diff --git "a/sindhiadabiboard.org/mehran/Book101.txt" "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book101.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book101.txt" @@ -0,0 +1,4312 @@ +ڪتاب جو نالو: مهراڻ 1/ 2004ع + + + +مهراڻ 1/ 2004ع +ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +سجاڳيءَ جو سڏ ۽ ڪاميابيءَ جي راهه +سنڌ اندر، موجوده دور ۾، معاشي توڙي سماجي حالات سازگار ناهن، پر اُنهن کي سڌارڻ لاءِ وڏي سجاڳي جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وڏي مايوس ڪن صورتحال اِها آهي جو ڳچ وقت کان وٺي سنڌ جي معاشري ۾ هر خامي لاءِ ٻين کي جوابدار ٺهرائڻ جا سبق پڙهايا ويا آهن: پاڻ پنهنجين ڪوتاهين کي سمجهڻ،قبول ڪرڻ ۽ اُنهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪارائتن قدمن کڻڻ لاءِ ڪنهن به سياسي توڙي سماجي رهنما ڪو تحرڪ خير ڪي ورتو آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري هر ڪنهن پاڻ کي عام مقبول اڳواڻ بنائڻ لاءِ اُهي ڳالهيون پئي ڪيون آهن جيڪي ماڻهن کي وڻن، اِنهيءَ ڪري ماڻهن کي عام طرح سندن چوڻ ته:”اوهان بلڪل بي قصور آهيو، سڄو ڏوهه ٻين جو آهي.“ اُن جو سبب اِهو آهي جو پنهنجن کي سچ چوڻ ڏکيو آهي: پر حقيقي خير خواهي اِنهيءَ ۾ آهي ته پنهنجن کي سچ چئجي ۽ صحيح رهنمائي ڪجي. +ان جو معياري مثال عالي جناب پير صاحب پاڳاري شاهمردان شاهه ثاني سائين سڪندر شاهه جن جو تازه خطاب آهي، جيڪو پاڻ گذريل عيدالاضحيٰ جي نماز بعد حاضر جماعت کي ڪيائون. هيءُ خطاب سنڌ جي وڏي سڄڻ ۽ وڏي روشن خيال رهنما جو آهي ۽ سندن جماعت ته اکين تي رکي اُن تي عمل ڪندي، پر اِهوخطاب سنڌ جي هر خيرخواهه سڄڻ لاءِ سجاڳيءَ جو سڏ آهي. اُن تاريخي خطاب جو متن هيٺ ڏجي ٿو: +جناب پير صاحب پاڳاري، شاهمردان شاهه ثاني سائين سڪندر شاهه جو حر جماعت کي خطاب +السلام عليڪم بابا..........! +توهان سڀني کي اُستادن ۽ منهنجي طرفان عيد مبارڪ ! +توهان اسان جي مفتي صاحب کي ٻڌو ته:”هر انسان جي خوشي پنهنجي قسم جي ٿيندي آهي: اِهو ماڻهوءَ جي سوچ تي آهي ته هو ڇا تي ٿو خوش ٿئي.“ توهان جي هت گڏجاڻيءَ جا ڏينهن اسان جي خوشيءَ جا ڏينهن آهن. اُستادن تي فرض آهي ته توهان کي نصيحت ۽ هدايت ڪن، اِنڪري جو هو پڙهيل ۽ ڪڙهيل آهن، توهان کي پاڙهي نٿا سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ڪاڙهي سگهن ٿا. منهنجي لاءِ ضروري آهي ته توهان کي مشورو ڏيان، ڇاڪاڻ ته مان پڙهيل ڪونه آهيان، پر ڪڙهيل آهيان. اِن مشوري تي عمل ڪرڻ توهان جي لاءِ باعثِ خير ٿيندو ۽ اولاد به نه پڇتائيندي ته توهان منهنجي مشوري تي عمل ڪيو. توهان کي مان هميشه چوندو رهيو آهيان ۽ ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ته توهان جي اولاد صالح ٿئي ۽ بري صحبت کان بچي. ڇوڪرين جي تعليم تي مان خاص طور زور ڏيندو رهيو آهيان، مان کي خوشي آهي جو توهان ۾ ڪجهه مايون اهڙيون آهن جي نه رڳو پڙهيون آهن پر گهڻو پڙهيون آهن. اُهي توهان جي طرف کان ايندڙ اليڪشن ۾ اُميدوار ٿي بيهنديون ۽ ڪامياب ٿينديون ۽ توهان جي خدمت ڪنديون. پر توهان کي اِهو احساس هجڻ کپي ته ڪم علميءَ جي ڪري ۽ ڪم لياقت ڪري پڙهيل زال جي اڳيان مڙس هميشه جهڪندو رهندو آهي. ڪنهن به پڙهيل ڇوڪريءَ کي پاڻ کان گهٽ پڙهئي لکئي سان نه پرڻايو: گهٽ هجي ته به برابريءَ جي تعليم وارو هجي، نه ته وڌيڪ هجي. جي اهڙا پڙهيل ناهن ته توهان پڙهائڻ جي ڪوشش ڪريو. اُهو جيڪو پراڻو رستو هو ته پيءَ سڱ ڏيئي ڇڏيندو هو پنهنجي مائٽ ۽ دوست کي، ۽ ماءُ ڏيئي ڇڏيندي هئي ٻي مائٽياڻي، دوستياڻي يا سهيلي کي، اهو هاڻي ڪم نه ايندو. اُهي ننڍپڻ جا سڱ يا ڄائي ڄم وارا سڱ بيڪار آهن. ماڻهو پڙهي لکي بيهي ۽ عورت به پڙهي لکي بيهي، پوءِ اُنهن جي منظوريءَ سان سڱ ٿيندا. اگر سڱابندي منظوريءَ سان نه ٿيندي ته ضرور ’ڪاروڪاري‘ جا ڏکوئيندڙ واقعا ٿنيدا ! افسوس ۽ ڏک پاڙي وارن ک�� ۽ گهر وارن کي ٿيندو، بي عزتي ۽ بدنامي ائين مول پئجي ويندي. سو، هميشه بالغ ڇوڪريءَ جي بالغ ڇوڪري سان شادي ڪرايو. اهو بلوغت کان اڳ جي شادين وارو پراڻو رواج ختم ڪريو. اُهو دستور ۽ رواج اڳئين زماني سان هو: هن زماني سان سوُٽ نٿو ڪري، موافق ناهي ۽ توهان جي صحتمندي لاءِ ۽ اڳتي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ لاءِ نٿو ٺهي. اگر توهان جي خاندان ۾ صغير ٻارن جا رشتا ٿيا آهن ۽ جي هو وڏا ٿي ’ها‘ ڪن ته قائم ٿيندا، ورنه اُنهن کي ختم سمجهڻ کپي. مان عرض ڪيو ته جيڪي به ننڍن ٻارن جا رشتا اوهان ڪيا آهن، سي ختم ٿيڻ کپن. سمجهه ۾ ڳالهه ويٺي؟.........اُن تي عمل به ٿيڻ کپي. هي اُهو حڪم آهي، جنهن تي عمل ٿيڻ کپي. +توهان پنهنجن فيصلن تي عمل ڪندا آهيو، پر پيراڻي فيصلي تي توجهه نه ڏيندا آهيو، جو پير توهان سان سڄو وقت گڏ ته هوندو ڪونهي. هر وقت توهان پنهنجي پاڻ ۾ هوندا آهيو. هُن کي به ڪو جڏهن ٻڌائي، اگر توهان ڪنهن کي ٻڌائڻ ڏيو. هاڻي اِن شيءِ جي مان اُميد ٿو ڪريان ته نه توهان ننڍا سڱ ڏيندا ۽ نه وٺندا. اگر اوهان اُنهن کان پڇندوء ۽ پڇڻ جي ضرورت نٿا محسوس ڪريو، ته اِهي ننڍپڻ جا سڱ ۽ زباني رشتا بيڪار آهن ۽ اڄ کان ختم آهن. +توهان کي معلوم آهي ته سن 1952ع جي 4 فيبروريءَ تي توهان مون کي پڳ ٻڌائي هئي ۽ اڄ 4 فيبروريءَ ۾ ٻه ڏينهن باقي آهن. مون تي به فرض آهي ته مان توهان کي وقت به وقت ٽوڪيندو اچان ۽ اُگرا فيصلا ٻڌائيندو اچان. توهان کي به هن دنيا ۾، هن ماحول ۾، هنن ئي ماڻهن سان، هن ئي ملڪ ۾ رهڻو آهي، ۽ اُنهن جي وچ ۾ اهڙو ٿي هلڻو آهي جهڙا هُو آهن. پر اِن جو مطلب اِهو به ناهي ته توهان چور سان سنگت رکو يا بدمعاش ۽ بري جي سنگت رکو. پر سنگت اُنهن جي رکو، جيڪي نيڪ آهن ۽ صالح آهن، جيڪي توهان کي ڪجهه سيکاري سگهن ٿا ۽ جيڪي توهان کي ڪجهه غور سان ٻڌن ٿا ۽ پنهنجو سمجهن ٿا.ضرور هن اڳئين عيد کان هن عيد تائين توهان پاڻ سڃاتو هوندئو! هاڻ اوهان پنهنجي اولاد جا خير انديش ۽ خير خواهه ٿيو، جيئن رزق حلال ڪمائڻ لاءِ صالح مايون ۽ محنت ڪش صالح اولاد ڇوڪرا نسلن کي اڳتي وڌائين، جو قيامت تائين اوهان قائم ۽ دائم هجو. +اوهان خداترسي ۽ خداپرستي ۾ وڃي وقت گذاريو، مان ۽ مون کان اڳتي جيڪي پير اچن، اُهي ته توهان جي خدمت ۾ اِهوئي عرض ڪن. مون هيستائين توهان سان ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ اڄ ”پهريون“ دفعو ئي ڪئي آهي. مان نٿو گهران ته توهان پنهنجي لاءِ به ۽ منهنجي لاءِ به اِهو سوچيو ته اڳتي منهنجي مشوري تي هلڻ توهان لاءِ بُرو آهي، يا توهان جي اُن ڪارسازيءَ جي ڪري توهان جا نسل بگڙيا آهن. +توهان ذميوار آهيو پنهنجي نسل جي آبادي ۽ اُنهن جي علم جا. توهان جو ڪم آهي رزق حلال ۽ اُن جي تلاش ۽ اُن لاءِ محنت ڪرڻ. هن وقت نوڪريون ملڪ ۾ ڪونهن. جيڪي به توهان اخبارن ۾ پڙهو ٿا، سڀ کيڏ آهي. ڪا نوڪري ڪنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي آهي ئي ڪانه. اگر ڪا جاءِ خالي ٿئي ٿي ته هر جاءِ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ماڻهو پيدا ٿي ٿا وڃن ۽ اُهو خوشقسمت آهي جنهن کي بغير محنت جي پنهنجي ’ميرٽ‘ يا لياقت تي جاءِ ملي ٿي. هن وقت توهان جي ڪمائيءَ لاءِ ۽ رزق حلال جي لاءِ رڳو هڪڙو در کُليل آهي ۽ اُهو آهي پاڪستان جي فوج جو، جيڪو در هر هڪ لاءِ کليل آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ يا اُن کان وڌ لياقت وارو هجي. توهان ڪوشش ڪريو ته جيڪا هاڻي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ٽيم نڪرندي، اُن ۾ توهان پڙهيل لکيل ماڻهو ڀرتي ٿيو. اُتي مراعتون حاصل ڪريو، رزق حلال ڪمايو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪريو. اِها قوم تي ڪا مهرباني ڪانهي. ��اڻ تي فرض آهي پنهنجن ڀائرن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ملڪ کي بچائڻ. سو رزق حلال جي لاءِ توهان اڳتي وڌو. اوهان کان اِها اُميد ٿي ڪجي. جتي نوڪري نٿي ملي، ڪا اُپت ناهي ۽ توهان علم پڙهيو به آهي ته پوءِ ڇو نه توهان اُن علم مان پنهنجي لاءِ ڪو فائدو وٺو ۽ فائدو ڏيو. +بهتر آهي ته سُکيا ٿيو، رزق جي تلاش ڪيو ۽ پنهنجي اولاد کي وڌ ۾ وڌ پڙهايو، خاص طرح سان عورتن کي. اُنهن سان جبر نه ڪريو. اُميد ته الله اوهان کي صحيح رستو ڏيکاريندو ۽ توفيق عطا فرمائيندو جو توهان پنهنجي ڳالهين تي نه، پر بالغ ٿئي کان پوءِ جيڪا ٻارن جي نيت هوندي اُن تي جائز عمل ڪندو. تنهن کان سواءِ اسان ۽ توهان ۾ وڏيرا آهن، جيڪي ڇوڪرين کي حق نه ڏيندا آهن، جائداد جي ڪري اُنهن جو شاديون ڪونه ڪندا آهن ۽ ويهاري ڇڏيندا آهن. ڪي گهڻو گوڙ ڪن ته قرآن شريف ڏيئي ڇڏيندا آهن ته اِن سان تنهنجو نڪاحُ آهي. ڇاڪڏهن قرآن شريف سان نڪاح به ٿيو آهي؟ اِهو ته فقط هدايت جي لاءِ آهي ۽ سڌي رستي ڏيکارڻ جي لاءِ آهي، اِهو جيڪو رستو جنهن ۾ توهان (بنا رضا جي) مڙس ڪري ٿا ڏيو، اُن ۾ اُن جي برعڪس لکيل آهي. جن پنهنجين ڀينرن کي يا ڌيئرن کي ويهاري ڇڏيو آهي سي مهرباني ڪري اُٿارڻ جي ڪوشش ڪريو. جائداد جو حق به جيڪو الله هُنن کي ڏنو آهي ۽ ملڪ جو قانون به اُنهن کي حقدار ڪري ٿو، ته اُهو اُنهن کي حق ڏيو. اِها توهان صاحبن جي وڏي مهرباني ٿيندي، جيئن آئنده مان اُنهن سلسلن ۾ ڪابه شڪايت نه ٻُڌان. +توهان ۾ اِها هڪڙي رسم ٿي وئي آهي، جو نڪاح پئجي ويو ته طلاق نٿا ڏيو ۽ نٿا وٺو. ڀلا جڏهن زال مڙس جدا ٿيل هوندا آهن ۽ ڪڏهن سندن گڏجڻ جو سوال ئي نه آهي ته پوءِ زال مڙس هجڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اگر توهان مڙسن کي ٻي شادي جو حق ڏيو ٿا، بلڪ ٻي، ٽئين، چوٿين جو به ۽ اوهين ائين پنهنجو هلڻ الڳ ڪريو ٿا ته پوءِ زال کي به ٻئي مڙس ڪرڻ جو حق آهي، اوهين پوءِ اُن کي طلاق ڏيئي ڇڏيو. پر اِهو منهنجو مشورو آهي، حڪم نه آهي ته طلاق ڏئي ڇڏيو. هر ڪو ماڻهو پنهنجو فيصلو پنهنجي گهروحالتن، خانداني حالتن ۽ برادريءَ جي حال کي ڏسي ڪري، پر اُهي ماڻهو (جيڪي پاڻ ۾ نٿا ٺهن) سي پاڻ کي هڪٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندا ته هو به خوش ٿي ويندا ۽ مون کي به خوشي ٿيندي، ڇو ته غير ضروري نسب قائم نه آهي. الله جي درٻار ۾ هر هڪ کي پنهنجو حق آهي ۽ جيڪو حق وٺي ٿو سو بدنامي ۽بي عزتي جي باعث کان بچي ٿو. +اڄ مان توهان جو گهڻو وقت ورتو آهي، توهان به مون وانگر بيهي بيهي ٿڪا هوندوء، تنهنڪري مان توهان کي مشورو ڏيندس ته خير سان گهر وڃو ۽ آرام سان رستي تي ڊرائيونگ ڪريو. آرام سان ڊرائيور کان گاڏي هلرايو ته جيئن توهان سڀ حال حيات گهر پهچو ۽ رزق حلال جي تلاش ۾ لڳي وڃو ۽ پنهنجي اولاد کي صالح ڪري اُنهن جي پڙهائي ۽ لکائيءَ مان فائدو وٺو ۽ اُنهن کي فائدو ڏيو. +منهنجون نصيحتون ته ڪونهن: نصيحتون ته مولوين ۽ عالمن جون ٿينديون آهن. منهنجا ته اِهي مشورا يا صلاحون آهن، جيڪي توهان ٻُڌيون. پر اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ صلاح نه، پر ”حڪم“ ڏنو اٿم. اُن جي تعميل ٿيڻ کپي.باري تعاليٰ توهان کي توفيق عطا فرمائيندو. باري تعاليٰ توهان جو رزق ڪشادو ڪندو. جيڪو رستو مان ڏسيو آهي، اُن تي هلندوء ته انشاءَالله! الله تعاليٰ توهان کي عزت ۽ آبروءَ جي زندگي، خوشحاليءَ جي زندگي ۽ خانه آباديءَ جي زندگي نصيب ڪندو. توهان جي اولاد سُڌرندي، لائق ٿيندي ۽ خوش هوندي. توهان کان به خوش هوندي ۽ هڪٻئي کي ملڻ ۾ به خوش ٿيندي، اگر توهان منهنجي صلاح تي هلندوء، مهرباني. (آخر دعا) +گذارش +سنڌي ادبي بورڊ ۽ عوامي خواهشو +سنڌ جي علمي، ادبي ۽ عوامي جاڳرتا وارن سڄاڻ ۽ ساڃهه وند حلقن لاءِ اِهو امر اطمينان جو باعث آهي ته گذريل سيپٽمبر ۾ نئين سر تشڪيل ڏنل سنڌي ادبي بورڊ جي نئين انتظامي جوڙجڪ، بورڊ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي دور رس ۽ ديرپا انتظامي قدمن سان پنهنجي عمل جو آغاز ڪري چڪي آهي، جنهن کي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ وڏي قدر ۽ مسرت سان ڏٺو پيو وڃي. +سنڌ سرڪار پنهنجي فيصلي سان، سنڌ جي وزير تعليم جناب عرفان الله خان مروت کي بورڊ جي سربراهي سونپيندي، اُن لاءِ نئون بورڊ آف گورنرس مقرر ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ مسٽر انعام شيخ کي اداري جي انتظامي واڳ حوالي ڪندي، سيڪريٽريءَ طور مقرر ڪيو، جنهن صاحب 2 آڪٽوبر 2003ع تي پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي. +سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي پهرئين اجلاس (13 جنوري 2004ع) جي صدارت ڪندي مانواري چيئرمين جناب عرفان الله خان مروت چيو ته”بورڊ جي مڙني بحرانن تي قابو پائڻ لاءِ پيش قدمي جاري آهي ۽ نئين انتظاميه اداري کي فعال ۽ موءثر بنائڻ لاءِ ڪافي سرگرم آهي، جنهن سان هر مرحلي تي ڀرپور تعاون جاري رهندو.“ ان طرح اجلاس کان پوءِ پريس بريفنگ ۾ چيئرمين صاحب بورڊ جي سالانه گرانٽ پنجاهه لکن مان وڌائي پنجهتر لک مقرر ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي، جيئن بورڊ جي هڪ اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پيش رفت ٿي سگهي. +بورڊ پنهنجي مذڪوره اجلاس ۾ بورڊ جي سُڌارن لاءِ اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ سان گڏ مالياتي، اشاعتي، آئيني مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ الڳ الڳ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. اِن طرح هڪ طرف بورڊ جي مسئلن کي مستقل طور حل ڪرڻ لاءِ پائدار جتن ڪيا ويا آهن ته ٻئي طرف اُن جي واڌاري لاءِ پڻ موزون اُپائن جو سامان مهيا ڪيو ويو آهي. +سڀني سنڌواسين کي اهو ٻُڌي سرهائي ٿيندي ته سنڌي ادبي بورڊ جي ساک کي بحال ڪري، اُن کي سنڌ جي علمي حلقن جي خواهشن وٽان هر واسي بنائڻ لاءِ جيڪي پُرخلوص ڪوششون جاري آهن، تن ۾ انتظامي ليول تي سڀ کان پهرين بورڊ جي مالي بحران کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ 36 ملازمن کي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ عملي صورت پيدا ٿي چڪي آهي. جنهن لاءِ بورڊ جي عزت مآب چيئرمن جي برجستگي ۽ دُور انديشي قابل صد تحسين آهي. اِنهيءَ قدم سان، مستقبل ۾ بورڊ جي ترقيءَ لاءِ پڪن پختن بنيادن تي گهربل انتظام پنهنجو عملي روپ ورتو آهي. +بورڊ جي نئين جوڙجڪ ۽ انتظاميا جي متحرڪ ۽ فعال سرگرمين ۾ بورڊ جي اشاعتي سلسلي ڏانهن فوري توجهه کي سڀ کان وڌيڪ نمايان ۽ ڳڻپ جوڳو ڪوٺي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هڪ طرف بورڊ جي ٽن رسالن ”مهراڻ“، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي وقتائتي اشاعت کي خاطري جوڳو بنايو ويو آهي. ته ٻئي طرف ڪتابن جي اشاعت لاءِ ڌيان ڏيندي، چند مهينن جي قليل عرصي ۾، بورڊ طرفان 16 ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن. ان طرح هڪ طرف پريس کي رٿابنديءَ سان سرگرم ڪري اُن مان خاطرخواه نتيجن جي حاصلات ٿي چڪي آهي ته ٻئي طرف بورڊ جي شهر ۾ قائم وڪري واري مرڪز(بوڪ اسٽال) کي متحرڪ ڪرڻ سان اُن جي ماهوار آمدنيءَ ۾ اميد افزا واڌارو برپا ڪيو ويو آهي. +هن مختصر عرصي دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ عام انتظامي بهتريءَ لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن، تن جي مذڪوره جهلڪ بيان ڪندي فقط ايترو عرض ڪرڻ مناسب آهي ته اُنهن اُپائن سان بورڊ جي ترقيءَ وارين ڪوششن ۾ ڪاميابيون ملي رهيون آهن ۽ اِهو سلسلو پوري انهماڪ ۽ جفاڪشي سان تاحال جاري آهي. +اها هڪ خوشگوار حقيقت آهي ته سنڌ جا سُڄاڻ حلقا، پنهنجي هن قومي اداري سان اٿاهه پيار ڪندي اُن جي ��روغ لاءِ وڏي دلچسپي سان خواهشمند رهندا ٿا اچن. اِها سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خوشبختي آهي جو بروڊ جي نئين جوڙجڪ ۽ نئين انتظاميه جي مثبت ۽ تعميري شروعات سان، سندن آسُن ۽ اُميدن، اُمنگن ۽جذبن جي پورائتي لاءِ هڪ سُهڻي ۽ سنجيده، ديرپا ۽ مستقل صورتحال پنهنجا وڻندڙ نتيجا ڏيڻ شروع ڪيا آهن. اڄ سنڌ جا عالم ۽ دانشور، اديب ۽ شاعر، محقق ۽ تعليمدان، صحافي ۽ ثقافتي حلقا، بورڊ جي موجوده حوصله افزا ترقياتي سرگرمين کي اطمينان سان محسوس ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي پر خلوص ۽ سرگرم علمي تعاون سان نوازي، اداري لاءِ تقويت جو انتظام ڪري رهيا آهن. اسان سندن ساٿ سهڪار ۽ محبت آفرين قدرداني کي فخر ۽ تشڪر سان محسوس ڪندي اُن کي پنهنجي سرگرمين ۾ واڌاري لاءِ نيڪ فال تصور ڪريون ٿا. + + +سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ترقي پذير صورتحال جي مختصر تذڪري سان گڏ اهو بيان ڪرڻ موزون آهي ته بورڊ جي مستقبل لاءِ ڪيئي اهم رٿائون جوڙجڪ هيٺ آهن. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪجي گهڻو، چئجي گهٽ.“ سو، موجوده انتظاميه جي مسلسل ۽ متحرڪ جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ڪيئي وڻندڙ نتيجا آڏو ايندا. انشاءَ الله العزيز. +”مهراڻ“ بابت +· ان موقعي تي سنڌ جي ڪرمفرما ۽ محسن عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جو شڪريو ادا ڪرڻ پنهنجو بنيادي فرض ٿو سمجهان جن ”مهراڻ“ سان علمي سهڪار ۾ خاص طرح سان واڌارو آڻيندي، پنهنجين تخليقي ۽ تحقيقي جواهرپارن سان نوازي،”مهراڻ“ کي سگهاري بنائڻ لاءِ وڏا ڀال ڀلايا آهن، جنهن جو واضح ثبوت هن پرچي جي هيءَ پيشڪش آهي. سندن علمي تعاون ۾ اڃا به اضافي لاءِ اسان خاطريون تصور ٿا ڪريون. +· بورڊ جي مانواري ميمبر ۽ سنڌ جي قابل صد احترام شاعر سائين امداد حسيني پنهنجي ٻاجهاريءَ رهنمائيءَ سان مهراڻ کي قيمتي مشورن سان نوازي ججهي حوصله افزائيءَ جو انتظام ڪيو آهي. سچن موتين جهڙين سندس تجويزن سان مهراڻ کي جوت ۽ جلا فراهم ٿيندي. سندس وضعدارانه سنجيده رهبريءَ لاءِ لک لائق ! +· بورڊ جي سيڪريٽري محترم انعام شيخ جي مسلسل قدرداني ۽ توجهه، مهراڻ جي وقتائتي اشاعت ۽ واڌ ويجهه جو بندوبست ڪيو آهي. خدا کيس سلامت رکي.نهايت احسانمند آهيان. +· ڀاءُ طارق عالم پنهنجي خوشبودار محبت آفرينيءَ سان مهراڻ جي سرورق کي پُربهار بنائي، پرچي کي ڇُهندڙ سُرهاڻ بخشي آهي. سندس شڪريه ادائي لاءِ لفظن جو محتاج آهيان. +ن.ا.ش +سٽاءُ +شاعري +· شيخ اياز +· امداد حسيني +· شمشير الحيدري +· عنايت بلوچ +· تاجل بيوس +· تاج بلوچ +· سرويچ سجاولي +· وفا ناٿن شاهي +· محسن ڪڪڙائي +· خاڪي جويو +· آثم ناٿن شاهي +· اياز گل +· نصير مرزا +· مختيار ملڪ +· ادل سومرو +· سوز هالائي +· احمد سولنگي +· احمد خان مدهوش +· مقصود گل +· وسيم سومرو +· جلال ڪوري +· فياض چنڊ ڪليري +· ساحر راهو +· ايوب کوسو +· عارف ڀنڊ +· حبدار سولنگي +· بخشل باغي +· مير حسن آريسر +· مختيار گهمرو +· ظهير زرداري +· ملهار سنڌي +· جوهر بروهي +· گل ٽکڙائي +· اسد جمال پلي +· اسحاق سميجو +· روبينه ابڙو +· پشپا ولڀ +· علي آڪاش +· جاويد سوز هالائي +· روشن گهانگهرو +· ابرار ابڙو +· ياسين چانڊيو +· امر اقبال +· علي دوست عاجز +· زبير سومرو +· خليل عارف سومرو +· فياض لطيف +· سڄڻ سومرو +· معصوم بخاري +· خيال سنڌي +· نويد ناز ڀٽي +· بخت عابد +مقالا +1- سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ ”مهراڻ“ جو ڪردار - سراج +2- ويدن جا ويچار، سي سنڌيءَ منجهه سُڻايم- ڊاڪٽر غلام علي الانا +(ساميءَ تي اڀياس) +3- سنڌ ۾ خط نستعليق جو رواج - ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري +(مڪليءَ مان مليل هڪ اهم ثابتي) سنڌيڪار: غلام محمد بُلو +4- فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما - ناصف علي شيراز +5- ”بيان العارفين“ – هڪ عام جائزو - ڊاڪٽر غلام محمد لاکو +6- ميانوال طريقت ۾ ”آزي“ جي اهميت - اميرالنساء مگسي +7- گيت گُلن جا هار هٿن ۾ - سائل پيرزادو +(مير محمد پيرزادي جي گيتن جو فني ۽ فڪري جائزو) +8- مرزا قليچ بيگ جي ”شاهه جي رسالي“ +جو مطالعو - سليم ڀُٽو لطيفي +9- ميان غلام شاهه ڪلهوڙو - انعام شيخ +(سنڌ جو هڪ مدبر حڪمران) +ڪهاڻيون/ ڪالم +1. کِڙيا کٽڻهار - حميد سنڌي +2. اسين رهياسين اڌورا اڌورا - ڊاڪٽر تهمينه مفتي +3. سفر - ايوب عمراڻي +4. هرفن مولا - منصور ٻرڙو +5. پکين جي رات - گبرئيل گارشيا مارڪيز +سنڌيڪار: رفيق سومرو +6. ڊارلنگ - چيخوف +سنڌيڪار: ڄام وقار حسين قادري +v ڄامشورو جي پُل مٿان - الطاف شيخ +v رني ڪوٽ ياترا (رپورتاز) - نصير مرزا +آديسي اُٿي ويا…! +1. علي احمد بروهي - ماهتاب محبوب +2. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي - نذير قاسمي +3. شيخ محمد اسماعيل - خان محمد جروار +4. ڊاڪٽر شمس سومرو - سڄڻ سومرو/لطيف نوناري +v سارڪ رائٽرس ڪانفرنس لاهور +”سدائين گڏ…!“ - سحر امداد +تبصرا +1. انسان جي تاريخ - ولي رام ولڀ +2. مخدوم بصرالدين رح جي سوانح ۽ رسالو - ن. ا. ش +3. نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون - زبير سومرو +4. محمد عثمان ڏيپلائي - ن. ا. ش +5. ايلڪيمپو، سنڌ ۽ انعام - سهيل ميمڻ (آمريڪا) +شيخ اياز +وايون +(1) +هي جيڪي برسات ۾ سِڪا ٿا چمڪن، +آڌيءَ رات اَروڙ ۾. +جن تي جهُڙ جي جهاڳ مان سِتارا جهمڪن، +آڌيءَ رات اَروڙ ۾. +ڄڻ ڏورانهين ڏيهه ۾ ڏياٽيون ٽمڪن، +آڌيءَ رات اَروڙ ۾. +پوئين پَهر پهاڙَ تي ڇڻَ ڇَڻ ٿا ڇِمڪن، +آڌيءَ رات اروڙ ۾. +(2) +امڙ! تنهنجا ڪوڪلا، منهنجي لاءِ نِلا پَلا، +مون کي وسرن ڪينڪي! +سانوڻ جي آڪاس ۾، تارا يا ڪي مُرمِلا، +مون کي وسرن ڪينڪي! +ٻاروتن ۾ کوهه تي، ٻايون، سينُهن تي دِلا، +مون کي وسرن ڪينڪي! +۽ هو جيڏيون جوءِ جون، جن جا گهگها گَهرِگهلا، +مون کي وسرن ڪينڪي! +(3) +لڙڪي مٿي لامَ، تو ڪهڙا وِسرام؟ +توتي جهاتيون چنڊ جون! +آيا اُتر اوٽ ۾، پکين لاءِ پيام، +توتي جهاتيون چنڊ جون! +جهونجهڪڙي جي جِيءَ ۾، ناهي جوتِ اُجهامَ، +توتي جهاتيون چنڊ جون! +اندر آکيري لڪا، اوڙي سڀُ اُڏامَ، +توتي جهاتيون چنڊ جون! +توکي جاڳائي پئي، لُڏي ڪائِي ڪَام، +توتي جهاتيون چنڊ جون! +(4) +تو وٽ ڪيڏا ڍيرَ، +مون وٽ ڪاسو ڪينڪي. +مُرڪي دَن ڏسي پيو ڪيئن نه ڀنيءَ ويرَ! +مون وٽ ڪاسو ڪينڪي. +پورهئي ايءَ به سمجهيا ڀلائيءَ جا ڀيرَ، +مون وٽ ڪاسو ڪينڪي. +ساري بَٽئي ويو کڻي، وڃي ٿا خيرَ! +مون وٽ ڪاسو ڪينڪي. +وَٺان نيٺ وياج تي، هيءَ ته منهنجي هيرَ! +مون وٽ ڪاسو ڪينڪي. +تو به وڏيرا ڪي سُئا ڀنيءَ جا ڪي ڀيرَ؟ +مون وٽ ڪاسو ڪينڪي. +(5) +ڀيڄَ ڀِنيءَ ڀُڻڪار، +ڪائي ڪنڊيءَ ڪامَ تي؟ +تون ڇا ٿو سمجهي هِتي، ڳيري جي ڳُٽڪارَ! +تاءُ وڌي ويو سج جو، اُس وڌي اوڀارَ، +پو ڀه ڪٿي ڏسجي پئي ڇانورڙي ڇَٽڪار، +ساڳي پکيءَ ٻولڙي ڄڻ ڌرتيءَ کان ڌار! +ڪائي ڪنڊيءَ ڪامَ تي؟ +(6) +ڏِيئو ڏيکاري، +وڃي پيو واهڻِي. +سوٽي ماري سَپ کي اڳتي نهاري، +وڃي پيو واهڻيِ. +هي واٽهرو ڪيرُ آ سوچيو سِتاري! +وڃي پيو واهڻِي. +جنهن جا پيرُ ڍَڪيا پئي چنڊَ جيان کاري! +وڃي پيو واهڻي. +غزل +(1) +هو ڪيڏا سانگ رچائن ٿا، پَل ڄار رڳو هو پائن ٿا! من پنهنجي کي ڪنهن شوڪت يا ڌن دولت تي هرکائن ٿا! +ٿي هر ڪنهن کي ڄڻ خاڪ سڏي ڪيڏا نه ڪري ٿي واڪ سڏي! ميڙو نه متو ٿو ڪوبه ڇڏي هُو ڪو پل سڏ لنوائن ٿا! +ڪا ٺيس نه ڏي تون ماڻهوءَ کي آسيس چڱي آهر ڪنهن جي، ڪئن چئجي ڪو پل ڪيئن هجي، پر مورک ڪونه لکائن ٿا! +ڇو سک جو ساٿي آنهن رڳو اچ مون مان ڏک جي ڏاهپ سک! مون لاءِ اَمر انسان اُهي جي پنهنجو پاڻ ڀُلائين ٿا. +مون کي نه لڳي هي ڳالهه چڱي ڏاتار وٽان تو ڏات مڱي، ٿي ڪيئن پکين کي لات ملي هو ڪونه پڇن ٿا، ڳائن ٿا! +هاڻي به ’اياز‘ ڏسان ٿو مان سي ڳڀروءَ ساريءَ سنڌ مٿان، جي تنهنجا پير چمن بيٺا، جي توکي ساهه سمائن ٿا. +(2) +ٿو مالهه جيان آڪاس ڦِري ۽ کوهه گِڙي ٿو تارن جو! پو نور وهي ٿو نيسر مان ٿي گيت وساريل پيارن جو! +ڇا پاڻ ڇڻيا يا هُن ڇاڻيا گل ڪالهه ٽڙيا جي خوابن جا، اقرار پرينءَ جا ڪيئي ها، ٿو آنءُ پڇان انڪارن جو. +ڇَت ساريون راتيون ٽپڪي ٿي اک هيل نه پل لئه جهپڪي ٿي، برسات ته ڀرجي آئي آ، پر خير نه آ پنهنوارن جو! +هي واٽ وڃي ٿي ناري جئن، سو واڳو جنهن ۾ ڀرجي ويا! ڌڻ ڌوڙ اُڏائن ٿا ويندي، آ پڌرو ڊپ ڌنارن جو. +تون ئي چئو توکي ڊوهي آ،هي ڏيهه سڄو ئي ڏوهي آ، ڇا راجا جو ڇا پرجا جو، تون پڇ نه ڪجهه پرڪارن جو! +هر ڪنهن سان ڌوڪو ٿيو آهي، ڪنهن ڪنهن جو ٻوڪو پيو آهي، ٿا هر هر ويري ورت ڇڪن، پا ٿيڻو آ تو پارن جو؟ +(3) +سو وقت به اچڻو آ ساٿي! هي خواب حقيت ٿي ويندو، جذبات ائين اُڀري ايندي هر حرف قيامت ٿي ويندو. +هي ٿنڀا ٿوڻيون ڦاهيءَ جا رهندا نه وڏيري شاهيءَ جا، ڪو آزاديءَ اِشارو ڄڻ هي لفظ ’سياست‘ ٿي ويندو. +ڪا سُهڻي ڪو ميهارُ ٻڏو پر پار هزارن ۾ ويندا، درياهه جڏهن دَڙ لاٿا پو هو سارو دهشت ٿي ويندو. +جنهن وقت به نڪتي سج ڪني، ٿي پنهنجي چانديءَ جيئن ٻني، ورُ ساريندو آ جيئن وني انسان محبت ٿي ويندو. +دنيا تي ”اياز“ ڦري پيئي ڏس! ڏس! ديوار ڪِري پيئي! هي رنج ته سارو سپنو آ ۽ آخر راحت ٿي ويندو! +(4) +ڇو جاڳيو آهين ننڊ منجهان، هاڻي ته لِکي اک لاتي تو! هي ڪهڙي ڳالهه جتائين ٿو ائن جيڪا اَڌ ۾ ڳاتي تو؟ +اِئن پل ۾ تون ڪيڏانهن وئين جيڏانهن ستارن ميڙ آيا، ٿي توکي ڪيڏا ٿيڙ آيا ڇو رات ڪَٽي مڌ ماتي تو؟ +تون آنهه اُتيئي، اِئن ته نه آهي پنڌ سمورو سپنو هو! ٿو روز وڃين ڪيڏانهن، مگر ڇا پنهنجي راهه سُڃاتي تو؟ +ڇا سپنا سَارا لڪ هيا، هي جوٺا جهولا جهڪ هيا، پر تون سمجهين ٿو پڪ هيا؟ ۽ سچ پچ منزل تاتي تو؟ +هي راڳ هيو ويراڳ هيو، جيڪي هو تنهنجو ڀاڳ هيو، هي پنڌ به تنهنجو ماڳ هيو، جنهن لاءِ ڇڏيا گهر ڀاتي تو؟ +هي جهونجهڪڙي ۾ ڏس پنڇي جي سڀ کان اڳ ۾ اُڏرن ٿا، ڇا لاءِ ’اياز‘ سُتين هاڻي ڳاتي ته پئي پرڀاتي تو؟ +امداد حسيني +سفر! Suffer +وڃي پئي تيز گام +پوءِ تيز آهه يا ناهه +سا ته هِن کي خبر نه آهي +مگر سندس ذهن ريل جي ٻن پٽن جو محتاج ڪونه آهي +اهوته پل ۾ الاءِ، ڪاٿي رسي وڃي ٿو +اُتي جتي خيرپور نگر آهه +اُن ۾ هڪ ميرواهه آهي +اُنهيءَ ۾ پاڻي الاءِ آهي الاءِ ناهي +اِها ته هِن کي خبر نه آهي +مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي +ته اُن جي ڪَڙ تي +اُها عمارت اڃا به آهي +مگر اُتي ناهه هاڻ ”تنوير“ يار پنهنجو +۽ يار تنوير کان سوا خيرپور لڳي ايئن جيئن ڪوئي گلاب گلدان ۾ سجايل بغير خوشبو! +بقول تنوير يار ’خوشبو ته آهه آزاد‘ ڪنهن به گلدان ۾ ڪڏهن قيد ڪانه رهندي +ڪوي به ڪنهن ديس لاءِ خوشبو جيان ٿين ٿا +سدائين خوشبو جيان ئي آزاد هو جين ٿا +۽ پنهنجي ساهن جي هير ۾ ماڪ پاڪ لڙڪن سندي پين ٿا +۽ مُرڪندا مُرڪندا تڏهن شعر ڏيهه پرڏيهه کي ڏين ٿا +اُنهيءَ سمئه هانءُ هِن جو هٻڪارجي وڃي ٿو +۽ کن اَکن کيس اينءَ لڳي ٿو ته سنڌ ساري سڳنڌ آهي! +۽ هن جي من جي ستارن جي تارَ ساز بڻجي ڇڙي پوي ٿي +۽ ذهن جي آسمان تي ”هُن“ جي شڪل چوڏهينءَ جو چنڊ بڻجي کِڙي پوي ٿي! +اُنهيءَ سهائي انهيءَ سڳنڌت مڌر سمئه کيس اِينءَ لڳي ٿو ته هِن جو سارو وجود ڄڻ آرسيءَ جيان آهه صاف شفاف ڍنڍ نيري! +۽ هوءَ اُن ڍنڍ ۾ گلابي ڪنول جيان ئي ٽڙي پوي ٿي! +وڃي پئي تيز گام +۽ ڦهلبي وڃي رات دور تائين +۽ هي ڏسي ٿو هِن جي پيرن ۾ آهليل هڪ فقير، اُٿي ٿو +وَٽر سَٽر هڪ فقيرياڻي ڳڀو کڻي آئي آهه اُن لئه +۽ چانهه وارو لنگهي وڃي ٿو +ته بوتلن وارو ٿو اچي +۽ جڏهن وڃي ٿو ته هڪڙي عورت پريان ڪٿان ٿي اچي ۽ هِن سان ٻُنڊڻ گسائي لنگهي وڃي ٿي +۽ هُو به سگريٽ ٿو دکائي ( ته ڪير ماچيس ٿو گهريس ۽ وَٺي ٿو سگريٽ اُو دکائي) +ٻه چار سُوٽا ئي مس هڻي ٿو ته ساڳي عورت وَرِي وري ٿي +ٻُنڊڻ گسائي لنگهي وڃي ٿي +پريان وڃي برٿ تي چڙهي ٿي +۽ هن ڏي هڪڙي نهار اُڇلاءِ، شال اوڍي سمهي پوي ٿي، ته جهٽ رکي کونگهرا ٿا جاڳن! +فقير مانيءَ ڳڀو ڳهي آهلي پوي ٿو +فقيرياڻي پنڻ لڳي ٿي +ته چانهه وارو وري اچي ٿو +جڏهن وڃي ٿو ته بوتلن وارو ٿو اچي +ٽيشڻون اچن ٿيون +لڳو پيو آ مسافرن جو لهڻ چڙهڻ ۽ چڙهڻ لهڻ +هي سفر هيو يا Suffer هيو؟ +سا ته هِن کي خبر نه آهي +(اِئين به آهي ته زندگي آهه ٽرين وانگر +وڄي پئي ٽيشڻون ڇڏيندي +ڪٿي بِهي ٿي +نه ٿي بِهي ڪٿ +جتي بهي ٿي- اُتي مسافر لهن چڙهن ٿا، چڙهن لهن ٿا +۽ زندگي ٽرين جنءُ اَڄاتي سفر /Suffer تي روان دوان ٿي رهي سدائين! +ٽڪيٽ آهي +ٽڪيٽ ناهي +انهيءَ جي پرواهه ڪانه آهي!) +”ٽڪيٽ“ ٽيٽي اچي وڃي ٿو +ٽڪيٽ جنهن وٽ نه آهه سو ويل ۾ اچي ٿو +ٽڪيٽ چيڪر جي مُٺ ۾ ڏوڪڙ ڏئي ڪرائي ٿو جان آجي +”سلام!“ مخصوص مُرڪ مُرڪي فقيرياڻي مٿو کنهي ٿي – رَئو اُرهه تان لهي وڃي ٿو +ڀِرون ويو تائجي، تڙيءَ سان ٽڪيٽ چيڪر چئيس ٿو”او- ٽڪيٽ!“ +مخصوص مُرڪ مُرڪي فقيرياڻي مٿو کنهي ٿي، رئو ڍڪي ٿي +ٽڪيٽ چيڪر هليو وڃي ٿو +فقيرياڻي به اُن جي ڪَڍ ڪَڍ هلي وڃي ٿي +فقير پهرين اُٿي ڏسي ٿو، ۽ پوءِ مُونن ۾ منهن وجهي ٿو ڇڏي ۽ هلڪو ڏڪڻ لڳي ٿو +۽ پوءِ پَٽ تي ڪرونڊڙو ٿي ڊهي پوي ٿو! +وڃي پئي تيزگام +پوءِ تيز آهه يا ناهه +سا ته هِن کي خبر نه آهي +مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي +ته ريل جون هي تمام سيٽون Reserve آهن +Reserve سيٽن ۾ سنڌ لئه ڪابه سيٽ ناهي، +تمام پنجاب لاءِ مختص +۽ سنڌ لاءِ ليٽرن وٽ فقط بِهڻ لاءِ جاءِ آهي +۽ هي اُڀي ڳاٽ آهه بيٺو +ءِ ياد ”هُن“ کي ڪرڻ لڳي ٿو! +وڃي پئي تيز گام اڳتي +۽ ذهن پٺتي ورڻ لڳي ٿو +۽ کن اَکن ۾ الاءِ ڪاٿي رسي وڃي ٿو +اُتي جتي ”هوءَ“ آهه، جنهن جون اکيون سکيون ٿيون لڳن – ۽ ڳالهيون +ڳڻن ڀريون +رنگ انگ ۽ +انگ رنگ جنهن جا! +گلن ۾ جيڪا گلاب آهي +رُتن ۾ جيڪا بهار آهي +نشن ۾ جيڪا شراب آهي +تمام بي اعتبارُين ۾ اُهائي هڪ اعتبار آهي +تمام تر بي قرارُين ۾ اُهائي وجهءِ قرار آهي +اُهائي ڪوتا +اُهائي پوڄا، +اُهائي هِن لاءِ پيار آهي! +وڃي پئي تيزگام – سڀڪجهه پٺيان ڇڏيندي +وري به سگريٽ ٿو ڪڍي، پر نه ٿو دُکائي- رڳو چپن ۾ رکي ڇڏي ٿو(ائين هجي ڄڻ ته دانهن ڪائي!) + + +وڃي پئي تيزگام – ٽيشڻ لنگهي وڃي ٿي – نه ٿي بِهي تيزگام - ۽ فاصلا الائي +کٽن پيا يا وڌن پيا +يانه ڪو کٽن ٿا نه ڪو وڌن ٿا! +اِها ته هِن کي خبر نه آهي +مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي +ته ”هوءَ“ اکڇنڀ جيترو فاصلو به هِن کان پري نه آهي +”اُها“ ته شهه رڳ ڪنان به هِن کي قريب آهي +نه اپسرا ۽ نه حور آهي +چوڻ ۾ ماڻهو ته آهه ليڪن عجيب آهي +ٽڙن جڏهن ٽهڪڙا ”سندس“ ٻن ڀريل، لِپ اسٽڪ بنان گلابي رَسيل چپن تي ته مڌر روپيون ٽَليون وڄن ٿيون +جڏهن ”سندس“ ري ڪجل ئ�� ڪاريون اکيون کڄن ٿيون +(2002-1-31) +شمشير الحيدري +حمد +هُو ئي هوُ، حق، هُوئي هو! +ازل حقيقت، ابد حقيقت، حال حقيقت – هُو ئي هُو، +وحدت اندر ڪثرت وارو خيال حقيقت – هُو ئي هُو، +وڻن ولين ۾، گلن ڦلن ۾، ڪک پن اندر هُو ئي هُو، +مٽيءَ پاڻيءَ، سورج چنڊ ستارن اندر هُو ئي هُو: +هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُو ئي هُو. +ماڻهن پکين حيوانن جي ساهن اندر هُوئي هُو، +ڪاري ڳوري، شاهه گدا، جي روپن اندر هُو ئي هو: +هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو. +مسجد مندر گرجا اندر هُو ئي وسي ٿو، هُو ئي هُو، +محلن جهُوپن منجهه سراسر هو ئي وسي ٿو، هُو ئي هوُ: +هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو. +تاجل ”بيوس“ +غزل +طوفان، باهه، مٽيءَ، اوندهه جو سلسلو آ، دل ذهن ٻئي ڌڏن ٿا ڪهڙو هي زلزلو آ؟ +تُنهنجي ئي هن شهر ۾، منهنجي هيءَ دل جي بستي، توکان فتح ٿي ويندي، ديبل جو هي قلعو آ! +ڪهڙيون ابد ازل جون پيون منزلون پُڇين ٿو؟ منهنجو ته دم الستي، درياهه دادلو آ. +ورندو وٿاڻ پنهنجي، سنڌوءَ جا بند ٽوڙي، مون کان پڇي ٿو ناصح، ڪنهن جو هُو قافلو آ. +بم، گئس، تيرَ، ڇُرا، رت ڇاڻ جا وسيلا، ماڻهن جي هِن دنيا ۾، ڪهڙو هي ٿرٿلو آ؟ +رنگ روپ مان لڳي ٿو، ڀيلو گهڙو آ ’بيوس‘ اِن کان ڀَڄي پري ٿي، سُهڻيءَ جو هي دِلو آ. +”عنايت“ بلوچ +غزل +انسان پاڻ تي جي مهربان ٿي پوي، +هر درد بي پناهه جو درمان ٿي پوي. +جي ناز جي نگاهه جو احسان ٿي پوي، +جيون جي رنگ روپ جو امڪان ٿي پوي. +هن جي هجڻ سان سُونهن ۽ سرهاڻ هر طرف، +سنسار هن بغير ٿو سنسان ٿي پوي. +ٿو ڪير ڪنهن جي واسطي جهوريءَ جهڄي جلي، +مطلب لئي هر ڪو اڄ ٿو پريشان ٿي پوي. +مذهب ۽ رنگ نسل جا ويڇا وڃن هليا، +انسان ذات شل وري انسان ٿي پوي. +انسان جو ضمير جي بيدار ٿي پوي، +ڪيڏو نه ڪائنات تي احسان ٿي پوي. +دلدار اوچتو جي ’عنايت‘ ڪري اچي، +برپا بدن ۾ لطف جو طوفان ٿي پوي. +تاج بلوچ +غزل +هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان، +سپنا ساڀيا نه ٿيا، پاڻ جي پلڪن تي سجايا جانان! +جيڪي ٽانڊاڻا سيهه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان، +محض اُهڃاڻ جيان، هاڻ سي ڳڻجن ٿا ستارا جانان! +هاءِ، اونداهه غفائن ۾ نڌڻڪا ٿي مُئا ها جيڪي، +وس ويرين جي ٿيا، تن جي نصيبن جا وسيلا جانان! +نينهن بي باڪ به هو، سُرت جي تهمت کي نه سهسائي سگهيو، +موه تنهنجي ته مگر هن کي وڏا ناز کڻايا جانان! +ڳوٺ تنهنجو ته پري ناهه، پري ناهه، پري ڪو ايڏو، +تنهنجي شهرت جي حوالي کان ڏکيا سارا حوالا جانان! +پاڻ آدابِ محبت جي طريقن کان شناسا به ڪٿي، +تنهنجي پاٻوهه ئي سيکاريا اسان کي ته سليقا جانان! +فوقيت عشق ۾ سورن کي ڏني پاڻ سدا ’تاج بلوچ‘ +سک جيڪي به مليا، تنهنجي ئي صدقي ۾ سمورا جانان! +سرويچ سجاولي +غزل +تنهنجي اکين جي اڳيان، هرڻن جون اکيون هيچ هيچ، +مون ڏٺيون ڪنهن پر نه ٿيون، ڀيٽ ۾ سي ڀيچ ڀيچ. +جن به جن سان ٿيون ملن، تن ماڻيا ڪي مرتبا، +ويا اوهان سان تن جا پئجي، پيچ تي ڪي پيچ پيچ. +جنهن به پاسي ٿيون کڄن، سُرمي گڏيل سي سانوريون، +تنهن طرف سانوڻ سُڪار،۽ ڪک پن جا ڪيچ ڪيچ. +ماڻڪيون محبوب تنهنجون، بي مثل ۽ بي نظير، +مٽ نه تن جو ڪٿ ملي، هي ملڪ سارا ميچ ميچ. +مرگهه آهُو جون اکيون، يا نرگسي ڪي نيڻ ٻيا، +ڪابه قيمت ناهه تن جي، ڀل کڻي ’سرويچ‘ ويچ! +”محسن“ ڪڪڙائي +غزل +منهنجي چاهت کان بي خبر ناهي، +ها، مگر منهنجو همسفر ناهي. +حُسن ڇو عالمي ڳُجهارت آ، +فلسفيءَ کي به ڪا خبر ناهي. +عقل چُپ آهه سُونهن جي آڏو، +هِي ته انسان جو اثر ناهي! +ڪير اُن ڪونج کي سنڀاليندو، +جنهن کي پنهنجو ڪو وَر ۽ گهر ناهي؟ +صاف دل جو، سچو، کرو ’محسن‘ +هُن جي مَن ۾ اگر- مگر ناهي. +”وفا“ ناٿن شاهي +غزل +تير کائي به مُسڪرايون پيا، +تير انداز سان نڀايون پيا. +ايڏا آهيون ڊنل انڌيرن کان، +ڏينهن جو ڀي ڏِئا جلايون پيا، +ايترو شور ٿي پيو آهي، +هڪ ٻُڌون پيا ۽ ٻي ٻُڌايون پيا. +پنهنجي لڙڪن جي آبشارن ۾، +حسرتن جو لهو وَهايون پيا. +پيار جا پَل ڏئي عداوت کي، +وقت جي عاقبت وڃايون پيا، +صرف قبن تي گُل ڇٽيل آهن، +صرف مُردن کي هار پايون پيا. +نيڻ آلا ۽ چَپ سُڪل آهن، +ظلمن جو داستان سُڻايون پيا. +بيوفا ۾ رکي وفا جي اُميد، +پيار جو فلسفو لڄايون پيا. +پنڌ آهي پري مُحبت جو، +صرف ڳالهيون ڪيون اجايون پيا. +زندگي موت کي وڃي پَرتي، +دوستو! هاڻ موڪلايون پيا. +ايڏو معصوم ۽ حسين آ هُو، +پاڻ کان ڀي وفا! لِڪايون پيا. +”خاڪي” جويو +غزل +نيهن جي نينڍ تي نيڻ روئين پيا، +ڳل تي ڳانيون لُڙڪ پوئين پيا. +ٽُوهه جهڙي ڪڙي ٽهڪ ۾ ويڙهجي، +زندگيءَ جو زهر ذهن ڍوئين پيا. +ڏُک جي ڏار تي ڏات وارا چڙهي، +سوچ ٽاريءَ جا سُر سوئين پيا. +ڪات جي وات ۾ ڪنڌ ڪونڌر وجهي، +لِڱ ڳاڙهي لهوءَ منجهه لوئين پيا. +ضيا جي کار خاڪي وجهي کُنڀ ۾، +درد جي ديڳ ۾ داغ ڌوئين پيا. +”آثم“ ناٿنشاهي +وائي +منهنجي وئي کان پوءِ، پرين! +ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟ +ساعت ساعت مَهل ڪُمهلا- +راتيان ڏينهان اوءِ پرين! +ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟ +لوءِ ڇڏي هيءَ تُنهنجي، جڏهن- +ويندس مان ٻيءَ لوءِ پرين! +ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟ +ڳولڻ سان به نه مون جهڙو ٻيو- +ملندءِ ماڻهو ڪوءِ پرين +ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟ +هير پئي ٿي هيڪاندي پَر- +آثم ڄاڻ ويوءِ پرين! +ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟ +نصير مرزا +غزل +ڄڻ گلاب پنکڙي، +صبح ويل زندگي. +هير ڌير پير کنيا، +پرهه جي هوا گهُلي! +واٽ واٽ گهاٽ تي، +چهَل پهل ۽ خوشي، +ڳوٺ ماهتاب جو، +مون ڏٺو گهُمي ڦري! +کوهه نار، لوٽيون، +نينگريون ۽ دلبري. +سرتين جي سَٿ ۾، +هوءَ ڄڻ ته جَلپري! +ڀَر منجهان لنگهي جڏهن، +لوڪ گيت جان لڳي. +ڪنهن چيو پئي هورڙيان، +ڄاڻ سانجهه ٿي وَئي. +سج جي سُمهي رهيو، +رات پيئي جاڳندي! +اياز گل +غزل +ماڻهو جيڪي قرار چاهن ٿا، +زندگيءَ کان فرار چاهن ٿا. +هُو جي چاهن ٿا نفرتون هردم، +هر محبت ۾ ڏار چاهن ٿا. +پيار جي لاءِ ڀي ائين سوچن، +ڄڻ نئون ڪو شڪار چاهن ٿا. +درد، دل ۾ اچن ٿا ائين، جيئن، +نينهن ۾ ڪو نکار چاهن ٿا. +نيڻَ، منُ، خوابَ ڏاڍا ظالم هِن، +ڪو پرانهون ئي پار چاهن ٿا. +منهنجي دل کي اچي لڳا آهن، +روڳ ڀي روزگار چاهن ٿا. +نيڻ ٿڪجن ٿا، جنهن گهڙيءَ، سامهون، +صرف تنهنجو دوار چاهن ٿا. +چپ منهنجا، هي لفظ، شعر سڀيئي، +سنڌ! تولئه سُڪار چاهن ٿا. +مختيار ملڪ +غزل +توکي ڏسندي هاڻي ويٺو هي سوچيان ٿو آئون، +سپنن کان وڌسهڻيون آهن ساڀيائون. +ماڳ ماڳ تي مات ملي ۽ موڙ موڙ ماٺار، +پوءِ به دل ڊٺل شهر تي جرڪن آشائون! +تصويرن ۾ ويجهو ويجهو، پري پري پر هونئن، +دوکو لئينس سمورا آهن، ڪوڙيون ڪئمرائون! +ٻري ٻري جيئن لالٽين جو ڪارو ٿي ويو ڪائو، +پنا ڪري ائين ڪارا سارا، چمڪن رچنائون. +جن هٿڙن هو ڀاڳ جي لئه گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو، +ڀاڳ سڀاڳ جون اُنهن هٿن تان مٽجي ويون ريکائون. +طوفانن جو وير آ ڪهڙو، منهنجيءَ دنيا سان، +مون کي وکيري وينديون آهن، اڪثر تيز هوائون! +ادل سومرو +آخري مشورو +نينگري! تون جي ٻُڏي هن نيهن ۾، +مينهن ۾ نڪتي تون آهين گهر منجهان، +۽ در منجهان، تُنهنجي پٺيان ڪا نهار، +دور تائين تُنهنجو پيڇو ٿي ڪري، +ڄڻ ٻري تي آڳ ڪائي ج��نگ ۾، +ڄڻ ته توکي ٿي چئي، تون ڪين وڃ، +مڃ نه مڃ پر ڪي گهڙيون ترسي اُتي، +درد تنهنجو آ جتي، ڪجهه سوچ تون، +ايئن نه ٿئي جو عاشقيءَ جي رنگ ۾، +تون وساري واٽ ڪِٿ رُلجي وڃين، +ڀُلجي وڃين، رستو پرينءَ جي پارَ جو، +هار جو اِن ۾ نڪو ارمان آ، +پر اِهو امڪان آ، تنهنجو متان، +پيار تان، ويساهه نه اُڏري وڃي، +خواب تنهنجا جي پيا ٿڪجي ڪٿي، +دل ويچاري دربدر ٿي جي وڃي، +پوءِ جي پڇتاوَ کان بهتر آهي، +ڪي گهڙيون ترسي اُتي ڪجهه سوچ تون، +سوچ سياڻي، او نماڻي نينگري! +احمد سولنگي +غزل +سپنا حساس آهن، اکڙيون اداس آهن. +هو دور دور هوندي، هو آس پاس آهن، +سامهون شراب ۽ هي، هرڻيون هِراس آهن. +اي قيس! اوڍ تنهنجا، صحرا لباس آهن. +اُڃ اُڃ اُساٽ منهنجي، ساگر پياس آهن. +ڪينجهر ڪڏهن نه سوچيو، نوريون نراس آهن. +ڪي مهربان ماڻهو، منهنجي شناس آهن. +عيسيٰ اڳيان اي مريم! ٽُڪرا ٽياس آهن. + + +”سوز“ هالائي +وائي +پلپل تنهنجا پن، ڇڻيو پَٽ پون، +سرءُ رُت جي واءُ ۾! +نٽهڻ اُس جي تاءَ ۾، سُڪيو سوڪ ٿين، +سرءُ رُت جي واءَ ۾! +موسم مٽائي ڇڏيا، سارا ويس ورن، +سرءُ رُت جي واءَ ۾! +آکيرا اُجڙي ويا، پنڇي ڪٿ ويهن، +سرءُ رُت جي واءَ ۾! +ڪيئن پل تو وٽ گهاريا، مون سان محبوبن، +سرءُ رُت جي واءَ ۾! +ڇا لئه منهنجي ڇانءَ ۾ رهيو واس نه وَن، +سرءُ رُت جي واءَ ۾! +وري جوڀن تنهنجو اکيون شال ڏسن، +سرءُ رُت جي واءَ ۾! +احمد خان ”مدهوش“ +غزل +ڦِرُ فضائن ۾ نه آواره هوائن وانگر، +ڳول محبوبن کي گمنام گدائن وانگر. +جنهن جي درشن جي تلاش آهه مسافر توکي، +سو خدا ناهه زماني جي خدائن وانگر +پنهنجي هستيءَ جا وڳا ويس ڪپي ڪوري، +ليڙون ليڙون ٿي فقيرن جي قبائن وانگر. +وڌ مجازيءَ کان حقيقت جي طرف ڏي تڪڙو، +ڀل ته بيٺا ئي هجن زلف بلائن وانگر. +چئي ”توڪلت عليٰ الله“ جو ڪلمو مدهوش، +ڪر وفا پنهنجي کي مشهور وفائن وانگر. +مقصود گل +غزل +سرءُ اندر ۾ بهار چهرو، عجيب موسم کنيون وتئون ٿا، +کلئون ملئون ٿا مگر اکين ۾ هزار آگم کنيون وتئون ٿا. +نظر گلابي ڏسي ته دل ٿي، رباب ڇيڙي ثواب سمجهي، +دکم دکم ته به سرور سمجهي،سرود سرگم کنيو وتئون ٿا. +حُسين جو غم سرير ۾ آ، دکي دکي دل جهڄي پوي ٿي، +عَلمُ قلم جو بلند آهي، نگاهه پُرنم کنيون وتئون ٿا. +نشو نظر جو نظر ۾ آهي، اکين مان اوتي پيئون، پيئاريون، +خمار مئي جو لٿو نه آهي، دليل دم دم کنيون وتئون ٿا. +حريص محفل نه راس آئي، عميق الفت رکئون اکين تي، +گلن سان پنهنجي عجيب عقيدت، شفيق شبنم کنيون وتئون ٿا. +محبتون جو ونڊي ورهائي، اهو اسان جي ونين ۾ ويهي، +ڪدورتن کي ڪٽي هميشه، پيار پيهم کنيون وتئون ٿا. +اکين ۾ سنڌو، اندر ۾ آتش فشان دک جو ڌڄي پيو ٿو، +دکن سکن جو اندر ۾ پنهنجي عجيب عالم کنيون وتئون ٿا. +اکين رکي ’گل‘ چمون گلن کي، گلن مثل ٿا وفا ورهايون، +ڀلي هوا کان پڇي ڏسي ڪو، هڳاءُ هردم کنيون وتئون ٿا. +جلال ڪوري +ڪافي +’الانسان‘ جي ٻولي ٻولي، +راز ڇڏيا سڀ رانجهن کولي! +عشق مان ساري جوڙ جوڙيائين، +ڳجهه لڌو ڪن ڳولي ڳولي، +تون تون مان مان وسري ويئي، +آيا جڏهن عشق جي اولي. +’سبحاني ما اعظم شاني‘، +عشق ٿو سارا راز اُکولي. +حق ٿو ’اناالحق‘ چوائي، +دنيا ڀُلجي وئي ڪنهن ڀولي! +وسيم سومرو +غزل +گل ڦُٽن پيا اکين مان اڃا پيار جا، +رنگ آهن اُجهاڻا نه سنسار جا. +او مِٺي! مُرڪندڙ نيڻ پنهنجا کڻي، +ڪجهه ته انداز ڏي سُونهن سينگار جا. +نيٺ ڪهڙو سفر، هُو پَريان پيو سڏي، +ورق سارا ٺپي، جيت ۽ هار جا. +روشني هيءَ اُڏاميو اچي پئي ڪٿان، +وار کوليا وري ڇا سکيءَ سار جا. +تون به سُر جي سفر ۾ ڏيئو ٿي ٻرين، +رنگ تون جي ڏسين تڙپندڙ تار جا. +چنڊ مُرڪي مڇيءَ جيئن ڏٺس پئي مٿان، +ڪنهن مُهاڻيءَ ڇڪيا پئي سِرا ڄار جا. +هاڻ ڪهڙيون ميارون وسيم ڏيان! +سڀ قبولي ڇڏيا مون سٺا يار جا. +فياض چنڊ ڪليري +ڪافي +’ڪُن فيڪون‘ کان اڳ ئي هئاسين، +پاڻ ازل جي اوٽ الا، +قيد ڪيو هن جسم جادوگر، +اکڙيوين روليو نگر نگر، +ڪنهن جي ڪارڻ رهجي وياسين، +پاڻ ازل جي اوٽ الا، +پاڻ گناهن مان ڇا ڄاڻئون؟ +پاڻ ثوابن مان ڇا ڄاڻئون؟ +حُسن ڀُلايو، ڀُلجي وياسين، +پاڻ ازل جي اوٽ الا، +آبِ ڪوثر جي پياس هئاسين، +اونهو ڪو احساس هئاسين، +ڪنهن جو پيتو، پياس ٿياسين، +پاڻ ازل جي اوٽ الا، +”چنڊ ڪليري“ پاڇو بڻجي، +جڳ لئه درد دلاسو بڻجي، +چار گهڙيون هن جڳ ۾ جياسين، +پاڻ ازل جي اوٽ الا، +ساحر راهو +غزل +ڪا ڪشش ته آهه اي مهجبين! تنهنجي سونهن ڀريي سُڀاءُ ۾، +مون وڃايو پنهنجي وجود کي تنهنجي پيار جي آ تلاءُ . +تنهنجو انگ انگ شراب آ، تنهنجو روپ رنگ گُلاب آ، +تون کڻي نهارين نگاهه کي ڀڄي چنڊ پنهنجي حياءُ ۾. +آ حجاب تنهنجو به اڻ ڇُهيو ۽ اڻ پڙهيو تون ڪتاب آن، +مون ورايو ورق ته دل ڀِني آ ڪنواري ڪوري هُڳاءُ ۾! +تنهنجي تن جي هلڪڙي باهه تي مان ٿڌي چپن کي سيڪيان، +مان پتنگ جان ٿو جلان شمع! تنهنجي جوت جي ئي الاءُ ۾! +تون اکين سان آڇين شراب ٿي، تون چپن تي آڻين رباب ٿي، +ڇا نفاستون ڇا نزاڪتون، مان ڏسان ٿو تنهنجي جڙاءُ ۾! +تون تپش ۾ گهاٽي اجهي جيان، تون ڳرهاٽي درد جي رات ۾، +ڇا خلوص آهي خدا ڀريو اي مسيحا تنهنجي جهڪاءُ ۾. +تنهنجو ڇهاءُ ڄڻ ته نفيس ڪنهن جي نگاهه جي ڪائي نصيب آ، +تون ملين ته مون کي ايئين لڳو مان هجان گلاب نماءُ ۾. +تنهنجي تيز نظرن جا تير ڄڻ ته ڪي دشمنن جا ئي وار ها، +مون جهڪايو ڪيئن نه ڍال ۾ مون اکيون نه ٻوٽيون بچاءُ ۾. +تنهنجي ساحريءَ جي اڳيان تڳي منهنجي شاعري سو نه آ سهل، +تون بهار مُند جي شامڙي، آ شراب تنهنجي رچاءُ ۾. +عارف ڀنڊ +غزل +رات سنسان، ڪاري گهٽا چوطرف، +هڪڙو انسان، ڪاري گهٽا چوطرف. +ڪيترو مان سحر کي تلاشي ٿڪس، +پوءِ به امڪان، ڪاري گهٽا چوطرف. +سج اُتي آن ويو ساٿ منهنجو ڇڏي، +جت بيابان، ڪاري گهٽا چوطرف. +گيت ڪويل جتي جهومي چوندي هئي، +سو نه گلدان، ڪاري گهٽا چوطرف. +ساٿ آنڌي بڻيو، پيار تنهنجو رَئي، +درد طوفان، ڪاري گهٽا چوطرف. +ايوب کوسو +غزل +هي روح جي ڪاڻ راحتون هِن، +گُلاب چهرا ڪي آيتون هِن. +سنڀالي رکجو سنڀالي رکجو، +هي لُڙڪ يادون امانتون هِن. +اکين ۾ سانوڻ ٻيو روح اڪيلو، +او پيار تنهنجون عنايتون هِن. +پراوا ڀي دوست ٿيو پون ٿا، +قرب ۾ ڪيڏيون ڪرامتون هِن. +اوهان ڇڏي ويا ڪري اڪيلا، +دُکن سان هاڻي رفاقتون هِن. +اسين ته آهيون ڪي رول بادل، +پرين اوهان کي ئي پارتون هِن. +ڪڏهن رئاڙي، ڪڏهن کِلائي، +عجيب هُن جون به عادتون هِن. +ها! سونهن کي سجدا حُسن جون ڳالهيون، +اِهي اسان لئه عبادتون هِن. +وڃن ٿا لمحا گُلاب بڻجيو، +ٿينديون جو هُن جون زيارتون هِن. +حبدار سولنگي +وائي +مون سمايا ڏات ۾، +ٽهڪ تنهنجا او مٺي! +ڄڻ کنوڻ آئي کڻي، وڏ ڦڙي برسات ۾، +ٽهڪ تنهنجا او مٺي! +ياد هر هر ٿا اچن، چاندنيءَ جي رات ۾، +ٽهڪ تنهنجا او مٺي! +خوشبو خوشبو ٿي لٿا، سوچ ۾ جذبات ۾، +ٽهڪ تنهنجا او مٺي! +منهنجي هر هڪ گيت ۾، منهنجي هر هڪ بات ۾، +ٽهڪ تنهنجا او مٺي! +بخشل باغي +غزل +الائي ته ڪهڙي لٿي شام ناسي، +گهٽين کي ويڙهي وئي آ اُداسي. +سدائين صدا جا رکئين ديپ روشن، +رهي ديس! دل تنهنجي دردن جي واسي. +وڇوڙو به ڄڻ وار آ دلبريءَ جو، +مٿان چنڊ ڄڻ لڙڪندڙ آهي ڦاسي. +اُڃاريءَ کي مهڻو ڏنو سمنڊ جو تنهن، +رهي سپ جنهن بوند ڪارڻ پياسي. +اها شاعري آ، اکين جي ڪهاڻي، +خوابن جي لفظن ۾ ڪيان ٿو عڪاسي. +جلي وٽ جا ديپ روشن ڪري ٿي، +اُنهيءَ جي اندر ۾ وڏي آ اُماسي. +اڃان پيو ستارن جا بنواس ڀوڳي، +اهو چنڊ آ ڪو ازل جو سنياسي. +مان پنهنجي ئي هستيءَ تي آهيان ٽنگيو پيو، +بدن روح لئه ٿي پيو آ اَنگاسي. +مختار گهمرو +غزل +حسن جي شهڪار دل موهي وڌي، +عشق جي اسرار دل موهي وڌي. +نينهن جون نظرون کڻي دل ويو کسي، +اکڙين جي آر دل موهي وڌي. +مون چيو منڇر ملي مهراڻ سان، +اڻ لکي اقرار دل موهي وڌي. +عرش ڌرتيءَ کي چمڻ آيو لهي، +سوچ جي سهڪار دل موهي وڌي. +ساهه ۾ سرهاڻ ڄڻ وئي آ رچي، +موهه جي مهڪار دل موهي وڌي. +سوچ ۽ ويچار جي فرصت ڪٿي، +دوبدو ديدار دل موهي وڌي. +چينُ چورائي ويو آ اُلڪا ڏئي، +ورهه جي وهنوار دل موهي وڌي. +زندگي ”مختار“ ارپيم سونهن کي، +قرب جي ڪردار دل موهي وڌي. +مير حسن آريسر +نظم +اسان جي سهڻي جهڙي دل +درد جي تار درياءُ ۾ ٻڏي ويئي +نه جيسين آس جو ڀيلو ٿيو ڀورا +نه ڪنهن وشواس جو ڀيلو ٿيو ڀورا +تيسين هو تري ڏاڍي +جو ساهڙ جهڙي سپرين لئه +سدا وچ سير ۾ ويندي +ڪڏهن ڀي اي نه سوچيائين +ته سڄو هي ڏيهه ڏم وانگر +آويءَ ٿي سڙي ٿو پيو، پچي ٿو پيو +انهيءَ ۾ ڪو پڪو اهڙو گهڙو ناهي +پرينءَ جي پار پهچائي +ايڏو وڏ- وڙو ناهي +نه جنهن ميهار جهڙي يار ڏي ويندي +وقت جي وير کي ماپيو +نڪي سڪ جي ڪنهن اونهي سير کي ماپيو +اهائي سهڻي جهڙي دل +وڇوڙي جي ڪنهن ويرو تار +درياءُ ۾ ٻڏي ويئي +درد جي تار درياءُ ۾ ٻڏي ويئي. +ظهير زرداري +غزل +تون جو آئين ته مون کي خوشي ٿي گهڻي، +منهنجي دل جي ڏکن ۾ ڪمي ٿي گهڻي. +حال احوال دل جا ڏنم ۽ ورتم، +رات ڪيڏي ڪچهري سُٺي ٿي گهڻي. +تون ڪري قرب آئين اڱڻ تي مٺا، +تو ڏٺو سڪ منجهان مئڪشي ٿي گهڻي. +تنهنجي ڏوري ڏسڻ سان ويا دک لهي، +عشق تنهنجي ۾ دل هئي چري ٿي گهڻي. +مرض سارا اندر جا لهي ويا ’ظهير‘، +ٿيون خوشيون ئي خوشيون زندگي ٿي گهڻي. +ملهار سنڌي +غزل +روز مران ٿو پو به جيئڻ ٿو چاهيان مان، +جيون توسان پيار ڪرڻ ٿو چاهيان مان. +رنگ حياتيءَ جا سڀ وکري ويا آهن، +ٻيهر اُن ۾ رنگ ڀرڻ ٿو چاهيان مان. +ڪيستائين سهندو رهندس سور پرين؟ +گهڻو رُنو هان، هاڻ کلڻ ٿو چاهيان مان. +مون کان ڌار رهي تون چين پسي سگهندين؟ +توکان اِها ڳالهه پڇڻ ٿو چاهيان مان. +هڪ ڌرتيءَ لئه ۽ ٻيوپنهنجي سرتيءَ لئه، +سارو جيون گيت لکڻ ٿو چاهيان مان. +بس هڪڙي ”ملهار“ تمنا آ مَنَ ۾، +تنهنجي دل ۾ يار رهڻ ٿو چاهيان مان. +گل ٽکڙائي +غزل +پاڻ وٽ محفوظ چاهت کي رکو، +پيا سنڀالي سا وڏي دولت رکو. +راهه تي قابض انڌيرا ٿا رهن، +روشني ٿي تن سان ڪا سنگت رکو. +پنهنجي شخصيت جو رکو ڪوئي ڀرم، +شوق وارن ساڻ ڪا شرڪت رکو. +آرسيءَ جيئن صاف سٿرو آهيان، +ڇو ڀلا مون تي پيا تهمت رکو؟ +کولي کڙڪي وار کولي ٿا بيهو، +حسن ۾ چئوطرف پيا شهرت رکو. +عشق کي آهن به ڪي آداب ٿيا، +عرض آهي ڪجهه سندس عزت رکو. +عاشقن کي ڏيئي سندر واسطو، +دل اندر مضبوط نئين حسرت رکو. +رات جو ماحول ۽ ٻي چاندني، +پوءِ به ايڏي ڇو مٺا فرقت رکو. +دوستو، ويندس مري مان جلد ۾، +پنهنجي ’گل‘ جي ڳولي ڪا تربت رکو. +جوهر بروهي +غزل +سُتي ته ڇا پر مان جاڳ ۾ ڀي لهان پيو ٿو خواب تنهنجو، +ته ڪاڇي رڻ ۾ جهڙالي موسم جيان لڳي ٿو شباب تنهنجو. +جڏهن ته اڻ کٽ هي دلبري آ، تڏهن تو اپنائي بي رخي آ، +هي لوڪ پرکي پيو ٿو هاڻي، سوال منهنجو جواب تنهنجو. +هي مٺڙو چهروآ سونهن واسيل، وجود تنهنجو ورونهن واسيل، +مقالا، مضمون، شعر ناهن، لکان پيو ٿو ڪتاب تنهنجو. +جڏهن نگهه سان مليون نگاهون پلئه پيون هي تڏهن کان آهون، +مري جيئان ٿو ۽ جي مران ٿو، وڏو آ چهري ۾ تاب تنهنجو. +آ چاهتن منجهه سچ سارو، تڏهن وريوآ وفا جو وارو، +ٻيا به توکي چئي ڏين ٿا، زيادتي آ عتاب تنهنجو. +الائي ڪڏهن هي وقت ايندو، ۽ منهنجو بيدار بخت ٿيندو، +تون مون کي پنهنجو چئي سڏيندين ته وات مصري گلاب تنهنجو. +فريد آباد منجهه هر هر، تڪي ٿو راهون ’بروهي جوهر‘، +ڀري قدم تون هليو به ايندين، ڪَٿي نه سگهبو حساب تنهنجو. +اسد جمال پَلي +غزل +ظلم جڏهين ٿيو جا بجا آهي، +سا ته ڌرتي به زلزلا آهي! +هُن جي حصي ۾ آجفا ئي جفا، +پنهنجو شيوو وفا، وفا آهي. +مون کي چئو ٿا ته، ”ماٺ ۾ رهجان“، +هُن کي چئو ٿا، ”زبان سِوا آهي.“ +منهنجيون شڪوه شڪايتون ته ٻُڌو، +پوءِ جو ڀي چئو، بجا آهي. +منهنجي سنڌوءَ شينهن –دريا کي، +جنهن به روڪيو، ٿيو فنا آهي. +تنهنجي وس ۾ آهن جي بئراجون، +منهنجي هٿ ۾ به ڪربلا آهي. +اسحاق سميجو +تون ڪڏهن برسي به ڏس! +· تون ڪڏهن برسي به ڏس! +منهنجي هر هڪ انگ ۾ ڪئين مور آهن +هڪ نئين تاريخ آهي +ڪئين انوکا دوءر آهن +ڇا چوان، هر دوءر هڪڙو چنڊ آهي +سجُ آهي +خواب نالي سان سَيارو آهه هڪڙو +دل جي نالي سان هڪڙو کنڊ آهي +عشق جي نالي سان هڪڙو ديس آهي +درد ئي اُن ديس جو بس ويس آهي +· او گلن جي گيت جهڙي! +او انگوري باغ جهڙي جسم واري +او حسينا، او وصل جي شام جهڙي سانوري +ڇو نٿي مون ۾ سلي وانگر ڦٽين +رات جي راڻي مان جئن خوشبو ڦٽي ٿي +سج مان ڪرڻا ڦٽن +جيئن ڏاڙهونءَ جي وڻن ۾ گل ڳاڙها +يا جئين سپنو ڦٽي ٿو ننڊ مان +بانسريءَ مان سُر مڌر! +يا سُڪل وڻ مان جئن ڪو گونچ اُڀري +نئن پهاڙن مان +اکين مان لڙڪ +دل مان غم +۽ ڳالهين مان جيئن ڳالهيون ڦٽن +ٻج مان جئن ڪو سلو +۽ سلي مان گل +پوءِ گلزار ڪئين! +يا ڪڏهن مون ۾ اُڏامين ڇو نٿي +اُڀ ۾ اُڏري جئين ڪا چانهه نيري +رات ۾ تارو کڙي +يا نديءَ جي ڇر مٿان ڪا سڙهه کُليل ٻيڙي هلي +واءُ جئن پن پن ڇهي وڻ سان ملي +مل ڪڏهن! +يا ڪڏهن مان ئي ملڻ توسان اچان +جنهن نموني رِڻ وسنديءَ سان ملڻ جي لاءِ ايندو +آ ڪهي +ڇو ته منهنجي زندگي +پاڻ چاهيون يا نه چاهيون +هيءَ الهڙ عمر، هيءَ روشن وَهي +ڪي پهر انڊلٺ جيان اُڀري +وري ويندي لهي +پوءِ سوچي ڇا ڪبو +ڇا غلط هو، ڇا صحيح! +ان ڪري ئي ٿو چوان +آءُ گڏجي پاڻ ٻئي +دل جي اونداهين گفائن کي ڪيون روشن +او منهنجي روشني! +کڙ کٻيتي ساڻ +ڏيئي سان +يا ڪرڻي سان کڻي! +· آءُ ڪاري رُڃ مان نڪري هلون +واسنا سان اُڃ ماريون +روح جي جهرڻي تي پوءِ وِهنجون هلي +او خدا جي خواب جهڙي جلپري! +ماڪ جو قطرو مان آهيان +تون ڪڏهن دل جي ڪليءَ جي +پنکڙي ٿي +باکڙي ٿي +ان ڪکائين ڳوٺ جي +واٽ جنهن جيءَ تي کڻي واسينگ غم جا ٿا ڦرن +پوءِ به ڪيئي حسرتون +وَل جئن مهڪن پيون! +خواب واٽهڙو لنگهن ٿا +واسجن ٿا، مست ٿين ٿا +تو مٿان +تنهنجي تصور جي مٿان +ڪئين پتنگا سر ڏيڻ جي لاءِ آتا ٿا ڦرن +هيءَ ڀي توکي خبر آهي +الائي ڪونه آهي +منهنجو رستو +تنهنجي قدمن کي چمڻ جي سڪ سانڍي +ڪيترن جنمن کان پيو مالها جپي +جيئن ڪو درويش حق سان هڪ ٿيڻ لئه +پاڻ ارپڻ جو ازل سان عهد پاڙيندو هجي! +شهر آهي باس باسي +ڏينهن ٻُڌندو ٿو رهي پيو وانئٽيون +رات ٿي موهي ڏِئا! +بي قدر +اوبي مهر +او بي خبر! +او بيوفا +مان ته هڪڙي سِپ وانگي +سمنڊ ڪاري جي ڪناري تي صدين کان منتظر +آهيان سندءِ +ڪابه موسم، ڪا خوشي ڪنهن هڪ پَهر جي +ڇو نٿي بخشين ڪڏهن +بو��د هڪڙي +بوند تون پنهنجي مهر جي +جا جهٽڻ سان پيار منهنجو +ٿي پوي انمول موتي +سڪ منهنجي +ڇڪ تنهنجيءَ مان وڃي آزاد ٿي +مان بدلجي رقص ٿيان +عڪس ٿيان +وَجد ۾ آيل مٽيءَ جو +۽ پوءِ جاڳي مقدر +روح جي هر هڪ گهٽيءَ جو +تون ڪڏهن برسي به ڏس! +بي مهر، او بي خبر، اڻ ڄاڻ ڪڪري +منهنجي هر هڪ انگ ۾ ڪئين مور آهن! +هڪ نئين تاريخ آهي، +ڪئين انوکا دوءر آهن! + + +روبينه ابڙو +غزل +لوڪ سارو ڪپر جو ڳولهائو! +بس رڳو تون لهر جو ڳولهائو! +تنهنجي در تي اُداس بيٺو آ، +درد هڪڙو اندر جو ڳولهائو! +سوچ ڀي راهه ۾ ڇڏي آئين، +ڪهڙي آهين شهر جو ڳولهائو! +توکي ڏسندي ئي ساڻ تارن جي، +چنڊ آهي ڪڪر جو ڳولهائو! +ڪيڏو ڳهلو سُتي نه ڪائي دوا، +اوچتي آ اثر جو ڳولهائو! +ڪين ٿيندو ڪڏهن به آهه چريا، +اَڪُ، ٿوهر، زهر جو ڳولهائو! +گيت ڪو ساٿ ٿو گهري تنهنجو، +خيال آ، تنهنجي ڀر جو ڳولهائو! +نيڻ جنهن جا ازل کان اونداها، +ذهن تنهنجو سحر جو ڳولهائو! +پُشپا ”ولڀ“ +پراڻي ڪهاڻي نئين جنگ! +· هي ڪهاڻي سڀن جي ڪهاڻي آهي +تنهنجي منهنجي سڀن جي ڪهاڻي آهي +هر گهر، گهٽي، شهر، ملڪ ۽ کنڊ +جي ڪهاڻي آهي +ٿوري ٿوري نئين، پر ڪافي پراڻي ڪهاڻي آهي. +مان جا صبح جي ٿڌڙي هير هئس +صبح جو پهريون تارو +۽ روشني جي پهرين ڪرڻ +هاڻي ڳاڙهو واچوڙو بڻجي وئي آهيان +· منهنجي اعتبار جي عمارت +جنهن جي هر هڪ سِر +مون ڏاڍي پيار +۽ گهڻي اعتماد سان رکي هئي +هڪ لحظي ۾ هيٺ ڪِري پيئي آهي +مان اُن ماڻهوءَ وانگر ٿي وئي آهيان +جنهن جو پورو شهر، ۽ شهر جو هر گهر +ٻوڏ هيٺ اچي ويو آهي +هُن جي گهر جا سامان هيڏانهن هوڏانهن +ترندا هجن +۽ هو ڪجهه نه ڪري سگهي +نه ڪنهن طرف پهچي سگهي +نه ڪنهن کي سڏ ڪري سگهي +هُن جو آواز اُتي ئي گهٽجي وڃي، دٻجي وڃي +رڙيون سُڏڪن ۾ بدلجي وڃن. +· جنهن تي مون ايڏو اعتماد ڪيو +دل ۽ جان سان پيار ڪيو +هر هڪ ڳالهه جو خيال ڪيو +۽ پهاڙ جيترو انتظار ڪيو +ٽَڪر جهڙو ڏينهن +جبل جهڙي رات کي ڏينهن ڪيو! +مون سمجهيو اُنهن سڀن راتين جي آخر ۾ +هڪ صبح آهي +نئين زندگي جو پيار آهي +دُک کي دُک نه سمجهي +مون هُن تي ڪيڏو نه انڌو اعتبار ڪيو. +· مون هُن جي دير سان اچڻ جي عادت کي ضرورت سمجهيو +لاپرواهي کي مجبوري سمجهيو +پاڻ کي ٺاهڻ جوڙڻ، خوشبو لڳائڻ کي سُنت سمجهيو +مون کي خبر نه هئي +ته هو منهنجي عمر سستي اگهن ۾ وڪڻي +پنهنجي لاءِ نوجواني جو تازو ترين فارمولو +خريد ڪري رهيو هو +منهنجي گهر ۾ رهي، بازار جون خوشيون خريد ڪري رهيو هو +الائجي ڪيترن کي پار پُڄائي رهيو هو +هاءِ منهنجو سادو من! +· مون پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇا پاتو! +ٻه ٻار، وارن جي چاندي ۽ چوءديواري! +اُن تي به ڪلهه مون کي نوٽيس مليو آهي +هُو ته ڄڻ ڪڏهن منهنجو هيو ئي نه +هي گهر به منهنجو نه هيو +مون کي ائين لڳو ڄڻ +جنهن تختي تي ويهي مان، +طوفان سان وڙهي رهئي هئس، +اهو به ڄڻ کسڪي ويو هجي! +· اِهو سڄو ڪجهه مون سان ته هاڻي ٿيو آهي، +پر مون جهڙين سان روز ٿئي ٿو، +اُن کان به بدتر ٿئي ٿو، +جنهن جي مون کي ڪا ڄاڻ ڪانهي +ڳالهه صرف اِها آهي ته +اِهو ڇو ٿو ٿئي؟ +ڪيستائين ٿيندو رهندو؟ +ان لاءِ ڇا اسان سج کي نيزي جيتري مفاصلي تائين +اچڻ جو انتظار ڪنداسين +۽ رڳو حقن جون ڳالهيون +عورتن جا ڏينهن ملهائيندا رهنداسين +Mom you are fantastic جا ڪارڊ موڪليندا +رهنداسين؟ +آخر ڪيستائين +· پر هاڻي مون به پنهنجا ڳوڙها اُگهي ڇڏيا آهن +سوچي ڇڏيو آهي +ڪجهه به ٿئي، مون کي پنهنجي جنگ وڙهڻي آهي +ٻانهن هجي يا ٽنگ، +زبان هجي يا ڪنڌ +هاڻي ميڻ ناهيان مان +جبل آهيان، ٽَڪر آهيان +آتش فشان آهيان مان! +(نور الصباح جي نالي) +علي آڪاش +نظم +چئن پَترن جون ڪنڌيون +۽ ڪکن جي ڇت آهي، +ڇت ۾ جا ڪام تنهن ۾، +ٿي ٻري چِمني پُڇي: +هڪ وهاڻُ ڇَوَ بنا +کٽ جهولي وانگيان +چار چونئريون جست جون +ٿالهه چُلهه ۽ ٽي پيالا +ٽي ڀُتا جوڙا، پراڻو پوتڙو +پير ۾ توکي ڪڏهن +مون جُتي ناهي ڏٺي +آنءُ ڀانئيان تو جيان ڪنگلو نه ڪو +اک کڻي ڏس +جڳ وٽ ڇا ڇا نه آ! +پوءِ به تنهنجي جيءَ ۾ +جهُجهڪي نه ڪا +لونءَ ۾ لرزو نه ڪو؟ +مون کلي تنهن کي چيو؛ +تون ته راڻي رات جي +توکي ڀلا ڪهڙي خبر؟ +صبح سانجهي هر پهر +آنءُ آهيان بادشاهه +تر سڄي جون سڀ ڀٽاريون +ڪَر کڻيو مون لئه تڪن +مست ٿيو رَنڀن رڙن +ڪڻِڪن ڍڪن +ڦيرا ڪِلي چوڦير پائن +ڪين هڪڙي جاءِ تي +ترسن ٽِڪن. +ڪيترا واڙا وٿاڻ +آنءُ ئي تن جو اڪيلو آسرو +گهانگهه هٿ مون جئن گوالو +ڪوبه ناهي!هونئن ڪئين نالا حوالا +مون جيان تن مان نرالو +ڪوبه ناهي! +جو به پڇندينءَ هيئن چوندو؛ +هيءُ آڙيڪاپ آهي +۽ هو آلاپ آهي +ڍنگ وانگي جو وري +جيءُ کي سوگهو ڪري +انگ مون وٽ اڻ ڳڻيا +آنءُ سارو هٺ آهيان +وٺُ منهنجيءَ جي وڪڙَ +ڪُنڍيون ڪيري ڇڏيون +انئڙيون الهڙ ڪَئين +مون هٿ تي هيري ڇڏيون +تون ڪري سگهندينءَ به ڪيئن +ڪٿ منهنجيءَ ذات جي +تون ته راڻي رات جي! +جاويد ”سوز“ هالائي +هڪ اداس ڳوٺ جي نالي +رستن تي شام ٿيندي ئي خوشبو ٿي هارجي، +۽ رات پنهنجي مُک تي ستارا سجائي ٿي. +ٿو ڳوٺ جي هوا ۾ نشو اوتجيو وڃي، +هي ڳوٺ ڄڻ پياڪ جي لئه مئڪدو هجي. +ڳڀرو اکين جا خواب اُجهاميو وريو ٻَرن، +هت دوستين جا در کلن ۽ هوا گهلي، +هر روز نئون گهاءُ اندر منجهه لڪائي، +هت روز ٿيون جيئن ۽ دليون روز ٿيون مَرن، +هر اک ۾ ڄڻ ته عشق جو رومال ٿو کلي، +هر چهرو هتي ڄڻ ته ڪوئي رنگريز آ، +چُنري جيان اسان کي رنگن ۾ رنڱيو ڇڏي، +هي دلبرين جو ديس جزيرو آ عشق جو، +هر اک پنهنجي روح ۾ شاعر مزاج آ. +هي ڳوٺ انهيءَ لاءِ پناهه گاهه ٿو لڳي، +جيڪو جهان ساري مان ٺُڪرايو وڃي، +هن ڳوٺ ڪيئي ڏک اندر منجهه لڪايا، +هي ڳوٺ هن شهر جي ڏکي سرزمين تي، +آڇي ٿو اڄ به پيار اُنهيءَ نينگري جيان، +جيڪا پناهه گاهه ڏئي ۽ ٽٽل هجي، +هي ديس جتي قحط خلوص ۽ پيار جو، +اهڙي لمحي هي ڳوٺ ٿو آڇي پيو گلاب، +لفظن جا گلاب انهيءَ ڳوٺ جي نالي، +عاشق اکين جا خواب انهيءَ ڳوٺ جي نالي. +روشن گهانگهرو +ٽيڙو +پاڇا ڊوڙن ٿا، +چانڊوڪيءَ جي سونهن ۾، +رسمون ٽوڙن ٿا. +پيار به پاتا پَرَ، +وسيا مينهن ملير تي، +سونا ٿي پيا سَرَ. +ويجهو آ دلبر، +رات به پورنماس آ، +مُرڪيو هر منظر. +ڪڪريون هو ڇڙواڳ، +نچنديون، وسنديون ٿيون وڃن، +ڇيري ڇا ڇا راڳ! +ڪئين ڇڄن هانوَ، +سمنڊ ۾ طوفان آ، +نازڪ پنهنجي نانوَ. +ڪيڏي ڪُتن – ڀونڪ، +جيون گم ٿيل ٻار ڪو +ويران ڳليون چوءنڪ! +جڳ ۾ ڇورو ٻارُ، +احساسن جي ڇانوَ ۽، +ڳولي شفقت – پيارُ. +چوٽ چڙهي ويا ريٽ، +ماني ڪٿ مسڪين کي، +پٺيءَ سان ته پيٽ! +ابرار ابڙو +نظم +مون کي ضرور ڏسجانءِ! +جيون جي آءٌ رڻ جي، +تاريخ ٿو تلاشيان، +تاريخ ۾ ڪڏهن ڀي، +منهنجين ٽٽل اکين لئه، +ڪو رنگ ڪونه اُڀريو، +ڪو سنگ ڪونه اُڀريو، +هر وقت دل ڊهي وئي، +هر وقت تنُ ڊهي ويو، +ڪڏهن به ڦول من جو، +ٽڙندي نظر نه آيو، +هر وقت مُک تي تنها، +ڊُڪندا رهن ٿا لمحا، +پهرن جي سرد بن ۾، +پٿر پيا ٿا اُڏرن، +نيڻن ۾ ڪي به هاڻي، +سپنا بچيا نه آهن، +صدين کان ڄڻ بدن تي، +دز آ چڙهي وئي ڏک جي، +ايڏي ڇو بي سوادي، +بڻجي وئي آ جيوت، +چهرن تي ٿا تماشا، +ٿيندا رهن جُڳن کان، +ڪنهن قول ڪونه پاڙيا، +ڪيڏا هئا سي ڀاڙيا! +جلون جي روشنيءَ ۾، +تاريڪ پل ٿا ڊوڙن، +ڪنهن جي سحر انگيزي، +هاڻي نه ٿئي ٿي حاوي، +ڪيڏو هُيو سهارو، +پهريان هُنن اکين جو، +هاڻي ته ڪي به اکڙيون، +ڪوئي اثر نه ڪن ٿيون، +چپڙن تي ماٺ جا پل، +ڇانيل نظر اچن ٿا، +تنهنجي شهر جا رستا، +سهمت نه ٿيا ڪڏهن ڀي، +هر پل تضاد هو ڪو، +جيڪو بڻيو هميشه، +ديوار پيار جي آ، +ڪڏهين به ڪونه متفق، +تنهنجا خيال ٿين ٿا، +ڪيڏا زوال ٿين ٿا! +گهر جي ها ميز تي جن، +پٿرن ڏنا سهارا، +تن تي به هاڻي دز جا، +ڇانيل رهن ٿا پاڇا، +ايڏي ڇو تنگ نظري، +هر شيءَ جي وڌي وئي، +ڪا شيءِ نه ٿئي ٿي سهمت، +منهنجي ئي گهر جي مون سان، +هر شيءِ منهنجي گهر جي، +تڙپائي ٿي بدن کي، +آئينا ڪن ٿا طنزون، +تصويرون ڀي کِلن ٿيون، +منهنجا ڪتاب ڀي ڄڻ، +مون کان پري رهن ٿا، +تاريڪ گهر جا ڪمرا، +احساس ٿا ڏيارين! +ايڏو وئين ڇو ڀٽڪي، +پنهنجون اکيون به هاڻي، +ڇالئه نٿو سُڃاڻين؟ +پنهنجي وجود جي ڀي، +ڪوئي خيال ڪونهئي، +شايد بچيو اکين ۾، +ڪنهن لئه سوال ڪونهئي! +سِسِراٽيون ٿيون نڪرن، +منهنجي بدن مان اهڙا، +جملا عذاب ٻُڌندي، +پر ڇا ڪري سگهان ٿو، +مجبور مان ته آهيان، +هن ڏيهه جي اکين کان، +مجبور مان ته آهيان، +هن وقت جي ٻکن کان، +مجبور مان ته آهيان، +هن دور جي ڇو لمحن، +جي بي رخيءَ جي دز کان، +هر پل پيو ٿو تڙپان! +ڪي ٽهڪ تنهنجي چپڙن، +جا مُدتن پُڄاڻا، +ڇالئه سماعتن ۾، +چٽجي سگهيا نه آهن، +بڻجي سواليه ويا، +هي ٽهڪ تنهنجا آهن! +ڇا ٽهڪ تنهنجا سارا، +ڪا رات ڪاري بن جي، +ڳڙڪائي ته نه وئي آ؟ +يا ڪنهن جي وحشتن کان، +هي ٽهڪ تنهنجا سندر، +زخمي ته ڪونه ٿيا هن؟ +جي ڪونه ٿيا سي زخمي، +هي ٽهڪ تنهنجا جانان! +ڇالئه ته پوءِ گونجيا؟ +پيا آٿتون ها ڏيندا، +تنهنجي جي گج تي ڪاوا، +جيون جا ها ستارا، +مون آ ٻڌو:”سي هاڻي، +وکري سڀئي ويا ٿي، +وارن ۾ ڀي ڪنگيءَ جا، +آثار ڪين ٿئي ڪين، +چهري تي ڀي ڪي پيلا، +پاڇا لهي پيا ٿئي، +سڀئي اکين جا سپنا، +زخمي ٿئي مون ٻُڌو آ، +تنهنجي وجود ۾ ڪو، +تحرڪ بچيو نه آهي، +چهري تي ڀي ڪو تنهنجي، +ها، رنگ رچيو نه آهي!“ +ڇا تنهنجي هاڻي من ۾، +ڪانهن بچيون اُميدون؟ +ڇا وار تنهنجا ڪنگيءَ، +جي ڪانه ڪن ٿا خواهش؟ +ڇا نيڻ تنهنجا قاتل، +خوابن جا ٿي ويا هِن؟ +ڇا تنهنجي هاڻي گهر تي، +تنها پهر رچن ٿا؟ +ڇا تنهنجي هاڻي چهري، +تي ڪو نکار ڪونهي؟ +ڇا تنهنجي هاڻي جيون، +لئه ڪو بهار ڪونهي؟ +جيڪو به مون ٻُڌو آ، +ڇا هيءُ سچ آ پياري؟ +مون کي ضرور ڏسجانءِ! +پنهنجون ڪي وارتائون، +مون کي ضرور ڏسجانءِ! +پنهنجي ڪٿا اکين جي، +مون کي ضرور ڏسجانءِ! +موجوده زندگيءَ جا، +ڪيئن ٿي ڪٽين ڏهاڙا؟ +مون کي ضرور ڏسجانءِ، +اُلڪن ۽ اُڌمن جو، +مون کي ضرور ڏسجانءِ، +لمحن جي بي رُخي جو، +شامن جي بي خوديءَ جو، +راتين جي تنگ نطري، +توسان آ ڪيئن گذري؟ +مون کي ضرور ڏسجانءِ، +ڇو جو مان تنهنجي نيڻن، +کان ڌار هان اڌورو، +جيون نه ٿئي پورو! +مون کي ضرور ڏسجانءِ، +تنهنجي نيڻن سفر جو، +آغاز ڪيئن ٿيو آ؟ +مون کي ضرور ڏسجانءِ، +ڪيئن ٿي گذارين مون کان، +ايڏو پري رهي تون؟ +ڪيئن ٿي گذارين منهنجي،، +نيڻن جي بن کان پرتي؟ +مونکي ضرور ڏسجانءِ، +ڪنگيءَ جون وارتائون، +سينگار کان رُسڻ جو، +خوابن جي زخمي ٿيڻ جو، +چهري جي زرد بن جو، +ڪاون جو گج تان اُجڙڻ، +۽ زندگيءَ جو وکرڻ، +پنهنجي بدن ۾ پيڙا، +جو روز روز اُڀرڻ، +چپڙن جي ٽهڪڙن جو، +لڙڪن جي وهڪرن جو، +مون کي ضرور ڏسجانءِ، +ديوان تي لڳل هُن، +آئيني جو به ڏسجانءِ، +پنهنجي نئين شهر جو، +پنهنجي نئين سفر جو، +۽ گهر نئين جو ڏسجانءِ، +ساٿيءَ نئين جو ڏسجانءِ، +ش��ديءَ کانپوءِ ڪيئن ٿو، +گذرئي سفر تون ڏسجانءِ، +مون کي ضرور ڏسجانءِ، +مون کي ضرور ڏسجانءِ. +ياسين چانڊيو +شيخ اياز جي نانءُ +اکيون اونداهيءَ منجهان، نڪتيون مس هيون، +تون جو وئين اوچتو، روئي سي ته پيون، +ڪنهن کي دانهن ڏيون، تو بن هاڻي ديس جي! +توکان پوءِ سچ جو، اُڀريو ڪين قمر، +بند پيو آ در، سچ جو ساريءَ سنڌ ۾! +تون ئي ساري سنڌ جو، سندر خواب هئين، +ڄڻ ته گلاب هئين، خوشبو ساڻ کڻي وئين! +ساٿي تون ڀي سنڌ کي، ڪري وئين ڇورو، +تو بن هندورو، خالي ڪيئي لوڏيان! +تون ته ڇڏي وئين سنڌ کي، ڪيڏو ڪيئي غضب، +توکان پوءِ ادب، مهڪيو ڪين گلاب جان! +تون بن ساري سنڌ جا، رُنا گل گلاب، +تو بن سارا خواب، اڌورا رهجي ويا! +توبن ساري سنڌ جا، ڀوءنرا روئن ٿا، +توکي ڳولن ٿا، پوپٽ ساري سنڌ جا! +توبن ساري سنڌ جي، خوشبو روئي ٿي، +سپنا پوئي ٿي، تنهنجي يادن جا ڪوي! +توبن ساري سنڌ ۾ ، ويراني آهي، +توکي ٿي ساري، ڌرتي پنهنجي ديس جي! +توبن ڪو ماٽيا هتي، سنڌ جا سڀ گلاب، +توکان پوءِ عذاب، ڀوڳيا ڪيڏا سنڌ هن! +شال خدا توکي ڏئي، جنت ۾ جايون، +سنڌ جون سڀ مائون، توکي دعائون ٿيون ڏين! +امر اقبال +غزل +ڏيئي وانگر ٽمڪي تنهنجي سار اسان جي جيون ۾، +خالي هٿڙا، ٻيو ڇا آهي يارَ! اسان جي جيون ۾. +جيون، جيون ئي نه هجي ها، جي نه هجي ها اوسائين! +گُل، پکيئڙا، پوپٽ ۽ هي ٻارَ اسان جي جيون ۾. +پنهنجو جيون هونئن ئي خدشن ۽ اُلڪن ۾ ٿو گذري، +توکان ڌار ٿيڻ جا کُٽڪا، ڌارَ اسان جي جيون ۾، +روح اُڃارو، نيڻ اُڃارا، صدين کان واجهائين ٿا، +سانوڻ بڻجي آءُ، هليو آ، پيارَ!