي ته جيئن ششانڪ جي باري ۾ مون ٻڌايو آهي، تيئن ئي ٻڌائيندس. رڳو ڍنگ نرالو هوندو. توکي ته مون اشاري ۾ ٻڌايو آهي. بنو جي بابت جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه تز نڪتي ته مان عطر کي صاف لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيندس. بنو جي استريءَ کي به کولي ڪري ٻڌائيندس ته بنو ڪين بچندو، لڪ لڪاءُ مان ڪين ڄاڻان ۽ اهو به چوندس ته توکي ڪائي سَڌَ هجي ته پوري ڪري وٺ. تون مون تي خوامخواهه ناراض ٿي آهين ڌيءَ. موت جي اڳيان اسين بنهه بيوس آهيون.“ +ٻيو ڪير اهڙوجملو چوي ها ته نئين زماني جي پڇمي وگيان کان متاثر ماڻهو وشواس ته هرگز ڪين ڪن ها، اٽلومٿس چٿرون ويهي ڪن ها. پر ڪشور سڄي پرڳڻي ۾ پنڊت ۽ شيواڌاري جي ناتي مشهور آهي، سڀ هنکي سرڌا سان سڏندا آهن. ان کان سواءِ منجهس هڪ وڏو گڻ به آهي جو هو ستيوادي آهي. سنسار ۾ وڏي ۾ وڏي گهرج پوندي به مک مان ڪوڙ ڪين ٻوليندو ۽ ڪنهن جي به دلجو ئي ڪاڻ سچائي کي وڌاءُ ڪري ڪونه چوندو. +ٻئي قصا سڻي ماڻهن جون واڇون ئي ٽڙي پيئون. ساراهه جا ڍڪ ڀريندي هڪ چيو: ”سچ پچ ڪمال آهي!“ +ڪشور چيو: ”ڇا ڪري رهيا هئا؟ شايد شطرنج کيلي رهيا هئا؟ انهيءَ وچ ۾ اندران ٻاهر نڪري ستاب به مهاشيه جي پٺيان اچي بيهي رهيو.“ دونهون ڏسي باهه دکائڻ جو انومان ڪشور جو ٺيڪ ئي نڪتو. +اڄ مهاشيه ننڍڙي ٻالڪ جيئان شرمائجي ويو. سر نمائي کلندي چيائين: ”آخر ٻڍاپي ۾ ڪوئي سهاور ته گهرجي! ٻيو ڪريان به ڇا، چئو؟ ٻڌو اٿم ته تون به ڇوڪرن سان فوٽ بال کيلڻ ويندو آهين. اهو ضروري آهي ته تنهنجو نالو ڪشور آهي. پر تون عمل ۾ به دائميڪشور آهين. ماڻهو چون ٿا ته ڪشور بابو بالغ ٿي نه سگهيو، نابالغ ئي رهجي ويو. اهو ئي رهج ڀائڙا تون، جيون ڀر صغير رهج.“ چوندي چوندي سندس اکين مان آب ڇلڪي آيو. ڏينهن پڄاڻا، گهڻن – گهڻن ڏينهن پڄاڻا، الائي ڪيترن ڏينهن پڄاڻا، نٿو چئي سگهجي. ها، نٿو چئي سگهجي. +مهاشيه جي اکين ۾ پاڻي ڏسي ڪشور به ڀريل من سان چيو: ”چڱو ته هاڻ اجازت ڏيو. ذرا هنن سڄڻن کي سڀ ڪجهه ڏيکاري اچان.“ +هو سڀ هليا ويا. سڀني جون دليون پگهرجي ويئون، اکيون ڀرجي آيو هون. هڪ عجيب ڪيفيت هئي، ماٺ ميٺ ۾ هليا ويا. سڀني جي منهن تي ڄڻڪ تالا لڳي ويا هئا. هڪڙو هريندر ئي اتي رهجي ويو. ڀر سان اچي چيائين: ”هڪ ساماچار آهي. وري اڄ وپن بابو جي پيشاب جي رپورٽ آئي آهي. خرابي ڪافي دور ٿي ويئي اٿس. اوهان کيس هينئر ڏسڻ ته ويندا؟ اڄ جنهن مهل اسان هن کي ڏسڻ وينداسون اوهان به ان مهل هلو ته ڏاڍو. چڱو ٿيندو. سڀ گڏجي هڪوار چڱيءَ طرح ڏسي سگهنداسون.“ +بي دليو مهاشيه چيو: ”سڀ گڏجي ڏسنداسون!“ +[1] ڀڳوان شو شنڪر. + + +[24] + +”وپن ٺيڪ آهي.“ پاڻ ئي چيائين، ”بهتر پيو ڀانيان.“ رتن بابو چيو- ”اڄ پيشاب جي رپورٽ آئي آهي، جيڪا خامي خرابي هئي سا هاڻ گهٽجي ويئي آهي.“ +مهاشيه جڏهن پهتو تڏهن ٻيا ڊاڪٽر اڃا ڪونه آيا هئا. وپنجي ناڙيءَ ڏانهن هٿ وڌائيندي مهاشيه چيو- ”جڏهن تندرست ٿيڻو هوندو آهي تڏهن بيماري ان ريت گهٽي ويندي آهي. ان زماني جي ڳالهه هئي جڏهن بيماري تاڙ جي وڻ وانگر وڌندي آهي ۽ گهٽجي آهي تِر تِر ڪري.“ +”هڪوار ناڙي اچي ٻڌائي ڪيئن ڏسي رهيو آهين؟“ +”مان ته روز ٻڌائي رهيو آهيان ڀائي.“ +”نه، اڄ جيئن ڏسي رهيو آهيان سو ٻڌاءِ. هينئر ڪيئن آهي، سو نه. پراڻي زماني واري نبض ڏسي ٻڌاءِ. اهو به ٻڌاءِ ته وپن ڪيترن ڏينهن ۾ نوبنو ٿي اٿندو؟“ +وپن چيو: ”ليٽندي لٽيندي مان ته ٿڪجي پيو آهيان. اڳي واري اِنوئلڊ چيئر تي ڪجهه ديرورانڊي ۾ ويهي سگهان يا ٿوري ساعت ٻاهر گهمي سگهان ته هيءَ پريشاني به دور ٿئي. وري لڄ وچان به مرندو ٿو وڃان. ساري برهمانڊ جي ديا جو پاتر بڻجي پيو آهيان. ماڻهو به مون مان ڀِر ٿي پيا آهن، هاءِ- هوءِ ڪن ٿا. سڄي دنيا جي ماڻهن جو بوجو بڻجي سندن ڪلهن تي سوار آهيان، منهنجي لاء�� اهو سڀ هاڻ سهڻ کان ٻاهر آهي.“ +مهاشيه من ئي من ڇرڪي ويو. سلڇڻي وين جي من جي اوسٿا سج جي پهرئين ڪرڻي جي پرڪاش وانگر روشن ٿي ويئي. مهاشيه جي نظر ۾اها به علامت آهي. +هن و پن جي منهن ڏاهن نهاريو. هن جي ڪرائي پنهنجي هٿ ۾ جهلي ورتي. نبض ۾ نيزي صاف پڌري هئي. +هٿ ڇڏائڻ کان پوءِ و پن اَکيو- ”ڪڏهن اٿڻ جي اجازت ڏيندا؟“ مهاشيه ٻوليو- ”سڀاڻي ٻڌائيندس. اڄ تون پاڻ چنچل ٿي رهيو آهين. +”چنچل ته هيءُ هر گهڙيءَ رهن ٿا. اوهان ان لاءِ کين منع ڪري ڇڏيو.“ وپن جي پلنگ جي هن پاسي هڪ استري بيٺي هئي، سندس پتني. ڏيهاڙي بيٺي هوندي آهي. ڳالهائيندي ڪانهي. اڄ شايد کانئس رهيو نه ٿيو، ڳالهائي ويٺي. پراڻن سان شيوا ڪندي کيس اها علامت بري طرح محسوس ٿي آهي، ڪنڊي جيئان گهرائيءَ سان چڀي ويئي آهي. شايد ان ڪري کانئس رهيو نه ٿيو. +پنجٽيهه- ڇٽيهه ورهين جي ڄمار، شانت سندر استري، ڳل تي سنڌور جو ٽڪو، سينڌ ۾ جڳ مڳ ڪندڙ سنڌور، لعل ڪناريءَ واري ساڙهي زيب تن. اڄ ساهه جي ڇڪ وچان گهوگهٽ اگهاڙو ڪري هن جي سامهون ظاهر ٿي بيٺي. +مهاشيه جي ورنديءَ کان اڳي ئي وپن چئي ڏنو: ”جهيڻو آواز ڏڪي رهيو آهي، اکيون ڪجهه ٻري رهيون آهن، هن چيو- ”منع ڪريو! منع ڪريو! منع ڪرڻ سان ئي من مڃي ٿو؟ عورت جي ذات، تون منهنجي پيڙا ڪيئن ٿي سمجهي سگهين!“ +مهاشيه خفي ٿي چيو- ”وپن پٽ! وپن!“ رتن بابو به پڪاريو- ”وپن! وپن!“ +وپن جون اکيون آب اوتڻ لڳيون. ٿڪل ۽ ٽٽل آواز ۾ چيائين- ”مون کان هاڻ وڌيڪ نٿو سٺو ٿئي! نٿو سٺو ٿئي!“ +رتن بابو هنجي مٿي تي هٿ رکي بيٺو رهيو. پنکو کڻي وپن جي زال اڳتي وڌي؛ اڀمان وچان وپن چيو- ”نه! شريمنت! تون ئي پنکو جهل.“ +شريمنت وپن جو پٽ آهي. هن ماءُ جي هٿ مان پنکوورتو. مهاشيه روڳيءَ ڏانهن غور سان نهاري هڪو ٻڪو ٿي ويٺو رهيو. ٿوري ساعت ۾ ئي آلس وچان وپن جون پنبڙيون جهڪي ويئون. مهاشيه هن جي هٿ کي ڇهي ڪري ڏٺو. وپن هڪوار اکيون ڦهلائي ڏٺو ۽ وري ٻوٽي ڇڏيون. مهاشيه هن جي ناڙيءَ ۾ وسامنڊر جوش محسوس ڪيو. ڪافي دير تائين نبض جاچي هو ٻاهر نڪري آيو. +”جيون!“ پوئتا آهستي- آهستي رتن بابو پڪاريو. +”فڪر جي ڪائي ڳالهه ڪانهي رتن. ڪائي اهڙي ڳالهه ڪانهي. پر هوشيار رهڻو پوندو. ههڙي تيزي چڱي ڪانهي؛ اها ته ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي!“ +”وپن ههڙو آپي کان ٻاهر ڪڏهن ڪونه ٿيو آهي. اڄ ئي ٿيو. پر مان جيڪي ڄاڻڻ چاهيان ٿو؟ موت جي اڳڪٿي اوهان جي خاندان جي پرنپرا آهي. مونکي اني اٽل وشواس آهي. مان اهوئي ڄاڻڻ چاهيان ٿو.“ +کلندي جيون مهاشيه وراڻيو- ”ناڙي ڏسڻ جا اُهي ڏينهن لڏي ويا رتن! هيءُ زمانو، هيءُ سموئي ٻيو آهي! اڄ الائي ڪهڙين ڪهڙين دوائن، ڪهڙن ڪهڙن علاجن جون ايجادون ٿيون آهن. هاڻ ڇا جهوني زماني جي عقل سان به ڪم هلي سگهي ٿو؟ مثلاً مليريا بخار. منهنجي ڄاڻندي اهو بخار نو ڏينهن ۾ لهندو پر اڄ ان جي سئي نڪتي آهي، پيلُڊرن پهچي ويو آهي، ٽن ئي ڏينهن ۾ بخار لهي ٿو وڃي. ٽائيفائيڊ ۾ اسان ماڻهن جي راءِ موجب- ارڙهن ڏينهن، ايڪويهه ڏينهن، اٺاويهه ڏينهن، ٻٽيهه ڏينهن۽ اٺيتاليهه ڏينهن. ليڪن نئي دوا سان ڏهه ٻارهن ڏينهن ۾ ئي بخار صاف. اڄ ناڙي ڏسي مان ڇا ٻڌايان؟ ڊاڪٽر اچي رهيا آهن تن کان ئي پڇ.“ +”اوهان ٻڌائڻ نٿا چاهيو، لڪائي رهيا آهيو اوهان. پر اوهان پنهنجي پٽ جي باري ۾ ته ڪي ڪين لڪايو هو!“ زناني نڙيءَ مان آيل آواز مهاشيه کي ڇرڪائي وڌو. منهن ورائي پٺيان ڏٺائين. پٺيان وپن جي استري بيٺي هئي. ڳل تي سندور جو ٽڪو، سينڌ ۾ سنڌور جي لنبي ليڪ. اتاولي بڻي اسٿر اکين ۾ سوال نيو بيٺي هئي. +گذريل يادگيري ڄڻڪ چهبوڪ کڻي بيرحميءَ سان وار ڪيو. جندجان سان پاڻ کي روڪي هن وراڻيو- ”مان ٺيڪ چئي رهيو آهيان ڌيءَ، هينئر ٺيڪ سمجهه ۾ نٿو اچيم. توهان وٽ ايندي ئي مون کي پنهنجي پٽ جي يادگيري ستائي ٿي. من چنچل ٿيو پوي. ٺيڪ سمجهي نٿو سگهان. ان ۾ لڪائڻ جي ڪابه نيت ڪانهيم. مون کي غلط متان سمجهين.“ جيون مهاشيه تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. +”ڊاڪٽر بابو، اوهان جي في.... في.“ +”سڀاڻي ڏجو.... سڀاڻي.“ +* * * +نهايت دل ڏاريندڙ يادگيري هڪوار آمهون- سامهون کڙي ٿي ويئي. ائين ڀاسيو، اهائي آهي، هوبهو ساڳي! تفاوت آهي. هوءَ نوجوان نار هئي، سورهن سترهن ورهين جي، ڳوٺاڻي گهر جي نينگر. هوبهو اهڙي ئي نگاهه سان مهاشيه کي ڏٺو هئائين. ششانڪ جي استري. +هن مهاشيه کي هڪ قسم جو سراپ ڏنو هو. اهو سراپ ڪارگر ٿيو. ون وهاري مري ويو. ششانڪ اوچتي نازل ٿيل بيماري دئاران مئو هو. هن جو پنهنجو ڪوئي قصور ڪونه هو. هن جي پنهنجي ڪنهن اوگڻ موت جي مدد ڪانه ڪئي هئي. اڄ جهڙي بندوبستگي بيماريءَ جيوڙن جي جاچ جي آهي، جيوڙا ناس ڪندڙ دوائون ايجاد ڪيل آهن، تڏهن اهي هجن ها ته شايد.... نه!“ مهاشيه پاڻمرادو ڪنڌ ڌوڻ ڪئي- ”ته به ششانڪ ڪونه بچي ها. اڄ به پينسلين جي سهاري سڀني بيمارن کي بچائي نٿو سگهجي. روڳ جي ڪارڻ ۽ جيوڙن جي روپ جو پتو لڳائي به ڪوئي نتيجو نٿو نڪري. ليڪن ته به ششانڪ جو ڪوئي ڏوهه ڪونه هو. هن جي موت منش جي علاج جي ڄاڻ جي اڻ پورائي، کوٽ آهي. مرتيو نشچت آهي، ليڪن اها مرتيو عمر جي پوري معياد ختم ٿيڻ تي، سج جي غروب ٿيڻ برابر، خوشيءَ جي اتسو ۾ ٿيندي آهي. انهيءَ سبب کان ششانڪ جو ڪو به اپراڌ ڪونه هو ۽ هن جي ڪنوار لاءِ هو ممتا جو مجسم بڻجي پيو هو. کلي ريت کانئس چوڻ نه پڳو هو، بلڪ هن جي ڪنوار کي نوتو ڏيئي زندگي ۾ آخرين ڀيرو مانس مڇي کارائي هن من جي ويدنا کي ظاهر ڪرڻ چاهيو هو. مگر هوءِ نينگري عجيب هئي! هن عجيب استان جي عجيب نينگري! جيڪي ديويون الائي ڪهڙي آدي ڪال کان وڌواپڻي جو پالن ڪنديون اچن ٿيون، ديهه جي ڀوڳ (جنسي بک) کي تياڳ ڪري پريم کي ئي وڏو بڻائي چاهينديون رهيون آهن، هيءَ نينگري به انهيءَ جاتيءَ جي هئي. غير رواجي. مهاشيه هن کي سمجهي ڪين سگهيو هو. +هن مهاشيه کي سراپ ڏنو هو. +انوکي هڪجهڙائي، هن جي سراپ کي سڦل ڪرڻ جي لاءِ ون وهاري پنهنجي جيون کي اڳي ئي ان وهڪري ۾ گهيلي ڇڏيو هو. ميلي کانپوءِ کيس جيڪا ذيابيطس (مٺا پيشاب) ٿي، اهائي آخري ڪانه هئي. ون وهاري باز نه آيو. کيس وري ساڳي بيماري اٿلي پئي. +اها تلخ يادگيري هن لاءِ بيحد دل ڪانڊاريندڙ آهي. +شرير جيسين ڳري نٿو، تيسين موت جي ڪامنا ڪرڻ پاپ آهي، اهو آپگهات ڪرڻ جي برابر آهي. هن به اهو ئي ڪيو هو. کاڌي پيتي، وهنوار سڀ ۾ جيون مهاشيه هڪوار نرالو آدمي بڻجي ويو هو. البت هن ڪل ڌرم جو النگهن ڪين ڪيو هو، النگهن ڪيائين عمر جي سنڀال، ان کي لنبي بنائڻ جي نيم سنجم جو. هن ڪنهن وڀچار جي پاپ سان پنهنجي خاندان کي ٽڪو ڪونه لڳايو هو، پر پنهنجي مٿان اتياچار ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر ڪانه ڇڏي هئائين. من وهمي بڻجي پيس. ٻنهي هٿن سان ڪمائي، چئن هٿن سان لٽيائين. اندر جي باهه ۾ جيترو پڄرندو رهيو، ٻاهر اوترو ئي ميلو وڌائي ڇڏيائين. رڳو وئدڪ پيشي تائين پاڻ کي محدود نه رکيائين، ڪيترن ڪرمن ۾ پاڻ کي پکيڙي ڇڏيو هئائين. ماڻهو شراب پي ڪري پنهنجي غم کي غلط ڪرڻ چاهيندا آهن، هن يار نالي ۽ ڪرم جي نشي ۾ پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيو هو. +آروگيه – نڪيتن جي ڀرسان جيڪو کوهه آهي، تنهن وقت ئي هن کڻايو هو. پنچائت جو پرڌان هو. سرڪار کان ٽي حصا رقم وصول ڪري باقي هڪ حصي جي رقم هن خود لڳائي هئي. اسپتال جي سامهون جيڪو اڻانگهو رستو ويو ٿي، چور- پڪڙ خندق، ٽنگ- ٽوڙ کڏ- سڀني کي نئي سر سڌاري انهن کي سڌو سنواٽو ڪرايو. +روزگار جي تلاش ۾ آسپاس جي ٻن ٽن ڳوٺن جا مزور آروگيه- نڪيتن جي سامهون ڳاهٽ ٿيندا هئا. انهن سڀني کي هو ڪوئي نه ڪوئي ڪم ڏيندو هو. +مهاشيه ونش جي مهاشيائي ته نيٺ هلي وڃڻي آهي، پر وڃڻ کان اڳي شفق جي لعلا جو اتسو ته ملهائي وڃي! +پنهنجي شرير تي ڏاڍاين جي ڪا حد ئي ڪانه هئي! +سڄو ڏينهن بنا کاڌي پيتي گهمندو رهيو آهي. ڪٿان ڪوٺ ٿئي يا نه ٿئي، پر هيءُ يار پنهنجي ڌن ۾ مست رهيو. نيپال جي ڀاءُ سيتارام جي دوائن جي دوڪان تي ويهي گپ شپ هڻندي شام گذاري ڇڏيندو. جنهن به سڏايو، تنهن وٽ هليو ويو. علاج ڪيائين. في ڏنائون، نه ڏنائون. ٻئي ڏينهن وري ويو. رات- رات شطرنج کيلڻ جي شروعات به تڏهن ٿي هئي. گاني بجاني جون مجلسون ڪيائين. جيڪو به. استاد پهتو، ان جو سواگت ڪيائين. راڳ سرود جي محفل سان گڏ جل پان جو به بندوبست ڪري يارن دوستن سان موج مزا ڪيائين. چاهي ڇا به ٿئي، پر شام جو ٻن چئن مترن سان گڏ ڪالي ٿان ۾ ڪيرتن ڪرڻ ۾ ڪڏن ڪين گٿو. بيمار وٽان سڏ ٿيڻ ۾ موٽندي اوير ٿي ويئي ته اڪيلو ئي مندر ۾ هٿ جوڙي وڃي ڳائي ايندو. +راڌا گووند! جيه راڌا گوند! +اهو نيم ڪڏهن نه ٽوڙيائين. مهاشيه ونش جي وشڻو- منتر جي چيتنا کيس ڪڏهن ڪانه ٿي. پرمانند ماڌو کي پائڻ ته هن جي ڀاڳ ئي ڪين ڀرايو، پر نام- ڪيرتن کي ڪين ڀليو. هن سخت وهمي ۽ منجهيل حالت ۾ به اها مٿين ڪرت جاري رهي. +عطر ڀيري ڀيري سان ٽوڪيندي رهيس. چوندي- ”پڇاڙيءَ ۾ پڇتائيندين، چئي ٿي ڇڏيانءِ.“ +مهاشيه ٽهڪ ڏيئي کلي پوندو هو. ٻيو ڪير اتي نه هوندو ته چوندو هو- ”اڙي، ان زماني ۾ منجريءَ جي ڪاڻ بازار مان قرض کڻي خرچ ڪرڻ ۾ به مون ڪين پڇتايو هو. ان جي بدلي مونکي تون ملينءَ. اڄ ته مان ڪمائي ڪري اڏائي رهيو آهيان- تنهن ۾ پڇتائيندس؟“ +”نيٺ به ڪمائين گهڻو ٿو، مان به ته ٻڌان؟“ عطر جو منهن ٽامڻي هڻي ويندو هو. +”گهرج ڪيتري آهي، سو ٻڌائي. ڪيترو گهرجئي؟ اڄ ئي ٿو ڏيانءِ، هينئر. ڪهڙو ڳهڻو گهرجيئي ڇا! کپيئي!“ +”مون کي ڪجهه ڪونه ٿو گهرجي. مونکي تنهنجو ڪجهه ڪونه گهرجي. ٻچڙين جي شادي ۽ ٻچن جي سکيا، ايترو ئي ٿئي ته بس. مان ٻانهي بڻجي گهر ۾ آئي هئس، اهائي ٿي ڪري رهنديس.“ +”ڪوڙ ٿي ٻولين. تون ته آئي هئين هٿ ۾ حڪومت جو ڏنڊو کڻي. سدائين کان راڄ هلائي رهي آهين، توکي سمجهه ۾ نٿو اچي، تنهنجي پٽ جي واسطي وڏو دائرو، اوچو آسن تيار ڪري رهيو آهيان. تنهنجو لاڏلو مون وانگر وئديه ته ٿيندو ئي ڪونه. هو ته ٿيندو ڊگري وارو ڊاڪٽر. ليڪن نوگرام جي براهمڻ جي بنيادي گهر کان پنهنجو گهر ته اڄ به هيٺ ئي رهجي ويو آهي؛ تنهن کي مٿي کڻي برابر ڪرڻ لاءِ پان پتوڙي رهيو آهيان.“ +اتي عطر به چپ ٿي ويندي. وشواس ۽ اوشواس جي جهولي تي سُن ۾ اچي يڪ ٽڪ اکين سان ڏانهنس تڪيندي رهندي هئي. +ان کانسواءِ ٻيو ڪو چاڙهو نه هو. ون وهاري ان روڳ جو شڪار بڻجي به حرڪت کان باز نه آيو، روڳ مان ڇوٽڪاور پائيندي ئي هن اگهاڙي لباس وانگر لڄ- شرم کي لاهي ڦٽو ڪيو. سال کن جي اندر ئي ماءُ پيءُ جي جهڳڙي- گهپيءَ ۾ هن پاڻ کي خود مختيار ظاهر ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هن صاف چئي ڏنو: ”مون کان اسڪول جي پڙهائي ڪانه پڄندي.“ +سندس منهن ڏانهن تڪيندي مهاشيه ورجايس: ”ڪانه پڄي سگهندي؟“ +”نه. حساب، سنڪسرت، هيءُ سڀ منهنجي مغز ۾ ڪونه ويهندا.“ +”تتہ ڪم؟ ......................... مهاشيه ک��ي ڪري آکيو. +ماڻهس اوٽ ۾ بيٺي هئي. اندر اچي چيائين- ”ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽريءَ جو نئون اسڪول کليو آهي، اتي ئي پڙهندو. هتي سال بسال ڪيستائين فيل ٿيندو رهندو؟“ +”۽ هتي به فيل ٿيندو رهي ته؟“ +”ته تو جهڙو ڊاڪٽر بڻبو! تون ته بنا پڙهڻ جي، بنا ڊگري پاس ڪرڻ جي ئي روپين جا ٻڪ ڀري ٿو آڻين. جڏهن بابو بڻيو آهين، ته خانداني وديا ته پٽ کي سيکاريندين.“ +”مگر، اسان جي خانداني وديا م ته ٿوري گهڻي سنسڪرت جي ڄاڻ لازمي آهي سائڻ! +”ڇا، ڇا چيهءِ مونکي؟“ +”سائڻ چيم، سائڻ! ڪائي خراب ڳالهه ته ڪانه چيم.“ +”پر چيهءِ ته مذاق ۾؟ تو جهڙو واهيات مون ڪونه ڏٺو. پتا ٿي ڪري تنهنجي پٽ تي ممتا ڪانهي؟“ +مهاشيه ماٺ ۾ رهيو. ڇا چوي؟ پٽ تي ممتا؟ ون وهاري کي ايم-بي پڙهائڻ جي سندس اڇا هئي. ان اڇا جو راز عطر ڇا ڄاڻي؟ اڇا هئي. اڇا هئي ته ون وهاري ايم.بي.- ها، ان وقت ايل.ايم. ايس جو ڪورس کڄي ويو هو، ايم.بي جو ڪورس ان جي جاءِ تي هلندڙ هو. جڏهن پڙهڻ شروع ڪندس ته سندس وهانءُ جو به بندوبست ڪندو. ڳالهه ٻول هلائيندو. ڪاندي مان ڪنهن زميندار جي گهر جي ڪنيا آڻيندو. ڳوٺ جي زمينداري مان هڪ آنو حصو نوگرام ۾ چاهي ’زمينداري‘ ڳڻي ٿي ويئي، ڪاندي ۾ ائين نٿي سمجهيو ويو؛ ون وهاري ايم.بي پاس ڪندو، ته ماڻهو عزت سان ان کي ’زمينداري‘ تسليم ڪندا. ڪاندي وڃڻ جي خواهش سدا کان من ۾ رهي اٿس، ان کي اوس پوري ڪندو. ڀوپيءَ جي ڪنهن سڳي سنٻنڌي جي ڌيءَ آڻيندو. خير، اهي ڳالهيون رهڻ ڏي. +هڪ ڊگهو ساهه ڀريندي مهاشيه چيو هو: ”خير. اهو ئي ٿيندو.“ پٽ ڏانهن نهاري چيائين- ”بيل گڇيا جي آر. جي. ڪر ميڊيڪل اسڪول جي لاءِ ته چئي رهيو آهين؟“ +”ها، اتي پاس- ٻاس ٿيڻ جي ضرورت نٿي پوي.“ +”ها خبر اٿم. پر اتي به فيل ٿيندا آهن. +مثلاً نوگرام جي راءِ ڪٽنمب جو اتين به پاس نه ٿي سگهيو. اسڪول ۾ چاهي پاس نه ٿجي، پر اتي ته پاس ٿيڻو آهي. اهو ياد رکج.“ +”پاس ضرور ٿيندو. ٽن پيڙهين کان انهيءَ وديا جو دور رهيو آهي. ڏسج پٽ، چڱي ريت پڙهج. جيئن ماڻهو ٽوٽڪائي ويڄ چئي توکان نفرت نه ڪن. مهاشيه ونش جي ان بدناميءَ کي توکي ئي دور ڪرڻو آهي.“ +ڊاڪٽر آر.جي. ڪَر مهاپرش هو. گهٽ پڙهيل ڳڙهيل، ٿوري پونجي جي گرهستي گهر جي ڇوڪرن جو هن وڏو اپڪار ڪيو هو. ديش ۾ تنهن وقت مليريا موت برپا ڪري رهي هئي. انگريزي ڊاڪٽرن جي دٻدٻي، رعب ۽ سرڪاري نازش جي ڦهلاو سبب ڪويراجن جا گهر بند ٿيڻ لڳا هئا. وئدين جي کوٽ هئي. اهڙي وقت ۾ اهي اڌ ڪپڙا ڊاڪٽر گهڻو ڪم ڏيئي ويا. ”شت ماري ڀوَيد وئديه ہ سهسترماري چڪتسڪ ہ ”(....................................................)“ ٿي سگهي ٿو، انهن جي ڀلن چڪن ڪري هزارها انسان ڀوڳيندا رهيا، مري کپي ويا، پر ان جڳهه تي هزار کانپوءِ ڪيترائي بهترين ڊاڪٽر به ٿيا، بچي به ويا. +ٻڍو جيون مهاشيه کلي پيو. ون وهاري آر.جي. ڪر ميڊيڪل اسڪول ۾ پڙهڻ ويو. ساڻس گڏ محمود پور جي پساريءَ جو پٽ رام سندر ويو، ون وهاري جو گهاٽو يار. ڇهن مهينن بعد ون وهاري موڪلن ۾ گهر آيو. ڊبل بريسٽ ڪوٽ، فرينچ ڪٽ ڏاڙهي، هڪ نئين روپ ۾ ون وهار! چپن تي سگريٽ. بدن ۾، ڪپڙي، ڪرتي ۾ سگريٽ جي بوءِ. ساڄي هٿ جي ڏسڻي ۽ وچين آڱر جي نوڪ تي پيلو داغ. پهتل جوتشي جيئن ماڻهو جي هلت چلت، ڳالهه ٻول، شڪل ۽ ڪم ۾ پنهنجي ڳڻپ جو عڪس پسي سگهن ٿا، هوئڻهاري جي اڳڪٿي ڪري سگهن ٿا ۽ ليلا- درشن جو چمتڪار ڪري کلن ٿا- مهاشيه جي چپن تي ٺيڪ ساڳئي قسم جي مرڪ ان وقت نمودار ٿي هئي. ٻيءَ کن ئي هن جي اها مرڪ اچرج ۾ بدلجي ويئي هئي. اِندر هن جي گاڏيءَ مان لاٿا هڪ هارمونيم، کاٻو طبلو، پتل جي باسنري، ٻه جوڙا کنجرين جا ۽ هڪ گهنگهرن جو جوڙو! +”خير. چڱوئي آهي. ناچ گانو ڪلا- وديا آهي. چوهٺ ڪلائن ۾ سريشٺ. سکڻ چڱو ئي آهي. ناد برهم! سنگيت سان ايشور جي ساڌنا ٿيندي آهي، پريم پيدا ٿيندو آهي. چڱو آهي. دين ٻنڌو مهاشيه هري ڪيرتن ڪندو هو، جڳت مهاشيه به پد- گانو سکيو هو، جيون مهاشيه کي سيکاريو هئائين- ٽن پيڙهين کان ٽي-ٽي مردنگ. اهي ساز آروگيه- نڪيتن جي ئي ڇت تي حفاظت سان رکيل آهن. جيڪو رمدنگ پاڻ ڳنهي آيو هو، سوئي هينئر ڪتب آڻيندو آهي. هاڻ نئين زماني ۾- وقت جي سڀاويڪ چڪر جي ڪارڻ، ونش جي ڪرم ڦل سان يعني هنن جي ڪرم ڦل سان بعد جي پيڙهي جي ماڻهن انهن ٽن مردنگن سان گڏ هارمونيم- ڀبلو- کڙتال- کنجري ۽ گهنگهرو جوڙي ڇڏيا. چڱوئي آهي.“ +سنجها جو ٽاڻو هو. مٿي آسمان ۾ ايڪادشي- دوادشي (گيارس- ٻارس) جو سهائو چنڊ، چانڊوڪي کِڙڻ لاءِ اتاولي ٿي رهي هئي؛ هرهنڌ وڻن- ٻوٽن جا گهوگهاٽ- آسپاس، جتي به ٻاٽ اوندهه هئي. انهن هنڌن جي ٽڪرن ۽ ڦاڪن ۾ ڌوتل شفاف ڪپڙي وانگر جتي- ڪٿي صاف جهلڪي رهي هئي. ڪنهن ڪنهن هنڌ ته ائين پئي ڀاسيو ڄڻڪ کير ڌوتل ڪپڙا پهري ڪائي رهسيه مئي اوٽ ۾ لڪي بيٺي اشارا ڪري رهي آهي. اچانڪ ان پاڇي کي ڏسي جيون مهاشيه کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين: ”ڪير؟ ڪير آهي هتي؟“ +امالڪ کيس منجري ياد اچي ويئي هئي. +ون وهاريءَ کي نگري بيماري ٿيڻ بعد به کيس هن جي ياد آئي هئي. کيس ائين محسوس ٿيو ته جيئن هو ڀوپيءَ جي گندي روڳ تي کليو هو، ان ڪري ان روڳ ۾ مبتلا ٿي ون وهاري سندس کل اڏائي.“ +ٻيءَ کن ۾ هو کلي پيو هو: ”نه! ڪائي ڪانهي. ٻن گهرن جي وچ ۾ چانڊوڪي لهي آئي آهي.“ +”منجري ڪانهي، نڪا هوءَ عجب وچان مشڪي رهي آهي.“ +منجري مئي ڪانهي. ڀوت بڻجي هوءَ ڪيئن ٿي اچي سگهي؟ پر هيءُ سراپ سندس ئي آهي! سندس سراپ سانئي منجري جي حياتي بيڪار ٿي ويئي! ڀلا هن جو سراپ کيس نه لڳندو؟ يا سندس ئي سراپ، جنهن سان منجري جهڙي معمولي ڇوڪريءَ جو جيون ڪونه جلي سگهيو- ڦري ڪري کيس ئي اچي لڳو آهي. +”منجري وڌوا ٿي ويئي آهي. ڀوپي مري چڪو آهي. تنهن ڏينهن عطر پٽ جي سامهون ئي منجريءَ جو ذڪر ڪڍي هن جي ياد نئين سر تازي ڪري ڇڏي. تهان پوءِ هن منجريءَ جي ڳولها ڪئي هئي. هوءَ وڌوا ٿي ويئي آهي. اولاد هڪ ڌيءَ آهي. ڌيءَ جا روش پيءُ سان ميل کائين ٿا، پڪي سون جهڙو رنگ، ماءُ جهڙي بناوٽ ۽ سونهن ملي اٿس. ڀوپي تباهه ٿي مئو آهي. پر ڇوڪريءَ جي روپ ۽ ڪٽنمب جي ناموس ۽ عزت جي ڪارڻ سندس وهانءُ چڱي گهر ۾ ٿيو آهي. منجري هينئر ڌيءَ جي ديا تي پلجي پئي. ڏوهٽيءَ کي کارائيندي سڀ ڪجهه ڀلجي ويئي آهي. آنند سان رهي ٿي.“ +اهو سڀ، جيون مهاشيه بيٺي بيٺي سوچي رهيو هو. عطر کيس سڏ ڪيو هو: ”اندر اچ. ڪڪو آيو آهي ۽ تون ٻاهر بيٺو آهين؟“ +جيون مهاشيه آکيو: ”اڄ رات دوستن جي دعوت ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان. بنو آيو آهي نه.“ +”ته ڀلي ڪر دعوت.“ +جيون مهاشيه اِندر کي سڏايو. هڪ فهرست تيار ڪري کيس ڏنائين ۽ ان تي لکيائين: ”ڪلاوچند کي معلوم ٿيئ ته آدمي ساڻ وڃي رهيو آهي، فهرست پٽاندر سڀ شيون هن کي ڏجو. پئسا پوءِ موڪليندس.“ فهرست جي هيٺان نوٽ هنيائين: ”نه ٿئي ته منهنجي نالي کاتو کولجو. آئنده سامان تو وٽان ئي ايندو. چيٽ ۽ اسوءَ ۾، ٻه ڀيرا بقايا جي اصولي ڏيڻ ۾ ايندي.“ +نندو تڏهن ننڍو نينگر هو. تنهن کي سڏي مهاشيه چيو: ”وڃ، لوٽن ماهاڻي کي سڏي اچ. چئجان ڄار کڻي چئن پنجن همراهن کي نيو اچج. تلاو مان مڇي پڪڙڻي آهي.“ +۽ هن مشهور دهلاريءَ بنت مڪرجي کي به سڏايو هو. چوائي مڪائينس، پان سان گڏ گوئيا به وٺي اچج. +ٿيڻ ڏي، گانو بجانو نه ٿيڻ ڏي. حياتيءَ جا ٿورا باقي ڏيهاڙا، کل خوشي ۽ موج مزي ۾ ڪٽجن. پرمانند ماڌو کي پراپت ڪرڻ نڪي سندس ڀاڳيه- ڦل آهي، نڪي ڪرم- ڦل! + + + +[25] +گهٽيءَ ۾ چاندني جو جيڪو وسيع ٽڪر هو، چنڊ جي چال سان گڏوگڏ گهٽيءَ جي اندران ٻاهر نڪري موڙ تي تڏهن به ڀت سان ٽڪيل ڪنهن آدميءَ جيئان بيٺل لڳي رهيو هو. اهائي گهٽي ششانڪ جي گهر ڏانهن ويئي ٿي. انهيءَ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ششانڪ جي استريءَ کيس سراپ ڏنو هو. +ون وهاري بي وقتو موت جو بک ٿيو. ليڪن هن جي موت جي گهاتڪ صدمي کان وياڪل ۽ چنچل ٿيندي به من ۾ پٽ جي وڇوڙي کي استريءَ جو سراپ سمجهي هرگز قبول نه ڪيائين. +خود ڊاڪٽر هوندي به ون وهاريءَ موت کي نوتو ڏنو هو. پوءِ موت کي موٽي وڃڻ جي ڪهڙي گتي پيئي هئي؟ ليڪن موت کي گهرائڻ بعد کيس ڪهڙو نه ڀو ٿيو هو! اف! جيئڻ لاءِ ڪهڙي نه ماندگي! ٺيڪ دانتو گهوشال جيئان! موتيءَ جي ماءُ وانگر! جڏهن هن جي ياد اچيس ٿي ته شوڪ کان وڌيڪ ڏک ٿيندو اٿس. جيڪو آدمي مرڻ نٿو چاهي، ٻڏندڙ وانگر انڌڪار ۾ هٿوراڙيون هڻي ’مون کي بچايو‘ مونکي بچايو‘ جون رڙيون ڪندو ٻڏي ٿو وڃي، ان لاءِ دلي شوڪ ٿئي ٿو، نه ته شوڪ ته شفاف ۽ شانت آهي- جيون جو وڏو انگ آهي. شانت شوڪ ڪجهه ڏينهن تائين زندگيءَ کي گيڙو ڪپڙا پهرائي منوهر بڻائي ٿو وجهي. هو بانوري بيراڳيءَ وانگر ڪنن جي ڀرسان ستيه- سنگيت جي ڌني گونجائي ٿو. اَهنيِهني ڀوتاني گڇنتي يَمَ مندرِمِ .................................................... ٻئي ڪنهن ڪل يا ونش لاءِ اهو شايد ناممڪن هجي، پر مهاشيه ونش لاءِ ته اهو ناممڪن نه هو. کيس جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مشهور گشتي ناٽڪ ڪمپني[1] جي ”اڀمنيو-وَڌ“ ناٽڪ ڏسڻ جي يادگيري اچي رهي هئي. چنڊي ٿان (ڪالي مندر) جي پوڄاري مهنت رگهوور گوسائينءَ ان سلسلي ۾ ٽوليءَ جي پرڌان کي ڪي سهڻيون صلاحون ڏنيون هيون، جيڪي سندس من ۾ کتل هيون. ست مهار ٿين جي يڪساهي حملن سان گهائل سورهن سالن جو ڪشور اڀمنيو ڪرو کيتر جي رڻ ڀوميءَ ۾ ڪري درد وچان ڪراهي رنو هو. ڏسڻ ۾ هن سهڻي ۽ ڳڀرو نينگر روئڻهارڪي آواز کي ملائي ڳاتو هو: +”گهور اَنياءِ يُڌ ۾ ناحق ئي منهنجا پراڻ ويا، جنهنجو پتا ٽيون پانڊو ۽ مامو خود ڪرشڻ هجن!“ +ماتا سڀدرا، پريتما اُترا جو نالو وٺي اهو دل کي گهائيندڙ درد ناڪ سنگيت! سڀني درشڪن جون ڇاتيون اکين جي لڙڪن سان ڀڄي پيئون. +گيت ختم ٿيو. اڀمنيو لڏندو لمندو رنگ من (اسٽيج) تان لهي هليو ويو. سين سماپت ٿي. گڏيل ساز وڄڻ لڳا. رگهوور گوسائينءَ گنڀير آواز ۾ منڊليءَ جي پرمک کي سڏي چيو: ”ڇو ادا، هيءُ ڇا ٿيو؟“ +”جي؟“ ناٽڪ واري ڪجهه سمجهيو ڪونه. سوال جي بدلي هن سوال ئي ڪيو: ”اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟“ +”ادا، هيءُ اڀمنيو هن ريت رنو ڇو؟ ارجن جو سپوت، ڪرشڻ مهاراج جو ڀاڻيجو، سو هن ريت روئندو ڪيئن؟ جي روئڻو ئي هو ته لڙائيءَ ۾ ڇو آيو، ستن- ستن ويرن جو مقابلو ڇو ڪيائين؟ هو چاهي ها ته ٻئي هٿ وڌائي، قيد ٿي پنهنجي جان بچائي وٺي ها. رٿ جو ٽٽل ڦيٿو کڻي ڇو لڙندو رهي ها؟ اڀمنيو کي ته روئڻ ڪين جڳائي. وير پتا جو ٻالڪ هو ته موت کان به نٿو ڊڄي سگهي!“ +ناٽڪ وارو لاجواب ٿي ويو هو. ههڙو سوال ڪوئي معمولي آدمي ته پڇي نٿي سگهيو. ماڻهو ڏسي روئن ٿا. ڌنيه- ڌنيه جا نعرا هڻن ٿا. هن نمرتا سان اهو ئي چيو هو. چيو هئائين: ”بابا، انسان روئندو آهي...“ +هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي گوسائين چيو هو: ”روئندو آهي ته ان ريت دک ڏيئي، پيڙا ڏئي؟ روئڻ چڱي ڳالهه آهي- من جي مئل ڌوپجي ويندي آهي، دل صاف ٿي ويندي آهي؛ ٺيڪ آهي. پر مٿي تي ڏنڊو هڻي روئڻ؟ پريم سان روئاريو، آنند سان روئاريو ڀاءُ ارجن مهاوير هو. ڀيل جو ويس ڌاري شو شنڪر آيو، ساڻس لڙيو؛ ۽ هن جو پٽ موت کان ڪيٻائي؟ هن کي ته چوڻ گهرجي: ”موت تون ڀلي آءُ. مرڻ هن لاءِ مشاهدو! خود موت هٿ جوڙي اچي چوي، ”ته اڄ منهنجي نگري ڌنيه ٿي ويئي، آءُ ڌنيه ٿي وييس! مرڻ جي خوف کان ڪلياڻ جو رستو ڏسي ماڻهو روئن، تڏهن ته ڪائي ڳالهه ٿي ڀاءُ! +ناٽڪ واري اَڀمنيو جي ڀيٽ ۾ ڪئين ڀيرا وڌيڪ عاجزيءَ سان روئندي چيچلائيندي مئو هو ون وهاري! اصل- نقل جو فرق ضرور ٿئي ٿو، پر ناٽڪ منڊلي جي اڀمنيو جي موت جي اداڪاري سچ به هجي ها، ته به ڀيٽ ڪرڻ سندس غلط نه ٿئي ها. ون وهاري جو موت مليريا کان ٿيو. پنهنجي بدفعلن سان هن شرير جي جيوڙن لاءِ اپجائو ٻني تيار ڪري ڇڏي هئي. ٻرڻ واري شيءَ ۾ هڪ چڻنگ جيئن ڀنڀٽ ڪري سروناش ڪندڙ اگني ڪانڊ جهڙو روپ اختيا ڪري ٿي، ٺيڪ ساڳيءَ ريت مليريا مرتيو- روڳ بڻجي پيئي. آر.جي.ڪر اسڪول مان ڊاڪٽري پاس ڪري ئي موٽيو هو. عياش، ڇڙواڳ! انوقت سندس خيال هو، هو شاهوڪاري بار آهي، زميندار جو لاڏلو! +هاءِ ڙي هوءَ هڪ آني حصي واري زمينداري! ان هڪ ڏينهن کيس به اهنڪاري بڻائي وڌو هو. وري مٿان ون وهاري جي شادي هڪ مختار جي سڪليڌي ڌيءَ سان ٿي هئي، هو هن جي ملڪيت جي وارث ٿيڻ جا به خواب لهي رهيو هو. وهانءُ بيشڪ مهاشيه ڪرايو هو، پر پسندي عطر جي هئي. هن انڪار نه ڪيو. پتا جي هڪڙي ئي حقي وارث ڌيءَ کي هنن پسند ڪيو هو. سهرس هڪ قيمتي سائيڪل به خريد ڪري ڏني هئس، شايد بيمار جي ڪوٺ تي چڙهي ويندو؛ هڪ عمدي واچ ڏني هئائينس ته جنهن سان ناڙيءَ جي، دل جي ڌڙڪڻ ڳڻيندو. پالش ٿيل ڪٻٽ،ڪرسي، ميز، دواخاني جي سرانجامي، اروگيه نڪيتن جي ڀرسان ننڍڙي ڪمري ۾ ڊاڪٽر ون وهاري پرئڪٽس شروع ڪئي. ”سنجيون فارمسي“ جو سائن- بورڊ لڳي ويو هو. هن ڪم ته سمورو ڪيو هو پر پنهنجي هڙان ڪجهه ڪونه ڪيائين. من ۾ ششانڪ جي استريءَ جي ڳالهه چڪر ڪاٽي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي پنج سال لنگهي چڪا هئا. موت کي نينڊ ڏيڻ واري راهه تي ون وهاري به گهڻو پري وڃي چڪو هو. هن شراب پيئڻ شروع ڪيو هو. +جيون مهاشيه رواجي بيمارن کي پٽ ڏانهن اماڻيندو هو. پر اچرج جي ڳالهه هئي، ون وهاري ۾ خانداني وديا، فهم ۽ شفا ۾ نالي ماتر به چستي ڪانه آئي هئي! +اچي به ڪيئن ها! جنهن ڌيان-يوگ سان سائنس مغز ۾ ويهي ٿي، اهو ڌيان ئي هن ڪڏهن ڪونه ڏنو، نڪي ڏيڻ چاهيائين. روڳين کان وڌيڪ ڀڙ مطلبي يارن جي لڳندي هئي. نوگرام جي براهمڻ- شريف زادن جي دواخاني ۾ آڳت گهڻي هوندي هئي. چانهه جا ڪوپ ايندا هئا. ’عطراليه‘ (شفاخاني جو نالو) جي ماٺيڻي مايوسي، کل ٽهڪڙ جي هنگامي کان چهبوڪ ماريل جيئان پل-پل تڙڦي ٿي اُٿي، ڇرڪ ٿي ويئي. مريض ويٺا رهندا. شڪي ۽ ڊنل روڳين جي اجهامندڙ جيون-ديپ جي وَٽ کي چمڪائڻ جي لاءِ شاسترن جي ”سنجوني“ جهڙي جيڪا دوا آهي- ”برانڊي“ اهائي ”برانڊي“ هتي موج لاءِ پئي استعمال ٿيندي هئي. +هتي پڙهڻ وقت ئي وڀچار مان کيس نگري بيماري وچڙي ويئي هئي. ڪلڪتي ۾ پڙهڻ وقت هو وري مرض ۾ مبتلا ٿيو هو. اها ڳالهه هن مائٽن سان ڪانه چوري هئي. ان وقت- سلورشن انجيڪشن نڪري ته چڪو هو، پر ان جو واهپو اڃا نه ٿيو هو. رت جي تپاس جو به اهڙو ملهائتو بندوبست نه ٿيو هو، نه وري اهڙو سهنج هو جنهن سان يڪدم اپاو ٿي سگهي ها. ٻه ٽي سيون هڻي ڦٽ جي ڇٽندي ئي سئي هڻڻ بند ڪري ڇڏبي هئي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ سلورشن جي قيمت گهڻي وڌي ويئي هئي ۽ اها دوا مشڪل سان ملندي ئي. ڦٽ ڇٽي وڃ�� کانپوءِ رت صاف ڪندڙ عرق واپرائيندا هئا- ’وِلڪن سنس سارسا پيريلا.‘ +ان وقت خيراتي استپال جو ڊاڪٽر هو، چڪرڌاري گهوش. ون وهاري کان ٿورو وڏيرو هو،سندس دوست هو. ون وهاري جي مجلس ۾ به چڪرڌاري شريڪ ٿيندو هو. ٽئين پهر چانهه به اتي ئي پيئندو هو، سنجها جو وري سندس اوطاق تي ون وهاري شامل ٿيندو هو. اتي گاني- بجاني جو دور هلندو هو- بي فڪر خاموش خوشي. راڳ رنگ، پيئڻ، کائڻ. ڪافي رات ويامندي، ون وهاري گهر موٽندو هو. جنهن ڏينهن مهاشيه گهر هوندو، سندس دٻيل آواز هن جي ڪنن ۾ پهچندو هو. ون وهاريءَ جي ’سنجيون فارمسي‘ ۾ به ڪڏهن – ڪڏهن اَڏو ڄمندو هو، کاڌو- پيتو ٿيندو هو. صبوح جو جيون مهاشيه اتي جوٺيون پاتلون ۽ پکڙيل جوت- اوبر ڏسندو هو. ورانڊي جي ڪناري بدبو محسوس ڪندو هو؛ الٽيءَ جا نشان- کٽي بانس، ساڻ شراب جي بوءِ. مکيون ڀڻ- ڀڻ ڪندوين نظر اينديون هيون، هڪ ٻه ڪتا انهن کي ڄڀ سان چٽيندي مهاشيه کي ڏسي پڇ لوڏيندا هئا. پر ڪوبه چوڻ چائڻ جو اپاو ڪونه هو. ان ۾ سندس ناٺين جي سازش سٽيل هئي. ڌيئرن سرما ۽ سشما جو وهانءُ ٿي چڪو هو. ٻئي ناٺي ڌنوان پتا جي اولاد هئا- شريف گهراڻي مان. ڇا ڪري؟ تنهن وقت اهڙائي ماڻهو سپوت ليکيا ويندا هئا. تڏهن به هن آڳو پيڇو سوچيو هو. سٺو ڇوڪرو مليو هوس، اسڪول ماستر. پر اهو، ٻئي ڪنهن کي پسند ڪونه پيو. چاليهه رپيا پگهار کي ڪير ٿو پڇي؟ ماڻهن وٺي گلا جو گهانگهو ٻڌو- ڇي، ڇي! ويهه پنجويهه بيگها زمين جو ڪٽنمب، ڇامهاشيه ونش جي لائق آهي؟ سڀ کان وڌيڪ لٻاڙ هنئين هئي عطر ۽ ون وهاريءَ. ٻيو ڪير ڇو، خود سندس من به تائيد ڪئي هئي. پر هڪ ڳالهه ۾ هو ٺڳجي ويو هو،ان جو ذميوار آدمي نه، وقت ئي کيس دغا ڏني هئي. هو سمجهي ڪونه سگهيو ته ڪال ڌرم جي ڪري پرائي پرش ڦاٽل گودڙيءَ وانگر ڪُل ڌرم جو تياڳ ڪيو هو. هن علائقي جي ويشڻو ڌرم اپاسڪ- ڪائسٿن جا ڇوڪرا وقت جي چڪر ۾ اچي شراب نوشي ڪندا. اهو انومان لڳائي ڪين سگهيو. +وڏي شادماني ۽ طوفان سان ڌيئرن جو وهانءُ ڪيائين. ناٺي ايندا هئا- سگهرا. سندن اچڻ جي بهاني مهاشيه ونش جي رنڌڻي ۾ ماس جو واهپو ٿيو هو. +جهونيون ڳالهيون ياد ڪندي ٻڍي جيون مهاشيه ڊگهو ساهه کنيو. +ڊاڪٽر چڪرڌاريءَ کان مهاشيه پڇيو هو: ”چڪرڌاري، ون وهاري ايترو سارسا پيرلا ڇو ٿو پئي، ٻڌاءِ ته؟ ڇا ڳالهه آهي؟ کانئس پڇي ته ڏس.“ +چڪرڌاري وراڻيو هو: ”هو ته پاڻ ڊاڪٽر آهي. تون سڀ مٿس ڇڏي ڏي.“ +”هون. پر.....“ +”اوهان انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪريو. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي. سارسا پير لا صحت لاءِ پئي ٿو. مان به پيئندو آهيان. ٺيڪ آهي.“ +ليڪن قدرت بدفعلي ڪيستائين برداشت ڪري؟ لاپرواهه بدفعلي ون وهاري مليريا جو شڪار بڻيو. عجب جهڙي ڳالهه! ڊاڪٽر ون وهاري ڪوئنين نٿو کائي، ان جي بدران پئي ٿو برانڊي! مهاشيه ’هر سنگار‘ جي پتي جو رس پيئندو هو، ڪڏهن ڪونين به وٺندو هو. ون وهاري ان تي کلندو هو.ان علائقي ۾ تنهن وقت زبردست مليريا پکڙيل هئي. سالن کان اهو مرض پهاڙي نديءَ جي ٻوڏ وانگر سڄي علائقي کي برباد ڪري رهيو هو. دانتو وانگر تپ اچڻ تي، ون وهاري ميلريا مڪسچر سان گڏ هڪ ٻه آئونس وانيم گلشا ملائي پيئندو هو. پاڻيهي نسخو لکي ۽ پنهنجي ئي شفاخاني مان گهرائي وٺندوهو. اتي نه ملندو هوس ته سيتا رام جي ڊسپينسريءَ مان گهرائيندو هو. سيتارام سندس ساٿي بڻجي ويو هو. هو به اڪال ۾ ئي مري ويو. حد کان وڌيڪ بدفعلي ڪرڻ سبب بڇڙي نموني موت جو لقمو بڻيو هو. الاجي ڪڏهن آتشڪ (سوزاڪ) ۾ مبتلا ٿيو هو، لڪائي رکيو هئائين. ان جي زهر مان سيتارام جي رت ڪوڙهه جي جيوڙن جي حملي لاءِ ڳجهي رستي جو منهن کولي ڇڏيو هو. اڀاڳو سيتارام! اڀاڳو ون وهاري! ڌيري ڌيري بدپرهيزي ڪري بيماري زور پڪڙي ويئي. عمر به گهٽجي ويئي، شرير به ڳري ڪنڊا ٿي ويس. +ليور، تلي، پراڻي مليريا، رت جي ڪمي، شرابخوري جو نتيجو- سڀ گڏي هڪ عجيب پيچيدي بيماري! +جيونمهاشيه من ئي من ون وهاريءَ جي بيوقتي موت جو انومان لڳائي ورتو هو. مهاشيه ونش جي عمر، مهان ساڌنا واري ڄمار هن کي نه ملي سگهندي، ان جو هو اڌڪاري ئي ڪونهي. پر هو ايترو سگهو موڪلائي ويندو، اهو ته هن سوچيو به ڪونه هو. اچانڪ هڪ ڏينهن نظر پئجي ويس. صبوح جو گهر جي ورانڊي ۾ هو چانهه پي رهيو هو. آروگيه نڪيتن مان هو ڪنهن ضرورت لاءِ شايد رپيا وٺن اندر آيو هو. اُس سيڪڻ لاءِ بنو اوڀر واري ٻماڙ جڳهه جي ورانڊي ۾ ويٺو هو. اس ۾ چمڪندڙ چهري ڏانهن نهاريندي ڇرڪي بيهي رهيو. منهن ۾ رت ڪونهي. رنگ ڦڪو، ٿڪل درشٽي ۽ ان پيلاڻ جي مٿان هڪ نيرو تهه. +ان ڏينهن هن نيم جو النگهن ڪري ماٺ ميٺ ۾ سمهيل ون وهاريءَ جي نبض جاچي هئي. هوشياريءَ سان هن جي هٿ کي کٽ جي ايس تي رکي پاڻ لهي آيو هو. چڪرڌاريءَ وٽ وڃي پڇيو هئائين. چڪرڌاري، ون وهاري جي بيماري گهٽجي ويئي آهي؟ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ +چڪرڌاري ذرا فڪرمند ٿي چيو هو،”مون کي ته آثار ڪجهه ٻيا ٿا نظر اچن. اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ سوچيم پئي. ون وهاريءَ کي مون ٻڌايو آهي. ڀانيان ٿو، ڪلاجار آهي.“ +”ڪالا جار!“ +”جي ها. هڪوار کيس ڪلڪتي موڪليو. ڪنهن ماهر کي ضرور ڏيکاريو.“ +”ها، ته ڪلڪتي ئي ڏيکاري. تون چوين ٿو، ته وڃي.“ +”هڪ ڏينهن اوهان به کيس چڱي ريت تپاسي ڏسو.“ +”نه، منهنجو ڏسڻ ٺيڪ ڪونهي، ڪلڪتي مان ڏيکاري اچوس.“ +ون وهاري ڪلڪتي ويو. ساڻ عطر ويس. مهاشيه چيو هو، ڪنوار کي به وٺي وڃو.“ +”ڪنوار کي؟ هن کي ڇو! نه. هن ڏائڻ سان وهانءُ ڪري ته منهنجو بنو بيماريءَ ۾ ڳري ويو. نه، مان هن جو ساهه به پٽ کي ڇهڻ نه ڏينديس.“ +مهاشيه ڇيڀنيو هو، ”ڇي! ائين نه چئبو آهي عطر. اهڙي ڳالهه سان نونهن- پٽ ٻنهي جي دل کي چوٽ لڳندي. منهنجي مڃ، ڪنوار کي ساڻ وٺي وڃ. توکي به مدد ملندي ۽بنوءَ جو به من لڳندو. هن وقت سڀ کان وڌي اهائي ضرورت آهي، ته هن جو من لڳو رهي.“ +ان ڏينهن به کيس ششانڪ جي پتنيءَ واري ڳالهه ياد آئي هئي. من ئي من چيو هئائين: ”مون توکي مڇيءَ جي منڍي کارائي هئي ۽ توکي وچن ڏنو هوم، تنهنڪري پنهنجي نونهن کي سوامي سنگت جو لاڀ وٺڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان. +اسام جو ڪال روڳ آهي، ڪالاجار! ڪڏهن ماڻهو کيس ”موت آڻيندڙ مليريا“ جي نالي سان به سڏيندا هئا. بعد ۾ ان جي اصلي روپ جو پتو پيو. ان جي جيوڙن جي ايجاد ٿي. ڊاڪٽر يو-اين- برهمچاريءَ ان جي دوا به ايجاد ڪئي. +سندس پتا چوندو هو: ”آسام ۾ان قسم جو زهريلو تپ ٿيندو آهي، ساکيات موت چوندا آهن.ان کي ان جي گتي ۽ پرڪرتي مهاماري (وچڙندڙ مرض) جهڙي ٿيندي آهي.“.... ”ون وهاري کي اهائي بيماري ٿي ويئي؟“ ”نه. برهمچاري نئون ڊاڪٽر آهي، نيئن روڳ ۽ نئين دوا لاءِ کيس لگن آهي. هن ئي ناڙي ڏسي بتايو هو: سنهو تپ، پراڻي مليريا آهي. زندگيءَ کي ان کوکلو بڻائي باقي حد تي پهچائي ڇڏيو آهي. هيءَ جيڪا منهن تي تهه وانگر ڪارنهن اٿس، اها اونداهي مرتيولوڪ جي ڇايا جي جهلڪ آهي.“ +سندس ڳالهه سچ ثابت ٿي هئي. رت جي تپاس ڪئي ويئي، ان ۾ ڪالاجار جي جيوڙن جو بنهه پتو ڪونه پيو. ڪلڪتي ۾ ون وهاري جي استادن کيس آب هوا بدلائڻ جي صلاح ڏني هئي- بار-بار چيو هو. ليڪن هو اتان تهائين وڌيڪ ڪمزور ٿي موٽيو هو. +جڏهن بيماري ��وت جو روپ ڌارڻ ڪري ٿي، تڏهن خرابي وڏو ويري ثابت ٿئي ٿي. هو امرت بتائي زهر پيئڻ جي صلاح ڏي ٿو. ڊاڪٽر ’پورت وائين‘ پيئڻ جي صلاه ڏني. ون وهاري ٻن ڏينهن ۾ هڪ بوتل پي ويندو هو ۽ جلدي طاقت اچي، ان ڪري ساڻس مرغي (ڪڪڙ) کائڻ به شروع ڪئي هئائين. +مرڻ کان ٽي ڏينهن اڳي مهاشيه عطر کي چيو هو: ”ڇاتيءَ کي پٿر ڪرڻو پوندو، عطر! بنوءَ کي ڪوٺ آئي آهي.“ +جيئن وڄ اچي ڪڙڪندي آهي، عطر بت بڻجي بيٺي رهي، وري ان وڄ جي باهه وچان پڄري اٿي چيائين: ”اهو چوندي تنهنجي ڄڀ کي لهس به ڪانه آئي؟ تون پتا آهين!“ +”منهنجو جنم مهاشيه ونش ۾ ٿيو آهي. منهنجو پنهنجو فرض آهي. بنوءَ کي پرائشچت ڪرائڻو آهي.“ +”نه، نه، نه!“ +اها ڳالهه ون وهاريءَ جي ڪنين پهتي هئي. هو هيانءُ ڦاڙي اچي سڏڪن ۾ پيو هو. +”مون کي بچايو، بچايو مون کي. پرائشچت نه ڪرايوم. وري مان بچندس به ته ڪونه.“ +”خير. جيڪڏهن خاص ڪجهه کائڻ جي اڇا هجيس، ته ڏجانس.“ +عطر کان اهو ڪرڻ به ڪونه پڳو. +ان ڏينهن تپ جيئن پاڻمورادو لهي ويو هو، ون وهاريءَ خود آچار گهري کاڌو هو. عطر ڪونه ڏنو، ڏنو هو هن جي استيريءَ. ٻئي ڏيهاڙي ون وهاري ٺيڪ رهيو. چڪرڌاري ڪوئنين ڏيئي ويو. +[1] ناٽڪ ڪمپني جيڪا بنا پردي ناٽڪ کيليندي آهي. + + +جيون مهاشيه کي ڄاڻ هئي ته”ان کان پوءِ کيس زور سان بخار چڙهندو. سڀاڻي تائين...“ +”ڪيستائين ايندو بخار؟“ +اکيون ٻوٽي ليٽيو رهيو. سوچي رهيو هو. +ڪافي رات گذر ئي کيس وري ڪٿان سڏ ٿيو هو. ”ڊاڪٽر بابو! ڊاڪٽر بابو!“ +”ڪير!“ +”جي، مان پڇم ٽولي جي حاجي صاحب وٽان آيو آهيان.“ +”ڇا آهي؟ ڪيئن آهي ڇوڪرو؟“ هو اٿي ويٺو هو. حاجيءَ جي پٽ جي مدي جي تپ جو پاڻ ئي علاج ڪري رهيو هو. +”هلڻو پوندو. بيماري ڪافي وڌي ويئي ٿي ڏسجي.“ +”چڱو هلان ٿو.“ +پنڌ ٿورو ئي هو. ڏيڍ ميل. پر هڪ ته اونداهي رات، وري سارين جي ٻنيءَ مان پيچڙي جو لنگهه. وزني پيرن سان آواز ڪندو مهاشيه سوچيندو وڃي رهيو هو. ماڻهوءَ جي هٿ ۾ لالٽين هئي، مٿي تي دوا جو باڪس. موت ۽ آدمي جي ڪشمڪش، روڳ ۽ دوا جي لڙائي. ياد اٿس، سڀ ڪجهه وساري هن صرف اهو ئي سوچيو هو: ”اسٽرڪنن. ڊزيٽلس، ايڊرنيلن. هارٽ، ناڙي، ريسپريش.