diff --git "a/sindhiadabiboard.org/mehran/Book100.txt" "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book100.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book100.txt" @@ -0,0 +1,3652 @@ +ڪتاب جو نالو: مهراڻ 1978ع (1) + + + +مهراڻ 1978ع (1) +ايڊيٽر: امداد حسيني +وِئا اوهري اوءِ، مون کي ماري ماڳَهِين، جُڳن جا جُڳ ٿِئا، تِئان نه موٽِئو ڪوءِ، گُوندر ماريندوءِ، ويچاري، وِين جو. +سوچيو هئم ته هِن ڀيري ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن آڏو دل کولي کڻي رکندس، هٿ- تريءَ وانگر. پوءِ اِهو پڙهندڙن تي ڇڏي ڏيندس، ته وٽانئن ڪيترو ٿو مانُ مليم. +سوچيو هئم ته 1977ع ۾، سنڌي ادب ۾ جيڪو اُڀار آيو هو، اُن تي پنهنجا ويچار پيش ڪندس. مقدار يا معيار؟ اِن سوال جي جواب ٺهڻ لاءِ، 1977ع جي ساهت جي مُلهه- ڪَٿ ڪرڻ لاءِ اوهان کي اُتساهه ڏياريندس. +”جيڪڏهن توهان اختلاف راءِ نٿا رکو ته توهان زندهه ناهيو.“ سوچيو هئم ته، اختلاف راءِ رکڻ واري حق جي بچاءُ ۾ لکندس؛ پر اِن مان منهنجو اِهو مطلب مور نه هجي ها، ته نه رڳو مونکي، پر منهنجي ستن پيڙهين کي لوئي، پنهنجي زندهه هجڻ جو ثبوت ڏنو وڃي! +سوچيو هئم ته، ... ڄائي ڄم جي نِپَٽِ انڌي کي به سورج ۽ ڏيئي جو احساس ڏياري سگهجي ٿو؛ پر اندر جي انڌي آڏو روئڻ اجايو آهي. هُن کي سچ ڏانهن آڻڻ ڪٺن ئي نه، پر وِئرَٿ آهي. ايهو ائين آهي جيئن ٻَٻُرن کان ٻير گهُرڻ!... ادب ۾ هڪ- هٽيون.... بليڪ ميلنگ.... گاريون .... اديب جو سماج سڌارڪ رول.... ڇا ڇا نه سوچيو هئم.... پر ... الطاف جي ڪُمهلي وڇوڙي، سوچ جي سِڪي جا ٻئي پاسا ميساري ڇڏيا آهن! ذهن ڪنهن Erase ٿيل ٽيپ جتان رهجي ويو آهي: +وڻجاري ڪانڌاءُ، مون وَرُ ويٺي گهارئو، لڳي اُتر واءُ، ڍوليو هلڻ جون ڪري. +الطاف کان اڳ گدائي صاحب گذاري ويو. 1977ع جي آخر ۾ پروفيسر محبوب علي چنا لاڏاڻو ڪري ويو. ٽي- چار سال اڳ قلندر جي ميڙي تي جڏهن گدائي صاحب کي ڏٺو هئم، تڏهن نِٻَل لڳو هئم، پر هيڻو نه. اسٽيج تي چاچي گدائيءَ جي لهجي ۾ اُهائي سنڌوءَ جي اَجهل تِکَ هئي. گدائيءَ جي شاعري، ڪرڻا ڪرڻا اُميد جي شاعري آهي. هُن وٽ آس اُڀامي ته ٿي، پر اُجهامي نٿي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ گدائي صاحب جي شاعريءَ جي اهميت وڌندي رهندي، ڇاڪاڻ ته گدائي ايندڙ زمانن جو شاعر آهي: +آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر پنهنجي رت جو تيل ڏئي، هر موڙ مٿان آزاديءَ جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين. +ٽي- وي تي الطاف تي تعزيتي پروگرام رڪارڊ ڪرائيندي، سنڌ جي عظيم مورخ مولائي شيدائيءَ جي لاڏاڻي جي خبر آئي. مولائي شيدائيءَ، موضوع توڙي مواد جي لحاظ کان، سنڌ کي لافاني تصنيفون سوکڙيءَ ۾ ڏنيون آهن. پر چاچو گدائي ۽ مولائي شيدائي رات جي اُن پهر ۾ هئا، جڏهن وٽ وسامڻ واري ڪندي آهي ۽ هوا جي ڪنهن جهوٽي جو کٽڪو رهندو ئي رهندو آهي - ۽- الطاف ...! هُن ته سپنا ئي هاڻ ڏسڻ شروع ڪيا هئا: +سونهن سُهانو سپنو پنهنجو، پيار اڌورو بيت الا. +چاچو گدائي جيڪب آباد ۾ رهندو هو. مولائي سکر ۾. گدائيءَ سان ته سنڌ جي مختلف مشاعرن ۾ پيو ملبو هو، پر مولائيءَ سان ته ايامن کان نه مليو هئس. ٻيئي منهنجي شهر کان پري هئا. زندهه هئا- اِهو سک هو؛ پر الطاف ..... هو ته پل پل، پهر پهر ساڻ هوندو هو. پلڪ به پرانهون نه هو. ۽ هاڻ؟ سندس سور ساڻ آهي: +سُورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪون ڪِئو، آيل، اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وهي. +ڪالهه ئي ته هُن لان ۾ گلاب پوکيا هئا، - ۽ اڄ؟ اڄ هو پاڻ ڪومائجي ويو آهي. الطاف جو ايئن بيگاهه اُسهڻ- اڪيلي سر. تن تنها. +ڇڻيو ٻٻر جو ٻور +چارو پليو ٿي ويو، +وڃڻو پوءِ به ڏور. +اها هڪ جُڳ جي پڄاڻي آهي. گدائي ۽ مولائيءَ کان الطاف تائين ڦهليل جُڳ جي پُڄاڻي. اڄ الطاف سان گهاريل گهڙيون ڪيڏيون نه مختصر ٿيون لڳن: +هوتن سين هيڪاند، هُيم ٻاٽي ڏينهڙا. +ادب جي آسمان تي الطاف اهڙي چنڊ جيان آهي، جيڪو چوٽ تي چڙهندي ئي اُلهي ويو آهي. جڏهن الطاف جي سينيئر توڙي جونيئر ساٿارين مان گهڻن لکڻ يا ته ڇڏي ڏنو آهي يا گهٽائي ڇڏيو آهي، تڏهن الطاف ڏاڍي تيزيءَ سان لکي رهيو هو. - ۽ ايڏي ئي تيزيءَ سان هو جندڙيءَ جي سمونڊ جي پريين ڪناري تي پهچي ويو آهي. اَلا، هي سامونڊيڪو سڱ..... +وڻجارن وري، پِرههَ پَڳههَ ڇوڙئا، اولِيون پَي اُن جون، پِيڙَم ڳچَ ڳَري، وينديس، ماءِ مري! ساري سامونڊين کي. +سچ پڇو ته اهو ذاتي ڏک ته آهي ئي، پر اهو ساڳي ويل سڄي سنڌ جو به ڏک آهي. اهو هڪ قومي نقصان آهي. گدائي، مولائي ۽ الطاف سنڌي ادب ۾ امر نالا آهن. هو سرجڻهار آهن ۽ آفاقي آهن ۽ پوري انسانذات جا سونهان آهن. +جِتان هُنن واٽ ڇڏي آهي، اچو ته اُتان جيءُ جاکوڙي، ماڳ ڏانهن پنڌ پئون- اچو ته سِڪ ثمر کڻي مارڳ تي پير ڌريون- اچو ته سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ، واڌاري ۽ ڦهلاءُ لاءِ پاڻ- ارپڻ وارو جذبو ساهه سين سانڍي، ٻاٽ واٽ تي وک وڌايون ۽ هڪ نئين سفر جو آغاز ڪريون: +گهور گهٽائون گهاٽ تي، پوءِ به نه پُٺتي پيرُ. +امداد حسيني. +عبدالڪريم ”گدائي“ +ويڙهيون ۽ ولهار +بهار ايندو، قرار ايندو. +اجهو موسم ڦِري ساٿي، خزان ويندي، بهار ايندو، گجي گرنار پاسي کان، اجهو ابرِ بهار ايندو، انبن جي ٻُور تي ڀونئرو به ٿي بي اختيار ويندو، ڪَليون ٽڙنديون اُميدن جون، دلين کي ڀي قرار ايندو، +وڻن ۾ برک و بار ايندو، +ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو، +بهار ايندو، قرار ايندو. +ڪري سينگار ساهيڙيون، سُهانا گيت ڳائينديون، هٿن پيرن کي ميندي، سينڌ ۾ سندور لائينديون، اندر جا راز رمزن ۽ اشارن ۾ ٻُڌائينديون، ڪري هڪٻئي کي ڪتڪايون، کِلي هر هر کِلائينديون، +۽ جوڀن تي بهار ايندو، +ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو، +بهار ايندو، قرار ايندو. +ڪُراڙيون پاڻ ۾ ويهي، جُڳن جا راز کولينديون، لَڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون، قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جوئان هڪٻئي جون ڳولينديون، جڏهن هو پنهنجي سيني تي سيہ واسينگ کولينديون، +ته عاشق بي قرار ايندو، +ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو، +بهار ايندو، قرار ايندو. +دماما، دهل، شرنايون، ڪٿي ڌمچر مچائينديون، ننڍيون نيٽيون، مِڙي لاڏا ۽ سهراخوب ڳائينديون. دهل جي تال تي گڏجي، ڪئين تاڙيون وڄائينديون، ڪنواريون گهوٽ سان چرچا ڪندي ميندي لڳائينديون، +بنو ٿي شرمسار ايندو، +ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو، +بهار ايندو، قرار ايندو. +مهر جا مينهن پوندا ۽ ترايون تار ٿي وينديون، وطن جون واديون گل پوش ۽ گلزار ٿي وينديون، مسرت سان مليراڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون، نئين رت ساڻ نو ورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون، +سمو پڻ سازگار ايندو، +ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو، +بهار ايندو، قرار ايندو. +جوانيون اوٽ ۾ ويهي، سلينديون راز اُلفت جا، ونڊيندا درد هڪٻئي سان، ويهي دمساز اُلفت جا، ڪنڊن ڪرڙن منجهان ايندا، مٺا آواز اُلفت جا، لَيون لاڻيون سڻائينديون، ”گدائي“ ساز اُلفت جا، مزو بي اختيار ايندو، ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو، بهار ايندو، قرار ايندو. +اي همسفرو! +اي همسفرو، آواز ته ڏيو، چپ ڇو آهيو؟ ڪجهه ڳالهايو! هن ماٺ ۾ دل گهٻرائي ٿي، هيءَ ٻاٽ انڌيري کائي ٿي! اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +ڪو بيت، ڳجهارت، لوڙائو، يا ڪوئي گيت ته رات کُٽي، يا ڳايو شاهه جي ڪا وائي، هي سحر ٽُٽي، ڪا باک ڦُٽي، اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +طوفان اُٿيو آ باطل جو، ايمان ڦِري شيطان ٿيو، ۽ لالچ لوڀ جي چنبي ۾، انسان ڦري حيوان ٿيو، اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +آ اوندهه انڌوڪار متو، هر سمت مصيبت ڇانئي آ، ۽ ويچاري انسان مٿان، اڄ ڪهڙي آفت آئي آ؟ اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +جت ڪٿ آ پهرو وحشت جو، ٿو ماڻهو، ماڻهوءَ کي کائي، ۽ ظلم ستم جي گهاڻي ۾، انسان پيو ٿو ٻاڏائي، اي همسفرو آواز ته ڏيو! +هر گهر کي آهي باهه لڳي، هر واڙ کي پيهر ٿو کائي، اڄ ڪوئي دانهن ڏئي ڪنهن کي؟ ڪنهن ڏانهن ڏکيو ڪو واجهائي؟ اي همسفرو آواز ته ڏيو! +هر وستي وستي، شهر شهر، انساني خون جي هولي آ، هن دور ترقي ۾ ڀي اڄ، انسان جي قيمت گولي آ، اي همسفرو آواز ته ڏيو! +اڄ امن امان جا ضامن ڇو، هت توبن جا ڌڌڪار بڻيا؟ دردن جو مداوا دنيا ۾، ڇو ٽئنڪون ۽ بمبار بڻيا، اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +هي عياشيون ۽ عريانيون، تهذيب نئين جا رنگ ڏسو! هي رت ۽ باهه جون برساتون، دنيا ۾ جيئڻ جا ڍنگ ڏسو! اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +هو جن جي دم سان جڳ روشن، سي روشن ديپ اُجهامي ويا، جي طوفانن سان وڙهندا ها، ڪو واءُ لڳو ته وسامي ويا، اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +اڄ مشرق جي ملڪن تي ڇو، افرنگ جي ‎ٺيڪيداري آ؟ الله جي ڌرتي تي هت ڇو، پئسي جي اجاره داري آ؟ اي همسفرو آواز ته ڏيو! +اڄ ڪوئي سچ ته چوي يارو، آ فُرقاني فرمان ڪٿي! جنهن امن امان جو درس ڏنو، اڄ آهه اُهو انسان ڪٿي؟ اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +هن جنگ و جدل جي دنيا ۾، انسان جو آخر ڇا ٿيندو؟ ٿي سوڀ اگر شيطانن جي، رحمان جو آخر ڇا ٿيندو؟ اي همسفرو آواز ته ڏيو! +هيءَ ماٺ به آ هڪ جرم وڏو، اڄ سچ کان ڇو ٿا گهٻرايو؟ اي سقراطو! اي منصورو! اچ چوٽ نغاري ڳالهايو! اي همسفرو آواز ته ڏيو! +اي ساٿيو اڄ سوچيو باهم، ڪا اهڙي اڄ تدبير ڪريو! هن پيار جي دشمن دنيا ۾، ڪا اُلفت جي تشهير ڪريو! اي همسفرو آواز ته ڏيو! +هي اونداهين جا پيغمبر، سڀ پنهنجي موت مري ويندا، ۽ پنهنجي پيار جي گيتن جا، هت روشن ديپ ٻري ويندا، اي همسفرو آواز ته ڏيو! +هن سڙندڙ ٻرندڙ ڌرتيءَ تي، ڪا رحمت جي برسات ٿئي، ڪو سُک جو سج اُڀري يارو، ڪا امن و سڪون جي رات ٿئي، اي همسفرو آواز ته ڏيو! +اڄ پيار جي ساگر مان ساٿي، ڪي پريت جي مئي جا جام ڀريون، هن پيار جي پياسي دنيا ۾، اڄ رسمِ محبت عام ڪريون، اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو! +پکڙا ۽ پنهوار +پکڙا ۽ پنهوار اڃا ڀي ساڳيا ڙي، ويڙهيچن وهنوار اڃا ڀي ساڳيا ڙي، ڪرڙ، ڪنڊا، ڏٿ ڏنئورا ساڳيا، کير مکڻ ڏڌ ڌونئرا ساڳيا، +گولاڙا، گلزار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +مارن لوئي ليڙون ليڙون، مير مٿن ۾ چوٽا چيڙون، +پنهوارين جا پارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +رسمون ساڳيون، ريتيون ساڳيون، پت پرتيت، پريتيون ساڳيون، +جوڙا ۽ جنسار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +اڄ ڀي پاڻيءَ ليءِ پنهواريون، ڪري هلن ٿيون ڪونج قطاريون، +سرتين جا سينگار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +تيل ڦُليل ۽ چيلهين چوٽا، ڪنجرن تي ڪاوا ۽ ڳوٽا، +واسينگن جا وارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +کٻڙن جي لامن تي ويهي، ڪڻڇيون لات لنون ٿيون ڪيهي، +ڳيرن جا ڳٽڪارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +ڳم ڳنڍير، لُلُرَ ۽ لاڻيون، ڏُٿ ڏهاڙي آڻيون چاڙهيون، +ويڙهيون ۽ ولهارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +ڪينجهر ساڳي ڪَڇُ به ساڳيو، سهڻي ساڳي مَڇُ به ساڳيو، +دريا ۾ ڌڌڪار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +اڄ به پيهر واڙ ٿو کائي، پرڏيهين سان پريت نڀائي، +پنهنجن جا پِرڪار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +اڄ ڀي جيڪا ڪاڪ ڪڪوري، ڇال ڏيئي ڪا ايندي ڇوري، +سوڍا سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +بيڪس، بيوس ڪيئي نياڻيون، ڪوٽ ڪڙولن ۾ قيدياڻيون، +عمرن جا آزار اڃا ڀي ساڳي�� ڙي! +بي ڏوهين سان سو ڏهه لاڳو، چور ڇُٽي ويو ڀاڳيو قابو، +صالح صوبيدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +ڍول به ساڳيا، ڍٽ به ساڳيا، موکيءَ مَڌُ جا مَٽَ به ساڳيا، +روز ظلم ۽ سيني زوري، رشو تخوري کير ڪٽوري +ڪامورن ڪردار اڃان ڀي ساڳياڙي +ڍول به ساڳيا، ڍٽ به ساڳيا، موکيءَ مَڌُ جا مَٽَ به ساڳيا، +متارا ۽ مارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +واٽن تي سو وار وڇايل، من جا موتي گهايل گهايل، +وک وک تي سو وارَ اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +جيڪو شاهه جي وائي ڳائي، لولي جيجل جي ورجائي، +تنهن تي پهريدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +ڀٽ ڌڻي ۽ بيدل ساڳيا، سامي، بيڪس، سچل ساڳيا، +واين جا وينجهار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +امن و امان جو ڍنگ رچائي، جڳ جي اک ۾ سرمون پائي، +مظلومن تي وار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +سَچُ اڃا پيو سوريءَ لڙڪي، ڪڙڪا ڪوڙ پيو ٿو ڪڙڪي، ڇ +عدل جا ٺيڪيدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +ڇال ڏئي اڄ ڇاڳيا ڇورا، ڪوٽ ڪندا سي ڀورا ڀورا، + + +سورهيه سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +سورهيه سڀ لاڳاپا لاهي، ڪُڏي پيا اڄ پڙ ۾ ڪاهي، +هوشوءَ جا حبدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +دور ته مشڪل آهي گدائي، ويل ڏکي آ سر تي آئي، +چور ۽ چوڪيدار اڃا ڀي ساڳيا ڙي! +الطاف عباسي +صبح ويل – آلا نيڻ +ڌيءَ جي وهانءَ تي +هِن گهر جي هر شيءِ تنهنجي آ +پر هي تنهنجو ئي گهر تنهنجو ناهي، +هو ڌاريون گهر تنهنجو آهي، +هِن گهر کان هُن گهر تائين جو رستو آهي +تنهن تي گل وڇايل آهن +قدم قدم تي تنهنجي آجيان ٿيندي +ارڙهن ورهيه وساري ڇڏجان +رکجان ياد اڄوڪي رات +رات اڄوڪي تنهنجي مماتي +رات اڄوڪي تنهنجي حياتي +رات اڄوڪي تنهنجو ڀاڳ +رات اڄوڪي تنهنجو ماڳ +هِن گهر جا در توتي بند نه ٿيندا +هِن گهر کي ڪي ڪلف نه لڳندا +سڀئي ٻانهون تو لئي کليل رهنديون +پر او منهنجي ڌي! +هُن گهر کان هِن گهر تائين جو رستو آهي +تنهن تي ڪيئي چنهبيارا پٿر آهن +اِن رستي تي ڪنڊا آهن +اِن رستي تي اٺ ئي پهر رهي ٿي آس +اِن رستي تي قدم قدم تي لڳندئي ڏنگ +اِن رستي کي پار ڪرڻ ناممڪن آ. +ٽه- واٽي تي +هيءَ همدردي +پيار جو پهريون ڏاڪو آهي +يا ته محبت جي ماڙيءَ تي چوٽ چڙهي وڃ +يا ته هتان ئي موٽي وڃ +ديوي جي تون مڱيل آهين +جي تنهنجو نڪ ٽوپيل آهي +تنهنجو نازڪ هٿ +جي ڪنهن کُهري هٿ سان مليو آ +کِلندي روئندي جي تو دُهل ٻُڌو آهي +روئندي شرمائيندي +جي تو شرنائين جي گونج ٻُڌي آ +جي تو هڪڙي ڏينهن به پنهنجا هٿ رڱيا آهن +پوءِ تون هن رستي تي ڀُلجي آئي آهين +پنهنجو دڳ سنڀال! +منهنجو ڏيئو +مون جيڪو ڏيئو ٻاريو آ +سو طوفانن ۾ ڪيئن اُجهندو؟ +بندوق ڀڀڙ ڀڙڪائيندي +۽ ان جي جوت وڌائيندي +جي منهنجو رت ڦڙو نڪتو +سو اُن ۾ تيل بڻي ٻرندو +جي ديپ اُجهائڻ چاهين ٿو +ڪو سورج روشن ڪر ته مڃان! +اُڃايل ديوي +پيار لئي جيڪا پريشان آهه پاڻ +عشق جي ان جي اندر ۾ آهه کاڻ +اُن جي نس نس نينهن جي ڄڻ نهر آهه +ساهه اُن جو سڪ سندي ڪا لهر آهه +اُن جي من ۾ ميٺ جو مهراڻ آهه +سڪ جي سيني ۾ سندس سرهاڻ آهه +جا انڌيري ۾ گذاري زندگي +سا سراپا روشني ئي روشني +اُن جي پيشاني سدا چوڏهينءَ جو چنڊ +اُن جي هڪ هڪ ڳالهه اهڙي جيئن کنڊ +جوت اُن جي نانءُ کان جڳ کان ملي +اُن جي پاڇي کان به اونداهي ڀڄي +هوءَ جڏهن آهون ڀري دلگير ٿي +ٽيڙي مکڙين کي صبح جي هير ٿي +آهه پياسي سپ سا اُلفت جي پري +لال اوڳاڇي جا هڪڙي سُرڪ پي +هن جي نيڻن ۾ سدائين نير آهه +منهنجي خوابن جي مگر تقدير آهه +پيار جي جنهن کي ازل کان آهه پياس +مان رکان ٿو پريت جي اُن کان ئي آس +اهڙي ديوي جي وڃي مون کي ملي +اُن تان مان گهوري ڇڏيان هرڪا خوشي +آٿت +تنهنجي چهري تي اها مُر�� نه ڏسجي ٿي مِٺي +نور بدران ٿو وسي نير سندءِ نيڻن مان +جن سان ڏئي ٽهڪ اڳي مون کي خوشي ڏيندي هئين +اڄ ڇو نڪرن ٿا رڳو سُڏڪا انهن چپڙن مان +لڙڪ سونهن ته نه ٿا تنهنجي اکين ۾ ديوي +پوءِ به اڳ جيئن لڳين ٿي تون پياري دلڪش +تون ته هر حال ۾ هر روپ ۾ پياري ٿي لڳين +پر توکي کلندو ڏسڻ جي ئي رهي ٿي خواهش +تنهنجي ڳلڙن تي هي ڳاڙهاڻ ۽ پيلاڻ جو ميل +پنهنجي سنسار ۾ ڄڻ آهه شفق جهڙو سمان +پيار جي ديس ۾ ڄڻ اُڀري رهيو آهي سج +ريت جي رات جهڪي ٿي وئي محبت جي اڳيان +هن صبح ويل سندءِ نيڻ ڇو آلا آهن +هان، اچي آس جي هيءَ نرم ۽ نازڪ پوتي +پنهنجي ڳلڙن تان انهي ساڻ اُگهي ڇڏ ڳوڙها +ڇو ٿي بيڪار وڃائين اهي اڻلڀ موتي +تنهنجي معصوم اکين مان جي وهن ٿا ڳوڙها +مون کي ڏي پنهنجي ڳلن ساڻ لڳايان تن کي +تنهنجي سيني ۾ جي سورن جون سٽون ٿيون اُڀرن +مون کي ڏي پنهنجي اندر منجهه لڪايان تن کي. +وايون +جنهن کي سڪ سان سونهن سڏي سو واڪي ڪيئن نه وري +وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +قرب منجهان ڏئي ڪوٺ ڪنواري، مڌ سان نيڻ ڀري، +وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +لڇمي ديوي پينوءَ کي ڏي، پئسو سڏ ڪري، وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +ٺڪرائي ٺٺ ٺاٺ نماڻي، نوري نياز ڪري، +وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +ڇوريون ڇال ڏين واهڻ ۾، ڪنهن جي ڪيئن سري، +وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +ٻاٽ اوندهه ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ، جيئن ڪنهن جو ٻول ٻري، +وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +منڙو ماڳ رسڻ چاهي ٿو، ناهي پنڌ پري، +وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +دک کان دانهون ديس ڪري ميان، سُڏڪا سنڌ ڪري، +وڻجارو، واڪي ڪيئن نه وري. +ڪڻڪ ڪَڻي جي ڪاڻ ڪُسي هي آدم جو اولاد، +اَلا هي آدم جو اولاد. +ميڻ جياڻ هي ڪنئرو ڪنئرو، سخت جيئن فولاد، ههڙو هيڻو هاءِ هلائي، عرش مٿي ارشاد، ڀاءُ سڳي کي ڀاءُ ڪُهي پر، داد نه ڪو فرياد ٺاهي ڊاهي، ڊاهي ٺاهي خالق پاڻ جلاد جنگ جهيڙي ۾ اڳ کان اڳرو، امن سندو استاد هي دنيا جو ويري هن جي دم سان جڳ آباد. ---- +روشن منهنجي راهه، مون کي شهه ڪونه ڏئي اونداهه روشن منهنجي راهه. +سيني سيني منجهه سمايل، منهنجو پنهنجو ساهه، اکيون اوجاڳي کان ڍرڪيل، اندر ۾ اُتساهه دل ديواني من مستانو، چريو منهنجو چاهه. آشائن جا بادل برسن، گس گس پسجن گاهه هوشو، دودو، دريا خان سڀئي سندم همراهه منهنجو جذبو امرت جهڙو، سنڌڙي مرڻي ناهه. ---- +سونهن سهانو سپنو پنهنجو، پيار اڌورو بيت اَلا ماڳ اسان جو موت کان اڳتي، راهون ڪوسي ريت اَلا مان ڏيهين جي نظرن ۾ ائين، اک ۾ جيئن ڪا ڇيت اَلا منهنجي سنڌڙي ائين لڳي ڄڻ، ماڪڙ کاڌل کيت اَلا ---- +هاءِ حياتي ڪاڪ محل، +مومل منهنجو ماڳ ميان. +مون ۾ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪائي، آءٌ ته هڪڙو ٿانءٌ ڀڳل، مومل منهنجو ماڳ ميان. اهو ڪڪر به ڀلارو، جنهن ۾، چوڏهينءَ وارو چنڊ لِڪل، مومل منهنجو ماڳ ميان. منهنجو سينو ڳاڙهو ڳاڙهو، منهنجا هٿ رت ساڻ رڱيل، مومل منهنجو ماڳ ميان. کوٽيان ويٺو قبرون جن ۾، منهنجون خوشيون دفنايل، مومل منهنجو ماڳ ميان. +غزل +جنهن سان ويهي اوريم اورَ تنهن کي ڀي هو ساڳيو غم. جنهن ڀي مون کان مُرڪَ مڱي، تنهن کان لُڙڪ کسي ورتم. سُمهي ڪَنڊن جي سيج مٿان، سهڻا سرها خواب ڏٺم. رهبر هان نه مون کي رول، مس مس ڳولي راهه لڌم. ڏس ته حياتي تنهنجي لاءِ، ڪيڏا ڪيڏا سورَ سٺم. جنهن کان مٺڙو درد مليو، تنهن کي گيڙو گيت ڏنم. اوندهه ساڻ ڀريل جڳ کي، جيءُ جلائي جوت ڏنم، لکندم جيڪي چاهيندم، منهنجي هٿ وس آهه قلم. +فاصلو +مون چيو: +”ربل جي پٽڙين وانگر +اسان همسفر آهيون +ساٿي آهيون +سدا گڏ هلون +پر +ڪڏهن نه ملون.“ +تو چيو: +”ريل جي پٽڙين کي +سدائين ساڳي وٿيءَ تي هلڻ گهرجي +اهي +جيڪڏهن ملنديون +يا +فاصلا گهٽائينديون +يا +وڌائينديون +ته +وڏا حادثا ٿي پوندا.“ +ٽيڙو +لنوي پيو ڪانءُ +ايندينءَ +ٻولي پيو هيانءُ. +مور اُڏامي ويو، +ويڳاڻو +منهنجو باغ ٿيو. +فون جي گهنٽي ٻُريم، +سُڃاتل آواز +ڪن ٺري پيم. +ڪوئل جو آواز +مُکڙيءَ جهڙو منهن +پوءِ ڀي ايڏو نياز. +نيڻ جهڙو نار +ڀري +نينهن وٽيون پيار. +پاڻيءَ جو وارو +پُٺا اُگهاڙا +پوي پيو پارو. +ٽئڪس ڪريو معاف +پوءِ +ڪيو هاف هاف +ڏينهن سارو ڏُک +رات روئي ٻارڙا +مارين پنهنجي بُک. +بٽئيءَ واري ڏينهن +وڏيرو +ڦوڪجي ٿيو شينهن. +سونا ڳهه پائي +ڇڏيهءِ +سندن سونهن وڌائي. +اوندهه جا سَوَ تهه +تروري هڪڙي اڳيان +کائي ويا شهه. +نيڻ نسوري جوت +هن اونداهي من ۾ +ڪجهه ته ڪرڻا اوت. +طوفان +چنڊ جي اُڀرڻ کان اڳ، +هڪ ڪڪر اُڀ تي هيو، +جوت کي جنهن چنڊ جي، +چند گهڙين لئي ڍڪيو. +اوچتو طوفان اُٿيو، +جنهن سان گم ٿي ويو ڪڪر، +ڇانئجي وئي روشني، +جڳ ڪيو روشن قمر. +امن لاءِ +مون تي تلوار اُڀي ڪرڻ کان اڳ سوچين ها! +مون کي ڀي جيئرو رهڻ جي آ تمنا تو جيئن، منهنجي سيني ۾ به آ ساهه جيئن توکي آهه، منهنجي رڳ رڳ ۾ به انسان جو رت آهه روان، منهنجي هڏ هڏ تي به ماس آهه جيئن توکي آهه. +مون کي حق آهه ته مان جان بچايان پنهنجي، جنگ جي مون کي به همت آ جيئن توکي آهه، تون ته زور آهين مگر مان به ته هيڻو ناهيان، منهنجي ٻانهن ۾ به طاقت آ جيئن توکي آهه. +ٻئي ڦٽباسين اگر هيئن مقابل ٿياسين، ماس جي منهنجو ڪَٽبو، تو مان به ڪجهه رت وهندو، منهنجي جي ٻانهن ڀڳي، تنهنجي ڪا آڱر ئي سهي، چؤ وڙهڻ ۾ ڀلا ڇيهي کان بچي ڪو سگهبو؟ +ڀاءُ! اچ صلح ڪريون، سُک سان رهون، اڳتي وڌون، اها تلوار ڀڃي ڀوري ڪري ڇڏ پرزا، نه ئي تون مون کي ستائج نه مون کان ڪؤ کائج، نه مان ڀوڳيان نه ئي تون هيءَ حياتيءَ جي سزا. +مون تي تلوار اُڀي ڪرڻ کان اڳ سوچين ها! +لاٽونئڙو +(ٻاراڻو گيت) +آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون، ڀاءُ، گهڙي کن دل وندرايون. +منهنجو لاٽون سُهڻو سُهڻو، رنگا رنگي ۽ من مُهڻو، ڪاريگر ڪيئن آهي ٺاهيو، واهه جو رنگ سان رنگ ملايو! +آءُ ته هن سان روح ريجهايون، آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون. +آيس پَٽ جي ڏور وٽائي، ڳاڙها ڦُندڻ ان ۾ ملائي، ويڙهي زور سان پٽ تي هڻندس، پوءِ گهڙي کن ساهه به کڻندو، +ڪڍندو هٿ تي هو ڪتڪايون، آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون. +هٿ تي کڻندس هيٺ نه ڊهندو، ڦرندو ڦرندو ساندهه رهندو، ٿڪجي پوندو گوهيون هڻندو، نوڙي جهٽ پٽ هٿ تي کڻندس، +بيهڻ جون واريندو وايون، آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون. +تون به کڻي اچ لاٽون ڏور، پوءِ پُڄايون ڪنهن جو زور، لاٽون آهي سهڻو منهنجو، ناهي هن کان بهتر تنهنجو! +ڇو نه ڀلا پوءِ شرط پُڄايون، آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون. + + +شاعري +(پياري الطاف جو مڙهه جڏهن مقام ڏانهن نيو پئي ويو ــــــ ۽ مڙهه تي جڏهن ساڻيهه جي سرُهي مِٽي پاتي پئي ويئي، تڏهن تنوير لارون لارون لڙُڪ به لاڙي رهيو هو ـــــ ۽ شاهه جا هي بيت به سُڏڪي رهيو هو: +مون اَڀي تَڙَ وَٽ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا، ڪا مُنهِين ۾ گَهٽ، نات سَڄَڻَ سٻَاجها گهڻو. +مون اَڀي تَڙَ هيٺ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا، ڪا مُنهِين ۾ ڏيٺ، ناتَ سَڄَڻڻَ سٻاجها گهڻو، +مون اَڀي تَڙَ جهَلَ، پِرِيَن پَڳَهَه ڇوڙئا، ڪا مُنهِين ۾ اَلَ، ناتَ سَڄَڻڻَ سٻاجها گهڻو، +جندڙي کيل تماشو، +پاڻيءَ منجهه پتاشو! +تهمينه مفتي +ڪال گڏيوسون ڪاپڙي... +اهو لازمي نه آهي ته هر فنڪار هڪ عظيم مفڪر به هجي ۽ معاشري جو منطقي ۽ مثبت (Positive) تخيل به پيش ڪري سگهي؛ پر جيڪڏهن هو معاشري جي منفي (Negative) پهلو جي عڪاسي ڪري سگهي ۽ پڙهندڙ ۾ ان جي هر بُرائيءَ لاءِ نفرت پيدا ڪري سگهي، ته هن جو رول به گهٽ نه آهي ۽ هن جي فن کي به پاينده اهميت آهي. مغرب جي حقيقت پسند مڪتبي (Realist School of Litreture) اهڙي حقيقت پسند فن جي تخليق ڪئي آهي. ان مڪتبي ۾ ڊڪنز (Dickens) ايملي زولا (Emile Zola) وغيره اچي وڃن ٿا ۽ برصغير جي شاعريءَ ۾ ”نظير“ اڪبر آباديءَ کي اهو فخر حاصل آهي. مان فخر سان چوان ٿو ته اسان جي ”گدائيءَ“ ۾ معاشي حقيقت ايترو ته جرڪي رهي آهي جو ڪنهن به جوهريءَ جي جهول کي مات ڏيئي سگهي ٿي. ”گدائي“، ”بيوس“ جو همعصر آهي... ”گدائي“ جي شعور ۾ جو سماج جو آدرش آهي، اهو ”بيوس“ ۾ به نه آهي. هن جو مجموعو هڪ جراح جي ميز آهي جنهن تي ماحول جو ناسور زده عضوو عضوو پکڙيو پيو آهي. هن جو ڪلام ڪاٿي وڏيرڪي رنگ ڍنگ، ڊيل، ڊول ۽ رعب تاب جو ڪارٽون آهي ته ڪاٿي هن جي هر سٽ ٿري ناٽ ٿري جي گولي آهي، جا هن دٻڙدونس ۽ ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول کي دون ۾ لڳي ٿي. ”گدائي“ جنهن دور جي پيدائش آهي تنهن ۾ سياست جي اهميت جذباتي نعره زنيءَ کان زياده نه هئي ۽ ان دور ۾ ايترو تاريخ ۽ سياست جو شعور، جيترو ”گدائي“ ۾ ملي ٿو، وڏي غيمت آهي. شال هن کي اڃا به عمر درازا ملي. هن کان پوءِ شاهه ڀٽائي صاحب جي اها سٽ بي اختيار زبان تي اچي ويندي. +ڪال گڏيوسون ڪاپڙي، بابو بان بري +جي اوهان به مون وانگر ڪنڪر هٽائي هيرا ڏسندءُ، ته اوهان کي يقين ٿي ويندو ته ”گدائيءَ“ جو ڪلام اسان جي ادبي ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي. +شيخ اياز +(”ساڻيهه جا سُور“ جي پيش لفظ تان“) +شيخ اياز +جهُڙ ۾ جهيڻي باهڙي +(شيخ اياز جي اڻڇپيل مجموعي ”لٿو سج لڪن ۾“ مان ڪجهه وايون ”مهراڻ“ 1-2/1976 ۽ 1-2/1977ع ۾ ڇپجي چڪيون آهن. هن پرچي ۾ پڙهندڙن آڏو ڪجهه وڌيڪ وايون پيش ڪري رهيا آهيون.) +ووڙيندي مون واٽ، +لٿو سج لڪن ۾. +ڇپر منجهه ڇُپي ويا، اوٺين اوچا ڳاٽ، +لٿو سج لڪن ۾. +ڪيڏو اُهکو پنڌ هو، نه ڪا ڇانوَ نه ڇاٽ! +لٿو سج لڪن ۾. +اونداهي ۽ اوجهرو، رهتوُ جيئڻ جاٽ، +لٿو سج لڪن ۾. +ڪامَ نه ڪرهي مار، موتي منجهه مهارَ، +جنهن کي پنهونءَ پوئيا. +ڳولي ڀنءِ ڀنڀور جي، جنهن جي نيڻ نهار، +ڪام نه ڪرهي مار. +ٽليون ٽؤنرن سان ميان، جن ۾ پنڌِ پڪار، +ڪام نه ڪرهي مار. +گونجَ ٻڌين ٿو گيت جي، جئن ڪا ڪونجِ اُڏار! +ڪام نه ڪرهي مار. +جهيڻي آڱارين، +ڪيسين سيڪيان هٿڙا. +ڇو هئن پياليءَ پئٽ جا، +ڏيئا ٿو ٻارين. +منهنجيءَ اُڃ اُساٽ کي، +َرڪِي جيئارين. +واري جيئڻ جا جهلا، +مون کي ٿو مارين. +او شل سرچي سِڪ سان، +پرچِي پيئارين! +۽ پو اوتَ اُلاوَ جي، +مٽيءَ تي هاريَن؟ +سانجهيءَ سِجّ ٻُڏو، +رِڻ ۾ پئي راتڙي. +ڪُڻڪي اڄ نه ڪونجڙين، هَنيو روههَ ٿُڏو! +رِڻ ۾ پئي راتڙي. +تاري ٽِمڪو ناهه ڪو، سارو اُڀ ڀُڏو، +رِڻ ۾ پئي راتڙي. +ها پر مون ساٿارو، متان لَڪ لڏو، +رِڻ ۾ پئي راتڙي. +تن، کي چئو ايترو، ”ڪرها! گهٽ ڪُڏو!“ +رِڻ ۾ پئي راتڙي. +ڪٿي رات پئي، رُڳو روههَ رَئِي، +نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو! +کِنوڻ کجي اُڀ ۾، ڪاريءَ کِپ وئي، +نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو! +جهُڙ ۾ جهيڻيءَ باهه جئن، ڪُوڪَر ڪونج ڪئي، +نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو! +چَپ سِلايَئه اوچتو، مون کي چنگ ڏئي، +نه ڪو پڳُ نه پهيئڙو! +واڪا ڪري واءُ، ڪيڏو تتيءَ تاءُ، +ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا. +اهڙي سُڃ اپار ۾، ڪهڙو ساٿَ سماءُ، +ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا. +پنهنجن پيرن جو پيو، ڇرڪائي پڙلاءُ، +ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا. +ماڳَ نه ڀيڙو ڀاڳ کي، لنءَ لنءَ پو به لڳاءُ، +ڪيڏا ڪوسا ��َڪرا. +آءٌ اَساهو، ڌِير ڏي، مون کي ڌرتي ماءُ، +ڪيڏا ڪوسا ڪَڪرا. +ڪَڪَر، جهُڙ ڪارو، +ليڙا ماندا لَڪّ م. +اکين کان اوجهل ٿيو، پُنهونءَ پنارو، +ليڙا ماندا لَڪّ م. +ڪَهندي اڄ مون سوچيو، ڪهڙو ڪوهيارو! ڇ +ليڙا ماندا لَڪّ م. ڇ +لَڪن لڙڪان ڪيترو، اوڙهي انڌارو، ڇ +ليڙا ماندا لَڪّ م. +نه مون لاٽ لِلاٽ ۾، نه تون ڪو تارو، +ليڙا ماندا لَڪّ م. +ڀُنءِ ڀاري، گهرُ ڏور، +ڪَرها آرها پنڌ ۾. +مون کي منهنجي جيئري، ملڻو ناهين مُورِ، +ڪَرها آرها پنڌ ۾. +پوءِ به ڦُلن ڇانوَ آ، پرين تنهنجو پُورِ، +ڪَرها آرها پنڌ ۾. +لَنءَ ۾ مون نه لکائيو، تتيءَ ڏينهن تنورِ، +ڪَرها آرها پنڌ ۾. +شال نه لڱِي لنوَ ٿئي، لِڱ ته ٿيا چُور، +ڪَرها آرها پنڌ ۾. +اُڏِرُ، اڙي او ڪانگ، +نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين. +تون ڇا ڄاڻي بانورا، اڄ ڪلهه سڄڻ سانگ، +نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين. +سُرمو سُڪو اکڙئين، مُگرا سُڪا مانگ، +نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين. +رڻَ ۾ روجههَ ڇُپي ويا، ڏئي ڇوههَ ڇلانگ، +نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين. +آءٌ به پوان آهلي، سُڻي سانجهيءَ بانگ، ڇڇ +نرڄا، ڇا لئه ٿو لنوين. +بُٺِي مون نه سُهاءِ، +مون پڄاڻان سپرين. +جي چاهين، مون جيئري، آءُ اچي ڳر لاءِ، +مون پڄاڻان سپرين. +مون کان پوءِ آئين ته ڇا، بيوس نه بهلاءِ، +مون پڄاڻان سپرين. +ڌَرتيءَ مَٿّ ڌُتارَ ٿِي، هَٿين هيٺ سماءِ، +مون پڄاڻان سپرين. +مون جي گَجرا پوئيا، مُنهنجي هٿان پاءِ، +مون پڄاڻان سپرين. +او شل هوت اچن، +اکيون جن جي آسري. +هُو جي ڳاڙهيون لُونگيون، ڪُلهن مٿي ڪن، +اکيون جن جي آسري. +جن لئه مُنهنجا ٻول جئن، گربيون ساڻ گُلن +اکيون جن جي آسري. +جن وٽ منهنجون ڳالهڙيون، جئن ڦُل ڦاڳ ڦُلن، +اکيون جن جي آسري. +جن سان منهنجو نينهن جئن، سانوڻ مينهن وسن، +اکيون جن جي آسري. + + +تُنهنجي تاتِ تڳاءُ، +تنهنجي توههَ جيئان پيو. +مون کان پو منهنجا پرين، سَڏّ نه هوندو ساءُ، +تنهنجي توههَ جيئان پيو. +پنڌُ تڪيندو پيرڙا، واڪا ڪندو واءُ، +تنهنجي توههَ جيئان پيو. +لَڪن ۾ پيو لڙڪندو، مُنهنجو لونءَ لڳاءُ، +تنهنجي توههَ جيئان پيو. +ڪهڙيءَ پَر ايندين پرين، ڪنهن کي سُڌِ سَماءُ؟ +تنهنجي توههَ جيئان پيو. +تُنهنجيءَ جوڙَ جهلڪ +موهَن، مون مَن موهيو. +مون ۾ ور وَر وسوسا، پيارَ نه ڪائي پَڪّ. +مون من ڪامَهه ويڙهيو، ٻاهَر جهولا جهَڪّ. +پَٽ پَٽيهر ٿي ويا، مون لئه تِرڇا لَڪّ. +کوڙَ کٿُوريءَ تون ميان، وِرچي ناسَ نه نڪّ. +ڏُکّ به ڏاڙهونءَ گُلڙا، ڌَڪّ به ڪهڙا ڌڪّ! +مون ۾ سَڀّ کان اڳُ ۾، تُنهنجي مينهَن مَهڪّ. +او شل اچين اوچتو، واريءَ ڦُلن اَڪّ! +صدين کان سرچي وڃي، منهنجو پَلُ پَلڪُ. +سروپچندر شاد +چئني پاسي ٿيو چٽاڻو +ڪنهن جو وهيو آ رت، الاڙي، +چئني پاسي ٿيو چٽاڻو! +ڪنهن جو روز آتو مڌ ماتو سج ڪري سواگت، الاڙي، +چئني پاسي ٿيو چٽاڻو. +ڪنهن جا ڳيت ڳائي وڻ وڻ ٿو، پريت ڳائي پريت، الاڙي، +چئني پاسي ٿيو چٽاڻو. +واٽ واٽ تي واس گلن جو، وک وک تي امرت، الاڙي، +چئني پاسي ٿيو چٽاڻو. +سرويچن جا سر هٿن ۾، اَڏيءَ سان اُلفت، الاڙي، +چئني پاسي ٿيو چٽاڻو. +ڳڀرو گهاءُ گلابي چاهن، مورک چاهن مت، الاڙي، +چئني پاسي ٿيو چٽاڻو. +تاج جويو +ٽنڪا (Tanka) +ٽِم ٽِم ٽِم آڪاش- +ماڻهوءَ جو وچ روڊ تي +رَتَ ۾ لت پت لاشُ! +کولي پيو ڪو کيسن کي، +ڳولا ۾ آ پئسن جي. +---- +پورهيت منهنجا ڀاءُ! +سينو چيري ڌرتيءَ جو، +تنهنجو هٿُ- ڇُهاءُ، +پيٽُ ڀري ٿو بستيءَ جو- +مَٽُ نه تنهنجيءَ هستيءَ جو. +---- +موتين- مالهائون، +ڳوڙها ڳوڙها ڳل تي، +انڊلٺ ريکائون- +هنج لٿا ڄڻ تل تي، +اُ��ري اُجري جَل تي. +منهنجا گيت گلاب +او جل جر سمان، سپنو منهنجي سوچ جو! جنهن ۾ جيئڻ جوت آ، آزاديءَ ايمان، +سپنو منهنجي سوچ جو! +مارڳ ۾ وڙهندي مران، منهنجو موت مهان، +سپنو منهنجي سوچ جو! +آزاديءَ جي آس ريءَ، مور نه مان انسان، +سپنو منهنجي سوچ جو! +پورهيت- پگهر واسئان، منهنجا گيت گلاب، +سارو لوڪ سڳنڌيو! +آهه صحيفو سونهن جو، ماڻهوءَ مک ڪتاب! +منهنجا گيت گلاب +انسانيت جي عشق جو، نيارو آهه، نصاب! +منهنجا گيت گلاب +ڌرتيءَ سينڌ- سنوار ريءَ، ساريون سوچون خواب! منهنجا گيت گلاب +خاڪي جويو +وائي +پيرين پنڌَ وسار، اکين جي آڌار، +پئج پرينءَ جي پيچري. +آڏو لَڪَ اُڀا ٿيا، ٽاڪي تن کي ٽار، +پئج پرينءَ جي پيچري. +ترهو وڏيءَ تار مان، پنهنجو پار اُڪار، +پئج پرينءَ جي پيچري. +کاهوڙين جي کوج جا، ”خاڪي“ خيال نه کار، +پئج پرينءَ جي پيچري. +ذوالفقار سيال +سهس صديون اڳ +پيلو وڻُ هيم +هاڻي پنهنجي جُوڻ مٽائي +ماڻهو ٿيان هان +پر منهنجي اندر +رنگ اڃا آ ساڳو +گؤنچ گلن مان +رت ٺهيو آ +پوءِ به پنهنجي چهري تي +پيلو رنگ سجائي +(بنا ڪنهن چاهنا جي) +ورجايان ٿو +پنهنجي ئي تاريخ. +ابراهيم اسير ملاح +منهنجي دلڙي مينهن جي ڦڙي +سمنڊ کان رٺل آسمان کان ٽٽل بي يار و مددگار نه هن پار نه هُن پار +تپي تنور جيئن ساريم سور تيئن دردن جا داستان دل اندر مهمان +درياهه جو نه نڀايو هوا ٿي اُڏي ويس نه ڪي آڪاس اٽڪايو ڪڻي ٿي ڪري پيس +جهڙ سندي سوغات ڦُڙيءَ جي ڇا بات ائين ئي الا الا اسير جي آ ڏات. +منهنجي دلڙي مينهن جي ڦڙي. +بشير سيتائي +ڏينڀوءَ وارا ڏنگ (ٽيڙو) +ڀري اندر ۾ آڳ، ڏات نڪتي ڏيهه ۾ ڇوري ٿي ڇڙواڳ. +ڪاري رات اُماس، وينگس وچ بازار ويچي ون ۽ واس. +گهر ڇڏي کر ساڻ، گاڏڙ ساڏڙ ٿي وئي اونداهي چانڊاڻ. +اڄ وري ڄاتم، جيون جو جنسار پاڇا ۽ پونم. +هي ڪوڙا ليکا، ڪنهن جي هٿ ۾ ٻئي جي ناهي ليک ريکا. +اَلا! اُگهاڙا انگ، ڪير سهي نه ته جان تي ڏينڀوءَ وارا ڏنگ. +ڪلهه جا ڪهڙا پار، اڄ به پڇ ته ڪيئن لُٽي سونهن نگر جي نار. +ج. ع. منگهاڻي +پرهه به ڦٽندي، صبح به ٿيندو +جوتيون ٻاري، اوندهه ٽاري، سپون موتين ڀرڙيون آڻي، هارينداسين ڍِڳ ڪناري، سندر سپنو سچو ٿيندو، +پرهه به ڦُٽندي، صبح به ٿيندو. +سانجهي ايندي، وينديون راتيون، باک ڦٽيءَ جو رم جهم رم جهم، وسنديون خوشين جون برساتيون، جيءُ به مُرڪي جهول جهليندو، +پرهه به ڦُٽندي، صبح به ٿيندو. +جوت جرڪندي جڳ سمورو، ٻهڪي ٻهڪي ٻهڪي اُٿندو، هاڻ نه رهندو خواب اَڌورو، ماڳ پيو هيڻن کي سڏيندو، +پرهه به ڦُٽندي، صبح به ٿيندو. +وائي +ويٺي ويٺي هنج ۾، ماڳ پيو گهرين، +ڪو جي ديد ڌرين! +وک کڻي هڪڙي، پٺتي پيو ورين، ماڳ ايندو تو ڳري،سوچي ئي ٺرين، ڏاڍي جي اڳيان ڏري، سيس ٿو ڌرين، +ڪو جي ديد ڌرين! راشد مورائي +نظم +ڇيڙين ٿو جي ديواني کي، دل جا درد ٻڌي سگهندين تون؟ +ڇو پنهنجو آرام ڦٽايئي، ديواني سان جو ڳالهايئي. آڌي رات لڙي وئي آهي، ڇو هيئن ننڊ تڙي وئي آهي. تون دانا ۽ مان ديوانو، ماٺ رهڻ ڏي من مستانو. پٿر ڇو ٿو اُڇلائين، سمنڊ رهڻ ڏي ماٺو سائين. ماٺ! متان ڪا وير چڙهي پئي، ۽ ڪنهن جو احساس لڙهي پئي. بس! متان برسات وسي پئي، هانءُ ڦِسي پئي، اکُ پُسي پئي. قيام ٿيندي لڙڪ لڙي پيا، جي، ڳوڙها ٽي چار ڳڙي پيا. ياد وري ڪا تازي ٿيندي، کٽيل، کٽجي بازي ويندي. دل تي مس قابو پيو آهيان، چاڪ رهڻ ٿو هاڻي چاهيان. دور غمن کان گهاريان ويٺو، اوٺارن کي ٺاريان ويٺو. توکي آ لاچار به ڪهڙو، چرين لئه ويچار به ڪهڙو! سور سُتا جاڳائين ڇو ٿو، ڇُٽندڙ ڦٽُ چِڪائين ڇو ٿو. مِروان موت، شڪار مَلوڪان، رحم ڪري ڏس حال غريبان. ڪنهن جي دل تي درد وڌي ڇو، هيئن ڏک ۾ ڪو ڪنهن کي ڏڌي ڇو. هيءَ جا پرده پوشي آهي، بهتر سا خاموشي آهي. +ڇيڙين ٿو جي ديواني کي، دل جا درد ٻڌي سگهندين تون؟ +ادل سومرو +ڌرتيءَ تي دوزخ +جڏهن جڏهن ڀي +گندي پاڻيءَ جي دٻن ڀر تان +جهريل جهوپن ڀرسان +اچي لنگهين ٿو ٿڪ اُڇلين ٿو +ڌڪار مان تون ناسن تي رومال رکين ٿو +ڪرڀ منجهان تون منهن ۾ سونڊ وجهين ٿو +چوين ٿو: +”هي گندا ۽ جهريل جهوپا +سندر سماج جي چهري تي +ڪارنهن جو ڄڻ ٽڪو آهن +۽ رهواسي +هيچ نيچ ۽ جاهل آهن +انهن جهوپن ۾ رهندڙ ماڻهن +ڪنهن جي جوت اُجهائي ڪونهي +ڪنهن جي لڄ کڻائي ڪونهي +انهن ويچارن سادن ماڻهن +جيڪو ٽاڻو ٽاريو آهي +گوندر منجهه گذاريو آهي +سور سهن ٿا ماٺ رهن ٿا +روز مرن ٿا روز جيئن ٿا +ساري ڏينهن جا ڏنڀ سهن ٿا +اُڀ ۾ تارا روشن ڏسندي +ليڙون ليڙون جهول جهلن ٿا +چنڊ ڪري ٿو تن تي چٿرون +تارا ٽهه ٽهه ٽهڪ ڏين ٿا +۽ پوءِ دوزخ جهڙي ڌرتيءَ تي +ساڳو ڏک جو ڏينهن تپي ٿو +سورن جو سج اُڀري ٿو. +امرتا بيدل +ساري گهر ۾ +ديپ جلائي +پاڻ سجائي +تلڪ لڳائي +گجرا پائي +جوڀن جوت جلائي +توکي مست بڻائڻ ڪارڻ +تنهنجي دل وندرائڻ ڪارڻ +توکي پائڻ، ماڻڻ ڪارڻ +تنهنجي سڀني ڳالهين آڏو +مون پنهنجو ڪنڌ جهڪايو آهي +جندڙيءَ ڪجهه سمجهايو آهي +تنهنجي ڪارڻ +جيءُ جرڪائي +ويٺي آهيان +پر تون راڻا +ڪٺور ڪيڏو +هڪ ڀيرو جئن +رُسي ويو آن +موٽي مور نه آيو آهين +هاڻ هلي آ سائين، +ڏس مون ڪيڏا سانگ رچائي +توکي ساجن ساريو آهي +دل جو ديپ جلايو آهي. +* +تون نه ايندين +ته ڇا +تو ٿي سمجهيو +ته مان +تو سوا +ڪيئن رهنديس جدا +پر مون +ڳالهيون پياريون +من ئي من ۾ +دٻائي ڇڏيون هن +۽ ڪن کي +اجايو سڏي +وساري ڇڏيو +۽ اهو +شام جو گڏ گهمڻ +۽ راتيون سڄيون +جاڳندي ڪاٽيل +بڻجي ڪارا ڪڪر +وسي ۽ گجي +نيٺ اُڏري ويا +ڄڻ ڪوئي +غم نه هو +ڄڻ ٿيو +ڪجهه نه هو +آءٌ زندهه آهيان +ڏس جيئان ٿي اڃا +تون نه ايندين +ته ڇا +تو ٿي سمجهيو +ته مان +تو سوا +ڪيئن رهنديس جدا. +رسول ميمڻ +رَت جي ريٽي رُت ۾ +ڳاڙهي رَت جي ريٽي رُت ۾، ٿو سجُ سنجها جو ايئن لڳي، ڏينهن دسي ڏاڍ سان، جيئن رات جو حبشي ڪنڌ ڪپي. آ لانگ ورائي سانت سوار ۽ هيٺان اُڀ جو سينو آ، آ ڪيڏي مونجهه انڌيرن ۾، هر تارو ڄڻ ته پسينو آ. چنڊ کي هر هر ڏنگ هڻي ٿي، رات جي نانگڻ زهر ڀري، ۽ زهر جهڙي چانڊوڪيءَ ۾، اُڀ مان ٿو چنڊ ڏاڪ ڪري. آ جيئن وسيهر ڇپ هنئي، ائين ڪاري رات جو سايو آ، چنڊ ٿڌو هيڊو ۽ هاريل، سورج پاڻ ڏنگايو آ. هن بيٺل رات جي پاڻيءَ تي، آ سانت جو سَينوَر ڪيڏو ڪنو، ڪنهن وقت کي آهي واڍ وڌي ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهُٽو ڏنو. هر سورج هِتڙي سنجها جو ٿو، اُڀ ۾ پنهنجو رتُ رَلائي، ۽ پنهنجي بچيل پيلاڻ کڻي، ٿو انڌيارن ۾ چنڊ سڏائي. هر ٿڪل ٽُٽل پيلو چنڊ، هت روپ لُٽائي ويندو آ، پر ڍرڪي ڍرڪي مقتل ڏي، ڪا باک ڦُٽائي ويندو آ. +دوري +ڏوران ڏوران چنڊ ڏسي، جاڳي پيو هو من جو مور، ڀڙڪي کائي پوءِ اُڏاميون، هاءِ اسان جو من چڪور. تارن ۾ سو ترندو ويو، ڦڙ ڦڙُ پرڙا ماري من، سڀ ستارا سانت هيا ۽ ڪونه چُريو ٿي ڪوئي پن. اِئين انڌيارن ۾ اُڏري اُڏري، چندرما کي ويجهو پائي، وڃي ڪريو هو اونڌي منهن، هو سڀ پنهنجا کنڀ کوهائي. هُن پنهنجا آلا نيڻ کڻي، پوءِ سهڪي سهڪي سوچيو هو، ڇا چنڊ رڳو ئي ڇائي آ؟ هن انڌيارن لئي لوچيو هو. ٿي ڌرتيءَ تان ائين چنڊ ڏٺو، جيئن سانوڻ ۾ ڪنهن مور ڪُٺو، يا وسڪاري ۾ وري پيو هو، روئندي ڪنهن جو يار رُٺو. هُت جهوني بڙ جي ڏارن مان، پيو پورنماسي ائين پسي، ڪارونجهر تي مور نچي ۽ سانوڻ جو جيئن مينهن وسي. ائين آڌيءَ ويلي چندرما، جيئن اُڀ ۾ گينڊا گُل ڦُٽن، ڇا چانڊوڪيءَ جي پت جهڙ هئي، ڄڻ رم جهم پيلا پن ڇڻن. ائين ڏوران ڏور چنڊ ڏسي، ڇا من اسان جو هرکيو هو، ۽ چانڊوڪيءَ جي زلفن تي، پوءِ هٿ اسان جو ترڪيو هو. ائين چندرما تي رئندي رئندي، ڏوران هن ٻيو چنڊ ڏٺو، هئي لاٽون لاٽون ماکيءَ ڌارا، هن جو ٿي ويو وات مٺو. سو چنڊ نه هو، سا ڌرتي هئي، پئي چندرما تان ائين ڏٺي، ڪو چپڙا پنهنجا گول ڪري، ڏي اُڀ کي آڌيءَ ويل مٺي. ڇا ڪونئرا ڪونئرا بادل ها، ڄڻ ململ جو گهونگهٽ هيو، ڪا ننگي چيلهه ڪلالڻ جي، ان تي مڌ جو مٽ هيو. ڇا ڪرڻا ڪرڻا زلف هيا ۽ مهڪيو تن ۾ موتيو هو، يا اُجرو اُجرو کير مٿان، ڄڻ ٿڻ کولي ڪنهن اوتيو هو. ٿي ڌرتيءَ تان ائين چنڊ ڏٺو، جيئن ڪنهن جي ويهون سال وهي، ٿي ڌرتي چنڊ تان ائين ڏٺي، جيئن سونهن سموري هوءَ هئي. آ دوري ڪيڏي سونهن الا! ٿي ڪوڙ کي ڪيڏو روپ ڏئي، آ ويجهو هر شيءِ واري واري، هير لڳڻ سان ڌوڙ اُڏي. +ڪوئي ڳائي ٽيڙو +چپ چپن سان جَڙ، +پوءِ به سانت ۾- +سمايل هوندي رَڙ. +پائي ڪپڙا گيڙو، +بنسيءَ جي ڌُن ۾- +ڪوئي ڳائي ٽيڙو +وسيهر جي لات، +ننڊ پيو آ جوڳي- +چوڌر چپ چپات. +تنهنجي مُرڪ، +ڄڻ دل جو ڪوئي چير- +۽ کنڊ جي ٻُرڪ. +چوڌاري سانت، +ڄڻ پڪاريو هيم توکي- +پڙاڏا ڀانت ڀانت. +رات ڏٺو مون خواب، +ماڻهوءَ آڏو پئي وڄائي- +هڪڙي رڍ رباب. +سارنگ ابڙو +شهر سڄي جي فوٽ پاٿن تي +اڌ اُگهاڙا +بنا غسل +بنا ڪفن جي +بنا قبرن جي +جيئرا لاش پيا آهن +هرڪو ايندڙ ويندڙ +لاش ڏسي ٿو +ٿورو ڪنبي ٿو +ٿورو سوچي ٿو +اڳتي وڌي ٿو +۽ پوءِ ٻيهر +گم ٿئي ٿو +ساڳن ڪوڙن سپنن ۾- +* +اڃا ياد آهن مون کي اهي ڏينهڙا +جڏهن تون +من ڪناري ويهي +سِرير جي سانت ساگر ۾ +پريت جا پٿر اُڇلائيندو هئين +۽ لهرن جي لئي تي لالڻ! +گيت گلابي ڳائيندو هئين +اڃا ياد آهن مون کي اهي ڏينهڙا +- پر ڏس، تو بِن سانول +ڪيڏي آهي اُداسي ڇانيل +تو بِن ڪو ڀي ناهي جيڪو +سِرير جي سانت ساگر ۾ +پريت جا پٿر اُڇلائي +من جي ماٺيڻين موجن ۾ +محبت جي مستي مچائي +۽ لهرن جي لئي تي +گيت گلابي ڳائي. +ايس. نسرين +وقت جي هر آهٽ تي +لڳي ٿو ڄڻ +هزارين لمحا +لتاڙجن ٿا +دل جي هر پُڪار تي +ائين ڀاسيم ڄڻ +ساري هستي +ساڙيل وستي +اندر جي هرهڪ آهه تي +لڙڪ سوين اکڙين ۾ +هرڪو لڙڪ اَمُلهه +لڙي ته ڪوڏيءَ جو نه رهي +نه لڙي +ته دل جو رَتُ پئي. +سور سرير منجهه گهڻان گهڻان ڪنهن کي ڪين ٿي وڻان وڻان. سورن جا سيني آکيرا، نيڻ کلي ڪيئن کڻان کڻان. فڪر فراق ساهه سُڪايو، ورهه ڪيڙيس ڪڻان ڪڻان. لوڪ سڄي جا طعنا مهڻا، هئه هئه هٿڙا هڻان هڻان. ڇا لئي هار سينگار ڪريان، پنَ ڇَڻ ۾ ٿي ڇڻان ڇڻان. +برڪت بلوچ +رات لڙي وئي آ +رات لڙي وئي آ، هاڻ ڪوبه نه ايندو، لاٽ وسائي ڇڏ، +رات لڙي وئي آ. +اُداس ڇو جيئڙو ٿي، ڪنهن جو اوسيئڙو ٿي، ڪيسين ڪو جاڳندو- اُٿ کڙڪي ڏئي آ، +رات لڙي وئي آ. +ڪو به نه ايندءِ، ڪوبه نه پڇندءِ، ڪو به نه توکي پرچائيندو، ڪنهن کي ڪاڻ پئي آ، +رات لڙي وئي آ. + + +نظم +دنيا شيشي جو گهر، جيڏانهن نهاريون، +آرسيون ئي آرسيون. +ڪهڙا آهن تارا، ڪهڙا آهن جلوا، +روشنيون ئي روشنيون. +درياءَ کير ڌارا جو وهي، ڇوليون روشنيون پئي هڻي، تارا ٽولڙيون، +ڇوڪريون ئي ڇوڪريون. +شاعر ڄڻ ته ڪنڀار +سونهن سمائي اندر ۾، هانءُ سندم هٻڪار. +سُرها سُرها ساهه کڻان، رابيل ڄڻ روح ۾- ٽانگر ٽؤنرن سان ٽٻٽار، +هانءُ سندم هٻڪار، سونهن سمائي اندر ۾. +ڳاڙها تلڪ، ڪجليون اکيون، انڊلٺ ڄڻ آڪاس منجهه- چٽائي ڪئي چترڪار، +هانءُ سندم هٻڪار، سونهن سمائي اندر ۾. +سوچن جي چڪ مان، ڪڍي ٿو گيت نوان- شاعر ڄڻ ته ڪنڀار، +هانءُ سندو هٻڪار، سونهن سمائي اندر ۾. +منظور قريشي +هڪ ميرانجهڙي سانجهيءَ جو +هڪ ميرانجهيءَ سانجهيءَ جو +هوا جي پورالن جهوٽن ۾ +مينديءَ جي ڀني خوشبوءِ هئي +۽ تون +مينهن وساڙي جهڙو +پيشانيءَ تي تلڪ لڳائي +ڇم ڇم ڇم ڇم ڇيريندي ڇير +ڦول سجائي وارن ۾ +سنڌيا کي ڀيٽ ڏيڻ لاءِ +گل کڻي، ديپ جلائي +نديءَ ڪناري آئي هئينءَ +۽ مون +گيت گلابي ڳائيندي +لهرين مان ليئا پائيندي +ناءُ کي تنهنجي ويجهو آندو +ڇر جا ڇنڊا اُڇلائيندي! +تنهنجو ديپ اُجهايو هو. +هڪ ميرانجهڙي سانجهيءَ جو! +دوها +مند به بدلي، واءُ به بدليو، هاءِ وسي ويا مينهن، جڳ جي ساري ريت مٽي، پر مٽيا نه پنهنجا ڏينهن. +آءُ اڱڻ اڄ پير گهمائي، کولي پنهنجا وار، من ٿو چاهي بادل بڻجان، ورسايان اشعار. +لهر لهر پئي پريت پڪاري، هوريان ونجهه هلاءِ، گيتن جي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، منهنجو ساجن ڳاءِ. +ڪنول لوهاڻو +راڳي +هي ڪير ڪمهلو ڳائي ٿو! هت ماڻهو گونگا ٻوڙا ڙي، هت ڀينگ سمورا ڀونگا ڙي؛ هي ڪهڙي جوت جلائي ٿو؟ هيءَ اڻکُٽ ڪاري رات اُماس، آ چنڊ ستارن کي بنواسَ، هي واٽن ليءِ واجهائي ٿو! هن جوءِ جا جوڳي روڳي ڙي، ڪن ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺوڳي ڙي؛ هي بن بن بين وڄائي ٿو! او راڳي، تنهنجا راڳ امر، بيت امر تنهنجا ڀاڳ امر؛ تنهنجو ڪيڏارو من ڀائي ٿو! +سٽ +جئن: +بوند ندي +پل جُڳ +تئن: +مون به سمايون +هڪڙيءَ سٽ ۾ +سڀ سَرهايون! +ٽُڪرا ٽُڪرا ٽِڪ +ٽاڪ منجهند جو ڪنواري ڇوري +ٽڪ ٻڌي ٿي ٽڪ ۾ جانچي +ڇاتيءَ تان ڪجهه ڪپڙو سيري +جوڀن کي ٿي لڪ ۾ جانچي +ٽڪ جي آڏو بيٺي بيٺي +شام ٿئي ٿي، چمڪن ٿا تارا +رات لڙي ٿي +چنڊ چچرجي ٿو +ٽڪرا ٽڪرا ٽِڪ ٿئي ٿي +لڙڪن سان گڏ +تارو تارو ڇڄي پوي ٿو! +راهي چنا +سڏ +هُو ڏس +هُو ڏس +مُنهن مُنهن مشعل +هَٿ هَٿ پَٿر +گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ +هوڪا واڪا. +اچو اچو، ها- اچو اچو +مشعل مان ٻي مشعل ٻاريُون +سورج کي رستو ڏيکاريوُن. +ٽيڙو +جيون جوڙي جوٽَ، +صبح سانجهيءَ- +سڄي کٻي موٽَ. +شهناز ميمڻ +نظم +جڳن کان +مون سوچيو هو، +مون چاهيو هو، +مان تنهنجي آس ٿيان +جيئن تون منهنجي آس آهين. +جڳ گذري ويا، +پر مان- +اڄ به ان آس جيان، +نراس نه آهيان. +عثمان ميمڻ +رات اُجالي چوڏهينءَ جو چنڊ +آءٌ اڪيلو +نديءَ ڪنارو +پورالو من، سوچان ويٺو: +هيڏي جيون ساگر مان +مون جي موتي ميڙيا آهن +موتين جو ڪو ملهه به آهي! +مون کان موتي وٺندو ڪير؟ +منهنجو پنهنجو ٿيندو ڪير؟ +ها پر شايد: +ڪو ڀي ناهي، ڪو ڀي ناهي. +رات اُجالي چوڏهينءَ جو چنڊ +آءٌ اڪيلو +نديءَ ڪنارو +پورالو من، سوچان ويٺو: +چنڊ الائي ڇو ٿو چمڪي! +ڪنهن جي ڪاڻ ورهائي ويٺو هيڏو نور؟ +ڪنهن ته پرين کي ڳولي ٿو +پنهنجون راتيون روئي ٿو. +ها پر ان جي ريت اها آ +صدين کان هي اُڀري ٿو +اُڀري ٿو ۽ اُلهي ٿو +ڪنهن ته پرينءَ کي ڳولي ٿو +ڪنهن لئه راتيون رولي ٿو +ها پر شايد: +ڪو ڀي ناهي، ڪو ڀي ناهي. +رات اُجالي چوڏهينءَ جو چنڊ +آءٌ اڪيلو +نديءَ ڪنارو +پورالو من، سوچان ٿو +منهنجي من ۾ آخر ڇاهي؟ +مايوسيءَ جون غارون آهن +(ڏيل به ڏارون ڏارون آهن) +غارن ۾ اونداهي آهي +اوندهه ۾ خاموشي آهي +خاموشيءَ ۾ آخر ڇاهي؟ +ها پر شايد +ڪو ڀي ناهي، ڪو ڀي ناهي. +آثار آرائين +ڏات +جڏهن سمهي ٿو لوڪ لڪاءُ +منهنجي +چَپ چَپ تي +ڳَلَ ڳَلَ تي +اَکِ اکِ ۾ +رڳَ رڳَ ۾ +تار تار ۾ +صدين کان ننڊ پيل- پنڊ پهڻ ”هوءَ“ +ڪرَ موڙي ٿي جاڳي! +پٿر ٿي ويا نيڻ ٻئي +ته ٽئين اک جاڳي +اُن جي اوسيئڙي ۾ +جنهن کي اوهين نٿا ڏسو! +عنايت ميمڻ +غزل +لک کڻي ڪو لالچ ڏي پر، ڌرتيءَ کان ڪا دوري ناهي. ڪنهن سان ڀاڳ جي بازي ڪهڙي، هرڪا نينگر نوري ناهي. ڌرتيءَ جو آ بار اسان تي، ٻن مڻن جي ٻوري ناهي. قلم جو ملهه ڪيو ٿا ڪنهن لئه، سورنهن سالي ڇوري ناهي. +ناگپال +مورکتا +اُداس آڪاش +وياڪل فضا +سرءُ جا پيلا پن +۽ ڪوئل جا ورلاپ +او وڇڙيل وڃايل پرين +من ٿو چئيم ته +ڪائنات سميٽي +توکي ڳوليان +جي نه ته +تيلي هڻي ڀنڀٽ ڀڙڪايان +کلندي هنبوڇيون هڻندي +ٽپي پوان +۽ ڪائنات سان گڏ +توکي ۽ پاڻ کي +رک ڪري ڇڏيان +جيئن وري نه وڇڙون +۽ خدا به +جي چاهي ته +جدا ڪري نه سگهي. +جيون +جيون وِههُ جو ڍُڪ +پيئڻو آ +مري جي ۽ جي مري +به ته رهڻو آ +هي جيون جو هيڏو جنسار +هي آشائن جو سنسار +کِلي روئي ۽ روئي کِلي +جيتي هارائي بهِ +نه ڇڏڻو آ +ڇو ته +حياتي پنهنجي حرفتن سان +دک درد +ايذاءُ عذاب +پيڙا ۽ پڇتاءُ سميت +جيئن لائق آهي. +محمد يعقوب آريسر +سانيٽ +سانوڻ آيو بوند وسي ٿي، سَرهيون ٿيئڙيون سايون ٽاريون، ڊيل ٽلي تڙڪول پريان ٿي، گوڇارن ۾ مور نچن ٿا، ڪارَ اُتر جي پاسي ڏسجي، ڀَرجي گَرجي مينهن وسن ٿا، ٻُور ڪنڊن جو ڀورو ڀورو، پيرُن سان جهِم کاريون ڄاريون. +جهوپي جهوپي گيت ٻُرن ٿا، ساري ڏيهه ڏياٽيون ٻاريون، ڪونڀٽ جي وڻ گونچ ڪڍيا ۽، ساوا ٿي پيا روهيڙا، ٿر جي ڌرتي ائين لڳي جيئن، تنهنجو منهن ۽ موهيڙا، واءُ وري پيو واهوندن جو، آءُ پريتم گڏجي گهاريون. +سَرليون سَرليون ڪڙڪُون ڪُڻڪن، جهڙيون تنهنجون پرين پچارون، جهنگ سڄي ۾ چنگ وڄن ٿا، بوڙينڊن جون مٺڙيون ٻوليون، مُرڪي مُرڪي چنچل ڇوريون، ڌاڃورن تي پير رکن ٿيون، سانوڻ آيو ياد اچي وئين، لوڪ سڻي پيو منهنجون ڪارون. +من ۾ موج مچي وئي آهي، ڇاتيءَ منجهه ڇُلن ٿيون ڇوليون، او پرڏيهي مند وري آ، آ ته ڪري ڪي آس آلوليون. +اڪبر سومرو +ٽيڙو +هيڪل وياڪل +ماڻهن جي هن ميڙَ ۾ +منهنجو من پاڳل. +ڪيڏو آهين ڏور +هاڻ ته اچ سائين +ڇَڻي رهيو آ ٻُور. +رَتَ جي لامَ +ڏينهن جا پويان پساههُ +ويڳاڻي ڪا شامَ. +جهونو سُڪل بَڙ +چيري ويئي ماٺ کي +ڪنهن چٻري جي رَڙُ. +واجد +ڪنواري سوچ +گذريل سورهن سالن کان +منهنجي هردي ۾ هڪڙي +ننڍڙي خواهش +پلجندي رهي آهي +سورهن سال لڳاتار +سوچيندو رهيو آهيان +جيڪر رات جو دير اچڻ تي +مون تي ڪائي ڪامڻي +ناراض ٿئي +نيڻن ۾ شوخي آڻي +ڪوڙي سوڙي ڪاوڙ جوڙي +ائين نهاري گهُوري +ڄڻ ڄاڻ وڙهي +۽ آءٌ سندس گلابي مُک ۾ +پيار ۽ هلڪي ڊپ وچان +تڪيندو ئي رهجي وڃان +تنهن وير سندس +چنڊ جهڙي سهڻي چهري تي +هارجي پون ڪيئي مڻ مُرڪن جا +۽ سندس تاڻيل ڀروؤن +پهرينءَ جي اڻلکي چنڊ جيان +خوشين جو سنيهو بڻجي +منهنجو روح ڇَڏن ريجهائي! +احمد خان ملڪاڻي +شام جا گهنڊ +وڄندا آهن جڏهن +هن زندان جي برجن تي +۽ سج ڪنهن اونداهي +غار جي اونهاين ۾ +غرق ٿيندو +ويندو آهي جڏهن +ايندو اٿم ياد تڏهن +ته آهي اشارو اهو +انت جو +موت جهڙي سانت جو! +اطهر منگي +غزالا رفيق جي دل ٽُٽڻ تي +دل ڪعبو آ، +دل ديول آ، +دل مندر آ، +دل آ ڪليسا- +جنهن ۾ ٿئي ٿي، +پيار جي پوڄا- +ڪنهن جي +دل کي +جهوريون جهورِن +ڳڻتيون ڳارِن +ڪنهن جي +دل کي +سونهن سَنواري +پيار، جيئاري +ڪنهن جي ميڻ کان ڀي نرم +ٿئي ٿي دل +ڪنهن جي +دل ٿئي +شيشي جهڙي +اُجري اُجري +نازڪ نازڪ +صاف شفاف +ٿوريءَ چوٽ تي +ڀڄي ڀري پئي +پرزا ٿي پئي! +ڀرم +نفرت +نفرت +نفرت آهي +مون کي اهڙي جيون کان +نفرت آهي +جنهن منجهه نه چاهيندي ڀي +اهڙن ماڻهن ساڻ +ڪرڻي ٿي ڏند ٽيڙ پوي +جن سان روح جو رشتو ناهي +جن سان من جو ناتو ناهي +دل ديول ۾ جن جي ��ائي +مورت ڪانه سمايل آهي +نفرت +نفرت +نفرت آهي +مون کي اهڙي جيون کان! +اياز گل +غزل +توسان نيهن نيارا ٿي پيا، ڏينهن ته مرڪڻ وارا ٿي پيا. چاهت اهڙو رنگ رچايو، چهرا چنڊ، ستارا ٿي پيا. تنهنجو من ئي منزل منهنجي، اکڙيون اکڙيون چارا ٿي پيا. توکي دوست ڪيوسين دلبر، دشمن دنيا وارا ٿي پيا. ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو، ڇاکئون ٽوهه ڪسارا پيا. يادون، سپنا، خط اوهان جا، جيئڻ ڪاڻ سهارا ٿي پيا. ڏورانهين ڪنهن ڏيهه وڃن پيا، خيال ڀي وڻجارا ٿي پيا. ڪن جن راتيون روشن هونديون، پنهنجا ڏينهن به ڪارا ٿي پيا. مرڪي مرڪي ڏک ڏسياسي، ٻڌندڙ روئڻهارا ٿي پيا. جيڪي ”گل“ ڌڪاريا دنيا، سي ئي توکي پيارا ٿي پيا. +ترائيل +چُپُ چَپن تان سانت سَڳي جا، ٽاڪا ٽوڙيو يار! من ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيت ٻُڌڻ جي لاءِ، گوندر گهايل ڌرتيءَ کان منهن ائين نه موڙيو يار! چُپُ چَپن تان سانت سَڳي جا، تاڪا ٽوڙيو يار! تارڻ بدران ٻيڙي هٿ سان، ڇو ٿا ٻوڙيو يار! سور رهيو آ ڪهڙو باقي، هاڻ سهڻ جي لاءِ، چُپَ چَپن تان سانت سڳي جا، ٽانڪا ٽوڙيو يار! من ڪيڏو نه لُڇي ڦٿڪي ٿو، گيت ٻُڌڻ جي لاءِ. +مختيار ملڪ +ٽنڪا (Tanka) +رڙي ڪنهن جو ننگ، +پاپيءَ جي ڪنهن نذر ڪيو؛ +ننگو سارو انگ. +جيون ڪنهن جو زهر ڪيو، +هي ڇا ٿا پيا قهر ڪيو! +واءُ ٿي ڇاڻيا گُلَ +پکڙيل ميڙن پنکڙيون +ٻارن ۾ پيا هُلَ +سونهن سڳنڌ جون ڇوليون +ڀٽڪن ڀونئرن ٽوليون. +تصويرون (هائيڪا) +چمپا چنبيلي رابيلَ، +ڇڻن ڦول ڇٻر تي؛ +اُڏرن ٿا هر ويلَ! +سنجها ٽاڻي ڪير، +مون وٽ آهي ڇڏي ويو؛ +لفظن جو هڪ ڍير! +ڪاڳر هي ڪورا، +لٽيو منهنجا لفظ ٿا؛ +وڃن هر ويرا! +لفظن نٿا لکجن، +چٽڻ جي ٿو چاهيان؛ +خيال نٿا چٽجن! +پيءُ وڃي بازار، +گڏجي هلڻ جي لاءِ؛ +ضد ڪري ٿو ٻار! +رحيم بخش قمر +مون کي رب جي نانءُ +موڪل ڏي ملير وڃان. +وسندي مينهن ملير ۾، +عمر، ڄايس آنءُ. +لِڱ هتي بند لوههَ ۾، +هُتي ٿيئڙو هانءُ. +وُٺا مينهن ملير تي، +ٺريو دل جو ٿانءُ. +”قمر“ ٿئي شل کيت سان، +ويڙهين منجهه وهانءُ. +غلام نبي عاقل +والي وطن تي وار، +ويڙهيچن جي وياءَ کي؛ +بند ۾ بکون ڪاٽيان، +پئي جا آءٌ پنهوار. +ڏونئرن ڪاڻ ڏيهاڙيون، +سُڏڪان ٿي سنگهار. +مهيءَ لَپ ملير جي، +پرور پاڪ پيارِ. +اَڇا ڪئن ٿي اوڍيان، +ڌَڻ جي آءٌ ڌنارِ، +”عاقل کي الله تون، +ملڪ انهيءَ ۾ مارِ. +محمد عثمان سولنگي +هوت هليا هنگلاج، پنهنجو پنهنجو پنڌ پُڇائي. +راتو رات رمي ويا، ڇڏي رسم رواج. مُڃَ ڪري ويا من کي، تَنُ ڪري تاراج. ”عثمان“ هليا اڌ رات جو، سوري سامي ساج. +هوت هليا هنگلاج، پنهنجو پنهنجو پنڌ پُڇائي. +نيڀراج صوفي +ڀيڄ ڀيڄ +ڀر ڀٽن جي ڇڏ ڀري، ولهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ، ڀر وسي تڙڪول ڀر، گوڇار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +وس وڄوٽي وس ٻه واٽي، لڪ گاڏيجي ڀر سڄو، کيٽ کوهر ويئرون هر گهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +مٺڙيو ني ڪيرٽي تون تڙ مٺي راجا ڀري، ڀالوا ۽ ڏيپلو لکميار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +پار برهم کان وٺي تون لڳ امر جي ڪوٽ سان، ڇار نوري ڇاڇري نوتيار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +ٿر وسي ۽ ڪس وسي، جي گان امولک رو وسي، آب ڇيڪو ڪوٽ تيئن چيلهار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +تون ڪڪر هين ڪرم رو جي هون تنا ٿو اوڙکان، ڏيس مان جو هي اُڃون گوڌيار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +حب لياري نئين مليري، گاج ۽ هنگول سڀ، تار بارڻ ٿي وهي مُنهنبار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +کير ٿر سارو سري، ڪرچات سوڌو پٻ سنگهر، لس وسي لاهوت ۾ لک بار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +ڪيچ ۽ مڪران، سرحد ڏس بلوچن جي وسي، لاڙ ڪاڇي تي وسي ڪهسار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +سنڌ لئي ”صوفي“ چوي وس ٿي سڪاري تون سڄڻ، سبز ڪر ساڻيهه جي سهڪار تي وس ڀيڄ ڀيڄ. +”منصور“ ويراڳي +زندهه باد +مٺڙي وطن جا گلشن، گلزار زندهه باد، گل ڦل چمن رڳو ڇا، خس خار زندهه باد. +آهي وطن جي گلشن جو حُسن لازوال، قدرت ڪيو آ بيشڪ ان کي عطا ڪمال، جُڳ جُڳ ٿو جَڳ ۾ جرڪي جلوو سندس جمال، ساڻيهه جي سجاوٽ، سينگار زندهه باد. +ساڻيهه ۾ سدا ٿو، سارنگ رنگ لائي، والي ڪري وڏا وڙ، وهواهه وس وسائي، پورب پڇم ٿو پلپل خوشين جا ڳيچ ڳائي؛ برڪت جي بوندڙين جي وسڪار زندهه باد. +ساوڪ ڀريون هي پوکون، سانگين لئه نيڻ ٺار، سنهڙا هي سنگ سهڻا، هيئين جو هار يار، ٻلهار ٻار ٻڍڙا، تن تان ته وار وار؛ مارن جو هيءُ ملير ۽، ملهار زندهه باد. +مهراڻ جون هي موجون، من مست ڪن مدام، ساگر جي ڇوٽ ڇولين ۾ پرت جو پيام، ڪنٺن تي گاهه ٻوٽا، وڻ ٽن به عام جام، وڻراهه هي وطن جي وڻڪار زندهه باد. +جهنگل ۾ پيچرا ڄڻ ڪتيون ۽ ڪهڪشان، کَٻڙن ۾ کُڙکُٻيتا، تارن جي ڪاروان، خيما اچي هنيا هن ڌرتيءَ تي آسمان؛ جبار جون هي جوڙون جنسار زندهه باد. +دودي جي دل هتي ڏس، هوشوءَ جو حشمتون، سهڻيءَ جي سوز مستي، مارئيءَ جون جرئتون، جهڪيل انهن جي آڏو، دنيا جون قوتون، مانجهي مٿير مٺڙا، منٺار زندهه باد. +ساٿي سٻاجهڙا سڀ، ساڻيهه لئه سهاڳ، ڏونگر کي ڏوري ڏينهان، راتيون رهن سجاڳ، سجدي ۾ سر جهڪائي، واليءَ سان ڪن وهاڳ؛ جهر جهنگ ۾ تنين جي، جهونگار زندهه باد. +جيسين جهان ۾ اُڀرن، شمس و قمر ستارا، تيسين رهن هي قائم، نرمل نوان نظارا، گل پوش واديون ۽ چشما چمن پيارا؛ قدرت سندي عطا جا، اسرار زندهه باد. +شل ديس جي جُواڻي، ماڻي سدا بهار، هر روح کي منجهانئس، راحت رسي قرار، بلبل به مٺڙا نغما، ڳائي هي بار بار: ”منصور“ جا هي قومي، اشعار زندهه باد. +مير محمد پيرزادو +ان- داتا +انّ جو داڻو: +هار ۾ ڪڏهين پوئبو ناهي، +ڇو ته اهو ڪو موتي ناهي! +پوءِ به ڪيئي هار ڇڏي، +سورنهن ئي سينگار ڇڏي، +انّ ڪڻي جي ڪڍ او سائين، +ڀڄبو آهي! +انّ جو داڻو: +اک مان ڳاڙيل، +ڪوسو کارو ڳوڙهو ناهي! +جو جذبن جا جولان کڻي، +۽ سورن جا سامان کڻي، +سَوَ دليون گهائي ويندو آهي! +پوءِ به ڪيئي لڙڪ لتاڙي، +پرهه- ڦُٽيءَ کان پوياڙيءَ تائين، +بکيا ڏکيا جيئرا لاشا، +پنهنجو من گنوائن ٿا، +۽ پوءِ انّ اُپائن ٿا، +انّ ڪڻي تان پاپ ٿين ٿا، +انّ ڪڻي تان پيار ٿين ٿا، +انّ ڪڻي تي دنيا قائم، +اِن سان ئي وهنوار هلن ٿا. +انّ ڪڻي سان اڄ جا رشتا ناتا، +ٺهن ڊهن ٿا، +ڊهن ٺهن ٿا! +هرهڪ دل تي انّ ڪڻي جو راڄ هلي ٿو؛ +اِن تي ئي سنسار پلي ٿو. +انّ جو داڻو: +ڄڻ ته سڄي مانڊاڻ منڊيل جي ڪُنجي آهي! +پر جو اِيءَ ڪُنجي ٿو ٺاهي، +ريٽو رت ٻنين ۾ هاري؛ +تنهن جي عيوض انّ اُپائي، +اڄ به اڳي جئن ننگو آهي! +اڄ جو ماڻهو ان مٿان ته عاشق آهي، +پر جو انّ کي انُ بنائي، +تنهن کي جيئڻ حق نه آهي. +پوءِ به هو پيو ان اُپائي! +پوءِ به هو پيو ان اُپائي! +نثار بزمي +ڪتبو +نثار بزمي ولد محمد حسن جوڻيجو +جنم: 13-6-1924ع +موت:....................... +خدا جو بندو سڄي حياتي غمن ۾ گهاري +سَٺيڪو ورهين جي عمر ۾ ٿي خدا +کي پيارو ٿي ويو ويچارو +مٽيءَ جي هيٺان دٻيو پيو آ +غريب شاعر +عجيب شاعر! +درخواست +جناب والا! +اسان جو هڪ عرض آهي سائين! +اُميد آهي ته اگهجي ويندو: +ته سائين منهنجا، +نثار بزمي ولد محمد حسن جوڻيجو +اديب، عالم، عوامي شاعر +اسان جي لئي ٿيو عذاب آهي +گهمي ٿو ڇاتيءَ کي تاڻي ائين ڄڻ نواب آهي +اسان جي ڳالهين جا شعر ٺاهي لکي پنن تي ڇپائيندو آ +اسان کي رسوا ڪرڻ جي ڪارڻ +نشي ۾ هردم رهي ٿو غافل +ڪڏهن ته مرڪي به ڏسندو آهي +ڪڏهن ته گاريون به ڏيندو آهي +ويو آ بگڙي مزاج هن جو +اکيون ڪڍي ٿو اچي سڀن ڏي +وجهي نه ڪوئي خنام ٻاري +کڻي ڪو پٿر وجهي نه ڪوئي غريب ماري +انهيءَ چرئي کي وجهڻ کپي ڪاٺ ۾ اي صاحب! +خدا جي ناالي +اسان کي هڪڙي مَٿي ڦِرئي کان بچايو +سائين! +عزيز مهراڻوي +اُهو ڏينهن +منهنجو +آخري ڏينهن هوندو +جنهن ڏينهن +اِهو اڌورو احساس +ويڙهي ول وانگر +منهنجي وجود کي +گهيري ويو ته +هاڻي جيئڻ لئه +ڪو ڪارڻ ناهي رهيو- +سچ ته +مون کي +ان ڏينهن جو +ايترو انتظار آهي +جيترو +شاڪيه مني جي مورتيءَ اڳيان +گيان ۾ وهنتل +وئشيا کي +نجات جو- +جڏهن ته +آءٌ ڄاڻان ٿو +مون کي نجات به ناهي ملڻي +پوءِ به +هي هٿ اکر +ثابتيءَ طور +رڪارڊ تي رهن +”پنهنجي وهايل رت جو جوابدار آءٌ پاڻ آهيان“ +تنوير عباسي +منهنجي اک ۾ سج جو تيک +شرم ٻوٽي ڇهڻ ساڻ ڪومائجي توکي هٿ لايان ٿو تون ٽِڙي ٿي پوين مان ڪو مضراب آهيان ۽ تون ساز ڄڻ جو ڇُهڻ ساڻ يڪدم ڇِڙي ٿي پوين. هير جان ننڊ مان توکي جاڳيان ٿو ۽ تون مکڙيءَ وانگر ٽِڙي ٿي پوين سِج جي روشنيءَ جو جهٽي اولڙو چوڏهين چنڊ وانگر کِڙي ٿي پوين. +ٽيڙو +چهرو ڪاوڙيل، +۽ ڪالر تي ڪوٽ جي- +کلندڙ گُلّ لڳل. + + +هيءَ حياتي +رات +ڪنهن جي تات ناهي +وقت خالي ٿانءُ ناهي +ذهن ڪوئي نانءُ ناهي +هيءَ حياتي پوءِ به ڇاهي؟ +ڪجهه ته آهي +ڪجهه ته آهي. +منهنجي اک ۾ سج جو تيک +مان ڪو ڪورو ڪاڳر ناهيان جنهن تي چاهيندين جو لکندين ٻار جي ڦَرهي ناهيان جنهن کي ميٽيندين ۽ لکندو رهندين اڻ ڊهندڙ تحرير مان آهيان ۽ پنهنجي تقدير مان آهيان مان آهيان هڪ ازلي ليکُ منهنجي اک ۾ سج جو تيکُ. الطاف عباسي +وصيت +جي مران ڏيهه پُڄڻ کان اڳ ۾ +موت منهنجي تي ڪو ماتم نه ڪجو +سنڌ ليءِ ساهه کي سيني ۾ سانڍي ايندم +روح کي جسم مان نڪرڻ کان جهليندم ڏاڍو +موت کي منٿ ڪندم: +”ايترا سال ڇڏيو ٿئي جيئرو +هاڻ ڪجهه ترس ته ساڻيهه رسان.“ +منهنجي من جي اها منشا آهي +سنڌڙيءَ لاءِ مران +سنڌڙيءَ منجهه مران +سنڌ جي هنج ۾ ٻارن جيان مان ڪنڌ رکي ساهه ڏيان +۽ جي پوري ٿئي منشا منهنجي +لاش منهنجي کي دفن ڪين ڪجو +ساهه منهنجو آهي سنڌڙيءَ جي بِلي +پر مئل جسم به سنڌڙيءَ کي ڏنم +نيڻ منهنجا ڏجو ڪنهن انڌي کي +ايل ايم سي ڏي نِجو منهنجو لاش +مڙهه منهنجي کي ڪو چيري ڦاڙي +۽ ڏسي +منهنجي اندر ۾ ڪا سنڌڙيءَ جي به سڪ آهي يا +رڳو سڌڙيو آهيان +لاش منهنجي کي ڪو سنڌي چيري +۽ وڏو ويڄُ ٿئي +۽ وطن جا سوين بيمار صحتياب ڪري +۽ جي چاهيو ٿا قبر منهنجي اڏڻ +(توڙي اُن جو نه ڪوئي آهه ضرور) +سومري ڀاءُ جي ڀر ۾ ڪو منارو اڏجو +منهنجي جذبن جيڏو +پر انهن کان به اُچو! +تون ٿي چوين +مان پيڻ ڇڏي ڏيان! +ناممڪن +تيستائين +پيئندو رهندس +جيستائين +ڀريل آهن +تنهنجا نيڻ ڪٽورا! +تهمينه مفتي +تون ۽ مان +آد کان +هيڪلا هيڪلا +رڻ ۾ اُڃايل مورجان +رڙندا وتون. +تون ۽ مان +ڏکن سکن جا +گناهن ۽ ثوابن جا +کنيو لاشا +پنهنجي سوري پاڻ گِهليندا +زندگيءَ جي اڻ کُٽندڙ واٽ تي +هلندا ئي رهون ٿا +نه مرون ٿا نه جيئون ٿا! +نانگراڻي +ماٺار +ڌرتيءَ سان منهنجي صبر جي +ڀيٽ نه ڪيو—ڇو جو، +ڌرتي صبر ڪري ڪري +نيٺ ڦاٽي ٿي +اندر جي اُڌمن کي +اُلن جو روپ ڏئي ٿي +باهه ڪڍي ٿي +پر مان +اندران اندران کامان پڄران +ٻهران برف رهان! +شرجيل +ڪا خوشي آهي توکي +جو ويڙهجي سيڙهجي +پنهنجي خوبصورت هٿن ۾ +ڪو پيڪيٽ کڻي آئي آهين +ڏاڍي فارمل +۽ پرائي پرائي پئي لڳين +ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي +مان ساڳيو آهيان +رڳو وقت جا فاصلا آهن +ها، مان کاوان ٿو +تو پيڪيٽ کولي +چاڪليٽي ڪِريم لڳل +خوبصورت ڪيڪ رکيو آهي. +مون وٽ، +چاقو، ڇُري ۽ ڪانٽو ڪونهي. +ها، ترس— +مون وٽ، پينٽنگ نائيف گهڻا آهن. +پوءِ تنهنجي خوبصورت هٿن ۾ +پينٽنگ نائيف ڏسي +الائي ڇو +ائين محسوس ڪيم +ڄڻ تون +ڪنهن جو اندر چيري رهي آهين. +ڄڻ— +”گلن“ کان، +”ڪنڊن“ جو ڪم وٺي رهي آهين. +لکي سگهين ته لکجانءِ +جو تمام اڪيلو آهيان +پري ۽ پري تائين +ڪجهه ڪونهي +نه آواز— +نه جسم— +نڪو ٿڌي هير— +نڪو جهولا— +۽ مينهنُ— +اڪيلو آهيان ڏاڍو +لکي سگهين ته لکجانءِ. +نورالهديٰ شاهه +عبادت +ڏيئو جلائي ساري رات +گيان- ڌيان ۾ گم آئون +پئي نهاريان +تنهنجا نيڻ +جتان ڦٽندي پرڀات +منهنجي انگ انگ ۾ +جرڪن ٿيون +تنهنجن هٿن جيون ريکائون +۽، ماڪ ڦڙا +ائين ڀرجي آيا آهن +منهنجين نيرين نسن ۾ +جيئن- رت ڦُڙا +بند چپن ۾ +جهونگاريان پئي +تنهنجي نانءُ جا ستئي سُر +گيان- ڌيان ۾ گم آئون +پئي نهاريان +صدين کان +تنهنجن هٿن جيون ريکائون +جتان ڦٽندي پرڀات +ڏيئو جلائي ساري رات +گيان- ڌيان ۾ گم آئون— +سُرٻاٽ +ڪالهه اڃا +منهنجا هٿ جهلي پنهنجن هٿن ۾ +ٻئي چپ رکي ڇڏيا هيائين +منهنجين آڱرين تي +۽ چيو هئائين +ايترو نه لکندي ڪر— +جي اهي آڱريون به ٿڪجي پيون +ته ڪيئن اونداهين ۾ +منهنجو چهرو ڇهي ڏسنديئن +۽ ڪيئن آئون محسوس ڪندس +تنهنجين آڱرين جي مينديءَ جهڙي خوشبو +تون— +منهنجي چهري جي بيحد ويجهو +(ساهه کان به ويجهو) +پنهنجا چپ رکي، ڇو نٿي جهونگارين +اُهي سڀئي سِٽون +جيڪي تون لکڻ ٿي چاهين— +آدم جي نانءُ +هرڪا عورت +ناهي تنهنجي هم بستريءَ لاءِ +هر عورت جو بدن +ناهي خلقيو ويو +رت جي هڪڙي بوند لاءِ +جنهن مان تنهنجو نسل وڌي سگهي +هرڪا عورت اوچي برانڊ جي سگريٽ ناهي +جنهن کي تون ٻن چپن ۾ اٽڪائي سگهين +جنهن جو بدن +بکايل ڪُتي سمان +لوئين ۽ چيرين ڦاڙين +هڏ هڏ چٻاڙين +هوءَ دانگيءَ جي ڪارنهن به ناهي +جو پنهنجي ٻوٿ تي مَلين +۽ آرسيون سڀئي ڇڏين +ڀور ڀور ڪري. +حوا +منهنجي بدن تي +ايترا گهاءَ +جيترا آڪاس جا تارا +هر گهاءُ +من جي ڀيد کان به +گهرو- اُٿاهه +ڪيتريون +بي نانءُ ڪهاڻيون +بکايل ٻار سمان +چٽين ٿيون +منهنجي بدن جي پوترتا +منهنجين اڪيلائين جا ساٿي +رات جي گهور اونداهين ۾ +منهنجي بدن جا سڀئي ڦٽ چٽي +منهنجيءَ مُٺ ۾ ڇڏي +هر ڦٽ جو مُلهه +اونداهين ۾ گم ٿيو وڃن +نئين سج اُڀرڻ کان اڳ +آئون +آدم جي وندر جو +خوبصورت رانديڪو +آئون +حوا +ازل کان تنهاٰ! +سحر امداد +هن چيو هو: +”تون منهنجي راتين جو چنڊ +ڏينهن جو سورج آهن!“ +اڄ مان +پنهنجي اَڀاڳ جي اُونداهين ۾ +ٺوڪرن تي ٺوڪرون کائي رهي آهيان. +سنجوڳ +ماکيءَ لار جيان +نينهن ڳڙي پيو +اوسيئڙو +پل پل ڪوڪن جان +ماس ۾ +ٽُنبجي رهيو آهي +اسپيس- ايج +بس جي فوٽ بورڊ تي +هڪ هٿ سان لڙڪيل +جيون. +پوز +جيئن ”ٻيا“ چاهن +سانول سپرين ائين ئي گهاريون +ٽريڊيشنل جيون. +امداد حسيني +منهنجو سڄو ڪٽنب رهيل هو ٽِماڙ تي ۽ هيٺ آءٌ هيکلو ويرين جي ور چڙهيل ماڙيءَ مٿان اُگهاڙي مٿي ساڻ ڀينرون ڪَپجي وئي نهار—رڳون تاڻجي ويون ڌرتيءَ تي پير مون به کُپائي کڻي ڇڏيا ۽ دشمنن جي اک منجهان مون نه اک ڪڍي. +ڪارڻ اَڪارڻ +ماڻهو پهرين ڪارڻ ڳوليندا آهن +۽ اسان وٽ ڪوبه ڪارڻ ڪونهي +نه رئڻ جو +نه کلڻ جو +هلو سائين، +ته پوءِ اسان وٽ جيئڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ +ڪارڻ ضروري به آهي؟ +پر انهيءَ سوال جو ڪارڻ آهي؟ +اهڙو سوال جنهن جو ڪو جواب ناهي +سڏ آهي بنا پڙاڏي جي +پنڇي آهي اڪيلو ۽ اُداس +وشال نيلاڻ کان پري +جنهن جو ڪنهن وڻ تي آکيرو ناهي +ته سائين منهنجا، +توهان انهن ماڻهن وٽ وڃو +جن جي کيسي ۾ +چالو سڪا آهن +منهنجي م��ٺ ۾ +ڪجهه به ته ناهي +ليڪ به نه— +سٺو ٿيو جو مرڻ وارا مري ويا +ڪارڻ اَڪارڻ +بنا جواب طلبيءَ جي +ڪوڙي جيون سان سچا رهي +اُلهي ويا هُن پار. +منهنجي گگن نراڙ تان +سڀ ستارا کڙي ويا آهن +سائين، +توهان کي انهن ماڻهن وٽ وڃڻ گهرجي +جيڪي سورج ڪارو ڏسندا آهن +مٺڙا، ڀاءُ (اوري آءُ، +خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ) +مان ڪا موونگ چيئر ناهيان! +برسڻ بن بادل، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا. +پياسا ئي رهجي ويا، سڀ تَرايُون تَلَ. کوهر کنڊر ٿي ويا، پٿر ٿي پيا پَلَ. هر ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿان، کورن کاڻي کَلَ. هونئن ته ڪيڏي هيج مان، کاڌي انگ اُڇلَ. اڄ ته سجُ مٿي مٿان، پيرن ڌرُ تَتَلَ. ملير موٽي مارئي، آس اها اَڻجهَلَ. ڪيئن لنگهيا هوندا اَلا، پاڻياريءَ جا پَلَ. ويڙهه وڃان ته کڻي وڃان، لينگها لينگها ڳَلَ. +برسڻ بن بادل، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا. بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهڙالڙو. +مند به آ مٺڙي جيان، مند مٿي ڇا وس وو. جتي وسي ٿو مون پرين، اُتي وڃي تون وس وو. اکڙين بس ڪئي کڻي، بوندن ڪانهي بس وو. جهڙ هجي جاني هجي، پوءِ ته ڪانهي ڪس وو. +بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهڙالڙو. +اُهو ئي لوڪ +منهن موڪ +آتما تائين +جُڳن جي ڪارنهن مَليو +کوهن جهڙا وات پٽيو +اکر اکر ۾ زهر ڀري +ڄِڀَ ڄڀي ڪري +ٿوهر ٻانهون ڦهلايو +سايو هيڊيون ڳاڙهيون +سگنلز اکيون مِرڪايون +رستو روڪيو بيٺو آهي +او مرگهه نيڻي +او سورج ونسي +اُڀ ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ جيڪا ريکا آهي—ڏور +تنهنجي منهنجي نراڙ جي ريکا آهي +پٺيان نهارڻ سان +سڀ ڪجهه پنڊ پهڻ ٿي ويندو +ريک (ليک پيار جو) ڊهي ويندي +او جيڏي +او سرتي +پاڻ کي هلندو رهڻ گهرجي +هٿ ۾ هٿ پايو +اُن ريکا تي نيڻ کُپايو! +مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن اک ۾ رک ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو ۽ ترائيل لِکئي ڏينهن لنگهي ويا آهن مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن. +ڄڻ ته ٻيلي مان بُکيا شينهن لنگهي ويا آهن وڻ جي ٿُڙ جيان ساهه ۾ آهيان سوڙهو مون مٿان رُئندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن اک ۾ رک ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو. +مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي ٿورڙي دير جي مون ۾ وهي وسرام ڪرين مان سڄو اُڃ سهي سُڃ سهي بر ئي سهي مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي +هڪڙي سنسان گهٽيءَ منجهه ڦُريل گهر ئي سهي ڇو نه ڪجهه دير وهي ٿورڙو آرام ڪرين مان ڊٺل ئي سهي اُجڙيل سهي کنڊر ئي سهي ٿورڙي دير جي مون ۾ وهي وسرام ڪرين. +ڪهاڻيون +· علي بابا +· مهتاب محبوب +· قاضي خادم +· عبدالجبار جوڻيجو +· ڪيهرشوڪت +· رعنا حنيف صديقي +· رزاق مهر +· حميد سنڌي +· ظفر حسن +· حليم بروهي +ڳالهه +· ولي محمد طاهر زادو +ناٽڪ +· علي بابا +* اڄ جو انسان اڪيچار مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. اڄ جي انسان کي آرام ۽ سڪون گهٽ، بي آرامي، اُڻ تڻ ۽ وسوسا وڌندا پيا وڃن. انسان، درپيش پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿو، انسان انسان کي سمجهڻ چاهي ٿو، ۽ ساڻ پاڻ کي سمجهڻ چاهي ٿو، ۽ اهو سلسلو جاري آهي. انسان ۽ انسان جا اڪيچار مسئلا اديب جا بنيادي موضوع آهن، ڇو ته اهي هن جا به مسئلا آهن. تنهن ڪري هو جيڪي ڪجهه به تخليق ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو، تنهن ۾ هو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سان شامل (Involve) آهي. اها شموليت (Involvement) ان رچيا لاءِ تڏهن اثرائتي ۽ مفيد ثابت ٿيندي، جڏهن ليکڪ پوري سچائيءَ ۽ ديانتدايءَ کان ڪم ورتو هجي، ٻيءَ صورت ۾ اها رچنا کوکلي لڳندي. +* هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ اهو ممڪن ڪونهي ۽ نه ئي اها تنقيدي حقيقت نگاري (Critical-realism)سمجهي ويندي، ته مڙني موضوعن ۽ مسئلن کي هڪ ئي هيئت (From) ۽ اسلوب (Style) ۾ پيش ڪري. ڪنهن موضوع لاءِ صحيح ڊؤل ۽ طرز ادا اختيار ڪرڻ لاءِ رچناڪار کي گهڻو اڳواٽ سوچڻو پوندو آهي. ڪو موضوع اهڙو هوندو آهي، جنهن لاءِ بيانيه (Discriptive-Narrative) انداز موزون هوندو آهي، ته وري ڪو اهڙو موضوع هوندو آهي، جنهن لاءِ علامتي (Symbolic) انداز بيان مناسب هوندو آهي. جديد رچنائن ۾ ته هر طرح جا تجربا ڪيا ويا آهن ۽ اڪثر بيانيه لکڻين ۾ علامتي عنصر به هوندو آهي. انهيءَ ڪري ئي جديد ادب ۾ ٽيڪنڪ جي تجربن کي گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، فقط انهيءَ مقصد ڪاڻ ته خيال جي اظهار کي مناسب ۽ موزون شڪل ملي سگهي. +ممتاز مهر +(”زندگيءَ جو وهڪرو“ جي مهاڳ تان) +علي بابا ڪروڌ ۽ ٻه ماڻهو +آءٌ کميا جو ماڻهو آهيان، اهنسا جو، نه ڪروڌ ۽ جيو هٿيا، ڪين جنگ جو. هاڻ ٻڌايو امن ڪٿي آهي؟ ڌرتيءَ جي گولي تي ته رڳو جنگ ئي جنگ آهي، جتي ڪٿي جنگ، گهر گهر جنگ. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وچ ۾ جنگ. ڀلا ”وار ۽ پيس“ ناول تي ايمريڪنز کي سٺي فلم ٺاهڻ لاءِ جن پيو هو ڇا! نيٺ به ته ڇو؟ ڇا اهو تمام وڏو سوال نه آهي؟.... +آءٌ سوچيندو، واساما کائيندو، پبلشر وٽ پهچان ٿو. منهنجو پرابلم سو روپئي جو نوٽ آهي ۽ پبلشر کي پوليٽڪس تي ڪهاڻي گهرجي، جنهن ۾ نه عشق هجي نه سيڪس. آءُ اهڙي ڪهاڻي لکي ويندس، واهيات ئي سهي، لکي ويندس. پوليٽڪس تي، فرمائيشي ڪهاڻي، سو روپئي نوٽ لاءِ. سو روپيو مون کي پيٽ لاءِ نه، اهنسا پرابلم لاءِ گهرجي_ ساري..... پيس پرابلم لاءِ. ۽ پروفيشنل ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ، صبح جو ٻارهين وڳي ڪهاڻي ڏئي سو روپيو وٺي، دوستاڻي چانهه واري ڪچهريءَ کان پوءِ آپي کاني ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪري، آءُ گهر پهچان ته ناني مئي پئي آهي. 80-90 سالن جي ناني. زندگي!...موت!... سو روپيو، ڪهاڻي. اهنسا پرابلم. موت ڪيڏي ته ان_ نيچرل شيءِ آهي. هاڻ ته موت تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. آخر کربن جي تعداد ۾ جنريشن ٽو جنريشن، ماڻهو ڪيستائين مرندو رهندو! ڇا اهو تمان وڏو سوال نه آهي: ڪنٽرول آن ڊيٿ؟ آن دي ورلڊ آف سائنس، ڪنٽرول آن ڊيٿ، از ناٽ اي اِمپاسيبل مشن. آءُ نانيءَ جي پٿر تي پنج منٽ ويهي ڪهاڻي لکڻ لاءِ هليو وڃان ٿو_ ۽ پبلشر جي ڏنل سنڌ جي پراڻي نقشي کي هڪ گهمرو غور سان ڏسي، ڏونگهي ڪشمش کائيندو، ننڍڙي پٽ عشقوءُ کي آر_ سي_ سي جاءِ مان وٺي، پنهنجي ننڍ پڻ واريءَ ساٺيڪو سال پراڻي ٽيڪاهينءَ جاءِ ۾ اچان ٿو، جنهن ۾ بجليءَ جو هڪ بلب ٻن_ چئن ڏينهن کان لڙڪايل آهي، چوريءَ جي بجلي. ايڏي ٿڌ ڪانهي، پر عشقوءَ جو نڪ بند ڏسي وونڻاٺين کي ميڙي دونهين دُکايان ٿو. +عشقو ٽن سالن جو آهي. ڏاڍو تنگ ڪندو آهي. چوندو آهي گانو ٻڌاءِ، لۡوِ مي ٽينڊر، لۡوِ مي ٽرو. مون کي هيکل پٽ آهي، آءُ سندس هر ضد پورو ڪندو آهيان. هو ڳائي ڳائي نچي نچي چوندو آهي گانو ٻڌاءِ، لۡوي مي ٽينڊر_ ۽ آءُ به جھومي جھومي ڳائيندو آهيان. ڳائيندو سٺو آهيان ۽ ان تي ناچ راڪ ۽ رول هو سٺو ڪندو آهي. نيٺ به ته ٽيليويزن جي دور جو ٻار آهي. منهنجي غربت جيڪڏهن کيس ڪا سئنيما اسڪوپ فلم نه ڏيکاري سگهي آهي ته ڇا ٿيو، ٽيليويزن ته سڄي ڳوٺ ۾، گهر گهر ۾ آهن. مون کي سندس ناچ الوز پرسلي جيتروئي وڻندو آهي ۽ ڳائڻ به. +نانيءَ جي موت سبب، پنهنجي ٻالاپڻ جي گهروندي ۾ ٽيهارو سال کان پوءِ اچي کن لاءِ سُن ۾ اچي وڃان ٿو. ساروڻا سانوڻ جي سنڌوءَ جيان ڊوڙندا ٿا اچن. تيرهن_ چوڏهن سالن تائين جي ٻالاپڻ جي ساري سانڀر جا ساروڻا. +مٿي، ڪاٺ جڙيل ڇت ڏانهن نهاريان ٿو، ڇت مون کي اوترو ئي سهڻي پئي لڳي، جڏهن مان ٽن_ چئن سالن جو هئس، تڏهن ان ڇت جي هڪ داسي ۾ رنگين ڪچ موتين جو ٻن_ ٻن پکن وارو وڏو هوائي جهاز ٽنگيل هو، مون لاءِ. اۡلا، ڪيڏو نه سهڻو جهاز هو! ضرور ڪنهن وڏي آرٽسٽ جو ٺاهيل هوندو. اهو جهاز جي هن ڇت ۾ لڳل ناهي ته ڇا ٿيو، منهنجي ساروڻن ۾ ته آهي. ڪي ڪي ساروڻا ساڀيان کان وڌيڪ سهڻا ۽ چٽا هوندا آهن. +وري هيٺ ڀت ۾ لڳل پيتين رکڻ جي سگهي پيتي تکتي کي ڏسان ٿو، جنهن تي اڄ به ٽي وڏيون پيتيون رکيل آهن؛ پر ساروڻن جون پيتيون ڪيڏيون نه سهڻيون هيون! ڪاٺ جون. چون ٿا، انهن مان هڪ پيتي سدائين منهنجي لاءِ بادامن ۽ ٻي ڊراءِ فروٽ سان ڀريل هوندي هئي.مون کي بادامن جو سواد ته ياد ڪينهين، باقي ننڍپڻ ۾ پنڊ پهڻ ٿيل بادام ياد اٿم، جيڪي ننڍپڻ ۾ فاسلز لڌا هئم. ان ٻالاپڻ ويلا ۾ مون چرئي چرٻٽ ٻهراڙيءَ جي ٻار کي ڪيهي خبر ته اهي فاسلز آهن، تمام قيمتي! بس مان ته تماشي ڏسڻ لاءِ، ماڻهن کي انهن پنڊ پهڻ جهڙن بادامن سان دُلبو ڏئي مزو ماڻيندو هئس. اهي ٻاويهارو کن بادام مون لاءِ ڏاڍا مزيدار هئا. مان انهن کي ٽجوڙيءَ ۾ لڪائي رکندو هئس. ان لاءِ ته اهي پهڻ منهنجي زندگيءَ جي بهترين ڪليڪشن هئي. اها ٽجوڙي ته مون وٽ آهي، پر اهي بادام ڪينهن. ٻيون به الاهين شيون کُٽل آهن. ها، منهنجي ڍڳن جا ڪي جنسار رهجي ويا آهن. سوچجي ته زندگيءَ ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي.ڪيڏي نه سٽميٽڪ آهي زندگي اڳي به آئون ڪليڪٽر هئس ۽ هينئر به ڪليڪٽر آهيان. منهنجي پسند به هوائي جهاز رانديڪو هو. منهنجي پٽ جي پسند به هوائي جهاز رانديڪو. منهنجي گهر ۾ هينئر به روسي ميراج جهاز جو رانديڪو نه بلڪه ڊيڪوريشن پيس رکيل آهي، جنهن سان صبح ساڻ اٿي، منهنجو پٽ سائنٽيفڪ نموني سان راند کيڏيندو آهي ۽ وري پنهنجي جڳهه تي رکي، گانو ڳائيندو آهي، آل دي اسٽارز، آل دي اسٽارز. + + +پر ترسو اوهان سمجهيا هوندا ته آءُ ڪو وڏو امير ماڻهو آهيان، منهنجي گهر ۾ دنيا جو بهترين رانديڪو رکيل آهي. آءُ مڃان ٿو ته اهو موجوده دنيا جو سڀ کان بهترين رانديڪو آهي؛ پر مون اهو خريد نه ڪيو آهي، هڪ آرٽسٽ دوست مون کي پُٽ لاءِ، پنهنجي ٽين ايج جو ٺاهيل ماڊل سوکڙي ڪري ڏنو آهي. (پاڻ گهري ورتو هيومانس) +آءُ چوان ٿو، ساروڻا به ڇا آهن، ماڻهوءَ کي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو ڪڍن. ٻاهر نڪري سامهون ننڍي ڀاءُ جي ستر هزارن ۾ ٺهرايل اڌو گابري وڏي جاءِ ۾ نهاريان ٿو. اڳي اتي منهنجي ڳئن، مينهن، ٻڪرين، رڍن ۽ هرڻيءَ جا واڙا هئا ۽ هاڻ رڳو هڪ ڪُتو، ٻيو ان ڪُتي جي پونگڙن جو هڪ جوڙو آهي، پيئر. ساروڻا به ڪيڏا نه سلوڻا آهن. جڏهن اچن، ماڻهو ذهن جي اننت پاتارن جي ٽوٻار ۾ هليو وڃي. مون وٽ ته ڀلوڙ ڍڳن جو جوڙو به هو. هڪ ڍڳو ته موهن جي دڙي جي سيل واري وڏي ٿوهي واري ڍڳي کان به سگهارو، وڏن سڱن وارو. ڍڳو ناهي ته ڇا ٿيو، ان جي چهري جي جڙاوۡ جو ڀرت ڀريل ساڄ ته مون وٽ تجوريءَ ۾ موجود آهي. الوءِ، ڏسي ڪيڏي نه اربيلي نرواڻ جيهي سانت ملندي آهي. هر ڪا شئي پنهنجي اندر ۾ ڪيڏي نه ڪهاڻي آهي، ڇا منهنجي ڍڳن جي ساڄ تي ڪهاڻي نٿي لکجي سگهي؟ ٽجوڙين ۾ ته سون ۽ روپو رکبو آهي، نه ڍڳن جا قديم ساڄۡ. گهر آهي ڪين فرانس جي لاري ميوزيئم جو ڪو ننڍڙو خانو. +هون___ ڪهاڻي... ڪهاڻي، پاليٽڪس تي ڪهاڻي. رومانس، نو سيڪس. آرڊر از آرڊر...... +هان____ ڇا اڄ مان هن گهر ۾ اچي ڏاڍو رومانٽڪ نه ٿي ويو هئس. چاهيم پئي ته زال سان سيڪس انجوءِ ڪريان؛ پر هوءَ ويچاري اۡٻوجهه، هن کي ڪهڙي خبر ته وهانءُ ويل پهرين رات اسان ان گهر ۾ هني مون ملهائي هئي.۽ اڄ رات، چويهه__ پنجويهه سالن کان پوءِ، ان ساڳئي گهر ۾، ان ساڳي ڇت هيٺان، ايڏي نويڪلائي! +جڏهن ته سڀ ماڻهو پوڙهي نانيءَ جي مرتيو تي ويا هجن. جيون ۾ چوويهن_ پنجويهن سالن کان پوءِ ساڳي کٽ، ساڳيو جنڊيءَ جو هندورو. بس ڪا شئي واڌارو آهي ته اهو چئن سالن جو سڪيلڌو ننڍ ۾، الوٽ ۽ الوپ ٻار. ايڏو نويڪلا ۽ ٽن_ چئن سالن جي پٽ جي ورکائون ڏيندڙ نرواڻڪ آسيس. منهنجي زال نانيءَ جا ڏک ۽ ڏنجهه کنيو ويٺي آهي. چوانس پيو ته گڏهه، هن جا ته پير به هاٿي روڳيءَ جيان سُڄي پيا هئا. نه ويڄ نه طبيب. هن کي ته پاڻ نوي سالن کان پوءِ نرواڻ ملي آهي. اڄ دل ٿي چوي نانيءَ تي ڪهاڻي لکان، الا، اها منهنجي لائف جي بهترين ڪهاڻي هوندي. چوي ٿي: +”ٻوٿ، ڪهاڻيون.... هڏ ته سڪائي ڇڏيا اٿئي پنهنجا، ڇڏ انهن کي، چريو ته نه ٿيو آهين!“ آءُ ڳراٽي ٿو ٻڌانس. +”مئا ڌيان ڪر، شرم ڪر، هندن ۾ به ٽي_ چار ڏينهن مُئي جو ادب ڪندا هوندا.“ هوءَ ڪاوڙجي برُ ٿي نڪري ٿي وڃي. +”پوڙهي... حرامزادي...“ آءُ گاريون ڏيندو رهجي ٿو وڃانس. +ڪهاڻي.... هون ڪهاڻي، ناني ته وڏي ڪهاڻي هئي. پر نو سيڪس، نو لۡو، اونلي پوليٽڪس... پيور پوليٽڪس. سوچيان ٿو، پيور پوليٽڪس تي ڪهاڻي لکڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؛ پر اڄ جي رات ته موت تي ڪهاڻي لکڻ جي آهي، جڏهن ته سائنس جي دنيا ۾ ڪنٽرول آن ڊيٿ از ناٽ امپاسيبل مشن، ته پوءِ ماڻهو مرن ڇو پيا؟ جڏهن ته سائنس جي دنيا ۾ نيوٽران بم اچي ويو؛ پر ڏاٺ جي سور لاءِ اڃا تائين ڪابه سٺي دوا نه ٺهي سگهي آهي. اڃا تائين ڏندن تي ريسرچ جاري آهي، موت تي ته ڪنٽرول جي ڳالهه ئي پري ٿي. ان جا ڪنهن سبب سوچيا آهن، ان تي ڪنهن ريسرچ ڪئي آهي؟ ها، جاري آهي. شيم... شيم... شيم... +ٺيڪ آهي، اڄ ڪهاڻي نٿو لکان، ڏسان سڀاڻ منهنجو مٿو ڪيئن ٿو ڀڄي. ڇا مان پراڻي ليٿو مشين آهيان، جنهن کي جڏهن گهمائيندا وڃو ۽ ڪهاڻيون ڌڙاڌڙ نڪرنديون اينديون... ٺيڪ آهي، سڀاڻ چوندوسانس پيور پوليٽڪس معنا پيور ڪوڙ. دس از ناٽ دا ٽائيم آف پاليٽڪس، اٽس اوور، آل اوور، نائو آرٽ، نٿنگ ايلس. ٽو ڊي دا يونيورس نيڊس ٽالسٽاءِ، هر من هيس، پرل ايس بڪ، ٽئگور، شاهه سچل_ هٽلر، گوبل، چرچل، ڊيگال، اسٽالن، خروشيف، ڪينڊي دي آر ان وانٽيڊ نائو. نو پاليٽڪس، نو ويپنس، نو مور آرگيومينٽس، جنٽلمين! +هون__ ٺيڪ آهي ائين چئي ٺيڪ ڪري ڇڏيندومانس سو روپيو جيڪو مون کي ڏيندو، ان جي مون کي به خبر آهي، باقي سنڌ جو نقشو مون کي گهر ۾ چوريءَ جوئي سهي، رکڻ جو حق ناهي ڇا؟ آءُ اها ساڳي ڪهاڻي ڇو نه لکان؟ ۽ آءُ پنهنجي مرضيءَ جي ڪهاڻي لکي، لت کوڙي سمهي رهان ٿو. +ته ــــ يار مون کي ته ائين ٿو وسهي ته سڄي دنيا ۾ ماڻهو وڍيا پيا آهن. ڳڀا ڳڀا ٿيا پيا آهن. ماڻهو آدجڳاد کان ڳهن پيا. ماڻهو خوش ڪونهن. ڪٿي به، ڌرتيءَ جي پوري گولي تي ماڻهو خوش ڪونهن. ماڻهو پوپٽي هيراننداڻيءَ جيان سپنن ۾، سوچن ۾ تلڪ چاڙهي تي ٻارن جيان ڇولا کائڻ ٿا چاهين، پر ماڻهو پنهنجو اندر پيا کائين. ائين آهي ڪين نه ...؟ +علي بابا +(”سائي سڪار جي آس ۽ ...“ تان) +مهتاب محبوب سُريت +ٻن ڪلاڪن جي ڦٿ ڦٿان کان پوءِ سندس منهن جي موڪري تختي، ميناڪاري ڦُلن وارين چانديءَ جي سڳين سان ڳُتيل چوٽين ۾، ڪُندن وانگر پئي ٻهڪي.گلابي گربيءَ جي اٺن والن جي ڳوريءَ شلوار تي، چُهچ سائي شيفون جارجيٽ جو هُرمچ جي ڀرت سان رئو ۽ پهراڻ پائي، عطر جي اڌ شيشيءَ سان پنهنجو انگ انگ مهڪائي، جنڊيءَ جي هندوري تي اۡهلجي، ڀت تي لڳل گهڙيال ۾ اکيون کُپائي، هُن سگريٽن جا سوٽن تي سوٽا پئي هنيا، ته ڪڏهن ٿا چار وڄن جو تيزگام اچي. گهڙيال جا ڪانٽا به سندس اکين وانگر هڪ ئي هنڌ کُپجي ويا هئا؛ پر ٽڪ ٽڪ سا چٽي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. اوسيئڙي ۾ اوٻاسيون ڏيندي ڏيندي ٻپهرن جي ننڍ جي ويل به ٽري ويس. جڏهن کان ڪنهن ڊائجيسٽ ۾ پڙهيو هئائين، ته ٻپهر جي ننڍ سان حسن ۽ جوانيءَ ۾ واڌ ۽ نکار اچي ٿو، تڏهن لاڪر ٻپهري واري ننڍ سندس لاءِ، ڪنهن عبادت گذار جي نماز وانگر عين ثواب ٿي پئي هئي_ پر خير... نمازون به ته ڪڏهن ڪڏهن قضا ڪرڻيون پونديون آهن؛ تنهن ڪري اهو ڪو منجهائيندڙ مسئلو نه هو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته اها ڪسر اونهين صبح جو دير سان اٿڻ ۾ پوري ٿيڻي هئي. کيس اها به خبر هئي ته ان آگهور ننڍ جا نشا ٻپهرن واري ننڍ کان هزارين درجا حُسن ۾ نکار ۽ نواڻ پيدا ڪندا آهن. +اِنتظار جي عذاب کان بچڻ لاءِ، هوءَ مينديءَ رتن پيرن سان هندوري جي لۡسي ۽ چلڪڻي ڪاٺ تي وڄٽ ڪري جهونگارڻ لڳي: +برهه دل کي ڪيو بي حال آ +هاڻي هڪڙي گهڙي ڄڻ سال آ... +گيت مزو ڏنس ۽ پنهنجي آواز جي لئي تي پاڻ موهت ٿي پئي. موهه ۾ اکيون گهڙيال تان هٽي ويس. پهرين مصرع کان پوءِ ٻي مصرع... ٽين مصرع ۽ اڃا چوٿين مصرع پئي ڳاتائين، ته ٺيڪ آن مهل تيزگام جي سيٽي به ڪن تي پيس. هوءَ انهيءَ دم شينهڻ وانگر اُڇل ڏئي اُٿي ۽ آرسيءَ اڳيان ٻيهر پنهنجو ڀرپور جائزو وٺڻ لڳي. ڇِلي باداميءَ جهري رنگت تي، نڪ جي ست رنگي لونگ، ڪجلين اکين واري وڻندڙ نقشن ۾ ڄڻ ڪا لاٽ ٻاري ڏني هئس. سامت ڀۡري مُرڪ صحتمند چپن تي پکڙجي ويس؛ جا هر حۡسين ۽ جوان زال جي چهري تي، پنهنجي جوڀن کان مطمئن ٿيڻ مهل ازخود پکڙجي ويندي آهي. +هوءَ ڪهڙي به هئي ته به اعلي1 ۽ نفيس ذوق جي مالڪ هئي. پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خاص خيال رکندي هميشه اڇي اُجري ۽ صاف سٿري رهندي هئي. جتان لنگهندي هئي، اتان موتئي جي مهڪار پکڙجي ويندي هئي. اٺين ڏينهن جڏهن وٽس هُو ايندو هو، تڏهن ويتر پاڻ کي ٻهڪائي رکندي هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته مرد اهڙي زال مان ڪڪ هوندا آهن، جنهن جي جسم مان هر وقت ٿوم، بصر، هيڊ ۽ پگهر جا مليل جُليل ڀڀڪا پيا ايندا آهن؛ جيڪي رڳو ان مهل ٽرنڪن ۽ ڪٻٽن مان سٿيل سهڻا ويس وڳا ڪڍي پائينديون آهن، جڏهن کين ڪيڏانهن اٿڻو_ ويهڻو هوندو آهي. اُنهن ليکي مرد، مڙس ٿيڻ بعد ان قابل نه رهندا آهن، جو سهڻا ڪپڙا پائي اُنهن جون اکيون ۽ دل ٺارجي. هوءَ اڳئين زماني جي دلربا حسينائن نازنائين وانگر نِجا ۽ خالص سينگار ڪندي هئي. گلاني رنگت ڪاڻ پنير ۽ رۡسوۡل جا وِهه جهڙا وٽا پيئندي هئي. ڪيسوڦلن جي پاڻيءَ ۽ کير جي ڦيڻ سان مُنهن ڌوئيندي هئي، ماکيءَ جون سرايون اکين ۾ وجهندي هئي. تيل ڦُليل، سُرما، مينديون مساڳ استعمال ڪندي هئي. وارن کي ميٽ ۽ ليمي سان ڌوئيندي هئي . چيلهه کي تاحيات مضبوط رکڻ ڪاڻ کونئر ۽ چۡوڙ ڪُٽي ڦڪيندي هئي. جسم کي سدا جوان رکڻ لاءَ طرح طرح جي تيلن ۽ عطرن جي مالش ڪرائيندي هئي. هن کي چهري تي ڪريمن ۽ پائوڊرن ۽ لوشنن جا ليپا پوچا بنهه نه وڻندا هئا... ها، هڪ ڀيرو سو کيس ”آئل آف اۡولي“ لڳائڻ جو شونقڙو ٿيو هو. اهو خيال هونءَ ڀلجي به نه اچيس ها؛ پر جڏهن ڏٺائين ته ولائتي زالون ته ٺهيو، ديسي به انهيءَ سئو سئو جي شيشيءَ ڪڍ مکين وانگر ڇتيون هيون، تڏهن سوچيائين ڪا ته مڻيا منجهس هوندي! جڏهن هڪ رات مومل کيس ان شيشيءَ لاءِ فرمائش ڪئي هئي ته هُن ڇاتيءَ سان لائيندي چيو هئس: ”سچي سون کي پالش جي ڪهڙي ضرورت.“ تڏهن انهن لفظن جي سرور، گهڙي کن ۾ سندس نکريل روپ ۾ جيڪي جۡرڦۡل ٻاري ڏنا هئا، سي ”آئل آف اۡولي“ جي شيشي ڪن ورهين جي استعمال تائين به نه ٻاري سگهي ها. هُن ته کڻي پنهنجي کيسي بچائڻ ڪاڻ اها ڳالهه ڪئي هئي، پر هن ته اهي ٻول هميشه لاءِ هنئين ساڻ هنڊائي ڇڏيا هئا. هڪ دل گهريو دلدار، جيڪو مردانگيءَ جو ڀرپور ۽ مڪمل نمونو هجي، ان جي طرفان ٿيل تعريف کي ڀلا هوءَ ڪيئن پئي وساري سگهي. هن کي به جي نقلي سينگار سڙا وڻن ها، ته پوءِ لاچار اهي ليپا پوچا استعمال ڪرڻ کان وۡسئون ڪين گهٽائي ها؛ پر سندس نِجا ۽ خالص سينگار هن کي وڻندا هئا. اُهي مٺڙا ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُريس پئي، جڏهن چار_ پنج مهنا اڳ هن جي سريت ٿي، هن مسواڙ واري گهر ۾ آئي هئي. +هُن سندس اکين مان مۡڌ جا ڍُڪ ڀريندي، مينديءَ رتو نازڪ هٿ پنهنجي ڳاڙهي ٽِڪ سان مُنڊيءَ واري رعبدار ڳۡري هٿ ۾ جهلي زور سان دبائيندي چيو هئس: +”جانب، تنهنجي جمال جي مان ڪهڙي ساراهه ڪريان، تنهنجي انهن سينگارن ته مونکي بنِهه سُڪۡ ڪري ڇڏيو آهي.“ +”ڇو ڀلا؟“ +”اِهي سينگار آهن سون تي رتيون.“ +”ڪيئن ڀلا؟“ اۡڙيڪاپ هئي، ته به ڀورڙي بڻجي پُڇيو هئائينس. +”مان توکي دل سان ماڻي سگهندو آهيان.“ +”ڇا جي ڪري؟“ هن هيٺين چپ جي ڪنڊ کي چڪ پائيندي پڇيو هو. +”انهيءَ ڪري جو تنهنجي نقلي پنبڻين ڪرڻ جو ڊپ نه هوندم، تنهنجي لگ وکرڻ جي ڳڻتي نه هوندم، نوڪدار ننهن سان اۡک نڪرڻ جو ڀوءَ نه هوندم، لوشن جو ليپ وات ۾ وڃڻ جو اُلڪو نه هوندم_ وڏي ڳالهه ته فيشن ڪاڻ فاقن ماريل هڏائون جسم ٽِڙ ڪڻ جو اونو به نه هوندم!“ هُن جيئن پوءِ تيئن ويجهو پوندي چيس. +”اهڙيءَ سان پلئه اٽڪيو هيۡئي ڇا؟“ هِن گهورن سان گهائيندي پڇيو هئس. +”توبهه ڪر!“ هُن ٿُڪ ڦِٽي ڪندي وراڻيس. ”مونکي سُڪل هريڙيون نه وڻنديون آهن، جن کي ڪُٽي ڦۡڪي کائي ڇڏجي.“ +”تڏهن ڇا وڻندو اٿئي؟“ +مونکي ڳئون جهڙو پڪو گوشت وڻندو آهي، جنهن کي ڇيڇارڻ ۾ مزو ايندو اٿم.“ هن سندس هپس تي زوردار ٺاپي هڻندي وراڻيو. +”مون تان کِلون ٿو ڪرين.“ مومل ٻانهن ۾ هلڪڙي چُهنڊي پائيندي چيس.“ +”سچي، مونکي تو جهڙي مڻيادار آدرشي مرد، بهادر ۽ سگهارو... جنهن جي پپر جهري ٿڌي ڇانوۡ ۾، مان سڄي حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڍ جيان گذاري ڇڏيان.“ هِن سندس جريب جيتري ويڪري ڇاتيءَ ۾ پنهن جو منهن لڪائيندي چيو هو. +تن ڏينهن هوءَ ساڻس حجاب ڪندي ٿورو ڳالهائيندي هئي. وقت سان گڏ جڏهن حجاب لهي ويس، تڏهن خوب انگل آرا ۽ حجتون ڪرڻ لڳي هئي. هينئر به ادائن جو اسير بنائڻ لاءِ، ڪوسۡٽل سٽي هوءَ مرڪي پئي ۽ آئيني آڏو هٽي، ميز تان پيڪيت کڻي لائيٽر سان سگريٽ دکائڻ لڳي. ٽانگي جي ڇڻ ڇڻ تي هوءَ ڊوڙي دريءَ ڏانهن وئي، کيس ايندو ڏسي هڪدم سگريٽ اڇلي، در جي ڪنڍي کولي، ڏاڪڻ لڳ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي اۡمالڪ پنهنجو پاڻ کي کٽ تي سٽي، منهن ويڙهي پئجي رهي. ڏاڪڻ تي هن جي هلڻ جو آواز جڏهن ڪن تي پيس تڏهن کيس ٻڌائڻ ڪاڻ، درد جي پيڙا سان ٽنگ ٻانهن چورڻ جي بهاني، وڏي رڙ ڪري چيائين: ”اي الله، شڪر آ تنهنجو! اهڙين حالتن ۾ ڪيو اٿئيم جو سڃن ڀونگن ۾ پئي پرين لاءِ پساهه کڻان...“ +هُن اهو درديلو فرياد ٻڌو، پر انبن جي وڏي کوکي کيس مُنجهائي ماريو، تنهنهڪري ڪا رومينٽڪ سچئيشن ڪرئيٽ نه ٿي سگهي، جا اهڙن موقعن تي ٿيڻ گهربي هئي؛ رهندو هڪل ڪري چيائينس: ”مومل... هي ته وٺائيم، ڦاسي پيو آهي.......“ +”آءُ ٿي مران پنهنجي ساهه ۾“؛ داد نه ٿيندو ڏسي رُکائيءَ مان وراڻيائينس. ” ڇا ڦاٿو اۡٿئي؟“ +”کوکو ڦاٿو آهي“ هُن پگهر اُگهندي چنگهه چنگهان مان وراڻيو. +”ڪٿي لڳو اۡٿئي ڪوڪو؟“ +” اوهو.... چهُ.... ڪوڪو نه، کوکو؛ کوکو! انبن جو کوکو ڦاٿو آ در ۾ ..........“ +” اۡلا... آءُ ته اُٿي به نٿي سگهان... کوکو ڪٿان کڻائيندس!“ مومل نزاڪت ڀريي نوع مان ڪوٺيءَ اندران وراڻيو. +هُن جو رُڪ جهڙو تتل بدن ويتر باهه ٿي ويو. +ڪاوڙ ۾ درجو ٻيو طاق ٺونٺ سان جهڙو ڌڪيائين، تيئن ٺونٺ ڦتجي رتورت ٿي پيس... جوش مان وٺي جو کوکي کي مٿان کان اُڇل ڏنائين، ته سڄو اڱڻ انب انب ٿي ويو. ڦهڪو ٻڌي هوءَ، جا دۡت هنيو هئي، ڏهڪاءُ مان اندر ئي اندر سُسي وئي. +” مار!، ڏاڍو ڪو جوش وارو آهي؛ پر مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو، اڳڙين جو گڏو به ڀلا ڪو مڙس چئبو...“ پاڻ کي آٿت ڏيندي سوچيائين. +شينهن جهڙو مڙس پگهر ۾ شل ٿي هن جي ڀر واري کٽ تي پکي هيٺان اچي ويٺو. هوءَ زالن جي سدا جوان ادائن پٽاندر همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ، جيئن جو تيئن مُنهن ويڙهيو پئي هئي. هيڏانهن هو به ڀرئي مۡٽ جيان همدرديءَ جون اميدون رکيو ويٺو هو، پر ڪوبه ٻوٽو ٻۡرندي نه ڏسي آخر پاڻ ئي ڪُڇيو. +”ڊيٽال ته ڏجان، ٺونٺ مان رت پيو وهيم.“ +” ڇا مان پيو رت وهنئي!؟“ هِن ڪنن تان چادر هٽائيندي بيتابيءَ مان پڇيس. +”ٺونٺ مان، ٺونٺ مان! ٻڌءِ ڪونه ڇا؟“ +”الله پناهه ڏي، آءُ ته سڄي ڊڄي ويس ته الائي ڇا مان پيو رت وهي.“ .... هوءَ نزاڪت مان ائين چوندي منهن بڇڙو ڪري سنڌن جي سور جي مريضن وانگر اُٿي. +“اۡلا... ا... چُري به نٿي سگهان... سڄو بدن ڄڻ ڀڄيم پيو، ٽڙڪاٽ پيا نڪرنم، پر تنهنجو رت ڏسي اُٿان ته متان تون دل ۾ اهو نه سوچين، ته اٺين ڏينهن مهمان ٿي ٿو اچان ته منهنجي اها عزت آهي!“ وهنجڻي مان ڊيٽال آڻي ڪپهه جي ٻڙي تي لڳائي. رت اوگهڻ کان پوءِ مِٺي زهر جي ڇُري سان چهڪ ڏيئي لوڻ ٻرڪيندي پڇيائينس: +”مۡس ڀوپيءَ ڇڏيو اٿئي جو آيو آهين.“ هُن جي زال ايمڻا جو ذڪر هوءَ ڀوپيءَ جي نالي سان ڪندي هئي. ” ڪيترن ڏينهن جي موڪل ڏني اٿئي ڀوپيءَ“؟ +”هُون! هوُءَ ڇا موڪل ڏيندي مان پاڻ ڇڙو ڏيڍ ڏينهن لاءِ آيو آهيان“. +”بس ڏيڍ ڏينهن لاءِ! ڇو؟ مون ڪو ڏوهه ڪيو ڇا... اٺ ڏينهن رهين ڀوپيءَ وٽ ۽ ڏيڍ ڏينهن مون وٽ! آءُ ڪا اُن ڀۡپ کان به ويس ڇا، وري به جوان ته آهيان ايڏي سونهن کڻي ڪونه اٿم“. +”ڪير ٿو چوي ته تو ۾ سونهن ناهي، ڪو تو جهڙو ٿي ته ڏيکاري“ اک ڀڃندي چيائينس. +”پيارا مان ته پاڻ کي ڪجهه به نٿي سمجهان؛ پر هُن کۡل کان وري به چڱي آهيان، پاپن جي پڃري کان ته سٺي آهيان، جنهن کي ڏٺي پيو ڊپ وٺي“. ائين چوندي مُنهن ۾ جُوهه پائي ڏنائينس. +”آئي هان! اهو اکين کي ڇا ٿيو اۡٿئي؟“ +”ڇا ٿيو اٿم؟“ هُن هراس مان تڙ تڪڙ ۾ اکين تي آڱريون ڦيريندي پڇيو. +”ڏرا ڇو ڏيئي ويون اٿئي؟ مون ته تنهنجو منهن هيئنر جاچي ڏٺو آهي“. +”توکي ته سدائين مسخري سُجھي“ هُن چڙ مان چيس. +”نه نه، الله جو سُنهن، مسخري نٿي ڪريان_ هي ڍڳي گاڏيءَ وارو مۡکُ اکين ۾ ڇو هنيو اٿئي؛ ويٺو هنئين ڇا ڍڳي گاڏيءَ ۾ جو هٿ اک کي لڳي ويئي.“ +”هۡه هۡه...،“ ڍرو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين. ” اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي؛ اڄ ايمڻا سُرمو پارايو هئم.“ +”پوءِ سُرما پائي سهاڳي ٿيو اُتي پيو هجين ها نه، مون ڏانهن ڇو آيو آهين؟“ +”تون ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪيو ويٺي آهين، هاڻي ڇڏ روسامو“. +”کري آهي ان پيريءَ ۾، جو نوان نوان لاڏ ڪري ٿي توکي پرڀائي. وڃي منهن تي ڇنڊو هڻ، هنيانءُ ٿو ڦاڙينم.“ ناز مان نڪ گهنجائيندي چيائينس. +”اڇو رۡئو ڪِليءَ تي ٽنگيو پيو اٿئي، انهيءَ جي ڪنڊ پُسائي اکين کي زور سان مۡهٽ ته ڪارنهن نڪري.“ +”حاضر منهنجي سانئڻ، حاضر!“ +هو اُٿي وهنجڻيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو، ته هيءُ وري کٽ تي اۡهلجي پئي ۽ هٿ ڊگهيري سائيڊ ٽيبل تان ننڍڙي آرسي کڻي پنهنجو منهن جانچيندي وڏي واڪ چيائين: +”سُرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير“. مونکي ته ڏس، ڪيئن نه ٺه�� ٿو، اکيون کُليو ٽونئر ٿيو پون، تو وانگر نه ته ماڳهين اندر گهڙيو وڃن.“ آرسي رکندي چيائينس: ”تون وري به سدا ملوڪ آهين، ڀوپي پائيندي هوندي ته صفا مۡمڙي لڳندي هوندي. رڳو سرمو ئي سرمو ڏسبو؛ اکيون ته ڏسبيون ئي ڪونه هوندس، نئون ماڻهو ڏسين ته ڀائين ڄڻ اکيون ئي ڪونه اٿس. وري خدا جي قدرت جيڏانهن وڃي ته سون پائي! نه منهن نه مهانڊو.“ +”مون ته ڪونه ٺهرائي ڏنو اٿس، ويچاري پنهنجو کڻي آئي هئي.“ هُن وهنجڻيءَ کان باهر اچي اکيون مهٽيندي چيس. +”جنو نوريڙيءَ ٿي ڳالهه ڪئي، ته عشق مان توسان پرڻو ڪيو هئائين، جڏهن مسواڙي هوندو هئينس ته منگهه مان سُرهيون چٺيون اُڇليندي هيئي. نوٽن جون ٿهيون ۽ سون جون ڳوٿريون جهٽائيندي هُيئي. چئبو ته ملڪيت واري هئي، سِرڙو ٻوهي ۾ ڏنئي!“ +”اهڙين گلاخور آنن کي اچڻ نه ڏيندي ڪر، جو هرو ڀرو دليون خراب ڪن.“ +”آهي به توهانجي شريڪياڻي، منهنجي ڪا ساڻس ربي ڪا خريفي! تون به ته مون کان لِڪي لِڪي ڀوپيءَ کي شهر گهمائڻ ڪاڻ وٽن آڻي رهائيندو آهين؛ مونکي به سڀ خبرون پيون پون، پر مون ڪو ڪڏهن ڪُڇيو؟“ +”گهمائڻ وري ڇا جو،“ هن سگريٽ جو سهارو ڳوليندي کيسا ڦولهيا. ”علاج لاءِ آڻيندو آهيانس.“ +”هائو علاج! ڄاڻان ئي ڪونه ٿي؛ اِهي جوڻهين جهڙيون شهر گهمڻ ۽ خريداريون ڪرڻ ڪاڻ، سدائين اگهيون ٿيو، اسپتالن ۾ ڪمرا بُڪ ڪرائي، محفلون مچايو ويٺيون هونديون آهن. گهمي ڦري، ريشم گليون لتاڙي، دڪان ٻهاري، پٺاڻن جي خيمن مان ڌڪا ٿاٻا کائي، وري اگهيون ٿي اچي ڪمري منجهه ڊهنديون آهن.“ +”دلبر، هاڻي سُر ۾ اچ؛ ڇڏ پرائي پچر، ڪي قرب جون ڳالهيون ڪر، ته مان به خوش ٿيان.“ هن ساڻس پڄڻ_ جي ڀيڻي نه ڏسندي ڳالهه بدلائي ۽ ٻنهي هٿن جون آڱريون پاڻ ۾ ڳنڍي، ٺڪاءُ ڪڍي خوفناڪ آرس ڀڳائين. هوءَ ڏڪي وئي. +”ڇا ٿيئي؟“ +”ٿيندم وري ڇا،“ هُن اکين ۾ خمار ڀريندي وراڻيس: ”تنهنجي قرب جو بکيو آهيان. هيڏيون منزلون خاص تولاءِ ته ڪري آيو آهيان. هت ته اچي ويهه، ايترو پري ڇو ويٺي آهين؟“ +”آءُ اِتي ئي چڱي آهيان“ هُن ماڻو ڪندي وهاڻو جهٽيايس. ”اچي هي ويهاڻو رک؛ چيلهه سنئين ڪر ته مان تنهنجي ڪاڻ چانهه ٻانهه ڪاڙهي اچان... چاڪ ته ڪونه آهيان... پر ڇا ڪيان... اۡلا... ا...ا...“ هن کٽ تان اٿندي، پيڙا مان چيلهه کي جهليو، وک وک ۾ کڻي رڌڻي ڏانهن وئي. اِهو لقاءُ ڏسي هُن جا ڇيهه ڇڄي پيا؛ ڪي گهڙيون ته ٽٻيءَ ۾ پيو هو؛ پر پوءِ دل ئي دل ۾ ڪو حساب ۽ ڳڻپون ڪري سامت جو ساهه کنيائين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ ڪشن واري چيچاٽي بوٽن سوڌو رڌڻي ۾ ڪاهي پيو. چُلهه وٽ صندليءَ تي ويٺل ڏسي پٺن تي زور ڏيندي لاڏ مان چيائينس: ”جاني تون چاڪ ناهين، ڇڏ کڻي انهيءَ چانهه جي خفي کي.“ +”آ... آ... هه... “ هن پٺيءَ کي سنئون ڪندي راحت مان هڪڙي دانهن ڪئي. ”آءُ ته اِنهن مرداڻن ڀيڙن ڪاڻ جهڙي ڪر ٻاڙيل هئس... ڪالهه دائي حليمان کان مالش ڪرائي ڀيڙا ڏياريم ته ماڳهين بُڇان پئي آئي، ڄڻڪ ماڪوڙا پئِ بت تي سُريا.“ منٽ کن جي آسيس کانپوءِ اُمالڪ هٿن کي جهليندي چيائينس: ”بس، ميڏي سائين! هاڻ گهڻيون هلاڪيون نه ڪر، اهو تنهنجو شان نه آهي. هلي پڌر ۾ ٿي ويهه، ٿڌيون هيرون پيون لڳن، مان اجها ٿي چانهه کنيو اچان.“ هن پنهنجي ادائن جا تير نشاني تي لڳندي ڏسي، ناز مان کيري ٿيندي چيس. هُن مرڪي نهاريس ۽ ڪو گيت جهونگاريندي، پڌر ۾ اچي آرام ڪرسيءَ تي ڄنگهون پکيڙي ويٺو؛ رکي رکي پير به لوڏيائين ته سيٽي به ٿي وڄايائين. ايتري ۾ هن چيتن جهڙي چيلهه کي موڙا ڏيندي، چانهه جا ٻه مگا ٽري ۾ آڻي اڳ��ان رکيس. پاڻ به سامهون ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي. چانهه ڏسڻ سان هن جي اکين ۾ تازگي اچي ويئي؛ پر پهرين ئي ڍُڪ پيئڻ سان ڍُرڪي پيو، لوبان جهڙو منهن بڻائيندي چيئينس: +”چانهه جي پتي آ، ڪين اگر بتي!؟“ +”پاڻ ئي ته آندي هيئي، پيارا!“ +”مان ته ولايتي سهڻا دٻا آڻيندو آهيان، جيڪي عام جام پيا وڪرو ٿين.“ +”تڏهن مون اِهي اگر بتيون ڪٽي وڌيون اٿمانس؟“ +”دلبر ائين ڪٿي ٿو چوان، مان ته پاڻ حيران آهيان ته اهڙا سهڻا دٻا...“ +”تون پاڻ ڏس، انهن سهڻن جو حال اجهو اهو اٿئي. ”مۡٿون چۡکي مۡکي، اۡندرون بُڙ بُڙ دۡکي“، انهيءَ کان ته پنهنجي ديسي چانهه چڱي. پرائي چلڪي تي هر کجڻ مردن جي هونءِ ئي پراڻي عادت آهي. ولايتي دٻا هجن يا پرايون زالون، چِلڪي تي واڇ پٽجيو وڃين.“ +”جاني، اهي تير مونڏانهن ته نه اُڇل، مان ته تنهنجي خمدار زلفن جي ڪوڙڪي ۾ اڳ ئي سُڪ ٿيل آهيان.“ +”هائو، بلاشڪ‘! بلاشڪ! تڏهن ته اڪيلي ننڌڻڪي غيباڻي ٿيو پئي هوندي آهيان!“ ڦري گهري کيس پنهنجي درد اچي واريو. +”منهنجي دل، اهي جدايون وقتي آهن، مان ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان، ته توکي هلي پاڻ سان گڏ رهايان.“ +”جڏهن عضوا پينگهون ٿيندم، تڏهن ڪلهي تي کڻي هلي ٽنگينديم ڇا؟“ +”ڳالهه ٿي ڪرين! اڃا ته پاڻ ٻئي ننڍا آهيون.“ +”جوانيءَ جا ڏينهڙا به ته اهي چار ٿيندا آهن، نئين ته ڪانه ساماڻبس!“ +”فڪر نه ڪر، تون سدائين جوان رهندينءَ.“ +”فڪر ڪيئن نه ڪريان، انهن رات ڏينهن جي اوسيئڙن ته منهنجو سِر وڃائي ڇڏيو آهي.“ +”چاني اوسيئڙي ۾ جيڪو مزو آ سو ملڻ ۾ ڪٿي؛ هو ٻڌو نه ٿي... ڳولهيان، ڳولهيان مۡ لهان...“ +”ها، باقي اِها ڪسر رهيل آهي، جو سندرو ٻڌي ڳولهيندي وتانءِ...“ +”مِٺي ڇڙو مثال ڏنم، ڳولهينديئن ڇا لاءِ، مان ته تنهنجي هر ساهه ۾ سمايل آهيان.“ انهيءَ جواب هِن کي ڪوري ٺڪر جيان ٺاري رکيو. مٺي لهجي ۾ ڏوراپو ڏنائينس: +”اٺين ڏينهن ايندو هئين، هاڻ ته ٻه ٻه هفتا به گذريو وڃن. اڳيون قرب نه رهيو ٿئي مون ساڻ.“ +”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي جاني، مان ته پل به تو بِن نٿو گهاري سگهان؛ ڇا ڪيان ڪڏهن ڪم ڪاريون ٿي پونديون آهن.“ +”گذريل هفتي ڇو نه آئين؟ تنهنجي واٽ تڪيندي اکين جون ڏياٽيون ڄڻ اُجهاڻيون ٿي.“ +”گهر چاڪائي ڪونه هئي، تنهنڪري نه اچي سگهيس.“ +”ڇو، وري ڪهڙو ڇٽو لڳس؟“ مصريءَ جهڙي زبان اوچتو ڪۡڙي بادامي بڻجي ويس.“ +”چوٿون مهينو اٿس.“ +”اونهه، اِها ته سدائين مهيني مهيني ڪوڙ ڪيو ويٺي اٿئي ته پيٽ سان آهيان. ڪٿان آيس پيٽ! ويٺي توکي خوش ڪري. مکڻ کي به ڪڏهن ڏند ٿيا آهن؟“ +”ڪوڙ ڇا لاءِ ڪندي“ هُن زهر جي ڍڪ وانگر چانهه کي ڳيت ڏني. ”ويچاريءَ کي ٿئيس ٿو پر بچيس ڪونه ٿو.“ +”بس بس گهڻو ٿيو، اِهي آڀر نه ٽوڙي ته وڻي ڪيئن!“ +”هينئر تازو ڏيڍ مهيني جو بار ڪريس ته دائيءَ جي چوڻ سان، مکڻ ۾ گڏائي ڳڙڪائي ڇڏيائين.“ +”تو بهن! اۡلا!! آخ... خ!“ اڌ مگو ڀريل ڌڪار مان پري ڌڪي چوڻ لڳي: +”منهنجو ته روح ئي ڦيرائي ڇڏيئي... پچڪ... رن ڏائڻ ٿي جا ٻچا ويٺي ڳيهي! الله پليندس پنهنجي پلڻي.“ +اِهو ٻڌي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، چڙ مان چيائينس: ”تون ته سدائين ماڻهن تان چٿرون ڪرين.“ +”چٿرون وري انهيءَ ۾ ڇا جون آهن پيارا، سچ چوڻ ۾ ڇو ٿي باهه لڳي! سياڻن صحيح چيو آهي ته هن زماني ۾: +”سچ مِرچان، ڪوڙ ڳُڙ؛ +پير پئسا، زال گر“!“ +”اڃا ته هفتو ڇڙو تو وٽ رهان، ته تون ته منهنجو جيڪر اندرئي ساڙي ڇڏين! ڏيڍ ڏينهن ٿو اچان ته به سڙيو جليو پوءِ ٿو وڃان.“ هن مگو خالي ڪري سگريٽ دکائيندي چيس. +”ها... ا... ن! ��وکي ايڏي ڀوپيءَ جي چڙ لڳي آهي؛ پر اڃا جي نڪاح ڪري سامهون ويهاريندين، پوءِ ته سندس چوڻ تي روز موچڙا به ٺوڪيندين!“ +هن جو هڪدم موڊ بدليو ڏسي سياڻي سياستدان وانگر پلٽو کائي ويو. +”چري آهين؛ اجايا ٿي خيال ڪرين، آءُ سڄو تنهنجو آهيان. مون ته ڀوڳ ۾ تنهنجا آزمودا ٿي ورتا.“ +”ڪهڙا ٿو منهنجا آزمودا وٺين، ڪو آءُ لُچي لفنگي آهيان ڇا؟ اڳ ڪونه ڏٺو هيئه ڇا؟ منهنجو مرحيات بابو؛ خان خانان تر جو وڏو زميندار، ڏاڏو جاگيردار، پڙ ڏاڏو پرڳڻي جو حاڪم، آءُ اصل خاندانڻ، حاڪم زادي پر اِها ته منهنجي قسمت هئي جو: +”منهن ڌوڙ مٽي سر پايم. +سارا ننگ ناموس وڃايم، +ڪوئي پڇڻ نه ويڙهي آيم، +هٿئون اُلٽا عالم کلندا، ڪوئي محرم حال نه ملندا، +ڪيا حال سڻاوان دل دا...“ +هن ڪن تي هٿ رکي غلام فريد جي ڪافي زاهدا پروين جي اسٽائيل ۾ ڳائڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو: +”هئه نصيب! ڪتو به کاڌم ڪک به نه ڀريم!“ اِهو ٻڌي هن جون اکيون ٽانڊاڻا بڻجي ويون، پر سور پي ويو. +”چئبو ته هاڻ مان ڪتو به ٿيس!“ +”ڪو توکي ٿي چوان ڇا، اِها ته چوڻي آ.“ +”بس، تنهنجي پربت مان اسان کي اهي ئي نتيجا ملندا...“ +”ٻيو ڪهڙا ملندئي؟ ڀوپيءَ وانگر مون وٽ کڳل ته ڪونهن جيڪي منگهن مان جهٽائيندي هيئي، جو اڄ وڻي ٿي. اسان منگهن مان ممڙين وانگر عشق ڪونه ڪمايا، اسان ظاهر ظهور ڀير تي ڏونڪو هڻي تنهنجي قرب ۾ ڪنڌ نوايو.“ +”الائي ڪير ٿو اچي توسان اِهي خبرون ڪري!“ پريشانيءَ مان سنڌ جي نقشي واري رنگ برنگي ٽِڪن واري ٽوپي لاهي، مٿو کنهندي وراڻيائينس. +”ميهڙ مان ڀوپيءَ لاءِ مينديءَ جا دٻا گهرائين، حيدرآباد مان ”ڪالا ڪولا“ جا ٽيوب آڻيو ڏينس. اِهي مکي هاڻي جوان ٿي ٿئي؛ ولايتي ڪڪڙ وانگر جيڪا چمڙي پئي لٽڪيس، تنهن جي ڪا ڪل ئي ڪانهيس، اُنهي4 جو به ته ڪو بلو ڪرينس نه!“ هن ڄڻ زهر اوڳاڇيو. +جوب ڏيڻ لاءِ هو ٿورو منجهي پيو؛ پر ذهن ۾ آئڊيا جو بلب ٿيس. سگريٽ ساسر ۾ ڇٽيندي؛ ٽوڻن ڦيڻن کي ڍال جي طور استعمال ڪرڻ جو طريقو ڳولهي لڌائين. +”جاني! خبر ناهي مون کي ڇا ڪيو اٿس، ڪهڙا ڦيڻا وڌا اٿس، جو مان هن آڏو انڌو ٿيو پيو آهيان.“ +”ڇا وري ڇا ڪيو اٿس“ وارنشاني تي لڳائيندي وراڻينس. ”رڳو سون تي سر ڏيو پيو آهين.“ +”منهنجي ليلا... منهنجو سر ته مجني وانگر رڳو تنهنجي محبت ۾ مستان ۽ غلطان آهي.“ +”موچڙو هڻان اهڙي محبت کي جنهن ۾ هوند شڪر نه ٿئيم“ ائين چوندي ڳلڙيون ڦوڪي، منهن سونڊائي، ماٺ ڪري ويهي رهي. سج به سوڙ وجهڻ جي تيارين ۾ هو. ساسرون سگريٽ جي ٽوٽن سان سٿجي ويون. هن کي پنهنجو پنڌ هن ڀيري صاب پوندي نطر نٿي آيو. ڪي پل ٻاٽ اوندهه جهڙي ماٺ رهي. آخر هيٺين واٽ وٺڻ کان سواءِ ٻي واهه نه سُجهيس. ڀانيائين، لڳو ته تير، نه ته تڪو. نماڻي آواز ۾ چيائينس: +”منهنجي مٺي، ڪجهه کارائيندئين پياريندئين يا بکئي کي ويتر بک ماريندئين؟“ +”جيڪي چئو.“ ٻن هفتن جون سانڍيل باهيون ڪڍڻ کان پوءِ ڪجهه هلڪي ٿي. +”گهڻي تڪليف نه ڪجان جاني...“ هو سنگهه ڪڍي ساڄو ٿيڻ لڳو. +”چڱو ته پوءِ آءُ پٽاٽو ٿي تري وٺان، تون اسٽور تان پڪين پڪاين جو هڪ پئڪيٽ وٺي اۡچ.“ +هن ٽپائيءَ تان مگا ساسرون کڻندي وراڻيس. ”نه نه، ڌوڙ وجهين پٽاٽن کي! پڪيون پڪايون کارائي ڇو ٿي منهنجا ٻئي جهان وڃائين!“ +”ڇو انهيءَ کي وري ڇا ٿيو؟“ +”ماڻهن الائي وهم وجهي ڇڏيا آهن، پوءِ ڇا ڪجي، تون اُٿي چانور ٺاهه، ته مان چهر وٺيو ٿو اچان.“ +”ٿڪيو آيو آهين، ماٺ ڪري سمهي رهه. پٽاٽو نٿو کائين ته واڱڻ يا ڀينڍيون تري ڏيانءِ. ڇٻيءَ ۾ ڪريلا ��ه پيا آهن.“ +”اِهي ترڪاريون مون کي نه وڻنديون آهن.“ ائين چوندي ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿيو، ٿرماس کڻي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ته ساڳيو ڇڻ ڇڻ وارو ٽانگو مليس. شهر جو چڪر هڻي، ٻه ڪلو برف ۽ ڏهين رپين جي چهر وٺي واپس گهر اچي لٿو ته هوءَ به ڀۡت کي دمۡ ڏيو ويٺي هئي. +رات جو ماني ٽِڪي کائي ورانڊي جو چِڪون ڪيرائي، فل اسپيڊ پکا هلائي ۽ کٽون گڏائي جڏهن ليٽيا، ته هن ڏٺو ته اهو وقت اٿم ”چيتي“ ٿيڻ جو، سو وٺي پنهنجا سُرڙا ڪڍيائين. هن کي به خبر هئي ته اُکريءَ ۾ مٿو وجهبو ته مُهرين کان ڪهڙو ڊڄڻ! کيس جان عالم جي طوطي کي هٿ ڪرڻ واري شهزادي وانگر، ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پار پهچڻو هو، سو صبر سان ڪن ڏيو پيو هو. +”ڳالهه ٻڌي اٿئي...“ هن جي پيشانيءَ تي پيل سُرهي چۡڳ سان کيڏيندي چيائين: +”ڪهڙي دلبر؟“ +”ڪالهه سوناري قادو ڀائيءَ وٽ وئي هيس...“ اهو ٻڌي هن جي گستاخ هٿ کي ڄڻ اوچتو ريل جو بريڪ لڳو. +”پوءِ!؟“ ٻڏل آواز پاتال مان اُڀريو. +”في الحال ٻن تولن جا جهومڪ ۽ ٽن تولن جو هار چئي ائي آهيان، ايندڙ هفتي تيار ٿي ملندا.“ +”جاني، خبر اٿئي تولو سون جو ڪيتري آهي؟“ +”ڪيتري به هجي، نيٺ به ڪامورو آهين.“ +”حالتون ساريون پيون اٿئي، اڳوڻيون ڪمايون ڪٿي آهن. چوڌاري ڦٽڪن جا ڦهڪا پيا پون، هٿن سان مارائينديم ڇا؟“ +”جيڪي الهه تلهه هيئي، سو ڦري ويئي ڀوپي، هاڻي اهي بهانا نه ڪندين ته ٻيو ڇا.“ +”مهينو کن ترس، پوءِ جيڪي چوندئين وٺي ڏيندومانءِ.“ ائين چوندي چپن تي انجام جي مُهر هنيائينس. +”اهو به تنهنجو انجام آزمائيندس، ڏسان ته ڪيئن ٿو پارين!“ +”پياري، جيڪو ڪجهه ڪريان ٿو، سو سڀ تنهنجي لاءِ ئي ته ڪريان ٿو، توکان وڌيڪ مِٺو ڀلا ڪير اٿم.“ +”ڀوپي به نه؟“ +”نه جاني!“ هن گهڙيال ڏانهن تڪيندي ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.“ +”سچ!؟“ +”تنهنجي سِر جو سُنهن!“ +”پوءِ ڀوپيءَ مان ڪيئن پيو گذارو ڪرين؟“ +”مڙيو ئي پيو لِکيو لوڙيان!“ +”ڀلا هڪ ڳالهه ته مڃيندين نه؟“ +”چئه... “ هڪ وار وري هُن جون يڪجا ڪيل سموريون طاقتون وسامڻ لڳيون. +”شريڪن جون شاديون اچي سِر تي ڪڙڪيون اٿم، سڀاڻي مون کي گهڙي، سينڊل ۽ ٻه ٽي وڳا وٺي ڏيڻا اٿئي...“ +”مِٺي سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان، هينئر ڇڏ اِهي لهڻا ليکا...“ هُن سندس بدن جي مهڪار ائين جهٽي ڄڻ ڦوڪڻي ۾ گئس ڀري رهيو هجي. +”انجام ٿو ڪرين نه؟“ +”حاضر منهنجي سائڻ حاضر!“ هُن جو انداز ڪمپيوٽر جهڙو ٿي پيو. +”سور کان لڱ پيا ساڻا ٿينم....“ +وري ساڳيو سهاپو شروع ڪيائين. +”دلبر اڃا ڪيترو تڙپائيندين، هاڻ ته يارهن به لڳي ويا!“ +”پنهنجي رات ته ٻارهين کان پوءِ شروع ٿيندي آهي سهڻا“. +شوخيءَ مان وراڻيائينس ۽ پوءِ دير تائين ڳالهيون مُهاڙيون ڪري سڀ ليکا چوکا لاهي ڦان ٿي سمهي رهيا. +مومل، هونئن ته ڪڪڙ جي پهرِئين دس سان اُٿي کڙي ٿيندي هئي، تنهن کي اڄ ڏهه لڳي ويا. هن جي اچڻ ڪري هميشه کيس دير سان جاڳ ٿيندي هئي. اها ڪا نئين ڳالهه ته نه هئي؛ پر هر ڀيري کيس دير سان اُٿڻ تي اجايو تعجب ٿيندو هو. +”آئي الا! سج مٿي چڙهي آيو، نه چانهه نه پاڻي. نڀاڳو کير وارو ئي هليو ويو هوندو. الائي ڪهڙا کيپ چڙهيم، جو آواز ئي ڪونه ٻڌومانس“. +هو، جو نرم ويهاڻن کي ٻک وجهيو، اونڌو ٿيو پيو هو، تنهن کي به مومل جي آواز تي جاڳ ٿي. ڪر موڙيندي چيائينس: ”جاني، هاڻي ججهي کنڊ وجهي سليماني چانهه ٺاهِه، هينئر مون کان هليو ڪونه ٿيندءِ جو وڃي کير وٺي اچان“. +مومل وهنجڻيءَ ۾ ٽوال صابڻ ۽ بالٽي ڀري رکي آئي، پوءِ سليماني چانهه جو ڪوپ آڻي ڏنا��ينس جنهن کي پيئڻ کان پوءِ هو اُٿڻ جهڙو ٿيو. وهنجي سهنجي ٽوال جي گوڏ ڪري ٻاهر آيو، ته هن سلوار ۾ اڳٺ پئي وڌو. ڪپڙن پائڻ کان پوءِ ڳِهلو ٽوال ڏيندي چيائينس: ”ڀلا ڪا نيرن ٻيرن ته ٺاهي، رڳو سليماني چانهه جي اڌ ڪوپ تي ٽاريندينءَ ڇا؟ +منهنجو ته بک کان هيانءُ ٿو لُڙهي“. +”الله پناهه ڏينئي، هيانءُ لرهي تنهنجي دشمنن جو، تون منهنجي سر جو تاج، گلي جو هار، توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير آهي“؟ +”پوءِ اُٿ ڀلا ڪو بِلو ڪر، بک کان مران ٿو“. +”مرن تنهنجا ويري ۽ جيڪي توکي ڏسي نه سهن. آءُ پاڻ اُٿي تنهنجي ڪاڻ اُڦراٽا پچايان؛ پر ڀانيان ته اِهي گهڙيون توسان ويهي گهاريان، رڌڻي ۾ ڇو وڃايان؟“ +”ڍو بنا ڍوليا، ناهي ساڃهه سونهن جي“ هن آئيني آڏو وارن ۾ تيل هڻندي چپن ۾ جهونگاريو. +”ڪالهوڪيون ”پڪيون پڪايون“ پيون آهن. اڄ کڻي کائي ڇڏ. ڪجهه نه ٿيندئي، انب به ميڙي پُسائي رکيا اٿم، چئو ته ٻه چار آڻي ڏيان، انهن سان کائي حالي هيانءُ جهلو ڪري وٺ، ڏينهن به اچي چڙهيو آهي، ٻنپهرن جو ته هونئن به هوٽل تي کائينداسين“. +هن هوٽل واري ڳالهه ڪاپاري ڌڪ جيان پچائيندي، انبن سان ماني کائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي. +هيانءُ جهلو ڪري وري اچي کٽ ڀيڙو ٿيو. هوءَ به ڀۡر ۾ ائين اچي ليٽيس ڄڻ ڪا سوڀ کٽي هجيس. +”رات چيئي ٿي نه ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وٺي ڏيندين“. +”چيو هئم ڇا؟“ هُن ڀورائيءَ مان پڇيس. +نه تڏهن!“ +”مٺي تنهنجي قرب اهڙا نشا ڏنم، جو خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويو هئس“. +”اونهه، رڳو سکڻي جان ٻچن تان قربان “. +”هن ڀيري پئسا گهٽ آندا اٿم، ٻئي ڀيري ڏسجانءِ ته، ڇا ٿو وٺي ڏيان پنهنجي مٺي مومل کي!“ +”چئبو ته هن ڀيري گهمائيندي ڦيرائيندي به ڪونه؟“ +اُٿ ڀلا، جلدي تياري ڪري وٺ ته چڪر ڏياري اچانءِ“. اهو ٻڌڻ سان هوءَ وڃي تيارين کي لڳي. هن تي ٻيهر ننڍ جا نشا چڙهڻ لڳا. ڪلاڪ کن مس آرام ڪيائين، ته هوءَ به سورهن سينگار ڪري، عطر عنبير مکي، اچي سيرانديءَ کان ويٺيس ۽ چميون ڏيئي ڏيئي ننڍ ڦٽائي ڇڏيائينس. +هن اهو سڄو ڏينهن رڪشا ۾ چاڙهي راڻي باغ، ڄامشورو برج، هوٽل ۽ فلم تان گهمائي آڌيءَ رات جو گهر واپس آڻي ۽ ويندي ويندي سمورو حساب ڪتاب پورو ڪري، آسر ويل ڳوٺ لاءِ ريل ۾ چڙهي روانو ٿي ويو. +مومل، نئين ”زندگي“ مان ”لڏي ويا، اۡڏي ويا سُخن جي عمارت“ جو اڀياس ڪندي ٿڌو ساهه کڻي اُداس اکين سان دۡر ديوارن ڏانهن نهار ڪئي. هن جي دم سان هڪ اڌ ڏينهن لاءِ ڪيڏي نه رونق هئي. گهر ۾... وري اٺن ڏينهن جو وڇوڙو... اوسيئرو... يانصيب! اڃا چار ڏينهن اوسيئڙي جي عذاب جا مس ڪاٽيائين ته صبح جي پهر اوچتو بندري قد واري چالاڪ جنو نوريڙي، جنهن جي ساڻس ”چنڊو چنڊي کي ڳولهي لهي“ جي بنيادن تي پراڻي شناسائي هئي، سا اچي نڪتس. پڌر ۾ پيل ڪاٺ جي صندل تي ويهي پنهنجا بندرڙا هٿ نچائيندي ۽ نوريئڙي جهڙيون اکيون ٽمڪائيندي چيائينس: ”خبر اٿئي ٽيو ڏهاڙو شهباز جوءِ کي علاج منهنجي گهر آڻي رهايو، اجهو هاڻ موڪلائي ويا آهن“. +”مون ڏانهن ته ڪونه آيو!“ +”تنهن ڏينهن ڀانيان ٿي ته ويچارو توڏانهن ئي پئي آيو، پر الله منهنجي توبهه، منهنجي زاري!“ +جنو نوريئڙي پٽ سان ٻئي بندريون آڱريون ڇُهي مني نڪ تي وڏا وڏا جانا ڀريا. +”منهنجي سائينءَ ڏانهن ته خير هو نه!“ هِن جو هينئون وسائڻ لڳو. بيتابيءَ مان پڇيائينس. +”مونکي هاڻ خبر پئي آهي ته ويچارو موت جي منهن ۾ آهي. کيس ڏسي منهنجا ته وائسرئي ڦري ويا.“ +”قسم اٿئي قرآن جو جنو! سگهو ٻڌاءِ، منهنجو هيانءُ ٿو وڃنئي.“ هِن ٻئي هٿ هيانءُ تي رکندي چيس. +”ڪالهه نماشام جي مهل ٻارڙا وٺيو مٿي ويٺي هئس، اوچتو ڪڙڪو ٻڌي دريءَ مان هيٺ جو نهايان کڻي، ته منهنجيون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي ٿي ويون.“ +”ڇا ڏٺئي؟“ +”کڻي جو ڏسان ته تو وارو شهباز ڀت ڀر کٽ تي بوتو ٿيو ويٺو هو، جوڻس تارونءَ وارو اهڙو ته زورائتو چنبو وهائي ڪڍيس، جو مٿو وڃي ڀِت سان لڳس. شڪ ناهي جو رت جون ٺينڊيون به وهي نڪتيون هجنس! پيڙا مان ڪنڌ ڪري هيٺ ڪيائين، ته ٻه ٽي چار چنبا لاڳيتا وهائي ڪڍيائينس: ”ماريا، ٽيو ڏينهن کان پئي چوۡئين ته مغز ۾ ڀان ڀان ۽ زوُن زون پئي ٿئيم، چڪر بيهنم نٿا؛ تيل جي تِري هڻينم، پر ڪو ٻڌين ٿو! ڳوٺ ته رات ڏينهن تِريون هڻندو هئين، هِت ڪهڙو ٿو مهڻو لڳنئي، پرائي گهر ۾ جيئن ڪُڇان نٿي، تئين وڃي چوٽ چڙهندو. اِهو ٽۡڪ مان وۡر لاهي ڇڏينديمانءِ، متان ڪو ٻيو خيال ڪيو اٿئي، تون کاڄين ڇاتي.“ جنو نوريڙي ڊرامائي انداز ۾ روئداد ٻڌائيندي چيو. مائيءَ اِتي بس نه ڪئي، وري موهيڙي ۾ زور سان آڱر ٽُبيندي چيائينس: +”اهي موهيڙا ڦيهي وجهنديمانءِ، جن جي زور تي اهڙو شِنگ ٿي پيو آهين، جو وڻ گهوڙو نٿو ٻڌين.“ ائين چئي پيشانيءَ تي پيل اسپرنگ جهڙي چڳ کي اهڙيون ته وٺي ڇڪيون ڏنائينس، جو ماڳهين سڌي سيخ ٿي پيئي، چي: ”وس پُڄيم ته اِنهيءَ چنڊيءَ چڳ کي پاڙئون پۡٽي اُڇلايان! خبردار جو وري منهنجي سامهون اِهي گونڊن وارا سينگار ڪري هليو آهين. ايهي سينگار آءُ به سڃاڻان ٿي؛ ڪا ته ڳالهه آهي، جو ماڪ تي موهيو هلين، مونکي به ته خبر پوي، ڪهڙي نينهن جي نظاري تي چڙهيو آهين، جو فلڪ ئي نٿو آڻين. اِهو واءُ مٿي مان ڪڍي ڇڏ، نه ته سنگسار ڪري ڇڏينديمانءِ.“ اهڙيون ته وٺي اُلرون ڪيائين، جو الله منهنجي توبهن! منهنجي بابي جي توبهن ته ڏاڏي جي توبهن! سڄي ڄمار ۾ ڪنهن مرد جو زال هٿان اهڙو حشر نه ڏٺم؛ مۡڄو گهڻئي ڏٺاسين ٻڌاسين پر هي، ته ڪو مۡها مۡڄو هو... ڇا مرد جو شان، ڇا سهي موچڙو! رڳو ماٺڙي ڪيو ڪڏهن مُري تان پئي مۡر لاٿائين، ته ڪڏهن هٿن جون تِريون مهٽيندي، آڱريون پئي مروٽيائين سروٽيائين. اهڙو نماڻو ٿيو ويٺو هو، جو سچ پڇين ته ڏک کان هيانءُ ڇڄي پيم... تنهنجي من جو کڻي مور هيو؛ پر منهنجو به ته ڀائرن جهڙو هو، اهڙو ته بڇڙو ڪيائينس، جو هاڻ توکي ڇا ويهي ٻڌايان! اِهو ته ٿيو پنهنجي پير مان لاهي مُنهن ۾ هڻڻ. ايترو سو ٻڌائينديمانءِ ته پوءِ هيون شهباز جون توبهائون ۽ گيسون! پيرن تي مۡٿو رکي پئي بخشرايائينس.“ +مومل، جا ايتري دير عبرت جي سمنڊ جو کارو پاڻي اکين ۾ ضبط ڪيو ويٺي هئي، تنهن کي اندرئي اوتيندي ڇولين جهري ڇوهه مان چيائينس: ”وڃي ڇاهي پائي، مون وٽ ٺهي جُڙي اۡڇين ڪڇين اچيو ويهي. زال نه زال جو پائو تنهن کان پيو گِهلجي! اڃا ٿي چيائين ته توسان پرڻو ڪندس. وڇ ڪُڏي پنهنجي ڪيري تي، ساڻس پرڻو ڪري ڪهڙو پنهنجو اڇو منهن ڪريان!“ +”ٻيو وري ڇا جيڪو پاڻ پيو گهلجي، سو توکي ڇا سنڀاليندو.“ ڀنڀور کي باهيون ڏيئي نوريڙي ته هلي ويئي؛ پر هن جي ذهن ۾ اهڙو ڪو واچوڙو لڳو، جنهن پپر جي وڻ جو مضبوط ٿڙ ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو؛ جنهن جي ٿڌي مٺي ڇانو ۾، هن سڄي حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڍ جيان گذارڻ جي خواهش ڪئي هئي. هن جون خواهشون، هن جا خواب پپر جي پنن وانگر ڇڻي وکرجي ڪري پيا هئا. ڪيتري دير تائين ذهن جي اسڪرين تي، سرپرائيزنگ ميوزڪ جي گونج ۾ هُن سان گهاريل گهڙيون اُڀرنديون ۽ ڊهنديون رهيس. تنهن ڏينهن هوءَ ويهاڻي ۾ منهن وجهي ايترو رُني، جو اکين ۾ لُڙڪن جي ڪا بوند باقي نه بچي هيس. هوءَ پوءِ سوچي سوچي اُٿي، ت�� بنا دير ٻاهر واري ڇوڪري کي سڏائي چيائين: ”وڏيري مينهل کي وڃي چئو ته هتان منهن ڏيکاري وڃي.“ + + +هِن ته ڪو اوسيئڙو ڪونه ڪيو، پر هو به ٽي هفتا ڪونه آيو، آخر چوٿين هفتي، ڦِٽ ڦِٽ ڪندي منهن سان در جي چائنٺ ٽپي اندر ٿيو. هِن اوڏيءَ مهل پڌر ۾ سگريٽ ڇڪيندي، ڪاشيءَ جي ڪونڊين ۾ لڳل مۡني پلانٽ کي پائپ سان پاڻي پئي ڏٺو. هن کنگهڪارن جو هارن دٻائيندي چيس: خوش ويٺي آهين نه؟“ +”نه تڏهن ڇا ٿي سمجهئي؟“ هِن ڏانهس ائين نهاريو ڄڻ هو ڪو ڪاڪروچ هو. +”ڪاوڙ ڪئي هوندئي؟“ +”ڪاوڙ ڪري منهجو موچڙو!“ سگريٽ کي چپٽيءَ سان ڇنڊڪو ڏيندي وراڻيائينس. +”اهي ويئي هليا عزتن وارا ڏينهن، ڏٺم تنهنجا رعب کدوبيگ! مڙس به اهو آهين نه جو بُجا پيو کائين.“ +”ڪير ٿو چوي؟ ڪڏهن؟ مون کي بُجا ڪير هڻندو؟! ڪنهن کي طاقت آهي!“ +”اي هاڻي ٺهيو ٺهيو ميتا، تو ته گهڻئي ڊگهيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ته هيئن ڪندس، پر تنهنجو ته پول پڌرو ٿي پيو.“ +”پڪ جنوءَ اچي ڀريو هوندئي، تنهن ڏينهن ايمڻا کي به انهيءَ رۡن اچي ڀڙڪايو، نه ته هوءَ هروڀرو اهڙي ناهي.“ +”ڪهڙي به هجي، منهنجو ڀوپيءَ ساڻ ڪو لهڻو ليکو، پر اکين تان پردا ته کڄي ويم، تنهنجي اصليت ته سامهون اچي ويئي.“ +”انهيءَ ۾ اصليت جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال ماڻهون سان ڪهڙو وات ڏيان ها.“ ”آئون تنهنجيءَ جاءِ تي هجان ها، ته اوڏيءَ جو اوڏي مهل مُنڍي مروڙي رکانس ها.“هن نفرت ڀريل نگاهن سان نهوڙيندي چيس. هو ٻه وکون اڳتي وڌي آيو ۽ ٻانهن مان جهليندي چيائينس: ”مون کي بخش ڪر منهنجي سائڻ! هاڻ وڌيڪ ٻڏڻهارڪو نه ڪرينم. اڳتي اُهي دڙڪا تاب ڪونه سهندومانس. وري جي گوڙ ڪيائين، ته نِڙيءَ تي ننهن ڏئي اُڦٽ ماري ڇڏيندو مانس. +”هاڻ سون جو ڳنڊو به ٿي پوين، ته به منهنجي لاءِ گِلٽ آهين.“ سٽ سان ٻانهن ڇڏائيندي وراڻيائينس. +”ها، چڱو جو ياد ڏياريئي،“ هو ائين مُرڪيو ڄڻ ڦِڪائي وندرائيندو هجي. ”زيورن جي رسيد ته ڏي ڀلا، هيل کيسا پُر ڪري آيو آهيان.“ +”ايڏهين ڪر پنهنجا کِکا کيسا! ڪون ٿا کپن تنهنجا زيور، جيئي وڏيرو مينهل خان پاڻهي وٺي ڏيندو!“ +اهو ٻڌي هُن جي ڪنن ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، ڌرتي ڌُڏندي محسوس ٿيس، پر پڌر ۾ کتل نل جو سهارو وٺندي، پنهنجي پر ۾ تير هڻي ڪڍيائينس. +”اهو وڏيرو مينهل نه، جنهن کي اڳ ئي سۡت سُريتيون آهن!“ +”مڙس ئي ته سۡت به سنڀاليندا آهن، ڀاڙيا ته هڪ کي به نه سنڀالي سگهن. مان به ماريندس ته مير، چاڪر ڪون چڪيندس.“ فخر مان ڪونجهه جهڙو ڳاٽ اوچو ڪندي وراڻيائينس: ” سڀني جي سائڻ ڪري ويهاريندم، تو جهڙو ڪونهي جو بُجا ويٺو کائي. توکي ٿي ڏسان ته جۡنوءَ جو چٽيل نظارو اکين اڳيان ڦريو ٿو اچيم. مون ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو سهارو ٿي گهريو، ته مٿي ڇانوۡ ڪري، عزت جا ڏينهڙا گهاريندس. مون کي ڪهڙي خبر هئي، ته تون ڪو اهڙو مڄوڙو هئين. هاڻ ته سوچيو اٿم، گڏهه جي لت کان هاٿيءَ جي لت وري به چڱي آهي.“ +اهو ٻڌي هُن ڏند ڪرٽيندي چيس:” ڏسان ته تون ڪيئن ٿي مينهل جي ٿين!“ ”اهي جوش ڏيکار ڀوپيءَ کي، جيڪا ٿُڪ جي ٿانوۡ ۾ پئي کارائنئي، مون کي اڪيلو نه سمجهه. .ڪريانءِ ٿي ڪيِهه ته مڙي ويندا ٽيهه!“ گهڙيءَ جو گهڙيءَ م گهِلرائي سگهئين ٿي. نڪاح ٻڌيءَ تي وس نٿو هلئي، آيو آهين مون تي ديرو دمائڻ، هون!“ +”جيڪي توسان وهيم، سو سڀ پاڻي ٿي ويو؟“ +”اي هاڻي هل هل، ڄاڻ وڏيرو مينهل آيو ڪار ۾، تو جهڙو ڪونهي جو ٽانگي ۾ چڙهي گهنڊڙيون وڄائيندو، ڇڻ ڇڻ ڪري اچي لهندو.“ +”ته چئبو رن اڳ ئي ڪو مينهل کي هٿ ڪيو ويٺي هئين!“ +”هفتو کن ٿيو اٿم جو ساهيائين، ۽ مان به ڪنڌ ڪونه ڪڍايو.“ مومل رومينٽڪ انداز مان ٿڌو ساهه کڻندي چيس. ”هُو ته ڪِن سالن کان ڇتو هو؛ پر تنهنجي ڪري مُنهن نه ڏيندي هئيمانس.“ +اوچتو وڏيري مينهل جي ڪار جو بُل ڊاگ اسٽائيل هارن وڳو. +ها... ئو... ئوئو... آ. +مُٺيس، هاڻي ڇا ڪريان!“ مومل کي پريشاني وٺي ويئي. اڃا ٿڙ ڦٿر ۾ هئي، جو ڏاڪڻ تي وڏي کُڙيءَ واري بوٽ جي ڌم ڌم پئجي ويئي. ان دم ئي وڏيرو مينهل، هڪ هٿ سان شهپر وٽيندو ۽ ٻئي هٿ سان سٿرن ۾ کوٽهڙا ڪندو اچي اندر پهتو. جيسين تائين وڏيرو مينهل کانئس ان بابت پُڇي ئي پُڇي، ته هِن وڏيءَ حرفت سان شهباز مان جان ڇڏائيندي چيو: ”ادا، هاڻي توکي موڪل، تون ڀلي وڃ ڳوٺ، ادي ايمڻا کي به سلام ڏجانءِ!“ +”وڏيري جي ڪاوڙ ٿي ته غريب لاءِ لڪڻ جي واهه نه لڀندي، هاءِ به ويئي ته هو به ويئي، نه گهر سلامت، نه وني بچندي، نه ٻني بچندي، يا ته جيل ۾ هوندو يا پيو رات ڏينهن موچڙا کائيندو، جيسين وڃي وڏيري جو جن لهي. تيسين نه ڪوڪ آسمان وارا ڪنائيندا، ۽ نه زمين تي ڪو ٻڌڻ وارو هوندو. وڏيرن جي وچ ۾ اها به ٻڌي هوندي هئي ته ڪو غريب هڪ وٽان لڏيو ته ٻيو ڪوبه کيس پاڻ وٽ رهڻ نه ڏيندو. خدا جي وسيع دنيا ڪڏهن وڏيرن جي وس ۾ هئي، تڏهن غريبن لاءِ ڪيڏي نه تنگ هئي“ +سيد حسام الدين راشدي +(”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ تان) +قاضي خادم پر هوا پڙهڻ ڪونه ڄاڻي +(باغ ۾ گلن جي وچ تي هڪ پٿر تي +اُڪريل ڪتبو ”گل ڇنڻ منع آهي.“) +ڊسمبر جي شروعات هئي. هڪ موسم سرديءَ جي، ٻيو اسلام آباد، پر ڳالهه اهڙي هئي جو آءُ اصل صبح ساڻ نيرن کائي گرم ڪوٽ ۽ سوئيٽر پائي سيءُ ۾ ڏند کڙڪائيندو، گلاب ۽ چنبيليءَ واري باغ ۾ اچي پهتس. ڪار بيهاري ٻاهر نڪتس ته اصل ماشائي ڦري ويا. هڪ ته سخت سيءُ“ ٻيو آسمان تي رءُ، وري باغ جو ٿڌو ٿڌو ڇٻراتو. اصل ڄمي ويس. مٿان وري انتظار به ڪرڻو هو؛ هن يارهين بجي اچڻ جو چيو هو ۽ اڃا نۡو مس ٿيا هئا. +آءُ باغ ۾ پوکيل گلاب جي مختلف گلن جا نالا پڙهي رهيو هوس، ته منهنجي نظر ان تختيءَ تي وڃي کُتي، جنهن تي لکيل هو ”گل ڇنڻ منع آهي.“ انهيءَ تختيءَ جي هيٺيان ڪيترا ڪومايل گل ۽ پن پيا هئا، جيڪي پڪ هن واديءَ جي سرڪش هوائن اڻڄاڻيءَ ۾ ٽوڙي ڦٽا ڪيا هئا. ۽ هاڻ اهي هوا جي زور تي هيڏانهن کان هوڏانهن اڏامي هلڪي کڙ کڙ جو آواز ڪري رهيا هئا. انهن گلن کي پيرن هيٺيان چيڀاٽيندو. آءُ ڪيترو پنڌ ڪري اڳيان هليو ويس ۽ وري ساڳئي رستي تي واپس اچي در جي ويجهو بيٺس، ته من ڪو انساني مهانڊو نظر اچي؛ پر هُتي ته اصل خاموشي لڳي پئي هئي. آءُ به هڪ هنڌ رومال وڇائي ٿڌي ۽ آلي ڇٻر تي ويهي رهيس. +هن سان منهنجي انهيءَ ڏينهن صبح جو ٽيڪسلا جي عجائب گهر ۾ ملاقات ٿي هئي، جتي هوءَ ڪيترن طاقن ۾ رکيل گوتم جي مختلف مورتين ۾ ڏاڍي غور سان ڏسي رهي هئي، ڄڻ ته نرواڻ جي ڳولا هئس. هوءَ پنهنجي انهيءَ حال ۾ ايڏي ته مگن هئي، جو اها به خبر ڪانه پيس، ته آءُ سندس پويان بيٺو آهيان، تنهنڪري جيئن ئي هڪ مورت کي ڏسندي ٻيءَ مورت ڏانهن وڌي، ته مون سان ٽڪرائجي پئي. هن جو مون سان ٽڪرجي، ”ساري“ چوڻ جو انداز مون کي ڏاڍو وڻيو. ايترو ته وڻيو، جو آءُ ”اٽ از آل رائيٽ“ به نه چئي سگهيس ۽ پوءِ سوچيم، ته مس مس اهڙي ڪنهن جملي چوڻ جو موقعو مليو هو سو به وڃائي ڇڏيم. +گوتم جي چهري تي ابدي سڪون جا واضع ۽ چٽا اهڃاڻ ڏسندي به، ميوزم جو هال مون کي ڏاڍو سرد پئي لڳو. رت ڄڻ ته بدن ۾ ڄمي ويو رهيو هو. مون هٿ پئنٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. هوڏانهن گائيڊ به منهنجو پيڇو ڇڏڻ وارو ڪونه هو. هو مون کي اش��ڪ اعظم جي زماني ڏانهن وٺي هلي رهيو هو؛ پر آءُ ته هتي ڦاسي پيو هوس. +”هي هٿيار اشوڪ اعظم جي وقت جا آهن.“ هو چئي رهيو هو، ”هي سرجريءَ جا اوزار آهن. هي مۡٽ ۽ دلا، ٽُڀا ۽ ڪُنا به انهيءَ دور جا آهن. گنڌارا جي عظيم تهذيب جا رهيل نشان آهن...“ +پر منهنجو ذهن ”هُن“ ۾ گم هو. هوءَ جيڪا هر مورتيءَ جي اڳيان پاڻ به پنڊ پهڻ بڻجيو ٿي وئي ۽ آءُ هن کي ڏسي، پنهنجي هستيءَ تان هٿ کڻي ويٺو هوس. +هوءَ جنهن گنڀيرتا ۽ بي خبريءَ سان ماضيءَ جي هڪ عظيم داستان جي عظيم ترين ڪردار کي ڏسڻ ۾ گم هئي، تنهن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته، هوءَ پاڻ هڪ اهڙي مورتي پئي لڳي، جيڪا هونئن خود به دل جي مندر جي سونهن ۽ سوڀيا وڌائي سگهي ٿي. +”سائين، هن ڪمري ۾ قيمتي نوادرات رکيل آهن.“ گائيڊ هڪ لوهي گيٽ کوليندي چيو. مون نه چاهيندي به هن ڏانهن ڏٺو، هوءَ به دلچسپيءَ سان لوهي دروازي ڏانهن ڏسي رهي هئي. آءُ به گائيڊ جي پويان اندر داخل ٿيس. هتي سيءَ کان مڙئي بچاءُ هو، ته به آءُ پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهيو، هڪ کان ٻئي شيلف ۾ ڏسندو رهيس. قسمين قسمين سون ۽ قيمتي پٿرن جا زيور، جيڪي ڪڏهن اشوڪ ۽ ٻين بادشاهن جي راڻين جي خوبصورت جسمن جو سينگار بڻيا هوندا. ڪن ايرينگن ۾ ته ٿي سگهي ٿو، ڪنهن حسن جي ديويءَ جو ڪو وار به ڦاٿل هجي! ريشمي ڪپڙا، جن انهن اپسرائن جي جسمن جي چانڊاڻ چمي هوندي! هڪ لمحي لاءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ ته اهي هٿيار، زيور، ڪپڙا ۽ هيرا جواهر جيئرا ٿي پيا هجن. سچ پچ ته اهي ماضيءَ جي داستان جا انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا شاهد به هئا، ته انهن جو هڪ امر حصو به. +”سائين، هيءَ نچڻيءَ جي مصنوعي مورتي آهي، اصلي مورتي ڀڄي پئي آهي.“ گائيڊ، منهنجي محويت کي ٽوڙيندي، هڪ بٽڻ دٻائي ديوارگير شوڪيس جي بتي ٻاريندي چيو، جنهن ۾ رنگين ريشمي ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ خوبصورت نچڻيءَ جي خاموش مورتي بي نور اکين سان گهوريندي نظر پئي آئي. +”ڪيڏا نه سٺا زيور آهن؟“ هن پنهنجي منهن پنجابيءَ ۾ چيو. +”خبر ناهي پائڻ وارا به ايڏا سٺا هئا يا نه!“ مون به پنهنجي منهن چيو. +”پائڻ وارا سٺا هئا يا نه، خوش نصيب ضرور هئا.“ هن وري ڀُڻڪيو. +خوش نصيب ته هي زيور آهن، جو هر دور جي خوبصورتين کي پيا ڏسن.“ مون گهرين نگاهن سان هُن ڏانهن گهوريندي چيو. +”هر ماڻهوءَ کي هر وقت فلرٽ نه ڪري سگهبو آهي.“ هن پنهنجي گلابي شال کي زور سان بدن سان ويڙهيندي چيو. +”نقلي مورتي ته اصليءَ کان به سهڻي ٿي لڳي.“ هن وري چيو. +”زمانو ئي نقل جو آهي.“ مون ڄڻ ته گائيڊ کي چيو. +”هنه، پراڻو ڊائلاگ.“هن چپ ڊُولا ڪندي مورتيءَ ۾ گهوريندي چيو. +”ڊائريڪٽ ڳالهه ٻولهه هجي ماڻهو ڪو جواب به ڏئي سگهي. ڪيئن؟“ مون وري گائيڊ کي مخاطب ٿيندي چيو. هن ڪجهه نه سمجهندي به ڪنڌ لوڏيو. +”سائين، هيءَ اشوڪ اعظم جي اها تلوار آهي، جيڪا جنگ کان پوءِ هن ڦِٽي ڪري ڇڏي هئي.“ گائيڊ ٻڌايو. +”جنگ کان اڳ ڦٽي ڪري ها ته هزارين ماڻهو ڪونه بچي وڃن ها.“ هُن به گائيڊ کي چيو، جنهن اها ڳالهه به ڪانه سمجهي. ”پراڻين شين کي ڏسڻ مان آخر ملي ڇا ٿو؟“ هن پنهنجي منهن چيو. +”اولڊ از گولڊ.“ مون وراڻيو. +”هنه، نين شين کي اگنور ڪري، اولڊ کي گولڊ ثابت ڪرڻ وري ڪهڙي دانشمندي آهي؟“ هن وري پنهنجي منهن چيو. +”نين شين کي پرکڻ لاءِ وقت گهرجي.“ مون هن ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ چيو. +هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ ٻاهر ويندي ويندي گائيڊ کي چيو ”ريسٽ هائوس هينئر کليل هوندو يا نه؟“ +”ريسٽ هائوس چوويهه ئي ڪلاڪ کليل آهي.“ گائيڊ وراڻيو ۽ هوءَ شال کي ڪلهن تي ٺيڪ ڪندي، ڏاڍي بي نيازيءَ سان ڊيل جيان ٽلندي هلي ويئي. ڄڻ ته بتي وسامي ويئي. +مون به بي دليءَ سان باقي رهيل شيون ڏٺيون ۽ گائيڊ کي ٽپ ڏيندو ٻاهر نڪري آيس. تڪڙ ته مونکي به ڪانه هئي. جنهن ڪم سان اسلام آباد آيو هوس، سو پورو ڪري ڇڏيو هوم. اڃا ٻه_ چار ڏينهن رهڻ جو به ارادو هئم. جنهن دوست وٽ رهيل هوس، تنهن جي ڪار منهنجي حوالي هئي ۽ همراه پاڻ ڪم ۾ سوگهو هو. سو بي فڪري ئي بي فڪري هئي ۽ وري هيتري سهڻي ڇوڪري جا ڏٺم، ته دل چاهيو ٿي، ته ٻه گهڙيون هن کي ڏسان. هونئن به سهڻين شين کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿم. گلابي گل هجي يا گلابي چهرو. سونهن ۽ خوشبو جو هميشه ديوانو رهيو هوس ۽ خاص ڪري اسلام آباد سان ڪيتريون سهڻيون يادون سلهاڙيم. هينئر به مون گهٽ ۾ گهٽ، هڪ ڏينهن جي ڪنهن هڪ گهڙيءَ کي خوبصورت بڻائڻ ٿي چاهيو، ڇو جو وري واپس پنهنجي ماڳ ورڻو هئم، جتي ساڳيو دهل ساڳيو راڳ. زال ۽ ٻار، جهيڙا، گوڙ ۽ خرچ. مطب زندگيءَ کي ساڳئي رستي تي هلائڻ کان اڳ مون هميشه وانگر اهو سوچيو ٿي ته جيڪڏهن قرار جون چند حسين گهڙيون ملي وڃن ته ڏاڍو سٺو. هونئن به آءَ اهو سمجهڻ ۾ حق تي هوس، ته هُن خود به مون سان ملڻ چاهيو ٿي، نه ته ويندي ويندي اهو ڇو اطلاع ڏئي وڃي ها ته ڪيڏانهن پئي وڃي! +ميوزيم مان نڪري آءُ سامهون ٺهيل جديد طرز جي ٽوئرزم جي ريسٽ هائوس ۾ داخل ٿيس. هال ۾ اندر داخل ٿي ، مون ساڄي طرف ريسٽورنٽ ۾ ڏٺو، جتي هوءَ ڪنڊ ۾ پيل هڪ ميز جي چوڏاري پيل ڪرسين مان هڪ تي ويٺي هئي. خوبصورتيءَ سان سينگاريل ريسٽورنٽ جي ڳاڙهي ڪرسيءَ تي هن جو وجود ڄڻ ته ان جو هڪ حصوئي لڳي رهيو هو. هوءَ ٺونٺ ميز تي رکيو ، کاڏيءَ کي هٿ جي پٺيءَ تي ٽڪايو، در ڏانهن ئي ڏسي رهي هئي ۽ اهو سچ هو يا منهنجو وهم، ته هن ٿڌو ساهه به ڀريو هو. +”هتي ماحول ڏاڍو گرم ۽ وڻندڙ هو. بدن ۾ سرديءَ جيڪي ڏار پئي وڌا، تن کان نجات ملي ويئي هئي. مون ويجهو ويندي هن ڏانهن ڏٺو، پر هن جي چهري مان ڪوبه اهڙو واضع اهڃاڻ نظر ڪونه ٿي آيو، جنهن مان اهو لڳندو هجي، ته ڪو هوءَ مون کي سڃاڻيندي به هجي يا ڪو هتي منهنجي اچڻ جي توقع هجيس؛ پر تڏهن به هن ماحول ۾، هن جو وجود مون کي ڏاڍو مڪمل لڳي رهيو هو. آءُ به هن کان اجازت وٺڻ کان سواءِ ئي سندس سامهون پيل ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس. +”فضيلت جي تقاضا اها آهي، ته ڪنهن جي ميز تي وهڻ کان اڳ هن کان اجازت گهرجي.“ هن صاف نموني سان چيو. ”۽ هونئن به سڄو هال خالي پيو آهي.“ +”تڏهن ته اجازت ڪونه ورتم.“ مون به چيو ”۽ هونئن به تصنع کان ڪم نه وٺجي ته بهتر آهي.“ +بيرو اچي بيٺو. +”ڪافي ۽ سئنڊوچ آڻ.“ مون آرڊر ڏنو ۽ هُو واپس هليو ويو. +”آءُ سئنڊوچ ڪونه کائينديس.“ هن چيو. +”ڇو؟ اعتراض هجي ته پئسا کڻي پاڻ ڏجانءِ.“ مون ٿورو مرڪي چيو. +”اڙي، مون کي وڻن ئي ڪونه.“ هن جنهن لهجي ۾ هي چيو، تنهن جو بيان ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي، ڇو جو اهو جملو ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ وٽان هو. البت ان وقت منهنجي دل ۾ جيڪا چهنڊڙي لڳي هئي، تنهن جو مٺاڻ آءُ اڃا به وساري نه سگهيو آهيان. +بيرو سامان کڻي آيو. هُن هٿ وڌائي ڪافيءَ جو دٻو کوليو. ”انڌا، مون کي ميڪسويل وڻي ڪانه ۽ هي جتي ڪٿي ٻه آنا بچائڻ لاءِ اها ڪافي آڻين.“ هن بيري تي باهه ڪڍي، جيڪو وڃي چڪو هو. +”ڀلا، بسڪيٽ کائبا.“ پڇيومانس. هڪ ته هوءَ پنجابيءَ ۾ ڳالهائي رهي هئي ۽ پنجابي مون کي آئي ٿي پوري سوري. ظاهر آهي ته نرم ۽ نازڪ جذبا ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ظاهر ڪري سگهجن ٿا. آءُ ته رومانٽڪ ۽ ماڊرن ٿيڻ جي ڪوشش ڏاڍي ڪري رهيو هوس. +”ڪجهه عقل به استعمال ڪريو.“ هن چيو. +”تنهنجون ڳجهارتون مون کان زور آهن.“ مون سئنڊوچ کي ٽماٽي چٽڻيءَ ۾ ٻوڙي کائيندي چيو. +”جان ڇڏائڻ لاءِ بهترين جواب آهي.“ هن ڪافي ٺاهيندي چيو. +هوءَ ڪنڌ جهڪائي ڪافي ٺاهي رهي هئي ۽ هن جا ايرنگ به هن جي هٿ جي لڏڻ تي لڏي رهيا هئا. هن جي ڪنن جي اڇين پاپڙين تي سائي زمرد جي نگن سان جڙيل ايرنگن جو ميلاپ عجيب لڳي رهيو هو. +”پر جي جان ڦاسائڻ جو ارادو هجي ته؟“ مون سوال ڪيو. هن ڏاڍي عجيب انداز سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ جهٽ ڏئي منهنجي هٿن مان سئنڊوچ ڦرائي ورتائين. +”توهين مرد به ڏاڍا پلستر آهيو. پنهنجي فائدي جا جملا گهڙيو وٺو.“ هن اهو چئي منهنجو اڌ کاڌل سئنڊوچ کائڻ شروع ڪيو. +”نو ڪمينٽس.“ مون ڪافيءَ جو گرم گرم ڪوپ چپ سان لاتو. +”رهيل ڪٿي آهين.“ هن پڇيو. +”خبر ناهي مون کي ڇا جواب ڏيڻ گهرجي.“ مون جوب ڏنو. +”آءُ سهوليت ٿي ڪري ڏيان، آءُ اسلام آباد ۾ رهندي آهيان.“ هن به ڪافي پيئڻ شروع ڪئي. +”آءُ به اسلام آباد ۾ رهيل آهيان.“ مون جواب ڏنو. +”روز ۽ جاسمين گارڊن ڏٺو اٿئي؟“ هن پڇيو. +”ها، پر ڄڻ ڪونه ڏٺو اٿم.“ مون وراڻيو. +”سو وري ڪيئن!“ هن حيرت مان پڇيو +”اهو هيئن جو ان ۾ گلن جا سڀ قسم ڪونهن.“ مون چيو. +”ڪمال آهي، هتي ته گلاب ۽ ياسمين جو هر قسم آهي.“ هن وري حيرت مان پڇيو. +”ها پر جنهن گل مان منهنجي مراد آهي تنهن ۾ گلاب ۽ ياسمين جي خوشبوءِ ۽ خوبصورتيءَ جو اهڙو ته امتزاج آهي، جو ان کان سواءِ ڪو گهٽ سهڻو ۽ خوشبودار گل وڻي ئي نه ٿو.“ مون مرڪندي هن ڏانهن ڏٺو. مون کي پڪ هئي ته هن جي ڪنن جو پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي وينديون، پر نه.... ها هن جي چهري تي سرءُ جي زرد شام جو هڪ پاڇولو آيو ۽ لڙي ويو. +”سڀاڻي صبح جو آءُ واندي آهيان. باغ ۾ ايندين؟“ هن نرم لهجي ۾ پڇيو. +”۽ اڄ شام جو ڇا ڪريان؟“ مون به معصوميت وچان چيو. +”منهنجي طرفان ڌوڙ وڃي پائجئين“ هن کلندي چيو. شايد هن به مون کي ڪجهه لمحن لاءِ مجبور ڏسڻ ٿي چاهيو. +”تون اڳ هتي آئي آهين؟“ +”ها، ڪيترائي ڀيرا.“ +”پوءِ گائيڊ کان ڇو ٿي پڇئي ته ريسٽ هائوس کليل هوندو يانه؟“ +”سڀڪجهه سمجهي وئين، ته به ڦڏي بازيءَ کان باز نه ٿو اچين.“ هن مُرڪيو +”واپس ڇا ۾ ويندينءَ؟“ +”بس ۾.“ +”مون سان گڏ هل، ڪار ۾ وٺي هلانءِ.“ +”نه، منهنجو وس هلي ته نرواڻ جي نگريءَ ۾ پيرين پيادي اچان، نه ته به اهڙيءَ سواريءَ ۾ ايندي آهيان، جنهن مان جسماني تڪليف سهڻي پوي.“ +”نيٺ ڇو؟“ +”انڪري جو گوتم پنهنجي جسم کي ڪڏهن آرام ڪونه ڏنو ۽ نرواڻ حاصل ڪيو.“ +”ته تون به نرواڻ جي ڳولا ۾ آهين؟“ ٽوڪيومانس. +”ها، اڄ کان نه صدين کان“، هن رکائيءَ سان چيو ۽ اٿي کڙي ٿي، ”آءُ صبح جو يارهين بجي باغ ۾ هونديس“. هن منهنجو جواب به ڪونه ٻڌو ۽ هلي وئي. +آءُ بل ڏيئي ٻاهر نڪتس ته هوءَ ڪٿي به نظر ڪونه آيم. هيڏانهن هوڏانهن گهڻي ڏٺم، پر ڪنهن پکي پکڻ جو وجود ڪونه هو. سو آءُ گاڏي سٽارٽ ڪري پنڊيءَ آيس جتان چڪر چاڙهي هڻي اسلام آباد پهتس. سڄي واٽ هن جو خيال منهنجي ذهن تي حاوي هو ايتري قدر جو رات جو خواب ۾ به مون کي هوءَ ئي نظر پئي آئي. دل چاهيو ٿي ته جيڪر هوءَ شام جو به مون سان ملي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها. بهر حال جئين تئين ڪري صبح ڪيم؛ پر اڻ تڻ ڏاڍي هئم. سو رڳو ناشتو ڪري اچي باغ ۾ ٺڪاءُ ڪيم. +’خبر ناهي ايندي يا نه؟‘ هونئن به چند گهڙين جي ملاقات هئي؛ پر هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. سمپل ۽ سمارٽ. مون دل سان چاهيو ٿي ته هن سان ملان. ڳالهيون ڪريان. ”هوءَ ضرور ايندي“. دل مان ٻيو آواز آيو. وري مون ��سيع باغ تي نظر وڌي، جتي نيڻ نهار تائين ڇٻراٽا ۽ ڪنارن تي قسمين قسمين گل پنهنجي خوبصورتيءَ جا نشان بڻيو هلڪي هوا ۾ جهومندا ٿي نظر آيا. هن سرديءَ ۾ ٻيو ڪير به ته ڪونه هو باغ ۾. سامهون اڇي پٿر جي ٺهيل مقبري نما ڇٽي بلڪل مينهوڳيءَ جي مند ۾ واريءَ تي بيٺل کنڀيءَ جيان پئي ڀاسجي. ٻئي طرف چشمي جي پاڻيءَ جي پٿرن مان ڪرڻ جو هلڪو هلڪو آواز قدرتي پس منظر موسيقيءَ جو ڪم ڏئي رهيو هو. مٿان آسمان تي رءُ ڇانيل هو، جنهن نه صرف ماحول کي سرمائي ڌنڌ ۾ جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو هو بلڪ باغ جي رنگين ماحول کي الف ليلوي رومانس جو هڪ حصو بڻائي ڇڏيو هو. بس هاڻ هُن جي اچڻ جي دير هئي، جنهن جي انگ انگ ۾ هن ماحول جا اهڃاڻ هئا، جنهن جو رنگ گلاب ۽ چمبيليءَ جهڙو هو ۽ اکين ۾ ڪئين آبشار ۽ چشما لڪل هئس، هن جي آواز جو مقابلو پهاڙن جي چوٽين تان ڪِرندڙ آبشارن سان ٽڪرائجندڙ لطيف هوائن جي ڪتڪايون وجهندڙ سوسڙاٽ سان ٿي سگهيو ٿي. هن ۾ ڪائنات جي هر خوبصورت منظر جو عڪس ڪنهن نه ڪنهن طريقي موجود هو، ۽ هي سڄو رنگين منظر هن جي وجود جي مهڪ، ٽهڪڙن جي آواز ۽ ساهه جي گرميءَ لاءِ آتو ٿي نظر آيو. مون کي حيراني اها هئي ته هن کان اڳ، آءُ ڪئين ڀيرا هتي آيو هس ۽ خوبصورت چهرن سان گڏ، تڏهن مون ڪڏهن ڪنهن لاءِ پاڻ کي ايترو مجبور نه محسوس ڪيو. مون کي ياد آهي ته گذريل ڀيري جڏهن آءُ ۽ نسرين هتي آيا هئاسين، تڏهن به بور ڪونه ٿيا هئاسين، اسان انهيءَ ڇٽيءَ جي هيٺانهن وڃي ويٺا هئاسين. نسرين ڇٽيءَ ۾ رکيل هڪ ڪونڍيءَ جي آليءَ مٽيءَ سان ڇٽيءَ جي هڪ ٿنڀي تي منهنجو ۽ پنهنجو نالو لکيو هو؛ پر ان وقت ۽ هن وقت ۾ مون کي ڏاڍو فرق ٿي محسوس ٿيو. +آءُ ان ئي خيال ۾ هوس، ته پريان هوءَ مون کي ٽلندي نظر آئي. هن پري کان ئي هٿ لوڏي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو. مون واچ ڏانهن ڏٺو، هوءَ پنهنجي وقت تي آئي هئي. آءُ ٿڌي ٿڌي چٻر تان اٿي کڙو ٿيس. +’سويل آيا آهيو ڇا؟‘ +”ڄڻ ڄائو ئي هتي آهيان“. +”هيءَ باغ آهي. هتي ماڻهون ڪونه ڄمندا آهن، گل ڦٽندا آهن. سرخ......پيلا.....“ هن ڦهڪو ڪري ڇٻر تي وهندي چيو ۽ پوءِ پرس کولي لپ اسٽڪ ڪڍي مهارت سان چپن تي هنيائين، ”تڪڙ ۾ لپ اسٽڪ ڪونه هنيم“. +”اهو به شڪر آهي، جي تڪڙ ۾ چپ ئي وساري اچين ها ته....!“ +”تڏهن به ڪهڙو اثر پوي ها“. +”شيڪسپيئر چيو آهي.....“. +”ڌوڙ پاتي اٿس، لڳي ٿو ته هن پيار محبت ڪونه ڪئي هئي، تڏهن اُڏا ابتا جملا چيا اٿس“. +”نالو ڇا اٿئي؟“ +”راحيلا!“ هن وراڻيو. ”پيار جي خبر اٿئي“. +”ها“. +”پيار ۾ يقين اٿئي؟