، اسان جي جيون ۾. +پنهنجي جيون جا ماپا ۽ ماڻ صفا ڪي ٻيا آهن، +ٻِن ۽ ٻِن جو جوڙ ڪِٿي ٿيو، چار اسان جي جيون ۾. +علي دوست ”عاجز“ +غزل +اکين ۾ ڀريو جَل جَلي زندگي، +زماني جيان پئي هلي زندگي. +ڏٺا ڏک ڪيڏا هئائين ته ڀي، +نٿي پاڻ پنهنجو پلي زندگي. +جهريل جيءُ مان گيت جهڙي صدا، +ائين سور پئي ٿي سلي زندگي. +پٺيان موت پيرو کنيو پيو اچي، +تڏهن ڀي لڳي پئي بلي زندگي. +ڪُڏيو ٿا اڏيءَ تي اچي سڀ پون، +ڀلا ڪنهن کي ڪنهن کي جهلي زندگي. +ائين ڀي ته ماري ڇڏي ٿي مگر، +چوان ٿو ته لائي ڳلي زندگي. +”زبير“ سومرو +سُر سامي +سارو جڳ جهان آ، سونهن جو ساگر، +پر سامي سوداگر، آهي آڳ تياڳ جو! +آڪار نراڪار جي، سُٽ کي سُلجهاءِ، +سامي! تون سمجهاءِ، وحدت الوجود کي! +آهي آدجڳاد کان، سونهن جو سوداءُ، +سامي منهنجا ڀاءُ! سونهن بنا ڇا زندگي؟ +صديون منهنجي آتما، رُلي پِني آ، +ڏات ڏني آ، مُڪتي مون کي موت کان! +ڪير ٿو چئي ته ڪنهن، مندر ۾ آهي، +مَن اندر ۾ آهي، سماڌي ساميءَ جي! +هاٿيدر جي هنج ۾، سامي ساري ٿي، +مون کي ماري ٿي، مڙهي هيمنداس جي! +ڪيئن نه ٿيندو سوجهرو، ڪيئن نه ڦُٽندي باک، +سامي! تنهنجي ساک، صديون ڏيندي سنڌڙي! +پريم ساگر کان مٿي، ناهي ڪو ساگر، +آهي ڪو ساگر، جو مون کي سمائي سگهي؟ +دل دل منجهه آ ڪعبو ۽ من اندر مندر، +آهي ايشور، ماڻهو روپ – سروپ ۾! +منهنجي ڏکيءَ ڏات کي، کلي کيڪاري، +سامي سوئيڪاري، شل هي شرڌانجلي! +دلڙيءَ کي درد جي، تُرهي تارجي، +جيون گهارجي، سامي! تنهنجي سام ۾! +جڏهن منهنجي جُوءِ تي، آڌوتي آيا، +ڇا لئه ڇو ڇايا، ڪندا ڪڪر ڪام جي! +جڏهن منهنجي جُوءِ تي، ويراڳي وريا، +ٻڏل ڀي تريا، ٻيڙا مون تي ٻاجهه جا! +سامي هونءَ ته هانءُ ۾، سمنڊ ٿو رکين، +ڇو نٿو ٻکين، سونهن جي سڳنڌسان! +مان به سمجهان ٿو سامي! ته جيئڻ آهي جُٺ، +مگر مون کي پُٺ، آهي شاهه لطيف جي! +سامي! مون کي سهپ جي، روڻن ۾ نه رول، +ٻيلي هاڻي کول، پنهن��ي ڳجهي ڳجهه کي! +عشق جي صليب تي، جڏهن ٿيس مصلوب، +تڏهن مان محبوب، پاڻ ڄاتم پاڻ کي! +اندر جي اونداهه ۾، ڪو ديپ ٻارجي، +جيون گهارجي، سامي! تنهنجي سامَ ۾! +خليل ”عارف“ سومرو +غزل +ڀاڳُ پنهنجو حسين آهي، +سِنڌ پنهنجي زمين آهي! +سونهن رکندئي سدا سلامت، +پيار منهنجو امين آهي، +قدر منهنجي وفا جو ٿيندو، +مون کي پُختو يقين آهي. +عمر ڀر لئه ڇڏي وساري، +هوءَ اهڙي ته ڪين آهي. +ٻيو نه مذهب ’خليل عارف‘، +ماڻهپو پنهنجو دين آهي. +فياض لطيف +ڪٿي آ ساَر کي ساحل +پوياڙيءَ سج لٿو آهي، +مُهاڻي ناو ڪاهي آ، +هينئن جي لهر تي تنهنجي، +تري ڪا سار آئي آ، +ڀِنا هِن نيڻ مُکڙيءَ جا، +پَتن تي پياس ٿي تڙپي، +هجر جي راتڙي هيڪل، +پئي ٿي ڀونر جي ڀٽڪي، +کڙيو آ چنڊ امبر تي، +ستارا جڳمڳائن ٿا، +نديءَ کي ننڊ آهي پر، +ڪنارا ڪجهه ڪنائن ٿا، +پپر جو پيڙ ٿو سوچي، +مسافر ڪيترا آيا، +تمنا تيز واچوڙو، +گهڙي ڪنهن پيرڙا ساهيا، +تتيءَ جو پنڌ آ جيون، +پتڻ جو پُور هي لمحا، +وُٺي ۾ واءُ جو جهونڪو، +پاڻيءَ تي عڪس چانڊوڪي، +ڏهر ۾ ٿو ڏيئو ٽمڪي، +ڪٿي آ ننڊ نيڻن کي، +مسافت دشت هي دنيا، +جوڳيءَ جي جاڳ آ دلڙي، +آئي ڪا هير جو آهي، +ڇنڀيليءَ جي کڻي خوشبو، +لڳي ٿو زلف پنهنجي مان، +ڇڏي ٿو چڳ ڪائي ڇوڙي، +تمنا جون تِکيون لهرون، +ڪٿي آ سار کي ساحل، +وڳي آ روح جي رڃ ۾، +تنهنجي ئي پيار جي پايل، +ڪٿي آ سار کي ساحل! +ڪٿي آ سار کي ساحل! +سڄڻ سومرو +غلامي +تون اسان جي روح جي سڀني رڳن ۾ +ڪينسر جي روڳ جيان وئي آن لهي +۽ اسان جي جسم ۾..... +موت جهڙي بي حسي پوکي ڇڏيئي +تو اسان جي هر اُمنگ ۽ عاشقيءَ جا +وهڪرا سڀ روڪيا ۽ اُنهن آڏو کڙا ڪيا +برف جا ڪيئي پهاڙ! +جن ۾ اسان جي يادگيرين جي صفحن تان +سورهيائي ۽ سچائيءَ جا سڀئي سبق ڄڻ مٽجي ويا +۽ اسين پنهنجي سڃاڻپ ڪاڻ +هن تاريخ جي گهمسان ۾ +هر ڪنهين جو منهن تڪيندا ٿا وتون +مونجهه ۾ گهٽجي مرڻ کان اڳ +هڪ ٻئي کي ئي پٽيندا ٿا رهون +ها مگر، تون هيءَ نه ڀانئج هارجي وياسين اسين +ايئن نه سمجهج ڪي سمورا مارجي وياسين اسين +ڏس، اسان مان ڪيترن +پنهنجي اندر ۾ عاشقيءَ جي چڻنگ هڪ ٻاري رکي آ +جا دُکي پوندي ڪڏهن +توکي ڏُکي پوندي ڪڏهن +۽ اُنهيءَ جي روشنيءَ ۾ سڀ اسين +ڪنهن نڪوري صبح کي آڻي سگهون ٿا +پنهنجي آزادي وري ماڻي سگهون ٿا +پنهنجي آزادي وري ماڻي سگهون ٿا. +”معصوم“ بخاري +غزل +اوهان جي چاهه جي چاري رکياسين، +هوائن ۾ ڏيا ٻاري رکياسين، +وڇوڙي ويل ايندا ڪم اسان کي، +اکين ۾ لُڙڪ چند ٽاري رکياسين، +چڪوري ٿي اُڏياسين چنڊ توڏي، +ملڻ جا خواب سڀ ماري رکياسين، +اچي ڀي ڪيئن سگهي ها، ڪو اکين ۾؟ +اوهان جي عڪس جو تاري رکياسين؟ +بناپردي جو آيو ميڪدي ۾، +هٿن مان جام سڀ هاري رکياسين، +اوهان جو ساٿ مليو زندگيءَ ۾، +هماليه راهه جا ڏاري رکياسين، +رڳو ’معصوم‘ دل رهجي وئي آ، +ٻيا سامان سڀ ساري رکياسين. +نويد ”ناز“ ڀٽي +غزل +ڀنل پلڪن تي جانِ من! رهي ٿو پيار آواره، +اسان کي بيقراريون ڏئي ڇڏي ٿو پيار آواره، +حياتيءَ کي اصولن جا وجهي زنجير مُرڪي ٿو، +دلين کي ڌار روزانو ڪري ٿو پيار آواره، +شهر ۾ ڳوٺ جا سپنا ستائن ٿا پرين! مونکي، +اوهان جو ياد هر ويلي اچي ٿو پيار آواره، +جڏهن ڀي ذهن ۾ ڪنهن جا ٻُرن ٿا خيال بي قابو، +تڏهن ڪنهن آرزوءَ جا چپ چمي ٿو پيار آواره، +پرين توکان سواءِ جيون اڪيلو ڄڻ ته بادل آ، +پٺيان جنهن جي سدائين رلي ٿو پيار آواره، +ڪڏهن مجنون ڪڏهن ميهر ڪڏهن فرهاد جهڙن کي، +رلائي راهه ۾ اڪثر ڇڏي ٿو پيار آواره، +مڃان ٿو ”ناز“ آواره چڱو ٿ��ندو نه ماڻهو آ، +مگر منهنجي اندر ۾ ڄڻ رهي ٿو پيار آواره. +خيال سنڌي +غزل +جڳ ته ڪسرون پرين ڇڏيون ناهن، +محبتون پر اڃان مُيون ناهن، +ڪجهه کڻي مان به هان ويو مٽجي، +تنهنجون نظرون به سي اڳيون ناهن، +چنڊ، تارا، ڪتيون هوندي ڀي ڇو، +ڪي ڪي راتيون هونديون چٽيون ناهن، +ڇڙوڇڙ هي ڪڪر ٻڌائن ٿا، +تنهنجي وارن ۾ پڪ سڳيون ناهن، +ڪهڙي محبت، وفا، جفا ڇا جي، +سوچون سنگت جون ڀي بُريون ناهن، +رات ٿي آهي وئي اڃان تائين، +گهر جون ٻاريون تو ڇو بتيون ناهن، +خيال جيڪي تون سوچيندو آهين، +جڳ ۾ ڳالهيون اُهي رهيون ناهن. +بخت ”عابد“ +غزل +ڏکن ۾ رهڻ جو طريقو ته ڏس تون، +جهان ۾ جيئڻ جو طريقو ته ڏس تون، +سُڪي لب منهنجا ٿيا ٺوٺ آهن، +رُئڻ ۾ کلڻ جو طريقو ته ڏس تون +رکي يارن ياري ڏنئي ڏنڀ ڪيئي، +تنين کي سهڻ جو طريقو ته ڏس تون، +محبت کي سمجهي عبادت ڪريان ٿو، +مون سجدي ڪرڻ جو طريقو ته ڏس تون، +مون دلبر کي ڳوليو آ دير و حرم ۾، +صنم سان ملڻ جو طريقو ته ڏس تون! +ڏکيو’بخت‘ لئه زهر آهي جدائي، +انهيءَ کي پيئڻ جو طريقو ته ڏس تون. + + +فطري تخليق، نازڪ ۽ باريڪ قوتن جي بي انتها سهڻي نرملتا هجي ٿي. فرانسي عورتن جي بيمثال خطن بابت راءِ قائم ڪئي ويئي، ته اُهي سندن دلربا وجود جو هڪ دلربا حادثو آهن. اسان کي سُڌ هجڻ کپي ته هڪ شاعر پنهنجن سُندر گيتن جي ديس ۾ ڪڏهن به مفلس نه هوندو آهي. اصل ۾ جيستائين حالتون دل لُڀائيندڙ ۽ آزاد ڪونه هونديون، تيستائين ڪوبه گيت، گيت نه بڻجي سگهندو آهي. مون پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ اهڙو ڪوبه ڳائڻو ڪونه ڏٺو آهي، جيڪو پنهنجو راڳ فرض سمجهي آلاپيندو هجي، يا ٻئي ڪنهن هنڌ نه ڦٻي سگهڻ جي صورت ۾، اچي ڳائڻ تي لٿو هُجي. ...................... ايمرسن +مقالا +اي اٿينس جا باشندوء! +شايد اوهين ائين سمجهو ته مون کي اصولن ۽ دليلن سان سزا ٻڌائي وئي آهي، پر جيڪڏهن حقيقت به ائين هجي ها ۽ مون گهريو به هجي ها، ته دليل مون وٽ به ايڏا مضبوط هئا، جو آءٌ آسانيءَ سان ان سزا کان بچي ٿي سگهيس. جڏهن ته حقيقت بلڪل ان جي اُبتڙ آهي. مون کي ته سزا منهنجي بيباڪيءَ ۽ شوخيءَ جي ڪري ملي آهي، ۽ آءُ عتاب جو شڪار انڪري ٿيو آهيان، جو مون اُنهن شين جي چوڻ جي جرئت ڪئي آهي، جيڪي توهان مان هرڪو ٻڌڻ نه چاهيندو هوندو. توهان ته گهريو ٿي ته اوهان جي آڏو روئي پِٽي پنهنجي پاڻ تي لعنت ملامت ڪريان ها، ڇو ته ماڻهن جي واتان پڇتاءُ ۽ پشيمانيون ٻڌڻ توهان جي عادت ٿي چڪي آهي. +پر مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اِهو نه سوچيو آهي ۽ نه وري سوچڻ ئي گهرجي، ته پنهنجو پاڻ کي خطرن کان بچائڻ لاءِ اهڙا ڪڌا ڪم ڪريان، جيڪي هڪ آزاد انسان کي نٿا سونهن. مون کي پنهنجي بچاءٌ لئه لولهٽ نه ڪرڻ تي ڪوبه پڇتاءُ ڪونهي، پر مون کي پنهنجي لاءِ ڪيل عزت ۽ وقار سان ڀرپور موت تي بيشڪ ناز آهي. ڇو ته مقدمن ۽ جنگين ۾ مون لاءِ يا ڪنهن ٻئي لاءِ، اِها ڳالهه درست قرار نٿي ڏيئي سگهجي، ته سِر بچائڻ لاءِ هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لئه تيار ٿي وڃجي. توهان خود ڏٺو هوندو ته جنگين ۾ جيڪڏهن ڪو ويڙهوُ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري دشمن آڏو گوڏا جهڪائي ته کيس آرام سان جيئدان ملي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح خطري ڀريل ڳالهه ۾ ٻيون سوين بُرايون به لڪل آهن، جيڪڏهن ماڻهو اُهي اختيار ڪري ته هو موت کان بچي به سگهي ٿو. +سقراط +سراج +سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ ”مهراڻ“ جو ڪردار +سنڌ جي جديد تاريخ ۽ ادب جي حوالي سان جيڪي ٻه چار ادارا پيڙهه جي پٿرن جي حيثيت رکن ٿا، تن مان سنڌي ادبي بورڊ جو قائم ٿيڻ سڀ کان اهم ترين حيثيت رکي ٿو. هي ادارو هونئن ته سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ حسام الدين شاهه راشدي جي ڪوششن جو نتيجو آهي، پر اُن کي هر طرح اڳڀرو ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ سائين حسام الدين شاهه راشدي جون بي لوث خدمتون سنڌ جا ماڻهو وساري نٿا سگهن. سائين جي ايم سيد جيئن ته بنيادي طرح سنڌ جي سياست ۾ سج ۽ چنڊ جي حيثيت ماڻي چڪو هو، اِن ڪري هن جي فيصلن کان سواءِ سنڌ جي تاريخ بنهه ٻُسي ۽ مئل گهوڙي جو هڏائون پڃرو ٿي رهندي اچي ها. هو اسيمبلي ۾ هجي يا نه، هن جي چئي کي موٽائڻ جي ڪنهن ۾ جرات ڪانه هئي. ايوب کهڙي صاحب جهڙي ڊينگ کي به هن جي چئي کي موٽائڻ جي همت ڪانه هئي، خاص ڪري اُنهن ڳالهين ۾ جن ۾ سنڌ جي ڀلائي، جا ڀير صاف ظاهر هجن. هو پاڻ به سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو وڏو پارکو هو. سائين حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي صاحب کڻي سندس سياسي مخالف هجن پر سائينءَ جي لفظ کي مان ڏيڻ ۽ سائين به هنن جي لفظ کي مان ڏيڻ ۾، سنڌ جي اصل رڄُ چڱ مڙسيءَ جي روايت کي وڏو دخل هو. سو جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، تڏهن سائين هنن سان صلاح ڪري، محمد ابراهيم جويو صاحب کي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرايو. +ابراهيم جويو سنڌي قوم پرستي سان گڏ کاٻي ڌُر ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ نظريي جو پانڌي هو، پرهن ۾ ادب جي حوالي سان جيڪو پاڻ ارپڻ ۽ خودسپردگيءَ جو جذبو هو ۽ اُن کانسواءِ هو رَڄُ چڱو مڙس ۽ ٺُپُ ديانتدار ۽ ايماندار ماڻهو هو، بنيادي طرح هو ”ماستر ماڻهو“ يعني استاد هو. مون کي ذاتي طرح اِها خبر آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ جي پائي پائي جو محافظ هو. مجال آهي جو هڪڙو رپيو به زيان ٿيڻ ڏئي! هن ادبي بورڊ ۾ جيترو وقت گذاريو، هن جنهن ديانت ۽ ايمان سلامتي سان بورڊ جي سار سنڀال ڪئي، اهڙو مثال پاڪستان جي هن ڦرلٽ ۾ حصيداريءَ جي ماحول ۾ ورلي ملندو. ساڄي پاسي واري لڏي، سردار علي شاهه ۽ رشيد لاشاريءَ سميت، کاٻي ڌُر جي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن خلاف گهڻائي ڪاغذ ڪارا ڪيا، ڪات ڪهاڙا کنيا، پر هنن به ڪڏهن اسان جي ايمانداري ۽ ديانتداري تي آڱر ڪانه کنئي. ڪافرپڻي ۽ الحاد جا الزام هنيائون، پر ڪڏهن به موقعي تي هنن اسان جي مالي ايمانداري تي ڇوهه ڪونه ڇنڊيا. ابراهيم جويي ادبي بورڊ جي اوسر ۽ نيپاج بلڪل پنهنجي اولاد وانگر ڪئي. هو اسان واري تنگدست لڏي مان هئڻ جي باوجود بورڊ جي پائي پائيءَ جو حساب رکندو آيو. +آءٌ ميٽرڪ پاس ڪري، اسڪالرشپ جي ڏڍ تي، سائنس ڪاليج ۾ پهريون سال گذارڻ آيس، پر ٽيهن رپين جي اسڪالرشپ ۾ گذرسفر نه ڪري سگهي. بابا سنڌي ماستر ماڻهو، ظاهر آهي ته منهنجي مدد نه ڪري سگهيو. ڪٽنب جي تنگدستي جي ڪري ڪراچي ڇڏي شروع ۾ سنڌي ماستري ڪيم پر اُها به منهنجي هڪڙي نادانيءَ جي ڪري هلي نه سگهيس، ۽ مرڳو ٽنڊو ڄام ڇڏي حيدرآباد آيس، پر نوڪري ڪانه ملي. منهنجو ۽ سنڌي اديبن جو هڪڙو يار ”احمد ڀائي“ حيدرآباد ۾ جلد بنديءَ جو ڌنڌو ڪندو ۽ اڃا به ڪري پيو. اُن جي دڪان تي اچي ويهندو هوس. احمد جهڙا سنڌ ۾ ڏهه ماڻهو به هجن ته سنڌ جي تقدير بدلجي وڃي. هن اندازو لڳايو ته جڏهن هن جي ماني گهران ٿي آئي ته آءٌ هن جي ٽفن کي حسرت مان ڏسڻ لڳندو هوس. هو صلاح هڻندو هو، ۽ انڪار ڪرڻ جي باوجود زوريءَ ماني کارائيندو هو ۽ مون کان انجام ورتائين ته جيسين ڪا نوڪري ملي، ماني مون سان کائيندين. هن جا سمورن پريس وارن سان لڳ لاڳاپا هئا، جو جُلدبنديءَ جو ڪم هن کي ڏيندا هئا. سو هڪڙي ڏينهن نه ڪيائين هم نه تم، مون کي مرحوم ڏيپلائي صاحب وٽ وٺي آيو ۽ چيائين ته هن کي ڪم سان لڳاءِ ! ڏيپلائي صاحب به سنڌ جي لاءِ ڄڻ ته صبح جو سوجهرو هو. هن سنڌ ۾ پير پرستيءَ جي خلاف جيڪو جهاد ڪيو، سو احسان سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا. ڏيپلائي صاحب چيو ته” يار، قسمت چڱي اٿئي جو منهنجو پروف ريڊر ڀڄي ويو آهي. وڃ هن ميز کي سنڀال ۽ ڪتاب وي پيون ڪري وڪڻ!“ +ابراهيم جويو ڏيپلائي صاحب جو گهاٽو سنگتي هو، هو روز پريس تي ايندو هو ۽ ڏيپلائي صاحب وٽ چانهه جو ڪوپ پيئندو هو. شايد ڏيپلائي صاحب ڪا منهنجي ڏاڍي تعريف ڪئي، سو جڏهن هن ادبي بورڊ بڪ اسٽال کولڻ جو سوچيو ته ڏيپلائي صاحب کان منهنجي گهر ڪيائين. ائين سنڌي ادبي بورڊ جي تلڪ چاڙهيءَ واري بڪ اسٽال جو مئنيجر ٿيس. اُتي ڪتاب وڪڻڻ سان گڏ ”مهراڻ“ رسالي جي شروع ٿيڻ سان آءٌ ۽ ابراهيم جويو گڏجي مضمون درست ڪرڻ، پروف ريڊنگ ڪرڻ ۽ ڪتاب چونڊڻ لڳاسين. پر سڀ کان وڌيڪ اهم ڪم مهراڻ رسالي جو هو جيڪو ٽماهي هو پر اسان جي آس هئي ته اُن کي ماهوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان ٻئي نورنچوئي رسالو تيار ڪندا هئاسون. پريس پنهنجي هئي، ڇپائي ۽ پروف ريڊنگ جو ڪم به اسين ڪندا هئاسون. ائين جڏهن پهريان پرچا مارڪيٽ ۾ آيا ته اصطلاحاَ ڌوم مچي ويئي! اصل محنت ابراهيم جويو ڪندو هو، پر آءٌ به سندس هٿ ونڊائيندو هوس. رسالو ايترو مقبول ٿيو جو باوجود سردار علي شاهه صاحب ۽ رشيد لاشاري صاحب جي اسان سان وير رکڻ جي، تعريف ڪرڻ کان رهي نه سگهيا. اسان جو ڪردار اِهو هو ته بابا، ههڙن ڪمن ۾ مخالفت ته ضرور ٿيندي، اِن ڪري ” جوڳي رمتا ڀلا“ وانگر اسين پنهنجو سفر جاري رکنداسون! +ائين”مهراڻ“ رسالي نه رڳو سنڌي زبان ۽ ادب جي سچن سڄڻن کان داد حاصل ڪيو پر اسان جي مخالفن کان به واهه واهه نڪري ويئي. سنڌي ادب لاءِ ”مهراڻ“ نئون سج ثابت ٿيو. منهنجي صلاح تي جويي صاحب اديبن کي لکڻين لاءِ اُجورو به ڏيڻ شروع ڪيو. اُن جو سنڌي ادب تي ايترو ته وسيع ۽ گهڻ پاسائون اثر پيو جو رشيد لاشاري اسان جي مخالف هجڻ جي باوجود”مهراڻ“ لاءِ اعليٰ پائي جا مضمون لکڻ شروع ڪيا! +اسان سنڌي ادب ۽ معاشري جي جيڪا اُڀري سڀري خدمت ڪئي، سچ پڇو ته اڄ به اسين اُن تي فخر ڪندا آهيون ته اسان ”مهراڻ“ جي بانين ۾ شمار ٿي سگهون ٿا. اسان لاءِ اعزاز ئي ڪافي آهي! باقي فيصلو تاريخ کي ڪرڻو آهي، جو اسين ٻئي اڃا حال حيات آهيون. ”مهراڻ“ گهڻن لاهن چاڙهن مان گذريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته بندش جي نوبت به آئي، پر سنڌي ادب جي اوسر ۾”مهراڻ“ جي ڪردار جو سنڌ جي سموري اديبن، شاعرن ۽ دانشورن اعتراف ڪيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هن ڊاهه ڊوهه جي دور ۾ انعام شيخ جهڙي سٻاجهي دانشور ۽ ليکڪ جي زير نگراني نڪرڻ لڳو آهي.اُن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشقسمتي ٿي ٿي سگهي. شل سنڌ آباد رهي ۽ سنڌ جا اهي بنيادي ادارا ۽ خاص طرح ”مهراڻ“ رسالو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مان مٿانهون رکندو اچي! +ڊاڪٽر غلام علي الانا +ويدن جا ويچار، سي سنڌيءَ منجهه سُڻايم! +(ساميءَ تي اڀياس) +1- ڪنهن به ملڪ جو علم ادب، اُن ملڪ ۽ اُن قوم جي تهذيب ۽ تمدن جو آئينو هوندو آهي. علم ادب ۾ شاعريءَ کي وري هڪ خاص اهميت ۽ مٿانهون مرتبو حاصل آهي. ماهرن جو خيال آهي ته دنيا جي سماجي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ ۾ ادب جي شروعات ”شاعريءَ“ سان ٿي. ماهر اِهو به چون ٿا ته نثر جي مقابلي ۾ نظم يا شاعري ماڻهن جي روح کي وڌيڪ متاثر ڪندي آهي. +دنيا جي ٻين قومن جي علم ادب وانگر، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب ۾ به ڪي تمام وڏا ۽ قدآور شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور جي تاريخ جا علمبردار يا امام سڏيا ويا آهن. اهڙا ماڻهو ئي سن��ي ادب جا اُهڃاڻ ۽ نشان سمجهيا ويندا آهن (1) پروفيسر ناگراڻيءَ جي ڪتاب،”سامي جا سلوڪ“ جي مهاڳ لکندڙ ماهر فرمايو ته: +” قومن جي شعري دنيا ۾ وري هڪ ٻه نالا خاص اهڙا ٿين ٿا، جيڪي خود سندن تهذيبي تشخص لاءِ، سندن ادب جا اَڻ – گس اُهڃاڻ يا نشان بڻيل هوندا آهن. انهيءَ لحاظ کان جيتوڻيڪ اُهي اُنهن قومن جا خاص پنهنجا شاعر سڏبا آهن، پر بنيادي طرح ڇاڪاڻ ته اُهي انساني تهذيب جا گڏيل ورثي جا خالق ۽ اُن جا امين ۽ ترجمان هوندا آهن، ان ڪري سندن حيثيت عالمي يا آفاقي به هوندي آهي. هومر جو نالو کڻو ته سمجهو ته سموري يوناني تهذيب اکين جي آڏو اچي ويندي. ورجل کي ياد ڪريو ته لاطيني سڀيتا جا سمورا اعليٰ انداز سامهون اچي ويندا. فردوسي جي نالي کڻڻ سان ايران جو عروج ۽ زوال جو آئينو سامهون نظر ايندو. شڪسپيئر جو نالو زبان تي اچڻ سان انگلنڊ جي تهذيبي ورثي جو سمورو نقشو اکين جي اڳيان اچي ويندو. پُشڪن کي پڙهڻ سان روس جي فڪر انگيز تاريخ ڪر کڻي بيهي رهندي. ائين ئي جڏهن شاهه لطيف جو نالو زبان تي اچي ٿو ته سنڌ جي سڀيتا جي سموري سونهن ۽ سمورو حسن نروار ٿي سامهون اچي بيهي ٿو.“ (2) +سنڌ جي سرزمين پنهنجي علم ادب ۽ هنر ۽ فن ، تهذيب ۽ تمدن ۾ سدا شاهوڪار رهي آهي. سنڌ جي علم ادب جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي،جيتري سنڌو – تهذيب ۽ اُن تهذيب ۾ رائج قديم سنڌي ٻولي. سنڌي ٻولي ۽ادب جي تاريخ جي ورق گرداني سان معلوم ٿو ٿئي ته ڪئين صديون اڳ، هن سرزمين ۾ ڪيئي گمنام شاعر ٿي گذريا آهن، جن مان ڪن جي هٿ آيل ڪلام ۾ اڄ به دنيا وارن لاءِ شاعرانه سونهن ۽ خيالن جي نزاڪت ۽ گهرائيءَ جا انمول مثال موجود آهن. سنڌ جي محققن هاڻ سنڌي شاعريءَ جا اهڙا ته انوکا، سهڻا ۽ لاثاني مثال ۽ نمونا ڳولي هٿ ڪيا آهن، جن جي جيتري آهي تاريخ قديم ، اوتري ئي آهي اُن شاعريءَ ۾ڪم آندل قديم ٻولي. سنڌي شاعريءَ جا اِهي انوکا ۽ سهڻا مثال، ستينءَ ۽ اٺينءُ صديءَ عيسويءَ يعني سنڌ تي مسلمانن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ جا چيا وڃن ٿا. سنڌي شاعريءَ جي اُنهن پراڻن مثالن ۽ نمونن جي شاعرن يا خالقن جي نالن جي خبر نٿي پوي، البت اها شاعري، قديم سنڌو تهذيب جي قديم ”سئنڌوئي ٻولي“ جي اُڀرنديئين شاخ جي هڪ لهجي (غالباَ سنڌي اُپڀرنش) ۾ ڪيل آهي. ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا: +ڀلا هُئا جو ماريو ڀيڻ، ميهارو ڪنت، +لجيج تو ويڻ سين، جو ڀڳا گهر اَنت(3) +ٻيو مثال ڏسو: +ڍولو سانوَلو، ڌَڻ چَمپا وَرڻي، +ڄاڻ سونا – ريهه ڪَسَوٽيا ڌڻي(4) +ٽيون مثال ڏسو؛ +ڍولا مون تو واريو، مَ ڪر ڊگهو ماڻ، +ننڊ ڱنوائي راتڙي، جهٽ پٽ هوءِ وهانءُ(5) +چوٿون مثال ڏسو: +جِيوُ ڪَس نه ڀلو هوءِ ڌَن پڻ ڪَس نه اِٺ، +ڌُوئي ئي اَوسري نِهوريائين، سونَ ڳڻي وِٺ (6) +پنجون مثال ڏسو: +جي نه سو آوَئي تو گهر، ڪو آهي مُهه تُجهه، +واڻ جوکَنڊئي سائِين، سو پِيوُ نه هوِءِ مُجهه (7) +ڇهون مثال ڏسو: +اَمهي ٿورا، رِياڪار بَهُئا، ڪانئر ايئن ڀَڻَنت، +مُنڍي، نهاري گهاٽُ آلو، ڪَئي ڄڻا مَڪر ڪرنت (8) +ستون مثال ڏسو: +پُٽ ڄائي ڪهڙو گُڻ، اَوگُڻ ڪهڙو مرڻ، +جي باڇ ڪي ڀُمَڙي، جَمپيِاجائي اَوَرَنِ(9) +(ٻي صديءَ عيسويءَ کان ستين صدي عيسويءَ واري زماني ۾، قديم سنڌ ۾ رائج سنڌي شاعريءَ جا هٿ آيل چند نمونا.................. +بحواله: ڊاڪٽر محمد حسن،ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئترجي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي) +سنڌي شاعريءَ جي اِنهن چند مثالن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي عظيم روايت جا اهي مثال شاهه لطيف سائينءَ جي دوءر کان به تيرهن سئ�� سال اڳ ملن ٿا، ۽ سنڌي شاعريءَ جي اِها روايت، لطيف سائينءَ کان پوءِ به هر دور ۾ جاري رهي، ۽ هر صديءَ ۾ ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن وري هڪ کان وڌيڪ اديب، شاعر ۽ سخنور پيدا ٿيندا رهيا پر اِهو صحيح فرمايل آهي ته: ”شاهه لطيف، سنڌي تهذيب ۽ اُن جي سڳنڌ ۽ ساڃاهه جو سڀ کان اهم اُهڃاڻ بڻجي ويو آهي، جنهن جي پهچ ۽ پکيڙ هزارن ورهين تي ڦهليل آهي. ٻين لفظن ۾ لطيف، سنڌي سڀيتا ۽ سنڌي ساهتيه جي وڌندڙ ۽ جيئن پوءِ تيئن روشن ٿيندڙ حسن، ڀلائيءَ ۽ جانداريءَ جو هڪ سنگ ميل آهي.“(10) +3- (الف) سنڌي ادب جي ٽمورتي – شاهه، سچل ۽ سامي: +شاهه، سچل ۽ سامي واقعي سنڌي ادب، سنڌي تهذيب ۽ تمدن ۽ سنڌي ثقافت جي هڪ اهڙي ٽمورتي آهي، جنهن سنڌي ادب، سنڌي تهذيب ۽ تمدن ۽ سنڌي ثقافت جي بنيادي سڃاڻپ جو روح نظر اچي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته انهن ٽنهي اعليٰ بزرگ هستين ۽ شاعرن سنڌي زبان کي نئين حياتي بخشي آهي، اِنهن ٽنهي بزرگن سنڌي زبان کي امرت جو جل پياري، اُن کي سدا حيات زبان بڻائي ڇڏيو آهي. اُن (سنڌي زبان) کي دنيا جي هڪ وڏي تهذيب جي امر زبان، زنده جاويد زبان، ۽ دنيا جي وڏن شاعرن (شاهه، سچل ۽ ساميءَ) جي زبان طور مڃرايو آهي. +(ب) سنڌي زبان، سنڌو تهذيب جي ڪُک مان پيدا ٿيل زبان آهي، جيڪا مختلف زمانن ۾ مٿس آيل زلزلن ۽ لوڏن مان بچندي، مشڪلاتن مان پار پوندي، پنهنجو وجود تسلسل سان قائم رکندي، زنده رهندي آئي آهي، ۽ جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي، جيستائين سنڌو تهذيب قائم آهي، تيستائين سنڌي زبان به قائم ۽ دائم رهندي ايندي. +(ت) سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ جتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو هڪ وڏو قداور نالو آهي: جتي سچل سرمست هفت زبان شاعر سڏجندي به ”سنڌي ۽ سرائڪي“ شاعريءَ ۾ هڪ وڏو نالو مڃيو ويندو آهي، تيئن سنڌ جو امر سنت شاعر، ”سامي“ به سنڌي زبان جو هڪ وڏو ۽ امر شاعر آهي. +(ث) سامي سنڌي زبان جو هڪ اهڙو اعليٰ ۽ عظيم شاعر هوندي به، هاڻ سندس ديس وارن يعني سنڌ واسين کيس سنڌ ۾ ته ذري گهٽ وساري ڇڏيو آهي. اڄ حالت اِها آهي جو سنڌي ادب جي اُستادن ۽ خود اديبن مان ڪي به ٿورا ساميءَ جو ڪلام صحيح طرح سان پڙهي سگهن ٿا. +وري به جس هجي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي موجوده وائيس چانسيلر، جناب ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ کي، جنهن شاهه لطيف ۽ سچل سرمست سان گڏ ساميءَ جهڙي عظيم شاعر کي به ياد ڪيو هو، ۽ هن ”ٽمورتي“ جي ڪلام ۽ پيام جي مطالعي لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام ڪيوهو. سچ پچ ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ، سنڌي شاعريءَ جي هن ٽمورتيءَ، شاهه، سچل ۽ سامي.... تي سيمينار ڪوٺائي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هن وسري ويل شاعر جي ياد تازي ڪرائي. سنڌ جي ڏاهي ، عالم ۽ ماهر تعليمدان محترم محمد ابراهيم جوييي بلڪل درست فرمايو آهي ته: ”شاهه، سچل ۽ سامي، سنڌ ۽ سنڌي سماج جي سڃاڻپ جا شاعر آهن.“ (11) +4- (الف) سامي سنڌي زبان جو هڪ اعليٰ آدرشي شاعر آهي، هُو پنهنجيءَ تهذيب، پنهنجي عوام ۽ پنهنجي سماج جو علمبردار شاعر آهي. هو اعليٰ انساني آدرش جو درس ڏيندڙ هڪ درويش سنت آهي. هُنَ هڪ سنت جي حيثيت ۾ نيڪ ٿي رهڻ ۽ نيڪي ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. +(ب) شاهه، سچل ۽ سامي، سنڌ جي تاريخ ۾، هڪڙي ئي دور جا، بلڪ سهيوڳي شاعر ۽ درويش هئا. سچل ۽ سامي ته ذري گهٽ هم عمر به هئا(12) سچل جو جنم 1739ع ۾ ٿيو، ۽ سامي جو جنم 1730ع ۾ ٿيو. سچل تقريباَ هڪ سو ورهين جي عمر ماڻي، ۽ 1829ع ۾ وفات ڪيائين. ساميءَ هڪ سو ويهن ورهين جي عمر ۾، 1850ع ۾ هيءَ جهان ڇڏيو(13) سچل سرمست اڃا 23 ورهين جو هو ۽ سامي 22 ورهين جو هو، جو شاهه عبدالل��يف انتقال ڪيو. لهاذا اِنهن ٽنهي شاعرن وارو زمانو، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جي لحاظ کان اهم دور هو، جنهن جي باري ۾ محترم محمد ابراهيم جويي”شاهه، سچل ۽ ساميءَ“ ڪتاب ۾ تفصيل سان لکيو آهي(14) +(ت) ڪماري وندنا اشوڪ رامواڻيءَ ، ساميءَ جي همعصر شاعرن جي هڪ ڊگهي فهرست ڏني آهي، جيڪا هن جي لکيل پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز ۾ موجود آهي. اُها فهرست هيٺ هوبهو نقل ڪجي ٿي(15) +1- شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع کان 1752ع) +2- سچل سرمست (1739ع کان 1829ع) +3- سامي (1730ع کان 1850ع) +4- روحل فقير (1734ع کان 1804ع) +5- سيد ثابت علي شاهه (1740ع کان 1810ع) +6- دلپت سيوهاڻي (1769ع کان 1841ع) +7- فقير قادر بخش ”بيدل“ (1814ع کان 1872ع) +8- خليفو گل محمد”گُل“ (1815ع کان 1879ع) +9- حمل خان لغاري (1815ع کان 1889ع) +10- پير علي گوهر شاهه”اصغر“ (1816ع کان 1831ع) +11- مير حسن علي خان ”حسن“ (1824ع کان 1863ع) +12- صوفي آسو رام ”آسو“ (1824ع کان 1897ع) +5- سامي هڪ ويدانتي سنت هو. ويدانت جا اصول ۽ ان سلسلي ۾ ڪي ڳالهيون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، پنهنجي ڪتاب مقدمه لطيفيءَ ۾ سمجهايون آهن_(16). ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي راءِ موجب، ساميءَ به اُهي ئي ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي شاهه لطيف، شاهه ڪريم، سچل ۽ ٻين صوفي درويشن ڪيون آهن. مثال طور ساميءَ جي راءِ موجب برهم يا حق اسان کان پري ڪونهي، يعني ڌڻي جو ديرو اسان منجهه ئي آهي. يعني: +وَنحن اقرب اليه من حب الوَريد +يعني رب فرمائي ٿو ته”اسين انسان کي سندس ڪنڌ جي رڳن کان به ويجها آهيون.“ +نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو. +يعني حق جو واسو انسان جي اندر ۾ ئي آهي. ويدانت ۾ به اِهي ئي ڳالهيون چيل آهن(17) ساميءَ به اِهي ئي ڳالهيون ڪيون آهن. سامي فرمائي ٿو ته: +محل منجهه آهين، سوڌا تنهنجا سپرين، +لڪيا ڇپيا ڪينڪي، ٿا ٻُڌن ڳالهائينِ، +جي مُنهن مڙهيءَ پائينِ، واقف سي ورونهن جا. +ٻئي هنڌ فرمائي ٿو: +سامي سڀ ديدار، اٿيئي عجيبن جو، +ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻ هار، +نر آ ڪار آڪار،ڍاري آيو جڳ ۾. +”ساميءَ جا چند سلوڪ“ ڪتاب ۾ راءِ بهادر ڪوڙو مل چندن مل لکي ٿو ته:”شاهه، سچل، دلپت ۽ ساميءَ جن، پنهنجيءَ شاعراڻي ٻوليءَ ۾ الاهي اسرار ۽ روحاني راز کوليا آهن.“(18) +راءِ بهادر ڪوڙو مل اڳتي لکي ٿو ته:”سنڌ جي ماڻهن اهڙي املهه خزاني کي ساهه سان سانڍيو آهي، اُن جو قدر ڪيو آهي، اُن کي چاهه سان پڙهيو آهي ۽ ان جو رس چکيو آهي.“(19) +6- (الف) ساميءَ جي ڪلام جو مضمون: راءِ بهادر ڪوڙو مل لکي ٿو ته: سنڌ جي مڙني صوفي ۽ ويدانتي شاعرن جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته اُنهن سڀني وٽ هڪڙو ئي رنگ آهي. ساميءَ وٽ ويدانتي رنگ سان گڏ صوفياڻو رنگ به اوترو ئي آهي. البت پاڻ ٻولي اهڙي ڪم آندي اٿس، جنهن ۾ سنسڪرت جا اوکا ۽ اڻانگا لفظ ڪم آندا اٿس، جنهنڪري نقاد سمجهن ٿا ته هن وٽ ويدانتي رنگ ۽ ڍنگ وڌيڪ آهي. +(ب) وشن جڳتياڻيءَ جو حوالو ڏيندي، راءِ بهادر ڪوڙو مل لکي ٿو ته: +”سامي صوفياڻي رنگ کان ڪجهه نرالو، پر ويدانتي رنگ سان بلڪل ڀريو پيو آهي. چئجي کڻي ته ويد، سوتر، ڀاڳوت، يوگه، سانيکه ۽ ٻين انيڪ گرنٿن جو سار منجهس سمايل آهي، ۽ اُنهيءَ مڙني جو نهايت سليس ۽ مڌر ٻوليءَ ۾ آنند چکائي ٿو.“(_20) +سامي يقيناَ ويدانتي شاعر ته آهي پر منهنجي خيال ۾ هو صوفياڻي رنگ کان به نرالو ڪونهي، هو صوفياڻي رنگ سان به ڀريو پيو آهي. جتي مڙني گرنٿن جو سار، ساميءَ جي سلوڪن ۾ نظر اچي ٿو. اُتي سندس (ساميءَ) سلوڪن ۾، مولانا روميءَ، بابا فريد، بابا بُلهي شاهه، ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ ۽ شاهه لطيف جي صوفياڻي خيالن جو هو بهو عڪس به سندس سلوڪن ۾ جا بجا نظر اچي ٿو. +مثال طور فرمائي ٿو: +فارسي ۽ هندي، سنت چون ٿا ڳالهه هڪ، +سمجهي ڪو سامي چئي، ٻيائيءَ بنا ٻندي، +چڙهي انڀيءَ اڇ تي، وٺي راهه رندي، +پائي گيان گندي، سمهي سکپت سيج تي +سامي اڳتي فرمائي ٿو ته: +ويد پران قرآن ڪو، سڀني ۾ هڪ سوت، +سمجهي ڏس سامي چئي، لائي من مضبوط، +جيئن آڪاس گهٽن ۾، تيئن سڀ ۾ ساکي ڀوت، +ڪو آتم وت اوڌوت، سمجهي هن سخن کي. +(ت) مولانا روميءَ جي مثنويءَ مان ٻه اهڙا مثال پيش ڪجن ٿا، جن ۾ مولانا روميءَ جيڪو مضمون سمجهايو آهي، اُهو ساڳيو ئي مضمون سنڌ جي صوفين،ساميءَ سميت، پنهنجي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو آهي. مثال طور رومي فرمائي ٿو: +مثنوي و مولوي و معنوي، +هست قرآن در زبان پهلوي. +مولانا ٻئي هنڌ فرمائي ٿو: +ماز قرآن مغز رابرداشتيم، +اُستخوان پيش سگان انداخيتم. +يعني؛ اسان قرآن ڪريم مان مغز ڪڍي پنهنجي ڪلام ۾ سمجهايو آهي، باقي جيڪي هڏا بچيا آهن، اُهي ڪتن جي اڳيان ڦٽا ڪيا اٿئون. ساڳيو مضمون ۽ ساڳيا خيال لطيف سائينءَ به پنهنجي ڪلام ۾ ظاهر ڪيا آهن. لطيف سائين فرمائي ٿو: +بيت نه ڀانيو ماڻهوئا، هي آيتون آهين، +نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي. +ساڳي ڳالهه ساميءَ به ڪئي آهي، اِنهيءَ ساڳئي مضمون کي ساميءَ جهڙي طرح پيش ڪيو آهي، اُهو ملاحضه فرمايو: +ويدن جا ويچار،سي سنڌيءَ منجهه سُڻايم. +ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، مولانا روميءَ، شاهه لطيف ۽ ساميءَ جي خيالن ۾ اهڙي هڪجهڙائي مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته انهن ٽنهي درويشن ساڳيو ئي درس ڏنو آهي. اِنهن ٽنهي ساڳي ڳالهه ڪئي آهي، ته پوءِ ائين هروڀرو ڇو چئجي ته سامي جي سلوڪن ۾ فقط گرنٿن جو سار آهي، ۽ اُهو سار صوفياڻي رنگ کان نرالو آهي. اِها دعويٰ ڪرڻ سان ساميءَ جي پيغام کي محدود سمجهڻو پوندو، جڏهن ته هن جي ڪلام ۾ به ٻين صوفين جي ڪلام وانگر همه گيريت آهي ۽ روميءَ واري راهه آهي، ۽ ائين چوڻ صحيح نه ٿيندو ته ساميءَ، هندو ڌرم جي ويدن جو اَرٿ سمجهايو آهي. +(ث) ساميءَ جي سلوڪن ۾ تصوف وارن نقطن، يعني وحدت الوجود، سچي مرشد لاءِ احترام، مايا کان نفرت، دنيا جي حسن کان بي ثباتي، مورک ۽ اگياني انسان جهڙن موضوعن جي سمجهاڻي به ڏنل آهي. اِهي نقطا به بابا فريد، پير شمس سبزواري ملتانيءَ، پير صدرالدين، بابا بُلهي شاهه، سلطان باهو، ماڌو لال شاهه حسين، قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، سچل سرمست، دلپت ۽ بيدل جي ڪلام ۾ به وضاحت سان بيان ڪيل آهن. ڊاڪٽر وندنا اشوڪ رامواڻي لکي ٿي ته: +”ويدانت جو مول مقصد آهي انسان جو پاڻ کي ڳولي لهڻ، ويدانت سچ جي کوج ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. ويدانت صاف آئيني وانگر آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجو مشاهدو ماڻي سگهي ٿو. پنهنجي اندر جهاتي پائي، سچ (حق) جو ديدار ڪري سگهي ٿو. ويدانت روحاني راهه سلي ٿو.“(21) +محترمه وندنا رامواڻيءَ پنهنجي ٿيسز ۾ ساميءَ جي سلوڪن جا جيڪي موضوع ڄاڻايا آهن، اُهي هي آهن: +”من ۾ آتما جي سڃاڻپ، گرمک، ڀڳتيءَ جي مهنا، ويساهه ، ڀاونا، ساڌ سنگت، ايشور مهيما، گيان يوگ، ويراڳ، ناصحانه شعر، عاشقانه شعر ۽ من مارڻ.“(22) +اِهي ئي موضوع سڀني صوفين جي شاعريءَ ۾ به نظر اچن ٿا. اِهي ئي موضوع بابا فريد کان وٺي شاهه ڪريم، قاضي قادن، بابا بُلهي شاهه، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ خواجا غلام فريد به بيان ڪيا آهن. +(ج) شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي من اندر ليئو پائي دوست جي ديدار ڪرڻ جي راهه ٻڌائين ٿا. لطيف فرمائي ٿو: +نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو. +لطيف ٻئي هنڌ فرمائي ٿو؛ +سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏاهن، سوئي مَن وسي، +تنهن سندي سوجهري، سوئي سو پسي. +انهيءَ سلسلي ۾ سامي فرمائي ٿو: +سامي سڀ ديدار، اٿيئي عجيبن جو، +ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻهار، +نر آ ڪار آڪار، ڌاري آيو جڳ ۾. +سامي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو: +گهر ۾ رام وسي، ٻاهر ڍونڍي جيءَ نت، +پائي منهن مهراڻ ۾، سامي ڪين پسي، +پنهنجو پاڻ ڦسي، ٿو مورک اوديا ڦاس ۾. +سڀني صوفي شاعرن وحدت الوجود جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه، سچل، سامي، خواجا غلام فريد ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ هن موضوع تي تمام گهڻو ڪلام چيل آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو هي بيت ڏسو: +سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي مَنَ وَسي، +تنهن سندي سوجهري، سوئي سو پسي. +سامي فرمائي ٿو: +انڌا ڪين ڏسن، پر تک پرميشر کي، +ڀرم منجهه ڀُلي ڪري، ڀوندو جان ڀٽڪن، +سته سڌ سهي ڪيو، سامي سجاڳن، +رتارنگ رهن، دنيت وڃائي دل کي. +(7) – (الف) سڀني صوفي بزرگن پنهنجي ڪلام ۾ افضل ولايت جو ذڪر ڪيو آهي. اسماعيلي عقيدي جو داعي، پير صدرالدين پنهنجي هڪ گنان ۾ اهڙيءَ افضل ولايت کي ’هنس پور‘ سڏيو آهي، جتي محبوب جي مقام جي بيان جو ذڪر آهي. جتي ’دلبر‘ جو ديرو آهي، جتي مقيم مخلوق کي ڪوبه ڏک سور ۽ دک ۽ درد، فڪر، چنتا ۽ تڪليف ڪانهي. +پير صدرالدين فرمائي ٿو: +هنس پوري نگري مانهه، مانڊوو رچاوو، +ايڻي ايڻي مانڊوي مومن تيڙاوو.....ڀائي. +(ب) انهيءَ ساڳئي افضل ولايت واري تصور جو شاهه لطيف به پنهنجي ڪلام ۾ ذڪر ڪيوآهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو: +جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو، +نڪو چاڙهائو چنڊ جو، نڪو سج سرو، +اُتي آديسين جو، لڳو دڳ درو، +پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهن ۾. +(ت) اِنهيءَ ساڳئي موضوع کي، حقيقت محمديءَ جي فلسفي طور سمجهائيندي ميون عبدالرحيم گرهوڙي، افضل ولايت کي لقاء ٿو سڏي. گرهوڙي صاحب فرمائي ٿو منهنجو محبوب ’لقاء پور‘ ۾ هوندو آهي، هن جهان ۾ ته سندس فقط پاڇو آهي. گرهوڙي صاحب فرمائي ٿو: +لالن لقاءُ پور رهي، هت پڌر پاڇويا. +(ث) ساڳيئي فلسفي موجب، افضل ولايت جي باري ۾ ساميءَ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. سامي به تصوراتي روحاني دنيا جو پنهنجن سلوڪن ۾ ذڪر ٿو ڪري. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته: + + +”جنهن طالب جي اک کُلي ٿي سو جيئري ئي اُنهيءَ ’سوکيم جهان‘ جو مشاهدو ٿو ماڻي. سامي اُن سوکيم جهان کي نور محل ٿو سڏي. سامي چوي ٿو ته اُن سوکيم جهان (نور محل) ۾ زمان ۽ مڪان، آڪاس ۽ پاتال جو ٻنڌن نه آهن،. ساميءَ جي خيال موجب اُهو، اُهو جهان آهي جتي نه ڪرم آهي ۽ نه ڪال، جتي نه غم آهي ۽ نه زوال، اُنهيءَ دنيا ۾ رات ۽ ڏينهن جو ڪوبه نشان ڪونهي. اُنهيءَ جهان ۾ عجيب نور پيو وسي، جو نرمل ۾ نرمل نور آهي، اُهو پد سوکيم ۾ سوکيم آهي. سامي اُنهيءَ سوکيم جهان کي بي گم پور(يعني بي غم پور) يا ديس ملار يا نور محل ٿو سڏي، جتي آنند ۾ ٻڏل آتمائون، رامڪليءَ ۽ ڪلياڻ جا مڌر سور پيون آلاپين.“(23) +ساميءَ انهيءَ سوکيم جهان جو ذڪر پنهنجن سلوڪن ۾ هن ريت ڪيو آهي.(24) +ڪنهن کي ڪريان حال، پورب ديس ملار جو، +جتي اُڃ بک ناهه ڪا، نڪي کائي ڪال، +نڪو ڏينهن نه رات ڪا، نڪو آڪاس پاتال، +خاوند جو خيال، سم ورتي سامي چئي. +سامي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو: +نيڻين لاهيو نينهن، نو رمحل جي ناٿ سان، +جتي سج نه چنڊ ڪو، نڪو رات نه ڏينهن، +مهرن وسي مينهن، سامي سدا عرش جو. +8- (الف) سنڌ جي ٻين شاعرن وانگر ساميءَ جي ڪلام ۾ حسن بيانيءَ جو بيشمار خوبيون نظر اچن ٿيون. ساميءَ به شاهه لطيف ۽ سچل سرمست وانگر بيشمار علامتون، تشبيهون، استعاره ۽ تجنيسون ڪم آنديون آهن. هن (ساميءَ) تمثيل طور ڪنهن به لوڪ ڪهاڻيءَ يا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصي جي ڪردار کي ڪم نه آندو آهي. محترمه وندنا رامواڻيءَ جو رايو آهي ته: +”جتي شاهه ڪريم، شاهه عنايت، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين جي مدد سان تمثيلي ڪلام چيو، اُتي ساميءَ ڪنهن به لوڪ ڪهاڻيءَ جو ذڪر نه ڪيو آهي. صرف روحاني اشارا ڏنا آهن.“ (25) +(ب) ساميءَ پنهنجن سلوڪن جي مفهوم ۽ فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ تشبيهن، علامتن، استعارن ۽ تجنيسن جو سهارو ورتو آهي. هن ڏکين ۽ دقيق لفظن ۽ اونهن خيالن ۽ باريڪ نقطن کي سادين تشبيهن ۽ علامتن جي مدد سان سمجهايو آهي. +سامي به پنهنجي محبوب جي سڪ، وڇوڙي، وصل لاءِ ورلاپن جو اظهار ڪري ٿو، ۽ محبوب جي سونهن جي واکاڻ لاءِ مقامي شيون تشبيهن ۽ استعارن طور ڪم آڻي ٿو. هن ڪنول، تلاءَ، لوڻ، کنڊ، مرگهه، پتنگ، ڀونئر، مڇي، سپ، چڪور، پپيهي، چقمق، وڃڻي، موتي ۽ ڪوريئڙي کي تشبيهن ۽ استعارن طور، پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي، هر نقطي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. +پنهنجي عاشقاڻي ڪلام ۾ سمجهاڻي ڏيندي سامي فرمائي ٿو ته، جيئن مرگهه ناد جي آواز تي عاشق ٿي ڊوڙي ٿو اچي، ۽ جيئن پتنگ جوت تي مدهوش ٿئي ٿو، سڪ ۽ محبت جي ڪشش، ڪنول گل جي سرهاڻ جي واسي ڌاري، ڀونئر کي پنهنجي دام ۾ اڙائي ٿي. مثال طور: +سڀ کان ٻوڙايو، پريم پشاچ لڳي ڪري، +ٻڌي ناد ڪنن سان، مرگهه ڊوڙي آيو، +وٺي واس ڪنول جان، ڀونئر لپٽايو، +سامي سمايو، پتنگ جوت ڏسي ڪري. +ساميءَ هن دنيا کي رُڃ سان تشبيهه ڏني آهي ۽ چوي ٿو ته سج جا ڪرڻا، رُڃ ۾، پاڻيءَ جو ڪوڙو نماءُ رچي، مرگهه ترشنا يعني رڃ جي حالت ۾، پاڻي جي تلاش ۾ رُلائيندو، ڊوڙائيندو ۽ ڀڄائيندو آهي، تيئن دنيوي ڪوڙي سونهن، سوڀيا ۽ ڏيکاءُ کي مورک ۽ بيوس انسان سچ سمجهي، اُن تي ٺڳجي ويندو آهي، ۽ اُن جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪجي، ماندو ٿي پوندو آهي، پر کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي. سامي فرمائي ٿو: +اڻ هوندو اوديا ڇل، ٿيو چيتن جي چت کي، +جيئن سورج جي تيج کئون، مرگهه تشنا جو جل. +اڳ ۾ چيو ويو آهي ته ساميءَ به شاهه لطيف، سچل ۽ ٻين صوفين شاعرن واري راهه ورتي آهي، هن پپيهي، سپ، مين(مڇي)، وڃڻي، چڪور ۽ ڀونئر جي تشبيهن جي مدد سان وحدت الوجود جو فلسفو سمجهايو آهي، مثال طور: +پلڪ نه ٿئي پري، نيهي نارائڻ کئون، +من ۾ چندر چڪور جان، درشن ڌيان ڌري، +ڀونئر رهي نه واس ري، جل ري مِين مري، +سامي تڏهن ٺري، جڏهن پوي بوند پپيهي کي. +هن سلوڪ ۾ ساميءَ چڪور، ڀونئر، مين ۽ پپيهي کي تشبيهه طور ڪم آندوآهي. اهڙيءَ طرح سپ جي تشبيهه وارو مثال ملاحظه ڪريو: +راتيون ڏينهن جري ٿي، برهه ڪارڻ ٻيءُ جي، +جيئن ڪارڻ سئيت جي، سپ ورلاپ ڪري، +پياس نه مٽي مين جي، بنا نير مري، +تڏهن جيءُ ٺري، جڏهن سامي ملي سپرين. +سامي سنڌ جو اڪيلو ئي شاعر آهي، جنهن وڃڻيءَ کي تشبيهه طور ڪم آندو آهي، جيئن سمن جي دور ۾ اسحاق آهنگر، ”جهرڪيءَ“ ۽ ”ڇڄ“ کي استعاري طور ڪم آڻي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو منظر چٽيو آهي، تيئن ساميءَ به وڃڻيءَ جي تشبيهه ڏيئي، هڪ طرف وحدت الوجود واري فلسفي کي آسان طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي طرف اُتر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي هڪ پهلوءَ، يعني گرميءَ جي موسم ۾ وڃڻيءَ سان واءُ ڪرڻ واري نقطي تي روشني وڌي آهي. سامي فرمائي ٿو: +جيئن وڃڻي ۽ واءُ، تيئن ساکي وسي سڀ ۾. +ساميءَ مورک ۽ اگياني ماڻهو جي مورکپائيءَ ۽ اوديا يعني اڻڄاڻائيءَ کي، ڪوريئڙي سان تشبيهه ڏني آهي، ۽ سمجهائي ٿو ته ڪيئن ڪوريئڙو پنهنجيءَ مورکپائيءَ سبب، پنهنجي ئي ٺاهيل ڄار ۾ پاڻ کي ڦاسائي ڦٿڪندو آهي. مورک جاهل ماڻهو به اهڙيءَ طرح مورکپائيءَ جي ڪري پاڻ کي ڦاسائيندو آهي. سامي چوي ٿو: +اوديا من رچي، سا ويڙهي وئي مَن کي، +جيئن ڏانور تار ۾، مري پاڻ پچي. +هيءَ مقالو ته سامي تي هڪ مختصر خاڪو آهي. اُنهيءَ خاڪي جي روشنيءَ ۾،اسان جي سنت شاعر جي شاعرانه عظمت تي سنڌ جي سماجي، ثقافتي، لسانياتي، تصور ۽ ويدانت جي مطالعي جي لحاظ کان وڏو تحقيقي ڪم ڪري سگهجي ٿو. پر اهو تحقيقي ڪم ڪندو ڪير؟.......... اهو هڪ اهم سوال آهي، جنهن جو جواب اسان جا نوجوان ئي ڏيئي سگهن ٿا. +مددي ڪتاب +1- ناگراڻي، بي ايڇ: ساميءَ جا سلوڪ: سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد: 1978ع، گذارش. +2- ايضاَ +3- Jetley, Murlidhar, Dr. Sindhi language and literature, A brief survey, International Encyclopadia of Indian Literature, VolL VIII, By Ganga Ram Garg, Mittal Publication, New Delhi,1991..P4. +4- ايضاَ +5- ايضاَ +6- Chatterjii S.K. Indo- Aryan & Hindi, Gujrat Vernacular Society, Ahmedabad 1940. +7- Ibid. +8- Ibid. +9- Ibid. +10- ڏسو حوالو پهريون +11- محمد ابراهيم جويو: شاهه، سچل ۽ سامي، هڪ مطالعو: روشني پبليڪيشن،1990ع ص 33. +12- ايضاَ +13- ايضاَ +14- ايضاَ +15- وندنا اشوڪ رامواڻي: سامي هڪ ويدانتي شاعر: پي ايڇ ڊي ڊگريءَ لاءِ پيش ڪيل مقالو: مممبئي يونيورسٽي 2001ع، ص 43. +16- گربخشاڻي هه – م؛ مقدمه لطيفي: روشني پبليڪيشن: چوٿون ايڊيشن 1993ع ص 43. +17- ايضاَ +18- ڪوڙو مل چندن مل: ساميءَ جا چونڊ سلوڪ، ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد: 1946ع، مهاڳ، ص 6. +19- ايضاَ +20- ايضا ص 7. +21- وندنا اشوڪ رامواڻي: ڏسو حوالو 16، ص 123. +22- ايضاَ، ص 149. +23- ڪلياڻ آڏواڻي: ساميءَ جا چونڊ سلوڪ ڪتاب ۾ شامل سندس مضمون : ڪوڙو مل ساهتيه منڊل: 1946ع، ص 31. +24- ايضاَ +25- وندنا اشوڪ رامواڻي: ڏسو حوالو 15، ص 41. +ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ +ٽرمپ – ايلس اختلاف راءِ ۽ +”سنڌي الف - ب“ وارو مامرو +ٽي خونخوار جنگيون وڙهي انگريز جنرل سر چارلس نيپئر مارچ 1843ع ۾ سنڌ تي مڪمل قبضو ڪري، ساڍن چئن سالن کان به وڌيڪ عرصو ملڪ جي گورنر جي حيثيت ۾ ڏنڊي جي حڪمراني ڪئي. انتظامي معاملن ۾ هُو نهايت سخت قسم جو ماڻهو هو، پر پوءِ به ڏيهي ٻوليءَ جي معاملي ۾ سندس رويو انصاف ڀريو هو. 15 جولاءِ 1972ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي اُن وقت جي وزيراعظم پاڪستان، جناب ذوالفقار علي ڀٽي فرمايو:”..... سنڌي هڪ قديم زبان آهي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سر چارلس نيپيئر چيو هو ته زبان سان هٿچراند ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي وڃي......“ +انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نيپئر پنهنجي دوءر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪوبه خاص قدم نه کنيو، پر تنهن هوندي به اهو مڃڻو پوندو ته ملڪي ٻوليءَ لاءِ نيڪ تمنائون رکيائين، ۽ اُن کي نقصان رسائڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪيائين. نيپئر سنڌ ڇڏي ته هن ملڪ کي بمبئيءَ سان ملائي هڪ اعليٰ عملدار جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو ”ڪمشنر – ان – سنڌ“ سڏبو هو. پهريون ڪمشنر آر. ڪي پرنگل آيو ته سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي رائج ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ويئي، مگر ڪامورڪي لڏي جي روايتي سستيءَ جي ڪري اُن ۾ ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي. جنوري 1851ع ۾ سنڌ جي واڳ نوجوان ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي حوالي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ سڻائو واءُ گهلڻ لڳو. انتطامي مشنريءَ جي سڀني کاتن، عدالتن ۽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ نهايت سودمند ۽ شاندار بندوبست ڪرڻ جا احڪام جاري ٿيا. انگريز ڪامورن کي سنڌي ٻوليءَ سيکارڻ ۽ ٻوليءَ کي اسڪولن ۾ باقاعده رائج ڪرڻ خاطر ”سنڌي ڪتابن“ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي. اُنهيءَ لاءِ جڏهن عملي قدم کڻڻ جو مرحلو آيو ته هڪ گنڀير صورتحال سامهون آئي ۽ اهو طئي ڪرڻو پئجي ويو ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي رسم الخط ۾ استعمال ڪجي يا ديوناگري لپيءَ ۾، گهڻي سوچ ويچار ۽ صلاح مشوري کان پوءِ فريئر جي سفارشن سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن ”عربي – رسم الخط“ کي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. نهايت منصفانه فيصلي اچڻ کان پوءِ هڪ ٻيو به مرحلو طئي ڪرڻو هو. اُن وقت سنڌي ٻوليءَ کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ ڪا ”معياري ۽ مڪمل الف – ب جي تختي“ موجود نه هئي. اُن مسئلي کي فريئر ۽ سندس داناءُ ساٿي اسسٽنٽ ڪمشنر بئرو هربرٽ ايلس نهايت معامله فهميءَ سان بنا دير حل ڪري ورتو ۽ جولاءِ 1853ع ۾ موجوده 52 اکرن واري سنڌي الف- ب جي سڌاريل تختي تيار ڪرائي، ليٿو ۾ ڇپرائي، سڄي سنڌ ۾ ورهائي ويئي. سُتت ئي ڪمشنر فريئر حڪم جاري ڪيو ته سنڌ اندر هر سرڪاري ڪار وهنوار ۾ اِها رسم الخط ڪم آندي وڃي. سرڪاري خرچ سان اُنهيءَ رسم الخط ۾ اسڪولي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا، جن جي نگراني لائق ڏيهي مُنشين جي مدد سان اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس پاڻ ڪري رهيو هو. جفاڪشي ۽ خلوص جو اهِو مقام هو، جو فقط هڪ سال جي اندر ”باب نامي“ کان علاوه ڇهه ٻيا ڪارائتا ۽ بنيادي حيثيت جا درسي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. +انهيءَ دوران ٻولين جو هڪ ٻيو عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 12 +سيپٽمبر 1854ع تي ڪراچي بندر تي اچي لٿو. لسانيات جي هن ماهر کي ”چرچ مشنري سوسائٽي“ پاران سنڌ ۾ ان لاءِ موڪليو ويو هو ته هُو هتي اچي سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر ۽ ڊڪشنريون ۽ ٻيا ڪارائتا ڪتاب لکي هن پوئتي پيل ٻوليءَ کي سائنسي بنياد فراهم ڪري. هن ذهين کي قدرت اهڙي ته ڏات ڏني هئي جو هُو فقط چند مهينن ۾ ڪنهن به ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪري وٺندو هو. سنڌي ٻولي ڊاڪٽر ٽرمپ کي توڙي جو عربي، فارسي۽ هندستاني(اردوءَ) جي ڀيٽ ۾ ڏکي لڳي، پر پوءِ به فقط ٻن مهينن اندر گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتائين. ايتري قدر جو نومبر 1854ع ۾ پنهنجي هيڊ آفس عرف”دي پئرينٽ ڪميٽي آف دي چرچ مشنري سوسائٽي“ کي سنڌي الف – ب ”بابت ”جامع اسڪيم“ تيار ڪري هڪ رپورٽ جي صورت ۾ رواني ڪيائين، جنهن ۾ ٻين اهم ڳالهين جي ذڪر سان گڏ ايلس پاران تيار ڪرايل ۽ سُڌاريل سرڪاري”سنڌي الف – ب“ کي به سخت تنقيد جو نشانو بنايائين. جڏهن اِها رپورٽ ايلس جي مطالعي هيٺ آئي، تڏهن پنهنجي ۽ ساٿين جي پريت واري پورهيي تي پاڻي ڦرندو ڏسي ماٺ ٿي ڪونه ويٺو ۽ پنهنجي ڏاهپ ۽ تجربي جي بنياد تي پاڻ مٿان ٿيل تنقيد جو علمي ۽ تحقيقي جواب ڏنائين. نتيجي ۾ 8جنوري 1855ع تي هڪ عالمانه ۽ مدلل رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر فريئر جي معرفت بمبئي سرڪار کي ڏياري موڪليائين + + +ٻنهي عالمن جا اهي اهم دستاويز وقت جي دز هيٺان دٻيل رهيا، جيڪي پهريون ڀيرو منظر عام تي اچي رهيا آهن. منهنجي خيال موجب اِنهن ٻنهي قيمتي دستاويزن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محققن لاءِ ڪيئي وڏي اهميت وارا اصولي ۽ باريڪ نقطا سمايل آهن. اهڙن عالمن لاءِ خاص طور ۽ سُڄاڻ طبقي لاءِ عام طور، اِهي ٻيئي دستاويز هتي پيش ڪريان ٿو ته جيئن اِنهن جي مطالعي جي بنياد تي ڪي وڌيڪ تحقيقي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. پهريون دستاويز مون برمنگهم(برطانيا) مان هٿ ڪيو ۽ پويون سنڌ آرڪائيوز ڪراچي مان. +هت اول ٽرمپ جي رپورٽ جو سنڌي ترجمو ۽ اُن کان پوءِ ايلس جي جوابي ۽ دفاعي ڪارروائيءَ جو سنڌي ترجمو ڏجي ٿو. +ڊاڪٽر ٽرمپ پاران ”رپورٽ ٽو دي پئرينٽ ڪميٽي آف دي چرچ مشنري سوسائٽي.“ +اسٽيشن ڪراچي +ڪميٽي کي اِهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪريان ٿو ته مان خداوند ڪريم جي فضل سان هن سال جي 12 سيپٽمبر تي پنهنجي منزل مقصود (ڪراچي) تي پهچي چڪو آهيان. هتي پهچڻ شرط بنا دير جي سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس کي هٿ ۾ کنيو اٿم. افسوس سان چوان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ بابت هر معاملي کي مونجهاري ۾ ڦاٿل ڏٺم. ڪيتري عرصي کان وٺي هن ملڪ ۾ رهندڙ يورپي ڪمشنر کان ويندي هيٺيئين سطح جي ڪاموري تائين، هر هڪ سان لهه وچڙ ڪيم، مگر سنڌيءَ جي معاملي ۾ کين بي خبر لڌم. هڪ ئي شخص، جنهن سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ دلچسپي پئي ورتي آهي، سو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس، جنهن معاملن کي به بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي بجاءِ، پنهنجي ساده لوحي ۽ مورکائي تي ٻڌل خيالن سان الف – ب کي بدتر ئي ڪيو آهي. +اِنهيءَ قسم جي ڪچري کي ٻُهارڻ خاطر”سنڌي الف – ب“ تي هن سان گڏ شامل چوپڙي لکي اٿم، جنهن بابت اِهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته اِها بمبئيءَ ۾ موجود مشرقي علوم جي عالمن ۽ سنڌ جي ڪمشنر وٽ ڏاڍي مڃتا ماڻي چڪي آهي. اِنهن بنيادن تي مسٽر ايلس پاران اسڪولن ۽ آفيسن ۾ رائج ڪيل الف – ب کي رد ڪري، مون پاران تيار ڪيل الف – ب کي اُن جي جاءِ تي نافذ ڪيو ويندو. اِن باري ۾ مون زور ڀريو آهي ته هندستاني الف – ب کي ٽن تبديلين سان رائج ڪيو وڃي: +1- ڇو ته ساڳئي بُڻ بڻياد مان هئڻ ڪري، اِها سنڌي ٻوليءَ لاءِ نهايت موزون آهي. +2- ڇو ته اِها هر ڪنهن کي اچي ٿي، ايتري تائين جو ڪيترا ڏيهي ماڻهو به اِها ڄاڻن ٿا. +3- ڇو ته اِن ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم آسانيءَ سان ٿيندو ۽ رومن سسٽم رائج ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. انهيءَ متعلق ٻين تفصيلن جي سلسلي ۾ مان توهان کي خود اِن ”الف ب“ ڏانهن رجوع ڪرڻ چاهيان ٿو. مون حڪومت آڏو هڪ درخواست پيش ڪئي آهي ته سرڪار اِن رسم الخط ۾ گرامر، لغت ۽ ڪجهه اسڪولي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪري ۽ مسٽر فريئر اقرار ڪيو آهي ته هو وس آهر ڪوشش وٺي، اِن مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ ڇاپخانو برپا ڪرائيندو. هن وقت اِها درخواست بمبئيءَ ۾ (گورنر جي) ڪائونسل اڳيان پهچي چڪي آهي ۽ مان بنا شڪ شبهي جي چئي سگهان ٿو ته اِها اُتي قبوليت جو درجو ماڻيندي، ڇاڪاڻ ته حڪومت انهيءَ سلسلي ۾ مشن کان به وڌيڪ خراب حالتن کي منهن ڏيئي رهي آهي. هن وقت آءٌ جيڪي ڪتاب تيار ڪري رهيو آهيان، سي هن ريت آهن: 1- سنڌي ريڊنگ بڪ، لغت طور نحوي ۽ اشتقاقي لفظن سان گڏ. 2- هڪ لغت، سنڌي – انگريزي، جنهن ۾ هر سنڌي لفظ جو اشتقاق ڏنل هوندو. 3- سنڌي ٻوليءَ جو گرامر. +گرامر کي وري ٻن الڳ الڳ ڀاڱن ۾ ورهائڻ جو ارادم اٿم. هڪ تقابلي گرامر، يعني وضاحتي ۽ سائنسي بنيادن تي ٻڌل گرامر: ڪڇي، سنڌي ۽ جديد پنجابيءَ تي مشتمل. سڀئي زبانون هڪ ئي خاندان سان +تعلق رکندڙ آهن. اِهي زبانون الهندي شاخ وارين ٻين عظيم ٻولين جهڙوڪ بروهڪي، بلوچي ۽ پشتو جي ڪنجي آهن. +اهڙيءَ ريت اسان وٽ هندستان جي اولهه ۾ عظيم آريائي خاندان جون ٻه شاخون موجود اهن: _الف: هندستاني زبانون يعني ڪڇي، سنڌي ۽ مغربي پنجابي. (ب) هندستان ۽ ايران جي وچ واريون زبانون، بروهڪي، بلوچي ۽ پشتو. اِنهن ٻولين تي ڪم ڪرڻ لاءِ وسيع ميدان موجود آهي. اِهي يا ته گهٽ سڃاتيون وڃن ٿيون يا ته بلڪل سڃاتل ڪونهن ۽ اِهي الهندي پاسي وارو رستو هموار ڪنديون. +تقابلي گرامر جوڙڻ کان علاوه رومن سسٽم ۾ هڪ ننڍڙو سنڌي گرامر جوڙڻ جو به ارادو اٿم ته جيئن اُهو مشنري ڪمن ڪارين ۾ ڪتب آڻي سگهجي. اُهو سمورن شبهن ۽ قياس آرائين کان آجو هوندو ۽ گفتگو ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. +اسڪولي ڪتابن جي ترجمي لاءِ في الحال ڪوبه وقت ڪونهيم. جيستا��ين ٻوليءَ متعلق پوري مهارت حاصل نه ٿيندي، اوستائين اِن قسم جي ترجمي لاءِ پاڻ کي مڪمل طور جوابدار نه سمجهندس ۽ ترجمي کي ويجهو ئي ڪونه ويندس. انهيءَ ڪري ڪميٽيءَ جي اڳيان ٻن يا ٽن سالن تائين اها رٿ پيش نه ڪندس ته ڪو مقدس ڪتابن جي ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کڻجي. ڄاڻان ٿو ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمي جي ڪم کان مان آجو آهيان ۽ اِهو ڪم محض ڏيهي مُنشين جو آهي، جيڪي ڪيل ترجمي لاءِ پڇاڻي کان بلڪل آجا آهن. مان اِن ڳالهه سان به متفق نه آهيان ته مقدس ڪتابن کي مُنشين جي منشا ۽ رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي. اِن قسم جا ترجما غير جٽادار ئي رهندا. +مان هن وقت سنڌيءَ سان گڏوگڏ فارسي، عربي ۽ پشتو جي مطالعي ۾ رُڌل آهيان. اِنهن مان آخري خالص آريائي (سنسڪرت) زبان آهي ۽ نه ڪي افسانوي عبراني. اِها ڳالهه اُنهن مڙني لاءِ پشيمانيءَ جو باعث ٿيندي، جن اِها دعويٰ ڪجي آهي ته اِها عبراني زبان آهي ۽ ڏهن قبيلن واري افغان نسل مان آهي. +جڏهن به منهنجو نئون ڪتاب پڌرو ٿيندو ته اُهو ڪميٽيءَ اڳيان پيش ڪندو رهندس. اِنهيءَ وچ ۾ مان ڪميٽيءَ کي يقين دهاني ٿو ڪرايان ته مان پنهنجو فرض پوري ڪوشس سان نباهي رهيو آهيان. +مان پنهنجي باري ۾ اِهو ٻڌايان ته مالڪ جي مهرباني سان جڏهن کان هندستان پهتو آهيان ته چند ناچاقين کانسواءِ بلڪل ئي صحتمند رهيو آهيان. رڳي هڪ ڳالهه جي شڪايت اٿم ته هِتي نهايت ئي ڀوائتا مٽيءَ جا طوفان هلن ٿا، جنهن ڪري منهنجون اکيون اڪثر ڏکيل رهن ٿيون ۽ مون کي سارو ڏينهن ڪم کان پاسيرو رکن ٿيون. انهيءَ ڪري منهنجي خواهش آهي ته جيترو جلد ممڪن ٿئي ته هن ڏکويل واديءَ کي ڇڏي پنجاب هليو وڃان. مان پنهنجي خواهش ڪميٽيءَ جي منشا تي ڇڏيان ٿو. +ڪميٽي جي نيڪ تمنائن ۽ دعائن جو طلبگار +(ڪراچي 20 نومبر 1854مان توهان جو فرمانبردار خادم +چرچ مشن)ارنيسٽ ٽرمپ +C-13/076/22,CMS Papers, Birminbgham University Library, England. +(انگلينڊ ۾ تحقيق دوران برمنگهم، يونيورسٽيءَ جي لئبريءَ مان هٿ ڪيل مواد) +بي ايڇ ايلس جي جوابي رپورٽ +تازو ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ ياداشتنامو شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ اندر پنهنجي چند هفتن جي رهائش کانپوءِ، هن خود سنڌين سميت، جن به اِن ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي، اُنهن سڀني جي محنت تي پاڻي ڦيرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اِن ڪري اُن تي ڪجهه خيالن جو اظهار ۽ وضاحت ضروري سمجهان ٿو. +ڊاڪٽر ٽرمپ جي ياداشتنامي ۾ گهڻو ڪري اُهو ڪجهه ڇپيل آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي آشڪار ٿي چڪو آهي، انڪري اُن تي راءِ ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. ڪجهه حصي ۾ ”هندو – سنڌيءَ“ تي بحث ٿيل آهي، مگر خود ڊاڪٽر ٽرمپ جي چواڻي ته ملڪ جي باشندن جي وڏي اڪثريت مسلمانن جي آهي، انڪري اهڙن اکرن جي ضرورت آهي، جيڪي مسلمان پڙهي سگهندا هجن. اِن نقطي جو هن غُور سان جائزو به ورتو آهي، اِن ڪري سندس ياداشتنامي جي ”هندو – سنڌي“ واري ڀاڱي کي پاسيرو ڪري رکجي ٿو. وڌيڪ ته هن آنجهاني جارج اسٽئڪ جي پورهيي کي اهڙي سرسري نظر سان ڏٺو آهي جو هر ڪنهن جو ڌيان ٻئي پاسي ئي وڌيڪ ڇڪجي وڃي ٿو. +هاڻي هڪ سوال ٿو اُڀري ته سنڌين جي استعمال لاءِ ڪتاب ڪهڙي رسم الخط ۾ ڇاپيا وڃن ۽ اِهو معاملو ڊاڪٽر ٽرمپ پاران سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ ئي ”عربي رسم الخط“ طور طئي ٿي چڪو آهي. اهو رسم الخط ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌيءَ ۾ لکڻ خاطر مسلمان ڪم آڻيندا رهيا آهن، تڏهن به ضرورت آهر بنيادي رسم الخط ۾ ڪجهه واڌارا ڪيا ويا آهن ته جيئن سنڌيءَ ۾ موجود اهڙن آوازن کي ظاهر ڪري سگهجي، جيڪي عربيءَ ۾ موجود ڪونهن. بلڪل ساڳيو طريقو هندستان ۾ آزمائجي چڪو آهي، جنهن صورت ۾ اُتي جي ٻوليءَ تي عربي رسم الخط لاڳو ڪيو ويو آهي. هاڻ عربي دانن کي اهو مڃرائڻ ۾ گهڻي دير ٿي ويئي آهي ته نج سامي اکرن تي اضافي ٽٻڪا ڏنا وڃن. +تازو شايع ڪيل (سرڪاري) ”سنڌي الف – ب“ بابت ڊاڪٽر ٽرمپ اعتراف ڪيو آهي ته اُن جي قديم ڍانچي ۾ ڪابه تبديلي ڪانه ڪئي ويئي آهي. دراصل سچ ته اِهو آهي ته ڊاڪٽر ٽرمپ پاران بيان ڪيل تبديلين کان منجهس گهڻيون گهٽ عمل ۾ آنديون ويون آهن. هڪ هنڌ هو اعتراف ڪندي چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪو مسلمان اهڙي عربي رسم الخط ۾ لکڻ چاهي ٿو، جيڪا بنيادي طرح عربيءَ جي سرشتي ۾ موجود ڪانهي ته اهڙي حالت ۾ ”لکت جا ڪيترائي جدا جدا نمونا موجود آهن.“ اُن جي باوجود سڌاريل (سرڪاري) رسم الخط کي مڃتا ڏيڻ کان نابري واريو ويٺو آهي. اُن جو بنيادي سبب اِهو آهي ته اُن ۾ اهڙا اکر به موجود آهن، جيڪي اڳ سندس ڄاڻ ۾ آيل ڪونهن. +سنڌ ۾ رائج قديم رسم الخط کي ”غير منطقي“ ۽ ”بي اصولي“ چوڻ بلڪل بيجا ڳالهه آهي. هونئن به اِهو رسم الخط ڪو نئون ڪونهي جو اُنهيءَ جا اصول طئه ڪيا وڃن. جيڪڏهن انگريزي رسم الخط تي اهڙي قسم جو حشر ڪيو وڃي ته اُها به پاڻ بچائي ڪانه سگهندي، ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته شروع کان ئي هڪ سوال اُٿندو رهيو آهي ته بنيادي رسم الخط ۾ ڪهڙيون تبديليون ۽ اضافا ڪيا وڃن. اِهو سوال ڪڏهن به نه اُٿيو آهي ته اُن کي رد ڪري اُن جي جاءِ تي جرمن، رومن يا ڪو ٻيو رسم الخط رائج ڪيو وڃي. +مان ڊاڪٽر ٽرمپ جي انهيءَ خيال سان متفق آهيان ته ٻوليءَ سان اِها وڏي زيادتي ٿيندي جو ”ف“ تي وڌيڪ ٽپڪا ٿڦي ”پ“ جو آواز ٺاهيو وڃي. مان اهڙي اُرهه زورائي تي سندس ڏکاري موقف ۾ برابر جو شريڪ آهيان. مگر مان سندس اُنهيءَ راءِ کي بلڪل مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان ته”اُن کي مورڳو ئي مٽائي ڇڏجي.“ جڏهن ته اِهو (ٻنهي شڪلين ۾ ف ۽ ڦ ۾) ورهين کان سنڌي ٻوليءَ جي لکت ۾ موجود رهندو اچي ٿو. مان سندس ئي لفظ ورجايان ٿو ته ” اسان اکرن کي جيئن جو تيئن کڻڻ لاءِ ٻڌل آهيون، نه ڪي جيئن اسين چاهيون ٿا.“ +هندستاني کي رائج ڪرڻ اعتراض جوڳو عمل هوندو، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ سنڌي آوازن کي اُچارڻ جي سگهه ۽ صلاحيت موجود ڪانهي. اُن ۾ وڌيڪ”مونجهارو“ پيدا ٿي پوندو. جنهن بابت خود ڊاڪٽر ٽرمپ گهڻو بيان ڪيو آهي. ۽ اِهو خصوصاَ اُنهن آوازن جي شڪلين جي حالت ۾ نمايان آهي، جيڪي ٻين جي نمائندگي ڪن ٿا. مثلاَ ٿ يعني TH مورڌني آواز T ٿي پوندو. جيڪڏهن اِها صورتحال ٻولي لاءِ مونجهارو پيدا ڪندڙ ڪانهي ته پوءِ اِنهن لفظن جي معنيٰ منهنجي سمجهه کان مٿي آهي. +منهنجي خيال موجب اکرن لکڻ جي نموني وارو هڪ الڳ بحث آهي. اِها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته روان لکائي لاءِ نسخ موزون ڪونهي ۽ اسان کي معلوم آهي ته اها طرز تحرير گهڻو تڻو ڇپائيءَ جي ڪم تائين محدود آهي. انڪري بلا شبهي دفتر جي ڪم لاءِ روان سنڌي لکت يا نستعليق ئي ڪتب آندو ويندو. مختلف اکرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ طرز تحريل ساڳي ڇپائي واري استعمال ڪبي، جڏهن ته هندستانيءَ ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ تحرير هڪ نموني واري هوندي آهي ته لکپڙهه لاءِ وري ٻيو نمونو ڪتب آڻبو آهي. مون مٿيون نقطو اهو ڊپ ختم ڪرڻ لاءِ اُٿاريو آهي ته مبادا منهنجي اِن بيان جو ڪو غلط مطلب نه ڪڍي ته صاف سٿري لکائيءَ لاءِ هندستاني رائج ڪرڻ مان ڪو لاڀ حاصل ڪونه ٿيندو. ان مان منهنجو هي مطلب آهي ته هندستاني آوازن کي ظاهر ڪندڙ نشانيون اسان لاءِ اُنهن شڪلين جي نعم البدل ٿيڻ ۾ ڪابه مدد ڪونه ڪنديون، جن سان ملڪ جي اڪثريت ڪنهن زماني کان مانوس آهي. بلاشڪ وران خط وڌيڪ جلدي لکجي ٿو، بنسبت اُن جي جيڪو ڇپائيءَ جي ڪم ۾ ڪتب اچي ٿو ۽ اها صورتحال هندستانيءَ سان لاڳو آهي، جنهن جي تحرير جا ٻه نمونا موجود آهن ۽ سنڌيءَ لاءِ بلاشڪ ساڳيو رستون موزون آهي. +ڊاڪٽر ٽرمپ وسرڳي آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سامي رسم الخط ۾ ٽٻڪن جي استعمال تي اعتراض ڪندي چوي ٿو: ”رسم الخط جي نوعيت جي برخلاف اِهو عمل ڍڳ ٽُٻڪن کي ٿاڦڻ برابر آهي.“ انهيءَ اعتراض جي وضاحت هن ريت ٿيندي ته اِهو رسم الخط جيڪو اوپرن آوازن جي نمائندگي ڪري ٿو اُن ۾ هر حالت ۾ ڪجهه نشانين جو اضافو اڻٽر ٿي پوي ٿو. اِها صورتحال گهڻي وقت کان وٺي سنڌ ۾ رائج آهي ۽ مون کي اِن ۾ ڪو غير لسانياتي پهلوو نظر ڪونه ٿو اچي، بنسبت اُن جي ته هندستاني تحرير وانگر سامي رسم الخط ٽٻڪن ۽ نشانين سان سٿيو وڃي. دراصل ٽٻڪن لڳائڻ وارو عمل بي ڍنگو ضرور آهي مگر گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي وڏي مونجهارن ۾ وجهندڙ ڪونهي. مثال طور ڇ کي چ جو وسرڳي آواز ڪري لکڻ هندستاني صورت ”چهه“ کان وڌيڪ موزون ۽ آسان آهي. هي هڪ خيال آهي، جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته اِهو اکر ٻوليءَ ۾ موجود آهي ۽ هر جاءِ تي ”ڇ“ ئي لکيو وڃي ٿو. انڪري اُن کي رد ڪرڻ جو مون کي ڪوبه جواز ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اهڙيءَ ريت ٻيا وسرڳي آواز، جيڪي قديم ۽ جديد لکت ۾ عام طور ڪتب آندا وڃن ٿا، اُنهن جو استعمال به ساڳئي قاعدي هيٺ ٿيندو. +ڊاڪٽر ٽرمپ جنهن عجب سان سنڌين جي زبان سان ٿيل ڏاڍائيءَ جي درستگي ڪئي آهي، تنهن تي مون ڪي ڪو گهڻو عجب ڪونه لڳو آهي. البته مان اِن ڳالهه تي حيران ضرور ٿيو آهيان ته هڪ مڃيل ۽ معروف زباندان ” ڱ“ کي ”نڱ“ لکڻ تي ڪيئن راضي ٿيو آهي. مون کي امڪان نظر ٿو اچي ته سنسڪرت آواز ”....“ کي به رد ڪري اڳتي اُن کي ”.......