“ گهري چنتا م ٻڏل مهاشيه، ان رات ڄڻڪ ننڊ جي نشي ۾ هلندو پئي ويو. رات جي اوندهه، آسپاس کيت ڄڻ هئائي ڪين. بعضي بعضي نکيترن سان جهرمر ڪندڙ اڀ تي نگاهه ويئي هئس. ذرا ساعت جي لاءِ.... هن ستت ئي نظر جهڪائي ڇڏي هئي. +هتي پهتا. روڳيءَ جي بستري ڀرسان ويهي ناڙي جاچيائين. بتي کڻي ان جي علامتن تي غور ڪيائين. شڪل تي غور ڪيائين، بانس تي ويچار ڪيائين ۽ گهڻي سوچ- ويچار کان پوءِ دوا ڏنائين. ٿوري ساعت ترسي دوا جو اثر ڏٺائين، تڏهن وڃي گهر واپس وريو. هن جو ڪرائيسس (سنڪٽ) دور ٿي ويندو. شانت، ليڪن منجهيل من سان آسمان ڏانهن تڪي هن ڀڳوان کي ون وهاريءَ جي صحت لاءِ منگل ڪامنا ڪئي. ڄاتائين سڀ ٿي، تڏهن به منگل- ڪامنا ڪئي هئائين. +اڀرندي آڪاس کان زرد، چانڊوڪيءَ سان ڇانيل اوندهه وڌي رهي هئي، ڏورانهان ڳوٺ ان اوندهه ۾ اوجهل ٿي رهيا هئا، ٺيڪ ان ريت جيئن روڳيءَ جي جسم ۾ موت جا اهڃاڻ ظاهر ٿين ٿا، ننهن ڪاراٽجي وڃن ٿا، هٿن پيرن ۽ وات جي زردي (پيلاڻ) آهستي- آهستي سرير ۾ پکڙجڻ لڳي. +گهر پهچي هڪوار بت بڻجي بيهي رهيو هو. +”نه. تپ ڪونه چڙهيو آهي. بنو ٺيڪ آهي. سڀ ڀاتي گهري ننڊ ۾ الوٽ آهن.“ +پاڻ به سمهي پيو هو. اچانڪ ننڊ ڦٽي پيس. ڀانيائين ڪو دروازي جي ڀرسان اچي سڏي رهيو اهي: ”بابو جي!“ +”بنو!“ ”ڇا ٿيو پٽ؟“ هن جلدي جلدي دروازو کوليو. سامهون اڱڻ ۾ ��اٽ اوندهه جو ڏهڪاءُ هو، گهري سڃ ۾ چٻراجهين- جهين ڪري رهيا هئا. ”ڪٿي آهي بنو؟ ڪنهن آواز ڪيو؟“ شايد سندس من جي اندر وارو بنو پڪاري رهيو هو.“ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري بنوءَ جي ڪمري ڀرسان ويو. دروازي وٽ سڏ ڪيائين: ”عطر!“ +”هان!“ آواز ٻڌي جيون مهاشيه ڇرڪي ويو هو. ”جاڳي آهي. هوءَ اچي رهي آهي.“ +”بنو ڪيئن آهي.“ +”چوي ٿو ته ٿڌ لڳي رهي آهي. شايد تپ ايندو.“ +”اچي ويو ڇا، ايندو! اف، اها غضب جي ڏڪڻي! +* * * +اهائي ڏڪڻي ون وهاريءَ جي آخرين هئي. ان ڏينهن رات جي پوئين پهر جي آڪاس ڏانهن تڪيندي مهاشيه بيٺو هو. بيٺو هو آروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾. اتر اولهه ۾ ڪالي ماتا جو مندر، ڀرسان کوهه، ڪنير گلن جون ٻئي جهاڙيون گلن سان ڇانيل. سامهون ماڪ سان ڀنل ڌوڙ واري سڻڪ ٿي ويئي. هو تارا تڪي رهيو هو. ڪٿي، ڪهڙو تارو؟ ڪٿي آهي سپت رشي منڊل، اروڌنتي ڪٿي آهي؟ ڌرو؟ ڌرو ڪيڏانهن هليو ويو؟ شڪر تارو؟ پورب جي پاسي ٻه پل اڳي چنڊ کڙي آيو. وڏي ٻيج جو چنڊ. سلهه جو مريض چنڊ، پيلو، سنهڙي ليڪ، پنجن مان هڪ حصو ثابت، ڄڻڪ ٿڪاوٽ جي ڪائي حد ئي ڪانهي. ڦڪي چانڊوڪي آڪاش ۾ ڇٽڪي پئي هئي، پر چمڪ ڪانهي. نيلاڻ تي به جهڙي هيڊاڻ جي ڇانو پئي هجي. آڪاش ڏانهن تڪيندي ششانڪ جياستريءَ جي ڳالهه ياد آئي هئس. نظر جهڪائي هنان جي گهر واري گهٽيءَ ڏانهن نهاريو. انوقت پڻ ڌنڌلي بافتي واري ساڙهي پهريل اداس ناري، مور تي جيئان چانڊوڪي جو هڪ ٽڪرو ڀت سان لڳل هو؛ ليڪن ان وقت کيس ششانڪ جي استريءَ يا منجريءَ جو دوکو ڪونه کاڌو هو. +ٺيڪ انهيءَ وقت بنوءَ جي چيخ ٻڌڻ ۾ آئي هئي: ”ويو، هو ويو!- پڪڙيو! پڪڙيو! آه! هاءِ هاءِ، هاءِ! اما! اما! اما!....“ ماليخوليا، ڀل بڪواس هن جي شروع ٿي ويئي هئي. +”پٽ! بنو!“ عطر پاٻوه سان پچڪاري رهي هئي. +سڪرات ويل بنوءَ کي هوش آيو هو. هو رنو هو. ”مون کي ڪونه بچائي سگهيا.“ +مهاشيه بت بڻيو بيٺو هو. عطر کيس سڏ ڪيو هو: ”هڪ ڀيرو پٽ کي ڏسي وڃ. ڪائي دوا ته ڏينس. ماڻهو ته چون ٿا، تنهنجي دوا سان موت به ٽري وڃي ٿو.“ +”موت ڪڏهن نٿو ٽري. ڪنهن جي به دوا سان نٿو ٽري. مونکي نه سڏ.“ +چڪرڌاري آيو هو. بيمار جي سيرانڌيءَ کان اچي ويٺو هو. ٻه ڀيرا سئي به هنيائين. ليڪن..... موت کي گهرائڻ کان پوءِ هو ڪابه رڪاوٽ نٿو سهي. ان شڪتيءَ جي نڪا ايجاد ٿي آهي، نه ڪڏهن ٿيندي. دوا تيسين آهي، جيسين روڳ آهي. روڳ جو هٿ جهلي وت اچي وارد ٿئي ته سڀ بيڪار. +کيس بنوءَ جي ڪري صدمو پهتو: ”هو روئي رهيو آهي!“ +انهن جي ڳالهه ياد آيس، جيڪي کلندي- کلندي موت کي چاهه سان چمندا آهن، موت کي مشاهدو ڪري ماڻيندا آهن. اهڙا روڳي هن ڏٺا هئا. ايڪڙ- ٻيڪڙ نه، ورلي- موقعي سان نه. ڪافي گهڻا ڏٺا آهن، اڄوڪا ڊاڪٽر نٿا ڏسي سگهن ۽ نه ڏسي سگهندا. هن ڏٺا آهن، ڪيترائي ۽ نهايت معمولي ماڻهن ۾ اهڙا روڳي ڏٺا آهن. +نوگرام جي راءِ- خاندان جي ڀون راءِ جي يادگيري اچي رهي آهي. +جيون مهاشيه جي پتا جو زمانو! سندس جواني جي اوسٿا. ڀون راءِ تنهن وقت هر طرح تباه ٿي چڪو هو. هن جڳت مهاشيه کي ڪوٺ ڪئي هئي. مهاشيه کي چيائين: ”هڪوار مونکي ڏسي وڃو.“ +ڀون راءِ عمر ۾ جڳت مهاشيه کان گهڻو وڏو هو. ويچارو غريب ٻڍڙو پنهنجي ٽٽل ڦٽل مڪان جي ڏيڍيءَ وٽ چلم جهلي ويٺو هوندو هو. غريبي ايتريقدر- جو ڪوئي چلم ڇڪيندو اتان لنگهندو ته کيس سڏيندو، سک- چڱڀلائيءَ جو حال پڇندو ۽ پڇاڙيءَ ۾ چوندو، ”ذرا پنهنجي چلم ته ڏي، ڦوڪ ڀريان.“ +نوجوان جيون مهاشيه تنهن ڏينهن ڀون راءِ جي ڪوٺ تي کليوهو، بيشڪ جڳت مهاشيه کي چوڻ جي کيس هٿ ڪانه ٿي هئي. سوچيو هئائين، ”اوه، انسان کي بچڻ جي ڪهڙي نه لالسا ٿئي ٿي! هيڏي ڄمار ٿي اٿس، دنيا ۾ ڪٿي ڪائي پورائي ٿيڻ جي اميد ڪانهي، پوءِ به ڀون راءِ مرڻ نٿو چاهي!“ +جڳت مهاشيه سان گڏ پاڻ به ويو هو. ڦاٽل- ميري هنڌ تي ليٽندي-ليٽندي ڀون راءِ ٻهي جو سواڳت ڪيو هو: ”اچو مهاشيه، ڀلي ڪري آيا. ويهو.“ +”اوهان کي ٿيو ڇا آهي؟“ +”اڙي ڀائي، ڏس ته وڃڻو آهي يا اڃا نه؟“ +”وڃڻو ته پوندو ئي راءِ بابوُ. عمر جو مطلب ئي ڪال آهي.“ مهاشيه وراڻيو هو. +هن به کلي ڪري چيو: ”اها ڳالهه ڀون راءِ ڪونه ڀليو آهي جڳت! اهو ئي ڏس ته منهنجو اهو ڪال پورو ٿيو آهي يا نه؟ وقت پوري ٿيڻ کان سواءِ اڪال ۾ مري وڃڻ به پاپ آهي. ڀون راءِ اهڙي اڪال ۾ وڃي نه سگهندو. ماڻهو چون ٿا، اٿڻ کان ئي موڪل ملي ويندءِ. اڙي چريا، معياد پوري ٿيڻ کان اڳي ئي جيل مان ڀڄي وڃڻ سان ڪٿي موڪل ملندي آهي؟ ڀڄي ڪري وڃبو به ڪٿي؟ پڪڙي ڪري وري رکندا اندر. ڏس ته، وقت جيڪڏهن منهنجو پورو ٿي ويو هجي. ڪي فرض رهيل آهن، تن کي نباهڻو اٿم“ +جن ڏينهن ڀوُرن راءِ وٽ ملڪيت جائداد هئي، هن پنهنجي دوست کان پنج سو رپيا ورتا هئا. جنهن جي ڪائي لکپڙهه ڪانه ٿيل هئي. هن جي هيڻي حالت ڏسي دوست به ڪڏهن تقاضا ڪانه ڪندو هو. پر ڀون راءِ انکي وساري نٿي سگهيو. ان لاءِ جيڪي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، تنهن لاءِ هن پاڻ گهڻو ئي پتوڙيو هو. ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو هو. پر سمجهه هئس! سوچي ڇڏيو هئائين، کانئس معافي وٺي ڇڏيندس. پر معافي وٺڻ ڇا سولو هو؟ سوچيائين، مرڻ کان اڳي- چاهي دوست جو موت ٿئي يا پاڻ مري وڃي، معافي گهري وٺندو. ان ڪري هو پنهنجي مرتيو جي ڳالهه نشچت روپ ۾ ڄاڻڻ لاءِ آتو هو جيئن دوست کي سڏائي هٿ ٻڌي چوي: ”ڀاءُ، مونکي مڪتي ڏي.“ +ٻه ايڪڙ ”معافي زمين“ هن ضرور پاسري ڪري ڇڏي هئي ۽ من ئي من سنڪلپ به ڪري ڇڏيو هئائين ته اها زمين پنهنجي متر کي ڏيئي ويندو. +وهاڻي هيٺان هڪ رپيو ڪڍي هن مهاشيه کي ڏنو جڳت مهاشيه هٿ جوڙي چيو: ”مون کي معاف ڪريو راءِ بابو!“ +”ائين نه ئي سگهندو جڳت! وئد کي دکشڻا (ڏکڻا) ڏيڻ بنا مون کي مڪتي ڪانه ملندي. ”وري کلي چيائين: ”آخر منهنجو شراڌ ته ڪنهن نموني ٿيندو، انهيءَ ۾ تون هڪ رپئي جي بدران ٻه ڏيئي ڇڏ.“ +متر کان مڪتي منگي ڀون راءِ جو کلندي کلندي هميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏڻ جي ڳالهه ماڻهو ايامن تائين ياد ڪندي من ۾ خاطري ڪندا رهيا آهن. خود به اها خاطري ڪئي اٿائين. +وري ڀون راءِ ئي ڇو؟ گڻيش بجنيا. اها ويهه ورهيه اڳي جي ڳالهه آهي. آروگيه- نڪيتن جي ورانڊي سامهون هڪ کليل گاڏيءَ ۾ ويهي اسي- پنجاسي ورهين جو ٻڍو گڻيش جو اچڻ اڄ به سندس اکين آڏو نچي رهيو آهي. لنبي لٺ جي ٽيڪ تي بهي ٻڍي تنهن ڏينهن هل هلاچو مچائي ڏنو هو. دائمي ٻوڙو، چلائي ڪري ڳالهائڻ جي عادت کيس منڍ کان ئي هئي: ”ننڍو مهاشيه ڪٿي آهي؟ اول مون کي ڏسي. ٻئي جي گاڏي سوال ڪري وٺي آيو آهيان. هن کي به نوگرام وڃڻو آهي، لٽڪن جي دڪان تان سامان سڙو آڻڻو آهي. اول هن ٻڍي کي رخصت ڪريو.“ +هن جو رعب داٻ ڏسي سڀ هڪ ٻڪا ٿي ويا هئا. مهاشيه به اول کيس سڃاڻي ڪين سگهيو. ”ڪير آهي؟“ +”ڏٻڙي- ڊگهي قد وارو ٻڍڙو. آهي ڪير” گڻيش بجنيا ته ڪونهي؟ چتورا جو گڻيش ها، اهو ئي ته آهي!“ گڻيش کانئس به وڏو هو. ڏهه – پندرهن سال وڏو هن جي شاديءَ ۾ هن ڍولڪ وڄائي آهي، ماڻس جي چندن- ڌينو شراڌ ۽ پڻهس جي سال بسال شراڌ ۾ ڍولڪ وڃائي اٿس. هن جي اها دعويٰ آهي ته هن دين ٻنڌو مهاشيه يعني جيون مهاشيه جي ڏاڏي جي شراڌ ۾ به ڍولڪ وڄائي آهي. اسي- پنجاسي سال ٿيندس. ان ڪري گڻيش کيس ننڍو مهاشيه چوندو آهي. +جيون مهاشيه پڇيو هو: ”ڇو گڻيش، توکي ڇا ٿيو؟“ +”هان!“ ڪن ڏيکاري گڻيش چيو: ”ذرا زور سان...“ +هن کان غلطي ٿي ويئي. گڻيش ته جنم کان ٻوڙو آهي، ٻڍاپي ۾ ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو آهي. پاڻمرادو چلائي ٿو يعني پنهنجي ڳالهه پاڻ ٻڌي نٿو سگهي. مهاشيه بلند آواز ۾ پڇيو هو: ”ڪهڙو معاملو آهي؟“ +”بيمار آهيان. روڳ!“ +”نيٺ توکي به بيماري ٿي؟“ +”ٿيندي ڪانه؟ مون کي وڃڻو ناهي ڇا؟“ +”توکي به وڃڻو آهي؟“ +”سوئي ڏسڻ لاءِ ته چئي رهيو آهيان. ڏس. مونکي ته ائين لڳي رهيو آهي. سمجهيهءِ!“ +”بيماري ڪهڙي آهي، اول اهو ٻڌاءِ.“ +”پيٽ جي گڙ ٻڙ.“ +”پيٽ جي گڙ ٻڙ؟“ +”ها.“ پنهنجو هٿ مهاشيه ڏانهن ڊگهيري هو بڪبڪيو ٻڍو چوندو ويو: ”سمجهييءِ، سال ڇهه مهينا شايد باقي بچان! ان ڏينهن ڪٿي ڍولڪ وڄائي منهنجو ڀائٽيو خاصي ٻڪريءَ جي ٽنگ کڻي آيو هو. سو من ۾ آيو، دنيا ۾ آيس پر حياتيءَ ۾ ڪڏهن ماس جو چشڪو ڪونه ورتم. سڄي زندگي باجو وڄائي پر سادي ماس ته گهڻو ئي ورتم، پر وات تي ڪڏهن ڪين رکيم. پر ترشنا ته آهي. ماس کائڻ بنا به ڇوٽڪارو ملڻو ڪونهي. سو ادا، مون کائي ڇڏيو. مزيدار لڳو. پر ان مان ئي گڙٻڙ ٿي پيئي آهي. پيٽ جي مرض اچي نهوڙيو آهي. ٻه ڏينهن پيٽ ۾ وٽ پوندا رهيا، ان کان پوءِ هڪ ڏيهاڙي گهاٽ تي ويس. اهائي شروعات ٿي. اٽڪل ٻه مهينا ٿي ويا آهن، پيچش (سوري) ٿي پيئي آهي. مونجهه پيو ڀانيان! +ڀرون تاڻي جيون مهاشيه چيو هو: ”اهڙي حالت ۾ تون هتي آئين ڇو؟ اچڻ ٺيڪ ڪونه هو. مونکي خبر ڪرين ها.“ +وچ ۾ ڪنهن ٻوڪ ڦاڙيو: ”ماڻهو ته چون ٿا، تو وٽ رپيا آهن! ڏي کڻي ٻه رپيا مهاشيه کي!“ +”هان؟ ڇا ٿو چوين؟ ذرا زور سان چو، زور سان.“ +”چوان ٿو ته تو وٽ پونجي آهي.“ +”رپيا آهن. پنجويهه رپيا مون وٽ آهن. پوري رکيا اٿم. انهيءَ لاءِ ته مهاشيه وٽ آيو آهيان. ٻڌائي مهاشيه، ته پوءِ مان جيون جو شادمانو ملهايان؟ اولاد ڪونهي، زال ڪانهي، هيءُ رپيا ڀائٽيو وٺي ويندو ۽ ڪجهه ڪين ڪندو. زمين آهي، اها انهن ماڻهن وٽ گروي آهي، زمين هو کڻي ويندا. رپين سان آئون جلسو ڪندس، ”چنڊي ٿان“ ٺهرائي ويندس. چڱو ڀلا ڏس. ٻڌاءِ، باقي ڪيترا ڏينهن؟“ +”ويهه. ٿورو ساهه پٽي وٺ.“ +گڻيش سمجهدار وانگر ڪنڌ ڌوڻ ڪئي. چي: ”ها. سمجهيم، آئون هن روڳ ٿيندي ڀانپي ويس. تاڙي ويس. هت هيءُ حضرت اهڙو- جهڙو روڳ ڪونهي. منهنجي من ٺيڪ ٻڌايو. وري به سوچيم، پر پنهنجو مورک من ٿيو، ڪهڙو پتو؟ هلي ڪري مهاشيه کي ڏيکاري اچان. مهاشيه کان غلطي ڪانه ٿيندي. ته پوءِ منهنجو ڪاٿو ٺيڪ ئي نڪتو. ڪالي مندر جو ٿلهو ٺهرائڻ شورع ڪري ڇڏيان، ان کان پوءِ جلسو. من ري، رام نام ٻول، ٻول- رام نام!“ +هن مهاشيه کي پرڻام ڪيو ۽ ٻه روپيه ڀيٽا رکي. ”ڏس، ’نه‘ متان ڪرين. سڀ ڏينهن مفت ۾ ڏٺو اٿو. ٻن رپين ۾ سموري بقايا چڪتو!“ +هن جي جيءَ ۾ آيو هو: ”گڻيش ڇا سچ سمجهي ورتو هو؟“ +شرت چندر جي ڏاڏيءَ جي ڳالهه ياد آيس. بنو جي مرڻ کان ڪي اٺ مهينا اڳي جي گهٽنا. +ناڙي ڏسڻ لاءِ کيس گهرايو ويو هو. +هوءَ به سمجهي ويئي هئي. هن سندس پڪار سڻي ورتي هئي. ٻڍڙيءَ کي کاڌي پيتي جو شوق سدا کان هو. کائڻ پيئڻ جو بندوبست به هوءَ عمدو ڪري سگهندي هئي. هن جي هٿ جون بڻيل وڙيون پاپڙ مزيدار ٿيندا هئا. ان ڪري مهاشيه پڇيو: ”ڇا کائڻ تي طبيعت سرڪي اٿئي؟“ +صرف شرت کي ڏسڻ جي اٻلاکا آهي. ناڙي جاچي ٻڌاءِ ته ڪيترا ڏينهن جيئري رهنديس. شرت جي موٽڻ تائين رهي گهنديس؟“ +شرت بي-اي جو امتحان ڏيئي رهيو هو. هن جي ماءُ کيس چيو هو؛ ”چئو ته هن کي تار ڪريون؟“ +”نه، نه. اڃا پندرهن ڏينهن تائين ته هيءَ رهندي. شرت هفتي کن ۾ ته اچي ويندو؟“ +”ها.“ +”پوءِ ٺيڪ آهي. پوٽي سان مکاميلو ٿي ويندس. تڪليف ڪهڙي آهي؟ هڪ ٻه خوراڪ دوا؟“ +”ڪشٽ ته هڪڙو ئي آهي، الاجي ڪيئن پيو لڳي. بس لڳي ٿو، موڪل ملي ته هلي وڃان. نشچنت ٿيان.“ +اهڙن گهڻن مريضن کي مهاشيه ڏنو آهي. ان جو نالو آهي ’وڃڻ.‘ اهي آهن مرتيو جي آدر جا اڌ ڪاري مهمان. اڄڪلهه موت کي اهڙا مهمان شايد ڪونه ٿا ملن.“ +هينئر ملندا به ڪونه؟ ٺيڪ انهيءَ وقت عطر اوڇنگار ڏيئي رني هئي. ”بنو، منهنجا لعل!“ +* * * +وپن جي باري ۾ هو چئي نٿو سگهي. +ون وهاريءَ وانگر وپن درد وچان هاءِ گهوڙا ڪانه مچائي هئي. اهڙي ڪا ڳالهه به ڪانه هئي. هو ڪرم وير آهي. روئندو ڪونه. پر کلندي خوشيءَ سان، شانت چت سان پنهنجو پاڻ کي موت جي حوالي به نٿو ڪري سگهي. هن جي دک – درد جو هاهاڪار ٽٽي پوندو.“ +اوندهه ۾ آپگهات وانگر هو راهه وٺندو پئي ويو. دراصل مڪان، زمان جي کيس ڪائي سمڪ ڪانه رهي هئي. نوگرام بازار جي روشنيءَ سان هو آپي ۾ آيو. +چوسول جي دوڪانن تي بتيون ٻري رهيون هيون. جهوني زماني وانگر ڌنڌليون بتيون نه، جڳ – مڳ پيٽرومئڪس، لالٽين، فانوس- شمعدان ااڍئي سو، پنجويهه، چاليهه پاور واريون بتيون. ان بتين جي سوجهري ۾ ئي سندس سجاڳي موٽي آئي. سامهون واري هڪ منڃاري جي دوڪان جون چلڪندڙ چيزون اکين کي چمڪائي رهيون هيون. پر ڊاڪٽر هريندر جي دوڪان ۾ هو ڪهڙا ماڻهو آهن؟“ +ڊاڪٽر پرديوت جي پتني ۽ سندس آيل متر. هن وقت هي ٻئي نڪتا آهن؟ ڊاڪٽر جي استري سندر آهي، ويتر هار سينگار ڪري نڪتي آهي. پاڻ کي موهني بڻايو اٿائين. مهاشيه جا پير کپي ويا. ٽارچ ٻاري ساڄي پاسي جي اوندهه کي هٽائيندا هو ٻئي هليا ويا. +چوڌاري هل بکيڙو. خريد وڪرو ٿي رهيو آهي. جتان جهڪي روشني اچي رهي هئي، اهو طرف چونڊي هن چوسول پار ڪري موڙ ورتو. وري اونداهي راهه. سامت جو ساهه کنيائين. ”جيڪڏهن ڪوئي وپن جي ڳالهه پڇي وجهي ها ته ڇا چوان ها؟“ ڪافي پريان اڳيان – اڳيان ڊاڪٽر جي استري ۽ هن جو دوست وڃي رهيا هئا. +اونداهي رستي جي ريتي ۽ پٿرين تي مهاشيه جي جُتيءَ جي چم چم جو آواز ٿي رهيو هو. اها جڳهه سنسان هئي. اتي آباديءَ جو نانءُ نشان به ڪونه هو. پوئتان ڪافي پري کان نوگرام جي بازار جي روشني جي شعاع سنسان کيتر ۾ تري رهيو آهي. بازار جي هلچل، هيتري ڏورانهين تي آهستي آهستي هيڻ ٿيندي پئي وڃي. برساتي ڏيڏرن جي ٽرر- ٽرر کيتن مان گونجي رهي آهي. ڄڻڪ سڀ گڏجي ٻولي رهيا آهن. ۽ هو ڇا؟ دردناڪ آواز! ”او، نانگ ڏيڏر کي جهليو آهي!“ مهاشيه ڇرڪيو، وري هلڻ لڳو. +وڏي تلاو جي ڀرسان ٻاهرئين رستي تي وراڪو کائيندي ئي روشني ڏيکائي ڏني. اسپتال جي ڪوارٽرن جي درين مان ڇڻي ورانڊي ۾ روشني جو پاڇو ڇٽڪي رهيو هو، اسپتال جي ورانڊي ۾ بتي ٻري رهي آهي. پرديوت جي بنگلي تي پئٽرومئڪس ٻري رهيو آهي. ڊاڪٽر جي استري ۽ هن جو دوست! پرديوت ويٺو آهي. چارو بابو. ٻيا به ڪيترا ماڻهو. +”ڪٿان موٽي رهيا آهيو ڊاڪٽر بابو؟“ +اسپتال جي احاطي جي ڀت جي ڀرسان ڪوئي نڪتو. +”ڪير؟ ونيه؟“ سڃاڻي هو حيران ٿي ويو. ”بي-ڪي- ميڊيڪل اسٽورس جو مالڪ ونيه؟“ +”تون هتي بيٺو آهين؟ معاملو ڇا آهي؟“ +”ڊاڪٽرن جي ميٽنگ ٿي رهي آهي.“ +”ميٽنگ؟“ +”ها. مون کي بهشڪار ڪرڻ جو ويچار ٿي رهي آهي.“ +بهشڪار جو.... توکي؟!“ +”جي ها. سڀاڻي آئون توهان وٽ ايندس. ميٽنگ رڳو منهنجي ڪري ڪانه ٿي رهي آهي، اوهان به نظر ۾ آهيو. صبوح جو اوهان کي سڀ ڪجهه بتائيندس. آئون پاڻ ايندس. هتان جا سڀ ڊاڪٽر ��نڍجي ويا آهن، ڏسو نه. هڪڙو باقي هريندر اڃا ڪونه پهتو آهي. چارو بابوُ ۽ پرديوت بابوُ وپن بابوُ کي ڏسڻ وڃي رهيا آهن؛ اتان ئي هريندر کي ساڻ وٺي ايندا ۽ موٽي اچي ميٽنگ ڪندا. اوهان وپن بابو کي ڏسي آيا؟ ترسيا ڪونه؟ او، اوهان کي شايد چيو ڪونه اٿائون.“ +مهاشيه ڪابه وراڻي نه ڏني. ”نه، هو ڪجهه ڪين چوندو.“ +ونيه چيو: ”اڄ صبوح جو ڪشور دادا اوهان جي ته ڏاڍي واکاڻ ڪئي. سڄي ڳوٺ ۾ هلچل آهي.“ +ان جو به ڪوئي جواب نه ڏنائين. ونيه چوندو ويو: ”ٻڌو اٿم ته ڊاڪٽر پرديوت ان ڪري ڏاڍو بگڙيو آهي.“ +هينئر مهاشيه ٻوليو: ”آئون هلان ٿو ونيه.“ +ونيه ڇرڪي ويو. ”جي ها. هو شايد اچي رهيا آهن. آئون به وڃان ٿو. سڀاڻي آئون اوهان وٽ ضرور ايندس“ ڀٽ جي اوندهه ۾ هو وري الوپ ٿي ويو. چاروُ بابو، پرديوت، پرديوت جو دوست ورانڊي کان ٻاهر اچي رهيا هئا. + + +[26] +تنهن ڏينهن ڊاڪٽر پرديوت وٽ، پسگردائي جا سمورا ڊگري يافته ڊاڪٽر اچي ڪٺا ٿيا هئا. پرديوت ئي سڀني کي گهرايو هو. هڪ ڪوآپريٽو ميڊيڪل اسٽورس کولڻ جي رٿ زير ويچار هئي. +دراصل ونيه جو بهشڪار ڪرڻ جي منشا نه هئي؛ پر ان ڪري ونيه کي مشڪلات کي منهن ڏيڻو ته پوندو. صرف ايترو ئي نه، هنن هتي هڪ ننڍڙي ڪِلنڪِ به کولڻ چاهي ٿي. پرديوت جو مٿيون دوست شهر ۾ هڪ ڪلنڪ ۾ پرئڪٽس ڪندو آهي. وپن بابو جي رت ۽ پيشاب جي تپاس ڪري رپورٽ کڻي ڪالهه کان آيل آهي. وپن جي رپورٽ همٿائيندڙ آهي، پر ڊاڪٽر کي الائي ڪهڙو اچي شڪ ويٺو آهي، هو وري پان سان هنن ڊاڪٽرن جي بيٺڪ ۾ به شامل ٿي ويو آهي. شامل ٿيو آهي پر ديوت جي زور ڀرڻ تي. ڊاڪٽر پرديوت جي راءَ پٽاندر، اڄڪلهه ڪلنڪ جي سهائتا بنا علاج ڪرڻ انياءُ آهي؛ ان سان هن وگيان جو النگهن ڪرڻو آهي، جنهن جي ساڌنا ڪئي ٿي وڃي. معمولي مليريا يا رواجي بيمارين ۾ اهڃاڻ ڏسي، ٿرماميٽر، اسٽيٿسڪوپ جي مدد سان علاج ڪري به سگهجي ٿو، پر مرض جتي ذرا پيچيدو هجي، جتي ٿورو به گمان پوي، اتي سائنس جي اصول پٽاندر ان وسيلي رت، پيشاب ٽوري جي جاچ ڪرڻ بنا- علاج ڪرڻ جي، پرديوت سخت خلاف آهي. ناڙي تپاس تي هن جو ويساهه ڪونهي. پر وايو، پت، ڪف (صفرا، بلغم،) تي به سندس وشواس ڪونهي يا سمجهي نٿو سگهي، ۽ اکين جا اهڃاڻ ڏسي، روڳيءَ جي بدن مان بانس پرکي روڳ جو نرنيه ڪرڻ ٻن چئن نامور ڊاڪٽرن لاءِ ممڪن ٿي سگهي ٿو، رواجي ڊاڪٽرن حڪيمن ۾ اها سگهه نه آهي. جيڪي ائين ڪن ٿا، سي ڪجهه ڪيسن ۾ ٺيڪ پرکي وٺن ٿا، ڪجهه ۾ ڀل ڪرڻ کان پوءِ سڌارو ڪري وٺن ٿا ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ ته ڀل پڇاڙي تائين معلوم نٿي ٿي سگهي. روڳي جڏهن هٿن مان نڪري وڃي ٿو، تڏهن لڳي ٿو، علاج ڪرڻ ۾شروع کان آخر تائين غلطي ٿيندي ويئي آهي. روڳ دراصل مليريا ڪانه هو، اهو هو ڪالاجار؛ يا ڪالاجار نه هو، ته هو ميلريا. مليريا کي ٽي-بي سمجهڻ جي غلطي ڪندو به ڏٺو ويو آهي. تنهن ڏينهن خود کانئس هڪ ٻار جي علاج ۾ خطرناڪ ڀل ٿي ويئي آهي. جڏهانڪر هو ٻالڪ فوت ٿيو آهي، هو ڏاڍو دکي آهي. +ونيه جي دوڪان ۾ نسخن تي دوا ڏيڻ ۾ من ماني ڪئي وڃي ٿي. ڪائي دوا جيڪڏهن موجود نٿي رهي ته پنهنجي من سان ئي ان جي موٽ ۾ ڏيئي ڪري ڪم هلايو ٿو وڃي. ائين به نٿو ٿئي ته ان کي ڇڏي ڏنو وڃي. ڪابه دوا نيم پٽاندر سلسليوار تيار نٿي ڪئي وڃي. دوا جون شيشيون قائم رهن ته صاف ڏسي سگهجي ٿو ته ڌار ڌار دوائون جدا جدا تري رهيون آهن يا هيٺ ڄميون پيئون آهن. هڪ وار دوا آڻي ٿو ۽ انهيءَ مان ئي سال، ڇهه مهينا هلائي ٿو وٺي. تيج رهت بي اثر دوا ڪم نٿي ڪري. جنهن خاص ٽيمپريچر جي اسٿتيءَ ۾ پينسلين کي سانڍڻ گهرجي، ان ر��ت نٿو رکيو وڃي. جيڪي دوائون سج جي روشنيءَ ۾ ناس ٿي وينديون آهن، انهن کي به نيم پٽاندر نٿو رکيو وڃي. جتي انهوءَ جي جيئڻ- مرڻ جو سوال آهي، اتي لاپرواهي، اڻڄاڻائي ۽ ڇل ڪپٽ واري واپاري دماغ جي آپيشاهي وهنوار سان زندگي آفت جو شڪار بڻجي ٿي پوي. تنهن کانسواءِ رديوت جو خيال آهي، ”هو نقلي دوائون به واپرائيندو آهي.“ +”مٿان وري اگهه به ڳاٽي ڀڳا. ويچارا غريب، سڌا سادا ڳوٺاڻا ماڻهو تباهه ٿي ڪري لالچ ۽ بي ايماني جي تلوار جي هيٺ لاچار ٿي پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ٿا وڃن. روڪڙا اگهه ته ڇا، پر اُڌار کاتي ۾ به بقايا وڌندي ٿي وڃي. انهن جون زرد اکيون، پيٺل اکيون ۽ پِيلا مهانڊا ڏسي ڪري پرديوت کي مٿن ڪهل به اچي ٿي، پر ڪاوڙ به لڳي ٿي. بعضي جيءَ ۾ ايندو اٿس. ”مرن ههڙا ماڻهو مري وڃن ڪمبخت، مري پورا ٿي وڃن. اڻڄاڻ، مورک-پنهنجي اياڻپ، مورکتا، بي عقلي ڪنن به ريت قبول نٿا ڪري سگهن. لک سمجهايو، ٻڌي نٿا سگهن. سمجهڻ جا ئي ڪونهن، يقين ڪرڻ وارا به ڪونهن. اڄ به کانئن جڙي ٻوٽي، جنتر منتر، تعويذ تائٿ، رکيا سڳڙا ڇڏيا نٿا ٿين. هنن جي سائنس جي ڄاڻ جيون مهاشيه جي ناڙي- گيان تائين پهچي رڪجي ويئي آهي.“ +ان ڪري ڪافي ڳڻ ڳوت ڪرڻ کان پوءِ هتان جي مڪاني ڊاڪٽرن ۽ پنهنجي هن متر جي سهيوڳ سان هو هتي هڪ نئي سنسٿا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. دوائن جو هڪ وڏو اسٽور. ساڻ گڏ هڪ ننڍڙي ڪلنڪ. +هتان جي مڪاني حالتن جو اڀياس ڪندي هن ڄاتو آهي، ”ان جي مطابق هڪ وڏو دڪان مزي سان هلي سگهندو آهي. نوگرام ۾ وچولي قسم جو هڪ دوائن جو دوڪان، ٽيهن سالن کان به وڌيڪ وقت ٿي ويو، مزي ۾ هلي رهيو آهي. ان کان اڳي هڪ الماڙيءَ ۾ دوا رکي هريش ڊاڪٽر جو پنهنجو ڪاروبار هلندو هو. جيون مهاشيه جو آروگيه- نڪيتن به ڪيترن ڏينهن تائين وڏي ٺاٺ سان هلندو رهيو. ۽ هاڻ، سنه اوڻويهه سو پنجاهه عيسويءَ ۾ هتي ڪلنڪ ۽ دوائن جو وڏو دوڪان به ڪونه هلندو؟“ +نوگرام ۾ ئي ٻه-ٻه ايم-بي، ٻه ايل-ايم-ايف ڊاڪٽر آهن. ڏهه- ٻارهن ميلن جي دائري ۾ ٻيا به چار ايل- ايم-ايف آهن. سڀني جي ڪنهن نموني پرئڪٽس هلي رهي آهي. پرديوت انهن سڀني کي ڪوٺايو آهي. سڀ حصيدار بڻجن ۽ اهو ڪاروبار هلي. سڀني کي لاڀ آهي. واپارين وانگر ته اسان نفعو ڪونه ڪڍنداسون، پر جيڪو به فائدو ٿيندو، سڀني کي ملندو. جن جا جهڙا نسخا هوندا، هنن کي اهڙي ڪميشن به ملندي. ماڻهو به ٿوري ئي قيمت ڏيڻ سان دوا حاصل ڪندا. +ڪوارٽر جي ورانڊي ۾ ڪرسي ميز وجهي ڪري ميٽنگ جو چڱو خاصو انتظام ڪيو ويو آهي. شام جي چانهه جي شروعات ٿي آهي. وچ تي ٻري رهيو آهي هڪ پيٽرومئڪس. رات جو کاڌو پيتو ٿيڻو آهي. ڪجهه جهرڪين جو شڪار به ڪيو ويو آهي، ساڻ ڪجهه مرغيون. اسپتال جو رسويو رڌي رهيو آهي. منجو نگراني ڪري رهي آهي. وچ وچ ۾ هوءَ گيت ڳائيندي ويندي. +هتي نوگرام جي آسپاس جيڪي به ڊاڪٽر، ويڄ پرئڪٽس ڪن ٿا، اهي سڀ انهيءَ علائقي جا آهن. گذريل پنجاهه ورهين جي اندر ڊاڪٽري به ٻين ڌنڌن ۾ خاصو ڌنڌو بڻجي پئي آهي. ان جو مکيه ڪارڻ مليريا جو آزار آهي. مليريا سان ڪجهه ٽائفائيڊ، ڏهه پنج ريميٽنٽ، اتيسار، پيٽ جي بيماري. ماتا به ٿيندي آهي. البت وچڙندي مرض جو روپ ڌارڻ ڪانه ڪندي آهي. ڪالرا به وچ وچ ۾ نازل ٿيندي آهي. اڳي ته ڪالرا به مهاماريءَ وانگر پکڙبي هئي، هاڻ ٽڪن جي ڪرپا سان ائين نٿو ٿئي. ان کانسواءِ هيءَ- هوءَ، قسمين قسمين جون نيون عجيب و غريب بيماريون ٿين ٿيون. تنهنڪري ڊاڪٽر ٿيڻ سان خاطر جمع- چڱي آمدني ٿيندي. اڳي جيڪي لکندا پڙهندا هئا، وڪالت پڙهندا هئا. جيڪڏهن نوڪري نصيب نه ٿي، ته وڪالت ڪندا هئا، پر وڪيل جو پيشو بي بقا آهي. جنهن جي تقدير کلي سو راجا، ۽ جنهن جي ڪانه کلي سو فقير. ڊاڪٽري ۾ ائين ڪونهي. وري جي قسمت ساڻي هجي ته پوءِ ڇا چئجي! نه هجي ته به ڪجهه نه ڪجهه هلندي ئي. سڀ کان وڏي ڳالهه گهر ويٺي روزگار. ڏهه سال اڳي پسگردائيءَ ۾ پاس ڪيل ٻه ڊاڪٽر هئا. نيم طبيبن جي ته ڀيڻي ڪانه هئي؛ جيڪي روزگار ڪڍي رهيا هئا. اڄ رڳو ڊگري يافته ڊاڪٽر ئي ڇهه آهن. ڪنهن بردوان، ته ڪنهن بانڪورا ۾ ڊاڪٽري جو امتحان پاس ڪيو آهي. چئن ڄڻن ته ڪلڪتي جي ڪئمپبيل ۽ ميڊيڪل اسڪول مان پاس ڪيو آهي. اهي سڀ ونيه جا ٻڌا خريدار آهن. هنن کي ونيه جي خلاف ڪائي شڪايت ڪانهي؛ اهڙي ڳالهه ڪانهي. ونيه رکيل دوائون واپرائي ٿو. گهڻو اگهه ته نٿو وٺي پر ڪوآپريٽو ۾ قيمت تهائين گهٽ ٿيندي. ڪلنڪ جا ماڻهو اهڙي سخت ضرورت محسوس نٿا ڪن. پر ٿئي ته ان ۾ بيجا ٿوروئي آهي؟ سخت بيمارين ۾ ڪڏهن قضا سان ضرورت پئجي به سگهي ٿي. وري ڊاڪٽر پرديوت کي خوش رکڻ به ضورري آهي. وقت بوقت ٻه – چار مريض آڻڻ سان، خاص ڪري آپريشن جي معاملي ۾، اسپتال ۾ پاڻهي بندوبست ڪري ڏيندو. ڪجهه – ڪجهه سائنس جي به تقاضا آهي. سڀ ماڻهو انتظار ۾ آهن. وپن بابو کي ڏسي ڊاڪٽر موٽن، ته صلاح مصلحت شروع ٿئي. +پرديوت چيو: ”اوهان کي ڪلڪتي جي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ ڏٺو. اسان هن جي هدايت موجب اوهان جو علاج ڪري رهيا آهيون. صلاح هوئي ڏيندا. اوهان هنن کي گهرائي وٺو. اسان ايترو ئي چئي سگهون ٿا ته جيون مهاشيه جي راءِ سان اسان سهمت نه آهيون. اوهان اڳي کان بهتر آهيو ۽ جيڪڏهن ڪائي ارچڻ نه پئي، ته آهستي آهستي بلڪل نوبنا ٿي ويندا. ڪيستائين ٺيڪ ٿي ويندا، اهو ٻڌائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر چيٽرجيءَ سان صلاح ڪرڻي پوندي.“ +”خير. ڊاڪٽر چئٽر جي کي ئي گهرايو وڃي. هريندر، تون وڃي هنن کي وٺي اچ. جيڪي گهرندا، سو ڏيندس. لڄ ۽ ووڪي جي وڍ کان مان جلي رهيو آهيان. مان آخرين ڳالهه ڄاڻڻ چاهيان ٿو. ۽....“ +سر مٿي کڻي سامهون تڪيندي چيائين: ”جيون مهاشيه کي گهرايو وڃي. مان اهو نٿو ڄاڻڻ چاهيان ته مان مرندس يا نه. مرڻو ته هڪ ڏيهاڙي سڀني کي آهي. هن روڳ مان بچندس يا نه، سو ڄاڻڻ چاهيان ٿو.“ اهو هن پنهنجي پتا کي مخاطب ڪندي چيو. +پاڻ ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪندا هو سڀ موٽيا. نوڪر چانهه جو ٽري اڳيان آڻي رکيو. ڪمپائونڊر هريهر هڪ ڪاچ جي گلاس ۾ ٻه آئونس برانڊي ۽ سوڍا جي بوتل آڻي رکي. ڪوآپريٽور ۾ چارو بابو ئي سڀ کان وڌيڪ اتساهت آهي. سوسئاٽيءَ جو پرڌان هوئي ٿيندو. برانڊي جي سرڪي ڀري سگريٽ دکائي کيسي مان واچ ڪڍي چيائين: ”نو لڳي پنج منٽ! پرديوت بابو، ڪارروائي شروع ڪريو. وقت سٺو آهي. درگا- درگا، سڌ داتا گڻيش. آرنڀ ڪريو. اوم گڻيش نمہ“ +چارو بابو منڍ ۾ ئي پترو ڏسي ڇڏيو هو. پرديوت کي اهو سڀ نٿو وڻي ۽ اهڙي ڳالهه کي مڃڻ به ناپسند ٿو ڪري، پر هتي چارو بابو جي آڏو ڪين آيو. +ڪاڳڙ- قلم کڻي ويهي رهيو. +چارو بابو کلي چيو: ”هيءَ ڪهڙي ميٽنگ؟ مهورتي راڳ به ندارد. هارمونيم..... مسز بوس جي رهندي به!“ +ڊاڪٽر جي گهرواري سڄاڻ آهي. ٺهه پهه سر جهڪائي ادب سان چيائين: ”سڀاپتيءَ جي آگيا اکين تي!“ هوءَ آرگين جي سامهون وڃي ويٺي. +اوچتو هڪ رڪاوٽ اچي پئي. +اچانڪ اسپتال جي ڦاٽڪ تي چار پنج ماڻهو اچي وارد ٿيا. هڪ استري ڇاتي پٽي ورلاپ ڪري رهي هئي. (سوناڙي، ماڻڪ منهنجا.... اڙي پٽ!“ +پرديوت ڌيان مگن ٿي لکي رهيو هو. رودن ٻڌي ڪاڳر قلم سميٽي ڌيرج سان اٿي کڙو ٿيو. هيتري رات گذر ئي هن طرح ڪا پٽي رهي آهي، اسپتال ڪنهن کي کڻي آئي آهي.... ضرور ڪو آئڪسيڊنٽ ٿيو آهي. امرجنسي وارڊ جو ڪيس! پر امرجنسي وارڊ جي معنيٰ هتي رڳو ٻه بيڊ آهن. اول هڪ ئي بيڊ هو. پرديوت اچي ڪشور بابو جي معرفت وڏين ڪوششن ۽ حيلن کان پوءِ ٻيو بيڊ وڌايو آهي. جڏهن هيڊ- هيلٿ سينٽر ٿي ويندو تڏهن پنج بسترا ٿي ويندا. هن پاڻ به ٿوري نئين ويوَسٿا ڪئي آهي. پر امرجنسي وارڊ جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي ’رت‘. ’رت‘ آهي ڪلڪتي جي بلڊبئنڪ ۾، هتان ڏيڍ سو ميل پري. +”اجهو آيس. ڏسي اچان، ڪهڙي ماجرا آهي.“ پرديوت هليو ويو. +چارو بابو چيو: ”ههڙو فرض شناس انسان مون ڪڏهن نه ڏٺو. مان به ته ڪڏهن هتي هوس. سختي رکندو هوس. سمجهيهءِ مسز بوس، مان ڏاڍو ڪرڙو آدمي هوس. مگر ڪريان به ڇا؟ اهو زمانو ئي ٻيو هو. ان وقت اسپتال بابوُ لوڪن جي هئي. ڊسٽرڪٽ بورڊ جي مدد ملندي هئي، بس. بابو لوڪ ئي سڀ ڪجهه هوندا هئا. ڊسپينسري ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان، مٿان بابو لوڪن جو ٿيو سڏ، ”يڪدم اچو.“ لاچار، وڃڻو پوندو هو. وڃي ڇا ٿو ڏسان، ننڍو ٻالڪ ڪيڪون ڪري رهيو آهي. سُر پنچم ۾. +بابوُ لوڪن جي نياڻيءَ جو پٽ، ٻارهن سالن جي نينگريءَ جو نينگر، سمجهيهءِ؟“ +”ٻارهن سالن جي نينگريءَ جو نينگر؟!“ منجوءَ جي حيرت جو ٺڪاڻو نه رهيو. +”ان ۾ اچرج ڪهڙو آهي، ان زماني ۾ ائين ئي ته ٿيندو هو. يارهن سالن جي نينگريءَ کي ٻار، مون اکين ڏٺو آهي. چوڏهن ورهين تائين ٻار نه ٿيندو هو، ته گهر ۾ هاهاڪار مچي ويندو هو. سمجهندا هئا ته هاڻ ٻار نه ٿيڻ وارو آهي؛ ان ڪري ديوتائن جون سکائون باسيندا هئا.“ +منجو چيو: ”منهنجي ماءُ جي ماءُ جي ماءُ- گريٽ گرانڊما (پرناني) کي تيرهن ورهين جي عمر ۾ ٻار ڄائو هو. يعني منهنجي ماءُ جي ماءُ پيدا ٿي هئي. جڏهن ٻڌندي آهيان، تپرس وٺي ويندو اٿم. اها ٻڍڙي اڄ به جيئري آهي. اف، اهڙي ٻوڙي ٿي ويئي آهي ٻڍڙي! خبر اٿو....“ اچانڪ هڪ ڊپ گاڏڙ ڪيڪ وچان سڀ ڇرڪي ويا. ”ڇا ٿيو؟“ چيخ ڊاڪٽر جي گهر مان ئي نڪتي هئي. +ڪوئي ڄڻڪ ’بوُ- بوُ‘ ڪري رهيو آهي. ”ڪير؟ آواز رسويئي جو معلوم ٿئي ٿو!“ منجو ڊوڙندي ويئي. سندس پوئتا پرديوت جو متر به ڊوڙندو ويو. چارو بابو آکيو: ”نيٺ به ٿيو ڇا آهي، چور ته ڪونهي؟“ +هريندر چيو: ”ڪهڙي خبر؟“ +”يا ڪڙهائي ته پيرن تي هاري ڪانه وڌائين؟ الائي ڇا ٿيو؟“ چارو بابو وري چيو: ”ڏس ته هريندر.“ +سڀ دروازي ڏانهن اتاولائي سان ڏسندا رهيا. +چارو بابو برانڊي جو آخري ڍڪ پيتو. سڏيائين: ”اڙي ڀائي، مسز بوس، ڇا ٿيو؟“ +هوڏانهن رنڌڻي ۾ ٺاڪر وايون ولڙيون ڪري الاجي ڇا ڇا بڪي رهيو آهي. خاڪ به سمجهه ۾ نٿو اچي. پرديوت جو دوست کيس دٻائي رهيو آهي. ڊاڪٽر جي زال ٽهڪ ڏيئي کلي رهي آهي. +ڊاڪٽر چارو چيو: ”ٻڌ ته هريندر.“ +“جي.“ +”ڀائي، هيءَ استري ڪهڙي آهي. کلي رهي آهي ذرا ڏس ته سهين. ٻڌو اٿم، بندوق سان شڪار به ڪندي آهي!“ +”جي ها. سائيڪل به هلائيندي آهي!“ +چارو ڊاڪٽر ٻوليو: ”مورک عورت آهي! ڊاڪٽر ماڻهو ڀلو آهي، رپ پڇاڙيءَ تائين هن عورت جي پلئه پئي ڪٿي وڻ تي نه ويهڻو پويس، جانورن وانگر پڇ نه نڪري اچيس!“ +سڀ ڊاڪٽر کلي پيا. +چارو بابو پنهنجي گنجي کوپريءَ تي هٿ ڦيريندي چيو: ”مگر آهي ٻئي مزي ۾. ڪبوتر- ڪبوتري واه! کلن ٿا، ڪڏن ٿا، ڳائين پيا. مزي ۾ آهن. ڪڏهن ڪڏهن افسوس ٿيندو آهي ڀائي. ڪاش، امن به هن زماني ۾ پيدا ٿيو هجان ها! ”ڊاڪٽر هن ڀيري خود کلي پيو. +ان کل سائي لڳ ڀڳ هتان کلندي، برساتي ناتي وانگر جهر جهر ڪندي ٻاهر نڪتي ڊاڪٽر پرديوت جي گڏهه زال! ڊاڪٽر جو دوست به ڏند شيڪي رهيو هو. هن چيو: ”اِڊيٽ ڪنهن جاءِ جو. ذرا حرڪت ته ڏسوس.“ +چارو بابو پڇيو: ���ڇا ٿيو؟“ +منجو وراڻيو: ”ڀوت! چارو بابو ڀوت آيو هو!“ ايترو چئي وري اچي ٽهڪن ۾ پئي. +چارو بابو جو نشو اڏامي ويو. +”جي. رنڌڻي ۾ کائڻ جي جڳهه ڪري رهيو آهي، پيٺل گرم مصالحو ملائي ڪري وجهي رهيو آهي.... قطار ۾ ٿالهيون ڪٽورا رکيل آهن.... اچانڪ ڌپ ڌاپ ۽ ٺاٺا ڪري ڀتر ڪرڻ لڳا؛ ٺاڪر دريءَ کان ليئو پائي ٻاهر نهاريو... کڙيءَ کان چوٽيءَ تائين سفيد ڪپڙن ۾ ڪو اجنبي کڙو هو! ٺاڪر کي ڏسندي ئي هڪل ڪيائين، ذرا ماس ڏي! ’يڪدم ٿورو ذرو ڏي،‘ هن جو چوڻ ۽ ٺاڪر جو ڊپ وچان بيحا ٿي اون-اون ڪرڻ!“ پرديوت جي ڊاڪٽر دوست چيو: ”جيءَ ۾ آيو ته ٻچوءَ کي ٻه چار چماٽون وهائي ڏيان.“ +چارو بابوُ چيو: ”اون هون. هن ريت ٽاري ڇڏڻ سان ڪم ڪونه هلندو. هيءَ جڳهه ٺيڪ نه آهي. ڪيترا ڀيرا ڪيترائي ماڻهو هتي اڳي به هن ريت ڊڄي چڪا آهن. ٻه وکون اڳتي هڪ وڻ هو. ان جي باري ۾ طرحين طرحين جا افواهه هئا ۽ جتي اسپتال آهي، اتي مسلمانن جو قبرستان هو. ان ڀو وچان اسپتال ۾ اڳي بيمار ڪونه ايندا هئا. چار ڄڻا آيا هئا، سي به بکاري هئا. ٻه ائڪسيڊنٽ ڪيس، اَن ڪليمڊ پراپرٽي وانگر. انهن کي به ڪشور بابو جي سماج سيوا دل وارا شيوڪ سنڀالي کڻي آيا هئا. انهن مان هڪ کي ڇڏي باقي سڀ مري ويا. سڀ روڳي هتي ڊڄندا هئا.“ +منجو وري ٽهڪن ۾ اچي پئي: ”اوهان ڊاڪٽر بابو ڀوت مڃيندا آهيو ڇا؟“ +چارو بابو وراڻيو: ”هائو. يعني مڃيندو به آهيان، نه به مڃيندو آهيان. نه به مڃيندو آهيان ۽ مڃيندو به آهيان. مطلب، ڇا آهي، ڇا نه آهي. اهو ڏاڍو مشڪل آهي.“ +پرديوت موٽي آيو. چهرو ڳنڀير. آستين تائين ڪرتي جون ٻانهون کنجيل. ”ڊس انفيڪٽنٽ“ جي بوءِ اچي رهي آهي. ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. چي: ”معصوم ٻالڪ، ڇهين ستين مهيني جو. گرم کير ڪرڻ سان هڪوار....“ +بي خبريءَ ۾ چارو بابو جي اندر مان دانهن نڪري ويئي ”آه!“ +باقي ڄڻا به سيسراٽ ڪري اُٿيا: ”اف!“ +پرديوت جي دوست ورجايو: ”بچي ته ويندو؟“ +”مري ويو. ميز تي سمهارڻ کانپوءِ ڪيترائي منٽ جيئرو هو. ان کان پوءِ هڪ ٻه ڀيرو هڏڪي‘ بس! مان ڪجهه ڪونه ڪيو. بيٺي بيٺي ڏسندو رهجي ويس.“ +منجو سناٽي ۾ اچي ويئي. هن جي سموري چنچلتا، کل ٽهڪڙو، حيرت، سڀ ڪجهه گويا خشڪ ٿي ويا. +پرديوت جي دوست چيو: ”هتي هڪڙو ٻيو هنگامو ٿي ويو.“ +”هنگامو؟ هنگامو ڇا جو؟“ +”تنهنجي رسوئيءَ ڀوت ڏٺو هو. اون –اون ڪري ڪيڪون ڪري رهيو هو. پڇ ئي نه، هڪ ڪانڊ ٿي ويو!“ +”نانسينس! الوءَ جو پٽ، شرارت ڪري رهيو هوندو. لڳي ٿو، ماس هڙپ ڪري ڇڏيو هوندائين. بعد ۾ بهانو ڪيو هوندائين، ڀوت کڻي ويو!“ +پرديوت کي ٽوڪيندي چارو بابو چيو: ”نه نه. هن ريت اڏائڻ سان ڪم نه هلندو.“ پرديوت کلي پيو. ”اوهان ڀوت کي مڃيندا آهيو ڇا؟“ +چارو ڊاڪٽر چيو: ”مان مڃان ٿو، ان جي معنيٰ؟ هن قبرستان ۾، اُتي بي موت هڪ آدمي جو ٻار مئو، هيڏانهن ماس جي بانس سان ڀتر ڪريا، نڪ ۾ دم آڻي ڳالهيون ڪيائين. برانديءَ جو نشو ئي ٽٽي پيو. مون کي هڪ آئونس ٻيو به ڏيو. سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويو. وڌيڪ نه، هڪ آئونس. بس، بس.“ +پرديوت گلاس وڌائيندي چيو: ”ير، جيڪي به هجي، ڀوت رهي يا نه رهي، هن جي هاءِ- هاءِ نه کپي ڪم جي ڳالهه ٿيڻ کپي. ته اسان سڀني جي راءِ پڪي ٿي!“ +”ها. پڪي ئي سمجهو. ڪيئن ڀائي؟“ +”ته ڀلا هن ڪاڳر کي جاچي صحي ڪريو.“ +”اوهان ئي پڙهو ڊاڪٽر... يوسي You see.... برانڊي ٻي عينڪ پائڻ سان مون کي سڀ هيٺ- مٿي نطر ايندو آهي. ان ڪري مان ڪڏهن رات جي سڏ تي ڪونه ويندو آهيان. نيور. رات جو روڳي مري ته چارو ڊاڪٽر از ناٽ ريسپانسيبل.[1] Charu-doctor is not responsible. پڙهو، اوهان پڙهو.“ +پرديوت چوڻ لڳو: ”گڊ!“ +”سيڙپ ٿيندي پنج هزار رپيا. ڏهين ڏهين جا شيئر. چارو بابو سو شيئر وٺي رهيو آهي. منجو بوس.... سو. منهنجومتر نرمل سين سو. هريندر بابو پنجاهه.“ +”نه مسٽر بوس، منهنجا پنجويهه لکو.“ +”ڇو ڀائي، ڇا ٿيو؟ تنهنجي ته چڱي هلندي پڄندي آهي. جيون مهاشيه توکي ڪوٺائي سئي هڻارائيندو آهي. هوڏانهن وپن بابو جو اٽينڊنگ فرزيشن[2] انهن تي ٻن ڪيسن مان پنجاهه جو ناڻو نڪري ايندو.“ +هريندر جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. ڪرنا هاٽ جي ڊاڪٽر هريهرپال چيو: ”سورامهريءَ کي جيون مهاشيه ۽ هريندر خوب بچايو آهي! پاڳل ششيءَ اول مونکي ئي گهرايو هو. صاف صاف چئي ڏنو هئائين، هن وصيعت ڪري ڇڏي آهي؛ شاهد ٺاهڻا پوندا. آڱوٺي جو نشان اسان ڪنداسون، تون گواه ٿيءُ. ڪابه حجت نه ٿيندي، ڊپ جي ڳالهه ڪانهي. وري جيڪڏهن ٿئي به کڻي ته چئج، هن باهوش و حواس صحي يا آڱوٺي جي نشاني وڌي هئي. بنهه هوش ۾ هو. پنجاه رپيا ملندا، پڇاڙيءَ ۾ سو تي آيو. پر مون صاف انڪار ڪيو.“ +چارو بابو چيو: ”جيون مهاشيه جو اهو ئي ته جادو آهي. مان ته ان کي جادو ئي چوان ٿو. سمجهين ٿو نه، بيماريءَ جي پڪڙ ڄاڻي، سمجهي سگهي ٿو. ان کي ناڙي گيان چو يا ڳوڙهو گيان چو، جيڪي به چو، پر هو آدمي، جيڪي ڪجهه آهي سو سڀ ٺيڪ ٻڌائي ٿو. هن ۾ هڪ گڻ آهي، اهو آهي ڌارمڪ. پر هڪڙو ئي مرض اٿس- اڳڪٿي ڪرڻ جو. ’هيءُ بچندو ڪونه‘ اهو نرنيه ٻڌائي ڇڏڻ جو کيس ڪو خفت ٿو ڏسجي.“ +پرديوت وچ ۾ ٽوڪيندي چيو: ”ان ڳالهه کي ڇڏيو اسان وشيه کان هٽندا پيا وڃون. اسان کي سڀ ڪجهه پڪي طرح فيصلو ڪري اٿڻو آهي.“ +هريندر چيو: ”ته منهنجا چاليهه ڪري لکو.“ +چارو بابو چيو: ”تنهنجي ڏهن شيئرن جي قيمت مان هاڻي ڏيئي ڇڏيندس. تون مونکي مهيني – مهيني چڪائي ڏج. هاڻ وڌيڪ اعتراض نه ڪر. بس ختم! ون، ٽوُ، ٿري.“ +ميز تي ٺاپ هڻي کلڻ لڳو. وري چيائين: ”ساڍن ٽن هزارن جي رقم ته ٿي ويئي. باقي رهيو ڏيڍ هزار اها رقم باقي هيءُ سڄڻ ڏين. پنج ڄڻا آهن. هو ٻه ٻه سو، ٻه سو يعني ويهه شيئر. باقي پنج سو کليل رهن. ڪي ٻيا ماڻهو آهن، جيڪڏهن هو....“ +پرديوت محڪم آواز ۾ چيو: ”مان ان ڳالهه جي خلاف آهيان. ”گنجي کوپريءَ تي هٿ ڦيريندي چارو بابو چيو: ”اوهان جو اڃا نئون رت آهي پرديوت بابو. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي خانگي ريت ڏاڍو بهتر علاج ڪندا آهن. جهڙوڪ، جيون مهاشيه کي کڻي وٺو.“ +پرديوت بابو وري ٽوڪيو: ”مان ان تي بحث ڪرڻ نٿو چاهيان. ليڪن هيءَ سنسٿا خالص ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر جي ٿيندي. هتي سائنس کانسواءِ اسان ڇومنتر لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه رکنداسون. اوهان ان ڳالهه کان انڪاري ڪونه ٿيندا ته هت اڃا سوڌو ديوي- دوائون ٽوڻا ڦيڻا هلن پيا. جنتر تعويذ هلن پيا. ڌرم ٺاڪر جي ’صفرا ٿيل‘ جي هتي ڏاڍي هاڪ متل آهي. ڪلڪتي کان ان لاءِ ماڻهو اچن ٿا. مگر ڊاڪٽر ٿي ڪري اوهان اهو نسخو نٿا لکي سگهو ته ڌرم ٺاڪر جو تيل- هڪ آئونس، نه وري انکي پنهنجي شفاخاني ۾ رکڻ لاءِ چئي سگهو ٿا. پنهنجي ميڊيڪل اسٽورس ۾ جنتر- تعويذ ڪونه وڪڻي سگهبا.“ +”اوهان ته مون کي دٻائي ڇڏيو.“ چارو بابو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. ”اوهان جي دليلن جو جواب ڪونهي. وڪيل هجو ها ته ڪامياب وڪيل بڻجي سگهو ها. ليڪن...“ +”ٻڌايو، ليڪن ڇا؟“ خوب گنڀير ٿي پرديوت پڇيو ۽ ميز تي هٿ رکي زور سان هن جي طرف جهڪي به ويو. +چاروبابو کلندي چيو: ”مگر اها ڪائي ڳالهه ڪانهي، يعني سوچي رهيو هوس، اوهان زال مڙس ۾ جهڳڙو ته ضرور ٿيندو هوندو، ان ۾ کٽندو ڪير آهي؟“ +مجلس م سڀ ڄڻا ٽهه ٽهه ڪري کلي پيا. سڀ کان اول خود مسز بوس ��لڻ لڳي. +کل ذرا گهٽ ٿي، ته چارو بابو چيو: ”ته اهي پنجاه شيئر عام ماڻهن واسطي کليل رهن. هڪ کان وڌيڪ شيئر ڪنهن کي ڪونه ملندو. جيڪي خريداري ڪندا، تن کي ڪميشن سان گڏدوا ملندي رهندي.“ +”ان سان مان يڪراءِ آهيان، بلڪ ان کي پنجاهه کان به سئو ڪرڻ جي فائدي ۾ آهيان.“ +”بس، آڻيو، صحي ڪري ڇڏيان. سڀ ڀائر صحي وجهي ڇڏين.“ +صحي وجهي پرديوت ڏانهن ڪاڳر وڌائيندي چارو بابو چيو: ”ڀوڄن ۾ اڃا ڪيتري دير آهي مسز بوس؟ انپورڻا جي درٻار ۾ شو بکاري ٿيندو آهي، کيس هٿ ڊگهيري چپ ۾ رهڻو پوندو آهي. پر شوج چيلا آهن ڀوت. اهي بک لڳڻ تي چپ ڇو رهڻ لڳا؟“ +”“تيار آهي. آسڻ وڇائڻ لاءِ چئي آئي آهيان. ڪڏهوڪو ٿي ويو هجي ها، ڊپ وچان ٺاڪر سڀ ڳڙ ڳڙداني ڪري وڌو. نوڪر مٿس نظرداري ڪري رهيو آهي. رسوئي تيار ڪري سموري سامگري ڊرائنگ رو ۾ کڻي ايندو.“ منجو وراڻيو. +”هو ڏسو، ڀوتن جو شور و غل وري شورع ٿي ويو آهي.“ چارو بابو چيو. +”مان ٿي ڏسان.“ منجو چئي رنڌڻي ڏانهن وڃڻ لڳي. +”ترسو.“ +”ڇا؟“ +”منهنجو خيال آهي، اهو ماس ڇڏي ڏيو ته سٺو.“ +”ماس ڇڏي ڏيون! اوهان ڇا چريا ٿي پيا آهيو ڊاڪٽر صاحب!“ +”نه. هڪڙو ته مسلمانن جو قبرستان، مٿان مرغي جو گوشت!“ ٿورو ترسي چارو بابو وري چيو: ”نه نه. اسين چاهي ڀوتن کي نه مڃون. اسين ٿياسون ڊاڪٽر اسان لاءِ مناسب به ڪونهي ۽ ڀوتن کي مڃون به ڇو؟ پر جڏهن هڪ اهڙي گهٽنا ٿي چڪي آهي... يعني.... دانهون ڪرڻ وقت رسويئي (ٺاڪر) جي ڪا ٿڪ ٻڪ ديڳڙي ۾ پئجي ويئي هجي... يا ڪو ٻيو ڪجهه ٿيو هجي، اهڙي حالت ۾ هروڀرو ماس کائڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي... مطلب ته مون کي ڪائي ضرورت ڪانهي....“ +سچ پچ کاڌي وقت جيترا به ڊاڪٽر هئا، ڪنهن به ماس کائڻ ۾ دلچسپي ڪانه ورتي. پرديوت کي رسويئي تي ڏاڍا خار لڳا. جي ”هيءَ سڄي هن جي شيطاني آهي. اوهان ڪونه سمجهي سگهندا. هن اها اٽڪل ڪري، وشواس ۽ اوشواس جو اندازو لڳائي سڀ مال هڙپ ڪيو.“ +چارو باٻو چيو: ”نه هن کي ئي ماس کائڻ ڏيو. کائي ويندو نرڪ ۾. ڪافي مقدار ۾ ڪئسٽر آئل پيئڻو پوندس. وڏي ڳالهه اها ڪانهي، وڏي ڳالهه ته اصلي ڪم ٿي ويو- نوگرام ميڊيڪل- اسٽورس ۽ ڪلينڪل لئباريٽري! اڄ اوهان اهو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ڪلينڪل- جاچ بنا اڄوڪي زماني ۾ هڪ قدم کڻڻ به مشڪل آهي ۽ نه وري واجب ئي آهي. اينڊ، اوهان جيڪي انڌشرڌا بابت چيو يعني جنتر منتر، ديوي دوا، ڀڀوت ٽوڻي ڦيڻي سان جيڪر لاڀ ٿي پوي، ته اسان کي ڪهڙو اعتراض آهي؟ البت ان روايت کي اسين ڪونه همٿائينداسون.“ +هڪ هڪ ڪري سڀ هليا ويا. +پرديوت نوڪر ۽ باورچي کي سڏي چيو: ”توهان سڀاڻي ئي پنهنجو حساب چڪتو ڪري وڃجو.“ +منجو چيو: ”هيءُ تنهنجو سراسر انياءُ آهي.“ +”نه.“ +”تو ان وقت ٺاڪر جي شڪل ڪانه ڏٺي هئي. وياچرو ٿر ٿر ڪنبي رهيو هو! ڪيئن مسٽر سين؟“ +سين چيو: ”برابر. ويچارو بري طرح ڏڪي رهيو هو. مسز بوس ٺيڪ چوي ٿي. ’هي واز ٽريمبلنگ لائيڪ اي ليف‘ وڻ جي پن وانگر ڏڪي رهيو هو.“ +پرديوت چيو: جيڪڏهن توهانجي ڳالهه مڃان کڻي ته اهو به مڃڻو پوندم ته هيءُ ڀوتن ۾ وشواس رکي ٿو. هتي قبرستان آهي ۽ هيءُ ڪڪڙ رڌي رهيو آهي، تنهنڪري قبرستان مان ڀوت نڪري ايندو، سنجها کان ئي اها ڪلپنا ڪري رهيو هوندو ۽ انهيءَ مان ئي هن دوکو کاڌو: ڀوت ڏٺائين. ههڙي ماڻهوءَ کي مان اسپتال ۾ نٿو رکي سگهان. منهنجا مريض ڊڄندا. سڀاڻي صبوح جو ئي هن کي هتان لڏڻو پوندو. +[1] چارو ڊاڪٽر ان لاءِ ٻڌل ڪونهي. +[2] Attending Physician سنڀاليندڙ ڊاڪٽر + + +[27] +سڄي رات جيون مهاشيه کي ننڊ ڪانه آئي. پل پل ۾ هڪ طوفان من ۾ اٿي رهيو هوس. ششانڪ ۽ هن جي استري؛ ون وهاري ۽ هن جي استري؛ عطر، رتن بابو، گويا سندس کٽ کي گهيري بيٺا هئا. رتن بابو، وپن وپن جي ڌرمپتني، کانئس پڇي رهيا هجن ”اسان کي ٻڌايو.“ ششانڪ، ون وهاري، هنن جون استريون، عطر ڀرون تاڻي اشارا ڪنديون هجن: ”نه، نه، نه.“ +خود پاڻ کي به هن ڀيري ڀيري سان تشريح ڪري ڏٺو. من جو ڇيد ڪيو. ياد آيس، سندس پتا چيو هو، نرنيه يا اڳڪٿي سڻائيندي يعني موت جي پڌرائي ڪرڻ وقت سڀ کان اڳي ڀڳوان ’پرمانند ماڌو‘ جو سمرڻ ڪرڻ گهرجي. هن جي ڪرپا سان جنم ۽مرتيو جيون ۽ مرڻ ڏينهن ۽رات وانگر اوندهه ۽ روشني وج کيل بڻجي ٿا پون؛ ”پرمانند مئه – ليلا“ بڻجي ٿا پون. تڏهن دل وٽان توکي ناڙيءَ جي پوري ريت پروڙ پئجي سگهندي ۽ بنا ڳڻ ڳوت ”جي پنهنجو نرنيه ٻڌائي سگهندين. بنا پڇڻ جي ڪنهن کي به اڳڪٿي ٻڌائڻ جو نيم ڪونهي. پر ڪو خاص موقعو ٿيندو آهي، ان موقعي تي بنا پڇڻ جي ئي پنهنجي من جي ڳالهه چوڻ گهرجي، پرمارٿ جي کوج ڪرڻ واري ٻڍي کي ٻڌائڻ گهرجي، ”وشواس پٽاندر مڪتي جي لاءِ يا پنهنجي ويراڳ کي پورڻ ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن تيرٿ ڏانهن وڃڻ جي اِڇا هجيو ته وڃو. ڪائي ڳجهي ڳالهه لڪل پريشاني وانگر من ۾ قيد ٿيل هجي، ته ان کي ظاهر ڪري هيانءُ هلڪو ڪريو. ڀوڳ جي ڪائي واسنا يا ممتا ڀري واسنا من ۾ جيڪڏهن اساٽ بڻجي يادگيري جي بهاني ننڊ ۾ گمراهه ڪري، ته ان کي به پورن ڪري ترپت ٿي وٺو- ۽ هڪ ٻيءَ حالت م پنهنجي من سان روڳيءَ کي، سڳن مائٽن ۽مترن کي ٻڌائڻ گهرجي. اهڙي موقعي تي چاهي روئي ٻڍو نه هجي، پرمارٿ جي اڇا رکڻ واور به ڀلي نه هجي، تڏهن به ٻڌائڻ گهرجي. جيڪو روڳي ڪرمي هجي، سمپتي وارو هجي: جنهن گهر ۾، سماج ۾ ڪيترن ڪمن سان هن جو لڳاو هجي، جنهن تي ڪيترائي دارومدار رکندا هجن: اهڙن جي واسطي توکي ضرور ٻڌائڻ گهرجي. هنن جي مٽن مائٽن کي ٻڌائڻ گهرجي، ڇو تهان آدمي جي مرڻ سان پوءِ ڪيترن ڪمن، ڪيترن ماڻهن جي ايتري هاڃي نه ٿيندي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ماڻهن کي اڳي ئي پتو پئجي ويندو، ته جيترو ممڪن هوندو، حالتن جي بگڙڻ کان روڪي وٺندا. +هڪ ٻيءَ حالت ۾ به ٻڌائڻ گهرجي. روڳي جيڪڏهن عادتن کي پنهنجو دشمن بڻائي، موت کي نوٽو ڏيئي ويجهو آڻي ٿو، ته هن کي چتائڻ جي لاءِ ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي. چوڻ گهرجي ته ”ادا، پنهنجي عادتن کي سنڀال.“ +”هر حالت ۾ ڀڳوان پرمانند ماڌوپ جو انڀو ڪرڻ جڳائي.“ ان پرمانند ماڌو کي هو پنهنجي جيون ۾ پائي ڪين سگهيو. ”وپن کي هو ڪيئن ٻڌائي؟“: ”نه،“ نٿو چئي سگهي. ممتا جي هن دنيا م ڀروسو ئي هڪڙو سهاور آهي،اميد ئي بي سهاري انسان جي واحد سک جي ننڊ آهي. گيان جي جاڳرتي جي ڪائي ضرورت ناهي. +”سڀاڻي ئي هريندر کي وڃي چئي ايندس ته مون کان اهو نه ٿي سگهندو. هو رتن بابو کي وڃي چئي اچي ته مهاشيه جو عقل موڪلائي ويو آهي، هو هاڻ ڪجهه نٿو سمجهي سگهي. هن کان وڏي غلطي ٿي وڃي ٿي. ڪالهوڪي ڏٺل نبض جي چال به کيس ياد نٿي رهي. ڪافي ڳڻ ڳوٺ ڳوت بعد ئي هن اهو نياپو ڏنو آهي،”هو ڪونه وڃي سگهندو.“ اسر جو ئي بسترو ڇڏي اٿي ويٺو. سوچيائين، ”نه، هينئر نه. وپن چڱو ڀلو ٿي وڃي. موتيءَ جي ماءُ تندرست ٿي موٽي اچي. دانتو بچي پوي. سندس سموري ڄاڻ؛ حاصلات فلسفو سڀ هڪ ڀرم- وهم بڻجي پوي.“ +هيٺ لهي ضروري هاجت کان فارغ ٿي ورانڊي ۾ اچي ويٺو. آجيوڪا جو مسئلو درپيش ٿيو. ”آجيوڪا پئي ٿيندي.“ +کيس اپت ڪافي هئي. لک وڌيڪ ڪمائي، سڀ خرچي ڇڏيائين. اٽڪل ٽيهه چاليهه هزار دوائن جي بلن جي بقايا رهجي ويس، جيڪي وصول نه ڪري سگهيو. ڌيئن جي وهانءَ ۾ قرض کنيو هئائين. جتان قرض کنيو هئائين، اتي عالج ڪيائين، اتان ڪابه في نه ورتائين. اميد هئس ته انهيءَ مان وياج چڪتو ٿي ويندو. پر قرضين ڪوبه لحاظ ڪونه ڪيو. وياج مور سميت دعويٰ ڪيائون، ڊڪري ڪرائي جائداد نيلام ڪرائي ڇڏيائونس. ان جو کيس ڪوبه افسوس ڪونهي. پر ها، زندگيءَ ۾ جيتري ڪجهه ضرورت آهي، اوترو رهي ها، ته چڱو ٿئي ها. اوترو رکڻ واجب به هو. پر هن لاءِ بچت ڪرڻ ناممڪن هو. هو دنيادار نه بڻجي سگهيو. ماڻهو چون ٿا، جڳت ٻنڌو مهاشيه جي سکي سنسار ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ٻنهي هٿن سان رپيا ڪمايائين. نبض پڪڙيائين، ته ناڻو آيس. حساب ڪٿان سکي؟ حساب ڪري به ڇو؟ سوچيائين، سدائين ائين ئي رهبو.“ ٻن هٿن سان ڪمائي، چئن هٿن سان اڏائي ڇڏيائين. +ڪجهه ته اهو به سچ آهي. پر سو نوان پئسا سچ نه آهي، نه نه. عطر چوندي آهي: ”گرهستيءَ ۾ مهاشيه جيون جو من ڪڏهن ڪونه لڳو. سڀ ڏينهن ڪوڙي زهر جيئان ڪسارا لڳس. آئون، پاڻ جا ڪوڙي- ڪساري زهر جهڙي آهيان! هوءَ هجيس ها، ته سڀ ڪجهه امرت لڳيس ها. هوءِ يعني منجري!“ ائين چوندي عطر کل ۾ ڇٽڪندي هئي، اهڙي کل جو ڪير نه سمجهي سگهي، مڙس کي ڇڏي هوءَ ٻئي ڪنهن کي اڳيان اهڙو کلندي به ڪانه هئي. +”اهو به ٿورو گهڻو سچ آهي.“ اڀو ساهه ڀري مهاشيه به کلي ڏيندو آهي، من ئي من ۾ چوندو آهي: ”ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته گرهسٿيءَ کي توهان سڀني ڪوڙي ۽ زهريلي بڻائي ڇڏيو. تو، ون وهاريءَ، ڌيئن، ناٺين- سڀني. سڀني ملي ڪري. پر تنهنجي جڳهه تي منجري هجي ها، ته به گرهسٿي امرت مئه ڪانه هجي ها. ان حالت ۾ به گرهستي لاءِ مونکي موهه نه جاڳي ها. هرگز نه، پٽيءَ نه.“ +”هن جي من جي هڪ ڪنڊ کي توهان ماڻهو ڪڏهن به ڏسي ڪونه سگهيا.“ ان ڪنڊ ۾ سندس جيون جي شمشان- ساڌنا جي تياري آهي. هتي هن زندگي ڀر پان کي اماس جي ڪاري اوندهه ۾ ڍڪي رکيو آهي. اتي سدائين آڌي رات جو پهر آهي. موت ۽ موت. سڄي حياتي ان نالي جو جاپ ڪندو رهيو. سندس پتا چيو هو: ”مرتيو امرت مئي ٿي ڏيکاري ڏيندو آهي.“ جنهن جي ساڌنا به انهيءَ روپ کي ڏسڻ ڪاڻ ٿيندي رهي، سو حساب ڪتاب، ليکو چوکو، اهڙين ڳالهين جي پرگهور ڪٿان لهي؟ ”نه ته زندگيءَ ۾ هن جيڪي ڪمايو، تنهن سان هو توکي پالڪيءَ ۾ ويهاري خود گهوڙيسوار ٿي ڪانديءَ مان نه گهمائي اچي ها؟ سفيد گهوڙو ته ميسر ٿي سگهيو هو. ڳهه ڳٺا به ڪي توکي گهٽ ڪين پڙپيا هئا! باقي پالڪي ڪهار ۾ گهڻو لڳي ها؟ تون ته نٿي ڄاڻين ته بيمار جي موت جي بستري جي ڀرسان اٿي اچڻ وقت روڳيءَ جا مائٽ جڏهن کيس سڏين ٿا: ”ذرا ترسومهاشيه جي، اوهان جي في.“ هٿ ڊگهيري في وٺي ٿو؛ سوچيندي سوچيندي هليو اچڻ، ”ان عجيب شڪل واري کي“ اڄ به ان ريت سوچيندو اچي ٿو: ’هيءُ نتجيو، اڻ ٽر نتيجو گنڀير- بي آواز بار بار پاڻ کان پڇيو اٿائين: ”ڇا آهي؟ ڪيئن آهي؟ شڪل، بوءَ، ڇهاءُ، سواد مڙني حواسن ۾ هو (مرتيو) ڪئين ٿو ڀاسي؟ ڪهڙو آهي هن جو آواز؟ پتا جي ٻڌايل ڪهاڻيءَ جو روپ به من کي مطمئن نه ڪري سگهيو. +اچانڪ ڌوم ڪيتو (پڇڙ تاري) جيئان ششي اچي سهڙيو. هن اسوءَ جي مهيني م ئي هن پنهنجو ڦاٽل اوور ڪوٽ کڻي بدن تي وڌو هو. هٿ ۾ حقو. اڃا ساجهر ئي آهي ۽ اکيون ڳاڙهيون! نشو آهي، پر شراب جي بانس نٿي اچي، گانجي جي به نه، شايد ”ڪئنوسنڊڪا“ پيتل اٿس. بنا ڪنهن مهاڳ جي ٺهه پهه چوڻ لڳو: ”ڪمبخت رام هري اڄ وصيعت نامي جي رجسٽري ڪرائڻ اچي رهيو آهي. اوهان کي شاهد بڻائيندو. هن جي نئين زال کي ڪجهه نه ڪجهه اوهان کي ڏيارڻو پوندو. منهنجي فيءَ جا اڃا ڪافي رپيا بقايا ۾ آهن. خير، ٻيا سڀ وڃن جهنم ۾، پر ويهه رپيا گهٽ ۾ گهٽ ڏي��ريوم.“ +ششي کپ کوڙي ويهي رهيو. +مهاشيه سوچي رهيو هو ته ”ششيءَ کي ڪهڙو جواب ڏي.“ اچانڪ سائيڪل جي گهنٽي تي نظر ڇڪجي اوڏانهن ويس. سائيڪل اڄ ڪلهه عام سواري ٿي پئي آهي. پسگردائي جي ڳوٺن جي هارين جي نينگرن به سائيڪلون ڳڌيون آهن. سائيڪل جي گهنٽيءَ ۾ هڪ عجيب ڪشش آهي. هن ڳوٺ ۾ سڀ کان اول بنوءَ ئي سائيڪل ڳڌي هئي. ٻه سائيڪلون هيون. پرديوت ۽ هنجو دوست، ٻئي وڃي رهيا هئا. ”هيترو ساجهر ڪيڏانهن وڃي رهيا هوندا ڀلا؟“ +پرديوت سائيڪل تان لهي پيو. سندس دوست ڪجهه اڳڀرو وڌي لٿو. شايد ائين ئي لهي پيا. +”نمسڪار!“ +مهاشيه اهڙي اميد ڪانه ڪئي هئي. ذرا ڇرڪي هن نمستي وراڻي ”نمسڪار!“ +”اهيندر سرڪار جو مڪان ڪهڙو آهي؟ مون کي چئي آيو هو ته اوهان جي گهر جي ڀرسان ئي آهي.“ +”اهيندر جو مڪان؟ اجهو هو اَٿو، هن گهٽيءَ ۾ وڃو. هن وٽ ويندا؟“ +”جي ها.“ پرديوت ٿورو مرڪيو: هن جو ناٺي منهنجو هم ڪلاسي آهي. ٻئي گڏ آءِ-ايس-سي پڙهيا هئاسون. هن جي ٻالڪ جي طبيعت خراب آهي.“ +”اهيندڙ جي ناٺيءَ جو پٽ؟ هن جو ڏوهٽو؟ يعني اتسيءَ جو ڪڪو؟ ان ڏيهاڙي جڏهن موتيءَ جي ماءُ کي گنگا ڪناري وڃڻ جي صلاح ڏيئي جيئن موٽي رهيو هو، تيئن مدن جونينگر بدن سان پاڻيءَ ۾ ٿڦڪيون هڻي رهيو هو. ننڍڙو ٻالڪ، اکيون موهيندڙ نند لعل ڪرشڻ جهڙي سلوڻي صورت. اهوئي نينگر؟ هن جي طبيت خراب آهي؟ دروازي جي ڀرسان ئي مان آهيان، مونکي ڪونه گهرايو ويو، ڏيکاريو ويو؟ ڇا ٿيو آهي هن کي؟“ +ايتري ۾ پرديوت ۽سندس متر گهٽيءَ ۾ هليا ويا. +”اڄڪلهه ماڻهن کي پئسا گهڻا ٿي پيا آهن، گهڻا. ڀلا هو اسان کي توهان کي ڇو ڏيکارڻ لڳا؟ پر اهيندر سرڪار جي ابن ڏاڏن جي قوت کان وٺي اوهان ئي سندن گهر جو مفت علاج ڪري رهيا آهيو. ششيءَ ٻوليو. +مهاشيه اوچتو ورانڊي جي رستي کان لهي پيو. انهي گهٽيءَ جي طرف هلندو ٿيو، اهيندر جي گهر ڏانهن. +ششي سناٽي ۾ اچي ويو. هڪ کن چپ رهي چيائين ”عقل وڪڻي کائڻ ان کي چئبو آهي. پرديوت ڊاڪٽر ڳچيءَ کان جهلي ٻاهر هڪالي ڪندس.“ +چئن سالن جو ٻالڪ. بخار کان بيهوش پيو آهي. هڪ ڪن جي پاڙ کان ٻي ڪن جي پاڙ تائين سوڄ اٿس. سنڌور جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو آهي. +پرديوت تپاسي رهيو آهي. هن جو دوست به جاچي رهيو آهي. هن جي ماءُ سيرانڌيءَ کان ويٺي آهي، اهيندر ۽ هڪخوبصورت جوان پاسي کان بيٺل آهن. مهاشيه ڪمري م گهڙيو. چپ چاپ پٺيان بيهي رهيو. روڳيءَ جي بدن ۾ سخت سور آهي، سندس حواس ڪمزور ٿيندا پيا وڃن. سجاڳي ته ختم ئي سمجهڻ گهرجي. +تيز نگاهن سان مهاشيه ڏسي رهيو هو. ڪائي ڇايا پئجي رهي آهي؟ سمجهه کان ٻاهر هو. سندس نظر جي سگهه به ته جهڪي ٿي ويئي آهي. +جاڇي پرديوت کڙو ٿي بيٺو. منهن گنڀير. ملول- سندس نظر مهاشيه تي پئي. +”اوهان!“ +”آئون ذرا ڏسندس.“ هو بيمار جي بستري ڏانهن وڌيو. ويهي رهيو. +اهيندر سرڪار سراپجي ويو. اتسي پڻ. ششي ڪوڙ ڪونه چيو هو. ٽن پيڙهين کان مهاشين سان نينهنن ناتي سبب وٽس علاج بابت ڪوبه خرچ ڪونه ٿيو آهي ۽ اڄ کيس پڇيو به ڪونه ويو. +اهيندر چيو: ”ڏسو نه، ڇا مان ڇاٿو ٿي وڃي. مهمان ڪالهه آيا. ٻالڪ کي گود ورتائون. چيائون، هڪ ننڍڙي ڦرڙي ٿي اٿس، ذرو چنو لڳائي ڇڏيوس. شام جو نينگر روئڻ لڳو، ڏاڍو سور ٿي رهيو هوس. اها ڦرڙي بنا منهن واري ڦٽ جهڙي آهي، ڏٺم، ذرا وڏي ٿي ويئي آهي. ان کان پوءِ سڄي رات ڦٿڪندو رهيو، تپ چڙهي آيس. صبوح جو ڏٺم، ته منهن سڄي ويو اٿس. تپ وچان هوش به نه اٿس. آئون اوهان کي ئي سڏڻ وڃي رهيو هوس. ناٺيءَ چيم، هيءُ ته ڦٽ جي آڪڙ وچان تپ آهي، الائي نشتر لڳائڻو پوي، ٽڪو لڳي ڇا ٿئي، ان حالت ۾ هن کي گهرائي ڇا ٿيندو؟ ٺيڪ به چيائين. وري اسپتال جو ڊاڪٽر بابو سندس همڪلاسي به آهي. مون چيو، تنهنجو ٻچو آهي، توکي جنهن کي وڻي تنهن کي ڏيکار آئون ان ۾ ارهو ڇو ٿيان؟“ +ٻالڪ کي تپاسي مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. پرديوت ايتري ۾ روانو ٿي چڪو هو. سائيڪل تي دوا کڻڻ ويو هو. سئي هڻندو. پينسلن. +ٻالڪ جي ماءُ، اتسيءَ وياڪل ٿي پڇيو: ”دادا! ڪيئن ٿا سمجهو؟ ڪيئن آهي ڪڪو؟ ڇا ٿيو اٿس؟“ +کلي چيائين: ”ڳل ۽ نڙي سڄي پيا اٿس. تپ اٿس. ڳڻتي ڪهڙي آهي؟ اڄڪلهه نيون نيون دوائون نڪتيون آهن، ڊاڪٽر بابو آهي: ٺيڪ ٿي ويندو. +جهڙي طرح ويو هو، تهڙي طرح هو موٽي به آيو. اهيندر سندس پٺيان پٺيان ويو. رستي وچ ۾ پڪاريائين: چاچا جي!“ +”اهيندر!“ +”اوهان ڇا ڏٺو”“ +”ناڙي ڏسي به ڪيترو سمجهان! تڏهن ائين لڳم ته تپ وڌي ٿو.“ +”هينئر به ته....“ +هن جي چوڻ کان اڳي ئي مهاشيه ٻوليو: ”ٻن جي لڳ ڀڳ چڙهندو، ڪجهه وڌيڪ ئي چڙهي.“ +”ها، هڪ سو ٻه پائنٽ ٻه ته آهي. اڃا به تپ وڌندو؟“ +”لڳي ته ائين ٿو.“ +”نڙي ۽ ڳل سڄي ويا اٿس، ههڙوڳاڙهو ٿي ويو آهي! معمولي ته ڦٽ آهي!“ +”هو ڊاڪٽر رت جي تپاس ته ڪري رهيا آهن! ڏس، نبض ڏسي ٻڌائڻ سان بيوقوف بنجڻو پوندو آهي.“ +هو وڌيڪ نه ترسيو. موٽي آيو. ان وقت دروازي تي ٻه گاڏيون بيٺيون هيون. هڪ هئي پراني ميان جي، ٻي رام هري جي. رام هري وصيعت تي صحي ڪرائڻ آيو هو. +رام هري کي ڏسندي ئي ششي رفوچڪر ٿي ويو! +* * * +پراني جي پتني گرڀڻي آهي. پراني خوش آهي، ذرا لڄي به. مهاشيه کي اهو سٺو لڳو. من خوش هجيس ها ته ذرا چرچو به ڪري ها. گهٽ ۾ گهٽ مسجد- درگاهه ۾ سکا باسڻ لاءِ چويس ها، چويس ها؛ ”ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ محفل جو ته انتظام ڪري. هن ڀيري توکي اولاد بچندو. سمجهي وئين؟ ۽ زال جي بيماري به دائمي ويندي رهندي.“ پر من اداس آهي. هوش ۽ بيهوش جي وچ ۾ پيل اتي جي ٻالڪ جي چنتا هن جي من کي وياڪل بڻائي وڌو آهي! هتي ته اوگڻ سندو ويري به ڪونهي، عادت علت يا من جي لاڙي جو به ڪو دوش ڪونهي، عزت، مان، شان، ڌن دولت، لوڀ لالسا، ڪنهنجي به خاص ڪشش سان جيئڻ جي لالسا ڪانهي. نئين زندگي وڌڻ جي لاءِ، مڪمل ٿيڻ جي لاءِ، پرڪرتيءَ جي پريرنا سان بچڻ چاهي ٿي. ڪهڙي نه ڪشمڪش! پنهنجي حقن ڪاڻ لڙي رهي آهي. جوش و خروش سان! ويساکي طوفان جيئان هيءَ ڪٺور بيماري آئي آهي. جنهن جو جهاڳ هڪ بادل جي ٽڪري سان ٿيندو آهي، جو ڪجهه ئي پلڪن ۾ پکڙجي سڀ ڇاپي ڇڏيندو، ڇاپڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿائين. البت اڃا ’تانڊو‘ (پرلئه) شروع نه ٿيو آهي. پر ان ۾ به خاص دير ڪانهي، دير ڪانهي. نبض پڪڙي هن هوا جي ’سانءِ- سانءِ‘ جو انڀو ڪيو آهي. ڏورانهين خوفناڪ آواز جو، جيئن مٽيءَ ۾ انڀو ڪيو ويندو آهي، گهر جي دري- دروازي ۾ هٿ رکي ڇهڻ سان جيئن انڀو ڪيو ويندو آهي. ٺيڪ ساڳي ريت هن انڀو ڪيو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه مثال نٿو ٿي سگهي. زهر جي نفيسياتي جهڙي هڪ نفيستائي سڄي جسم ۾ پکڙجي رهي آهي. ان جو اثر هوريان هوريان وڌندو ويندو، طوفان سان گڏ بادل وانگر. بخار سان گڏ زهريلو اثر به وڌندو.“ +گاڏي آروگيه نڪيتن جي سامهون اچي رڪي. هو ڪير ويٺو آهي؟ ششي؟ ۽ هو؟ بي-ڪي- اسٽورس جو مالڪ ونيه. هن سڀاڻي هلڻ لاءِ چيو هو. +هن کي ڏسندي ئي ششيءَ جو اڀو ساهه نڪتو. چي ”اڄ مان ڇڏڻ وارو نه آهيان؛ پيرن جي پڻي کڻندس. جئه گرديو! ’اکنڊ منڊلا ڪارنگ وياپتنگ يبن چراچرنگه تت پدنگ درشتنگ يبن تسميهءِ شري گروُوي نمہ‘.“ +وصعيت ۾ مهاشيه، رامهريءَ کي سندس زال کي ڏهه ايڪڙ زمين ڏيارڻ لاءِ رضامند ڪري ورتو آهي. ششيءَ کي به هن پندرنهن رپيا موڪلي ڏنا آهن. مهاشيه هن کي بچائي ورتو آهي. پورب جنم جو رام هريءَ جو پتا آهي: هن جي ڳالهه ڀلا هو ٽاري سگهي ٿو؟ رام هري وغيره عجيب ماڻهو آهن. هيءُ سڄي عمر پاپ ڪندا وڃن ٿا؛ ڪوبه ڌرم، ڪابه نيتي مريادا هو ليکين ئي ڪين، پر جن هڪ ٻن نيمن کي مڃين ٿا، تن جو ڪڏهن به النگهن نٿا ڪن. +تهان پوءِ؟ ”ڇا خبر آهي ونيه؟“ ونيه ڪڇي جهڙي ڀت. بڪبڪيو آهي. زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جي اڇل سان سدائين ترندو رهيو آهي، چنچل هوا وانگر. چنچل آهي ليڪن مست طوفان وانگر ونيه ڪونهي ڪامياب، ڪاروباري، برساتي پاڻيءَ ڀريل ڪڪر جهڙو سجل ۽ سيتل. مٺو ڳالهائيندڙ. +ونيه آکيو: ”مونکي گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن. سنسار ۾ ماڻهو ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪ ٿورڳالهائو، ٻيا گهڻ ڳالهائو. مان هڪڙو ته گهڻ ڳالهائو آهيان، مٿان وري ڳالهيون به گهڻيون ڪرڻيون آهن. پهريائين ڊاڪٽر ششي ڳالهائي پورو ڪري ته پوءِ مان به ٿو ڳالهايان.“ +”ڳالهيون گهڻيون هجن ته سڀاڻي اچج ونيه، اڄ منهنجو من ٺيڪ ڪونهي.“ +”ڇو، ڇا ٿيو؟“ +”ويهه، اجهو آيس.“ +مهاشيه هتان هليو آيو. ”اتسيءَ جو ٻالڪ ڪيئن آهي؟“ اکين ۾ هن جي اها سلوڻي صورت تري رهي آهي. هن جي اڄوڪي اها بيماريءَ وچان پيڙيل، اڌ کلي، وياڪل درشٽي ياد اچي رهي آهي. کاڏيءَ کان وٺي ڪنن جي پاپڙين تائين سوڄ: ”ويساکي طوفان جو بادل ڪيترو دور ڦهلجي ويو: ڪيترو پري طوفان وڌي ويو؟“ +اتان نڪري به مهاشيه اچانڪ بيهي رهيو. ”وڃان؟ واجب ٿيندو؟ هو ڪير هتان نڪري رهيو آهي؟ ڊاڪٽر پرديوت جو اهو دوست ته ڪونهي؟ ها، اهوئي نه آهي!“ +اڄ مهاشيه ئي نمسڪار ڪئي. ”نمسڪار. وري هوڏانهن ويا هئا؟“ +”نمسڪار. جي ها، ويو هوس. هن جو رت ورتو اٿم. جاچ ڪندس.“ +”پر جاچ ته شهر کڻي وڃي ڪندا، گهٽ ۾ گهٽ سڀاڻي کان اڳ ته معلوم نه ٿي سگهندو؟“ +”ها. پر ان کانسواءِ ٻيو چاڙهو ئي ڪهڙو آهي؟ پينسلن جي سئي لڳي آهي. ڀانئجي ٿو، ته اِسٽريپٽو ڪاڪس انفيڪشن ٿيو اٿس. اهو ئي هوندو. وري به جاچيندس.“ +”اِسٽريپٽو ڪاڪس اِنفيڪشن؟“ +”جي. اوهان جنهن کي سر سام چوندا آهيو. مٽر جهڙا ننڍڙا ننڍڙا داڻا گلي جي اندر نڪرندس.“ +”ڊاڪٽري ٿوري گهر ۾ پڙهي هئم. اِسٽريپٽو ڪاڪس مون ٻڌو آهي. گلي جو گهاو ڏٺو اٿم. بيشڪ رواجي طور ماڻهو ان کي سرسام چوندا آهن. پر اصل ۾ سرسام ڪجهه ٻيو ئي ٿيندو آهي. ڏاڍو سخت ٿيندو آهي. پر....“ +”پر اوهان جي راءِ موجب ڇا آهي؟“ +”تپ هينئر اوهان کي ڪيترو باقي نظر آيو؟“ +”هڪ سو ٽي، پر ٿورو گهٽ. پينسلين جي سئي لڳي رهي آهي. ان مان به بخار ٿورو وڌندو.“ +”نه. هيءُ بخار هن جو روز ئي وڌي رهيو آهي ڊاڪٽر بابو! ڊاڪٽر بابو، مان ڊگري يافته ڊاڪٽر ڪونه آهيان، ليڪن علاج جو ڪافي آزمودو اٿم. ان جي معياد چوويهه ڪلاڪن کان ڇٽيهه ڪلاڪ آهي. رت ۾ نهايت ئي خوفناڪ زهر پکڙيل آهي. سوڄ ڪيتري وڌيس؟“ +ٻڍي جي ڳالهه جي گهرائيءَ جو ڊاڪٽر اروڻ قائل ٿي ويو هو. هن کي گيان ۽ انڀو جو احساس ٿيو هو. من ۾ ڪجهه سوچيندي هن وراڻيو: ”سوڄ ڏاڍي وڌي ويئي اٿس. اڃا وڌي رهي آهي. اسان جو خيال آهي، اِسٽريپٽو ڪاڪس انفيڪشن گهڻو وڌيل آهي. سنجها تائين نڙيءَ ۾ گهاو ٿي ويندس. اوهان چئي رهيا آهيو.“ +”مان چوان ٿو، اسان جي زماني جي علاج پٽاندر، هن روڳ جو حملو اهڙو پرٻل آهي، جو چڱو ٿيڻ وٽان نه آهي. مان ته ٺيڪ نٿو ڪري سگهان. اوهان ڀڳوارا آهيو، اڄ انوکي دوائن جي سهائتا اوهان ماڻهن کي ملي آهي. سو جيڪي ڪريو، جلدي ڪريو. روڳ طوفان جيئان وڌڻ وارو آهي. روڪي سگهندا ته سٺو، نه ته.... منهنجو چوڻ مڃو.“ +”مون کي يقين آهي مهاشيه جي. مان يقين ڪريان ٿو. پرديوت بيشڪ ذرا اگرو آهي. مان ان کي پاڻ وڃي چوان ٿو.“ +سائيڪل تي سوار ٿي هو هليو ويو. +”ڇا ٿيو گرديو؟ پرديوت سان وري ڇا ٿيو؟“ +مهاشيه جون گهاٽوين سفيد ڀرون تاڻجي ويئون. ”ششي تون اڃا تائين ويٺو آهين؟ وڃ، اڄ گهر وڃ.“ +”وڃان ٿو. ونيه سان گڏجي ويندس.“ +”ونيه بعد ۾ ويندو. تون وڃ، تنهنجو ڪم ته ٿي ويو.“ +ونيه کلندي چيو: ”ششي ويندو؟ بنا ڪنهن جي ساڻ هئڻ جي وڃي نٿو سگهي. اڪيلو ويندو ئي مس ته سندس ماءُ جو ڀوت سندس پٺيان ڦرندو وتندو.“ +”ڪير؟“ +”هن جي ماءُ. مرڻ کان پوءِ به ويچاري پٽ جي مايا کي وساري نه سگهي آهي. الائي ڪٿي ڪهڙي کڏ کوپي ۾ ڪري پوي، الائي ڪنهن وڻ جي هيٺان ئي سمهي پوي؛ انڪري ساڻ- ساڻ گهمندي وتي ٿي. پڇوس نه ششي کان!“ +ششي شايد چوندو آهي، هن جي ماءُ سندس آسپاس پيئي ڦرندي آهي. پهرو ڏيندي آهي. البت ڪو ساڻ هوندو آهي، ته ڪانه ايندي آهي. پر جيئن ئي هو اڪيلو ويندو آهي، ته هو تاڻي ويندو آهي ته هن جي ماءُ ساڻس هلي رهي آهي. هن جي ٻولي به هو ٻڌندو آهي. رستو ڀلجي ويندو آهي يا سامهون کڏ کوٻو ڪو هوندو آهي، ته هوءَ کيس خبردار ڪندي آهي: ”ڏسج، ڪرين نه پوين.“ +ونيه کليو. پر جيون مهاشيه ڪونه کليو. +ششي جي ماءُ کي هي ماڻهو ڪونه سڃاڻندا هئا، پر مهاشيه سڃاڻي ٿو. اهڙي ماءُ ورلي ڪا ملندي آهي. اولاد کي ڪهڙي ماءُ پيار نه ڪندي آهي؟ پر ششي جي ماءُ جهڙو پيار هو نه سنڀري. +ششيءَ کي رڳو ششي چوڻ سان ئي هن جو من ڪونه ڀريو هو: ”هن کي چوندي هئي: ”ششي چنڊ. منهنجا پڳلا! ٿوري شراب جي علت پئجي ويئي اٿس، پئجي ويئي اٿس، سو ڪري ڇا؟“ +جوانيءَ ۾ ششي خطرناڪ شرابي ٿي پيو هو. علائقي ۾ پکڙي مليريا. هو چئريٽيبل ڊسپينسري ۽ مئگ سلف ڊسپينسري مان ئي نيو ايندو هو. ڪافي هلندي هئس. تنهن وقت هو علاج به خاصو ڪندو هو. دواخاني جو ڪم پورو ڪري هو پنهنجي پرئڪٽس ڪرڻ نڪرندو هو. سڀ کان اول ته ٻه آئونس لڳ ڀڳ شراب پيئندو هو. ان کان اڳي شسپينسري ۾ به هڪ به آونس چڪڙي چاڙهي چڪو هوندو. پي ڪري بوتل ۾ پاڻي ملائي ڇڏيندو هو. روڳي ڏسي موٽڻ وقت هو گتي ۾ گهڙندو هو، پوءِ يا ته اتي ئي سمهي پوندو هو يا سمهي پوندو هو ڪنهن درخت جي سايئي هيٺ ششي جي ماءُ گهٽيءَ جي منهن تي منتظر بيٺي رهندي. وري آهستي آهستي اچي گتي ۾ سهڙندي. ششي لاءِ جيڪو سنيهه هوس، ان جي سامهون سندس لڄ هار کائي ويندي هئي. اچي سڏ ڪندي: +”سٺ!“ +”ڪير؟ ماتا جي. اجهو هيءُ رهيو ششي بابو! هتي.“ +”سڏ ڪري ذرا هوش ۾ ته آڻينس، ادا.“ +ماءُ جي سڏ تي هو ٿڙندو اٿي ايندو. سندس حقو، چلم، اسٽيٿسڪوپ ماڻس نيو ويندي. ششي پاڻ چوندو هوس: ”هيءُ سڀ کڻي هل.“ +ويساک جي نٽهڻ اس ۾ مٿي تي انگوڇو رکي ششي جي ڳولها ۾ سندس ٻاهر وڃڻ جي هڪ يادگيري اڃا کيس دل تي اڪريل آهي. ڍڳي گاڏي ۾ مهاشيه ڪنهن روڳيءَ کي ڏسي موٽي رهيو هو. زمين جنسي ٻري رهي هئي. رستي ۾ نه ڪو ماڻهو نه ڪو ڇيڻو، نه آدم زاد جي بوءَ. پکين جهرڪين جي چينچين به ڪانه هئي، ڄڻڪ پکي پرند يا ساهواري جو نالو نشان نه هجي، اهڙي ئي ٽاڻي ۾ ششي جي گوري گوري ٿلهي ماءُ وڃي رهي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ترسي ٿي بيٺي، هيڏي هوڏي نهاريندي پئي رهي. ان ڏينهن شراب جي گتي ۾ کيس پٽ جو ڏس ڪونه مليو. گيتوال ٻڌايس، ”اڄ هو ڪنهن ٻئي هنڌان پي آيو هو، دڪان تي ڪونه ترسيو. ان رستي کان ويو آهي.“ ماءُ ڳولها ڪندي پئي ويئي: ’ڪٿي نه ڪٿي راهه ۾ ضرور پيو هوندو.‘ +سچ پچ هو پيو هو. رستي جي هڪ ڪناري وڻ جي ڇانو ۾ الٽي ڪري ڪپڙا ۽ منهن ڀري پيو هو. هڪ ڪتو سندس چهري تان الٽي ڪيل نشيدار گاڏڙ کاڌي کي چٽي موج اڏائي رهيو هو. ماڻس کيس سوين سڏ ڪيا پر هن کي جاڳائي نه سگهي. گاڏي واري کان کڻائي مهاشيه جيون کيس گهر پهچايو هو. +نشي ۾ چور ششي اٿيو. جيون مهاشيه کي ڏسي نمسڪار ڪري چيو هئائين جو اڄ به جيون مهاشيه کي ياد آهي، چيو هئائين: ”مهاشيه بابوُ، گرديو! اوهان هاڻ وڃو.ماءُ ڇهي ورتو ۽ مان ٺيڪ ٿي ويس. منهنجي ماءُ جي اک جو هڪ لڙڪ زمين کي ٻوڙي سگهي ٿو. الينگزينڊر دي گريٽ جي ڳالهه سر! اينٽي پوڊس ڊز ناٽ نو، اينٽي پوڊس نٿو ڄاڻي- منهنجي ماءُ جي اک جو هڪ لڙڪ پاڻي...!“ مهاشيه ڌمال ڪڍندي چيس ”وڃ، وڃ: گهر وڃ.“ +”ويندس، ضرور ويندس. پاڻيهي ويندس. ڪنهن جي ڌمال ٻڌڻ جو عادي ڪونه آهيان.“ +شرمندگي وچان ماڻس بار بار رڳو هڪڙي ڳالهه چئي هئي: ”گهر هل! ششي! گهر هل.“ +”اهري ماءُ مرڻ کان پوءِ به ششي جي چنتا نه ڇڏي سگهي ته ان ۾.... ۽ جيڪڏهن پرلوڪ به هڪ مٿيائي هجي، ته ششي، ششي پنهنجي ماءُ کي نه وساري سگهڻ جي ڪارڻ بگڙيل دماغ مان جيڪڏهن اهڙي سکڻي ڪلپنا ڪئي به هجي. نهوڙيل نظر سان جيڪڏهن مايا کي ڪايا گرهڻ ڪندي ڏٺو هجائين ته تعجب ڪهڙو آهي؟“ ڊاڪٽر سوچيو. +نڄاڻ ڪيترين راتين جو هن خود عطر کي ڏٺو آهي- ڏٺو اٿائين ته هوءَ ون وهاريءَ جي ڪمري ۾ ليئو پائي رهي آهي. خود پاڻ؟... ها، پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن وڃي ڏٺو اٿائين. +”هن اتسيءَ جو ٻار جيڪڏهن...!“ +مهاشيه چيو: ”سڀاڻي، سڀاڻي اچج ونيه. سڀاڻي. سڀاڻي. ڇٽيهن مان ارڙهن ڪلاڪ نبري ويا. ۽ ارڙهن ڪلاڪ. ٺيڪ وچ ۾.....“ +”ڪير اچي رهيو آهي؟ اهيندر؟“ +”تپ وڌندو پيو وڃي چاچا! ڊاڪٽر وٽ وڃي رهيو آهيان. سوڄ به وڌندي پيئي وڃي. منهن اهڙو سڄي ويو اٿس...“ اهيندر جو گلو ڀرجي آيو. ”اوهان هڪوار...“ +”نه. تون ڊاڪٽر وٽ وڃ. جيڪڏهن بچائي سگهندو ته هو ئي بچائي سگهي ٿو. اسان ماڻهن جي زماني ۾ ائين نه هو.“ + + +[28] + +بچائي ورتو! پرديوت ڊاڪٽر نيٺ بچائي ورتس. بردبار، گنڀير، همٿ وارو، پنهنجي وگيان ۾ وشواسي نڏر جوان ڊاڪٽر! +ٻه وڄي رهيا هئا. کائي پي مهاشيه مٿي واري ڪمري ۾ ليٽيو مس هو ته اهيندر آيو: ”چاچا! چاچا!“ +”ڪير؟ اهيندر؟“ آواز مان ئي سهي ڪري ورتائين. يعني ته طوفان آيو. ليٽندي ليٽندي ئي هن اڀو ساهه کنيو. ’پرديوت ڪجهه ڪين ڪري سگهيو؟ نئين دوا! هيتري قيمت ان جي! ان مان به ڪجهه ڪين ٿوي؟‘ +”هڪوار هلو ڪاڪا!“ +”ڇا ٿيو؟“ +”ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. تپ زور سان آيو اٿس. سوڄ ايتريقدر وڌي ويئي اٿس جو ڏسي ڊپ وٺي وڃي ٿو، ڳالهائي به نٿو- بيهوش پيو آهي، ذرا توهان هلي ڏسو.“ +”هيءُ هلي ڇا ڪندو پٽ؟ ڊگري يافته ڊاڪٽر نه آهي، اڄڪلهه جو علاج به نٿو ڄاڻي. گامٽوڊاڪٽر آهي. وري هيءُ هلي ۽ مٿان تنهنجو ڊاڪٽر اچي اهو چئي، ته مان هاڻ نه ڏسندس؟“ پاٻوهه وچان پر تيز آواز سان مٿيان اکر چوندي عطر ٻاهر نڪتي. ”وري ان جي مٿان تنهنجو ناٺي جو آهي، هو آهي پڙهيل- لکيل نئين فيشن جو آدمي.“ +”چپ رهه عطر. ڇي. هل اهيندر، ما هلان ٿو.“ +”چپ رهان؟ ڇي!“ پتيءَ جي منهن ڏانهن هوءَ اچرج وچان تڪيندي رهي. +”هائو، چپ رهندينءَ، ٻيو ڇا!“ چوندو مهاشيه هليو ويو. هن وقت عطر جي ڳالهه تي ڪن ڏيڻ سان ڪم ڪونه هلي سگهندو. +خاموش اٻهرائيءَ وچان ڪمور ڄڻڪ اونداهي رات وانگر ڳورو ٿي پيو آهي. روڳ جي ڀينڪر حملي سان ڪڪو بيهوش پيو آهي: اکيون ٻوٽيل اٿس، هٿ پير ڍلا ٿي ويا اٿس. بخار جي تيزيءَ سان ساهه کڄندي پڃرو ۽ پيٽ هيٺ مٿي ٿي رهيو آهي- ڄڻڪ سهڪي رهيو هجي. ساهه سان گڏ رکي رکي هيانءُ ڦاٽل آواز نڪري ٿو اچي. منهنجي سوڄ کي ڏسي مهاشيه ڇرڪي ويو. هيڏانهن سوڄ ڇاتيءَ جي مٿان هلي آئي آهي ۽ هوڏانهن ٻنهي ڪنن جي پاپڙين کي پار ڪري ڳچيءَ تائين وڌي ويئي آهي. چمڙي جي هيٺان رت ڇانئجي ويو اٿس. +گهر جي ڀاتين جي وات وائي ڪانهي، آنڌ مانڌ ۽ ڀو وچان ٻولتي بند ٿي ويئي اٿس. يڪ ٽڪ ڊنل نگاهن سان تڪي رهيا آهن. گهري رات جي تارن جيئان جاڳي رهيا آهن. گرهه- اُپ گرهه سڀ بيوس آهن، هو ڏسي رهيا آهن ته هڪ نئون پيدا ٿيل گرهه عجيب ڪارڻ سان اجهامي رهيو آهي. +مهاشيه بستري جي ڀرسان وڃي بيٺو. خبرداريءَ سان ويهي هن هٿ کڻي ڏٺو. اهيندر چيو: ”چار تپ ڊگريون آهي. اوهان کي سڏائڻ کان اڳ مان ڏسي آيو هوس. پرديوت جو دوست ڊاڪٽر اروڻ جڏهن رت کڻي ويو تڏهن ٽي ڊگريون هو. ٽن کان ڪجهه گهٽ ئي هو. اٽڪل ڏيڍ وڳي بيهوش ٿي ويو: سڏ ڪريون ته آواز ئي ڪونهي، رڳو تڪيندو رهي؛ تپ ڏٺوسين، هڪ سو ٽي ڊگري پائنٽ ٻه. ٻي بجي اٽڪل چار ڊگريون ٿي ويو، ٻه پائنٽ گهٽ. وري هڪ سو چار ڏسي اوهان وٽ آيس.“ +مهاشيه هن جو هٿ لاهي بستري تي رکيو. ”ڊاڪٽر وٽ ڪنهن کي اماڻيو اٿو؟“ +”مهمان خود ڊوڙي ويو آهي.“ +”هن کي اچڻ ڏيو. دوا هوئي ڏيندو.“ +”اوهان ڪوئي مشٽي يوگ....“ +”جيسين منهنجو مشٽي يوگ ڪم ڪندو، تيسين بيماري هٿ مان ٻاهر نڪري ويندي. بيماري رت ۾ آهي. رت ۾ سئي ڪم ڪندي: هن کي ڀلي اچڻ ڏيو.“ +”دادا! منهنجو ڪڪو...؟“ اتسيءَ ٻاڏائيندي چيو. +”دل نه لاهه ڌيءَ. ڊاڪٽر کي اچڻ ڏي. دوا ڏيندو. هينئر طوفان آيو ڪي آيو، ونجهه وسيلو ڄاڻي زور سان جهلي رک- ڊپ ڇا جو آهي؟ نردوس ٻالڪ، دوا پوندي ئي فائدو ٿيندو.“ ٻاهر اچي هن اهيندر کي چيو: ”تپ پاڻ وڌي ويو اٿس اهيندر، چئن کان به وڌيڪ. اڃا به وڌندو.“ +”وڌندو؟“ +”وڌي رهيو آهي. اچي ويو ڊاڪٽر بابوُ!“ +پرديوت کي وٺي هن جو ناٺي اچي پهتو. اهيندر چيو: ”تپ پاڻ وڌي ويو اٿس. ڪاڪا جن ناڙي ڏٺي آهي.“ +ڪجهه ڪڇيائين ڪونه، ڊاڪٽر اندر هليو ويو. ائين لڳو ته هو مهاشيه جي ناڙي ڏسڻ سان ناراض ٿيو آهي. +مهاشيه خفي ڪونه ٿيو. اندر به ڪونه ويو. بيٺو رهيو. هتي بيمار آهي هڪ ابهم ٻالڪ! حياتيءَ جي ڪنهن غلطيءَ وچان موت کي نوتو ڏنل ڪونهي. اهوئي موت بي وقتي موت آهي: ري کٽيءَ مرتيو، ڪمهلو موت. اهڙا موت هن گهڻائي ڏٺا آهن. پر اتي هر هڪ پکش جي حساب سان لڙائي ڪئي آهي. اڄوڪي لڙائي روڳ سان نه، مرتيو سان آهي. مرتيو مريض جي بنهه ويجهو اچي بهي رهيو آهي، سيرانڌيءَ کان ڀرسان يا پيراندي کان. شايد ماڻس جي پٺيان بيٺو آهي. انڌو، گونگو ناسي وارن وارو موت! +”ڊاڪٽر بابوُ!“ مهاشيه پڪاريو. +”چو.“ +”ڇا ٿا ڀانيو؟ مان هن ٻالڪ کي ڏاڍو ڀائيندو آهيان ڊاڪٽر بابو!“ +”اوهان پاڻ ته ڏٺوآهي“ پرديوت کليو: اوهان جيڪي ڏٺو آهي، ٺيڪ ئي ڏٺو آهي. بخار وڌي ويو آهي اٽڪل ساڍا چار ڊگريون!“ +”ڇا ٿا سمجهو؟“ +ذرا چپ رهي پرديوت وراڻيو: ”چارو بابوءَ کي ڪوٺايو اٿم. هن سان ذرا صلاح ڪندس. مون کي ڪجهه مونجهه ٿي رهي آهي. اسٽريپٽو ڪاڪس ۾ عام طور اهڙي سوڄ نٿي ٿئي. تپ ايترو آهي. سوچيان ٿو، ممس نه ته آهي.“ +”ممس ڪونهي ڊاڪٽر صاحب. اهو مان اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان. رت زهريلو ٿي ويو آهي. دير نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪرڻو آهي، ترت ڪريو.“ جيون مهاشيه چيو. +”پوءِ اوهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟ سيلولائيٽس؟ اِرسپلاس؟ ڪونه بچندو، اوهان چئي رهيا آهيو؟“ +”منهنجي اڳڪٿي جي بدنامي ٿيل آهي،“ هو کليو: ”پر نه. اها ڳالهه ڪانه چئي رهيو آهيان. نبض مان اهڙو احساس نٿو ٿئي. بيماري ڪڏهن ڪڏهن موت کي به ساڻ وٺي ايندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ وڌي موت کي ئي آڻ��ندي آهي! اوهان پنهنجي دوا ڏيو. وزن کڻي ٻيڻو ڪريو. بيماري هوُ – هوُ ڪري وڌي رهي آهي.“ +”پينسلين ڏيانس؟ اڌ ڪلاڪ ٿي چڪو آهي.“ فڪرمند ٿي ڊاڪٽر پرديوت ڪمري ۾ هليو ويو. وري ٻاهر آيو. پنهنجي سائيڪل کڻي هليو ويو. ”اجهو آيس.“ چوندو ويو: ”پينسلين کڻي اچان ٿو. پنج لک گهرجي. اڍائي لک مون وٽ آهي.“ +وسميءَ ۽ پيار ڀري نطر سان مهاشيه پرديوت ڏانهن تڪيندو رهيو. +چارو بابوءَ جي اچڻ کان اڳي ئي پرديوت پنج لک پينسلين ڏيئي نڪري ويو. پيئڻ جي دوا تيار ڪرڻ لڳو. بيمار ڏانهن تڪيندو سناٽي ۾ ويٺو رهيو. +چارو بابو آيو. تپ هڪ سو چار پائنٽ-ڇهه ٿي ويو. چي، ”اوهان – ممس چئي رهيا آهيو؟“ +”نه، سئلولائيٽس يا...“ +اکيون چمڪائي چارو بابو چيو: ”سمجهي ويس. مهاشيه ڏٺو آهي؟“ +”ڏٺو آهي. مون پنج لک پينسلين ڏني آهي.“ +”ڏني اٿو؟ اهائي ڏيوس. جيڪي ٿيڻو هوندو، انهيءَ مان ٿيندو مهاشيه ڪٿي آهي؟“ +مهاشيه وڃي بستري جي ڀرسان بيٺو هو. اوچتو ويهي رهيو. وري نبض جهليائين. دير تائين ڏسندو رهيو. طوفان بند ٿيڻ کان ٿورو اڳي برساتي- ڪوهيڙي ۾ جيئن روشنيءَ جي جهلڪ ڏسبي آهي، تيئن ئي ڀاسيس. طوفان جي وڌڻ ۾ روڪ پئجي ويئي. موت هٽڻ لڳو. رفته – رفته پٺتي کسڪڻ لڳو، رات جو ٽين- چئين وڳي هڪوار وري ايندو. +مهاشيه ٻاهر آيو. چارو بابو وڃي چڪو هو. پرديوت پنهنجي بئگ سڀنالي رهيو هو. مهاشيه چيو: ”تپ ضابطي ۾ اچي ويو. هاڻ لهندو.“ +”لهندو؟“ +”هائو. نبض جاچي آيس.“ +”ٿرماميٽر وجهي ڏٺوَ؟“ +”نه، اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ ڏسجو. هينئر ٿرماميٽر جهلي نه سگهندو.“ +تپ گهٽجي ويو. پنجين وڳي هڪ سو ٽي پائنٽ ڇهه ٿيو. بيمار اکيون کوليون. ڳالهايائين. مائٽن جون اکيون ڀنيون: نگاهن ۾ اکرن جي واڄ جهلڪي. +جيون مهاشيه سوڄ جي حد ڏسندو رهيو. ”مرض جو زهر ٽمٽار ڪڪر جيئان ڄميل آهي. تپ جو جوش تيسين گهٽجي ويو آهي. مرتيو اڃا تائين ڪمري جي اندر آهي. شايد هن ڪنڊ ۾ بيٺل آهي. ٻار کي ڏسي رهيو هو، مرتيو جي باري ۾ انڀو ڪونه ٿيس، ڊپ به نه ڪرڻو اهي. سجاڳي موٽي رهي آهي، ڳالهائي رهيو آهي، کلي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سجاڳي لهڻ سان ساڻو ٿي پيو رهندو. ”مون کي بچايو،“ ائين چئي هو رڙيون ڪين ڪندو، ٻاڏائيندو روئندو ڪونه. آخري گهڙيءَ ۾ هو سن ٿي ويندو: شانت ساگر ۾ سمائجي اڏول ٿي ويندو.“ +ڀريل گلي جي آواز تي مهاشيه سرجيت ٿيو: ”مهاشيه آهي؟ مهاشيه!“ نهايت ڀريل آواز پر ٿڪل ماندو. ”او! راڻا پاٺڪ؟ ڀايان ٿو، هن کي سلهه ٿي پيئي آهي. ڀانيان ڇاٿو، اهائي بيماري پڪ اٿس. تنهن ڏينهن کيس موٽائي ڇڏيم. اڄ وري هيتري رات گذر ٿي؟“ مهاشيه ٻاهر نڪتو. ”هوئي آهي.“ +”ڇو ادا؟ هيتري رات مهل؟“ +”هاڻ مون هارايو مهاشيه جي! ڪيترن هنڌن جي ڌوڙ ڇاڻيم. اوهان پاروليا جي ڪويراج وٽ وڃڻ لاءِ چيو هو. اوڏانهن به ويو هوس. پر چاڙهو ڪونه ٿيو. ڪٿي پئسا، ته ڪٿي ڪجهه. من ڪونه ڀريو- نيٺ وري اوهان جو ئي در ڀيٽيم.“ +آروگيه – نڪيتن جي اندر بتي ٻري رهي آهي. ستاب ويٺو هو. شطرنج وڇائي اڪيلو ئي ٻنهي طرفان چال هلي رهيو هو. ڪمري ۾ راڻا هڪ پراڻي ڪرسيءَ تي ويهڻ واور هو ته ڪرسيءَ جو هڪ هٿ ندارد ڏسي چيائين: ”ڀڄي ته ڪانه پوندي؟ سلهه جو مريض هوندي نيٺ به ته آئون راڻا پاٺڪ آهيان! اڍائي مڻ وزن اٿم!“ هو کلڻ لڳو. +”ڳل تي هٿ رکي راڻا چيو: ”آئون راڻا پاٺڪ آهيان. آئون ڪڏهن پاڻ کي راڪاس سمجهندو هوس! ڇاتي ڪٽي نڙي ڦاڙي چوندو رهيو آهيان، اسي ورهين جي جهوني تاڙ جي درخت وانگر تڻجي بيهندس، هاٿيءَ وانگر، گينڊي وانگر هلندس. ڏهه ويهه ڪوهه هلندس. ليڪن....“ چپن تي ڦڪي مشڪ نمودار ٿي؛ ڪنڌ ڌوڻي اڀوساه کڻي چيائين: ”پراڻي تاڙ جي وڻ ۾ به اُڏوهي لڳندي اهي. سڙي ويندو آهي.“ +مهاشيه دلاسو ڏنو: ”علاج ڪرائي ڀاءُ، نيم سنجم سان رهه. ٺيڪ ٿي پوندين. ڊپ ڇاجو؟“ +”ڊپ؟“ نستائيءَ واري مشڪ جي هلڪي ريکا ته هن جي چپن تي نمودار ئي هئي، ان مرڪ جي شڪل کن ۾ بدلجي ويئي. اها کل معمولي ماڻهو نٿا کلي سگهن. راڻا جهڙا ماڻهو ئي مشڪي سگهن ٿا. ڳچ ڏينهن اڳي هڪ رڇ وارو مداري آيو هو: تمام وڏو رڇ وٺي آيو هو. هو ان رڇ سان ڪشتي لڙيو هو. ان وقت راڻا ويهن ورهين جو جوان هو. هن چيو هو: ”رڇ ڪاڪي سان آئون لڙندس. مرندس، چڪ هڻي کائيندو، رتورت ڪري ڇڏيندو ته تون ذميوار نه ٿيندين. ۽ هن ڌوتيءَ کي لنگوٽ وانگر ٻڌي ساڳي مشڪ مشڪندي چيو هو: ’اچ ٻچا رڇ، هليو آءُ جهنگلي جوان!‘ هن ڏندن ۽ ننهن واري هن خونخوار حيوان کي دسي وڌو ۽ پاڻ به زخمي ٿيو هو، پر اها مرڪ سندس غائب نه ٿي هئي.“ +”ڊپ؟“ راڻا چيو: ”نه نه ڊپ چا جو مهاشيه جي!“ +ٻاهر سائيڪل جي گهنٽي وڄڻ لڳي. ”ڪير؟ مهاشيه عجب ۾ پيو. ’وري ڊاڪٽر پرديوت آيو؟ ڇو؟ هينئر اچڻ جو ته سبب ڪونهي؟ +راڻا چوندو ويو: ”ڊپ ڪونهي مهاشيه. ٻار اڃا ابهم آهي. بيوقتي مري ويندس نيٺ؟ روپ ۽ رس جي هن دنيا ۾ آيس. روپ- رس کي ڀوڳي نه چڙهيس! وڃڻ کي ته هليو ويندس.... پر هڪ پاپ ڪري ان جو ڪيتو لوڙيندي پاپيءَ وانگر وڃڻو پوندو. اهو ئي من کٽڪي ٿو! هينئر ايندي ايندي رستي ۾ موتي لوهار جي ماءُ گڏجي ويئي تنهن کي به مون ائين چيو.“ +”موتيءَ جي ماءُ موٽي آئي؟ هو حيران ٿي ويو. سندس نگاهه جا ڪنهن انتظاريءَ وچان راهه ۾ کتل هئي، وڃي راڻا جي منهن تي کتي. ڄڻڪ کيس هڪ جهٽڪو اچي ويو. ونيه آيو. چي: ”مان ڏسي آيو آهيان، اچي ويئي.“ +راڻا چيو: ”هڪ پير ۾ الائي سفيد سفيد ڇا لڳائي پٽي ٻڌي اٿائين. موتي ۽ منجو پٽ کيس هٿن جو سهاور ڏيئي گاڏيءَ مان لاهي رهيا هئا. آئون ڏسي دنگ رهجي ويس. چيم، نيٺ تو هڪ تماشو ڏيکاري ڇڏيو! چڱو آهي“ ٻڍيءَ وراڻيو: ”هائو ادا، تماشو ئي سمجهه! ڇا چئجي! ڇا مڪان، ڇا روشني، ڇا بندوبست، ڇا علاج! چير ڦاڙ ڪرڻ وقت ته مونکي ٻيٽ به ڪانه پئي، بعد ۾ ٿوري تڪليف ٿيم. هنڌ تي ئي پيشاب- ڪاڪوس- پر شيوا ڪا هئي! ڀليگ هر جون ڀلاريون نينگريون، اڇي پوشاڪ، مٿي تي ٽوپي: دوا پيئارين، رٻ کارائين، هٿ منهن ڌوئن اگهن، ڪيترو ڳڻايان؟ گند ڪچري جو ٿانءُ کڻن، هٽائي پاسيرو رکن؛ مطلب ته سڀ ڪجهه ٿي ڪيائون. ڊاڪٽر وري ڪهڙا ڪهڙا! مهاشيه ته موت جو ڍنڍورو گهمائي ڇڏيو هو، هيءُ ڏس، آئون سهي سلامت موٽي آيس. چيو اٿس، ٽن مهينن کان پوءِ هيءُ سڀ کولي ڇڏبو، تهان پوءِ هڪ مهينو مالش- پوءِ پير ٺيڪ ٿي ويندو.“ مون ورجايو: ”ٻيو ڇا پاتئه؟ اَمر وردان ڪونه پاتئه؟“ ان تي موتي بگڙي ويو. چي: ”رهڻ ڏي ٺاڪر، رهڻ ڏي. پاڻ بچڻ ڪاڻ ته دردر پيو ڀٽڪين، هن هن وٽ چڪر پيو هڻين، هن ديوتا، هن ديوتا سڀني اڳيان ڪنڌ نوائي رهيو آهين.“ مون چيو: ”اڙي موتي! تنهنجي ماءُ جيتري عمر هجي ها ته راڻا پاٺڪ جيئرو رهڻ چاهي هاڙي؟ منهنجا ٻئي ٻار تمام ننڍا آهن، هڪ ٻچڙي آهي ۽ منهنجو جيڪو وڏو ڀاءُ آهي، واگهوءَ جيئان وات ڦاڙي ويٺو آهي. آئون نه هجان ته ڳڙڪائي وڃين. سمجهيئه؟ نه ته راڻا مرڻ کان نٿو ڊڄي. ڪيترا ڀيرا موت سان مقابلو ڪيو اٿم. ٻوڏ ۾ گهلجندڙ ماڻهوءَ کي موت جي منهن مان بچايو اٿم. جيئان ٿو برابر. پر هاڻ نه بڻيو ته هارائيندس، سو ڇا ٿيو؟“ +جيون مهاشيه سناٽي ۾ ويٺو رهيو. ائين به نٿي لڳو ته هن هيءُ سڀ ڪجهه ٻڌو- مٽيءَ جي مورت بڻيو محڪم ويٺو رهي��. +کيس ڊاڪٽر پرديوت جي اڄوڪي شڪل هُري آئي. گنڀير، بيڊپو پرنتا کان وياڪل درشٽي، هٿ ۾ سرنج جهلي اسپرٽ ڀري ڌوئي رهيو آهي. وچ وچ ۾ بيمار ڏانهن غور سان نهاري رهيو آهي. کاڏيءَ ۽ چپن جي ريکائن ۾ آتم وشواس! +ونيه چيو: ”اڃا ترس، اڃا ٽي مهينا ڪڍيا اٿائين، ٽي مهينا باقي آهن. مهاشيه ڇهن مهينن جي معياد ٻڌائي هئي.