diff --git "a/sindhiadabiboard.org/mehran/Book1.txt" "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book1.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book1.txt" @@ -0,0 +1,3701 @@ +ڪتاب جو نالو: مهراڻ 1985ع + + + +مهراڻ 1985ع +شمشير الحيدري +بسم الله الرحمٰن الرحيم +گذارش +(ايڊيٽوريل) +بارگاهِه ادب ۾ ادب جي ضرورت +حضرت شاهه عبدالللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۽ فڪر تي واديءَ مهراڻ کي بجا طور تي فخر حاصل آهي. عالمن ۽ دانشمندن جي متفقه راءِ آهي ته ڀٽائي صاحب جو حيات آفرين ۽ زندگي بخش پيغام انسانذات لاءِ هڪ عظيم آدرش جي حيثيت رکي ٿو، ۽ ان جي ضرورت هر دؤر ۾ هڪجيتري ئي محسوس ڪئي وڃي ٿي. ڀٽائي رحه جي عظمت جي پيش نظر ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه آهي ته ڀٽائي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڀٽائي. حضرت شاهه صاحب جي پيغام ۾ فضيلت ۽ ادب، نهٺائي ۽ نماڻائي، نياز ۽ نوڙت ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ رجحانن جا جيڪي درس ڏنل آهن، سي ڪنهن به وڏي تشريح ۽ تفسير جا محتاج ڪو نه آهن، ۽ انهن ئي عظيم علامتن ۽ آدرشن مان سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو ضمير ۽ خمير جُڙيل آهي، جيڪا اسان جي قومي شناس آهي. +عظيم فڪر ۽ پيغام جي حوالي سان، حضرت شاهه صاحب جو ابدي ماڳ ”ڀٽشاهه“ پڻ اسان لاءِ هڪ انتهائي تقدس ۽ ادب جو مڪان آهي. اڍائي سؤ سال گذري چڪا آهن، اڄ به ڀٽساهه تي ٻارهوئي ساڳيو ميلو متو پيو آهي ۽ سوين هزارين عقيدتمند، انتهائي ادب ۽ اڪير سان هلي اچي هن ڀلاريءَ ڀونءَ تان ڀيرو ڪندا رهندا آهن ۽ حضرت شاهه صاحب کي پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو خراج پيش ڪن ٿا. ڀٽشاه بيشڪ هڪ انتهائي ادب ۽ فضيلت جي بجاءِ آهي، جتي منفي سوچ جي ڪڏهن به ڪا گنجائش نه رهي آهي ۽ نه رهڻ کپي. +بدقسمتيءَ سان، گذريل هڪ-ٻن سالن کان وٺي، حضرت شاهه صاحب جي عرس جي موقعي تي، ثقافتي محفلن ۽ مجلسن ۾، چند جذباتي ۽ هوش کان عاري ماڻهن جي طرفان، جنهن ناشائسته انداز سان بي ادبي ڪرڻ جي جيڪا ناپسنديده روايت قائم ٿي آهي، تنهن ڀٽائي رحه جي عاشقن ۽ عقيدتمندن، عام زائرين ۽ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي حلقن کي ڪافي ڏکويو آهي. ان قسم جي منفي عمل کي ڪڏهن به چڱيءَ نظر سان ڏسي نٿو سگهجي. انتهائي ادب ۽ فضيلت جي متبرڪ ۽ پروقار ماڳ تي، ڄاڻي ٻجهي بي ادبي جو مظاهرو ڪرڻ، عقل و دانش جي ڪمي جو ڏکوئيندڙ ثبوت آهي. ادب ۽ ثقافت جي مظهر مجلسن ۾ افراتفري پيدا ڪري جلسن کي ڦِٽائڻ جي مذموم ڪوشش ڪرڻ سان، زائرين ۽ لطيف جي عاشقن کي جيڪو ڏک رسي ٿو، ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ڪونه آهي. ڀٽائيءَ جي عالي مرتبت ماڳ تي جلسا ڦٽائڻ، لطيف جي تقدس جي بي حرمتي جي برابر آهي. نهايت وڏي ضرورت آهي ته ان قسم جي حرڪتن کي ٻيهر اسرڻ نه ڏنو وڃي ۽ وقار ۽ فضيلت کي قائم رکي هڪ مهذب ۽ متمدن قوم ۽ لطيف جي سچي ارادت مند هجڻ جو ثبوت ڏنو وڃي. +ائين برابر آهي ته ڪنهن طبقي کي زندگيءَ جي ڪنهن شعبي ۾ وقت ۽ ماحول سان شڪوه شڪايت ٿي سگهي ٿي. انساني فطرت جي ان تقاضا کي اسان ڪڏهن به نظرانداز نٿا ڪري سگهون، پر ايترو سو ضرور نهايت برجستگيءَ سان چئون سگهون ٿا ته ڪنهن به احتجاج يا شڪايت جي اظهار لاءِ، ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعن تي سنجيده تقريبن کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هڪ سراسر ناپسنديده ۽ نامقعول فعل آهي، جنهن کي ورجائڻ کان پاسو ڪرڻ کپي. +اسان جي دردمندانه اپيل آهي ته اسان جي هن گذارش تي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي سونهري ادب ۽ ثقافت جي روشن اهڃاڻ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تقدس کي ڇيهو نه رسي ۽ عرس جي موقعن تي ادبي ۽ ثقافتي تقريبون پنهنجو شان ۽ وقار قائم رکي سگهن. اسان کي توقع آهي ته اسان جي هن اپيل کي مثبت موٽ ملندي. +هن موقعي تي، اسان هڪ ٻئي اهم نقطي طرف به ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون ته ميلي جي موق��ي تي چند سرڪاري طور طريقن سبب عام زائرين کي جيڪا تڪليف درپيش اچي ٿي، سا پڻ نظرانداز ڪرڻ جوڳي نه آهي. ٿيندو هيئن آهي جو انتظامي سربراهه يا ارباب اختيار جي آمد جي موقعي تي درگاهه شريف کي چوويهه ڪلاڪ اڳ عام زائرين کان خالي ڪرايو ويندو آهي. لطيف جي عاشقن ۽ عقيدتمندن کي، درگاهه جي چوديواريءَ کان ان ڪري بيدخل ڪيو ويندو آهي، جو چيو ويندو آهي ته فلاڻي يا فلاڻي خاص شخصيت جي آمد آهي. پوليس ۽ ٻيا متعقله ادارا، عام زائرين کي درگاهه شريف کان لوڌي ٻاهر ڪندا آهن، جيئن خاص شخصيتن جي عظمتن جو احساس نمايان ٿئي! اهڙي صورتحال ۾ لطيف سائين جي پانڌيئڙن کي جيڪا ذهني تڪليف رسي ٿي، سا آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. اوليائن ۽ بزرگن جي حضور ۾ حاضري ڏيڻ دوران، ان قسم جي اڻ برابري جي ناپسنديده روايت، وڏي اهتمام ۽ آب و تاب سان جاري رکڻ ذهني پستيءَ جو ثبوت آهي. اسان جا صوفي بزرگ ۽ اولياءِالله، بنيادي طور انسان دوست دين اسلام جا شارح ۽ پرچارڪ آهن، ۽ مٿي ڄاڻايل ڪارگذاري انهن اصولن جي سراسر ابتڙ آهي. بزرگن جي دربارن ۾ ته ڪنهن کي به فوقيت حاصل هئڻ نه گهرجي ۽ هڪجهڙائيءَ جو ثبوت ڏيئي، درويشن جي پيغام جي اصل روح کي مجروح ٿيڻ کان بچائجي. +اسان جي انتظاميه کي پڻ اپيل آهي ته ڀٽائي رحه جي عرس جي موقعن تي خاص ۽ مکيه شخصيتن جي آمد دوران عام زائرين جي جذبات جو احترام ڪندي سندن بيدخليون بند ڪيون وڃن. +حضرت شاهه عباللطيف ڀٽائي رحه جي حوالي سان، اسان ڪجهه ٻين اهم نقطن طور پڻ ارباب اختيار جو ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون: +(1) لطيف جي عظمت ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ساڻس محبت هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪنهن به وڏي تشريح جو محتاج نه آهي. هڪ زماني کان وٺي اهلِ سنڌ جو هڪ معقول جائز ۽ مناسب مطالبو سدائين جاري رهندو ٿو اچي ته ”لطيف جي عرس جي موقعي تي، سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وڃي.“ ڪجهه سال اڳ فقط حيدرآباد ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ٿيندو هو، ۽ ان کان پوءِ چند سال ٿيا، ته ان جو دائرو وسيع ڪري حيدرآباد ڊويزن تائين آندو ويو. سنڌ وارن جي مسلسل مطالبن جي پيش نظر گذريل عرس جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي چڱي من ۾ پيئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته آئينده اها موڪل حيدرآباد سان گڏ خيرپور ڊويزن ۾ پڻ ڪئي ويندي. ان اعلان سان يقيناً اهلِ سنڌ کي خوشي ٿي آهي، پر ايترو سو ضرور ويچار ٿئي ٿو ته باقي ڪراچي ڊويزن کي پڻ ان اعلان ۾ شامل ڪيو وڃي، جيئن سنڌ وارن جو اهو مطالبو تڪميلي صورت اختيار ڪري سگهي. اميد ته هن سلسلي ۾ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو. +(2) اهلِ سنڌ اهو مطالبو به ڪافي وقت کان ورجائيندا ٿا اچن ته لطيف جي عرس جي موقعي تي پوسٽ کاتي طرفان يادگار ٽڪلي جاري ڪئي وڃي. اهو مطالبو اهڙو ڪو پيچيندو ڪونه آهي، جنهن تي ڪنهن وڏي پراجيڪٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿئي. عام ماڻهن جي جذبات ۽ احساسات تي مشتمل هن تقاضا کي مڃڻ معقوليت وٽان ٿيندو، ڇو ته ٽڪلي جاري ڪرڻ فقط ”مارڪ آف آنر“ ڏيڻ جي مترادف آهي. +(3) عرس جي موقعي تي سڀني تقريرن کي ٽيليويزن ۽ ريڊيو تان سڌيءَ طرح نشر ڪرڻ جو اهتمام ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي ثقافت احسن طريقي سان اجاگر ٿي سگهي. +(4) لطيف جي راڳ جي اڳواڻ تمر فقير جي اوطاق تي اوقاف کاتي جو تازه قبضو ختم ڪيو وڃي. اوطاق جي فقيرن احتجاج ڪيو آهي ته حضرت شاهه صاحب جي يادگار شين واري اوطاق تي اوقاف کاتي جو قبضو سراسر زيادتي آهي. تمر فقير جي اوطاق، فقيرن جي سارسنڀال هيٺ رهندي ٿي آئي، جا مالڪن کي موٽائي ڏجي. ان اوطاق ۾ صوفي بزرگ جو تنبورو، رسا��ي جو هڪ قلمي نسخو ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي چاکڙي شامل آهن، جي روايتي انداز سان فقير ئي صدين کان سانڍيندا ٿا اچن. +(5) گذريل عرس جي موقعي تي درگاهه لطيفي کي خوبصورت بنائڻ ۽ عام زائرين کي سهوليتون ميسر ڪرڻ لاءِ هڪ ماسٽر پلان قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. وڏي ضرورت آهي ته ان پلان کي سرگرم بنايو وڃي. +(6) لطيف سائينءَ جي درگاهه جي مرامت جي ڏس ۾ اوقاف کاتي طرفان سنڌ جي ثقافت سان هڪ اهڙو هاڃو ٿي رهيو آهي، جنهن تي اهلِ سنڌ کي بجا طور ارمان ۽ تشويش آهي. درگاهه لطيفي پنهنجي اڏاوت ۽ سونهن-سوڀيا جي لحاظ کان سنڌ جي روايتي ڪاشيءَ جو هڪ دلاويز اهڃاڻ آهي. ڪاشيءَ جي ئي ان ڪرشمي لطيف سائين جي روضي کي روح پروري بخشي آهي. اوقاف کاتي طرفان، مرامت جي مرحلن ۾، مُلڪان ملڪ مشهور ڪاشيءَ جي جاءِ تي ملتاني پينٽ ورڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪا ڳالهه سنڌ جي ثقافت سان هٿچراند جي مترادف آهي. سنڌ جي ڪاشيءَ کي بين الاقوامي شهرت حاصل آهي ۽ اڄ به هالا توڙي نصرپور ۾ ڪاشيءَ جي تياري جو ڪم ٿيندو رهي ٿو. اها جنس اسان وٽ ڪا معدوم ڪانه ٿي چُڪي آهي، جو لطيف رحه جي مقبري تي ملتاني پينٽ ورڪ کي ترجيح ڏني ويئي آهي. لطيف جي زائرين، عقيدتمندن ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن، اوقاف کاتي جي ان لطيف جي زائرين، عقيدتمند ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن، اوقاف کاتي جي ان عمل کي، سنڌ جي ثقافت سان دانسته هٿچراند قرار ڏيندي، ان تي احتجاج ڪيو آهي. اسان ان شڪايت سان شامل راءِ آهيون ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته ان اڻ وڻندڙ ۽ نامعقول قوم کي فوراً روڪيو وڃي ۽ سنڌ جي روايتي ڪاشيءَ جي ڪم کي قائم رکي، درگاهه جي فضيلت ۽ جاذبيت قرار رکي وڃي. +(7) ڪراڙ ڍنڍ جي تاريخي حيثيت جي پيشِ نظر ان کي خوبصورت بنائڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن، جيئن هن قدرتي سونهاري هنڌ وسيلي ڀٽشاهه جي دلاويزي ۾ اضافو اچي. +(8) شاهه جو باغ ۽ ڀٽشاهه ثقافتي ميوزم جي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ خاص فنڊ ڏنا وڃن، جيئن باغ ۽ ميوزم وڏي شان ۽ وقار وارا بنجي سگهن. +قابل قدر قدم +فيصلو ڪيو ويو آهي ته واديءَ مهراڻ جي ناياب ۽ نادر قديم قيمتي شين جي هڪ نمائش يورپ، اولهه جرمني، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ منعقد ڪئي ويندي، جا اڍائي سال جاري رهندي. ان ڏس ۾ عجائب گهرن جي بين الاقوامي ڪائونسل، ڪيترين يونيورسٽين، ثقافتي ادارن ۽ يونيسڪو، مٿئين ڪم لاءِ سهڪار ڪرڻ ۽ مالي مدد مهيا ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن نمائش ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، ڪوٽڏيجي، آمري، منصوره، ڀنڀور ۽ ٻين قديم آثارن مان لڌل قيمتي ۽ ناياب شيون رکيون وينديون. نمائش مان جيڪا آمدني ٿيندي، سا موهن جي دڙي جي قديم آثارن جي تحفظ جي ڏس ۾ هلندڙ ڪوششن لاءِ استعمال ڪئي ويندي. +مٿين نمائش پنهنجي نوعيت جي پهرين، اهم ۽ ڊگهي مدي واري نمائش هوندي. هن نمائش سان، مغربي ملڪن ۽ ثقافتي حلقن ۾ وادي مهراڻ جي عظيم تهذيب کي خوش اسلوبيءَ سان روشناس ڪرائي سگهبو ۽ دنيا جي هڪ عظيم ترين تهذيبي ماڳ موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ رقم گڏ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جنهنکي سم ۽ ڪلر سبب تباهيءَ جو وڏو خطرو تيزيءَ سان وڪوڙي رهيو آهي. +ان قسم جي نمائش منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪري هڪ صحيح قدم کنيو ويو آهي، جنهن جي اسان دل و جان سان آجيان ٿا ڪريون. ان سلسلي ۾ يونيسڪو ۽ ٻين ادارن جو تعاون به قابل تعريف آهي. دراصل يونيسڪو يا ان قسم جا ٻيا عالمي ادارا، موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ هڪ عرصي کان وٺي جيڪي به اپاءُ وٺي رهيا آهن، سي هر طرح قدر لائق آهن. ان ڳالهه جي ضرورت بهرحال باقي پئي رهندي آئي آهي ته اسان جي پنهنجي حڪومت ان ڏس ۾ ڪي غيرمعمولي قدم کڻي اڃا به وڌيڪ پاڻ ملهائي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ان قسم جي عالمي نمائش جو اهتمام ڪري، هڪ وک اڃا به وڌائي ويئي آهي. +مذڪوره نمائش جي حوالي سان اسان هڪ نقطي بابت ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون ته هن عالمي نمائش ۾، اهڙن سُڄاڻ، ذهين، تجربيڪار ۽ متحرڪ ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي، جيڪي سنڌ جي ثقافت کان صحيح ۽ ڀرپور نموني ۾ واقف هجن ۽ وسيع ڄاڻ رکندا هجن. +ساڳئي وقت، اسان هڪ ٻي تجويز ڏيڻ پڻ موزون ٿا سمجهون ته ان قسم جي عالمي نمائش کي وڌيڪ فعال، دلڪش ۽ نتيجه خيز بنائڻ لاءِ سنڌي ثقافت جي موجوده اهڃاڻن ۽ علامتن کي پڻ ان ۾ شامل ڪيو وڃي. قديم آثارن جي نادر ۽ ناياب شين جي افاديت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر سون تي سهاڳ پيدا ڪرڻ لاءِ بيحد ضروري آهي ته اهڙي موقعي ته سنڌ جي هنرمندن ۽ فنڪارن جي دست هنر جي ڪرشمن (جنڊي، ڪاشي، زيورسازي، ڪاٺ تي اُڪر، پٿر تي ٽُڪ جو ڪم، ڀرت جو ڪم، گج، اجرڪ، لونگي، کٿو، کيس، سُوسي، دُربي، رلي، ظروف سازي ۽ پتل جو ڪم وغيره) کي پڻ دنيا جي نظرن آڏو آڻڻ لاءِ عمدگيءَ سان سجائڻ جا انتظام ڪيا وڃن، جيئن عالمي ناظرين کي ڀرپور نموني ٻڌائي سگهجي ته سنڌ پنهنجي ماضيءَ جي عظيم ثقافتي ورثي جي روايت کي، هن دور ۾ پڻ احسن طريقي سان قائم رکندي ٿي اچي. +اهڙي موقعي ٿي سنڌي ساز ۽ آواز جي شموليت پڻ کير ۾ کنڊ جي مصداق ٿيندي. روايتي سنڌي کي اڳ ئي بين الاقوامي شهرت حاصل آهي، تنهنڪري سنڌ. جي لوڪ موسيقي جي دلفريب ۽ خوشگوار مجلسن وسيلي، مقصد جي حاصلات ۾ ڀرپور مدد ملندي. +شڪراني جو مقام +الحمد اللہ، سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي مقصدن جي حاصلات جي ڏس ۾ روز بروز جيڪا ڪامراني حاصل ٿي رهي آهي، سا سنڌ ادب ۽ علم لاءِ نيڪ فال آهي. بورڊ جي مالي مشڪلاتن کي ڪنهن حد تائين حل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار جيڪا خاص مدد ڪئي آهي، ان جو تفصيلي ذر اسان گذريل پرچي جي گذارش ۾ ڪري چڪا آهيون. اها بورڊ جي بنيادي ضرورت جي تڪميل طرف هڪ ٺوس قدم آهي. +تازو بورڊ کي هڪ ٻئي اهم پراجيڪٽ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جو بورڊ لاءِ ڇپائيءَ جو هڪ بهترين بندوست راس ٿيو آهي. بورڊ لاءِ جديد آٽوميٽڪ آفسيٽ پرنٽنگ پلانٽ نصب ٿي چڪو آهي ۽ ان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي بورڊ جا سَون جي تعداد ۾ عدم موجود ڪتاب -- جن جي هڪ وڏي عرصي کان خريدارن کي تقاضا هئي - تيزيءَ سان اشاعت پذير ٿي سگهندا ۽ پڻ نوان نوان ڪتاب جلد منظر عام ٿي ايندا رهندا. +ٻئي طرف، خريدارن جي سهولت خاطر حيدرآباد شهر ۾ بورڊ جي ڪتابن ۽ رسالن جي حاصلات لاءِ قائم ٿيندڙ ”بوڪ شاپ“ پڻ سُتت راس ٿيڻ وارو آهي، جيڪو تلڪ چاڙهيءَ تي بورڊ جي پريس سان ملحق آهي. سنڌي زبان ۽ ادب جي بهي خواهن جي نيڪ تمنائن ۽ دعائن سان، انشاءاللہ، بورڊ کي اڃا به وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ٿينديون. +لاهوتي لڏي ويا...! +تازو اسان جي چند صلاحيتمند ۽ مخلص ادبي خدمتگذارن۽ عالمن جي وفات سان سنڌي علم ادب، صحافت ۽ تحقيق جي شعبن ۾ وڏي ڪمي پيدا ٿي آهي. مولانا خيرمحمد نظاماڻي، پروفيسر محمد اڪرم انصاري، جناب محبوب علي جوکئي، سائين ڪريم بخش چنا ۽ جناب قربان علي بگٽي جون جُدايون، سنڌ جي علمي حلقن نهايت ڏک وچان ٻُڌيون آهن. +- مولانا خيرمحمد نظاماڻي، سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ هڪ برک هستي هو، جو ڪنهن به تفصيلي تعارف جو محتاج ناهي. سنڌ جي نامياري ۽ قابل احترام بزرگ عالم دين، اديب، شاعر، صحافي، مفڪر، تحريڪ آزادي جي سرويچ سپاهي مولانا نظاماڻي جون خدمتون، سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ روشن باب رهنديون. +- پروفيسر محمد اڪرم انصاري هڪ ممتاز تعليمدان ۽ استاد جي حيثيت ۾ وڏي مرتبي جو صاحب هو، ته ساڳئي وقت سنڌي ادب جي مسلسل خدمت کان به ڪڏهن غافل نه رهيو. لطيف سائينءَ سان سندس شغف، عشق جي حد تائين پهتل هو ۽ لطيفيات جي سلسلي ۾ انصاري صاحب جي ڪيل ڪم کي سنڌي ادب ۾ هڪ سنجيده حيثيت حاصل آهي. +- جناب محبوب علي جوکيو، سنڌي ادب جي هڪ مخلص خدمتگذار جي حيثيت ۾ ڪڏهن به وسري سگهڻ جو ناهي. ڪڏهن به شهرت جو شوق نه رکيائين ۽ پنهنجي تعليم و تعلم جي معزز پيشي سان گڏ ادبي خدمتن سان واڳيل رهيو. +- سائين ڪريم بخش چنا هڪ سُڄاڻ ۽ سينيئر تعليمدان جي حيثيت ۾ وڏي عزت پاتي. دينيات سندس موضوع هو، جنهن تي ڪافي ڪم ڪيائين. سندس علمي ۽ ادبي مضمون، سنڌي ادب ۾ قدر لائق اضافو آهي. +- جناب قربان علي بگٽي هڪ ذهين، صلاحتمند ۽ محنتي اديب هو. لڳاتار تنقيدي مضمونن لکڻ ڪري معروف ٿيو. وسيع مطالعي جو صاحب هو ۽ سندس لياقتن کي قبول عام حاصل ٿيو. +اسان مرحومين جي دکدائڪ جُداين تي سندن مغفرت لاءِ دعاگو آهيون. شال رب پاڪ کين مرهي ۽ سندن پوين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. +”مهراڻ“ بابت +سنڌي زبان جي سمورن عالمن، اديبن ۽ شاعرن مهراڻ سان پنهنجو ديرينه علمي ناتو نباهيندي، جنهن سرگرميءَ سان تعاون جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان لاءِ اسان پنهنجن ڪرمفرما لکندڙن جا بيحد ٿورائتا آهيون. هي شڪريو رسمي سپاس گذاري ناهي، پر اسان جي دل جي گهراين جو آواز آهي. +گذريل پرچي ۾ آيل اپيل جي سهڻي موٽ ڏيندي اديبن ۽ ادارن پنهنجي تعاون سان نوازيو، جنهن وسيلي اسان نون سنڌي ڪتابن تي تبصرن جو ڪالم، هن پرچي کان شروع ڪري ڇڏيو آهي. انشاءِالله سندن تعاون کي مستقل حيثيت حاصل هوندي. +مهراڻ کي اڃا به وڌيڪ جاذب ۽ دلاويز بنائڻ لاءِ، ان کي سفيد ڪاغذ تي شايع ڪرڻ لاءِ اُپاءِ وٺي رهيا آهيون. اهو پڻ ارادو آهي ته پرچي ۾ علم ادب، ثقافت، تهذيب ۽ صحافت سان وابسته خدمتگذارن جون تصويرون شايع ڪجن، جنهن لاءِ تعاون جي اپيل ڪجي ٿي. +- نفيس احمد شيخ +سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق بابت ڪي ويچار +جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا سان ڳالهه ٻولهه +- مراد علي مرزا +(تعارفي گفتگو: ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. ڊاڪٽر صاحب هن وقت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر آهي. ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي. تعليم ماهر هجڻ سان گڏ ڊاڪٽر الانا صاحب ادبي ۽ علمي دنيا ۾ مشهور شخصيت آهن. لاتعداد معياري مقالن سان گڏ، ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، جن ۾ سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي صورتخطي، سنڌي صوتيات، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي ۽ لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۽ سنڌي معلم، مشهور ۽ مقبول ڪتاب آهن. هن وقت سنڌي زبان ۾ سندن هڪ ٻيو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڇپائيءَ هيٺ آهي، جيڪو جلد ئي شايع ٿيندو. ان کانسواءِ ڊاڪٽر الانا صاحب تعليم جي سلسلي ۾، ۽ علمي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ انگلينڊ، فرانس، آسٽريليا، آمريڪا، سئٽزرلينڊ، جاپان، بئنڪاڪ، فرانس ۽ ڀارت جا به دورا ڪيا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب جي ادبي زندگيءَ جي شروعات افسانن لکڻ سان ٿي، تنهن ڪري ڊاڪٽر صاحب کان پهرين سندن افسانن جي حوالي سان سوال ڪبو.) +· سوال: ڊاڪٽر صاحب، مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته شروع ۾ اوهان ڪيترا افسانا لکيا ۽ ناول لکيا، ۽ پوءِ ڪهڙي سبب ڪري ان تخليقي ڪم کي ڇڏي ڏنو. +· جواب: مرزا صاحب! آءٌ جيئن ته هڪڙي غريب ماڻهوءَ جو فرزند آهيان ۽ غريب فرد آهيان. جنهن وقت آءٌ اين. جي. وي. هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس، ان وقت کان مون افسانن لکڻ جي ابتدا ڪئي هئي، پر مون محسوس ڪيو ته منهنجي طبيعت ڪجهه ’ساڀيان ادب‘ يعني تاريخ طرف زياده آهي. انهن ڏينهن ۾ يا اڄ ڏينهن تائين مون جيڪي افسانا لکيا آهن، منهنجي خيال ۾ اهي وڌ ۾ وڌ پندرهن کن ٿي سگهندا. ان کان سواءِ مون هڪڙو ناول به لکيو هو، ان جو عنوان هو ”لاش“. پر اصل ۾، جيئن مون عرض ڪيو، منهنجي طبيعت جو رُجحان ’ساڀيا ادب‘ طرف هو ۽ ٻن ماڻهن منهنجي ادبي زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو، انهن ۾ هڪڙو هو مرحوم مولانا غلام محمد گرامي، ٻيو هو مرحوم سلطان علي فدائي. انهن ٻنهي بزرگن جي اثر جي ڪري ”ڪرئيٽوِ لٽريچر“ يا تخليقي ادب ڇڏي، يعني افسانن ۽ ناول کي ڇڏي، مون شروع ۾ ٿوري شاعري به ڪئي هئي، تڏهن آءٌ اين. جي. وي. اسڪول ۾ پڙهندو هوس. پوءِ جيئن جيئن گرامي صاحب سان زياده ملاقاتون ٿينديون ويون ۽ گڏجاڻيون ٿينديون ويون، تيئن طبيعت جو سارو رجحان تاريخ، ثقافت ۽ انهيءَ طرف وڌي ويو. انهيءَ ڪري مون افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا ۽ تاريخي مضمون ۽ سنڌ جي آرڪيالاجي ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن طرف منهنجو رجحان هليو ويو، انهيءَ ۾ منهنجي خيال ۾ وڏي ۾ وڏو سبب مولانا گرامي صاحب جو آهي، جيڪو مون کي انهيءَ پاسي گهِلي ويو. +· سوال: يعني جيڪڏهن مولانا صاحب ان طرف توهان جو خيال نه .... +· جواب: ته شايد آءٌ افسانا لکندو رهان ها ۽ شايد آءٌ شاعري به ڪريان ها. مولانا گرامي صاحب خود به هڪ وڏو شاعر ۽ نقاد هو، پر محسوس ائين پئي ٿيو ته هو شاعر گهٽ، تاريخدان، محقق يا نقاد وڌيڪ هو، تنهنڪري مون ’تنقيدي ادب‘ طرف زياده توجهه ڏنو. +· سوال: سائين، مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته توهان جي لکيل ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ جيڪا آهي، سا سنڌ ۾ انگريزي دور تائين آهي ۽ انهيءَ دور کان پوءِ نئين دور ۾ سنڌي نثر جيڪا هر طرفي ترقي ڪئي آهي، ان بابت ڇا اوهان جو آئيندي لکڻ جو ارادو آهي؟ +· جواب: منهنجو ارادو ان ڪتاب جي ٻئي حصي لکڻ جو هو، حالانڪ مون چاهيو ٿي ته آزاديءَ کان پوءِ جو جيڪو سنڌي ادب آهي، تنهن تي آءٌ ڪجهه لکان، پر جنهن وقت کان سنڌالاجي ۾ مون پاڻ کي بلڪل مگن ڪري ڇڏيو، سنڌالاجي جي ترقي ۽ ڊولپمينٽ طرف منهنجو ڌيان گهڻو رهيو ۽ مون سنڌ جي ثقافت ۽ لسانيات بابت لکڻ جو ارادو پختو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ آءٌ اها دعويٰ نٿو ڪريان ته ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ منهنجو ڪو معياري ڪتاب آهي. مون وٽ ڪجهه نوٽس به هئا، ڪافي نوٽس مون تيار به ڪيا هئا ۽ مون چاهيو ٿي ته اءٌ جديد ادب تي ڪجهه لکان ۽ اهو ڪتاب مڪمل ڪريان، پر پوءِ آءٌ جڏهن لنڊن کان موٽي آيس ته مون لسانيات طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو. مون محسوس ڪيو ته انهيءَ ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت هئي، ان ڪري مون لسانيات تي لکڻ شروع ڪيو، پر جي آءٌ اڄ به چاهيان ته لکي سگهان ٿو. اسلام آباد ۾ جيتوڻيڪ مون کي تمام گهٽ وقت ٿو ملي، پر تڏهن به آءٌ ادب تي مقالا ۽ مضمون پڙهندو رهان ٿو. تازو حميد سنڌيءَ جو ڪتاب آيو آهي، مون اهو ڪتاب پڙهيو آهي. امر جليل جو ڪتاب آيو آهي، مون اهو به پڙهيو آهي. آءٌ مسلسل پڙهندو رهان ٿو، تنهنڪري تنقيدي نقطهِ نگاهه کان جيڪر آءٌ لکڻ چاهيان ته ڪافي ڪجهه لکي سگهان ٿو. +· سوال: لکڻ گهرجي به تنقيدي نقطهء نگاهه کان، سائين. +· جواب: جي ها! آءٌ ائين به چاهيندس ته جيئن نثر جي تاريخ هڪ اهڙي قسم جو ڪتاب آهي، جو تنقيدي نقطهء نگاهه کان لکيل آهي، ۽ انهيءَ کان پوءِ جو ادب پيدا ٿيو آهي ۽ ان تي به آءُ جيڪڏهن فرصت ملي ۽ وقت مليو ته تنقيدي نقطهء نگاهه سان ضرور لکندس. مون سنڌي ڊرامن تي تنقيدي مقالو لکيو آهي، جو اسلام آباد ۾ مون وٽ موجود آهي. +· سوال: سائين، ٻيو عرض اهو آهي ته جيئن اوهان اعليٰ تعليم ’لسانيات‘ ۾ حاصل ڪئي آهي ۽ سنڌي لسانيات جي موضوع تي اوهان ڪيترو ئي لکيو آهي، تنهن ڪري لسانيات جي ماهر هجڻ جي حيثيت ۾ ٻڌائي سگهندا ته موئن جي دڙي جي ٻولي، ٻولين جي ڪهڙي سَٿ سان لاڳاپو رکي ٿي ۽ اڃا تائين اها ٻولي ڪهڙن سببن جي ڪري پڙهي نه وئي آهي؟ +· جواب: هن ڏس ۾، آءٌ جيڪڏهن چوان ته دنيا جا، ٽن ملڪن جا ماهر انهيءَ موضوع تي ڪم ڪري رهيا آهن. نيدرلينڊ جي اسڪالرن پارپولا برادرس جا نالا سنڌ ۾ مشهور آهن، ٻيو روسي گروپ آهي، اهڙيءَ طرح انڊيا ۾ به اُن تي ٿورو گهڻوڪم ٿيو آهي. آءٌ تازو جڏهن گذريل سال سائوٿ انديا، تامل ناڊو اسٽيٽ ويو هوس، اُتي انملاءِ يونيورسٽي جي دعوت هئي. مون کي حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم طرفان نامزد ڪيو ويو هو ۽ حڪومت پاڪستان طرفان شرڪت ڪئي هئم. مون اتي محسوس ڪيو ته سائوٿ انڊين ڪلچر ۾ خصوصاً انملاءِ يونيورسٽي جي آسپاس مون ڪافي خطو ڏٺو. اهو حصو مدراس کان 300 ڪلوميٽر هيٺ هو، جتي منهنجو وڃڻ ٿيو. اتي جو مون جيڪو راڳ ٻڌو، اتي جا مون جيڪي لوڪ ناچ ڏٺا، اتي جا مون جيڪي مندر ڏٺا، ۽ مندرن ۾ جيڪي چِٽ گُل ۽ نشان ڏٺا، ماڻهن جي جڏهن مون ٻولي ٻڌي ۽ اتي جي يونيورسٽيءَ ۾ درواڙي ٻولين جو سينٽر آف ايڪسلينس ڏٺو. درواڙي ٻولين جي اسڪالرس سان منهنجي ميٽنگ رکي وئي هئي، منهنجي گذارش تي. ۽ مون کي چار پنج ڪلارڪ پنهنجي اداري ۾ وٺي ويا. انهن سان به مون گفتگو ڪئي. هو به انهيءَ راءِ جا هئا ته دراوڙي ٻولي موئن جي دڙي جي ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿي، پر هو گهڻي قدر انهيءَ ڪري ڪامياب نه ٿيا آهن جو مقامي ٻولي نٿا ڄاڻن. نيدرلينڊ جي اسڪالرن جون ڪجهه رپورٽون اسان جي سامهون آهن. اهي اڃا به ان تي ڪم ڪندا رهن ٿا، هن ”تامل“ يا ”تلنگو“ کي بنياد بنائي، موئن جي دڙي جي ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو آهي. پارپولا سان اڳي منهنجي ملاقات ٿي هئي. آءٌ ذاتي طور تي ان راءِ جو آهيان ته جيستائين ڪو به ماهر سنڌي زبان سکي، موئن جي دڙي تي ڪم نه ڪندو، تيستائين هو مونجهاري ۾ رهندو، تنهن ڪري آءٌ اها راءِ ڏيندس، ته پارپولا کي اها ئي راءِ ڏني هئي ته هن کي پهرين سنڌي ٻولي سکڻ گهرجي، ڇو ته هنن جيتري قدر ڪجهه مهرون پڙهيون آهن، انهيءَ نتيجي کي سامهون رکي به مون سنڌي ٻوليءَ سان تقابلي مقابلو ڪيو آهي. منهنجي ڪتاب ”سنڌي جي بڻ بنياد“ ۾ مثلاً هڪڙي صورت يا شڪل ٽڪنڊي جهڙي آهي، جنهن کي هنن ”ڪوه“ پوٺوهاري، پنجابي ۽ هندڪو ۾ به اهو لفظ موجود آهي. اءٌ هينئر انهيءَ خطي ۾ رهان ٿو. پوٺوهاري، پنجابي ۽ هندڪو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي. اءٌ سمجهان ٿو ته ڪو اسڪالر ٻاهران اچي ۽ انهيءَ سڄي لساني گروپ جي اسٽڊي ڪري، سرائڪيءَ کي پڙهي، سنڌيءَ کي پڙهي ۽ انهن کي پڙهڻ کان پوءِ تقابلي مطالعو ڪري ۽ پوءِ موئن جي دڙي جي انهن مهرن سان ڀيٽي نتيجا ڪڍي. ائين ڪرڻ سان شايد ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهي. +· سوال: ڊاڪٽر گريئرسن انهيءَ تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، انهيءَ جا نتيجا جيڪي ڪڍيا آهن، انهن سان توهان جو ڪيتري قدر اتفاق آهي؟ +· جواب: مرزا صاحب! گريئرسن 1900ع کان 1907ع تائين يعني ست سال انهيءَ موضوع تي ڪم ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو بنيادي ڪم آهي. اهو تمام وڏو ڪم آهي. ماهرن جي هڪ گروپ کي اهو ڪم هٿ ۾ کڻڻ گهرجي. ”شنا“ ۽ ”خوار“ يا ڪشميري يا هندڪو تي ڪم ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ گريئرسن جي ريسرچ کي بنياد بنائي ڪا لينگوئسٽڪ ريسرچ سوسائٽي ٺاهجي ۽ ڪنهن يونيورسٽيءَ طرفان اهو ڪم هٿ ۾ کڻجي ته آءٌ سمجهان ٿو ته گريئرسن جتي ڪم کي ڇڏيو آهي، اتان انهيءَ ڪم ۾ هٿ وجهجي ته ان سلسلي ۾ وڏي خدمت ٿي سگهي ٿي. لسانيات جي ميدان ۾ پاڪستان ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ خصوصاً 1927ع کان پوءِ بلڪل معمولي ڪم ٿيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ گريئرس پارو ڪو جاکوڙي پيدا ٿئي، ڪا منسٽري هيءَ ڪم هٿ ۾ کڻي. مون کي خبر آهي ته ڊاڪٽر محمد افضل کي ذاتي طرح سان لسانيات سان دلچسپي آهي، پر جيڪڏهن منسٽري طرفان ڪا اهڙي انسٽيٽيوٽ قائم ٿئي ته وڏي خدمت ٿيندي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي وٽ اهڙي اسڪيم آهي. اسان جون جيڪي به پاڪستاني ٻوليون آهن، تن جي پڙهائڻ جي سلسلي ۾ فنڪشنل سنڌي، فنڪشنل اردو، فنڪشنل بروهي، بلوچي، پشتو وغيره وغيره. جيڪي ننڍيون يا وڏيون ٻيوليون آهن، انهن تي ڪم ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اوپن يونيورسٽي سڄي ملڪ جي يونيورسٽي آهي. اها ئي هي ڪم هٿ ۾ کڻي سگهي ٿي. بالتي ٻوليءَ وارا، شنا وارا، خوار وار ۽ ٻيا به مختلف ٻولين جا ماڻهو آهن، انهن سان وقت به وقت آءٌ ملندو رهندو آهيان. اهي سڀ چاهين ٿا ته سندن ٻولين جو مطالعو ٿئي. اءٌ سمجهان ٿو ته موئن جي دڙي جي ٻوليءَ جي مطالعي لاءِ ضروري آهي ته اسين انهن مقامي ٻولين جو مطالعو ڪريون ۽ تنهن کان پوءِ موئن جي دڙي جي انهيءَ نتيجي تي پهچي سگهنداسين. پر اهو ضروري آهي ته جيئن مون جيتريقدر تامل ناڊو ۾ ڏٺو ته اسان جي انهن جي ٻولي ۽ تهذيب سان گهڻي نسبت آهي. ايتريقدر جو هڪڙي ڪلچرل ايوننگ ۾ لوڪ ناچ جي هڪڙي نشست هئي. اتي جيڪي به مرد ۽ خواتين جا ناچ هئا، سي بلڪل اسان جي سنڌ جي لوڪ ناچن جهڙا هئا. تنهن کان پوءِ هڪڙو ڪلاسيڪل ڳائڻو آندو ويو هو جنهن حالا نڪ سڄي انائونسمينٽ پنهنجي پاڻ پئي ڪئي ۽ اها به تامل ٻوليءَ ۾، پر راڳ جي جن سُرن جا نالا ٿي ٻڌايائين، اهي نالا آءٌ سمجهي ٿي ويس، اهي هئا مانجهه ۽ سنڌڙو ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا نالا. ان کان سواءِ اتي نٽ راج جو شو به مندر تمام وڏو مندر آهي. حيدرآباد جو اڌ شهر انهيءَ ۾ سمائجي سگهي ٿو ۽ مُراد صاحب! توهان کي ٻڌي حيراني ٿيندي ته موئن جي دڙي تي جيڪو وڏو تلاءٌ آهي، اهڙو بلڪل اهڙو تلاءٌ هن وقت اتي به آهي، جتان سڄو مندر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جي چوڌاري جيڪي ”پوڄاري“ آهن يا ٻيا اچي وهن ٿا، پنهنجي پنهنجي عبادت ڪن ٿا. پهرين اتي تڙ ڪن ٿا، وهنجن ٿا. وهنجڻ کان پوءِ وري چؤڪنڊين ڪوٺڙين ۾ ويهي عبادت ٿا ڪن. عبادت کان پوءِ وري تڙ ڪري ٻاهر ٿا نڪرن. ان تلاءَ جي جيڪا بيهڪ آهي، اها اهڙي آهي، جو انهيءَ ٽيمپل جا چارئي دروازا، تلاءُ جي ڪنهن به ڪنڊ تان بيهي اوهين ڏسي سگهندا. ان جي بيهڪ اهڙي نموني جي آهي. اتي مون کي جيڪو پروفيسر وٺي هليو هو، تنهن مون کي ٻڌايو ته هن جو منظر ڇا آهي، هن جو نمونو ڇا آهي. هن جي راءِ موجب هن مندر ۾ ڪائنات جو تصور سمايل آهي. نٽ راج جي حيثيت مرڪزي آهي. نٽ راج واري پاٺ پوڄا ۾ آءٌ به شامل ٿيو هوس، انهيءَ لاءِ ته ڏسان ته اها ڪهڙي نموني ٿئي ٿي. هن مندر جي چوڌاري ناچ جا روپ اڪريل آهن. اهي چار سؤ کن هئا. هڪڙي شام جو پدما سبرامنيئم، اتي جي هڪ مشهور ڊانسر، جنهن ڪلاسيڪي ڊانس ۾ انهيءَ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. اها به ناچ تي، هن فقط پنجن روپن تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. ان خاتون هڪ هڪ روپ تي روشني وڌي ۽ پوءِ پرئڪٽيڪل ڪري ڏيکاريا. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو سڄو ڪلچر ۽ انهن سڀني ٻولين جو اڀياس ۽ جيڪي پاڪستان ٻوليون آهن، انهن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ان جو تقابلي مقابلو ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن موئن جي دڙي جي تهذيب تي ۽ موئن جي دڙي جي ٻوليءَ تي ريسرچ ٿي سگهندي. مون کي اڃا تائين سائوٿ انڊيا جو سفر ياد آهي، اهو سفر منهنجي ذهن ۾ آهي. اءٌ ان تي لکي به ڪو نه سگهيو آهيان، جو وقت گهٽ ٿو مليم، پر اُتي ڄڻ ته آءٌ سنڌ ۾ هوس. انهن جو ووڪل ميوزڪ به ايتريقدر جو انهن جو ميوزڪ جو ڪاليج هو. ان جي مکيه دروازي جي اڳيان هڪڙو بت ٺهيل آهي، هڪڙو پنڊت پلئي ماري ويٺو آهي. سندس هڪڙي هٿ ۾ يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ کڙتال آهي. اتي مون ڪن شاگردن کان پڇيو ته توهان هن ساز کي ڇا ٿا چئو، انهن انگريزيءَ ۾ نالو ٻڌايو. پر مون چين ته انگريزيءَ ۾ مون کي نالو نه کپي، توهان پنهنجي ٻوليءَ ۾، هتي دراوري ٻوليءَ ۾، ۽ تامل ٻوليءَ ۾ انهيءَ کي ڇا ٿا چئو؟ ته انهن چيو ته اسان انهن کي چوندا آهيون ”چَپرون“. اوهان کي ته خبر آهي ته چپڙون سنڌي لفظ آهي. اهڙي نموني هنن ايگزيبيشن ۾ ميوزڪ پئي وڄايو، مون ائين محسوس ڪيو ته اءٌ الغوزو ٻڌي رهيو آهيان يا انهيءَ قسم جا راڳ ٻڌي رهيو آهيان. مون محسوس پئي ڪيو ته ڄڻ آءٌ سنڌ ۾ آهيان. +· سوال: سائين، توهان اهو چئو ٿا ته ٻولين جو تقابلي مطالعو ڪرڻ گهرجي. توهان علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جا سربراهه آهيون ته ڇا علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ طرفان اهڙو شعبو يا اهڙي ريسرچ نٿي ٿي سگهي؟ +· جواب: نه، في الحال لينگوئسٽڪ ڊپارٽمينٽ کولڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي. في الحال اسان پاڪستاني ٻولين تي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. البت انهن جي نصاب ۾ لينگوئسٽڪ شامل ڪرڻ جو ارادو آهي. موئن جي دڙي تي ريسرچ ڪرائڻ منهنجي وس ۾ ناهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ وڏو سرمايو کپي. پر پاڪستاني ٻولين جي انسٽيٽيوٽ ۾ جڏهن ڪي اسڪالر گڏبا، يعني پنجابي ڳالهائيندڙ يا هندڪو ڳالهائيندڙ يا سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا، اهي سڀ هڪ ٻئي سان گڏ ويهي ڪجهه سوچي سگهن ٿا. +· سوال: سائين، روس ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي، پاڪستان جي ڪيترين ئي ٻولين، جنهن ۾ سنڌي به اچي وڃي ٿي، انهن تي هنن مختصر رسالا جديد تحقيق مطابق لسانيات ۾ مرتب ڪيا ويا آهن. سنڌي ۾، پنجابي تي، بلوچي تي. انهن رسالن ۽ ريسرچ کي اڳيان رکي ڪجهه ڪم ڪري سگهجي ٿو؟ +· جواب: بلڪل ڪري سگهجي ٿو، پر اسان وٽ لينگوئسٽڪ تي ڪو توجهه ڪونهي، صرف ٻه شعبا آهن، هڪڙو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، جتي اردوءَ سان گڏ هڪ پيپر آهي. ان جي لينگوئيج لئبارٽري به آهي. ٻيو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ان تي ڪجهه ڪم ڪيو آهي. پر آءٌ سمجهان ٿو ته جيستائين ڪو گروپ قائم نه ٿيندو، جيستائين ڪا انسٽيٽيوٽ ان سلسلي ۾ قائم نه ٿيندي، جيئن انڊيا ۾ هڪڙي يونيورسٽي، پوني ۾ ۽ ٻي ڏکڻ هندستان ۾ انملاءِ يونيورسٽي جنهن ۾ سائوٿ انديا جي ٻولين تي ڪم پيو ٿئي. آءٌ سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ انهيءَ قسم جو ادارو قائم ٿئي، ڪنهن يونيورسٽي ۾ ٿئي، پر ان ۾ جديد لسانيات، اپلائيڊ لينگئسٽڪس يا سوشل لينگئسٽڪس يا ڊسڪريٽو لينگئسٽڪس وغيره تي ڪم ٿيڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فقط سنڌي شعبي ۾ هڪڙو پيپر آهي. جيڪڏهن اهو ادارو قائم ٿي وڃي ۽ اهو ادارو پنهنجي ذمي ڪم کڻي ته پاڪستان ۾ هن ميدان ۾ وڏي خدمت ٿي سگهي ٿي. +· سوال: سائين، ٻيو سوال آهي اوهان جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ جي باري ۾. هڪ نقاد جو چوڻ آهي ته ان ڪتاب ۾ لسانيات تي جيڪو بحث ڪيو ويو آهي، اهو مشهور امريڪي ماهر لسانيات ليونارڊ بلوم فليد جي ڄاڻايل نظريي مطابق آهي. انهيءَ نقاد جو چوڻ آهي ته هن وقت بلوم فيلڊ جا لساني نظريا آوٽ ڊيٽيڊ ٿي ويا آهن. انهيءَ ڏس ۾جيڪي جديد نظريا آهن، تن کي اوهان پنهنجي هن ڪتاب ۾ نظرانداز ڪيو آهي. ان باري ۾ اوهان جي راءِ معلوم ڪرڻي آهي. +· جواب: مرزا صاحب! منهنجي راءِ ان سلسلي ۾ هيءَ آهي ته اسين ماڻهو ڪم گهٽ ڪندا آهيون ۽ عيب وڌيڪ ڪڍندا آهيون. خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي ڪم نه ڪندا آهن ۽ ڳالهيون گهڻيون ڪندا آهن، اهي اهڙي راءِ ڏيندا آهن. کڻي اهو مڃجي ته بلوم فيلڊ جو نظريو پراڻو ٿي ويو آهي، اسان وٽ انهيءَ نظريه تي ڪيترا ڪتاب لکيا ويا آهن؟ بلوم فيلڊ کي ڪيترا ماڻهو سڃاڻن؟ مون کي خبر آهي ته اهو نقاد ڪير آهي. ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ڪتاب هن نفرت وچان پڙهيو آهي ۽ عيبن ڪڍڻ لاءِ پڙهيو اٿس. ان ڪتاب جي مفهوم کي سامهون رکو، ان جي فهرست ڏسو ته ڪتاب جو مقصد ڇا آهي. ڪتاب جو مقصد اهو ناهي ته ٻولي ڇا آهي، ٻوليءَ جي وصف ڇا آهي يا سماج ۾ ٻوليءَ جي اهميت ڪهڙي آهي. انهيءَ موضوع تي فقط تعارفي باب ڏنل آهي. ان ۾ وصف ڏنل آهي ۽ لسانيات جو مقصد ڏنل آهي. اهو باب منهنجي هڪ پراڻي مضمون تي مدار رکي ٿو. فقط تعارف لاءِ اهو باب شامل ڪيو ويو آهي. مون کي خبر آهي ته لسانيات جي موضوع تي انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي جديد تحقيق ٿي آهي، خاص ڪري ٻن موضوعن تي، هڪڙو اپلائيڊ لينگئسٽڪس ۽ ٻيو آهي سوشؤ لينگئسٽڪس. انهن ٻنهي موضوعن اپلائيڊ ۽ سوشؤ لينگئسٽڪس تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ منهنجو مقصد لساني لڏپلاڻ، اها علم الانسان جي نقطه نگاهه کان. هن ڪتاب ۾ منهنجو مقصد هي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جاگرافيائي حدون اورانگهي ڪيستائين ۽ ڪٿي ڪٿي پهتي آهي. اهو سڀ ڪجهه مواد مان ئي ظاهر آهي. لينگئسٽڪي جاگرافي انهي کي چئبو، جنهن ۾ لهجن جو اڀياس هجي. هن ڪتاب ۾ ٻوليءَ جي وصف يا استعمال تي مواد ڄاڻي واڻي گهٽ ڏنل آهي. انهيءَ ۾ مون ڏنو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ڪيستائين پکڙيون آهن ۽ جيڪڏهن ”ڪرمان“ تائين سنڌي ٻولي پکڙي آهي ته ان جي لاءِ سبب ڪهڙا آهن. سنڌي ٻولي اوستائين ڇو ۽ ڪيئن پکڙي. جيڪا ملڪ جي سياسي سرحد آهي، اها ٻوليءَ جي سرحد ڇو نه آهي؟ سنڌي ٻولي پنهنجون سياسي سرحدون اورانگهي اڳتي ڪيئن وڌي آهي. جيڪڏهن اڳتي وڌي آهي ۽ ڪرمان تائين پهتي آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن. جيڪڏهن سنڌي ٻولي ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ تائين پهتي آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن. جيڪڏهن سنڌي ٻولي رحيم يار خان ۽ ملتان تائين پهتي آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ مون اهو ڪم ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه اوهان جي آڏو آهي. ٻوليءَ جي استعمال، ٻوليءَ جو ڪارج، جنهن کي اسان سماجي ڪارج چئون يا ٻوليءَ جي وصف يا ٻوليءَ جي لاءِ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ڪارڻ آهن. مون کي اها به خبر آهي ته منهنجي ڪتاب تي هڪڙو براءِ نام تنقيدي ڪتاب به لکيو ويو هو، جنهن ۾ مون تي تنقيد جي بدران ان ۾ سڀ ڪجهه لکيو ويو هو، اهو ڪتاب منهنجي نظر مان نڪتل آهي. هينئر جيڪو هڪڙو آءٌ ڪم ڪريان پيو يا اهڙي نموني ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڪتاب تي به ڪجهه پروفيسرن راءِ ڏني يا ڪڏهن ڪڏهن جيئن مثلاً آءٌ مراد علي کي پسند نٿو ڪريان، ته مراد علي جيڪا شيءِ لکي ته آءٌ فيصلو ڪري ويٺس ته ان ۾ غلطي هوندي ته ان لاءِ آءٌ ڇا ٿو ڪري سگهان. جنگ اخبار ۾ منهنجو انٽرويو ڇپيو هو، ان لاءِ مون کي اهو ٻڌايو ويو ته مون ان ۾ چيو آهي ته چڱو لفط صفت ناهي. مون چيومانس ته جناب! مهرباني ڪري اوهان اهو انٽرويو وري پڙهو ۽ سمجهو ته آءٌ به گهٽ ۾ گهٽ سنڌي زبان جو پروفيسر رهيو آهيان، لساني��ت جو شاگرد آهيان. مون ان ميدان ۾ ڪجهه لکيو به آهي. مون کي اها خبر آهي ته ”چڱو“ لفظ گرامر ۾ ڇا آهي؟ جيڪڏهن نحو جي نقطه نگاهه کان انهيءَ لفظ کي هٽائي ان بيهڪ واريءَ جاءِ تان کڻي ٻئي هنڌ ڪم آڻينداسين ته ويا ڪرڻ جي حيثيت بدلجي ويندي. مون وڌيڪ چيومانس ته مون کي گهٽ ۾ گهٽ اها خبر آهي، پر جيڪڏهن اوهان ان تي وڌيڪ لکڻ چاهيو ٿا ته بيشڪ لکو. اءٌ جواب ڏئي سگهندس. اهڙيءَ طرح لساني جاگرافي ڪتاب لکڻ ۾ منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ جو مطالعو ڪجي. ان لاءِ دليل ڏنل آهن. هندستاني ماهرن اهو ڪتاب پسند ڪيو، پر اسان وارن عيب ڪڍيا. ائين ٿيندو آهي! +هر نقاد کي اهو حق ٿو پهچي ته هو تنقيد ڪري، ڇاڪاڻ ته آءٌ چوندو آهيان ته ڪا شئي جڏهن ڇپجي ماڻهن جي سامهون ٿي اچي، تڏهن اها عوام جي ملڪيت بڻجي ٿي. ان تي تنقيد ٿيڻ گهرجي. پر هڪڙي شئي ضروري آهي ته ماڻهو شخصي ضد، آنا دل مان ڪڍي. نفرت پري ڪري تنقيد ڪري. مون کي خبر آهي ته جنهن دوست جو اهو رايو آهي، ان جي ڪافي مون سان خط و ڪتابت ٿي هئي. انهيءَ جو رڪارڊ سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي. مون کي خبر آهي ته بلومفيلڊ کان پوءِ ڪافي مواد ڇپجي ظاهر ٿيو آهي، ۽ هن وقت به اسلام آباد ۾ منهنجي ميز تي انهن مان ڪي ڪتاب ڏسندو. +هن وقت آءٌ هڪ مقالو لکي رهيو آهيان. اصل ۾ مون اهو مقالو سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس نالي ڪتاب لکڻ لاءِ پئي چاهيو، پر ڇاڪاڻ ته مذڪور ڪتاب جو مواد ناشر کي موڪلي چڪو هوس، تنهنڪري مون ان ۾ اهو شامل نه ڪيو آهي. ان مقالي جو عنوان ”ٻولي جي ابتدا“ هئي. دنيا ۾ ٻوليءَ جي ابتدا ڪيئن ٿي، ان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نظريا آهن. اسان کي ٻن-چئن ڪتاب مان ڊنگ ڊانگ وارو نظريو، يا چيخ و پڪار ڪري، جيئن انسان جي گلي مان آواز نڪتو، پوءِ انهيءَ آواز ٻوليءَ جي صورت ورتي، ۽ ائين ٻولي ٺهي. پر هن مقالي لاءِ ڪافي ڪتاب ڏٺا آهن، مختلف ماهرن جا ڪتاب پڙهيا آهن. آءٌ اهو مقالو اردو ۽ سنڌيءَ ۾ گڏوگڏ ڇپائڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ ته اردو زبان ۾ لسانيات ڪم بلڪل گهٽ ٿيو آهي، بلڪه نه ٿيڻ جهڙو ٿيو آهي. +· سوال: مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته نوان سنڌي جيڪي اديب آهن، اهي شايد نئين اسلوب جي ڳولا ۾ گرامر جي اصولن کي نظرانداز ڪري اڙانگهن لفظن ۾ ابتي ٻوليءَ ۾ لکن ٿا. اوهان جي خيال ۾ اهو ڪيتريقدر درست يا غلط آهي؟ +· جواب: مون ذاتي طور ان کي ابتي ٻولي تسليم نه ڪيو آهي، ۽ نه وري آءٌ ان کي ابتي ٻولي سڏيان ٿو. ابتي ٻولي ان کي ته پاڻ اسان جي انهن ليکڪن سڏيو آهي. ابتي ٻولي نالو پهرين هندستاني لکڪ گني سامتاڻيءَ استعمال ڪيو هو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ تنوير جوڻيجو ۽ مشتاق شوري اهو نالو استعمال ڪيو هو. مون انهيءَ سلسلي ۾ هڪ مقالو به لکيو آهي، جنهن ۾ چيو اٿم ته دنيا ۾ ٻولي ڪڏهن به ابتي ٿي نٿي سگهي، ڇو ته ٻولي هڪ قدرتي نظام آهي. ٻولي قدرتي علامت آهي ۽ اها ڪنهن تنظيم تحت وجود ۾ آئي آهي. اها اُبتي ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ انهن افسانن ۾ تنوير جا ٻه افسانا آهن، مشتاق سوري جو هڪڙو افسانو آهي، جن ۾ هو ٻئي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن ابتي ٻولي ڪم آندي آهي. اسان جي افسانه نگارن انهن جي ساراهه ڪندي چيو آهي. هيءُ نئون تجربو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ڪو نئون تجربو ڪونهي. اهو مقالو اول مهراڻ ۾ ڇپيو هو ۽ پوءِ اهو ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اصل ۾ ڳاله هيئن آهي ته اسان جا ڪي نوجوان، ٻوليءَ جي اصولن کان خاص ڪري صرف ۽ نَحَو جي قانون کان واقف نه هجڻ سبب، نثر جي نموني کي ابتي ٻولي سڏين ٿا. مثال طور ”اڻ وڻندڙ“ لفظ هاڻي ���وڻندڙ اڻ“ ته استعمال ڪو نه ڪبو. اهو هڪڙو قانون آهي ته ”آڻ“ اڳياڙي آهي ۽ ڪنهن ڌاتو جي هميشه اڳيان استعمال ڪبي آهي. انهيءَ وانگي ڪي ٻيا به اهڙا لفظ آهن جن جون نشانيون پٺيان ملائبون آهن، تنهن ڪري جيڪا اڳياڙي آهي سا پڇاڙيءَ طور استعمال نه ٿي سگهندي ۽ اهڙيءَ طرح پڇاڙيءَ واريون اڳياڙيءَ طور استعمال نه ڪري سگهبيون. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ائين چوي ته مون ابتي ٻولي ٺاهي آهي، ته اها دعويٰ غلط آهي . +(بشڪريه ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد) + + +شاعري +تَڙ تِکو تار وَهي سوجن سين مهراڻ +نه مون ترهو تار جو، نه مون سيڻاهه ساڻ +گهِڙان گهوريو جندڙو، قريبن جي ڪاڻ، +ميهر ڄام اُماڻ، ڏيئي ٻانهون ٻاجهه جون +- غلام محمد خانزئي +”شاعري جي دلپذير اثر جو سڀڪو قائل آهي. انهيءَ اثر کي محسوس ڪرڻ لاءِ علم جي ضرورت ڪانهي، پڙهيل توڙي ان پڙهيل، شعر کان متاثر ٿئي ٿو. ان جو جيئرو جوڳندو مثال، خاص طرح شاهه عبداللطيف رح جي بيتن جو عوام توڙي خواص جي دلين تي اثڙ آهي، جنهن جو احساس گذريل ٻن صدين تائين جاري ۽ ساري رهيو آهي. انهيءَ دلپذير اثر جوسبب شعر جي خوبي ۽سهڻائي آهي، ۽ انهي لحاظ سان سهڻو ۽اعليٰ شعر اهو آهي، جنهن جو اثر دلپذير هجي، پر جي پڇجي ته شعر جون اهي ڪهڙيون خوبيون يا سهڻايون آهن، جن جولازمي نتيجو دلپذيري آهي ته جواب لاءِ قدري غور ويچار ڪرڻو پوندو. ڇا، شعر جي خوبي ۽ سهڻائي شعر واري مضمون ۽ ڳالهه ۾ آهي، يا شعر ۾ سمايل معنيٰ۽ خيال ۾؟ اها خوبي لفظن جي بديع، معاني ۽ بلاغت وارين نزاڪتن ۾ آهي، يا لفظن جي سِٽا، ترنم ۽ موسيقيءَ ۾؟ اها خوبي شعر جي ٻوليءَ ۽ الفاظ ۾ آهي، يا شعر ۾ سمايل احساسات ۽ جذبات ۾؟“ +-- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ +منقبت +ياعلي المرتضيٰ، شيرِ خدا شاههِ نجف، +مان ڪندس توصيف تنهنجي بارها باچنگ ودف. +اي شجاعت جا ڌڻي، اي هاديِ راههِ هديٰ، +دشمنِ دينِ نبي صه هر وقت ٿيا تنهنجو هدف. +تنهنجو ڪونهي ڪو امام ۽ تون اَمامن جو امام، +آهه منهنجي واسطي تنهنجو فضائل ٿيو شغف. +جنگِ خيبر ۾ رسول اللہ توکي سڏ ڪيو، +تون اچي پهتين ته زير وبر ٿي ويئي هر ڪا صف. +تنهنجي اندر ۾ خدا جو عشق هر دم جاءِ گير، +يعني درِّ بي بها لئه تنهنجو سينو ٿيو صدف. +مشرڪن تي تنهنجا حملا بي تحاشا پئي بهَ پئي، +قاتلِ مرهب! سدائين تون هئين جو سربڪف. +هن کان وڌ ٻيو مرتبو ڇا ٿي سگهي تو ياعلي، +جو محمد صه بخشيو داماد جو توکي شرف. +منهنجا ڪر آسان مشڪل ربّ پنهنجي کان گهري، +مان به تنهنجو آهيان، تنهنجو کنيو آ مون حلف. +تنهنجي مداحن جو اهي”طالب الموليٰ“ غلام، +جو ڪري تنهنجي گلا، واللہ سوئي ناخلف. +غزل +نظر کان دور هو، ايندو نظر ڪڏهن نه ڪڏهن +اسان کي پوندي انهيءَ جي خبر ڪڏهن نه ڪڏهن +نگاهه ساڻ سندس سنگِ در کي چمنداسون +ڪنداسون ان جي گهٽي مان گذر ڪڏهن نه ڪڏهن +ٿا باس باسيون، واعظ ٿئي خراباتي +اچي ئي نڪرندو سو معتبر ڪڏهن نه ڪڏهن +هروڀرو جي ٿا سُرڪي- پياڪ ساڻ کَهن +ٿين ٿا خوب اهي زيروبر ڪڏهن نه ڪڏهن +ضرور ٿيندو پريشان ۽ پشيمان صنم +جو ڏسندو پنهنجو هي شوريده سر ڪڏهن نه ڪڏهن +اي هم جليسو! ٿو فرعون لاءِ موسيٰ کپي +تباهه شل ٿئي هو بدگهَر ڪڏهن نه ڪڏهن +مان هن سان ٿو ڪريان منسوب زندگي جو ڪتاب +پڙهي سمجهندو هو ديده ور ڪڏهن نه ڪڏهن +ڪيو مون آهه جدائي جو درد سان پيوند +درختِ وصل ۾ ايندو ثمر ڪڏهن نه ڪڏهن +شرابي لب کڻي منهنجي لبن سان چسپان ڪر +سوال مڃجئين باده نظر ڪڏهن نه ڪڏهن +اميد آ شبِ يلدا ۾ ”طالب الموليٰ“ +��و ايندو غيرتِ شمس وقمر ڪڏهن نه ڪڏهن +مهم شروع ڪئي ٿئون اي ”طالب الموليٰ“ +خدا عطا ڪندو متح وظفر ڪڏهن ڪڏهن +قطعو +روز اول کان گرفتار محبت آهيان +هي يقين ڄاڻو ته سرتاپا صداقت آهيان +منهنجي رندي جي خبر توکي نه زاهد آهي +پاڻ ئي پنهنجي عبادت جي امامت آهيان +تنوير عباسي +· +ڪالهه توسان جو رُسي آيس مان، +بس ائين سمجهه ڪُسي آيس مان. +هاڻي سوچيان ٿو ته ڪاڏي وڃجي، +تنهنجي محفل مان اٿي آيس مان. +در جي کڙڪي ۽ ڏسين مون کي تون، +ڀانئجان ايئن ته ڀُلي آيس مان. +مان ته ڀانيان ٿو هيس تو وٽ ئي، +تون چوين ٿي ته وري آيس مان. +تو وٽ آيس نه ڪڏهن خالي هٿ، +هر دفعي درد کڻي آيس مان. +امدام حسيني +گيت +سانوڻ آيو ڙي—ساجن آيو ڙي +هير هند وري ۾ جهولي، گيت پپيهي ڳايو ڙي +ڊيل ٽلي ۽ مور نچيو، ڪويل شور مچايو ڙي +شور مچايو ڙي +سانوڻ آيوڙي +ڪارن ڪارن وارن مان، رنگ گهٽا چورايو ڙي +ڳاڙهه ڳٽي کان چورائي، کنوڻين کيل رچايو ڙي +کيل رچايو ڙي +سانوڻ آيو ڙي +نينهن به آهي مينهن جيان، ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ڙي +بادل پياسي ڌرتيءَ تي، امرت رس برسايو ڙي +رس برسايو ڙي +سانوڻ آيو ڙي! +نظم +ننڊ ٽُٽي ته خواب ٽُٽو +خواب نه هو ڄڻ شيشو هو +جاڳ نه هئي ڄڻ پٿر هو +منهنجا پُٽڙا! +شيشن جهڙا خواب نه ڏسجان +نه ته وڏي هوندي مون جان +ڀور ڀور شيشا ميڙيندي +پنهنجا هٿ ڦَٽي وجهندين! +ذوالفقار راشدي +غزل +(1) +عطا ڪرين ٿو خوشين جون گهڙيون جي ٻاجهه ڪري +پڄيم وَسُ ته ڇڏيان ساعتن ۾ ساه ڀري. +اڃا چڪور جي چاهت سموري خواب و خيال +اڃا ته چند رهي ٿو هزارين ڪوهه پري. +ملي ٿو آس جي چڻنگن مان سوز دلسوزي، +لڳائي هانوَ سان ڪوسو ڪري ته هانءُ ٺري. +کُٽو نه بخت جو بن باس منهنجي حيلن سان +رُسي پوي ته پو ورلي ٿو ڪنهن جو ڀاڳ وري. +ٻُڌي جو سُرت جي ٻرندڙ جبل ۾ گرج گهڻي، +ڊنم، دماغ نه ڦاٽي، الائي دل نه ڏري! +ڏنگين ٿا غرض جا واسينگ هر ڪنهين وِکَ کي، +اکين کي پير ڪندي پر نٿو خلوص مري. +ڏسان ته خواب جي سادي شڪل ۾ رنگ برڻ، +اچيم ڪير ٿو دامن اڇيءَ داغ ڌري. +الائي ريت ته ڪهڙي روا رکين مون سان! +اڄاڻ دل کي اڙآيو ڇڙو پريت ذري. +(2) +لڪائي لوڪ کان رکان پوي نه روح گهائجي، +ته شهرتن جي شهر ۾ وڃان نه مان وڃائجي! +ڪٿي قرار ڪو نه آ، نه ساهه کي نه سوچ کي، +نه دل اُها، نه دم رهيو، ويو بدن وراهجي. +عجيب تنهنجون عادتون، عجيب منهنجون چاهتون، +قريب ڪين آءُ تون، وڃان ٿو مان لڄائجي. +نئوم وجود ٿو وٺان ته چاڙهه نئون چڙهيو اچي، +ڪري ٿو کاڌ وهڪرو، وڃان ٿو روز پائجي. +اچي ٿو عشق ايترو، وڃي مشڪ واسجي، +ته گهاٽ، گهر گهٽي گهٽي وڃي ٿي ڳالهه وائجي. +ڊڄان ٿو، ذوالفقار، مان ته مت وڃي نه موهه ۾، +هي درد فيل مست آ، پوي نه دل لتاڙجي. +(3) +پٽ- پٽيهر ڇهاءُ ئي هوندو، +سهج تنهنجو سڀاءُ ئي هوندو. +ڪير چغليون هڻي ٿو چنڊ تي؟ +هن جو پنهنجو هڳاءُئي هوندو! +منهنجي گهر جو ڪڙو ته کڙڪي ٿو، +تون نه آهين ته واءُ ئي هوندو. +سائو ڇيٻل سان دل جو تهخانو، +بند پاڻيءَ تي ڄاءُ ئي هوندو. +جاڙ جيون اُداس ماڻهوءَ جو، +تون نه هوندين، نه ساءُ ئي هوندو. +آءُ اهڙيون رچيان ٿو رچنائون، +جن ۾ ميندي- رچاءُ ئي هوندو. +موهه مايا جو، ڪشٽ ڪايا جو +ماڳ، مارڳ ايذاءُ ئي هوندو. +چنڊُ، تارا، بهار، ڪويتائون، +مان نه هوندس، ته ڀاءُ ئي هوندو. +(4) +سپنا ساڀيان جڏهن نٿا پائين، +پوءِ به نيڻن ۾ خواب ڇو آهن؟ +واٽ اوکي ۽ پنڌ هيڪاندو، +گهر جي رستي ۾ سَوَ ڪتا باهن. +توکي تارو به ڪين ٿيو حاصل، +ماڻهو آڳر ۾ چنڊ ٿا لاهن. +واٽ ويند نه وڙهه فقير سان، +بينو هوندا، بوکڙو ناهن. +سونهن – سڪڻا نه ڇيڳرا هوندا، +جيڪي مٽيءَ ۾ مشڪ ٿا چاهن. +منهنجي پوڄا انهن بتن خاطر، +جيڪي خود کي خدا نٿا ڀانئن. +بيت +جنين ڏٺو جند کي، جيءَ جهروڪن مان، +لِڪ لڪايون ڪيترو انهن اکڙين سان، +وجهي هٿ هنياءِ لهن منجهه وجود جو. +لڪ- لڪوتي ايتري ڳجهه ڳجهاندر ڇو؟ +جيڪي اندر منجهه آ چئي ڏيوم سو، +هيءَ حياتي بي بقا، هيڏو اوسئڙو! +مري وڃان ته پوءِ هٿ نه هڻجو هوند لئه. +وجهي هٿ هنيانءِ ۾ لهو جيڪو ڳجهه، +چئي ڏيوم چٽو ڪري، ڇاجي ماٺ ۽ مُنجهه؟ +ٺهه پهه چؤ سڀڪجهه، متان مهل ٽري وڃي! +متان مهل ٽري وڃي، گذري وڃي ڏينهن، +وقت نه ڪنهن پر روڪجي، ڄڻ ٻيلائي شينهن، +وسي ويندو مينهن، چِڪون ڇڏي چُڪ جون! +”بردو“ سنڌي +مالڪ آن +جي سڪ مان سڏائين مالڪ آن، جي جوُءِ ڇڏائين مالڪ آن، +جي ڀاڪر پائين مالڪ آن، جي منهن مٽائين مالڪ آن. +تنهنجي چاهه ڪئي دل آهه چري، متان سڪ ۾ ساهه وڃي نڪري، +جي ملندين مونجهه لهي ويندي، جي نه ملندين سائين مالڪ آن. +تنهنجي نام جو جام ڀري پيتم- تنهنجي پيار جي هام هڻي ويٺم، +جي هاڻ نباهين لک ٿورا، جي باند ڇڏائين مالڪ آن. +توکي يار مباح وڏائي آ، مون تو در جان جهُڪائي آ، +جي ڀر ۾ ويهين، ڀال ٿين، جي ترت تڙائين مالڪ آن، +تون صورت جو سردار سڄڻ، آيو ’بردو‘تنهنجي در تي پنڻ، +جي ڏيندين خير ته احساني، جي سکڻو ورائين مالڪ آ. +حافظ محمد احسن چنا +غزل +شان ڪنهن جو ناهي، تنهنجي شان و شوڪت کان وڌيڪ، +ڪو به ڪم دنيا ۾ ڪونهي، تنهنجي الفت کان وڌيڪ. +شاهِ خوبان، ڇا ڪيان تعريف تنهنجي حسن جي، +صورت و سيرت ۾ آهين ساري خلقت کان وڌيڪ. +وشڪِ طوبيٰ ۽ صنوبر نازنين سر وِ روان، +سروَ ۽ شمشاد ناهن، تنهنجي قامت کان وڌيڪ. +هيءُ زمانو سارو درد وغم، الم جو آهه گهرَ، +پر نه هرگز درد آهي ڪوبه فُرقت کان وڌيڪ. +خوش نصيبي! دوست جي دَر جي گدائي ٿئبي نصيب، +ها! انهيءَ در جي گدائي بادشاهت کان وڌيڪ. +طالبَ ديدار لئي آهي بلاشڪ همدمو، +بخششِ ديدارِ دلبر، مال و دولت کان وڌيڪ. +نام تنهنجو روز شب، دل ۽ زبان جو ورد آهه، +پوءِ اڃا مون کي کپي ڇا اهڙي نعمت کان وڌيڪ. +ڪُوئ جانان ۾ ٿئي مسڪن، اها آ آرزو، +ڪُوئ دلبر آهي احسن لاءِ جنت کان وڌيڪ. +وَعدَهِ ”لاَتقنَطُو“ ۽ بحرِ رحمت پڻ وسيع، +جُرم منهنجا ڪين آهن تنهنجي رحمت کان وڌيڪ. +”سليم“ ڳاڙهوي +اي ملڪ جا مهراڻ! +اَي ملڪ جا مهراڻ، مٺا ملڪ جا مهراڻ – اَي ملڪ جا مهراڻ! +هن ملڪ جا ميدان اچي توئي وسايا- سرسبز بنايا، +هيءَ سنڌ سڄي شاد ۽ آباد ٿي توساڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ! +تنهنجي ئي مٿان آبر اَچي خوب وسن ٿا- زرپاش ٿين ٿا، +ماڻهن ۾ ورهائين پيو هيرن جا ڀري ماڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ! +رزاق جو توتي ٿو رهي راز ۽ رحمت – بي اَنت عنايت، +توساڻ ئي چمڪن ٿا چمن، مهڪ ۽ مانڊاڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ! +تون شاد رهين شال ۽ شاداب رهين شال- پُرآب رهين شال، +سينگار سڄي سنڌ جا سرساهه ۽ سرواڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ! +هر روڪ ۽ رنڊڪ کي هٽائي تون هلين ٿو- ”سنڌوُ“ ٿي پوين ٿو، +ڪنهنجي نه ڪڍين ڪاڻ ۽ ڪنهنجي نه مڃين آڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ! +آثار تواريخ ۾ تنهنجو ته عظيم آهه- سالم ۽ ”سليم“ آهه، +دنيا ۾ تون درياهه وڏو پنهنجو مثل پاڻ- اَي ملڪ جا مهراڻ! +چنڊ +ٽيهين رات به آهه اُماس، +اُڀريو ناهي چنڊ اڃا. +اَڄ پڻ ڏاڍي اوندهه آهي- عام اُجالا ڪير ورهائي؟ +ڏند ڏيکارن ٿا راڪاس، +اُڀريو ناهي چند اڃا. +اِڪٽيهون پڻ روزو جاري- عيد نه آئي روزن واري، +ميرا ڪپڙا، آس نراس، +اُڀريو ناهي چنڊ اڃا. +ڪير ٿو ڄاڻي ظلمت ويندي- رحمت ايندي زحمت ويندي، +سُڏڪي ڀونءِ، رُنو آڪاس، +اُڀريو ناهي چنڊ اڃا. +سيني اندر سوز ”سليم“- نيڻ نماڻا ”نُون ۽ مِيم“، +دل ديواني، ساهه اُداس، +اُڀريو ناهي چنڊ اڃا. +بشير مورياڻي +رات کان پوءِ پرڀات آ +آءُ ڳولهي رهيو هوس صبحِ اميد +آسري ۾ هيس باک جي. +مون کي اڳتي وڌڻ جو ڪو سامان نه هو +منهنجي دردن جو درمان نه هو +۽ مٿان شهر جي، قهر جي زندگي +مون اڪيلي مسافر جو ڪوئي نگهبان نه هو! +دل کي هڪڙي تسّلي ڏنم ”ڏينهن ئي شينهن آ، +مون کي ڇالاءِ ٿو خوف ٿئي؟“ +”ڪجهه ته ورندو +ڪوئي ساٿ ڏيندو ضرور.“ +ڏينهن گذريو، اچي شام ٿي +مون کان ڪوئي پڇڻ ڪونه آيو ته ڇا حال آ +اجنبي شهر ۾ پنڌ هلندو رهڻ هڪڙو جنجال آ +ڪوئي ساٿي نه آ +ڇا هتي دوستن جو وڏو ڪال آ؟ +روشني کي وري مات ٿي +۽ وري رات ٿي. +آسمان تي ستارن جي جهالر کُلي +ڪن ستارن جي اکٻوٽ منهنجي ارادن تي چٿرون ڪيون +مون به پختي ارادي جي قنديل سان +پنهنجي اندر کي روشن ڪيو +هاڻ اوندهه جي ويرين سان هر راهه ۾ ساٿ آ +ڏيڻي هر حال ۾ رات کي مات آ +جو اَوَس رات کان پوءِ پرڀات آ. +ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ +غزل +تو سان ملائي ديد رهي ڪير ٿو سگهي، +تنهنجي نظر جو تاب سهي ڪير ٿو سگهي. +محسوس ٿئين ٿو پر نه ملين ٿو ڪٿي پرين، +تنهنجو مقام خاص لهي ڪير ٿو سگهي. +توکان وٺن ٿا حسن جي خيرات سڀ حسين، +تنهنجي مقابلي ۾ اچي ڪير ٿو سگهي. +ڇو ٿو ڏئين ڏکن جا ڏجها بيگناهه کي، +توکان اهو سوال پڇي ڪير ٿو سگهي. +جٿ ڪٿ هلي ٿي تنهنجي ستم ۽ غضب جي ڳالهه، +سچ صاف توکي منهن تي چئي ڪير ٿو سگهي. +الفت جي راهه ۾ ٿو ڪٿي هوش ساٿ ڏئي. +گڏ باهه سان ڪپاهه رکي ڪير ٿو سگهي. +هرڪو رهي ٿو پنهنجي پريشانين ۾ گم، +ٻئي جي ڏکن جي ڳالهه ٻڌي ڪير ٿو سگهي. +’حامي‘ ٿياسون دور نظر کان ته ڇا ٿيو، +دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو سگهي. +سيد احسن الهاشمي +غزل +آرزوئن جو شاهڪار آهيان، +وصل هوندي به بيقرار آهيان. +تون به آهين قريب تر منهنجي، +ته به سراپائي انتظار آهيان. +پنهنجي نظرن تي اعتماد رکي، +پو وري ڏس ته اشڪبار آهيان. +جنهن تي ٿيون خنده زن خزائون اڄ، +آئون اها عظمت بهار آهيان. +ڪجهه ته ٿئي، پو هجي ڪرم يا ستم، +بس ادائن تي ئي نثار آهيا. +منهنجو سر لائقِ جفا به نه ٿيو، +آئون اها عظمت بهار آهيان. +تنهنجي خدمت ۾ التجائي وصال، +پنهنجي همت تي شرمسار آهيان. +حُسن جي عظمتن جو مون کي قسم، +عشق جي راهه جو غبار آهيان. +واديِ شعر ٿيو وطن منهنجو، +آئون تخيل سان همڪنار آهيان. +ذڪرِ موليٰ جي صدقي اي ’احسن‘، +بيقرارن جي لئي قرار آهيان. +· +سدارنگاڻي ”خادم“ +(1) +سائل بڻجي سجدو ڪرڻ حق آهي، +شڪرانو ۽ رضا مڃڻ حق آهي، +آزين نيزارين سان پرچي نه جي يار، +بخشش خاطر دعا پنڻ حق آهي. +(2) +مدت کان پنهنجي در ويٺل ٿو ڏسين، +اِن هوندي به مون کان ٿو سندم حال پُڇين، +مان آهيان اِئن، جئن تو رکيو آهه مون کي. +مون کان ٿو چوائين، ڇو نه ٿو پاڻ چوين؟ +(3) +ڏيندين نه، سڄڻ تون! ته رليل ڪاڏي وڃي، +اهڙو ڪو سجهيئي جو نه موٽائي گهُري؟ +آڻيندو ڪٿان لاهي جئن ورتل قرض! +خادم جي مڃ، ويٺو در تنهنجو ڏسي. +(4) +واٽون ته سوين، منزل هڪ ئي آهي، +ڪو ڌيري هلي ٿو ته ڪو تڪڙو ڪاهي، +ڪوشش تي اگرچه آهه پهچڻ جو مدار، +منزل ٿي بڻي قدم جي سونهون چاهي. +(5) +ڇاڪاڻ پُڇايان؟ ۽ ڪهڙي درگاهه؟ +اڳ جو نه اٿم ڏر، نه اڳيان ڪا ٻي راهه؟ +مالڪ جي مهر جو مٿان آهي هٿ، +ڇو ڪنهن جي ڪڍان ڪاڻ؟ گهران ڇا جي پناهه؟ +(6) +ڪي ڪن جي غيبت کان مون ڏي ٿي وريا، +منهنجن پنهنجن خلاف ڪِن ڪَن ٿي ڀريا، +شڪرانا مالڪ جا، آئي پيري، +ٻوڙاڻ سبب منهجا ڪجهه پاپ ٽريا. +(7) +ڪوئي نه ڪري کوٽ سزا کان بچندو، +ڪرمن جو ڦل اڳ پوءِ هرڪو چکندو، +اڄ تائين ڏٺو ناهه ڏکيو مون ڪو ڏينهن، +ڪرتار ڪندو انت سهيلو رهندو. +عبدالقيوم ”صائب“ +رباعيون +تخليق حسين اڃا ڪري سگهجي ٿي، +دنيا سڄي سونهن سان ڀري سگهجي ٿي، +پر سونهن اها جڏهن ٿئي پيئي دشمن، +پنهنجي ئي هٿن ساڻ ڄري سگهجي ٿي. +آتشڪدهء فڪر جلائڻ گهرجي، +هڪ جوت نئين نت جاڳائڻ گهرجي، +جنهن ۾ روح عصر جون چڻنگون ئي هجن- +سا باهه سڄي ڳوٺ کي لائڻ گهرجي. +هت، جذبـﮧ بيتاب کان ڪم وٺڻو آهه، +ان بعد ئي يارو ڪو دم وٺڻو آهه، +جنهن ۾ ته ڏسڻ سان ٿئي سازش پڌري- +سو سنڌ لئي جامِ جسم وٺڻو آهه. +دل جو آئينو اهڙو صاف کپي، +جنهن وٽ هرڪو اچي چوي انصاف کپي، +انصاف جي تارازيءَ ۾ فرق ڏسي- +ڀؤنڪي به سگهي جيڪو سو ڪاف کپي. +هي ڳوٺ انهيءَ باهه ۾ ايندي ايندي، +رک آهه ٿيو راهه ۾ ايندي ايندي، +هيءَ ڇار کڻي ڦولهي ڏسجي ته سهي- +چمڪي نه اٿي چاهه ۾ ايندي ايندي. +مظفر حسين ”جوش“ +· +...... جي شاعري کان متاثر ٿي +تون ڪر همدوشِ ثريا رشڪِ اوجِ ڪهڪشان، +تون ڪر توکان روسن آهي شاعري جو آسمان. +تو ڪيو باغِ ادب کي رنگ و بو سان همڪنار، +تو خزان ديده گلستان کي ڏنو دورِ بهار. +تنهنجو هر هڪ لفظ غنچو، سطر آهي شاخِ گل، +نڪهتِ معني سان ٿيا دل مست مثلِ ڪيفِ مُل. +تنهنجي شعرن ۾ ٽڙيا نازڪ خيالي جا سمن، +آيتِ انجيل جو ٿيو هر غزل ۾ بانڪپن. +تنهنجو هڪ هڪ لفظ مهڪي ٿو سندءِ انفاس سان، +۽ ٿئي اشعار تي ٿو تنهنجي زلفن جو گمان. +جذبهء الفت ڪٿي آهي ڪٿي احساسِ غم ، +تون زبان جي بتڪدي ۾ ڄڻ تراشين ٿي صنم. +اصطلاحون، شوڪتِ الفاظ ۽ حسن سخن، +تو ڪيو پيدا آهي گويا چمن اندر چمن. +ڇا چوان، ڪيئن ٿو هلي قرطاس تي تنهنجو قلم، +ميڪدي ۾ ڪو شرابي جيئن رکي بهڪِي قدم. +هر تخّيل تنهنجو رنگين، تنهنجو دلڪش هر ڪلام، +يا آهي صبح بنارس يا اَوڌ جي آهي شام. +هر عبارت ساده و رنگين و آسان بي بدل، +بادهء گلگون سان آهي پُر سندءِ جامِ غزل. +۽ صبا جي دوش تي تنهنجو ترنم اي نديم، +جيئن هلي نازڪ گلن تي نرم رؤ موجِ نسيم. +تو رکيو آهي جڏهن ڀي بزم ۾ پنهنجو قدم، +اهلِ دل کان تو وساريو ڇا وجود ۽ ڇا عدم. +تون ادب جي انتها ۽ شاعري جو شاهڪار، +تون آهين نقشِ ازل ۽ صنعتِ پروردگار. +نيڪ صورت، نيڪ سيرت، نيڪ خصلت، نيڪ خوُ، +تون توسان وادي مهراڻ جي ٿي آبرو. +سنڌ جي باغِ ادب ۾ تون آهين مثل بهار، +۽ رهي توسان معطر شاعري جو لاله راز. +”استاد“ بخاري +· +جيڏهن ڪيڏهن جوت +جيڏهن ڪيڏهن جوت، اوندهه تي اُڀري پئي، +ڳاڙهانجي ڳڻ-ڳوت، ميرانجهي ميٽي پئي. +* +اُڀ وٽي ڍيرو، لاڳيتو ڏينهن- رات جو، +ڌاڳو آڌيرو، اونداهو ۽ سوجهرو. +* +انڌي اوندهه کي سڏي، نوتو1 ڏنو نُور: +ڏائِڻ تنهنجو ڏيِکرو، نابودي، ناسُور، +ڏاڍو توکان ڏُور، نئون نُور نِڱي چُڪو. +* +نياپو ڏئي نُورُ، ڌونڌاڙي انڌارِ کي: +پالو نُورَ نڪور سان، روُنجهي2 تنهنجو جهوُر، +تازو، ڏاهو توُرُ، گهر گهر تنهنجي گهات ۾. +* +گهر گهر تنهنجي گهات ۾، اونداهي آهي، +اُجيارو ”استاد“ پيو، ڪارنهن تي ڪاهي، +نُورُ اهو ناهي، جوت جياري جو نه ٿو. +* +’ڪيڏي ڪوڙهي رُگهه‘، چِٽِن چيو چيٽَ وٽ، +’آڏو اوندهه گهگهه‘، آڌيءَ آکيو باکَ کي! +* +جهنگل ڳولين جوت، اندر آهڳ، اُهاءُ! +ٻُڌين ٻاهر ٻول ڇا، پِنڊي ۾ پڙلاءُ، +ٻهران اندر آءٌ، اندران ٻاهر اوت ڪر! +وائي +راتين رکوالا، تارا بيتالا. +کُوهه، وڇون، کَٽ، ٽيڙو، مُنيون، نکٽن جا نالا، +تارا بيتالا. +ويندڙ، ايندڙ وقت ڪريو ٿا، طاق هڻي تالا +تارا بيتالا. +ساجهُر هڻند��َ سورجَ ڪِرڻا، ڀانڊي ۾ ڀالا، +تارا بيتالا. +ماڪ نه ٿَنِ، آگهه، مُکڙين اکڙيون! نيڻ اٿن آلا، +تارا بيتالا. +آلاپي ”استاد“ اميدون، لوءِ لوءِ لئه، لالا! +تارا بيتالا. +1 نوتو: نياپو، پيغام. 2 رُونجهي: جهانوري، گهٽ نظر واري. +(وڌيڪ پڙهو) + + +شاعري +عنايت بلوچ +· +التجا +اسان سان ڪي گهڙيون گڏجي گذاريندين ته خوش هوندين، +خُماريل مست نيڻن سان نهاريندين ته خوش هوندين. +خبر ناهي ته مون تي ڀي نوازش جي نظر ٿيندي، +سڏي سڪ مان پرين ڀَر ۾ ويهاريندين ته خوش هوندين. +ٿيو جنجل جدا جالڻ، هجر جا ڏس اچي هاڃا، +نباهي وصل جو وعدو، جياريندين ته خوش هوندين. +مڃان ٿو منهنجي آ ميراث تنهنجي بي رخي ڀي، پر، +پرين جي پيار مان هيڪر پڪاريندين ته خوش هوندين. +سِڪي ٿو ساهه، من ماندو، اٿم اميد آمد جي، +”عنايت“ جو اڱڻ سهڻا، اُجاريندين ته خوش هوندين. +نواز علي ”شوق“ +گيت +ڀورا ڀورا ٿي وئي آس +سُک جي وستي يار وَسايئي +مون کي سورن منجهه ستايئي +منڙو هردم آهه اداس ............... +دور هلي وئي من جي آشا +دل تي ڇايا غم جا پاڇا +جيون ٿي ويو آهه نراس............ +درشن لئي ٿيون ديدون ترسن +بن بادل ٿيون اکڙيون برسن +چانڊوڪي ڀي آهه اماس ............ +تاج بلوچ +· +گونگيون ديواريون +سانت جي دهشت کان لرزن ٿا وجود +ماٺ ڪيڏي آهه ڏس ماحول ۾ +ڄڻ ته ڪو راڪاس ويو آهي گهمي +ساهه ٿو ٻوساٽجي، +هڪڙي لحظي لاءِ ڀي +ڪو نه ٿو جهوٽو گهُلي +ڄڻ هوا جي گس- پيرن ۾ وڌا ويا پيڪڙا +بيوفا جي شهر کان ڀي +ڪو نياپو ۽ سنيهو ڪونه آهه +شهر جون گونگيون ڀتيون، +ڪهڙي ٻوليءَ ۾ الائي زور سان، +ڇا ته ڳالهائين ٿيون! +ڪوئي آهي جو ٻڌي سمجهي سگهي +گونگي ديوارن جا سڏ +سانت جي دهشت کان لرزن ٿا وجود +ماٺ ڪيڏي آهه ڏس ماحول ۾. +”انور“ هالائي +· +هو ٿو ستم ڪري ۽ سزائون روا ڪري +دل منهجني روز شب ٿي دعا تي دعا ڪري +منهنجي حصول جو به طريقو عجيب آهه +پٿر ڪيو مون آب، مگر التجا ڪري +ڳوڙها ڳڙي ڳلن تي ندامت جا نقش ٿيا +معراج ماڻيو مون خطا در خطا ڪري +ويٺس وساري هن کي مان هن جي مفاد ۾ +شايد ڪه منهنجي هو سرِ محفل پڇا ڪري +هن بدنصيب جي نصيبن جا ڏس نصيب +آسان مشڪلات ٿو مشڪل ڪشا ڪري +چئني طرف هجومِ بتان اڄ الا الا +هت ڪير ٿو نمازِ محبت ادا ڪري +هردم سهان فراق جا صدما خوشي خوشي +ايڏا ٿو عشق منهنجا وڏا حوصلا ڪري +ڪهڙي هي مون تي تهمتِ تقديس وئي اچي +جرمِ وفا ۾ ڪوئي ٿو منهنجي پڇا ڪري +”انور“ ٿو ڄاڻي مون تي ڪري ڪئن نوازشون +حالانڪ ٿو ستم جا وڏا تجربا ڪري. +”محسن ڪڪڙائي +غزل +جيڪو جيڪو ايندو آهي، +زخم نوان ڏئي ويندو آهي. +ماڻهـــــو، ماڻـــــهوءَ کـــــي ايڏا، ڏک-ڏجـها ڇو ڏينـــــدو آهـــــي. +ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته ڪو، ڪـــــهڙا ڪَـــــشٽ ڪَٽيندو آهي. +انـــــسانـــــن جـو ڏُرت ڏِســـــي، ڏک تـــــه ڏاڍو ٿـــــيـندو آهـــــي. +ٻهـــــڪِي پـــــونـدو آهه اڱـــــڻ، ”هُو“ جو مون وٽ ايندو آهي. +ڪُوڙن يارن کان ڀي ڪڏهين، +”محسن“ مُنهن نه مَٽيندو آهي. +”آثم“ ناٿنشاهي +وايون +(1) +ميان! ڇَڏ مخول، +آڇ نه ٽُنڊا ٽول- +پائي روپي ٿالهه ۾. +رک نه بندياڻيءَ اڳيان، +ريبڻ لئه رمجهول، +پائي روپي ٿالهه ۾. +مون ڏي ڇو ٿو موڪلين، +وَڳا رنگ- رتول؟- +پائي روپي ٿالهه ۾. +ڍَڪي رکج ڍَڪ ۾، +ڳَهلا! ڳَهه- ڳَٽول- +پائي روپي ٿالهه ۾. +آءُ ته وٺنديس سومرا! +آزادي______ اڏول- +پائي روپي ٿالهه ۾. +(2) +جيسين آءٌ جيان- +جوڙيان پڳون پٽ جون. +اڱڻ پوکي نازبو، +پاليان پٽ_ ڪنيان_ +پڳون سچي پٽ جون، +دودل نانءِ ڪيان- +اڳتي جي اتهاس ۾، +شامل مان به ٿيان- +تندون ڳاڙهي رنگ جون، +ميڙي پوءِ ميان!- +جوڙيان پڳون پٽ جون. +نظم +اَڄ ڏسان ٿو، ڏاڍا ماڻهو- +ڪاوڙ مان ٿا گهُورن مون کي. +باکَ ڦُٽيءَ تي +منهنجي ڌرتيءَ جي هيءَ مِٽي +جيڪا سج کان چؤڻي چِٽي +اُن مِٽيءَ کي- +تِن جي مُنهن تي +آءٌ چُمان ٿو. +چُمندي چُمندي شال مران مان- +پنهنجا اُن ۾ پُورن مون کي. +پوءِ بُٺي تي +موتئي جو ڪو ٻُوٽو اُڀري +خوشبو جو ڪو جهوُٽو اُڏري +هن مٽيءَ کي- +واسٻي، جنهن کي +آءٌ گهمان ٿو. +”محبوب“ سروري +· +شامت-اعمال +اسان جي شعر ۾ جدّت اچي ته ڪيئن اچي؟ +قلم جي نوڪ ۾ طاقت اچي ته ڪيئن اچي؟ +سخن مان روح کي رات اچي ته ڪيئن اچي! +اسان جي شاعري بي روح، بي اثر، بي ڪار، +اسان جو ذهن آ احساس ڪمتري جو شڪار، +بدن ۾ جوش و حرارت اچي ته ڪيئن اچي! +وطن جي شان ۾ جن جا ٿي ڳيت ڳايا ويا، +زبان تن جي ڪٽي، بي زبان بنايا ويا، +انهن جي لب تي شڪايت اچي ته ڪيئن اچي! +پڙهون ٿا پيٽ جي خاطر، ڪمايون دولت کي، +ملي ٿي نوڪري، حاصل ڪيون ٿا رشوت کي، +اسان ۾ جذبه خدمت اچي ته ڪيئن اچي! +اسان جو ذهن غلام ۽ قلم وڪاڻل آ، +اسان جو فڪر مئل ۽ ضمير کاڻل آ، +صحيح رنگِ صحافت اچي ته ڪيئن اچي! +اچن نماز ۾ دل تي جهان جون ڳالهيون، +زمين مال ۽ دولت، مڪان جون ڳالهيون، +اسان کي لطفِ عبادت اچي ته ڪيئن اچي! +ملي جهادِ فلسطين ۾ اسان کي شڪست! +شڪست اسان کي ڇا؟ اسلام جي جهان کي شڪست! +اڃا ٻي ڪاري قيامت اچي ته ڪيئن اچي! +اسان جو بي تُڪو ڪردار ۽ خراب افعال، +اسان تي آئي، اي ”محبوب“! شامت-اعمال، +اسان کي پاڻ تي عبرت اچي ته ڪيئن اچي! +احمد خان ”آصف“ مصراڻي +· +حوُرن جي حُسن جي نڪي غلمان جي ڳالهه ڪر، +ڪرڻي اٿئي ته عظمتِ انسان جي ڳالهه ڪر. +مون سان نه بادشاهه يا سلطان جي ڳالهه ڪر، +مسڪين ڪنهن غريبڙي انسان جي ڳالهه ڪر. +عشرت ۽ عيش واري نه سامان جي ڳالهه ڪر، +سانگين جي سور درد ۽ درمان جي ڳالهه ڪر. +ڪاڇي جي ڪير ٿر جي بيابان جي ڳالهه ڪر، +مارن مِٺن جي يار گلستان جي ڳالهه ڪر. +زاهد سان جنتن جي ۽ رضوان جي ڳالهه ڪر، +مون ساڻ منهنجي دوست جي دربان جي ڳالهه ڪر. +پوڄين ٿو مارڪس کي ميان ڊارون کي ڇو، +ٿي ديندار، دين ۽ ايمان جي ڳالهه ڪر. +”آصف“! خوشين جي ڳالهه چڱي، پر چڱو اٿئي، +پنهنجي وطن ۽ قوم جي ارمان جي ڳالهه ڪر. +”نديم“ انصاري +غزل +ياد تنهنجي ثواب جي صورت، +هجر يوم الحساب جي صورت. +عڪس تنهنجي ڳلن جو درپن ۾، +جام اندر شراب جي صورت. +حسن، خوبي، شباب ورعنائي، +آهي هر شئي حباب جي صورت. +ذڪر هن ۾ فقط اوهان جو آهه، +دل، پڙهي ڏس ڪتاب جي صورت. +داغ دل جو، اُهاءُ اندر۾، +رات ۾ ماهتاب جي صورت. +زندگي ساري آهه ڊوڙايو، +تنهنجي حسرت سراب جي صورت. +تنهنجي لئي ئي مليو هو ”آر نِي“ کي، +”لَن تراني“ جواب جي صورت. +تنهنجي دامن ۾ جو لڪو سائين! +دور اُن کان عذاب جي صورت. +شعر آهن ”نديم“ جا گويا، +گلرخن جي شباب جي صورت. +الياس عشقي +بيت +(1) +قهر ڪربلا ۾ ٿيو، آيو جڏهن امام +وحدت واري واٽ تي، حق جي هڻي هام +روضو ڇڏي رسول جو، سڄي جڳ جي ڄام +ڪوڙين ڪن سلام، جِن ملائڪ ان کي +(2) +قهر ڪربلا ۾ ٿيو، آيو جڏهن حسين +چوڌاري ميدان ۾ ٿيو شور ۽ شين +وڙهيو بُک ۽ اُڃ ۾ نبيءَ جو نور عين +روئي روئي رين، راز ڪيائون رب سين +(3) +قهر ڪربلا ۾ ٿيو، پهتا جڏهن شبير +ننڍي اصغر کي کڻي، ڪوفين ماريو تير +سڪيا منجهه سرير، ته به کلي نهاريو اُڀ ڏي +(4) +قهر ڪربلا ۾ ٿيو، آيو مير مدين +اهل بيت اصحاب سين، موٽيو وري ڪين +ويري ٿيو آڪاس ۽ بيگاني زمين +عشقي صبر سندين، ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾ +(5) +ڏسڻ وٽان هو ڏ�� ۾، ننڍو وڏو شير +ٻانها سيد رسول جا، سڀئي مرد مٿير +اهڙي هيبت هاڪ جي، پنهنجو ويري ڪير +پٺتي پوي نه پير، ڪهندا وڃن ڪافرين +(6) +ڏسڻ هو ڏک ۾، شهزادن جو شان +لب تي ڪلمو پاڪ هو، منجهه دلين ايمان +وک وک تي احسان، ڪندو لا اسلام تي +(7) +ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾، اهل بيت جو ان +اونهاري جي اُس هئي، اُڃايل جان +رب جا هئا مهمان، صبر ڪيائون حال ۾ +(8) +ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾، هر هڪ جُنگ جوآن +شرم نه شامين کي هُئي، شر ۾ هئا شيطان +ڪــــــوفي لايوفـــــي ســـــــڀئي ڪـــــمان +حيرت ٿي حملو ڏسي، ڇڏي ويا ميدان +بجا نه هو اوسان، ويري سڀ ويران ٿيا +(9) +ڏسڻ وٽان هو ڏک ۾، اڀريو محرم ماه +من ۾ پسي ملول ٿيو، شهزادن کي شاه +مٽ ۽ مائٽ پانهجا، ساٿياري همراه +سڀ جو حال تباه، ڪُهي ڪرندا پت تي +(10) +ڪُهي ڪرندا پٽ تي، وڙهندي ننڍا ٻار +عَون محمد آئيا ٻڌي تيغ ترار +ٻئي ٻار ۽ لشڪري، چوڏس ۽ چوڌار +ڪهڙو قهر ڪفار، ڪيو آل رسول سين +(11) +ڪُهي ڪرندا پٽ تي، مير مڻيا مهندار +وڙهندي ويرين وچ ۾، عالم جا آڌار +ساڻ نه سائين جي سڄڻ، يار نه ڪو دلدار +بيڪس تي هنجون رڳو هاريندو رهوار +هادي هيو هيڪڙو ويري هئا هزار +سر ٿيو تن کان ڌار، قهر ڪربلا ۾ ٿيو. +محمد علي جوهر +· +شعر منهنجو وقت جو آواز آهي دوستو، +فڪر و فن، تقدير جو همراز آهي دوستو. +چَپ چُرن ٿا هِت، فلڪ آواز ٿو هُتڙي ڪڍي، +ربطِ باهم جو اهو انداز آهي دوستو. +ٿي جهان بيني سندم روشن ضميري جو ثبوت، +مون کي جَم کان وڌ مليو اعزاز آهي دوستو. +هي قلم ويهي لکي لوح و قلم جون ڳالهيون، +هي خدائي ڏات ۽ اعجاز آهي دوستو. +علم آفاقي ٿيو، طبعِ رسا جو آ ڪمال، +هن فراست فهم تي ٿيو ناز آهي دوستو. +هر نفس منهنجو بڻيو خاموش آهي احتجاج، +زندگي جو ساز بي آواز آهي دوستو. +منهنجي چهري مان عيان، آزرده دل جو هر بيان +چپ سبي، ظاهر ڪيو مان راز آهي دوستو. +ٿو وڄايان بينسري بيدرد دنيا جي اڳيان، +جو ٿيو درد آفرين هي ساز آهي دوستو. +فيصلو تاريخ ۾ صادر ڪيو آهي حُسين، +سر ڏيڻ وارو سدا ممتاز آهي دوستو. +آتشِ نمرود توڙي نيل جو دريا هجي، +ڌو اندر ئي عاشقي انداز آهي دوستو. +ظلم جو خنجر وري ڪو آزمائي اڄ ڏسي، +زيرِ خنجر گردنِ جانباز آهي دوستو. +جاري رهندو جوهرِ دانائي حڪمت جو جهاد، +جو اڃا طبعِ جهان ناساز آهي دوستو. +رحيم بخش ”قمر“ +وائي +دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا. +سانگين لئي سڪندي رهي، +جهانگين لئي جهڄندي رهي، +ڏوٿين لئي ڏُکندي رهي. +کير پيان شل کيت سين مان، +جهَڻ، مکڻ، پِسُ ڌونرڙا، +او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا. +کٻڙ کٿوريا واسيا، +ڪِرڙن جهليا ڏونرڙا، +او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا. +اَڪن ڦُلڙيون ڦُٽيون، +بين وڄائن ڀؤنرڙا، +او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا. +ماروئڙا سي ملير ۾، +”قمر“! دل جا ڪؤنرڙا، +او دل ساري ٿي ڇپر ۽ چونرڙا. +سانگين لئي سڪندي رهي، +ڏوٿين لئي ڏُکندي رهي، +جهانگين لئي جهڄندي رهي. +احمد خان ”مدهوش“ +غزل +خيالِ يار ۾ گُم ٿي، ڪرڻ هستي فنا گهرجي، +جهان اندر مرڻ کان اڳ مري، ماڻڻ بقا گهرجي. +نظر ديد آشنا گهرجي ۽ دل درد آشنا گهرجي، +محبت جو ڀرم رهجي اچي، اهڙي ادا گهرجي. +وڃي هر هر ملڻ گهرجي، ٿيڻ هر هر جدا گهرجي، +وڃڻ ڀي بارها گهرجي، ملڻ ڀي بارها گهرجي. +حقيقت ۾ نگاهن سان نگاهن کي ڪجي قائل، +زبان پنهنجي مٿان آڻڻ نه حرفِ مدّعا گهرجي. +اگر چاهين محبت ۾، ”رهي، تون تون نڪي مان مان“ +هلائڻ دم سان دم گهرجي، ملائڻ ها ۾ ها گهرجي. +نشانو عام جي آڏو بنائي منهنجي سيني کي، +نوازش يار جي گهرجي ته اهڙي بي بها گهرجي. +اکين تي هٿ رکي الفت جا سارا سور سهنداسين، +ڏکن تي جو هريل آهيون، ٿيڻ ڪهڙو خفا گهرجي. +بَجُز تنهنجي نه ڪائي چيز دنيا جي سڄڻ گهرجي، +اگر گهرجي ته مون کي چاهُتن جي انتها گهرجي. +رکي مدهوش من پنهنجو خدا جي ياد کان غافل، +بتن جي عشق ۾ دل کي ڪرڻ ڇو مُبتلا گهرجي. +* +· +ٻول ٻاراڻو ڪري، ڪنهن سان نه ٻاراڻي ڪجي، +جيڪڏهن ڪنهن سان ڪجي ڪا ڳالهه، مرداڻي ڪجي. +قول کان اڳ سوچجي، ۽ واعدو سمجهي ڪجي، +آڱرين سان ليڪ پائي، ڌار ڇو پاڻي ڪجي! +چاڙهي ٻيڙي تي نه ڪڍجن ڪنهن جا تختا اي سڄڻ، +وقت تي واهر ڪجي ۽ ساهَه سِر ساڻي ڪجي. +پيار جا جي پير کڻجن، ڪين غفلت ڪا ڪجي، +راهِه الفت ۾ ڪڏهن هرگز نه اڻڄاڻي ڪجي. +مڙس ٿي سهجي مصيبت، مڙس ٿي مهلون ڪجن، +درد دُکندائي رهن، پر دل نه ويڳاڻي ڪجي. +انت پنهنجي حال جو ڪنهن کي ڏيڻ آهي غلط، +سُور سامهون ٿي پَون، تن جي به سرواڻي ڪجي. +دل جي چوري ٿي وڃڻ جي واءِ ويلا ڇو ڪجي، +چورُ جي سُجهندو هجي ته به سُرت ساڌاڻي ڪجي. +لائجي ڪنهن سان ته اُن سان زندگي ڀر ڏورجي، +توڙ اي مدهوش پنهنجي نيٺ آکاڻي ڪجي. +بلاول پرديسي +· +پڇو ٿا درد و غم جا دردمندن کان بيان ڪهڙا +ستم جا، سوز جا، دک جا ٻڌايون داستان ڪهڙا +جگر جا، دل جا، سيني جا يا گهايل روح پياسيءَ جا +اوهان کي دوستو ڏيکارجن زخمِ نهان ڪهڙا +زمانن جا ٿي ميٽيا درد، جِن هڪڙي تبسّم سان +ويا وڇڙي اسان کي روح پرور رازدان ڪهڙا +اسين آهيون اسيرِ عشق ۽ الفت جا شيدائي +ڪريو ٿا عاشقن تي اڄ اوهين وهم و گمان ڪهڙا +جي خود گمراهه، جن جي زندگيءَ ۾ روشني ناهي +اهي وٺندا اسان کان منزلن جا امتحان ڪهڙا +ڪٿي گذري ٿي شامِ زندگي ۽ ڪيئن گذاريون ٿا +ٻڌايون دل جي برباديءَ جا يارو! داستان ڪهڙا +اسين آهيون دلِ بيتاب ۽ ناشاد ”پرديسي“ +اسان جا آستان ڪهڙا، اسان جا آشيان ڪهڙا +نثار بزمي +· +ٻيا ڀلي مون کي ڇڏن، پر تون نه ڇڏ +درد جي مارئي کي دلبر تون نه ڇڏ +مان جڏهن تنهنجي ڪري سڀڪي ڇڏيو +مون کي ڀي صورت جا سرور تون نه ڇڏ +منهنجي ڇو ٿو ڪاڪ تون ڪاري ڪرين +رڻ ۾ رولي منهنجا رهبر تون نه ڇڏ +ڇو لڪين مون کان تون محبوبڙا +پنهنجي بيٺڪ جا ڏئي دَرَ تون نه ڇڏ +منهنجي هڪڙي سر کي رک سائين سُکي +مون ڏُکايل کي ڏهيسر تون نه ڇڏ +”ها“ ڪرڻ توکي اچي ئي ڪا نه ٿي +ڪنهن سيکاريو ٿي ته نَنهَڪر تون نه ڇڏ +جي ڇڏيو قسمت ته پو ڇا ٿي پيو +واسطي الله جي يَرَ! تون نه ڇڏ +ڇو گهٽائين ٿو تون ”بزمي“ جي بها +ايتري اگهه کي ڏئي ڍَرَ تون نه ڇڏ +مرزا عباس علي بيگ +· +ڪريان ڪهڙو شڪوه مان جادو نظر جو +ستمگر جو ظالم جو بيدادگر جو +ٿِي دل زخمي جنهن دم ڪيو هُن اِشارو +ڀِروُن جو ۽ مزگان جو ترڇِي نظر جو +نه ڪر تون تڪبر نه ڪو ڀروسو ٿيو +گهڙي جو نه پل جو نه دم ۽ پهر جو +زماني ۾ هرهڪ کي هردم ڏسان پيو +خريدار زن جو زمين جو ۽ زر جو +ڏئي دل پرايم هي جنجال سر تي +جدائي جو حسرت جو دردِ جگر جو +وَئي ويل گذري، پتو ڪو نه پئي ٿو +ڪبوتر جو ڪانگل سندو نامه بر جو +سندم دل ۾ صبح و مسا ڌيان آهي +محبت جو دلدار جو سيمبر جو +ٿيو جڳ ۾ شُهر و سندم دلربا جي +ادا جو نزاڪت جو اک جو ڪمر جو +رُخِ دلربا کان ويو زرد ٿي رنگ +ستارن جو خورشيد جو ۽ قمر جو +گهڻو قدر دندان و لب کان ويو گهٽجي +جواهر جو لعل يمن جو گهُر جو +سيه زلف کان ڪم ٿيو رتبو جڳ ۾ +شبِ تار جو مشڪ جو ۽ ڪڪر جو +ڏنم لب تي بوسو مزو مون کي آيو +بجا شهد جو قند جو ۽ شَڪر جو +جي عاشق تون آهين ته ڪر ڪونه سانگو +نه تن جو نه من جو نه سر جو نه زر جو +زماني ۾ ”عباس“ رک خيال هردم +چڱي جو مَٺي جو ۽ نيڪي جو شر جو +وفا ناٿن شاهي +· +ڪنهن ڏاهي جي ڏس ۾ ناهي +تنهنجو ڳولڻ وس ۾ ناهي +جنـــت- دوزخ جــــا رکـوالا، ماڻهو پنهنجي وس ۾ ناهـــي +هــــر رســتو ويران پــــيو آ، شايد ڪنهن ڀي گس ۾ ناهـي +ڇورا ڪانگڙ ڪانا ٿي ويا، رانــــد اڃــــا ڀي رس ۾ نــــاهي +مطلب جو عــــيار طــــريقو، ڪجهه ڀي شابس جس ۾ ناهي +جيون ڀي ڪنهن رس ۾ ناهي +موت به پنهنجي وس ۾ ناهي +خاڪي جويو +· +جيڪو به دنيا ۾ آيو آ +تنهن پنهنجو پاڻ ملهايو آ +هو جيءَ جي جنگ لڙي، موجود، وجود مڃايو آ +زنجير، ضمير نه پائيندو، هر ارڏي اڍّ الايـو آ +هر اوچو ڳاٽ ارادي سان، هر ٽڪر سان ٽڪرايو آ +هر باغي پنهنجي پيرن ۾، ڪئين پيکڙ پائي آيو آ +ڪيڏي نه وڏي ويڙهاند ڪري، هر گهوٽ هتان جو گهايو آ +تاج جويو +نظم +هي جو سونو سنگُ ڏسين ٿو، +۽ جو اُن جو رنگُ ڏسين ٿو: +اُن ۾ رت-پگهر جو پورهيو، +هاريءَ جو ۽ هر جو پورهيو. +سنگ ۾ هن جا گيت به آهن، +سُڏڪا، سُر، سنگيت به آهن. +اُن ۾ هُن جي ”ڪالهه“ به آهي، +مستقبل جي ڳالهه به آهي. +سوني سنگ ۾ اَن جا داڻا، +داڻا، اڄ سڀاڻِ وڪاڻا. +پر، جنهن سنگُ پچايو آهي، +۽ هي رنگُ رچايو آهي. +اُن جو به ته ڪو قصو هوندو، +داڻن ۾ ڪو حصو هوندو!؟ +ادل سومرو +ٽيڙو +· · +ڳــــــاڙهــــــي ڳــــــل تي تِرُ، قــــــبر قــــــبر تي ڏيئڙو، +ريٽــــــي پڙ ۾ آهه پيو ڄڻ، نجهري جــي اونداهه ۾، +ڪــــــنهن سوڍي جو ســــِرُ- جرڪي منهنجو جيئڙو- +· · +شــــــــــــاعــــــريءَ جــــــو وَڻُ، رت ٻُــــــڏل شــــــخــــــص، +پــــــن ســــــمــورا لفظن جا، تاريخ جي اســـڪرين تي، +هــــــيٺا شــــــاعـــرن جو ڌڻُ- اُجــــــــــــرا عـــــڪــــــس– +· +ڳــــــلَ ڳــــــوڙهــــــن هــــــاڻا، +ڳــــــوڙهــــــا ڄــــــڻ ماکــــــي، +ڳــــــل مــــــکڻ جــــــا چــــــاڻا. +”سوز“ هالائي +غزل +وري سُرَ ڇيڙ او راڳي! +ته ڪي جذبا پون جاڳي. +اڃا مٽيا مزاج آهن، مگر سنگيت آ ساڳي. +پري گرنار ڪانهي ڪا، اٿئي جهونا ڳڙهه جهاڳي. +ڪلا کي ڪا جلا ڏيئي، ورائج ويل ويهاڳي. +ڏياچن جي ڪمي ڪانهي، رڳو ڪا چور چؤ راڳي. +وري آلاپ ”آسا“ کي، ته ڪا سورٺ پوي جاڳي. +ٿڌا پاري جيان ماڻهو، +تپي ٿيندا اُلا آڳي. +مير محمد پيرزادو +گيت +سال لنگهي ويا، جوڀن جاڙ، +آهه سَٺي ان آس مٿان- +چنڊ ستارن ساڻ ڪڏهن تون مون وٽ ايندين ساٺن سان! +* +گوڙ گهَٽاريءَ بوند نه سرجي، +مِک هڏن ري پيا نه پرچي، +بلڪل تن جيان- +ساجن آهيان- +آءُ اوهان جي پيار اندر، سپون رهن جيئن ساگر ۾ +سپنو سرجي ڪو سَر ۾! +* +ٻاٻيهو جيئن ٿر لئه ٻولي، +منهنجي پريت اوهان کي ڳولي، +هاءِ سمـــو هيءُ- +ڄڻ ته سڏئي ٿو- +پن جو کڙڪو، واءُ سڻائو، مانَ اچين مون اڱڻ مٿان، +واري واري گهور وڃان! +* +ڪُڪَڙَ مَنَهن تي واهيرا ڪن، +سانجهه، پرينءَ جا پَهَه گهيرا ڪن، +موسم هن ڀي- +آندئي ڪـــونه- +سيج سُڃيءَ تي چانڊوڪيءَ سان رُت بسنتي باهه ڏئي، +ڪير ٻڌائي ساجن کي! +نصير مرزا +وائي +ڪيڏي ڙي گؤڌَول +نيڻ – ستارا کول! +چَمپا رنگ چانڊوڪيءَ جهڙا +ٻولَ ٻَٽي ڪي ٻَول +نيڻ- ستارا کول! +وِهَه وٽَي جهڙا هي ڏينهڙا +اَمرت تن ۾ گهَول +نيڻ- ستارا کول! +جاڳ ته ماڻين پِرهه ڦٽي +تون به ستارن ڪول +نيڻ- ستارا کول! +ولي محمد ”وفا“ +· +درد دل کي اڃا به ڏيندو وڃ +يار ٻيهر هتان به ٿيندو وڃ +رات باقي وڃي رهي آهي وڃ، وڃي ۽ وري به ايندو وڃ +هجر تنهنجو حبيب ماري ٿو پاڻ سان نال هاڻي نيندو وڃ +موت تن لاءِ مشاهدو آهي سوءِ سوري سڄڻ سڏيندو وڃ +ڪنڌ ڪلهي تي ٿي بار پيو آهي آءٌ اي قاتل ڪڏه�� ڪپيندو وڃ +راس آيا ”وفا“ نه رنگ دنيا جا ڏاج ڏکڙن جا يار ڏيندو وڃ +اياز گل +· +خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي اُداســـــيءَ جـــــو قســـــم آهــي +ايئن مون کي هُو چاهي ٿو جيئـــــن ڪو بارُ ٿـــــو لاهــــي +نديءَ ۾ ناوَ ڪاغذ جي حيـــــاتـــــي ٻـــــيو ڀـــــلا ڇاهي؟ +اسان جي خواب اکڙين مان ويا هِـــــن پيـــــر ئـــــي ڊاهـــــي +گهڙي ڀي زندگي چئبي ڪوئي ڪنهن کي اگر چاهي +زماني کي ڇ ا ٺاهيندو؟ جو پنهنجو گهر نٿو ٺاهـــــي +· +ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، مَنَ ۾ باهه ٻري +وسڪاري کان پوءِ ڄڻ ماڻهو، ٿَرَ کان رهي پري +رات اوهان جي ياد، اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي +ڪُونڀٽَ کي جيئن بيٺو ٿوُهر، ڀاڪُر منجهه ڀري +ٻيو ته ٺهيو، ڏِسُ اَڪَ به جهڙا، گُلَ ڦُٽا آهن +اهڙيءَ رُت ۾ سَري جي تو بن، آخري ڪيئن سَري؟ +اکڙين ۾ اوسيئڙو جنهن جو، سا ته نه آئي پَر +پيرُ پيرَ ۾ پائي آئي، ڪَوتِا راتِ ٺَري +ڀيڄ ڀنيءَ جو، ’شاهه‘ جي وائي، ’موُهن‘ جو آواز +ايئن لڳو پئي، ڳايو ويٺي ٿَرَ جي ذَري ذَري +ستَ رنگ چوليون، چِلڪيل چهرا، ڳاڙهسَري واري +سنڌڙي! تنهنجو چاهُه پئي ٿي، اکڙين منجهه ڀري +مختيار ملڪ +غزل +هيءَ جا ٿي وئي دوري آهي +ان ۾ ڪا مجبوري آهي +لڙڪ لڪائي ڇڏڻا آهن مرڪڻ اڄ مجبوري آهي +کلندي کلندي ڌار ٿي مون کان روئڻو رات سموري آهي +پيار فلسفو بڻجي ويــــو آ محبوبا ڄڻ ’ٿيوري‘ آهي +عيش ته هُن جو، ليڪن منهنجي محنت ۽ مزدوري آهي +اڄ اڻ هوند اگهامي ويئي وڪرو ٿي مجبوري آهي +سوچڻ تي آ سرحد بندي آزادي اڻ پوري آهي +ڄام جي ڄار ۾ اچڻي ناهي اڄ جي ناز نه نُوري آهي +قسمت جي اڄ قبر ۾، پنهنجي هرهڪ آس مون پوري آهي +جيون جي هن راهه ۾، توسان منهنجو هجڻ ضروري آهي +واجد +گيت +اک جو ڦڙڪڻ، +دل جو ڌڙڪڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿي، +ڪوئي ته راز رکي ٿو. +پيار جو پلجڻ، +سور جو سرجڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿو +ڪوئي ته راز رکي ٿو. +تات ۾ تڙپڻ، +ذات کي ارپڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿو. +ڪوئي ته راز رکي ٿو. +اک جو ڇُلڪَڻ، +پوءِ به مرڪڻ- ڪوئي ته راز رکي ٿو، +ڪوئي ته راز رکي ٿو. +وسيم +· +جهاڳي هُو جر سارو، +آيو تو وٽ آهيان! +سڏجان ٿو ساڻيهه ۾، +واين جو وڻجارو- آيو تو وٽ آهيان! +ڀٽڪي ڪاريءَ ڀوُنءِ تي، +ٿي چانڊوڪيءَ چارو- آيو تو وٽ آهيان! +سِر جي سين هڻي پيو، +ڪوئي هيل ڪٽارو- آيو تو وٽ آهيان! +ريکائن جي روپ ۾! +بڻجي سوچ ستارو- آيو تو وٽ آهيان! +مون کي منهنجيءَ ڏات کي، +پنهنجو ڀانءِ ڀنارو- آيو تو وٽ آهيان! +ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ +· +اي دل! +اي دل! ڌڻيءَ جي واسطي، +ايڏ نه مون کي خوار ڪر، +ايڏو نه تون آزار ڪر. +پيار پياري! وکر ناهي، +جو وٺي توکي ڏيان! +توکي مٺي! مان خوش ڪيان. +مون ته در در تنهنجي خاطر، +سئن سڪ جي پڻ هنئي، +پر ٻڌو سڀ اڻ ٻڌو ٿو ٿي وڃي. +ڪين ٿو ڪو هيءَ صدا منهنجي مڃي. +تنهنجي خاطر، اي چري دل! +پيار جا پنجوڙ ٺاهي، +دل- گهرين جا دڳ جهليم، +سور پنهنجا- +سسڪي سسڪي پڻ سليم، +واٽ ويٺي ڪونه واٽهڙو وريو، +ڪين حسرت جو ڏيئو ڪٿ ڀي ٻريو، +هاڻ دل! پنهنجي هنئين تي هٿ رکي، +تون چئه ڀلا مان ڇا ڪيان؟ +ڪنهن جي پيرن تي پوان- +۽ ڪنهن کي دانهون مان ڏيان؟ +تون چئه ڀلا مان ڇا ڪيان؟ +اي دل! ڌڻيءَ جي واسطي، +ايڏو نه تون آزار ڪر، +مون کي نه تون لاچار ڪر، +اي دل! ڌڻيءَ جي واسطي! +(وڌيڪ پڙهو) + + +شاعري +انيس انصاري +· +نئون آدم +اچون ته گڏجي ويهون يارو، +ماضيءَ جو ڪو مچ مچايون. +هرڪو پنهنجون پياريون يادون، +قبرن مان کوٽي آڻي. +حال جي پاڻيءَ سان ڳوهي تن کي، +اميدن جو بوتو ٺاهيون. +اچو ته گڏجي ويهون يارو، +رک ٿيل هن مچ کي کوٽيون. +اميدن جو ٽانڊو هن مان، +گهور انڌيرو دور ڪري. +اچو ته گڏجي ويهون يارو، +ماضيءَ جي رک، حال جي پاڻيءَ مان. +جو هي آ بوتو ٺاهيو، +تنهن ۾ گرمي ٽانڊي جي سان، +روح کي ڦوڪيون. +اچو ته گڏجي ويهون يارو، +ايندڙ جو هي ماڻهو ٺاهي، +اميدن جي وادي ۾ ئي، +ان جي لاءِ هڪ گهر بنايون. +آئينده جو هي آدم بنجي، +جنگ جدل کي دور ڪري، +سڪ ۽ سک کي ويجهو آڻي. +اچو ته گڏجي ويهون يارو، +ماڻهو اهڙو نئون بنايون. +هدايت بلوچ +· +رات ايڏي اُماس ڇو آهي، +شام ايڏي نراس ڇو آهي. +ڪــــــنهن جي چهري ۾ ڪا چهر ناهي، هرڪو ماڻهو اُداس ڇو آهي. +ڪنهن طرح سان به اُڃ اجهي ئي نٿي، تنَ اندر ايڏي تاس ڇو آهي. +سونهن، سوڀيا ۽ سچ ويا ڪــــــيڏانهن، زندگي ايڏي ناس ڇو آهي. +وايــــــو مــــــنڊل تبــــــاهه ٿــــــــي ويــــــو آ، پوءِ به هڪ هلڪي آس ڇو آهي. +مخدوم جميل الزمان جميل +· +دلبري، اي دلربا! توکان نه ٿي، +ظلم جي ڪا انتها، توکان نه ٿي. +چشم نم ڌوئي ڇڏي تاريڪ رات، +روشني ماه لقا! توکان نه ٿي. +گردشون آخر ويون مون سان ٺهي، +دوستي زلفِ دوتا، توکان نه ٿي. +منهنجي حالِ زار تي هڪڙي نظر، +سنگدل، صد مرحبا، توکان نه ٿي. +هي طبيبِ عشق ڪنهن آهي چيو؟ +”درد وارن جي دوا، توکان نه ٿي“. +هر گهڙي مارڻ اچين ٿي چشم يار، +صلح واري ڳالهه ڪا، توکان نه ٿي. +بخشي ها، ڀاڪر وجهي ها دلربا، +ڇو ”جميل“، اهڙي خطا، توکان نه ٿي. +ذوالفقار سيال +· +ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو +جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو +وار کليا، گهنگهور گهٽا، ڄڻ چوڌاري ڪا وکري وئي +ريشم جهڙا، سرها سرها، ڪارن وارن وارا ماڻهو +چپ جي بيهن، ڌرتيءَ جي سيني مان طوفان اُٿي ڪو +مرڪن جي پوءِ مکڙيون مهڪن، جاني جيءَ جيارا ماڻهو +سامهون ويهن، نيڻن ۾ پوءِ پيار اسان جو ڇلڪي ٿو +شام جيان معصوم نماڻا، صبح جيان ٻاجهارا ماڻهو +پيار ۽ سونهن جو نالو تيسين هن دنيا ۾ قائم رهندو +جيسين هوندا ”ذلف“ اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو +بشير احمد ”شاد“ +· +جدائي جا سهبا زخمِ ڪيستائين +اهي يار رهندا ڪرمَ ڪيستائين +خدا ڏوهه انسان جا بخشي ڇڏيندو قطاريندين انسان جرمَ ڪيستائين +زماني جون نظرون بلاخيز آهن محبت جا رهندا ڀرمَ ڪيستائين +جوانيءَ تي نازان نه ٿيءٌ حسن وارا اهي زلف ۾ رهندا خمَ ڪيستائين +اجهو سج سکن جو هو اڀريو ڪا اڀريو سدا رهندا رنج والم ڪيستائين +سردار منصور چڙهندا ئي رهندا ڀلا تون ڪندين سرِ قلم ڪيستائين +نه دارا سڪندر رهيو ڪو دنيا ۾ اهي رهندا جاه و حشم ڪيستائين +ڇڏي مال دولت کي نيڪي ڪمايو خبر ناهي آدمَ جا دَمَ ڪيستائين +اجهو ”شاد“ چاهت سندو چنگ چوريو مٺا مور ٿيندا ستم ڪيستائين +ميرل فقير جويو +ڪافي +ڪڏهن ڪيئن چون، ڪڏهن ڪيئن چون، +سهڻا يار سڄڻ! تنهنجون سهڻيون اکيون. +آهن عجب اشارا اکين جا، تن ڪُنڍڙين ڪارين ڪجلين جا، +ڪڏهن سڪ مان سڏن، ڪڏهن ڏورئون ڏنگن. +جتي چاهه منجهان ٿو چشم ڦيرين، اتي ساهه سمورو ٿو سيرين، +هُت نيڻ کڄن، هِت باهيون ٻَرن. +جيئن ڪارين جا پيا ڪانَ ڇُٽن، تيئن سورهيه سامهون سرڙو ڏين. +ڪونڌر پيا ڪُسن، مورئون نه مُڙن. +شهباز شڪاري ڌاريو ٿا، لک ”ميرل“ پارا ماريو ٿا، +پير ڪين ڪُڇن، پيا شهيد ٿين. +بشير سيتائي +غزل +دل کان اي دوست، هر خوشي وڇڙي، +تون جو وڇڙئين ته زندگي وڇڙي. +تون وئين ۽ بهار ٿي رخصت، +من جي مکڙي کان تازگي وڇڙي. +هٿ مِلائي هليو وئين جڏهن، +مَنَ ڪَنان آسَ آخري وڇڙي. +ڪيئن ڪٽيندس، سفر انڌيرن ۾، +اوچتي مون کان روشني وڇڙي. +ڄڻ ته سازن مان سوز نڪري ويو، +ڄڻ ته راڳي کان راڳڻي وڇڙي. +تو پڄاڻان ”بشير“ رنگ رُٺو، +ٻول وڇڙيا، ۽ شاعري وڇڙي. +عاجز اُڄڻ +وائي +روهن منجهه رِيهاٽ، +ڪنديس پنهنجي ڪيچ ڌڻين لئه. +باهه بلوچا ٻاري من ۾، گهيڙ لنگهي ويا گهاٽَ. +ڇائِي ڇتن ۾ پائي جيڏيون، وندر وٺنديس واٽَ. +رات ڇٺيءَ جي ڏونگر ڪارا، لکيا منجهه لِلاٽَ. +سورَ وَنديءَ کي سوُرَ ڏئي ويا، هوت ڪري هٿ ناٽَ. +لنونديون منهنجي لاش تي عاجز، ڳجهڙيون کڻنديون ڳاٽَ. +ڪنديس پنهنجي ڪيچ ڌڻين لئه، +روهن منجهه رِيهاٽَ. +اسحاق راهي +قطعا +موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ، +يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ، +ڏسجي، ڪير اچي ٿو اڳ ۾، +مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ. +* +هُو ماڻن سان ماري ته مان ڇا ڪريان، +جي مُرڪي نهاري ته مان ڇا ڪريان، +چريائي سان پنهنجو وڏو چاههُ آهي، +صنم جي سُڌاري ته مان ڇا ڪريان. +* +پيار جو نالو کڻي مون سان نه مِلُ، +بره جو ڀالو کڻي مون سان نه مِلُ، +منهنجي دل جو اي سڄڻ ڪرڪو خيال، +نيڻ ڪو آلو کڻي مون سان نه مِلُ، +* +توکي جيئن مان ڏسندو آهيان. +مرندي مرندي بچندو آهيان، +مون کان مُرڪ لڪائين ڇو ٿو، +مان ته انهيءَ لئه مرندو آهيان +غلام حسين رنگريز +· +اُهي نينهن واريون نهارون به هونديون +سوين سِڪ سنيها ۽ سارُون به هونديون +پيو موج مستي ۾ مهراڻ وَهندو +پَراڙن تي ڪيئي پُڪارون به هونديون +خزان جو سدائين نه هي راڄ رهندو +هوا ۾ هُڳاءُ بهارون به هونديون +اُٿاري ڇڏيو ٿا ڌڪاري ڇڏيو ٿا +پُڄاڻان اسان جي پچارون به هونديون +لِڪي لوڪ کان عشق ناهي ڪيوسين +گهڻن جون اسان ڏي ميارون به هونديون +ٽٽل ڪِينرو جو پيو ماٺ آهي +اُنهي منجهه تڙپون تنوارون به هونديون +قصو درد ناهي رڳو رنگ غزل جو +اِنهي ۾ ڪُٺل دل جو ڪارون به هونديون +لڳي لَوهه هڪ کي لُڇن ٿيون لکين ئي +لَمِي لات ڪن سي اُڏارون نه هونديون +منجهان ڪُڙم منهنجي کريا کيت ڪيئي +اُنهن لاءِ ڌرتي ڌڪارون به هونديون +هي خوشبو بدن ۽ هجي گُلرنگ ماڻهو +نگاهن ۾ تن جي بهارون به هونديون +سوين سج ”رنگريز“ ڪندا راهه روشن +ستارن جون سير تي قطارون به هونديون +جوهي بروهي +· +هن حسن جي ڇير کي ڇمڪايو، مان تات وڌائي ويٺو هان +دل پرديسين کي پاڻ ڏئي اڄ بات وڌائي ويٺو هان +نيڻن کان رُسي وئي ننڊ مٺي، تار به ته ٽمڪي ٽهڪن پيا +جيئن ياد کٽائي ڪونه سگهيس تيئن رات وڌائي ويٺو هان +هن وعدو اچڻ جو ‎ٺيڪ ڪيو پر وعدو نڀائي ڪو نه سگهيو +مجبور اکين مان گوڙهن جي برسات وڌائي ويٺو هان +سي ساٿ ٽٽا، سي غير ٿيا، جن ساڻ رهاڻيون روح سنديون +هي جان جدائي مهنجه جُهري، سڪرات وڌائي ويٺو هان +ان يار جي ياد ۾ اي ”جوهر“ هر رات جو جاڳي گيت لکيم +جي عمر کٽائي ويٺو هان، پر ڏات وڌائي ويٺو هان +سارنگ ابڙو +آزاد نظم +ڌيري ڌيري +تون پنهنجا ڪارا ڪارا ڀنڀا وار +پنهنجي سجّ جهڙي مُک تي پکيڙين ٿي +۽ انهن ڪارن ڪارن ڀنڀن وارن جي اوٽَ ۾ +سج لڪي ٿو +رات ٿئي ٿي +ڪارن وارن جي سِيرُن مان +تنهنجي مُک جي روشني +ٽم ٽم ڪري نڪري ٿي +ڄڻ آسمان تي تارا ٽمڪن ٿا +مان تارن جي ٽم ٽم ۾ +شعر جوڙيان ٿو +جيڪي ٽانڊاڻا بنجي +جڳ مڳ جڳ مڳ جرڪن ٿا +رات جي پوئين پهر ۾ +تنهنجي نيڻن مان ڳوڙها +ماڪَ ڦڙا بنجي +رم جهم رم جهم برسن ٿا +۽ پوءِ ڌيري ڌيري +تنهنجي مُک تان +ڪارا ڪارا ڀنڀا وار هٽن ٿا +ڳلَ تي تنهنجي باک ڦٽي ٿي +سج اُڀري ٿو +صبح ٿئي ٿو. +نور شاهين +· +ڏئي وئين ڍول ٻُڙي، +مند ڀري عشق سندي- درد والم آيا گهُڙي، +ڏيئي وئين ڍول ٻُڙي. +برهه سندا بار جُڙيم، +ڪين ڪي ديدار جُڙيم- فڪر ويا دل تي جُڙي، +ڏيئي و��ين ڍول ٻُڙي. +ياد ڪيم هٿ کڻيو، +توکي ڇو پرديس وڻيو- ڪاش کڻين مون ڏي کُڙي، +ڏيئي وئين ڍول ٻُڙي. +آس وئي هرڪا کڄي، +ٿي نه مگر ڪا به سڄي- ختم ٿي ”شاهين“ چُڙي، +ڏيئي وئين ڍول ٻُڙي. +مهر پروين +ڪافي +اڄ آءٌ ته ڪريون پيار پرين، +ڪي ڳالهيون ڪريون ٽي چار پرين. +مون کي محبت ۾ مجبور ڪري، +پوءِ ويٺين پوئتي پير ڌري، +من تي ڪيئي وڇوڙي جا وار پرين. +وڃ هوت نه مون کي هيئن ڇڏي، +منهنجو ساهه سدائين توکي سڏي، +ڪي گهڙيون گڏجي گهار پرين. +جيئن چنڊ ڇڏي ٿو تارن کي، +تيئن دور نه ڪر دلدارن کي، +نه ته ٿيندين ڳري تون ڦار پرين! +هت توکان سوا ”پروين“ چري، +وئي ڳوڙها ڳاڙي، آهه ڳري، +اچ مهر ڪري منٺار پرين! +ج. ع. منگهاڻي +ترائيل +اونداهي جي ڊپ مان اڳ ئي اکين کي نه پور، +ڏسي ٿو سگهجي اونداهيءَ ۾ اکيون پٽ ته سهي، +لاٽ ذري سان مري سگهي ٿي اونده پوڙهي جهور، +اونداهيءَ جي ڊپ مان اڳ ئي اکين کي نه پور. +ماري پنهنجا سچا جذبا بچي نه سگهندين مور، +پاڻهي وڻندين جڳ کي پهرين بازي کٽ ته سهي، +اونداهيءَ جي ڊپ مان اڳ ئي اکين کي نه پور، +ڏسي ٿو سگهجي اونداهيءَ ۾ اکيون پٽ ته سهي. +(2) +تارن جهڙن سپنن جي آ چنڊ جهڙي ساڀيان، +هٿ هٿن ۾ ڏيئي لوڪ اڳيان ڪريون اعلان، +پنهنجا سڀ ارادا، آسون ڀل ته ٻُڌي دنيا، +تارن جهڙن سپنن جي آ چنڊ جهڙي ساڀيان. +جيڏانهن تيڏانهن سرهاڻين جا در، دريون کليا، +سڀ سرهاڻيون گڏجي سڏجي ٿيون آهن مهمان، +تارن جهڙن سپنن جي آ چنڊ جهڙي ساڀيا، +هٿ هٿن ۾ ڏيئي لوڪ اڳيان ڪريون اعلان. +مريم مجيدي +غزل +پٽ تي ڪو به نه پيرو پنهنجو، +ڪيڏو ماڳ ڏکيرو پنهنجو. +پيرن ناهن پير ڪڙا پر، ڏور اڃا دڳ ديرو پنهنجو، +اکڙين ۾ ٿي اونده اٽڪي، ميرو سانجهه سويرو پنهنجو. +ڍوليا! تنهنجي ڍار نه ڄاتم، نيٺ ڀڳو تو ڀيرو پنهنجو. +اونداهيءَ مان اڪري آخري، ٽوڙيندا گگهه گهيرو پنهنجو. +جذبن جي هن جوءِ ۾ جيڏيون، +رهندو مان مٿيرو پنهنجو. +پشپا ولڀ +· +ملاقات +اکين جون ماڻڪيون +ائين ڌُنڌلائجي ويون آهن +جيئن گرم پاڻيءَ مان اُٿندڙ ٻاڦ ڪري +باٿ روم جو آئينو. +پُراڻا خواب جي ڪڏهن حسين هئا +ميرن ڪپڙن جيان +ڪِلين ۾ ٽنگيا پيا آهن. +توسان مُلاقات، +جيون جي گندي پاڻيءَ ۾ +ڪنول جو ڪوئي گُل هيو +جو اڃا تائين، من ۾ تري پيو. +ڳڙکيون +منهنجون اکيون آهن يا ڳڙکيون +هر وقت پَٽ کولي ٻاهر ڏسنديون رهنديون آهن +صبح جي ويل +ڊگها ساوا وڻ ڏسڻ چاهينديون آهن +ماڻهن کي پنهنجي آفيس ڏانهن ويندي ڏسڻ چاهينديون آهن +پري تائين نيڻ نهار تائين ڏسڻ چاهيندنيون آهن +اسڪول بئگ لٽڪائي ويندڙ ٻار ڏسڻ چاهينديون آهن +شام ٿيندي ئي +ڏيئا رکي ڇڏينديون آهن ڀت تي +ٻاهر تڪينديون رهنديون آهن +چُپ! ساهه روڪي +جيئن ڪنهن کي ڪل ئي نه پوي +چپ چاپ پگهرنديون رهنديون آهن +رات گذري ويندي آهي +پر ڪوبه نه ايندو آهي +ڳڙکيون کُليون جون کُليون رهجي وينديون آهن. +ٽهڪ +اونداهين راتين جو +مون کي اڪثر لڳندو آهي +ڪنهن ڦٽل کوهه ۾ ڪِرندي پئي وڃان +پنهنجي پاڻ سان ائين لپيٽيل +جيئن ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي +۽ مٿان ڪو جن آهي +يا وري جنن جهڙو ڪو انسان +جو کوهه ۾ منهن وجهي +ٽهڪ ڏيئي رهيو آهي. +ديا (رحم) +مون جيڪي پيار جا سڪا +تنهنجي چهري جي ڪشڪول ۾ وڌا +(تنهنجيون اکيون سراپا ڪشڪول ئي ته هيون!) +اُهي سڀ منهنجي ديائي ته هئا +ٻيو ڪجهه نه. +ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڇا ڇا نه هو +پر مون توکي سڀڪجهه نه ڏنو +بس ايترو ڏنم جو ساهه تنهنجو کڄندو رهي +شايد مون توکي زندهه ڏسڻ گهريو ٿي! +هاڻي جڏهن مون وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو آهي +مون کان گهُري مون کي شرمسار نه ڪج! +منير سولنگي +غزل +ڇا ٻڌو ٿا ڇا چئو ٿا دوستو +ديس ڪهڙي ۾ رهو ٿا دوستو +منهنجي هن احساس کي زخمي ڪري ڇو وري مرهم رکو ٿا دوستو +وقت جي ڪوڙن خدائن پوئتان نفس ٻوڙي ڪڍ لڳو ٿا دوستو +حال مسڪيني سندو منهنجو ڏسي اجنبي بڻجي وڃو ٿا دوستو +باهه نفرت جي وسائڻ واسطي ڇو نه بادل ٿي وسو ٿا دوستو +حالِ دل پنهنجو ٻڌائي ڇا ”منير“ دور تنهن کان ڇورهو ٿا دوستو +فهيم انصاري +· +لفظ +لفظ ڏين ٿا دل کي گهاوَ، +لفظ وِسائن نيِر اکين مان. +لفظ ٿا ٻُرڪن لوڻ ڦَٽن تي، +لفظ ڦٽن جي مرهم آهن. +لفط خوشيءَ جي آهي علامت، +لفظ غمن کي دور ڪري ٿو. +لفظ مان نفرت ظاهر ٿئي ٿي، +لفظ مان اُلفت جو آ اظهار، +لفظ مان دوکو ملي اسان کي، +لفظ ڪري ٿو دوکو دور. +لفظ ئي سچ آ، لفظ ئي ڪوڙ، +لفظ خوشي آ، لفظ سرور. +لفظ ئي چيڙِ ٿين ٿا ڪنهن جي، +لفظ مان سرچن جيڏيون سرتيون. +لفظ لطافت، لفظ ڪثافت، +لفظ سلامت، لفظ رواني. +لفظ ۾ ڏاڍي طاقت آهي، +لفظ همٿ جي آ نشاني. +قاضي عبدالحي ”قائل“ سرشاري +· +وطن جي اُلفت +آهي وطن جي الفت ايمان جي نشاني، +سر ساهه ڏئي ڪنداسين گلشن جي پاسباني، +مٺڙو وطن، اسان تي مولا جي مهرباني، +ماڻي پيو هميشه جاويد زندگاني. +هر مرد و زن وطن تان قربان آ اسان جو، +الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو. +سهڻو وطن اسان جو جنّت مثال آهي، +هرهڪ وطن جو واسي ٿيو خوشخصال آهي، +هر ڏينهن ڄڻ اسان لئه پهرين شوال آهي، +هر رات عيد جو هت کڙندو هلال آهي، +غربت ۾ ٿيو هميشه گذران آ اسان جو، +الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو. +سنڌوندي اچي ٿي سنڌڙيءَ جو هار بڻجي، +خوشبوءِ ٿي کنڊائي، موسم بهار بڻجي، +مکڙيون ٿون مسڪرائن تنهن جو نکار بڻجي، +مان گيت ان جا ڳايان، خدمت گذار بڻجي، +جنت نشان ڌرتي هيءَ نشان آ اسان جو، +الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو. +شل هي وطن اسان جو قائم رهي سدائي، +دل بند ديس ڪڏهين مشڪل ڏسي نه ڪائي، +”قائل“ جي آس موليٰ آهي سدا اهائي، +سرسبز سنڌ هردم سهڻي هجي ۽ سائي، +سهڻي زمين سڪ جو سامان آ اسان جو +الفت مٺي وطن جي ايمان آ اسان جو. +مقصود گل +· +تنهنجو چهرو ڄڻ ته ڪينجهر ۾ ڪنول، +هر گهڙي ٿو لاڏ لهرن تي ڪري، +تنهنجو چهرو ڄڻ ته ڪينجهر ۾ ڪنول. +تون ٿئين مغموم، رونق وئي رسي، +ڄڻ چڙهي ماحول تي ويون تاڙيون، +تون جڏهن مرڪين ته مرڪي ڪائنات، +ڄڻ ته فطرت کي ڪڍيئه ڪتڪاڙيون، +ٽهڪڙن سان منهنجي دلڙي پئي ٺري، +ڄڻ ٻڌم استاد حاميءَ جو غزل. +تون سمهين ٿو رات جو جڏهين پرين، +چنڊ توکي ٿو مٿو ٽيڪي اچي، +پنهنجي کاڏي تنهنجي پيرانديءَ رکي، +تنهنجي پيرن کي چميون ٿو ڏي اچي، +تنهنجي جاڳڻ کان اڳي واپس وري، +سيج تنهنجيءَ تي ڇڏي توکي سُتل. +تنهنجي پيشانيءَ مٿي آيو پرين، +تنهجي پگهر تي ڀؤنر ٿو ڀيرا ڀري، +”گل“ گلابي تنهنجي ڳلڙن جو غلام، +ٿو جهڪي تنهنجي اڳيان سجدا ڪري، +ڪين ٿي توکان سوا ڪنهن جي سَري، +سونهن جون تنهنجي اڳيان ٻانهون ٻڌل. +سرڪش سنڌي +· +ڪمي ٿي ايندي وڃي تنهنجي شان شوڪت ۾، +سجاڳ ٿي، نه حياتي گذار غفلت ۾. +ڏئي ٿو ٽهڪ وڏا، روز شب جو هر لمحو، +هنيو ته کاٽ نه آ، غير تنهنجي غيرت ۾؟ +پساهه پويان هجن، جيئن ائين ٿو ڏسجين، +ڏنو زهر ته ويو ناهه، توکي شربت ۾؟ +هزار بار انهيءَ کان مري وڃڻ بهتر، +وقار قوم جو جيئري نه پور تربت ۾. +ٻه چار منٽ ته ماضيءَ تي ڏس نظر ڦيري، +ڪٿي به داغ نه هوندو ڪو تنهنجي عظمت ۾. +نه ڏيون، ته هٿ به نه ڏيون پاڻ ڏاڍ جي هٿ ۾، +ڏيڻ تي پئون ته ڏيون ساهه به سنگت ۾. +ازل کان پنهنجو زماني ۾ سر بلند ڏسي، +هميشه آ رهيو آسمان حيرت ۾. +وٺي نه لقمو سگهيو آ، سُتي ڪڏهن شهباز، +اڏام ڇڏڻ جڳائي نه ڪنهن به صورت ۾. +خودي هجي پو جهنم مليو ته غم ناهي، +نه وڃجي غير جي ٿوري ڪڏهن به جنت ۾. +بناءِ پنهنجي مقدر کي پاڻ اي ”سرڪش“، +وجهي نه ويهه نگاهون اجايو قسمت ۾. +مختار گهمرو +غزل +ٿيو جو به مظلوم جو ڀرجهلو آ، +اهو ظالمن جي ته اک ۾ ڪنڊو آ. +وڪوڙي ويو آهه جڳ کي انڌارو، +رهيو ٿورڙو ڪو وڃي سوجهرو آ. +ڏئي ٻانهن ٻيڻي، ڏنو ساٿ سورن، +خوشيءَ جو اسان کان پري فاصلو آ. +ملي غير سان جو ڪري ٿو غداري، +اهو مير جعفر جي رت جو ڦڙو آ. +خوشيءَ ۾ هزارن ڏنو ساٿ ليڪن، +ڏکي وقت ۾ ڪونه پنهنجو ٿيو آ. +محبت نه سيني ۾ جيڪو رکي ٿو، +اهو آدمي ڄڻ مٽيءَ جو گُڏو آ. +سڄي لوڪ سان سور سلبو نه آهي، +دلي حال ڪنهن ڪنهن سان کولي ڪبو آ. +ڏسون روز ٿا ڪربلا جو نظارو، +”نئين ڏينهن تي ڪو نئون سانحو آ.“ +نه سڏ دوست ”مختيار“ نادان کي تون، +انهيءَ کان ته نادان دشمن ڀلو آ. +شفيع چانڊيو +وائي +رهه اچي ڪا رات، او سانول، +رهه اچي ڪا رات. +توکي ساري آس اُجهاڻي، پرهه ڦٽي پرڀات، +او سانول. +مُرڪڻ جا جي ڀال ڀلايئي، ڏاتر ڏيندءِ ڏات، +او سانول. +آءُ اصل کنئون تنهنجي آهيان، مُلهه وڪاڻل ذات، +او سانول. +قرب ڪري تون ايندين آخر، آءُ اڄوڪي رات، +او سانول. +مرزا سلطان حيدر بيگ +غزل +هر ڪوششِ خيال ۾ باطل اچي ويو، +آسانيئ حيات ۾ مشڪل اچي ويو. +تسڪين بخش خاطر بسمل اچي ويو، +يعني جهانِ عشق جو حاصل اچي ويو. +آبرو جي تيغ سان ڪري گهايل اچي ويو، +عاشق غريب رحم جي قابل اچي ويو. +پستيئ چشم شوق ٿيو قيس سو مقام، +حائل جتي هي پرده محمل اچي ويو. +تاثيرِ جذبِ شوق رهي برقرار ڪيئن، +اي قلب تو ۾ جذبهِ ڪامل اچي ويو. +هن لازوال حُسن کي پنهنجي ڏسي حَسين، +فوراً ئي پنهنجو پاڻ تي مائل اچي ويو. +چئي روشني ٿي حُسن جي پردي منجهان ڇڻين، +هلڪي ڪڪر ۾ اڄ مـﮧ ڪامل اچي ويو. +تيرِ نگاهِ يار جي آڏو اچڻ محال، +منهنجو جگر هو، جيڪو مقابل اچي ويو. +نا آشنا کي يار نه زخمِ جگر جي سُڌ، +گهائل جو حال پُڇ اجهو گهائل اچي ويو. +آئينو چور چور آه پندار پاش پاش، +شايد ڪو ڪنهن جي مدِ مقابل اچي ويو. +مغرور دلگذار رياڪار پُر جفا، +منهنجي رقيب سان ٿي شامل اچي ويو. +بي رحم بي قياس ۽ جلاد سنگدل، +ميدانِ عشق ۾ اجهو قاتل اچي ويو. +ٻئي جي اڳيان مان راز جو اظهار ڇو ڪريان، +همراز اڄ ٿي حوصلئهِ دل اچي ويو. +اي بادشاهِه مملڪتِ حُسن و عشق اڄ، +”سلطان“ اجهو ٿي تو وٽ سائل اچي ويو. +زيب ڀٽي +ٽيڙو +وڇڙيا ورندا ڪيئينءَ، +ويرون اينديون وينديون- +وڇڙيا ورندا اِيئينءَ. +· +ورهن وڇوڙا ويندا وسري، +نيٺ ته ملنداسين- +نينهن سمورا ايندا نسِري. +· +ڪاڪ ڪڪوريل راج محل، +جسم جرڪي جيئن- +چهرو تنهنجو تاج محل. +· +پيڻ تي اچان زهر پي وڃان، +تولئه پرين- +پل ۾ مران، پل ۾ جيئان. +· +اهو تنهنجو حُسن ۽ اَدا، +مرگهه نيڻا ۽ شرابي- +پل به مون کان ٿي نه جدا. +· +تو بن ڪيئن جيون گهاريان، +ڏياٽيون ٻاري- +تولئه ويٺو جيون جوت جياريان. +· +پن ڇڻ پڄاڻان تون موٽي ويندينءَ، +تولئه نيڻ وڇائي وهندس- +لهرن وانگر تون وَر وَر ڏيئي ايندينءَ. +· +رم جهم رُت سانوڻ جي آئي، +اکيون ميگهه ملهار- +ويا وڇوڙا، آس ملڻ جي آئي. +· +ساوڻ رُت جهڙا تنهنجا رنگ، +ڪاڪل ڪاري گهٽا- +من ۾ اُڀريا منهنجا امنگ. +· +ڪينجهر ڪناري سونو روپو جَل، +ڇوليون ڇلڪيون- +پاڻيءَ پلٽيو ڳاڙهو رَت اُجل. +· +تولاءِ لکان ويٺو پنهنجا گيت، +پريم جي گيت- +تو لاءِ لکان ويٺو منهنجا گيت. ميت +· +سيني اندر سِنڌو، من اندر مهراڻ، +لهرن لک لباس- +ڇوليون ٿيون ڇلڪن، سونهن اندر سرهاڻ. +· +ٽُٽَل چوڙين جا ٽُڪر، ميڙي هٿن ۾، +مُٺ ڀيڙي ڇڏي تو- +ڄڻ رَت رڱيل لاش، ويڙهي ڪفن ۾، +· +نظام الدين ”زائر“ +آزاد نظم +مختلف قبرن کي ڏس، +هي مٽي جا ڍير ناهن +دفن آهن: +حسر تون، +ارمان، +ڪنهنجي دل جو خون- +ڪنهن جو جوڀن، +ڪنهن جو چاهت، +ڪنهن جون آسون- +ماٺ جي هن شهر ۾، +چئني پاسن کان ٿي ٻڌجي: +دانهن ڪنهن جي درد جي؟ +سرد آهون، +ڪنهن جا سڏڪا- +ائين نه ٿئي اي دوست! +تنهنجي زندگي جو +ساز وڄندڙ، +پئي ٽُٽي- +ڍير مٽيءَ وڃين پوءِ پُورجي +دفن توسان ٿي وڃي: +تنهنجي ارمانن جو لاش، +خاڪ- +تنهنجي حسرتن جي، +تنهنجي تربت جي مٿان +اُڏندي رهي- +سوچ تون +لوچ تون +زندگي پنهنجي غنيمت ڄاڻ تون، +لاٽ ٻاري ڪا نئين +واٽ ٺاهي ڪا سنئين +پنهنجي منزل ڏانهن وڌ- +سر جو سانگو لاهه تون، +ٿي وڃ امر- +زندگي جو قدر سک +زندگي جو قدر ڄاڻ +زندگي جو قدر ڪر +زندگي هڪڙوئي ڀيرو ٿي ملي. +محمد عثمان ميمڻ +لُڇ ۽ لونجهه ۾ ڪا ڪمي ڪانه ٿي. +نيٺ چوڏهينءَ جو چنڊ، +مون کان مايوس ٿي موڪلائي ويو، +نيٺ ويا- يار، يارن کان جئين موڪلائي وڃن. +روح هڪ پل رَلائي رُلائي وڃن. +چوطرف ماٺ جو منڊ اهڙو جو ڄڻ +هن شهر ۾ ڪو ته ماڻهو ته رهندو نه آ +رات- اونداهه اهڙو جو ائين پيو لڳي، +ڄڻ صدين کان هتي سج اُڀرندو نه آ- +ڏات سرٻاٽ ۾ مون کان پڇندي رهي +مان به لڇندو رهيس، هوءَ به لڇندي رهي. +”ڪان ڪنهن ٿئي ڪَشيُو“ +”روح ڪنهن ٿئي رَتو“ +مان صفا چپ- ائين ڄڻ ته خاموش ڀت، +ڏات پنهنجو مٿو مونسان ٽڪرائيندي، +نيٺ ٿي پئي رتو ڇاڻ او دوستو! +غلام نبي گل +غزل +مان مڃيو، تو ائين چيو هوندو، +ڪوئي احسان تو ڪيو هوندو. +تنهنجي خوابن ۾ ۽ خيالن ۾، +مان نه هوندس ته ڪو ٻيو هوندو. +تو وِسايو جو پنهنجي ڦوڪن سان، +ڪنهن ته گهر جو اهو ڏيو هوندو. +چور نڪري ويو ته چاڪي آ، +هي به انصاف ڪو ٿيو هوندو. +عمر ساري ائين اميدن تي، +ڪو مئو هوندو ڪو جِيو هوندو. +ساز مان سُر نوان ان وان نڪرن، +ڪوئي سمجهي ته سُرَ ويو هوندو. +”گل“ ٽُٽو شاخ کان پو ملهه ڪهڙو، +ڪنهن جي پيرن ۾ ئي پيو هوندو. +پير بخش ”پياسي“ +غزل +هڪ وقت جي ڪري پڪار هليا وينداسين، +وري نه موٽي اچبو هتي، يار هليا وينداسين! +جوءِ ۾ اوهان جي هت آيا هلي جي آهيون، +ٿورو دم دم ٿئي ديدار هليا وينداسين. +مست مڌ جا تون پُر پيالا ڀري پيار، +اگر ٿورا به ٿيا خمار هليا وينداسين. +گلشن ۾ اسان جي ته اصل کان خار خار، +ابد تي آهي ڪهڙو اعتبار هليا وينداسين. +پل پل پنهنجو هت ڏونگر آ ڏکن جو، +ڪير ڪنهن جو آ غمگسار هليا وينداسين. +اوهان جي قربت ۾، محبت ۾ صحبت ۾، +اسين ٿي شوق جو شڪار هليا وينداسين. +حسين افسانن دل جي ئي ارمانن جا، +سو اُجاگر ڪري ڪردار هليا وينداسين. +زندگي ۾ جن به جي ناهي ڏنو قرار، +اسين تن کي ڪري بيقرار هليا وينداسين. +تمنا دل ۾ آ مڌر سنگيت کي ٻڌڻ جي، +ڇير درد جي ويهي ستار هليا وينداسين. +”پياسي“ رڻن ۾ ته راتاهين جا راهي، +اُڏري ڪونجن ڪري قطار هليا وينداسين. +محمد شريف طالب +� +مون کي ڏاڍو وڻين ٿو يار سڄڻ، +کڻي نيڻ مٺا تو نهار سڄڻ. +مون کي تنهنجي ديد ديوانو ڪيو، +ساري دنيا کان بيگانو ڪيو، +ڪر پنهنجو پاڻ ويچار سڄڻ. +رکي دل ۾ هڪڙي آس اٿم، +تنهنجي پيار جي مٺا پياس اٿم، +اچي گهڙي ڪا مون وٽ گهار سڄڻ. +تنهنجي محبت ۾ مستانو ٿيس، +تنهنجي چاهت ۾ ديوانو ٿيس، +اچي جڏڙو جيءُ جيار سڄڻ. +آهيان ”طالب“ تنهنجو مان يار مٺا، +مون تنهنجي طلب ۾ سور سٺا، +مون کي محبت ۾ نه مار سڄڻ. +ماڻڪ ملاح +گيت +ڳڻتيءَ ڳرندي، جهوريءَ جهرندي، +تئونس ڏنو آ تائي، +بس، +تنهنجي ياد ستائي! +ڪاريءَ رات ڪڪر گهاٽن سان تارا ڇڏي لڪائي، +پر مون ڏيئي باهه بتيءَ کي ڇڏيا وار وڇائي، +تنهنجي خاطر ڳل- موهيڙا، تارن روپ بنائي- +بس، +تنهنجي ياد ستائي. +رات پوڻ تي ڪارا چمڙا ڪائي ڪن ٿا راند، +ڳولي ٻولي رات ٽيٽيهر پڪڙي تن کي پاند، +کڙ- کٻيتو رات انهيءَ ۾ پنهنجي ننڊ ڦٽائي- +بس، +تنهنجي ياد ستائي. +جيونُ منهنجو سڏڪي سڏڪي ڪالهانڪر ٿو روئي، +توريءَ پنهنجا وار لڙاٽيل مور نه مرڪي ڌوئي، +وڻ ۾ لڙڪي سڙڪي جيڏا آر- پئي ليلائي- +بس، +تنهنجي ياد ستائي. +اسير سلاح +غزل +توسان درد رهاڻيون ڇاڇا، +راتيون روئي وهاڻيون ڇاڇا +دل ڏئي دل کي ياد ڪيوسين، ڳالهيون ياد پراڻيون ڇاڇا. +رُسڻ پرچڻ، ماڻا، مهڻا، ڪاوڙ، قــرب، ڪــــهاڻيون ڇاڇا. +پل پل ڇرڪي راهه تڪيندڙ، اکڙيون نينهن نماڻيون ڇاڇا. +ڪينجهر، کِک، کٿوري، خوشبوءِ، ماڳ نه موج ماڻيـون ڇاڇا. +مور مئا ڪيئن هنج هليا ويا، ڪونجون روهه اڏاڻيون ڇاڇا. +جلاوطن ٿي جيون گهارن، راجڪمار ۽ راڻيون ڇاڇا. +عشق اسير ايمان اسان جو، +ماڻهن وات چواڻيون ڇاڇا. +اسد ”جمال“ پلي +غزل +چانڊوڪين ۾ ڊڄندو آهيان، +پاڇولن کان ڀڄندو آهيان. +رخسارن تي وحشت ٿئي ٿي، زلفن پويان، لڪـــندو آهيان. +چهرن تي ڦڪيون مرڪون ۽، دل ۾ طوفان ڏسـندو آهيان. +لوڪ جا طعنا، ڏوهه ۽ مهڻا، تنهنجي ڪارڻ سهندو آهيان. +مون کي ڇاڇا چوندا آهن، ڪنهن کي ڪجهه به نه چوندو آهيان. +جت به وفا جو نانءِ ٻڌان ٿو، انهيءَ دڳ ڏي ڊڪندو آهيان. +اندر کورا کورا منهنجو! ٻاهر پيو مُرڪندو آهيان. +هِت جوڀن آ، هُت”جمال“ +سڀڪجهه مان سمجهندو آهيان. +شاهه زمان ”شير“ +غزل +محبت پيار اڄ مان ڪجهه ٻيو آ، +اڄوڪي دور جو انسان ڪجهه ٻيو آ. +بچي نڪتاسين الفت مان ته کٽيوسين! +ڏسڻ ۾ ورنه اڄ امڪان ڪجهه ٻيو آ. +سڄڻ جي عشق ۾ ناچيز ٿي وياسين! +زماني ۾ اسان جو شان ڪجهه ٻيو آ. +نه آ لقمان جي هٿ ۾ شفا ڪنهن جي، +مريضِ عشق جو درمان ڪجهه ٻيو آ. +اسان وٽ صلح جا هٿيار آهن پر! +اوهان وٽ جنگ جو سامان ڪجهه ٻيوآ. +بهاني عيد جي دلبر گلي ملندو! +خوشيءَ جو دل ۾ اڄ طوفان ڪجهه ٻيو آ. +تون منهنجي قتل ۾ جلاد، ڪر جلدي! +ٻڌون ٿا شهر ۾ اعلان ڪجهه ٻيو آ. +ڳڙي پيا ”شير“ کي ڳوڙها عجب ناهي! +فراق يار جو ارمان ڪجهه ٻيو آ. +”ساجد “ لعل پوري +غزل +آفت نٿي ڪا عشق جي آفت کان وڌ ملي، +فرقت ۾ ٿو عذاب قيامت کان وڌ ملي. +تنهن ذڪر کي نه ڄاڻ عبادت کان گهٽ ڪڏهن، +جنهن ذڪر ۾ ثواب عبادت کان وڌ ملي. +آهي جهان کي ۾ ڏسو الفت عجيب چيز، +دولت ٻي ڪهڙي عدو جي عداوت کان وڌ ملي. +تنهن دوستي کي دشمني ناهي چوڻ غلط، +دک جنهن ۾ ڪنهن عدو جي عداوت کان وڌ ملي. +تنهن ڳالهه لاءِ پاڻ پتوڙڻ چڱو نه آهه، +جنهن جو ثبوت اصل حقيقت کان وڌ ملي. +اهڙي رقيبي راهه جي ناهي ته آهه ڇا، +جنهن ۾ هميشه رنج رقابت کان وڌ ملي. +شل ڪم ڪرائي پاڻ کان هر دم اهي خدا، +عزت ٿي جنهن ۾ پاڻ کي شهرت کان وڌ ملي. +ٻيو ڪجهه ڀلي نه پاڻ کي ”ساجد“ ملي سگهي، +ايمان فقط پاڻ کي قدرت کان وڌ ملي. +ناظم منگي +غزل +نظرن کي جهڪائي ڇڏ، جلون جو ٽَڪَرُ ٿيندو. +مجر وح ڌماڪي تي شينهن جو جگر ٿيندو. +پردي جي توازن جي تون پاڻ حفاظت ڪر، +جلوه جي نما ٿي پيو محشر جو چڪر ٿيندو. +زلفن جون چڳون ڪيري چهري کي لڪائين ٿو، +وئي رات وڻين توکي ڪيڏانهن سحر ٿيندو. +مُرڪڻ به مِٺا تنهنجو مون لئه ته غنيمت آ، +جو اهڙي عنايت سان مفلس آ، گَبَرُ ٿيندو. +تون پنهنجو آن ته به ايڏي ديدار ۾ ڪنجوسي! +پنهنجن کان اها پهچي، پوءِ ڇو نه ڏُڪر ٿيندو. +سوچن تي هجن پهرا، راهُن تي ڪِرن بجليون، +جيون جي سفيني جو مشڪل سان گذر ٿيندو. +جي تنهنجي محبت ۾ ٿيو موت ڀلائي آ، +تاريخ وفا لکبي ۽ پيار اَمر ٿيندو. +کلندين جي خوشي سان تون بس نينهن نڀائيندين، +منهنجو به ڀرم رهندو تنهنجو به ڇپر ٿيندو. +سنگدل لئه مرن ”ناظم“ ڪيڏي نه چريائي آ، +پٿر جي صنم کي ڇا سجدن جو اثر ٿيندو. +”اصغر“ هالو +غزل +پنهنجي عبادتن جا زمانا قضا ڪري، +زنده مان آهيان صرف اوهان سان وفا ڪري. +ممڪن ڪٿي جو ذڪر ڪوئي ٻيو ڀلا ڪري، +جيڪا زبان ٿي يار جي هر هر ثنا ڪري. +منهنجا زخم اوهان کان سواءِ ڇٽڻ محال، +ڀل پيو طبيتِ شهر سدائين دوا ڪري. +شايد حيات جا ٻه- ٽي ڏينهن وڌي وڃن، +اي دوست پنهنجو پاڻ کي تو تان فدا ڪري. +خون رنگ سجده گاه ڏسي دل پڇڻ لڳي، +هت ڪير ٿو نمازِ محبت ادا ڪري. +”اصغر“ ٻڌان ٿو وصل جي منزل آهي قريب، +آسان شال خدا هي سڀئي مرحلا ڪري. +نوشاد جوڻيجو +غزل +منهنجي اکين اوچتو بي انتها روئي ڏنو، +تن کي روئيندو ڏسي ارض وسما روئي ڏنو. +تو ته ڳوڙهو ڪو نه ڳاڙيو سخت دل آهين حڪيم، +باقي منهنجي حال تي تنهنجي دوا روئي ڏنو. +منهنجي رُخ تي درد فرقت جا ڏسي آثار اڄ، +گُل رُنو، بُلبُل رُنو، بادِ صبا روئي ڏنو. +خبر ڏي قاصد ادا تو ڇا چيو، هن ڇا چيو، +منهنجي حالِ زار تي ڪجهه دلرُبا روئي ڏنو. +همنشين ڏس زور گهٽجي ڪو نٿو برسات جو، +غالباً منهنجي ڪري منهنجي خدا روئي ڏنو. +ڇا وٺان ڇا ۾ وٺان ڇا ۾ وجهان ڇا ۾ رکان، +تنگ داماني ڏسي روزِ جزا روئي ڏنو. +درد ۾ ڦاٿل ڏسي ”نوشاد“ کي اي دوستو، +فصلِ گل جي هر اشاري هر ادا روئي ڏنو. +عزيز الله ”عزيز“ بروهي +غزل +ڪهڙي موسم ڪهڙي رُت آئي +دل ۾ شبنم آ باهه ڀرڪائي. +هيــــڏي ساري جهــــان ۾ يــــارو! مون کي کائڻ اچي ٿي تنهائي. +منهنجو مذهــــب وصال ۾ آهي، هُو ته فرقت جو آ تمـنائي +هن جو نالــــو وٺــــي نــــٿو سگهي، منهنجي باقي جو آهه رسوائي. +منهنجو لــــٽجي ويــــو شعــور آهـــي، ٿي جُنون سان وئي شناسائي +ماڻهو، جيڪي ”عزيز“ ٿيا ماڻهو، هوته آهن رڳو تماشــائي +محمد علي پٺاڻ +غزل +سونهن برباد ٿي وئي وستين ۾، +سونهن ملي نٿي مقامن ۾. +ڪير ڄاڻي وري ڪڏهن ملجي، +سٽ اُلجهي وڃي نه ڌاڳن ۾. +درد ئي درد ۽ سوين سوچون، +جدائي جيل آهي ڀاڳن ۾، +رات جا خواب ٿي ڪافور ويا، +ڏينهن جا ڏنڀ هنِ نگاهن ۾، +وک پنهنجي ته سنڀالي کڻجان، +ڪئين ٽانڊا ٻرن ٿا راهن ۾. +ٽهڪ ڪونهن منهنجون تخليقون، +روڄ ئي روڄ آهي راڳن ۾. +آجيان ”علي“ سندءِ ڪيئن ڪري، +ڦول ڪونهن- داغ دامن ۾. +عابد مظهر +· +ڪلهه رات هو ويو آهي، +ڄڻ ڪوئي سال گذريو آهي. +تو بنان سچ به ڪو سڪون ناهي، +شهر کائڻ اچي رهيو آهي. +تنهنجو دروازو ايندي بند ڏسندي، +من کي صدمو ته پهچندو آهي. +هو به سائين ڪري ٿو ڳالهائي! +شرم هن کي نه ڇو ٿيو آهي؟ +”عابد“ ماڻهو مکڻ اٿئي سائين، +تو سان هر حال ۾ وَهيو آهي. +بخشڻ مهراڻوي +ڪوتايون +مون جڏهن کان، +توکي ڏٺو آهي جاني! +منهنجي نظر، +امر ٿي وئي آهين. +· +خدارا! +ڌرتيءَ کي، +رانديڪو سمجهي، +۽ کيڏي کيڏي، +بمن سان ڀور نه ڪريو. +ڌرتيءَ! +ٻارَن جيان. +روئي ٿي پئي! +· +مُون اَياڻي، +نٿي ڄاتو ته، +کير جهڙي روشني رکندڙ چنڊ به، +اندران ئي اندران، +داڳي ٿيندو آهي! +· +سليم رضا +غزل +نِرڄا نانگ لتاڙيان ٿو، +دل جا زخم اگهاڙيان ٿو. +شايد ملندو ڪو نه سُڪون، تنهن لئه دل کي ساڙيان ٿو. +توکان ملندو ڪونه جواب، لکندي ئي خط ڦاڙيان ٿو. +هر ٻرندڙ سورج هيٺان، پاڻ کي سوريءَ چاڙهيان ٿو. +صَليِبن جي پاڇن ۾، واعدا پنهنجا پاڙيان ٿو. +سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي +گيت +ماٺ نه ٿيندس سُور او ساجن، ڪيڙئي قهر ڪَلور، +او ساجن! سور ئي مليا سُور ... +گؤنچ ڪُماڻا اُجڙيو گلشن، ديرا لايا دل ۾ دردن، +بادل جيئن ٿا نيڻ هي بَرسن، آهه ستايو ڏاڍو سُڏڪَن، +ڏينهن ڇو لاتئي ڏور... +موٽي آيو سانول سانوڻ، موٽ تون هاڻي منهنجا ڍولڻ، +قول وساريئي پنهنجا پارڻ، ناهِه مُناسب دور گذارڻ، +روح ڪيئي رَنجُور... +راتو ڏينهان تو لئه تڙپان، مُرڪ ڦِڪي ٿو جڳ سان مُرڪان، +چرين وانگر ڀُڻڪان ڀَٽڪان، پر ۾ پناهه شاهه ويٺو پچايان، +پلپل پيارل پُور... +ڪرشن شرما +غزل +آئون تنها، راتِ لُڙيل، +ڳوڙهن ۾ اکيون وِهنتل. +اکين اڳيان مُورت تنهنجي، يادن ۾ آ مَن گهيريل. +منهنجي دل مَجروح ڪَيئي، هاڻ اچي تون مَرَهم مَل. +پنهنجي پيار جي هِير جيان، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳالهه هُليل. +تنهنجي پيار، سنڀاليو شرما! هونئن ته آئون هئس ڀٽڪيل. +نياز سومرو +وائي +اتت اڪيلي ڪوٽ جي اندر +گهنگهر گهاريان ويٺي ڏينهڙا +مون کي منهنجا مارو مٺڙا +محل ۽ ماڙيون ٻن پون شل +پيارا مون کي پنهنجا پکڙا +مون کي منهنجا مارو مٺڙا +لنؤ لڳل آ کيت سين منهنجي +اچن انهيءَ جا ساندهه سڏڙا +مون کي منهنجا مارو مٺڙا +سون سڳا ۽ چوٽيون چوڙيون +باهه لڳن هي ريشم ڪپڙا +مون کي منهنجا مارو مٺڙا +”عمر“ اسان جي ريت اباڻي +اوڍيون پنهنجا کيس ۽ کٿڙا +مون کي منهنجا مارو مٺڙا +مير غلام اللہ خان ٽالپر +فرصتن ۾ ٻيا به غم ٿا ياد ٿين اي دلربا، +اچ ته هنگامن ۾ توکي ياد اي سهڻا ڪريون. +شور محشر هڪ طرف آ شورِ موسم ٻئي طرف، +شور اندر ٽئي طرف آباد اي سهڻا ڪريون. +چار ڏينهن آهي حياتي سوز ۾ ڇا لئه ڪٽيون، +تنهنجي اکڙين سان اَلم برباد اي سهڻا ڪريون. +تنهنجي نازڪ گوش تي ڪٿ بار نه گذري سڄڻ، +ان ڪري نه خوف کان فرياد اي سهڻا ڪريون. +هي صبُو وانگي اکيون هي زلف ڪار ڄڻ ڪڪر، +اچ نئون ميخانو ڪو ايجاد اي سهڻا ڪريون. +تنهنجي مُرڪن ۾ ڏسي اڄ ”مير“ ڪا ابدي خوشي، +اچ ته ارمانن جي دنيا شاد اي سهڻا ڪريون. +ضيا شاهه +گيت +ٿيءُ دردن جو درمان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +منهنجو جهوپو ڍنڍ ڪناري، +ويٺو آهيان ڏيئو ٻاري، +کڻي سورن جو سامان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +سانوڻ مند ٿي توکي ساري، +ڪڪر ڄڻ ٿو هنجون هاري، +هي رسڻ ناهي شان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +پکي پکي ٿو توکي پڪاري، +منڇر ڍنڍ جي اچ ڪناري، +مون وٽ ٿيءُ مهمان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +ٿڪل مڇيرا، ميرا ٻيڙا، +تِن لاءِ آهن تَن جا ڦيرا، +مڙني جو رک مان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +هنڊ مهاڻا جڏهن هڻن ٿا، +مون وانگر سي ڳرن مرن ٿا، +هر منزل مون لاءِ ڪان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +منڇر جل اڄ آ مغموم، +تنهنجو مٺڙا من ڀي موم، +مان دوريءَ تي حيران، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +صبح گلابي شام گلابي، +تنهنجا مٺڙا لب عنابي، +محبت جو ڏي گيان، پرين! ٿيءُ دردن جو درمان. +گل شهديو گوماڻي +غزل +زماني وڌيون هاءِ! هيڏيون هي دوُريون، +اوهان ڇو اسان کان اکيون يار پوُريون؟ +مُحبت جي دُشمن هي دنيا دو رنگي، +رهيون مَن جو آسون اڌوريون اڌوريون. +غمن جو نه ڪوئي سڄڻ! دنگ آهي، +اندر ۾ پچن ٿيون سوين روز کوريون. +چوي سچُ جيڪو ملي زهر اُن کي، +زماني سجايون سچن لاءِ سوريون! +او گُل! شال آڻي، خدا ڏينهن اهڙو، +ٿين خواهشون دل جون پوريون سموريون! +مرتضيٰ ”منصور“ مشوري +· +گلڙن جي مٿان پوپٽ پيا ڦرن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +پاٻوهه ۽ پيار مان گهورَ وڃن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +محبوب گلن جا مستانا، جيئن ديوارن سان ديوانا، +سر ٽڪرائن ٿي مست مگن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +پل هڪڙو ٿيندا ڪونه پري، پيا حُسن کي پوُڄِن پير ڪري، +سرهاڻ ۽ سونهن تي صدقو ٿين، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +جيئن پوپٽ گل سان پيار ڪري، يا ڪوئل پئي ڪُوڪار ڪري، +تيئن توڏي گهُرندو آهي من، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +ڇو ٿڌڙا ساهه شروع ٿي ويا، ڇو نيڻ اُداس ڇُلڪي پيا، +ڄڻ ساوڻ جا ٿيا مينهن وسن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +مان ويڳاڻو، مان ويڳاڻو، هي روُح کي جيڪو راماڻو، +ٿا تَنهن جا پل پوُر پون، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +مان ڏينهن تتي جو راهي ۽ تون گهاٽي وڻ جي ڇانوَ پرين، +ڪنهن منزل تي جي ٻئي گڏجن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +منصور مشوري چاهت جي ڪنهن اڻ کٽ دنيا ۾ گُم ٿئي، +۽ ڳولي مٺڙا مُحب لهن، ڪم دل جو ناهه ته ڪنهن جو آ؟ +منٺار سولنگي +غزل +جن سان پيار اسان جو آهي، آهن ڪيڏا پيارا ماڻهو، +چانڊوڪيءَ جان جڳ جڳ جرڪن، چوڏس چنڊ ستارا ماڻهو. +هرهڪ پل ڏکيو ٿو گذري، جن ريءَ هتڙي هاءِ اسان جو، +عمر سڄي سي مرڪي گهارن ڌار ڪري دل وارا ماڻهو. +شيشي وانگر صاف آ دلڙي، من ۾ جن لئه مير نه آهي، +بغض رکن ٿا پنهنجي دل ۾ هردم دل ۾ ڌاريا ماڻهو. +اوندهه پنهنجي ڀاڳ ۾ آهي روشن ڪِرڻا ڪو نه مليا، +چنڊ ستارا جن تان صدقي، سي سڀ ڀاڳ ڀلارا ماڻهو. +آهه ڀرڻ ڀي ڏوهه اسان لئه پاپي کي هت ڪير چوي ٿو، +ڏاڍو هتڙي گابو آهي سڀئي وارا پيارا ماڻهو. +مُرڪ لَبن تي دل ۾ نفرت رستو روڪي بيٺا آهن، +ڪيئي هت ”منٺار“ ڏٺا مون قوم جا دل جا ڪارا ماڻهو. +پريتم داس ”پياسي“ +غزل +ائين جلد جاني وسارڻ نه گهرجي، +کڻي شوخ نظرون نهارڻ نه گهرجي. +ڏئي پيار پهرين وري منهن مٽائي، +اسان کان پري ٿي گذارڻ نه گهرجي، +ڇڏيو دين دنيا کان تو آهي کاري، +اهڙو خيال دل ۾ ڪو ڌارڻ نه گهرجي، +اسان کي ڇڏي هيڪلو جت حبيبا، +اسان کان پراهون ٿي گهارڻ نه گهرجي، +جنهين آ ڏنو ساٿ سِر جو ”پريتم“، +اُهو دل تان پنهنجي اُتارڻ نه گهرجي. + + +ڪهاڻيون +مختصر ڪهاڻي جي وڏائي، ان جي رڳو محدوديت جي ڪارڻ چمڪي ٿي. بيشڪ مان اتي صاف طرح تيڪنيڪي طور تي چوان ٿو. جيڪي مان چوڻ چاهيان ٿو اُهو اِهو آهي ته مختصر ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو شامل ڪيو وڃي، اهو ان جي هيڪڙائي (Oneness) ۽ ان جي مڪمل حصي (Wholeness) ۾ واڌارو هئڻ گهرجي. هڪ عظيم مختصر ڪهاڻي اهڙيءَ طرح سرجڻ گهرجي، جيئن اها ڪنهن به طرح ٻئي تخليقي فن جي طور تي سڃاڻي نه سگهجي- گهٽ ۾ گهٽ ناول جي طور تي نه. مثال ڏيندي اهو چوندس ته مختصر ڪهاڻي اهو هار ناهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جا هيرا جڙيل هوندا آهن، پر اهو اڪيلو موتي آهي جو منڊيءَ ۾ جڙيل هوندو آهي ۽ ٻين هيرن کان جدا پنهنجي هستي قائم رکندو آهي. +- جان ڪورناس +پرديسي پکيئڙا +حميد سنڌي +هن پٽ تي ڦهليل گليلن ۽ ڳوڙهن کي جاچيو ۽ پوءِ کانڀاڻي جي وچ تي هڪ ڳوڙهو کڻي رکيو. سندس ننڍڙي ٻانهن ڏاڍي ڏانو سان کانڀاڻي کي گهمايو. هڪ ٺڪاءُ نڪتو ۽ پنهنجي ننڍڙي ۽ نرم آواز کي وڏڙو ۽ کهرو ڪندي پڪاريو: ”هو-- هو--هو-- هو-- وهيو—“. +پکين چوڌاري ڀڙڪو کاڌو ۽ وَهين جو قطارون سندس سامهون ڀورانهونڪنديون کجين جي چوٽين کان اِئين نڪتيون، ڄڻ هو هيءُ باغ رڳو ڇڏي نه ويندا، پر ملڪ به ٽپي ويندا. +هن ڪيترن سالن کان وهَين کان قطارون ڪندي، ڪتل جي مند ۾ کجين جي چوڌاري لامارا ڏيندي، ٻن ڳڙين خاطر جان جوکم ۾ وجهند ڏٺو ۽ سندس پيءُ بچل باغائي جا ڌڪ بچائيندي ڏٺو. هيءُ پهريون سال هو، جو بچل بيماري سانگي، سچل کي کانڀاڻي سونپي هئي، پر هن هدايت سان ته ”سچل! کانڀاڻي وهندي پر جي ڪنهن پکي پکڻ جو کنڀ ڪريو، سمجهه ته ڪيس ڪري ڇڏيئه. خاص طرح وَهيي جو ته خيال ڪجانءِ. هيءُ پتڪڙو ڀورڙو پکي، پرديسي پکي اٿئي.“ +سچل حيران ٿي پڇيو هيس، ”پر بابا! هيءُ پکي ته هتي جو آهي، پرديسي ڪيئن ٿيو؟“ +”نه من! هيءُ ڏورانهين ملڪ جو پتڪڙو پکي آهي. هيءُ ڪتل جو عاشق آهي. ڪي سوين ڪوهه لتاڙي، کجين جي باغ ۾ اَچيو منزل هڻي. سندس ٻن ڳڙين خاطر چاهه سندس شوق به آهي ته پيٽ پوڄا به. مڙيوئي سندس شوق ۽ پيٽڙي جو خيال ڪجانءِ ٻچا! ڇو ته اسان به شوق ۽ پيٽ جا ماريل آهيون!“ +سچل کي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي ته پڻس پيٽ لاءِ جي باغائي هو ته باغ جي کجيءَ کجيءَ سان به چاهه هيس ۽ کيس جهونو باغائي سمجهيو ويندو هو. کجين جي باغن ۾ سندس موهه هوندو هو. ڀلي رئيسن جو باغ هجي يا سيٺين جو، وڏيرن جو هجي يا نوڪر هجي يا پيرن جو، بچل هلي به کين صلاحون ڏيندو، پوءِ کڻي پاڻ پيرن وٽ نوڪر ڇو نه هجي. هونئن به سندس پيرن سان جيئن ئي جيءُ ريجهيو هو، هن هاڻ پيريءَ تائين پئي نباهيو. +سچل ويٺي ويٺي پنهنجي پيءُ بچل جي حال تي به سوچيو، جيڪو هاڻ کٽ تي پيو هو. کنگهي کنگهي سندس برو حال ٿيو هو. باقي ڪي بچيو هو. هونئن به ڪمزورڙو ته هوئي. پر پَرُ کان هن بيماري هڻي هڏا ڪري ڇڏيو هوس. ماڻس ڪيئي حڪيم ڀيٽيا هئا. ڪي چون ته سلهه اٿس، ڪي چون ته دم جو مريض آهي، ڪن ته مورڳو چيو ته ”بابا! اِها به پيري!“ +پر سچل کي اها پڪ هئي ته بابو اچي ڀيڙو ٿيندوم. سندس هڪ ته پيءُ سان دل هوندي هئي، ٻيو هيڏي وڏي باغ ۾ هو اُٻاڻڪو به ٿيندو هو ۽ جهار هڪلڻ به ته سندس لاءِ ڪو سولو ڪم به نه هو. +ائين سندس ويچارن کي وَهين جي ڀورانهين قطارن پل لاءِ پري ڪري ڇڏيو، هو ڇرڪ ڀري اٿيو. هُن جي جان پئي نظر وئي ته کيس ڀورانهون پئي نظر آيو، ڪٿي ته هنن ڀڙڪا پئي ڏنا ته ڪٿي چوٽيارا ويٺا هيا. سندن ايڏي گهڻائي ڏسي ننڍڙو سچل ڊڄي ويو. هُن عمر ۾ ايڏو وهيو نه ڏٺو هو. هيل ولرن جا ولر ڏسي هو حيران به ٿيو پي ته ڊنو به پئي. هن ڪا گهڙي ته هن ڀورانهين ڀڙڪي ۽ چوٽيءَ جا نظارا پئي پسيا. اڄ کيس هيءُ کجين جو باغ ٻيو پئي لڳو. اوچتو کيس خيال آيو ۽ هو ڊڄي ويو: ’جي سڄي ڪَتل جهار ئي کائي وئي ته پوءِ-!‘ هُن يڪدم گُليلا ۽ ڳوڙها ميڙيا ۽ کانڀاڻيءَ جي وچ تي رکندو ويو، ٺڪاءُ ڪڍندو اُن سان گڏ سندس رڙ به پئي پيئي: ”هو-- هو--هو-- هو-- وهيو--“. +سندس ٻانهن ساڻي ٿي پئي، پر اڄ وَهيو به چئي ته ننڍڙي يار سچل جي ياري ڇڏي ڪاٿي ٿو وڃان. ڀڙڪو ڏيو، وريو ڦريو اچي، سو به وَلرين. يا ته گوشا رَسائتا ٿيا هيا يا ته سچل وارو باغ ئي مٺو هو ۽ کين وڻيو هو. سچل جڏهن هيءُ لقاءُ ڏٺو ته يڪدم گليلن ۽ ڳوڙهن سان کڻي کيسا ڀريائين ۽ باغ ۾ اندر ڪاهي پيو. کانڀاڻي وَهندي پئي هلي، پر وهيو جي پچر ڇڏي! نيٺ سچل کانڀاڻي اُڀي ڪئي ۽ سڏي هڻڻ لڳو. ڪنهن مهل ڪنهن وَلر کي ٿي چٽيائين ته ڪنهن مهل ڪو اڪيلو به هٿ پئي چڙهيس ته گليلي يا ڳوڙهي جو زوزاٽ هيس. پر سائين اڳيان به وَهيو هو. کانڀاڻي جي ٺڪاءُ سان هُن ڀڙڪيو پئي کاڌو ۽ گليلي (ڳوڙهي) جي پهچڻ کان اڳ ئي هنن يا ته آسمان پئي کنيو يا لهوارا ٿيو وڃي پٽ پئي ورتائون. شايد ائين به هجي جو سچل جي پتڪڙي وجود کي هنن پاڻ جهڙو پتڪڙو سمجهيو هجي. ڇو ته جڏهن سچل کانڀاڻي هڻي ساڻو ٿيو ۽ پگهر وڃي کڙي کنيس ته هو هڪ کجيءَ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ گهڙي ئي ڪانه گذري ته وَهين اچي ديرو سندس پاسي ۾ هنيو ۽ ٽپ ڏيندا، سندس آڏو پئي کيڏيا. ڪي ته بنهه سندس مٿي کان يا بنهه ڪنن وٽان ڀون ڪندا وڃي سندس پٺيان ٿي ويٺا. ائين پئي لڳو ڄڻ هو سچل سان راند پي�� ڪن. ڪا گهڙي سچل هن نرمل نظاري ۾ گم ٿي ويو. کيس هيءُ پتڪڙا پکي ڏاڍا وڻيا پئي. پر پوءِ به هن مٿي نهاريو ته کيس باغ جي ڀينگ نظر آئي. +هو هر هر خار مان اٿيو پئي ۽ کانڀاڻيءُ جو ٺڪاءُ ڪري وري ويهي پئي رهيو. هُن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري. ڪا مهل هو بي وس ويٺو رهيو ۽ پئي وَهين جون رانديون پسيائين. هاڻ ته هو ڇيڪ ڇڏيل هيا ۽ پٽ تي لهي آيا هيا. سچل هنن کي بود ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندي مورڳو پوسريو پئي ويو. سندس بي وسي ۽ لاچاري ضد ۾ بدلجي وئي هئي. هُن جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندو پئي ويو. سندس ڏند ڀڪوڙيا ويا. چوڌاري وَهين جو غوغاءُ هو ۽ سندس ڪَنن جون دهلڙيون ڦاٽيون پئي، لوندڙين ٺڪاءُ پئي ڏنا. ويٺي ويٺي سندس هٿن ڪم ڪري ورتو ۽ هُن هِن دفعي ٻانهن کي گهڻو نه گهمايو، بس سڌي ۽ اُڀي کانڀاڻي وهي وئي ۽ سامهون کليل پٽ تي نچندڙ ڪڏندڙ بود ۾ چيچاٽن جو غوغاءُ ڪندڙ بي خبر پتڪڙن پکين ڀڙڪو کاڌو، پر هڪ ساٿي سندن ساڻي نه ٿيو ۽ ڌڪجي ڪريو. هو پٽ تي کنڀڙاٽيون هڻي پنهنجيون کنڀڙاٽيون کوهيندو رهيو. سچل هڪ وار ته خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي: ”اهو ٿو وڃييءَ!