“ لکڻ جي سفارش ڪندو. مگر سنڌين سان وڌيڪ لهه وچڙ ۾ اچڻ کان پوءِ فرمائيندو ته ”لڱ“ جو آواز به ”ڱ“ لاءِ غلط آهي. اهڙيءَ ريت ”ني“ کي ”ڃ“ ۾ بدلائڻ واري ڊاڪٽر ٽرمپ جي راءِ جو ساڳيو ئي حال ٿيندو. +ڊاڪٽر ٽرمپ جو اعتراض آهي ته سامي رسم الخط ۾ ڪن آوازن کي ٻن ٽٻڪن سان ظاهر ڪرڻ سندن اصليت جي برعڪس ٿيندو. اِهو نقطو بلڪل حقيقت تي مبني آهي ته سامي اکرن کي غير سامي صورتن ۾ بدلائڻ اڍنگو عمل آهي. اِهو اعتراض بجا، مگر سنڌي اکرن سان اها بي ڍنگائيءَ ڪرڻي ئي پوندي. شايد ڊاڪٽر ٽرمپ انهيءَ حقيقت کان واقف ڪونهي ته سامي رسم الخط، جيڪو ترڪي زبان جي نمائندگي ڪري ٿو، ان ۾”گ“ کي ٽي ٽٻڪا لڳائي ”ثگ“ ڪيو ويو آهي. ترڪي ٻوليءَ ۾ لسانياتي واڌارو، سڌاريل سنڌي الف – ب کان ٽيون حصو (33 سيڪڙو) وڌيڪ آهي. اسان کي مجبورن ڪن سامي آوازن کي بدلائڻ لاءِ جيڪي منجهس موجود ڪونهين، اهڙو ئي يڪسان طريقو اختيار ڪرڻو پوندو. +ڊاڪٽر ٽرمپ قديم ۽ جديد سڌاريل اکرن ۾ آيل تبديلن جي جيڪا ڀيٽ ڪئي آهي، اُن بابت ٻه اکر چوڻ لازمي سمجهان ٿو. ڊاڪٽر ٽرمپ جي سمجهڻ جي برعڪس”ط“ کي چئن نه بلڪ ٻن صورتن ۾ ڪتب آندو ويو آهي ۽ جتي اُن جي استعمال سان ڪو فرق ظاهر نٿو ٿئي، اُن کي ڏکيو يا منجهائيندڙ سمجهي رد ڪيو ويو آهي. مثال طور”ج“ جو ڪارج ”خ“ کان وڌيڪ ڪونهي ۽ بنا ٽٻڪي اُهو ڪنهن ٻئي اکر لاءِ ڪتب ڪونه ٿو اچي ته اضافي ٽٻڪو واقعي منجهائيندڙ ٿئي ٿ. مگر ”ط“ نشاني طور ڪتب آڻڻ سان سنڌين لاءِ بلڪل نئين ڳالهه آهي. الف – ب جي سڌاري دوران مان اِن حقيقت کان بلڪل بي خبر هئس ته ”ٺ“ کي عام طور ”ٽ“ جو وسرڳي آواز ڪري ڪتب آندو وڃي ٿو. گذريل آگسٽ (1854ع) ۾ پهريون دفعو مشن هائوس جي هارون لوهار پا��ان پڌري ڪيل رسم الخط ڏسڻ کانپوءِ اِها حقيقت معلوم ٿيم. بعد ۾ ڳولا ڪندي پڪ ڪيم ته اُن اکر کي سڌاريل الف – ب ۾ شامل ڪجي ها، ڇاڪاڻ ته اُهو اکر اڪثر ڪري جديد سنڌي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا. اُنهيءَ صورتحال ۾ ”ت“ جي استعمال جي بلڪل ضرورت ڪانه هئي. انڪري اِن اکر کي ڪڍي اُن جي جاءِ تي هارون لوهار وارو ”ٺ“ کي ئي رکيو ويو آهي. + + +سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي الف – ب لاءِ هارون لوهار واري رسم الخط کي سونهون بنايو آهي، اُن جي باوجود اکرن جون ڪيتريون صورتون منهنجي نظر مان نڪتل ڪتابن ۾ ڏنل ڪونهن. ان سلسلي ۾ جن به چڱن تعليم يافته سنڌين سان لهه وچڙ ۾ آيو آهيان، اُهي اُن کان واقف ڪونهن. تنهنڪري مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته وسرڳي آواز ”ج“ ۾ ”ڪ“ ۾ نج سنڌي آواز ”گ“ ۽ مورڌني آواز ”ڻ“ مشنري سوسائٽي جي اسڪولن ۾ بلڪ اڻلڀ آهن ۽ اُهي عام استعمال هيٺ آيل اکرن جي صورتن کان بلڪل نرالا آهن. اُنهن ۾ هڪڙي صورت ته نهايت مشڪل آهي ۽ اُها آهي ”ن“ جو مورڌني آواز ۽ اُن کي شروع ۽ وچ ۾ لکڻ وارو مسئلو. سنڌي ”ڱ“ ۽ ”ک“ واريون صورتون به کل جهڙيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته گهڻي استعمال کانپوءِ اُهي عام فهم ٿي وڃن، مگر جن به سنڌين کي اهي ڏيکاريم، تن جي شاهدي ان دعويٰ کي رد ڪيو آهي. هارون ”گ“ کي قديم سنڌي اکر ڪري ڏيکاريو آهي، مگر سڌاريل الف – ب جي پڌرائيءَ کان اڳ مون اُن کي ”ک“ جي شڪل ۾ ئي ڏٺو هو. جيڪڏهن اِها حقيقت ڪانهي ته پوءِ پراڻي وقت جي سنڌين وٽ ”نک“ موجود آهي.جڏهن ته اِنهن ٻنهي کان ”نگ“ وڌيڪ موزون هو. +”ج“ جي وسرڳي آواز لکڻ لاءِ عام طريقو”ج“ ئي موجود هو ۽ ”ڄ“ جي لاءِ ڪا الڳ شڪل ڪانه هئي. حالانڪه مون سنڌيءَ ۾ اُن لاءِ ”ڃ“ جي شڪل به ڏٺي آهي. جڏهن ته آخري شڪل وڌيڪ عام آهي. مون پهرين جي چونڊ ڪئي ڇاڪاڻ ته پيون اکر ”نڃ“ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جنهن لاءِ قديم سنڌيءَ ۾ ڪو هڪ اکر موجود ڪونهي. +”ڏ“ جي صحيح شڪل جيئن هارون ڏيکاري آهي.”ڏ“ ئي هئڻ گهرجي. منهنجي اڳيان اِها ڳالهه بيسود آهي ته اُنهن مان ڪنهن به هڪ شڪل جي چونڊ ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ”د“ تي اِنهيءَ نموني ٽن ٽٻڪن سان ٻيو ڪوبه اکر ڪونه ٿو جڙي. سڌاريل الف – ب ۾ ٽٻڪن جو انبار هيٺ مٿي ڪرڻو پيو ته جيئن ”ٽ“ جي مورڌني آواز جون مختلف صورتون ٺهن. ٽٻڪن کي ڪهڙي نموني سان استعمال ڪجي، ان سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي، اهڙي قسم جا متبادل طريقا ڪوبه لاڀ ڪونه ٿا پهچائين. ڊاڪٽر جي پسنديده هندستانيءَ ۾ ”ٿ“ کي ”ت“ يا ”ت“ ڪري لکيو ويو آهي، جڏهن ته ”ڏ“ يا ”ڌ“ يا ”ڌ“ مان ساڳيو ئي مقصد حاصل ٿئي ٿو. +ڇا مون کي ”ز“ ۽ ”ڦ“ جي صورتن بابت ڪو اعتراض هئڻ گهرجي، جن کي گذريل وقت جا سنڌي ٻنهي شڪلين ۾ لکندا رهيا آهن. پوئين طرز سڌاريل رسم الخط ۾ استعمال ڪيل ”ڦ“ کان به وڌيڪ عام رهي آهي، ڇاڪاڻ ته پراڻي سنڌي لکت ۾ ٻنهي ۾ ڪوبه فرق رکيل ڪونهي. +”ط“ کي ٽن وسرڳي آوازن ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويو هو، جن مان هڪ ته اڳيئي بيسود ٿي چڪو هو، باقي ٻن بابت به ڪيترا اعتراض اُٿيا ۽ نيٺ اُنهن مان هٿ ڪڍڻا پيا، ڇاڪاڻ ته ُهي سنڌين ۽ لسانيات جي ماهرن لاءِ بلڪل اوپرا هئا. باقي ٻن ٽن اکرن ”جهه“ ۽ گهه“ کي ڪتب آڻڻ ۾ ڪوبه حرج محسوس ڪونه ٿيو. اِهي ٿورا اڻانگا ضرور آهن، مگر گذريل وقت جيان وسرڳي ۽ غير وسرڳي آوازن کي همشڪل ڪري لکڻ کان ائين لکڻ بهتر سمجهيو ويو. +مورڌني ”ن“ لاءِ الڳ نشانيءَ جي اهميت کي ڊاڪٽر ٽرمپ به مڃي ٿو. ان سلسلي ۾ ”ط“ جو استعمال ئي بهتر ٿيندو. اُن سان گڏ ٽٻڪي جو استعمال بيسود ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ٽٻڪو ڪوبه مطلب پورو ڪونه ٿو ڪري، جڏهن ته ”ط“ جي نشاني ٻئي ڪنهن به اواز کي ظاهر ڪانه ٿي ڪري ۽ ڪنهن ٻي نشانيءَ سان ڀلجي پوڻ جو به انديشو ڪونهي، تڏهن ڊاڪٽر ٽرمپ جي اُن بيان جو ڪو مقصد ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ته ”ط“ ٽٻڪي کانسواءِ لاڀائتو ڪونه ٿيندو. +”ک“ کي ”ڪ“ جو وسرڳي آواز سمجهڻ ۾ مون کي ڪا دقت محسوس ڪانه ٿي ٿئي. اِهو هميشه ”ڪ“ جو وسرڳي آواز ئي رهيو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ اُهو غير وسرڳي به رهيو آهي. جيئن ته اِهي ٻيئي شڪليون بغير ڪنهن امتياز جي ٻن الڳ آوازن جي نمائندگي ڪنديون هيون ته هاڻ اهو عمل ڪو ايترو شديد ڪونه ٿو لڳي ته اِهي ٻيئي الڳ الڳ آوازن کي ظاهر ڪن. دراصل ”ک“ کي ڊاڪٽر ٽرمپ جيتري مڃتا ڏني آهي، اُها اُن کان گهڻُو ڪارائتو ڪم ڪري رهي آهي. اُها قديم سنڌي لکت ۾ ”گ“ ۽ ”ڪ“ جي وسرڳ طور ڪتب ايندي رهي آهي. اِنهن ٽنهي اکرن مان ڪنهن هڪ جي حدبندي ڪرڻ هڪ قدرتي عمل آهي، جيڪي سنڌي آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا. جڏهن ته غير سنڌي اُنکي آسانيءَ سان سمجهي ڪونه سگهندا. +جيڪڏهن ”ڍ“ لاءِ الڳ اکر جي ضرورت ڪانهي ته اهو جلدي خودبخود متروڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽر ٽرمپ جي سماعت جو احترام ڪندي چئجي ٿو ته اُنهيءَ اکر ۽ ڏ يا ڌ ۾ وڏو فرق موجود آهي. +مان پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي گهڻو ڪجهه وڌيڪ چئي سگهان ٿو، پر جيئن ته مون ڊاڪٽر ٽرمپ پاران مسلمان سنڌي الف – ب تي ڪيل بحث جي شروعات ڪارائتين ڳالهين سان ڪئي آهي، انڪري وڌيڪ گفتگو کي بيسود سمجهان ٿو. +هندستاني نشانين کي هيٺين حالتن ۾ ڪتب آڻي سگهجي ٿو: 1- رسم الخط ۾ صدين کان ڪابه نشاني موجود ڪانهي. 2- جتي اهي سنڌي آوازن جو پورائو ڪري سگهندا هجن. +جيڪڏهن اِنهن ٻنهي شرطن جو پورائو ڪونه ٿو ٿئي ته پوءِ هندستانيءَ جو استعمال”بنا مقصد ۽ مونجهارو پيدا ڪندڙ“ ٿيندو. ”جهه“ ۽ ”گهه“ جي حالت ۾ هندستاني کي ڪن نون ۽ اڻ ٺهندڙ اکرن تي ترجيع ڏيڻ گهرجي (جهڙوڪ ط)، جڏهن ته ٻين اکرن جي حالت ۾ مون کي اهڙي ڪا ضرورت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي ته ڪو وڏي مڃتا ماڻيل قديم سنڌي اکرن کي رد ڪري ڇڏجي يا اهڙن اکرن کي هٽائي ڇڏجي، جيڪي ڪجهه وقت کان وٺي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ ٻين ڪمن ۾ بخوبي ڪتب اچي رهيا آهن. +بي ايڇ ايلس +8 جنوري 1855ع اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ +(”سنڌ آرڪائيوز“ ڪراچيءَ مان هٿ ڪيل ”ڪمشنر اِن سنڌ جو پراڻو رڪارڊ ، فائيل نمبر187، عنوان: ”سنڌي ٻولي.“) +Report of the Paren Committee of th Church Missionary Society (London) +By +Ernest Trumpp +Station Karachi, November 1854 +I am happy to inform the committee, that I arrived on the point of my destination safely through the grace of God, the 12 Septembe of this year. Directly after arrival I took up the study of the Sindhi Language. I am sorry to sah, that I found everything in a confusion respecting the Sindhi language. I addressed myself to different Europeans, who have been for many years in the country; to get some information from the commissioner down to the loweat official nobody knows anything of Sindhi. The Only Man, Who took some interest in the language, was the assistant Commissioner Mr. Ellis, but instead of making things better, he had made them worse by his silly alphabet. +In order to clear away the rubbish, I worote the included ‘pamphlet on the “Sindhi Alphabet” which I am happy to say, received the approbation of the oriental Scholars in Bombay, and of the Comissioner in Sindh.The alphabet therefore which Mr. Ellis had introduced in the government schools and in the government offices will be dicarded and that proposed by me introduced. +Respecting the alphabet I insisted, that the Hindustani Alphabet with 3 slight modifications, should be adoptedL +1- Because it suits the Sindhi Language perfectyly, as being of the same stock. +2- Because it is known to eery body, even to a great many natives. +3- Because it faculitates printing of books and the indroduction of the romanized syste. +Respectiing other details I beg to refer to the pamphlet. I move a petition to Government to the effect that Government should print Grammar, Dictionary and some school books to which Mr. Frere Willingly agreed, promising that he would do all in his power that the press should be established in Karachi itself. The petition is at the present before the Council in Bombay, Which will, without any doubt confirm the arrangement as the Government is even worse off in the matter than the Mission. The books wchis I am preparing at the presen are: +1- A Sindhi reading Book, with grammatical notes and derivation of words, affixed to it as dicionary. +2- A Dicionary, Sindhi, - English in which the derivation of every Sindhi word is given. +3- A grammar of the Sindhi language. +The Grammar I intend to split into two separate onesL +1- A comparatice grammar, i.e. A scientific grammar elucidation the Katchi, the Sindhi, and modern Panjabi, all these being one and the same family. These languages are the key to the other great western branch, namlyL the Baruhuiki, The Balochi or Irani, the ?? and Pushtu. +We hafe therefore in the west of India two brances of the great Arian familyL +a- The India’s languages: i.e. Katchi, Sindhi, and Western Panjabi. +b- The intermediary languages, between India and IranL Brahuiki, Balochi, Pushtu. +There is immense field for exploring these languages, which are little, or ulterly unknown, and which will clear up the way to the west. +Besides a comparative grammar I intend to comile a smal practical Sindhi Grammar, in the romanized system for the use of missionary labour putting aside all speculation and merely giving the colloquial use of the language. +For translationg school books there is at the present no time whatsoever, I shall not touch any translation, before I am completely master of the language and answer for what I am translatin. I can there fore not come before the Committee with a proposal to translate the holy scrioueres before two or three years. I know, that a translation into Sindhi has bee exemted, but is is mere work of natice munshis, who are not answerabale for that they are translation, I shalll neve consent to put our holy scrioture at the mecey of a munshi. Such translations are only ephemerea, not a Kiyas eis lei? +At the present I am studying, except Sindhi, Persian, Arabic, Pushtu, which later language is a pure Arian (Sanscrit) language, and not a fabulous Herbrew one. It is a great shame upon all those, who said it was Hrbrew tongue and the Afhans the descendants of the ten tribes. +As soon as I shal have carried through the press any book, I shal lay it before the Committree. Meanwhile I can assure the Committee, that I am in India, some few indispositins exempted, the only thing I have to complain of are the fearful dust stroms here, which have caused me frequent ache in the ayes and disabled me whole days from working. I am therefore longing to exchagnge this unhappye vallye as soon as possible for the Panjab, yet I will subject my own will to the command of the Committee, +Remembring my self to the kindess and the prayers of the Committee. +Karachi 20th November 1854 I remain +Church Mission House Your humble and +obedient servant +Ernes Trumpp +(C13/076/22-CMS Papers, Birmingham University Library, England.) +*** +Report by B. H. Ellis +Dr Trumpp has recently published a memorandum on th Sindhi language in which after a residence of a few weeks in Sindh, he has summarily disposed of all who have ever had anything to do with the language including the Sindhians themselves. A few comments are therefore reuired. +Much of Dr. Trumpp’s memo contains matter which was very well known beore, and this portion of course requires no remark. Some space is also devoted to the discussion of the Hindoo Sindhi – but Dr. Trumpp states that the great majority of the population being Mohommedan a charcter is required which Mussulmans will read, and to this poin he has principally addressed himself so that the portion of his memo relation to the Hindoo Sindhi, may aslo be passed over through the verry slighting way in which the Dr. speaks of the labours of the late Captain Stack would other wixe dispose and to enter more into detail regarding this branch of the subject. +This charcater has for many years been adoptted by mussalmans for writing Sindhi. But as a matter of necessity addions have been madeto the original characters to express the sound which exit in Sindhee but are not found in the Arabic. +Presisely the same course was adopted in Hindustan to suit the Arabic character to the language thre current, and it is rather late in the day therefore for Arabic purists to shudder at the idea of placing extra dots upon the original forms of Semitic letters. +The Sindhee alphabet lately published did not as Dr. Trumpp admits essentially alter the old system in fact the object was to alter it as little as possible, and the alternotion are realy much fever than Tr. Trump states. He admits in one plan that in th Mussalman’s attempts to express in the Arabic alphabet those sound which were not orignally in it here is great varaiety in their writing and yet he refuses to give the revised alphabet credit vor having adopted some of the varuos forms wchich differ from those he has himself learnt. +Whether the old alphabet as in use in Sindhi is “irrational” and “aribtrary” appears hardly to the point. The alphabet is not a new one wchich we might frame a philogical principle. The English itself would have a poor chance if a similarly attacked, and the onlye question, it apears to me, was form the first, what additions or amendments are absolutely essential to the competeness of the existing alphabet, and not wheter it should be oblished and German, Roman or other lettletters subsituted for its present forms. +I agree with Dr. Trumpp that it is sad, very sad to see such a blunder in language as the use of a ف with extra dots as the aspirate of پ. I regret with him the blunder, but I am not prepared to say with him “This letter must be struck out” when it has existed (in both the forms ف & ڦ) for years as a part of the writtend Sindhee languages. I would rather quote his own words that “we are bound to take letters as they are not as we like” +The introducion of the Hindustani is objectionable, because it does not provided for all Sindhi sounds, and more especially because the very confusion which Dr. Trumpp talk so much of, will be created by forms which now represent certain sounds beings made to stand for other sounds e. g. ٿ now Th, will become cerebral T. if this be not confusing a language, I confess I donot undeerstand the meaning of words. +I consider the question of the style of hand writing to be quite seprate. It is clear that the Nuskh is not well adopted for running hand and as we find in other languages the use os this style chiefly confined to printing, so no doubt it will be found expedient hereafteer to use in Sindhee a Nushtalik a running hand of some sort for office work, The forms used to express different letters hoever would be just the same as in the printed hadnd. As in Hindoostanee books are printed in one variety, and correspondence is carried on in an othe. +I merely mentioned this for fear of being misunderstood when I assert, that there is no advantage in point of clarity of wirting gained by adopting the Hindustanee. I mean thereby that the adopion of the symbols used to express sound in Hindustanee would not aeven in this point of view repay us for displacing those forms to which the majority of the people of the country have been accustomed for ages. Of course, the running hand is more quickly written than that used in printing; this is the case equally in Hindustanee, which has both styles of wirting. Sindhee might of course have the same. +Dr. Trumpp objects to the use of dots to express aspirates in a Semitic language and says “This must lead to confusing heap of dots and is contrary to the nature of the alphabet”. The latter objection is disposed of by the fact that an alphabet applied represents sounds foreign to it, must as a matter of course; add signs contrary to its original nature. This has been the custom in Sindh, and it appears to me not a whith more unphilogical than the heaps of dots and other devices engrafted in Hindustanee upon a Semitic alphabet. +And dotting is surely a less “Cumbrous” though more arbitrary way of expressing what wanted, thus ڇ is much easier to write as the aspirate of چ than the double letter subtituted in Hindustanee چهه.. But this is mere matter of opinion – the fact is the letter exists in the language and is universally wirtten as ڃ. I theerefore see no reason for this expulsion,and so with the other aspirates where they exist, and are generally recognized in all writings ancient and modern. +The summary mode in which Dr. Trummp corrected the mistakes of the Sindhees and their blundering languages does not surprise me, but I am astonished at a profssedc philogist’s being satisfied with a represention of the sounds of ڱ (ngya) by نڱ (ng). He might as well propose the abolition of the Sanscrit …… and that in future it be represented by …. And he will lfind after a longer intercourse with Sindians that ng is a very incorrect representaion of the pure sound ڱ. The same remarks apply to Dr., Trumpp’s substitution of ني for ڃ. +And Dr. Trumpp objects that it is against the nature of a Semitic alphabet to express a nasal sound by two dotsl. Of cours and it is eqally against the nature of a Semitic alphabet to represent andy sounds other than Semitic. Yet such is the duty a Sindhi alphabet has to perform, and Dr. Trumpp may not be aware, that a similar nasal sounds to the one in question is expressed in the Semitic alphabet which represented the Trukish languages by three dots with a guaf گ The philogical enormity is therefore none third greater in Turkis than in the revised Sindhee alphabet, and we have at any rate an analogous adoptin in a Semitic alphabet for the purpose of representiong certain nasal sound which do not exit in the original Semitic tongues. +With regard to the alternation exibited by Dr. Trumpp in his comarision of the olf and revised alphabets a few words are necessary. The ط was introduced in two ways and not in four as Dr. trumpp iners where the retention of dots could make no difference, they were comitted as cumbrous thus ج expressed no more than ح there being no other letter for which the symbol could be mistaken if written wighout the dots. +But there was one great objection to the ط and that was its being new to Sindhes. At the time of the revision of the alphabet I was no aware of ٺ being in common use for the aspirate of ٽ The first I saw of it was its insertion in an alphabet published last August by oe Haroon Lohar of the Mission House, and subsequent search has confirmed me in the belief that this letter should have beenretained in the revised alphabet as having been used in old wirtings and being generally )Though very far from universally) inteligible to modern Sindhians. Therewould then of course have been no use for ت this letter might thus be struck oft and the ٺ of Haroon Lohar retainde. +The alphabet of Haroon appears to have been Dr. Trumpp’s guide in reference to the former Sindhi alphabet but there are many forms there in given which not only do not occur in books that I have seen, but are quite unknown to many Sindhees of good educaion whom I have consulted. +Thus I am pretty confident that the forms be given for the aspirates of J, and K for the peculiar Sindhee Sound fo G, and for cerebral N, are so rare, that if they do occur in M.S. They must be considered rather as peculiarities in writing than as forms which have received the sanction of general use. One of these forms is an impossible one for how could be cerebral n ن be presented when initial or medial? The forms for the Sindhee G, and for Kh, are so absurd, that nothing but universal use could have justified fgheir retention, and to this they certainly have no claim for they are utterly unknown to every Sindhee to whom I have shown them. Haroon has entered گ as an old Sindhee letter, but until the publication of the revised apphabet I had always seen G expressed by ک and if not, how is it that the old Sindhees has نک when نگ would be expected as the nearer of the two? + + +The usual way of writing the aspirate of J was ج no distinction being made for the aspiration, the form ڄ I have seen used for T Sindheed J as well as ڃ though the latter is more common, I chose the former because the latteer was required to represent (jaiya) for which no single l\etter existed in the old Sindhee. +The proper form of ڏ is as shown by Haroon ڏ and I consider it quite immaterial which form is adopted as د with there dots can not possibly reqresent any othere sound however the dots may be placed., The pyramid of dots was inverted in the revised alphabet merely from the analogy of the cerebral ٽ but it makes no difference which may they are written. Such variatiions are of little comment, and the Dr’s favourite Hindustani, which wirtesت ٿ or ٽ and ڌ ڏ or د would easily supply analogous instances. +Now have I any objection to forms ز and ڦ which are both found in old Sindhee writings. The latter is perphaps more common than ڦ a form also found, and which was adopted in the revised alphabet. The form ز is far less common, for in old Sindhee writings distincion was very seldom made between the two r’s, +The ط was adopted for the purpose of showing aspiration in theree cases; in one of these it is now useless- in the other two it may without grat objecion be abandoned as it is equally new to Sindhees and to philogists – but there will then be no alternative but to adopt a double letter جهه and گهه which cumbrous as it is, would be better than writing the aspirated and unaspirated alike as has hither to been done in Sindhee. +The necessity for a sepratate sign for cerebral n is admitted by Dr. Trumpp, and I see no other course but to retain the ط to put a dot with it would be “useless”, as the dot would serve no purpose when the ط stands for no other sound and can there fore be mistaken for nothing else but I cannot see in what sense the ط Without the dot is “useless” as stated by Dr. Trumpp. +Dr. Trumpp likewise admits that the Sindhee sounds of ب ج and گ require separate singns and he very unabtrusively adopts those of the revised alphabet, but placed the dots above instead of below the گ with what object is not apparent. +With respect to the impossibility of ک serving as the aspirate of ڪ I confess I do not see the difficulty. It always has served in Sindhee as the aspirate of ڪ and sometimes for ڪ unaspirated. When there were two forms representing indiscriminately two distinct sounds, it was not a violent change to lay down that one of the symbols sould hereafter represent one of the two sounds and the other symbol the other. In fact this ک did more duty than Dr. Trumpp gives it eredit for, in as much as it served in old Sindhi writing for گ as well as for K. and its aspirate. The Limitaiion to one of the three sounds is a natural one, which Sindhees easily understand, though the point apperars more difficult of comprehension by others. +If there be no use in a separated letter for ڍ it will of course soon become obsolate, but with difference to Dr. Trumpp’s ear, there does appear a distincion of sound between this letter and ڌ or ڏ. +I might extend this observation to greater length – but as I have commented on the practical parts of Dr. Trumpp’s exposition of the Mussalman Sindhi character further femarks are unnessary. +Hindoostanee symbols may be adopted where: +Ist None Already exists in the character which has been in use for centuries. +2 nd Where they they will suffice for the Sindhee sounds. +If both these conditions be not fulfilled, the adoption of Hindoostanee would be “useless and confusing “ In the case of جهه and گهه a preference may be given to Hidoostanee over a new and arbitrary character ( like the ….) but with respect to all other letters I confess I cnnot see grounds for the abolition of the old Sindhee characters universally recognizewd or for displacing those lettters which have now for some time past been in use in the publication of books and in other ways. +Sd/B.H.Ellis +Assistant Commissioner, Sindh +Januaru 8, 1855. +ايلس جي رپورٽ جو پهريون صفحو +ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري +سنڌيڪار ؛ غلام محمد بُلو +سنڌ ۾ خط نستعليق جو رواج +(مڪليءَ مان مليل هڪ اهم ثابتي) +سنڌ ۾ قبرن تي لکيل ڪتبن کي ڪڏهن به مناسب اڀياس کانپوءِ سهيڙي اُنهن جي صحيح حقيقت کي پروڙيو ڪونه ويو آهي. توڙي جو مڪلي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اُن تي خاصي گهڻي تحقيق ڪري اُن جي حقيقت معلوم ڪئي ويئي آهي، پر اڃا به گهڻو ڪجهه لوچڻو آهي ۽ حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڀياس ڪرڻو ۽ لکڻو آهي.(1) +جن چند قبرن جو اسان هت ذڪر ڪنداسين اهي آهن ته مڪلي تي، پر انهن جو ذڪر ناهي ٻڌو، ۽ يقيناَ انهن متعلق لکيو به ناهي ويو.(2) +اِهي قبرون هڪ ننڍڙي حويلي جهڙي رهائشگاهه جي چارديواريءَ ۾ لڪل آهن.جيڪا ڪراچيءَ کان حيدرآباد ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه جي ڏاکڻئين پاسي واقع آهي. اِهي قبرون سنئين سڌي ڊول سان ٺهيل آهن، جيڪي سترهين صديءَ واري مڪليءَ جي روايتي نموني جون آهن، جن تي مذهبي عبارتون اُڪريل آهن ۽ پڻ منجهن پوريلين جو شخصي تعارف، قبرن اڏڻ لاءِ انهن زمانن ۾ عمومن شاهوڪار وارث يا گراهڪ خريدار اهڙا لوڙهه، جن جا سڀئي پاسا سواءِ سندس اترئين ۽ ڏاکڻئين پڇڙين جي نقش ٿيل ۽ وڪري لاءِ موجود رکيل هوندا هئا، اُنهن جا اتريان ۽ ڏاکڻا ڇيڙا اِن لاءِ اڻ لکيل ڇڏيا ويندا هئا ته جيئن اُنهن تي مري ويلن جا نالا وغيره اُڪريا وڃن (_جيڪي عام طرح ڏاکڻن ڇيڙن تي اُڪريا ويندا هئا) ۽ ڪي دعائون يا سندن عقيدي آهر عبارت اتر يا ميت جي مٿي ۽ سيرانديءَ واري خالي جاءِ تي اڪريل ملي ٿي، ڇهن منجهان پنجن تي اُڪريل لفظ سهڻي طرح نقش ٿيل آهن. واريءَ واري سٺي قسم جي پٿر جي ٺهيل قبرن تي نسخ ۽ نستعليق جي رسم الخط جي ڊولائتين عبارتن سان اُڪريل لفظ سهڻا پيا سونهن. ڪجهه نمونا ڏٺا وڃن ته معلوم ٿيندو ته اُڪرڻ واري ڪاريگر ڪن جاين تي نقش ڪرڻ وقت غلطيون ڪيون هيون پر بعد ۾ ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ساڳئي ئي ڪاريگر اُنهن غلطين کي درست ڪيو هيو، ڇو ته نقش هڪ جهڙو ئي چٽيل آهي. نقاشي ۽ ڪنده ڪاري تمام اُتساهه ڏياريندڙ ٿي لڳي. جنهن لاءِ ائين کڻي چئجي ته اِهي نقش وغيره اُن وقت جي دستور جي ياد تازي ڪرائين ٿا. اُنهن مان هڪ قبر ننڍي ماپ واري آهي، جنهن تي ڪابه چٽسالي ڪيل ڪانه آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها ڪنهن ٻار جي قبر هجي ڊولائتين سببن جي لحاظ کان ائين سمجهيو وڃي ته اها اڏاوت وڏڙن جي قبرن ٺهڻ کان پوءِ اڏائي ويئي هجي. ٻن قبرن جي خط ثلث جي ڪنده ڪاري ٿيل آهي، جيڪا مذهبي نوعيت ۾ آهي، اُنهن تي ڪوبه تاريخي يا شخصي حال احوال نقش ٿيل ڪونه آهي. +غير مذهبي نقش گهڻو ڪري خط نسخ ۽ خط ثلث ۾ اُڪريل آهن، جيڪا اُن زماني جي رسم هئي. وڏي ڄاڻ وارن جو عام خيال اهو آهي ته مڪليءَ تي قرآن پاڪ جي آيتن جي ڪنده ڪاري واسطي ٻارهين صديءَ هجريءَ ۾ خط نستعليق استعمال ڪيو ويو. ارغونن ۽ ترخانن جي اچڻ کان پوءِ نظر اچي ٿو ته نستعليق جو استعمال تمام گهڻو وڌيو. +هونئن نستعليق جي استعمال جي شروعات پندرهين صديءَ جي اوائل ۾ ٿي، جيتوڻيڪ اُن جو استعمال ڪاغذ تائين محدود هيو. سورهين صديءَ ۾ ئي نستعليق جو استعمال مقبرن ۽ ٻين يادگارن تي آندو ويو. هتي سنڌ ۾ سورهين صديءَ ڌاري اسان کي ڪجهه تمام اُتساهه ڏياريندڙ اُڪر جا نمونا نظر اچن ٿا، جن جي بيهڪ اصلي بادشاهي شان شوڪت واري قابل ڪاريگرن جي هٿ هنر جو نمونو ٿو لڳي. +ٻن قبرن تي قرآني آيتن کي نهايت شاندار مگر رسمي طرح اُڪريو ويو آهي، جنهن مان ائين لڳي ٿو ته ڪاريگريءَ جي خوبصورت ۽ ٺاهوڪي طريقي سان نستعليق رسم الخط سان آيتن کي سينگاري لکيو ويو آهي. اها حقيقت خصوصي توجهه لائق آهي. انهن قبرن تي ناد علي رضه جي نقش ۽ قرآني آيتن کان سواءِ ٻيو ڪوبه رسم الخط بجاءِ نستعليق جي استعمال ٿيل ڪونه آهي. ٻن ٻين قبرن مان جيڪي ڌار ٿلهي تي جڙيل آهن هڪ قبر جي اوڀارئين، اولاهين، اترئين ۽ مٿانهن پاسن تي خط نسخ سان ڪم ٿيل آهي. فقط ڏاکڻئين پڇڙي وٽ خط نستعليق ۾ ڪجهه لکيل اکر نظر ايندا، جن ۾ تاريخ بابت ڪجهه نهايت وڻندڙ نموني لکتون درج ٿيل آهن، اهي الفاظ هن طرح آهن: +تخم نيکي بزمين احسان +بس که اميد علي بيگ بکشت +گشت ايام وفاتش چو قريب +دهر زد شيشهئه گردون بخشت +هزار و دوده و هشت آخر +رفت از دار فنا سوئي بهشت +(نيڪي جي ٻج کي احسان جي ٻنيءَ ۾ جيڪو علي بيگ پوکي ويو، جيئن ئي سندس وفات جا ڏهاڙا ويجها ٿيا، ان آسمان جي ڦرندڙ شيشي زماني جي سر تي هڪ هزار ۽ اٺاويهه لکيا ۽ نيٺ هن فاني جهان کان بهشت ڏانهن ويو.) +اِن تاريخ کي اڻپوري تُڪ يا سٽ کي لفظن ۾ جيئن لکيو ويو آهي، تنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي هڪ هزار ۽ اٺاويهه هجري، جيڪا مصرع جو آخري حصو آهي. مگر ان کان سواءِ مصرع ڏسڻ سان اهو انومان ٿو ٿئي ته شايد تاريخ وفات لهڻ لاءِ ابجد جي حساب موجب ڪوشش ڪئي وئي هجي. ان انومان پٽاندڙ اهڙيءَ طرح تاريخ ڳولڻ واري ابجدي حساب جي ڪٿ ڪرڻ ۾ سال 1807 حساب پيو ٿئي، جيڪو هجري سال نه ٿو ٿي سگهي، جيڪو اڃا پرانهون آهي، پر هتي عيسوي سن لکڻ جو به امڪان ناهي، جيڪڏهن ڪو ان عبارت جو ٿورو ئي ٽڪر جاچي ڏسي جهڙوڪ ”سوئي بهشت“ جنهن جي ابجدي تاريخ 783 ٿئي ٿي، جيڪا پڻ اڃا پري آهي. هي انومان دُرست نه آهي، ڇو ته مٿي ڏيکاريل معنيٰ سان سال هڪ هزار ۽ اٺاويهه هجري ٿو بيهي. +جيڪڏهن ان ڏس ۾ ٻيا به ڌُڪا هنيا ويا پر اُهي بي نتيجي نڪتا(درست نتيجو مٿي لکيو ويو آهي.) اِن طرح اهو ئي ٺيڪ ٿيندو ته جيڪا تاريخ لفظن ۾ ڏنل آهي اُن کي ئي ان سلسلي ۾ حرف آخر سمجهيو وڃي ڇو ته ان تختي جي لکيل لفظن ۾ ابجد استعمال ڪونه ڪيو ويو آهي. +علي بيگ نالو انهن ٻن سٽن ۾ ظاهر لکيل آهي. اترئين پڇڙيءَ تي هڪ ٻيو نالو پڻ آهي، جيڪو خود خوشنويس جو آهي ۽ خط نسخ ۾ آهي، جيڪو ڊولائتي ۽ پسنديده نموني ۾ تراشيل آهي ۽ اهو هيئن لکيل آهي ته:شيخ محمد بن شيخ حسن نستعليق جيڪو مشرق قريب ۾ ظهور پذير ٿيو ۽ ان طرح واري رسم الخط لاءِ خواجه مير علي ترمذي ئي اصلي استاد خوشنويس مڃيو وڃي ٿو.(3) پر اهو مڃڻ ان ڪري مشڪل آهي جو ان بابت جيڪي مثال ظاهر ٿيا آهن اهي ان گمان کي رد ڪن ٿا بلڪه علامه ابوالفضل پڻ سورهين صدي ڌاري ان بيان سان متفق ڪونه ٿيو هيو. +ترڪيءَ ۾ اسان پڪ سان اهو معلوم ڪيو آهي ته خطاط علي بيگ دوست خدا (725 هجري وارو) يحيٰ بيگ علي بيگ علي ڪلب علي (820 ��جري وارو) اڪرم حقي افندي، خطاط محمد محي الدين وغيره وغيره نستعليق استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ اُنهن مان ڪي علي تبريزيءَ کان آڳاٽا آهن. +ترڪيءَ جا ٻيا خطاط، جيڪي علي تبريزيءَ جا همعصر هئا يا کانئس ٿورو پوءِ آيا، سي هيا اسد الله ڪرماني، محمد بن فرامرز جيڪو ملا خسرو طور مشهور آهي( 1472 کان 1480وارو) ۽ غياث المجلدو اصفهاني (1475 وارو) جيڪي نستعليق خط جا قابل خطاط هئا. هندستان ۾ سڀ کان آڳاٽو لڌل خالص نستعليق جو نمونو سنه 928 هجري يا 1521 عيسوي جو آهي. پاڪستان جي قومي عجائب گهر ۾ رکيل هڪ ٻيو سهڻو نستعليق جو نمونو موجود آهي، جنهن جي تاريخ 938 هجري مطابق 32- 1531عيسوي آهي.(5) +اها هڪ عجيب حقيقت آهي ته خطاطن عام طرح قرآني آيتن لکڻ وقت نستعليق جي استعمال کان پاسو ڪيو، مگر اِها رسم الخط فارسي نثر ۽ نظم لاءِ پسند ڪئي ويئي. اهو خصوصن اوائلي يادگارن جهڙوڪ مسجدن، مقبرن ۽ قبرن جي مٿان لکيل ڪتبن ۾ استعمال ڪيو ويو. ان جي مقابلي ۾ قلمي نسخن ۾ قرآني آيتن ۾ خط نستعليق جو استعمال اسلامي دنيا ۾ ڪجهه آڳاٽو سمجهيو پئي ويو. مثال طور اسان وٽ خوشنويس فقير مير امداد الحسني (جيڪو 1024 هجريءَ ۾ شهيد ٿي ويو هو) جو سورت فاتحه جو هڪ نسخو آهي، خيال آهي ته مڪليءَ ۾ اوائل ۾ قرآني آيتن کي نستعليق ۾ لکڻ جو رواج خوشنويس درويش علي جو وڌل هيو ۽ ان جو سال 1111 هجري آهي.(6) +مڪليءَ جي اٿاهه زبون ٿيل علائقي ۾ خوش خطيءَ واري هنر جا جيئن شاهي ٽڪرا جَڙيل آهن ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اُهي اسان جي ميتن کي دفنائڻ جي طريقن خواهه قبرسازي جي هنر، پٿرن کي گهڙي انهن جي بناوٽ کي سينگارڻ، خوش خطي ۽ ٻين انيڪ ڪتبن ٺاهڻ جي عڪاسي ڪن ٿا. +درويش عليءَ جو ذڪر ڪيل سورت فاتحه جو لکيل نستعليق ڪتبو بلاشڪ هڪ يادگار هيو، جيڪو خوشنويسي جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوشش جي هڪ عظيم شروعات جي عڪاسي ڪري ٿو. پر مذڪوره قبرن اسان جي ان روايت (جيڪا قبرن تي تاريخي نشان ۽ يادگار لکي ڇڏڻ واري آهي) ۾ هڪ ٻيو باب کولڻ ۾ رهنمائي ڪئي آهي. +تاريخ بيان ان جي نشاندهي ڪن ٿا ته شيخ محمد خوشنويس نسخ، ثلث ۽ نستعليق ۾ هڪ جهڙي ئي قابليت رکندو هيو. جنهن ڪري هن کي معتبر طبقي وارا ماڻهو بنسبت ٻين جي زياده سڏائيندا هئا.(7) ديوان شرفا خان جي قبر تي لکيل سندس ڪتبي ۽ مرزا عيسيٰ خان جي مقبري تي ڪيل سندس ڪم مشهور آهي. مگر ڪوبه نستعليق خط وارو نمونو هن جي نالي سان منسوب ناهي. اُنهن قبرن وارو مجموعو جيڪو قبول شاهه بخاريءَ جي ايوان ۾ آهي، اهو ٿي سگهي ٿو ته شيخ محمد جو ئي جوڙيل هجي، ڇو ته سمورا ڪتبا هڪ ئي جوڙ جا ڏسجن ٿا. ان سبب جي ڪري جو اهي همعصر هيا ۽ پڻ ان شاعر سان سندن گهرو تعلق هيو جنهن ٻن قبرن جون تاريخون لکيون ۽اُهو شعر لکيو. انهن قبرن مان هڪڙيءَ تي خوشنويس شيخ محمد جي صحيح ٿيل آهي ۽ ٻيءَ تي قرآني آيت شريف نستعليق نموني وارن اکرن ۾ اُڪريل هئي. هيءَ نستعليق اسان کي ان روان هٿ جي سهڻي نموني کي سڃاڻائي ٿي جنهن جي پڪ آهي ته اهو ساڳيو روايتي ڊول آهي جيڪو هتي ان وقت کان رائج ٿيو جڏهن اڪبر اعظم حڪومت جي پوئياڙي واري زماني ۾ سنڌ کي فتح ڪيو. +شيخ محمد جي صحيح ٿيل ڪتبي واري قبر تي نستعليق سان ڪتابت ڪانه ٿيل آهي. مگر اڳ ۾ بيان ڪيل آيت شريف جي ان ٽڪر تي اُڪر ٿيل اکرن لاءِ چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪي شيخ محمد جهڙي خطاط جا ٿي سگهن ٿا انهن ڇهن قبرن تي ويجهي نظر وجهڻ سان اسان کي هيءَ معلومات ملي ٿي ته ٻن قبرن تي خط نسخ اُڪريل آهي، جنهن ۾ نه دفن ٿيل ماڻهوءِ جو نالو اڪريل آهي ۽ نڪي ان جي تاريخ هڪ قبر مٿان لکيل يادگار خط نسخ سان اڪريل آهي، جنهن تي ڪاتب شيخ محمد جي صحيح ٿيل آهي ۽ ان ۾ تاريخ ۽ نالو پڻ اُڪريل آهن. اهو سادي نموني جي نستعليق ۾ اُڪريل آهي، جيڪو شايد بعد ۾ وڌايو ويو هجي، جڏهن ته اڳ ۾ ٺاهيل يادگار استعمال لاءِ ورتا ويا هجن، جن ۾ گهربل مواد موجود هيو. هڪ ڪتبو سهڻي نستعليق ۾ اُڪريل هيو جنهن ۾ آيت الڪرسي ۽ ناد علي رضه اڪريل هئا. ان ۾ لکيل تاريخ پڻ نستعليق ۾ آهي ۽ نالو علي بيگ ڏيکاري ٿو، پر اهو قبر واري يادگار ڪتبي جي اولهندي پاسي واري اڪريل نالي کان مختلف آهن، جيڪو سيد منور علي خان آهي. هڪ اڪريل تختيءَ تي سهڻي نستعليق ۾ اڳ ۾ ذڪر ڪيل ساڳئي هٿ سان آيت الڪرسي ۽ ناد علي رضه شاندار نموني اُڪريل آهن. انهن حقيقتن مان هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. +اهي ٽيئي قبرون ساڳئي زماني جون آهن، جن مان ٻن تي تاريخون اُڪريل آهن، جيڪي 1020 ۽ 1026 هجري آهن. انهيءَ ڪاريگر جي اُڪريل، جنهن اُن جي ڀرپاسي وارن قبرن تي ڪم ڪيو هو ۽ اُن تي 1026 هجري جي تاريخ يا سال اُڪريو هئائين. +علي بيگ جو نالو ٻن قبرن تي نظر اچي ٿو ۽ ان مان انهن ٻنهي جو هڪ ٻئي سان تعلق معلوم ٿئي ٿو، جن مان هڪ تي خطاط جون صحيحُون ڏسجن ٿيون ۽ ٻيئي تي نستعليق خط ۾ تراشي لکيل آيت الڪرسي، جنهن مان اهو انومان پيو نڪري ته نستعليق خط ۾ تراشيل آيت الڪرسيءَ جو خطاط شيخ محمد ئي هوندو. هوڏانهن وري ساڳيءَ قبر تي علي بيگ کان سواءِ سيد منور علي خان جو نالو آهي. اهو اندر دفن ٿيل ٿي سگهي ٿو. مگر اهو مڪليءَ واري دستور سان موافقت نٿو رکي. ائين ورلي هجي جو دفن ٿيل شخص جو نالو ڏاکڻين يا اترئين پڇڙيءَ بجاءِ ڪنهن ٻئي ڪنڊ پاسي کان اُڪريل هجي. بلڪه اهو نالو مستطيل چونڪ ۾ لکيل آهي، جيڪو سموري سينگاريل خطاطيءَ واري مضمون جو حصو آهي ۽ الهندي پاسي واري ويڪري طرف وٽ آهي. اُهو خاندان جيڪو اُنهن قبرن جي نگهباني ڪري ٿو، پاڻ کي بخاري شاهه سڏائي ٿو، مگر سيد منور علي خان جي اڃا سوڌو اُنهن سڃاڻپ ڪانه ڪرائي آهي. بهرصورت اهو خطاط جو ئي نالو هجي، جنهن قرآني آيتن کي خط نستعليق ۾ تراشيو هجي. اهڙو ئي ٻيو مثال جتي خطاط جو نالو هڪ ننڍڙي هم چورس حدبندي بڻائي ٻين نقشن کان نروار ڪري ڪشادي ڪناري تي بيهاريو هجي. جيڪي ٺٽي واري خطاط حبيب الله جو آهي. اُن جهڙو چونڪ خداآباد دادو ۽ بيگلارن جي حيدرآباد ضلعي واري قبرستان ۾ ٺهيل ۽ رکيل آهي. علي بيگ خطاط ڪونه آهي ۽ نڪو ئي هو نقشو چٽڻ ۽ ان جي عڪس ڪڍڻ وارو آهي. هو هڪ شاعر آهي، جنهن ابجد جي حساب ذريعي وفات ڳولي ان جا عدد پنهنجي قطئه وفات ۾ لکي چونڪ ۾ ڪنده ڪيا آهن. ان ريت هن سموري سٽا ۾ هڪ ٻيو کيڏاري ڳنڍيو ويو آهي. جيئن ته هيل تائين فقط ٻه ڄڻا اهو ڪم سرانجام ڏيندا هئا جن مان هڪ هيو خطاط ۽ ٻيو هيو نقشو اُتارڻ وارو گهڙ ٽُڪ ڪرڻ وارو، جيڪي ئي ساري سهيڙپ جو جس کٽندا هئا، جيئن مڪليءَ تي هڪ نقش تي هيٺيان اکر اُڪريل آهن. ”گهڙي ٺاهيندڙ استاد نعمت الله ۽ نقش نگار درويش علي“ (8) +مٿي ذڪر ٿيل نتيجن مان اُنهن قبرن جي اهميت بلڪل ظاهر آهي ڇو ته اهي اِن حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائين ٿيون ته ڪڏهن ڪڏهن شاعر تاريخ وفات بابت ڪا تُڪ ٺاهيندي يا تاريخ لکندي تختيءَ تي پنهنجي نالي ڄاڻائڻ جو شوق به پورو ڪندو هيو. اڄ تائين اهو گمان هيو ته قرآن ڪريم جي آيتن لکڻ لاءِ مڪلي تي پهريون ڀيرو خط نستعليق ارڙهين صديءَ ۾ استعمال هيٺ آيو. پر هاڻي هيءَ حقيقت سامهون آئي ته نستعليق ۾ قرآني آيتون ان کان گهڻو اڳ لکڻ جو رواج هيو. موجوده مثال پراڻي معلو�� تاريخ کان 87 سال پراڻو آهي. اهڙي طرح نستعليق جي رواج ۾ اچڻ ۽ ان جي استعمال جي تاريخ جي مطالعي جو هڪ نئون نقطو ظاهر ٿئي ٿو. ان کان علاوه هڪ نئون نالو ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ٺٽي جي خطاطن جي ننڍڙي فهرست ۾ هڪ واڌارو ڪري ٿو. +حوالا +1- ”مڪلي نامو“ : پير حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. +ايم اي غفور: ”ٺٽي جا خطاط“ 1987، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، ”مڪلي ٽڪجري“، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽيڊيس، ڪراچي يونيورسٽي. +2- مڪليءَ واري سرزمين جي وچان ڪراچي – حيدرآباد شاهراهه لنگهي ٿو، جنهن جو اتريون ڀاڱو پاڪستان جو آثارِ قديمه کاتو سنڀالي ٿو. ڏاکڻيون ڀاڱو جيئن ته ڪنهن جي به قانوني قبضي هيٺ ڪونه آهي، ڪنهن جي به منظور ٿيل سنڀال هيٺ ڪونه آهي. +3- ڪُليات خواجه ڪرماني، جنهن کي مير علي تبريزي نستعليق ۾ (798 کان 1395 تائين واري زماني ۾ موجود) بغداد جي درٻار واسطي نقش ڪيو.(حوالو ”انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام“ جلد 4 ليڊن 1990 صفحو 1127) +4- موجود مواد ابولفضل جي نقطي جي تصديق ڪري ٿو. هن جي اصل لکيل ڪتاب جي تاريخ کي 7 کان 13 صديءَ واري زماني جي آهي، جنهن جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جي صفحي 1124 تي آهي. +5- ايم اي غفور جي لکيل ڪتاب ”ٺٽي جا خطاط“ صفحا 63، 64 ۽66. +6- ”مقالات الشعراءِ“ صفحا 41، 49 ۽ 60. + + +ناسف علي شيراز +فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما +انگريزن جي حڪومت کان اڳ واري دؤر ۾ سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي، ان ڪري حڪومت جي لکپڙهه به فارسيءَ ۾ ٿيندي هئي. مدرسن ۾ عربيءَ سان گڏ فارسيءَ جو استعمال عام هو، اهو ئي سبب آهي جو اسان کي ان دؤر جي سنڌي عالمن جي لکيل ڪتابن جا ذخيرا زياده تر فارسي (۽ پڻ عربي) زبان ۾ ملن ٿا. ان دؤر جي ڪيترن ئي سني عالمن فارسي ۽ عربي زبانن جي ڪتابن جا ترجما سنڌي زبان ۾ ڪيا. اهي ترجما ڪجهه اسان تائين پهتا آهن ۽ ڪجهه اڃان تائين سنڌ جي ڪن قديم ذاتي ڪتب خانن ۾ موجود آهن، جن تائين رسائي هڪ عام ماڻهو لاءِ ممڪن نه آهي. +” فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما“ جي عنوان هيٺ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي (3/1995) ، محترم ڊاڪٽر حافظ محمد ادريس السنڌي (2/1996) ۽ محترم محمد پنهل ڏهر (3-4/1997) جا مقالا ڇپيا. اصل ۾ مٿئين موضوع جو محرڪ اختر ”راهي“ صاحب جو ڪتاب “”ترجمه متون فارسي به زبنهائي پاڪستاني“ (1986) آهي، جنهن ۾ 36 اهڙن سنڌي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي فارسي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. +اختر ”راهي“ جي ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان پوءِ اول محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ان موضوع تي قلم کڻي وڌيڪ 86 ترجمن کي نروار ڪيائين. لاکي صاحب جي مقالي شايع ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر السنديءَ وڌيڪ 118 ترجمن جي نشاندهي ڪئي. ساڳيءَ طرح ڏهر صاحب به وڌيڪ 77 ترجمن متعلق ڄاڻ ڏني. هيءَ مقالو به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. +محترم محمد پنهل ڏهر پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته ”اڃا به انهيءَ ميدان ۾ تحقيق ڪرڻ جي ڪافي گنجائش موجود آهي. اُميد ته ڪي جاکوڙي جوان اهو تحقيقي سلسلو جاري رکندا.“ مون به پنهنجي ”عاجزانه“ حال آهر انهيءَ تحقيقي سلسي ۾ دلچسپي ورتي ۽ جيڪي ترجما معلوم ٿي سگهيا، سي پيش ڪيا اٿم. هن مقالي جي سٽاءُ به ساڳي اڳئين مقالن جهڙي قائم رکي ويئي آهي. تاري جي نشاني اصل فارسي ڪتاب لاءِ ۽ جريان نمبر ترجمي لاءِ ڏنل آهي. ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪتابن جي مصنفن جي ڄم ۽ وفات جا سال صحيح هجن، پر ڪٿي غلطيءَ جو امڪان به ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ معذرت ٿو گهران. ان سلسلي ۾ اهو به ذهن ۾ رهي ته گذريل ويهارو کن سالن کان وٺي مستقل طور تي آمريڪا ۾ رهڻ ڪري، سنڌ جي علمي مرڪزن ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي مون تائين رسائي جي سهوليت آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. اُن سلسلي جا ڪافي ڪتاب برٽش لئبريري جي ڪيٽلاگ تان ورتل آهن. بهرحال جيڪي ڪجهه معلوم ٿي سگهيو آهي، سو پيش ڪيو اٿم. +فارسي سنڌي ڪتاب +* آغاز فارسي / ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي(1844-1916) +مترجم: ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي (1844/1916) +1- ترجمو آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1868ع) ص -40، نمبر: 49301 +آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1869ع) ص -34، نمبر: 49302 +آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي،(1870ع) ص -46،نمبر: 49303 +آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1870ع) ص 38، نمبر (49304 +آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي، (1873ع)ص 46، نمبر 49305 +آغاز فارسي (فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي،(1876ع) ص 41، نمبر 49306 +آغاز فارسي(فارسي سنڌي ڪتاب) ليٿو، ڪراچي،(1881ع) ص 34، نمبر 18307 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري شڪاگو يونيورسٽي +* آب حيات: نڪات الادويات/نامعلوم +مترجم: مولوي ميان غلام محمد +2- ترجمو: آب حيات: نڪات الادويات، سنڌي ترجمو، سکر نئون، سنڌ: ساڌو مل جشن مل” (1894ع) ص 172 +حوالو:برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +( shelfmarkL14164.a.8(3)OIOC) +ڪيفيت: (هي ڪتاب طب متعلق آهي. اصل ڪتاب جي مصنف جي خبر پئجي نه سگهي). +* اساس المصلي / نامعلوم +مترجم: پسئو +3- ترجمو: اساس المصلي سنڌي ترجمو(تاليف جو سنه: 1059هه کان پهرين) +ڪيفيت: سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان آڳاٽو فارسي – سنڌي ترجمو سنڌي ٻولي جي قديم ذخيري ۾ دستياب ٿيو آهي، جيڪو عزت بن سليمان 1067 -1069 هه واري عرصي دوران اُتاريو. ان ذخيري کي محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪري سنه 1993ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته لکيت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي. ان ذخيري ۾ عربي ڪتاب ”اساس المصلي“ جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي، جيڪو سنڌي عالم پسئي جو ڪيل آهي. ”اساس المصلي“ ڪتاب پهرين عربي ۾ هو، پوءِ اُن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو. ان کان پوءِ سنڌي ترجمو ڪيو ويو.(تفصيل لاءِ ڏسو: سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو ذخيرو. ص:17) +* الارشاد/ نامعلوم +مترجم: قاضي فتح محمد. +4- ترجمو: ارشاد الصرف، سنڌي ترجمو. +ڪيفيت: ”خزينته العلوم“ جو مولف محمد بخش ”واصف“ لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ ”علم صرف“ تي شايد هڪ رسالو لکيل آهي، جيڪو قاضي فتح محمد جو ترجمو ڪيل آهي. مصنف ان کان وڌيڪ تفصيل ناهي لکيو. (خزينته العلوم، قلمي. ص: 326) +* انوار سهيلي/ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي(وفات 5-1504ع/910هه) +انوارسهيلي ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي جو شهرت يافته ڪتاب آهي. جنهن جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن. انوار سهيليءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو”گلزار چنبيلي“ جي نالي سان محمد بخش واصف جو ڪيل آهي. هي ترجمو انوار سهيلي جي اڌ ڪتاب جو آهي جيڪو ليٿو ۾ سنه 1911ع ۾ شايع ٿيو (1) ان کان پوءِ آر ايڇ احمد وارن اُن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ڪيا آهن. جن جو تفصيل هت ڏنل آهي. انوار سهيليءَ جي هڪ ڇاپي جو ذڪر ڊاڪٽر لاکي صاحب به ڪيو آهي.(2) ۽ هڪ ترجمي جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس ڏنو آهي(3) +مترجم: محمد بخش واصف(1892-1952ع) +5- گلزار چنبيلي. ليٿو ڇاپو پهريون، (1911ع): ص -؟ +گلزار چنبيلي، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد سنڌ: آر. ايڇ . احمد اينڊ برادرس(1955) ص-؟ +گلزار چنبيلي، ڇاپو ٽيون. حيدرآباد سنڌ: آر. ايڇ احمد اينڊ برادر (6-1955ع) ص -236 +حوالو: ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي، ڪتاب نمبر 1641/ ص -248. +* انيس الواعظين /اب��بڪر بن علي قريشي سنڌي +مترجم: آخوند منشي عبدالستار +6- ترجمو: انيس الواعظين عرف گلزار محمدي. شڪارپور، سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب، (1896) ص -120) +گلزار محمدي. شڪارپور، سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1924) ص - ؟ +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. ڪتاب نمبر: 448/ ص 21 +مترجم: سيد حسين علي شاهه +7- ترجمو: رياض الصالحين عرف گلزار محمدي، شڪارپور، سنڌ: هريسنگهه سنس(1927ع) ص - ؟ +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ، ڪتاب نمبر 94/ ص -4. +مترجم: محمود قاسمي. +8- ترجمو: انيس الواعظين عرف گلزار محمدي. سکر نئون، سنڌ: هيمنداس تاجر ڪتب.(1900) ص 124. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري +(Shelf mark:Sind.D.415.OIOC) +* املهه ماڻڪ/ مختصر فارسي شاعر +املهه ماڻڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ فارسي شاعرن جي مثنوين ۽ شعرن جو سنڌي ترجمو ڏنل آهي. املهه ماڻڪ جو ذڪر ڏهر صاحب ڪيو آهي، پر ان جي ڇپجڻ جو سال ۽ هنڌ ناهي ڏنو.(4) . هت ان جو تفصيل ڏجي ٿو. +مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +9- ترجمو: املهه ماڻڪ، ڪراچي، سنڌ: سنڌي ساهت سوسائٽي، (1920ع) ص -285. +املهه ماڻڪ، حيدرآباد، سنڌ. سنڌي ادبي بورڊ(1968ع) ص -444. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: SAC. 1986.a.35038.OIOC) +* استاد فارسي / نامعلوم +مترجم: مولانا الاهي بخش بلوچ (وفات: 1338هه) +10- ترجمو: ڪتاب استاد فارسي، نوابشاهه، سنڌ: ڳوٺ دودو ٻگهيو. شاهه پور جهانيان(2000ع) ص -؟ +حوالو: تبصرا: مهراڻ ( 1/2001ع) سنڌي ادبي بورد. ص – 186. +* بهائي عقيدو/ بهاءُ الله (1817 – 1892ع) +مترجم: مرزا قليچ بيگ (1853 -1929ع) +11- ترجمو: اسرار جو خزانو: ست واديون ۽ چار واديون (فارسي تان ترجمو ڪيل) ڇاپو پهريون (1916ع) ص - ؟ +اسرار جو خزانو: ست واديون ۽ چار واديون _فارسي تان ترجمو ڪيل). ڇاپو ٻيو ڪراچي، سنڌ: بهائي اسيمبلي طرفان اسفند يار بختيار شايع ڪيو (1929ع) ص – 55. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: 14164.ss.OIOC) +* بهائي تعليم / عبدال بها ابن بهاءُ الله (1844 -1921ع) +مترجم: مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع) +12- ترجمو: بهائي تعليم: يورپين امن ليگ کي خطاب(عبدل بها جي فارسي ۾ ڪيل تقرير جو سنڌي ترجمو) ڇاپو پهريون. +حيدرآباد: سنڌ: ايم يو عباسي، ڪراچي بهائي اسپريچيول اسيمبلي.(1923ع) ص – 34. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائن ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري +(Shelf mark: Sind. B 134. OIOC) +*بوستان / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات 1292ع/691هه) +بوستان شيخ مصلح الدين شيرازي جو جڳ مشهور ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ جي مدرسن ۾ تعليمي نصاب ۾ پڙهايو ويندو هو. آغا تاج محمد خان جي ڪيل ترجمي جو ذڪر اختر راهي صاحب ڪيو آهي. (5) ان ترجمي جي ٻين ڇاپن جو ذڪر هت ڪجي ٿو. +مترجم: آغا تاج محمد خان ( 1904 -1959ع) +13- ترجمو: بهارستان: حصو پهريون، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، سنڌ: آر ايڇ احمد اينڊ برادرس(1953ع) ص - ؟ +بهارستان: حصو پهريون، ڇاپو ٽيون،حيدرآباد، سنڌ: آر ايڇ احمد اينڊ برادرس.(1955ع) ص - ؟ +مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958) +14- ترجمو: روائج بوستان:(تمهيد، تعلقيات ۽ ترجمو) +حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي، سنڌي ادبي بورڊ (1977ع) ص – 5. +مترجم: مولانا محمد قاسم سومرو +15- ترجمو: بوستان (بامحاوره سنڌي ترجمو) ڇاپو پهريون، نوابشاهه، سنڌ. روشني پبليڪيشن.(2001ع) ص - ؟ +حوالو: تبصرا: مهراڻ(3-4/2001ع) سنڌي ادبي بورڊ. ص – 188. +* بيان العارفين: ملفوظات شاهه عبدالڪريم/محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي +شاهه عبدالڪريم (بلڙي) جي ”ملفوظات“ بيان العارفين کي محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي سنه 1038 هه ۾ گڏ ڪيو. بيان العارفين جي هڪ ترجمي جو ذڪر اختر راهي ڪيو آهي(6) جڏهن ته ڊاڪٽر لاکي صاحب ٻن ترجمن جي ڄاڻ ڏني آهي.(7) ۽ محمد پنهل ڏهر ٽن ترجمن جوذڪر ڪيو آهي.(8) هت هڪ وڌيڪ ترجمي جو ذڪر ڏنل آهي. ان کان سواءِ عبدالرحمان جي هڪ ٻئي ڇاپي جو تفصيل پڻ شامل آهي. عبدالرحمان جي ترجمي ڪيل بيان العارفين جو قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرري ۾ موجود آهي. جنهن تي سنه ڪتابت: 1769ع/ 1183هه لکيل آهي(9) بيان العارفين جو هڪ ٻيو قلمي نسخو پير جهنڊي جي لئبرري ۾ پڻ موجود آهي، جنهن جو ڪاتب محمد سعيد عرف الله رکيو آهي ۽ سنه ڪتابت: 1769/1183هه) لکيل آهي ۽ ان جا 239 صفحا آهن.(10). بيان العارفين جو ڇپيل ترجمو بمبئي مان سنه 1886ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا 296 صفحا آهن. +(نوٽ: سنڌ جي نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ”بيان العارفين“ مڪمل ترجمي، تحقيق، تحشيه ۽تعليقات سان تيار ڪيو، جو سنڌ اوقاف کاتي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد تازو پڌرو ڪيو آهي. اداره مهراڻ) +مترجم: ميان عبدالرحمان بن محمد ملوڪ، ڪاٺ ٻانڀڻ(ڪڇ ڀڄ جو رهاڪو) +16- ترجمو: بيان العارفين: منظوم سنڌي ترجمو(قلمي) تاليف جو سال (1200هه) +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو، 1971ع، ڪتاب نمبر 3/ ص -3. +بيان العارفين: سنڌي رسالو، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو. ڇاپو:؟ سکر، سنڌ: هرسينگهه پينشنر، (1909ع) ص – 248. +حوالو: برٽش لئبرري، آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark:14164.a.34 OIOC) +مترجم: نواب خداداد ثاني(1886 – 1948ع) +17- ترجمو: بيان العارفين: سليس سنڌي ترجمو(قلمي) +حوالو: ياد رفتگان / مخدوم طالب الموليٰ 1993ع.ص -22. +* تاريخ سنڌ(مختلف فارسي تاريخون)/ نامعلوم +مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +18- ترجمو: سنڌ جي تاريخ(مختلف فارسي تاريخن تان ترجمو ڪيل) حيدرآباد، سنڌ: مرزا قليچ بيگ،(1900ع) ص -191-3. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري +(Shelf mark: SAC.1986.a.14225.OIOC) +* تاريخ سنڌ/ سيد محب الله شاهه +مترجم: عبدالرسول قادري. +19- ترجمو: مختصر تاريخ سنڌ، سکر، سنڌ: سکر هسٽاريڪل سوسائٽي،(2001ع). ص – 87. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري +(Shelf mark:SAC.2002.a.2507.OIOC) +*تحفته الڪرام/مير علي شير قانع ٺٽوي(1140-1203هه) +مترجم: هدايت علي نجفي تارڪ(1894-1939ع) +20- ترجمو: تحفت الڪرام سليس ۽بامحاوره سنڌي ترجمو(قلمي) ص-400. +حوالو: ديوان تارڪ/ مئولف: ڊاڪٽر نواز علي شوق، حيدرآباد سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ، ڪتاب نمبر 17، ص – 20. +*تذڪره مرزا خسرو بيگ/ مرزا خسرو بيگ گُرجي(وفات:1860ع) +مترجم: مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع) +21- ترجمو: مرزا خسرو بيگ گُرجي متعلق احوال: سنڌي ترجمو(قلمي) ص ؟ +حوالو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جي فهرست، ڪتاب نمبر – 191 ۽ 292. +* تاويل الاحاديث/شاهه ولي الله دهلوي (3/1762-3/1702ع) +مترجم: غلام حسين جلباڻي(1914ع) +22- ترجمو: تاويل الاحاديث: سنڌي ترجمو. حيدرآباد، سنڌ: شاهه ولي الله اڪيڊمي.(1964ع) ص – 153. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: SAC.1986.a.19166.OIOC) +* پند نامه/ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات 1292ع/691هه) +شيخ سعدي جي ڪتاب پند نامه عرف ڪريما جا سنڌي ٻولي ۾ ڪافي ترجما ٿيا آهن. اختر راهي ٽن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي(11)، ڊاڪٽر لاکي صاحب چئن ترجمن متعلق ٻڌايو آهي.(12) ۽ اٺن ترجمن جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڏنو آهي.(13) هڪ منظوم ترجمي جو ذڪر هن مقالي ۾ ڏنل آهي. اهو منظوم ترجمو جواهر اللغت سنڌي اڪيچار جي مص��ف آخوند عبدالرحيم عباسي جي والد محمد وفا عباسي جو ڪيل آهي. ڪريما فارسي جي وڌيڪ ترجمن جي تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي جو لکيل مقالو”ڪريما فارسي جو مطالعو سنڌ ۾“ هي مقالو رسالي مهراڻ 3-4/2001ع ۾ شايع ٿيل آهي. +مترجم: محمد وفا عباسي. +23- ترجمو: سنڌي ڪريما. ڪراچي.(1875ع) ص – 59. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري، شڪاگو يونيورسٽي. ڪتاب نمبر:49481 +* جمه جمه سلطان/نامعلوم +قصه جم جمه سلطان جي ٻن ترجمن جو ذڪر ڊاڪٽر محمد ادريس ڪيوآهي(14) ۽ ٽن ترجمن جو ذڪر محمد پنهل ڏهر صاحب ڪيو آهي.(15) قاضي فتح محمد جي ترجمي جي هڪ ٻئي ڇاپي جو تفصيل هت ڏنل آهي. اُن ڇاپي سان گڏ ٻه ٻيا ڪتاب(مجموعه ڪافين جو ۽ مجموعه مولود) پڻ شامل آهن. +مترجم: فتح محمد. +24- ترجمو: جمه جمه جو قصو. ليٿو، بمبئي، انڊيا(1872ع) ص – 112. +حوالو آن لائين ڪيٽلاگ، انڊيا آفيس لئبرري: شڪاگو يونيورسٽي نمبر:49380. +مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +25- ترجمو: جمه جمه جو قصو. +حوالو: ببليو گرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/بليموريا.ڪراچي.1929ع. +* پرشن منشي/گليڊون فرانسس(وفات 1813ع) +مترجم: منشي غلام محمد ۽ لينٽيننٽ اي پي آرٿر. +26- ترجمو: دوساڀائي جي جملن ۽ گليڊون جي پرشن منشي مان پنجاهه آکاڻين جو سنڌي ترجمو. ڪراچي. (1853ع). +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:12940.H.OIOC) +* جنم ساکي: سکن جي ڏهن گروئن جي / نامعلوم +مترجم: چيٺمل کيالداس ممتاڻي. +27- ترجمو: جنم ساکي ڏهن پاتشاهن جي(اردو ۽ فارسي ڪتابن تان ترجمو ڪيل) سکر نئون، سنڌ: هري سنگهه ڪتب(1915ع) ص 96، 4. +حوالو: برٽش لئبرري، آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b.57(2) OIOC) +* چهل حديث/مولوي عبدالرحمان جامي(1414-1492ع) +مترجم: ميان عبدالڪريم ڇورائي. +28- ترجمو: چهل حديث، (سنڌي منظوم) تاليف جو سنه 1848ع/1364هه. ص – 12. +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ، سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو. 1971ع. ڪتاب نمبر: 4/ص -12 +مترجم: شيخ قمر الدين. +29- ترجمو: چهل حديث حيدرآباد، سنڌ؛ انجمن اتحاد الشيوخ مٽياري.(1956ع) ص – 24. +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع.ڪتاب نمبر:92/ص 4. +مترجم: مولوي رشيد احمد. +30- ترجمو: چهل حديث سکر، سنڌ: مڪتبه شمسيه(سنه...؟) ص -12. +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر:93/ص -4. +مترجم: مولوي عبدالرحمان ڀٽو. +31- ترجمو: چاليهه احاديث سکر، سنڌ ؛ مسلم بڪ ڊپو، (سنه ...؟) ص -12. +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع، ڪتاب نمبر:91/ ص -4. +* حڪايات لطيفه / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات: 1292ع/691هه) +مترجم: اڌارام ڀوڄراچ باکرو. +32- ترجمو: حڪايات لطيفه جي پهرين پنجاهه آکاڻين ۾ آيل اکرن جي سنڌي ۽ انگريزي ۾ مڪمل فهرست. +حوالو:ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم-2، پارٽ6) فارسي ڪتاب، ص -194. +* حاتم طائي/ نامعلوم +قصه حاتم طائي جي تاليف متعلق ڪا خبر ناهي ته ڪنهن جو لکيل آهي. سنڌي ٻولي ۾ هن جا ڪافي ترجما ڪيل آهن. ڪي گرمکي خط ۾ لکيل آهن ته ڪي وري عربي خط ۾. ڪجهه ترجما سڌو فارسي ڪتاب تان ڪيل آهن ته ڪي وري حيدربخش حيدري جي هندي (اردو) ترجمي آرائش محفل تان ڪيل آهن. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جو هڪ ترجمو حيدربخش حيدري جي هندي ترجمي، آرائش محفل تان ڪيل آهي ته ٻيو ترجمو ديوناگري خط تان عربي خط ۾ ڪيل آهي. ڏهر صاحب حاتم طائي جي هڪ ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي(16) باقي ترجمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم نامعلوم. +33- ترجمو:قصه حاتم طائي: باتصوير (فارسي تان سنڌي ترجمو. کوجڪي سنڌي خط ۾ ) +شڪارپور سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب(1898ع) ص 294. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b.32(2)OIOC) +مترجم: نامعلوم. +34- ترجمو: قصو حاتم طائي: باتصوير (فارسي تان سنڌي ترجمو، گرمکي خط ۾) ڇاپو چوٿون. +سکر نئون، سنڌ؛ هريسنگهه پينشنر ڪتب خانه.(1904ع) ص -245. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b. 46(4)OIOC) +مترجم: نامعلوم. +35- ترجمو: اصل وڏو قصو حاتم طائي: باتصوير(فارسي تان سنڌي ترجمو. گرمکيءَ خط ۾) +سکر، سنڌ: هريسنگهه اينڊ سنز،(1923ع) ص 380. +برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark:14164.bb.19.OIOC) +مترجم: ميان محمد ابراهيم. +36- ترجمو: نئون قصو حاتم طائي جو(ميان محمد ابراهيم گرمکي سنڌي خط تان عربي سنڌي خط ۾ تيار ڪيو) +ڪراچي. سنڌ.(1894ع) ص -244. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b.39(2)OIOC) +ڪيفيت: هي قصو پهرين سنه 1892ع ۾ گرمکي خط ۾ شايع ٿيو، جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ڪيو ويو. +مترجم: مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي(وفات:1281هه-1336هه/1913ع) +37- ترجمو: حاتم طائي جو قصو. لاهور.(1893ع) ص – 244. +حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ، انڊيا آفيس لئبرري: شڪاگو يونيورسٽي نمبر 49355. +ڪيفيت (حيدربخش حيدري جي اردو ترجمي آرائش محفل تان ترجمو ڪيل، جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو) +* حيات العاشقين / مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1992-1761ع) +ڏهر صاحب مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي فارسي ڪتاب”حيات العاشقين“ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي. پر ان متعلق ڪو تفصيل ناهي ڄاڻايو.(17) حيات العاشقين حاجين لاءِ حج ڪرڻ جي هدايتن تي مشتمل ڪتاب آهي. اُن جو سنڌي ترجمو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي فرزند مخدوم عبدالرحمان ڪيو. ڪتاب جي لکڻ جو سبب مخدوم عبدالرحمان هيٺين بيت ۾ ڪيو آهي.(18) +بيت: +هاڻي هي من رسالو جوڙئو ڪڍي سنڌي واءِ +ڪنا رسالن فارسي جهم مسائل جمع سندا +سي آهين تصنيف مهجي والد جي محمد هاشم جهجو ناءِ +جو استاد مرشد مهجو ۽ زياده منجه علماءِ +آخر ۾ ڪتابت جي هيٺين تاريخ ڏنل آهي: +(ڪتبه العبد المذنب خواجه منور علي علوي الهروي بتاريخ بيست يڪم ماهه ذيقعد سنه 1227هه) (19) +هي ڪتاب بمبئي کاتي مان سنه 1871ع ۾ شايع ٿيو. هن جو ڇاپي ۽ قلمي نسخو انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي. مترجم: مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي. (1719-1768ع) +38- ترجمو: حيات العاشقين(ڇپيل) بمبئي، انڊيا. (1871ع) ص – 296. +حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ، انڊيا آفيس لئبري. شڪاگو يونيورسٽي نمبر: 49357. +حيات العاشقين قلمي.(12 صدي جو تاليف ٿيل) ص – 238. +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر: 15،ص -13 +* داستان امير حمزه / نامعلوم +حمزه نامه يا داستان امير حمزه، ناصرالدين ڏانهن منسوب آهي. ڪي لکن ٿا ته ”مغازي حمزه“ جي نالي سان لکيل ڪتاب حمزه بن عبدالله الثاري الخارجي جي تاليف آهي. محمد پنهل ڏهر داستان امير حمزه مترجم احمد خان تڳيو جي هڪ ترجمي جو تفصيل ڏنو آهي(20) باقي ترجمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم: سيد مير همٿ علي شاهه ڪوٽائي. +39- ترجمو: داستان امير حمزه (جلد اول) شڪارپور، سنڌ؛ پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب، (1898ع) ص -282. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b.36 OIOC) +40- ترجمو: داستان امير حمزه: باتصوير(جلد ٻيو) سکر نئون، سنڌ: هري سنگهه(1900ع) ص -116. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b.37(2)OIOC) +41- ترجمو: داستان امير حمزه(ٻئي جلد گڏ) شڪارپور، سنڌ؛ پوڪرداس ٿانورداس ڪتب،(1902ع) ص ؟ +حوالو برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b.47 OIOC) +مترجم: قاضي عبدالغفور ولد قاضي عبدالله هالائي. +42- ترجمو: داستان امير حمزه(جلد ٽيون ۽ چوٿون) ڇاپو ٻيو. شڪارپور، سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب.(1903-1905ع) ص 104 ۽ 128. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لائبرري. +(Shelf mark:14164,b.37(3)OIOC) +مترجم: محمد حسن. +43- ترجمو: داستان امير حمزه (حصو پهريون) لاهور. (1899ع) ص– 257. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس: شڪاگو يونيورسٽي. نمبر: 49336. +44- ترجمو: داستان امير حمزه،باتصوير. سکر نئون، سنڌ: هريسنگهه(1900ع) ص – 257. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري +(Shelf mark:14164.b.37(1) OIOC) +مترجم: گل محمد سولنگي. +45- ترجمو: داستان امير حمزه (تصويرن سان) ڇاپو ٻيو، حيدرآباد سنڌ: صداقت بڪ ڊپو.(1900ع) ص -416. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:SAC.1986.a.19137 OIOC) +* ديوان حافظ / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي (وفات1292ع/691هه) +مترجم: محمد بخش واصف(1892-1952ع) +46- ترجمو: ديوان حافظ: معنيٰ ۽ شرح(اڻپورو قلمي نسخو) ص – 104 +حوالو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ هن جو قلمي نسخو موجود آهي +مترجم: پهلاج راءِ ليلا رام واسواڻي. +47- ترجمو: ضميمه حافظ: ديوان حافظ جي پهرين پنجاهه غزلن ۾ آيل اکرن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي. ڇاپو پهريون.حيدرآباد، سنڌ: ڪندن مل مانگهر اينڊ سنس(1911ع) ص -33. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:14164.aaa.30(1) OIOC) +مترجم: پهلاج راءِ ليلا رام واسواڻي +48- ترجمو: ديوان حافظ جي پهرين پنجاهه غزلن جو سنڌي ترجمو: ڇاپو پهريون، حيدرآباد سنڌ. (17 آڪٽوبر 1916ع) ص – 80. +حوالو: انڊيا آفس لئبرري ۾ موجود سنڌي ڪتابن جو ڪيٽلاگ. هٿ جي لکيل لسٽ.(1989ع) ص -300 +مترجم: عبدالقيوم پيرزادو، صائب.(1927...) +49- ترجمو: ديوان حافظ جي پنجاهه غزلن جو سنڌي ترجمو: +حوالو: سنڌي غزل جي اوسر/اياز حسين قادري. جلد ٻيو. ل1986ع. ص 462. +* ديوان خاڪي / خاڪي خراساني +مترجم: محمد صديق مسافر (1889-1961ع) +50- ترجمو: منتخب ديوان خاڪي خراساني. ڪراچي، سنڌ؛ اسماعيليه ايسوسيئيشن، پاڪ پرنٽنگ پريس (1951ع) ص 64. +حوالو؛ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي 1976ع، ڪتاب نمبر -39، ص -7. +* ديوان سورت بهار، مثنويءَ سميت / ديوان سورت سنگهه (1832 -1877ع) +51- ترجمو: ديوان سورت بهار، مثنوي سميت: ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ مثنوي جو سنڌي ترجمو. +حيدرآباد، سنڌ؛ هشمتراءِ گدواڻي ۽ چانڊو مل گدواڻي. (1935ع) ص -462، 60،6. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:SAC.1986a.35431.OIOC) +* رباعيات عمر خيام/ ابوالفتح عمر بن ابراهيم خيام نيشاپوري (1048-2/1131ع) +رباعيات عمر خيام جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ به هن جا چند ترجما موجودآهن. عمر خيام جي رباعين جو پهريون ترجمو مرزا قليچ بيگ جو ڪيل آهي. اختر راهي ان ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي پر ان جي ڇپجڻ جو هنڌ ۽ سال ناهي ڄاڻايو(21) محمد پنهل ڏهر ضميمي ۾ ٻڌايو آهي ته اهي رباعيون مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب موتين جي دٻلي سان گڏ شايع ٿيل آهن(22) مرزا قليچ بيگ جي ترجمي جو مفصل احوال هيٺ ڏجي ٿو. + + +مترجم: مرزا قليچ بيگ _1853- 1929ع) +1- ترجمو: رباعيات عمر خيام منتخب، حيدرآباد سنڌ: بلواسڪائي پريس. (1904ع) ص – 16، 44. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ : انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:14164 aaa. 18.OIOC) +رباعيات خيام منتخب، ڇاپو ٻيو. حيدرآباد، سنڌ؛ ڀائي بند اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس. (1942ع) ص – 52 +حوالو: نيشنل ببيلو گرافي آف انڊين لٽريچر: 1901-1953ع. +(NBIL NUMBER: 39617) +* روضته الشهداءَ / ملا ڪمال الدين حسن بن علي واعظ ڪاشفي (��فات: 5-1504/910 هه) +روضته شهدا، ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي جو فارسي ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن حضرت امام حسين جي شهادت جو قصو بيان ڪيو آهي. مصنف هن کي سنه (3-1502/908 هه) ڌاري لکيو. ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي هرات جو ويٺل هو ۽ تمام سٺو مقرر هو. اسٽوري لکي ٿو ته حاجي خليفي هن جي وفات جو سال 1500ع ڏنو آهي. روضته الشهدا جو اڳاٽو سنڌي ترجمو مولوي احمد سنڌي ٺٽوي (وفات 95-1790ع) جو ڪيل آهي. مولوي احمد جي ڪيل ترجمي جو قلمي نسخو برٽش لئبرري لنڊن ۾ موجود آهي. محترم غلام محمد لاکي صاحب ٻن ترجمن جو تفصيل ڏنو آهي(23) ۽ محمد پنهل ڏهر صاحب هڪ ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي.(24) +مترجم: مولوي احمد سنڌي ٺٽوي (وفات: 1790-1795ع) +2- ترجمو: روضته الشهدا، تاليف جو سنه (1758ع /1172هه) بمبئي. انڊيا: قاضي عبدالڪريم، مطبع ڪريمي(1904/1322هه) ص..؟ +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ، 1971ع، ڪتاب نمبر:50/ ص-16 +روضته الشهدا سنڌي ۾. بمبئي انڊيا: جمناداس ڀڳوانداس. (1906/1324هه)، ص -546. +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع، ڪتاب نمبر:468/ص-22 +روضته الشهدا. بمبئي. انڊيا (1772ع) ص-761 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري: شڪاگو يونيورسٽي.نمبر:46435 +مترجم: ٻاوا ميان بن رحمت الله. +3- ترجمو: روضته الشهدا. بمبئي، انڊيا: مطبع حيدري. _1863ع) ص -761. +حوالو: سنڌ جو ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971. ڪتاب نمبر: 411/ ص -18 +مترجم: نامعلوم +4- ترجمو: روضته الشهدا عرف جنگ نامو: بمبئي. انڊيا: منشي پوڪرداس،(1913ع) ص -830 +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر:؟/ص-23 +* رومي جو فارسي نظم/مولانا جلال الدين رومي(1207-1273) +مترجم: پرمانند آڏواڻي(1906ع...) +5- ترجمو: رومي جو روحاني خزانو: مولانا جلال الدين رومي جي فارسي نظم جو سنڌي ترجمو. (1971ع) ص -164. +حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ شڪاگو يونيورسٽي +(Call Number: PK2788.6.A3) +* روشنائي نامه/ حڪيم ابو معين الدين ناصر بن خسرو علوي (وفات:481هه) +مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +6- ترجمو: روشنائي نامو. حيدرآباد سنڌ. +حوالو: ببليو گرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/بليموريا. ڪراچي. 1929ع. ص. +مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع) +7- ترجمو: روشنائي نامو. حيدرآباد سنڌ. +حوالو؛ويا سي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ.ا977ع ص-5 +* سچل جو ڪلام(فارسي)/سچل سرمست(1739-1829ع) +سچل سرمست سنڌ جو هفت زبان شاعر آهي. سچل جون فارسي مثنويون سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهن. انهن مثنوين جو ترجمو عطا محمد حامي ۽ ٻين ڪيو آهي. جن جو ذڪر ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڪيو آهي.(26) پنجن مثنوين جي ترجمن جو تفصيل محمد پنهل ڏهر ڏنو آهي. جيڪي اڃا اڻ ڇپيل آهن.(27) سچل سرمست جي فارسي ڪلام جي ٻن ترجمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم: ڪلياڻ بولچند آڏواڻي.(1911-1994ع) ۽ موتي لال جوتواڻي.(1936ع..) +8- ترجمو: سچل سرمست جو چوند ڪلام(سنڌي ترجمو). ڇاپو پهريون. نئين دهلي. انڊيا: ساهتيه اڪيڊمي، (1970ع) ص -160(سنڌي اکر ديوناگري لپي ۾ لکيل. ديوناگري لپي ۾ آڻيندڙ: موتي لال جوتواڻي) +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(ShelfmarkLSAC.1986.a.14225.OIOC) +مترجم: عطا محمد حامي. +9- ترجمو: سچل سرمست. ڇاپو پهريون. ڪراچي. سنڌ: پاڪستان پبليڪيشنس. ڪراچي. (1964ع) ص-202. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:SAC.1986.a6841.OIOC) +ڪيفيت (نئين زندگي ۾ ڇپيل سچل سرمت تي چونڊ مضمون ۽ پنجن فارسي مثنوين جو سنڌي ترجمو) +* سالنامو فارسي/ مير سيد علي رضوي +مترجم: تراب علي شاهه(وفات:1655هه) +10- ترجمو: سالنامو، سنڌي ترجمو. +حوالو: مرتضائي ��ٽوي جون ادبي خدمتون/ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه، مهراڻ 3-4/1998ع. ص-153. +ڪيفيت؛ (هي سالنامو مرتضائيءَ جي ڪلمي ڪتاب نجات القلوب ۾ لکيل آهي. جيڪو هر سال محرم جي ڏهين تاريخ تي ٺٽي جي امام بارگاهه ۾ پڙهيو ويندو آهي.) +* سفر نامو/حڪيم ابو معين حميد الدين ناصر بن خسرو علوي (وفات:481هه) +مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع) +11- ترجمو: سفرنامو(تمهيد، تعليقات ۽ ترجمو) +حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ،1977ع. ص5 +*سڪندر نامه/نظامي گنجوي(1140-1202ع) +سڪندر نامه نظامي گنجويءَ جي مشهور مثنوي آهي. هن مثنويءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽي ترجما ٿيل آهن. پهريون ترجمو غلام محمد نظاماڻي جو، ٻيو ترجمو گل محمد رند جو، ۽ ٽيون ترجمو مرتضائي ٺٽويءَ جو ڪيل آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، مرتضائيءَ جي ترجمي جي هڪ ڇاپي جو تفصيل ڏنو آهي.(28) هن ترجمي جي ٻئي ڇاپي جو تفصيل هيٺ ڏنل آهي. لاکي صاحب، غلام محمد خانزئيءَ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي. ان ترجمي متعلق وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.(29) ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي، سڪندرنامه مترجم گل محمد رند جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي پر ان جي ڇپجڻ جو سال ۽ هنڌ ناهي ڄاڻايو.(30) محترم ميمڻ عبدالغفور سنڌي، گل محمد رند جي ترجمي جي ڇپجڻ جو سال 1906ع لکيو آهي(31) ٿي سگهي ٿو ته اهو ترجمو 1906 ۾ ڇپيو هجي پر ان جو پهريون ڇاپو غلام محمد نظاماڻي واري ترجمي(1889ع) کان پوءِ ۽ مرتضائي جي ترجمي(1894ع) کان پهرين جو ڇپيل آهي. يعني اهو ترجمو سنه 1889ع کان سنه 1894ع جي وچ واري ڪنهن سال ۾ ڇپيو آهي. جو مرتضائي ٺٽوي ان جو ذڪر پنهنجي ڪيل ترجمي سڪندر نامي ۾ ڪيو آهي(32) +مترجم: سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي(1843-1910ع) +12- ترجمو: سڪندر نامو سنڌي، ڇاپو ٻيون. شڪارپور. سنڌ پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1898ع) ص -192. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگل انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark:14164.b.40OIOC) +*سعد حڪايت/سيد عبدالفتاح گلشن آبادي عرف اشرف علي. +مترجم: گل محمد خان. +13- ترجمو: سيد اشرف علي جي سعد حڪايت جي پهرين ڏهن آکاڻين ۾ آيل ڏکين اکرن جي مڪمل فهرست. +سکر.سنڌ؛ البرٽ پريس(1903ع) ص -41. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark:757.cc.38.OIOC) +* سياست نامه طوسي/حسن ابن علي ابو علي نظام الملڪ طوسي (وفات:485هه) +مترجم:علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع) +14- ترجمو: سياست نامو (سنڌي ترجمو) +حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ. 1977ع.ص 5. +*شهباز نامه/لال شهباز قلندر +مترجم: مخدوم ميان غوث محمد گوهر. +15- ترجمو: شهباز نامه، فارسي ڪلام: سنڌي ترجمو. ڇاپو پهريون. نوشهروفيروز. سنڌ؛ الڪبير اڪيڊمي(1993ع) ص – 128. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:SAC.1998.a.156.OIOC) +* شاهه نامه/ابوالقاسم فردوسي +شاهه نامه فردوسيءَ جي رزميه شاعريءَ جو عمدو مثال آهي. گهڻن ئي ڪوشش ڪئي ته شاهه نامي جي طرز تي ڪو ڪتاب جوڙين پر ان ۾ ڪامياب نه ٿيا. شاهه نامي جي ڪجهه بابن جا ترجما سنڏي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهن. اختر راهي مرتضائيءَ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي پر ان جي ڇپجڻ جو سال ۽ هنڌ ناهي ڄاڻايو.(33) محترم غلام محمد لاکي، شاهه نامي جي هڪ ترجمي جو تفصيل ڏنو آهي. مرتضائيءَ جي ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. محمد پنهل ڏهر رستم. مترجم مرزا قليچ بيگ جي ترجمي جي هڪ ڇاپي جو ذڪر ڪيو آهي(34)رستم جي ٻين ڇاپن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +16- ترجمو:شاهه نامي وارا شاهه يا قديم ايران جي تاريخ. حيدرآباد، سنڌ: ڄيٺمل پرسرام. ب��وٽسڪائي پريس.1926ع ص – 183. +حوالو: نيشنل ببليو گرافي آف انڊين لٽريچر:1901-1953ع. +(NBIL NUMBER:40105) +مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +17- ترجمو: رستم (شاهه نامي تان ورتل) ڇاپو پهريون. حيدرآباد سنڌ.(1880ع) ص؟ +رستم_شاهه نامي تان ورتل): ڪراچي. سنڌ گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو،(1891ع) ص-84 +رستم(شاهه نامي تان ورتل) ڇاپو چوٿون. ڪراچي، سنڌ، پوڪرداس ٿانورداس،(1928ع) ص-64. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: Sind.D.441.OIOC) +* طب دائود خاني/ميان دائود خان ولد خدا يار خان عباسي +اصل ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ موجود آهي. ترجمي متعلق وڌيڪ خبر پئجي نه سگهي. هن جي هڪ ترجمي جو ذڪر محمد پنهل ڏهر ڪيو آهي(53) +مترجم:لعلچند شيوڪرام آڏواڻي. +70- ترجمو: نڪات الادويات يا طب دائودي.(1886ع) ص-207. +حوالو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جي فهرست. ڪتاب نمبر:58/ ص-6 +* طوطي نامه/شياع الدين نخشبي(وفات(1350ع)/ محمد خاوند قادري/ حيدربخش حيدري. +طوطي نامو اصل ۾ سنسڪرت زبان ۾ 59 بابن تي مشتمل نصيحت جو ڪتاب آهي، جنهن کي ضياالدين نخشبي بدايوني(وفات1350ع/751هه) آسان فارسي زبان ۾ طوطي نامي جي نالي سان لکيو آهي. نخشبي جي طوطي نامه جو اختصار وري محمد خاوند قادري طوطي نامه جي نالي سان فارسي ٻوليءَ ۾ ڪيو. اڪبر بادشاهه جي چوڻ تي علامه ابوالفظل به فارسي زبان ۾ طوطي نامه لکيو آهي. سنڌ جي مشهور عالم علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي(وفات:1748ع/1161هه) جي ڀاڻيجي، سيد نجم الدين ”عزلت“ ٺٽوي(وفات1747ع/1160هه) به نخشبي جي تتبع تي طوطي نامه لکيو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته اهو طوطي نامه نخشبي جي طوطي نامه کان وڌيڪ بهتر هو. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته سيد عزلت جي طوطي نامه نخشبي جي طوطي نامه کان عمده عبارت ۾ لکيل هو. +محمد خاوند قادري جي ڪتاب تان وري سيد حيدر بخش حيدري(وفات(1823ع) هندي(اردو) ٻولي ۾ طوطه ڪهاني جي نالي سان ترجمو ڪيو. سنڌ جي جن عالمن هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي سو سيد حيدربخش حيدري واري ترجمي تان ڪيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ هن جو آڳاٽو ترجمو منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ جو ڪيل آهي. جيڪو ڪراچي مان سنه 1862ع ۾ شايع ٿيو. جيمس فلر بلمهارڊٿ(و 1922ع) پهريون انگريز مستشرق آهي. جنهن سنه 1893ع ۾ سنڌي ڪتابن جو ڪيٽلاگ شايع ڪيو. ان ڪيٽلاگ ۾ 150 سنڌي ڪتابن جون داخلائون ڏنل آهن. هن ڪيٽلاگ ۾ طوطي نامه جي ٻن ترجمن جي داخلا پڻ ڏنل آهي. هڪ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ جي ترجمي جي ۽ ٻي گل محمد ۽ حبيب الله جي ترجمي جي. انهن ٻنهي ترجمن متعلق جيمس فلر پلمهارڊٿ لکي ٿو ته اهي ٻئي ترجما سيد حيدربخش حيدريءَ واري ترجمي تان ٿيل آهن ۽ سڌو فارسي واري ترجمي تان ڪيل ناهن. محمد پنهل ڏهر جن ٻن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي. سي ٻيئي سيد حيدربخش حيدريءَ واري ترجمي تان ٿيل آهن.(36) محمد پنهل ڏهر سهجرام ٽهلرام جي ٻن ڇاپن جو ذڪر ڪيو آهي. هت انهن جي ٻن وڌيڪ ڇاپن جو ذڪر ڪجي ٿو. +مترجم: سهجرام ٽهلرام کوکرائي ۽ ديارام. +71- ترجمو: سنڌي طوطي نامون، پنجٽيهه راتيون. دفعو ٻيو. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس.(1911ع) ص-128 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: 14164.b.56.OIOC) +وڏو سنڌي طوطي نامو پنجٽيهه راتيون دفعو ٽيون، شڪارپور. سنڌ پوڪرداس ٿانورداس (1926ع) ص-96. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: Sind. D. 392 OIOC) +ڪيفيت: (حيدربخش حيدري وفات 1828ع جي اردو ڪتاب تان سنڌي ترجمو، جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو.) +مترجم: گل محمد خان. +72- ترج��و: طوطي نامون. اصل وڏو قصو، ڇٽيهن راتين وارو. دفعو ٻيون. سکر، سنڌ: هري سنگهه سنس ڪتب خانه ڇاپخانه.(1926ع) ص-107(محمد خاوند قادري جي فارسي منتخب تان سنڌي ترجمو) +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: Sind:326.OIOC) +* ظفر نامه/ گُرو گوبند سنگهه(1666-1708ع) +مترجم: هشمت سنگهه ديالداس سپاهيملاڻي +73- ترجمو: ظفر نامون: گروگوبند سنگهه ڏهين جو (فارسي سان گڏوگڏ سنڌي ترجمو شامل) ڇاپو پهريون. +حيدرآباد. سنڌ: همشمت سنگهه ديالداس سپاهيملاڻي(1914ع) ص 92 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.b.58930.OIOC) +ڪيفيت:گرو گوبند سنگهه جي بادشاهه اورنگزيب ڏانهن ڪيل خط و ڪتابت جو سنڌي ترجمو) +* عيار دانش/شيخ ابولفصل علامي(وفات:1011هه) +مترجم:علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1985ع) +74- ترجمو: عيار دانش. +حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ.1977ع. ص-5 +* عربي ۽ فارسي ڪتاب/نامعلوم +مترجم: آرادين. +75- ترجمو: نور نامو حضرت رسالت پناهه جو(تاليف جو سنه: 1069ع کان پهرين) +حوالو: مقدمو: سنڌي ٻولي جو آڳاٽو ذخيرو/ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، 1993ع، ص-17 +* عقد الجد/شاهه ولي الله دهلوي(3/1762-3/1702ع) +مترجم: غلام حسين جلباڻي(1914…) +76- ترجمو: عقدالجد: سنڌي ترجمو. حيدرآباد. سنڌ؛ شاهه ولي الله اڪيڊمي.(1966ع) ص.123. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 1986.a.35111 OIOC) +* قصه اگر گل/ نامعلوم +مترجم:جهامنداس +77- ترجمو: قصو اگر گل(سنڌي ترجمو) شڪارپور سنڌ: منشي پوڪرداس تاجر ڪتب.(192ع) ص-136 +حوالو: برٽش آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفس لئبرري. +(Shelf mark:14164.b.45(1)OIOC) +* قصه چهاردرويش/امير خسرو دهلوي؟(1253-1325ع) +قصه چهار درويش متعلق عام تاثر آهي ته اهو امير خسرو جو لکيل آهي. ڪن جو وري خيال آهي ته اهو محمد علي معصوم يا انجب جي تاليف آهي. ڪي لکن ٿا ته هي ڪتاب امير خسرو جو لکيل ڪونهي ۽ غلطي کان ان ڏانهن منسوب آهي. سنڌي ٻولي ۾ هن قصي جا ڪافي ترجما ٿيل آهن. محمد پنهل ڏهر احمد خان وارو جيڪو ترجمو لکيو آهي سو مير امن دهلوي جي اردو ترجمي باغ و بهار تان ڪيل آهي(37) ان جي ٻين ڇاپن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي، ميان امام بخش خادم جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي.(38) هت ان جي ٻين ڇاپن جو تفصيل ڏنل آهي. +مترجم: ميان امام بخش. +78- ترجمو: چهاردرويش. ڇاپو ٽيون. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1909ع) ص -268 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.b.54(4) OIOC) +چهاردرويش. چاپو ڇهون. شڪارپور. سنڌ؛پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1932ع) ص -218 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: 14164.bb.41.OIOC) +ڪيفيت: (مير امن دهلوي وفات. 1801-1806ع جي اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيل. جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو) +مترجم: احمد خان تڳيو جلباڻي بلوچ. +79- ترجمو: چهاردرويش سنڌي، يا پنج گلو. ڇاپو ٽيون. سکر نئين. سنڌ: هريسنگهه پينشنر ڪتبخانه.(1911ع) ص -277. +حوالو:برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164bb.8(1) OIOC) +ڪيفيت: مير امن دهلوي. وفات 1801-1806ع جي ڪتاب تان ترجمو ڪيل جيڪو اصل فارسي تان ترجمو ٿيو) +* قصص الانبياءَ/ اسحاق بن ابراهيم نيشاپوري(وفات:89-888هه) +قصص الانبياءَ متعلق لکن ٿا ته اصل ۾ هي ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ هو جنهن جو فارسي ترجمو سلطان غياث الدين مظفر جي چوڻ تي شيخ محمد حوائزي ۽ ٻين عالمن گڏجي 936ع/352هه ڌاري شروع ڪيو. اسٽوري ان ڳالهه کي تسليم نٿو ڪري ته هي ڪتاب ڪو 352هه ۾ لکيو ويو. هن جو چوڻ آهي ته اها تاريخ ڪنهن هٿرادو ان ۾ لڳائي آهي. جيڪا صحيح ناهي. هن ڪتاب جو ٻيو فارسي ترجمو اسحاق بن ابراهيم نيشاپوري جو ڪيل آهي جيڪو پنجين صدي هجري جي آخر تائين جيئرو هو. سنڌ جي جن عالمن هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي سو اسحاق بن ابراهيم نيشاپوريءَ واري ترجمي تان ڪيو آهي. اختر راهي ٻن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي(39) اختر راهي، محمد حسين واري ترجمي جو صرف نالو ڄاڻايو آهي ۽ ان متعلق ڪو تفصيل نه ڏنو آهي. هت ان جو تفصيل ڏجي ٿو. +مترجم: ميون محمد حسين. +80- ترجمو: سئر بوستان: تاليف جو سنه (1763ع/1177هه) بمبئي. انڊيا: مطبع ڪريمي.(1913ع) ص -201 +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو. 1971ع، ڪتاب نمبر:3/ص-2 +سئر بوستان. بمبئي، انڊيا(1771ع) ص-4، 276.256 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري شڪاگو يونيورسٽي نمبر:49443 +سئر: بوستان بمبئي. انڊيا.(1873ع) ص-276.256 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. شڪاگو يونيورسٽي. نمبر:49444 +* قطعات ابن يمن/ امير فخرالدين محمود(ابن يمن) +مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1796-1958ع) +81- ترجمو: قطعات ابن يمن: (منتخابات، تعليقات ۽ ترجمو) +حوالو: وياسي وينجهار/غلام محمد گرامي. سنڌي ادبي بورڊ. 1977ع. ص-5 +* ڪنوز المعارف/نامعلوم +مترجم:ميان گل محمد هالائي_1784-1856ع) +82- ترجمو:سنڌي ترجمه ڪنوز المعارف.اوائل 14 صدي جي تاليف،ص-103 +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو.1971ع ڪتاب نمبر:2/ص18 +* ڪيميائي سعادت:/ابو حامد محمد ابن محمد امام الغزالي (1058-1111ع) +ڪيميائي سعادت، امام غزالي جو جڳ مشهور ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جا ٻه ترجما مشهور آهن. هڪ مرزا قليچ بيگ جو، ٻيو غلام حسين جلباڻي جو، اختر راهي غلام حسين جلباڻيءَ جي ترجمي جي هڪ ڇاپي جو ذڪر ڪيو آهي(40) اُن ترجمي جو پهريون ڇاپو سنه 1960ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو سنه 1970ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن شايع ڪيو. غلام محمد لاکي، مرزا قليچ بيگ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته حصو اول سسنه 1981ع ۾ ۽ حصو ٻيو سنه 1985ع ۾ شايع ٿيو.(41) اصل ۾ مرزا صاحب جو ترجمو پهريون دفعو سکر مان سنه 1904ع ۾ ۽ ٻيو دفعو سنه 1928ع ۾ شايع ٿيو. محمد ادريس السنڌي ٻن ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي(42) مرزا صاحب واري ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم: مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +83- ترجمو: ڪيميائي سعادت. ڀاڱو پهريون. سکر، سنڌ: هري سنگهه تاجر ڪتب.(1904ع) ص-134 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.a.28(1)OIOC) +ڪيميائي سعادت.سکر. سنڌ.(1928ع) ص؟ +حوالو: انڊيا آفيس لئبرريءَ ۾ موجود سنڏي ڪتابن جو ڪيٽلاگ، هٿ جي لکيل لسٽ، (1989ع) ص -300 +* گلستان / شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:1292ع/691هه) +مترجم: جيرام ڪوڏو مل. +84- ترجمو: گلستان يا گلن جي جاءِ: گلستان جو منتخب سنڌي ترجمو.ڇاپو پهريون. +شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب.(1908ع) ص -48. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.a.a.a. OIOC) +* گل صنوبر/نامعلوم +مترجم: جيٺانند. +85- ترجمو: اصل وڏو قصو گل صنوبر جو. ڇاپو چوٿون. سکر نئون. سنڌ: هيمنداس اينڊ سنس. (1915ع) ص-82 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:14164.bb.5 OIOC) +ڪيفيت: (اصل فارسي ڪتاب تان ترجمو ڪيل) +* گل بڪاولي/ عزت الله بنگالي(وات:1711 يا 1712ع) نهال چند لاهوري. +قصه گل بڪاولي، عزت الله بنگالي جو فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل مشهور قصو آهي. هن قصي جا ڪجهه ترجما سڌو عزت الله بنگاليءَ ج�� فارسي ڪتاب تان ڪيل آهن ۽ ڪي ترجما نهال چند لاهوريءَ جي اردو ترجمي تان ورتل آهن. انهن ترجمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم: نامعلوم. +86- ترجمو: قصو گل بڪاولي(گرمکي خط ۾، فارسي تان ترجمو ڪيل) شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس ڪتب(1911ع) ص -243 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا لئبرري. +(Shelf mark: 14164.b.46.(4) OIOC) +مترجم: ميان واحد بخش ”مشتاق“ +87- ترجمو: قصو تاج الملوڪ ۽ گل بڪاولي. ڇاپو پهريون.(1895ع) +قصو تاج الملوڪ ۽ گل بڪاولي. ڇاپو ٽيون. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانورداس.(1915ع) ص-160. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.bb.9. OIOC) +ڪيفيت ( نهال چند لاهوريءَ جي اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيل، جيڪو اصل فارسيءَ تان ترجمو ٿيو.) +مترجم: احمد خان تڳيو جلباڻي بلوچ. +88- ترجمو: قصو گل بڪاولي نثر. ڇاپو پهريون(1890ع) ص ؟ +قصو گل بڪاولي نثر، ڇاپو ٽيون. سکر سنڌ: هريسنگهه پينشنر ڇاپخانه.(1906ع) ص -169 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.b.52. OIOC) +اصل وڏو قصو گل بڪاولي ۽ تاج الملوڪ جو. سکر، سنڌ: هريسنگهه ڪتبخانه ڇاپخانه.(1927ع) ص-152 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.b.46(4) OIOC) +ڪيفيت: (نهال چند لاهوريءَ جي اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيل، جيڪو اصل فارسيءَ تان ترجمو ٿيو.) +* منهاج العاشقين / غلام محمد خانزئي +منهاج العاشقين غلام محمد خانزئي جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي بيتن جا روحاني راز ٻڌايا آهن. اختر راهي منهاج العاشقين مترجم ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي. پر ان جي ڇپجڻ جو هنڌ ۽ سال ناهي ڄاڻايو.(43) محمد پنهل ڏهر ضميمي ۾ ٻڌايو آهي ته اهو ترجمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب رسالو غلام محمد خانزئيءَ جي صفحي 559 کان 558 تي ڇپيل آهي.(44) ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪيل ان ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجمل ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو(7/1896-1958ع) +89- ترجمو: منهاج العاشقين. سنڌي ترجمو. ڇاپو پهريون. ڪراچي. سنڌ: ايجوڪيشنل پبلشنگ.(1934ع) ص -32 +حوالو: شاهه لطيف تي ببليو گراف/ ڊاڪٽر در شهوار سيد. 1997ع، ص +منهاج العاشقين، سنڌي ترجمو. ڇاپو ٻيو. ڪراچي. سنڌ: سنڌي ادبي سوسائٽي.(1964ع) ص -32 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark :SAC. 1986.a.6928 OIOC) +* مجموعه ٽي ڪتاب ؛ (نماز فراض، حيرت الفقه، سراج السلام) / نامعلوم +90- ترجمو: مجموعه ٽي ڪتاب: نماز فرائض. حيرت الفقه ۽ سراج السلام جو سنڌي ترجمو. +ڇاپو پهريون. شڪارپور سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب.(1912ع) ص -104 +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: SAC.a.1560. OIOC) +* مجموعه ڪتاب؛ (آمد نامه، دووايه، سه وايه) / نامعلوم +مترجم: ميان ڌڻي ڏنو شاهه. +91- ترجمو: مجموعه ٽي ڪتاب: آمد نامه، دووايه، سه وايه جو سنڌي ترجمو. +ڇاپو پهريون. شڪارپور. سنڌ: پوڪرداس ٿانور داس تاجر ڪتب: (سال؛؟) ص-60 +حوالو: سنڌ: اين اينوٽِڊ ببلو گرافي/محمد قاسم سومرو. اسلام آباد.1981ع، ڪتاب نمبر: 229/ ص-70 +* مختار نامه/نامعلوم +مترجم: علي محمد جان. +92- ترجمو: مختيار نامو: امام حسين جو ساٿي مختار ۽ يزيد جي وچ ۾ جنگ جو قصو. بمبئي. انڊيا(1882ع) ص -2 +حوالو: برٽس لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. شڪاگو يونيورسٽي. ڪتاب نمبر:49416 +ڪيفيت: علي محمد جان جو ڪيل هي ترجمو کوجا / کوجڪي سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي. +* مفتاح الصلوات/ محدث فتح محمد سنڌي برهانپوري +مفتاح الصلوات، محدث فتح محمد سنڌي برهانپوري جو فقه ۾ لکيل فار��ي ڪتاب آهي. جيڪو مصنف 1061هه ۾ لکيو. هي ڪتاب سنڌ ۽ هندوستان جي ديني مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. هن جو منظوم سنڌي ترجمو عبدالصمد جو ڪيل آهي. هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو(1061هه) سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي.(45) ۽ ٻيو قلمي نسخو (1063هه) سنڌ يونيورسٽي جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي.(46) هن ڪتاب جو منظوم اردو ترجمو خزانه حسنات جي نالي سان سيد امام الدين علي دهلوي سنه 1182هه ۾ ڪيو.(47) ان جو ٻيو اردو ترجمو شاهه سعيد الدين ڪرنولي مصباح الصلوات جي نالي سان سنه 1241هه ۾ ڪيو. جيڪو مطبع رحماني سنه 1264هه ۾ شايع ڪيو(48) عبدالصمد جي ڪيل ترجمي جي هڪ ڇاپي جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڏنو آهي(49) ان ترجمي جي ٻين ڇاپن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم: مخدوم ميان حاجي عبدالصمد. +93- ترجمو: مفتاح الصلوات سنڌي. بمبئي. انڊيا: سيٺ جمناداس ڀڳوانداس.(1884ع) ص-292 +حوالو: سنڌ جو ديني ادب جو ڪيٽلاگ. 1971ع. ڪتاب نمبر: 519/ ص-24 +مفتاح الصلوات سنڌي. بمبئي. انڊيا: سيٺ جمناداس ڀڳوانداس(1886ع) ص-292 +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع. ڪتاب نمبر:242/ ص-11 +مفتاح الصلوات سنڌي. بمبئي. انڊيا: قاضي نور محمد مطبع ڪريمي. (1927ع) ص-264 +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ.1971ع.ڪتاب نمبر:520/ ص-24 +* مثنوي معنوي/مولانا جلال الدين رومي(1207-1273ع) +مترجم: محمد بخش واصف(1892-1952ع) +94- ترجمو: آغاز مثنوي: مولانا رومي جي مثنوي جو منظوم سنڌي ترجمو (اڻ پورو قلمي نسخو) ص -41 +حوالو: محترم عبدالقيوم ”صائب“ وٽ هن جو قلمي نسخو موجود آهي.جتان راقم پنهنجي لاءِ فوٽو ڪاپي ڪرائي. +* مثنوي تحفته العاشقين/ نامعلوم +مترجم: آخوند فقير محمد عاجز(1846-1918ع) +95- ترجمو: مثنوي رحمته اللعالمين. مثنوي جو منظوم سنڌي ترجمو(قلمي) +حوالو: گلشن بهار/آخوند فقير محمد عاجز. سنڌي ادبي بورڊ.1971ع، ص-6 +* مثنوي يوسف زليخا/ مولوي عبدالرحمان جامي(1414-1492ع) +مثنوي يوسف زليخا، مولوي عبدالرحمان جامي جي مشهور تصنيف آهي. هن مثنويءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجما ٿيا آهن. ڊاڪٽر غلام محمد لائي مرتضائيءَ جي ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان متعلق مڪمل تفصيل ناهي ڏنو(50) ان ترجمي جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. چئن ترجمن جو تفصيل ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي ڏنو آهي. جنهن ۾ غلام الله عباسي جو ترجمو به شامل آهي(51) ان ترجمي جي هڪ ٻئي ڇاپي جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو. +مترجم: غلام الله عباسي. +96- ترجمو: يوسف زليخا ترجمو سنڌي. مفيد عام پريس. لاهور(1910ع) ص -320 +حوالو: نيشنل ببليو گرافي آف انڊين لٽريچر:1901-1953ع. +NBIL NUMBER: 39575) +مترجم: غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي(1843-1910ع) +97- ترجمو: سنڌي يوسف زليخا منظوم. ڪراچي. سنڌ ؛ مطبع جليل پريس(1890ع) ص-616 ۽ 10 +حوالو: برٽس لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.b.24 OIOC) +* ميزان الطب/ حڪيم محمد اڪبر ارزاني(وفات:1722ع/1134هه) +ميزان الطب، حڪيم محمد اڪبر ارزاني جي علم طب جي مشهور تصنيف آهي. هن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجما ٿيا آهن. ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي حڪيم آئل مل نصرپوريءَ جي ترجمي جي ٽن ڇاپن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته هي ترجمو پهريائين منشي پوڪرداس شڪارپور مان سنه 1928ع ۾ شايع ڪيو(52) اصل ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه 1893ع کان پهرين جو ڇپيل آهي جو ان جو ٻيو ڇاپو سنه 1893ع ۾ شايع ٿيو. هن ترجمي جي ٻن وڌيڪ ڇاپن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. +مترجم: حڪيم آئل مل نصرپوري. +98- ترجمو: ميزان الطب، آئل مل. ڇاپو ٻيو. سکر نئون سنڌ: هريسنگهه ڊينگو مل(1893ع) ص-272 +حوالو: برٽس لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: 14164.a.8(2) OIOC) +ميزان الطب الطب. ڇاپو ٻيو. شڪارپور. سنڌ: مولوي محمد عظيم ائنڊ سنس. ص-204 +حوالو: ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي. 1972ع. ڪتاب نمبر-103. ص-353 +* مخزن الاسرار/نظامي گنجوي(1140-1202ع) +مترجم:مرزا قليچ بيگ(1853-1929ع) +99- ترجمو: مخزن الاسرار.سنڌي ترجمو. +حوالو: ببليو گرافي آف سنڌ اينڊ بلوچستان/ بليموريا. ڪراچي. 1929ع ص- +* نحو مير/مير سيد شريف جرجاني(وفات:816هه) +مترجم؛حافظ عبدالرزاق سڪندري +100- ترجمو: مهراڻ منير. شرح نحو مير. سانگهڙ، سنڌ: مڪتبه حزب الحناف، جامع مسجد پوليس لائين(2000ع) ص-152 +حوالو: تبصر: مهراڻ (1/2001ع) سنڌي ادبي بورڊ. ص-188 +* نامه حق/ شرف الدين بخاري +مترجم: نامعلوم +101- ترجمو: نامه حق فارسي، ترجمه سنڌي. صفحا-3 +حوالو؛ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جي فهرست. ڪتاب نمبر-157(3) +* نور الهديٰ/ نامعلوم +مترجم: غلام مرتضيٰ شاهه ٺٽوي(1843-1910ع) +102- ترجمو: نورالهديٰ جو سنڌي ترجمو. +حوالو: مرتضائي ٺٽوي جون ادبي خدمتون/ ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه. مهراڻ 3-4/1988ع. ص -153. +ضميمو-1 +هيٺيان ڪتاب گهڻو ڪري فارسي – انگريزي ترجمي تي مشتمل آهن. ٿي سگهي ٿو ته اُنهن ۾ سنڌي ترجمو به شامل هجي پر جيئن ته اهي ڪتاب منهنجا ڏٺل ناهن. تنهن ڪري مان اِنهن متعلق ڪجهه چئي نٿو سگها. البته جيئن ته اهي ترجما به سنڌي عالمن جاڪيل آهن. انڪري هن مقالي ۾ شامل ڪجن ٿا.هيٺيان سڀ ڪتاب انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ موجود آهن. سنڌ ۾ اهي ڪهڙن ڪتبخان ۾ ملي سگهن ٿا،ان لاءِ وڌيڪ جاکوڙ جي ضرورت آهي. (ڪراچيءَ جي ڪنهن قديم ڪتبخاني ۾ شايد ملي وڃن) +* اخلاق محسني/ ملا ڪمال الدين حسين بن علي واعظ ڪاشفي (5-1504ع/910هه) +مترجم: ايل ڊي ڪيسواڻي +(29) ترجمو: اخلاق محنسي(باب 1 کان 31) سڌاريل ۽ وڌايل(متن، معنيٰ تمهيد ۽ ترجمو) حيدرآباد. سنڌ: ڪرائون پرنٽنگ ورڪس. (1930ع) ص-91، 50،102. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليو2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب. ص -30 +مترجم: ايم جي ٺاڪر +(30) ترجمو: اخلاق محسني(بابت 33 ۽ 31 کان 40) تمهيد: ايم . آر . شيرازي. ترجمو ۽ سمجهاڻي: ايم جي ٺاڪر. حيدرآباد سنڌ: ڪرشنا پرنٽنگ ورڪس.(1924ع) ص -50، 126. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري (واليوم -2، پارٽ -6) فارسي ڪتاب. ص-30 +* الفراج بدايع الشيدا/تنوخي +مترجم: ايم آر شيرازي +(31) ترجمو: ديهستاني فراجل بدايع الشيدا، باب چوٿون ۽ پنجون( حصو -3، فارسي متن، ترجمو ۽ سمجهاڻي) +ٽي حصا- ڪراچي، سنڌ: يونين اسٽيم پريس.(1918ع( ص-92. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري (واليوم 2، پارٽ -6) فارسي ڪتاب ص 134 +* البدايع/ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:292/691هه) +مترجم: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي(1884-1947ع) +(32) ترجمو: منتخب از ڪتاب البدايع: غزل 1-60، (فارسي متن، مهاڳ، ترجمو ۽ سمجهاڻي) ٻه حصا. ليٿو. +ڪراچي. سنڌ؛ نيشنل ۽ هاشمي پريس(1913ع) ص-10،30،37،23 +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب. ص-60 (2/3738) +* بهارستان/مولوي عبدالرحمان جامي (1414-1492ع) +مترجم: آر ڊي جوشي. +(33) ترجمو: جامي جو بهارستان(فارسي متن ۽ سمجهاڻي) +حيدر آباد سنڌ، ڪرائون پبليشنگ ڪمپني(1931ع) ص 15 ،73 +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب، ص -65 +* ديوان حافظ/شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:1292/691هه) + + +مترجم: عبدالرزاق اي ميمڻ(1892-1961ع) +(29) ترجمو: ديوان حافظ جي رديف دال جي پهرين پنجاهه غزلن جو ترجمو. بمبئي يونيورسٽيءَ جي آرٽس امتحان لاءِ نصاب داخل. انگريزي ۾ سمجهاڻي. ڪراچي. سنڌ؛ ڪپور برادرس.(1936ع) ص -137. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ” انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: 14787.h.32(1) OIOC) +* سياست نامه طوسي/ حسن ابن علي ابو علي نظام الملڪه طوسي (وفات: 485هه) +مترجم: عبدالرزاق. اي. ميمڻ، (1892/ 1961ع). +(30) ترجمو: نظام الملڪ جو سياست نامون، پهريان 15 باب، بمبئي کاتي جي تعليمي نصاب لاءِ منظور ڪيل، انگريزيءَ ۾ اختصار، ڪراچي، سنڌ: ڪپور برادرس، (1936ع)، 2 حصا، ص- ؟ +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاف: انڊيا آفيس لائبرري +(Shelfmark: 14787. h. 32. (2) OIOC) +* شاهه نامه/ابو القاسم حسن فردوسي +مترجم: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي(1884-1947ع) +(31) ترجمو: شاهه نامو: ميٽرڪ جي امتحان لاءِ نصاب ۾ داخل. سمجهاڻي سميت. ڪراچي سنڌ: يونين اسٽيم پريس.(1912ع) ص-19. 8. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب. ص - 474 +مترجم: ايس جي واڌواڻي ۽ ايل ايس پنواڻي. +(32) ترجمو: شاهه نامو: ميٽرڪ جي امتحان لاءِ نصاب ۾ داخل، سمجهاڻي سميت (ٻه حصا) حيدرآباد. سنڌ: پريميئر اسٽيم پريس.(1912. ص 20، 35 +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2، پارٽ 6) ص -474 +* طيبات/شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:1292ع/691هه) +مترجم: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي (1884-1947ع) +(33) ترجمو: طيبات سعدي(1 کان 75 غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي.) ليٿو. ڪراچي، سنڌ: يونين اسٽيم پريس لاهور.(1918ع) 10، 39، 69، 48 +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -2، پارٽ 6) فارسي ڪتاب، ص -512 +مترجم: ايم آر شيرازي +(34) ترجمو طيبات سعدي_76 کان 150 غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي) ڪراچي. سنڌ مرڪنٽائيل اسٽيم پريس.(1919ع) ص 73، 37. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -2، پارٽ -6) فارسي ڪتاب. ص-512 +مترجم: ڄيٺمل قيمتراءِ خانچنداڻي +(35) ترجمو: طيبات سعدي(151 کان 225 غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي) ٻه حصا، تمهيد: ايم . آر شيرازي +ڪراچي. سنڌ؛ ماڊرن پبليسنگ ڪمپني(1921ع) ص ؟ +حوالو: برٽس لئبرري. آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: 1479.f.20920 OIOC) +مترجم: علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو(7/1896-1958ع) +(36) ترجمو: طيبات سعدي جو مڪمل ترجمو(151 کان 225 غزل) ڪراچي. سنڌ. (1924ع) ص-56 +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2،پارٽ -6) فارسي ڪتاب ص-513 +مترجم: ايم آر شيرازي +(37) ترجمو: طيبات سعدي: ترجمو ۽ سمجهاڻي. ڪراچي ۽ حيدرآباد، سنڌ: ڪرشنا پرنٽنگ ورڪس.(1924ع) ص-64. 36. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم 2،پارٽ -6) فارسي ڪتاب ص-513 +مترجم: ايل ڊي ڪيسواڻي. +(38) ترجمو: طيبات سعدي، وڌايل ۽ سڌاريل (76 کان 150 غزلن جو تعارف، مٿن، نوٽس، ترجمو ۽ سمجهاڻي) +ڪراچي ۽ حيدرآباد. سنڌ؛ ڪرشنا پرنٽنگ ورڪس(1930ع) ص-53، 31. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم-2، پارٽ-6) فارسي ڪتاب ص-513 +مترجم:ايل ڊي ڪيسواڻي +(39) ترجمو طيبات سعدي. وڌايل ۽ سڌريل(151 کان 225 غزلن جو تعارف، متن، نوٽس، ترجمو ۽ سمجهاڻي) +حيدرآباد. سنڌ: ڪرائون اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس(1931ع) ص-8، 35، 33، 34. +حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم-2. پارٽ-6) فارسي ڪتاب. ص -513. +* قطعات ابن يمن / امير فخر الدين محمود(ابن يمن) +مترجم: عبدالرزاق. اي ميمڻ(1892-1961ع) +(40) ترجمو: ابن يمن جا قطعات: مڪمل سمجهاڻي، نوٽس ۽ انگريزي ۾ اختار. ٻه حصا. +حيدرآباد. سنڌ: رام بڪ ڊپو.(1937ع) ص-؟ +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري +(Shelf mark: 14797.f.33. OIOC) +ضميمو – 2 +فارسي – سنڌي لغتون +1- لغت/مولف: فرهنگ همايون(قلمي) عبدالغفور همايون (1844-1916ع) +حوالو: سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ: سنڌي عالمن جي تصنيفات جو قلمي ذخيرو. +2- لغت/مولف: فارسي سنڌي لغت/ سيد غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“ ٺٽوي(1843-1910ع) +تاليف جو سنه(1875/1292هه) +حوالو: مرتضائي ٺٽوي جون ادبي خدمتون/ ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه. مهراڻ 3-4/1998ع. ص-146 +ڪيفيت: مرتضائي جي هي قلمي لغت سندس ڪتاب نجات القلوب(قلمي) ۾ لکيل آهي. +3- لغت/مولف: ڪشف الغمود/فتح محمد هالائي +ڏکين مرڪب فارسي اکرن جي سنڌي ۾ معنيٰ. ڪراچي، سنڌ پرنٽنگ پريس. +حوالو: مقدمو: جامع سنڌي لغت.(1960ع) ص-10 +4- لغت/مولف: مجموعه سه نثر درسي/ مولي ميان عبدالڪريم درس(ابوالڪرم) +ٽي فارسي – سنڌي اکرن جون لغتون. ڪراچي، سنڌ: محمد يوسف ڪتب فروش(1896ع)ص-60. +حوالو: آن لائين ڪيٽلاگ. انڊيا آفيس لئبرري. شڪاگو يونيورسٽي، رڪارڊ نمبر:49404 +5- لغت/مصنف: جنس نامه/شاڪر +فارسي- سنڌي لغت، تاليف جو سنه(1912ع/1330هه) +حوالو: خزينته العلوم جلد 1(ڪتاب جي اندر سلپ تي مٿين معلومات لکيل هئي) +6- لغت/مصنف: فرهنگ ڪريما/مولانا علي محمد حقاني سومرو (1918ع) +فارسي ڪتاب پند نامه جي ڏکين لفظن جي لغت سنڌي ۽ اردو ۾. لاڙڪاڻو سنڌ: المحمود اڪيڊمي اشاعت القران و الحديث. ص -15. +حوالو: ”ڪريما فارسي جو مطالعو سنڌ ۾“/ ڊاڪٽر محمد ادريس السنڌي، مهراڻ 3-4/2001ع) ص-94. +7- لغت/مصنف: بحرالحڪمت طب/محمد اسماعيل ولد حاجي محمد حسن +سکر، سنڌ؛ هري سنگهه پينشنر. (1905ع) ص – 316. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark: 14164.a.35 OIOC) +ڪيفيت: طب جي هن ڪتاب ۾ دوائن جا نالا سنڌي، فارسي، هندي، انگريزي ۽ عربي ۾ ڏنل آهن. +8- لغت/ مصنف: تحفته الادويات سنڌي: فرهنگ جعفري 4 حصا/ حڪيم محمد حسن ولد محمود. +ڇاپو ٻيو سکر. سنڌ: هري سنگهه پينشنر ڪتبخانه(1905ع) ص -302. +حوالو: برٽش لئبرري آن لائين ڪيٽلاگ: انڊيا آفيس لئبرري. +(Shelf mark:14164.g.2 OIOC) +ڪيفيت: طب جي هن ڪتاب ۾ دوائن جا نالا سنڌي. فارسي.هندي ۽ عربي ۾ ڏنل آهن. +حوالا +(1) خزينته العلوم قلمي/ مولف: محمد بخش واصف، ص-55 +(2) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، مهراڻ، نمبر 3/1995ع، ص-72 +(3) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ. نمبر 2/1996ع. ص -55 +(4) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ . نمبر 3-4/1997ع. 87. +(5) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/اختر راهي. اسلام آباد.1986ع، ص-362 +(6) ايضاً +(7) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ نمبر 3/1995ع، ص -72. +(8) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ / محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4/1997ع، ص-82 +(9) سنڌ جي ديني ڪتابن جو ڪيٽلاگ. سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو.1971ع ڪتاب نمبر4/ص -3 +(10) ايضاً . ص 16 +(11) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع، ص 366. +(12) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ.. نمبر 3/1995ع. ص-80 +(13) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ. نمبر 2/1996ع، ص -62. +(14) ايضاً. ص -69. +(15)فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ محمد پنهل ڏهر، مهراڻ، نمبر 3-4/1997ع، ص 83. +(16) ايضاً. ص 75 +(17) ايضاً. ص 86. +(18) انڊيا آفيس لئبرري ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪيٽلاگ(سنڌي نسخا)/ ڊاڪٽر ڪرسٽافر شيڪل.1976ع. نسخو نمبر 78/ ص-62. +(19) ايضاً ص 62 +(20) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4/1997ع. ص -85 +(21) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص 364. +(22) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4.1997ع. ص 83. +(23) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ نمبر 3/1995ع.ص 87. +(24) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ نمبر 3-4/1997ع ص-83. +(25) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ نمبر 3/1995ع ص-85. +(26) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ. نمبر2/1996ع. ص-64 ۽ 65 +(27) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر، مهراڻ نمبر 3-4/1997ع. ص 83 ۽ 84 +(28) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، مهراڻ نمبر 3/1995ع. ص-87 +(29) ايضاً +(30) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، مهراڻ نمبر2/1996ع. ص -59 +(31) سنڌي زبان ۾ رزميه شاعري/ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ”سنڌ“ سيارو: 1983ع. ص -116 +(32) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي مهراڻ نمبر 2/1996ع. ص 59. +(33) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص-365 +(34) 34 فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر، مهراڻ نمبر 3-4/1997ع، ص -81 +(35) ايضاً +(36) ايضاً ص-83. +(37) ايضاً. ص-83 +(38) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ. نمبر 2/1996ع. ص -61. +(39) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص-365 ۽ 366 +(40) ايضاً. ص -366 ۽ 367 +(41) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ. نمبر 3/1995ع. ص -82. +(42) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ نمبر 2/1996ع ص-62 ۽ 63 +(43) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص 368. +(44) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/محمد پنهل ڏهر. مهراڻ. نمبر 3-4/1997ع. ص -88. +(45) سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽلاگ. سنڌي عالمن جو قلمي ذخيرو. 1971ع. ڪتاب نمبر: 4/ ص -2. +(46) ايضاً. ص-6. +(47) ترجمه متون فارسي به زبانهائي پاڪستاني/ اختر راهي، اسلام آباد. 1986ع ص -24 +(48) ايضاً. +(49) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ. نمبر 2/1996ع. ص -68. +(50) فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. مهراڻ. نمبر 3/1995ع ص 84. +(51)فارسي ڪتابن جا سنڌي ترجما/ڊاڪٽر محمد ادريس السندي. مهراڻ، نمبر 2/1996ع. ص -66 ۽ 67. +ڊاڪٽر غلام محمد لاکو +”بيان العارفين“ – هڪ عام جائزو +ارغون- مغل دور ۾، سنڌ اندر جدا جدا عنوانن تي فارسي زبان ۾ متعدد ڪتاب لکيا ويا. ذڪر هيٺ زماني ۾ هن زبان ۾ ڪافي موضوعن تي قلم کنيو ويو. هن ڏس ۾ تاريخ تذڪرو، مثنوي، قصيدو ۽ داستان خاص اهميت رکن ٿا. ان دور ۾ جدا جدا عنوانن کان علاوه ”ملفوظاتي ادب“ پڻ تحرير هيٺ آيو. اسان جي ڄاڻ موجب سنڌ اندر ”بيان العارفين“ پهريون ملفوظاتي ڪتاب آهي، جو مغل دور ۾ لکجي تيار ٿيو.[1] حسن اتفاق سان هي ڪتاب زماني جي حادثن ۽ طوفانن کان بچندو، موجوده دور جي عالمن ۽ اهل ذوق انسانن جي هٿن تائين پهتو آهي. هن مقالي ۾ اسين ”بيان العارفين“ جو هڪ عام جائزو پيش ڪنداسين. تازو هن ڪتاب جو هڪ معياري سنڌي ترجمو ڇپيو آهي. جنهن بابت خاص طرح سان گفتگو ڪئي ويندي. +شاهه عبدالڪريم عرف شاهه ڪريم: +شاهه عبدالڪريم جو تعلق سنڌ جي متعلوي(مٽياري) ساداتن سان آهي. هن خاندان جو پهريون فرد، جو هرات مان سنڌ پهتو، اُن جو نالو سيد حيدر هو. هي بزرگ برصغير تي امير تيمور جي حملن وقت سنڌ ۾ آيو. اُن دور ۾ سنڌ اندر سمن ڄامن جي بادشاهت قائم هئي. سيد حيدر قديم هالا شهر ۾ اچي رهيو. جتي هالا قبيلي جي اڳواڻ شاهه محمد بن دريا خان پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني. هن گهر مان سيد حيدر کي علي نالي پٽ ٿيو جيڪو پوءِ سيد مير علي سڏجڻ ۾ آيو. سيد حيدر ڪجهه وقت کان پوءِ هرات هليو ويو. جتي هُن جي وفات ٿي. سيد مير علي ناناڻن ۾ پلجي جوان ٿيو. سندس شادي پڻ ناناڻن ۾ ٿي. سيد مير عليءَ جو اولاد وڌيو ۽ پوءِ هالا کي ڇڏي اچي مٽياري(متعلوي) ۾ مقيم ٿيو، متعلوي ساداتن جي هڪ فرد لال محمد شاهه (عرف للو شاهه) جي گهر ۾ سنه 944هه/1538ع ۾ شاهه عبد��لڪريم عرف شاهه ڪريم ڄائو. سندس ولادت مٽياري شهر ۾ ٿي. اُن وقت سنڌ تي ارغونن جو راڄ هو. شاهه للو نيڪ ۽ عابد انسان هو. پاڻ سهروردي طريقي جو سالڪ هو. لاڙ طرف هن جا ڪافي مريد هئا. سندس وفات به لاڙ(بدين) ۾ ٿي. جيئن ته شاهه للو مريدن خادمن وارو هو. جيڪو اڪثريت لاڙ ۾ رهندڙ هئا، ان پس منظر ۾ شاهه ڪريم تعليم، تربيت ۽ شاديءَ کان پوءِ مٽياري ڇڏي اچي بُلڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هڪ روايت موجب پنهنجي مرشد مخدوم نوح رح جي ارشاد تي مٽياري مان لڏي بلڙيءَ ۾ مقيم ٿيو. بعد ۾ هي ماڳ شاهه ڪريم جي نسبت سان بُلڙي شاهه ڪريم مشهور ٿيو. پاڻ حياتيءَ جو وڏو عرصو هن ماڳ تي رهيو. اٺاسي سالن جي ڄمار ۾ سن 1032هه/1623ع ۾ فوت ٿيو. سندس مقبرو بلڙي ۾ آهي. اُن وقت سنڌ تي دهليءَ جي مغل شهنشاهن جو راڄ هو. +شاهه ڪريم کي تعليم لاءِ مڪتب ۾ وهاريو ويو، ليڪن پاڻ وڏي مشڪل سان قرآن مجيد ناظره ٻه سيپارا پڙهي سگهيو. اُن جي ڀيٽ ۾ هن کي ذڪر ۽ فڪر جو گهڻو اونو رهندو هو. ننڍي هوندي کان وٺي سماع جي طرف رغبت رکيائين. ان ڪري سماع جي محفلن ۾ وڏي شوق سان شريڪ ٿيندو هو. سلوڪ جي راهه جو طالب هو. ان ڪري ابتدا ۾ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. بعد ۾ عزيزن جي گهڻي زور ڀرڻ تي شادي ڪري سرخرو ٿيو. سنڌ جو سير سفر ڪري ملڪي حالتون اکين سان ڏٺائين. گجرات – احمد آباد طرف پڻ سفر تي ويل ڏسجي ٿو. پاڻ فقيرن ۽ طالبن جو گهرجائو هو. هڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ بهار جو هڪ بزرگ سلطان ابراهيم اچي ٽڪيو. پاڻ هن فقير جي خوب خدمت ڪري مقصد حاصل ڪيائين. جيتوڻيڪ سندس حياتيءَ جو وڏو حصو عبادت ۽ رياضت ۾ گذريو. اُن هوندي به اولاد ، عزيزن توڙي مريدن جي حقن کان غافل نه رهيو. محنت ۽ مشقت ڪري پنهنجي اولاد کي پاليائين. سڄي حياتي مال ميڙڻ کان پرهيز ڪندي ”الفقر فخري“ واري قول تي قائم رهيو. ابتدا ۾ پنهنجي والد وانگر سهروردي طريقي سان وابسته رهيو، ليڪن بعد ۾ قادري مسلڪ سان لاڳاپجي ويو. ڪجهه لکندڙن کيس اويسي طريقي جو صوفي لکيو آهي. شاهه ڪريم کي مخدوم نوح (وفات:998هه) سان گهڻي عقيدت هئي. +شاهه عبدالڪريم کي ٽي نياڻيون ۽ اَٺ پٽ ٿيا. چئن پٽن کي اولاد نه هو، البته باقي چار پٽ اولادي ٿيا. سندس اولاد اڳتي هلي ڪريم پوٽا مشهور ٿيو. سندس پٽن مان ترتيب وار: لال محمد شاهه، حسين شاهه ۽ دين محمد شاهه سجاده نشين ٿيا. دين محمد شاهه جي اولاد مان سيد عبدالواسع (ڇهون سجاده نشين) آخري مغليه دور ۾ حاڪمن کي نهايت ويجهو هو ۽ صوفي شاهه عنايت جي شهادت جي حوالي سان هن جو نالو تذڪرن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. شاهه عبدالڪريم سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ ٽن ڳالهين سبب اهميت وارو ڪردار آهي. +(1) سنڌ جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ”ڪريم پوٽو“ سيد آهي. پاڻ شاهه ڪريم جي پٽ جلال شاهه ( يا جمال شاهه) جو پڙپوٽو، عبدالقدوس شاهه جو پوٽو ۽ حبيب شاهه جو پٽ آهي. شاهه عبداللطيف پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم جي اعليٰ اخلاق ۽ مثالي ڪردار کان گهڻو متاثر ٿيو. سندس مزار مبارڪ تي مقبرو پنهنجي نظرداريءَ هيٺ تعمير ڪرايائين. هڪ مشهور روايت آهي ته شاهه ڪريم جو رسالو(بيان العارفين) هميشه پاڻ سان رکندو هو. +(2) سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ قاضي قادن کان پوءِ شاهه ڪريم جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. سندس نوي کان وڌيڪ بيت سنڌي اساسي شاعريءَ جو گويا ڪهِ بنياد آهن. اڳتي هلي خاص طرح سان شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف سنڌي زبان ۾ شعر چئي، شاهه ڪريم جي شاعرانه روايتن کي اڳتي وڌايو. +(3) شاهه عبدالڪريم پهريون سنڌي عارف آهي، جنهن جي ”ملفوظات“ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي اسان تائين پهتي آهي. ملفوظات فارسي زبان ۾ ”بيان العارفين“ نالي ڪتاب ۾، مصنف محمد رضا بن عبدالواسع، سنه 1038هه/ 1628ع ۾ تيار ڪئي. سنڌ جي صوفياڻي ادب ۾ عام طرح ۽ فارسي ادب جي حوالي سان خاص طرح، محمد رضا جي هيءَ هڪ وڏي اهم خدمت تسليم ڪئي وڃي ٿي. +بيان العارفين و تنبيه الغافلين: +بيان العارفين جو مصنف محمد رضا ٺٽي جو رهواسي هو. پاڻ شاهه ڪريم جو مريد ۽ ويجهو مجلسي هو. هن فارسي زبان ۾ شاهه ڪريم جي قولن ۽ بيتن تي مشتمل هي ڪتاب سنه 1038 هه ۾ تيار ڪيو. اُن وقت شاهه ڪريم جي وفات کي ڇهه ورهيه مس ٿيا هئا. پاڻ پنهنجو تعارف هن ريت ڏنو اٿس:”مون نالي محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن سيد عبدالڪريم شاهه عرف ميون شاهه ڪريم(944-1033 هه) بن لال محمد عرف لَله بن عبدالمنعم بن هاشم بن حاجي بن حلال عرف جراڙ بن مير علي سنڌي داروغه گهر ساڪن ٺٽه، جيڪو حضرت جن جي دلي طور ظاهري توڙي باطن جي لحاظ کان خادم ۽ پيرن جي خاڪ آهي، تنهن حضرت جن جون دلپذير حڪايتون ۽ وڏيون ڪرامتون، سنڌي بيت، توحيد ۽ نصيحت جا عجيب ۽ اعليٰ نڪتا گڏ ڪيا آهن“ ( ديباچو: ”بيان العارفين) +مصنف موصوف جو هن کان وڌيڪ احوال ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. سيد حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي داروغه گهر کي داروغه ڪيهر لکيو آهي، جنهن تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. راشدي صاحب بيان العارفين جو مختصر تعارف هن طرح ڏنو آهي:”هي ڪتاب فارسيءَ ۾ محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغه +ڪيهر رجب 1038هه/1629ع ۾ لکيو. ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ست باب ۽ هڪ خاتمو آهي. ست باب ٻارهن فصلن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ شاهه ڪريم جي سوانح ، ملفوظات، اوراد ۽ وقت جي مشائخن جا تذڪرا اچي وڃن ٿا. شاهه ڪريم جا سنڌي بيت ۽ قاضي قاضن جا ست بيت، جن کي سنڌي شاعريءَ جو اساس سمجهيو وڃي ٿو.، هن ڪتاب مان مليا آهن. ڪتاب ۾ گهڻن سنڌي بزرگن جو ذڪر ٿيو آهي“ (حديقته الاولياءَ“ مقدمو، ص 24-25، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1967ع) +جدا جدا اديبن ۽ عالمن ”بيان العارفين“ جي هيٺين نسخن، ترجمن ۽ ڇاپن جو ذڪر ڪيو آهي. +(الف) قلمي نسخا: +1- هڱورجا جي پير عبدالباقي ولد حافظ حبيب الله جو 17 صفر 1051هه جو ڪتابت ڪيل پير حسام الدين راشدي صاحب جي ذخيري ۾ هو. +2- محمد سعيد عرف الهه رکيي،بيان العاارفين 1183هه ۾ نقل ڪيو. هي نسخو پير جهنڊي جي ڪتب خاني ۾ هو. +3- ڪاتب فقير ڌڻي پرتو بلڙوي، صفر 1196هه ۾ هڪ نسخو تيار ڪيو. +4- ”بيان العارفين“ جو هڪ نسخو ضياءُ الدين بن گل محمد 29 رمضان المبارڪ 1228هه تي لکي پورو ڪيو، جو هن وقت سيد علي مير شاهه جوُڻن واري وٽ موجود آهي. هي نسخو نهايت معتبر، درست، خوشخط ۽ مڪمل آهي، ان ڪري فاضل مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري پنهنجي ترجمي ۽ تحقيق جو انحصار هن نسختي تي ڪيو آهي ڪتاب جي ترجمي جي آخر ۾ ضياءُ الدين جي نقل ڪيل فارسي نسخي کي عڪس جي صورت ۾ پڻ مڪمل طرح سان ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي. +5- بيان العارفين جو هڪ نسخو محمد صالح سن 1243ع ۾ تيار ڪيو. هي نسخو منصوره ڪاليج جي لئبرري ۾ موجود آهي. +(ب) سنڌي ترجما: +1- ڀڄ شهر جي رهاڪو عبدالرحمان ڪاٺ ٻانڀڻ الف اشباع ۾ سن 1213هه/1798ع ۾ منظوم ترجموڪيو. هي ترجمو ٻن ڀاڱن ۽ سورهن بابن ۾ آهي. جلد اول ۾ يارهن باب ۽ جلد دوم ۾ پنج باب آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتب خاني ۾ سن 1244هه جو هڪ نسخو موجود آهي. اُن جو ڪاتب سيد غلام شاهه بن سيد احمد شاهه آهي. +2- مخدوم عبدالصمد بن حاجي مقيم نورنگ پوٽي سنڌي نثر ۾ اختصار ڪيو. بيا�� العارفين جو هي اختصار ڪاتب خود 1293هه/1886ع ۾ بمبئي مان ڇپرايو. +3- هڪ وڌيڪ سنڌي ترجمو در محمد ويٺل لقمان(خيرپور) تيار ڪيو ۽ ماستر هريسنگ ڪتب فروش سکر 1909ع ۾ لاهور مان ڇپرايو. +4- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سال 1973ع ۾ سنڌي ترجمو نئين طرح تيار ڪري، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ سنڌ يونيورسٽي کي پيش ڪيو. هن ۾ درست سنڌي متن، مقدمو، بيتن جي شرح ۽ تاريخي ڳالهين جي اپٽار ڪيل آهي. +(ج) ڪريم جو ڪلام: +1- رساله ڪريمي: مرزا قليچ بيگ سن 1904ع ۾ بيان العارفين تان سنڌي بيت اخذ ڪري هي رسالو ڇپرايو. +2- شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ڊاڪٽر دائودپوٽي ”بيان العارفين“ جي اختصار سان گڏ شاهه ڪريم جي سنڌي شعر کي مرتب ڪيو. ۽ پڻ اُن ۾ آيل قاضي قادن جي بيتن کي نروار ڪيو. هي ڪتاب 1937ع ۾ ڇپيو. ٻيو ايڊيشن 1977ع ۾ نڪتو. +3- رسالو شاهه عبدالڪريم: هي مختصر ڪتابڙو مير محمد نظاماڻي تيار ڪيو. جو سال 1961ع ۾ ڇپيو. +4- ڪريم جو ڪلام: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، بيان العارفين جو اختصار ۽ ترجمو ڪري”ڪريم جو ڪلام“ ترتيب ڏنو. هي ڪتاب پهريون ڀيرو سال 1963ع ۾ شايع ٿيو. +5- shah abdul karim: mystic poet of sindh +هي ڪتاب موتي لال جوتواڻي تيار ڪيو. هن ۾ شاهه ڪريم جي شعر جو انگريزيءَ ۾ (منظوم) ترجمو ڏنو ويو آهي. اُن سان گڏ سنڌي شعر به ڏنل آهي. ابتدا ۾ شاهه ڪريم جي سوانح تي به قلم کنيو ويو آهي. هي ڪتاب 1989ع ۾ دهليءَ مان ڇپيو. وري ڪراچي مان 1986ع ۾ ڇپيو. ساڳيو ڪتاب جوتواڻي صاحب جي هڪ ٻئي ڪتاب ”سنڌي ادب ۽ سماج“ (انگريزي) ۾ به شامل آهي. هي ڪتاب 1979ع ۾ دهليءَ مان ڇپيو پر اُن ۾ ڪريم جو سنڌي ڪلام شامل ڪونهي. +6- ابيات شاهه ڪريم: منظوم اردو ترجمو، از ڊاڪٽر نجم الاسلام، هي ترجمو سنڌالاجي 1987ع ۾ ڇپيو. +بيان العارفين جو موجوده نئون ڇاپو: +محمد رضا جي فارسي ڪتاب”بيان العارفين و تنبيه الغافلين“ جي قلمي نسخن، ترجمن ۽ اُن تان اخذ ڪيل جدا جدا ڪتابن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي. هن معروف ڪتاب جا جيڪي به سنڌي اختصار يا ترجما ٿيا آهن، اُنهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪاوش کي ڇڏي ڪري، ٻيا ترجما يا ته اڻ ڇپيل آهن، يا وري اُهي پراڻي دور جي نمائندگي ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جو ترجمو موجوده دور جو آهي، پر اُهو اڃا تائين نه ڇپيو آهي. ان پس منظر ۾ ”بيان العارفين“ جي هڪ نئين مفصل ترجمي، مستند شرح ۽معياري متن جي بيحد ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي. شڪر آهي ته اِهي سموريون ضرورتون ”بيان العارفين و تنبيه الغافلين“ جي صورت ۾ تازو سنڌ جي نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب پوريون ڪيون آهن. +ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو سنڌ جي علمي ۽ سُڄاڻ حلقن ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج ڪونهي. پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 1- سيپٽمبر 1951ع تي ڄائو. سنڌ يونيورسٽي مان ايم ايس سي رياضي ۾ ڪري. اُتي ئي استاد مقرر ٿيو. ستت پوءِ مرڪزي اعليٰ ملازمتن وارو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمنٽ گروپ ۾ عملدار بنيو. پاڻ ملازمت دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ بعد ۾ ڪمشنر جي حيثيت ۾ خدمتون بجا آندائين. حڪومت سنڌ جدا جدا کاتن جو سيڪريٽري پڻ مقرر ٿيو. سومرو صاحب هن وقت ڪراچيءَ ۾ مرڪزي ملازمت جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي. ملازمت جي دوران پنهنجي مطالعي کي جاري رکندي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”فلسفي“ ۾ ايم اي ڪري ورتائين. ان کان سواءِ ايل ايل بي جي ڊگري به حاصل ڪيائين. بعد ۾ انگلينڊ جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان ترقياتي اڀياس ۾ ڊپلوما پڻ ڪري آيو. شاهه عبداللطيف جو صوفياڻو فڪر ۽ مولانا رومي جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ لکيل سند�� ٿيسز تي، سال 1998ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ملي چڪي آهي. ڀٽ شاهه تي ”ايوان رومي“ جي رٿا ۽ اڏاوت ۾ سندس ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو. جڏهن پاڻ ڪمشنر حيدرآباد جي حيثيت ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. سندس ڇپيل ڪتابي اثاثو ڪجهه هن طرح آهي. 1- پراسرا ڪائنات (ترجمو:1974ع) 2- اسلامي فڪر جي جديد تشڪيل(ترجمو؛1978ع) 3- فلڪيات (1986ع) -4 مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (انگريزي 1989ع) 5- شاهه عبداللطيف (1993ع)6- بيان العارفين(ترجمو، تحقيق ۽ تشريحي حوالا. 