“ +”نه“ ڪنڌ ڏوڻي مهاشيه چيو: موتيءَ ماءُ بچندي؟“ +”جيئي. راوڻ جي ماءُ وانگر نڪاش بڻجي جيئي.“ +”نارائڻ! نارائڻ!“ مهاشيه چيو. گويا سڄو ماحول ناپاڪ ۽ ناچاڪ ٿي ويو هجي. ”خير. رهڻ ڏيو.“ مهاشيه ٽاريندي چيو. +”رهڻ ڏيو. پر اوهان منهنجو علاج ڪريو. جيئان، چاهي نه جيئان مرڻ کان مونکي ڀو ڪونهي مان نندا به نٿو ڪريان. ونيه به مون تي ديا ڪئي آهي. چيو اٿس، نه جيڪا به دوا ٺهڪندي، سا آئون ڏيندس اوهان بس علاج ڪريو. مون ٻڌو، اڄ ونيه ٻڌايو: پران جي وات مان ٻڪ ٻڪ رت جا نڪتا هئا. اوهان کيس نوبنو ڪري ڇڏيو.“ +ياد اچي ويس. ها، هن ئي ٺيڪ ڪيو هو. پر اهو ڪو اهڙو ڪال- روڳ ڪونه هئو. +ونيه چيو: ”مهاشيه جي، اوهان ڏسوس. ويچارو برهامڻ جو اولاد آهي.“ +”جڏهن دوا تون ڏيڻ لاءِ تيار آهين، ته پرديوت کي ڏيکارڻ چڱو ٿيندو. سٺو ڊاڪٽر آهي، گنڀير، مون اڄ پرکي ورتو آهي.“ +”اون هون. اوهان ڏسوس. راڻا جيءَ کي بچايو. رام هريءَ کي بچائي ورتو. هڪ جوهر ٻيو به ڪري اڄ ئي ڪري ڏيکاريو. صبوح جو اوهان مون سان ڳالهايو ڪونه. چيو، سڀاڻي اچج. پر هيءُ راڻا پاٺڪ وري مون کي اڄ ئي پڪڙي آيو آهي. اوهان کي منهنجي دوا خاني ۾ روز شام جو ويهڻو پوندو. نئون دواخانو کولي هيءُ ڊاڪٽر مونکي ماري ڇڏڻ ٿا چاهين. اوهان منهنجي جان بچايو.“ +مهاشيه وائڙن وانگر ونيه ڏانهن تڪيندو رهيو. +”مهاشيه!“ +”سڀاڻي. سڀاڻي ٻڌائيندس. اڄ نه. سڀاڻي. راڻا، توکي به سڀاڻي ورندي ڏيندس. اڄ نه. اڄ ته اهيندر جي ڏوهٽي ئي سڄي دماغ کي والاري رکيو آهي. سڀاڻي اچج.“ +”ڊاڪٽر پرديوت ڏسي رهيو آهي. ٻارهن لک پينسلين ڏيئي چڪو آهي اڄ. بچائي وٺندس، شايد خوب ٻٽاڪ هڻي رهيو آهي!“ ونيه ساڙ وچان چيو. +”ونيه، سڀاڻي! سڀاڻي اچج. اڄ، هاڻ نه ڀاءُ.“ مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. ”هيءُ سڀ ماڻهو ڇا اهوئي سوچين ٿا ته موت جي اڳڪٿي ٻڌائڻ کانسواءِ مهاشيه ڪجهه نٿو ڪري. انهيءَ ۾ ئي هن کي آنند ٿو پڙپي؟“ مهاشيه سوچيو. +ستاب اڪيلو ئي شطرنج کيڏي رهيو هو. هن سارين کي سميٽي رکيو. ”اڄ مان به هلان ٿو جيون.“ +”وڃ. منهنجو ڌيان اڄ هيڏانهن لڳل آهي. راند ۾ من ڪين لڳندو. لڙائي هلي رهي آهي، سمجهيهءِ؟“ +سچ پچ لڙائي هلي رهي آهي. موت سان آمهون سامهون مقابلو. پنهنجي زندگيءَ ۾ به اها لڙائي انيڪ ڀيرا لڙي چڪو آهي. هارائڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانهي. پر تڪليف ٿئي ٿي. خاص ڪري اتسيءَ جي پٽ جي. معاملي ۾. گهڙيال ۾ هڪ جو ٺڪاءُ ٿيو. پرديوت سرنج کي دوا سان ڀري رکيو آهي. ٺيڪ ساڍي ٻارهين بجي آيو آهي. سئي هڻي، سرنج کي ڌوئي- اگهي هن نظر گنئي- مهاشيه نبض ڏسي رهيو آهي. اکيون ٻوٽي ويٺو آهي. +پرديوت چيو: ”مون کي جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪري مان وڃي رهيو آهيان. هاڻ صبوح جو ايندس پر هن کي هينئر سمهڻ يو. لوڏيوس ڌوڻيوس نه.“ +هو هليو ويو. اڃا به ٿوري ساعت کان پوءِ مهاشيه اکيون کوليون. دروازي ڏانهن نهاريو. +چيائين: ”ٺيڪ آهي.“ من ۾ چيائين: +”ڊاڪٽر پرديوت سوڀارو جوڌو آهي. جديد علاج غضب جو آهي، انوکو! هاڻ نه. اسان جو وقت لڏي چڪو. وڌيڪ نه.“ هن من ئي من ڪالهوڪي سنڪلپ کي درڍ ڪيو. ”هاڻ نه!“ + + + +[29] + +”هاڻ نه“، چئي ڪري هن هڪ ڀيرو اڳي به علاج ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. ون وهاريء�� جي مرڻ پڄاڻا، ان وقت سوچيو هئائين: ”هينئر وري آهوتي ته ٿي ويئي! ”ڪير سڏڻ ايندو هوس ته چوندو: ”سمجهو کڻي ته مهاشيه مري ويو.“ ان ۾ شوڪ دک ڪيڏو آهي. سو هو اڄ تائين ڪين بتائي سگهيو. ويڄ ٿيو، مهاشيه ونش جي سکيا ۽ ڀاونا منجهس آهي: هو ڄاڻي ٿو ته مرتيو اڻ ٽر آهي، اهو به ڄاڻي ٿو ته شوڪ دائمي نٿو رهي. جيون جي چوطرف ڇهن رسن جي اپٽار؛ هوا، آڪاش ڌرتي تي ڇهن مندن جي ليلا هلندي آهي؛ مٽيءَ جي ذري ذري ۾ پاڻي ۽ ٻاڦ جهڙي پياس (اسٽاپ) جلڳندي رهي ٿي، جيو پراڻين جي جيون ۾ به ساڳي ريت سرير جي هڪ هڪ ڪوش ۾ رنگ ۽ رس جي ڪامنا رهي ٿي. ان کانسواءِ زندگي قائم نٿي رهي سگهي. انسان جي من ۾ رهي ٿي آنند جي بک! شوڪ ٽڪي ڪيئن سگهندو، ڪٿي ٽڪي سگهندو آهي؟ هن شوڪ کان نه، افسوس ۽ ارمان کان نه، ڪنهن ٻئي ڪارڻ کان ئي علاج ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. پهريون ڪارڻ اهو هو ته سندس زندگيءَ جون سموروين ڪلپنائون چڪنا چور ٿي ويئون هيون. +ون وهاريءَ جي مرڻ کانپوءِ ستت ئي هن جي استري (مهاشيه جي ننهن) پنهنجي سڪيلڏي بار کي کڻي پيڪي هلي ويئي. ٿورن ڏينهن جي اندر ئي واپس اچڻ جو چئي ويئي هئي، هوءَ به ماءُ پيءَ جي سيلڌي ڌيءَ هئي، هنن جي جائداد جي اڪيلي وارث! ماتا پتا کيس عزت سان وٺي ويا. وٺي ويا جيئن سندس ڏهاڳ جو ڏک گهٽجي وڃي. پر ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ لکي موڪليائون: ”مانوُ ۽ ڪڪو هاڻ هتي ئي رهندا. اسان جو به ٻيو ڪير ڪونهي، اهي ئي سهارو آهن. اوهان جو به نياڻيون آهن، ڏوهٽا ڏوهٽيون آهن. اسان جو ڪير آهي؟ ڪو موقعو مليو، ته اينداسون. ڏسڻ جي ڪڏهن سڪ ٿئي، ته اوهان کين ڏسي ويندا ڪجو. مانوُ کي هتي وڃڻ ۾ ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي. کيس ڊپ ويڙهي ويو آهي- اتي ڪڪو به بچي ڪين سگهندو. اوهان ٻيو ڪجهه نه سوچيو، جتي روڳ ٿيڻ تي صحتياب ٿيڻ جي ڳڻتي ڇڏي موت جون گهڙيون ڳڻيون وڃن ٿيون، اتي عمر رهندي به آدمي مري ويندو آهي.“ +ان کانسواءِ عطر تي به الزام مڙهيا ويا. ”هن جون تکيون ڇڙٻون ڪنهن جي به سهڻ کان ٻاهر آهن وغيره“ ”تنهنڪري هينئر رپيا، پئسا، عزت ڪمائڻ جي ضرورت ڪهڙي؟ نيٺ ڪنن جي لاءِ؟ +ٻيو، هن پنهنجي هردي کي ڪل ڌرم جي ويديءَ تي، پرمانند ماڌو (پرماتما) جي چرڻن ۾ سونپي ڇڏڻ چاهيو هو. پر اهو به کانئس نه ٿي سگهيو. ان جي بدلي ۾ هو پنهنجي جيون ۽ مرڻ جي سوچيندو هو. پرلوڪ جو رهسيه (ڳجهه)، علاج جون ڳالهيون: سڀ ڪنهن سان هو ان وڏي تتو کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جيڪو ظاهر نه ٿي سگهيو آهي. ڪهڙيون ڪهڙيون وچتر ڳالهيون سندس من ۾ اينديون رهيون! آروگيه نڪيتن جي بغل واري ڪمري ۾ ويٺو رهندو هو. اندر، عطر زارون زار روئندي رهندي هئي. ڪافي رات ويامڻ تي هوءَ اٿي بنوءَ جي ڪمري جا چڪر هڻندي هئي. بعضي بت بڻجي بيهي رهندي هئي. کيس ائين ڀاسندو هو، ڄڻڪ بنو زبردست پياس رکي جيئڻ جي به اهڙي لالسا ڌاري ’بچايو بچايو‘ جي رٽ لڳائي مئو آهي، ڇا هوُ رات جي سناٽي ۾ ’ڀوت‘ بڻجي سڀ ڪجهه ڇهڻ ۽ پائڻ لاءِ ڪونه ايندو؟ ڪڏهن ڪڏهن منجهيل ۽ تتل دماغ سان پاڻ به سوچيندو: ”جيڪر بنو ڏيکائي ڏئيم ته کانئس پڇان ته مرتيو ڇا آهي؟ ڪهڙي طرع آهي مرتيو؟ ان جو روپ ڪهڙو آهي؟ ڪهڙو ڇهاءُ؟ ڪهڙو سواد؟ بنو رنو. پر ڀون راءِ ڌرج سان زندگيءَ جو ليکو چوکو چڪايو. گڻيش ڀڄنيڪ خوشيءَ سان جيون مهواتسو ملهايو! هن وچتر سانگ رچندڙ ۽ ٻهروپيءَ جي اصلي سڃاڻپ آخر ڪهڙي آهي؟“ +پنجن سالن جي لنبي عرصي تائين هن جي جيون ۾ ڪوئي نه رهيو، ڪجهه به نه رهيو، پنهنجي نبض ڏسندو هو، پر ڪوبه ڪپر- ڪنارو ڏسڻ ۾ نٿي آيس. اڪثر ٻهراڙين مان ڪنهن سڪرات ۾ پيل روڳيءَ وٽان ماڻهو سڏڻ ايندا هئس: ”هڪوار هلي ڏسو.“ +اتي جنهن کي چنتن (فڪر) ۾ پڪڙي نه سگهيو، ممڪن نه ٿي سگهيو، جنهن جي ڪڏهن آهٽ سڻي نه سگهيو، نبض جهلي هن ان جي هستيءَ جو انڀئه ڪيو آهي. اهڙي حالت ۾ کيس لڳندو آهي: ”ان کي ڄاڻڻ جو اهو ئي رستو آهي.“ +وري هڪ ڏيهاڙي تيرٿن تي نڪتو. موت جو ڏس پتو نه ميلس ته پرمانند ماڌو (ڀڳوان) جي ڳولها ۾ نڪتو. گيا ۾ بنوءَ (ون وهاري) کي هن پنهنجي هٿن سان پنڊ ڏنو ۽ اتان سڌو بندرابن هليو ويو. بندرابن ۾ بنوءَ جي آتما جي شانتيءَ جي ڪامنا ڪري مندر جي آڳنڌ ۾ سنگمرمر جو هڪ پٿر لڳارايائين. اهو خيال کيس هڪ ٻيو پٿر ڏسي سجهيو هو. ڪيترن پٿرن جي وچ ۾ اهو ڏيکائي ڏنس. اول ته هو ڇرڪي ويو. +”ڪاندي نواسي ڀوپيندر سنگهه +جي +آتما جي شانتيءَ جي لاءِ: +هي گوبند، ديا ڪري چرڻن ۾ جڳهه ڏي.“ +منجري داسي. +تيرٿ ڀيٽي نوگرام اسٽيشن تي اچانڪ ڪشور سان ملاقات ٿيس. تڏهن هو تجيسوي للاٽ وارو جوان هو. انهن پنجن ورهين جي عرصي ۾ مهاشيه هن کي ڏٺو ئي ڪونه هو. پنهنجو پاڻ کي هن گهر ۾ قيد رکيو هو ۽ ڪشور کي باندي بڻايو هو سرڪار! +ڪشور اچرج وچان پڇيو هو: ”مهاشيه!“ +هن به اچرج وچان وراڻيو هو: ”ڪشور!“ +”هينئر لٿا آهيو؟“ +”پر توکي جيل مان ڪڏهن ڇوٽڪارو مليو؟ اوه، تون ڪيترو نه وڏو ٿي ويو آهين!“ +هن وراڻيو: ”جي ها، سو ته ٿي ويو آهيان. هينئر مکڻ مائي چوري ڪري ڪونه کائيندو آهيان.“ +”اهو آئون سمجهان ٿو.“ مهاشيه کلي چيو هو: ”موقعو ئي ڪٿي آهي؟ وري خواهش ئي ڪيئن رهي؟ هينئر ڀڳوان ڪنساري (ڪرشڻ) سان گڏ ڌنر يگيه جي نينڊ ۾ وڃڻ جي تياري جو ڪري رهيو آهيان!“ +اهڙي وڏي سڃاڻپ جي وياکا سان ڪشور ٿورو لڄي ٿيو هو. ان لڄ جي اثر کي کن ساعت ۾ ئي پري هٽائي سڀاويڪ نوع ۾چيو هئائين: ”گذريل ڏينهن کان آئون توهان کي ڏاڍو ياد ڪندوهوس. اوهان اچي ويا ”هاڻ، منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو.“ +آخر ڇو ادا؟ توکي موت جي اهڙي ڪهڙي ڊپ اچي دٻايو هو؟ مرڻ جو ڊپ توکي ته نه هوئڻ گهرجي!“ +”ڪالرا پکڙجي رهي آهي! پنهنجي موت جي ته ڪائي پرواهه ڪانهيم، ٻين جي موت، ٻين جي ڀو کي ڏسي پاڻ کي به ڀو ٿي رهيو آهي. اوهان کي ته سڌ آهي ڪالرا جي مريضن کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر وڃڻ نٿا چاهين: وڃن ٿا ته في ٻيڻي طلبين ٿا. چاروُ بابو جي في آهي ڇهه روپيه: اٺ روپيه. چڪرڌاريءَ جي چار روپيه. آئون ٿوري گهڻي هوميوپيٿي دوا ڏيندو آهيان، پر ڄاڻ ته ايتري ڪانهيم. اوهان اچي ويا، جان بچي. جڏهن آئون ننڍو هوس ۽ ڪالرا پکڙي هئي، تڏهن اوهان ئي غريب غربن کي سهارو ڏنو هو. اڄ به اوهان ڌاران ڪو چاڙهو ڪونهي.“ +ترت مهاشيه کان ڪو جواب ڪين اڪليو هو. ٿوري ساعت آسمان ڏانهن ئي تڪيندو رهيو هو. ماضيءَ جي اوڻويهه سو پنج عيسوي جي ڪالرا جي يادگيري اچي ويئي هئس: ”اهائي ساڳي انڌي، ٻوڙي، ناسي وارن واري ٻئي هٿ وڌائي وڃي رهي هئي! مهال ڪال جي ڊمرو تي ٽانڊو جي ڌن وڄي رهي آهي! ان جي ئي تال تي مست ناچ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڀلجي هو ڊوڙندي سهڪندي وڃي رهي آهي ۽ مرتيو کان خوفزده انسان جهنگل جي وچرندڙ باهه کان پسن پکين جيئان هيانءُ ڏاريندڙ ڪيڪون ڪندا ڀڄي رهيا آهن! ڀڄي رهيا آهن ۽ پٺيان پوندڙ باهه جون ڄڀيون جهڪي وچڙي انهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهيون آهن: آسمان ۾ جهرڪين جا ولر اڏامندا ڀڄي رهيا آهن، باهه جا اَلا پنهنجي ڀڙڪندڙ جوالا جي پرواز سان انهن کي کينچي رهيا آهن، جهرڪين جا پنک بيڪار ٿي رهيا آهن ۽ هو بيوس بڻجي باهه ۾ ڪري رهيون آهن. ساڳي يادگيري، اڃا تائين ان مهاماريءَ جي قائم آهي!“ +ڪشور چيو هو: ”مهاشيه!“ +”ڪشور!�� +”اوهان هلو، هلو.“ +”مون کان ٿيندو؟ مون ۾ هينئر اها شڪتي، اهو اتساهه رهيو آهي ڪشور؟“ +ڪشور چيو هو: ”هيءُ اوهان آکي رهيا آهيو؟ اوهان مهاشيه ونش جا به مهاشيه آهيو!“ +ڪشور جي ورجهائڻ تي کيس پنهنجي پتا جي ياد اچي ويئي هئي. گرو رنگلال جي به ياد تري آئي هئي. ٻيءَ کن ۾ ئي هن چيو هو: ”چڱو، مان هلندس. توچيو آهي: تنهنجي ڳالهه برچشم.“ +ان ڀيري ڪالرا ۾ هن انٽروينس سيلائين ڏٺي هئي. ٿورن ڏينهن جي اندر ڪلڪتي مان ميڊيڪل والنٽئر اچي سهڙيا هئا. چنڊ جهڙن نينگرن جي هڪ ٽولي. لوڪلبورڊ جا ماڻهو (ملازم) به پهتا ها. سئنيٽري انسپيڪٽر. ٻيا ڪجهه ماڻهو به آيا، الائي ڪهڙا نالا هئا. هنن جا؟ ڪوڏر برگيڊ! ڪلهي تي ڪوڏر کڻي پڙهيل ڳڙهيل جوان پهتا هئا. سڪي تلاو مان کوهه کوٽي هنن پاڻي ڪڍيو. اَڇا! اهو ته ڪنهن کي به خيال ۾ ڪونه هو! هر هڪ تلاو ۾ بليچنگ پائوڊر ڇڻڪائي سئنيٽري انسپيڪٽر پاڻيءَ کي صاف ڪرايو. ”انٽي ڪالرا وئڪسين“ جي سئي ڏني وئي. ڪالرا جا ٽڪا هنيا ويا. +سڀ کان وڌيڪ اچرج ٿيو هو مهاشيه کي، سيلائين انجيڪشن ڏسي ڪري! +اوناش بانوري جي گهرواري چڱي سهڻي ۽ ڏَٽي مُٽي زال. هن ڏٺو، عاملن جي گهرن ۾ برتڻ چونئڪو ٻهاري صفائي، سمورو ڪم هاج صبوح ڌاري ڪري ويئي. ٻپهرن ٽاڻي خبر ملي، کيس ڪالرا ٿي ويئي. ٽئين پهر ڏسڻ ويس. ڏٺائين، هن تندرست سندر استريءَ جي سڀني انگن ۾ ڄڻڪ ڪنهن ڪارنهن گهمائي ڇڏي آهي؛ هڏين جو پڃرو ئي رهجي ويئي آهي! الائي ڪنهن سندن شرير جو سمورو رس نچوئي ورتو آهي. مهاشيه ڏسي سراپجي ويو! انگ انگ تي موت جي ڇايا ترڪي رهي آهي. ناڙي ندارد، هٿن ۽ پيرن جون تريون هيڊ ٿي ويئون آهن، گوڏن ۽ ٺونٺين تائين هٿ پير ٿڌا جهڙا برف! +انهن ماڻهن سان گڏ تيسين ٻه جوان ڊاڪٽر اچي جنبي ويا هئا. جن جي اکين ۾ هئا سپنا، ڪليجي ۾ وشواس: ٺيڪ ڪشور جي ذات نيات جا هئا. هنن چيو: ”هن کي سيلائن ڏينداسون.“ سيلائن جو باڪس هنن ڪڍيو. +مهاشيه ڄاتو ٿئي ته هيءَ مريض بچڻ جي ناهي. پر هنن جي ڪم ۾ اٽڪ ڪانه وڌائين. بيٺو رهيو، غور ڪندورهيو. هوشيار هٿن سان ڏاڍي خبرداريءَ سان ڪم ڪندا ويا. نس ڪٽي ڇڏيائون. ان جي هڪ سري کي ٻڌي ڇڏيائون. ٻئي ۾ سيلائن جي نليءَ کي وجهي ڇڏيائون. هڪ ڄڻو ڪانچ جي نليءَ جي طرف غور ڪندو رهيو. ڦوڪڻن مان هوا نه وڃي. خبرداريءَ سان ڏسندورهيو. +ڦوڪڻن مان هوا ويئي نه آهي ته موت! پري کان اچرج ۾ پيل ماڻهن جو ميڙاڪو بيهي ڏسي رهيو آهي. جيون مهاشيه جي نگاهن ۾ اچرج! آنند! ”غضب آهي! غضب!“ هن عورت جي ديهه تان موت جو پاڇو کسڪڻ لڳو. ڪارنهن اُگهجي گورو رنگ چمڪڻ لڳو. چوسيل سڪل شرير ۾ ٻيهر رس جو واس ٿيڻ سان وري مضبوط ۽ ڪومل ٿي ظهار ٿيڻ لڳو. جيون جي بهار موٽڻ لڳي. غضب آهي! سچ پچ غضب آهي! يگانتر! سمي جو ڦيرو! موت واپس ويو؟ +مگر سچ پچ موت جو وڃڻ ڪٺن آهي. وڃڻ جو ناهي. مهاشيه کليو. ڪائي ڳالهه ياد اچي ويس! +انجيڪشن جو دور ختم ٿيو. هوءَ استري کلندي منهن ڍڪي پاسوورائي سمهي پئي. ڊاڪٽرن پنهنجا اوزار سميٽي ورتا. بليچنگ پائوڊر مليل پاڻيءَ سان جيئن پنهنجا هٿ ڌوئي رهيا هئا ته ايتري ۾ دلي ڀڄڻ جهڙو آواز ٿيندو آهي، تيئن ئي کن ڀر ۾ پاڻي وهي نڪتو- ميلو بڻجي نڪري پيو ۽ ڏسندي ڏسندي اها عورت وري موت جي ڪاري ڇايا سان ڍڪجي ويئي، ڪاراٽجي ويئي، هڏن جي پڃري جيئان سڪي ويئي- اوناش بانوري جي بيوي نيٺ راهه رباني وٺي ويئي. پر ان ڏيهاڙي مهاشيه جيون، موت سان گڏوگڏ انهن ماڻهن کي به هٿ جوڙيا هئا. مرتيو کي ته جيتي نٿو سگهجي، پر اڪال مرتيو کي منش ضرور جيتي وٺندو. ضرور جيتيندو! ڌنيه آهن کوجمنائون ايجادون! هن يورپ جي مهاپنڊتن (سائنسدانن) کي به نمسڪار ڪئي هئي... ”ٺيڪ آهي، ويد جا ڄاڻو اڄ اوهان يورپ واسي آهيو:“ اهو ئي هن چيو هو. +اڄ پينسلن جي عمل ۽ رد عمل ۽ پرديوت جي اتساهه کي ڏسي هو ساڳي ڳالهه چئي رهيو آهي. ’توهان ماڻهو ڌنيه آهيو.‘ +ان ڏينهن هن جي زندگيءَ جي ٻئي باب ۾ علاج شروع ٿيو هو. جيتريقدر ياد آهي، هن جو سنڪلپ هو ته ڪالرا جي آفت ٽرندي ئي هو وري گهر وڃي ويهندو. پر ائين نه ٿي سگهيو. عجيب طريقي سان هو وري گهلجي ويو، علاج جي چڪر ۾. ڊاڪٽرن سان گڏ ڪالرا ۾ ورتل پارن جا چڪر هڻي ڪشور وٽ ويهي هٿ منهن ڌوئندو هو. بليچنگ پائوڊر تي رڳڙي پهنجي جتي صاف ڪندو هو. ايتري ۾ ٻه چار مريض ڪٺا ٿي ويندا. بخار اتيسار پراڻي بدهاضمي جا روڳي. +”ذرا نبض جاچيو.“ +پهرين پهرين مهاشيه جيون چوندو: ”هنن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو.“ +”نه، اوهان ڏسو.“ +هو ٻئي ڊاڪٽر ڀلا ماڻهو هوندا هئا. هو چوندا هئا: ”ڏسو ڊاڪٽر صاحب، هي ماڻهو اوهان کي ئي ڏيکارڻ چاهين ٿا.“ +ڏسندو هو. چئي ڏيندو هو: ”ڏسو؛ نوَن يا يارهن ڏينهن ۾ اوهان جو بخار لهي ويندو.“ دوا ڪانه ڏيندو هئو. +وري ايشان پور جي پراڻي ڪهار کيس هڪ ڏيهاڙي ميدان ۾ لاٿو. ”دنيا م ڪهڙيون نه عجيب و غريب گهٽنائون ٿين ٿيون!“ +اها به هڪ ڀيانڪ طوفاني ٻپهري هئي. ايشان پور ۾ وبا پکڙي. اها سڻس پوندي ئي هو ڪشور ۽ انهن ٻن جوان والنٽيئر ڊاڪٽرن سان اوڏانهن ڀڳو هو. ڳوٺ ۾ قدم رکندي ئي طوفان اٿيو. وڄ ڪڙڪي. پاڻي پيو. آخر ۾ برساتي ڳڙا. ڳوٺ جي ڪنڌي تي پهرئين مڪان ۾ ئي هنن پناهه ورتي هئي. +هڪئي ڪمرو. اڏاوت پاسي هڪ ورانڊو يعني ننڍڙو ٽڪرو جڳهه جو بڻايل. بغل ۾ ٽن چئن هٿن جو بانس جي لڪڙن جو بڻايل گهر. ورانڊي ۾ به ٿانءُ ڪانهي. ان کي گهيري ويم گهر بڻايو ويو هو. اندران ڪنهن نٻل آواز ۾ چيو هو: ”ڪٿي ٿا بيهو ڀائو؟ ورانڊي م منهنجي گهرواريءَ ويم ڪيو آهي. اندر آئون پيو آهيان، بيمار! ٽي چار سوئر آهن.... پنج ڇهه بدڪون. سو ڪناري ڀيرو ٿي ڪٿي بيهي وڃو.“ +ان ريت ئي هو بيهي ويا هئا. ڪارن ڪڪرن جا ڳڙا وسڪارا ڪري رهيا هئا.... بي روڪ ٽوڪ! نظارو عضبناڪ هو! +سڃي آڪاس ۾ سمائجي پٿرن جهڙا ڳڙا جهر جهر ڪري پرلئه مچائي رهيا هئا. اهڙي ڳڙن جي برسات مدت کان ڪانه وسي هئي. سبز زمين تي سفيد هنڌ وڇائجي رهيو هو. مهاشيه سوچي رهيو هو، کيتن ۾ الائي ڪيترا ماڻهو، ڪيترا جيو- جنت گهايل ٿيا هوندا. مرندا. پرٿوي وري جيئاپو پاتو، شانت ٿي ۽ سيتل ٿي. +عام جو شيوڪ هوندي به ڪشور ڪوي آهي. ٻالڪپڻ کان شعر لکندو آيو اُهي. هن ’جواني‘ نالي ڪوتا لکي هئي. ان جو هڪ بند اڄ به ياد اٿس: +”هن پاڳل تي خفت سوار ٿيو آهي: +کن ۾ ناچ نچڻ شروع ڪري ڇڏيائين.“ +ايتري ۾ دروازي جي چير مان ڏاڍي ڪمزور، ٿڪل ۽ اچرج ڀرئي آواز ۾ ڪنهن سوال ڪيو هو: ”مهاشيه جي، اوهان؟“ +دروازو کليو پيو. ڪنهن ريت ريڙهيون پائيندو هو هيڏانهن پڃري وارو شخص نڪري آيو هو. جوان آهي ڪي پوڙهو، ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه آيس. وار هن جا ڪارا هئا، رڳو ان مان ئي انومان لڳائي سگهيو هو ته ٻڍو ڪونهي، بيماريءَ هيڻو حال ڪري ڇڏيو اٿس. +”ڪير آهي؟“ +هو شخص هيانءُ ڦاڙي روئي ويٺو هو: ”مون ۾ هلڻ جي سگهه ڪانهي سائين. اوهان مون کي سڃاڻو نٿا؟“ +”ڪير؟ ٺيڪ طرح ته سڃاڻي نٿو سگهان. ڇا ٿيو آهي؟“ +”آئون آهيان پَراني ڪهار. هٽڪوڙيءَ جو پٽ. اوهان جي رعيت بابوُ جي! +”هٽڪوڙي جو پٽ پراني!“ +سندن ئي ڳوٺ جو آهي. رعيت آهي. ٺيڪ ئي آهي. جوانمرد آهي. ڳچ سال اڳي محبت ۾ ڦاسي ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن، سڀني کي ڇ��ي هڪ ٻي جاتيءَ جي پنهنجي پريتما سان گڏ هن ڳوٺ کي ڇڏي ويو هو. +انهيءَ پرانيءَ جي اهڙي شڪل ڏسي مهاشيه وسميءَ ۾ پئجي ويو هو. +”تنهنجي ههڙي شڪل ٿي ويئي پراڻي؟ بيماري ڪهڙي آهي؟ +”وات مان رت ٿو اچي سرڪار. رت جي الٽي ٿي اچي.“ +”رت ٿو اچي. ٽي-بي!“ نوان ڊاڪٽر ڇرڪ ڀري اٿيا. +”جي، نوگرام جي اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو: ”هيءُ راج روڳ آهي، سلهه، هن ته جواب ڏيئي ڇڏيو. ايترو چئي هو وري سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. مهاشيه ڏانهن مهڙ ڪري چيائين: ”پر هاڻ آئون بچي ويندس. ايشور اوهان کي منهنجي گهر اماڻيو آهي. منهنجو سوڀاڳيه! اوهان مونکي بچائي وٺو. ويچاري ڦوريءَ جو ڪوئي ڪونهي.“ +ڦوري سندس محبوبه هئي، جنهن ڪاتر هن سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هو. پراني به هن کي ڇڏي ويو، ته هن جو ڪوئي ڪونه رهندو: پرانيءَ جو اهو ئي خيال هو. پر ڦوري وري لائون لهندي. هوءَ به ساڳئي ڳوٺ جي نينگري آهي. مهاشيه ان جي به خبر رکي ٿو. هوءَ چنچل ۽ ڇيڳري آهي. هن جي عشق ۾ گهڻائي ماڻهو اڙجي چڪا هئا، پر پرانيءَ جيئان ڦاهو ڪنهن ڪونه کاڌو هو. سندس چپن تي رحم گاڏڙ مرڪ نمودار ٿي. مگر کن ۾ اها مرڪ غائب ٿي ويئي. +ويم گهر جي دروازي تي ڦوري اچي سهڙي هئي: ”مهاشيه جي! منهنجا بابا! منهنجو ٻيو ڪير به ڪونهي، بابا“ هن کي ڏسي مهاشيه خاموش رهجي ويو هو. ”اهائي آهي اُها ڦوري؟ هن ۾ پاڻ هڙتڙي هوئڻ جو ڪوبه اهڃان ڪين رهيو هو. اڃا تازو کيس ٻار ڄائو هو، ان ڪري ڪجهه سنهڙي ۽ هيڻي هئي، زرد هيڊي؛ پر روپ ۾ ڪمي ڪانه هئي. ساڳي ڪشش ۽ حسن هو، تندرستي هئي، منهن ۾ پاڻي هوس. اکين جي بناوٽ ۽ نطر ۾ هڪ مڌرتا هئي، اهو ميٺاج اڄ به موجود هو. هڪ ئي چيز جي کوٽ هئي، سا هئي هن جي ڇيڳرائي، جنهنڪري ڦوُري سڃاڻپ کان ئي ٻاهر هئي. چپن جي مٿان ڳل ۾ هوُ ڇا اٿس؟ تر؟ اهو ته مهاشيه ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو! البت ڦوريءَ کيس واٽ ويندي هتي انيڪ ڀيرا ڏٺو هو. ليڪن پري کان ئي؛ هن جهڙي ماڻهوءَ جي سامهون ڦوري جهڙي عورت ورلي ڪا ايندي هئي! هن تي نظر پوندي ئي ادب وچان پاسيرو ٿي بيهندي هئي. هن جو تر، ون وهاريءَ جي استريءَ (مهاشيه جي ننهن) جي چپن جي ڀرسان ڳل واري تر جهڙو هوبهو هو. +اُف! ون وهاري جي استريءَ جا، هن جي ننهن جا ماتا پتا آسودا آهن. هن عورت جو سچ ڪوئي ڪونهي. ماءُ پيءُ گذاري ويا آهن. ۽ هن جي اندر ۾ جيڪا چنچلتا ۽ واسنا هئي، جيڪا هڪ پريتم کي ڇڏي ٻئي کي گلي لڳائي سگهندي هئي، اها به مري چڪي آهي. پراني مري ويندو، ته هن جو ڪوئي ڪونه رهندو، ان ڳالهه ۾ کيس تر جيترو به شڪ نه رهيو هو. +هو ورانڊي ۾ وڃي پرانيءَ جي نبض ڏسڻ لڳو هو. +ان ريت نئين سر وري سندس نبض ڏسڻ جي شروعات ٿي. هن پرانيءَ کي بچائي ورتو هو. +هن کي سلهه ڪانه ٿي هئي. پراڻي مليريا ۽ رت پت جي ميل جوڙ سان اها گت بڻي هئس. چارو بابو ۽ چڪر ڌاري رت جي الٽيءَ۽ بخار مان ٺهرايل بيماريءَ کي تي ’گيلو پنگ ٽي- بي‘ سمجهي ورتو هو. ان ۾ شڪ ناهي هت تن ڏينهن ٽي-بي ڪافي ڦهلجي رهي هئي، پر رت اچڻ ۽ تپ جو رهڻ تنهن کي ئي ڊاڪٽر سلهه ٺهرائيندا هئا. ماهر ڪو ملندو ئي ڪونه هو ۽ شهر وڃي ڏيکارڻ پرانيءَ جي اوقات کان ٻاهر هو. مهاشيه سندس علاج جو ذمو کنيو هو. پاڻ ڏسڻ ويندو هوس. پنهنجي هٿن سان دوا بڻائي ڏيندو هوس. پراني نوبنو ٿي پيو ۽ مهاشيه ڌنونتري (حڪيم حاذق) بڻجي پيو. هن جي جيون ۾ نئين سري سان سوڀاڳيه جو سورج چمڪي اٿيو. ڪجهه مهينن پڄاڻان جڏهن هو ڪلهي تي ڪوڏر رکي مزوري ڪرڻ نڪتو ته ڏسڻ وارا دنگ رهجي ويا! +ان کان پوءِ ئي هڪ ڏيهاڙي پرانيءَ جي ڳوٺ، رامپور جي سيد صاحب جو کٽولو آروگيه نڪيتن سان ��چي لڳو. ٻڍڙو سيد ابو طهار صاحب- جهوني زماني جي ڪشميري قصيدي سان ڀريل ٽوپي ۽ شال، سفيد پئجامو شيرواني پهري ڪهارن جي ڪلهن جو سهاور وٺي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو، جنهن تي اڄ راڻا ويٺو هو. چي: ”اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان مهاشيه!“ اوهان پراني ڪهار جي ههڙي منحوس مرض کي ٺيڪ ڪري وڌو. مهرباني فرمائي هاڻ مون کي راحت ڏياريو. مون اوهان کي سڏايو ڪونه، خود اچي حاضر ٿيو آهيان. آيس ته اوهان سان عرض ڪريان. مون کي بيماريءَ کان نجات ڏياريو.“ هن کاٻي هٿ سان مهاشيه جي هٿ کي دٻايو هو. هن جي ڳالهائڻ مان ئي مهاشيه تاڻي ويو هو ته ميان کي ڪهڙي بيماري آهي. هن جي ڳالهه جڪڙبي پئي ويئي. لقوي جي شڪايت شروع ٿي رهي هئي. ساڄي اک جي پلڪ جهڪي ويئي هئي، ساڄو چپ به ٽيڏو ٿي پيو هو، ساڄو هٿ سندس هنج تي ٽڪيل هو. ساڄي پير جي به ساڳي حالت. +ڦڪي مرڪ مرڪندي مهاشيه چيو هو: ”هن عمر ۾ هن روڳ جو مالڪ پرماتما آهي سيد صاحب! ائين سمجهو ته هوءَ اک، هو هٿ، هو عضوو هن جي ئي خذمت ۾ آهن. پاڻ وٽ ان جو علاج ڪونهي. اهڙي قسمت به ڪانهي.“ +ذرا ساعت چپ رهي سيد چيو: ”اوهان درست فرمايو آهي! گهر جي ماڻهوءَ جهڙي ڳالهه ڪئي اٿو. پر ڳالهه هيءَ آهي، هن آخرين وقت ۾ موذي مرض پاڻيهي ڳڌو اٿم، مقدمي بازي ۾ پئجي ويو آهيان. ساڄو انگ ان جي خذمت ۾ لڳائي به آئون آرام ڪٿي ماڻي رهيو آهيان! ڪائي ترڪيب نٿا ڪڍي سگهو؟“ +اچرج وچان مهاشيه آکيو: ”اوهان تي ڪنهن مقدمو ڪيو؟“ +رامپور جا مسلمان ان علائقي جي مسلم سماج جا” ڌرم گرو“ آهن. هنن جي جائداد تي ڍل يا محصول به ڪونه لڳندو آهي. ٻيو به ڪوئي ٽنٽو بکيڙو نه ٿيندو آهي. پنهنجي لنبي جيون ۾ مهاشيه ڪڏهن به رامپور جي ڪنهن به سي دکي عدالت ۾ وڃڻ جي ڳالهه ڪانه ٻڌي هئي. هو پاڻ ڪنهن کي ڍل نه ڏيندا آهن، پر ٻين مان گهڻو ئي حاصل ڪندا آهن. ليڪن هنن جو خانداني رواج آهي، نڪي ڍل تي وياج وٺندا آهن، نه ڪڏهن انهن تي دعويٰ ڪندا آهن. ان رواج کي سندن رعيت به سدائين مڃيندي آئي آهي. ”اهڙي حالت ۾ هن تي مقدمون ڪنهن ڪيو؟“ +سيد صاحب وراڻيو: ”ٻيو ڪير ڪندو مهاشيه، ڪيو آهي پنهنجي پٽ- ناٺيءَ. پنهنجي گهر م ڏيڏر به واگهو بڻجي پيو! ان ڪري ته اوهان وٽ آيو آهيان. ساڄو انگ ئي نه رهندو ته آئون لڙندس ڪيئن؟“ +”پر ڪم اوهان سٺو ڪونه ڪيوسيد صاحب، اوهان جي لاءِ اهو واجب نه هو:“ مهاشيه ادب سان چيو. اٽڪل پنج سال اڳي سيد صاحب شادي ڪئي هئي. ٽي ٽي ساماڻل نينگر، نينگريون، ناٺي، پوٽا پوٽيون، ڏوهٽا ڏوهٽيون، ٻه ٻٺڙيون پتنيون: سڀني کي اورانگهي اچانڪ هڪ جوان نينگريءَ سان لائون لڌائين. وري اها جوانڙي به سندن خاندان جي لائق ڪانه هئي. زالن- پٽن کي جدا ڪري، جائداد جي ورهاست ڪري پنهنجي الڳ هرسگي جوڙي هئائين. ان مان هڪ اولاد به ٿيس. پٽن يڪمشت ٿي مقدمون دائر ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هيڏانهن سيد جو هڪ عضوو بيڪار بڻجي پيو آهي. +سيد هڪ اڀو ساهه کڻندي چيو هو: ”اڄ ائين ڪرڻ بيشڪ روا نه آهي ۽ قابل شڪايت آهي، پر اڳئين زماني جا ماڻهو اوهان به آهيو، آئون به.اسان ماڻهن جي زماني جي آدميءَ جي لاءِ پنجاهه – سٺ جي عمر به ڪائي عمر ٿيندي آهي؟“ +ذرا ساعت چپ رهي هن وري ٻوليو هو: ”اها ڳالهه چوان به ڪنهن کي؟ هڪجيڏن يارن دوستن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي چئي به ڪٿي ٿي سگهجي؟ جڏهن نهايت ڪچي عمر هئي پنهنجي، رڳو سورهن سترهن جي: تڏهن، ان ڪچي نگاهه ۾ هڪ هاريءَ جي نينگريءَ سان پريت جو پيچ پئجي ويو هو. هن جي ڪاڻ منهنجي دل ديواني بڻجي پئي هئي. طئي ڪري ورتو هوم شادي انهيءَ سان ئي ڪندس. والد- مرهوم ته ٻڏي باهه ٿي ويو هو. اوهان کي ته ڄاڻ آهي، اسان جي خاندان ۾ سريت يا ٻانهي رکڻ جي منع ٿيل آهي؛ نه ته سريت طور ئي هن کي رکي ڇڏيان ها. آئون به ضد تي سوار هوس. آخر تنگ اچي والد صاحب ان ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائي کيس رخصت به ڪرائي ڇڏي. ٻه ضلعا پار کيس اماڻي ڇڏيو هو. ايترن ڏيهن پڄاڻان تنهن ڏينهن يڪايڪ هڪ نينگريءَ تي نطر پئجي ويئي. هوبهو اهائي شڪل، گويا نئي جواني وٺي هوءَ موٽي آئي آهي. بيشڪ ماڻهو اهو نٿا ڏسن ۽ ڏسن به ڀلا ڪيئن؟ منهنجي اکين سان ته هو ڏسن نٿا! سو ادا، ان نينگريءَ سان نگاه ملائڻ ڌاران مون کان رهيو نه ٿيو. +مهاشيه ذرا کليو هو. +سيد چيو هو: ”اوهان به کلي رهيا آهيو مهاشيه؟ ته پوءِ اوهان کي ٻڌايان ته آئون هن شاديءَ مان سکي ٿيو آهيان. جي ها. ائين لڳو ته دنيا ۾ جيڪي ملڻ گهرجي سوملي ويم. جي. افسوس صرف ان ڳالهه جو آهي ته عمر ختم ٿيڻ تي اچي رهي آهي، هڪ عضوو مفلوج ٿي ويو آهي، ان ڪري دنيا جي حملن کان هن ويچاري اٻلا کي آئون بچائي نٿو سگهان.“ +هن جي چهري تي، اکين ۾ جيڪا چمڪ کيلي ويئي، ان کي ڏسي مهاشيه دنگ رهجي ويو. هن ٻڍڙي جون ٻئي اکيون جلي رهيون هيون. ائين پئي لڳو ته هن جو سمورو اندر اکين جي انهن ٻن درين تي اچي بيٺو آهي: چئي رهيو آهي؛ ”سچ آهي يا ڪوڙ، سو ڏسو!“ +سيد چيو: ”منهنجو عرض آهي مهاشيه، اوهان منهنجو علاج ڪريو، ان کانسواءِ کٽي منهنجو نصيب! سمجهي ويا؟“ +ڏڪندڙ ساڄي هٿ کي کڻڻ ۾ هو جڏهن ناڪام ٿيو، تڏهن کاٻي هٿ جي آڱر کي ڳل سان ڇهائيندي چيو هئائين. ”هوئڻهاريءَ ٽارڻ جي طاقت ڪنهن ۾ به ڪانهي. ٿيڻو آهي سوٿيندو. ان لاءِ اوهان ناحق سوچي رهيا آهيو. جيڪو سلهه ۾ مرندڙ روڳيءَ کي جيئاري سگهيو، ان کان جيڪڏهن هڪ خسيس بيماري ٺيڪ نه ٿي سگهي ته ان لاءِ ڏوهه لوڪ اوهان کي نه، پر منهنجي للاٽ جي لکاوٽ کي ڏيندا.“ +سڻي ڪري به مهاشيه اها ڳالهه سمجهڻ ۾ اسمرٿ رهيو. +هو ماضيءَ جي مهراڻ ۾ غرق ٿي چڪو هو.اندر ۾ لڪل ڪنهن آگ جي سيڪ کي هن محسوس ڪيو هو. هلڪي دونهين جهڙي ڌپ لڳي رهي هئي، اکين ۾ ڄڻ جلن ئي جلن پئي ٿيس. سچ پچ سندس اکين ۾ نير ڀرجي آيو هو. منجري ياد اچي ويئي هئس. +ميان جي نظر کان هو پاڻ بچائي ڪين سگهيو. هن چيو: ”ان ڪري ته ماڻهو اوهان جي خاندان کي مهاشيه خاندان ڪوٺين ٿا: ”ان ڪري ئي ماڻهو اوهان کي ايترو چاهين ٿا. بيماريءَ جي ڏک سور ۾ جنهن حڪيم جي اک آلي ٿئي ٿي، حقيقت ۾ اهو ئي حاذق آهي، ڌنونتري آهي.“ +ساڳيءَ کن ۾ مهاشيه سچيت ٿي ويو. اکيون اگهي هن من تي من ۾ اِشٽ ديوتا کي ياد ڪيو هو. ديوتا کي سمرڻ ڪري هن سيد صاحب جي علاج جو بار کنيو هو. چيو هئائين: ”خير، اهو ئي سهي. علاج آئون ڪندس، پوءِ کٽي اوهان جو ڀاڳ ۽ ڀڳوان جي ديا ٿيندي. امڪان ئي ڪندس. خير. هٿ ته ڏيو.“ +هن خود ئي سيد جو هٿ جهلي ورتو هو. +سو ان ريت وري به علاج جو سلسلو شورع ٿي ويو هو. +ماڻهن به چوڻ شروع ڪيو هو: ”پنج سال خاموش رهي مهاشيه جي هٿ ۾ شفا اچي ويئي آهي. جنهن جي ناڙي جهلي هو چئي ڏي ٿو ته بچي پوندس، موت ان جي سيرانڌيءَ کان بيٺو هجي، ته به موٽي ويندو آهي. ۽ وري جنهن کي هو چوندو آهي، ته بچندين ڪونه، ان جي لاءِ موت گهران سيڙجي اچي ٿو ۽ سر تي سوار ٿي بيهي ٿو.“ +ٻڍي ميان جي نبض جهليندي ئي کانئس ڇرڪ نڪري ويو هو. موت جو صاف صاف اهڃاڻ بکي رهيو هو، هن محسوس پئي ڪيو. ڌيان مگن ٿي هن محسوس ڪيو ۽ ڊگهو شوڪارو ڀري چيائين: ”اوهان چئي رهيا آهيو ته مقدمي ۾ الجهي ويا آهيو. ان جو اوهان نبيرو ڪري وٺو سيد صاحب. مقدمون لڙڻ جو سمو به اوهان کي ڪين جڙندو. هڪ سو اسي ڏينهن، ڇهه مهينا“ +ڇهه مهينا؟ ڪيس جو نبيرو ڪري وٺان؟“ +”مون کي ته ائين ئي لڳي ٿو.“ +پنجين مهيني جي آخرين ڏينهن تي سيد چولو ڇڏيو هو. مهاشيه کي خود ان تي تعجب ٿيو هو. ايترو صاف حساب، هيترو ٺيڪ انومان اڳي ڪڏهن ڪونه نڪتو هو. جنهن ڀوُرن وارن واريءَ جو گهر ويٺي ذڪر و فڪر ڪرڻ سان کيس احساس به ڪونه ٿي سگهيو هو، ان جو هن آيورويدڪ شاستر جي ساڌنا (حڪمت) وسيلي وچتر ڍنگ سان انڀو ڪيو. ناڙي جي ڌڙڪڻ ۾، روڳيءَ جي شرير جي بانس ۾، ان جي اهڃاڻ ۾، رنگ ۾، ايتريقدر جو آڱر جي ڇهاءُ سان ملندڙ علامت دئاران ان ناسي وارن واري (مرتيو) جي وجود جو هو انڀو ڪري رهيو آهي. وچ ۾ وچ ۾ ان کان به عجيب انڀوتي کيس ٿيندي آهي ۽ ٿي چڪي آهي. اڄ ئي اتسيءَ جي ٻالڪ جي ڀرسان ويهي هن ائين محسوس ڪيو آهي ته هن جو غير جسمي وجود دروازي جي ڀرسان وکه وک کڻي وڌي آيو آهي. هن جو پٺتي موٽڻ به هن صاف محسوس ڪيو. جيئن ته هو معصوم ۽ نشڪلنڪ ٻار هو، ان ڪري اها دوا مڃي ڪري موٽي ويو. ”جيڪي هجي، پرديوت بهادر آهي. وير وانگر هن مقابلو ڪيو. هونئن به هن جا هٿيار وڌيڪ طاقتور آهن. انوکا!“ ڊاڪٽر جيون سوچيو. +کيس اهو ارمان رهجي ويو ته ڊاڪٽر پڙهي ڪين سگهيو. جيڪڏهن پڙهي ها هت هن عمر ۾ به ان هٿيار سان جهدوجهد ڪري ها. هڪ، صرف هڪ ڪهني واٽ وٺندي سندس اها مراد برثواب نه ٿي. +مهاشيه اڀو ساهه کڻندي پاڻمرادو چوڻ لڳو: ”ڇڏ انهن ڳالهين کي.“ + + +[30] +ننڊ اچڻ ڪري رات جو ٽيون پهر ويامي ويو. رات جي ڏيڍ بجي سئي هڻي ڊاڪٽر پرديوت پنهنجي گهر ويو هو. ان بعد ٻچي جي ناڙي جاچي مهاشيه موٽيو هو. هنڌ تي ليٽندي ليٽندي ڪيتريون ڳالهيون دل تي تري آيس، ننڊ اچڻ ۾ ٽن کان وڌيڪ وڄي ويا هئا، تڏهن به ننڊ صبوح جو سويل ئي کلي پيس. ٻالڪ جي لاءِ هينئر آنڌ مانڌ ڪانه هئس. حالت کي هو رات ئي ڄاڻي ويو هو: ’اشاري واري گهڙي ايندي ايندي به ڪانه اچي سگهي، دوا ان جو رخ پلٽي ڇڏيو. تڏهن به ننڊ کلي پئي. تپ ڪيترو آهي، سوڄ ڪيتري رهي، ڪهڙي نموني گهٽ ٿي- ڏسڻ گهرجي. رات جو چڱيءَ طرح ڏسي ڪونه سگهيو هو. پرديوت کي واڌايون ڏبيون، ڪشاده دليءَ سان واڌايون. هو گهڙيال جي ڪانٽي وانگر وقت تي پهچي ويندو، سئي هڻندو.“ +عطر کانئس ئي اڳ ۾ جاڳي هئي. هيٺ هڪ قسط بڪ شڪ ڪري چڪي هئي. صبوح جو ڪالي مندر ۾ جل چاڙهڻ ويئي ته موتي لوهار جي ماءُ سان ملاقات ٿي ويس. ڪالي مندر وٽ ئي هن جو گهر آهي. موتيءَ جي ماءُ پنهنجي دري کولي مندر ڏانهن مهڙ ڪري دردناڪ آواز ۾ دک دور ٿيڻ جي لاءِ پرارٿنا ڪري رهي هئي. هن جي پلاسٽر ڪيل پير جو درد ڪالهه کان ڪنهن سبب کان وڌي ويو آهي. بردوان کان هتي ايندي رستي ۾ ڪائي بدپرهيزي ٿي ويئي هوندي. اتس نطر پوندي ئي عطر رات جي روڪيل غصي کي مٿس ڇنڊي وڌو. +منش کي جيئڻ جي ههڙي لالسا؟ مرڻ جو ايترو ڏک، ايترو ڀو؟“ ڇڙٻون ڏيندي هن موتيءَ جي ماءُ جي سامهون اهي سمورا دائمي سوال کڙا ڪري وڌا. بيهي رهي. پڇيائين: ”ايترو سويل جاڳي پئين؟ ٻي بجي کانپوءِ رات جو ته سمهيو هوئين!“ +”ننڊ ٽٽي پئي. ذرا هن ٻچي جو حال پڇي وٺان. ڪيئن آهي.“ +”اتي به ڪو اعلان ڪري آيو آهين ڇا؟“ +گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”نارائڻ، نارائڻ!“ +”رهڻ ڏي پنهنجو نارائڻ- نارائڻ! پنهنجي پٽ کي مرڻ وقت جيڪو دوا جي بدلي کير۽ گنگا جل ڏئي ٿو، ان جو ڪجهه اعتبار ڪونهي. پر اهو سمو ٻيو هو. اڄ جهڙو ڏينهن هجي ها ۽ هن ڊاڪٽر جهڙو ڪو ڊاڪٽر هجي ها ته پنهنجو بنو هرگز ڪين مري ها. موتيءَ ماءُ کي ڏسي آيس. ڪوٺيءَ جي دري کولي ڪالي ماتا کي پرڻام ڪري رهي هئي!“ +م��اشيه خفي ڪونه ٿيو. ذرا کليو. عطر کي هو ڇا چوي؟ هوءَ زنگيءَ ۾ لاعلاج بيماريءَ وانگر دٻجڻ کان زور آهي. موت جي شانتي نٿي ڏيئي سگهي، رڳو درد ۽ تڪليف، سڄي زندگي ڏيندي رهندي! +ڀتار جي چپن تي کل ڏسي عطر به کلي. کلي چيائين: ”رتن بابو جي پٽ کي ڏسي ڇا چئي آيو آهين؟ ڇي، ڇي، ڇي! ائين نه چوندو ڪر، ائين چوڻ به نه گهرجي. ڪالهه ان وقت ڪافي رات گذري چڪي هئي. تون تنهن وقت اهيندر سرڪار جي گهر هئين. رتن بابو جو آدمي چار رپيا ۽ هڪ چٺي ڏيئي ويو آهي. آئون اتاولي ٿيس: ڪٿي هينئر ئي نه سڏ هجي. ونين ويٺو ئي هو، تنهن کي گهرائي چٺي پڙهايم. هن ٻڌايو: مهاشيه کي وڃڻ کان منع ڪيل آهي. سڀني ڊاڪٽرن بتايو آهي ته وپن بهتر آهي. هڪڙي مهاشيه ئي چيو آهي، زبان سان ڪونه چيائين، اشاري ۾ ٻڌايو اٿائين؛ حال چڱو نه آهي. پر وپن بابو کيس نٿو چاهي. هان وٺ چٺي. رات مون ڪانه ڏني. نيٺ ماڻهوءَ جو من ٿيو.“ +هن چار رپيا ۽ چٺي اڳيان ڪري رکيا. مهاشيه رپين کي ڇهيو به ڪونه. چٺيءَ کي کنيائين. ها، رتن بابو اهو ئي لکيو آهي، معافي به گهري اٿائين: آئون ڄاڻان ٿو ته تو جيڪي اشارو ڪيو آهي، اهو اٽل سچ آهي ۽ ان سچ کي سهڻ ڪاڻ آئون پاڻ کي تيار به ڪري رهيو آهيان. پر وين بابو اهو سهڻ لاءِ تيار نه آهي. پرديوت بابو وغيره ٻين ڊاڪٽرن جو رايو ٻيو آهي. هنن جو خيال آهي: ”وپن بهتر آهي. هنن ڪلڪتي مان وڏي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ کي گهرائڻ جي صلاح ڏني آهي. وپن به اهو ئي چاهي ٿو. تنهنڪري.....“ +’خير. ڇوٽڪارومليو.‘ هن ڊگهو ساهه کنيو. ”پر ڇوٽڪارو به ڪٿي؟ وپن ته... هن کيس اچڻ کان منع ڪئي آهي، ٺيڪ آهي، ڪونه ويندس. پر هوءَ ناسي وارن واري ته ڪانه موٽندي!“ وپن جي لاءِ هن جي من ۾ اٿاه دک ڀرجي ويو. +”مهاشيه جي؟ جاڳي ويا! مهاشيه جي؟“ +”ڀنل آواز، ڇڪي ڳالهائڻ جو ڍنگ؛ راڻا پاٺڪ ئي هوندو. اڄ کيس گهرايو هوم.“ +”مهاشيه جي؟“ +”لڳي ٿو، هو اتاولو ٿي پيو آهي.“ +”ڪالهه رات ڪجهه وڌيڪ رت اچي ويو آهي.“ +”اهڙي حالت ۾ تنهنجو پيادو اچڻ چڱو نه ٿيو.“ +”آئون به ڇا ڪريان، اوهان اڄ جو ڪوٺايو هو.“ +ذرا ساعت چپ رهي مهاشيه چيو: ”پر آئون هن روڳ ۾ ڪري به ڇا ٿو سگهان ڀاءُ!“ +”جيڪڏهن ڪُپڙيءَ ۾ ڪڻا هوندا ته بچي پوندس، نه هوندا ته وقت سر ٻڌائي ڇڏيندا، ديوي ماتا جو نالو ڳنهي تيار ٿي ويندس. جيتري ٿي سگهي، اوتري تڪليف اوهان گهٽائي سگهندا، ٻيو ڇا ڪندا؟“ +مهاشيه ٿوري ساعت وري به چپ ٿي ويو. آسمان ڏانهن نهاريندي سوچڻ لڳو: ”ڇا ڪريان؟“ +”مهاشيه!“ +”راڻا!“ +”منهنجي ناڙي ڏسو. اوهان سوچي ڇا رهيا آهيو؟“ +”سوچي رهيو آهيان، ڊاڪٽر پرديوت کي ڏيکاري...“ +هن وچ ۾ ٽوڪي چيو: ”جي نه. هن ماڻهوءَ جو منهنجي سامهون نالو به نه کڻو. نه هن جو، نه وري چارو بابو جو نالو کڻجو. انهن ٻنهي وٽ آئون ويو هوس. مون اهو سڀ ڪجهه اوهان کي نه ٻڌايو آهي. رڳو ايترو ٻڌايو هوم ته هنن هڪ لنبي فهرست بڻائي ڏني آهي. پر ڳالهه ٻي به آهي. مون چيو هو، توهان ايڪس- ري جو چئي رهيا آهيو، وٺو ايڪس- ري!- براهمڻ جي ناتي، غريب سڏائي ڪري.... اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: برهامڻ- براهمڻ مان نٿو مڃان. ۽ غريب جي ناتي ئي توتي مان ديا ڇو ڪريان؟ تون بدچلن آهين. هڪ استريءَ جي ڇوت جي بيماري تو ڳڌي آهي. چارو بابو چيو، تو وٽ ته ڪالي آهي، ڪافي اپت ٿيندي هوندءِ. وري چيائين: ڪاليءَ جي اڳيان ڌرڻو هڻ، اها چڱو ڀلو ڪين ڪري ڇڏيندءِ؟... آئون ههڙن ماڻهن وٽ نٿو وڃي سگهان.“ +مهاشيه جي چهري تي اداس کل نمودار ٿي ويئي. راڻا جي دل جي اڀام کي هو سمجهي ويو. راڻا جي ذات ئي نرالي آهي. اهڙي ڳالهه چوڻ جو هن کي ئي ساهس آهي. +راڻا به چوندو ويو: ”آئون اوهان کي ٻڌايان، مون جهڙي دئيت جي بدن ۾ اها بيماري هڪ عورت جي دئاران ئي آئي آهي. اها اڀاڳڻ ڪلڪتي جي هئي. فسادن ۾ هن کي ڪي گونڊا ڀڄائي ويا هئا. پوءِ هن کي هتان هتان ڦيرائي سندس عصمت درازي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئائون. ڪٿي بهار ٿيو، اوستائين به کيس وٺي ويا. اتان وري ڪلڪتي. ڪلڪتي ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ گونڊي رحمت خان کي هوءَ ملي ويئي. رحمت کيس برقعي ۾ هتي وٺي آيو. نديءَ ۾ کيس ٻيڙي تي اچي وهاريائين. آئون به موقعي سان تيار ويٺو هوس. ڳچيءَ ۾ جڻيئو، رشٽ پشٽ سرير. مٿان وري لٺ کي جهٽڪو ڏيئي مون نٿرو هنيو: ڪالي ماتا جي جئه! هري هري بولو! ٻيڙيءَ ۾ لڳ ڀڳ سڀ هندو ويٺل هئا. سڀني ان کي دهرايو. ويچاري هن عورت کي به همٿ آئي. هن برقعو لاهي ڦٽوڪيو ۽ چلائڻ لڳي: ’مون کي باچيو! مان هندو آهيان! هيءُ مونکي پڪڙي وٺي وڃي رهيو آهي.‘ رحمت ڇرو ڪڍي رهيو هو. ليڪن منهنجي لٺ جو وار کڄي چڪو هو. ٻچو نديءَ ۾ ٽپي پيو. هن جو ساٿي به ٽپي پيو. عورت کي آئون پنهنجي گهر نيئي آيس. مسلمان مون وٽ آيا. چيائون، هن عورت کي واپس موٽائي ڏي، نه ته چڱو نه ٿيندءِ. مون چيو، راڻا بري کان ڀو نه کائيندو آهي. اهو سڀ توهان کي معلوم آهي. جيڪڏهن قوت اٿوَ ته وٺي وڃوس. اهائي عورت گهر وڃڻ لاءِ راضي ڪانه ٿي. ان بعد باهه ۽ گيهه جو ميل. خاڪ به خبر نه هئم ته هن کي اهو موذي مرض لڳل آهي. هن کي به دراصل ڪل ڪانه هئي. آهستي آهستي خبر پيئي. ليڪن تڏهن هن کي ڇڏي ڏيڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. ماڻهو بدچلن چون ٿا، چوڻ ڏيون. مون هن سان هڪ طرح شادي رچائي ڇڏي آهي. هن کي مون پيار ڪيو آهي. پريم ونڊيندي هيءُ روڳ مون ورتو، تنهن لاءِ آئون پشيمان نه آهيان. جيڪي وڻين، سو چون. مري ڪري به مونکي سک پڙپندو. چارو بابو ڪاليءَ لاءِ چوي ٿو. خبر ڪانهيم، هن وٽ اهو روڳ ڇٽي ويندو آهي يا نه. ديويءَ جي ڪرپا ٿي، ته ٺيڪ ٿي ويندو. پر مون کان اهو ڪونه چيو ٿيندو- ”ماءُ منهنجي بيماري چڱي ڪر.“ ڪاليءَ کان اها گهر ڪندس ته: ڪال کان آئون ڪڏهن نه ڊڄان. ان جو ناو آهي موکش. ڪاليءَ کان سندس گود جي بيک پنان ٿو. مون کي ڄاڻ آهي، اوهان گهٽ ۾ گهٽ نڪو مون کان نفرت ڪندا، نه وري ڪاليءَ جي ڳالهه جي کِل اڏائيندا، ان ڪري اوهان ڏانهن گهڻو آسائتو آهيان.“ +مهاشيه ائين ڪونه ڪندو- ڪري ڪين سگهندو. سندس پتا آکندو هو: ”روڳيءَ جي روڳ لاءِ کيس ڪڏهن به تکاويڻ نه ڪڍج. نندا نه ڪج. پاپ – پڃ جي هن دنيا ۾ منش پڃ ئي ڪرڻ چاهين ٿا، پر کانئن ڪيو نٿو پڄي. حڪم هلائج، ڌمڪي ڏج، ضرورت پوي ته ڊپ به ڏيارج. پر هن جي دل کي ڏکوئڻ وارو هڪ حرف به نه پٽج ۽ هو جيڪڏهن شرڻ اچي ته کيس نراس ڪري نه موٽائج.