“ +”ايمان جي حد تائين“. +”شڪل مان تون پاڻ بي ايمان ٿو لڳين“. هن چيو ۽ بي اختياريءَ ۾ منهنجون اکيون ڇٽيءَ جي ٿنڀي تي وڃي کتيون، جت ان جملي جو ثبوت به موجود هو. +”پر هر معاملي ۾ نه“. مون ڀرم رکڻ لاءِ چيو. ”منهنجو نالو اڪبر آهي“. +”جي عيد محمد هجئي ها ته به ڇا ٿئي ها“. هن ڪنڌ ڌوڻيندي لاپرواهيءَ کان چيو. +”راحيلا موسم ڪيڏي نه سٺي آهي.“ مڙئي ڳالهه ڪرڻ خاطر چيم. +”ڌوڙ جي سٺي آهي. سيءَ ۾ ساهه پيو هنه“. +”جي موسم سٺي نه هئي ته تون ڇو هتي آئينءَ“. مون ٿورو تلخ ٿي چيو. +”خبر ناهي.... بس هلي آيس. نه اچڻ کپيم ها نه؟“ هن ڪجهه ڏکويل انداز ۾ چيو +۽ مون کي پنهنجي لهجي تي ڪاوڙ اچي وئي. +”ساري“. +”ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي ساري چوندا؟“ هن لهجو برقرار رکيو. +”آءُ توکي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندس“. مون بي اختيار ٿي چيو. +”ڪيستائين؟“ هڪ ڏينهن، ٻه ڏينهن.....“. هن جي سوال مون کي منجهائي وڌو. هڪ پل ۾ آءُ اهڙي ٻه واٽي تي اچي ويس، جو سمجهيم ته ڄڻ ڪنهن ڏس ۾ وک کڻڻي ئي پوندي. +”ڪهڙي فڪرن ۾ پئجي وئين؟“ هن پنهنجو لهجو ٺيڪ ڪندي چيو، ”چند گهڙين جي ساٿ کي ائين ڇو ٿو برباد ڪرين. اچ ته پنڪ پيس (pink Pease) ۽ وائيٽ روز (White rose) ڏيکاريانءِ.“ هن اٿندي چيو. آءُ به هن سان گڏ باغ جي ڪنڊ ڪنڊ گهمڻ لڳس. +اسان هڪ ٻئي جي باري ۾ ڳالهائڻ کان پاسو پئي ڪيو. مون نٿي چاهيو، ته هوءَ منهنجي گهريلو حالتن جي باري ۾ ڪجهه پڇي، تنهنڪري مون هن کان هن جي باري ۾ به ڪجهه پڇڻ نه ٿي چاهيو، هونئن به هوءَ جيڪا ڪجهه هئي، منهنجي سامهون هئي. هاڻ ان کان وڌيڪ هوءَ ڇا هوندي؟. +”توهان کي اسلام آباد وڻي ٿو ڇا؟“ هن گلن جي ڪونڊن ۽ ٻوٽن درميان پٿريلي رستي تي هلندي چيو. +”مون کي جابلو علائقا وڻندا آهن“. مون وراڻيو. +”مون کي سنڌ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي“. هن چيو. +مون چاهيندي به هن کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڪونه ڏني، ان ڪري جو ات آءُ اهو اڪبر ڪونه هوس، جيڪو لاپرواهيءَ سان گرم سوٽ پايو، اسلام آباد ۽ مريءَ جي پهاڙن تي گهمندو ڦرندو نظر ايندو هو. اتي ته آءُ اهو اڪبر هوس، جيڪو زال ۽ ٻارن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل، پنهنجي اعلي عملدارن جي هٿن ۾ پتلو ۽ دوستن يارن وٽ هڪ گوشه نشين ۽ چيڙاڪ شخص هو. +مهننجي طرفان ڪو جواب نه ٻڌي، هوءَ ماٺ ٿي وئي. هاڻ اسين ٻئي آهستي آهستي اڇي پٿر جي ٺهيل ڇٽيءَ ڏانهن وڃي رهيا هئاسين، جيڏانهن مون نٿي وڃڻ ڇاهيو، پر رخ ئي اهڙو جو قدم اوڏانهن پئي ويا. +”تون روز ٽئڪسيلا ويندي آهين ڇا؟“ +”نه، ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن دل جو سور وڌي ويندو اٿم. تڏهن پنهنجن جذبن کي سڪون ڏيڻ خاطر ٽئڪسيلا ويندي آهيان“. +”اڪيلي ڇو ويندي آهين؟“ +”هتي به ته اڪيلي آهيان“. +”پر هتي ته توکي خبر هئي ته آءُ هوندس“. +”تنهنجي هجڻ يا ڪنهن جي هجڻ سان اڪيلائي ته ختم ڪونه ٿي ٿئي“. هن عجيب اداسيءَ سان چيو. +”شايد مون تنهنجي سُتل سور کي جاڳايو آهي“. +در حقيقت مون وٽ وقت تمام گهٽ هو. مون جلد کان جلد هن سان پنهنجي ان اٿاهه پيار جو اظهار ڪرڻ ٿي چاهيو، جنهن جو اظهار مان وقت بوقت ڪندو رهندو آهيان. راحيلا نه سهي ڪو ٻيو سهي. ڳالھ ته اظهار جي آهي نه! پر ڇا ڪريان، هن جو موڊ ڏسي مون کي همت ڪونه ٿي ٿي. انهيءَ ماٺ ۾ هلندي هلندي، اسين انهيءَ ٿنڀي وٽ اچي پهتاسين، جيڏانهن مون نه ٿي اچڻ چاهيو، ڇو جو اتي مون کي نسرين سان گڏ پنهنجو نالو اڃان به چٽن لفظن ۾ لکيل نظر پئي آيو. انهيءَ ڪري آءُ وڌي ان ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي بيٺس، ته جيئن هن جي نظر هن تي نه پوي. هوءَ منهنجي سامهون ٻئي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. +”تون سمجهندو هوندين ته تو مون کي ڦاسائي ورتو آهي؟“ هن اوچتو چيو. هن جي چهري تي ٽوڪ واري مرڪ پکڙيل هئي. آءُ دل جي چور کي ڀٽڪڻ کان روڪڻ لڳس، نه ته منهنجي منهن مان ظاهر ٿي وڃي ها. +”هو به مون کي ٽئڪسيلا ۾ مليو هو. بلڪل انهيءَ مورتيءَ وٽ جتي تون مون سان مليو هئين.“ هن ڪنهن خيال ۾ غم ٿيندي هوريان چيو. +”پر هن مون کي ڦاسائڻ جي ڪونه ڪئي. هو مون کي وڻيو هو. مون هن کي چاهيو، هن جي پوڄا ڪئي؛ پر هو پوڄا مان تنگ ٿي ويو. جڏهن هن مون کي پنهنجي پوڄا کان روڪيو، تڏهن مون کي خبر پئي ته دنيا ۾ صرف جسم جي اهميت آهي، پيار جي ڪابه اهميت ڪانهي... پر آءُ ڪيئن ٿي اهڙي ماڻهوءَ سان جسماني واسطو رکي سگهيس، جنهن جي مون پوڄا ڪئي هجي؟ جنهن کي مون آسمان ۾ تارن سان گڏ چمڪندي ڏٺو هجي! بس اها خسيس ڳالهه هن کان سٺي ڪونه ٿي...“ هن وري مون ڏانهن ڏٺو ۽ سرگوشيءَ جي انداز ۾ چيائين، ”هو هليو ويو، مون کي ڇڏي ويو؛ پر ڇا ڪريان انهن يادن کي، جيڪي دل جي اجهايل آتشدان ۾ ڇار جي ��ير هيٺيان اڌ اجهاڻيل چڻنگ جيان ٻ­ري رهيون آهن.“ وري ٿورو پري ڏسندي چيائين، ”تنهنجي ڳالهين مان خبر ناهي ڇو مون کي سچ جي ڪجهه بوءِ آئي هئي؛ تنهنجي رويي مون کي متاثر ڪيو، تنهنڪري مون توسان ملڻ ٿي چاهيو؛ سو متان اهو سمجهين ته تون مون کي ڦاسائي چڪو آهين!“ +مون هن جو هڪ هڪ لفظ غور سان پئي ٻڌو. مون کي پنهنجي ڪنن ۾ زوزاٽ ٿيندا محسوس ٿي رهيا هئا. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پيار جو اظهار ڪرڻ مرڳو هن خوبصورت ساٿ کان به وڃائي وجهي ها. +”تو شادي ڪئي آهي؟“ +”نه“ نه چاهيندي به ڪوڙ ڳالهايم. اهوئي سُهائيون گهڙيون مختصر هئڻ جو ڊپ. +”تو شادي ڪئي آهي؟“ پڇيومانس. هن ڪنڌ جهڪائي ڏاڍي جهيڻي آواز ۾ چيو. +”ڪنهن سان ڪريان!“ وري مون ڏانهن ڏٺائين ۽ آءُ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. +”انسان حالتن جي آڏو ايترو مجبور ڇو آهي؟“ هن چيو. ۽ مذاق اهو آهي جو حالتون پيدا به پاڻ ٿو ڪري.“ +”اسان وٽ چوڻي آهي، پنهنجي ڪِئي جو ويڄ نه طبيب.“ مون کلي چيو؛ پر هن اهڙين نگاهن سان ڏٺو، جو وري چپ ٿي ويس. +”پر اهو ته ضروري ڪونهي، ته جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو دوکو ڏي ۽ ياري ٽوڙي ته ٻيا به ائين ڪن.“ هن ڄڻ پنهنجي منهن ڳالهايو. ”پر تجربا به ڪيستائين ڪجن؟“ +”جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهو توسان خراب هليو، يا تنهنجي معيار تي پورو نه لٿو، ته ان جي معني اها هرگز ڪونهي، ته تون ٻين سڀني ماڻهن مان مايوس ٿي وڃ!“ مون ٿورو اڳتي وڌي هن کي چيو؛ پر هوءَ ٻيو ڪجهه سوچي رهي هئي. هن جي چهري تي هڪ ڇڪتاڻ جا آثار هئا. منهنجي ويجهو پهچڻ تي هن ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو. هن جي اکين ۾ گلابي رنگ اچي ويو هو ۽ ڳوڙهن سان ٽُٻ ٿي ويون هيون. مون جيئن چاهيو ٿي ته وڌي هن جا ڳوڙها اگهان ۽ کيس پڪ ڏياريان ته آءُ اهڙو ماڻهو ناهيان، تيئن هن جون نگاهون منهنجي پويان ٿنڀي تي لکيل نالي ۾ وڃي کتيون. هٻڪي بيهي رهيس. رت ئي سڪي ويم. هڪ هڪ قدم مڻ مڻ جو ٿي لڳم؛ پر صورتحال اهڙي هئي جو ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس. پر هن جلد ئي هلڪي مرڪ سان مون کي ڏٺو ۽ پوءِ وڌي منهنجي ويجهو آئي ۽ چوڻ لڳي، ”تون سچو آهين. آءُ اڃا به اهو مڃڻ لاءِ تيار آهيان، ته هن ٿنڀي تي جنهن اختر جو نالو اُڪريل آهي، اهو تون ناهين.“ ائين چئي هوءَ هڪدم مڙي ۽ مون کي ششدر ڇڏي مضبوط قدمن سان واپس وڃڻ لڳي. + + +هن جو وجود جيترو مون کان پري ٿيندو ويو اوترو ئي ننڍو ٿيندو ويو. ايتري قدر جو پري کان گلن جي ٻوٽن جي قطارن جي وچ ۾ هوءَ مون کي هڪ گل جهڙي ئي نظر اچڻ لڳي. مون کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن قبر جي ڪناري تي ڦُٽل ان سرخ گلاب جيان آهي، جنهن جي پيشانيءَ تي تقدير جي بي رحم هٿن اهو لکي مذاق ڪيو هجي ته: ”گل ڇنڻ منع آهي.“ +عبدالجبار جوڻيجو +پُتلي +نالو ته ڪو ٻيو هوس، پر کيس پتلي سڏينداسين. +گهر جي ڏاڪڻ کي ڪل چار ڏاڪا هئا، پر پتليءَ جي عمر هئي ڏيڍ_ٻه سال. هوءَ جڏهن ماءُ جي بي خبريءَ جو فائدو وٺي در تائين ايندي هئي ته ڏاڪا لهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ گهر جي سامهون سيڌي جي دڪان وارو چاچو خيرو ٽپ ڏيئي دڪان تان هيٺ لهندو هو ۽ کيس پڪڙي مٿي چاڙهي اٽڪل سان اندر روانو ڪري در ٻيڪڙي ڇڏيندو هو. اڃا ڪنهن گراهڪ لاءِ سيڌو تورڻ لاءِ ساهمي هٿ ۾ کڻندو مس هو ته پتلي وري به در کولي ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ۾ ڏسبي هئي. هُو ساهميءَ مان هٿ ڪڍي وري به ساڳي ڊيوٽيءَ تي لڳي ويندو هو. ڏينهن ۾ اهو عمل الائي ڪيترا ڀيرا ورجائبو هو. +پوءِ هن پتليءَ کي پيرڙين کڻندي ڏٺو، اسڪول ويندي ڏٺو. هُن پتليءَ جي مئٽرڪ ۾ پاس ٿيڻ تي مٺائي ورهائي. هُو ڏاڍو خوش ٿيو، پر دل ۾ هڪ خواهش هيس ته پتلي ڪاليج ۾ نه پڙهي ۽ پردو ڪري، گهر ۾ اندر رهي ۽ پنهنجن وڏن جي پيروي ڪري. چاچو خيرو به عجيب ماڻهو هو. هوءَ پرائي اولاد ۾ به ايڏو موهه رکي ويٺو هو. +هُو پراڻن خيالن جو ماڻهو هو. پتليءَ جا مائٽ به هئا ته پراڻن خيالن جا؛ پر زماني جي رفتار ڏسي پئي ٻڏيا ۽ تريا. اڃا هو ڪجهه سوچين تنهن کان اڳ پتليءَ خود پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ پيءُ کي چيائين ته ”زماني جي رفتار سان هلڻو آهي. آءُ جاهل رهڻ نٿي چاهيان“... +چاچو خيرو ڪهڙي ليکي ۾ هو. هُن به اِها بد خبر ٻڌي ۽ ڪجهه سوچي تنهن کان اڳ هُن پتليءَ کي ڪاليج ڏانهن ويندي ڏٺو. هوءَ اڃا به چادريءَ ۾ هئي. البت پتليءَ جي نئين چادري ڪجهه ٻيءَ طرح جي هئي. گهٽيءَ مان لنگهندڙ جو گهڻو ڌيان چادريءَ ڏانهن ڇڪجي پئي ويو. اڳتي جي خبر چاچي خيروءَ کي به نه هئي. +حقيقت م ڪاليج جي شروعاتي مهينن ۾ پتليءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونه آيو هو. هُن جو لباس ڪجهه ٿوروئي فئشني ٿيو هو. البت پراڻي طرز جو لباس پائيندڙ ۽ بدصورت ڇوڪريون، توڙي ليڪچرراڻيون کيس گهڻو پسند ڪونه هونديون هيون ۽ هوءَ ڪاليج جي انهن ڇوڪرين کي به پسند ڪونه ڪندي هئي، جيڪي کانئس سونهن ۽ فيشن ۾ سرس هيون. +چاچو خيرو ته هروڀرو پيو اندر ئي اندر پڄرندو هو. پرائي ڌيءَ کي پنهنجي ڌيءَ سمجهڻ ڪري هُن پنهنجو پاڻ کي کڻي تڪليف ۾ وڌو هو. سندس پراڻا خيال کيس ستائي رهيا هئا. هُو پتليءَ کي ڪاليج ويندي ۽ موٽندي ڏسندو هو ته کيس ايتري خوشي نه ٿيندي هئي، جيتري پتليءَ جي ننڍي هوندي جي زماني ۾ ٿيندي هيس. خوشي ته خوشيءَ جي گهر پر هاڻ ته گراهڪن کي کنڊ بدران لوڻ توريندو ڏيندو هو. ڪو هڪل ڪري چوندو هوس: ”چاچا، چريو ڌتورو ته ڪونه پيتو اٿئي؟“ تڏهن هو ڄڻڪ ننڍ مان سجاڳ ٿي پوندو هو. +پتليءَ کي ڪاليج ڏانهن ايندي اڪثر ڪن ڇوڪرن جي تيز نظرن، اشارن ۽ تازن فلمي گانن جو شڪار ٿيڻو پوندو هو. هُن جو خيال هڪدم پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏي هليو ويو، جنهن چيو هو ته ڪاليج جي پڙهائي ضروري نه آهي. اِهو به سوچيائين ته منهنجو ڀاءُ به ته ڪنهن کي ڏسي گانا ڳائيندو هوندو. اِهو خيال ايندي ئي رستي ۾ ملندڙ هر ڏنگي ڇوڪري کي معاف ڪري ڇڏيائين. هِن ته معاف ڪيو پر هنن مان هڪ ڇوڪري کيس بلڪل معاف نه ڪيو. گهٽيءَ مان نڪري روڊ تي ايندي هئي ته هُن کي اُتي پنڊ پهڻ وانگر بيٺل ڏسندي هئي. پتلي ٿورو اڳتي نڪرندي هئي ته اُن پنڊ پهڻ ۾ ڄڻڪ ساهه پوڻ شروع ٿيندو هو ۽ نوڪر وانگر ڪاليج جي گيٽ تائين پيو پٺيان ايندو هو. +پتليءَ ڪوبه خيال نه ڪيو، ڇو جو اُهو ڇوڪرو پري هوندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن کٽڪو ٿيندو هوس. اُن جو ذڪر پتليءَ شازيا سان ڪيو، جيڪا سندس ڪلاسي هئي. +پتلي رڳو شازيه سان گهري هئي. شازيه شاهوڪار ماڻهوءَ جي ڌيءَ هئي. ٺاهه ٺوهه ۾ به پتليءَ کان چهري هئي. اُن کي ڏسي پتليءَ پنهنجو روپ بدلائيندي پئي ويئي. سال جي آخر ۾ هُوءَ سچ پچ پتلي بڻجي پيئي ۽ شازيا سان گڏ هلڻ چلڻ جي قابل بڻجي ويئي. پتليءَ جو پيءَ مالي حيثيت ۾ شازيا جي پيءَ کان گهٽ هو؛ پر ساهيڙين اِهو ويڇو نه رکيو. سنگت چئبو ئي اِن کي آهي ته اوهين کليءَ دل سان دوست کي چاهيو. چاهڻ آهي چاهڻ سان. سياڻا، جيڪي هاڻ قبرن ۾ ستل آهن، تن جو ته چوڻ آهي ته هُو نه چاهي ته اوهين چاهيو. اهڙا سياڻا جي هن مشيني دور ۾ هجن ها ته کين پنهنجو رايو بدلائڻو پوي ها. نه چاهڻ سان به چاهجي؛ سو ناممڪن ته ڪونهي؛ پر مشڪل آهي ۽ پاڻ کي ٻه ڀيرا ماري ائين ڪري سگهجي ٿو. هنن ٻنهي ساهيڙين جا خيال ڪجهه اهڙن ئي دائرن ۾ هئا. شازيه ڪابه ڳالهه ڪندي هئي ته پتلي اُن کي فلسفي جو ويس ڍڪائيندي هئي، اُن ڪري ها ۾ ها ملائيندي رهندي هئي. اڪثر پتلي انساني لاڳاپن ۽ رشتن ناتن تي به شازيا کي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندي هئي. شازيا انهن مان ڪجهه هضم ڪري سگهندي هئي، ڪجهه فلسفو رڳو هن جي ڪنن جي پاپڙين تائين پهچي سگهندو هو. شازيا کي اهو معلوم نه ٿي ٿيو ته پتلي ايڏا وڏا وياکياڻ ڪٿان سکي؟ هڪڙي ڏينهن پتليءَ کان پڇيائين: ”ڪير ٿو توکي اِهي ڳالهيون پڙهائي؟“ +”ڪتاب.“ +”فقط ڪتاب!“ شازيا پڇيو. پوءِ پتليءَ کيس پنهنجي سوچڻ جي قابليت کي ڪم آڻڻ جي فن بابت ڪجهه ٻڌايو، ته به شازيا جي دماغ ۾ ڪا ڳالهه نه ويٺي. هونئن ته هوءَ چڱي موچاري چرچائڻ ۽ چالاڪ ڇوڪري هئي. +هڪ ڏينهن پتليءَ جو پيڇو ڪندڙ نوجوان همت ڪري اڳتي وڌي آيو ۽ سلام ڪلام ٿي ويو. هن کي اِهو سلام ڪلام ايترو خراب به نه لڳو، ڇو جو انهيءَ وچ ۾ هوءَ ڪي ناول، ڪا ڪهاڻي ۽ ڪي شعر پڙهي چڪي هئي. وي سي آر به ڏسي چڪي هئي. هوءَ هاڻ ايتري تنگ نظر نه هئي. اهو سلام ڪلام جئين ئي ٿورو وڌيو ۽ پتليءَ جي جذبن جي سمنڊ ۾ لهرون اُٿيون ۽ هُن شازيا جي اڳيان حقيقت حال جي پڌري ڪري ڇڏي. شازيا لاءِ پتليءَ جي شخصيت ۾ هڪ نئين جازبيت پيدا ٿي پيئي. هن کانئس هڪ ڊگهو انٽرويو، جيڪو ڪنهن جا جذباتي، نفسياتي، سماجي بلڪ سياسي خيال به ظاهر ڪري وجهندو آهي. ائين ئي ٿيو ۽ پتلي هڪ بلڪل واضع شخصيت سان ظاهر ٿي پيئي. ملاقاتون وڌنديون ويون ۽ هر ملاقات جي رپورٽ به شازيا کي ملڻ لڳي. ڳالهه ايستائين پهتي جو پتليءَ ۽ ارسطو جي لاڳاپن ۾ شازيا به اهم ڪردار بڻجي پيئي. ارسطوءَ شازيا کي ننڍي ساليءَ جو اعزازي عهدو ڏيئي ڇڏيو. +هوءَ ان اعزازي عهدي جي ڪري خوش هئي ۽ ابتدا ۾ هن پنهنجي عهدي جي حدن کان اڳتي سوچيو به ڪونه. بظاهر هوءَ راضي هئي؛ پر آهستي آهستي جيئن سندس گهرائي ارسطوءَ سان وڌندي ويئي، تيئن سندس جذبن ۾ به اُٿل پٿل شروع ٿي ۽ پتليءَ کي ا­ڻ لکوئي سهي، پر آگرو لڳو، ته به هن شازيا سان اهڙو اظهار ڪونه ڪيو. ڪجهه وري ”ادا“ چوڻ جي فئشن ڪري به شڪ ڪونه ڪيائين. +سياڻن چيو آهي ته عشق ۽ مشڪ لڪا نٿا رهن. خاص طور مشڪ جا هڪ کان وڌيڪ ٽڪرا ڪجن؛ پر سياڻن کي ڪير ٿو پڇي، بيوقوف به ائين ٿا چون. انهن بيوقوفن کان ئي سياڻن سکيو آهي. غرض ته پتليءَ ۽ شازيا جي ساهيڙپ جي عظيم الشان عمارت ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا. اُهي ڏار ابتدا ۾ ائين هئا، جيئن هڪ ڀت ۾ پهرين پهرين ڏار نظر اچي ۽ آهستي آهستي اهي ڏار وڌندا ويا ۽ ان جو اظهار پتليءَ هڪ ڏينهن کليو کلايو ڪيو. شازيا به ان جو اهڙو ئي جواب ڏنو. هن جو جيڪو خيال هو، سو هن صاف لفظن ۾ بيان ڪيو_ يعني هيءَ هڪ اهڙي ريس هئي، جنهن ۾ تيز ڊوڙڻ وارو ئي اڳتي نڪري سگهيو ٿي. وري حالتن تي به مدار هو. جيڪي ڳالهيون ڳڻپ ۾ آيون ٿي، انهن مان ڪي پتليءَ ۾ نه هيون؛ پر شازيا ۾ هيون. شازيا پتليءَ جي دل جو ڪوبه خيال نه ڪيو. هن کيس صاف صاف ٻڌايو ته پنهنجا پنهنجا ”گٽس“ آهن. تو ۾ مون کان وڌيڪ گٽس هجن ته ميدان اڃا به کليل هو. پتليءَ جو فلسفو جيڪڏهن ميدان ماري سگهيو ٿي، ته شازيا کي ڪوبه اعتراض نه هو؛ پر هاڻي بال ٻئي طرف هو. پتلي هڪ هارايل جواريءَ مثل هئي. هوءَ پنهنجي پياري ساهيڙيءَ کان هارائي چڪي هئي. اهڙي هار، جنهن کي پڙهيل ڇوڪريون ڪافي وقت تائين نه مڃنديون آهن ۽ جي لاچاري حالت ۾ قبول ڪري ورتائون، ته سٽ نه سهي سگهنديون آهن. نه رڳو نروس (Nervous) بلڪ توائي ٿي وينديون آهن. پاڇي سان وڙهنديون آهن. پنهنجي من گهري خوشبوءِ بدلائي ڇڏينديون آهن. هڪڙن بدران ٻيا ڪتاب پڙهن��يون آهن. پتليءَ به ائين ڪيو ۽ بي. اي ته پاس ڪري ويئي. +شازيا بي. اي ۾ ناڪام ٿي. ٿورو گهڻو پيار جو چرچو به ٿي ويو. پاڙي جو هڪ واندو جوان ديسي دلبر معاملي کي مشهور ڪرڻ لڳو. ڳالهه اڃا شازيا جي پاڙي ۾ هئي. پتليءَ جي پاڙي تائين نه پهتي هئي. جي پهچي ها ته چاچو خيرو پنجن سيرن جو تورو کڻي ارسطو جي مٿي ۾ وڃي هڻي ها. +ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪا ڇرڪائيندڙ ڪانه ٿي، جيتوڻيڪ ٿيڻ کپي ها، ڪهاڻيءَ جي شروعات ۽ اُن کان پوءِ جي واقعن مان انجام جي خبر پئجي ويندي آهي. جيتوڻيڪ انجام کان ماڻهو اڪثر بي خبر ٿيندا آهن. باهه کي باهه، پاڻيءَ کي پاڻي ۽ طوفان کي طوفان نه سمجهندا آهن ۽ جڏهن مٿان اچي ڇپ ڪرندي اٿن، ته پوءِ ويٺا قسمت کي لوئيندا آهن ۽ اڪثر انهيءَ روڄ راڙي ۾ اصل ڏوهاري بدران ڪنهن گس ويندڙ بي ڏوهيءَ کي ڏوهي ٺهرائيندا آهن؛ پر پتلي ائين ڪونه ڪيو. +ارسطو شازيا جو سڱ گهريو. پتليءَ کي اها سُڌ به پيئي. مائٽن غريب ڇوڪرو ڏسي انڪار ڪيو، سو به پتليءَ ٻڌو. شازيا آپگهات جو دڙڪو ڏنو، سوبه پتليءَ ٻڌو. دڙڪي دهمان جي نتيجي ۾ هائوڪار ڪيائون، سو به پتليءَ ٻڌو. هن لاءِ انهن ڳالهين ۾ خوشيءَ يا ڏک جو ڪو چٽو پهلو ڪونه نڪتو. +البت چاچي خيروءَ کي پتليءَ جي ڏک جي خبر دير سان پئي. جڏهن پهريون ڀيرو هن ڏٺو ته پتلي گهر ڏي موٽي ته پرس هٿ تي نچندو ڪونه پئي آيو. اُها شازيا ۽ ارسطو جي شاديءَ جي رات هئي. باوجود دعوت ۽ زور ڀرڻ جي به پتلي شاديءَ تي وڃي ڪونه سگهي. سڄو هفتو هن جي حالت خراب رهي. نيٺ هوءَ گهر کان نڪتي. هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. ڳالهين ڪندي دير ڪونه ٿي لڳي، پر وقت پنهنجي رفتار سان ٿو گذري. +هڪڙي شام جو چاچي خيروءَ جي هٿ مان مورڳو گيهه جي پيالي سوڌي ساهمي ڪري ٿي. هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. دنيا ڪيڏي نه وسيع هئي. پتلي پرس هٿ تي نچائيندي پئي آئي. ٻانهن ۾ پرس جو ڪشو ڦرندو ويو. ڌرتيءَ گردش پئي ڪئي. جاگرافي پڙهيل ڪونه هو، پر هن اکين سان ڏٺو ته ڌرتيءَ گردش پئي ڪئي. +ڪيهر شوڪت پُل تي ويٺل هڪ نوجوان +هاڻي هُو گهر کان ئي نه پر ڳوٺ کان به ٻاهر نڪري آيو. بند تان چڙهي، واه جي ڪڙ ڏئي، مال جي ڌوڙ کان بچندو اچي پُل تي نڪتو ۽ پل جي ٺهيل دڪي تي ويهي رهيو. هن جي چهري تي پريشاني ۽ اُداسي ڇانيل هئي ۽ هو ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ گم هو. پل تان لنگهندڙ مال، گاڏين، ڌنارن يا هارين نارين ڏانهن هن جو ڪنهن به قسم جو ڌيان نه هو. ڪافي دير انهيءَ حالت ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو رهيو ۽ پوءِ هن نگاهون مٿي کنيون، ته هن جي پريشان ۽ اُداس حالت الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي ۽ ان جي بدران هن جي مُک تي سرور ۽ شانتيءَ پنهنجا پر ڦهلائي ڇڏيا. لهندڙ سج، وهندڙ واهه. هوا ۾ جهولندڙ وڻ ۽ نيڻ نهار تائين ساوڪ ۽ فطرت جو الستي ۽ سرمدي راڳ. هو ان ۾ کوئجي ويو. اهنج ايذاءَ، سور، سزائون سڀڪجهه ڀلائي ڇڏيائين. پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي انهيءِ سڀڪجهه ۾ به ڪنهن قسم جي ڪشش يا چمڪ نظر نه آئي. هن ۾ وري بيزاري ڀرجي آئي ۽ هن کي اهو سڀ بي معنا، کوکلو، اجايو چيڙائيندڙ ۽ واهيات لڳو: +So you are going to your paradise my old boy. Am I wrong? +ڪجهه ڏينهن لاءِ سڪون آرام جو مزو، کائڻ پيئڻ جو ڪوئي اونو نه، گهر جون خوشيون، مائٽن مٽن سان گذرندڙ پيارا لمحا، ڳوٺاڻا دوست، جنت ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ +Wish you good luck my old boy. +”ادا اچي ويو، امان! ادا اچي ويو، ادا، ادا......“ ننڍڙو ڀاءُ ۽ ڀيڻس کيس ڏسي ڊوڙن ٿا. هن کي چنبڙن ٿا ۽ هو هنن کي پيار ڪرڻ لڳي ٿو. +”ادا آئين؟“ پنهنجين وڏين ڀينرن سان ملي ٿو. ”تون خوش آهين نه فرحت، تون ڪيئن آهين راحت؟��� ”ها ادا....... تون ڪيئن آهين؟“ +”مان به خوش آهيان. تون ته خوش آهين نه جاويد!“ ”ها خوش آهيان“. +”بابا توهان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آ: چيائين پئي ته ٻن مهينن کان وٺي اسان ڏي پائي به ڪونه ٿو موڪلي. باقي پاڻ ڪراچيءَ ۾ عيش ڪندو وتي. اسان هتي ويٺا بک مرون. سچي توتي ڏاڍي ڪاوڙ اٿس.“ راحت سندس گهر ۾ گهڙڻ واري سموري خوشيءَ کي تباهه ڪري ٿي ڇڏي. +”امان، جاويد سان نه ملندينءَ؟“ فرحت ماءُ کي چوي ٿي. +”نه، مان ڪونه ڳالهائينديمانس، ڪو ڪراچيءَ ۾ اهو خيال به اچيس ٿو، ته گهر جي ڇا حالت هوندي. ڪراچيءَ وڃي اسان کي صفا وساري ويهي ٿو، ٻه ٻه مهينا ٿي وڃنس ٿا ته ڪوڙي پائي به موڪلي ٿو؟ آخر پڻهين جي پينشن ۽ توهان جي ڀرت مان ڪا پورت ٿئي ٿي؟ هڪ شيءِ وٺ ته ٻيءَ لاءِ سڪ. پُٽ هوندي به پيا تڪليفون ڏسون!“ +”امان...“ +”ڇڏ ابا ڇڏ، مون کي تنگ نه ڪر.“ ماڻس پهريائين هن جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ۽ پوءِ الائي ڪهڙي جذبي جي اثر ۾ اچي، هِن کي به ڀاڪر ڀري ا­ميو پيار ڪري، کيس چُمين سان وهنجاري ڇڏي ٿي. هاڻي ماڻس ۽ سندس ڀينرن جي اکين ۾ ڳوڙها آهن ۽ ننڍڙا ٻار حيرت مان هنن ڏانهن ڏسن ٿا. +”ادا، بابو ٿو سڏئي.“ +”ڇو؟“ راحت کان پڇي ٿو. +”الائي، بس رڳو اهو چيائين ته ڀاءُ کي سڏي آءُ.“ +پيءُ ڏانهن اچي ٿو. پڻس هڪڙي پاسي کان سڳي ٻڌل عينڪ پايو، سندس آندل ڪالهوڪي اخبار ۾ منهن وجهيو ويٺو آهي ۽ چانهه جي خالي ڪوپ تي مکين جي لشڪر جو حملو آهي. +”بابا، توهان سڏايو؟“ پڻس هن ڏانهن ڏسي، اخبار پڙهڻ بند ڪري، هٿ جي اشاري سان هن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو. هُو پيءُ جي کٽ جي ڀرسان پيل ٻيءَ کٽ تي ويهي رهي ٿو. +”چانهه پيتئي؟“ +”ها، بابا.“ +”ابا، کير مهانگو ٿي ويو آهي، انڪري شام جو سليماني چانهه پيئندا آهيون. توکي ته سليماني چانهه وڻي به الائي ڪونه؟ ڇا ڪجي!“ پڻس جو لهجو ڏاڍو ڏکارو آهي. +”نه بابا، مان پاڻ سليماني چانهه کي وڌيڪ پسند ڪندو آهيان، توهان ڪو خيال نه ڪيو.“ +”ادا اسان کي ته اِها سليماني چانهه وڻي ئي ڪونه! پر ڇا ڪيون، کير ۽ کنڊ لاءِ پئسا ڪونه هوندا آهن، ته ٻيو ڇا ڪبو!“ +”بس ابا، مِڙئي پيا زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪيون. قبر ۾ ڪو سک نصيب ٿئي ته بي ڳالهه آهي، باقي هتي ته مان هاڻي سکين ڏينهن اچڻ جو آسرو ئي پلي ڇڏيو آهي!“ پڻس جا لفظ ويڻ بڻجي سنگين جيان سندس سيني ۾ گهڙي وڃن ٿا. هو انهيءَ تي دانهن ڪرڻ چاهيندي به دانهن ڪري نٿو سگهي. نه ئي پيءُ کي ڪوڙي آٿت ڏيڻ تي سندس دل ٿي ٿئي. ڪجهه دير جي چُپ کان پوءِ پڻس وري ڳالهه چوري ٿو. +”ابا، اڳهون غلام محمد جي دڪان تان لنگهيم، ته تنهنجي اچڻ جو ٻڌي قرض جي واپسيءَ تي تِهائين وڌيڪ زور ڀريائين. بابا، هن جو ڏوهه به ته ڪونهي نه، ٻه ٻه ٽي ٽي مهينا ڪير ٿو قرض رکي، هن کي به ته دڪان هلائڻو آهي نه!“ +هو پيءُ جو مقصد سمجهندي پئسا کڻڻ وڃي ٿو. پڻس به هن جي اُٿڻ کي سمجهي ٿو. +”پُٽ، هن ڀيري تمام گهڻن پئسن جي ضرورت آهي، سو مڙئي اهو خيال ضرور ڪجان. تنهنجي پگهار ته تولاءِ ئي مس پوري آهي، ان جو مون کي احساس آهي؛ پر ڇا ڪجي، جڳ سان به ته هلڻو آهي نه.“ پڻس هميشه وارو رٽيل جملو اوڳاڇي ٿو. +هو ڪمري ۾ اچي، بيگ کولي، ڪراچيءَ موٽي وڃڻ جيترو ڀاڙو رکي، باقي پئسا کڻي پيءُ ڏانهن اچي ٿو. ”بابا، هان هي پئسا وٺو.“ +پڻس کانس پئسا وٺي ڳڻڻ لڳي ٿو. ”بس هي!“ پڻس جي پيشانيءَ تي گهُنڊ اچي وڃي ٿو. +”بس بابا، اهي ئي اٿو، مون پاڻ لاءِ رڳو ڪراچيءَ موٽي وڃڻ جيترو ڀاڙو رکيو آهي، ٻيو جيڪي ڪجهه هُيو، اهو توهان جي حوالي ڪيو اٿم.“ +”پر هنن پئسن مان ٿيندو ڇا! تون آخر پگهار ڪرين ڪاڏي ٿو؟“ پڻس چڙي چوي ٿو. هاڻي هِن کان سويل واري سندس اها ڳالهه وسري وڃي ٿي، ته پگهار ته تولاءِ به پورو ڪونهي. +”بابا، اُتي ڪراچيءَ ۾ مسواڙ ڀري، ڪجهه قرض ڏنم ۽ باقي جيڪي ڪجهه بچيو آهي، سو کڻي اچي هت نڪتو آهيان.“ پيءُ کي هميشه جيان سمجهائي ٿو. +”بس، توکي آهي عيش ڪرڻو. اسان هتي دنيا آڏو خراب خوار پيا ٿيون، ان جو توکي ڪوئي احساس به ڇو؟ ٻه ٻه مهينا ٽيڊي پائي به نه موڪلين. سڀ پئسا کپائي، پوءِ هتي اچي ٿو ڪوڙ سٽين! نه پنهنجي عزت جو اونو، نه اسان جي اڇن وارن جو خيال. مون ته ماستريءَ هوندي به پنهنجي گهر جي خرچ کان اکيون نه پوريون هيون، تنهنجو ضمير ڇو ٻڏي ويو آهي؟ مان ته ....“ +”ڇاهي؟ ٻچڙي سان ڇا تي ٿو وڙهين؟“ ماڻس جيڪا مٿي جي سور ڪري وڃي اندر ستي هئي، سا مڙس جي گوڙ تي ٻاهر نڪري اچي ٿي. +پڻس، ماڻس کي ڪوئي جواب نٿو ڏئي. +”ڇاهي آخر؟“ هوءَ وري ڌيئرن کان پڇي ٿي. +”پئسن جي ڳالهه آهي، ٻيو ڇاهي.“ راحت تيزيءَ مان ماءُ کي جواب ڏئي ٿي. +”بابو چوي ٿو ته هنن پئسن مان ڇا ٿيندو!“ +”ابا، پوءِ تون به ته خيال ڪر نه، ڀلا تون نه ڏيندين ته ٻيو ڪير ڏيندو؟ اسان آخر ڪاڏي وڃون. تو ۾ ئي اميدون آهن نه. ڪو ٻيو ويٺو آهي جو اچي اسان کي کارائيندو؟ ڪجهه هجئي ته ڏينس. ابا مان کي به روز ڪُڻس پئي ٿئي، جي پئسا هجنئي ته جيڪر مان به ڊاڪٽر کي پاڻ ڏيکاري اچان!“ +”آخر توهان مون کي سمجهيو ڇاهي؟ ملڪ جو ولي؟ بادشاهه؟ هڪ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪيءَ ڪري روز روز ويٺو ذليل ٿيان، ٻيو هتي ڳوٺ اچان ته به ڪو سک نصيب نه ٿئي! مان ته هِن زندگيءَ مان ئي بيزار ٿي ويو آهيان! نه ٿو موت اچي نه ڪا ٻي ڳالهه ٿي ٿئي! هفتي جي موڪل وٺي آيو هوس، ته ڳوٺ وڃي ڪو سک ماڻيندس، پر هت اچ ته هت به ساڳي مصيبت. ويتر ڏچو. ٽمجهڻ. مان ڪاڏي وڃان“ آخر مان ڪاڏي وڃان!“ هن جو گلو ڀرجي اچي ٿو ۽ پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪو ڳنڍو اٽڪيل محسوس ٿو ڪري. هن کان وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو نڪري سگهي ۽ هو ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو ۽ پنهنجي بيگ کڻي ٻاهر نڪري اچي ٿو. ”هان، هي پئسا وٺو، مان ڪراچيءَ ٿو وڃان، منهنجي هتي رهڻ جو ڪوئي ضرور ڪونهي!“ هو پيءَ جي کٽ تي پئسا اڇلي ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو، ته ماڻس ۽ سندس ڀينرون چنبڙي پو­نس ٿيون ۽ وڃڻ کان روڪڻ لڳنس ٿيون. +”ابا خدا جي واسطي ائين نه ڪر...“ +”ادا ڏس ائين وڃين ٿو.“ +”ادا اڃا ڪالهه ته آيو آهين!“ +ماڻس بيگ کسي وٺيس ٿي. +”ڇڏ امان ڇڏ. مان هتي ڪونه رهندس، ڪونه رهندس، ڇڏ مون....“ +”ابا خدا کي ڏس. پنهنجي پيءُ ماءُ سان به ڪاوڙ؟ اڃا ڪالهه ته آيو آهين. اسان جي پوري سڪ به نه لٿي آهي، ته تون وڃڻ جا سانباها پيو ڪرين! نه ابا نه ايئن نه ڪر، رب جي واسطي.“ آخر گهڻي مٿاڪُٽ، ڇڪ ڇڪان ۽ منٿن کان پوءِ بيگ مان هٿ ڪڍي ٿو. ماڻس بيگ کي اندر رکي موٽي اچي ٿي. هو ماءُ ۽ ڀينرن کي روئندو ڇڏي، اندر کٽ تي ڪري ٿو ۽ اونڌي منهن ليٽي پوي ٿو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هو پنهنجي مٿي تي ڪنهن جو هٿ محسوس ڪري ٿو. هٿ، جيڪو هن جي وارن تي گهمي رهيو آهي. هو منهن ورائي ڏسي ٿو. پڻس آهي. هو وري منهن کي وهاڻي ۾ لڪائي ڇڏي ٿو. پڻس هليو وڃي ٿو. هن جي اندر مان هڪ سڏڪو اڀرڻ چاهي ٿو، پر اهو اڀري نٿو سگهي. +در تي سڏ ٿيڻ سان ٻاهر نڪري اچي ٿو. سندس دوست آهن. هنن سان ملي ٿو. +”ٻه_ ٽي ڏينهن آئي ٿيا ٿئي، پوءِ به منهن ڪونه ڏيکاريئي. اڄ به جي چاچو نه ٻڌائي ها، ته اسان ائين ئي لاڙڪاڻي هليا وڃون ها“ انور چويس ٿو ”ڇا پئي ڪيئي گهر ۾؟“ +”بس ائين ئي پيو هوس.“ +”ائين ئي يا ڪراچيءَ جا ٿڪ پئي لاٿئي. ها سائين ڪراچيءَ جون جوانڙيون ته چڱن ڀلين جي چيلهه چٻي ڪريو ڇڏين، تون ته پوءِ به سنگل پاسري آهين. بس بابا عيش ٿو­ عيش__ موج ڪر من موج!“ رزاق چويس ٿو. +”نه، اهڙي ڪائي ڳالهه ڪونهي. توهان هروڀرو غلط ٿا سوچيو، اتي ته.....“ +”اڙي هاڻي ڇڏ ڇڏ. اسان توکان کسي ڪونه ٿا وٺون اهي ملوڪڙيون، توکي نيبهه هجن ميان. هاڻي وڃ تيار ٿي آءُ ته لاڙڪاڻي هلون. ’روميو جوليٽ‘ به ڏسي اچون ته يارن دوستن سان به ملي اچون. وڃ جلدي سنڀري آءُ.“ انور ڪلهي تي هٿ رکيس ٿو. +”پر مان لاڙڪاڻي ڪونه هلي سگهندس.“ +”ڇو؟“ ڪوئي سبب؟“ +”مون وٽ ناڻو ڪونهي! جيڪي هو سو گهر وارن کي ڏئي ڇڏيم.“ +”اڙي هاڻي اهو هميشه وارو رينگٽ ڇڏ. سدائين ائين ڪنجوسي، چڱو هاڻي تيار ٿيءُ، پئسن جو ڪو فڪر نه ڪر. ڊڄ نه، تنهنجي کيسي تي بار ڪونه وجهبو.“ هو ان ٽوڪ جي وهه جو ڍڪ هاري نه ٿو، پي ٿو وڃي. +”ڏسين ڇا ٿو بيٺو، وڃ نه. اسان به ته تنهنجا دوست آهيون. ڪي ڌار ڪونه آهيون. وڃ جلدي آءُ.“ منظور گهر ڏانهن ڌڪيس ٿو. +”نه مان ڪونه هلندس. توهان ٿي اچو، مون کي ڪجهه پڙهڻو آهي.“ +”چڙي وئين؟ بابا يارن سان به ڪاوڙ ۽ ليکا، وڃ تيار ٿي جلدي آءُ.“ +”چيم نه ته مان ڪونه هلندس، توهان ٿي اچو.“ +”چڱو شام جو ڪچهريون ڪبيون، ٺيڪ آ؟“ +”ٺيڪ.“ گهر اچي ٿو. +”يوليسز“ پڙهي رهيو آهي. +”ادا“ +ڪتاب تان نهار هٽائي سامنهن بيٺل ننڍڙيءَ ڀيڻ ڏي ڏسي ٿو. ”ڇاهي؟“ +”ادا، پئسا ڏي، شئي وٺنديس__ هان ادا!“ ڀيڻس نماڻين نگاهن سان ڏسيس ٿي. +”پئسا ڪونهن.“ +”ادا ڏين نٿو.“ ڀيڻس ليلائي ٿي. +”وڃين ٿي يا هڻانءِ موچڙا. هڪڙو ڀيرو چيم به ته پئسا ڪونهن، پوءِ به مٿو ٿي کائين. ڀڄي وڃ هتان.“ ڀيڻ تي اُلر ڪري ٿو. ننڍڙي ڀيڻس روئندي ۽ شور ڪندي ٻاهر نڪري وڃي ٿي ته هيانءَ ۾ سور محسوس ڪري ٿو. اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃنس ٿا. وڌيڪ پڙهي نٿو سگهي ۽ ڪتاب کي جاري ۾ اُڇلي، پاڻ کي کٽ تي ڪيري ڇڏي ٿو. +* +رات جو ٽائيم، سڀئي ستا پيا آهن.... ماڻس سندس وارن ۾ آڱريون ڦيري رهي آهي. هِن جون نگاهون ستارن ۾ کُتل آهن. +”ابا، هاڻي هڪڙي آس اٿم. شل، توکي پنهنجي جيئري ئي موڙ ڏسي، پوءِ وڃي قبر ڀيڙي ٿيان!“ ماءُ کي ڪوئي جواب نٿو ڏئي. چُپ پيو آهي. +”پر ابا، توکي ان جي ڪا ڳڻتي ئي ڪونهي! ٻه پئسا ٽاريندو اچين تڏهن به چڱو. ڪنهن کان سڱ به گهرون ته ڪهڙي آسري تي!“ ماڻس رهي نٿي سگهي، سندس لهجو ڏاڍو روئڻهارڪو آهي. +”امان، توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿم ته اجايون ڳالهيون نه ڪندي ڪر. رڳو هجئي ماڻهوءَ کي خراب ڪرڻو!“ +”اهي اجايون ڳالهيون آهن ابا؟ ماڻهن جا ٻار اڃا آڱوٺي جيترا مس ٿين ٿا، ته شادي شادي ڪندا وتن ٿا، ۽ تون آهين جو ايڏي عمر اچي ٿي اٿئي، ته به شاديءَ جي نالي کان به چڙين ٿو! ابا، مانکي ته....“ +”مان چوانءِ ٿو بڪواس بند ڪندينءَ يا نه؟“ صفا باهه ٿي وڃي ٿو. +”مان بڪواس ٿي ڪيان.... ماءُ.... ماءُ سان ائين ڳالهائبو آهي_ چڱائيءَ جو...“ ماڻس سُڏڪندي، ڳوڙها ڳاڙيندي هلي وڃي ٿي، ۽ هو سوچڻ لڳي ٿو ته، ماءُ کي ڇا سمجهائي ته هن کي خود انهن موڙن ٻڌڻ جي ڪيڏي نه آس آهي! +ڳوٺاڻي هوٽل تي دوستن سان چانهه پي رهيو آهي. سياست تي بحث هلي رهيو آهي. ڳوٺاڻا به دلچسپيءَ سان هنن جون ڳالهيون ٻُڌي رهيا آهن، ته ڪريم ڪاسائي اچي ٿو. +”ابا چڱو جو ملي وئين. مان پاڻ توهان جي گهرئون ٿيو ٿو اچان.“ +”خير ته آهي ڪاڪا؟“ ڪجهه ڪجهه سمجهندي به پڇي ٿو. +”ها ابا، ٻيو مڙئي کير آهي، مهاديءَ جا پئسا وٺڻ ويس ته پڻهين چيو ته پئسا جاويد وٽ آهن، اچي ته موڪليانءِ ٿو، سو ابا، هاڻي قسمت سان مليو آهين، ته هتي ئي ڏئي ڇڏ ته چڱو.“ +”پر چاچا، مون وٽ هن وقت ته ڪونهن، توهان ڏي موڪلي ڏبا، ڪوئي خيال نه ڪيو.“ +”پڻهين چوي تو وٽ آهن، تون چوين ته هن وقت ڪونهن! جي پئسا نٿا لڀنو ته اهڙو گوشت کائو ڇو ٿا؟ مان ڪو ڪنهن جو نوڪر ته ڪونه آهيان، مهربان! مون کي پئسا گهرجن پئسا.“ سڄي هوٽل وارا کيس ڏسي رهيا آهن. پاڻ کي بي عزتو محسوس ڪندي به زبان نٿي چريس. ڪريم ڪاسائيءَ کي انور ئي سمجهائي ٿو: ”چاچا، تنهنجا پئسا ڪوئي کائي ڪونه ويندو، ملي ويندئي، دلجاءِ ڪر.“ +”دلجاءِ ڪريان! واهه اشراف واهه، ڄڻ ڪا مان خيرات ٿو ڪيان.“ ڪاسائي ٻيو به گهڻو ڪجهه چئي هليو وڃي ٿو ۽ هو محسوس ڪري ٿو، ڄڻ سندس سڀئي ڪپڙا ڪوئي لاهي ويو آهي ۽ هو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ننگو هجي. +دال ماني کائي رهيو آهي ته ننڍي ڀاءُ جو روئڻ ڪن تي ٿو پويس. +”امان، اهو وري ڇا تي ٿو مِيڪي؟“ +”ابا، عبدالقادر جي جي گهر مڇيءَ جو ٻوڙ ڏسي آيو آهي، چوي ٿو ته مان روز روز دال ڪونه کائيندس، مان کي انهن کان وٺي ڏيو.“ +”اڙي بس ڪندين يا اچي هڻانءِ پادر؟“ ڀاڻس جو روئڻ جاري آهي. هو تپي باهه ٿي وڃي ٿو، ۽ ٻاهر نڪري ننڍي ڀاءُ کي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍي ٿو. +رات جو دوستن وٽان اٿي اچي ٿو ته ماڻس فرحت کي زور ڏيندي نظر اچيس ٿي. فرحت ڳچيءَ تائين رِلهي ويڙهيون سُتي پئي آهي. +”ڇو امان، خير ته آهي! ڇا ٿيو اٿس؟“ +”ابا، بخار ٿي پيو اٿس!“ +”بخار!“ +”ها ابا، ڪجهه ڏينهن ڇڏي، وري هليو ٿو اچيس. مئو جند ئي نٿو ڇڏيس!“ +ماءُ ڏانهن مئل نگاهن سان ڏسي ڪجهه چوي نٿو. +”ڪوڊوپيرين مان ته ڪجهه وري ئي نٿو، هجن پئسا ته لاڙڪاڻي وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچانس. هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن وٺي اهڙو ٿي کنگهي جو مان ته ڊڄي ٿي وڃان. ابا، ويچاري ونڀرت مان جيڪي ڪمائين، سو هليو وڃي گهر جي خرچ تي. دوا ته ٿي پوين، پر انهن پئسن مان جان لاءِ ڪپڙو به نصيب ڪونه ٿو ٿئين! تو ۾ به ته آسرو ڪونهي نه! ڪاڏي وڃون؟ بس ابا، خدا اٿن، اهوئي پناهه ڏئي سگهي ٿو.“ +اکيون ڀرجي اچنس ٿيون. بتي کڻي اندر هليو وڃي ٿو. ڀاڙي وارا پئسا کڻي ٻاهر اچي ٿو. هان هي وٺ، سڀاڻي لاڙڪاڻي وٺي وڃجوس.“ +”نه ابا رکين، توکي ڀاڙو ڪري به ته وڃڻو آهي نه؟ پوءِ ڪيئن ڪندين، ڪير ڏيندئي؟“ +”تون هنن کي رک، مان مڙئي ڪنهن نه ڪنهن کان اوڌر وٺي وڃي ڪراچي نڪرندس، منهنجو خيال نه ڪر.“ هو کٽ تي پئسا اُڇلائي وڃي پنهنجي هنڌ تي ڪري ٿو ۽ سندس نيڻ ڇلڪي پون ٿا. +”منظور، ڳالهه ٻڌ، ڪجهه پئسا گهرجن، ڀاڙو ڪري ڪراچيءَ پهچڻو آهي.“ ويچاري صورت سان منظور ڏي ڏسي ٿو. +”يار پاڻ وٽ ته پئسو ڪونهي، ڪنهن ٻئي کان اڌارا وٺي ڏيانءِ، پر ڊڄان ٿو ته هن ڀيري به اڳي وانگر ڪندين. ٻن مهينن کان پوءِ ڳالهه ياد پوندءِ، مون کي ٻين آڏو ذليل ڪري وجهندين!“ +”هن ڀيري ائين ڪونه ٿيندو منظور.“ +”سدائين ائين چوندو آهين، رڙائي رڙائي پوءِ ڏيندين.“ +”نه، هاڻي ائين ٿئي ته پوءِ هميشه لاءِ اهو سلسلو ختم سمجهه، دلجاءِ ڪر وڃڻ سان موڪلي ڏيندومانءِ.“ +”چڱو، مان ڪوشش ڪندس.“ +”نه ڪوشش نه، ڪنهن به حالت ۾ هٿ ڪري ڏيڻا اٿئي. مون کي ڪراچيءَ پهچڻ ڏي. باقي ٻي ڳالهه جو تون ڪو ئي خيال نه ڪر.“ +”پر ٻيلي مڙس ٿجانءِ، ائين نه ٿئي جو مان ٻين ۾ ڏٺو ٿيان.“ +”نه نه، تون خاطري ڪر.“ +So you are going to your paradise. +پيراڊائيز! هون! پڻس جي جنت. حراميءَ ڪڏهن هتي جي حالت ڏٺي هجي ته ائين چوي ئي نه. سمجهي ٿو ته ڄڻ مصيبتن جو ٺيڪو ڪراچيءَ ئي کنيو آهي. هتي هجي ته خبر پويس ته مان جنت ۾ ��هيان يا دوزخ ۾!“ +پهريائين هن کي پنهنجي دوست تي سخت مٺيان لڳي؛ پر پوءِ هن کي لڳو ته ان ۾ هن جي دوست جو ڪنهن به قسم جو ڏوهه نه هو. ڏوهه ته هن جو پنهنجو آهي. ڄاڻندي به ڪراچيءَ مان بيگ کڻندي، هن به ته ائين ئي محسوس ڪيو هو نه، ته سچ پچ پنهنجي پيراڊائيز ڏانهن ٿو وڃي. اها جنت، جتي وڃي سڪون نصيب ٿيندس، جتي آنند ماڻيندو. آنند، جنهن جو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. ها، اها هن جي ڀُل هئي. نه، ان کي ڀُل نه پر چشم پوشي چوڻ گهرجي. خبر هوندي به هو ائين ئي ڪندو آهي. اصل پاڻ کي اهو زوريءَ بانور ڪرائيندو آهي يا کڻي ائين چئجي ته اهو مڃرائيندو آهي، ۽ سڪون ماڻڻ جو مزو وٺندو آهي. هن کي لڳو ته اها انساني فطرت آهي ته هو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪاڪ محل جوڙيندا آهن ۽ ان ۾ ڪا مومل ويهاري ڇڏيندا آهن، ۽ ائين ڪري خوشي ماڻي مصيبتن ۽ تڪليفن کان چند لمحن لاءِ (خيالي ئي سهي) پاڻ آجو ڪري مڪتي حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. نه ته هن کي ته اڳ ۾ ئي اها خبر هئي ته ڳوٺ ۾ اهو هفتو ڪيئن گذرندو؟ پر پوءِ به هُن هميشه جيان اهو مڃي ورتو هو، ته اتي حالتون بدلجي ويون هونديون ۽ ان سلسلي ۾ اهو به يقين ڪري ورتو هئائين ته اتي وڃي هاڻي سک ماڻيندو سک جيڪو هن کان کسيل آهي، ڦريل آهي، جيڪو هن کي ڪٿي به اڃا تائين ملي نه سگهندو آهي، جنهن کي هن هر هنڌ هر جاءِ هر وقت حاصل ڪرڻ جي سَڌ ڪئي آهي، ملڻ جو ويساهه ڪري وڌيڪ دک ڀوڳيو آهي. هاڻي به هو اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته ڪراچيءَ وڃي سک ماڻيندو. جيتوڻيڪ هن کي خبر آهي ته ڪراچي وڃي ڪري جهنم ۾ داخل ٿيندو. وري به ساڳين مصيبتن ۾ ڦاسندو. پوءِ به هن کي ائين ٿو لڳي ته اتي وڃي هڪڙي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندو. نئين زندگيءَ، پُرسڪون، پُرلطف، شاندار زندگي! هن جي چهري تي هڪ ڪوڙي مرڪ ڦهلجي وڃي ٿي. +جاويد او جاويد! +ڇاهي؟ ننڊ مان ٿو اٿارين! +ننڊ مان ٿو اٿاريانءِ، ڪمال آ سج چڙهي آيو آهي، تڏهن به خانصاحب ستو پيو آهين. بابا، اٿي ماني پچاءِ. اسان تنهنجا نوڪر ڪونه آهيون، جو تنهنجي واري جو ڪم به اسان ڪري ڏيون. +يار مون کي بخار ٿي پيو آهي، تو ئي کڻي پچاءِ، شام جو ماني مان ڪندس، ننڊ به ته اڃا اڳهن آئي هئي. +بابا اهي نخرا هتي ڪونه هلندءِ. ماني اٿي ڪر ته واهه، نه ته وڃي هوٽلون سنڀال ته خبر پو­ئي ته گهڻي ويهين سو آهي! +چڱو ناراض نه ٿيءُ، مان ماني ڪيان ٿو. +جاويد! +هون. +پگهار مليئي؟ +نه يار اڃا ڪونه مليو آهي. +يار ڪمال آهي! ٻين کي ملي وڃي، باقي توسان ڄڻ دشمني اٿن. بابا مسواڙ ڏيڻي اٿئي، ڪٿئون به پئسا آڻي پورا ڪر. +يار اهڙو ڇو ٿيو آهين! پئسا هجن ته مان ڏيانءِ. خبر اٿئي راتوڪي کاڌي تي آهيان ۽ مٿان اچي رات ٿي آهي، تڏهن به کائڻ پيئڻ جو ڪو آسرو ڪونهي ۽ تون وري پيو...... +ٻُڌ جاويد، مان تنهنجي بک سان ٻڌل ڪونه آهيان. بابا ائين ڪم ڪونه ٿيندو، جي رهڻو اٿئي ته پئسا هلاءِ، نه ته وٺ ٽڪيٽ، ٻيا به کوڙ پارٽنر ٿي رهڻ لاءِ پيا ايلاز ڪن. رڳو تون ڪونهين. هڪ ايترو سستو رهايانءِ، مٿان وري...... +ناراض نه ٿيءُ يار، مان ڪٿان نه ڪٿان پئسن جو بلو ڪري ٿو وٺان. +هٿ ڪجانءِ ڪنهن به صورت ۾، نه ته هتان پنهنجا ٽپڙ ٻڌ. +غلام محمد! +ڇاهي +ڪم چوان ڪندي؟ +ڪهڙو ڪم؟ +يار اڄ وري هٿ پير سڙڻ لڳا آهن. مهرباني ڪري اسٽور تان هيءَ دوا ته وٺي ڏي. منهنجو مٿو ٿو ڦري نه ته جيڪر مان پاڻ ئي وٺي اچان ها. +بابا مون کان اهو ڪونه پڄندءِ، مان پاڻ توکان وڌيڪ ٿڪل آهيان. اهڙو شوق ا­ٿئي ته پنهنجن ڄنگهن کان ڪم وٺ. مان سمهان ٿو، متان جاڳائين...... +جاويد +هون +ڇا ٿو ڪرين +پڙ��ان پيو +ٻڌ هاڻي اهو پڙهڻ ٻڙهڻ ڇڏ. مون کي ننڊ نٿي اچي. مهرباني ڪري بتي وساءِ. +پر اڃا ته ڏهه ٿيا آهن. هيترن ڏينهن ۾ اڄ ئي ته پڙهڻ لاءِ ٽائيم مليو اٿم. +بابا مان چوانءِ ٿو مون کي روشنيءَ ۾ ننڊ ڪانه ايندي آهي. پڙهڻ جو اهڙو شوق ا­ٿئي، ته وڃي پنهنجي لاءِ خلاصي جاءِ هٿ ڪر. هيءَ منهنجي جاءِ آهي ۽ هتي منهنجي ئي هلندي. سمجهيئي يا........ +ارباب ! +چئه +يار اڄ ته هڪڙي مهرباني ڪجانءِ. +ڪهڙي؟ +يار منهنجا مهمان آيا آهن. انهن کي مان پاڻ واي کٽ ڏيندس، تون مون کي پاڻ سان سمهڻ ڏجانءِ. مڙئي هڪڙي رات جو مسئلو آهي، ڏکي سکي گذري ويندي. +نه بابا. مون کي ٻئي سان گڏ سمهڻ ۾ آرام ڪونه ايندو. تون وڃي پنهنجي لاءِ ڪو ٻيو بِلو ڪر. +ان ڏينهن تنهنجا مهمان آيا هئا ته مون سان ڪونه سمهيو هئين؟ مڙس ٿيءُ، ائين نه ڪر ني. مهمان ڇا چوندا؟ +تون وري يار عجيب ڳالهيون پيو ڪرين، هڪڙو پنهنجي جاءِ ۾ رهايون، ٻيو وري اهي نخرا. اهو آهي ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جو بدلو؟ +ڪشور ڳالهه ته ٻڌ. +چئه. +جاويد ته ڪڏهن ڪا فلم ڪونه ڏيکاري ا­ٿي نه؟ +اهو سُڃو ڇا فلم ڏيکاريندو! پاڻ ته پالي، هڪڙي جوڙي کي به سڄو هفتو ٿو هلائي. ڏس ڪپڙا ڪهڙا ٿي ويا اٿس. ماريو جهڙو ڀنگي. ٻڏي به نٿو مري! +اڙي هوريان ڳالهاءِ ته ٻڌي نه وٺي. ٻڌندو ته وري ڇا ڪندو. مان ڪوڙ ته ڪانه ٿي ڳالهايان. تون ئي چئه اٿس ڪو افعال؟ +ها اهو ته سچ آهي، تڏهن ته ڪا به ڇوڪري لفٽ ئي ڪانه ٿي ڏئيس نه؟ +ڇوڪرين جو اٽو کٽو آهي، جو اهڙي ڀنگيءَ کي منهن لڳائينديون. باقي نازلي جي تون مهربان ٿئينس ته ٻي ڳالهه آ. +منهنجي مهربان ٿئيس جُتي، مان اهڙي ڪنجوس تي کنگهان به ڪونه. تون ٿي مون کي ائين چئين. دنيا ڇا کُٽي آهي. کِلي ڳالهاءِ ته سڀئي مرد پيرن ۾. +جاويد اڙي جاويد. +جيءُ... ڇا کپئي؟ +جلد نِڪر، مون کي وهنجڻو آهي. اڄ نوشيءَ سان پروگرام آهي، دير ڪ­يم ته ناراض ٿي ويندي. +ٿورو ترس، باقي ٻه ڪپڙا وڃي بچيا آهن. منٽن ۾ ٿو ڌوئي وٺان. +نه بابا، پري ٿيءُ_ مون کي تڙ ڪرڻ ڏي، پوءِ ڌوئجانءِ ۽ اهي ڪپڙا. +صبح جو به ته تڙ ڪيو هُيئي نه. +ته پوءِ هاڻي نه ڪيان. اٿي اٿي جلد ڪر نِڪر. +جاويد! +هون. +يڪو غسلخاني ۾ ڇا پئي ڪيئي؟ +”............... ..!“ +اڙي مري ويندين ڇورا! پئسا ڪڍ، کوڙ ڇوريون. ڪراچيءَ جهڙو شهر، جتي ڇورين جو سمنڊ ٿو وهي، اتي به تون پياسو...!؟ +ڇورين تي پئسا خرچ ڪريان ته گهر ڇا موڪليان. پاڻ ڇا کاوان بک مرڻو ته ڪونهي؟ +اڙي پوءِ ڪا چڱي نوڪري هٿ ڪر نه، ائين ته مري ويندين. ڏس ته ليڙ ڪتيڙ ٿي ويو آهين. +چڱي نوڪريءَ لاءِ سفارش ۽ پئسو ڪٿان اچي، اهو سوچيو به ا­ٿي. +ته بابا پاڻ ڄاڻ، مون سان ڇو ٿو وڙهين! +سر توهان سڏايو؟ +مسٽر جاويد، توکي نوڪري ڪرڻي ناهي ڇا؟ +سر. +سر ڇا، اڄ به دير ڪري آيو آهين. مون کان اهو برداشت ٿي نه سگهندو. +سر صبح جو ماني ڪرڻي ٿي پوي. وري بس جو اوسيئڙو. بسون اهڙيون ڀريون ٿيون اچن، جو لڙڪڻ جي جاءِ به نٿي ملي، سر........ . +ٻُڌ مان بهانن سان ٻڌل ناهيان. آئيندي ائين ٿيو ته پگهار ڪٽجڻ کان به وڌيڪ سزا ملندئي، اهو ذهن ۾ ويهاري ڇڏ، ته هيءَ ڪراچيءَ آهي، تنهنجي سنڌ ناهي! +ييس سر. +جاويد سنڌ ٿو وڃين؟ +سنڌ ٿو وڃان! ته ڪراچي سنڌ ناهي ڇا؟ +ڪراچي وري سنڌ ڇا جي آهي، ڪراچيءَ جي الڳ حيثيت آهي مسٽر جاويد. +ڀائي سنڌي ڪراچيءَ کي کائي ويا، جيڏانهن ڏس اتي سنڌي حاضر. +هي پنهنجي حڪومت اٿن، مستيون ڪرڻ ڏين، باقي سندن حڪومت ڊهي، ته اهڙا موچڙا هڻنداسين، جو وري ڪراچيءَ ڏانهن منهن نه ڪندا. +اڙي هوريان ڳالهاءِ ڪو سنڌي... ويٺو نه هجي بس ۾. +هن سان ملو، هي مسٽر جاويد آهي، سنڌ کان هتي آيو آهي. پنهنجي حڪومت اٿن، تڏهن هتي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ نوڪري ملي اٿس، نه ته هن ويچاري ته خواب ۾ به ڪراچي نه ڏٺي هوندي. ها ها... ها! مسٽر جاويد، مان چرچو پيو ڪيانDont mind it. +ڇا ٿو ڳولهين جاويد؟ +ماني ڪانه ٿي نظر اچي! +نه اڄ ڪونه ڪئي اٿسي. +ڇو؟ +بابا پئسا ختم ٿي ويا. هاڻي سڀڪو وڃي پنهنجو بندوبست پاڻ ڪري. +ماري ڇڏيو­، پگهار ۾ اڃا ايترا ڏينهن پيا آهن. هاڻي ڇا ٿيندو؟ اوڌر به ته وڏي مصيبت ۽ ذلت کڻڻ کان پوءِ ٿي ملي. ڀلا سدائين ايڏو جلدي ميس جا پئسا ڪيئن ٿا ختم ٿي وڃن؟ +ڪيئن ٿا ختم ٿي وڃن! يعني مان ٿو کپائي ڇڏيان؟ اها آهي شرافت، رهندو مون تي الزام ٿو هڻين! +يار تون هر ڳالهه انهيءَ طرف ڇو کڻي ويندو آهين، ڪڏهن ڳالهه جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش به ته ڪندو ڪر. +يعني مان ڀوڪ آهيان ۽ تون... +يار منهنجو اهو مطلب ناهي. خير ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اڳتي مون کان اهڙي غلطي ڪانه ٿيندي. مان... +چڱو هاڻي مٿو نه کاءُ، جان ڇڏ. +”هونءِ مان به وڏو ذليل آهيان. وڏو ڪميڻو، اصل نئود. ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ تنگ پيو ڇنان. صبح کان وٺي ڪيڏي نه خوشي شروع ٿي وئي آهي. ڇڏ اتي وڃي ڪو لڪل خزانو لهندس. نئين زندگيءَ جي شروعات_ پر لطف_ پر سڪون_ شاندار زندگي ۽ ڪراچيءَ هوندي ايڏي خوشفهمي!“ + + +هن کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي وئي. هن جا ٻئي هٿ پنهنجن ڊگهن وارن ۾ کپي ويا. هن وارن کي ائين سٽ ڏني، ڄڻ اُهي وار هن جا نه پر ڪنهن دشمن جا هجن. وارن پٽجڻ تي ڇرڪي هن وارن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ ۽ پراڻي زندگيءَ جي لاش کي دفنائڻ لاءِ انسان ڪيڏو نه ڀوڳي ٿو. اهو سوچي هن جي چهري تي ويچارپ واري اُداس مرڪ اچي وئي. هن سوچيو، پر اها نئين زندگي شروع ئي نه ٿئي! اها پراڻي بيزار ڪندڙ زندگي ڪراچيءَ ۾ هُج، ڳوٺ ۾ هج يا ڪٿي به_ چچڙ جيان چنبڙيل جند ڇڏڻ جو نانءُ ئي نه. کيس لڳو ته سندس اها سوچ، ته ڪراچي وڃي شانتي ماڻيندو، هڪ خيال کان وڌيڪ ڪجهه ناهي؛ رڳي ا­ٺسٺو آهي. اتي پهچڻ سان ساڳيون ذلتون، ساڳيو احساس جو ڏنگ سهڻو پوندس، ساڳي هر شيءِ لاءِ سڪڻو پوندس. +”نڪا چڱي نوڪري ٿي ملي، نه ئي ڪو آسرو يا اميد آهي! اميد به ڪهڙي رکان! ان پوزيشن ۾ به ته ناهيان. ته ڪنهن وڏيري کي ڪنهن لالچ ۾ ڦاسائي ڪا چڱي نوڪري هٿ ڪيان. نه، سٺي نوڪري مون کي ڪانه ملندي. اها اُميد رکڻ پاڳلپڻو آهي، بيوقوفي آهي ۽ خوشفهمي.هن حالت ۾ ڪراچيءَ ۾ رهڻ اڃا به وڏي چرائپ.“ +هن کي ڪراچيءَ تي جک اچڻ لڳا ۽ انهيءَ تي جنهن ۾ نوڪري ملڻ تي هن وڏي خوشي محسوس ڪئي هئي. جنهن سان هو ڪئين اميدون رکي آيو هو ۽ جتي هن کي ذلتون سهڻيون پيون آهن. جتي ته پنهنجو گهر ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي ڪو سٺو پارٽنر ٿو مليس. جيترا پارٽنر بدلايا اٿئين، انهن ۾ ڪوبه فرق ڪونه. جيترا گهر مٽايا اٿئين، انهن ۾ به ڪوئي فرق ڪونه. هر هنڌ ساڳي ڪار، هر هنڌ گهر نه هجڻ ڪري طعنا ۽ تنڪا. ذليل ٿيڻ. جتي به ويو آهي اتي نئين بدمعاشي، نئين ذلت جو منهن ڏٺو اٿائين. هڪ پنهنجن جا سور ٻيو ڪراچيءَ ۾ هر هنڌ ڌاريائپ جو احساس، جيڪو وک وک تي نه رڳو محسوس ڪيو اٿائين، پر ڪرايو ويو اٿس. نه، ڪراچي ڪونه ويندس. جهنم ۾ وڃي ڪراچي. هتي ڳوٺ ۾ ئي رهندس. ها ڳوٺ ۾ ئي... +کن پل ڪاڻ هن خوشي محسوس ڪئي، پر وري هن جي خوشيءَ کي موت اچي ويو. هن کي ياد آيو ته گهر توڻي ڳوٺ، هن لاءِ دوزخ کان گهٽ ناهن. ڪراچيءَ ۾ ته هن کي نوڪري ملي سگهي آهي، پر هتي ته پتيوالي يا بيلداريءَ جو آسرو به رکي نٿو سگهجي. سڀئي جايون ڀريون پيون آهن. ڳوٺ ۾ بيروزگار رهڻ، ۽ ان بير��زگاريءَ کان پوءِ جون ذلتون، گهر وارن جي ذري ذري تي ڦٺ لعنت، جنهن مان هن الائي ڪيئن جند آزاد ڪرائي هئي وري شروع ٿي ويندي ۽ اهو هن کان سٺو نه ٿيندو. هن کي خبر آهي ته سندس سڀاءُ کيس ائين ڪرڻ نه ڏيندو. کيس لڳو ته ڪراچيءَ وڃڻ ئي هن لاءِ ٺيڪ رهندو ۽ هتان کان، انهيءَ بدمعاش پارٽنر شائلاڪ سان زندگيءَ جو ٽياس کڻڻ ئي مناسب ٿيندو، جنهن کان سواءِ هن لاءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. +”پر مان شائلاڪ سان وڌيڪ رهي ڪونه سگهندس. انتها درجي جو ڪريل آهي. سيڪو. آڱوٺي ڇاپ. هر وقت منهن تي لعنت وسندڙ، ذليل، خود غرض.“ +هن سوچيو ته هاڻي ڪنهن ٻئي سان رهندو. انهيءَ ڳالهه هن کي خوشي هڪي ڪئي؛ پر هن کي وري ياد آيو ته اتي سڀ هڪجهڙا آهن. بڻيا آهن، يا بڻايا ويا آهن. سڀ هڪجهڙا خودغرض، لالچي، ڪميڻا، ماڻهپي جي ڌپ کان سواءِ. +نه ڪراچيءَ ڪنهن به صورت ۾ نه ويندس_ ته پوءِ ڪاڏي وڃان؟ ڳوٺ، نه! ڪراچي، نه! ته ڪيڏانهن وڃان!؟ +مون کي يقين آهي ته جتي به ويندس اُتي اهي حالتون، ذلتون، محروميون جند نه ڇڏينديون، ۽ اهو سڀڪجهه منهنجي ذليل طبيعت ڪري ئي آهي. +”الا ڏاهي م­ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“ +ها، مون جهڙو حساس هنن حالتن ۾ رهي نه سگهندو. پاڻ ايڊجسٽ ڪري نه سگهندو. ته پوءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪيان؟ ڪهڙو!؟ +هو ڪافي دير تائين منجهيو ويٺو رهيو. ڪوبه حل ڳولي نه سگهيو. ڪابه روشني ڏسي نه سگهيو. سندس نهار وهندڙ واهه تي هئي، جيڪو هاڻي اوندهه ڪري ڪارسرو ٿيندو ٿي ويو. +ها هڪ رستو آهي. آخري رستو. جيڪو مون کي اختيار ڪرڻ گهرجي يا ڪرڻو پوندو. خودڪشي... ها آپگهات ئي سڀني مرضن جي دوا آهي. ۽ مون کي اها دوا استعمال ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ئي نجات آهي. ٻي ڪا واٽ ڪانهي. تازو هڪ مصور به ته ائين ڪيو نه؟ واهه جي ڳالهه ڪيائين: prefer to die rather than live a life of shame I +ها مون کي به ائين ڪرڻ کپي.هن شرمسار زندگيءَ مان ائين ڇوٽڪارو ملندو. اهوئي واحد طريقو آهي. ”موت ۾ ابدي سڪون آهي.“ ڪيڏي نه شاندار فلاسافي آهي. هر مسئلي جو حل. هر مونجهاري جو خاتمو. آنند ئي آنند. شانتي ئي شانتي. مڪتي، هميشه لاءِ مڪتي! +پر مان اڃا ماٺڪو ڇو ويٺو آهيان!؟ +ڇو! +ڇو؟ +شايد مان ڊڄان ٿو. گيدي. يا اڃا جيون سڌرڻ جي آس! نئين شروعات جي اميد. جيتوڻيڪ مون کي ڄاڻ آهي ته اهو سڀڪجهه سوچڻ اجايو آهي. واريءَ تي ڪوٽ اڏجي نٿو سگهجي.... +پوءِ به جيئڻ ٿو چاهيان!.... هيتري واهيات، ذليل ۽ ڪريل زندگي_ پوءِ به زندهه رهڻ جي چاهنا. پوءِ به جيون سان پريم!...؟... نه هاڻي مون کي حياتي ڪونه کپي. ڪونه گهرجي هيءُ جيون. واهيات... پر منهنجي خودڪشيءَ سان گهر جي ڇا حالت ٿيندي؟ امان ۽ بابي سان ڇا وهندو؟ ڀينرن ۽ ڀائرن جو آئيندو ڪيڏو نه اونداهون ٿي ويندو؟ هنن کي ڪجهه نه ڏنو اٿم پوءِ به ته هنن جون اميدون، آسون ۽ تمنائون مون سان لاڳو آهن نه؟ هنه هنه...هه...نه..... +هو پاڻ تي کلڻ لڳو. +وري ڏس، ڪهڙا نه آرگيومينٽ ٺاهڻ شروع ڪيا اٿم. اصل مان پاڻ ذليل آهيان. مون ۾ ايڏي اخلاقي جرئت آهي ڪانه. ڊڄڻو....؟ ها گيدي آهيان. انهيءَ شيءِ کان ٿو ڊڄان، جيڪا هڪ ڏينهن ته هونئن به اچڻي آهي. ته پوءِ جڏهن هن زندگيءَ ۾ ڪابه سونهن، ڪابه سُرۡهاڻ ڪانهي، ته موت اچڻ کان اڳ ان جي آجيان ڇو نه ڪرڻ کپي. مصيبتن مان پاڻ ئي پنهنجي جند آزاد ڇونه ڪجي؟ ڪنهن شيءِ جي انتظار جو فائدو ڪهڙو آهي؟ فائدو به ڪهڙو آهي؟.... +مونجهه_ +سوچ_ +ها آپگهات ئي_ +پوءِ؟... +ڳوٺ ۾ رهان؟... ڳو.... +ڳوٺ ۾ وري.... ڀلا ڪراچيءَ ۾ وري.... +نه ڪراچيءَ ۾ .... +ته ڪاڏي وڃان؟ ڪجهه ته ڪرڻ کپي. ڪوته ڇوٽڪارو هجي. ڪوته هوندو. ڪهڙو آ��ي!؟ +ڇا ڪيان! هان؟... +آپگهات... ڳوٺ... ڪراچي... +آ... ڳـ... ڪ...ڱـ.... ڪ....آ...؟ +آخر ڇا ڪرڻ کپي؟ ڪجهه ته ڪرڻ ئي کپي_ ڪوبه هڪ فيصلو... ها، ڪوبه هڪ... پر ڪهڙو؟ ڪاڏي وڃان؟ ڇا ڪريان؟ +انهيءَ پل تي منجهيو ويٺو آهي. +سوچ لوچ ۽ آنڌ مانڌ جي ٽياس تي ٽنگيل هُو! +رعنا حنيف صديقي +پولار +ثمرين گيٽ تي بيٺي هئي. جڏهن هن جي ڪار سامهون اچي بيٺي. بينا ڪار مان هيٺ لٿي ۽ ڪار جو گيئر (Gear) وري سٽارٽ ٿيڻ لاءِ بدلايو ويو، ته ثمرين ڪار جي دريءَ ۾ اندر جهاتي پاتي. ”اونو، ادا منظور توهان ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ توهان کي اندر اچڻو پوندو. آءُ توهان ٻنهي کي ڀاءُ سان ملائڻ ٿي چاهيان No excuse me please--۽ منظور خان کي نه چاهيندي به لهڻو پيو. +ثمرين جو ڀاءُ عمر، جيڪو عالمي شهرت جو چترڪار ته نه، پر هڪڙو شيشاگر هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جرمنيءَ ۾ ڪرسٽلن (Crystals)جي نمائش ڪرائي موٽيو هو، بينا ۽ منظور سان ملاقات ٿي هيس ۽ منظور کان سندس آئل ڪمپني بابت پڇڻ لڳو، جتي هو مئنيجر هو. +بينا کي پارٽيءَ ۾ الاهي پراڻا ساٿي ملي ويا. هوءَ پيرس ۾ پنهنجي ٽن سالن جي پڙهائيءَ بابت ٻڌائڻ لڳي ۽ کانئن سندن باري ۾ ڳالهيون پڇڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ بينا پنهنجي مڙس ڏانهن نهاريو، جيڪو بيوسيءَ جي حالت ۾ بيٺو، عمر جي سوالن جا اُبتا سبتا جواب ڏيئي رهيو هو. هن کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏسي، منظور ڏاڍيءَ مشڪل سان عمر کي ڇڏي هن وٽ آيو ۽ سرٻاٽ ۾ چيائين: ”آءُ وڃان ٿو هتي اجايو ڦاسي ويو هوس. پوءِ ايندس توکي وٺڻ.“ +بينا جي چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي ۽ هن هائو ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. هن جو چهرو امن ۽ شانتيءَ جو ڳالهائيندڙ چتر هو، ڇو جو هن جي من ۾ به امن ئي امن هو. نه صرف پاڻ سان بلڪ ٻين سان به امن امان! +منظور بنا ڪنهن کان موڪلائڻ جي هليو ويو ۽ بينا ديوار تي ٽنگيل مغل پينٽنگ کي ساراهڻ لڳي. ايتري ۾ عمر ٻه آرنج جوس جا گلاس کڻي هن جي پاسي ۾ اچي بيٺو. +”ثمرين وٽ ڪي ڏاڍيون قيمتي ۽ قديم شيون آهن.“ بينا هڪڙو گلاس کڻندي چيو. +”ها، ثمرين جي هنن تي ڏاڍي دل آهي.“ عمر چيو ”پر اسان کي انهن پراڻن، antiques کي رڳو ساراهڻ کپي، آرتي نه ڪرڻ کپي.“ +”توهان ٺيڪ ٿا چئو، آءُ به سوچيندي آهيان، ته انهن کي ايتريقدر چاهي اسان پنهنجي زماني جي فن ۽ هنر کي وساري ٿا ڇڏيون. پنهنجن قوتن کي گهٽ ٿا سمجهون.“ +”ثمرين پئي ٻڌايو ته تو ائڊورٽائزنگ (advertising) ۾ ڪي نوان ۽ خاص ميڊيا (media) ڪتب آندا آهن. تنهنجي ڪم جي ڏاڍي واکاڻ ٻڌي اٿم.“ عمر سندس باري ۾ چيو. +”نه، اهو صحيح نه آهي. آءُ ته رواجي ڪم ڪندي آهيان، جيڪو ڪم وندر به هوندو آهي ۽ هونئن به اسان سڀئي گڏجي ڪندا آهيون.“ بينا مرڪندي چيو. ”خاص ته توهان جهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سڄي قوم جي سڀيتا ۽ آرٽ جي رهبري ڪندا آهن. قومن ۾ يگن ۾ هڪڙو ڀيرو ڪو جينيس (genius) اُڀرندو آهي، جيڪو پنهنجي قوم جي اتهاس ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندو آهي.“ هن عمر ڏانهن پنهنجي ڳالهه جي پٺڀرائيءَ لاءِ ڏٺو، جيڪو سندس ڳالهه ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. ”اهو جينيس (genius) ڪهڙي به شعبي جو هجي. چترڪار، ليڊر يا سائينٽسٽ. توهان به انهيءَ اُتم پد تي پهچي ويا آهيو.“ +”پر فنڪار ته سڀ selfish هوندا آهن. هو ٻين جي لاءِ نه، پر پنهنجي satisfication لاءِ ڪنهن تخليق کي جنم ڏيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان قوم جا سونهان آهيون. ڀاڳ وارا ته توهان آهيو، جيڪي unconsciously قوم جي اڳواڻي ڪندا آهيو.“ عمر جي مرڪ ۾ ٽوڪ هئي. بينا کي هن جي سچ چوندڙ مرڪندڙ اکين کان الاءِ ڇو ڊپ محسوس ٿيو. +”لڳي ٿو ته توهان اسان جي پيشي کي سٺو نٿا سمجهو. ائين ته نه آهي جو توهان advertising کي فن جو دشمن ٿا سمجهو؟“ بينا پچيو. +”دشمن ته نه، پر ها، ان کيsoap operas ۽ entertainment shows وانگر اوچي قسم جي فن جو هيٺاهون substitute ضرور سمجهندو آهيان.“ +”ڪجهه به سمجهو، پر اسين ته عام ماڻهو وٽ پهچي ويندا آهيون ۽ هنن کي ذري گهٽ جندڙيءَ جي اوچن قدرن سان سڃاڻپ ڪرائيندا آهيون.“ بينا پنهنجي ڌنڌي جو پاسو وٺندي وراڻيو. +”تون ڇا به چوين پر ڳالهه اها آهي ته اسان create ڪندا آهيون ۽ توهان نقل ڪندا آهيو.“ +”چڱو سائين، مڃيوسين.“ بينا هٿ جوڙيندي چيو ۽ ٻيئي کلڻ لڳا. ”پر پوري طرح تڏهن مڃينديس جڏهن توهان مون کي پنهنجي glass work جو ڪو پيس ڏيندئو.“ +”تنهنجو مڃڻ ته مون کي اِلاهي مهانگو پيو.“ عمر کلندي چيو. +”بينا عمر کان شيشي جي فن بابت پڇيو. ”توهان مون کي ڪجهه blowing glass بابت ٻڌايو. هونئن ته هميشه فيڪٽرين ۾ ئي گلاس جون ڪارائتيون شيون هزارن جي تعداد ۾ ٺهنديون آهن؛ پر توهان ته glass blowing کي individual art جي پکيڙ ۾ آڻي فن جي دنيا ۾ نواڻ آندي آهي.“ +”هي فن منهنجي ڳولها ته اصل ڪانهي؛ پر هيءُ اهڙو فن ضرور آهي، جنهن ۾ هر ڪلاڪار ڪا نئين شئي آڻيندو آهي. دنيا ۾ ڪي به ٻه پيس هڪ جهڙا نٿا ٿي سگهن. شيشي ۾ ايتريون ته خوبيون آهن، بينا، جو آءُ هر ڀيري ڪا نئين شئي ٺاهيندي حيران رهجي ويندو آهيان، ڇو جو هر ڀيري مون تي ان جو ڪو نئون گڻ ظاهر ٿيندو آهي.مون جاچيو آ ته شيشو چيڪي مٽيءَ کان به وڌيڪ نرم ۽ لچڪيدار آهي. هي هڪڙو ڌاتو آهي، پر ساڳي وقت هي پاڻياٺ liquid به آهي. اهڙو liquid جنهن کي پگهرايو وڃي، ته ماکيءَ جهڙو محسوس ٿئي ٿو. پوءِ ان کي پنهنجي مرضيءَ پٽاندر blow pipe سان ڦوڪي ڪوبه آڪار ڏيئي سگهجي ٿو.“ عمر پنهنجي آرٽ جي باري ۾ ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ بينا اچرج ۽ دلچسپيءَ سان سڻندي رهي. +رات جو جڏهن منظور بينا کي وٺڻ آيو، ته عمر بينا جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو؛ ”لڳي ٿو، تون پاڻ کي under estimate ٿي ڪرين.“ +گهر ڏانهن ويندي، بينا سوچڻ لڳي ته عمر جو ڇا مطلب هو. هن منظور ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڏاڍي سڪون ۽ لاپرواهيءَ سان ڪار هلائي رهيو هو. ’عمر ائين ڇو چيو؟‘ هن پاڻ کان سوال ڪيو. سندس سوچون Pendulum وانگر عمر کان منظور ۽ منظور کان عمر تائين لُڏي رهيون هيون. سندس نهار منظور جي profile تي اٽڪيل هئي. خوش ۽ مطمئن منظور، شريف ۽ خاموش. ’ڍنڍ جيئن بند ٿيل ۽ بيٺل‘ بينا پنهنجي منهن بڻڪيو. +”ڇا؟“ منظور سمجهيو بينا کيس ڪجهه چئي رهي هئي. +”ڪجهه به نه.“ بينا گهرو ساهه کڻندي چيو. چهري تي اهو ئي سڪون. +رات جا ٻه لڳا هئا. بينا کي رات جو رڳو ٽي_چار ڪلاڪ ننڊ ايندي هئي. جڏهن هوءَ سمهڻ لاءِ ليٽيندي هئي، ته احساس ٿيندو هئس، ڄڻ هوءَ اجايو وقت وڃائي رهي هئي. ۽ هوءَ اُٿي اچي studio ۾ ڪم ڪندي هئي. هن مهل به هوءَ sketches ٺاهي رهي هئي. سندس ڌيان ٻئي ڪمري ۾ ستل منظور ڏانهن ويو. پيءُ جي مرضيءَ سان بينا هن سان شادي ڪئي هئي. پڻس جي چوڻ تي هوءَ منظور سان ملي، هن سان ڳالهايائين ۽ هائو ڪيائين. پيءُ کي آٿت هو ۽ منظور خوش هو، ته هن کي پسند ڪيو ويو آهي_ پر بينا ڇا هئي؟ هائو ڇو ڪيائين؟ اهو ڪوبه سمجهي نه سگهيو. +انسان ٻن دنيائن ۾ رهندو آهي. هڪڙي ٻاهر جي دنيا Concrete ۽ محدود، جنهن ۾ انساني سۡڱ قائم هئا. ٻي اندر جي دنيا؛ پورالي ۽ وشال. بينا جو سڄو وقت اندر جي دنيا ۾ گذرندو هو. ٻاهر جي دنيا جي وجود کي هوءَ بيشڪ لازمي سمجهندي هئي؛ پر ان سان ذري گهٽ ڪوبه ناتو نه هئس. تنهن ڪري ان سان ٺاهه هو، امن هو! انهيءَ امن جي ڪري ٻاهر جي دنيا، اندر جي دنيا جي ڪڏهن به وچ ۾ ڪانه آئي. شادي ٻاهرين دنيا جو لازمي ڀاڱو هئي. انهيءَ کان وڌيڪ شاديءَ جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. +بينا جي ذهن جي ڪُن جي ڪنهن به وڪڙ ۾ منظور جو وجود ڪونه هو. ان ڳالهه کان منظور شايد اڻڄاڻ هو. هو ته رڳو ان ڳالهه ۾ ئي مگن هو، ته سندس زال هڪڙي وڏي گهر جي ڇوڪري آهي، پڙهيل لکيل! بينا آڏو منظور جي ٻن اڻپڙهيل ڀينرن ۽ ماسيءَ جي ڌيئرن جا معصوم چهرا اچي ويا. هن کي محسوس ٿيو، ته هوءَ پاڻ هڪڙو چمڪندڙ ٿانءُ هئي، جنهن جي ابتي پاسي Made in England جو ليبل لڳل هجي ۽ جنهن کي ڪنڀر پنهنجي ئي هٿن سان جوڙيل ٺِڪر جي ٿانءُ تي سرسي ڏي! ’هي پنهنجا ٿانو انڌيري جاءِ ۾ ڇو ٿو ڦِٽي ڪري؟ ڄڻ ان مِٽيءَ سان هن جي هن جي ڪابه مائٽي ڪونهي.‘ بينا کي پهريون ڀيرو منظور تي ڪاوڙ آئي، ڇو جو منظور پهريون ڀيرو هن جي اندر جي دنيا ۾ Interfere ڪيو هو ۽ سندس هميشه جيان امن پسند من ۾ جنگ ڇڙي پئي. +عمر گهڻو ڪري ثمرين ۽ بينا سان ملڻ سندن آفيس ۾ ايندو هو ۽ Advertising کان ملوڪ جي معاشي حالت کي نقصان جي باري ۾ بحث ڪري کيس چيڙائيندو هو ۽ هوءَ پنهنجا Lay Outs ٺاهيندي ويندي هئي ۽ موٽ ۾ جواب ڏيندي ويندي هئي. +هڪڙو ڀيرو هو ثمرين جي گهر ويٺي Sketches ٺاهي رهي هئي. عمر به اتي ويٺو هو. ثمرين فون جي گهنٽيءَ جو آواز ٻڌي فون Receive ڪرڻ هلي ويئي. +”آءُ توکي سمجهي ويو آهيان ته تون ڇا آهين.“ اوچتو عمر بينا کي چيو. +بينا حيران ٿي ڏانهنس ڏٺو. ”پر آءُ ڪا اهڙي Mysterious شخصيت ته ڪانه آهيان، جو توهان جي سمجهه ۾ نه اچان. هڪڙي عام ڇوڪري آهيان!“ +”ياد اٿئي، پهريون ڀيرو جڏهن آءُ توسان مليو هئس، تڏهن توکي ڪجهه چيو هئم؟“ +”نه... ڇا چيو هيئي؟“ پر عمر جي اکين ۾ حقيقت پۡسي، بينا ڊڄي ويئي ۽ اکيون هيٺ ڪري چيائين، ”ها، ياد اٿم، ڀلا ٻڌاءِ ته آئون ڇا آهيان؟“ هن ڳالهه ڦيرائيندي پڇيو. +”تنهنجي اسٽار Cancer توکي آرسيءَ وانگر پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.“ عمر چيو. ”تنهنجي اسٽار جو نشان Crab آهي. اندران نرم ۽ نازڪ، پر ٻاهران لاپرواهي ۽ سخت مزاجيءَ جو خول چڙهيل!“ +”ڇا مطلب؟“ بينا شايد وڌيڪ چٽائيءَ سان ڪجهه ٻڌڻ پئي چاهيو. +”اهوئي ته تون ڏکن ۽ ايذائن کان، جن کان تون ڀڄڻ لاءِ محبت جي جذبي کان به بچڻ ٿي چاهين. پر اهو ايذاءُ، اُنهن ايذائن کان، جن کان تون ڀڄي رهي آهين، وڌيڪ ڀوائتو آهي.“ +”بس؟ يا ٻي ڪا ڪسر رهجي ويئي آهي؟“ بينا جي آواز ۾ سندس چهري جهڙي شانتي هئي، پر سندس احتجاج جي ان انداز عمر کي Distrub ڪري ڇڏيو. +”هڪ ٻئي جي Analysis ته سٺي ڳالهه آهي بينا. تون به مون تي Criticize ڪري سگهين ٿي.“ هن چيو. +”آءُ ته ماڻهن کي ڪڏهن به نٿي سمجهي سگهان. ڪير ڇا آهي؟ اهو سوال ته منهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به نٿو اچي.“ اهو هو به سچ. بينا ايتري قدر Introvert هئي، جو هن پنهنجي خول کان نڪري ٻين کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن ڳالهه بدلائي عمر کان سوال ڪيو؛ ”ڀلا هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ. تون Cancerians تي چنڊ جي اثر کي ڪيتري حد تائين درست ٿو سمجهين؟“ ۽ عمر سمنڊ جي لهرين ۽ چنڊ جي اثر هيٺ اچڻ واري اسٽار Cancer جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو. +رات جا چار لڳي رهيا هئا ۽ بينا Studio ۾ پنهنجي ميز تي ويٺي ڪم ڪيو. ڪم ايترو ضروري به ڪونه هو، پر پوءِ به اڄ کيس اصل ننڊ ڪانه پئي آئي. هن ڪم ڇڏي، ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجون ٿڪل اکيون ٻوٽيون. ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي اڳيان ڀت تي لڳل تصوير کي ڏسڻ لڳي، جنهن تي چار سال اڳ کيس Photography Club پاران انعام مليو هو. ڳاڙهي، پيلي آڪاش تي هڪڙو اڪيلو ڪارو پکي اُڏري رهيو هو؛ +’جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي +منهنجو من، جيون بن +اڏري اڏري پوندو ٿڪجي +تنها تن، منهنجو من +جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي.‘ +هن کي اياز جو نظم ياد اچي ويو ۽ تڏهن ئي تنهائيءَ جو احساس ڪنهن ڄاتل سڃاتل ڌڪ جهڙو لڳس. اِهو ڌڪ کيس پهريون ڀيرو پيرس ۾ لڳو هو، تڏهن هن پنهنجي من اندر امن آڻي سوچيو هو؛ اڪيلائيءَ جو احساس ته هر فنڪار کي ٿيندو آهي. هو پنهنجي فن ۾ ايتري قدر ٻُڏي ويندو آهي، جو ٻاهرين دنيا جا سڀ ناتا ۽ پيار وڃائي ڇڏيندو آهي. +پر اڄ. ... اڄ وري هي خيال.... احساس هئس ته عمر سان مليو آهي. عمر، جنهن هن جي ڪٽ لڳل ذهن کي Metal Stimulation ڏني هئي. جنهن جو Subtle humour منظور جي سستي مذاق کان ڪيترو نه مختلف هو.اڄ شدت سان احساس ٿيس ته جيڪر مڙسنهس وهندڙ نهر هجي ها، بند ٿيل ۽ بيٺل ڍنڍ نه، ته هوءَ پاڻ کي ڪيترو نه سوڀاڳيه سمجهي ها! هوءَ مايوسين جي اونهي اوڙاهه ۾ ڪري رهي هئي، جتان واپسيءَ جي ڪابه واٽ نه هوندي آهي. سندس اکين آڏو پراڻو ڏٺل ڪنهن فلم جو ڏيک گهمي ويو؛ جنهن ۾ هڪڙو پولاري (Astronaut) ڀُل کان راڪيٽ جي ٻاهر رهجي ويندو آهي. راڪيٽ اڳتي زوزاٽ ڪري نڪري ويندو آهي ۽ هو ويچارو پولار (space) جي اونهي اوڙاهه ۾ ترندو رهندو آهي. نه پٺيان ڪو ماضي، نه اڳيان ڪو مستقبل! +رزاق مهر مومل موءِ کان پوءِ...... +هو اڳتي وڌي ميران جي پيرن ۾ ويهي رهيو. +ڏهه ڏينهن اڳ، جڏهن ميران وٽ رکيل پئسن مان پنج روپيا آفيم لاءِ گهرڻ لڳو هو، تڏهن ميران چيو هوس، ”علوءَ جا پيءُ، ڪجهه هونش ڪر_ ٻه هزار مٿان قرض بيٺو آهي. ٻارن کي ڏس، لڱن تي لٽو به ناهي! انهن جو ايترو به خيال نه اٿئي جيترو آفيم جو“. +ميران جو ايترو چوڻ، ۽ پيرل جو هٿ هڪدم وڃي ميران جي وارن ۾ پوڻ. ڇڪي ٻيڻو ڪري ڇڏيائينس. ميران پاڻ ڇڏائڻ چاهيو. +پيرل مڇربو ويو. اکيون ڀوائتون. وات گِڦ. ”اصل چريو ٿي پيو هو“. ”ڪميڻي! مون کي ٿي مِهڻا ڏين. گهڻا گهمرا سمجهايو ٿي مانءِ ته گهري موچڙا نه کائيندي ڪر.“ +هو ميران جا وار ڇڏي ڀت جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪپڙن ڌوئڻ واري سونٽيءَ ڏانهن ڀڳو. سونٽي کڻي اچي ورتائينس. هڪ زومائتي سونٽي لڳڻ سبب ميران ڪُسندڙ ڍور جيان رنڀ ڪئي: ”ائي ابا ڙي“. ۽ پيرل ڪجهه سوچي، سونٽي ڦٽي ڪئي. پوءِ ڌڪ مڪون ۽ وري لتن سان ورتائينس_ ۽ هوءَ فوٽ بال جيان ٿڏبي رهي.ميران هميشه جيان صبر سان ڪٽبي رهي، ۽ هميشه جيان روئي کڻي رڇ ڀريائين. +ان ڏينهن پيرل هن کي ڌرتيءَ تي ئي اڌ مئل ڪري ڇڏي، ڪٻٽ مان وڃي پئسا کنيا، ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو. تڏهن ميران ڏند ڪرٽي اڇنگار ڏني هئي، ”ماريا شل ڪو منهنجو صبر پُڄندئي“. هوءَ رڙهندي ڪنجهندي کٽ ڏانهن وڌي وئي هئي. +اها مار ميران لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. ٻيو ته ٺهيو، پر هر عيد تي جڏهن گهر گهر خوشين جي ورکا ٿيندي هئي، تڏهن به ميران بي زباني جانور جيان ڪٽبي هئي. تڏهن به هن جي گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني روڄ راڙو ضرور ٿيندو هو. هن جا ٻار، جيڪي مهيني کان عيد اچڻ جا ڏينهن ڳڻندا هئا، اهي ان ڏينهن گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ منهن ڀيلو ڪري ويهي رهندا هئا. تڏهن ميران ٻارن جا لٿل منهن ڏسي، دل ۾ جهير پوندا محسوس ڪندي هئي. +هوءَ چاهيندي هئي، ٻارن کي سڄي جڳ جو خوشيون ڏي، پر هن وٽ رڳو نه کٽندڙ غمن جا انبار هئا. هوءَ ٻارن کي خوشيون ڏئي نه سگهندي هئي، ته پنهنجي نصيب تي روئي پوندي هئي. گذريل عيد تي پيرل جيئن ئي نماز پڙهي گهر آيو هو ته ڏٺو هئائين، ديڳڙو اڃا دم تي هو. اڃا ڪجهه گهڙيون هيون چانورن رڌجڻ ۾. پيرل جي نظر ۾ اها ميران جي وڏي ۾ وڏي غلطي هئي، جنهن کي معاف ڪرڻ هن جي اصول جي بلڪل خلاف هو. هن کي هڪدم باهه لڳي وئي_ ٻه چار ڪچيون گاريون ڏئي، ديڳڙو کڻي اونڌو ڪيائن. رڌل چانور ڌرتيءَ جي نذر ��ي ويا. جن منجهان نظرون ڪڍي ٻار پيءُ جي ڪاوڙيل چهري ڏانهن خوفزده نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. +”ذليل مان وڃي ماڻهين جي گهر وڃين روزو کوليان“. کٽ جو ڀڳل پائو کڻي اچي ورتائينس. پوءِ جڏهن مار ڏئي توائيءَ مان گهر کان ٻاهر نڪري ويو هو، ته ميران پويان چيو هو، مئا شل ڪاريءَ واءُ جي سٽ ايندئي“. +ڪاريءَ واءُ جي سٽ پيرل کي ته نه آئي، پر ميران پاڻ ئي هي جڳ ڇڏي هلي وئي. ڇهه ڏينهن اڳ ميران کي ٻار ڄائو هو، ۽ جنهن ڏينهن هن جي ڇٺي هئي، ان ڏينهن ميران مري وئي. +ٽين ڏينهن جي ئي ته ڳالهه آهي، جو ميران پيرل کي چيو هو، ”علوءَ جا پيءُ، دائيءَ چيو آ ته مون کي زرڪان ٿي پيو آ، تڏهن سُڄي پئي آهين“. +تڏهن ميرل چڙي پيو هو. چيو هئائين، ”مڪر ڇڏ، مڪر ڇڏ ته وٺانءِ نه سونٽن سان“. +۽ هن وڌيڪ نه ڪڇيو هو. ان ڏينهن کان پوءِ سندس حالت وئي جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي. اهڙي حال ۾ به هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهي. ڄڻ هوءَ عورت نه هئي، ڪنهن مڇي مارڪيٽ جي رول ڪتي هئي. +هڪ ڏينهن اڳ جڏهن پيرل پاڙي ۾ ٺهندڙ نئين جاءِ جي ڪم تي وڃي رهيو هو، تڏهن ميران کيس ڪنجهندي التجا ڪئي هئي، ”علوءَ جا پيءُ، مان مري وينديسانءِ ٻيلي، منهنجو ڪو احساس ڪر.“ +تون ڏائڻ، تون مرندينءَ؟ کٽڪو نه ڪر، رن! تون مون کي ماري پوءِ مرندينءَ.