“ پر پوءِ جو ڦٿڪڻ ۽ چين چين جو آواز ٻڌي هو سمجهيو ويو. گهڙي ڪانه گذري ته سڄي باغ ۾ ماتم مچي ويو ۽ وهين رڙيون ڪري باغ مٿي تي کڻي ڏنو. هو اڃا ويجها ته ڪو نه پئ آيا، پر سندن واڪا وڏي سڏ پئي ٻڌا. سچل کي ائين لڳو ڄڻ وهيا اُڀ ڏاري وجهندا. سچل کي وهين جي ڀڙڪن ۽ غلغلي هيسائي ڇڏيو هو. سچل ڊپ ۾ آهستي آهستي چُريو ۽ وڃي ڌڪيءَ کي کنيو، جنهن هاڻي ڇريون ڪو نه پئي هنيو پر ساڻو ٿيو پيو هو. سچل جي ننڍڙي هٿ ۾ ننڍڙو پکي جيئن آيو ته سچل کي ڏاڍو قياس آيو. ننڍڙو پتڪڙو ڪنئرو هلڪڙو پکي ساڻو ٿيو سندس تريءَ تي پيو هو. ڌڪ به ڪو هيس، منجهس ڪا خاص چرپر نه هئي ائين پي لڳو ڄڻ پوين پساهن ۾ هجي. +سچل آهستي آهستي مناهين ڏانهن هليو. هو هاڻ تڪڙو تڪڙو ٻنا ٽپڻ لڳو ۽ جيئن هو مناهين ويجهو پهتو ته ڪو ماڻهو پٽ تي ڪريل ڏٺائين. ڪا گهڙي هو ڄمي بيهي رهو، پوءِ اُڀي رڙ ڪيائين، ”باباَ!“ +ڊوڙندو وڃي پيءُ جي جُسي کي چنبڙيو. +ڌڪي وهيي کي هن پٽ تي کڻي رکيو ۽ پوءِ هو پيءُ کي جاچڻ لڳو. سندس لوندڙي ۽ منهن تي ڌڪن جا نشان نظر آيا، جن مان رت وهي ڄمي هليو هو. +سچل ڌڪ سهي ڪري ويو ته اِهي گليلن ۽ ڳوڙهن جا ڌڪ هيا. هو سڄو ڏڪڻ لڳو، پوءِ روئڻ لڳو. هُن کي پنهنجا هنيل جوشيلا کانڀاڻين جا اُڀا ڌڪ ياد آيا. هُن کي يقين ٿي ويو ته پڻس پوين پساهن ۾ آهي، ڇو جو هو بي سُرت پيو هو. هُن کي ويٺي خيال آيو ۽ هو مناهين ڏانهن ڊوڙيو. هُن ٺڪر وارو کُمرو پاڻيءَ سان ڀريو ۽ ڊوڙندو وريو. هن مٿي کي ٻڌل ليڙون ٿيل پوتڙو لاٿو، پاڻيءَ ۾ آلو ڪري پيءُ جو منهن اُگهڻ لڳو. هو سندس منهن اُگهندو پيو وڃي ۽ رُئندو به پيو وڃي. سندس ڳوڙها نه پيا بيهن. ڪي ته انهيءَ پاڻيءَ ۾ پئي ڳڙيا، جنهن سان هن پڻس جا ڌڪڙا پئي چيٺيا. ائين پڻس ڀڻڪو ڪيو ۽ بت ۾ چرپر آيس. گهڙيءَ کان پوءِ پڻس ڪنجهندو اُٿيو ۽ وَرَ ڪريو پئي جو سچل سهارو ڏئي سنڀالي ورتس. پڻس سچل ڏي نهاريو، سندس ڪومايل مُک پَسي مرڪي پيو: +”سچل پٽ! گهٻراءِ نه. پرواهه ناهي. هر هڪ پرديسي آهي. اڄ پرديسين جو وارو هيو. جهڙو وهيو پرديسي پکي، تهڙو مان!“ +هُن هٿ وڌائي پٽ تي پيل ڌڪيل وهيو هٿ ۾ کنيو ۽ پوءِ سندس چهنب وات ۾ وجهي، اُن ۾ ساهه ڦوڪڻ جي ڪئي، پر پوءِ هن پکيءَ کي چميو ۽ ڀڻڪيو، ”مٺا! معاف ڪجان!“ پوءِ بچل جو ڪنڌ، سچل جي هنج ۾ لڙڪي پيو. اُن سان گڏ پکي به سندس هنج ۾ ڪريو. هن ويلي سچل دانهن به نه ڪري سگهيو. صرف هو ٻن جُسن کي محسوس ڪري ��گهيو پئي، کيس ائين لڳو ته نٻل پتڪڙي وهيي ۽ نٻل پيءُ جي جهور جسم ۾ ڪو فرق نه هو. +هُن مٿي نهاريو، چوڌاري ڪو به غوغاءُ نه هو. سانت ئي سانت هئي ۽ ائين ٿي لڳو ته پرديسي پکيئڙا هاڻ اُڏامي ويا هئا. +بيگار ڪئمپ +غلام نبي مغل +اُها چنڊي تاريخ 29- مئي هئي ۽ سال چوراسي. مون حياتيءَ جو نئون پنو اُٿليو هو. اِها سٽ يا جملو، ادبي ٻوليءَ ۾ چڱو لڳي ٿو، پر سَوليءَ ۽ سليس سنڌيءَ ۾ مون سان ويڌن هئي. مون نظر جي عينڪ، خيرن سان پاتي هئي. مون سمجهيو، ڄڻ جوانيءَ کي کاٽ لڳو هو. اکين جهڙي قيمتي عضوي جي ڪمزور ٿيڻ تي مون کي بدن جا ٻيا به قيمتي عضوا ڪمزور محسوس ٿيڻ لڳا، جيتوڻيڪ بلڪل ڪمزور نه هئا. عينڪ جي نسخي ملڻ کان پوءِ، پاڻ کي اهڙي مسافر وانگر سمجهڻ لڳس، جنهن کان ايڪسپريس ٽرين ڇُٽي ويئي هجي ۽ پريان پئسينجر ٽرين کي دڌڪ دڌڪ ڪندي ايندو ڏسي، من کي ماندو نه ٿيڻ جي آٿت ڏيندو هجي ته آهيان ته سوار، پوءِ ايڪسپريس وارو نه ته پئسينجر وارو ئي سهي. اويل سويل وڃي منزل ڀيڙو ٿيندو. +منهنجي زال کي به اِن کان اڳ خبر نه هئي ته ڪو ڀتار جو نور گهٽ ٿي ويو آهي. هونئن به آءٌ زال جي ليکي آلو نور مٿي جو سوُر هئس. جڏهن گهٽ نظر جي نفيس فريم واري عينڪ پائي کيس پاڻ ڏيکاريم ته مون اهو سمجهيو هو ته ضرور چوندي ته اوهين عينڪ ۾ وڌيڪ اسمارٽ پيا لڳو- پر يڪدم پڇيائين، ”خير ته آهي جو نظر جي عينڪ پاتي اٿوَ؟“ +”ها مڙيئي ٿوري نظر گهٽ ٿي ويئي آهي.“ مون چيو. +”ويجهي جي يا پري جي؟“ ٻيو سوال. +”ويجهي جي.“ مون هڪ فرمانبردار مڙس وانگر حقيقت بيان ڪئي. +”آءٌ هاڻ سمجهيس.....“ +”ڇا وري ڇا سمجهيو تو....؟“ مون کي ڳڻتي ٿي پئي. +ٻه- ٽي ڏينهن اڳ، وي. سي. آر تي زينت امان کي ڏسي چيو هوم، ”زينت امان ڏاڍي متاري ٿي پئي آهي.“ +”متاري-؟“ مون واري زال رڙ ڪئي. +”ها ڏس، ٻانهن ڪيڏي نه ٿلهي اٿس.“ مون سادگيءَ ۽ ايمانداريءَ سان چيو. +زال ڪاوڙجي پئي، ”اِها ٻانهن ناهي، سٿر آهي زينت امان جي-“ وري چوڻ لڳي، ”ڌرميندر جي سونهن ۽ صحت متعلق ڪهڙو خيال اٿئي؟“ +”پراون مردن جي ڳالهه نه ڪر،“ مون يڪدم پنهنجي غلطي محسوس ڪئي، ”پرنٽ خراب آهي. منهنجي نظر ايتري ته خراب ناهي جو ٽنگ کي ٻانهن سمجهان-“ کلي جان ڇڏايم. +خير اها ته هئي ٻه- ٽي ڏينهن اڳ جي ڳالهه، پر ڪالهه عينڪ ۾ ڏسي چيائين، ”آءُ هاڻ سمجهيس.... آءُ به چوان ته هي ٻن-ٽن مهينن کان سولي منهن مون سان ڳالهائڻ به بند آهي. ڀرسان لنگهان تڏهن به سائينءَ کي خبر نه – جي ساڳئي صوفي تي ويٺي هجان ته به مڙيوئي خير.“ +”پر مون توسان ڳالهائڻ ڪڏهن بند ڪيو؟“ +”اِهو ٻَري سُور وارو ڳالهائڻ به ڪو ڳالهائڻ آهي. ويجهي جي نظر خراب آهي. خير پري جا ڪهڙا حال آهن؟“ +”نُور پيو جهڪو ٿئي، تون پئي پري جا حال احوال پڇين.“ مون چيو، ”هاڻ دل چئي ٿي ڪو صوفياڻو ڪلام ٻڌان. خواجه فريد جو... ميڏا ٿي ڳيا حال بيماريان....!“ +”حال بيماران...!“ زال شروع ٿي، ”هي ڪالهه ادا مشتاق سان ڪهڙي سڪينا جا حال پئي ٿيا ته جنهن جون اکيون ڄڻ مشعالا هيون.“ +”ڇا پئي بڪ ڪرين،“ مون چيو، ”سڪينا ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو آهي، باقي رهيون اکيون، سو ڪالهه ڊاڪٽر ٻڌايو ته هڪ اک ۾ موتيو پاڻي لهي آيو اٿس. ڏکي لڳي آهي مشعالا جي.“ مون چڙ مان چيو. پر ڪالهه مشتاق سان ڪيل ڳالهه به دل تي تري آئي. +”توکي ڇا وڻيو آ سڪينا ۾؟“ +”توکي نٿي وڻي؟“ مون پڇيو. +”بس ٺيڪ آهي.“ +”رڳو ٺيڪ آهي!“ مون ٿڌو ساهه ڀريو، ”چريا، هن جون اکيون ٻريل مشعلون نه آهن، پر وسڪيءَ جا ڀريل پيالا آهن. مون کي ته سندس اکين تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جي واندو هجان ها ته ضرور عشق ڪريانس ها.“ مون پنهنجي بيوسي ظاهر ڪئي. +”اڇا ته سڪينا سمون جي ڳالهه آهي. پر مون ته ٻڌو آهي ته هوءَ ته ويچاري مريض آهي. خير، تنهنجو ڏوهه ناهي. شادي شده مردن کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا دؤرا پوندا آهن. سڀاڻي روحي بانوءَ لاءِ روح سڪندئي. پر گهريلو ۽ پالتو مڙس، چوطرف نُوس نُوس ڪري پوءِ سچا پنهنجين جوين ساڻ هوندا آهن. ٻيو ويچارا ڪري به ڇا ٿا سگهن.“ +مون کي مشتاق جي ڳالهه نه وڻي. هونئن روحي بانو لاءِ به روح سٽ ڏني هئي، پر تنهن زماني ۾ آءُ صفا ڪنوارو هوس ۽ شادي ٿيندي ئي من تان لهي وئي. پر سڪينا سمي جي نظرن جي فوڪس ۾ هڪ دفعي جي ڪو اچي ويو ته پوءِ پاڻ ٽي بيءَ جو مريض هوندو. هيءَ نظر آسمان تڪيندي ته گهٽ نه ٿي آهي. +اڃا سوچ جو ڌارو هليو ئي پئي ته مون واري زال رڙ ڪئي: (شروع شروع ۾ آواز مٺڙو هوندو هوس) ”هاڻ مهرباني ڪري آءُ جڏهن به ويجهي هجان ته عينڪ ضرور پائيندا ڪريو.“ +”عينڪ ورتي انهيءَ ڪري اٿم جو چاهيان ٿو ته احياءِ محبت ڪجي.“ +”ڇا!“ زال وري رڙ ڪئي، ”ڪهڙي محبت ڪجي، بي حيا محبت!“ وري ٿورو مرڪي چوڻ لڳي، ”ڪهڙي به هجي پر اوهان محبت ته ڪريو.“ +”بي حيا محبت نه“، مون چيو، ”احياءِ محبت، يعني محبت کي نئين سر اُڀارڻ.“ +اڃا منهنجي زال جو ليڪچر هلي ها پر ايتري ۾ منهنجي بيبي ڪمري ۾ آئي ۽ ماڻس کي چيائين: ”امي، ڪڪي موڪل پئي گهري.“ +”ڇو؟“ (ڪڪي نوڪرياڻيءَ جو نالو آهي.) +”چئي ٿي ته پيٽ ۾ سور آهي. شام جو ايندي.“ +”ڪو ضرور ناهي موڪل جو.“ مون واري زال وراڻيو. +”موڪل ڏيڻ ۾ ڇاٿي پوندو. کيس پيٽ ۾ سور آهي.“ مون ڪڪيءَ جي وڪالت ڪئي، ”توکي جڏهن ڪجهه ٿيندو آهي ته پوءِ..... ڇڏ ته وڃي دوا درمل ڪري ويچاري.“ +”مون کي خبر آهي ويچاريءَ جي،“ زال چيو، ”.... ۽ جيڪو پيٽ ۾ سوُر اٿس، تنهن جي به خبر اٿم. آيو هوندس هو ڌڳڙو نڪمو مڙس کٽي ڇٽي.“ +”سڀ زالون شروع شروع ۾ ائين ڪنديون آهن“، مون چيو، ”توکي جڏهين پڻهين چوندو هو بابا رات رهي پؤ ته ڪيئن چوندي هئين ته هُو صبح جو سوير آفيس ويندو ۽ کيس تڪليف ٿيندي.“ +خير منهنجي انهيءَ جملي سان ڪڪي ويچاريءَ کي موڪل ملي، پر انهيءَ شرط سان ته جيئن ئي پيٽ جو سور لهيس ته اچي ٿانوَ ٿپا ڌوئي-- پر پهرين پنهنجو مٿو ڌوئي. +اڄ شام جو مشتاق گهر آيو. مون يڪدم زال سڳوريءَ کي چانهه ٺاهڻ لاءِ چيو. هوءَ ٻري سور سان اُٿي. ڪڪي شايد اڃا چاڪ نه ٿي هئي نه ته زال مون واري اتان ئي بي سُري (ڪنهن زماني ۾ سُريلي) رڙ ڪري ها. +”ٺيڪ آهي، آءُ وڃان ٿي. توهان ويهي پراين زالن جا قصا ڪُٽيو.“ +”اڙي پراين زالن جي قصن سان ڪيترو به ڪارو منهن ڪريون،“ منهنجو موڊ خراب ٿي ويو. ”_ پر اڇو منهن وري به توهان سان ئي ٿا ڪريون.“ +زال بورچي خاني ۾ پهتي. مون شروع ڪيو، ”ڏٺئي رات؟“ +”ها، غضب جا ڊانس هئا!“ مون چيو. +”ڇڙو ڊانس؟ صفا چٻ آهين. اڙي مصري عورت ڇا آهي؟ واهه واهه! خدا ڄڻ آرڊر تي ٺاهيون هجين. لڳي ائي ٿو ته موڪل جي ڏينهن تي خلقيل آهن.“ +”يار، اسان واري وي. سي. آر جو هيڊ ڪجهه خراب آهي، سو گهڻو مزو نه آيو”ڇا قد هو ڇا بت هو،“ منهنجو دماغ ڦرڻ لڳو. ”ڇا فگر اٿن،هڪ“ آئونس به ايڪسٽرا گوشت نه آهي. وڃي ٿيا خير. اسان ته ڪنهن قول موجب غيبات جي ور چڙهيل آهيون.“ +مشتاق به کُليو: ”هونديون ڪِن جي نصيب ۾“ +”ها، هڪ جانورن وانگر ڪمايون، ٻيو گهر ۾ ٻارن جي ڇانگ ۽ پنجاهه سال عمر به پوري نه ٿي آهي ته سڏجون پيا بزرگ ۽ ذميدار، هيڊ آف فئملي_“ مون چيو، ”واندڪائي نصيب ۾ ناهي. جي ک��ي ٿوري گهڻي ملي به ته ويهن سالن کان لاڳيتي پناري پيل زال جي بلي خرچ ٿيو وڃي ۽ پوءِ آهن ريوميٽڪ پين، گئس، ڪوليسٽرال ۽ ڊايابيٽس جا الڪا- بلڊ پريشر ڪڏهن لو ته ڪڏهن هاءِ.“ +ايتري ۾ چانهه جي ٿانون جو آواز آيو. +”ڳالهه کي بدل- غيبات پئي اچي.“ مون چيو ۽ کلڻ لڳس. +”ضرورو منهنجي گلا ڪندا هوندا.“ زال ايندي ايندي پڇيو. +”نه، اسين هيما مالنيءَ جي گِلا ڪري رهيا هئاسين.“ مون چيو. +”ڪهڙي گِلا؟“ +”جهڙو منهن ملوڪ اٿس،“ قد سٺو اٿس_ پر چيلهه تمام ويڪري ٿي ويئي اٿس.“ +”آخر شادي ڪيل اٿس.“ منهنجي زال چيو، ”چيلهه ويڪري نه ٿئيس ته ٻيو ڇا ٽنگ ويڪري ٿئيس. اوهان کي پراين عورتن کان سواءِ ٻيو به ڪجهه سُجهي ٿو؟“ +”ٻيو ڪجهه جو مطلب ڇا؟“ مون پڇيو ۽ مشتاق چانهه پيئڻ لڳو. +”ٻيو ڪجهه مطلب ته پنهنجين زالن متعلق ڳالهائڻ ۾ گسي پوندا. پهرين ته محبت جا راڳ ڳائي ٿڪندا ئي ڪو نه هئا.“ +”ڀاڀي_“ مشتاق وچ ۾ ڳالهايو، ”اوهان فسڪلاس ڀاڀي آهيو ۽ عاليشان چانهه ٺاهي اٿوَ.“ +مون چيو: ”ٻڌو هڪ نهايت سياڻي چيو آهي ته پنهنجي زال کي ور ور محبت جو اظهار ڪري يقين ڏيارڻ ائين ئي آهي، جيئن ڪو جرنيل فتح ڪيل قلعي کي گهيري ۾ آڻي ٻيهر ٽيهر فتح ڪندو هجي..... جڏهن ته قلعو ويچارو اڳئي فتح ڪيل آهي. اهڙين فتحن ۾ ڪهڙو مزو.“ +مون ٽهڪ ڏنو ۽ مشتاق کلڻ لڳو. +”ادا_“ منهنجي زال (فتح ٿيل قلعو) ڳالهه بدلائي. ”ڀاڀيءَ جي مائٽن سان ڪا صلح ٿي؟“ +”نه ڀاڀي،“ مشتاق چوڻ لڳو، ”هاڻ ته منهنجي سنئين سڌي زال جو به دماغ خراب ڪري ڇڏيو اٿن.“ پر پوءِ سنجيدگيءَ سان چوڻ لڳو، ”هاڻ ته منهنجي زال به ڳالهه ڳاله تي مارشل لا جي ڌمڪي ڏئي ٿي.“ +الائي ڪهڙو ڪم هو جو منهنجي زال ڪمري ۾ ويئي هلي ۽ مشتاق به ڳالهه بدلائي، ”ڪالهه اخبار ۾ پڙهيم ته هڪ ماڻهو، جنهن کي پنڌرهن سال اڳ خرڪار کڻي ويا، سو جڏهن موقعو ملڻ تي بيگار ڪئمپ مان ڀڄي ويو ته ڪجهه هفتن کان پوءِ وري اچي بيگار ڪئمپ ۾ شامل ٿيو. سبب اهو ته انهيءَ ڪئمپ جي زندگيءَ ۾ اهڙو هري مري ۽ ائڊجسٽ ٿي ويو هو، جو ٻاهر جي آزادي به کيس ڀانءِ نه پيئي. عجيب خبر آهي. آهي يقين ڪرڻ جهڙي؟“ +”آهي واقعي عجيب،“ مون تي فيلسوفاڻو دورو پوڻ لڳو، ”پر هڪ ڳالهه ته مرد به هڪ طويل عرصو شادي شده زندگي کان پوءِ پاڻ کي ائين محسوس ڪندو آهي ته هُو به خرڪار جي چنبي ۾ آهي ۽ گهر گرهستي هڪ بيگار ڪئمپ وانگر آهي.“ +مشتاق کلڻ لڳو، ”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“ +”نه نه، آءُ چرچو نه ٿو ڪريان،“ مون چيو، ”هي زندگيءَ ۾ هڪجهڙائپ زهر آهي. من جي محب عورت، وفادار زال ۾ تبديل ٿي ۽ پوءِ اُن جو رويو مرد کي فتح ڪرڻ واري ڏينهن کان ئي ختم ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. هوءَ شاديءَ کان پوءِ مڙس جي دل ۾ نظرن واري اصل روُٽ بدران، بهترين طعام ٺاهڻ پيٽ واري رستي کان وڃڻ چاهي ٿي. مڙس ته سندس ڪچن ۾ ڪيل ڪارنامن مان خوش ٿئي ٿو. سليقو به وڻيس ٿو. گهر جي ڊرائنگ روم جي سجاوٽ جو وڌيڪ خيال هوندو آهي، بنسبت مرد جي جذبات جي. مرد ويچارو، ننڍڙي پٽ جي ڊي- هائڊريشن ۽ لُوز موشنس جي رنگت ۽ بيبيءَ اسڪول يونيفارم جي اوچتو بدلجڻ ۽ وڏي بيبيءَ جي پيريڊس شروع ٿيڻ جا انڪشاف جا هڙيئي ڪئپسول ڳيهي وڃي ٿو. پر انهيءَ گهريلو، پالتو مڙس ۾ جيڪو مرد لڪل آهي، سو چاهي ٿو ته زندگيءَ جي لذت حاصل ڪريان ۽ جيڪو ’ايول‘ سندس بت اندر قيد آهي، سو حياتيءَ ۾ پنهنجو حصو ادا ڪرڻ چاهي ٿو.“ +”پر يار_ اِن سان گهريلو زندگي متاثر ٿئي ٿي. زال ٻار.... وڏو کٽراڳ ٿي پوي ٿو.“ مشتاق ائين چوڻ لڳو، ڄڻ ڪا ڪڙي گولي ڳيهي پي��. +”صحيح آهي....“ مون چيو. +”ڇا صحيح آهي؟“ مون واري زال ڪمري ۾ ايندي ايندي پڇيو. +”صحيح اهو آهي ته مرد هڪ ٻي عورت سان تعلقات رکڻ کان پوءِ به پنهنجي زال سان وفادار رهي ٿو....“ مون وري فلسفو شروع ڪيو. +”ڪهڙو مرد ڪهڙي زال، هوش ۾ آهيو“. +”نه نه، منهنجي ڳالهه ٻڌ،“ مون چيو، ”بائلاجيڪلي مرد ڊِفرنٽ آهي، جڏهن ته عورت نه....“ +”اڇا، ته ڳالهه ايستائين وڃي پهتي آهي،“ زال سيريس ٿيڻ لڳي، ”مون کان پڇ ته اهو ايول بائلاجيڪلي ڪٿي ڪٿي ڪارو منهن ڪري چڪو آهي ۽ آهي ڇنالون اُتي وفادار آهن ۽ توهان هت برابر وفادار رهندا اچو_“ +”ايول ويچارو ته اڃا جسم ۾ قيد آهي ۽ بيگار ڪئمپ سان وجهه ملي ته ڪي ٻاهر نڪري.“ مشتاق چوڻ لڳو. +”ادا، اوهان فيصلو ڪريو.....“ منهنجي زال چئنل بدلڻ ٿي چاهيو. +”هاڻ فيصلا ٻيصلا بند ڪر،“ مون چيو، ”الله جي خلقيل جانورن منجهان رڳو انسان کي خبر آهي ته موت اچڻو آهي، ٻين ڪتن ٻلين کي نه. پر اُهي به پنهنجي نيچرل حياتي گذاري وڃي ٿا پار پون. ۽ اسين چاهيندي به ڪجهه نٿا ڪري سگهون. ليبل لڳن ٿا: ڇوڪرو، جوان، شادي شده، ٻارن جو پيءُ، پاڙي ۾ راڄ جو چڱو مڙس ۽ آخر ۾ اڇا وار اٽو خوار! ڪيترو نه قابو آهين ريتن رسمن ۽ پنهنجن ئي ٺاهيل قانونن ۾....“ +”ڀلا توهان شادي شده زندگيءَ کي بيگار ڪئمپ ٿا سمجهو ته پوءِ ڊاهيو ڪئمپ کي؟“ زال پنهنجي اصليت تي اچڻ لڳي. +”انهيءَ ڪئمپ جون پاڙون ايڏيون ته گهريون آهن جو ڇڏڻ چاهيون به ته ڪونه ڇڏي سگهنداسين ۽ اخباري خبر وانگر آزاد ٿي به ۽ (Temporary deviation from the Constitution) ڪرڻ کان پوءِ به کٽي ڇٽي واپس ڪئمپ لائف ۾ اچي حاضر ٿينداسين- پنهنجي خرڪار اڳيان. صبح جو سويل اٿڻ، تيار ٿيڻ ۽ فٽافٽ آفيس يا ڌنڌي تي پهچڻ. صبح کان شام تائين هزار ڪوڙ ڳالهائڻ، ٻين کان جائز ناجائز پئسا ڦرڻ، اها سڀ محنت مشقت ڪنهن جي لاءِ....“ +”اهو رڳو منهنجي لاءِ آهي؟“ زال رڙ ڪئي. +”رڙيون نه ڪر، ٻُڌ. اهو سڀ انهيءَ طلسمي ٽڪساٽ کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته جيڪو شروع شروع ۾ ڏاڍو سهڻو من مهڻو لڳو ٿي ۽ جنهن آهستي آهستي بيگار ڪئمپ جي شڪل اختيار ڪئي آهي.“ +”انهيءَ جي معنيٰ ته....“ منهنجي زال چوڻ لڳي، ”مون پنهنجي ساري زندگي تنهنجي ۽ تنهنجي ٻارن جي پويان ضايع ڪئي، تنهنجو ڪو قدر ناهي...؟“ +”قدر آهي، هزار بار آهي. تڏهن ته سڄو ڏينهن سخت جسماني ۽ ذهني پورهئي کان پوءِ به وري سرڪار خرڪار ۾ حاضر ٿيون ٿا. جي پورهيو ناهي ته گهر گرهستي قائم ناهي. هن بيگار ڪئمپ کي قائم دائم رکڻ لاءِ سائين ٻڌل آهيون.“ +منهنجو بلڊپريشر هاءِ ٿيڻ لڳو، ”سمجهين ٿي ته تون شام جو هٿ منهن ڌوئي، ڪپڙا بدلائي، سنئين سينڌ ڪڍي، چپن تي لپسٽڪ هڻي، جڏهن آءٌ ٿڪل ٽٽل گهر موٽان ٿو، ته تنهنجي چهري جي ڪتابي مرڪ، منهنجي سڄي ٿڪ کي ختم ڪريو ڇڏي_ ۽ پوءِ شروع ٿين ٿا گهريلو راڳ....“ +”پوءِ آخر ڇا کپي اوهان کي ....؟“ +”مون کي کپي منهنجي محبوبا، جيڪا شب خون هڻي منهنجي زال ٿيڻ کان پوءِ تو مان ختم ٿي ويئي. تون محبوبا مان زال ۽ زال مان هاڻ پرفيڪٽ منهنجي جيجل ٿي رهي آهين. تون ٻڌاءِ. پنهنجي دل تي هٿ رکي پوءِ ٻڌاءِ. ڪٿي آهي منهنجي دل ۾ سمايل اُها عورت، جنهن جي اکڙين ۾ هزار داستان هئا. جنهن جا چپ بنالپسٽڪ جي به پرڪشش ۽ جيئر جيئرا لڳندا ۽ جنهن تي پيل منهنجي هڪ نگاهه به سندس لڱن ۾ مَهيءَ وانگر ولوڙبي پئي هئي ۽ ....“ +”هاڻ بڪواس بند“، جيجل زال بحث کي ختم ڪندي چيو،”اهي سڀ ڳالهيون تو مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيون هيون. هاڻ هي وقت آهي جو پيو اوُل فول بڪين. گاڏي گئريج مان ڪڍ ته هلي ننڍڙي کي ڊاڪٽر وٽ ڏيکاري اچون. صبح کان پيٽ خراب اٿس.“ +”ٺيڪ آهي، بڪواس بند. مون کي اهو ئي چؤڻو هو. هروڀرو پنهنجي وت کان ٻاهر پئي ويس. ٻيو حڪم آقا!“ +ائين ئي ارڏي جسم جو راڪاس ڊهڻ لڳو ۽ واپس پنهنجي جنرڪ نيم ’مرد‘ کان، برانڊ نيم ”ننڍڙي جو پيءُ ۽ زال جو مڙس“ ٿيڻ لڳس. +خالي ڪوپ چانهه جو +قاضي خادم +چانهه جي ڪوپ ۾ چمچو پيو ڦيرايان. چمچو ڦري پيو، ڦري پيو، ڦري پيو. +”هاڻ ته گهڻو ئي چمچي کي هلايو اٿو.“ هوءَ بيزاري سان چوي ٿي. ”اجايو ڪالهه سويل ويس. توهان سچ ٿي چيو. سڄو سارو هڪ ڪلاڪ بس جو انتظار ڪيم. هڪ ڪلاڪ شهر پهچڻ تائين لڳايائين، سڄو وقت برباد ٿي ويو. توهان سچ ٿي چيو.“ +”آءُ ته هميشه سچ چوندو آهيان. پر ڪو ٻڌي به ته سهي! مورڳو جڏهن سچ چوڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم تڏهن يا ته زهر ڏنو ويو اٿم، يا ڦاهي، يا وري گهاڻي ۾ پيڙايو ويو اٿم. پر اهي سڀ سهي سهي هاڻ سخت جان ٿي ويو آهيان. هاڻ جي سچ نه ڳالهيان ته ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پاڻ ڦاهو ٿو ڏيان. نه، اهو آپگهات منظور ڪونهيم. ڀلي ته ڪو ٻيو ماري، ڏوهه ته ان تي ئي ايندو. سڄي تاريخ منهنجن خونين سان ڀري پئي آهي. ڀل ته وڌن.“ +”ماڻهو اهڙو هجي، دوست اهڙو هجي يا ڀانئڻ وارو اهڙو هجي...“ هوءَ ڳالهائي رهي هئي، مسلسل ڳالهائي رهي هئي. آءُ ٻڌي رهيو هوس. مسلسل- ۽ وچ ۾ هو به ويٺو هو، جيڪو چئي رهيو هو ته ”مون کي وچ مان ڪرسي هٽائڻ گهرجي.“ +”ڇو؟“ هُن حيراني وچان چيو ته ”اهڙا بخيل ڇو آهيو؟“ +”ڪٿي ناز، ڪاني قرب جي ۽ خنجر لڳا پيا آهن.“ هوءَ چوي ٿي. +”ڪٿي ساغر و مينا به ته آهن.“ هو پيو جواب ڏيس منهنجي بدران. +”اسان جو وي. سي. آر چوري ٿي ويو.“ +”ڪڏهن؟“ +”لاسٽ ايئر، محرم ۾.... تڏهن ته ڪيسٽن مان دلچسپي ختم ٿي وئي اٿم. +پر هن لاءِ پِني سِني آندو اٿم.“ +”اهي ڳالهيون ڇپر ۾ هونديون هيون ته ٺيڪ هونديون هيون!“ +”ڪهڙيون ڳالهيون.“ +”اهي ئي ته ڪيسٽون ڪنهن ڏنيون آهن. اي يا بي.... ڏنيون ته هتان ئي ڪنهن آهن.“ +”ماڻهوءَ جي وزن جي خبر ته پوي ٿي نه.“ +”توهين سڌو سنئون نالو وٺو. ماڻهو ماڻهو ڇا لڳايو اٿو.“ +آءُ کلان ٿو، هاڻ وري هو پنهنجي جونيئر سينئر هجڻ تي وڙهن ٿا. +”تڪبر عزازيل را ابليس ڪرد.“ هوءَ چوي ٿي. +”تڪبر ڇا جو، آءُ سينئر ته آهيان نه، سينئر ابليس.“ +”پر آءُ به ته نوڪريءَ ۾ جونيئر آهيان، توهان جي جونيئر ته ڪونه آهيان. مغز ته پورو اٿوَ. آءُ سائين چيئرمن کي به ڪونه چوان. توهين سائين آهيو پنهنجين زالن جا.“ +آءُ کلان ٿو. زالن جا سائين آهيون يا ...... +”اسين ڪو بيڪار ماڻهو آهيون ڇا؟“ +”بيڪار به چڱا آهن. چڙي ڇو ٿا پئو.“ +”سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي.“ هوءَ چڙ مان چوي ٿي، ”ماڻهو اهڙا آهن جو دعويٰ ٿا ڪن.... سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي.“ +”هجي همت ته نالو وٺو، فلاڻو الف، ب، ت.“ +”اسان جي همت نه آزمايو. مس مس پنهنجو پارو آڻي هيٺ بيهاريو اٿئون. سانگيءَ جو بيت ٻڌو: +جو اکين سان نه ڏٺو ڪنهن، سو ڏسون ٿا يارو، +جو ڪنن سان نه ٻڌو ڪنهن، سو ٻڌون ٿا يارو. +پٽيوالو اخبار ٿو آڻي. هو جهٽ هڻي هڪ اخبار ٿو کڻي ۽ ٻي هن کي ٿو ڏئي. +”مون کي ڪني اخبار ڏني اٿو، هوءَ ڏيو. هن ۾ ته رڳو خونن جون خبرون آهن. رڳو ڦرون، ڌاڙا، جهازن جو اغوا، باهيون عورتن سان زوري... ڦٽڪا. نه نه، مون کي هوءَ ڏيو... هوءَ .... هن ۾ به اهي ئي خبرون آهن. پر بين الاقوامي سطح جون آهن. رڳو سنڌ جي باري ۾ ناهن....“ +سنڌ جي باري ۾ خبرون، ”سماج دشمن عناصر تي ڪرڙي نظر رکي وڃي.“ زناني بوٽن جو آواز، هوءَ به اچي پئي. اخبار جا پنا پئي اٿلائي، منهن جو پنو ئي خبرن ڏسڻ سان لهي ٿو وڃيس. سڄي شادابي، ميڪ اپ، هڪ ئي خبر پڙهڻ شرط لهي ٿو وڃيس. +”جهازن ۾ چڙهندو ڪير، گهوڙاڙي ننڍڙا جهاز به ڪريو پون.“ هن جو احتجاج. +”موٽرسائيڪل ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، ستار ايڌي ٽرسٽ، توبهه توبهه.“ +”نوجوان شاگرد ۽ رڪشا ۾ ٽڪر.“ کل جو آواز. هاڻ موت جون خبرون کلائن ٿيون، ڄڻ مزاحيه ڳالهيون هجن! +”سپر هاءِ وي تي ڦر جو واقعو، ٺيڪيدار ۽ سندس ڀاءُ زخمي. ڊرائيور گرفتار، ڪلينر ڀڄي ويو.“ خبرون خبرون ۽ خبرون. ”ڪلاشنڪوف، آٽوميٽڪ...“ +”سائين، آءُ پنهنجي شعبي جي ٻاهران هڪ بورڊ هڻائڻ چاهيان ٿو.“ بزرگ خاندان جو بزرگ نوجوان ٻڌائي پيو. +”موجوده حڪومت مذهب جي باري ۾ انقلاب آندو آهي.... هٿوڙا گروپ جا چار ڄڻا گرفتار.“ هوءَ خبرون پئي پڙهي. +”سائين، آءُ پنهنجي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ چاهيان ٿو.“ +”ها، پر شيرشاهه جي سڌارن کان پوءِ ڪهڙا سڌارا ايندا. سڀ شيرشاهه ٿيڻ ڇو ٿا چاهيو؟ جيڪي آهي تنهن کي سڌاريو، وڌايو.“ +اخبارن جي کڙکڙ..... ۽ ماٺ..... خاموشيءَ...... سامهون ڊاڪٽر جي ميز تي ٻه انڊپينون هولڊرن ۾ خاموش ۽ حيران آهن. +”سوچن ۾ ويهي پورا ٿي ويندا.“ چوي هڪ کي ٿو جواب ٻيو ٿو ڏي. اسان کي ڪو افسوس هاڻي ڪو نه ٿو ٿئي. ڪن ٻين کي ٿئي، جيئن هُنن کي، هِنن کي.“ +”ها.... سيءُ ٿو پوي.... ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب ڇهه ڄڻا زخمي. هوءَ کلي ٿي، ”انتقال پرملال“ وري کلي ٿي. ”چوويهه ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪندا ڊاڪٽر..... مريضن جي تباهي آهي.“ هوءَ وري کلي ٿي. +آءُ به کلان ٿو. هي سڀ خبرون.... سڀ ڳالهيون کلڻ جهڙيون آهن. +”اڳين رات بس مان ڦر ڪري ويا.“ +”اهو ته آزار ٿي پيو. هاڻ ويندو ڪير ڪراچيءَ.“ +”ٻيون خبرون آهن، اهي پڙهه. ريگن- گورباچوف جي زالن وچ ۾ فيشن جي مقابلي جون به ته خبرون آهن. ايڊز جي مرض جي باري ۾ نئين معلومات به ته آهي....“ هو صلاح ٿو ڏئي. +هو ڪنڌ هيٺ ڪري لکي پيو ۽ هوءَ مسلسل ڳالهائي پئي. ”نئين هائوسنگ سوسائٽيءَ جو اشتهار آهي. عوام گهر، سٺ گزن، چاليهه گزن ۽ پنڌرهن گزن جا ڪشادا بنگلا...... اسپتالون ۽ اسڪول به ويجها آهن. شهر کان صرف سؤ ميلن جي مفاصلي تي ٻيلي جي ڪپ تي. سهڻا نظارا.... آڊيو ويزيوئل، آواز به ٻڌو جانورن جا، پکين جا، گولين جا.... جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽلين، چڙن ۽ گهنڊڙين جا.“ +”وڏا ٿي وياسين، هڏا ٿي وياسين.“ هو افسوس مان چوي ٿو. +”شاخن کي کنڊ ڇو ٿا پون.“ هوءَ چوي ٿي. +”شاخن جا کنڊ وري ڪن ٻين جا کنڊ ڀريندا آهن.“ هن چيو، پر هن ڪونه سمجهيو. +”سائين، توهان جي دوست وري به فون ڪيو هو، ڇا ٿيو ڪم جو“ ٻاهران ڪو اندر آيو. +”ملڪـﮧ حسن ڇا کي چوندا آهن.“ هن حيرانيءَ وچان چيو. +”پي-ايڇ-ڊي ڪئي اٿئي پر اها خبر ڪا نه اٿئي.“ هو چويس ٿو ”مون پي. ايڇ. ڊي، حسن تي ڪانه ڪئي آهي.“ هن بيزار ٿي چيو ”چڱو هاڻ ماٺ ڪريو.“ هوءَ هُن ڏانهن وڃي ٿي جنهن ڪجهه لکيو پئي.... ”هي ڇا آهي، پي. ايڇ. ڊي.“ +”نه نه ڇا جو آرٽيڪل آهي.“ +”آءُ به لکان ٿي، پر ڇو لکان.“ هن جي هر ادا مان بيزاري پئي بکي. +آءُ کلان ٿو، بيزاري به هڪ روپ آهي. جڏهن ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه بچي ته پوءِ سواءِ بيزاري جي ٻيو ڇا حاصل ٿيندو. +هوءَ هلي ٿي وڃي باٿ روم ۾. صابڻ سان منهن ٿي ڌوئي، تازو ميڪ اپ ٿي ڪري. ڪريم، پائوڊر، لپ اسٽڪ، آءِ شيڊ، پرفيوم جو اسپري. خبرن جي ڌپ ختم ٿي ڪري. آهستي آهستي ڪو گيت جهونگارڻ ٿي لڳي. سندس بيزاري ختم ٿي ٿئي. هوءَ واپس ٿي اچي. پٽيوالو چانهه جو ڪوپ هن جي اڳيان آڻي ٿو رکي. هوءَ کنڊ ملائڻ لاءِ چمچو ڪوپ ۾ هلائڻ ٿي لڳي. چمچو ڦرندو ٿو رهي.... ڦرندو ٿو رهي ۽ چانهه جي گرمي ٻاڦ بنجي اڏرندي ٿي وڃي. +آءُ وري سوچان ٿو ته ”ماڻهو چانهه جي ٻاڦ ۽ سگريٽ جي دونهين ۾ پناهه ڇو ٿا وٺن. ڪرندڙ ديوار کي ڪيستائين ٿوڻين جي سهاري بيهاري سگهبو. ڀلي ته ڪري. وري نئين ٺهندي، ڊهندي نه ته ٺهندي ڪٿان؟ ائين ته نيون تهذيبون وجود ۾ آيون. ۽ انهن جو ڇا ٿيو، جن نواڻ قبول نه ڪئي. ماضيءَ ۾ ئي دفن رهيا. ماضيءَ کي عبرت ۽ سبق لاءِ نه پر رهڻ لاءِ چونڊيائون.“ +سڀ ڪجهه وڌي پيو، اڳتي پيو وڌي. جيڪو نه ٿو وڌي، اهو پنڊ پهڻ ٿيو پوي. ڪنهن جادوگر جي بانسري يا پريءَ جي ڇهاءَ جي انتظار ۾، جيڪو اچي جاڳائيندس. نه نه، هاڻ پريون ۽ جادوگر ڪونه ايندا. جاڳڻوئي پوندو، جاڳڻو ئي پوندو. جي ٻيو ڪو آواز نه جاڳائيندس ته ڪوپ ۾ ڦرندڙ چمچي جو مسلسل آواز ئي جاڳائيندس. نه ته اسٽيج جي ان اداڪار وانگر پاڻمرادو مري ويندو، جيڪو ڳچ وقت مسلسل اسٽيج تي نه آيو هجي ۽ ماڻهو هن کي وساري چڪا هجن. +ٻه خوبصورت نينگريون هن وٽ بيٺيون آهن. هنن جي موجودگي ماحول کي سُرهو ڪري ڇڏيو. ”آپا، توهان ۾ ڪم آهي.“ هنن هڪ آواز ٿي چيو. +”بنا ڪم جي به ته ڪو اچي.“ هن چيو. +”ڪم کان سواءِ ڪير ايندو؟ ڪير به ڪونه ايندو. جي چاهين ته تو وٽ ڪو اچي ته ڪم ڪر، مسلسل ڪم ڪر. ٻيو ڪو ڪم نه ڪري سگهو ته ان چمچي کي ئي ڪوپ ۾ ڦيرائيندا رهو. اهو فڪر نه ڪريو ته ڪوپ ۾ چانهه آهي به يا نه. بس چمچي جو آواز ايندو رهي.“ +چانڊوڪيءَ جو زهر +انيس انصاري +اتفاق سان منهنجي بدلي به ان برانچ ۾ ٿي، جنهن ۾ آفتاب ڪم ڪندو هو، مان ان بابت اڳ ڪافي ٻڌي چڪو هيم، کيس ڪي ولي سمجهندا هئا ته ڪي شيطان. سندس ٻوٽي به ڪنهن سان گڏ ڪين رجهندي هئي. هوندو به تن تنها هو. نه ڏيندو هو سلام ڪنهن کي ۽ نه وٺندو هو سلام ڪنهن کان. ڪم تي البت سوار هو. ٽيبل صاف ڪري اٿندو هو، پوءِ کڻي کيس ٻه ڪلاڪ وڌيڪ ڇو نه ويهڻو پوي. +مون کي حيدرآباد آئي رڳو ٻه مهينا ٿيا هئا. پهريائين ته مون کي جنرل برانچ ۾ رکيو ويو ۽ بعد ۾ اڪائونٽ برانچ ۾، جنهن ۾ آفتاب رڳو ئي ڪم ڪندو هو، مان سندس طبيعت جي رُکائي بابت پهريائين ٻڌي رکيو هو، تنهن ڪري ساڻس ويجهو ٿيڻ جي ڪڏهين به ڪوشش ڪانه ڪيم. +هڪ ڏينهن هو دستور جي خلاف اچي منهنجي ٽيبل جي ڀرسان بيٺو ۽ ان تي رکيل ڪتاب کڻي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو. اهو ڪتاب منهنجو هڪ دوست تازو مون لاءِ آمريڪا مان وٺي آيو هو. ڪتاب Colins Wilson جو لکيل هو ۽ نالو هئس “Occult”. ڪتاب اٿلائي پٿلائي، بنا مون کان پڇڻ جي کڻي ويو پنهنجي ٽيبل تي ۽ لڳس پڙهڻ. آفيس ختم ٿيڻ تائين آفتاب ڪتاب پي پڙهيو. آفيس جي ڪم ڏانهن ڏٺائين به ڪين،آفيس ختم ٿيڻ وقت ڪتاب اچي منهنجي ٽيبل تي رکيائين منهن تي مسڪراهٽ آڻي چيائين ”مهرباني.“ چوڪيدار ٻئي ڏينهن تي ٻڌايو ته آفتاب اڌ رات تائين ويهي سرڪاري ڪم پورو ڪيو هو. +ٻئي ڏينهن تي به مون ساڳيو ڪتاب ٽيبل تي اچي ساڳئي هنڌ رکيو، پر ان ڏينهن آفتاب ان ڏانهن اک به کڻي ڪين ڏٺو. هاڻي مون کي ان برانچ ۾ ڪم ڪندي ڏيڍ مهينو ٿي ويو هو. هڪ ڏينهن آفيس سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته ٽن ڏينهن بعد اڪائونٽ جي آڊٽ ٿيڻي هئي، ان ڪري مان ڪتاب چڱيءَ طرح بند ڪري بئلنس ڪئش سان ملائي رکان. ان ڏينهن ڏيتي ليتي ڪرڻ بعد ڪئش جو کڻي ڪتاب سان ملايان ته ڪئش ۽ ڪتاب جي بئلنس ۾ پنجٽيهه رپين جو فرق هو. پنجٽيهه رپيا ڪيش ۾ گهٽ پئي بيٺا. مان سارو پگهرجي ويس. ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر غلطي ڪٿي هٿ نه آئي. آخر آفيس سپرنٽينڊنت سان وڃي ڳالهه ڪيم ۽ چيومانس ته پنجٽيهه رپيا وجهي ڪئش ڪتابن سان ملائي ٿو رکان. هن وراڻيو، ���ميان، پئسن جي ڳالهه نه آهي. متان ڪتاب ۾ ڪا غلطي هجي.“ چيومانس، ”ڪتاب مان چڱيءَ طرح چڪاسيا آهن. انهن ۾ غلطي ڪانه آهي. شايد پئسا ڪنهن کي وڌيڪ ڏئي ويٺو آهيان.“ ان تي سپرنٽيڊنٽ مون کي ڪتاب ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو ۽ مون کي دلداري ڏنائين ته هو پاڻ ئي غلطي ڳولي لهندو. ٻئي ڏينهن تي ڪتاب موٽائيندي سپرنٽينڊنٽ چيو، ”ميان ڪئشيئر! غلطي مان به هٿ ڪري نه سگهيم. پاڻ ڄاڻ، ڪئش لاءِ تون جوابدار آهين.“ +اللہ اللہ ڪري مس مون کي نوڪري ملي هئي. ايم. اي. پاس ۽ ڪلارڪي! سمجهيم ته اها ڪلارڪي به ڄاڻ هٿن مان وئي. اوچتو هڪ خيال آيو. هليو ويم آفتاب جي ٽيبل تي. چيومانس، ”مسٽر آفتاب؟ آڊٽ ٿيڻ واري آهي. پنجٽيهه رپيا ٿا ڪئش مان کٽن. غلطي هٿ نه ٿي اچي. اوهان مهرباني ڪري ڪتاب ڏسندءُ؟“ +هن ڪو به جواب نه ڏنو، منهنجي ٽيبل تي ويو ۽ وڃي ڪتاب کڻي آيو، هڪ ڪرسي گهلي مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين. هن غير معمولي قدم تي سڄي آفيس اسان ڏانهن ڏسڻ لڳي. ڪي ڪلارڪ حيرت مان ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي مسڪرائي رهيا هئا. آفتاب گذريل مهيني جو ائبسٽريڪٽ کولي ڏٺو ۽ ويو اُن کان پوءِ جون داخلائون ڏسندو ۽ وائوچرن سان ڪتاب ڀيٽيندو. هڪ هنڌ آڱر رکي چيائين، ”غلطي هتي آهي. پنجٽيهه رپيا ٿو فلٽ ۽ فنائيل تي ڏنا آهن، اهي تو حساب ۾ آندائي نه آهن.“ غلطي چار ڏينهن اڳ جي هئي. ڳاڙهي مس سان غلطي درست ڪري، آفيسر جون صحيحون وٺي ڪتاب بند ڪري، ڊبل لاڪ ۾ رکي، هڪ چاٻي رکيم پاڻ وٽ ۽ ٻي ڏنم سپرنٽينڊنٽ کي. هاڻي مان آڊٽ لاءِ تيارهيم. اها رات مان آرام سان گذري. +چار مهينا ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ جي جاءِ نه پئي ملي. هڪ ڏينهن آفيسر مون کي گهرائي چيو، ”مسٽر جميل! لطيف آباد نمبر 6 ۾ هڪ سي ٽائيپ ڪوارٽر خالي ٿيو آهي. اهو ڪوارٽر اسان جي کاتي کي الاٽ ٿيل آهي، جي تون ويهڻ گهرين ته چاٻي وڃي آفيس سپرنٽينڊنٽ کان وٺ.“ جڏهن مختصر مڏي کڻي وڃي ڪوارٽر ۾ ويٺس ته معلوم ٿيو ته آفتاب ساڳي لائين ۾ 20- سي ۾ رهندو آهي. +حيدرآباد مون لاءِ نئون شهر هو. نوڪريءَ سانگي اچي اتي رهيو هيم، به ته ان کا اول مان هن طرف آيوئي نه هئس. نئين هئڻ ڪري شهر ۾ منهنجي واقفيت به ڪانه هئي. ڪوارٽر ۾ اچڻ کان اول ڪجهه مهينا آفيس لڳ چوڪيدار جي ڪوارٽر ۾ گذاريا هئم، جو هن مون کي مُنجهيل ڏسي پاڻ ئي آڇيو هيو. +واند ڪائي وقت لطيف آباد ۾ مون لاءِ تفريح جا ٻه ذريعا هئا- هڪ پيدل سير ۽ ٻيو ڪتاب پڙهڻ. هڪ ڏينهن رئوف ڳالهين ڪندي مون کي ٻڌايو، ”ميان تنهنجي لطيف آباد جي پٺيان ته سنڌو ٿي وهي. ڪڏهن ڪڏهن ان طرف به تفريح لاءِ نڪري ويندو ڪر.“ هڪ شام جو مان پڇائيندو وڃي درياهه جي ڪنٺار تي نڪتم، مزو اچي ويو. اتي هڪ پمپنگ اسٽيشن پڻ موجود هئي، جتي ڪجهه ٻارا گلن جا پڻ لڳل هئا. مان سنڌوءَ جي ڪناري ويهي ڪوٽڙي پل ۽ شهر ڏانهن پئي نهاريم ته ڪنهن منهنجو نالو وٺي سڏ ڪيو. پٺتي نهاريان ته پمپنگ اسٽيشن جي هڪ ڪوارٽر ٻاهران آفتاب بيٺو هو. مون کي پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي، هن هٿ سان پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيو. ان طرف ويم ته هٿ کان وٺي ڪوراٽر ۾ اندر وڃي کٽ تي ويهاريائين. بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهو ڪوارٽر پمپنگ اسٽيشن جي مستري نبي بخش جو هيو، جنهن وٽ ڪنهن ڪنهن مهل آفتاب اچي ويهندو هو. جنهن وقت مان ويم ته نبي بخش چانهه تيار ڪري رهيو هيو. هٿ اگهي اچي مون سان محبت سان مليو ۽ چيائين، ”سائين! هن طرف اچڻ ٿئي ته ٻه پير ڀري مون مسڪين وٽ به ايندا ڪريو.“ +چانهه پي ٻه منٽ نبي بخش سان ڳالهيون ڪري مان ۽ آفتاب اچي درياهه جي ڪناري تي ويٺاسين ۽ لڳاسين شفق جو نظارو ڪرڻ. آسمان ۾ هلڪا هلڪا ڪڪر ڇانيل هئا، جي سج جي روشنيءَ رنگ مٽائي رهيا هيا. دور پريان ڪنهن هنڌان اذان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آفتاب اٿي پمپنگ اسٽيشن جي ڀرسان لڳل پائيپ مان وضو سارڻ لڳو ۽ مان آهستي آهستي قدم کڻندو لطيف آباد واپس ورڻ لڳم. +هڪ آچر جو (آچر انهن ڏينهن ۾ موڪل جو ڏينهن هو)، ڪنهن اچي منهنجي ڪوارٽر جو دروازو صبح سويري کڙڪايو. نڪري ڏٺم ته آفتاب هيو، اندر وٺي ويومانس. هو لڳو الماريءَ ۾ منهن جا ڪتاب ڏسڻ ۽ مان وڃي چانهه تيار ڪري ورتي. ان ڏينهن آفتاب سان ڪافي ڪچهري ٿي. هو هيو به موڊ ۾، هاڻي هو مون وٽ ڪڏهن ڪڏهن اچڻ لڳو، (مان وٽس ڪڏهن به نه ويم. هن نه ڪڏهن مون کي وٽس وڃڻ لاءِ چيو ۽ نه مان ئي ڪڏهن ساڻس اها ڳالهه چوري) هڪ ڏينهن هن پڇيو، ”ڪڏهن گنجو گهميو آهين؟“ +بابا، گنجو ٽڪر، ”گنجو!“ مون تعجب مان چيس تيار ويهجانءِ ايندڙ آچر تي سوير اوڏانهن هلنداسين.“ +آچر آيو، صبح جو سوير آفتاب اچي ڪوارٽر جو در کڙڪايو. کيس ڏٺم ته مون کان کل نڪري ويئي. هڪ ڪهلي تان ڪپڙي جو ٿيهلو لڙڪي رهيو هيس ۽ ٻئي تان ٿرمانس، ”ٿيلهي ۾ ڇا کنيو اٿئي.“ +چيائين، ”هل- پاڻهي پتو پوندءِ.“ +گنجو ٽڪر ته هڪڙي ننڍڙي ٽڪري ٿي آئي ٺوڙهي ۽ گنجي، پر آفتاب جي سنگت ۾ اتي گهمندي ان ڏک ئي ڪا ٻي ڏني. ڪافي مهينن تائين موڪلن ۾ (جي ڳوٺ نه ويندو هيس ته) آفتاب سان گڏجي گنجي ٽڪر جو چڱو سير ڪيم. هڪ دفعي گنجي ٽڪر گهمندي آفتاب مون کي هڪ انڌيري غار ۾ وٺي ويو. اتي ٿيلهي مان ننڍڙي ٽارچ ڪڍي ڦيرايائين ته هر طرف کان تجلا ايندي پي نظر آيا. پڇيومانس: ”هيرا آهن ڇا؟“ +ٻڌايائين ته ابرڪ هيو. غار جي ديوارن ۾ ابرڪ جا تهن مٿان تهه پئي ڏسڻ ۾ آيا. ٻئي دفعي وري ميٽ جو ذخيرو ڏيکاريائين، جو چڪن جي صورت ۾ هڪ غار جي ديوارن ۾ کتل هيو. گنجي ٽڪر تي گهمندي جدا جدا ساهوارن جا پنڊ پهڻ(Fossils) به هٿ آيا. اهي سپين، ڪوڏين، تاري مڇي (Star Fish) ۽ ٻين پاڻيءَ جي ساهوارن جا هيا. آفتاب ٻڌايو ته گنجو ٽڪر ڪنهن وقت سمنڊ جي هيٺان هيو. هڪ دفعي گهمائيندي گهمائيندي آفتاب مون کي هڪ ڊٺل گول گنبذ نما عمارت وٽ وٺي ويو. پڇيو مانس: ”هي ڪنهن ڦٽل چوني جي بٺي جا نشان آهن؟“ کلي ڏنائين ۽ چيائين، ”ميان! هي ٻڌ وهار آهي.“ مان ان ڳالهه ۾ ساڻس اتفاق نه ڪيو. +هڪ ڏينهن پڇائين، ”پارسين جو قبرستان ڏسندين؟“ مان چيومانس، ”پاريسين جو قبرستان ٿيندو آهي ڇا؟ مون کي ته معلوم آهي ته پارسي پنهنجي عزيزن خويشن جا لاش هڪ هنڌ ڇڏي ويندا آهن. ماس کي جانور ۽ پکي کائي ڇڏيندا آهن. باقي هڏا هو خاص طرح ٺهيل کوهه ۾ ڦٽي ڪندا آهن.“ هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو، پر هڪ اهڙي هنڌ وٺي ويو، جتي پٿر جون وڏيون وڏيون گهڙيل سرون رکيل هيون، جن تي گجراتيءَ ۾ نالا ۽ مرڻ ڄمڻ جون تاريخون لکيل هيون. نالا پارسين جا هيا. پتو نه آهي ته پارسين جا اتي هڏا پوريل هيا يا مسلمانن وانگر سالم لاش. +مان آفتاب جي طبيعت مان واقف ٿي ويو هيم. جنهن وقت هو ڳالهائيندو هو ته مطلب جو جواب ڏيندو هو مانس، وري ٻنهي طرفن خاموشي طاري هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندا رهندا هواسون، پر هڪ اکر به ڪين ڳالهائيندا هواسون. +آفتاب جي ڪپڙي جي ٿيلهي ۾ ڪافي ڪجهه هوندو هو. ان ۾ ڊبل روٽي، اوٻاريل آنا، جيلي يا جام، موسم جي مناسبت سان ڪو ميوو، دوربين، ڇيڻي ۽ ننڍو هٿوڙو (فاسل جدا ڪرڻ لاءِ) ۽ ننڍي ٽارچ هوندي هئي. ماني ڪنهن ڇانوري ۾ ويهي کائيندا هئاسين، ۽ ٿرماس، جو پڻ هو پاڻ سان کڻندو هو، ان ۾ هوندي هئي چانهه. +ڪنهن ڪنهن وقت آفتاب جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جي شوخي، لالائي ۽ چمڪ پيدا ٿيندي هئي. ان وقت مان کانئس دور رهندو هيس. پهريون دفعو اهڙي تبديلي منجهس مان هڪ شام جو سنڌوءَ جي ڪناري ڏٺي هئي. هن ۽ مان پٿر تي ويٺي وهندڙ پاڻيءَ جو پئي نظارو ڪيو ته اوچتو آفتاب ٽَپ ڏئي اُٿيو ۽ مون ڏانهن منهن ڪري رڙ ڪيائين، ”اُٿي“. مان ڏانهنس حيرانيءَ مان ڏٺو. هن ٻيهر رهڙ ڏئي چيو، ”ٻڌين نه ٿو؟ اُٿي!“ مان اٿي کڙو ٿيم. لطيف آباد ورندي اسان ان ڏينهن ڪجهه به نه ڳالهايو. ٻئي دفعي وري گنجي ٽَڪر تي هڪ ڇپ تي ويٺا هئاسون، ۽ پئي ڳالهيون ڪيوسين. اوچتو ڪنهن خيال اچڻ تي مون ٽيڏي اک سان آفتاب ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين ۾ اها خاص چمڪ موجود هئي. ان هر مون ۾ پي نهاريو ۽ هر سير کن تور هڪ پٿر ۾، جو سندس ڀرسان پيو هو. هن دفعي مان ٽپو ڏئي پري وڃي بيٺم ۽ رڙ ڪري کيس چيم ”اُٿي.“ آفتاب جي اکين مان چمڪ غائب ٿي چڪي هئي، جن ۾ هاڻي حيراني صاف نظر اچي رهي هئي. گهڻو گهڻو پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته درياهه جي ڪناري جڏهين مان ٽپو ڌئي پري وڃي بيٺو هيم ۽ تو کي اٿڻ لاءِ چيو هيم ان ڇينهن منهنجي من ۾ خيال پيدا ٿيو هو ته مان تو کي ڌڪو ڏئي درياهه ۾ ڪيرايان. ان ڳالهه کان پچڻ ڪاڻ مان پري وڃي بيٺو هيم ۽ توکي اُٿڻ لاءِ رڙ ڪئي هيم. مان ان کيس چيو ته آفتاب تون ۽ مان هڪ دفعي گنجي ٽڪر تي هڪ ڇپ تي ويٺا هواسون ته مان ٽپو ڏئي وڃي پري وڃي بيٺو هيم ۽ توکي اُٿڻ لاءِ رڙ ڪئي هيم. خبر اٿئي ڇو؟ ان تي ان ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. چيومانس ته اهو ان ڪري، جو ان وقت تنهنجي دل ۾ آيو هيو ته ڀرسان پيل پٿر کڻي منهنجي مٿي ۾ هڻين. آفتاب جي منهن تي پگهر جا وڏا واڏ ڦڙا نڪري آيا. +هڪ ڏينهن پنڌ وڃي هوسڙيءَ نڪتاسون. معلوم ٿيو ته اتان اڌ ڪلاڪ بعد ريل حيدرآباد لاءِ وڃڻي هئي. اچي اسٽيشن تي ويٺاسون. ان ڏينهن آفتاب جي گفتگو ڪجهه عجيب ڍنگ جي هئي. ڪجهه اشارن ۽ ڪناين ۾ پئي ڳالهايائين، هڪ سوال هن مون کان جو پڇيو سو هو، ”جميل! ڪڏهين چانڊوڪيءَ ڏنگيو اٿئي؟“ +مون چيس، ”چانڊوڪي نانگ آهي ڇا؟“ +چيائين، ”اُن کان به بُري!“ +چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان ۾ کِڙيو بيٺو هو. مان ۽ آفتاب سنڌوءَ جي ڪناري ويهي ان جو عڪس پاڻيءَ ۾ ڏسي رهيا هئاسون. پري کان گدڙن جون اونايون اچي رهيون هيون. پاڻيءَ جي سر سراهٽ ۽ گدڙن جي اوناءَ کان سواءِ فضا خاموش هئي. اسان ٻئي خيالن ۾ گم، چنڊ جي چانديءَ کي پاڻيءَ جي وڪڙن ۾ ورهائجندو پئي ڏٺوسين ته اوچتو مون پنهنجي ڪرنگهي جي هڏي وٽان هڪ سرديءَ جي لهر اُٿندي محسوس ڪئي. ان کان سواءِ دماغ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي. مون ڏٺو ته جسماني ۽ دماغي طور مان مفلوج ٿي چڪو هوس. درياهه جي اجلي پاڻيءَ مان مون باهه جو ڄِڀيون اُٿندي ڏٺيون، جنهن جي مٿان ڪارا پاڇا شيطاني ناچ نچي رهيا هئا. دور ڪنهن هنڌان هلڪن سُرن ۾ گهنڊڻين وڄن جو آواز پئي آيو. چنڊ باهه جي گولي ۾ تبديل ٿي چڪو هو. اوچتو منهنجي ذهن ۾ مون کي هڪ خيال آيو، ”مون کي چانڊوڪيءَ کان پاڻ ڏنگائڻو نه آهي.“ بدن مان هڪ درڙي نڪري ويئي. پاڇا غائب ٿي ويا. باهه جي ڌارا بدارن سنڌوءَ ۾ پگهريل چاندي وهي رهي هئي. چنڊ پنهنجي اصلي روشني ڦهلائي رهيو هو. دور کان گهنڊڻين جو ايندڙ آواز گم ٿي ويو هو. مون آفتاب ڏانهن نهاريو، هو ٽڪٽڪي لائي مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. مان اُٿي کڙو ٿيس ۽ کيس چيم، ”مون کي ننڊ ٿي اچي، مان وڃان ٿو.“ هن مون کي ڪونه روڪيو. پروگرام جي الٽ پمپنگ اسٽيشن تي باقي رات گهارڻ جي بجاءِ ان وقت ئي لطيف آباد ڏانهن رخ ڪيم. اڪيلوئي اڪيلو جهنگ جهر مان وات ڪندو اچي گهر ڀيڙو ٿيم. کٽ تي سمهڻ سا�� ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوريءَ جو ايڏو ته احساس ٿيو جو ليٽڻ بعد ڪو پتوئي نه رهيو ته ڪهڙي ملڪ يا جهان ۾ آهيان. +ان دوران مون مقابلي جو امتحان پاس ڪري ورتو ۽ روينيو کاتي ۾ کنيو ويم. حيدرآباد ۽ ان سان گڏ آفتاب کي خيرباد چئي ٽريننگ پوري ڪري وڃي نوڪريءَ ۾ لڳم. شروع ۾ ته پنهنجي پنڌ گهمڻ جي عادت جو موڪلن جي ڏينهن تي پورائو ڪرڻ لڳم، پر پوءِ روينيو کاتي جي ڪم جي نوعيت ۽ گهڻائي ڪري اهڙين تفريحن کي ڇڏڻو پيو. اتفاق سان منهنجي بدلي سيوهڻ ٿي. اتي جبلن ۽ پهاڙين جي ويجهائپ وري منهنجو خيال پاڻ ڏانهن ڇڪيو. هڪ دفعو ٻن هم خيال دوستن سا ڀڳي ٺوڙهي تي ڪجهه ڪلاڪ گهارڻ جو پروگرام بنائي جيپ تي چڙهي هڪ هنڌ اچي ڪئمپ هنئي سين. اسان ڪم وارن کي ماني جلدي ٺاهڻ جو چئي لڳاسون جبل تي چڙهڻ. سهڪندا سهڪندا چوٽيءَ تي پهتاسون ته اتي هڪ ماڻهو ڏٺوسين، جو هڪ ڇپ جي اوٽ ۾ پرائيمس اسٽوو تي ڪجهه تيار ڪري رهيو هيو. اسان کي ڏسي هو اسان ڏانهن وڌڻ لڳو. پري ئي هيو ته مون کيس سڃاتو، هو آفتاب هو. ٻکئين پئجي وياسين. پڇيومانس، ”هتي ٿو ڏسجين.“ چيائين، ”هائو، ٽن ڏينهن کان هتي آهيان.“ پڇيومانس، ”چوٽي تي.“ جواب ڏنائين، ”صبح جو مٿي ايندو آهيان.“ گهمي ڦري شام جو وڃي ريلوي جي ڪئبن مئن جي ڪوٺيءَ ۾ سمهندو آهيان.“ هن جي چانهه تيار هئي. اسان به پاڻيءَ جو ٿرماس ساڻ کنيو هو، ان جي پيالين ۾ چانهه پيتي سين. مزو اچي ويو. پنهنجن دوستن کي آفتاب ۽ پنهنجي گنجي ٽڪر جي گهموم لاءِ ٻڌايم. ڪجهه وقت ويهي سڀئي هيٺ لهي آياسون ۽ گڏجي ماني کاڌي سون. مون آفتاب کي ٻڌايو ته ٻڌايو ته مان هاڻي سيوهڻ ۾ آهيان. کيس پاڻ سان هلڻ لاءِ چيم. هن ٻڌايو ته سندس موڪل اچي ختم ٿي هئي ۽ شام جو هو حيدرآباد ورڻو هو. هن البت وعدو ڪيو ته ڪنهن ڏينهن هو مون سان سيوهڻ ملڻ ايندو. +مٿين ڳالهه کي ٻه مهينا گذريا هوندا ته هڪ شام جو آفتاب سيوهڻ اچي پهتو. قلندر شهباز جي درگاهه تان ٿي موٽيو ته مانيءَ وقت سندس منهن پي ڏٺوسين نه ته هو ٻن ڏينهن تائين پنهنجي ڪمري ۾ اندر رهيو. چيائين ته هو ڏاڍو ٿڪل هو. آخر ٿڪ لاهڻ بعد هڪ شام جو مون کي چيائين، جميل صاحب! پرهينءَ چوڏهين رات آهي. اها رات مان لال باغ ۾ گذارڻ گهران ٿو. اوها ساٿ ڏيندءُ منهنجو؟“ پهريائين ته خيال آيو ته انڪار ڪريانس، پر پوءِ خيال اچڻ سان ته اها ڳالهه اخلاق جي بعيد ٿيندي، جي مان سندس ساٿ نه ڏنو. آخر مان ئي دعوت ڏئي کيس گهرايو هيو اتي. +لال باغ ۾ اڳي ئي بندوست ڪرائي ڇڏيو هيم. کليل هنڌ تي هڪ جهوپڙي بنائي ويئي هئي، جنهن ۾ موسم جي مناسب سان هنڌ بستري جو بندوست ڪيل هيو. ٽيون ماڻهو مون سان اردلي فقير محمد هيو. شام جو اسان باهه جي مچ جي ڀرسان ويٺا هئاسون. فقير محمد ٿورو پريان پيڙهي تي ويٺو هو. ان ڏينهن هوا ۾ خنڪي به ڪافي هئي ۽ وري جهوپڙي به هئي کليل، ان ڪري اجرڪ ڪڍي ويڙهي ويهي رهياسون ڳالهيون ڪرڻ. رات ڪافي گذري چڪي هئي. فقير محمد کي جهوٽا کائيندو ڏسي کيس اشارو ڪيم ته وڃي سمهي. سندس بستر به ان ئي جهوپڙي ۾ هڪ طرف کان لڳل هيو. چنڊ هاڻي پنهنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هو. اوچتو مون پنهنجي پٺيءَ جي ڪنڊي مان سرديءَ جي لهر اڀرندي محسوس ڪئي ۽ ڏٺم ته منهنجو جسماني ۽ دماغي طاقتور ويون پي گهنٽيون. باهه جي ڄڀي رنگ مٽائي نيري ٿي ويئي هئي. ٻاهر چانڊوڪي جو رنگ چهچ ڳاڙهو ٿي چڪو هيو، جنهن تي پاڇولا نچي رهيا هيا. دور ڪنهن هنڌان گهنٽين جو هلڪو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ مون تي غنودگي ڇانئجي رهي هئي. ”سائين!“ مون فقير محمد جو آواز ٻڌو جو نهايت جهيڻو هو. سائين!“ ٻيو سڏ مون پنهنجي ڀر ۾ ٻڌو ۽ ڪنهن منهنجي پٺيءَ تي هٿ رکيو ۽ چيو، ”سائين! سردي وڌي ويئي آهي. هاڻي اچي آرام ڪريو.“ مون ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪنهن ٻئي زماني ۽ ٻئي هنڌان ڌڪجي اچي ان هنڌ پهتو آهيان. بدن مان درڙي نڪري ويئي ۽ احساس ۽ نظارا خواب وانگر هوا ۾ گم ويا. +فقير محمد مون کي هٿ ڏئي اُٿاريو ۽ وڃي بستري ۾ ليٽايو. ڪمبل مٿان وجهڻ وقت آهستگي سان چيائين ”سائين! مان جاڳان ٿو، اوهان بي اونا سمهي پئو.“ صبح سان سجاڳ ٿيم ته ڏٺم باهه ٻري رهي هئي، جنهن جي ڀرسان فقير محمد لوئي ويڙهيو ويٺو هو. آفتاب اتي موجود ڪونه هو، چانهه تيار ٿي ته هو به اچي پهتو. چانهه پي شهر ڏانهن رونا ٿياسين. منهنجو هڏ هڏ چڪي رهيو هو. پهچڻ بعد آفتاب وڃڻ جي اجازت گهري. دستوري انڪاري ڪرڻ بعد مون کيس ٻئي دفعي اچڻ لاءِ چئي موڪل ڏني. آفتاب جي وڃڻ بعد فقير محمد مون کي چيو، ”سائين! پنهنجي ان دوست کان پري رهو ته چڱو.“ پڇيومانس، ”ڇو؟“ ته مرڪي کڻي ماٺ ڪيائين. +چانڊوڪي رات ۾ ٻه دفعا جيڪي ڪجهه مون ڏٺو يا محسوس ڪيو هيو، ان طرح جي تجربي لاءِ مان ٽيون دفعو تيار ڪونه هيس. پر انسان حالتن کان مجبور ٿيو وڃي. اهڙيون حالتون مون کي لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ دوران پيش آيون، جڏهن هڪ ڏينهن اوچتو آفتاب اچي وارد ٿيو. دستوري اليڪ سليڪ بعد چيائين، ”جميل صاحب! موهن جو دڙو گهمڻ آيو آهيان، پر اتي ٽن راتين گذارڻ جو پروگرام آهي. هڪ رات مون کي به اچي رهڻ لاءِ آماده ڪيائين. مان کيس ڇنڇر ڏينهن اچڻ جو وعدو ڪري، پنهنجي ماڻهوءَ ۽ ڪيوريٽر ڏانهن نياپي سميت آفتاب کي اوڏانهن موڪليو. واعدي موجب ڇنڇر جي شام پنهنجي دوست ڪريم سان گڏ اوڏانهن روانو ٿي ويم. شام جي مانيءَ بعد آفتاب مون کي چيو ”دوست! گرميون به آهن. رات به سهائي آهي، ڇو نه سڄي رات اسٽوپا تي گذريون؟“ مان کيس انڪار ڪيو، پر ڪريم باوجود منهنجن ڳجهن اشارن ڏيڻ جي، آفتاب جي طرف ٿي بيٺو. مجبور ٿي آخر مون به هائو ڪئي. +اسٽوپا تي آرڪيالاجيءَ وارن جي اجازت وٺي گلم وڇائي بسڪوٽ، چانهه ۽ پاڻيءَ جو بندوست ڪري وڃي ٽئي ڄڻا ويٺاسون. پهريائين ته دنيا جهان جون ڳالهيون هلڻ لڳيون، ان بعد آفتاب ۽ ڪريم قديم آثارن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا. مان ويٺي انهن کي ٻڌو. +آخر اهو وقت آيو، جنهن جو مون کي انديشو هيو. اوچتو ڪرنگهي وٽان سرديءَ جي لهر اڀري بدن ۾ ڦهلجي ويئي. پاڻ تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ خالين جي رخ کي موڙڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳم، پر ناڪام ٿيس. جسماني ۽ دماغي قوتون آهستي آهستي ختم ٿي رهيو هيون. ڪريم سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر زبان ڪين اٿلي. چند هاڻي رت جي هڪ وڏي دڳ وانگر نظر اچي رهيو هيو. چانڊوڪيءَ جو رنگ بدلجي ڳاڙهو ٿي چڪو هو. زمين مان دونهون اٿندي محسوس ڪري رهيو هيم، جو آهستي آهستي ڌنڌليون شڪليون اختيار ڪري رهيو هيون. اهي شڪليون ويون انساني صورت ۾ تبديل ٿينديون سئنيما جي منظر وانگر منهنجي سامهون جو نظارو هيو، سو بدلجي چڪو هيو. اسٽوپا جي ڀڳل گنبذ جي بجاءِ سالم اسٽوپا منهنجي اکين اڳيان موجود هئي، جنهن جي ٽن طرفن کان ننڍن ڪمرن ۾ ٻڌ ڀڪشو موجود هيا، جن مان ڪي آرام ڪري رهيا هيا ۽ ڪي عبادت. اسٽويا جي هيٺا ڪوٽ ڏنل هڪ بستي پڻ موجود هئي. مون اهو پڻ محسوس ڪيو ته مان، آفتاب ۽ ڪريم پڻ ان ماحول جا ڪي جُزا آهيون، دور سنڌوءَ جو پاڻي چانڊوڪيءَ ۾ جرڪي رهيو هيو. +پتو نه آهي ته اها حالت مون تي ڪيترو وقت طاري رهي. هاڻ اوڀر طرف صبح ٿيڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. ڀڪشو ٽولين جي صورت ۾ ڪرمنڊل هٿ ۾ کنيو ڏاڪڻين تان ��هي سنڌوءَ طرف وڃي رهي هيا. مان ۽ ڪريم انهن سان ساڻ هياسون. +”الصلواة خير من النوم“ جي آواز اچڻ سان ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيم. مان پاڻ کي ڪريم سان گڏ سنڌوءَ جي ڪناري تي ڏٺو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم، پر ڪوبه ڀڪشو ان وقت نظر ڪونه پئي آيو. البت دور هڪ ننڍڙو ڳوٺ هيو، جنهن جي مسجد مان ٻانگ اچي رهي هئي. مون ڪريم کي ڇهيو. هو به ڄڻ خواب مان بيدار ٿي پيو. ڀوَ گاڏڙ آواز ۾ پڇائين، ”اسان ڪاٿي آهيون؟“ +ڳوٺ جي مسجد ۾ فجر جي نماز پڙهڻ بعد پيش امام چيو، ”سائين! ايترو سوير سير لاءِ نه نڪرندا ڪريو. ٻهراڙيءَ جا ڪتا ڏاڍا خراب ٿيندا آهن.“ +شهدادپور ۾ پوليس هڪ ماڻهوءَ کي مون وٽ پيش ڪيو. ان ماڻهوءَ کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو هين. پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ کيس ”خطرناڪ چريو“ لکيو هيو، جنهن ڪن ماڻهن کي مارڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي. +پاڳل ٻيو ڪوبه ڪونه هيو، سواءِ منهنجي ڄاتل سڃاتل دوست آفتاب جي. مون کي ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، ”بچي وئين نه چانڊوڪيءَ جي زهر کان؟“ + + +ڪهاڻيون +تڏي تي ويٺل ماڻهو +رزاق مهر +انهيءَ شام جڏهن ڏينهن جا ٿڪل پاڇا لَڙي ويا هئا، ۽ سج جي آخري ڪِرڻن به اوندهه ۾ ٽُٻي هڻي پنهنجي هستيءَ جي اُجڙي وڃڻ جو اعلان ڪيو هو، تڏهن پيءُ وري اُٿيو هو، ۽ هلندو ان ساڳي در تي آيو هُو، جتي اڳ به ڪيئي ڀيرا ان ڏينهن اچي چڪو ۽ ان ويل ته هوا ۾ ڀڙڪو ڏئي اُجهامندڙ ڪنهن ڏيئي جي لاٽ وانگر اُجهامي ويو، جڏهن ڊنل ۽ پشيمانيءَ جي احساس ۾ وڪوڙيل هڪ نوجوان ٻاهر آيو هو. +زلزلا رڳو ڌرتيءَ تي ئي ته نه ايندا آهن. ڪي زلزلا اهڙا به ايندا آهن، جيڪي اندر ئي اندر انساني زندگين جي ڀڃ ڊاهه ڪري تباهي ڦهلائي ڇڏيندا آهن. نوجوان پٽ جي ٻُڏڻ جو ٻُڌي، پوڙهي پيءُ کي به ائين لڳو هو، ڄڻ زلزلو اچي ويو هجي، ڄڻ وڏو ڌماڪو ٿيو هجي، جنهن ۾ اندر ئي اندر هو ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو هجي. +۽ اڄ ٽيون ڏينهن هو. گهر ۾ اهڙو ئي زلزو آيل هو، تباهي مَتل هئي. موت جهڙي ويراني گهر جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل هئي. مري وڃڻ کان پوءِ لاش نه ملڻ جو ڏک، اندر ئي اندر هن کي درياهه جي ڇوهي پاڻيءَ جيان ڪوريندو رهيو هو، ڀڃندو ۽ ڊاهيندو رهيو هو. هو جڏهن به پٽ جي جدائيءَ تي ويچار ڪيو هو، تڏهن پاڻ کي به ڪنهن اهڙي لاش وانگر محسوس ڪيو هئائين، جو کليل آسمان هيٺان بي ڪفن ڇڏيو ويو هجي ۽ وقت جون بي رحم ڳجهون جنهن جي ماس پَٽڻ لاءِ تيز چهنبن سان حملو ڪرڻ لاءِ پَرَ ڦڙڪائينديون هجن. +”هاڻي ڇا ٿيندو هن جو! شاهن ئي ته هن جي پوڙهپ جو آخري سهارو هو. هن جو دوست هو، همدرد هو. هاڻ ڪنهن سان ويهي ڏک سور اوريندو؟ ڪير هن جي گهر جو ٻوجهه شاهن وانگر پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلندو.“ +هو خلائن ۾ گهورڻ لڳو، ڏور ديوارن ۽ وڏين عمارتن جي هن پار، ماضيءَ جي رڻ ۾ هڪ وڏو طوفان اچي ويو. پٺتي ڇڏيل گس نظر آيس. پوءِ گس مٿان ڌنڌلا ڌنڌلا عڪس، آهستي آهستي چِٽا ٿيڻ لڳا ۽ هو شاهن ڏسڻ لڳو. ننڍڙو شاهن، ٻاتا ٻاتا ٻول ٻوليندڙ شاهن. جو ڄائو هو ته پيءُ ڪيڏو نه خوش ٿيو هو، ڪيڏي نه آسيس ملي هئيس. جيئن ڪنهن اُڃايل کي صحرا جي تپندڙ ميدانن ۾، مٺي پاڻيءَ جو چشمو ملي ويو هجي. اهڙي ئي خوشيءَ جو احساس ڦهلجي ويو هو هن جي نس نس ۾. هن جو آئيندو شاهن ئي ته هو. شاهن ئي ته هن جي خوشين کان خالي اونداهي زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي علامت هو. +هن پٽ کي پڙهايو، وڏن ڪشالن سان هن جي تعليم جي سلسلي کي جاري رکيائين. اهو سوچي ته پٽ وڏو ماڻهو بنجي، هن جا سڀ اهنج لاهي ڇڏيندو. پوءِ هو بنا ڪنهن خواهش جي مري سگهندو. +هو جڏهن سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کان پوءِ ٿڪجي ٽُٽي، کٽ جي قبر ۾ داخل ٿيندو هو ته، هن جي خواهشن جا لاش زندهه ٿي هن سان سرگوشيون ڪرڻ لڳندا هئا. عمر جي سموري عرصي ۾ ڇا مليو هو هن کي؟ غربت، اڻپوريون خواهشون ۽ محروميون ئي ته پلئه ۾ ٻڌي هن زندگي گذاري هئي. هاڻي ته عمر جي ان حد کي پهچي ويو هو، جتي پنهنجي آئيندي لاءِ ڪو موهه نه رهيو هئس. رڳو هڪ آس ئي بچي هئس ته، هو جيڪو سک ڏسي نه سگهيو، خوشيون ماڻي نه سگهيو، اهي سڀ پٽ حاصل ڪري سگهي. زماني جي ٻين ماڻهن وانگر هن جو پٽ به، خوشين سان ٽمٽار زندگي گذاري سگهي. هن کي پيءُ وانگر مزدورن جي پِڙيءَ تي ويهي اهو عذاب سهڻو نه پوي، جو ڏينهن چڙهي تائين، ڪڏهن ڪڏهن ڏيهاڙي نه لڳڻ ڪري هن کي سهڻو پوندو هو. +شاهن جي بهتر مستقبل لاءِ دعائون گهرندو هو. پيرن جي مزار تي اگربتيون ٻاري خدا کي ٻاڏائيندو هو، ۽ هڪ ڏينهن شاهن کي بئنڪ ۾ ڪلارڪي ملي وئي ته پيءُ کي ائين لڳو هو، ڄڻ هن جي ڪاڙهن سان لوُساٽجي ويل جسم ۾، بهار جي مند ۾ گهلندڙ ٿڌڙي هِير گهلي وئي هجي. ڪيڏو نه خوش ٿيو هو. پنجاهه سالن تائين موسمن جي بي رحم زد ۾ اچي هن جيڪو سخت پورهيو ڪيو هو، سِرون ڍويون هئائين ۽ تغاريون کنيون هئائين، پٽ جي نوڪريءَ جو ٻڌي سمورو ٿَڪ ۽ سمورو سور لهي ويو هئس. بي پناهه خوشيءَ جي احساس کان جسم ۾ ڦرڪڻي اچي وئي هئس. ڪيڏو نه هلڪو هلڪو محسوس ڪيو هئائين پاڻ کي. +ٻئي ڏينهن شاهن جي چوڻ تي، پڙيءَ تي وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين. هاڻ کيس ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا پهريل نه هوندا هئا ۽ نه ئي ڏيهاڙي لڳڻ ۽ نه لڳڻ جي اڻ تڻ هن جي اکين مان ليئا پائيندي هئي. اڇا اجرا ڪپڙا پهري هو ڪڏهن مسجد جي ٿڌي ڇانو ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن گهر کان پريان جهوني سرنهن جي وڻ هيٺان، موري تي وڃي ويهندو هو. اڳي زندگي ڪنهن دُٻي جي بيٺل پاڻيءَ وانگر محسوس ٿيندي هئس ۽ هاڻ ڄڻ ته موري هيٺان وهندڙ شفاف پاڻيءَ جهڙي رواني اچي وئي هئس ساڳي زندگيءَ ۾. وقت سٺو گذري رهيو هئس. ڪو غم، ڪا ڳڻتي نه هئن. پيءُ جو ناتي رڳو هڪ چنتا هئس ته جيترو جلد ٿي سگهي، نوجوان ڌيءَ جو بار لاهي ڇڏي. +پوءِ ڌيڻس جي شاديءَ جون ڳالهيون اڃا هلندڙ ئي هيون ته هڪ ڏينهن هو بيمار ٿي پيو. زندگي ڀر مايوسيون ۽ محروميون کڻي جيئندڙ پيءُ جڏهن کٽ تي ڪريو ته هن جو پنهنجو پاڻ مان ويساهه نڪري ويو. هن کي خوف ٿيڻ لڳو ته هو بچي نه سگهندو، مري ويندو ۽ تڏهن ڪنهن سڪڻي ٻار واري بيوسي اکين ۾ آڻي، هڪ ٻي خواهش به ظاهر ڪري ويٺو هو. شاهن جي مٿي تي شاديءَ جا موڙ ڏسڻ جي خواهش. موٽ ۾ شاهن آٿت ڏني هئس. وچن ڏنو هئائينس ته پيءُ جي اها تمنا به ضرور پوري ڪندو. +۽ پيءُ جو علاج ٿيڻ لڳو. هڪ هفتي تائين شهر جو وڏو ڊاڪٽر هن جي دوا ڪندو رهيو. پوءِ زندگيءَ مان نااُميد پيءُ دوائن جي زور تي موت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر وقت پيءُ کي شڪست ڏئي ويو. شاهن مري ويو! +ٽي ڏينهن اڳ هو دوستن سان گڏ رائيس ڪئنال تي وهنجڻ ويو هو ۽ وري اتان واپس نه وريو هو. تڏهن هوا جي زور تي اڏامندڙ ڪنهن پن جهڙي زندگي گهاريندڙ پيءُ جا سمورا خواب ڄڻ ته شيشي جي نازڪ گلاس جيان ڀڄي پيا هئا. +ڏور ديوارن ۽ وڏين عمارتن جي هن پار نظر ايندڙ عڪس وري ڌنڌ ۾ وڪوڙجي ويا. ماضيءَ جو عذاب ڏيندڙ رڻ جهاڳي، هو بي رحم حال ڏانهن موٽي آيو. تڏهن اندر جي ڪنهن ايذاءَ کان هو ڪنبڻ لڳو ۽ سامهون جڏهن در جي چانئٺ وٽ کليل وارن واري نوجوان ڌيءَ ڏانهن نظر ويس ته ڄڻ اٿلي پيو. اندر جو سمورو ڪرب هن جي چهري تي مڙي آيو ۽ هو وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. +بي حال پيءُ کي ائين روئندو ڏ��ي، ڌيءَ، پيءُ ڏانهن وڌي آئي ۽ پنهنجو منهن هن جي سيني سان لڳائي روئڻ لڳي. پوڙهي زال بيماريءَ مان اٿيل ڪمزور مڙس کي دلاسو ڏيڻ چاهيو ته هوءَ به پاڻ روڪي نه سگهي ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي. +پوءِ گهڻي دير بعد، جڏهن روئي روئي ٽيئي ماٺ ٿي ويا ۽ پاڙي جي گهرن ۽ گهٽين ۾ زندگي ٻيهر پنهنجي معمول تي موٽي آئي، ماڻهو پنهنجن ڏکن، سورن ۽ ٻين مسئلن تي سوچڻ ۽ ڳالهائڻ لڳا هئا، تڏهن اوچتو هڪ ڀيرو وري روڄ ۽ راڙو مچي ويو هو. ٽن ڏينهن جي ڳولا کان پوءِ شاهن جو لاش مليو هو، جنهن کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ رکيو ويو هو. +اها خبر ڄڻ ته تيزاب جو ڀريل شيشو بڻجي گهر ڀاتين جي اندر تي پرٽجي پئي، ڦَٽ وري چِڪي پيا هئا. ڳوڙهن ۽ اوسارن جو هڪ نئون اڻ کٽ سلسلو جاري ٿي ويو. غمزده ڀاتين جي دانهن ۽ ڪوڪن تي، گهٽيءَ ۾ ماڻهو مڙڻ لڳا. ڪوٺن جي وڏن پلويڙن تان عورتون منڍيون ڪڍي حيرت زده بت بڻجي ويون. +پيءُ اوڇنگارون ڏيندو ٻاهرين در ڏانهن آيو ۽ پوءِ در کي چنبڙي ڪنهن اهڙي ٻار وانگر رانڀاٽ ڪيائين، جنهن سڪي سڪي ڪو رانديڪو ورتو هجي ۽ پاڻ کي ڪو ڏاڍو جهٽ هڻي کانئس ڦري ويو هجي. +همدردي کڻي آيل ڪجهه ماڻهو پيءُ ڏانهن وڌي آيا. هڪ پيرسن شخص هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو. ”الله جي شيءِ هئي ڌڻي بخش، الله کي پرتي.“ +پيرسن شخص جي لفطن تي پيءُ ڄڻ ڦسي پيو. ”اڙي مون سان ڪيس ٿي ويو ادا. ڌاڙو لڳي ويو. منهنجي پيريءَ جو سهارو کسجي ويو!“ +پيءُ کي روئندو ڏسي، هڪ بي سمجهه ٻار کي به روئڻ اچي ويو. +”بس ڙي ڌڻي بخش.... باريءَ جي سرڪار ڏاڍي آهي.“ پيرسن شخص ڀاڪر ۾ ڀري هن کي تڏي تي وٺي آيو. تڏي تي ويٺل هرهڪ ماڻهوءَ ساڻس همدردي ڪئي. دلاسا ڏنا ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ جي تلقين ڪئي. +۽ پريان گهر جي اڱڻ ۾، ڏکوئيندڙ آوازن جو سلسلو جاري هو. ماءُ ۽ ڌيءَ لانڍ ۾ پار ڪڍي روئي رهيون هيون. گهر مان ايندڙ اوسارن ۾ جو درد سمايل هو، تنهن هر شيءِ مٿان دک جو هڪ گهرو رنگ چاڙهي ڇڏيو هو. پيءُ ماڻهن جي دلاسن ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ ۽ صبر ڪرڻ جي تلقين وساري، بي قابو ٿي ويو هو. +”صبر ڪر چاچا!“ هڪ نوجوان ڌڻي بخش سان همدردي ڪئي. ”جيڪي ٿيڻو هو سو ته ٿي ويو. هاڻي همت ڪر ته شاهن جو لاش هلي کڻي اچون...“ +پيءُ ڪڇيو ڪجهه به نه. فقط ڪنڌ جي اشاري سان هاڪار ڪيائين. پوءِ ٿلهن شيشن واري عينڪ لاهي، ميري پهراڻ جي آڳي سان منهن اُگهيائين، ۽ اُٿي اسپتال ڏانهن روانو ٿي ويو. پيءُ سان گڏ، ڪجهه گهڙيون اڳ همدردي ڪندڙ نوجوان ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به وڃڻ لڳا. +در جي ڀر ۾ وڇايل تڏي تي آهستي آهستي ماڻهو ويهندا ويا. ماڻهن جا منهن ان اوچتي الميي سبب لٿل هئا. پريان گهر جي اڱڻ مان اوسارن جا آواز اڃان به اچي رهيا هئا، جن ماحول کي وڌيڪ دکدائڪ بڻائي ڇڏيو هو. ڪجهه گهڙين تائين ڪنهن به نه ڳالهايو. پوءِ پيرسن شخص ڳالهائڻ جي ابتدا ڪئي. ”هاءِ هاءِ، ڇوڪر تنهنجو اخلاق. ڪڏهن به پيءُ نه پُڻايائين. گهٽيءَ مان ويندو هو ته ڪنڌ هيٺ. نه تو ڏٺو نه مون“. +”جنت ۾ ويندو.“ هڪ ٻيو ماڻهو شاهن جون خوبيون بيان ڪرڻ لڳو. ”پيءُ جي اهڙي خدمت ڪيائين جو چئي کڻي بس ڪجي. بيمار ٿي پيو ته ٻُڪن ۾ کانگهارا ميڙيائين. واهه ڙي شاهن تنهنجي وفاداري!“ +”مون کي ته يار ڌڻي بخش جو ٿو ارمان ٿئي.... پوڙهو مَڙهه، ڪيئن ڪندو.“ پڪي عمر جي هڪ شخص کي پيءُ جي حال تي جهٻو آيو. +”بس ڙي يار، سائين پنهنجا راز پاڻ ٿو ڄاڻي.“ پيرسن شخص ڊگهو شوڪارو ڀري ڳالهايو. ڪنهن کي سَرئون سر ڪري ته ڪنهن کي نهوڙي ماري.“ +ڪجهه لمحن لاءِ ويٺلن پنهنجي گفتگو روڪي ڇڏي. پاڙي جون ��جهه عورتون تڏي اڳيان لنگهيون ته ڪنڌ جهڪائي ماٺ ٿي ويا، ۽ تيستائين نه ڳالهايئون، جيستائين اهي گهر ۾ داخل نه ٿي ويون. گهر ۾ جواڻ جماڻ شاهين جي موت تي وري اوسارا گونجڻ لڳا، ۽ تڏي تي ڏکوئيندر گفتگوءَ جو ساڳيو سلسلو شروع ٿي ويو. ماڻهو ڳالهائڻ وقت وڏا وڏا شوڪارا ڀري پنهنجي ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ لڳا. +تڏهن اداس ماحول کان پريان گهٽيءَ جي مُهڙ وٽان هڪ ننڍو ٻار ظاهر ٿيو. هو ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو، هٿ جي تريءَ کي سڌو ڪري هوائي جهاز واري انداز ۾، هوا ۾ لهرائيندو تڏي تي آيو. تڏي تي ويٺلن مان ڪنهن به ڏانهس ڌيان نه ڏنو، ۽ هو اڳتي وڌي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هڪ اڻڀن ۽ وکريل وارن واري پريشان شخص مٿان اچي بيٺو. +ٻار هن جي مٿان بيهي ڪجهه چيو، پر ماڻهن جي گفتگوءَ سبب ٻار جو آواز اهو شخص ٻڌي نه سگهيو. ٻار هن جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي هاڻ ٿورو ڏاڍيان ڳالهايو. ”بابا بابا، هو آ نه ڪاڪو گلو رانديڪن وارو، اهو آيو آهي.“ +گهڻو سوچڻ ڪري ان شخص جي منهن ۾ پيل گهُنج، هڪ لمحي لاءِ ڊهي ويا، ۽ وري سوچ جي ساڳي ليڪ نرڙ جي وچ ۾ ٺهي هن جي پريشانين کي ظاهر ڪرڻ لڳي. هن ڪو جواب نه ڏنو، رڳو ٻار ڏانهن خاموشيءَ سان ڏٺائين. +”ڪاڪو گلو آيو آ بابا.“ ٻار وري چيو. ”روپيو ڏي ته جهاز وٺي اچان. کوڙ جهاز اٿس.“ +”روپيو ڪونهي.“ سوچن ۾ گم ٿيل شخص سرد لهجي ۾ چيو. ”شام وٺجانءَ.“ +”شام ڪاڪو هليو ويندو.“ +”ضد نه ڪبو آ، شام شهر ويندس ته اتان تو لاءِ وٺي ايندس.“ +”پوءِ ثمينه کي هاڻي ڇو ڏنئي. مون کي به هاڻي ڏي. ڏي ڏي... هاڻي ڏي.“ +اڻڀن وارن واري شخص وري به کيس ڌيرج ۽ نهٺائيءَ سان سمجهائڻ چاهيو. پر جڏهن ڏٺائين ته سڀئي ماڻهو ٻار جي ضد سبب گفتگو روڪي هن ڏانهن ٺٺول ڀريل نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا، تڏهن هڪدم هو ککو وکو ٿي ويو. هيترن ماڻهن جي وچ ۾ هن جو ٻار چوڻ نه وٺي، ڪيڏي نه هن جي بي عزتي ڪري رهيو هو. ڪيئن نه هن کي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيرائي رهيو هو. ان احساس ٻار لاءِ هن جي دل ۾ ڌڪار ڀري ڇڏي. +ٻار وري ضد ڪيو. ”ڏئين نٿو، ڪاڪو گلو هليو ويندو.“ ٻار جي اکين ۾ ڳوڙها ڇلڻ لڳا. +پريشان شخص آپي مان نڪري ويو. ”اڙي وڃين نٿو. هان..... هيڏو چوان ٿو ته به ڪتي وارو ضد نٿو ڇڏين.“ ٻه چماٽون هڪٻئي پٺيان وهائي ڪڍيائين. ”ڪندين ضد! هان، ڪندين ڪُتي وارو ضد؟“ هو ٻار تي مڇرجي ويو. +ڌڪ لڳڻ تي ٻار ٿيڙ کائي پريان وڃي ڪريو. ماڻهو وچ ۾ اچي ويا ته، اهو شخص اڃان به طيش ۾ اچي ويو، ۽ ڀرسان پيل چمپل کڻي ٻار ڏانهن اڇلايائين. +ماڻهو ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙن پيءُ کي سمجهائڻ جو ذمو کنيو، ۽ ٻين روئندڙ ٻار کي وڌيڪ ڌڪن کان بچائڻ لاءِ پيءُ کان پري ڪري ورتو. ننڍڙو ٻار سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ٻار جي سڏڪن تي، ماڻهن جي سيني ۾ هن لاءِ رحم جاڳي پيو. همدردي پيدا ٿي، ۽ اهڙي ئي جذبي تحت هڪ ماڻهو پنهنجي جاءِ تان اٿيو، ۽ روئندڙ ٻار کي پنهنجي ڀر ۾ وٺي آيو. +”ٻار کي ڪهڙي خبر سائين.“ هو ڳالهائڻ لڳو. ”ٻار ته هر ماحول ۾ ٻار ئي هوندو آهي.“ هن کيسي ۾ هٿ وجهي روئندڙ ٻار کي روپيو ڏيڻ چاهيو، پر ٻار ڪنڌ لوڏي وٺڻ کان انڪار ڪيو. هو ڪاوڙيل پيءُ ڏانهن ڏسي وري سڏڪا ڀرڻ لڳو. +”وٺ پٽ، وٺ ...... شاباش.“ همدردي ڪندڙ شخص زوريءَ هن جي کيسي ۾ روپيو وڌو، ۽ ٻار سڏڪا ڀريندو اتان هليو ويو. +تڏي تي بحث ڇڙي ويو. ماڻهن ان ننڍڙي واقعي تي ڳالهايو. پڻس اخلاقي قدرن تي ڳالهايو. ويٺلن ٻين ٻارن جا مثال ڏنا، ۽ اهو بحث تڏهن ختم ٿيو، جڏهن تڏي تي هڪ ٿلهو شخص اچي ويٺو. هن ويهڻ شرط مري ويل تي ڳالهايو. هن جي خوبين تي ڳالهايو، ۽ ٻين اهڙن ڪيترن ماڻهن تي ڳالهايو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري ويا هئا. پوءِ گهرو ساهه کڻي، ٽنگن کي ٿورو ڊگهو ڪري پاڻ کي ڀت جي سهاري ڍلو ڇڏي ڏنائين. هن جي ڀرسان ويٺل هڪ ماڻهو خاموشيءَ سان اٿيو، ۽ بوٽ پائي اتان هليو ويو. +”ڀلا اسپتال ڏانهن ڪوئي ويو آهي؟