“ +گرو رنگ لعل چوندو هو: ”جيون! انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪڏهن به ڪاوڙ متان ڪرين، نفرت به نه ڌارج.“ +ڪيترائي ڀيرا پاڻ گرو رنگ لعل بيمارن جي ڳلن تي چماٽ وڄائي هوندي. ڀوپي بوس کي هن مار ڪڍي هئي. هڪ شوقين تنتر واري ليور جي بيماريءَ جو شڪار بڻجي وٽس پهتو هو. هن کيس شراب پيئڻ کان منع ڪئي هئي. هو صاف چئي ڏيندو هو، چيو هئائين: ”شراب پيئندين ته ڪونه بچندين. شراب ترڪ ڪرڻو ئي پوندءِ. ”روڳيءَ آکيو هو: ”ليڪن مهنجو ساڌن ڀڄن؟“ رنگ لعل وراڻيو هو: ”بنا شراب جي. ڪنجهي جي برتڻ ۾ ناريل جو پاڻي وجهي رسم ادائي ڪج. جيئن ٻڪري جو بل نه چاڙهي مانهه جا داڻا پکيڙي به ته آهوني ڏيئي سگهجي ٿي.“ هن تنهن تي ڄڀ کي چڪ پائي چيو هو: ”باب ري! تڏهن ته ديوي درشن بنهه ڪانه ڏيندي. اهو ته ماتا جو آديش آهي. هن درشن ڏيئي مون کي آگيا ڪئي آهي ڊاڪٽر بابوُ!“ رنگ لعل جهٽڪو ڏيئي هن جي چوٽي پڪڙي چيو: ”ڇا چيهءِ؟ ماتا درشن ڏيئي چيو آهي؟ ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا؟ ماءُ شراب پيئندي آهي؟ شرابخوري لاءِ آگيا ڏئي ٿي؟ اهو سربا، جنهن سان جگر جلي ٿو؟“ +جيون مهاشيه به ڄاتو ٿئي ته هيءُ روڳي بچڻ جو ناهي. زبردست دشمن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي ۽ هو بچيو به ڪونه. +آدمي بيوس آهي. ڏاڍو بيوس. اِڇائن جي اپل وچان دل ڏارندڙ ڪلنڪ ڪهاڻي رچيندو ويو آهي. اڄ اها ڪهاڻي رچي ٿو- سڀاڻي پڇتائي ٿو، خود سراپجي ٿو، من ۾ سوچي ٿو، آڪاش جو سج اجهامي وڃي، ان جي لوڙ ڪانهي: روشني ڪانه گهرجي. سڀ ڪجهه اوندهه سان ڍڪيو رهي. گهڻو ئي ڪجهه هن ڏٺو آهي. ڪمائو پٽ جي موت جي بستري تي تنهن کي وانجهي پتا کي وصيعت نامو ٺهرائيندي ڏٺو اٿائين. ان کان به وڌيڪ گهور پاپ ڪندي ڏٺا اٿائين. ڀاءُ ڀاڻيجي جي ته ڳالهه ئي نٿو چوي. پٽ کي به کميا ڪري ٿو ڇڏي. استري سڪرات ۾ آهي ۽ هوڏانهن ڀتار ويچار ۾ مشغول: اهڙو اتهاس اڪيچار آهي. پتيءَ جي سڪرات ويل استري به وياچر ڪري ٿي: ڀرشٽ استري. جيڪي ڀرشٽ نه آهن، اهڙين گهڻين کي اهڙي مهل ۾ مڇي چورائي کائيندو ڏٺو اٿائين. صرف ماءُ جو پڃ ئي بي جوڙ ۽ لافاني آهي. +آدمي ڏاڍو بيوس آهي. +مهاشيه اڀو ساهه کنيو. راڻا پڪاريو: ”مهاشيه جي!“ +”ذرا ساهي پٽي وٺ ڀاءُ. ڳالهاءِ نه. ڪافي پري کان ڪهي آيو آهين. ٿوري دير ۾ ڏسان ٿو. ويهه آئون پاسي واري گهر مان ٻار کي ڏسي اچان ٿو.“ +اتسيءَ جو ڪڪو اڄ بهتر آهي. تپ گهٽيل اٿس: سوڄ به گهٽجي ويئي آهي، سوڄ تي جيڪا لالائي هئس، ان جي گهرائپ به گهٽجي ويئي آهي. هن جي بيماري بيشڪ ڪانه گهٽي آهي، پر وڌي به نه آهي. رڪجي ويئي آهي. ڪالهه صبوح جو تپ هڪ سو ٻن جي قريب هو، اڄ هڪ سو کان به گهٽ آهي. هن جي سجاڳيءَ تي ڪمزوريءَ جو جيڪو پردو پئجي رهيو هو، سو هٽجي ويو آهي. ٻه چار اکر ڳالهائي ٿو. ٺيڪ ستين وڳي ڊاڪٽر پرديوت جي سائيڪل جي گهنٽي وڳي. صبوح جو پنجين واري گاڏيءَ ۾ شهر مان ڊاڪٽر اروڻ رت- تپاس جي رپورٽ موڪلي آهي. ڏاڍي سخت بيماري! جان وٺندڙ گهاتڪ حملو ڪيو هئائين. هن رپورٽ ۾ لکيو آهيل ’وٿ اٽينڊسني ٽُ اِرسپلس.‘ هن جو علاج ٺيڪ ٿيو آهي. ان رپورٽ ڪاڻ هو ڪالهه سڄو ڏينهن رات ڪهڙو نه پريشان رهيو! دنيا ۾ رڳو امرت دوا ڪانهي، زهر به دوا آهي. ڪالهه ڏينهن رات اهڙيون ڪيتريون دوائون هو ڏيندو رهيو. ٻڍي مهاشيه ئي چيو هو، پر ان تي هن جي دلجاءِ ڪانه ٿي هئي. وگيانڪ جاچ ۾ به ڪيترا ڀيرا شڪ پئجي ويندو آهي. ڪيترا ڀيرا به ٽي دفعا هڪئي روڳ جي پرک نه ٿي سگهندي آهي. ڪالهه منجهند جڏهن کيس‘ ’ممس‘ جو شڪ پيو ۽ ٻڍي مهاشيه چيو: ’ممس نه آهي ڪٺور زهر جي پکڙجڻ سان رت خراب ٿي پيو آهي. مرض طوفان وانگر وڌي رهيو آهي: وڌندو.‘ تڏهن پرديوت کي ڪجهه غصو لڳو هو. ٻڍو ڪٿي ’مرتيو روڳ‘ چئي وجهي ها ته غصي وچان پرديوت پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃي ها. چوي ها: ’مرتيو- روڳ جي نريه- شڪتيءَ وچان ’سُپيرياٽي ڪمپليڪس‘[1]ٻڍي جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي.‘ +دانتو گهوشال نوبنو آهي. وپن بابو ٺيڪ آهي. موتيءَ جي ماءُ بردوان کان ڪاله موٽي آئي آهي. ڪالهه کان ٻڍڙيءَ جي پير جو سور ڪجهه وڌي ويو آهي. هاڻي جيئن هو اچي رهيو هو، رستي ۾ سڪل ٻوٿ ڪري موتي بيٺو هو. چي:”ڊاڪٽر صاحب، رات امان جي پير ۾ سور وڌي ويو! سو..؟“ +پرديوت جي سمجهه ۾ دير ڪانه لڳي ته موتي جيڪي چوڻ چاهي ٿو، پر هن جي وات مان اڪلي نٿو. اهو ڇا آهي؟ هڪوار سندس من ۾ آيو ته چئي ڏي، ”ته مهاشيه جيڪي ٻڌايو آهي، سو وڃي ڪر. دهل ڌمام وڄائيندو گنگا جي ڪناري ڪيرتن ڪندو وڃ.“ پر پاڻ کي روڪي ورتائين. چيائين: ”موٽندي وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين ۾ پير ۾ ٿوري حرڪت اچي وئي هوندي؛ ان ڪري سور وڌي ويو آهي.“ +مهاشيه ئي پرديوت جو سواگت ڪيو: ”اچو. اوهان جو مريض مزي ۾ ٻولي رهيو آهي. ٺيڪ آهي. مٿي تي هٿ لڳائي نمسڪار جي ورندي ڏيئي هو بيمار جي بستري تي ويهي رهيو. +مهاشيه چيو: ”مون ڏٺو آهي....“ +وچ ۾ ئي پرديوت واڪ ڏنو: ”مان ڏسان؟“ +”آفت ٽري ويئي آهي.“ +”نه“، پرديوت پڇيو ”رات پيشاب ڪيئن ٿيو ٻڌايو ته؟“ +مهاشيه سمجهي ڪين سگهيو، ’دوا جو اثر آهي، پيشاب بند ٿي سگهي ٿو، پيٽ اڀامي سگهي ٿو.‘ +”پيشاب تمام ٿورو آيو اٿس. رات جي ٻارهين بجي کان صبوح تائين هڪ ڀيرو. پيٽ ٿورو ڦوڪيل آهي. ڪيترا ڀيرا پٽڙا دست به آيس.“ پيٽ ۾ وڪار ٿيو آهي. پرديوت ڌيان سان ڏٺو، وري انجيڪشن جو سرنج ڪڍيائين. +انجيڪشن هڻي پرديوت اٿيو. ”ڪٿي آهي؟ مهاشيه ڪٿي آهي؟“ +”ڪونهي، هليو ويو،“ اهيندر ٻڌايو: ”آروگيه نڪيتن مان ڪوئي سڏڻ آيو هوس.“ +پرديوت بيهي ڪري ڪجهه سوچيو: ”هن ڪائي آگري ڳالهه ته ڪانه چئي نه؟‘ +اهيندر چيو، ”مون کي گهرائي هن چيو: خطرو ٽري ويو آهي. اوهان جي ڏاڍي واکاڻ ڪري ويو. چي، ڏاڍو مقابلو ڪيو اٿائين. صاحب خوب آهي! ڏاڍو ڌير جوان آهي.“ +پرديوت چيو: ”پيشاب تي ذرا ڌيان رکبو. ٿورو دير سان ئي ايندو، ليڪن خيال ضرور رکندا. پيٽ ڪجهه ڦوڪيل آهي. تنهن هوندي به خيال رکندا. جيڪڏهن لڳي ته وڌي رهيو آهي ته مونکي ترت خبر ڪندا. هڪ ڳالهه ٻي. مهاشيه بار بار ناڙي ڏسي ٿو. اهو ٺيڪ ناهي. ان مان اوهان کي به گهٻرائٽ ٿي سگهي ٿي، منهنجو به من خراب ٿي سگهي ٿو.“ ايترو چئي هو نڪري ويو. +ساڍا اٺ ٿيڻ لڳا. اسپتال ۾ ڪم ڪيترو آهي! هريهر ڪمپائونڊر هتان جو آهي. ڄامر چڙهي آئي اٿس. ڏاڍو آلسي آهي. ’ٿي رهيو آهي، ٿيندو:‘ اهو ئي هن جو سڀاو آهي. ’ڏهن پنجن منٽن ۾ ڇا ٿو اچي وڃي؟ نرسن کي به سهولت رهي ٿي.‘ +منجوءَ کي سنڀال ڪرڻ لاءِ چئي آيو آهي. هوءَ نظر رکندي. نيم انوسار هوءَ سڀ ڏسندي ڪندي آهي. ان خيال کان پرديوت ڀاڳوان آهي. منجو هن جي ڪمن جو بوجو پنهنجي سر ئي هموار ڪري هن جي تانگهه لاهي ڇڏي آهي. روز صبوح جو هوءَ خود بيمارن جي سار سنڀال لهندي آهي؛ پاٻوهه سان مٺو ڳالهائي کين دم دلاسو ڏيندي آهي. اسپتال جي صفائيءَ تي خاص ڌيان ڏيندي آهي. بيمار عورتن جي باري م ڊاڪٽر منجوءَ جي ڪري بي فڪر آهي. سڀني جي دادي! سٺ سالن جي روڳڻي به کيس دادي ئي چوندي آهي! +۽ هن ڪمبخت دانتو گهوشال جي ته ساڄي لڳي ويئي آهي. اسپتال جي ’ڀَت‘ سان گڏ منجوءَ جي موڪليل ڀاڄي نه هجيس ته وٺي رڙيون ڪندو. دنيا ڀرجي ڀوتن جا قصا ڪهاڻيون سڻائي هن کپ کوڙي ڇڏيا آهن. نهايت بيهودو آهي. اسپتال ۾ به هو الاجي ڪيئن گانو پيئندو آهي، ڪٿان آڻيندو آهي، پرديوت جي سمجهه کان ٻاهر آهي. کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍي ها. پر مهاشيه جيئن ته اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري ضد وچان رکيو اٿائين. هن کي به ڏسڻو آهي. +آروگيه نڪيتن کان لنگهندي کيس نظر آيو: مهاشيه ڪنهن مريض جو هٿ جاچي رهيو آهي. ڪنڌ ذرا جهڪيل اٿس. شايد اکيون ٻوٽي ڇڏيون اٿانئين. پرديوت کليو. کيس پتو پيو آهي؛ ونيه، مهاشيه کي پنهنجي دوڪان تي وهڻ لاءِ چيو آهي. تيسين جيسين، کيس ٻيو ڪوئي ڊگري يافته ڊاڪٽر نه ملي وڃي. +مهاشيه راڻا جو هٿ ڏسي رهيو هو. نانگ جي چال. جسم جي خرابيءَ ۾ زهريلي نانگ اڏو ڄمائي ورتو آهي. هن جي زهريلي اثر سان سڄو شرير هر گهڙيءَ تپ وچان جهيڻو آهي. شرير جي بانس مان به اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي. جيڪو وک جو وئد اننگ جي بدن جي بوءَ کي سڃاڻي ٿو، ان کي ٻر جي ٻاهران ويهندي به مهڪ محسوس ٿيو وڃي. اها مهڪ هن کي به محسوس ٿي رهي آهي. ڌيري ڌيري هن اک کولي. راڻا جي منهن م ڏٺائين. اکين جي چوڌاري ڪارا ليڪا پئجي ويا آهن؛ ٿڪاوٽ کان ٻئي اکيون اماس جي چنڊ جهڙيون اداس، ان جي چوڌاري راهوءَ جي کڙڪائڻ جهڙو ڳوُڙهو ڪرشڻ پکش. (اونداهي رات). +راڻا جي هٿ کي ڇڏي ڦڪي مرڪ مرڪي هن چيو! ”بيماري ته اهائي ساڳي آهي ادا.“ +راڻا کلندي چيو: ”سو ته مون کي معلوم آهي. شروع کان ئي ته چوندو اچان. پر اڄ ڪيئن سمجهي رهيا آهيو؟ بچي سگهندس؟ چڱو ڀلو ٿي سگهندس نه؟“ وري ذرا کلي چيائين: ”ته اهو ئي ٻڌايو ته جي مرڻو ئي آهي، ته ڪيستائين؟ اوهان بي کٽڪي چئو. راڻا کي مرڻ جو ڊپ ڪونهي.“ +مهاشيه چپ ويٺو رهيو. اسٽريپٽو مائسن جي ڳالهه سوچي رهيو هو، جيڪا نئين ايجاد ٿي آهي، پر ’اها وئرٿ دوا آهي.‘ +راڻا ورجايو: ”اوهان بيپرواهه ٿي چئو. اوهان ڇو هٻڪي رهيا آهيو؟“ +مهاشيه ٻاهر جي طرف تڪيندي سوچي رهيو هو. +اوچتو هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيائين: ”اڄ به ڪجهه ڪونه ٻڌائيندس، ادا. سڀاڻي اچج. ٽئين پهر. هتي نه، سڌو ونيه جي دوڪان تي. آئون اتي ئي ملندس. پر اڄ وانگر پنڌ نه اچج. بيل گاڏيءَ تي اچج. هلچل، محنت، مشقت اهو سڀ هينئر بند رک ۽ هن ورت جو سنگ بلڪل ڇڏڻو پوندءِ. سمجهيهءِ؟“ +راڻا خوش ٿي ويو. چي:”جي. اوهان جيڪي به چوندا، سو آئون ڪندس. سڀاڻي گاڏيءَ ۾ ئي ونيه جي دوڪان تي ايندس. منهنجي هڪ ڳالهه اوهان کي رکڻي پوندي.“ +”ڪهڙي ڳالهه، چو؟“ مهاشيه کليو. +”هن عورت جي بيماري مون کان به سخت آهي. ڪانه بچندي. پر بيماري ته نيٺ هڪڙي آهي. هن کي به مون سان گڏ ڏسو. اوهان يقين ڄاڻو، آئون هن کي ڇهندس به ڪونه. پر جڏهن هن کي پناهه ڏني اٿم.... هن جو.... هن کي انهن گونڊن کان بچائي آندو اٿم، ڪجهه جوابداري ته آهي. اڄ هن کي هڪالي ڇڏيان ته مون کي پاپ ڪونه لڳندو؟ هوءَ اڀاڳڻ الائي ڪٿي، ڪنهن گهر ويندي ۽ زهر ڦهلائيندي!“ +”چڱو هن کي به نيو اچج. ڏسندس.“ +راڻا هليو ويو. +مهاشيه ونيه کي چيو: ”راڻا کي آئون ان ڪري ئي پيار ڪندو آهيان.“ ونيه کلي چيو: پيار مونکي به اوهان ڪيترو نه ڪريو ٿا. اوهان دوڪان تي وهڻ جي لاءِ رضامندي ڏيکاري منهنجي ڪيتري پت رکي آهي، آئون ڇا ٻڌايان؟“ +اِندرو آيو. هن جي هٿ ۾ اچي هڪ چٺو ڏنائين. چي: ”يڪساهي هڪ مهيني جو سامان ڳنهي آيو آهيان!“ مهاشيه کليو چي: ”ٺيڪ آهي. عطر کي ڏي، رکي ڇڏيندي. جيءَ ۾ آيس، ته اڇلي ڇڏيندي، جيڪڏهن ڪميشن سان پيٽ ڀرجي ويو ته واهه، نه ته ونيه کي تاڙ جو وڻ ڏيڻ سان ڪم هلي ويندو.“ ونيه جي دوڪان تي سانجهيءَ جو ويهڻ هن قبول ڪيو آهي. اهيندر وٽان موٽندي راڻا وٽ ونيه کي ويٺل ڏسي چيائين: ”تون اچي وئين؟ چڱو، پڪو ٿيو. ويهندس تنهنجي دوڪان تي.“ اِندروءَ جي ويندي ئي مهاشيه ستاب کي چيو: ”چيو هوم نه، سنسار چڪر آهي! ڏس، ونيه سڄي مهيني جو سامان موڪلي ڏنو آهي.“ +ستاب ڪمري ۾ ڪنڊ پاسيرو ويٺل هو. شطرنج وڇائي ٻنهي طرفن جون ساريون سجائي اڪيلو کيلي رهيو آهي. +هينئر هن به ڪنڌ کنيو. پڇيائين: ”تاڙ جو درخت وڪڻڻ لاءِ ڌياڻي راضي ٿي ويهءِ؟“ +تلاو وٽ جيون مهاشيه جا تاڙ جا پنجويهه وڻ آهن. ڊگها، سڌا پراڻا وڻ. سڄي علائقي ۾ انهن وڻن جي هاڪ آهي. سڀ مڃيندا آهن. اهڙا جهونا ۽ سڌا درخت اڄڪلهه ملڻ محال آهن. اهي وڻ عطر جي پونجي آهن. هن جو سهارو چئجي ته به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. +مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳي ئي انهن مان هر هڪ جي قيمت ٽيهه رپيا هئي. هينئر ته 80-90 رپيا في وڻ- کل وخوشيءَ سان ماڻهو ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مگر عطر نٿي ڏيڻ چاهي. بد دماغ، لڪشميءَ جي دشمن؛ بدنصيب پتيءَ تي هن جو ويساهه ڪونهي. پنجويهن مان ڏهه پنهنجي ۽ ڏهه پتيءَ جي پرلوڪ- ڪريا ڪرم واسطي هن رکي ڇڏيا آهن. باقي پنج اوکي ويل واسطي رکيا اٿائين. +جيون مهاشيه کلي وراڻيو: ”ويهه ته سنسار ڀو ساگر پار ڪرڻ جي ٻيڙي آهن ۽باقي پنج کڏون کوٻا پار ڪرڻ جو وسيلو. ونيه منٿ ميڙ ڪري هڪ ڏيڻ لاءِ کيس راضي ڪري ورتو آهي. چيو اٿائين، ”رپيا پوسٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو.“ +[1] وڏائيءَ جي ڀاونا + + +[31] + +”اها لڄ رکڻ جي مون وٽ ڪابه جڳهه ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم جي وچان مري ويو آهيان. مون اوهان کي وڏو اهنج پهچايو. هڪ دشمن پٽ جو ڪم ڪيم.“ اهي وپن بابو جا آخرين الفاظ هئا، جيڪي هو پنهنجي پتا کي چئي ويو هو. هيڏانهن هڪ روايت هئي. اِها هيءَ ته پورب جنم جو دشمن پٽ بڻجي جنم وٺي ٿو، پلجي وڏو ٿئي ٿو، ماءُ پيءُ جي دل ۾ انيڪ آسون اميدون جاڳائي ٿو ۽ بعد ۾ هڪ ڏينهن مري وڃي ٿو؛ هنن کي صدمو پهچائي- پورب جنم جو ويري هن ريت پيءُ کان بدلو چڪائي هليو وڃي ٿو. موت کان اڳي ڪافي پڙهيل ڳڙهيل وپن کي به انهن کانسواءِ چوڻ لاءِ ٻيا اکر ڪونه جڙيا هئا. +اٽڪل ويهن ڏينهن بعد جي ڳالهه. +مهاشيه، ونيه جي دوڪان تي ويٺو هو. ڪشور ٻڌائي رهيو هو: ڪالهه رات اٽڪل ساڍي يارهين وڳي وپن چالاڻو ڪري ويو. ڏهه ڏينهن اڳي ڊاڪٽرن چيو هو: وپن بهتر آهي. گهٽ ۾ گهٽ هن ڀيري ته خطرو ٽري ويو. جيڪڏهن حالت وري نه بگڙي ته رفت رفته چڱو ڀلو ٿي پوندو. اٺ ڏيهاڙا اڳي ڪلڪتي مان ڊاڪٽر چئٽرجي آيو هو. هن ٻين ڊاڪٽرن جي راءِ جي پٺڀرائي ضرور ڪئي هئي، پر اهڙي اتساهه سان نه.“ +رتن بابو هن جي اڳيان مهاشيه جو ذڪر ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. چيو هئائين: ”اسان وٽ هڪ ماهر نبض شناس آهي، ٽن پيڙهين کان ناڙي ڏسڻ جو کين خاص شرف حاصل آهي. هن جي اڳڪٿي....“ +وچ ۾ ئي ٽوڪيندي پرديوت چيو هو: ”هن جي ڳالهه جو جيڪڏهن يقين ڪيو وڃي ته...“ +ڀرون تاڻيندي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ آکيو هو: ”ڇا ٻڌايو آهي هن؟ موت جي اڳڪٿي ڪئي اٿائين ڇا؟“ +”جي نه. اهڙو ڪجهه ته ڪونه چيو اٿائين، ليڪن....“ +ڊاڪٽر چئٽرجيءَ چيو هو: ”هٿ ڏسڻ ۾ منهنجو اوشواس هروڀرو ڪونهي. شروع شروع ۾ان تي گهڻو ڀاڙڻو پوندو هو. اسان مان ڪيترائي ڊاڪٽر تمام چڱي طرح ناڙي جاچي سگهندا هئا. اڄ به ڏسي سگهن ٿا پر علاج جڏهن اسان ڪري رهيا آهيون، تڏهن اسان جي ڳالهين جو ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو. هو شايد ائين چوي ته مرض لاعلاج آهي يا هيترن ڏينهن جي اندر ڪجهه ٿيندو وغيره! اسان چئون ٿا: ڪجهه نه به ٿي سگهي ٿو، اسان مرض کي لاعلاج ڪين چونداسين. آخرين دم توڻي لڳا رهنداسين. جيڪڏهن هن جي ڳالهه تي وشواس ٿا ڪريوته بيمار جي سڀني سڳن مٽن مائٽن کي سڀ اميدون لاهي رڳو ان دکدائڪ گهٽنا جي گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو.“ +ان بعد وري چيائين، لاشڪ کلندي چيائين: ”مان به هن ديش جو رهواسي آهيان، اهو ضرور آهي ته مان ڊاڪٽري ڪريان ٿو. پر هن جيڪي بتايو آهي، تنهن کي ته سمجهان ٿو. اها بيشڪ هڪ وڏي ڳالهه آهي. بيماري دکدائڪ آهي، سخت آهي. ڪنهن ريت بچي به وڃي ته جيئرن گڏ مردو ٿي رهندو ۽ سنسار ۾، جتي جنم ٿيڻ سان ئي مرتيو اڻ ٽر آهي، اتي جيڪڏهن سولائي سان ڏٻري ۽ نڪمي سرير جي جلد پڄاڻيءَ کي ثواب ڄاتو وڃي، ته اها هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي. اها ڳالهه اوهان جي فائدي وٽان به آهي. تنهن کي اسان ڇو جئون؟“ +ڊاڪٽر چيٽرجيءَ جي روانگي کان ٽن ڏينهن بعد بيماري يڪا يڪ اگرو روپ ڌار�� ڪيو. پيشاب جو رنگ خراب ٿي ويو، اندار به گهٽجي ويو. پيشاب جي جاچ مان به خرابيءَ جو شڪ جاڳيو. دل جي اوسٿا به بگڙي ويئي. ڌڙڪڻ جي ماترا ٿي هڪ سؤ ٽيهه ۽اڃا به وڌڻ جو مڪان. +هريندر وري ڪلڪتي ڀڳو. ڊاڪٽر چئٽرجي چيو: ”ان جو ئي انديشو مون کي هو. نيٺ اهو ئي ٿيو هاڻ....“ +ڪجهه سوچي چيائين:”هاڻي ڪوبه چاڙهو ڪونهي.“ +بار بار ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. ”نه. ڪوبه چاڙهو نه رهيو.“ پڇاڙيءَ ۾ چيائين: ”ڊز يٽلس انٽراوينس ڏيئي ڏسوس.“ +هريندر ڏڪي ويو. ”ڊزيٽلس؟ انٽراوينس؟ پوءِ ته توهان پاڻ هلو!“ +”مان؟ مان هلي ڇا ڪندس؟ مون ٻڌايو آهي، حالت نازڪ آهي. ئي سمجهبو. هينئر ته رڳو چانس آزمائڻو آهي. جيڪڏهن دوا ٻوٽو ٻاريو،ته ڪرائيس ويندي رهندي. پوءِ جي ضرورت پئي ته مان به ويندس.“ +مگر اها همٿ هتي ڪنهن به ڪانه ڪئي: ”هريندر، چارو بابو: ڪنهن به نه. پرديوت ڪجهه سوچيو ضرور هو. پڇاڙيءَ ۾ هو به دلشڪستو ٿي پيو، من به بيچيني جي به ڪائي حد نه هئي! +وپن بابو کي ان دم تائين هوش هو. جڏهن ڪلڪتي مان ڊاڪٽر نه آيو، هو تڏهن ئي سمجهي ويو هو. پاڻ کي ان اڻ ٽر خطري لاءِ تيار ڪري پتا کي مٿين ڳالهه چئي هئائين. +”هيءُ لڄ رکڻ جي مون وٽ جاءِ ڪانهي. مرڻ کان اڳي ئي شرم وچان مري ويو آهيان. اوهان کي مون تڪليف رسائي. هڪ دشمن پٽ جهڙو مون ڪم ڪيو.“ +رتن بابو به غضب جو آدمي آهي. اداس کل کلندي پٽ جي مٿي تي هٿ ڦيريندي پيائين! ”تون منهنجو بهادر پٽ آهين: جيون سنگرام ۾ تو دل نه هاري، پٺ نه ورائي، دم نه پٽيهءِ: لڙندي لڙندي وير گتي پرپات ڪيهءِ، ان ۾شرم ڇا جو پٽ؟“ +”شرم؟ شرم ان ڳالهه جو ته هن ٻڍاپي ۾ به اوهان کي زره بخت اختيار ڪرڻي پوندي، هٿيار سنڀالڻا پوندا. مان اوهان کي انهن زحمتن کان بچائي نه سگهيس. اهوئي شرم اچي ٿو. اها منهنجي سڀ کان وڏي هار آهي.“ +پٽ جي مٿي هٿ ڦيري اکين ۾ لڙڪ آڻي چپن ۾ هڪ عجيب مشڪ سان هن چيو هو: ”ڪنهن کان هار ٿي؟ جنهن کان توشڪست کاڌي، ان کان رام، ڪرشڻ، ٻڌ کان وٺي پيسم، دروڻ... نيپولين هارائي چڪا آهن. ان جي ڳڻتي نه ڪر.“ +ڪنڌ ڌوڻي وپن چيو: ”نه. پنهنجو پاڻ کان منهنجي هار ٿي آهي. ڊاڪٽر چئٽرجي مون کي بار بار چتائيندو رهيو. چوندو رهيو ته تون پنهنجي هاج کان باز اچ. اهو رجوگڻ جو روڳ آهي، راجسي ڍنگ ترڪ ڪري ساتوڪ جيون ڌاراڻ ڪرڻ بنا اهو وڃي نٿو سگهي، ملڪ وڌندو رهندو.“ +ان بعد ڪشور ڪمري جي اندر رهي ڪونه سگهيو هو. ٻاهر نڪري آيو هو. ٻئي ڏينهن تي وپن جو پيشاب بند ٿي ويو هو. ان جي اثر هيٺ ساڻو ٿي ٽئين پهر تائين مورڇت پيو رهيو. رات جو يارهين وڳي گذاري ويو. +سڄو ڳوٺ، ڳوٺ ئي ڇو، سمورو علائقو وپن جي مرڻ ڪري مرجهائجي ويو. ههڙي هڪڪرم وير، نام ڪٺيو جسم جو ڀاڳي جوان جماڻ، هن جي مرتيو ڪري ائين ٿيڻ سڀاويڪ ئي هو. صبوح جو جڏهن ارٿيءَ جو وقت آيو. ماڻهن جي ڀيڙ اٿلي پيئي. سڀ اداس سڄي علائقي جي آسمان تي ڄڻڪ ڇايا پئجي ويئي هئي. جيون مهاشيه به اداس اکين سان ٻاهر جي طرف تڪيندو پئي رهيو. ڌرتي ۽ مرتيو جو اٽوٽ سنٻنڌ آهي. اهڙي ڪابه گهڙي ڪانهي، جڏهن لئه نه ٿيندي هجي، موت جي سواري نه نڪرندي هجي. جيون جنم کان موت سان ڇاپي ڇڏڻ ٿو چاهي. پوءِ به ان کي ڄاڻي نٿو سگهجي، ڄاڻڻ جو ڪو اپاو ئي ڪونهي. ان ڪري ئي ان کان هيترو ڊپ ٿئي ٿو. وچ وچ ۾ اهو ڊپ دور ٿي وڃي ٿو، مرتيو جي ڀو کي نه رڳو جيتي وٺن ٿا، پر ان کي گلي لڳائڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه ڊوڙن ٿا. تڏهن ته مرتيو امرت ٿي ويندو آهي. وپن جنهن درجي جو ماڻهو هو، جهڙي سکيا پاتي هئائين،ان سان ديش جي صدقي موت کي گلي لڳائڻ هن جي لاءِ عجب جهڙي ڳالهه ڪانه هئي. جيڪڏهن هو ائين ئي ڪري ها، ته به ڇا اهڙي ئي ڇايا پئجي وڃي ها؟ ڪانه پوي ها. اچانڪ مهاشيه کي سمڪ پئي، ڪشور ڪڏهوڪو هليو ويو آهي! هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.وري پنهنجي نبض پڪڙي ويهي رهيو. +”جهه پتو پوي ٿو؟ ڪوئي آثار؟ ڪوئي اشارو؟ نه.“ +”پنهنجو هٿ ڏسي رهيا آهيو؟“ ونيه آکيو”ها.“ +”طبيعت ڪجهه........“ +”قدرو آيو آهي. اڄ انجيڪشن جو واروآهي.“ +ڪٿي آهي؟“ +”جي سرڪار.“ ٻڍو موچي سامهون اچي بيٺو. +ونيه وٽ قدرو ئي سندس پهريون مريض آهي. راڻا جي اچڻ کان اڳي ئي هو اچي پهتو هو. اتيسار جو روڳي. جهوني بيماري. مگر عضبناڪ آدمي! اهڙو خبردار روڳي ورلي ڪو ملندو آهي. بيماري ٺيڪ ٿيڻ واري نه آهي. اڄ تائين ٺيڪ نه ٿي آهي. پر هن کي بستري داخل ڪڏهن نه ڪري سگهي. روڳ جي وڌندي ئي هو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو. ڊاڪٽر چوندس ته پاءُ کن کاڌو کائج ته هو اڌ پاءُ کان وڌيڪ ڪين کائيندو، کائي ڪين سگهندو. +دوا جو هن کي ڄڻ نشو آهي. ٻارهن مهينا ئي هن کي ڪاٿي نه ڪاٿي دوا گهرجي. ڊاڪٽري، يوناني، ويدڪ، ٽوٽڪائي: جيڪا به هجي. وارو ٻڌل اٿس. ڪجهه ڏينهن انگريزي دوا، ان کان پوءِ آيورويدڪ. +قدرو سندس پراڻو مريضي آهي. مڪاني ماڻهو نه آهي. شايد بلاسپور جو آهي. چمڙي جو ڪاروباري. انهن جي پهرين نيات جڏهن هن علائقي ۾ آئي هئي، قدرو پڻ هن ۾ هو. تڏهن هوجوان هو. ساڻ گهر واري هئس، هڪ ٻار هوس. +ان وقت به مهاشيه سندس ٻالڪ کي نگري مرض کان بچايو هو. ان ڪري هو جڏهن به مهاشيه کي راهه ۾ ڏسندو هو، ادب وچان سامهون بيهي رهندو هو:”بوٽ کي پالش لڳائي وٺان.“ +جوتو صاف ڪرائڻ بنا موڪل ڪانه ملي سگهندي هئي. ترسڻو ئي پوندو هو. چاهي جتي به هجي- بازار، هٽ، اسڪول جي سامهون، سڀ رجسٽراري آفيس جي پپڙ جي هيٺان، واري واري سان قدرو هر هنڌ هڪ هڪ ڏينهن ويهندو هو. اتان مهاشيه لنگهندو هو ته جوتو پالش ڪرائڻو پوندو هوس. +ليڪن مهاشي پئسا ڏيندو هو. جيتوڻيڪ هن جي سڪ جي قيمت نٿي چڪائي سگهيو. ون وهاريءَ جي مرتيو کانپوءِ، جن ڏينهن مهاشيه گهر کان ٻاهر ڪونه نڪرندو هو، تن ڏينهن به گهر وڃي هن جي جوتي کي پالش ڪئي هوندائين. ڪنهن ڏينهن ڏوڪڙ مليا، ڪنهن ڏينهن نه به مليا. هيڏانهن ڪيترن سالن کان ٻڍاپي سبب قدرو لاچار ٿي پيو آهي. رجسٽري آفيس جي پپڙ کانسواءِ ٻيو ڪٿي به ڪونه وڃي، وڃي نٿو سگهي. ونيه جو دوڪان به سب رجسٽري آفيس جي ڀرسانئي آهي. سو قدرو ٺيڪ اچي پهتو آهي. جو تو به صاف ڪري ڏنائين. هينئر هن جي بيماري اڳري آهي. +قدرو جي مرڻ جو وقت ٺيڪ سمجهڻ مشڪل آهي. هو بيماريءَ کي گنجايش ئي نٿو ڏي. خبردار آدمي آهي. پر لڳي ٿو ته هن جي بيماري آهستي آهستي اتيسار جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. هاڻ ڪنهن ڏيهاڙي هن جي (موت جي) پيرن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ ايندي. +هن دفعي قدروءَ چيو آهي: ”سئي هڻو مهاشيه جي تازي ۽ تيز دوا جي سئي!“ +”سئي؟ انجيڪشن؟“ مهاشيه کليو. ”جلدي آرام وٺڻ ٿو چاهين؟“ +”ها بابا، مشقت نه ڪري سگهندس ته روٽي ڪير کارائيندو؟“ +قدروءَ جا پٽ سياڻا ٿي کيس ڇڏي ٻئي ڪنهن ماڳ هليا ويا آهن. زال مري چڪي آهي. اڪيلو سر آهي. ان ڪري محنت ته ڪرڻي ئي پوندي! +مهاشيه چيو هو: ”بهتر ٿيندو ته تون اسپتال هليو وڃ قدرو. پنهنجي صاحب کي چئي ڇڏ، بس.“ +قدروءَ جو صاحب آهي ڪشور. الائي ڪهڙي ڳالهه کان ننڍپڻ کان ئي قدرو ڪشور کي- صاحب چوندو رهيو آهي. هو به هڪ شخص آهي جو قدروءَ کي پيارو آهي، قدرو هن کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. +فوٽ بال جي مرمت وقت قدرو جي ڪشور سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي، ان وقت هاف پينٽ ۽ جرسي جو ڪپتان هوند�� هو، ٿي سگهي ٿو ان ڪري کيس صاحب چوندو هو. بعد ۾ هو کدر پوش ٿي ويو ۽ ڪشور کيس لک منع ڪئي، ڪڏهن ڪڏهن ڌمال به چاڙهي، پر قدرو کيس صاحب چوڻ نه ڇڏيو. +قدرو اسپتال وڃڻ واسطي تيار نه ٿيو: ”نه، مائي باپ، آئون اسپتال وڃي نٿو سگهان. اتي سڀ وڏا ماڻهو آهن، منڊمون دوا ٿيون پيئارين: وري ڏينهن رات کٽ داخل رهڻ ۽ انهن سڀني کان شيوا ٽهل ڪرائڻ مون جهڙي ڄمار کي سونهي ٿو؟“ +”اڙي ڀائي، انهيءَ ڪم واسطي ته هو ماڻهو مقرر ٿيل آهن. اسپتال ته سڀني واسطي آهي. روڳي ئي اسپتال جا ديوتا آهن. ان ڪري تون ڪو سنڪوچ نه ڪر.“ +”نه بابا، نه.“ +”ڇو؟ آئون چوانءِ ٿو، اهو ئي بهتر ٿيندءِ. تون جهڙي طرح نيم سنجم سان ٿو رهين، جهٽ چڱو ڀلو ٿي پوندين. روڳ ٿيڻ جي حالت ۾ ته کٽ تي پوڻ ئي ٺيڪ آهي.“ +”سو ته ڪندو آهيان. وڻ جي هيٺان تڏو وجهي پيو هوندو آهيان، ويٺي ويٺي ڪم ڪندو آهيان. ننڊ لڳندي ئي سمهي پوندو آهيان.“ +”ته پوءِ اسپتال ۾ ئي سمهه.“ +”آئون دوا جو دام ڏيندس سرڪار.“ +”پئسن جي لاءِ آئون ڪونه ٿو چوان قدرو. اتي وڃڻ سان سٺو ٿيندءِ.“ +”نه سرڪار، اسپتال جيڪو ويندو سو مرندو: آئون چوان ٿو.“ +”ڇو؟“ +”اسپتال ۾ ديو آهن، ديو. رات جو چڪر هڻندا آهن. قبرستان ۾ اسپتال آهي، قبر مان ڀوت نڪرندا آهن.“ +مهاشيه کي ياد اچي ويو. ’اُن ڏينهن شايد پرديوت وٽ به ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽرن مان ڪنهن به گوشت ڪونه کاڌو هو. ٻئي ڏينهن تي دانتو گهوشال اسپتال مان رفوچڪر ٿي ويو هو‘.... مهاشيه ڀرون تاڻيون. هڪ ڳالهه کيس ٻي به هري آئي ليڪن رهڻ ڏي. هن به هڪ ڀيرو ڀوت ڏٺو هو! اهو ڀوت مڇي کائي رهيو هو. رات جو هڪ بجي. هو بيمارن کي ڏسي موٽي رهيو هو. نوگرام ۾ داخل ٿيندي ئي چوواٽي تي، باغيچي واري تلاو جي گهاٽ جي ڀرواري وڻ جي هيٺان کڙيءَ کان چوٽيءَ تائين سفيد ڪپڙو ويڙهيل هڪ مورتي بيٺي هئي، ڪجهه کائي رهي هئي. چانڊوڪيءَ ۾ صاف ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته هٿ وات جي ڀرسان آهي. +تنهن وقت ڊپ وچان گاڏيءَ واري جو ساه سڪي ويو هو. مهاشيه کي لوڏو به نه آيو. هو گاڏيءَ مان لهي اڳتي وڌي ويو هو. ڏٺائين، ڀوت ئي آهي، مڇي کائي رهيو آهي. اها تصوير گويا اکين ۾ تري رهي آهي. خود هن ڏٺو آهي ڀوت کي! +سندس چهري تي هن دفعي هڪ عجيب کل جي ريکا نمودار ٿي. ’هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه آهي. ڀوت، پريت، برهم، دئيت، سڀ. نه آهي، ڪير ٿو چوي؟ جيڪڏهن سچ پچ اها نظر هجي ته ڏسي سگهجي ٿو.‘ +انجيڪشن سان ئي هن علاج شروع ڪيو. قدروءَ کي به سئي هنيئاين. اڄ به سئيءَ جو وارو آهي. هو اچي سهڙيوآهي. مهاشيه پڇيس: ”ڪيئن آهين؟“ +”اون هون.“ هن ڪنڌ ڌوڻي چيو. ”ٺيڪ نه آهيان. ٿورو گهڻو تپ اٿم.“ +”چڱو، هٿ ڏيکار. اڙي، تون ته ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهين. بيماري وڌي ويئي آهي. دست ته گهڻا ٿا اچئني؟“ +”نه سرڪار. دست ته ٿورو ٿو اچي.“ +”پوءِ؟ کائيندو ڇا آهين؟“ +”ڇا کاوان حضور؟ ٿورو ناريل جو پاڻي. بس. ٻيو ڪي ڪين. ڪجهه به نه“ +”پر کائڻو ته پوندءِ. بنا کاڌي ئي ائين ٿيو آهي.“ +”ڊپ سان ڪم ڪين هلندو. کائڻو پوندو. بکيو رهي ته تون مري ويندين.“ +”مرڻ کان نٿو ڊڄان بابوُ. بيماري جي تڪليف کان ٿو ڊڄان. جيڪڏهن کاڌي پيتي سان وڌي وڃي؟ پيٽ جو سور ڪٿي وڌي وڃي؟ پڇاڙيءَ ۾ ڪهڙو گند مئلي سان ڪنو ٿي مران بابا؟“ +مهاشيه اڄ به ورجايس: ”تون اسپتال هليو وڃ. تنهنجو صاحب ته اتي آهي ئي. هو چوندو ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندو ۽ جنهن قسم جو توکي مرض آهي، اهو به سهنجائي سان ٺيڪ ٿي ويندو.“ +قدرو چيو: ”اتي ئي ته هو بابو صاحب چالاڻو ڪري ويو. هيڏو وڏو بابوُ، هيڏي وڏي قسمت! ڪچي ��مار م ئي هليو ويو. هيتري دوا دوارون ٿي، هيڏا وڏا ڊاڪٽر آيا. ڇا ڪيائون حضور! ڪجهه نه. ٻئي جي ڳالهه ئي سچي نڪتي.“ +”ڪهڙي ڳالهه؟“ دردناڪ ۽ عجيب آواز ۾ مهاشيه آيو. +”حضور جواڳڪٿي ڪئي هئي ته بابوُ بچندو ڪونه، اهائي ته سچ نڪتي، ڪلڪتي مان ڊاڪٽر آيو، پر وريو ڪجهه ڪونه.“ +مهاشيه جا سمورا عضوا ڪانڊارجي ويا. ’قدرو ڇا پيو چوي!‘ چپ ڪري ويٺو، پاڻ کي روڪي ورتائين. +قدرو چوندو ويو: ”ٻي به ڳالهه آهي بابا. تنهن ڏينهن اوهان کي ٻڌايو هوم، ونيه بابوُ کي به خبر آهي، اسپتال ۾ ڀوت رهندو آهي. اتي ڪير ڪونه بچندو.“ +ونيه ٻاهر بيٺو هو، اندر هليو آيو. چي: ”قدرو ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي. تنهن ڏينهن پرديوت بابوُ وٽ ڊاڪٽرن جي مجلس هئي. گوشت رڌيو ويو هو. دريءَ کان ٻاهر ڀوت گوشت گهريو هو. ڊاڪٽر جي رسويي پنهنجي اکئين ڏٺو آهي. گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ جو اسپتال ۾ ويم ٿيو هو، ڊاڪٽر اهو ڪيس خوب بچايو! پر هوءَ ڇوڪري ڊپ وچان ذري گهٽ مرڻ تي هئي. گڻيش هن کي وٺي اتان ڀڄي آيو.“ +مهاشيه کي ڄڻڪ باهه جي چڻنگ ڇهي ويئي- بيچين ٿي پيو. ڀروُن تاڻي تکو ڳالهائيندي چيائين: ”ڀوت؟“ +ونيه چيو: ”دانتوءَ ڏٺو آهي. قبرستان مان...“ +”دانتو؟“ +”هائو. اڄ صبوح جو هن اسپتال ۾ ڏاڍو هل هلاچو ڪيو. ڪونه رهندو. ڪالهه سڄي رات هو ڊپ وچان سمهي ڪين سگهيو. +ان ڳالهه تي مهاشيه جيڪي ڪيو، اهو ونيه جي ڪلپنا کان ٻاهر هو. مهاشيه بگڙي ويو. ”دانتومرندو. اڳڪٿي ۾ مون کان ڀل ڪانه ٿي آهي. پريت؟ دانتوءَ کي وٺي وڃڻ لاءِ ئي ڀوت ڀريت درشن ڏنو آهي. اهو ڀوت دانتوءَ سان ساڻ ساڻ گهمي ٿو. ٻيو ڪير نٿو ڏسي سگهي، پر آئون ڏسان ٿو.“ +سڻندي ئي قدرو ۽ ونيه ڏندين آڱريون ڏيڻ لڳا. ونيه کي لڳو، ”مهاشيه جو مغز ته خراب ڪونه ٿي پيو آهي؟“ +مهاشيه چيو: ٻيا بيمار هجن، انهن کي سڏائي. هاڻ آئون ويندس. ستاب اڃا تائين ڇو ڪونه آيو آهي؟“ +اڄڪجهه شطرنج کڻي ستاب دوڪان ئي تي ايندوآهي. هتي ئي ڄمي ويندا آهن. خاصي محفل لڳي ويندي آهي. +* * * +ستاب ڪونه آيو، هن جي پاڙي ۾ نشي ٺڪرائڻ جي ڀائٽي مري ويئي آهي. اهائي پندرهن ورهين جي نينگري، ٻن ٻن ٻارن جي ماءُ، ويم ۾ جنهن جي بدن جو رنگ ٽيسوءَ جي گل جهڙو ٿي ويو هو. جنهن جي ناڙي ڏسي مهاشيه هن جي نشچت موت جي اڳڪٿي ڪئي هئي. آخر ۾ نشيءَ ششيءَ جو علاج ڪرايو هو. ششيءَ پنهنجي نيم طبيبي واري طريقي سان سيگهه ۾ هن کي يم لوڪ پهچائي ڇڏيو- ڀو ساگر پار ڪرائي ڇڏيو. +آخرين ٽي ڏينهن، جڏهن هن جي حالت بنهه نازل ٿي ويئي، نشيءَ ڊاڪٽر هريندر کي گهرايو هو. هن ڪيتريون سيون هنيون. قيمتي دوا ڏني. +هينئر نشي هريندر کي پاراتا ڏيئي رهي هئي. گهر موٽندي مهاشيه ستاب وٽ ويو هو. هڪ اڀو ساهه کڻي موٽي آيو. ڪالهه رات وپن سرڳواسي ٿيو، ارٿيءَ سان گڏ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ٻڍا ٻار، زالون مڙد سڻڪ جي ڪناري ڪناري ڀيڙ ڪري بيٺا هئا. مساڻن تائين جنتا ويئي هئي. سڄو ڏينهن جيون جي جوت تي هڪ ميري ڇايا ڇانئي رهي. ماڻهو ٿڪجي پيا، شوڪ غم ۾ غرق ٿي ويا. هينئر ڪو به ڪونهي. پنهنجي ڀائٽيءَ جي لاش جي ڀرسان نشي او ڇنگارو ڏيئي روئي رهي آهي، ڊاڪٽر کي گاريون ڏيئي رهي آهي. ٻه ٽي پاڙي واريون ڀرسان ويٺل آهن. ٻاهر ڪشور ۽ ٽي چار ’ڪشور پنٿي‘ جوان بيٺا آهن. لاش جا ڪانڌي اهي ئي ٿيندا. +اڄ بازار به مندي آهي. ڪجهه بتيون ٻري رهيون آهن، ڊاڪٽرن جي ’ڪوآپريٽو اسٽور‘ ۾ ٻه بتيون ٻري رهيون آهن. هڪ اندر ۽ هڪ ٻاهر. اڃا سموريون دوائون پهچي نه سگهيون آهن: ٿورو گهڻو دوڪان چالو ڪيو ويو آهي. چارو بابوُ ٻاهر ويٺو آهي. هريند�� به آهي. وپن جو ئي ذڪر هلي رهيو آهي. +مهاشيه سوچي رهيو هو نشي جي ڀائٽيءَ جي ڳالهه. ان ڏينهن جيئن ئي هن کي ڏٺو هئائين، تيئن ئي کيس پنهنجي ناڙي سکيا جو پهريون ڏينهن ياد اچي ويو. کيس به ساڻ وٺي ويو هو. اهڙي ئي هڪ روڳڻي هئي هوبهو. ساڳي عمر، اهڙي ئي ٻن ٻارن جي ماءُ: هڪ ٻار گرڀ ۾، موٽندي وقت پتا کيس رستي ۾ چيو هو: ”اهائي آهي موت جي مرض جي ناڙي! هيءَ نينگري ڪانه بچندي پٽ- ۽ هڪ علامت تو ڏٺي؟ هن جي دل انهن شين سان آهي، جن سان مرض وڌي ٿو. هن جي هٿ ۾ تيل جي وڏي پڪوڙي جو نشان ۽ ان جي بوُ هن جي نگاهه کان بچي ڪانه سگهي هئي. نشي جي ڀائٽيءَ به ان ڏينهن آچار چورائي کاڌو هو. اف، ان ڏينهن کيس ’ٻچي‘ چوڻ سان جا هوءِ کلي هئي‘ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ کيس پهريون ٻار ڄائو هو. ساڍن تيرهن ورهين جي عمر۾ هوءَ ٻئي ٻار جي ماءُ بڻي هئي ۽ پندرهن ورهين ۾ هن نينگريءَ ٽئين ٻار کي گرڀ ۾ ڌارڻ ڪيو آهي ۽ هوءِ ٻچي آهي!“ +هوءَ کلندي هئي ته هن جي ٻنهي ڳلن ۾ کڏو پئجي وينديون هيون. اونداهي رات ۾ ڇايا مورتيءَ ڪير اکين آڏو اچي بيٺي هئي. پٺ گهنڊيدار وارنسان ڀريل. هيءَ به وات ۾ ڪپڙو وجهي کلي ٿي. کلڻ سان ڳلن ۾ کڏون پون ٿيون. +منجري شايد مري ويئي آهي. وچ ۾ ايڪانت جي گهڙين ۾ ٺيڪ ساڳي ريت اچانڪ ياد تري ٿي اچي ۽ اتي ئي وري کوهجي ٿي وڃي. +اسپتال جي احاطي ۾ ڊاڪٽر پرديوت جي ورانڊي ۾ بتي ٻري رهي آهي. اڄ پرديوت چپ ويٺو آهي. شايد سوچي رهيو آهي. سڀ ڊاڪٽر سوچيندا رهندا آهن. سوچيندا آهن، ته ڪٿي ڪائي ڀل چوڪ ٿي آهي يا نه. +جيڪڏهن ڀل ٿي ويندي آهي ته پڇتاءُ ظاهر ڪري چپ ويٺو رهندو آهي. هن جو هردو هاءِ هاءِ ڪندو رهندو. جيڪڏهن ڀل ڪانه ٿي هوندي، ته ائين ئي سڀاويڪ خاموشيءَ سان ويٺو رهندو آهي. من خالي ٿي ويندو آهي. اچانڪ ان خلاءَ ۾ هوا لڳي ٿي. ٿڌو شوڪارو ڀري ڊاڪٽر سوچي ٿو. ”بيوس آهي، انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪنهن جي من ۾ بجلي جي چمڪ جهڙو سوال چمڪي ٿو. ڊيٿ! واٽ اِز ڊيٿ؟“[1] Death! What is death? +[1] موت! موت ڇا آهي؟ + + +[32] + +بستري تي ليٽندي به مهاشيه جاڳي رهيو آهي. ننڊ ڪانه آيس. من ۾ ماندگي. ننڊ به ڪانه اچي رهي آهي. وپن ۽نشي جي ڀائٽيءَ جي مرتيو هن جي من کي چلائمان ڪري وڌو آهي. دانتوءَ ڏانهن جيڪا تلخي، من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هئس، سا ڍڪجي ويئي آهي. ڀرواري بستري تي عطر سمهي پئي آهي. بغل واري دريءَ مان آسان جو ڪجهه حصو ڏيکائي ڏيئي رهيو آهي: سياري جي گهاٽي نير، نکيترن سان ڀريل آسمان جو ٿورو حصو. گوڙن جي اڻ ٿڪ اونائي ڪنن ۾ اچي رهي آهي. مهاشيه به سوچي رهيو هو: موت ڇا آهي؟ اڻ ٽر ميلاپ، هڪ سمجهه کان پري رهيسه: انهن جوابن سان ته جيءُ نٿو ڀرجي. پراڻن شاسترن جي هن ڀورن وارن واريءَ[1] جي ساکيءَ مان به سنتوک نٿو پڙپي. بيهوش پيل مرڻينگ مريض جيئرو ٿي اٿيو. اهڙن ماڻهن مان ٻه چار ڄڻا عجيب وغريب قصا ٻڌائين ٿا. ڪوئي چوي ٿو، هو ڄڻڪ هڪ لامحدود خلاءِ ۾ اڏامندو پئي ويو، موٽي آيو. عجيب آهي آڪاش لوڪ! وري ڪوئي چوي ٿو، ’هو سمنڊ ۾ ترندو پئي ويو.‘ ٻنهي جا آزمودا نرالا آهن. ان ۾ به گوناگون سوال اٿن ٿا. من نٿو ٻجهي. ڪشور جي هڪ ڳالهه ياد اچي رهي آهي. هن جيڪي چيو هو، سو عجيب نموني سندس من ۾ پوتل آهي. ڪافي ڏينهن جي ڳالهه آهي: نوگرام جي گووند پالڪ جو ڇوڪرو نسيرام. مرڻينگ حالت ۾ پيو هو. مرڻ کان پندرهن منٽ اڳ ۾ چيو هئائين: ڪيترو زور سان پگهر ڇٽي رهيو هوس! پنهنجي هيڏي لنبي وئدڪ جيون ۾ ايترو پگهر ڳاڙيندو ڪنهن کي ڪونه سنڀري. شيوا ٽهل ڪرڻ وارا عنبير ۽ سنڍ مليندي مليندي ٿڪجي پيا: عنبير ۽ سنڍ جو وزن خ��م ٿي ويو! ڌٻڻ مان جهڙي طرح پاڻي نڪرندو آهي، بدن جي رونگٽن مان پگهر نڪري رهيو هو. زندگيءَ جو چراغ هوريان هوريان اجهامي رهيو هو، پر هن کي هوش هو. اڻ ڇنڀ اکين سان مهاشيه بيٺي بيٺي ڏسي رهيو هو. نبض هئي ڪانه. ڪنهن کيس سڏ ڪيو هو: نسوُ. نسوُ، نسوُ! او نسوُ....! +ڌيري ڌيري هنجو ٻوٽيل اکيون ٿوريون کليون هيون: نظر ۾ جواب جو اسارو بکي رهيو هو. نهايت جهيڻي آواز ۾ هن چيو هو، هان؟ +”ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڏاڍو ڪشٽ ٿو ٿئيهءِ؟“ +تڪليف سان ڪنڌ ڌوڻي چيو هئائين: ”نه“ +ذرا ساعت چپ رهي اکيون بند ڪندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو.... آئون....“ +”ڇا؟“ +”ڄڻڪ ڏاڍو پري پري وڃي رهيو آهيان. توهان جون ڳالهيون چڱي ريت ٻڌي به نٿو سگهان... توهان کي ٺيڪ طرح ڏسي.... +ڪنڌ ڌوڻي هن ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ”هو چڱي طرح ڏسي نٿو سگهي. ڪوئي پردو ڪرندو پيو اچي ۽ اهو پردو ڌيري ڌيري گهاٽو ٿيندو پيو وڃي.“ +هن کان ويڪ سهڻو بيورو هن ڪڏهن ڪونه ٻڌو. +ٺيڪ اهڙي ئي وقت ڪنهن ٻاهران سڏ ڪيو: ”مهاشيه!“ +”ڪير؟“ ڀت جي سهاري اُٿي ڪري دريءَ مان ڏٺائين. لالٽين کنيو ٻه آدمي بيٺا هئا. ”ڪير آهن هي؟ ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“ +”ڪير آهي؟“ +”جي اسان آهيون. پراني ميان وٽان آيا آهيون.“ +”ڇا ٿيو آهي؟ بيبي جي مزي ۾ ته آهي؟“ +”جي نه. مصيبت آهي. لڳي ٿو ته بيبي جي زهر کائي ورتو آهي.“ +”زهر کائي ورتو آهي؟ آفت!“ هو جلدي اٿي کڙو ٿيو. ”عجب آهي! آدمي زهر به کائي ٿو، ڦاسي تي به چڙهي ٿو، ڪپڙي ۾ باهه لڳائي سڙي به مري ٿو، پاڻيءَ ۾ ڇلانگ لڳائي ٻڏي ٿو!“ +* * * +پراني ٻنهي هٿن ۾ مٿو جلهي ويٺو هو. سندس منهن خوفناڪ ٿي ويو هو. جوڻس زهريلو ٻج پيسي کاڌو آهي. مهاشيه کي ڏسندي اٿي بيٺو. هن جون اکيون به ڳاڙهيون ٿي ويئون آهن. چي: ”اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ چيو هو مهاشيه جي. مرض جو ته رڳو بهانو آهي: هيءَ عورت ئي شيطان آهي. جيئن ته مون جهڙو ٻڍو آدمي هن کي ڇهي ٿو، ان ڪري بيماريءَ جو بهانو بڻائي پيئي رهندي هئي. زهر کائي پاڻمرادو سڄي ڳالهه ٻاڦي رهي آهي.“ +ٻڌل جهنگلي پاڏي وانگر مٿو لوڏي گرجندي پرانيءَ چيو: ۽ ”هو حرامي، غلام، سامهون گڏجي ته هن جي ڳچي ڦوڙي وجهان! حراميءَ جو ٻچو به حرامي‘ ۽ هن جي والده. حرامزادي! ٻانهي! ڪڏهن هوءَ حرامزادي منهنجي...“ پرانيءَ گندا لفظ ڪڍيا. +مهاشيه چيو:”هينئر انهن ڳالهين کي رهڻ ڏي. هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ +”جهنم ۾ وڃي پوي. مري وڃي. شيطان، رنڊي. اوهان رڳو سندس منهن مان ٻڌو ته هن خود زهر کاڌو آهي ۽ هن ڪمبخت، نفر، حرامي ربانيءَ واسطي کاڌو اٿس. نه ته هيءُ شيطان مون کي ڦاسائي وجهندا.“ +پرانيءَ مٺين ۾ پنهنجا بانوار وار ڀڪوڙي، بنا ڏندن وارين مهارن سان دٻائي چيو: ”هاءِ، مون پنهنجي گهر ۾ پاڻ شيطان کي جڳهه ڏني. هاءِ! اسپتال جي ڊاڪٽر ٺيڪ ئي چيو هو.“ +هوڏانهن سندس بيبي پاڻ ئي سڀ ٻولي رهي آهي. تڪليف وچان هوءَ عجيب آواز ڪري ۽ ساڻ چئي رهي آهي: ”ڦٽل ڀاڳ منهنجو! هن ڦٽل ڀاڳ ڪري هر ڪنهن کي ڪنهن ريت قبول پئي ڪيو اٿم‘ مگر تو ربانيءَ کي ڇو رکيو؟ هن جي ماءُ کي ڇو رکيو ۽ رکيئه سو رکئيه، هن کي پوءِ هٽائي ڇو ڇڏيئيه؟“ +ڳالهه اها ئي آهي. +ڪالهه ٽئين پهر کان پرانيءَ جي بيبي الٽي ڪرڻ لڳي هئي. اول ته سڀني کي اها گرڀ جي علامت لڳي. پر لڳاتار الٽي، اُلٽيءَ سان گڏ ڪئٿي جا ٽڪرا، ڳاڙهن مرچن جون کلون: اهي سڀ نڪرڻ لڳا. تنهن تي ماڻهن کي شڪ پيو، ’بيبيءَ کي اهو سڀ ڪٿان مليا؟ ڪنهن آڻي ڏنا؟‘ +تيسين هوءَ لڳ ڀڳ مورڇت تي ويئي هئي. کوج خبر شروع ٿي. جيتامڙي جي کوج ۾ نانگ نڪري آيو: تيليءَ ��ان ٿنڀ بڻجي پيو. بيبيءَ جي خاص دائي يعني رباني جي ماءُ وڏي عزت آبرو سان ڪئٿو، ڳڙ، مرچ، لوڻ ملائي ڪري چٽڻي ٺاهي ڏيئي ويئي هئي. جهنگلي ٻير به ڏنا هئائين. اها ڪا اڄوڪي ڳالهه ڪانه هئي. ڪيترن ڏينهن کان لڳاتار اها حرڪت هلي رهي هئي. ڪڏهن بازار جي مٺائي، ته ڪڏهن پڪوڙيون ته ڪڏهن ٻيو ڪجهه. ڪجهه نه ڪجهه مڙوي ئي روز هلندو پئي آيو. آڻي پهچائيندو هو رباني ۽ پنهنجي هٿن سان کيس کارائيندي هئي سڪينه بيوه. ٻڍيءَ سڪينه (ربانيءَ جي ماءُ) شايد کيس بارڊر واري ساڙهي به آڻي ڏني هئي. اها خبر پرانيءَ کي سندس وڏي گهر واريءَ ڏني. هن پنهنجي اکئين ربانيءَ کي ساڙهي آڻي، ماءُ کي ڏيندي ڏٺو آهي ۽ ان ساڙهيءَ ۾ ”نئين بيبيءَ“ کي به ڏٺو اٿائين. +پرانيءَ جي نرگهٽ تي ڄڻڪ ڪنهن لٺ وڄائي ڪڍي. غصي وچان ڏمرجي هن وڏي بيبيءَ جو چوٽو جهليندي چيو هو: تون ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين!“ +وڏي بيبيءَ الله جو قسم کاڌو هو. هن زال جو چوٽو ڇڏي ڏنو۽ سڪينه بيوه ۽ هن ٻانهيءَ جي ٻچي ربانيءَ جي ڳولها ڪئي. پر ٻئي ماءُ پٽ فرار ٿي چڪا هئا. پرانيءَ ان ڳالهه کي وٺي وڌيڪ هل بکيڙو ڪرڻ مناسب نه ڄاتو. آسپاس جي ڳوٺن ۾ هندو-مسلمان، ٻنهي جاتين ۾ سندس دشمن ڀريل هئا. چئن پنجن سالن کان هڪ نئين زمين واسطي هنن جي وچ ۾ مقدمه بازي هلي رهي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پنهنجي ماءُ سان گڏ، ربانيءَ انهن ماڻهن مان ئي ڪنهن وٽ پناهه ورتي آهي. سو زهريلي ڏندن بغير نانگ جيئان پرانيءَ بگڙي پنهنجي نئين بيبيءَ جي خوب خبر ورتي. هوءَ بيهوش جيئان پيئي هئي. ان حالت ۾ هن جي وارن جي چڳن کان ڇڪي بار بار کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. شايد کيس ماري دم پٽي ها. پر وڏي زال کيس روڪي ورتو: ”اڙي، ميان ڇا ڪري رهيو آهين، مري ويندي. توکي ڦاسي ملندي. کيس ڪڍي ٻاهر ڪر.“ +ليڪن پرانيءَ کان طلاق به ڏنو نه ٿيو. ’هيءَ حرامزادي خوشيءَ سان ويندي ۽ ربانيءَ وٽ پهچي ويندي. اهو برداشت نه ٿي سگهندو.‘ ان ڪري هن کيس ڪمري ۾ بند ڪري رکيو هو. ”اڄ هن شام جو گهاٽ تي وڃڻ لاءِ سکا ڪئي هئي، سو وڏي بيبيءَ ڪمرو کولي ڇڏيس، تڙتي هن جي مٿان نظرداري رکي ويئي. گهاٽ جي ڀرسان ئي زهريلي ٻج جا وڻ آهن. پهريدار جي اک بچائي هوءَ ڪيترا ڦل ٽوڙي آئي هئي. الائي ڪڏهن انهن کي کائي ويئي هئي. هاڻ بيهوش ٿي پئي آهي. مري پوي ته بلاٽري. ههڙي بدچلن عورت هت جهنم رسد ٿئي، رنڊي، بدذات، حرامزادي. مهاشيه، صرف ايترو پنهنجي ڪنين ٻڌي ته هن حرامزاديءَ زهر پاڻيهي کاڌو آهي. پرانيءَ ڪجهه نٿو ڄاڻي. هو بيقصور آهي.“ +* * * +خوبصورت جوان عورت! زهر جي اثر ڪري اڌ جاڳرت اوسٿا. درد وچان آنڊن ۾ لوڇ. ساهه ڄڻڪ گهٽجي پيو. وات ۽ نڪ مان گڦ نڪري رهي آهي، ڪليجي ۾ زوردار ڇڪ، ڄڻڪ ڇاتي ڦاٽي چيرون چيرون ٿي پوندي. اڌ ٻوٽيل ٻئي اکيون، لعل: سروناش جو نشو طاري. اڌ اگهاڙي حالت ۾ پيل آهي: وارن جون چڳون ڇڙوڇڙ ڌوڙ ۾ ڀرجي ويئون آهن، چو طرف. ماڻهن جي ڌنڌاڙڻ ۽ چهنڊڙيون پائڻ سانوچ وچ ۾ کيس هوش اچي وڃي ٿو۽ سجاڳ رهي ٿي: ”هاءِ! مرڻ به مونکي نٿا ڏين. مرڻ تي به پنهنجو اختيار ڪونهي. هاءِ ڙي نصيب! هاءِ ڙي تقدير!“ +وري کلي چيائين: ”ڪونه روڪي سگهندين ميان، مون کي روڪي نه سگهندين. رباني شيخ سان ڀلي مونکي وڃڻ نه ڏج، ليڪن هينئر جنهن سان آشنائي ڪئي اٿم، ان جو هٿ تون ڪونه ڇڏائي سگهندين: نه، هر گز نه. هاءِ! مونکي ڇڏي ڏي. ذرا سمهي وٺان.“ +’هاءِ: هاءِ!‘ چوندي ٻيهر زهر جي خماريءَ کيس نستو ڪري وڌو. ڏندڻ پئجي ويس. ڪنڌ لڙڪي پئي ويس. +مهاشيه چيو: ”پراني، بيبيءَ کي تون اسپتال وٺي وڃ.“ +”اسپتال؟ جي نه. مون ته چئي ڏنو آهي ته....“ +”دماغ خراب نه ڪر. آئون تنهنجي ڀلائي جي ٿو چوان. آئون هينئر اهو مهاشيه ڪونه رهيو آهيان. جڏهن پنچايت جو پرڌان هوس، تڏهن الائي اهڙا ڪيترا معاملا منهنجي هڪم سان ميٽجي ويا هئا. هينئر اهي ڏينهن ڪونه رهيا. اڄ جڏهن تو مون کي گهرايو آهي، آئون آيوآهيان ۽ اچي هيءُ سڀ ڪجهه ڏٺو اٿم، تڏهن مون کي ئي ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻو پوندو. وري آئون ٿيس ويڄ. آئون بيمار کي جيئارڻ لاءِ ٿو اچان، بهي هن جو موت ڏسڻ لاءِ نه.“ +پراني ڪيتري دير گم سم ويٺو رهيو. ان بعد چيائين: ”گاڏي وٺي اچ ڙي حنيف! سگهو اچ. ليڪن اوهان ساڻ هلو!“ +رات جا ٻه وڄي رهيا هئا. +مهاشيه آواز ڪيو: ”ڊاڪٽر صاحب! ڊاڪٽر صاحب!“ +ڊاڪٽر ٻاهر نڪتو. ”ڪير؟“ +”آئون آهيان جيون دت.“ +”اوهان هيتري رات گذر ئي؟“ +”هڪ عورت زهر کاڌو آهي. ڪينر جو ٻج. انهيءَ کي کڻائي آيو آهيان. پراني ميان جي بيبي آهي.“ +”اجهو آيس مان. هوڏانهن نرس ڪمپائونڊر وغيره جاڳي رهيا آهن؟ انهن کي سڏيو اٿو؟“ +”ها سڏيو اٿم.“ +”بس هڪ منٽ ۾ اچان ٿو.“ +اندر وڃي هن هاف شرٽ پهري ۽ ٻاهر نڪري آيو. نڪا پڇا نڪا ڳاڇا، نه وري ڪڇيائين. اسپتال جي سامهون هريهر ڪمپائونڊر کي ڏسي پڇيائين: ”سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو؟“ +”اٽڪل پندرهن منٽ ته لڳي ئي ويندا. مون پوٽاش پرمئنگنيٽ لوشن ٿورو پيئاري ڇڏيو آهي.“ +ڊاڪٽر ڪمري جي اندر وڃي رهيو هو. پراني ٻوڪ ڦاڙيو: ”آئون هلان ٿو ڊاڪٽر صاحب. جيڪڏهن هيءَ عورت بچي پوي ته پوليس جي حوالي ڪجوس، نه بچي سگهي، ته لاش صدر موڪلي ڏيندا. اتي چيرڦاڙي جيئن سمجهندا، تيئن ڪن. سلام!“ +اچانڪ پٺتي منهن ڦيرائي وري چيائين: ”ڪاش، ان وقت مون توهان تي غصو نه ڇنڊيو هجي ها: اوهان کان ئي علاج ڪرايان ها! مهاشيه جي ته هُن زماني جو آدمي ٿيو. نبض جاچي موت جو پتو ٻڌائي سگهي ٿو. باقي هيءُ جوان سڀ ڪجهه ڪونه سمجهي سگهندو.“ هو هليو ويو. +پرديوت اندر ويو. مهاشيه چپ چاپ بيٺو رهيو. هن اڀاڳڻ کي نڌڻڪو ڇڏي وڃڻ ۾ گويا سندس پير کڄي نٿي سگهيا. هن جون ههڙيون حرڪتون هونديون، هو ائين سمجهي نٿي سگهيو. خير، ان ڳالهه کي به هو قبول ڪري ٿي سگهيو. ليڪن کيس خبر هئي؛ ٻڍي مڙس ڏانهن جوان زال جو اهڙو رخ هن جو اڻ ڄاتل ڪونهي، پر ان جي لاءِ حيرت انگيز طريقا وٺڻ جو هن انومان به نٿي ڪيو، پرانيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ لاڏ پيار کي ئي هن ان جو مکيه ڪارڻ سمجهيو هو ۽ پياري ڌيءَ جي لاڏ ڪوڏ کي پتا جنهن سنيهه جي نظر سان ڏسندو آهي،انهيءَ نظر سان ڏٺو هئائين. هن جو خيال هو، اولاد ٿيڻ تي هن جي سنيهه سان جيون جي اها کوٽ پوري ٿي ويندي‘ سو هو هن جي اولاد پيدا ڪرڻ جي شڪتيءَ کي ئي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پئي آيو. هن جون اهي ڪوششون ڪارگر به ٿيون. ليڪن اها ڪوشش- جوانيءَ کان متاثر ٿيل من جي تڙڦ سان هن ناجائز ۽ غلط طريقي سان ڪارگر ٿي سگهي ٿي، اهو ته هو سوچي به ڪونه سگهيو هو. مهاشيه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن عورت سان هو گويا سوين ممتائن جي ڳنڍين ۾ ڳنڍجي ويو آهي. ڪئين ڀيرا نير ڀريل نيڻن سان ڏانهنس تڪيندي هن عورت چيو آهي: ”سمجهي نٿي سگهان مهاشيه بابا، لڳي ٿو ته مرض هتي آهي، هتي، هتي آهي. هر هنڌ. ڪٿي به هڪ هنڌ ڪونهي. ڪهڙي بيماري اٿم، اهو به نٿي ڄاڻان. پوسراٽي آهي، درد آهي. ائين ٿو ڀاسي، بدن ۾ سگهه ڪانهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇهان ٿي ته پوسرائي ٿو.“ چوندي چوندي هن جي اکين مان لڙڪ وهندا هئا. ڪئين ڀيرا هن پڇيو آهي: ”آئون بچي ته ويندس مهاشيه بابا؟“ مهاشيه هن جي اکين ۾ ڏٺو آهي، اپا�� ڀو! +انهيءَ عورت اڄ زهر کاڌو آهي. بيحد ڳالهائڻ لڳي آهي. چيو اٿائين: ڪونه روڪي سگهندين. ميان، ڪونه روڪي سگهندين. جنهن يار جو هينئر هٿ پڪڙيو اٿم، ان جي هٿ مان مونکي ڪين ڇني سگهندين.“ +هريهر ٻاهر اچي چيو: ”مهاشيه جي، اوهان ويهندا؟“ +”ها. وهندس. پراني ته هليو ويو. مون کان وڃيو نٿو ٿئي. هن اڀاڳڻ جي آخرين دشا ڏسڻ بنا مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“ +دروازو کولي پرديوت ٻاهر آيو. ڪمپائونڊنگ روم مان الائي ڇا ٻاهر کڻي آيو. هريهر چيو: ”هي. اڃا ترسندا سر.“ +”ترسندا! ٺيڪ ته آهي. اڪيلو ٻاهر وهندا؟ اچو اندر اچو.“ +کلي ڪري مهاشيه چيو: ”ٻاهر ئي ترسان ٿو. آئون ٺيڪ ويٺو آهيان.“ +باقي رات جو آسمان ڏانهن ڏسندو ويٺو رهيو. اڀ ۾ نکيترن جي جڳهه بدلجي رهي آهي. وقت بادشاهه ڪافي کسڪي ويو آهي. وسپت گرهه جي ڏنگي پڇ جو ڇور اتي ڏيکاري ڏي پيو. ’ست ڀائرو‘ گهمي رهيو آهي. هو، هتي وسشٺ جي هيٺ اَرونڌتي: جيڪڏهن هن کي ڏسي سگهي، ته سندس عمر ڇهه مهينا ته اوس وڌي ويندي. يعني ٻيا ڇهه مهينا ته هو پڪ ئي پڪ جيئرو رهندو. اهو ته هو پنهنجي ناڙي ڏسي به بتائي سگهي ٿو. ليڪن؟ اچانڪ هن کي خيال آيو، جيڪڏهن هن عورت وانگر زهر به پيئي، ته به جيئندو؟ ناڙي ڏسي اهوته نٿو چئي سگهجي. ارونڌتيءَ کي ڏسي ئي ڇا ائين چئي سگهجي ٿو؟ لاشڪ هو زهر کائڻ وارو ڪونهي. هرگز نه. گهڻي ڀاڱي ماڻهو زهر ڪونه کائيندا آهن. ڪيترو ئي زبردست شوڪ، دک، ناڪاميابي هجي، زهر ڪونه کائيندا. موت کان ماڻهو ڏاڍو ڊڄن ٿا. شراب پي مرن ٿا، ويچار ڪري مرن ٿا، بدفعليءَ ۾ مرن ٿا. ون وهاري وانگر. نشيءَ وانگر. انهن ماڻهن سان گڏ وپن جو نالو نٿو ڳڻجي. ليڪن زهر کائي هي به نٿا مري سگهن. ان جي ذات ئي نرالي ٿيندي آهي. هن نينگريءَ جي ذات؟ استرين ۾ ئي اها ذات وڌيڪ پائي وڃي ٿي. +نارائڻ نارائڻ! هي گووند! +گنڀير ڪنٺ سان اوچتو مهاشيه پڪاريو: ”گووند پت رکي ورتي، نه ته ڀوپيءَ کي نه پائڻ سبب هوءَ به ان ريت زهر کائي مري ها. ها، هوءَ کائي سگهي ٿي. منجري انهيءَ ذات جي عورت هئي.“ +گهٻرائجي مهاشيه ورانڊي کان نڪري کلئي آسمان جي هيٺ بيهي رهيو. ”پرمانند ماڌو!“ +اسپتال جي ڊگهي ڪمري جي دروازي مان ڇڻجي روشنيءَ جو شعاع پئجي رهيو هو. بيمار سمهيا پيا آهن. ننڊاکڙي حالت ۾ ڪوئي ڪوئي پاسو ورائي رهيو آهي. آسپاس وارا ڪوارٽر شانت آهن. اوندهه ۾ ڪارا پاڇا پيا ڏسجن. قبرستان جي وچ ۾ بڙ جي پنن مان هوا جي تيزيءَ جي سبب لڳاتار يڪساهي سانءِ-سانءِ جو آواز. اوچتو پير جي هيٺ ’پَٽِ‘ جو آواز ٿيو. ”اڙي ڙي‘ ڏيڏر آهي.“ +’ڪير؟‘ اسپتال جي ورانڊي تي سفيد لباس ۾ هڪ ناري- مورتي! +مهاشيه پڇيو: ”ڪير!“ +ڌيمي آواز ۾ جواب آيو: ”مان نرس آهيان. اوهان ٻاهر بيٺا آهيو. اچي ويهو.“ +”ٺيڪ ئي آهيان. هوءَ ڪيئن آهي؟“ +”ٺيڪ ڪانهي.“ +”هي نارائڻ!“ مهاشيه گنڀير سُر ۾ وري نام جپيو. نرس ڪمري جي اندر هلي ويئي. +سندس پيرن هيٺان لتاڙجي هو ڏيڏر پچڪ ڪري مري ويو. ”عجيب آهي. هينئر هوئي موت جو قاصد بڻجي پيو. موت ڪٿي نه آهي؟ ڪنهن ۾ موت ڪونهي؟“ +”مهاشيه جي؟“ +”ڪير؟ هريهر؟“ +”جي.“ +”ڇا ٿيو؟“ +”ختم ٿي ويئي. هيتري ڪندي ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.“ +پردويت ٻاهر نڪري آيو. چي: ”مان ڪجهه نه ڪري گهيس. اوهان ڏسندا؟“ +”نه. پوءِ آئون وڃان؟“ +”چڱو!“ پرديوت اچانڪ پڇيو: ”هن جي گهر وڃي ته اوهان کيس ڏٺو هو. ناڙيءَ مان اوهان سمجهي ڪونه ويا ته هيءَ ڪانه بچندي؟“ +”مون ناڙي ڪانه جاچي هئي ڊاڪٽر صاحب.“ +”ڪانه جاچي هئي؟“ +”نه. مون ئي اسپتال لاءِ صلاح ڏني هئي. اوهان ڏسو؛ اوهان جو علاج جديد آهي. مون ناڙي ڪانه ڏٺي هئي.“ +[1] مرتيو. + + +[33] + +ان ڏينهن کان پوءِ. +مهاشيه آروگيه – نڪيتنجي ورانڊي ۾ ويٺو هو. سامهون هڪ چٺي رکي هئي. ڇپيل چٺي. سفيد ڪاغذ جي چئني ڪنڊن کان ڪارن ڪنارن سان گهيريل. وپن جي شراڌ جو نينڊ پتر. مهاشيه جي نڪرڻ کان اڳي ئي رت بابو جو آدمي رکي ويو. ڪرم يوگي، جس جي ڀاڳي سشيل وپن جو شراڌ جوڳي مريادا سان ئي ڪرڻ جڳائي. رت بابو ائين ئي ڪندو. مهاشيه ائين. ٻڌو ته رت بابو چيو آهي: ”ائين ڪرڻ بنا ڪم ڪئين هلندو؟“ پرانيءَ جي بيبيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم واسطي موڪليو ويو. اڀاڳڻ کي قبر به ڪانه نصيب ٿي. +ڪالهه سنجها ٽاڻي نوگرام ۾ هڪ شوڪ سڀا به ٿي. مهاشيه ان ۾ شامل نه ٿيو. اهڙين سڀائن – سمتين ۾ هن جو دم پيو گهُٽبو آهي. سڀا جو سنيوجڪ هو ڪشور. ميڙ ۾ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو آيا هئا. ڊاڪٽر ته سڀ حاضر هئا. وپن اسپتال کي پنج هزار رپيا دان ڏيئي ويو آهي. انهن روپين مان رت وغيره جي تپاس واسطي ڪلنڪ کولي ويندي. پنهنجي لائق ئي وپن ڪرت ڪري ويو آهي. مريضن جي خير خواهيءَ جو ڪاريه ڪري ويو آهي. جيئن بيوقتي موت جي گتي روڪي سگهجي. جنهن ۾ پيءُ کي پٽ جو شراڌ نه ڪرڻو پوي. +نوگرام جي هڪ نوجوان- جو وڪيل بڻيوآهي، تنهن پنهنجي تقرير جي سلسلي ۾ چيو: ”اسان وٽ ڊاڪٽر آيا آهن، اسپتال کلي ويئي آهي، دوا دارون به ميسر ٿي چڪو آهي، تڏهن به اسان وٽان ٽوٽڪن جي يگه جي پڄاڻي نه ٿي آهي. وپن بابو جي دان سان هينئر اهو انڌيرو دور ٿيو.“ +ڳالهه غلط به ڪانهي. اڪثر ڊاڪٽر هٿ ڏسي نه ڄاڻن، جيڪي ڄاڻن ٿا، تن کي دراصل نبض شناس چوڻ غلطي آهي. تڏهن به مٿين ڳالهه مهاشيه کي چڀي. +”نارائڻ- نارائڻ!“ هن اڀو ساهه کنيو. جيءَ ۾ ڪجهه چڀڻ لڳس. هن نوجوان جي ڊاڪٽر پرديوت سان ياراڻي ذرا گهاٽي ٿي ڏسجي. +اٺ ڏهه مريض پهچي ويا آهن. هيڏانهن وري هڪ- ٻه ڪري بيمار وڌي رهيا آهن. ان جي شروعات ان ڏينهن کان ٿي، جنهن ڏينهن کان هو ونيه جي دوڪان تي ويهڻ لڳو آهي. +ونيه وچ – وچ ۾ کلي چوندو: ”ڏسو! مليريا گهٽجي ويئي آهي. ڊي – ڊي – ٽي ڇڻڪائي مڇرن جو بڻ ناس ڪيو ويو آهي. رهن ڪٿي؟ ٽائيفائيڊ هتي گهٽ آهي. هوڏانهن اسپتال کلي ويئي آهي. اهڙين بيمارين ۾ بيمار اسپتال پهچي وڃن ٿا. چارو بابو، هريندر مکين ويٺا مارين. اوهان وٽ مريض وڌي رهيا آهن.“ +”سچ پچ وڌي رهيا آهن. ڪجهه پراڻي روڳ جا مريض وٽس اچن ٿا. هو چڱو ڀلوڪري سگهين ٿو. خصوصاً جهوني يا ڪهني مرض ۾ جڏهن ڊاڪٽر مريض کي سڃاڻي نه سگهڻ جي ڪارڻ رت جي تپاس، ايڪس ري، وغيره جي فرمائش ڪن ٿا، تڏهن مريض هيڏانهن هليا اچن ٿا. پسگردائيءَ مان وچتر روڳ کنيو مريض اچن ٿا. جن مرضن جا نالا به ديسي آهن؛ جن جي صحيح سڃاڻپ اڃا تائين نئين وگيان ۾ شامل به نه ٿي سگهي آهي. مهاشيه روڳين کي جاچي اماڻي رهيو هو ٽئين ڪلهي تي بيکه جي جهلي لٽڪائي، هٿ ۾ لٺ جهلي مري ويشڻو اچي سهڙي. +”جئه گووند. مهاشيه بابا، پائون لاڳي.“ +زمين تائين جهڪي هن پرڻام ڪيو. ننڍا ننڍا مٿي جا ڇڻيل وار، ڳل تي پلڪ. پنجاهه- سٺ ورهين جي ٻڍي مري ڪيترن ڏينهن کانپوءِ هينئر آئي آهي. ڪڏهن روز ايندي هئي. هن جي پٽ ڌيءَ، ٻنهي کي سلهه ٿي هئي. انهن جي لاءِ دوا وٺڻ ايندي هئي. تنهن کي گهڻا ڏينهن ٿي ويا. مريءَ جو ويشڻو به سلهه ۾ئي مئو؛ ليڪن کيس ڪجهه ڪونه ٿيو. ’هيترن ڏينهن کانپو هن کي به ان ئي ڪال پڪڙويو آهي ڇا؟ هيترن ڏينهن بعد؟‘ +مريءَ کي هتان جو قاعدو قانون معلوم آهي. مهاشيه به هن جي رنگ ڍنگ کان واقف آهي هينئر جيئن هن کان پڇيائين ته توکي ڇا ٿيو آهي، ته هوءِ جهٽ چوندي، ’اول سڀني کي نپٽائي وٺو، پوءِ ٻڌايان ٿي.‘ +جڏهن سڀني کي نپٽائي وٺندو، تڏهن هنجي ٻنهي پيرن تي هٿ رکي چوندي: ”بابا ڌنونتري، اوهان وٽ امرت جو ڀنڊار آهي. آئون اڀاڳڻ آهيان، پاپڻ آهيان، منهنجي ڀاڳ ۾ زهر لکيل آهي، انهيءَ زهر جي باهه کان پڄري اوهان جي لاڙي لڳي آهيان. ٻاجهه ڪريو.“ +ٻاجهه سان به هن جي باهه اجهاڻي ڪانه. ڀتار، پٽ، ڌيءُ سڀ سلهه جا شڪار ٿي ويا. +مري پٽ- ڌيءَ جي مرتيو کي ويٺي ڏٺو هو. رني ڪانه. چي: ”جنهنجو ڌن آهن، تنهن ئي کڻي ورتو؛ روئي ڪري آئون ڇا وٽينديس؟ آئون ڪانه روئنديس. ديوتا تنهنجي چرڻن ۾ منهنجي هڪڙي ئي وينتي آهي، مونکي به گهرائي وٺ. سهارو ڏي. ڏاڍي جلن آهي. پرڀو، پنهنجي پيرن جي ڇانو ۾ مونکي ٿانءُ ڏي. هڪ پاسي، ڪنڊ پاسيرو.“ +آخرين مريض کي اماڻي مهاشيه چيو: ”توکي ڇا ٿيو ڙي؟ سڏ ٿيو آهي ڇا؟ اوچتو اچي نڪتي آهين تون؟“ مري اڳتي وڌي ٺيڪ اڳي جيئان سندس پير پڪڙي چيو: ”نه بابا! مريءَ جا اهي ڀاڳ ڪٿي؟ ننڍپڻ ۾ ٻارهوئي بيمار رهندي هئس: هڪ ٻه ڀيرو ته مرڻينگ حالت ۾ پئي هئس، اجها مئس ڪي مئس واري ڪار ٿي هئي، ان ڪري ماءُ پيءُ نالو به رکيو ’مري.‘ سو سڀني روڳن جي پيڙا ننڍپڻ ۾ ئي ڀوڳي چڙهي آهيان: هينئر مري پڪي تاڙ جي وڻ جهڙي مضبوط ٿي ويئي آهي. آئون اوهان وٽ ڪاليءَ جي شيواڌارڻ اوجهاليءَ جي ڪنيا اڀيا واسطي آئي آهيان بابا! اوهان جي بيڌو مصر جي ننهن، ششانڪ جي استري؟“ +مهاشيه اڌير ٿي ويو. ’ششانڪ جي استري!‘ سڄي بدن ۾ بجلي جي لهر ڊوڙي ويس. +”هائو بابا، انهيءَ موڪليو آهي. چي، تون ذرا مهاشيه چاچا وٽ وڃ. ٻن ڏينهن جي بخار ۾ منهنجي سواميءَ جي ناڙي ڏسي....“ +”ها، ها. ليڪن ڇو، ڇا جي ڪاڻ؟“ +”ڌاڍي بيمار آهي. چيائين، کين چئج، هڪ ڀيرو مون کي ڏسي وڃن. مونکي ٻڌائي وڃن ته باقي ڪيترا ڏينهن جيئڻو اٿم؟“ +”گووند- گووند! نارايڻ- نارايڻ! ليڪن ٿيو ڇا آهي؟“ +”روڳ گهڻائي آهن. ٽيهڙ جهڙو تپ، کون کون ڪندڙ کنگهه. ڇهن مهينن کان هلندڙ آهي. اهڃاڻ سڀ انهيءَ ڪال روڳ (سلهه ) جا آهن.“ +”سلهه؟“ +”ڊاڪٽرن ته اهوئي ٻڌايو آهي. هريندر ڏٺو آهي، چارو بابو به ڏٺو آهي. اڃا تنهن ڏينهن اسپتال وارو ڊاڪٽر پرديوت به ڏسي ويو آهي. سيون به گهڻيون لڳي چڪيون آهن. ڪيترا لک پينسلن! ڪوبه لاڀ ڪونه ٿيو. کنگهه ساڳي بيٺي اٿس. تپ به ڪونه لٿو آهي. سختيءَ جي ڪابه نشاني ڍلي نه ٿي آهي.“ +مريءَ وري چيو: ”اوهان کي ته خبر آهي، ويچاريءَ جو ڀتار به هليو ويو. هن جو پتا سموري جائداد وڪڻي نقد رپين جي ٿيلهي وٺي ڌيءَ کي پاڻ وٽ وٺي ويو. اتي به مالڪياڻي وانگر رهي. ڀاءُ جي ٻارن جي سنڀال ۽ ڪالي ماتا جي پوڄا- شيوا- انهي ۾ سڀ وساري ويٺي. نيٺ پيءُ به ويندو رهيو، ماءُ ويئي، ڀائر ڌار ڌار ٿي ويا، اڀيا جنهن ڀائٽي کي پالي وڏو ڪيو هو، تنهنجي شادي ڪرائي هن سان گڏ سڀني کان الڳ رهڻ لڳي. هينئر سموري ميڙي چوندي ڀائٽي جي هٿ ۾ آهي، وٽس ڪاري ڪوڏي به ڪانهي. هينئر جڏهن ٻڌائين ته کيس اها بيماري لڳي آهي، ته ڀائٽي به کيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي، ڇا ٻڌايانوَ بابا، گاهه پال جي هڪ ڪمري کي صاف سٿرو ڪري کيس انهيءَ ۾ رکيو ويو آهي. ڪوبه ويجهو نٿو وڃيس، هن جي ساهه کڻڻ سان به بيماري وچڙي سگهي ٿي.“ +اتي مري کلڻ لڳي. کلي چيائين: ”مون سڀ ٻڌو. ٻڌي چيم، منهنجو سوامي، پٽ، ڌيءَ ٽي ئي ڄڻا ان بيمارءَ وگهي مئا آهن. آئون انهنجي بستري ڀرسان ويٺي رهندي هئس. مون کي ته ڪي ڪين ٿيو. سک. هينئر آئون ئي وٽس رهان ٿي. براهمڻ ڪنيا آهي، اناٿ آهي حياتيءَ جي آخرين ڏينهن ۾ وٽس ��هاريان. ڪالهه هن اچانڪ ئي مونکي چيو: مري، هڪوار مهاشيه جي وٽ وڃ. مونکي ته هلڻ جي سگهه به ڪانهي. ڀائٽيو بيل گاڏي به ڪونه ڏيندو. کينئي ڇڏ. هڪوار تڪليف وٺي مونکي ڏسي وڃو. ٻيو ڪجهه نه، صرف ايترو ڏسي وڃن ته باقي ڪيترا ڏيهاڙا رهجي ويا آهن.“ +* * * * +ويساک جي کيت جهڙي ڌوڙ ڀريل، سڪل، رُکي، چهري تي، اکين ۾، ڪٿي به ساوڪ جو ذرو به نشان ڪونهي. سڄي شرير تي جيئن ڪو پردو پئجي ويو آهي. ڏٻرو شرير ٽٽي ويو آهي. ڦاٽل چٿريل بستري تي پئي آهي. گهر ۾ چوطرف ٻاٽ اونداهي آهي. ششانڪ جي استريءَ کلي پڇيو: ”ذرا ڏسي ٻڌايو، منهنجي مڪتي اڃا ڪيترو پري آهي؟ ڪيستوڻي ڇوٽڪارو ملندو؟ اوهان کان سواءِ ته ٻيو ڪوئي ٻڌائي نه سگهندو.“ +سڀ ڳالهيون صاف صاف سمجهه ۾ ڪونه ويٺس. کنگهه جي ڪري نڙي گهٽجي ويئي اٿس. نڙيءَ جي نلي ڄڻڪ بند ٿي ويئي اٿس. آواز جي بگڙڻ ڪري گهٽيل گلي ۾ آواز دٻجي ويو آهي. ڦاٽل ڌمڻيءَ ۾ جيئن ڦس- ڦس جو آواز ٿيندوآهي، اهڙي ئي آواز وانگر ڳالهه نڙيءَ ۾ گم ٿيو وڃي. هن پنهنجو هٿ مهاشيه ڏانهن وڌايو. +”ڏسان ٿو. ذرا ترسي ڪري.“ +هوڏانهنس نهاريندو رهيو. مري ڀرسان بيٺي هئي. هن کي چيائين: ”ذرا دروازي کي چڱيءَ طرح پٽي ڇڏي مري.“ +کليل دروازي مان اڀيا جي چهري تي سوجهرو پوڻ لڳو. هن جي چمڪيل ڳل تي مهاشيه هٿ رکيو. اڀياس همينت (برفاني) آڪاش ڏانهن تڪيندي رهي. هن ۾ ٿڪاوٽ آهي، تڪليف جا آثار آهن، پر رنج نه آهي، ڀو نه آهي. نظر ۾ راحت سمايل آهي. +ڪافي دير تائين يڪ ٽڪ نهاريندي هن هٿ کنيو هڪ کانپوءِ ٻيو. +”باقي ڪيترا ڏينهن؟“ هٿ کي ڇڏيندي اڀيا پڇيس. +”اول سمجهي ته وٺان!“ +سوال جواب جو سموروبيورو ڄاڻي چڱيءَ طرح جاچ تپاس ڪري هڪ ڊگهو ساهه ڇڏيندي مهاشيه چيو: ”دنيا ڇا ڏاڍو ڪوڙي ٿي پيئي آهي ڌيءَ؟ برداشت نٿي ڪري سگهين؟“ +اڀيا ذرا کلي، عجيب مرڪ! اهڙي مرڪ اڀيا جهڙيون ناريون ئي مرڪي سگهن ٿيون. سڀ عورتون ائين کلي نٿيون سگهن. اڀيا چيو: ”ڪوڙو کائي ڪري ئي ته جنم گذاريو اٿم بابا. اهو ته نٿي چوان ته برداشت نٿو ٿئيم.“ +”اهو آئون ڄاڻان ٿو ڌيءَ. ائين هجي ها ته جنهن ڏينهن ششانڪ ويو هو، تون ساڳئي ڏينهن ڪجهه ڪري وجهين ها. تلاو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪانه هئي، گهر ۾ نوڙيءَ جي ڪمي ڪانه هئي، دنيا ۾ زهر جو ڏڪار ڪونه پيو آهي. انهيءَ ڪري ته چئي رهيو آهيان، اڃا به سهڻو پوندءِ. تنهنجي بيماري اڻانگي آهي. هڪ ئي وقت ڪيترا مرض چنبڙيل آهن. پر هيءُ مرتيو روڳ ڪونهي. سلهه به ڪانهي.“ +”ڪانهي؟“ اڀيا اٿي ويٺي. +”نه.“ +”سڀ ڊاڪٽر ته هڪڙي ئي ڳالهه چئي ويا!“ +”هنن ايڪس- ري ڪرائڻ جو چيو آهي نه؟“ +”جي.“ +”ايڪس –ري جي لوڙ ڪانهي. هو مرض کي پڇاڻي نه سگهيا آهن. علاج غلط ٿيو آهي. تون هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ئي چڱي ڀلي ٿي اٿندينءَ. دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڃا توکي رهڻو پوندو.“ +اڀيا سناٽي ۾ ويٺي رهي. +”آئون دوا موڪلي ٿو ڏيانءِ. نيم سنجم لاءِ ته توکي چوڻ اجايو آهي. تون نرلوڀي آهين، نيم سان رهندي آهين، اها مون کي ڄاڻ آهي.“ +اچانڪ هن جي اکين جي ٻن ڪنڊن مان لڙڪن جون ٻه لڙيون وهي نڪتيون. پاڻي ڀرجي آيو. ليڪن جهڙي طرح سان هوءَ ٽڪ ٽڪي لڳائي ٻاهر خلاءَ کي ڏسي رهي هئي، انهيءَ ريت ڏسندي رهي. +”ڌيءَ!“ +”تنهن ڏينهن پتا وانگر سنيهه سان اوهان مون کي نوتو ڏنو هو: مون...“ +”انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ پٽ! ٿورن ڏينهن ۾ ئي تون نوبني ٿي پوندينءَ. هڪ نه ٻئي ڏينهن آئون توکي ڏسي پيو ويندس.“ +اڀيا وري چيو: ”جڏهن داد ون وهاري بيمار هو، تڏهن مون ڪالي ماتا جي سکا باسي هئي، پوڄا ڪرائي هئم. من ۾ آيو هوم، پ��ڄا جو گل هن جي مستڪ سان ڇهائي وڃان، پر نه ٿي سگهيو. هو مري ويو ته منهنجي من ۾ آيو هو ته پنهنجي ڄڀ کي ڪپي ڦٽي ڪري ڇڏيان.“ +مهاشيه چيو: ”تون انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪر ڌيءَ. آدميءَ جي سراپ سان آدمي ڪونه مرندو آهي. آدمي مرندو ان ڪري آهي، ڇو ته هن جو مرڻ اڻ ٽر آهي. ها بيوقتي مرڻ ٿيندو آهي. ون وهاري به پنهنجي ڪرم ڦل ڪري بيوقتي مئو آهي.“ +ٻاهر اڀيا جو ڀائٽيو بيٺو هو. اهو، جنهن کي اڀيا گود جي پٽ سمان تاتيو نپايو هو، جنهن هن جو سڀ ڪجهه ڦٻائي کيس سلهه جي ڊپ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. هن کي ڏسي مهاشيه پڄري ويو. ترت پاڻ کي قابو ۾ رکي ورتائين. ”ويچاري جي منهن تي ڪهڙي نه اڻ تڻ آهي، ڪهڙو نه ڊپ!“ +”اوهان ڏٺس؟“ +”ڏٺم، ڊپ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ڪنوار ٺيڪ ٿي ويندي.“ +”۽ هيءُ ڊاڪٽر ته ٻڌائي ويا...“ +”سلهه! نه نه، سلهه نه آهي. ٿي سگهيئي ته ايڪس- ري ڪرائي پڪ ڪري وٺ. اهو به نه پڇيهءِ ته مهينو انتظار ڪر. پندرهن ڏينهن اندر ئي پتو پئجي ويندو.“ +چوندي چوندي مهاشيه کي خود سنڪوچ ٿيو. آواز ڪجهه ڳورو ٿي ويس، ڳالهه به ڪجهه سخت چئي ويو. +’نارائڻ نارائڻ!‘ من ئي من ۾ هن نارائڻ کي سمرڻ ڪيو. + + +[34] + +”ڏس، ونيه، دنيا ۾ موت اڻ ٽر آهي، جيڪو جنم وٺي ٿو، ان جو مرڻ لازمي آهي. موت جا رستا گهڻا آهن: هو اسٿر آهي، ڌرم سمان. ڪوئي بيماري وگهي مري ٿو، ڪوئي حادثي يا ڌڪ ۾. ڪوئي پنهنجي مرضيءَ سان مري ٿو- آپگهات ڪري. ليڪن بيماري ئي موت جي صدر دروازي جي پڪي سڻڪ آهي. بيماري ڪهڙي به هجي؛ ان ۾ موت جو اثر رهي ٿو؛ پر سڀني بيمارين وگهي ماڻهو مرندا نه آهن، پر اهي موت جي طرف ماڻهوءَ کي ٿورو وڌيڪ ڌڪين ٿيون. جيون شڪتي گهٽائي ذرا ان طرف وڌائين ٿيون. ويڄ طبيب رڳو علاج ڪري ٿو. پاڻ ڄاڻندي به هن کي جنهن جي جيئڻ جي اميد لڳي ٿي، ان کي هو مرڻ جي لاءِ نٿو چوي. مريض جي مرڻ جو شڪ پوندو اٿس ته آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو. چوندو، وڏي ڊاڪٽر کي گهرايو يا ڪوئي پنهنجو رايو صاف ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي.“ +اهي ڳالهيون ونيه جي دڪان تي ٿي رهيون هيون- هڪ ڏينهن کانپوءِ. مهاشيه، ششانڪ جي استريءَ کي ڏسي جيڪي چيو آهي،ان مان چڱي چهل پهل مچي ويئي آهي. نوگرام جي ڊاڪٽرن- هريندر، چارو بابو، پرديوت ٽنهي ڄڻن نڪ کڻي موڙيو. پرديوت چيو آهي. ”هٿ ڏسي ٻڌايو اٿس، سلهه نه آهي؟“ +اها هلچل ششيءَ مچائي آهي. هو چوندو وتي ٿو: ”شت ماري ڀويد وئديه: سهسر ماري- چڪتسڪہ.“ ٻن چئن هزار بيمارن جي جان وٺي آخر جيونمهاشيه بيمار کي بچائڻ هليو آهي. رام هريءَ کي اتيسار کان بچائي ورتائين، هاڻ ششانڪ جي استريءَ کي سلهه مان بچائيندو. راڻا پاٺڪ کي بچائيندو.“ +ششيءَ جي ها ۾ ها ملائي رهيو آهي دانتو. ونيه چيو: ”هو غريب براهمڻ ڪالهه اسپتال مان موٽي ششيءَ سان وڃي ڳنڍيو آهي. ششيءَ هن کي چيو آهي، دانتو، جڏهن جيونمهاشيه سلهه کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو تڏهن آئون تنهنجي بدهضمي ٺيڪ نه ڪري سگهندس؟ ڪئينوسنڊڪا پيئاري توکي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيندس.“ +مهاشيه ڇرڪ ڀريو: ”دانتواسپتال امان ڀڄي ويو آهي يا ڊاڪٽر کيس ڊسچارج ڪيو آهي؟“ +”زوريءَ هليو آيو آهي. اسپتال ۾ ڀوت جو شور متو هو، ٻڌو نه هوندءِ. وري مٿان ٽيون ڏينهن رات جو زهر کائي پرانيءَ جي گهر واريءَ اسپتال جي ميز تي دم ڏنو. دانتو اقرار نامي تي صحي وجهي هليو آيو آهي.“ +مهاشيه امالڪ بي دليو ٿي اٿيو. دريءَ کان ٻاهر گگن منڊل ڏانهن نهارڻ لڳو. گويا سندس من سڃي خلاءِ ۾ ڪجهه ڳولڻ لڳو. منهن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿيس. +”مهاشيه!“ ڀريل گلي سان پڪاريندو راڻا پاٺڪ اندر گهڙيو. چي، ”آئون اڳي کان بهتر آهيان. ٻن ٽن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ڪالهه ته شايد هوئي ڪونه.“ راڻا بينچ تي ويهي رهيو. اٽڪل پنج سيري مڇي ڌرتيءَ تي ڌريائين. +مهاشيه راڻا ڏانهن نهارڻ لڳو. ڏسڻ لڳو، ته هن جي شڪل ۾ ڪجهه فرق نظر اچي ٿو يا نه. راڻا چيو: ”هريندر، چارو بابو ۽ اسپتال جي ڊاڪٽر ٽنهي کي اڄ کري کري سڻائي آيو آهيان.“ +مهاشيه ڀروُن تاڻيندي پڇيس: ”ڇا چئي آيو آهين؟“ +راڻا چيو: ”ڪوآپريٽو يا فوآپريٽو، الاجي ڪهڙو شفا خانو کوليو اٿن. اتي ويهي هو ششانڪ جي وڌوا جي ۽ منهنجي بيماريءَ جو ذڪر ڪري اوهان جي گلا ڪري رهيا هئا. آئون به بيٺي بيٺي ٻڌي رهيو هوس. سو کين ڦهڪائي ڏنم. جهٽ هن نئين ڊاڪٽر ٻوڪ ڦاڙيو؛ لک حيلا هلاءِ، پر تون بچندين ڪونه. مهاشيه توکي بچائي ڪونه سگهندو. بچڻ چاهين ته ڪنهن سلهه اسپتال ۾ وڃي ڀرتي ٿيءُ. تنهن تي مون به کين کتو جواب ڏنو.“ +”تکا لفظ چيا هوندءِ؟“ +”ٻه چار ضرور چيا هوندم، پر اهڙا تکا نه. جهڙوڪ، اوهان ڪهڙي ڪهڙي ڪٺن بيماري ٺيڪ ڪئي آهي، سو چيم. هن ڪهار جي سلهه وارو قصو سڻايم، جنهن جي وات مان رت ايندو هو.“ +”نه نه. هن ڪهار کي سلهه ڪانه ٿي هئي. رت پت هو.“ +”مگر چڪرڌاريءَ ته سلهه ئي ٻڌائي هئي. چارو بابوءَ پڻ.“ +”هر هڪ آدميءَ کان ڀل ٿيندي آهي ڀاءُ.“ +”ششانڪ جي استريءَ کي به ته هنن سلهه ئي ٻڌايو هو. اوهان چيو، سلهه نه آهي.“ +”ها. منهنجي خيال ۾ ان ۾ به هنن غلطي ڪئي آهي. هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي ايڪس ري ڪن ته ترت معلوم ٿي ويندو. ناڙي شناس هجين ها ته به روڳ پڪڙي سگهن ٿا. دراصل وايو جو وڪار آهي. وڌوا آهي، ان ڪري شرير تي اڻ ڳڻيا ظلم ٿي ڪري. اوير سوير کائيندي آهي، ٽي چار مهيني ۾ ورت واريندي آهي. ليور جي خرابيءَ ڪري ئي کنگهه ٿي اٿس. مٿان اٿس پراڻو بخار. ان کي هو سمجهي ڪونه سگهيا.“ +”مون کي ته سلهه آهي. آئون اڳي کان بهتر آهيان.“ +”بهتر آهين؟“ +”ڀانيان ٿو. ٻن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ٿورو ٿورو آهي. نالي ماتر. خود به نبض ڏسڻ اچيم ٿي. نيم سان کاوان پيئان ٿو. هينئر ڪجهه چڱو لڳي ٿو. وري هن نڀاڳيءَ کان پيڇو ڇڏايو اٿم. هوءَ مري ويئي. هٿ ڏسو نه!“ راڻا آسائتو ٿي چيو. هٿ، ڇاتي سڀ جاچي مهاشيه چيو: ”ساڳي دوا هلڻ ڏي. سنجم سان رهجو. ڏس....“ +”ڇا ٿا ڀانيو؟ مون کان لڪائڻ جي ڪائي ضرورت ڪانهي. راڻا کي اوهان سڃاڻو ٿا. موت جو ڊپ ڪو ڪونهيم. پر ٺيڪ ٿي سگهان، ڪڇ ڏينهن وڌيڪ جيئي سگهان، ته ڀل ڇو نه چاهيان. جڏهن سلهه ٿي اٿم، ته سمجهان ٿو منهنجي مرڻ جو نوٽيس تعميل ٿي چڪو آهي. هينئر جيڪر ضمانت تي ڏهه ڏينهن رهڻ جي مهلت ملي ته من جي مراد پوري ڪري وٺان. اوهان بي کٽڪي ٻڌايو.“ +”اڃا ٻڌائڻ جو وقت ڪونه آيو آهي. ايترو چئي سگهان ٿو، ته خاص ڪجهه بگڙيو ڪونهي. تون هينئر پندرهن ڏينهن کان پوءِ اچج.“ +”چڱو، ائين ئي سهي، هيءَ مڇي اوهان لاءِ آندي اٿم.“ +”ان جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ مون وٽ ڪير کائيندو؟“ +”راهه ۾ ملي ويئي. کڻي آيس. اِڇا ٿي. نديءَ ۾ مهاڻا ڦاسائي رهيا هئا. نديءَ تي پنهنجو راڄ آهي. مال گذاري وصول ٿيندي آهي. بهي ڪري ڏٺم، ڪافي مڇي آهي، ٻه اڍائي مڻ. هيءَ مڇي وڻي ويئي اوهان ياد آيا. کڻي آياس. گهر کڻي وڃو، ونيه وغيره کي ڏجو. پاڙي ۾ ورهايو. مون کي آسيس ڏيو. جيئڻ مرڻ جيڪي به ٿئي، سگهو ئي نبيرو ٿي وڃي. وڌيڪ ڀوڳڻو نه پوي. چڱو آئون هلان ٿو.“ +مهاشيه سوچيو، ’راڻا آسائتو آهي. ڪمال جو آدمي آهي! ڪوبه ڊپ نه اٿس، پر هو بچندو ڪونه.‘ +ونيه چيو: ”ته رات اوهان وٽ ئي دعوت رهي. ٻيو سامان گهرائي مڇيءَ سميت عطر ڀاڀي��َ کي موڪلي ڏيان؟“ +مهاشيه کلي چيو: ”موڪلي ڏي.“ ونيه هليو ويو. +مهاشيه گهر ۾ اڪيلو پنهنجي ناڙي ڏسي رهيو هو. اڄڪلهه اهائي عادت اٿس. جيڪڏهن موت جي پيرن جي آهٽ ٻڌي سگهي! اهائي ڪامنا من ۾ ڀريل ٿيندي ٿي وڃيس. موت کي هو سڀني حواسن سان پڌرو ڪندو. سجاڳ رهندو. هن جي پيرن جي آهٽ، هن جو روپ، آواز، سواد سڀ ڪجهه ظاهر ڪندو. روپ هوندو ته ان کي ڏسندو، آواز کي سڻندو، ڇهاءُ هوندو ته محسوس ڪندو ۽ ممڪن آهي ته هو ٻڌائي به ويندو. +پر هوءَ ڪير آهي؟ عطر ۽ منجري آهي؟ تڏهن ڀلا ڪير آهي؟ ڪير؟ +* * * * +هڪ جوان عورت سندس ڪمري ۾ داخل ٿي. اچرج وچان هو کيس ڏسندو رهيو. وڏيون موڪريون اکيون، ماٺيڻي نگاهه، ٽڙندڙ مهانڊو، گورو رنگ، ڄمار ويهه ٻاويهه ورهيه، سفيد بلائوز، بارڊر واري سفيد ساڙهي، ڳچيءَ ۾ هار چمڪي رهيو آهي، ٻئي ڪرايون ڳهڻن کان خالي، کاٻي هٿ ۾ ڪاري پٽي واري رسٽ واچ. انگ انگ ۾ خوشيءَ جي مهڪ! ڏسندي ئي اکيون کپي ويس. +سندريءَ چيو: ”مان هتي نرس بڻجي آئي آهيان- اوهان جو نالو ٻڌو اٿم. اسپتال جي سامهون ايندي ويندي ڏسندي آهيان. اوهان سان ڳالهائڻ لاءِ من ڏاڍو چاهيندو آهي. بازار وئي هئس، ڏٺم ته اوهان اڪيلا ويٺا آهيو.“ +”ويهه، ڌيءَ ويهه. ڳالهيون ڪرڻ آئي آهين ته بيهڻ سان ڪم ڪيئن هلندو؟ مون جهڙي ٻڍي کان سنڪوچ به ڪهڙو؟ ويهه، تنهن ڏينهن رات جو اسپتال جي ورانڊي ۾ تون بيٺي هئينءَ؟“ +”اوهان کي مون ڏٺو هو.“ +”مون کي؟“ +”اوهان جي باري ۾ ڪيترا قصا ٻڌا اٿم.“ +”ڪنهن کان؟“ +”پنهنجي ماءُ کان.“ منهنجي ماءُ ۽ مون کي اوهان بچايو هو. تڏهن مان ننڍڙي هيس. منهنجو جنم اوهان جيئي ڳوٺ ۾ ٿيو آهي.“ +”تون ڌيءَ، ڪير آهين؟ آئون ته.... مهاشيه جي اچرج جي حد نه رهي.“ +”اوهان ڀلا ڪيئن سڃاڻندا؟ منهنجو نانو هتي نوڪري ڪندو هو. اوهان کي ڪيئن ياد رهندو؟ ڪيترن کي اوهان بچايو هوندو، سڀ ياد اٿو؟ پر جيڪي اوهان جي شفا سان بچي ويا آهن. تن کي ضرور ياد آهي.“ +”ياد آهي؟“ جيون مهاشيه کليو. +”مون کي ته آهي. مان ته هڪ ڪري مري چڪي هيس، اما چوندي آهي. ان ڪري مان اسپتال ۾ انهن سڀني سان وڙهندي آهيان، جيڪي چوندا آهن. اوهان ڊاڪٽري پاس نه ڪئي آهي. ڪوڙا آهيو!“ +مهاشيه کلڻ لڳو. +”مان چوندي آهيان، نه- ائين ڪورو هو نه آهي. اما کان ٻڌو آهي، اوهان مهاشيه آهيو. يعني مهاشيه ونش مان آهيو.“ +اچرج وچان مهاشيه پڇيو: ”تنهنجي ماءُ! ڪير؟“ +هوءَ چپ رهي. ذرا ساعت رکي چيائين: ”ڪنهن ڏينهن اچي سڀ ٻڌائي وينديس.“ +هن جهڪي مهاشيه جا پير ڇهي پرڻام ڪيو. مهاشيه ذرا چڪرائجي ويو. +”مون کي پرڻام ڪري رهي آهين؟ پر آئون ته ڪائسٿ آهيان. تون برهامڻ يا وئش ته ڪونه آهين؟“ +”نه. ۽ جيڪڏهن هجان ته ڇا ٿيو. اوهان مهاشيه آهيو!“ +”خاڪ مهاشيه! مهاشيائي هاڻي پوري ٿي چڪي!“ ليڪن اچرج آهي، دنيا ۾ اڃا به ههڙي شڪرگذاري ٿيندي آهي! الاجي ڪڏهن ڪهڙي زماني ۾، يادگيري جي حد کان ٻاهر ڪنهن بيماريءَ کان هن کي ڇٽايو هوندم تنهن لاءِ ههڙي شڪر گذاري! مهاشيه سوچيندو رهيو. +”چڱو، هينئر مان موڪل وٺان ٿي.“ +مهاشيه سچيت ٿي ويو. چي: ”تنهنجي واقفيت ته ڪانه ملي. پر نالو؟“ +”سيتا.“ +”سيتا؟“ هوءَ پير پير ۾ هتان هلي ويئي. +”مهاشيه!“ قدرو اچي بهي رهيو، ”آئون هاڻ بهتر آهيان، دوا کپي.“ + + +[35] + +ڪيترن مهينن کان پوءِ، چيٽ جو مهينو. گرمي سخت پئجي رهي آهي. ٽئين پهر اَروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ مهاشيه ستاب سان شطرنج کيلي رهيو آهي. مهاشيه کلي پيو. +”راند ۾ من نٿو لڳئي. اڄڪلهه ٿي ڇا ويو اٿئي؟ وري وري نبض پيو جاچين. کاٻي هٿ ۾ ساڄي هٿ جي نبض ٿامي ويٺو ٿو رهين!“ ستاب اچانڪ ٿڪجي چيو، ”جيون!“ +مهاشيه کلي چيو: ”اڙي يار، ڪجهه ڪونهي. ڪجهه ڪونهي پر هاڻ ڪجهه اُڄهي نٿو. ان ڪري نبض ڏسندو ٿو رهان. پر نبض مان ڪجهه پتو نٿو پوي.“ +ٿڌو شوڪارو ڀري ستاب به اداس ٿي ويو. شطرنج جي سارين سجائڻ مان هينئر کيس به مزو نٿي آيو. +ايتري ۾ اندران سيتا نڪتي. اهائي نرس. چانهه جا ٻه ڪٽورا ٻنهي هٿن ۾ کڻي اچي هيٺ رکيائين. چي: ”دادا! مان هينئر هلان ٿي. اڄ شام جي ڊيوٽي آهي.“ +”چڱو پٽ، وڃ.“ مهاشيه پاٻوهه وچان هنجي پٺي ٺپرنيدي چيو، ”سڀان ڪنهن مهل ايندينءَ؟“ +”صبوح جو وهنجي سهنجي مٺي ننڊ ڪري پوءِ.“ +”هل، ونيه وٽان ٿيندو قدروءَ کي ڏسندو اچان.“ سيتا هلي ويئي. ڪنڌ ڌوڻي اتساهت ٿي ستاب چيو: ”هن قدروءَ کي بچائي اسپتال جي ڊاڪٽر، ته ڪمال ڪيو!“ +”بيشڪ! ڪير سوچي به نٿي سگهيو ته آپريسن سان ڊاڪٽر کيس موت جي منهن مان ڪڍي وٺندو. چارو بابوُ، هريندر ڪنهن به اها ڪلپنا نٿي ڪئي. چارو بابوءَ ته ائين چيو هو، هن ٻڍي تي نشتر هلائي مشق پچائي وٺون. اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا جو به هتي آپريشن ٿي سگهندو آهي؟ ٿي ڇو نه ٿو سگهي. سڀ ٿيندو آهي، رڳو ساهس گهرجي ۽ پرديوت ۾ اهو آهي.“ +قدروءَ کي اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا ٿي هئي. اول ته هو پيٽ جو سور سمجهي گهر ۾ پيو رهيو. ڪشور کي سڻس پئي ته هن يڪدم زوريءَ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. آپريشن نه ٿئي ها ته هو مري وڃي ها. ان ڪري پرديوت ڪنهن جي ڪانه ٻڌي. آپريشن ڪيائين قدرو بچي ويو. آهستي آهستي هو تندرست ٿيو. +مهاشيه هر روز هڪ ڀيرو ڏسي ويندو اٿس. پرديوت سان به اڪثر ملاقات ٿي ويندي اٿس. کلي نمستي ڪري چوندو،”اوهان جو قدرو ٺيڪ آهي.“ هڪ ڏينهن چيائين، ”اوهان هڪوار هن جي نبض جاچي کيس ٻڌايو ته هو چڱو ڀلو آهي. نه ته هو يقين ئي نٿو ڪري. اهڙو مريض به قسمت سان ملندو آهي.“ +ستاب وري ڳوٽيون سنوارڻ شروع ڪيون. چي، ”پر هن ڇوڪريءَ سان تون اجايو پاڻ کي اڙائي رهيو آهين.“ ستاب سيتا جي باري ۾ چيو. هن سان مهاشيه ڪٽنب جي انهن ٿورن مهينن ۾ ئي چڱي گهرائپ ٿي ويئي هئي. مطلب ته نه رڳو مهاشيه سان، مهاشيه جي گهر واريءَ سان پڻ. +مهاشيه کلي چيو: ”ان ۾ ڪوانسان جو وس هلندو آهي، ستاب؟ آئون دانتوءَ جي شڪايت ڪندو هوس. لڀو ۽ لوڀ. ڏسان ٿو، ته هيءَ به مايا آهي. مايا جي موهه کي ڇڏڻ جو ڪوئي اپاو ڪونهي. ڇڏڻ لاءِ سوچيو، ته هيانءُ پيو هڄندو. ڳنڍ تهائين وڌيڪ پختي ٿئي ٿي.“ +اداس اکين سان مهاشيه اُڀ جي نيراڻ ڏانهن نهاريندو رهيو ستاب بت بڻجي ويٺو رهيو. هيتري گهرائپ ستاب کي به نٿي آئڙي. هن ڇوڪريءَ سان جيون ڄڻڪ سوين ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي ويو هو. جيون جيڪڏهن جوان هجي ها، جوان نه- رڳو ڪڙوڍ هجي ها ۽ ”مهاشيه“ نه هجي ها، ته ماڻهو کيس بدنام ڪن ها. تڏهن به لوڪ آهي ٻوڪ! پڇن ٿا، ”نيٺ به هن ڇوريءَ سان مهاشيه جو ڪهڙو لاڳاپو آهي؟“ اهو سوال ستاب کان ماڻهو ڇڪيندا هئا. مهاشيه کي بچائڻ جي نيت سان ستاب جواب ڏيندو هو، ڀاءُ ايترو به نٿا سمجهو؟ +”پٽ- ڌيءَ، ڏوهٽا- پوٽا سڀني جو ساٿ ڇڏي ڏنو، ته هيءَ اچي مٿان ٽپڪي، هنن به کيس پنهنجو بڻائي ڇڏيو.“ پر ماڻهو ٻڌن ڇو ٿا! چوڻ لڳا، ”هن نرس ٻرس جي ذات پات جو به ڪو ٺڪاڻو!“ ستاب چوندو: ”اهي سڀ ادا پراڻي زماني جون ڳالهيون آهن، اڄوڪو زمانو بدليل آهي. جيون جي گهر واري به هن ڇوڪريءَ کي پيار ڪندي آهي. عطر جو پيار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. هوءَ روز وٽن ايندي آهي. ڪتاب پڙهي عطر کي ٻڌائيندي آهي. عطر جا ڏک سور ٻڌندي آهي.“ انهن سڀني ڳالهين هوندي به ستاب سمجهي ٿوته ڇوڪري ڏاڍي سياڻي آهي. ٻڍي- جوڙي جي سڃي جيون جو لاڀ وٺي هوءَ هنن کي ڏهي رهي آهي. رپيا پئسا به کانئن ڇڏائي ٿي. هيءَ پاڻ به... گهٽ ۾ گهٽ جيون کيس ڏي ٿو. +جيوت جي آخرين ڏيهارن ۾ جيون مهاشيه جو چئجي ته ڀاڳ وري آيو. نام گام به ڄڻ موٽي آيس. ان دور جي شروعات رام هريءَ جي علاج سان ٿي، ان کانپوءِ ششانڪ جي وڌوا جي بيماريءَ ۾سندس علاج کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويا. ڊاڪٽر سلهه ٻڌائي هئي. جيون مهاشيه دعويٰ سان چيو هو: ’ته سلهه ڪانهي. آئون هن کي هڪ ئي مهيني ۾ نروڳ ڪري ڏيکاريندس.‘ هن جي ڳالهه اکر به اکر درست نڪتي. ڏيڍ مهيني ۾ ئي ششانڪ جي استري شفاياب ٿي ويئي. ان علاج ۾ جيڪا لگن، جيڪا دلچسپي مهاشيه جيون ورتي، لاثاني آهي. پنهنجي هٿن سان دوا تيار ڪئي. هڪ نه ٻئي ڏينهن ٻه ميل پيدل رستو لتاڙي ان ٽٽل ڦٽل جهوپڙيءَ جي سامهون بيهي ساجهر جوئي پڪاريندو: ”ڌيءَ!“ +مري ويشنوي ته ڄڻڪ سندس اوسيڙي ۾ ويٺي هوندي هئي. کلندي کيڪاريندي: ”اچو.“ +”ڌيءَ جاڳي آهي؟“ +”جي ها، اسرکان ئي راهه تڪي رهي آهي. پوڄا پاٺ ٿي چڪو آهي.“ +بنا ڪناريءَ واري سفيد ساڙهي پهري ڏٻري- سنهڙي گوري- گوري بيمار عورت گهونگهٽ کي ٿورو سرڪائي مشڪدنڙ منهن سان سندس سواگت ڪندي: ”اوهان اچڻ جي تڪليف ڇو ورتي؟ دوا موڪلي ڏيڻ سان ئي ته ڪم هلي وڃي ها. آئون هاڻي چاڪ آهيان“ +”ضرور چاڪ رهندينءَ. تنهنجي بيماري ڪجهه پيچيدي ضرور ٿي ويئي، پر ڪٺن ڪانهي. وري تو ۾ سهڻ جي به اپار شڪتي آهي. ان ڪري تن جي ڀيٽ ۾ تنهنجو من وڌيڪ صحتمند آهي. ناڙي ڏسڻي آهي، ان ڪري ئي اچي ويس.“ +هوءَ لڄي ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چوندي ”مون کي بچائڻ لاءِ اوهان ايتري ڪوشش ڇو ٿا وٺو؟ مونکي شرمندو ٿيڻو ٿو پوي. منهنجي زندگي ختم ٿيڻ جي ڪانهي. نيٺ به هيتري پيڙا ڪير سهي سگهندي؟“ +مهاشيه چيو هو: دنيا سک دک جي آهي. جيترو سک آهي، اوترو ئي دک آهي. اهو ئي سهڻ ڪاڻ جنم ٿيندو آهي.“ +هن لکي چيو هو: ”ٺيڪ آهي بابا، جيترو ڪوڙو اوترو مٺو. نه اوڳاڙي سگهجي، نه ڳرڪائي.“ +”تون به بجا ٿي چوين. مون کي ئي ڏس. جيڪي به هجي، دنيا ۾ مرڻ جي چاهنا نه ڪجي- ۽ موت جي ڊپ کان دنيا کي چنبڙي روئڻ به نه گهرجي. ٻئي پاپ آهن.“ +”انهيءَ پاپ جي ڊپ کان ته. نه ته...“ +هڪ ڏينهن مهاشيه چيو هو: ”پاپ ته نه، انياءُ تون ضرور ڪجهه ڪرين ٿي. مون تي ڏمر نه ڪج.“ +هوءَ ڇرڪي ويئي هئي! ”ڪهڙو انياءُ بابا؟“ +”ڌيءَ، هيءَ جيڪا آتما آهي، جنهن تي منش جو سارو دارومدار آهي، سا دراصل ديهه جي آسري آهي. جيڪر ديهه نه هجي ته هوءِ بي پناهه، بي سهاري ٿي پوي، ان جو ڪجهه به باقي نه رهي. تون انهيءَ ديهه جي سنڀال نٿي ڪرين. جنهن مندر ۾ ديوتا رهن ٿا، جيڪڏهن ان جي گهٽائي ڪئي وڃي، ته ان ۾ ديوتا ڪيئن رهي سگهندا؟ سرير کي ڏک ڏيئي وقت کان اڳي ئي وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ به هڪ قسم جو آپگهات آهي. ان جي ٿوري حفاظت ڪرڻي پوندءِ.“ +ششانڪ جي استري ان ڳالهه جي رکيا ڪئي- يعني پيروي ڪئي. +وقتي مهاشيه صبوح جو نه وڃي سگهندو هو، ته نٽهڻ اُس کي به برداشت ڪري اتي پهچندو هو. +نيٺ هوءَ چڱي ڀلي ٿي. وري پنهنجي ڀائٽي سان کير کنڊ ٿي وئي. البت گهر نيڻ کان اڳي هن جي ڀائٽي شهر مان هن جو ايڪسري ڪرائي خاطري ڪئي هئي. جيون مهاشيه جيڪي چيو هو، ايڪس – ري ۾ به اهوئي ثابت ٿيو. اڄڪلهه به ’مري‘ بکيا جي جهولي کڻي ’جئه گوبند‘ ڪندي وٽن ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي. جهوليءَ مان مٺايون ڪڍي ڏيندي آهي؛ ”اڀيا پرساد موڪليو اهي.“ +مهاشيه جو ٻيو چوڻ به صحيح نڪتو آهي. دانتو گهوشال مري ويو. ڀوت جي ڀو کان هو زبردسي اسپتال مان ڀڄي ويو هو. اچي ويو ششي جي چڪر ۾ ٻن چئن ڏينهن ۾ ئي وپن جو ڌوم ڌام سان شراڌ ٿيو هو.ان ۾ ڌانتوءَ به کاڌو، غضب جو کاڌائين! +پيو بيمار! +هن جو آخرين علاج وري به مهاشيه جيون ئي ڪيو. ڌانتوءَ ٻئي ڪنهن کي گهرايو به ڪونه. کيس ئي گهرايو هئائين. ششي ڪوٺڻ آيوهوس. +مهاشيه جا ٻئي هٿ جهلي دانتو رنو هو. +مهاشيه چيو هو: ”آئون ڇا ٿو ڪري سگهان دانتو! ٻيو ڪير به ڇا ٿو ڪري سگهي. شراڌ جو ڀوڳ کائڻ جي لالچ ۾ تون اسپتال مان ڀڄي آئين؟“ +دانتوءَ انڪار ڪيو: ”گروءَ جو سنهن مهاشيه، ايشور جو سوڳنڌ.“ +”ڀوت جي ڊپ کان ڀڳو هوس، سو به اسپتال جي ڊاڪٽر وٽان....“ +”دانتو!“ مهاشيه دٻ چاڙهيندي چيس:”دانتو!“ +دانتو ترت چپ ٿي ويو هو. مهاشيه چيو: ”سو تون هوئين! ڊاڪٽر جي دريءَ ڀرسان ڀوت بڻجي گوشت توئي گهريو هو! مون کي سڀ معلوم آهي. پر اهو قصو تنهنجو ڪونهي. لوڀ تنهنجو دشمن بڻجي ويٺو آهي. تون نٿو ڇڏي سگهين: هرگز نه. آئون تنهنجي اتهاس کان واقف آهيان. ان ڪري ئي مون توکي ويساهه سان چيو ته لوڀ توکي غرق ڪندو. اسپتال جا ڊاڪٽر تنهنجي رام ڪهاڻيءَ کي ڪونه ڄاڻندا آهن، شايد مون وانگر هو ان تي ويساهه به نه ڪن، ان ڪري توکي بچائڻ لاءِ چيو هوم.“ +دانتو سڏڪا ڀري رنو هو. مهاشيه چيو هو، ”خير ڊڄڻ ڇا جو آهي؟ مرڻو ته هڪ ڏينهن سڀ کي آهي. آئون به مرندس. منش جنم وٺي ٿو، ان مان ڇا ٿيو، هن جي نصيب ۾ سک ڪيترو آهي، دک ڪيترو آهي، ڪوئي چئي نٿو سگهي، سڀ ڪجهه اڻ ڄاتل آهي، هڪ ئي ڳالهه يقيني آهي، اها هيءَ ته هن کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي. تنهنجي عمر به ته ڪا گهٽ ڪانهي. ڌيرج رک، ڀڳوان جو نالو وٺ. موت کان جيترو ڊڄندين، اوترو ئي روئڻوپوندءِ. ڊڄ نه، پوءِ ڄاڻ پوندءِ ته موت ئي تنهنجو اصلي سک آهي. آخر هن ويل ڳريل سرير کي رکي وٽيندس به ڇا؟ ان کي هاڻ بدلي ڇڏ، بدلي ڇڏ.“ +ڳچ دير روئڻ بعد دانتوءَ چيو هو: هن دفعي مونکي بچائي وٺو، هاڻ آئون لوڀ وچان هيئن مور نه کائيندس. هرگز نه.“ +مهاشيه کليو هو. چيوهئائين: ”ڪوشش ته ضرور ڪندس. پر کولي چوڻ ٺيڪ آهي، تنهنجي سرير ۾ هاڻي ڪجهه ڪونه رهيو آهي. نبض بتائي رهي آهي.“ +ڇي، ڇي، ڇي! ڇي، ڇي، ڇي! +وچ۾ ئي دانتو رڙ ڪئي. هن جي موت وقت به مهاشيه حاضر هو. پڇاڙيءَ دم سوڌو کيس هوش هو، هو صرف روئندو رهيو هو. اکين مان لڙڪ زارو زار وهي رهيا هئا. مهاشيه هڪوار پڇيو هوس. ”توکي ٿي ڇا رهيو آهي؟“ +ڪنڌ ڌوڻي هن وراڻيو هو. ”پتو ناهي. ڊپ لڳي ٿو. اها ئي پراڻي وقت جي ڳالهه، آدي ڪال جي پاڻي ڳالهه. مها ڀو! مها انڌڪار! مها شونيه! سنسار! ويراني! ساهه کڻڻ لاءِ هوا ڪانهي. بيهڻ جي لاءِ جاءِ ڪانهي. ڪجهه به ڪونهي. ڪوئي ڪونهي: آئون به ڪونه آهيان.“ +ذرا ساعت لاءِ مهاشيه کي به ڄڻڪ هن جي ڇوت لڳي ويئي هئي. گنڀير آواز ۾ هن به چلايو: ”هي پرمانند ماڌو!“ مهاشيه سان گڏ ستاب هو. هن جو به دانتو، ننڍپڻ جو چٽوڙي يار هو. هو کيس ڏسڻ آيو هو. ستاب مهاشيه جو هٿ سوگهو جهلي ورتو هو. +تڏهانڪر جيوت جا باقي ڏيهاڙا مزي ۾ گذري رهيا آهن. ڪمائي به وڌي ويئي آهي. ستاب جو خيال آهي، انهن ڳالهين ڪري ئي سيتا مهاشيه کي چنبڙي پئي آهي: بڙ جي ول جيئان پکڙجي ويئي آهي، ان جو رس ڪڍي رهي آهي. ستاب ان ڪري ماندو رهي ٿو. هو چوندو آهي، اڄ به چيائين: ”وري ه آئون چوندس جيون، تنهنجي هيءَ حرڪت ماڻهن کي نٿي وڻي. الائي ڪهڙي خاندان جي، ڪٿان جي ڇوڪري ۽ ڪٿي تنهنجو مهاشيه ونش!“ +مهاشيه کلي وراڻيو: ”مهاشيه ونش جي حالت به هن ڇوڪريءَ جهڙي ئي آهي. فرق ڪهڙو آهي ٻڌاءِ؟ �� ....“ ڪجهه ٻيو به مهاشيه چوڻ پئي چاهيو، اوچتو رڪجي پيو. +رڪجي سندس گلو ڀرجي آيو: ڪير روئي پيو نه ستاب؟ +”روئي رهيو آهي؟ ها. ڪنهن جي طبيعت خراب هئي؟ ها، روئي ته رهيو آهي!“ +مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. چي: ”شطرنج کڻي ڇڏ. ذرا ڏسي اچان.“ +ٻڍو ستاب انهن معاملن ۾ لاغرض ٿي پيو هو. هن چيو: ”الائي ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“ هن حقو سنڀاليو. +”سايد موتي لوهار جي گهر ڪنهن کي ڪجهه ٿيو آهي. هن جي ماءُ جي بيماري کانپوءِ رڳو هوئي مونکي نٿا گهرائين. ڳالهه ڳالهه ۾ اسپتال. ٻئي ڪنهن وٽ ڪجهه ٿيو هجي ها ته هو مون کي خبر ڪن ٿا.“ +ان لاءِ مهاشيه کي افسوس ڪونهي. موتيءَ تي هن کي ڪائي ڪاوڙ ڪانهي. کيس سڌآهي، کانئس وڌيڪ ٻيو ڪير به ان ڳالهه کي نٿو ڄاڻي ته اهي ماڻهو جيڪي مهاشيه کي نٿا گهرائين سي اوشاس جي ڪري نه، بلڪ لڄ وچان نٿا گهرائين. موتيءَ ماءُ اڳڪٿيءَ کي ڪوڙ بڻائي جيئري رهي، انهيءَ لڄ وچان هو کيس نٿا گهرائي سگهن. موتي خود سندس سامهون نٿو اچي، ڪترائي نڪري ويندو آهي. پر ڳالهه ڪهڙي ٿي آهي؟“ +تڪڙ تڪڙ ۾ پير ۾ جتي پائي مهاشيه نڪري پيو. ٿورو پريان وڃي بيهي رهيو: ”موتيءَ جي ماءُ ئي ته ڪانه موڪلائي ويئي؟ نه....“ +روئڻ پٽڻ ته موتي وٽ ئي ٿي رهيو هو. پر سڀني جي آواز جي مٿان موتيءَ جي ماءُ جي چيخ! ”هي ڀڳوان، هيءُ ڇا ٿيو؟ آئون توکي نٿي ڇڏي سگهان: منهنجي پوٽي کي بچائي وٺ، نه ته تو مون کي ڇو بچائي ورتو؟“ مهاشيه تيزيءَ سان وک وڌائيندو هنن جي مڪان وٽ پهتو. +ٺيڪ انهيءَ کن اسپتال جو ڊاڪٽر وٽانئن ٻاهر نڪتو. مهاشيه سان اکيون چار ٿيس. پٺيان چرين وانگر نڪتي موتيءَ ماءُ. منڊ ڪائيندي ڊوڙندي ڊاڪٽر جي سامهون اچي بيٺي. پيرن تي پڇاڙ کائي ڪري پئي. لاچار ڊاڪٽر کي ترسڻو پيو. چي: ”ڇڏ، وڃڻ ڏي.“ +موتيءَ ماءُ چلايو: ”تون مون کي ماري وڃ. زهر ڏيئي وڃ. مرڻ جي دوا ڏي.“ +مهاشيه جيون گنڀير آواز ۾ چيو: ”موتيءَ ماءُ! ڏانهنس ڏسي موتيءَ ماءُ نئين سرورلاپ شروع ڪيا. پر ساڳئي گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”اٿ، چپ ڪر. هر ڪنهن ڳالهه جي حد ٿيندي آهي، مگر ٿيو ڇا آهي؟ ڪنهن جي طبيعت خراب هئي؟“ +موتيءَ ماءُ چلائي ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي. مهاشيه چيو: ”ان طرح نه، ائين نه. ڌيرج رک، ڌيرج سان ٻڌاءِ.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر ٻوليو:”موتيءَ جو وڏو پٽ مري ويو! ”هاءِ ڇي! ڇي!“ مهاشيه جي مک مان نڪري ويو: ”ٻارهن تيرهن سالن جو ڇوڪر. پٿر جهڙو ٺهيل هو، ههڙو مضبوط! هنکي ڇا ٿيو هو؟“ +”شايد ميلنگنيٽ مليريا. رڳوٻن ڏينهن جو تپ. هارٽ فيل ٿي ويو:“ ڊاڪٽر ٻڌائي رهيو هو، پر موتيءَ ماءُ وچ ۾ئي پار ڪڍندي چيو: ”اڙي منهنجا سونا! منهنجا راجا پٽ!“ +ڇاتي پٽڻ لڳي، مٿو ڪٽڻ لڳي: ”تو مون کي ڇو بچايو، مون کي ڇو بچايو؟“ +ڊاڪٽر جيب الجهن ۾ پئجي ويو. هوڏانهن هن جي سائيڪل جي هوا نڪري ويئي هئي. چو طرف ماڻهو مڙي ويا هئا. ڌيمي ڌيمي چوڻ لڳا: ”ڇا ڳالهه آهي؟ مرض کي سڃاڻي ڪونه سگهيا ڇا؟“ +مهاشيه جيون موتيءَ کي سڏ ڪيو. +موتي ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي ويٺو هو. اچي سڏڪن ۾ پيو: ”مهاشيه ڪاڪا، اوهان کي پنهنجو ٻچو ڏيکاريان ها...“ جيون مهاشيه وچ ۾ ئي ٽوڪيو: ”نه. مون کي ڏيکارڻ سانئي هو بچي وڃي ها سو توکي ڪنهن چيو؟ ڊاڪٽر ويڄ روڳ کي چڱو ڪري سگهن ٿا، مرتيو روڳ کي ٺيڪ نٿا ڪري سگهن.“ +موتيءَ ماءُ وري چلائي چيو: ”مون کي ٻڌايو آئون ڇا ڪريان؟“ +”ڪرڻو ڇا آهي، سهو. دنيا ۾ جڏهن ڪٽنب وڌي وڃي ٿو، تڏهن يا ته ڇوٽڪارو پائجي، يا سهڻ گهرجي. موت جو هتي وشرام ڪونهي، موت کي ٻالڪ ٻڍي جي پڇاڻ ڪانهي. ڇا ڪندينءَ، برداشت ڪر.“ +”مون کي ڇو بچ��يو ويو؟ مونکي ڇو بچايو ويو؟“ هوءَ ڇڙيون هڻڻ لڳي. +”ان ڪري جو هيءُ شوڪ تنهنجي پرالٻڌ ۾ لکيل هو. تنهن کانسواءِ تو جيئڻ به چاهيو هو موتيءَ ماءُ.“ +ڪنهن وچ ۾ واڪ ڏنو:”اهوته سدائين کان نيم آهي. ڪوئي ٻڍو موت جي سيج وڇائي وري اٿي ويهي ٿوته ان تي ڪنهن نه ڪنهن کي سمهڻو پوندو آهي. محصول چڪائڻو ئي پوندو!“ +جيون مهاشيه چپ چاپ هلڻ لڳو، پٺيان پٺيان اسپتال جي ڊاڪٽر اچانڪ چيو: ”اڄڪلهه هتي ميلنگنيٽ مليريا ته ڪانهي. مون کي ان جو شڪ به ڪونه ٿيو. نه وري هنن ماڻهن ڪجهه ٻڌايو. اڄ ٻڌايائون ته ڪيترا ڏينهن اڳي ڇوڪرو ناناڻي ويو هو اتان ئي اها بيماري کڻي آيو.“ +هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريندي مهاشيه جيون چيو: ”بيماريءَ جي علامتن ۽ پڇاڻ ۾ ڀل، ڊاڪٽر جي علاج ۾ شڪ، ٺيڪ دوا جو نه ملڻ: اهي سڀ مرتيو روڳ جون علامتون يا اهڃاڻ ڀلي کڻي نه هجن، پر بهانا آهن. نه ته ڊاڪٽري وگيانکي، اسان ماڻهن جي آيوروئدڪ ۾ ’پنجون ويد‘ چيو ويندو آهي. وگيان ويد آهي، اهو ڪوڙ ڪونهي. ڪوڙ انهن ئي ڪارڻن سان ٿئي ٿو. مرتيو. ضرور، اڄوڪي روڳ- پريکيا جي وڌيڪ ان تي ٿيندي. تڏهن جي ڳالهه آئون چئي نٿو سگهان ته ڇا ٿيندو؟ پر اهو ضرور چوندس ته ڀل تڏهن به ٿيندي.“ +ذرا چپ رهي پرديوت چيو: ”نبض جاچي اوهان سمجهي وڃو ها ته اها ميلنگنيٽ مليريا آهي؟“ +”اهري حالت ۾ شايد نه سمجهي سگهان. ۽ سمجهي به وڃان ها هت بچائي ڪونه سگهان ها.“ +”اهو صحيح ڪونهي. لکها انسان ٺيڪ علاج کانسواءِ بيوقتي مري رهيا آهن؟“ +”ها، سو مري ته رهيا آهن.“ +ان بعد ٻئي چپ چا هلندا رهيا. مهاشيه ڊاڪٽر جي ڳالهه سوچي رهيو هو. ”مرندا آهن، بيوقتي، علاج بنا ڪيترا ماڻهو مرن ٿا.“ +اچانڪ پرديوت ماٺ کي ٽوڙيو. چيائين: پر اوهان موتيءَ ماءُ کي علاج جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون، سي مون کي پسند پيئون. اوهان ٺيڪ ئي چيو، جڏهن وقت ڀرجي اچي، تڏهن مڪتي وٺڻ جڳائي. منهنجي سس جي هڪ ناني آهي. ٽنهي پيڙهين مان سڀ رخصت وٺي ويا: هڪ هوءَ ئي رهجي ويئي آهي. مان جڏهن ويندو آهيان، چوندي آهي: تون ته ڊاڪٽر آهين. منهنجو اکيون ڪن ته ٺيڪ ڪري وڃه! اهڙي ئي آهي موتيءَ جي ماءُ. جيڪڏهن آپريشن نه ٿئي ها، ته اهو ئي ٿئي ها، جيڪو اوهان چيو هو. مري ها. پر اوهان جيڪا گنگا ڪناري وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، سو هن جي روئڻ جو پڇو ئي نه! منهنجا پير پڪڙي چوڻ لڳي: مون کي بچايو ڊاڪٽر بابو! هن روڳ ۾ آئون ڪانه مري سگهنديس. ان ۾ مري مون کي شانتي ڪانه ملندي. منهنجي سدگتي ڪانه ٿيندي.“ +”ڊاڪٽر صاحب اهو سڀ ڇل آهي. آدمي جڏهن موهه مايا جي ڦند ۾ جڪڙجي ويندو آهي، تڏهن هو موت کان هو ڏاڍو ڏڪندو آهي، ۽ ڪيترا ئي بهانا بنائڻ شروع ڪندو آهي ته آئون هن ڪارڻ اڃا به جيئرو رهڻ چاهيان ٿو. مونکي بچايو. موت کان ڊڄڻ وڏي شرم جي ڳالهه آهي، ان ڪري ماڻهو انکي لڪائي ٿو.“ +”اوهان ٺيڪ ٿا چئو. موتيءَ جي ماءُ به اهوئي چيو هو. چيو هئائين، هڪ لالسا رهجي ويئي اٿم. پوٽي جي ننهن کي ڏسي وڃڻ چاهيان ٿي.“ +مهاشيه کلي پيو. چي: ”موتيءَ جي ماءُ وري بيمار پوي، ته وري ٻئي ڪنهن ڪارڻ کان جيئري رهڻ چاهيندي. پر هن ڇوڪري جو موت ته دل ڏاريندڙ آهي. ڏاڍي سٺي صحت هئس. جيئي ها ته وڏو پهلوان بڻجي ها. اسڪول ۾ پڙهندو هو، پيءُ جي واهر ڪندو هو، هٿوڙو هلائيندو هو. هن کي ڏسي مونکي منگل ڪاڪا جي ٻالڪ ڪال ڪيتوءَ جي ياد تري ايندي هئي.“ +مهاشيه وري چيو: ”اڪال مرتيو کان وڌيڪ دکدائڪ ٻي ڪابه گهٽنا ڪانهي ان کي روڪڻ ئي سنسار جو سڀ کان وڏو ڪلياڻ آهي. سک جي سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. اتي ئي موت جو موت آهي، ٻڍاپ�� ۾ ته هو امرت آهي.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: اڄوڪيون ڳالهيون مون کي سدا ياد رهنديون. مان ڏاڍي الجهن ۾ پئجي ويو هوس! +”نه، نه- الجهن جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟ ڪوشش ۾ ته اوهان ڪجهه گهٽايو ڪونه. ٻيو اوهان ڇا ٿي ڪري سگهيا. +هو اسپتال جي ويجهو وڃي نڪتا هئا. ڊاڪٽر جو نوڪر اندران ڊوڙي نڪتو. ڦاٽڪ کوليائين. ڊاڪٽر جي استري ورانڊي ۾ آئي. اچرج وچان شايد ڏسي رهي هئي. ٿورو هٽي اسپتال جي ورانڊي ۾ سيتا به بيٺي هئي. هوءَ به ڏسي رهي هئي. +ڊاڪٽر چيو: ”اچو. ٿوري دير وهندا ڪونه؟ اوهان ڪيئن ڀيرا اسپتال آيا آهيو، هينئر به ايندا آهيو، قدروءَ کي ڏسڻ اچو ٿا. مون ڪڏهن به ڪونه کيڪاريو آهي. اڄ ٿوري دير مون وٽ ڪونه وهندا؟“ +هٿ جوڙي مهاشيه چيو: اڄ معاف ڪريو ڊاڪٽر صاحب! وري ايندس.“ +پرديوت کن ساعت چپ رهيو. ان بعد چيائين: ”شايد اوهان ڏانهن مون کان ڪا غلطي ٿي ويئي آهي. پر پڪ ڄاڻجو، اها غلطي مون ڄاڻي ٻجهي ڪانه ڪئي آهي. اوهان جي ۽ منهنجي علاج جي طريقي ۾ وڏو تفاوت آهي پنهنجي مت کي ڇڏي مان اوهان جي مت جو وشواس نٿو ڪري سگهان. ان ڪري مان الجهن ۾ پئجي ويندو آهيان. علاج نٿو ڪري سگهان. پر ها موتيءَ جي ماءُ جي اڳڪٿي ٻڌي ۽ هن کي ورلاپ ڪندو ڏسي مونکي ڪاوڙ وٺي ويئي هئي. اڄ مون بيشڪ محسوس ڪيو ته هوءَ مري وڃي ها، ته چڱو هو. پر اسان ماڻهو ته ٺيڪ انهيءَ نگاهه سان ته نٿا ڏسي سگهون.“ +مهاشيه کلي چيو: ”ڄاڻان ٿو. اسان به پهرين ان نطر سان ڏسندا هئاسون. خاص ڪري جڏهن بيمار ٻڍو هوندو۽ بيماري ڪٺن هوندي، ته پيڙا گهٽائڻ جي ئي ڪوشش ڪندا هئاسون، موت سان ڇن ڦاڙ ڪري ان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪيم. چئي ڏيندو هوس، اشاري ۾، صاف صاف به: اڙي ڀائي، اڃا ڇو؟ هيترو ڪجهه ته ڏٺو، گهڻو ماڻيو، هاڻ هن ڌوڙ جي ڌرتيءَ کان نظر مٿي کڻي نهاريو. رواجي ماڻهو، آڪاش جي خلاءَ ۾ پڪڙڻ لائق ته ڪجهه حاصل ڪري نٿو، ان ڪري راءِ ڏيڻ لڳس، تيرٿ وڃو، ديوتا جي مندر جي ڪنگوري ڏانهن تڪيندا رهو. ها، البت ٻڍاپي ۾ به جيڪي ڪيترن جا آسرا رهيا، گهڻي ڪم جا رهيا، جڏهن جا جيئاپا ٿي پي رهيا، تن جي ڪاڻ موت سان لڙائي ڪانه ڪئي اٿم، سا ڳالهه ڪانهي، خوب لڙيو آهيان.“ +پرديوت چيو: ”ٻيو ڪوئي ڏينهن هجي ها، ته بگڙي پوان ها. اڄ نه. مون پنهنجي ناني- سس جو ذڪر ڪيو اسان ئي چئون ٿا، ٻڍي مري پوي ته جند ڇٽي، هن جي به. اسان ماڻهن جي به.“ +مهاشيه: ”بيشڪ، ائين به ٿيندوآهي. دنيا جو اهو به هڪڙو پهلو آهي. سکي جيون، رنگ رس سان ڀرپور جيوَن ڀلا ڳريل سڙيل چيز کي ڪيئن برداشت ڪري؟“ +پرديوت چيو: ”ڪيترن ڪيسن ۾ مون اوهان کي هٿ ڏسڻ نه ڏنو آهي. مون کي ڊپ لڳندو هو، ته الاجي ڇا جو ڇا اوهان چئي وجهو. اوهان جي هٿ ڏسڻ سان مون کي ڪڏهين ڪڏهين ڊپ به لڳندو آهي. اهيندر سرڪار جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ به لڳو هو.“ +”هن کي ته بچائڻ سان اوهان ڪمال ڪري ڏيکاريو.“ واه جو علاج ڪيو! پهريون ڀيرو جو نبض ڏٺم، مون کي موت جي پيرن جي آهٽ محسوس ٿي هئي. +مون هن جو هٿ بار بار ڇو ڏٺو هو، اوهان کي پتو آهي؟ موت کي مون پٺتي هٽندو ڏٺو هو.“ +پرديوت بت بڻجي مهاشيه جي چهري ڏانهن تڪيندو رهيو. ائين نه آهي ته هن سمجهيو ڪونه، پر ان کي هو هن ريت ظاهر نٿو ڪري: هو ان ڍنگ سان انڀو به نٿو ڪري. +”ته هاڻ آئون هلان.“ +”ها، هڪ ٻي ڳالهه راڻا جي باري ۾ ڇا آهي.“ +”هو ڪونه بچندو ڊاڪٽر صاحب! راڻا کي اهو معلوم آهي. هو به هڪ غضب جو آدمي آهي. مرڻ کان ته هو ڊڄي نٿو. شايد اوهان جي علاج سان هن جي جان بچي وڃي. پر هو چوي ڇا ٿو، خبر اٿو؟ چوي ٿو، چڱو ڀلو ٿي به پوان، ته به اهو ساڳيو نه رهندس. لاچار ماڻهن جي قطار ۾ رهي جيئڻو پوندم. ڊپ وچان ماڻهو پاسي ۾ ڪونه بيهندا. ٻار ٻچا به ونءُ پيا ويندا. اهڙي جيئڻ ڪاڻ آخر هيتري تڪليف ڇو سهان، هيترو سارو خرچ ڇو ڪريان؟ ان کان ته اهو ئي بهتر جيڪي به ٿئي اوهان ئي علاج ڪريو.“ هڪ اڀو ساهه کڻندي مهاشيه وري چيو: ”هاڻ ته راڻا مون کي به نٿو ڏيکاري. هينئر مندر جي هوا کائيندو آهي.“ +سوچيندي سوچيندي مهاشيه گهر موٽيو. ’ڪاش، راڻا کي بچائي سگهان!‘ +راڻا کي پرديوت جهڙا شخص بچائي سگهن ٿا. بچائي سگهيا ٿي! هنن وٽ جديد علاج، موزون علاج به هو. ان علاج جو بندوبست وٽس نه آهي. اها شڪتي به ڪانهي. ڪانه هئي اهڙي شڪتي! +جديد علاج جو شاستر سرگرميءَ سان اسري رهيو آهي. هڪ ٻئي جي پٺيان جيوڙن جي کوج ٿي رهي آهي. بيمارين جي باري ۾ جيڪو اثر ويٺل آهي، ان ۾ بنيادي ڦيرو اچي رهيو آهي. اڄ سڀ مرض جديد دور جي درجي ۾ اچي ويا آهن. سڀني جو مول جيوڙا آهن. ٻج، جيو، جيوڙا: وائرس،. کاڌي ۾، پيتي ۾، هوا ۾ پکڙيل آهن. انسان جي جسم ۾ اهي بيحد وڌي ويا آهن. پنهنجي وئدڪ شاسترن ۾ هن پڙهيو آهي: دکش يگيه- ردر مورتي شوَ جي ڪروڌ جو جڏهن انت ٿيو، تڏهن تپ جي رچنا ٿي. انيڪ اهڃاڻ، انيڪ قسم. ان جي فطرت جو ورنن ڪري آچارين ان جو نالو ’تپ‘ رکيو هو. چنڊ تي دکش پرجاپتيءَ جو سراپ هو، ان جي ڪوپ مان يکشما (سلهه يا تپ دق) جي اتپتي ٿي هئي. ’اَتي رمڻ‘ کي ئي يکشا (سلهه) جي حملي جو مکيه ڪارڻ مڃيو ويندو هو. اڄ سٺي خوراڪ جي ڪمي ان جو مکيه ڪارڻ آهي. هر هڪ تپ جي ڪارڻ کي سائنسدانن- ڊاڪٽرن خوردبيني دئاران ظاهر ڪيو آهي. تپ به ڪيترن قسمن جو ٻڌائين ٿا! ’ڪالا بخار‘ ته هنن جي زماني ۾ ئي پڪڙ ۾ آيو آهي. +ڪالا بخار جي دوا، برهمچاري مهوديه جي سئي آهي. پرنٽسل، سلفا گروپ، ان کان پوءِ پينسلين ٽيرامائيسن: دوا جي مٿان دوا. هريندر کان تنهن ڏينهن ٻڌي رهيو هو. پينسلين کي اکئين ڏٺو اٿائين، باقي دوائن کي ڪونه ڏٺو اٿائين. ٻيون به الائي گهڻيئي دوائون ايجاد ٿيون آهن: انهن جو ته شايد هن نالو به ڪونه ٻڌو هوندو.الٽرا وايوليٽ- ڪرڻي جو علاج! +رت، بلغم، رڳ، ٿڪ، پيشاب، ڪاڪوس جي جانچ. +بلڊ پريشر جي جانچ. +ايڪس- ري پريکيا. سلهه جي مريض جا ڦڦڙ جيئن نظر اچن ٿا، تهڙي ئي انجي دوا درمل. +اسٽريپٽو مائيسن ٽي-بي جي سڀ کان اثرائتي دوا نڪتي آهي. ان کانسواءِ ڪا پي-اي-ايس نالي دوا نڪتي آهي. ٻڌو اٿائين. ٻنهي جي گڏوگڏ استعمال سان حيرت انگيز فائدو ٿئي ٿو. آپريشن واري علاج جو به ٻڌو اٿائين. +اچانڪ هڪ پراڻي ڳالهه ياد اچي ويس. +گرو رنگ لعل کان ڪالرا جو نسخو وٺڻ ويو هو. موت جي ڀو کان ڊنل ماڻهن جي سلسلي ۾ ويو هو: ”موت ڄڻڪ ٻئي هٿ پکيڙي پاڳل جيئان ڀيانڪ شڪل ڌاري بکُ وٺي رهيو آهي؛ آدمي ڀڄي رهيا آهن، جهنگل جي باهه جي وچڙڻ سان جيئن پسون پرندا بدحواس ٿي رڃ سمجهي سڃ ڏانهن ڀڄندا آهن.“ +ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”توکي تنهنجي نظرن ۾ صرف ماڻهن جي ڀاڄ ڏسڻ ۾ آئي، انسان ان سان هر طرح مقابلو ڪري رهيو آهي، اهو تو ڪونه ڏٺو؟ هو هميشه پٺتي هٽندو رهيو آهي، پر پٺ نه ڏيکاري اٿس. هن نوَن نوَن هٿيارن جي ايجاد ڪئي آهي. انسان جي ان اڻ ٿڪ ڪوششن جو ڪوبه انت ڪونهي. موت کي روڪي نٿو سگهجي، مرتيو اٽل ۽ دائمي آهي. ليڪن بيماريءَ جو انسان ڇوٽڪارو ڪري ڏيکاريندو. ماڻهو يوگيءَ وانگر نهايت پڪي اوسٿا ۾ مرندا. ويڄ وٽ وڃي چوندا: ”بس. هاڻ موڪل گهرجي. سمهڻ چاهيون ٿا.[1] پٽ مي ٽُ سليپ پليز Put me to sleep please. ان ڏينهن جيون به من ئي من ۾ چيو هو: ”ها نندرا نه، مهانندرا!“ +[1] مون ک�� سمهاري ڇڏيو. + + +[36] + +اهڙي نااميدي ته ڪانه هئي، پر خبر گويا اچانڪ ئي ملي. مهيني کان پوءِ. ويساک جي آخرين هفتي ۾. +راڻا پاٺڪ مري ويو. ڪشور خبر ڏني. هو اتي ويو هو. راڻا ئي کيس گهرايو هو. نوگرام جا ڪي مهاڻا مڇي مارڻ ويا هئا. انهن مان ئي هڪڙي کي هن نياپو ڏنو هو: ”ذرا ڪشور بابو کي چئجو، هڪ ڀيرو ٿي وڃي. آئون شايد هڪ ٻه ڏينهن مس ڪڍان. سمجهي وئين.“ +پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ راڻا ڳوٺ جي ٻاهران گهاٽ- ڪناري هڪ جهوپڙي ٺاهي رهندو هو. گهاٽ سندس مقاطعي ۾ هو گهاٽ هن لاءِ بيحد عزيز هو. پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ آنند ۽ خوشي هن اتي ئي ماڻي هئي. نديءَ ۾ تريو آهي، رات جو ڪپر لڳ جهوپڙيءَ يا ٻيڙيءَ ۾ وهي شراب نوشي ڪئي اٿائين.استري ڀوڳ، گانو بجانو، کاڌو پيتو هر طرح جي موج اڏائي چڪو آهي. گهڻو ڪجهه ڪيو اٿائين. خود ٿلهي آواز سان دل کولي ’ڪالي ماتا‘ جو نام جاپ ڪيو اٿائين. انهن ڏيهن ۾ هو سنياسي بڻجي پيو هو. سنياسين جيئان ئي اتي رهندو هو. گيڙو وستر ڌاري، ڏاڙهي مڇون به وڌائي ڇڏيون هئائين، نيم سنجم سان رهيو. دوا ديوي مندر جي ئي کائيندو رهيو. اٽل وشواس! کن پل لاءِ به لوڏو نه آيس. مرڻ توڻي به هن قبول ڪين ڪيو. چيائين: ”منهنجي للاٽ ۾ لکيل ئي اهو آهي، ته ديوتا ڪندا؟“ +ڪشور کي ئي ٻڌايو هئائين. ڪشور جڏهن پهتو، تڏهن راڻا سڪرات ۾ هو. رڳو ڪي ڪلاڪ جيئرو رهيو هو. ڪشور ڊاڪٽر ويڄ گهرائڻ چاهيو. راڻا انهيءَ جي جواب ۾ چيو: ”ڊاڪٽر ويڄ لاءِ اوهان کي ڪونه گهرايو اٿم ڪشور بابو! اوهان کي جنهن واسطي گهرايو اٿم سو ٻڌو. رات جو رهڻ واسطي مون وٽ هڪ آدمي هئڻ گهرجي. وقت تي پاڻي پياري ۽ گدڙن کي ڀڄائي ندي ڪناري لاوارث لاش کائيندڙ گدڙ ڪمبخت ڏاڍا خونخوار آهن. ٻن ٽن ڏينهن کان آسپاس چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن. تختي تي لٺ ٺوڪي ۽ وڄائي، هڪل سان ڪالهه به کين ڀڄايو اٿم. اڄ مون کان ڀڄائڻ به نه پڄي سگهندو. ۽ .......“ +چوندي راڻا ذرا کليو. کلي چيائين: ”مرڻ کان اڳي ته سڀ ايندا آهن. مگر راڻا ڊڄڻ وارو نه آهي. سگهه هجي ها ته للڪاريان ها، آءُ هڪ هٿ ٿي وڃي. پر سگهه نه آهي. ڪوئي ماڻهو ملي وڃي ته سٺو ٿئي. هيءُ ٿيو نمبر هڪ. نمبر ٻيو: لاش جي اگني سنسڪار جو انتظام. سلهه جو مريض ٿيس. ڳوٺ وارا ته ويجهو به ڪونه ايندا. ان جو به بندوبست ٿي وڃي. نمبر ٽيون: ٻار ٻچا. ماءُ ته اڳي ئي گذاري وين. هاڻ بابو به ٿو هلين. اوهان هتي اثر وارا ماڻهو آهيو، ٿي سگهي، ته هنن يتيمن تي ذرا نظر رکندا ۽نمبر چوٿون اهو، ته علاج جي بابت مهاشيه جن جي مون ڏانهن بقايا آهي. کين چئجو، مون کي ان لاءِ معاف ڪري ڇڏين. بس.“ +مهاشيه ونيه جي دڪان تي اهو ٻڌو. سناٽي ۾ اچي ويو. هن جي نيڻن مان ٻه لڙڪ ڪريا ۽ شوجيءَ جي جٽا۾، گنگا وانگر سندس گهاٽي ۽ ڊگهي سونهاريءَ ۾ سمائجي ويا. هو ڪافي دير چپ ويٺو رهيو. نيٺ چيائين: ”گووند! گووند!“ +جيه گووند! +آواز مان ئي تاڻي ويو ته مري ويشڻوي آئي آهي. پر ههڙو ڪمهلو؟ اڪثر هوءِ صبوح ساجهرو ايندي آهي. بکيا ڪاڻ نڪرندي آهي، اڀيا جي موڪليل پرساد جي مٺائي آروگيه نڪيتن ۾ مهاشيه کي ڏيئي پنهنجي واٽ وٺندي آهي. اڄ سنجها ٽاڻي ڪيئن اچي پهتي ۽ سو به ونيه جي دوڪان ۾؟ ڳالهه ڇا آهي؟ اڀيا وري بيمار پئجي ويئي ڇا؟ راڻا جو انتم سنسڪار ڪري ڪشور ٿڪو ماندو پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي سمهي پيو آهي. اڪيلي ۾ مهاشيه پنهنجي نبض جاچي رهيو هو. اها هينئر سندس هير ٿي ويئي آهي. مريءَ جو آواز جو ٻڌائين؛ سو پنهنجي ناڙ امالڪ ڇڏي ڏنائين. سڏيائين: ”مري!“ +”پرڻام بابا!“ +”هينئر تون ڪيئن اچي نڪتينءَ؟“ +هن کلي چيو: ”موٽي رهي آهيان.“ پنهنجي جهوليءَ مان هن پنج انب ڪڍي اڳيان رکيا. +کلي چيائين: ”اڀيا جي وڻ جا انب آهن. پهرين مند جا پڪا آهن. ڪالي ماتا واسطي سڀ کان اول ڪيترائي رکيائين ۽ پوءِ هيءُ پنج انب منهنجي حوالي ڪندي چيائين: ”پهچائي اچ مري. اڄ گوپي ناٿ پور ۾، ”اَشٽيام- هري نام“ هو. رسوئي پاڻي ڪري وئشڻون جي شيوا ٽهل ۾ پنهنجو هٿ پوتر ڪرڻ ويئي هئس. سوچيم، ڏينهن جو هيءُ خراب ته ڪونه ٿيندا پاڻ گڏجي کائڻ لائق ٿي ويندا.“ +مري جهڙين وئشڻوين جي بات چيت جو اهڙو سليقو اڄڪلهه درلڀ ٿي رهيو آهي: ڳالهه ۽ سر جو اهڙو ميٺاج ۽ شيريني سدائين درلڀ آهي. مريءَ ۾ ٻئي خاصيتون آهن. مهاشيه جي من کي ڏاڍو آٿت ملندو آهي. +مريءَ چيو:”گوپي ناٿ پورا کان موٽي رهي آهيان. مونکي سڌ هئي ته اڄڪلهه شام جو اوهان هتي ويهندا آهيو. ان ڪري هتي آيس.“ +غير قلمي انب، پر شرڌا ۽ شڪرگذاري جي ميٺاج ڪري امرت هو. هڪ پل اڳي جيڪا ڌرتي ويراڳ جي گيڙو رتل پهراڻ ۾ اداس نظر اچي رهي هئي، گهري ممتا جي ساوڪ سان ڪومل بڻجي پئي. +مريءَ چيو: ”اڀيا هڪ ٻي ڳالهه به چئي آهي. +”ڪهڙي ڳالهه؟“ +”ڄيٺ ۾ ساوتري چتر دشي (چوڏس) جو ورت آهي. ان ڏينهن جو نوٽو رهيو.“ +کيس ياد اچي ويو، ششانڪ جو موت نشچت ڄاڻي هن اڀيا کي نوٽو ڏيئي پيٽ ڀري کارائڻ چاهيو هو. گهٽي جي موڙ تي هٿ ۾ ڏيئو کڻي بيٺل اڀيا جي اها تصوير اکين ۾ تري آيس. ”سينڌ جي سنڌور تي ڏيئي جي جوت ڇٽڪي پئي آهي: اکين جي پتلين ۾ ان جو پاڇو.“ مهاشيه کان سيسراٽ نڪري ويو. اکيون ٻوٽي ڇڏيائين: ”ساوتري- چوڏس جو کائڻ پيئڻ رات ۾ ٿيندو آهي. ٻڍاپو آهي. رات جو ته مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“ +مريءَ چيو: ”مون کيس چيو هو. پر چيائين، آئون به سمجهان ٿي، پر منهنجي آس آهي. هڪ ڀيرو وڃي زور ته ڀري اچ تون. هڪ ڳالهه ٻي.“ +”چئو.“ +”ٿوري مڇيءَ جي بندوبست واسطي چيو اٿائين. هن سال هن جي تلاو ۾ مڇي ڪانه ٿي آهي.“ +مهاشيه سرهو ٿي ويو. چي: ”اڀيا مڇي گهري آهي؟ موڪلي ڏيندس: موڪلي ڏيندس.“ +”هيءُ انب اوهان ضرور کائجو....“ +”ضرور کائيندس: ضرور!“ +مري پرٿويءَ کي مڌر بڻائي هلي ويئي. +هن کيس وري پڪاريو: ”مري! اڙي او مري!“ +”بابا!“ هوءَ واپس وري. +”هن کي چئج، آئون ايندس. ساوتري ورت جي موقعي تي آئون ايندس. اِندروءَ کي ساڻ نيو ايندس: آئون ايندس: +ڌرتيءَ جو ڄڻۡ سمورو سنڪوچ مٽجي ويو، سموري تلخي ڌوپجي ويئي آهي. هو ويندو. +* * * * +من ۾ هري نام جون ڇوليون اٿڻ لڳيون رات ڪافي گذري چڪي آهي. نوگرام بازار جون بتيون جهڪيون ٿي ويئون آهن. لالٽينن جي چمنين تي ڪارنهن ڇانئجي ويئي آهي، بتين تي غبار ڄمي ويو آهي. ڪنهن جي بتيءَ مان ٻه لاٽون نڪري رهيون آهن، ڪنهن جي هڪ ئي لاٽ ميرانجهڙي ۽ اوچي ٿي ويئي آهي. پيٽرومئڪس (گولن) جو به ساڳيو ئي حال آهي. انهن جا مينٽل به ڳاڙهيسرا ٿي ويا آهن، ڪجهه ڪجهه ڪارا: چٽا ٿي ويا اٿن. گهڻي ڀاڱي مراديءَ جي پيتين کي ڪلف لڳي چڪا آهن: باڪس جي مٿان لعل ڏوريءَ سان ٻڌل جمع خرچ جي وهين جو ڍڳ. دڪان بند ڪرڻ لاءِ آدمي ڪلف ڪنجي کڻي بيٺو آهي. ڌجودت جو دڪان چڱو وڏو آهي: اتي هينئر به چئين اٺين آني جي گراهڪي. ٻُڪي لڳي پئي آهي، نوٽن جي ٿهيءَ جي ڳڻپ ٿي رهي آهي. دوڪان جي ڀرسان کليل جڳهه ۾ ڪيتريون بيل گاڏيون آهن: ڏاندن کي ڇوڙيو ويو آهي. گاڏيءَ جي هيٺان پال جو هنڌ لڳايو ويو آهي. چوسول تي جيڪو چانهه جو دوڪان آهي، ان ۾ اڃا تائين چار پنج ماڻهو ڄميا ويٺا آهن. هڪ طرف ساڌو خان جي هڪ ماڙ- مڪان جي دروازي تي چارو بابو ۽ پديوت ويٺا آهن. هن جو ڪو آپريٽو ميڊيڪل اسٽورس ۽ سهڪاري دوائن جو دوڪان* به اتي ئي آهي. ان جي روشني نئين آهي، ان ڪري اڃا ائين تيز جلي رهي آهي. +”ڊاڪٽر پرديوت ڪنهن مهل موٽي آيو.“ +موٽيءَ جي پٽ جي مرڻ کان پوءِ موڪل وٺي ڪٽنب سميت ڪلڪتي هليو ويو هو. ماڻهن وٺي افواه اُٿاريا ته موتيءَ جي پٽ جي مرڻ ڪري پرديوت کي من ئي من ۾ ڏاڍو صدمو رسيو آهي. انهيءَ شرم مان پنهنجي بدلي ڪرائڻ لاءِ موڪل وٺي ڪلڪتي ويو آهي. +پرسيتا ردڪد ڏنو هو. نه. هو هتان جي ڪلنڪ کولڻ جي سلسلي ۾ ڪلڪتي ويو آهي. جنهن لاءِ وپن بابو پنج هزار رپيا دان ڪري ويو آهي. اهي رپيا سرڪار جي ذمي ڏيئي ڪجهه ٻين رپين جي منظوري ڪرائي جنهن ۾ جلد از جلد ڪلنڪ کولي سگهجي، انهيءَ جي پيروي ڪرڻ لاءِ ويو آهي. اتي وڌان سڀا جي ڪنهن ميمبر جي معرفت مکيه منتري ڊاڪٽر بي-سي- راءِ سان ملندو. چئي ويو آهي ته في الحال جيترا رپيا آهن، انهن جو سامان خريد ڪري ئي ڪلڪتي مان موٽندو. +آدمي ڳالهه جو پڪو آهي. سامان وٺي موٽيو هوندو. +سيتا اهو به چيو: ”پر من ئي من ۾ هو مايوس ٿي ويو آهي. زباني هن جيڪي به چيو هجي، پر اندر ئي اندر هو اوهان تي بيحد ناراض آهي.“ +”اڇا!“ مهاشيه کي اها ڳالهه ٺيڪ ٺيڪ ياد ڪانه اچي رهي هئي. هن سيتا جي ڳالهه جو تکو ته نه، هلڪو وروڌ ڪيو: ”نه، نه. تون ڀل ڪري رهي آهين.“ +ڪنڌ ڌوڻي سيتا چيو: ”اون هون، اوهان هن چڱي مڙس کي چڱيءَ طرح ڪونه ٿا سڃاڻو، ڊاڪٽر صاحب! هڪ به ڳالهه هو وسارندو ڪونهي. وڏي اهنڪار وارو آدمي آهي. ڪنهن به ڊاڪٽر کي چڱو نٿو سمجهي. اهو به ٻڌايانوَ، آئون جو اوهان وٽ هتي اچان ٿي، ان ڪري به هو مون تي ناراض آهي.“ +اهو ٻڌي مهاشيه کي چوٽ رسي هئي. سوچڻ لڳو- +”هڪ معمولي گهراڻي جي ڇوڪري! ويچاري! مون ڪڏهن کيس بچايو هو؛ ان ڪري هوءِ منهنجي احسانمند آهي. ان جي لاءِ به ناراضگي! هڪ ادنيٰ نرس! ان جي شڪرگذاري، هن جي ساراهه... ان جو ملهه به ڪيترو آهي؟ الائي ڪڏهن، بچپن ۾ هن کي چاڪ ڪيو هوم. پاڻ کي به ياد ڪونه اٿس- اها ڳالهه- هن نينگر ئي کيس اها يادگري ڏياري هئي. سنه اوڻويهه سو ٽيهه!“ +”سب رجسٽري آفيس ۾ هڪ هيڊ ڪلارڪ آيو هو: رام لوچن سرڪار. پنهنجي سڪيلڌي وڌوا ڌيءَ سان گڏ، استريءَ ۽ ڌيءَ جي هڪ معصوم ٻچڙيءَ سان گڏ، انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو. ڪل اٺ مهينا هت رهيو هو. هن جي وڌوا ڌيءَ ڏاڍي بيمار ٿي پئي هئي. ڪنهن کي به اميد ڪانه هئي ته هوءَ ڪا بچندي. مهاشيه علاج ڪري کيس نوبنو ڪيو هو. سيتا تڏهن هڪ ابهم ٻالڪا هئي: هڏين جو پڃرو. اوڻويهه سو ايڪٽيهه ۾ جيڪا مليريا ٻارن جي لاءِ مهاماري بڻجي آئي هئي تنهنجي چپيٽ ۾ هيءَ ٻچڙي به اچي ويئي هئي، مئل جهڙي ٿي ويئي هئي. ان مان هن ٻچيءَ کي پاڻ ئي بچايو هئائين. ان ڏينهن گهر ۾ ويهي جڏهن سڄو قصو سڻائي ويئي، تڏهن به مهاشيه کيس ڪونه سڃاڻي سگهيو: سڃاتو عطر. چي: ”اڙي، تون اهائي ڇوڪري آهين؟ ههڙي ٿي ويئينءَ؟ مون توکي ڪيترو هنج ڪڏايو آهي، تيلملي اس کارائي آهي!....“ تڏهن ڌيري ڌيري کيس ياد پوڻ لڳو. کيس ڏاڍو سک مليو هو. گويا اس وچان تتل آسمان مان ڀڳوان اچانڪ ماکيءَ جي هڪ بوند اڇلي! دنيا م اهو سک درلڀ آهي، پر ملهه ان جو ڪجهه به ڪونهي! ڪڏهن مهاشيه جي من ۾ ايندو آهي، وئدڪ جيون ۾ اڳڪٿي (موت جي) جو جيڪو لهڻو (قرض) آهي، ان کي ايشور ششانڪ جي وڌا جي سراپ سان چڪايو آهي ۽ مريض جو قرض چڪايو ويو آهي سيتا جي احسان شناسي سان. هن ٻالڪا کي تڏهن سمجهه به ڪانه هئي. ماءُ کان ٻڌل ڳالهه کي هن ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو آهي.“ +”مهاشيه آهيو؟“ +روشني کان جڳمڳ ٿيندڙ چوراهي تان لڪي وڃن سٿرو ڪونهي. چارو بابوءَ جي نگاهه پئجي ويئي. ترسڻو پيو. منهن ورائي چيائين: ”جي ها. ويٺا آهيون؟ چڱو، پرديوت بابو ڪڏهن موٽيو؟ نمستي.“ +نمستي ورائي پرديوت چيو: ”جي، چار ڏينهن ٿي ويا.“ +”چار ڏينهن؟ ٿيا هوندا. اڄ ڪلهه ڪيترن ڏينهن کان سيتا ڪانه آئي آهي. +”ذرا هيڏانهن ته اچجو. اوهان جي لاءِ ئي اسان هت ويٺا آهيون. چارو بابو آکيو. +”منهنجي لاءِ؟“ مهاشيه کي شڪ پيو. وري الائي ڪهڙي شڪايت؟‘ ’ڇا ٿيو؟ الائي ڪهڙي ڀل چوڪ ٿي ويئي؟‘ من ئي من گهڻو ئي ڦولهيائين. ’نه، ڪنهن جي موت جي اڳ ڪٿي ته ڪانه ڪئي اٿم؟ پوءِ؟ راڻا جو ذڪر؟ آخر به هو ڇا چوندا- ها، ته جيئن ته مون هن کي ڪابه اُميد ڪانه ڏيکاري، ان ڪري نااميد ٿي بنا علاج جي هو ساسين سکالو ٿيو؟ يا ائين چوندا ته مون ئي هن کي ديوسٿان وڃڻ لاءِ همٿايو هو؟! +چارو بابو چيو: ”پرديوت جي پتنيءَ کي بخار ٿيو آهي، اوهان کي هڪ ڀيرو هلي ڏسڻو پوندو.“ +”پرديوت جي استريءَ کي بخار؟ مونکي ڏسڻو پوندو؟“ +”جي. ڪلڪتي مان ئي تپجي موٽي آئي. ڪيئن ته لڳي رهي آهي! اينٽارڪ ته خبر آهي ئي، پر ٽائيفائيڊ جا به اهڃاڻ آهن. ليڪن چار ڏينهن ٻيا گذرڻ کانسواءِ رت جي جاچ بنا پتو ڪونه پئجي سگهندو. اوهان ذرا ناڙي ڏسوس. ٽائيفائيڊ به هوندوته تمام ويرولينٽ ٽائيپ هوندو. چار ئي ڏينهن ٿياآهن. پهريون هفتو آهي، پر بخار هڪ سو ٽي هلي رهيو آهي. پرديوت بابو مون کي گهرايو هو. پر مان بلڪل ٺيڪ ٻڌائي سگهڻ ۾ لاچار آهيان. اوهان ٻڌائي سگهندا. ناڙي اوهان ٻڌائي سگهندا، اهو مان وڏي واڪي چئي سگهان ٿو. هن کي به چيو اٿم.“ چارو بابو آڱر سان پرديوت ڏانهن اشارو ڪندي چيو. +هينئر وري پرديوت به ڪجهه ٻوليو:[1] ”ڊائيگونوسس اوهان جو ڪمال جو آهي. اوهان رڳو اهو ٻڌايو ته ٽائيفائيڊ آهي يا نه!“ +مهاشيه کلي پرديوت ڏانهن نهاريو. هيستائين هو رڳو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. چيائين: ”هلو.“ +* * * * +دلفريب ڪومل انگن واري، هوءَ گلاب جي گل جيئان ٽڙندڙ جوانڙي اڄ ڪوماڻي پيئي آهي. تپ جي جوش وچان منهن ڳاڙهو ۽ ڀريل ٿي ويو اٿس. ڀونئرن جهڙا گهنڊيدار وار ڪجهه ته وهاڻي تي هيٺ پکڙيل آهن، ڪجهه ڳل تي اُڏري رهيا آهن. ڳل تي آلي ڪپڙي جي پٽي اٿس. گهر مان هڪ عجيب بوءَ اچي رهي آهي. اگربتي، اوڊي ڪولين، فنائيل، دوا، سڀني جي گڏيل گنڌ. سيرانڌيءَ کان نرس ويٺي آهي. سيتا! ها اها ئي ويٺل آهي. +پنهنجي ناڙي- وديا جي گرو- پنهنجي پتا کي سمرڻ ڪري هن بيمار جو هٿ مٿي کنيو. هڪ ڇڏي وري ٻيو هٿ کنيائين. ڏسي اهو به رکيائين. بخار تيز آهي. هڪ سو ساڍن ٽن کان به وڌيڪ. چئن جي لڳ ڀڳ. +سيتا سندس منهن ڏانهن تڪي رهي آهي. انتظاريءَ وچان: ڇا ٿو چوي. پتنيءَ جي سيرانڌيءَ کان جهڪي ڪومل آواز ۾ پرديوت سڏيو: ”منجو!“ +ڀرووُن ذرا تاڻي اکيون ٻوٽي هن وراڻيو: ”اوُن“ ”هتان جو جيون مهاشيه توکي ڏسڻ آيو آهي.“ هن اکيون کوليون. وڏيون موڪريون ٻه اکيون. مهاشيه کي هڪوار مٿان کان هيٺ تائين ڏسي هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون. +پرديوت چيو: ”پنهنجي ڄڀ ته ڏيکار!“ +هن ڄڀ ڏيکاري. +چارو بابو سيتا کي چيو: ”ٿرماميٽر کڻي اچ.“ +مهاشيه چيو: ”رهڻ ڏي. هينئر کان پهريائين ڪيترو هو؟“ +ڊاڪٽر هڪ ڪاپي آڻي سامهون رکي: ”هڪ سو ٽي پائنٽ چار.“ +مهاشيه ڪمري کان ٻاهر نڪتو. چي: ”بخار ڪجهه وڌي ويو آهي. اڌ ڊگري.“ +پرديوت وٽس اچي بيٺو. هوريان پڇيائين: ”ٽائيفائيڊ؟“ +جيونمهاشيه کي تڪيلف ٿي. چي: ”اڄ ٺيڪ ٻڌائي نه سگهندس. سڀاڻي ڏسي ٻڌائيندس. اڄ منهنجو من چنچل آهي.“ +”ليڪن مانته ڪلورومائيسيٽن ڏيڻ جي سوچي رهيو آهيان. پهريون هفتو آهي“ هو ڪمري ڏانهن وريو: ”سيتا، ڪيترو بخار آهي؟“ +ٿرماميٽر کڻي سيتا آئي ۽ پرديوت کي ڏسي چپ چاپ موٽي ويئي. ليڪن هڪ هلڪي مرڪ وچان سندس چهرو ٽڙي پيو هو. ڇو ته ٿرماميٽر جي ڪاري ليڪ هڪ سو چئن جي نشان کان هڪ پائنٽ هيڏانهن هئي. ڏسي پرديوت چيو: ”ها هڪ سو چار ئي آهي.“ +جيون مهاشيه چيو: ”بخار اڄ هن کان وڌيڪ ڪونه چڙهندو. آئون صبوح جو سويل ئي ايندس.“ +”مان ڪلورومائيسٽين کڻي آيو هوس. ڏيئي سگهان ها ته....“ +”سڀاڻي اڄ نه هن بيماري ۾ اٺن ڪلاڪن ۾ ڪو خاص فرق ڪونه پوندو.“ ۽ هو مرڪيو: ”اوهان ناراض ته ڪونه ٿيندا؟“ +”جي نه. چئو“ +”اوهان اٻهرا ٿي پيا آهيو ان ڪري اوهان جو علاج ڪرڻ مناسب نه ٿيندو.“ +”جي نه. مان ٺيڪ آهيان. پر علاج مان ڪونه ڪري رهيو آهيان، چارو بابو ڪري رهيو آهي.“ +ٻئي ڏينهن صبوح جو هن جي نبض جهلي جيونمهاشيه ڳچه دير تائين ڌيان ۾ ويٺو رهيو. +ساجهر جي ويل. مشڪندڙ ڪرڻن سان گهرج ٻهڪي رهيو آهي. دريون کليل آهن. ڪمري کي جيوڙا ناس ڪندڙ دوا جي پاڻيءَ سان ڌوتو ويو آهي، هڪ طرف اگربتي ٻري رهي آهي. کٽ جي ڀرسان ٽپائي تي دوا جي شيشي، فيڊنگ ڪپ، ٻه چار سنگترا، ٽيمپريچر چارٽ رکيا آهن. بيمار اڳي کان هاڻ بهتر آهي. تپ گهٽجي ويو آهي. چپ خشڪ اٿس. سستي گهٽ آهي. تڏهن به اکيون ٻوٽي پيئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن کولي ٿي. پلڪون وري جهڪي وڃن ٿيون. مٿي تي پاڻيءَ جي پٽي رکيل ڪانهي. ڳل ۽ منهن لعل ۽ سڪا پيا آهن. کلي روشني جي سرهائي ۽ ويساکي پرڀات جي مهڪ جي هوندي به گويا کيس چين نه آهي. رکي رکي نڪ کي رڳڙي ٿي. +هن نبض جي رفتار محسوس ڪئي. ڌيري ڌيري صاف پتو پوڻ لڳو.... +جهيڻي جهيڻي- ٽٽل ٽٽل- ويڪل ۽ وياڪل ۽..... +تمام جهيڻي ۽ ماندي ٿڪل چال سان ڀاري قدمن سان ڌڏندڙ گتيءَ سان هلي رهي آهي: بيوس ۽ بيڪس جي ڇاپ. گويا: گويا وياڪل جيون، ڦڙڪ، ڊپ وچان ڪو آسرو- سهارو ڳولهي رهي هجي. سر سام- بخار (مدي جي تپ) جا سمورا اهڃاڻ صاف نطر اچي رهيا آهن. تردوش (ٽي خرابيون) جو تکو ۽ ٽطرفو حملو! لڳي ٿو... خير، اها ڳالهه ڇڏي ڏجي. جيون مهاشيه اکيون کولي پرديوت ڏانهن نهاريو. هو خود سندس ڏانهن نهاري رهيو هو. خبرداريءَ سان بيمار جو هٿ بستري تي رکي هو ٻاهر نڪري آيو. صابڻ پاڻي ۽ ٽوال کڻي نوڪر بيٺو هو. هٿ ڌوئي ٽوال سان اگهندي جيون مهاشيه چيو: هيءُ ٽائيفائيڊ آهي.“ +اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: ”شڪ ته مونکي به پيو هو پر منجوءَ مون کي آڳي پيڇي ۾ وجهي ڇڏيو هو. اسان ماڻهو ته دستور موجب ٽائيفائيڊ جي سئي وٺي ڇڏيندا آهيون. چار مهينا اڳي به هيءَ هڪ ڀيرو ڪلڪتي ويئي هئي. سڄو مهينو اُتي رهي هئي. انهيءَ وچ ۾ سئي هڻائڻ جو وقت گذري ويو. مون ته هتي هڻائي ڇڏي هئي. کيس لکي ڇڏيم: اتي ئي ٽي-اي-بي وٺي ڇڏج. هن لکيو ته وٺي ڇڏيو اٿم. مون يقين ڪري ورتو. جڏهن هتي آئي ته مون کانئس پڇيو به هو. هن چيو هو، وٺي ڇڏيو اٿم. اڄ صبوح جو هن ٻڌايو ته سئي ڪونه هڻائي اٿائين. سو به جڏهن مون کيس چيو ته مهاشيه مونکي ٻڌائي ويو آهي ته هي ٽائيفائيڊ آهي. تڏهن ئي هن کولي ٻڌايو، خير، هاڻي نشچنت ٿي ڪلورو مائيسيٽن ڏيندس. چارو بابو، هريندر بابو ٻئي اچي رهيا آهن. تن کان به رايو وٺان ٿو.“ +سيتا ڪمري ۾ آئي. وهنجي سنوارجي هوءَ ڄڻڪ سنجيوني بڻجي موٽي آهي. اڄ هوءَ بيحد خوش آهي. شايد ڊاڪٽر پرديوت جي ان منظوريءَ ڪري هوءَ ڪپڙن ۾ نه سمائجي رهي آهي. +چارو بابو آيو. مهاشيه کي ڏسي چيائين: ”مهاشيه ٻڌايو! پوءِ ڇا، ڪلورومائيسيٽن. بي کٽڪي ڏيو.“ +ڪلورومائيسيٽن! نئين يگه جي ايجاد. ادڀت دوا! اٽوٽ ٽائيفائيڊ: ساکيات مرتيو جي ساهڙي- بيماري. برساتي جابلو نديءَ جهڙي تيز ڌارا: جنهن کي روڪي نٿو سگهجي، جنهن کي ورائي نٿو سگهجي. ٻوڏ وانگر من ماني ريت وهي. پاڻ کي خالي ڪري تڏهن ساهه پٽيندي آهي. ان تيز وهڪري جي رهجي وڃڻ تي زندگي ٽڪي ويندي آهي ته بيمار بچي پوندو آهي. ان باغ جيئان قائم رهندو آهي، جنن جي سموري اپج شڪتيءَ کي ٻوڏ جو پاڻي مٽيءَ سان گڏ وهائي ويندو آهي. ان جي حالت کاڌل- ڪلراٺي زمين جهڙي ٿي ويندي آهي. +برجلعل بابوءِ جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ هن وَڪٽراوفاز ڏٺو هو. ان ڀيري ته ان مان ڪو فائدو ڪونه ٿيو هو. بعد ۾ افاز مان فائدا ڏٺا اٿائين. ڪلورومائيسيٽن شايد تز ۽ اَچوڪ آهي. معيادي بخار جي بيمار کي ڏسڻي ڏيکاري روڪڻ جي جريت هيءَ دوا رکي ٿي. ٻڍو جيون مهاشيه ان کي ڏسڻ جي چاهنا ڏيکاري اتساهه سان ويٺو رهيو. ان دوا جي شيشي ونيه جي دوڪان ۾ ڏسي چڪو آهي. هڪ ڪيس جي لاءِ ٽي شيشيون ڪافي آهن. سڀاڻي کان ئي بخاري گهٽجڻ لڳندو ٽئين ڏينهن تي ته بنهه لهي ويندو. اچرج ئي ته آهي! +پرديوت چيو: منجو! منجو! وات کول! ٽيبليٽ آهن.“ سيتا ٽوال ۽ پاڻي کڻي بيٺي هئي. هن منجوءَ جي وات ۾ پاڻي وڌو. چارو بابو ٽيبليٽ کارايس. +سنجها جو جيون مهاشيه وري ويو. نبض ڏٺائين: ”تپ وڌي ويو آهي. ساڍا چار ٿيندو. سيرانڌيءَ کان اڄ ٻي نرس ويٺي آهي. سيتا شايد موڪل تي هوندي. +ٻئي ڏينهن به بخار گهٽ نه ٿيو. اڳئين ڏينهن کان به وڌيڪ ويو هو. سستي به وڌي ويس. +ٽيون ڏينهن.