“ +پوءِ جڏهن هو ڪم تي هليو ويو هو، تڏهن ميران ڏانهس پنهنجو وڏو پٽ علو، جيڪو ستن سالن جو هو، موڪليوهو. جڏهن پيرل آيو ته ميران پنهنجون بند ٿيل اکيون کوليون ۽ وري بند ڪري ڇڏيون. انهيءَ تي پيرل کي چڙ لڳي وئي، مٺيون ڀيڪوڙجي ويس. ڏند ڪرٽيندي چيائين، ”شهند نه ڪر، مان ڏاڍو حرامي آهيان. اصل هڏ گڏ ڀڃي وجهندومانءِ“. +تڏهن ميران ڊپ کان کڻي نماڻا نيڻ کوليا هئا. +ان ڏينهن پيرل ۽ ٻارن لاءِ ماني پاڙي جي وڏي مائي سڀائيءَ موڪلي هئي. پيرل کي اها ڳالهه وڻي ته ڪونه هئي، پر سڀائيءَ جو چوڻ موٽائڻ هن لاءِ ڪجهه ڏکيرو ٿي پيو هو. ان لاءِ به جو سڀائيءَ جا هن جي مٿان وڏا احسان ڪيل هئا. +ٻي ڏينهن جڏهن ميران اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي وئي، تڏهن سڀائيءَ پيرل کي ڪجهه چيو، ۽ ميرل ڪنڌ ڌوڻي، ٽانگو ڪرائي ميران کي ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي ويو. پر ان مهل وقت گذري چڪو هو، ڊاڪٽر کيس جواب ڏئي ڇڏيو. هو گهر ڏانهن واپس پئي آيو ٽانگو اڄا رستي ۾ ئي هو ته ميران به موت جي ڪاري ٻاٽ اوندهه ۾ گم ٿي وئي، پنهنجي نصيبن جي سج جيان. +گهر ۾ ماتم مچي ويو. (ان روڄ ۾ ڇهن ڏينهن جي نئين ڄاول ٻار جون رڙيون به شامل هيون، جنهن کي پوءِ پاڙي جي هڪ عورت کي ٿڃ لاءِ ڏنو ويو.) +ميران جي ماءُ ڏانهن تار موڪلي وئي، پر هوءَ اڃا نه پهتي هئي. هن جي اچڻ تائين ميران جو لاش هڪ ڏينهن تائين رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. در جي ٻاهران تڏو وڇايو ويو هو، جنهن تي آهستي آهستي ماڻهو اچي ويهڻ لڳا هئا. +پيرل تڏي تان اٿي اندر آيو. ان مهل پاڙي جي وڏي مائي سڀائي ميرل جي ٻارن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي_ جيڪي رڙيون ڪري روئي رهيا هئا. +سڀائي جي نظر جڏهن پيرل تي پئي ته هوءَ هن ڏانهن وڌي آئي. “ابا پيرل، ٻار بس ئي نٿا ڪن. تون ڪو هنن کي چپ ڪراءِ“. +پيرل ڪجهه نه ڪڇيو، رڳو اڳتي وڌي آيو. ٻار هن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، پنهنجو پاڻ ئي چپ ٿي ويا. +”ابا ڳالهه ٻڌ“. مائي سڀائي هن جي ڀرسان ايندي چيو. +ان کان اڳ جو مائي سڀائي قرض ڏنل پئسن جي گهر ڪري، پيرل هڪدم چئي ڏنو، ”ماسي، تنهنجي پائي پائي مان لاهيندس. تون اسان سان وڏا ڳن ڏنا آهن. بس، هاڻي ڪجهه ڏينهن رڳو مهلت ڏي“. +مائي سڀائيءَ ميران جي لاش ڏانهن ڏسندي وراڻيو، ”پيرل، جيڪي ميران مون کان جاءِ لاءِ ٻه هزار ورتا هئا_ اهي ياد اٿئي نه؟“ +”ها ماسي، گهر ۾ نه کائبو پهريان تنهنجو قرض لاهبو.“ +مائي سڀائي ميران جي لاش تان نظرون هٽائي، ٿڌو ساهه کنيو. چيائين، ”ابا، سچي ڳالهه اها اٿئي ته ميران رڳو نانءُ منهنجو ڪيو، نه ته اهي پئسا پاڻ پورهيو ڪري ميڙيا هئائين.“ +”هي ڇا پئي چوين ماسي!“ هو وائڙو ٿي ويو. +”ها ابا، جڏهن تون ڪم تي ويندو هئين ته ميران ويچاري هِن هُن جي گهر وڃي پورهيو ڪندي هئي. هاڻي جڏهن اها شيءِ ئي هلي وئي ته لڪ لڪاءُ ڇا جو.“ +پيرل جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. هن پنهنجو ٺوس وجود برف جيان ڳرندي محسوس ڪيو. سيني ۾ هلڪي هلڪي سور جون سٽون اُڀرڻ لڳس. جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نظر ٻارن تي وڌائين، جيڪي ڏانهس خوف وچان ڏسي رهيا هئا _ ۽ ٻي نظر چادر ۾ ڍڪيل ميران جي لاش ڏانهن_ وڌائين. هن جي اکين ۾ پهريون ڀيرو ميران جي لاءِ ڳوڙها ڀرجي آيا. پيءُ کي رئندو ڏسي ٻار ماءُ لاءِ وري روئڻ لڳا، ۽ هن اڳتي وڌي ٻارن کي ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ ڍورن وانگر ڍڪڻ لڳو. + + +ڪهاڻي لکڻ ۽ ڪهاڻي جنمڻ ـــــ ٻه الڳ واٽون آهن. هڪ ٺهيل ٺوڪيل واٽ آهي، جنهن تي بنا ڪنهن کٽڪي پير ڌري اڳتي وڌي سگهجي ٿو ۽ ماڳ (پڄاڻي) تي رسي سگهجي ٿو. ٻي واٽ نئين ۽ آڄاتي ماڳ ڏانهن وٺي ويندڙ واٽ آهي، ان واٽ تي پير ڌرڻ لاءِ تجربي جي جوکم کائڻ جو ساهس ضروري آهي. ائين ئي هڪ ڪهاڻيڪار ـــ هڪ ڪلاڪار پنهنجي تجربي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ پڙهندڙ جي من ۾ آميو اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو. +حميد سنڌي ٺوٺ ڌرتي +مستن تي ڪهڙي ميار. پرو نٽهڻ اُس ۾ ڪي ڪلاڪ جهُمر هڻندو رهيو. ڊگهي چولي جو پلو­ مٿي ڪري جهولي جهلائي دانهون ڪندو رهيو: ”ڀيڄ مولا!“ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”ڀيڄ مولا“. +رب جي ذات وڏي آهي. ا­گهي ته ڪائو ڪچ، نه ته مالڪن کي به موٽ. پر جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي، پروءَ جي جهول ۾ نه هو ڪائو ڪچ، نه هن آڇ ڪئي، نه هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ وڏو چولو جنهن جي هيٺيان ڪجهه به نه هيس. هو ٻاڏائي رهيو هو. رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات اڃا به وڏي آهي. جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جهڙا مست ته گهڻئي، پر پرو سڏبوئي هو ”مينهاڻي مست!“ پرو ڪهڙو جي ”مينهاڻي مست.“ +اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻهن جا ميڙ. اک اک منجهس. سندس هر چُر پُر تي ماڻهن جي چُر پُر اچيو ٿي ويئي. سندس هر نعري تي نعرو پئي لڳو: ”ڀيڄ مولا“؛ ”ڀيڄ مولا“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو“؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو.“ +”جيڏو تنهنجو نانءُ اوڏوئي آسرو“ واري آسري تي خلق ڄميو بيٺي هئي. پگهر پئي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو سڀ آسروند هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر آسمان ۾. اڃا ته ڪٿي به آگم جو اُهاءُ نه هو. ابر جو اُهڃاڻ نه هو. پر آسروند اهوئي آسرو کنيو بيٺا هئا ته رب جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي، وسي ته وڏ ڦڙو، اچي ته اڱڻ ا­گهاري، برسي ته بهاري، اُٺي ته اُڃايل پياري. اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا، ڏرتي ٺوٺ هئي، سوڪهڙي ساوا به سڪائي ڇڏيا هئا. +انهيءَ ٺوٺ ڌرتيءَ تي اڄ پرو بيٺو هو، جنهن سان هن جو ازلي ناتو هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن ته هو پروءَ مان مينهاڻي مست ڪيئن ليکيو. +پرو ڪو ڄائي ڄم کان مست ڪونه هو. پرو ائين ئي هو جيئن عام ٻار ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غريب پٽ. ڦاٽل چولو، هيٺان ڪجهه به نه، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندڙ، مٽيءَ سان راند، ٻاراڻيءَ وهي جي مستي، کيس انهيءَ ڳالهه جو پتو ئي نه رهيو ته هُن جا پيءُ ماءُ مري ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي حوالي، چاچي جي مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ لاءِ سوٽن جو ولر وڏي نعمت هو. کيڏن، رڙيون ڪرڻ، واڪا ڪرڻ سندس وس هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ ۾ بيهي جڏهن ٻارن جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو هو ته سندس ڪيفيت ڪنهن مست کان گهٽ ڪانه هوندي هئي. جيتوڻيڪ سندس ڪابه اهميت ڪانه هئي؛ پر هو پنهنجي دليريءَ جا داو­ ڏيکاريندو رهندو هو. سندس کلڻي، ملوڪ منهن لاءِ ڪنهن کي ڪو خاص چاهه نه هو. هو هڪ يتيم ٻار هو ۽ اهڙا يتيم، اهڙا ٽوهه پٽن ۾ ڪيئن پيا هئا. +پرو انهيءَ ۾ به خوش هو. سندس خوشي تڏهن وڌي ويندي هئي، جڏهن پنهنجي سوٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ جي ڪندو هو. هوءَ جڏهن پدمڙا پير کڻي هن سان گڏ آڱڻ ۾ هلندي هئي، ته هو خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو هو ۽ پڦي زينان کي سڏ ڪندو هو، ”پڦي، او پڦي، هيءَ مومل ته ڏس ڪيئن هلي ٿي، جهڙي ڊيل!“ +پڦي جنهن پروءَ کي پنهنجو ڪري رکيو هو، ورانڊي مان جواب ڏيندي هيس، ”ها، ها پريل مومل ته ڊيلن جي به راڻي آهي.“ هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو هو ۽ زور سان چوندو هلندو هو؛ ”هلي منهنجي ڊيل راڻي، هلي منهنجي ڊيل راڻي___!“ ۽ وٺي اچي پڦيءَ وٽ بيهندو هو. پڦي هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندي هيس، ”اڙي پريل، هوءَ ته ڊيل آهي. تون ڇا آهين، مٺو مور؟“ ته پرو مومل کي ڇڏي ٻانهون کولي مور وانگر نچندو هو، ۽ نچندي ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو. +پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي، جڏهن آڙهڙ جا ڏينهن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينهونڳيءَ جي موسم پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوهه ڦلارجڻ جا ڏينهن هوندا هئا. هو پهرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري ايندو هو، ۽ خوشيءَ وچان دانهن ڪندو هو، ”ڀيڄ مولا!“ ۽ پوءِ سندس سئوٽ به هنبوڇيون هڻندا نڪري ايندا هئا، نعرن جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو، ”ڀيڄ مولا، چانديءَ جا گولا.“ ”ڀت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي“ پر پروءَ جو وڻندڙ نعرو هوندو هو؛ ”هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو!“ نعري هڻڻ ۾ هو بنهه مست ٿي ويندو هو. جڏهن تکو مينهن پوندو هو، ٻار سڀ اندر ورانڊيءَ ۾ ڊوڙي ويندا هئا، ته به پرو بيٺو هوندو هو سندس رڳ رڳ بهاريءَ ۾ هوندي هئي. هو مينهن ڦڙا بت تي ورائيندو ويندو ۽ مينهن ڦڙن کي پيئندو ويندو هو. ڪڏهن ته گپ کڻي بت تي لائيندو، منهن تي مليندو ۽ ڪڏهن ته دُٻن مان پاڻي پيئندو هو، پڦيس رڙيون ڪندي هيس؛ ”پروءَ، اڙي پرو، مري پوندين، اندر اچ،“ پر هو مينهن جي گوڙ ۾ ڄڻ ته ٻڌندو ئي نه هو؛ پر جڏهن چاچو نڙ کڻندو هو ۽ ورانڊي مان اُلاريندو هيس؛ ”اڙي اچين ٿو يا نه، هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندوسانءِ“. تڏهن لاچار اندر ايندو هو. پڦيس چولو لاهي سڪڻ وجهندي هيس ۽ هو پوتڙو ٻڌي، ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيهي، مينهن جي ڪا لار جهٽي وٺندو هو. +مينهن اڃا اڪري مس هلندا هئا ته پروءَ لاءِ ساوا پۡٽ، پۡٽ پٽيهر بڻجي پوندا هئا، هو لهي وڃي رئيس جي باغ ۾ پوندو هو، خوشي جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو ته اچڻ ساڻ مومل کي کڻندو ۽ چوندس، ”منهنجي ڊيل راڻي هلي ته سائي پٽ پٽيهر تي. هت نه هلي ته سائي پٽ تي. راڻي! باغ ۾ هلندينءَ؟“ +يڪدم چاچس رڙ ڪندي هيس، ”مئا، باغ ۾ نه کڻي وڃجانس، ڪو تو وانگر پنڌ ٿي ڪري، تنهنجي ٽنگن ۾ ته لوهه پيو آهي“. +”چاچي مومل وڏي ٿئي ته پوءِ ته هلندي؟“ +”چڱو، چڱو، وڏي ته ٿئي.“ +هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي ۽ مومل پير نه کڻي ۽ خوشيءَ وچان چيٽون نه ڪري مومل جڏهن چِٽو ڳالهايو تڏهن به پروءَ دانهن ڪئي؛ ”پڦي ڊيل ته ٻولي ٿي!“ پڦي وراڻيندي هيس؛ ”ٻولي سدا ٻولي، مٺو مور!��� ۽ هو ٻانهن جون کنڀڙاٽيون هڻندو، پيرڙا کڻندو نچڻ کڳندو هو ۽ مومل به هاڻ ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نه ٿئي. +ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ تروڄ ڪيو هو، ۽ کيس اسڪول جو به خيال نه رهيو، نه وري موسم جو ئي ڊپ! ڪڪرن جي اُهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر نڪري آيو. ڇاجو پڙهڻ ڇاجو لکڻ. هو ڀلا من جي مستيءَ بهاريءَ ۾ اچڻ وارو پکي. سو خشڪ پٽن، سڪل ميدانن کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نه هئي، جيستائين گهر نه پهتو. هُن دانهن ڪئي، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ سڀني سرتين گڏجي وراڻيو، ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ مومل ٻاتائي چيو، ”هن مولا تو دوڏي ديڏو.“ ائين ابر ۾ اُهاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءُ ٿيا، وڄ وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا، ڦڙ ڦڙ، ڦري لارون بڻي، پرو تيئن بهاريءَ ۾ آيو؛ ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏو.“ وسڪارو ٿيو، نيسارا وهيا، پر پرو اڃا به مستيءَ ۾ هجي، مور کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان آواز ڪري، پرو کنڀڙاٽيون هڻندو وڃي، چوندو وڃي؛ ”مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي جيڏو _ گوڏي جيڏو مولا _!“ جيئن پروءَ صدا هڻي تيئن ڪارونڀار ۾ وڄُ وراڪو ڏئي، وڄُ جو وۡڄ اڃا وڄي بس ڪري، ته بادل بر ٿي بيهن ۽ گوڙ جا ٺڪاءُ هنيانءُ ڏڪائن،پر پروءَ مستيءَ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا، هاڻ ته مومل جو به آواز نه هو پر پروءَ جي صدا صدين جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو به ائين وسيو جو هاڻ پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻهوءَ جا ته اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ لڳا هئا. ڪچيون جايون، سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندس ڀتيون ٿي لُڏيون، ڇتيون ته اڳيئي وهي هليون هيون. گهر وارن جو بنهه ساهه منجهيل هو.هر هڪ اهو پي وراڻيو، ”جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“ +پڦي زينو ته ورانڊي ۾ بيٺل هئي، هاڻ ته هوءَ پروءَ کي سڏ به نه ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ”حسبي ا﷢...........“ جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي هنيائين. چاچي، پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽ بالٽيون ڇِت هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون ۽ چاچو، تيشي کنيو ٻرهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو. مينهن هڻي جاءِ کي ڇِني وڌو هو، ڪلاڪ کن ۾ مينهن اصل پوريون ڪري ڇڏيون. +ماسي نعمت ته وهلور پئي ويئي، ”هئڙو مينهن نه ڏٺوسين نه ٻڌوسين. اصل قيامت آهي قيامت.“ چڱي ويل وهي ويئي، مينهن بس نه ڪري، ائين سڀ ڪنهن کي محسوس ٿيو ته ڪا خاموشي آهي. هاڻ مينهن گوڙ، وِڄ جي ٺڪائن سان گڏ هڪ آواز بند ٿي ويو آهي. چاچو يڪدم اُڀو ٿي ٻاهر ڊوڙيو، پۡرُو اُتي ئي بيٺو هو، هاڻ هو نعرو نه هڻي رهيو هو. هو مينهن جهٽي رهيو هو، آهستي آهستي ڀڻڪي رهيو هو، ”واهه ڙي مولا واهه، بنهه بهاري ڪري ڇڏيئه مولا، اصل رنگ لڳي ويا، واهه منهنجا مولا!“ +اِئين چاچي وڃي ڳٿر کان جهليس. کنڀي اندر کنڻي آيس، ”ڪتي جا ڦر، اسان جو ٿو وڃي سِرُ ۽ تون آن بهارين ۾. ’هڻ مولا گوڏي جيڏو‘، هاڻي جهل دٻ. جاءِ جهڪي آ، ڇت وهي آ، اڃا به مولا گوڏي جيڏو!“ نڙ کڻي چلم مان ڪڍيائين ۽ اچي ورتائينس؛ ”اڙي چوندين هڻ مولا گوڏي جيڏو. پڻهين ٻرگهل بند ڪندو، ماڻهين گارو ڪندي __ توکي اصل نه ڇڏيندس، اڙي ٻيا ڪهڙا هئا، جن گوڏي جيڏو جو نعرو هنيو هو؟“ +ٻين نينگرن جو ساهه مٺ ۾ هو. ڪن ته ڪنڊون پاسا ورتا هئا، گلو ۽ شيرل ته کٽ هيٺان وڃي لڪا هئا. ”نڪرو ٻاهر نڪرو، اڙي ورُو، شمو، يارو هيڏي اچو.“ +ڇوڪرا جيئن ايندا ويا تيئن چاچي نڙ ڦيرايو، ”اڙي گهوڙا ڙي مري وياسين، اڙي بابا ڙي، الاڙي __ گهوڙا ڙي“ پي پئي. اِئين وڏو ٺڪاءُ ٿيو. سڀ چپ ٿي ويا، اُن سان گڏ ”ڌٻڪ“ جو آواز ٿيو. سڀني ورانڊ�� مان ٻاهر ڏٺو، رنڌڻي جي ڇت ويهي وئي هئي. اُن سان گڏ سڀني ڏٺو ته پرو چپ چاپ ٻاهر وڌيو. وچ اڱڻ ۾ بيهي رهيو، ننڍڙا هٿ مٿي کڻي چيائين ”مولا، هاڻ ۾ هالار هارينس.“ هُن وري صدا هنئي ”مولا، هاڻ هالار ۾ هارينس.“ ”مولا__ مولا__ منهنجا مولا!“ +پروءَ جي صدا به ڪا صدا هئي. مينهن جهڪو ٿيڻ لڳو، ڪا گهڙي نه گذري جو مينهن بس ٿي ويو. پرو اُتي ايستائين بيٺو رهيو جيستائين، ڪڪر ٽڙي پکڙي نه ويا هاڻ ته ڏينهن شينهن هو. سڀ ٻاهر نڪري آيا. پڦي زينو وڌي پروءَ وٽ اچي بيٺي ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳي. اِئين وڏي واڪي چاچس کي چيائين، ”ادا نصير، هيءُ ڇوڪرو فقير اٿئي، ملنگ مست اٿئي، آئيندي سنڀالي هٿ کڻندو ڪر. سندس ڪرامت ڏٺئي!“ +گهر وارا سڀئي پروءَ جي چوڌاري مڙي آياهئا، هن کي ائين ڏسي رهيا هئا، ڄڻ ڪا نئين شيءَ ڏٺي هئائون. چاچي نصير ويجهو اچي پروءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پوءِ ڪِريل رنڌڻي ڏانهن وڌي ويو. هاڻ ته مومل به پدمڙا پير کڻندي ٻاهر نڪري آئي هئي. +”پلو_ مولا دوڏي ديڏو نه، ڊيل راني هلي ڪيون.“پرو هن کي هلائيندو، ”منهنجي ڊيل راڻي هلي“ ڪندو، ٻاهر نڪري ويو. هن ڀيري سندس چاچي خاموش ڄمي بيٺي هئي، هن کي مومل جي ٻاهر وڃڻ تي شايد ڪوبه اعتراض نه هو. پرو سڌو اچي رئيسن جي باغ مٿان بيٺو ۽ برسيل جي بهار، اُٺي جي هڳاءُ کان مست ٿي مومل کي ڏسي رهيو هو،جيڪا کيس هن مست ڪندڙ موسم جهڙي پئي لڳي. هيءُ ڌوتل پوتل وڻ، اُجريل ڌرتي، هو گپ ۾ ويهي رهيو، مومل گپ کڻي کيڏڻ لڳي. اڄ پرو بهاري ۾ هو، مينهن وسيا هئا، بهاريون ٿيون هيون، ڊيل راڻي ساڻس هئي. +هوڏانهن ماسي نعمت کي برقعو نه ٿي هٿ آيو، ٿوري دير ۾ گهر گهر ۾ اهائي وات وائي هئي، ’پرو ڪاني ڪرامت وارو آهي‘ ۽ ائين پروءَ جي ڪرامت سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو اچڻ لڳا. سڀني ننڍڙو مست ڏسڻ ٿي گهريو. اچرج مان پروءَ کي ڏسندا هئا ۽ کائنس دعا گهرائيندا هئا. پرو منڍ ۾ ته حيران هو، ته هيُ آهي ڇا؟ پوءِ جڏهن نذر نياز ملڻ لڳو، اسڪول بند ٿيو، مار موچڙو بنهه گم، پرو بالم ٿي مست بڻجي ويهي رهيو. چاچي نصير ۽ ڦڦي زينوءَ جي ته چاندي هئي. آهستي آهستي گهر ۾ رونق اچڻ لڳي. پرو ڪوڙا سچا ليڪا پائيندو وڃي، ”حق ا﷢ هو“ جو نعرو هڻندو وڃي ۽ چاندي نه وسي! +جيئن ڪرامتون ڪامياب ٿينديون ويون، پرو ڪامياب مست بڻبو ويو. هو ڪڏهن ڪڏهن پڦيءَ کان پڇندو هو، ”پر پڦي مون کي ته ڪجهه به نه ٿو اچي، مان قرآن به پڙهيل ناهيان. الف بي به پوري نه اچيم، مان ڪيئن ڪرامت وارو ٿيس؟“ +پڦي، هُش ڪري آهستي چوندي هيس، ”مٺو مور، ڪرامت جي صاحبن کي ٻاهرين علم جي ضرورت نه هوندي آهي. توکي باطني علم آهي پٽ! تون رڳو نيت سان ابتو ليڪو ٿو پائين يا هٿڙو ٿو گهمائين يا پاڻيءَ ٿو شوڪارين يا پاڻيءَ ۾ ٿو هٿ ٻوڙين ته سڀني جا ڪم سولا ٿيو ٿا پون ۽ اُن سان گڏ اسان جا به ڪم سولا!“ +پرو ڪجهه به نه سمجهندي ڪنڌ ڌوڻيندو هو. پرو جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، سڀ ڳالهه کيس سمجهه ۾ ايندي وئي. هن چاچي جي مجبوري به سمجهي، سڄي گهر جي بي وسيءَ جو به پتو پيس. هن پاڻ کي مست سمجهڻ شروع ڪيو. هاڻ هنن جي گهر ۾ غريبيءَ جو نانءُ نشان نه هو. ڪچي گهر مان پڪو گهر ٿي ويو، اوطاق ٺهي وئي، وڏي ڳالهه ته پروءَ لاءِ ڌار ڪمرو ٺهيو، جنهن کي آڏو سهڻو ڇاپرو هو، سڀڪجهه چاچي نصير جي نظراندازيءَ هيٺ ٺهيو. آخر چاچو پراڻو رازو هو. هاڻ ته سندس هٿ به ڏڪندا هئا، پوءِ هو ڪيئن رازپو ڪري ٿي سگهيو! هونءَ به کيس رازپي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ قدرت جا به عجيب رنگ آهن، ڪنهن کي هٿ ۾ شف��ع ڏئي، ڪنهن کي هٿ ۾ ڪرامت ۽ پروءَ جو ننڍڙو هٿ کڄيو ناهي، ۽ سواليءَ جو سوال پورو ٿيو ناهي! هاڻ ته پروءَ جا هٿ مضبوط، جوانن وارا هٿ هئا، ڪرامت ۾ به اوڏوئي زور هو. +پروءَ لاءِ هاڻ اِها ڳالهه ڪا دلچسپيءَ واري ڳالهه نه هئي، هن لاءِ جيڪي ڪجهه هو، سا مومل هئي. مومل هاڻ پوري ڊيل راڻي هئي. هوءَ هُن جي سامهون جوڻ مٽائيندي رهي. هاڻ هوءَ هڪ خوبصورت ۽ ڊگهن وارن، جهٽ کلڻ ۽ جهٽ بند ٿيڻ وارين وڏين اکين واري سهڻي راڻي هئي. پرو جيئن کيس راڻي سڏيندو آيو هو، تيئن سڏيندو ايندو هيس. مومل جو چاهه به رنگ مٽائيندو رهيو. هاڻ جڏهن هوءَ پروءَ جي ڀر ۾ وهندي هئي ۽ پرو سندس هٿ وٺي، هٿ ۾ وجهندو هو، ته ٿڌو پاڻي سندس رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويندو هو. اُهو پاڻي ٻين لاءِ ته شفاع جو پاڻي هو؛ پر مومل لاءِ آب حيات هو. هوءَ روز اُن هٿ لاءِ واجهائيندي رهندي هئي، ته ڪڏهن ٿو پرو سندس هٿ وٺي. هوءَ نه چوندي به چوندي هيس؛ ”پرو، منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي شفا آهي؟ تون منهنجو هٿ ڇو ٿو مٽ ۾ وجهرائين؟“ پرو سندس منهن ڏي ڏسي مرڪي ڏيندو هو. +پرو اُن ڏينهن ته بنهه سندس ويجهو وهندو هو. جنهن ڏينهن هوءَ وهنجي سنهجي اُجريل ڪپڙا ڍڪي، آلا وار پکيڙي دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ اُن تي ٻوڙ جو ڀريل وٽو رکي، ٽلندي سندس ويجهو ايندي هئي. پرو ماني پاسي تي رکي، کيس ٻانهن کان وٺي وهاريندو هو. سندس اکين ۾ نهاريندي، هو ويجهو وڃي سندس وارن جي اڻ اڻيل تاڃي پيٽي کي ڇڪي، نڪ جي ويجهو آڻي، وڏا ساهه کڻندو هو، اُن مهل بي اختيار ٿي چوندو هو ”رب منهنجي جي قدرت!“ مومل ورُ ورُ ڪري پڇندي هيس ۽ اُن جو جواب به ساڳيو ملندو هيس، ته به هوءَ چوندي هيس؛ ”پرو، ان ۾ ڪهڙي رب جي قدرت آهي؟“ +”راڻي تنهنجي آلن وارن مان اُهوئي هڳاءُ اچي ٿو، جيڪو اُٺي ويل ڌرتي ڇڏيندي آهي، ۽ ملڪ ملڪ واسجي ويندو آهي. ڇا اهو هڳاءُ عطر عنبير کان گهٽ آهي!“ +اُٺي جي ويل سان سندس قرب هليو آيو، اُٺي جون بهاريون آيون ناهن، پرو ڇاپري ۾ نڪري ايندو،سندس صدا اُها ئي هوندي؛ ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ اڃا هڪ ٻه صدا مس هڻندو، ته مومل پري کان ڊوڙندي ايندس. ”بس پريل!“ هو ماٺ ٿي ويندو؛ پر آهو ٿي پيو نچندو، مينهن بت تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو، دُٻن مان ڍُڪ ڀريندو، مٽي کڻي بُت تي لائيندو، هڪ وڏو مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو هو. هڪ چاڻو ڌوپجي ويندس ته ٻيو کڻندو. چڱي ويل کان پوءِ مومل سڏ ڪندي هيس ۽ هو اندر ڇاپري ۾ هلي ايندو هو. مومل پوتڙو کڻي انگ اُگهندي هيس. هو ڌيرج سان هٿ وٺي سندس هٿ ۾ پيل ٺِڪر جي چِٽيل ڇلي کي وٺي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ انگوڇو وٺي، پاڻ کي پاڻ اُگهندو هو. هوءَ چپ چاپ ٻاهر وڃي ڇاپري ۾ بيهندي هئي ۽ پرو لٽا مٽائي اچي ڀر ۾ بيهندو هيس. مومل سندس اکين ۾ نهاري چوندي هيس؛”پريل تون مينهاڻي مست ڇو آهين؟ مينهن توکي مست ڇو ٿو ڪري؟“ +پرو مرڪي چوندو هيس: ”راڻي، مينهن ۽ هن ڌرتيءَ جو ازلي لاڳاپو آهي. اسين هن ڌرتيءَ جا ننڍڙا ڌڻي آهيون؛ اسين به مست نه ٿينداسين ته ٻيو ڪير ٿيندو! ڇا توکي مينهن مست نه ڪندو آ؟ هن جُهڙ ڦُڙ جي بهاري ۾ تون ڪجهه به محسوس نه ٿي ڪرين؟“ +مومل انهيءَ جملي سان ڄڻ ته ڇڪجي سندس ڀر ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ سامهون ورانڊي ڏي نظر ڦيرائي هڪدم پوئتي هٽي ويندي هئي. رڳو ايترو چوندي هئيس: ”پرو مون کي پتو ناهي!“ اهو چئي رئو کڻي چٻاڙيندي هئي يا انهيءَ ٺڪر جي ڇلي کي ڦيرائيندي هئي، جنهن ۾ سندس ساهه هو ۽ پرو يڪدم هٿ وٺي چوندو هيس: +”انهيءَ ڇلي جا چڪر مان ڦيرائيندس، گهمي ته ٿو پر سولو نه. ڪاڏي ��يندو، نيٺ ته هن هٿ وس ايندو.“ +مومل مرڪي چوندي هيس، ”هاڻي تنهنجي هٿ وس ناهي ڇا، هينئر به ته تنهنجو آهي!“ +”نه راڻي جڏهن مان موڙ ٻڌي هٿ لال ڪري، تنهنجن رتڙن هٿن ۾ هٿ وجهي انهيءَ ڇلي کي مقدر سمجهي ڦيرائيندس، پوءِ جيڪي نصيب!“ +مومل شرمائجي ڇاپري جي ڪنڊ وڃي کڻندي هئي ۽ سندس ساهه اُڀو کڄندو هو. پرو ويجهو ويندو هو ته هوءَ هٿ وڌائي چوندي هيس: +پرو انهيءَ ڇلي کي ڦيرائيندو ڪر، الائجي ڇو منهنجو شاديءَ ۾ ايمان نه ٿو بيهي، هونئن به پرو شادي محبت جو معراج ته ڪونهي.“ +پرو هڪ سادي سودي نينگر کان اهي اکر ٻڌي، ڇرڪي ويندو هو ۽ ڳالهه ٽارڻ لاءِ چوندو هيس: ”تون به ڪنهن کان گهٽ ناهين. بنهه مست آهين، مون کان به وڌيڪ_ تو ۾ هونئن به مڻيا آهي؛ پر راڻي جڏهن سمجهه ڀريو ڳالهائين ٿي ته بس، پوءِ اسان پارو مست وڏو مست ٿي وڃي ٿو.“ +ائين ٻئي ڄڻا کلي ڏيندا هئا ۽ پڦي زينو، جيڪا هاڻي قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺي هئي، سامهون ورانڊي مان اهو نظارو پئي پسندي هئي. نُور اڃا سڄو هيس، پر سندس ڀاءُ چاچي نصير کي پتو به نه ٿي پيو. پڦي زينو ڏسندي ڏسندي ڪنڌ لاڙي ڀاءُ کي چوندي هئي، ”ادا، هو جوڙو ڏسين ٿو؟“ +”ڪهڙو جوڙو“. +”پکين جو؟“ +”مينهن ۾ اڃا پکي ويٺا آهن.“ +هوءَ گهڙي ماٺ ڪري، پوءِ چوندي هيس؛ ”ادا، پريل جي پارت اٿئي.“ +”توکي به رکيو رکيو ٿا پُور پون. ا﷢ ڪري جُڙي هجين، پارت ڇو ٿو ڪرين.“ ”ادا، مومل کي پريل کان ڌار نه ڪجانءِ، نه ته سڀڪجهه ختم ٿي ويندءِ، ٻڌايانءِ ٿي، اِهو به ٻڌايان ٿي ته هيءُ ٺهيا ئي هڪٻئي لاءِ...“ ۽ اچي کنگهه ڇڙندي هيس، هوءَ ساڻي ٿي ڪرندي هئي ۽ چاچو نصير کيس اوڇڻ ڍڪي سمهاريندو هو. +”چري، ڱڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر جي گهر ۾ ڳالهه آهي، ڪا پري آهي ڇا، ڪنهن ڏينهن مۡکاميڙو ڪرائي ڇڏينداسون.“ ائين چوندي هو مرڪي به ڏيندو هو ۽ ڀيڻ کي دلداري به ڏيندو هو. پر پريان ماسي نعمت ڪن لايو ويٺي هوندي هئي؛ ڪوڙو منهن ڪريو، موڙو ڏيندي هئي ۽ آهستي ڀڻڪندي چوندي هئي، ”رک ڌڻيءَ تي، رڳو منهنجو شيرل روزگار سان لڳي؛ ڏس ته مان ڪيئن ٿي پنهنجا ٻيڙا ٻني لايان.“ +ماسي نعمت جي ٻيڙن کي واقعي ڪو واءُ سولو لڳو، جو پڦي زينو ته ا﷢ ڏي هلي؛ پر چاچي نصير به ڌڪ نه جهليو، مِٺي ڀيڻ جي ڌڪ هڻي ڌڪي وڌس. ٻئي ڄڻا وڏي جيءَ سان ٿي جيا؛ پر جيءَ جو ڪهڙو جياپو سڀ ڪي ڌڻيءَ وسۡ. وڻيس ته جياري وڻيس ڪۡکُ پن ڪري ڇڏي. +پروءَ کي ڪنهن به اڄ تائين رئندي نه ڏٺو هو، سو وسيو ۽ سندس اکين جي وسڪاري، مومل کي ويتر رئاري وڌو. مومل هڄي پئي ۽ سندس هڄيل هانءُ تڏهن بنهه کاڄي ويو، جڏهن هڪ ڏينهن مومل ڏانهنس نه لڙي، منجهند جو ماني به ماسي نعمت کڻي آيس. هُن رات تائين صبر ڪيو؛ پر جڏهن رات جو به ماسي نعمت اچي سندس آڏو ماني اڇلائي، تڏهن هو بِر ٿي ويو. ”مومل ڪاٿي آ.“ +”مومل ڪا تنهنجي ڳڌل ٻانهي آ جو هر ويلي تنهنجي ماني کڻي اچي، ٽهل ٽڪور ڪري.“ +”ماسي مستن کي نه ڇيڙ“، پروءَ رڙ ڪئي اُن سان گڏ سندس اکيون ڳاڙهي ٿي ويون. +”اِهي اکيون ٻين کي ڏيکار، اِهو مينهاڻي مست تون ٻين لاءِ هوندين، مان سڃاڻانءِ ٿي ته تون ڪهڙو مست فقير آن! مون سان گهڻي ٽين ٽين ڪندين، ته وجهندس هٿ برقعي ۾. جيئن مون پاڙي پاڙي وڃي توکي مست ٺاهيو هو، هاڻ تنهنجي مستي ڪڍي ڪنديس ٻاهر.“ +پروءَ يڪدم ماني کڻي ٻاهر اُڇلائي، ”نڪري وڃ هتان.“ +”وڃان ٿي پر اِهو ياد رک ته مومل هاڻي شيرل جي نالي ٿي چڪي آهي، جي تو اُن جو نالو به کنيو آهي، ته مون جهڙو بڇڙو نه ٿيندءِ!“ +پرو حيران ٿي سندس منهن ۾ ڏسڻ لڳو، ڪا گهڙي هو خاموش رهيو. پوءِ ته ڄڻ جلالي اچي ويس، يڪدم ٽپڙ کڻي اڇلايائين، مۡستن وانگر مست ٿي ويو، دانهن اهڙي ڪيائين جو ماسي نعمت ڇرڪي وٺي ٻاهر ڀڳي. پروءَ رڙ ڪئي ”مولا، ڪٿي آهين، مولا، ڪٿي آهين!“ ۽ هو جوُجڪيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو، اڱڻ ۾ ڊوڙڻ لڳو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو! مولا، هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“ +ٺار جا ڏينهن هئا، سڀ ورانڊي ۾ نڪري آيا. ماسي نعمت وڃي ڪنڊ جهلي هئي، پروءَ جي چاچي وڌي آيس، ”ماسي ڇا ڪيس!“ +”اڙي امان مارۡيئي کي ڇا ڪيم، ”چيومانس ته منهنجي مومل جو نالو نه کڻي.“ +”ماسي توکي جهليو به هيم ته في الحال ڳالهه نه ڪر؛ پر اصل پيٽ جي هلڪي آهين. هوڏانهن ڇوڪر کي به بند ڪيو اٿئي، جا پئي جهڄِي. هيڏانهن هيءُ ممڻ مچائي ڇڏيو اٿئي.“ +”ممڻ ڇاجو، ڀلي پيو رنڀي؛ رنڀي رنڀي ماٺ ڪندو. هليو آ گوڏي جيڏو وسائڻ؛ مينهن جي ڪا موسم آ، جو بس هاڻ اُڀ ڏري پوندو!“ +پروءَ رڙي رڙي، اڃا ساهه کنيو ۽ آسمان ڏانهن ڏٺو، پر اُتي ڪجهه به نه هو. اوچتو سندس ڪنن تي پڙلاءُ پيو. آواز وچ واري ڪمري جو حدون لتاڙيندو، ورانڊو ٽپندو، سندس مستيءَ کي مست ڪندو ويو، ”پۡرو، پۡرو!“ +پروءَ کي ائين محسوس ٿيو ته ننڍڙي ڊيل پئي ڪوڪاري. سندس هٿ مٿي کڄي ويا ۽ کنڀڙاٽيون هڻي ڦيريون پاتائين ۽ ڊوڙ پاتائين. سڌو وچين ڪمري ۾ پهتو، اندرين ڪوٺيءَ کي ڪلف هو. اندران اُهوئي آواز ”پۡرو، پۡرو!“ هُن ڪلف کي سٽ ڏني، پر نه کُليو. هُن مستيءَ ۾ در کي هڪ ٽڪر هنيو، ٻيو ٽڪر هنيو، سندس رتو ڇاڻ منهن تي اها ئي مستي هئي. هو پاڻ رڳو اهو چئي رهيو هو، ”منهنجا مولا! ڪٿي آهين. ڏسين ٿو، اڃا چئين ٿو ته نه__ بس مولا هڻ ڪو گوڏي جيڏو، ڪر ڪا بهاري!“ هو رت ڳاڙيندو رهيو، ٽڪر هڻندو رهيو، پر ڊپ کان ڪير به سندس ويجهو نه پئي آيو. ماسيءَ شيرل کي ڌڪو ڏنو؛ پر شيرل اُتي ئي ڄمي ويو. سندس ٻيا سئوٽ پري بيٺا هئا. پۡرو رت ڳاڙيندي ڳاڙيندي، ڪِري پيو. کيس ائين محسوس ٿيو ته هاڻ اندران ڪير ٽڪر پيو هڻي. هُن اُٿڻ جي ڪئي پر اُٿي نه سگهيو. رت ڦڙن وڃي ڌرتي کنئين، هاڻ رت جو مينهن هو، جو پئي وسيو. اِئين گوڙ جو آواز ٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ٿيڻ لڳو. سڀ ٻاهر ڀڳا. ڪارن ڪڪرن جي ڪارنهن سڄي آسمان کي ويڙهي ويئي هئي. هڪ گوڙ جا ٺڪاءَ، ٻيو وڄ جو چمڪاٽ ، اوندهه انڌوڪار ٿي ويو، وڄ جي روشني ويتر ٿي هنيانءُ ڇِنو. ۽ ائين اچي وڏڦڙي ٺڪاءُ ڪيو. مينهن به مينهن هجي، پاڻي هجي جو ڇڇڪارا ڪيو نئين، ڄڻ ڪير ڇڄ ڀري پيو هاري. پروءَ جي چاچيءَ ڪجهه پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هوءَ پٺي پير واپس وري، پروءَ کي اورانگهي وڃي ڪُلف کوليائين. پۡروُ بي سرت پيو هو. ڪوٺيءَ جو در کوليندي وسامي ويئي،مومل به ٽڪر هڻي رتو ڇاڻ ٿيو پئي هئي، يڪدم دانهن ڪيائين. +”اڙي، مري ويئي ماڻس، ماسي، شيرل، گُلو، اڙي هيڏانهن اۡچو__ .“ +سڀ ڊوڙندا آيا، مومل کي کڻي کٽ ڀيڙو ڪيائون. ڪو سرمو کڻي آيو، ڪو پٽيون، ڪو پاڻي، مومل اک کوليندي چيو ”پريل!“ سڀني اوڏانهن نهاريو، جت پۡرو پيو هو. هوءَ ڌڪ جي پرواهه نه ڪري پروءَ ڏانهن وڌي، نئڙي هُن کي ڏٺائين. ڳوڙها ڳڙهي آيس، پوءِ يڪدم هوش سنڀالي چيائين، ”ادا گُلو! هن کي کنڻوس.“ هُن پاڻ بيهي پروءَ جا زخم صاف ڪيا، سرمو ڀريائينس. آهستي آهستي هن جي ڀرسان ويهي رهي. ماسي نعمت جيڪا اڃا به وهلور پئي ويئي، تنهن شيرل ۽ گلوءَ کي سرٻاٽ ڪيو ته پۡروءَ کي کڻي سندس ڪوٺيءَ ۾ اُڇلي اچو. مومل سُرٻاٽ ٻڌو. ڪنڌ کڻي چيائين ”خبردار جو ڪنهن پروءَ کي هٿ لاتو آهي. رڳو پنهنجو خير گهرو.“ +اُن ويل وڏو ٺڪاءُ ٿيو، ڪنهن ورانڊي مان دانهن ڪئي، ”رڌڻو ويو.“ +اُن ويل ٻيو ٺڪاءُ ٿيو، ”وهنجڻ جاءِ وئي.“ +ٻئي ڌڌڪي تي هيسيل آواز آيا، ”ورانڊي جو هڪ حصو به هليو.“ +ائين سڀني ڊوڙي اچي ڪمري ۾ پناهه ورتي. مومل پروءَ کي ڏسي رهي هئي، جيڪو هاڻ هوش ۾ هو ۽ مومل جي اکين ۾ اکيون هيس. هو گهڙيءَ کان پوءِ آهستي اُٿيو، وڄ جو چمڪاٽ ڏٺائين، مينهن جو شپڪو ٻڌائين، اصل کٽ تان لهي بيٺو، مومل ٻانهن کان ورتس، پر هو اڳتي هلندو ويو، ائين چوندو ويو، ”واهه منهنجا مولا اصل بهاري ڪري ڇڏيئه، اصل رنگ لڳائي ڇڏيئه، واهه منهنجا سائين؟“ +هو ورانڊي ۾ ئي هو ته ڀرواري جاءِ جو ڌڌڪاٽ ٻڌائين، رڙيون واڪا، اُن سان گڏ پاڙي مان بانگن جو آواز اچڻ لڳو. مومل اچي ڀرسان بيٺس؛ ”پريل هاڻي بس، ربجي ذات بيشڪ وڏي آهي، هاڻي سندس در کڙڪاءِ پريل!“ +”مومل، منهنجي مولا آڏو سڀ بندا برابر آهن. تون به ٻاڏاءِ اچ مون سان.“ +وچ اڱڻ ۾، مينهن جي پناهه وٺيو ٻيئي بيٺا هئا. مومل هٿڙا اُڀا ڪيا، ”مولا هاڻي بس_“ ”منهنجا مولا هاڻي هالار ۾ هارينس“ ”منهنجا مولا رحم!“ ڪا گهڙي هوءَ ٻاڏائيندي رهي، رڙيون ڪندي رهي ۽ پرو خاموش بيٺو رهيو. ائين مينهن جهڪو ٿيو، تان جو ڦڙ ڦڙ وڃي بچي. ويل ئي ڪانه گذري جو آسمان تي تارا چٽا ڏسڻ ۾ آيا. پروءَ آهستي سندس هٿ ورتو، ٺڪر جي چٽيل ڇلي کي ڦيرايو، ”راڻي اِهو سچ آهي، شادي محبت جو معراج ناهي، پر هاڻي هيءُ جهڙ ڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي ملڻ ڪهڙا، جدايون ته ڪينهن منهنجا سائين!“ پرو آهستي سندس هٿڙو ڇڏائي وڌيو، ۽ ڏيڍيءَ وٽ بيهي مومل کي ڏٺائين، جيڪا بت بڻيو بيٺي هئي، چوڌاري سڀ ڀاتي مڙي ويا هئا، ماسي نعمت جو آواز چٽو هو، ”ٻڙي، هن جو خيال ڪيو، هيءُ ا﷢ لوڪ نينگر اۡٿو، ڪرامت ڪانه ڏٺو. وٺي هلي اندر ويهاريوس، هئڙا ا﷢ لوڪ ماڻهو ڪانيءَ ڪرامت وارا ورلي پيدا ٿيندا آهن. پرو ڪڙو کولي ٻاهر نڪري ويو. هن جي وڃڻ تي مومل ڄڻ سجاڳ ٿي پئي، دانهن ڪيائين، ”پريل_پريل!“ پرو جيئن ڏيڍي چائنٺ ٽپيو تيئن وري نه آيو هو هاڻي سچو پچو مينهاڻي مست هو، هڪ الفيءَ ۽ پاڻ، ڪڏهن ڪهڙي دڪان تي، ڪٿان ريوڙيون کنيائين، ڪٿان ڀڳڙا، ڊوڙون پيو پائيندو، رکي رکي دانهن پئي پوندس، ”هاڻي جهڙ ڦڙ بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا.“ +ڪو ڳالهائڻ جي ڪندس ته وارن ۾ ڍڪيل چپ کُلي پوندس ۽ کِلي چوندو، ”مٺا، شادي محبت جو معراج ناهي.“ +ڪو دل جليو اُتي ئي پڇندس، ”مينهاڻي مست! پوءِ محبت جو معراج ڇا آهي!“ +”جهڙ ڦڙ جي بهاري ۽ وسندڙن جو خير!“ +”پر تون چئين ٿو ته هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي جهڙ ڦڙ جي بهاري نه ٿيندي.“ +”اکين جي جهڙ ڦڙ کي ڪنهن روڪيو آ!“ +پرو غلاموءَ جي دڪان تي گهڻو ويهندو هو، غلاموءَ سان دل به هوندي هيس. رات جو سندس دڪان جي دِڪيءَ تي سمهي پوندو هو. ٿڌ ۾، ولهه ۾، سۡوڙ يا رلي به نه ورتائين، دڪان مان ٻه_ٽي ڦاٽل ڳوڻيون کنيائين، جيڪي کيس رات جو اوڇڻ جو ڪم ڏينديون هيون. غلامو، جو پاڻ به ڦٽيل هو، ڪو نينهن لاتو هئائين، پر دل جو دلبر کيس ڌڪ ڏئي هليو ويو هو. هو جڏهن ٻرندو هو ته يڪدم دانهن ڪري ڇڏيندو هو، ”پريل! دل ڪنهن سان لائجي؟ هنن ماڻهو سان جن ۾ وفا ناهي؟“ +پريل رکي رکي چوندو هيس، ”پنهنجي مولا جا غلام، تون هن مولا جي ڌرتيءَ جو به غلام آهين، هن ڌرتيءَ سان نينهن لاءِ، ڏاڍي سوادي اٿئي. “پوءِ مٽي کڻي مٿي ۾ وجهندو، منهن تي مکيندو، ڌڌڙ اُڏائيندو، ڊوڙندو ويندو، ”واهه منهنجا مولا، اصل بهاريون ڪري ڇڏيئي.“ +هاڻي ته واقعي مٽيءَ جو مينهن وسڻ لڳو هو. ڪيتريون مندون ٽري ويون، ۽ هيءَ نئين مند به خير سان پوري ٿيڻ تي هئي، مينهن جو ته پتو ئي نه هو، چوڌاري خشڪيءَ جو سمنڊ هو، جنهن ۾ سڀ پئي سڙيا ۽ ٻريا، ڍورا ڍوريون، ڪسيون، ڪُورون، تل ترايون سڀ خشڪ هيون. وڻ ٽڻ پکي پکڻ، ڍور ڍڳو سوڪهڙي جو ساءُ نٿي ماڻي سگهيا، ڪن دم ٿي ڏنو، ته ڪي پوين پساهن ۾ هئا؛ ٻنيون ٻارا ته ٻري ٻارڻ ٿيا، هاڻ ماڻهن جو وارو هو. +سڀ پروءَ کي ڦري ايندا هئا؛ پر هو دانهن ڪري چوندو هو؛ ”هاڻ جهڙ ڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون، هاڻ مينهن نه وسندا.“ ۽ ڊوڙ پائي شاهن جي درگاهه واري ميدان ۾ لهي ويندو هو. پوءِ هن کي ڪير وٺي. نيٺ غلاموءَ چيس، ”پرو، ائين نه ڪر، مينهن وساءِ!“ ”مينهن منهجي مولا جي هٿ وس آهي، پروءَ کي ڪهڙي طاقت آهي.“ +”پر پرو تنهنجي دعا ۾ وڏي طاقت آ، تون کڻي دعا گُهر، ڏس ڌرتي سڄي ٺوٺ رهي ته اسين سڀ ٺوٺ ٿي ويئي آ، هاڻ ته کوهيون به سڪي ويون آهن، باقي بچيو آَ مارڪيٽ وارو کوهه، اهو به گهڻا ڏينهن؟ هيءَ ڌرتي وڌيڪ ٺوٺ ٿي وينداسين پريل!“ +پرو کلندو هو ۽ پور پوڻ تي چوندو هيس؛ ”منهنجي مولا جا غلام، منهنجي مولا جي ڌرتيءَ جا غلام، هن ڌرتيءَ ۽ سندس ماڻهن جي ٺوٺ هجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اهو ياد رک ته ڌرتي هميشه دان گهرندي آهي، سمجهيئه! ڌرتي دان گهري ٿي!“ +غلاموءَ دان تي ڇرڪيو. سڀني کي سڏي چيائين، ۽ خير خيراتون شروع ٿي ويون، پر شايد اُتي نه اگهاميون يا اڃا دير هئي. +هن ڀيري غلاموءَ کي جيئن پروءَ منهن تي چڙهيو، اصل بِرُ ٿي بيٺس؛ ”تون مست ٿيو آن، ڌوڙ جو مينهاڻي مست آن! تون ا﷢ لوڪ آن، رڳو عاشق جيئڙو آن. مومل جي عشق ۾ حيران، اڙي ڪو اٿئي هن ڌرتيءَ سان به عشق؟ ڌرتي دان گهري ٿي، ڌوڙ نه ڇائي. هاڻي وڃي ڌوڙ پاءِ، مومل ڪارو منهن ٿي ڪرئي. سڀ مومل کي مڃائي آيا آهن، هوءَ توکان فقيري ۽ مستيءَ ۾ گهٽ ڪانهي، اڄ دعا گهرندي، ڏس ته منهنجو رب ڇا ٿو ڪري؟“ +پرو ڪا گهڙي ڄمي بيهي رهيو، پوءِ ڊوڙ پاتائين. سڌو وڃي پنهنجي گهر جي ڏيڍيءَ وٽ پهتو، پر چائنٽ نه ٽپيو. اندران مومل جو آواز پئي آيو، ”مولا، هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“ +”ڀيڄ مولا، منهنجا مولا رحم!“ پروءَ اُت بيٺي ئي سين هنئي؛ ”ڀيڄ مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“ هڪ ئي صدا تي مومل ڊوڙندي ڏيڍيءَ وٽ پهتي. پرو هن کي سڃاڻي نه سگهيو، هڏن جو پڃرو! ڪاڏي ويا چوٽا چنبيل جا، ڪاڏي ويون پنبڻيون پناهه واريون، ڪاڏي ويا گل گلاب جا، ڪاڏي ويا عطر عنبير جا هڳاو! هو هڪ ٺوٺ خشڪ سڪل ڌرتيءَ کي ڏسي رهيو هو. +مومل هن جي ملوڪ منهن کي چيڙهالي وارن جي ڪڪرن ۾ پسي ڪو خوش ڪانه ٿي. اۡڇي اُجري ماڻهوءَ کي ڌڌڙ ۽ مٽيءَ جي تهن ۾ ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيس. هوءَ وڌي وٽس آئي، پروءَ ڌيرج سان سندس هٿ ورتو. اُتي اُهو ئي ٺڪر جو چٽيل ڇۡلو موجود هو؛ هن ان کي ڦيرايو ۽ چيائينس، ”راڻي! هاڻ بهاريون ٿينديون، مينهن وسندا، سڀڪجهه اُجري پوندو، تون دل نه لاهه.“ +۽ هن زور سان نعرو هنيو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“ +هن ڏٺو ته ماسي نعمت اچي پيرن کان جهليو هيس، ”ابا، پٺتي نه موٽ. بس، جيڪا ٿي، سا ٿي. مومل اڄ به تنهنجي آهي، تنهنجي رهندي، مون کان خطا ٿي.“ +هن آهستي پير ڇڏايا ۽ گهوري ماسي نعمت ڏانهن نهاريو، ”ماسي، مستن سان وڌيڪ مستي ڪندينءَ ته تنهنجي شيري کي خاڪ ڪري ڇڏيندوسانءِ.“ +”اڙي ابا، هن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي. هن تنهنجي ڊپ کان مومل سان شادي ئي نه ڪئي.“ +”مومل سان شادي؟“ پرو کليو، کلندي کلندي چپ ڀڪوڙجي ويس. ”هيءُ مومل ٿوروئي آهي؛ هيءُ ته منهنجي ڌرتي آهي ۽ هن سان لائون لهڻ لاءِ ڳاڙهو گهوٽ کپي، ڌرتيءَ لاءِ سِر ڏيڻ سُ��رو ناهي، ڌرتي دان کان سواءِ ڪنهن جي ڪانهي، سمجهئه ماسي!“ +ماسي ڪجهه به نه سمجهندي وڃي ڀت ۾ لڳي هئي. پروءَ مرڪي، مومل جو هٿ ورتو. وٺي ڇلي کي ڦيرو ڏنائين ۽ صدائون هڻدو ٻاهر نڪري ويو، ”هڻ مولا گوڏي جيڏو!“ جيئن گهٽي ٽپي پرئين ڀر ٿيو، ته نظر وڃي رئيسن واري باغ تي پيس، جتي هاڻ سلا به سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. وڻن جي ڄڻ ڪنهن ڇانگ ڪري ڇڏي هئي. هو آهستي لهي ان وٽ تي بيٺو، جيڪو ڪنهن وقت هن لاءِ پٽ پٽيهر هو، جنهن جي سائي گاهه تي هو ليٿڙيون پائيندو هو. هو ان ئي پٽ تي دڙها هڻڻ لڳو، جيڪو هينئر خشڪ ميدان جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، جنهن جو هر حصو ٺوٺ بڻجي چڪو هو. گهڙيءَ ۾ ماڻهو اچي مڙيا. سڀ آسائتا، آسرُندا، اُڃايل اُڃ کنيو بيٺا هئا ۽ ڌرتي ٺوٺ هئي. +هاڻ پروءَ جي مينهاڻي مست هجڻ مان ماڻهن جو به ايمان کڄڻ لڳو. پروءَ جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو نچي ڪڏي ٽپا ڏيئي کنڀڙاٽيون هڻي سهڪي پيو هو، سندس نڙي ويهجي وئي هئي، پر سندس صدائن ۾ ڪابه ڪمي نه آئي هئي، اُهائي صدا، پر منهنجي رب جي ذات اڃا گهڻي وڏي آهي، جڏهن راضي ٿئي. پروءَ کي الائجي ڇا ٿيو، اوچتو هن دانهن ڪئي؛ +”ها منهنجا مولا، هيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي، رت جو ريج گهري ٿي، تون سو منهن نه موڙ، باقي بندو حاضر آهي.“ ائين چئي پرو نِوڙيو، وڃي نراڙ ڀر فرش کنيائين ۽ زور سان ڌرتيءَ تي ٽڪر هڻڻ لڳو. ڀلا ڌرتي ورهين جي اُڃايل، صفا ٺوٺ، اصل رُڪ ٿي لڳس، ٻئي ڌڪ ۾ رت جون ٺينڍيون وهڻ لڳس؛ ڀلا خشڪ زمين رت ائين پيئندي وڃي جيئن ڪو اُڃايل اُڃ لاهيندو آهي، پر پروءَ به ريج ڏيندو وڃيس ۽ هو ايستائين ڌڪ هڻندو رهيو، جيستائين اۡبر ۾ اُهاءُ نه ٿيو ۽ پهرين ڦڙي مٿس وسڪارو نه ڪيو ۽ پرو بي نور اکيون مٿي کڻي چيو، ”واهه منهنجا مولا اصل بهاريون ڪري ڇڏيئه، اصل رنگ ڪري ڇڏيئه، بنهه بهاريون...!“ پرو وڌيڪ چئي نه سگهيو ۽ وڃي ڌرتي جو پاسو ورتائين. هاڻ سندس رت به ڌوپيو پئي ويو، آهستي آهستي رت جي لالاڻ مينهن جي ڌارائن ۾ گڏجيو ڦهلبي وئي. ڪو وهڪرو ڪنهن طرف هو، ڪو وهڪرو ڪنهن طرف، رت جي لالائي پاڻيءَ جي سونهن کي وڌيڪ سهڻو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتيءَ جو رڳون آهستي آهستي اُن ڳاڙهي پاڻيءَ کي کڻي رهيون هيون. سڀني اهو به ڏٺو ته مٿاهينءَ تان، جتي مومل رهندي هئي،اتان جيڪي به وهڪرا آيا پئي، تن ۾ به اهائي لالائي، اُهائي سرخي هئي. ٻئي وهڪرا جڏهن پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا ته سڄي ڌرتي پٽ پٽيهر جو وڳو کڻي پاتو. + + +چون ٿا ته جڏهن به اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آهي ته ڪو نه ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندوآهي ۽ الائجي ڪيترن مستن جو هن ڌرتيءَ کي ريج ڏنل آهي، جو هاڻ ڪڏهن به هت سوڪڙ نه ٿيندي آهي، هميشه جُهڙ ڦُڙ جون بهارون هونديون آهن ۽ اُٺي جي مند ڪڏهن به کوٽي نه ٿي آهي. +ظفر حسن تلاءُ +رات جو مينهن پيو ته رهيل ڪسر به پوري ٿي ويئي. هڪڙو هيٺالو، ٻيو جهوپڙيون، ٽيون سيارو، باقي مينهن رهيل هو، اهو به آڌيءَ رات جو اچي ڪڙڪي__ صبح جو دونهين نه دُکي، مٿان پوڙهن جي کنگهه ۽ کانگهارا، ٻارن جا ڪاڪڙاٽ. جهڙي قيامت! پر جي قيامت به هڪ ڏينهن جي هجي، ماڻهو ڊڄي به؛ جتي ڏيهاڙي قيامت هجي، ته پوءِ ڪهڙي سُڌ ته قيامت ڪڏهن آئي، ڪڏهن ويئي! اتي قيامت تي به ڪهل اچي ويئي! +مينهن گند کي ڦُلاري وڌو آهي. اڳي ته رڳو تلاءُ جي ڌپ نڪ ساڙيندي هئي، هاڻي ته گهٽي گهٽي، جهوپڙي جهوپڙي ڌپ ٿي ويئي آهي. پر نڪ اهڙو ته بي نڪو آهي، حرام جو سڙي! ٽيهن سالن کان نڪ اهڙو جو اهڙو آهي؛ ويتر وڌيڪ تکو ٿي ويو آهي. ڪتو به ائين ڍونڍ کي نه تاڙي، جيئن ماڻهو جو نڪ! +هو ب�� گپ ۽ گند مان لڇ لڇ ڪندو، گپ هاڻا پير کڻي تلاءُ جي ڪپ تي اچي ويٺو آهي. پريان ريل جا پٽا چلڪندا ڏسڻ ۾ پيا اچن. گندي ناليءَ جو پاڻي اُٿلي تلاءُ ۾ پئجي رهيو آهي. ۽ انهيءَ گندي ناليءَ جي سرن ٻڌل ڪپ سان اُها واٽ آهي، جتان ماڻهو هلي، ريل جا پٽا اُڪري، پريان پڪي رستي تي پهچندا آهن___ ۽ اتان ٽڙي پکڙي وڏي شهر ۾ الوپ ٿي ويندا آهن! +هو انهيءَ سِرن ٻڌل ڪپ پريان واٽ جي ٻوڙن منجهه، اڌ لڪل اڌ پڌرو نظر اچي رهيو آهي. +”اڙي ڪير آهين، هتي ڇا پيو ڪرين؟ ڪجهه ته ڌيان ڪر. نياڻيون سياڻيون پيون لنگهن، پرڀرو نٿو وڃي جهنگ جو خيال...!“ ڪو آواز مٿان واٽ تان اچي ٿو. +”۽ توهان سڀ صبح جو قطار ڪريو وڃيو ويهو، او صفا پٽي واري پاسي ۽ ريلن جون ريلون لنگهيو وڃن، اوڏيءَ مهل لڄ ڪانه ٿي اچيوَ!“ +”اڙي رمون ته ڪونه آهين؟ لخلانت ٿئي!“ هو به ٻوڙن مان هٿ ٻاهر ڪڍي، ڀونڊو ٿو گهروڙي. +”اڙي چريا، ريل گاڏيءَ وارن کي ڪهڙي خبر ته ڪير ويٺا آهن؛ توکي ته اسين سڃاڻون ٿا نه.“ +سڃاڻو ٿا ته پوءِ ڇا؟“ +”اڙي هي معاملو سڄو سڃاڻڻ ۽ نه سڃاڻڻ جو آهي.“ +”سچ!“ +”ٻيو نه ته وري__ ماڻهوءَ کي رڳو پڪ ٿئي ته فلاڻي هنڌ ڪو نه سڃاڻيس ته اصل ليڪو ئي لنگهي وڃي!“ +”اهو ڪيئن؟“ +”اهو تون نه سمجهندين، تون ته آهين چريو. واقفن ۾ هجين يا اڻواقفن ۾، ڪندين اُهوئي جيڪو من ۾ ايندءِ!“ خدن ريل جا پٽا اُڪرڻ لڳي ٿو. +” خدن يار، شهر پيو وڃين نه__ وزم واڙي ته وٺيو اچجانءِ. قسم اٿئي مولا جو، ڪالهونڪر ٻاڙيا وتون!“ +”اڙي هتي ٻاڪر ڪُٽو لڳو پيو آهي. رات جو مينهن ماڻهن کي ڊاهي وڌو آهي، توکي لڳي آهي وزم پاڻيءَ جي! آئون پاڻ دوا وٺڻ پيو وڃان، جيوڻ جي ڪِڪي چاق ڪانهي.“ هو ريل جو پٽو اُڪري وڃي ٿو. +سج پنهنجا ڪِرڻا ڪڍيا آهن. اُتر جي تيز هوا جي ٿڌاڻ ڪجهه گهٽ ٿيڻ لڳي آهي. ڪي ماڻهو جهوپڙين مان پاڻي پيا ڪڍن، ته ڪي ڪاٺين سان ناليءَ ۾ روڪيل پاڻي ۾ پيا وهائين. تلاءُ مان ڊڀ نسريو بيٺا آهن. مڇرن جا مُچ پاڻيءَ تي چتيون بڻيا پيا آهن. هوا سان ڊڀ لڏن لمن ٿا، پاڻيءَ ۾ هلڪيون لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ مڇر به لهرن سان هيٺ مٿي ٿين ٿا: +”اڙي هروڀرو ٿا پاڻي ڪڍو. رات جو ٻيو وسڪارو ٿيو، ته تلاءُ جو پاڻي اندر ڌوڪي ايندو. پوءِ ڪيڏانهن ڪڍندؤ پاڻي!“ هو بڙ بڙ ڪرڻ ٿو لڳي. ’شپڙڪ‘ پاڻيءَ ۾ پٿر ڪري ٿو ۽ مڇرن جو ريلو اُڏائڻ لڳي ٿو. +”اڙي اُٿي ويئو، ڪُتي جا پُڇ!“ هو رڙ ڪري ٿو ۽ هڪ ٻيو پٿر سندس ڪن وٽان ٿيندو، پاڻيءَ ۾ ڪِري ٿو ’شپڙڪ‘ ۽ مڇر جيڪي پهرين پٿر لڳڻ تي اُڏامي، پوءِ ويهي رهيا هئا، سي وري اُڏامڻ لڳن ٿا. +”اڙي ڇورا، رات مينهن پيو؛ پر توهان تي ڪو اثر نه پيو. هجو ماڻهوءَ جا ڦر ته اثر پَويوَ...“ +”رمون چريو__ رمون چريو...........“ ٻار چيڙائڻ لڳنس ٿا. هو ڏيلهو کڻي ٻارن کي اُلاري ٿو، ته پريان ايندڙ آواز تي هٿ جهلي ٿو وٺي. +”اڙي هلو ڇورا، صبح سوير رؤنشو. اڙي بَچوُ! تون ته گهر هل، پڻهين کٽ تي پيو آهي، ۽ توهان به ڀڄو نه ته هڻانو نه کلا.“ پريان ساجن ڇوڪرن کي دڙڪا ڏيندو هن ڏانهن پئي آيو. +”ساجن، چڱو ٿيو ته ڇورن کي ڀڄائي ڇڏيئي، نه ته اڄ آئون به لاک لاهي ڇڏيان ها!“ هو هٿ وارو ڏيلهو تلاءُ ۾ اڇلي ٿو. لهرون پيدا ٿين ٿيون، مڇر اُڏامڻ لڳن ٿا. +”رمون، تون به ته ڪجهه هوش ڪر نه“ ساجن اٽلندو مٿس ڇوهه ٿو ڇنڊي. +”هو ته آهن ڇورا پاڻ زورا، پر تون به ته پاڻيءَ مان نڪريو وڃين!“ +”پوءِ هو ’چريو چريو‘ ڇو ٿا چونم؟“ +”اڙي بابا، هو ڀلي پيا ڌوڙ پائين؛ باقي چڙندين ته پوءِ ڇورا تنگ ڪندءِ، تون ڪو چريو ٿوروئي آهين!“ +���هان__ آءُ چريو ڪونه آهيان نه ساجن!“ هو خوش ٿي وڃي ٿو. +” نه بابا، تون چريو ڪونه آهين.“ +”پڪ.“ +”پڪ، اصل پڪ. تون اسان وانگر آهين. جي چريو آهين ته پوءِ اسين به چريا آهيون. غريب يا ته سڀ چريا آهن ۽ يا پوءِ هڪڙو به ڪونهي.“ +”پوءِ ڀلا ٻار مون کي چريو ڇو ٿا ڪن؟“ +”اڙي رمون، سمجهه سمجهه جو فرق آهي. ٻارن کي ڪهڙي ڄاڻ ته تون ڏاڍو ڏاهو ۽ عقلمند آهين.“ +”پوءِ چئبو ته اها سڄي ڳالهه سمجهڻ نه سمجهڻ جي آهي.“ +”اها ڳالهه ڪيئي نه عقل جي. يار رمون، تون ته اسان کان به وڌيڪ عقل وارو آهين.“ +”ساجن يار، موٽندي وزم پاڻي ته وٺيو اچجانءِ. قسم اٿئي مولا جو.“ +”مزوري لڳي ته حاضر.“ +”اڄ ته واهه جي لڳندءِ. اسان مستن جون دعائون اٿئي.“ رمون ٿوري دير لاءِ بيهي رهي ٿو ۽ سامهون جهوپڙين ڏانهن نهارڻ لڳي ٿو. ٻن- ٽن جهوپڙين مان دونهون نڪرندو نظر اچي ٿو. ٻار وري ڳوڻ جا پڙدا سيري جهاتيون پائڻ لڳا آهن. ناليءَ جو پاڻي اُٿلون ڪري رهيو آهي ۽ ٻنهي پاسي تلائن ۾ ڪِري رهيو آهي- پريان ريڊئي تان قرآن شريف جي تلاوت اچي رهي آهي. مانڊڻي کُلي وئي آهي. رمونءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي وڃي ٿي. ٻيڙيءَ جو آسرو ٿئيس ٿو. +هو ٽِلندو جهوپڙين جي ويجهو اچي ٿو. ٻار کيس ڏسي ”چريو چريو“ ڪن ٿا؛ پر هو ڏانهنِ نهارڻ بنا يعقوب جي مانڊڻيءَ تي اچي ٿو. هاڻ ريڊيو تان قرآن شريف جو اردو ترجمو اچي رهيو آهي. يعقوب ۽ علڻ الائي ڪهڙي ڳالهه تي ڳنڍيا پيا آهن. هن کي پهرين ته سمجهه ۾ نٿو اچي. +”اڙي صبح سوير الله رسول جو نالو وٺجي يا فلمي گانا لڳائجن!“ +”تنهنجي مرضي. اسين به تيسين چانهه ڪونه ٿا پيئون. سيلون لڳائيندين ته چانهه جون سُرڪيون ڀربيون.“ وري علڻ رمونءَ کي ڏسي چوڻ لڳي ٿو: ”واهه ڙي يار رمون، وڏو ڪو ترڙ نڀاڳو آهين، ڪالهه اهڙي ڪا پِٽَ هنيئي جو کيسا ئي خالي ڪري ڇڏيئي!“ +رمونءَ جو منهن لهي ٿو وڃي؛ پر وري همٿ ڪري چويس ٿو: ”پوءِ اڄ آزمائجانءِ!“ +”آزمايان وري ڌوڙ، ڪالهه جمعو هو، ڀلارو ڏينهن، بلئڪ ۾ وارو لڳي ويو. اڄ هڪ ٻه ٽڪيٽ نڪتي ته به شڪر.“ +”هان يار، فلم ڪيئن هئي؟“ يعقوب وچان پڇيس ٿو. +”هاءِ يار، راڻيءَ جا اُهي لوڏا هئا، جو ڊاهي وڌائين.“ +”اسٽوري ڪيئن هئي ڀلا؟“ +”اسٽوري واهه جي هئي. هو هيرو آهي، نالو ڇا اٿس؟ ها، نصرالله، ان کي مسلمان مجاهد ڏيکاريو اٿن ۽ راڻي ڏيکاري اٿن ڪافرياڻي. بس ٻنهي جو عشق ٿي وڃي ٿو. اصل مزو چي ويو. +ريڊيو تان قرآن شريف جو ترجمو ختم ٿئي ٿو ۽ يعقوب سيلون لڳائي ٿو. سهگل جو مٺو آواز اچي رهيو آهي: ”دک ڪي دن بيتن ناهين.“ +”يار ڪيڏو نه درد آهي سهگل جي آواز ۾.“ علڻ ڳنڀير ٿي وڃي ٿو. +يعقوب ڪنڌ ڌوڻيندو رهي ٿو، ”يار پل مُرڪون ٿا، پهر روئون ٿا. سهگل جا سُر ته هانوَ ۾ کُپيو وڃن.“ +”علو، ٻيڙي ته پيار“ رمون ٻاڏائيس ٿو. +”يعقوب، ڏي هڪ ٻيڙي يار رمونءَ کي ۽ ٺاهه چانهه ٻه ڪوپ.“ +رمون اُتساهه مان علڻ ڏانهن ڏسي ٿو. +”رمون يار، مئٽني ۽ فرسٽ شو ۾ بلئڪ ڪيم، جوا ڪيم، هارايم، کيل ڏٺم، اڃا اچي ڊٺس ته مٿان مينهن اچي ڪڙڪيو، اهو اٿئي سڄو حال.“ +رمون رڳو ڏانهنس تڪيندو ٿو رهي. +”پئسا ڪمايئي ته پوءِ جوا ڇو کيڏيئي؟“ يعقوب چيس: +”بس، کٽيءَ کنيو. دل چيو ته من ٻه ٽي پئسا ٻيا به نڪري پون، ته هڪڙو ڪوٽ وٺان، جيجل کي عينڪ به ٺهرائي ڏيان-- ۽ توکي به هڪ وڳو وٺي ڏيان.“ هُن رمونءَ کي ڳراٽي پاتي، ”اڙي تنهنجا ڪپڙا ته پُسيا پيا آهن، اڙي زوراور مرڻو اٿئي ڇا؟“ +”ڪري به ڇا، ٻيو لٽو هجيس به نه!“ يعقوب ياد ڏياريس. +”رمون يار، مينهن پوي ته مون ڏانهن ��ليو ايندو ڪر نه، ائين ته مري ويندين!“ +”اڙي مري ويس ته ڇا ٿيندو؟ هي مري ويو ته ڇا ٿيندو؟ تون مري وئين ته ڇا ٿيندو؟ اسين سڀ مري وياسين ته ڪهڙو اُڀ ڊهي پوندو!“ +”ها، آهي مشڪري جو ائين ٿا مرون! متان دل لاٿي اٿئي. آءٌ مري سگهان ٿو، تون مري سگهين ٿو، اسين سڀ نٿا مري سگهون. اصل اڻ ٿيڻي آهي، ڪيئن يعقوب؟“ +”ها، سچو آهين علو، سچو. آئون ڀانيان ٿو ته رمون انهيءَ تلاءُ کان ڊنو آهي، ته متان پاڻي ڀرجي وري جهوپڙين ۾ هليو اچي مڇرن سوڌو، ڪيئن يعقوب؟“ +يعقوب ۽ علو کلڻ لڳن ٿا. +”اڙي رمون بادشاهه :آهين، بادشاهه! ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتين. اچي وٺ چانهه بس يار پنهنجي پنهنجي سمجهه جو فرق آهي.“ يعقوب ڪوپ وڌائي رمونءَ کي ڏئي ٿو. يعقوب ريڊئي جو آواز مٿي ڪري ٿو. ايتري ۾ مائي ساول اچي ٿي. +”ابا ياقب، ٻه گوريون ته ڏجانءِ تپ جون.“ +”اما ساول، ڪيئن چاق آهين نه.“ علو پڇيس ٿو. +”ڪير؟ علڻ پٽ آهين! ابا، شابس ٿئي. نه ڪا خبر وٺين نه ڪا سار لهين ته جيئرا آهيون، ڪين مري ويا آهيون.“ +”امان، هن تي ميار ڪانهي. هي ته آهي ناٽڪي ڦر.“ علوءَ جي پاران يعقوب جواب ڏئي ٿو. +”ابا، ناٽڪي هجي يا ٻاٽڪي، پنهنجن کي ڪو وساربو آهي ڇا؟ مڙهو بيمار نه هجي ته آئون اچي نڪران ها. مون به چيو ته علوءَ کي گهڻن ڏينهن کان ڏٺو ڪونه اٿم. خدا ڪري چاق هجي.“ +”چاچا جيئل چاق ڪونهي ڇا؟ اڄ ضرور ايندس پڇڻ.“علو ڦڪو ٿي چويس ٿو. +”ابا، اچو نه اچو، شل وڏيون ڄمارون ماڻيو. سدائين خوش هجو. ڳوٺ کان نڪتا آهيون ته مًن پنهنجن سان ملڻ لاءِ ماندو ٿو ٿئي. نه وڪڻي ها وڏيرو زمينون، نه وٺي ها چوڌري ۽ نه ٿيون ها بي گهر. اًلا اًلا!“ +”توکي ته چوڌريءَ ڪڍيو، پر اسان جا ته وڏيري ئي لاهه ڪڍي چڏيا.“ علوءَ چيو. +”امان، گهٻراءِ نه، مولا چڱي ڪندو.“ علو آٿت ڏئيس ٿو. +رمون ماٺ ماٺ ۾ پولار ۾ پيو نهاري. اوچتو ڇرڪ ڀريندي چئي ٿو؛ ”ها امان، گهٻراءِ نه، انهيءَ تلاءُ کي منهن ڏبو.“ +يعقوب ۽ هو ٽيئي کلڻ لڳن ٿا.”يار رمون، سچي تون بادشاهه آهين.“ +يعقوب ريڊيي جي سُئي ڦيرائي ٿو. آواز پيو اچي. ”جيڪر هيس ڌاري، مارن تڏهن وساري.“ اوچتو يعقوب گنڀير ٿي علوءَ کي چوڻ لڳي ٿو؛ ”ها يار، اسين رمونءَ تي کلون ته پيا، پر چوي ته سچ پيو. پهرين ته مٿان آيل مصيبت کي منهن ڏيون، پوءِ ۾ ٻين ڳالهين کي ڏسبو.“ +”ها يار، چوي جيڪر سچ ٿو.“ علوءَ ۾ به رمونءَ ڏانهن مڃتا ۾ نهاري ٿو. ”يار، ڏاڍو درد آهي هن پنهور جي آواز ۾ _ ”جيڪر هيس ڌاري، مارن تڏهين وساري.“ هو لفظ ورجائڻ لڳي ٿو. ”ها يار، ڌاريا آهيون، تڏهن ته وسارجي ويا آهيون!“ +ٻار وري گهٽيءَ ۾ نڪري اچن ٿا. “رمون چريو، رمون چريو“ جا آواز اچڻ لڳن ٿا. ٻارن کي واقعي رئونشو لڳو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳي اهو ساڳيو رمون چاق چڱو ڀلو هو. مزوري ڪرڻ ويندو هو، پوءِ الائي ويٺي چا ٿيس، جو اڌ چريو ٿي پيو. پهرين بڪ بڪ ڪرڻ لڳو اجائي سجائي، پوءِ هوريان هوريان ماٺ ٿيندو ويو ۽ ٻارن کي به وندر ملي ويئي. غريب ٻار ٻيو ڪن به ڇا؟ نه اسڪول نه ميدان، نه باغ، نه راند روند. اهي ئي رستن تي ڌڪا ٿاٻا، هوٻيا ۽ هوڪرا. اڄ رمون ور ڇڙهي وين ۽ هو کيس چيڙائڻ لڳا؛ ”رمون چريو_ رمون چريو.“ +”اڙي نڀاڳا وڃو نٿا گهر، ڇو اچي مٿو کاڌو آٿوً.“ يعقوب کين ڇڙٻيو ۽ ڀرسان پيل ڪاٺي کڻي مٿن اُلريو. ٻار شايد ان ردعمل لاءِ تيار نه هئا. ٿورو هيسجي ويا. علوءَ به پادر لاهي ڏانهنِ اڇليو ۽ ٻار ٽڙي پکڙي ويا. +”اها سڄي حرامپائي انهيءَ ولڻ جي پٽ جي اٿئي. پاڻ به کينچل ڪري ۽ ٻي لوڌ به وٺيو اچي.“ يعقوب ريڊئي جي سُئي ڦرائيندي چيو. +”ها پاڻ مري ويو، پويان هن چٺ کي ڇڏي ويو.“ +”سچ پڇين ته آهيون اسين به چٺ.“ علو چوي ٿو. +رمون وري اچي انهيءَ تلاءُ جي ڪپ تي ويهي رهيو. گٽر هاڻي سڄو تلاءُ ۾ پئجي رهيو هو. هو ويٺو رهيو؛ ٻه ٽي ڪلاڪ گذري ويا. ٻار ته هيسجي اهڙا ڊنا هئا، جو الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا. رمون به چپ ويٺو هو. نه ڪنهن پڇيس ته ڇو هو اتي ويٺو هو ۽ نه ئي هن ڪنهن سان ڳالهايو. اصل ٻيڙي به نه گهري. بس رڳو ڪيڏي ڪيڏي مهل رکيو پٿر پي تلاءُ ۾ اڇليائين. ننڍيون لهرون پيدا ٿيو، کن ۾ گم ٿي ٿي ويون. +ماستر کي لنگهندي الائي ڪيئن ڪهل اچي ويئي. رمونءَ کي ڏسي چوڻ لڳو، ”رمون، حق تي چريو ٿا چونئي. آئون ڀانيان ٿو ڪلاڪن کان ويٺو آهين. هاڻي ته سج به لڙڻ وارو آهي.“ +رمونءَ ماستر کي اڻ ٻڌو ڪري وري هڪ پٿر تلاءُ ۾ کڻي اڇلايو ۽ وري لهرون پيدا ٿيون ۽ مڇرن جو ريلو اُڏاميو ۽ وري اچي پاڻيءَ مٿان بيهي رهيو. +”اڙي رمون، توسان پيو ڳالهايان. گونگو ٿي ويو آهين ڇا؟“ +”ماستر ڀلا ٻڌاءِ، جڏهن گهڻو مينهن وسي ٿو، ته پوءِ پاڻي ڇو ٿو اچي جهوپڙين ۾.“ +”ظاهر آهي مينهن وسندو ته پاڻي ضرور ايندو جهوپڙين ۾، ٻيو ڪيڏانهن ويندو.“ +”نه، اهو مينهن وارو پاڻي نه، تلاءُ وارو پاڻي.“ +”اڙي ڀُوڪَ، جڏهن تلاءُ پاڻيءَ سان ڀرجندو ته ضرور اٿلندو، ڏسين ڪونه ٿو ته هي گٽر ڪيئن پيو اٿلي. اهو پاڻي به ته تلاءُ ۾ پوي ٿو.“ +”ڀلا جي گٽر هتي نه هجي ته؟“ +”پوءِ به تلاءُ اٿلندو، پر دير سان. ها جي مينهن نه پوي ته پوءِ ڪونه اٿلندو. پر گٽر ته بابا سرڪاري آهي. هو انهن بنگلن جو سڄو گند ڪچرو کڻي اچي ٿو. انهيءَ کي ڪير بند ڪندو.“ +”اسين بند ڪنداسين.“ رمون جي آواز ۾ هوڏ هئي. +”بابا اها طاقت اسان ۾ نه آهي. ميونسپالٽيءَ وارا ته پاڻ گٽر کولڻ ايندا آهن_“ وري سوچيندي چوڻ لڳو. ”ها پر جي هتي تلاءُ نه هجي، ته گٽر به نه اٿلي.“ +”پوءِ ڇا ٿئي!“ +”پوءِ اهو گٽر جو پاڻي مورڳوئي بنگلن ڏانهن موٽي وڃي. هتي روڪ ٿئيس ته اهي سڀ بنگلا گٽر سان ڀرجي وڃن.“ +”سچي!“ رمون جون اکيون چمڪي اٿيون. +”ٻيو، ڪوڙ ٿو ڳالهايانءِ؟ ابا، وير چڙهندي آهي ته دريا به اُبتو وهڻ شروع ڪندو آهي، هي ته گٽر آهي.“ ڍ +”پوءِ پنهنجن جهوپڙين ۾ مينهن جو پاڻي گهڙي ڪونه ايندو؟“ +”نه، صفا نه.“ +”پوءِ يعقوب جي مانڊڻي ڪانه ٻڏندي.“ +”نه.“ +”پوءِ جيئل جي جهوپڙي ڪانه ڪرندي.“ +”نڪو.“ +”پوءِ پوءِ خدن ۽ علڻ جا ٻار بيمار ڪونه ٿيندا.“ +”پوءِ ڇو ٿيندا؟.“ +”پوءِ پوءِ...“ هو وڌيڪ ڪجهه چئي نٿو سگهي. +”پوءِ تلاءُ کي مٽيءَ سان ڀرندو ڪير!“ ماستر رمونءَ کي چوندو، پائنچا بچائيندو، ناليءَ جي پاسي تان لنگهڻ لڳي ٿو. +”آئون ڀريندس، ٻيو ڪير!“ رمون ڇاتيءَ تي هٿ رکي چوي ٿو. +”ها، ٻيلي تون ئي ڀري سگهين ٿو، ٻئي جي طاقت ناهي. تون ته آهين بادشاهه ماڻهو.“ ماستر اڳتي هلندي بيهي، هن ڏانهن نهاريندو، مرڪندو هليو وڃي ٿو. +هو وائڙن وانگر گهٽين مان لنگهندو پيو وتي. پير گپ سان ڀرجي ويا اٿس. ٻار هاڻي ڊڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. هو ٻارن کي ڏسڻ لاءِ واجهائي پيو__ جهوتون ڏيندو، هڪ جهوپڙيءَ کان ٻي جهوپڙيءَ تائين هلندو پيو وتي. هڪ هيسايل ٻار ڳوڻ جي ٽپڙي کڻي کيس ڏسڻ لڳي ٿو، رمون بيهي رهي ٿو. ٻار ڪجهه نٿو چئيس. +ها پٽ، چئه ته رمون چريو__ چئه چئه.“ ٻار تهائين ڊڄي وڃي ٿو ۽ منهن ٽپڙيءَ جي اندر ڪريو ٿو ڇڏي. +هو اُتان وري اڳتي هلي ٿو، پري کان هڪ ٻار ٻيو نظر اچيس ٿو، جيڪو وکر وٺيو گهر پيو وڃي. +”ها بابلا، آئون آهيان رمون_ رمون چريو_“ ٻار تپرس ۾ ڏانهس نهاري ٿو. لڳيس ٿو رمون سچ پچ چريو آهي، يا مار کائڻ لاءِ هُشيون پيو ڏئيس؛ پر ٻار مرڳوئي هن کي ڏسي، ڊوڙي ڀڄي وڃيس ٿو. رمون اتان هوريان هوريان هلندو اچي جيئل جي گهر پهچي ٿو، ڄڻڪ آخري داءُ هڻندو هجي. +”ابا کمن، آهي ڪو گهر ۾؟“ +کمن سڏ تي ڊوڙندو ٿو اچيس، پر اوچتو هن تي نظر پوندي ئي ڄڻڪ بريڪ لڳي ٿو وڃيس. +”اڙي بابا، ڊڄ نه_ آئون آهيان رمون_ رمون چريو. مون کي چيڙائيندؤ ڪونه چريو چريو ڪري. پٿر به نه هڻندؤ ڇا؟“ کمن پهرين ته تپرس جي لکا ڏئي ٿو. پوءِ همٿ ڪري ڳالهائڻ لڳي ٿو ”تنهنجي مرضي آهي ته آئون پادر کاوان، کٺيون لڳن ۽ بابا الڳ ابتو ٽنگيم.“ +”اڙي نه نه، هاڻي حرام جو توهان جي دانهن ڏيان. تون ڀلي ٻين کي سڏي آ. سڀئي پٿر هڻو، اصل وڏا وڏا، پر هتي نه_ هتي علوءَ وارا ڏسندوَ ته کل لاهي ڇڏيندوَ. آئون هيئن ٿو ڪريان جو تلاءُ جي ٻي ڀر ٿو بيهان، هان_ پوءِ توهان ناليءَ تان بيهي مون کي پٿر هڻو، ڀتر هڻو، سمجهيوَ!“ ائين چئي هو تلاءُ ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو. +هو يعقوب جي مانڊڻيءَ تي اچي ٿو. ريڊئي جو آواز ڪن پيو ڦاڙي. ”جنم جنم تيرا ساتهه رهي گا.“ يعقوب ۽ ستار ملو پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن. +”آئون چوان ٿو ته هڪڙو ته صبح کان وٺي رات تائين گانا هلايو، ٻيو وري ڪوڙ، جنب جنب جي بڪواس.“ +”وري مٿان ڪوڙ، هندوستان لڳائي چئين ٿو ته ريڊيو پاڪستان آهي.“ +”پڇي ڏس ڪنهن کان به!“ +مانڊڻيءَ جي ارد گرد بيٺل ماڻهو ملان ستار ۽ يعقوب جي ڏي وٺ مان ماٺ ڪريو مزو وٺي رهيا هئا. هونئن به ملان سدائين ڪنهن سان ڳنڍيو پيو هوندو هو.سسس +يعقوب جي پڇڻ تي ماڻهن هائوڪار ڪئي، ته ملان زمين تي پير زور سان هڻندو، بڙ بڙ ڪندو هليو ويو. +رمون سِرندو سِرندو يعقوب جي ڀرسان اچ بيٺو. +”ڏي مون وارا سڀ پئسا.“ رمونءَ اوچتو رڙ ڪئي. +”سڀئي؟“ +”ها، سڀئي ۽ هينئر جو هينئر.“ رمونءَ وري حڪم واري انداز ۾ چيو. +”اڙي رمون چريا، هينئر ته سڀ ڪونهن.“ +”سڀ ڪونهن نه، ڀلا پنج کن ته ڏي.“ +يعقوب جند ڇڏائڻ لاءِ سڀ پئسا ميڙي، پنج ڳڻي ڏئيس ٿو. +رمون پئسا وٺي وري يعقوب کي ورائي ڏئي ٿو. +”هان هي وٺ پنج رپيا ۽ ڏي مون کي پنجن رپين جا بسڪوٽ کٽمڙا، پڙو ٻڌي ڏي سمجهيئه.“ +”ڇو ڇا ڪندين، ماني ڪري کائيندين ڇا؟“ +”منهنجي مرضي.“ +يعقوب بسڪوٽ کٽمڙا برنين مان ڪڍي پُڙو ٻڌي ٿو ڏئيس ۽ رمون وٺندي ئي هلڻ لڳي ٿو. +”ڏٺئو رمونءَ کي__ مڙس سڌو چوي نه ٿو ته پنجين رپين جو مال کپي__ پهرين پنج رپيا پنهنجا وٺي ٿو ۽ وري پوءِ ورائي ڏي ٿو.“ +رمونءَ جي ڪن تي يعقوب جو آواز پئي ٿو ۽ اوچتو بيهي ٿو رهي. ”پئسا هوندي سوندي ائين ڇو وٺان شيون توکان. تنهنجي مرضي آهي ته ماڻهو سمجهن خيرات پيو وٺان“ ماڻهو سڀ کلڻ لڳن ٿا ۽ يعقوب به مرڪي ٿو ڏي. +رمون کٽمٺڙن جو پُڙو کوليو اچيو جهوپڙين جي گهٽين ۾ نڪري: ٻار پتي راند پيا ڪن. +”ٻارو هي ڏسو کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ.“ ٻار راند ڇڏي هن ڏانهن ڊوڙڻ لڳن ٿا. +”نه نه، ائين نه ملندوَ ڇورا.“ پهرين مون کي پٿر هڻو ته پوءِ. +ٻار تپرس وچان کيس ڏسڻ لڳن ٿا. +”ها ٻارو، آئون ٿو تلاءُ جي ٻي ڀر بيهان، توهان اچي مون کي جيڪي وڻيوَ سو هڻو. جنهن جو نشانو لڳندو، انهيءَ کي هڪ هڪ کٽمٺڙو انعام ۾ ملندو.“ ائين چئي هو ڀڄڻ لڳي ٿو ۽ ٻار پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا. +هو گپ مان ترڪندو، ڪنيون ناليون ٽپندو، ماڻهن سان ٽڪرائيندو، ڊوڙندو ٿو وڃي ۽ ٻار ’هو هو‘ ڪندا، سندس پويان ڀڄندا ٿا وڃن. رولو ڪتا به رونشي ۾ شامل ٿيندا ٻارن سان گڏ ڊوڙڻ لڳن ٿا. لنگهندڙ ماڻهو حيرت سان هنن کي ڏسڻ لڳن ٿا. هو گٽر تان سِرن و��ري واٽ ڏيو ريل جي پٽن واري پاسي کان ٿيندو، تلاءُ جي ٻي ڀر وڃڻ لڳي ٿو: ٻار پويان اٿس__ پاڻ اوچتو بيهي رهي ٿو ۽ هٿ جي اشاري سان ٻارن کي روڪيندو چوڻ لڳي ٿو. +”بابا اها ڪار ڪانهي__ توهان گٽر وٽ بيهو. مٿاهان ٿيندؤ ۽ آئون ٻئي پاسي ٿو بيهان، جنهن جو نشانو لڳي اهو اچي کتمٺڙو وٺي.“ +”۽ بسڪوٽ؟“ هڪ ٻار پڇيس ٿو. +”پوءِ اها توهان جي مرضي، وڻيوَ بسڪوٽ وٺ، وڻيوَ کٽمٺڙو__ بس.“ +ٻار اوسي پاسي کان پٿر کڻي هن کي هڻڻ لڳن ٿا، ڪي پٿر هن تائين پهچي نٿا سگهن ۽ پاڻيءَ ۾ ڪري ٿا پون__ پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿي وري گم ٿي وڃن ٿيون، هڪڙو پٿر هن کي پيرن ۾ اچي لڳي ٿو. +”ڌوپار“ هڪ ٻار رڙ ڪري ٿو__ عارب ڊوڙندو هن وٽ اچي ٿو ۽ کٽمٺڙو وٺي وڃي ٿو. هڪ ٻار کي کٽمٺڙي ملڻ سان ٻارن ۾ تهائين جوش اچي وڃي ٿو. +تلاءُ جي ڀر وارا پٿر کٽي ٿا وڃن، ٻار ٿورو پريان وڃي پٿر چونڊڻ ٿا لڳن. هڪ ٻار ريل جي پٽي ڏانهن اچي پٿر کڻڻ لڳي ٿو. +”متان اهي کنيا اٿو؟ ريل ڪيرائيندو ڇا__ اڙي پري ٿا اتان__ اهي پٿر ڪار ڪونهن__ اهي لڳا ته به ڪجهه نه ملندو. بابا، ٻيو جتان به آڻيو هر شئي ڪار آهي__ ٺڪر، دٻا، شيشا، گند، ڪچرو جيڪو وڻيو سو آڻيو بس، توهان لاءِ سولائي ڪري ڇڏيم__“ +هڪ پٿر اوچتو هن کي لوندڙيءَ وارو لڳي ٿو ۽ رت وهڻ لڳي ٿو. ٻار هيسجي بيهي ٿا رهن. +”پرواهه نه ڪر__ اچ خميسا اچ پنهنجو کٽمٺڙو وٺي وڃ__ واهه جو چٽيو آهين!“ +هڪ ريل گاڏي انهيءَ وچ ۾ اچي بيهي ٿي، شايد سگنل نه مليو اٿس. اتي گهڻو ڪري گاڏيون اچي بيهنديون آهي__ ماڻهو درين مان ليئا پائي ڏسڻ ٿا لڳن. +هي عجيب قسم جي راند ڏسي انهن کي الائي ڇا ٿو ٿي وڃي. رمون چرئي کي ڏسي هو به رونشي مان درين مان ڪيلن جون کلون ۽ ٻيوگند ڪچرو رمونءَ ڏانهن اڇلائڻ ٿا لڳن، عجيب نظارو ٿو لڳي، ڄڻڪ سڄي خلق چري ٿي پئي هجي. ريل جو هارن وچي ٿو ۽ ٽرين هلڻ لڳي ٿي ۽ جيڪو گاڏو رمونءَ جي ڀرسان لنگهڻ لڳي ٿو، ان مان گند ڪچرو رمونءَ ڏانهن اڏامندو اچي ٿو ۽ رمون ويتر کِلڻ لڳي ٿو. ريل جي درين مان ماڻهو رمونءَ کي ايئن کلندو ڏسي رونشي ۾ کلڻ لڳن ٿا. ’هو هو‘ جا آواز ڪندا وڃن ٿا. +سج لڙي هيڊو ٿي چڪو آهي. اُتر جي هوا ۾ ٿڌ وڌي ويئي آهي__ ٻار به پگهريلا آهن، ته به ڪٿان نه ڪٿان ڪا نه ڪا شئي کنيو اچيو هن ڏانهن اڇلائين. +”نه رمون هاڻي راند بس__ توکي ته ڪجهه لڳي ئي ڪونه ٿو.“ هڪ ٻار چويس ٿو. ٻار ٿڪجي پيا آهن. +”چڱو ٻارو، ترسو، آئون اچان ٿو.“ هو مٿي اچي ٿو. ٻار رمونءَ جي حالت ڏسي ڊڄي ٿا وڃن. گند سان ڀريل، منهن مان به ٻن ٽن هنڌان رت وهندڙ، لوندڙيءَ وٽ رت ڄميل، عجيب ڀوائتي شڪل. +ٻار هيسجي وڃن ٿا. +”ٻارو، ڊڄو نه_ اچي، هاڻي هي بچيل مال اوهان کي ورهائي ٿو ڏيان. اچي وٺو__ هان خميسا هي ٻه کٽمٺڙا، عارب توکي بسڪوٽ ٿا وڻن وٺ هي بسڪوٽ ۽ ڪيڏانهن ويو عارب، اچي عارب تولاءِ ۽ هي وٺ ڙي تون ۽ هاڻي هي توکي__“ هو ٻارن کي بچيل مال ورهائي ڏيڻ لڳي ٿو. +سج هاڻي لڙي چڪو آهي. سنجها جي وقت جي اوندهه هوريان هوريان وڌي رهي آهي. تلاءُ جي ڪني پاڻيءَ جو رنگ، مٿان وهندڙ گٽر جي پاڻيءَ جو رنگ، جهوپڙين ۽ بنگلن تي ڇائنجدڙ اوندهه جو رنگ هڪ ٿيندو وڃي. جهوپڙين ۾ دونهيون دُکڻ لڳن ٿيون، پريان بنگلن ۾ بتيون ٻرڻ شروع ٿي ويون آهن. +رمون گٽر جي مٿان ائين بيٺو آهي، ڄڻڪ ڪو وڏو ڪم ڪيو اٿس. ماڻهو ڪم تان موٽڻ لڳا آهن. پريان خدن پيو اچي. خدن رمونءَ کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو: +”اڙي ها ڇا ٿيو اٿئي؟ لُڦيو پيو آهين، وري انهن ڇورن....“ +”خدن، ڏس تلاءُ ڀريو آهي نه....“ هو خدن جي ڳالهه ڪٽيندي چئي ٿو. +”ها، پا��ي پوندس ته ڇو ڪين ڀرجندو!“ +”اڙي پاڻيءَ سان نه، اڄ اسان تلاءُ کي لَٽڻ شروع ڪيو آهي. ڏسين ڪونه ٿو، اسان هن گندي تلاءُ کي گند سان ڀري ڇڏيو آهي.“ +خدن غور سان هن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پوءِ وري تلاءُ ڏانهن ڏسي ٿو. هن کي ٻيو ته ڪجهه نظر نٿو اچي؛ پر ڪجهه نارنگين جون کلون، ڪجهه ڪاغذ ۽ دفترين جا ٽڪرا ترندا نظر ٿا اچن. +”رمون، ائين ٿو لڳي، تون هاڻي سچ مچائي چريو ٿي ويو آهين.“ +ساجن به اچي پهتو آهي. هو به رمونءَ کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو. +”ساجن، رمونءَ جون ڳالهيون ٻڌيون اٿئي. مڙس تلاءُ کي ٿو ڀري، سو گند ڪچرو ميڙيو، ان ۾ پيو وجهي.“ +ساجن ڪڇي ڪونه ٿو ۽ رمونءَ ڏانهن ئي نهاريندو رهي ٿو. ڳالهين ڳالهين ۾ ماستر ۽ علو به اچي پهچن ٿا. رمون فخر سان هنن ڏانهن نهاري ٿو. +”اڄ انهن ڇورن کي پادر هڻڻا پوندا. ماستر تون اها ڍرائي نه ڪر، ڇورا سڀ کري ويا آهن. اڙي رمون! هڪڙو اڳي ئي ڌپ، منهن ته ڌوئي ڇڏ.“ خدن وري کين سڄي ڳالهه ٻڌائڻ لڳي ٿو. +”چئبو ته رمون تلاءُ کي لَٽيندو!“ سڀ کلڻ لڳن ٿا. رمون سندن کلڻ تي ڪاوڙجڻ لڳي ٿو. +”ڇو نه ڀربو تلاءُ—آئون ان کي ڀريندس، ڀلي اوهان مدد نه ڪريو. اهو گٽر اُبتو نه وهايم، ته پوءِ پيءُ جو پُٽ ناهيان!“ +”اڙي بابا رمون، ائين ڪيئن تلاءُ ڀربو.“ ماستر سمجهائيندي چويس ٿو. +”ڏسجو، ڪيئن نه ٿو اها کَڏ هتان گم ڪريان. توهان ته پيا روز هتان لنگهو، ڏسجو.“ +”اچي وٺ، هي تنهنجو وزم.“ خدن سگريٽ ڏئيس ٿو. +”۽ مون به تولاءِ آندو آهي. اڄ اهڙي دعا ڪيئي، جو واهه جو مزوري لڳي.“ +رمون هنن جي هٿن مان وزم وٺيو، اهي به تلاءَ ۾ اُڇلائي ٿو. +”اڙي هي ڇا ڪيئي؟“ علو رڙ ڪري ٿو. +”سڀ ڪجهه هن تلاءُ ۾ وجهو. ٺِڪر، ٺوٻر، ڀتر، مِٽي، واري، بجري.....