2002ع) ان کان علاوه سومري صاحب جي شاهه لطيف تي لکيل مذڪوره ٿيسز جي اشاعت جو پڻ علمي دنيا کي انتظار آهي. +بيان العارفين و تنبيه الغافلين جا مختلف ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ترجما موجود آهن، جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري چڪا آهيون. هن ڪتاب جو جيڪو تازو ترجمو ڇپجي آيو آهي، هيٺ اسين دلپذير عالمانه ايڊيشن جو هڪ عام جائزو ۽ تعارف پيش ڪنداسين. ڪتاب جو سٽاءُ هن ريت آهي: +تعارف- از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +مهاڳ ۽ مقدمو مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو +ديباچو مصنف محمد رضا +فصل (1) پيري مريدي ۽ تاريخ ولادت +فصل (2) شاهه ڪريم جو مرتبو ۽ مقام +باب پهريون : حق جو ذڪر ۽ طلب ۽ ورد وظيفن جي بيان ۾ +فصل(1) حق جو ذڪر ۽ اُن جي سمجهاڻي +فصل(2) ورد وظيفا، نفل، نمازون وغيره +باب ٻيو: سوال ۽ جواب +باب ٽيون: حلم، تواضع، مجاهدي ۽ سخاوت جي بيان ۾ +فصل(1) حلم، تواضع ۽ مجاهدي جو بيان +فصل(2) خدمت ۽ سخاوت جو بيان +باب چوٿون: محبت ، شوق ، وجد ۽ سماع جي بيان ۾ +فصل(1) محبت ۽ شوق جي بيان ۾ +فصل(2) سماع ۽ وجد جي بيان ۾ +باب پنجون: توحيد ۽ اُن جي سمجهاڻي +باب ڇهون: نبين، ولين ۽ بزرگن جون حڪايتون +فصل(1) نبين سڳورن جون حڪايتون ۽ آخرت جو احوال +فصل(2) اڳين بزرگن ۽ ولين جو حڪايتون +فصل(3) سنڌ جي اوليائن جون حڪايتون +باب ستون: تصرفاتن جي بيان ۾ +فصل(1) تصرفات +فصل(2) ڪرامتون +ضميمو: تاريخ وفات ۽ ڪجهه ارشادات +فصل(1) تاريخ وفات +فصل(2) اولاد جي باري ۾ ارشادات +تشريحي حوالا +فهرست (1) قرآني آيتون، حديثون ۽ قول +فهرست (2) مقدمي، متن ۽ حوالن ۾ آيل ڪتاب +فهرست (3) ماڻهن جا نالا +فهرست (4) ماڳن، مڪانن، شهرن، ذاتين جا نالا +”بيان العارفين“ جي هن تازي ترجمي ۾ بابن ۽ فصلن جو وچور اهو ِ آهي. هن وچور کي ڏسڻ سان اندازو ٿي وڃي ٿو ته اصل ڪتاب ۾ ڪهڙا مضمون ۽ عنوان آهن. جڏهن ته هن فهرست کي ڏسڻ سان فاضل مترجم جي ڪيل اٿاهه جاکوڙ جو پڻ خوب اندازو ٿي وڃي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي علمي ۽ تمدني تاريخ جي اڀياس جو هڪ اهم ماخذ آهي. جنهن وقت هي ڪتاب لکيو ويو هو، اُهو وقت سنڌ جي تاريخ جو هڪ پرآشوب زمانو هو. سنڌ ابتدا ۾ ارغونن ۽ پوءِ ترخانن ۽ مغلن جي حاڪميت ۾ رهي. اهل سنڌ لاءِ سياسي طرح سان بدترين دور هو، ليڪن ذڪر هيٺ زماني ۾ سنڌ اندر فارسي زبان ۾ هر عنوان تي ڪتاب لکيا ويا. جن ۾ جائزي هيٺ آيل ڪتاب پڻ شامل آهي. هن ڪتاب جي پڙهڻ سان شاهه ڪريم جي زندگي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۽ پڻ اُن وقت جي سنڌ جا حالات سامهون اچن ٿا. مجموعي طرح سان پنهنجي وطن جي صوفياڻي دنيا جي دل کي ڇهندڙ هڪ جهلڪ پسڻ جو موقعو ملي ٿو. شاهه ڪريم کان علاوه ڪجهه همعصر درويشن ۽ اصل تصوف جي باري ۾ به ڪي اهم ڳالهيون هن ڪتاب جي ذريعي اسان تائين پهچن ٿيون. اسان جو پنهنجو دور مونجهارن ۽ مشڪلاتن جو زمانو آهي. ملفوظات تي مشتمل هي ڪتاب پڙهڻ سان اسين پنهنجي پرپيچ زندگيءَ کي پڻ آسان ۽ سڦل بنائي سگهون ٿا. +فاضل مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ”بيان العارفين“ کي آسان ۽ مڪمل بنائي پيش ڪر�� لاءِ، پنهنجي پاران پوري پوري علمي ڪوشش ڪئي آهي، ان ڏس ۾ سندس لکيل تشريحي حوالا وڏي اهميت رکن ٿا. ملفوظات ۾ ذڪر ٿيل ڪردارن ۽ جاگرافيائي ماڳن بابت سومري صاحب جي تحقيق ۽ کوجنا، خاص طرح سان واکاڻ جوڳي آهي. ليڪن خبر نه آهي ته پاڻ سنڌ اندر صدين کان وٺي مڃيل هڪ حقيقت کان پهلوتهي ڪندي، ڪيئن مخدوم بلال جي شهادت بابت هاڪاري راءِ نه ڏني اٿن(ص 321) سنڌي زبان تي اردو جو وڌندڙ اثر، اسان جي ٻُوليءَ جي مئونث ۽ مذڪر تي به اثر انداز ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جُزوي طرح اُن کان بچي نه سگهيو آهي. جيئن پاڻ لکي ٿو ته:”نياڻين جو اولاد“(ص 302) سنڌيءَ ۾ اولادُ درست ٿيندو. اِن طرح فاضل مترجم، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ جي لاءِ لکيو آهي ته اُن جو ٻيو ڇاپو 1958ع ۾ ۽ ٽيون ايڊيشن 1977ع ۾ نڪتو هو. حقيقت ۾ 1958ع ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مرتب ڪيل رسالي کي درستين ذريعي مڪمل ڪيو هو، ليڪن اِهو درست ڪيل نسخو اوڻيهه سال پوءِ سال 1977ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. بهرحال ايڪڙ ٻيڪڙ جزئيات کي ڇڏي ڪري سمورو ترجمو ۽ تحقيق ساراهه جوڳي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ بيان العارفين (فارسي) جو عڪس پڻ ڏنو ويو آهي. ان طرح گويا ڪه هن نامور ڪتاب کي وڌيڪ مڪمل ڪيو ويو آهي. اسين اهڙي ڳڻپ جوڳي اهم علمي ڪم جي شاندار تڪميل تي جناب عبدالغفار سومري کي مبارڪباد پيش ڪندي پنهنجيون نيڪ تمنائون آڇيون ٿا. خدا کين وڌيڪ تحقيقي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي. +[1] چونڊ ملفوظات نالي هڪ ڪتاب سال 1999ع ۾، قاضي شوڪت علي قريشي صاحب ترتيب ڏيئي ڇپرايو آهي، جنهن ۾ مخدوم نوح رحه جا ملفوظات درگاهه سان لاڳاپيل ماخذن جي ذريعي حاصل ڪري. ترتيب ڏنا ويا آهن. + + +امير النساءَ مگسي +ميانوال طريقت ۾ ”آزي“ جي اهميت +”آزي“ لفط،جيڪو اصل عاجزي مان نڪتل آهي ۽ وقت جي گذرڻ سبب پنهنجي ”ج“ حرف کي حدف ڪندي ”عازي“ ”آزي“ ٿي ويو آهي. سو ”ميان وال تحريڪ“ يا مياوال طريقت سان واسطو رکندڙ فقيرن جي هڪ ”مخصوص دعا“ جو نالو آهي، جنهن ۾ خدا، اُن جي رسول مقبول صلي الله عليه وآله وسلم ۽ پنجتن پاڪ جي اڳيان آزي نيازي ڪري، عاجزي ۽ انڪساري ڪرڻ، پنهنجن بزرگن، ولين ۽ شهيدن کي ياد ڪرڻ ۽ پڻ پنهنجن وطني ماڻهن يعني سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ڀائرن جي خوشحالي ۽ ملڪ جي سکئي ستابي هئڻ لاءِ دعا آهي(”آزي نيازي“ جي حوالي سان، اُن کي ”الف“ سان لکڻ مناسب ٿو نظر اچي.“ ) +سنڌ ۾ ”ميانوال تحريڪ“ عظيم وطن دوست سنڌي سپوت ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان شروع ٿئي ٿي. ميان آدم شاهه ڪلهوڙي روحانيت ۽ سياست کي گڏ هلائڻ لاءِ ”ميانوال طريقت“ جو بنياد رکيو. جنهن جا ڪارڪن هاري طبقي سان وابسطه هئا ۽ جن پاڻکي ”فقير“ سڏرايو. جڏهن ”فقيرن“ جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو ۽ گذر معاش واسطي اُنهن کي زمين جي گهرج پوندي ٿي ويئي، تنهن کي هٿ ڪرڻ واسطي خالي پيل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ميان آدم شاهه اڳتي قدم وڌايو. جنهن جي نتيجي ۾ ميان صاحب ۽ سندس ”فقيرن“ جي وڌندڙ مقبوليت ۽ مڃتا کي ڏسندي ڀروارن زميندارن ۾ خوف ۽ خطرو پيدا ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري عوام دشمن زميندار مغلن جي نائب(ملتان جي گورنر) سان ساز باز ٿي سازش ڪري ميان آدم شاهه جي وڌندڙ طاقت(ميانوال تحريڪ يا هاري تحريڪ) کي روڪڻ لاءِ دستوري حربا استعمال ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ ملتان جي سنڌ دشمن مغليه گورنر ڍل نه ڏيڻ کي موضوع (بهانو) بنائي زميندارن جي سازشن ۽ چغلين تي ميان آدم شاهه کي قيد ڪرائي ملتان آندو. ان قدم سان تحريڪ کي هيڪاري اُتساهه مليو. ان طرح نه صرف ڪيترائي بلوچ قبيلا ڏينهون ڏينهن اُن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ لڳا، پر سماٽ قبيلا پڻ وڏي تعداد ۾ تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا ۽ هيءَ تحريڪ سنڌ ليول تي وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي. ان عوامي مڃتا کان خائف ٿي هن تحريڪ جي سرواڻ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي ملتان جي گورنر (مغلن جي نواب) ڦاسي جي سزا ڏني. سندس لاش کي سکر ۾ آڻي هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جنهن کي ”آدم شاهه جي ٽڪري“ سڏيو وڃي ٿو، جتي مٿس هڪ عاليشان مقبرو اَڏيل آهي. +ميان آدم شاهه کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد دائود ۽ ميان محمد ابراهيم ناتجربيڪاريءَ جي ڪري ”فقيرن“ کي پوريءَ طرح سنڀالي نه سگهيا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ميان آدم شاهه کي ڦاسي ڏني ويئي، تڏهن اُهي ٻئي ڀائر ننڍا هئا. کانئن پوءِ جڏهن قيادت ميان الياس محمد بن ميان دائود جي هٿ هيٺ آئي ته اُها وري منظم ٿيڻ لڳي. ميان الياس محمد جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ ميان شاهل محمد پڳ ڌڻي ٿيو، جنهن پڻ ”ميانوال تحريڪ“ کي منظم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو. اُن جاکوڙ جي نتيجي ۾ ميان شاهل محمد ملتان جي گورنر سان مردانه وار مُهاڏو اٽڪايو، جنهن ۾ کيس شهادت نصيب ٿي. +ميان شاهل محمد کان پوءِ پڳ جو ڌڻي ۽ تحريڪ جو سرواڻ ميان نصير محمد ٿيو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي پنهنجن بزرگن جي پيروي ڪندي نهايت دورانديشيءَ سان پنهنجن فقيرن ۾ واڌارو آندو ۽ کين منظم طريقي سان سنڀاليو. سندس معاشي ۽ سماجي حالتن کي سڌارڻ ۽ مخالفن جي سياسي چالبازين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليءَ سان وڏي جدوجهد ڪيائين. سندس جرائت ۽ ڏاهپ تحريڪ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. هن مرد مجاهد تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪي اصولي قاعدا ۽ قانون پڻ جوڙيا، جن مان ”آزي“ هڪ اهم عنوان آهي. ”آزي“ مان مراد خدا ۽ اُن جي رسول پاڪ جي اڳيان عاجزي ۽ انڪساري ڪرڻ ۽ پنهنجين تڪليفن ۽ دردن کي دور ڪرڻ لاءِ ڌڻي جي در دعاڳو ٿيڻ آهي. ميان نصير محمد تحريڪ جي نعري ”الله توهار“ (معنيٰ الله تو آهر ، يعني الله تنهنجي آسري) کي عام ڪيو.”آزي“ ۾ پنهنجن بزرگن، اڳواڻن، شهيدن ۽ ولين جي ذڪر کان پوءِ تحريڪ جي سرگرم ڪارڪنن جو به ذڪر اچي ٿو. جنهن کان پوءِ عام ماڻهن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ سان گڏ”سنڌ“ جي سکئي ستابي هئڻ لاءِ دعا پڻ شامل آهي. هي”آزي“ ميانوال تحريڪ وارن جو ڄڻ هڪ دلپذير طريقتي ”ترانو“ آهي. جنهن جي قومي لحاظ کان نهايت وڏي اهميت ۽ افاديت آهي. ۽ جنهن کي سمجهڻ لاءِ تاريخ جي ورقن ۽ سُڄاڻ ماڻهن جي سينن ۾ سانڍيل صدري روايتن کي سمجهڻو پوندو. +پروفيسر عبدالله مگسي جي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ جيڪا ”آزي“ ڄاڻائي وئي آهي سا جديد طرز تي ترتيب ڏنل آهي. اچو ته اُن تي هڪ نظر وجهي اُن جي تشريح ڪريون ته تاريخي طور تي وقت ۽ حالتن مطابق آزي ۾ ڪيتري قدر واڌارو ۽ سڌارو آيو آهي: ”آزي“ پڙهڻ لاءِ ڪهڙا قاعدا ۽ قانون آهن ۽ ”آزي“ پڙهڻ جو حق ڪنهن کي هو ۽ ڪنهن کي آهي. انهن سڀني ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ واسطي”آزي“ جو شروعات کان وٺي پيرائتو ذڪر ڪرڻو پوندو. +”آزي جي شروعات هيئن ٿئي ٿي: +بسم الله +الله توهار! +چئو ساٿيو الله توهار! +’آزي‘ ڪيون ٿا، الله جي در تي، +اُن جي پاڪ رسول، +۽ پنجتن پاڪ جي صدقي، +صدقي سڀني بزرگن، ولين ۽ شهيدن جي +”آزي“ جي ابتدا ۾ خدا ۽ اُن جي ڏنل ڪتاب واري ٻولي عربي مان بسم الله جو اکر استعمال ٿئي ٿو. جنهن جي معنيٰ پڻ اِها آهي ته شروع ڪيان ٿو الله پاڪ جي نالي سان. اُن کان پوءِ ”الله توهار“ جو لفظ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”الله جل جلاله! تنهنجي ئي آسري تي“ هن لفظ ”الله تو آهر“ جي لکڻي ايئن آهي(الله تنهني آسري) ليڪن مجموعي طرح ۽ وڏي آواز ۾ هي لفظ ”الله تو آهر“ بدلجي ”الله توهار“ ٿي وڃي ٿو. جنهن کان پوءِ ”آزي“ ۾ لفظ اچي ٿو ته”چئو ساٿيو الله توهار“ اِن مان پڻ اجتماعيت جو ذڪر نڪري ٿو نه انفراديت جو، جو پنهجن سڀني ساٿين، همدردن ۽ وفادار ماڻهن کي سڏي چيو وڃي ٿو ته ”ساٿيو! گڏجي الله توهار ڪيو“ (يعني گڏجي الله جي آسري تي ڪنهن به ڪم جي شروعات ڪيو) اڳتي ”آزي“ ۾ اچي ٿو ته”الله تعاليٰ جي در تي ’آزي‘ ڪيون ٿا، عجز و انڪساري ڪيون ٿا.“ وري اڳتي چئي ٿو ته،”پنجتن پاڪ جي صدقي“ هاڻي جڏهن پنجتن پاڪ جو ذڪر ٿئي ٿو ته ائين ڀانئجي ٿو ته پنجتن پاڪ جو ذڪر ابتدائي طور تي ڪونه هو ۽ اِهو پوءِ جو واڌارو آهي. ڇاڪاڻ ته ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي وصيت نامي ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت “ ۾ صاف ڄاڻايو آهي ته” اسين سهروردي طريقي جا آهيون. اسان جو پير مرشد سيد ميران محمد جونپوري آهي، سو به هن طريقي تي قائم آهي.“ اهڙيءَ ريت اڳتي چوي ٿو ته،” سياست کي ڇڏڻ جي معنيٰ رياست کي ڪمزور ڪرڻ، ڇو ته رياست جي ڪاميابي لاءِ سياست ضروري آهي.“ جنهن مان صاف نظر اچي ٿو ته ڪلهوڙن جي اِنهيءَ تحريڪ جو بنياد ”پيريءَ“ مذهب سان گڏ سياست تي ٻڌل هو. جڏهن ”سهروردي طريقت“ جو ذڪر اچي ٿو ته پنجتن پاڪ جو ذڪر اچڻ ذرا ويچار جوڳو نقطو آهي، ليڪن ائين معلوم ٿئي ٿو ته پنجتن پاڪ جو ذڪر ”آزي“ ۾ پوءِ جو واڌارو آهي. ڇاڪاڻ ته ميان غلام شاهه جڏهن نادر شاهه افشار وٽ ايران ۾ يرغمال بنيل هو ته اُتي ميان صاحب ايرانڻ شهزاديءَ سان شادي ڪئي هئي. نادر شاهه جي قتل کان پوءِ ميان صاحب جڏهن آزاد ٿي سنڌ ڏانهن اچي رهيو هو ته رستي تي اُن شهزاديءَ مان هڪ پُٺ ڄائو، جنهن جو نالو سرفراز خان رکيو ويو. ميان غلام شاهه تي اُن شهزاديءَ جو گهڻو اثر هو. اها بيبي ايران جي اهل تشيعت سان واسطو رکندڙ هئي، جنهن جي ڪري ميان غلام شاهه تي پڻ فقه جعفريه جو اثر ٿيڻ شروع ٿيو. وري جڏهن ميان سرفراز خان سنڌ جو والي وارث ٿيو ته پاڻ اهل تشيعت ڏانهن لاڙو رکيائين. پاڻ اصفحاني خاندان جي هڪ شهزاديءَ سان شادي ڪئي هئائين، جنهن ڪري سندس سهاراڻو توڙي ناناڻو گهر ”ايران“ هو، جنهن ڪري مڪمل طرح اهل تشيعت سان تعلق رکيائين. اِنهن سببن جي ڪري ميانوال تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن ۽ فوجي سپهه سالار ، بلوچ قبائل سميت، پڻ اهل تشيعت ڏانهن راغب ٿيا، جن ۾ خاص ڪري ”ٽالپر سردار“ اوليت تي هئا، ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن جا فوجي سپهه سالار ٽالپر امير هئا، جنهن ڪري ميانوال تحريڪ ۾ اهلِ تشيعت جا آثار ميان سرفراز خان جي وقت کان نموندار ٿيا ۽ پوءِ ”آزي“ جي متن ۾ به واڌارو آڻي پنجتن پاڪ جو ذڪر آندو ويو، جنهن ڪري الله ۽ اُن جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ پنجتن پاڪ جو ذڪر اچي وڃي ٿو، جنهن کان پوءِ ولين، بزرگن، شهيدن جو ذڪر اِن طرح اچي ٿو. +صوفي شهيد ميان آدم شاهه جي، +صدقي ميان شاهل محمد جي، +صدقي ميان دين محمد جي، +صدقي ميان نصير محمد جي، +صدقي ميان يار محمد جي، +ميان نور محمد، +ميان غلام شاهه، +ميان سرفراز، +ميان غلام نبي، +ميان عبدالنبي شاهه جي ! +جڏهن ولين، بزرگن ۽ شهيدن جو ذڪر ۽ تحريڪ جي سرواڻن(ڪلهوڙا خاندان) جو ذڪر اچي ٿو ته ”شهيدن“ جي رتبي کي مٿاهون تصور ڪندي اُنهن جو ذڪر ”پهرين“ اچي ٿو. خود قرآن پاڪ ۾ پڻ بيان ٿيل آهي ته شهيدن جو رتبو اعليٰ آهي، ۽ شهيد مرندا نه آهن بلڪه زنده هوندا آهن. اِنهيءَ ڪري ”آزي“ ۾ سڀ کان اول ڪلهوڙا خاندان جي شهيد اول ۽ ميانوال تحريڪ توڙي خاندان جي باني ميان آدم شاهه جو ذڪر اچي ٿو. جنهن کان پوءِ ميان شاهل محمد جو ۽ اُن کان پوءِ ميان دين محمد جو رتبو ليکيو وڃي ٿو، جنهن ڪري اُنهن جو ذڪر ميان دائود، ميان ابراهيم، ميان الياس محمد ۽ ميان نصير محمد کان اڳ ۾ ٿئي ٿو. حالانڪه ميان دين محمد ميان نصير محمد جو پٽ هو ۽ ”آزي“ جو رواج ميان نصير محمد جي وقت ۾ پيو. ميان نصير محمد کان پوءِ ميان دين محمد ئي پڳ جو ڌڻي ۽ تحريڪ جو سرواڻ ٿيو، ليڪن ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد ۽ ميان دين محمد جو ذڪر سڀ کان اول اچي ٿو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ميان سرفراز خان ۽ ميان عبدالنبي پڻ شهيد ٿيا، ليڪن اُنهن جو ذڪر عام طرح سان ۽ حاڪمن سان گڏ ٿيو، سو ڇو. تنهن لاءِ هڪ گمان اِهو آهي ته اُنهن جي شهادت گهريلو جهڳڙن سبب ٿي نه ڪي ٻاهرين طاقتن جي ڪري، تنهن ڪري اُنهن جو ذڪر عام رواجي طرح ٻين ميان صاحبان سان گڏ ٿيو آهي. +اِتي هڪ ٻيو سوال به اُڀري ٿو ته هيءَ”آزي“ ميان نصير محمد جي وقت ۾ ٺهي،جيڪا محدود نالن سان هئڻ کپي، مثلاَ، ميان الياس محمد تي جيڪا ”آزي“ پڙهي ٿي وڃي، اُتي ميان الياس محمد جو نالو ورتو وڃي ٿو يا وري گاجي شاهه تي جيڪا ”آزي“ پڙهي وڃي ٿي، تنهن جا ٻول هن ريت آهن ته: +يارو! ڪرو الله توهار، +ميان شاهل محمد، +ميان الياس محمد، +ميان نصير محمد، +ميان پنجا ڌوءنڪ دا ڌڻي(شاهه پنجو سلطان) +گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار +سا واليان دي شيءِ ٿيوي، +يارو! ڪرو الله توهار. +اهڙين مخصوص ”آزين“ ۾ وري پنهنجي پنهنجي نوعيت رکي ويئي آهي، پر ميان صاحبن جي نالن وارو پوءِ جو واڌارو، يعني ميان نصير محمد کان وٺي ميان عبدالنبي تائين حڪمرانن کي ڳڻپ ۾ آندو ويو آهي، جن کي عوام ۽ فقيرن جي تائيد حاصل هئي، پر عام رواجي طرح ٻين ڪلهوڙا حاڪمن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي مثلاَ ميان دائود، ميان ابراهيم، ميان الياس محمد، ميان مير محمد، ميان مرادياب خان، مير عطر خان، ميان احمد يار خان يا ميان محمود خان، وغيره يا وري ائين به چئي سگهجي ٿو ته اُنهن جو ميانوال تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ ڪو وڏو يا خاص ڪردار نه رهيو آهي، تنهنڪري اُنهن ”آزي“ ۾ اهميت نه ڏني ويئي آهي. +ميان صاحبن کان پوءِ”آزي“ ۾ ڪن فقيرن جو ذڪر به اچي ٿو، جيئن پروفيسر عبدالله مگسي ڄاڻائي ٿو ته: +صدقي شاهه گودڙئي +صدقي شاهه پنجي +سڀني سڳورن، ولين ۽ شهيدن جي، +اچو ته ساٿيو ”آزي“ڪيون +چئو الله توهار! + + +هاڻي اِنهن فقيرن جي ذڪر جو ”آزي“ ۾ اچڻ ڪا رواجي ڳالهه نه آهي، اِهي فقير ميان نصير محمد جي وقت ۾ ”ميانوال تحريڪ“ جا سرگرم ڪارڪن، بهترين محافظ ۽ وفادار سپهه سالار هئا. هي ٻئي فقير – شاهه گودڙيو ۽ شاهه پنجو- ۽ پڻ ٻيا به ڪي فقير – گاجي شاهه، فوجو فقير سومرو وغيره- ميان نصير محمد سان گڏ تحريڪي جدوجهد ۾ لاهور تائين ويا ۽ پوءِ اُتان ٿيندا جهنگ، ڊيره غازي خان، راجن پور وارن علائقن کان ٿيندا وري واپس ”ڳاڙهي“ آيا. اڄ به اُنهن شهرن ۾ اُنهن بزرگن جا ”دائرا“ موجود آهن. جتي اُنهن پنهنجي رهائش سان گڏ تحريڪ جا مرڪز قائم ڪيا. عام طرح جتي گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، اُتي ”دائرا“ قائم ڪري فقيرن جي تربيت پئي ڪيائون، جنهن ڪري فقيرن جي تعداد ۾ واڌارو ايندو رهيو ۽ ڪافي نوان مريد پڻ ٿيا جن مان تربيت يافته جٿا تيار ڪيا ويا. اُنهن جهنگن ۾ ڪاٺي وڍڻ کان اڄ به پرهيز ڪئي ويندي آهي. ”ميانوال“ وارا اُنهن جهنگن جي وڻن هيٺان پنهنجن ٻارن جي ”جُهين“ (نون ڄاول ٻارن جي مٿ�� جا پهريان وار لاهڻ کي ”جُهي“ چئبو آهي) لاهيندا آهن. ڪيڏو به جهنگ وڌي وڃي، پر ڪوبه ماڻهو اُنهيءَ جهنگ مان ڪابه ڪاٺي نه وڍيندو آهي. اُنهن شهرن ۾ اڄ به اُتي ”ميانوال فقيرن“ جا ڪئين دائرا ۽ جهنگ موجود آهن. هينئر به هنن علائقن ۾ فقير ڏکئي وقت ۾ يا بيماري جي صورت ۾ شاهه پنجي، شاهه گودڙئي، گاجي شاهه ۽ فوجو فقير کي پنهنجي مٺڙي سرائڪي ٻوليءَ ۾ ياد ڪندا آهن. هنن جو اِهو عقيدو اڄ به قائم آهي ته اُنهن مجاهد مردن کي ياد ڪرڻ کان پوءِ اُنهن جي تڪليف دور ٿيو وڃي. اُن کان علاوه، پنهنجي ارادت جي حساب سان ٽنهي ويلن جي پهرين ماني اُنهن فقيرن(شاهه گودڙيو، شاهه پنجو، گاجي شاهه ۽ فوجو فقير) جي نالن سان منسوب ڪري، ڳڀا ڳڀا ڪري ننڍن ٻارن ۾ اِنهن بزرگن جي نيت ڪري ورهائيندا آهن. +پروفيسر عبدالله مگسي جديد طريقي سان ”سنڌي زبان“ ۾ ”آزي“ لکي آهي. ”آزي“ بنيادي طرح سان سرائيڪي زبان ۾ پڙهي ويندي آهي ۽ اُن جا ڏهاڪو کن مختلف نمونا آهن، جن ۾ ڪلهوڙن مرشدن کان پوءِ وڏن فقيرن جي مختلف نالن سان پڻ ”آزي“ پڙهي ويندي آهي. اُنهن وڏن فقيرن کي پڻ اهڙين ”آزين“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن کي مريد رکڻ جو اختيار ميان صاحبن جي طرفان مليل هوندو هو. ليڪن اُنهن سڀني فقيرن ۾ شاهه گودڙيي(نالو عبدالله ذات کوسو ۽ لقب شاهه گودڙيو) ۽ شاهه پنجي جو ذڪر تقريباَ گهڻين”آزين“ ۾ ملي ٿو. مثلاَ ميان الياس محمد تي ٿيندڙ”آزي“ ۾ شاهه پنجي جو ذڪر ملي ٿو: +يارو! ڪرو الله توهار، +ميان شاهل محمد، +ميان الياس محمد، +ميان نصير محمد +ميان پنجا ڌوءنڪ دا ڌڻي(شاهه پنجو سلطان) +گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار +سا واليان دي شيءِ ٿيوي +يارو! ڪرو الله توهار +هن ”آزي“ ۾ ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد ۽ ميان نصير محمد جو ذڪر اچي ٿو ۽ فقيرن ۾ شاهه پنجي سلطان ۽ گاجي شاهه جو ذڪر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ميان نصير محمد تي پڙهي ويندڙ ”آزي“ ۾ وري ڦتو پخالي ۽ يارو ريڍر جو ذڪر اچي ٿو، جيڪي پڻ ميان نصير محمد جا ويجها سرگرم ڪارڪن ۽ عوام دوست فقير هئا، يارو ريڍر(يارو ريڍار) جو مقبرو جبل جي وَٽ ۾ آهي، جنهن کي ”يارو جي ڏاٺ“ ڪري سڏيو ويندو آهي. ڦتو پخالي وارو قبرستان وري ميان نصير محمد جي قبرستان کان هڪ ميل اوڀر طرف آهي. يارو ريڍر ”رند“ هو ۽ ڦتو پخالي”لغاري“ آهي. اهڙيءَ طرح ٻين به ڪيترن ئي جري ۽ بهادر، وفادار ۽ سرفروش فقيرن جو ذڪر ملي ٿو. سرائڪي خطي ۾ ميان عبدالنبيءَ تي ”آزي“ ۾ وري اهڙن فقيرن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي ساڻس لاڳاپيل هئا.”آزي“ جي مختلف صورتن (متن) کي اڳيان رکڻ کان پوءِ اِهو نقطو بلڪل واضح ٿئي ٿو ته شاهه پنجي ۽ شاهه گودڙيي جي اهميت ٻنهي فقيرن جي نسبت ۾ وڌيڪ آهي، جو هنن ٻنهي فقيرن جو ذڪر تمام گهڻو ۽ اهميت سان ملي ٿو. اِهو ئي سبب آهي جو جديد طرز جي هن ”آزي“ ۾ اُنهن ٻنهي فقيرن جو ذڪر نمايان ڪيو ويو آهي:”آزي“ جا اڳتي ٻول آهن ته: +اچو ساٿيو! آزي ڪيون، +چئو الله توهار! +اچو ته جهولي ڦهلايون، +ڌڻيءَ جي در، +مولا شل خير هجي، +هن ڌرتيءَ جو. +هنن سٽن ۾ خدا جي در تي جهولي ڦهلائي دعا گهري وڃي ٿي ته ”اي خدا! هن ڌرتيءَ جو خير ڪجانءِ“ اهو نقطو سراسر حب الوطنيءَ جو جذبو ڏيکاري ٿو ته اگر هي ڌرتي يا وطن رهندو ته اسان به رهنداسين. اگر ڌرتي يا وطن ئي نه رهندو ته قوم ۽ حڪمرانن جو وجود ئي مٽجي ويندو، تنهنڪري قومي بقا لاءِ ”ڌرتيءَ“ جو هجڻ لازمي امر آهي ڪلهوڙا دور ۾ پيدا ٿيل سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته: +سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار +دوست مٺا دلدار، عالم ســڀ آباد ڪــرين +جنهن ۾ پڻ ساڳي ڳالهه ورجائيندي ڀٽائي سائين خدا جي رحمت جو طلبگار ٿيندي سنڌ ڌرتيءَ جي سکئي ستابي هئڻ لاءِ ۽ سنڌ جي سڪار واسطي دعا گهري ٿو، ۽ پنهنجي وطن جي سُڪار کان پوءِ عالم جي آسودگيءَ لاءِ پڻ دعاڳو آهي. +هاڻي اِها ڳالهه چٽيءَ طرح سان ثابت ٿئي ٿي ته ”ڌرتيءَ سان محبت“ جي درس جي شروعات ڪلهوڙا دور ۾ ٿي، چاهي اُها ”ميانوال تحريڪ“ وارن جي دعا ”آزي“ هجي يا ڀٽائيءَ جي شاعري هجي. جڏهن ڀٽائيءَ سنڌ کان پوءِ ”عالم“ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ميانوال تحريڪ وارن پنهنجي ”آزي“ ۾ ”جڳ“ جي سلامتي جي ڳالهه ڪئي آهي. +آباد رهن +هر جنجل کان آزاد رهن +منهنجا مارو، +منهنجا ماڻهو، +خوشحال رهن، +ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت، +عظمت جا اُهڃاڻ سلامت +مارو مرڪن، +چهرا چمڪن +شال اسان جي پڳ سلامت، +دنيا ساري جڳ سلامت، +راڄ سلامت، ڀاڳ سلامت، +پورهيو، +پنڌ ۽ ماڳ سلامت، +ڌرتيءَ ماءُ! او ڌرتي ماءُ، +شل نه لڳيئي ڪو سو واءُ. +”آزي“ جي هن حصي ۾ ڌرتي ۽ عوام جي خوشحالي جو ذڪر آهي. پنهنجي عوام جي خوشحاليءَ سان گڏ سموري جڳ جي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ پڻ دعا آهي. اقتصاديات جي پهلو کان نظر ۾ رکندي”آزي“ ۾ چيو ويو آهي ته پورهيو ۽ محنت ڪندوء ته خوشحالي ايندي، راڄن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ٿيندو، يعني باهمي اتحاد کي تقويت ملندي، اتحاد رهندو ته پڳ يعني اقتدار پڻ سلامت رهندو ۽ اگر اقتدار سلامت رهندو ته عظمت برقرار رهندي ۽ ٻاهرين دشمنن توڙي مقامي عوام دشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪائي سگهبو ۽ اتحاد سان اُنهن دشمنن کي شڪست ڏيئي سگهبي. اِن طرح ”آزي“ ۾ ڌرتيءَ سان ماءُ جهڙو پيار بيان ڪيو ويو آهي. +”آزي“ جي آخر ۾ سڀني طبقن، يعني پورهيت طبقي کان وٺي مٿانهين طبقي يعني حڪمران طبقي تائين، ”ميانوال تحريڪ“ جي سڀني فقيرن ۽ مريدن طرفان وچن ڪيو وڃي ٿو ته ”اي ڌرتي ماءُ! اسين اولاد آدم شاهه جا، ميان نصير محمد جا، شهيدن فقيرن جي رت جي ساک کڻون ٿا ته اسان تنهنجي جهوليءَ ۾ پلجون ٿا ۽ نپجون ٿا، تنهنجي آزادي، ڌرتيءَ جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ هر قرباني ڏينداسين ۽ مسلسل جدوجهد ڪندا رهنداسين. اسين شهيدن جي ڏسيل راهه کي روشن رکنداسين ته جيئن اي امڙ، ڌرتي! توکي ڪوبه ڪوسو واءُ نه لڳي. اسين اڳتي وڌنداسين ۽ تنهنجي خاطر پنهنجي خون جو پڻ نذرانو ڏينداسين.اگر انهيءَ جدوجهد دوران اسان کي شهادت نصيب ٿي ته اسين خوشنصيب هونداسين ۽ شهادت جي بدلي اسان کي تو امڙ جي جهولي(يعني وطن جي مٽي) نصيب ٿيندي. ڌرتيءَ جي جهولي ۾ جهُلڻ معنيٰ هڪ ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺڻ ۽ ٻي ماءُ (يعني ڌرتي يا وطن) جي جهولي(مٽي) تائين پهچڻ. هڪ فرض جي ادائگي جي لاءِ هڪ حلالي پٽ ۽ اولاد جيان پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪنداسين ۽ هرقرباني ڏينداسين. +”آزي” اول ڪنهن تخليق ڪئي، تنهن جي ڪابه حتمي خبر ڪانه ٿي پوي، البته گمان آهي ته اُن جو خالق عظيم سنڌ دوست ميان نصير محمد جو ڪو صداقت شعار فقير هو، جنهن پنهنجي روشن ضميري ۽ شاعرانه دلپذيري وسيلي”آزي“ تخليق ڪئي ۽ اِها دعا پنهنجي مضمون آفريني ۽ فڪر انگيزي وسيلي وطن دوست فقيرن جي دل جو آواز بنجي ويئي. جنهن کي سنڌ جي ساڃهه وند محب وطن حلقن پنهنجي روح جي ڌڙڪڻ محسوس ڪيو. ”آزي“ سُرندي جي ساز تي ڳائي وڄائي وڃي ٿي. سُرندو ميانوال طريقت جو پسنديده ساز آهي، جنهن جي اجازت ميان نصير محمد ڏني هئي ۽ جنهن ۾ الله ۽ رسول جو نالو وٺجي ٿو. ”آزي“ جي محبوبيت هڪ ”وطني تراني“ وانگر آهي، جنهن جي پڙهڻ وقت هر ٻُڌندڙ احترام ۾ اُٿي بيهندو آهي. ”آزي“ پڙهڻ دوران ٻي ڪنهن به گفتگو کان پرهيز ڪئي ويندي آهي ۽ مڪمل خاموشي اختيار ڪبي آهي. ڪنهن به قسم جو نشو يا ٻي ڪابه نشيدار شيءِ ممنوع آهي. جسماني طرح به پاڪ ۽ صاف هئڻ بيحد لازمي آهي. عام فقير”الله توهار“ جي وراڻيءَ ۾ صرف”الله توهار“ ڪندو رهندو. ختم ٿيڻ تي فقير هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن ۽ هڪ ٻئي جو هٿ چُمندا آهن. +”آزي“ پڙهڻ جي اجازت فقط اُن فقير کي هوندي آهي، جنهن کي ڏاڙهي رکيل هجي. ان طرح پاڪ باز هئڻ به شرط آهي ۽ جنهن کي مرشد (ميان صاحبان) جي طرفان سڳي ڌاڳي جي اجازت هوندي آهي. ”آزي“ پڙهندڙ بزرگ سٺي اخلاق ۽ ڪردار جو مالڪ، سچار، اهل دل ۽ ديني ڄاڻ رکندڙ هجي. ان طرح منجهس جماعت يا قافلي جي سرواڻي ڪرڻ جي اهليت هئڻ به ضروري آهي. (اِن سلسلي ۾ ميان نصير محمد، ميان يار محمد ڪلهوڙو تاريخي ثقافتي ڪميٽيءَ جو چيئرمين ميان امير بخش خان ڪلهوڙو خانپور، ضلع دادو نمايان حيثيت رکي ٿو.) +”آزي“ پڙهندڙ(اڳواڻ يا سرواڻ) جماعت اندر اُٿي بيهي ڳچيءَ ۾ ”ڪاري کٿي“ يا ڪارو ڪپڙو وجهندو، جيڪا ”ميانوال“ طريقي جي خاص نشاني آهي.”آزي“ دوران عام جماعت اُن کان ٿورو پوئتي هٽي بيهندي. هڪ ٻيو فقير جيڪو سڄي جماعت ۾ ٻئي نمبر تي تسليم ٿيل هوندو، اُهو پڻ پڙهندڙ فقير جي ڀرسان بيهندو، جتي جتي ”الله توهار“ لفظ ايندو، اُتي سموري جماعت هڪ ئي آواز ۾ ”الله توهار“ اُچاريندي رهندي. جڏهن ”آزي“ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي ته تسليم ٿيل فقير پڙهندڙ فقير جي ڳچيءَ مان ڪارو ڪپڙو يا کٿي ڪڍي سوال ڪندو ته”الله سائين، پاڪ رسول يا پنجتن پاڪ جي صدقي، مرشد راضي ٿيو؟ الله وٽ اسان سڀني جي پاران فرياد ڪيائين؟“ جنهن جي جواب ۾ پڙهندڙ فقير چوندو ته” مرشد راضي ٿيو. الله وٽ فرياد ڪيائين. آزي قبول ٿي. هاڻي شادمانو ورهايو.“ پوءِ ٻئي وڏا فقير پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملندا ۽ هڪ ٻئي جو هٿ چمندا ۽ جماعت ۾ موجود سڀئي پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملندا ۽ هڪٻئي جا هٿ چمندا ۽ ”شادمانو“ (يعني باس باسيل) مٺائي يا ڀت ورهائبو ۽ سڀ گڏجي کائيندا.(واضح رهي ته ميانوال وارا لوڻ، گيهه ۽ مرچ جو استعمال نه ڪندا آهن.) +پراڻي زماني ۾ ”آزي“ مختلف هنڌن تي مختلف ماڻهو پڙهندا هئا. پڙهڻ لاءِ سڀ کان پهرين اوليت اُن وقت ”ليکي خاندان“ کي هوندي هئي. ڪٿي ڪٿي لاشاري ۽ مگسي قبيلن جي فردن کي پڻ ”آزي“ جي اجازت هوندي هئي.(ليکي خاندان هينئر به ليئه ، تونسه، غازي خان ديرو، راجنپور ۽ ٻين هنڌن تي ”آزي“ پڙهندا آهن. خاندان جو سربرآورده بزرگ فقير الاهي بخش ليکي هينئر به ”آزي“ پڙهندو آهي.) اهڙيءَ طرح ميان نصير محمد ڪلهوڙي تي وري مشوري ذات جا ماڻهو آزي پڙهندا آهن. + + +اهڙيءَ طرح ميان آدم شاهه جي شروع ڪيل ”ميانوال تحريڪ“ جا فقير پاڻ کي اِنهيءَ نسبت سان ”ميان آدم شاهه جي اولاد “ يا ”ٻچڙا آدم شاهه جا“ ڪري سڏرائيندا آهن. جڏهن ته ميان نصير محمد جا عقيدتمند پاڻ کي ”فقير“ سڏرائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ”ميانوال تحريڪ“ کي منظم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. +بسم الله +الله توهار! +چئو ساٿيو! +آزي ڪيو ٿا، الله جي در تي، +ان جي پاڪ رسول صلي الله عليه وآله وسلم، +۽ پنجتن پاڪ جي صدقي، +صدقي سڀني بزرگن، ولين ۽ شهيدن جي، +صدقي شهيد ميان آدم شاهه جي، +صدقي ميان شاهل محمد جي، +صدقي ميان دين محمد جي، +صدقي ميان نصير محمد جي، +صدقي ميان يار محمد جي، +ميان نور محمد، +ميان غلام شاهه، +ميان سرفراز، +ميان غلام نبي، +ميان عبدالنبي شاه�� جي، +صدقي شاهه گودڙئي، +شاهه پنجي، +سڀني سڳورن، ولين ۽ شهيدن جي، +اچو ته آزي ڪيون، +چئو! الهه توهار! +اچو ته جهولي ڦهلايون، ڌڻيءَ جي در، +مولا! شل خير هجي، +هن ڌرتيءَ جو، +آباد رهن، +هر جنجل کان آزاد رهن، +منهنجا مارو، +منهنجا ماڻهو، +خوشحال رهن، +ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت، +عظمت جا اهڃاڻ سلامت، +مارو مُرڪن، +چهرا چمڪن، +شال! اسان جي پڳ سلامت، +دنيا ساري، جڳ سلامت، +راڄ سلامت، ڀاڳ سلامت، +پورهو، پنڌ ۽ ماڳ سلامت، +ڌرتي ماءُ! او ڌرتي ماءُ! +شل! نه لڳئي ڪو سو واءُ +اسين ٻچڙا آدم شاهه جا، +اسين فقير ميان نصير جا، +تنهنجي جهولي ۾ جهُلون، +پلجون، نپجون، +وڌئون ويجهون! +چئو الله توهار! +اچو ته شهيدن جي رت جي، +ساک کڻئون، +اسين اولاد آدم شاهه جو، وچن ڪريون! +چئو الله توهار! +مرتب: عبدالله خان مگسي) +”آزي“ جو مستعمل متن +· آزي اکيندئي هون – الله رسول دئي اڳئون +پنجتن پاڪ دئي اڳئون +شاهه ويران، حضرت ميان جونپوري دئي اڳئون +اسان آزي اکيندئي هون وليين شهيدين دئي اڳئون +مرشد ميان حضرت آدم شاهه عباسي ڪلهوڙا- فقير دئي دائري دا لوڙها، +جيوئي مرشد- تون آزي تي راضي ٿي! +صدقي ميان محمد دائود دئي، +صدقي ميان محمد الياس دئي، +صديقي سُهڻي شهيد ميان شاهل دئي +صدقي نَر نصير محمد – وڍئي دا ولي، لکين دا ڏاتار، +شيءِ والين دي شيءِ ٿيو ئي +آکو فقير ”الله توهار“! +· اسان آزي اکيندئي هون شهيد ميان دين محمد طريل +جيڪو سُڻي ساجهر سويل +آزي اکيندئي هون بزرگين، وليين، شهيدين دئي اڳئون +مُرشدا! .... تون آزي تي راضي ٿي! +اسان آزي اکيندئي هون حضرت ميان يار محمد سائين دئي +آزي اکيندئي هون ميان مير محمد دئي اڳئون +آزي اکيندئي هون ميان شاهه حسن ڪاڇي دا والي +وڃي نه ڪئي سوالي خالي +آزي اکيندئي هون صدقي ميان نور محمد دئي +آزي اکيندئي هون ميان مراد ياب دئي +آزي اکيندئي هون ميان غلام شاهه گُل دئي اڳئون +جنهن دا سنڌ سرئي وچ سُرها هُل +آزي اکيندئي هون شهيد ميان سرفراز دئي +آزي اکيندئي هون شهيد ميان غلام نبي دئي +آزي اکيندئي هون ميان عبدالنبي دئي اڳئون +مُرشد چڙهي ڪمان +رُڪ دا گهوڙا، لوها لغام! +شيءِ والين دي شيءِ ٿيوئي +سڀ مِل فقير آکو:”الله توهار“! +· جيوئي مرشد ڪالي کٿي- اڇي ٻَچي دي پارت هو وَئي جيوئي مُرشد! +مَٽي، ديڳ، ٻڌي- تيڏي ساوي سَڀر هووئي +فقيرين دا ٻول سِراڻ هووئي +مُرشدا!.... اڳ سُونهان، پُٺ پاکر ڪرين! +ڌاڳي سڳي ڪون مُهت مانُ ملي +عزت عظمت تي شان ملي! +آکو فقير:”الله توهار“! +· آئو ته جهوليءَ جَهلون ڌڻيءَ دئي دَر، +مولا، شل سنڌ سِرئي ڪُون آباد ڪرين، +چهر جنجل پريشاني ڪون معاف ڪرين +ميڏئي ماُرو ميڏئي سانگي ڪُون آباد ڪرين +ماُرو مُرڪن، چهرئي چَمڪن +شال اسان ڏِي پڳ سلامت +پورهيا پنڌ ماَڳ سلامت +دنيا ساري جڳ سلامت +اي ڌرتي امڙ..... لڳي نه تيڪون ڪوسا واءُ +اسين اولاد شهيد ميان آدم شاهه دئي +اسين فقير مرشد ميان نصير محمد ڳاڙهي والي، +سُهڻي ساڙهي والي، بگي قُبي والي دي، +اُنهين دي جهولي مين جُهولون +اُهندئي اڱڻ تي پلجون +وڌون ، نپيجون +سڀ فقير آکو:”الله توهار!“ +· آزي اکيندئي هون +مُرشد!....... تون آزي تي راضي ٿي! +شيءِ والين دي شيءِ ٿيوئي +صدقي شاهه گاجي – ڌوءنڪ دا ڌڻي +صدقي شاهه گودڙيا +صدقي شاهه عنايت ڏندُو +صدقي شاهه پنجي سُلطان دئي، ڪِرڪِ ڪَريو نه ڪرين +کِکيِ دي کاري، دي پارت هووَئي +چايا بار توڙ نڀاوين +ادلي گدلي تيڏئي فقير، سَنئين! +اسان تيڏئي دَر عرض ڪريندئي، هين +تون الله ۽ پاڪ رسول دئي در تي سُوال اگهاءِ +مُرشد!.......تون ئي ڪامل اَهين! +صدقي سوا لک فُقرا دئي.... راضي ٿي. +· چڙي چاندني، ڪک پن دا خير.......! +هندو مسلم سک دا خير....! +مُرشد!.... سَڏ نال گڏ ٿي! +چڙهي ڪمان: +”مرشد آيا،... راضي ٿيا!“ +”آزي منظور.... مدد يا رسول!“ +”مُرشد آيا.... کِل مِليا!“ +فقير مُبارڪان- +”الله توهار“! .... ”الله توهار“! +(مرتب : ميان امير بخش خان ڪلهوڙو) +ماخذ +(1) تايخ سنڌ (ڪلهوڙا دور) غلام رسول مهر، سنڌي ادبي بورڊ +(2) ”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“،مرزا عباس علي بيگ،سنڌالاجي. +(3) ”جنت السنڌ“ ، مولائي شيدائي. +(4) ”تمدن سنڌ“، مولائي شيدائي. +(5) ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“، پروفيسر عبدالله مگسي. +(6) ”جان جان هئي جيئري“، پروفيسر عبدالله مگسي. +(7) ”مهدوي تحريڪ کان ميانوال تحريڪ تائين“ ، ڊاڪٽر لياقت مگسي (روزانه ”جاڳو“) +(8) ”ڳاڙهي: تاريخ جو وسريل ورق“، ڊاڪٽر لياقت مگسي (روزانه ”جاڳو“) +(9) ”سنڌ جي آزاديءَ جو امام – ميان نصير محمد ڪلهوڙو“، محمد ملوڪ لنڊ (ماهوار ”پورب“ ڪراچي) +(10) ”سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار – ميان يار محمد ڪلهوڙو“، ڊاڪٽر لياقت مگسي. +(11) ”واليءِ سنڌ - ميان نور محمد ڪلهوڙو“،مرتب:ڊاڪٽر محمد لائق زرداري. +(12) ”تاريخ سنڌ“، (انگريزي ۾) مرزا قليچ بيگ. +(13) ”تحفته الڪرام“ قانع. +(14) ”لب تاريخ سنڌ“،خداداد خان. +سائل پيرزادو +گيت گلن جا هارَ هٿن ۾ +(مير محمد پيرزادي جي گيتن جو فني ۽ فڪري جائزو) +انسان جي پيدائشي طور اها فطرت رهي آهي ته هو يڪسانيت مان بيزار ٿي پوندو آهي ۽ وقت به وقت ڪا نئين ڳالهه، نئون لب لهجو، نئون رشتو ناتو يا نوان نظارا وغيره ڏسڻ جو عادي آهي. شايد اُنهيءَ جي ان پيدائشي فطرت جي ڪري ئي خدا تعاليٰ هن ڪائنات ۾ نت نت نيون ڳالهيون پيدا ڪيون آهن، جيئن هڪ سال ۾ چئن موسمن جو نمونو. اُنهن موسمن ۾ جهُڙن، بادلن، مينهن، مختلف وڻن ۽ ٻوٽن جو ڦوٽهڙو ٿيندو آهي، جنهن سان فضا ۾ نواڻ پيدا ٿيندي آهي. اُن کان مختلف موسمن جي گلن ۽ ٻُوٽن جي نئين سر چاهنا ۽ تازي خواهش پيدا ٿيندي آهي. جيڪو پابند هوندو آهي، سو آزاد تي رشڪ ڪندو آهي، ته آزاد وري پابند کي خوش سمجهندو آهي. ان ئي طبيعت جي ڪري ڪي ڪي جينيس (عبقري) انسان تخليقڪار بنجي پوندا آهن. ڇو ته هو موجوده ماحول مان بيزار ۽ ان کان بهتر جي تلاش ۾ هوندي پنهنجي فن رستي ماڻهن جا مزاج پڻ نواڻ پسند بنائيندا آهن. +اُن سڀ جي باوجود جيڪا ڳالهه يڪسان ۽ هڪجهڙي پسند ڪئي ٿي وڃي ۽ جنهن سان ڪنهن جو به اختلاف نٿو ٿي سگهي ۽ جنهن کان اڄ تائين بني نوع انسان ڪڏهن به بيزار نه ٿيو آهي، سا آهي ”جمالياتي حِس يا ڪيفيت“ جنهن جي ادراڪ جو ڪنهن ڪنهن کي شعور به هوندو آهي، پر ڪي لاشعوري طور به اُن ۾ محو رهندا آهن ۽ حظ حاصل ڪندا رهندا آهن. اِها جمالياتي ڪيفيت يا حِس جنهن جي جيتري شدت سان اثرانداز ٿيندي، اوترو اُهو ماڻهو حساس ليکيو ويندو. هڪ طرف انسان جو ٿوري ئي ”جمالياتي ڪيفيت کان شديد متاثر ٿيڻ وارو لاڙو هوندو آهي ته ٻئي طر اُن جمالياتي ڪيفيت جي ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ٿيندي آهي ۽ اُن جي مٿانهين سطح خود شناسائي ۽ آخر ڪار خدا شناسائي جي سطح به ماڻي ويندي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو تصوف جي پوئلڳن وٽ به پهرين منزل”جمالياتي ڪيفيت“ ماڻڻ واري هوندي آهي، ۽ آخر ۾ اُن سموري جماليات جي ذريعي طور ذات الاهيءَ کي ڄاڻايو ويندو آهي، جنهن جو بنياد قرآن پاڪ جي اِن آيت کي بنايو ويندو آهي ته:”الله جميل و يحب الجمال“ (يعني الله تعاليٰ حسين آهي ۽ حسن کي پسند ڪري ٿو.“) جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه چيو آهي ته: +سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم، +وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ريءَ، +اِن سونهن جو احساس وجداني به آهي ته مادياتي به آهي. خاص طور تي مادياتي احساس، انساني محسوساتي حِس رستي پوندو آهي، ۽ وجداني اثر طبيعت جي حساب سان اندر مان جذبن کي ڇيڙي ۽ انسان جي وجداني ڪيفيت ترتيبن ڪندو آهي. پر اُن جي به حصول جا رستا سڀ جا سڀ مادياتي ٿيندا آهن. مثلاَ: انساني باهمي رشتا ۽ ناتا، ماڻهن جي من جون موسمن آهر ڀاونائون، گلن ڦلن ٻوٽن جي ڦوٽهڙي کي ڏسندي سڪون واري ڪيفيت طاري ٿيڻ وغيره. اِهي سڀ اُن جمالياتي ڪيفيت کي وجداني طور تي اُڀارڻ جا ذريعا آهن. هن سماج ۾ رهندڙ انيڪ انسان پنهنجي پيٽ گذر ۽ ٻين سماجي ضرورتن جي پورائي جي گهاڻي ۾ رات ڏينهن پيڙجي رهيا آهن ۽ هڪ لمحي لاءِ به اُنهن کي ايتري فرصت ناهي ته بهار جي بوندن مان مزو ماڻي سگهن، يا چيٽ جي چانڊوڪيءَ جي ٿڌڪار محسوس ڪري سگهن. هنن ڪڏهن به سرءُ جي سانجهيءَ جي نماڻائي چيت لائي نه ڏٺي آهي.ڪنهن وڇوڙي ۾ کنيل ٿڌا ساهه ۽ شوڪارا يا ڪنهن جي وِرهه ۾ ڪيل ورلاپن کان وٺي جهيڻين جهونگارن تائين هنن ڪجهه به محسوس نه ڪيو آهي، ته اُن هنڌ تي اُنهن جو پورو پورو اثر قبول ڪندڙن اُنهن شين کي هوبهو ۽ جيئن جو تيئن پنهنجي فن تخليق ۾ آندو ته جيئن انهن کي ٻيهر رائج ڪري عام ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر موقعو فراهم ڪن ته اُهي اُنهن مان بلڪل ائين ئي ۽ اوترو مزو ماڻين جيترو اُن فنڪار، تخليقڪار، شاعر يا مصور محسوس ڪيو هو. اگر اهو ساڳيو اثر ٻڌندڙ ڏسندڙ پڙهندڙ يا محسوس ڪندڙ تي پيو ته گويا اُن فنڪار کي سندس پورهئي جو صحيح معنيٰ ۾ اجورو ملي ويو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اُن جي سڄي محنت ئي اجائي وئي. +1920ع وارو عرصو سنڌ ۾ غزل جي اوج وارو عرصو هو، پر بدقسمتيءَ سان غزل کي اُن وقت اُهي شاعر مليا، جيڪي بلڪل لڪير جا فقير هئا، جن غزل جي ٽيڪنڪ کي ته ٺهيو، پر اُن ۾ ڪم ايندڙ ماحول ۽ پيش ٿيندڙ ٻوليءَ کي به ايراني رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪرڻ جي غلطي ڪئي. اُن وقت جا سنڌي شاعر پرائيءَ نقاليءَ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻندا رهيا. علم عروض جي اچڻ سان گل ۽ بلبل، شمع ۽ پرواني، جام ۽ صراحي، شراب ۽ شباب، چشم آهو، غنچئه دهن جهڙيون تشبيهون ۽ روايتون به شاعريءِ ۾ داخل ٿي ويون ۽ سنڌي شاعريءَ مان ايراني شراب جهڙي بوءِ اچڻ لڳي. +انگريزن جي دور جي پوئين اڌ يعني ويهينءَ صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي بعد سنڌ جي هڪ سڄاڻ شاعر ڪشنچند ”بيوس“ محسوس ڪيو ته اسان جي شاعري ۽ اسان جي تهذيب، اسان جي روايتن ۽ عام ماڻهن کان پري ٿيندي پئي وڃي، جنهنڪري پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي وڏو ڇيهو رسي رهيو آهي. اِن ڪري هن عروضي قاعدن کي ڪجهه سادو بنايو ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي ٻيهر زنده ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ کي ”ڇند رچنا“ تي رچڻ شروع ڪيو، جنهنڪري اسان جي شاعريءَ کي ڌارين تشبيهن ۽ ڌارئي ماحول کان آجپو نصيب ٿيو ۽ ديسي تشبيهن ۽ ديسي ماحول جو استعمال شروع ٿيو. +اُن عرصي ۾ علم عروض جي پابندين ۽ غزل جي مصنوعيت واري ماحول کان تنگ اچي ماڻهن ۾ معصوميت، فطري ماحول ۽ سادگي ادائگيءَ لاءِ چاهه پيدا ٿيو، جنهن هڪ دفعو وري ڪلاسيڪي صنفن دوهي، بيت، وائي ۽ ڪافي، کي واپس سنڌي شاعريءَ ۾ آڻڻ جون ڪوششون شروع ڪرايون، ته ٻئي طرف اُنهن جي ماحول، ادائگي، ڪردارن جي معصوميت ۽ سادي پيرايي وغيره جي هڪجهڙائيءَ ۽ عورتاڻي روپ ۾ آلاپن سبب ”گيت“ کي سنڌي ادب ۾ جاءِ ته ڇا ڏني، ڄڻ ته شاعري جي بند ٿيل واهڙ جي مُنڍ کُلي پيو ۽ اُهي بيٺل واهڙ وهي هليا. ڪشنچند ”بيوس“ کان وٺي ”بلبل“ کورواهيءَ تائين اٽڪل پنجاهي کن اهڙا شاعر آهن، جن نه رڳو گيت لکيا پر اُنهن جي گهاڙيٽي، اسلوب، مواد ۽ پيرايي وغيره ۾ خاص تجربا پڻ ڪيا. جن ۾ هوندراج دکايل، کيئلداس فاني، هري دلگير، لطف الله بدوي، عبدالڪريم گدائي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، نياز همايوني، شيخ عبدالرزاق راز، تنوير عباسي، بردو سنڌي، گوروڌن ڀارتي، شاهنواز شاهه، عارف الموليٰ، شمشير الحيدري، ڪمل ڪيولراماڻي پياسي، سروپچندر شاد، بشير مورياڻي، قيوم طراز، بلاول پرديسي، منظور نقوي، عبدالجبار جوڻيجو، محسن ڪڪڙائي، احمد خان مصراڻي، استاد بخاري، ذوالفقار راشدي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، رحيم بخش قمر، تاج بلوچ، قمر شهباز، امداد حسيني، آٿم ناٿن شاهي، الطاف عباسي، فتاح ملڪ، غلام حسين رنگريز، راشد مورائي، تاجل بيوس، ناشاد، مير محمد پيرزادو، انور پيرزادو، مسرور پنائي، اطهر منگي، اياز گل، نصير مرزا، مختيار ملڪ، تاج جويو، ماٺيڻو اوٺو وغيره اچي وڃن ٿا. +گيت جو منفرد رنگ ۽ گهاڙيٽو، جنهن ۾ اُهو بيت، وائيءَ، دوهي ۽ ڪافيءِ کان علحده ۽ن الڳ ٿلڳ ٿي بيهي ٿو، اُن متعلق ڪيتريون ئي وصفون ۽ تفصيل آيل آهن، پر اسان هتي محترم نبي بخش خان بلوچ جي ”گيت“ متعلق راءِ ڏيڻ ضروري سمجهون ٿا” ”جڏهن کان انسانن ۾ پيار جو جذبو پيدا ٿيو ته منجهن محبتن جون پچارون پيون ۽ ورهه واري وڇوڙي ۾ گيت ذريعي پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو ذڪر ڪيو. جڏهن مندون موٽيون، واهوندا وريا يا سانوڻ جي کنوڻ ٿي ته پرديس ويل سڄڻن جون صحبتون ساري، سڪ مان اُنهن لاءِ گيت چيائيون، جڏهن کان شاديون ۽ محفلون شروع ٿيون ته خوشيءَ جا گيت ڳايائون ته ڪي گيت ماحول جي ڪن اهم واقعن ۽ حادثن کان متاثر ٿي جوڙيائون.“ (لوڪ گيت: مقدمو، ص1) +”ننڍي کنڊ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ابتڙ امن ۽ سڪون جي زندگي وڌيڪ بسر پئي ٿي آهي. هتان جي حاڪمن تي ٻين ملڪن جي هاڪارن ضرور حملا پئي ڪيا آهن، پر مقامي ماڻهو پاڻ ۾ عربن جيان رتو ڇاڻ ڪري ڪونه وڙهندا هئا ۽ نه ئي يورپ وانگر هتان جي رياستن جي وچ ۾ خوني جنگيون ئي ٿينديون رهيون آهن. نتيجي ۾ هتان جي مفڪرن جنهن فلسفي جو بنياد وڌو، اُن ۾ انساني قتل ته پري رهيو، پر ڪنهن جيت جڻئي کي به مارڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل هئي. اُن اهنسا جي نظريي ايتري وسعت اختيار ڪئي، جو مَک ۽ مڇر کي مارڻ به ڏوهه سڏيو ويو. ظاهر آهي ته جنهن سرزمين تي انساني زندگي اهڙي سڪون ۽ اطمينان جي هندورن ۾ لڏندي رهي هجي، اُتي جي رهاڪن جو سمورو ڌيان گهرو ماحول ۽ عورتن جي محبت طرف ضرور راغب رهيو هوندو. راجپوتن ۽ اِن قسم جي هڪ ٻن ٻين قبيلن فوجي قبيلن کان سواءِ هندستان جي وسيع سرزمين جي بي انت آبادي سارو ڏينهن نيري اُڀ هيٺان عورتن جي مٺڙن گيتن جي گونج ۾ پوک ۽ لابارا ڪندي رهي ۽ سندس راتيون امن ۽ آرام جي فضا ۾ سهاڳڻين جي رسيلين لولين سان مڌر ۽ راحت ڀريون بنيون رهيون.“ (ابو سعيد بزمي ”هندي کي عشقيه شاعري“ نگار لکنو، هندي شاعري نمبر1، صفحو 69) +اهڙي سازگار ماحول ۾ ”گيت“ کي نپجڻ ۽ پلجڻ جو سئو سيڪڙو صحيح ماحول مليو. اقتصادي نظامن تحت، مردن جو ديد کان گهڻو دور هليو وڃڻ ۽ پوئتي سندن ونين ۽ سينڌين جا اُنهن جي سڪ ۽ محبت ۾ ڪيل ورلاپ، جهونگارن، آلاپ، ڪانگن کي ڪرنشون ۽ پکين رستي پيغامن موڪلڻ جا جتن ڪرڻ، هڪ طرف ان مخصوس معاشي جوڙجڪ جو اڻٽٽ حصو هئا ته ٻئي طرف نٻل نارين جي سماجي پابندين جي باوجود ن��گهاني فطري محبت واري جذبي جي شدت هئي، جيڪا جتي لڙڪن رستي اظهاربي هئي. سڏڪن رستي پالبي هئي، ٿڌن ساهن ۽ شوڪارن رستي ظاهر ٿيندي هئي، تِتي اُن جو چٽو ۽ کرو اظهار ”گيت“ جي ئي صورت ۾ ٿي سگهندو هو. ان ڪري گيت جي صنف جي وضاحت ۾ تاج جويي، پنهنجي ايم اي سنڌيءَ لاءِ لکيل مون گراف” سنڌي گيت“ جي صفحي 7 تي لکيو آهي ته:”گيت ۾ نازڪ ۽ نفيس جذبا، مٺيءَ سٻاجهي، سادي ۽ سلوڻيءَ ٻوليءَ ۾ بيان ڪيا ويندا آهن. وڇوڙي جا وَڍ، پرينءَ لاءِ پڪارون، ساروڻيون ۽ سور، وصل جي اميد، گيت جا اصل عنوان آهن. ٿورن ئي لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته عورت طرفان پنهنجي محبوب جي ياد ۾ اوسيئڙا ڪرڻ، برهه جي باهه ۾ پچڻ، محبوب جي ماڻن ۽ نازن سان گهايل ٿيڻ، محبوب کي ملڻ لاءِ منٿون ۽ آزيون ڪرڻ، سندس ياد کي زندگيءَ جو سرمايو سمجهڻ ۽ اهڙن ٻين جذبن جو منظوم صورت ۾ اظهار ڪرڻ، ”گيت“ جو ٻيو نالو آهي.“ +اهڙيءَ ريت”گيت“ بابت جُڙيل راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ محترم رسول بخش پليجي جي راءِ به سند طور پيش ڪري سگهجي ٿي:”جڏهن جڏهن آس ڪر موڙي اُٿي ٿي، ڪو سُور سنگ ڪڍي ٿو، ڪا اک آلي ٿئي ٿي، تڏهن انسان جي دل ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، ڪجهه ڳائڻ چاهي ٿي. انسان جا سڀ کان نرم ۽ سڀ کان نازڪ احساس، ”گيت“ ۾ ئي سمايل آهن.“ (اياز جا گيت: ماهنامه روح رهاڻ: سيپٽمبر 1966ع) +نگار پاڪستان ” جديد اردو شاعري ۾ گيت ڪي روايت“ مقالي جي صفحي 268-69 تي گيت جي اردو شاعريءَ ۾ داخل ٿيڻ جا سبب ۽ ٺوس دليل ڏنا آهن. ان مان چند سٽون هتي ڏجن ٿيون، جيڪي گيت جي سرجڻ، اُسرڻ ۽ نسرڻ جا فطري جواز پيش ڪن ٿيون ۽ جن منجهان هن صنف لاءِ سنڌ ۾ سازگار حالتن ۽ ماحول جو اندازو ٿي وڃي ٿو:”جديد ارود شاعريءَ جي اڪثر شاعرن وٽ غزل ۽ نظم سان گڏ گيت جا سانچا برابر تيار ٿي رهيا آهن ۽ اُن ۾ عظمت الله خان جي تحريڪ عام ڏسجي ٿي. بحرن جي وسعت، لفظن جو رس، اسلوب جي نواڻ، رديف ۽ قافئي کان بغاوت، مطلب ته هن ظاهري بي ساختگيءَ ۽ ڇڙواڳيءَ جي دؤر ۾ شاعر حسن جا ٻيا پهلو تلاش ڪري رهيا آهن، جن ۾ ٽئگوريت به آهي ته مغربيت به موجوده دؤر جي اردو گيتڪار شاعرن مان ڪيترن وٽ جوش جي شاعريءَ وارو پروپيگنڊائي اثر موجود آهي. مطلب ته اڄ به گيت جا موضوع ڪن ٿورن نون کان سواءِ اُهي ئي آهن جيڪي نظير اڪبرآباديءَ ۽ عظمت الله خان وٽ ملن ٿا. حسن ۽ عشق جا ڪرشما، قلبي احساس، موسم جون رنگينيون، زندگيءَ جون ترجمانيون، بيان جا اسلوب ۽ ادائگيءَ جون طرزون، نظير ۽ عظمت الله خان جي سهاري وري اچي ويا آهن. جتان غزل اُنهن کي ڇڏي جدا ٿيو، گيت جو ماحول نج هندوستاني آهي ۽ هندوستاني سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. فرق رڳو اهو آهي ته گيت،گهرو گيتن کان وڌيڪ پختا معلوم ٿين ٿا.“ +ساڳيءَ طرح سنڌي ادب ۾ موجوده گيت به غزل جيان اسان جي پنهنجي صنف نه آهي. سنڌيءَ جي شاعرن ڪجهه هنديءَ ته ڪجهه اردو شاعريءَ کان اثر وٺي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ گيت کي مروج ڪيو. گيت کي اسان جي ٻوليءَ ۾ شاعرنَ هڪدم جاءِ انڪري ڏني، جو اُهو هڪ ته اسان جي لوڪ گيت سان ملندڙ جلندڙ هو، ٻيو ته اسان جي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان نهايت ٺهڪندڙ ڀچندڙ هو. اُن جو ماحول ۽ پس منظر مشرقي ۽ خالص هندوستاني هو. سنڌ ۽ هند صدين کان وٺي هڪ ٻئي کي تهذيبي رشتن ۾ ويجها پئي رهيا آهن. اِن ڪري اُتان جي ماحول ۽ تهذيب ۾ ڪا خاص اوپرائپ (سواءِ ڪن قومي روايتن جي) نه آهي، ان ڪري اسان جي شاعرن، گيت کي هڪدم قبولي اُن ۾ وڌيڪ تجربا ڪرڻ شروع ڪيا. +شيخ اياز شيخ راز جي شعري مجموعي ”اصنام خياليءَ“ جي مقدمي ۾ صفحي ”د“ تي ان راءِ جو اظهار هيئن ڪيو آهي:”گيت، بيت ۽ وائيءَ وانگر هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ اسان کي پنهنجو ماحول ۽ مقامي رنگ نظر آيو. بيت ۽ وايون ته اسان جون پنهنجون نج سنڌي صنفون آهن. پر گيت هندوستاني صنف آهي، ۽ اُها صنف ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين ۾ سنڌيءَ وانگر پنهنجي شاعريءَ ۾ داخل ڪري ورتي آهي. سنڌيءَ ۾ پهريان گيت ڪشنچند ”بيوس“ لکيا. جيتوڻيڪ اُنهن جو ڳاڻاٽو گهٽ آهي.“ +گيت جنهن جو روح ”جمالياتي ڪيفيت“ آهي، اُن جو مواد ڪنهن ٻيءَ صنف جي صورت ۾ سنڌ ۾ اڳي ئي موجود هو. جيڪو تحت الفظ ۾ به ٻڌايو ويندو هو ته لکيل صورت ۾ به پڙهيو ويندو هو، ته لولين، واين، ڪافين ۽ بيتن (دوهن، دوهيڙن يا ڏوهيڙن) جي انداز ۾ ڳائجندي به ٻڌو ويندو هو. ان سان سنڌي ماڻهن جو ڪن رس توڙي من رس ملي هڪ ٿي ويو هو، ڇو ته هتان جي صدين پراڻي شاعريءَ ۾ چيو ويو هو ته: +ڪنز، قدوري، قافيا، پڙهيو پئي پڙهيوم، +پر سو گس ٻيو ڪو، جنهن سان پرين لڌوم. +(قاضي قاضن) +پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئو، +روئي ڇڙي رات، ڏسي ڏکوين کي +(مخدوم نوح) +پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جَر تي پکي جيئن، +اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾. +(شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو) +ڍول نه کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کڻي پانڌ، +آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان. +(شاهه عبداللطيف ڀٽائي) +واحد وسائيج، دردونديءَ جو ديس، +پرين جي پرديس، اُٺي ايندم اوڏڙا. +(سچل سرمست) +...... +آءُ مينهن الا، لا، +لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا! +ڪاند نپوڙيس ڪپڙا، مانگ ڀڄايس مينهن، الا، لا، +لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا! +پي پي پپيهو پيو ڪري، مون تن اندر ۾ تيئن الا، لا، +لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا! +قاسم مند ملهار جي، توريءَ ڪٽيان ڪيئن الا، لا، +لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا! +(خليفو نبي بخش لغاري) +پريتم مت پرديس پڌاريو، +رت هئي ساون ڪي سانوريا ! +(مصري شاهه) +اُٿاهه روايتي دؤر ۾ به قاضي قاضن چيو ته پرينءَ جو لهڻ، جيڪو زندگيءَ جو مول مقصد آهي، سو ڪنز، قدوريءَ ۽ قافئي جي علم ۾ ماهر ٿيڻ سان به نٿو ملي، پر اُن جي لهڻ جو گس اڃا ڪو ٻيو آهي، ته سنڌ جي وسيع عوامي پسمنظر جي دردن جي ڪرب ۾ رات به روئي پئي آهي، جنهن جا لڙڪ اسان ماڪ جي صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون. اهڙن لوڪ دردن جي نمائندگي ايترين مختصر ٻن سٽن ۾ ڪرڻ مشڪل نه، پر ناممڪن آهي ته دنيا ڀرجي عظيم شاعراڻي ورثي جي هڪ نشاني آهي ۽ دنيا ڀر جي عظيم ترين شاعر ۽ ڪائناتي رازن ۽ رمزن جي عظم پارکو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون هي سٽون نه رڳو هڪ منظر چٽين ٿيون، پر ان منظر جي ڪري اُڀرندي احساس کي به گونگي زبان جي رستي اظهاري وٺن ٿيون. +ڍول نه کڻي ٻانهڙي، پرهه نه کڻي پانڌ، +آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان. +ته اُن دردونديءَ جي دانهن ته،” پرين جي پرديس سي آٺي ايندم اوڏڙا“، اُنهن جي لاءِ جتن ڪرڻ ۽ بارگاهي الاهيءَ ۾ سربسجود ٿيڻ ته” واحد وسائيج دردونديءَ جو ديس“ ڇو ته اِهو شرط آهي ته جيڪڏهن مُند ۾ مينهن وسي پيو ته منهنجو محبوب جيڪو پيٽ گذر ڪارڻ پرديسي بنيو آهي اُهو هن ديس ۾ واپس وري ايندو، جو وسڪاري مان هتي ئي گهڻو ڪجهه گذران جو ذريعو بنجي پوندو. پر اُن کان وڌي ڪن مينديءَ رتن هٿن جو ڪن نارنگي چپن تائين پهچڻ جو سبب ۽ سعيو پڻ اُن کان پوءِ ٿيندو ته اُنهن مينديءَ رتن هٿن ۾ متان، وقت پنهنجا نشان گهنجن جي صورت ۾ ڇڏي ۽ نارنگي چپن کي نيرو ڪري وجهي. اُن کان اڳ ۾ ڪو اهڙو سانگ ضرور رچي، جو هو ”اوڏڙا“ (ويجهڙا) ٿين.، اُن منظر کي اصل پس منظر ۾ ڏسڻ سان خبر پوندي ته هتي جي پراڻين صنفن، بيت، وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي بند بند ۾ ڪيترا نه گيت پنهان هئا. پر اُنهن کي ”گيت“ جي شڪل 1920ع جي سن ۾ ڪشنچند ”بيوس“ ڀلي بعد ۾ ئي ڇو نه ڏني هجي پر ”ڪانڌ نپوڙيس ڪپڙا، مانگ پسايس مينهن“ ۽ ”پريتم پرديس پڌاريو، رت هئي ساون ڪي سانوريا“ سٽن ۾ لکن گيتن جي پيڙا سمايل آهي. ان حساب سان ”گيت“ پنهنجي موجوده صورت ۾ نه ئي سهي پر مواد جي لحاظ کان اسان وٽ صدين کان رائج هو. + + +مٿئين پس منظر ۽ هندي، اردو ۽ سنڌيءَ جي بهترين گيتن جي پيرايي، اسلوب، گهاڙيٽي ۽ مواد کي سامهون رکي مير محمد پيرزادي جي تازي مجموعي ”ليارنيڻن ۾ ڦٽا“ ۾ آيل گيتن جو جائزو وٺنداسون، ۽ ڏسنداسون ته مير محمد پيرزادي گيت سان مواد، مفهوم، ادائگيءَ ۽ بيان توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪيتري قدر نباهه ڪيو آهي. +هر گيت پنهنجيءَ جاءِ تي ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪردارن تي مشتمل هوندو آهي ۽ اُن ۾ پيش ڪيل مخصوس ماحول جي لحاظ کان هڪ ننڍڙي ”ڪهاڻي“ آهي. اُن ۾ ڏسڻو اِهو آهي ته منظر نگاري، ماحول ۽ موسم آهر آهي يا نه؟ جيڪڏهن اُن مطابق آهي ته پوءِ اُن ۾ بيان جي شدت ڪيتري رهي آهي. اُن ۾ ڪردار ڪهڙي طبقي جا آهن ۽ اُنهن جا محسوسات ۽ محسوسات جو اظهار، اُنهن ڪردارن جي ذهني سطح جو آهي يانه؟ اُهو فطري لڳي ٿو يا هٿراڌو پڻو. اُن مان ظاهر ٿي پوي ٿو؟ وغيره. اُن ۾ ڪم آيل ماحول ڪردارن سان ڪيترو ٺهڪندڙ آهي ۽ صنف جي حوالي سان ٻوليءَ ۽ مواد جي ڪيتري ٺهڪندڙ صورتحال آهي. +هنديءَ جي مشهور شاعر ودياپتيءَ (سنبت 1417- 1505) جيڪو ميٿليءَ ۽ هنديءَ جي گاڏڙ گيتن جي بهترين شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، اُن جي هڪ گيت جو ترجمو ميراجيءَ ڪيو آهي، جيڪو مثال طور هتي پيش ڪجي ٿو: +بيت چلي هئي رات +اوڌو +بيت چلي هئي رات! +اب تڪ آئي نهين هئي راڌي، سوچ ڪي هئي يي بات! +اوڌو +بيت چلي هئي رات! +رستي مين سو ڊرڪي باتين بيرن زهري نانگ +ڪوئي نه جاني ڇپ ڪر بيٺا ڪون لگائي گهات +اوڌو +بيت چلي هئي رات! +شرميلي سي ناري سهم سهم نه جائي +اوڌو +بيت چلي هئي رات! +مين ڀي اڪيلا وه ڀي اڪيلي دور هين دونون دور +رات ڪا انڌيرا هئي گهرا ڪالي انڌي رات +اوڌو +بيت چلي هئي رات! +شرميلي نرمل سي ناري وه آئي وه آئي، +اڇا ڪهدي رستي مين تو ڊر سي نهين گهبرائي، +تيري من ۾ ڪون سي شڪتي تجهڪو يهان تڪ لائي، +ودياپتي يه بات سُجهائين، پريم ڪي شڪتي ڀائي! +پريم ڪي شڪتي لائي يهان تڪ، پريم ڪي هئي ڪيا بات! +اوڌو +بيت چلي هئي رات! +اهڙيءَ ريت مير محمد پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ آيل گيتن کي ڏسبو ته اُن ۾ به خيال جي پرواز، بيان جي شائستگي ۽ جذبي جي معصوم ادائگيءَ جا بجا ۽ خوب ملندي. جيڪا بلڪل فطري ڏسڻ ۾ ايندي. مير محمد جي گيت جو هڪڙو بند ڏيان ٿو: +ياد جي مند ۾ وري +ليار نيڻن ۾ ڦٽا! +خيال ٿي پئي کوئيان، دس ڪڪڙن پوئيان! +اڄ به ويو ٽاڻو ٽري! +ليار نيڻن ۾ ڦٽا! +مند اچڻ سان ڪي ٻوٽا ۽ وڻ به ڦٽندا آهن ته ڪي ڦٽل وڻن ۽ ٻوٽن ۾ گل ۽ ميوا به ٿيندا آهن، پر يادن جون مندون ۽ موسمون نيڻن ۾ لال لڙڪ ائين قطار در قطار آڻينديون آهن، جيئن ليارن سان جهنجهيل ڪا ٽاري نيڻن مان ڦٽي نڪتي هجي. اُن منظر ۾ انتظار جي هڪ ڪيفيت آهي ۽ وقت اهو اهي ته ڪڪڙن به پويان دس هنيا آهن، اجهو ڏينهن ٿيڻ وارو آهي، يعني ته جنهن جو انتظار هو، سو اڄ به نه آيو: +چاندني اوتيل فضا آ ڄڻ ڍڪيو گيڙو لباس، +رات جي راڻيءَ سندو ڀي ماڪ ۾ وهنتل آ واس، +چاندني ڪا رات ڍلندي آ جڏهن +ياد ايندو آن تڏهن! +انتظار جي ڪيفيت کي هن گيت ۾ پنهنجي پوري عروج تي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ چانڊوڪيءَ جي هلڪي هئڊي ۽ کير جهڙي اڇي روشنيءَ کي گڏائي، هلڪي گيڙوءَ رنگ سان مشابهت ڏيئي، جيڪا منظر جي اصليت بيهاري ويئي آهي، سا مصوريءَ جو هڪ شاهڪار بنجي پيئي آهي ۽ اُن ۾ رات جي راڻيءَ جي سڳنڌ ملي، اُن کي معطر ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا خنڪ به آهي ته ٿڌڙي آڌيءَ کان پوءِ واري سمي جي رات خودبخود ڪا ياد تازي ڪري ڇڏي ٿي. +ڇڏي چنڊ چاهت وڌائي چري، +وڃي دل به وٽ سان ڏئي ۾ ٻري +جڏهن چاندني رات آهي ڍلي، تڏهن ڪا ته سڏڪي پئي دل جلي، +انهيءَ جا اُوٻارا اچن ٿا پيا! +هتي انتظار واري ڪيفيت جو ڊگهو ٿيڻ يا دير ڪرڻ ۽ ميڻ بتيءَ، لالٽين يا ڏيئي جي وَٽَ سان گڏ دل جو به ٻري وڃڻ ڏيکاريل آهي ۽ اُها چانڊوڪي رات به جڏهن پنهنجي مڪمل رعناين سميت پنهنجي انجام جي طرف وڃي ٿي ته پوءِ انتظار ڪندڙ ڏک جي شدت کان سڏڪي پوي ٿو. جنهن ڪيفيت جا اوٻارا محسوس ڪندي شاعر اُن ساريءَ ڪيفيت کي گيت ۾ سمائي بيان ڪيو، ڄڻ ته خود پڙهندڙ به، نه رڳو اُن کي اکين سان ڏسي رهيو آهي، پر اُن جي پيڙا کي پڻ محسوس ڪري رهيو آهي. +اهڙيءَ طرح هنديءَ جي جڳ مشهور شاعره ميران ٻائي(1504-1603ع) راجسٿان جي هئي، هن جا صوفياڻا گيت زبان جي لحاظ کان سادا، فن ۽ اثر وارا آهن. اهي عقيدتن سان نه ، پر محبت جي احساسن سان ڀريا پيا آهن. مثال طور: +تُمري ڪارڻ سڀ سک ڇوڙيا، +اب موهي ڪيون ترساوو! +برهه بٿا لاگي اُر اندر، +سو تم آڪي بجهائو! +ميرا داسي جنم جنم ڪي +انگ سي انگ لگائو! +مائي مين توليئو رميئو مول! +ڪوئي ڪهي ڪارو، ڪوئي ڪهي گورو +مين ليئوهئي آنکين کول! +ڪوئي ڪهي هلڪا، ڪوئي ڪهي ڀاري +ليئو هئي تارازو تول +تن جا گهنا، مين سب دينا، +ديئو هئي دل ڪو کول! +ميرا ڪا هئي ايک گوڌر، +يهي هئي مائي ميرا قول! +هنن ٻولن ۾ سادي ٻولي، عورتاڻن جذبن سان جهنجهيل ڏسڻ ۾ ايندي، ڪٿي سکن ڇڏڻ جا ڏوراپا ته ڪٿي اندر ۾ باهه جي بٺن جي ڳالهه ۽ پوءِ هڪ ئي صدا ته:”انگ سي انگ لگائو.“ بلڪل واضح ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪٿي به اِهو ٻڌائڻ جي ڪوشش نه آهي ته هو نڪو گورو آهي نڪو ڪارو، نڪو هلڪو آهي نه ئي ڳورو، جنهن لاٽ تن ۽ من جا ڳهڻا(سينگار) به گهوري ڇڏجن. منهنجو ته اهو ۽ فقط اهو ئي آهي، جيڪو اُنهن وصفن سان سَجيل آهي. +مير محمد پيرزادي جي هڪ گيت جو بند آهي ته: +ڪانڍ ڪتيءَ جي جهرڻي ٻڌندي ڇوليون کاڌيون، +پر نه پڳو هو، +اُڀ اڱڻ تي، +ٿڪجي پيو هو، +جهانجهه وڄائي! +عڪس ڪتيءَ سان ڀاڪر پائي +من لڀائي! +زمين تي پاڻيءَ جو جهرڻو آهي ۽ اڻ کٽ مفاصلي تي ڪتي ٽڙي بيٺي آهي. اُن ڏانهن مسلسل اُڀ ۾ نهاري جهرڻو ڄڻ مٿانئس عاشق ٿي پيو آهي ته ڪتي به ڄڻ ته کيس پاڻ ڏانهن سڏي رهي آهي. هو (جهرڻو) ڇوليون ماري ان ڏانهن پڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪا بي سود وڃي ٿي ۽ نيٺ ٿڪجي خود ڪتيءَ جي بجاءِ اُن جي عڪس کي ڀاڪر ۾ ڪري، اُن مان آسيس وٺي دل وندرائي ٿو. اصل ۾ اهو منظر به علامتي طور ڪنهن عورت جي ڏورَ ويل وَرَ/ سينڌي لاءِ ڪيل انتظار جي مبهم يا لڪل وضاحت ئي آهي. +هي چنچل بدن سان گلابي گهڙيون، +جي رابيل مالها سان چمپا چڙهيون، +۽ مينديءَ سان ڪومل هٿن ۾ ڪڙيون، +سي معصوم مک تان ڪڏهن ڪنهن پڙهيون! +انهيءَ تي ڪڏهن آهه سوچيو به تو! +وقت جي اُنهن خوبصورت لمحن جو ذڪر جن ۾ ڪنهن جي ياد سونهن ڀري اُنهن کي امر ڪري ڇڏيندي آهي. انهن جو ذڪر آهي ته اُهي لمحا چنچل به آهن ته بدن به گلابي اٿن، رابيل جون ڄڻ ته مالهائون پايو ۽ چمپا گل تي ٽڪي بيهن ٿا. اُهي گهڙيون يا لمحا مينديءَ ۾ رنگ بنجي ڪن ڪومل هٿن جي ورن وڪڙن ۾ پنهان ٿي پاڻ سمائي رهيا آهن، جيڪو ئي اُنهن هٿن تي مينديءَ جي رنگ ۾ سونهن پيدا ڪرڻ جو راز هون��و آهي، پوءِ اگر ڪو بصيرت وارو ماڻهو آهي ته اُن جون ڀاونائون اُن معصوم مُکڙي تان بلڪل اُنهن کي پڙهي به سگهي ٿو. اُن لاءِ شاعر سڀني کي مخاطب ٿي پڇي ٿو ته ”تو اُنهن تي ڪڏهن سوچيو به آهي.“ يا رڳو گذران جي ۽گهڻي گڏ ڪرڻ جي خفقان ۾ زندگيءَ جا هڪ ئي ڀيري مليل قيمتي لمحا وڃائي رهيو آهين؟ اهو اسان مان هر هڪ جي اڳيان، اسان جي ايڏي خوبصورت زندگي عطا ڪندڙ جو هر وقت اُڀريل سوال آهي، جنهن کان ڪيترو لنوائيندي به اڳي پوءِ اسان کي اُن جو جواب ڏيڻو آهي. +پدماڪر، عشق ۽ سرمستيءَ جا گيت سڌي سنئين پيرايي ۾ ڳايا آهن، هن جي زبان ۽ انداز بيان سادو ۽ سليس آهي. هن جي زبان تلسيداس جي زبان جي مٽ آهي. هن پنهنجي شعر ۾ بي ساختگي ۽ شعريت قائم رکڻ ۾ ڪمال ڪيو آهي. هن جي شعر ۾ حسن ۽ عشق جون تصويرون آهن ۽ جذبات ۽ محويت جون نهرون آهن. پدماڪر، احساسن ۽ جذبن جو شاعر آهي. هن شاعراڻن جذبن جي اهميت سمجهي ۽ پنهنجي من ۾ گم ٿي گيت لکيا. +اسان اڄ جي بحث هيٺ آيل گيتن مان ڏسنداسون ته اُن سلسلي ۾ مير محمد پيرزادي ڪيترو پاڻ موکيو آهي: +تترُ ڪنهن جي ٻولي ٿو ٻولي پيو، +ڪيئي راز آواز کولي پيو، +جنهين تي اچي سج آ رولي پيو، +سڄو ڏينهن ڪنهن کي ٿو ڳولي پيو؟ +انهيءَ تي ڪڏهن آهه سوچيو به تو! +پرهه ويلي گهاٽن جهنگلن ۽ ٻيلن مان تترن جو ٻولڻ به عجيب منظر پيدا ڪندو آهي. هڪڙي موسيقي جڙي ويندي آهي. جنهن جي ٻولن سمجهڻ کان سواءِ به اُن مان پوريءَ طرح لطف اندوز ٿبو آهي. هن گيت جي هن بند ۾ گويا پدماڪر جي گيت واري سادي پيرايي ۽ مانوس ماحول رستي جيڪا درد جي اظهار ۾ شدت پيدا ڪئي ويئي آهي. اُها اُن منظر جي ڪنهن به هڪ عنصر ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندي، پر اُها فنڪار جي (مير محمد پيرزادي جي گيتڪار شاعر جي حيثيت ۾) پنهنجي ڪيفيت آهي، جيڪا منظر ۾ پيهجي، اُن منظر کي اوچي پد ۽ اظهار جي وسعت ۾ شدت پيدا ڪرڻ جو باعث بني آهي ۽ خاص ڪري اُن ۾ سج کي ڪنهن جي کوج ۾ سڄو ڏينهن سرگردان ڏيکارڻ واقعي به ڪردار جي ڪيفيت واضح ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿو ڇڏي. +ٻئي گيت جو هي بند اِن سلسلي ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو ته: +اُهي پير ڪومل ڇپر جي ڇنا، کنيون سور جيڪي زماني ڏنا، +تنهنجي نيڻن ۾ دل ٿي چئي ننڊ ڪيان! +ڪنهن جي تلاش هلندي جاچيندڙ ڪردار جي ڪومل، نرم ۽ نازڪ پيرن جا ڇا حال بيهن ٿا، جڏهن اُهي سخت چوٽيارن ۽ نوڪدار پٿرن تي لڳي لڳي ڦٽجي پون ٿا ته اُن اذيت ڏيندڙ صورتحال کي پهرين ٻن سٽن ۾ ڏنو ويو آهي. اُن مان ڪردار جي ڀوڳيل پيڙا جو پتو پوي ٿو. ان جا ٿڪ، اوجاڳا ۽ اُلڪا به محسوس ٿي وڃن ٿا. سموري دنيا جي اِنهن طعنن تنڪن وارا سور ساڻ کڻي، ٿڪجي ٽٽي ۽ پوءِ اُن سموري مصيبت جي ازالي طور خواهش اها آهي ته ”تنهنجي نيڻن ۾ دل ٿي چئي ننڊ ڪيان!“ ائين پيو محسوس ٿئي ته اِهي ڪنهن رڻ ۾ ٺريل رات جهڙا پُرسڪون هوندا، جيئن اياز چيو آهي ته: +نهٺا نيڻ پرينءَ جا ايئن، جيئن رڻ ۾ رات ٺري، ڪوئي ڪيئن ڪري! +تو ۾ ڪيڏو هٺ اياز، هن جا نيڻ نماڻا ها. +هنديءَ جي ديواني شاعر نرالا(جنم 1953ع) جي گيت جي هڪ سٽ آهي ته: ”بشا پريه اُرشين سک ڌن، سارياڪ اسارِ، ڪهه.“ +مطلب: بشا (رات پريه(پرين/محبوب) جي اُر(سيني يا ڇاتين) تي ڇانئجي ويئي آهي. +ته مير محمد پيرزادي جي گيت جو هڪ بند آهي ته: +تنها آڳنڌ تي تون ننڊ ۾، +چنڊ نشيلي، تنهنجو چهرو، +ڪيئي ڀيرا چميو جو هو، توکي ڪير ٻڌائيندو؟ +جهڙيءَ طرح نرالا رات کي محبوب(عورت) جي ڇاتين تي ڇانئجڻ ڏيکاري چيو آهي ته اها محبوب کي ڀاڪر پائي ستي پئي آهي، ته اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي گيت جي هن بن�� ۾ چيو آهي ته چنڊ چانڊوڪيءَ جي نشو پي تنهنجي گلاب مکڙي کي تنهنجي ننڊ جو فائدو وٺندي اڻ لکو چمي رهيو آهي، جنهن جي صبح جو جاڳڻ کان پوءِ توکي خبر نه هوندي ته رات چنڊ ڇا پئي ڪيو. اهڙيءَ طرح: +اَوشا سان آ ماڪ ٻکي ڏس، پوپٽ گل سان هاءِ سکي ڏس، +جيءُ چوي ٿو هاڻ، +ڀلا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ! +ته هن بند ۾ به پاڻ پنهنجي محبوب کان جدا هوندي ٻين جدا جدا چاهيندڙن جي ميلاپ جو ذڪر ڪري، ميلاپ جو منظر گهڙي پوءِ من جي زباني چوي ٿو ته ان سمي به جي تون ساڻ نه آهين ته پوءِ مون کي پنهنجي جياپي جو ڪوبه جواز سمجهه ۾ نٿو اچي ته ”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ.“ +رومانوي روايت جي وڏي نمائنده شاعره مهاديوي ورما آهي. هوءَ سنبت 1964ع ۾ ڄائي. وٽس آفاقي جذبن سان گڏ داخلي سوز ۽ گداز گهڻو نظر اچي ٿو. هن جي گيتن ۾ ڏک ۽ اُداسيءَ سان گڏ اٿاهه پيار جو جذبو به ملي ٿو. هوءَ هڪ عورت جي اهڙي دل کڻي آئي آهي، جنهن ۾ سهپ جي حد درجي جي طاقت آهي. هيءَ ڏک وقت به رومانوي جذبي سان دل موهي وٺي ٿي. هن ابهام ۽ پيچدگيءَ کان هٽي ڪري سادگيءَ، ميٺاج ۽ داخليت طرف گهڻو ڌيان ڏنو. ڏک لاءِ سندس هيءَ راءِ آهي ته: +”ملن ڪا مت نام لي، ميئن رورهه ۾ هي چور هون.“ +هن وٽ زندگي ۾ محبوب ازليءَ کان جدائي ۽ تڪليف ڏيندڙ وڇوڙي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن درد فراق جا گيت وڏي چاهه ، محويت، ميٺاج۽ سرمستيءَ سان ڳايا آهن. مهاديوي ورما جي گيتن جي زبان ۾ جذبات جي لطافت ۽ شيريني ججهي آهي. هن جي گيتن ۾ سادي سلوڻي زبان استعمال ٿيل آهي جنهن ۾ شعريت به ڀريل آهي، هن جا گيت سادگيءَ سونهن ۽ رس جو سهڻو سنگم آهن: +ڪيا امرون ڪا لوڪ ملي گا تيري ڪرو ناڪا اپهار، +رهني دوهي ديواري يي ميري مٽني ڪا اڌڪار. +هتي اگر مير محمد پيرزادي جي گيت جو هيءَ بند ڏجي ته بيجا نه ٿيندو: +وڳر ۾ ويڳاڻي، نه سينڌين صحي، +نه پالي پُڄي، هاڻ مون کان وهي. +اسان ڳالهه توسان نه ڪائي آلي، +ٺهان يار توريءَ نه مورئون ٺلهي، +انهيءَ جا اُٻارا اچن ٿا پيا! +هن بند ۾ شاعر اُن عورت جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا پنهنجي محبوب جي آسري تي ڪافي انتظار ڪري چڪي آهي ۽ مجبور ٿي چوي ٿي ته :”آءٌ سرتين جي وڳر ۾ توکان سواءِ ويڳاڻي لڳي رهي آهيان. سهيلين ساڻ صحيح معنيٰ ۾ چاڳ نه ڪري رهي آهيان. هاڻ ته سچ پچ هيءَ وهي، جيڪا امانت آهي، سا به وڌيڪ وقت لاءِ آءُ سنڀالي نٿي سگهان. مون توکان ته اڄ ڏينهن تائين ڪابه ڳالهه وانجهي نه رکي آهي ته اڄ به ٻُڌايان پيئي ته آءٌ توکان سواءِ ڪجهه به نٿي ٺهان ۽ آخر ۾ ڪردارن جي اندر مان اهي اوٻر جيڪي نڪري رهيا آهن سي محسوس به ٿين ٿا. +اردو شاعريءَ ۾ عظمت الله ۽ نظير اڪبر آباديءَ کان پوءِ ميراجي ۽ عبدالحميد عدم بهترين گيت ڪار آهن. ميراجي چيو: +ڀرلي امرت پيالا پياري +ڀرلي امرت پيالا! +اس ۾ ڇپا هئي درد ڪا دارون، لهر لهر ۾ سک ڪا جادو، +اس پيالي ڪا امرت ميٺا، سوچ مٽاني والا، پياري! +ڀرلي امرت پيالا! +اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي جي هن بند تي نظر ڪبي ته ساڳيو لب لهجو، سادگي، ادائگي ۽ مواد ڏسڻ ۾ ايندو: +جا پيالن ۾ پئي مڌُ ٺري +۽ سومهڻين ۾ سونهن ڀري، +ڪو تن ۾ توريءَ ڪيئن ڪري، +بي چين خوشيون اڄ کائن ٿيون! +پيالن ۾ ٺرندڙ مئي پنهنجي جوڀن کي پُڄي ڪنهن پيئندڙ جي سومهڻينءَ ۾ سونهن ڀري رهي آهي ته اُن سمي اُن جي من جو ڪاڍو اڃا به پرينءَ ڏانهن سرس ٿي ويندو ۽ اُن جي غير موجودگيءَ ۽ کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. پوءِ اُن ماحول طرفان پيدا ٿيندڙ خوشيون، سڪون ۽ چين بخشڻ بجاءِ کائي رهيون آهن. اِن ۾ به درد جي شدت سادن سودن لفظن جي وسيلي بي انتها وڌائي ويئي آهي، يا هن بند ۾ ڏسبو ته: +چانڊوڪيءَ سان رات ٺري اڄُ، +آيو ٿي مهمان وري اڄ، +چنڊ چنبيليءَ پاڻ، +ڀلا مان جيئان ڪنهن جي ڪاڻ! +چانڊوڪي رات ٺرڻ جي سمي چنبليءَ سان چنڊ گويا ٻکجي وڃي ٿو. تڏهن تڙپندڙ ڪردار کي پرينءَ کان سواءِ جيئڻ جو ٻيو ڪو جواز سمجهه ۾ نٿو اچي. +ڪشنچند”بيوس“ گيت کي نه صرف سنڌي شاعريءَ ۾ آندو، پر اُن جي اوج لاءِ رستا به ٺاهيا، جنهن لاءِ سيد حسام الدين راشديءَ کي چوڻو پيو ته:”شيخ اياز گيتن کي سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ڪيو.“ (سنڌي ادب صفحو 7) جون 1963ع واري ”نئين زندگي“ جي صفحي 10 تي اياز جي گيت جي شاعريءَ ۾ محنت جو اعتراف هيئن آندل آهي:”اياز جا گيت سنڌي رومانوي شاعريءَ جو مظهر آهن،جن ۾ اياز اسان کي سونهن ۽ سڪ جي جستجوءَ ۾ جوڳي بنجي جهان جهاڳيندي نظر اچي ٿو. اها شاعري سندس جمالياتي احساسن، جذباتي هيجان ۽ تخيلاتي عروج جي حامل لڳي ٿي. اِن شاعريءَ ۾ اياز فطري نظارن جي دلڪش تصوير ڪڍي ڍنڊ ستارن، صبح سانجهيءَ ، رُڃ رڻ، جهڙ جبل ۽ جهونجهڪڙي کي مخاطب ٿي پنهنجي اُمنگن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي.“ +اسان مٿي بيان ڪيل شاعرن جا مثال ڏيندي، مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جي حوالي سان اهوڏيکارڻ چاهيون ٿا ته پيرزادي صاحب گيت جي تسلسل کي قائم رکندي ڪيئن گيت لکيا آهن ۽ هو ڪيئن ان سٿ جي برابر جو رڪن لڳي ٿو. سنڌيءَ ۾ هن سٽ جو سروان شيخ اياز ئي آهي، ان ڪري اُن جي شاعريءَ جي مثالن سان شروعات ڪريون ٿا: +چند به ساڳيو، رات به ساڳي، بوندن سان برسات به ساڳي، +هر شئي ۾ ڪا ياد رهي ٿي، ڏاهپ جنهن جا ڏنگ سهي ٿي، +ڏک جي ڏولي، سک جي سار، +پيئوڙي يار! جيئو ڙي يار! +ته چنڊ ڀرين راتين توڙي برساتي بوندن وارين راتين ۾ ڪي يادون +پنهان هئڻ جو اشارو هر هڪ دل کي ڪُکندو ته ڄڻ سندس ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ موجوده ڏک جي ڏولي ڏيکاريل آهي، پر سک جي اميد ڪندي شاعر چئي ٿو ته:”پيئندا ۽ جيئندا رهو.“ ان سلسلي ۾ مير محمد پيرزادي چيو آهي ته: +لبن منجهان لوبان وسئي پيو، اگر وسئي پيو اکڙين مان، +عنبر اوتون انگ سنديون، ۽ ٽانگر ٽڙيا ٽهڪن مان +چوڏس چوٽيءَ جو ئي ڦهلي، +چندن واسيل واءُ! +سونهن وڌي سنسار جي! +ڇيڙيو ڇمر ڇهاءُ، +سونهن وڌي سنسار جي! +لبن جي چورڻ سان ائين سڪون اچي ڄڻ ته لوبان جي خوشبوءِ اچي وئي. اکڙيون مٿي کڻي ڏسي ته ڄڻ اگر جي خوُشبوءِ ڦهلجيو وڃي ته سندس انگ/جسم مان عنبر جو اوتون پيون اچن ۽ ٽهڪ ڏئي ته ڄڻ ٽانگر ٽڙيو پون ۽ اوچتو اچي ته سندس جوانيءَ جو چندن جهڙو واس چارئي ڏسائون واسي وڃي ۽ ان سڀ ڪجهه ٿيڻ سان هيءَ سمورو سنسار سهڻو ٿي پوي. جيڪڏهن ڪنهن ڪردار جي آمد سان اهو منظر پراپت ٿئي ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اهو منهنجي محبوب جو اچڻ ٿيو آهي. ان مان گيت جو اهو بند ڄڻ ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ”سينگار“ جي ڪنهن شعر جو بند آهي، جنهن جي ڪابه سِٽ محبوب جي ساراهه ۾ آيل تشبيهه کان خالي نه آهي. +اياز چيو آهي ته: +ڇا هيءَ ڳاڌيءَ سان ڳل لائي، +نير وهائي ويٺي ڳائي، +ڪنهن جي لئه پئي واجهائي، هيءَ ويچاري ڪير! +پنهنجي ڌاري ڪير! +هيءَ پاڻياري ڪير! +ته ان ساڳيءَ منظر نگاريءَ، ماحول، ڪردار ۽ ڪيفيت کي مير محمد پيرزادو رقمطراز آهي ته: +ڳاڌي تي ڪا ڳائي ويٺي، +موسيقي آ نار جي، +ياد پرينءَ جي پار جي! +پوک سندي پيهي تان، ڏس هوءَ هڪلي ٿي پئي جهار، +جنهن جي سامهون ان جا موتي، گڏجي ٿيندي ٻار، +کانڀاڻيءَ سان سينڱ وڃي ٿي ڇڪجي ڪائي سارجي، +ياد پرينءَ جي پار جي! +مير محمد پيرزادي جو هڪ ٻيو گيت آهي: +جلپريءَ جو ڏيک ڏئي، +ٽهڪڙن جي گونج ۾! +ڏيک ڏوران يار جو، +آسراپا اُن سندو. +چنڊ چوڏهينءَ رات جو ٿو چاندنيءَ جي مئي پئي، +ٽهڪڙن جي گونج ۾! +يعني ته چانڊوڪي رات ۾، چنڊ آڌيءَ رات جو چانڊوڪيءَ جو مڌ پي مست ٿئي ٿو ته اُهو هو بهو پرينءَ جو ڏيک بنجي وڃي ٿو. +هري درياني ”دلگير“ جي ڪلام ۾ حسنِ فطرت جا جلوا نظر اچن ٿا، سندس گيتن ۾ روحانيت جو مڙوئي انگ موجود آهي. +هريءَ جي گيتن ۾ ٻوليءَ توڙي موضوع جي لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ جا پرتوا پوندا نظر ايندا. +(ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ صفحو238) +سک جي ننگري هيءَ سنسار! +هير ڏکڻ جي من موهن جيان مٺڙي بين وڄائي، +پشڀ لتائن کي گوپين جيان منوهر ناچ نچائي، +وئي ڳائي، +دل لهرائي، +جهولي ٿي هر ٽارَ، +سک جي ننگري هيءَ سنسار! +ساوڻ راجا آيو سارنگ کوليس ساز سمورا، +ڪارا وار اُکيلي برکا اُپسر پاتا نورا! +بوندون بسرن، +ڇيريون ڇمڪن، +مڌر مڌر جهنڪار! +سک جي ننگري هيءَ سنسار! +ان جي تسلسل ۾ ڏسبو ته مير محمد پيرزادي جو هي گيت ٺهڪندڙ لڳندو: +ڏند چنبيليءَ جا ڄڻ گل، +سونهن سندي واکاڻ وڏي آ، +هٻڪارن جا هيءَ جي هل! +راڳ بڻي ۽ رات ٿي ڇيڙي ڄڻ ته هوا جا يڪتارا، +دلين جا ٿي ديپ جلائي، چانڊوڪي چمڪائي چارا، +رابيلن جا منهن ڌوئي ۽ ماڪ پسائي سر کنڊ سارا، +اُڀ ستارن سان ڄڻ جهل، +سونهن سندي واکاڻ وڏي آ، +هٻڪارن جا هيءَ جي هُل! +ڪينجهر ڇر تي رات لڙيءَ ۾ وينا ويٺو واءُ وڄائي، +مڪڙيءَ تي ملاح اڪيلو گيت سکيءَ جو پيو ٿو ڳائي، +ڄڻ ته مهاڻو ٿي پيو ساڻو، گيتن جي گونجار لڳائي، +ناؤ نچائي ڇولين ڇل، +سونهن سندي واکاڻ وڏي آ، +هٻڪارن جا هيءُ جي هُل! +هري”دلگير“ جي هڪ ٻئي گيت جون چند سٽون آهن ته: +سٽ سٽ ۾ گلاب ۽ موتيو حيرت ڀريو هڳاءُ، +برساتي بوندن جي رم جهم گرجون، گوڙ، ٺڪاءُ، +ڪنول ٽڙن ٿا، ڀئونر ڀرن ٿا، سينور ڀريو تلاءُ، +سورج، ڪتيون، سج، چنڊ، تارا، اوندهه جو به اُهاءَ ! +۽ گيت جو نج پڻو مير محمد پيرزادي جي هن گيت ۾ ڏسبو ته دنگ ئي رهجي وڃبو ته: +هيل به هيڪل ڪٽڻو پوندو، +جوڀن ڪنهن جي مور ته مڃندو، +مکڻي ڪئي آ مور، +سڪ به پئي ٿي پرڙا ساهي! +ڇڏ ته سکي ڙي کيچل هاڻي، +اڄ به نه موٽيو جواني ماڻي، +ناهيان چت ۾ نُور، +ڳالهين جيءُ وڌو آ ڳاهي! +پکي پکين کي ڳر لڳائن، +سڪ ستل کي جيئن جاڳائن، +انبن جهليا هن ٻُور! +جاني آءُ جواني کائي! + + +مکڻي ٻوٽي جو مورجڻ يعني انگورجڻ يا ڦوٽهڙو ڪرڻ ۽ اُن موسم ۽ نظاري جي نتيجي ۾ سڪ جا پرڙا ساهڻ يعني چرڻ پرڻ، اهڙي سمي اگر سڪ وارن کان دوريءَ سبب بي چتائي هوندي ته سکين جو عام رواجي رويو به برو پيو لڳندو يا ڀوڳ چرچو (معمول وارو) به تنگ ڪندو: ڇو ته جيءَ خوش هجي ته جهان ۽ ان جون ڳالهيون به وڻن. اُن ۾ اِهو چوڻ ته”ڇڏ سکي ڙي کيچل هاڻي“ ڇو ته ”اڄ هن کي اچڻو هو، پر الائجي ڇو اڄ به نه اچي سگهيو آهي.“ ڪير؟ ۽ محبوب لاءِ جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون نالو وٺڻ بجاءِ چونديون آهن:”جُڙيو سدائين“ ”ڀلو ٿئيس“، ”جواني ماڻي“ وغيره. سنڌ جون ناريون ذري ذري تي ڳالهه جي تصديق طور چونديون آهن ته:”نور ڀٽاري جو قسم ته ڳالهه هيئن آهي.“ ته اُن وانگر چيو ويو آهي ته ”ناهيان چت ۾ نور“ ان کان پوءِ انبن جي ٻور جي مند ڏيکاري، اُن ۾ پکين جو هڪ ٻئي سان ميل جول ۽ پيار وارو منظر ڏيکاري چوي ٿو ته اهڙيءَ موسم ۾ پرينءَ کان پري هوندي سچ پچ ته جواني کائي ٿي. اُن ۾ منظر ڪشي ۽ ماحول کان وٺي ڪردار جي هر عمل ۾ اُن سان نباهه تائين ف��ري ۽ معصوم ماحول گهڙڻ ۾ شاعر ڪمال ڪيو آهي: +ڪڻڇيءَ وانگي ڪنهن جي ڪارڻ آڌيءَ آئي، +لاتيون لنوندي، سڀ ڪجهه باهي، +ويٺو گيت لکان، +دل ٿي چاهي، +ويٺو گيت لکان! +ته ان سلسلي ۾ اسان مير محمد پيرزادي جي هڪ گيت (ليار نيڻن ۾ ڦٽا: صفحو 85) جو پهريون بند ڏينداسون +سڳنڌ هوا ۾ سانوري سهڻي ڪنهن جي سار آ +منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو مون کان دلبر ڌار آ. +۽ ٻئي گيت جو آخري بند پيش ڪنداسون، جنهن مان پتو پوندو ته ان تسلسل جي ڪڙيءَ تي هلندي هيءُ اسان جو گيت ڪار شاعر مير محمد پيرزادو ڪيتري قدر پورو لهي ٿو: +گهٽا کي جڏهن گهاوَ کنوڻيون ڏين، +سندس نيڻ مان نير ٽم ٽم وهن، +دکي ٿي تڏهن دوست دانهيان پيو، +گيت ٺاهيان پيو! +گيت ٺاهيان پيو! +-- +ٻاهر ڇاٽ ڇمر جي ڇوهي، ڪنهن لئه پنڌ پئين، +اهڙيءَ اوندهه اوجهڙ ۾ تون ڪنهن جا دڳ تڪين +آءُ مسافر! ترس گهڙي کن +ڪهڙي خبر چار آ، +منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو مون کان دلبر ڌار آ ! +بي انتها سهڻو لفظن جو تناسب شايد ئي سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر کي نصيب ٿيو هجي، جهڙو بردي سنڌيءَ کي حاصل آهي. شيخ اياز جي گيتن جي خصوصيت آهي سادگي، روني ۽ ميٺاج، پر بردو سنڌي پنهنجن گيتن ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي حسين منظر ڪشيءَ سان، لفظن جي نهايت ئي ڀڃ گهڙ سان ۽ ڦير گهير سان ٻوليءَ ۾ اهڙو ته طلسماتي اثر پيدا ٿو ڪري جو پڙهندڙ هڪ وار محسور ٿيو وڃي. +“(اکڙيون مينگهه ملهار جو تعارف) +”بردي“ جهڙي گيت جي اُستاد شاعر وٽ سنڌي سماج ۽ اُن جي ڪردارن جو جيڪو نفسياتي ۽ انسان شناسيءَ وارو جائزو ۽ ڳوڙهو اڀياس آهي، اُن بردي کي اُن ماحول ۽ اُن جي ڪردارن جو سچو پچو شارح ۽ بيان ڪندڙ ڪري ڇڏيو آهي. سٽ سٽ ۾ محاورا،چوڻيون، مخصوص لاڙا ۽ لهجا ۽ رويا پيا ڏسڻ ۾ ايندا: +هر وڻ ٽڻ جي ڳُت جهلي پيو ڏئي ڌانڌولا ڇو هو، +نازڪ نيڻ ڇپائي زوريءَ ظالم رائو روهو، +غيرتمند هٺيلي ور جيئن گاج گڙي ڊيڄاري مٺڙا ! +بيٺو آهه الاڙي ! +ٻهراڙيءَ ۾ ائنٿري ۽ اُٻهريءَ عورت کي مرد ڳُت کان جهلي سمجهائيندا هئا. هتي علامتي انداز ۾ هوا جي لوڏڻ کي وڻ جي ڳت جهلي ڌونڌاڙا ڏيڻ ڪوٺيو ويو آهي. منظر جو رائي ۾ لڪي وڃڻ، اُن کي پردي ڪرڻ سان تعبير ڪيو ويو آهي. گاج جي گڙڻ کي ٻهراڙيءَ جي غيرتمند هٺيلي ور سان ڀيٽي، اُن جي گوڙ کي ڊيڄارڻ واري لهجي ۾ اُلر ڪري بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. غرض ته ٻهراڙيءَ جي سموري ماحول کي ڄڻ فلمائيز ڪري ڏيکاريو ويو آهي. +اهڙيءَ طرح اسان جو زير بحث شاعر مير محمد پيرزادو پنهنجي گيت ۾ ”منظر ڪشي“ اِجهو هيئن ڪري ٿو: +وڳر ڪيو گهرن ڏي پکي پيا ورن، امنگ ڪين مورئون ٿا منٿون مڃن، +توهان لئه وري اڄ به آ دل ڀري، +ڀلا چئه ته تنهنجي وئي ڪيئن سري! +وهائو وٺيو واٽ تنهنجي وڃي، پئي تير ڪرڻن جا اوشا سڃي، +پوڪاري چوي ٿي پرهه جي پري ! +ڀلا چئه ته تنهنجي وئي ڪيئن سري! +ڪنهن جي لاءِ ”دل جي ڀرجي اچڻ“ معنيٰ ته روئڻ جي ڪيفيت طاري ٿيڻ ۽ اُن هوندي به محبوب جي نه موٽڻ تي اُن جو چوڻ ته:”ڀلا چئه ته تنهنجي وئي ڪيئن سري!“ وهائوءَ جو الاجي ڪيڏانهن هليو وڃڻ ۽ محبوب جو به ان وانگي الاجي ڪٿي هجڻ لاءِ چيو ويو آهي ته: اهو وهائو به محبوب واري واٽ وٺي الاجي ڪيڏانهن هليو ويو آهي. سج جي خوبصورت ڪرڻن کي تير ڪوٺڻ ۽ پرهه پريءَ جو خود به پُڪاري ڏيکارڻ جذبي جي اظهار ۾ شدت جو بي انتها اظافو ڪري ”بردو“ چوي ٿو ته: +سنهي سنهي سوز جهوريو وري نئون نينهن موريو، +پتنگن به پنهنجو پاڻهي هڻي کڻي ساهه گهوريو، +هڪي ٻڪي هنج ٿي ڪا لڳس ڪنهن جا لڱ پيارا، +جهلي جهلي مونجهه تنهنجي هري موري هانءُ ويڙو، +��ٺو مٺو درد دل کي پيارا تنهنجو ڀانءِ پيڙو، +نڀايان ندوري راتيون تڪي تنهن جا چنڊ تارا. +”نيهن جو مورجڻ“ معنيٰ ڦوٽهڙو ڪرڻ ۽ هڪي ٻڪي ٿيڻ معنيٰ ڌارئي مرد جي اچڻ سان شرمائڻ، ته هتي به ڪنهن جا انگ انگن سان لڳندي هڪو ٻڪو ٿيڻ ڏيکاريل آهي. ”هري مري وڃڻ“ معنيٰ گهائل – مائل ٿي وڃڻ وغيره. ”ڀانءِ پوڻ“ معنيٰ ته مانوس ٿي وڃڻ. ته اِهي اُهي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ آهن جيڪي سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون ئي استعمال ڪنديون آهن ۽ سمجهنديون آهن. +اِنهن ترڪيبن، استعارن ۽ تشبيهن کي ڪسوٽي سمجهندي ۽ ڏسڻو پوندو ته هن وقت گيت جي شاعري ڪندڙن ۽ اُنهن جو استعمال ڪيترو باقي رهيو آهي: +لڪندي ساري لوڪ کان چاهت چوريو چنگ، +ڳالهه پڌري ٿي پيئي! +تنهنجي آئي سکين سنگ ۾ سُن ٿي هڪدم ويئي +ڪنڌ جهڪائي، ڌرتي کوٽي، هيٺ نهاري پيئي، +مرڪ چپن تي، +چگهه ڳلن تي، +وَن وَن ٿي ويس رنگ +ڳالهه پڌر ٿي پيئي ! +........ +پات ڏسين ٿو، ڏنڀ ڏئي ٿي، +وقت هڻي ٽِڪَ بيهي رهه اڄ! +سڏڪا روڪي مرڪڻ جي بيسود ڪري ٿي ڪوشش توڙي، +پوءِ ڀي لڙڪ نه جهلجي پاڻهي ڳل تي لڙندي ڊوڙي، +رٿ هلڻ جي تياريءَ ۾ آ ڏور هلي اڄ هوءَ وڃي ٿي، +وقت هڻي ٽِڪ بيهي رهه اڄ! +اهڙيءَ طرح اسان جي شاعراڻي قافلي جي وڌ کان وڌ سريلي شاعر نارائڻ شيام پنهنجي هڪ گيت ۾ چيو آهي ته: +آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟ +هاڻ ته مڃ، اُٿ ماڻ، مٺي! ڇڏ آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟ +وري حياتيءَ ۾ هيئن مٺڙي ڪڏهن الائي گڏجڻ ٿيندو؟ +ملي گهڙي جا رسندي نبري، اهو خيال ئي ڏک ڏيندو، +رُسڻ ڇڏي، سڪ ساڻ وري سڏ آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟ +سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌي سماج ۾ اِها ئي هڪ عام چوڻي آهي ته”آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟” اُن کي گيت ۾ اهڙي ته خوبصورت نموني ۾ ڪم آندو ويو آهي، جو ڄڻ ته اِهو پهاڪو هئو ئي اِتي ۽ اِن ئي ڪم ۾ آڻڻ لاءِ. اِن ۾ قسمتي طور ملڻ جو ۽ اِن جو به عارضي پڻي جو اُلڪو ئي بکي ٿو. جيڪو گيت جو لازمي مواد آهي. اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي پنهنجي هڪ گيت جي هيٺين بند ۾ اهائي ڪيفيت هيئن بيان ڪئي آهي: +مدتن کان پوءِ ملجي سو به جي شرمائجي، +حال ڪيئن پوءِ اوربا! +چنگ ڪيئن پوءِ چوربا! +ڄڻ ڪليجا ڪوربا! +ماٺ سان مهڻا ڏجن ۽ گهور سان پيو گهائجي! +هيڪلائيءَ ۾ وري اڄ دل گهڻو گهٻرائجي! +ان ۾ خيال سان ڏسبو ته پهرين ملاقاتن وارو تڪلف بلڪل چٽو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ هن ۾: +نينهن جا نورا وري چمڪائجن، +گيت ڪوئل کان ڦري ڪي ڳائجن، +تون بنيو آهين اُداسي هيل ڇو منهنجا هنيان! +چئه ڀلا تان چنڊ ڀي لاهي ڏيان ! +ڪجهه ته چئه ! +اِن ۾ ڪوئل کان گيت کسي ڳائڻ جي چاهنا به عجيب آهي، پر من موجي هينئين کي ڀٽائيءَ به هيئن چيو هو ته: +ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا، نٿو وڻين مون، +جي تو سڄڻ ساريا، سي وس ناهن مون، +ڪڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺا آرا ڪرين. +ته هي به اِن هوڏي هينئين کي ريجهائيندي چوي ٿو ته:” چئه ڀلا تان چنڊ ڀي لاهي ڏيان“ يعني ته ناممڪن کي هوند ممڪن به ڪريان، پر جي رڳو پڪ هجي ته ائين ڪرڻ سان تون راضي ٿيندين. +گورڌن جا ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ ماهنامي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل گيت سنڌي شاعريءَ جو املهه خزانو آهن. هن جا ڪيترا گيت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي پروگرام ۾ ڳائبا رهيا آهن، جن مان ”توکي قسم بهار جو“ گيت تمام مشهور آهي. هي گيت تجرباتي گيتن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ان جي سٽاءُ، بيهڪ، ترنم ۽ لفظي جوڙجڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهي: +فضا ۾ ڦهلي آ سرهاڻ، جيئين شل ماڻ جواني ماڻ +اُڏامن ٿيون مکڙيون چوڌار، لڄارن ڪارن ڀئونرن ڪاڻ، +آ بدليو رنگ +طريقو ڍنگ +اڄوڪي جيون جي گلزار جو ! توکي قسم بهار جو ! +جهليندي ڪيسين ميندي ٻور، پوي ٿو پل پل تنهنجو پور، +رسي جي جوڀن ويو هڪ وار، نه موٽي ايندو مٺڙي مور، +اُڏرندي روپ، +بڻي ڄڻ ڌوپ، +گهڙيءَ لئه سانگ اٿئي سنسار جو، +توکي قسم بهار جو! +سڏي ٿي سونهن پوڪاري پيار، +نه ڪر اڄ الفت کان انڪار، +او سجني آءُ ! +ڪريون پرچاءُ ! +نه آهي وقت هينئر تڪرار جو، +توکي قسم بهار جو ! +اِن ۾ به نظارن سان جهڄي ماحول ڪنهن جي آمد لاءِ آتو ٿو ڪري ۽ اِن ۾ التجا ٿو ڪري ته اهڙي سُهائي سمي ۾ جي باقي تون اچي وڃين ته زندگيءَ کي چار چنڊ لڳي وڃن. اِهو هڪ ڪامياب گيتڪار شاعر جو ئي شيوو آهي، ته هُو پڙهندڙن کي پنهنجي قائم ڪيل راءِ سان متفق ڪري وٺي، جيڪا هن گيت ۾ گوورڌن جي ڪاميابي توهان ۽ اسان سڀني جي اڳيان چٽي ۽ عيان آهي. +اهڙيءَ طرح اسان جي اڄ جي بيان هيٺ آيل شاعر مير محمد پيرزادي جي گيتن هي هيٺين ٻن بندن کي دل جي گهراين سان پرکي ڏسبو ته اُن ۾ اندرين ۽ ٻاهرين قافين، تشبيهن، فطرتي سونهن، سادگيءَ ۽ معصوميت جو دل گهريو سنگم نظر ايندو: +اُڀ ڏي چنڊ لئه ڪين اُڏامي اڄ ڇو ڌرتيءَ ڏي ٿو ڪاهي ! +چوڌاري ڇو ڦيرا ڦائي، ٻلهاري ٿي ۽ گهيرا ٺاهي ! +پرين ستو پيو پلنگهه مٿان آ، چوڏهينءَ جو هي چنڊ ته ناهي ! +چرئي چڪوري جي آ ڀل ! +سونهن سندي واکاڻ وڏي آ، +هٻڪارن جي هيءُ جي هُل ! +اها ڳالهه عالم آشِڪار آهي ته چنڊ لاءِ چڪور بيوسي جي حد تائين لاچار هوندو آهي ۽ مرندي مري ويندو آهي، پر اُن جي چاهت ۾ تر جيتري به گهٽتائي نه ايندي اٿس. پر پوءِ به اِن سڀڪجهه هوندي به هن گيت جي بند ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پلنگ تي سُتل پرينءَ کي ڏسي چوڏهينءُ جو چنڊ سمجهي چڪور بار بار اُن جي چهري تي ڦيرا ٿو پائي. اِن منظر رستي ڄڻ ته اِن چوڻيءَ جي ڊرامائي شڪل هن گيت ۾ ڏني ويئي آهي ته ”منهنجو پرين چوڏهينءَ جي چنڊ جيان آهي.“ اِن دعويٰ کي گيت جي هڪ بند ۾ ڊرامائي انداز ۾ ائين ڏنو ويو آهي جو پڙهندڙ جي اڳيان ڄڻ ته پرين پلنگ مٿان سُتل آهي ۽ چڪور اُن کي چنڊ سمجهي اُن تي ڦيرا پائي رهيو آهي، ۽ شاعر اُن کي ڏسندو رهيو آهي ته ٻئي گيت جي بند ۾ منظر نگاري، قافين جي جڙاوت ۽ فطري جذبن جو اظهار هيئن ڪيل آهي: +جيءَ جي جانيءَ اکين جي ٺار کي، +واءُ شل واري اچي اڄ يار کي! +آ وڻن ويڻا وڄائي، مينهن – ڪڻين جهانجهه آ، +پرهه ٻوليون ڄڻ پهاري، منهن اونداهي مانجهه آ، +ڍار چڙين لار جي ڀڻڪار جي، +رات جي راڻيءَ سنديءَ هٻڪار جي، +جيءَ جهومايو ڇڏي، +يار ڄڻ آيو تڏي! +ڦول – مالها ٿي ڪري سنسار کي، +واءُ شل واري اچي اڄ يار کي ! +هن بند جي پهرينءَ سٽ جي پهرين اڌ ۾ ”ويڻا“ ساز جو ذڪر آهي ته اُن سٽ جي پوئين اڌ ۾ ”جهانجهه“ ساز جو ذڪر اچي ٿو. ٻيءَ سٽ جي پهئرين اڌ ۾ ”پهاڙي“ راڳڻيءَ جو ذڪر آهي ته اُن سٽ جي پوئين اڌ ۾ وري ”مانجهه“ راڳڻيءَ جو ذڪر آهي ۽ اُنسان گڏوگڏ اُن جو قافيو مٿئين سٽ جي قافئي ”جهانجهه“ سان به ملي ٿو. ٽينءَ سٽ ۾ اندران اندر ٽي قافيا آهن: ڍار، لار ۽ ڀڻڪار ته چوٿينءَ سٽ ۾ هڪ خوبصورت ٻوٽي جي خوشبوءِ آهي، اِهو سٽاءُ هن گيت جي ٻين ٻن بندن ۾ جيئن جو تيئن هو بهو هن بند جهڙو ئي آهي. اِن سموريءَ مزيداريءَ جو مجموعي تاثر اهڙو آهي، ڄڻ ته اڱڻ تي محبوب جي آمد ٿي آهي، جنهن سان سمورو سنسار – ڦول مالها جيئن سڳنڌ ۽ رنگن سان ڀرجي ٿو وڃي ته پوءِ چاهيندڙ جو من چوي ٿو ته اِن سموري وايو منڊل جي بدولت شل واءُ سڻائو وري پوي، جنهن جي ڪري منهنجو پريتم اچي پر گهٽ هئي. +امداد حسينيءَ جديد شاعريءَ ۾ اهم مقام والاري ٿو. هن جديد شاعريءَ کي نوان رخ ڏنا آه�� ۽ نواڻ بخشي آهي. هن نظم ۽ آزاد نظم ۾ تمام گهڻا ۽ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. هن جي شعر جي ٻولي ڏاڍي پياري آهي، ان ڪري هُن گيت به تمام سٺا ۽ ڪامياب لکيا آهن. هن لوڪ گيتن جي ڌنن کي جديد گيت ۾ سمائي نوان تجربا ڪيا آهن: +گيت گلن جا هار ڪٿي، هئڙا هار سينگار ڪٿي؟ +ڇيرين جا ڇمڪار ڪٿي، پڪا لال ليار ڪٿي؟ +جيءُ جهڙالو هوندو هو، پر هئڙا ميگهه ملهار ڪٿي؟ +رم جهم ساوڻ ايندو هو پر هئڙي بوند بهار ڪٿي؟ +ڪجليءَ رات جا ڪڪر ڪٿي ۽ ڪار ڪارا وار ڪٿي؟ +کنوڻ اڳي به کلي هوندي پر هئڙا ها کلڪار ڪٿي؟ +منهنجي وس ۾ واڳ ڪٿي هئي، پهچايو آ پيار ڪٿي؟ +پرين جو آ پار ڀلو پر پنهنجا اهڙا پار ڪٿي؟ +نظارن جو ذڪر ڪندي اُنهن کي پرينءَ جي موجودگيءَ ۾ لڳندڙ چئن چنڊن جو ذڪر آهي ۽ خاص ڪري پوين ٻن بندن ۾ ته واهه جي ڳالهه آهي. هڪ ته پنهنجي وس ۾ واڳ ڪٿي هئي. ”پهچايو آ پيار ڪٿي“ ۽ ٻيو ”پرين جو آ پار ڀلو پر پنهنجا اهڙا پار ڪٿي“ اُنهن ۾ ”پار“ لفظ جون هڪ ئي وقت ٻه معنائون ڪم آندل آهن. هڪ پار معنيٰ جوُءِ يا ملڪ ۽ ٻيو پار معنيٰ نمونا يا خصلتون وغيره، اِن ۾ نظارا به آهن، ٻوليءَ جي سادگي به آهي ته فقيراڻي طبيعت به منجهانئس جهلڪيون پائي رهي آهي. +ڇالاءِ نيريءَ ڍنڍ ۾ ترندڙ ڪنول ٻُڏن، +ڪجهه ٻول، ڪجهه ته ٻول، تون موتي ائين نه رول، +تون ٻار وانگي روئي پئين ٿي اي منهنجي دل، +مون وٽ نه شئي نه ٽول، تون موتي ائين نه رول! +هن نيريءَ ڍنڍ ۾ سفيد ڪنول ترندي ڏيکاريل آهن، دل جي ٻار جيان روئي پوڻ ۽ اُن کي پرچائڻ لاءِ ٻار جي پرچائڻ واريون شيون ”شئي“ ۽ ”ٽول“ جو نه هئڻ چئي ان بند کي عظيم بنائي ڇڏيو اٿائين. +مير محمد پيرزادي جا چند گيت ان پس منظر ۾ ڏسنداسون: +ستارن وڄائي ڇڏي سارنگي، چمن چاندنيءَ کي ٿا چپ نارنگي، +لئون لاٿ ٿا سانت مان جڏهن نار، +سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي! +چتن جا وڻن پاس چهڪا ٻُرن، پلڪ پير ۾ ڇير پايو پُرن، +هوائن ۾ هٻڪار جا ڄڻ ته هارَ، +سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي! +ستارن جي سارنگي وڄائڻ، چاندنيءَ کي نارنگي چپن چمڻ جو ذڪر، سانت ۾ نارن جي آوازن جي موسيقي ڇڙڻ ته پوءِ ته واقعي ۽ سموري فطرت هڪ راڳڻيءَ جيئن ڪنهن لئه ۽ ردم جي ڌن تي نچندي نظر اچي ٿي. اُن کان وڌ لفظن جي جادو ڀرڻ جو منظر نٿو ٿي سگهي، جتي ڪو به اجايو لفظ نه هجي. ايتري خالص ۽ بهتر شاعري واقعي ڪو گيت جو اُستاد شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. +ٽِڪ ٻڌي ۽ آءٌ ڏسان پئي پکين جوڙيون ڇتين تي، +چوريءَ پويان هوريان ايندي هٿ رکيا ڪنهن اکين تي، +سکي الاجي هوند ملان هان خيالن ۾ ئي ساجن سان ! +پر تو بن من کي چين نه آ ! +پر تو بن من کي چين نه آ ! +پکين کي جوڙين جي صورت ۾ ڏسندي انسان جي من ۾ به اهڙو اڌمو اٿي ٿو ته ڇو نه اهڙي سمي ۾ آءٌ پنهنجي جوڙ سان هجان. اِن گيت ۾ چوريءَ چوريءَ پوئتان اچي اکين تي هٿ رکڻ وارو عمل ٻهراڙيءَ ۾ نوخيز ۽ چنچل جوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو عام مشغلو آهي. اِن کي گيت ۾ ائين فطري انداز ۾ سموئڻ سان گيت ڪمال درجي جو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ائين چوڻ ته آءُ خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي ساجن وٽ وڃي نڪران ها، پر تو اکين مٿان هٿ رکي منهنجا خيال ٽوڙي وڌا آهن. +سِڪ ڀرئي سڏ تي سرچي، معصوميت جو پيڪر پرچي، +ڇڪر ڀرڻ تي، هات ڪرڻ تي، +جيئن کِلي ٿو يار ! +ڇا ته ٺهي سنسار ! +۽ +تون نه آئين سج وري، ٽِڪ نه چوليءَ ۾ ٻري، +ڀرت سان جا مون ڀري، +ليار نيڻن ۾ ڦٽا! +چون ٿا ته ٽئگور چيو هو ته ”هر ٻار جو نئون جنم ٻڌائي تو ته خدا انسانيت مان نا اميد نه ٿيو آهي.“ اِن جيان هن بند ۾ جيڪو چيو آهي ته هات ڪرڻ ۽ ڇرڪ ڀرائڻ تي جيئن ڪو ننڍو ٻار کلي ٿو ڏئي ته سموري سنسار جي سونهن وڌي وڃي ٿي. اِن ۾ ٻار جي علامت سان معصوميت جو اظهار بهترين انداز ۾ ڪيو ويو آهي. جيڪو بلڪل فطري لڳي رهيو آهي ته ٻئي بند ۾ چوليءَ جي ٽِڪ جي چمڪڻ لاءِ سج جو لازمي اُڀرڻ جيئن ضروري آهي، بلڪل تيئن محبوب جي اچڻ سان سندس چاهنا رکندڙ جي سونهن جو نکرڻ واڳيل آهي. +سروپچند ”شاد“ تمام پيارا پيارا گيت چيا آهن ۽ گيت جي شاعريءَ ۾ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا اٿائين. سندس گيتن تي هندي مڌرتا ۽ هندي لوڪ ڪٿائن جو رنگ غالب آهي. هن ”سانوڻ آيو سانگ ڪري“ ”ٽم ٽم ٽمڪي ڏيئڙو“ ”پيار جو متوالو“، ”روپ ننگر جو مان رهواسي“”پرين آهي دُور“ ”ڇم ڇم ڇمڪي ڇير“ ”آئي رت بسنت“ ”اکڙين ۾ ڳوڙها آڻ“۽ ٻيا ڪيترائي بهترين گيت، سنڌي شاعريءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي، سنڌي گيت کي موڙ ٻڌي، گهوٽ بنائي ڇڏيو آهي. مثال: +تنهنجا گهايل نيڻ ڏسي ڪٿي آءُ نه روئي ڏيان، +اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ! +تنهنجو جوڀن من مندر ۾ جيئين جوت جلي، +تنهنجو مرڪڻ رڻ پٽ ۾ جيئن رات ٺري! +تنهنجون ڳالهيون ڄڻ سُرهاڻ، ڳالهيون ڪر آءُ جهول ڀريان! +اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ ! +۽ +ڇوڙي ڇوهه مان وار چون ٿا: ”چئه ته آئي آهي رات“، +چهرن کي چمڪائي چون:”چئه ڦٽي آهي پرڀات“ +کنڀ کوئي اُڀا ايئن چون:”تون هاڻ ڀلي اُڏام“ +روپ ننگر جو مان رهواسي! +جوڀن کي من مندر جو جوتيءَ سان ڀيٽڻ ۽ مُرڪڻ کي رڻ پٽ ۾ رات ٺرڻ جيان سڪون ڏيندڙ ڪري پيش ڪرڻ ۽ سُرهين سُرهين ڳالهين سان پنهنجي جهول ڀرڻ جي آس لڳائي ويهڻ واقعي به ڪنهن اوچي گيتڪار شاعر جو ٻول لڳي ٿو ته وري ڪارن ٻوهه وسيهر وارن جي ڇڏڻ سان رات ٿي وڃڻ ته چهرن جي چمڪ سان پرڀات جو نکري پوڻ ڪمال درجي جون تشبيهون آهن ته ڪنهن پکيءَ جا پَرَ پٽي چوڻ ته هاڻ توکي موڪل آهي ته ڀلي اُڏام. اهو ئين آهي ته ڪنهن کان دل کسي اُن کي روپ ننگر جو رهواسي بنائي پوءِ چئجي ته اسان ته توکي ڪونه ٿا جهليون، هاڻ تون ڀلي ڪيڏانهن به وَڃُ. +اهي سڀ فلمي منظرن جيان اکين اڳيان پيا ڦرن. اِهو لفظن جو استعمال جو ڪمال ۽ شاعريءَ جو جادو آهي جو بي جان لفظ به جاندار ٿيو وڃن. ان حساب سان مير محمد پيرزادي جي گيتن جا ڪجهه بند هتي مثال طور ڏيئي تڪجن تورجن ٿا ته انهن جو ڪيفيتي ۽ ڪميتي معيار ڏسئون ته ڇا آهي: +سانت ۾ وڻ ٽڻ ساهه سُڪائي، +سڳنڌ هوا ۾ ڇڏي ملائي +ٽامون چلڪيدار لڳي ٿو، سج لهڻ جي ويل ! +ملڻ جي موسم آئي آ! +شام جو سمو آهي، وڻ ٽڻ سڄي ڏينهن جي تپش کان پوءِ ٿڌڪار تي ٿڪجي ۽ ڪومايل بڻجي آرام ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن ۽ پنهنجي خوشبوءِ هوا ۾ موجود خنڪ سان ملائي ماحول کي معطر ڪن ٿا. اُن وقت سج جو تيک ماٺو ٿئي ٿو ته اِهو ڳاڙهو چلڪيدار ٽامي جي رنگ جهڙو ٿي پوي ٿو ۽ اُن وقت هر هڪ ونيءَ جو ور ڪم ڪار تان واندو ٿي گهر موٽندو آهي . اُن وقت جي عڪاسي جنهن نموني سان ڪئي ويئي آهي، سا ساراهڻ جوڳي آهي. +آس انهيءَ تي سٺيون مون، +جوڀن جاڙون سالن کان، +چنڊ ستارن ساڻ ڪڏهن تون مون وٽ ايندين ساٺن سان ! +اُتر سنڌ ۾ شاديءَ جون لانئن پرهه ڦٽڻ کان اڳ ۾ ڏبيون آهن، هاڻ ڪا وني گيت جهونگاري چئي رهي آهي ته مون پنهنجي جوڀن جون جاڙون يا اُن جو تنگ ڪرڻ ته توسان ملان، بس اِن آس کان وٺي سهندي پئي اچان ته اُهو ڏينهن اَوس به ايندو جو توسان منهنجي لائن لهڻ جا ساٺ ۽ سنوڻ ٿيندا ۽ ٻئي سموري راڄ سان گڏ اُن ڏينهن تون ضرور چنڊ ۽ ستارن جي ڇانوَ ۾ هميشه لاءِ، منهنجو ٿيڻ لاءِ، منهنجي چانئٺ تي ڪوريءَ ڦوريءَ جا ڏانوڻ ٽوڙي مون وٽ ايندين ۽ آءٌ تنهنجي امانت طور پنهنجو اِهو سمورو جوڀن، جنهن کي هن وقت تائين تنهنجيءَ امانت طور سانڍي رکيو اٿم، سو توکي آڇينديس. هڪ نوخيز ونيءَ جي جيڪا چاهنا هن گيت جي صورت ۾ ڏني ويئي آهي، سا سئو سيڪڙو صحيح ۽ فطري لڳي رهي آهي. +اُڀ جا ڏيئا ڄاڻ اُجهاڻا، اوڀر کان سج ڦوڪ ڏني آ، +ڪومل جذبا هاءِ ڪوماڻا، ساهن سهڪا باک ڀنيآ، +لنئو لُڇي ٿي، پهتين ڇو نه؟ +پريت پڇي ٿي پهتين ڇونه؟ +منهنجي سڏ تي پهتين ڇونه؟ +ڇا ٿيو توکي پهتين ڇو نه؟ +ڪڏهن ڪڏهن شاعر ٻين ماڻهن کي ڇڏي پنهنجي من سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن: +”ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا نٿو وڻين مون +جي تو سڄڻ ساريا، سي وس ناهن مون، +ڪڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺا آرا ڪرين! +(شاهه) +ته ڪڏهن وري چاهيندڙ کان پريت خود پڇائون ڪندي آهي ته جنهن لاءِ ڪانگ اُڏائيي، فالون پاتئي، مهڻا ۽ طعنا سٺئي، اڄ به اُن جو انتظار ڪندي ڪندي پرهه ڦٽڻ جا سانباها پيئي ڪري، جنهن سان ڄڻ ته اُڀ تي ٻرندڙ ڏيئا(تارا) اُن جي ڦوڪ سان (سج جي ڪرڻن جي شعاع برداشت نه ڪندي) اُجهامڻ جي تياريءَ ۾ آهن. اچڻ نه اچڻ جي ٻڏتر ۾ جڏهن حقيقتون ٻڌائن ته هو اڄ ڪونه ايندو (وقت گذري ويو) ۽ دل پوءِ به زور ڀريندي رهي ته من نه من اچي. ان ڪيفيت ۾ جذبن جي جنجهوڙ اُڀن ساهن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي، تڏهن چوي ٿو ته:”ڪومل جذبا هاءِ ڪوماڻا، ساهن سهڪا باک ڀني آ.“ اُن وقت جسم جو ذرو ذرو آنڌمانڌ لائي ڏئي ته تون ڇو نه آئين ته معصوم ۽ ساده، ويچاري بنيل پريت پڻ پڇي ٿي ته تون ڇو ڪونه آئين. اهو نه رڳو گيت جي ٻولي، اسلوب ۽ ادائگيءَ جو ڪمال آهي پر گويا خود ڪردار بنجي پيڙا ڀوڳي اُنکي قلمبند ڪيو ويو آهي. اُن لاءِ ايترن سادن لفظن، سادن پيراين ۽ سادي اسلوب واري هن گيت کي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته اِهو گيت اُن ڀوڳيندڙ ڪردار خود لکيو آهي. ڇو ته اُن جو مواد ٻڌائي ٿو ته گيت لکندڙ کي گويا اُن ڀوڳنا جو ذاتي تجربو به آهي. +تاج جويي پنهنجي ”مونوگراف“ جي صفحي 11 تي لکيو آهي ته:”ناٿ پنٿين کان سواءِ هندي زبان جي خدمت جين ڌرم جي عالمن به ڪئي آهي. ڪوشال جي برهمڻ خاندان جي فرد ”سويايمبو“(جيڪو پوءِ جيني ٿي ويو) ڪافي ڪتاب لکيا ۽ بهترين شاعر هو. هن جي لکڻي سادي ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندي هئي. سواءِ ڪنهن به وڌاءُ ۽ مصنوعيت جي. بدلجندڙ موسمن جو ذڪر ڪيو اٿس. ڪڏهن صبح ۽ شام جون تمام سهڻيون تصويرون ڪڍي ٿو. ڪٿي ندين، جبلن ۽ جهنگلن جي سونهن بيان ڪري ٿو، ته ڪِٿي ڪٿي وڏن شهرن جي سڄ ڌڄ جو نقشو چٽي ٿو. ڪٿي وري عورتاڻي حسن جي لطيف ترين تصوير کي ستابي، سنڌو ڌري ۽ ٻين نازنينن جي بيان ۾ پيش ڪري ٿو. سويايمبو جيتوڻيڪ گيت جو شاعر ڪونه پو، پر سندس شعر ۽ شعر جي ٻوليءَ ۾ گيت وارو رومان ۽ سندر، سرلتا موجود آهي.“ + + +اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي جي فن لاءِ سندس ڪتاب ”ليار نيڻن ۾ ڦٽا“ جي مهاڳ ۾ تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته:” مير محمد پيزادي جون مٿي حوالي طور ڏنل سٽون ڌار ڌار گهاڙيٽن مان کنيل آهن. ڪي گيت جا بند آهن ته ڪي غزل جا شعر، ڪي دوهي جون سٽون آهن ته ڪي بيت جون، ڪهڙي به صنف هجي، شاعر جي شاعراڻي سگهه هڪ جيتري آهي. اِن مان ثابت ٿئي ٿو ته هڪ سٺي شاعر لاءِ گهاڙيٽو ڪو مسئلو نه آهي. جي هن وٽ ڏانءُ ۽ ڏات آهي ۽ هو محنت ڪري سگهي ٿو ته هر صنف ۾ پنهنجي فن کي ڪتب آڻي، بهترين تخليقون آڇي سگهي ٿو. +اهڙي ٻولي جيڪا گيت نه هوندي به گيت جي لڳي، اُن جي مثال طور هيٺ مير محمد پيرزادي جي گيت مان ڪجهه مثال ڏجن ٿا، جن مان عوامي ٻوليءَ جي خوبصورتي، ٻوليءَ جو سهڻو سٽاءُ ۽ استعمال جو ڏانءُ بکي ٿو: +پيلا گل ڄڻ ڦُليون نڪن ۾، ٽارين جي ٿا لڏن ڪنن ۾ +جهومر وانگي پلڙا يار ! +ڇا ته لڳن ٿا ڀلڙا يار ! +ٻٻر جي وڻن ۾ گول گول گهيريدار پيلا گل بلڪل اهڙا هوندا آهن، جهڙيون عورتن جي نڪن جو ڦليون(سونو ڳهه) ۽ ٻٻر جا پلڙا عورتن جي ڪنن ۾ پائڻ جا زوير ايرنگ يا جهومر جيان هوندا آهن. ته اُنهن کي عورت جو پاتل زيور ڀيٽي فطرت کي ماڻهوءَ جي سينگار ۾ حصيدار بنايو ويو آهي. +جوڀن ۾ ئي جيڏا سرتا، پريت ڪيئي ڇو ڪانگهاري، +توسان دلڙي لائي مون آ، پيار جي پونجي هاري، +آءُ جواري، پريم ڏوهاري، آهه ڪيان يا زاري +چئه ته ڀلا مان ڪهڙو توسان، +سينو ساهيان ! +ڦالون پايان ! +مالوند ماڻهو (مال رکندڙ) پوريءَ ريت ڄاڻندا هوندا ته مينهن يا ڳئون ڦرجڻ کان پوءِ کير آهستي آهستي گهٽائيندي به ويندي آهي ته سندس کير جون خاصيتون به متاثر ٿينديون آهن. اُن حالت ۾ ڀاڳين جي مخصوص محاوري ۾ اِن کي چئبو آهي ته اِها مينهن /ڳئون ڪانگهاري ٿي ويئي آهي، يعني ڏوڀ ۾ پوئتي پئجي ويئي آهي. اِن لفظ کي پيار جي دنيا ۾ پريت جي ماٺي ٿي وڃڻ لاءِ استعمال هڪ ته اِن ڪيفيت جو اظهار جو سڀ کان وڌيڪ پورائو ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو ته ڪم ايندي پهريون دفعو ڏٺو ويو آهي، جتي پيار جي پونجي هارڻ جي ڳالهه آئي ته جواري ۽ ڏوهاري وغيره جو به ذڪر ٿيو، پر اِهو سڀ علامتي انداز ۾ هو، اُن ڪري وري به آخر ۾ آيو ته ”چئه ته ڀلا مان ڪهڙو توسان سينو ساهيان ڦالون پايان !“ +مهت وٺي جي موٽي اُهان مڻين هار وجهانءِ +پيرن ۾ موتين جون ڳانيرون هيرا، لال جڙيانءِ، +پلڪن ڇانوَ ڪيانءِ ! ڪانگ مٺي ڪا لولي ڏيانءِ ! +ڪنهن جي پر تڪلف خدمت طور ڪرڻ جو ڪوبه انت يا ڇيهه ناهي هوندو، پر ڪڏهن ڪڏهن خدمت ڪرڻ جو ڪو اهڙو معصوم ۽ سادو طريقو جيئن: واٽن ۾ نيڻ وڇائڻ، رستن تي وار وڇائڻ ته اهڙيءَ ريت پلڪن جي ڇانوَ ڪرڻ به خلوص جي انتها آهي، جنهن لاءِ موتين مالهائن، هيرن، لالن جڙڻ کان به اها آڇ ته ”پلڪن ڇانوَ ڪيانءِ“ وڌيڪ وڏي خلوص واري آهي. +اڄ به سنڌ ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته خوشيءَ جي موقعي تي مٺاڻ ورهايا ويندا آهن، پر اڳي غريب عورتن وٽ مٺاڻ وٺڻ جو ٻيو ڪو ذريعو نه هوندو هو ته پير جي مڃتا توڙي خوشيءَ جي موقعي تي چوري /ڪُٽي ڪئي ويندي هئي يا مٺي لُولي ڏني ويندي هئي. هتي به اِن معنيٰ ۾ چيل آهي ته”ڪانگ مٺي ڪا لولي ڏيانءِ.“ +آخر ۾ مير محمد پيرزادي جي اِنهن گيتن مان مثال طور قارئين جي لاءِ هڪڙو مڪمل گيت پيش ڪجي ٿو: +جيءَ جي جانيءَ اکين جي ٺار کي، +واءُ شل واري اچي اڄ يار کي ! +دور کان پڙلاءُ ايندا ٿا رهن آواز جا، +يا ته ڪومل ڪي هوا لهرا ٻڌائي ساز جا +سار ڪائي يار جي آ پار جي، +موتئي رابيل جي مهڪار جي، +روح ٿو ريلو ڏئي، من مکا ميلو ٿئي ! +ڪو هڻي دستڪ دلين جي دوار تي، +واءُ شل واري اچي اڄ يار کي! +وڻن آ ويڻا وڄائي، مينهن ڪڻين جهانجهه آ، +پرهه ٻوليون ڄڻ پهاڙي، منهن اونداهي مانجهه آ- +ڍار چڙين لار جي ڀڻڪار جي، +رات جي راڻيءَ سنديءَ هٻڪار جي، +جيءُ جهومايو ڇڏي، يار ڄڻ آيو تڏي، +ڦول مالها ٿي ڪري سنسار کي ! +واءُ شل واري اچي اڄ يار کي ! +ميگهه مان منهڙو ڪڍي ۽ کنوڻ ٿي پيئي کلي، +مينهن ڪڻين مان سنيهو پرينءَ جو مون کي ملي- +ٽار موتي ليار واري ڏارَ هيم +چندن واسيل واءَ جي هٻڪار جي، +پاڻ ڏي مون کي سڏي، ويهه اڄ گوڏو گڏي! +تات تائي تن اندر جي تارَ کي، +واءُ شل واري اچي اڄ يار کي! +سليم ڀٽو لطيفي +مرزا صاحب جي ”شاهه جي رسالي“ جو مطالعو +سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن شاهه سائينءَ جي ڪلام کي پروڙڻ ، پرکڻ، سوڌڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، پر اڄ تائين هن ڪم جي پوريءَ ريت ڪٿ ڪٿجي ڪانه سگهي آهي، ڇاپي رسالن جي شروعات 1866ع ۾ ارنيسٽ ٽرمپ واري رسالي جي ڇپجڻ سان ٿي، هيءَ رسالو پراڻي صورتخطيءَ ۾ ڇپيل آهي. هن رسالي ۾ صرف 26 سُرَ شامل آهن. هي رسالو نه مڪمل آهي ۽ نه ئي مستند آهي، پر پوءِ به شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي سهيڙڻ جي هڪ آڳاٽي مخلصانه ۽ ڪامياب ڪوشش ضرور آهي. هن رسالي ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون به آهن. +رسالو، جنهن کي ”پهريون مڪمل رسالو“ چئجي، سو آهي ”بمبئي ڇاپو“ جيڪو 1867ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڇاپو پڻ پراڻي صورتخطيءَ ۾ آهي . هن جي صورتخطي گهڻن عالمن ۽ محققن کي بيتن ۽ واين کي سمجهڻ دوران منجهائي وڌو ۽ پوءِ وارن محققن هن رسالي جي صورتخطيءَ کي جديد صورتخطيءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ تلفظ، صورتخطي ۽ پڙهڻين جون ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون. جڏهن ته اڄ اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هن رسالي جون ڪافي پڙهڻيون درست به آهن ته ڪي وري بيت بلڪل نجا شاهه صاحب جا آهن، پر اُنهن کي ڌاريو ڪلام سمجهي ڪڍيو به ويو آهي. بمبئي ڇاپي وارو رسالو ورندڙ وقت ۾ هر محقق جي تحقيق جو بنياد ضرور رهيو، پر هن جي صورتخطي ڪن عالمن ۽ محققن لاءِ قدري مونجهارا پيدا ڪيا. +هن کان پوءِ 1900ع ۾ سنڌ تعليم کاتي وارن رسالو ڇپايو. هي رسالو نئين صورتخطيءَ ۾ پهريون رسالو آهي. هي رسالو به پهرين ٻن ٽرمپ ۽ بمبئي واري ڇاپي وارن رسالن جيان متضاد راين جو شڪار رهيو. +1913ع ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ نئين صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو. هي مانوارو مئولف ، رسالي جي محققن مان پهريون محقق آهي، جنهن بيتن ۾ ڪم آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ رسالي جي صفحي تي هيٺ تري ۾ لکي آهي، ۽ ساڳئي وقت مرزا صاحب ”لغات لطيفي“ نالي شاهه جي بيتن جي ڏکين لفظن جي معنيٰ وارو ڪتاب الڳ تيار ڪيو. +هيءُ رسالو مختلف قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي سامهون رکي سهيڙي ڪجهه قدر جامع نسخو بنائي ڇاپيو ويو ۽ تحقيق جي کوٽ سبب هن رسالي ۾ ڌاريو ڪلام به شامل ٿيو ۽ رسالو وري جامعيت ماڻي نه سگهيو. +هن رسالي ۾ ڪجهه بيت اهڙا ملن ٿا، جيڪي ٻين رسالن ۾ نه آهن ۽ ڪن بيتن ۾ اضافي سٽون به ملن ٿيون، جيڪي ٻين رسالن ۾ شامل نه آهن، ان ڳالهه جو هڪ سبب ڪجهه بيت سنڌ جي مشهور لطيفي سگهڙ مرحوم محمد هاشم مڱڻهار_سندس نالي سان ڳُوٺ ڪوٽڙيءَ کان 25 ڪلو ميٽر ٺٽي طرف ويندڙ انڊس هاءِ وي تي) طرفان ڏنا ويا هئا، هيءَ حقيقت مون کي فقير محمد هاشم مڱڻهار مرحوم جي پٽ محمد جمن عرف جمعو فقير ٻُڌائي ۽ باقي بيت اڳ ڇپيل رسالي ۽ قلمي نسخن تان کنيا ويا. +هن رسالي جي پڙهڻين ۽تلفظ ۾ پڻ فرق آهي. هن رسالي جي مکيه سرچشمن ۽ ٽرمپ جي رسالي جي مکيه سرچشمن، ڀٽ ۽ بلڙي شاهه ڪريم وارن قلمي نسخن لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو آهي: +”خود ڀٽ ۽ بلڙي وارن نسخن ۾ ناچن ۽ مسخرن واريون وايون داخل ڪيل آهن.“ (ص: 68) مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي احوال ۾ شاهه جي رسالي ۾ جيڪي جڙتو ۽ ڌاريا سُر ۽ بيت اچي ويا آهن، تن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ’صحيح ۽ سچو نسخو شاهه جي رسالي جو اڃا به گهربل آهي. سگهوئي ڪنهن علم واري کي دل ۾ خيال پوندو جو اهڙو ڪتاب ڇاپائي پڌرو ڪندو ته پڙهڻ وارا پڙهي خوش ٿي دعاءِ خير ڪندا‘. هن رسالي ۾ بمبئيءَ واري ڇاپي کان به وڌيڪ بيت شامل ٿيل آهن.“ +اُنهيءَ وقت تائين ”سڀني ڇپيل رسالن ۾ عجب ته اِهو آهي ته ڪو به نسخو منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين هڪٻئي سان ملي نٿو اچي. هڪڙن نسخن ۾ هڪڙا بيت آهن، ته ٻين ۾ وري ٻيا. رسالي جو ڪوبه نسخو وري خامين کان خالي به نه آهي. رسالي جي ڪل��م جي صحيح پڙهڻين مقرر ڪرڻ، لفظن جي تُز معنيٰ طئي ڪرڻ ۽ اصطلاحن کي سمجهڻ جهڙن اهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ طرف اڃان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. +شاهه سائينءَ جي مرزا صاحب واري رسالي جي گهڻ رخي تحقيق جو ڪم مڪمل نه آهي. ماڻهن جي سيني ۾ سانڍيل بيت سهيڙجي ڪونه سگهيا. رسالي جي ٻُولي، ،گرامر، محاورا، چوڻيون، موضوع، فڪر جون گهرايون، بيتن ۽ ڪردارن جي ارتقائي مرحلن تحت بيتن جي ترتيب، تاريخي واقعن، جاگرافيائي ماڳن جي صحيح ڇنڊڇاڻ به غور طلب نقطا آهن. هتي هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ جاگرافيائي لحاظ کان لفظ کي نه رڳو غلط لکيو ويو آهي، پر ساڳئي وقت معنيٰ به دُرست نه ڪئي وئي آهي. ۽ نتيجي ۾ پوري بيت جي تشريح ڦِري ويئي آهي. +لاکو لکيءَ تي چڙهي، لکي لاکي هيٺ، +سونهريون سرِ ڪيو، ڀيڙيو ٻڌي بيٺ، +ڪندو ڏمر ڏيٺ، صباح ساڻ سڀ ڪهين. +(مرزا قليچ بيگ، سُر ڏهر: ص:718) +ڪن ٻين محققن بيت جي ٻيءَ سٽ جو پهريون لفظ ”سونهريون“ کي ”سونهاريون“ به لکيو آهي، پر حقيقت ۾ اِهو لفظ ”سئو نيريان“ آهي، يعني ”سئو نير“ کان ۽ ”سونير“ جاگرافيائي اعتبار کان هڪ ڍنڍ جو نالو آهي.(تحقيق محترم انب گوپانگ) هن درستگيءَ کان پوءِ بيت جي معنيٰ ٿيندي ته لاکو لکيءَ تي چڙهي ”سونيريو ڍنڍ“ سَرِ ڪري، يعني پار ڪري، هُن ڀَر اُڪري سندرو ٻڌيو تيار بيٺو آهي. هو صبحاڻي سڀ ڪنهن سان سامهون ٿيندو. هاڻ بيت جي درست پڙهڻي هن طرح بيهندي: +لاکو لکيءَ تي چڙهي، لکي لاکي هيٺ، +سونيريان سَرِ ڪيو، ڀيڙيو ٻڌي بيٺ، +ڪندو ڏمر ڏيٺ، صباح ساڻ سڀ ڪنهن. +هڪ ٻيو بيت آهي: +مون اُڌاريا مڇڙا، الله گهاتو آڻ، +مِيان مدارن سين، مون کي قادر وجهه مَ ڪاڻ، +هٺِ مهنجي هاڻ، قدر لڌو جن ري +(مرزا قليچ بيگ، سر گهاتو، ص:752) +هن بيت ۾ هڪ سٽ اضافي ملي آهي ۽ مڪل بيت هن طرح آهي: +آءٌ اُڏاري ٿڪيس، الله گهاتو آڻ، +ميان! مُدارَنِ سين، قادر وِجهه مَ ڪاڻ، +مٿو رکي مُنيءَ تي، پئي پڇاڙيان پاڻ، +هٺَ به منهنجي هاڻ، قدر لڌو جِن ري. +مٿيون بيت مرزا قليچ بيگ صاحب جي رسالي ۾ سر گهاتو ۾ ٽن سٽن تي مشتمل آهي. هن بيت ۾ مُهاڻي جي ونيءَ جي جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيت ۾ معاشي بدحاليءَ جو منظر چٽيل آهي. هن بيت ۾ پڻ هڪ سٽ جو واڌارو هٿ آيو آهي، جنهن سان بيت جي موضوعاتي ڪيفيت گهري ۽ شديد محسوس ٿئي ٿي. ان کان علاوه هن بيت ۾ لفظ مُدارن جي صورتخطي ۽ معنيٰ غلط لکيل آهي. اڪثر محققن معنيٰ ۾ دوڪاندار، ڪوٺيدار وغيره لکيو آهي ۽ پهرين سٽ جو اڌ به رسالن ۾ مختلف نموني لکيل آهي، جيڪا هن طرح آهي:”مون آُڌاريا مڇڙا.“ جڏهن ته بيت جي بهتر پڙهڻي ۾ پهرين اڌ سٽ هن طرح آهي:”آءُ اُڌاري ٿڪيس“ هن قسم جي پڙهڻي ساڻ پڻ بيت جو خيال ۽ جذبو گهرو ٿئي ٿو، ۽ لفظ مُدارن جي صحيح معنيٰ آهي”اوڌر يا مُدي تي شيون ڏيندڙ “(دڪاندار) +ڪجهه بيتن جي اهڙي ڀيٽ هيٺ ڏجي ٿي، جنهن ۾ اضافي سٽن جي معلومات ٿيندي. +تن تسبيح، مَنُ مڻيو، دل دنبورو جن، +تندون جي طلب جون، وحدت سِرُ وَڄن، +”وحده لاشريڪ له“، اِهو راڳ رڳن، +سي سُتائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي. +(مرزا قليچ بيگ، سر آسا، ص: 790) +هن بيت جون چار سٽون اضافي ملن ٿيون ۽ هڪ سٽ ۾ شاعر جو نالو به ڄاڻايل آهي: +تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن، +تندون جي طلب جون، وحدت سِرُ وڄن، +”وحده لاشريڪ له“، اِهو راڳ رڳنِ، +”موتو قبل الانت موتو“، اِها لَرِزَ لِڱن، +”في الاخاق و في انفسهم“ اِها هاج هٿن، +”لِتُنذر قوما ما“، اِهو پهه پيرن، +عبداللطيف چئي، پرين لئه پُرجهن، +سي سُتائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي. +��ن طرح هڪ ٻيو بيت آهي: +سسئي جي سِريءَ سين، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي، +پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، هلي هيڪاندي، +لکي مُنڌ لطيف چئي، ارادي آندي، +پنهونءُ پيراندي، نماڻي نصيب ٿي. +(مرزا قليچ بيگ، سر حسيني: ص: 423) +هي بيت اضافي سِٽن سان بهتر پڙهڻي ۾ هن طرح آهي: +سسئي جي سري سين، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي +لڪن تان لطيف چئي، آرياڻي آندي، +پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، منڌ هئي ماندي، +لٿس حرس حساب جو، ٿي وهمن کان واندي، +لااِله الا الله محمد رسول الله، ٿي هو تن هيڪاندي، +پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿي. +ان طرح ٽيون بيت آهي: +تون سَپڙُ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتار، آءٌ ڏڏُ، +سُڻي تنهنجو سڏ، ڪُلي پاتم ڪينرو. +(مرزا قليچ بيگ، سر پرڀاتي ص: 744) +هن بيت ۾ پڻ هڪ اضافي سٽ ملي آهي: +تون سپڙُ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتارُ آءٌ ڏَڏُ، +اگلڙا ويهارين اوڏڙا، گدلا ڪرين گڏ، +سڻي تنهنجو سڏُ، ڪلهي پاتم ڪينرو. +صحيح طور ڪردارن ۽ ڪهاڻين جي معلومات نه هئڻ سبب ڪيترن ئي بيتن ۾ سٽون کٽل آهن، جنهن ڪري وري ڪردارن جا مثبت يا منفي پهلو واضح ڪونه ٿا ٿين ۽ ڪن واقعن ۽ روايتن جي صحيح عڪاسي به ڪانه ٿي ٿئي. مطلب ته شاهه سائينءَ جي شاعري ڪنهن وسيع سنسار کان گهٽ نه آهي ۽ اُن جي ذري ذري تي تحقيق ضروري آهي، خيالي دنيا ۾، خام خياليءَ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي، تڏهن ئي وڃي شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي حقيقي سونهن پڌري ٿيندي ۽ اُن سپني جي ساڀيان به ٿيندي، جو انسان جي لاشعور ۾ ستل آهي. +اِنهيءَ کان علاوه مرزا صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ ڪجهه صورتخطي، تلفظ ۽ پڙهڻين جو تضاد پڻ معلوم ٿئي ٿو. وضاحت لاءِ مثال طور ڪجهه بيت هيٺ لکجن ٿا: +سُپريان جي سونهن جي، ڳالهه ڪينَ وڃي، +وَڃي در دوستن جي، سوري سَرُ هڄي، +عاشق آنگهن چڙهيا، ٻئو سڀڪو ڀڄي، +پڇج پوءِ پريتڻو، پهرين سِرُ سڄي، +عاقل ئي اوڇون ٿئا، ڀورو ڪيئن ڀڄي. +(مرزا قليچ بيگ، سر يمن ڪلياڻ ص: 59) +هن بيت ۾ هڪڙي غلطي آهي ”ڪين“ هتي ”نه“ تي زَبَرَ ڏيڻ سان معنيٰ ۾ فرق اچي ٿو. يعني ”سپريان جي سونهن جي ڳالهه نه وڃي“ ۽ ساڳيءَ طرح فقرو به اڻپورو لڳي ٿو، تنهن ڪري وائيءَ جي پهرين سٽ جي بهترين پڙهڻي هن طرح ٿيڻ گهرجي: +”سُپريان جي سونهن جي، ڳالهه ڪي(ڪَئِي) نَه وڃي.“ +يعني سپرين جي سونهن ۽ حسن جي ڳالهه ۽ ذڪر ڪري نٿي سگهجي. ڪي نه وڃي: ڪئي نه وڃي، محبوب جي حسن جي ڳالهه ڪرڻ کان گهڻي آهي. +نموني طور هڪ ٻيو بيت به پيش ڪجي ٿو: +سِبي سيبا ڏي، ڀوري نيهن نه ڪَچوءِ، +کَٿيءَ وٽيون کُٿيون، سِبي سيري سي، +مڇڻ چَونَم ڪي، ته لڄايئي ٿر ڄائيون. +(مرزا قليچ بيگ، سر مارئي، ص:802) +جڏهن ته هن بيت ۾ مارئيءَ جي لباس جي پراڻي ٿي ڳري ۽ ڦاٽي وڃڻ جو ذڪر ٿئي ٿو. ۽ هن بيت ۾ ٻه غلطيون آهن هن بيت جي پوئي اڌ حصي ”ڀوري نينهن نه ڪچوءِ“ کي درست ڪري پڙهبو ته،”ڀوري نئون نه ڪيوءِ“ بهتر پڙهڻي ٿيندي ۽ وري ٻي سٽ ۾ لفظ ”سبي“ غلط آهي، ۽ درست پڙهڻي آهي ”سَتي“ اهڙيءَ طرح درست پڙهڻي کانپوءِ بيت جي معنيٰ ٿيندي ته مارئي وري وري پراڻن ڳريل ڦاٽل ڪپڙن کي سبي ٽوپا ڏيئي ٿي پائي، پر نئون ڪپڙو ڪانه ٿي اوڍي، کٿي يعني لوئي جون وٽيون کُسي ويون اٿس. هي ستي مارئي اُنهن کي سڌو سنئون ڪري ڳنڍيون ڏئي ٿي ۽ چوي ٿي ته متان ڪا ٿر ڄايون هن کي چون ته هن اُنهن کي لڄايو آهي. بيت جي درست پڙهڻي هن طرح آهي: +سبي سيبا ڏي، ڀوريءَ نئون نه ڪيو، +کٿيءَ وٽيون کُٿيون، ستي سيري سي، +مَپڻ چوَنِم ڪي، ته لڄايئين ٿر ڄايون. +ان طرح هڪ ٻيو بيت به ملاحظه ٿئي: +ٻاريو اُجهائين پرين، اُجهايو ٻارين، +مون کي ٿا مارين، لونئان لُهارَن جا +(مرزا قليچ بيگ، سر يمن ڪلياڻ: ص؛33) +هن بيت جي ٻي سٽ جو پويون اڌ حصو بحث طلب آهي، ۽ مٿي ڏنل لفظ بيت جي مفهوم ۽ معنيٰ سان ٺهڪي ڪونه ٿا اچن. بيت ۾ مخاطب ٿيندڙ جو بيان آهي ته: منهنجو پرين مون کي ٻاري ۽ اُجهائي ٿو ۽ هن کي لوهارن جي لونئا(اُلا) به مارين ٿا. صحيح بيت هن طرح آهي: +ٻاريو اُجهائين پرين، اُجهايو ٻارين، +مون کي ٿا مارين، پرين پَر لوهار جي. +هاڻي بيت جي معنيٰ هيئن ٿيندي ته منهنجو محبوب مونکي لوهار جي ڪرت واري طريقي وانگر مون کي هر هر ٻارين ۽ اُجهائين ٿا. مطلب ته محبوب جي اِنهيءَ ادا کي، لوهار جي ڪرِت سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. +قابل صد احترام مرزا قليچ بيگ صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ موجود اِنهن چند نقطن جي نشاندهي ڪرڻ جو مطلب هن ڏات ڌڻي جي مخلصانه پورهئي کي نظر انداز ڪرڻ يا هن جي خلوص، نيت ۽ اهليت تي شڪ ڪرڻ هرگز ڪونهي، مان وري به واضح ڪري ڇڏيان ته مرزا صاحب جي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه سائينءَ سان غير مشروط عشق تي ڪوبه غير گمان نه آهي، نه ئي سندس محنت جي اهميت کي گهٽ ڪرڻ مقصود آهي، پر صرف ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ آهي ته هن باوقار عالم ۽ محقق رسالي جي سهيڙ جي ڏس ۾ ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا هوندا. هن محترم کي جَسُ هجي ۽ اسان کي هن ڏس ۾ اڃان به اڳتي قدم وڌائڻ گهرجي. +انعام شيخ +ميان غلام شاهه ڪلهوڙو +سنڌ جوهڪ مدبر حڪمران +1520ع ۾ سنڌ جي اقتدارِ اعليٰ تي، جڏهن شاهه بيگ ارغون راتاهو هنيو، ته ڪنهن کي گمان ۾ به نه هو ته سما حاڪمن جي صاحبيءَ جوخاتمو دراصل سنڌ جي ڊگهي غلاميءَ جي ابتدا هئي: اهڙي غلامي، جيڪا مسلسل ٻه سئو سالن تائين ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي روپ ۾ سنڌ واسين جو ساهه نپوڙيندي رهي. جيئن ته اِنهيءَ ڳيجهپي دوران سنڌ جي صوفين کي گهاڻن ۾ پيڙايو ويو، اُستادن جون زبانون ڪپيون ويون ۽ سُورهين جي سِرن جا لابارا وڌا ويا، تنهنڪري سورهين ۽ سترهين صديءَ وارو عرصو مجموعي طور تي سنڌ لاءِ عذاب، اضطراب ۽ پيڙا ڀريل دور آهي. بهرحال، انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪندي به ايترو ضرور چوڻ جڳائي ته پرهه ڦٽي پڻ هڪ ڊگهي رات کان پوءِ جنم وٺندي آهي ۽ ڏاڍ ۽ جبر جي قوتن آڏو سندن ئي آسپاس ڪا حق پرست قوت نِسري پوندي آهي. +ٺيڪ اهڙي سمي، جڏهن سنڌ ڌارين قابضن ۽ سندن مقامي هوارين جي حملن جو نشانو بڻيل هئي، تڏهن انتهائي ننڍڙي سطح تي ئي سهي، سنڌ ۾ ڪلهوڙا قبيلو تاريخ جو رخ موڙڻ لاءِ سندرا ٻڌي رهيو هو. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ ۾ ارغوني ۽ ترخاني تباهه ڪارين دوران ميان آدم شاهه ڪلهوڙو سنڌ واسين جي دردن جو ترياق روحاني تحريڪ ذريعي ڪندي نظر اچي ٿو. سندس انهيءَ تحريڪ کي توانائي بخشيندي ميان محمد دائود، ميان الياس محمد، ميان شاهل محمد، ميان دين محمد ۽ ميان نصير محمد سميت ڪئين ڪلهوڙن بزرگن مقامي ماڻهن سان پريت جي سڳي کي سگهارو بڻائي رکيو. پر ڪلهوڙن منهجهان يار محمد پهريون شخص هو، جنهن سنڌ اندر مقامي حڪومت جي قيام لاءِ اُهي پائيدار بنياد رکيا، جن تي اڳتي هلي ميان نور محمد پڪي اوساري ڪئي ۽ ميان غلام شاهه هڪ خوبصورت ۽ شاندار عمارت کي جوڙاي راس ڪيو. +اِهو سچ آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙا خاندان جو اُهو ذهين حڪمران هو، جنهن هڪ طرف نادر شاهي حڪمن کي منهن پئي ڏنو، ته ٻئي طرف قلات جي بروهين سان جنگيون پئي جوٽيون، ايترو به نه هو ته گهر اندر ميان دائود سان مدمقابل هجڻ سان گڌ بهاولپور جي دائودپوٽن سان مهاڏو اٽڪايو پئي آيو ۽ افغاني حاڪمن جي جبر کي به تدبير سان گهٽائيندو رهيو. پرعالم نه هجڻ جي باوجود به نه رڳو ڪلهوڙا قبيلي، پر سڄي سنڌ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان وڌيڪ عامل، عادل ۽ بهادر حاڪم سنڌ گذريل اڍائي سئو سالن ۾ به ڏسي نه سگهي هئي. ڪلهوڙا بزرگن جي ڪُک منجهان جنم ورتل سنڌ جو هيءُ هر دلعزيز بادشاهه بجا طور تي ”سنڌ جو اڪبر بادشاهه“ چورائڻ جي اهليت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو سترهن سالن جي مختصر حڪمرانيءَ دوران هن سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي مڙني رُخن ۾ جيڪي اهم پيشقدميون ڪيون، تن جو ذڪر حيرتن جي بيشمار جزيرن کي جنم ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. +1756ع ۾ سنڌ جي والي ٿيڻ کان اڳ ميان نور محمد جي وڏي پٽ ميان مرادياب جي پاليسين ۽ ميان عطر خان جي پيدا ڪيل انتشار جي نتيجي ۾ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي بدحالي اِنهيءَ پد تي پهچي چڪي هئي، جو ميان نور محمد جي عمر ڀر جو سڄو پورهيو اڪارت ٿيندي نظر پئي آيو. ايئن ٿي محسوس ٿيو ته مختصر مدت اندر سنڌ مٿان بهاولپوري دائودپوٽن، قلاتي بروهين يا افغاني غنيمن جي حڪومت مڙهجي ويندي ۽ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌارين جي غلاميءَ جي وَر چڙهي ويندي. پر قدرت جي بي انت مهر جو ڪرشمو بڻجي ميان غلام شاهه هن دکي ڌرتيءَ جو راڄ ڀاڳ ڇا سنڀاليو، ڄڻ ته هن ديس کي مليل دردن جي مڙني مرضن جي پڄاڻي ٿيڻ لڳي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪلهوڙا دور جي عظيم محقق غلام رسول ”مهر“ سندس دور کي سنڌ لاءِ ”رحمت جي نشاني“ سان ڀيٽيو آهي. +ميان غلام شاهه تخت نشين ٿيڻ سان ئي رڳو صدين کان آزار ۽ پيڙا جو شڪار ٿيل عام سنڌي ماڻهوءَ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ واسطي رستن جو ڄار وڇائڻ، آبپاشي جي سرشتي جوڙڻ ۽ آسپاس جي علائقن ۽پرڏيهه سان ڪاروباري واسطن کي وڌائڻ جهڙا ڪم جهاد سمجهي شروع ڪيا، پر عدالتي نظام ۽ محصول جي اوڳڙ سميت صحت، تعميرات، بچاءُ، امن امان ۽ سامونڊي سفر جهڙن شعبن ۾ پڻ اُهي منزلون ماڻيون، جيڪي کانئس اڳ ۽ پوءِ جي حاڪمن شايد تصور ۾ به نه آنديون هجن. اِنهن مڙني حاصلاتن کان وڌيڪ شاندار ڪارنامو سندس هٿان ” سنڌ جي جاگرافيائي وحدت“ جو بحال ٿيڻ آهي. ميان غلام شاهه حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي دنياوي معاملن ۾ تدبير ۽ مصلحت کان ڪم ورتو، پر زندگيءَ جي آخرين پساهن تائين فالج جي حملي هيٺ هوندي به هُن پنهنجن پونئيرن کي سنڌ جي اقتدار اعليٰ جي تذليل ۽ اُن جي جاگرافيائي اڪائيءَ جي خاتمي وارين سازشن آڏو رُڪ جي ديوار بڻجڻ جو درس ڏنو. ڇاڪاڻ جو ميان صاحب کي خبر هئي ته تاريخ ۾ قومن جي بقا قوم ۾ موجود سگهه جي طفيل ممڪن بڻبي آهي ۽ اها ”قومي سگهه“ قومي وحدت جي محتاج هوندي آهي.، اِهو ئي سبب آهي جو اقتدار ملڻ شرط هُن سڀ کان وڌيڪ اهميت سنڌ اندر مختلف علائقن ۾ مختلف قبيلن طرفان ٺاهيل ”ڏيڍ سر جي مسيتن“ ڊاهڻ طرف ڏني. ميان صاحب جي جاري ڪيل ابتدائي حڪمن ٺٽي جي نئين سر انتظامي جوڙجڪ سان گڏوگڏ قبائلي سردارن کي موڪليل اُهي حڪم به آهن، جن ۾ کين سنڌ کي مختلف جاگيرن ۽ راڄن ۾ ورهائي ملڪ اندر ننڍا ننڍا ملڪ جوڙڻ کان باز اچڻ جي هدايت ڪئي ويئي هئي. سندس اها پاليسي نه رڳو سنڌ ۾ ٻروچ ۽ سماٽ سردارن تي لاڳو پئي ٿي، پر انهيءَ ڏس ۾ هُن ته پنهنجن ڀائرن ميان عطر خان، احمد يار خان ۽ ميان مرادياب خان سان به ڪا رعايت نه ڪئي. +ان حوالي سان گهربل اڳڀرائي ڪندي ميان غلام شاهه حتي الامڪان رتو ڇاڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ بيڪانير ۾ جلاوطنيءَ کان پوءِ ميان صاحب جي ٻيهر وطن واپسيءَ دوران ميان عطر خان ۽ احمد يار خان سان روهڙيءَ ۾ ٿيل جنگ(11-جون 1158ع) ۾ غلام شاهه بنا ڪنهن تڪليف جي ٻنهي ڀائرن کي ختم ڪري پئي سگهيو، پر هُن نه رڳو کين معاف ڪيو، پر گڏوگڏ سنڌ جي اقتدار ۾ به حصو ڏنائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس ٻيئي ڀائر آخر تائين سازشن کان باز نه آيا ۽ آخرڪار کين جلاوطڻ ٿيڻو پيو. ظاهر آهي ته جيڪو حاڪم گڏيل قومي مفادن آڏو سڳن ڀائرن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، سو عام جاگيردارن ۽ ڀوتارن کي ”سنڌ ورهائڻ“ جي اجازت ڪيئن پئي ڏيئي سگهيو. تنهنڪري ميان غلام شاهه ننڍين صاحبين ۽ حڪومتن جي خاتمي لاءِ مضبوط رٿابندي جوڙيندي سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ کوسن، ڪڪرالي جي ڄامن، خداآباد جي آسپاس ويٺل پنهور، ماٿيلي ۽ ڏهرجي جي ڌاريجن، ڏهرن ۽ سيد پور جي قاضي نور محمد جي صاحبين کي ئي ختم نه ڪيو، پر ڄام بجار جوکيي، عزت کان نوهڙي جهڙن مضبوط سردارن کي ماري مڃائڻ کان پوءِ ديره غازي خان ۽ ديره اسماعيل خان جي بلوچ سردارن کي به سنڌ جي قانون جي تابع ڪيو. +ميان نور محمد طرفان سنڌ کي مرڪزي وحدت ۾ پوئڻ کان پوءِ ميان غلام شاهه هڪ طرف کيس مليل سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ شاندار منصوبا جوڙيا ته ٻئي طرف آسپاس جي راجائن ۽ بادشاهنب طرفان سنڌ جي ڦٻايل علائقن جي واپسيءَ لاءِ به هن پڪي پختي رٿابندي ڪئي. ميان صاحب کي خبر هئي ته ڌرتيءَ تي ٿيل ڌاڙيوالي طاقت جي استعمال کان سواءِ ختم ٿي نٿي سگهي، تنهنڪري هُن سنڌ جي باقاعده ۽ منظم فوج جي قيام ۾ ذاتي دلچسپي وٺي هڪ اهڙي قوت تيار ڪئي، جنهن آسپاس جي غاصب حڪومتن تي دهشت طاري ڪري ڇڏي. بهاولپور جي دائودپوٽن کان اُچ ۽ سبزل ڪوٽ جي واپسي، ڪراچي ۽ لس ٻيلي جي ٻانهن قلات جي بروهي حاڪمن کان ورائڻ، ڪڇ جي راءُ طرفان ڦٻايل سنڌ جو علائقو واپس موٽي ملڻ ۽ ڀاڳناڙي جو ڀاڳ سنڌ سان سلهاڙي، سمن جي سلطنت وارين سرحدن کي بحال ڪرائڻ جو سمورو اعزاز سنڌ جي هن سر فروش سپوت کي ئي وڃي ٿو. سبيءَ کان سونمياڻي ۽ کيرٿر کان ڪارونجهر تائين وسيع، آزاد ۽ خوشحال سنڌ جو جهنڊو شان ۽ مان سان تيستائين جهولندو رهيو جيستائين آگسٽ جي هڪ اُداس شام ڌاري(1783ع) ڪلهوڙا حاڪمن جو هيءَ سج اُفق جي ڏورانهين ۾ هميشه لاءِ الوپ نه ٿي ويو. +عام طور ڏٺو ويو آهي ته وڏن وڏن حڪمرانن کي هميشه اقتدار، ڪرسي، دٻدٻي ۽ دهشت سان چاهه هوندو آهي. منجهانئن ڪي ٿورڙا اهڙا هوندا آهن، جيڪي ”تاريخ“ ۽ ”مستقبل“ سان پيار ڪندا آهن.... ۽ اِنهن ٻنهي هنڌن تي سُرخرو ٿيڻ لاءِ پنهنجي وطن، قوم ۽ اِتان جي مخلوق سان پريت لڳائيندا آهن. ميان غلام شاهه سنڌ جو هڪ اهڙو آدرشي حاڪم هو، جنهن کي فقط پنهنجي ذاتي خانداني وقار جو اونو ئي نه هو، پر کيس ته ماضيءَ جي شاندار سنڌو تهذيب جي ٻيهر بحالي ۽ عروج جو به انتظار هو. هتي مان اها ڳالهه واضح ڪرڻ ٿو گهران ته ميان غلام شاهه دنيا جي نام نهاد معتبر ۽ هاڪارن حڪمرانن جيان پراون علائقن تي قبضاگيريءَ جي هٻڇ ۾ هرگز به ڦاٿل نه هو. ان ڳالهه جي شاهدي ڪڇ تي ڪيل سندس ٻه ڪاهون ڏينديون، جن ۾ پهرين ڪاهه دوران هُو ڪڇ جي راڄڌاني ڀُڄ کان ٻارنهن ڪوهن جي فاصلي تي پهتو ۽ ٻي ڪاهه دوران مورڳو ڇهن ڪوهن جي وٿيءَ تي وڃي بيٺو، پر ٻئي دفعا هو ڪڇ جي راءُ سان صلح ڪري سنڌ جي سرحدن جي سلامتيءَ جو واعدو وٺي واپس موٽي آيو. منجهس اها سمجهه ۽ ساڃاهه اِنهيءَ ڪري هئي جو ميان صاحب هڪ مدبر حاڪم هو. کيس سُڌ هئي ته جيڪي قومون ڏنڊي جي زور تي ٻين کي مطيع ڪنديون آهن، سي پاڻ به آخرڪار ڏنڊي جو شڪار ٿينديون آهن. ظاهر آهي ته اها سوچ رکندي، ميان صاحب صدين کان سور سَهندڙ سنڌ کي ٻيهر عذابن جي ڌُٻڻ ۾ اُڇلڻ نٿي گهريو. هُن ته سنڌ کي ترقيءَ ۽ مضبوطيءَ جي ش��هراهه تي پيشقدمي ڪندي ڌسڻ پئي چاهيو. اهو ئي سبب آهي جو قبضه گيريءَ جي هوس جو شڪار ٿيڻ بدران هُن حيدرآباد(1759ع) جهڙي روح پرور شهر ۽ پڪي قلعي جهڙي پر شڪوهه عمارت اڏائڻ کي ترجيع ڏني. ميان صاحب ڪراچي ۽ شاهبندر جهڙا سامونڊي بندر قائم ڪندي، سنڌ جي بچاءُ کي ناقابل شڪست بڻائڻ پئي گهريو. +تاريخي حقيقتن جي هن مختصر جهلڪ منجهان آسانيءَ سان ثابت ڪري سگهجي ٿو ته ميان غلام شاهه رڳو هڪ مدبر، بهادر، سمجهدار ۽ سورهيه حڪمران ئي نه پر هڪ حساس انسان به هو. کيس سنڌ جي پهاڙن، ندين، نالن، ڀٽن ۽ پٽن سان ئي پيار نه هو، پر هو ته ڀٽائيءَ جهڙي ڀلاري شخصيت جو اڻموٽ عاشق هو. انهيءَ عشق جو اظهار هُن ڀٽ جي شاهه مٿان خوبصرت قُبو اڏائڻ سان گڏ سندس خيالن ۽ آدرشن سان ناتو نڀائڻ جي حوالي سان ڪيو، ڀٽائي، جيڪو سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ جو سڀ کان وڏو نقيب هو (۽ آهي) تنهن جي پاڙهيل سبقن کي سيني سان سانڍي هُن سنڌ کي عالمي برادري ۾ هڪ باعزت ۽ باوقار قوم طور ويهارڻ پئي چاهيو. تاريخدانن جو چوڻ آهي ته داخلي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ميان صاحب افغاني لُٽيرن کي ڪُسندي ڪُرڪندي خراج ته ڏيندو هو، پر سندس دل انهيءَ ڳيجهپي تي رت جا ڳوڙها روئندي هئي. سندس اندر ۾ ويٺل آزاد، خوددار ۽ خودمختيار حاڪم سنڌي ماڻهن جي پگهر ۽ پورهئي جا پئسا قنڌار درٻار ۾ موڪلڻ کان اڳ نهايت بيچين ٿي ويندو هو. عبدالمجيد جوکيي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حُڪومتِ ٽالپر“ ۾ لکيو آهي ته ميان غلام شاهه پنهنجي خاص مجلسن ۾ بااعتماد ساٿين سان ويهندي اڪثر ڪري جوش ۾ اچي چوندو هو:”مان هڪ ڏينهن احمد شاهه جي شهر قنڌار کي ضرور فتح ڪندس، تنهنڪري سڀني اميرن کي انهيءَ ڳالهه لاءِ ذهني طور تي تيار رهڻ کپي.