“ ٿلهي شخص پيٽ سان چنبڙيل قميص کي ٿورو مٿي ڇڪيندي چيو. +”چاچو ڌڻي بخش ۽ ٻه- چار همراهه ويل آهن.“ ويٺلن مان هڪ ٻڌايس. +هڪ ٻيو ماڻهو، جو هيترو وقت خاموش ويٺو هو، تنهن ڳالهايو. +”بئنڪ وارن سٺو نڀايو اٿس. ڪلهه ته مئنيجر به آيو هو.“ +”سائين لائق به ته هو نه. ڪيئن نه ساٿ ڏيندس.“ ٿلهي شخصي گهرو شوڪارو ڀري چيو، ”واهه جو نالو ڪمايو اٿائين.“ +”مون وٽ پڙهيو هو.“ ساڳي پيرسن چيو. ”ننڍي کان ئي سلڇڻو هو. ڪڏهن ڪا شڪايت نه آئي شاهن جي.“ هو شاهن جي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين، سموري دور جا واقعا ۽ هن جون خوبيون بيان ڪرڻ لڳو ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا ويٺل به شاهن جي اخلاق ۽ نيڪين بابت ڳالهائيندا رهيا. +پوءِ هڪڙو وقت اهڙو به آيو، جڏهن ماڻهن ان موضوع کي بدلائڻ چاهيو. هاڻ انهن کي شاهن جي ذات سان لاڳاپيل ڳالهين سان ڪا دلچسپي نه رهي هئي. هڪ ئي موضوع تي گهڻو ڳالهائڻ ڪري، اهي ٿڪجي پيا هئا. بيزار ٿي پيا هئا. اهڙي بيزاري هنن جي چهرن مان ظاهر ٿي، انهن جي اندر جي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لڳي هئي. +موضوع کي بدلائڻ لاءِ، هڪ نوجوان پنهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراهه کان هڪ ذاتي نوعيت جو سوال پڇيو ۽ موٽ ۾ هو به کانئس اهڙو ئي سوال پڇي ويٺو. پوءِ جواب ڏيندڙ نوجوان، پنهنجي پوڙهي آفيسر تي لعنتون وڌيون. ان جي ذليل رويي تي کيس گاريون ڏنيون. کيس منافق ڪوٺيو ۽ زهر سڏيو. +باقي ماڻهن پهريان ٻنهي جي ڳالهائڻ تي، همدردي ۽ حمايت ۾ ڪنڌ لوڏيا ۽ پوءِ اهي به موضوع جي هڪجهڙائي وارو قيد ٽوڙي، آزاديءَ سان ڳالهائڻ لڳا. +هاڻي ٻه ماڻهو ملڪي حالتن تي ڳالهائڻ لڳا هئا. دليل بازي ڪندي هڪڙو همراهه تيز ٿي ويو. ڦرين، ڌاڙن ۽ لاقانونيت تي ڳالهائيندي هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو، اکيون ٻاهر نڪري آيس، بحث وڌي ويو. +پوءِ سياست، هندستان ۾ سکن جي ويڙهه، ايران-عراق جنگ، بيروت، روس ۽ آمريڪا، افغاني مهاجر، هيروئن، هٿوڙا گروپ، ڪلاشنڪوف ۽ فلمن جي عام موضوعن تائين انهن ڳالهايو ۽ ڀرپور ڳالهايو. ذاتي نوعيت جي پڇيل سوالن کان شروع ٿيندڙ اها گفتگو ائين اڳتي وڌي ۽ اهڙي اڳتي وڌي جو لڳو ٿي، ڄڻ ته شاهن جي موت جو تڏو نه هجي، ڪو هوٽل هجي، جنهن جي ٽيبل تي سياسي، سماجي، ادبي ۽ عام سوچ رکندڙ فرد اچي گڏ ٿيا هجن. +ٿلهو شخص هڪ ماڻهو جي ڪنهن ڳالهه تي هاڻي کلي رهيو هو ۽ شاهن کي پڙهائيندڙ شخص، ٿڪجي پوڻ سبب ڀت کي ٽيڪ ڏئي جهوٽا کائي رهيو هو. +بحث هلي رهيو هو ۽ اهو تڏهن ختم ٿيو، جڏهن هڪ ٽانگو هلندو در جي اڳيان اچي بيٺو. ٽانگي مان جيئن ئي اڇن برقعن پهريل ٻه عورتون لٿيون، پار ڪڍنديون، گهر ۾ داخل ٿي ويون. گهر ۾ وري ڪهرام مچي ويو. +تڏي کان ذهني طور هٽي ويل ماڻهو، وري تڏي تي موٽي آيا. اڻڀن ۽ وکريل وارن وارن پريشان شخص بيحد دکي ٿي ويو. هو منهن ۾ گهنج وجهي ڳالهائڻ لڳو، ”زندگي به ڇا ڇا نه ويل ٿي ڪري. ماڻهو سڄي ڄمار رڳو ڀوڳي ٿو. سور سهي ٿو ۽ مري ٿو وڃي. ڇا حال آ ويچاري انسان جو.“ هو گهرو ساهه کڻي سامهون گهر ڏانهن ڏسڻ لڳو، جتان روئڻ جا آواز اڃان به اچي رهيا هئا. +”ٽن ڏينهن جو ٻڏل آ.“ هڪ ماڻهو چوڻ لڳو، ”حالت ته ڏاڍي خراب ٿي وئي هوندس.“ جواب ۾ ماڻهو وري شاهن جي موت ۽ پيءُ جي ڏکن ڏاکڙن تي ڳالهائڻ لڳا. +ٻارهن ٿي ويا هئا. سج جي رخ مٽجڻ سبب، ڪجهه ماڻهن مٿان اُس پئجي رهي هئي. ان پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ ماڻهو تڏي کي ٻئي پاسي رکڻ جي صلاح ڏني. ماڻهو يڪدم اٿيا ۽ تڏو کڻي ڀت جي ٻئي پاسي ڇانو ۾ ٿي ويٺا ۽ ڪجهه ماڻهو ويهڻ بدران اتان ئي هليا ويا. +گهڻن موضوعن تي ڳالهائي ڳالهائي ماڻهو هاڻ چپ ٿي ويا هئا. تڏي تي مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڀت جي ڏار مان جهرڪيءَ جي ٻچن ”چڙڪ چڙڪ“ ڪري زندگيءَ جو احساس ٿي پيدا ڪيو ۽ اهي به جڏهن چپ ٿي پئي ويا، تڏهن ساڳي ئي موت جهڙي خاموشي ڇانئجي ٿي وئي. +ماڻهن جي چهرن تي هاڻي سخت بيزاري ۽ چڙ نظر اچڻ لڳي هئي. سماجي لاڳاپن جي کين پرواهه نه هجي ها ته شايد لاش اچڻ جو انتظار نه ڪن ها، هليا وڃن ها. جڏهن کان اُهي اُس کان بچي ڇانو ۾ ٿي ويٺا هئا، تڏهن کان ڪنهن به نه ڳالهايو هو. +اوچتو ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾، هڪ اڻ وڻندڙ بدبوءِ جو احساس ٿيو. بوءِ، جا آهستي آهستي وڌندي ماڻهن جي حواسن سان ٽڪرائجڻ لڳي. +پوءِ هڪ لمحو اهڙو به آيو، جڏهن موڙ وٽان ماڻهن جو هجوم نظر آيو ۽ تيزي سان ڦهلجندڙ بوءِ شاهن جي لاش اچڻ جي خبر چوطرف پکيڙي ڇڏي. تڏي تي ويٺل ماڻهو اٿي بيٺا. +لاش سان گڏ ايندڙ ماڻهو پنهنجن چهرن کي رومالن ۽ انگوڇن سان ڍڪي اچي رهيا هئا. جن ماڻهن جا منهن ڍڪيل نه هئا، انهن جا چهرا ان اگري بوءِ سبب ڇڪجي، پنهنجي اصل شڪل ۽ صورت بگاڙي چڪا هئا. جيئن جيئن لاش ويجهو ايندو ويو، ماڻهن جي حالت خراب ٿيندي وئي. ساهه گهٽجڻ لڳن. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته ڪنهن ڪوس گهر جو بدبوءِ دار ڍير هجوم پنهنجي ڪلهن تي کڻي ايندو هجي. ٽن ڏينهن جو ٻڏل شاهن، پنهنجي جسماني جوڙجڪ کان ٽيڻ تي سُڄي ويو هو. هن جي منڍيءَ وٽان اڇو ڪپڙو، هن جي وات مان نڪتل ناسي پاڻيءَ سبب آلو ٿي ويو هو، جنهن مٿان ڪجهه مکيون، لوڏن ۽ ڌڏڪن جي باوجود چنبڙيل نظر اچي رهيون هيون. +لاش تڏي جي ويجهو آيو ته ماڻهن جون نڪن وٽان چمڙيون ڇڪجي ويون. وات ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ لڳن، ۽ اجهڪا اچڻ لڳن. +”توبهه! ڪيڏي ته ڌپ آ. ساهه ٿو نڪري.“ +”جيئن مهينن کان پوسرجي ويل ڍونڍ مان ڌپ ايندي آ، اهڙي ڌپ ٿي اچي.“ +”اچ ته نڪري هلئون، نه ته دم گهُٽجي ويندو.“ +اهڙا ڪيئي آواز گونجيا. ڪرڀ ۽ ڪراهت جو دٻيل لفظن ۾ اظهار ٿيو، ۽ پيهه گهٽجڻ لڳي. +۽ انهن ماڻهن کان پريان پيءُ روئندو، پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جو لاش پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلي رهيو هو. گهٽيءَ ۾ بيٺل ماڻهو ٽولن جي شڪلين ۾ ورهائجي ويا هئا. هاڻ ته شاهن جون خوبيون ۽ وفاداريون بيان ڪندڙ به ٽڙي پکڙي ويا هئا. انهن ساڳين چهرن تي نه همدردي هئي، نه ڏک هو. اتي وحشت ۽ هراس پکڙيل هو. ڪرڀ پکڙيل هئا ۽ ڌڪار ڦهليل هئي. انهن کان پريان ڪوٺن جي وڏن پلويڙن تان نظر ايندڙ عورتن جي ڍڪيل چهرن تي به ساڳيو خوف ۽ هراس نظر اچي رهيو هو. +لاش جڏهن در کان لنگهايو ويو ته پوڙهي ماءُ گهگهي آواز ۾ رڙيون ڪيون، ڪوڪون ڪيون. ڀيڻس پار ڪڍيا. جوانيءَ ۾ ڀاءُ جي وڇوڙي تي آهون ڀريون، ۽ پوڙهو پيءُ پٽ جي پيرن کان ويهي مٿو پٽڻ لڳو ۽ سڏڪڻ لڳو. +لاش مٿان بيٺل عورتن جو، تيز بوءِ سبب ساهه منجهڻ لڳو هو. اتي بيهڻ جي انهن ۾ جڏهن سگهه نه رهي ته آهستي آهستي اتان وڃڻ لڳيون. سماجي لاڳاپن جا ڏانوڻ پنهنجو پاڻ ٽُٽي پيا. انسانيت شاهن جو روپ ڌاري ورتو. +۽ سامهون ماءُ پٽ جي وڇوڙي تي اڃا ماتم ڪري رهي هئي. کليل وارن واري ڀيڻ جا اوسارا ختم ئي نه ٿيا هئا ۽ پيءُ پنهنجي نصيبن تي روئڻ کان ماٺ نه ڪئي هئي ته اتي بيٺل هڪ عورت وات کي هٿ ڏئي نلڪي طرف ڊوڙي وئي هئي. تڏهن پيءُ شايد نلڪي مان ايندڙ اوڪارن جا آواز ٻڌي ورتا هئا ۽ اوڏيءَ مهل ته هن جو وجود ڪنهن ٻرندڙ جبل جيان ٿي ويو. وقت جي اهڙي ڪلور تي هن جي اندر واري شخص وٺي دانهن ڪئي. هو وڏي واڪي روئڻ لڳو، لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو. +پوءِ ڪجهه گهڙين بعد هن جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو هو ته ڪافي عورتون وڃي چڪيون هيون. جيڪي بيٺل هيون، انهن جي نڪن تي به روا ڏنل هئا. ۽ انهن جي اکين مان به وحشت ليئا ٿي پاتا. +هو اُٿيو. آهستي آهستي هلندو در تائين آيو. اندر عورتن جا چهرا ڍڪيل هئا. ۽ ٻاهر به ان بوءِ کان بچڻ لاءِ مردن وٽ رومال هئا، انگوڇا هئا ۽ پيءُ وٽ بيوسي هئي، ڏک هو، نوجوان پٽ جي وڇوڙي جو فقط درد هو. پيءُ ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته زندگيءَ جي پوين پهرن ۾ پٽ کانئس ائين کسجي ويندو. هن ته ڪڏهن خواب ۾ به اهڙو موت نه ڏٺو هو، جو موت نه لڳي هڪ خواري لڳي. +پر وقت ڪيڏا نه هاڃا ٿو ڪري. شاهن مئو هو ته اهڙي موت، جنهن ۾ ماڻهن وٽ هن لاءِ ڪا پنهنجائپ نه هئي. انهن جي هٿن ۾ گلن جا هار نه هئا، جي هئي ته ڪرڀ هئي، وحشت هئي ۽ هٿن ۾ رومال هئا؛ جنهن سان اهي پنهنجا نڪ ڍڪي ٿي هليا. +پيءُ ٿلهن شيشن واري چشم پٺيان ماڻهن جي اهڙن چهرن کي ڏسي ورتو هو، جيڪي بيوسيءَ جي موت مرندڙ شاهن تي ڄڻ هڪ ٺٺول هئا. پيءُ هڪ وڏ اوڇنگار ڏني، ۽ پوءِ ٽِڙيل پکڙيل ماڻهن ڏانهن ائين ڏٺائين ڄڻ ته اکين ئي اکين ۾ چوندو هجي، ”نڪن تان رومال هٽايو.... منهنجي شاهن جي توهين ٿئي ٿي.“ +پر ماڻهو پيءُ جي اکين مان وهيل لُڙڪن سان گڏ، اهي لُڙڪ ڏسي نه سگهيا، جيڪي شاهن جي اهڙي بيوسيءَ واري موت تي لَڙي پيا هئا. +بورڊنگ هائوس +جيمس جوائس +مترجم: ولي رام ولڀ +(آئرش ناول نگار جيمس جوائس (1882-1941ع) ڊبلن جي ٻهراڙيءَ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ رلڻو ملڻو ۽ خوش مزاج قسم جو ماڻهو هو ۽ خرچ ۾ پنهنجي کليل هٿ جي ڪري سموري ڊبلن ۾ مشهور هو. کيس سورنهن سترهن ٻار هئس. سندس ماءُ تمام سٺو پيانو وڄائيندي هئي. +ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ جوائس کي جيسُوٽ اسڪول موڪليو ويو، جتي هن ٽي ورهيه گذاريا. اهي ٽي ورهيه سندس زندگيءَ ۾ اڻ وسرندڙ اهميت رکن ٿا. نوَن ورهين جي ڄمار ۾ هن پنهنجي پيءُ جي پمفليٽ جي خلاف هڪ پمفليٽ لکيو. 1891ع ۾ مالي مشڪلات جي ڪري کيس اسڪول مان اُٿاريو ويو ۽ ٻن ورهين کان پوءِ هڪ خانگي اداري ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو مضمون نويسيءَ جي ڪري ڏاڍو مشهور ٿيو. جڏهن کيس ڪو انعام ملندو هو ته هو پنهنجي سموري ڪٽنب کي عمدين هوٽلن ۾ وٺي ويندو هو. اهڙيءَ طرح سندس گهر جا ڀاتي پڻ سندس مضمون نويسيءَ جا قائل ٿي ويا هئا. هو پڙهڻ جو ڏاڍو شوقين هو. انهيءَ زماني ۾ هن لاطينيءَ مان ترجما ڪيا ۽ چار زبانون سکيون. 1898ع کان 1902ع تائين هو يونيورسٽي ڪاليج ۾ پڙهندو رهيو ۽ فلسفي ۽ ادب جي اڀياس سان پنهنجي ذهن جي تربيت ڪندو رهيو. 1901ع ۾ جڏهن آئرلينڊ ۾ قومي ٿئيٽر جو نعرو بلند ٿيو ته هن انهيءَ جي مخالفت ڪئي ۽ چيائين ته فنڪار زمان ۽ مڪان جي حدن جي قيد کان آزاد ٿيندو آهي. گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ هو پيرس هليو ويو. جڏهن هو پيرس پهتو ته وٽس هڪ يا ٻه پائونڊ، ڪجهه نظم ۽ ڊبلن جي ميئر جي هڪ سفارشي چِٺي هئا. پر هِتي جلد ئي غربت ۽ تڪليفن کيس گهيري ورتو. 1903ع ۾ هو پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ جي خبر ٻڌي ڊبلن هليو آيو ۽ چئن مهينن تائين سندس خدمت ڪندو رهيو. 1904ع ۾ هوُ گهر مان هليو آيو ۽ سستين هوٽلن ۾ رهندو هو. ’يوليسيس‘ جو وڏو حصو انهن ئي تجربن تي ٻڌل آهي. انهيءَ وچ ۾ سندس ملاقات هڪ کِل مُک ۽ ڊگهن وارن واري ڇوڪري نورا جوزف سان ٿي، جنهن کي ادب سان ته ڪا دلچسپي نه هئي، پر هوءَ ڏاڍي من موهڻي ۽ سهڻي هئي. جلد ئي جوائس ساڻس شادي ڪئي ۽ اهي ٻئي روزگار جي آسري تي زيورچ هليا آيا. 1931ع ۾ شاديءَ جو مذهبي ثبوت نه هئڻ ڪري وري شادي ڪرڻي پين. +جوائس جي زندگيءَ جو اهم حصو انهيءَ ڇڪتاڻ تي ٻڌل آهي، جا کيس پبلشرن سان منهن ڏيڻ ۽ ڪتاب شايع ڪرائڻ جي سلسلي ۾ پيش آئي. “Chamber Music” کي چئن پبلشرن شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هڪڙي ته مسودو ئي واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن 1907ع ۾ اهو شايع ٿيو ته رائلٽيءَ جو هڪ پيسو به نه مليس. “Dubliner” 1905ع کان وٺي 1914ع تائين شايع نه ٿي سگهيو ۽ جڏهن هو پاڻ اهو شايع ڪرائڻ لاءِ ويو ته پبلشر سموري ٽائيپ ڀڃي ڇڏي ۽ کيس ڏاڍو پريشان ڪيو. +1914ع تائين هو زيورچ جي اسڪول ۾ پڙهندو رهيو. کيس ٽي ٻار هئا. هو اڃا تائين اڻ ڄاتل ۽ غريب حال ۽ تنگدستيءَ جي زندگي گهاري رهيو هو. 1914ع ۾ ايذرا پائونڊ ’اميجسٽ انئالاجي‘، جي سلسلي ۾ کيس هڪ خط لکيو ۽ هڪ نظم شايع ڪرڻ جي موڪل گهري. جوائس نه رڳو موڪل ڏيئي ڇڏي، بلڪ “Portrait” مسودو به موڪلي ڏنائين جو “Egoist” ۾ قسط وار شايع ٿيندو رهيو. +پهرين وڏي لڙائيءَ جي دوران هو زيورچ ۾ ئي هو. سندس اکيون خراب ٿي چڪيون هيون ۽ غربت کيس گهيري ورتو هو. انهيءَ حالت ۾ هن ’يوليسيس‘ “Ulysses” مڪمل ڪرڻ شروع ڪيو. 1920ع ۾ پائونڊ کيس پيرس وڃڻ لاءِ چيو، جتي 1921ع ۾ هن ”يوليسيس“ مڪمل ڪيو. 1919ع ۾ “Little Revien”، جنهن ۾ ”يوليسيس“ قسط وار ڇپجي رهيو هو، فحش نگاريءَ جي الزام ۾ ضبط ڪيو ويو. ايڊيٽرن جي آڱوٺن جا نشان ورتا ويا، مقدمو هلايو ويو ۽ سؤ ڊالر ڏنڊ مڙهيو ويو. اهو ڏسي پبلشر تيستائين ڪتاب شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيستائين جوائس اهو قانون مطابق نه ٺاهيندو. انگلنڊ ۾ انهيءَ جي شايع ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. پيرس ۾ اهو شايع ٿيو ۽ جڏهن به پروف پڙهڻ لاءِ ڪاپيون جوائس کي موڪليون وينديون هيون ته هو ان ۾ نئين سر سڌارا ۽ واڌارا ڪندو هو. اهڙيءَ طرح جوائس ڇهه ڀيرا ان ۾ سڌارا آندا ۽ نيٺ جڏهن پبلشرن ڌمڪيون ڏنيون ته اهي اهو ڪتاب شايع نه ڪندا ته هن پروف پڙهي واپس ڪري ڇڏيو. اهو ڪتاب ان وقت شايع ٿيو جڏهن جوائس چاليهن ورهين جو ٿيو. پهرين ڇاپو هٿوهٿ وڪامي ويو. ڪنهن انهيءَ کي ويهين صديءَ جو عظيم ڪتاب چيو ته ڪنهن انهي تي تمام گهڻو منجهيل ڪتاب جو نالو ڏنو. انهي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جون پنج سؤ ڪاپيون آمريڪا ۾ پوسٽ آفيس وارن ضبط ڪري ڇڏيون ۽ انهن کي فحش چئي ساڙي ڇڏيون. انگلنڊ ۾ به سڀ ڪاپيون ضبط ڪيون ويون. ”يوليسيس“ ۾ ڊبلن جي هڪ ڏينهن 16- جون 1904ع جو داستان آهي. هيل تائين انهيءَ جون گهڻيئي شرحون لکجي چڪيون آهن. +“Finnergan Wake” سترهن ورهين جي پورهئي کان پوءِ مڪمل ٿيو. انهيءَ ۾ لاشعور ۽ رات جو داستان بيان ڪيا ويا آهن ۽ انهيءَ ۾ اڻ ڳڻت زبانن جي مدد سان نوان نوان مرڪب جوڙيا ويا آهن. جوائس جو سمورو ڪمال سندس اسٽائيل آهي. +عمر جي پڇاري هن پيرس ۾ گذاري. سندس اکين جو ڏهه ڀيرا آپريشن ڪيو ويو. هو لڳ ڀڳ انڌو ٿي چڪو هو. هڪ پاسي “Finnergan Wake” تي خراب تبصرا ٿي رهيا هئا ته ٻئي پاسي سندس غربت ۽ جوڻس جي بيماري. انهن سڀني پريشانين مٿس اهڙو خراب اثر وڌو، جو هو السر جو مريض ٿي پيو ۽ انهيءَ جي آپريشن ۾ مري ويو. +جوائس کي يارنهن زبانون اينديون هيون. ناچ ۽ ڳائڻ وڻندو هئس. آڱرين ۾ منڊيون، هٿ ۾ بيد جو لڪڻ، اکين تي ٿلهن شيشن واري عينڪ هوندي هئس. بادلن جي گجگوڙ، ڇولين ۽ ڪتن کان بي حد ڊڄندو هو. سندس لکڻيون يورپ جي اخلاقي ۽ ذهني بحران جي ڪرندڙ ديوارين جو اولڙو آهن. سموري زندگي تڪليفون ڀوڳيندو رهيو ۽ اڄ کيس يڪراءِ عظيم فنڪار مڃين ٿا، پر جوائس هاڻي انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز ٿي چڪو آهي. ”بورڊنگ هائوس“ سندس نمائنده ڪهاڻين مان هڪ آهي.) +* * * +مسز موُني دراصل هڪ ڪاسائيءَ جي ڌيءَ هئي. هوءَ هڪ اهڙي ثابت قدم ۽ اٽل ارادن واري عورت هئي، جنهن کي رازداري چڱيءَ طرح ايندي آهي. هن پنهنجي پيءُ جي نائب سان شادي ڪئي هئي، جيڪو ملازمن مٿان نظر رکڻ تي مقرر ٿيل هو. شادي کان پوءِ هن اسپرنگ گارڊنز جي ڀرسان گوشت جو هڪ دڪان کوليو هو. پر سهري جي مرڻ کان هڪدم پوءِ موُني غلط رستي تي پئجي ويو. کيس تمام خراب عادتون پئجي ويون ۽ هو پنهنجي تباهيءَ جي انتها تي پهچي قرضي ٿي پيو. کيس صحيح رستي تي آڻڻ جون سموريون ڪوششون بيڪار ويون ڇو ته هو پنهنجي وعدن تي ڪڏهن بيهي نه سگهيو. ڪڏهن هو توبه ڪندو به هو ته ڏسندي ڏسندي ڪجهه ڏينهن تائين رهي ۽ پوءِ هن گراهڪن جي موجودگيءَ ۾ به پنهنجي زال سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ساڻس بدسلوڪي سان پيش اچڻ لڳو. انهن ڳالهين کان سواءِ هن خراب گوشت جي خريد و فروخت به شروع ڪري ڏني. هڪ ڏينهن هن شراب جي نشي ۾ جوڻس تي انهيءَ وڏي ڇري سان حملو ڪيو جو گوشت ڪٽڻ جي ڪم ايندو هو. ويچاري جوڻس کي اُن رات پنهنجي هڪ پاڙيسريءَ وٽ پناهه وٺڻي پئي. +انهيءَ سانحي کان پوءِ مسز مُوني پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪئي. هوءَ پادريءَ وٽ ويئي ۽ پنهنجي مڙس کان طلاق ورتائين. ٻار سندس سنڀال هيٺ آيا. مڙس مصالحت جي ڪوشش ڪئي، پر جوڻس نه ته کيس رپيا ڏنا ۽ نه رهڻ جي جاءِ. ٻيو ته ٺهيو هو سندس کاڌي پيتي جي ذميواري قبول ڪرڻ تي به راضي نه ٿي. مجبوراً مايوس ٿي مُوني ضلعي جي وڏي عملدار وٽ نوڪري ڪرڻ لڳو. هو هڪ ننڍي قد جو شرابي هو جو بڇڙي حال ۾ رهندو هو. گهڻي شراب پيئڻ جي ڪري سندس صحت خراب هئي، چيلهه چٻي ٿي وئي هئس، ۽ چهرو سفيد ٿي ويو هو. مڇون ۽ ڀرون وقت کان اڳ اڇيون ٿي ويون هيون اکيون ننڍيون ننڍيون هئس، جنهن ۾ هميشه گلابي ڏورا هوندا هئا. صبح کان شام تائين هو ڪنهن نه ڪنهن مزوريءَ جي انتظاري ۾ رهندو هو. +ڪاروبار مان جيڪي بچيل سچيل ملي سگهيو مسز مُوني ان مان پنهنجو حصو ورتو ۽ پوءِ انهيءَ موڙيءَ مان هارڊ هارڊ وِڪ اسٽريٽ ۾ هڪ بورڊنگ هائوس کوليائين. سندس بورڊنگ هائوس ۾ گهڻو ڪري انهيءَ شهر ۾ ايندڙ ويندڙ مسافر اچي رهندا هئا. گهڻو ڪري ليور پول ۽ آئل آف مين کان ايندڙ سياح ايندا هئا، انهن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن مقامي ميوزڪ هالز جا موسيقار به ايندا هئا. ڪي ماڻهو اهڙا به هئا جن اتي مستقل رهائش اختيار ڪري رکي هئي، جن ۾ گهڻائي شهر ۾ ڪم ڪندر ڪلارڪن جي هئي. مسز مُوني ڊگهن هٿن پيرن واري ٿلهي متاري رعبدار عورت هئي، هوءَ ڏاڍي مهارت ذهانت ۽ ثابت قدميءَ سان اهو بورڊنگ هائوس هلائڻ لڳي. کيس چڱيءَ ريت ڄاڻ هئي ته شيون اوڌر تي ڪڏهن ڏيڻ گهرجن، ڪنهن سان سختيءَ سان پيش اچڻ گهرجي. مستقل طور تي بورڊنگ هائوس ۾ رهندڙ نوجوان کيس ’ميڊم‘ جي نالي سان سڏيندا هئا. +اهي نوجوان مسز مُوني کي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا پنڌرهن شلنگ هفتيوار ادا ڪندا هئا. جيڪڏهن رات جي کاڌي سان گڏ کين شراب جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته کين انهيءَ جي قيمت جدا ادا ڪرڻي پوندي هئي. جيئن ته گهڻي حد تائين اهي سڀ هڪ ئي پيشي سان وبسته هئا، انهن جو ذوق به ساڳيو هوندو هو، ۽ پسند ناپسند به هڪڙي هئي، تنهنڪري منجهن ڏاڍي حب هئن. اهي جڏهن به پاڻ ۾ ملندا هئا ته ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان مقامي سياست سان گڏوگڏ پنهنجي عملدار جي منظورِنظر نوجوانن ۽نوَن آيلن وغيره جي حالتن ۽ انهن جي مستقل جي باري ۾ تبادله خيال ڪندا هئا. ميڊم جو پٽ جئڪ مُوني، فليٽ اسٽريٽ جي هڪ ڪميشن ايجنٽ وٽ ڪلارڪ هو. سندس باري ۾ اهو مشهور هو ته ڏاڍو سخت جان آهي. عادتون هن جون پڻ ڪجهه چڱيون نه هيون. گهڻو ڪري رات جو دير سان گهر موٽندو هو. جڏهن به هو پاڻ سان گڏ رهندڙ دوستن سان ملندو هو ته، وٽس ٻڌائڻ لاءِ هميشہ ڪافي داستانن جو ذخيرو هوندو هو. ريس ۾ جيتيندڙ ڪنهن نه ڪنهن گهوڙي يا ڪنهن وڏي موسيقار جي باري ۾ هو گهڻو ڪري ڪجهه نه ڪجهه ضرور گوهرافشاني ڪندو هو. ٿئيٽر وارن سان به هن پنهنجا لاڳاپا وڌائي رکيا هئا، هو مزاحيه گانا چڱيءَ طرح لطف وٺي ڳائيندو هو. گهڻو ڪري آتوار جي رات جو مسز مُوني جي ڊرائنگ روم ۾ هم پياله ۽ خيال ماڻهن جي محفل ڄمندي هئي. انهن صحبتن ۾، ميوزڪ هالز جا موسيقار گهڻو ڪري وندر جو سامان پيدا ڪندا هئا، شيرڊن ساز تي سنگت ڪندا. اهي ڳائيندڙ جي سنگت ڪرڻ کان سواءِ والٽز ۽ پولڪاس وغيره قسم جي ناچن جون ڌنون به وڄائيندا هئا. ميڊم جي جوان ڌيءَ پولي به گهڻو ڪري انهن جلسن ۾ شرڪت ڪندي هئي. هو گهڻو ڪري عام پسند ۽ مقبول گيتن سان حاضرين جي دل وندرائيندي هئي. +پولي اڻويهن ورهين جي سنهڙي ڇوڪري هئي. سندس وار نرم مخملي هئا ۽ ننڍڙو سهڻو وات هئس ۽ سندس اکيون ڀوريون سبزي مائل هيون. هوءَ جڏهن به ڪنهن سان ڳالهائيندي هئي ته گهڻو ڪري پنهنجون نگاهون مٿئين طرف رکندڙ هئي. پنهنجي انهيءَ عجيب عادت جي ڪري هوءَ هڪ ننڍڙي تنڪ مزاج گمراهه ميڊونا لڳندي هئي. مسز مُوني پنهنجي ڌيءَ کي هڪ آفيس ۾ ٽائيپسٽ جي نوڪري ڏياري هئي، پر ان کان پوءِ اهو ٿيو جو ضلعي جي اعليٰ عملدار جي آفيس ۾ هڪ بدنام شخص هر ٻئي ٽئين ڏينهن اتي اچڻ لڳو ۽ سندس ڌيءَ سان هڪ- اڌ ڳالهه ڪرڻ جي اجازت گهرڻ لڳو. انهيءَ ڪارڻ ڪري پولي کي چڱي مصيبت کي منهن ڏيڻو پيو، تنهنڪري انهن هنگامن کان بيزار ٿي ميڊم پنهنجي ڌيءَ کي نوڪري تان استعيفا ڏياري ڇڏي ۽ هوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجي ماءُ کي هٿ ونڊائڻ لڳي. پولي چڱي زنده دل ۽ تيز طرار ڇوڪري هئي. گهر جو انتظام سندس حوالي ڪرڻ جو گهڻو ڪري هڪ مقصد اهو به هو ته اهڙيءَ ريت ڪنهن مناسب نوجوان سان ملاقات ٿي وڃي ۽ هوءَ کيس پنهنجي لاءِ پسند ڪري سگهي. اهو ’گهرو انتظار‘ اتي رهندڙ نوجوانن کي به وڻيو. هڪ نوجوان عورت کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري، اهو ڄاڻي ته هڪ ڇوڪري سندن وچ ۾ رهي ٿي، کين چڱو ذهني سڪون ملندو هو. ظاهر آهي پولي انهيءَ جو ڏاڍو فائدو وٺندي هئي، ناز انداز ڏيکاري خودئي ڏاڍو محظوظ ٿيندي هئي. پر مسز مُوني کي انساني ڪردار جي ڏاڍي چڱي پرک هوندي هئي. کيس انهيءَ جو خوب اندازو هو ته انهن سڀني نوجوانن کي رڳو خوش وقتي سان دلچسپي هئي. اهي رڳو چڱو وقت گذاري رهيا هئا. منجهائن اهڙو ڪو به نه هو جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ پوليءَ سان دلچسپي هئي. ڏينهن ائين گذرندا رهيا، حالتون ائين ئي بدستور هيون. هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن انهن مايوس ٿي پوليءَ کي ٻيهر ڪنهن آفيس ۾ ٽائپسٽ جي نوڪري ڏيارڻ جي باري ۾ گنڀيرتا سان سوچڻ شروع ڪري ڏنو، پر انهيءَ زماني ۾ هڪدم کيس انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿيو ته پولي ۽ هڪ ٻئي نوجوان جي وچ ۾ ڪجهه سلسلو هلي رهيو آهي، جيڪو حوصله افزا نظر اچي ٿو. هن خاموشيءَ سان ٻنهي تي چوڪسي رکڻ شروع ڪري ڏني ۽ زبان سان ڪجهه نه چيائين. +پوليءَ کي انهيءَ جو احساس هو ته سندس چوڪسي ٿي رهي آهي. ماءُ جي انهيءَ خاموشيءَ جو راز ڪجهه ڪجهه ته سندس سمجهه ۾ اچي رهيو هو، پر پوءِ به کيس پوريءَ طرح سڌ پئجي نه سگهي ته سندس ماءُ سڀڪجهه سمجهندي به ايتريقدر ثابت قدمي سان ماٺ ڇو اختيار ڪئي آهي. ماءُ ڌيءَ جا تعلقات هونءَ ته ٺيڪ هئا، پر اهي ڪڏهن به بي تڪلفيءَ جي حد تائين نه پهتا هئا. انهن جي وچ ۾ ڪڏهن به مڪمل طور تي هيڪڙائي پيدا نه ٿي هئي. ٻنهي کُلي طرح هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ڏسندي ئي ڏسندي انهيءَ عاشقي اها صورت اختيار ڪئي جو گهر جي سڀني ڀاتين ۾ چوٻول شروع ٿي ويو. انهيءَ جي باوجود مسز مُوني ڪنهن قسم جي مداخلت نه ڪئي. انهيءَ تي پوليءَ جي روش ۾ هڪ عجيب ڦيرو پيدا ٿيو. هوءَ هر وقت گهٻرايل رهڻ لڳي ۽ اهو نوجوان به هر وقت پريشان نظر اچڻ لڳو. ائين لڳندو هو ڄڻ اندر ئي اندر کيس ڪا پريشاني کائيندي رهندي هجي ۽ پوءِ نيٺ اهو ڏينهن به اچي پهتو، جڏهن مسز مُوني گهڻو ڪري اهو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ ته هاڻي صحيح وقت اچي پهتو آهي، هن لڪي ڇپي اُسرندڙ عشق جي خلاف پنهنجو پهريون قدم کنيو. هن ڏاڍي غور ۽ فڪر کان پوءِ، فيصله ڪُن انداز ۾، ڏاڍي ذهانت ۽ ڏاڍي هوشياريءَ سان انهيءَ مسئلي جي اخلاقي پهلو کان ابتدا ڪئي. +اونهاري جي شروعاتي ڏينهن هئا. موسم ۾ گرميءَ جا آثار ته ضرور هئا، پر تازي فرحت بخش هوا جا جهوٽا برابر هلندا رهيا. هڪ آرتوار جي صبح جو مسز موُني حالتن تي قابو پائڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي. بورڊنگ هائوس جون سموريون دريون کليل هيون، جن جا جهالردار نفيس پردا هوا ۾ لهرائي رهيا هئا. هوا جي ڪري انهن پردن غبار جي شڪل اختيار ڪئي هئي ۽ هاڻي اهي دريءَ جي هيٺ مٿي کسڪڻ وارن آئينه دار طاقن کان پري، ٻاهر گهٽي ۾ اُڏري رهيا هئا. عبادت ڪندڙ تيزيءَ سان ديول سان ڳنڍيل لان تان گذرندي اندر وڃي رهيا هئا. سندن تقدس جو احساس انهن جي سنجيدگي ۽ خاموشيءَ کان سواءِ مقدس انجيل جي انهن نسخن سان ٿي سگهيو ٿي، جيڪي سندن هٿن ۾ هئا. هر ڪنهن کي هلڪا دستانا پاتل هئا ۽ اِنجيل ڇاتيءَ سان لڳل هو. +بورڊنگ هائوس ۾ صبح جي نيرن ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڊائننگ هال ۾ ميز تي اڃا پڻ جوٺيون پليٽون پيون هيون، جن تي ڊبل روٽي جي بچيل سچيل ٽڪرن کان سواءِ بيدن جي زرديءَ جا خشڪ نشان به ڦهليل هئا. هڪ طرف آرام ڪرسي تي مسز موني وڃايل وڃايل ويٺي نوڪرياڻي ميريءَ جو جائزو وٺي رهي هئي، جيڪا نيرن جي شين کڻڻ جي ڪم ۾ لڳل هئي. هوءَ روز وانگيان پنهنجي مالڪياڻي جي حڪم پٽاندر روٽيءَ جا ٽُڪر ڏاڍي جلدائيءَ سان چونڊي هڪ صاف پليٽ ۾ گڏ ڪري رهي هئي. هر منگل جو بنا پڇي جي ڊبل روٽي جو پڊنگ تيار ٿيندو هو، جنهن ۾ روٽيءَ جا بچيل سچيل اهي ئي ٽڪرا وڌا ويندا هئا. جڏهن ميز جي پوري طرح صفائي ٿي ويئي ۽ ميري روٽيءَ جا سڀ ٽڪر گڏ ڪري ورتا ۽ کنڊ ۽ مکڻ ڏاڍي حفاظت سان اسٽور ۾ بند ڪيا ويا ته مسز مُوني ويٺي ويٺي گذريل رات جي واقعن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو. ڪالهه رات هوءَ پوليءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي هئي، سندس شڪ برابر نڪتو هو. هن ڏاڍي چٽائيءَ سان سوال ڪيا هئا، ۽ پولي ڏاڍي چٽائيءَ سان جواب ڏنا هئا. اهو مسئلو ايترو اڻانگو ۽ ناموزون هو جو ٻنهي گهڻي حد تائين مونجهارو محسوس ڪيو هو. ماءُ کي مونجهارو اهو هو ته اڄ هوءَ پنهنجي ڌيءَ کان ڏاڍا اڻ وڻندڙ سوال پڇڻ تي مجبور ٿي ويئي آهي. پولي جي مونجهاري جو ڪارڻ اهو هو ته کُلي طرح اهڙي قسم جي ڳالهين کان کيس هميشه بيزاري ٿيندي هئي، ۽ هاڻي ته اهي ڳالهيون ماءُ سان ٿي رهيون هيون. کيس اهو ڏک هو ته سندس ماءُ گهڻو ڪري اهو سوچي رهي هئي ته هن پنهنجي معصوميت مان پنهنجي ماءُ جي فراخدلي ۽ رواداريءَ مان غلط فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيئن ته گهڻي گفتگو اشارن ۽ ڪناين ۾ ٿي رهي هئي�� انهيءَ ڪري به پوليءَ جو ذهن چڱو پريشان هو. +غير ارادي طور تي مسز مُوني انهيءَ ننڍڙي نفيس ديواري گهڙيال ڏانهن ڏٺو جو مينٽل پيس تي رکيل هو. جيئن ته سينٽ جارج جي ديول جا گهنڊ هاڻي وڄڻ بند ٿي ويا هئا، انهيءَ ڪري کين احساس ٿيو ته يارنهن وڄي چڪا هئا- گهڙيال ۾ يارنهن لڳي سترنهن منٽ ٿيا هئا. اڃا منجهند جي گاڏيءَ ۾ چڱو وقت پيو هو، هن سوچيو. ”مان انهيءَ وچ ۾ ڏاڍي سولائيءَ سان مسٽر ڊوران سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهان ٿي، ۽ مالبورو اسٽريٽ کان ٻارهين وڳي واري گاڏيءَ ۾ وڃي سگهان ٿي.“ +هاڻي کيس پڪ ٿي ويئي هئي ته هوءَ انهيءَ ڪم ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندي. نيٺ سڀ اخلاقي قدر به ته سندس موافقت ۾ هئا. هوءَ ويچاري ته هڪ مظلوم ماءُ هئي. اهڙي عورت جنهن سان ڏاڍي زيادتي ٿي هئي. هن انهيءَ نڀاڳي نوجوان کي اهو سوچي ته هو نيڪ سيرت ۽ شريف آهي، پنهنجي زير سايه رهڻ جي اجازت ڏني هئي، ۽ هاڻي انهيءَ احسان فراموش هن جي ميزبانيءَ جو ناجائز فائدو ورتو هو. هو هونئن به بي سمجهه ٻار نه هو. چوٽيهه پنجٽيهه جي لڳ ڀڳ ڄمار هيس. هاڻي هو اهو بهانو به ته نٿي ڪري سگهيو ته هو جوانيءَ جي نشي ۽ ناتجربيڪاريءَ جو شڪار ٿيو هو. هو ته لاعلمي جو سهارو به نٿي وٺي سگهيو، ڇو ته هن دنيا ڏٺي هئي ۽ دنيا جي هيٺ-مٿاهين کان چڱيءَ طرح واقف هو. اهو ته صاف ظاهر هو ته هن پولي جي جواني ۽ ناتجربيڪاريءَ مان فائدو ورتو هو. هاڻي سوال اهو ته ڪنهن حد تائين ڪهڙي قسم جو ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي سگهيو ٿي؟ هاڻي ته تلافي بي حد ضروري هئي. خيالن جو وهڪرو ائين وهي هليو. +اهڙي قسم جي واقعن ۾ سزا ضروري ٿئي ٿي، مسز موني سوچيو. مرد کي ڇا آهي، هن لاءِ ته اهڙيون ڳالهيون ڪا اهميت ئي نٿيون رکن. هو ته ٿوري دير جي عيش کان پوءِ پنهنجي راهه اختيار ڪري سگهي ٿو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين. مصيبت ته ويچاري عورت لاءِ آهي، جنهن کي سمورا نتيجا ڀوڳڻا پوندا آهن. دنيا ۾ اهڙيون مائرون به هونديون، جيڪي اهڙن واقعن کان پوءِ ٿورو گهڻو روڪ پئسو وصول ڪري صبر ڪري ويهي رهن ٿيون. خود مسز موني کي اهڙن ڪيترن ئي واقعن جي سُڌ هئي. پر هاڻي هوءَ هرگز اهو نه ڪندي، هن ڏاڍي اعتماد سان فيصلو ڪيو. هن لاءِ پيڙا جو رڳو هڪ ئي وسيلو هو، جنهن سان سندس ڌيءَ جي بي حرمتيءَ جو ازالو ٿي سگهيو ٿي—اهو هو هڪدم شادي! +هن هڪ ڀيرو وري انهيءَ مسئلي جي باري ۾ سڀني پاسن تي غور ڪيو ۽ پوءِ ميري کي مسٽر ڊوران ڏانهن موڪلي هيٺ ئي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. هاڻي کيس پڪ ٿي وئي هئي ته هن معاملي ۾ فتع سندس ئي ٿيندي. +ڊوران چڱو سنجيدو ۽ گهٽ ڳالهائو نوجوان هو. ٻين وانگر هو نه اوباش مزاج هو ۽ نه چرٻ زبان. جيڪڏهن هن جي بدران مسٽر شيريڊن يا مسٽر ميڊ يا بانٽم ليونز هجن ها ته کين چڱي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ها، مسز موني سوچيو. پر ڊوران جي طبيعت ئي اهڙي هئي جو کيس پڪ هئي ته هو ڪنهن قسم جي بدنامي برداشت نه ڪري سگهندو. اها ڳالهه ئي ڪجهه اهڙي هئي هوگڏ رهندڙن ۾ چوٻول شروع ٿي چڪو هو. گهڻو ڪري هر ڪنهن کي ٿورو ڪي گهڻو معلوم هو ۽ جن کي وڌيڪ تفصيلن جي خبر نه هئي، انهن پنهنجي طرفان لوڻ مرچ لڳائي، لڪي افواهه ڦهلائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. ڊوران گذريل تيرهن سالن کان هڪ عيسائي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو هيو هو، جيڪا شراب جو واپار ڪندي هئي. اُتي جون حالتون ڪجهه اهڙيون هيون جو انهيءَ بدناميءَ جي ڪري کيس نوڪري ڇڏڻي پئي. اڃا به ڪجهه ويو ڪين هو، جيڪڏهن هو سڌي رستي تي اچي انهن جي مرضي پٽاندر هلڻ جو وعدو ڪري ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، مسز موني سوچيو. کيس انهيءَ جو احساس هو ته ڇوڪرو چڱو ڪفايت شعار آهي. وٽس ٿوري گهڻي موڙي به ضرور هوندي. +هاڻي لڳ ڀڳ ساڍا يارهن لڳا هئا. انتظار کان ڪڪ ٿي هو اُٿي بيٺي ۽ سامهون آئيني ۾ پنهنجو اولڙو ڏٺائين. پنهنجي چمڪندڙ چهري جو فيصله ڪُن رنگ ڏسي کيس چڱي آٿت ملي ۽ هن سوچيو، ”اهڙيون عورتون به ته دنيا ۾ آهن، جي ڪنهن طرح به پنهنجي ڌيئرن جون شاديون نٿيون ڪري سگهن.“ هن دل ئي دل ۾ خدا جو شڪر ادا ڪيو ته هوءَ انهن مان نه هئي. +هاڻي ڪجهه حال هوڏانهن جو به ٻڌو. ڊوران جو اڄ صبح کان حال خراب هو. آرتوار جي اها صبح هن لاءِ چڱي پريشان ڪندڙ هئي صبح جو هن ڏاڙهي لاهڻ جي ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي هئي، پر سندس هٿ ۾ خلاف معمول ڪجهه اهڙي ڪنبڻي هئي جو مجبور ٿي کيس اهو ڪم روڪڻو پيو هو. ٽن ڏينهن جي سرخي مائل ڏاڙهي ڪجهه اهڙي بي ڍنگي نموني وڌي هئي جو هاڻي سندس کاڏي کي پنهنجي دامن ۾ وٺي چڪي هئي. هر ٻئي ٽئين منٽ کان پوءِ سندس اکين ۾ ڌنڌ ڇائجي ٿي وئي ۽ عينڪ جي شيشن تي انهيءَ ڌنڌ جي ڪري کيس بلڪل ڪجهه نظر نٿي آيو. هن ماٺ ميٺ ۾ عينڪ لاٿي ٿي، کيسي مان رومال ڪڍيو ٿي ۽ پهرين پنهنجون لڙڪ هاڻيون اکيون ۽ پوءِ پنهنجي عينڪ صاف ڪيائين ٿي. رات جو جيڪي ڪجهه مٿس گذريو هو ۽ جهڙيءَ طرح ديول ۽ کيس پنهنجو ڏوهه باسڻو پيو هو، اهو سڀڪجهه چڱو شرمناڪ ۽ ڏکوئيندڙ هو. پادري ڏاڍي صفائي سان سندس واتان انهيءَ شرمناڪ حمايت جي باري ۾ سمورا تفصيل چَورايا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڊوران پاڻ کي ايتري قدر ذليل محسوس ڪيو هو جو جڏهن کيس گناهن جي تلافي جي واحد واٽ سُجهي ته هن هڪدم ٿورا مڃي اها قبول ڪئي هئي. جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو اهو ٿي چڪو هو، هاڻي هو ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو. ڀڄڻ کان ته اهو ئي بهتر هو ته هو ماٺ ۾ شادي ڪري ڇڏي. پختائي کان ڪم وٺڻ، سندس وس ۾ نه هو. کيس پڪ هئي ته افواهه ضرور پکڙبا ۽ اهڙيءَ ريت سندس آفيس جي عملدارن کي ضرور خبر پئجي ويندي. هي نڀاڳو ڊبلن اهڙين ڳالهين لاءِ ڪيڏو ننڍو شهر آهي، هن سوچيو. هر ڪنهن کي هڪٻئي جي باري ۾ سڀڪجهه سُڌ پئجيو وڃي ۽ پوءِ اهڙيون ڳالهيون ته باهه وانگر پکڙجن ٿيون، لڪائڻ سان نٿيون لڪن. تصور جي ڌارائن ۾ وهندي وهندي کيس جيئن ئي پنهنجي پوڙهي عملدار جو خيال آيو ته دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. پوڙهو ليونارڊ پنهنجي پوڙهي آواز ۾ سڏيندو: ذرو مسٽر ڊوران کي ته هيڏانهن موڪل! انهيءَ تصور سان ئي هو ڪنبي ويو. اُف اوهه-- مان ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسي ويس، ڊوران جهنجهلائجي سوچيو. ايڏي ڊگهي نوڪري ۽ انهيءَ جي سموري ڪارگذاري، هونئن ئي اجايو ضايع ٿي وئي. سندس سموري ايمانداري ۽ محنت جو خاتمو ڪيائين. ڪجهه اهڙيءَ طرح ٿيڻو هو؟- جوانيءَ ۾ هن چڱي من ماني ڏيکاري هئي. کيس ته ڪڏهن خدا جي وجود ئي کان انڪار هو ۽ هميشه پنهنجي آزاد خيالي تي ناز هو، پر هاڻي ته اهي ڳالهيون پراڻيون ٿي ويون هيون. هونئن ته هو اڃا تائين رينالڊز جي ترقي پسند اخبار خريد ڪندو هو، پر انهيءَ جي باوجود هن پنهنجا مذهبي فرض ڪڏهن نه وساريا هئا. هو سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ نون ڏهن مهينن تائين انتهائي معقول ۽ نيڪ زندگي گذاريندو هو. هاڻي ته هن ڪفايت شعاري به شروع ڪري ڇڏي هئي. ايترا پيسا گڏ ڪري ورتا هئا جو هاڻي هو باقي زندگي آرام سان گذارڻ جا خواب ڏسڻ لڳو هو. هاڻي به هو باقي زندگي سڪون سان گذاري سگهيو ٿي، پر ڏکيائي اها هئي جو ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي سندس زال کي خراب نگاهه سان ڏسن ها ۽ کيس آساني سان قبول نه ڪن ها. سڀ کان وڏي رنڊڪ ته سندس بدنام پيءُ جي شخصيت هئي، جنهن کي سڀني ڄاتو ٿي. سندس ماءُ جي انهيءَ بورڊنگ هائوس جي ب��ري ۾ به هاڻي چؤٻول ٿيڻ لڳو هو. اوچتو هڪدم ڊوران کي لڳو، ڄڻ سندس سڀ دوست انهيءَ چوند تي کلندا هجن. بدقسمتيءَ سان اها ڇوڪري به گهڻو ڪري عاميانه ڳالهيون ڪرڻ لڳي هئي. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻو ڪري غلط ٻولي ڳالهائيندي هئي، پر انهيءَ سان ڇو ٿو ٿئي؟ ”جيڪڏهن مان سچ پچ ساڻس محبت ڪريان ٿو ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ هن سوچيو. +جيئن جيئن خيال ڀٽڪڻ لڳا ۽ اهي تصور جي تاڃي پيٽي ۾ ڦاسندا ويا، تيئن سندن سمجهه ۾ اهو نه آيو ته انهيءَ ڇوڪري ساڻس جيڪي ڪجهه ڪيو هو، انهيءَ جي جواب ۾ ساڻس محبت ڪري يا نفرت؟ اهو بلڪل صحيح هو ته قصور هن جو پنهنجو به هو. هن به ته انهيءَ گناهه ۾ شرڪت ڪئي هئي. پر هاڻي انهيءَ جو ڪهڙو علاج، جو سندس جبلت هميشه کيس آزاد رهڻ جي تلقين ڪئي هئي ۽ شاديءَ کان بچڻ تي آماده ڪيوهو. سندس ذهن چيو هو: شاديءَ جي جنجال ۾ هرگز نه ڦاسج نه ته زندگيءَ جو سمورو لطف هليو ويندو. +هو ڪجهه اهڙن ئي اجاين خيالن ۾ وڃايل هو ته پولي هوريان در کڙڪايو. هو هيستائين بيوس بنيو رڳو قميص ۽ پتلون ۾ پلنگ جي هڪ پاسي تي ويٺو هو. هن پولي کي اندر سڏيو. اندر ايندي ئي هن سڏڪا ڀريندي کيس ٻڌايو ته ڪالهه رات هن پنهنجي ماءُ کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي سندس ماءُ ساڻس انهيءَ سلسلي ۾ گفتگو ڪرڻ واري آهي. پولي روئندي سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورائي ڇڏيون ۽ ويڙهجي گهٽيل آواز ۾ چيو، ”اوهه ..... بوب ........ تون ئي ٻڌاءِ، مان نيٺ ڇا ڪريان ها؟ ..... هاڻي ٻڌاءِ ..... مان ڇا ڪريان؟ اُف خدايا ...... دل چوي ٿي، پنهنجو گلو گهٽي ڇڏيان.“ +ڊوران هوريان هوريان کيس دلاسو ڏنو، سندس لڙڪ اُگهيا ۽ کيس پڪ ڏياريائين ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پولي سندس ڇاتيءَ سان لڳي سڏڪا ڀري رهي هئي ۽ سندس ڇاتيءَ جو لاهه چاڙهه صاف ظاهر ڪري رهيو هو ته هوءَ ڏاڍي پريشان آهي. +هاڻي ڊوران گذريل ڳالهين تي غور ڪيو ته اوچتو کيس احساس ٿيو ته انهي سلسلي ۾ سمورو قصور سندس نه هو. کيس سڀ ڳالهيون ياد اچي ويون. جواني ته ديواني مشهور آهي ۽ وري هن نڀاڳي ڇوڪري به ته پنهنجي ناز و ادا سان کيس چڱو چريو ڪيو هو. ڪپڙا هميشه اهڙا پائيندي هئي جو ايمان لُڏي ويندو هو. خواهه مخواهه کيس ٻانهن ۾ جڪڙڻ تي دل ٿيندي هئي. کيس اها رات به ياد آئي جيڪا مڪمل تباهي جي شروعات ثابت ٿي هئي. هو گهڻو ڪري رات جو دير سان موٽندو هو. انهيءَ رات به هو هڪ بي حد پُرسڪون ماحول ۾ ڪپڙا مٽائي رهيو هو ته اوچتو پولي ڊڄندي ڊڄندي دروازو کَڙڪايو. سندس ميڻ بتي هوا جي جهوٽي سان وسامي ويئي هئي، ۽ هن ڊوران جي ڪمري جي ميڻ بتيءَ سان پنهنجي ميڻ بتي جلائڻ ٿي چاهي، شايد هو شام جو وهنتي هئي.کيس ڍري ڳچيئ وارو جئڪيٽ پاتل هو. پيرن ۾ نفيس چمپل پيل هئا ۽ هن پنهنجي جسم تي ڪا اهڙي خوشبوءِ لڳائي هئي، جنهن سان سمورو ڪمرو هٻڪارجي ويو هو. هوءَ جهڪي ميڻ بتي جلائڻ لڳي ته سندس سڊول صحتمند جسم جون حسين گولايون ڊوران جي ذهن ۾ شيطاني خيال اُڀارڻ لڳيون. ظاهر آهي ته اهڙي رومانوي ماحول ۾ ڪنهن جو جيءُ جاءِ تي رهي سگهي ٿو؟ +انهيءَ کان پوءِ جڏهن به هو رات جو دير سان موٽندو هو ته پولي ئي سندس کاڌو گرم ڪندي هئي. رات جي پراسرار خاموشيءَ ۾ جڏهن سمورو گهر ننڊ جي آغوش ۾ هوندو هو ته کيس ايتري قدر پنهنجي ويجهو ڏسي ڊوران کي صفا هوش نه رهندو هو ته آخر ڇا کائي رهيو آهي. پولي سندس خيال به ته ڪيترو رکندي هئي. جڏهن به رات ٺرندي هئي يا مينهن ۽ طوفان جو زور هوندو هو ته هن لاءِ کاڌي سان گڏ شراب جو هڪ ننڍو گلاس ضرور هوندو هو. پولي گهڻو ڪري ماٺ ۾ اهو انتطام ڪندي هئي. اڄ ڊوران کي اهي ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. سوچيائين، خراب ڇوڪري ناهي. شايد ساڻس باقي زندگي گهاري کيس بيحد چين نصيب ٿئي. +ماني کائڻ کان پوءِ ٻئي ماٺ ميٺ ۾، دٻيل پيرن سان هڪٻئي جي ويجهو ٿي، هٿن ۾ پنهنجون پنهنجو ميڻ بتيون کڻي، ڏاڪڻ چڙهندا هئا ۽ ٽين منزل تي، دل نه گهرندي، انتهائي بيدليءَ سان هڪٻئي کان موڪلائيندا هئا. گهڻو ڪري هو پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي کيس چمندو هو. ميڻ بتيءَ جي جهڪي لڏندڙ روشنيءَ ۾ هوءَ کيس ڏاڍي پياري لڳندي هئي. سندس اکيون ڪيڏيون سهڻيون هيون. سندس هٿن جي گرمي ۽ سندس حُب ڀريو انداز کيس سڀڪجهه اڃا تائين ياد هئا. +پر اهو حب ڀريو انداز ته جٽاءُ ڪندڙ نه ٿو ٿئي. حسين لمحا گهڻو ڪري جلد گذري ويندا آهن. اُف خدايا-- هاڻي مان ڇا ڪريان؟ سندس جبلت هڪ ڀيرو وري سندس مدد لاءِ ڊوڙندي آئي. هن هينئر به بچڻ جي تلقين ڪئي. پر نيٺ گناهه جو ڪفارو ڪهڙي ريت ادا ٿئي ها؟ سندس ذهن راءِ ڏني ته هن قسم جي گناهه جي سزا ته کيس ضرور ڀوڳڻي پوندي. +پولي سندس ڀرسان پلنگ تي نه ڄاڻان ڪيستائين ويٺي رهي. ٻئي پنهنجي پنهنجي خيالن ۾ وڃايل هئا ته اوچتو ميري دروازي تي آئي، ۽ هن ڊوران کي ٻڌايو ته مئڊم ڊرائنگ روم ۾ سندس منتظر آهي. ڊوران بيوسيءَ جي انداز ۾ اُٿي پنهنجو واسڪوٽ ۽ اوورڪوٽ پاتو. ڪپڙا پائڻ کانپوءِ هن هڪ ڀيرو وري پوليءَ کي دلاسو ڏنو، سندس همٿ ٻڌائي ۽ پڪ ڏنائين ته ڊڄڻ جي هاڻي ڪا ڳالهه ناهي، سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هو مسز موني سان ملڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر آيو ته ان وقت به پولي سندس پلنگ تي ويهي سڏڪا ڀري رهي هئي ۽ گهُٽيل آواز ۾ هوريان هوريان چئي رهي هئي: خُدايا! هاڻي منهنجو ڇا ٿيندو؟.... نيٺ ڇا ٿيندو. +ڏاڪڻ لهندي هڪ ڀيرو وري ڊوران جي عينڪ جي شيشن تي ايتري نمي ڇانئجي ويئي جو کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين آيو. هن روڪجي عينڪ لاٿي ۽ رومال سان اها صاف ڪيائين. رستي تي هن جي دل گهريو ته ڪنهن نه ڪنهن ريت ڇت ڪِري پوي ۽ هو ڪنهن آزاد بي فڪر پکي وانگر چپ چاپ اُڏري ڪنهن اهڙي ڏورانهين ڏيهه ڏانهن هلي وڃي جتي پهچي هو هن مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي، جتي سندس ذهن مان اهي ڏکوئيندڙ ڳالهيون هميشه لاءِ غائب ٿي وڃن. انهن فراري خيالن جي باوجود سندس اندر ڪا اهڙي قوت هئي جو کيس مجبوراً هيٺ ڌِڪي رهي هئي. رستي تي ميڊم ۽ سندس پنهنجي آفيس جي وڏن عملدارن جا سنگدل چهرا کيس گهوريندا رهيا ۽ هو بي چئن ٿي ويو. سڀ کان هيٺين منزل جي ڏاڪڻ تي جيڪ موني ملي ويس جو مودي خاني مان شراب جون ٻه بوتلون کنيو مٿي وڃي رهيو هو. ٻنهي هڪ ٻئي کي سرد مهريءَ سان سلام ڪيو. کن پل لاءِ ڊوران جيڪ جي ڪرخت سفاڪ شڪل ۽ سندس مضبوط سگهارن ٻانهن ڏانهن ڏٺو ته هو ڪنبي ويو. هيٺ پهچي به کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ اهي مضبوط ٻانهون کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏينديون. ڏاڪڻ لهي بي اختيار مُڙي هن مٿي ڏٺو، جيڪا هاڻي به پنهنجي ڪمري جي ڀرسان بيهي کيس گهوري رهيو هو. +نه ڄاڻان ڇو جيڪ مونيءَ کي ڏسي ڊوران کي اها رات ياد اچي وئي، جڏهن ميوزڪ هال جي هڪ موسيقار، جيڪو لنڊن جو رهندڙ هو، پولي جي باري ۾ ٿورو بي تڪلفي سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو هو، جنهن جو جيڪو نتيجو ٿيو هو، اهو اڄ ڊوران جي اکين اڳيان ڦري ويو. سمورو پروگرام رڳو جئڪ جي تشدد جي ڪري درهم برهم ٿي ويو هو. کيس روڪڻ ۽ خاموش ڪرڻ جي لڳ ڀڳ سڀني ڪوشش ڪئي هئي، پر هو ڀلا ڇو ٿو قابو ۾ اچي. انهيءَ ويچاري موسيقار جو خراب حال هو. هن کيس هر هر پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هن جو مطلب خوانخواسته پوليءَ جي بيعزتي ڪرڻ نه هو. هو پنهنجو زرد زرد ��هرو کڻي مرڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ڏاڍي معذرت جي انداز ۽ صفائي پيش ڪري رهيو هو، پر جئڪ ته رڙيون ڪري آسمان مٿي کڻي ڏنو هو ۽ صاف صاف چئي ڏنو ته جيڪڏهن آئنده ڪنهن به سندس معصوم ڀيڻ جي شان ۾ گستاخي يا ڪنهن قسم جي بدتميزي سان گفتگو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو سندس ڏند ڀڃي ڇڏيندو. آخر ڇا سمجهي رکيو هو ماڻهن، هن جي انتهائي شريف ڀيڻ کي؟ +پولي نه ڄاڻ ڪيستائين پلنگ تي ويهي ماٺ ڪري روئندي رهي. نيٺ هن اٿي پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ آئيني جي ويجهو ويئي. هن ٽوال جو ڪنارو پاڻيءَ ۾ پسايو ۽ پوءِ ٿڌي ٽوال سان اکين کي تر و تازه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن خود کي آئيني ۾ هر رخ کان ڏٺو ۽ پوءِ ڪنن کان ٿورو مٿي، وارن جي پِن ٻيهر لڳائي وار درست ڪيا. پوءِ هوءَ ٻيهر پلنگ تائين ويئي ۽ پيرانديءَ کان ويهي رهي. هوءَ چپ چاپ وڃايل وڃايل انداز ۾ چڱي دير تائين ٽڪ ٻڌي وهاڻن کي ڏسندي رهي. اهي ڏسي سندس ذهن ۾ بيشمار دلڪش خيال اُڀري آيا. حسين روماني يادن جو هڪ سيلاب اُٿي آيو. لوهه جي پلنگ جي سرد سيرانديءَ تي پنهنجو ڪنڌ ٽڪائي هوءَ چپ چاپ ليٽي پئي. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ بيشمار تصور ۾ وڃائجي وئي. هاڻي سندس چهري تي ڪٿي به ڪنهن قسم جي ايذاءُ جا آثار نه هئا. +هوءَ ڏاڍي صبر سان، خوش ٿي، بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي، ماٺ ميٺ ۾ انتظار ڪرڻ لڳي. هاڻي پريشان ڪندڙ يادن جي جاءِ تي سندس ذهن تي هوريان هوريان حسين توقعو ۽ مستقبل جي باري ۾ خوشگوار اميدون ڇانئجي ويون . سندس اهي حسين اميدون ۽ خوشگوار توقعون مٿس ڪجهه انهيءَ حد تائين ڇانئجي ويون جو هاڻي کيس نه اهي صاف سٿرا وهاڻا ٿي نظر آيا ۽ نه کيس ياد رهيو ته اجهو هاڻي ٿورو دير اڳ تائين هن ٽڪ ٻڌي اهي ڏسي ڇا ڪجهه سوچيو هو. کيس ته اهو به ياد نه رهيو جو هاڻي کيس ڪهڙي شيءِ جو انتظار هو. +چڱيءَ دير کان پوءِ کيس ڪٿان پري کان پنهنجي ماءُ جو آواز آيو ته هوءَ ڇرڪي وئي. ماڻس کيس هيٺ سڏي رهي هئي. هوءَ تيزيءَ سان اُٿي ۽ ڊوڙندي ڏاڪڻ ڏانهن رخ رکيائين. ”پولي؟... پولي؟“ +”ها... امان!“ +”هيٺ اچ ڌيءَ، مسٽر ڊوران توسان ڪجهه ڳالهائڻ ٿو چاهي.“ +اوچتو هاڻي کيس ياد اچي ويو ته آخر کيس ڪهڙي ڳالهه جو انتظار هو. + + +مقالا +سمنڊ جي اجهاڳ ۽ بي انت تري ۾ سهسين بي بها موتي سپجن ٿا، جي هوند جهان کي وڌيڪ جرڪائين ۽ اجالو ڪن. هزارين گلابي گل پنهنجو محجوبي منهن لڪائي، برپٽ کي واس ڏين ٿا، جن مان هوند سنسار کي سڳنڌ ملي. اسان جي پياري سنڌڙي به ڪنهن سمي اهڙن امل ماڻڪن جي کاڻ هئي ۽ اهڙن سهڻن گلن جو چمن هئي. ڪٿي آهن اهي غواص، جي پاتال ۾ پيهي سِپنو سوجهي ڪڍڻ ۽ جوتيون جواهرن جون عالم کي آڇين؟ ڪٿي آهن اهي واس وٺندڙ ڪوڏيا، جي بيران بيابان جهاڳي نازڪ گلن جي سرهاڻ سنگهن، ۽ ان جي عطر سان دنيا جي دٻيل دماغ کي دئي ڏين؟ ڪٿي آهن اهي ڪافي ڪرامت جا صاحب، جن جي فيض مان پرت جا پهيڙا پرجام پيئندا هئا؟... وڏڙا ويچارا پنهنجو منهن لڪائي، مقامن ۽ مساڻن مان اسان جي شوم بختيءَ جو نظارو ڪري رهيا آهن.انهن جا روح تاڻي رهيا آهن ته آهي ڪو، جو سڪل ڪسيءَ ۾ پاڻي آڻي ۽ وڃايل وٿون واري هٿ ڪري. +-- شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو +مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات +۽ علميت بابت ڪي ويچار +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +سنڌ جي سرزمين جيڪي چوٽي جا عالم پيدا ڪيا، تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ نهايت ئي ناميارو عالم هو. سندس شخصيت ۽ علميت سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. مخدوم صاحب جي سوانح تي پهريون ڀيرو سندس ڪتاب ”بَذلَ القوه في حوادث سِني الُنُبوّه“ جي مقدمي طور مرحوم مخدوم امير احمد صاحب چڱو تفصيلي بيان قلمبند ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان گهڻو اڳ شايع ٿيو. البت مخدوم محمد هاشم رحه جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن، جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي. ديني علمن- تفسير، حديث، فقه وغيره تي کيس عبور حاصل هو ۽ انهن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسي کان سواءِ سندس سنڌي تصنيفن جو معيار علميت توڙي ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان ايترو ته بلند آهي، جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ پڻ مخدوم صاحب جو مقام نهايت بلند آهي. فقهي مسئلن ۾ تحقيق کي مخدوم صاحب هڪ اعليٰ سائنسي منزل تي پهچايو. ان جو مثال سنڌ ۾ ’سج جي لڙڻ‘ جو مهيني سر مهيني صحيح وقت متعين ڪرڻ آهي، جنهن بابت ٻن سالن جي تجربي بعد مخدوم صاحب پنهنجي تصنيف ”رشف الظلال في فيء الزوال“ ۾ هڪ ڪُلي قاعدو مرتب ڪيو. هن تحقيق جي سائنسي ۽ رياضي رخ تي راقم پنهنجي هڪ انگريزي مقالي ۾ روشني وڌي آهي، جيڪو بين الاقوامي اسلامي سائنسي ڪانفرنس (1980ع) ۾ پيش ڪيو ويو.[1] ان مقالي لکڻ دوران محسوس ٿيو ته مخدوم محمد هاشم جي علم ۽ ادبي ڪارنامن ۽ ديني خدمتن تي سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ وسيع ميدان موجود آهي. +مخدوم صاحب بابت تحقيق جو بهترين ۽ نسبتاً آسان طريقو اهو آهي جو سندن هڪ هڪ ڪتاب ڪري کڻجي ۽ ان جي مطالعي مان جيڪي بنيادي نتيجا نڪرن تن کي قلمبند ڪجي. مخدوم صاحب جملي ڪيترا ڪتاب لکيا، سو يقيني طور معلوم ناهي. پاڻ پنهنجن ڪتابن ۾ پنهنجين مختلف تصنيفن جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ شايد هڪ جدا رسالو به لکيائين، جنهن ۾ پنهنجن لکيل ڪتابن جي سڄي فهرست ڏنائين.[2] مخدوم صاحب بابت تحقيق جي هن طريقي تي عمل ڪرڻ خاطر مثال طور هيٺ اسان سندس هڪ ڪتاب ’اتحاف الاڪابر‘ جي روشني ۾ سندس سوانح بابت ڪي اشارا قلمبند ڪريون ٿا. +هن ڪتاب جو سڄو نالو ”ڪتاب اتحاف الاڪابر بمبرويات الشيخ عبدالقادر“ آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا موجود آهن. راقم جيڪو نسخو ڏٺو سو ڪاتب عثمان بن يار محمد آچر جي ڏينهن، يارهين تاريخ محرم مهيني جي، سن 1206هه ۾ لکي پورو ڪيو. +· هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب پاڻ پنهنجي ولادت جي تاريخ ”خميس رات ڏهين تاريخ ربيع الاول سن 1104هه“ لکي آهي. سندس سوانح جي سلسلي ۾ اهو هڪ پڪو پختو اهڃاڻ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائي صاحب کان ٻه سال کن ننڍو هو. +· اهو عام مشهور آهي ته مخدوم صاحب حج تي ويو هو. نبي صلعم جي روضي جي زيارت ڪيائين ۽ قرب حاصل ڪيائين. هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو اتي ڳچ وقت رهيو، پڙهيو ۽ پڻ ڪتاب لکيائين. مخدوم صاحب مڪه مڪرمه ۾ شيخ عبدالقادر بن مرحوم شيخ ابوبڪر عبدالقادر صديقي حنفي کان حديث جو علم حاصل ڪيو. ان پڙهائيءَ واري دؤر ۾ شيخ عبدالقادر استاد جي حيثيت ۾ پنهنجين روايتن جا جيڪي سلسلا بيان ڪيا تن مان چوند روايتون سَنَدن طور مخدوم محمد هاشم پنهنجي هن ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ قلمبند ڪيون. سندس لکڻ موجب شيخ عبدالقادو سَنَدن جا سلسلا ايترو ته تحقيق ۽ تفصيل سان پئي بيان ڪيا جو سڀ لکجن ها ته جيڪر هن ڪتاب جا ٽي جلد کن ٿي وڃن ها. هي جلد جيڪو مخدوم صاحب مرتب ڪيو، سو به سَنَدن جي سلسلي ۾ هڪ موسوعات (انسائيڪلوپيڊيا) آهي. اهڙو ٻيو ڪتاب هن پوئين ويجهي دؤر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جو مرتب ڪيل ”التمهيد لتعريف ائمتـﮧ التجديد“ آهي، جيڪو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي تصحيح ۽ حواشي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. +· مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي استاد شيخ عبدالقادر جو نالو وڏي احترام سان وٺي ٿو، ۽ کيس ”شيخنا“ (اسان جو استاد) ڪري لکي ٿو. +· مخدوم صاحب هن ڪتاب جو مسودو مڪي شريف ۾ ”اڱاري جي ڏينهن ڇويهين تاريخ شوال سن 1136هه“ لکي پورو ڪيو. ان وقت سندس عمر ساڍا اٺاويهه سال کن هئي. ڪتاب جي متن جي آخر ۾ ساڳئي موضوع بابت وڌيڪ معلومات ٻن مختصر رسالن ۾ ڏنل آهن، جن کي مخدوم صاحب ”ذيل اتحاف الاڪابر“ ۽ ”تڪمله ذيل اتحاف الاڪابر“ نالا ڏنا آهن. انهن مان پهريون شهر ٺٽي ۾ مهيني جمادي الاول جي ستين تاريخ سومر ڏينهن سن 1137هه ۾ لکي پورو ڪيائين ۽ ٻيو ان بعد لکيو هوندائين، پر ان جي لکيت جي تاريخ (زير نظر نسخي ۾) ڄاڻايل ڪانهي. +· مٿين تاريخن مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا: تاريخ 26- شوال سن 1136هه تائين مخدوم صاحب يقيني طور مڪي شريف ۾ هو، ۽ تاريخ ستين جمادي الاول سن 1137هه ۾ ٺٽي ۾ هو. ضرور حج ڪري موٽيو هوندو. يعني ته ذوالحج سن 1136هه کان جمادي الاول سن 1137هه وارن پنجن مهينن کن واري عرصي ۾ سنڌ واپس آيو هوندو. +· ڪتاب ۾ سندس سوانح حيات بابت ٻيا به ڪي اشارا موجود آهن، پر خاص ڳالهه اها جو آخر ۾ ڄاڻايو اٿس ته: ”منهنجون تصنيفون عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ آهن ۽ اهي هن وقت تائين هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ آهن. ان بعد ڪم از ڪم هڪ سؤ پنجن ڪتابن جا نالا ۽ مختصر طور انهن جا موضوع ڄاڻايا اٿس، جن ۾ ڏهه ڪتاب سنڌي ۾ منظوم آهن. +اهي سڀ ڪتاب مخدوم محمد هاشم رحه ساڍن اٺاويهن سالن جي عمر ۾ سن 1136هه (1724ع) جي جمادي الاول مهيني تائين تصنيف ڪيا. ٻيا وڌيڪ ڪتاب پنهنجي حياتيءَ جي باقي چاليهن سالن واري وڏي عرصي ۾ تصنيف ڪيائين. مخدوم صاحب سترِ سالن جي عمر ۾ سن 1174هه (1760ع) ۾ وفات ڪئي- رحمته الله. +آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري +ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي +انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪن عالمن انگريزي تعليم جي مخالفت ڪئي. ڪن سڄاڻ رهنمائن محسوس ڪيو ته سنڌ جا مسلمان جيڪڏهن جديد تعليم نه پرائيندا، ته پوئتي پئجي ويندا، انهيءَ ڪري وقت جي ضرورت اها آهي ته سنڌ جا مسلمان جديد تعليم پرائين ۽ ان جي ذريعي پنهنجي ديس جي خدمت ڪن. نه فقط ايترو، پر انگريزن جي هٿيارن سان ئي انگريزن سان مهاڏو ڏين. انهيءَ ڪري اهي باشعور سنڌي سرواڻ، سنڌي مسلمانن ۾ انگريزي تعليم پکيڙڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. +سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن به ان ڏس ۾ اهم خدمت سرانجام ڏني. هنن پنهنجي پراثر نظمن ذريعي انگريزي تعليم جي اهميت واضح ڪئي، ۽ مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُڀاريو. اهڙن شاعرن مان الله بخش اٻوجهو مرحوم ۽ شمس الدين بلبل مرحوم جا نالا قابل ذڪر آهن. الله بخش ابوجهو (وفات 1901ع) سن 1989ع کان 1901ع تائين سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جو پرشن ٽيچر ٿي رهيو. هن سنڌ جي مسلمانن کي خوب غفلت مان بيدار ڪرڻ لاءِ ”مسدس اٻوجهو“ لکيو. هيءَ مسدس، ”مسدس حالي“ جو منظوم ترجمو آهي، پر ان ۾ ڪي نوان بند به آهن، جن ۾ اٻوجهي مرحوم جا پنهنجا خيال به بيان ڪيل آهن. هڪ بند ۾ هو سنڌ مدرسته السلام ڪراچي جي شاگردن کي مخاطب ٿي چوي ٿو: +اڙي طالبو! سمجهه ۽ ڌيان ڌاريو +اهو مدرسو ڀاڳ ڀاري نهاريو +انڌؤ آنڌِ گيسر نڀاڳي وساريو +سچي قلب تعليم جي سان گذاريو +پڙهو علم پورو، ڪريو ڪي سڌارا +لهن مسلمان مٿان ڪال ڪارا. +خانبهادر حسن علي آفندي مرحوم (وفات 1896ع)، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جو باني ۽ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ ترقيءَ واري تحريڪ جو روح روان هو. ان کي اٻوجهه مرحوم، سٻوجهو (دانشور) سڏيندي چوي ٿو: +سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا +انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا +وڏي هوش سان ڪارناما هلايا +وڏ�� عقل سان ٺاهه ڏاڍا ٺهايا +سڀئي مشڪلاتون ويون حل ٿينديون +۽ آسانيون پير پنهنجا ڀرينديون. +ان اوائلي دور جي بلند پايه شاعر، اديب ۽ باعمل صحافي رئيس شمس الدين بلبل مرحوم (وفات 1919ع) به ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن نظم ۽ نثر جي ذريعي مسلمانن کي سمجهايو، ته هو انگريزي تعليم حاصل ڪري، سرڪاري عهدن تي فائز ٿين. چوي ٿو: +پڙهو انگريزي وٺو اوج اعليٰ +وٺو خوب عهدا حڪومت هلايو +نه تو ڪا پرائي فضيلت لسان +سکين ڪينڪي انگريزي زبان. +هن ذهن نشين ڪرايو، ته مسلمان ديني تعليم کي ته ڇڏي ڏنو آهي، پر انگريزي تعليم کان پري رهي، دنيوي خوشحاليءَ کان به محروم ٿيندا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته اسان جديد تعليم کان پري رهي، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. هو اسان کي سمجهائي ٿو ته جديد تعليم پرائي، انگريزي قاعدا ۽ قانون سکي وڪيل ۽ جج ٿيون، ته جيئن پنهنجي زندگي به بهتر بنائي سگهون ۽ قوم کي به مشڪل ۾ ڪم اچي سگهون: +وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان +ڏنا ڪين ڪي تو انڌا امتحان +روينيو جڊيشل وڪالت وغير +ڪهاڙي سان پنهنجو وڍيءَ پاڻ پير +نه دپٽي ٿئين تون نه مختيارڪار +ٿئين همسفرن ۾ ذليل و خوار +جي بي. اي. ٿي توکان بعيد قياس +ته مئٽرڪليشن به ڪيڙءِ نه پاس +اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي نظمن ۾ ذهن نشين ڪرايائين، ته جيڪڏهن سنڌي مسلمان چاهين ٿا ته هو دنيوي عزت ۽ وقار حاصل ڪن، ته کين جڳائي ته انگريزي تعليم پرائين: +جي ڀائين ته مولا ٿئي مهربان +ته سک علم تون انگريزي زبان +جي عزت جهان جي رکو ٽنڊ ٽش +پڙهو انگلش انگلش انگلش +هو ٻڌائي ٿو، ته وقت جي تقاضا اها آهي، ته انگريزي تعليم پرائي، دنيا ۾ عزت ۽ مان واري زندگي گذارجي: +وقت نازڪ ٿيو وڏو، خوب خبردار ٿي هل +هاڻي سکي ايم لکي ايل پوءِ هوشيار ٿي هل +هن زماني ۾ ٿيو زور جنهين علم جو اڄ +وٺ اها واٽ، اڳين بات کان بيزار ٿي هل +اڄ پڇي ڪونه سوا پاس مڊل ۽ پيسي +جي اهي ٻئي نه ٿيا موجود، ته مردار ٿي هل +خلافت تحريڪ ۾ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي ۽ سندس پوئلڳن زور شور سان حصو ورتو. حضرت مولانا امروٽي ۽ سندس ڪيترا ساٿي شاعر به هئا. انهن پنهنجن نظمن ۾ ترڪيءَ جي فتح لاءِ دعائون گهريون ۽ انگريزن ۽ سندن ساٿارين لاءِ نفرت جو اظهار ڪيو. يوناني جيئن ته ترڪن خلاف وڙهي رهيا هئا، انهيءَ ڪري ڳڙهي ياسين جي شاعر محمد آدم (1863-1948ع) کانئن نفرت جو اظهار هن طرح ڪيو آهي. +خدايا ظالمن جي ڪر تباهي ڪار زاري اڄ +صليبي سرنگون سڀئي، تنين ڪر زار خواري اڄ +خوشي هت ڪا نه ڪا آهي، يوناني غرق ٿيا سمنڊن +ٻڏي ٻيڙي حڪومت جي، مٿن قادر قهاري اڄ +خوشي خاوند يونانين تي، ڪئي ڪوڙي زهر قاتل +ڦرن حيران سرگردان، تنين سڀني خواري اڄ +ڪئي هاتف ندا حق جي ”حاجي“ ڪن تي پئي هاڻي +ڪمالن جي ڪمالي ٿئي، تنين کي رستگاري اڄ +لاڙڪاڻي ضلعي جو شاعر شير محمد شيرل چنو مرحوم مهاجرن جي ان قافلي ۾ شامل هو، جيڪو سنڌ مان هجرت ڪري افغانستان ويو هو. هن سنڌي بيتن ۾ هجرت جو سفرنامو لکيو آهي. چوي ٿو: +محبت رکي من ۾، ڪابل ڪيائون ڪاهه +دونهان درد دکايا، عشق اندر آڙاهه +پنڌ اڙانگو پٽيون، رهي آيا راهه +اهڙو ئي آهي الله، امير صاحب ڏٺائون اکين سان. +مولانا تاج محمود امروٽي خلافت تحريڪ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو عالم، فاضل، بزرگ ۽ آزاديءَ جي اڳواڻ هجڻ سان گڏ شاعر به هو. هن اشعار ذريعي به انگريزن سان نفرت ۽ ترڪن سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. هڪ نظم ۾ ترڪن جي فتح لاءِ هن طرح دعاگو آهي: +ڏي ڌڻي تون فتح ڪامل مصطفيٰ احرار کي +مرد غازين کي مدد ڏي هر جاءِ سندن هر ڪار کي +ويڙهه ۾ ويرن مٿان تڪڙو ڪيو ترڪن تمام +ڌڙ سسيون سورهيه ڪٽن، ويرنِ سندي ڪاپار کي +ترڪ تازا ڪر توانا آل عثمان جي سوا +ناس ڪر سار نصارا راڄ روسن زار کي +شڪارپور جو شاعر حبيب الله خادم مرحوم انگريزن کي ننديندي، ترڪن سان همدردي ڏيکاريندي چوي ٿو: +اجها ڪئي اسان جي خدا سوڀ ساري +هاريندي هند مان حڪومت هچاري +رهي شال شادان هميشـﮧ تاب ترڪي +ڏسي ڏورئون جهندو جهادي، ڏڪي ويو ڏڪاري +مرد غازيءَ کي ميدان ۾ ڏيندو مدد موليٰ +هڻن نعرو حيدري، وڃن ويري ساهه ساري +صليبي سرنگون هر جا، ڪر علم اسلام جو اعليٰ +مبارڪباد ڪمال پاشا، ملعون جو ماري +اهڙو هٿئون ويلو نه ڇڏ مور ”خادم“ +پڙهه الحمد نِڪِرُ پڙ ۾، پري ڪر پرت پياري +سنه 1924ع ۾ محمد هاشم مخلص مرحوم (وفات 1934ع) ميرپورخاص مان هفتيوار اخبار ”مسلمان“ جاري ڪئي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي حق ۾ انگريزن خلاف زور شور سان لکڻ لڳو. سندس قلم ڏاڍو زور هوندو هو. نظم خواه نثر ذريعي باهه ٻاري ڇڏيائين. برطانوي سامراج ۽ هندو استحصالي قوتن خلاف کلم کلا نفرت جو اظهار ڪندو رهندو هو، ۽ هميشـﮧ السلام ۽ مسلمانن جي مدح سرائي ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري قيد و بند جون سختيون به سٺائين. سندن تحريرن ۾ طنز و مزاح جو رنگ بيحد متاثر ڪندڙ هوندو هو. +ان زماني جي هڪ ٻئي صحافي ۽ شاعر مولوي نور محمد نظاماڻي جو نالو به ان سلسلي ۾ قابلِ ذڪر آهي. هن مختلف وقتن تي ٽي اخبارون ڪڍيون: نوراسلام، مرغ فلڪ طيراً ابابيل. مخلص مرحوم سان اخبار ذريعي سندس ڏي-وٺ ٿيندي رهندي هئي، ان هوندي به ٻنهي جو بنيادي مقصد ساڳيو هو. هن به مخلص مرحوم جيان انگريزن ۽ آريه سماج جي حرڪتن جي سخت مخالفت ڪئي. هو به مخلص مرحوم وانگر نظم خواه نثر تي هڪ جهڙي قدرت رکندو هو، ۽ غضب جو طنزنگار ۽ هجوِ گو هو. ان دور جي هندو اخبارن: هندو، سنسار سماچار، هندو گزيٽ، سنڌي ۽ ڀارت وغيره جي مسلم دشمن تحريرن خلاف خوب لکيائين. هن انهن اخبارن خلاف جهاد ڪندي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو، ۽ نظم توڙي نثر ۾ هندو حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. +ان زماني ۾ سنڌ بمبئيءَ سان گڏيل هئي، جنهن ڪري سنڌ جي مسلمان کي سخت اقتصادي ۽ سياسي نقصان ٿي رسيو. انهيءَ ڪري سنڌ جي مسلمانن بمبئيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ جي تحريڪ هلائي. هندن سخت مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو ڏسي رهيا هئا، ته جيڪڏهن سنڌ الڳ صوبو ٿيو، ته سنڌ جا مسلمان سياسي طاقت حاصل ڪري ويندا. آخر سنڌ جي مسلمانن جي جدوجهد رنگ لاتو، ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان سال 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي، ۽ جدا صوبو بڻيو. ان موقعي تي روزانه الوحيد پنهنجو يادگار نمبر ڪڍيو، جنهن ۾ تاريخي مضمونن سان گڏ شاعرن جا شعر به آهن. شاعرن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. مخلص مرحوم بمبئيءَ ان سنڌ جي آزاديءَ جي موقعي تي جيڪو نظم لکيو، ان ۾ سنڌ جي تعريف ڪندي چوي ٿو: +ڪريان آخر ٿو ڪجهه احوال هت مرقوم سنڌڙي جو +خدا ڇا خلقيو هو خوبتر مقسوم سنڌڙي جو +برابر شير جي طاقت ۾ هو هر معصوم سنڌڙي جو +شگفته چون گل ريحان هر مرزوبوم سنڌڙي جو +نظر ڪئي سون ته هرڪا جنس سستي ۽ سهانگي هئي +مگر هڪ زندگي بيمار الفت جي مهانگي هئي. +ان موقعي تي محمد صديق مسافر مرحوم (وفات 1961ع) لکيو: +لک شڪر! اڄ وري ٿئينءَ آزاد سنڌ تون +شل سرخرو سدا رهين آباد سنڌ تون +پنهنجيءَ ئي ڪائونسل سان رهين شاد سنڌ تون +فرياد پنهنجي جوئي ڪندينءَ داد سنڌ تون +خود ياوريءَ سان پنهنجو اٿئي رکڻو انتظام +کڻ بار پنهنجو پنهنجي ڪلهين رهه تون شاد ڪا��. +حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم (وفات 1942ع) ڪن نظمن ذريعي، مسلمانن کي پنهنجو اڳيون اوج ياد ڏياري، ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ اُڀاريو آهي. چوي ٿو: +مقامِ عبرت آهي، جو نه ڪنهن ترقيءَ جو +اٿيئون هٿ ۾ ڪو اسباب، اي اسان جي قوم +نه علم آه، نه حرفت، نه ڪا فضيلت ٻي +نه ياد رب الار باب، اي اسان جي قوم +اسان جي بيخ ۽ بنياد سڀ فضيلت ۾ +پٽي زماني جي سيلاب، اي اسان جي قوم +اسان جي قوم خدارا ڇڏي ڏيو غفلت +ڪڍيو خمار، ڇڏيو خواب، اي اسان جي قوم +وگر نه ذلت و خواري وڌندي روز بروز +اکين مان وهندو پو خونناب، اي اسان جي قوم. +اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي شاعرن وقت بوقت سنڌ جي مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حاجي محمود خادم مرحوم (وفات 1960ع) چوي ٿو: +دم نه سمجهه ”خادم“ تون هت، جو ڪم آ ڪرڻو رات ڏينهن +قبر ۾ تنهنجي سمهڻ لئي، يار ڪافي آ فراغ +_________ +مثالِ شمعِ محفل، قوم جو همراز رهندو ڪر +تون قومي شمع تي پروانه جئن جانباز هندو ڪر. +حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي مرحوم (وفات 1950ع) چوي ٿو: +ماضيءَ جي آهه شان تي گر توکي افتخار +غافل سنواري حال کي تون بينظير ٿي +سمجهيم ته آهين مسلم، پر تنهنجو ڪٿ ڪمال +نادان پنهنجي حال تي حسرت پذير ٿي. +سال 1936ع کان اڳ سنڌ جي مسلمانن جي پوئتي پيل حالتن جو ذڪر ڪندي، محمد صديق مسافر مسلمانن کي سجاڳ ڪري ٿو: +ڪمزور ڪڙم تنهنجو مسلمان سربسر +تعليم ۽ تجارت، عهدن ۾ ڪم اثر +آزادگيءَ ۾ تنهنجي ٿئي ڪو ايا اثر +نه ته سمجهه سچ يقين سان پنهنجي ٽٽل ڪمر +عضوو جڏو جي خاص ته ٿئي ڪهڙو خاص ڪم؟ +تون موميائي ڄاڻ مسلمان جوئي غم. +هو چوي ٿو ته آزادي ۽ ترقي اسلام جي اصولن سان ئي وابسته آهي: +ايڪو ۽ اتحاد مسلمانو! ٿيو ضرور +هي وقت آه قوم جي غيرت ۾ ٿيو غيور +قلبئون ڪڍو ڪدورت سڀ غير ۽ غرور +اسلام جي اصول اهو ئي نسورو نور +جي ائين نه ٿيو ته پوءِ هيءَ آزادگي نه ٿي +بهبود سود پنهنجي تي آمادگي نه ٿي. +هن مان معلوم ٿيندو، ته بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي تحريڪ سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو، ۽ هنن کي اها حقيقت ذهن نشين ٿي ويئي، ته مسلمان جدا قوم آهن. الوحيد جي ان خاص ايڊيشن ۾ حافظ عبدالله بسمل مرحوم جو نظم به شايع ٿيو. ان ۾ هو مسلمانن جي قومي عظمت جي اڳڪٿي ڪندي چوي ٿو: +نشانِ عظمت قومي ڏسون پيا پنهنجي صحرا ۾ +ترقي جو نظارو ٿو ڦري هن چشم بينا ۾ +ڏسون پيا موج گوهر ريز پيدا هن دريا ۾ +عجائب دلفريبي آه هن جي روئي زيبا ۾ +اڃا آهنجي اڳيان هڪ ڪشمڪش جو امتحان آهي +اوهان جي تاڪ ۾ دشمن اڃا هڪ ٻيو نهان آهي +بسمل مرحوم جي اڳڪٿي ۽ نشاندهي صحيح ثابت ٿي. مسلمانن جي مفاد جي آڏو هندو وڏي طاقت ٿي اُڀريا، ۽ وڏا وس ڪيائون. مسلمان وڏي آزمائش مان گذريا، پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان آخر پاڪ وطن وجود ۾ آيو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته پاڪستان جي تحريڪ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ کان پوءِ وڏي زور شور سان اُڀري، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل يا مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران، ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائداعظم مرحوم ڪئي. هن ڪانفرس جي موقعي تي گڏيل هندستان جي سمورن مسلم ليڊرن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ جي نالي سان سڏيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو، ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي ��ڪومت بنائي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا ۽ آزاد آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. ان موقعي تي قائداعظم مرحوم تقرير ڪندي چيو: +”مون کي يقين آهي، ته سنڌ جو صوبو، هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداري جو ثبوت ڏنو آهي.“ +ان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏي جوش، جذبي ۽ ولولي سان حصو ورتو. سڄي هندستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي صوبائيءَ اسيمبليءَ سن 1943ع ۾ پاڪستان جي قيام جي ٺهراءُ پاس ڪيو، جيڪو محترم. جي ايم.سيد پيس ڪيو. ٻئي ڪنهن به صوبي جي اسيمبليءَ اهڙو ٺهراءُ نه اڳ ئي پاس ڪيو هو، ۽ نه پوءِ ئي ڪا اسيمبلي پاس ڪري سگهي. سنڌ جي شاعرن به پنهنجي اثرائتن نظمن ذريعي سنڌ جي مسلمانن ۾ جوش ۽ جذبو جاڳايو. هنن مسلمانن کي مسلم قوميت جو جذبو ذهن نشين ڪرايو، آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ اُڀاريو، پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ تي آماده ڪيو، ۽ مسلم ليگ جي حمايت ڪرڻ جو پيغام ڏنو. ان سان گڏ هنن انگريزن جي تهذيب، سياست ۽ ثقافت سان نفرت جو اظهار ڪيو، مسلمانن کي پنهنجو شاندار ماضي، اعليٰ ۽ افضل تهذيب ياد ڏياري، منجهن پنهنجي تهذيب، ثقافت، زبان، وطن ۽ ادب سان محبت جو جذبو بيدار ڪيو، ۽ آزاديءَ جهڙو اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو سبق سيکاريو. غلام احمد نظامي پاڪستان بابت چوي ٿو: +خدا جي فضل سان قائم وري امن وامان ٿيندو +نئين سرشاد ۽ آباد هي سارو جهان ٿيندو +اسان جو سارو پاڪستان سگهو جنت نشان ٿيندو +سنڌي نوجوان کي مخاطب ٿي چوي ٿو: +سنڌ جا سنڌي جوان، ڏيکار ڪا مردانگي +تنهنجي همت جڳ ڏسي ۽ مان ڏسان +ٿي سپاهي مرد ۽ ميدان ۾ اچ بهرِ خدا +پاڻ ٿي آزاد ۽ آزاد ڪر سارو جهان. +هو ٻڌائي ٿو، ته مسلمانن کي پنهنجي زندگيءَ قرآن مجيد جي حڪمن موجب گذارڻ گهرجي، جنهن ۾ طبقاتي ننڍ وڏائيءَ جي ڪابه گنجائش ڪانه آهي: +اسان لاءِ قانون قرآن آهي +لکيل جنهن ۾ مولا جو فرمان آهي +خدا وٽ اسان جو وڏو مان آهي +مسلمان آخر مسلمان آهي +بسمل مرحوم سنڌ واسين جي مستقبل بابت پراميد نظر اچي ٿو، ۽ چوي ٿو: +نظر ۾ پيو اچي ساڳيو اڳيون اقبال سنڌين جو +خدا گهريو، ته ٿيندو جلد بهتر حال سنڌين جو +فلڪ تي بدر ٿيندو ڪوڪب اجلال سنڌين جو +زمان ڪامراني ٿيندو ماهه وسال سنڌين جو +زمانو ٿيندو حيرت ۾ ڏسي سنڌي جلالت کي +سگهو ڳائيندي دنيا هن اسان جي عز و عظمت کي +قادر بخش بشير مرحوم مسلمانن کي ٻڌائي ٿو، ته اسان کي وڏي ايماني قوت مليل آهي. اسان جيڪڏهن محنت، ڪوشش ۽ جدوجهد ڪريو. ته وري ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي سگهون ٿا: +سڄو فولاد بڻجي وڃ، نه رک ڪنهن تير جي پرواهه +مسلمانن رکي ناهي، ڪڏهن شمشير جي پرواهه +اچو يارو ته گڏجي پاڻ ٺاهيون پنهنجي قسمت کي +اسان جو بخت بالا آ نه آ تقدير جي پرواهه +بشير مرحوم، مسلمانن جي ترقيءَ لاءِ الله تعاليٰ کان دعا گهرندي چوي ٿو: +اسان جو بخت بالا ڪر سڀن قومن کان اڳرا ٿيون +عمر فاروق خالد جهڙو ڪو پيدا بشر ڪر تون +اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي سنڌي شاعرن مسلمانن کي بيدار ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ نظم لکيا. نه فقط ايترو، پر هنن سنڌي زبان ۽ ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي به پنهنجي نظمن ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سنڌي زبان ۽ ادب جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون، سنڌ جي شاندار تهذيب جي ترجماني ڪئي. سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت لاءِ پيار ۽ محبت جو جذبو جاڳايو ۽ اخلاق ۽ عمل جو پيغام ڏنو. هنن ذهن نشين ڪرايو، ته اخلاقي اقدار سان ئي اسان جي ديني خواهه دنيوي زندگي بهتر ٿي سگهي ٿي، ۽ اسان جي شاندار تهذيب برقرار رهي سگهي ٿي. هنن اسان کي خبردار ڪيو، ته پنهنجي تهذيب وساري، مغربي تهذيب اختيار ڪرڻ ۾ اسان جو سراسر نقصان آهي. هنن اسانکي سمجهايو، ته پنهنجي رهڻي ڪهڻي وساري، انگريزن جي هلت چلت کي چنبڙي نه پئون. اهڙن شاعرن مان وري به نمايان نالو رئيس شمس الدين بلبل جو آهي. هن طنز و مزاح ذريعي مغربي تهذيب جون خاميون ۽ خرابيون ذهن نشين ڪرايون. سندس نظمن مان ڪجهه مثال ڏجن ٿا: +غافل وڃي ولائت لنؤ ليڊي سان لائج +سَو قرب کون ڪرستان وڃي چرچ ۾ چوائج +سک ناچ راڳ تن جو پڻ بينڊ باجو بلڪل +پوءِ خوب بڻجي بابو پيو بيند هت بجائج +پهراڻ پائجامو پٽڪو پليت بوڇڻ +ڏئي ٻن تنهين کي ٽوپي پتلون ڪوٽ پائج +پنهنجا عزيز اقارت بيگانا ڄاڻ احمق +سرمست سرخرو ٿي صاحب سدا سڏائج +مجلس ۾ پنهنجي ڪارو ماڻهو مور نه آڻج +ڏئي ڊاءُ ڊيم فول جو تنهن کي پري تڙائج +تڪبير ۾ وڃي ٿو مزو مرغ ۽ تتر جو +گردن مروڙي خوب گرم جوش ۾ جلائج +ماڻهو هي جهنگلي جو هت جانور جان کائن +چمچا ڇري ۽ ڪانٽا ٽيبل مٿي رکائج +سنڌي نفر ۽ نوڪر سڀ چور ۽ چريا هن +بٽريل ۽ ببرچي هُن ملڪ مان منگائج +ملا توڙي برهمڻ بيهوده ڇڏ بڪن ٿا +وعظن ڪٿا ۾ مفت نه تون مغز کي کپائج +____________ +شريعت جو شيوو ڏنوسون ڇڏي +وڌوسون گناهن ۾ غفلت گڏي +لباسن نفيسن جي ٿي ٽنڊ ٽانءِ +مڪانن جي زينت سندءِ زيٽ زانءِ +گلابند ڪالر لڪڙ هاف بوٽ +گهڙي ڪوٽ پتلون چشمان چروٽ +قميصون ڪفندار جاڪٽ جراب +سليپر سپاٽا سبائڻ ثواب +ڏنگي سينڌ ننڍڙا ڇتا مڇ دراز +ٽوال ۽ ڪنگي برش صابڻ جو ساز +صفا سر ته ڏاڙهي چپڙ چٽ قلم +زبان تي به گٽ مٽ رهي دمبدم +گلي ۾ هجي نيڪٽائي سياهه +نه پرشن ۽ ٽرڪش، ڪرسچن ڪلاهه +سڄو ڏينهن سيني، صبح و شام واڪ +هجي هٿ ۾ هنٽر ته ٽم ٽم ٽڙاڪ +رکڻ هڪڙو بُلڊاگ آهي ضرور +نه تان ٿيندو وڏ-ماڻهپي ۾ قصور +مقرر هجي چاءِ بسڪٽ جو ٽيم +ته جاني جو سينگار پڪچر فريم +نصارن جو کانو نصارا لباس +ڪٻت، ميز، ڪرسي، بتي ۽ گلاس +نئين طرز پوشاڪ جو ڊيل ڊول +پراڻي ڪيائون ته ٿيو ڊيم فول +اهڙيءَ طرح بلبل مرحوم ظريفانه اصلاحي نظم لکي مغربي فيشن جي مذمت ڪئي ۽ پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت لاءِ محبت جو جذبو پيدا ڪيو. بلبل مرحوم کان سواءِ ان دؤر جي ٻين شاعرن به مغربي تهذيب جي اثرات کي نمايان ڪيو. غزل جي اوائلي دؤر جي شاعرن ۾ مير عبدالحسين سانگي مرحوم (وفات 1924ع) جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. هن جي غزل ۾ حسن و عشق جي بيانن سان گڏ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي عڪاسي به ملي ٿي. هن پڻ بدلجندڙ تهذيب ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. خاص طرح سان مغربي تهذيب جو وڏو نقصان اهو بيان ڪيو اٿس، ته هيءَ تهذيب اسان کي پنهنجي مذهب کان پري رکي ٿي. چوي ٿو: +تڏهن ترڪِ وطن ڪيوسين، جڏهن اهلِ وطن بگڙيا +جي بگڙڻ جا نه ها، اهڙا به يارانِ ڪُهن بگڙيا +هوا اهڙي لڳي آهي، جو پنهنجي پنهنجي مذهب کان +مسلمان و ڪرستان و يهود و برهمن بگڙيا +زماني رمز سان ورتي جا آهي راءِ حاڪم جي +ڏسو رسمن کان پنهنجي يڪ قلم سڀ مرد و زن بگڙيا +اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مون کي ٿيو يقين آهي +زماني جي بگڙڻ کان ته مردن جا سخن بگڙيا +ٻئي هنڌ جديد تهذيب جو اثرات جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس: +اي زمانا تنهنجي لوڏن کان ته آهيون جان بلب +باز گردد يا بر آيد چيست فرمانِ شما +عهد اهڙو آه آيو سخت جنهن کي الامان +زيناهار اي دوستان جان من و جان شما +هي سند و دولت زيان اي حاڪمان يوروپي +گرچه جام ما نشد پر مي به دورانِ شما +هي شعر ج��توڻيڪ غزلن جا ابيات آهن، ان هوندي به اهي اشعار مختصر مگر جامع نموني ۾ ان زماني جي تهذيبي انتشار ۽ بدلجندڙ حالتن جي چٽي طرح عڪاسي ڪن ٿا. ٻين جي ڪيترن ئي شاعرن اهڙي نموني بدلجندر حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي. ثناءِالله ثنائي مرحوم (وفات 1977ع) چوي ٿو: +ڊگهو ڪوٽ سلوار پٽڪو وڏو +انهن تي به اڄ ڪلهه رکيل آ ڦڏو +جو پهرياڻ پائي اهو بيوقوف +صفا سوٽ جنهن کي اهو فيلسوف +مٿي تي آ ٽوپي اهو ڀي گٿو +ڪٽيل وار گهرجن اگهاڙو مٿو +ٻئي هڪ نظم ۾ طنز و مزاح جي رنگ ۾ سنڌ جي مٿين طبقي جي بدلجندڙ تهذيب جو نقشو هن طرح ٿو چٽي: +هلي آءُ ساقي اندر کي جيار +نه واٽر کپي ليم سوڍا پيار +لکان هاڻ احوال بگ مئن جو +مليو مرتبو مان آ آکين جو +مسلمان گڊ مئن آهي بڻيو +قدم ڪٿ حڪومت سان خاصو کڻيو +اسان انگلش جا ڪلودز ڪيا +نه گهرجن سبيل سنڌ وارا ٻيا +نه پٽڪو کپي ڪيپ يا هئٽ آڻ +هلو شاپ خاني تي شو بوٽ ساڻ +سٿڻ ٿي نه گهرجي ٽرائوزرس +سڄو سوٽ خاڪي اسان لاءِ بس +پليٽون کپن ڪوپ ساسر کپي +ته اسپون ٽِي پيو هجي ميز تي +ته ٽي پاٽ ٽاول ٽري ڀي هجي +بريڪ فاسٽ لئي ڪيڪ تازو هجي. +مغربي تهذيب کي ننديندي چوي ٿو: +مثل ڪانوَ ڪبڪ کي جنهن ڏٺو +هلڻ پا تنهنجو ڀي ڪيائين ڦٽو +نصارن جي قابو ڪيوسين ڪلاٿ +لٽائي ڇڏيوسين پنهنجو صاف ساٿ. +قادربخش بشير مرحوم طنز و مزاح جي رنگ ۾ مٿين طبقي جي بدلجندڙ تهذيب جي عڪاسي هن طرح ڪري ٿو: +وڳا ٽي چار ڪوٽن، سوٽ، بوٽن جا رکڻ گهرجن +نيو فيشن جو دلداده ۽ ان جو نغمه خوان ٿي وڃ +ضروري سوال پوزيشن ۽ فيشن جو رکڻ گهرجي +تڏهن ملبوس اي سهڻا، سراپا سلڪ سان ٿي وڃ +خوشامد ۽ عياشي ۾، نمائش ۾ لٽائي زر +رکي گروي زمينون سڀ تون اعليٰ خاندان ٿي وڃ. +نئين تهذيب جي اثر سبب اخلاقي اقدار به پائمال ٿيڻ لڳا، ۽ اوگڻ اسان ۾ گهر ڪرڻ لڳا. سنڌي شاعرن ان طرح به اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي، ۽ نشاندهي ڪئي آهي، ته اسان پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جون خوبيون ۽ خصوصيتون وساري، اوگڻ اختيار ڪيا آهن. رئيس شمس الدين بلبل مرحوم اسان جي انهن تهذيبي براين جي هن طرح ترجماني ڪئي آهي: +ملامت ۽ لعنت ۾ کوليون زبان +گلا ۽ برائي جا آڻيون بيان +طبع کي موافق گلا جي غذا +بدن جي رطوبت حسد ۽ ريا +اسان جي لياقت ته غيبت غرور +اسان جي فضيلت ته فسق وفجور +ڪٿي وعظ ٻڌبو ته ٿيندي بڇان +نه ايندي جمعيت لڇان ۽ پڇان. +غلام احمد نظامي مرحوم چوي ٿو: +حيا شرم و ادب رخصت ٿيو بلڪل زماني مان +رهي هر جاءِ فيشن جي بلا نازل سنڀالي هل +______ +اخلاق ادب اخلاص ويو، انصاف ويو احساس ويو +ايثار سخاوت همدردي ڪجهه ڪانه رهي زردارن ۾. +محمد بخش واصف مرحوم (وفات 1945ع) چوي ٿو. +ناهه پوڙهن ۾ مروت، ويو جوانن مان ادب +ڪيئن نه ڀيرو آ وڌو پيرو جوان ۾ انقلاب +زال ٿي شوقين، متوالو ٿيو پڻ مرد ڏس +قابل ديد آهه هي بيبي ميان ۾ انقلاب +سيد حافظ حيات شاهه مرحوم (وفات 1955ع) چوي ٿو: +خلاف مرد جي آهي هوا زماني جي +عجب شان سا ٿي زندگي زناني جي +سفيد پوش شريفن کي پيٽ تي پٽيون +ڪمي نه آهي ڪميني کي زر خزاني جي +مجازي عشق جي ڪلدار ٿا ڪٿن قيمت +نه گهرج آهه ڪا جانان کي ڪنهن جي جاني جي +قادربخش بشير مرحوم پنهنجي نظم ”چوڏهين صدي جو انسان“ ۾ معاشري جي فردن جي ڪردار جي ترجماني هن طرح ڪئي آهي: +دليون بغض ڪيني عداوت ڏي مائل +شب و روز شر ۽ شرارت ڏي مائل +امانت کان نفرت خيانت ڏي مائل +دجالت خجالت حماقت ڏي مائل +نه انسان آهيان نه حيوان آهيان +خط و خال تي بس آءُ قربان آهيان +جمع خان غريب مرحوم چوي ٿو: +خودپسندي جا ۽ خود غرضي جا عاشق اڄ اسين +بخت معشوق آهه، تڏهين ٿي ويو بيزار اڄ +جي وٺون تعليم اخلاقي رهون بااتفاق +ٿي وڃي سرسبز ساڳيو قوم جو گلزار اڄ +حضرت مولانا تاج محمود امروٽي مرحوم (وفات 1929ع) جا به ڪيترائي قومي نظم ملن ٿا، جن ۾ انگريزن جي سياست ۽ ثقافت کي ننديو اٿس. ان زماني ۾ انگريزن جي ظلم ۽ ڏاڍ سبب عوام جي ڪهڙي حالت هئي، ان جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس: +ڌڻي در تنهنجي تي، ڪهڙي ڪريان فرياد مون هاڻي +لڄا تنهنجي کسي طمع، وئي ويڙهي طمع راڻي +وڌو هٿ نوڪرن نڙ ۾، ڪيون ڪرسيون اسان قابو +اسان جا مند ٿيا سڀ بند، ٿيا چپ وات سڀ ساڻي +اڳيئون ڪلٽر ويهي ڪرسين، اتي ايمان ڏنو سارو +چوي جيڪو مڃيئون سوئي، اڳيون نهڪر نڪا آڻي +شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم (وفات 1929) به ڪيترائي اصلاحي نظم لکيا. تڪبر، ريا ۽ خودپرستيءَ کي ننديندي چوي ٿو: +بري خصلت ادا، ڪبر ۽ ريا جي +بزرگن آڏو، سا مڪر ۽ دغا آهه +نه ڪر گردن ڪَشي ۽ تون تڪبر +جونت لعنت ۾ شيطان مبتلا آهه +_________ +خودپرستي خود نمائي، خود خيالي ترڪ ڪر +نفس سان ڪر جنگ تون، صلح و صفا جي واسطي +سنڌ جا مسلمان جيتوڻيڪ مغربي تهذيب جي اثرات کان متاثر ٿيا، ان هوندي به جيئن ته مصلح، شاعر ۽ اديب، ديني عالم ۽ قومي رهنما کين خبردار ڪندا رهيا، انهيءَ ڪري ديني جذبو ۽ قومي غيرت منجهائن ختم نه ٿي. جڏهن به اهڙا موقعا ۽ وقت آيا، ته هو پنهنجي قومي جذبي جو مظاهرو ڪندا رهيا ۽ انگريز سامراج سان مهاڏو ڏيندا رهيا. خاص طرح سان خلافت تحريڪ واري زماني ۾ سنڌ جي مسلمانن پنهنجي جوش، جذبي ۽ ولولي جو اظهار اهڙي ته اثرائتي نموني ڪيو، جو انگريزن جي ايڏي وڏي طاقت کي به لوڏي وڌائون. +جمعيت الشعرا جي مشاعرن ۽ ماهوار اديب سنڌ به هن سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪيترن ئي مشاعرن ۾ طرحون ئي اهڙيون ڏنيون ويون، جيئن شاعر قومي نظم لکن ۽ سنڌي زبان ۽ ادب بابت محبت جو اظهار ڪن. نموني طور ڪجهه طرحون هيٺ ڏجن ٿيون: +ڪو زمانو هو، جو مون کي ناز هو تلوار تي +__ +اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو +___ +فدائي قوم ٿي ۽ جذبئه ايثار پيدا ڪر +__ +اٿ جاڳ نوجوان، هي جاڳڻ جو وقت آهه +___ +درد پنهنجي ديس جو، دل ۾ جوانو ڌارجو +___ +وطن پنهنجو سڀ لاءِ ڪشمير آهي +_____ +خاڪِ وطن تان منهنجي هي جان نثار آهي +______ +قوم زندهه ٿي رهي، پر جي زبان زندهه رهي +____ +سج چڙهي آيو مٿي، اٿ ننڊ مان بيدار ٿي +___ +قلب مان ڪينو ڪڍي هڪ ٿي وڃو هر حال ۾ +___ +تجارت ڪريو بس تجارت ڪريو +____ +هر گهڙي بيتاب آ بزم جهان ۾ انقلاب +___ +مٽائڻ سان به مٽبي هيءَ ڪڏهن تصوير آزادي +___ +هن مان معلوم ٿيندو، ته ماضي قريب جي سنڌي شاعرن اسان کي دنيوي ۽ سياسي ميدان ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ اڀاريو آهي، ته مغربي تهذيب جي تباهه ڪن اثرات کان به اسان کي باخبر ڪيو آهي. +[1] مقالي جو عنوان آهي: ”سنڌوندي جي هيٺين وادي ”سنڌ“ ۾ ”مفاصلي“ ۽ ”وقت“ جي پيماش“. +“Measurement of Space and Time in the lower Indus Valley of Sind.” Published in Journal of Centeral Asia Vol: III, No: 2, December 1980. (Centre for the Study of the Civilizations of Centeral Asia, Quaid-i-Azam University, Islamabad). +[2] اهو رسالو مون مولانا عبدالرؤف (يا ڪو ٻيو نالو؟) وٽ ’الله داد چنڊر‘ جي ڳوٺ ۾ ڏٺو هو ۽ پڻ نقل ڪيو هو. اهو استاد مرحوم مخدوم امير احمد صاحب جي حوالي ڪيو هئم ۽ ڪتاب ”بذل القوه-الخ“، بابت سندس لکيل مقدمي ۾ شايد ان جو ذڪر موجود هجي. بهرحال هيءَ ڳالهه وڌيڪ تصديق طلب اهي. البت پوءِ مخدوم غلام محمد (سندس پوٽي) مخدوم مرحوم جي هڪ سؤ پنجاهه ڪتابن جي فهرست مرتب ڪئي هئي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته الله داد چنڊر جي ڳوٺ ۾ ڏٺل رسالو ساڳيو مخدوم غلام م��مد وارو هجي. + + +سنڌي بيت جو بُڻ بنياد +الياس عشقي +سنڌي بيت جي سٽاءُ کي ڏسڻ شرط ئي معلوم ٿي ويندو آهي ته هيءَ دوهي ۽ سورٺي مان ٺهيل صنف آهي، ان ڪري ان جي بڻ بنياد تي غور ڪرڻ لاءِ دوهي ۽ سورلي جي تاريخ جو اڀياس تمام ضروري آهي. +دوهو (سنڌي ۾ ڏوهيڙو) پنگل (ڇند وديا-هندي عروض) ۾ هڪ اهڙو ڇند (موزون ڪلام) آهي، جنهن جي هر سٽ ننڍين وڏين چوويهن ماترائن تي ٻڌل هوندي آهي. (دوهي ۾ ٻه سٽون (مصرع) ٿين ٿيون، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ تَڪ (قافيو) آڻيندا آهن. دوهي جي هر سٽ (مصرع) کي دَل چوندا آهن ۽ هر دَل ۾ ٻه چرن (قدم يا ڀاڱا) هوندا آهن، جيڪي وري تيرهن ۽ يارهن ماترائن ۾ ورهايل هوندا آهن. ان جي سمجهاڻي هيٺ ڏجي ٿي. +دوهو +چرن (1) چرن (2) +پهريون دَل _________(وقفو) ___________ تَڪ (قافيو) +13 ماترائون 11 ماترائون +چرن (1) چرن (2) +ٻيو دَل __________ (وقفو) _____________ تُڪ (قافيو) +13 ماترائون 11 ماترائون +ٻنهي دَلن جي وچ ۾ ساهه کڻڻ جو وقفو هوندو آهي، جنهن کي ”بِسرام“ چيو ويندو آهي. +مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته دوهي جي هر دَلَ (مصرع يا سٽ) ۾ چوويهه (13+11) ماترائون هونديون آهن. انهن ماترائن ۾ حرڪت ۽ سڪون جو شمار ٿئي ٿو. عروض هجي يا پنگل يا پراسوڊي (Prosody) (مغربي شاعري جو وزن)، سڀني جو آڌار حرڪت ۽ سڪون جي نظام تي منحصر هوندو آهي. +مٿي ٻڌايو ويو آهي دوهو پنگل جي هڪڙي خاص وزن ۾ چيو وڃي ٿو ۽ جنهن وزن ۾ چيل ٻن مصراعن جي (ٻه-سٽي) ڇنڊ کي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ تُڪ قافيو) هجي، دوهو نٿا چئي سگهون، جيئن فارسيءَ ۽ اردوءَ يا سنڌيءَ ۾ رباعي جو وزن مخصوص ۽ مقرر ٿيل هوندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي وزن ۾ چيل چئن مصراعن کي رباعي نٿو چيو وڃي. +صورتخطيءَ جو هر اکر بي آواز هوندو آهي. جيستائين ان تي زير زبر پيش جي حرڪت پنهنجو اثر نٿي ڪري. زير زبر ۽ پيش جي حرڪت سان جڏهن ڪنهن اکر جو آواز وڌي ٿو وڃي ته زير جو آواز ”ي“ ۾، زبر جو آواز ”الف“ ۾ ۽ پيش جو آواز ”وَ“ ۾ بدلجي ويندو آهي، انڪري زير، زبر ۽ پيش جي آوازن کي ننڍيون ۽ ”ي“، ”الف“ ۽ ”و“ جي آوازن کي وڏيون ماترائون چئي سگهبو. پنگل جي اصطلاح ۾ ننڍي ماترا کي ”لگهو“ ۽ وڏي ماترا کي ”گرو“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ماترائن کي هيٺين نشانن سان به ظاهر ڪيو ويندو آهي: +1- لگهو (ننڍي ماترا) جو نشان “I” آهي. +2- گرو (وڏي ماترا) جو نشان “S” آهي. +دوهي جا ٻه لازم شرط ٻيا به آهن، جن جي قائم رکڻ سان دوهو سهڻو ۽ مڪمل ٿيندو آهي. +1- دوهي جي شروعات ۾ ڪو اهڙو لفظ نه اچي جنهن جو وزن هڪ لگهو (ننڍي ماترا)، هڪ گرو (وڏي ماترا) ۽ هڪ لگهو (ننڍي ماترا) جي برابر هجي، يعني اهڙو لفظ نه اچي، جنهن ۾ هڪ زير، زبر يا پيش هڪ الف و يا ي ۽ هڪ زير زبر يا پيش هجي. مثلاً هيٺ ڏجن ٿا. +ڪَمال: ڪَ مال (ISI) +زيان: ز يَا ن (ISI) +قُبول: قُ بُو ل (ISI) +2- پنگل ۾ اِنهيءَ وزن (ISI) جي لفظن کي ”جگن“ چوندا آهن. دوهي جي دَل (سٽ) جي شروع ۾ ”گرو“ (وڏي ماترا) جنهن جو نشان “S” آهي، اچڻ کپي. +جيڪڏهن ڪنهن دوهي ۾ اهي ٻئي يا انهن منجهان ڪو هڪڙو شرط پورو نه ٿيندو ته دوهو ناقص سمجهيو ويندو. اهڙي ناقص دوهي کي ”چنڊالڻي“ دوهي جو نالو ڏنو ويو آهي. +دوهي جو هڪڙو قسم سورٺو آهي، جنهن کي ”ابتو دوهو“ به چوندا آهن. دوهي جي ٻنهي دَلَن جي ٻنهي چرنن کي اُبتو ڪجي، يعني ماترائن جي ترتيب کي اڳيان پٺيان ڪيو وڃي ته ماترائن جي ترتيب، جيڪا تيرهن- يارهن هوندي آهي، بدلجي يارهن-تيرهن ٿي پوندي، انهيءَ عمل سان ”تُڪ“ يعني (قافيو)، جو چرنن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي، ٻنهي چرنن جي وچ ۾ اچي ويندو، جيئن ته: +13 ماترائون 11 ماترائون +د��هو: _____________ بسرام _______________ تُڪ +13 ماترائون 11 ماترائون +_____________ بسرام _____________ تُڪ +11 ماترائون تُڪ 13 ماترائون +سورٺو: __________ بسرام __________________ +11 ماترائون تڪ 13 ماترائون +_______________ بسرام ________________ +مثال طور: ميرا ٻائي جو هي مشهور دوهو آهي: +جو مئن ايسا جانتي، پريت ڪِئي دُک هوءِ +نگر ڍنڍورا ڦيرٿي، پريت نه ڪريو ڪوءِ +انهيءَ دوهي کي ابتو ڪري سورٺو ٺاهبو ته ان جي هيئت هن ريت ٿيندي: +پريت ڪئي دُک هوءِ، جو مئن ايسا جانتي +پريت نه ڪريو ڪوءِ، نگر ڍنڍورا ڦيرتي +سورٺي جي انهيءَ هيئت بابت ڪنهن هندي شاعر پنهنجي هڪ سورٺي ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: +دوها اُلٽا جان، اور بات دوجي نهين +پنگل ڪرت پکان، ڇند سورٺا هوت هئين +دوهو اولهه هندستان ۾ اُسريو ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري جٿي ڪٿي پکڙجي ويو، پر سورٺو، جيئن ان جي نالي مان معلوم ٿيندو، سوراشٽر (سوراٺ يا سورٺ) يعني گجرات ۾ اول چيو ويو، اوسر ۽ ترقيءَ کان پوءِ ٻين هنڌن تي ويو ۽ مقبول ٿيو. سوراشٽر (گجرات) ۾ دوهي ۽ سورٺي جي هيئت ۾ هڪڙي تمام سهڻي فني تبديلي آندي وئي. سوراٺ جي شاعرن دوهي- سورٺي ۽ سورٺي-دوهي جي ميل سان به نهايت سهڻا ۽ ڪارائتا ٻن سٽن جا ڇنڊ ٺاهيا، جن جا نمونا هيٺ ڏنا وڃن ٿا: +(1) دوها سورٺا ____________ ، ________________ تُڪ +________________ تُڪ __________________ +(2) سورٺا دوها __________ تُڪ ______________ +_________________ ، ________________ تُڪ +انهن دوهن-سورٺن ۾ تڪ جي بيهڪ کان سواءِ ڪا ٻي تبديلي نه آندي وئي. سنڌ ۾ دوهي ۽ سورٺي کان سواءِ مٿي ڏنل پهرين صورت مقبول ٿي، ڇو جو سنڌي بيت جي فن ۾ هميشه بيت جي آخري سٽ ۾ سورٺي جي نموني ۾ ٻنهي چرنن جي وچ ۾ تُڪ آڻڻ جي روايت قائم ٿي چڪي هئي، جيئن: +پڪا رَڇَ ڪنڀار جا، پڪي نهائين +________ +مونکي تيانئين، ڀيلو ڀاڱي آئيو (شاهه لطيف) +پر خود دوهي جي اوسر اولهه هندستان ۾ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ انهيءَ سوال جو جواب وڏي عرصي تائين ملي نه سگهيو. آخر هندي ادب جي تاريخ جي مطالعي دوران حاصل ٿيل معلومات جي آڌار تي هيءُ نتيجو نڪتو ته سنڌي بيت جو هندي دوهي سان گهاٽو تعلق رهيو آهي، پر ان جو ڏس لسانيات جي تاريخ ۾ ملي ٿو. خاص ڪري پراڪرت ۽ اُپڀرنش جي دور ۾ اهڙا اُهڃاڻ مليا آهن، جن جي ڪري دوهي، سورٺي ۽ سنڌي بيت جي لاڳاپن تي روشني پوي ٿي. +ڪن ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته اپڀرنش جي شاعري گهڻو ڪري دوهي جي شاعري هئي، هيءَ ڳالهه هندي ادب جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿي آهي. مهابير پرشاد دويويدي پنهنجي ڪتاب هندي ساهتيه اتي هاس (صفحي 2 کان 17) ۾ لکي ٿو ته اپڀرنش ٻولين جا دوها جن ڪتابن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، انهن مان سڀ کان اڳوڻا ڪتاب هڪڙي جين عالم ديوسين جي دوهن جا ٻه مجموعا آهن. ان کان پوءِ پراڪرت ۽ اپڀرنش جي صرف نحو مشهور ماهر هيمچندر پنهنجي گرامر ۾ اپڀرنش جا دوها نقل ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح سوم پريا سوري به پنهنجي ڪتاب ”ڪمار پرتي بوڌ“ ۾ اپڀرنش جي دوهن جا مثال ڏنا آهن. ان کان سواءِ هڪ ٻيو جين دانشور ميروتنگ پنهنجي ڪتاب ”پر پنڌ چنتامني“ پنهنجا دوها نقل ڪري ويو آهي. اهو سڄو دور اپڀرنش ٻولين ۽ انهن جي دوهي واري شاعريءَ جي ترقيءَ جو دور آهي. +بهار جي جڳ مشهور شاعر ودياپتي به پنهنجن ٻن ڪتابن ”ڪِرتي لتا“ ۽ ”ڪِرتي پتاڪا“ ۾ اهڙي ٻولي ڪم آندي آهي، جنهن ۾ اُپڀرنش ۽ مڪاني ٻولي جو ميل آهي (جنهن کي پوءِ لسانيات جا ماهر ”اوهٽ“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن) ودياپتي پنهنجي هڪ اپڀرنش دوهي ۾ پنهنجي ٻوليءَ بابت چوي ٿو ته ”ديسي ٻولي هر ڪنهن کي مٺي لڳي ٿي، ان ڪري مان ان جي ميل واري اپڀرنش ۾ شاعري ڪريان ٿو.“ ودياپتي جي ميل واري اوهٽ ٻوليءَ ۾ سنسڪرت جا لفظ عام جام ڏسجن ٿا. هو اهرن لفظن کي سنسڪرت جي بدران پراڪرت جي گرامر مطابق استعمال ڪري ٿو. سندس زماني جي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو عام انداز ساڳيو ئي آهي ۽ ان زماني جو هر ليکڪ پراڪرت ۾ اپڀرنش جي ٻوليءَ جي گرام جي پيروي ڪندو نظر ٿو اچي. شاعري ۽ ادب جو عام لاڙو پراڪرت ۽ اپڀرنش جي نين ضرورتن مطابق آهي. ٻوليءَ جو اهو انداز شاعريءَ ۾ وڌيڪ نمايان آهي ۽ شاعريءَ ۾ رڳو دوهي جي صنف آهي ۽ ٻئي ڪنهن به صنف ۾ ڪلام هيلتائين نه مليو آهي. ڊاڪٽر محمود حسين خان به پنهنجي ڪتاب ”هندي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ ساڳي تحقيق پيش ڪئي آهي. تازو ڊاڪٽر جميل جالبي به پنهنجي تاريخ ادب اردو جي جلد 2 ڀاڱي 2 ۾ دوهي کي پراڪرت ۾ جهوني ۾ جهوني شاعري ڪري ڄاڻايو آهي. مطلب ته اپڀرنش جي شاعري رڳو دوهي جي شاعري هئي. +اپڀرنش ٻولين جي آخري دور ۾ سن 1000ع ڌاري مڪاني ٻوليون پنهنجو نئون روپ ڌاري چڪيون هيون ۽ پنهنجي لساني خصوصيتن ۾ پختو ٿي اهڙي صورت اختيار ڪري چڪيون هيون جو اڄ تائين برقرار آهن. انهن ٻولين اپڀرنش جي جاءِ ورتي، ان ڪري دوهو، جيڪو اپڀرنس جي شاعري جي مقبول صنف هئي، گهڻين ٻولين ۾ موجود آهي. اهڙن ٻولين ۾ سنڌي به آهي. مسلمان سن 800ع ڌاري هندستان ۾ اولهه کان داخل ٿيا. اهو زمانو ٻولين جي ڦرڻ ۽ ٺهڻ جو زمانو هو. مسلمانن جي اچڻ ڪري ٻولين جي تعمير ۽ ترقيءَ جي خاص اثر ظاهر ٿيا، جيڪي اڄ تائين موجود آهن، بلڪ گهڻين زبانن کي موجوده شڪل ئي مسلمانن جي اثر هيٺ ملي آهي، ڇو جو اپڀرنش جي ختم ٿيڻ ۽ نين ٻولين جي پيدائش جو دور به ساڳيو ئي آهي. +انومان آهي ته انهيءَ دور جا دوها به ٻه سٽا هئا، جيئن دوهي لفظ مان ظاهر آهي. پر چئن ڇهن اٺن سٽن وارن دوهن جي صنفن جو به رواج هو. البت ٻن سٽن وارن دوهن کان گهٽ اهي گهڻ سٽا دوها مسلسل هوندا هئا. دوهي جو وزن چوويهن ماترائن واروئي هو، پر جيئن زبان جا قاعدا به اپڀرنش ۾ سخت نه هئا، تيئن فن جا قاعدا به نرم هئا. ماترائن جي سخت پابندي نه هئي، ۽ دوهي ۾ ٽيويهن ۽ پنجويهن ماترائن جا دوها به گهڻا چيا ويندا هئا. گهڻن سٽن دوهن ۾ چئن ڇهن ۽ اٺن سٽن جي دوهن جا نمونا ”تُڪ“ (قافيي) جي لحاظ کان ٻن قسمن جا هئا. چئن ۽ ڇهن سٽن جو پهريون قسم، جنهن ۾ تڪ قاعدي مطابق رهندي هئي، هيٺ ڏجي ٿو: +چئن سٽن جو مثال: ______________ تڪ، ___________ تڪ +___________ تڪ، ___________ تڪ +ڇهن سٽن جو مثال: ______________ تڪ، ___________ تڪ +___________ تڪ، ____________ تڪ +___________ تڪ، ____________ تڪ +پر اهڙن دوهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن، ٽين، پنجين ۽ ستين سٽ ۾ تُڪ (قافيو) نه آڻيندا هئا، ان ڪري هيئت ٿوري ڦريل هوندي هئي. +چئن سٽن جو مثال: __________ تڪ، ____________ تڪ +_______________ ´ ، ____________ تڪ +ڇهن سٽن جو مثال: __________ تڪ، ____________ تڪ +_______________ ´ ، ____________ تڪ +_______________ ´ ، ____________ تڪ +اهڙي ئي نموني ۾ اٺن سٽن جا دوها به چيا ويندا هئا، پر ٿوري وقت کان پوءِ ڇهن ۽ اٺن سٽن وارن دوهن جو رواج گهٽ ٿيندي ٿيندي، اهڙا دوها (ٻه سٽا ڇند) يا جوڙي وارا دوها هئا يا سوال جواب جا، پر انهن ۾ هر دوهو پنهنجيءَ جاءِ تي مڪمل هوندو هو. جوڙي وارن دوهن جو هڪڙو مثال هيٺ ڏجي ٿو: +(1) چنچل چپلا بهو چلن، بهو ڀوجن بهو روس +تُرين ۾ يهي پانچ گن، تِرين ۾ يهي دوس +سوخ هجڻ، ٿلهو هجڻ گهڻو هلڻ وارو هجڻ، گهڻو کائڻو هجڻ ۽ گهڻو غصي وارو هجڻ- اِهي اهڙيون پنج وصفون آهن، جو جيڪڏهن گهوڙين ۾ هجڻ ته وڏيون خوبيون ليکبيون، پر عورتن ۾ هجن ته معيوب سمجهيون وينديون. +(2) شيتل پاتل مند گتي، الپا ها نروس +تِر��ن ۾ يهي پانچ گُن، تُرين ۾ يهي دوس +ٿڌو هجڻ، نرم مزاج هجڻ، آهسته هلڻ وارو هجڻ، شرم وارو هجڻ ۽ ڪاوڙ بلڪل نه ڪرڻ- اهڙيون پنج وصفون آهن، جو جيڪڏهن عورتن ۾ هجڻ ته خوبيون آهن، پر گهوڙين ۾ هجن ته عيب سمجهيا ويندا. +اهڙي ئي نموني ۾ سوال جواب جا دوها هوندا آهن: +سوال: ڪاهي نيمي ڪڙوي لاڳي، ڪاهي ديت سيتلي ڇانهن +ڪاهي ڀائي بيري لاڳي، هوت داهني بانهن +ڪڏهن نِم ڪڙي لڳندي آهي ۽ ڪڏهن ٿڌي ڇانو ڏيندي آهي. ڀاءُ ڪڏهن ويري هوندو آهي ۽ ڪڏهن سڄي ٻانهن (ٻانهن ٻيلي) هوندو آهي. انهن سوالن جا جواب ٻئي دوهي ۾ ان ريت ڏنا ويا آهن: +جواب: کائي نيمي ڪڙوي لاڳي، بيٺي سيتلي ڇانهن +ڌن ۾ ڀائي بيري لاڳي، رن ۾ داهني ٻانهن +کائڻ سان نِم ڪڙي لڳندي آهي، هيٺ ويهڻ سان ٿڌي ڇانو ڏيندي آهي. ڌن هجي ته ڀاءُ ويري ٿيندو آهي ۽ لڙائيءَ (ويڙهه) ۾ سڄي ٻانهن (ٻانهن ٻيلي- طاقت) هوندو آهي. +اسين ڏسي چڪا آهيون ته سوراشٽر ۾ دوهي ۽ سورٺي جي ميل سان سورٺا- دوها- سورٺا ٺاهيا ويا. تڪن جي انهيءَ فني استعمال سان گهڻ سٽن ضفن ۾ ٻيا به ٺهيا. ٽن سٽن وارن ضفن جا مثال هيٺ نقل ڪيا ٿا وڃن: +(1) -------------------------“ ------------------------ تڪ +-----------------------------“ ------------------------- تڪ +-----------------------------“ ------------------------ تڪ +(2) -------------------------“ ------------------------- تڪ +-----------------------------“ -------------------------- تڪ +----------------------------- تڪ ---------------------- +(3) ------------------------- تڪ --------------------- +----------------------------“ -------------------------- تڪ +--------------------------- تڪ----------------------- +(4) ----------------------- تڪ --------------------- +--------------------------- تڪ ---------------------- +---------------------------- تڪ --------------------- +سنڌ شاعريءَ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين مثال مان ٻيا ۽ ٽيا نمونا وڌيڪ مقبول ٿيا. ٽئين نموني جا مثال گهٽ ملن ٿا. +چئن سٽن جي بيتن جو عام نمونو سورٺي- دهي ۽ دوهي- سورٺي کي ملائي ٺاهيو ويو، مثال طور: +سورٺو دوهو ______________ تڪ ______________ +__________________ “ ______________ تڪ +دوهو سورٺو ______________ “ _____________ تڪ +_________________ تڪ ________________ +چئن سٽن جي عام سنڌي بيت جو نمونو آهي: +جهلي تان نه رهان، ڌاران پسڻ پرينءَ جي +اپر عاجز آهيان، لالن جان نه لهان +فردا مون ڦٽي ڪئي، وعدي ڏي نه وهان +صباح سنئين نه سهان، خواه ميڙيين خواه ماريين +(شاهه) +هي دوهو، ”سورٺي-دوهي“ ۽ ”دوهي-سورٺي“ مان ٺاهيو ويو آهي. چئن سٽن جو ٻيو مقبول عام نمونو دوهي ۽ دوهي سورٺي جي ميل سان ٺاهيو ويو آهي: +ڏکيءَ سنديون ڏونگرين، آڌيءَ آهون پَوَن، +ڏاري جو ڏونگر کي سوڪي چيو چَوَن +آري جي افسوس ۾ ماڙهو مِرون رُئَنِ +ان پر سيئي هَوَنِ، هيئنڙا جن هجي ويا. +(شاهه) +اهڙيءَ طرح سٽون وڌنديون ويون ۽ دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان بيتن جا نمونا ٺهندا ويا. اپڀرنش جي پوءِ واري دور ۾ گجرات ۽ سنڌ ۾ ٽن سٽن، پنجن سٽن کان وٺي نون سٽن جا بيت به چيا ويا. پر بيتن جي آخري سٽ ۾ هميشه تڪ (قافيو) سورٺي جي انداز ۾ آڻڻ جو رواج پختو ٿي ويو ۽ سنڌي بيت ۾ گهڻو ڪري ان جي خلاف ورزي نٿي ڪئي وڃي ۽ قافيو سدائين سٽ جي وچ ۾ آڻيندا آهن. +سنڌي بيت جو نالو فارسي بيت تان ورتل آهي. ٻنهي جو مقصد ڪنهن حد تائين ساڳيو آهي، يعني ڪنهن نُڪتي جي سمجهاڻي يا وضاحت، جيئن سعدي جي گلستان ۽ جاميءَ جي بهارستان ۾ ڏسون ٿا. پر سنڌي بيت ۾ ٽي، پنج، ست ۽ وڌيڪ تعداد ۾ به سٽون ٿي سگهن ٿيون، جيڪا فارسي شاعري جي روايت ۽ فن جو دستور ڪونهي. +بابا فريد جو زمانو چوڏهين صديءَ جو آهي، جيڪو دوهي ۽ بيت جي اوسر جي دور جي ويجهو آهي. ان ڪري بابا صاحب جي ڪلام ۾، جو دوهن تي مشتمل آهي، (اسان کي سلوڪ ۽ باني وغيره نالن سان ڌوڪو نه کائڻ گهرجي) اوائلي دور جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مثال طور اوائلي دور جي ڪن دوهن ۾، جيڪي گهڻو ڪري گهڻ سٽن دوهن جا وڇڙيل دوها هئا ۽ معنيٰ طور مڪمل ٿيڻ سبب ڊگهن دوهن کان جدا ٿي مشهور ٿيا (يا ائين ئي چيا ويا هئا)، پهرين سٽ ۾ قافيو نه هوندو هو. بابا فريد جي دوهن ۾ (توڻي اُهي بابا صاحب جا هجن يا فريد ثاني جا) اهڙا مثال ملن ٿا، جن جي پهرين سٽ ۾ ”تڪ“ (قافيو) ڪونهي: +1- (فريدا) دُني وجائي وجدي، تون به وڃين نال +سو اي جيو نه وجدا، جس الله ڪردا سار +2- ويکو بند چليا، چونهه جڻيان دي ڪنهه +(فريدا) عمل جو ڪيتي دني وچ، درگاه آئي ڪم +ظاهر آهي ته نه نال ۽ سار قافيا آهن ۽ نه ڪنهن ۽ ڪم. اها صفت اپڀرنش واري دوهي جي هئي. اپڀرنش وار دوهي جي پهرين سٽ ۾ قافيو نه هوندو هو. ان جو فني جواز به هو. رڳو ائين نه هو ته اهڙا دوها گهڻن سٽن وارن دوهن کان جدا ٿي مشهور ٿيا. بابا صاحب جي دوهن ۾ ان جو مثال به ملي ٿو. +فريدا راتين کٽ سون، ڏينهن پٽ پيٽ ڪونُ +جان تون کٽڻ ويل، تراهين تين سونُ رهــــيا. (فريد) +انهيءَ دوهي کي ڏسي معلوم ٿيندو ته پهرين سٽ ۾ ٻنهي چرنن ۾ سونن ۽ ڪوَن قافيا آندا ويا آهن ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ويل هوندو، جو سورٺي جي انداز ۽ قافين جي نموني ۾ آندو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُدوهو ڦُٽڪر (اڪيلو) هجي يا ڪنهن مسلسل دوهي يا جوڙي جو وڇڙيل دوهو هجي. اهڙا ڦٽڪر دوها اپڀرنش واري دور ۾ ڪافي رائج هئا، بعد ۾ دوهي جا قاعدا به زبان جي دستور جي انداز ۾ سخت ٿيندا ويا ۽ ٻنهين سٽن ۾ قافيو ضروري سمجهيو ويو. +سوراشٽر (گجرات) جي روايت جي پيروي ۾ پوءِ ٽي سٽا، چار سٽا ۽ پنج سٽا بيت به عام ٿي ويا، ان جا مثال به سڀ کان اول بابا فريد جي ڪلام ۾ ملن ٿا. +(1) (فريد) محل نِسڪّن ره گئي واسا آيا تل +ٿورا سي نماڻيان، بهسن روحان مل +آکين شيخا بندگي، چلن اڄ ڪهه ڪل. +(2) (فريدا) ديک ڪپاهي جو ٿيا جو سر ٿيا تِلانُ +ڪمادِي ارڪا گدي، ڪني ڪويليان +مندِي عمل ڪرينديا ايهه سزا تنهان (فريد) +چئوسٽا ۽ پنج سٽا بيت به سڀ کان اول فريد جي ڪلام ۾ ئي ملن ٿا، پر اهڙن بيتن ۾ اڳوڻي سلسلي جي پيروي ڪئي ويندي آهي، ۽ گجرات ۽ سنڌ جي بيتن جو مٿن اثر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. تُڪ سڀني بيتن ۾ دوهي جي انداز ۾ پڇاڙي ۾ اچي ٿو. آخري سٽ ۾ به تڪ وچ ۾ نٿو اچي. بابا فريد جي چؤسٽن بيتن جو مثال هيءُ آهي: +(1) (فريدا) تون تون ڪريندي جو موئي، موئي به +تون تون ڪرڻ +جنهين تون تون نه ڪيا، ڪنهين نه سڃاتو تن +سائين سندي ناد کي دايم پري چون +اب نه ڀني بوريا، سندي فقيرن. +(2) (فريدا) برها برها آکيِي، برها تون سلطان +جدتن يرهون نه اوپجي، سو تن جاڻ مسان +فريدا جت تن برها اوپجي تت تن ڪئيسا ماس +اِت تن اب ڀي بهت هئي هاڙ جام ارماس. +بيت نمبر ٻيو جوڙي جو بيت آهي، ان ۾ ٻئي دوها جدا جدا تُڪن ۾ آهن. هيءُ به تمام جهونو انداز آهي، ورنه عام طور جوڙي جي بيتن ۾ قافيو ساڳيو هوندو آهي. +(فريدا) ڪرن حڪومت دُني دي، حاڪم نائون دهرن +اُڀي ڌول پياريان، پڇي ڪوت چلڻ +چڙهه چلڻ سک واهي اپر چور جهُلڻ +پج وڇاون ياهرو، جٿي جاءِ سوڻ +تنهنان جنهان ديان ديريان دور وَن پيئان وسڻ. +سنڌيءَ ۾ ٽي سٽا بيت سڀ کان پهرين قاضي قادن وٽ ملن ٿا ۽ سندس زماني جي ويجهڙائيءَ ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام ۾ به ڪي بيت ٽي سٽا آهن. اهڙا بيت پوءِ خواجه محمد زمان لُواري شريف ۽ فقير گرهوڙي جي ڪلام ۾ به آهن. چؤسٽا بيت قاضي قادن جي تازو مليل ڪلام ۾ موجود آهن. ٽه- سِٽي بيت جا مثال هيٺ نقل ڪجن ٿا: +تون آڌار سڌار تون، تون اڏائون اڏ +تون ئي اکڙين مون�� تون ئي اندر هڏ +ڳل لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجت سڏ. +(قاضي قادن) +جاڳي جاڳي سسسئي جان هيجان هٿ وڌاءِ +تان سُڃي سچ پرين ري، پنهون پٿر ناهه +نڪرندي چتاءِ، گهوڙ گهِر نه سپرين +(شاهه ڪريم) +ڇڏ جاڳوٽا جوڳين، دنهيون ڪيم دکاءِ +و اذڪر ربڪ في نفسڪ، اندر آڳ جلاءِ +جن سڄڻ جي ساڃاءِ، تن ڪينا مٺو ڪينڪِ +(خواجه محمد زمان) +جوڳي پنهنجي جوءِ وئا، جهُڙ جئن نيڻ جهمن +سخن ساميئڙن جا، هنئڙي منجهه هُرن +سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لئه +(شهيد گرهوڙي) +قاضي قادن جي زماني ۾ چؤستن بيتن جو عام رواج نه ٿيو هوندو، پر ڪن شاعرن چوڻ شروع ڪيا هوندا. قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي بيتن ۾ آخري سٽن ۾ به قافيو سٽ جي آخر ۾ اچي ٿو. قاضي قادن جي نئين مليل ڪلام ۾ چؤسٽا بيت ڪافي تعداد ۾ ملن ٿا، پر قافيو چوٿين سٽ جي آخر ۾ آيل آهي. +سج پيارا سائيان، سائين سچ سُهاءِ +سچي منگل نه دهيه، سچي سرپ نه کاءِ +سچ سمنڊان سر چڙهيه، ڪوڙڪ کائين پاهِه +هڏهو ڪڏهون ڪُوڙڪي، ڏيندو سچ سزاءِ +(قاضي قادن) +خواجه محمد زمان لُواري شريف وارا ۽ شاهه عنايت رضوي، شاهه جا بزرگ همعصر هئا. انهيءَ دؤر تائين پنجن ڇهن سٽن، بلڪه ان کان به وڌيڪ سٽن وارا بيت عام ٿي ويا هئا، پر جنهن شاعر اهڙن گهڻ سٽن بيتن کي رواج ڏنو، سو به شاهه کان ٿوروئي اڳ ٿي گذريو آهي. شاهه لطف الله قادري پنهنجي زماني جو عالم ۽ قادري طريقي جو بزرگ هو. سندس ڪلام ۾ پهريون ڀيرو پنجن، ڇهن ۽ ستن سٽن جا بيت عام جام ملن ٿا: +”پنج سٽو بيت“ +ڪي مٿي ڇٽ منڊيا، ڪي مورڇل وارين +ڪي پايو دونهيون اتر سامهيون پاڻ پچائين +ڪن پاتا ڪينر ڪاپڙين ڪي بسمي لائين +ڪي پهو لڳائين گوسايا پاڻ تنين ساڙين +آديسي او آهين، جن پيهي سڃاڻ پروڙئو +”ڇهه سٽو بيت“ +جـﮧ پنڌ نهايت ناهه ڪا نڪو انت نه ڇيهه +سو ڪوڙي ڏسي ڪنبيا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه +ات هلڻ حيرتِ ۾، ٿيو چيتيان تون چليهه +اوري ڪر مَ آسرو، ورچي تون مَ ويهه +ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيهه +ته سوئي پسي ڏيهه، جنـﮧ کي سڪي سڀڪو +”ست سٽو بيت“ +تان ڪو ڏهو پهيڙا سَنهيڙو سندون +ڪئين پانڌيڙا پنڌ ۾ ڪنـﮧ پر اهڃائون +ڪنهن پر هلن حق ڏونـﮧ ڪنـﮧ پر وصالون +ڪئين فنا ٿيا في الله ۾ ڪنهن پر مشاهدون +ڪهڙو حال حقيقت ان جي ڪهو پنڌ پرون +لايعلم تاويلا الا الله اونهو انت سندون +ڪونه ڄاڻي منجهون، اوءِ پڄهان بهار ٿيا +ان جو مطلب آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ان جي شاعريءَ جي روايت ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ اپڀرنش ٻولين جي تمام ويجهو رهي آهي ۽ اپڀرنش دؤر جي دوهي جي شاعريءَ ۾ ارتقا جهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي روايت ۾ ٿي آهي، ان جو مثال ڪنهن ٻوليءَ ۾ ورلي ملندو. ڪن لساني خصوصيتن جي ڪري سنڌي ٻولي پراڪرت ۽ اپڀرنش واري دؤر جي روايت جي امين آهي ۽ ان جي تمام آڳاٽي هجڻ جو هڪڙو پختو ثبوت اهو به آهي. ٻيو ثبوت سنڌي بيت آهي، جو پنهنجي اصل اوسر ۽ ارتقا جي ڪري پنهنجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جو ثبوت فراهم ڪري ٿو. +گهڻن سٽن وارن بيتن جو ارتقا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي، اُن جو مثال نه هندي ٻولي ۽ ان جي ڪنهن لهجي ۾ ملي ٿو، نه وري سوراشٽر جي گجراتي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نظر ٿو اچي. شاهه ۽سندس دؤر جي شاعرن جي ڪلام ۾ ڊگهن بيتن جي اوسر جو اهڃاڻ ملي ٿو. شاهه جي ڪلام ۾ شايد سڀ کان وڏو بيت يارهن سٽن جو آهي، جيڪو سر سارنگ ۾ آهي ۽ شاهه جي نهايت مشهور بيتن ۾ شمار ٿيندو آهي. +موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار +وڄون وسڻ آئيون چوڏس ۽ چوڌار +ڪي اٿي ويون استنبول ڏي ڪي مڻيون مغرب پار +ڪي چمڪن چين تي ڪي لهن سمرقندين سار +ڪي رمي ويون روم تي ڪي ڪابل ڪي قنڌار +ڪي دهلي ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار +ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار +ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار +ڪنهين اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولهار +سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار +دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين +(شاهه) +ان جو مطلب هيءُ آهي ته الف اشباع جي ڊگهن بيتن جو اثر سنڌي بيت تي پيو ۽ رفته رفته بيتن ۾ سٽن جو تعداد وڌندو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ شهيد گرهوڙي جي بيتن جو به ڪجهه اثر پيو هوندو، ڇو جو ”ابيات گرهوڙي“ جو مقام الف اشباع جي شاعريءَ ۾ ساڳيو آهي، جيڪو لاکيڻي لطيف جي بيت واري شاعريءَ ۾ آهي. سنڌي سگهڙ به الف اشباع واري شاعريءَ، خاص ڪري سنڌين ۽ شهيد گرهوڙي جي شاعريءَ کان متاثر ٿيا ۽ انهن ڊگهن بيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ عروج تي رسايو. سگهڙ شاعرن جو سرتاج سانوڻ فقير آهي، جنهن جا ڊگها بيت ٻوليءَ جي سهڻائي ۽ زور بيان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سانوڻ جي شاعريءَ ۾ ڊگهي ۾ ڊگهو بيت ٻاونجاهه سٽن جو آهي. +پر اصل بيتن واري ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تمام ڊگها بيت ايترا مقبول نه ٿيا، جيترا سگهڙن واري شاعري ۾ ٿيا. سنڌي بيت شاهه سائين ۽ شاهه عنايت رضوي ۽ پڻ اهڙن ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام ۾ اوج تي رسيا، انڪري ئي ان دؤر کان پوءِ سچل سرمست، بيدل، بيڪس، شاهه شريف ڀاڏائي ۽ خليفي نبي بخش جهڙن شاعرن بيت جي شاعريءَ جي معيار کي سدائين اوچو رکيو آهي. اسان جي دور ۾ به سڀ کان پهريائين محمد خان غني ۽ ان کان پوءِ شيخ اياز، طالب الموليٰ، تنوير ۽ ٻين بيت جي روايت کي قائم رکيو آهي. هنن نئين سر بيت کي سينگاري سنواري پنهنجي دور جي ضرورت آهر ترقي ڏني آهي. سنڌي بيت جي تاريخ ۽ ارتقا کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته هي لفظي سٽاءَ ۽ معنوي خوبين جي ڪري هر زماني ۾ اوج ۽ عروج تي رهيو آهي. +سنڌي شاعريءَ ۾ به هندي شاعريءَ جي روايت جهڙي روايت موجود آهي، يعني ان ۾ به عشق جو اظهار عورت جي طرفان ٿئي ٿو، پر اهو هندي شاعريءَ جي روايت جو اثر ڪونهي. انهيءَ خاصيت ۾ هندي ۽ سنڌي شاعري پراڪرت ۽ اپڀرنس کان متاثر ٿيون آهن. پر انهيءَ سلسلي ۾ به سنڌ جي پنهنجي انفراديت آهي جو ٻين اهڙين ٻولين کان، جن ۾ عشق جو اظهار عورت پاران ٿئي ٿو، مختلف آهي. سبب هيءُ آهي ته عشق جو اظهار سنڌي شاعريءَ ۾ لوڪ داستانن جي حوالي سان ٿئي ٿو، توڻي اظهار عشق عام عورت جي طرفان ڇو نه هجي، داستانن جي سورمين، ليلان يا مارئي، نوري يا مومل، سورٺ يا موکي يا ڍولا ماروءَ جي مارئي جي زباني ڪيو ويندو آهي. عشق جي اظهار جي هن روايت ۾ هڪ نفيس تهذيبي عنصر شامل ٿي ويو آهي ۽ عشقيه شاعري هڪ اوچي معيار تي پهچي وئي آهي. تمثيلي ۽ اليگريءَ جي ڪري به اهڙي شاعريءَ ۾ نه رڳو وسعت بلڪ عظمت جو پهلو به نمايان ٿي ويندو آهي. +انهيءَ خصوصيات جي ڪري بيت جي شاعريءَ ۾ هڪ جدا رنگ ۽ معيار پيدا ٿيو آهي، جنهن کي سنڌي روايت هڪ مڪاني ثقافت جي حيثيت ۾ ظاهر ڪري خاص انداز ڏنو آهي، تنهنڪري ان ۾ پنهنجي ڪشش ۽ پنهنجو دلڪش روپ آهي. اهو روپ سنڌي شاعريءَ کي هندي شاعريءَ کان جدا ڪري ٿو، جنهن سان سنڌي شاعريءَ جي انفراديت نمايان ٿئي ٿي. +معنوي خوبين کان سواءِ بيت جي لفظي خوبين جي صورت ۾ به اها انفراديت پنهنجو هڪ جدا انداز رکي ٿي. هاڻي سنڌي بيت جي لفظي خوبين جي انهيءَ خصوصيت جو بيان ڪجي ٿو، جنهن جو سلسلو جيتوڻيڪ اپڀرنش جي شاعريءَ سان ملي ٿو، ان ۾ نج سنڌي خصوصيتون به ڏسجن ٿيون. دوهي ۽ بيت جي لاءِ لفظن جي هڪ خاص انداز ۽ ورتاءُ جي ضرورت ٿئي ٿي، ان جا مث��ل هيٺ پيش ڪجن ٿا. پهريون مثال ڍولا ماروءَ جا ٻه دوها آهن. +(1) بِي جُليان چلهاون آڀئي آڀئي ڪوڙ +ڪدري ملون گي سجڻان ڪسي ڪنڪچي ڇوڙ +(2) بي جُليان چلهاوي آڀئي آڀئي چار +ڪدري ملون گي سجڻان، لايئي اِنهن بسار +انهن دوهن ۾ لفظن جي تڪرار سبب هڪ لفظي ۽ صوتي خوبي پيدا ٿي وئي آهي. ٻئي بيت هڪجهڙن لفظن سان شروع ٿين ٿا. ٻيءَ سٽ ۾ به ساڳي خوبي آهي. سنڌي بيت ۾ اهڙا مثال عام جام ۽ وڏي تعداد ۾ ملن ٿا. اهڙن لفظن سان شروع ٿيندڙ سنڌي بيتن جو انداز هيءُ آهي: +اڌر نڌر اڀري، آهيان اسونهين +پرڏيهي پرينءَ ڪيا، مرڻ لئي مونهين +سسئي سيد چئي، تنگن ۾ تونهين +هادي ڪيئن هونهين، ري سمر سڌون ڪري. (شاهه) +______ +اڌر نڌر اڀري اسونهين آئون +چيٽا چور چنجن ۾، بر ۾ بلائون +موٽ پنهون پانهون، متان محب مري وڃان. (شاهه) +اهو لفظي جوڙجڪ جو هڪڙو عام ۽ سهڻو مثال آهي، ان کان پوءِ جيڪو بيت ڇند طور پيش ڪجي ٿو، ان ۾ هڪ ٻي لفظي خوبي آهي جنهن ۾ ڇند ڪنهن هڪ لفظ يا ڪن لفظن تي ختم ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سلسليوار ڇند ساڳي ئي لفظ يا لفظن سان شروع ٿيندو آهي. اهڙي ڇند کي ”ڪُنڊليا ڇند“ جو نالو ڏنو ويو آهي. پهريون دوهو ”سائين“ لفظ تي ختم ٿئي ٿو: +ڪهه گرڌار ڪوي راءِ تا چَتُرن ڪي تائين +ڪر توتي ڪهه ديت، آپ ڪهيي نهين سائين. +ان کان پوءِ ايندڙ دوهي جي پهرين سٽ لفظ ”سائين“ سان ئي شروع ٿئي ٿي: +سائين اپني برات ڪو، ڪبهو نه ديجي تراس +پلڪ دور نهين ڪيجيي، سدا راکيي پاس. +هاڻي هڪ اهڙو مثال ڏجي ٿو، جنهن ۾ ڇند جي آخري سٽ ڪن خاص لفظن تي ختم ٿئي ٿي، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ بيت ساڳئي لفظ سان شروع ٿيندو آهي: +1- بِنا بچاري جو ڪري، سو پيڇي پڇتاءِ +ڪام بگاڙي آپکو، جڳ ۾ هو هنساءِ. +___ +جگ ۾ هوت هنساءِ، چت ۾ چين نه پاوي +کان پين سنمان، راڳ رنگ من ۾ نا پاوي +______ +2- پاني باڙهي ناو ۾، گهر ۾ باڙهي دام +دونون هاٿ اُليچيري، يهي سيانو ڪام. +_____ +يهي سيانو ڪام، رام ڪو سمرن ڪيجي +پرسوُارٿ ڪي ڪاج، شيش آگي ڌر ديجيي. +هندي شاعريءَ جي صنف ”ڪنڊليا“، جا گهڻو ڪري دوهي جي وزن ۾ هوندي آهي، ان ۾ لفظن جي اهڙي خوبي رکيل آهي. سنڌي بيت جي شاعري ۽خاص طور شاهه جي بيتن ۾ ساڳي ٽيڪنيڪ جا بيت جام ملن ٿا. مثال طور: +داغ تنهنجو دائما، ماري معذورين +سائين ڪارڻ سپرين، وڃج ۾ ڏورين +آئون تو حضورين، مڻيو وجهان مچ ۾. +انهيءَ بيت جا آخري لفظ ”ميڻو وجهان مچ ۾“ آهن، ان کان پوءِ ايندڙ بيت ساڳين لفظن سان شروع ٿين ٿا: +(1) مڻيو وجهان مچ ۾، هائي هڻان هار +ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مان لهان. +--- +(2) مڻيو وجهان مچ ۾، هائي هڻي هار +سوجي سک سيد چئي، ڪريئين ڪوه قرار +راجا ريساڻو گهڻو، سٽاڻو سردار +چوڏ چنيسر ڄام جو، ويهان ڏيهه ڏهڪار +ٺاڪر اکين ٺار، مڻئي ٿي مٽئين. +هندي دوهي جو هڪ ٻيو انداز الفظ جو هير ڦير به آهي، جنهن سان دوهي ۾ خوبصورتي ۽ اثر پيدا ٿيندو آهي: +(1) پاس ڪهون تو پاس هئي، دور ڪهون تو دور +جان اڃا جهان ۾، سڀ ۾ رهي ڀرپور. +(2) دور ڪهون تو دور رهئي، پاس ڪهون تو پاس +روم روم ۾ بس رهي، جو ڦولون ۾ پاس. +سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص لفظن ۽ انهن جي رِدم (Rhythm) وزن ۽ موسيقيت کي خيال ۾ رکي هيٺين بيتن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ هير ڦير سان پيدا ٿيندڙ موسيقيءَ جو انداز ۽ ان سان گڏ معني ۽ مفهوم جي سهڻائي ۽ اونهائي ڏسڻ ۾ محسوس ڪرڻ جهڙي آهي. +گهڙو ڀڳو منڌ مئي، ويا وسيلا +سار ڇڏيان سير ۾ هئي رهيا حيلا +سهڻي جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا. +_______ +گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا ويا +تنها پوءِ سُئا، سهڻي سڏ ميهار جا. +_______ +پاڻ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ +لائن تنين لڏ، عشق جيئن جا اڳ ۾. +_____ +پاڻ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڃ +ڀيلو ڀــــــــــري ڀڃ، اڪنڊ کڻ عمــيق ۾. (شاهه) +سنڌي بيت ۾ لفطن جي جوڙجڪ بابت ايترا مثال ڪافي آهن. انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ ڏس ۾ به سنڌي شاعرن پنهنجو جدا ۽ سهڻو انداز پيدا ڪيو آهي، جنهن کي نڀائيندا پيا اچن. +سوال جواب جي بيتن واري روايت به سنڌ ۾ ڪافي پختي ۽ پنهنجي انداز ۾ منفرد آهي. سوال جواب جي دوهن ۾ خاص دوها اهي سمجهيا ويا آهن، جن ۾ ڪي مشهور شخصيتن جو ذڪر آيل آهي يا انهن جي وچ ۾ دوهن جي ڏي وٺ ٿي آهي. مثال ۾ اهڙي هندي دوها پيش ڪجن ٿا. مشهور درويش شاهه ڀيڪ پنهنجي هڪ درويش دوست فقير بابا شيتل پوري ڏانهن هڪڙو دوهو موڪليو هو ته: +چلتي چلاتي جڳ ڳئيو، اور ڀيڪ دواري دوُر +خرچي نِبڙي پڳ ٿڪي، جا ڪوئ ڪهي حضور +(شاهه ڀيڪ) +ان جو جواب بابا شيتل پوري به هڪ دوهي ذريعي ڏنو هو. +جن بنين تم جات هو، اُن نبين هين دور +ست نام شيتل پوري جو سنمک رهي حضور +(شيتل پوري) +سنڌيءَ ۾ اهڙن بيتن جا مثال ڪيترائي آهن، پر سڀ کان مشهور اهي آهن، جن جي ڏي وٺ خواجه محمد زمان لقواري وارن، شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف ڀٽائي جي وچ ۾ ٿي هئي. شاهه صاحب جڏهن خواجه محمد زماني صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ مراقبي ۾ هئا. شاهه صاحب وٽن وڃي هيءُ بيت ڏنو: +سامي سفر هليا، ڪـــــــو پروڙي پـــنڌ +جن هيٺان ڪنڌ، آءُ نه جئندس ان ريءَ (شاهه) +خواجه صاحب جواب ۾ هي بيت ورجايو. +ڪين آهين ڪيـــــن، وڃي ڪين ڪــــــماءِ +لاڳاپا لوڪ جا، لاسين سڀ لهـــــــــراءِ +سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي +(خواجه محمد زمان) +هي بيت ٻڌي شاهه صاحب فرمايو: +قلم وهي ويو ڪانهه، سرتيون ڪنهن سهاڳ لئي +انگ اڳي ئي لکيو، ات نه پهچي ٻانهه +ڪنهن کي ڏيان دانهه، ته پرينءَ مان سين هيئن ڪيو +(شاهه) +انهيءَ تي خواجه صاحب وراڻيو: +ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنينءَ جي هٿ ۾ +ميٽيو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن +پنو سي پڙهن، جنهن مان پسن پرينءَ کي +(خواجه محمد زمان) +چون ٿا ته عرفان جي منزلن ۾ جڏهن شاهه صاحب قبض ۽ سبط جي حالت ۾ هو ته شاهه عنايت الله جهوڪ وارن، جيڪي پاڻ به درويش ۽ خدا رسيده بزرگ ۽ عمر ۾ شاهه سائينءَ کان وڏا هئا، تن انهيءَ حالت کي ڏسي هيٺيون بيت پڙهيو: +ڏسي ڏونگر ڏار، مٿان هلن هيري ٿئين +ڪي مجازاڻيون موٽيون، سُئي پنڌ پچار +پويون پائج پرين کي، حقيقي هار +سگهي لهندي سار، آريجا عنايت چئي +(شاهه عنايت) +جواب ۾ شاهه صاحب فرمايو: +پسي ڏونگر ڏاهه، متان هلڻ هيري ٿئين +پڇي پوج سسئي مهندا بلوچاڻي باهه +اڻ ورائتي ور جو، آسرو هڏ مَ لاهه +اکين اوڏو آهه، پرين پراهون مَ چون +فني ۽ معنوي خيال کان بيت سدائين سنڌي شاعريءَ ۾ مانواري صنف رهي آهي. چئي سگهجي ٿو ته بهترين سنڌي شاعري بيتن واري شاعري آهي ۽ سنڌي بيت جي روايت ڪنهن صورت ۾ به هندي دوهي جي روايت کان گهٽ ناهي. سنڌي لوڪ ادب ۾ ڏور بيت جي جيڪا صنف آهي، اهڙي ڪا به صنف هندي دوهي جي شروعات ۾ نظر نٿي اچي. فني توڙي شاعرانه خوبين جي اعتبار کان سنڌي بيت هڪ مڪمل، منفرد ۽ خوبصورت صنف آهي، جنهن کي ڪنهن به ٻوليءَ جي بهترين شاعري جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ان جو مڪمل اڀياس هڪ مختصر مضمون ۾ ڪري نٿو سگهجي. +ماخذ +1- رسالو شاهه عبداللطيف، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر +گربخشاڻي +2- رسالو ميون شاهه عنات رضوي، ڊاڪٽر نبي بخش +بلوچ +3- لطائف لطيفي، مير عبدالحسين سانگي +4- احوال شاهه عبدللطيف ڀٽائي، مرزا قليچ بيگ +5- لطف اللطيف، دين محمد وفائي +6- شاهه لطف الله قادري جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش +بلوچ +7- قاضي قادن جو ڪلام، هيرو ٺڪر +8- ڪلام گرهوڙي، ڊاڪٽر دائودپوٽو +9- ابيات سنڌي (خواجه محمد زمان) ڊاڪٽر دائود پوٽو +10- هندي ساهتيه اتي هاس، مها بير پرشاد دوي ويدي +11- ڪريم جو ڪلام، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالحميد سنڌي +12- شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام، ڊاڪٽر دائود +پوٽو +13- تاريخ ”زبان اردو کا مقدم“، ڊاڪٽر مسعود حسن +خان +14- هندي ادب کي تاريخ، ڊاڪٽر محمد حسن +15- تاريخ ادب هندي، ظهير الدين علوي +16- راجستاني لوڪ گيت، ڊاڪٽر سورن لتا اگروال +17- ڍول مارو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +18- ڪوتا ڪومُدي (ڀاڱو پهريون) رام نريش ترپاٺي +19- نڙ جا بيت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +20- تاريخ ادب اردو، ڊاڪٽر جميل جالبي + + +دليل ڪوٽ/ دهليل جو قلعو +قريشي حامد علي خانائي +قديم زماني جا ڪيترائي مشهور، پررونق ۽ وسندڙ شهر ۽ قلعا اڄ پنهنجي پراڻي عظمت وڃائي چڪا آهن. سنڌ جي انهن قديم آثارن مان اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳئين زماني ۾ سنڌ جي اهم ۽ مکيه مرڪزن تي مضبوط قلعا ۽ ڪوٽ ٻڌل هئا، جن تاريخ جا ڪيترائي وڏا وڏا انقلاب ڏٺا. اهڙن ڪيترن اوائلي شهرن ۽ قلعن جو احوال ملڻ ئي محال ٿي پيو آهي، ايتريقدر جو زماني جي لاهين چاڙهين انهن جي اصلي نالن ۾ پڻ ڪافي ڦيرو آڻي ڇڏيو آهي. +سنڌ جي نقشي تي نظر ڦيرائڻ سان اهو چڱيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته پراڻي زماني ۾ اهي مرڪزي شهر، قلعا ۽ ڪوٽ وغيره اڪثر سنڌو درياهه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي ڪنارن ۽ ڪنڌين تي اڏيل ۽ آباد هوندا هئا. ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين اهڙا سوين قديم آثار ۽ نشان ملن ٿا، جن مان ان ڳالهه جي پوريءَ طرح سان تصديق ٿئي ٿي. +اهڙن آڳاٽن قلعن ۽ ڪوٽن مان ”دهليل جو قلعو“ يعني ”دليل ڪوٽ“ قديم زماني ۾ سنڌو درياهه مان نڪرندڙ شاخ ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪپ تي ڏکڻ اوڀر ۾ تعمير ڪيل هو ۽ اڄ تائين اهو قلعو قائم آهي. ”دهليل جو قلعو“ يعني ”دليل ڪوٽ“ جو اهو قديم قلعو موجوده دور ۾ نوابشاهه شهر کان سڪرنڊ ڏانهن ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي اتر اولهه جي ڪنڊ تي واقع آهي. اهو قلعو نوابشاهه کان يارنهن ميل پري ۽ سڪرنڊ شهر کان ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي. انهيءَ قلعي جي سامهون ”سکپور“ جي ڀرسان سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”چنهو جي دڙي“ جا قديم آثار آهن. خود ان قديم شهر جي باري ۾ ماهرن جو رايو آهي ته چنهو جي دڙي وارو شهر ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪناري تي آباد هو ۽ اهو هاڪڙي جي تهذيب ۽ تمدن جو نشان آهي(1). +هن موجوده دور ۾ اهو قلعو ”دليل ڪوٽ“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. هن قديم قلعي جي ڀرسان انهيءَ قديم ”هاڪڙي درياهه“ جا نشان ڍوري جي صورت ۾ اڄ تائين موجود آهن: دراصل تاريخي لحاظ کان هي دهليل جي قلعي جا پراڻا نشان آهن. فوجي اهميت کان هيءُ قلعو نهايت ئي اهم هو. سنڌ جي تختگاهه ”الور“ ۽ ”برهمڻ آباد“ جي وچ ۾ بچاءُ واري لحاظ کان هڪ مضبوط فوجي چوڪي هئي. واپاري اعتبار کان هي ”هاڪڙي درياهه“ جو مشهور پتڻ هو. +ليڪن افسوس آهي ته هن پراڻي ۽ تاريخي قلعي جو احوال هن وقت تائين سنڌ جي ڪنهن به مؤرخ نه ڏنو آهي. ”تاريخ معصومي“، ”تاريخ طاهري“، ”تحفته الڪرام“ ۽ سنڌ جون ٻيون تاريخون اڪثر هن قلعي جي احوال کان وانجيهل نظر اچن ٿيون، نتيجي طور هن قلعي جي پراڻي تاريخ پوئين زماني جي مختلف روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي رءُ ۽ لٽ ۾ ڍڪجي پئي وڃي ۽ اسان جي ماضيءَ جي تاريخ جو هي اهم باب آهستي آهستي اسان جي اکين کان هميشه لاءِ اوجهل ٿيندو پيو وڃي، ايتريقدر جو هن قلعي جو اصلي نالو پڻ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ”دهليل“ مان ڦري ”دليل ڪوٽ“ پيو سڏجڻ ۾ اچي. +”چچنامي“ وارو صاحب هن قلعي جي باري ۾ لکي ٿو ته: +”محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ اهو شهر آباد ۽ سندس ملڪ ڪشادو ۽ سرسبز هو. ”راوڙ“ ۽ ”برهمڻ آباد“ جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا، جن مان هڪ کي ”بهرور“ (2) ۽ ٻئي کي ”دهليل“ سڏيندا هئا. انهن قلعن ۾ اٽڪل سورنهن هزار جنگي سپاهي هئا. محمد بن قاسم اتي پهچي ٻن مهينن تائين گهيرو ڪيو. ”بهرور“ جي فتح کان پوءِ جڏهن اها خبر ”دهليل“ وارن کي پهتي ۽ اها به خبر پين ته محمد بن قاسم فوج سان هن طرف اچي رهيو آهي ته ”دهليل“ جي قلعي ۾ رهندڙ واپاري هندستان طرف هليا ويا ۽ باقي جنگي سپاهي قلعي ۾ لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويٺا. اٽڪل ٻن مهينن تائين قلعي جو گهيرو رهيو. نيٺ قلعي وارن تنگ ٿي، ڪفن پهري، خوشبوءِ مکي، قلعي جي ان دروازي وٽ ٻارن ۽ ٻچن کي موڪليو، جنهن جو رخ ريگستان ڏانهن هو.“(3) +”چچنامي“ جي انهيءَ بيان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ”دهليل“ جي قلعي جي دروازي جي رخ ريگستان جي طرف هو، جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اڳئين وقت ۾ موجوده بابشاهه شهر جي اڀرندي طرف ريگستاني علائقو هو. هن دور ۾ نوابشاهه شهر جي اوڀر ۾ ”سٺ ميل“ شهر کان ”نصرت واهه“ جي اوڀر ۾ وارياسو علائقو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جي تحقيق موجب واقعي قديم دور ۾ اهو ريگستاني علائقو هن قلعي جي سامهون هو. +هن قلعي جي فوجي اهميت جي باري ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: +”سنڌ جي راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس پٽ جئسينـﮧ وٽ محمد علافي سميت پندرنهن هزار لشڪر هو. ٻنهي کي وزير سيساگر برهمڻ آباد جي قلعي طرف وڃڻ لاءِ مشورو ڏنو، جتي بي شمار خزانو پڻ موجود هو. الور ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ”دهليل“ جي حاڪم نيويه پٽ ڌاران،(4) وٽ سورنهن هزار لشڪر ساڻ هو، ۽ محمد بن قاسم سان بهادريءَ سان وڙهيو ۽ آخر شڪست کاڌائين.“(5) +انهيءَ سموري تاريخي واقعي کي سيد ابوظفر ندوي وري هن طرح بيان ڪري ٿو ته: +”ماهه شوال سن 93هه ۾ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي طرف پيش قدمي شروع ڪئي. رستي ۾ ٻه مضبوط قلعا هئا، هڪ ”دهليل“ ۽ ٻيو ”بهرور“. هر قلعي ۾ ڇهه هزار فوج جمع هئي. انهن قلعن جي فتح کان اڳ ۾ برهمڻ آباد کي فتح ڪرڻ ڏکيو ڪم هو، انهيءَ ڪري سڀ کان پهرئين ”بهرور“ جي قلعي کي فتح ڪيو ويو. ”دهليل“ وارن کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته هتي جا سڀ واپاري قلعو ڇڏي ڀڄي هليا ويا.... ۽ صرف فوج مقابلي لاءِ رهي. سن 93هه ۾ ٻن مهينن تائين محمد بن قاسم قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ آخر ۾ ماڻهو.... قلعي جي سامهون دروازي کان نڪري نهر پار ڪري هليا ويا.“(6 ۽ 7) +”دهليل“ جي قلعي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ ذڪر ڪندي سيد ابو ظفر ندوي هن طرح لکي ٿو ته: +”جمادي الاول سن 94هه ۾ عرب فوج برهمڻ آباد جي طرف ڪوچ ڪيو ۽ دهليل جي فتح کان پوءِ ڌاران جي پٽ نوبيه کي اتان جو ناظم مقرر ڪيو ويو. دهليل جي قلعي سان گڏ هن جي آسپاس وارو ٻيو علائقو هن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کي ”دوهاٽيه“ ڪري چون ٿا ۽ ان جي حد برهمڻ آباد کان ٽن ميلن تائين هئي. دهليل جي قلعي مان محمد بن قاسم کي تمام وڏي دولت هٿ آئي هئي، جنهن جو پنجون حصو هن خليفي ڏانهن عراق موڪليو هو.“(8) +انهن مٿين سڀني تاريخي بيانن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ”دهليل جو قلعو“ ان قديم دور ۾ فوجي لحاظ کان وڏو اهم هو ۽ برهمڻ آباد جي فتح ڪرڻ جو پهريون دروازو هو. ساڳئي وقت اهو به ثابت ٿئي ٿو ته هتان جا رهندڙ اڪثر ڪري واپاري هئا ۽ هتان جو واپار درياهه ۽ خشڪي رستي هندستان ۽ ڏيسا��رن سان هلندو هو. انهيءَ کان سواءِ اسان مٿي اهو به بيان ڪيو آهي ته ”دهليل جو قلعو“ سنڌو درياهه جي هڪ شاخ ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪناري تي تعمير ڪيل هو. +تاريخي لحاظ کان موجوده روهڙي شهر جي اتر کان سنڌو درياهه مان هڪ شاخ ڦٽي نڪرندي هئي، جا ”هاڪڙي درياهه“ جي نالي سان سڏبي هئي ۽ سنڌو درياهه خود اهو ئي هو، جو هن وقت تائين پنهنجي ساڳئي موجوده وهڪري سان وهندو رهي ٿو. اهو ”هاڪڙو درياهه“ هن قلعي جي ڀرسان وهندو هو.(9) محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ به اهو بلڪل صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ”دهليل“ جو اهو ئي قلعو آهي، جو هن وقت ”دليل ڪوٽ“ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. جاگرافيائي حالتون پڻ اهو ثابت ڪن ٿيون. +”چچنامي“ ۾ بيان ٿيل ”جلوالي“(10) نالي هڪ نهر جو ذڪر اچي ٿو، جا سنڌو درياهه مان نڪرندي هئي ۽ ”دهليل“ جي قلعي جي ويجهو لنگهندي هئي. ان نهر جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو قول آهي ته: +”جلوالي جي نهر، برهمڻ آباد جي اوڀر ۾ وهندي هئي ۽ غالباً اها ئي نهر آهي، جنهن جي ڪناري تي محمد بن قاسم فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. هي جلواليءَ جو قديم نالو، ڄراڙي، جراري، زماني جي حالتن موجب ڦرندو رهيو. ڄراڙي جو ڳوٺ ۽ ديهه (شهدادپور کان اٽڪل ڏهن ميلن تي اڀرندي طرف) آهي. اڄ به انهيءَ ڍوري جا نشان موجود آهن.