“ ائين چئي هو پنهنجي اوسي پاسي کان، جيڪي هٿ لڳيس ٿو، اُهو کڻي تلاءُ ڏانهن اُڇلائڻ لڳي ٿو. هو سڀ اچرج مان کيس تڪڻ لڳن ٿا. +حليم بروهي: پرئڪٽيڪل ائسٽرالاجي +(طنز ۽ مزاح) +ائسٽرالاجيءَ جو مطلب آهي علم نجوم، ۽ علم نجوم جو مطلب آهي نجوم جو علم. لفظ نجوم دراصل انجم جو جمع آهي. انجم جي معنيٰ آهي تارو، ۽ تنهن ڪري علم نجوم جو مطلب ٿيو تارن جو علم. انجم نالي هڪڙي ڇوڪري به هوندي هئي، جنهن کي ڏسي اسان کي احساس ٿيو هو ته انجم تمام سهڻو نالو آهي، ۽ پوءِ اسان علم نجوم سکيو. جيڪو تارا ڏسي اوهان کي اوهان جا افعال ٻڌائي، تنهن کي انجم شناس چئبو آهي. جنهن انجم کي اسان سڃاتو هو، تنهن کي اسان ڪجهه غلط سڃاتو هو، ڇو ته هن اسان کي ڪڏهن به نه سڃاتو. هاءِ انجم! +اسان ڪيترو به لڪي ڇِپي جنم وٺون، ڪيترا به ۽ ڪهڙا به پري—ڪاشنس وٺون ته اسان جي ڄمڻ وارو لقاءُ ڪوبه نه ڏسي؛ پر اسان جو ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي، ڇو ته ڪونه ڪو هڪڙو تارو، اسان جي قسمت جو تارو بنجڻ لاءِ، آسمان ۾ اسان جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رهيو هوندو آهي. اسان جي ڪامياب ڄم تي دائيءَ کان به وڌيڪ خوشي اُن تاري کي ٿيندي آهي. اسان کي اهو تارو نظر اچي يا نه اچي؛ پر جهڙيءَ ريت اهو تارو اسان جي ڄمندي ئي کڳيون هڻندو، تاڙيون وڄائيندو، پهرئين هائوس کان ٻئي هائوس کان ٽئين هائوس ڏانهن روانو ٿيندو آهي، تنهن مان پڌرو ٿيو پئي، ته اهو تارو اسان جي ڄمڻ وارو نظارو باقائدي ڏسي رهيو هوندو آهي. نوٽ—جنهن سان پڄي نه سگهجي تنهن کي عزت ڏجي، تنهن ڪري مائرن کي گهرجي ته ٻار ڄڻڻ وقت مٿي تي پوتي رکن. من تاري کي حيا پئي ۽ هليو وڃي. ٻيو نوٽ--- هاءِ انجم! + + +هي تارو، جيڪو اسان جي ڄمڻ وقت اسان ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوندو آهي، سو تمام امپارٽنٽ تارو آهي. ائسٽرالاجيءَ ۾ هن تاري کي ”برٿ اسٽار“ چئبو آهي؛ پر پاڻ هن تاري جا افعال ڏسي، اُن کي هن مضمون ۾ ”بيحيا تارو“ چونداسين. هن مضمون ۾ جڏهن به اسان بيحيا تاري جو ذڪر ڪريون، تڏهن اوهان سمجهي وڃو، اسان جو اشارو برٿ اسٽار ڏانهن آهي. هاڻ اسان ٻه مثال ڏينداسين. هڪڙو مثال اسان جو پنهنجو آهي، ۽ ٻيو مثال اسان پنهنجي پياري انجم جو ٿا ڏيون. (هاءِ انجم!) هونئن فقط انجم جو مثال ئي کوڙ آهي. اسان جو پنهنجو انٽريسٽ به انجم ۾ ئي آهي (هاءِ انجم!) +اسان جو پنهنجو برٿ اسٽار وينس آهي، ڇو ته اسان جي ڄم وقت اهو تارو اُڀري رهيو هو، ۽ انجم (هاءِ انجم!) جو برٿ اسٽار مارس آهي، ڇو ته انجم جي ڄم وقت اهو تارو اُڀري رهيو هو. اسان هي ٻه مثال اجايا ورتا آهن، ڇو ته هاڻي اسان کي پاڻ کي خبر نٿي پوي، ته اڳتي ڇا لکون! پر خير، ماهر ائسٽرالاجرس وانگي پاڻ هڪڙو سوال اُٿاري پنهنجي جند ڇڏايون ٿا. سوال آهي ته اسان کي خبر ڪيئن پوي، ته فلاڻي انسان جي ڄمڻ مهل فلاڻو تارو اُڀري رهيو هو. جنهن ڪتاب ۾ لکيل هوندو آهي، ته ڪهڙي ڏينهن، ڪيتري بجي، ڪهڙو تارو اُڀري رهيو هو. تنهن ڪتاب کي يوفيمري چئبو اهي. يوفيمري لکيل اهڙي نموني هوندو آهي، جو يوفيميرس پڙهڻ ۾ ايندو آهي؛ پر اصل اُچار يوفيمري آهي. يوفيمرين جي جمع کي يوفيميرائڊس چئبو آهي. هاءِ انجم! (نوٽ- هاءِ انجم چوڻ لاءِ هي موقعو مناسب نه هو.) +پر ترسو. پهرين اسان ڏسون ته اسان ڪٿي ڪا غلطي ته نه ڪري آيا آهيون. ها، اسان هڪڙي عظيم الشان ۽ شاندار غلطي ڪري آيا آهيون. اسان جو ڪم هو ته پهرين اسان سمجهايون ها ته هائوس ڇا آهي ۽ سائن ڇا آهي، ۽ پوءِ سمجهايون ها ته برٿ اسٽار ڇا آهي. تنهن ڪري هاڻي اسان وري ٻي نهايت شاندار غلطي ڪنداسين. اسان پهرين سمجهائينداسين ته سائن ڇا آهي، ۽ پوءِ ارام سان ويهي پڇتائينداسين، ته اسان پهرين هائوس ڇو نه سمجهايو. انجم جي طبيعت به اهڙي هئي. پاڻ سان پاڻيهي پنهنجي ساهيڙي وٺي ايندي رهي؛ پر پوءِ جڏهن اسان کي سندس اها ساهيڙي وڻڻ لڳي، تڏهن پاڻيهي ويهي پڇتائڻ لڳي، ته اڪيلي ڇو نه ايندي رهي. هاءِ انجم جي ساهيڙي! شرمائڻ جي ڳالهه ڪانهي؛ پر ائسٽرالاجي آهي ئي منجهيل معاملو. هونئن ائسٽرالاجي آهي به سراسر دوکو. ڀلا تارن جو انسان جي زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ پر تنهن هوندي به ائسٽرالاجيءَ مان ايترو فائدو ضرور آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ اها خبر پئجيو وڃي، ته تارن جو انسان جي زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي. +ولي محمد طاهرزادو سر صدقو لڄن تان +(ڳالهه) +متاري مڱريي جي وانڍ واهڻ کان ويهارو کن وکون پرڀرو، ڀڏي ڀرسان، پراڻن پڊن تي، ڏوران پئي ڏسبي هئي. ان وانڍ جي اولي ۾، متارو، سندس سلڇڻي سدوري نوبني نينگر نورڀري ۽ ماڻس ملوڪان، آڪهه ۾ ڪل ٽي ڀاتي رهيا ٿي. +ننڍي لاڪر نور ڀري گهرو حاج ڪم ۾ هٿو باري ڪندي هٿ ونڊائيندي رهي. گهيڙ تان گهڙا ڀري اچڻ، مال جو مٽانگو ميڙي اروڙيءَ تي اُڇلڻ، گهر ٻهاري، ٻُهر ٻاهر سَٽڻ، ٿڦيريءَ تي ڇيڻا ٿڦڻ، ڪم اُڪلائي ماءُ سان گوڏو گڏي ڀرت ڀرڻ، سبوٽ سبڻ سکندي هئي. ٽُڪر ڀور، ڀاڄي ٻوڙ، ماڻس رڌيندي هئي ته هند وِڇاڻو پاڻ ڪندي پکيڙيندي هئي. واري وٽيءَ تي اڻورچ ٿيون پيون حاج ۾ هٿ پير هڻنديون هيون. +متاري کي موراهين مال سان محبت هئي. مهاڳي ۾ ٻه نمبر ٻنيءَ جا به هئس. موسم سارو پوکي راهي ڪري پيٽ پيو پاريندو هو. هي مڇيءَ مانيءَ وارا ڌيڻائي ڌڻي هئا. +نور ڀري ٻارهن ورهين جي ٻالڪيءَ مان کڻي جا اوڌ ڏني ته سورهن سالن جي سنو پري سونهن سوڀيا ۾ سرس ٿي پيئي. +هت رڳو متارو واهڻ کان وائ��و ويٺل هو، ٻيا مٽ مائٽ مڙئي واهڻ جي جهرمٽ ۾ جهوپا جوڙيو، ورا ڏيو ويڙها ٺاهيو ويٺا هئا. نور ڀريءَ جي ناناڻي نُک وسينءَ ۾ وڌيل ويجهيل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ اچڻ سان ڳوٺاڻيون ڳؤريون ڳيجهو ٿي وٽس اچي ڳوڙهه ڳاهٽ ٿينديون هيون. هوءَ به ساهيڙين سرتين، جيڏين سان جوڙ ٿي گهمي گهتي ريجهه رهاڻ ۽ رؤنڪا ڪري گهر رواني ٿيندي هئي. اتي ٽهيءَ واري ٽوليءَ سان ٽيلهاڙن ۾ ٻانهينءَ واري ٻانهن هڻي اُٿي هلندي هئي، ته ڄڻ مور پيو ٽيلي سان ٽِلي. تڏهن کان ئي وڏيري ويڌل جي ڇاتيءَ ۾ ڇڻڙاٽ پيا پوندا هئا. چپن کي چاٻو ڏيئي چوندو هو: ”وهيءَ چڙهي، ڇوري واهه جا ٿيندي!“ نور ڀري هئي به نارين ۾ نُور! +نور ڀريءَ کي ماڻس ملوڪان نُور نچوئي، ڀنڀرڪي توڻي ڀرت ڀريندي، پالي، سُکيو سانڍيو ساماڻو هو. هن جي وارَ وارَ تان ٻلهار پئي ويندي هئي. ماءُ جي دل! انهن اوجاڳن اوسيئڙي ڪندي هوءَ هڄي هڄي ڇڄي پئي. دائما دق تپ ديرو ڪري ويهي رهيس. دوائون درمل، اوڦٽو علاج، ڏَسن پنڌن جا پُوج پر ٻنڌ ڪيائون، پر ڪنڌ ڪين کنيائين. آخر تڳي تڳي، چُڙي چُڙي، هڪڙي هِڏڪيءَ سان حق جي حوالي ٿي ويئي. +مانجهي، مامهس متاري سان ملي، ٻني ٻاري، هر هلر ۾ همراهي پيو ڪرائيندو هو. ڍڳن ڪاڻ ڪُترين جا ڍيرَ، جوڳ جهلڻ، پاڻيءَ جو وارو وٺڻ، پيار ڪرائڻ، کنڌيون کڻڻ، ائين ئي ٻني ٻاري کي چاهه سان چُهٽيو چنبڙيو پيو هوندو هو. ڄڻي وڻي ٿي ڄاتو ته نور ڀري نڌان مانجهي ماڻيندو. +مانجهي، ارڙهن ورهين جو ارڏو اڙٻنگ، ڪُوپو ڪنڌار، جانٺو جوان هو. جڏهن جهنگ مان جاڙوکار ۽ جاکوڙ ڪري، مامهس جي گهر مانيءَ ڪاڻ، ماندو ٿي، هٿ مُنهن ڌوئي،مَنهيءَ ۾ اچي اهلرندو هو، ته نور ڀريءَ اُتس نگاهه پوڻ سان اُٿي مکڻ ماني يا ڪا چَهرَ چٽڻي نيئي مهندان رکندي هيس. هو کائڻ ۾ کُپي ويندو هو ته نور ڀري اکيون اٽڪائي، مانجهيءَ جي ماني کائڻ، گرانهه ڳڙڪائڻ تي پيئي سَرهي ٿي سِرڪندي هئي. مانجهي به اکٽيٽ سان هن جو گلابي مکڙو ڏسيو پيو گد گد ٿيندو هو ۽ ٻاجهاري ٻولي ٻڌي، هينئين جي هُدڪ هُدڪ ۽ هورا کورا هٽائيندو هو. پرت جا پُور پچائيندو، ڳٽي تي ڳٽو کڻندو کائيندو ڳت سان ڳهندو ويندو هو. +سورهن سالن جي نهٺائيءَ واري نور ڀريءَ جي حُسن جي هُڳاءُ جو ڌؤ جي ديوارن تي ٿي پيو، ته مرداني ملوڪت ۾ مانجهي به ڪَسو ڪونه هو. نور ڀري جي سونهن سوڀيا ۾ سلوڻي ۽ نرت نزاڪت ۾ نهوڙڻ واري هئي؛ ته مانجهي به من مُهڻن جو مَٽ، ٺاهوڪن جو ٺاٺ هو: پينا پُٺا،هيبت واري هاٺي، مروٽ مُڇن جي رِيهه ريک رِليل، مڻيادار مڙسالو هڏ ڪاٺ هو. ٻنهي ۾ ٻيائي ڪانه هئي، ٻيئي مَرڪڻ مور هئا؛ هڪٻئي تان اور گهور هئا. کلندي خوش ٿيندي ڪپڙن ۾ نٿي ماپيا، پوري پڪ هئن ته اسان جا ٿيندا لايا سجايا! وچ ۾ ٻيو ڪو ڏَمون ڏڦير به ڪونه ٿي ڏٺو، رڳو وڏيري ويڌي کي وٽ وڪڙ ٿي وڙهيا. +مامهس متارو به ڪو پرمتڙيو ڪونه هو. ڀليءَ ڀَتِ ڀانيائين ٿي ته اَن جو منهن جنڊ ڏانهن آهي؛ کڏ اندر هجي ته ٻُهر ٻاهر نه ڦٽو ڪجي! اهو پڪو پهه ڪيو هئائين، ته نور ڀري اڳو پوءِ مانجهيءَ جي مِلڪ آهي؛ پر تڏهن به لوڪ لڄا ڪري، دڙڪي کڙڪي، لٺ چٽ، ڏکي ٻاٻيس سان مانجهيءَ کي مُٺ ۾ رکيو آيو. +اڄ نور ڀريءَ ڳئون ڳولڻ ڪاڻ جهنگ ۾ جهُوتون ٿي ڏنيون. ٻڌي جي ڀِڪ ڀرسان مانجهي ملي ويس. +مانجهي: او نور ڀري! چئي ٿڌو شوڪارو ڀري، ڪوڏر ڪُلهي تان لاهي، ونگڙي ٻيانگڙيءَ سان للاٽ جو پگهر پسوئي، رئي رتي رهاڻ ڪرڻ ۽ اندر جي اُڌمن اورڻ ۽ هٻڪي هٻڪي حال ڪرڻ خاطر پڌر ٿي پيٺو. نور ڀري به نواحي جي نهار ڪري ڀر ۾ بيهي رهيس. +مانجهي: نور ڀري، ڳوٺ ۾ ڳالهه پئي ڳائجي ته متارو نور ڀريءَ جو مڱڻو ۽ وهانءُ مانجهيءَ ساڻ ئي ڪندو. +نور ڀري: الله سائين ايئن ئي ڪندو! +مانجهي: پر مامي کي مٺيان نسوري نڪ تي رکي آهي! ڪم ڪار ۾ ڪروڌ لڳو پيو اٿس! مون پاڻ پئي مَنايو ته ڪو مينههُ ملي ته نور ڀريءَ کي نياپو ڪريان، الله ڪري اچي ته سورَ سليان! ڀاڳين سَڀاڳين اڪيلي اچي ويئي آهين. مون کي من تي محبت جو مونجهارو آهي. مامي ساڻ مُنهن ڏيئي مذڪور به ڪري نٿو سگهان، حجت نٿي هليم، ڇا ڪريان ڪيئن ڪريان؟ +نور ڀري: بابي جي وڏپڻ جي وهي آهي. ان جي تک تاءَ، تڙي تابش، تؤنس دؤنس جي دل ۾ نه ڪر، همٿ نه هار! +مانجهي: ويل ته آءٌ به ڪونه آهيان، هن جي حشمت وارين هڪلن هوڪرن هَٻو ڪري وڌو اٿم، مڇڻ ڌڪي ڌار نه ڪرينم! +نور ڀري: مولا ڪندو ته تون ئي مون کي ماڻيندين، آءٌ تنهنجي تائبي (تابعيداري) ۾ ٻانهن ٻڌي ٻانهي ٿي رهنديس. مانجهي! ننڍپڻ جو نينهن نڀائينديس، ناتو ڇنان ته ڇوري ٿيان! +مانجهي: مامو متان مُڪرجي وڃي. اهو ڌيڄو ڪريو، دل دهلجيو وڃي! +نور ڀري: بروبر ابو اٻوجهه آهي، جيئن ماڻهو ٿا مواسينس تيئن ٿو تو مٿئون طبل ڪري. +مانجهي: ڀلا، ڪنهن جي اري انگڙيءَ ۾ اچي اُلجهي ته ڪونه ويندو، نهڪار ۽ نابري ته ڪونه واريندو. +نور ڀري: اسان جي الله پاران انگ اٽڪڻ ۾ ڇڙو ويڌو ارهو آهي، باقي ٻيو ڪو..... +مانجهي: حقئون ناحقئون وڏيري ويڌي ڪُٽي کڻي وير وڌو آهي! پر تون ته تن جي ڪانه ٿيندينءَ نه؟ +نور ڀري: مانجهي! سواءِ تنهنجي، سڀاڻي ڪنهن سياءَ منهنجو سڱ سوٺيو، ته نور ڀريءَ جون لانئون سوليءَ تي سڻندين ۽ سر سانگ تي سوار! تون هينئون نه هار، هورا کورا ۽ اڻتڻ اندر مان ڪڍي ڇڏ، وياڪل ٿي وسواس نه وڌاءِ، نڪي وماسجي وسمي ۾ پئو، چِت ۽ چيتو جاءِ ڪر، تون ته جوڌو جوان ڪُوپو ڪونڌر آهين! +مانجهي: ٻيو وري ڪهڙو ماءُ جو وڌيڪ، سوئر جو پٽ منهنجي سسيءَ ۾ ساهه هوندي، تنهنجو سڱ سڳائيندو ۽ نور ڀري نبهندس! مون کي مَڄو ۽ موٿاج نه ڄاڻ، چري! ”ڌن صدقو سرن جو، سر صدقو لَڄن تان!“ +آءٌ مڙس آهيان، مڙس جو پٽ آهيان، جيڪو منهنجي نور ڀريءَ تي بُري نيت سان رڳي نگاهه وجهندو ته ٿينديون به صفايون، ٻڌبيون به اڇيون پٽيون، کڄنديون به کٽون. مون کي ڪچو ڪيم ڀانئجانءِ! +نور ڀري: ته بيڌڙڪ ابي جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهه. آءٌ اڻهي اڻهي ڪاڻ تنهنجي آهيان. خاطري ڪر، الله تي رک! +پوءِ ٻيئي پاڻ ۾ وعدا وچن قول اقرار ڪري واٽ وارُو ٿيا. +هڪڙي ڏيهاڙي ويرانڍ جي وير مانجهي مشڪندو مامهس جي گهر آيو. آڳنڌ اُڪرندي ئي نور ڀريءَ تي نظر پيس. نور ڀريءَ کي چِٽو چئي ڏنائين: +مانجهي: نور ڀري! سُڌ ڪا سئي اٿئي؟ اڄ مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين قصو ٿي ڪيو ته هيلو ڪو سائو (سُهائو) سومار ويهون واري ڇڏيندو. تنهنجو سؤٽيون، ماساتيون پڦاٽيون، جيڏيون سرتيون، گَنديون ڪپڙا پيون سِبن ڀرين. تون به ڪا ترت تياري ڪري وٺ. ادي وڏي مامي کان اچي موڪلائيندي. هيل ته پاڻ به هلي درگاهه جو ديدار ڪنداسون، مرشدن جا مڪان ڏسنداسين، ملاقاتون ڪنداسون، اوليائن کان الاهي دعائون گهرنداسين. هل ته ولين کي واجهايون، سوال ڪري ستايون ته من مامي کي من ۾ مِهر پوي، سڪاڄ سرن، جوڙيون سجوڙيون ٿين! +نور ڀري: مانجهي، منهنجي ميڙن مارڪن (معرڪن)، رؤنشن تماشن سان پويئي ڪين. ڳويون ڏُهيو، تنهنجو منهن ڏسيو، سُکي سَرهي ويٺي آهيان. +مانجهي: نه نه، ائين نه ڪر، چوڻ کڻي مڃ، رسامو ۽ رنج ڇڏ! پاڻ پڻ انسان آهيون. ڪڏهن ته ڪو کيل تماشو ڏسئون واسئون ۽ آساس وٺون. اڻهي وهٽن وانگي پيا وهنداسين ۽ ڳهنداسين ڪيئن؟ ڇڏ ڇانگرا، منٿ مڃ. مَن! هيءُ ماپيرو (ماهه پهريون) سومار نه، پر ٻاراهو (ٻارهن ماهو) سومار آهي. هن جي ٻولي ئي ٻي آهي، هن سومار جي ساک سرس ۽ سنوالي آهي ڇا، سڻئي؟ +نور ڀري: (ڪَرَ موڙيندي) تون ٿو چئين ته اجها حاضر آهيان. ٻه وڳا سبيا ڀريا رکيا اٿم، ڳاڙهو حلواڻ وارو وڳو ويهي ٿي وِهٽيان ۽ جيڪو سائو اوڍيل اونڌر توکي سيڀائتو آهي، سو وري کڻي اوڍي نڪرنديس. رهيو اڇو جوڙو سبوٽ وارو، سو اتي هلي پائينديس. ائين چڱو ٿيندو نه؟ +مانجهي: هائو هائو. ائين ڪجانءِ ائين. +نور ڀري: جيڪو منهنجي مور جو حڪم! ننڍپڻ جو ناتو ڇنان ته ڇوري ٿيان! +”سڀاڻي سائو سومار آهي، سڀاڻي سائو سومار آهي.“ ڳوٺ ۾ ڄڻڪ واءُ وکوڙجي، واچوڙو وري ويو. پانڌيئڙا پنڌ جو پرٻنڌ ڪرڻ لڳا. جڏهن هلڻهارڪا ٿيا ته ڀِت تي ڀيرٻ ڀوائتو ڀؤشن ڏنو: ”گهُو آ.....“. تتر به تنواريو ۽ چٻري به چرڙاٽ ڪيو ”سوڻ سٺو ڪينهي“ نور ڀريءَ جي من ۾ مانڌاڻ مچي ويو. چي، هي سائو سومار سڻائو سڀاڳو نٿو سُجهي! +هن سومار تي ٻارهن ورهين جون ٻالڪيون، سورهن سالن جون سنو پريون، ويهن ورهين جون وينگسون، پنجويهن سالن جون پوپريون، ٻڍيون ٻائڙيون، ڇوڪريون ڏوڪريون، سڀئي سُتت سهي سنبهي سينگارجي اسهيون. هوڏانهن وري ڳوٺ جا ڳوڌا: ڳڀرو ڳرٽ، ڇورا ڇٽيلا ڇانگ ڇوڪرن جي، ڪي بانڪا بهادر ۽ ٻِنڊا ٻلوان، ڪي راوت رستم ته ڪي ڪَرڙوڍ ۽ اڌڙوٽ ڪُڏ پئي ڪهاڙيون ڪلهن تي لٺيون لوڏي اُٿي هليا. مايون مجرا مڃينديون ڳيچ ڳائينديون هليون: +پيارا پِڙَ منهنجي پِيرل جا پَسبا، اڇا اڱڻ منهنجي مرشد جا وسندا. +سڀئي سوالڻيون اَڪنڊ سان اچي درگاهه جو دالان وارو در مَٽي پير جي پڙ ۾ پهتيون. پاٿاري ٺاهڻ بعد، سماع سُڻڻ ڪاڻ ساجهر ئي ڀتيون ڀري ويٺيون. ويٺي لقاءَ جو ٺڪاءُ ڏٺائون. +هيڏانهن ميڙي متي، بازارن ۾ پير پائڻ سان مَڻين مٺايون ميوا، ڪشمش کاڄا ڪيلا، ريوڙيون پتاشا، توت صوف کاشا، شربت شيرا، پلا پڪل کيرا، ڦالودا ڦُلا، گجر گدرا گَلا، نان پڪوان، ٻيڙيون پان. ڇا کائي ڇا کائجي! ڀانسالين ۽ ڀوڳڙين جون بٺيون، سَنج ساڄ ۽ لٺيون، کٿا ڪمرون ۽ کٿيون. ڇا ڇا ڏسي ڇا ڏسجي! ڪوپ ڪٽليون، برف بوتلون، چوڙا چمڪيليون، ڳانا ڀؤنرڪليون، رانديڪا ۽ رليون. ڇا وٺي ڇا وٺجي! +مڙس مڙئي ميڙي جي مزن ۾ مشغول، ميدان ۾ وَر وَر ڪري پئي وڙڪيا. +هئو مئو ٽريو. مڙس ملاکڙي ۾ هئا، پيرل پنهنجي پاٿاريءَ تي پيڙهه هڻيو، ٻالو ڀولو ٻگهلو، ٻابو ٻُڌو بڻيو وَڪڙ سان ويٺو هو. +گائلو گهٽ ڏسي، ڪامڻين قبي اندر وڃڻ جو قصد ڪيو. ڇيڏڪ ڇڏينديون، ڇيرن جو ڇمڪو، ٽهه ٽهه ٽشڪو، مرڪنديون مشڪنديون، جڏهن چانئٺ چڙهيون ته نور ڀريءَ تي ناسوريءَ جي نگاهه پئي: ڳورا ڳل، ڀورو بدن، پوشيدي پوشاڪ، ناز نزاڪتدار نڪڻي اڇي اُجري! جن کي ڪن نه جن، تن جي ڪيوپڊ جو ڪانُ ڪاپار ۾ کُپي ويس. وايون ولهليون ٿي ويس، گِگ ڳڙي اچي گوڏي تي ڪريس. توائي ٿي اک جي اهنڃ سان خاصي خليفي کي ڏهنائي ڏنائين. +خليفو خود خيانتي بحري باز هو. متوليءَ جي منشا موجب هاسيڪار هنن ڪامڻين جي ڪڍ ڪهي ويو. هنن کان حال احوال وٺڻ لڳو: ”ابا، توهين ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو؟ ڪٿي پاٿاري ڪئي اٿوَ، قندوري ڪئي اٿوَ يا نه؟ ننگر نه مليو هجيوَ ته نٽائجو نه! سائين مريدن تي ماڳهين ساهه پساهه ٿا ڇڏين. جي مريدن کي مانُ ۽ ماني نٿي ملي ته نوڪرن چاڪرن، خليفن خادمن تي ڪروڌ ٿا ڪن. توهان کي ڪا تڪليف هجي ته بيڌڙڪ ٻڌايو: ٽپڙ ٽاڙي، رلي روڳڙي، تڏو تؤنري، ڇل مَٽ، مرڳو جيڪي نه هجي سو گهري وٺو. هي پنهنجا پير فقير اٿوَ، حجاب هرگز نه ڪجو. +هاڻي هلي اچو ته زياتون ڪرايانوَ: هي سائين سَڌ سرير شاهه ۽ چاچس چمچير شاهه جون مزارون آهن، هي ٺوڪڻ شاهه ۽ ڀاڻس ٻوڪڻ شاهه ٻئي ڀاڪر پايو پيا آهن. هو پيرانديءَ کان فُلطرو فقير جي بُٺي آهي. ڀلي گل وجهونِ ۽ دعا پنونِ. هننن جي هادي سائين وٽ هيڪاندي هلندي آهي، سڄي دنيا جو دؤر سندن صلاح سان ٿو سِري ڦري. وٽانئن ڪوبه سوالي هٿين خالي نٿو وڃي. اتي جو اتي هٿن تي پرتا ڪريو ٿا ڏيکارين. +صلاح جو سبق سڻي، سڀني دليؤن جانيؤن دعائون گهريون. پڃري تي پاڻ پلٽيائون، خاڪ کڻي کاڌائون، ڪجهه منهن کي مکيائون، من مرادون مڱيائون، پوءِ پيرين پٺيريون ٻاهر نڪري پيرل کي پيرين پوڻ لڳيون. ٻين کي ته ٻه آڱريون مس ٿي آڇيائين، پر جڏهن نور ڀري نوڙي ته جهاٻو ڏيئي هٿ هٿ ۾ جهلي، آڱر جي اُٿڙي اوکڙ سان تريءَ تي تتنتاري ڪرڻ لڳس. بس اتي ئي ڄڻ نور ڀريءَ جو نڪ وڍجي ويو! +ڀنجر ڀڄي پيس، ڀئون ڀنواٽي ورتس، سرير ست ڇڏي ويس. پر ڇرڪ ڀري همٿ ڪري هن حريف هاتڪ کان هٿ ڇڙڪ ڇڪ ڏيئي ڇڏائي اُٿي. شرم کان شل، ڌڪ هڻوس ته رت ڦڙي اوسراڻ، تاڻائي تانگهائي، هٽي هٽي هلڻ لڳي. ٿڙندي ٿاٻڙندي، سلهڙ ٿي ساهيڙين سان سلهاڙجي ڀت ڀران پاڻ کي بيمار بنائي، ڪنڌ لاڙي ليٽي پئي. اوچتي چنتا کي چيتاريو پئي چيتاري. چي، مرشد ٿيو مائٽ جي مَٽ. سو ههڙيون حرامڙايون ۽ حرڪتون ڪري! سي به انهن سان جيڪي پرپٺ هنن کي هريي ڦُل سان هڪلڻ جي هام هڻندا هجن! اسان جڏهن هيڻا آهيون، تڏهن ٿا اسان سان هيڏيون اهنڊايون ڪن! سوچيندي سوچيندي، دل کي دڌڪو اچي ويس، چت ۾ چرڪا چير پوڻ لڳس. اکيون ڏسوس ته شوخ سُرخ جهڙا شمَ! بدن تي باهه جا بٺ پيا ٻرن، ڪر ڪُهڙ پيا سڙن. ويچاريو ويچاريو وسواس ۾ وساميو ٿي ويئي. چرڪو چرڪو کارون کائي، کوڙو ڀڃي اُٿي کڙي ٿي. مولا ڪو موت ڏئيس! ماڻهو سامُن تي سر ڏين، هن کي تڏي جو ترس، آئي نياڻيءَ جو به ننگ نه پيو! ماريي کي ماڳين مرجادا ڪا مرٽ ڪانهي! بنهين ڪو نبريل آهي. مايا جي موپ ۾ مست ٿيو مڇريو ويٺو آهي! مري، مولا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندو! +(هردي ۾ هٿ وجهي)، الا، هوندي سوندي به ههڙو هٻڇي هائو ڄرڪو! پوءِ مؤسو ڪري ماڻهو موڪلي مانجهيءَ کي ميڙي مان موٽارايائين. جيڪو وهلو وري آيو. +نور ڀري: مانجهي، منهنجو مٿو پيو ڦري، منهنجو من ميڙي جي مزن کان ماٺو ٿي پيو آهي، مون اڳهين اُهڃاڻ ڏنو هو مانءِ. مهر ڪر، مون کي ماڳ اُماڻ. +مانجهي: (منهن ۾ منهن ڏيئي) نور ڀري، ڇو ڇو، ڇا ٿيو، ڇو ڇرڪي آهين؟ ويڳاڻي ٿي نه ويهه، ڊپ ڊاءُ نه ڪر! چري، نه ڏٺئي ته واٺئي ويهڻ سان ورچي پئي آهين، ونجهليو پئي وهلور وڃين: +مانجهيءَ جي موڙڻ تي نور ڀري نپوڙي موڳي ٿي مرڳو کڻي ماٺ ڪئي. هن جي مونجهه ۽ ماندڪائي ڏسي، سڀني جو ساهه سوڙهو ٿي مُٺ ۾ اچي ويو. پوءِ ڪابه ميڙي ۾ ڪيڏانهن چُري نه ڦِري. +چنڊ ناسيو، چانڊوڪي چلي چڪي، انڌيري رات رڙهي، آڌي لڙهي ۽ شغل گل ٿيڻ تي هو. هي هجوم پاٿاريءَ تي پهچڻ ڪاڻ اٿي پنڌ پيو. جيئن ئي درگاهه جي دلي دروازي جي دنگ وٽ ٿيا ته بدمعاشن جي بهير، فقيري فوج جي بيک ۾ ڀؤنترا ڀپ، اوڪڙو اکيون پايو وڇوٽيءَ تي ويٺا هئا. ونگن وريل محرابين مان مونن ڀر مُڙي، ڦُڙتيءَ سان ڦيرو کائي سمورن کي سامهون ڦري آيا، جهٽ ۾ جنبي ويا. جنبي وڃڻ کان پوءِ گُٿم گُٿا، گوڙ گهمسان، ٺڪ ٺڪا، ڪاري رات اونداهي ٻاٽ، اک نه ڏسي گوڏي کي، ڌُڪن جا ڌماڪا، بانٺن جي بڇو بڇ، گهوٻاٽن جا گهاٽا گهاءَ هئا! مارا ماريءَ ۾ مانجهيءَ به مڙسيون ڏيکاريون: ڪهاڙيءَ کي اُبتو سبتو واڪيائن، واهه جو وڄايائين ۽ وهايائين. ��ها ڪَل ڪانه ٿي پئي ته ڪير آهن، ڪوهه ڪاهه ڪئي اٿن! هان هان، ڇو، ڇو، ڇاهي، ڪير آهي. هُل هنگامي ۾ هن جونجهار به ججهن جا جيرا اوجهريون ۽ آنڊا اُڊيڙي وڌا؛ پر لاڳيتين لٺين ۽ ڌوڌو ڌڪن مڙس جا ماشا منجهائي ڇڏيا. ڌڱ مڙس داٻجي رتو ڇاڻ، رت ريلا وهائيندي، مٿو ڦاڙائي، سُرت ساڃاهي، هوش حواس وڃائي، ڍرڪي ڍڪرجي، قبي جي ڪُنڊ وٽ وڃي ڪِريو. + + +مقابلي جي ماٺي ٿيڻ تي وينگس کي اچي ورتائون. جنهن جي روح مان ريهه نڪتي، ”رسجانءِ رسول رب جا“. ويرم ۾ ويري وات ٻڌي، وراڪا ڏيئي وڪوڙي، هَلر هولي مان چار ڄڻيون چونڊي برک مُک، ملوڪ مهانڊن واريون ۽ نور ڀريءَ کي ناڙي ٻوڪڙ ٻڌي، کسڪائي کڻي ويا. ٻين کي ته ٻسٽن ٻئي ڪنهن هنڌ ٻوهي ۾ ٻَجهلائي، نِلو نور ڀريءَ جي ٻانهن نيئي، ديري جو پٺيون در اپٽائي، ڪِيس واري ڪوٺيءَ ۾ قابو ڪرڻ ڪاڻ، ڏائڻ ڏونٽيءَ کي ڏنائون. انهيءَ ڪوس واري ڪمري ۾ سائينءَ جي سَڌ پوري ڪرڻ واري سواريءَ جو سامان سٿيل هوندو هو؛ پيگ پيالا، نيش نوش نِولا، مُمسڪ مسالا. پورن پنجن ڏينهن تائين رنگ رليون رِلائي، پريم جون پينگون پياري، پڃري ۾ ڦاٿل پکيءَ جون کنڀڙاٽيون کوهي، ڪام ديوتا جو ڪرٽ وهائي، ڪرم يوگي ڪنانئس ڪنار ڪندو هو. پوءِ وري ٿيندو هو نئون شوق شڪار شروع. +ڏائڻ ڏونٽيءَ جو ننڍي لاڪر نانءُ ”ٻيگهي ٻائي“ هو. وڏو پير هن کي ”واگهڻ“، ڊنل ديري واريون دايون ڀوَ کان ”درگاهه جي داروغڻ“، ۽ اڻبڻت وارا، اوڦٽو ۽ اڻواقف بُڇان کان ”ڏائڻ ڏونٽي“ ڪري ڪوٺيندا هئس: ڪاري ڪوجهي، بدو بڇڙي، هاٿڻ جهڙو حُليو، جهڙو بيگنا واهه جو بُنڊ، ڄڻ پنج واتي بلا هئي. ڦڪل سان ڦاسايل ڦوٽڙيون مورتون ماترائي چترائي، ريبي ريجهائي، متوليءَ کي مجن موجن وٺڻ ڪاڻ موجود ڪري ڏيئي پاڻ ملهائيندي هئي. هاڻيون ماڻيون به هن جي هڪڙي ئي ڇنڊ ڪڍڻ تي هيسجي سکڻي هائوڪار ڪري هلنديون هيون. ڪل ئي ڪارينديون ڪنانئس ڪؤڪنديون هيون . ڏيڍي تي ڍڳو، داٻو ۽ ڌاڪو هئس . اڙي اوڌي سائين وڏي جي سڏ تي سُر سان سُر ملائيندي هئي .ڪيتريون ڪچ- لڱيون ڇوڪريون هن جي ڇيڙ تي ڇؤنڪجي وينديون هيون. ڇو جو شرارت ۾ شيطاني شهڪارن جي سَند حاصل هيس، انهيءَ ڪري اڻهي آقائن وٽ آگهائتي هئي. +نور ڀري جيئن چورن جي ور چڙهي، تيئن سرير جو سُڌ سماءُ نه رهيس. سج اڀريو، ڏينهن ڏٺو ته پاڻ کي هڪڙي بنگلي ۾ بلائتو بند ڏٺائين. ڏائڻ ڏونٽي ڏٽا ۽ ڏکا ڏيئي چئي رهي هيس: اُٿي هٿ منهن ڌو، ماني ٽڪر کاءُ، ماڻهپي ۾ اچ. جن کان وڇڙي آهين، تن ماروئڙن وٽ تهتان وري ويندينءَ، ٿانئيڪي ٿي پوندينءَ؛ هت توکي مارڻ ڪاڻ ڪونه پر مزن موجن ماڻڻ ڪاڻ آندو اٿن. نور ڀري نستي ٿيو، مُنهن ويڙهيو، راتوڪي رڻ ٿيڻ واريءَ سودا ۾ سُتي پئي هئي. ڏائڻ جي ڏند ڪٿا سڻي، ڏانهنس اکيون اڌو گابريون اُپٽي، نفرت سان نهاري، پاسو ورائي پٺيري ٿي ويٺي. نڪا ٿي ڪُڇي نڪا ٿي پُڇي، پنهنجن ئي گوندرن ۾ گم هئي. +اوٽي تي آنٽا ڏيندي پِير پچارون ڪرڻ لڳو. ٻوليون پيو ٻولي. چي، ڏاڏو سائين ڪندو ته اڄ ڪا پدمڻي هن پڌر تي پڌاربي، پيرل کي پڙپندي، ديري ۾ پير ڌريندي! +ڏسندي ڏسندي، ڏائڻ ڏونٽيءَ متوليءَ کي اچي ڏانءِ ڏني. ڇوري پختي پڙهايل آهي، هٿناٽن، هُشين هوشڪارڻ تي هَڙپي هرکي نٿي، تڏهن به توهان جي هٿ وس ۽ هٿ جس ۾ ٿيندي، همٿ ڪري هلي هٿ ڦيريوس، هيٺانهين وٺجوس. ڪندو درگاهه ڌڻي ته ڊٻري ڍيري ٿي پوندي، توڙي جو ڇوريءَ جو خوءِ خراب آهي، ان جو خيال رکجو، باقي آهي لُڏڻ لاڏلي! +ڏائڻ جي ڏڍن ڏيڻ تي پير مرشد اٿي دارونءَ جو دُنگ چاڙهيو ۽ مڇون مروٽڻ ويٺو. جڏهن خمارن جا بخار بِرُ ٿيس ته آجهڙجي اٿيو، گينوار ۾ گهِڏندو گهِرڪندو، گيهرَبو صفي سامهون ڪوس واري ڪمري ۾ ڪُڏي پيو. اندر اچڻ سان ڇا ٿو ڏسي ته نينگر پلنگ بجاءِ پٽ تي گيرٽ پيئي کائي. اکيون اُڀ ڏي اٿس، بي ڳهني ڳالهيون پئي ڪري. متوليءَ جو منهن ڏسندي ئي مٿو چڪرايس، اندر جو آلاپ آيس ”الا“! هيءَ ڪا گهاڻي گهتيل ئي متوليءَ جي آهي! تڏهن به ڌيان ڌاري، ڏُکندو ڏاڍو ڪري هلي اوري آئي. +نور ڀري: (ڏُکاري ٿي) منهنجا مرشد سائين سڳورا، منهنجي ڀاڳين توکي الله کڻي آندو آهي! الاجي ڪهڙن ڪميڻن مون کي ڇانگ کان ڇني هتي آڻي قيد ڪيو آهي. آيو آهين ته مون کي هن ڪونڀ مان ڪڍي ٻاهر ڪر. بند کان بچاءِ، پيڪن پهچاءِ. تون ٿَڪن ٿاهر، ڏُتڙين جو ڏڍ آهين، هِن دنيا ۽ هُن دنيا جو داڙوُ ۽ درمان آهين، هيڻن جو حامي. سڏيءَ سَڏُ ڏيڻ وارو آهين، اوکيءَ ۾ اڙياتن جو آڌار آهين، واهر وسيلو آهين. (وڌي پيرن تي ڪريس ٿي) مون بي وڙيءَ سان پنهنجو وڙ ڪر، تون ئي نِڌر جو ننگ آهين، تنهنجي ئي ابي ڏاڏي جي اگلي اُمتياڻي آهيان، مون کي مائٽن سان مِلاءِ! سائين آهين، سردار آهين، هر وقت حاضر آهين. (اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿي) +متولي اول ته سِسو وسو ٿي ويو، متيون منجهي ويس ته ڇا ڪري، پر پوءِ پڪو منهن جهلي، خنڪيءَ سان کنگهار ڪري، هن کي پيرن مان اُٿاري، ڳراٽي پائي، ٻوٿ کي بوڇڻ آڏو ڏيئي، دڙ دلاسو ۽ آٿت ڏيڻ لڳو: +متولي: مڇڻ دلگير ٿي آهين، گهٻرائي هيرائي نه، متان هئيسان هوري ڪرين، ڊپ ڌيڄو ڪومَ ڪر، اُڀساهي ڪين وٺنئه، ساهه پَٽ، سامت ۾ اچ! آءٌ تنهنجي طلبڻ تي ڪٿان کان ڪَهي، پنڌ پئي، پڌاريو، پرگهٽ ٿيو آهيان. تنهنجو سڏ سئو ڪوهه تي سُئم! انهيءَ وچ ۾ ڇوڪريءَ کي ڀاڪر ۾ ڀچائي، متولي ٿڌڙا ڪڍڻ ۽ ڪتڪتايون ڪرڻ، هٿڙا ڦيرڻ، مُموءَ ۽ مسامن کي مساس، جُثي ۽ جسم کي مهٽ مروٽ ڪرڻ لڳو. جنهن تي جَلي، نور ڀريءَ ننگائتي نموني چيس: +نور ڀري: تون منهنجو مرشد مائٽ آهين، آءٌ اهڙي ڪانه آهيان، حياءُ ڪر، شرم ڪر، ننگائتو وڙائتو ٿيءُ! مون سان مرم واري مشڪري نه ڪر! الله جي نالي هٿچراند ڇڏ، توکي سُنهن آهي سچي سائينءَ جو! پنهنجين نياڻين سياڻين وارو آهين! +متولي: مان توکي اوليائن جي امر ڌاران ستائي نٿو سگهان. اڄ تو ڪاڻ جيئن درگاهه مان دعا گهرڻ ويس، ته هاتفي حڪم ٿيو، ته انهيءَ نينگر سان نڪاح ڪر، اُن مان تنهنجيون ست پيڙهيون سِرجنديون، ولين جا وصي وارث پيدا ٿيندا. هت نِمُن جون ڇائون ۽ درگاهه جون دعائون هُت حورون هندورن ۾ لوڏيندءِ. جنت ۾ جايون، ٻيو ڇا کپئي! اهو تنهنجو احسان الله لوڪن تي ٿيندو. ڇا ٿي چوين؟ نڀاڳي نه ٿيءُ، وجهه نه وڃاءِ، اڄ ئي الله وٽ اگهائي ويندئين! ائين چئي چُمي ڏيڻ ڪارڻ وات پٽي ڳوريءَ جي ڳل کي ڳٽيائين ته دارونءَ جي ڌپ ڪوٺيءَ کي ڪنو ڪري ڇڏيو. ڇوريءَ ڇال ڏيئي جند ڇڏائي، پري ٿي، پلنگ جو پسر سوڌو پاڳو سٽ ڏيئي اکوڙي، سوگهو جهلي نور ڀريءَ نعرو هنيو: هلا ٿئي حرامي، ڪامي ڪُتا، شهوتي شيطان! ڀورڙين کي ڀرمايو، ڀُلايو ڀنڀلايو اٿئي! ڪنهن ڪاري ڍڳي جي قيمت ڪٿڻ واري ڪامڻيءَ سان ڪم ڪونه پيو اٿئي! پوءِ پِڙ ڪڍي بيٺس، پاڳي جي پاهن سان پيٽ ۽ پٺن تي پنبي کڻي ٻڌائينس. بَمڪايو پئي بمڪايائينس! پِير به سور پِي، سونٽا سهي، ٻانهن آڏي ڏيئي، جوانيءَ وارو جوش ڏيکاريو؛ ٻِڌ ڏيئي، ٻيئي ٻانهون جهلي، ارهه ۾ اوراٽي، ڀانيو ته پاڳو ڦري، ٻکن ۾ ٻيڻو ڪري، دسي، ٻُسي ٻوساٽي ويهانس؛ پر هن به دسجي ڊهڻ کان مهند ٺاهي ٺوڪي، ٺڪاءُ جو مترڪو مغز ۾ ڪرايس، ته رت ڪُتائي نه چٽينس! اصل رت جا ريلا، گهاءَ ۾ گهارا ! اهو ڏيک ڏسي، ڏند ڀيڙي، چپ چَڪي چوريائين ”ننڍپڻ جو نينهن ڇنان ته ڇوري ٿيان!“ ڏمر کان لاڻي وانگيان پئي لُڏي، ڪايا پئي ڪلپيس ۽ ڏيل پئي ڏڪيس. تپي تپي ٽامو ٿي پئي. هوڏانهن ٺٺ ٺانگر وارو پير ٺاپر ڪري، ٺومڻي ٺپائي، ٺينڊيون ٽمائيندو، رت جون ريڳاڙيون ڳاڙيندو، گهوڙا گهوڙا ڪندو، ڊوڙي نڪتو در کان ٻاهر. اڱڻ تي اچي واڪو ڪيائين: ور ڙي واگهڻ ور! اچي مرشد جو منهن ڏس! رت ڌئار! +ديري ۾ دانهن ٿي، هُل هُلاچو هُلي ويو، پڙلاءُ پئجي ويو: پيرَ پدمڻي هٿان پادر کاڌا ڙي، پير پادر کاڌا! +پير به پُرجهي ويو، وري ڪُداچت ڪوٺيءَ ڏي ڪياڙي به ڪين ڪيائين. واگهڻ واري وسائيندي آئي. +واگهڻ: (رت ڏسي) قربان وڃان، هيءُ ڪهڙو قهر ٿيو؟ ڪهڙي ڪميڻيءَ پنهنجي قيامت ڪاري ڪئي. هاڻي! شل هنڌ ٿئيس! +متولي: (رت اُگهندي ۽ سور کان سيسڙاٽ ڪندي) انهيءَ گڏهي گُڏيو اٿم. راتوڪيءَ رُليل، تو واريءَ لُڏڻ لاڏلي! +ڏائڻ ڏونٽي ڪروڌ ڪاوڙ ۾ ڪاري ٿي، ڪست مان ڪاهي ڪوٺيءَ ڏي وڃي (ڀونڊو ڏيئي) لخنالت (لک جي لعنت) هجئي چئي، نور ڀريءَ سان نوڙ ٿي ويئي. لتون، لپاٽون، چڪ، چنبا چماٽون، ٿُڪون مُڪون، ٿڦڙ ٿڦاڪيون هڻي رت رت ڪري رکيائينس. +واگهڻ: رن رنگيلي، روَ ڪيا اٿئي! چگهن جي چاڳلي، وڌءِ کانجهاڻو ڪيئي خچر کلو! منهنجي مرشد موتيءَ جي داڻي پير پارس کي لوهوءَ ۾ لال ڪري ڇڏيئه، ڪچو نه کائي ڇڏيانءِ! ڌيجان ڪميڻي، ڪسيرڪ ڪنهن جاءِ جي! تون شاهن سان ٿي سينو ساهين، اُگهتي آهين؟ هتي اچيو ماڻهو من جا مطلب مڱن، کير پُٽ پنن، دين ايمان لاءِ دعائون گهرن، اگها سگها ٿين، تن جا درد دفعا ٿين، ڀليلن جو ڀلڪارون بخش ٿين، سمي پاڻي سڻڀا، سکيا ستابا ٿين. تنهنجي ستياناس ٿئي! تون آئي آهين پاڻ پٽائڻ! پنهنجي شڪل شبيهه به سڃاڻ، اول انهن جي جتيءَ جکات جهڙي آهين؟ کٿڙيل کوٻلي، ڪن ڪري ڇڏ، جيستوڻي، سائينءَ سان سؤنتري سرچي پرچي پرڀي پير نه ڀريندينءَ، تيستوڻي ڏسج ته آءُ تنهنجي ڪهڙي نه سوڪ ماني ٿي پچايان؛ جي تنهنجون ٻيئي اکيون انبورن سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي، ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڪتن ڪانگن کي نه ڏنيم ته منهنجو نالو لاهي ڪتيءَ تي رکج! هيءَ بڇڙي بلا آئي آهي بادشاهن سان برميچڻ! ريجالي رانٽي، گنگان تان گَهي، پو ٿو ڏياري، چو تو چاڙهي، سونَ جو سونگو، چيلهه سان چهٽائي، اجها هاڻ اچي لٿي آهي! +ائين چئي، دڙي داڦي، گاريون گند ڏيئي، ويڻ وائري، وڃي سائين چچريل شاهه جي چاڪري کي لڳي. +هوڏانهن پوري ڏهين ڏينهن، ويڄ وٽ وات ۾ حب مٿان پاڻي پيئندي، مانجهيءَ اک پٽي. مائٽن ۽ سنگتين شڪرانا ڪيا. مانجهي منجهي منجهي ماندو ٿي پڇيو: ته ماسي متاري کي نورڀريءَ وارين جي ماجرا جي ڪا معلومات آهي ڪي نه؟ ٻين چيو. هائو، چوي ٿو ته مانجهي مرد جاڙ وارو جوان آهي، پنهنجي عزت عرش مان به اولي آڻيندو؛ پر چاڪر چوي ٿو ته مانجهي مرڳو چئن ڏيهاڙن ۾ چاق چڱو ڀلو ٿي اٿندو. هاڻ ماٺ ڪر، من نه هڻ! اسان هڙئي توسان همراهه آهيون. نورڀريءَ ۽ نارين کي نوسي نوسي نهاري، نظاري نروار ڪنداسون. جن حرامين هيڏي حرڪت ڪئي آهي، تن جا گهينگها گهٽي، رنون رولي پاڙون پٽينداسون. سموري سنگت ساهه جو سانگو کڻي، سچي ٿي بيٺي آهي. سرن وڃائڻ سميت شامل آهيون. +نورڀريءَ جي نهوڙجي نگهوسار ٿيڻ مانجهيءَ جو من مايوس، ننڊ حرام ڪري وڌي هئي. سو سِگهو سَگهو ٿيڻ، ڪرائيءَ قوت وٺڻ ۾ ڪو ويلو وقت لڳي ويس. +هڪڙي رات هند ڇڏي، هيڪلو... پير پاريٻو ڪري دلداري دلبري ڏئي، هن کي ٽارڻ جو ٽڻ ٻڌو، +متولي: يار، توکي ڪهڙي ڪل! ان رات کان وٺي اسان کي انَ پاڻي حرام آهي، ڪنڌ کڻڻ جهڙا ڪين رهيا آهيون. گودڙيي جي گام مان گجرون گنئون ٿي ويون آهن. ميان، ڪهڙو امن امانُ دين ايمان رهيو. اشرافن جو اولاد ڪڏهن ڪاڻ هت ڪين ايندو، موراهين مڃتائون ڪين مڃيون، نڪي سکائون سکيون. اصل ڌرتي جاءِ ڏي ته ڍري پئون! ابا مانجهي، مولا تي رک، سائين سڀ جي سولي ڪندو. توهين اسان جا پراڻا پوئلڳ آهيو. توهان جا ٻچا، سي اسان جا ٻچا. جيستائين حد جي هڙني لچن لوفرن کي لاڪب ڪرائي، حق وارن کي حق نه ڏياريان، تيستائين مون کي داڻو ڪڻو کائڻ ’حي‘ حرام آهي. تون وڃي گهر سکيو ٿيءُ. آءُ توڏي ماڻهو منجندس. بابا، پڪ سان وسِهه ته اها تعدي توهان سان نه، پر اسان سان ٿي آهي. +مانجهي مرشد جا منهن مکان ٻول ٻڌي ٻاهر آيو. ڪو وقت ڳهيلو ڳوٺ جون ڳليون ڪوچا، ڪنڊون ڪڻڇا، تڪڻ جهوتڻ ۽ پڇائن ڳاڇائن ۾ رڌو رهيو: من ڪو پرينءَ جو ڪٿان پار پتو پوي! +چوڌاري چاري پئي چليا. ڪير ڪڇي، ڪير ڪَل ڏئي ته انهن ديني درسگاهن ۾ اڻهي آپدائن، ويڌنن ۽ ويلن جا درياهه ٿا وهن، جن ۾ ڪيترن ڪمعقل ۽ ٻُڌو ٻچڙيوالن جا ٻيڙا ٻڏندا ٿا رهن. +ٻه ٻانهيون پاڻ ۾ لهواريون اوڀاريون .... ڪنديون، مانجهيءَ وٽان اچي مٽيون. +پهرين: آهي مڙني کان ملوڪ چون ٿيون ته ماڳهين مڃي نٿي، ڪنڌ ڍاريو اوڳي ٿيو پٽ ۾ پئي آهي، نڪي ٿي ڳالهائي نڪي ٿي کائي پِئي. ائين پئي آکي ته ”ننڍپڻ جو ناتو ڇنان ته ڇوري ٿيان!“ +ٻي: تڏهن ڇوري ڪنهن سان اڳهين اٽڪيل آهي. پر ڇوريءَ سان ڇيهه لڳا پيا آهن. هن کي خاوند خدا نويڪلو پنهنجن هٿن سان خود ويهي ٺاهيو ٺپيو آهي! سهڻيون سوين سُٺيون ٻڌيونسين؛ پر واهه ڇوڪري تنهنجا ورن اکيون انبور، نڪ نيلوفر، صاروفن سُٿري. چوانءِ ٿي ته تور تُريا پيا اٿس! +پهرين: جوءِ اها جنهن جي جوءِ واکاڻ ڪري. پير جي بريز بريز پئي پوي. چي، پرڀائي پرسن ڪري، پريم رويي پاٿاريءَ تي پهچائي ڏيوم. +ٻي: مائي، اجها آئي رهي. هت هر تالڻيون به هيسجي حيا وڃائي ويٺيون، ڪيتريون سورميون سورٺون به سيل سٺ سٽائيندون رهيون، ڪلهڙيون ڪونڌريون به ڪُسي ويون؛ سو هيءَ ڳلن ڳاڙهي ڪٿي ٿي ڏنگن ڏنڀن جي ڏهڪاءُ کان بچي! +اها سس پس سڻي مانجهي به ڍونگ ڌاري ڍرڙو، اويسلو اوڳو ٿي ڀين جي ڀر ڏئي اڳڀرو سجهائتو سرندو، ڳالهين تي ڳهن ڏيندو، گهلبو گسرندو ويو. +پهرين: مون کي به ڇوڪري هانءَ ۾ گهڙي ويئي آهي: ڳالهائي ٿي ته جهڙو چيهو پيو چانگاري! پاڻي ٿي پيئي ته نڙيءَ مان ٿو نڪريس! سهڻي جهڙا سڻيءَ جا گل! هٿين پيرين ارکڻي آهي. ناز به اهڙو اٿس جو ڪُر ٿي کڻي ته ڪرائي ٿي ڪڙهيس! +ٻي: ائين تون به نه چئو. جهنگ جي جاٽولي، مارڻي مينهن آهي. پير جي ته پادرن سان هڻي پرهه کڻي ڇڏي اٿس! +پهرين: الله ايمان ڏنو اٿس، هران ڀران ڇوري ڇيڳري ڪانهي. +ائين قصا ڪٽنديون ڪًوتون ڪنديون، حويليءَ ڏانهن هليون ويون. +اهي سمڪون سڻي، مانجهيءَ کي پوري پڪ ٿي ته هن جي هينئين جو هار، ساهه جو سينگار، روح جي ورونهه، هن دولابيءَ جي ديري اندر آهي. هاڻ هٿ ڪيئن ڪجي؟ +وراڪو ڏيئي، هن ڪچهريءَ ۾ وري وڃي گوڏي ٻيڪڙ ڪئي، +متولي: (وائڙو ٿي ) ابا، ڇو وري واهڻ ڪونه وئين ڇا؟ +مانجهي: سائين، ٻانهن جو ڏس پتو هتي ئي مليو ويو آهي. تڏهن ته توهان وٽ وري وارو ڪيو اٿم. +متولي: (اٻهرو اتاولو ٿي ) ڪٿي ڪٿي، ڪنهن وٽ؟ مون کي ڏس ته ڏي ته ماري سُڌيون ڏيانس! +مانجهي: مون کي اوهان جي ڪوڙن جي ڪًل پئجي ويئي آهي. اسان جون ٻانهون ڏائڻ ڏونٽي ڏيڍيءَ ۾ ڏُڙ پيو ويٺي آهي. +متولي؛ (اکيون ڦوٽاڙي) خبردار! يخ بڪ بند ڪر، ڏيڍيءَ جو ڏنڀ نه لڳئي، ادب ڪر. سمجهين سوچين ٿ�� ته ڇا ٿو چئين. اشرافن کي عيب ٿو لائين؟ ماڻهو آهين ڪي....؟ +مانجهي: هائو، ڀليءَ ڀت ڄاڻو سڃاڻو ٿا. اوهان جو مريد آهيان. ڀلائي ڪري ٻانهون ڪڍي ٻاهر ڪريو. سر هڪڙو آهي ٻه ڪينهن، سو به صدقو لڄن تان. +متولي: ڇتو ٿيو آهين ڇا؟ اسين ولي تي ويهي، اهڙا ڪُڌا ڪم ڪريون ته هيءُ ڪانيون ڪرامتون ڪيئن هلن، نذر نياز ننگر ڪٿان اچن؟ اسين تُتبا تڏهن ڪريون، جڏهن ڪا خير کوٽي، جوف جو کائي هجي. الله جو ڏنو تنهنجي مرشد وٽ مڙئي ڪجهه آهي. سڻايئين ٿو ته هت پار پئي وهي! اسان تي گُٿا، گستاخيءَ جا گفتا نه گهڙ! +مانجهي ماڳهين مڇڏ بوهي ٿي بيٺس. ويڌن کي وريو وريو ورجائي، دک درد کي دُهرايو دُهرائي. +مانجهي: (هيٺانهين وٺندي) مرشد مٺا، ٻنهي جهانن جو جهالو مهڄر (محشر) جي ماڙ آهين. مُهت ڏينم. چڱن کان چڱايون ٿين، تو بنان ڪنڌي ڪانهي. نبيءَ جي سونهاري سٿ جا سڀاريل، عيبدار امت جي پارت سپارت آهيون. مون کي ٻانهون اُڀ مان به اُڍائي اَڻائي ڏيو. ڪرم ڪريو، تون پهتل آهين! +متولي: ڪنهن ڪافر توکي چوري چريو ڪيو آهي؛ اسان جي دشمنن توکي دلبو ڏنو آهي ته پيرن جا اپليا پرڪار پريندي پڌرا آهين. سو اهو پيرن جو پٽيو قيامت ۾ انڌو ٿي اُٿندو! جنهن گلا جو گانگهو تنهنجي گلي ۾ گهٽتيو آهي، آءُ چوان ٿو ته انهيءَ تريءَ تيل ناهي، تون ڌيان ڌار! +مانجهي: توهان کي سائين سگهه ڏني آهي، توهان جون ٻانهون ڊگهيون آهن، جي نورڀريءَ سوڌيون لڄون، تنهنجي نيهي نُک ناهن ته ڪنهن لَڇ لانبڙ جي لڙهه لڳيون آهن، ته انهن کي ڏڏوڏيڪر، مار موچڙو ڪرائي، نور ڀريءَ واريون نهارائي ڏيئي نوازيم. هن کان پوءِ آءُ جڳ ۾ جِي جالي نه سگهندس: ٺُوڙ ٿُڪون هڻندم. سنگتي سِٺيندم سُوٽيندم، ٽرڙا ٽوڪون ڪندا ته لڄون لوئائي لُٻائي،لل لنوائي، لوليو لورو ٿي آيو! اوهان جو ڳُڻن ڳڌو ٻانهون ٿي رهندس، اوهان جي ٻڙڪ تان ٻلهار پيو ويندس. +متولي؛ بنهين ڪو بي گُنو، نڪ وڍيرو نِرڄو ٿو ڏسجين! ڪُڏ ڪري آيو آهين اسان کي اوڀالا، ڏوراپا ۽ ڏوٻاسا ڏيڻ. ٻوٿ ٻڌ، هران ڀران هلائون نه ڪر، نڪي ٻاڦ، نڪي داڦ! وڃي ووڙ! پسوري پڌري نه ڪراءَ! اسان درويش، دنيا جي دوکن دلبن ۽ دورنگي چالن مان ڇا ڄاڻون. منهنجن ملائڪن کي به مام ڪونهي ته نوري ڇاهي ۽ ناري ڇاهي! +مانجهيءَ منٿون ميڙون، ڪهڪائجي ڪِيرتون ڪيون، آزيون نيازيون ايلاز ڪِيا، ليلايو ستايو، ڏاهُون ڏيئي ڏانايو، پيرين پئي هٿ ٻڌي ٻاڏايو. رُنو رڙيو، پر ڪجهه به نه وريو؛ تڏهن چڙي چوڻ لڳو: +مانجهي: جي اسان جا ننگ ۽ نورڀري نٿا ڏيوم ته آءُ به بدمعاش بي گرو بي پيرو آهيان، جئين وڻيو تئين ڄاڻو؛ ڪمذات ڪميڻو ڪسيرو آهيان. اڄ ساهه کان آهو پليم؛ ”سر صدقو لڄن تان!“ +متولي؛ چڱو چڱو! تنهنجن ڀڀڪين کان بنهين ڀؤ ڀانيم! ڀڄي وڃ، چارئي واٽون ويڪريون پيون اٿئي! جيڪا ڪاهڻي هجئي سا وڃي ڪاهي، ٽارو اٿئي جو ٽريو آهين! +مانجهي مرشد تي نااميديءَ جي نگاهه وجهي اٿيو. ڪِلي ڪنڌ ۾، سنئين ڳاٽ اُچاٽ، سيٽجي سُواٽو ٿيو. پنهنجيءَ پر ۾ جک ماريندو، چمڙي چڪيندو، سِٽون سٽيندو، ڦڙدي تان ڦانۡ ڦهڪو ڪري هيٺ ڪِري، وڏي وڻ وٽ ويهي وًهِي واچڻ ويٺو. +”ميان مانجهي، مرشدن جي ميڙن ۾ اهي مهميزون ۽ مصيبتون ٿينديون ئي رهن ٿيون. انهيءَ ڪري ٽوٽن کان ٽهي، سڀڪو شريف پرڀرو پاسو ڪريو پيو هلي. هي شير شاهه جا شڪرا، تيسمار خان ٽڙيو پکڙيو وسوڙلن کي وگهه وجهندا ٿا وتن! ڪنهن ٽِڻي ٽامڻيءَ کي طاقت ناهي جو دادلي درگاهه مان، پير روشن ضمير جي پِڙ مان، اسان جهڙن آسن اميدن وارن جون وينگسون، سچائي صدق وارن جون صورت��ن، پريدن ملاقاتين مان ڪو زوراور زيارتي کڻي ۽ کڻائي وڃي، ٿي نٿو سگهي! وڃي ڪو بلو ڀيڻي ڪر. اهو جهان خان، تنهنجو نبيرو هر گز نه ڪندو. ويٺي ڪين ورندءِ، وڃ وڃ، وقت نه وڃاءِ!“ +گهڻيون گهڙيون ڪين گذريون ته ڪن شاهينگن، ڪيڪان ڪڏائي، ٽپهريءَ ٽاڻي، هڪلي اچي ڏيڍيءَ کي ڏنئون ڏنو: مفتخورا ماري، خفا خون ڪري، اک-ڇنڀ ۾ اپڇرائون، الهه تلهه، سون مين، سيلونتيون، سندريون، ڳوٺن جون ڳوريون، گام جون گُجرون، جيڪي گشن ۽ بهاني بازيءَ سان اندر ڪرم يوگين جي ڪوٽن ڪڙولن ڪرفن ۾ قيد قابو هيون، جن کي ڏنجهه، ڏنڀ ڏنگ ڏيهاڙي ڏيندا هئا، ڏک، ڏولاوا ڏوجهرا ڏسي رهيون هيون، جيڪي رماڪن تي روڪايل رکاتون ۽ حق بخشايل، سدا لاءِ خانداني تُرم ڪاٽي رهيون هيون. حويليءَ جون هڙئي دايون ٻانهيون ٻڌي، بغلن ۽ ڀاڪرن ۾ ڀري، ڪڇن ۾ قابو ڪري، کنڀي کڻي ويا. تيڏانهن تم ٿيا، جيڏانهن کان جُلهه ڪئي هئائون. + + +علي بابا ڪارونجهر جي ڪور +]اڻٽيليڪاسٽ ٽي-وي ناٽڪ[ +]ڏيک-1، آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا[ +]ڪئميرا Long shot ۾ پاريسر جي ڳاڙهي ٽڪريءَ مٿان، سج جي شعاعن جا تجلا ڏيکاري ٿي. (Sound effects مورن جي راڙ وغيره ) پاريسر جي ٽڪري سج جي روشنيءَ ۾ آڳ اُلا رفليڪشن ڏئي، ٽانڊن جيان ٻرندي ٿي نظر اچي، ڄڻ پرٿويءَ تي ٽانڊن جا پهاڙ پکڙجندا ٿا وڃن. يا ٻرندڙ جبل ٿڌو ٿي رهيو هجي. ڪئميرا پين ڪندي، پاريسر جي ٽڪريءَ تان ڦرندي، ڏکڻ ۾ ڪارونجهر پهاڙ جي اوڍر ۾ ننگر پارڪر شهر جو حسين منظر پيش ڪري ٿي. موسيقي Bang سان تکي، ٿرٿلي جو تاثر اُڀاريندي ٿي وڃي. ڪئميرا ڪارونجهر جون گمڀير انگاس چوٽيون ڏيکاري ٿي- چوٽيون، چوٽين مٿان دونهاٽيل چوٽيون. ڪٿي ختم نه ٿيندڙ چوٽيون، اُڀيون، اًڏيون ترڇيون، سج جي روشنين ۾ تجلا ڏيندڙ، رفليڪشن پيدا ڪندڙ. انهن ئي چوٽين مٿان Title ”ڪارونجهر جي ڪور“ اچي ٿو. +ٽائيٽل جي آخر ۾ ڪئميرا پين ڪندي گوڙ ڌرو نديءَ جي پهاڙي ڇوڙ واريءَ خوبصورت مهاڙ تي اچي ٿي_ ڪارونجهر جي هر شيءَ سپني سمان ٿي لڳي. جيئن ئي ٽائيتل ختم ٿئي ٿو، ڪئميرا جسوڌن کي ويڙهيل اخبار هٿ ۾ کنيو، خوشيءَ مان اتاولن جيان ڊوڙندو ڏيکاري ٿي. هو بي انتها خوشيءَ کان سهڪندو، زمين کان ٻه فٽ مٿي ڄڻ اڏاڻو ٿو وڃي. (Happy dreaming effect in slow motion) ڪيمرا Long shot کان Zoom in ڪري، کيس گوڙڌرو نديءَ جي مُهاڙ ڏانهن ڊوڙندو ڏيکاري ٿي_ پريان، نديءَ جي دُٻن ۾ ڪجهه ڌوٻي ڪپڙا سٽيندا ٿا نظر اچن_ +(Slow motion cut) +ڪيمرا جسوڌن کي پوري طاقت سان خوشين مان، پيرن جا پڙاڏا ڇڏيندو، گوڙڌرو جي مهاڙ ڏانهن ڊوڙندو ڏيکاري ٿي _ ڌوٻي ڪپڙا ڌوئڻ ۾ مشغول ٿا نظر اچن. +جسوڌن پوري طاقت سان ڊوڙندو هڪ جهوني ڌوٻيءَ کي خوشيءَ مان ڌڪ هڻي ٿو. هٿ جي زوردار ٿڦڪي[ +جسوڌن: ڪاڪا روڻيا، توهجو جسو پاش ٿي ويو پاش ... ڦس ڪلاس پاش. +] جسو بنا بيهڻ جي، ساڳيءَ طرح پري گوڙڌرو جي سڪل ڦاڙ مان ڊوڙندو ٿو وڃي. +ڪيمرا پوڙهي راڻي جي بيڪ سائيڊ کان جسوڌن کي پري ويندو ٿي ڏيکاري. +ٻيا وڏا توڙي ننڍا ڌوٻي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ ماپيا نٿا سمائن _ [ +(اوچتي ڌڪ سان ڪجهه به نه سمجهندي، ڪاوڙجهندي ) +راڻو: يي ڇورو ڇورو، آپ زورو _ ڄڻ گهوڙي ويائي ٿس. اسان مڙهن سان ٻلهاڙا ڪري. +(خوشيءَ مان ) +هڪ ڌوٻي: ڪاڪا، اڄ نه ٻِلهاڙا ڪيندو ته ڪڏهان ڪيندو. جسو پاش ٿيو آ. +(اچرج مان ) +راڻو: ڇا؟... +ٻيو ڌوٻي: ڪاڪا، جسو پاش ٿيو آ. +(نٻاڻ خوشيءَ کان دعا لاءِ هٿ ڦهلائيندي ) +راڻو: جسو پاش ٿيو آ _ هي موجا رب پاڪ، توجا لک لک شڪرانا، گريبان جو ڇورو پاش ٿيو آ. جتيم _ اي رب رزاق شڪرانا. +(خوشيءَ مان، ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي، ٺڪرا��ين سلفي ڪڍندي ) +ٽيون ڏوٻي: واهه ڙي جسو واهه ... جَس هجئي ... بابا جسوڌن ڪير سڏائي ... +ٻيو ڌوٻي: ڪاڪا، اڄ ته مِنٺاڻي لڳي. +(مُڇ کي تاءُ ڏيندي ) +راڻو: اڙي مٺاين جا گاڏا ... کُٽل هون، تڏهن ڀي کانُ هون ... +Cut +] ڪئميرا جسوڌن کي گوڙڌرو جي ڦاڙ مان خوشيءَ مان ڊوڙندو ڏيکاري ٿي. +جسوڌن خوشيءَ مان سامهون کان ڪاٺين جي ڀرڙي کنيو، ايندڙ اڌ روٽ ڪولهڻ جي ڀريءَ مان جهلي، کيسا ڦيرائڻ لڳي ٿو.[ +(پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي ) +ڪولهڻ : هي هي، ڇورا ڪار منهان توجو ماٿو ڦريو آ. +ڇمڪي : اڙي جسو، کُدا تهجو کانو کراب ڪري. توهجا هٿ سُجندا، او جسو، کُدا ڪيندو ناپاش ٿيندي _ نوڪري ڪانه مليندي ... انگريچاڻي زال ڇا، ڪُتي به ڪانه مليندي ... +(جلدي جلدي هيٺ مٿي ڪريل، ڦهليل سڱريون ۽ کئونر چونڊيندي، منهن ڀيلو ڪري ) +ڇمڪي: اونهن ... سڄو ڏينهن وڻان ۾ لڙڪي لڙڪي سڱري سڱري ڪري چونڊي _ هڪ ئي ڌڪ سان هاري ويو _ نُگرو، اونٿڙو ڏيڻ، ڏئونت ... ڀلو پٽ پانس ٿيو آ! +(ڇمڪي سڱريون چونڊيندي، ڇٻيءَ ۾ وجهندي ٿي وڃي ) +Cut +] ڪئميرا جسوڌن کي پوري طاقت سان ڪارونجهر جي وچ ۾، ڪارونجهر جيڏي اُتانگهه ڀِٽ جي چوٽيءَ ڏانهن ڊوڙندو ڏيکاري ٿي. هو سهڪندو مٿي، ساڙڌرو جي جهرڻي ڏانهن چڙهندو ٿو وڃي. ڪيمرا سهڪندڙ جسوڌن جي سائيڊ کان ساڙڌرو جي جهرڻي جو حسين منظر پيش ڪري ٿي. جهرڻي جو پاڻي ڏاڍي گمڀيرتا سان هيٺ ٽِمندو ٿو وڃي. سهڪندي، اٿاهه موهه مان جسوڌن واڪو ڪري [ +جسوڌن : او ساڙڌرو جا جهرڻا، تهجو جسو پاس ٿي ويو ... +(ويڙهيل اخبار لهرائيندي، سهڪي سان ) +جسوڌن: او جهرڻا ... جسو پاس ٿي ويو آهي. +(Echo Sound Effects) +جسوڌن جو آواز اُتانگهه چوٽين سان ٽڪرائجندو، پڙاڏو پئدا ڪندو، پري پري تائين چوٽيءَ چوٽيءَ ٻُرندو ٿو وڃي. +جسوڌن وڏي سهڪي ۽ اٿاهه موهه مان جهرڻي ڏانهن نهاريندي، الائي ڇا سوچيندو، نهار ڦيرائي، ساڙڌرو جي قديم ٽڪاڻي، ننڍڙي اسڪول ۽ پوءِ هيٺ، پهاڙ جي حسين وڏي ويڪريءَ، هزارين فوٽ ترائيءَ ۾ نهاريندو ٿو رهي. +(Back Side Shot) +ڪيمرا long shot ۾ ترائيءَ جو حسين منظر پيش ڪري ٿي. ترائيءَ جي تلاوَ مان پاڻي ڀرڻ لاءِ رٻارين جون عورتون ٻيلهه ٽيلهه گهڙا ۽ تجلا ڏيندڙ گهاگهرون کنيو، پاڻي ڀرڻ لاءِ اينديون وينديون نظر اچن ٿيون _ پري پري تائين فضائن ۾ مورن جي راڙي جا آواز، ڪارونجهر جي چوٽين سان ٽڪرائيندا، پڙاڏو ڇڏيندا ٿا وڃن. +(Sound Effect ) +جسوڌن خوشين ڀريل اونهون ساهه ڀري، ڏاڍي گمڀيرتا سان، هيٺ وڌڻ لڳي ٿو. هيٺ ٽِڪائي واري ساميءَ ڏانهن، ڏاڍي ادب ۽ نياوَ ساڻ. +] ڪيمرا جسوڌ کي ڪٽ ڪري، تِڙڪي تي ويٺل، وڏن وارن واري گمڀير ساميءَ کي ڏيکاري ٿي[ +(ڏاڍي ادب سان، خوشيءَ مان ) +جسوڌن: بابا ... آئون ... پاس ٿي ويس ... +] ساميءَ جي چهري تي کن لاءِ مرڪ پکڙجي وڃي ٿي، سندس چهري تي خوشيءَ جا هڪڙا تهه لهندا ٻيا چڙهندا رهن ٿا[ +(عجيب خوشين ڀريل آواز سان ) +سامي: جسو، مون کي اڳيئي خبر هئي ته تون پاس ٿيندين، علم ته تنهنجي نراڙ تي لکيل آهي، مبارڪ هجئي جسو. +جسو: مهرباني ... +سامي: جسو، هڪ نه هڪ ڏينهن، اهي ڏولاون جا ڏينهن اُلهي وڃڻا آهن. بس رڳو ماڻهوءَ کي پنهنجي ڳال تي اٽل رهڻ کپي ... شاباس هاڻ ڀلي گهر وڃ ... اها خبر ٻڌي تنهنجي ماءُ ڏاڍي سرهي ٿيندي __ +(هڪ وارو وري ڪنڌ جهڪائيندي ) +جسوڌن: مهرباني ... +] جسوڌن اُتساهه مان هيٺ ترائيءَ ۽ پهاڙ جي اوڍر ۾ چؤنرن ڏانهن نهاريندو، پري پاڻيءَ جي تلاو ڏانهن وڌندو ٿو وڃي، جتي ڪجهه رٻارڻيون، ننڍيون توڙي وڏيون وٽن سان تلاو مان پاڻي ڀرينديون نظر اچن ٿيون. ڪجهه ڪپڙا سٽينديون هڪ- ٻه ��يل ميٽ جي وٽن سان مٿو ڌوئينديون نظر اچن ٿيون. ڪيمرا ڪٽ ڪري، پاڻي ڀريندڙ عورتن جي بيڪ سائيڊ کان، جسوڌن کي داڦا هڻندي، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي، پينٽ جي اڳين گيدن ۾ هٿ وجهيو، تلاو ڏانهن ڏاڍي ٽانءَ ۽ شرارت مان وڌنڌڙ ڏيکاري ٿي.[ +(رٻارڻيون هڪٻئي کي اشاري سان ٺونٺيون هڻن ٿيون) +هڪڙي: ڀلا مڙس توهجي ٽيش. +ٻي: هئو، اڄ مڙيئي ڳالهه اٿوَ. +] سڀ رٻارڻيون ڏاڍي چالاڪيءَ مان پاڻي ڀرينديون، جسوءَ ڏانهن نهارينديون رهن ٿيون[ +(هڪ رٻارڻ چوٽ ڪندي ) +رٻارڻ: ڇو جسو، ڪهڙي کوشي اٿئي. اڄ ته توڏي جان داڦا هڻندو ٿو هلين؟ +(گيدن ۾ هٿ وجهيو، ڏاڍي ٽانءَ مان رٻارڻين جي آڏو هاسيڪاري بيهجي ويندي ) +جسوڌن: ڇو؟ داڦا ڇو نه هڻان؟ کوسيءَ مهل ته تو جيڙي پوڙهي ڏاچي به ڏهه هڻندي آهي، پوءِ مان توڏي جيان تيرهن ڇو نه هڻان. +(وچ تلاءُ ۾ ڳائي ٿو ) +ڇنڇر پاڻي ڪيڏو ... هيڏو ڇنڇر پاڻي ڪيڏو، هيڏو. +] تڙاو تي ٽهڪڙو پيدا ٿي وڃي ٿو [ +(ڌڪ بچائيندي ) +اڌروٽ رٻارڻ: ڇو، تو ڪا جال تاڻين آ. +جسوڌن: جال ٻال کي هڻ گولي __ جسو پاس ٿيو آ. +] تڙاو تي سڀني عورتن ۽ نينگرين جا منهن خوشيءَ مان ٻهڪي وڃن ٿا [ +(ڄڻ ويساهه نه ايندي ) +هڪ نينگري: جسو، تون پاش ٿي وئين! +(ڀوڳ مان، گيدن ۾ هٿ وجهي وڏي واڪي ) +جسو: ها، ٻاڪو ڇو ڦاٽي ويو ٿئي. اوان سڀني جسوءَ کي سمجهيو ڇاهي؟ اوان سڀني کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جسو انگريجاڻي جال آڻيندو. +] جسوڌن اوچتو ڇال ڏيئي، هڪ-ٻن عورتن جا دلا ڀڃي، تلاو مان بوٽن سوڌو شاپڙ ڪندو ڀڄي ٿو وڃي [ +(هڪ پوڙهي رڙيون ڪندي ) +پوڙهي: ڇورو ڇورو، اونٿڙو _ مائي هي اڦال ڏسو _ او جسو، موجو دلو ڏاڏنهن به ڀري ڏيندي _ ٻوٿ ٿئي انگريجاڻيءَ جهڙو! +] جسوڌن ڊوڙندو، دڳ ۾ کيڏندڙ ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن کي خوشين مان هوائن ۾ ڦيرائندو، چؤنرن ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙندو ٿو وڃي[ +ڏيک _ 2 +] اِن ڊور، ڏينهن ويلا[ +] ڪيمرا جسوڌن کي ڊوڙندو، پنهنجي وڏي، پٽيءَ ڇت واري چؤنري جي گهر آڏو ايندو ڏيکاري ٿي _ هو وڌي ٻنهي هٿن سان چؤنري جو ٻيڪڙيل در کولي ٿو. +کن لاءِ جسوڌن جا ڦهليل هٿ چؤنري جي کليل در تي ئي رهجي وڃن ٿا_ هو عجيب اتساهه ڀريل نيڻن سان پنهنجي رنجور، گهٽ نظر، اُداس ماءُ ۾ نهاريندو رهي ٿو. جا سامهون، هڪ کٽ جي ڀر ۾ ننڍڙي منجيءَ تي ويٺي، ڇڄ ۾ ان ڇڙهي[ +( ماءُ جو ڪلوز اپ ) +(ماءُ جسوءَ کي ڏسي ڪجهه بيچين ٿي وڃي ٿي ) +جسو: امان ... آئون پاس ٿي ويس ... +(ڏک گاڏڙ اٿاهه خوشين مان، ڄڻ ويساهه نه آڻيندي ) +ماءُ: تون ... پاش ٿي وئين جسو ... تون پاش ٿي وئين. +(ڏاڍي موهه مان، ماءُ جي ڪلهن تي هٿ رکي اخبار سندس چوٽيءَ پٺيان جهلي ) +جسو: ها ... مان پاس ٿي ويس ... پاس ... +( اٿاهه خوشين ۾ اچانگ اُٻهرن خيالن ۽ سوچن ۾ ولوٽجندي انتهائي ڏک مان ٽرن ڪندي ) +ماءُ: جسو ... ٿر ڏاڍو ڏتڙيو، ڏڪاريو آ .... ٽي ٽي مندون، مينهن ڀٽن ڏانهن مُهاڙ ئي ڪونه ڪري. ويچارا مارو مُرٽ، ڀُرٽ ۽ سانئن لاءِ سِڪيو مرن ... ڏس، متان وڏو آڦيسر ٿي، مارن کان منهن مٽي وڃين _ حشر ويل حساب، ٿڃ ڪانه بخشيندي سانءَ ... مون تو جو نالو ڏاڍو سوچي سمجهي رکيو آهي. +(Reaction جسو انتهائي نماڻائيءَ سان مرڪي ٿو پوي ) +جسو: امان_ ڪيڙا الاپ پئي ڪرين. تو جسوڌر کي ڪارونجهر جون ماکيون، سنڱريون، گگر، کئونر ميڙي پاليو آ_ اهي سڀ ڳالهيون جسو ڪيئن وساريندو ... ڪيئن ... ڪنهن پر ... +( پيار مان ڏکو ڪندي ) +ماءُ: چڱو چڱو وڏو تروٽ ماريو ٿئي _ روپ ٿي پئين. هاڻ اهو سونٽ لاهي اباڻا ڍڪ ته بک نه مرين، ماني کائڻي ٿئي ڪين نه. +(ماءُ چؤنري جي ٻئي ڀاڱي ۾ هلي ٿي وڃي_ ۽ ڇڪي مان ٻاجهر جي ماني ۽ لسي ڪڍي ٿي. +جسوڌن کن لاءِ چؤنري جي وڏي ويڪري حصي ۾ پينٽ جي اڳين گيدن ۾ هٿ وجهيو، ڏاڍيءَ ٽانءِ مان، هڪ ڪنڊ ۾ اسٽينڊ تي رکيل ڪارونجهر جي نقشي ۾ نهاريندو ٿو رهي. ) +] چؤنري جي مٽيءَ جي گاري هاڻي ڀت تي ڪلينڊر وغيره ٽنگيل آهن. هڪ پاسي ڪتابن جو ريڪ ۽ جسوءَ جي لکڻ پڙهڻ جي ميز آهي. جتي جسوڌن جا پنهنجا ٺاهيل هڪ ٻه ٺڪر جا مجسما آهن.) +جسو ڪارونجهر جي نقشي ۾ نهاريندو ٿو رهي _ نقشي ۾ ڪارونجهر مان ڀٽياڻي ۽ گوڙڌرو وهنديون نظر اچن_ پري جتي گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي وڃي ملن ٿيون، اتي هڪ ننڍڙو ڊيم ٺهيل آهي، جنهن جو مٿاهون بند هڪ پاسي کان ڪارونجهر سان اچي ٿو ملي ۽ ٻئي پاسي کان پري پاريسر جي ٽڪريءَ سان وڃي ٿو ملي _ ان تمام ايراضيءَ ۾ پاڻي سمنڊ جيان لهرون هڻندو ٿو نظر اچي ___ اسٽئنڊ جي ويجهو هڪ مسودو رکيل آهي، جنهن جي مٿان لکيل آهي ”عظيم ٿرپارڪر“ ليکڪ : جسوڌن رٻاري. +جسوڌن کن لاءِ سانت ڀريل نيڻن سان ڪارونجهر جي نقشي ۾ نهاريندو، مسودي جا پنا اٿلائيندو ٿو رهي ۽ پوءِ پاڻ مرادو مرڪي ٿو پوي.[ +(چؤنري جي ٻئي پاسي کان آواز ڏيندي). +ماءُ: اچان ... ڪپڙا مٽايئه؟... +(اوچتو ڇرڪي، خيال مان ٻاهر ايندي.) +جسو: اڙي ... مون کي ته وسري ويو. +(آواز ڪنائيندي). +ماءُ: ڌوڙ، مون کي اچرج ته تو امتانِ ڪيئن بانس ڪيو!... +(منجهي ويندي ). +جسوڌن: بس ڪيو ... +(ٻئي ماءُ- پٽ کلي پون ٿا). +ماءُ: ڀلا هٿ ڌوئيندين ڪين ائين بس. +(ڀوڳ مان). +جسوڌن: شينهن جا هٿ ڌوتا پيا آهن. +(ماني اڳيان رکندي ). +ماءُ: هل بُڇا، هٿ ڌوئي آ. +(جسوڌن منهن بڇڙو ڪري هٿ ڌوئي ٿو. ڪنڌ کي ڪاوڙ مان ڌوڻ ڏئي). +ماءُ: توبهن، هي مهانڊو ڪلٽر ٿيندو ... +(موٽڻ مهل جسو هٿ اگهندي ڏاڍو پريشان ٿو لڳي). +ماءُ: ڇو ٻوٿرا، هاڻ وري ڪوه ٿِيئي؟ +(پريشانيءَ مان ) +جسو: هون ... ڪجهه به نه، پرينهن حيدرآباد ۾ منهنجو انٽرويو آهي .......... سوچان ٿو، پئسا ڪٿان ايندا؟... +ماءُ: مر نه، چار ڏوڪڙ جڙي پوندا. سارو جنب ڪتيندي گذري ويو--- ايترو به نه جڙندو ڪيئن هڙ مان.... +(جسو ماءُ ڏانهن نهاريندو رهجي ٿو وڃي، دکي پراسرار نيڻن سان). +(Cut) +ڏيک 3 +]اِن ڊور ڏينهن ويلا [ +(ڪيمرا جسوڌن کي هڪ وڏيءَ بلڊنگ ۾، ڪجهه نوجوانن سان ويٽنگ روم ۾ ويٺل ڏيکاري ٿي.سڀ نوجوان ڏاڍا پريشان آهن؛ پر جسوڌن تمام فريش ۽ ماڊ ٿو لڳي، سڀ ساٿي نوجوان فل سوٽن ۽ نيڪ ٽاين سان آهن ۽ جسوڌن جين جي جاڪيٽ ۽ پينٽ ۾). +اندران وڏي هال مان، پٽيوالو اچي ٿو ___ (۽ هڪ خوبصورت موڳاٽيل نوجوان به). +پٽيوالو: مسٽر جسوڌن فرام ٿرپارڪر. +جسوڌو: ٿئنڪ يو جئنٽل مين، مان آهيان جسوڌن فرام ٿرپارڪر. +(اندر وڃي ٿو. ڪيمرا وڏي هال ۾ انٽرويو وٺندڙن ٽن پوڙهن عينڪن وارن کي ڏيکاري ٿي، جن جي اڳيان ڪاغذ اُڏري ساري هال ۾ پکڙي رهيا آهن. ۽ ٽيئي پوڙها وڏي مشڪل سان ڪاغذ سنڀالڻ لاءِ پريشان ٿا ڏسجن.) +جسوڌن کن لاءِ ٽنهين پوڙهن کي تاڻي، ڪجهه محسوس ڪندي پکي جو بٽڻ آف ڪندي نهايت ئي شاندار نموني ڪاغذ سهڙيندي، شرارت مان مرڪندي. +جسوڌن: يور پيپرز ... بٽ سر، اٽز اي ويري اولڊ فارم ... اِز اٽ اولڊ فارم آر ناٽ؟... +(ٽيئي پوڙها ڪاغذ وٺندي مهربانيءَ لاءِ هٿ وڌائيندي ). +(ٽنهي جي وڌايل هٿن کي محسوس ڪندي ) +جسوڌن: نو سر، ... نو... آءِ هَئِو ماءِ اون مينرز ... هو از دي چئرمين؟ +(ڪيمرا فاسٽ پين ڪري چيئرمين تي اچي ٿي. چيئرمين عينڪ مان ڏاڍين گمڀير نظرن سان ڏانهس نهاري ٿو. کيس انتهائي پراڻي قسم جو فل سوٽ پهريل آهي ۽ جنجير واري پاڪيٽ واچ به . ڏاڍي موهه مان، هٿ وڌائيندي. سنڌي اسٽائل انگريزيءَ سان ). +چيئرمين: اوهه .... اي نائيس بواءِ يو آر __ ڪم آن ... ڪم آن __ +(پهرين چيئرمين ۽ پوءِ ٻين ٻنهين سان هٿ ملائيندي). +جسوڌن: ٿئنڪ يو. +چيئرمين: تنهنجون مارڪون تمام سٺيون آهن. +جسوڌن: ڇو، آئون خراب آهيان ڇا؟ +(ٽيئي کلن ٿا) +چيئرمين: تون ٿر جو آهين، ڊيزرٽ لئنڊ جو ... تون ٻڌائي سگهين ٿو ته ٿر کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺي سگهجن ٿا؟... +جسوڌن: او _ يس. آءُ ان تي ڪتاب لکي رهيو آهيان. هاڪڙو جي سڪي وڃڻ کان وٺي، ڀٽياڻيءَ ۽ گوڙڌرو جي پاڻيءَ جو رڻ ۾ وڃي ڌٻڻيون ٺاهڻ تائين. مونکي سُٺي ڄاڻ آهي، ته ڪٿي ڪيئن ۽ ڇا پوکجي. نين جا منهن، رڻن ڏانهن وڃڻ بدران وسندين ٿرن ۽ برن ڏانهن ڪيئن موٽائجن، آءِ هيِو اي لارج اسٽڊي ائنڊ ابزرويشن. +(غور سان ٻڌيندي). +چيئرمين: گڊ ... گڊ ... پر تون ڪتاب ڇو ٿو لکڻ چاهين؟. +جسوڌن: ڇو، ڇا مون کي ڪتاب لکڻ جو حق ناهي ڇا! ...ڇا اوهان چاهيو ٿا ته هڪ وارو وري برٽشيئن اچن ۽ سنڌ جي جاگرافيڪل ڪنڊيشن تي ڪتاب لکن. اسين سر جان مارشل، فريئر، رچرڊ برٽن، ليمبرڪ، پاٽنچر، سورلي يا اهڙن ٻين عالمن کان تمام گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون. هر فيلڊ ۾. +چيئرمين: بٽ ناٽ اِن سائنس اينڊ ٽيڪنولاجي؟ +جسوڌن: ها، ان جو ڪارڻ آهي. آءُ ڪار نٿو هلائي سگهان، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ 12 سالن جون ڇوڪريون ڪار چيزنگ ڪنديون آهن؛ پر ان جو مطلب اهو ته نه آهي، ته آءُ جڏو مُڏو ۽ ڪورو ڄٽ آهيان. +(هلڪو مُرڪي ) +چيئرمين: تو وٽ پنهنجي بچاوَ لاءِ سٺا دليل آهن؛ پر ٻڌ شراب لاءِ تنهنجو ڇا خيال آهي. +(سوچيندي غور سان چيئرمين ڏانهن نهاريندي ). +جسوڌن: شراب لاءِ ...هن ملڪ ۾ ... جڏهن جتي ڪٿي ٻارڙا ٻن آنن جي دوا لاءِ چُڙي چڙي مري رهيا هجن، Vat 69 هجي يا واٽ ون ... منهنجي نڙيءَ تان ڏاڍو ڏکيو لهندو. +چيئرمين: وائيلڊ لائف لاءِ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ +جسوڌن: حضرت عليءَ جي چوڻ موجب پنهنجي پيٽ کي جانورن جو قبرستان نه سمجهيو. +چيئرمين: تون پاڻ ڇا ٿو چئين. +جسوڌن: آءُ ... آءُ چوان ٿو ڊڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن ٿر جي ڏهرين مان ته ڇا، اوهان جي راڻي باغ جي پڃرن مان به مور کٽي وڃن ۽ اوهان رڳو مور جا ڦوٽو کنيو ويٺا هجو ته مور ههڙا هئا. +ٻيو ميمبر: آر يو اي ٿِنڪر؟ +جسوڌن: ييس، آءِ ايم ٿنڪر. +چيئرمين: ڪنهن ايم. اين. اي يا ايم. پي. اي سان ڄاڻ سڃاڻ اٿئي؟ +(غور مان چيئرمين ۾ نهاريندي ڪجهه ڪنبي ويندي.) +جسوڌن: نه آءُ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻان. +(جسوڌن ٽنهين ۾ نهاريو ڏاڍيءَ پيڙا مان، ٻئي در کان نڪري ٿو وڃي.) +(Cut) +ڏيک—4 +] آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا[ +ڪيمرا long shot ۾ ننگرپارڪر شهر جو منظر پيش ڪري ٿي. ڪيمرا پين ڪندي ننڍڙي اسڪول ڏيکاري ٿي. اسڪول جي عمارت مان گهنٽيءَ جو آواز زور زور سان وڄندو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڪيمرا ننڍڙن ننڍڙن ٻارڙن سان گڏ گونڌل ۽ هڪ ٻن ٻين ماسترياڻين کي پڙا لمڪائينديون ٻاهر اينديون ڏيکاري ٿي. +Cut +ڪيمرا گونڌل کي ٻن ننڍڙن ٻارڙن سان ريسٽ هائوس واري ٽڪريءَ وٽان پري ڀوڏيسر جي تلاءُ واري پاسي ڏانهن ويندو ڏيکاري ٿي. +ڪيمرا ڀٽياڻيءَ جي ڦاڙ ۾ بيٺل وڏن وڏن نمن جي وڻن جو منظر پيش ڪري ٿي، جن جون پاڙون زمين کان اڌ تائين ٻاهر نڪتل آهن. +سامهون جسوڌن هڪ وڻ جي سهاري گونڌل جي واٽ ۾ ڏاڍي بيچينيءَ سان بيٺل نظر ٿو اچي ٿو. کن لاءِ ٻنهين جون نظرون ٽڪرائن ٿيون. +جسوڌن جي نيڻن ۾ موهه جا سوين ڄار سمويل آهن _ پر گونڌل جي نيڻن ۾ پريشانين، گهٻراهٽ، نٽاوَ ۽ ڏک آهن، جن کي هوءَ لڪائڻ چاهي ٿي. گونڌل جئين ئي جسوڌن وٽان لنگهي ٿي، جسوڌن بيچين ٿي کيس سڏ ٿو ڪري. +جسوڌن: گونڌلي ... ڇا ٿي ويو اٿئي ...؟ ... +گونڌل: هون ... ڪجهه به ڪين ... مون سان گڏ هلندو هل ... +جسوڌن: نه، ڪجهه ته آهي، تون لڪائين پئي؟ ......... +گونڌل: نه ته ....... +جسوڌن: نه .... تون لڪائين پئي مون کان ها يا نه .... +(هلندي منجهي ) +گونڌلي: الائي .... تون ڇا پيو چوڻ گهرين؟ +(گونڌل سان وک وک گڏ هلندي، انتهائي ڏک مان، بيهجي ويندي ) +جسوڌن: مان .... مان ڇا ٿو چوڻ چاهيان ... +الاهين ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان، شاهه ۽ اياز جيان مون وٽ به سهڻن، جادو ڀريل لفظن جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن. چوڻ لاءِ مون وٽ الاهي ڪجهه آهي، پر نه ... اڃا، نه ... اڃا ته مون کي نوڪري ڪٿي ملي آ.... +(ڳالهاءُ روڪي، اونهو ساهه ڀري ) +جسوڌن: توبهه، ماڻهو نوڪريءَ لاءِ ڪيڏو نه محتاج آهي ... آهي نه گونڌلي؟.... +(گونڌل چوٽ کائي ڏانهس نهاريندي وري هلڻ شروع ڪري ٿي. گڏ هلندي ) +جسوڌن: گونڌلي، مان انٽرويو ڏئي آيو آهيان هڪ به سوال اهڙو نه هو جنهن جو جواب مون صحيح نه ڏنو هجي. +(بيچين ٿي بيهي ويندي، ڪجهه خارن مان ) +گونڌل: پوءِ ڇا ٿيو؟... +جسوڌن: ڇا ٿيندو ... هتي ٽئلينٽ ڪا شيءَ ناهي، سفارش کان سواءِ هڪ رٻاري ڇوڪري جو آفيسر ٿيڻ Impossible آهي، بلڪل ناممڪن.. +(گونڌل سندس منهن ۾ نهاريندي رهجي ٿي وڃي ) +گونڌل: پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي!؟ ڇا ٿو چئي سگهجي! +(ڪجهه منجهي ويندي ) +جسوڌن: ڏس تون راڻي جا ٻار پڙهائين ٿي، انفرادي طرح راڻو خراب ماڻهو ڪينهين. هو جيڪڏهن منهنجي سفارش ڪري ته پوءِ پڪ مون کي نوڪري ملي ويندي. آءُ سمجهان ٿو ته، هو تنهنجو چوڻ ڪيئن ٽاريندو. +(بيهي ويندي ) +گونڌل: بس ....... +(انتهائي خارن مان، جذباتي ٿي ويندي ) +جسوڌن: ها، ٻڌاءِ نه، ان کان وڌيڪ ڪهڙو ڦاهو کان. سفارش، اُها به توکي چئڻي پوي، ٻيو ٿوٻي مليان ڇا پنهنجي منهن کي؟..... +(جسوڌن روئڻ جهڙو ٿي وڃي ٿو. گونڌل ڏانهس ڏک مان نهاريندي ) +گونڌل: اڄ شام جو مان راڻي کي چونديس، منهنجو وات ڪونه ڏکندو. اهو ته منهنجو حق آهي. +(خارن مان پٿر اڇائيندي، گونڌل جي چهري ۾ نهارڻ کان سواءِ ٽرن ڪندي، ڪنڌ ڌوڻيندي، پوئتي ويندي ) +جسوڌن: مهرباني .O.K. Thanks +(عجيب موهه ۽ ڏک ڀريل نيڻن سان ) +گونڌل: چڱو الله توهار. +(گونڌل جلدي پاڻ سنڀالي، پنهنجي واٽ وڃڻ لڳي ٿي. +ڪيمرا جسوڌن تي اچي ٿي، هلندي هلندي، اندر جي ڪنهن پيڙا کان گونڌلي ڏانهن نهاري ٿو__ +ڪيمرا جسوڌن جي سائيڊ کان پري ويندڙ گونڌليءَ کي ڏيکاري ٿي هوءَ مڙي نهاري به نٿي، ٻارڙن سان چپ چاپ پٺڀري هلندي ٿي وڃي فضائن ۾ مورن جا راڙا آهن.) +Desolve +ڏيک-5 +] اِن ڊور، ڏينهن ويلا[ +(ڪيمرا راڻي جي ننڍڙي قديم محلات نما جاءِ جو اندريون ڏيک پيش ڪري ٿي. +هڪ وڏي ويڪري خوبصورت ڪمري ۽ گونڌل، راڻي جي ٻارهن سالن جي ڌيءَ ۽ ٻن ننڍڙن پٽن کي پڙهائيندي نظر اچي ٿي. +گونڌل جو ذهن ڄڻ پڙهائڻ ۾ نٿو لڳي، هوءَ واچ ۾ نهاري ٿي.) +گونڌل: ليسن نمبر فور ”اينڊراڪلس ائنڊ دي لائن.“ +ڇوڪرو: نه نه ادي، اڄ ڪهاڻي ٻڌاءِ. +گونڌل: ادڙا هيءُ به ته ڪهاڻي آهي، ڏسو ائنڊراڪلس شينهن جي پير مان ڪنڊو ڪيئن ٿو ڪڍي؟ +ڇوڪري: نه نه دادي، مونکي ماچيسن واريءَ ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي وڻندي آهي، ”The little match girl ” +گونڌل: ها، اُها ته ڏاڍي سٺي ڪهاڻي آهي. ڏاڍي دردناڪ ... +(هٿ ۾ ٻڌل واچ ۾ نهاريندي ) +پر اڄ مون کي راڻا صاحب سان ملڻو آهي. سڀاڻ اوهان کي ڪهاڻي ٻڌائينديس. هڪ نه، ٻه. بس ... +(ايتري ۾ نوڪرياڻي چانهه جو خالي ڪپ کڻڻ اچي ٿي ) +نوڪرياڻي: امڙ، راڻا صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي __ سانئڻ به آهي. تون ڀل اچ. +(اٿندي ) +گونڌل: مهرباني ... +] گونڌل نوڪرياڻيءَ جي پٺيان هلي ٿي ٻارڙا به سندس پٺيان ڊوڙن ٿا. +ڪيمرا گونڌل کي جهاٻن جهولڻن وارو وڏو پردو هٽائي، راڻا صاحب جي ��ڏي ڪمري ۾ ايندي ڏيکاري ٿي. راڻو زال سان هڪ وڏي ڪرسيءَ تي ويٺو سوپاري چٻاڙيندو نظر اچي ٿو _ راڻي جي پٺيان وڏن وڏن ٿلهن ڪتابن جي الماري آهي. گونڌل سندس آڏو اچي ٿي، سندس هٿن ۾ ڪتاب آهن.[ +(گونڌل کي ڏسي ) +راڻو: اچو اچو ... ٻارڙا ته ٺيڪ پيا پڙهن نه. +(گهٻراهٽ تي قابو پائيندي ) +گونڌل: جي ها، اوهان جا ٻارڙا ڏاڍا ذهين آهن. +راڻو: مهرباني. +گونڌل: مون ڪجهه عرض ڪرڻ پئي گهريو. +راڻو: چئه؟ +گونڌل: هو ... جسوڌن آهي نه، رٻارين جو ڇوڪرو ، اُن ايم.اي فرسٽ ڪلاس سان ڪئي آهي، ۽ نوڪريءَ لاءِ انٽرويو به شاندار نموني سان ڏئي آيو آهي؛ پر سفارش کان سواءِ سندس چونڊجڻ ڏکيو آهي. اوهان جي سندس سفارش ڪيو ته پوءِ پڪ کيس نوڪري ملي ويندي. +(ڪجهه محسوس ڪندي، گونڌل ۾ غور سان نهاريندي ) +راڻو: جسوڌن ... رٻارين جو ڇوڪرو! +(انتهائي ايلاز مان) +گونڌل: جي ها، ڏاڍو غريب آ، ماءُ ويلا ڪڍي پڙهايو آ. هو هر طرح سان ان نوڪريءَ جي لائق آهي، اهو ڏاڍو خير جو ڪم ٿيندو. +(عجيب انداز سان ڏانهس نهاريندي) +راڻو: تو جو مائٽ ٿئي. +] ڪيمرا گونڌل تي اچي ٿي، گونڌل جو ذهن ڄڻ ڌوڏو کائي ٿو وڃي (تڪڙ مان )[ +گونڌل: جي نه، جي نه، .... هو نونڊڪي لاڪي کان مون سان گڏ پڙهيو آ، ننگرپارڪر هاءِ اسڪول ۾. +(ڳالهه ٺاهيندي ) +ڪال هن جي ماءُ آئي هئي، چيائين ته تون راڻي جا ٻار پڙهائين ٿي، راڻو توهجي ڳال ڪين ٽاريندو. +(ڳالهه کي محسوس ڪندي، چپن ۾ مرڪ دٻائيندي ) +راڻو: هون ... ٺيڪ آ. هونئن به مان ڪراچيءَ وڃي رهيو آهيان، اها ڪا ڳالهه ڪانهي. +(ادب سان ڪنڌ کي نماءُ ڏيندي ) +گونڌل: مهرباني. +] گونڌل راڻي جي ڪمري کان نڪري ٻارڙن کان موڪلائي، راڻي جي گهر مان نڪري ٿي وڃي. +ڪيمرا گونڌليءَ کي ڪارونجهر جا سهڻا گام ڏيو، پري پنهنجي ڳوٺ ويندي ڏيکاري ٿي. +ڪيمرا راڻي کي دريءَ مان گونڌل ڏانهن نهاريندي ڏيکاري ٿي.[ +راڻو: مار .... ڇوري بور آ بور... اسين ته قوم جا ابا ٿي مري وياسين. +]ڪيمرا راڻي جي بيڪ سائيڊ کان گونڌل کي پري ويندو ڏيکاري ٿي[ +] ڏيک _6[ +] اِن ڊور [ +] رات ويلا [ +] ڪيمرا راڻي جي اوطاق تي وڏي محفل متل ڏيکاري ٿي. چلم جو نڙ چئني پاسي پيو ڦري. هندو-مسلم ذات وڏيرو راڻي جي ڪچهريءَ ۾ ڪانڀ ٻڌيو ويٺل نظر اچي ٿو. آفيم، سوپارين ۽ ڦوٽن ۽ مصريءَ جي ڪُپي چوڌاري ڦرندي ٿي نظر اچي – سڄي ڪمري ۾ ميڻ بتين جون روشنيون، اگر ۽ لوبان جو دونهون اُڏامندو ٿو نظر اچي. ٻاهر جيپ بيهڻ جو آواز اچي ٿو.[ +ڪچهري ۾ رئيس ڌڱاڻو خان اچي ٿو. +راڻو: رئيس ڌڱاڻي خان جو خير، ڀلي ڀلي ڪري آئين، اڄ ته اوير ڪري ڇڏيئه. +رئيس: راڻا، پاڻ وارا وکِت ٿي ويا پورا، هاڻي مڙي ٿيا ڏيهه پورا ڪرڻا. +راڻو: رئيس، ٻيلي، هيڻي مَ ٻول، اڃا ته راڄاڻ لڳا پيا هون. +(چوٽ ڪندي ) +رئيس: ڀلو راڄاڻ ... راڻا، زمانو الائي ڪٿ پيو ڳالهائي _ هاڻ ته رٻارين جو وات ڳاڙهو ڇورو به آفيسري ڪندو. +(آفيم جي ٻوڏڙن ۾ ) +هڪ ماڻهو: ها سائين، کُدا پاڪ جي جوڙ، ماءُ مُوري ته پٽ وري پتائي گجر ... +(ڳالهه کي محسوس ڪندي ) +راڻو: بس بس رئيس، تو واري ڳجهارت وئي _ پر رٻاري به ته اسان مان ٿيا. مان ته پاڻ سندس سفارش لاءِ پئي سوچيو، اُڙئي ٿُڙئي ڪم اچي ويندو. +(خارن مان ) +رئيس: ها، ڇو نه، سڀاڻ ان ٽڪي جي ڇوري ڏانهن مهنديءَ رتيون ڏاڙهيون ٺنگرائي پهرين اپيلون کڻي هلنداسين، پوءِ ٽپيلون، ته سائين وڏا، تپيدار کي چئي زمين سروي ڪرائي ڏي. پوءِ صاب چوندو سڀاڻ اچو، پوءِ سڀاڻ مهينن تي هلي ويندي، پوءِ اوچتو خبر پوندي ته وڏو صاب دوري تي ويو هليو. +هڪ ماڻهو: بابا رئيس سچو، پر راڻا، توک سُپارش جو لاچار ڪيهو پيو؟ +(ڪجهه ڪيٻائيندي ) +راڻو: يار ... هوءَ ماسترياڻي منهنجا ٻارڙا ٿي پڙهائي ... ان کي ته عزت ڏيڻي ٿي. +ٻيو: ابور ... ابا راڻي تي وڏو لوڊ پيو آ. +ٽيون: اي سوڍا، هاڻ ڪڇين ڪونه ٿو؟ +سوڍو: ڇڏ يار، ڪنهن جي ڍڪي ڀلي آ. +ٽيون: ڀلو ڍڪي ڀلي آ_ کڻي چئه ته ڇوري سان ڦٽل آ ٻيو. +راڻو: ڇا؟... +رئيس: ڇا وري ڇا، سومار سچو آ ٻيو. +راڻو: ڇورو اهڙو ڪو افلاطون آ ڇا؟ +رئيس: يي ڇوري تي چڙهيا پيا هِن پَٿر پيو _ هلي ٿو ته ڄڻ ڪاڪ ڌڻي آ. +سوڍو: ڏسجو، ڇورو جنهن ڏينهن آڦيسر ٿيو، ان ڏينهن ماسترياڻيءَ سان زوري لائون لهندو. (کُنڊ وجهي راڻي ڏانهن نهاري ) راڻا، ڪڍ ڪني مڇي گهر مان. +هڪ ساٿاري: ڀلو، نڪاح وجهندو جو راڻي جا دڦتر کڻي ويا هِن ڪتا. +ٻيو: هئو ٻيلي، پروڙيوسين. اسين به چئون ته ڳال ڇاهي. او اِتي. +(ڪُنڊ مان ٻوڏڙن سان اُٿندي ) +هڪ موالي: يي ڳال اڇان ڳاڇا پڌر پٽ پئي آ ٻيو _ رجپوت راڻن هوندي ٿي انهيءَ رٻاريءَ جي دال ڳري، يي لانو لهي نه ته پگهار ٻڌي هاڻ ٻڌايو، آڦيم جي ٻوڏڙن ۾ اوان ڪي مان؟ +ٻڌايو ...؟ +(ڪچهريءَ ۾ چوڏس ٽهڪڙو مچي ٿو وڃي ) +هڪ ڄڻو: واهه ڙي سوڍا واهه ... ڀڃي ڇڏيئيس. واهه ڙي واهه... +(راڻو ڪچهريءَ ۾ آڦيم جي نشي ۾ ڪيٻائيندو، مڇ مروٽيندو، الائي ڇا سوچندو ٿو رهي. +سڀ ٽهڪڙن ۾ الوٽ آهن.) +] ڏيک_ 7 [ +] آوٽ ڊور [ +]ڏينهن ويلا [ +(گهڻي وقت گذرڻ جو تاثر ) +] ڪيمرا ڪارونجهر جي چوٽين مٿان سج کي تجلا ڏيندو اڀرندو ڏيکاري ٿي. +ڪيمرا پين ڪندي Long shot ۾ ننگرپارڪر شهر جو منظر ڏيکاري ٿي ۽ Zoom in ڪري ننگرپارڪر جي هڪ خوبصورت ڳليءَ جو منظر پيش ڪري ٿي. هڪ ننڍڙي هوٽل آڏو، ڪتابن ۽ رسالن ۽ اخبارن جو ڇاپرو آهي _ جسوڌن ڳليءَ مان هلندو، اخبار واري کان انگريزي اخبار وٺي ٿو ۽ تڙ تڪڙ مان کولي پڙهڻ لڳي ٿو _ هو پنا اُٿلائي، هڪ ڪالم ڳولي پڙهڻ لڳي ٿو. +(Close up ) +ڪالم پڙهندي (پنهنجو نالو اخبار ۾ نه ڏسندي ) جسوڌن کي ڏاڍي حيرت ۽ مايوسي ويڙهيندي ٿي وڃي. هو وري ٻيهر ڪالم پڙهي ٿو، سندي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا تهه چڙهندا ٿا وڃن. هوسٽ سان اخبار ويڙهي مروڙي، بي دليءَ سان ڪنهن پاسي وڃڻ لڳي ٿو _ +Cut +جسوڌن ننگرپارڪر جي شهر کان ٻاهر، ڪارونجهر آڏو ڳاڙهي ٽامي جيان ٻهڪندڙ ٽڪريءَ ڏانهن هلندو ٿو وڃي _ ايڪڙ ٻيڪڙ ايندڙ ويندڙ ماڻهو کيس ڏسيو، پري کان خوشيءَ مان هٿ لهرائيندا ٿا وڃن. +جسوڌن منجهاڻو هلندو ٿو وڃي، اوچتو ٻه همراهه سامهون کان اچي ٿا وڃينس.[ +هڪ: يي جسو کوش. +جسوڌن: ها ... ها ...خوش آهيان ... ڏاڍو خوش آهيان. +ٻيو: اکبار ٻکبار جي ڪا خبر. ملڪ جا ڪٿي حال ايوال. +جسو: هون ... ڪا خبر ڪانهين ... الائي ڇا آهي ... الائي ... +جسوڌن منجهاڻو، واساما کائيندو اڳتي وڌي ٿو وڃي. ڪولهي حيرت مان ڏانهس نهاريندا رهجي ٿا وڃن. +هڪ: ٻيلي کير ته آ_ جسوءَ جي ته ٻولتي بند آ؟ +ٻيو: بابا عشق چڱن کي چريو ڪريو وجهي _ +(ٿڌو ساهه ڀري ) +هڪ: هئو، جواڻي ديواڻي آ ... +Cut +جسوڌن واساما کائيندو گوڙڌرو واري ڦاڙ ڏانهن وڌي ٿو _ اوڇتو ڌوٻين کي ڪپڙا سٽيندو ڏسي، کيس ڄڻ ڳنڍڙيون وٺيو وڃن _ هو منجهي، رستو بدلائي، ڪارونجهر جو ٻاهريون گس ڏئي هلڻ ٿو لڳي _ +ڪارونجهر کيس تپندڙ، اُلا ڇڏيندڙ ٿو نظر اچي. +] اُداس سنگيت جو تاثر [ +] مورن جا اُداس راڙا [ +] ڪيمرا پهاڙ جي اوڍر ۾ ٻن ٽن ڪولهياڻين کي ڪاٺين جون ڀريون رکيو، ساهي پٽيندو ڏيکاري ٿي. جسوڌن سامهون کان ايندو ٿو نظر اچي. +(هڪ ڪولهڻ ٻين کي اک ڀڃي ) +هڪ ڪولهڻ: جسو کُدا سَتان پُٽان جو پي ڪينئي، ڀريون کڻاءِ. +] جسوڌن ٽنهين کي ڀريون کڻائي ٿو [ +(ڏاڍي موهه مان) +هڪ ڪولهڻ: جسو، الا ڪيندو، م��سٽراڻي پرڻيندو. +] ڪولهياڻيون مرڪون ڦهلائينديون، ڀريون کنيو هلڻ لڳن ٿيون. پري ننگرپايڪر جي شهر مان اسڪول جي گهنٽيءَ جا آواز ٽن ٽن ڪندا وڄندا ٿا رهن[ +(Close up) +(جسوڌن گهري اونهين اُداس ساهه سان پهرين ڪولهياڻين، پوءِ اسڪول جي گهنٽيءَ ڏانهن ڪَنائي ٿو _ هو خارن مان اخبار کي مروٽيندو، ٽڪرا ٽڪرا ڪندو ٿو وڃي [ +(Cut) +] آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا [ +] ڪيمرا جسوڌن کي گهر آڏو ڪاٺيون ڦوڙيندو ڏيکاري ٿي _ هو وزني ڪهاڙيءَ جي ڌڪ سان ٿلهيون ٿلهيون بنڊيون ڦوڙيندو ٿو رهي _ ڪيمرا ملوڪان ۽ هڪ-ٻن ٻين نينگرين کي ٿوروئي پرتي کان پاڻيءَ جا دلا کنيو ايندي ڏيکاري ٿي [ +(چيڙائيندي ) +ملوڪان: ڇو جسو، اڄ ڪاٺين ۾ ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا ٿئي. سڄي جَماني جون ڪسرون ڪاٺين مان ٿو ڪڍين ڇا؟... + + +جسوڌن: توهجو ڇا_ ماٺڙي ڪري پانجو ڪم ڪر. +ملوڪان: ها، مهجو ڇا! بانڪي تو واري ماسٽراڻي هئي واهه جي. مرين ڇو ٿو؟ ٻٽاڪون ته ڏاڍيون هڻندو آهين، ماسٽرياڻي نه ته انگريچاڻي سهي. +(جسوڌن جو ڪهاڙو رڪجي ٿو وڃي ) +[Big close up of jassodhan ] (Bang) +(جسوڌن جو ڪهاڙو اُڀو هٿن ۾ رڪجي ٿو وڃي. هو توائي ٿي ملوڪان ڏانهن نهاريندو ٿو رهي. ڪهاڙو ڇڏي، وڄ جي تيزيءَ سان ملوڪان جي ڳچيءَ مان جهليندي ) +جسوڌن: بڪين ڇا ٿي ... ڇو ... هي ڪيڙي ڳال ڪي اٿئي؟... +ملوڪان: اڙي ڙي ... اڙي ڙي ڙي ڙي ... ماشٽراڻيءَ جو سڱ راڻي ڏنو ڪي مون _ مون گريبڙيءَ جو ڪو ڏوهه ڪو سباب! +(close up ) +]جسوڌن جي سڄي جسم مان ست نڪري ٿو وڃي[ +(گهٽيل، وشواس نه ايندڙ آواز سان) +جسو: ڇا؟... +]جسوڌن جا هٿ ملوڪان جي نڙيءَ مان ڍرا ٿي وڃن ٿا. سندس ذهن ڄڻ گهوماٽي کائي ٿو وڃي. +جسوڌن درد جي پيڙا کي اندر ۾ گهٽيندو، باڪسرن جيان، پنهنجي هٿ جي تريءَ ۾ ٻئي هٿ سان ٺونشا هڻندو، توائي ٿيو هلندو ٿو وڃي، سندس مهاڙ ڪارونجهر چوٽين ڏانهن آهي. سندس قدم ڄڻ ڌرتيءَ ۾ ڌٻندا وڃن[ +(ملوڪان جي منهن تي ڀونڊو ڏيندي) +آسودي: هي ته وٺ، ايءُ به رونشو ٿيو، مرن موت ملوڪان شڪار! ايڙي ڳالهه ڪرڻ جو جرور ڪيڙو هو؟ ... +(ڏک مان) +ملوڪان: مونک ڪيڙي کبر، جسوءَ کي ڏک ٿيندو. +آسودي: ٻوٿ، ايئن ڇو نه ٿي چئين ته پيٽ ۾ پانجو ڪو ويلو ٿئي. +(ملوڪان هيڊ ٿي وڃي ٿي، هوءَ ڳوڙهن ڀريل اکين سان، سٽ ڏئي آسودي ۾ نهاري ٿي.) +ملوڪان: ها آهي،ناهين ڇا. +(ملوڪان هڪدم ڊوڙندي گهر هلي ٿي وڃي آسودي حيران پريشان پهرين ملوڪان ۽ پوءِ جسوڌن ۾ نهاريندي ٿي رهي.) +]ڪيمرا فاسٽ بُلر سان Zoom in ڪري جسوڌن کي ڏيکاري ٿي. هن کي ڄڻ چرين جيان جک ايندا ٿا رهن. هو چوڏس پهاڙ ۾ وياڪل، ڪروڌ ڀريل نيڻن ۽ ڀڪوڙيل چپن سان نهاريندو، واساما کائيندو، الائي ڇا سوچيندو، اوچتو ٽرن ڪري وڄ جي تيزيءَ سان، ڪارونجهر جي چوٽين ڏانهن ڊوڙي ٿو. +ڪارونجهر ۾ جسوڌن جي ڊوڙ_ هو ٽرن ڪري گوڙ ڌوڙ جي ڦاڙ مان هڪ ساهيءَ ڊوڙندو وڃي ٿو ۽ رستو ڪاٽي، ڪارونجهر جي اونهن، سرنگهن نما پورن مان گهُتيون هڻندو، سهڪندو، هڪ ساهي ڊوڙندو ٿو وڃي.[ +(Cut) +(ڪيميرا جسوڌن کي ريسٽ هائوس واري ڳاڙهي ٽڪريءَ ڏانهن پوريءَ سگهه سان وڌندو ٿي ڏيکاري) +(Cut) +(جسوڌن سهڪندي، پگهر مان شم ريسٽ هائوس واري تڪريءَ وٽان هڪ مٿاهينءَ تان بيهجي، ننگر پارڪر جي شهر ڏانهن نهاريندو ٿو رهي__ ڪيمرا جسوڌن جي سائڊ کان ننگر پارڪر شهر جو Long shot ۾ سهڻو چهچٽو پيش ڪري ٿي). +(Sound effects) +( جسوڌن سهڪندو، عجيب درد ڀريل اُٻاڻڪائي ۽ وياڪلتا سان شهر جي جاين ڏانهن واجهائيندو ٿو رهي). ]سهڪو[ +سندس سڄو بت جهُلندو ٿو رهي. +]مورن جي آوازن سان گڏ، پري اسڪول جي گهنٽيءَ جا آواز ٻُرندا ٿا رهن[. +(جسوڌن هلندو، ڏک �� پيڙا مان، گونڌل جي واٽ ۾ ڳاڙهن وڏن گول پهڻن مٿان ويهجي ٿو وڃي ۽ ڏاڍي پيڙا مان هٿ مهٽيندو، گونڌل جي واٽ واجهائيندو ٿو رهي__) +]کن پل کان پوءِ[ +(ڪيميرا Long shot ۾، جسوڌن جي بيڪ سائيڊ کان، گونڌل کي ٻن ٻارڙن سان پري، شهر کان ايندڙ ڏيکاري ٿي. گونڌل ٻنهي ٻارڙن سان گڏ هلندي ٿي اچي........ هلندي ٿي اچي. ڪيميرا گونڌل تي اچي ٿي ۽ گونڌل پَڙو لمڪائيندي، بيخبر، پنڌ لتاريندي ٿي اچي.) +Close up +(جسوڌن عجيب موهه، ڏک ۽ پيڙا مان گونڌل ۾ نهاريندو ٿو رهي.) +(ڪيمرا Zoom in ڪري گونڌل کي ويجهي کان ڏيکاري ٿي. گونڌل جو منهن سنهڙي اَکيي سان ڍڪيل آهي. سندس مٿي تي مور چٽ گندي ۽ مٿان اجرڪ آهي، جيڪا سندس سڄي جسم جا گهڙاوَ ۽ اُڀار ڍڪيندي، پڙي سان گڏ هيٺ تائين جهُليل آهن). +(اوچتو جسوڌن کي ڏسي، گونڌل جو ڄڻ روح ڪنبي ٿو وڃي. سندس اکين ۾ آيل اُداسي سنهڙي اَکيي مان نروار ٿيو اچي. هوءَ اندر جو سموري ڏک ۽ پيڙا پِي، جسوڌن جي سامهون ٿيڻ کان لنوائيندي، پنهنجو منهن ڪري هڄندي، پاسو ڪري لنگهي ٿي.) +(سڀ ڪجهه محسوس ڪندي، گهٽيل آواز سان سڏيندي). +جسوڌن: گونڌلي.... +(گونڌل هلندي هلندي، پٺڀري بيهجي ٿي وڃي). +(هڄندي، گهٽيل آواز سان پٺيان ايندي). +جسوڌن: تو جو وهانءُ آ گونڌلي؟.... +(گونڌل جو Face close) +(ڪيميرا گونڌل پٺيان بيٺل جسوڌن کي ڏيکاري ٿي. گونڌل جي اکين مان ڳوڙها وهڻ ڪري، سندس پٽ جو اَکيو سندس ڳلن سان چنبڙي ٿو وڃي. روئڻ دٻائيندي، پاڻ سنڀاليندي.) +گونڌل: ها__ وهانءُ آ... +جسوڌن: نه، اهو ڊوهه آهي__ ويساهه گهاتي آهي. تو... تو مون کي اڳواٽ ٻڌايو ڇو نه... +گونڌل: موجي ٻڌائڻ سان ڇا ٿئي ها__ اهو ته سڀڪجهه اسان کي پهريان محسوس ڪرڻ کپي ها. جسو آءُ ڪولهڻ آهيان ۽ تون رٻاري__ ڪيڏو فرق آ........! ذات ذپات جي اها ڀت نه توکان ڊهڻي هئي نه مونکان... +(گونڌل جي پٺيان کان جسوڌن درد جو بت بڻيو، ڏانهن واچيندو ٿو رهي،) +(گونڌل جي مک وارو آکيو پِڄندو ٿو وڃي، ڀڄندو سندس ڳلن سان چنبڙندو ــــ ٻنهي جي وائي کن لاءِ ڄڻ بند ٿي وڃي ٿي). +(رگهيل گهٽيل آواز سان). +گونڌل: جسو، پراين لڄن جا اڳ ۽ دڳ جهلڻ ڍَٽ جو وڙئي ڪينهين. وري ڪڏهن موجي واٽ ۾ ائين اڀو نه بيهجان. سدا لاءِ موڪلاڻي، جسو... سدا لاءِ... +(گونڌل رُئندي، گهٽڪندي، پٺيان بيٺل جسوءَ آڏو تيزيءَ سان اڳتي وڌي ٿي. +(جسوءَ جو Close up جسوڌن پگهر مان شم، بيڪل بُت بڻيو، ڏاڍي حسرت ۽ پيڙا مان گونڌل ڏانهن نهاريندو ٿو رهي. هڄندو ٿو رهي. هو ڄڻ رانڀاٽ ڪري گونڌل سان ڳالهائڻ ٿو چاهي، پر هر واري سندس نڙي ڄڻ گهٽجي ٿي وڃي__ تيز هوا جا جهوٽا سندس وارن مٿان لنگهندا، سندس وارن کي ڇروڇڙ ڪندا ٿا وڃن. جسوڌن ٽرن ڪري هلڻ لڳي ٿو. ٻئي هڪٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن. +(مورن جا ٽهوڪا، ڏکارو سنگيت) +Desolve +ڏيک _9 +]ان ڊور، رات ويلا[ +(ڳچ وقت لنگهڻ جو تاثر) +ڪيميرا رات جي وقت، شهنائين ۽ دهلن جي آوازن سان گڏ، فل اسڪرين تي ڏياريءَ جي ڏيک سان، ڦٽاڪن ۽ شوشرن کي ٺڪاون ۽ زوزاٽن سان چڻنگون ڇڏيندي فضائن ۾ اُڏندي ڏيکاري ٿي. نُڀ ۾ ڏياٽيون روشنيون ڇڏينديون، فضائن ۾ پکڙنديون ٿيون رهن__ +ڪيميرا روشنين مٿان، ڪنوار (گونڌل) جي سيج جو منظر پيش ڪري ٿي__ گونڌل جو اکيو، اکين وٽان، لڙڪن سان پُسي، ڳلن سان چنبڙي ويو آهي. گونڌل ڦٽاڪن ۽ شوشرن ۾ ڄڻ کامندي، پڄرندي، سڙندي ڳرندي ٿي وڃي__ هر طرف کان ٻرندڙ لوبان جو دونهون ڄڻ دوزخ جو دونهون بڻجي، کيس گهٽيندو، منجهائيندو، اساهه بڻائيندو ٿو وڃي. +Desolve +ڏيک _10 +]آئوٽ ڊور، صبح سوير[ +ڪيمرا ڪارونجهر جي ساڙڌرو واري اتانگهه چوٽيءَ تي جسوڌن کي پنڊپهڻ جيان بيٺل ڏيکاري ٿي. ڪيمرا جسوڌن جي نيڻ نهار جي اينگل کان ڪارونجهر جي گمڀير، اُتانگهه چوٽين تان پين ڪندي ٿي وڃي. پهاڙ ۾ پري ڪٿان ڪنهن ڍاٽيءَ جي صدا جو آواز پهاڙ ۾ گونجندو ٿو وڃي. +صدا: ڪارونجهر ني ڪور، +مرئين ميلئين ناهين. +(اُداس مورن جي راڙن جا پڙاڏا جسوڌن جي روح جيان ڄڻ ڪارونجهر جي چوٽيءَ سان ٽڪرائيندا ٿا وڃن. جسوڏن ٻارڙن جيان رُئندو رڙندو ڪارونجهر ۾ نهاريندو ٿو رهي. سندس هٿ ۾ ڊگريءَ جا ڪاغذ چيڀاٽجندا ٿا وڃن. هو رُئڻ کي روڪيندو ڍڪر کائيندو، ساڙڌرو جي جهرڻي ڏانهن وڏي ٿو. ۽ جهرڻي جي مٿاهين ڀڪ مٿان بيٺو جهرڻي ۾ الائي ڇا نهاريندو ٿو رهي. گهٽيل آواز سان، ڊگريءَ جي ڪاغذن کي ٻنهين هٿن سان ڦاڙيندي) +جسوڌن: او ساڙڌرو جا جهرڻا، گونڌلي پرڻي ڳيئي...پرائي ٿي ويئي__ او جهرڻا گونڌلي پرڻي ڳيئي.... +(جسوڏن ڏک کان هڄندو، ڊگريءَ کي ٽڪرا ڪندو، جهرڻي جي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندو ٿو وڃي). +(پاڻيءَ ڪاڳر جون ٽڪريون پکڙنديون، لهرن مٿان ترنديون ٿيون وڃن_ جسوڌن ٽٽل من سان ڊگريءَ جي ٽڪرين ۾ نهاريندو، هيٺ لهڻ ٿو لڳي) +(Cut) +ڏيک _11 +]آئوٽ ڊور، ڏينهن ويلا[ +]ڪيمرا ڪٽ ڪري، ٽڪاڻي واري ساميءَ جي سائيڊ کان، جسوءَ کي اٻاڻڪو، ڀٽ ۾ پير ڌُٻائيندو، هيٺ لهندو ڏيکاري ٿي[ +(سامي ٽڪ ٻڌيو، ڏانهس نهاريندو ٿو رهي) +(Reaction) +(جسوڌن واريءَ ۾ ڌُٻندو، ساميءَ ڏانهن نهارڻ کا سواءِ لنگهي ٿو_ سامي ڏاڍي تپرس سان ڏانهس نهاري ٿو ۽ ڪجهه رکائيءَ مان سڏيس ٿو) +سامي: جسو! +(جسوڌن هلندي هلندي بيهي وڃي ٿو ۽ واسامن مان منهن کڻي ساميءَ ڏانهن نهاري ٿو) +سامي: هيڏي اچ جسو! +(پنڊ پهڻ جيان بيهجي ويل. جسوڌن ڄڻ وگهرڻ لڳي ٿو. هو چپ چپات سامي آڏو اچي اَواڪ بيهجي وڃي ٿو) +سامي: جسو، الله ٿو ڄاڻي، مون پانجي وسئون گهٽايو ڪين. ڀلا هن ڪوڙهئي سماج ۾ ماڙو ڇا ٿو ڪري سگهي، ڪير ٿو ڪنهن جي اُڏامن کي سمجهي؟ جسو، توکي ته ان ڳال لاءِ اڳواٽ پاڻ کي پچائي وٺڻو هو. +(کن لاءِ ٻئي گهٽيل انداز سان هڪٻئي ڏانهن نهاريندا رهن ٿا. جسوڌن ڪنڌ موڙي اڳتي هلڻ لاءِ اڃا مڙي مس ٿو ته سامي کيس سڏي ٿو) +سامي: جسو... ترس... مونک توسان ڪين ڳالهائڻو آهي. +(جسوڌن مڙي ساميءَ ڏانهن نهاري ٿو_ سامي پنهنجي جڳهه تان اُٿي ٻه قدم اڳتي اچي ٿو_ سندس چهري تي ڳنڀير سختي آهي) +سامي: جسو، مون ته توک ايڏو هيڻو ڪڏهن ڪين سمجهيو هو! ڪڏهن ڪين!!... +(وٿي ڏيندي، سوچيندي) +سامي: ڇا، ننڍڙيون ننڍريون تمنائون ۽ خاهشون پوريون نه ٿيڻ تي ماڙهو ايئن پساهه ڇڏي ڏيندو آهي! +(ڏک مان ڪنڌ ناڪار ۾ ڌوڻيندي، جسوڌن ۾ غور سان نهاريندي) +سامي: جسو، تو ته تاريخ پڙهي آهي. ڊگرين ۽ احتيارين کي ڪائي اهميت ڪينهين، ڪائي ڪانه... ٻڌاءِ مهاتما ٻڌ وٽ ڪيڙي ڊگري، ڪيڙي اختياري هئي؟ حضرت عيسي1، سقراط ۽ رسول صلعم وٽ ڪهڙيون ڊگريون هيون؟ ٻڌاءِ شاهه لطيف ڪهڙي گريڊ جو آفيسر هو؟... پوءِ به اهي ماڙهو هن پوري پرٿويءَ جي سڀ کان وڏي تاريخ آهن. +(ڏک مان ڪنڌ ڌوڻيندي، نهايت نماڻاڻيءَ مان) +سامي: جسو، اُهي سڀ ماڻهو ڀٽن ۽ پهاڙن جا پڙهايل هئا_ ڪارونجهر ڇا ٿو چوي... شايد... شايد تو اڃا ڪارونجهر کي ڳالائيندي ٻڌو ناهين. (وٿي ڏيندي) +سامي: جسو، مون وٽ اڃا الاهين ڪتاب آهن،جيڪي هن ڌرتيءَ جو ڀاڳ بڻجي وڃن__ هاڻ توهجي مرضي آ ته ڪارونجهر مٿان ڪڪر بڻجي، ڏهر ڏهر، ڀِٽ ڀِٽ، ڪونڀٽ ڪونڀٽ، آڪاس ڌئي وسندو وڃ _ يا وڻن ۾ وڃي واڪا ڪر__ پانجي حسرتن تي هنجون هار، راڙا ڪر__ مونن ۾ منهن وجهي رو__ سڀ ڪين توهجي پانجي وس آ جسو__ توهجو ڪيڙو ڏوهه__ هيءَ ڌرتي ته آدجڳاد کان ڏڪاري آ. +(ساميءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي اچن ٿا ۽ نڙي گهٽجي ٿي وڃيس.) +هت ٻارڙن جو مُرٽ ۽ ڀُرٽ لاءِ سُڪي مرڻ مهيڻو ڪونهين. +(هو هڪدم مُڙي اندر هليو ٿو وڃي) +جسو، مون وٽ ته اڃا الاهين ڪتاب آهن، اُٺ ڪتابن جا__ مون.... مون ته توک سڌڙيو ڪڏهن ڪين سمجهيو هو__ ڪڏهن ڪين....؟ +(جسوڌن کن لاءِ منجهاڻو، ڏانهنس نهاريندو، الائي ڇا سوچيندو ٿو رهي.) +(Reaction) +]جسوڌن الائي ڇا سوچيندي، ساميءَ پٺيان جهوپي ۾ اينٽر ٿئي ٿو__ ۽ ساميءَ پٺيان هڪ جهروڪي ۾ ايندي_ سندس اکيون حيرت کان کلي وڃن ٿيون. هو حيرت ڀريل اکين سان ڪتابن سان ڀريل، ديوار م فڪس ٿيل ڪتابن ۾ نهاريندو ٿو رهي. +ڪتاب ڏسي، سندس هٿ ڪتابن مٿان ڏڪندا، ڪتابن کي ڇهندا ٿا وڃن. کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙو ڪتاب کڻي_ هو ڪتابن جي دنيا ۾ ڄڻ الجهي منجهي ٿو وڃي.[ +_Desolve_ +پڇاڙڪو ڏيک +]سانجهه ويلا_ آئوٽ ڊور [ +]جسوڌن جي هٿ ۾ گول سج جي دائري وارو “The Revolution” ڪتاب آهي.[ +ڪيمرا جسوڌن جي هٿ واري ڪتاب جي Title جي گول دائري کي ڊوائيس ڪندي، جسوڏن جا هٿ ۽ پهاڙ جي چوٽيءَ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيل جسوڌن ۽ پوري وايومنڊل کي نروار ڪندي ٿي وڃي. +جسوڌن ڄڻ پڙهي پڙهي ٿڪي پيو آهي. هو ڪتاب ٺپي، سوچن ۾ وهلور، ساڄي هٿ جي آڱرين سان اکيون مهٽڻ لڳي ٿو ۽ ڪڙهيل انداز سان، پهاڙ جي اونچي اوڍر ۾ اٿي بيهي، چوڏس پهاڙ جي اُتاهين چوٽين تان نهار ڦيرائي ٿو. +ڪيميرا جسوڌن جي نهار جي اينگل سان پين ڪندي، شام جي سج کي ڪارونجهر جي اُتاهين چوٽين پٺيان ڍرندي ڏيکاري ٿي__ ۽ لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ڪارونجهر جون انگاس رنگارنگ چوٽيون، آسمان ڏانهن روشن ڇاٽون موڪلينديون ٿيون رهن_ جيڏانهن نهار، اوڏانهن ڪارونجهر جون چوٽيون آهن، ڪٿي نه ختم ٿيندڙ چوٽيون، ڪٿي نه ختم ٿيندڙ روشنيون، تجلا. +ڪيمرا ڪٽ ڪري، جسوڌن کي، انتهائي گمڀيرتا سان ڪتاب سيني سان لايو، روشنين جي ڇاٽن ۾،تمام پري ويندو ٿي ڏيکاري. +(Zoom out) +-Desolve- +اوسارَ +الطاف جي ياد ۾ +سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هلئا روئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن، مون کي چاڙهي چيئن، وئو وڻجارو اوهري +ــــ شاهه +گدائي صاحب جي ياد ۾ +هيءَ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين، پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي، هيءَ سينڌ سنواري وينداسين، آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هيءَ ساهه سنڌن ۾ آ جيسين، هن حُب وطن جو پوين ۾، هڪ ٻارڻ ٻاري وينداسين. +مضمون +· نسيم احمد کرل +· غلام احمد ايل. بدوي +· سمر سيٽ ماهم +نجم عباسي +فورم +· الهداد ٻوهيو +سڃاڻ +تبصرا +پڙهندڙن وٽان +ٽانڊاڻي جي لاٽ +جي جيءَ کي جيارين +هن پرچي جا ڪجهه لکندڙ +* ”گدائيءَ“ سنڌي ادب ۽ فن جي تاريخ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. پراڻين تحريڪن ڪانگريس، خلافت تحريڪ ۽ مسلم ليگ وغيره کي نظرانداز ڪري، رڳو سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ کان وٺي صوبائي آزاديءَ، ون يونٽ جي قهرسازيءَ، وري صوبائي آزاديءَ واري دؤر ۾ فنڪارن ۽ شاگردن، اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽ نوجوانن سان گڏجي، سندن باطل شڪن تحريڪن ۾ گدائيءَ ڪيترو عملي حصو ورتو آهي، اگر ان کي ئي بيان ڪيو وڃي ته، پوءِ هوند وڏو وستار ٿي پوندو. (گدائي) بزم ۽ رزم، محفل ۽ مجلس، جلسي ۽ جلوس ۾، هر موقعي تي نوجوانن سان گڏ رهندو آيو آهي. +غلام محمد گرامي +(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي مهاڳ تان) +* چاچو گدائي، سنڌ جو اهو شاعر آهي، جو ڪيترن دورن جي مختلف خيالن جي مڪتبن ۾ رهي، وقت ۽ سوچ جي سفر ۾ وک پٺتي نه رکي، اڳتي ئي وڌندو رهيو آهي. هو هر دؤر ۾ ترقي پسند رهيو آهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ عوامي شاعريءَ جو زنده مثال تي عوام آڏو پيش ٿي�� آهي. +رشيد ڀٽي +(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي سڄڻن جا سنيها تان) +* جيئن حمزو رسول، پنهنجي ديس داغستان جي سخت پهاڙن، خوبصورت چشمن، مُندن، ماڻهن ۽ اتان جي ماحول کي پنهنجي فن ۾ چٽيندو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت چاچو گدائي پنهنجي فن ۾، ڏاڍي جرئت ۽ بيباڪيءَ سان سنڌ وطن جي ماڻهن ۽ انهن جي ڪريل معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي اپٽار ڪندو آهي. قلندر صفت فاقه مست هوندي به کيس ائين لکڻ کان ڪوبه نه روڪي سگهيو آهي، نه روڪي سگهندو. +تاج بلوچ +(”پکڙا ۽ پنهوار“ جي سڄڻن جي سنهيا تان) +هو جي وڻ وندر جا نسيم احمد کرل +سنڌ ۾ الائي ڪُل ڪيتريون خيرپوريون هجن. هِنن گنگهار اکين ته ڇڙي هڪ ئي ’لَکان دي مَٽُ‘ ڏٺي آهي، جنهن تي پوءِ ٿا اچون؛ پر ڪوڙي ڪنين هِن هُن واتان ٻيون به چار پيون ٻڌبيون سُڻبيون آهن. اُنهن مان پهرين، صدقو وڃانس خيرپور ناٿنشاهه، جنهن ڀٽاريءَ رڳو ’سانئر ئي سانئر‘ (1) ڄڻيا آهن، جن جا نالا نظر لڳڻ جو سنڌي سليمي سوڻ (2) ڪري به ڳڻائبا، ته به ڌڻي شل خير ڪري. ٻيون ٽي ويچاريون جوسي، گنبي ۽ ڏهرڪيءَ پاريون نه لهڻي ۾ نه ليکي ۾، اجايا نالا سيڙائي ويٺيون آهن. لاشڪ ته منجهن پنهنجا ڀوڪي بصر ٿا رهن، جي ابي ڏاڏي وارن ڇٺيءِ جي نالن کي ٻک هنيو بيٺا آهن؛ پر جي منجهن سيتا روڊ وانگر ٻه گهر ٺڳن دهليءَ پارن جا هجن ها، ته اهي نالا ڪڏهوڪا ڌونڌا وڃن ها ۽ هينئر ڪي سريلا نالا ٻڌون ها. پنجين آهي_ اصيل ڏنگن ڏوڪن، ڪربلائڻ کارڪن، ڏجيءَ ڪوٽ ۽ لکي محل واري خيرپور، جنهن جي اڳ ڳالهڙي پيو کڻان. +جهونا جوڳي پنهنجي هِن خيرپور جا حوال ٻڌائيندي ٿا ٻڌائن، ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي پڙ کان پوءِ، هيءَ ٿورو وقت سو سهراب پور سڏي، پر جهڙن جهڙيون لٿي رَسُ ٿيو، دٻن جا پاڻي سُڪي ويا ۽ اکيون اکين جهڙيون ٿي ويون، ته پوءِ خيرپور جي خيري نالي سان سڏجڻ لڳي. ان نانءَ پڪي ٿيڻ کان پوءِ، نالي جي تاثير سبب، خيرپور ڏي ٿلهي ليکي خيرئي خير رهيو. توڙي جو چو واڙيءَ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان تخت تاج ۽ راڄ ڀاڳ تي، سنها ٿلها پاڻي ڪري،وري وچ ۾ قرآن مساف تي ٺاهه ڪيا اهي بنا دير ڀڃي، وري پڙ ۾ لٿا ته به خيرپور کي ڪو لوڏو ڪونه آيو. مير علي مراد جي ڏينهن ۾، وري درياهه شاهه پنهنجا نوڙ ڇنائي، هيٺان پنهنجي سر پاڻ ۽ مٿان مينهن کي مادتو ڪري خيرپور شهر کي اچي اَکين تي کنيو. اِن ’الاهي آفت(3)‘ جي سٽ نه سهي، ڪچيون جايون ڌوڙ ڌڪاءَ ڪري ڊهڻ لڳيون. پوءِ لک ڪروڙ شابسون هيون مهاڻن کي، جن ڏينهن رات پُورَ ڪري خلق خدا جي سڪيءَ ڀر سوگهي ڪئي. مير وڏو انهن ڏينهين ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ٽڪريءَ واري بنگلي تي رهندو هو. ٻوڏ جون خبرون چارون ٻڌي، خير خبر رکڻ لاءِ ڪوٽوار کي حڪم ٿيو، جو سرخي تي سنج وجهي، مينهن واءُ هڪ ڪري، اچي خيرپور جي ٻاهران ڀرڳڙيءَ وٽ پهتو. هن ويچاري جو مينهن جي واردات ۽ ٻوڏ جا راڱا پنهنجن اکين سان ڏٺا، ته هن ڪو دم پٽي، اَبو پاڻي پيڻ بدران، ساڳيءَ گهڙيءَ واڳ واري پوئتي اُڏار ڪئي ۽ مير سائينءَ کي سهڪندي ٻڌايائين: ”قربان ٿيان،خبر کري آهي، خيرپور ٻڏي وئي.“ +خابروءَ جي ان اڻائي وائيءَ تي، مير سائينءَ کي مٿي کان پيرن تائين باهه وٺي وٺي ۽ مٿس ٿُڪن ۽ موچڙن جي بڇ ڪري، کيس ڪپهه جيان تُنبائي ڇڏيائين. ان ڪارروائيءَ بعد ساڳيو بار ڪنهن سپورنج سرائيءَ تي رکيو ويو، جنهن ڏٺو ته ساڳيوئي مذڪور، پر هن سياڻي ڪانوَ ساڳي ڳالهه رومال ۾ ويڙهي، مير سائينءَ کي سوکي سڻائي ڏني: ”غريب پرور خيرپور ڏي خير ئي خير آ، باقي ڀرڳڙي ۽ لقمان ۾ سو پنيءَ_ ٻوڙ پاڻي آهي.“ +”آفرين ، ��ها سڻائي وائي ته ٻڌاءِ.“ مير سائينءَ جو منهن ٻهه ٻهه ڪرڻ لڳو ۽ گُل پوئيندڙ کي به انعام اڪرام ۾ جيڪا سا لونگي پوتي ملي. +سو ڳالهه کُٽائڻي،ته خيرپور ڏي سدائين ست خير رهيا آهن ۽ قضاني ڪا آفت يا ٽوٽ پئي آهي، ته اها به سائدي ڳوٺ، ڏٻر، لقمان يا ڀرڳڙيءَ تي، جي خيرپور شهر جا ئي پاڙا آهن. +مٿين پاڙن کان سواءِ، سرائي گنهور خان جو پاڙو به ڪنهن جڳ ۾ ايترو مشهور هو، جو اُڀي لَمي خيرپور ئي سرائي گنهور جي پار سان سڃاڻبي هئي. سرائي گنهور قَد بُت ۾ شينهن جواڻ، رنگ نارنگيءَ جهڙو ۽ سهڻن سيبتن وصفن وارو ڪو وقت جو بادشاهه نه هو، پر دل جو بادشاهه ضرور هو. سندس جريبن ۾ پکڙيل اوطاق ۾، دِسن جا آيا ويا پيا آساسُ ڪندا هئا. ڏورانهان مزمان ته خير پنهنجو نصيب کائن، پر شهر جا ڪڙمي ڪاسبي به سڄو ڏينهن پورهيو پلال ڪري رات جا چار پهر وٽس ئي آجهاپ ڪندا هئا. سرائي گنهور روز جيري لاءِ ٻڪري ڪانه پائيندو هو ۽ نه وري سندس ڪي اڻ ڏُڌيون ڇڙنديون هيون. هو ماني کارائيندو هو، اهائي ٻچن سنئين؛ پر اها هوندي هئي عزت سان، مانَ سان ۽ دل جي حضور سان. جيستائين مڙس کي لُڪيءَ ۾ ساهه هيو(4)، ته هن نانگرو پنهنجي ننگر ۾ گهٽ ڪانه ڪئي، ۽ ڪو وقت اهڙو به آيو، جو مزمان جي ويلن جي پورت لاءِ پنهنجي زال جي نٿَ ۽ پنڙا به پيارا نه ڪيائين. سندس گهر ۾ اَنَ جو داڻو نه هجي، روڪ روپيو نه هجي ۽ مزمان جا ڀلي ساٿ هجن، ته به مڙس خوشيءَ ۾ خوش ۽ سندس وات تي سدائين ٻولي هجي: ’الله بادشاه ؛ + + +ڳالهه ۾ ڳالهه ٻڌائيندو وڃان، ته ان مٿير مڙس جي مُلڪان مُلڪ اهڙي هاڪ هئي، جو هڪ لڱا وقت جو بادشاهه مير علي نواز خان مومل جي مزاج ۾ نهوڙجي، پرين جا پيرا ووڙيندي، بيبيءَ باليءَ کي هيرا منڊيءَ واري ٿاڪ ۾ ٿانيڪو ڪيو، ته ان منڊيءَ جي دلالن ۽ ڀلاوڻن سندس هيڏي ساري رياست(5) کي ڪو گوش ڪونه ڏنو. مير سائينءَ جڏهن پنهنجي بادشاهيءَ جا سمورا پار پتا ڏئي ٿڪو، ۽ اهي ڳالهيون ڪنهن جي به چم ۾ نه گهڙيون، ته پوءِ هڪ سريلي سرائيءَ کي جو سَمڪ آئي ته هن کڻي سرائي گنهور وارو پارُ ڏنو. ان نانءَ کڻڻ سان سموري ڪچهري وٺي ائين بَلي بَلي ڪئي، جيئن ڪا گهڙي کير واري ڳجهارت چئني پائين ڀڄي پئي هجي. سرائي گنهور پنهنجي ان مانيءَ ڪانيءَ جو کٽيو حال حياتيءَ ۾ ته کاڌو؛ پر اڄ جڌهن کيس هي ڏيهه ڇڏي، ورهيه خدا جا ٿي ويا آهن، ته به ٻهراڙي لوڪ خيرپور کي سندس نالي ئي سڏين. خيرپور ميرس جو فيشني نالو ته نئين ٽهيءَ جا رنگروٽ ٿا کڻن، جن نه سرائي گنهور ٻڌو سُڻيو ۽ نه وري سندس قربائتيون لانڍيون پسيون. خيرپور جي انهن قربائتين لانڍين ته پنجاپ وارن کي اهڙو قابو ڪيو، جو هڪوار جيڪو ٽانڊي ڪاڻ آيو، سو به بورچي بڻجي ويو. انهن مان سرائي بگو خان ته نانگ ڏاڏنگ پاران سيتارامي سون هو، ۽ ويتر جو سندس ستاويهن سيرن گلن ۾ ترندڙ(6) ڀيڻ بيبيءَ باليءَ جو مير علي نواز سان تخمي پيوند پيو، ته هو پوءِ لکن تي مٿو ڌوئڻ لڳو. ان زماني جي کري خبر هئي، ته جڏهن سرائي بگي کي ٻِيڙيءَ جي ٻاڙ لڳندي هئي، ته هو ڏهين ڪي پنجين جي نوٽ ۾ تماڪ ڀري، ان نوٽ جي ٻيڙي ٻڌي سوٽا ئي ٻه ڪندو هو. سرائي بگي ۽ بيبي باليءَ جي بخت تڏهن موٽ کاڌي، جڏهن وَڇن کي ڪُڏ ڏياريندڙ مير علي نواز پارو ڪِلو ئي موت جو سُرو کائي ويو ۽ ڪاري ڏاند جا مالڪ ٻيا اچي پيدا ٿيا. بيبي باليءَ جي پوري ساري پينشن مقرر ٿي، جا پيٽ قُوت ۾ ئي پوري هئي. سرائي بگو ۽ بيبي بالي، جي ڪنهن وقت سموري مڏيءَ جا مالڪ هئا، سي پاڻ ٻين هٿن جا ڳيجهو ٿي پيا. سرائي بگي جي آل اولاد ا��ا تائين دائم قائم آهي ۽ هينئر پوري ٻِيڙي ته ڇا؛ پر اڌڙن لاءِ به ٿي واجهائي. سندن اڳين بلند بالا بخت جي باچتو نشانڙي دلشاد منزل ڇَٽَ جي ڇانو بنا، پوين پساهن ۾ آهي ۽ جت پکين جو نه پيرو اُت لُچن جا لنگهه ٿو ڏسان. +هن رياست خيرپور جي ٽڪريءَ تي ٽالپرن جي ستن پيڙهين عدل ڪيا. ڪلهوڙڪي دور ۾ خيرپور جو ڪو نالو نشان ڪونه هو جو انهن ڏينهين سج اڀرندو لهندو ئي خدا آباد__ حيدرآباد تي هو. خيرپور جا ڪلا قائم ٿيا هالاڻي ڀيلاڻي واريءَ جنگ کان پوءِ، جنهن ۾ مير سهراب خان ڀائن سين ڀاءُ ٿي مرشدن جا ٽين ئي تنگي ڇڏيا ۽ ونڊ ۾ خيرپور ڪمائي. ان کان اڳ ٻروچڪا ٻار ٽالپر پنهنجن مرشدن ڪلهوڙن جي پوري ڦيڻي ڌاڳي ۾ هئا، پر جڏهن مرشدن مريدن جي سِرين جو خير نه گهري (7) کين دين ايمان مان پاڻ ڪڍيو، تڏهن ٻروچن بر ٿي اڳيان پويان ليکا سنوان ڪري سڀ پلاند پورا ڪيا. ٽالپرن جي رئيس مير فتح علي خان سڀ اوکا پوکا پلي، سموري سنڌ گڏيل بندوبست ۾ رکڻ گهري، پر ڀاڱي ڀائيوار ميرن کي اها ڳالهه ڪانه وڻي. مير ٺاري ميرپورخاص ڏانهن منهن رکيو ته مير سهراب خان اچي روهڙي وسائي، تان جو خيرپور رياست قائم ڪيائين. تنهن هوندي به مير سهراب خان ٿلهي ليکي، پنهنجي حيدرآبادي ڀائرن سان حال ڀائي رهيو، جي ڳالهائيندو الله لڳ هو ته ڌُڪو برادر لڳ کڻندو هو. ان دور ۾ ٽالپرن تي ڪا مهل آئي ته هن پٺاڻن سان به پاڻي(8) ڪيا، ته بهاولپور جي به بيک ڪڍي ڇڏي. پيرسن ٿيو ته بادشاهيءَ تي ڳت ڏيڻ بجاءِ، سڀڪجهه وڏي پٽ رستم خان بِلي ڪري، الله لوڪ ٿي ويو، تان جو ماڙيءَ تان ڪِري هيءَ جوءِ مٽايائين. +مير رستم خان ڦوهه جوانيءَ ۾ پيءُ جيان جنگي جوان هو ۽ راڄ ڀاڳ سندس چئي اَکئي ۾ هو (9). وارن ۾ پَريا پيس ته آبو تيليءَ ٻوڙ پيڻ لڳو ۽ انهن کيپن ۾ هلائي چلائي وزير فتح محمد غوريءَ جي هٿ ۾ اچي ويئي. مير رستم خان پيءُ وانگر حيدرآبادي ميرن سان پنهنجي اباڻي ڏاڏائي لڇَ ڪانه وساري؛ ان ڪري انگريزن کي ڀيت نه پيو. انگريزن پوءِ اٽڪل ڪري، مير علي مراد کي هُشيون ڏئي، ڀاءُ کي ڀاءُ سان مڇرائي وڌو. ان گهر جي جهيڙي مڙس کي بيوس ڪري ڇڏيو ۽ سندس جيئري ئي ملڪ مير علي مراد جو ٿي ويو. مير رستم خان پوءِ تنگ ڇنائي، ڪوٽ ڏجيءَ مان رات جي پيٽ ۾ حيدرآباد ڀڳو ۽ اتي پنهنجي پئنچات ۾ پوڪاريائين. حيدرآبادي ميرن پاڻ ۾ پئنچاڻو ڪري کيس واپس واڳون ڏيارڻ لاءِ انگريزن سان وڏا وس ڪيا؛ پر پئنچن کي ڪو مُهت نه مليو ۽ نيسارو اُتي جو اُتي رهيو. ستت ئي مياڻيءَ واري جنگ لڳي، جنهن ۾ مير رستم سکڻي هٿين ٽالپرن جي مدد ڪئي ۽ نيٺ بانديخاني ۾ بند ٿيو. ان بڇڙي بانديخاني ۾ به مير رستم خان خيرپور جا وڻ ڪونه وساريا ۽ رڪاٽي درخواستون ڪندو رهيو. انگريزن به پنهنجو پاڻ کي اڇو ڪرڻ لاءِ، اهو ٺڪر ڪلڪتي جي عالمن تي ڀڃي کائن فتوا وٺي ڇڏي ۽ شريعت موجب ملڪ مير علي مراد کي ڏيئي ڇڏيو. مير رستم جو پوءِ ڪو چاڙهو ڪونه ٿيو ۽ هُنَ پوني ۾ پساهه پورا ڪيا. +مير علي مراد نه ڏهه نه ويهه پورا ايڪونجاهه سال پنهنجو بخت لوڏي ويو. هو سموري ڄمار ڀڙ جوڙ نوبنو رهيو ۽ کيس ڪڏهن چچڙ به چڪ ڪونه پاتو. سندس پڇاڙيءَ ۾ حُرن اجايو پاڻ کي گلارو ڪري مٿس ٽي فير به ڪيا، جن مان ٻه ته ٿڏي تي ئي مُنڊجي ويا، البت ٽئين سو چامائو ڦٽ ڪري وڌو. هو ويرين جي ان ڌڪ مان ته ليٽي پيٽي چڙهي پيو، پر دلبر پٽ شاهنواز جي لاڏاڻي سو کيس جهوري ڇڏيو. +هن مير انگريزن جو هڙون وڙون ساٿ ڏنو ۽ ڏک سک ۾ ڪڏهن پويون پير ڪونه ڏنو. انهن ڀورن ڀٽارن جا سنڌ ۾ پير الله کوڙايا؛ پر مير عل�� مراد کوڙايا. ان چڱائيءَ جي موٽ ۾ انگريزن کيس ٽڪو به ڪونه وڙايو. رهندو سندس سريلن پرڳڻن ۾ اکيون وڌيون. سرچارلس نيپئر ويندي ويندي به پوين کي هن جون لک پارتون ڪيون؛ پر انهن سخن جي ڪوڙن تخمه جي ڪوڙن ڪانه رهائي ۽ پهرين سٽ ۾ ڪوڙا سچا باڪو بڪائي اهي پرڳڻا کسي ڇڏيا. انهن ڏينهن کان پوءِ رياستي خيرپور پاسن پلون کان ڇوٽي ٿي وڃي ٺلهن پنجن تعلقن تي بچي. مير علي مراد قلم جو جهيڙو ڪيو؛ پر ڪو داد فرياد ڪونه ٿيو. مير علي مراد پوءِ مهاراڻي وڪٽوريا سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائڻ لاءِ ٻه پير ڀري ولايت به ويو؛ پر مهاراڻي نه سندس منهن تي پئي ۽ نه وري ڪو سُر جو جواب موڪليائين. پاڻ اڃا لنڊن ولايت ۾ هو، جو هندستان جي هندو توڙي مسلمانن، لال قلعي جي بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن سان ڇِتي ويڙهه شروع ڪئي ۽ هر هنڌ سندس داڻو پاڻي حرام ڪري ڇڏيو؛ پر هن ڪل عقل گدڙ جي لت کان، هاٿيءَ جي لت ڀلي ڄاڻي رياست ۾ ڪو وڳوڙ ڪرڻ ڪونه ڏنو. رياست راڄ ته ان امر ۾ رلهيون پائي سمهي رهيا؛ پر اوسي پاسي ڪن ٻاروچن ڪا چوچڙي ڏئي باهڙي ٻاري، ته به شاهنواز پاڻي کڻي اهي دکيل دونهيون وسائيندو رهيو. ان نيمڪ حلاليءَ جو انگريزن ڪو صلو ڪونه ڏنو ۽ رڳو وات جي سکڻين شاباسين مان ڪم ٽپايائون. مير علي مراد انگريزن مان آسرو پلي اهي ڏک سور وسارڻ لاءِ رهندو کڻي شونق شڪار ۾ دل لاتي. سندس راتيون جي شونق جي بلي هيون، ته ڏينهن شڪار جي بلي هوندا هئا. مير اهي شوق دل تي ڪيا ۽ سُونگ ڪانه رکي. هن ٻن ٻن ڀينرن کي ساڳي وقت لکيي ۾ به ڪيو، ته ٽي_ ٽي ڀينر گڏوگڏ سريتون (10) به ڪري ويهاريون. اهي نرالا وئر وٺڻ لاءِ، هن ميراڻي نشي پتي ڀنگ جي پچر ڇڏي، ولائتي شرابن سان کڻي دل لاتي، جنهن جي بادشاهي کيپن ۾ حرام حلال هن لاءِ هڪ ٿي ويو ۽ هڪ ڀيڻ ساڄي ڪلهي تي چڙهي، ته ٻي کاٻي ڪلهي تي چڙهي رسجي لٿي. شڪار جو خفت به هن اهڙو ڪيو، جو بر ۾ بازاريون هن لاتيون ۽ يارهن مهينا ته ڇڏيو پر محرم جي يارهين تاريخ (11) تي به وڃي پنهنجو هٿ ٺاريائين. هن مير هيءَ جوءِ ڇڏي به ڀٽين جي ڀڪ ۾، جتي هو شڪار سانگي آيو هو، ان منزل ۾ هڪ اڌ اوسر کڻايو هئائين ۽ ٻين مهاڙين ڏانهن مهڙ هيس، جو ملڪ الموت کيس لَڌ ڪري واٺي وانگر اچي ورتو. مير به خدائي سڏ کي منهن ڏئي کڻي سر اڏيءَ تي رکيو ۽ انگريزن خلاف سڀ دانهون ٻڌيءَ موڙي کڻي ڌڻيءَ در پهتو. +مير شاهنواز جي لاڏاڻي سبب، پوءِ بخت جي پريءَ ڇانو ڪئي مير فيض محمد تي، جو اهو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيرسن ٿي ويو هو. هن رمضان جي عيد ڏهاڙي، وڏو جشن ڪري تخت تي ويهي ٻٽيون عيدون ڪيون. هن مومن مسلمان،پهرين سٽ مرحيات پيءُ جي واڻين وزيرن ديوان اتم چند ۽ ٻين ديوانن کي مٿي تي موڙا ڏئي، برٽس سرڪار کان، نوشهري جي ڊيپوٽي ڪليڪٽر قادر داد خان جي ٻانهن گهري ورتي، جنهن سمورو سرشتو اچي سنڌ جيان ڪيو. مير فيض محمد 1903 ۾ دهليءَ جي شاهي درٻار ۾ شرڪت ڪري، نذر رکي ٻين ڀائن سين ڀاءُ ٿيو. ان درٻار ۾ وائسراءِ لارڊ ڪرزن، جارج پنجم بادشاهه طرفان، هندستان جي شهنشاهي تخت تي ويهي جلوس ڪيو. ان ئي درٻار ۾ سينگاريل هاٿين جا جلوس نڪتا، جنهن ۾ مير فيض محمد پيريءَ سبب شريڪ نه ٿيو، باقي ٻيا سڀ پير ڀريائين. سندس دل گهرئي وزير قادر داد خان به ان موقعي تي وفات ڪئي ۽ کيس دهليءَ جو مڙهه مقام نصيب ٿيو. +سال 1906 ۾ وليعهد پرنس آف ويلز (بعد ۾ ائڊورڊ ستون) سنڌ ۾ پير گهمائڻ لاءِ ڪراچي آيو، ته مير سائين ان مهمير مڙس سان اتي ملاقات ڪئي. ياد رهي ته ائڊورڊ ستون جيئڙو عاشق هو، جنهن عشق جي اري ۾ مسز سمپسن بجاءِ شهنشاهيءَ کي ٽي ڀتر ڏئي، دنيا جهان جي عاشقن کان ڪوهن تي گوءِ کڻي ويو هو. مير فيض محمد پنهنجي دور ۾ اسپتالون ۽ اسڪول کولي شير شاهي سڌارا ته ڪيا، پر صاحبلوڪ مزمانن لاءِ فيض محل به ٺهرايو، جو ان سڪرسڻائي جي نشاني آهي، جڏهن مزور جي مزوري هوندي هئي پائلي ۽ رازو رپئي ٻارهين آني روز تي به الوميان ڪندو ويندو هو. محل جڙي راس ٿيو، ته انگ جو جوڙ ٿيو سو ٿيو پورو لک ۽ نالو پئجي ويو لکي محل. پوئين وقت ۾ جڏهن روپئي جو ملهه گهٽجي ويو ۽ هرڪو ٽلو ٽوپڻ حاڪم ٺاڪم لک روپيا خرچي، ٻن_ ٽن ڪوٺين ۽ دالي تي مشتمل جايون ٺهرائڻ شروع ڪيون، ته نالو ڦري ٿو فيض محل. هن محل مان ورهيه خدا جا ميراڻو فيض جاري هو ۽ پوري هندستان مان اردو شاعرن ۽ ڳائڻن جون لوڌيون هت اچي ڳاهَه ٿينديون هيون ۽ انعام اڪرام تي پيون ڪُتر ٿينديون هيون. مير فيض محمد پورا پندرهن سال حڪومت چوڙي پوءِ اکيون ٻوٽيون. +مير فيض محمد کان پوءِ، تخت پلو پيو مير امام بخش تي، جو پورالو بادشاهه هو. ان پورالي طبيعت سبب پڻس جو مٿس گهٽ راضپو هو. چون ٿا ته مير فيض محمد پنهنجي دل گهريي پٽ مير احمد علي خان کي وليعهد مقرر ڪرڻ لاءِ، خيرپور جي ڀرسان مڪان واريءَ جي تڙ ۾ گورنر سان ملاقات به ڪئي هئي. گورنر به مير صاحب کي مُهت ڏيڻ ۾ هو، جو وزير قادر داد خان لپو هڻي، مير امام بخش خان کي به روبرو گهرائي ڏسڻ لاءِ سفارش ڪئي. مير امام بخش خان وٽ جڏهن شآهي سواري پهتي، ته هن وٽ غريبي حال سبب، درٻار ۾ پيش ٿيڻ لاءِ مناسب ڪپڙا به ڪونه هئا. هن هيٺ ته گهر واريءَ جي گربي جي سٿڻ پائي (12) ڪم ٽپايو، پر مٿي ۾ اهائي ميري سيري پراڻي ٽوپي پائي، اچي گورنر جو سلام ڪيو.خوش خير عافيت کان پوءِ، جڏهن گورنر سندس انت لهڻ جي ڪئي، ته هن پيءُ ۽ ڀاءُ جي روبروئي گورنر کي چيو: ”جيئندا قبلا، اسان ٽالپرن ۾ چريي ٿيڻ جي پراڻي آڍِ آهي. ڏاڏي سائينءَ جن جي ڏينهن ۾ بابو سائين چريو هو ۽ بابي سائين جن جي ڏينهن ۾ وري مان چريو آهيان.“ +گورنر کي سندس گفتو اهڙو وڻي ويو، جو هن مير احمد علي کي وليعهد ڪرڻ واري رٿ لنوائي ڇڏي. مير فيض محمد خان ته پوءِ به سڄو سارو مير احمد عليءَ جو هو، پر رب جي جوڙ جو مير احمد عليءَ جا سندس ڏينهن ۾ ئي پساهه پورا ٿي ويا. مير فيض محمد فوت ٿيو، ته پوءِ به ٽالپرن ڪَن ڳالهيون ڪري تخت تاج مير امام بخش بجاءِ، سندس پٽ مير علي نواز خان جي بلي ڪرڻ جي ڳڻ ڳوت ڪئي؛ پر مير امام بخش هيٺاهين وٺي، سياڻپ سان پنهنجي سالي ۽ ڀيڻويي مير محمد مراد خان (13) کي ان پٽي تان لاٿو. کيس لاهيون چاڙهيون ڏيکاري سمجهايائين: مير تون ته منهنجو سالو ۽ ڀيڻويو آهين ۽ منهنجو سر آهين، مان چريو کريو آهيان، ته حڪم تنهنجو ئي پيو هلندو؛ پر جي علي نواز تخت تي ويٺو، ته تو مامي ۽ مان پيءُ کي به هيٺ وهڻو پوندو. وڌيڪ پاڻ ڄاڻ، مان ڪو پنهنجي ٻچي مان آرهو ناهيان. اها پنهنجي ڀاڻيجي جي اڳيان هيٺ وهڻ واري ڳالهه، مير محمد مراد جي ٻروچڪي دماغ ۾ ويهي رهي. هو پوءِ مير امام بخش جو ساٿ ڏئي بيهي رهيو ۽ ٻين ٽالپرن کي اُڀرڻ ڪونه ڏنائين. مير امام بخش پوءِ تاجپوسيءَ تائين مير محمد مراد کي پنهنجي پاسي ۾ گڏ وهاريندو هو ۽ سندس چيو اُکيو مڃيندو هو، پر جنهن ڏينهن هن تاجپوشي ڪري تخت تي جلوس ڪيو،ته هن اک ئي ٻي ڪئي ۽ مٽي مائٽيءَ واريون سڀ محبتون پلي ڇڏيائين. ان ڏهاڙن کان پوءِ، هن پنهنجن مائٽن کي اکين ۾ ڪيو؛ پر ڏک_ سک جي ساٿوڙين ڪوڙي مهراڻي ۽ جڳومل واڻيي کي سؤ جيءَ ۾ جايون ڏنائين. ڪوڙو سدائين هنڀاريءَ ۾ ساڻس گڏ ويهندو هو ۽ جڳومل، جو ڪن ڏکين ڏينهن ۾ اوڌر پاڌر تي کيس سودو ڏيندو هو، سو سموري شاهي مودي خاني جو مالڪ بڻجي ويو. +هن مير جي ميلن ملاکڙن، راڳن روپ سان پوت ڪانه هئي. هن پهرين سٽ ۾ راڻيپور جي يارهين واري ميلي ۾ هلندڙ جوا ۽ رنڊيون ڪسبيون بند ڪيون، ته سالن جي برسيل ميلو ڀڙڀانگ ٿي ويو. سندس دور ۾ ٽٻيل هو ته شاهي خزانو، جو ان معاملي ۾ سڳي پٽ تي به اعتبار ڪونه ڪندو هو ۽ شاهي خزاني جون سيرسوا وزني ڪنجيون اڳٺ ۾ ٻڌي، پوءِ ئي ننڊ قرار جي ڪندو هو. تنهن هوندي به ڪن شاهينگن خزاني مان سونيون ڏنگيون پار ڪيون، جي مير علي نواز خان جي ڏينهن ۾ ڦاٽيون ۽ اڌگيديون وصول ٿيون. +مير امام بخش دل جو پڪو اهڙو هيو، جو پنهنجي ولي عهد مير علي نواز خان کي ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين.هو ويچارو پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي قنڌرن وارن مائٽن وٽ رکي سکر پهتو، ته ات سندس پٽ بيمار ٿي پيو، جو فوت ٿي سکر واري جيئي شاهه ۾ دفن ٿيو. پر مير امام بخش کي پوٽي جي وفات جو به ڪو ڪيڪاٽ ڪونه آيو ۽ مير علي نواز خان ڪي ورهيه جلاوطن رهيو. پوين ڏينهن ۾ وري مير امام بخش جي اهڙي دل کي ڇٻي آئي، جو گورنر سان ملاقات ڪري، مٿس وزير محمد ابراهيم جي پاڙ پٽڻ ۽ ولي عهد مير علي نواز کي بنا دير موٽائڻ جو زور بار رکيائين. گورنر ٻنهي ڳالهين لاءِ مهيني ماسي جي مهلت گهري، ته هن سٽ ڏئي چولي جا ٻِيڙا کولي گورنر کي پنهنجو سينو ڏيکاريندي چيو: صاحب، مان علي نواز کي هنن پنهنجن بُبن تي پاليو آهي ۽ هينئر هڪ پل جي به دير سهي نٿو سگهان. گورنر صاحب مير امام بخش جي حالت ڏسي، ٻنهي ڳالهين کي بنا دير پوري ڪرڻ جو دلاسو ڏنو. مير علي نواز بندش لهڻ کان پوءِ رياست ۾ پير پاتو، ته پاڻ سان گڏ برٽس سرڪار جو مقرر ڪيل نئون وزير شيخ محمد قادر به ورتيون آيو، جو قد ڪاٺ ۾ هيڻو هو. مير امام بخش سالن جي وڇوڙي کان پوءِ پٽ سان ملي ته لک خوشيون ڪيون ۽ کيس جلاوطن ڪرڻ جا سڀ ڏوهه پاپ پراڻي وزير محمد ابراهيم تي ڌريائين؛ پر نئين وزير شيخ محمد قادر کي جو ڏٺائين ته پوڳ جي پوڳ ۽ ساڀياجي ساڀيا ۾ پٽ کي چوڻ بنا رهي نه سگهيو: علي نواز تنهنجو آندل وزير جهيڙو واڻيو. مون وارو وزير ابراهيم ته هو پورو جهنڊو. مير علي نواز خان پيءُ کي عرض ڪيو، ته قابليت جو قد ڪاٺ ۽ شڪل صورت سان ڪو واسطو ڪونه هو، ته هُن وري پٽ جي دل رکندي چيو: اها ڳالهه تنهنجي برابر هوندي، پر پهريون ڏسبي آ منهن واري مٺائي، اها هن ۾ ڪائين ڪال ڪونهي. +مير امام بخش جي چريائي کريائي جو کوڙ ڳالهيون مشهور آهن. اهي سچيون يا ڪوڙيون، تن جون خبرون خاوند کي؛ پر ايتري ڳالهه ضرور هئي، ته هو ٽپڻ تي پوندو هو ته درياهه به ٽپي ويندو هو ۽ وري اڙي هڻندو هو ته اڏ تي به بيهجي ويندو هو. هو يا ته هڙ جو اهڙو پڪو هو، جو پگهارن لاءِ به پائي ڪانه ڪڍندو هو، وري ڦوڪڻ تي پوندو هو،ته تاجپوشيءَ جي جشن تي ٻن لکن مان ڪسيرو به گهٽ نه ڪيائين. مير امام بخش پٽ سان پرچڻ بعد، پوري نائين مهيني جملي ميڙي چونڊي هِن ڏيهه ڇڏي، هُن ڏيهه هليو ويو. +پوءِ ڇَٽ جُهليو مير علي نواز خان تي، جو پڙهيو راجائن واري ڪاليج ۾ ۽ ڪڙهيو هندستان ۾، جتي هو ڪي سال جلاوطن رهيو. مير علي نواز زردار به هو ته نادار به هو. شاهي خزانو، جو مير امام بخش چپٽين سان ميڙيو هو، سو هن سخي داتا هڪ ئي ڦوڪ سان اڏائي ڇڏيو. انهن ڏِهاڙن ۾، مير علي نواز خان وڏين وڏين سيٺين ۽ زميندارن کان اوڌر پاڌر به ڪئي. گهڻن ته اهي رقمون ڏئي وساري ڇڏيون؛ پر خانبهادر کهڙي ۽ مير پور وارن ڀٽن اهي ٻڏل پئسا ٻيڻا ڪري ڪيٽي اڀوڙي ۽ دودي ڀٽي واريون ڪيٽيون خريد ڪيون. هي حسن پرست بادشاهه بيبي لاليءَ لاءِ جوڳ ڪري لاهور کي لعل ڪيو. بيبي بالي هت اچي وري روسامو ڪري، پوئتي موٽڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي، ته مير علي نواز برٽش سرڪار سان لکپڙهه هلائي، زور جي ميندي هڻي کيس ماڳ تي موٽائي آيو. بيبي بالي انگريز جي دٻ دٻاءُ تي ڳوري ٿي موٽي آئي، ته بادشاهي خيال مَٽَ ٿي ويو هو. پوين ڏينهن ۾ بادشاهه گهڻو آر کڻي مائي ستڻ تي رکيو ۽ مرندي گهڙيءَ تائين ستڻ-ستڻ(14) ڪندو رهيو. +پوين ڏينهن ۾ مير علي نواز انتظامي لحاظ کان بيوس ۽ لاچار هو ۽ سڄو ڏينهن پنهنجي وفادار سرائين سان برٽشي وزيرن ۽ ڪائونسل جي ميمبرن کي ڪڍڻ جا اُپاءُ پيو ڳوليندو هو؛ پر اڳيان به هيا انگريز يا انگريزن جا ڇاڙتا، جن جو ڪلو پاتال تائين کتل هو. مير سائين ٻيون سڀ واهون پلي، سندن خلاف اخباري محاذ کڙو ڪرڻ لاءِ، دهليءَ جي اخبار رياست جي چُٽَ ايڊيٽر ديوان سنگهه مفتون(15) سان به ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس وزير جي وقت بيوقت شڪارن ۽ ان ۾ ماڻهوءَ مرڻ جي چهري خبر به ٻڌائي هئائين. ديوان سنگهه ته اهڙين خبرن جي نوس ۾ هوندو هو. هن کي جو اهڙي خبر گهر ويٺي ملي، ته هن جي ڪا رکوڻي ڪانه رکي، اها خبر سُرخيءَ سان چپي ڇڏي. ستت ئي خبر پئي، ته اها ماڻهو مرڻ واري خبر نسورو وڌاءُ هئي ۽ ڇڙو رڳو تيتري ڇرن لڳڻ ڪري انڌو ڪاڻو زخمي ٿيو هو. ديوان سنگهه قانوني بچاءُ لاءِ ان جي ترديد به ڇاپي، پر ٽانٽن کي جو هو ڍاڪ تي چڙهي ويو، ته هن ڦيرائي گهيرائي مٿس سکر ۾ ڪيس ڪيو ۽ هفتي ڏهين ڏينهن جون حاضريون کارائي سندس بنڊ ڪڍي ڇڏيائين؛ +هن مير جي ڏينهن ۾ رياستي راڄن ڇيڙ بيگر کان دُونَ سڄائي پاڻ ۾ ٻڌيون ڪيون. اها ڇيڙ ڇپري لٿي ته وري جنس وار بٽين ۽ داڻ بنديءَ تي ڪروڌ ڪيائون. ان سلسلي ۾ پير ڳوٺ لڳ ويٺل ماڇي راڄ گوڙ گهمسان ڪيو، ته خيرپور رياست جي آرمڊ فورس جنهن ياعمر ڪنهن لام ۾ پنهنجا هٿ نه ڏيکاريا هئا، تنهن پهريون ڀيرو پنهنجون رائفلون آماهي راڄن تي شستون پڪيون ڪيون. انهن سنهين سڪين ڳالهين باوجود، مير علي نواز پنهنجو وقت سهڻو نڀائي ويو. پوئينءَ بيماريءَ ۾ سندس علاج لاءِ دهليءَ کان حاذق حڪيم احمد محمد ۽ ڀوري خان پارا ڪوٺجي آيا؛ پر ڦڪين ڦرق نه ڪيو ۽ مير سائينءَ جو ساهه نه تو ڏٺو نه مان ڏٺو. سندس وفات تي رياستي راڄ زائفن وانگر پار ڪٺي رنا، جو سندن انگل سهندڙ، رٺن کي پرچائيندڙ، لک لُٽ داتا قيامت تائين کائن رسي ويو هو. هن جي مرتبي تي شاعرن کوڙ ئي ڪلام ٺاهيا، جن مان هندان ڪڃريءَ جو ڀريل رڪاٽ ”ارمان آ نازڻ تنهنجو دم بيوفا کي ناز هو _ الخ“ اهڙو دڪدائڪ آهي، جو اڄ به بت مان سيرون ٿو ڪڍي. +پوءِ تخت تي جهڙو ويٺو تهڙو نه ويٺو مير فيض محمد ٻيو، جنهن عملي طرح ڪا حڪومت ڪانه ڪئي. سندس بادشاهه ٿي رهڻ جي شاهدي اوگاهي، رڳو پراڻا روينيو اسٽامپ پيا ڏين، جن ۾ ڇپيل سندس راجپوتي پڳ ۾ تصويرون مِهرين کي به مات ٿيون ڏين. مير فيض محمد کي پهريون ته رياستي بندوبست جي سکيا لاءِ بئنگلور موڪليو ويو ۽ پويان سموري هلائي چلائي برٽشي وزير خانبهادر اعجاز علي جي هٿن ۾ رهي، جو ناظم پوليس جي مدد سان پيو چرخو چوريندو هو. هن دور ۾ هالاڻيءَ جو سيد غلام الرسول شاهه دوبارو ناظم پوليس ٿي رهيو. شاهه صاحب نَرُ پوليس آفيسر هو ۽ وات ۽ پيٽ جو کَرو هو. هُن، سيد ۽ سپاهي رکي يا الاهي وارو مثال پورو ڪندي، صبغت الله شاهه پاڳاري سان اُچائي کنيو ۽ رياست ۾ ٿيندڙ هرڪو ڏوهه پاپ حُرن جي کاتي لکندي، سرڪاري رڪارڊ ڀريندو رهيو. پير صاحب پاڳاري پهريون ته سندس ساداتيءَ جو ننگ رکي، وات تي لغام ڏيڻ جي شرط تي، کيس سموري موٽر ڪلدار روپين جي ڀري ڏيڻي پئي؛ پر پوليسي پيٽ چوڳو به ڪرڻ گهريو، ته سرڪار سان سنمک به ٿيڻ گهريو. پوءِ اڳيان به پاڳاري جا سر کان تتل مٿي ڦريا مريد هئا، جن شاهه صاحب جون اهي اُرهه زواريون سهي نه سگهيون. هنن اٽڪل ڪري ناظم جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ، ناري تعلقي ۾ ڌاڙا هنيا. شاهه صاحب انهن ڌاڙن جي جاچ لاءِ وڏو اٽالو وٺي، پنهنجي سر پاڻ اچي کينواريءَ واري ڊاڪ بنگلي ۾ لٿو ۽ لهڻ سان ٻاڪر ڪٽو مچائي ڇڏيائين صرف شاهه صاحب کي آسمان تي پئي ڳوليو ۽ اهو جو زمين تي کينواريءَ جي بنگلي ۾ لڀي پيو، ته هنن باک ڦٽيءَ جو سَون سپاهين جي روبرو ليکوئي(16) لِڏ ڪري ڇڏيو. شاهه صاحب جي خون ٿيڻ کانپوءِ سموري رياست ۾ راڪاس گهمي ويو. ستت ئي سموري سنڌ ۾، خيرپور سوڌي ماشرا(17) ٿي ويئي ۽ رڍ ٻڪريءَ جي ڇورن کان وٺي، چڱن مٺن تائين پئي حڪم(18) ۾ واڙجڻ لڳا. ان دوران جي مير فيض محمد جي بئنگلور واري ٽريننگ پوري به ٿي، ته به کيس خيرپور موٽائڻ بدران دوا دارونءَ جي بهاني، پوني جا وڻ ڏيکاريائون. انهن حيلن بهانن جي آڌار، تخت تاج سندس حال حياتيءَ ۾ ئي ڦري، صغير وليعهد جي بلي ٿي ويو. جيسين صغير وليعهد ڪبير ٿئي، تيسين رياستي راڄ ريجينسي ڪائونسل هلائڻ لڳي، جنهن جو پريزيڊنٽ سالوڻي سال مير وڏي جي ويجهن مائٽن مان مقرر ٿيڻ لڳو. اها نئين ريت خانبهادر اعجاز عليءَ جهڙي کڙپيل آءِ. سي. ايس کي ڪانه آئڙي. ان ڪري هن خيرپور مان پنهنجا موڙا پٽيا. ان ڪائونسل جو پهريون پريزيڊينٽ مير احمد علي خان جو پٽ مير حاجي غلام حسين خان ٿيو،جنهن پنهنجا ٻارهن مهينا پورا ڪري، واڌاري مُدي لاءِ به ٻک هنيو. پر واري وٺڻ وارن کيس ريهي ريبي ان پٽي تان لاٿو. اهو چرخو لڳ ڀڳ پنجن سالن تائين هليو، جو مير جارج علي مراد خان اچي پنهنجا ٽپڙ سنڀاليا ۽ حق حقدار کي ملي ويو. سندس تاجپوشي پاڪستان جي پرائيم منسٽر لياقت علي خان پاڻ ڪئي ۽ ڪيترا ڏينهن جشن هليو. + + +پوءِ وارو آيو خدا ڏينهن ڏئيس مير جارج علي مراد خان جو. پاڻ اڃا ابهم هئا، جو پڻس جي روالور مان ڇٽل گوليءَ ذري گهٽ کيس نيو هو، پر رب کيس اهڙو رکيو،جو انڌي ڪاڻي رهڙئي آئي. سندس دؤر ۾ وڏو وزير هيو ممتاز قزلباش، جنهن اچڻ سان چونڊوان مهاجر خاندان هت اچي آباد ڪيا، جي ڀليون واڻڪيون جايون ۽ زرعي زمينون هٿ ڪري بالم ٿي ويهي رهيا. ڌنڌي ۽ واپار ۾ به ستت ئي کين پانن جي پڙين، ڪرياني ۽ مٺاين جي هڪ هٽي حاصل ٿي ويئي. هن دؤر کان ئي ڪارن مرچن ۾ پپيتي جي ٻجن، ڳاڙهن مرچن ۾ پيٺل سرن ۽ مٺاين ۾ گريس جي سڻڀ جو رواج چالو ٿي ويو. محرم مهينو جو اڳ خير خوبيءَ سان نذر نياز ۾ گذرندو هو، سو پوءِ ڪرڙو ٿي ڪربلا واري ڏک ڏيڻ لڳو، ستت ئي رياست ۾ پهريون ڀيرو چونڊون ٿيون ۽ حڪومت جون واڳون، تپيداري تپن جيترن تڪن(19) مان چونڊيل وڏيرن جي حوالي ٿيون. اهي نمائندا ته هئا گهڻو ڪري اڻ پڙهيل، يا گونگيون گايون، ان ڪري اڇي ڪاري جو مالڪ هو وڏو وزير قزلباش، جو دهليءَ مان سڀني ڌرين کي راضي پرسن ڪرڻ ۽ هيٺاهين مٿاهينءَ ۾ وات تي هٿ ڏيڻ واري اٽڪل سکيو آيو هو. خير پور اسيمبلي هڪ ٽرم ٽن سالن جو پوروڪيو ۽ ٻيو پنڌ ۾ هو، جو مٿي مرڪز ۾ ون يونٽ جي واءُ گهلي پئي. ممتاز قلباش، مٿي مرڪز وارن سان پنهنجي وزارت جو سودو کرو ڪري، موٽي اچي ميمبرن کي لٺ چٺ ڏيکاري، ون يونٽ جو بل پاس ڪرايو. سڀني ميمبرن حاڪم جو امر مڃي اکيو ٻوٽي صحيحون ڪيون. رياست کي ان ڀلي ڪم ۾ پهريون نمبر پاس ٿي�� ڪري، اردو اخبارن لک لک واڌايون ڏنيون. هزهائينس مير جارج علي مراد خان جهڙي فقير منشن به ان اڌو گابري بادشاهيءَ تي ڳَت ڪانه ڏني ۽ رضا تي راضي رهي، ان پَن جي نوڙ(20) مان جان ڇڏائي شڪر جو ڪلمو ڀريو. +مير جارج علي مراد خان، هينئر رڳو نالي ۾ هزهائينس سڏجي، ٻيو ڪُل پيران دا خير. پاڻ سال جا يارهن مهينا سيلاني رهي ۽ رڳو محرم مهينو هت رهي، مجلسون نياز ڪري پيو پرين پرڀائي. ٻين ڏهاڙن ۾ عيد برات تي لاچار ڏينهن اڌ لاءِ، ڀيرو ڪري وري پويان پير ڪري. سندس هنيانءُ پنهنجن ست پيڙهائتن راڄن لاءِ گهڻو ئي سڪي، پر سندس راڄ ته آهن چڙهه جون پوئڪيون(21)، سي رڳو هر اُڀرئي جا سلامي ۽ هر چڙهئي کي ئي سوار سمجهين. +تڏهن ٿو چوان ته اسان رياستي لاشڪ پراڻي پَر(22) جيان اڄ به سورج ديوتا جا پوڄاري آهيون. +(زير تصنيف ڪتاب ’هو جي وڻ جا‘ جو ٽائٽل مضمون ) +(1) سانئر: شاعر جو دهقاني اُچار. +(2) نظر لڳڻ جو سنڌي سليمي سوڻ هي ٿُڪ اڇلائي پوءِ تعريف ڪرڻ. +(3) اها اُٿل آئي سال 1876ع ۾. ”آب غضبناک شد“ مان مرزا قليچ بيگ جي تاريخ. +(4) سرائي گنهور خان وفات ڪئي مير امام بخش جي دؤر ۾، پاڻ مير الهداد خان جو عام مختيار هو. +(5) انهن ڏينهن رياست جي پکيڙ 6050 چورس ميل هئي. +(6) روايت آهي ته بيبي باليءَ جي پهرين وهيءَ ۾ ڪُل تور ستاويهه سير هئي ۽ کيس گلاب جي گلن ۾ توريو ويو هو. +(7) اشارو آهي شهيد ٽالپرن مير بهرام، مير صوبيدار، مير بجار ۽ مير عبدالله ڏانهن، جي ڪلهوڙن بادشاهن مارايا هئا. +(8)پڙهو شاهنامو: ڪئي ابتدا مير سهراب خان، بسر خود به افواج افغانيان. +(9) ان لاءِ ڏسو A Narrative of a Residence in the Court of Mir Ali Murad مصنف لئنگلي، مير علي مراد جو پگهاردار نوڪر هو. +(10) ساڳيو مٿيون ڪتاب، اهي ٻه ڀينر، تحقيق مطابق ربو ڪڃر جون ڌيئر هيون، ٽئي ڀينر جي مير جون سريتون هيون، سي عالي سرڪار سڏبيون هيون. +(11) ڏسو سفرنامو مير علي مراد خان، فارسي قلمي نسخو، مير سائين اهو شڪار يارهين محرم جو لنڊن جي پسگردائيءَ ۾ ڪيو. +(12) انهن ڏينهن مرد مير به گربيءَ جون سٿڻون پائيندا هئا. ضرور زناني ۽ مرداني سٿڻ جي ٽوپي ٽاڪي ۾ ڪو فرق هوندو، جو سرائين ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي. +(13) ڏسو الوحيد اخبار جو ”سنڌ آزاد نمبر.“ +(14) مائي ستڻ ذات جي ڪلهوڙي اڃا حال حيات آهي. مير جي فوتيءَ کان پوءِ پهاڪي جي ابتڙ هن چاڪر چيڪايو ۽ خير محمد دايي جي گهر ويهي رهي. +(15) ديوان سنگهه ’مفتون‘ ان واقعي جو پاڻ ذڪر ڪيو آهي پنهنجي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ ۾. هن وڌيڪ اهو به لکيو آهي ته هن تي ان خبر جي ڏيڻ واري جي نالي جو گهڻو زور بار پيو، پر هن راهه تان ڪک نه کنيا. +(16) ڏسو لئمبرڪ جو ڪتاب ’دي ٽيررسٽ‘. ان مقابلي ۾ ڪو ڪونه مُئو. +(17) مارشل لا جو دهقاني اُچار، پوءِ بيماريءَ تي به اهو نالو پئجي ويو. +(18) ٻيو حڪم سڏيندا هئا مارشل لا ڪورٽ جي آرڊر کي، جنهن ۾ نظربند کي Till further orders تائين واڙبو هو. +(19) هڪ تڪ جا ته جملي ووٽر ئي يارهن هئا. +(20) پَن جو نوڙ: نوڙ سيبائتو هوندو آهي مُڃ جو يا واڻ جو، پَن جو نوڙ نه ٺهي نه ڪري. +(21) چڙهه جون پوئڪيون: پوئڪي مڇي هميشه چاڙهه ڏانهن ڀڄندي آهي. مطلب آهي موقعي پرست ۽Oppertunist . +(22) پَر: نيم يا رواج. چوڻي آهي، جنهن جي وڃجي گهر تنهن جي ڪجي پَر. +”خلوص“ ۽ اخلاص سان ڀاڪر پائي ملڻ وارو الطاف عباسي زندگيءَ جي راهه تي هلندي، هٿان وڃائجي ويو آهي ته ڪئين دليون وسائي ڇڏيون اٿس. سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سڄڻ شاعر ۽ اديب اهڙي وقت ۾ جدا ٿي ويو آهي، جڏهن اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب کي سندس گهُرج هئي. هو پنهنجي عام فهم ٻول��ءَ ۾ جيڪي به لکندو هو، تنهن ۾ ڄڻ ته جاود هو. سڀني کي موهي ڇڏيو هئائون. اڄ ڪئين رسالا، سندس ڪلام سان ڀريا پيا آهن، پر الطاف پاڻ موجود نه آهي“ +ايڊيٽوريل روزانه ”هلال پاڪستان“ +8 ـــ فيبروري 1978ع +ٻڍل فقير غلام احمد ايل – بدوي +شڪارپور کان اٽڪل پنجن ميلن جي مفاصلي تي، چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ تي، هڪ ننڍڙي بستي آهي، جنهن جو اصل نالو ته ”بخشيو اُنڙ“ هو، پر هن وقت ”ٻڍڙي فقير جي ڳوٺ“ جي نانءَ مشهور آهي. شڪارپور جي چوڌاري گهڻائي ننڍڙا ڳوٺڙا آهن، پر هن ڳوٺ کي مکيه اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڳوٺ ڳچ سال اڳ هڪ درويش جي رهڻ جو مقام هو، جنهن پنهنجي نغمه سَرائيءَ سان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هن درويش جو اسم گرامي ٻڍل فقير هو ۽ عوام ۾ ”ٻڍڙي فقير“ جي نالي سان اڄ به مشهور آهي. +اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ ”بخشي اُنڙ“ جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص ٿي رهيو، جنهن جو نالو ”عبدالواسع “هو، جنهن کي عام ماڻهو وَسيو سڏيندا هئا. هو نهٺو ۽ نماڻي طبيعت جو مالڪ هو. انگريزن جي حڪومت جو اوائلي دور هو. هر طرف سُڪر ۽ سڻائي هئي. سادگي راحت سمجهي ويندي هئي، ڪوڙ ۽ فريب ايڏو عام نه هو. وَسيو فقير ٻه-ٽي ايڪڙ زمين جا آباد ڪري، سُکيو سَتابو گذاريندو هو، پر هڪ غم کيس مايوس ڪندو رهندو هو؛ اُهو هو ته کيس ڪابه نرينو اولاد ڪانه هئي، جنهن ڪري هو سدائين پيرن فقيرن ڏي پيو پنڌ ڪندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري هڪ مجذوب فقير اچي سندس ڳوٺ کان لانگهائو ٿيو، ان جي نالي جي خبر پئجي نه سگهي، پر فقير کيس ”نانگو مست الستي“ جي لقب سان سڏيندا آهن. فقير وسيي ان مجذوب جي پُٺ ورتي؛ جنهن سندس عاجزيءَ کي ڏسي دعا ڪئي. ٿوري وقت کانپوءِ کيس نينگر پيدا ٿيو، جنهن تي ”ٻُڍل“ نالو رکيو ويو. سندس ولادت جو صحيح سال معلوم ٿي نه سگهيو آهي؛ پر فقيرن کان معلوم ٿيو آهي ته فقير صاحب پاڻ فرمائيندو هو ته جڏهن آخري ليٽ اچي بس ٿي ۽ ريل جي بند ٻڌڻ لاءِ انگريز آفيسر زرخيل جي سڙڪ جي اوڀر کان تنبو هڻي اچي ويٺا، تڏهن منهنجي عمر اٽڪل 18 سال هئي. شڪارپور ۾ ريل جو بند سنه 1883ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿيو هو. جيڪڏهن فقير صاحب جي زباني روايت کي ڏسجي ٿو، ته سندس ولادت جو اٽڪل روءِ 1885ع ٿئي ٿو. +زباني روايتن مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، فقير صاحب پنهنجي والدين جي هنج ۾ لاڏ ۽ ڪوڏ سان پليو، پر جيئن هو وڏو ٿيندو ويو، تيئن ماڻهن کان دور دور رهڻ لڳو، اٺن ورهين جو ننڍڙو ٻار، جهنگن ۾ جاليندو ۽ واٽن تي ويهندو ٿي رهيو. سندس والد کيس ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، مگر مڪتب جي فضا کيس راس نه آئي. هو مڪتب کان نڪري جهنگ ۾ ٻٻر جي هيٺان يا لئيءَ جي پاڇي ۾ ليٽي پوندو هو. سندس والد کيس ڳولهي گهر وٺي ايندو هو. سندس رنگ ڍنگ نرالو ٿيندو ويو. هُو ٻار جي هِن عجيب دنيائي ڪناره ڪشيءَ کان نا اُميد ٿي پيو ۽ کيس بيحد افسوس ٿيڻ لڳو. ڳوٺ جا ماڻهو چميگويون ڪري چوڻ لڳا، ته ”ويچاري وسيع فقير جي قسمت چڱي نه آهي، سِڪي سِڪي پٽ ته ڄايس، پر هٿان مصيبت بڻجي پيو اٿس، اهڙي پٽ کان ته بس ڀلي.“ سندس والد مجبور ٿي، ڳوٺ جي ٻين ٻارن وانگر کيس ڍور چارڻ لاءِ ڏنا. جهنگ ۾ ڍورن پنهنجي واٽ ورتي، ۽ ٻڍل پنهنجي واٽ. روايت آهي ته هڪ ڏينهن جيئن فقير صاحب جهنگ ۾ ڍورن کي آهرائڻ ويو، تئين مٿس اهڙو حال طاري ٿي ويو، جو هو غش کائي ڪري پيو. بيهوشيءَ جي حالت ۾ کيس گهر آندائون. سندس والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن ائين سمجهيو ته مٿس ڪو جن جو اثر ٿيو آهي. ڀوپا گهرايا ويا، جهاڙون جهوپون ٿيڻ لڳيون، پر هنن ڀوپن کي ڪهڙي خبر، ته الاهي محبت جو رنگ ڪهڙيءَ ريت چڙهي ٿو! هو الاهي رڱ ۾ رڱجي، مست گذارڻ لڳو ۽ اُن وقت سندس شاعريءَ جي ابتدا ٿي. جيتوڻيڪ سُر سنگيت کان واقف نه هو، پر يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ڪيائين؛ يڪتاري تي هن جو پهريون ڪلام چيو، سو هو: +سگهڙو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون، سچ جي سرڪ، وئين ڪا پياريون. +تنهنجي سورن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، پائي پاند ڳچيءَ پر جي پيش پوان، ابرو عاشقن تي ڪن ٿا ڪاهه سنوان، ڏاڍيون ڇوهه ڇڏي وڙهن ويڇاريون. تنهنجي سڪ ۾ يار سدا هيءَ ٿي سڪي، پروانا پرَ ڏي رويون روز لکي، من ڪي محب اچن ويٺي راهه تڪي، منهنجي ڦٽن جو تو ڳٽ دوست دارون. عشق هو ’ٻُڍل‘ کي ٻنڌڻن لاڪون، ڇو محب ڍڪن منهن عجيب اسان کون. روحڙو آهه رتو، تن هيءُ توهان کون، دم نه ٿجان ڌار، توڏي ٿا نهاريون. +هن ڪلام جي چوڻ کان پوءِ، سندس قلب کُلي پيو، پر سندس والدين وڌيڪ هراسجي ويا. هاڻي هيءَ حالت اچي بڻي، جو پيرن ۾ گهنگهرو ۽ ڇيرون وجهي نچندو ۽ ڳائيندو ٿي رهيو. ڪڏهن ته ڳائيندي ڳائيندي بيهوش ٿي ويندو هو. وقت گذرندو رهيو، فقير صاحب پنهنجي خيالن ۾ گم گذارندو ٿي رهيو. هڪ ڀيري اتفاق سان پير جي ڳوٺ جي نامياري راشدي خاندان جو هڪ فرد، سيد علي سرور شاهه پنهنجي هڪ مريد وٽ، جنهن جو نالو فريد هو، فقير صاحب جي ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. ٻڍل فقير جي والد کي جڏهن پير صاحب جي اچڻ خبر پئي، تڏهن فقير صاحب کي وٺي، پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ڪيائين. پير صاحب سندس ڪلام ۽ ظاهري جوش ۽ جذبي کي ڏسي بيحد متاثر ٿيو ۽ پنهنجي مريد کي حڪم ڏنائين، ته هن نوجوان کي پير جي ڳوٺ درگاهه تي وٺي وڃ. فريد ۽ فقير ٻڍل جي والد، پير صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئي. هو فقير صاحب کي وٺي، پيرين پنڌ، پير جي ڳوٺ روانا ٿيا. ان زماني ۾ راشديه درگاهه جي سجادهه تي، ناميارو بزرگ حزب الله شاهه سجادهه نشين هو. جڏهن پير صاحب جي خدمت ۾ ٻڍل فقير کي آندو ويو، تڏهن ڏسندي ئي پاڻ واڪو ڪيائون: ”هي روهڙي وارو بيدل ته نه آندو اَٿو؟“ فريد ادب سان جواب ڏنو ته ”نه سائين هيءُ اسان جي ڳوٺ جو نينگر آهي ۽ سندس نالو ٻڍل آهي.“ پير صاحب اهو ٻدي فرمايو، ته: ”ٿانءُ ته سٺو آهي، پر سنڀاڻ جي دير اٿس.“ ننڍڙو ٻڍل، پوءِ سندس ارادتمندن ۾ داخل ٿي ويو. ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾ رهي، موٽي ڳوٺ آيو، جتي خاموشيءَ سان، رات ڏينهن ياد الاهيءَ ۾ گذاريندو رهيو. هاڻي سندس زندگي ڄڻ هڪ سالڪ جي سطح تي اچي ويئي. ماڻهن جون دليون ڏانهس ڇڪبيون ٿي رهيون. وقت گذرندو ويو ۽ محبت جي آڳ، جا اڳ ڀڙڪا کائي اٿندي هئي، هاڻي نورانيت ۾ تبديل ٿي وئي، جا هڪ صوفيءَ جي آخري منزل آهي. فراق جي منزل، وصال جي مقام م بدلجي وئي: +محب مُئيءَ جي گهر آيو، ميندي مون اچي لايو. سرتيون هار سينگار ڪري، سَرهي سيج وڇايو. جنهن ته ڏٺي ڏک ڏور ٿيا، سرتيون ڪُم ٿيو سجايو سير کٿوري واسيا، پيرل پير اچي پايو. اڱڻ ”ٻڍي“ جي عيد ٿي، پرينءَ پاڻ پسايو. +ٻڍل فقير سلوڪ جي منزلن کي ماڻيندو، هاڻي جوانيءِ جي سَن کي اچي پهتو هو. محبت جو مچ اندر ۾ مچندو ٿي رهيو، پر ٻاهر سڪون ٿي ڏٺو. سندس والدين مٿس زور آندو ته هو شادي ڪري، پر فقير صاحب دنيائي ٻڌڻن کان آزاد رهڻ ٿي گهريو. مٿس گهڻو زور آندائون، پر هو پنهنجي فيصلي تي اٽل هو. ٻيو چارو نه ڏسي، سندس والد کيس مرشد کان امر ڪرايو. مرشد جي حڪم جي مڃتا ڪرڻي پيس، سندس شادي ٿي ويئي. جلد ئي سندس والده وفات ڪري ويئي، ۽ ٿورو پوءِ سندس والد به راهه رباني وٺي ويو. هاڻي گهر جو سڄو بار مٿانئس اچي پيو، جنهن کي فقير صاحب ڏاڍي سهڻائيءَ سان نڀايو. فقي�� صاحب کي شاديءَ کان پوءِ، ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. سندس وڏي فرزند جو نالو عبدالحڪيم هو، جو ڪجهه عرصو گذريو ته وفات ڪري ويو آهي. سندس وِچٽ پٽ محمد مقيم نه رڳو لائق پٽ هو، پر پيءُ جو حال محرم ۽ دل جو دوست هو. هن ۾ ننڍپڻ کان ئي فقير صاحب وانگر مستيءَ جو جذبو سمايل هو، ان ڪري ماڻهو کيس ”مست مقيم “ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس مُک مان عجيب جلال پيو بکندو هو، وڏو محبتي جوان هوندو هو. اوچتو هي للنگهه جوان ليٽي پيو. جوانيءَ جو موت، سو به هڪ لائق فرزند جو، فقير صاحب ان صدمي کي نهايت صبر سان سٺو. جوان پٽ جي ياد ۾ سندس آخري مرثيو هو: +وَرَ لئي ڪنديس وَسَ، لهنديس لعل لڪن مون. انگ لکيو منهنجو اڳهين، آءُ ڪئن مٽيان مَسُ، ووڙينديس وڻڪار ۾، ڏيهه ڏيندو مان کي ڏَسُ، ڪاهيون ويندس ڪيچ ڏي، وٺي گورن جو آئون گَسُ، ايندو ٻاروچو ’ٻڍل‘ چوي، پوندن ڪو شال تَرسُ، +سندس فرزند جو نالو ميان عبدالڪريم آهي، جو هن وقت گادي نشين آهي. +بهر حال، هن صدمي فقير صاحب تي وڏو اثر ڪيو، تان جو دنيوي زندگيءَ جو ماڻ به اچي اڀريو. بيماري ڪا خاص ڪانه هئي. 12-آڪٽوبر 1939ع _ 27 _شعبان 1358 هجريءَ تي سندس روح جو ٻوليندڙ پکي، جسماني پڃري کي ڇڏي، پنهنجي ابدي ۽ دائمي زندگيءَ جي مقام ڏانهن اُڏري ويو. ڪنهن درويش سندس وفات جي تاريخ هن ريت لکي آهي: +”طالب المولي فقير صاحب تارڪ الدنيا“ +فقير صاحب جي عقيدت مندي جي حلقي ۾ پري پري کان ماڻهو اچي اندر جي اُساٽ اُجهائڻ لاءِ حاضر ٿيندا هئا، هندو ۽ مسلمان هڪ ئي رنگ ۾ رتا ٿي رهيا. ماستر ٿانورداس شڪارپوري، جو سندس در جو پانڌيئڙو هو ۽ پاڻ چڱو شاعر پڻ هو، فقير صاحب جي روحاني فيض هيئن ٿو ذڪر ڪري: +3- ڊسمبر 1929ع تي ڀائي کِلورام، چَونگن جو ماستر پمداس، روهڙيءَ واري ڀائي ٽيئون رام جي هڪ ٻالڪ سان گڏجي، فقير صاحب جي درشن لاءِ سندس ڳوٺ ڏانهن وياسون. صبح جو سوير چوئي شاخ تي پهتاسون، سيءُ ڳچ هو، آسمان تي جُهڙ هو، پر فقير صاحب جي پريم ۾ ٿڌ جي ڪابه پرواهه نه هئي. ڏهين بجي ڌاري فقير صاحب جي درگاهه تي پهتاسون، عجيب رنگ لڳل هو. هڪ مريد سندس هيٺيون ڪلام ٿي چيو: +يار بنا ٻيو ڪير، گهٽيون گهير ٿو گهمائي. وَنَحۡن اَقرب ويجهڙو، تنهن ۾ فرق نه آهي ڦير، هندو مومن هيڪڙو، ناهي ويري نڪو وير. رڻ کٿوريءَ واسيا، سَرها ٿيا سڀ سير. اڱڻ ’ٻڍل‘ جي عيد ٿي، پرين پاتو آ پير. +فقير صاحب نهايت سادگي پسند هو. ڏينهن آيل مهمانن جي رهاڻ ۾ گذاريندو ۽ رات ڌڻيءَ جي عبادت ۾ گذاري ڇڏيندو هو. نه شيخي نه مشائخي، نه پيريءَ جي دعوا، نه بزرگيءَ جو ڏيکاءُ. اهو سندس اعلي1 اخلاق هو، جو ماڻهو ڏانهس ڇڪجي ايندا هئا. روحل فقير سچ فرمايو آهي: +ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اؤکي بات، پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ’روحل‘ چئي. +فقير غلام علي ”مسرور“ بدويءَ جو چوڻ هو ته ”پوئين زماني ۾ منهنجي اکين ٻه عارف ڏٺا: هڪ مولوي عبدلغفور ”مفتون“ همايوني ۽ ٻيو ٻڍل فقير،. +فقير صاحب کي شاهه ڀٽائيءَ، خواجه فريد، سچل سرمست، بيدل فقير، اصغر، صوفي خير محمد، عثمان چاڪي جي ڪلام سان محبت هوندي هئي. سماع سُڻندي ڪڏهن ته مٿس وجد جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. مسرور فقير جن کان روايت آهي ته: ”هڪ ڀيري مان سندس روبرو پير علي گوهر شاهه اصغر جي هيءَ ڪافي چئي رهيو هوس ته فقير صاحب تي حال طاري ٿي ويو: +رانول رمزون روح ۾، اڄ ڪي لاتئه نيون، ڦٽڙا جي درد فراق جا، تنهن ۾ وڌءِ وهِ جون وٽيون، اُهي تاب تنهنجي کان تتيون، جيئن تيل جون ٽچڪن تيون. +ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ��قير صاحب جي جهڙي صورت نوراني هئي، اهڙي ئي سيرت سبحاني. سندس هڪ مريد امام الدين هيئن ٿو سندس ساراهه ڪري: +ٻڍل سائين ٻاجهه مهر ڪر، صورت پنهنجي پاڪ پساءِ. پر پيالو سوز سان ڇلڪي، اهو عرض اگهاءِ. تو بن سائين جيئڻ جنجل، محبت مچُ مچاءِ. نڌر نماڻا جهڙا تهڙا ڇولين کان ته ڇڏاءِ. آس امام الدين آهي اهائي، هادي توڙ رساءِ. +فقير صاحب جي شاعريءَ تي نظر ڪرڻ سان خبر پوندي ته سندس ڪلام گهڻو ڪري ڪافين ۽ بيتن جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ”عوامي شاعري“ جو نالو ڏنل آهي ۽ سنڌ ۾ ايترا ته گهڻا عوامي شاعر اسان کي ملن ٿا. جن جو ڳاڻيٽو سنڌ جي هڪ سري کان ٻي سري تائين هزارن جي تعداد ۾ ڪري سگهجي ٿو. ڪافيءَ جي صنف کي اختيار ڪرڻ وارن ۾ اسان کي اُهي بزرگ هستيون ملن ٿيون، جن جي فيض کان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ واسجي چڪي آهي. اڄ به ”ڪوڙين ڪن سلام اچو آسڻ ان جي“. ان ڪري ڪافيءَ جو روحانيت سان گهرو ناتو آهي. ڪافي گو شاعر اڪثر حال ۽ قال صاحب ٿي گذريا آهن. سندن قال ۾ به حال جي جوش ۽ جذبي جو رنگ جهلڪندو نظر ايندو. +ٻڍل فقير جي ڪلام تي ڪيترن ڪافي گو شاعرن جو اثر پيل آهي، جن مان سر مست سچل، خواجه غلام فريد ۽ قادر بخش بيدل جا نالا خاص طرح سان وٺي سگهجن ٿا. ان کان اڳ، جو سندس ڪلام تي تشريحي نظر وڌي وڃي، مان انهن بزرگن جي شاعريءَ سان فقير صاحب جي ڪلام جي ٿوري ڀيٽ ڪريان ٿو، جنهن مان خبر پوندي ته سندس ڪلام تي انهن بزرگن جي ڪلام جو ڪيترو نه اثر آهي. فقير صاحب سماع جو قائل هو، ان ڪري وٽس موسيقيءَ جي مجلسون متل ٿي رهيون، جنهن ۾ انهن بزرگن جو ڪلام ڳايو ويندو هو؛ هن پنهنجي رنگ ۾ سندن تتبع ڪيو. +فقير قادر بخش ’بيدل‘ جو مشهور ڪلام آهي. +سِکُ رمز وجود وڃاوڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهائڻ دي. +اکران دي وچ جوئي اڙيا، عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا، اثباتي دا علم جو پڙهيا، موج انهين سر ساوڻ دي. بارش برهه دي جنهن سر آئي، سوز عشق وچ جالي سدائي، بي دردان نو ڪل نه ڪائي، درد دي دود دکاوڻ دي. +ان رنگ ۾ فقير ٻڍل جو اسان کي هيٺيون ڪلام ملي ٿو: +سک رمز جيتي مرجاوڻ دي، ناهي حاجت هنر هلاوڻ دي. +شاهه منصور سر سولي ٻولي، رمز انهيءَ سان اها ڳالهه چولي، لِنو لِنو دي وچ ڏتڙي لولي، اناالحق اَلاوڻ دي. علم عقل نون عشق نه ملندا، جان جان هستي دا حال نه ڀندا، ڇوڙ تڪيا، انهيءَ خاڪي تندا، نيت نه رک ول آوڻ دي. +فقير قادر بخش جو ٻيو ڪلام آهي: +هِتِ هُت حامي آهه، اسان جو هادي حضرت شاهه. لحمڪ لحمي، روحَڪَ روحي عالي اَسدالله، محبت وارن سان آ ساڻي، وانگي ساهه پساهه. +فقير ٻڍل فرمائي ٿو: +رنديءَ وارو راهه، رمز سڄڻ جي روشن ڪيڙو. اندر تونهين ٻاهر تونهين، تونهين ساهه پساهه. سڀ صورت ۾ سهڻو سائين، آهي پاڻ الله. +خواجه غلام فريد جو مشهور ڪلام آهي: +بن دلبر شڪل جهان آيا، هر صورت عين عيان آيا. ڪٿي آدم ته ڪٿي شيث نبي، ڪٿي نوح ڪٿان طوفان آيا. ڪٿي ابراهيم خليل نبي، ڪٿي يوسف وچ ڪنعان آيا. ڪٿي عيسيٰ تي الياس نبي، ڪٿي لڇمڻ رام تي کان آيا. ڪٿي ذڪريا، ڪٿي يحييٰ هي، ڪٿي موسي بن عمران آيا. ابوبڪر عمر عثمان ڪٿان، ڪٿي اسدالله ذيشان آيا. +ان تتبع تي فقير ٻڍل هيئن ٿو فرمائي: +وه دلبر ڪري سينگار آيا، هر صورت دي وچ يار آيا. ڪاٿي ميخانه مخمور ڏٺم، ڪٿي شريعت ذوق ظهور ڏٺم، ڪٿي سوريءَ تي منصور ڏٺم، چئي اَناالحق اّظهار آيا. ڪٿي مٿي تخت تيار ڏٺم، ڪٿي چٽو چوڪيدار ڏٺم، ڪٿي ڪارائو ڪمدار ڏٺم، ڪٿي ناچو ٿي نروار آيا. +اهڙيءَ ريت، سرمست سچل جو مشهور شعر آهي: +آءُ ادا سالڪ صحيح ڪر تون طلسمات کي، ڀڄ دوئي تا ڪل پوئي، دور ڪر درجات کي. +فقير ٻڍل فرمائي ٿو: +آءُ ادا سالڪ، صحيح ڪر ڳالهه ڳجهه جي هيءَ ڳري، محبت سندي ميدان ۾ پوءِ مسام ۾ مانجهي مري. +فقير صاحب جي ڪلام تي، اهڙيءَ ريت انهن بزرگن جي ڪلام جو گهڻو پرتوو پيو آهي، سندس ڪلام به صوفين جي سرمستيءَ وانگر جوش ۽ جذبي سان ڀريل آهي. حال ۽ قال وارن صاحبن جي شاعريءَ، جو سڄوئي، اندرين ڇڪتاڻ تي آهي، جنهن کي روحانيت جي تڪميل سڏجي ٿو. ٻاهرين شاعري جا رڳو تخيلي آهي، ان ۾ قلبي واردات جو ڪوبه نشان نظر نه ايندو، پر جنهن شاعريءَ جو قلب جي جذبات سان واسطو آهي، ان کي پيغام آهي ۽ بني نوع انسان جي ڀلائيءَ جو باعث بڻجي ٿي. فقير صاحب جي شاعري به روحانيت جو هڪ ڀنڊار آهي، جيڪا مرادوند طالب لاءِ صراط المستقيم آهي. اهو پيغام ڪنهن هڪ مذهب ۽ ملت تائين محدود نه آهي، پر هڪ عالمگير پيغام آهي: +عشق وارن جو پنڌ پراهون، اوري دين ايمان. عشق ڪري آيو جلوا جنگي، ٿيو هوش عقل حيران. نه مئن سُني نه مئن شيعا، نه مئن مسلمان. عشق اساڏا قبلا ڪعبا، عشق دا عالي شان. عشق ’ٻڍل‘ اُتي پهچائي، جاتي مردن جا ميخان. +حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ان پر فرمايو آهي: +نڪو ڪم ڪفار سين، نڪا مسلماني من، نڪا دل دوزخ سين، نڪي بهشت گهرن، سدائين چون، ته پرين ڪجو پانهنجو. +خدا جي نيڪ بندن جو اهو غير فاني اصول آهي ته هو پرائي لاءِ به ايترو ئي هڏ ڏوکي آهي، جيترو پنهنجن لاءِ. دوئيءَ جو لفظ مٽجي وڃي ٿو، ڇو ته وٽن وحدت جو پيغام آهي. سندن مقصد ئي خدا تعالي جي خلق جي خدمت آهي: +جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته صفا ڪر سينو، درس ڪڍي ڇڏ دل مان، ڪِبُر ۾ ڪينو، دائم وسي ٿو دل ۾، رانجهن رنگينو، من مان مدينو، مري پوءِ معلوم ٿئي. +اهوئي عمل جو درس آهي، جنهن مان پريت جو هر پانڌيئڙو ماڳ جو دڳ لهي ٿو. جتي ’پاڻ‘ جو اکر ۽ وجودي وسيلا موجود آهن، اُتي محبت جي راهه جو طئي ٿيڻ ئي مشڪل آهي، ان ڪري نفي ۽ نابودي، سلوڪ جي مسافر لاءِ، نئين حياتي ڏيندڙ آهن. +جن نيهن جا نڪتا پڙهيا، سي ته پور پهرين ئي چڙهيا. نينهن جو نعرو هڻي، ويا برهه جي بازي کڻي، سڪ ساهه ۾ هُيڙن گهڻي، سي عام ۾ هت نا اَڙيا. +هيءَ سڙڻ ۽ جلڻ ئي محبت الاهي جو ڏاج آهي، جنهن کي محبت وارا وڏيءَ دل سان قبول ڪن ٿا. منصور جو نالو محبت جي دنيا ۾ اَمر آهي. تصوف جي صاحبن ۾ منصور جي مقام کي انفرادي ۽ ممتاز حيثيت آهي. ان کي چون ”منصوري مقام“. فقير صاحب منصوري مقام جي رمز پنهنجي سادن لفظن ۾ هئين ٿو سمجهائي: +منصوري اها مام، عاشق ٻاجهون ٻيو ڪير سمجهي، خيال خوديءَ جا عاشق ٽوڙن، مرڻ ڪنون سي منهن نه موڙن، +ڪسي ٿين قتلام +ازل جي حسن جو نظريو، جيتوڻيڪ يونانين جي فلسفي جي روشنيءَ ۾ دنيا ۾ آيو، پر صوفين ۾ پهريون شخص، جنهن ازل جي حسن جي ڪيفيت ۽ شرح اسلامي تصوف ۾ آندي، اهو ’منصور‘ هو. محي الدين ابن العربي ان جي وڌيڪ تحقيق ڪئي.سندس نگاهه ۾ حسن جا ڪيئي درجا ٿي سگهجن ٿا، پر سڀ جو بنياد اُهو ئي حسن مطلق آهي. ابن العربي تصوف اندر وحدت الوجود ۽ همه اوست جو پيغام ڏنو. انگلينڊ جي مشهور شاعر ڪيٽس جو قول اهي ته ”هر حسين شيءَ ابدي خوشي آهي“. ورڊسورٿ به اهڙيءَ ريت چيو آهي: +”اُها روشني، جا زمين ۽ سمنڊ تي نه آهي، اُها شاعر جي ذهن ۽ خوابن ۾ بيدار رهي ٿي“. +شاهه صاحب فرمائي ٿو: +وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ريءَ. +حسن ۽ عشق جي هن موضوع تي صوفي شاعرن جا بياض ڀريا پيا آهن. فقير ٻڍل به ساڳئي ميخاني جو رند آهي: +حسن هر جاءِ هاديءَ جو، نظر ۾ نور آيوسين. جاڏي تاڏي ڏسان جاني، پسي سو پاڪ پيشاني. پهري آيو پوش سلطاني، جنهن جي گهور گهايوسين. +همه اوست جي دانا جي لاءِ حسن ازل اهو سرچشمو آهي، جو انساني قلب مان ڦُٽي نڪري ٿو، جنهن جون شاخون، عشق ۽ آرزو آهن. پر ان چشمي تائين پهچڻ ڪا آسان ڳالهه نه آهي. عشق پنهنجي انتهائي قربانين سان ئي ان کي حاصل ڪري سگهي ٿو: +اوکو عشق اديون آفات آهي، هيءَ راند رڻ مان ملهي ڪو ملهائي. +اهڙيءَ ريت فقير صاحب جي سموري ڪلام ۾ قلبي واردات جي فراواني جا واهڙ پيا وهن. سندس ڪلام ۾ اهي اشارا علمي نه آهن، پر عملي به آهن. سندس زندگيءَ جو هر پل ان قلبي واردات مان پئي گذريو، جنهن جو ذڪر اهو ئي صاحب دل ڪري سگهي ٿو. جو ان ۾ روحانيت جي مقامن ۽ منزلن کان گذريو هوندو. +فقير صاحب جي ڪلام جي پهرين خوبي ٻوليءَ جي سادگيءَ آهي، جنهن کي نقاد سلاست سڏين ٿا. هو ڏيهاڙي جي زبان ۾ پنهنجي ڪلام کي ٻڌائي ٿو، ان ڪري سندس ڪلام لوڪ پسند بڻجي پوي ٿو. +مارئيءَ جي دردانگيز ڪيفيت کي لفظن جي اهڙي سٽاءُ ۾ سمايو اٿس، جو ان جي ٻڌڻ سان قلب تي وڏو اثر پوي ٿو.سوز ۽ گداز جي هيءَ منزل هر شاعر کي نصيب نٿي ٿئي: +ميخان ماروئڙن جون جان جگر ۾ جڙيون، ٻن تنهنجا بينسر بولا، ڪين وڻن ٿيون ڪڙيون، نيماڪاري منڊڙا، ويهان ڪئن ڪري. +سندس ڪلام جو چڱو حصو حضور ڪريم جن جي ساراهه ۾ آهي: +سيد آڻي پار پهچايو، جيڏيون جانب ڀلي ڪري آيو، خير خوشيون ٿيون ملي وڌائي، روشن ٿيڙو نور الاهي. +اهڙي طرح مديحي شاعريءَ جو گهڻو حصو سندس بيتن ۾ موجود آهي.