“ +”قنڌار فتح ڪرڻ“ جي تمنا رکندڙ ميان صاحب جي اِن خواهش پُٺيان ٻين ملڪن تي قبضه گيريءَ واري خواهش لڪل نظر نٿي اچي، بلڪ افغان حاڪمن طرفان صدين کان سنڌ سان ٿيندڙ ڪلورن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل قومي وقار جي بحاليءَ جي تمنا وڌيڪ عيان لڳي ٿي. هڪ عوام دوست حاڪم جي حيثيت ۾ غلام شاهه کي احساس هو ته جڏهن ڪنهن قوم مٿان غلاميءَ جا پنجوڙ پختا ٿيڻ لڳن ٿا يا سندس دولت مٿان ڦورو ٽولا راتاها هڻن ٿا، تڏهن اُها قوم معاشي تنگدستي ۽ سياسي تذليل جو شڪار ٿيڻ سان گڏ روحاني اذيت ۽ پيڙا کي به ڀوڳي ٿي. ميان صاحب ڄاتو پئي ته سنڌي عوام کي روحاني ۽ نفسياتي بيماريءَ مان آجو ڪرائڻ جو هڪ ئي طريقو اهو به آهي ته ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪنگرن کي ڪيرائي سنڌ واسين جي صدين کان زخمي ٿيل اعتماد بحال ڪرائجي. کين غير معمولي فتحن جي روپ ۾ ڏيکارجي ته جيڪڏهن همت ۽ جذبو آهي ته غلام ۽ مظلوم قومون ۽ سندن راهنما قابض ۽ ڦورو قومن جا منصوبا ناڪام ڪرڻ جي صلاحيت رکي سگهن ٿا ۽ اُهي سوين سالن کان لاڳو سورن منجهان جان آجي ڪرائي سگهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته قسمت ميان صاحب سان ساٿ نه ڏنو ۽ هو انهيءَ خواب جي ساڀيا ماڻي نه سگهيو، پر اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته قومن جا هڪڙا نسل پنهنجين آسن ۾ جذبن جو اهڙو اُتساهه ڀري ويندا آهن، جو سندن ٻيا نسل عمل جي اوزار سان مڙني مُدي خارج روايتن کي دفن ڪري دم کڻندا آهن . مون کي يقين آهي ته اڄوڪي سنڌ ۾ موجود سنڌين منجهان ئي ڪي انسان غلام شاهه جهڙن پنهنجن وڏڙن جي اُميد ۽ آسن کي ائين حقيقت جو روپ ڏياريندا، جيئن عمر مُختار جي پونيرن لبيا ۾ جبر ۽ استحصال جي ديوَ کي دَسيو، جيئن ويٽنام ۾ هوچي منهه جي پوئلڳن قبضه گير قوتن کي تاريخ آڏو جوابدار ڪيو ۽ جيئن فرانسي بزرگن جي خواهشن جي تڪميل جون آف آرڪ جهڙي نوجوان نينگريءَ هٿان ٿي. +هيءُ نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته دنيا جي تاريخ تي نظر نه هئڻ ڪري اسان سنڌي غير ضروري حد تائين احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيون، جيڪڏهن اسين دنيا جي گولي تي اک رکي ارڙهينءَ صديءَ ۾ پير پائينداسين ته خبر پوندي ته عين اُن دور ۾ جڏهن سنڌ ميان غلام شاهه جهڙي مدبر حاڪم جي هٿ هيٺ ترقيءَ جي شاهراهه تي ڇوهيون وکون کڻي رهي هئي، تڏهن اڄوڪي آمريڪا انگريزن جي غلامي ڀوڳي رهي هئي. کيس آزاديءَ جي اڌوگابري نعمت ميان صاحب جي مرتيي کان چار سال پوءِ )1776ع) ۾ وڃي نصيب ٿي. دنيا جي عظيم ترين انقلاب فرانس (1779ع) جو ڪو ٻول ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. سڄي يورپ فضيلت سان تڪرارن جو حل ڳولڻ وارو نسخو ڪانگريس آف ويانا (1815ع) جي صورت ۾ گهڻو پوءِ ڏٺو..... ۽ اُن کان به مدتون بعد يورپ ميان غلام شاهه جي مرتبي جا مُدبر مئٽرنخ، بسمارڪ ۽ وڪٽر امانوئيل وغيره جي روپ ۾ پيدا ڪيا. انهيءَ ساڳي دُنيا جي گولي تي ارڙهين صديءَ ۾ آفريڪا نيم وحشي پڻي ۾ غوطا پئي کاڌا ۽ عرب حاڪمن ايامِ جاهليت جي ياد تازي پئي ڪئي. ايشيا جي عظيم مُغل سلطنت پويان پساهه پئي کنيا ۽ ڏور اوڀر ايشيا ۽ چين ظالم بادشاهن جي چنبي ۾ ڦاٿل پئي نظر آيو. +انهيءَ پس منظر ۾ جيڪڏهن سنڌ واسي غلام شاهه ڪلهوڙي جهڙي سچي پچي مدبر غير معمولي ڪردار کي مثال بڻائي اڳتي وڌڻ جي ڪوشس ڪن ته اُهي ڪاميابيءَ جي ڪيترن ئي ستارن تائين رسي سگهن ٿا، مان نهايت اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جو نئون نسل پنهنجي تاريخي اساس جو حقيقي قدر ڪرڻ جهڙو هنر پاڻ ۾ پيدا ڪري وٺي ته اهو پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ فخر ڀريي خوشي محسوس ڪندي دنيا آڏو پنهنجن بيمثال مدبرن جا بيان رکي آزادي، برابري ۽ سلامتيءَ لاءِ ٿيل جاکوڙ ۾ هن ديس جي ڳنڍيل پتيءَ کي ڳڻائي سگهي ٿو ...... ۽ اڄوڪين انتهائي مايوس ڪندڙ حالتن ۾ سنڌ جي ڀاڳ ۾ آيل بيمار قيادت آڏو ميان صاحب جي روپ ۾ ”راهنما ڪردار“ انتهائي فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو. پر انهن مڙني منزلن ماڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين پنهنجن دلين تي چڙهيل بيوسيءَ جي تهن کي انتهائي جرئت سان هٽائڻ ۾ سوڀارا ٿيون ۽ ذهن تان غير يقينيءَ ۽ مايوسيءَ جي دز کي شعور ۽ علم جي ڇنڊڻيءَ سان ڇنڊي دل جو آئينو اُجارڻ ۾ ڪامياب ٿيون. + + +پڌرن خوفن ۽ اُميدن ڀري صورتحال ۾ غير يقينيءَ جو هجڻ ايذائيندڙ ته ضرور آهي پر جيڪڏهن اسين زندگيءَ کي ڪوڙن قصن بدران حقيقتن جي دُنيا ۾ گهارڻ چاهيون ٿا، ته پوءِ خوفن ۽ اميدن کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نٿو سُجهي.... هونئن به ڪنهن دوءر يا قوم کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان اُن دوءر يا قوم جي فيلسوفيءَ کي ضرور سمجهون. ساڳي طرح ڪنهن قسم جي فيلسوفيءَ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي، ته ڪنهن حد تائين اسان پاڻ به فيلسوف هُجون. +- برٽرئنڊرسل +ڪهاڻيون مونکي پتو آهي ته بيشمار شخص منهنجي لهجي جي ڪڙاڻ بابت شڪايتون رکن ٿا، پر ڇا سوچ جي آزاديءَ جي باري ۾ ماڻهوءَ کي کرو، تکو ۽ تُرش نه هجڻ کپي؟ هن معاملي ۾ مان سچ جيترو کُهرو ۽ انصاف جهڙو اٽل رهندس! هن موضوع تي ڳالهائڻ، سوچڻ ۽ لکڻ وقت مان ڪڏهن به وچٿرو رهڻ نه چاهيندس....نه! هرگز نه! +توهان اُن ماڻهوءَ کي گهگهوءَ جي آواز جهڪي ڪرڻ جي صلاح ڀلي ڏيو، جنهن جو گهر باهه جي ڀڀڙن ۾ ورتل هجي. توهان جي مرضي ته ڪنهن باغيرت شخص کي پڻ چئو ته هو اُن مهل مدد لاءِ آهستگيءَ سان ٻاڪاري، جڏهن ڪو غنڊو سندس گهرڌياڻيءَ جي عزت زوريءَ لٽڻ جي ڪوشش ڪري. اوهين باهه ۾ سڙندڙ ڪنهن معصوم ٻال�� جي والده کي به مشورو ڏيئي سگهو ٿا، ته هوءَ پنهنجي ٻچڙي کي اُتان ڪڍڻ مهل آرام ۽ سُستيءَ کان ڪم وٺي! +پر مهرباني ڪري مون کي اِهو نه سمجهايو، ته سوچ تي پهرا ويهاريندڙن خلاف ٿڌائپ کان ڪم وٺان. مان هن مهل جوش ۾ ورتل آهيان. مون کي ٻچاپڙو ٿيڻ جي صلاح نه ڏيو. هن معاملي ۾ آءٌ ڪنهن کي به معاف نه ڪندس، ۽ پنهنجي ارادي تان تِر جيترو به نه هٽندس ۽ نه وري ڪنهن ٻئي جي ٻولي ٻڌندس. انهيءَ صورتحال لاءِ اسان جي ماڻهن جي بيدردي ئي ڪافي آهي، جن جي افعالن ۽ عمل هر شاندار شخص جي مجسمي کي، پنهنجن بنيادن تان هٽائي نوائي ڇڏيو آهي ۽ سندس اصولن کي نظرانداز ڪندي، کيس واپس هڪ مُردار ۽ قبر ۾ پيل لاش ۾ تبديل ڪري ورتو آهي. +وليم لائڊ گئريزن +حميد سنڌي +کڙيا کٽڻهار +ڪي وڪيل وڏا ٿين، ته ڪي وري ننڍا، اڃا به ننڍا هجن ته کين ”جونيئر پارٽنر“ چون. پر جي ڪو اديب ”جونيئر پارٽنر، ٿئي ته ڍاڪئون ئي پڪو! +مان به اُن زماني ۾ جونئير پارٽنر هئس. +منهنجو سينيئر حيدرآباد جو وڏو ڪرمنل لاير هو، هميشه اديبن کان ڇرڪيل هوندو هو. مون کي ڏسندو هو ته چوندو هو، ”يار اديب!..... قانون ۽ ادب کي الڳ رکجانءِ...... ٻيلي، قانون کي ادبي مرچ مسالن کان پري رکجانءِ......“ اُن زماني ۾ قتل جا ڪيس پهريائين هيٺين ڪورٽن ۾ هلندا هئا، پوءِ سيشن ڪورٽ ۾ ايندا هئا، جتي پُڄاڻي تي سزا – جزا جو فيصلو ٿيندو هو. هيٺين ڪورٽن ۾ سينيئر گهڻو تڻو پنهنجي سُٺن جونيئرس کي موڪليندا هئا ته هو شاهدن جا بيان وٺرائي ڪيس کي چٽو ڪري بيهارين. +هيءَ ڳالهه به اُنهي زماني جي آهي. هيءُ هڪڙو قتل جو عجيب مقدمو هو، جنهن لاءِ مون کي منهنجي سينيئر خاص طور تي تيار ڪري موڪليو هو. مان مقتول پاران وڪيل هئس. هيءَ هو ته قتل ڪيس پر جوابدار ڌُر هي ڪيس غيرت جي بنياد تي ئي وڙهي رهي هئي. عجيب ڪيس هو. هڪ مائيءَ پنهنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪيو هو. جوابدار ڌُر جو چوڻ هو ته مسمات سفوران، پنهنجي ڀاڻيجي شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو جو هُن منجهس هٿ وڌا هئا ۽ زوري ڪئي هئي، تنهنڪري سفوران کيس موقعو ملندي ئي غيرت وچان ڪهاڙيءَ سان زبرا ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سينيئر مون کي چيو هو ته ”هيءَ ڪيس سڌو سنئون قتل جو ڪيس آهي. مسمات سفوران شهمير کي اِن لاءِ قتل ڪيو هو جو هنن کيس پنهنجي نياڻي ڏيڻي ڪئي هئي. اِن آسري تي شهمير کان پئسا ڏوڪڙ ڦريندا هئا. مال ملڪيت به لکائي ورتي هئائون. سفوران جو مڙس لالچي هو. هُن تَر جي چڱي وڏي زميندار کان الڳ پيسا وٺي کيس سڱ ڏيڻ قبوليو هو. شهمير به هنن تي ٺيڪ ٺاڪ زوربار وڌو. چار چڱا ميڙ به وٺي ويو، پر هنن نه مڃيو. زميندار کي پنهنجي ورتل سڱ مٿان چڙهت ۽شهمير ۽ ڀاڳل جي لڪي ملڻ ۽ معاشقي تي غيرت آئي. هُن شهمير کي مارايو، پر سفوران کي بليڪ ميل ڪري قبولرايو ته شهمير کي هُن ئي ماريو آهي.“ +”هي اِها ٿيوري آهي ته پوءِ سائين ! مائي سفوران پاڻ تي ڇو الزام کنيو؟“ مون سينيئر صاحب کان پڇيو. +هُن کلي مون کي ڏٺو،”آهي نه ادبي سوال !“ +”بابا! بس هڪ ڌمڪي رئيس طرفان ڪافي هئي ته تنهنجي ڌيءَ شانان کي ڪاري ۽ شهمير کي ڪارو ڪري مارينداسين. هاڻ غيرت واري سوال تي مائي ڇُٽيو پئي ٿي وڃي يا هلڪي سزا ٿي ملي. ڦاسي يا عمر قيد کان بچي ئي بچي.“ +”سر! مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“ +”ثابت اِهو ڪرڻو آهي ته It is not honor killing (غيرت جو سوال ناهي) مائي سفوران پنهنجي مڙس ۽ وڏيري جي چُرچ تي، شهمير جي ملڪيت ڦٻائڻ ۽ پنهنجي ڌيءَ شانان جو سڱ وڏيري کي ڏيڻ لاءِ هيءَ ڊرامو رچايو آهي. هو، قاتل آهي. اُن سان 302 لاڳو ٿيڻ کپي.“ +مان ٻُڏتر ۾ پئجي ويس. منهنجي سينيئر مٿان اِهو به چيو ته ”ميان! هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته توکي Prosecution جي ڪيس مطابق هلڻو آهي. متان پنهنجي طبيعت مطابق هيڏانهن هوڏانهن ناسون هڻي ڪا ڪهاڻي يا ڪالم يا مضمون لکي ويهين. هيءُ نازڪ مسئلو آهي. اڳ به هڪ ٻن ڪيسن ۾ اخبار ۾ تنهنجي راءِ جو اظهار مڙيو ئي مهانگو پيو هو، اِن ڪري هن دفعي معاملو اهڙو ڏنو اٿمانءِ جو توکي رڳو سرڪاري وڪيل سان تعاون ڪرڻو آهي ۽ فريادي ڌُر جي داخل ڪرايل ايف آءِ آر مطابق هلڻو آهي. سمجهيئه. آهين ته هوشيار ۽ سمجهدار.“ +”سر! بلڪل سمجهيم، توهان فڪر نه ڪريو، قانون کان مٿاهون ڪير به ڪونهي. ادب به نه.“ +هن ننڍي شهر ۾ قائم ڪيل هيءَ ڪورٽ مون کي اِنڪري وڻندي آهي، جو شهر جي ڪجهه ٻاهران هڪ روڊ تي آهي. انگريزن جي دوءر جي هڪ ننڍي عمارت اٿس. چوڌاري ڪمپائوند وال ۽ اندر ننڍڙو باغ به اٿس. باغ ڦٽل آهي. باقي ڪي سُڪل، ته ڪي ساوا وڻ قائم آهن. هتي اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو آهي، جو منهنجي سينيئر جا گهڻا ڪيس مڙيوئي هت آهن. ننڍي ڪورٽ آهي، اِنڪري پاڻ گهٽ ايندو آهي. اسان پارا جونيئر انهيءَ ننڍي ڪورٽ جي ورانڊي ۾ بينچ تي يا ڪنهن ڇڊي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺيان ويهي اصيل سان ٻولاچاري ڪري يا ڀت ٻاهران ٺهيل ٻاڪڙا هوٽل تان چانهه گهرائي، اوٻاسيون ڏيندي وقت گذاريندا آهيون. ڪورٽ سڳوري پاران سڏ ٿيو ته اندر پهتاسون، ڪيس هليو نه هليو، تاريخ وٺي روانا ٿيندا آهيون. +اُن ڏينهن ڪورٽ ۾ ڏاڍي رونق هئي، جنهن ڏينهن مسمات سفوران جو ڪيس هو. ٻاهر ماڻهن جا ميڙاڪا هئا، مائي ڪورٽ جي ايوان ۾ اسان واري وڻ جي ڇانَو تي قبضو ڪيو ويٺي هئي. پوليس گيٽ بند ڪيو، مائيءَ تي پهرا پئي ڏنا. خرچي وٺي مائٽن سان ملڻ پئي ڏنائون. ڪن اوپرن ماڻهن لئونڻا پئي هنيا ته ڏسون ته اِها مائي ڪهڙي منهن مهانڊي جي آهي. جنهن سڳو ڀاڻيجو ماريو آهي. مائي ڪورٽ کي پُٺ ڏيو ڀت واري پاسي منهن ڪيو، وڏي رئي سان پاڻ کي ڍڪيو سڪل سڙيل ڇٻر تي ويٺي هئي. +مان اِهو لقاءُ ڏسندو اک ٽيٽ سان ورانڊي مان بيهي مائيءَ جو جائزو وٺندو رهيس. +ائين جج صاحب جو نائڪ آيو.“ صاحب سڏيو اٿَو.“ +جج صاحب سان اِتي ايندي ويندي منهنجي سُٺي نيازمندي ٿي ويئي هئي. جنهن ڏينهن منهنجو ڪو ڪيس هوندو هو ته ويٺو انتظار ڪندو. نوجوان هو ۽ پروگريسو خيالن جو هو. علم ادب سان چاهه هيس. ڪميشن معرفت سڌو چونڊيو ويو هو. اردو اسپيڪنگ هو، پر سنڌي سمجهندو به هو ته ڪجهه ڳالهائيندو به هو. پهرين پوسٽنگ اِنهيءَ ڪورٽ ۾ ٿي هُيس. صبح جي پهر ۾ جيسين ڪورٽ جي تياري ٿئي ۽ هلڻ وارن ڪيسن جي ڄاڻ مليس، تيسين ويٺو مون سان ٻولاچاري ڪندو هو. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي صورتحال ۽ ريتن رسمن کان گهڻو آگاهه نه هو. پر ويٺو مون کي کوليندو هو. سندس چئمبر ۾ داخل ٿيس ته وڏو ٽهڪ ڏنائين: +”سائين! ديکهو آج هماري ڪورٽ مين ڀي ميلا لگا هوا هئي.“ +”بس سائين، يهي هماري سنڌ ڪي بدنصيبي هي، اَڀي ابتدا هي، ديکهنا انتها ڪهان پر هوتي هي. عورت بيچاري هميشه مظلوم رهي هي.“ +”يه مظلوم هي؟ ڀانجي ڪو مارا هي.“ +”پته نهين سر! ڀانجا مظلوم ٿا يا يه، يا ڦر دونون.“ +جج منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪندي چيائين.“ ته پوءِ اصل ڳالهه ڇا آهيس.“ +”سر! ڪيس هلي، خبر پئجي ويندي. مون ڪيس پڙهيو آهي. ڳالهه ۾ ڪو رولو آهي.“ +نائب چانهه کڻي آيو هو. هُن چسڪي ڀريندي ئي چيو،” پر مائي قبولدار ٿي آهي. 64 جو بيان پڙهو. مگر ميمن صاحب! توهان ته +فريادي ڌُر پاران آهيو، توهان ته رولو نه بڻايوس.“ +”سر! هيءُ ڪيس سينئير جو آهي. مان اديب آهيان، هِن معاشري جو سڄاڻ فرد آهيان. سينيئر صاحب اِنهيءَ عمل کان جهليندو آهي، پر مان پنهنجي مزاج کان مجبور آهيان. ڳالهه جو ڳاٽو جهلبو ضرور، پروفيشنل بي ايماني نه ڪبي.“مون کلندي کيس چيو. +جيتوڻيڪ مائيءَ جو سيشن ڪورٽ مان عورت هئڻ ڪري ضامن ته ٿي ويو هو، پر پروفيشن ۽ قاعدي قانون مطابق ڪيس هليو ۽ خوب هليو. مائي قابو هئي. سرڪاري وڪيل ۽ مون شاهدن ذريعي ائين وڃي ڪيس بيهاريو ته مائي ملڪيت جي لالچ ۾ ۽ سڱ لاءِ وڏيري کان پئسا وٺي هيءَ قتل ڪيو آهي ۽ مڙسس به هن ۾ شامل آهي. هيءَ سڌو سنئون مرڊر ڪيس آهي. غيرت جو ڪو مسئلو نه آهي. +هڪ ڏينهن جڏهن ڪيس آخري مرحلن ۾ هو ۽ مان واندو ٿي نڪتس ته ڏٺم ته مائي باغ ۾ هڪ بئنچ تي هڪ ٻن ماين سان گڏ ويٺي هئي. ڪورٽ ۾ هاڻ ماڻهو نه رهيا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هو. ڪورٽ بند ٿيڻ واري هئي. ورانڊي جي هڪ ڪنڊ تي اُنهن مان هڪ مائي اچي منهنجو اڳ جهليو. ”ابا ترس! سفوران توسان ڪجهه ڳالهائيندي. ٿورو هيڏانهن اچ.“ +مان بيهي رهيس. پهرين سوچيم ته کيس جواب ڏيئي ڇڏيان،جو پروفيشنل ذميوارين ڪري جوابدار ڌُر سان ڳالهائڻ مناسب نه هو. ٻيو اِهو به سوچيم ته منهنجي سينيئر کي خبر پوندي ته بنهه جونيئري واري نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو. پر طبيعت کان مجبور اندر ۾ ويٺل اديب ۽ ڪهاڻيڪار کي ڪيئن روڪيان. ڳالهه جو ڳاٽو ته جهلبو ۽ مان اُن وڻ ڏانهن هليو ويس، جنهن هيترن مهينن ۾ به نوان گونچ نه ڪڍيا هئا. هاڻ ته سرءُ به ويجهو هو. پن ڇڻي هيٺ ڍير پئي ٿيا. شاخن مان اُس نڪريو نڪريو پئي آئي، پر اُن ۾ تاءُ نه هو. هيءُ هڪ ڊگهي مضبوط جسم جي عورت هئي. جڏهن اُتي هُن رئي جو ٻُڪل کوليو ته ڇڻڻ کان رهجي ويل ڪرڻا سندس اڇي اُجري منهن تي وڇائجي ويا ۽ سندس منهن رَتو ڪندا پئي ويا. هيءُ سهڻي سيبتي عورت هئي. مون ڪورٽ ۾ ڪڏهن سندس منهن نه ڏٺو هو، جو هوءَ منهن اڌ ڍڪيو ويٺي هوندي هئي. مون رڳو سندس ڏيلُ ڏٺو هو. هاڻي هُن ڳالهايو ته سندس اڇا ڏند به مُرڪي پيا، پر سندس منهن تي مُرڪ نه هئي. +”وڪيل صاحب! هيءُ توهان مون سان ڪهڙو ظلم پيا ڪريو. ڪيس کي ڪاڏي پيا وٺي وڃو. مان ته ڦاسي چڙهي ويندس، پر جنهن نياڻيءَ لاءِ هي سڀ ڀوڳيان پيئي، مون کانپوءِ اُن جي سنڀال ڪير ڪندو، بگهڙن جي وَرُ چڙهي ويندي.“ +مون سندس نياڻيءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ به هُن وانگر وڻندڙ ۽ هُن جهڙي ئي هئي. مان گهڙي کن لاءِ ته چپ رهي، پوءِ بي اختيار چئي ڏنم،” تو هن معصوم کي هٿ سان بگهڙن جي وَرُ چاڙهيو آهي. پنهنجي سڳي ڀاڻيجي کي هٿ سان ماري هِن معصوم نياڻيءَ کي هڪ جهوني بدبودار بگهڙ جي حوالي ڪرڻ لاءِ توئي ته سڀ ڪجهه ڪيو آهي. تون سمجهين ٿي ته تنهنجي نياڻي هندورن ۾ لڏندي ۽ تون هتان بچي پوءِ موٽي وڃي سندس چاشني ۽ پُلاءُ وارو ڪاڄ کائيندينءَ. مائي سفوران! تيستائين ته تنهنجون هڏيون به نه بچنديون، تون ڪهڙي خيال ۾ آهي، الائي ڪيترا بگهڙ گڏجي هن معصوم کي رڙڪي کائي ويندا. تنهن جي خبر پوءِ پوندءِ.“ +مون وڌي سندس نياڻيءَ مٿان هٿ رکيو، پوءِ سفوران جو هٿ وٺي اُن جي مٿي تي رکيو. هوءَ منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳي. +”کاءُ قسم هُن نياڻيءَ جو ته جيڪي تون چئين ٿي، سو سڀ سچ آهي. کا قسم اُن معصوم نوجوان جو، جنهن جو خون به تنهنجي سر تي آهي. ٻيئي خون تنهنجي سر تي آهن.ياد رک، هيءَ به نه بچندي.“ +مائي سفوران پنهنجو هٿ يڪدم نياڻيءَ جي مٿي تان کڻي ورتو. سڄي هيڊي پيلي ٿي ويئي. سندس ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. هوءَ بيهي نه پئي سگهي.ٻي مائيءَ کيس بئنچ تي ويهاريو. +��منهنجي مدد ڪر وڪيل صاحب! ڦِي توکي مان ڏينديس.“ سفوران ڳوڙها ڳاڙيندي چيو. +”مان اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان، جيڪي ڪجهه سچ آهي، سو سمورو ڪورٽ سڳوري کي ٻڌاءِ، پوءِ ئي ڪجهه ٿي سگهندو.“ +”ڪورٽ کي ٻڌاءِ ته تو پنهنجي سڳي ڀاڻيجي شهمير کي ڪيئن ماريو. ها واقعي هُن پنهنجي سهڻي پاري مڱينديءَ، جنهن سان هُن جو ننڍي هوندي کان پيار هو، اُن کي ڇڏي توسان زوري ڪئي. ڪا سولي ڳالهه ته ڪر!“ +سفوران رويو پئي رني. اوچتو منهنجي ويجهو اچي سُرٻاٽ ڪندي چيائين،” سائين، شهمير منهنجو ڀاڻيجو هو، مان اُن کي ڪيئن مارينديس، هو ته مون کي ماءُ وانگر ڀائيندو هو. هو ڪيئن بڇڙي نگاهه رکي مون تي حملو ڪري زوري ڪندو. هو ته منهنجو ٻچو هو. مان اُنکي ڪيئن مارينديس؟“ +”پوءِ ڪنهن ماريو؟“ +هُن هيڏانهن هوڏانهه نهاريو.، مڙسس شهر ويو هو، اڃا نه موٽيو هو. +”سائين، اِهو ظلم منهنجي مڙس عدلو ۽ وڏيري شمن خان گڏجي ڪيو. وڏيري جي ڪمدار خميسي ٻن ٽن همراهن سان گڏ اچي پهريائين شهمير کي ماريو. پوءِ بيٺا هن نياڻيءَ کي مارڻ ته شهمير سان ڪاري ٿا ڪيونس. وڏيري ۽ منهنجي مڙس مون کي کڻي ڀت ۾ رُبيو، ته هيئن قبولدار ٿين ٿي ته واهه، نه ته تنهنجي نياڻيءَ کي ٿا ڪاري ڪري ماريو. مون کين اِهو به چيو ته مون کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيو، پر هيئن ذليل نه ڪريو. لعنت آهي هن جيئڻ تي، پر مان رڳو هن نياڻيءَ لاءِ جيئرو رهڻ چاهيان ٿي. مان هاڻ سندس اکيون ڏسيو ويٺي آهيان. وڏيرو روز رات جو ماڻهو ٿو موڪلي ته ڇوڪريءَ کي اوطاق تي موڪل، مان ته جيئري ئي مري ويئي آهيان. الله اِنهي منهنجي مڙس عدلوءَ جو منهن ڪارو ڪندو، جنهن جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“ +مون سندس حالت ڏسي ويجهو وڃي ساڻس ڀڻڪندي ڳالهايو:”اٿئي همت ته سڀاڻي پنهنجي بيان تان ڦري وڃ ۽ ڪورٽ کي هي سڄي حقيقت بيان ڪر. پوءِ ڏس ته ڇاٿو ٿئي. هاڻي هنن کي طاقت نه ٿيندي، جو هو تنهنجي يا تنهنجي نياڻيءَ جو وار به ونگو ڪن. تون همت ڪندينءَ ته سڀ ڪجهه ٿيندو، نه ته تنهنجي لاءِ سرڪڻ ڦاهي ٺهي پيئي آهي.“ +مون ڀڻڪڻ بند ڪري سندس منهن ڏي ڏٺو. هيءَ معصوم عورت جو چهرو هو. وهيل ڳوڙهن جون لارون هاڻ سُڪڻ لڳيون هيون.مان آهستي آهستي چُرندو ائين کسڪي آيس، ڄڻ اُن پاسي ويو ئي نه هئس. گيٽ کان ٻاهر نڪتس ته سفوران جو مڙس عدلو سيڌي سامان سان ٽانگو ڀرائي اچي پهتو ۽ مون ڏانهن اجائي سجائي نظر ڦٽي ڪري زوريءَ کنگهڪار ڪندو اڳتي وڌي ويو. مون اڄ کيس غور سان ڏٺو. هي هڪ ڦٿل، بندرو، ٿلهو، ڪارو ۽ بيڊولو شخص هو.، سفوران جو نوڪر پئي لڳو. هوڏانهن مائي سفوران اڇي، ڀوري، سهڻي، سيبتي، وڏي هڏ ڪاٺ واري قدآور عورت هئي. جي هن ڪُڌي مامري ۾ نه ڦاسي ها ته سندس رعب تاب ۽ ڏيل ڏيا کي ڪوبه لوڏو نه هو. هاءِ ڙي قسمت! +پر مائي ۾ اڃا به ڪي جولان هئا. آخري بيان ڏيڻ لاءِ بيٺي ته هڪ سَٽ سان ئي ڪئين ڌڌڪا ڪڍندي وئي! هوءَ پنهنجي اڳئين بيان تان صفا ڦِري ويئي. هُن واردات ٻڌائيندي مڙس، وڏيري شمن خان ۽ سندس ڪمدار ۽ ڪاراون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. جج سدورو هو ۽ اسان واري ادبي چڪر ۽ لڏي جو هو. مائي سفوران کي اهڙو ڳالهائڻ ڏنائين، جو ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. رڳو سندس ئي آواز پئي گونجيو ۽ گونجندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين:”مون اِهو ڏوهه صرف اِن لاءِ قبوليو هو، ته مان ڀل ڪاري ٿيان، پر منهنجي نياڻي ڪاري نه ٿئي. اڳيون بيان عدلوءَ ۽ وڏيري شمن خان مون کان ڌمڪيون ڏيئي ڏياريو هو.“ +جج دير ئي نه ڪئي، حڪم جاري ڪيائين ته”نئين سر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ شڪ جي بنياد تي في الحال ته سفوران جي مڙس، وڏير�� ۽ سندس ڪاراون کي ٻڌي ريمانڊ لاءِ پيش ڪريو. مسمات سفوران اڳئي ضمانت تي آهي، تنهنڪري ڀل ضمانت تي هجي.“ اهڙي سفارش هُن سيشن ڪورٽ کي به ڪئي. پوءِ پوليس کي هدايت ڪيائين ته مائي سفوران ۽ سندس نياڻيءَ کي پوليس پروٽيڪشن ڏنو وڃي. پبلڪ پراسيڪيوٽر کي حڪم ٿيو ته ري ٽرائيل لاءِ ڪيس تيار ڪيو وڃي. +مان ٻاهر بيٺو هئس ته نائڪ آيو،” سائين! صاحب سڏيو آهي.“ +مان چئمبر ۾ داخل ٿيس ته جج صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو،”يو ناٽي بواءِ!...... آخر اديبن واري ڪار ڪيئه. مونکي ڪجهه خبر پيئي آهي.“ مون کلي کيس چيو،”قانون جي ديويءَ کي پَٽي ٻڌل هوندي آهي. اسان ماڻهن جو ڪم ئي آهي ته ڪجهه وقت لاءِ ديويءَ جي اکين تان پٽي لاهي ڇڏيون.“ +”پروفيشنل ذميواريءَ جي ڀڃڪڙي جو ڇا ٿيندو.“ جج صاحب مرڪندي چيو.”جيڪي ٿيندو اُن کي ڏٺو ويندو. توهان ۽ اسان انصاف جو دامن نه ڇڏيو آهي. هنن بي گناهه ۽ مظلوم ماڻهن جو داد فرياد ٿيو آهي، اِهو مون لاءِ گنج آهي.“ +چئمبر مان ٻاهر نڪتس ته مَن تي بار نه هو. مون ورانڊي ۾ بيهي ٻاهر نهاريو. مائي سفوران پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ وڻ هيٺان بيٺي هئي. هوءَ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. سندس اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مُرڪ هئي ۽ سندس نياڻيءَ جي منهن تي سُرهائي هئي. +مون وڻ ڏانهن نهاريو. مون کي ائين لڳو ڄڻ نوان گئونچ نڪري آيا هئا. هن مُند ۾ به وڻ تي بهار جي مُند ڇانيل هئي ۽ منهنجي مَن ۾ ڪئين کٽڻهار کڙي پيا هئا! +ڊاڪٽر تهمينه مفتي +اسين رهياسين اڌورا اڌورا +Milkman اسٽريٿم جي اسٽريٽ نمبر ٻي تي واقع گهر نمبر ٻاونجاهه تي چڱي دير کان گهنٽي وڄائي رهيو هو. کير جون بوتلون گولڊ ٽاپ در جي وڌيل چائنٺ تي رکي هن مٿي نهاريو. مٿئين بيڊروم جي درين تي ڄاريءَ جا سهڻا پردا پيل هئا، هن گهر جي مالڪ کي هو گهڻي عرصي کان کير ڏيندو هو. تنهنڪري هنن جي وچ ۾ سڃاڻپ وارو رستو هو. يا کڻي چئجي ته ٻنهي ۾ ٿوريءَ دير لاءِ ئي سهي کل ڀوڳ ڪرڻ وارو دوستانه رويو به هو. هو بيٺل آهي ته متان در کلي، پر در نٿو کلي. گهر جي اندر سانت ۽ جمود ڇانيل آهي. هو ڪجهه پريشان ٿي. باغ واري ننڍڙي در کان اندر وڃي ٿو. پيلا گلاب ٽڙيل هئا. بليڪ بيريز جا رس ڀريا ڇڳا ننڍڙن ٻوٽن ۾ ارينگن جيان لڙڪيل هئا. هو سرسبز لان مان سرن سان ٺهيل پيچري تان تڪڙو هلندو در تي اچي پهتو. در تي لڳل لوهي گول ڪنڍي کي وڄائي ٿو. هڪ وار کيس لڳو، ته اجهو در کليو، پر اهو هن جو وهم هو. هن دل جي تسليءَ لاءِ وري در جي ڪُنڍي کي ڪجهه زور سان وڄايوڳ، پر اندر ته لڳاتار خاموشي هئي. سندس منهن تي ڳڻتي وڌندي وئي. هو واپس وريو ۽ کير جون بوتلون کڻي تڪڙو گاڏي ۾ پيل ٽري ۾ رکيائين. گاڏي اسٽارٽ ڪري مين روڊ تي نڪري آيو. ٽيسڪو شاپنگ سينٽر ڀرسان پبلڪ بوٿ تي اچي ڏهن پينس جو سڪو وجهي، ايمرجنسي هيلپ لائين تي رنگ ڪيائين. پنهنجو نالو ۽ ايڊريس ٻڌايائين. هاڻي اسٽريٿم جي اسٽريٽ نمبر ٻي جي گهر نمبر ٻاونجاهه تي پوليس در جي تالي کي ڀڃي گهر اندر داخل ٿي رهي هئي. گهر جي هيٺين حصي ۾ ويهڻ واري ڪمري ۾ هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي پيل هئي. صوفن تي ڪشن، رنگين ٽي وي، سليقي ۽ ترتيب سان ميڊيڪل سائنس وارا ڪتاب پيل هئا. ڪمري جي اندرين شيشي واري در تي پردو پيل هو، جيڪو باغ ۾ پئي کليو. جائزو وٺندي ڪچن جي اُندر کي به چيڪ ڪيائون، جيڪو بند هو. ڪچن ۾ کائڻ واريءَ ننڍڙي ميز تي هڪ ڪوچ ۽ گلاس پيل هو. هر شيءِ پنهنجيءَ جاءَ تي پيل هئي. +Let us go up stairs هڪ پوليس آفيسر ٻئي کي چيو. مٿي ويندي ڏاڪڻ کي تڪڙو طي ڪري ٻئي ڄڻا سمهڻ واري ڪمري جي در تي پهتا. انهن مان هڪ ڄڻي در کي زور ڏنو ته در کلي پيو. سامهون وڏي دري هئي ۽ ڀر ۾ رائٽنگ ٽيبل پيل هئي. ڪرسيءَ تي هڪ شخص ويٺل هو، جنهن جو مٿو ٽيڪ واري انداز ۾ پر ڪنڌ ڪجهه پاسيرو لڙڪيل هو. هڪ ٻانهن لڙڪيل ۽ ٻي هنج ۾ هئس. قلم هيٺ ڪريل هو. پوليس وارن جلدي اچي کيس جانچيو. هن جون اکيون ننڊاکڙيون هيون. وارن ۾ سليٽي رنگ جا وار به گهڻائي ۾ هئا. کيس اڇي رنگ جو هاءِ نيڪ، سوئٽر ۽ ڪاري پتلون پهريل هئي. قداور ۽ مردانگي ۾ وجيهه هو. آفيسر سندس ٻانهن کي جهلي نبض ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس جسم جي گرمائش ظاهر ڪري پئي ته ٻئي جهان ۾ پير رکندي کيس گهڻي دير ڪانه ٿي هئي. هو ننڊ جي اهڙي گهيرٽ ۾ هو جو کيس جاڳ ئي نه پئي ٿي. ابدي سڪون ۽ معصوميت هن جي چهري مان ظاهر هئي. اُها حالت ڏسي هڪ ڄڻي ايمبولينس ۽ ڪجهه ٻي نفري پهچي ويئي. ڪمري جو واءُ سواءُ وٺندي کين ٽيبل تان ڳاڙهي رنگ جي مخملين ڪور واري ڊائري ملي. جنهن جي پهرين ورق تي فون نمبر سان گڏ ايڊريس لکيل هئي. اُها ايڊريس ڊاڪٽر ظفر جي هئي. آفيسر موبائيل تي ظفر سان رابطو ڪيو. ظفر اهو ٻڌي تڪڙ ۾ گاڏي ڊرائيو ڪري اسٽريٿم پهتو. هو اُن ساڳي ئي ايريا ۾ رهندو هو، پر ٿورو پرڀرو گهر اڳيان ايمبولينس ڏسي سندس دل پيرن ۾ اچي پيئي. هو سندس من گهريو دوست هو. سندس دوستي کي ويهه کن ورهيه ٿي چڪا هئا. هو ڏاڪڻ جا ڏاڪا اورانگهيندو ڪمري ۾ داخل ٿيو. هُو هن مٿان ذري گهٽ وڃي ڪِريو. ظفر جي دل درد سان ڀرجي ويئي. سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو: +Be patient Mr. Zafar….! He is no more…. But he was all right…. We together on duty at the Hospital. +هو پنهنجي ڪاروائي ڪندا رهيا. ڊيڊ باڊيءَ کي ايمبولينس ۾ رکرايو ويو. هن جون ذاتي شيون ۽ هڪ ڊائري ظفر کي ڏيندي چيو: +We got your address from this diary….Some pages are written in some other language….May you understand it and help to know about his last wish. +ظفر کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو. هن ڪڏهن به ڪنهن تڪليف يا بيماري جو اظهار نه ڪيو هو. خيال اِهو ئي هو ته هارٽ فيل ئي هن جي زندگيءَ جو ڏيو اُجهايو آهي! +ظفر ڊائري ۽ ذاتي شيون ساري سنڀالي کنيو، جن جي لسٽ آفيسر پاڻ وٽ رکندي ظفر کان صحيح ورتي. هن جي گهر کي سيل ڪري سڀ ٻاهر نڪري آيا. ظفر گهر پهتو ته شهلا گاڏيءَ جو آواز ٻڌي در کوليو. هوءَ ظفر کي ڏسندي ئي چپ ٿي ويئي. ظفر جون اکيون سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيون هيون، تنهن هوندي به هن پڇيو. +”ڇا ٿيو ظفر، خير ته آهي؟“ +”شهلا، هُو اسان کي ڇڏي ويو هميشه لاءِ.“ هن گهر ۾ داخل ٿيندي چيو. +”هي هٿ ۾ ڇا اٿئي؟“ +”هي هُن جي ڊائري آهي.“ +ظفر سڌو اچي سٽنگ روم ۾ صوفي تي ويٺو. پنهنجي جسم کي ڍلو ڇڏي ڏنائين. هُن جي صورت سندس اکين جي آڏو ڦرڻ لڳي. جڏهن کان هُو هن ملڪ ۾ آيو هو ۽ پاڪستان هاسٽل ۾ ٻين شاگردن وانگر اچي ترسيو هو، تڏهن کان وٺي سندس تعلق جڙيو هو. هُو سندس ورم ميٽ ۽ دوست به هو. ٻنهي جو رشتو اچانڪ ائين ٽٽو جيئن لغڙ ڪاٽا ٿي هوا سان گڏ الائي ڪاٿي وڃي نڪري، ۽ خالي ڏور هٿ ۾ رهجي وڃي. سندس پريشان حال ڏسي شهلا وڌيڪ ڪجهه نه ڪڇي. هوءَ خود ذهني ۽ دلي صدمي جو شڪار هئي. هن اجنبي ملڪ ۾ هو هڪ ٻئي لاءِ آٿت هئا. هڪ ثقافت، هڪ ٻولي ۽ ساڳي ديس جا. +اڪثر هُو سندس گهر سنڊي تي ايندو هو. سوير ۽ گهٽ ڳالهائڻو. سندس اکيون اُداسي جو ديرو هيون. جڏهن هوءَ ظفر سان پرڻجي هن اجنبي ديس ۾ آئي هئي، ۽ پهريون ڀيرو ساڻس ملي هئي ته کيس ڏسي چيو هئائين:”منهنجي ڀاڄائي نه پر ڀيڻ آهين.“ هن پاٻوهه مان سندس مٿي تي هٿ رکي چيو ه. ”سدائين خوش رهندينءَ“ سندس ادا ڪيل لفظن جي حرمت ۽ پاسداري سندس اکين مان ظاهر هئي. شهلا جي اکين مان موتين جهڙا لڙڪ لڙي پيا. گهر ۾ خاموشيءَ جو راڄ هو. ظفر مخملين ڳاڙهي ڊائريءَ کي پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان کوليو. اُن تي هيٺين تاريخ درج ٿيل هئي.”18-10-1987ع“ +جهاز جي ڪيپٽن جو آواز اُڀريو:” جهاز ڪجهه گهڙين ۾ هيٿرو ايئرپورٽ تي لهڻ وارو آهي.“ سندس آواز ڪيڏو نه نفيس آهي. هن ٿورا مڃندي سيفٽي بيلٽ ٻڌڻ جي صلاح ڏني آهي. سڀ مسافر پنهنجا پنهنجا بيلٽ ٻڌڻ لڳا آهن. مون به پنهنجي سيفٽي بيلٽ ٻڌي ورتو آهي. جهاز جي گول دري مان جهاتي پاتم. بتيون جهرمر ڪري رهيون آهن. اکيون بند ڪري ڇڏيم. اندر ۾ اُداسيءَ جي سَٽ اُڀري آئي آ.“ ڪيڏو نه ڏور هليو آيو آهيان. سڀني کان پنهنجي شهر کان، زخمي روح ۽ لٽيل جسم سان“ اِن خيال کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجو مٿو ڪرسيءَتي لاڙي ڇڏيو اٿم. جهاز هيٺ لهڻ لڳو آهي، ڄڻ هيٺ پاتال ۾ لهندو پيو وڃي! ذهن کي ٿوري دير لاءِ جهٽڪو لڳو اٿم، ۽ پوءِ جهاز رن وي تي لهي پيو. مسافرن جي چهرن تي ٿڪل ٿڪل مُرڪ سفر جي پُڄاڻي کي ظاهر ڪري رهي آهي. جهاز بيهي ويو. مسافرن سيفٽي بيلٽ کولڻ شروع ڪيا آهن. مون به بيلٽ کولي ٿيلهو شولڊر تي لڙڪايو آهي. منهنجي اڳيان هڪ نوجوان جوڙو هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هٿ وجهي هلڻ لڳو آهي. کين هڪ ننڍڙو ٻار آهي، جنهن جي عمر ڇهه مهينا کن ٿيندي. صاف سٿرو، جنهن کي هن پنهنجيءَ چيلهه ۾ ٻڌل جهول ۾ کنيو آهي. سڀئي مسافر هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳا آهن. هاڻي هي مسافر ناهن، جو سندس مسافري ختم ٿي وئي. مسافر ته مان آهيان، جنهن جوسفر شايد ڪڏهن به پورو نه ٿئي. نيرين اکين واري ايئرهوسٽيس گلابي چپن تي پروفيشنل مسڪراهٽ سان هر مسافر کي خدا حافظ چئي رهي آهي. مان مسافرن جي پڇاڙيءَ ۾ بيهي ويس. پٺيان مُڙي ڏٺم ته ڪرسيون خالي ۽ ٻُسيون لڳيون، جيئن سئنيما هال فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ خالي ۽ ٻسو لڳندو آهي ۽ گيٽ ڪيپر دربند ڪري، هيٺ لهڻ مهل ايئرهوسٽيس شڪريو ادا ڪندي خداحافظ چيو آهي. مان به کيس مرڪ ڏئي لهڻ لڳو آهيان. مسافرن کي کڻڻ لاءِ بس بيٺي آهي. سڀ اُن ۾ چڙهي ويٺا آهيون. بس اسان کي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئرنس وارن وٽ ڇڏيوآهي. چيڪنگ ڪرڻ وارا مختلف ٽيبلن تي ويٺل آهن. مان به پنهنجو پاسپورٽ چيڪ ڪرائڻ لاءِ هڪ آفيسر وٽ وڃان ٿو. پاسپورٽ کي اُٿلائي پُٿلائي ڏسڻ کان پوءِ هن پڇيو: +Are you student? Have you come for studies? +Yes I am +هن ضروري ڪارروائي پوري ڪري مون کي پنهنجو پاسپورٽ واپس ڏنو. موونگ اسٽيئرس تان ٿيندو هيٺ لهي ٽرالي ۾ سامان وجهي ٻاهر نڪتس. ڪوبه نه هو پنهنجو، ڪير به وٺڻ نه آيو هو. ڄامشوري کان جڏهن موڪل ۾ ڳوٺ ويندو هئس ته بولان ميل جيئن ئي بيهندي هئي ته تڪڙ ۾ لهي پوندو هوس ته بابا جي ڀاڪرن ۾ هوندو هوس. گهر اچي امڙ کي پيرين پوندو ئي مس هوس ته هوءَ منهنجي نرڙ تي چميون ڏيندي هئي. ”الا، بُت ۾ ته لهي ويو آهين. منهنجا ٻچڙا شل خوش هجين. جڙيو رهين. هاسٽل جي مانيءَ ته ٻچڙي جا اهڙا بُرا حال ڪيا آهن. زينت! جهٽ ڪر، گرم گرم مانيون پچاءِ. ڀُڳو گوشت مون تيار ڪري رکيو آهي.“ ايڏو ڪمزور ته نه ٿيو هوس، پر سندس ڳڻتيءَ کي ڏسي کلي لنوائي ڇڏيندو هوس. ته امان چوندي هئي. ”کل ڀري، کلي وٺ. جڏهن پاڻ اولادي ٿيندين ته پوءِ ڏسندين ته ڪيئن ٿو ڪرين“ ۽ مان وڏو ٽهڪ ڏئي امان جي اکين ۾ ليئو پائيندو هوس ته اُتي محبتن جا سمنڊ نظر ايندا هئا. +سندس ڏنل ماکيءَ جهڙي اڻ ميي پيار منهنجي وجود کي ڀورا ڀورا ٿيڻ کان بچائي ورتو هو، پر سندس دعائون مونکي نه لڳيون، ڄڻ خلا ۾ ئي رلنديون رهيون. ”شل خوش هجين جڙيو رهين“....... ڪنن ۾ ٻُري ٿو. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو آهي. لڙڪن کي ا��در ۾ پي ڇڏيو اٿم. سامان واري ٽرالي مان سامان لاهي ٻاهر نڪتو آهيان. هيٿرو ٽيوب اسٽيشن تان ارلس ڪوٽ جي لاءِ ٽڪيٽ ورتي اٿم. وري به موونگ اسٽيئر تان لهي پليٽ فارم تي بيٺو آهيان. سرد هوا جو جهونڪو منهنجي وارن ۽ چهري کي ڇهندو لنگهي ويو، اُن سان گڏ ئي ٽيوب به اچي ويئي. در کليا ۽ مان چڙهي پيس. لنڊن شهر جي گائيڊ مون وٽ هئي. جا هر اسٽاپ تي ڌيان سان پڙهڻ شروع ڪئي اٿم، ته متان ارلس ڪوٽ اسٽيشن لنگهي نه وڃي ۽ پوءِ ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهچان! گهڙي کن ۾ منهنجو اسٽاپ اچي ويو. مان لهي پيس. هڪ هجوم هو جو لهي ۽ چڙهي رهيو هو. ماڻهو پنهنجي منهن مشيني انداز ۾ پئي هليا چليا. هر رنگ ۽ نسل جا. ڀورين، ناسي، نيرين ۽ ساين اکين واريون ناريون جن جي ٽئور ڊيل جيان هئي، تنهنجو هلڻ ياد اچي ويو اٿم. سپڪ، پير پير ۾ پائي هلڻ، ايندڙ سڳنڌ، ڄڻ صندل جو ٻورو ۽ ماحول ۾ ڀريل ٿڌاڻ پاسراٽين مان آرپار لنگهي مون کي تڪڙو هلڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو آهي. مفلر کي ڳچيءَ ۾ ويڙهي ڇڏيو اٿم. هٿ ۾ بيگ آهي ۽ ننڍي ٿيلهي کي ڪلهي ۾ لڙڪائي ڇڏيو اٿم. ٽڪيٽ چيڪر کي ٽڪيٽ ڏيئي ٽيوب اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيو آهيان. +ٽيمپريچر ذيرو ڊگري سينٽي گريڊ آهي، رڪارڊ ٿڌ آهي، رستا برف سان ڀريل آهن، پري پري تائين ڪوبه نظر نٿو اچي. اسٽريٽ لائيٽ جي زرد روشنيءَ ۾ هلندو وڃان ٿو ۽ فليٽس جي درين مان ليئا پائيندڙ هلڪي روشني زندگي جو احساس ڏياري ٿي ته نيٺ Barksons Gardens اچي ويو. پاڪستان هاسٽل تي پهتو آهيان. بيل وڄائي اٿم. در کُليو، در کوليندڙ به ڪو شاگرد آهي. پاسيرو ٿي اندر اچڻ لاءِ مون کي جاءِ ڏني اٿائين. اونداهو ۽ ٿڌو ڪاريڊور ۽ پارنن ڪارپيٽس مان ايندڙ ڌپ نڪ ۾ گهڙي آئي. وارڊن جو ڪمرو به ويجهو آهي. مونکي در تي ملندڙ اُن شاگرد ٻڌايو. روم نمبر وٺي مٿي چڙهيو آهيان. پهرين فلور تي پنجين نمبرڪمري جو در کڙڪايم. ”دي ڊور از اوپن، ڪم اِن پليز...!“ ان آواز مان خوش مزاجي ظاهر هئي. هو ننڍڙي رائٽنگ ٽيبل تي لکڻ ۾ مصروف هو. اڇي پٿر جي ليمپ تي ڳاڙهي رنگ جو شيڊ پيل هو. هن ڪنڌ ورائي مون کي ڏٺو ته مون کيس ٻڌايو ”مائي نيم از علي“ هن جا نقش منهنجي ديس جي مارن جهڙا هئا. هن به شآيد مونکي ڄاڻي ورتو هو. سنڌيءَ ۾ جواب ڏنائين“ مان ظفر آهيان، ڊاڪٽر آهيان، هلي آ. در وٽ ڇو بيٺو آهين؟“ ائين چئي هو اُتي مون سان مليو آهي. کيس ٻڌايم ته مان به ڊاڪٽر آهيان ۽ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آيو آهيان. هن مسڪرائيندڙ چهري سان صوفي تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. ”تون ڏاڍو ٿڪل ٿو لڳين.“ منهنجي جواب ڏيڻ کان پوءِ هو ڳالهائڻ لڳو” هن سال ته سڄي انگلينڊ ۾ سخت سيءُ پيو آهي، سنو فال جا سڀ پراڻا ريڪارڊ ٽٽي پيا آهن. سني ڊيز ته خواب ٿي ويا آهن ۽ چاندوڪين جو هتي ته تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. سنڌ واسين جو ڪهڙو حال آهي؟“ مون کيس ورندي ڏيندي چيو ته سندن حالتون ائين ئي آهن . هيٽر کي وڌائيندي ظفر چيو ته مان تنهنجي لاءِ ڪافي ٿو ٺاهي اچان.”تنهنجي مهرباني“ ظفر چوڻ لڳو”تون ڪپڙا بدلاءِ، سامهون هي ٻيو وارڊ روب تنهنجو آهي. سامان کولي، سيٽ ڪري توکي ڏيان.“ ”اهو سڀ ڪجهه سڀاڻي ڪنداسين.“ مون کيس جهليو. هڪ دفعو وري به تنهنجي مهرباني. هي مهرباني مهرباني جي ڇا رٽ لڳائي ويٺو آهين؟ هاڻي ته گڏ رهبو ۽ پڙهائي به گڏ هلندي. يار، مون کي پاڻ اڪيلائپ کائڻ لڳي هئي.“ مون کي ڏاڍو پيار وارو ۽ پولائيٽ لڳو. هن ٻڌايو ته ڪچن بيسمينٽ ۾ آهي، جلدي ٿو اچان. ائين چئي هو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. مان اڃان ڪپڙا چينج ڪري ويٺو ئي مس هئس ته هو ڪافي ، مکڻ لڳل بريڊ ۽ اوٻاريل ��ه آنا کڻي آيو. يار اڄوڪي رات ان تي ئي گذارو ڪرڻو پوندءِ. منهنجي لاءِ ڪافيءَ جو ڪپ ئي گهڻو هو، تو ته صبح جو ناشتو ڪرائي ڇڏيو. ظفر کلي چيو، ته يار معاف ڪجانءِ، ڀوڳ پيو ڪرايان. مون کي ڪافي ، بريڊ ۽ اوٻاريل آنن ڏاڍو مزو ڏنو. سيءُ ۽ ڊگهي سفر مون کي ٿڪائي ڇڏيو هو ڪافي وقت گذري ويو آهي. علي سمهي پئو. هن گهڙيال ڏانهن نهاريندي چيو. مان به ڪمري ۾ ٻن پلنگن مان هڪ تي وڃي ليٽي پيس. +ٻئي ڏينهن ڪاليج آف ميڊيسن اينڊ فزيشن جي رجسٽرار سان ملي کيس پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنم ۽ داخلا جي ڪنفرميشن جو ليٽر ورتم ۽ پنهنجي پڙهائيءَ ۾ جنبي ويس. وقت ڄڻ ته ڪانڪرڊ هو، جنهن اک ڇنڀ ۾ زندگيءَ جو روپ بدلائي ڇڏيو هو. ظفر سان دوستي ذهني هم آهنگي ۽ بنا ڪنهن مفاد جي ڪري پڪي رنگ ۾ رنگجي ويئي. ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻئي ”ڪرامويل“ هاسپيٽل ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسين. ظفر نه هجي ها ته شايد مان هتي ايڊجسٽ نه ٿي سگهان ها. اِن وچ ۾ ظفر حيدرآباد ويو هو. شادي ڪري پنهنجي ونيءَ سان موٽي آيو. ايئرپورٽ تي کين رسيوو ڪرڻ ويو هوس. هن جي اکين ۾ مون کي پنهنجي ڀيڻ جو عڪس نظر آيو هو. شهلا ڪيڏي نه سهڻي سڀاءُ واري هئي، جيئن ڀيڻ ٿيندي آهي. منهنجي دل مان دعا نڪتي ۽ مون بي اختيار چيو هو، هميشه خوش رهين! مان واپس ورڻ لاءِ گهروارن کي لکندو هئس ته هو هميشه اهو ئي لکي موڪليندا هئا ته هاڻي ته توکي برٽش قوميت به ملي ويئي آهي، ۽ سٺي نوڪري پڻ! گهر گهاٽ ۽ سڀ ڪجهه. اسان لاءِ اهو ئي گهڻو آهي ته تون حيات آهين، خوش آهين(خوش آهيان الائي نه، مان پنهنجو پاڻ کان پڇندو هوس ته پاڻ کي چئوواٽي تي بيٺل ڏسندو هوس) امڙ ٽيليفون تي ڳالهائيندي هئي ته چوندي هئي ته شادي ڪري ڇڏ. تون محفوظ آهين. لتنهنجي حياتي کي ڪوبه خطرو ناهي. شهلا ڌيءُ کي چئو تولاءِ ڪنوار ڳولهي. تنهنجي لاءِ پڇندو هوس ته صاحبه ڪيئن آهي ته لنوائي ويندي هئي. نيٺ ٻڌايائين ته هوءَ پرڻجي ويئي آهي، پر ذهني طرح سان هو ويڳاڻي ۽ صدمي جو شڪار ٿيڻ ڪري سنئين ناهي. پٽ تون وساري ڇڏ هنکي، سڀني ڳالهين کي، پر پر امان ڪيئن؟ ڪا تدبير به ته ٻڌاءِ. هو لاجواب ٿي ويندي هئي. توسان وري ڳالهائينديس. چئي فون رکي ڇڏيندي هئي. منهنجا مائٽ خوفزده ٿي ويا هئا،کين اُلڪو هو ته اها باهه ڀنڀٽ ٿي سڀ ڪجهه ٻاري ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ان ڪري ته هنن مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي ديس موڪلي ڏنو هو، جنهن جي لاءِ مان راضي نه پئي ٿيس. +تنهنجو گول مُک ائين آهي جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ املتاس مٿان اُڀري ۽ تنهنجي سونهن ڄڻ چانڊوڪيءَ جو ڦهلاءُ . تنهنجي ياد ٿوهر جا ڳاڙها گل. ننڍپڻ ۾ ڊوڙون ۽ هڪ ٻئي کي شرارت سان چيڙائڻ ۽ پرچاءُ ڪرڻ چڱي نموني ياد اٿم. ماسي گلان جي کُٿاب ۾ وڃي سبق کي ڀيرا ڏيئي اک ٽيٽ سان هڪ ٻئي ڏي نهاري مشڪڻ ۽ ماسي جو اڙي ڪري اهو چوڻ ته هيڏي هوڏي ڇو ٿا نهاريو، ماٺ ڪري پڙهو، وري ڪنهن ڳالهه تي اَٽڪڻ، ماسي جو ڪاوڙجي پوڻ، اڙي توکي چڱي دير تائين سزا ڏيئي ڪري ۽ مون کي موڪل ملڻ تي توکي اشاري سان ٻڌائڻ ته مان وڃان ٿو. اڄ تنهنجو منهن سُڄائڻ مون کي ياد آهي. ٻاهر اچي تنهنجي اچڻ لاءِ ترسي پوندو هوس ۽ تون مون کي ڏسي خوش ٿيندي هئينءَ واپسي تي ڊڪڻ ۽ ريس پڄائڻ ناهي وسريو. اُهو وقت ائين ويو جيئن ريل گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيهي ئي نه، ۽ هلندي هلي ۽ اسٽيشن گذري وڃي. +توکي قرآن شريف ۽ پنج درجا پڙهائي گهر ويهاريو ويو ۽ پوءِ مان اڪيلو ٿي پيس. ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ننڍو هوس. لاڏ ڪوڏ سڀني پئي کنيو، پر الائي ڇو منهنجي معصوم منهن تي ه�� مونجهه لهي آئي هئي. بابا سائين منهنجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيندي پيٽاري ڪاليج ۾ داخل ڪرايو. ننڍي عمر ۾ ئي گهرڀاتين کان ڌار ٿي ويس. ڌيري ڌيري من تان اُها گهنگهور گهٽا ڇڊي ٿيندي ويئي. سوئمنگ، گهوڙيسواري ۽ ميوزم جهڙين مشغولين منهنجي من تي خوشگوار اثر وڌو. هاڻي تنهنجي ياد ائين هئي. جيئن چنڊ ڪڪرين ۾ لڪي وڃي. بابا جو خيال هو ته مان ڊاڪٽر ٿيان. سندس زور ڀرڻ تي مون کي به دلچسپي پيدا ٿي. وقت ائين گذري رهيو هو. جيئن بلبل جو ريشم جهڙو پر، هٿ ۾ جهلي جهٽي نه سگهجي. +انٽر سائنس جو امتحان ڏيئي چڪو هوس، مون کي امڙ کي ٻڌايو ته سگهو گهر پهچ جو ويڙهي ۾ شادي آهي. ڳوٺ پهتس، امان ۽ ڀينرون ڀاڪر پائي مليون، کين ٻڌايم ته فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيندس ته بابا ڏاڍو خوش ٿيو. سندس دل جي تمنا هئي ته مان ڊاڪٽر ٿيان ۽ هڪ وڏي اسپتال قائم ڪيان. +زهره جي شادي پنهنجي سوٽ سان آهي، ادي چيو. پٽ تون به هٿ ونڊائجانءِ نه ته چاچهن ڪاوڙ ڪندو. چاچا نجيب بابا جو سئوٽ هو. تون فڪر نه ڪر امان، هر شيءِ وقت تي ٿيندي. آخر لانئن وارو ڏينهن به آيو. توکي هيترن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو ڏٺم. چاچا سخت مزاج هو، سندس نياڻين کي پنهنجي مٽن مائٽن ۾ به اچڻ وڃڻ جي جهل هئي، سواءِ شادي مرادي يا موتي فوتيءَ تي، +منهنجي اک تو تي وڃي پيئي. تون اُها نه هئينءَ، ڄڻ اپسرا هئي جا ڌرتي تي لهي آئي هئي مان حيران ٿي ويس. تنهنجي هٿ ۾ چانديءَ جي گلاس ۾ کير هو، جو تنهنجي هٿن ۾ ٻسو پئي لڳو. مون توکي گهڻي وقت کان پوءِ ڏٺو هو. سنهڙي چيلهه، رنگت سون جهڙي، گلابي وڳي ۾، جنهن جي ڇاپ تنهنجي ڳلن کي وڌيڪ گلابي بنائي رهي هئي. ڳچيءَ ۾ هڪ لڙي دهري جا مڻيا پئي چلڪيا. ڪنن ۾ جهومڪ ۽ هٿن ۾ ڪنگڻ، ٽشو جو رئو تنهنجي مٿي تان کسڪندو پئي ويو ۽ تو هر هر کسڪندڙ رئي کي مٿي تي رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. منهنجي ائين ڏسڻ تي تو پنهنجون اکيون هيٺ پئي ڪري ڇڏيون. مون تنهنجو نالو کنيو ته تو ڪوبه جواب نه ڏنو. تنهنجي اکين جا ڇپر کڄي وري جهڪي ٿي ويا، ڄڻ مون مسافر لاءِ تو وٽ ڪا ڇانوَ نه هئي. +سارا ضبط ٽٽڻ لڳا. صاحبه پليز منهنجي ڳالهه ٻڌ، مان وچ ميڙ مان کيس هٿ ۾ جهلي پاسي تي وٺي وڃڻ لڳس. کير ڇلڪي پيو. آَئي امان ڇا ٿي ڪرين، ڏسي ته هل، سڄو کير ڇلڪي ڪِري پيو صاحبه جي ماروٽ ياسين،جنهن جون اکيون اسان جو پيڇو ڪري رهيون هيون، مون گهٻرائجي هن جو هٿ ڇڏي ڏنو( جنهن کي هٿ ۾ ڪرڻ لاءِ سڄي عمر ڀوڳي اٿم) سڀني اسان ڏي پئي ڏٺو، ٿوري ديري لاءِ، پر پوءِ هرڪو سيج تي ويٺل ڪنوار ۽ گهوٽ کي لانئون ڏيڻ لڳو. ساٺ سنوڻ ٿيندا رهيا، پر مان توکي ڏسندو رهيس. تون به رکي رکي مون ڏانهن نهاريندي رهئين. + + +سندس نهار ۾ ڇا ڇا نه هو، ارپڻ جو اقرار! پوءِ مان گهر هليو آيس. اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ليٽي پيس. نيکيٽي ۽ ڳيچن جا ٻول ڪنن تي پئي پيا. چڱيءَ دير کان پوءِ ننڊ جي پري مونکي پاڻ سان کڻي ويئي. +پکين جي لاڳاتار مٺن آوازن تي اک کلي پيئي. گهر جا ڀاتي ٿڪ سبب اگهور ننڊ ۾ هئا. مان اُٿي ٻاهر نڪتس. سڏ پنڌ تي ترندڙ ڪنول جا گل منهنجي معصوم آرزوئن جيان ٽڙيل هئا. فطرت جي رنگيني جو عڪس اکين ۾ ۽ تنهنجي خيال ۾ سوچيندو موٽيس ته هر ڪوئي پڇي پيو ته ڪاڏي ويو هئين.( ۽ هاڻي ته ايڏو پري هليو آيو آهيان جو ڪوبه نٿو چوي ته هلي آءُ، ڪهڙي ديس هليو ويو آن؟) ٻاهر چڪر تي ويو هئس، کين جواب ڏنو هوم. +ڪنوار کي رخصت ڪرڻ لاءِ سڀ گهر ڀاتي تيار ٿيڻ لڳا، در در ۾ هو، ۽ ائين زهره هڪ گهر مان اُٿي ٻئي گهر هلي ويئي. واپسيءَ تي هر هڪ ڄڻو ڳڻتيءَ ۾ ورتل پئي لڳو، بابا، امان ۽ ٻيا سڀ. ڳالهه ڇا آهي امان؟ الائجي ڇا ٿيو آهي، تنهنجن چاچن کي، منهن ڏيئي نه پيا ڳالهائين. ڪاڄ ۾ ته پنهنجي نياڻي جي ڪاڄ وانگر اُٿياسين ويٺاسين. ڳالهه آئي ويئي. +ٻئي ڏينهن سومهڻيءَ جي نماز بابا مون کي پاڻ سان مسجد وٺي ويو. بابا جون ڊگهيون دعائون پوريون ئي نه ٿين. مان مسجد جي اڱڻ لنگهي ٻاهر نڪري آيس. جيئن ئي ٻاهر نڪتم ته لٺين ٺونشن ۽ لتن جو وسڪارو ٿي ويو. منهنجي رڙين سان گڏ بابا سان گڏ ٻيا به مسجد مان نڪري آيا. بابا کين سڃاتو. صاحبه جو مامو، سوٽ ياسين ۽ ٻيا ٽي ماڻهو هئا، جن مون کي صاحبه سان ڳالهائيندي ڏٺو هو. اڙي هي ڇا پيا ڪريو، ماما احمد بس ڪر منهنجي ڳالهه ته ٻڌو. پر هو مون کي وارن کان جهلي گهليندي گهر وٺي آيا. نواز خان پنهنجي پٽ کي سمجهاءِ، پَر نڪري آيا اٿس. ڪهڙي خطا ڪئي اٿئين. ڪجهه ٻڌايو ته سهي. چاچا نجيب ۽ ٻيا جواب ڏيڻ بجاءِ مون تي لتن ۽ مُڪن سان وري شروع ٿي ويا. هو بگهڙن جيان ڪڙڪي پيا پنهنجي شڪار کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ. منهنجي نڪ ۽ وات مان رت نڪري آيو. پيٽ ۾ لت لڳڻ ڪري هيٺ ڪري پيس اکين آڏو اونداهي ٿيڻ لڳي. گهر ڏي خبر پيئي ته امڙ، ڀينرون ۽ وڏو ڀاءَ ڊوڙندا آيا. مون کي بي حال ڏسي امان پاڻ روڪي نه سگهي ۽ مون کي چنبڙي پيئي. ڀينرون روئڻ لڳيون. وڏو ڀاءُ ور مان پستول ڪڍڻ لڳو ته بابا روڪي وڌس. ڀاءُ نجيب پنهنجو آهين، هي ڇا پيو ڪرين؟ نواز خان! پنهنجو آهين، نه ته پُٽهين کي ڳڀا ڳڀا ڪري لوڙهي ڇڏيان ها. خبربه نه پوي ها ته پٽهين ڪاڏي ويو؟ ائين چوڻ تي ياسين مون کي ٿڏو هڻي ڪڍيو. اسان جا در تولاءِ بند ۽ هڪ ٻئي لاءِ ڄڻ جيئري ئي مري وياسين. صاحبه پنهنجي ماروٽ ياسين جي مڱ آهي. چاچي مون ڏي ٿُڪ اڇلائيندي چيو. وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ ڇڏيائون. گهر وارا مونکي گهر وٺي آيا. ساري رات پنهنجي معصوم گناهه تي ڳوڙها ڳاڙهيندو رهيس. امڙ جي هنج ۾ هوءَ منهنجي زخمن کي پها رکندي رهي ۽ مون سان گڏ روئيندي رهي. منهنجو ته روح به زخمي ٿي چڪو هو. ذلت، پڇتاءُ ۽ شرمساري جي ڪاتي سان منهنجو اعتماد قتل ٿي چڪو هو. مان سڏڪا ڀريندو رهيس. هو منهنجي هر سڏڪي تي مون کي پيار مان ڀاڪر پائيندي رهي. +اندر جي آباد دنيا ائين هئي، ڄڻ رڻ ۾ قافلو اڳتي وڌي وڃي ۽ مان اڪيلو رهجي ويو هجان. الائي ڪهڙي مهل اک لڳي ويئي. پر پاسو ورائيندي دانهن نڪري ويئي. پاسراٽيون ٽٽڻ لڳيون. ڀر ۾ ڏٺم ته امان ڪانه هئي. مون کي آرام ۾ ڏسي اُتي ويئي هئي. خواب ڄر جيان دکڻ لڳا، نيڻ گهاو بنجي رسڻ لڳا. اونداهي هئي، اُميد جو ڪوبه تارو نه پئي ٽمڪيو. سفيد چنبيليءَ جون مکڙيون هوا ۾ جهولي منهنجي مٿان ٽوڪ ڪري رهيون. کڙکٻيتن جو ميڙ بي معنيٰ هو، پنهنجن اکين کي زور سان بند ڪيو اٿم. منظر بدلجي ئي نه پيو. لتون ، مڪون، ڌڪا ۽ ٿڏا، گاريون ۽ مهڻا. امڙ جون دانهون، فرياد ! ٽپ ڏيئي اُٿي ويٺو اهيان. بت سڄو گرم ٿي ٻرڻ لڳو آهي. +اها ويل منهنجي خوشي ماڻڻ واري احساس جي قاتل آهي. جنهن مهل اڳتي سوچي نٿو سگهان. ذهن ڄڻ سُن ٿيڻ لڳو. جيئڻ جو حوصلو ختم ٿيڻ لڳو. بروقت ڊاڪٽر جو علاج ۽ ماءُ پيءَ جي شفقت ۽ پاٻوهه منهنجي اندر جيئڻ جو احساس جاڳائڻ ۾ ڪامياب ويا. ائين ڏينهن گذرندا رهيا. نتيجو آيو ته فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيس. بابا واعدو ورتو ته ڊاڪٽر ٿيندين ۽ وڏو ڊاڪٽر. امان خوشيءَ ۾ لڏون ورهيا. صاحبه ڏي به موڪلڻ جو ارادو ڪيائين، پر بابا جهلي ڇڏيس. چري ٿي آهين، پٽ جي حياتي تان هٿ کڻڻو اٿئي ته پوءِ ڀلي موڪل، امان ويچاري چپ ٿي ويئي. +منهنجي داخلا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي ويئي. هاسٽل هليو آيس. وهنوار هلي پيو. هتي به ڪيتريون ڪلا�� فيلوز هيون پر منهنجي من جي مونجهه نه لٿي. دوست هئا، پر منهنجي من کي ريجهائي نه سگهيا. منهنجي ننڍڙي غلطي توکي گهڻائي الزام ۽ تهمتون ڏنيون. ان غلطيءَ جي احساس ائين وڪري ويو هئم جو جيئن جوڳي جي ڪنڌ ۾ ڪاريهر نانگ. گهر وارن گهر اچڻ کان جهلي ڇڏيو هو، هو سڀ اچي مون کي ڏسي ۽ ملي ويندا هئا. ڀيڻ ٻڌايو هو ته حالتن تنهنجي مٿان واقعي جو گهر اثر ڇڏيو آهي. تون هاڻي هڪ ٽڪ چنڊ کي ڏسندي رهندي آهين. مٿي تان رئو لهي ويندو اٿئي ته توکي سڌ نه رهندي آهي. تنهنجي ذهني ڪيفيت نارمل نه آهي. ناڪرده گناهه جي سزا توکي ملي. تنهنجو احساس مونکي نه جيئڻ ٿو ڏئي نه مرڻ. صاحبه ! هي ته الائي ڪهڙو ديس آهي. هي دردونديءَ جو ديس ناهي! هتي ميگهه ته وَسي ٿو پر الاجي ڪنهن جي ياد ۾! +مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ائرس ٿامپسن پنجاهه سالن جي ٿيندي. مون کان منهنجي ديس جي لاءِ پڇندي آهي. مان کيس سنڌ جي روايتن ۽ قدرن جي باري ۾ ٻڌائيندو آهيان ته هوءَ حيران ٿيندي آهي. جڏهن کيس اهو به ٻڌائيندو آهيان ته اسان اوهان جا غلام ٿي رهيا آهيون ته هن جو چهرو ورن ورن ٿيندو آهي. جڏهن به ٽريفلگر اسڪوائر تي ويندو آهيان ته چارلس نيپيئر جو مجسمو ڏسي مان منهن ڦيرائي ڇڏيندو آهيان. منهنجي دلچسپي رڳو ڪبوترن ۾ هوندي آهي. چوڳي ڏيڻ سان ولرن جا ولر لهي ايندا آهن ۽ ٻيو تريفلگر اسڪوائر جي تاريخي حيثيت ۽The Battle of Trafalgar جو هيرو نيلسس ۽ ان جي محبوبه ايما هيملٽن جو رومانس. نيلسن جي مرڻ وقت سندس چپن تي آخري لفظ هي هئا +.Thank God! I have done my duty. +نيو يئير جي تهوار تي هن اسڪوائر تي جوان ۽ جوانڙيون نشي ۾ بدمست ٿي پنهنجا هوش گم ڪري ويهندا آهن ۽ منهنجي ملڪ جا رهواسي سندن ڪريل سڪا، جيڪي برف ۾ ڄمي ويندا آهن، کوٽي ڪڍندا آهن. صاحبه ! +ڊاڪٽر ٿامپسن پنهنجي ڪلچر ۽ آزادي تي تنقيد به ڪندي آهي. رستن تي بي حيائي، ڊرنڪ ٿي پبلڪ پليسز تي آزاديءَ جي نالي ۾ جانورن جهڙو رويو اختيار ڪرڻ هن کي پسند نه هو. پوءِ هوءَ پنهنجي ماٽيلي پيءُ ۽ شادي جو ذڪر ڪندي آهي. جنهن هن کي سڳي ڌيءَ وانگر نپايو پڙهايو. هوءَ اڃا تنجڻين ۾ هئي. جو سندس پيءُ گذاري ويو. سندس ماءُ ٻي شادي ڪئي. خبر اٿئي صاحبه ! هوءَ هڪ دفعو مون کي پنهنجي گهر وٺي ويئي. چانهه وغيره پيئڻ کان پوءِ هو ڪوائلٽ کڻي آئي. جيئن تون رنگين ٽڪريون ڳنڍي رلهي ٺاهيندي آهين بلڪل ان جهڙي. آئسر ٿامپسن ٻڌايو ته هي مون پنهنجي ماٽيلي پيءُ ۽ ماءُ جي ڪپڙن مان جوڙي آهي. هن کي جڏهن مان پائيندي آهيان ته ڄڻ انهن جي خوشبوءَ ۾ واسجي ويندي آهيان. کين محسوس ڪندي آهيان، پر مان پنهنجي ڌيءُ لاءِ پريشان آهيان. جو هوءَ گهر ڇڏي ويئي آهي. پنهنجي دوست سان. هن کي روڪي به نه سگهي. علي مون هن کي ڪيترا دفعا چيو ته تون شادي ڪري ڇڏ، پر هوءَ ته زندگيءَ کي تجرباتي طرح گذارڻ چاهي ٿي. علي تون سمجهين پيو منهنجي ڳالهه کي ۽ مان کيس چپ ٻڌندو رهيس. سندس ڳڻتيون ۽ ڳارا هڪ ماءُ جا پنهنجي ڌيءَ لاءِ جنهن جو ڪو علاج وٽس نه هو. اڄ سنڊي آهي. لنڊن شهر جي مصروف علائقن ۾ رلڻ لاءِ نڪتو آهيان. ظفر کي آئرلينڊ وڃڻو هو پنهنجي ڪم سان. سو اڪيلو ئي بس ۾ چڙهيو آهيان. منهنجي ڀر ۾ هڪ وڏي عمر جي ليڊي اچي ويٺي آهي. چپن تي ڳاڙهي سرخي ۽ڪوٽ تي بروج لڳل. هٿن ۾ دستانا پيل اٿس. وار سيٽ ٿيل ۽ سليٽي رنگ جا اٿس. ڪنڊيڪٽر اچي ٿو ڪارو شيدي، منهنجي ديس ۾ رهندڙ ماما جهڙو. ماما ماما مار گدڙ کي وارو ماما. ڳچيءَ ۾ ڍولڪي اٿس. جنهن کي ڦيرائي ٽڪيٽ ڪٽي ٿو. ڍولڪي ڄڻ غلامي جو ڳٽ پيل اٿس! تهذيب يافته ۽ باربرڪ هجڻ جو ڪ��مپليڪس هاڻي گلوبل وليج جي عفريت آءِ ايم ايف ۾ ويڙهيل آهي. هن جي هٿ ۾ ٽين دنيا جون غلام قومون ڪيڏيون نه مجبور آهن. تهذيب يافته قومن جي آڏو. دهشتگردي، خودڪش حملا ۽ ٽڪر ٿيل انساني جسم جا ذرا ذرا هاڻي فضا ۾ رت جي بوءِ سان گڏ خوف رهڻ لڳو آهي. هوءَ وڏي پرس مان ننڍڙو ٻٽون ڪڍي ٿي ۽ پئسا ڳڻي ٿي. ان وچ ۾ سندس ٺونٺ مون کي لڳي آهي. هوءَ نهايت پيار سان ساري چوي ٿي. مون کي جواباَ چيو آهي اٽس آل رائٽ. سندس چپن تي مرڪ آهي. مان دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. مينهن وسي رهيو هو. سامهون ايندڙ ٽريفڪ جي لائيٽ رستي سان لڳل زرد رنگ جي روشنيءَ منهنجي من ۾ عجيب احساس اُڀاريو آهي. جنهن کي ڪوبه نانءُ نٿو ڏيئي سگهان. بنا نالي جي هڪ عجيب احساس آهي. آڪسفورڊ اسٽريٽ تي لهي پيو آهيان. ڇٽي کي کولي ڇڏيو اٿم. ماڻهن کي تڪڙ آهي ۽ هلندا وڃن ٿا. مان لبرٽي جي طرف مڙيو آهيان. وڏي خريداريءَ جو مرڪز. مون تو لاءِ ڪاڄ جا بڪل ورتا آهن، شايد توکي ڪڏهن ڏيئي سگهان. +ريجينٽ اسٽريٽ کان ٿيندو پڪڊليءَ جي سوڙهين گهٽين ۾ وڃان ٿو. سيڪس شاپ ۾ الف اگهاڙيون ......! مون کي الٽي اچڻ لڳي آهي. ڪي ويٺا آهن ۽ غور سان ڏسي رهيا آهن. منهنجي دل ڪچي ٿيڻ لڳي آهي. تنهنجو نازڪ وجود اکين آڏو اچڻ لڳو آهي. لباس جي ور وڪڙن ۾ لڪل. منهنجي روح لاءِ آٿت ۽ رتو ڇاڻ ٿيل من لاءِ دارون آهي. ٻاهر نڪري آيو آهيان. واپس وڃڻ لاءِ آڪسفورڊ ٽيوب اسٽيشن ڏي مڙان ٿو. +ڪمري جي دريءَ مان جهاتي پاتي اٿم. ڪوهيڙو لهي آيو آهي ۽ ماڪ رستن تي روئي رهي آهي. جتي مان رهان ٿو، اُتي ويجهو ئي هڪ چرچ آهي ۽ ان سان گڏ قبرستان. ان پاسي اڪثر ويندو آهيان. اڄ به دل ڇڪ ڏني آهي، گهر کان ٻاهر نڪتو آهيان. رستا خالي آهن، آهستي آهستي هلندو قبرستان پهتو آهيان. ڪاراٽيل، سينواريل قبرن جي ڪتبن مٿان سائو گاهه اُڀري آيو آهي. وڻن هيٺان بينچ رکي آهي. هتي اچي ڪي گهڙيون گذاريندو آهيان. ڪيڏو نه سڪون آهي... ۽ ڪيڏو نه وقت لنگهي ويو آهي. من کي آٿت ملندي اٿم ته ها هاڻي وقت ويجهو آهي. پوئتي ڪوئي ناهي جو منهنجو اوسيئڙو ڪري. منهنجو اوسيئڙو ڪرڻ وارا، تترن جي تکي اُڏار وانگر اُڏري هليا ويا آهن. +قبر تي اڌ کليل گلاب جون مکڙيون عجيب احساس ڏيارين ٿيون. ڪڪر وري آيا آهن ۽ مان ٽيمس جي ڪناري تي توسان گڏ ڊِوڊلڪ جي گلن جي بهار ڏسڻ چاهيان ٿو، پر پر اهو ممڪن ناهي. تون ڪيڏي نه دور آهين. درد جي هڪ سَٽُ اُڀري آهي. تنهنجي سور جي شدت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ چپ ڀڪوڙي گهر ڏانهن واپس ٿيڻ لڳو آهيان. در جو لاڪ کوليو اٿم. ڪچن ۾ اچي دوا ورتي اٿم، سور ٿورو جهڪو ٿي ويو، هي ٻيو ڀيرو آهي، جو هارٽ اٽيڪ ٿيو آهي. ظفر کي به ڪونه ٻڌايو اٿم. ڏاڪڻيون چڙهي ڪمري ۾ آيو آهيان ۽ اچي ڪرسي تي ويٺو آهيان. قلم ۽ ڊائري کنئي آهي. ڪجهه لکي وٺان، آخري لمحن جي ڪهاڻي ! لڳي ٿو ته هر شيءِ تي دز چڙهي ويئي آهي. ڪجهه به صاف ناهي، ڇڙو تنهنجو چهرو چٽو آهي! +ڪبوترن جي اُڏار جو ڀڙڪو آهي. يا منهنجي روح جي اُڏار آهي. قلم کي جهليان ٿو، پر هيٺ ڪري پيو آهي. ڪرسي تي ٽيڪ ڏني اٿم. ٿوريءَ سامت ۾ آهيان. قلم کڻان ٿو. پيارا ظفر! شايد آخري وقت آهي. مون کي ڪنهن گمنام شخص جيان دفن ڪرائجان. ظفر! منهنجو آخري ڪم ڪجانءِ، توکي گهڻي تڪليف ڏني اٿم نه، پر اُن جي معافي نه وٺندس، ڇو ته مون کي خبر آهي ته تون مون سان پيار ڪرين ٿو،ان ڪري وڌيڪ لکي نٿو سگهان. ڪوئي آهي جو لکڻ نٿو ڏي، شايد قلم هٿ مان ڪرڻ لڳو آهي. قلم کي جهليان ٿو، پر................ اڳتي پنو خالي هو. +ظفر ڊائري بند ڪري ٿو. هن جي اکين مان ٻه لڙڪ ڪري ڊائريءَ ��ي مخمل واري ڳاڙهي ڪَور ۾ جذب ٿي وڃن ٿا. +ايوب عمراڻي +سفر +منهنجي سيڪنڊ هئڊ بوٽ ڏانهن ڏسندي چيائين:”اهو بوٽ گهڻي ورتو اٿئي؟“ +چيومانس:”مان بوٽ جي قيمت پوءِ ٿو ٻڌايان مون کي پهرين اِهو ٻڌاءِ ته عورت پنهنجي عمر ڇو لڪائيندي آهي؟“ +چيائين:” جيڪڏهن عورت پنهنجي عمر نه لڪائي ته پوءِ تو جهڙا چالاڪ مرد ڪيئن ڦاسندا؟“ +چيومانس:” خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه ٿيءُ، مان تو وٽ ڪونه ڦاسندس!“ +مُرڪندي چيائين:”سچ؟“ +سندس اُن هڪ لفظ تي مشتمل سوال مون کي ڇرڪائي وڌو. مان خاموشيءَ سان کيس ڏسندو رهيس، هوءَ به مرڪندي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون دل ئي دل چيو:”سُميرا ! تون ئي ته آهين اُها هستي، جنهن هن دوزخ جهڙي دنيا ۾ مون کي جيئڻ سيکاريو آهي. تون ئي منهنجو ازل ۽ ابد آهين. توکان انڪار ته معنيٰ زندگيءَ کان انڪار ٿيندو!.......“ +منهنجي سوچ جي سلسلي کي ٽوڙي چيائين”هاڻي ڀلا ٻڌاءِ.“ +”ڇا؟“ مون چيو. +”پنهنجي بوٽ جي قيمت“. هن ٻيهر سوال ورجايو. +چيومانس”مان بوٽ جي قيمت ٻڌائڻ بدران دل جي قيمت ٻڌائڻ جي موڊ ۾ آهيان!“ +حيرت مان چيائين:”دل جي قيمت به ٿيندي آهي ڇا؟“ +چيو مانس”ها، دل جي قيمت به ٿيندي آهي. جنهن لاءِ ماسٽر چندر چيو آهي:دل آهي هٿن ۾ خريدار ٿو ڳوليان ۽ جلال چانڊيو چوي ٿو....“ +منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيائين:”اهو جلال چانڊيو ڪير آهي؟“ +چيو مانس:”سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه ! ڳائڻ سان گڏ هڪ ئي وقت ٻه ساز وڄائيندو هو، جن کي يڪتارو ۽ کڙتال چوندا آهن.“ +چيائين:” اڇا فنڪار هو!...... مون سمجهيو ته ڪو ڌاڙيل آهي! ڇو ته ڌاڙيلن جا نالا به اهڙا ئي هوندا آهن.“ +چيومانس:”تون به ته ڌاڙيل آهين!“ +منهنجي ائين چوڻ تي ڇرڪي پيئي، چيائين:”خدا پناهه ڏئي، مان ڪٿي آهيان ڌاڙيل.“ +چيومانس:”تون به ته ڪروڙن جو هڪڙو ڌاڙو هنيو آهي!“ +چيائين؛”ڪهڙو؟“ +چيومانس:”منهنجي دل جو لُٽي ٿئي!“ +منهنجي اِن ڳالهه تي زوردار ٽهڪ ڏيندي چيائين:”تو جڏهن پنهنجي دل جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي ته مون کي به ڌاڙو هڻڻو پئجي ويو، ڇو ته ڌاڙو لڳندو ئي اهڙين شين جو آهي جن جي قيمت مقرر ڪئي وڃي.“ +هوءَ وري به ٽهڪ ڏيڻ لڳي. ننڍڙي ڊرائنگ روم ۾ سندس ٽهڪ پڙاڏو بنجي ٻيهر پئي گونجيا ۽ مان اُنهن ٽهڪن کي ڪنهن اُڃايل مئڪش جيان پنهنجي اندر ۾ اوتيندو ويس. ايتري ۾ سميرا جي ماءُ چانهن کڻي آئي، چانهن جي ٽري ٽيبل رکي اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي هلي ويئي. سميرا چانهن ٺاهي مون کي ڏني. چانهن جي سرڪ ڀريندي مان پنهنجي پاڻ بابت سوچڻ لڳس ته آخر مون ۾ اُها ڪهڙي خوبي آهي، جو سميرا مون کي ايترو ٿي چاهي؟ مان دنيا جي انهن بدنصيب انسانن مان هڪ آهيان جيڪي محبت جي معاملي ۾ سدائين خوبصورت خوابن جا اندوهناڪ تعبير ماڻيندا آهن. اسان اُهي ماڻهو آهيون، جيڪي هميشه ڌڪاربا ۽ نظر انداز ٿيندا رهيا آهيون.... پر هڪ ڌڪاريل شخص سميرا جي دل کي ڪيئن جيتيو؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته سميرا به مومل ۽ فوزيه جيان منهنجي جيءَ کي جهوري وجهي؟ هي سڀ ڪجهه ناٽڪ ته ناهي؟ نه، سميرا هڪ مختلف ڇوڪري آهي، هوءَ ائين نٿي ڪري سگهي. سندس چاهت معصوم ٻارن جي مُرڪ جيان پاڪ ۽ سچي آهي..... مون کي ياد آيو ته مومل مون سان ڪهڙو ناٽڪ کيڏيو هو. جيئن هر نوجوان جواني ايندي ئي ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ کي دل ڏيئي وجهندو آهي، تيئن مان به مومل کي دل ڏيئي ويٺو هئس. مومل سڄي ڳوٺ جو نڪ هئي. کيس ڏسندي ئي هڪ عجيب نشو طاري ٿي ويندو هو، مومل جو گهر به اسان جي گهر جي ڀرسان ئي هو ۽ اڪثر هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا رهندا هئاسين. پر مان گهڻو ڪ��هه چاهيندي به پنهنجي گونگي محبت کي اظهار جي زبان نه ڏيئي سگهيس. هڪ دفعي جڏهن امڙ گهر ۾ موجود نه هئي ته مومل اچي سهڙي، کيس اڪيلائيءَ ۾ ڏسندي سوچيم ته اڄ مومل سان پنهنجي اندر جو اظهار ڪري ڇڏيان. هوءَ جيئن ئي امڙ جو پڇي واپس ٿيڻ واري هئي ته مون کيس ڏڪندڙ آواز ۾ سڏ ڪيو: ”مومل“. هو بيهي رهي، پر منهنجي زبان ڄڻ ته تارونءَ سان چنبڙي پيئي. ”ڇا ڳالهه آهي؟“ مومل چيو. مان وڌي سندس ڀر ۾ وڃي بيٺس ۽ پوءِ رڳو اهو چئي سگهيس:”مومل! تون مون کي ڏاڍي ٿي وڻين.....؟“ منهنجي اِن اڌوري اڻپوري جملي جي سڄي معنيٰ ۽ مطلب نه سمجهندي، مومل نفرت ڀرين اکين سان مون ڏانهن گهوريندي چيو:” پنهنجو منهن ڏٺو اٿئي، ڪڏهن آئيني ۾؟“ ائين چئي هوءَ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. منهنجا شيشي جهڙا جذبا مومل جي پٿر جهڙن لفظن سان ٽڪر ٽڪر ٿي ويا. مومل ڄڻ ته منهنجو وجود کي قيمي جيان وڍي نفرت جي باهه ۾ ڀسم ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ به دل کي تسلي ڏيندي سوچيم ته ٿي سگهي ٿو ته اِها چڙ ۽ نفرت مٿاڇري هجي.... پر مومل جي نفرت سطحي نه هئي. هڪ ڏينهن ٻنيءَ ۾ مون مومل کي ڳوٺ جي وڏيري جي آواره پٽ جُمن سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندي ڏسي ورتو. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ آسمان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي ۽ سڄي ڌرتي کي باهه وڪوڙي ويئي آهي. سوچيم ته گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي رڻ جو راهي ٿي وڃان ۽ هن ڳوٺ کي هميشه لاءِ ڇڏي ڏيان. پر مان ائين نٿي ڪري سگهيس. مان پنهنجي پوڙهي ۽ بيمار ماءُ جو سنڀاليندڙ اڪيلو پٽ هوس، سو رڻ جو راهي نه ٿيس، پر نوڪري لاءِ ڪراچي نڪري پيس. مون امڙ جي محنتن سان بي اي تائين تعليم ورتي هئي. سوخوشقسمتيءَ سان ڪراچيءَ ۾ هڪ پرائيويٽ اداري ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي ويئي. مان ڪراچيءَ ۾ زخمي دل سان نوڪري ۾ لڳي ويس. جڏهن فوزيه سان ويجهڙائپ ٿي ته منهنجي اڪيلائپ به آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳي. جيڪو زخم مومل ڏنو هو اُهو هاڻي ڀرجڻ لڳو هو. آفيس ۾ فوزيه جو مون سان ڪافي دوستاڻو رويو هو. هوءَ آفيس ۾ لڳل ننڍڙي ٽيليفون ايڪسچينج جي آپريٽر هئي. واندڪائي ۾ سڄي آفيس مان مون سان ئي ٽيليفون تي ڪچهري ڪندي هئي. سندس رستو به اسان جي سيڪشن وٽان هو، سو اچڻ وڃڻ مهل به مون سان سلام دعا ڪندي هئي. آهستي آهستي فون تي ساڻس چرچا ڀوڳ به ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ مون کي لڳو ته فوزيه مومل جا ڏنل سمورا گهاءَ ڀري ڇڏيا آهن ۽ پوءِ مان فوزيه کي شدت سان چاهڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن اڃا منهنجا ساٿي ڪلارڪ اڃا نه آيا هئا، مون جلد آفيس اچي فوزيه سان ٽيليفون تي ڳالهايو. چيائين:”ايترو جلد آيو آهين! فون تي ڪنهن دوست سان ڳالهائڻو اٿئي ڇا؟“ +چيومانس:” فوزيه! منهنجي دل چري ٿي پيئي آهي. اُها هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي دل سان ڳالهائڻ جو ضد ٻڌيو ويٺي آهي. ڇا منهنجي دل کي اُن خوبصورت ڇوڪريءَ جي دل جو نمبر ملي ويندو؟“ +چيائين”ڪير آهي اُها ڇوڪري؟” +چيومانس:” اُها ڇوڪري اُها ساڳي هستي آهي جنهن جو نالو وٺڻ مان پاڻ لاءِ عبادت ٿو سمجهان. اُن ئي ڇوڪريءَ مون کي هيکلائيءَ جي رڻ مان ڪڍي ٻاهر انسان جي بستيءَ ۾ آباد ڪيو آهي.