“(11) +جنرل هيگ صاحب (1877ع) ”جلوالي نهر“ ۽ ان جي جاگرافيائي حالت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: +”هيءُ نهر موجوده سڪرنڊ شهر کان ڏهه ميل اڀرندي طرف ڪلري وٽان درياهه مان نڪري، هيٺ منصوره جي اولهه کان وهندي هئي ۽ وري منصوره کان ڏهه ميل ڏکڻ اولهه طرف کان اچي ساڳئي درياهه ۾ داخل ٿيندي هئي. هن نهر جي ڊيگهه 50 ميل کن هئي.“(12) +موجوده دور جي مورخن ۽ جاگرافيدانن مان الدين شمس قريشي هن قلعي جي باري ۾ صاف لفظن ۾ هن طرح سان بيان ڪري ٿو ته: +”ابن حوقل ”هاڪڙي درياهه“ جي وهڪري جي الهندي طرف ”اروڙ“ جو شهر ۽ ”سدوسان“ جو شهر ڏيکاريو آهي. اهو حصو نوابشاهه ضلعي جي اڀرندي وارو حصو ناري تائين ٿئي ٿو. هن حصي ۾ ”مير رڪن جو دڙو“، دولتپور کان اٺن ميلن تي هڪ قديم ٺُلهه آهي. انهيءَ ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪناري تي ”سڌوجن وارو ڪچو قلعو“ (13) ۽ ”نوابشاهه ۽ سڪرنڊ وارو ڪچو قلعو“ (دليل ڪوٽ) قديم قلعن جا نشان آهن.“(14) +”منصوره“ جي سيمينار جي موقعي تي محترم ”معمور“ يوسفاڻيءَ ”دهليله“ جي باري ۾ زباني تقرير ۾ فرمايو هو ته اهو قلعو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي. ”معمور“ صاحب جو اهو خيال صحيح نه آهي. اسان جي سنڌ ۾ جيئن ”دلوراءَ جي ننگري“ جي باري ۾ مختلف نالا ۽ روايتون آهن، تنهن وانگر ”دهليل“ جي باري ۾ پڻ انهيءَ طرح جون روايتون هونديون. باقي تاريخي حقيقتن ۽ شاهدين جي بنيادن تي ”دهليل“ جو انهيءَ طرف هجڻ بعيد آهي. +انهن قديم تاريخي ۽ جاگرافيائي اهڃاڻن ۽ نشانن کي ڏسندي، ان ڳالهه جي پوري تصديق ٿئي ٿي ته هيءُ قديم ”دهليل جو قلعو“ آهي، جو هاڻي ”دليل ڪوٽ“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. مٿئين سموري بحث کان پوءِ اسان ان نتيجي تي پهچون ٿا ته ”دليل ڪوٽ“ قديم سنڌو درياهه جي شاخ ”هاڪڙي“ تي آباد ڪيل هو ۽ هيءُ قلعو ”هاڪڙي“ جي تهذيب ۽ تمدن جو نشان آهي. +هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن قلعي جو پراڻو نالو ”دهليل“ ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ۾ ڦري ”دليل“ ٿي پيو. ان باري ۾ ڪيتريون ئي مختلف مقامي روايتون آهن. ڪن جو رايو آهي ته هيءُ قلعو ”مير دليل خان“ تعمير ڪرايو هو ۽ هو ٽالپرن جو نواب هو. ڪي راوي چون ٿا ته ٽالپرن جي زماني ۾ ”دليل خان مگسيءَ“ هيءُ ڪوٽ ٻڌايو هو. ليڪن تاريخي اعتبار کان انهن ٻنهي روايتن ۾ ڪا به صداقت ڪا نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. انهن ٻنهي نالن سان ٽالپوري دور ۾ ڪو به حاڪم، نواب يا ڪارائو ڪو نه ٿو ملي، اهي محض مقامي قياس آرايون آهن. +مشهور مؤرخ بلاذري ”فتوح البلدان“ ۾ ”دهليله“ نالو لکيو آهي ۽ اها ساڳي پڙهڻي پوءِ جي تاريخدانن پڻ قائم رکي آهي. وقت گذرندي مقامي سنڌي لهجي ۾ اهو ڦري ”دليل“ ٿي پيو ٿو ڏسجي. ”دهليل“ جي نالي مان ”هه“ حذف ٿي ويئي آهي، يعني ”دهليل“-”هه“=”دليل“. +ٽالپرن جي دؤر ۾ فوجي اهميت سببان مير نور محمد خان ٽالپر (سن 1249هه-1833ع کان سن 1256هه-1840ع) هن قلعي جي نئين سر مرمت ڪرائي هئي. قلعي جي ڀتين ۾ کٻڙ جو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ڪچي مٽي ڪتب آندي ويئي آهي. قلعي جي ديوار ايتري ڪشادي آهي جو ٻه بيل گاڏيون مٿس آسانيءَ سان هلي سگهن ٿيون. سموري قلعي جي ايراضي سوا نوَن ايڪڙن ۾ آهي. هن وقت ۾ ميان محمد صديق ملاح ۽ ميان ڌڻي بخش ملاح وارن جا قلعي اندر گهر آهن ۽ اهي هن وقت قلعي جا مالڪ آهن. +حوالا ۽ واڌارا +(1) ”چنهوءَ جو دڙو“ نوابشاهه ضلعي ۾ سکپور اسٽيشن کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي آهي. هن دڙي کي سن 1946ع ۾ قديم آثار وارن کاٽايو هو. آڳاٽي دؤر ۾ هيءُ شهر ”هاڪڙي درياهه“ جي ڪنڌيءَ تي ٻڌل هو. هن دڙي جا قديم کنڊرات اهو ثابت ڪن ٿا ته هن شهر جي قديم تهذيب، ”موهن جي دڙي“ واري تهذيب کان به آڳاٽي هئي. هيءُ دڙو ”چنهو“ جي نالي سان سڏجي ٿو. شايد اڳئين زماني ۾ ”چنهو“ نالي ڪو راجا هن شهر تي راڄ ڪندو هو. +(وڌيڪ ڏسو (الف) سوامي دوارڪا: ”سنڌ جي قديم سڀيتا“، (ب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”هاڪڙو درياهه“ (مقالو) ڪتاب ”اُٺا مينهن ملير“، 1975ع). +(2) ”بهرور“ جو قلعو، جنهن جو ذڪر ”چچنامي“ واري صاحب ڪيو آهي، اهو پڻ سنڌ جو هڪ پراڻو قلعو آهي. اسان کي ان باري ۾ تحقيق ڪندي واضح ثبوتن سان اهو معلوم ٿيو آهي ته ”بهرور“ جو اهو قديم قلعو هن وقت کنڊرات جي صورت ۾ نوابشاهه تعلقي ۾ ”ٻانڌي“ شهر جي ڏکڻ ۾ آمر جي ڪئنال جي ڀرسان موجود آهي، جيڪو هن موجوده دور ۾ ”بهم جو دڙو“ يا ”ڳاڙهو ڀڙو“ جي نالي سان سڏجي ٿو. انهن کنڊرن کي ڏسڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هيءُ قلعو واقعي ”دهليل جي قلعي“ جي اتر ۾ هو ۽ برهمڻ آباد جي فتح کان اڳ محمد بن قاسم ان کي فتح ڪيو هو. ان قلعي جي باري ۾ اسان جو هڪ مضمون، مهراڻ جي گذشته اشاعت، نمبر 3، سال 1985ع ۾، شايع ٿي چڪو آهي. +(3) مخدوم امير احمد: ”چچنامو“ (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1966ع، ص 88-287. +(4) ”چچنامي“ ۾ ”دهليل“ جي حاڪم جو نالو ”ڪلابي جو پٽ حنظله“ لکيو ويو آهي. شايد ”ڌاران“ جي پٽ ”نبويه“ جي مٿان اهو عرب نگران حاڪم هو. +(5) مولائي شيدائي، رحيمداد خان: ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدراباد 1958ع، ص 10-18. +(6) ان قلعي جي حاڪم ”ديوراج“ هو، جو ڏاهر جو سوٽ هو. ڏسو ”چچنامو“ (سنڌي) ص 288. +(7) سيد ابو ظفر ندوي: ”تاريخ سنڌ“ (اردو)، اعظم ڳڙهه، ص 82-83. +(8) ساڳيو ص 84. +(9) قريشي شمس الدين: ”آئينه قديم سنڌ“، آر-ايڇ-احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد، 1956ع، ص 191. +(10) جلالي، جلواڻي ۽ هاڻي جلالاڻي شاخ سڪرنڊ جي ڀرسان ٻن ميلن تي آهي. قومي شاهراهه جي ڀرسان ”ذاڪري پير“ جي اتر ۾ واقع هن شاخ جو ڍورو رستي کان پاري ڪري ٿو. ڪجهه ورهيه اڳ روهڙي ڪئنال کي کَنڊُ پيو هو ته پاڻي اهو رستو ڏيئي، دليل ڪوٽ جي هيٺان پراڻي درياهه جو ڍورو پار ڪري اچ جلالاڻي شاخ ۾ پيو هو. +(11) بلوچ: ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”چچنامو“ (تعليقات)، ص 95-494. +(12) جنرل هيگ: ”انڊ�� ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 135. +(13) ساهتي پرڳڻي جي موري تعلقي ۾ هيءُ سنڌ جو پراڻو قلعو قائم آهي. هن قلعي کي ”سرڻيءَ جو ڪوٽ“ به چوندا آهن. هيءُ قلعو/ڪوٽ پڻ ”دليل ڪوٽ“ وانگر ڪچي مٽيءَ جو ٺهيل آهي. هن ڪوٽ جي ڪل ايراضي 6 ايڪڙ آهي. سڌوجن جو قلعو دولتپور صفن کان 25 ميل ۽ موري شهر کان 5 ميل پري آهي. هن قلعي ۾ ستن جوڳين جون قبرون آهن. چون ٿا ته اهي جوڳي قلعي مان پوريل ڌَنُ ڪڍڻ آيا هئا ۽ خزاني جي محافظ ڪاري نانگ کين اجل جو شڪار بڻايو! روايت آهي ته هتان درياهه وهندڙ هو. ”سرڻيءَ“ نالي هڪ ميربحر عورت وڏي واڪ مڇيءَ جو هوڪو ڏيندي هئي. ڪن جو رايو آهي ته ”سڌو“ نالي هڪ بهڻ قوم جو جاگيردار هو، جنهن جي نالي پوئتان هيءُ ڪوٽ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. اگر حياتي مستعار رهي ته هن قلعي جو سير حاصل احوال سنڌ وارن جي اڳيان پيش ڪندس. +(14) قريشي شمس الدين: ”آئينه قديم سنڌ“، 209. +شاعرن جا تذڪرا +غلام محمد لاکو +انسان هزارن سالن کان وٺي فنون لطيفه جي ٻين برانچن سان گڏ، شعر ۽ شاعريءَ ۾ به خاص دلچسپي وٺندو آيو آهي. ابتدا ۾ پسنديده يا عام مروجـﮧ شعرن جا انتخاب تيار ڪيا ويا، جن کي گهڻو ڪري بياض سڏيو ويندو هو. بعد ۾ جڏهن شعري بياضن ۾، شاعر جو نالو ۽ تخلص به شامل ڪيو ويو، تڏهن انهن کي ’تذڪره‘ نالو ڏنو ويو. اڳتي هلي ان ۾ شاعر جي سرسري سوانح، ڪلام تي تبصرو يا تنقيد به شامل ٿي وئي ۽ ائين ادب جي هن صنف مقبول عام به ٿي ۽ ان ۾ اصلاح ۽ اضافو به ٿيندو رهيو. ڊاڪٽر فرمان فتحپوري لکي ٿو: +”جيڪڏهن تذڪرن جي عام روشن کي نظر ۾ رکي ڪري ’تذڪره نگاري‘ جو مفهوم يا سندس تعريف جو تعين ڪبو ته پوءِ هي چئي سگهجي ٿو ته ’بياض‘ جي سڌريل صورت جو نالو ’تذڪرو‘ آهي.“[1] +جيتوڻيڪ اسان کي ڊاڪٽر صاحب جي هن راءِ سان ڪو به اختلاف ڪونهي، تاهم تذڪره نويسيءَ کي هڪ خاص تاريخي پس منظر آهي. اسلام جي اچڻ سان عربي تمدن، عجمي تهذيب تي حاوي ٿي ويو. عربن تاريخ ۽ ٻين متعلقه عنوانن تي بهترين ڪتاب تيار ڪيا. ساڳي ريت عرب ليکڪن شعر ۽ شاعرن بابت پڻ بنيادي ڪتاب لکيا ۽ پوءِ اهل عجم به ان ڏس ۾ قدم کنيو. +ابتدا ۾ تذڪراتي ڪتاب جي ڪا به حدبندي نه هئي، ان ڪري جڏهن شيخ عطار، اولياء ڪرام متعلق پنهنجو ڪتاب تيار ڪيو،تڏهن ان کي ’تذڪرة الاولياء‘ سڏيو ويو. فارسي ادب جو هي اولين ڪتاب آهي، جيڪو لفظ ”تذڪره“ سان شروع ٿئي ٿو. ان بعد ’تذڪره‘ نالي هڪ رسالو، شيخ نصيرالدين طوسي تحرير ڪيو. فارسيءَ ۾ ٽيون ڪتاب، جيڪو ’تذڪره‘ نالي سان شروع ٿئي ٿو، سو دولت شاه جو ’تذڪرة الشعرا‘ (892هه) آهي. صفوين جي عهد تائين، تذڪره جو ڪو به مفهوم واضح نه هو. بعد ۾ هر ان ڪتاب کي، جيڪو شاعرن ۽ شعر بابت هو، ان کي تذڪرو سڏيو ويو. +ان ريت فارسي ادب جي دنيا ۾ ’تذڪره نويسي‘ جو هڪ واضح مفهوم موجود ٿيو ۽ ننڍي کنڊ توڙي ٻي دنيا ۾، جتي ايران ادب اسريو، اتي شاعرن بابت سوين ڪتاب تيار ٿيا. جيئن ته سنڌ به ايران جو هڪ پاڙيسري ملڪ هو، ۽ هتي به صدين تائين فارسي ادب ۽ زبان تمام مٿانهين حيثيت ماڻي، ان ڪري هتي به شاعرن، خاص طرح فارسي گو شاعرن، جا متعدد تذڪرا تاليف ٿيا. هيٺ اهڙن تذڪرن جو تاريخي تسلسل جي لحاظ کان ذڪر ڪجي ٿو، ته جيئن سنڌ جي ادبي تاريخ جو هي اهم باب نروار ٿي بيهي. +(1) لباب الالباب (ٻه جلد) +هي تذڪرو سنڌ ۾ پيدا ٿيل فارسي ادب جو هڪ اوائلي ۽ نادر نمونو آهي. سلطنت هند جي شروعاتي دور ۾، اتر سنڌ ۽ ملتان تي ناصرالدين قباچه (602-625هه) نالي هڪ علم دوست حاڪم راڄ ڪندو هو. قباچه ۽ سندس وزير توڙي امير، فارسي علم-ادب جا وڏا مربي هئا. هنن جي درٻار ۾ وڏا وڏا شاعر ۽ اهل قلم پليا ۽ نپنا. ان دور ۾ نه صرف سنڌ جو، پر مجموعي طور تي فارسي زبان ۾، شاعرن جو پهريون تذڪرو ”لباب الالباب“ نالي سان تيار ٿيو. +هن تذڪري جو مؤلف سديدالدين محمد عوفي، بخارا ۾ ڄائو ۽ تعليم ورتائين. پاڻ پنهنجو نالو هن ريت ٻڌايو اٿس: ”محمد بن محمد عوفي“ +سندس لقب تي علمي دنيا ۾ ڪافي اختلاف ڏسجي ٿو. کيس سديدالدين، نورالدين ۽ جمال الدين لقبن سان سڏيو ويو آهي، تاهم سندس صحيح لقب ”سديدالدين“ آهي1. +لقبن جي هن اختلاف سبب، محققن هڪ بجاءِ متعدد ’عوفي‘ پيدا ڪري وڌا آهن. عوفي عملي دنيا ۾ قدم رکندي ڏاڍا ڏک ڏٺا ۽ ڪيئي شهرن جو، روزگار جي سانگي سير سفر ڪيائين. هن سن 617هه تائين خراسان ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان پوءِ مغل انتشار ۽ برباديءَ سبب، ساڳئي سال ۾ سنڌ پهتو. ان وقت سنڌ جو حاڪم ناصرالدين قباچه هو، جنهن جو مرڪز ’اچ شريف‘ هو. سنڌ پهچي عوفي، قباچه جي درٻار سان لاڳاپجي ويو. خدا جي ياد سان گڏ، هن پاڻ کي اچ ۾، تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رکيو. قباچه جي زوال بعد (625هه)، عوفي التمش جي درٻار ۾ شامل ٿي ويو، جتي شايد سن 645هه ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتابي ذخيري جو هن ريت احوال مليو آهي: +1- لباب الالباب (تذڪرو) +2- الفرج بعد الشدتہ، فارسي ترجمو، انتساب قباچه (تصنيف قاضي ابي الحسن بن علي التنوخي، وفات 384هه) +3- جوامع الحڪايت، چار جلد (قباچه جي فرمائش تي لکجڻ شروع ٿيو، جو پوءِ 268هه ڌاري پورو ٿيو)، ۽ +4- مدايح السطان (قصيدا، گم ٿيل). +الباب الالباب، سن 218هه/1221ع ۾، اچ ۾ قباچه جي دربار ۾ تيار ٿيو ۽ مؤلف پنهنجي هن مثالي تذ ڪري جو انتساب، وزير عين الملڪ فخرالدين الحسيني اشعريءَ جي نالي ڪيو. هن ڪتاب کان اڳ، فارسي زبان ۾ شاعرن جو ڪو به تذڪور تيار نه ٿيو هو، انڪري اسان جي هن عالم، ادب جي هن ميدان تي قلم آزمائي ڪئي. پاڻ لکي ٿو: +”شک نيست کہ در اين شيوه در طبقات شعراي عرب چنڊ تاليف ساختہ اند... و لکن در طبقات شعراي عجم هيچ تاليف مشاهد نيفتاده و هيچ مجموعہ در نظر نيامده“ (تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪ، ص 2). +جيتوڻيڪ ابتدا کان ڪري اڄ ڏينهن تائين، هن تذڪري جي قدامت تي بحث جاري آهي، تاهم عالمن ۽ نقادن مشهور عالم ۽ مؤرخ مير غلام علي بلگرامي آزاد (ٻارهين صدي هجري) جي هن راءِ سان پوري اتفاق ڏيکاريو آهي، ته پوءِ جا سڀ تذڪره نويس ادبي خيال کان عوفيءَ جو اولاد آهن، +”جميع تذڪره نويسان متاخر در تحرير احوال شعراءِ اقدام القدما عيال اويند“1. +ان ڏس ۾ وڌيڪ مطالعي ۽ بحث مباحثي لاءِ، ڊاڪٽر علي رضا نقوي جو ڪتاب ’تذڪره نويسي فارسي در هندو پاڪستان‘ ڏسڻ گهرجي. +عوفيءَ جو هي تذڪرو ٻن جلدن ۾ ترير ٿيل آهي، جن ۾ ٻارهن باب آهن. ياد رهي ته آخري باب، سنڌ جي ادبي دربار متعلق مواد فراهم ڪري ٿو. +ڪجهه عالمن ۽ محققن جو رايو آهي ته عوفيءَ کان هي تذڪرو تيار ڪندي، ڪيئي غلطيون سرزد ٿيون آهن، تاهم الباب الالباب سوانجي، ادبي، شعري ۽ تمدني تاريخ جو اهو لازوال رفرنس بڪ آهي، جنهن جو ڪيئ ملڪن ۽ شهرن تي ڪم ڪندي، حوالو وٺڻ ناگزير ٿي پيو آهي. حقيقت ۾ عوفي جيڪڏهن ان دور ۾، هن موضوع تي قلم نه کڻي ها، ته پوءِ پڪ سان وچ ايشيا، ايران، خراسان ۽ هڌ- سنڌ جي، اوائلي علمي تاريخ جا ڪيئي گوشا اڄ گهر هجن ها. هي تذڪرو پوءِ جي عالمن لاء،ِ جن ان موضوع تي کنيو هڪ مشعل راهه بنيو آهي. +عوفيءَ جو هي تذڪرو جيتوڻيڪ سنڌ ۾ تيار ٿيو، ليڪن سنڌي عالمن اڄ ڏينهن تائين، ان کي هتي جي ادبي تاريخ ۾ مناسب اه��يت ته ٺهيو، پر ان جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو آهي. هونءَ ته اسان جي ادبي اتهاس ۾ عوفي ابتدا کان نظرانداز پئي ٿيو آهي، تاهم موجوده دور ۾ پهريائين ڊڪٽر سدارنگاڻي (ڪتاب، سنڌ جا فارسي گو شاعر، انگريزي) ۽ پوءِ مسٽر محمد حسين پنهور (ڪتاب، سنڌ جي واقعاتي لغت، ص 42-251، انگريزي)؛ خاص طرح سان ان ڏس ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي. تعجب آهي ته پنهور صاحب، ان دور ۾ سنڌ کان ٻاهر جي ٿيل تصنيف تاليف کي ته پنهنجي ڪتاب ۾ خاص جڳهه ڏني آهي، تاهم الباب الالباب کانئس بلڪل وسري وير ٿو ڏسجي. ان کان علاوه پاڪستاني تذڪره نويس پڻ، ان ڏس ۾ ڪا وڏي سخاوت نه ڏيکاري آهي، البته ايراني عالمن، سنڌ جي هن مثالي ادبي ڪاوش جو اعتراف بلڪل کليءَ دل سان ڪيو آهي. +”و لباب الالباب را در آبجا بنام حسين بن شرف الملک تاليف نموده و او وزير باصرالدين قباچه بود کہ تا 625 در قسمت سند و هندوستان سلطنت داشت و علماي ايران را کہ از دست مغول فرار ميکر دند حمايت مينمود“ 1. +هن تذ ڪري جو پهريون جلد لنڊن ۽ ليڊن مان، پروفيسر برائون سال 1903ع ۾ شايع ڪيو. ساڳي عالم، مرزا محمد قزوينيءَ سان گڏجي لباب جو ٻيو جلد سال 1906ع ۾ پڌرو ڪيو. ڪتاب جو ٻيو ۽ گڏيل ايڊيشن، اضافي تعليقات سان، مرحوم سعيد نفيسي، سال 1954ع/ 1335 ش ۾، تهران مان نروار ڪيو آهي. +(2) روضتہ السلاطين +ناصرالدين قباچه جو اختتام، سنڌ ۾ فارسي ادب جي ابتدائي باب جي پڄاڻي ثابت ٿيو. ان بعد جيتوڻيڪ هي زبان دهلي ۽ لاهور ۾ بدستور سرڪاري زبان رهي، تاهم برصغير ۾ فارسي گو شاعرن جا ٻه وڌيڪ تذاڪرا، وري به سنڌ جي سرزمين تي تيار ٿيا. ارغوني راڄ جيئن ئي شروع ٿيو، فارسي زبان سنڌ ۾ وري سرڪاري سرپرستي حاصل ڪري ورتي. هڪ طرف ارغون قتل و غارت ۽ خونريزيءَ ۾ مشغول هئا، ته ٻئي طرف واندڪائي ۽ فراغت ۾، هنن پنهنجي درٻار ۾، فارسي شعر وسخت جي بزم به جاري رکي. ان زماني ۾ سنڌ جي ورٻار ڪابل، قنڌار، وچ ايشيا، خراسان ۽ ايران جي عالمن توڙي شاعرن سان ڀري پئي هئي اهڙي پُر آشوب ۽ هنگامہ خيز دور ۾، ننگر ٺٽي ۾ فخري هروي قلم کنيو، ۽ فارسي زبان ۾ شاعرن جا ٻه منفرد تذڪرا تيار ڪري ڏنا. +’روضتہ السّلاطين‘ جي صاحب جو نالو سلطان محمد، تخلص فخري ۽ سندس والد جو نالو محمد امير يا محمد اميري هو. سلطان محمد هرات ۾، سن 903هه ڌاري ڄائو. سندس پرورش اتي ئي ٿي. پاڻ جڏهن علمي دنيا ۾ قدم رکيائين، تڏهن کيس شاهه اسماعيل صفوي، شهزادي سام ميرزا، امير سرميش خان واليءَ هرت ۾ مراز شاهه حسن ارغون جي درٻار ۾ پذ يرائي حاصل ٿي. +صفوين جي مذهبي پاليسي، خراسان ۾ ڏڪر توڙي امن امان جي اڻاٺ ۽ هند- سنڌ ۾، فارسي علم ادب جي سرپرستي ڏسي، ڪيئي عالم ۽ شاعر ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيا. اهڙن اديبن ۾ فخريءَ جو نالو مٿانهين حيثيت رکي ٿو. هي صاحب سن 953هه ۾ سنڌ پهتو، جتي کيس شاهه حسن ارغون، مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سندس زال حاجي ماه بيگم (اول زال شاهه حسن)، وٽ وڏي پهچ ۽ رسائي حاصل ٿي. هي صاحب ڏهن سالن بعد، سن 923هه ۾ هندستان ڏي راهي ٿيو، جتي کيس اڪبر جي دائي ماهم انگہ وٽ رسائي حاصل ٿي. تذڪرن ۾ سندس ذڪر، سن 970هه تائين ٿيو آهي. ان بعد هي پرڏيهي عالم ڪيڏانهن ويو، سا خبر صرف منهنجي مالڪ کي آهي. سندس ڪتابي ذخيرو هن ريت آهي: +1- هفت ڪشور (927هه، انتساب شاهه اسماعيل صفوي) +2- الطائف نامہ (928هه، علي شير جي ’مجلس النفائس‘ جو ترجمو) +3- تحفتہ الحبيب (929هه، شاعري) +4- روضتہ السّلاطين (6-958هه) +5- ضايع الحسن (بعد 958هه) +6-جواهر العجائب (شعبان 962هه) ۽ +7- ديوان فخري. +روضتہ السّلاطين، سن 958/1151 ۾، ننگر ٺٽي ۾ مرتب ٿيو، ۽ سنڌ جي حاڪم مراز شاهه حسن ارغون جي نالي منسوب ٿيو. مؤلف هن تذڪري تيار ٿيڻ جوسبب ٻڌائيندي لکيو آهي ته: هڪ ڀيري ارغوني درٻار ۾ شاهه حسين بايقرا جو ديوان پهتو ته سنڌ جي حاڪم ان جو وڏو قدر ڪيو. هي حالت ڏسي فخري هروي خيال ڪيو ته ڇو نه اهڙن حاڪمن، بادشاهن ۽ وزيرن جو تذڪرو تيار ڪجي، جن ڪڏهن ڪڏهن شعر جي ماٿريءَ ۾ به قدم رکيو آهي. هو لکي ٿو: +”بنان بران، اين مختصر را چون اوراق کل، از هر بوستان براي تفريح خاطر دوستان، فراهم آوردم، و- روضتہ السلاطين- نامش کردم“ (ديباچه، ص 3). +مٿيئن مذڪور مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي تذڪرو عامي ڪونهي، پر هڪ خاص قسم جو تذڪراتي ڪتاب آهي. هن جو سٽاءُ هن ريت آهي: +باب اول: شعر تي شعر نالو ڪيئن پيو؟ مؤلف جو خيال آهي ته فارسي شعر جي ابتدا، بادشاهه بهرام گور کان ٿي. +باب ٻيو: چغتائي بادشاهه ۽ ازبڪ سلاطين، جن شعر چيو، +باب ٽيون: امير تيمور جي اولاد مان شاعر بادشاهن جو ذڪر، جن سمرقند ۽ بخارا تي حڪم هلايو، +باب چوٿون: عراق ۽ روم جا شاعر بادشاهه، +باب پنجون: ننڍي کنڊ ۽ ٻين ملڪن جي بادشاهن جو احوال، +باب ڇهون: اهي امير (شاه بيگ ارغون سميت)، جن شعر چيو، ۽ +باب ستون: شاهه حسن ارغون جو ذڪر. +”لباب الالباب“ کان پوءِ فخري جو ”روضته السلاطين“ پڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ جو يگانو، منفرد ۽ الازوال شهپارو آهي، جنهن ۾ اهڙن حڪمرانن، بادشاهن ۽ اميرن جو ذڪر ملي ٿو، جن فارسي يا ترڪي ٻولين ۾ شعر چيو. مجموعي طور تي ننڍي کنڊ جو هي ٻيو تذڪرو آهي، جيڪو سرزمين سنڌ تي تحرير ٿيو. نقادن جو خيال آهي ته هن تذڪري جي ذريعي، ادبي تاريخ جا ڪي اهم ڪردار گم ٿيڻ کان بچي ويا ۽ هميشہ لاءِ محفوظ ٿي ويا آهن. ”روضتہ السلاطين“ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر عمر خيام پور سال 1964/1345 ش ۾، تبريز مان شايع ڪيو. محترم سيد الدين حسام راشدي، هن ايڊيشن کي ناقص سڏيو آهي. ٻيو ڀيرو راشدي صاحب ان کي سال 1967ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي ڇاپيو آهي. +(3) جواهر العجائب +هي تذڪرو پڻ فخري هروي جي جاکوڙ جو ڦل آهي، جيڪو 962هه/1555ع ۾، ٺٽي ننگر ۾ تيار ٿيو، ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي زال حاجي ماه بيگم جي نالي منسوب ٿيو. مؤلف جڏهن هندستان پهتو، تڏهن چند ڏوڪڙن خاطر، تذڪري جو ديباچو تبديل ڪري ان ۾ اڪبر جي دائي ماهم انگه جي نالي هڪ قصيدو شامل ڪري، ان کي هن خاتون جي نالي منسوب ڪري ڇڏيائين. +نقادن هن تذڪري جي ناقص هجڻ تي خوب ڇوه پئي ڇنڊيا آهن، ليڪن راشدي صاحب جي راءِ آهي ته: +”جواهر العجائب، تذڪرن ۾ انڪري اهم آهي جو فارسي زبان ۾ هي پهريون تذڪرو آهي، جيڪو عورت شاعرن لاءِ مخصوص آهي. ان کان اڳ عوفيءَ فقط هڪ شاعر ’رابعـﮧ خضداري‘ جو ذڪر ڪيو آهي. دولت شاهه به، صرف ٻن عورت شاعرن جو احوال ڏنو، ليڪن فخري ”جواهر العجائب“ لکي، پهريون ڀيرو دنيا کي ايڪٽيهه شاعرات سان روشناس ڪرايو ۽ پوين لاءِ هڪ راه تيار ڪئي“ (مقدمو، ص70). +فخري جن شاعرات جو ذڪر ڪيو اهي، انهن ۾ چند خاص نالا هي آهن: دل آرام، بيبي عائشه بيبي فاطمـﮧرضه رضيه، بيبي زليخا، مهستي گنجوي ۽ سنائي وغيره. +ماهم انگـﮧ واري انتساب، پوئين دور ۾ هن تذڪري متعلق ڪافي انجهن پيدا ڪئي آهي. هن انتساب سبب، هندي عالمن هي سمجهيو ته فخري هي تذڪرو سن 963هه ۾، انڊيا ۾ ترتيب ڏنو. هند جي تعلق سبب، ديوان نولڪشور هن تذڪري جا ٻه ايڊيشن (آگسٽ 1880ع ۽ جون 1903ع) شايع ڪيا. ان کان علاوه شمس الله قادري صاحب پڻ رسالي اردو ذريعي، جواهرالعجائب جو ٽيون ايڊيشن (جولاءِ 1927ع) ۾ پڌرو ڪيو. نولڪشور جي ڇاپي ۾ 27 ۽ قادري صاحب واري ايڊيشن ۾ 26 شاعرات جو ذڪر ٿيو آهي. +ليڪن جيئن مٿي ذڪر ٿيو، هي تذڪرو دراصل سنڌ ۾ سن 962هه ۾ ترتيب هيٺ آيو ۽ خاص طرح مرزا عيسيٰ جي زال لاءِ تيار ٿيو. سنڌي نسبت جي ناتي، جناب سيد الدين حسام راشدي جواهرالعجائب نئين سري سان ايڊٽ ڪري سال 1968ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڪل ايڪٽيهه عورت شاعرن جو ذڪر ملي ٿو، ان ڪري چئبو ته هن تذڪري جو سنڌ وارو هي ڇاپو معياري ۽ مڪمل آهي. +فاضل ايڊيٽر هنن ٻن تذڪرن سان گڏ، فخريءَ جو دستياب شعري ذخيرو، اردو مقدمي سان هڪ جلد ۾ شايع ڪيو آهي. راشدي صاحب جو مقدمو ۽ تعليقات بلاشبه بيحد قيمتي آهن. مقدمي ۾ پير صاحب، سنڌ اندر فخريءَ جي هڪ وڌيڪ تيار ٿيل ڪتاب ”ضايع الحسن“ جا اقتباس ۽ ديباچو پڻ شايع ڪري، هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. +(4) تحفـﮧ رشيدي؟ +ارغونن ۽ ترخانن کان پوءِ، سنڌ جو صوبو دهليءَ جي مغلن جي قبضي ۾ اچي ويو. مغل نوابن ۽ ڪاردارن، شاهي پاليسي پٽاندر، سنڌ ۾ پڻ فارسي علم-ادب جي خوب سرپرستي ڪئي. ان دور ۾ هتي جي تاريخ بابت- تاريخ معصومي، بيگلارنامـﮧ، تاريخ طاهري، مظهر شاهجهاني ۽ ترخان نامـﮧ وغيره- نالي چند ڪتاب تيار ٿيا. ليڪن تعجب آهي ته سنڌ ۾ هن پوري دور ۾، شاعرن جو هڪ به تذڪرو تيار نه ٿيو! +هندستان ۾ هڪ بزرگ مرزا امير بيگ، سن 1262هه ۾ ’حدائق الشعر‘ نالي سان، شعراءِ ڪرام جو تذڪرو تيار ڪيو، تڏهن سندس ماخذن ۾ تحفـﮧ رشيدي نالي هڪ ڪتاب پڻ ڏسجي ٿو. هي ڪتاب ٺٽي جي علامه عبدالرشيد (وفات 1069هه) ترتيب ڏنو هو. جناب سيد حسام الدين راشدي، جنهن هن ڪتاب جو پتو لڳايو، ان جو چوڻ آهي ته علامه صاحب جو هي ڪتاب گم ٿي ويل آهي، ان ڪري في الحال ان جي ڪيفيت متعلق ڪجهه چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. (رسالو مهراڻ، ص 118، 1980ع/1-2). علامه مرحوم جي هن ڪتاب جي ڪيفيت وارو سوال، آئنده جي ادبي تذڪره نگارن واسطي ڇڏي، اسين سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ٻين تذڪرن جو ذڪر ڪنداسين. +(5) يدبيضا +سنڌ ۾ مغل شاهي بعد هڪ مقامي قبيلي ’ڪلهوڙن‘ جو راڄ شروع ٿيو. هي دور علمي ۽ ادبي خيال کان، هتي جي اتهاس ۾ مثالي ٿي گذريو آهي. ابتدائي ڪلهوڙا حاڪم جيتوڻيڪ اندروني طرح خودمختيار هئا، ليڪن خارجي سطح تي هنن کي ڪڏهن به اطمينان ۽ سک حاصل نه ٿيو. خودمختيار هوندي به، ڪجهه معاملن ۾، کين دهلي درٻار جي تابعداري ڪرڻي پوندي هئي. ميان نور محمد (وفات 1167هه) جي زماني تائين، هتي جي معاملن لاءِ رپورٽنگ واسطي، شاهه گماشتن ۽ وقائع نويس جي آمد جو سلسلو جاري هو. اهڙي وقائع نويسن مان، بلگرامي ساداتن کي، هتي جي تاريخ ۾ مکيه جڳهه مليل آهي. +ابندا ۾ بگر ۽ سيوهڻ تي، مير عبدالجليل بلگرامي وقائع نويس مقرر ٿيو. بعد ۾ سندس فرزند سيد محمد کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو سن 1155هه تائين سنڌ ۾ ڪم ڪندو رهيو. ڪجهه عرصي لاءِ، سندس پاران مير صاحب جي ڀاڻيجي، مير غلام علي آزاد (1143-1147هه) نيابت ڪئي. آزاد جو مرڪز سيوهڻ هو، تاهم سندس اچڻ وڃڻ ”خدا آباد“ ۾ پڻ جاري رهيو. +مير غلام علي آزاد (1116-1200هه)، هندستان جو هڪ ناميارو عالم ۽ شاعر توڙي تذڪره نويس ٿي گذريو آهي. مير صاحب سنڌ کان واپس ٿيڻ تي، حج بيت الله جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. سندس اڪثر وقت دکن ۾ گذاريو. سندس وفات پڻ اتي ٿي. هن عربي ۽ فارسي ۾، شعر توڙي نثر جا ڪل ويهه ڪتاب ڇڏيا آهن، جن ۾ ”سرو آزاد“، ”خزانه عامره“ ۽ ”ماثرالڪرام“ کي خاص اهميت حاصل آهي. +مٿين ڪتابن کان علاوه، مير صاحب سيوهڻ ۾ رهندي سن 1145هه/1733ع ۾ هڪ تذڪرو ”يدبيضا“ تيار ڪيو. پاڻ هن تذڪري جي تاليف جو پس منظر هن ريت ڄاڻايو اٿس: +”هنن اکرن جو لکندڙ سيد غلام علي بن سيد نوح حسيني بلگرامي، اڪثر سوچيندو هو ته قديم ۽ موجود شاعرن جو ڪو تذڪرو تيار ڪجي. اتفاق سان سن 1143هه ۾، سنڌ جي شهر سيوهڻ پهتس. فرصت ۾ هي پراڻو خيال وري جاڳيو، ليڪن ڪتابن جي اڻاٺ (جيڪي اڪثر بلگرام ۾ آهن) ڪري، هن خيال کي تقويت نه پئي ملي. بهرحال، همت ڪيم ۽ 1145هه ڪم شروع ڪري سال ۾ پورو ڪيم“. +آزاد جي هن تذڪري ۾ 532 متقدم ۽ متاخر شاعرن جو احوال آيل آهي، جن مان چند معروف شاعرن: انوري، خاقاني ۽ سنائي غزنوي جو ذڪر ڪجهه تفصيل سان ٿيو آهي. ڊاڪٽر نقويءَ جو رايو آهي ته هن تذڪري ۾ اڪثر ڪري، پوين ۽ غير معروف شاعرن جو مفصل احوال ملي ٿو. جيتوڻيڪ آزاد جا ٻيا تذڪرا طبع ٿي چڪا آهن، ليڪن ”يد بيضا“ پنهنجي سنڌي نسبت جي ڪري اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي. هند ۽ سنڌ توڙي يورپ ۾ ان جا ڪجهه نسخا موجود آهن ۽ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪتبخاني ۾ ”يدبيضا“ جو مائڪرو فلم پڻ موجود آهي. 1 +(6) مقالات الشعرا +ڪلهورن جي دور ۾، سنڌ ۾ فارسي گو شاعرن جو هي ٻيو تذڪرو تيار ٿيو ڏسجي ٿو. هن تذڪري جي مؤلف مير علي شير قانع جو تعلق ٺٽي جي شڪراللاهي ساداتن سان آهي. قانع، سيد عزت الله جي گهر سن 1140هه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم توڙي تربيت ٺٽي ۾ ٿي. سن 1175هه ۾، کيس سنڌ جو سرڪاري مؤرخ مقرر ڪيو ويو، ليڪن ٿوري ئي عرصي اندر پاڻ کي ان عهدي کان آجو ڪري ورتائين. صرف هڪ ڀيرو سنڌ کان ٻاهر ويو ٿو ڏسجي، باقي سموري حياتي پنهنجي ديس ۾ ئي گذاريائين. گذرمعاش لاءِ کيس سرڪاري سرپرستي حاصل رهي. فارسي نثر توڙي نظم تي، قانع کي پورو اختيار حاصل هو. هن ڪل ٽيتاليهه ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ڪتابن کي سنڌ جي سلسلي ۾، همه گير اهميت حاصل آهي. مير صاحب سن 1203هه ۾ وفات ڪئي. +مير علي شير ”مقالات الشعرا“، پنجن سالن جي عرق ريزيءَ بعد سن 1174هه/1760ع ۾ لکي تيار ڪيو. راشدي صاحب هن تذڪري جي وجود ۾ اچڻ جو پس منظر هن ريت ٻڌايو آهي: +”مصنف ... 1169هه ۾ جڏهن ’مثنوي ڪامروپ‘ لکي رهيو هو، تڏهن کيس هن قيمتي ڪتاب لکڻ جو خيال آيو. ان سال ڪم شروع ڪري، قانع ان کي 1174هه ۾ لکي پورو ڪيو. +ان دور ۾ سنڌ جي علمي دنيا ۾، صرف ٻه تذڪرا-ڪلماة الشعرا (1093هه) ۽ يدبيضا (1145هه)- گشت ڪري رهيا هئا، جن تان، مير علي شير پنهنجي هن لاثاني ڪتاب تيار ڪندي خاص مدد ورتي آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته، هتي فارسي زبان ۾، شاعرن جا تذڪرا گهڻو اڳ لکجڻ شروع ٿي چڪا آهن، ليڪن ’مقالات الشعرا‘ کي هن موضوع تي خاص اهميت حاصل آهي. +مير صاحب جو هي تذڪرو اٺاويهن بابن تي مشتمل آهي. مؤلف پيش لفظ ۾ ڪتاب لکجڻ جو پس منظر ۽ شعر جي فضيلت جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 719 شاعرن جو ذڪر اچي ٿو، جن کي هن ريت ورهائي سگهجي ٿو: +1- اهي شاعر جي سنڌي هئا، يا وري ڪم ڪار سان ٻين ملڪن کان هت پهتا ۽ سنڌ ۾ ئي فوت ٿيا ۽ انهن جو زمانو پڻ معلوم آهي. هي حصو سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ اهم باب نروار ڪري ٿو. +2- اهي شاعر جي ڪم ڪار سان سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ واپس وطن موٽيا. +3- اهي شاعر جن جو زمانو معلوم ڪونهي. +’مقالات‘ ذريعي مير قانع، سنڌ جي پنجن صدين جي ادبي تاريخ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏي آهي. ادراڪي بيگلاري، آزاد، اڪبر بادشاهه، ٻالچند ٺٽوي، مير معصوم بکري، مخدوم بلاول، شيخ حماد، محمد علي حزين، سرمد، شاهه ڀٽائي، عثمان مرندي، ملا محبد علي سنڌي، محسن، ڄام نندو ۽ بابر بادشاهه هن تذڪري جا ڪجهه ڪردار آهن. +مير صاحب هي ڪتاب سليس فارسي نثر ۾ تحرير ڪيو آهي. ’مقالات‘ ادبي تاريخ کان علاوه سنڌ جي معاشرت، تمدن ۽ سياسي تاريخ جو پڻ هڪ اهم ماخذ آهي. قانع هن ڪتاب ۾ پاڻ متعلق 115 صفحا تحرير ڪيا آهن. محترم سيد حسام الدين راشدي هي تذڪرو جامع فارسي پيش لفظ، معلوماتي حاشين ۽ ناياب تصويرن سان سينگاري، سال 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ذريعي ڇاپيو آهي. راشدي صاحب ”مقالات“ بابت تعليقات جي صورت ۾، هڪ الڳ ڪتاب پڻ تيار ڪرڻ گهريو ٿي، ليڪن خود سندن چوڻ موجب ”پنهنجن جي بدذوقيءَ سبب هي ڪم ترڪ ڪيو ويو“. ياد رهي ته هن تتبع تي پوءِ، شعراءِ ڪشمير جا چار جلد ڇپيا، جن جو ذڪر هيٺ اچي ٿو. +(7) مجمع البلغاء (تذڪره) +هن تذڪري جو مؤلف، مير علي شير جو فرزند مير غلام علي ”مائل“ آهي. هي صاحب سن 1181هه ۾ پيدا ٿيو. ٺٽي ۾ تعليم ۽ تربيت ٿيس ۽ اتي ئي سال 1251هه ۾ وفات ڪيائين. هي صاحب ٽالپوري دور جو، فارسي ۽ اردو زبانن جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ مير ڪرم علي خان جي درٻار سان لاڳاپيل هو. سنڌي ادبي بورڊ، مائل جو فارسي شعر ”ڪليات مائل“ نالي سان 1959ع ۾ ڇپيو آهي. جيتوڻيڪ مير مائل شاعرن جو تذڪرو ”مجمع البلغاء“ نالي سان تيار ڪيو، تاهم ڪليات جي مرتب (حبيب الله رُشدي)، ان جو ذڪر نه ڪيو آهي. راشدي صاحب هن تذڪري بابت لکيو آهي ته: +”مير علي شير جي پٽ ۽ سنڌ جي مشهور شاعر، سنڌ جي شاعرن جو هي تذڪرو، سن 1218هه/1803ع ۾ مرتب ڪيو. مسٽر ايليٽ جي فائيلن مان معلوم ٿيو ته، تذڪري جا جملي 639 ورق هئا ۽ هرهڪ صفحي تي 12 سٽون هيون. ابتدائي ارغون عهد کان وٺي ٽالپوري عهد تائين فارسي گو شاعر، جيڪي سنڌ ۾ ٿي گذريا، يا سنڌ سان جن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان واسطو رهيو، انهن سڀني جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي. مقالات الشعرا واري سلسلي جي، هي تذڪرو هڪ جامع ۽ مڪمل ڪڙي آهي. افسوس آهي جو ان جو ڪو به نسخو دستياب ٿي نه سگهيو آهي. چند اقتباس ايليٽ جي فائيلن ۾ موجود آهن. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 745). +ٽيهه سال اڳ لکيل هن تحرير بعد، هن تذڪري متعلق اسان جي ڄاڻ ۾ ڪوبه واڌارو نه ٿيو آهي. خدا ڄاڻي ايليٽ بعد (وفات- 1853ع) هي تذڪرو ڪيڏانهن گم ٿي ويو. +(8) زبدةالمعاصرين +سيد حسين ’الحسيني‘ هي تذڪرو تيار ڪيو. سيد صاحب ڪربلا ۾، سن 1184هه ڌاري ڄائو ۽ وفات شيراز ۾ سال 1249هه ۾ ڪيائين. هن جي تعليم ۽ تربيت شيراز ۾ ٿي، جتي سندس والد شهر جو رئيس شريعت هو. بعد ۾ سيد حسين پڻ هي عهدو ماڻيو. +سيد صاحب جيتوڻيڪ سٺو شاعر هو، تاهم سندس پنج مثنوين (اشترنامـﮧ، مهروماه، وامق عذرا، ٽيئي ڇپيل تهران ۽ الاهي نامـﮧ ۽ وصف الحال، اڻ ڇپيل نسخا تهران ۾ موجود آهن)، کان سواءِ ٻيو سڀ ذخيرو ضايع ٿي ويو. ان کان علاوه هن صاحب ’زيدةالمعاصرين‘ نالي هڪ تذڪرو به تيار ڪيو، جنهن متعلق خود ايرانين کي به ڄاڻ نه هئي. +سيد حسيني، ٽالپورن جي سخن پروريءَ جو ٻڌي، سن 1240هه جي ابتدا ۾، شيراز کان سنڌ لاءِ نڪتو. ڪراچي بندر کان هو سنڌ جي دارالحڪومت ”حيدرآباد“ پهتو. ان وقت پهرين چوياريءَ جا (1197-1249هه) پويان ٻه حاڪم- مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي، تخت نشين هئا. جڏهن سيد صاحب سنڌ جي دربار ۾ پهتو، ته مير ڪرم علي پڇيو ته، ايران مان اسان لاءِ ڪهڙو تحفو آندو اٿئي؟ ته جواب ڏنائين: +”در بازار جوهريان و مشکناب بدکان عطاران بتحفـﮧ بردن نيکوندانستم و باين بيت اختصار کردم“- +”بادست تهي آمده ام زانکه نزيبد +جز دست تهي تحفه خداوند کرم را!“ +سنڌ ۾ چند ڏينهن ترسي، سيد حسيني واپس ايران روانو ٿيو. ان سال جي آخر ڌاري کيس خبر پئي ته ڪي بزرگ شيراز کان سنڌ ڏي وڃڻا آهن، ان ڪري تڙتڪڙ ۾ جيڪو ڪجهه هٿ لڳس، ان کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏئي، مير ڪرم علي خان لاءِ سوکڙي ڪري موڪلي ڏنائين. هي ڪتاب پوءِ تاريخن ۾ زبدةالمعاصرين نالي سان مشهور ٿيو. جيئن مٿي ذڪر ٿيو، هي تذڪرو سن 1240هه/1828ع ۾ تيار ٿيو. +زبدَة ۾ شاعرن جي حياتيءَ جو احوال ڏنل ڪونهي، صرف شاعرن جو نالو ڏيئي، ان جي شعري انتخاب ڏيڻ تي اڪتفا ڪيل آهي. سيد صاحب حروف تهجي موجب، ڪل هڪ سؤ ڇهه شاعرن جو تذڪرو ڪيو آهي، جن ۾ اڻانوي ايراني، ست هندي ۽ ڏهه ايراني عورتون شاعر، هن تذڪري جو بنياد بنيا آهن. ميرزا آزاد، منشي صاحب راءِ آزاد، ميرزا زين العابدين، سيد صابر علي ديولي، سيد عظيم الدين ديولي، مير ڪرم علي ٽالپور ۽ نواب ولي محمد لغاري- هندي شاعر آهن، جن کي ’زيدةالمعاصرين‘ ۾ جڳهه ملي آهي. اڳ ۾ هي فرض ڪيو ٿي ويو ته، هي تذڪرو حيدرآباد سنڌ ۾ تحرير ٿيو، ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته مير صاحب، سنڌي اميرن لاءِ پنهنجي هيءَ ڪاوش شيراز ۾ تيار ڪئي. شيراز جي نسبت سبب، ڊاڪٽر علي رضا نقوي پنهنجي ڪتاب ۾، هن تذڪري جو ذڪر صرف ضميمي (نمبر-2) جي حد تائين محدود رکيو آهي. ڊاڪٽر محمد باقر سال 1966ع ۾ هي تذڪرو ايڊٽ ڪري، اورينٽل ڪاليج ميگزين لاهور ذريعي، مختصر اردو مقدمي سان ڇاپيو آهي. +(9) محڪ شعراءِ +ٽالپوري دور ۾، فارسي گو شاعرن جو هي ٽيون تذڪرو سن 1252هه/1836ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ محمد صالح شاملوي خراساني تحرير ڪيو. مؤلف جي سوانح بابت تمام ٿوري معلومات ملي ٿي. ان ڏس ۾ صرف ايترو معلوم ٿيو آهي ته، محمد صالح جو تعلق فتح علي شاهه قاچار (1212-1260هه) جي دور سان هو. پاڻ سنڌ ۾ مير نور محمد ٽالپور (1249-1255هه) جي زماني ۾ پهتو. +ڊاڪٽر علي رضا نقوي، جنهن هن تذڪري جي نشاندهي ڪئي، هن جي تاليف جو سبب هن ريت ڄاڻائي ٿو: +”ڪيتري وقت کان همعصر شاعرن بابت ڪجهه لکڻ جو خيال هو، ليڪن بي انتها مصروفيتن ڪري ڪجهه ڪري نه پئي سگهيس. آخر سن 1252هه، ۾ حيدرآباد سنڌ ۾....“1 . +محمد صالح جي تذڪري ۾، ڪل هڪ سؤ ايڪياسي شاعرن جو ذڪر اچي ٿو ۽ ترتيب جو خيال کان هن جا چار حصا آهن: +1- فتح علي شاهه قاچار جو احوال. +2- شهزادن جو ذڪر 12 عدد. +3- فتح علي شاهه جي اميرن جو ذڪر 4 عدد +4- فتح علي شاهه جي دور جي شاعرن جو ذڪر 164 عدد. +’محڪ شعراءِ‘ ۾، پهريون نالو فتح علي شاهه قاچار ۽ آخري نالو ميرزا وصال شيرازيءَ جو ڏسجي ٿو. محمد صالح ايراني شاعرن سان گڏ، ڪجهه هندي شاعرن جو احوال پڻ ڏنو آهي، جيڪي هن ريت آهن: چراغ علي خان آصف جاهي (مازند راني)، عباس قلي خان نصرت دکني، برهان قلي خان لکنوي، مير محمد حسين لکنوي، ميرزا فاخر شاهجهان آبادي، ميرزا علي نقي خان لاهوري، آزاد ڪشميري، نورالعين واقف ۽ هادي بيگ شائق. +ڊاڪٽر علي رضا جو رايو آهي ته مؤلف اڪثر اهڙن شاعرن متعلق ڄاڻ مهيا نه ڪئي آهي، جن سان سندس ذاتي ڏيٺ ويٺ هئي. تعجب آهي ته محمد صالح هندستاني شاعرن جي ذڪر ڪرڻ وقت انتهائي چالاڪيءَ سان سنڌ جي شاعرن کي ’محڪ شعراءِ‘ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. افسوس جو هڪ به سنڌي شاعرن کي تذڪري ۾ شامل نه ٿي سگهيو. کاڌائين سنڌ جو، ۽ ڳايائين هند کي. +هن تذڪري جو واحد قلمي نسخو، لائبريري ملڪ تهران (شمارو-4096) ۾ موجود آهي، جيڪو گهڻو ڪري محققن جي نظرن کان اوجهل پئي رهيو آهي. +(10) تڪملـﮧ مقالات الشعرا +انگريزن سنڌ کي سال 1843ع ۾ فتح ڪيو، تڏهن هتي انگريزي ٻولي ۽ سنڌي زبان جي سرپرستي شروع ٿي. ان ريت ارغونن جي آندل فارسي زبان زوال پذير ٿيڻ شروع ٿي. ڪمشنر فريئر صاحب، سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم جي ترقيءَ ۾ خاص دلچسپي ورتي. ان ريت اوڻيهين صديءَ جي پڄاڻي ڌاري، سنڌ ۾ فارسي ادب ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جو تعد��د بنهه گهٽجي ويو، ۽ هيءَ زبان بک ۽ بيروزگاريءَ جي علامت بنجي وئي. +فارسي پڙهسين، تيل وڪڻسين +انگريزي پڙهسين، گهوڙي چڙهسين. +تڪمله جو مؤلف، عين اُن زماني ۾ پيدا ٿيو. مخدوم ابراهيم خليل، سن 1243هه ۾ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. جڏهن سندس ڄمار پندرهن ورهيه ٿي، تڏهن سنڌ ۾ ميرن جي راڄ جو خاتمو ٿيو. خليل پنهنجي والد ميان عبدالڪريم وٽ، عربي ۽ فارسي تعليم پرائي. هن ننڍي ڄمار ۾ ئي فارسي شعر چوڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي هن صاحب، سيد غلام محمد گدا جي صحبت ۾ اردو شعر پڻ چيو. مخدوم صاحب ابتدا ۾ ’مسڪين‘ ۽ پوءِ ’خليل‘ تخلص اختيار ڪيو. پاڻ سن 1317هه ۾ وفات ڪيائين. کيس مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. ادبي اثاثو هن ريت ڇڏيو اٿس: +1- تڪمله مقالات الشعرا، +2- تحفتـﮧ الفقير، +3- ديوان مسڪين، +4- ڪشڪول مسڪين (مڪاتيب)، +(5) ديوان خليل، ۽ +(6) مائده خليل (مڪاتيب). +مخدوم خليل پنهنجو تذڪرو تڪمله مقالات الشعرا سن 1307هه-1890ع ۾ مرتب ڪيو. هن تذڪري ۾ الف-ب جي سٽاءَ سان، ڪل ٻياسي شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. مقامي ۽ ڏيهي شاعرن سان گڏ، هن ۾ ڪجهه ٻاهرين شاعرن جو ذڪر پڻ ٿيو آهي. ڪتاب ۾ گهرو وڃڻ سان خبر پوي ٿي ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هي زمانو فارسي شعر ۽ ادب لاءِ زوال پذير هو، تاهم هتي جي متعدد شهرن ۾ اڃا تائين هن زبان ۾ سخن جا عاشق ججهي تعداد ۾ موجود هئا. +مير علي شير قانع جي ’مقالات الشعرا‘ جو تڪمله سندس فرزند تيار ڪيو هو، جنهن جو سرسري ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته انگريزن جي ايندي ئي، سنڌ جي علم-ادب جا ذخير انگلنڊ منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا. اهو ئي سبب آهي، جو مخدوم ابراهيم، مير مائل جي تذڪري کان بلڪل اڻ واقف هو ۽ هن صاحب پنهنجي تذڪري کي قانع جي ”مقالات الشعرا“ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي ڪري پيش ڪيو. خليل جو هي تذڪررو، سنڌ جي فارسي ادب تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏ ٺٽي جي نقشبندي مشائخن، لواريءَ وارن بزرگن، سرهندي بزرگن ۽ مخدوم محمد هاشم جي گهراڻي متعلق پڻ، هي تذڪرو اهم ۽ بنيادي معلومات مهيا ڪري ٿو. موجوده سنڌ جي مثالي عالم سيد حسام الدين راشدي صاحب، سال 1985ع ۾ هي تذڪرو سنڌي ادبي بورڊ ذريعي نروار ڪيو آهي. فاضل ايڊيٽر پيش لفظ، ناياب تصويرن، حاشين ۽ تعليقات جو اضافو ڪري، تڪملـﮧ جي اهميت کي اڃا به وڌايو آهي. مخدوم صاحب جو هي تذڪرو، سنڌ ۾ فارسي ادب جي حوالي سان آخري سمجهڻ گهرجي. +(11) تذڪره شعراءِ ڪشمير (چار جلد) +هي ضخيم تذڪرو سيد حسام الدين راشدي صاحب (1911-1982ع) مرتب ڪيو آهي. راشدي صاحب جي حوالي سان شعر، ادب، تذڪري ۽ تاريخ جي لڳ ڀڳ ٽيتاليهن ڪتابن جو تعداد اچي ٿو. ان کان علاوه فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان ۾، سوين ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مقالا ۽ مضمون سندن قلم جو نچوڙ آهن. +راشدي صاحب سال 1967ع ۾، اقبال اڪيڊمي ڪراچي (هاڻي لاهور) لاءِ، اصلح ميرزا جو تذڪرو ”شعراءِ ڪشمير“ (تاليف-1161هه) ايڊٽ ڪيو، تڏهن کين پنهنجي هن ضخيم ڪتاب جي ترتيب جو خيال آيو. پاڻ لکن ٿا: +”.... ان دوران ڪتابن جو اڀياس ڪندي، ڪيئي اهڙا شاعر نظر تي چڙهيا، جن جو ذڪر اصلح جي تذڪري ۾ ڪونهي. اهڙن شاعرن بابت مواد گڏ ڪندي، ترتيب به ڏيندو ويس. چنانچه هنن اٺن مهينن ۾، نه صرف اصلح جو تذڪرو مفصل حاشين سان تيار ٿيو، بلڪ ٻيو تذڪرو به تيار ٿيو...“ (مقدمه، ص 19). +ابتدا ۾ هن تذڪري جي رٿا ٻن جلدن ۾ هئي، جيڪو پوءِ چئن جلدن تي پکڙجي ويو. +راشدي صاحب پهرئين جلد جي ابتدا، هن شعر ذريعي انتساب سان ڪئي آهي: +بگير اين همـﮧ سرمايه بهار، از من +که گل بدست تو، از شاخ تازه تر ماند +هن جلد ۾ الف کان ش تائين، ڪل هڪ سئو ويهن شاعرن جو احوال اچي ٿو. پنج سئو سورهن صفحن تي مشتمل هن تذڪري جو هي ڀاڱو سال 1967ع ۾ اقبال اڪيڊمي نروار ڪيو. +ٻيو جلد پنج سئو ستاويهن صفحن تي آهي، جنهن ۾ ڪل چوونجاهه (ص-غ)، شاعرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. شعراءِ ڪشمير جي هن تذڪري ۾، مرزا صائب ۽ عرفي شيرازي بابت، متن کان علاوه تعليقات ذريعي پڻ ڪافي مواد سهيڙيو ويو آهي. هن جلد ۾ اٺٽيهن تصويرن جو سيٽ پڻ آيل آهي، جن مان ڪجهه فوٽا مؤلف پاڻ ڇڪيا آهن. هي جلد سال 1968ع ۾ شايع ٿيو. تازو ان جو ٻيو ايڊيشن پڻ ظاهر ٿيو آهي. +هن تذڪري ۾ ٽيون جلد پنج سئو چوٽيهن صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ اوڻهتر شاعرن (ف-م) جو تذڪرو موجود آهي. ان سان گڏ تعليقات جي شڪل ۾ ملا شيدا ۽ فيضيءَ بابت، اضافي مواد پڻ مهيا ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب هن جلد جي آخر ۾، ڪجهه نسب نامه ۽ تصويرون پڻ شامل ڪيون آهن. هي جلد سال 1968ع ۽ ٻيو ڀيرو 1982ع ۾ اقبال اڪيڊمي نروار ڪيو آهي. +شعراءِ ڪشمير جو چوٿون جلد، ڪل ٽي سئو چوونجاهه صفحن جي زينت بنيو آهي. هن حصي ۾ ڪل هڪ سئو ٽيهه بزرگن جو ذڪر ٿيو آهي. مؤلف چوٿون جلد، تڪمله، تعليقات ۽ تتمه تڪمله جي اضافن سان ختم ڪيو آهي. ان کان علاوه آخر ۾ ٻن فهرستن: الف، تذڪري جي تياريءَ ۾ ڪتب آندل ماخذ، ب، ڪشمير متعلق مواد جي ببليوگرافي، پڻ هن جلد جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي. هي جلد سال 1969ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ ستاويهه فوٽا ۽ چئن ئي جلدن بابت انڊيڪس پڻ شامل آهي. +اسان جي سنڌي عالم، شعراءِ ڪشمير جو هي تذڪرو ٽن سالن جي مدي ۾ تڪميل تي پهچايو. ڪشمير بابت هي مثالي ماخذ ڪل ٻه هزار صفحن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ ٽي سئو ٽيهتر شاعرن جو ذڪر ملي ٿو. راشدي صاحب فارسي ڪتابن جي اڪثر ڪري ايڊٽنگ ڪئي آهي. تاهم هي سندن اصل ورڪ آهي، جنهن کي تصنيف بجاءِ تاليف ۽ ترتيب سڏڻ بهتر ٿيندو. هن تذڪري جي تياريءَ لاءِ سوين خطي ۽ ڇپيل ديوان، تذڪرا، تاريخون ۽ بياض ڪتب آند ويا آهن. سيد صباح الدين عبدالرحمان، هن تذڪري بابت هن ريت تبصرو ڪيو آهي: +”.... راشدي صاحب تذڪره شعراءِ ڪشمير کي مختلف جلدن ۾ ترتيب ڏئي، ارباب علم جي ڪيئي مسئلن کي آسان بنائي ڇڏيو آهي. هن ۾ جنهن به شاعر جو ذڪر آيو آهي، ان متعلق وڏي محنت ۽ تڪليف سان سڀني تذڪرن جا اقتباس هڪ هنڌ جمع ڪيا ويا آهن، انڪري جدا جدا تذڪرن جي خاڪ ڇاڻڻ کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي“1. +سنڌ ۾ فارسي گو شاعرن بابت، خود سندن سخن جي زبان ۾ هي تذڪرا تيار ٿيا آهن، جن جو تعارف ڪرائڻ هن مضمون جو مقصد هو. سنڌ جي علمي تاريخ جي هن اهم باب ۾، آئنده ڪهڙو اضافو ٿئي، اهو خدا ئي بهتر ٿو ڄاڻي +[1] ”اردو شعرا کي تذکري اور تذکره نگاري“، ص 11، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 1972ع +1 ڊاڪٽر علي رضا نقوي: ”تذڪره نويسي فارسي در هندو پاڪستان“،ص 61، تهران 1964ع. +1 ڊاڪٽر فرمان فتحپوري: ”اردو شعرا کي تذکره اور تذکره نگاري“، ص 18، مجلس ترقي ادب لاهور، سال 1972ع. +1 ڊاڪٽر رضا زاده شفق: ”تاريخ ادبيات ايران“، ص 363، چاپ دوم. +1 مير غلام علي آزاد ۽ سندس تذڪري متعلق، ڊاڪٽر علي رضا جي ٿيسز ”تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان“ تان مدد ورتل آهي. +1 ”تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان“ ص 529، تهران 1964ع. +نوٽ: ”محڪ شعراءِ“ جي واحد قلمي نسخي ۾، ديباچو اڌورو لکيل آهي، لهذا اڳتي ڇا هو، ان متعلق ڪا به ڄاڻ ڪانهي! +1 ”بزم تيموريه“ص 16، اعظم ڳڙهه سال 1973ع. + + +قاضي مُلا محمد شڪارپوري +(سنڌ جو هڪ ناميارو فقيه ۽ عالم) +نديم قاضي +(نوٽ: قاضي مُلا محمد شڪارپوريءَ جي سوانح جي تحقيقات دوران را��م الحروف وڏي جاکوڙ کان پوءِ احمد شاهه دراني، سندس پٽ تيمور شاهه ۽ پوٽي زمان شاهه جا قاضي محمد ۽ سندس پٽ قاضي عبدالله جي نالي ۾ جاري ڪيل شاهي فرمان هٿ ڪيا. انهن سان گڏ زمين ۽ جائداد جي خريد و فروخت جي سلسلي ۾ ڪيترا دستاويز به مليا، اهي سڀ فارسيءَ جي قديم رسمالخط ۾ هئا. احقر انهن جي ترجمي جي سلسلي ۾ گهڻن ئي ڄاڻن ۽ عالمن سان مليو، مگر گوهرِ مقصود حاصل ڪونه پئي ٿيو. نيٺ حضرت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن ڏانهن رجوع ڪيو ويو، جن محترم نياز همايوني صاحب جن جو اسم گرامي انهن فرمانن ۽ دستاويزن جي ترجمي جي سلسلي ۾ تجويز فرمايو. +محترم نياز همايوني جي ٿورن مڃڻ کان هي قلم قاصر آهي، جن پنهنجي گوناگون مصروفيتن جي باوجود هن مشڪل ڪم ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ کان پوءِ انهن جي ترجمي جو ڪم مڪمل ڪري ڏنو، ٻيءَ صورت ۾ هن مقالي جي تڪميل هوند نهايت مشڪل ٿي پوي ها.) +* * * +عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ پيش پيش رهندي آئي آهي. هتان جي ڌرتيءَ هر دور ۾ اهڙن بزرگن، عالمن، فقيهن ۽ صوفين کي جنم ڏنو آهي، جن جي علم ۽ فضيلت، تبيلغ ۽ اشاعت جي طفيل نورِ اسلام جا شعاع گهر گهر پهچندا رهيا آهن، ۽ جن سان تاريڪ دليون روشن ٿينديون رهيون آهن. قاضي مُلا محمد به انهن عالمن ۽ فقيهن مان هڪ هو. هن جي زندگيءَ، خاص طور شروعاتي زندگيءَ جو مفصل احوال ته معلوم ڪونهي، ليڪن سندس بعد جي علمي زندگيءَ جون چند مختصر ۽ مبهم جهلڪيون ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿيون. +مولانا دين محمد وفائي مرحوم مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ (قاضي محمد احسان، نعمان ثاني) جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته سندس معاصرن مان قاضي محمد شڪارپوري ۽ مخدوم عثمان متعلويءَ سان بعض فقيهي مسئلي تي رد و ڪد ۽ مناظرا ٿيندا رهيا آهن، جي تفصيل سان بياضِ واحدي ۾ مطالعو ڪري سگهجن ٿا.[1] مولانا دين محمد وفائي مرحوم پنهنجي استاد حضرت حاجي حسن الله کان روايت نقل ڪئي آهي ته ”قاضي محمد شڪارپوري پڪو موحد ماڻهو هو ۽ مخدوم صاحب (مخدوم عبدالواحد) وري هميشه قلندر بادشاهه جي قبي تي ايندو ويندو هو. هڪ دفعي قاضي محمد، مخدوم صاحب ڏانهن طعن طور هڪ خط جي عبارت ۾ لکيو ته ’عابد الاوثان، ميان محمد احسان‘ يعني ’بتن جو پوڄاري، محمد احسان‘. مخدوم صاحب کي جڏهن اهو خط پهتو، تڏهن سنڌيءَ ۾ هيٺين تُڪَ لکي موڪليائينس: +نه تو سُرڪي پيتي، نه تو آئي چَٽَ +کهين پيو انهن سان، جنهين پيتا مَٽَ. +چون ٿا ته جڏهن اِهي لفظ قاضي محمد صاحب پڙهيا، تڏهن بدن تي لرزو اچي ويس ۽ معافي گهريائين.“[2] +حضرت علامه قاسمي صاحب جن، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو ذڪر ڪندي ”الوحيد-آزاد نمبر“ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”مخدوم صاحب جي همعصرن مان قاضي محمد شڪارپوريءَ سان سندس (مخدوم صاحب جا) علمي مباحثا رهيا آهن“[3] اڳتي هلي علاهـﮧ قاسمي صاحب جن قاضي محمد متعلق خلاصي بيان ۾ مٿين روايت نقل ڪندي وڌيڪ لکيو اٿن ته ”قاضي محمد شڪارپوري تيرهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي انهن ناميارن فقيهن ۽ متبحر عالمن مان هڪ برک عالم ٿي گذريو آهي، جنهن تي جيترو به ناز ڪجي ته گهٽ آهي. هن بزرگ مانجهندن جي مشهور قاضي بوالعالي کان تعليم پرائي، جو پنهنجي وقت جو وڏو علامه هو. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ درس و تدريس ۽ فتويٰ جوڪم ڪندو هو... قاضي محمد صاحب جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي. گمان غالب آهي ته سن 1230هه ڌاري وفات ڪري ويو.“[4] +ساڳيءَ طرح جنت السنڌ جي مصنف مولائي شيدائي صاحب به قاضي محمد شڪارپوريءَ جو ذڪر م��دوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جي سلسلي ۾ ڪيو آهي. هو صاحب لکي ٿو: ”قاضي محمد شڪارپوري سندس (مخدوم صاحب جي) همعصر علمائن مان هو، جنهن جا ساڻس علمي مباحثا رهندا هئا.“1 +تازو ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ۾ قاضي محمد متعلق حضرت علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جو ”الرحيم-مشاهير نمبر“ وارو سمورو احوال هوبهو نقل ڪيو آهي. +قاضي محمد شڪارپوري ذات جو چنو هو. سندس والد بزرگوار جو نالو مولوي عبدالله هو، جو پنهنجي وقت جو هڪ عالم هو. اهو معلوم ڪونهي ته قاضي صاحب اصل ڪٿان جا رهندڙ هئا. ان سلسلي ۾ چند روايتون موجود آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هو رتيديري طرف رهندا هئا. ڪن جو چوڻ آهي ته هو قلعهء ڪرن2 ۾ رهندا هئا. هڪ ٻي روايت آهي ته ”هو اصل ترائيءَ جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سن 1171هه ۾ احمد شاهه درانيءَ کين شڪارپور جو قاضي مقرر ڪيو، جنهن کان پوءِ هنن اتي رهائش اختيار ڪري مدرسي ۽ مسجد جو بنياد رکيو“3 (جيڪا قاضين جي مسجد جي نالي سان مشهور ٿي ۽ هن وقت به ڪرن دروازي شڪارپور اندر زبون حالت ۾ موجود آهي). ليڪن اسان جي خيال ۾ قاضي صاحب موصوف جو شڪارپور ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان اڳ ڪرن جي ڳوٺ ۾ رهڻ وڌيڪ قرين قياس لڳي ٿو، ڇو ته 1189هه ۾ هنن قلعهءِ ڪرن جي ڀرسان لوڊرا قوم جي ماڻهن کان ڪجهه زرعي زمين خريد ڪئي هئي. ان خريد واري دستاويز تي شاهدن طور صحيحون قاضي جان محمد جي ٻن پٽن خان محمد ۽ مُلا الهرکئي جون آهن، جيڪي ان ڳوٺ جا رهندڙ هئا. ان کان علاوه ان دستاويز تي قاضي جان محمد جي ٽئين پٽ عبدالله جي مهر (مورخه 1184هه) به لڳل آهي. نه رڳو ايترو پر ٻين دستاويزن جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو ته قاضي صاحب موصوف جي انهن سان ڪافي ڄاڻ سڃاڻ هئي ۽ شڪارپور جي قاضي مقرر ٿيڻ کان پوءِ به هنن سان اهو تعلق قائم رهندو آيو. (والله اعلم). +قاضي محمد صاحب جو سن ولادت به معلوم ڪونهي، ليڪن شاهي فرمانن ۽ دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن جي ولادت ٻارهين صدي هجريءَ جي پهرين اڌ ۾ ٿي هوندي. +1160هه ۾ نادر شاهه افشار جي قتل کان پوءِ احمد شاهه ابدالي، ’دراني‘ جو لقب اختيار ڪري تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي نالي جو سڪو ۽ مهر جاري ڪيائين. ”شاهي فرمانن واسطي جيڪا مُهر تيار ڪئي وئي، ان تي هيٺين عبارت لکي وئي: +”الحڪم الله يا فتاح احمد شاهه دُرِ دُران.“1 +”احمد شاهه ابداليءَ تاج ۽ تخت سنڀاليندي ئي هيءُ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ، بلوچستان ۽ اٽڪ پار جي ٻين علائقن مان نادر شاهه کي جيڪو خراج اڳيئي ملندو هو، اهو هاڻ قنڌار پهچڻ گهرجي.“2 سنڌ پهرين مغلن جي زيرنگين هئي ۽ مٿس مغل درٻار مان مقرر ٿيل نواب حڪومت ڪندا هئا. نادر شاهه افشار ميان نور محمد ڪلهوڙي کي 1152هه ۾ شڪست ڏئي سنڌ کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي کان خراج جي رقم وصول ڪري، کيس سنڌ جو حاڪم قائم رکندي، پنهنجي طرفان پابند بڻايو ته هر سال خراج جي رقم هن ڏانهن موڪليندو رهي. ”ان کان علاوه نادر شاهه ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائي، هڪ حصو عبدالله خان بروهيءَ جي پٽ محبت خان بروهي، واليءَ قلات کي، شڪارپور صادق محمد خان دائودپوٽي کي ۽ باقي سنڌ جو رهيل حصو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڏئي سندس اڳيان خطاب بحال ڪري ۽ (نئين سر) ’شاهه قلي خان‘ جو خطاب ڏئي سندس پٽن کي يرغمال طور پاڻ سان وٺي سن 1153هه ۾ قنڌار روانو ٿي ويو.3 جڏهن نادر شاهه قتل ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي احمد شاهه بادشاهه بڻيو ته هن نادر شاهه جي سموري مفتوحه علائقي کي پنهنجي زيرِ نگين سمجهيو. سنڌ به ان علائق�� ۾ شامل هئي. احمد شاهه ميان نور محمد کي پنهنجو نائب تسليم ڪندي کيس ”شاهه نواز خان“ جو لقب عطا ڪيو. (موٽ ۾) ”ميان نور محمد سالياني خراج قنڌار جي درٻار ۾ موڪلڻ جو وعدو ڪيو، ليڪن بعد ۾ ميان سالياني خراج جي رقم موڪلڻ ۾ ڪجهه سستي ڪندو رهيو، ان ڪري اڳ ۾ احمد شاهه دراني پنهنجي سپهه سالار جهان خان کي (سنڌ ۽) هندستان لاءِ روانو ڪيو، جيڪو سن 1166هه ۾ سنڌ پهتو، مگر بعد ۾ خبر پئي ته احمد شاهه دراني پاڻ به (سنڌ ۾ اچي رهيو آهي ۽) 4- محرم 1167هه ۾ محمد آباد جي ريگستان ۾ پهچي ويو.“4 +مولانا غلام رسول مهر جو خيال آهي ته احمد شاهه ابدالي سنڌ ۾ ڪو نه آيو هو ۽ هن پنهنجي انهيءَ خيال جي پٺڀرائيءَ ۾ پنهنجي تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو 2 469 کان 471 تائين) دليل پيش ڪيا آهن، مگر اڪثر مورخ احمد شاهه ابداليءَ جي سنڌ ۾ اچڻ تي متفق آهن. +تازه نواي معارڪ جو صاحب منشي عطا محمد شڪارپوري (جيڪو احمد شاهه ابداليءَ جي پوٽي شاهه شجاع جو منشي هو) تذڪرهء مخاديم کهڙا جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته احمد شاهه ابداليءَ جي 21 محرم 1167هه واري فرمان مان ظاهر آهي ته احمد شاهه ان سال جي شروعات ۾ سنڌ ڏانهن آيو هو.1 ساڳي روايت حضرت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن کهڙن وارن مخدومن جو ذڪر ڪندي لکي آهي ته ”احمد شاهه پنهنجي لشڪرين کي هڪ فرمان رستي سخت تنبيهه ڪئي هئي ته کهڙن کان لنگهندي هو انهن مخدومن ۽ ٻين ماڻهن سان ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪن، ڇو ته اهي دين متين جا عالم ۽ يقين واري واٽ جا واٽهڙو آهن، سندن دعا قبول ٿيندي آهي“.2 اهو مخدوم محمد بن مخدوم عبدالرحمان شهيد جو دور هو. ان فرمان تي احمد شاهه درانيءَ جي مٿي ڄاڻايل مُهر ثبت ٿيل هئي. +حاصل مطلب ته احمد شاهه دراني، 4 محدوم سن 1167هه ۾ سنڌ ۾ پهتو ۽ 31 محرو1167هه ۾ مخمدي جي دور وارو اهو مٿيون فرمان جاري ڪيائين. عين انهيءَ فرمان هي اجراءِ کان تقريباً ٽن مهينن کان پوءِ جمادي الثاني سن 1167هه احمد شاهه درانيءَ جي نظرِ التفات اسان قاضي ملا محمد جي مٿان به ٿيندي ڏسون ٿا. هن پنهنجي ساڳي شاهي مهر سان ديره غازي خان جي نواب جان نثار خان گوجر1 جي نالي هيٺيون فرمان جاري ڪيو، جيڪو ديره غازي خان جي محڪمـﮧ ماليات جو افسر اعليٰ هو. +”بادشاهي عنايتن سان سرفراز ٿيل، ديره غازي خان جي مختيارِ ماليات، جان نثار خان جي نالي: +”معلوم هجي ته فضيلت پناهه ملا محمد ۽ ان سان گڏ ڄاڻايل هيٺين عالمن جهڙوڪ ملا دين محمد، ملا محمد قاسم، ملا ديندار ۽ ملا ابراهيم مان هرهڪ يعني فضيلت پناهه ملا محمد کي چار تمان،2 ملا دين محمد کي ٻه تمان، ملا محمد قاسم کي هڪ تمان، ملا ديندار کي هڪ تمان ۽ ملا ابراهيم کي هڪ تمان ايراضي قبضي سميت ديره غازي خان جي ديواني احڪامات موجب ڏني وڃي ۽ اهڙي داخلا سرڪاري دفتر ۾ ڪئي وڃي. انهن نوَن تمانن لاءِ هنن کان ڪابه سالياني ڍل وغيره نه ورتي ويندي. جمادي الاول 1167هه.“ +مٿين فرمان ۾ ملا محمد کي نه قاضي سڏيو ويو آهي نه وري ان ڳالهه جي ڪا نشاندهي ٿيل آهي ته هو ڪٿان جو رهندڙ هو، جو اسين تعين ڪري سگهون ته ان فرمان جي اجراءِ وقت هو ڪٿي رهندو هو. ليڪن کين وظيفو ديره غازي خان جي خزاني مان ڏيارڻ جو اهوئي مطلب ٿي سگه ٿو ته ملا محمد ان زماني ۾ ديره غازي خان جي آسپاس ئي ڪٿي رهندو هوندو. جيڪڏهن ان وقت قاضي ملا محمد شڪارپور يا ان جي آسپاس رهندو هجي ها ته يقيناً هن کي وظيفو به شڪارپور جي خزاني مان ڏنو وڃي ها، ليڪن ائين ڪو نه ٿيو. ان کان علاوه اسان اهو به ڏسون ٿا ته 8 رمضان 1169هه تي ملا محمد ملتان ۾ کهاوڙ قوم جي ماڻهن کان هڪ ڪافي ڪشادي جڳهه حضرت شيخ ملتاني رحه (حضرت شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني؟) جي محلي ۾ خريد ڪري رهائش اختيار ڪري ٿو. ان جو دستاويز ملتان جي ان وقت جي قاضيءَ محمد يوسف جي دفتر ۾ داخل ٿيو، جنهن تي سندس سرڪاري مُهر ثبت ٿيل آهي. (مُهر جي تاريخ مطابق محمد يوسف سن 1161هه ۾ ملتان جو قاضي مقرر ٿيو.) ان کان پوءِ سن 1170هه ۾ احمد شاهه دراني پشاور ۽ لاهور کان ٿيندو، 7- جمادي الاول تي دهليءَ پهتو ۽ سال جي پڄاڻيءَ جي لڳ ڀڳ واپس قنڌار هليو ويو. ليڪن قنڌار وڃڻ کان اڳ (۽ شايد دهليءَ کان واپسيءَ تي لاهور ۾ ترسڻ دوران) 17- رجب تي احمد شاهه دراني هيٺين عبارت جو هڪ ٻيو فرمان سڌيءَ طرح ملا محمد جي نالي پنهنجي شاهي مُهر سان جاري ڪيو. +”شاهي شفقت ۽ مرحمت سان نوازيل فضيلت و ڪمالات پناهه مُلا محمد جي نالي، جيڪو هن وقت به شاهي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. +”(توهان کي) معلوم هجي ته توهان کي نئين سر اٺ تمان ايراضيءَ جا اصل اضافي سميت طئه ٿيل سالياني وظيفي طور مقرر ڪري ڏنل آهن.1 اوهان اِهي تمان هن پرواني مطابق ديره غازي خان جي مالياتي کاتي جي مختيار اعليٰ عزت ماب جان نثار خان جي وساطت سان سنڀالي پنهنجي قبضي ۾ ڪري، هميشه وانگر شاهي حضور جي خدمت گذاري ۽ دعاگوئيءَ جو شغل جاري رکندا. +”جان نثار خان کي (به) ان سلسلي ۾ هدايت ڪيل آهي ته اوهان لاءِ مقرر ٿيل ايراضيءَ جي سالياني پيداوار جو اندراج سرڪاري دفتر ۾ ڪري سموري پيداوار بغير ڪنهن سرڪاري ڍل يا خرچ (وضع ڪرڻ) جي نقد يا جنس جي صورت ۾ اوهان جي حوالي ڪندو رهي. 17-رجب 1170هه.“ +هينئر جيڪڏهن 1167هه کان 1170هه تائين مٿي ڄاڻايل واقعن تي غور ڪنداسون ته واضح طور معلوم ٿيندو ته هڪ ته احمد شاهه دراني ذاتي طور ملا محمد ۽ سندس علمي صلاحيتن کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ گهڻي وقت کان ملا محمد شاهي ملازمت ۾ هو. ٻيو ته چئن سالن جي عرصي دوران ٻه دفعا شاهي وظيفا ملڻ (پهرين دفعي ۾ ٻين عالمن جي مقابلي ۾ وڌيڪ وظيفو ملڻ) ۽ ٻنهي فرمانن ۾ سندن نالو تعظيم سان وٺڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملا محمد وڌيڪ عظمت وارو هو ۽ شاهي نظرن ۾ سندس شخصيت نهايت محترم هئي. اهو اندازو ته اسان رڳو انهن فرمانن جي روشنيءَ ۾ لڳائي رهيا آهيون، جيڪي اسان وٽ موجود آهن. ممڪن آهي ته 1167هه کان اڳ ئي ملا محمد شاهي ملازمت جي سلسلي ۾ احمد شاهه درانيءَ سان وابسته هجي. +مٿين بحث مان اسان اهو آسانيءَ سان سمجهون ٿا ته ملا محمد شڪارپور يا شڪارپور جي آسپاس ڪٿي ڄائو ۽ تحصيل علم کان فارغ ٿي، احمد شاهه ابداليءَ جي بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ هن وٽ شاهي ملازمت اختيار ڪري، ملتان ۾ جڳهه خريد ڪري درس تدريس جو شغل اختيار ڪيو. ان سلسلي ۾ کيس ٻه دفعا شاهي وظيفا به مليا. اسان جيڪڏهن اهو فرض ڪريون ته 1170هه واري وظيفي ملڻ وقت هن جي عمر ٽيهه ورهيه ئي هئي ته سندس ولادت جو امڪاني سال 1140هه جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو. +جهڙيءَ طرح ملا محمد جي سنِ ولادت ۽ اصل ڳوٺ جي قطعي ۽ مستند شهادت موجود ڪونهي، اهڙيءَ طرح اهو به واضح ڪونهي ته پاڻ ڪٿي ۽ ڪهڙن استادن کان تعليم حاصل ڪئي. +جيئن مٿي گذري چڪو آهي ته هن (حضرت مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جي چوڻ مطابق) مانجهندن جي مشهور قاضي ابوالعالي وٽان تعليم پرائي جو پنهنجي وقت جو وڏو علامه هو. هڪ روايت اها به آهي ته ملا محمد پاٽ جي قاضي صاحبن وٽان تعليم حاصل ڪئي ۽ تحصيل علم کان پوءِ سندس دستاربندي به اتي ئي ٿي مگر اهو واضح ڪونهي ته هن پاٽ جي ڪهڙي بزرگ وٽان ۽ ڪڏهن تعليم حاصل ڪئي. +جيڪڏهن ان وقت جي پاٽ جي علمي خانوادي تي نظر وجهنداسون ته مخدوم دين محمد صديقي نمايان طور نظر ايندو، جيڪو مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو والد ماجد هو ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي وري ملا محمد جو همعصر ۽ مصاحب هو، جيئن اڳ ۾ بيان ڪري چڪا آهيون. بقول مولانا دين محمد وفائيءَ جي مخدوم دين محمد جي ”ولادت 1113هه ۽ وفات 1192هه ۾ ٿي.“1 مخدوم دين محمد بن مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي، پاٽ مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهيو ۽ اتي ئي هڪ علمي خاندان مان شادي ڪيائين.[5] ان گهر مان کيس ٻه فرزند، مخدوم عبدالواحد ۽ مخدوم محمد حسن تولد ٿيا. مخدوم دين محمد پنهنجي هونهار فرزند مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جي تعليم ۽ تربيت خود ڪئي. ”انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ عالمن ۽ فاضلن جو گهوارو هو. خصوصاً مخدوم صاحب جو خاندان ته سمورو علم ۽ عمل سان معمور هو، جنهن ڪري هن نونهال (مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ) جي تربيت ۽ تعليم پنهنجي والد بزرگوار جي سايي هيٺ سيوهڻ ۾ ئي ٿيندي رهي.