سندس ڪلام ۾ سسئيءَ جي ٽيهن ڏينهن جي سوزگداز جا عجيب اهڃاڻ نظر اچن ٿا، جنهن جي شروعات هيئن ٿو ڪري: +هن کان رات رسي ويا ڪري ڏير ڏمر، سا پهرين ڏينهن اٿي پنڌ پئي، ٻڌي سڪ ڪمر، ريلا روئي رت جا، ڪيائين پاڻي سڀ پٿر، ڪُڏندي وڃي ڪيچ ڏي، لايون ڌم ڌچر، وينگس پنهنجو ور، ووڙيندس وڻڪار ۾. +سندس ڪلام ۾ بيتن کي وڏي اهميت آهي. سندس بيت هيٺين عنوانن ۾ ورهايل آهن: +(1) جوڳين بابت. (2) سسئيءَ جا ست ڏينهن. (3) لولي (سر لوڙائو). (4) سسئي جا ڏهه ڏينهن. (5) عشق جا بيت. (6) سر سورٺ. (7) ڪوڏ ۽ ٻيڙي (بٽڻ) جي هڪ عوامي نصيحت ڀري ڳالهه جا مڪالمي جي صورت ۾ آهي. +بهر حال، اپر سنڌ جو هيءُ بي بها ڪلام عوام جي زبان تي عام آهي، ۽ هيءُ بزرگ زندهه ۽ زندهه جاويد رهندو. + + +منهنجي لکڻ جو فن سمر سيٽ ماهم +نجم عباسي +1_ ادب ۽ سياست: +هيءَ نه منهنجي آتم ڪهاڻي آهي، ۽ نه منهنجي گذريل حياتيءَ جي واقعن جو بيان. مون پنهنجي لکڻين ۾ انهن حادثن ۽ حقيقتن کان ڪم ورتو آهي، جي سچ پچ مون تي ٿي گذريون آهن. ڪڏهن زندگيءَ جي ڪنهن تجربي کي مرڪزي خيال بڻائي، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون اٿم. ڪڏهن ڪن ماڻهن کي، جن سان منهنجو ٿورو يا گهڻو واسطو پيو آهي، تن کي پنهنجي ڪهاڻين جا ڪردار بڻايو اٿم؛ منهنجي فن ۾ حقيقت ۽ خيالي ڳالهيون اهڙي نموني گڏيل سڏيل آهن، جو اڄ اهي پڙهڻ سان اهو پروڙڻ مشڪل ٿيو پوي، ته ڪهڙي حقيقت هئي ۽ ڪهڙي ڪهاڻي. منهنجي حياتي ڏاڍي رنگين ۽ دلچسپ رهي آهي، پر جوکن ۽ جانبازين کان خالي. منهنجو حافظو ڏاڍو خراب آهي. ڪا به سٺي آکاڻي ايستائين ياد نه ايندي اٿم جيستائين اها وري نه ٻڌان؛ ۽ اها وري ٻئي کي ٻڌائڻ کان اڳ ئي وساري ويهندو آهيان. مان پنهنجا چرچا به ياد ڪري ڪونه سگهندو آهيان، ان ڪري هر دفعي نوان چرچا ٺاهڻا پوندا اٿم. انهيءَ وِڏَ ڪري مان ڪچهريءَ جو ڪوڏيو بڻجي نه سگهيو آهيان. +مون ڪڏهن به روزنامچو نه رکيو آهي، پر دل چاهي ٿي ته جنهن زماني ۾ مون ناٽڪ نويس جي حيثيت ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ان زماني ۾ جيڪر ڊائري لکان ها. ان وقت منهنجي وڏن ماڻهن ۽ مشهور هستين سان ملاقات ٿي ۽ انهن ملاقاتن جو بيان هوند هڪ دلچسپ دستاويز بڻجي پوي ها. اميرن ۽ جاگيردارن ڏکڻ آفريڪا ۾ جو ڪجهه گند ڪيو هو، ان ڪري ماڻهن جو منجهن ڀروسو ڀور ڀور ٿي چڪو هو. پر اميرن ۽ جاگيردارن کي اڃا ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو هو ۽ هنن ۾ اڳين خود اعتمادي هينئر به موجود هئي. ڪن هنڌن تي مون ڏٺو ته هُنن ائين پئي ڳالهايو، ڄڻ ته انگريزي شهنشاهيت هلائڻ هنن جو شخصي معاملو هو. چونڊن جي زماني ۾ هو اول ئي پنهنجي لاءِ سفيريءَ ۽ وزيريءَ جا عهدا مقرر ڪري ڇڏيندا هئا. ان وقت جي ناولن پڙهڻ سان پتو پئجي سگهي ٿو، ته مٿئين طبقي وارن جي من ور تي ڪهڙي هئي؟ ناول نويسن جي ذهن ۾ اهائي ڳالهه ويٺل هئي ته هنن کي صرف اميرن، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن بابت لکڻو آهي. ٻيا ته ڇڏيو پر اهڙا ليکڪ، جن ڪڏهن ڪو امير يا جاگيردار ڏٺو به ڪونه هو ۽ نه هن سان ڪو واسطو پيو هونِ، سي به ان طبقي جي باري ۾ لکڻ لازمي سمجهندا هئا. ناٽڪن ۾ به اميراڻا قصا هوندا هئا. ناٽڪن جي مالڪن ۽ خود ويس ڌارين جو به اهو خيال هو ته اوچي طبقي جون ڪهاڻيون ڪُت خلق کي پسند آهن. پر جيئن جيئن امير شاهيءَ جي سياسي اهميت گهٽبي ويئي، تيئن تيئن عام جنتا جو هنن جي چهچٽن ۾ چاهه به جهڪو ٿيڻ لڳو. هاڻي تماشبين پنهنجي طبقي وارا ڪردار پسند ڪرڻ لڳا هئا. هنن ناٽڪي ٿلهي (Stage) تي به واپارين ۽ هنر وارن جا قصا ڏسڻ ٿي چاهيا، ڇو ته هنن جو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ انهن ماڻهن سان ئي گهڻو واسطو پوندو هو. ضرورت کان سواءِ مٿئين طبقي جي ڪردار کي آڻڻ بُري نظر سان ٿي ڏٺو ويو. +پر اڃا هيٺئين طبقي وارن لاءِ عام خلق ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ ناممڪن هو. جن به ناٽڪن ۽ ناولن ۾ انهن جو ذڪر ٿي آيو، انهن کي نيچ سمجهيو ٿي ويو. +هاڻي جڏهن عوام سياسي طاقت حاصل ڪري چڪو آهي تڏهن هو پنهنجي زندگين ۾ اوتروئي چاهه وٺي ٿو، جيترو اڳ هو اوچي طبقي وارن ۾ وٺندو هو. +ان عرصي ۾ مان اهڙن ماڻهن سان مليس جن پنهنجي مان مرتبي، شان شوڪت ۽ شهرت ڪري سمجهيو ٿي ته هو اڳتي هلي نامور تاريخي شخصيتون بڻبا؛ پر مون جهڙو هنن کي ذهين سمجهيو هو، تهڙو ذهين ثابت ڪونه ٿيا. انگريز هڪ سياسي قوم آهي. مون کي گهڻو ڪري اهڙن گهراڻن ۾ دعوت ملندي هئي، جن جو لاڳاپو سياسي حڪمران طبقي سان هو. مون هنن ملڪي مدبرن ۾ ڪابه غير معمولي قابليت ڪانه ڏٺي.ان مان انومان ڪڍيم، جو ممڪن آهي ته منهنجو اٻهرو انومان هجي، ته قوم تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص قابليت جي ضرورت ڪانهي. ان کان پوءِ مون دنيا جي جدا جدا ملڪن جي سياستدانن کي جاچيو آهي، جي وڏي عهدن تائين پهتا آهن. هن جو رواجي دماغ ڏسي مان سدائين منجهي پوندو آهيان. هنن کي زندگيءَ جي معمولي مسئلن جو به پورو پتو ڪونه هوندو آهي. مون کي هنن ۾ نه تيز فهمي نظر آئي ۽ نه ويچار شڪتي. هڪ وقت مون کي خيال آيو ته هنن کي هي اوچو مرتبو زبان جي جادوءَ ڪري حاصل ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ جهموري ۽ سجاڳ قوم جي ماڻهن جي دلين کي فتح ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته هنن جي ڪنن تائين اثرائتو آواز پهچايو وڃي. اهو به ظاهر آهي، ته جنهن شخص وٽ تقرير ڪرڻ جي قابليت آهي، سو ويچار شڪتيءَ کان به خالي نه هوندو آهي؛ پر جيئن ته مون اهڙا سياستدان به ڏٺا جي منهنجي نگاهه ۾ ذهين ڪونه هئا؛ پر اهي عوامي معاملن کي ڏاڍو ڪاميابيءَ سان نڀائيندا هئا، تڏهن مون کي احساس ٿيو ته مان ئي غلط هوس. ائين هجي ته قوم تي حڪومت هلائڻ لاءِ اهڙي ڏات جي ضرورت آهي، جنهن جو انسان جي عام قابليت سان واسطو ڪونهي. +ان ريت مون ٻيا به اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن جي پنهنجي ڌنڌي ۾ ڪاميابيءَ جي آسمان تي پهتا هوندا، ۽ لکين رپيا ڪمايا هوندائون، پر ڪنهن ٻئي ڌنڌي ۾ يا زندگيءَ جي عام مسئلن ۾ هو بلڪل ڏڏُ نظر ايندا. منجهن رواجي عقل به موجود نه هوندو آهي. +هنن راڄنيتي مدبرن جي گفتگوءَ ۾ به هوشياري نظر ڪانه آيم. هنن ڪابه ڳالهه اهڙي ڪانه ٿي چئي جا دماغ ۾ چهنڊڙيون پائي، ستل خيال سجاڳ ڪري يا نون خيالن کي جنم ڏئي. سندس گفتگو اڇاتري ۽ منافقت سان ڀريل هئي، پر ڳالهائين کلمک ڍنگ ۾ پيا. گنڀير موضوعن کي بحث هيٺ ڪونه ٿي آندو ويو، ڄڻ ته کين خوف هو، ته سندن دڪانداريءَ جا ڳُجهه ڳالهين ۾ ٻين کي نه معلوم ٿي وڃن. +گهڻو ڪري هڪٻئي سان شانائتو کل ڀوڳ ئي ڪندا هئا. انهن مان ڪن جي حاضر جوابي واقعي وري وري ٻڌائڻ جهڙي هوندي هئي. +سندن ڪچهريءَ ۾ ائين محسوس ٿيندو هو، ته تهذيب جو مطلب اهوئي آهي ته مٿاهين درجي جي ڀوڪپائيءَ کي ڳالهه ٻولهه جو موضوع بڻايو وڃي. +2_ نامور ۽ گمنام انسان: +نامور هستين سان ملڻ لاءِ ماڻهن جو جنون ڏسي، مون کي ڏاڍو اچرج لڳندو آهي. هو پنهنجن دوستن کي اهو ٻڌائڻ ۾ فخر ٿا سمجهن، ته هو فلاڻي وڏي ماڻهوءَ سان ملي چڪا آهن. ان مان ثابت ٿو ٿئي، ته هو پنهنجو پاڻ کي تمام هيچ ٿا سمجهن. +نامور شخص، اهڙن ملندڙن سان منهن ڏيڻ لاءِ، هڪ قسم جو ڍنگ اختيار ڪرڻ سکي ويندا آهن. هو دنيا جي سامهون منافقت جو نقاب پهري ايندا آهن، جيئن سندن اصليت لڪل رهي. ماڻهو جنهن نموني ۾ هنن کي ڏسڻ جي اميد رکن ٿا، هو به اهڙوئي ڍونگ رچائين ٿا، ۽ تجربي سان هو ان ڍونگ جا ماهر بڻجي وڃن ٿا، پر توهان جي اها احمقپائي آهي، جو توهين انهيءَ ظاهري ڪردار مان سندن اصلي شخصيت کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. +مون کي ڪن شخصيتن سان بيحد گهرو لڳاءُ رهيو آهي؛ پر هنن سان منهنجي دلچسپي سندن شخصيت جي وڏائيءَ ڪري نه، پر پنهنجي ڪم ڪري رهي آهي. مون هر انسان کي اهڙو مواد سمجهي جاچيو آهي، جو مون کي ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪتب اچي سگهي. مون کي مشهور ماڻهن کان وڌيڪ گمنام انسانن جي ڳولا رهي آهي. هو هميشه اصلي حالت ۾ هوندا آهن. دنيا تي اثر وجهڻ لاءِ کين نه ڍونگ رچائڻ جي ضرورت پوندي آهي، ۽ نه منافقت ڪرڻ جي. پنهنجي دائري اندر رهندي، فطري نموني هنن جو سڀاءُ ٺهندو رهي ٿو. جيئن ته هو عام خلق لاءِ اهم نه آهن، عام خلق جي نگاهه ۾ به نه آهن، ان ڪري هنن کي ڪابه ڳالهه لڪائڻ جي ضرورت ئي ڪانه ٿي پوي. هو پنهنجون وڏون به ظاهر ڪيو ڏين، ڇو ته هنن کي اهو احساس ئي ڪونه هوندو آهي ته هوڪي گهٽ آهن. +عام انسان ئي اسان ليکڪن واسطي اهميت رکن ٿا، انهن بابت ئي اسان کي لکڻو آهي. اسان جي نقطي نگاهه کان بادشاهه، ڊڪٽيٽر ۽ لکاپتي سرمايي دار خاطر خواهه ڪردار نه آهن، ۽ نه مقبول موضوع. ڪن ليکڪن اهڙن ماڻهن بابت لکڻ جو جوکو کنيو، پر هنن کي جيڪا ناڪاميابي نصيب ٿي آهي، ان مان صاف ثابت آهي ته اهڙن وڏن ماڻهن کي فن جو موضوع بڻائڻ ٺيڪ ڪونهي. ادب ۾ سندن ڪردار اصلي نه، پر نقلي لڳندو. +هڪ ”رواجي انسان“ ئي ليکڪ لاءِ ڀلي زمين آهي، هن ۾ طرح طرح جا روپ آهن، هن ۾ قسمين قسمين عادتون آهن، هن ۾ نت نواڻ آهي، هن ۾ پُراسراريت آهي، هن جون دلچسپيون عجيب غريب آهن، هن جا مشغلا مزيدار آهن، جيئري رهڻ لاءِ کيس قدم قدم تي جفاڪشي ڪرڻي پوي ٿي. هو اسان اديبن لاءِ اڻ کُٽ خزانو آهي، هو اسان واسطي بهترين مواد پيش ڪري ٿو. هرهڪ رواجي انسان ۾ نيون نيون ڳالهيون ملنديون، پر وڏا ماڻهو ڄڻ ته سڀئي هڪ سانچي مان نڪتل آهن، منجهن ايتري هيٺاهين مٿاهين ۽ لهرون لوڏا ڪونه هوندا آهن. +مان وڏي وزير سان گڏ رهڻ کان، هڪ وارياسي ٻيٽ ۾ جانورن جي ڊاڪٽر سان گڏ گذارڻ کي وڌيڪ پسند ڪندس. +3- منهنجا خيال: +زندگيءَ ۾ جي مسئلا منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيا آهن، تن تي پنهنجي خيالن جي مان هن ڪتاب ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس؛ پر جن نتيجن تي مان پهتو آهيان، سي منهنجي دل اندر ائين پئي لُڙهيا آهن، جيئن ٻڏل جهاز جا تختا طوفاني سمنڊ ۾ لڙهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن خيال آيو اٿم، ته جي مان انهن خيالن کي سهيڙي سلسليوار ۽ سٽاءُ سان ويهي لکان، ته شايد مختلف خيالن جون ڪڙيون پاڻ ۾ ملائي، انهن کي وڌيڪ سمجهي سگهان. ڪيترائي ڀيرا ارادو به ڪيو اٿم، خاص ڪري وڏين مسافرين تي وڃڻ وقت، ته مون کي ائين ئي ڪرڻ گهرجي. موقعو به مناسب هوندو آهي؛ پر ان وقت مون ڏٺو آهي، ته منهنجي دماغ ۾ خيالن جو ايڏو هجوم هوندو آهي، ايتريون ته عجيب چيزون ڏٺيون اٿم، دماغ ۾ طوفان پيدا ڪندڙ ايترن انسانن سان مليو آهيان، جو اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن سٽاءُ سان لکڻ، اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. +مون پنهنجا خيال، پنهنجي ناولن جا ڪردار بڻائي ظاهر پئي ڪيا آهن. ان طرح پنهنجا خيال بيان ڪرڻ تي مان اهڙو ته هري ويو آهيان، جو منهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته آسان آهي، ته منهنجا تخليق ڪيل ڪردار ڇا ٿا سوچين؛ پر اهو فيصلو ڪرڻ ته مان پاڻ ڇا ٿو سوچيان، سو مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. پهرين ڳالهه ته منهنجي لاءِ سدائين خوشيءَ جو باعث بڻي رهي آهي، پر ٻي ڳالهه مون واسطي اهڙو بوجو ٿيو پوي، جنهن کان هميشه جند ڇڏائيندو رهيو آهيان. پر هاڻي مان ان چيز کي وڌيڪ ترسائي نٿو سگهان. +جوانيءَ جي بيفڪريءَ ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. وچينءَ عمر ۾ به ماڻهو سڀاڻي تي ڪم رکڻ واري سستي ڪري ٿو؛ پر نيٺ اهڙو وقت اچي ٿو، جو کيس موت ويجهو ڏسجي ٿو. هِتان هُتان ساٿين ۽ همعصرن جي وفات جون خبرون اچڻ لڳن ٿيون. ان ڪري به موت جو احساس وڌي ٿو. اخبار جي ”وفات نامي“ واري ڪالم ۾ مون ڏٺو آهي، ته گهڻن ماڻهن جو موت سٺ سالن جي قريب پهچڻ تي ٿئي ٿو. مان به ان عمر کي پهتو آهيان. ڳچ ڀيرا خيال آيو آهي، ته جي مرڻ کان اڳ هي ڪتاب نه لکيم، ته ڏاڍي بي آرامي ٿينديم. ان ڪري بهتر ائين سمجهيم، ته هن ڪم کي هڪدم هٿ ۾ کڻان. هن ڪتاب لکڻ سان ڄڻ منهنجي حياتيءَ جو سڄو ڪم پورو ٿي ويندو، ان ڪري مان آئيندي کي ڏاڍي اطمينان سان منهن ڏئي سگهندس. مان هاڻي انهيءَ لاءِ وڌيڪ ڪو عذر گهڙي نٿو سگهان، ته ڪو مان هي ڪتاب لکڻ لاءِ تيار ناهيان. جن خيالن جي اهميت بابت مان اڄ تائين نبيرو ڪري نه سگهيو آهيان، تن بابت اڄ کان پوءِ به نبيرو ڪري نه سگهندس. مون کي خوشي آهي ته پنهنجي سالن جي ڇڙو ڇڙ خيالن کي ڇنڊي ڇاڻي ڪَٺو لکي رهيو آهيان. جڏهن مان اهي لکي پورا ڪندس، تڏهن منهنجي سر تان انهن جو بار لهي ويندو ۽ هانءُ هلڪو ٿي پوندم. پوءِ مان پنهنجون قوتون ڪنهن ٻئي پاسي ڪتب آڻي سگهندس. مون کي اُميد آهي ته هي منهنجو آخري ڪتاب ڪين ٿيندو. ماڻهو وصيت ڪرڻ کان پوءِ ڪو هڪدم ڪونه مرندو آهي. وصيت ته دور انديشيءَ جي خيال کان ڪئي ويندي آهي. ماڻهو پنهنجا معاملا طيءِ ڪرڻ ڪري، آئيندي کان بيفڪر ٿي سگهي ٿو. +جڏهن هيءُ ڪتاب ختم ٿيندو، تڏهن ئي مان ڄاڻي سگهندس، ته مان ڪهڙي حال ۽ خيال ۾ آهيان. ان کان پوءِ ئي پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ لاءِ ڪو پنهنجي پسند جو سٽاءُ سٽيندس. +4- پاڻ بابت لکڻ: +اهو ته اوس ٿيڻو آهي ته مان هن ڪتاب ۾ گهڻيون ڳالهيون اهڙيون به چوندس، جي پهرين به چئي چڪو آهيان. ان ڪري ئي م��ن ان کي ”تاتپرچ“ سڏيو آهي. جئن جج، مقدمي جو حاصل مطلب ٻڌائيندي، ڪورٽ ۾ اول ئي چيل ۽ ٻڌايل حقيقتون دهرائيندو آهي، پر هو ڪا نئين شاهدي پيش ڪونه ڪندو آهي. +مون پنهنجي حياتي پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ اوتي آهي. ان ڪري هتي مان جو ڪجهه چوندس، ان مان ڳچ حصو انهن ۾ اول ئي موجود آهي. منهنجي دلچسپيءَ جي دائري وارا ٿورا ڪي خيال هوندا جي مون ورجايا نه هوندا. هن ڀرڪي مان پنهنجي ويچارن ۽ احساسن جو تفصيلوار تصوير ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. پنهنجن ناٽڪن ۽ ڪهاڻين ۾، موضوع جي لحاظ کان، ڪن خيالن طرف مون رڳو اشارو ڪيو هو. انهن خيالن کي به هتي چٽيءَ طرح لکندس. +ائين کڻي سمجهو ته مون هي ڪتاب پاڻ پڏائڻ خاطر لکيو آهي. هي انهن موضوعن جي باري ۾ آهي، جي مون لاءِ اهم آهن. هي ڪتاب مون بابت آهي، ڇو ته اهي موضوع جئن مون تي اثرانداز ٿيا آهن، تئن ئي مون بيان لکيو آهي؛ پر هتي مون پنهنجي عملي زندگيءَ جو ڪو ذڪر نه ڪيو آهي. مان پڙهندڙن کي ايتري قدر پنهنجو رازدار بڻائڻ نه ٿو چاهيان. ڪن ڳالهين ۾ پنهنجي خلوت ۾ مان ڪنهن ٻئي کي ڀاڱي ڀائيوار بڻائڻ نه ٿو پسند ڪريان، ڇو ته ڪوبه انسان پنهنجو پاڻ بابت سئو سيڪڙو سچ ڳالهائي نه ٿو سگهي. +جن پاڻ بابت سڄي سچ ٻڌائڻ جو ارادو ڪيو آهي، تن کي صرف هَٺَ ائين ڪرڻ کان نه روڪيو آهي. خود غرضي به ان جو ڪارڻ آهي. ٽيون ڪارڻ آهي هنن جي پنهنجي پاڻ سان ناڪامي؛ اهو ان طرح ته اهو اهڙا ڪم به ڪري ويهندا آهن، جن کي هو ڀُڏا ڪم سمجهندا آهن. هر انسان جي چوڻيءَ ۽ ڪرڻيءَ ۾ فرق ٿيندو آهي. +ڪن شخصن کي وري پنهنجي اوڳڻ لکڻ جو اهڙو خيال اچي ويهندو آهي، جو هو پنهنجا گڻ غير اهم سمجهي لکندائي ڪونه آهن. نتيجي ۾ سندن شخصيت بي اُصول، کوکلي ۽ ڪمزور محسوس ٿيندي آهي. +5- ٻين جا رايا: +ڪي خيال منهنجي ذهن ۾ هلچل مچائيندا رهيا آهن. انهن خيالن کان ذهن کي صاف ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مان هيءُ ڪتاب لکان. مون کي استادي ڪرڻ يا ليڪچر ڏيڻ جو شوق اصل ڪونهي. دماغ ۾ ڪو نئون خيال پيدا ٿيندو اٿم، ته اهو ٻين تائين پهچائڻ لاءِ مان بيتاب ڪونه ٿي ويندو آهيان. جيڪڏهن ٻيا منهنجا هم خيال بڻيا آهن ته مان ڦونڊ ۾ ڀرجي ڪونه ويندو آهيان. منهنجا خيال صحيح هوندا آهن. ٻيا جي انهن سان اختلاف ڪن ٿا ته هو غلط آهن. پر مون کي هنن جي ان غلطيءَ تي ڪاوڙ ڪونه ايندي آهي. نه مون کي ان ڳالهه جي ڳڻتي ٿيندي آهي، ته ڪو منهنجي راءِ اڪثريت جي اُبتڙ آهي. مون کي پنهنجي اندروني طاقتن ۾ پورو پورو ڀروسو هوندو آهي. +مون کي ائين لکڻ گهرجي ڄڻ ته مان وڏي اهم شخصيت آهيان، ۽ سچ پچ ته مان اهم آهيان به، پر پاڻ واسطي. مان پنهنجي لاءِ دنيا جو اهم ترين شخص آهيان. جيتوڻيڪ مان اهو ڪونه ٿو وساريان ته هن اٿاهه دنيا ۾ منهنجي حيثيت ئي ڪهڙي آهي، ۽ جي مان پيدا ئي نه ٿيان ها ته ان ۾ ڪهڙو فرق پوي ها! +مان پنهنجي لکڻين کي وقتي اهميت ضرور ڏيان ٿو. مان سمجهان ٿو ته ڳنڀير ليکڪ ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيندا آهن، ته سندن تحريرن جي سندن موت کان پوءِ ڪهڙي گت بڻبي. ليکڪ لاءِ اهو خيال به ڏاڍو خوش ڪندڙ آهي، ته ڪجهه نسل سندس ڪتاب کي دلچسپيءَ سان پڙهندا ۽ ملڪ جي ادبي تاريخ ۾ هن جو نالو به شامل ڪيو ويندو. مون کي ته ايتري مقبوليت حاصل ٿيڻ ۾ به شڪ آهي. ڇو ته مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي اهڙا اديب ڏٺا آهن، جن مون کان وڌيڪ ادبي دنيا ۾ ٿرٿلو مچايو هو؛ پر اڄ هو ڪنهن کي به ياد ڪونه آهن. جڏهن مان ننڍو هئس تڏهن جارج ميريڊٿ (George Meredith) ۽ ٿامس هارڊي (Thomas Hardy) جا ڪتاب ڏاڍي شوق سان پڙهيا ويندا هئا؛ پر اڄڪلهه جي نئين ٽهيءَ وارن لاءِ انهن ڪتابن ۾ ڪا ڪشش ڪانه رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن نقاد جي هنن جي ڪمن جي باري ۾ ڪنهن مضمون لکڻ ڪري، ڪو لئبرريءَ مان وڃي سندن ڪو ڪتاب ڪڍرائي پڙهي؛ پر هنن جا ڪتاب اهڙي شوق سان ڪونه پڙهيا ويندا، جهڙي ريت Gulliver’s Travels يا Tristan Shandy يا Tom Jones جهڙا ڪتاب پڙهيا ٿا وڃن. +ايندڙ صفحن ۾ مون پنهنجا رايا لکيا آهن. پڙهندڙ انهن کي قبول ڪري يا ڇڏي ڏئي، اهو سندس مرضيءَ ۽ راءِ تي ڇڏيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ذوق وارو، ڌيرج سان هي سڄو ڪتاب پڙهي ويو، ته پوءِ کيس سمجهه ۾ اچي ويندو، ته مون کي صرف هڪ ڳالهه جي پڪ آهي. اُها هيءَ آهي ته ”تمام ڪي ٿوريون ڳالهيون آهن، جي يقيني ٿي سگهن ٿيون.“ +6- منهنجا وڏا: +مون لکڻ ائين شروع ڪيو ڄڻ ته منهنجي لاءِ اها بلڪل سڀاويڪ چيز هئي. جيئن بدڪ پاڻيءَ ڏانهن وڃي، تيئن ٿيو منهنجو لکڻ ڏانهن لاڙو. مون کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي اديب ٿيڻ تي اچرج لڳندو آهي. ان جو سبب ته اجهل شوق آهي، پر اهڙو شوق مون ۾ جاڳيو ڪيئن؟ ڇو ته سئو سالن کان وٺي منهنجا ابابا ڏاڏا وڪيل ٿي پئي رهيا آهن. منهنجو ڏاڏو Incorporated Law Society جي ٻن پاپي وجهندڙن مان هڪ هو. برٽش ميوزيم ۾ هن جي لکيل ڪتابن جي ڊگهي فهرست موجود آهي. هن صرف هڪڙو اهڙو ڪتاب لکيو، جو قانوني قسم جو نه هو. هي سندس انهن مضمونن جو مجموعو هو، جي هن ان وقت جي مشهور مخزنن ۾ لکيا هئا. اهو ڪتاب مون هڪ دفعو ڏٺو ضرور هو، پر ايتري لاءِ وقت ملي ڪونه سگهيو جو پڙهان ها ۽ نه اڄ ڏينهن تائين پڙهيو اٿم. دل چوي ٿي ته اهو پڙهان ها. ان مان ٿورو گهڻو اهو پتو لڳيم ها ته هو ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو. هو مٿين سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. انهيءَ خدمت جي بدلي ۾ هن کي چانديءَ جا ٿانوَ سوغات ڪري ڏنا ويا، جي اڄ به محفوظ رکيا آهن. +هڪڙي پوڙهي وڪيل کان پنهنجي ڏاڏي بابت هڪ واقعو ٻڌم. هڪڙي دعوت ۾ ڏاڏو خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ آيل هجي. کاڌي کائيندي سندس آڏو پٽاٽن جي ٿالهي رکي وئي. هي پٽاٽا کل سميت رڌل هئا. ڏاڏو ڀرئي ميڙ مان اُٿيو ۽ هڪ هڪ پٽاٽو ڪري ديوار تي ٽنگيل تصويرن کي هڻندو ويو. مون وڪيل کان پڇيو ته پوءِ ڀلا ان جو حاضرين تي ڪهڙو اثر ٿيو؟ چيائين ته حاضرين مان ڪنهن هن ڏي نهاريو به ڪين، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪين، ۽ ڏاڏو وري اچي ويٺو ۽ کائڻ کي لڳي ويو. +هن وڪيل مون کي اهو به ٻڌايو ته هن پنهنجي ڄمار ۾ ڏاڏي جهڙو بدشڪل انسان ڪونه ڏٺو هو. مان ڏاڏي جي تصوير ڏسڻ لاءِ سوسائٽيءَ جي عمارت ۾ ويس. جيڪڏهن وڪيل جو چوڻ سچ هو ته پوءِ نقاش، ڏاڏي جي مورت چٽڻ ۾ چاپلوسيءَ کان ڪم ورتو آهي، ڇو ته هن جي شڪل ڪافي شاندار نڪتل نظر آيم. +7- منهنجا ماءُ پيءُ: +مان اڃا ننڍڙو ئي هئس جو يتيم ٿي ويس. منهنجي ماءُ ان وقت وفات ڪئي جڏهن مان اٺن سالن جو هئس ۽ پيءُ جي موت وقت منهنجي عمر ڏهه ورهيه هئي. ان ڪري مون کي سندن ڪا يادگيري ڪانهي. ٻين وٽان ٻڌل ڳالهين مان ئي هنن جون خبرون پيون اٿم. +الاءِ ڪهڙو ڪارڻ هو، شايد مون جهڙي بي آرامي هئس، جو بابو انگلينڊ ڇڏي، پئرس ۾ انگريزي سفارتخاني ۾ وڃي صلاحڪار ٿيو. هن کي سير سفر جو ڏاڍو شوق هو. هو ترڪي، يونان، ايشيا مائنر ۽ آفريڪا ۾ موراڪ تائين ويو. اتان ڪيتريون ئي عجيب غريب شيون آندائين. شاديءَ وقت هن جي عمر چاليهه سال هئي، ۽ امڙ ويهن کان ننڍي هئي. هوءَ ڏاڍي سهڻي ڇوڪري هئي ۽ بابو بي ڊولو هو. مون ٻڌو آهي ته پئرس ۾ هن جوڙي کي چوندا ئي هئا ”حسن ۽ حيوان.“ +منهنجي ماءُ جو پيءُ فوج ۾ عملدار هو ۽ هندستان ۾ وفات ڪيائين. هن جي ماءُ ڏاڍين خوبين واري هئي. دولت جي به هن وٽ گهٽتائي ڪانه هئي. هوءَ پئرس ۾ اچي ويٺي. هن ڪي ناول لکيا ۽ ڪجهه راڳين جا سور ٺاهيائين. هن جون اهي تخليقون ڪافي هروسي ٿيون. +منهنجي ماءُ قد جي پوري پني هئي، هن جون اکيون ڀوريون ۽ وار سونهري رنگ جا هئا. هن جا نقش وڻندڙ ۽ چمڙي چمڪندڙ هئي. هن جي هڪڙي ساهيڙيءَ مون کي ٻڌايو ته هن منهنجي ماءُ کي چيو ته، تون اهڙي حَسين آهين جو تنهنجا ڪيترائي پروانا موجود آهن، پر تون صرف هن بدصورت مڙس جو ڪلمو ڇو ٿي ڀرين؟“ ان تي امان جواب ڏنو، ”ڇاڪاڻ ته هو منهنجا جذبات ڪونه ٿو ڏکوئي.“ +مون سندس هٿ جو لکيل هڪ خط ڏٺو، جو چاچي جي ڪاغذن ۾ موجود هو. چاچو پادري هو. امان کيس لکيو هو ته هو سندس هڪ ٻار پنهنجي گود ۾ وٺي. هن جو خيال هو ته ائين ڪرڻ سان ٻار جو دين دنيا ۾ ڀلو ٿيندو. هن کي ڪتاب پڙهڻ سان عشق هو. هن جا ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل هئا. +کيس ڦڦڙن جي سِلهه ٿي پئي. مون کي ياد آهي ته شام جو اسان جي گهر جي ٻاهران گڏهين جي قطار اچي بيهندي هئي. ان وقت گڏهين جي کير کي سلهه جو بهترين علاج سمجهيو ويندو هو. هڪ ڀيري، جڏهن ڦڦڙن مان رت اچڻ بند نه ٿي ٿيس ۽ پنهنجي پڄاڻي ويجهي نظر آيس، تڏهن خيال ٿيس ته جڏهن سندس پٽ وڏا ٿيندا، تڏهن ضرور اهو سوچيندا ته سندن ماءُ ڪهڙي شڪل صورت جي هئي. سو نوڪرياڻيءَ کي گهرايائين ۽ بهترن لباس پهري پنهنجو فوٽو ڪڍرايائين. +هن کي ڇهه پٽ ٿيا ۽ ويم ڪندي ئي دم ڏنائين. ان وقت ڊاڪٽرن جو خيال هو ته سِلهه واري عورت لاءِ حمل سان ٿيڻ ڪارائتو آهي. موت وقت هوءَ 38 سالن جي هئي. امان جي مرڻ کانپوءِ هن جي نوڪرياڻيءَ مون کي پاليو. ان کان اڳ منهنجي سنڀال فرينچ داين جي حوالي هئي. ان ڪري مان فرينچ ۽ انگريزي گاڏڙ ساڏڙ ڳالهائيندو هئس. بابو سٺي سڀاءَ وارو انسان هو، اونهاري ۾ رهڻ واسطي جڳهه جوڙايائين. هي گهر پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي هو ۽ وڻندڙ نظارن جي وچ ۾. پري کان پئرس نظر ايندو هو، ڀرسان ندي ٿي وهي، جنهن جي ڪناري تي هڪ سهڻو ڳوٺ هو. گهر ڏاڍو عمدي سامان سان سينگاريل هو. ان ۾ ٻين ملڪن مان آندل قديم شيون به رکيل هيون. انهن ۾ بدنظر کان بچڻ لاءِ هڪ نشان به هو، جو هن ڪتاب جي پوش تي چِتيل آهي. +8- لکڻ سکڻ: +مون کي فرينچ اسڪول مان ڪڍي، انگريزي سکڻ لاءِ هڪ پادريءَ وٽ ڇڏيو ويو. هن جو مون کي انگريزي سيکارڻ جو طريقو اهو هو، جو هو مون کي اخبار مان مارا ماري، رتو ڇاڻ واريون دلچسپ خبرون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو. پوءِ مان اسڪول ۾ داخل ٿيس. اتي ڪلاس ۾ شاگرد منهنجي انگريزي لفظن جي اُچارن تي وڏا ٽهڪ ڏئي کلندا هئا. +مون کي اسڪول ۾ ته صحيح نموني جملا لکڻ جي هدايت ڪنهن ڪانه ڪئي، پر زندگيءَ ۾ مون ٻه ڀيرا انگريزيءَ جو سبق حاصل ڪيو آهي؛ پر اهو سبق ايترو دير سان حاصل ٿيو اٿم، جو شايد مان ان مان فائدو وٺي نه سگهان. +پهريون سبق ڪجهه سال اڳ مليم. مان لنڊن ۾ ڪجهه وقت ترسيل هئس. هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي پنهنجو سيڪريٽري مقرر ڪيو هئم. هوءَ لڄاري ۽ موچاري هئي، ۽ هڪ پرڻيل شخص سان عشقبازي پئي ڪيائين. مان هڪ ڇنڇر تي هن کي پنهنجي ڪتاب Cakes and Ale جو ٽائيپ ٿيل مسودو ڏنو، ته آچر ڏينهن پنهنجي گهر ۾ ان کي درست ڪري اچي. منهنجو مطلب هو ته Typist جي هِجي ۾ غلطيون ڪيون هجن، ته انهن جي هجي صحيح ڪري لکي، پر هن منهنجي چوڻ جو مطلب ئي ٻيو ڪڍيو. سومر ڏينهن صبح جو جڏهن هوءَ آئي ته مسودي سان گڏ درستين جا اٺ وڏا صحفا به ڳنڍيل هئا. پهرين ته ٿوري چڙ آيم، پر پوءِ خيال آيم ته ممڪن آهي ته ڇوڪريءَ جيڪا محنت ڪئي آهي ان مان، مان ڪو فائدو وٺي سگهان. ويهي اهي درستيون پڙهيم، مان سمج��ان ٿو ته هن ڪنهن ڪاليج ۾ باقاعدگي انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪئي هئي، ۽ گرامر کي ڌيان ۾ رکي منهنجون غلطيون ڪڍيون هئائين، جيئن سندس پروفيسرن هن جي مضمون مان چُڪون ڪڍيون هونديون. +هن ڇوڪريءَ جو خيال هو ته هڪ ئي صفحي تي ساڳيو لفظ ٻه دفعا استعمال نه ڪيو وڃي. ان ڪري هر اهڙي لفظ لاءِ ٻيو هم معنيٰ لفظ ڏنو هئائين. منهنجا ڪي جملا ڏهن ڏهن قطارن ۾ لکيل هئا. انهن لاءِ لکيو هئائين، ته انهن کي ڀڃي ننڍا ننڍا جملا لکڻ گهرجن. ڪٿي مون اڌ دم ڏنو هو، ته ان لاءِ لکيو هئائين، پورو دم هئڻ جُڳائي. ڪٿي مون بيهڪ جي نشاني ڏني هئي ته لکيو هئائين ته، ”اهو پراڻو طريقو آهي.“ مون کي کل هن جي اِن چُڀندڙ سوال تي آئي ته، ”توهان کي پنهنجي لکيل حقيقتن تي يقين آهي؟“ +ٻيو سبق هڪ پروفيسر کان مليم. اسين ٻئي گڏ رهندا هئاسين. ان وقت مون پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب جي مسودي ۾ درستون پئي ڪيون. هن اهو پڙهڻ جي سَڌَ ڏيکاري. مان ٿورو هٻڪيس، ڇو ته خبر هئم ته هن جي پرکڻ جي ڪسوٽي تمام اوچي آهي. تنهن کان سواءِ هن قديم ادب کي وڌيڪ اهميت ٿي ڏني ۽ منهنجي خيال موجب موجوده ادب جو پورو پارکو نه هو. مون پنهنجي ڪتاب کي بهتر کان بهتر بڻائڻ ٿي چاهيو. ان ڪري خيال ڪيم ته ممڪن آهي ته هن جي ٽيڪا ٽپڻي ڪارائتي ثابت ٿئي. هن تمام هلڪي تنقيد ڪئي. هن ٻوليءَ جي سهڻائيءَ تي وڌيڪ زور ڏنو، هن جو خيال هو ته هرهڪ لفظ چَٻي چِٿي ڪتب آڻجي. ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته اهي لفظ مصنف جي مدعا به چڱيءَ طرح ظاهر ڪن. +ننڍي هوندي جي مان اهڙن استادن وٽ پڙهان ها، ته شايد گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهان ها! +9- لفظ ۽ جملا: +مون کي سڀ ڪجهه پنهنجي منهن سکڻو پيو. مون پنهنجون شروع ۾ لکيل ڪهاڻيون پڙهيون، ان خيال کان ته ان وقت منهنجا ڪهڙا لاڙا هئا، انهن ۾ هلڪڙائي ۽ جوشيليون ڳالهيون آهن؛ پر اها منهنجي عمر جي گهُر هئي. هينئر مون کي رڳو پنهنجي لکڻ جي طريقي جو بيان ڪرڻو آهي. نظر ائين ٿو اچي، ته مون منجهه سنئي سڌي گفتگو لکڻ لاءِ سڀاويڪ چٽائي ۽ ڏانءُ موجود هو. +ان وقت جي مشهور ناٽڪ نويس هينري آرٿر جونس (Henry Arturr Jones) جڏهن منهنجو پهريون ناول پڙهيو، تڏهن هڪ دوست کي چيائين ته، هي ليکڪ ٿوري عرصي اندر برک ناٽڪ نويس ٿي ويندو. مان ڀانيان ٿو ته هو منهنجي نظارن کي چِٽائيءَ سان ۽ اثرائتي نموني چٽڻ جي ڏات ڏسي چڪو هو. +ڪتابن ۾ منهنجي ٻولي رواجي هئي، گهڻا ۽ جدا جدا لفظ به استعمال ڪونه ڪيا هئم، گرامر جي خيالن کان خاميون هيون ۽ محاورا به پراوا ڪتب آندا هئم؛ پر لکڻ مون لاءِ ساهه کڻڻ وانگر سڀاويڪ ڳالهه هئي. بس لکندو ٿي ويس ۽ اهو سوچڻ لاءِ ڪونه ٿي رُڪيس ته خراب لکي رهيو آهيان يا سٺو. ڪيترن سالن کان پوءِ وڃي احساس ٿيم ته لکڻ هڪ نازڪ فن آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پوري دل ۽ دماغ سان پورهيو ڪرڻ گهرجي. اهو احساس مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن پنهنجي خيالن کي لفظي شڪل ڏيڻ لاءِ ڏکيائي محسوس ڪيم. گفتگو ته مان ڏاڍي روانيءَ سان لکي ويندو هئس، پر بياني مضمون وقت ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هئم. ٻه جملا لکڻ لاءِ ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪلاڪ دماغ کي ولوڙڻو پوندو هو. +پوءِ پنهنجو پاڻ کي لکڻ سيکارڻ لاءِ پڪو پهه پچايم. بدقسمتيءَ سان ڪوبه مون کي مدد ڪرڻ وارو نه هو. مون ڪيتريون ئي چُڪون ڪيون. جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل پروفيسر جهڙو ڪو استاد مليم ها، ته منهنجو الاهي وقت بچي پوي ها. اهڙو استاد مون کي آسانيءَ سان دڳ لائي سگهي ها. هو منهنجي خوبين ۽ رغبتن کي ڀانپي، صحيح نموني رهبري ڪري ها، ۽ مون کي ٻين طرف اجائي محنت نه ڪرڻي ��وي ها. ان وقت رنگا رنگي نثر پسند ڪيو ٿي ويو. ڪنن کي وڻندڙ لفظ ۽ سهڻا جملا. +مون ڏٺو ته مان لفظن جي معاملي ۾ سُڃو آهيان، سو برٽش ميوزم ۾ وڃي ڏينهن جا ڏينهن وڏا وڏا ڪتاب اُٿلايم پُٿلايم. انهن مان چونڊي چونڊي لفظ، محاورا ۽ اصطلاح لکندو ويس، ۽ هڪ وڏو نوٽبڪ ڀري ڇڏيم. پر اڄ تائين ان نوٽبڪ مان فائدو ڪونه ورتو اٿم. ڪوبه اهڙي بيوقوفي ڪرڻ چاهي، ته اهو نوٽبڪ اڄ به مون وٽ رکيو آهي. +مون انجيل مان به انهيءَ خيال کان ڪيترائي ٽڪرا نقل ڪيا، جيريمي ٽيلر (Jeremy Taylor) جو ڪتاب (Holydying) پڙهي، ان مان ڪي ٽڪرا ياد ڪري لکندو هئس. +انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ مون (The Land of Blessed Virgin) ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب تازو پڙهيم. مون کي اصل مزو ڪونه ڏنائين. لفظن ۽ جملن جو رنگا رنگي چمن آهي، پر هن جي لحاظ کان گهڻي قدر جي لائق ڪونهي. +10- ٽي خوبيون: +ساڳيءَ طرح مون (Swift) جي لکيل ڪتاب The tale of a tub جا ڪيترا ٽڪرا نقل ڪري لکيا. وري اهي ياد ڪري، حافظي مان وري وري لکندو رهيس. مون هن جي جملن ۾ لفظن جي مٽا سٽا ڪئي؛ پر مون ڏٺو ته هن جي استعمال ڪيل لفظن جي، ٻيا لفظ جڳهه وٺي نه ٿي سگهيا. هن جو نثر هر نموني مڪمل هو. +ائين ڪرڻ سان فائدو ٿيم. منهنجي انگريزي گهڻو سڌري وئي؛ پر منهنجي دل انهيءَ طريقي سان لکڻ مان کٽي ٿي پئي ۽ پورا پنج سال مون ڪوبه ناول ڪونه لکيو، صرف ناٽڪ لکيم. هاڻي منهنجو سٺي انگريزي لکڻ ۾ نالي پيدا ڪرڻ جو شوق ختم ٿي چڪو هو. لفظن جي جملن جي ڄار ۾ مان ڦاسي نه سگهيس. مون ٻوليءَ جي جهالر کانسواءِ، سادي ۽ سنئين سڌي نموني لکڻ ٿي چاهيو. مون کي ايترو ته گهڻو چوڻو هو، جو لفظن جو هير ڦير ۾ وقت وڃائي نه ٿي سگهيس. مون فقط حقيقتن کي ڪاغذ تي قلمبند ڪرڻ ٿي چاهيو. مون اهو ناممڪن ارادو ڪري، ڪتاب شروع ڪيو، ته ان ۾ ڪابه صفت (Adjective) ڪتب ڪونه آڻيندس. مون خيال ڪيو ته جي تُز لفظ ملي وڃي، ته بياني صفت ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مون سمجهيو ته منهنجو هيءُ ڪتاب هڪ تمام ڊگهي تار ٿيندو، جنهن ۾ ڪفايت جي خيال کان اهڙا سڀ لفظ ترڪ ڪيا ويندا، جي مطلب :ظاهر ڪرڻ لاءِ ضروري نه هوندا. مون اهو ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ وري نه پڙهيو آهي. پتو ناهي ته مان پنهنجي مقرر ڪيل مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويس؛ پر مان سمجهان ٿو ته ان کان اڳ مون ڪتاب جهڙي سڀاويڪ شيءِ نه لکي هئي، پر اها پڪ اٿم ته ان ۾ گرامر جون گهڻيون غلطيون آهن. +ان کانپوءِ مان بهتر لکڻيءَ جو آدم ڪندو رهيو آهيان. مون کي خبر هئي ته مون ۾ شاعراڻيون خوبيون ڪونه آهن. منهنجو لفظن جو ذخيرو به محدود هو. تشبيهن جي ڏات کان به وانجهيل هئس. خيالن جو اوچو پرواز به منهنجي وت کان ٻاهر هو. ٻين اديبن جون اهي خاصيتون مان ساراهيندو ضرور هئس. هنن جو لفظن جي خوبصورت لباس ۾ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ، دل کي وڻندڙ عجيب غريب تشبيهون ڏيڻ.- پر مان پنهنجن ليکن ۾ اهڙو ٺٺ پيدا ڪري نه ٿي سگهيس ۽ مان اهڙين ڳالهين لاءِ جتن ڪرڻ کان ٿڪجي پيو هئس، جي مان پنهنجي طبيعت پٽاندر آسانيءَ سان ڪري نه ٿي سگهيس. +مون کي وري شين کي جاچڻ ۽ پرکڻ جي غير معمولي ڏات مليل هئي. مون کي شين ۾ اهڙيون ڳالهيون نظر اينديون هيون، جن طرف ٻين جو ڌيان ئي ڪونه ڇڪبو هو. مان جيڪي ڏسندو هئس، اهو نهايت چِٽائيءَ سان لکي سگهندو هئس. +مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته سٺي لکڻيءَ ۾ ٽي خوبيون هجڻ گهرجن: پهرين چٽائي، ٻي سادگي ۽ ٽين اُچارن جي سهڻائي ۽ سولائي. +11- چِٽائي: +مون کي انهن ليکڪن تي چڙ ايندي آهي، جي چوندا آهن، ته ائين لکجي جو ان جي معنيٰ سمجهڻ لاءِ پڙهندڙ کي پنهنجي دماغ تي زور ڏيڻ جي ضر��رت محسوس ٿئي. +حقيقت هيءَ آهي ته وڏا وڏا فيلسوف به دشوار مسئلن ۽ ويچارن کي ڏاڍي آسان ۽ چٽي نموني ظاهر ڪري سگهن ٿا. هيوم (Hume) جي خيالن جي تهه تائين ممڪن آهي ته هرڪو پهچي نه سگهي، پر هن جي لکيل جملي جي معنيٰ ٿورو پڙهيل به سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ٻئي هڪ فيلسوف برڪلي (Berkeley) جهڙي صاف ۽ سٺي انگريزي ڪنهن مشڪل سان ئي لکي هوندي. +منجهيل ۽ اڻ چٽي لکڻ جا ٻه سبب آهن. پهريون آهي بيپرواهي. ڪن اديبن پنهنجو مطلب چٽائيءَ سان لکڻ، سکڻ جي تڪليف ڪانه ورتي آهي. انهن ۾ اڄڪلهه جا فيلسوف، سائنسدان ۽ خود نقاد اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ هنن وڏن وڏن ليکڪن جا وڏا وڏا ڪتاب پڙهيا هوندا آهن، پر هنن ٻوليءَ جي موزونيت طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو هوندو آهي. سندن مطلب سمجهڻ لاءِ توهان کي ساڳيو جملو وري وري پڙهڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي، يا ته توهين ان جملي مان هڪ جو ٻيو مطلب ڪڍندا. +ٻيو منجهيل لکڻيءَ جو ڪارڻ اهو آهي، ته لکندڙ جو ڪجهه لکندو آهي، ان جي معنيٰ جي کيس به پڪ ڪانه هوندي آهي. سندس دماغ ۾ ڪو اڻ- لکو خيال پيدا ٿيندو آهي، جنهن تي هو سستيءَ سببان، يا نااهليت ڪري وڌيڪ ويچاري ڪونه سگهندو آهي. ان ڪري اهو خيال هو خود به صاف طرح سُلجهائي ڪونه سگهندو آهي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ هو پنهنجو اهو خيال صحيح ۽ چٽي نموني ڪيئن پيش ڪري سگهندو! +گهڻا ليکڪ لکڻ کان اڳ نه، پر لکڻ وقت سوچيندا آهن. قلم مان ئي هنن جا خيال اُڀرن ٿا. ڪوبه هڪ ڀيرو پني تي اچي وڃي ٿو، ته پوءِ ان ۾ ڦير ڦار ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. لکيل لفظن ۾ جادو ٿيندو آهي. لکندڙ ان ۾ عجيب ڇڪ ۽ خوشي محسوس ڪندو آهي. +ڪي اديب وري سوچيندا آهن، ته ”اسين ڪو جهڙا تهڙا ليکڪ ته ڪونه آهيون، جو اسان جي لکڻي هرڪو ڪوري موچي سولائيءَ سان سمجهي وڃي.“ جيتوڻيڪ سچ اهو آهي، ته وِڏَ سندن دماغ ۾ ئي هوندي آهي، جو هو پنهنجن خيالن جي به چِٽي تصوير چٽي ڪونه سگهندا آهن. بيوقوف انسان ئي لفظن ۾ ظاهري ۽ باطني معنيٰ الڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. +12- سادگي: +سادگي، چٽائيءَ وانگر پڌرو ڳُڻ نه آهي. جيئن ته مون وٽ لفظن جي ذخيري جي اڻاٺ آهي، ان ڪري سادگيءَ وارو ڳڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهيان. جن وٽ لفظن جي گهڻائي ۽ سونهن آهي، تن کي ساراهڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هنن جا چونڊ چونڊ لفظ استعمال ڪرڻ ائين ٿا لڳن، جيئن لڙيءَ ۾ موتي پوئجن. انهن جي پڙهڻ سان ڪنن کي موسيقيءَ وارو مزو ملندو آهي؛ پر انهن جو اثر دماغ کان وڌيڪ موجي حواسن تي پوي ٿو، لفظن جي موسيقيت ۾ گم ٿي وڃڻ ڪري، ماڻهو انهن جا معنيَ ۽ مطلب طرف گهٽ ڌيان ڏئي ٿو؛ پر لفظ به تکا تير آهن، انهن جو وجود انهن جي معنيٰ ڪري آهي، جيڪڏهن معنيٰ طرف ڌيان ڏنو نه ويو، ته لفظن جو هئڻ بيڪار ٿي ويندو. +خسيس خيالن کي لکڻ لاءِ سهڻن لفظن جو لباس نه ٿو سونهي. +هرڪو ليکڪ لفظن جي ذخيري سان مالا مال ٿي نه ٿو سگهي، پر هو پنهنجي جفاڪشي ۽ جاکوڙ سان پنهنجي تحريرن ۾ سادگي پيدا ڪري سگهي ٿو. +منجهيل دماغ وارو منجهيل نموني لکندو، پورالو اديب پورالي نموني لکندو، تيز فهم اديب جي دماغ ۾ لکڻ وقت ايترا ته خيال اچي ڪٺا ٿيندا آهن جو، جي هن ضابطي سان نه لکيو ته سندس ساري لکڻي مثالن ۽ تشبيهن سان ڀرجي ويندي +13- اُچارن جي سهڻائي ۽ سولائي: +لفظ اهڙا ڪتب آڻجن، جن جو آواز ڪنن لاءِ وڻندڙ هجي. گهڻا ليکڪ توڙي پڙهندڙ ان ذوق کان خالي هوندا آهن. +شاعر حرف تجنيس (Alliteration) ڏاڍي ڪتب آڻيندا آهن؛ پر منهنجي خيال ۾ نثر ۾ ان جو استعمال سٺو نه ٿو لڳي. لفظن کي وزن آهي، آواز آهي ۽ صورت آهي. جڏهن لفظن جون اهي ڳالهيون ڳڻي ڪتب آڻبا، تڏهن ئي اهو جملو ڏسڻ ۾ وڻندو ۽ ٻڌڻ ۾ مزو ڏيندو. +انگريزي نثر جا ڪيترائي ڪتاب پڙهيا اٿم، پر انهن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري ڪونه سگهيو آهيان، ڇو ته مصنفن پنهنجو مطلب چٽيءَ طرح بيان نه ڪيو هو. +Fowler’s Dictionary of Modern English Usage هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان هرڪو گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. هن جي لکڻيءَ ۾ سادگي ۽ چٽائي آهي. هن ڏاڍا موزون اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن، پر هن لفظن جي آواز طرف ذرو به توجهه ڪونه ڏنو آهي. اهي ڪڏهن ڪڏهن ڪنن تي بوجو محسوس ٿين ٿا. +لکڻ ۾ گرامر جو خيال رکڻ بيحد لازمي آهي؛ پر گرامر کي چهٽي پوڻ سان لکڻيءَ ۾ مزو نه رهندو. مان ائين نه لکندو آهيان جيئن لکڻ چاهيندو آهيان، پر ائين لکندو آهيان جيئن لکي سگهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مون کي هڪ صفحي، هڪ جملي يا هڪ لفظ لکڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿو مارڻو پوندو آهي. +فرينچ ليکڪا ڪاليٽ (Collete) جا ڪتاب پڙهي مان سمجهندو هئس، ته هن جي لکڻي اهڙي سڀاويڪ آهي، جو هن کي لکڻ ۾ نه محنت ڪرڻي پوندي هوندي ۽ نه وقت ضايع ٿيندو هوندو؛ پر مون کي کانئس اهو ٻڌي اچرج لڳو، ته هن کي هر چيز ڪيترائي ڀيرا وري وري لکڻي پوندي هئي، ۽ هڪ صفحي لکڻ ۾ پورو ڏينهن خرچ ٿي ويندو هو. +14- هر دؤر جي ٻولي: +مون ٻڌو آهي ته اناطول فرانس (Anatole France) سترهين صديءَ جي جن ليکڪن جو مداح هو، انهن جي لفظن ۽ لکڻيءَ جي طرز جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. شايد ان ڪري ئي هن جي سهڻي ۽ سليس فرينچ ۾ اثر گهٽ آهي. +ٻولي کڻي سادگي هجي، پر جي اها خاص انداز ۾ نه لکي ويندي ته ان ۾ زور نه رهندو. هر دؤَر ۾ لکڻ جو انداز الڳ ٿيندو آهي، ۽ ان دؤر جي مروج انداز ۾ ئي لکڻ گهرجي. ٻولي هڪ جيئري وٿ آهي ۽ هميشه ڦرندي گهرندي رهي ٿي. تمام گهڻو اڳ ٿي گذريل مصنفن جي نموني ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪري، لکڻيءَ ۾ تصنع پيدا ٿي پوي ٿو. مان ڪي اهڙا لفظ يا اصطلاح استعمال ڪرڻ کان نه هٻڪندس، جي ظاهري طرح بازاري ۽ هلڪڙا هجن؛ پر جن ذريعي مان پنهنجو مطلب چٽائيءَ سان بيان ڪري سگهان ٿو، ۽ پڙهندڙ کي حقيقتن سمجهڻ ۾ سولائي ئي ٿي. +جيڪڏهن لکڻ جو طريقو سٺو آهي، ته پوءِ ان ۾ نوان لفظ ۽ چالو اصطلاح برا به لڳندا. مان نازڪ خياليءَ کان وڌيڪ رواجي ڳالهيون لکڻ پسند ٿو ڪريان. نيٺ به ته زندگي رواجي ڳالهين سان ڀريل آهي ۽ اديب جو واسطو زندگيءَ سان آهي. + + +اسان انگريز اديبن کي، آمريڪا جي اديبن کان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي. ڇو ته آمريڪي اديب پنهنجي ماضيءَ جي اديبن جي لکڻ جي نموني جو نقل ڪونه ٿا ڪن، جيئن اسان وٽ دستور ٿي ويو آهي. هنن جون لکڻيون سندن آسپاس ٿيندڙ گفتگوءَ کان متاثر ٿين ٿيون. انهن ليکن ۾ اهي لفظ ڪتب آيل آهن، جي ماڻهو عام طرح ڳالهائين ٿا، ان ڪري اهي ليک زوردار ۽ اثرائتا به آهن. +ان معاملي ۾ اخبارون ڏاڍو ڪمائتيون ٿي سگهن ٿيون. انهن ۾ ڏيهاڙي ڪم ايندڙ ۽ مروج ٻولي استعمال ئي ٿي. انهن ۾ حاضر دؤر جي واقعن ۽ وٿن جا نالا ۽ نين نين شين جا نوان نوان نالا معلوم ٿي سگهن ٿا اخبارن مان دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کي بيان ڪرڻ جو ڍنگ به سکي سگهجي ٿو. آمريڪا جا ڳچ اديب اخبارن جا خاطو، عيوضي ۽ ايڊيٽر ٿي رهي چڪا آهن. +عوام جي احساس کي، عوام جي ٻوليءَ ۾ شعري روپ ڏيڻ واري خوددار شاعر عبدالڪريم گدائيءَ، کي اڌ رنگ جي موذي جهڙپ عوام کان کسي ورتو. گدائي خوش فڪر ۽ خوش گو شاعر هئڻ سان گڏوگڏ سٺو صحافي ۽ اديب پڻ هو. خلافت هلچل ۾ عملي بهرو وٺي سياسي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين. سدائين اهوئي لکيائين، جيڪو سچ سمجهيائين. قصيدي گوئي ۽ درٻارداري سندس مز��ج ۾ نه هئي ”گدائي“ تخلص اختيار ڪيائين ۽ عملي طور تي ”مولائي“ رهيو. +سندس وفات جو ڏک تهائين وڌيو وڃي، جو سنڌي ٻوليءَ جي هن مڃيل شاعر جي موت جي خبر به صحيح نموني اخبارن ۾ نه ڇپي وئي، ايستائين جو ريڊيو ۽ ٽي وي تان سندس وفات جي خبر به نشر نه ٿي؛ پر ان سان ڇا ٿو ٿئي! ڇا عوام ان شاعر کي وساري ڇڏيندو، جنهن سندس جذبن کي زبان ڏني هئي. ثقافتي پرماريت خلاف جاکوڙ به اقتصادي پرماريت خلاف جاکوڙ جو ڀاڱو آهي. ان جاکوڙ کي تيز ڪري اسين گدائيءَ سان پنهنجي سڪ ۽ اڪير جو اظهار ڪري سگهون ٿا. +(الفتح، 3، 10، 1978) +فورم الهداد ٻوهيو +آڳاٽو جڏهن توهان ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي عهدي جي چارج سنڀالي هئي؛ توهان جو خط آيو هو. مان ايترو به لکي نه سگهيو هوس ته؛ خط پهتو مهرباني، پر ايتري ذري جيتريءَ ڳالهه لکڻ لاءِ ويٺو آهيان، ته ويچار آيو آهي، ته توهان سان ”ڳالهه ڪجي“ يا توهان سان توهان جي ڳالهه ڪجي. برابر خطن لکڻ ۽ جوابن ڏيڻ جو اهو طريقو ’هر دل عزيز‘ نه آهي، پر ڇا ڪجي هر دلعزيزيءَ جي فڪر ۾ رهي رهي مرڻ به ڏاڍو مهانگو ٿو پوي. چون ٿا ته ماڻهو قبرن کان به بدلو وٺندا آهن ۽ مون ڏانهن ته هونئن حساب ڪتاب وڏو رهيو پيو آهي. سو وڌيڪ وقت وڃائڻ کانسواءِ ئي آءُ هي ٻه اکر توهان جي خط جي جواب ۾ انهيءَ خيال کان لکڻ ٿو گهران، ته مهراڻ جي باري ۾ عام طور تي انهيءَ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري وڃان، جيڪا توهان کان سواءِ باقي گهڻن ئي دوستن ۾ ڏسي ٿي سگهجي. +برابر، جيئن توهان جي خطن مان ظاهر آهي، توهان مهراڻ کي هن دؤر جي تقاضا پٽاندر، نئين طريقي سان ڪڍڻ ٿا گهرو؛ پر اها به حقيقت آهي، ته توهان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ائين ڪري نه سگهيا آهيو ۽ اها ڳالهه اديبن جي حلقن ۾ وڏيءَ چؤ پچؤ جو سبب بڻي آهي. ان قسم جي بيچيني ۽ بي آرامي، جا ’مهراڻ‘ جي باري ۾ محسوس ڪئي ٿي وڃي، سا سنڌ جي ٻين ادبي ۽ علمي ادارن جي باري ۾ به محسوس ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ به عام طور اسان جي همدرد دوستن جي حلقي ۾، تنقيد ۽ ڪنهن حد تائين بيزاريءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن؛ پر مان نٿو سمجهان ته سنڌي ادبي بورڊ به ٻاهرينءَ دنيا کان اها بي نيازي ڏيکارڻ سان عافيت ۾ رهندو، جيڪا اُهي ٻيا ادارا ڏيکاري رهيا آهن، جن جي نالن سان لفظ”سنڌ“ ڳنڍيو ويو آهي. +وري توهان پاڻ ڏسي رهيا آهيو، ته جيئن پوءِ تيئن ماڻهن ۾ ”چوڻ“ ۽ ”چئي ڏيڻ“ کان مٿي هاڻي ”پڇا ڪرڻ“ جي همت پيدا ٿيندي ٿي وڃي. سچ پچ ته ذميواري سنڀالڻ اڄڪلهه ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. پر توهان کي جس هجي جو توهان هڪ وڏيءَ ذميواريءَ کي منهن ڏيڻ جو عزم ڪيو ۽ پوءِ اها ذميواري توهان تي عائد به ٿي وئي. +هڪ عام پڙهيل ماڻهوءَ جيان مون کي به معلوم آهي ته : +· مهراڻ جي ايڊيٽر کي اجرت به ملي ٿي ۽ اها ادبي بزرگي ۽ اهميت به ملي ٿي، جنهن جو هو پاڻ کي اهل ثابت ڪري ٿو. جيئن جناب جويي ۽ جناب گراميءَ جي حالت ۾ ٿيو آهي. +· سنڌي زبان ۾ فقط ٻه اهڙا رسالا نڪرن ٿا، جن جو سڄو خرچ سرڪاري گرانٽن يا بجيٽن مان پورو ڪيو ٿو وڃي ۽ مهراڻ به اهڙوئي هڪ رسالو آهي. +· نئين زندگيءَ جي موجودگيءَ ۾ مهراڻ جو مطلب آهي بهتر ڪارڪردگي، وسيع تر مقصدن جي پوئيواري، وڌيڪ ادبي شرڪت، بهتر ادبي خدمت، بهتر اهليت، وڏي ادبي عظمت ۽ ’سنڌ شناسي‘. +· ادبي بورڊ ۾ اُهو جذبو ڪار فرما رهيو آهي، جنهن ۾ اهليت ۽ بي لوث خدمت کي باقي سڀني ڳالهين تي فوقيت حاصل رهي آهي ۽ جيئن توهان کي معلوم آهي، سنڌي زبان جي ترقيءَ ۾ انهيءَ جذبي جو وڏو هٿ آهي، جيڪو مهراڻ ۽ ادبي بورڊ جي معرفت ڪارفرما آهي (ڪن حالتن ۾ هن جذبي تي حرف به آيو آهي). +· هن دور ۾ مهراڻ کي اڙدوءَ، انگريزيءَ ۽ سنڌي جي ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي نه رڳو زندهه، پر سدا سلامت ۽ تازو توانو به رکڻو آهي. +· توهان کان اها ڳالهه به ڳجهي ناهي، ته اسان جي ملڪ ۾ خودمختيار علمي ۽ ادبي ادارن جو وڏو بحران رڳو هڪڙي شيءَ جي موجودگيءَ جي سببان آهي ۽ اُها شيءَ آهي ’نااهليت‘. نااهليت ڪا جسماني بيماري نه آهي. نااهل ماڻهو مست مگن رهي ٿو، مڇون مروٽيندو ۽ سينڍ تي مارئي ڳائيندو وتندو آهي. نا اهل ماڻهو ’ڳورو‘ ۽ ’وزندار‘ هوندو آهي. هُن جا هٿ ”ڊگها“ به هوندا آهن ۽ پاڻ به قد کان بي نياز، پر هونئن سماجي طور تي” قداور“ اديب آهي، ته ڪٿي با اثر آفيسر ۽ اختيار جو صاحب ته ڪٿي هلنديءَ پڄنديءَ وارو مڙس امير. نااهليت هڪ سماجي بيماري آهي، جا سفارش ڪم آڻڻ سان پکڙجي ٿي، گلم تي بندوقن ڇوڙڻ سان وڌي ٿي ۽ پوءِ سياسي حڪمت عمليءَ جو هڪ جزو بڻجي ٿي وڃي ۽ ”ٿڌي ظلم“ (Cold injustice ) جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ٿي ڪري. اِهائي اُها بيماري آهي، جا اڄڪلهه اسان جي انهن ادارن ۾ به پئجي وئي آهي، جن جو نالو لفظ ”سنڌ“ يا ”سنڌي“ سان شروع ٿئي ٿو. ان بيماريءَ انهيءَ پوري ۽ ڪوڙي تقدس مان قو ت حاصل ڪئي آهي، جيڪو نااهليت کي اڀارڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جو هڪ اهم وسيلو رهيو آهي. ادارا بورڊن لڳائڻ ۽ جاين ۽ عمارتن اڏائڻ ۽ باغيچن رکڻ سان تعمير ڪري نه ٿا سگهجن. ادارو انهيءَ چيمبر کي به نه ٿو چئجي، جنهن ۾ صاحبِ اختيار ڪم جي وقت ننڊون ٿو ڪري ۽ ننڊ جي قوت ۾ جاڳي ٿو، توڙي جو اُهو چيمبر انهيءَ مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو، ته اهليت انهيءَ جاءِ تي ٿوري وقت لاءِ ترسندي ۽ اداري کي قوت فراهم ڪندي. +جڏهن هن دؤر جي ڪن اهم تقاضائن ۽ پنهنجيءَ حالت تي ويچار ٿو ڪجي ته معلوم ٿو ٿئي ته: +· اسان سڀ (توهان مان ۽ ٻيا علمي ۽ ادبي ”قداور“ ماڻهو) هن ٽيڪنيڪي، ٽيڪنولاجيڪل ۽ سائنسي دنيا ۾ ٿا رهون. ان قسم جو ماحول هڪ وڏو، ويڪرو ۽ ڦرندڙ گهرندڙ ماحول آهي. اسان جو سماج تڪڙو يا ڍرو انهيءَ ڦير گهير کي قبول ڪري رهيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ ۽ اديب به انهيءَ ڦير گهير کي قبول ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ سائنسي سوچ، غير جانبدار راءِ ۽ خالص سچ جا موقعا ملن ٿا. +· اسان مان تمام گهڻن لکڻ وارن، اڃا سوڌو انهيءَ بدلجندڙ سماج ۽ ادب جي وڌندڙ ۽ ترقي ڪندڙ سماجي ڪردار تي ويچار نه ڪيو آهي، جيڪو ”باعمل سرگرم قوت حيات“ (Charging Vitality) جيان سڄيءَ دنيا کي متاثر ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي تڪڙو هڪڙي طوفان جيان، اُڀرندي توڙي اُلهندي، اُتر توڙي ڏکڻ کان اسان ڏانهن به ڪاهيندو ٿو اچي. سُڌ هجي ته اُهو طوفان ڪنهن هٿ ٺوڪي افلاطونيت جهڙو نه آهي. اُهو طوفان ڪاسائيءَ کي قاصائي ۽ ٻڪريءَ کي ٻڪري ٿو چوي. اُهو طوفان انهيءَ تصوراتي چڱمڙسيءَ جو مخالف آهي، جنهن جي آڙ ۾ اسان جو هڪڙو اڇن وارن وارو صاحبء علم ”سڦل زندگيءَ“ جا مضمون لکي اسان کي گمراهه ٿو ڪري، توڙي جو کيس معلوم آهي ته قربان ڪرڻ وقت ٻڪر کي به ائين ئي چيو ويندو آهي، ته ”توکي مبارڪ هجي جو تنهنجي زندگي وڏي ڪارائتي ثابت ٿي“ ۽ پوءِ قرباني ڏيڻ واري صاحب کي به مبارڪون ڏنيون وينديون آهن، ته هُن زندگيءَ جو هڪڙو وڏو نيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇا اسان جا اديب انهيءَ ذهنيت جا ماريل نه آهن، جيڪا قاتل کي به مبارڪ ڏيندي آهي ۽ مقتول کي به، جيڪا ظالم کي به ڪلهي تي چاڙهي سير ڪرائيندي آهي ۽ مظلوم کي به. جيئن قربانيءَ جي ٻڪريءَ کي وهنجاري، ميندي لائي گهٽين ۾ گهمايون ويندو آهي. آخر اُها سڦل زندگي آهي ڪهڙي شيءِ؟ جنهن کي رڳو اسان جي عالمن وڃي هٿ ڪيو آهي! +· قدر توڙي ٽيڪنڪ جي هڪ تبديل اسان کي به اثر وجهڻ لاءِ موجود آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي، ته مهراڻ اڃا سوڌو ڪنهن به قدر يا ٽيڪنڪ جي نئين صورت جي مدد ڪري نه سگهيو آهي. +· معلوم هئڻ گهرجي ته هن دؤر ۾ هر دؤر جو وڏي ۾ وڏو راڪاس اُهو هوندو آهي، جنهن کي همعصر تاريخ (Contemporary History) ٿو چئجي. همعصر تاريخ جون حقيقتون اسان جي روح ۽ اسان جي ڪلچري ۽ تمدني زندگيءَ تي محيط آهن. اهي حقيقتون اسان جي داش ۾ حل ٿي چڪيون آهن، ان ڪري اسان جون اهي تحريرون، جيڪي ”سچائيءَ“ ۽ ”زندگيءَ“ کان پري، مساڻن ۽ مقبرن، قبن ۽ قبرن ۾ پوريل حقيقتن جي تلاش ۾ لکيون ويون آهن، سي اهڙيون آهن، جهڙو نپٽ ڪوڙ يا جهڙو سينور. اسان کي گهرجي ته اسان ادب جي انهيءَ اُصول جو اقرار ڪريون ۽ ان تي ايمان آڻيون، ته هرڪو بهتر ليکڪ ٻن مائن مان پيدا ٿئي ٿو، انهن مان هڪ آهي ”سچائي“، اها سچائي جا هر ڪنهن ڪوڙ جي مخالفت ۾ جنبي جهيڙي ٿي سگهي ۽ ٻي آهي اها ”زندگي“، جا پراڻي، مئل ۽ ڪوڙ جي مخالفت ۾ برسرِ پيڪار آهي. +عظيم ادب اهو آهي، جيڪو هڪ طرف ”تاريخ شناسيءَ“ جو فرض پورو ڪري، ته ٻئي طرف ادب جي انهيءَ ڪردار کي ادا ڪرڻ لاءِ ادب پيدا ڪري، جنهن کي ”باعمل ۽ سرگرم قوت حيات“ (Charging Vitality) سڏي سگهجي. +اِن پڄاڻا آءٌ اِها اُميد به ڪري ٿو سگهان، ته بنيادي طور تي توهان جي انهيءَ سوال جي باري ۾ مون ضروري گذارش ڪري ڇڏي آهي، ته ”مهراڻ“ کي نين حالتن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. +اسان کي ياد هئڻ گهرجي، ته سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا، ڪن غير ملڪي حاڪمن کان سندن خدمتن جي انعام طور عطا نه ڪيا ويا آهن. هي ادارا باغيرت ۽ پُروقار اديبن، عالمن ۽ عوامي قوتن گڏجي انهيءَ لاءِ ٺاهيا آهن، ته سنڌ جو فڪر ۽ اهليت، امن عالم ۽ انساني ڀائپيءَ جي وڏن مقصدن جي لاءِ ڪم آڻي سگهجي. هي ادارا نااهليت ۽ عيش ڪوشيءَ جو بار کڻي نه ٿا سگهن. هي ادارا باخبر ۽ لڳاتار محنت ۽ خلوص جي تقاضا ڪن ٿا ۽ مهراڻ کي به اهڙن ئي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هي ادارا گهرن ٿا ته سنڌي زبان، ساهت، سڀيتا ۽ دانش سان گڏ اديبن جي حقن جي حفاظت ۽ عظمت لاءِ، اخلاقي طور تي جرئت ڀري حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. +پر وري به وڏي اختصار سان آءٌ هن هيٺ پنهنجي طرفان ڪي ٺوس مشورا به لکان ٿو. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جا ادارا (علمي، تعليمي ۽ ادبي) سڀ نااهليت ۽ روڳ کان نجات حاصل ڪن. ڌانڌليءَ، ٺڙڪ ٺڳيءَ ۽ چيمبر بازيءَ کان پري، خلوص ۽ خدمت خلق جي جذبي سان ڪم ڪن. نه ته: +”سڀان سڀيئي پسبيون پاتار ۾.“ +(شاهه) +مهراڻ ۾ هر واري هڪ اديب کي بين الاقوامي معيارن تي آڻي پيش ڪجي، ته جيئن پاڻ وٽ يا ٻاهرينءَ دنيا ۾ ان جو هڪ اميج، جنهن جو هو واقعي لائق هجي، سو قائم ڪري سگهجي (ان باري ۾ هڪڙيءَ سٽا جي ضرورت آهي.) +تخليقي ادب جي باري ۾ هر دفعي هڪ مضمون ڏنو وڃي، ته جيئن اسان جي نوجوان اديبن جي تربيتي پروگرام کي هلائي سگهجي. +· ترقي پسند ادب جي باري ۾، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ نمائنده اديبن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ۽ ادبي بورڊ ان جو انتظام ڪري. +· عظيم ۽ بين الاقوامي اهميت جي شخصيتن مان، ڪنهن به هڪ تي هر پرچي ۾ هڪ مضمون ڏنو وڃي (ترجيح اديبن ۽ دانشورن کي ڏني وڃي). +· باصلاحيت ليکڪن جي تحريرن کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي؛ پر سچائيءَ ۽ زندگيءَ جي ادبي نظرئي کان هٽي لکڻ وارن کي، باصلاحيت تصور ڪرڻ سان نقصان به ٿي سگهي ٿو. +· ادبي تنقيد جي سوال کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ، هر مهيني هڪ نظم يا هڪ مضمون کي تنقيد سميت شايع ڪيو وڃي. (ڪهاڻي يا ننڍڙو ناٽڪ به شامل ڪجي). +· مهراڻ ۾ تصويرن ۽ ليکڪن جي فوٽن کي به جاءِ ڏني وڃي. +· سر ورق جي پراڻن ۽ بار بار آيل نمونن کي وڌيڪ نه دهرايو وڃي ۽ هاڻي اڳتي ڪنهن نه ڪنهن آرٽسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. +· آزاد ۽ غير جانبدار راءِ جي راءِ ”فورم“ قائم ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ صفحا مقرر ڪيا وڃن. +· بين الاقوامي اهميت جي واقعن ۽ مسئلن تي مضمون لکائي شايع ڪيا وڃن. ان باري ۾ اقتصاديات، نفسيات، بين الاقوامي معاملات، سماجيات ۽ ٻيا اهڙا مضمون آڻڻ گهرجن. تعليم کي به پوري اهميت ڏني وڃي. (ماهرن جي خدمتن حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن.) +· سنڌ ۽ پاڪستان تي هر دفعي هڪڙو جامع مضمون ڏنو وڃي. +· بين الاقوامي اهميت جي هڪڙي ڪتاب تي هر دفعي مڪمل تعارف ڏنو وڃي. +· نظم جي حصي ۾ هڪڙي شاعر جو رڳو هڪڙو نظم شايع ڪيو وڃي، پر اُهو نظم هر لحاظ کان معياري هئڻ گهرجي. +· پني، ڇپائي ۽ ايڊيٽنگ جي طرف وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي. +-- الهداد ٻوهيو +سُڄاڻ (ادارا) +سنڌي ڊپارٽمينٽ، ڪراچي يونيورسٽي +ون يونٽي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پرائمري ليول تائين واڙيو ويو، جڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي حق جي ڳالهه ڪئي وئي، تڏهن صوبائي ڪٽرپڻي جو ريڊي ميڊ الزام هڻي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي گهر مان تڙڻ جي سٽ سٽي ويئي. ڪراچي سنڌ جي گادي هئي، اتي اهو هاڃو وڌيڪ ٿيو. سنڌي ميڊيم اسڪول ٿاڏارجي ويا ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جتي پرڏيهي ٻولين جا کاتا هئا، اتي سنڌي ٻولي ميساريل رهي. +سنڌي جي ڳچيءَ مان ون يونٽ جو ڳاٽي ڀڳو ڳٽ نڪتو ته ڊسمبر 1971ع ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي کاتو کليو. هاڻ 5 استاد آهن. پهرين رڳو ايم اي جا ڪلاس شروع ٿيا ۽ بي اي ـــ آنرس جا ڪلاس 74-1973ع کان شروع ٿي سگهيا. +آنرس ۽ ايم اي تي رکيل ڪورس جي ڪتابن ۾ اڻاٺ پئي رهي آهي. ڪجهه ڪتابن کي ڇڏي ٻيا اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي ادبي گهٽ ۽ نصابي وڌيڪ آهن. ڪيترائي ڪورس جا ڪتاب اڻلڀ آهن. هڪ اڌ لائبرري ۾ هجن ته هجن ۽ شاگردن جو انهن تائين پهچڻ به مسئلو آهي. سنڌي کاتي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي استادن ان کوٽ کي ڀرڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي هڪ اشاعتي اداري ”ورسٽي سنڌي پبليڪيشن“ جي پيڙهه رکي آهي. هيءَ ادارو جتي نوان ادبي ڪتاب ڇپائي رهيو آهي، اتي پراڻا ۽ اڻلڀ ڪتاب پڻ ڇپائي رهيو آهي. هيل تائين هيٺيان ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. +1) هٻڪار (چونڊ مضمون) سهڙيندڙ نواز علي ”شوق“ +2) پشو پاشا جمال ابڙو +3) مقدمه لطيفي ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي +4) نورجهان ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي +اهي چارئي سنڌيءَ جا اهم ڪتاب آهن، جيڪي شاگردن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ پڻ ڪارائتا آهن. ادارو ڪلاچي مئگزين پڻ ڪڍي چڪو آهي. هن وقت ”ورسٽي پبليڪيشن“ جا 3 ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن. +1) روح رهاڻ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي +2) بلو دادا اياز حسين قادري +3) شبنم شبنم، ڪنول ڪنول نسيم احمد کرل +مهراڻ جي پڙهندڙن کي ”ورسٽي پبليڪيشن“ جا اهي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ کپن ۽ ان اداري سان عملي سهڪار ڪري پنهنجو فرض پورو ڪرڻ کپي. +تبصرا +رڻ سڄو رت ڦُڙا: +نئين ٽهي، جيڪا اڄ هام هڻي پنهنجن پوڙهن، کک گنجن اديبن ۽ ادب تي راڪاس وارا هٿ کُپائي وهڻ وارن ٺيڪيدارن کان پاڻ کي ٺڪرايل ڄاڻي ٿي، ته اها انفرادي طور ڪن نئين ٽهيءَ جي جُڙتو ۽ پاڻ ٿاڦيل حامين جي تنگ نظري آهي. اهو مون چند سالن کان محسوس ڪيو آهي، ته نوان لکندڙ نه رڳو جلد ڇپجڻ گهرن ٿا، پر جلد واکاڻجڻ به گهُرن ٿا. اهو به گهرن ٿا ته پوڙهن ککن مان ڪو گهوڙي تي وڃي رهيو هجي ته کين ڏسڻ سان هڪدم گهوڙي تان لهي چ��ي ته، ”واهه فلاڻا! تو ته وڻ وڄائي ڇڏيا. شاهڪار لکيو اٿئي. فلاڻي کي ته اجايو ساراهيوسين، تون ته باهه جو ٽڪرو آهين!“ سنڌي اڪيڊميءَ جو مهتمم اسلم لغاري ڪتابن اڳيان ”تکا مٺا ٻول“ لکندو رهيو آهي. هن ڀيري انهن تکن ٻولن ۾ هُن ذوالفقار سيال جي ڪلام جي قدر ۽ قيمت کي گهٽايو آهي ۽ ڌڪار وارا لفظ لکي، هُن ڪو چڱو ڪارنامو ڪونه ڪيو آهي. +اديب ڪوبه کک ڪونهي. ڪوبه ادب جو ٺيڪيدار ڪونهي، جيڪڏهن ماضيءَ جي روايت کي ٽوڙي، ڪو اديب اڳتي وڌي ٿو، ته فقط ادبي تبصرن سان ائين ڪونه ٿو ٿي سگهي. +ذوالفقار سيال جي شعر جو مجموعو رڻ سڄو رت ڦڙا هڪ اهڙو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪيترو شعر آهي، جنهن کي ساراهي سگهجي ٿو. سماج کي صاف صاف لفظن ۾ چٽيو ويو آهي. شاعر روايت کي سراسر رد ڪري، اُهو اڃا ته ڪونه ٿيو آهي. جزوي ڳالهيون نوان شاعر بدلائيندا رهيا آهن. اهو ئي عمل آهي، جنهن سان شاعريءَ جو قافلو اڳتي وڌي ٿو. جيڪي ڳالهيون پراڻين سنڌي ڳاهن ۾ هيون، اهي جي شاهه ڀٽائي به بيان ڪري ها ۽ سندس ڪلام جي هيئت ۾ نواڻ نه هجي ها، ته ڪير کيس منفرد ڄاڻي ها! وري جيڪي گدائي، اياز، امداد، تنوير، شمشير ۽ نياز ڏنو، اُن ۾ به نواڻ هئي. هڪ نئين پڪار هئي، وقت جو آواز هو. اهو به ناهي ته وقت جو آواز چوڻ سان اُها شاعري ايندڙ وقت جي ناهي. اڄ به شاهه ڀتائيءَ جو ڪلام نئون آهي. پويان ايندڙ شاعر، اڳوڻن جي فن ۽ فڪر مان گهڻو پرائين ٿا. انهن کي مدي خارج چوڻ ۽ کک چئي پنهنجي ٽهيءَ ۽ وهيءَ کي فريب نه ڏيڻ کپي. اسان وٽ قصو هيئن آهي، جي شاعر نه ڪُڇي ته حمايتي ٻه وکون مرڳو اڳتي آهي. روايت ۽ تجربي جو عمل شاعريءَ ۾ جاري آهي. نئون شاعر ڪٿي نئون ورق ورائي ٿو، ته ڪٿي انهن ئي وڪڙن ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو، جن ۾ صدي اڳ جا شاعر ڦاٿل هئا. سيال به ائين روايتي غزل گوئيءَ جي حدن ۾ نظر اچي ٿو: +شمع جلندي ائين رهندي ته پروانن جو ڇا ٿيندو؟ ازل کان جي ائين تڙپيا ته ارمانن جو ڇا ٿيندو؟ +فارسي اهڃاڻن واري شاعريءَ جو عڪس سيال وٽ موجود آهي، ته نئون نڪورو انداز به آهي: +سانڍي رکجانءِ ڪورو آهي، منهنجو نينهن نڪورو آهي. +فني لحاظ کان عروضي نظام ۽ علم قافيه موجب هن شعر تي اعتراض ڪيو ويندو، پر نئين سنڌي شاعريءَ جو مقبول رنگ ئي اهو آهي. نئين رنگ کي انور پيرزادي، ادل سومري، عثمان ميمڻ، سيال يا ڪنهن به نئين، بلڪه نئين کان نئين شاعر دلپسند بڻايو آهي، ته به ان جون جڙون اياز ۽ نياز، تنوير ۽ شمشير، امداد ۽ تاج جي ٽهيءَ کان موجود آهن. ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ پنهنجي ڀرپاسي کان اکيون پوري هرو ڀرو هٿوراڙيون ڏيڻ جي برابر آهي. +ذوالفقار سيال ۽ سندس ٽهيءَ جا شاعر تازو ادبي ميدان ۾ آيا آهن. هنن کي اڃان گهڻو پڙهڻو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻو آهي. +ذوالفقار جي ڪلام ۾ اُتساهت ڪرڻ وارا جذبا موجود آهن ۽ انهن جذبن سان شاعر ذهنن تان ڏک جا ڏونگر ٽاري انهن کي اُميد ڏياري ٿو: +پنهنجو پنڌ سجايو ٿيندو، ملندو نيٺ ته ماڳ، +الو ميان، نيٺ ته ملندو ماڳ +هو دنيا جي رنگ محل ۾ پنهنجو من اُداس پيو ڀانئي، ته اهو به هڪ اندروني دنيا جو ڏيک آهي، جيڪو اسين شعر ۾ ڏسون ٿا: +جهِرمر جهرمر دنيا ساري، منهنجو جيءُ اُداس، +مٽڪا خالي مڌ جا. +يا +چارڻ بڻجي چنگ وڄايم، پوءِ به جهولي خالي، +آءٌ سوالي. +شاعر جي دل جي دنيا ائين ئي هوندي آهي. هو قومي سطح تي گفتگو ڪري ٿو، ته هڪڙا رنگ ظاهر ٿين ٿا. اڪثر اندر جي دنيا جي اُجهام به ظاهر ڪري ٿو. خارجي پهلوءَ سان گڏ داخلي پهلو پڙهندڙ جي اڳيان ٿو اچي بيهي. +سماج جي ڇاپ به ذوالفقار جي ڪلام تي آهي. هو پنهنجي سماج ۾ جيڪو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، ظلم ۽ زوري توڙي ٻهروپيائي ڏسي ٿو، اُن جا پاڇولا سندس ڪلام ۾ موجود آهن. نظم ”غيرت“ ۾ اهڙي فقط هڪ اشراف جو نموني طور ذڪر ڪيو ويو آهي: +”ڏهن سالن کان +”رن“ وڏيرو +پنهنجي گهر ۾ +ويهاريو اچي ٿو.“ +پر ڪنهن صلاح ڏني ته ”سائين شادي ڪري ڇڏ“ اهڙو ڪڌو ڪم ڀلا اشراف ماڻهو ڪيئن ڪري؟ ڪڃريءَ سان شادي ڪيئن ڪري؟ اِهو عڪس آهي، پنهنجن اشراف وڏيرن جو ۽ گهڻا ڏسڻا وائسڻا، سيٺيون ۽ دانشور به ان ”نيڪ ڪم“ ۾ شامل آهن. +سماجي موضوعن تي هن مجموعي ۾ ٻيا به نظم آهن، جهڙوڪ: ”عڪس“- ”پڙلاءٌ“- ”ڪاري“- ”قدر“ ۽ ”مهمان“ وغيره. منهنجي خيال ۾ نظم جو ڏانءُ ذوالفقار کي ڪجهه وڌيڪ آهي. +غزل ۾ هن ڪيترا سهڻا شعر ڏنا آهن ۽ جن ۾ زبان ۽ بيان جو چشڪو هڪ طرف ته جذبو ۽ تانگهه ٻئي طرف آهي. هن توازن قائم رکڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو جو نئون سنڌي غزل ايترو نازڪ بڻجي ويو آهي، جو ٿوري بيپرواهيءَ سان اُن فرسوده رنگ ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ پنجاهه سال اڳ هو. مون کي غزلن جا هيٺيان شعر جلد زبان تي چڙهي آيا: +پنهنجن پيرن ۾ زنجيرون، ڄڻ ڪا پايل پايل آهي. - +شهر ۾ ڇو اڄ خوشبو آهي، شايد ڪوئي آيو هوندو. - +هيل اسان وٽ ساوڻ رُت ۾، پنڇي سُڏڪي گيت چون ٿا. +ننڍن بحرن وارا غزل وڌيڪ سُريلا آهن. وڏن بحرن ۾ هو خاص طور روايتي غزل گوئيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. ذوالفقار سڀني صنفن ۾ فني لحاظ کان Average سطح تي آهي ۽ هن ۾ اڳتي وڌڻ جون صلاحيتون آهن. شعر جو وڌيڪ اڀياس ڪرڻ سان هُو انهن عيبن کي دور ڪري سگهي ٿو، جيڪي اڃا هُن ۾ آهن. بلڪه وڏو عيب تبصري نگارن ۽ دوستن جون پوزيون هونديون آهن. انهن کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي. اسين اوهين ڏسون پيا، ته اڪثر دوست ”نئين ٽهيءَ“ کي هرو ڀرو اجايا چاڙهه ڏين ٿا ۽ جيڪي نئين ٽهيءَ جا ننڍي گجيءَ وارا يار آهن، سي اهڙين گهنترين کي ٻڌي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي بالم بڻجي ويهي رهن ٿا ۽ رڳو واکاڻيندڙن جي پٺيان نائب ٿيو هلندا وتن. ائين پاڻ کي ڇيهو ٿا رسائين. اُميد آهي ته ذوالفقار ائين نائب ٿي هلڻ بدران پنهنجو وقت اڀياس ۾ سجايو ڪندو، جيڪو هڪ شاعر لاءِ تمام ضروري آهي. +هي ڪتب ”سنڌي اڪيڊمي“ حيدرآباد ڇپايو آهي، قيمت سادي ڪاپي 6 روپيا ۽ اوچي ڪاپي 8 روپيا اٿس ۽ صفحا 108. +(ڇپائيندڙ: سنڌي اڪيڊمي، حيدرآبا، سائيز: ڊيمي، صفحا 108. +قيمت: (سادي ڪاپي) ڇهه روپيا، (اُچي ڪاپي) اٺ روپيا) +عبدالجبار جوڻيجو. +شعر فارسي در بلوچستان.: +پاڪستان جي سر زمين کي اهو فخر حاصل آهي جو اُها فارسي زبان جي ادب ۽ ايراني فرهنگ و هنر مان صدين کان بهره ور ٿيندي پئي رهي آهي ۽ اڃا تائين ايران ۽ پاڪستان جا ادبي ۽ فرهنگي ناتا نهايت نزديڪ تر آهن ۽ فارسي زبان، ادب ۽ فرهنگ و هنر جا نقش هتي جي سڀني صوبن ۾، پاڪستان ۽ ايران جي اتحاد ۽ يگانگيءَ جو مظهر آهن. هتي فارسي زبان ۾ سڀني صنفن جي شاعري، نثر ۾ علم طب، تصوف ۽ تاريخ تي ڪتاب تصنيف ٿيل آهن ۽ اُنهيءَ علمي ذخيري تي محقق عالمن ۽ اديبن وقت جي حالتن پٽاندڙ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترائي فارسي زبان ۾ تصنيف ٿيل ناياب ڪتاب شعر، ادب، تاريخ، تصوف، ۽ طب وغيره تي شايع ٿيا آهن. +ايران جي شهنشاهه آريا مهر رضا شاهه پهلوي ۽ اسلاميا جمهوريا پاڪستان جي تعاون سان علم، ادب ۽ فرهنگ و هنر جي فروغ لاءِ اسلام آباد ۾ ”انتشارات مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان“ جي نالي سان ادارو وجود ۾ آيو. ان ئي اداري جي ڪوشش سان، هتي جي فارسي زبان جي سڀني صنفن جي ڪتابن تي تحقيق ۽ تدوين جو ڪم ٿي رهيو آهي. بلوچستان �� فارسي شاعريءَ جو تذڪرو به ان اداري جي نگرانيءَ هيٺ ڇپيو آهي. ان ڪتاب جو مؤلف ڪُهنه مشق ،اديب، شاعر ۽ محقق محترم پروفيسر ڊاڪٽر انعام الحق ڪوثر آهي. فاضل مؤلف ڪتاب جي سموهڻ ۽ سهيڙڻ ۾ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، سا ساراهه جوڳي آهي، ڇو ته بلوچستان جي وسيع ترين ۽ دشوار ترين علائقي ۾ فارسي شعر جو ٽڙيل پکڙيل مواد ڏورانهن هنڌن تي وڃي هٿ ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ ڏس ۾ مؤلف وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، هي فارسي شاعرن جو تذڪرو محترم ڊاڪٽر ڪوثر صاحب جي ڏهن سالن جي تحقيق ۽ تدوين جو نتيجوآهي. +فارسي شاعرن جي هن تذڪري ۾ چاليهن شاعرن جو احوال ۽ ڪجهه ڪلام به ڏنو ويو آهي ۽ سڀ کان اول ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ جي مشهور شاعره، رودڪي جي همعصر، رابعه خضداريءَ جو احوال ۽ آثار پيش ڪيو ويو آهي. شاعرن جي احوال قلمبند ڪرڻ ۾ گهڻي جاکوڙ ڪئي ويئي آهي. تذڪري جي آخر ۾ ماخذ ۽ منايع، فهارس نامهاي اشخاص و قبيله ها و فرقعه ها و اصطلاحات، خطي ڪتابن جا ڪجهه فوٽو، شاعرن ۽ انهن جي آخري آرامگاهه جون ڪجهه تصويرون پڻ شامل آهن. اهو سمورو ڪم مؤلف جي سخت محنت ۽ دلچسپيءَ جي باعث ٿيو آهي. +بلوچستان ۾ فارسي شاعرن جو هي تذڪرو ”انشارات مرڪز تحقيقات فارسي، ايران و پاڪستان“ پوسٽ باڪس نبر 1277، اسلم آباد مان ملي سگهي ٿو. +]ڇپائيدڙ: مرڪز.تحقيقات فارسي، ايران و پاڪستان، اسلام آباد. +(پ.ب. نمبر 1277) سائيز: 24×17 س.م. قيمت: چاليهه رپيا.[ +--ڊاڪٽر گل حسن لغاري +ٻه هفتا اڳ الطاف مون کي چيو ته ”توکي تنوير گهرايو آهي، سکر هل.“ +منهنجي اِنڪار ڪرڻ تي منهنجي زال کي چيائين ته ”هي شرافت سان نه هلندو ته مان چرس جي گولي هن جي کيسي ۾ وجهي هن کي گرفتار ڪري سکر وٺي ويندس.“ +وفات کان ٻه ڏينهن اڳ مون وٽ سنڌ آبزرور جي آفيس ۾ رفيق ڪاڇيلي سان گڏجي آيو ۽ چيائين ته ”سڀاڻي نوابشاهه هل، شام جو توکي آفيس پهچائيندس“ مون انڪار ڪيو. +فقط ٽي هفتا اڳ هن مون کي پنهنجو هڪڙو شعر ٻڌايو هو. شعر ڪجهه اهڙي قسم جو هو ته ”تون جي چئين ته مان شراب پيئڻ ڇڏي ڏيان“ مون هن جي شعر تي هڪڙو ننڍڙو شعر تيار ڪيو، جنهن جي پهرين سٽ مون لکي ته ”تون ٿي چئين ته مان شراب نه پيان، جو تون قانون نافذ ڪندڙ اداري ۾ شامل ٿي ويٺي آهين شايد.“ +_حليم بروهي +(روزانه ”سنڌ نيوز“ 8_ فيبروري 1978) +پڙهندڙن وٽان +”مهراڻ“ مليو آهي. اڃا نه پڙهيو اٿم. هڪ ٻه ڀيرا راءِ لکڻ جي خيال کان پڙهن جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ هر ڀيري ايڏو اتساهه مليو اٿم، جو هڪ نئون نظم لکي سمهي پيو آهيان. ان ڪري هاڻي راءِ لکڻ وقت ڄاڻي واڻي ”مهراڻ“ پاسي تي ڪري رکيو اٿم. +هن وقت تائين جيڪو پڙهيو اٿم، تنهن ۾ سحر جو نظم، ماڻڪ جي ڪهاڻي ۽ تنوير جو جاپاني هائيڪي تي مضمون ڏاڍو وڻيو اٿم. ماڻڪ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيل شاعري ڏاڍي وڻي، سحر جي شاعريءَ ۾ خيال جي بهادريءَ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ تنوير هن مضمون ۾ ٻه ڪم ڪيا آهن. هڪ ته هن جاپاني هائيڪي جي اصل گهاڙيٽن بابت فني ڄاڻ لکي نون شاعرن کي تعليم ڏني آهي ۽ ٻيو ته هن جاپاني ڪلاسيڪي شاعرانا عڪس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڀٽائيءَ کان پوءِ ڪيل نئين سنڌي شاعريءَ تي ڄڻ جامع تنقيد ڪئي آهي. جو به شاعر پنهنجي فن جو اندازو لڳائڻ چاهي، سو ”مهراڻ“ کولي جپاني شاعريءَ جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي. تنهنجي شاعريءَ بابت راءِ نٿو ڏيان. ماڻهو چوندا، ايڊيٽر سمجهي خوشامد ڪئي اٿس. البت جڏهن کان پڙهيو اٿم هڪ هنڌ ته ”امداد جي شاعري ۾ شريعت ڪانهي“، تڏهن کان تياري پيو ڪريان، ته ”امداد جي شاعريءَ ۾شريعت Poetics“ تي هڪ مضمون لکان؛ پر عذاب اهو آهي�� ته تنهنجيون تخليقون سرءُ جي پنن وانگي وکريون پيون آهن ۽ انهن کي گڏ ڪرڻ زندگيءَ جي هن پَن ڇڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو آهي؛ پر بهرحال اهو ڪم ضرور ڪندس. +نعيم دريشاڻيءَ جو نظم فنامينن تمام سٺي ڪوشش آهي؛ پر سنگتيءَ کي اڃا فني تاڃي پيٽي کان وڌيڪ شاعراڻي خيال تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن جي سنڌي شاعريءَ بابت وائي غير حقيقت پسند ناهي. هڪ هندي ڪهاڻيءَ جو ترجمو ڇپي تمام سٺو ڪيو اٿوَ. اڃا به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سٺا ترجما ڇپيا وڃن. ڇاڪاڻ جو اسان جو ليکڪ غير جمهوري سماج ۾ رهڻ ڪري، تنقيد برداشت ڪرڻ جيتري اخلاقي جرات نه ٿو رکي. ان لاءِ ضروري آهي، ته هو بهترين پرڏيهي ادب جي آئيني ۾ پاڻ ڏسي ۽ پاڻ ئي پاڻ تي تنقيد ڪري. +”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مواد مجموعي طور ڪجهه روايتي آهي ۽ ڪجهه نواڻ به رکي ٿو. جن شين ۾ نواڻ آهي، انهن ۾ تاج بلوچ به آهي. توکان سواءِ، تاج واري ٽهي ذري گهٽ سنڍ ٿي وئي آهي. پوءِ به تاج ائين ٿو لڳي، ته اڃا ”آهي“. +He Exists In His Non- Existent Emotional Life +مان جڏهن به ٽي-ويءَ تي نيلام گهر ڏسندو آهيان ته ڊڄي ويندو آهيان.