اڄ تپ لهي وڃن گهرجي، پر ڪٿي؟ مهاشيه گنڀير درشٽي سان ڏسندو رهيو، ”دوا جو اثر ڪيڏانهن ويو؟“ +پرديوت، چارو بابو، هريندر، ٽنهي جا من وياڪل ٿي ويا. ”سوئي ته، ته ڇا...؟“ +جيون مهاشيه درڍتا سان چيو: ٽائيفائيڊ آهي. نبض ۾ ڏاڍو ٻل آهي: ايترو ئي آئون چئي سگهان ٿو.“ ڪرڙوڍ چارو بابو، بي صبر آهي. ٿوري ۾ ئي ڀڙڪي پوندو آهي ۽ ٿوري ۾ ئي واڇون ٽڙي وينديون اٿس. هو دلشڪستو ٿي پيو آهي. اهو ئي ته! سنسار ۾ مني رشي به ڀرمائجي وڃن ٿا! +جيون مهاشيه درڍتا سان ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”نه.مون کي وهم ڪونه ٿيو آهي.“ +پريوت کي ڄڻڪ ڳڍڙيون پئجي ويئون، چي: ”چارو بابووري ڪلورو مائيسيٽن ڏيو.“ هن پنهنجي هٿ سان شيشيءَ جو منهن کوليو. دوا چارو بابوءَ کي ڏنائين. +جيون مهاشيه جڏهن شام جو پهتو، تڏهن ڏٺائين، پرديوت ٻنهي هٿن سان ڪن جهلي ورانڊي ۾ ويٺو آهي. مريض جي سيرانڌيءَ کان سيتا ويٺي آهي. سيتا ٻڌايس. ”رت جا دست آيا آهن. بخار يڪسان آهي.“ +جيون مهاشيه پاڻيهي ڪمري جي اندر ويو. بستري جي ڀرسان ويهي هن جي نبض ڏٺائين. ٻاهر اچي پرديوت جي ڪلهي تي هٿ رکيائين. +پرديوت نظر کڻي مٿي نهاريو: ”مهاشيه!“ +”ها اوهان دل نه هاريو. رت جا دست ٿيا ته ڇا ٿيو؟ هن بيماريءَ ۾ اڪثر ٿيندو آهي ۽ ٿيندو آهي به ته روڳي جي ڀلي ڪاڻ. مون نبض ڏٺي آهي. ٽطرفي خرابيءَ جو اثر گهڻو ڪجهه گهٽجي ويو آهي. بيمار هينئر بهتر آهي. اوهان ڳڻتي نه ڪريو. مون کان ڀل ڪانه ٿي آهي.“ +ڊاڪٽر يڪ ٽڪ ڏانهنس نهاريندو رهيو. مهاشيه دهرايو: مان اوهان کي ڪوڙو دلاسو نٿو ڏيان.“ +پرديوت ڳچ ساعت چپ ويٺو رهيو. +اسٽيشن کان هڪ بيل گاڏي آئي ۽ احاطي جي اندر گهڙي. ٻه زالون هيون. ئي وڌوائون. هڪ بيحد ٻڍي. ڊاڪٽر اڳتي وڌيو”اما!“ +”منجو ڪيئن آهي پٽ؟“ +”بيمار ئي آهي. مگر: هن کي ڇو وٺي آئي آهين“ پر ديوت خفي ٿي پڇيو. هن ٻڍيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين. +”ڪٿي اُڇلي اچانس پٽ؟ هيءَ ته مون کي ڇڏڻ واري ڪانهي.“ +”پر مان هن کي ڪٿي رکان؟ ڇا ڪريان؟ +”پئي هوندي ڪنهن ڪنڊ پاسيرو.گوڙشور ڪونه مچائيندو. ڪجهه ڏينهن کان الائي ڪهڙي ماٺ وٺي ويئي اٿس. ان ڪري کيس ساڻ وٺي آئي آهيان.“ +”اچو.“ +جيون مهاشيه ڏانهن مهڙ ڪري چيائين: ”اوهان ترسجو ڊاڪٽر صاحب، مان اجهو آيس. منهنجي سس جي ناني اهائي آهي. هڪ ته هيءُ بيماريءَ جو کٽراڳ، مٿان وري هيءَ اچي پيئي“ +جيون مهاشيه ويٺو رهيو. +ويساکه جو آڪاش- ڪالهه ٻنپهرن ٽاڻي هلڪو مينهن واچوڙو آيو هو. اڄ آسمان ميرانجهڙو ڪونهي. تارا جهرمر ڪري رهيا آهن. انهيءَ اڀ ڏانهن نگاهون تڪي هو ويٺو رهيو. اهريءَ حالت ۾ من ڄڻڪ سنسان پئي ڀاسيو. جيڪڏهن ڪهن شيءِ تي نظر کپائي نه ويهجي ته من ڊوڙڻ ڀٽڪڻ جي پيو ڪندو آهي. ڪنهن کان ڇا ٿيندو! هزار قسمن جا سوال. زندگي سهڪي پوندي. ڊوڙي نه سگهندي، ته به ڊوڙندي، ڊوڙڻو آڪاش جي جڳمڳاهٽ ۾ کوهجي وڃڻ جو سنجوڳ ٿيڻ سان کيس ڇوٽڪارو ملي ويو آهي. +”اما. اما.“ +”منجو! ڌيئڙي. آئون اچي ويس.“ +”ڇا اٿئي ڌيءَ؟ ڪٿي تڪليف آهي، ڪهڙي تڪليف آهي؟“ +”هان‘ اما.“ +جيون مهاشيه کليو. +ماءُ! ماءُ چئي رهي آهي اجها آئون هتي آهيان، تڏهن به مريض پڪاري رهي آهي. شايد پاسو بدلائي پڪاري رهي آهي. پنهنجي هن لنبي جيون ۾ اهڙا درشيه ڪيترا پسيا اٿائين! هاءِ ڙي منش! اها ماءُ ڇا تون آهين؟ اها ماءُ ته هوءَ آهي، جيڪا آروگيه روپڻي (سدائين نروڳي) آهي. هن جي انگ انگ ۾ امرت آهي. هن جي ڇهاءَ سان ئي روڳي جو روڳ، هيڻائي سميت مڙي وڃي ٿو. جلن گهٽجن ٿي، وياڪل، بي صبري شانت ٿي وڃي ٿي، سستيءَ جي خماري ميٽجي سجاڳي اچي ٿي؛ جيوت جي خزاني ۾ ساڙ پچ جي ڀڙڪيل باهه دٻجي جيوت جي جوت بڻجي جڳي ٿي. سموري پيڙا مٽائڻ واري، سڀ سور دک ناس ڪرڻ واري آروگيه روپڻي ماءُ هوءَ ئي آهي، هوءُ ڪير آهي. خبر ڪانهي، پر هوءِ امرت روپڻي آهي، اَڀيا (نڏر) آهي. هن کي ڏسي موت پري کان نمسڪار ڪري موٽي ويندو آهي. مهاشيه ٿوري ساعت لاءِ چنچل ٿي ويو. کيس ائين لڳو. موت ڪمري م وارد آهي. ڪنهن ڪنڊ پاسي اوندهه سان گڏجي بيٺل آهي. مريض شايد انهيءَ کي محسوس ڪري امرت روپڻيءَ کي پڪاري رهي آهي. خبرداريءَ سان هن روڳڻي ڏانهن نظر ڦيرائي. +[1] مرض جي پڇاڻ. + + +[37] + +ٻئي ڏينهن ساجهر ويل. +آرگوگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ جيون مهاشيه بيٺو هئو، پرديوت ڏانهن وڃڻ جي تياري هئي، اچانڪ پرديوت ئي سائيڪل تي اچي پهتو. ورانڊي جي سيڙهيءَ تي پير رکي سائيڪل روڪيائين. لٿو ڪونه سهڪي رهيو هو. +”تپ اڄ نوانوي تي آيو آهي.“ +”لهي ويو؟“ +”جي ها. نوانوي پائنٽ ٻه. صبوح کان ئي منجو مزي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. چوي ٿي، ٺيڪ آهيان.“ ”ايشور جي ٻاجهه ۽ اوهان جي انوکي همٿ ۽ دردتا.“ +ان واکاڻ جوان ڊاڪٽر هوبه وروڌ ڪونه ڪيو کلندي بنا سنڪوچ ان کي سئيڪار ڪيائين. رڳو ايترو ضرور چيائين: ”اوهان جي ناڙي گيان جي مدد نه ملي ها ته ايتري همٿ مان نه ڪري سگهان ها. چڱو مان هلان ٿو، خوشيءَ وچان اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙندو آيس.“ +سائيڪل وراڪو کاڌو. ڊاڪٽر تيزيءَ سان نڪري ويو. صبوح جي هير ۾ هن جا سڪل وارو ڦڙ ڦڙ ڪري اُڏامڻ لڳا. +”پرمانند ماڌو! پرمانند ماڌو! هي گووند! پرمانند ماڌو!... نام جاپ اڌورو ڇڏي مهاشيه يڪساهي کليو، ٿڌو شوڪارو ڀريائين. +سنسار ۾ جيڪي ٿورا ڪي ماڻهو ڏاڍو سکي آهن تن مان هيءُ به هڪ آهي. هن جوانڙيءَ کي هن دل سان حاصل ڪيو آهي. ٻئي ملي ڪري مانسورور آهن. +تنهن ڏينهن ڪشور به چيو هئو: ”اهائي پرپاتي ته سڀ کان وڌيڪ آهي. جنهن اهو پاتو، تنهن سڀ ڪجهه تون ڊاڪٽر صاحب. سرشٽي ان وقت مانسروور ٿي پوندي آهي.“ +هن ڪشور کان پڇيو: ”ٻڌو اٿم تون شادي ڪري رهيو آهين. پر ان جو ٿيو ڇا؟“ +هن چيو هئو: ”ڊڄي ويو هوس! وري چيو هئائين. ”وهانءُ ڪرڻ سان وَني ملندي آهي، پر جيڪو پائڻ لاءِ انسان وهانءُ ڪري ٿو، سوئي نٿو ملي، ناري ۽ پرڪرتي: ٻئي هڪڙو ستيه آهن. ٻن ڏينهن ۾ ئي ڇاتي تي پير رکي پنهنجو راهه رمندي ٿي رهي. ڪڏهن پنهنجو ڪنڌ پاڻ ڪپي رت ۾ سنان ڪندي آهي ۽ تڏهن پنهنجي ڀتار کي ڳرڪائي ڌوماوتي ديوي بڻجي پوندي آهي. وري ڪڏهن ته پتا جي مک مان پتيءَ جي نندا ٻڌي جيون تياڳي ڇڏيندي آهي. منش جي پورڻ پريم جي هٿان شانت، گنڀير ٿي شايد ئي پڪڙ ۾ ايندي آهي. جن جي ڀاڳ ۾ اهڙي حاصلات هوندي آهي، تن کي ٻئي ڪنهن به قسم جي ضرورت نٿي رهي- مان، شان، سامراج، ايتري قدر جو مڪتي به نه. انکان وڌيڪ حاصلات ٻي ڪائي ڪانهي. اها شايد ورلو ڪو حاصل ڪري ٿو. سو قدم وڌائي به ڪشور ڊپ کان پٺتي هٽي ويو. ڪهڙي خبر، اسان ٻنهي م ڪٿي ڪهڙي ڦاڪ هجي، ڦاڪ پوڻ سان خيريت ڪانهي، ڦاڪ هجي ته ناري نديءَ جيئان ڀڄندي ويندي ۽ ٻئي ٻانهون ڦهلائي سمنڊ تائين ڊوڙي به هن کي پائي نه سگهندس. ٻانهن جي ٻنڌن- ڀاڪر۾ ٻڌجندي ئي هوءَ مانسورور ٿي پوندي.“ +جيون مهاشيه بار بار من ۾ چيو: ڳالهه بلڪل سچي آهي. سنجها جو پرديوت جي ورانڊي ۾ بهي هن ان سچائيءَ کي پاڻ چڱيءَ طرح محسوس ڪيو. شام جو هن جو تپ صفا لهي ويو. +سيتا کلي ڪري ڊاڪٽر جي پتنيءَ کي چيو: اف! ڪهڙي نه ڊپ ۾ اوهان وجهي ڇڏيو هئو! +”توکي ڏاڍي تڪليف ڏسڻي پيئي نه؟“ منجوءِ جي چپن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿي. +ٻار وانگر چنچل ٿي ڊاڪٽر ڪمپائونڊر کي چئي آيو. نرسن ڏانهن ويو. اسپتال جي بورچي موتيا کي چئي آيو، ”اڙي موتيا، بخار لهي ويو.“ کيس جيون مهاشيه جي موجودگيءَ جي به سڌ نه رهي. +بيمار جي ڪمري ۾ ڊاڪٽر جي سس پهتي. +”اهڙو تو ڊيڄاري ڇڏيو هو جو ڇا چئجي“ +”الائي ٽي چار ڏينهن ته مون کي به سڌ نه رهي!“ +”رهندي وري ڪيئن! بيهوش جا پيئي هئينءَ. اما اما ڪري پڪاريندي رهينءَ. مون چيو، اجها مان آهيان، پر تو ته نهاريو به ڪين. هيڏانهن تنهنجو هيءُ حال ۽ هوڏانهن ويچاري گهوٽهن جو حال ئي نه پڇ. هن جي شڪل ڏسي منهنجو ته روئڻ به محال ٿي ويو. ائين لڳو، منجوءَ کي ڪجهه ٿي پيو، ته هيءُ ته چريو ٿي پوندو.“ +”چريو ڪونه ٿئي ها سنياسي ٿي وڃي ها يا آپگهات ڪري ها.“ +ورانڊي ۾ بيٺي بيٺي جيون مهاشيه پنهنجي اندر جي اکين سان پروڙيو، روڳڻيءَ جي چپن تي مرڪ جي ريکا نمودار ٿي هئي، وڏي چوڏس جي باقي رات جي اچانڪ کڙيل چانڊوڪيءَ جهڙي کل- ۽ ان کل جي ڪري هوءَ لڄ محسوس ڪانه ڪري رهي آهي. مڪمل پاڻي ملڻ سان جهڙي طرح ناز سان گل ٽڙندو آهي، اهڙي طرح هو تيز مرڪ سان ٽڙي پيئي. +”هي پرمانند ماڌو:“ +ڊاڪٽر اچي رهيو آهي. قدمن ۾ به خوشي ڀريل اٿس. +”ڌرا! ڌرتري! ٻڌين ٿي؟“ +هوءَ جهور ٻڍڙي عورت ڊاڪٽر جي سس کي سڏ ڪري رهي آهي. اڄ ڪيترن ڏينهن کان هو ان آواز کي سڻي رهيو آهي. اندرئين ورانڊي مان اهو آواز اچي ٿو. ڌنڌلي اکين ۾ پسي ٿو: هڪ ڊگهي قدار پيرسن وڌوا خشڪ اکين سان چپ چاپ ويٺي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي پڪاري ٿي: ”ڌرا! ڌر تري!“ +هن پاسي کان ڪوبه جواب نٿو اچي. مريض جي سيرانڌيءَ وٽان ڪير جواب به ڪيئن ڏي؟ هوءَ پيرسن عورت نيٺ چپ ٿي وڃي ٿي. هن کي ڏسڻ سان لڳي ٿو، ڪڏهن هن شاندار جيوت ماڻي آهي. ٿوري ساعت هوءَ چپ رهي ٿي، وري سڏ ڪري ٿي: ”ڌرا: ڌرتري، اڙي او ڌرتري! ٻڙي اهو ته ٻڌاءِ تنهنجي ڌيءَ ڪيئن آهي؟ مون کي ته ڪمري ۾ وڃڻ کان منع ڪيل آهي، ان ڪري وڃان به نٿي. پر هن جو حال ته ٻڌاءِ.“ +انهن جو به جواب ڪير ڏئي؟ ويچاري چپ ٿي ويئي. +اها ئي اڄ به سڏ ڪري رهي آهي. اهو ئي ساڳيو آواز. ا�� ڌرتريءَ ورندي ڏني: ”چئو، ڇا کپيوَ؟“ +”کپي وري ڇا؟ تون ٿينءَ منهنجي ڏوهٽي، تنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ ۽ تنهنجي ڌيءَ ٿي منجو. تنهن وٽ آئي آهيان، اهائي ته وڏي شرم جي ڳالهه ٿي! وري ان جي مٿان ڇا گهران؟“ +”چئي رهي آهيان: منجو ته ٺيڪ آهي؟ ذرا هن ڪمري ۾ وڃان، کيس ڏسان! اکئين ڏسي نٿي سگهان، ذرا هٿ ئي مٿس ڦيري اچان.“ +”او ڊيڪولين ڪونه لڳائيندينءَ؟“ منجوءَ جو آواز. اها جهيڻي کل، پر زور سان کل نڪتي! +”ڏيندينءَ ته لڳائينديس. ڪيترن ڏينهن کان آئي آهيان: تيل ڪونه لڳائي سگهي آهيان. سنان وقت کوپرو لڳائڻ لاءِ ملندو اٿم. اهو ته مان لڳائي نٿي سگهان. ڇا ڪريان اڻڀي مٿي سان ئي وهنجي وٺندي آهيان. اوڊيڪولين نه سهين، ذرا خوشبودر تيل ڏينم.“ +”چپ ڪري ويهه. ناٺيم پيو اچي.“ +منجو جي ماءُ ڊاڪٽر کي ايندي ڏٺو: ٻڍڙيءَ کي هن خبردار ڪري ڇڏيو. +جيون مهاشيه ذرا دکي ٿيو. +“ڪٿي، ڪٿي آهي تنهنجو ناٺي؟ ذرا هن کي ته مون ڏانهن موڪل، اڄ چاهي مان رستي جي ڌوڙ جهڙي ڪم کان ويئي پيئي آهيان، چاهي منهنجو گهڙڻ سان ڪمرو گندو ٿو ٿئي، ڇهڻ سان اوهان جا هٿ ميرا ٿا ٿين؛ پر ڪڏهن منهنجي به روپ جواني هئي: عزت آبرو هئي. سڀ ڏينهن ههڙي حال ۾ ته ڪانه رهي آهيان. وري مان ٿيس منجوءَ جي ماءُ جي ماءُ جي ماءُ. ان ناتي به مون سان ڳالهائڻ ته گهرجيس.“ +”ڇا پئي چوين، ڇا؟“ ڊاڪٽر اهي ڳالهيون ٻڌي ورتيون. ورانڊي ۾ بهي ڪري سڀ ڪجهه سڻي ورتائين. منجوءَ جي ماءُ کي اهڙي حالت ۾ ساوڌان ڪرڻ جو به وجهه ڪين مليو. ڊاڪٽر جو من خوشيءَ وچان ڦوليو نٿي سمايو. سو کلي چيائين: ”ڇو ڪونه، اوهان سان ضرور ڳالهيون ڪندس. اوهان اسان جا پوجنيه آهيو پر منجوءَ جي بيماريءَ ڪري....“ +”ها ادا، سو ته آهي. مونکي جيڪا لڄ، جيڪو ڊپ ٿيو سو ڇا ٻڌايانءِ؟ سوچيم، نيٺ مان آيس ئي ڇو؟ مان ڏائڻ آهيان. سواميءَ کي کاڌم، هن کي کائي ڌيءَ جي گهر ويس، ان کي به کاڌم. انهيءَ ناٺيءَ وٽ تنهنجي سس کي نپايم تاتيم. ڌيءَ جي پهاڄ آئي،. ان جون ڇڙٻون سهي ات رهيس. تهانپوءِ ڌرتريءَ جو وهانءُ ٿيو. هن وٽ پهتيس. هيءَ به وڌوا بڻي. هاڻ آئي آهيان هتي، ڇو آيس؟ جنهن سبب کان آئي آهيان، سو ته ڄاڻين ٿو. وڏو ڊاڪٽر آهين، منهنجون اکيون ٺيڪ ڪر.“ +”چڱو. سڀاڻي کان ئي دوا ڏيندس.“ +”دوا نه، آپريشن ڪر.“ +”ان جو آپريشن ٿورو ئي ٿيندو. موتيو پاڻي ته نه آهي.“ +”نه نه. آپريشن بنا ٺيڪ ئي نه ٿينديون؛ ان سان ئي ٺيڪ ٿينديون. ڪيترن جون ٺيڪ ٿيون آهن.“ +”خير. سڀاڻي کان چڱيءَ طرح جاچ ڪري ڏسندس. چڱو مان ٻاهر وڃان؟ اوهان کي هتي ڪا تڪليف ته ڪانهي؟“ +”تڪليف ته ادا آهي! لڳائڻ لاءِ ڪو سٺو تيل کپي. هيءُ منهنجا ڪپڙا به ڏاڍا پراڻا ٿي ويا آهن.“ +لڄي ٿي ڪمري جي اندران ئي ڊاڪٽر جي سس چيو: ”ان جو اپاو به ڪهڙو آهي؟ ڪپڙي تي ڪنٽرول آهي: ڪپڙي جي اڻاٺ سبب سڄي دنيا ڦاٽل سبيل پهري ڏينهن گذاري رهي آهي.“ +”هائو، سو ته آهي. سکه. هڪ اڌ منجو جو ئي پراڻو ڪپڙو ڏج. اهو ئي پهرينديس.“ +”منجوکلي ڏنو. ”رنگين، ڏوري واري ساڙهي...“ +”ها، اهائي پهرينديس، پر هيءَ لتا ته پهري ڪانه ٿيندي.“ +ورانڊي ۾ جيون مهاشيه کي ڏسي ڊاڪٽر ذرا شرمندو ٿيو. کيس هن جي هوئڻ جو سماءُ ئي ڪين رهيو هو. خوشيءَ وچان وساري ويٺو هو +”مونکي دير ٿي ويئي، مهاشيه.“ +”مڙيو ئي سک آهي.“ +”۽ ڀاءُ منجوءَ جا گهوٽ! ٻڌين ٿو؟ ”هن ٻڍڙيءَ وري چيو. +”مصيبت آهي!“ پرديوت هاڻ خفي ٿي پيو. شايد اهو سوچي گرم ٿي ويو جو هن ٻڍڙيءَ جون ڳالهيون جيون مهاشيه به ڪنين سڻيون. ٻڍڙيءَ تي ته خفي ٿيو، شايد جيون مهاشيه تي به ڏمريو. ’بيٺي بيٺي ٻڌڻ سونهين نٿو، کيس هليو وڃڻ کپي ها. دل ۾ چيائين.‘جيون مهاشيه چيو: ”چڱو ته آئون هلان ٿو.“ +”ٿوري دير وهندا ڪونه؟“ +”سڀاڻي ايندس.“ +”چڱو. جنهن ڏينهن منجوءَ کي ڀت ملندو، مان دعوت ڏيندس.“ +”ٺيڪ ته آهي.“ +”پر اهو اوهان کي ٻڌائڻو پوندو ته ڀت ڪهڙي ڏينهن ڏنو وڃي. ڪلورومائيسيٽن سان تپ لهي ويندو آهي، پر رلئپس جو ڊپ ته رهي ٿو. اوهان جنهن ڏينهن ٻڌائيندا ته نبض ۾ ڪوبه نقص ڪونهي، ڀت يا کاڌو ڏيئي سگهجي ٿو، انهيءَ ڏينهن کيس ڏنو ويندو. جڏهن رت جا دست آيا اٿس ته ضرور اِنٽيسٽائين ۾ پرفوريشن ٿيو آهي. ڀت ان ڪري خوب سوچي سمجهي ڏيڻو پوندو.“ +هوڏانهن هوءَ ويچاري ٻڍڙي سڏ مٿان سڏ ڪري رهي آهي:”اڙي او ڀائو، ٻڌين ٿو؟“ ذرا ساعت ماٺ ڪري وري: ”منجوءَ جا گهوٽ!“ وري: ”ڊاڪٽر صاحب!“ +دٻيل زبان سان منجوءَ جي ماءُ چيس: ”ناني ٿورو ترس؛ هو هينئر مهاشيه سان ڳالهائي رهيو آهي.“ +مهاشيه سان؟ مهاشيه ڪير؟“ +”جيڪو نبض ڏسڻ ۾ ماهر آهي، هتي جو ڪويراج!“ +”اڇا!“ ٻڍڙي ڪنهن اونهي سوچ ۾ پئجي ويئي. +ٿوري ئي دير ۾ سجاڳ ٿي سڏيائين: ”ذرا، هن جي ڳالهه پوري ٿي ويئي؟ مان هڪ ڳالهه چئي رهي هئس.“ +هينئر شايد پرديوت ڪاوڙ وچان چريو ٿي پيو. منهن ورائي امالڪ چيائين: ”چيو مانءِ ته، سڀاڻي اکيون تپاسيندس، پوءِ جيئن هوندو، ڪيو ويندو.“ +”نه ڀاءُ- اهو مان ڪونه چئي رهي آهيان.“ +”ته پوءِ ڪپڙا؟ ڪپڙا به آڻي ڏندس.“ +”نه نه.“ +”تڏهن ڇا؟“ +”هيءُ مهاشيه جي آهي نه، ٻڌو اٿم، نبض ڏاڍي سٺي ڏسي ڄاڻندو آهي...“ +”ها پر هيءُ ڇا ڪندو؟ هو ته آپريشن مان ڪين ڄاڻي.“ +”هڪوار کيس پنهنجو هٿ ڏيکاريان.“ +”هٿ ڇا ڏيکاريو. چڱي ڀلي ته آهين. ڪابه بيماري ڪانهي.“ +”بيماري ته مونکي گهڻي آهي. اوهان ماڻهن جي جهل ۾ نٿي اچي. پراڻا ماهر ئي ان کي ٺيڪ سمجهي سگهندا. ذرا کين چئو ته. تنهنجي لاءِ ته مان ويئي پيئي آهيان، پر هن کي چو ته مان ڪانديءَ جي زميندار فلاڻي بوس جي استري آهيان. فلاڻي بوس کي ته سڃاڻندو هجي، اهڙو ماڻهو ئي هن پرڳڻي ۾ نه آهي. ٻيو، ته اها سموري پنهنجي ئي ذميداري ته هئي. ذرا هن کي چئي ته ڏس، ته ڪهڙي نه عزت سان ڏسي ٿو. ان کانسواءِ منهنجو پتا.... هن جو....“ +پرديوت جي صبر جو پيالو ڪاوڙ وچان ڀڄي پيو. پر چوي به ڇا، ٻاهر مهاشيه بيٺو آهي. +منجوءَ جي ماءُ ٻڍڙيءَ جو هٿ دٻائيندي چيو: ”ناني، چپ ڪر.... هاڻ چپ رهه.“ +ٻاهران مهاشيه سڏ ڪيو: ”پرديوت بابو!“ +پرديوت ٻاهر آيو.سڀ کان اول هن هٿ جوڙي چيو: ”هن جي ڳالهين جو اوهان خيال نه ڪندا. هوءَ ڪهني زماني جي زميندار جي گهر جي ننهن ٿي رهي آهي. هينئر چري ٿي پئي آهي.“ +کلي مهاشيه مرڪندي چيو: ”نه، نه اوهان کي ان ريت سنڪوچ ڇو ٿي رهيو آهي؟ هوءَ هٿ ڏيکارڻ چاهي ٿي، هلو ڏسي وٺان. انهيءَ ڪري ته هن کي خوشي ٿيندي. ڪانديءَ جي ڪهڙي گهر جي ننهن آهي... ڪنهن جي استري؟“ +”ڀوپن بوس جي. ماڻهو کيس ڀوپي بوس چوندا هئا. جهڙو بدفعلي هئو، تهڙو ئي هٿ ڦاڙ. سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو، پرشراب ڪونه ڇڏيائين.“ +”مان هٿ ڏيکارينديس. ٻڌو اٿم، هٿ ڏسي هو موت جي اڳڪٿي ڪري ٿو. مان به ڄاڻڻ ٿي چاهيان ته ڪڏهن مرنديس. تون هن کي ٻڌاءِ، منجري آهي، منجري جو هٿ ڏسڻو آهي. مان هن جي ماستر جي ڌيءَ منجري آهيان. ڪانديءَ جي فلاڻي بوس جي استري! هو مون کي سڃاڻي ويندو.“ +ڄيٺ جي مهيني جي رات، بادل رهت آڪاش اچانڪ ڪومل نيري پرڪاش سان ڀرجي ويو ۽ ان مان ڄڻڪ هڪ تارو ٽٽي پيو. جيونمهاشيه سناٽي ۾ اچي بيٺو رهيو. +”منجري!“ +اسپتال جي ڊاڪٽر پ��يو: ”اوهان هن کي سڃاڻندا هئا؟“ +”ڇو ڪين. خوب سڃاڻان ٿو. اوهان کي اعتراض نه هجي ته آئون هن جي ناڙي ڏسان؟“ +”ٺيڪ ته آهي. اڄ ئي ڏسندا؟“ +ڪهڙو هرج آهي. ڏسي ئي وٺان.“ +پرديوت چيو: ”هن کي گهڻائي روڳ لڳل آهن. ڪيترو سارو زهر ته پتي ڏيئي ويو اٿس. سڀ ڪجهه ته ٻڌايو اٿائين.اوهان به ڄاڻو ٿا.“ +”ڄاڻان ٿو.“ +”هنجي ويچار جو زهر رت ۾ آهي. هٻڇ ڪري اِسٽمڪ- اِنيٽيسٽائين به روڳ ۾مبتلا ٿي ويو اٿس، وقت جي ڪميءَ سببان جسم کوکلو ٿي پيو اٿس. من جي اشانتي به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. اکين کان ڏسڻ کان لاچار آهي. ڪنن کان به ڳري آهي. ڪولائيٽس ته لڳل ئي اٿس، سياري ۾ سهڪو ۽ مٿي ۾ سور رهندو اٿس، تڏهن به جيئري آهي. ڇچوري ڪري کائيندي آهي.“ +ڊاڪٽر پاڻ جهلي ورتو. کيس لڳو، وڌيڪ چوڻ واجب نه ٿيندو. +”منجري چوري ڪري کائيندي آهي، چوري ڪري خوشبوئدار تيل لڳائي ٿي. هٿوراڙيون هڻي جنهنجا به هجن، صاف سٿرا ڪپڙا پهري ٿي. اهي مڙيئي حقيقتون گذريل ڪيترن ڏينهن کان هنن ماڻهن جي واتان مهاشيه ڄاڻي چڪو آهي. +هن پرديوت کي چيو: ”هلو“ +پرديوت چيو: ”تنهن ڏينهن مون کيس موتيءَ ماءُ جو قصو سڻايو.اوهان جيڪي چيو هئو، سو به ٻڌاءِ. پر ڪنهن کي ٻڌائجي، ڪير ٿو ٻڌي؟ چيائين: منجوءَ جو هڪ پٽڙو پنهنجي اکئين پسان، ان کان پوءِ... ان کان پوءِ.“ +مئي ڪانه ته قصو ختم. +* * * * +منجري جي سامهون وڃي مهاشيه ڪجهه دير اسٿر ويٺو رهيو. للاٽ تي قطار ۾ ريکائون بڻجي آيس، اکين ۾ هڪ انوکي نظر نروار ٿي، کيسي مان عينڪ ڪڍي پاتائين. غور سان ڏٺائين. دور کان ’ته کيس ايامن کان ڏسي رهيو اهي، پر اڄ چشمو چاڙهي لڳاتار يڪ ٽڪ نگاهه سان ويجهو ڏٺائين: نه نه، هن جو قطرو به ثابت ڪونه بچيو آهي.‘ +”پنهنجو هٿ ته ڏيکاريوم.“ +’ناڙيءَ ۾ بخار آهي. بيماريءَ کان اندر ويران ٿيل آهي، چت ۾ لوڇ متل آهي. نبض جي هر هڪ ڌڙڪڻ بتائي رهي آهي. جسم جي هر هڪ سوراخ ۾ اُڀ جي تارن جيئان پراڻ ديوتا جي آرتي ڪندي جيڪي جيون – جوتيون جلن ٿيون، پاڻ پچائي پراڻ پوتر ڪري ان کي جاڳرت ڪن ٿيون، اهي اجهامي رهيون آهن، ڪي ٻري ٺري وسامي ويئون آهن. پراڻ ديوتا جي چوڌاري ڇايا جوگهيرو اچي چڪو آهي ۽ برف جا ڇهاءُ پيکري رهي آهي. آخرين حد جي قطري تي پهچڻ جي راهه هينئر نالي ماتر باقي آهي. ناڙيءَ جي ڌڙڪڻ ۾ جيڪو جيون سنگيت جاڳي ٿو، اهو جهيڻو ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي آخرين ڇند سان سماپتيءَ جي سيگهه جي پڌرائي ڪري رهيو آهي.‘ +هن ان هٿ کي رکي ٻيو هٿ وڌائڻ لاءِ چيو. +هڪڙو ئي حال. ساڳيو راڳ، ساڳيو سر. +”ڇا ڏٺو؟ اک ڪن سڌري ويندا؟ چڱي ڀلي ڪري سگهندا مون کي؟“ +”نه“ +”مٿي جو سور، پيڙا؟“ +”هاڻ ٺيڪ نه ٿي سگهندو. پر اڄڪلهه وڏيون سٺيون- سٺيون دوائون نڪتيون آهن- کائيندا، سور گهٽ ٿيندو. آئون هڪ ٽوٽڪوٻڌائي ويندس: تنهن مان ڪجهه گهٽ ٿيندو.پر بلڪل ٺيڪ نه ٿي سگهندو.“ +”۽ پيٽ جي گڙ ٻڙ؟“ +”اهائي ته اوهانجي اصلي بيماري آهي.“ +”ٺيڪ ڪري وٺو.“ +”ٺيڪ؟“ +”ها ها منجوءِ جي ٻار کي ڏسي وٺان!“ +”جنم چڪر ۾ وشواس رکندا آهيو؟ اوهان ئي ٻار بڻجي هنجي گود ۾ موٽي اچو، اهو ته پاڻ وڌيڪ چڱو ٿئي!“ +ذرا چپ رهي ٻڍڙيءَ چيو: ”يعني اوهان وڃڻ لاءِ چئي رهيا آهيو. ڪانه بچنديس. پر، پر مونکي ڏاڍو ڊپ جو ٿئي ٿو.“ +”ڊپ ڪهڙي ڳالهه جو؟ هيءَ ته مڪتي آهي.“ +”مڪتي؟“ +”ها، مڪتي نه ته ڇا؟ اتي اوهانجا پوٽا، ماتا، پتا، ڀاءُ، ڌيءَ، ناٺي سڀ اوهان جي راهه تڪي رهيا آهن.“ +ٻڍڙيءَ جون اکيون چمڪي ويئون. بي نوراکين سان سامهون طرف نهاريندي کوهجي ويئي. +مهاشيه اٿي بيٺو. ڪر��يءَ جي کسڪڻ جي آواز تي ٻڍڙي سچيت ٿي ويئي! چي:”ته توهان به چئي رهيا آهيو، مون کي وڃڻو پوندو. ڪيترن ڏينهن جي اندر؟“ +پرديوت اتي آهي، مهاشيه به ان ڳالهه کي وساري ويٺو. کيس ان ڳالهه جي به ياد نه رهي ته پرديوت کي اڳڪٿيءَ تي سخت اعتراض آهي. هو وري ويهي رهيو. هڪ ڀيرو وري ٻڍيءَ جو هٿ چڱيءَ ريت: ڏٺائين ۽ چيائين: ”ٽن کان ڇهن مهينن جي اندر. انهيءَ عرصي ۾ اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ويندو. پر اڄڪلهه جي دوائن جي استعمال ڪرڻ سان ڪجهه وقت ممڪن آهي وڌيڪ ڀوڳيو. اڄ ڪلهه ڏاڍيون طاقتور دوائون نڪتيون آهن.“ +”نه. دوا هاڻ ڪانه کائيندي آهيان. اوهان مون کي چڱي يادگيري ڏياري ته هو هتي منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. جيترو جلدي مونکي مڪتي ملي، اوترو ئي چڱو ٿئي. اڄ تائين مون کي چڱي ريت اها ڳالهه ڪنهن به ڪانه سمجهائي هئي. اف....! الائي ڪڏهوڪو هو ويچارا منهنجي واٽ ڏسي رهيا هوندا ۽ مان.....“ +ٻڍيءَ جو آواز ڏڪڻ لڳو. بي نور ٻئي اکيون يڪ ٽڪ ٿي ويئون: لڙڪ وهڻ لڳا. +مهاشيه ماٺ ميٺ ۾ اٿي هليو آيو. +اکيون ڦيرائي هڪ اڀو ساهه کڻڻ تي هو ته ڇرڪي ويو. سامهون واري آئيني ۾ هن پنهنجو روپ ڏٺو. اڇا وار، ڳل گهنجن ۽ کڏن سان ڀريل، منهن هيڊو: هڏن جي پڃري جيئان بيٺو آهي. هڪ ڳالهه کيس ياد اچي ويئي. پتا جيءَ چيو هو: ”هر جنم موت کي ساڻ آڻي ٿو. روز روز هو وڌي ٿو ۽ پنهنجي ان واڌ ۾ ئي هو پنهنجو انت آڻيندو هلي ٿو. پاڻ کي موت ڏانهن گهليندو وڃي ٿو. ان ريت جيون سنگرام ۾ جنهن ڏينهن هو ٿڪجي پوي ٿو، انهيءَ ڏينهن ٻڍاپو اچي وڃي ٿو. ٻڍاپي کانپوءِ اچي ٿو انت. يعني جي اڄ آئون سج اڀرائي جنم وٺان ٿو ۽ مران ٿوته ننڊ سان گڏ سج لٿي رات جي اونده ۾ وري نئين جنم جي پرڀات ۾ جنم وٺان ٿو.“ +مهاشيه کي هن ريت غرق ٿيندو ڏسي پرديوت کي تپرس وٺي ويو هو. ڪرسيءَ کي ٿورو کسڪائي چيائين: ”ويهو.“ +مهاشيه جو اٽڪيل اڀو ساه ٻاهر کڄي آيو. هن منهن ورائي ڪرسيءَ کي ڏٺو ۽ ويهي رهيو. پڇيائين: ”ڇا ٿا ڀانيو؟“ +ٻڍيءَ پڇيو. اوهان جيون مهاشيه آهيو؟ نوگرام ديويپور جو جيون دت؟ آئون منجري آهيان. ڪانديءَ جي بنڪم جي ڀيڻ. ماستر نوڪرشڻ سنگهه جي ڌيءَ.“ +مهاشيه کلي چيو: ”ٻڌڻ سان ئي سڃاڻي ويس، ڳچه ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اچي ٿي. +’ٺيڪ ٿا چؤ. ڌنڌلي ڌنڌلي. هتي اچي جيون مهاشيه- جيون مهاشيه ٻڌندي رهيس. نوگرام. سڃاتل جهڙو لڳو. ٻڌل جهڙو نالو لڳو، وري اوهان جو ڳالهائڻ ٻڌي ساڳيو ئي زور ڏيئي ڳالهائڻ ٻڌي سمجهي ويس، اوهان ساڳيا ئي آهيو. هو به ته مهاشيه ئي هئا. گهر به سندن نوگرام ۾ هو. دماغ ته اڄڪلهه ٺيڪ نٿو رهي. هينئر ڪجهه ياد آيو. هينئر ئي وسري ويو. پڇاڙيءَ ۾ سوچيم. هو هجن يا ٻيو ڪوئي هجي. هيڏو وڏو ڪويراج آهي، هٿ ته ڏيکاري وٺان. من ڪٿي چڱي ڀلي ٿي پوان.“ +اسپتال کان هو ٻاهر نڪري آيو. ڊاڪٽر پرديوت ڦاٽڪ تائين گڏجي آيس. چي: ”اهائي آهي اوهان ماڻهن جي اڳڪٿي؟“ +مهاشيه کوهيل نگاهن سان هن ڏانهن تڪيندو رهيو. هن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه ڪانه ويٺي. پرديوت چيو: ”اوهان کان سکڻ جي اِڇا ٿئي ٿي.“ +* * * * +مهاشيه جي من ۾ هن پيلي رنگ واري ڇوڪريءَ جي ڳالهه چڪر ڪاٽي رهي هئي. پيلو رنگ، پيلا وار پيلا نيڻ: ريشم پهريل، سڀني انگن ۾ ڪمل ٻج جا ڳهڻا انڌي، ٻوڙي. هر گهڙيءَ اهائي ساڻ آهي، ڪايا سان گڏ ڇايا وانگر. پور هئي سان گڏ جيئن آرام؛ آواز سان گڏ جئين روڪ؛ سجاڳيءَ سان گڏ جيئن رهي ٿي ننڊ. موت جو قاصد هن وٽ پهتو آهي ۽ هوءَ انڌي گونگي ديوي سڀني انگن ۾ امرت جو ڇهاءُ ڪري ٿي ڇڏي. لامحدود، اننت شانتيءَ سان جيون جڙي ��و پوي. منجري گويا انهيءَ ريت ڳنڍي ٿي ڇڏي ۽ ملڪ الموت اهو گويا ڀوپي بوس جو روپ ڌاري اچي ٿو. +’هي پرمانند ماڌو! سرشٽيءَ ۾ جيڪو تنهنجي ماکيءَ جو رس ڀريل آهي، اهو ئي موت ۾ امرت آهي.‘ +هن پنهنجي نبض پڪڙي رت جي رفتار اڄ تيز آهي، ڇاتيءَ جي ڌڙڪڻ وڌي ويئي آهي. نس نس مان پگهر نڪري رهيو آهي. اهڙي آنڌمانڌ هن هڪ عرصي کان محسوس ڪانه ڪئي. پاڻ ڇا آهي- منجو ڇا آهي؟ پر سندس موت جو قاصد ڪهڙي روپ ۾ ايندو؟ منجري ڪانهي، هوءَ جيون جو ڀرم آهي. وهم آهي. عطر جي ويس ۾؟ سندس پتا جڳت مهاشيه جي صورت ۾؟ گرو رنگلعل جي مورتيءَ ۾؟ يا هو ٻاٽ اوندهه ۾ لڪل هوندو، کانئس ڏٺو نه ٿيندو؟ ونوهاري؟- +ڪير؟- +ان ريت پهه پچائيندو هو اچي اَروگيه نڪتين جي سامهون سهڙيو هئو. هڪ بتي ٻري رهي هئي. ڪير ويٺو آهي. ڀروون تاڻي پڇيائين:”ڪير آهي؟“ +مهاشيه بابا! مان آهيان مان: ”مري!“ +”مري ويشڻوي! هيتري رات مهل” ڪهڙي ڳالهه آهي مري؟“ +”اڄ ساوتري چوڏس آهي بابا! اڀيا چيو: تون ڪنهن کي ساڻ وٺي مهاشيه وٽ وڃ.“ +’ساوتري چوڏس!‘ ڪڏهن ڏهاڳ جي ڏک جي ڪلپنا ڪري هن ابي وانگر سنيهه ۽ سڪ سان اڀيا کي کارائڻ چاهيو هئو، پر هن کي کيس سراپ ڏنو هو. اڄ هوءَ ڏهاڳ رهت- ورت جي سلسلي ۾ کيس ڀوڄن ڪرائيندي. ڌيءَ جهڙي اڪير سان ئي هن نوتو ڏنو آهي.‘ +ڀروون تاڻي ترڇيءَ نگاهه سان هن اوندهه ۾ ئي هڪ ڀيرو تڪيو. شايد پاڻ مرادو سوال ڪيائين. وري کاٻي هٿ سان هڪ ڀيرو ساڄي هٿ جي ڪرائيءَ کي زور سان دٻائي ڏٺائين، پر ستت ئي ڇڏي ڏنائين. چي: ”هل“ + + +[باقي] +چئن مهينن کان پوءِ +اوڻويهه سو ايڪونجاه عيسوي جي سيپٽمبر جو مهينو. سنجها جو ٽاڻو. ڊاڪٽر پرديوت پنهنجي بئگ ۽ بلڊپريشر (رت جو داٻ) ڏسڻ جو اوزار کڻي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ ورانڊي ۾ تيار بيٺو آهي. ڀرسان ئي هڪ ننڍي ٽپائيءَ تي چانهه جو ڪوپ رکيو آهي. +اندران منجو نڪتي. هوءَ به شايد ٻاهر وڃي رهي آهي. +چانهه جي ڪپ ڏانهن ڏسندي چيائين: اڙي اڃا ڪونه پيتي اٿو؟“ +”نه. وڻي ڪانه،“ +”وڻي ڪانه؟ مان ٺاهي کڻي اچان؟“ +”نه. من نٿو چاهي.“ هن هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيو: ”آخر هن رج مڙس سان ايترو جڪڙجي ويس! تنهنجي بيماريءَ جي وقت مدد ته سڀني ڊاڪٽرن ڪئي، پر سهائتا کان وڌيڪ مهاشيه جو سنيهه وڏي ڳالهه ثابت ٿي.“ ذرا ساعت چپ رهي ڪداچت ڪجهه سوچي چيائين: ”اها خوبي ماهرن ۾ ئي ٿيندي آهي اسان کان جيڪي ائين نه ٿئي. وڏي ڄمار ۾ ائين ٿي سگهي ٿو، پر....“ +پتني ڏانهن نهاريندي چيائين:”پر اڄ اڃا هاڻي ته تون آئي آهين، گاڏيءَ مان لهندي ڪلاڪ به نه ٿيو هوندءِ. اڄ کڻي نه هلين ها ته ڇا هو. تنهنجي صحت اڃا اهڙي سٺي ته ڪانه ٿي آهي.“ +بيماريءَ کانپوءِ هن منجوءَ کي آبهوا بدلائڻ لاءِ ٻاهر موڪليو هو. اڄ ئي ٽئين پهر واري گاڏيءَ ۾ موٽي آئي آهي، مهاشيه جي طبيعت خراب آهي. پرديوت هن کي ئي ڏسڻ وڃي رهيو اهي. هوءَ به ساڻس وڃڻ لاءِ تيار ٿي آئي آهي. مهاشيه بيمار آهي. لڳ ڀڳ چئن مهينن کان اهڙي حالت ۾ هلي رهيو آهي. وچ وچ ۾ کٽ داخل به ٿيو. هيڏانهن گذريل ٽن مهينن کان طبيعت وڌيڪ بگڙيل اٿس. رت جي داٻ جي بيماري: بلڊپريشر. ڪليجي ۾ چوٽ. ’ڪارو نري ٿرمبسس‘ +منجو چيو: ”نه نه، ڪوئي هرج ڪونهي. مان ٺيڪ آهيان.“ +”ٺيڪ آهين؟“ پرديوت کليو. من جي اِوشن کي سمجهڻ مشڪل آهي. ”مهاشيه بيمار آهي.“ اهو ٻڌي مان پهرئين ڏينهن وٽن ويو هوس. تڏهن درد ۽ تڪليف ۾ به کلندي چيو هئائين: سنيهه، ديا، پريم ڪجهه ڀي چاهي ڏيو، ڪيترو به ڏيو، پر هو کميا ڪري نٿو سگهي ڊاڪٽر صاحب! پاپ لاءِ هجي توڙي پڃ لاءِ هجي، جيون کي پيڙ�� سان ئي ان سوراخ وسيلي هن جي ڇوت جسم ۾ داخل ٿيندي آهي. منهنجي سرير ۾ به ان جي داخلا ٿي چڪي آهي. منهنجي پڄاڻيءَ جو وقت اچي چڪو آهي.“ +کاٻي هٿ سان پنهنجي ساڄي هٿ جي ڪرائي پڪڙي نبض جاچيندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو، ڳوٺ کان ٻاهر، ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ واري واٽ تي هوُ اچي ويو آهي. ڳوٺ ۾ گهڙي رهيو آهي.“ +ان ڏينهن سندس من جي عجيب حالت هئي. +جڏهن هو منجريءَ کي ڏسي ٻاهر نڪتو هئو. تڏهن هن جي ڏٻري هڏائين سرير ۾ نسن- رڳن ۾ رت جو دورو تيز ٿي ويو هئو. +انو قت دل پراپتيءَ جي هڪ عجيب سواد جو لطف محسوس ڪيو هو. اهو آنند انوکو هئو! بي مثل هئو! +وري مٿان اسپتال جي سرڪاري ڊاڪٽر ڦاٽڪ وٽ کيس چيو: ”اهائي اوهان جي ’اڳڪٿي‘ آهي.“ اها ته مون کي به سکڻ جي خواهش ٿئي ٿي!“ +گهر موٽڻ وقت هن جي من ۾ آيو: ان انڌڪار ۾ هو جهنگلي هاٿي وانگر موت جي غفا جي ڳولها م نڪري پوي. ڌوُ ڌوُ ڪري رهيو آهي، ڏسائن رهت، لوڪ هت، ساهواري رهت علائقي يا گهنگهور اٿاهه بن ڌم ڌم ڪري رهيو آهي، بيشمار گدڙن جي گڏيل اونائي گونججي رهي آهي، لڳي ٿو، مرتيو جي اٿاهه سنسان وجود ۾ جنم جنمانتر کان جيون جو وهڪرو جاري آهي، اتي ئي ان عظيم وهڪري ۾ هينءَ جنم جي اميد ڌاري خوشيءَ سان ٽپو ڏي. هو پنهنجي ناڙي جهلي هلي رهيو هو، پر اجهل خوشيءَ وچان ٻوڌ ٽڪي نه سگهيس. پهچندي ئي گهر ۾ ويشڻو مري مليس. ترت ئي هن سان گڏ نوتو نباهڻ هليو ويو. عطر منع ڪيس، پر هن جي منع ڏانهن ڌيان نه ڏنائين نه مڃيائين، ايترو ئي نه، بلڪ عطر جي ڳالهه تي ڪروڌ وچان جيڪا هن رڙ ڪئي سا اڄ به ڪنن ۾ گونججي رهي آهي. زندگيءَ ۾ هن اهڙي رڙ ڪڏهن به ڪهن ڏينهن به ڪانه ڪئي هئي. +اول عطر ٻائيءَ ئي غصي وچان اڇاترو ڳالهائيندي چيو هو: ”هن عمر ۾ به هيتري رات جو نوتو کائڻ وڃي رهيو آهين! اهڙو خالي تنهنجو پيٽ آهي؛ وَن وهاريءَ کي کائي به تنهنجو پيٽ ڪونه ڀريو اٿئي؟ +ٻيءَ کن ۾ زبردست رڙ سان رات جو آڪاش به ڇرڪي ويو هو: گجندڙ شير وانگر هن گرجنا ڪندي چيو: ”عطر!“ +مري ويشڻوي به ڇرڪ ڀريو. ساڻ گڏجي آيل ماڻهوءَ جي هٿ مان لالٽين ڇڏائجي ڌڙام سان هيٺ ڪري پيو ۽ وسامي ويو. +اڀيا اوندهه ۾ ورانڊي ۾ بيٺي سندن انتظار ڪري رهي هئي. سڄو ڏينهن نرجل اپاس: ڪک سان به پاڻيءَ جو ڦڙو نه ورتائين. سڀاڻي به اڌ ڏينهن اپواس، رڳو پنهنجي وڻ جي ڦل ۽ ماکيءَ تي رهندي. ايندڙ جنم ۾ سهاڳ جو ڦل ملندو. ’جيسين هوءَ جيئري رهندي موت کي سندس پتيءَ جي ڀرسان اچڻ جو به ساهس ڪونه ٿيندو. اڀيا جي هلندڙ جنم جي ورت جي ڦل پڃ سان، جيڪڏهن هو موت جي بيماريءَ جو به شڪار ٿيندو ته به موت کي موٽي وڃڻو پوندو.‘ ساوتريءَ به اهوئي ورت پاليو هئو. ستيوان جا پراڻ کڻي يمراج يم لوڪ وڃي رهيو هئو. اتي جو پنڌ ته آسماني آهي. آسماني- رهسيه لوڪ! دنيوي اکيون اتي جي لاءِ انڌيون آهن. پر ان ورت پالنا جي پڃ سان ئي ساوتريءَ مئل پتيءَ کي جيئاري موٽي آئي هئي. ساوتري جي ڪٿا سچي يا ڪوڙي آهي، ان ورت جي پالنا سان اڄ تائين به ڪڏهن ڪنهنجو اهڙو سوڀاڳيه ٿيو آهي يا نه، ان جو ڪنهن ويچار ڪونه ڪيو. هن ديش جون ناريون سدائين کان ان ورت جو پالن ڪنديون پيئون اچن. هن اڀيا جي اپواس سان سڪل منهن تي انهيءَ درڍ وشواس جي ڇاپ ڏٺي هئي. ان کي ڏسي هن جي منهن تي شڪل پکش جي چنڊ جهڙي سنهڙي مشڪ جي هڪ ليڪ نمودار ٿي هئي. ان ريکا کي ڏسي مهاشيه جي من ۾ ڪروڌ جي جيڪا به آنڌ مانڌ هئي، بلڪل ڌوپجي ويئي هئي، اسوءَ جي شفاف آسمان وانگر هن جو چت چمڪي پيو هئو من ئي من ۾ هن چيو هئو: ”ويڄ جي ناتي آئون اهو ڄاڻان ٿو ته موت کي نه ��ڃ جو ويچار آهي نڪو پاپ جو، هن جي راهه وناش دئاران آهي، جتي وناش جو زور وڌيل آهي، اتي موت جي جئه آهي، ڌرو سمان اٽل ۽ دائمي آهي! وري به آئون اڄ بار بارآسيس ٿو ڪريان، اهو سچ ثابت ٿئي، ايندڙ جنم ۾ تنهنجي سواميءَ جي جيون ۾ وناش پرٻل به ٿئي ته تنهنجي پڃ پرتاپ سان موت کي ان ۾ هار مڃڻي پوي!“ +هن جي سامهون ڀوڄن جي ٿالهي پرڇي اڀيا چيو هو: ”هيءَ منهنجي ڪيترن ڏينهن کان سَڌ پئي رهي آهي. هر سال ساوتري ورت جي موقعي تي براهمڻ ڀوڄ ڪرائڻ کان پوءِ به مون کي ائين پئي لڳو آهي ته اهو پورو نه ٿيو آهي. اوهان ڀوڄن ڪريو، ته پورن ٿئي.“ +کلي ڪري مهاشيه چيو هو: ”پٽ! هن ڀيري شل پورن ٿئي.“ +”اوهان کي ڇا کارايان؟ مون ٻڌو آهي، رات جو چانورن جي ڀت ۽ ڦل کانسواءِ اوهان ٻيو ڪجهه ڪين کائو. اهوئي آڻيان؟ کير، انب، ڪيلا ۽ مٺائي!“ +”تون جيڪي به ڏينديم ڌيءَ سوئي مان کائيندس. اهو ئي امرت آهي.“ +”هڪ، بس هڪ پوري. ٿوري ڀاڄي، ٿورو شرووو.؟“ +”تون پنهنجي هٿن سان جيڪي به رڌيو هجي سو کڻي آءُ.“ +سچ پچ کاڌو امرت جهڙو کيس لڳو هو. اهڙي چاهه سان هڪ عرصي کان هن نه کاڌو هو. کائي ڪري اٿيو ته کيس لڳو،”گهڻو کائي ويو آهي.“ +انهيءَ ننڍڙي ڇيد جي سهاري هن جو (موت جو) دوت رات جي پوين پهرن ۾ هن جي ڇاتيءَ تي سوار ٿي ويو. ڀانيائي، ڇاتيءَ تي ڪنهن وزني پٿر رکي ڇڏيو آهي. دماغ جون نسون سست پئجي ويون هيون سمجهه ڪنهن اٿاهه سڃي دائري ۾ گم ٿي ويس. رڳو جيوَ سنٻڌي سمجهه جي شڪتي پاڻ کي سچيت ڪري جند جان سان چلائي اٿي- درد گاڏڙ چيخ! +عطر سمهي ڪانه هئي. من جي ماندگيءَ کي هوءَ سڄي رات لڙڪن ۾ وهائيندي رهي. اٿي هن بتي ٻاري ۽ هن جي سيرانڌيءَ کان اچي ويٺي. وئدراج جي نونهن، وئدراج جي پتني، پٽ به سندس ڊاڪٽر بڻيو هو- هوءَ پتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڦان ٿي ڪانه ڪري پيئي. چرين جيئان هائيدوس مچائي ڪانه رئڻ لڳي، هن پتيءَ جي مٿي تي، منهن تي، اکين تي پاڻي ڇڻڪيو، وڃڻي سان هوا ڪئي، اهڙي طرح شيوا ڇا ڪري ڪئي. مهاشيه اکيون ڦاڙي بيسود نظر سان ڏانهنس نهاريندو رهيو هو. +عطر ڪشور ۽ ونيه کي اندروءَ جي ذريعي خبر موڪلي، ستاب کي به چوائي موڪليائين. ڪشور ۽ ونيه ئي هريندر ۽ پرديوت کي خبر ڏني هئي. هنن جي اچڻ تائين مهاشيه پاڻ سنڀالي ورتو هو. +رت جي داٻ هو ٻه سو چاليهه. +ٽئين پهر مهاشيه هيءَ ڳالهه چئي هئي: +’موت کي پاپ- پڃ جو ويچار ڪونهي‘ چيو هئائين ”پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ان جي ڇپيٽ ۾ پاڻ اچڻ سان به موت ايندو آهي ۽ هن سان ڪنهن تي ڇريءَ جو وار ڪندي خود ڇرو کائيندي به موت اچي سگهي ٿو. ان معنيٰ ۾ هو نروڪار آهي.“ +نهنجي ناڙي ڏسندي چيو هئائين: موت جو قاصد اچي رهيو آهي. ائين پيو لڳي ته ڳوٺ جي ٻاهران هن جي شهسواري جي آهٽ ٿيڻ لڳي آهي- ڳوٺ جي مهاڳ واري پٿ تي ڌرمراج جي چبوتڙي تي ويهي ذرا ساهي پٽي رهيو آهي.“ مهاشيه ذرا مرڪيو هو. +پرديوت چيو هو:”اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ منهنجي لاءِ مناسب ته ڪونهي. پر اهو دراصل ٿرمبسس ته ڪونهي- سپئجم جهڙو ٿو لڳي. وڃي رهيو آهي. پار ٿي ويندو.“ +پندرهن ڏينهن ۾ئي نونبو ٿي اٿيو هو. چيو هئائين” ”گنگا جي ڪناري ويندس.“ +ليڪن وڃڻ نه ٿي سگهيو. سندس ئي راءِ بدلجي ويئي. عطر جي باري ۾ سوچي چيو هئائين: نه، رهڻ ڏيو. عطر اڪيلي رهجي ويندي. هن جي تڪليفن جي ڪائي حد نه رهندي. اهو ته اوهان سڄڻ آهيو، جو هٿ وٺايو ٿا. اُتي؟ اُتي ڪير هٿ وٺائيندو؟“ +عطر چون چرا به ڪانه ڪئي. گويا بت بڻجي ويئي، ون وهاري جي وڌوا ۽ سندس پٽ هڪ ڀيرو اچي کيس ڏسي ويا هئا. پهرئين صدمي کا�� پوءِ مهاشيه چڱو ڀلو ٿي اٿيو هو. گهمي ڦري سگهيو ٿي. +پريوت چيو هو:”مون چيو هو نه، اوهان ٺيڪ ٿي ويندا.“ +مهاشيه کلي ڏنو هو، ڪڇيائين ڪجهه ڪونه. +پرديوت شڪايت ڪئي هئي: ”اسان کي پر هڪ ڳالهه چوڻي آهي. اوهان بار بار پنهنجي نبض ڏسو ٿا.“ هن وراڻيو هو: ”اهوته مان ڪيترن ڏينهن کان ڏسندو پيو اچان، ڊاڪٽر صاحب.“ +”نه. نبض ڪونه ڏسي سگهندا.“ +کلي مهاشيه چيو هو: ”هڪ زماني کان نبض ڏسي ماڻهن کي موت جو ڏينهن ٻڌائيندو پيو اچان. پاڻ جڏهن تندرست هئس، تڏهن کان نبض ڏسندو رهيو آهيان. تنهنجو سراغ حاصل ڪرڻ لاءِ- ۽ اڄ جڏهن هو پاڻ سامهون آهي، تڏهن ان ڪري پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيان ته هن جي پيرن جي آهٽ نه سڻي سگهان؟“ +پرديوت کان ان جي ورندي ڏني ڪانه ٿي هئي. مهاشيه وري چيو هو: موت جو مون کي ڪوبه خوف ڪونهي ڊاڪٽر صاحب. تنهنڪري ان جي گهٻرائٽ سان رت جي داٻ جي وڌڻ جو امڪان ڪونهي.پر...“ +هڪ کن چپ رهي چيو هئائين: ”پر پهرئين ڏينهن تيار ته ڪونه هوس، ننڊ ۾ اوچتو دل تي حملو ٿيو. انوقت دڄي ويو هوس، بي سهاري ٻالڪ وانگر هڪوار رڙ به ڪيم. مون موتيءَ جي ماءُ کي ڌڪاريو پر هن جو قصور ڪونهي. موت جي ڊپ کان وڌيڪ ڪوبه ڊپ ڪونهي. موت جي پيڙا کان وڌيڪ ڪانه پيڙا ڪانهي. ان ڊپ کان بچڻ لاءِ آئون اُٺ پکيءَ وانگر ريتيءَ ۾ منهن وجهيو پيو هجان؟“ +ٽن مهينن کان پوءِ رت جو ٻيو دورو ٿيس. ٻئي ڏينهن چيائين: ڊاڪٽر صاحب! هينئر ته هو ڌرمراج مندر جي مولسري وڻ هيٺان ٿڪ ڀڃي رهيو آهي.“ +پرديوت کي گذريل ڳالهه ياد ڪانه هئي. هن پڇيو: ”جي؟“ +”وري هڪ جهوٽو آيو. رت جو داٻ وڌي ويندو.“ +”جي نه. پريشر ته ساڳيو ئي آهي.“ +”وڌندو. مونکي نبض مان پتو پوي ٿو.“ +پريشر (داٻ) سچ پچ وڌي ويو هو. ٻئي ڏينهن هاءِ بلڊ پريشر چڙهيل هو. شام ڌاري لڳ ڀڳ بيهوش ٿي ويو هو. اڄ کان چار پنج ڏينهن اڳ ٽيون ڀيرو حملو ٿيس. +ڊاڪٽر پرديوت چيو: ”ڪالهه کان ڌيان مگن ويٺو آهي. اکيون ٻوٽي اڌو گابرو سمهيل آهي. مونکي چيائين، مون کي ننڊ جي دوا نه ڏجو... آئون ننڊ ۾ نٿو مرڻ چاهيان، جاڳرت اوسٿا ۾ موڪلائڻ چاهيان ٿو.“ +منجوءَ پڇيو: ”اوهان منهنجي ماءُ جي نانيءَ جي مرڻ جي خبر ٻڌي آهي؟ اوهان مهاشيه کي ٻڌايو هو؟“ +”مون چوڻ ته چاهيو ٿي؛ پر هن ٻڌو ڪونه. چٺي به کيسي ۾ وجهي ويو هوس. چيم، منهجي سس جي هوءَ ٻڍڙي ناني، ڪانديءَ واري ڀوپي بوس جي استري.... جنهنجي اوهان ناڙي جاچي هئي... هٿ سان اشارو ڪري منع ڪيائين. چي؛ ”رهڻ ڏيو.“ +وهاڻي جي سهاري اڌ ليٽيل. اکيون ٻوٽي مهاشيه ڌيرج اوسٿا ۾ پيو هو. موت جو انتظار ڪري رهيو هو. ڄاڻ اٿس ته يمراج جي سواري اچي رهي آهي. هن جي پيرن جي آهٽ محسوس ڪري چڪو آهي؛ جنهن ڏينهن بلڊپريشر (رت جي داٻ) جو پهريون حملو ٿيو هوس. آخري گهڙي هن جي دوبدو ٿيڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن هن کي روپ هوندو، ته هن کي ڏسندو، آواز هوندو ته ٻڌندو، هن ۾ بوءِ هوندي ، ته آخرين پساهه سان ان بوءِ جو واس وٺندو ۽ ڇهاءُ هوندو، ته ان ڇهاءُ کي محسوس ڪندو. وچ وچ ۾ ڄڻڪ سڀ ڪجهه گهاٽي ڪوهيڙي سان ڇانئجي الوپ ٿي وڃي ٿو... سڀ ڪجهه ڄڻڪ غيب ۾ سمائجي رهيو آهي. ماضي، حال، يادگري، خود شناس، مڪان، زمان... سڀ ڪجهه. وري اهي سڀ موٽي ٿا اچن... اکيون کولي انهن کي واچي ٿو. اچي ويئي سواري؟ هو سڀ ڪير آهن؟ پريان کان ڇايا چترن وانگر ڏيکاري ڏيندڙ هو سڀ ڪير آهن؟.... +ڏاڍي جهيڻي ڀاو سان هنن جو آواز سندس ڪنن ۾ پهچي ٿو. +”ڇا ٿا چون؟ ڇا؟“ +”ڇا ٿي رهيو آهي؟“ +مهاشيه ڪنڌ ڌوڻيو ”الاجي“ ڪنڌ ڌوڻيندي ئي هن جون پلڪون وري جهڪي ويئون. پرديوت ڏٺو�� هن جي مرجهايل چهري تي هڪ گهري شانتيءَ جي ڇايا پئجي رهي آهي. +”مهاشيه ڇا ڏٺوَ؟“ پرديوت سمجهي ڪين سگهيو. +اهڙي مهورت ۾ عطر مهاشيه جي منهن کي جهلي چيو: +ڌيان سماپت ٿي ويو؟ ماڌوُ جي چرنن ۾ شانتي ملي ويئي؟ ۽ آئون؟ مون کي به ته پاڻ سان نيو هل“ +شانت آتم سمپرڻ ڪندي هوءَ ڀتار جي بستري تي ڍرڪي پيئي. + +سماپت \ No newline at end of file