“3 ممڪن آهي ته ملا محمد به مخدوم دين محمد صاحب کان سندن نقل مڪاني ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ تعليم حاصل ڪئي هجي. ان وقت مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جي ولادت ڪونه ٿي هوندي. (سندس ولادت 1250هه ۽ وفات 1224هه ۾ ٿي.) گويا ملا محمد، جنهن انداز ۾ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جهڙي عظيم المرتبت عالم ۽ فقيهه کي پنهنجي مٿي بيان ڪيل خط ۾”بتن جو پوڄاري، محمد احسان“ ڪري سڏيو آهي، ان مان سندس پراڻي شناسائي ۽ بي تڪلفي واري بزرگي شامل آهي، جو مخدوم صاحب کانئس عمر ۾ ننڍو هو. مگر جيئن ته مخدوم صاحب سندس استاد گهراڻي جو فرزند ارجمند هو، ان نسبت سان مخدوم صاحب جو جوابي بيت پڙهي کيس ان ڳالهه جو احساس ٿيو هوندو، جنهن ڪري هو يشيمان ٿيو ۽ معافي گهريائين. ورنه ملا محمد جهڙي ”پڪي مؤحد“ ۽ ”متبحر عالم“ جو مخدوم صاحب جو جوابي بيت پڙهي،ان ڳالهه جو قائل ٿيڻ ته مخدوم صاحب جو درگاهن ۽ مزارن تي وڃڻ ٺيڪ هو، قرين قياس ڪونه ٿو لڳي. ملا محمد جا مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ سان علمي مباحثا به سندس شڪارپور جي قاضي مقرر ٿيڻ کان پوءِ ٿيا هوندا، ڇو ته مٿي ڄاڻايل سڀني ماخذن ۾ (شاهي فرمانن کان علاوه) سندن علمي مباحثن جي حوالن ۾ ملا محمد کي ”قاضي محمد شڪارپور“ سڏيو ويو آهي. +هتي هڪ غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ به اسان ضروري ٿا سمجهون. حضرت علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن قاضي محمد کي تيرهين صدي هجريءَ جو بزرگ ڄاڻايو آهي. سندن تقليد ۾ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر صاحب جن به پنهنجي ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ڪتاب جي بابن جي تقسيم هيٺ ٽالپرن جي دور واري فهرست ۾ ڏنو آهي، جيڪو موجوده سَندن جي روشنيءَ ۾ درست ڪونهي. +قاضي ملا محمد ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ هو. سندس حياتيءَ جي شروعات واري زماني ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم هو (11 محرم 1132هه کان 12 صفر 1167هه تائين). هن جي وفات کان پوءِ سندس ميان مرادياب تخت تي ويٺو، مگر 13 ذي الحج سن1170هه ۾ معزول ٿيو ۽ 1171هه ۾ فوت ٿيو. کانئس پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙن پهرين شوال 1171هه کان 1172هه تائين سنڌ جو حاڪم رهيو.1 ميان غلام شاهه کان پوءِ به ڪافي وقت تائين سنڌ تي ڪلهوڙا حڪمرانن جي حڪومت رهي. ان جي برعڪس ملا محمد جي زندگيءَ جو نشان 1202هه تائين واضح طور ملي ٿو (جيئن اڳتي بيان ٿيندو)، ان ڪري اسان جي خيال ۾ ملا محمد کي تيرهين صديءَ جي بجاءِ ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ٽالپرن جي دور بدران ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ سڏڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، ڇو ته ملا محمد، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جي همعصر هئڻ سان گڏ ح��رت شاهه فقير اللہ علوي شڪارپوريءَ جو به معاصر هو. انهيءَ ڪري ئي ”جنت السنڌ“ جي صاحب بجا طور ٽنهي حضرات کي ڪلهوڙن واري دور جي مشاهير ۾ شمار ڪيو آهي. +اها خبر ناهي ته ملا محمد پهريون دفعو قاضيءَ جي عهدي تي ڪڏهن فائز ٿيو ۽ ڪٿي ٿيو. ليڪن سن1177هه ۾ اسان کيس شڪارپور جي قاضيءَ جي عهدي تي فائز ڏسون ٿا. 1177هه ۾ احمد شاهه درانيءَ پنهنجي شاهي مُهر سان سندس نالي ۾ هڪ فرمان جاري ڪيو، جنهن ۾ کيس ”قاضي الڪائي شڪارپور“ شڪارپور پر ڳڻي جو قاضي سڏيو ويو آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هو 1177هه کان اڳ ئي شڪارپور پر ڳڻي جو قاضي مقرر ٿيو هجي. ممڪن آهي ته 1170هه واري وظيفي ملڻ کان پوءِ ”تذڪره ميان محمد يوسف قريشي“ ۾ ڄاڻايل روايت مطابق سن 1171هه ۾ ملتان مان شڪارپور جو قاضي مقرر ٿي آيو هجي ۽ ان کان پوءِ شڪارپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي هجائين. +سن 1177هه جي حدود اندر شڪارپور ۾ ڪنهن شخص محمد دائم جي قتل جو واقعو رونما ٿيو. مقدمو قاضي محمد صاحب جي عدالت ۾ پيش ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته واقعات ۽ شواهد جي روشنيءَ ۾ حضرت حاجي فقير اللہ علوي جا ڪجهه پوئلڳ ان قتل جي الزام ۾ ملوث ٿيندا هجن، انڪري حضرت فقير اللہ علوي، احمد شاهه درانيءَ ڏانهن هڪ خط ذريعي شڪايت لکي موڪلي ته ”قاضي محمد شڪارپوري ۽ محمد عالم اسان فقيرن ڏانهن فاسد اغراض رکن ٿا ۽ هڪ شخص محمد دائم جي قتل جي تهمت فقير ۽ ان جي پيروڪارن تي هڻن ٿا، انڪري هي خط اوهان ڏانهن تحرير ڪجي ٿو.“1 ان کان علاوه مٿين خط جي ٻي عبارت به ڪجهه اهڙي قسم جي آهي، جيڪا شاهي مزاج کي برهم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. +حضرت حاجي فقير اللہ علوي جن جي ولاديت ”افغانستان جي شهر جلال آباد جي ڀرسان روتاس ڳوٺ ۾ تقريباً 1100هه ڌاري ٿي.“2 هو ”سن 1150هه ۾ پنهنجي وطن مان هجرت ڪري شڪارپور ۾ اچي رهيو، جو انهن ڏينهن ۾ دراني حڪومت جي ماتحت هو.“3 احمد شاهه دراني پيرن، سيدن، علمن ۽ بزرگن جو نهايت احترام ڪندو هو. جتي به فتوحات جي سلسلي ۾ هن جو وڃڻ ٿيندو هو ته اتان جي بزرگن ۽ عالمن سان ملاقات ضرور ڪندو هو، ”احمد شاهه درانيءَ جو مذهب ڏانهن گهڻو لاڙو هوندو هو ۽ هو هميشہ عالمن ۽ زاهدن جي صحبت کي پسند ڪندو هو.“4 ”هن جي (احمد شاهه جي) وڏي خوبي اها هئي ته مذهب سان هن جي وابستگي هئي. علماء و مشائخ جو قدر ڪندو هو ۽ انهن کان مشورو وٺندو هو. ديني مسئلن تي هن سان مذاڪرا ڪندو هو ۽ شرعي ڳالهين ۾ هنن جي دليلن (۽ فتوائن) کي فوقيت ڏيندو هو.“5 احمد شاهه دراني حضرت شاهه فقير الله علوي جو به نهايت معتقد هو ۽ هن جو بيحد احترام ڪندو هو. ”حضرت شاهه فقيرالله علوي شڪارپوريءَ سان هن جي خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. حضرت شاهه فقيرالله جي مجموعه مڪتوبات ۾ اهڙا ڪيترائي خط موجود آهن، جيڪي هو وقت بوقت احمد شاهه درانيءَ ڏانهن موڪليندا رهيا آهن. سندن ڪجهه خطن مان ته ايتريقدر به اندازو ٿئي ٿو ته احمد شاهه دراني جي وفات کان پوءِ سندس جائنشينيءَ جي تنازع ۾ پاڻ ڪنهن شهزادي جا طرفدار هئا.“6 +حضرت شاهه فقير الله علويءَ جهڙي برگزيده ۽ بزرگ هستيءَ کان اهڙي قسم جي شڪايتي خط ملڻ تي احمد شاهه درانيءَ سن 1177هه7 ۾ هيٺيئن مضمون جو شاهي فرمان قاضي محمد شڪارپوريءَ جي نالي ۾ جاري ڪيو. +”فضيلت و ڪمالات پناهه مُلا محمد، شڪارپور پرڳڻي جي قاضيءَ کي، جيڪو شاهاڻين عنايتن سان سرفراز ٿيل آهي، معلوم هجي ته تازو اسان جي ڌيان تي آندو ويو آهي ته فضيلت پناهه (ملا محمد) ڪن شرعي ڳالهين ۾ چشم پوشي ڪندي ڪي اهڙا فيصلا ڪيا آهن، جيڪي هر لحاظ کان قا��ون شريعت جي خلاف آهن، جنهنڪري انهن جو اثر اهڙن شخصن کي پوي ٿو، جيڪي شاهي نظرن ۾ آبرومند آهن.“ ٿيڻ ائين کپي ته قضا جي اصول مطابق لازمي طور اهڙيون ڳالهيون نبيري هيٺ اچڻ کپن، جيڪي بادشاهه ۽ ان جي خدمتگارن يا عزيزن لاءِ ڪنهن تفرقي جو باعث نه بڻجن. خاص طور شرعي فيصلن نبيرڻ جو اهو ئي دستور آهي ته ڪنهن به شخص جي جانبداري نه ڪجي، جيئن ڪنهن سان به ناحق نه ٿئي. ائين ئي خدا ۽ ان جي رسول جو خوف آڏو رکي سچ کي ڪوڙ کان اڳ ڪرڻ گهرجي، جيئن قيامت جي ڏينهن خدا جي اڳيان لاجواب (شرمسار) نه ٿيڻو پوي، ايتريقدر جو ظالم کان مظلوم جو حق وٺندي به اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. شاهي امان هيٺ جيڪي به امير يا غريب، زورآور يا ضعيف زندگي گذاري رهيا آهن، تن جي ننڍ وڏائيءَ جو خيال نه رکندي الاهي قانون موجب هر فيصلو ڪرڻ لازمي آهي، جيئن هر طرف کان خير جي دعا حاصل ٿئي. جيڪڏهن انهن ڳالهين مان ڪابه خلاف ورزي ٿي ته اها جواب طلبيءَ جو سبب ٿيندي.“ +نهايت تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته احمد شاهه درانيءَ جهڙو جليل القدر بادشاهه، جيڪو خود قرآن ۽ سنت جو پابند هو، هڪ طرف قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ انصاف ڪرڻ جي تلقين ڪري رهيو آهي ته وري ٻئي طرف اهو حڪم به ڏئي رهيو آهي ته اهڙو ڪو به فيصلو نه ڪيو وڃي، جنهن جو اثر اهڙن شخصن تي پوي، جيڪي شاهي نظرن ۾ آبرومند آهن. هڪ طرف بي ريائيءَ ۽ غيرجانبداريءَ جي فهمائش ٿي ڪئي وڃي ته ٻئي طرف اڻسڌي طرح اها به خواهش ظاهر ڪئي ٿي وڃي ته اهڙن ماڻهن خلاف فيصلي ڏيڻ کان درگذر ڪيو وڃي، جيڪي بادشاهه جي خدمت گذارن يا عزيزن جي زمري ۾ اچن ٿا، اهو ته سراسر انصاف جي خلاف آهي. شاهه هجي يا گدا، امير هجي يا غريب، جيڪڏهن هو ڪنهن ڏوهه جو مرتڪب ٿئي ٿو ۽ واقعات ۽ شواهد جي روشنيءَ ۾ هن جو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته انصاف ۽ قانون جي نگاهن ۾ پنهنجي رتبي يا عهدي کان قطع نظر، هو سزا جو مستوجب بڻجي ٿو. +هينئر سوال اهو آهي ته ڇا قاضي محمد جي پايي جو عالم ۽ فقيـﮧ، جيڪو مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جهڙي عالم ۽ فقيـﮧ کي ”بتن جو پوڄاري“ سڏي سگهي ٿو ۽ جيڪو خود شاهي نظرن ۾ محترم ۽ معتبر هو، اهو اهڙو ڪو فيصلو صادر ڪري سگهيو ٿي، جيڪو قرآن ۽ سنت جي خلاف هجي! ائين به ممڪن ڪونهي ته هڪ شهر ۾ رهڻ سبب قاضي صاحب ۽ حضرت علوي صاحب جي درميان علمي رقابت سبب ڪي اختلاف هئا، جنهن ڪري هنن هڪ ٻئي تي بهتان بازي پئي ڪئي. فرض ڪريو ته جيڪڏهن ائين کڻي هجي به ها، تڏهن به حضرت علوي صاحب يا سندس مريدن ۽ واسطيدارن تي ڪنهن خون جي تهمت لڳائڻ تمام مشڪل ڳالهه آهي، سو به ان صورت ۾ جڏهن حضرت علوي صاحب جي وقت جي بادشاهه سان ايتري قربت هئي جا قاضي محمد صاحب کان به مخفي ڪونه هوندي! جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ قاضي صاحب موصوف وٽ يقيناً ان لاءِ ڪو معقول جواز هوندو. يقيناً ان واقعي جو تفصيل ڪن اهڙين شاهدين ۽ ثبوتن تي مبني هوندو جو قاضي صاحب اهڙن شخصن تي خون جو الزام هڻڻ لاءِ مجبور ٿي ويو هوندو، جيڪي شاهي نظرن ۾ آبرومند هئا. +مٿين واقعي مان قاضي محمد جي شخصيت جو اهو پهلو اجاگر ٿئي ٿو ته هو نهايت جري ۽ بيباڪ قاضي ۽ منصف هو. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو باڪردار ۽ اخلاق و جريت جو پيڪر هو، جو جڏهن عدل ۽ انصاف جي آزمائش جو وقت آيو ته هن کي، بغير ڪنهن رک- رکاءُ يا ننڍ-وڏائيءَ جي، مناسب فيصلي ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس ڪونه ٿي. اهڙي بلند حوصلي ۽ بي رياءُ قاضيءَ کي بادشاهه جو شريعت موجب انصاف ڪرڻ جي تلقين يقيناً تعجب خيز آهي. +قاضي محمد صاحب جي انصاف ۽ عدل جو ه�� ٻيو مثال اسان جي اکين آڏو آهي. 1185هه ۾ شڪارپور ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، جنهن جو تفصيل به احمد شاهه درانيءَ جي هيٺين فرمان ۾ موجود آهي: +”شڪارپور جي سڀني اڳين پوين حاڪمن ۽ عملدارن کي معلوم هجي ته هن وقت ملنگ نالي شڪارپور جي هڪ شخص اسان جي ڌيان تي آندو آهي ته باغ جي هڪ ايراضي ۽ هڪڙو کوهه، جيڪو سندس موروثي ملڪيت هو، هن ڪجهه ڏينهن لاءِ شڪار وغيره جي نيت سان سيد پير شاهه کي ڏنو. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو شاهه صاحب گذاري ويو ته مريد عليءَ نالي هڪ شخص ان باغ ۽کوهه تي پنهنجي ملڪيت هئڻ جي دعويٰ ڪئي. ان سلسلي ۾ هو شرعي فيصلي لاءِ ويو ته قاصي (محمد) صاحب ٻنهي ڌرين کي گهرائي فيصلو ڪيو ته ان ايراضيءَ جو چوٿون حصو مريد علي وٽ هجي ۽ باقي ٽي حصا فريادي ملنگ کي ڏنا وڃن. ٻن سالن گذرڻ کان پوءَ انهيءَ مريد عليءَ وري قاضي صاحب وٽ وڃي ٻيهر مٿين ملڪيت جي دعويٰ داخل ڪئي، پر وريو ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب ان سلسلي ۾ ٻيهر ڪنهن فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيو. آخر اها ڳالهه (شهر) جي حاڪم وٽان ٿيندي، وڃي مفتي ملا عارف1 وٽ پهتي، جنهن باغ ۽ کوهه واري ايراضي زبردستيءَ (اصل) فرياديءَ (ملنگ) کان کسي مريد عليءَ جي حوالي ڪئي آهي. هن وقت ان باغ ۽ کوهه سان گڏ مريد علي ڇهن سون رپين جو ٻيو مال به ڦٻائي ويٺو آهي. ان زيادتيءَ ۾ (ڪجهه) ٻيا (ماڻهو) به هن جا مددگار آهن.“ +”جيئن ته هي ڪم زبردستيءَ (سان) ڪيل آهي، ان ڪري هيءُ حڪم جاري ٿو ڪجي ته (اصل) فرياديءَ کان (زوريءَ) کسيل باغ، کوهه ۽ رقم، جيڪي سندس ملڪيت آهن ۽ قاضيءَ جي دفتر ۾ داخل ٿيل آهن، مريد عليءَ کان واپس وٺي کيس (ملنگ کي) ڏياريا وڃن. اهڙيءَ طرح اهو سمورو ڪم شرعي فيصلي مطابق اڪلايو وڃي ۽ آئنده لاءِ انهن (غاصبن) کي تنبيهه ڪئي وڃي ته ڪوبه ڪنهن جي لاءِ اهڙي قسم جو قدم نه کڻي، جيڪو شرعي احڪامن جي خلاف هجي. 2- صفر 1185هه.“ +فرمان جي عبارت مان ان واقعي جي جيڪا تصوير اسان جي اکين اڏو اچي ٿي، اها هيءَ آهي ته ملنگ نالي هڪ شخص پنهنجي باغ واري زمين کوهه سميت سيد پير شاهه کي شڪار وغيره سانگي ڏني جو شايد سندس مرشد هوندو. هڪ سنڌي سٻاجهڙي کان پنهنجي مرشد لاءِ عقيدت جو اظهار جو اهو طريقو ڪا انوکي ڳالهه ڪونهي. ان سيد سڳوري جي وفات کان پوءِ مريد عليءَ نالي هڪ شخص ان زمين ۽ کوهه تي قبصو ڄمائي ورتو ۽ شايد ان تي ڪجهه آبادي به ڪئي. جڏهن ملنگ اهڙو فرياد شڪارپور جي قاضي (ملا محمد) صاحب وٽ داخل ڪريو ته قاضي صاحب فيصلو ڪيو ته ان ملڪيت جو چوٿون حصو مريد عليءَ کي (شايد سندس ڪيل آباديءَ وغيره جي خيال کان) ۽ باقي ٽي حصا ملنگ کي واپس ڏنا وڃن. ظاهر طرح ٻنهي ڌرين ان فيصلي کي تسليم ڪري خاموشي اختيار ڪئي. ٻن سالن کان پوءِ ان مريد عليءَ ڪجهه ٻين ماڻهن جي مدد ۽ هُشيءَ تي وري اهو معاملو نئين سر اُٿاريو. مگر جيئن ته هڪ دفعو ان معاملي ۾ فيصلو ٿي چڪو هو، ان ڪري قاضي صاحب جي طرفان ان ۾ وڌيڪ ڦيرگهير ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نه پئي ٿيو. ڀانئجي ٿو ته مريد علي ڪو بااثر ۽ زورآور شخص هو، جنهن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري شهر جي حاڪم ۽ مفتيءَ کان پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلو ڪرائي زبردستي مٿين ملڪيت ڦٻائي ورتي. ويچارو ملنگ ڏاڍ اڳيان بيوس ٿي پيو ۽ نيٺ داد رسيءَ لا دراني درٻار ۾ دانهن ڏنائين، جتان مٿيون فرمان جاري ڪري، ملنگ کان زوريءَ کسيل ملڪيت کيس واپس ڏيارڻ لاءِ حڪم صادر ٿيو. +ظاهر آهي ته مريد علي، جنهن کي شهر جي حاڪم ۽ مفتيءَ وٽ پهچ حاصل هئي، ان ائين ئي رڳو قاضي صاحب وٽ هڪ دفعو فيصلو ٿي�� معاملو ڪو نه اٿاريو هوندو. هن يقيناً قاضي صاحب تي به زور بار وجهرايو هوندو، ليڪن قاضي صاحب هن جي اثر رسوخ کان متاثر ۽ مرعوب ٿيل ڪو نه ٿو ڀانئجي، جنهنڪري هو اڳئين فيصلي تي قائم رهيو. +هينئر غور ڪجي ته اهڙو بي رياءُ ۽ سختين کان متاثر نه ٿيڻ وارو منصف ۽ قاضي، حضرت شاهه فقير الله علويءَ جهڙي برگزيده هستيءَ يا سندس پيروڪارن تي ايترو سنگين الزام ڪنهن معقول سبب جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪيئن ٿي لڳائي سگهيو! +بهرحال، اسان ملا محمد کي 1177هه کان اڳ شڪارپور پرڳڻي جي قاضيءَ جي عهدي تي فائز ڏسون ٿا، جتي هو قضا جي ڪم سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ تدريس جو شغل جاري رکندو ٿي آيو. +سن 1186هه ۾ احمد شاهه دراني قنڌار ۾ فوت ٿيو. هن جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ سليمان سندس جڳهه تي بادشاهه بڻيو، مگر جلد ئي احمد شاهه جو پٽ تيمور شاهه ، جنهن کي احمد شاهه پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجو وليعهد ۽ جاءِ نشين مقرر ڪيو هو، 1186هه ۾ پنهنجي پيءُ جي تخت جو وارث بڻيو. احمد شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽن جي وچ ۾ ذاتي اختلافن ۽ خانه جنگيءَ سبب ظاهر آهي ته ٻين اميرن ۽ عملدارن ۾ به گروهه بندي ٿي وئي. عام دستور مطابق تيمور شاهه به عاملن ۽ عهديدارن ۾ پنهنجي پسند مطابق تبديليون ڪيون ۽ پنهنجي اعتماد ۽ ڀروسي وارن عملدارن کي قائم رکيو. اهڙي طرح تيمور شاهه پنهنجي هيٺين فرمان مطابق قاضي ملا محمد جي شڪارپور پرڳڻي جي قاضيءَ جي حيثيت ۾ تجديد ڪئي: +”فضيلت و ڪمالات پناهه ملا محمد، قاضيءِ الڪائي شڪارپور جي نالي روشن هجي ته اوهان جي لاءِ هن کان اڳ خاقانِ مغفور (احمد شاهه دراني) جي عنايتن موجب شڪارپور (پرڳڻي) جي (منصبِ) قضا سان گڏ جيڪي وظيفا ۽ لوازمات تفويض ٿيل آهن، اهي بدستور قائم ۽ جاري رکيا ٿا وڃن. اوهان پنهنجي اخلاص خدمتگذاري ۽ قضا جي منصب داريءَ سان گڏ دعا گوئيءَ جو شغل جاري رکندا. اوهان کي خاقانِ مغفور کان جيڪي مراعتون مليل هيون، توهان کي انهن جو واقعي حقدار سمجهي (هي) پروانو جاري ڪجي ٿو. توهان حسبِ معمول شرعي احڪامن جي پوئواريءَ ۾ سرگرم عمل رهندا ايندا. 11- رمضان 1186هه“. +هن فرمان موجب، تيمور شاهه نه رڳو قاضي صاحب جي صلاحيتن، سندس علمي ۽ شرعي خدمتن جو اعتراف ڪندي سندس عهدو برقرار رکيو، مگر تيمور شاهه جي حڪومت وران اسان قاضي صاحب موصوف جي زمين ۽ جڳهين جي خريد و فروخت جي دستاويزن ۾ سندس لقبن ۾ اضافو ٿيندو ڏسون ٿا ۽ محسوس ڪريون ٿا ته جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو اهي تيئن تئين هڪ ته سندس روز افزون علميت ۽ تجربي سبب ۽ ٻيو ته سندس عهدي ۾ ترقيءَ سبب هن جي نالي سان گڏ خطابن ۽ لقبن ۾ عزت ۽ احترام جو پهلو وڌيڪ نمايان ٿيندو رهيو آهي. 1185هه واري شاهي فرمان جي اجراءِ جي وقت تائين کيس وڌ ۾ وڌ ”فضيلت و ڪمالات پناهه، ملا محمد، قاضيءَ الڪائي شڪارپور“ سڏيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته جيئن ته شاهي فرمان جو اجراءِ بذات خود هڪ اعزاز آهي، ان ڪري تخاطب کي ان حد تائين مناسب سمجهيو ويو هجي. ليڪن شاهي فرمان کان هٽي ٻين دستاويزن ۾ ڏينهون ڏينهن سندس نالو وڌيڪ تعظيم ۽ لقبن سان کنيو ويو آهي. 1189هه جي هڪ دستاويز ۾ کيس ”فضائل و ڪمالات پناهه، افادت و اقامت جستگاهه، مجمع الفضائل، علامه، ميان قاضي ملا محمد ولد مرحوم و مغفور، جنت جائيگاهه مولوي ميان عبدالله“، 1197هه واري دستاويز ۾ انهن مٿين لقبن سان گڏ ”حاوي المنقول و المعقول، عمدة العلماء، قدوة الفضيلت ..... وغيره“، 1198هه واري دستاويز ۾ وڌيڪ اضافي سان ”مسند نشين جايش منصب منع، علامه فهامي(؟)“ ۽ نيٺ 1202هه ۾ کيس ”جامع الفضائل و ڪمالات، زبدة العلما، فضيلت الدهر، جامع الاصول و الفروع، حاوي المعقول و المنقول، مسندِ نشينِ عاليه شريعت پناهه علامه.....“ وغيره جي لقبن سان سڏيو ويو آهي. +هن سموري وستار جو مقصد رڳو اهو آهي ته جيئن معلوم ٿئي ته تيمور شاهه جي دور حڪومت ۾، 1186هه کان پوءِ قاضي صاحب جي خطابن ۽ لقبن ۾ جنهن سرعت سان اضافو ٿيندو رهيو آهي، جو نيٺ 1202هه تائين مسند نشين عاليه يعني (قاضي القضات) جو لقب کيس مليو، ان جو ڪهڙو سبب آهي. ظاهر طرح ته اهو چئي سگهجي ٿو ته قاضي صاحب جي عمر سان گڏ سندس علميت ۾ واڌار ٿيندو رهيو، ليڪن تيمور شاهه سان منسوب قاضي صاحب جي سلسلي ۾ هڪ روايت بيان ڪئي وڃي ٿي: +چون ٿا ته تيمور شاهه هڪ دفعي ڪنهن غلط فهميءَ جي بنياد تي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي دلپسند زال کي طلاق ڏئي ويٺو، مگر جڏهن سندس ڪاوڙ ڍري ٿي ۽ حقيقت سامهون آيس ته پنهنجي جلدبازيءَ تي نه رڳو پشيمان ٿيو، پر اچي ششدر به ٿيو ته هينئر اها زال بغير ڪنهن ٻئي سان نڪاح ڪرڻ جي هن لاءِ ڪيئن حلال ٿئي. هن ڏاڍو عالمن ۽ ديني دانشورن کي ڪٺم ڪيو، مگر انهن کي هن مسئلي جو ڪو حل سمجهه ۾ ڪو نه آيو. نيٺ تيمور شاهه جي اڳيان قاضي مُلا محمد شڪارپوري جو نالو تجويز ڪيو ويو. قاضي صاحب موصوف کي ڪابل گهرايو ويو جنهن سمورو مسئلو ٻڌڻ کان پوءِ قرآن ۽ شريعت جي روشنيءَ ۾ تيمور شاهه جي ڏنل طلاق کي غلط قرار ڏنو ۽ اتي موجود سڀني عالمن ان فتويٰ جي تائيد ڪئي. تيمور شاهه خوش ٿي قاضي صاحب کي ڏاڍا انعام و اڪرام، جاگير ۽ قاضي القضات جو عهدو عنايت ڪيو.1 +قاضي صاحب موصوف شڪارپور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مدرسي ۽ ذاتي خرچ پکي هلائڻ لاءِ شاهي وظيفن ۽ بعد ۾ مليل جاگير وغيره سان گڏ، شخصي طور زرعي زمين، باغن ۽ جڳهين جي خريد و فروخت ڪندو رهيو. 1181هه کان وٺي 1202هه تائين مختلف تاريخن تي هو سيدن، لورا ذات جي هندن، لوڊرا ۽ درودگر2 قوم جي ماڻهن سان شڪارپور شهر ۾، شڪارپور جي آسپاس، قلعهء ڪرن، ديهه بيکاري ۽ تعلقي روپاهه3 ۾ زمين وغيره جي خريد و فروخت يا مٽاسٽا ڪندو نظر اچي رهيو آهي. +هڪ ٻي روايت مطابق سن 1202هه جي حدود ۾ قاضي صاحب موصوف ڪنهن معاملي جي سلسلي ۾ ٻيهر ڪابل ويو، اتي ئي هو ته سندس وفات ٿي. سندس جسد پاڪ کي سندس وصيعت مطابق شڪارپور اماڻڻ جا سانباهه ڪيا ويا ۽ سندس لاش هڪ صندوق ۾ امانت طور بند ڪري هڪ قافلي ذريعي شڪارپور روانو ڪيو ويو. اُٺڙيءَ تي اها صندوق رکي هئي، رستي ۾ اتفاق سان ان کي ٿاٻو آيو ۽ ڪِري پئي. ڏٺو ويو ته سندس ٽنگ ڀڄي پيئي هئي، مگر ٿوري دير کان پوءِ اها خودبخود اٿي وري هلڻ لڳي. جڏهن اهو قافلو شڪارپور پهتو ته ان اُٺڙيءَ کي ڪُهي خيرات ڪيو ويو. ڏٺو ويو ته جنهن جڳهه تان سندس ٽنگ ڀڄي پئي هئي، اتي هڪ لوهي شيخ لڳل هئي. چون ٿا ته ڪيتري عرصي تائين اها لوهي شيخ قاضي صاحب جي مدرسي جي صحن ۾ رکيل هئي ۽ ماڻهو ان کي ڏسڻ ايندا هئا. +قاضي صاحب موصوف کي سندس مدرسي جي صحن ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو. سندس مقبرو ۽ قائم ڪيل مسجد1 اڄ به شڪارپور ۾ ڪرن دروازي اندران خسته ۽ زبون حالت ۾ موجود آهي. +قاضي صاحب جي وفات جو حتمي سال معلوم ڪونهي. 9- رجب سن 1202هه ۾ قاضي هڪ سيد امام علي شاه کان نوشهري دروازي جي ٻاهران ڪجهه زرعي زمين خريد ڪئي. ان کان پوءِ سن 1205هه ۾ شڪارپور جي قاضيءَ جي عدالت ۾ طلاق جو هڪ مقدمو فيصل ٿيو، مگر فيصلي واري دستاويز تي نه ته ڪا مُهر ئي لڳل آهي نه وري ڪنهن قاضي صاحب موصوف جي ڏينهن ۾ رونما ٿيو يا ��ندس پٽ قاضي ميان عبدالله جي ڏينهن ۾. +1207هه ۾ تيمور شاهه وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ زمان شاهه ڪابل جي تخت تي ويٺو. زمان شاهه 1210هه ۾ هيٺين عبارت وارو فرمان قاضي صاحب موصوف جي فرزند ميان عبدالله جي نالي ۾ جاري ڪيو. +”فضيلت پناهه مُلا عبدالله، قاضيءَ الڪائي شڪارپور جي نالي، شاهي شفقت ۽ اعزاز سان سرفراز (ڪرڻ) کانپوءِ ڄاڻائجي ٿو ته اهو خط،جيڪو اوهان پنهنجي احوال، اخلاص، شاهي مروت ۽ دعاگوئيءَ جي سلسلي ۾ بادشاهه جي حضور ۾ موڪليو آهي، سو پهتو آهي، جنهن مان اوهان جو بادشاهه سان اخلاص ۽ خدمتگذاريءَ (جو جذبو) ظاهر ٿئي ٿو. هن باري ۾ توهان کي مطلع ڪيو وڃي ٿو ته توهان پنهنجي دلجمعيءَ سان شاهي خدمتگذاريءَ ۾ مشغول رهندا. +اهڙو اطلاع شڪارپور جي موجوده ۽ ايندڙ عملدارن کي به ڏنو وڃي ٿو ته قاضي صاحب (قاضي ملا عبدالله) کي جيڪي به سرڪاري وظيفا ۽ لوازمات، زمينون ۽ باغات وغيره مليل آهن، تن بابت جيڪڏهن هنن کان ڪا سرڪاري (ڍل وغيره جي) وصولي ٿيل آهي ته اها کين واپس ڏني وڃي. جمادي الثاني سن 1310هه“2 +مٿين فرمان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قاضي عبدالله 1210هه کان اڳئي شڪارپور جو قاضي ٿيل هو. گويا قاضي محمد شڪارپوريءَ جي وفات سن 1202 ۽ 1210هه دوران ٿي چڪي هئي. +سنڌي ادب ۽ نوجوان نسل +ڊاڪٽر گل حسن لغاري +”ادب“ جي حقيقي معنيٰ هن ريت ڪئي وڃي ٿي ته: ”اها لکيت، جنهن ۾ زيب وزينت، حسن و رعنائي هجي، ادب، لطافت ۽ زندگيءَ جي گوناگون حقيقتن جي ترجماني ڪري ۽ انهن خوبين جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.“ +قديم يا جديد دور ۾، ادب جي مفهوم ۽ مقصد کي جملي انساني علم تي حاوي سمجهيو ويو آهي، ڇو ته انسان جي ”ادب“ جو انحصار، تربيت تاديب ۽ تعليم تي آهي. ”ادب“ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ به ”علم ادب“ جو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ ٻار کي والدين ۽ استادن جي رهبري ۽ پيروي ڪرڻي پوي ٿي ۽ اُن بعد اهو ٻار جوانيءَ ۾ داخل ٿي، مهذب ۽ شائسته شخصيت جو مالڪ بنجي سگهي ٿو، تنهنڪري تربيت، تاديب ۽ تعليم کان سواءِ ”ادب“ جي منزل ماڻڻ مشڪل آهي. +سنڌي ادب ۾، اخلاقي ۽ تعميري مضمون ۽ مقالا، افسانا، ناول ۽ ناٽڪ به موجود آهن ته تحقيقي ۽ تاريخي مقالا به جديد دور جي تقاضائن موجب لکيا ويا آهن. سنڌ جو تاريخي ورثو نهايت قديم آهي ۽ جنهن تي جيترو به ڪم ٿيو آهي سو قابلِ تعريف آهي. پر هن سلسلي ۾ تحقيق جون راهون ڪشاده ۽ وسيع آهن. خود سنڌي زبان ۽ لسانيات تي به ڪجهه ڪتاب آهن. شعر و شاعري جو جيڪو قديم ذخيرو سنڌي ادب ۾ موجود آهي، ان جي اهميت آفاقي ۽ عالمگير آهي. مثلاً شاهه ڪريم جو ڪلام، شاهه عنايت جو ڪلام، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو رسالو، فقير عبدالرحيم گرهوڙي جو ڪلام، سچل سرمست جو ڪلام وغيره وغيره. +ڪنهن به ٻوليءَ جي ”ادب“ جي عالمگير حيثيت، انهيءَ ٻوليءَ جي وڏي ۾ وڏي خصوصيت آهي ۽ انهيءَ لحاظ کان شاهه لطيف جي رسالي کي اهم مقام حاصل آهي. شاهه صاحب، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي دور ۾ شعر چيو، جنهن دور ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جو تمام وڏو اثر هو ۽ اهي ئي ٻوليون علمي ڄاڻ جي ڪسوٽي هيون. شاهه صاحب، مولانا جلال الدين روميءَ کان عرفان ۽ فڪر ضرور حاصل ڪيو، پر پنهنجو شعر مثنويءَ جي صنف ۾ نه چيائين ۽ نه ئي مولانا روميءَ وانگر پوريون ڪهاڻيون بيان ڪري، پوءِ مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين. شاهه صاحب، ان جي برعڪس مڪاني ۽ وطني ڪهاڻين ۽ ڪردارن کي کڻي، انهن ڏانهن اشارو ڪري، پنهنجو مطلب ظاهر ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب جي شعر جي رسائي ۽ پروڙ، عام ماڻهو تائين آهي. +سنڌي اَدب جي قديم نثر يا نظم ۾، نوجوان نسل لاءِ مواد موجود آهي ۽ خود موجوده نوجوان نسل جون ”سنڌي ادب“ ۾ ڪوششون، بارآور، مفيد ۽ صحتمند رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون. انساني زندگيءَ ۾ جتي سونهن ۽ سوڀيا، نيڪي ۽ شرافت ۽ خوشي آهي، اتي دک درد،بُرائي ۽ بيحيائي به آهي. ”اَديب“ جي نگاهه، فڪر ۽ سوچ جو محور، زندگيءَ جي هڪ پهلوءَ ڏانهن نه هوندو آهي، پر حياتيءَ جي خوبصورت ۽ وڻندڙ پهلوءَ سان گڏوگڏ، کيس زندگيءَ جي اڻ وڻندڙ ۽ ناشائسته حقيقتن کي چٽڻو آهي. ليڪن انهيءَ ۾ اهڙو تاثر قائم رکڻ گهرجي، جيئن نوجوان نسل، زندگيءَ جي خوبصورت ۽ تعميري پهلوءَ کي پاڻ ۾ جاءِ ڏئي، ناروا ۽ ناپسنديده عمل کان گريز ڪري سگهي. +زندگيءَ جي نشيب و فراز دوران، انسان کي ٽن مرحلن مان لنگهڻو پوي ٿو: ٻالپڻو، جواني ۽ پيري. جواني، زندگيءَ جي آيامن جي قوت ۽ نيرومندي واري منزل آهي، جيڪا ٻالپڻي ۽ پيريءَ جي درميان آهن. ٻالپڻ ۽ پيريءَ جي دور ضعُف ۽ ڪمزوري سان گهيريل هوندو آهي، پر جوانيءَ جا ڏينهن، زندگيءَ جا بلند ۽ اعليٰ ترين منزل سان سرشار هوندا آهن. +ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جو بزرگترين سرمايو ۽ اهم ترين انساني قوت، نوجوان نسل ئي شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن به ملڪ ۽ وطن جي سرسبزي، شادابي، ترقي و پيش رفت جو دارومدار، نوجوان نسل جي ڪوششن تي آهي. انهيءَ لاءِ کڻي قدرتي وسيلا هجن ۽ انهن کان ڪم وٺڻو هجي، ذهني نشوونما هجي، وطن جي آزادي ۽ استقلال جو سوال هجي، ظلم و جبر ۽ بي انصافي جي خلاف، حق ۽ انصاف جي لاءِ آواز اٿارڻو هجي يا پنهنجي وطن کي اقتصادي طور خوشحال بنائڻو هجي، تڏهن به ”نوجوان نسل“ جون ڪوششون درڪار ٿين ٿيون. +موجوده دور جي دنيا ۾، نوجوان نسل زندگيءَ جي سڀني سياسي، سماجي، اجتماعي، اقتصادي، صنعتي ۽ اخلاقي شعبن ۾ وڏو حصو وٺي، پنهنجا نقش قائم ڪيا آهن. پهرينءَ عظيم لڙائيءَ (1918-1914ع) ۾ جرمني، اِٽليءَ، روس ۽ ٻين مغربي ملڪن جي حالت دگرگون ٿي ويئي ته اتي جي حڪومتن، پنهنجي نوجوان نسل جي صلاحيتن مان فائدو ورتو ۽ اهي ملڪ، اڄ مُتمدن ترين ۽ شاهوڪار شمار ڪيا وڃن ٿا؛ ڇو ته اتي جي اديبن، نوجوان نسل ۾ خوداعتمادي جو جذبو بيدار ڪيو. سياستدانن، پنهنجي نوجوان نسل تي ڀروسو ڪيو ۽ انهن جي پشت پناهي ڪئي، ناول نگارن، نوجوان نسل مان شخصيتن جي ڪردار جو انتخاب ڪيو ۽ اخبارن، انهن نوجوانن جي تعريف ۾ لکيو. اهڙيءَ ريت، نوجوان نسل جي ڪارڪردگي ۽ همت کي ساراهيو ويو. +سنڌي ادب جي نظم يا نثر جا جيڪي به دور گذريا آهن، انهن تي ڪافي لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکيو پيو وڃي. سنڌ تي ڌارين جي حملن ۽ ڪاهن، غيرن جي حڪمراني ۽ فرمانروائي جي ظالمانه داستانن جي احوال کان به نوجوان نسل کي آگاه ڪيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي. +”ادب“ هڪ حقيقت نگاري آهي ۽ سنڌ ادب جي ڪلاسيڪي يا قديم ادب ۾ اخلاقي، روحاني ۽ سماجي زندگيءَ جي عڪاسي ٿيل آهي. ”اديب“، مؤرخ يا تاريخ نويس کان منفرد ۽ جداگانه مقام جو مالڪ آهي. تاريخ نويس، پنهنجي دور جون جيڪي حقيقتون ۽ انهن جا تفصيل بيان ڪري ٿو، سي قابلِ قدر آهن ۽ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ قومن جو ورثو، تاريخ سان وابسته آهي، ليڪن انهن حقيقتن جي روح تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي نروار ڪرڻ اديب جو ڪم آهي. تاريخ نويس، زندگيءَ جي سچائي ۽ اخلاص تائين رسائي حاصل نٿو ڪري. انهن جي سچائيءَ کي اديب ظاهر ڪري ٿو. دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب ۾ چند اعليٰ اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن، جن کي حقيقت نگار چيو وڃي ٿو، جيئن ته انگلنڊ جي ادب ۾ شيڪسپيئ��، ايران جي ادب ۾ شيخ سعدي شيرازي، مولانا جلال الدين رومي، حافظ شيرازي، سنڌ ۾ شاهه لطيف رح، فقير عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست ۽ ٻيا. +نوجوان نسل جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي جوش، جذبي ۽ ولولي واري زندگيءَ ۾ قدم رکي ٿو ته هن کي قديم يا جديد ادب ۾، عشق و محبت ۽ روماني داستان يا عشقيه شعر، فطري طور وڻن ٿا. اهڙي قسم جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ، ادب جي خلاف نه آهي، پر ادب جو هڪ اهم حصو آهي. شيخ سعدي رح، جتي پند و نصيحت ۽ عقل و دانائيءَ جون ڳالهيون ٻُڌائي ٿو، اتي عشق جي بيان ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ معقول دليل ڏئي ٿو ۽ هو چئي ٿو: +حديث عشق، اگر گوئي گناهه است، +گناهه اوّل ز حوا بود و آدم. +(يعنيِ: عشق جو بيان ڪرڻ، جيڪڏهن گناهه آهي ته اهو پهريون گناهه حضرت آدم ۽ بيبي حوا کان ٿيو). +اهڙيءَ طرح سان، شيخ سعدي رح، عدل و انصاف ۽ رعيت جي احساسات ۽ جذبات جي احترام لاءِ، بادشاهه کي نصيحت ڪري ٿو ۽ حقيقت نگاريءَ جو بهترين مثال آهي، جيئن هو ”گلستان“ ۾ چئي ٿو: +فرازي در آن مرزو کشور مخواه +که دل تنگ بيني رعيت، ز شاهه +رعيت نشايد ز بيداد کشت +که مر سلطنت را پناهند و پُشت +(يعني: انهيءَ ملڪ ۽ سرزمين جي ڪشادگي ۽ وسعت جي خواهش (تمنا) نه ڪر، جنهن جي رعيت، انهيءَ ملڪ جي حڪمران کان تنگ هجي. +رعيت کان بي انصافي ۽ ظلم سان ڪهڻ نه گهرجي، ڇو ته رعيت ئي سلطنت جي پُشت پناهي ۽ بقا آهي). +شيخ سعدي يا حافظ شيرازي، جنهن دور مان گذريا، اهو ظلم و استبداد ۽ فتني ۽ فساد جو دور هو. مذهبي ۽ ديني اُمور جي لحاظ کان، خلوص، سچائي ۽ نيڪ نيتي اڻ لڀ هئي؛ پر رياڪاري ۽ منافقي ۽ ظاهرداري تي گهڻو زور هو. مذهبي فرقه بندي، ڪينه پروري ۽ حسد، ماڻهن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو هو. حافظ شيرازي، اُن ڪري چئي ٿو: +جنگ هفتاد و دو ملت را عُذر بنه +چون نديدند حقيقت رهِ افسانه زدند +(يعني: ٻاهتر فرقي جي سڀني اختلافن کي لاچار سمجهه ۽ ڇڏي ڏي، ڇو ته جڏهن حقيقت کي نه ڏٺائون ته افسانه گهڙيائون ۽ ڪوڙين ڳالهين جي راهه اختيار ڪيائون ۽ حقيقت کان محروم رهجي ويا.) +حافظ شيرازي، انسان ذات جي عظمت کي نگاه ۾ رکي ٿو ۽ هو انهيءَ کان آشنا آهي. هو ڪنهن به فرقي يا عقيدي يا مذهب واري ماڻهوءَ کي گهٽ نٿو سمجهي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان انساني وحدت ۽ ڀائيچاري ۾ وڏو نفاق ٿو پوي. خداتعاليٰ جي ذات جو ڪرم هر انسان تي آهي ۽ قرآن شريف، انهيءَ جي تصديق ٿو ڪري ته ”ولقد کرمنا بني آدم“، يعني بيشڪ اسان بني آدم تي ڪرم ڪيو. حافظ شيرازي، انهيءَ حقيقت کان نگاهه ۾ رکي چوي ٿو ته: +همه کس طالب يار اند، چه هُشيار چه مست +همه جا خانـﮧ عشق است، چه مسجد چه کنِشت +(يعني: سڀئي هڪڙي محبوب (ذاتِ واحد) جا طالب آهن، پوءِ اهي کڻي هوشيار هجن يا مست! +هر هنڌ عشق جو گهر آهي، مسجد يا گِرجا، نياز جو سجدو هر هنڌ جائز آهي.) +حافظ شيرازي، انسان ذات جي محبت ۽ يگانگت کي لافاني قرار ڏئي ٿو ۽ هو فرمائي ٿو: +خلل پذير بُوڏ، هر بنا که مي بيني +مگر بناي محبت که خالي از خلل است +(يعني: جيڪو بنياد ڏسين پيو، سو تباهه و برباد ٿيڻ وارو آهي، پر محبت ۽ پيار جو بنياد، انهيءَ خلل کان خالي آهي، يعني لازوال آهي). +اهي حقيقتون، جيڪي اسان کي ايراني شاعريءَ يا ادب ۾ ملن ٿيون، سي نوجوان نسل لاءِ اڄ به رهنمائي ڪندڙ حقيقتون آهن ۽ اسان جيڪڏهن انهن لافاني شاعرن، عارفن ۽ عالمن جي اهڙي سودمند ادب کان پنهنجي نوجوان نسل کي محروم رکي چئون ته اهو پراڻو ۽ فرسوده فڪر هو ۽ اها غيرن جي ڳالهه آهي ته پوءِ اها ”ادب“ سان بي ادبي جي برابر آهي. +سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعليم، جديد معاشي ۽ معاشرتي علوم، زيست شناسي، زمين شناسي وغيره جي تعليم، ڪڏهن به انساني فطري لاڙن، رجحانن، انساني ميل ميلاپ، محبت، ڀائيچاري، عدل و انصاف ۽ حق گوئي جي حقيقت کان مانع نه آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوان نسل کي، قديم ادب جي لطافت ۽ خوبين کان پري رکنداسون ته، اسان جو ”نوجوان نسل“، روحاني، اخلاقي ۽ انساني قدرن کان هٽي ويندو، ڇو ته قديم ادب، ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هجي، ان جو عرفان ۽ فڪر هڪ ئي آهي، صرف زبان، اسلوب ۽ بيان ۾ مقامي طور فرق آهي. ليڪن انساني معاشري جي اصلاح ۽ انسان ذات جي برتري ۽ افضليت جي لحاظ کان يڪسان آهي. +اصل ۾ ”ادب“ زندگيءَ جي سمورين قوتن، محبتن، مسرتن، ذوق، ڏک ۽ سک جو ترجمان آهي. چڱو ادب، هر دور، هر حال ۽ هر ملڪ ۾ پيدا ٿيندو رهيو آهي. انهيءُ جو مقصد ۽ مطلب، افاديت ۽ اهميت، ان جي ٻولي ۽ هنڌ، چاهي ڪيتريقدر به کڻي مختلف هجي، تنهن هوندي به پنهنجي لڳاتار اوسر ۽ ارتقا جي ڪري جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائڻ واري شيءِ نه آهي ۽ ادب به، ٻولي، مقام ۽ زمان (دور) جي اختلافن جي باوجود، هڪ عظيم ”اتحاد“ يا ”ايڪو“ آهي، جنهن جي مسلسل واڌ ۽ تبديلين جي رفتار کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ، زندگيءَ سان گڏوگڏ قدم وڌائڻو پوندو. +زندگي چرپر ۽ حرڪت جو نالو آهي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سڪوت نه آهي، اهڙيءَ ريت ”ادب“ ۾ به جمود پيدا نه ٿيو آهي. البت زندگيءَ جي رفتار ۽ واڌ، ڪڏهن تيز ۽ گرم تر ته ڪڏهن سست ۽ نرم ٿيندي آهي. تڏهن ”ادب“ به انهيءَ مطابق تبديل ٿيندو رهندو آهي. +سچا اديب ۽ شاعر، نوجوان نسل جي راهه تعين ڪن ٿا. اهي انهن جي فڪر، سوچ ۽ تخيل جي صلاحيتن کي معاشري جي لاءِ ڪارآمد ۽ مفيد بنائين ٿا. جڏهن اهي سچا اديب ۽ شاعر، پنهنجي فڪري صلاحيتن کي نروار ڪن ٿا، تڏهن خود غرض، رياڪار ۽ معاشري جي مڪار ماڻهن جي زندگي زهر بنجيو وڃي. اهڙا اديب ۽ شاعر جڏهن به پنهنجي قلم کي جُنبش ڏين ٿا، تڏهن اهڙو ته شور و غل برپا ٿيو وڃي، جو مرده دلين ۾ به ساهه پئجيو وڃي. ان ڪري اديب ۽ شاعر، مرده معاشري جا روح ڦوڪيندڙ ۽ نوجوان نسل جا رهنما آهن. ٽئگور چئي ٿو ته: +”جڏهن مان انسان جي تاريخ جو اڀياس ڪري چُڪس ته ورڊس ورٿ وانگر گهڻو ڪري اداس گذارڻ لڳس. ورڊس ورٿ هميشه اهو ويچاري اداس ٿيندو هو ته انسان، انسان سان ڇا نه ڪيو آهي! +”انسان کي نانگ، چيتي، شينهن ۽ ٻين جهنگلي جانورن ايترو نه چِيريو ۽ ڦاڙيو آهي، جيترو انسان! +”مون کي اهو معلوم هو، مان اهو ڄاڻندو ۽ محسوس ڪندو هوس، پر ان جي مون کي اها اميد هئي ته ضرور ڪا جاءِ اهڙي هوندي، جتي انسان جو غيرفاني روح، ڪڪرن ۾ لِڪل سج جي مثل موجود هوندو..... ۽ آخر، ”ادب“ جي وسيلي مان ان جاءِ تائين پهچي ويس.“ +چيو وڃي ٿو ته جواني ديواني آهي، اهو چوڻ بلڪل درست آهي، ڇو ته جواني فطري طور انقلاب انگيز، هيجان آور ۽ اندروني نفساني خواهشن جو دور آهي. نوجوان فطرت جي رنگيني ۽ دلڪشي جي اسرار ورموز کان باخبر ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو. هو هن ڪائنات جي خالق ۽ پيدا ڪندڙ جي حقيقت کان آشنا ٿيڻ گهري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سان هو مذهبي معلومات مان به بهره ور ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو. +نوجوان پنهنجي فطري محبت جي ڪري، سچ ۽ سچائيءَ جي راهه، پاڪيزگي ۽ فضيلت، عدل و انصاف، جوانمردي ۽ عالي همت جهڙين صفتن سان دلچسپي رکي ٿو ۽ انهن ڏانهن متوجه ٿئي ٿو. هو پنهنجي شخصيت جي اظهار لاءِ، آزاد راءِ ۽ خودنمائي جي خواهش رکي ٿو. +نوجوانن ۾ اهو به رجحان ۽ لاڙو ملي ٿو ته اهي اجتماعي زندگيءَ سان هم ڪنا�� ٿي، معاشري جا مؤثر ڪردار بنجن، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اسان جا استاد، اديب، شاعر ۽ دانشمند درست عمل ۽ نيڪ مقصد جي حصول لاءِ پرورش ڪن، ڇو ته جوانيءَ جو وقت، شخصيت جي پائيداري، برقراري ۽ پختگيءَ جو وقت آهي. جوانيءَ جي مُهلت وارا ڏينهن، پُرارزش ۽ قيمتي آهن. نوجوان نسل جي جسم و جان کي هڪ صحيح، شائسته، تعميري ۽ نيڪيءَ سان ڀرپور زندگيءَ جي طرف رجوع ڪرڻو آهي، جيئن اسان جي معاشري جو هر فرد حقيقي انسان بنجي وڃي. +نوجوان نسل هڪ طرف کان طبعي طور عقل جي نارسائي، ناپختگي ۽ ناتجربيڪار جي ڪري، ته ٻئي طرف کان تندو آتشين احساسات جي قيد سبب، اڪيلي سر پنهنجي مڙني مصلحت انديشين تي قادر نه آهي، جو پنهنجي لاءِ فلاح ۽ ڇوٽڪاري واري راهه هٿ ڪري، خوشبختي ۽ سعادت حاصل ڪري سگهي، ان ڪري نوجوانن کي اهڙي وقت ۾ رهبري ۽ روشني جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اهي خطرناڪ پُرپيچ، ناپخته ۽ خام خياليءَ مان ٻاهر نڪري سگهن. +”ادب“ جي دنيا وسيع آهي. اديب، سماج جي تلخ و شيرين تجربن ۽ حقيقتن جو مطالعو ڪري ٿو. ان جي ترجماني ڪري ٿو. اديب يا شاعر پنهنجي فڪر جي اظهار لاءِ رمزن، اشارن ۽ استعارن کان ڪم وٺي ٿو. اديب يا شاعر، ڪهڙي به صنف ۾ پنهنجي حقيقت بيانيءَ جو اظهار ڪري، ان جو تاثر ذهن جي رهنمائي ڪندڙ آهي، ان ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌي ادب جي نثر يا نظم جي سمورين صنفن ۾، نوجوان نسل جي رهنمائي، وقت جي تقاضائن مطابق هئڻ گهرجي، جيئن اهي پنهنجي ماضيءَ کان به واقف ٿين ته پنهنجي حال جي حقيقتن کي به نگاهه ۾ رکي پنهنجو مستقبل روشن ۽ تابناڪ بنائين ۽ وطن سنڌ جي عظمت لاءِ پاڻ پتوڙين. اهڙيءَ طرح سان پنهنجي معاشري کي هر لحاظ کان خوشحال ۽ پسنديده بنائي سگهن، ڇو ته معاشري جا معمار ۽ اهم ترين ڪردار نوجوان آهن ۽ انهن جي اعتماد، ڪوشش ۽ محنت سان ئي قوم ۽ مُلڪ جو وقار بحال ٿي سگهي ٿو. +ڏات- ڌڻين جي علمي ۽ ادبي +خدمتن جو رڪارڊ +(هڪ اپيل) +تازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ عالمن اديبن، شاعرن، صحافين، سگهڙن ۽ محققن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي رڪارڊ محفوظ ڪرڻ جي رٿا هٿ ۾ کنئي آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن قلم ڌڻين سان رابطو قائم ڪيو ويو، آهي ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي. اداري ڪهڙن مقصدن کي آڏو رکي هن منصوبي کي هٿ ۾ کنيو آهي، ان مان اڳتي هلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ڪهڙو فائدو رسندو، منصوبي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ اسان قلم- ڌڻين ۾ ڪهڙيون اميدون رکون ٿا، انهن سوالن جي وضاحت لاءِ هن منصوبي جو سهارو ورتو ويو آهي. +چيو وڃي ٿو، ۽ اهو ڪنهن حد تائين صحيح به آهي ته اسان مان ڪيترا جڏهن ادبي تاريخ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ قلم کڻن ٿا، تڏهن ڪيترن قلم- ڌڻين سان انصاف نٿو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته تاريخ ۽ شهرت جي سمنڊ ۾ ڪک پن تري بيهن ٿا ته تاريخ کي مرتب ڪرڻ وقت دوستيون ۽ دشمنيون نڀايون ويون آهن ۽ حقدارن کي حق نه ڏنو ويو آهي. هن طرف واري مرتبن اهو پئي جواز پيش ڪيو آهي ته جيڪي وسيلا ۽ ذريعا کين ملي سگهيا، انهن مان پنهنجي وت ۽ وس آهر ڀرپور فائدو ورتو آهي. ان ڪري ڏٺو وڃي ته نه ڪو ڏوهه مرتبن جو آهي ۽ نه ڏوهي نقاد آهن. ٻنهي جي ڳالهه ۾ وزن ضرور آهي. +پر جيڪڏهن معلومات جي ذريعن ۽ وسيلن کي هنڌ گڏ ڪيو وڃي ۽ محققن کي اهڙيون سهوليتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن، جنهن مان فائدو وٺي هو ادب تي تنقيد ڪن يا ادبي تاريخ کي مرتب ڪن ته شايد ڪنهن کي به شڪايت نه رهي ته ٿيل تحقيقات يا مرتب ڪيل تاريخ اڌوري اڻپوري آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته گهڻي کان گهڻن قلم- ڌڻين جي ادبي، علمي ۽ تحقيقي خدمتن جو رڪارڊ رکيو وڃي ۽ انهيءَ ۾ وقت بوقت ادبي ۽ ثقافتي خدمتن تي قلم کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪجي ته هو پنهنجن سمورن ڪارنامن سميت اسان جي اڳيان هجي ۽ اسان وٽ ڪنهن به دوستي ۽ دشمني نڀائڻ جو ڪو جواز نه رهي. ساڻن انصاف ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن کيس نظرانداز ڪيو وڃي ته محقق يا مرتب کان جواب طلبي ڪئي وڃي. انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي اهڙيءَ ريت قلم- ڌڻين سان انصاف ڪرڻ ۽ محقق خواهه مرتبن کي هڪ هنڌ معلوماتي ذريعا ۽ وسيلا گڏ ڪري ڏيڻ لاءِ هن منصوبي کي هٿ ۾ کنيو آهي. +هي منصوبو هر هڪ قلم ڌڻي کي اهو موقعو فراهم ڪري ٿو ته هن جيئن پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون عوام کي ارپيون آهن، تيئن پنهنجي خدمتن ۾ ڪارنامن کي تاريخ جي ورقن جي حوالي به ڪري ته جيئن ذهني خواهه فڪري ارتقا جي علم ۾ سندس پورهئي جي به نشاندهي ٿي سگهي. +جيڪڏهن پنهنجي دور جي سمورن لکيڪن، عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، صحافين، نقادن ۽ محقق جو ڳاڻيٽو ڪبو ته سندن تعداد هر حالت ۾ هزار ڏيڍ کان مٿي بيهندو. جيڪڏهن انهن سمورن قلم ڌڻين جي قلمي ڪاوشن ۽ ثقافتي سرگرمين جو مستقل رڪارڊ رکيو وڃي ته اسان کي پنهنجي علم ادب کي مختلف زاوين کان پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو موقعو ملي ويندو. اسان جيڪڏهن چاهيون ته ادب تي اضافي سخن واري زاويي کان مطالعو ڪري سگهون ٿا. اسان شاعرن، اديبن، مختلف صحافين، محققن، سگهڙن ۽ نقادن جون سندن ادبي کيتر جي لحاظ کان الڳ الڳ ڪاٿو ڪري سگهون ٿا. جڏهن اسان اڳيان هيترو مقدار هوندو ته پوءِ ان مان معيار جي به چونڊ ڪري سگهون ٿا. اهڙيءَ معلومات جي موجودگيءَ ۾ اسان چاهيون ته قلم ڌڻين جي مستند ڊائريڪٽري جوڙي سگهون ٿا، علم ادب جي انسائڪلوپيڊيا مرتب ڪري سگهون ٿا يا پنهنجي دور جي معياري ادبي تاريخ مرتب ڪري سگهون ٿا. اسان وٽ ايتري ته معلومات گڏ ٿي ويندي آهي، جو پاڻ ڪمپيوٽر فيڊ ڪري سگهون ٿا ۽ ائين ادب کي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ جو اعزاز اسان جي دور کي نصيب ٿيندو. +هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ سان اسان کي وڏو فائدو اهو رسندو ته پاڻ وقت کي قبضي ۾ آڻڻ ۽ پنهنجي اجائي رت ولوڙ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب وينداسين. مثال طور هن وقت جڏهن ڪو محقق علم ادب جي ڪنهن به صنف يا قلم ڌڻي جي خدمتن جي موضوع تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڀري ٿو ته کيس معلومات ڪٺي ڪرڻ لاءِ آسمان مان تارا لاهڻا پون ٿا، وقت ڪڍڻو پو ٿو ۽ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي. پر جيڪڏهن اها سموري معلومات کيس هڪ هنڌ ملي ويندي ته اهو اجائي وقت وڃائڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ بدران اطمينان ۽ سڪون سان تحقيقات ۽ تحقيقي لوازمات تي توجه ڏيندو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي تنقيد ۽ تحقيق جو معيار بلند ٿيندو ۽ پڙهڻ لاءِ سٺيون شيون ملنديون، نه رڳو ايترو پر اسان ڪيترن فروعي ۽ غير ضروري مسئلن ۾ پڻ ڪونه منجهنداسين. اهڙي معلومات جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن وڏي امتحان ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، پر سندن انهيءَ روپ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، جيڪو هن پنهنجي رضا خوشيءَ سان قوم جي حوالي ڪيو آهي. ان ڪري سوالنامي ذريعي اهڙي معلومات طلب ڪئي ويئي آهي، جيڪا هونءَ به مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. پر قلم ڌڻي جڏهن پنهنجو رڪارڊ ٺاهي ڏئي ٿو ته ان کان وڌيڪ مستند ۽ معتبر ذريعو نه ٿو ٿي سگهي. +سنڌالاجيءَ طرفان جاري ڪيل سوالنامو هن ريت آهي: سڀ کان پهريون قلم ڌڻيءَ کان ذاتي معلومات گهري ويئي آهي. جيئن نالو، ولديت، ذات ڄمڻ جو هنڌ، ڄمڻ جي تاريخ، تعليمي لياقتون، موجوده پتو ۽ مستقل پتو. ان کان پوءِ کيس عرض ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي شايع ٿيل ��واد جو اهڙي نموني وچور ٺاهي ڏئي. جنهن ۾ مواد جو موضوع ۽ عنوان صنف، ڇپجڻ جو هنڌ (رسالي يا اخبار جو نالو) ۽ تاريخ اچي وڃي. جن قلم جا ڪتاب شايع ٿيا آهن، تن کي چيو ويو آهي ته ٽائيٽل پيج کان وٺي فهرست تائين ڪتاب جون فوٽو اسٽيٽ به ڏياري موڪلين ۽ جن قلم ڌڻين جا ڪتاب شايع نه ٿيا آهن، پر سندن لکڻيون شايع ٿيون آهن، تن کان انهن جون فوٽو اسٽيٽ گهريون ويون آهن ته جيئن سندن اهي سهڪار هڪ هنڌ تي گڏ ٿيل هجن ۽ علم ادب ۾ سندن انفرادي ڪارناما نمايان طور تي نظر اچن. +ان کان پوءِ کين عرض ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو اهڙي نموني سان وچور ٺاهي ڏين، جيئن گڏجاڻي جي تاريخ، هنڌ، نوعيت ۽ سندن شرڪت واري حيثيت بابت معلومات ملي سگهي. انهيءَ سلسلي ۾ کين عرض آهي ته وقت به وقت کين جيڪي اهڙي قسم جا دعوت نامان ملن ٿا، سي به اسان ڏانهن ڏياري موڪلين ته جيئن هڪ طرف اهي سندن رڪارڊ ۾ محفوظ ڪيا وڃن ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين جي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ بنيادي معلومات ۽ ذريعو ٿي ڪم اچن. +اداري، قلم-ڌڻين کان ٻه عدد پاسپورٽ سائيز فوٽن جي گهُر ڪئي آهي، انهن مان هڪڙو فوٽو سندن علمي خدمتن جي انفرادي رڪارڊ ۾ رکيو ويندو ۽ ٻيو فوٽو اداري جي ”جنرل آلَبم“ ۾ محفوظ ڪيو ويندو. +جيئن ته سگهڙ ۽ سپورنج به اسان جي علم ۽ ثقافت جو حصو ٿين ٿا ۽ سندن فن اڪثر ڪري سندن سينن ۾ محفوظ ٿئي ٿو، ان ڪري کين عرض ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجو ڪلام لکي موڪلين ته سندن نالي ۾ سانڍيو وڃي. اهڙي نموني سان باقي قلم ڌڻين کي به التجا ڪئي ويئي آهي ته هو اٺن ڏهن صفحن تي مشتمل پنهنجي هٿن سان لکيل ادبي نوعيت وارو مواد به ڏياري موڪلين ته جيئن سندن خدمتن واري رڪارڊ جي اڳتي هلي آرڪائيوز جي لحاظ کان به اهميت ٿي پئي. +هن اداري حتي المقدور ڪوشش ڪري ڪيترن عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين، سگهڙن، نقادن ۽ محققن ڏانهن اهڙا سوالناما موڪلي ڏنا آهن، پر اڃا تائين سمورن قلم-ڌڻين سان رابطو قائم ٿي نه سگهيو آهي، ڇو ته ڪيترن جا ڏس پتا وقت بوقت بدلبا رهيا آهن، جنهنڪري ڪن ڏانهن موڪليل سوالناما واپس مليا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو اداري اڳ ۾ قلم-ڌڻين کي اپيل ڪئي هئي ته پنهنجون ايڊريسون ڏياري موڪلين ته جيئن ساڻن رابطو قائم ڪري سگهجي. اسان کي اميد آهي ته قلم-ڌڻي پنهنجو قرب ڪندا ۽ جن سان اسان رابطو قائم ڪري نه سگهيا آهيون، سي پاڻ ٻه اکر لکي اسان کي ياد ڪندا. هن منصوبي تي جيئن اسان کي جوڳي موٽ ملي آهي، تيئن اسان جا حوصلا بلند ٿيندا وڃن ٿا ۽ جيئن اهو احساس شدت وٺندو وڃي ٿو ته ڪنهن به قلم-ڌڻي جي ڪاوش کي نظرانداز ڪرڻو نه آهي، ۽ هر هڪ کي قلمي طور تي هن تاريخ-نگر ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻي آهي. +ايڊيٽرن کي اپيل +عزت ۽ احترام لائق سائين. +اوهان پنهنجي رسالي/اخبار ذريعي جيڪا سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪري رهيا آهيو، اها ڪنهن کان به لڪل ڪا نه آهي. بلاشڪ ان لاءِ اوهان کيرون لهڻيون. اوهان جي علم دوستي ۽ ادب پروريءَ مان فائدو وٺندي تحقيقي مقصدن ۽ مفادن خاطر اوهان جي خدمت ۾ ڪي گذارشون پيش ڪجن ٿيون، ۽ اميد ٿي ڪجي ته اوهان انهن تي توجهه ڏيڻ فرمائيندا. +رسالن ۽ اخبارن کي جيڪڏهن ٻوليءَ ۽ علم ادب جو موج ڀريو مهراڻ چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. بيشڪ اسان جو ادب ڪتابي صورت ۾ به ڇپبو رهي ٿو، ليڪن اخبارن ۽ رسالن جي سيني ۾ به اسان جي ادب جا بي مثال خزانا لڪل ٿين ٿا. پر ڏٺو ويو آهي ته اسان مان ڪيترا اخبارن ۽ رسالن کي ”وقتي ۽ واقعاتي ادب“ ڄاڻي مقرر ��قت يا عرصي کان پوءِ ان کي غيرضروري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان ۾ اخبارن ۽ رسالن محفوظ ڪرڻ جي جذبي جي اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي، پر محققن ۽ ادبي غواصن جي نظر ۾ اخبارن ۽ رسالن جي اهميت معلومات جي مستند، پهرين ۽ بنيادي ذريعن کان گهٽ ڪو نه هوندي آهي. +اسان، پنهنجن اخبارن لاءِ ۽ رسالن کي ”دائمي ڄاڻ جو درياهه“ بنائڻ لاءِ ڪي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. +(1) جيڪڏهن اخبارن ۾ هفتي ۾ هڪ دفعو ۽ رسالن ۾ هڪ دفعو ڇپيل مواد جي انڊيڪس يا ڏسڻي شايع ٿيندي رهي. +(2) جيڪڏهن رسالن ۾ هر ماهه ليکڪن ۽ شاعرن جو اهڙي نموني تعارف ڏنو وڃي جو سندس ولادت، ولادت جي جاءِ، تعليمي لياقتن ۽ ادبي خدمتن جو مختصر خاڪو اچي وڃي. +(3) جيڪڏهن اهڙي نموني سان اخبارن ۾ مهيني ۾ هڪ دفعو ”گذريل مهيني جا ليکڪ“ جي عنوان سان ساڳي قسم جو تعارف ڏنو وڃي. +(4) جيڪڏهن خاص طور تي رسالن ۾ پنهنجي ثقافتي، سماجي، علمي ۽ ادبي سرگرمين جون ڪارروايون ۽ خبرون تفصيل سان شيع ٿينديون رهن ته هوند موجوده دور خواهه مستقبل جي محققن کي ڄاڻ جي کاڻ ملي وڃي ۽ هو ان مان بنهه آسانيءَ سان سنڌي علم ادب ۽ ثقافت جي تاريخ مرتب ڪري سگهن. +ان کان سواءِ هڪ ٻيو عرض: ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي صحافت جي هڪ نمايان خصوصيت ڪنهن به محقق کان آسانيءَ سان وسري نٿي سگهي. اها هيءَ آهي ته انهيءَ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به معياري ڪتاب شايع ٿيا، تن مان ڪافي ڪجهه اخبارن ۽ رسالن جي پيداوار آهن. ٿيندو ائين هو ته خريدار وڌائڻ لاءِ سال جي آخر ۾ رسالن جا ايڊيٽر هڪ ”ڀيٽا جو ڪتاب“ شايع ڪندا هئا، جيڪو پراڻن خواهه نوان خريدارن کي مفت ۾ ڏنو ويندو هو. اهو ڪتاب ڪو الڳ نه شايع ڪيو ويندو هو، پر قسطوار رسالي ۾ ڇپبو رهبو هو، جنهن کي پوءِ الڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو هو. انهيءَ دور جا ڪيترا ناول ۽ ڊراما ائين ڪتابي صورت وٺي سگهيا. +اخبارن جي ايڊيٽرن وري ائين ڪيو جو آکاڻين ۽ مضمونن جا انتخاب ڪري الڳ ڪتابي صورتن ۾ شايع ڪرايا. ”هيري جون ڪڻيون“، ”دلبهار“ ۽ ”گل ڦل“ جهڙا ڪتاب سنڌي ادب کي ائين مليا. +جيڪڏهن سائين جن چاهين ته انهيءَ ادبي روايت کي وري جياري سگهن ٿا. بلڪه اسان جي گذارش آهي ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ايڊيٽوريل مان چونڊ ڪجي. ايڊيٽوريل ته وقت بوقت شايع ٿيندا رهن ٿا، ڇو ته اهي سنڌي صحافت جي بي باڪي، عوام دوستي ۽ حق پرستيءَ جي ڪهاڻي ثابت ٿيندا. +اميد ٿي ڪجي ته سائين جن تحقيق ۽ تاريخ جي تقاضا پوري ڪرڻ خاطر انهن گذارشن تي غور ڪرڻ فرمائيندا. +اوهان جو خادم +(ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) +ڊپٽي ڊائريڪٽر +انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي +ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ +[1] تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 211. +[2] تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 211-212. +[3] الرحيم، مشاهير نمبر، ص 9. +[4] الرحيم، مشآهير نمبر ص 179 (قاضي صاحب تيرهن صدي هجريءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ گذاري ويو، جيئن اڳتي ذڪر ايندو.) +1 مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ص 575. +2 شڪارپور کان ڳڙهي ياسين واري رستي تي چئن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي. تاريخ تازه نواي معارڪ (فارسي ص 112، حاشيه 4 (اهو ڳوٺ اڄ به اتي موجود آهي. چون ٿا ته روهڙيءَ وانگي هتي به وار مبارڪ آهي ۽ حج جي موقعي تي سوين ماڻهو ان جي زيارت لاءِ اتي ويندا آهن.) +3 تذڪره ميان محمد يوسف قريشي (قلمي) ص 43. هي تذڪرو خليفي يار محمد جي والد ماجد خليفي عبدالحئي پنهنجي جدِ اعليٰ ميان محمد يوسف قريشيءَ متعلق فارسيءَ ۾ لکيو ۽ هينئر سندن اولاد مان خليفي مولوي اصغر علي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ان ۾ ڪجهه اضافا ڪيا آهن. +1 گنڊاسنگهه، احمد شاهه دراني (انگريزي) ص 32. +2 غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، جلد اول، ص 447. +3 اعجازالحق قدوسي، تاريخ سنڌ (اردو)، جلد ٻيو، ص 430. +4 تاريخ تازه نواي معارڪ (فارسي)، تعليقات 3، ص 780. +1 تازه نواي معارڪ (فارسي)، تعليمات 3، ص 782. +2 الرحيم، مشاهير نمبر، ص 117. +ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر پنهنجي ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ڪتاب ۾ صفحي 320 تي لکيو آهي ته ”مخدوم احمدي رحه احمد شاهه درانيءَ ڏانهن هڪ خط لکي اها گهر ڪئي ته اسلام جا احڪام جاري ڪيا وڃن. ان جي جواب ۾ بادشاهه پنهنجي شاهي مهر سان شڪارپور جي حاڪمن ڏانهن اسلام جي احڪامن کي جاري ڪرڻ جو فرمان موڪليو.“ حاشيه ۾ ڊاڪٽر صاحب، الرحيم جي حوالي سان نقل ڪيو آهي ته ”احمد شاهه ابداليءَ اها ڪتابت 21- محرم 1167هه ۾ لکي...“ حيرت جي ڳالهه آهي ته مولانا قاسمي صاحب جن بلڪل واضح طور اها تاريخ احمد شاهه جي پنهنجي لشڪرين کي ڏنل فرمان سان منسوب ڪئي آهي، ليڪن ڊاڪٽر محمد جمن صاحب اها تاريخ احمد شاهه جي شڪارپور جي حاڪمن ڏانهن موڪليل فرمان سان منسوب ڪئي آهي، جا درست ناهي. مولانا قاسمي صاحب جن بلڪل درست فرمايو آهي ته ”احمد شاهه ابداليءَ 7- ربيع الاوال 1178هه ۾ شڪارپور جي اڳيان پوين حاڪمن جي نالي فرمان جاري ڪري شرعي احڪامن جي پيرويءَ ۾ تلقين ڪئي.“ (الرحيم، مشاهير نمبر 2 118)، خود ڊاڪٽر محمد جمن صاحب جي پنهنجي چوڻ مطابق مخدوم احمدي پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمدي جي وفات کان پوءِ سن 1171هه ۾ مسندِ درس تدريس تي ويٺو، پوءِ خبر ناهي ڊاڪٽر ٽالپر صاحب احمد شاهه درانيءَ جي 1167هه واري فرمان جي تاريخ کي مخدوم احمديءَ واري دور جي فرمان جي تاريخ سان ڇو منسوب ڪيو آهي. +1 سردار جان نثار خان گوجر، سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو سهرو هو. (تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد ٻيو ص 406 ۽ 781). +2 تمن، تمان جي لغويٰ معنيٰ هيٺين ريت آهي: +تن=ڏهه هزار، تومن=هڪ سؤ ڳوٺن تي مشتمل ايراضي؛ ڇانوڻيءَ ۾ رهندڙ لشڪر.... ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات، جلد ٻيو. ص 604-625. +تُمن (تومان جو مخفف)=ڏهه هزار، رسالو يا پلٽڻ، سؤ سوارن جو دستو، هڪ سونو سڪو جنهن جي ماليت ساڍن چئن روپين جي برابر آهي، جامع فيروزاللغات (اردو) ص 380. +گنڊاسنگهه پنهنجي ”احمد شاهه دراني“ (انگريزي) جي صفحي 259 تي هڪ تمان ڏهن رپين جي برابر ٻڌايو آهي. +ظاهر آهي ته ملا محمد ۽ سندس ساٿي نه ڪي لشڪري نه هئا ۽ نه قبيلن جا سردار، اهي سڀ عالم هئا. سونن سڪن جو مفهوم به اسان ان ڪري ڪونه ٿا وٺي سگهون جو انهن تي سرڪاري ڍل وغيره جو سوال پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. فرمان ۾ واضح طور ”ايراضي قبضي سميت“ ڄاڻايل آهي. ان مان اهو ئي مطلب وٺي سگهجي ٿو ته هنن عالمن کي اهڙي ڪا جاگير يا زرعي زمين ڏني وئي هوندي، جنهن جي پيدائش کين وظيفي طور ملي هوندي. ان جي تصديق اڳتي هلي 1170هه واري شاهي فرمان مان به ٿئي ٿي. بهرحال اسان حسبِ ضرورت لفظ ”وظيفو“ ئي استعمال ڪنداسون. +1 ياد رهي ته 1167هه ۾ ملا محمد کي چئن تمانن تي مشتمل وظيفو ڏنو ويو هو. هن فرمان مطابق کيس ”نئين سر اٺ تمان ايراضيءَ جا اصل کان اضافي سميت ...“ وظيفي طور ڏنا ويا. گويا هينئر کيس مليل وظيفي جي مجموعي ماليت ٻارنهن تمانن جي برابر ٿي. +1 تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 78. +2 تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 86. +3 تذڪره مشاهير سنڌ، (ڀاڱو پهريون) ص 204. +1 تاريخ ۽ سنن متعلق هيءَ معلومات شجره خاند��ن ڪلهوڙا مقابل صفحو 789 تازه نواي معارڪ تان اخذ ڪئي وئي آهي. +1 مڪتوبات جناب حضرت شاهه فقيرالله علوي (فارسي)، ص 103. +حضرت شاهه فقيرالله علويءَ جي اولاد مان راقم الحروف جي ڪاليجي دوست (۽ هن وقت جي پروفيسر) محترم امين الله علوي صاحب، مڪتوبات ۾ اهم خط ڏيکاريو، جنهن لاءِ آخر سندس ٿورائتو آهيان. +2 سنڌ جا اسلامي درسگاهه، ص 257 بحواله سروش فارسي ڪراچي، 15- مارچ 1958ع. +3 جنت السنڌ، ص 571. ليڪن دراني حڪومت ته سن 1160هه ۾ قائم ٿي. 1150هه ۾ سنڌ ۽شڪارپور تي نادرشاهه جي حڪومت هئي. +4 گنڊاسنگهه، احمد شاهه دراني (انگريزي)، ص 329. +5 محمد اسحاق ڀتي، فقهاي هند (اردو)، جلد پنجون، حصو ٻيو، ص 36. +6 مقامات مظهري (اردو)، ص 36. +7 1177هه تائين احمد شاهه دراني پنجاب جي معاملات کي درست ڪرڻ جي سلسلي ۾ (هندستان تي ستين ڪاهه دوران) وري به اتي موجود هو. +1 مفي محمد عارف شڪارپور جو مفتي هو ۽ سندس سرڪاري مُهر تي سندس تقرريءَ جو سال 1171هه ڏنل آهي. قاضي صاحب موصوف جا زرعي زمين، جڳهين ۽ پلاٽن جي خريد و فروخت جا جيڪي 1181هه کان 1202هه جي عرصي وارا دستاويزات راقم الحروف وٽ موجود آهن، انهن تي مفتي محمد عارف جي مُهر، ڪٿي اڪيلي سر ۽ ڪٿي ٻين جي مُهرن سان گڏ ثبت ٿيل آهي. گمان گذري ٿو ته جنهن وٽ قاضي محمد کي شڪارپور جو قاضي مقرر ڪيو ويو هو، ان عرصي جي لڳ ڀڳ محمد عارف جو تقرر به شڪارپور جي مفتيءَ طور ٿيو هوندو. +2 راقم الحروف کي مٿئين روايت جي متعلق ڪا تاريخي سند في الحال ڪونه ملي سگهي آهي. +2 شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين جي درميان ديهه درودگر هئي جا درودگر قوم جي نالي پٺيان سڏبي هئي. ”درودگر قوم جو هڪ شخص نالي سدورو مير علي مراد ٽالپر جي ملازمت ۾ وڪيل (سفير) طور ڪم ڪندو هو.“ تازي نواي معارڪ (فارسي) ص 643. +3 ”شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي درميان ڏکڻ وارو علائقو ’روپاهه‘ جي نالي سان سڏبو هو.“ تازه نواي معارڪ (فارسي)، ص 112 حاشيه 6. ان علائقي جو موجود نالو همايون آهي، جيڪو مولوي عبدالغفور همايوني ۽ موجوده دور جي نامياري شاعر نياز همايوني صاحب جو ڳوٺ آهي. +1 هيءَ اهائي سنڌي ”قاضين واري مسجد“ آهي، جنهن ۾ بعد ۾ ”ملا صاحبڏنو (پنهنجن پوين ڏينهن ۾ پيش امام رهيو.