طارق عزيز کي ڏسي_ ۽ هڪ دفعو وري اهو سوچي هانوَ کي جهُٻو اچي ويندو آهي، ته هڪ آرٽسٽ يا انٽيليڪچوئل جو سرمائيدارنه سماج ۾ اهو به حال ٿي سگهي ٿو. ٿورو آئيندي ۾ گهوري ڊڄي ويندو آهيان، ته شل اسان جي سنڌي پروفيشنل ليکڪن جو به نه اهو حال ٿي وڃي! بهرحال سنڌي ادبي سنگت سان هلڻ هلڻ ڪري، تاج بلوچ ڪجهه نوان نظم پڻ لکيا آهن، جيڪي ٻڌندين، ته ڏاڍا وڻندءِ. +مهراڻ لاءِ تجويزون ته گهڻيون آهن. دل ٿي چاهي ته تنهنجي ايڊيٽرشپ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪا جامع تاريخ ڇپجي وڃي.شمشير هاڻي ٻڌو اٿئون، ته وقت جو ڏاڍو پابند ۽ ملٽري ڊسيپلين جو قائل ٿي پيو آهي. هن سنڌي عوام سان وعدو ڪيو آهي، ته هو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ مرتب ڪندو. + + +مهراڻ نيم سرڪاري ادارو آهي. منجهس ڇپيل لکڻين تي نه ماهي يا ڇهه ماهي انعامن جو به اعلان ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان سنڌي ادبين ۽ ليکڪن جي همت افزائي به ٿي سهگندي_ +مهراڻ جو ادارو رعايتي اگهن تي سنڌي ليکڪن کي سندن ڪتاب به ڇپائي ڏئي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪتابن جي ڇپائي مهانگي هئڻ ڪري، بي انداز ليکڪ پنهنجا ڪتاب ڇپائي نه ٿا سگهن، ۽ ان ڪري سنڌي ادب ۾ ڪتابن جي کوٽ به رهي ٿي. +مهراڻ جو هڪ خاص ڀٽائي نمبر پڻ شايع ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ بابت صرف ترقي پسند ليکڪن کان لکڻيون گهرايون وڃن. +مهراڻ مالي معاوضي تي تمام اهم کوجنا واريون ادبي ٿيسس پڻ لکرائي سگهي ٿو_ ۽ مهراڻ ۾ لکندڙ کي مالي ادائيگي به ٿي سگهي ٿي. +ڇا ٿي سگهي ٿو ۽ ڇا نه ٿي سگهي ٿو؟ ان جو ڪوبه ٺوس معيار ڪونهي. سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي! هئڻ، ٿيڻ ۽ ڪرڻ وارا شعوري مصدر ئي ته آهن، جيڪي انساني فعل کي جوڙن ٿا، ۽ انساني فعل پڻ لازمي به ٿيندا آهن، ته متشڪي پڻ، جن کي ڀاڙيا فعل به سڏيو ويندو آهي. +_انور +مهراڻ 1977ع جو نمبر 1_2 ڏسي، تنهنجي جرئت ۽ همت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.سچ پچ تو نوَن قدرن، گهرجن ۽ وقتائين عظيم لاڙن رکندڙ نئين نسل کي مٿاهون درجو ڏنو آهي، جنهن جو هو تاريخي حقدار آهي. اسان وٽ پيڙهي وڇوٽيءَ کي نٿو مڃيو وڃي. جڏهن ته اُهو قدرتي، سماجي، تاريخي Evolution۽ Revolution تي دارومدار رکندڙ، انساني سماج ۾ انساني ذهن جي مصحلت، منافقيءَ، ارڏائپ ۽ بُلنديءَ کي ڌار ڌار ڪندڙ فاصلو آهي_ تو نئين نسل کي جڳهه ڏئي، اُن اونداهي وڇوٽيءَ جي سڃاڻپ ڪرائي آهي، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين اسان جا ابا ڏاڏا_ سوجهرو، روشني، ابد، ابد_ چوندي ٿڪبائي ڪونه هئا. +_شرجيل +وڏي ۽ ڊگهي انتظارکانپوءِ ”مهراڻ، جو مڪمل پرچو ڏسڻ جو موقعو مليو اٿم. هڪ ساهيءَ دوستن به پڙهڻ ڪين ڏنو، تڏهن به هڻي ڌڻي پڙهي پڄايو اٿم. جيڪي هضم ڪري سگهيو آهيان، سو اِجهو هي ٿي: +نياز جو ماهيا پڙهندي لڳو ڄڻ جوڳيئڙو پاڻ پنهنجي سر اکيون پوريو سامهون ويٺو پيو جهونگاري، تنوير عباسي جي شاعريءَ جا ڪجهه پيارا بند: ”سڀڪو سپنا ماڻي، ساڀيا ماڻي ڪو ڪو“. ”ٿڃ جي توهي جيان شعر نڪتو ذهن مان.“ سوڪهڙي ته ساوڪ آئي، ”ساوڻ مينهن پيا، توسان نينهن ٿيا“ ”اوهان پٿرن کي، اسان ئي گهڙيون ٿا“، من جي اونهائين تائين رسي ڄڻ ذهن تي اُڪرجي ويا آهن. تاج بلوچ جو ”دل دوزخ، دل جنت“ توڙي ”مون به ماڻي زندگي“ سٺا آهن. الطاف عباسيءَ جو ”ڇهاءُ“، ”ننڊاکڙا نيڻ“ ۽ ”سچي ڳالهه“ پيار، وس ۽ وت جو سٺو تجزيو آهي. مثال طور سندس شعر جي هڪ سٽ: ”اُڀ مان تارا لاهڻ منهنجو وس ناهي.“ سحر امداد ڪوتائن لکڻ ۾ ڏاڍي ڀَڙُ ٿي وئي آهي.هن جي هاڻوڪي شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت جا ڪيئي مڪمل ۽ مختلف سرگم ٻُرڻ لڳا آهن، جن جو بنياد هڪ ئي ٺاٺ: پيار، تي ٻڌل آهي، سندس ”آد“ ۽ ”انت“ مان جيڪي احساس ملن ٿا، سي به سندس ڏات جو ثمر آهن. جڏهن تنهن جو ڪوئي پيارو پيارو شعر پڙهندو آهيان، ته من ئي من ۾ ڪروڙين سوچون بخين وانگر اُڊڙندي، ڌاڳن وانگر مُنجهندي محسوس ٿينديون اٿم. سچ پڇين ته اهي احساس ايترا ته حقيقي ۽ وزنائتا هوندا آهن، جو ڪيتري به ڪوشش ڪندس ته شايد جيڪر پوريءَ ريت اهي ظاهر به ڪري نه سگهندس. منهنجي خيال ۾ سنڌي شاعريءَ خاص ڪري اياز، تنهنجي ۽ انور جي شاعريءَ مان جيڪي خيال اُڀرندا آهن، تن جذبن، احساسن ۽ اُڌمن کي لفظن جي مالا ۾ پوئڻ مون لاءِ ڏکيو آهي ۽ مان اهو به ڄاڻان ٿو، ته مان لفظي يا زباني تعريف ڪري نه سگهندو آهيان، رڳو محسوس ڪري سگهندو آهيان. +نسرين جوڻيجو جو نالو ڪنهن ادبي ڪتاب يا گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو ۽ ٻُڌو ته اٿم، پر ڌيان ڇڪجي وڃڻ جو مون لاءِ پهريون اتفاق آهي. واقعي سٺو ٿي لکي. +ليکڪن جي فهرست ۾ ”رفيق“ جو شامل ٿيڻ نيڪ فال آهي. (فوٽ پاٿي طوطي وارو فال نه) ادبي پرچي مهراڻ جي هن خوبصورت پرچي وارو خوبصورت فال، جنهن جي ساري سٽاءُ مان تنهنجي ۽ ٻين ساٿين جي محنت جو پتو پوي ٿو. ها ته ڳالهه ٿي ڪم ڪيم رفيق جي- جو مون ٿي چيو ته رفيق لاءِ لگن شرط آهي. +تاج جويو، نوجوانن مان سٺو شاعر نڪتو آهي، خاص ڪري وائي ۽ غزل ۾. هن جي ٻولي، وزن توڙي موضوع تمام وڻندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ هوندا آهن. رسول ميمڻ جو ته بس هڪڙو نظم پڙهيو هو مون، جيڪو سندس ڪهاڻين جي ڳٽڪي ”امن جي نالي“ جي مُهڙ ۾ شايد ”غدار“ عنوان سان هو. توهان ان کي مهراڻ ۾ به ڇاپيو؛ ته جيئن ڪجهه وڏڙن ۽ جهونن کي به خبر پوي ته نوجوان ڇا ٿا لکن. +توکان پوءِ انور ئي آهي، جنهن جي شاعري هر وقت پيو پڙهندو آهيان. سندس هنن تازن شعرن ۾ جا لئي آهي، سا وڌيڪ پختي ۽ صحيح آهي—جنهن جو مثال آهي: ”ٽوپيل نڪ مان سڳڙو سوري“ ۽ ”پنهنجي دل جي زخمن جو اڄ هڪ هڪ ٽاڪو آءٌ اُڊيڙڻ چاهيان ٿو.“ ڪجهه شاعر نثري نظمن جو وزن، جملن جي گرامر کي بدلائي، برقرار رکندا آهن، جنهن سان مقصد ته حل ٿي ويندو آهي، پر تسلسل جي ڪمي رهجي ويندي آهي ۽ شعر ۾ اکرن جو ٻوجهه ئي نظر ايندو آهي؛ پر انور جي نثري نظمن ۾ اکرن جي اُکيڙ ئي اهڙي هوندي آهي، جو رواني ۽ ڪنٽيونٽي پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري ليءِ، تسلسل، رواني، موضوع، مقصد، ۽ سٽاءُ پنهنجي پنهنجي مناسبت سان نظر ايندا آهن. +ماڻڪ زندگيءَ جي اهڙي�� حقيقتن کي موضوع بڻائيندو آهي، جن کي شايد ئي ڪو ٻيو اديب ايڏي بيباڪيءَ سان ظاهر ڪري سگهي. ڪهاڻيءَ جي نواڻ، هر صورت ۾ ماڻڪ وٽ موجود آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته لفظن جي صحيح چونڊ جي ڪري هدايتن ۽ بيان جو مقصد ٿورن ئي اکرن ۾ تفصيل سان حل ٿي ٿو وڃي. +شرجيل جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي ذهني اوچائي ۽ عظمت آهي. سندس ڪردار جو رويو ڏاڍو پوتر ۽ مستقبل جي معمارن جي نمائندگي ڪندڙ آهي. ”سمنڊ جي ڦيڻڻ جي ٽريٽمينٽ ۽ خاص ڪري نوٽبڪ ۾ لکيل خيال شرجيل جي پختي ذهن ۽ محنت جو اولڙو آهن. هاڻي اهي ڳالهيون جيڪي هضم نه ٿي سگهيون آهن. +مهراڻ جي دير سان ڇپجڻ لاءِ توهان جو پڙهندڙن کان پڇڻ جو برابر پورو حق آهي، پر توهان سهائيءَ ۾ شوڪت جو ڪالم ته پڙهيو ئي هوندو، ان باري ۾ ڇا خيال اٿو؟ +نعيم دريشاڻيءَ اڄ جي سنڌي شاعريءَ کي لفظن جي لٻاڙ سڏي چڱي لٻاڙ هنئي آهي. اڄڪلهه اسان جي ڪجهه شاعرن ڪتبا لکڻ شروع ڪيا آهن، خير ته آهي؟ نعيم پاڻ کي هپڪرٽ نٿو سمجهي. پيارا، صحيح معنيٰ ۾ غور ڪجي، ته خبر پئجي ويندي، ته هپوڪريٽ ڪير ناهي؟ رڳو پاڻ کي هپوڪريٽ نه سڏڻ هيپوڪريسي ناهي؟ پنهنجي ڪنهن عمل جي (Justification) پاڻ کي ئي انفرادي طور تي تڏهن ئي سمجهه ۾ اچي، جڏهن معلوم ٿئي ٿو، ته سماج، ماحول يا فلاڻو غير حقيقتن کي سيني سان لائي پيو ساهه کڻي، تڏهن ڪير ٿو هام هڻي سگهي، ته غير حقيقي نظرين جي حامي سماج ۾، حقيقي فرد جو سمورو عمل آزاد ۽ -- سندس ئي صحيح نظرين پٽاندر آهي؟ +نعيم جي اُها شاعري جيڪڏهن ائبسٽرئڪٽ شاعري آهي، پوءِ ته نون صفحن تي ڦهلجي وڃڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، ٻيءَ صورت ۾ اها نواڻ ۽ ايڏو پکڙجڻ اڻ وڻندڙ آهي. +هتي هڪڙو اهو عرض ڪندو هلان ته جيئن نعيم دريشاڻيءَ جي شعرن هيٺان فُٽنوٽ ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيون لکيل آهن، تيئن سندس عربي ۽ فارسي لفظن جي معنيٰ ڏيڻ ان کان وڌيڪ اهم هئي. خير آئيندي خيال رکجو. +شرجيل جو شعر ”ڀڳل ڳجهارت“ تمام سٺو آهي، پر ان ۾ ”هي جيون“ ۽ ”منهن جون“ جي اکرن سبب شعر کي ٻيهر ۽ غور سان پڙهڻو پيو، ڇو ته جڏهن منهنجيون يا منهنجا لکبو ته ائين گڏي لکبو. +باقي پرچو مجموعي طرح تمام سٺو سينگاريل آهي. شاعريءَ جي حصي ۾ شعرن جي ڪمپوزيشن تمام عمدي آهي، جڏهن ته توهان کي پيسٽنگ جي سهوليت ناهي، پوءِ به صفحن جو سينگار اکين کي وڻندڙ ٿو لڳي. +”ٽانڊاڻي جي لاٽ“ کي لاڳيتو رکو ته بهتر. +ها- سچ، ڪهاڻين ۾ نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻيءَ تي ٽيڪا ڪرڻ وسري وئي اٿم- ڇرڪو نه، اهڙي پياري ڪهاڻيءَ جي ڪا گلا ڪرڻ وارو ناهيان، پر هڪڙي ننڍڙي صلاح ڏيڻي اٿم.- سا اها ته اندر جي اونهائين ۾ لهي ويندڙ، گهٽيل احساس جي اپٽار سٺي، پر ”ڪڻس“ لفظن چوڏهن ڀيرا ورجائڻ الائي ڇو مون کي سٺو ڪونه لڳو. منهنجي خيال ۾ ڪنهن به لفظ جي گهڻي استعمال سان اهو لفظ چرچي طور استعمال ٿيڻ لڳندو آهي. +بيدل +اٽڪل چار مهينا کن ٿيندا، جو مون هڪ ڪهاڻي ”روئان رهن نه سپرين“ موڪلي هئي. منڍ ۾ جڏهن توهان جو واجد ڏانهن لکيل خط پڙهيو هئم ته لڳو هو، اوهان مهراڻ جي ايڊيٽر واري ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ چينج نه ٿيا آهيو. مون کان ۽ ڪيهر کان ڪهاڻي گهرڻ تي منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به اها ڳالهه نه ويٺي هئي، ته ڪو ان ڪرسيءَ تي ٺهي ٺڪي ويهڻ کانپوءِ اوهان روايتي ايڊيٽر بڻجي اسان کان امداد حسيني کسي وٺندا. هي خط منهنجو مهراڻ جي ايڊيٽر ڏانهن لکيل آهي، ۽ ان ڪري هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ آئون رڳو ايترو عرض ڪرڻ گهران ٿو، ته مولانا گراميءَ ته ڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ کي به جواب ڏيڻ کان نه ڪيٻايو هو؛ پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اوهان منهنجي ڪهاڻيءَ تي ٻه لفظ لکي، مون کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي، ته اها ڪهاڻي شايع نه ٿيندي؟ ان ڪهاڻيءَ جي نه ڇپجڻ جي مون کي تڏهن خبر پئي، جڏهن پرچو مارڪيٽ ۾ اچي ويو. مان پڙهندڙن سان ڳانڍاپو ٽوڙڻ نه ٿو چاهيان ۽ ان ڪري هيءَ ٻي ڪهاڻي ”پيڙيل وجودن جي ڪهاڻي“ مهراڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان. ساڳي وينتي مهراڻ جي ايڊيٽر کي آهي، ته پرچي آئوٽ ٿيڻ کان اڳ رڳو ايترو ٻڌائڻ جي تڪليف ڪري، ته اها ڪهاڻي ڇپبي يا نه؟ +رزاق مهر +گذارش کي نئون موڙ ڏنو اٿو. اوهان جڏهن مهراڻ جي (باوجود سهولتن هئڻ جي) دير سان اچڻ جو اعتراف ڪيو آهي، تڏهن اوهان جو اهو سوال به درست آهي، ته ڪنهن اديب، اداري يا اخبار اهڙو ڪو سوال به ڪيو آهي؟ +شاعريءَ ۾ اياز جون وايون، نياز جا ماهيا، تنوير جو ”ٿڃ جا گوها“، تاج جو ”دل دوزخ، دل جنت“، سحر جو ”نينهن نه ڇڄڻ جهڙو“، نصير جو ”سپنو“، سارنگ ۽ تاج جويي جا غزل ۽ خاص ڪري انور جو نظم ”ٽوپيل نڪ ۾ سڳڙو سوري“ بيحد وڻيا. اهڙي ڇرڪائيندڙ شاعريءَ کانپوءِ، نعيم دريشاڻيءَ جي وائي ”لفظن جي لٻاڙ“ ٿي پڙهجي، ته ان ۾ ڪوبه تاثر نٿو رهي. فينامينن به دماغي اختراع ٿي معلوم ٿئي. مهراڻ جا صفحا قيمتي آهن، نواڻ جي نالي انهن کي خراب نه ڪيو. +ڪهاڻين ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ”ڄار“ ۽ نورالهديٰ شاهه جي ”شريف زادي“ پرچي جون سٺيون ڪهاڻيون آهن. شوڪت شوري جي ڪهاڻي ”رات جا رنگ“ ۾ انساني احساسن ۽ جذبن جي حقيقي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ”سمنڊ جي ڦيڻ“ شرجيل جي بهترين ڪهاڻين مان آهي- البته ”۽ منهنجو من“ ۽ ”احسان“ ڪو خاص تاثر نه ٿيون ڇڏين. ”ٿوهر جي ماکي: ”آغا سليم“ سُڃاڻ جو نئون ڍنگ آهي. ”ٽانڊاڻي جي لاٽ“ سٺو سلسلو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ”هائيڪو“ تي لکيل مضمون سٺي معلومات ٿو ڏئي. ”سنڌي شاعريءَ جا بانيڪار“ ۾ قاضي قادن کي هڪ هنڌ غدار ۽ ٻئي هنڌ گهڻي ساراهه ڪيل آهي. اسان جا نوان پڙهندڙ ۽ نئون نسل ڪهڙي راءِ قائم ڪري؟ ”دنگي منجهه درياهه“ ٽي وي تي به ڏٺو اٿم، پر پڙهڻ سان اهو ئي چس ملي ٿو، حقيقت ۾ علي بابا سنڌيءَ جو مڃيل ۽ عظيم ليکڪ آهي. +- ساحر پريمي. +1-2/1977 جي ”مهراڻ“ ۾ ڪهاڻيڪارن سڌاري کان وڌيڪ سيڪس ڏانهن ڊوڙ پاتي آهي. ڄڻ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ واري پيا ڪن. نسيم جي ڪهاڻيءَ ”ڪاري رات“ جي پڄاڻي ٺيڪ ته آهي. نورالهديٰ جي ”فردوس“ ايترو ته ڪري سگهي، ته جڏهن وڻيس تڏهن شوق ڪري ٿي؛ پر ايترو نٿي ڪري سگهي، جو ڪنهن سان شادي ڪري عمر لاءِ ان جي ٿي وڃي. ڪهاڻيءَ کي ان انداز سان پيش ڪرڻ کپي ها. اهو دؤر ختم ٿي ويو، جڏهن عورت پنهنجي مرضيءَ سان، مائٽن جي مرضي به ڏسندي هئي- پوءِ مائٽن جي مرضي حاصل نه ٿيندي هيس، تڏهن ”فردوس“ جيان پڙدي هيٺان مائٽن جي منهن تي دانگي مليندي هئي. +تنوير عباسيءَ جو ”جپاني هائيڪو“ ۽ ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو ”سنڌي شاعريءَ جا بانيڪار- 1“ هن پرچي جا اهم ليک آهن. +- عبدالاحد ”آزاد“ +”مهراڻ سٺو نڪتو آهي، توڙي جو حد کان وڌيڪ دير مزو نه ڪيو. پوءِ به تنهنجي محنت کان انڪار ڪونهي. نواڻ وڻندڙ هئي. ڊگهن ۽ بور مضمونن بدران مختصر ۽ وزنائتا مضمون ساراهڻ جوڳي تبديلي آهي. باقي شاعرن جي گهڻائيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ شاعريءَ واري ڀاڱي کي هرو ڀرو ريلوي جو مال گودام نه بڻائي. +- اياز گل +”مهراڻ“ جو پرچو اوچو ۽ معياري آهي.’شاعريءَ واري ڀاڱي ۾، مڙني شاعرن جي شاعريءَ کي بهترين ليکي سگهجي ٿو. خاص ڪري تاج بلوچ جا نظم وڻندڙ آهن- پر نعيم دريشاڻيءَ جي شاعريءَ ۾ جدت جا نوان رنگ موج��د آهن. ايڏي اَڇوتي ۽ سادن لفظن ۾، پر اونهي معنيٰ واري شاعري سندس ئي مَرڪ آهي. +- شهناز ميمڻ +(”گرامي نمبر“ تي) +· اسان پير مرد ليکڪ اها آڻ مڃون ٿا، ته اوهان نوجوان اسان جا سرواڻ آهيو. ان لاءِ اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي؛ پر ابن رشد سميت دنيا جي سڀني مفڪرن ۽ عالمن جو متفق رايو آهي ته ”نوجوان عالمن ۽ اديبن کي، تڏهن به اها سرواڻي، پنهنجي پير مرد عالمن جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجي!“ روشنيءَ جا طلبگار اوهان به آهيو ۽ اسان به! مقصد به ساڳيو آهي؛ پر اختلاف جي هڪ کاهي آهي وچ ۾. اوهان پنهنجي مشعل ٻين جي ڏيئي مان روشن ڪريو ٿا ۽ هِتان هُتان ڪک- پن ميڙي ڪا نئين مشعل ٻاريو ٿا-- ۽ اسين پير مرد روئون ٿا ۽ اوهان کان پڇون ٿا ته، توهان جي وڏڙن جي اها ڪافوري شمع ڪيڏانهن وئي، جنهن گهر جون چارئي ڪنڊون روشن ڪري ڇڏيون هيون!- حيوانيت جي آخري سرحد کان انسانيت جي سرحد شروع ٿئي ٿي، جنهن جا ڪماندار اديب ۽ شاعر آهن، جن کي قدرت خدائي نور عطا ڪندي آهي، ته جيئن هن دنيا آڏو اهو ئي نور پکيڙين؛ جيئن چنڊ، سج کان حاصل ڪيل روشني زمين تي پکيڙيندو آهي. اديب ۽ شاعر به ڪامل انسان آهن، هو به اهو ئي فرض ادا ڪندا آهن. +انساني ترقيءَ لاءِ علم اصل شرط آهي، پر مفڪر ان تي به متفق آهن ته، انساني سعادت لاءِ فقط سماجي تعليم بلڪل بيڪار آهي! اخلاقي ڪتاب اخلاقي درس وسيلي ماڻهن کي روئاڙي سگهن ٿا، پر انهن جون دليون نٿا ڦيري سگهن. قانون ڏوهاريءَ جي هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ زنجير ته وجهي سگهي ٿو، پر ڏوهه ڪرڻ کان نٿو رڪي سگهي. ان جي اُبتڙ هڪ باعمل سعادتمند انسان، نه رڳو قوم جي تقدير بدلائي ڇڏيندو، پر دنيا جي ڪمانداري به سندس حصي ۾ ايندي. اهڙن ئي انسانن کي آثار قديمه جي زبان سمجهه ۾ ايندي. تون اڄ ئي وڃي سنڌوءَ جي ڪناري ۽ موهن جي دڙي جي پاڙ وٽ بيهي ڪن ڏي، شايد توکي اها زبان سمجهه ۾ اچي—جي نه ته پوءِ وڃي دولهه دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شهيد، غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ هوشوءَ جي قبر وٽ وڃي بيهه ۽ کين سلام ڪر، شايد هو توکي ڪو جواب ڏين! جي اها زبان نٿا سمجهو ته پوءِ اوهان جي تعليم اڻپوري ليکبي ۽ اڃا وڌيڪ جوڳ پچائڻو پوندوَ! +- شخصيت پرستي ۽ بُت پرستيءَ ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي، مشاهير ۽ سلف پرستيءَ جو اصل مقصد ته اهو آهي ته، سندن سٺن ڪارنامن جي ياد تازي رکجي، سندن ڏسيل نيڪيءَ ۽ صداقت جي اُصولن جي پيروي ڪجي؛ پر ڪيو ان جي اُبتڙ ويندو آهي.... اهو ئي سبب آهي، جو ”گرامي نمبر“ ۾ سندن نجي محفلن، يارين دوستين، تقريرن ۽ مقالن جو ذڪر ته تفصيل سان ڪيو ويو آهي ۽ کين عالم، شاعر، اديب، مفڪر، محقق ته ڇا، اصل علامه جي درجي تي وڃي رسايو اٿئون؛ پر علمي طور تي اهو ثابت نه ڪيو ويو آهي! اهو ياد ئي نه رهيو اٿئون، ته اسان ”گرامي نمبر“ لاءِ علمي مضمون لکي رهيا آهيون، نه ڪه عذر خواهي واري خاص ثنا خواني! +- انسان لاءِ اصل معرفت جو سرچشمو آهي تفڪر ۽ تجسس، جنهن لاءِ قرآن ڪريم ۾ هر هر تاڪيد ڪيل آهي، جيڪڏهن ان سرچشمي جو ڪنارو وٺون ها، ته پوءِ ”گرامي نمبر“ هيئن نه هجي ها! گرامي رحه تي ته علمي بحث ٿين ها ۽ سندن لکڻين کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، ثابت ڪيو وڃي ها، ته اهي ڇو انساني ڀلائيءَ لاءِ ضروري آهن ۽ ڪهڙين تصنيفن مان ماخوذ آهن ۽ فلسفي ۽ علم سان انهن جو ڪهڙو تعلق آهي؟ صحيح آهن يا غلط؟- حد ته اسان ات وڃي ڪئي آهي، جو سندن نسلي تعلق ڏاڏاڻڻ طرفان جاگيردارن سان ۽ ناناڻن طرفان درويشن سان وڃي ملايو آهي—گرامي رحه جن جي اها دعويٰ ته عرب فاتحن سنڌ جا ڪتاب ساڙيا هئا، تيستائين ڪوبه وزن نٿي رکي، جيستائين تاريخي حوالن سان ثابت نه ڪئي وڃي. +- ”شهادت“ دراصل اجاين خواهشن کي، قتل ڪرڻ جو نالو آهي ۽ ان شهادت بنا، علمي درجو حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. ان باب ۾ هڪ خاص علمي مضمون لکي چڪا آهيون، جنهن کي سنڌ جا برک عالم پنهنجي نظرن مان ڪڍي، پسند ڪري چڪا آهن؛ هينئر اهو مضمون سنڌ جي هڪ عالم ۽ اديب جي زيرِ نظر آهي! خيال آهي ته اهو ”مهراڻ“ شايع ڪري؛ پر چيو وڃي ٿو ته هاڻي ”مهراڻ“ ۾ اهو ڪونه ڇپبو! خيال آهي ته اهو ”مهراڻ“ شايع ڪري؛ پر چيو وڃي ٿو ته هاڻي ”مهراڻ“ ۾ اهو ڪونه ڇپبو! پڇيم ”ڇو؟“ جواب مليو آهي ته: هاڻي اهڙيون علمي شيون ”مهراڻ“ ڪونه ڇاپيندو، ڇو ته هاٿيءَ جا کائڻ وارا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ وارا ٻيا آهن ۽ اهائي پاليسي سنڌي ادبي بورڊ جي آهي! +- نور محمد سنڌي +· مهراڻ جي ”گرامي نمبر“ ۾ ظفر حسن جو مضمون پڙهيو اٿم. هڪ ڀيرو نه، ٻه ٽي ڀيرا. هي لفظ: +”..... پنهنجي پر ۾ ڪجهه نه ڳالهائي ته ڳنڀيرتا جو ثبوت ڏنم، پر هڪ مظلوم ماڻهوءَ جون زباني خوشيون به روڪي، اُن تي وڌيڪ ظلم ڪيم ۽ هاڻي آئون سوچيان ٿو، ته اهو ظلم مون تي به هو ۽ هاڻي منهنجون حسرتون آهن، جي هاڻي ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون.“ + + +پڙهي روئندي آهيان. مون کي دبئيءَ ۾ آئي مهينو سوا ٿيو آهي. هتي پهچي ”گرامي نمبر“ پڙهيم، ته ائين پئي سمجهان، مون کي هڪ نئون ڀاءُ نصيب ٿيو آهي- پر اِهو ڀائڙو اڄ حيات ڪونهي. حيات هجي ها ته ضرور خط لکانس ها. +نيٺ ڇپيا آهن ڪي ڪتاب گرامي صاحب جا؟ ۽ سندس ڪٽنب ۾ ڪير ڪير آهن؟ انهن جو گذران ڪهڙيءَ ريت پيو ٿئي؟ +اسان وٽ به نارائڻ شيام آهي. Audit Office ۾ معمولي نوڪري ڪندو آهي ۽ وڏو ڪٽنب پاليندو آهي. اسان شيام کي، شاعر شيام کي ۽ شخص شيام کي ڏاڍو گهرندا آهيون. هن جي فن جو وڏو قدر اٿئون دل ۾؛ پر ڪجهه ڪري نه ٿا سگهون. ڪٿي شاعري، ڪٿي Audit؟ سو به Govt: Audit! مان به Audit Office ۾ نوڪري ڪري چڪي آهيان. روزانو اٺ ڪلاڪ اُتي گذارڻ شيام سان نسورو ظلم آهي؛ پر ٿي رهيو آهي. +- ڪملا پرڪاش +افسوس آهي ته گراميءَ جهڙيون ادبي شخصيتون اسان کان هميشه لاءِ الڳ ٿي رهيون آهن +تازو ”ثميره“ جي بي وقتائتي موت جي خبر ملي. اسان پاڪ- هند جي سنڌي ادبين جي هڪ برادري آهي. جيڪي توهين وڃائيندا آهيو، سو اسين به وڃائيندا آهيون؛ جيڪي توهين پائيندا آهيو، سو اسين به پائيندا آهيون. جيئن بيوس چيو آهي: +ڳوڙهن ۾ تنهنجي ڳانڍڙ، منهنجو به خون آهي، سوداءِ سر ۾ تنهنجي، منهنجو جنون آهي؛ تنهنجي بهار سان آ، منهنجي چمن ۾ چهه چهه- تنهنجي خزان تي منهنجي، حالت زبون آهي! +ثميره سنڌ ۾ سنڌي ادب جي بيشڪ خاتون اول هئي. سندس نالو سنڌي ڪهاڻيءَ سان سالن کان ڳانڍاپيل رهيو آهي. سندس وڃڻ جي وَهي ڪانه هئي. شل سندس ڪاوشون ۽ اعتقاد سنڌي عورتن ۾ سجاڳيءَ جا پيغام بڻجن! ٿي سگهيوَ ته سندس ڪٽنب سان، منهنجي، ڪلا جي ۽ سڀني هند جي اديبن طرفان اعزا پرسي ڪجو. +- موتي پرڪاش +ٽانڊاڻي جي لاٽ +سعيد ٽکڙائي +مون کي ٽکڙ جي رڳو ٻن شاعرن متاثر ڪيو- نانا حافظ شاهه ۽ ڀاءُ سعيد. ٻئي بنيادي طور تي ڪافيءَ جا شاعر هئا. نانا حافظ شاهه کان پوءِ، ڀاءُ سعيد ئي اهو شاعر هو، جنهن شعر چيو ناهي، ٽکڙ جي ماڻهن گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳايو ناهي. +ڀاءُ سعيد هاڻوڪي دؤر ۾ ڪافيءَ جي وڏن شاعرن مان هڪ هو. شاعريءَ سان گڏ ٻيا به گڻ هئا منجهس. اکر موتيءَ داڻا، مصور، ڳائڻو. ڪنهن به نئين ساز کي هڪ اڌ ڏينهن ۾ سِکي وٺندو هو. هارمونيم، بينجو، وايولن، چنگ، مائوٿ آرگن، بانسري...... وڄائڻ ۾ ڀَڙُ هو. +هو جنهن رُتبي جو حقدار هو، اهو کيس نه مليو—ان ۾ اچرج جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اها ته هتي سدا جي ريت آهي. ويجهن مائٽن جي اڻوڻت ۽ ڏاڍاين، ريڊيو ۽ ٽي- وي تي وڏن نالن جي هڪ- هٽيءَ کيس مايوس ڪري ڇڏيو هو- ۽ هُن پاڻ کي نشي ۾ گُم ڪري ڇڏيو هو. شام ٿيندي ئي، ٽکڙ جي ڌُوڙ ڌُڌُڙ وايومنڊل تي ڪڏهن هارمونيم، ڪڏهن وايولن، ڪڏهن بانسريءَ جا سُر ورکائي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سانجهيءَ کان صبح تائين اها سُر- ورکا پئي ٿيندي هئي- ۽ نشي ۾ الوٽ آلاپ پيا ٻُرندا هئا: +موٽ مسافر محبت ماڻيون، تو بن دل جون آسون اُجهاڻيون. +عبداللطيف (سنگيت ڪار) +هو گهڻو ڪري ريڊيو اسٽيشن جي مکيه لوهي در تي ئي ملي ويندو هو. ساڄي ڪُک تي هٿ رکيو، ان هنڌ جتي السر جو ڦٽ هئس، اندر جي پيڙا کي چهري تي نه آڻڻ جا وئرٿ جتن ڪندو. تنهن وير سندس مُرڪ الاءِ ڇو رُئڻ هارڪي ڀاسندي هئم. مان هن جي پيلي مُک ڏانهن ڏسي گهٻرائجي ويندو هئس. هو تاڙي وٺندو هو، ۽ ڪو ٽوٽڪو ٻُڌائي، منهنجو هٿ جهلي اسٽوڊيو ڏانهن گهليندو- B.2 ۾ پياني آڏو هلي ويهندو هو- ۽ پنهنجي اندر جي سموري پيڙا ڪنهن ڌُن ۾ پلٽي ڇڏيندو هو: +رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن، ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن. +لطيف ننڍي کنڊ جي عظيم سنگيت ڪار نوشاد کان متاثر هو- ۽ نوشاد وانگر پيانو سندس محبوب ساز هو. هو درد کي دل ۾ دٻائي جيئندو رهيو، کلندو کلائيندو رهيو. هو جنهن به ڪچهريءَ ۾ هوندو هو، اتي وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هو. +سٺن ڪپڙن پهرڻ وارو هي آرٽسٽ، کلمُک، اندران ئي اندران کاڄي رهيو هو. روڳ سندس وجود کي وڪوڙي ويو هو. ان حال ۾ جتي کيس آرام ڪرڻ کپندو هو، اُتي هو پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي پيٽ پالڻ لاءِ ڏينهن رات ڳهندو رهيو. ريڊيو- ٽي وي- فلم- فنڪشن.... ۽ اتي هر فن مولا ٽائيپ جا ڪامورا، ڪورا، ذهن، هٿ ٺوڪيون پاليسيون..... ۽ هو انهن جو شڪار ٿي ويو. +قادو شيدي +هڪ ڇپيل خبر: ”قادو شيدي مري ويو“، ٻي ڇپيل خبر: ”سرڪار پاران منظور ٿيل وظيفي ملڻ کان اڳ ئي قادو شيدي لاڏاڻو ڪري ويو.“ انهن ٻنهي خبرن کي پڙهندي ائين ڀاسيم، ڄڻ قادو شيدي مرندي مرندي به اسان سان چرچو ڪري ويو آهي، چٻرا ڏئي ويو آهي. +قادو شيديءَ کي مون پهريون ڀيرو سٽي ڪاليج حيدرآباد سنڌ جي هڪ فنڪشن ۾ ڏٺو هو، جتي هن اسٽيج تي پنهنجي هڪ جوڙيوال سان، جنهن جو نالو ياد نٿو اچيم، مختلف آئيٽم پيش ڪيا هئا- پر انهن ۾ ”ڳِجهه ۽ ڪُتي جي ويڙهه“ وارو نرت- روپي آئيٽم، جنهن مهارت سان هن پيش ڪيو هو، اهو پنهنجو مَٽُ پاڻ هو: ”ڳجهه جو اُڀ تائين اُتاهينءَ تان ڍونڍ تي نظر پوڻ، ڳجهه جو ڍونڍ تي ڍرڻ، اُن جي کنڀ- کنڊيرَ، کيکراٽ، ڪُتي جي مالڪ جو اُتان لنگهڻ، ڪُتي کي ڳجهه تي بڇڻ، ڪُتي جون گروشيون ۽ رومڙ، ڳجهه جي ٺونگن تي ڪُتي جا ڪُوڪراٽ....“ اصل ڏندين آڱريون هيون ڏسندڙن کي. ڏک آهي ته انهن فنڪارن کي اسين رڳو ٽيپ به نه ڪري سگهياسين. +قادو شيديءَ کي پڇاڙڪو گهمرو مون نوابشاهه ۾، ملاکڙي ۾ ڏٺو. جڏهن مَلهه دسجي ٿي، دُهل جي وڄت ۾ ڦيرو آيو ٿي، تڏهن قادو شيدي گهنگهرين واري ڏانڊيي سان، پڙ ۾ لهي ٿي آيو—دراصل قادو شيديءَ جهڙي عوامي فنڪار لاءِ، ملاکڙي جو ڪُشادو پڙئي حقيقي اسٽيج آهي. هُن جي مقبوليت جو صحيح ڪاٿو به اُتي ئي لڳائي سگهجي ٿو. ائين شادين مُرادين، ڇنن مَنهَن، ميڙن ملاکڙن ۾ نچندو، ڳائيندو وڄائيندو، قادو شيدي اسٽيج تائين پُڳو-- ۽ شهر جي گهٽين ۾ رُلندو، ٿاٻا کائيندو- موت جي ڌُنڌ ۾ الوپ ٿي ويو. +- امداد حسيني +جي جيءَ کي جِئارينِ..... +پروفيسر محبوب علي چنا +(پروفيسر محبوب علي چنا جي والد جو نالو ميان محمد صالح چنا هو. تعليم: سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ايم. اي (بمبئي يونيورسٽي) فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين ۽ کيس دڪشنا فيلوشپ ۽ سونو ٻلو پڻ مليو. بي. ٽي ۽ ايس. ٽي. سي جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. عهدا: گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ عربيءَ جا استاد؛ سروري اسلاميه ڪاليج هالا جو پرنسپال؛ گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ رهيو، جتان جامعه عربيه ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو؛ گورنمينٽ ڪاليج لطيف آباد جو پرنسپال؛ گورنمينٽ ٽيچرس ڪاليج جو پرنسپال؛ سيڪريٽري نيشنل بڪ فائونڊيشن. تصنيفون: (1) ڪليات امين، (2) سرور جا سهيوڳي، (3) مڪليءَ جي ٽڪري، هڪ شخصيت ٻه پهلو؛ (4) سنڌي ادب جا رجحان. رسالي ”فردوس“ جو ايڊيٽر، انجمن فروغ ادب هالا جو سرپرست، سنڌي ادبي بورڊ، شاهه لطيف ڪلچرل ڪائونسل ۽ شهباز ڪلچرل ڪائونسل جو ميمبر رهيو. پاڻ 24 نومبر 1977ع تي، مڪي شريف ۾ وفات ڪئي. _ ادارو) +اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين، جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. +دل منڌي پئي آهي. قلم جي ڌار وسيلي ڦاٽ کائڻ ٿي چاهي؛ پر هٿ لکڻ کان لاچار. اي منهنجا مولا. +مالڪ، جيئن تنهنجي واکاڻ ڪرڻ ڏکي آهي، تيئن تنهنجي محبوب جي محبوب جا ڳُڻ ڳائڻ پڻ محال آهن. سوچيان ٿي، ته محبوب سائينءَ جي ڪهڙي پهلوءَ کي روشناس ڪرايان؟ سمجهه ۾ ڪجهه به نٿو اچيم! پاڻ شفيق استاد، ذميوار آفيسر، يارن جا يار، چاهيندڙ پيءُ ۽ سٺا جيون ساٿي هئا. ٻين جي ڏُک تي ڏُکڻ، سُک تي سرهو ٿيڻ، سدائين رب تي ڀاڙڻ ۽ اصول پرستي سندن مکيه ڳُڻ هئا. ان ڏس ۾ کين سور به سهڻا پيا، پر پاڻ اٽل رهيا. +علم جي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪڏهن نه ڇڏيائون. قلم ۽ پني جي وٽن عزت هئي. پَٽ تي بيڪار پنو به پيل ڏسندا هئا يا ڪنهن ڪتاب جو ورق ڦٽو ٿيل ڏسندا هئا، ته سندن نراڙ تي گهنج پئجي ويندا هئا. ڪتاب ۽ قلم سندن سيرانديءَ هوندائي هوندا هئا. پاڻ جڏهن به هوم اڪنامڪس ڪاليج ڪراچيءَ جي هاسٽل ۾ مون سان ملڻ ايندا هئا، ته منهنجي اندر اچڻ تي اٿي بيهندا هئا، ڇاڪاڻ ته اها رسول پاڪ ­صلعم جن جي صفت آهي. گهر ۾ گهڙندا هئا ته آواز ڪري گهڙندا هئا ۽ گهڻو ڪري پوئين در کان نه ايندا هئا. اسان نياڻين کي ڏاڍو مان ۽ پيار ڏيندا هئا، ان هوندي به هر ٻار ائين ئي سمجهندو هو، ڄڻ ته بابا سائين کيس ئي گهڻو ٿو ڀانئي. ڪاوڙ گهٽ ايندي هين، اُها به نه پڙهڻ تان يا عبادت نه ڪرڻ تان. +پاڻ ڪڏهن ڪنهن بندي آڏو نه جهُڪيا. چوندا هئا: جهُڪجي رب سائينءَ جي اڳيان، جنهن جي هٿ ۾ بندن جي ڪَل آهي. ڪنهن به ڪم لاءِ نڪرندا هئا، ته پهرين انهيءَ جي لاءِ نماز ۾ ڌڻيءَ کان دعا مڱندا هئا. پاڻ وڏيءَ دل وارا هئا ۽ مهمان نوازيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئا، ان سمي خوش ۽ ٻهڪندا نظر ايندا هئا. +پاڻ خوش مزاج پڻ هئا. ٻارن تي پنهنجو ڪونه ڪو نالو رکيو هئائون. ڪنهن کي آلو بخارو، ته ڪنهن کي تاراٻائي ۽ مون کي ڏاڏي سڏيندا هئا ۽ هيٺيون شعر ترنم سان پڙهي چيڙائيندا هوم: +جا زال زال آهي، سا مرد مُور ناهي! +پاڻ ڪيڏي به وڏي تڪليف ۾ ڇو نه هجن، اسان جي ننڍڙي ڏک تي به پريشان ٿي ويندا هئا. ساڻن ماءُ پيءُ جون دم دم دعائون شامل هيون ۽ پاڻ به سندن خدمت ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪيائون. پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ کي دوست کان اهميت ڪڏهن به ڪونه ڏنئون؛ سندن مشورن کي سدائين مان ڏنئون- پر علم ۽ اُصول جي ڏس ۾ پاڻ ڪنهن به ڳالهه کي اهميت نه ڏنئون. +پاڻ ننڍي لاڪون ئي تهجد گذار هئا ۽ ڪوشش ڪري ڪابه نفلي نماز نه ڇڏيئون. پير جي سُور هوندي به بابا سائينءَ جن نماز جا پابند رهيا ۽ ڪوشش ڪري بيهي نماز پڙهندا هئا. جيستائين قرآن پاڪ جو دؤر نه ڪندا هئا، سڪون نه ملندو هون. دؤر سان گڏوگڏ شاهه لطيف جا بيت به پڙهندا هئا ۽ مختلف ڏينهن تي مختلف دعائون ضرور پڙهندا هئا، بلڪه هر مهل تي قرآن پاڪ جون آيتون پڙهندا هئا. +سندن ڪچهريءَ ۾ عالم، اديب، امير، غريب ته ويهندا هئا، پر ڌاڙيل ۽ چور به کانئن فيض پرائڻ لاءِ ايندا هئا. اُن وقت پاڻ چنڊ جيان پيا چمڪندا هئا، پاڻ سچ پچ ته هئا به قلندري فقير. پاڻ زندهه ته زندهه، پر مري ويلن جي به سار لهندا هئا. عيد جي ڏينهن جيستائين ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ مِٽن مائٽن جي قبرستان نه ويندا هئا، تيستائين بيچين رهندا هئا. پاڻ ڏک ڏسي به اسان ٻچن لاءِ سک ڳنهندا هئا. پنهنجي تڪليفن جو ذڪر ٻچن سان ته ڇا، جيون ساٿيءَ سان به نه ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن دنيا جو دُلبو پسي، فارسيءَ جو هڪ شعر پڙهندا هئا، جنهن جو مطلب هن ريت آهي: +مان سمونڊ آهيان ۽ توهان ڪناري تي بيٺل ماڻهن جيان، توهان کي ڪهڙي ڄاڻ ته سمونڊ ۾ ڪهڙو اُڀري پيو طوفان! +مِٺو مالڪ اسان کي سگهه ڏئي، ته پنهنجي مٺڙي ابي جي ڏسيل واٽ تي وِکَ وڌايون ۽ انهيءَ سمنڊ جي گهرائيءَ کي لهون. +- پروين چنا +عبدالڪريم ”گدائي“ +گدائي صاحب 1 جنوري 1901ع تي، ڪريم آباد، تعلقي ٺُل ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو بجار خان لاشاري بلوچ آهي. ابتدائي تعليم ٺُل ۾ ورتائين ۽ ميٽرڪ تائين جيڪب آباد ۽ سکر ۾ پڙهيو. 1918ع ۾ گدائي صاحب ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ کان متاثر ٿي پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ انهن تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ساڳئي سال پوسٽ کاتي ۾ ملازم ٿيو، پر سگهو ئي استعيفا ڏنائين. 23-1922ع ۾، ٺل ۾ لطف الله بدويءَ سان واقفيت ٿيس ۽ بدوي صاحب جي صحبت ۾ ئي ”گدائي“ تخلص اختيار ڪري شعر چيائين ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ ساڳئي جوان جذبي سان شعر چوندو رهيو. ”فرنٽيئر گزيٽ“ جيڪب آباد، ”سنڌ زميندار“ سکر، ”صداقت“، ”سنڌو“ شڪارپور ۾ سندس قومي نظم ڇپجڻ لڳا. +گدائي صاحب جي شاعري، انساني درد ۽ پيڙا جي احساس جي پالوٽ آهي. اهو احساس کيس پنهنجي جيجل کان ورثي ۾ مليو. 1922ع کان 1926ع تائين هڪ وڏي زميندار جي نوڪريءَ ۾ رهيو ۽ اتي هارين نارين تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو عملي مشاهدو ٿيس ۽ گدائي صاحب جي شاعري هاري ۽ پورهيت طبقي تي ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف هڪ للڪار بڻجي ويئي. اهو نئون ۽ حقيقي موڙ، گدائي صاحب جي شاعريءَ ۾ 28-1927ع کان پوءِ آيو ۽ ان تي هو آخر تائين ڪارونجهر وانگر اٽل ۽ اڏول رهيو. +گدائي صاحب صحيح معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي. 4 مارچ جي تحريڪ هجي، ون يونٽ خلاف هلچل هجي، ”روح رهاڻ“ جا جشن هجن، گدائي صاحب پنهنجي نوجوان ساٿارين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌندو رهيو ۽ سندس لهجي ۾ ٿَڪ ۽ مايوسي ڪڏهن به نه آئي. نوجوان ساٿاري کيس پيار ۽ اُڪير مان ”چاچو گدائي“ چوندا هئا. +تصنيفون: (1) ساڻيهه جا سور (شاعري)، (2) پکڙا ۽ پنهوار (شاعري)، (3) پيماني تي پيمانو (شاعري) ۽ (4) خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين. +هن جهوني جوڳيءَ، مُني صديءَ جي اکين ڏٺي شاهد، 28 جنوري 1978ع تي لاڏاڻو ڪيو. +آ نيٺ ”گدائي“ مرڻو پر، هي ساهه سَنڌن ۾ آ جيسين، هت حُبِ وطن جو پوين ۾، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين! +رحيمداد خان مولائي شيدائي +سنڌ جو عظيم مورخ مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، 1894ع ۾ سکر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو مير شير محمد خان آهي. سکر ۾ ئي پاڻ ابتدائي سنڌي، فارسي، عربي، اڙدو ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. سندس وڏا اصل ۾ بلوچستان جا رهاڪو هئا، جتان سندس ڏاڏو مير رحيمداد خان روزگار ��انگي سنڌ ۾ آيو ۽ پهرين سيوهڻ ۾، پوءِ ڪوٽڙيءَ لڳ ”نانگي لين“ ڳوٺ ۾ رهيو. جڏهن ڪوٽڙي- ڪراچي ريلوي لائين پئي، تڏهن سندس والد کي فائر مئن جي نوڪري ملي ۽ جڏهن ريلوي لائين کي ملتان سان ڳنڍيو ويو، تڏهن مير شير محمد خان کي سکر جي انجن شيڊ ۾ رکيو ويو؛ جتي سنڌ جي هن عظيم مورخ جنم ورتو. +مولائي صاحب جي والده جي مرضيءَ موجب، کيس غريب آباد سکر ۾ آخوند خدا بخس ابڙي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، ته جيئن هو ”مولوي“ ٿي سگهي. اتي هن ”قاعده بغدادي“ پڙهيو. آخوند صاحب جي وفات سبب مولائيءَ کي آخوند عبدالحڪيم ڀُٽي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن قرآن شريف جا ڏهه سيپارا ختم ڪري، اڃا ”ڪريما“ ۽ ”پند نامه عطار“ مس شروع ڪيا، ته کيس سنڌي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. مولائي صاحب کي مطالعي جو شوق سنڌي چوٿين درجي کان ٿيو ۽ گهران جيڪا به خرچي ملندي هيس، انهن مان ڪتاب خريد ڪندو هو. تن ڏينهن افسانوي ڪلاسيڪي ادب ۽ نيم تاريخي قصن ڪهاڻين سان ئي چاهه هئس ۽ سندس من پسند ڪتاب هو ”داستان امير حمزه“. +چار درجا سنڌي پاس ڪري مولائي صاحب ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي ڇهين درجي انگريزيءَ تائين تعليم حاصل ڪيائين. چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ سندس تاريخ جو استاد مسٽر هيمراجاڻي ٽلٽيءَ وارو هو؛ جنهن سندس چاهه ڏسي کيس اڳتي وڌڻ تي اُڀاريو ۽ خانگي وقت ۾ تاريخون پڙهائيندو رهيس. ان ئي عمر ۾ مسٽر هيمراجاڻيءَ، کيس آرچيبالڊ ايليسن جا انقلاب فرانس ۽ جي- بي- ماليسن جي لکيل تاريخ ”غدر 1857ع“ جا سڀ جلد پڙهايا. +شاگرديءَ واري زماني ۾، سکر مان ڇپجندڙ سنڌي اخبارون ”الحق“ ۽ ”آفتاب“ ڏاڍي چاهه سان پڙهندو هو. ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن انهن اخبارن جي دفتر ۾ بنا اُجوري ڪم پڻ ڪندو هو. سندس هرڪا شام سکر جي مشهور جنرل لائبريريءَ جي بِلي هوندي هئي، جتي رڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي پنج هزار کن ڪتاب موجود هئا ۽ پرڏيهي اخبارون ۽ رسالا پڻ ايندا رهندا هئا. ان ئي زماني ۾، خرچيءَ جا پئسا ميڙي، يوروپين ريلوي انسٽيٽيوٽ لائبريري ۽ سول يوروپين انسٽيٽيوٽ سکر کي منٿ ميڙ ڪري، کانئن گهٽ قيمت تي پراڻا انگريزي رسالا ۽ مخزنون خريد ڪري ايندو هو ۽ واندڪائيءَ ۾ انهن کي ويٺو پڙهندو هو. +1913ع ۾ ڇهه درجا انگريزي پڙهي، اسڪول ڇڏي، روهڙيءَ جي انجن شيڊ ۾ ڀرتي ٿيو، جتان ترقي ڪندو پهرين ٽرين ڪلارڪ، پوءِ يارڊ فور مئن، سيڪنڊ گارڊ ۽ گارڊ جي عهدي تي رسيو. مولائي صاحب پاڻ جيئن ته مزدور ٿي ڀرتي ٿيو هو، ان ڪري کيس مزدورن سان دلي همدردي هئي، ۽ پاڻ مزدورن ۾ ڏاڍو مقبول رهيو. +1919ع ۾ پاڻ شادي ڪيائين. ان شاديءَ مان کيس جملي ڇهه ٻار ٿيا، پر رب جي رضا سان هڪٻئي پٺيان فوت ٿي ويا. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس گهر واريءَ به لاڏاڻو ڪيو. ان کان پوءِ مولائي صاحب ٻي شادي ڪئي، جنهن مان هڪ نياڻي ڄائي. +1930ع ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ، ڪراچيءَ مان ”توحيد“ رسالو جاري ڪيو، ته مولائي صاحب جا تاريخي مقالا ۽ مضمون سڀ کان پهرين اُن ۾ ڇپجڻ لڳا. جيئن ته پاڻ سرڪاري ملازم هو، ان ڪري وقت جي تقاضا آهر، پر علي محمد راشديءَ ۽ پير حسام الدين راشديءَ سندس لاءِ ”مولائي شيدائي“ ادبي نالو تجويز ڪيو. ”ستاره سنڌ“ کان وٺي پاڻ صحافت ۾ رهيو. 1939ع ۾ ملازمت کان رٽائر ٿيو ۽ ٻي عالمگير جنگ جي زماني ۾، ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ روزاني ”آزاد“ اخبار ۾ جو نائب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ پاڻ روزاني ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد جو چيف ايڊيٽر ٿيو. 1950ع ۾ مولائي صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فيلوشپ ملي ۽ سئو روپيا پگهار مقرر ٿيس. +تصنيفون: (1) روضت السنڌ، (2) تاريخ هندوستان، (3) ”تمدن سنڌ“ (4) تاريخ بلوچستان، (5) جنت السنڌ، (6) سفينتہ النوح، (7) موسوين جي تاريخ (8) تاريخ خاصخيلي. +سنڌ جي هن عظيم سپوت، مڻيادار مڙس 12 فيبروري 1978ع تي وفات ڪئي؛ پر سنڌ جي ادبي تاريخ ”مولائي شيدائي“ لافاني ۽ امر ٿي ويل نالو آهي. +الطاف عباسي +ڪاتيءَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِجهلڻ وڍئو، ماريس سُور تَنهِين، جو نه جِئاري جيڏيون. +”جي جيءَ کي جيئارين...“ ۾ الطاف تي به لِکڻو پوندو! اهو سوچي ئي، آماس راتين ۾ ٽياس تي ٽنگيل ڀائيندو آهيان پنهنجو پاڻ کي! ۽ اهي پل، جيڪي جُڳن تائين پکڙيا پيا آهن__ مُٺ ۾ بند ڪري سگهجن ٿا؛ پر منهنجو هٿ ته کليل ئي رهجي ويو آهي... ۽ انهيءَ هٿ مان الطاف جو ڇڏائجي ويل هٿ... سدا لاءِ ڇڏائجي ويو آهي!؟ +جِتي من هو اُتي الطاف جي ڦورائي جو ڦٽ آهي هاڻي: +اُٺي جئن مورَن، اوڀَرَ وَلهاَرنن جئن، سا پَرِ گُوندر ڪن، جُه ڦوڙائو سَڄڻيِن. +موت اٽل آهي. برحق آهي. برحق آهي. جيڪو ٿانُ گهڙيو آهي، اُهو اَوس ڀڄڻو آهي؛ پر اها ڪا وڃڻ جي وَهِي آهي؟ پر الطاف هليو ويو آهي__ بنا ٻڌائڻ جي... هُن ته نوابشاهه هلڻ لاءِ صلاحيو به نه هو مون کي__ هوڪاريو به نه هئائين_ پر جن کي هُن هاڻ لاءِ چيو هو... وَسَ ۽ ايلاز ڪيا هئا...! + + +روشن منهنجي راهه، مون کي شهه ڪونه ڏئِي اوندهه. +پر هو اڪيلو، اونداهين راهن ۾ گهيرجي ويو هو... ويچاريءَ ڀاڀيءَ جي اڱڻ مان ”چنڊ“ اَڻهئي لاءِ اَلهي ويو هو__ هن جي مٿي تان پورو آسمان ڪنهن ڇڪي لاهي ورتو هو__ ۽ منهنجي نٽهڻ اُس جي راهه مان، هڪ گهاٽو ڇانو وارو وڻ وڍجي ويو آهي: +ڌڙُ ڌوُڻيو تنهن ڌَڪَ، جڏيءَ جيئڻ نه ٿئي. +هنن سٽن لکندي به ائين ٿو ڀاسيم، ته الطاف ڪار جون چاٻيون ڇڻڪائيندو، مُرڪندو کِلندو هليو ايندو ۽ ايندي ئي چوندو: ”هل!“ ۽ پوءِ اسين نڪري پونداسين سپر هاءِ وي تي__ نيشنل هاءِ وي تي... ۽ من پاتال مان ڪا لهر ٿي اُلري ۽ پنج ڀِڄي ٿا پون: +روئي ڪندين ڪوهِ؟ هاڻي ڪو هوت وري! +- امداد حسيني +اَويساهي +هڪ ڀيري الطاف ٻارن سان گهر آيو. ماني رکي مان رنڌڻي ڏانهن پئي ويس ته امداد چيو: +”لوڻ کڻندي اچجانءِ.“ +”لوڻ ڏيندي پڇيم: ”لوڻ ڇا ۾ گهٽ آ؟“ +”الطاف ۾!“ امداد چيو هو: +۽ (تڏهن الطاف جا ٽهڪ گونجيا هئا) اڄ الطافَ کان سواءِ سڀ ڪجهه الوڻو ٿو ڀاسيم. اڃا تائين به من اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته الطاف هاڻ هن دنيا ۾ ”مور نه رهيو آ.“ ۽ اهڙي سمي، جيئرو جاڳندو، کيچلو الطاف پنهنجي مخصوص کِل کِلندو اکين آڏو اچي ويندو اٿم. +- سحر امداد +دوستيون، جذبا، محبتون، احساس ـــــ الطاف +مون کي لڳي ٿو—زندگي هڪ ڪُن، منجهه انساني جذبا ۽ خواهشون، ڪاٺين ۽ پنن وانگر هڪڙي تيز وهندڙ گهيري ۾ ڦرندڙ- طاقت ٽُٽي ٿي- ننڍو پاڻي، وڏي پاڻيءَ ۾- وڏو پاڻي، اٿاهه پاڻيءَ ۾- زندگي بي ڀروسو ۽ ٿورو جٽاءُ ڪندڙ حساس مادو آهي. نه رسڻ ۾ دير، نه ڊهڻ ۾ دير- منصوبا ڀريل- دوستيون اڻ پوريون- محبتون يادگار- سنوان سڌا مٽيءَ جا ڍير- پوءِ آهستي، آهستي وقت جو واءُ مٽيءَ جي ذرن کي اُڏائي ٿو، ڍير غائب- ڪاشيءَ جون سرون، ۽ سنگ مر مر جو اڇو پٿر به محبتن جي يادگارن کي وقت جي تيز هوائن کان نٿو بچائي سگهي- ڪيڏو نه کُٽل، کُٽل ۽ بيوس ٿو لڳي ماڻهو-! الطاف، ڪيئن زندگيءَ جي ڪُن وانگر اٿاهه پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو- خواهشون، دوستيون، مِٽيون، مائٽيون، محبتون، چاهتون، سڀ ڪک- پن ٿي ويون- ڄڻ ڪجهه ڪونه هو- صرف ۽ صرف هڪ اڻ لَکو ڌُنڌ ۽ اُن جي ڪنهن وقت هئڻ جو هلڪو احساس- جنهن کي به وقت ج��ٽي وٺندو يا ڳهي ڇڏيندو- ”ڏاڍي سراپ ۾ وجهندڙ حقيقت آهي“- الطاف، سچ منهنجو دوست ڪونه هو- ڪي لاڳاپا ۽ تعلق هئا- فن جي ناتي- احساسن جي ناتي- تمام ۽ تمام مختصر گڏجاڻيون ٿيون- اهڙيون، جهڙو هينئر پاڻ رڳو هئڻ جو احساس وڃي بچيو آهي- پر، هڪ واسطيدار، ٻئي واسطيدار لاءِ- هڪ پيارو، ٻئي پياري لاءِ- هڪ انسان، ٻئي انسان لاءِ- هڪ فنڪار، ٻئي فنڪار لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي!؟ ڪجهه به نه- ڳوڙها ڳاڙيندا آهن- اوڇنگارون ڏنيون وينديون آهن- ڪارا ڪپڙا پاتا ويندا آهن- ان ۽ اهڙن ڪمن کي رسمي چئي سگهجي ٿو- پر احساسن ۽ محبتن جي گرفت ڏاڍي مضبوط ٿئي ٿي- رسمي، انهن لاءِ چئي سگهجن ٿيون، جيڪي دنيا ۽ آخرت سنواريندا آهن. جذبن ۽ محبتن جي ورهاست ۽ وڇوڙي کي ڪير محسوس ڪندا آهن؟-- آهي، جيڪي سڀ ڪجهه ارپيندا آهن- جيڪي ناتا نڀائيندا آهن- جيڪي اوجاڳا ڪاٽيندا آهن- جيڪي محبتن کي سيني سان لڳائيندا آهن- سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته جيڪي روايتي نه هوندا آهن—مون وٽ رسم ۽ رواج جو ڪوبه لفظ ڪونهي جو ڪنهن کي چئي سگهان—مون صرف پنهنجي ڌرتيءَ تي هڪ شاعر جي کوٽ محسوس ڪئي آهي. +- شرجيل +سيئي جوڀن ڏينهن +آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان... اڄ وري منهنجي ذاتي البم مان هڪ ٻي تصوير پريس لاءِ پٽجي وڃي رهي آهي- تنهنجي جواڻ جماڻ موت جي خبر لاءِ... +آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ذاتي البم مان هڪ تصوير پٽجي پريس لاءِ وڃي چڪي آهي... چاچي گدائي جي تصوير... اهو چاچو گدائي جنهن ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ خلاف لکيو... هيڻن جي همراهيءَ لاءِ لکيو.... چاچي گدائيءَ جو داغ اڃا دل تي موجود هو ته مٿان کان تنهنجي موت جي خبر آئي آهي... مون کي ويساهه نه آيو... ڪريم بلوچ، سميجي، بيدل، اقبال ترين، ممتاز مرزا ۽ ادي سلطانه کي به ون جيان ويساهه نه آيو، ته ڪو مري سگهين ٿو.... فون کڙڪاياسين: ”شال اها خبر ڪوڙي هجي.“ +آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اسين سڀ ڪيڏا نه اڀاڳا آهيون، جو هڪ هڪ ٿيو، هوريان هوريان، ساٿي موڪلائي رهيا آهن. +ڪريم بلوچ جي ويڪري ۽ سدائين ٽهڪن سان گونجندڙ ڪمري ۾، موت جهڙي خاموشي آهي.... مان پنهنجو نوٽ بڪ ڪڍي، ادا اعجاز واري باٿ آئيلينڊ واري فون تي رنگ ڪيان ٿو... اڳيان کان رهڙ ملن ٿي: ”ڪون الطاف؟“ هانءُ ڪنبي وڃي ٿو.... ممتاز ۽ سميجي جي ڪمري مان اُٿي اجهو اجهو ڪريم بلوچ جي ڪمري ۾ آيو آهيان.... ڪريم بلوچ جهڙو ڌڱ- مڙس اُداس ۽ پريشان ويٺو آهي. چوي ٿو: ”ٻروچ، قهر ٿي ويو!“ ائين چئي ڪريم وري فون ۾ هٿ وجهي ٿو. فون لڳي آهي تنهنجي حيدرآباد واري فون تي.... آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اسين سڀ ڪيڏا نه اڀاڳا آهيون، جو تنهنجي موت جي خبر ٻڌي به مري نه سگهيا آهيون..... ڀلا ڪير ڪنهن جي پويان مئو آهي؟ ڪوبه نه مئو آهي ۽ نه ئي ڪو ڪنهن مئل پويان مري سگهندو. +آءٌ سوچان ٿو تنهنجي سپي، سرواڻ، ڪوڏ ۽ ڀاڄائيءَ جا چاڳ ۽ لاڏ، هاڻي ڪير سهندو؟ +دوستن جي ڪچهرين ۾ تنهنجي ارڏاين جو شڪار ٿيڻ وارا دوست، هاڻي تنهنجي ڪميءَ کي ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني پورو ڪندا؟ +تنوير، ڀاڄائي قمر، پارس ارشاد، تنهنجي ڪٽنب وارا ۽ ٻيا سڀ ساٿي.... تنهنجي کاتي وارا تنهنجو نعم البدل ڪٿان آڻيندا؟ +سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن ۽ ٻين ادبي گڏجاڻين ۾ تنهنجي انتظامي صلاحيتن جي کوٽ ڪير پوري ڪندو؟ +شمشير ۽ ٻين مست ملنگ دوستن جا هاڻي ڪير ناز سهندو؟- +الطاف، ٻڌائين ڇو نه ٿو.... چپ ڇو آهين؟ توکي ڇا ٿيو آهي؟ ائين بيوفائيون ڪبيون آهن..... ائين ساٿ کي ٽوڙبو آهي؟.... اڃا هاڻي ته تنهنجي شاعريءَ تي جواني آئي هئي.... انهيءَ کي ائين بيواهو ڪرڻ، توکي ڪيئن ٿو جڳائي.... عبدالحق عظيم، اجهو تنهنجو ٽي ڏينهن اڳ وارو خط مون کي ڏکاريو آهي... خط سان تنهنجو تازو ۽ نئون نڪورو گيت شامل آهي.... تو لکيو آهي: ”گيت ڪنهن سنڌي آرٽسٽ کان ڳارائجو.... غيره سنڌي ڳائڻا اُچارن جو ڳاٽو ٿا ٽوڙين....!“ تنهنجا جيئرا جاڳندا اکر، بڙڇي بڻجي هانءَ ۾ لهي رهيا آهن.... ”اڙي يار اڃا ٽي ڏينهن اڳ، تو واري ڪرسيءَ تي تنوير سان گڏجي اچي ويٺو هو.“ ڪريم بلوچ جو گهايل لهجو من کي گهائي وجهي ٿو.... عبدالحق عظيم تنهنجو خط ۽ گيت واپس ورتو آهي ۽ وياڪل من سان پوئتي موٽي رهيو آهي.... بيدل، سميجو، ممتاز ۽ اقبال پنهنجا پنهنجا ڳوڙها لڪائي روئي رهيا آهن.... آئون ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... جو روئڻ چاهيندي به روئي نٿو سگهان. سومر ڏينهن تنهنجو لوڙهه مٽيءَ ۾ لَٽجي چڪو هوندو.... تون اسان سڀني کان دور، ڏاڍو دور، مڻ- مٽيءَ هيٺان، اسان جي روئڻ- پٽڻ تي، اندر ئي اندر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندو هوندين.... ڄڻ اهو به تنهنجو ايڊوينچر هجي!! +هدايت منگيءَ به فون ڪيو آهي ته الطاف عباسي گذاري ويو آهي.... چئي ٿو: ”الطاف تي ڪجهه لکي ڏي.“ آءٌ سوچيان ٿو: ”الطاف جي شاديءَ جو سهرو نه لکي سگهيس. سپي، ڪوڏ ۽ سرواڻ جي سالگرهن تي ڪو خوشيءَ جو گيت نه لکي سگهيس. اڄ انهيءَ الطاف جي موت جو نوحو لکي رهيو آهيان.“ +آءٌ ڪيڏو نه اڀاڳو آهيان.... اڄ وري منهنجي ذاتي البم مان هڪ ٻي تصوير پريس لاءِ پٽجي وڃي رهي آهي.... تنهنجي جُواڻ- جَماڻ موت جي خبر لاءِ.....!! +- تاج بلوچ +روئان رهن نه سپرين..... +ڪنهن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”تو ٻُڌو، الطاف جو ايڪسيڊنٽ ۾ ڊيٿ ٿي ويو.“ +اُڀري آيل دانهن کي نڙيءَ تائين پهچڻ وقت ئي گهٽو ڏئي چيم، ”اجائي بڪواس نه ڪر.“ +”خدا ڪري منهنجي ڳالهه بڪواس ئي ثابت ٿئي.“ +جيءَ ۾ جهٻو پئجي ويو. +”ڪنهن ذميدار ماڻهوءَ ٽيليفون تي اطلاع ڪيو آهي ته....“ +وڌيڪ ٻُڌڻ جي سگهه ڇڏجي ويل، ڪوڙ سمجهي لنوائڻ جي شعوري ڪوشش، جنهن ۾ الطاف سان گهاريل گهڙيون هڪٻئي پٺيان ذهن جي پردي تي چِٽيون ٿينديون ويون. لنوائي ويهڻ، ڪنڊي جيان چُڀڻ لڳو، تڪڙي پهچ، ٽيليفون ڊائل تي آڱرين جي ٿت پٿ، من ۾، واقعي جي ڪوڙي هئڻ جا لک دليل، جن تي ايڪسيڊنٽ جو نقشو، اُٻهرائي سان اُڀري اُڀري ٿي آيو. پر ان هوندي به الطاف جي ايڪسيڊنٽ جي چِٽي تصوير اڻ چِٽو خاڪو، ڪجهه به ته موجود ڪونه هو منهنجي ذهن ۾- +الطاف جون ٽهڪ ڏياريندڙ ڳالهيون، هر وقت جيئندڙ، جياريندڙ، مُرڪندڙ مورت. هزارين ڳالهيون. ڪن جا اڳ ڪن جون پڇاڙيون، هڪ لمحي ۾ سوچ جي تيز وهڪري سان ترنديون ٿي آيو. پويان هورا کورا ڇڏي اڳتي ترنديون ٿي ويون. ڊائريڪٽ لائين لاءِ ڊوڙ. بلوچ صاحب جو ڪمرو، ٽيليفون نمبر. حيدرآباد، خيرپور، سکر جيڪو اڳ ۾ ملي. منهنجي ذهن ۾ مسلسل ننڍڙي جملي جو ورجاءُ، ڪوڙ آهي، ڪوڙ آهي. +ٽيليفون جي گهنٽي: ساهه روڪجي ويو، ڪنن تي ٻوڙٽ چڙهندا ويا. ڇا ڳالهايو ويو- سڀني ويٺل دوستن جي پڪيءَ طرح ٻڌي يقين ڪرڻ وقت ڏسڻ جي ساڃاهه آئي. پوڻا ٻه. ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ بس، چار ڪلاڪ ۽ چئين وڳي سوڀي ديري کڻائي ويندا، ڪنهن گهاءَ جي اُٿلي پوڻ جو احساس. +21 ڊسمبر تي، حشر جي ڏينهن سرواڻ کي ساڻ ڪري آيو هو مون وٽ. ڳالهين دوران پنهنجو نئون شعر پڙهي ٻڌايائين ته، ”تون ۽ مان ريل جي ٻن پٽڙين جيان ساڻ آهيون، پر ڪڏهن به ڪٿي به نه ٿا ملون پاڻ ۾. تڏهن تو چيو ته توکي ۽ مون کي ها، انهن پٽڙين جيان ئي رهڻ گهرجي. ڇو ته اهي پاڻ ۾ جڏهن به ملنديون ته وڏا حادثا ٿي پوندا.“ +تڏهن ان حادثي جو تصور اهڙو چڀندڙ ۽ ر��ئاڙيندڙ نه لڳو هئم، جيڏو اڄ الطاف جي حادثي محسوس ڪرايو آهي. +الطاف جو آخري ڀيرو منهن ڪيئن ڏسي سگهبو، حالتن خلاف نامناسب لفظن جي ڀرمار؛ پوءِ ڪهڙو منهن کڻي وڃي جگر چيري، من ۾ ٿيل گهاءُ ڏيکاري ڏک جو اظهار ڪري سگهبو، اهو سوچي ئي مان ڏڪي ٿو وڃان. تازو جڏهن تنوير سان گڏ آيو هو ته مون کيس چيو، ”سرواڻ جي سالگرهه تي خيرپور اچڻو پوندو ڇا؟“ +چيو هئائين، ”سالگرهه حيدرآباد ۾ ٿئي يا خيرپور ۾، سرواڻ جي سالگرهه ضرور ٿيندي ۽ توکي اچڻو آهي.“ +سرواڻ جي سالگرهه فيبروريءَ ۾ ئي آهي، چاڪ چِڪن ٿا ته سرواڻ جي سالگرهه ڪٿي ٿيندي؟ ڪيئن ٿيندين؟ +لڙڪن کي سانڍي رکيو اٿم. دانهن کي دٻائي رکيو اٿم، ٻڏتر ۾ آهيان ته سرواڻ کي سالگرهه تي ڇا لڙڪن ۽ سُڏڪن جو تحفو ڏيڻو پوندو؟ +- بيدل مسرور +سڪندر اعظم جي 23 سئو سالا ورسي يونان ۾ ملهائي ويندي +حيدرآباد (پ ـــ ر) سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي هڪ پريس رليز ۾ ڄاڻايو آهي ته يونان جي مقدونيا علائقي جي ”مقدونيا اڀياس سوسائٽي“ سڪندر اعظم جي 23 سئو سالا ورسي ملهائي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سڪندر اعظم جي مان ۾ هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، جنهن ۾ سڪندراعظم جي حياتي ۽ دور جي اڀياس جا ماهر پنهنجا مقالا شايع ڪرائي سگهندا. سڪندر اعظم جو پاڪستان واري علائقي خاص ڪري سنڌ سان به واسطو رهيو آهي. ان ڪري سوسائٽي ٿورائتي رهندي. جيڪڏهن ان ڏس ۾ اوهان پنهنجا کوجناتي مقالا انگريزي ۾ کين هيٺين ائڊريس تي ڏياري موڪليندا. پر جيڪڏهن ڪو مقالي نويس سنڌي ۾ ئي پنهنجو مقالو اسان کي ڏياري موڪليندو ته سنڌي ادبي بورڊ ”پوسٽ باڪس نمبر 12 حيدرآباد سنڌ“ ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. يونان مقالا موڪلڻ جي ائڊريس هيءَ آهي ۽ آخري تاريخ 30 اپريل 1978ع آهي. +Society for Maceedonian Studies, Depatment +Of Publication, 4, Vas, Shophias Str, +THESSALONIKI GREECE. +هن پرچي جا ڪجهه لکندڙ +علي بابا: پيءُ جو نالو رمضان بلوچ. ڳوٺ محمد يوسف، نانگو لائين ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. ڄم جي تاريخ بابت ٻڌايائين ته: ”1947ع کان 8-9 سال وڏو آهيان.“ سندس وڏا ڀاڳناڙيءَ کان آيا. تعليم: ٻاراڻو عبدالله هارون اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ وڌيڪ پرائمري تعليم نانگو لائين اسڪول ۾ ورتائين. ميٽرڪ تائين شيردل خان ميوننسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ پڙهيو. ريڊيو، ٽي- وي، ناٽڪن ۽ ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو وٽس به ڪونهي. ريڊيو ناٽڪن ۾ سندس لکيل ”تموچن“ ”رڻ جا راهي“، ”مو کي متارا“ هِٽ ناٽڪ آهن؛ ان کانسواءِ ”عاشق زهر پياڪ“ ۽ ”ڪارونجهر جي ڪور“ به علي بابا جا يادگار ريڊيو اسڪرپٽ آهن. ٽي وي تان سندس انيڪ ناٽڪ ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، جن مان ”ٻاليشاهي“ ۽ ”دنگي منجهه دريا“ اهم آهن. ”ٻيلاشاهي“ دراصل سندس هڪ ناول آهي، جيڪو کيس اڃا لکڻو آهي. اِن جي هڪ قسط پڻ ڇپيل آهي- ۽ ”دنگي منجهه درياهه“ عالمي ٽيليويزن ڊراما فيسٽيول (ميونخ، جرمني) ۾ ٽيون انعام پڻ حاصل ڪري چڪو آهي ۽ نيشنل سرڪٽ تان ٽيليڪاسٽ ٿي چڪو آهي. ”دنگي منجهه درياهه“ کي ته ٽي وي ۽ ٽي وي کان ٻاهر جي ”هرماهن“ Documentary چئي، پٻن تي بيهي پنهنجي قد مٿي ڪرڻ جي زبردست ڪوشش به ڪئي....! ڳچ عرصي کان ريڊيو ۽ ٽي وي آئوٽ آهي. سندس چواڻي: ”بنيادي طور تي مان ناولسٽ آهيان.“ ”موهن جو دڙو“ نه رڳو سندس، پر سنڌيءَ جو هڪ عظيم ناول آهي، جيڪو سندس چواڻي: ”ڦاڙي گٽر ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو اٿم.“ ”اسڪيچر“ به ٺاهيا اٿئين. سنڌي فلم ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو اٿئين. نئون فلاسافيڪل ٽوئسٽ ڏيڻ ٿو چاهي ادب ۾. امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڏيڻ ٿو چاهي آرٽ وسيلي. سڀن�� هٿيارن کي ڀسم ڪرڻ ٿو چاهي. عليءَ جو اڃا ڪوبه مجموعو نه ڇپيو آهي-- ۽ هو بيروزگار آهي. علي بنيادي طور تي هڪ آرٽسٽ آهي-- ۽ اسان وٽ آرٽسٽ کي بُکيو ۽ توائي رکڻ سدا جي ريت (ڪُريت!) پئي رهي آهي....! +مهتاب محبوب: 14 جولا 1946ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجو تعلق حيدرآباد جي عباسي ڪلهوڙا خاندان سان آهي، سموري پرورش حيدرآباد ۾ ٿي. منهنجا وڏا علم ادب جا ڄاڻو ۽ قدردان هئا، ان ڪري شروع کان ئي منهنجو لاڙو به ان طرف هو. 1960ع کان لڳاتار لکندي اچان. ابتدائي تعليم ڪانوينٽ ۽ بنات ۾ حاصل ڪيم. بي اي گرلز ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. ڪورس جي ڪتابن سان چاهه نه هئڻ ڪري، اڳتي نه پڙهيم. مان بيحد آرام طلب ۽ سهل پسند آهيان؛ ڪجهه فطرتن ۽ ڪجهه اِن ڪري ته گهر ۾ به مون کي بي فڪريءَ ۽ آرام جو ماحول مليو. لاڏ ڪوڏ ۾ پليس ۽ سر تي ذميدارين جو ڪوئي ٻوجهو نه هو. سِبڻ ڀَرڻ ۽ رڌڻ پچائڻ ۾ پنهنجو وقت نه وڃايم؛ ان ڪري جو انهن ڪمن کي وقت ڏيڻ منهجي لاءِ وقت برباد ڪرڻو هو. ضرورت مهل اهي ڪم ڪار پاڻهي اچي ويندا آهن. منهنجو گهڻو وقت لکڻ پڙهڻ، پينٽنگز، فوٽو گرافي، پين فرينڊشپ ۽ ٽيپ رڪارڊ ٻڌڻ جهڙين وندرن ۾ گذرندو هو. هينئر پين فرينڊشپ کانسواءِ ٻيون وندرون ائين جو ائين قائم آهن—البته پينٽنگز ۽ فوٽو گرافي هاڻي گهٽ ٿي ڪريان—جلدي فري نه ٿيندي آهيان، تنهن ڪري مون کي مغرور سمجهيو ويندو آهي ۽ ان ڳالهه کان واقف به ڪري انهن ئي ڪيو اٿم، جيڪي اها غلط فهمي دور ٿيڻ کان پوءِ، منهنجي دوستيءَ جي دائري ۾ داخل ٿيندا آهن. منهنجي دوستيءَ جو دائرو محدود آهي. مان ايتري دوستي رکندي آهيان جيتري نڀائي سگهان. مان انهن کي ئي دوست رکندي آهيان، جيڪي مون کي دل سان پسند هجن؛ رسمي يا دنياوي طرح دوستيءَ جا ناتا نڀائڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي. مان ڏاڍي موڊي، حساس ۽ جذباتي آهيان. خدا جي فضل سان هر طرح جو سک ۽ آرام هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هن دنيا ۾ رهڻ سان ڏاڍي مونجهه ۽ بيزاري محسوس ٿيندي آهي. ايڏين ترقين کان پوءِ به ماڻهو ذهني طور ڏاڍو پست آهي. نفسا نفسي، خون خرابا، چوريون چڪاريون، خود غرضيون، دوکيبازيون ۽ لڳاتار حادثا- اهي سڀ ايڏا ته وڌي ويا آهن، جو ائين لڳي ٿو، اسان جو ڪوئي سرپرست ۽ محافظ ناهي. اسان ناانصافين ۽ بي قدرن جي ملڪ ۾ بي مقصد زندگي گهاري رهيا آهيون. اسان جا ڪي مقصد آهن به ته اُهي هن ناانصافين جي دؤر ۾ پورا ناهن ٿيڻا. اسان ايتري قدر ته مايوس ۽ هراسيل آهيون، جو لڳي ٿو، ته جيئڻ جو حق به کسجي ويو آهي. +(مهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي هيلتائين ٻه مجموعا: ”چانديءَ جون تارون“ ۽ ”پرهه کان پهرين“ ڇپجي چڪا آهن.—ادارو) + + +عبدالجبار جوڻيجو: پيءُ جو نالو سلطان احمد جوڻيجو. جنم: 26 ڊسمبر 1935ع. هنڌ: ڳوٺ پير فتح محمد شاهه، تعلقو بدين. تعليم: بي اي (آنرز) ايم اي، پي ايڇ ڊي (سنڌ)، ڊپلوما چيني (پيڪنگ). نثر ۽ شعر لکندڙ. تخلص ”شام“ ڪڏهوڪو تياڳيل. پوڻيٺڙيءَ جي ٻار وانگر کيس پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”مٿي جو سور“ جو مهينو (مارچ) ۽ سال (54) پڻ ياد آهي، اها لکڻي ”فردوس هالا“ ۾ ڇپي؛ نه ته ان کان اڳ سندس موڪليل مواد جا ٿها، امانت وانگر موٽي ملندا هئس. ”سنڌي اديبن جي ڊائريڪٽري“ (1974ع) ۾، سندس کاتي ڏهه تصنيفون ڄاڻايل- جن ۾ ڪهاڻيون (اَباڻو گهر 1958ع)، ناول (”سوري آ سينگار“ 1963ع، سفرنامو (”مائوءَ جي ملڪ ۾“ 1973ع) به ڄاڻايل. ”مهراڻ لاءِ موڪليل ”سڃاڻ“ ۾ ٽي تحقيقي ڪتاب ڄاڻايل: ڪنزاللطيف، لاڙ جي لغات ۽ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. شاعريءَ جو مجموعو ”مرگهه ترشنا“ ڇپيل. 1962ع کان سنڌي کاتي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿي آيل. هاڻ ائسوسئيٽ پروفيسر. +قاضي خادم: اصل نالو عبدالقوي. گهرو نالو خادم حسين. قلمي نالو قاضي خادم. پيءُ جو نالو قاضي محمد لائق. جنم: 21 نومبر 1945ع الهداد چنڊ جو ڳوٺ، حيدرآباد سنڌ. 1966ع تائين صحافي. 1967ع کان هيلتائين استاد (سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي). شعر، نثر ٻنهي ۾ لکندڙ. گهڻو لاڙو نثر ڏانهن. گهڻ- روپي ليکڪ. ناول، ڪهاڻي، تنقيد، مضمون، ڊراما (ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ)، تبصرا، ترجما.... ادب جي هر کيتر ۾ هڪيو. جڏهن به، جتي به چاهي پنو پين کڻي لکڻ جُنبي ويندو. وقت ۽ مُوڊ جي قيد کان مڪت. تنصيفون: پيار ۽ سپنا (ناول اصلوڪو) ۽ زوال، سونهن جي ديوي، پيار، جواري (ترجمو ڪيل ناول). ڪهاڻين جو مجموعو نه ڇپيو اٿس. +رسول ميمڻ: پيءُ جو نالو محمد يعقوب ميمڻ. جنم: 1 جنوري 1956ع. هنڌ: سکر. تعليم: ٽيون سال ايم بي بي بي ايس. نثر ۽ شعر، ٻنهي ۾ لکندڙ. پهريون شعر جنوري 1976ع جي نئين دنيا پبليڪيشن ۾ ڇپيل. پهرين ڪهاڻي مئي 1976ع جي مارو پبليڪيشن ۾ ڇپيل. ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”امن جي نالي“ 1977ع ۾ ڇپيل. ون يونٽ کانپوءِ واري دؤر جو هڪ سُڄاڻ ليکڪ. +ج. ع .منگهاڻي: جنم ڀومي ڪراچي. اهڙي ڪٽنب ۾ ڄايس، جتي سُتيءَ سان گڏ، ٻاجهاري ٻوليءَ جي امرت اوت به ٿي. منهنجو ڏاڏو به شاعر هو؛ بيٺل پاڻيءَ وانگر نه، پر ڇل ڇل وهندڙ سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ جي تسلسل ڀرئي وهڪري جيان اَجهل شاعر. ٻولي سمجهڻ جهڙي مس ٿيس ته شاهه جو رسالو سڄو ٻڌي ڇڏيم، جيڪو امان سدائين پڙهندي هئي (۽ آهي). ان پاڪ ماحول، ڪچي ذهن تي پڪا ڪوٽ ۽ اُجرا اڱڻ اڏي ڇڏيا. لکڻ شروع ڪيم 1973ع کان. ”هلال پاڪستان“ منهنجي آجيان ڪئي. پهريون ليک ”هيڏانهن به هڪ نظر“ سگهڙين سٿ ۾ ڇپيو. لکڻ جي ابتدا نثر سان ڪيم. هاڻ لاڙو شاعريءَ ڏانهن اٿم. شايد ان ڪري جو نثر لاءِ وقت ۽ سوچ جو تسلسل هئڻ ضروري آهي، جيڪو منهنجي هٿ وس ناهي. مان جيڪي به لکندي آهيان، سو رڳو پاڻ لاءِ،. جڏهن ته منهنجا موضوع سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي سماج ۽ سنڌي عورت آهن؛ پر اهي ته سڀ مان پاڻ آهيان. منهنجون سوچون، ڪٺور توڙي ڪومل- ۽ مان سدائين انهن جي هٿ وس. لکڻ وير اهي منهنجي هٿ وس. لکندي تڏهن آهيان جڏهن اکر مون کي مِڙندا آهن. اکرن پوئتان ڊوڙڻ ڪونه وڻيم. ان ڪري ئي اهڙا ماڻهو به نه وڻندا اٿم، جيڪي ماڻهن جي اڳيان پويان وتندا آهن کڙ ڪتر ٿيندا. لکڻ لاءِ موڊ جي گهوري هوندي آهيان. موڊ نه ٿيو ته قلم ۾ رهيل مس به سُڪيو وڃي. گوڙ گهمسان ۾ لکڻ هڏ نه پڄيم، لکان تڏهن جڏهن مڪمل سڪون ۽ سانت هجي. +ولي محمد طاهرزادو: پيءُ جو نالو محمد طاهر قنبراڻي. ڄمڻ جو هنڌ: ٽنڊوالهيار، ضلعو حيدرآباد سنڌ. ڄم سال ياد نه اٿس: شايد اٺيتاليهه ورهيه عمر. ڏاڏيءَ کتاب ۾ ويهاريس: جتي فقر پني، پاڻي ڀري، ونڊ وٺي، رجبيون ۽ جماڳيو پني، ناظران قرآن شريف پڙهيو ۽ ڏيڍ پارو کن ياد به ڪيائين. اتي ئي ٻه ٽي درجا سنڌيءَ جا پڙهيو، نه پڙهڻ جهڙا. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌي چوٿين جو امتحان ورتو ته هن نينگر جي ذهانت ڏسي، کيس نور محمد هاسٽل ۾ فري بورڊنگ جي آڇ ڪئي، جيئن هو انگريزي پڙهي سگهي؛ پر استاد کان ڪافرن جي علم سکڻ جي موڪل نه مليس، ۽ سندس چوڻيءَ: ”ان ڏينهن کان ئي قسمت کي ڏامر جي پوچي اچي ويئي.” هڪ ڏينهن پڻس ميونسپل پرائمري اسڪول ۾، هيڊ ماستر ڪندن مل وٽ وٺي ويس، جنهن هِن کي بُجو ڏيئي چيو: ”هي شيدي ڪونه پڙهندو.“ ان تي اڄ تائين خار اٿس: ميلن ۾ ڪتاب وڪڻڻ، ڪاٺين جو واپار، ماستري، اسٽامپ وينڊر، بس چيڪر، اليڪشن م��شي، ڊيپو هولـڊر..... ٽنڊي الهيار شهر لاءِ مسلم ليگ جو صدر، ميونسپل ۽ بي- ڊيءَ جو ميمبر به ٿي رهيو. ٻه سال ”لغت آفيس“ ۾ لوڪ ادب- رٿا ۾ پڻ ڪم ڪيائين- لوڪ سڀيتا جي گهري ڄاڻ. ڏتڙيل ۽ پوئتي پيل قوم ”الحبش“ جي سڌاري لاءِ جاکوڙ ڪندڙ. سنڌي ادبي بورڊ پريس ۾ پروف ريڊر. +الطاف عباسي: پورو نالو الطاف نبي عباسي، پيءُ جو نالو گل حسن عباسي. جنم: 15 جولاءِ 1942ع. هنڌ: سوڀو ديرو. سائين گل حسن عباسيءَ جي سرڪاري نوڪريءَ جي سلسلي ۾، جتي جتي بدلي ٿي، اُتي اُتي الطاف پڙهيو. ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، خيرپور، سکر.... ائين هن سڄي سنڌ جي سڳنڌ کي پنهنجي اندر ۾ اوتيو- انت تائين، پوءِ اهي ئي سڳنڌت جذبا شاعريءَ ۾ ورکائيندو رهيو: +منهنجو جذبو امرت جهڙو، سنڌڙي مرڻي ناهه. +ميٽرڪ پاس ڪري نوابشاهه جي عظيم درگاهه شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول ۾ ماستر ٿيو ۽ سنڌ جي ايندڙ نسل کي پڙهائڻ ۾ مگن ٿي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾، الطاف ادب ۾ پير ڌريو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ اُڀريو. 1964ع ۾ ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي پاس ڪيائين، ۽ نوابشاهه ۾ ئي سال کن ڪارو ڪوٽ پائي قاضي فيض محمد جي پارٽنرشپ ۾ پرئڪٽس ڪيائين ۽ پرائيويٽ طور تي ڪاليج ۾ پڻ پڙهايائين. نوابشاهه واري دؤر ۾، سنگت جي فنڪشنس کي يادگار بڻائڻ ۾، الطاف رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيندو هو. سچ پچ ته نوابشاهه ۾ سڄي بهار الطاف جي ڪري ئي هوندي هئي. الطاف نوابشاهه ڇڏيو ته اتي بَتِي گُل ٿي ويئي. +65/1966ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، ريگيولر ليڪچرار ٿيو ۽ جيڪب آباد هليو ويو. چاچي گدائيءَ جي شعر: +هن شهر جي ڪنهن ٿي ڳالهه ڪئي؟ هي شهر اَلا ڪو شهر هيو! +اُتي به ائين ٿيو. بي. سي . ايس پاس ڪري الطاف ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي ۾ هليو ويو، ۽ E.T.O ٿي سانگهڙ ۾ اپائنٽ ٿيو. ان کان پوءِ ڪجهه عرصو جيڪب آباد سنگت جي روايت کي غالب لطيف زندهه رکندو آيو؛ پر نيٺ سنگت ٻه ٽڪر ٿي ويئي، ۽ ان کانسواءِ اتي ٻي Parallel سنگت به ٺهي! +لاڙڪاڻي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ E.T.O ٿي رهيو. ڪجهه عرصو سيڪريٽريٽ ۾ رهڻ کانپوءِ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪراچي مقرر ٿيو. 22 ڊسمبر 1975ع جي آخر ڌاري ٻيهر حيدرآباد آيو، پر ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جي حيثيت سان. 1 جنوري تي پاڻ چارج ڇڏيائين. +23 آگسٽ 1966ع ۾، لاڙڪاڻي ۾ الطاف موڙ ٻڌا هئا، لاڏو ٿيو هو. 67 ۾ ڀاڀي زيبا جي هنج ۾ سِپي هئي، ۽ 68 ۾ ڪوڏ (عيسيٰ) سندس ڇاتيءَ سان هو. سرواڻ 74 ۾ ڄائو ۽ گذريل فيبروريءَ ۾ سرواڻ جي سالگرهه هئي. الطاف ان لاءِ بيدل کي اڳواٽ ئي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو هو. +الطاف کي نه رڳو پنهنجن ٻارن سان، پر سڀني ٻارن سان اٿاهه پيار هو. هُن ٻارن جا نظم به لکيا. ”لاٽون“ سندس مشهور نظم آهي. +هو ٻارن کي پيڙهه چوندو هو ۽ سنڌي ٻارن لاءِ وٽس ڪيتريون ئي ڪارائتيون رٿون هيون: ”امداد، اسان کي ٻارن لاءِ الف- ب وار پڪچر بُڪ ڏيڻ کپي، بلڪل انگلش اسٽائيل.“ +الطاف هڪ سٺو فوٽو گرافر ۽ ڪئميرامين هو، هن جا ڪڍيل فوٽا ۽ موويز ڏسڻ وٽان آهن. 6 فيبروري 78 جي رات جو، نوابشاهه کان حيدرآباد اويلو ايندي انڌيرن واٽن تي وڃائجي ويو. +الطاف پنهنجي شعري مجموعي جي پريس ڪاپي تيار ڪري ڇڏي هئي. نالو به چونڊجي ويو هو: ”جاڙا چنڊ“ ۽ فتاح کي هُن ٽائيٽل لاءِ Idea به ڏيئي ڇڏي هئي. ان کان سواءِ هڪ ڊائري ۽ ايم. اي لاءِ لکيل مونو گراف: ”سنڌي قومي شاعري“ پڻ ڇڏيا اٿس. اهي الطاف توڙي سنڌي ادب جون اهم نثري تصنيفون آهن. الطاف ٻارن لاءِ به کوڙ گيت ڇڏيا آهن. هُن ڪجهه نوان گيت لکي، ٻارن جي هٿن ۾ به گلدستو ڏيڻ پئي چاهيو. ”کٽمٺڙا“ جي ٽائيٽل سان الطاف چرچا به ڪٺا ڪيا هئا. ان جي پهرين ڪاپي کانئس شفٽنگ ۾ ڪٿي هيٺ مٿي ٿي ويئي هئي. الطاف انهن کي ٻيهر لکڻ لڳو هو. ”کٽمٺڙا“ جون به قسطون ”هلچل“ جي ٻن پرچن (جنوري- فيبروري) ۾ به ڇپجي چڪيون آهن، انهن کي پڻ گڏ ڪرڻ کپي. +حيدرآباد ۾ رهڻ واري هن ئي عرصي ۾، هو تنوير جي ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سان نه؛ پر الطاف عباسيءَ جي حيثيت سان اُڀري رهيو هو. ادبي دنيا ۾ توڙي ٻاهر الطاف سوگوار دوستن جو هڪ وسيع حلقو ڇڏيو آهي. الطاف جي نظم ”منهنجو ڏيئو“ جون هي آخري سٽون، الاءِ ڇو هرو ڀرو هانءُ تي هُري آيون آهن: +جي منهنجو رت ڦُڙو نڪتو، سو اُن ۾ تيل بڻي ٻرندو، جي ديپ اُجهائڻ چاهين ٿو، ڪو سورج روشن ڪر ته مڃان. +- امداد حسيني +اونهي ۾ اوهري، جڏهن ويئڙا جي، موٽي ماڳ نه آيا، ماءُ ! سامونڊي سي، کارو تنين کي، جيڪس وه وري وِيو، +اوڙاهه وئا، نه ورئا، آءُ تنه ماري ويڻ، ڪري سامونڊي سيڻ، جسي جار پرائيو، سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان، مون کي ٿي ماري انين سندي ڳالهڙي، +سامونڊيڪو سڱُ، آهي گوندر گاڏائو، انگهن چاڙهي اڱ، وئو وڻجارو اوهري، +شاهه \ No newline at end of file