“ مرحوم لطف الله، پدوي، تذڪره لطفي، ص 131. +2 هن فرمان جي مندرجات، قاضي محمد شڪارپوريءَ جي علمي ۽ ديني خدمتن، سندن اولاد ۽ معاصرن متعلق، جي زندگيءَ وفا ڪئي ته مفصل احوال ٻئي مقالي ۾ پيش ڪيو ويندو. + + +رفتار-ادب +ڪتابن تي تبصرا/تعارف +(تبصري لاءِ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ ضروري آهن.) +(1) جمال حبيب +حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي صفت ۽ ساراهه سنڌ جي هر عام توڙي خاص ماڻهو جو پسنديده موضوع پئي رهيو آهي ۽ هر ماڻهو وس آهر نثر توڙي نظم ۾ پنهنجي عقيدت جو اظهار پئي ڪيو آهي. جتي پڙهيلن ۽ عالمن، علمي تحقيق جي سهاري سان عقيدت جو اظهار ڪيو، اتي اڻ پڙهيل وري روايتن ۽ معجزن کي بيتن ۽ نظم جي ٻين صنفن ۾ نبي سڳوري صه سان پنهنجي بي انتها محبت جو اظهار ڪيو، ۽ اهو سلسلو نه فقط اڄ تائين هلندو پيو اچي، پر جيستائين هن ڪائنات جو وجود باقي آهي، اهو سلسلو جاري رهندو. +زير مطالع ڪتاب ”جمال حبيب“ هڪ اهڙي سِڪ واري سڄڻ جي تصنيف آهي، جنهن تي جيترو لکجي ٿورو آهي. ڇاڪاڻ ته اڳ عربي، فارسي توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ سيرت تي جيڪي به تصنيفون مشهور آهن، انهن ۾ حضور پاڪ جن جي سيرت جي ٻن پهلوئن کي مدنظر رکيو ويو آهي: هڪ حضور جن جي ولادت ۽ ان کان پوءِ سن وار واقعن، جنگين ۽ وفات تائين سوانح عمري ۽ ٻيو اسلام جي ترويج ۽ اشا��ت لاءِ ورتل ڪوششون. ليڪن زير مطالع ڪتاب انهيءَ روايتي انداز کان مختلف آهي. ”جمال حبيب“ ۾ ولادت ۽ وفات کي مختصر نموني ۾ نباهي، باقي سمورو توجهه حضور پاڪ جن جي مثالي زندگي جي سڀني پهلوئن تي ڏنل آهي، جن ۾ نه فقط مسلمانن لاءِ، پر عام انسانن لاءِ پڻ اعليٰ اخلاقي سبق سمايل آهن. انهيءَ لحاظ کان هيءَ انوکي تصنيف آهي. +باب ٻارهون، جنهن ۾ حضور پاڪ جن معجزا بيان ڪيا ويا آهن، ٿي سگهي ٿو ته اِهي مستند روايتن نه هئڻ ڪري عالمن لاءِ قابل توجهه نه هجن، ليڪن هن کان اڳ سنڌ جي هڪ مشهور ۽ وڏي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي هڪ تصنيف ”قوت العاشقين“ ۾ انهن ۽ ٻين معجزن کي منظوم ڪيو ويو آهي، جنهن تي وقت جي ڪن عالمن پڻ بحث ڪيو هو. پر مخدوم صاحب جي چوڻ موجب ”محبت ۽ عقيدت ۽ غلو جائز آهي،“ ۽ پوءِ نبي سڳوري صه جن جي عربيءَ ۾ سوانح لکيائين، جيڪا مستند ۽ جامع قرار ڏني ويئي. +بهرحال، فقير محمد اسماعيل ٺٽوي، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن سان ڪمال محبت، عزت ۽ احترام، عقيدت ۽ محبت جو اظهار جنهن نموني ۾ ڪيو آهي، ان جي تور تڪ ٿي نٿي سگهي. هن تصنيف کي 1980ع واري سيرت ڪانفرنس ۾ صدر پاڪستان طرفان پنج هزار رپيا سَند انعام طور مليا. اها ته دنيوي نيڪ ذمي ۾ شمار آهي، يقيناً سندس هيءَ تصنيف قرب الاهي جو باعث بڻبي. +آفيسٽ پيپر تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ 280 صفحا آهن، ۽ پنجويهه رپيا مٺائي تي سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال ڄام شورو مان ملي سگهندو. +- شيخ محمد اسماعيل +(2) ڪيميائي سعادت (ڀاڱو ٻيو) +هيءُ ڪتاب امام محمد غزالي جي تاليف آهي، جيڪا اصل ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ لکي ويئي. عالم اسلام ۾ امام صاحب جو ايڏو مٿانهون مانُ آهي، جو هن کي ’حجتـﺔ الاسلام‘ جي لقب سان نوازيو ويو آهي. هن ڪيترائي ڪتاب يادگار ڇڏيا آهن، پر انهن ۾ ’احياء العلوم‘ وڌيڪ مشهور آهي ۽ ڪيميائي سعادت ٻئي نمبر تي اچي ٿو. +چيو وڃي ٿو ته ڪيميائي سعادت ۾ احياءالعلوم جو مغز ۽ تت اچي وڃي ٿو. ان مان عالمن جي نظر ۾ هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي روشني پوي ٿي. +سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪتاب جو ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيو آهي، جيڪو هاڻي سنڌي ادبي بورد ڇاپائي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ اهو ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ آهي، جنهن مان پهريون ڀاڱو هن کان اڳ ڇپجي ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي ۽ هي انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو آهي جيڪو تازو ڇاپيو ويو آهي. +ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ عبادتن ۽ دنيائي معاملن توڙي وهنوار جو ذڪر آهي. عبادتن واري حصي ۾ طهارت، نماز، زڪوات، روزي، حج، قرآن پڙهڻ، ذڪر ڪرڻ، تسبيح پڙهڻ ۽ ورد وظيفن جو بيان ڏنل آهي. ٻئي حصي ۾ وري کاڌي کائڻ، شادي ڪرڻ، ڌنڌي ۽ واپار ڪرڻ، ماڻهن سان ميل ميلاپ رکڻ، گوشه نشين ٿيڻ، سير سفر ڪرڻ، صوفين جي سماع، اوامر و نواهي ۽ حڪومت هلائڻ جي طريقن سان گڏ حلال جي ڳولا جو ذڪرِ خير آهي. +هي ڪتاب هدايتن، سمجهاڻين ۽ نيڪين جو اهو ڀنڊار آهي جنهن مان عالمِ اسلام، پنجين صدي هجري، جنهن ۾ اهو تاليف ڪيو ويو هو، کان اڄ تائين فائدو ورتو پيو وڃي. هن ڪتاب جي پڙهڻ مان وڏي ديني ۽ اخلاقي معلومات ملي ٿي، ايتريقدر جو جيڪڏهن رڳو هي هڪڙو ڪتاب ڌيان سان پڙهيو وڃي ته پوءِ جيڪر عام ملن موراڻن جي ماڻهن کي ڪا گهڻي ضرورت باقي ڪانه ٿي رهي. هن ڪتاب مان اها به سُڌ پوي ٿي ته ماڻهوءَ کي ڪهڙي موقعي ۽ ڪهڙي مهل تي ڪهڙي دعا، ورد وظيفو پڙهڻ گهرجي ۽ ان جي پڙهڻ ۾ ڪهڙو فائدو ٿو رسي، تنهن جي نشاندهي به ڪئي ويئي آهي. اهڙين دعائن ۽ وظيفن جي پڙهڻ سان عملي نتيجو اسان جي اڳيان خودبخود اچيو وڃي، تنهنڪ��ي انهن جي مؤثر ۽ غير مؤثر هئڻ جي به پڪ ٿيو وڃي. هن ڪتاب ۾ جيڪو به عنوان کنيو ويو آهي تنهن جو بيان صاف ۽ چٽو ڏنو ويو آهي ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ان جو ظاهر توڙي باطن ڇا آهي، ان مان ڪهڙو فائدو آهي ۽ ان جي ابتڙ عمل ڪرڻ مان ڪهڙا نقصان ٿين ٿا ۽ اهي نقصان اجتماعي يا انفرادي طور انسانذات کي ڪيڏو وڏو ڇيهو ٿا رسائين، پر جي اهي ان تي صحيع طريقي سان عمل ڪبو ته ان مان ڪيڏو نه فائدو ٿو پهچي. مطلب ته ان ۾ ديني توڙي دنيوي طور تي اهڙي سماجي تعليم ڏنل آهي، جنهن ما نه رڳو ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي ذاتي طور فائدو ٿو ٿئي، بلڪ سموري انسانذات کي نفو پهچي ٿو. +ساڳئي نموني سان، ذڪر ڪرڻ جي فضيلت، حلال ڪمائڻ ۽ حلال ڪري کائڻ جي فضيلت وغيره بابت ڏاڍيون مفيد ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن، جن تي جيڪڏهن اڄ به عمل ڪجي ته اسان جو سماج هڪ بهترين ۽ مثالي سماج ٿي پوي. +ٻي خاص ڳالهه جا مون کي هن ڪتاب ۾ نظر آئي سا هيءَ آهي ته اسان ۾ ڪيتريون ڳالهيون عقيدا، رسمون ۽ راوج اهڙيون رائج آهن، جيڪي اصل ڳالهين، عقيدن، رسمن ۽ رواج جو بگاڙ آهن، پر هن قسم جي ڪتابن پڙهڻ ۽ اصليت جي سڌ پوڻ سان اهي مڙئي عيب سڌاري سگهجن ٿا. مطلب ته هي ڪتاب سماجي تاريخ جي ارتقا معلوم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪارائتو آهي. +ان ريت ديني توڙي دنيوي لحاظ کان هيءُ ڪتاب اهم جڳهه والاري ٿو. ائين کڻي چئجي ته هيءُ ڪتاب واقعي سڀاڳ ۽ نيڪيءَ جي ڪيميا جو بهترين نسخو آهي. +هيءُ ڪتاب سڀني لئبررين سان گڏ سنڌ جي سڀني گهرن ۾ هئڻ گهرجي ۽ هنئين سان هنڊائجي. +هن ڪتاب جو رڳو متن ئي 534 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪتاب جي سائيز ڊيمي ۽ جلد ڪچو آهي، پر سٺي ڪارڊ وارو پڻ آهي. ان جي اوچي پني واري نسخي جي قيمت پنجاهه رپيا ۽ سادي پني واري چاليهه رپيا آهي. سنڌي ادبي بورڊ کان ملي سگهي ٿو. +-عبدالقيوم ”صائب“ +(3) تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو) +مرحوم مولانا دين محمد وفائي هڪ بهترين استاد، جيّد عالم، با اصول سياستدان، سٺي صحافي ۽ وڏي اديب جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. گهڻين مشغولين جي باوجود سنڌيءَ ۾ ويهارو کن ڪتاب تصنيف ڪيائين، جن مان گهڻا سندس زندگيءَ ۾ ئي شايع ٿيا، البت ڪي مسودا وڌيڪ مواد جي حاصلات لاءِ ڄڻ ته نامڪمل حالت ۾ رهيا، جن مان ”تذڪره مشاهير سنڌ“ پڻ هڪڙو هو. سندس خواهش هئي ته عربي ۽ فارسي تذڪرن وانگر سنڌ جي ولين، درويشن، عالمن ۽ شاعرن جي حياتيءَ جو احوال سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هن سنڌ جي قديم ڪتبخانن، جهڙوڪ پير صاحب جهنڊي واري، مخدوم صاحب هالن واري ۽ ٻين اهڙن علمي خاندانن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ وڃي ڪتاب ۽ مخطوطات پڙهي نوٽ ورتا هئا. جيئن ته مولوي صاحب فارسي ۽ عربي ٻولين جو پڻ ماهر هو، تنهن ڪري انهن ٻولين جي مسودن مان پڻ سنڌ جي مشاهير متعلق گهڻو ڪجهه گڏ ڪري سگهيو. زير نظر ڪتاب ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٻئي) ۾ اهڙن 40 ڪتابن مان ڪيترائي نسخا ڪامياب آهن، جيئن ته ارشاد الطالبين، دليل الذاڪرين، تذڪره الصلحا و بيان الاتقيا، بياض ڪتبخانه قاضيان، مسوده دستخط قاضي عنايت الله، مسوده آخوند احمد هالائي، رساله فوزالاخلاف من فيض الاسلاف، تذڪره فرحت التاظرين وغيره. ليڪن طويل عرصي جي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ به هي ڪتاب نامڪمل رهيو، تان جو 1950ع ۾ وفات ڪيائين. +مولوي صاحب جي وفات کان پوءِ سندس خواهش کي پايه تڪيل تائين پڄائڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي، انهيءَ ڪم ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي به گهڻي مدد ڪئي. بالاخر مسوده جو پهريون جلد 1974ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو جلد (هلندڙ سال 1985ع) ۾ اسان جي هٿن تائين پهتو. +يقيناً ڪتاب جي ترتيب مرحوم مولوي صاحب جي ئي ڏنل آهي، ليڪن بهتر ائين هو ته شخصيتن کي دور- وار رکيو وڃي ها؛ يا وري تحفتہ الڪرام وانگر مشهور شهرن يا علائقن جي نسبت سان شخصيتن کي ورڇيو وڃي ها. +بهر حال تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي سلسلي جو هڪ عمدو تحفو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان هڪ سؤ ستر شخصيتن جي مان مرتبي ۽ علمي بلندي کان آگاهي حاصل ٿئي ٿي. +380 صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جي موجودگي هر پڙهيل ڳڙهيل، استاد توڙي شاگرد ۽ علم جي ڳولا جي طالبن کي تمام گهڻن ڪتابن کان بي نياز ڪري ڇڏي ٿي. ازانسواءِ هن ڪتاب جي ورقن ۾ اعليٰ اخلاقي موتين جو خزانو پڻ لڪل آهي. +ڪور ڊازئين تي سنڌ جي قديم ڇُر جي نفيس ڪم جو نقش ڇاپيل آهي. ڪچي جلد ۽ سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪتب فروشن وٽان قيمت چاليهن رپين (-/40) ۾ ملي سگهندو. +-شيخ محمد اسماعيل +(4) ڪافيون +سنڌي ادبي بورڊ جي مشهور اشاعتي سلسلي ”سنڌي لوڪ ادب“ جو اٺٽيهون ڪتاب ”ڪافيون (جلد پهريون) تازو شايع ٿي چڪو آهي، جيڪو سفيد ڪاغذ تي، ڪچي جلد سان، قيمت-/60 رپين ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال ۽ سنڌ جي مشهور ڪتاب فروشن وٽان ملي سگهندو. +ڪتاب ۾ جملي 277 صفحا آهن، جن ۾ 24 صفحا مختصر مگر جامع مقدمي جا به شامل آهن. مقدمي ۾ ڪتاب جي فاضل مولف، محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڪافين جي موضوع ۽ هن جلد ۾ آيل مواد جي ترتيب تي روشني وڌي آهي. +هن ڪتاب جو مقدمو، ڊاڪٽر صاحب جن جي ٻين ڪتابن تي لکيل مقدمن جي ڀيٽ ۾ مختصر آهي، ليڪن جيئن ته هن جلد ۾ سنڌ جي سمورن ڪافي گو شاعرن جو سلسلو اچي نه سگهيو آهي، پر ٻئي جلد ۾ انهن تي تڪميل ٿيندي، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته ”ڪافي جي مختلف موضوعن ۽ مضمونن، اندروني سٽائن، مختلف شاعرن جي هڪٻئي ڀران چيل ڪلامن، قافين جي الحانن ۽ ڳائڻ جي اندازن تي ٻئي جلد ۾ روشني وڌي ويندي.“ +ڪافين جي هن جلد ۾ خاص نڪتو هي آهي ته ڪافي گو شاعرن کي ٻين تذڪرن جي طرز کان هٽي نئين ۽ انوکي انداز ۾ ترتيب ڏني وئي آهي. شاعرن کي ”اڳواڻ درويش ۽ سندن طالبن“ جي سلسلي مطابق رکيو ويو آهي. البت انهن سلسلسن ۾ به تاريخ ۽ دور جو لحاظ رکيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ موجب ”اها ورڇ گهڻي حد تائين مناسب آهي، ڇاڪاڻ جو طالبن اڪثر مربين ۽ مرشدن کان متاثر ٿي ڪلام چيا، ۽ ساڳئي سلسلي جي طالبن جي ڪلامن ۾ موضوع، معنيٰ توڙي بيان جي لحاظ سان ڪي قدر هڪجهڙائي پيدا ٿي.“ +مواد جي هن چونڊ ۽ ترتيب جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جن جا لفظ دهرائڻ مناسب ٿيندا ته جيئن هن جلد ۾ شامل مواد تي وڌيڪ روشني پوي: ”قافين جو مواد ايترو ته گهڻو آهي جو باوجود چونڊ ڪرڻ جي به ٻه وڏا جلد ٿيا آهن، جن مان هي پهريون آهي. چونڊ ڪرڻ به ايترو آسان ناهي، ڇاڪاڻ جو وڏن مشهور شاعرن جو ڪلام نه فقط گهڻو آهي، پر سڄو معياري آهي، انهيءَ ڪري ان مان ڪهڙيون قافيون چونڊي ڪهڙيون چونڊجن. ڪيترن ئي شاعرن جي گهڻي ڪلام هوندي به هن جلد کي مرتب ڪرڻ وقت ڪي ٿوريون قافيون دستياب ٿيون. ڪلام جو سڄو ذخيرو سامهون هجي ها ته چونڊ وڌيڪ وزندار ٿئي ها، پر سڀ کان اهم ڳالهه ته چونڊ ڪجي ته ڪهڙن معيارن تي ڪجي؟ ٻولي جي سهڻائي، معنيٰ جي سهڻائي، موضوع جي اهميت، اندروني ترنم واري سٽاءُ، شاعرانه خوبي ۽ ڳائجڻ ۾ مشهوري وغيره.“ +انهن سڀني نڪتن کي نظر ۾ رکندي ڏسجي ته لائق مرتب هن پهرين جلد ۾ آيل 1027 قافين کي جنهن خوبيءَ سان پيش ڪيو آهي ۽ جنهن ترتيب س��ن سلسلو قائم ڪيو آهي، سو قابلِ تحسين ۽ هن موضوع تي آئينده جي محققن لاءِ نشانِ راهه آهي. +هن ڪتاب ۾ آيل ڪافين جو ڪجهه حصو اڳ ڇپيل تذڪرن، ديوانن، مجموعن ۽ ڪتابڙن ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن کي دوباره اهم سمجهي شامل ڪيو ويو آهي ليڪن مواد جو وڏو حصو پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي، جيڪو قلمي نسخن ۽ ذاتي طور گڏ ڪيل ذخيري مان ورتل آهي. انهيءَ لحاظ سان هن ڪتاب ۾ شايع ٿيل مواد نه فقط سنڌي ادب ۾ اهم اضافو آهي، پر سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پڻ بنيادي مواد ثابت ٿيندو. +- شيخ ابراهيم +(5) ٻاروچي ٻولي +شاهه جي ڪلام ۾ آيل لفظن ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ انهن جي معنيٰ پروڙن لاءِ عالمن ۽ شاهه جي شيداين جي تقريباً هڪ سؤ سالن کان ڪوشش پئي رهي آهي. ڪي ڪاتبن سنڌي ۾ معنيٰ لکي ته ڪن عالمن وري فارسي ۾، ليڪن اهو اشاعت ۾ گهٽ آيو. پهريون ڀيرو مرزا قليچ بيگ ”لغات لطيفي“ ۽ ڀيرومل آڏواڻي ”غريب اللغات“ جي نالي سان شاهه جي رسالي ۾ آيل انوکن لفطن تي مشتمل ٻه لغتون شايع ڪرايون. ان بعد ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي جي شرح ۾ اهڙي ڪوشش ڪئي، جيڪا قدري بهتر هئي. +ان جي باوجود هر وقت ڪنهن اهڙي جامع لغت جي ضرورت محسوس پئي ٿي آهي، جنهن ۾ رسالي جي سڀني لفظن جي معنيٰ ڏنل هجي. اهو ڪم ايڏو وڏو ۽ جاکوڙ وارو هو، جنهن کي فقط هڪ ادارو ئي سرانجام ڏئي سگهيو ٿي. پر جس هجي مرحوم سيد نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي صاحب کي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا پنجٽيهه سال انهيءَ نيڪ ڪم لاءِ وقف ڪيا ۽ رسالي توڙي شاهه جي ڪلام کي سمجهڻ ۽ لفطن جي معنيٰ تلاس ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، جهر جهنگ، جبل ڏونگر، ٿر ۽ بر کي ڏوريو، جنهن جي نتيجي ۾ ”ٻاروچي ٻولي“ اسان جي هٿن ۾ آهي. +”ٻاروچي ٻولي“ ۾ شاهه صاحب ٻن خاص نڪتن کي نباهيو آهي. هڪ ته لفظن جي معنيٰ، ٻيو ته اهو لفظ رسالي جي جن سُرن، داستانن ۽ بيتن ۾ آيل آهي، انهن جو تفصيل ڏنو آهي، خصوصاً اهي مصراعون ڏنيون آهن، جن ۾ اهو لفظ آيل آهي. مثال طور لفظ آءُ (آئون) 228 مصراعن ۾ آيل آهي ته اهي سڀئي مصراعون هتي ڏنيون ويون آهن. اهڙيءَ طرح ساڳيو لفظ جيڪڏهن جدا جدا هنڌن تي جدا جدا معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي ته انهن کي پڻ جدا جدا رکيو ويو آهي. جيئن لفط ”اڳيان“ کي ست (7) ڀيرا بنيادي لفظ طور آندو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته معنائون بدلجن ٿيون. +انهيءَ لحاظ کان ڏسجي ته ”ٻاروچي ٻولي“ ڄڻ ته ”رسالي جي ڪُنجي“ جو ڪم پڻ ڏئي ٿي. +جيئن اڳ ٻڌايو ويو آهي ته اهو تمام وڏو ڪم هو، ۽ انهيءَ طريقي سان لفظن کي ترتيب ڏيڻ سان لفظن جو تعداد پڻ وڌي وڃي ٿو، تنهنڪري مرحوم نجف علي شاهه فقط ”الف“ اکر وارن لفظن جو مسودو تيار ڪري سنڌالاجي جي حوالي ڪيو، جيڪو هڪ ضخيم ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي آڏو آهي. +ضرورت آهي ته مرحوم سيد نجف علي شاهه جي محنت کي رائگان ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ۽ سندس ترتيب ڏنل ٻاروچي ٻولي جي باقي مسودي کي پڻ شايع ڪرايو وڃي. ان کان سواءِ شاهه صاحب جيئن مهاڳ ۾ لکيو آهي ته پاڻ مضمون جي لحاظ کان پنهنجي گڏ ڪيل مواد کي ٽن عنوانن هيٺ ورهايائين، هڪ ٻاروچي ٻولي، ٻيو لطفي لولي ۽ ٽيون پِرين پچار. اهو مواد پڻ سنڌ جي ناميارن ادارن کي شايع ڪرائڻ گهرجي، جيڪا دراصل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. +ڪتاب ٻاروچي ٻولي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪيو آهي، جيڪو ان جي اشاعتي سلسلي جو ڪتاب نمبر 112 آهي. رائل سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا صفحا 440 آهن، ۽ ان جي قيمت ستر رپيا گهڻي نٿي لڳي. ڪتاب سفيد ڪاغذ تي سٺي نموني سان شايع ڪيو ويو آهي. +- شيخ محمد اسماعيل +(6) سنڌي غزل جي اوسر +سنڌي ٻولي، دنيا جي انهن ٻولين مان هڪ آهي، جن کي شاهوڪار ٻوليون چيو وڃي ٿو. ٻين ٻولين وانگر سنڌي ۾ به اها وسعت ۽ فراواني آهي، جنهن ڪري سنڌي ادب هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. شاعري، سنڌي ادب جو خاص حصو آهي، جنهن کي صدين کان هن ڌرتيءَ جي رهاڪن هڪٻئي سان سڃاڻپ، محبت ۽ قربت جو ذريعو پئي بنايو آهي. غزل، شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي، جيڪا ارغون ۽ ترخان دور ۾ شروع ٿي ۽ انگريزي دورِ اقتدار ۾ ان کي ارتقا حاصل ٿي. غزل جي موضوع تي جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن ۾ ”سنڌي غزل جي اوسر“ هڪ مڪمل ۽ بهترين ڪتاب آهي. جناب ڊاڪٽر اياز قادري غزل جي موضوع تي جيڪا تحقيقات ڪئي آهي ۽ مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، اها لائقِ تحسين آهي. هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جو پهريون ڀاڱو غزل جي ابتدا، تشريح، اصول، فارسي شاعريءَ جو سنڌيءَ تي اثر، دعوت، غزل، اخباري مشاعره، بزم مشاعره ۽ ادبي ڪانفرنسن تي مشتمل آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي شاعري تي فارسي شاعري جو اثر ۽ ان جا اسباب بيان ڪيل آهن. منڍ ۾ غزل جي مڪمل تشريح ڪري ان کي درجي بدرجي، سنڌي شاعري جي مڪمل صنف بنجڻ تائين، جائزو ورتو ويو آهي. غزل جا سمورا محاورا ۽ ترڪيبون تفصيل سان بيان ڪري، سنڌي غزل کي مختلف شاعرن جي ادوار ۾ ورهايو ويو آهي. خليفي قاسم کان وٺي، حاجي محمود خادم جي دور تائين، سندن سڀني هم عصرن جو ذڪر، هن ڪتاب جي مصنف جي عظيم تحقيق جي نشاندهي ڪري ٿو. ان کان پوءِ سنڌ جي بزم مشاعرن جو احوال ۽ انهن جي سرگرمين تي گهري نظر وجهي، هرهڪ جا مثال ڏنا ويا آهن. هن ڀاڱي ۾ ادبي ڪانفرنس جو پڻ پورو احوال ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪتاب جي ٻي ڀاڱي ۾ غزل جي انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ان دور ۾ غزل چيا آهن ۽ شاعريءَ جي هن صنف کي عظمت بخشي آهي. نور محمد خسته کان وٺي شاعر واسديو نرمل تائين سڀني شاعرن جو ذڪر ۽ سندن نمونوءِ ڪلام شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اٽڪل 161 شاعرن جو اجمالي تذڪرو اچي ٿو. +غزل شاعري جي عظيم ۽ لطيف صنف آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ ۾ ٻين صنفن وانگر مقبول ۽ مشهور آهي. غزل دوران نه رڳو عشق و محبت جا گيت ڳايا ويا آهن، پر وقت جي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي حالتن جو به تذڪرو ڪيو ويو آهي. +”سنڌي غزل جي اوسر“ ڪتاب لکڻ لاءِ لائق مصنف کي جيڪا محنت ۽ مشقت ڪرڻي پيئي آهي، ان جو احساس ايندي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب جي هي صنف جيڪا سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل هئي، ان کي ڳولي هٿ ڪري، يڪجا ڪرڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي، پر نهايت محنت طلب ۽قلبي رجحان جو نتيجو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان اسان کي نه رڳو غزل جي حيثيت ۽ ماهيت جي خبر پوي ٿي، پر مختلف دورن ۾ ان جي تدريجي ارتقا کان پڻ بخوبي آگاهه ٿي وڃون ٿا. هر دور جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي لاڙن جي روشني ۾ جيڪو تجزيو بيان ڪيو ويو آهي ۽ هر دور جي نمائنده شاعرن جي حياتيءَ جو احوال نمونو ۽ ڪلام ڏنو ويو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ”سنڌي غزل جي اوسر“ سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ به عظيم سوکڙي جي حيثيت رکندو. سنڌالاجي جهڙي نامور اداري ان کي ڇپايو آهي. پهرئين ڀاڱي جي قيمت سٺ رپيا ۽ ٻئي ڀاڱي جي قيمت ستر رپيا آهي. +- انور هالائي +(7) سماٽ +انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو جي اشاعتي سلسلو جو ڪتاب نمبر 110 ”سماٽ“ جي نالي سان جناب الهه رکئي ٻٽ جو لکيل آهي. هڪ سؤ صحفن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ويهه رپيا آهي خوبصورت ڪور ڊزائين ۽ سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ذاتين جي وڏي گروهه ”سماٽ“ متعلق مواد گڏ ٿيل آهي. ناشر (مهتاب اڪبر راشدي صاحبه) جي لکڻ مطابق ڪتاب جي مصنف الهر کيي ٻُٽ ”وڏي ڇنڊڇاڻ ۽ تحقيق“ سان هي ڪتاب لکيو آهي. +هي ڪتاب سنڌالاجي جي هڪ وڏيءَ رٿا جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي نسلي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ تي ڪتاب شايع ڪرائڻ جو آهي، لڪين ڪتاب جي مواد ڏسڻ کان پوءِ افسوس جو اظهار ڪرڻو پوي ٿو ته جنهن مقصد کي آڏو رکي ڪتاب لکرايو ويو آهي، مصنف طرفان ان جو حق ادا به ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ شايع ٿيل مواد کي ”اروڙي“ کان بهتر ٻيو ڪو نالو ڏيئي نٿو سگهجي، جنهن ۾ ڪکن پنن ۽ ٻئي گند گوچر سان گڏ ڪي قيمتي شيون به ٻهار جي آيون آهن، ليڪن انهن جي قدر و قيمت کان خود ٻهاريندڙ به اڻڄاڻ آهي. +”وڏي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق“ واري دعويٰ انهيءَ مان ئي ظاهر آهي جو سڄي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ کي خبر نه پئجي سگهندي ته آخر مصنف ”سماٽ“ بابت چوڻ ڇا ٿو گهري! ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ”سماٽ“ بابت هيٺيان نتيجا ذهن ۾ اڀرن ٿا: +- سماٽ آريا نسل مان آهن، (ص 36). +- سماٽ عربي لفظ آهي، (ص 31). +- سماٽ سنسڪرت لفظ آهي، (ص 39). +- راءِ گهراڻي مان سماٽ ذاتيون نڪتيون، (ص 62) +- سماٽ پنجاب مان آيل جت يا جاٽ قوم آهن، (ص 31). +- سماٽ قديم سنڌي آهن، (ص 25). +- سماٽ راجپوت نسل آهن، (ص 31). +- ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي سماٽ آهن، (ص 92). +- سنڌ جون سموريون ذاتيون (سواءِ عربن جي) سماٽ ۾ شامل آهن، (ص 50) وغيره وغيره. +بهتر ائين ٿئي ها ته مصنف سنئون سڌو ”سنڌي قومن جي نسلي جائزي“ کان پنهنجي تصنيف جي شروعات ڪري ها. تاريخ جي مطالعي، سوسائٽي يا سماج، ذاتين جي ابتدا، سنڌ ملڪ جو نالو، هندستان جون قديم قومون ۽ سنڌ جون قديم قومون اهڙا موضوهه آهن جن تي عالمن جون مستند تصنيفون موجود آهن، انهيءَ ڪري انهن موضوعن تي خواهه مخواهه ويهي ڪاڳر ڪارا ڪيا ويا آهن، سومرن بابت وڌيڪ حقيقتون ۽ سومرن جون خاص رسمون به غير ضروري مواد آهي. ان مان سماٽ قوم بابت ڪابه مفيد معلومات نٿي ملي. اهڙيءَ طرح ٻيو به ڪيتروئي مواد محض ڪتاب جي صفحن وڌائڻ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو رهنمائي ڪرڻ بدران مرڳو مونجهارو پيدا ڪري ٿو. +ڪتاب جي شروعات ”باب پهرئين“ سان ٿي آهي، ليڪن آخر تائين اهو ئي هڪ باب رهيو. ٻئي باب جي نوبت ئي ڪانه آئي. فهرست ۾ ”بلبلوگرافي“ جو عنوان آهي، ليڪن ڪتاب جي آخر ۾ اها موجود ڪانهي. +”سماٽ“ قوم تي هيءَ تصنيف سنڌالاجي جي بهترين اشاعتي سلسلي کي ڪوبه تنوع نٿي بخشي، ويتر اداري جي ساک تي ڄڻ ته چٿر آهي. ڪٿي ڪٿي ته کل جهڙيون ڳالهيون به وڏنيون ويون آهن. +ضروري هو ته هيءَ ڪتاب اساعت کان اڳ ڪنهن عالم فاضل کي ڏيکاريو وڃي ها. +-- شيخ محمد اسماعيل +(8) “Account of Sind” +ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي شڪل ۾ انگريزن جو سنڌ سان آخري تعلق ميرن جي دؤر ۾ پيدا ٿيو. ابتدا ۾ ناٿن ڪرو، سنڌ جي درٻار ۾ سفير رهيو، جنهن کي پوءِ ڪابل جي دٻاءُ تحت ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي. ڪرو پهريون انگريز آهي، جنهن واپسيءَ تي، سنڌ بابت هڪ جامع رپورٽ سرڪار کي پيش ڪئي. ان ۾ سنڌ جي معاشرت، فوجي قوت، حڪومت جي نموني ۽ سياسي مفادن جو ذڪر هو. ان بعد، انگريزي زبان ۾، سنڌ بابت سوين ڪتاب، رپورٽون ۽ پمفليٽ تيار ٿيا، جن جو مقصد گهڻي ڀاڱي سياسي ۽ فوجي هو. هي صاحب لکڻ وقت، سرڪار کي، سنڌ کي ڳڙڪائڻ جون رٿون ڏيندا هئا. +ناٿن ڪرو کان پوءِ، جهڙوڪر انگريزي زبان ۾، سنڌ جي اڀياس جي ابتدا ٿي پيئي. ان ڏس ۾ پاٽنجر ۽ برنس ڀائرن جا نالا خاص طرح کڻي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب، جنهن زير نظر تبصري واري ڪتاب کي ��يڊٽ ڪيو آهي، ان جو خيال آهي ته ڪرو کان پوءِ، مئڪمروڊو پهريون انگريز آهي، جنهن سنڌ متعلق هڪ وڌيڪ، جامع ۽ تنقيدي اڀياس پيس ڪيو آهي. مئڪمروڊو ڪڏهن به سنڌ نه پهتو. البت هن ڪڇ ۾ خدمتون بجا آنديون ۽ بمبئي کان مڪران تائين، سمند. جو اڀياس به ڪيو. ان وقت سندس ڌيان، سنڌ جي تاريخ ۽ درياهه سنڌ طرف ويو. مئڪمروڊو سان زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ پنجٽيهن سالن جي عمر ۾، 1920ع ۾ وفات ڪيائين. +هن ڪتاب ۾ ٻه حصا آهن: پهريون سنڌ جو احوال ۽ ٻيو درياهه سنڌ متعلق يادگيريون. هي ٻئي حصا برطانيه جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي رسالي ۾، سال 1834ع ۾ شايع ٿيا هئا. فاضل ايڊيٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي، سندس تحرير متعلق لکيو آهي ته: +”مئڪمروڊو جو احوال، ڪرو کان مختلف آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي جو مواد ذاتي مشاهدي ۽ تڏي تي گڏ ڪيل اطلاع تي مبني آهي. ڪرو هر شيءَ کي سياسي رخ کان ڏٺو آهي، جڏهن ته مئڪمروڊو جو مطالعو عالمانه آهي. تنهن هوندي به، سندس اڀياس ۾، سياسي جهلڪ موجود آهي، جيڪا هر انگريز آفيسر جي خاصيت هئي.“ +ڊاڪٽر صاحب، هن احوال کي، سنڌ جي تاريخي نويسيءَ ۾، هڪ اهم تبديلي ۽ موڙ سڏيو آهي. مصنف جو پهريون مدار مقامي ذريعن تي، ۽ ٻيو ڀروسو پنهنجي مشاهدي تي آهي. تاريخ سنڌ جو ذڪر ڪندي، هن صاحب سنڌ جو ڀرپور اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پيدائش، شهر، جانور، واپار، بندر، آمدني، آدمشماري، ماڻهو، پوشاڪ، عادتون، کاڌو، زبان، ملٽري ۽ برطانوي سوچ، مئڪمروڊو جي احوال ۾ سمايل آهن. ليکڪ سنڌ بابت لکندي، اڪثر ترش انداز اختيار ڪيو آهي. +”سنڌ جا ماڻهو مذهبي گهٽ، پر تبليغي وڌيڪ آهن. وٽن ايمان گهٽ ۽ عيد ملهائڻ جو شوق گهڻو آهي. تعصبي گهٽ، پر سيدن جي غلامي ۽ مقبرن جي سينگار ۾ پورا آهن. ان مان هتي جي مسلم ذهنيت جو تصور ڪري سگهجي ٿو.“ وري ٻئي هنڌ لکي ٿو: +”حاڪمن جو سڄو ڌيان دولت گڏ ڪرڻ تي آهي. اها دولت ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي حاصل ڪئي وڃي ٿي، ان ڪري گذريل ٽيهن سالن ۾، ملڪ جي پيدائش ٽيون حصو گهٽجي وئي آهي. روينيو آفيسر، محڪومن کي تنگ ڪري ناحق وصولي ڪن ٿا، جيڪا سندن حاڪمن کي گهربل هجي ٿي.“ +اهڙيءَ طرح هر عنوان، تنقيدي سوچ سان کڙو ڪيو ويو آهي. خاطري آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ بعد، ميرن جي دور جو شاگرد، پنهنجي ڄاڻ ۽ سوچ ۾ سٺو واڌارو ڪري سگهي ٿو. ڪتاب جو ٻيو حصو سنڌو درياهه بابت آهي. جيئن ته ٻئي ڀاڱا مصنف جي موت بعد (Posthumously) شايع ٿيا، ان ڪري آخري ڀاڱي ۾، درياهه متعلق تيار ٿيل نقشا ڇپجي نه سگهيا، جيڪي بنيادي رٿا ۾ شامل هئا. +ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب هي ڪتاب ايڊٽ ڪندي وڏي محنت کان ڪم ورتو آهي، تاهم پراڻن ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ جا جيڪي شرط آهن، انهن کي يا ته ايڊيٽر ڄاڻي واڻي لنوايو آهي، يا وري هن اداري جي پاليسيءَ تحت مختصر ڪم ڪري ان جو پورائو ڪيو ويو آهي. مئڪمروڊو جو احوال ڏيڍ سؤ سال اڳ ڇپيو هو، ان ڪري دوباره ۽ ڪتابي شڪل ۾ اشاعت وقت، ان تي مختصر ۽ ضروري حاشين جي ازحد ضرورت هئي، جيڪا پوري نه ڪري، پڙهندڙن لاءِ هڪ کوٽ ڇڏي ڏني وئي آهي. هي ڪتاب انگريزي زبان ۾ هجڻ ڪري، خاطري آهي ته سڄي دنيا ۾ پڙهيو ويندو، ان ڪري ان جي ڇپائي، گيٽ اپ، ڪور ڊزائين ۽ پروف ريڊنگ تي جنهن ڌيان جي ضرورت هئي، اهو نه ڏنو ويو آهي. پيش لفظ، فهرست ۽ متن ۾ جابجا پروف ريڊنگ جون غلطيون نهايت اڻ سهائيندڙ آهن. توقع آهي ته آئنده انهن تي خاص توجهه ڏنو ويندو. +”اڪائونٽ آف سنڌ“ جو سرورق جاذب آهي 124 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 25/- رپيا آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وٽان ملي سگهي ٿو. +- غلام محمد لاکو +(9) The Contribution of Sindhi Muslims in Pakistan Movement. +انگريزن سڀ کان آخر ۾ سنڌ ۽ پنجاب کي فتح ڪرڻ بعد، پوري ننڍي کنڊ تي ڪمپني راڄ مڙهي ڇڏيو. سال 1857ع جي خونريزي بعد، هي علائقو سڌو برطانوي تاج جي حڪم هيٺ آيو. ان بعد آهستي آهستي، هندستان ۾ پارٽي پالٽڪس ۽ جديد سياست جو عمل شروع ٿيو. ويهين صدي شروع ٿيندي، هندستان گير ٻه پارٽيون. مسلم ليگ ۽ ڪانگريس سرگرم ٿينديون ويون. گول ميز ڪانفرنس تائين ٻنهي پارٽين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هڪٻئي سان اتحاد جاري رکيو ۽ ملڪي اتحاد لاءِ ڪم ڪيائون. اڳتي هلي ٻنهي پارٽين جو رخ الڳ الڳ ٿيو ۽ مسلم ليگ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. آخرڪار 1947ع ۾ انگريزن ٽپڙ ٻَڌا ۽ هندستان ۽ پاڪستان ٻه ملڪ ظهور ۾ آيا. +گذريل چاليهن سالن ۾ هندستان جي ورهاڱي، تحريڪ پاڪستان، مسلم ليگ جي جدوجهد ۽ بانيءَ پاڪستان متعلق هزارين صفحا تحرير ٿيل آهن ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا آهن، تاهم پاڪستان ٺاهڻ ۾ ان جي صوبن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ان متعلق اڃا تائين ڪو به مستند مطالعو نه ٿيو آهي. سنڌ جي خطي، پاڪستان تحريڪ ۾ جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو، افسوس جو ان جي پس منظر ۽ پيش منظر تي اڃا سوڌو همـﮧ گير کڻي نه، پر سرسري اڀياس به نه ٿيو آهي. ان ڏس ۾ هيءَ صورتحال ۽ رجهان گذريل ڏهاڪي ۾ تڏهن ختم ٿيڻ شروع ٿيو، جڏهن سنڌ يونيورسٽي ٻن نوجوانن مسٽر محمد لائق زرداري ۽ جناب اڪرام الحق پرويز کي ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو ڪردار“ عنوان تحت مقالا پيش ڪرڻ تي ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون عطا ڪيون. زرداري صاحب جو مقالو سنڌي زبان ۾ هو، جيڪو اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي. +تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”پاڪستان تحريڪ ۾ سنڌي مسلمانن جو ڪردار“ انگريزي زبان ۾ آهي. هي پڻ هڪ تحقيقي مقالو آهي، جنهن تي فاضل محقق کي سنڌ يونيورسٽي پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري ڏني آهي. هن ڪتاب جي فهرست تي نظر وجهڻ سان هي عنوان ڏسڻ ۾ ايندا. +”تعارف، تاريخي پس منظر، آزاديءَ جي جنگ، حر تحريڪ، خلافت تحريڪ، سنڌ جي علحدگي، مسلم ليگ ۽ نتيجو.“ +مصنف جي نظر ۾ هي تحريڪون ۽ جدوجهد، معرڪا ۽ ميدان، سياسي سرگرميون ۽ ڪردار، علحدگيون ۽ گروه بنديون- تحريڪ پاڪستان جا ابتدائي ۽ لازمي جزا آهن، جن ۾ سنڌ جي ماڻهن پنهنجي بساط ۽ طاقت، سوچ ۽ ڏاهپ توڙي دانائي ۽ دورانديشيءَ سان سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هر عنوان تي لکندي، مؤلف ڪيئي ڪتاب ۽ سوين پنا پڙهي، ڀرپور جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي ڪوشش ۾ هو وڏيءَ حد تائين ڪامياب به ويو آهي، تاهم ڪٿي ڪٿي کانئس لغزشون ۽ غلطيون پڻ سرزد ٿيون آهن يا ڪي اهم نقطا رڪارڊ ٿيڻ کان رهجي ويا آهن. مثال طور تعارف ۾ پاڻ لکي ٿو ته، شير سنڌ مير شير محمد انگريزن سان وڙهندي مارجي ويو هو. حقيقت ۾ هن دور جي جنگين جو سورمو شهيد هوش محمد شيدي آهي. باقي مير صاحب ابتدائي ڪوششن بعد، عام رواجي زندگي گذاري وقت ڪڍيو هو. اڳتي هلي پرويز صاحب ليگ جي اوسر تي نظر وڌي آهي. ان ۾ به کانئس هيءَ حقيقت وسري ويئي آهي ته ان جو پهريون مڪمل اجلاس ڪراچي سنڌ ۾ ٿيو هو. اهڙا ٻيا به مثال ڏئي سگهجن ٿا. پس منظر کان پوءِ، اڪرام الحق صاحب 1857ع واري جنگ آزاديءَ بابت لکيو آهي، جنهن ۾ سکر، ڪراچي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ پيش آيل واقعن جو احاطو به ڪيو آهي. ان بعد حر تحريڪ کي کنيو ويو آهي. انگريزن، پير صاحب پاڳاري لاءِ جيڪا ملٽري ڪورٽ ٺاهي، ان جي ڍانچي بابت پرويز صاحب جي ڄاڻ ناقص ڏسجي ٿي. ان ڪورٽ ۾ ميجر رچرڊسن کان علاوه سول طرف کان ڪامريڊ حيدربخش جتوئي شريڪ ٿيو هو. پير صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ، هن باب ۾ مسلم ليگ جي مضبوطيءَ وارو حصو ڏنو ويو آهي، جنهن مان هڪ عام پڙهندڙ هيءُ تاثر وٺي سگهي ٿو ته، ليگ جي مضبوطي ۽ پير صاحب جي ڦاسيءَ ۾ ڪو تعلق هو ڇا؟ ان ڪري هي عنوان، هي باب ۾ بيجا لڳي ٿو. سنڌ جي علحدگي ۽ خلافت تحريڪ کان پوءِ مسلم ليگ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. +آل انڊيا مسلم ليگ تي لکندي، پرويز صاحب هن باب ۾ نئين صوبي جي پهرين اليڪشن، وزارت سازي ۽ قانون سازي اسيمبلي بابت لکڻ کان پوءِ سنڌ ليگ جي پهرئين اجلاس جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جو عنوان ذهن ۾ رکڻ ۽ پهرئين سنڌ مسلم ليگ جي اجلاس جي روئداد پڙهڻ بعد، سوال ٿو اٿي ته واقعي پرويز صاحب سنڌ بابت لکي رهيو هو يا سندس مطالعي جو نقطو مرڪزي هو. آل انڊيا سطح جي ڪيئي اڳواڻن جا نالا ته ڏنا ويا آهن، پر هن اجلاس جي سلسلي ۾ سنڌي ليڊرن، عوام ۽ ڪارڪنن جي خدمتن کي بنهه نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هن اجلاس جي موقعي تي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ان قرارداد جو ذڪر به نه ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پهريون ڀيرو هندستان جي ورهاڱي جو تصور پيش ڪيو ويو هو. هي باب ورهاڱي واري پلان تي ختم ڪيوويو آهي. آخري باب ۾ تقسيم جي مسئلن ۽ ان سان لاڳاپيل عنوانن ۽ اسمن جو ذڪر ڪري، پرويز صاحب پنهنجي ٿيسز کي پورو ڪيو آهي. +هي ڪتاب پڙهن بعد ائين ٿو محسوس ٿئي ته اڪرام الحق صاحب پنهنجي ٿيسز ۾ انگريزي دور ۾ سنڌ جي سياسي اوسر جو مطالعو ڪيو آهي، ان ڪري ”سنڌ جي سياسي اوسر“ عنوان ڏنو وڃي ها ته بهتر هو. ٻي صورت ۾ تحريڪ پاڪستان ڇا هئي، ان جي ضرورت ڇو پيش آئي، سنڌ جي ماڻهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ان جو پس منظر ڇا آهي، ان جا سياسي عوامل ڇا هئا، يا وري اقتصادي، مذهبي، ثقافتي ۽ ادبي عنصر ڪهڙا هئا، انهن عنوانن تي جڏهن تفصيلي تحقيق ڪبي، تڏهن وڃي سنڌ جو پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار چٽو ٿيندو، ۽ هي سڀ ڳالهيون، مسئلا ۽ اسم، پڙهندڙ کي هن ٿيسز ۾ نه ملندا. مسجد منزلگاهه، جنهن سنڌ جي سياست ۾ انقلابي تبديلي آندي، ان بابت پڻ پرويز صاحب کي تفصيلي طرح تحقيق ڪرڻ گهربي هئي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، سنڌ جي جديد سياسي اوسر بابت، هي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته اهو انگريزي زبان ۾ آهي. +هيءُ ڪتاب سنڌالاجي شايع ڪيو آهي، ۽ ان جي قيمت هڪ سؤ رپيا آهي. +- غلام محمد لاکو +(10) سنڌو ڪناري +منصور پبليڪيشن جو سورهون ڪتاب، ’سنڌو ڪناري‘، محترمه مس امير صديقي جي ڇپيل ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. محترمه امير صديقي ان وقت لکڻ شروع ڪيو، جڏهن سنڌي لکندڙ عورتون اٽي ۾ لوڻ برابر هيون. هن ڪتاب ۾ آيل اڪثر ڪهاڻيون ون يونٽ جي دور جون آهن. ون يونٽ جي دور ۾ هن ڌرتيءَ مٿان جيڪي ستم ٿيا، تن کي اڪثر پڙهندڙ باخبر آهن. محترمه امير صديقي جي دور رس نگاهه، تجربن ۽ مشاهدي کيس لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين تي ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف قلم کنيو. محترمه امير صديقيءَ جون ڪهاڻيون غور طلب آهن، هر سنڌيءَ جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي قابل آهن. سنڌو ڪناري ۾ ڏنل ڪهاڻيون هن ڌرتيءَ جي دوستن ۽ دشمنن جي نشاندهي ڪن ٿيون. سنڌو ڪناري ۾ ڏنل ڪهاڻيون قوم پرستيءَ تي آهن. ان کان سواءِ هن ۾ وطن سان بي مثال محبت ۽ عقيدت جو اظهار ٿيل آهي. ان کان سواءِ ٻين مختلف موضوعن تي پڻ تمام سنجيده ۽ باريڪ بيني ۽ گهرائيءَ سان ڪهاڻيون موجود آهن، جن ۾ ليکڪا پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريا آهن. +محترمه امير صديقي ڪيترين ئي خوبين جي مالڪ آهي، جيڪو ڪتاب ۾ ڏنل تعارف مان معلوم ٿئي ٿو. ڪتاب جي ناشر محمد دائود بلوچ طرفان جيڪا پنهنجي پچار ڏني وئي آهي، سان به پرجهڻ ۽ پڙهڻ جي لائق آهي.، هن ڪ��اب جي ڪهاڻين جي ترتيب هيٺينءَ ريت ڏنل آهي. +امر ڪهاڻي، 2- اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، 3- سنڌو ڪناري، 4- زندگي درد جي جهوليءَ ۾، 5- آءٌ ويڙهيچن وڃان، 6- جنين ڪاڻ مياس، 7- رنگ محل، 8- پريم تپسيا، 9- رت جي راند، 10- انٽريو فوبيان، 11- وچڙيل خيال، اڌورا سپنا، +منصور پبليڪيشن پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جا خدمت ڪري رهيو آهي، تنهن کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. هن اداري جو مقصد نوان لکندڙ پيدا ڪرڻ، نوان پڙهندڙ پيدا ڪرڻ، سنڌي ڪتاب سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ پهچائڻ ۽ نوان لکيڪن جا شاهڪار ڇپائڻ آهي. هي ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. سفيد ڪاغذ، صفحا 200، چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل قيمت صرف 15 رپيا. +-- عبدالغفار صديقي +(11) چار ڪهاڻيڪار ۽ چار نقاد +زير تبصره ڪتاب، چار ڪهاڻيڪار چار نقاد، منصور پبلڪيشن جو تيرهون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ناميارن ڪهاڻيڪارن: نورالهديٰ شاهه، شرجيل، ڪيهر شوڪت ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڪهاڻيون ڏنل آهن، ۽ جن تي ناميارن نقادن: امداد حسيني، عبدالرحمان نقاش، بدر قريشي ۽ شوڪت حسين شور جي ڀوپور تنقيد ٿيل آهي. هي ڪتاب محمد دائود بلوچ ۽ بادل جمالي ترتيب ڏنو آهي. +منصور پبليڪيشن جي ڪارڪنن محسوس ڪيو ته سنڌي ادب ۾ تنقيد نه هئڻ جي برابري آهي، تنهن ڪري انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ في الحال هڪ ڪتاب ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو ته چئن برک ڪهاڻيڪارن کان ڪهاڻيون وٺي، انهن تي ناميارن نقادن کان تنقيد ڪرائي، هڪ ئي ڪتاب ۾ گڏ شايع ڪرائجي. ان سلسلي ۾ چئن ڪهاڻيڪارن: نورالهديٰ شاهه، شرجيل، ڪيهر شوڪت ۽ بادل جمالي کي منتخب ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جا مجموعا به ان وقت ويجهڙائيءَ ۾ ڇپجي چڪا هئا. ڪهاڻيڪارن کي منصور پبليڪشن جي پروگرام کان واقف ڪيو ويو ته ڪهاڻين تي ڀرپور تنقيد ٿيندي. ڪهاڻيڪارن اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ترت ئي ڪهاڻيون منصور پبليڪيشن جي حوالي ڪيون، جن تي تنقيدي مضمون لکيا ويا. +هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو لکندڙن، پڙهندڙن لاءِ، ڪهاڻيڪارن توڙي نقادن لاءِ سوال بنيل آهي ۽ سڀني جي پڙهڻ جي لائق آهي ته ڪهاڻيڪار پنهنجن ڪهاڻين ۾ ۽ نقاد پنهنجي تنقيد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيا آهن. سهڻي ڇپائي، خوبصورت ٽائيٽل، صفحا 156، قيمت ڏهه رپيا. +سڪندر بلوچ +(12) ڏهين جو نوٽ +منصور پبليڪيشن جو چوڏهون ڪتاب، ”ڏهين جو نوٽ“، جڳ مشهور ليکڪ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن کي نامياري ليکڪ محمد دائود بلوچ ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيون ڪهاڻيون ڏنل آهن: ڏهين جو نوٽ،دريون،جولي،چيني پکو نظير ٿيٻه آهي ۽ شمع جو مترجم پريم ڪمار ”آتما“ آهي. +برک ليکڪ ڪرشن چندر هميشه طبقاتي ڪشمڪس خلاف قلم کنيو آهي، ۽ هميشہ مظلوم طبقي جي حمايت ڪئي آهي. هي ڪهاڻيون به سرمائيدارن جي خلاف مظلوم طبقي جي حمايت ۾ لکيل آهن. منصور پبليڪيشن هن ڪتاب کي ان ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جيئن سنڌي پڙهندڙن کي ڌارين ٻولين جي شاهڪارن کان واقف ڪيو وڃي. نهايت دلچسپ ڪتاب آهي. جيڪو پڙهندو چاهيندو اهڙوئي مواد آهي. هڪ دفعو ڪتاب کڻي پورو ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهبو. چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل، جنهن ۾ ڪرشن چندر جي تصوير ڏنل آهي. خوبصورت ڇپائي، صفحا 146، قيمت ڏهه رپيا. سنڌ جي هر وڏي ڪتب فروش وٽان ملي سگهندو. +-- محمد حسين ڪاشف +(13) من جي هن پار +من جي هن پار، نئين ٽهيءَ جي برک ڪهاڻيڪار اڪبر سومري جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو پهريون مجوعو ۽ منصور پبليڪشن جي ڇپيل ڪتابن مان ارڙهون ڪتاب آهي. نوَن ڪهاڻيڪارن جي مجموعن کي ڇپائڻ جي سلسلي جي هيءَ به هڪ ڪڙي آهي. سومري جي ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ حقيقت پسنديءَ کي وڏو دخل آهي. اڪبر سومري نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي سان هر مسئلي کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي، ۽ پوءِ ان تي ويهي نهايت سنجيدگيءَ سان لکيو آهي. +ڪتاب من جي هن پار جي هڪ خوبي اها به آهي ته هن ڪتاب ۾ ڏنل 16 ڪهاڻين مان هر ڪهاڻيءَ تي نامورن لکيڪن ۽ ڪهاڻيڪارن جي مختصر راءِ به ڏنل آهي: حميد سنڌي مراد علي مرزا، ثريا ”سوز“ ڏيپلائي نصير مرزا، عبدالقار جوڻيجو، شمشيرالحيدري، نورگهلو، محمد حسين ڪاشف، نجم عباسي، ممتاز مهر، مدد علي سنڌي، عبدالغني درس ۾ فضل احمد بچاڻي. +هن ڪتاب ۾ هيٺيون ڪهاڻيون ڏنل آهن: +(1) ڀينر آءٌ ڀلياس (2) اڀاڳو چنڊ ۽ اٻالا ماڻهو، (3) سرلتا، (4) ڪانوَل من، (5) شهر جو دک، (6) سرڳ، (7) سر ۾ سارينئي، (8) پيار ۽ حقيقت (9) خاموشيءَ جا واڪا، (10) من جي هن پار، (11) ڪنهن سمي جي ياد، (12) دل دنيا جو گولو، (13) ڪونهي ات ڪوهيار، (14) جنين ڪاڻ مياس، (15) سرڪلز ۽ ماڻهو ۽ (16) گهوڙا گلي جي هڪ شام. +چار رنگو خوبصورت ٽائيٽل عمدي ڇپائي، صفحا 168، قيمت 12رپيا. +-- فتح محمد شيخ +(14) همه اوست +آغا سليم جو هي ناول تازو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. آغا سليم سنڌيءَ جو هڪ مڃيل ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. لکڻ جو هن جو هڪ منفرد اسلوب آهي. مخصوص زبان جو استعمال به آغا سليم جي هڪ خصوصيت آهي. آغا جو هڪ ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ اڳ ۾ به شايع ٿيل آهي. آغا جو ذهني سفر هن جي تحرير ۾ نمايان طور ملندو آهي. زير نظم ناول همه اوست به ليکڪ ماضيءَ جي تاريخ ۾ ٽٻي هڻي ان مواد جي آڌار تي لکيو آهي. ناول شروع ڪرڻ سان جن ڪردارن سان واقفيت ٿئي ٿي، سي اڪثر پنهنجي چوڌاري هڪ مخصوص خول ۾ قيد آهن، جهڙوڪ سارنگ، سنڌو، علي، نواب لطف علي، ماڻڪ، گوپي، گيتا ۽ پدمڻي وغيره. هنن ڪردارن جي مدد سان هڪ ڪهاڻي اُڻي ويئي آهي، جنهن کي هڪ تسلسل به آهي. ڪهاڻيءَ جو سلسلو هلندي ناول نگار ڪي نُڪتا مختلف مذهبن جي اصولن جي حوالن ۽ ڪن شعرن جي مدد سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بياني سلسلي ۾ به ليکڪ پنهنجا خيال ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڊگهي ڊايالاگ وانگر ظاهر ڪري ٿو. ناول جي ڪهاڻي جيئن پکڙجي، وڌي ويجهي ٿي تيئن ختم نٿي ٿئي. تڪميل ڏي ايندي ڪهاڻي شاهه عنايت شهيد ڏي تيزيءَ سان اچي ٿي ۽ شهادت تي ختم ٿي ٿئي. تاريخ جو شاگرد ڄاڻي ٿو ته نواب لطف عليءَ کان جيڪا ڪهاڻي شروع ٿي، تنهن جو خاتمو شاهه عنايت شهيد تي ٿيڻو آهي. ٿوري ئي بياني سلسلي ۽ مڪالمن تي ايئن ٿئي ٿو. ناول جڏهن پنهنجي دلچسپ مرحلي ۾ اچي ٿو ته هڪدم ختم ٿيڻ ڪري ڄڻ ڪا قائم ڪيل اميد پوري نٿي ٿئي. هونئن آغا سليم هن ناول ۾ پنهنجو اندر اٿلائي لفظن ۾ ظاهر ڪيو آهي. هن جيڪي به چوڻ گهريو آهي تنهن کي صفائيءَ سان چيو اٿس. مرڪزي خيال جو اظهار هُن اڳواڻن، صوفين ۽ شاعرن جي خيالات جي آئيني ۾ ظاهر ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڳالهه چئي آهي. ڪهاڻيءَ جو سلسلو ڪٿي به مبهم نه آهي ۽ پنهنجو خيال ليکڪ واضح طور ظاهر ڪيو آهي. +اهو صحيح آهي ته هتي سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪو ناول ڏهن سالن کان پوءِ مس ٿو اچي. تازو ٻه-ٽي ناول آيا آهن، جن ۾ آغا سليم جو هي ناول ”همه اوست“ هڪ اهم اضافو ۽ منفرد ناول آهي. +- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو +(15) جر ۾ سپون جيئن +هيءُ ڪتاب جناب نديم قاضيءَ جي ڏهن ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. هونءَ نديم ڪهاڻي لکڻ جي شروعات 1961ع ۾ ڪئي هئي، پر هن مجموعي جي شروعات 1966ع ۾ لکيل ڪهاڻي گهاءُ سان ڪئي ويئي آهي، ۽ آخر ۾ جولاءِ 1985ع تائين جو لکيل ٽي ڪهاڻيون شامل آهن. انهيءَ خيال کان مجموعي ۾ ويهن سالن دوران لکيل ڏهه ڪهاڻيون ڏنل آهن. هونءَ ته ڪهاڻين جي انهيءَ ڳاڻيٽي کي جيڪڏهن ميعاد جي لحاظ کان ڏسبو ته اهي ڪنهن به طرح اميدافزا نٿيون چئي سگهجن، پر نديم جنهن جذبي سان وري ادبي ميدان ۾ موٽي آيو آهي، انهيءَ مان لڳي ٿو، ته سندس ڪهاڻين لکڻ جي دلچسپي ڪڏهن ختم نه ٿي هئي، ۽ توقع آهي ته انهيءَ دلچسپيءَ سان توڙ نڀائيندو رهندو. +نديم پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار آسپاس جي ماحول مان کنيا آهن، جيڪي جاگيردارانه نظم جي پنجوڙ ۾ ساهه کڻن ٿا ۽ پنهنجي حالتن جو شڪار آهن ۽ انهن کان ڇوٽڪاري جي جاکوڙ ۾ هٿ پير هڻندي نظر اچن ٿا. پر نديم جو ويساهه آهي ته جيستائين حالتن کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد نه ڪبي، تيستائين ڪنهن سَڻائي صبح ٿيڻ جي اميد اجائي آهي. +نديم پنهنجي ڪهاڻين ۾ فطري ماحول ڏاڍو سهڻو پيش ڪيو آهي، پر منجهس ساهه کڻندڙ ڪردارن کي اتان جون سماجي حالتون سؤکو ساهه کڻن نٿيون ڏين. جانٺا، جبرا جوان سماجي حالتن جي گهُٽ ۾ ٻوساٽيل نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي حالتن کي بدلائڻ جي جدوجهد ۾ پيڙهين کان پَچندي نظر اچن ٿا. نديم اهڙي ماحول کي چِٽي، اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي ڳو‎ٺن ۾، ڳڀروئن ۾، نئين سوچ جا سَلا نِسرن پيا. اُهي پراڻين راهن جي رهزنن کان بچڻ لاءِ نيون ڏِسون ڳولين پيا ۽ ليکڪ کي پڪ آهي ته اهي پنهنجي منزل ضرور ماڻيندا. اهي ڪردار زندگيءَ سان پيار ڪندڙ آهن ۽ کين پنهنجي پاڻ ۾ ڀروسو ۽ آئيندي جي آس آهي. +نديم جون ڪهاڻيون پيار، خلوص ۽ سچ جون ساکي آهن ۽ هر طرح اسان جي سماج ۽ ان جي ڪردار جي نمائندي ڪن ٿيون. +جر ۾ سپون جيئن ڪتاب جو مهاڳ برک اديب جناب حميد سنڌي لکيو آهي، جنهن نديم جي فن تي قيمتي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن ڪتاب جا 214 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت ويهه رپيا آهي. سنڌي ادب اڪيڊمي ان کي حيدرآباد مان شايع ڪيو آهي. +- نفيس احمد شيخ +(16) ماڻڪ موتي +هي ڪتاب ڀٽائي بادشاهه جي ڪلام جي شرح طور لکيل آهي، جنهن ۾ رحيم بخش قمر صاحب پنهنجي فهم ۽ فڪر جي لحاظ کان ڪيئي نوان نڪتا نروار ڪيا آهن. +حضرت شاهه صاحب جي ڪلام لاءِ سندس ئي هڪ بيت: +”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين!“ +جي نسبت مڃيل ۽ مشهور آهي. +حضرت قمر صاحب، شاهه صاحب جي ڪجهه ڪلامن جي، جنهن ديني پس منظر جي لحاظ کان شرح ڪئي آهي، اها معقول به آهي ۽ مبارڪ پڻ. +هن ڪتاب جي سِٽ سِٽ مان مولوي صاحب جي، شاهه صاحب سان عقيدت ۽ رغبت جو درياهه موجون هڻندي نظر اچي ٿو. سڀني مضمونن جي ٻولي نهايت رسيلي ۽ واضح، سليس ۽ عام فهم آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ميٺاج پيو محسوس ٿئي. وڻندڙ ٻولي، هن مبارڪ موضوع کي ڄڻ شيرين بنائي ڇڏيو آهي. ”ماڻڪ موتي“ ۾ ڪل 32 عنوان ڏنل آهن، جي لاشڪ علم جا هيرا ۽ جواهر آهن. ڪجهه نموني طور هي آهن: +شاهه وٽ واحد جي واکاڻ، شاهه وٽ سيدالمرسلين جي ساراهه، شاهه ۽ پورهيت، روضي پاڪ رسول جي، اکيون مينگهه ملار، راڻو رات نه آيو، شاهه جي عالمي شاعري، جانب جي جمال سين، اکين ۾ ٿي ويهه، ڏک سکن جي سونهن، سُر ديسي ۾ تلميحون، لک لهي ٿي لوڏ، ڀٽائي جا نعتيه بيت، شاهه جون وايون. +”ماڻڪ موتي“ جهڙي معياري ڪتاب جو مهاڳ، سنڌ جي ممتاز دانشمند ۽ لطيف جي ڄاڻو ۽ ماهر، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب فرمائين ٿا: +”الحاج رحيم بخش قمر لاکو صحيح معنيٰ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ آهي. شاهه صاحب جي رسالي سان محبت سندس آهي ۽ گذريل ويهن سالن کان وٺي پنهنجي مضمونن ۾ هن حضرت شاهه صاحب جا ڳڻ پئي ڳايا آهن. هيءُ ��تاب اهڙن مضمونن جو سدا بهار غنچو آهي. محبت ۽ عقيدت، معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان اهي مختصر مضمون ڄڻ ماڻڪ ۽ موتي آهن. +ڊاڪٽر صاحب جن اڳتي لکن ٿا: +”حضرت شاهه صاحب سنڌ جو سرتاج شاعر آهي، جنهن جو ڪو مَٽ ٿي نٿو سگهي. سندس بيتن ۽ واين ۾ جيڪو فڪر سمايل آهي، تنهن جو مثال ملڻ به مشڪل آهي؛ مگر شاهه صاحب جي عالمگير فڪر ۽ اعليٰ مقام کي روشن ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين سندس بيتن ۽ واين کي غور سان پڙهون، انهن جي هر لفظ ۽ اصطلاح تي سوچيون ۽ انهن ۾ سمايل فڪر ۽ معنيٰ کي صحيح طور سمجهون. حضرت شاهه صاحب جي عظمت کي آشڪار ڪرڻ لاءِ سَون ڪتابن لکڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ ڏس ۾ جيڪو وک وڌائي ٿو، سو مبارڪ جي لائق آهي. قمر صاحب جو هي ننڍڙو ڪتاب معنيٰ ۽ مقصد ۾ وڏو آهي، ڇاڪاڻ جو هن شاهه صاحب جي پيغام تي صحيح نموني سان سوچيو آهي ۽ ان کي صحيح طريقي سان پيش ڪيو آهي.“ +ڪتاب ماڻڪ موتي، مواد سان گڏ پيشڪش جي لحاظ سان پڻ روح پرور آهي. نهايت دل لڀائيندڙ ٽائيٽل سان بهترين ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت ويهه رپيا مناسب ٿي لڳي. هي ڪتاب، ڀٽائي رحه جي هڪ عاشق الحاج سيد قمرالزمان شاهه صاحب وڏي چاهه ۽ اڪير سان شايع ڪرايو آهي. +- نفيس احمد شيخ +(17) سرمست- 5 +”سرمست“ جو پنجون شمارو، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور پاران ڇپائي، سچل سرمست جي سالياني عرس جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو. نوجوان مصور لطف انصاريءَ جي ٽرنگي ٽائيٽل سان هي پرچو ڊيمي سائيز ۾ تنوير عباسي جو ترتيب ڏنل آهي. +ترتيب جي اعتبار کان پهرين ڀاڱي ۾ گذريل سال جي ميلي جون تصويرون ڏنل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ سچل سائينءَ جي حوالي سان شاعري آهي، جنهن ۾ تاج بلوچ، استاد بخاري، ادل سومرو، اميد خيرپوري، هدايت بلوچ، خادم رفيقوي، الطاف اثيم، منير سولنگي، نظام الدين زائر، مختيار ملڪ، اختر درگاهي، منصور ميراڻي، غلام عباس ڀنڀرو ۽ مير صوبدار سعيد جا ويچار شامل آهن. ٽئين ڀاڱي ۾ سچل سرمست جي فن، فڪر ۽ زندگيءَ تي تحقيقي مضمون ۽ مقالا شامل آهن. پهرين مقالي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ ’وحدت وجودي صوفي سنڌ ۾‘ جي موضوع تي ڪارائتي تحقيق ڪئي آهي. قاسمي صاحب لکي ٿو ته ابتدائي دور جا صوفي خالص سنڌي نسل جا هئا، پر هن ديس جي علم عرفان ۽ سلوڪ ۾ اها ته هاڪ هئي جو شيخ ابومغيث حسين بن منصور حلاج جهڙو عظيم وحدت وجودي صوفي به هت سنڌ ۾ ڪهي آيو هو. قاسمي صاحب تاريخي حوالن سان صوفي تحريڪ ۾ سنڌ جي حصي کي اجاگر ڪيو آهي. ’سچل سرمست جي تاريخي دؤر‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مقالي ۾ سچل سائين جي دور جي حالتن جو اپٽار ڪيل آهي ۽ سندس عصري ماحول جو عڪس ڏنو آهي. تحقيق جي اعتبار کان الانا صاحب جو هي مقالو گهري ڄاڻ سان ڀريل آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اسان جي ٻولي جي ماهر جي حيثيت رکي ٿو. سندس مقالو به انهيءَ مناسبت سان آهي. ’سچل جي ڪلام جا انوکا الفاظ‘ جي سري سان سچل سرمست جي شاعري ۾ ڪتب آندل ٻولي تي اڀياس ڪيو اٿائين. +ڊاڪٽر اياز قادري ’سچل جي ادبي ماحول‘ تي کوج ڪئي آهي. اياز صاحب سچل جي ادبي ماحول تي سندس بزرگن جي اثرن ۽ ان وقت جي ادبي فضا کي چٽيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ’سچل جا گهاڙيٽا‘ جي موضوع تي ادبي تحقيق ڪئي آهي ۽ سچل جي بيت ۽ ڪافي جي فني سٽاءَ ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق ’سچل جي سرائڪي شاعري‘ جي موضوع، لاڙن ۽ ادبي خوبين کي تحقيق هيٺ آندو آهي. ’سچل جي شاعري جي مختلف لهجن‘بابت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي وزنائتي تحقيق آهي. محمد علي حداد ’سچل جي ڪلا�� ۾ خوديءَ جو تصور‘ تي خيال آرائي ڪئي آهي، جنهن ۾ هن علامه اقبال جي خودي جي فلسفي جي تاڃي پيٽي تي سچل سائينءَ جي ڪلام ومطالعو ڪري، اهو ثابت ڪرڻ گهريو آهي ته خوديءَ جو فلسفو اقبال کان گهڻو اڳ سچل سائين وضع ڪيو آهي. ان کان پوءِ ’سچل سائينءَ جون صنفون‘ جي موضوع تي مختيارملڪ تحقيق ڪندي سچل کي سنڌي زبان جو پهريون تجرباتي شاعر ڪوٺيو آهي، ۽ هن سچل جي شاعريءَ جي نڪور صنفن کي بيان ڪيو آهي. آخر ۾ محمد علي حداد، سچل سرمست تي ببليوگرافي ۾ سن 1984ع تائين واڌارو پيش ڪيو آهي. +هن ڪتاب جي قيمت پندرنهن رپيا آهي ۽ سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور وٽان ملي سگهي ٿو. +- مختيار ملڪ +(18) ڏينهن ڏٺي جا سپنا +اياز گل جي گلن جهڙي شاعريءَ جي جيتري واکاڻ ڪجي گهٽ آهي. سندس شاعري سندس روح جي عطر آهي، ۽ هن جي سُرهاڻ ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ ۾ پرکي سگهجي ٿي. مون کي اعتبار آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ، پڙهندڙ ضرور هن جي سڳنڌ سان واسجي ويا هوند.ا. هن ڪتاب جي مڙني رنگن کان وڌيڪ وڻندڙ رنگ آهي، هن جي پيش ڪرڻ جو ڍنگ- جهڙي اڇوتي ۽ انوکي مٽاءَ سان هيءُ ڪتاب ترتيب ڏنل آهي، ته ائين ٿو لڳي ڄڻ، هڪ ڪتاب ۾ ڪيئي ڪتاب سمائجي ويا هجن. ڪتاب ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ رائج تقريباً هر صنف موجود آهي ۽ هر صنف تي ڌار ڌار مهاڳ لکرائي، ڪتاب کي هڪ نئين سونهن بخشي ويئي آهي. ٽائيٽل کان وٺي مواد ۽ ويندي آخري پني تي اياز گل جي تصوير تائين، هي ڪتاب هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ روئداد آهي ۽ هڪ ڀوڳنا آهي. مون کي هن ڪتاب جي هر پني تي اياز گل جي محبت سان ڪيل محنت جو عڪس نظر اچي ٿو. +اياز گل لاءِ ائين جوڻ وڌاءُ نه ٿيندو، ته اياز، انهن گهٽ شاعرن مان هڪ آهي، جن هر صنف کي ائين لکيو آهي، ڄڻ اها صنف ئي هُن جي Speciality هجي. هن جو غزل ڏسو- توڙي ننڍي بحر ۾ هجي يا وڏي بحر ۾-هو ڪٿي به پنهنجي ردم ۽ موسيقيت کي هٿان وڃڻ ڪونه ڏيندو. سندس غزل جو خيال، توڙي ڪٿي ڪٿي گهڻو مضبوط نه آهي، پر سندس لفظن جي چونڊ، جوڙجڪ ۽ ردم جو احساس، ان ڳالهه طرفان ڌيان هٽايو ڇڏين. پڙهندڙ کي ائين پيو لڳندو، ڄڻ ڪو نرم رفتار جهرڻو وهي رهيو هجي. گهڻو ڪري سندس موضوع داخلي ۽ سادا آهن، پر تنهن هوندي به، هنن ۾ سونهن آهي، سچائي آهي ۽ پڙهندڙن انهن جو اولڙو، پنهنجي دل جي مٿان محسوس ڪيو هوندو. +نج سنڌي تشبيهن سان سينگاريل، ۽ نج جذبن جي چانديءَ سان جرڪايل، هن جو غزل، اردوءَ جي وڏن شاعرن جي غزل سان قدم قدم ۾ ملائي هلڻ جهڙو آهي. +نظم ۾، خاص ڪري آزاد نظم ۾، اياز گل، امداد حسينيءَ جيان، شاعريءَ جي بنيادي گهرج ”ردم“ جو خاص خيال رکيو آهي. اياز گل جي آزاد نظم ۾ (Flow) آهي ۽ سونهن آهي. جيئن: +”ڇو ڪجي، ڇو نه ڪجي جي وچ ۾ +هڪڙو چهرو اڃا جو آ، پيارو +راتِ ڪاريءَ ۾ ذهن جي اُڀ تي +پِرهه جو ڄڻ ته هيڪلو تارو +خيال جاڳائي ٿو جيئڻ جي لاءِ +۽ وري نئون زهــــر پيئڻ جـــــــي لاءِ.“ (ص: 76) +گُل جا گيت به ڏاڍا سادا ۽ سلوڻا آهن. اُنهن گيتن ۾ گل، ڪنهن ٻار جيان پنهنجي اندر جي اُپٽار ڪئي آهي. گيتن ۾ گل، ٻار جهڙو ٿو لڳي، پر سندس گيت نه، سندس گيت ته ٽيڪنيڪي اعتبار کان پاڻ ڀَرا ۽ وڏا آهن ۽ ڪيترن ٻين گيتن چوندڙن کي آڱر کان جهلي، پنڌ سيکارڻ جهڙا آهن. +”تنهنجيءَ رم جهم منجهه پرينءَ جي +ڳالهين جو آ، چَسُ مينهڙا! +وَسُ وَسُ مينهـــــــڙا، وَسُ.“ +(ص: 91) +وائيءَ ۾ اياز گل، روايتي انداز کان هٽي موضوع چونڊيا آهن. وائي، عام طور تي نماڻي ۽ لڄاري صنف آهي، پر اياز گل هن لڄاري ناريءَ کي جديد ڪري، شيخ اياز جي روايت کي قائم رکندي، انقلابي رنگ ڏنو آهي، اياز گل جي وائيءَ جو لهجو کرو ۽ وقتائتو آهي، جيئن: +”ساڙيـــــو ڙي ساڙيــــــو! +سرڪش هن سماج کي.“ (ص: 105) +”ظلم ختم ٿــــــي ويندو +تون جي چئين ”ناهي؟“ +ســـــــــچُ تــــه ســــچُ آهي.“ (ص 102) +گل جي ڪتاب کي ايستئاين ورق ورق ڪري ونڊيو ۽ پڙهيو اٿم ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي اٿم، پر منهنجي ذاتي پسند کي جتي دخل آهي، اُهي آهن سندس رينگا ۽ ترائيل. مون کي پنهنجي محدود پروڙ ۾ هيءَ صنف سڀ کان وڻندڙ ۽ محنت طلب لڳي. +دوها ۽ بيت، نارائڻ شام جي دوهن وانگر مڌر ۽ وڻندڙ آهن. ’بيت‘ جهڙي پراڻي صنف ۾، اياز گل، پنهنجي جديد دؤر جي زندگيءَ کي سمائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. مجموعي طور تي اياز گل جي سڀني سپنن مون کي موهيو. +اياز گل جي شاعريءَ جي خاص ڳالهه آهي، سندس ’ايمانداري‘. جهڙي ايمانداريءَ سان اياز گل، شاعريءَ جي هر صنف جا حق ادا ڪيا آهن، ته مان سمجهان ٿي ته، اها هر ڪنهن شاعريءَ جي وس جي ڳالهه ڪونهي. اياز گل، هڪ محنتي، ايماندار ۽ سچو شاعر آهي. +هُن شاعريءَ کي پنهنجو رت ۽ ستُ ڏنو آهي ۽ شاعريءَ کي رڳو پنهنجي شهرت ۽ ذهني تسڪين جو ذريعو ناهي سمجهيو. مان ڪجهه اکر، شاعريءَ جي بدران شاعر تي لکي وئي آهيان. پر منهنجي خيال ۾، اها ڳالهه ضروري هئي، ڇو ته شاعر جي انهن وصفن ۽ صفتن جو سڌو سنئون تعلق سندس شاعريءَ سان آهي- ۽ سندس شاعري ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. +”جاڳ هوندي به خواب ۾ آهيون +دوستو!، بس عذاب ۾ آهيون +نيٺ پڙهڻو ئي توکي پوندو پرين! +پاڻ تنهنجي نصـــــــاب ۾ آهــــــيون.“ (ص: 123) +هي ڪتاب سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي شايع ڪيو آهي. بهترين ڇپائي، جاذب سرورق، صحفا 124، قيمت 15 رپيا. +- ياسمين قاضي +(19) وتايو فقير +هي ڪتاب وتايو فقير سيمينار ڪميٽي ٽنڊوالهيار، سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ دانا، حضرت وتايو فقير تي ڪوٺايل سيمينار جي موقعي تي شايع ڪيو آهي. هونئن ته اسان وٽ هي دستور رهيو آهي ته اهڙن موقعي تي شايع ڪيو ويندو آهي، باقي انهن موقعن تي جيڪو مواد مقالن جي صورت ۾ هوندو آهي، اهو تاڪ شود. ائين ڪيترا ميڙ ٿيا آهن، پر انهن ۾ پيش ٿيل مواد اڃا تائين ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهيو آهي. هي ڪتاب محترم محمد حسين ڪاشف ۽ اُستاد شيخ محمد اسماعيل صاحب ترتيب ڏنو آهي. +وتايو فقير سيمينار، جنهن جي روح روان هئڻ جو سهرو محترم عبدالقادر منگي جي سر تي سونهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪوشش وٺي هي ڪتاب شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ ۾ جيڪي تڪليفون درپيش آيون، تن جو اهل علم کي احساس آهي. ڇاڪاڻ جو وتائي فقير جي سلسلي ۾ مواد جو گڏ ڪرڻ نهايت مشڪل آهي، سواءِ ٻن-چئن ڪتابن جهڙوڪ تحفته الڪرام، سنڌ جا قديم شهر، ماڻهو ۽ لنواري جا لال وغيره ۾ سندن ذڪر ملي ٿو. اسان وٽ وتائي فقير رحه جي گفتن ۽ نڪتن جي حيثيت مسلم آهي؛ جيڪي اڄ به ماڻهن جي زبان تي عام آهن ۽ هڪ ضرب المثل جي حيثيت رکن ٿا ۽ زندگي جي سڀني حقيقتن جي ترجماني ڪندا نظر اچن ٿا. +ڪتاب ۾ پيش ٿيل مواد نهايت ئي معلومات افزا ۽ حقايق پسندي وارو آهي. معمور يوسفاڻي جو مقالو وتائي جي سرزمين جي تاريخ، ماڳن ۽ مڪانن تي بهترين معلومات مهيا ڪندڙ آهي، ۽ ان خطي جي تاريخ کي سمجهڻ ۾ وڏي هٿي ڏيندڙ آهي. ڪتاب ۾ منگي صاحب جا پنهنجي پاران لکيل ٻه اکر سڄي ڪتاب ۽ وتائي فقير جي تعليم جو ماحصل آهن، نه صرف اهو پر جن ٻين قومي ۽ ادبي ناتن جي سلسلي ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي ويئي آهي اها ادبي ۽ علمي حلقن لاءِ توجه طلب آهي. +وتائي رحه جي سوانح تي پيش ٿيل مواد ۾ لکندڙ اهو صحيح طور تي ثابت ڪري نه سگهيا آهن ��ه هو ڪٿي ڄائو. ڪنهن صاحب هن کي عمرڪوٽ جو ڄاڻايو آهي ته ڪنهن کيس اگهم ڪوٽ جو ٻڌايو آهي، ته ڪن صاحبن وتائي کي نصرپور ۽ تاجپور جو ڄاڻايو آهي. اهو مسئلو اڃا تحقيق طلب آهي. ڪتاب ۾ پيش ڪيل مواد ان ڏس ۾ هڪ ڪوشش سمجهڻ گهرجي. +وتائي فقير جي فڪر ۽ تعليم، سندس ڏاهپ وارن نڪتن تي جناب علي احمد بروهي جو مقالو حقيقت افروز آهي. محمد حسين ڪاشف، حيدرعلي لغاري، انيس انصاري جا مقالا نهايت ئي پرمعنيٰ ۽ هن جڳ مشهور داناءُ جي خيالن جو بهترين تاويل پيش ڪندڙ آهن، جن ۾ وتائي فقير جي ڏاهپ ڀرين نڪتن جي نهايت بهتر صورت سان توجيـﮧ پيش ڪئي ويئي آهي. عاصي هَڪڙو جو مقالو وتائي فقير جي ڪشف ۽ ڪرامت تي قابل قدر ڪوشش آهي. +- سليم عارف +(20) ڪليات ثابت ڪربلائي +سنڌ جي عظيم مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جو ڪلام ”ڪليات ثابت“ جي نالي سان اداره اسلامڪ ڪلچر اينڊ ريسرچ سينٽر ڪراچي مان شايع ڪرائي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اضافو ڪيو آهي. +سيد ثابت علي شاهه ابن سيد مدارعلي شاهه سن 1153هه مطابق 1740ع جي سيوهڻ شريف ۾ تولد ٿيو. مولوي غلام علي ”مداح“ ابن محمد محسن ٺٽوي جي فيض کان، شاهه صاحب مستفيض ٿي پنهنجي دور جو بي مثل شاعر ٿيو. شاهه صاحب، ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي اوائلي دور جو اهو صاحبِ عظمت شاعر آهي، جنهن لاءِ ائين چوڻ ۾ قطعاً مبالغو نه ٿيندو ته شاهه صاحب ئي سنڌي زبان جو سنڌ ۾ پهريون مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سنڌي ڪلام پڙهڻ سان اسان کي اها پروڙ پوي ٿي ته ان زماني ۾ سنڌي ٻولي ڪيڏي نه اوج تي هئي ۽ پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي سينگاري سنواري سنڌي مرثين تي طبع آزمائي ڪري پنهنجي ذهني قابليت جو سڪو ڄمائي ڇڏيائين. +شاهه صاحب جي ڪلام کي متعدد نسخن تان ڀيٽي سندس زندگي جي احوال سميت جامع مقدمي سان جناب مرزا عباس علي بيگ نهايت تحقيق ۽ جستجو سان سينگاري سنواري سنڌي ادب ۾ اڻ مُلهه اضافو ڪيو آهي. +جناب علامه غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي جن پنهنجي ”راءِ“ ۾ مذڪور اداري جي سنڌي شعبي جي ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ لکن ٿا ته ”ڪليات سيد ثابت علي شاهه هن اداري زرِ ڪثير خرچ ڪري عمده ڇپائي سان آراسته ڪري شايع ڪيو آهي. هن سان هڪ پاسي سنڌي ادب جي اشاعت ۾ اضافو ٿيو آهي ته ٻئي پاسي انهن پنهنجي عقيدت موافق وڏو ثواب جو ڪم به ڪيو آهي.“ +ڪليات ثابت ۾ 82 صفحن جو عالمانه مقدمو پڙهڻ جي لائق آهي، جيڪو مرزا عباس علي بيگ جو تحرير ڪيل آهي. ان ۾ مرثيه ۽ ان جي عهد به عهد ترقي، بعد ازان عربي، فارسي ۽ اردو مرثيي جي مختصر تاريخ ڏني ويئي آهي. سنڌي مرثيه جي مختصر تاريخ ۽ سنڌ جي انهن مرثيه گو شاعرن جو تذڪرو، انتخاب سميت مقدمي ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. ان ضمن ۾ اجزائي مرثيه (چهرو، سراپا، آمد، رجز، جنگ، شهادت ۽ شهداءِ ڪربلا) تي معلوماتي بحث ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ سيد ثابت علي شاهه جي سوانح حيات پيش ڪيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته 507 صفحن جي هن مجلد ڪتاب جي طباعت ۾ سموريون خوبيون سمايون ويون آهن. +ڪليات ثابت علي شاهه ٻن حصن تي مشتمل آهي. پهرين حصي ۾ سنڌي ڪلام ۽ ٻئي حصي ۾ فارسي ڪلام آهي. سنڌي ڪلام ۾ شاهه صاحب جو زيارتنامو آهي، جنهن ۾ مناجات، نعت، مداح چهارده معصومين عليهم السلام، سيوهڻ شهر ۽ قلندر لال شهباز جي مدح کان سواءِ حيدرآباد شهر جو تعارف ۽ مير فتح علي خان ٽالپر، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان ۽ مير مير محمد خان جي تعريف آهي. ان کان پوءِ پنهنجي بزرگن ۽ پنهنجي حياتي جو احوال لکيو اٿس. آخر ۾ ڪربلا معل��ٰ جي زيارت جو بيان ڪيل آهي. زيارتنامي کان پوءِ سنڌي منقبت آهن، تنهن کان پوءِ مرثيه، سلام ۽ نوحه آهن. مرثين جو تعداد چوهٺ آهي. آخر ۾ فارسي مرثيو پڻ آهي جنهن ۾ ميان سرفراز خان ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي لاءِ دعائيه اشعار آهن. انهيءَ مرثيي مان پتو پوي ٿو ته اهو مرثيو شاهه صاحب ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيو آهي. +ٻئي حصي ۾ فارسي ڪلام آهي، جنهن ۾ مناجات، قصيده آربع عناصر ۽ چوڏهن معصومن عليهم السلام جن جي فضائل ۾ قصيدا، مناقب، مثنويون ۽ هفت بند وغيره آهن. ان کان پوءِ ظفرنامو جنهن ۾ ميان عبدالغني خان ڪلهوڙي جي فتح ۽ سندس عزيز ميان غزت يار خان جي هار جو تفصيل سان بيان ڪيل آهي. ازان سواءِ مير بجار خان، سيد اسدالله سيوستاني، مير غلام علي خان جي مدح ۾ قصائد، حيدرآباد ۾ ايراني سفير جي اچڻ تي مرحبائي مثنوي، فتح علي شاهه قاچار جي مدح ۾ قصيدا، چند غزليات وغيره ۽ هڪ اردو منقبت آهي. +- ميرزا ڪاظم رضا بيگ +اسان جا تازا شايع ڪيل ڪتاب +1- جمال حبيب +(رسول پاڪ صه جي سيرت طيبه)- فقير محمد اسماعيل ٺٽوي 00-25 رپيا +2- تذڪر: مشاهير سنڌ +(ڀاڱو ٻيو) – مولانا دين محمد وفائي اوچو ڪاغذ +00-40 رپيا، سادو ڪاغذ 00-35 رپيا +3- تاريخ معصومي (سنڌي) +ٽيون ڇاپو- مير محمد معصوم بکري مترجم: مخدوم امير احمد 00-50 رپيا +4- قديم سنڌ جون لوڪ آکاڻيون- ڪنڪيڊ +مترجم: خانم خديجه دائودپوٽو سادو ڪاغذ 00-20 رپيا، اوچو ڪاغذ 00-25 رپيا، +5- جنت السنڌ (ٻيو ڇاپو) – مولائي شيدائي +قريب اشاعت: +6- ڀوري ڇوڪري حق جي +تلاش ۾ -علامه ۽ مسز ايلسا قاضي 00-70 رپيا +7- ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي – ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو +8- تذڪر: مشاهير سنڌ +(ڀاڱو ٽيون) – مولانا دين محمد وفائي +ملڻ جو هنڌ +سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال +اسٽيشن روڊ، ڄامشورو +(پوسٽ باڪس نمبر 12، حيدرآباد سنڌ) \ No newline at end of file