“ +چيائين؛” پر اُن ڇوڪريءَ جو نالو ڇا آهي؟“ +تڏهن مون حجاب جون سموريون ديوارون ڊاهي کيس چيو:” اُن ڇوڪريءَ جو نالو فوزيه آهي. فوزيه منهنجي لاءِ محض هڪ نالو ناهي پر منهنجي زندگي ۽ دل جي هر ڌڙڪن کي جاري رکندڙ قوت به آهي. هي نالو منهنجي لاءِ ائين آهي جيئن ڌرتيءَ لاءِ سورج . ها، فوزيا! تون ئي آهين اُها ڇوڪري! ٻڌاءِ منهنجي ويڳاڻي دل کي پنهنجي دل جو نمبر ملائي ڏيندينءَ؟ فوزيه، مون کي غلط نه سمجهجا��ءِ، مان دل جي هٿان مجبور آهيان!........ “ ايتري ۾ اوچتو فون ڪٽجي ويئي. فوزيه مون کي ڪوبه جواب نه ڏنو. مان اُن ٻڏتر ۾ هوس ته خبر نه آهي ته فوزيا مون بابت ڇا سوچيندي هوندي، پر پوءِ دل کي هر هر اهو ڏڍ ڏنم ٿي ته هوءَ ضرور مون کي موٽ ڏيندي، ڇو ته مون ساڻس پنهنجي سچي محبت جو اظهار ڪيو آهي. ائين سوچيندي مان آفيس جي ڪم کي لڳي ويس. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ پٽيوالو آيو، چيائين: ”توکي صاحب ٿو سڏي!“ +مان صاحب ڏي ويس ته سندس موڊ خراب ڏٺم. مون تي نظر پوندي ئي رڙ ڪندي چيائين:” اڙي! توهان هن آفيس کي بازار حُسن سمجهيو آهي ڇا؟“ +مان صاحب کي حيراني سان ڏسندو رهيس. سندس مطلب سمجهي نه سگهيس. هن ٻيهر چيو:”اگر توکي عشق ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته هتان هليو وڃ! هن آفيس جي تقدس کي خراب نه ڪر! مون مئنيجر سان ڳالهائي ڇڏيو آهي، پنهنجا رهيل پئسا وٺي وڃ. اسان کي توهان جهڙن اوباش ماڻهن جي ضرورت ناهي!“ +مون پنهنجي پيرن جي هيٺان ڌرتي کسڪندي محسوس ڪئي. چيومانس؛”پر سر! مون کي منهنجو ڏوهه ته ٻڌايو!“ ڪاوڙ مان ذري گهٽ ڏڪندي چيائين:” چالاڪي بند ڪر، ميسڻا بدمعاش! ڇا تو ڏيڍ ڪلاڪ اڳ آفيس جي شريف گهراڻي سان تعلق رکندڙ شريف ڇوڪري فوزيه سان گهٽيا قسم جي گفتگو نه ڪئي آهي؟“ +مون پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو، پر لفظ نڙيءَ ۾ اثڪي پيا. چپ ڏڪڻ لڳا ۽ پوءِ مون صاحب جا رڳو هي لفظ ٻڌا: +”Now, you get out” +مان ڏڪندڙ قدمن سان صاحب جي آفيس مان نڪتس. پهرين سوچيم ته فوزيه کي سامهون ٿي شڪايت ڪريان، کيس پنهنجي اندر جو درد ڏيکاريان، پر پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته هن آفيس جي اندر گهڻو وقت رهندس ته گهٽجي دم ڏيندس. هن آفيس ۾ ته سڀ پٿر جون مورتيون آهن. انسان ته ڪو نظر ئي نٿو اچي. مون مئنيجر سان حساب به نه ڪيو ۽ تڪڙو تڪڙو آفيس مان ٻاهر نڪري آيس. ۽ پوءِ مون پنهنجي پاڻ سان واعدو ڪيو ته هاڻ خوابن جي سهاري نه جيئندس. ان جذبي تحت مون نوڪريءَ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. خوشقسمتيءَ سان مون کي هڪ سرڪاري اداري ۾ نوڪري ملي ويئي ۽ رهائش لاءِ جهانگير ڪوارٽرس ۾ هڪ پراڻو ڪوارٽر به ملي ويو. مان امڙ کي ڳوٺان وٺي آيس ۽ نوڪري کي لڳي ويس. ڪڏهن ڪڏهن مومل ۽ فوزيه جا نالا ذهن تي ايندا هئا ته منهنجي اندر ۾ نفرت ڀرجي ويندي هئي. فوزيه بابت هڪ سوال اڪثر منهنجي ذهن کي جهنجهوڙيندو رهندو هو ته آخر فوزيه اِهو سڀ ڪجهه صاحب کي ڇو ٻڌايو؟ هوءَ مومل جيان مون کي منهن تي جواب به ڏيئي پيئي سگهي. هڪ ڏينهن اُن سوال جو جواب ملي ويو. مان هڪ شام جو ڪلفٽن گهمي رهيو هوس ته مون هڪ ريسٽورينٽ مان پنهنجي سابق صاحب ۽ فوزيه کي نڪرندي ڏٺو. ٻنهي جي منهن تي مرڪ هئي. مان اڳتي وڌي ٻنهي سامهون وڃي بيٺس. سوچيم ته ٻنهي کي شرمسار ڪري پنهنجو پراڻو بدلو چڪائيندس. مان نفرت ۽ ڪاوڙ مان سڄو ڏڪي رهيو هوس. فوزيه جي نظر جڏهن مون تي پيئي تڏهن مون کي ڏسندي ئي منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين. شرمساريءَ بدران منهن تي هڪ زهريلي مرڪ ڇانئجي ويس. منهنجي سابق صاحب ته ڄڻ مون کي سڃاتو ئي ڪونه. دل چاهيو ته سندس گلي کان وٺي چوانس ته:” هاڻي ڪٿي آهي تنهنجي آفيس جو تقدس، جو پنهنجي هڪ مجبور ملازم ڇوڪريءَ کي ڪال گرل جيان کنيو ٿو وتين؟ ٻڌاءِ، آفيس کي بازار حسن تو بنايو آهي يا مون!“ پر مان کيس ائين چئي نه سگهيس. غريب ماڻهو هوس ۽ منهنجي غربت مون کي ڄڻ ته زنجير وجهي ڇڏيا. اُن ڏينهن مون کي اُن سوال جو جواب ملي ويو ته اصل ۾ غربت ئي نڀاڳ آهي. ڳوٺ ۾ وڏيري جو پٽ هجان ها ته مومل مون کي پنهنجو راڻو بنائيندي دير نه ڪري ه�� ۽ شهر ۾ ڪنهن پرائيويٽ اداري جو مالڪ هجان ها ته فوزيه جهڙيون ڪئين ڇوڪريون منهنجي اڳيان پٺيان هجن ها. پر منهنجي غربت منهنجي بدنصيبي بنجي ويئي هئي. مان ڪلفٽن تان ڪنهن هارايل جواريءَ جيان موٽيس ۽ آئنده ڪنهن به محبت نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيم. +هڪ ڏينهن امڙ جي ڳالهه مون کي ڇرڪائي وڌو چيائين:” مون تنهنجي شاديءَ لاءِ هڪ ڇوڪري پسند ڪري ورتي آهي!“ +چيومانس:” ڪير آهي اُها ڇوڪري!“ +چيائين:”اُهائي ادي صديق واري ڇوڪري مومل! هن عيد تي ڳوٺ هلنداسين ته ڳالهه پڪي ڪري اينداسين.“ +”مومل!“ مون ڪاوڙ ۽ حيرت ۾ چيو. +چيائين:” ها ها، مومل. ادو صديق مون کي جواب نه ڏيندو. آخر ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهين!“ +چيومانس:” پر امان! مان مومل سان شادي نه ڪندس!“ +امڙ ڪاوڙ مان چيو:”ڇو، ڪهڙو عيب آهي مومل ۾؟ سڄي ڳوٺ جو نڪ آهي.، سگهڙ ۽ محنتي به آهي. ٻيو ڇا کپئي؟“ +مان چپ رهيس، امڙ کي ڪوبه جواب نه ڏنم، اوچتو امڙ مونکي حيرت مان تڪيدي چيو:”ڪٿي ائين ته ناهي جو ڪنهن شهري ڇوڪريءَ کي پسند ڪري ويٺو آهين!“ مون امڙ کي ڪوبه جواب نه ڏنو. مان مومل ۽ فوزيه جي نفرت ۾ ٻيهر پچڻ لڳس، امڙ چيو:”ٻڌو اٿم ته شهري ڇوڪريون مرد سان وفا نه ڪنديون آهن، ان ڪري سوچي سمجهي ڪو قدم کڻجان. مان ته وري به چوان ٿي ته پنهنجي آخر پنهنجي آهي، مومل جي مَٽ کان ٻي ڇوڪري نه ٿيندي!“ +مون ڪاوڙ مان امڙ کي چيو:” امان! شهري ۽ ٻهراڙيءَ جون سموريون ڇوڪريون رڳو پئسي سان وفادار هونديون آهن اِن ڪري مان شادي نه ڪندس!“ +ائين چئي مان گهر مان ٻاهر نڪري ويس. ويچاريءَ امڙ کي ڪهڙي خبر ته ڳوٺ ۽ شهر ۾ مون سان ڪهڙي ويڌن ٿي هئي......... +....۽ پوءِ پنهنجي نئين آفيس ۾ ڪم ڪندي، منهنجي دل وري به ڪنهن جو نالو وٺي ڌڙڪڻ لڳي!....... منهنجي گهڻي ڪوشش جي باوجود منهنجو قسم ٽٽي پيو..... ها، سميرا! منهنجي زندگيءَ ۾ هلي آئي هئي. +هوءَ اڪائونٽنگ سيڪشن ۾ اڪائونٽنٽ هئي. اسان جي وچ ۾ شيشي جي ديوار يعني پارٽيشن ٺهيل هئي. اسان جو ڳالهائڻ تمام گهٽ ٿيندو هو.منهنجي وهم گمان ۾ به اهو نه هو ته ڪنهن ڏينهن اسان جي وچ ۾ اُها شيشي جي ديوار به نه رهندي ۽ اسان هڪٻئي جي گهڻو ويجهو اچي وينداسين. اسان جو هڪٻئي کي ويجهو اچڻ هڪ ننڍڙي پر زهريلي واقعي سبب ٿيو. ٿيو ائين جو مان پنهنجي سيڪشن جي هڪ ڪلاڪر وحيد جو قرضي هوس. وحيد پنهنجو قرض اُن وقت اڳاڙڻ چاهيو جنهن وقت منهنجا کيسا خالي هئا. مون کيس پگهار تائين ترسڻ لاءِ چيو، پر هو هڪ بداخلاق شخص نڪتو. وٺي گوڙ ڪيائين. مان سندس آڏو مجبور ۽ بيوس هوس کيس ڪجهه چئي به نه سگهيس. شايد هوءَ منهنجي حالت پري کان ڏسي رهي هئي، سو مون وٽ ايندي مون کي پنج سئو رپيا ڏيندي چيائين:” هي پيسا وٺو، پگهار تي مون کي ڏئي ڇڏجو!“ ايترن مردن هوندي رڳو سميرا جي اُن مدد مون تي اخلاقي طور ڏاڍو اثر ڪيو. مون سندس مهربانيون مڃيون ۽ پوءِ جڏهن پگهار مليو تڏهن مان پنج سئو رپيا کڻي سميرا کي موٽائڻ ويس. کيس پئسا ڏيندي چيم:” سميرا صاحبه! پنهنجو قرض وٺو. پر توهان مون تي جيڪو ٿورو ڪيو آهي، اُن جو قرض مان زندگي ڀر نه لاهي سگهندس!“ چيائين:”مون توهان تي ڪوبه ٿورو نه ڪيو آهي. هڪ ڪليگ کي ٻئي ڪليگ جي مدد ته ڪرڻ گهرجي نه، اُن ۾ ٿورو ڪهڙو ٿيو؟ جيڪڏهن هينئر به توهان جي مالي حالت بهتر نه هجي ته کڻي ڪنهن ٻئي پگهار تي پئسا ڏجو، هرڀرو تڪڙ ناهي.“ +چيومانس:” مس سميرا! مان دنيا جي اُنهن هزارن ۽ لکن انسانن مان هڪ آهيان جيڪي اقتصادي طور بدحال هوندا آهن ۽ هميشه پريشاني واري زندگي گذاري قرضي ٿي مرندا آهن. اِن ڪري توهان پنهنجو قرض وٺي ڇڏيو جو ڪٿي ائين نه ٿئي جو مان توهان جو قرضي بنجي هن جهان مان ڪوچ ڪري وڃان!“ +منهنجي ڳالهه تي هوءَ ڳنڀير ٿي ويئي ۽ وڏي همدرديءَ سان چيائين:”ڪو پارٽ ٽائيم ڪريو نه!“ +چيومانس:”پارٽ ٽائيم جي ڳولا ۾ آهيان، ڪٿي ملي ويو ته ضرور ڪندس.“ +چيائين:”هڪ ڳالهه چوان!“ +چيومانس؛”چئو“ +چيائين:” اِهي پئسا توهان پاڻ وٽ رکي ڇڏيو!“ +چيومانس:”هي پئسا توهان جا آهن ۽ توهانکي ئي ملڻ گهرجن.“ +چيائين:”پر هاڻي اِهي پئسا توهان جا ٿي ويا آهن!“ +مون سميرا جي اکين ۾ ڏٺو. سندس اکين ۾ ايترو ته پيار ۽ پنهنجائپ هئي جو مان وڌيڪ ساڻس بحث ئي نه ڪري سگهيس ۽ پئسا واپس کيسي ۾ رکي پنهنجي سيڪشن ڏانهن هليو آيس. + + +اسان جي ٻي ملاقات شام جي وقت صدر ۾ ٿي. مان پارٽ ٽائيم جاب جي ڳولا ۾ در در ڌڪا کائي رهيو هئس ته عبدالله هارون روڊ تي ساڻس اوچتو ملاقات ٿي ويئي. مون کي ڏسندي منهن تي مرڪ اچي ويس. چيائين:” ڪيڏانهن نڪري پيا آهيو؟“ پهرين سوچيم ته ساڻس ڪوڙ هڻي کيس ٻڌايان ته خريداري ڪرڻ نڪتو آهيان، پر هوءَ اهڙي هستي هئي جنهن سان ڪوڙ هڻي نٿي سگهيس. مون ساڻس سچ ڳالهايو، چيومانس:”مان پارٽ ٽائيم جاب جي تلاش ۾ آهيان!“ چيائين:”ڪهڙي جاب لاءِ پيا ڪوشش ڪريو؟“ +چيومانس:” جيڪا به ملي وڃي، ڪنهن دڪان تي سيلزمين لڳي سگهان ٿو يا ڪنهن هوٽل تي بيراگيري به ملي سگهي ٿي.“ +هوءَ مون کي ڏسندي رهي. پوءِ ڪجهه سوچيندي چيائين:”هينئر ته ڪافي دير ٿي ويئي آهي، جاب جي ڪوشش سڀاڻي کان ڪجو. هينئر اچو ته چانهن پيئون!“ +مان ساڻس انڪار نه ڪري سگهيس. اسين ”چلتن ريسٽورنٽ“ ۾ وڃي ويٺاسين. بدقسمتيءَ سان اُن ڏينهن به منهنجا کيسا خالي هئا. جيڪڏهن مون وٽ پئسا هجن ها ته مان سميرا کي پنهنجي طرفان چانهن پياريان ها. اوچتو مون کي پنهنجي حالت ياد آئي. مون کي ميري ۽ کٿل پينٽ شرٽ پاتل هئي ۽ پيرن ۾ بنا پالش جي سيڪنڊ هئنڊ بوٽ هو. جڏهن ته سميرا کي نيري رنگ جا مهانگا ڪپڙا پاتل هئا، جن تي نفيس ڀرت به ڀريل هو. اسان جي اُن عجيب و غريب جوڙي کي هوٽل ۾ ويٺل ماڻهو حيرت سان ڏسي رهيا هئا ۽ مان شرم ۾ ٻڏي ويس. +چانهن مان سُرڪ ڀريندي سميرا چيو:” توهان جي جيئري رهڻ جي جدوجهد مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. ڪي ماڻهو مصيبتن سان جنگ جوٽي هڪ ڀرپور زندگي گذاريندا آهن ۽ ڪي ماڻهو زندگيءَ جي هر سهولت هوندي به موت کان اڳ مري ويندا آهن.“ +چيومانس:”مس سميرا، ڪهڙي جهان ۾ ٿيون رهو. اسان جي سماج ۾ بي صلاحيت، ڄٽ ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ئي ڀرپور زندگي گذاريندا آهن. جنهن سماج ۾ عزت ۽ وقار پئسي جي ماپي سان ماپيو وڃي، اُن سماج ۾ ڪابه جدوجهد ڪارگر نه ٿيندي آهي.“ +مون پنهنجو جملو ادا ڪري پڇتايو. سوچيم ته هڪ پاسي دنيا منهنجي غربت تان چٿرون ڪري ۽ ٻئي پاسي هڪ پرَين جهڙي ڇوڪريءَ کي منهنجي غربت پسند اچي ته مون کي اهڙا جملا نه ڳالهائڻ گهرجن. مون سميرا جي اکين ۾ جهاتي پاتي ته ڇرڪي پيس. مون سندس اکين ۾ پنهنجي لاءِ پيار ڇلڪندي ڏٺو. منهنجي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. پر مون پاڻ تي ضابطو ڪندي چيو؛”توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي لاءِ اهڙن جذبن جو اظهار ڪيو آهي. پر مون کي خبر آهي ته سڄي عمر جي هڻ هڻان ۽ جدوجهد کان پوءِ به اسان بدنصيبن کي سک ملڻو ناهي.“ +هن مون کي پوءِ به ڪو جواب نه ڏنو.ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويئي. جڏهن بيرو بل کڻي آيو، تڏهن هُن بل ڏنو ۽ پرس سنڀاليندي چيائين:” هاڻي هلڻ گهرجي.“ +ٻاهر روڊ تي کانئس موڪلائيندي ائين لڳو ڄڻ کيس صدين ۽ جنمن کان سڃاڻندو هجان. خبر ناهي ته ڪيتريون خوش فهميون ۽ خوبصورت خواب منهنجي دماغ کي ڀوانٽيون ڏيندا رهيا، پر مان پاڻ کي سمجهائيندو رهيس ته ڀلا هڪ ڪليگ سان گڏ چانهن پيئڻ جو اِهو مطلب ته ٿي نٿو سگهي ته هوءَ پيار به ڪري. +...... ۽ پوءِ منهنجا خواب ساڀيان ٿي پيا!.......سميرا سان ملاقاتن جو سلسو وڌندو رهيو....... اسان هڪٻئي کي ايترو ويجهو اچي وياسين جو حجاب جون سموريون ديوارون ڊهي پيون. سميرا ڪالهه مون کي پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو هو:”خبر اٿئي، مون تنهنجي باري ۾امان کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. سڀاڻي توکي منهنجي گهر اچڻو پوندو.“ سميرا جي دعوت ٻڌي مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ منهنجي مرده جسم ۾ روح موٽي رهيو هجي. سوچيم:سميرا به عجيب ڇوڪري آهي! جيون ساٿيءَ لاءِ هن هڪ اهڙي شخص جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو کيس ڪوبه سک ته ٺهيو پر چند سئو رپين جي شاپنگ به نٿو ڪرائي سگهي. سميرا چري آهي، بيوقوف آهي، کانئس وڌيڪ ته هاڻ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ڇوڪري مومل ذهين هئي. +مان وعدي مطابق سميرا جي گهر پهتس. سندس ننڍڙو گهر بيحد سهڻُو ۽ سليقي سان سجايل هو. سميرا جي ماءُ به هڪ شفيق ۽ پيار ڪندڙ هئي. جنهن منهنجو آڌرڀاءُ ڪري وڃي چانهه ٺاهي ۽ اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي ويئي. اڄ سميرا جي خوشي انتها تي پهتل هئي. هوءَ اڄ ڏاڍي چرچائڻ بنجي ويئي هئي ۽ هر ڳالهه تي ٻڌا ٽهڪ پئي ڏنائين. +چانهن جو ڪوپ ختم ڪري مان سميرا ڏانهن ڏسڻ لڳس. هن به چانهن ختم ڪئي ۽ ٻئي ڪمري ڏانهن هلي ويئي ۽ اُنهن ئي پيرن تي هڪ چئن سالن جي معصوم ڇوڪريءَ کي کڻي آئي، چيائين:” خان، هي شمائله آهي.“ +چيومانس:” ڪنهن جي ڌيءُ آهي.“ +چيائين” منهنجي ڌيءُ آهي!“ +”تنهنجي ڌيءُ!..... پر.....“ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. مون کي محسوس ٿيو ته ڌرتيءَ تي سوين هزارين ائٽم بم ڪري پيا آهن. مون پاڻ کي ڀورا ڀورا ٿيندي محسوس ڪيو. منهنجي اڳيان ڌرتي لاٽون جيان ڦرڻ لڳي. زهر تي مومل ۽ فوزيه به ڏنو هو پر سميرا جي تازي زهر لاءِ مان بلڪل تيار نه هئس. +”خان!...... مون کي افسوس آهي جو مون توکي پنهنجي پاڻ بابت ڪجهه به نه ٻڌايو.... اڄ مون توکي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ +مون ٽٽل لفظن کي جوڙيندي چيو؛” هاڻي ڪجهه ٻڌڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي... مونکي هتي وڌيڪ ترسڻ جي ضرورت ناهي.“ ائين چئي مان وڃڻ لڳس. +سميرا چيو:” پليز خان! ويهي رهه، تو ڪجهه به نه ٻڌو آهي.“ مان رڪجي ويس.سميرا چيو:”خان! منهنجي شادي پنج سال اڳ هڪ اهڙي شخص سان ٿي، جيڪو شاديءَ کان پوءِ جلد منهنجي سموري پونجي کڻي ٻاهر هليو ويو ۽ اُتان ئي هن هڪ خط ذريعي مون سان سمورا ٻنڌڻ ٽوڙڻ جو اطلاع ڪيو. شاديءَ جي هڪ سال کان پوءِ شمائله ڄائي ته ڄڻ يتيم بنجي ڄائي. مون انسانن جي هن رڻ ۾ وڌيڪ دوکو کائڻ نٿي چاهيو، پر شمائله هاڻي پنهنجي پيءُ بابت پڇڻ لڳي آهي. آءُ سمجهان ٿي ته اُهو صرف تون ئي آهين جيڪو شمائله جو پيءُ بنجي سگهين ٿو.“ ٿورو ترسندي وري چيائين:” اڄ پنجن سالن کان پوءِ مون تنهنجي سامهون زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏنا آهن. خدا جي واسطي هاڻي تون منهنجي ٽهڪن کي سڏڪن ۾ تبديل نه ڪجان!“ سندس ڀنل اکيون ڏسي منهنجي اکين ۾ به بوندون ڀرجي آيون. شمائله پنهنجي ٻاتيءَ ٻولي ۾ ماءُ کي مون ڏانهن اشارو ڪري چيو:”امي! هي ڊيڊي آهي؟“ +مون سميرا کان شمائله وٺي کيس پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ چيومانس:”ها شمائله!....... مان ئي تنهنجو ڊيڊي آهيان!.... تمام گهڻو پري کان سالن جو سفر ڪري اڄ مس تو وٽ پهتو آهيان!“ +منصور ٻرڙو +هرفن مولا +اٽڪل پنجن سالن کان پوءِ ساڳي آفيس ۾ بدلي ٿيڻ ڪري اچان ٿو ته ڪا خاص تبديلي ڪانه ٿي نظر اچي. ٻن ٽن ملازمن جي رٽائر ٿيڻ کان سواءِ ساڳيا چهرا ساڳين ئي جاين تي ويٺل نظر اچن ٿا. جڏهن ته مان پنهنجي پاڻ ۾ اِها تبديلي ضرور محسوس ڪريان ٿو ته مان هينئر جونيئر ڪلارڪ مان هيڊ ڪلارڪ آهيان. مونکي ائڊمنسٽريشن برانچ جي چارج ڏني وڃي ٿي. تنهنڪري حاضري رجسٽر سنڀالڻ پڻ منهنجي ذميواري ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. مان ڪجهه ڏينهن کان نوٽ پيو ڪيان ته آفيس جو سينيئر ڪلارڪ نواز اڪثر آفيس ٽائيم کان ٻه ٽي ڪلاڪ دير سان پهچي ٿو ۽ مون کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه سالن کان اِها سندس پڪي عادت بڻجي چڪي آهي. ڪيترائي ڀيرا سندس پگهار بند به ڪئي ويئي پر ڪوبه فرق نه پيو. مونکي پڻ حيرت پيئي ٿئي ته مونکي هتي آئي هفتو ڏيڍ ٿي ويوآهي، پر هو مون سان ڪونه مليو آهي ۽ مان جڏهن ڪنهن مهل ڪم سان پنهنجي سيٽ ڇڏيان ٿو ته هو حاضري رجسٽر تي صحيح ڪريو ٿو ڇڏي. اڄ مون پڪو ارادو ڪيو ته نواز کي گهرائي حال احوال وٺبو ته آخر هن کي ڇا ٿي ويو آهي. اِهو ويچاريندي هڪ سوچ ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳي ته متان هو مون کي اِن ڳالهه تي ناراض هجي ته منهنجو پروموشن هن کان اڳ ۾ ٿيو آهي. اِن پريشان ڪندڙ سوچ کي دور ڪرڻ لاءِ مان نواز جو پرسنل فائيل گهرائي پڙهان ٿو، جنهن ۾ سندس ٻن سالن جي سالياني ڳجهي رپورٽ ۾ آفيسر ڄاڻايو هو ته ؛” هو پروموشن لاءِ فٽ نه آهي.“ +مان جڏهن هن آفيس ۾ نئون ڪلارڪ ڀرتي ٿيو هوس ته مون کي آفيس جو ڪم سيکارڻ لاءِ نواز وٽ ويهاريو ويو هو، جيڪو مون کان ڪجهه سال سينيئر هو. ساڻس گڏ آفيس جو ڪم ڪندي ٽي سال ڏاڍا بور گذريا هئا. هو آفيس جو ڪوبه ڪم سُرَ سان ڪرڻ ئي ڪونه ڏيندو هو. بس چاهيندو هو ته سندس ڳالهيون پيا ٻڌون ۽ ها ۾ ها ملائيندا رهون. اسان ڪهڙي به موضوع تي ڳالهائڻ شروع ڪندا هئاسين ته ڳالهه وچ ۾ ڪٽي چوندو هو:” اِن جي ته مون کي خبر آهي. مان ٿو اوهان کي ٻڌايان.“ ۽ جيڪڏهن ڪير سندس ڳالهه نه مڃيندو هو ته صفا ڪروڌ ۾ ڀرجي ٻانهن مروڙڻ، قميص جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي ڇڪڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عجيب حرڪتون شروع ڪندو هو، تنهنڪري مجبورن سندس جهڙي تهڙي راءِ کي مڃڻو پوندو هو. +هڪ ڀيري منهنجي هٿ ۾ ڪهاڻين جو ڪو ڪتاب ڏٺائين ته مون کان ڦري چيائين:”اهڙيون ڪهاڻيون ته مان به لکي سگهان ٿو.“ ۽ ڪهاڻي لکڻ شروع ٿي ويو. ڪهاڻي جو خلاصو ڪجهه هن طرح هو ته هڪ نوجوان کي روڊ تان پيادل گذرندي ڏسي ڪار ۾ ويٺل هڪ خوبصورت اڪيليءَ ڇوڪري متاثر ٿي پوي ٿي ۽ کيس ڪار ۾ ويهاري شهر جو سير ڪرائي ٿي. نئون وڳو وٺي ڏئي ٿي ۽ امتحان جي فارم ڀرڻ لاءِ پئسا پڻ ڏئي ٿي. اصل ۾ نواز ڪجهه ڏينهن کان بي اي پارٽ ٽو جي امتحان جو فارم ڀرائڻ لاءِ پريشان هو. گذريل سال به هو فارم ڀرائي نه سگهيو هو ۽ هن سال به آخري تاريخ گذري چڪي هئي ۽ هاڻي ليٽ في سان فارم پئي ڀريا. +موسيقيءَ جو ذڪر نڪرندو هو ته پوءِ نواز مان جند ڪير ڇڏائي! هر فنڪار جي باري ۾ سندس مخصوص راءِ ٻڌڻي پوندي هئي. ۽ سندس آواز ۾ هڪ اڌ ڪلام به ٻڌڻا پوندا هئا. پوءِ ته نواز کان سواءِ اسان سڀني جا ڪنن تي هٿ هوندا هئا. جڏهن نواز کي ڪننن تي هٿ رکي ڳائڻ جي عادت ڪانه هئي. سندس هڪڙو موسيقي جو استاد به هو، جنهن کان هو روز شام جو راڳ جي سکيا وٺندو هو. سندس اُستاد پنهنجي خرچ تي هڪ ڪيسيٽ به رڪارڊ ڪرائي مارڪيٽ ۾ آندي هئي. جيڪا نواز مون کي زوري وٺرائي هئي. ڪيسيٽ ۾ رڳو ساز پئي ٻڌڻ ۾ آيا، استاد جو آواز ٻڌڻ لاءِ وڏا جتن پئي ڪرڻا پيا. هڪڙي دوست جي شاديءَ ۾ مون سان گڏ نواز کي به دعوت هئي، اُتي هڪ ميوزيڪل گروپ کي گهرايو ويو هو، جيڪو مشهور انڊين گانا ڳائي رهيو هو. اُتي مون سان گڏ ٻين دوستن نواز تي زور ڀريو ته هو به پنهنجي سندر آواز سان محفل کي رونق بخشي. پهرين ته هو ڏاڍا نخرا ڪرڻ لڳو، پر جڏهن دوستن جا چيلهه ۾ هٿ پيس ته مجبورن هن کي اسٽيج تي وڃڻو پيو ۽ ڪشور ڪمار جو ڳايل مشڪل ترين گانو:” پگ گهنگهرو باندهه کي ميران ناچي تهي....“ ڳائڻ شروع ڪيائين. شروع ۾ ئي آواز جي سازن سان هم آهنگ نه هئڻ ڪري ساز بند ڪيا ويا، پر ايڪو سائونڊ سسٽم تي سندس ”گهڻي“ آواز خلق کلائي ڇڏي. ماڻهن جا کِلَ ۾ کليل وات ڏسي هن سمجهيو ته محفل کي لٽي ڇڏيم، پر جڏهن اسٽيج تي آڻيندڙ ساڳين دوستن جا هٿ چيلهه ۾ پيس ته صفا وائڙو ٿي ويو. مائيڪ ڇڏي واپس اچي چيائين: هتي موسيقي جو قدر ڪونهي. انڊيا ۾ ماڻهو فنڪارن کي پوڄيندا آهن.“ +وري هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيائين. ڊرامي جي ريهرسل ۾ ڪيترائي ڏينهن مصروف رهيو. تنهنڪري آفيس جي ڪم لاءِ پنهنجي مصروف ترين وقت مان ڪجهه گهڙيون ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيائين. آفيس ۾ ڊرامي جو اسڪرپٽ ساڻ هوندو هئس ۽ اُن کي پيو ياد ڪندو هو. نيٺ ڊرامي واري اُها يادگار رات به اچي پهتي مون کي به مفت ۾ ڪارڊ ڏنائين سو وڏي جوش ۽ جذبي سان وڃي پهتس. ڊرامو ڇا هيو، بس ٽي ڇوڪريون ۽ ٽي نوجوان هيا، جيڪي واري واري سان ٿورو ڳالهائي جوڙي جي صورت ۾ انڊين گانن تي ڊانس ڪري رهيا هئا. اُنهن ٽن ۾ هڪ جوڙي نواز جي به هئي. هڪ ڪورس ۾ انڊين گانو شروع ٿيو ته اسٽيج جي هڪڙي طرف کان هڪ خوبصورت ڇوڪري ڊانس ڪندي ظاهر ٿي ته ٻئي پاسي کان نواز ٽپا ڏيندو ظاهر ٿيو. ڇوڪري ڊانس دوران ڦيرو کائيندي نواز جي ويجهو پئي ويئي ته هن کيس ٻانهن ۾ وڪوڙڻ کان پوءِ، ڇڏڻ جي ئي نه پئي ڪئي، تنهنڪري ڇوڪريءَ کي زوري هن کان پاڻ ڇڏائڻو پئي پيو، پر آخر ڪيستائين. بس نواز ڦيرو ڏيئي پئي ڇوڪريءَ جي مٿان ڪريو. نيٺ هوءَ بيزار ٿي پئي ۽ اڌ گاني ۾ ئي واپس پردي پويان هلي ويئي. ماڻهن جا هوڪرا ٿي ويا. وڃي جو اندر جهاتي پائي ڏسون ته ڇوڪري سئنڊل هٿ ۾ کنيو بيٺي آهي ۽ وچ ۾ هدايتڪار ٻانهون ٻڌيو بيٺو آهي”هاڻي معاف ڪرينس، ڊرامو نه ڦٽاءِ، نئون آ، ٺيڪ ٿي ويندو.“ ڇوڪري ڪاوڙ ۾ باهه هجي:”اهڙي ڄٽ کي اوهان ڊرامي ۾ کنيو ڇو آهي؟ چوانس پئي ته ڇڏ ڇڏ، پر هٿ ئي نه پيو ڪڍي.“ ڊرامي هلڻ ۾ دير ٿي ته ماڻهن اچي ڪرسيون ٽوڙيون ۽ اڇلايون ۽ ائين ڊرامو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويو. ۽ نواز جي مستقبل جو بهترين اسٽيج اداڪار ٿيڻ جو خواب اڻپورو رهجي ويو. +هڪڙي ڏينهن هڪ سنڌي پروڊيوسر جي پيءُ جي چٺي کڻي ڪراچي ٽي وي اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو ۽ پندرهن ڏينهن کن آفيس مان موڪل ڪيائين. جنهن ڏينهن سندس ڊرامو ناٽڪ رنگ ۾ هلڻو هو، اُن ڏينهن بابت مون پنهنجي دوستن توڙي مائٽن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ جو ڊرامو ضرور ڏسجو. اُهو ڏينهن به آيو. سنڌي خبرون ختم ٿيون ته ڊرامون به شروع ٿيو. ڊرامو ختم به ٿي ويو پر نواز ڪٿي به نظر ڪونه آيو. ڏاڍي ڪاوڙ ورتم ۽ مائٽن توڙي دوستن آڏو شرمندو به ٿيس. مليو ته پهرينءَ سٽ ۾ چيومانس:”ڏاڍو خوار ڪرايئي.“ +چيائين: ”تو ڊرامو ڏٺو ئي ڪونهي.“ +”اڄ مان تنهنجي ڪنهن به ڳالهه ۾ اچڻ وارو نه آهيان.“ +”ٺيڪ آ، تو ڊرامو ڏٺو هو ته پوءِ ٻڌاءِ ته ڊرامي ۾ هڪڙي گهر مان چوري ٿئي ٿي؟“ +چيم:”ها، بلڪل ٻن ٻُٽ ٻڌل چورن مان هڪ اندر گهڙي ٿو ۽ ٻيو گهر جي ٻاهران بيهي ٿو.“ +چيائين:” اڙي چريا، گهر جي ٻاهران بيٺل چور مان ئي ته هئس.“ اُهو چوندي هن جي چهري تي مايوسي پکڙجي ويئي، تنهنڪري پڇيومانس:��پوءِ ڀلا مايوس ڇو ٿي ويو آهين.“ +چيائين:”بس يار، مان وري ٽي وي اسٽيشن تي ڪونه ويندس. جواُتي اداڪار جو قدر ڪونهي.“ +پر اصل معاملي جي خبر ڦرندي ڦرندي مون تائين به پهتي ته پروڊيوسر سندس آڊيشن وٺڻ کان پوءِ چيس ”جيڪڏهن بابا جي چٺي نه کڻي اچين ها ته هتي بيهڻ به نه ڏيانءِ ها، صرف هڪڙو ڀيرو توکي ڊرامي ۾ موقعو ڏيان ٿو، پر اُن ۾ توکي ڳالهائڻو صفا ناهي ۽ اُن کان پوءِ وري توکي هتي نه ڏسان.“ +هو شهرن ۾ کيڏجندڙ اندرين توڙي ٻاهرين سڀني راندين کيڏڻ جي دعويٰ به ڪندو هو. ڪرڪيٽ جي معاملي ۾ ته ڏاڍي تڪليف ۾ هو. هن کي ڪيپنگ، بيٽنگ ۽ بالنگ سميت سڀني رخن تي مهارت حاصل ڪرڻي پيئي. اُن کان سواءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن جا انفرادي توڙي مجموعي عالمي رڪارڊ به کيس ياد ڪرڻا پئي پيا. ۽ سڀئي رانديون به ڏسڻيون پئي پيون. رات جو مئچ هوندي هئي ته اوجاڳا به ڪاٽڻا پوندا هئاس، آخر”هر فن مولا“ جو هو! +انڊين فلمن ڏسڻ جي شوق ته نواز کي ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيو هو، پاڪستان ۾ جڏهن وي سي آر ڏسڻ جو دور شروع ٿيو ۽ جڏهن کان نواز کي فلمن ڏسڻ جو موقعو مليو، اُن کان پهرين لاتعداد انڊين فلمون ٺهيل هيون، جيڪي وڊيو تي اچي رهيون هيون ۽ ٻيو تازيون فلمون پڻ ڌڙا ڌڙ ٺهي رهيون هيون ۽ نواز کي سڀيئي فلمون ڏسڻيون هيون، پر وقت صفا ٿورو هو، اُن لاءِ هن هڪ دوست جي وڊيو سينٽر تي مفت ۾ شام جو ڊيوٽي ڏيڻ شروع ڪئي، پر سال کن کان پوءِ وڊيو سينٽر جي مالڪ کيس وڌيڪ مهلت نه ڏني، ڇو ته نواز دڪان جي مالڪ جي وڃڻ کان پوءِ پيو فلم ڏسندو هيو، جيڪڏهن ڪو گراهڪ ايندو هو ته هن مان بس جان ڇڏائڻ جي ڪندو هو. +نواز جيئن ئي آفيس پهتو ته پٽيوالي کي چئي کيس پاڻ وٽ گهرايم. هو مون کي صفا ڪمزور نظر آيو. چيم: ”نواز ٻه ٽي ڀيرا توکي تنهنجي سيڪشن ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم، پر تو منهن ٻئي طرف ڦيري پئي ڇڏيو.“ +”بس سائين، معاف ڪندا غلطي ٿي ويئي.“ +”تون مون کي سائين چئي نه لڄاءِ، تون ته منهنجو استاد آهين. پر تو پنهنجي هيءَ ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي.“ مون ڏٺو پئي ته رکي رکي سندس اکيون ٻوٽيون پئي ويون ۽ سندس آنڱرين ۾ دکيل سگريٽ جو سندس ڪپڙن تي ڪِرڻ جو هر هر کٽڪو پئي رهيو. +چيائين:” بس سرڪار، اچي شوق ٿيو ته نشو به ڪري ڏسجي، سو پان، مين پڙي، گٽڪا، سگريٽ، چرس، ڀنگ، آفيم ۽ ....“ وڌيڪ نه چئي سگهيو ۽ خاموشيءَ سان ڪرسيءَ تان اٿي هليو ويو. ايتري ۾ پٽيوالي اچي ٻڌايو ته: ”سائين هيروئن سندس اهي حال ڪيا آهن.“ +اهو ٻڌي مان سموري ماجرا سمجهي ويس ته هيروئن پيئڻ، هر فن مولا جي فن جو آخري مظاهرو هو. +گبرئيل گارشيا ماڪيز +سنڌيڪار رفيق سومرو +پکين جي رات +اسان ٽيئي ڄڻا ٽيبل جي چوڌاري ويٺا هئاسين، جڏهن ڪنهن سِلاٽ(سڪو) پيتيءَ جي سوراخ ۾ وڌو ۽ وُلٽرز هڪ ڀيرو وري ساڳيو رڪارڊ هلايو. جيڪو سڄي رات کان هلي رهيو هو. اِهو سڀ ڪجهه ايترو جلد ۽ ايڏي سيگهه ۾ ٿيو، جو اسان کي سوچڻ جو موقعو ئي نه مليو. اُن کان اڳ جو اسين ياد ڪيون ته اسان ڪٿي هئاسين ۽ پنهنجا وڃايل حواس جائيتا ڪري سگهون، اِهو سڀ ڪجهه شروع ٿي ويو. +اسان مان ڪنهن هڪ پنهنجو هٿ ڦهلائي ڪائونٽر تائين پهچايو(اسين هٿ ته ڏسي ڪونه سگهياسين پر اُن جو آواز ٻُڌي سگهياسين.) اُن هٿ جي ٽيبل تي رکيل گلاس سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ کڙڪي جو آواز پيدا ٿيو. پوءِ مڪمل سانت ڇانئجي ويئي. پوءِ ٻيئي هٿ ٽيبل جي مٿاڇري تي آرامي هئا. +پوءِ اسان ٽنهي گگهه اوندهه ۾ هڪ ٻئي کي ڳولڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ کي اُتي ئي ويٺل پاتوسين، جتي پهرين هئاسين. +ٽيهن آڱرين جي جوڙن جو ميڙ ڪائونٽر تي هڪ ٻئي مٿان سٿيل هو. +”اچو ته هلون“ +۽ اسين چپ چپات ۾ اُٿي بيٺاسين، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. اڃا اهڙي گهڙي ڪانه هئي، جو اسين ماحول مان ورچي بددل ۽ بدظن ٿي وڃون. +جڏهن اڳتي وڌي ڪمري جي اڌ پنڌ تائين آياسين، ته پوءِ بنهه ويجهو موسيقيءَ جو سريلو سُريلو آواز ٻڌوسين ۽ ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هڪ غمگين عورت جي خوشبو جهٽيسين. ۽ جڏهن در ڏانهن وڌڻ لڳاسين ته پنهنجي اوسي پاسي هڪ اينگهيل گهرو خاليپڻو محسوس ڪيوسين. اُن کان اڳ هڪ ٻي خوشي اسان جي آجيان ڪئي. هڪ وڻندڙ ۽ کٽمٺڙي بوءِ جيڪا در جي ڀرسان ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل عورت جي هئي. +اسان چيو، ”اسين وڃي رهيا آهيون.“ +عورت ڪنهن به قسم جو جواب ڪونه ڏنو. +اسان اڳتي پوئتي جهولندڙ راڪنگ چيئر(آرام ڪرسي) جو آواز ٻڌو، جيئن ڪنهن جي ڪرسيءَ تان اُٿڻ مهل ٿيندو آهي. عورت اُتي بيٺي، اسان کي ڍلن قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ وري عورت جو ساڳي جاءِ تي موٽڻ جو آواز پڻ. در جي انجيسن هڪ ڀيرو ٻيهر چيڪاٽ ڪيو ۽ اسان جي پويان کڙڪي سان دروازو بند ٿي ويو. اسان پوئتي مُڙياسين، ٺيڪ اُن جاءِ تي، جا اسان جي پوئتان هئي. ڀنڀرڪي جي نظر نه ايندڙ تکي ۽ وڍيندڙ هوا، ۽ هڪ آواز، جنهن چيو:”رستي کان هٽي پري ٿيو، آءُ دروازي وٽان لنگهي رهيو آهيان.“ +اسين پوئتي هٽي وياسين، ۽ آواز وري ڳالهايو:” توهان اڃا تائين دروازي اڳيان بيٺا آهيو!“ +۽ جڏهن اسان چئني پاسن کان سِري وياسين ۽ اُن آواز کي هرطرف موجود پاتوسين، تڏهن نيٺ اسان چيو:” اسان هتان هٽي نٿا سگهون.“ ڪرليوز پکين(ڊگهي ٽنگن، ناسي رنگ ۽ ڏاٽي واگر مڙيل ۽ سڱن جهڙين سخت ڄاڙيءَ وارا پکي) اسان جون اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن. اسين انڌا آهيون.“ +پوءِ اسان ڪيترن ئي دروازن کُلڻ جو آواز ٻڌو. اسان مان ڪنهن هڪ ماڻهو ٻين هٿن کي ڇڏي ڏنو ۽ اسان کيس اوندهه جي سمنڊ ۾ ٿڙندي، ٿاڦوڙا هڻندي، ڪنهن ڦرندڙ ڦرڪڻي وانگر ڦرندي ۽ سندس اوسي پاسي وارين شين سان ٽڪرائجڻ جا آواز ٻڌا. +گهه گهه اونداهيءَ مان ڪنهن ڳالهايو: +”ضرور اسان بند ڪيا ويا آهيون.“ هن چيو. +”مون کي چوڌاري تابوتن جي بوءِ ٿي اچي، اسان وري هن جي هٿن جو ڇهاءُ محسوس ڪيو.“ +اسان ڀت کي ٽيڪ ڏني ۽ پوءِ هڪ ٻيو آواز آيو، پر اُهو سامهون واري پاسي کان آيو هو. +”ٿي سگهي ٿو ته اُهي تابوت ڪاٺيءَ جون جوڙيل قبرون هجن،“ اسان مان ڪنهن هڪ چيو. +هڪ همراهه، جيڪو پاڻ کي هال جي ڪنڊ ڏانهن گهلي ويو هو ۽ هاڻي اسان جي ڀرسان ساهه کڻي رهيو هو، تنهن چيو:” اهي پيتيون آهن، ننڍي لاڪون آءُ اسٽور ڪيل ڪپڙن جي ڌپ سڃاڻندو آهيان.“ +تڏهن اسان اُن پاسي ڏانهن وڌي وياسين، گرائونڊ نرم، ۽ لسو هو ۽ زمين نهايت عمدي هئي. جنهن تان لڳو ٿي ته اچ وڃ ٿي رهي هئي. +اوچتو ڪنهن اڳتي هٿ وڌايو.، اسان هڪ ڊگهي ۽ زندگيءَ سان ڀرپور چمڙيءَ واري ٻانهن جو ڇُهاءُ محسوس ڪيو. هاڻ سامهون ڪابه ديوار محسوس نه پئي ڪئيسين. +”اِها عورت آهي.“ اسان چيو. +ٻئي شخص، جنهن پيتين بابت ڳالهه ڪئي هئي، تنهن چيو:” مان سمجهان ٿو ته هوءَ ستل آهي.“ +اسان جي هٿن هيٺان هن جو بدن لڏيو. اسان اُن کي ترڪندو محسوس ڪيو. ائين نه ته ڄڻ اُهو اسان جي پهچ کان پري هليو ويو هجي، پر ڄڻ ته اُن جو وجود ئي ختم ٿي ويو هجي. ڪجهه گهڙين لاءِ گهري سانت، جنهن ۾ اسان بنا ڪنهن چرپر جي بيٺا رهياسين، بلڪل سيٽيل، هڪ ٻئي جي ڪلهن کي ٽيڪ ڏيو. اسان هن عورت جو آواز ٻڌو. +”ڪير آ هتي؟“ عورت چيو +”اسان آهيون؟“ اسان بنا ڪنهن چُرپُر جي جواب ڏنو. +پلنگ جي چُرپُر صاف ٻڌڻ ۾ ٿي آئي ۽ اونداهي ٻيٽ ۾ سليپر ڳولڻ جو سعيو ڪندڙ پيرن جي اٿل پٿل ۽ چيڪاٽ جو آواز پڻ. +پوءِ اسان تصور ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل عورت جي تصوير ٺاهي، اسان ڏانهن ڏسندڙ، ڄڻ ته هوءَ اڃا مڪمل طور ننڊ مان سجاڳ ڪانه ٿي هجي. +”توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟“ هن پڇيو. +۽ اسان جواب ڏنو:” اسان ڪجهه نٿا ڄاڻون، ڪرليوز پکين اسان جون اکيون ڪڍي ورتيون آهن.“ +ان آواز چيو ته هُن اِن پکيءَ بابت ٿورو گهڻو ٻڌو آهي. +اخبارن لکيو هو ته ٽي ماڻهو هڪ اڱڻ ۾ شراب پي رهيا هئا، جتي پنج يا ڇهه ڪرليوز پکي موجود هئا، يا شايد ست ڪرليوز، اُنهن مان هڪ ماڻهو اُنهن پکين جي نقل ۽ اهل ڪندي اُنهن وانگر ڳائي رهيو هو. اُن ۾ خرابي اِها هئي ته هو پورو هڪ ڪلاڪ پوئتي هو. هن چيو،”اهو ئي وقت هو جڏهن پکي ٽپا ڏيئي اچي ٽيبل تي ويٺا ۽ هنن جون اکيون _ڪڍي ڇڏيائون.“ هن چيو، اها ائي ماجرا اخبارن ۾ لکيل هئي، پر ڪنهن کي به اُن تي اعتبار نه آيو هو. +اسان چيو:” جيڪڏهن ماڻهو اوڏانهن ويا هجن ها“ ۽ عورت چيو:” اُهي ويا هئا، ٻئي ڏينهن سڄو اڱڻ ماڻهن سان ڀريل هو، پر عورت اُنهن پکين کي ڪنهن ٻئي هنڌ کڻي ويئي هئي.“ +هُو جڏهن پوئتي مڙيو ته عورت ڳالهائڻ بند ڪيو. هڪ اوچي ديوار کين هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسڻ ۾ آئي. +بس رڳو پٺتي مُڙڻ سان اسان هڪ ديوار ڏسنداسين. اسان جي چوڌاري اسان جي آسپاس سدائين هڪ ديوار کڙي هئي، اسان مان هڪ ڄڻي پنهنجا هٿ هڪ وار ٻيهر ڍرا ڇڏي ڏنا. +اسان هن کي وري بانبڙا پائيندي ڏٺو:”هاڻي مون کي ڪا خبر ناهي ته جنازي جون پيتيون ڪٿي آهن. مان ڀانيان ٿو، ته هاڻي اسين ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي آهيون.“ +۽ اسان چيو:” هيڏانهن اچ، هتي ڪو ماڻهو آهي، جيڪو اسان کي تمام ويجهو آهي.“ +اسان هن جي ويجهو اچڻ جو آواز ٻڌو. اسان هن کي پنهنجي ڀرسان بيهندي محسوس ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هن جو گرم ساهه اسان جي منهن سان اچي ٽڪرايو. +”هن پاسي ڏانهن وڃ.“ اسان کيس چيو:”اسان ڄاڻون ٿا ته هتي ڪو ماڻهو آهي.“ +هو ضرور اُن جاءِ تي وڃي رسيو هوندو. هو ضرور اُن هنڌ ڏانهن ويو هوندو، جيڪو اسان کيس ڏسيو هو، ڇو ته جهٽ کان پوءِ هو واپس اچي اسان کي ٻڌائڻ آيو:” منهنجي خيال ۾ هو ڇوڪرو آهي.“ +۽ اسان کيس چيو:” ڏاڍو سٺو. هن کان پڇ ته ڇا کيس اسان جي خبر آهي.“ +هن کانئس سوال پڇيو. اسان ان ڇوڪري جو احساس کان خالي ۽ سادگيءَ سان ڀريل آواز ٻڌو، جنهن چيو:”هائو، آءٌ توهان کي ڄاڻان ٿو. توهان اُهي ئي ماڻهو آهيو، جن جون اکيون ڪرليوز پکين ڪڍيون هيون.“ +اُن کان پوءِ هڪ ساماڻيل نينگر ڳالهايو. +هڪ عورت جو آواز، جيڪا دروازي پٺيان بيٺل ٿي لڳي، چوڻ لڳي:”توهان وري به پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيا آهيو.“ +۽ هڪ ٻار جو آواز، جنهن اهڙي انداز ۾ ڳالهايو، ڄڻ ته کيس ڪنهن سان واسطو ئي ڪونه هجي، چيائين” +”نه، اُهي ماڻهو جن پنهنجون اکيون ڪرليوز پکين هٿان وڃايون هيون، هتي موجود آهن.“ +وري دروازي جي انجيسن جو چيڪاٽ ٿيو ۽ اُن کان پوءِ ان ڇوڪري جو آواز پهرين کان وڌيڪ ويجهو کان آيو.”هنن کي گهر وٺي وڃو.“ ڇوڪريءَ چيو. +۽ ڇوڪري چيو:”مون کي سندس گهر جي سُڌ ڪانهي.“ +۽ جوان ڇوڪريءَ جو آواز آيو:”ايترو به بي خبرو نه ٿيءُ. جنهن ڏينهن کان پکين سندن اکيون ڪڍيون آهن، تنهن رات کان وٺي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته هو ڪٿي رهندا آهن.“ + + +پوءِ هوءَ هڪ مختلف انداز ۾ ڳالهائيندي رهيا، ڄڻ ته اسان سان مخاطب هجي. +”جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، اُن جو ويساهه ڪنهن کي به نٿو اچي ۽ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اِها هڪ ڪوڙي ڳالهه هئي، جيڪا اخبار وارن پنهنجي اخبارن جي سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ گهڙي هئي. ڪنهن به ماڻهوءَ اهڙا پکي اڄ ڏينهن تائين ڪونه ڏٺا آهن.“ +۽ هن چيو:” پر ان تي به ڪنهن کي اعتبار ڪونه ايندو. آءٌ هنن کي گهٽيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچائي آيس.“ +اسان مان ڪنهن به حرڪت ڪانه ڪئي ۽ سڀئي پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺا رهياسين. بلڪل خاموش، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي، ۽ ان عورت کي چپ چاپ ٻڌندي ان عورت چيو: +”جيڪڏهن هي توهان کي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، ته پوءِ اِها ضد مختلف ڳالهه چئبي. آخرڪار، ڪير هڪ ڇوڪري جي ڳالهه کي اهميت ڏيندو ته هو ڇا چئي رهي آهي.“ +ايتري ۾ ٻار جي هڪ آواز ڳالهه کي ڪٽيو. +”جيڪڏهن مان هنن سان گڏجي ٻاهر گهٽين ۾ نڪري وڃان ۽ چوان ته هي اُهي ماڻهو آهن، جن پنهنجيون اکيون ڪرليوز پکين جي هتان وڃايون آهن ته ٻار مون تي پٿرن جو وسڪارو ڪندا:گهٽيءَ جو هر ماڻهو چئي پيو ته اِها ته اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ائين هرگز ٿي نٿو سگهي.“ +گهڙي کن مڪمل ماٺار رهي ۽ پوءِ وري در هڪ ڀيرو ٻيهر بند ٿي ويو ۽ ڇوڪري ڳالهايو:” ٻيو ته هينئر آءُ هڪ ڪتاب ’بحري قزاق‘ پڙهي رهيو آهيان.“ +ڪنهن اسان جي ڪن ۾ چيو:”مان هن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.“ +هو بانبڙا ڏيندو اوڏانهن هليو ويو، جتان آواز آيو هو. +”مون کي اهو قصو وڻندو آهي.“ هن چيو“”ڀلا گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ٻڌاءِ ته هن هفتي ويچاري ٽيريءَ سان ڇا واپريو؟“ +”هو پنهنجو اعتماد ۽ همت بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي” اسان سوچيو. +پر ڇوڪريءَ چيو:”مون کي اُن سان ڪابه دلچسپي ناهي. بس مون کي رڳو جيڪا شيءِ وڻي ٿي سو رنگ آهي.“ +”ٽيري ويچارو ورن وڪڙن ۾ ڦاٿل آهي.“ اسان چيو. +۽ اُن ساڳيءَ ڇوڪريءَ وراڻيو:”اِها جمعي جي ڳالهه آهي ۽ اڄ آچر آهي. جيڪا شيءِ مون کي پسند آهي، اُهي آهن رنگ ۽ بس.“ ۽ اها ڳالهه هن نهايت ٿڌي، جذبن کان خالي ۽ نهايت بيپرواهيءَ واري انداز ۾ ڪئي. +جڏهن ٻيو شخص موٽي آيو ته اسان چيو:” اسان اٽڪل ٽن ڏينهن کان وٺي وڃائجي ويا آهيون ۽ اسان هڪ گهڙي پل لاءِ به سُک جو ساهه ڪونه کنيو آهي.“ +۽ هڪ ماڻهوءَ چيو؛” چڱو ٺيڪ آ، اچو ته اسان گهڙي کن لاءِ آرام ڪريون. پر شرط اهو آهي ته اسان هڪٻئي جا هٿ هرگز ڪونه ڇڏينداسين، ۽ اسان جا هٿ هڪٻئي جي هٿن ۾ رهندا.“ +اسين چُپڙي ڪري ويهي رهياسين. نظر نه ايندڙ سج جا ڪرڻ اسان جي ڪُلهن کي گرمائڻ لڳا، پر اسان ۾ سج جي موجودگيءَ به ڪا دلچسپي پيدا ڪري ڪانه سگهي. اسان سج کي اُتي، اُن هنڌ ۽ جتي ڪٿي ۽ هر هنڌ محسوس ڪيو، ڇو ته اسان مفاصلن، وقت ۽ طرفن معلوم ڪرڻ جي حِس اڳ ۾ ئي وڃائي چڪا هئاسين. +ڪيترائي آواز اسان کي اورانگهي ويا. +اسان چيو:”ڪرليوز پکي اسان جون اکيون ڪڍي ويا آهن.“ +۽ مختلف آوازن مان هڪ آواز چيو:”هتي موجود ماڻهو اخبارن جي ڳالهين تي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان ويساهه ڪندا آهن.“ +آواز اوچتو ختم ٿي ويا ۽ ماحول تي مڪمل سانت ۽ ماٺار ڇانئجي ويئي. ۽ اسان اُتي ئي ڇپَ هنيو ويٺا رهياسين. آوازن جي وهڪري ۾. ڪلهو ڪلهي سان ملائي، ڪنهن ڊگهي انتظار ۾. +تصور جي ڄار ۽ خيالن جي وهڪري ۾ رکي رکي ڪنهن موهيندڙ خوشبوءِ يا ڪنهن ڄاتل سڄاتل آواز اسان کي اورانگهيو ٿي. سج اسان جي مٿان بيٺو هو، جنهن اڃا تائين اسان جي بدن کي گرمايو ٿي. پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ چيو:”اچو ته وري ڀِت ڏانهن سُري هلون.“ +۽ ٻيا سڀ بنا ڪنهن چرپر جي بيٺا رهيا، رڳو سندن ڳچيون نظر نه ايندڙ روشنيءَ ڏانهن کڄيل هيون. +”اڃا نه، بيهو، تيستائين اِتي ئي ترسو، جيستائين سج اسان جي چهرن کي ساڙڻ نه شروع ڪري.“ +چيخوف +سنڌيڪار: ڄام وقار حسين قادري +ڊرالنگ +رٽائ��ڊ ڪاليج اڪائونٽنٽ جي ڌيءَ ”اولنڪا“ گهر جي پوئين دروازي جي ڏاڪڻ تي ويٺي هئي. ڏينهن گرم هو ۽ هن کي مکيون ڏاڍو تنگ ڪري رهيون هيون. اِهو سوچيندي خوش ٿي رهي هئي ته ڄاڻ ته شام ٿي. اوڀر ۾ ڪارا ڪڪر گڏ ٿي رهيا هئا ۽ هوا ۾ گهِم وڌندي ٿي ويئي. +”ڪيڪن“ جنهن جو ڪمرو گهر جي وچ تي هو، ورانڊي ۾ بيهي آسمان کي ڏسي رهيو هو. هي”ٽيولي“ جو مئنيجر هو، جيڪو کُليل ڇت وارو ٿيئٽر هو. +”وري...“ هن مايوسيءَ سان چيو؛ ”ٻيهر مينهن! مينهن..... مينهن..... هر ڏينهن مينهن...! اِهو مون کي ساڙي رهيو آهي. جيڪر مان پاڻکي ڦاهي ڏيئي ڇڏيان. اِهو مونکي تباهه ڪري رهيو آهي. روزانو نقصان!“ هن پنهنجا هٿ مهٽيا ۽ ڳالهه جاري رکندي، اولنڪا کي مخاطب ٿي چيو؛”ڪهڙي زندگي آهي، اولنڪا! اِهو ماڻهن کي روئارڻ لاءِ ڪافي آهي. ڪو ماڻهو لاڳيتو ڪم ڪري، تمام گهڻي محنت ڪري، پاڻ کي عذاب ڏيئي راتين جون راتيون ننڊ نه ڪري، سوچي ۽ لوچي. هر شيءِ ٺيڪ ٺاڪ پيش ڪري ۽ نتيجو ڇا آهي؟...... ماڻهن لاءِ بهترين پروگرام، بهترين اداڪاري، بهترين فنڪار! پر ڇا ماڻهو هن کي چاهين ٿا؟ ڇا هنن کي هن جو ٿورو به قدر آهي؟ عوام مغرور آهي، عوام تمام بور آهي. عوام کي سرڪس کپي ۽ گهڻي فضول قسم جي تفريح!.... ۽ هوا آهي، ڏس، هر شام جو مينهن!.... اِهو مينهن ڏهين مئي کان شروع ٿيو آهي، ۽ سڄو جون هلندو.... هيبت ناڪ! مان ڪوبه تماشائي ڪونه ٿو ڏسان! ۽ ڇا مان ٿيئٽر جي مسواڙ ڏيئي سگهندس؟..... ڇا مان اداڪارن کي پئسا به ڏيئي سگهندس.“ +ٻئي ڏينهن شام کان ئي ڪڪر ٻيهر گڏ ٿيڻ لڳا ته ڪيڪن چريائپ واري کِل کلندي چوڻ لڳو”او..... مون کي پرواهه نه آهي... ڀل سڀ ڪجهه تباهه ڪري، سڄي ٿيئٽر کي ٻوڙي، ۽ ان سان گڏ مونکي به. ڪا ڳالهه نه آهي، خوش قسمتي مون لاءِ نه هن دنيا ۾ آهي ۽ نه ٻيءَ دنيا ۾.... ڀل ائڪٽر مون تي ڪيس ڪن ۽ مون کي ڪورٽ ۾ گهلي وڃن. ڪورٽ ته ننڍي ڳالهه آهي، مون کي سائيبيريا ۾ سخت پورهئي واري سزا ڏين.... ها، ها، ها!“ +ٽئين ڏينهن به ساڳئي حالت هئي. +اولنڪا ڪيڪن جي ڳالهه ڌيان ۽ خاموشيءَ سان ٻڌي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. آخرڪار ڪيڪن جي بدنصيبي هن جي دل تي اثر ڪيو. اولنڪا جي هن سان محبت ٿي ويئي. هو ننڍڙو، سنهڙو، ٻلي مُنهن وارو شخص هو، جيڪو گهنڊيدار وارن کي ڦڻي ڏيئي پنهنجي نرڙ تان پٺتي هٽائي ڇڏيندو هو. هن جو آواز اثر وارو هو. هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته هن جي ڳلن ۾ چگهه پئجي ويندا هئا. مايوسي ازل کان هن جي منهن تي لکيل هئي. ان هوندي به هن اولنڪا جي دل ۾ سچن ۽ گهرن جذبن کي جاڳايو هو. اولنڪا پهرين به ڪنهن سان نه ڪنهن سان پيار ڪيو هو. هوءَ پيار ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي هئي. هن پنهنجي بيمار پيءَ سان به پيار ڪيو هو، جيڪو سڄو ڏينهن آرام ڪرسيءَ تي اونداهي ڪمري ۾ ويٺو هوندو هو، ۽ وڏا وڏا ساهه کڻندو هو. هوءَ پنهنجي چاچيءَ سان به پيار ڪندي هئي، جيڪا سال ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا پرنسڪا کان هن ڏي ايندي هئي. اُن کان اڳ ۾، جڏهن هوءَ شاگردياڻي هئي ته پنهنجي استاد سان پيار ڪندي هئي. هو خاموش، نرم دل ۽ ٻين سان همدردي ڪرڻ واري ڇوڪري هئي. هن جا وڻندڙ نقش ڳاڙها ڳل، سفيد ڳچيءَ تي ڪارو تر ۽ موهيندڙ مرڪ ڏسي هر ڪو ماڻهو چئي ڏيندو هو:”ڊارلنگ“ ۽ هو مُرڪي پوندي هئي، ۽ مهمان عورتون، ڳالهين وچ ۾، هن جي هٿن کي جهلي پيار مان ”ڊارلنگ“ ڪري سڏينديون هيون. گهر هن کي ورثي ۾ مليل هو. جنهن ۾ هوءَ پيدائش کان وٺي رهندي هئي، جيڪو شهر جي ٻاهران روڊ تي هو ۽ ٽيولي ٿيئٽر کان گهڻو پري نه هو، جتان هوءَ شام کان وٺي رات تائين ٿيئٽر جي موسيقي ۽ ٺڪائن جو آواز ٻڌندي رهندي هئي. هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪيڪن رڙيون ڪري پنهنجي مقدر سان ويڙهه ڪري رهيو هجي، ۽ پنهنجي خاص ويري يعني هن جي ٿيئٽر کان لاپرواهيءَ ڏيکاريندڙ عوام تي حملو ڪري ڇڏيو هجي. هن جي دل ۾ محبت وڌندي ويئي. هن کي ننڊ نه ايندي هئي ۽ جڏهن ڪيڪن صبح جو گهر موٽندو هو ته هوءَ پنهنجي دريءَ جو شيشو کڙڪائيندي هئي، ۽ هو پڙدي جي پويان هن جي چهري ۽ هڪ ٻانهن ۽ سندس پياري مرڪ کي ڏسي سگهندو هو. +هن اولنڪا کي شاديءَ جي آڇ ڏني، ۽ اُنهن جي شادي ٿي ويئي. جڏهن هو هن جي سهڻي ڳچي ۽ مضبوط ڪلهن کي ڏسندو هو ته تاڙيون وڄائيندو هو ۽ چوندو هو:”ڊرالنگ!.....“ +هو خوش هو، پر شاديءَ واري ڏينهن به برسات پيئي ۽ مايوسيءَ جا آثار هن جي چهري تان ڪڏهن به نه هٽيا. هو گڏ خوش رهڻ لڳا، اولنڪا ڪيشيئر جو ڪم سنڀاليندي هئي. ٿيئٽر تي حڪم هلائيندي خرچ لکندي ۽ پگهارون ڏيندي هئي. هن جا ڳاڙها ڳل ۽ سادي مرڪ، جيڪا هن جي چهري تي هميشه پکڙيل هوندي هئي، خزانچي جي دري، ٿيئٽر جي ڊرامن ۽ ڪيفي مان صاف ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هوءَ پنهنجي دوستن کي ٻڌائيندي هئي ته ٿيئٽر تمام اهم، تمام مکيه ۽ دنيا جو هڪ اهم جز آهي: هيءَ اُها جاءِ آهي، جتي سچي تفريح حاصل ٿئي ٿي ۽ ماڻهو علم ۽ نصيحت حاصل ڪري ٿو: +”پر ڇا توهان سمجهو ٿا ته ماڻهو اُن کي پسند ڪن ٿا؟“ هن پڇيو. +”ماڻهن کي بس سرڪس کپي. ڪلهه مون ۽ ونيچڪا”فائوسٽ“ پيش ڪيو۽ تقريبن سڀ ڪرسيون خالي هيون. جيڪڏهن اسان بيڪار ڊرامو پيش ڪريون ها، ته مان توکي يقين ڏياريان ٿي ته ٿيئٽر ماڻهن سان ڀريو پيو هجي ها. سڀاڻي اسان”لاوارث ماڻهو“ پيش ڪنداسين، اچجانءِ.“ +ڪيڪن ٿيئٽر ۽ اداڪارن لاءِ جيئن چوندو هو، هوءَ اُهو ورجائيندي هئي. هوءَ ائين ئي ڳالهائيندي هئي، جيئن هُو ڳالهائيندو هو، جنهن ۾ پبلڪ لاءِ عام ڌڪار ۽ پبلڪ جي آرٽ کان لاپرواهي ۽ بوريت جو ذڪر هوندو هو، هوءَ ائڪٽرن جي ريهرسل ۾ دخل ڏيندي هئي، اداڪارن کي سمجهائيندي هئي، موسيقارن کي هدايتون ڏيندي هئي ۽ جڏهن مقامي اخبار ۾ مخالفت ۽ تنقيد ڇپي، تڏهن هن روئي ڏنو ۽ ايڊيٽرن سان اُن بابت ڳالهائڻ به ويئي. +ائڪٽر هن کي چاهيندا هئا ۽ هن کي ”ڊارلنگ“ چيئي مخاطب ٿيندا هئا. هن کي اُنهن سان همدردي هوندي هئي ۽ کين ٿوري رقم قرض طور به ڏيندي هئي، جڏهن اُهي کيس ٺڳيندا هئا ته هوءَ ان جي شڪايت ڪڏهن به پنهنجي مڙس سان نه ڪندي هئي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪجهه ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. +سياري ۾ به سندن وقت مزي سان گذري ويندو هو. هو شهر ۾ سچي موسم لاءِ ٿيئٽر مسواڙ تي وٺندا هئا. جيڪو ٿورن ڏينهن لاءِ لٽل رشين ٿيئٽريڪل ڪمپني ۽ مقامي شوقيه ڊرامو ڪندڙن کي ڪرائي تي ڏيندا هئا. اولنڪا تي ڦوهه جواني ڇانيل هئي ۽ هميشه اطمينان سان مرڪندي رهندي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪيڪن سنهو ۽ پيلو ٿيندو ويو ۽ هميشه پنهنجن وڏن نقصانن جي شڪايت ڪندو رهندو هو ۽ جيتوڻيڪ ساري سياري ۾ هن جي آمدني چڱي چوکي هوندي هئي، تڏهن به رات جي وقت هو کنگهڻ لڳندو هو ۽ هوءَ اُتي کيس کنگهه جو شربت پياريندي هئي. هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چوندي هئي:”تون منهنجو پيار آهين.“ ۽ نهايت دل جي سادگي سان چوندي هئي”ڏاڍو پيارو آهين.“ +ڪجهه ڏينهن لاءِ هُو پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڪم ڪار سان ماسڪو ويو ۽ اولنڪا هن کان سواءِ سمهي نه سگهي. سڄو ڏينهن دريءَ ۾ ويٺي هوندي هئي ۽ رات جو ستارن کي تڪيندي رهندي هئي. ڪيڪن کيس ماسڪو مان لکيو ته هوُ ايسٽر جي پهرين هفتي ۾ موٽي ايندو پر ايسٽر کان هڪ رات اڳ دروازو کڙڪيو. +ننڊاکڙو بورچي دروازي ��ان ڊڪيو، جيئن اُن کوليو. ته ڪنهن ٻاهران وڏي واڪي چيو:” مون تار آندي آهي.“ اولنڪا تار وصول ڪئي. هوءَ خوف ۾ ويڙهجي ويئي ۽ ڏڪندڙ هٿن سان تار کولي پڙهيائين:”ايوان پيٽروچ اوچتو گذاري ويو. اڱاري تي دفنائڻ جو انتظام آهي.“ ان نموني سان تار لکيل هئي. تار اوپيرا ڪمپنيءَ جي مئنيجر جي صحيح سان هئي. +”ونيچڪا، منهنجا پيارا، منهنجا محبوب! مان توسان ڇو نه ملي سگهيس؟ ڇو مان توکي سمجهي نه سگهيس ۽ پيار نه ڪري سگهيس؟ غريب اولنڪا کي ڪنهن جي حوالي ڪري وئين؟“ +ڪيڪن کي اڱاري تي ماسڪو ۾ ويگانچو قبرستان ۾ دفنايو ويو. اولنڪا اربع تي گهر آئي. جيئن ئي هوءَ پنهنجي گهر ۾ داخل ٿي، هن پاڻ کي بستري تي اُڇلايو ۽ وڏي آواز ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي جو اهي ٻاهر گهٽيءَ ۾ پاڙي وارن کي صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيا. +”ڊارلنگ!“ پاڙيسرين لنگهندي چيو. +”اولنڪا، غريب پياري اداس آهي!“ +ٽن مهينن کان پوءِ اولنڪا جڏهن عبادت کان غمگين ۽ اُداس واپس آئي، هڪ ماڻهو چرچ مان هن سان گڏ آيو. وسلي پيسٽو ڪاٺ جي واپاري جو مئنيجر هو. هن کي کجيءَ جي پَنن جي ٽوپي ۽ سفيد صدري پاتل هئي، جنهن ۾ سوني زنجير لڙڪيل هئي. هي واپاري کان وڌيڪ هڪ زميندار نظر اچي رهيو هو. +”هر شيءِ فنا آهي، اولنڪا“ جنهن سنجيدگيءَ سان چيو. هن جي آواز ۾ همدردي هئي. ”جڏهن اسان جو ڪو ويجهو ۽ پيارو مري ٿو، ته ان کي خدا جي رضا سمجهي صبر سان برداشت ڪرڻ گهرجي.“ +هو هن سان ٻاهرئين دروازي تائين آيو، خداحافظ چيائين ۽ پوءِ هليو ويو. اُن کان پوءِ اهو سنجيده آواز سڄو ڏينهن پئي سندس ڪنن ۾ ٻُريو ۽ اکين بند ڪرڻ سان هن جو ڏاڙهيءَ وارو چهرو سندس تصور ۾ پئي آيو. اولنڪا هن کي گهڻو پسند ڪيو. بلاشڪ هو پڻ اولنڪا کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هڪ پري جي واقفڪار ڪراڙي عورت هن جي چانهه پيئڻ آئي، جيئن اها عورت ويٺي ته هن پيسٽو جي باري ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪيڏو نه سٺو ۽ مضبوط ماڻهو آهي ۽ هر ڪا عورت هن سان شادي ڪندي خوشي محسوس ڪندي. ٽن ڏينهن کان پوءِ پيسٽو هن وٽ آيو. هو هن وٽ ڏهه منٽ ويٺو ۽ ٿورو ڳالهايائين. اولنڪا هن کي دل ڏيئي ويٺي هئي ۽ سُهڻن تصورن ۾ هوءَ سڄي رات سُمهي نه سگهي ۽ بخار ٿي پيس. صبح جو هن ڪراڙيءَ عورت ڏانهن ماڻهو موڪليو. جلد پوءِ اولنڪا ۽ پيسٽو جو مڱڻو ۽ شادي ٿي ويئي. +پيسٽو ۽ اولنڪا خوش رهڻ لڳا. هو اڪثر رات جو دير تائين ڪاٺ جي گدام تي رهندو هو. هن جي غير حاضريءَ ۾ اولنڪا شام تائين هن جي آفيس ۾ ڪندي رهندي هئي. حساب ڪتاب رکندي هئي ۽ سموري ڪم تي نظرداري ڪندي رهندي هئي. +”ڪاٺ هر سال مهانگو ٿيندو ٿو وڃي.“ هوءَ واقفڪار گراهڪن کي چوندي رهندي هئي.” پهريائين اسان ڪاٺ پنهنجي جهنگل مان وٺنداهئاسين. هاڻي پيسٽو هر سال ڪاٺ وٺڻ لاءِ منگول گورنمينٽ وڃي ٿو. ۽ ڪيڏو نه ٽيڪس آهي!“ هن اهو بيان ڪندي عجب کان پنهنجي هٿن تي پنهنجو چهرو رکيو”ڪيڏو نه ٽيڪس آهي!“ +هن ائين محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن ڪجهه وڌيڪ وقت ڪاٺ جو ڪاروبار ڪيو ته ڪاٺ هن جي زندگيءَ جو خاص ۽ اهم جز بنجي ويندو. هن جي ذهن ۾ تختا، شهتير، لڪڙا، بيم ۽ ڇت جي ڪاٺين جا نالا گهمندا رهندا هئا. رات جو هوءَ خوابن ۾ تختن جا جبل، لڪڙن ۽ شهتيرن سان ڀريل گاڏيون ڏسندي هئي، جيڪي پري پري شهرن کان اينديون هيون. هن خواب ۾ ڏٺو ته بيمن جي سڄي پلٽڻ اُڀو ٿي گدام تي حملو ڪيو هو. ڪامون، بيم ۽ لَڪڙا پاڻ ۾ وڙهي پيا هيا. اُهي سڀ ڪِري پيا ۽ وري اُڀا ٿي بيٺا ۽ هڪ ٻئي مٿان حملو ڪرڻ لڳا. اولنڪا ننڊ ۾ رڙ ڪئي. پيسٽو هن کي نرميءَ سان چيو...”اولنڪا! ڊارلنگ!.... ڇا ڳالهه آهي؟...... دعا گهر.“ +هن جي مڙس جا خيال به هن جهڙا ئي هئا. جيڪڏهن هو چوندو هو ته ڪمرو گرم آهي. ته هوءَ به چوندي هئي ته ڪمرو گرم آهي. جيڪڏهن هو چوندو هو ته ڌنڌو مَندو آهي ته هيءَ به چوندي هئي ته ڌنڌو مَندو آهي. پيسٽو ٻاهر وندر ۾ گهڻي دلچسپي نه وٺندو هو ۽ موڪلن ۾ به گهر ۾ رهندو هو. هوءَ به ائين ئي ڪندي هئي.هن جا دوست هن کي چوندا هئا ته”تون سڄو ڏينهن گهر ۾ آهين يا آفيس ۾. تون ٿيئٽر يا سرڪس گهمڻ ڇو نه ويندي آهين؟“”پيسٽو ۽ مان ٿيئٽر نه ويندا آهيون.“ هوءِ سنجيده ٿي چوندي هئي.. ”اسان کي ڪم هوندو آهي. اسان کي اِنهن فضول ڳالهين لاءِ وقت نه آهي. ٿيئٽر وڃڻ مان ڇا حاصل ٿيندو؟“ +ڇنڇر تي هوءَ ۽ پيسٽو شام واري عبادت تي ويندا هئا ۽ موڪلن ۾ صبح واري عبادت تي ويندا هئا. گهر موٽڻ مهل قدم قدم سان ملائي هلندا هئا. هن جا ريشمي ڪپڙا هوا ۾ ڦڙڪندا رهندا هئا. صبح جو گهر ۾ هو چانهه سان کير واري ڊبل روٽي، ڪيترن ئي قسمن جا جام ۽ سنبوسا کائيندا هئا. هر ڏينهن منجهند جو هنن جي ورانڊي مان لذيذ کاڌن جي خوشبو ايندي هئي. دروازي کان ٻاهران گوبيءَ جي سُوپ، روسٽ گوشت يا بدڪ ۽ روزن جي ڏينهن ۾ مڇيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي. ڪو هنن جي دروازي وٽان لنگهندي کاڌي کائڻ جي خواهش کي روڪي نه سگهندو هو. آفيس ۾ هميشه ڪِٽلي چڙهي پيئي هوندي هئي ۽ گراهڪن کي چانهه ۽ بسڪيٽ پيش ڪيا ويندا هئا. هفتي ۾ هڪ دفعو ٻيئي حمام ۾ وهنجڻ ويندا هئا ۽ واپسيءَ تي سندن چهرا ڳاڙها هوندا هئا. +”خداجو شڪر آهي. اسان خوش آهيون.، +اولنڪا پنهنجي دوستن کي چوندي هئي ته ”خدا ڪري سڀ پيسٽو ۽ مون وانگر خوش رهن.“ +جڏهن پيسٽو منگوليا گورنمينٽ کان ڪاٺ وٺڻ ويندو هو، هوءَ هن کان سواءِ ماندي ٿي پوندي هئي. رات جو سمهي نه سگهندي هئي ۽ روئيندي رهندي هئي. جانورن جو نوجوان فوجي ڊاڪٽر سپيريو، جيڪو هن جي گهر ڀرسان رهندو هو، شام جو هن سان ملڻ ايندو هو. هو هن کي واقعن جو ڳالهيون ٻڌائيندو هو يا وري ٻيئي تاش راند کيڏندا هئا. اُن طرح هو هن جي دل وندرائيندو هو. هن جون گهڻيون وڻندڙ ڳالهيون ۽ قصا هن جي پنهنجي زندگيءَ جا هوندا هئا. هو شادي ڪيل هو ۽ هڪ پٽ به هوس. پر زال کان علحدگي ٿي هئس. هاڻي هو هُن کان نفرت ڪندو هو ۽ پنهنجي پٽ جي پرورش لاءِ هُن ڏانهن چاليهه روبل موڪليندو هو. اولنڪا ٿڌو ساهه کڻندي هن سان افسوس ڪندي هئي. +”خدا تنهنجو ڀلو ڪندو.“ هن چيو، جيئن هوءَ هن کي ميڻ بتي کڻي دروازي تي ڇڏڻ آئي. ”تنهنجي مهرباني جو مون وٽ آئين، الله توکي صحت ڏيندو.“ هن سنجيدگيءَ سان پنهنجي مڙس جو نقل ڪندي چيو، هڪ ڀيري جڏهن فوجي ڊاڪٽر دروازي وٽان هلڻ لڳو ته هن پويان رڙ ڪري چيو،” توکي کپي ته پنهنجي زال سان صلح ڪر. هُن کي معاف ڪر. پنهنجي پٽ خاطر ، ٻار سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا، يقين ڪر.“ +جڏهن پيسٽو واپس آيو. هن کيس فوجي ڊاڪٽر جي ناخوشگوار زندگيءَ جي ڳالهه ٻڌائي ۽ هنن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ٻار جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا. جيڪو پيءُ کان سواءِ ويچارو ٿي پيو هوندو. تڏهن هڪ عجيب خيال کان، اهي ٻيئي خاموش ٿي ويا، ۽ خدا کان ٻار لاءِ دعا گهرڻ لڳا.پيسٽو ۽ هن پورا ڇهه سال سڪون ۽ پيار سان گذاريا. پر هڪ سياري ۾ پيسٽو مٿي تي ٽوپي رکڻ کان سواءِ ڪاٺ گودام ڏانهن ويو، ۽ هن کي ٿڌ لڳي ويئي ۽ بيمار ٿي پيو. هن جي علاج لاءِ وڏا وڏا ڊاڪٽر آيا، پر بيماري وڌندي ويئي. هو چئن مهينن کان پوءِ مري ويو. اولنڪا وري رن زال ٿي ويئي. +”مون کي ڪنهن لاءِ ڇڏي وئين، منهنجا پيارا؟“ +هوءَ دفنائڻ کان پوءِ پار ڪڍ�� لڳي. ” مان توکان سواءِ ڪيئن رهي سگهنديس؟ مان بدنصيب آهيان. يا خدا مون تي رحم ڪر، مان لاوارث هن دنيا ۾ اڪيلي آهيان.“ +هاڻي هوءَ هميشه ڪارن ڪپڙن ۾ رهڻ لڳي ۽ هن ٽوپي ۽ دستانا پائڻ ڇڏي ڏنا. سواءِ چرچ ۽ پنهنجي مڙس جي قبر تي وڃڻ جي، هوءَ گهر کان ٻاهر نه نڪرندي هئي. هوءَ ”نن“ جهڙي زندگي گذارڻ لڳي. ڇهه مهينا به نه گذريا ته هن ماتمي ڪپڙا لاٿا، روئڻ بند ڪيو ۽ در دريون کولي ڇڏيائين. هن ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بورچي سان گڏ مارڪيٽ وڃڻ شروع ڪيو. هاڻي هوءَ گهر ۾ ڪيئن گذاريندي هئي ۽ سندس گهر ۾ ڇا وهندو واپرندو هو. اُن جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته هوءَ روزانو فوجي ڊاڪٽر سان گڏ پنهنجي باغ ۾ چانهه پيئندي هئي ۽ هو هن لاءِ وڏي آواز ۾ اخبار پڙهندي نظر ايندو هو. هڪ دفعي ڊاڪٽر پنهنجي واقفڪار کي پوسٽ آفيس ۾ چيو:”اسان جي شهر ۾ جانورن جي پوري سنڀال نٿي ٿئي، ان ڪري هتي گهڻيون بيماريون آهن. توهان اڪثر ٻڌو هوندو ته ماڻهو کير مان بيمار ٿين ٿا ۽ وڌيڪ بيمار گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڪري ٿين ٿا. گهريلو جانورن جي سنڀال به انسانن وانگر ڪرڻ گهرجي.“ +هوءَ فوجي ڊاڪٽر جا لفظ ورجائيندي هئي ۽ ساڳي سوچ رکندي هئي، جيڪا هو رکندو هو. ان مان ظاهر هو ته هوءَ هڪ سال به پيار کان سواءِ نٿي رهي سگهي ۽ هن کي پيار به پنهنجي گهر جي ڀر مان ئي مليو هو. ٻيو ڪو هجي ها ته ماڻهو هن کي ڌڪارن ها، پر ڪوبه اولنڪا کي خراب چئي نٿي سگهيو. هن جي زندگيءَ جي هر شيءِ بلڪل شفاف هئي. هن ۽ فوجي ڊاڪٽر ڪڏهن به پنهنجي ناتي ۾ تبديلي تي اکر به نه ڳالهايو هو. هنن، حقيقت ۾ اُن کي لڪائڻ گهريو ٿي، پر ناڪام رهيا. اولنڪا ڪجهه سانڍي نه سگهي هئي. هڪ ڀيري جڏهن فوجي ڊاڪٽر جا دوست هن سان ملڻ آيا، هن هنن لاءِ چانهه ۽ رات جي ماني تيار ڪئي، ۽ هنن سان پالتو جانورن جي مرضن، پيرن ۽ وات جي جيوڙن ۽ ميونسپالٽي جي جانورن جي ڪوس گهرن بابت ڳالهائيندي رهي. فوجي ڊاڪٽر ڏاڍو پريشان ٿيو. مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ هن اولنڪا جا هٿ جهليندي ڪاوڙ ۾ چيو؛ ” ڇا مون توکي چيو نه هو ته جنهن ڳالهه جي توکي خبر نه هجي ته اُن تي نه ڳالهاجانءِ؟ جڏهن اسان ڊاڪٽر بحث ڪيون ته مهرباني ڪري وچ ۾ نه ڳالهائيندي ڪر، اِهو خراب ٿو لڳي.“ +هوءَ هن کي حيرت ۽ پريشانيءَ مان ڏسڻ لڳي ۽ چيائين:” پر سپريو! مان ڇا ڳالهايان ها؟“ ۽ هن پنهنجون ٻانهون هن جي ڳچيءَ ۾ وڌيون. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هن کي منٿ ڪيائين ته ”ڪاوڙ نه ڪر.“ ٻئي خوش ٿي ويا. +پر انهن جي اها خوشي ٿوري وقت جي هئي، جو فوجي ڊاڪٽر هميشه لاءِ پنهنجي ريجمنٽ سان گهڻو پري هليو ويو، ۽ اولنڪا اڪيلي ٿي ويئي. هاڻي هوءَ بلڪل اڪيلي هئي. هن جو پيءَ گهڻُو وقت اڳ مري چڪو هو، ۽ سندس آرام ڪرسي هڪ ڪنڊ ۾ مٽيءَ ۾ ڀري پيئي هئي ۽ ان جي هڪ ٽنگ گم هئي. هوءَ گهر جي حوالي ٿي ويئي هئي. ۽ ماڻهو گهٽيءَ مان لنگهندي هن ڏانهن اڳ وانگر نه ڏسندا هئا ۽ نه ئي هن ڏانهن ڏسي مرڪندا هئا. ظاهري طرح هن جا بهترين سال گذري چڪا هئا، ۽ هاڻي بي مزي زندگي شروع ٿي چڪي هئي. +شام جو هوءَ ڏاڪڻ تي ويهي ٿيئٽر جي ڦٽاڪن ۽ موسيقيءَ جو آواز ٻڌندي هئي، پر هن ۾ ڪوبه جذبو نه جاڳندو هو. هوءَ خاموشيءَ سان ورانڊي ۾ ويٺي هوندي هئي. سواءِ ڪنهن سوچ ۽ سواءِ ڪنهن خواهش جي. جڏهن رات ٿيندي هئي ته هوءَ هنڌ ۾ سمهي پوندي هئي. ۽ ڪو به خواب ڪونه ڏسندي هئي، سڀ کان خراب ڳالهه اِها هئي ته هاڻي هوءَ ڪنهن بابت ڪو رايو نه رکندي هئي. جيڪو ڪجهه هن جي چوگرد ٿيندو رهندو هو، اُهو سڀ ڏسندي رهندي هئي. هوءَ ان بابت ڪجهه به نه چ��ندي هئي. ڄڻ ته هن کي ڪنهن به ڳالهه جي خبر ئي نه هجي. اها ڪيتري نه ڀوائتي ڳالهه آهي جو ماڻهو ڪو به رايو نه رکندو هجي. ڪيڪن، پيسٽو ۽ سپيريو جي ڏينهن ۾ اولنڪا هر شيءَ تي ڳالهائيندي، هر شئي کي سڃاڻندي ۽ هر شئي تي بحث ڪندي هئي، چاهي اُن جو ڪو به نتيجو نه نڪري، پر هاڻي ورانڊي وانگر هن جي دل ۽ دماغ خالي هو. +آهستي آهستي ڳوٺ گهڻن پاسن وڌندو ويو. روڊ گهٽي ٿي ويو هو، جتي ٿيئٽر ۽ ڪاٺين جا گودام هئا، اتي هاڻي گهٽيون ۽ گهر هئا، وقت ڪيترو تڪڙو گذري ويو! اولنڪا جو گهر اداس ٿي ويو هو. ڇت پراڻي ۽ ڇڄهري زبون ٿي ويئي هئي. اونهاري ۾ هوءَ ڏاڪڻ تي بيهندي هئي. ورانڊي ۾ گاهه ۽ ڪنڊا ڦٽي پيا هئا. هوءَ ڪراڙي ٿي ويئي هئي ۽ گهر ۾ ئي رهندي هئي ۽ هن جو روح خالي، اداس ۽ خاموش هو. جڏهن هن کي بهار جي هوا لڳندي هئي يا جڏهن چرچ مان ايندڙ گهنڊن جو آواز ٻڌندي هئي ته اوچتو پراڻيون يادون تازه ٿين لڳنديون هيون ۽ هن جي دل جوش ۾ ڌڙڪڻ لڳندي هئي ۽ ڳوڙها مينهن وانگر هن جي ڳلن تان وهڻ لڳندا هئا. پر اها ڪيفيت ٿورو وقت رهندي هئي، ۽ وري هن جو ذهن خالي ٿي ويندو هو ۽ هوءَ سوچڻ لڳندي هئي ته زنده رهڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ٻليءَ جو ڪارو پونگڙو هن سان اچي پنهنجو بت مهٽيندو هو، پر هن ننڍڙي جانور جو پيار هن تي ڪو اثر نه ڪندو هو. هن کي ان جي ضرورت به نه هئي. هن کي ته پيار جي ضرورت هئي، جيڪو هن جي سڄي وجود تي ڇائنجي وڃي ۽ هن جي سوچ ۽ هن جي روح کي اُمنگ ڏئي. زندگيءَ ۾ ڪو مقصد ڏئي، ۽ جيڪو هن جي خون کي گرم ڪري. هوءَ ڪاوڙ مان ٻليءَ جي ٻچي کي پاڻ کان پري ڪندي، چوندي هئي”هليو وڃ! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“ +۽ پوءِ ڏينهن پٺيان ڏينهن ۽ سالن پٺيان سال گذري ويا. هن کي ڪابه خوشي نه ملي +جولاءِ جي هڪ گرم ڏينهن، شام ڌاري جنهن وقت ڳوٺ جو چوپايو مال موٽيو ۽ سڄو ورانڊو مٽيءَ جي ڪڪرن سان ڀرجي ويو. تڏهن اوچتو دروازو کڙڪيو. اولنڪا پاڻ اهو کولڻ ويئي ۽ فوجي ڊاڪٽر کي پنهنجي اڳيان ڏسي حيران ٿي ويئي. هو ڪمزور ٿي لڳو ۽ هن کي شهري ڪپڙا پاتل هئا، سڀ پراڻيون يادون اچانڪ ٻوڏ وانگر هن جي ذهن کي ولوڙڻ لڳيون، هوءَ پاڻکي روڪي نه سگهي ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳي. هن پنهنجو مٿو سپيريو جي سيني تي رکيو. ايترو رني. ۽ بي سُڌ ٿي ويئي، جو هن کي اها خبر نه پيئي ته هو ڪيئن هلي گهر ۾ اندر آيو. ”منهنجا پيار...“ هن هوريان، خوشيءَ مان ڏڪندي چيو. ”.... تون ڪٿان آيو آهين؟“ +”مان هتي هميشه رهڻ لاءِ آيو آهيان. مون پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏني آهي. ۽ مان هتي هڪ آزاد انسان وانگر نصيب آزمائڻ آيو آهيان ۽ هاڻي نئين زندگي شروع ڪندس. تنهن کان سواءِ هاڻي وقت آيو آهي ته پنهنجي ڇوڪري کي اسڪول به موڪليان. هو وڏو ٿي ويو آهي. ڇا توکي پتو آهي ته منهنجي پنهنجي زال سان صلح ٿي ويو آهي؟“ هن کيس ٻڌايو. +”هوءَ ڪاٿي آهي؟“ اولنڪا پڇيو. +”ڇوڪري سان گڏ هوٽل ۾... مان گهر جي ڳولا ۾ آيو آهيان.“ +”خدا تنهنجو ڀلو ڪري... هي منهنجو گهر حاضر آهي..... ڇا اهومناسب نه آهي؟ او ڊيئر!..... مان توکان ڪرايو نه گهرندس.“ اولنڪا گهڻي جوش ۾ اچي رڙيون ڪري روئڻ لڳي. ”تون هتي ئي رهه... ۽ن مون لاءِ هڪ ڪنڊ ڪافي آهي. او خدا، ڪهڙي نه خوشي جي ڳالهه آهي!“ + + +ٻئي ڏينهن تي ڇت تي گارو ۽ ڀتين کي رنگ ٿيڻ لڳو ۽ اولنڪا چيلهه تي هٿ رکيون، پنهنجي نگراني ۾ ورانڊي ۾ ڪم ڪرائڻ لڳي. هن جي چهري تي پراڻي مرڪ هئي. هن جو سڄو وجود جيئرو ۽ تازو ٿي پيو هو، ڄڻ هوءَ ڪنهن گهري ننڊ مان جاڳي هئي. فوجي ڊاڪٽر جي زال ۽ ٻار به پهچي ويا. هوءَ سادي، سنهي ۽ تيسر لڳي رهي هئي. ڇوڪرو ساشا، پنهنجي ڏهن سالن جي عمر کان ننڍو، گول مٽو، نيرين اکين وارو هو ۽ هن جي ڳلن ۾ چگهه هئا، ورانڊي م داخل ٿيندي ئي هو ٻليءَ جي ٻچي ڏانهن وڌيو ۽ سڄو گهر هن جي ٽهڪن سان گونجڻ لڳو. +”آنٽي، ڇا هي توهان جي ٻلي آهي؟“ هن اولنڪا کان پڇيو. ”جڏهن هن کي ننڍڙا ٻچا ٿين، مهرباني ڪري هڪ مون کي ڏجانءِ، مما کي ڪوئن کان ڊپ ٿيندو آهي.“ +اولنڪا هن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. هن کي چانهن ڏنائين ۽ اوچتو هن کي سيني سان لڳايائين. هن جي دل کي ڇڪ آئي، ڄڻ اُهو هن جو پنهنجو ٻار هجي. +شام جو جڏهن هو ڊرائنگ روم ۾ ويٺي پنهنجو سبق ياد ڪري رهيو هو ته هوءَ هن کي پيار مان ڏسڻ لڳي ۽ پاڻ کي هوريا چيائين: “منهنجا سهڻا .... تون ڪهڙو نه سٺو ٻار آهين.... ڪهڙو نه وڻندڙ.“ +”ٻيٽ“ ڌرتيءَ جو اُهو ؟ٽڪر آهي جنهن جي چوگرد پاڻي هوندو آهي.،“ ٻار رٽيندي چيو: +”ٻيٽ ڌرتيءَ جو اُهو ٽڪر آهي......“ اولنڪا ورجايو. گهڻن سالن کان پوءِ هن جي ذهن ۾ هڪ راءِ اڀري آئي ۽ رات جي مانيءَ تي ساشا جي والدين سان بحث ڪيو ته اڄ ڪلهه اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ پڙهائي ڏاڍي ڏکي ٿي ويئي آهي. جڏهن توهان اسڪولن مان گريجوئيٽ ٿي نڪرندا تڏهن توهان لاءِ هر قسم جي پيشي جا رستا کليل آهن. جيڪڏهن توهان پسند ڪيو ته ڊاڪٽر ٿي، يا جيڪڏهن توهان چاهيو ته انجنيئر ٿي سگهو ٿا. ساشا اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. هن جي ماءُ پنهنجي ڀيڻ ڏانهن ويئي هئي ۽ اڃا ڪانه موٽي هئي. پيءَ صبح جو سوير جانورن جي معائني ڪرڻ لاءِ پري هليو ويندو هو ۽ ڪڏهن ته ٽي ٽي ڏينهن گم هوندو هو. اهڙيءَ طرح ساشا اولنڪا جي حوالي هو. +هر صبح جواولنڪا هن جي ڪمري ۾ ايندي هئي ۽ هن کي گهري +ننڊ ۾ ڏسندي هئي. هن جا هٿ هن جي ڳلن هيٺيان هوندا هئا ۽ هو اهڙو آرام سان سمهيو پيو هوندو هو جو لڳندو هو ته ڄڻ ساهه ئي نٿو کڻي. هوءَ سوچيندي هئي ته هن کي اِن آرام ما اُٿارڻ ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي. +”ساشا....“ هوءَ هوريان چوندي هئي. ”اُٿ اسڪول جو وقت ٿي ويو آهي..“ هو اُٿي ڪپڙا پائيندو هو. عبادت ڪري چانهه پيئندو هو. ۽ ٻه وڏا پراٺا ۽ اڌ ڪريم رول کائيندو هو. ننڊ جو اثر اڃا هن تي هوندو هو. سو هو پاڻ تي ڪراس ٺاهيندو هو. +”توکي پنهنجو سبق ائين ياد نه آهي جيئن هجڻ گهرجي! توکي سخت محنت ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي استاد جو خيال رکجانءِ.“ اولنڪا هن کي چيو. هوءَ هن کي ائين ڏسي رهي هئي ڄڻ ڪنهن وڏي مسافريءَ تي وڃي رهيو هو. +”او، مهرباني ڪري، مون کي وڃڻ ڏي.“ پوءِ هو اسڪول واري گهٽيءَ ڏانهن ويندو هو. هن جي مٿي تي هڪ وڏي ٽوپي ۽ پٺيءَتي ڪتابن جو ٿيلهو هوندو هو. اولنڪا هوريان هوريان هن جي پٺيان هلندي هئي. جڏهن هو اسڪول جي گهٽيءَ وٽ پهچندو هو ته پوئتي مڙي،اهو ڏسي لڄ محسوس ڪندو هو ته هيڏي وڏي ۽ ٿلهي عورت هن جي پويان اچي رهي آهي. هو هن کي چوندو هو.”آنٽي، توهان گهر وڃو، مان پاڻ ئي هليو ويندس.“ هوءَ بيهي هن کي ڏسندي رهندي هئي. جيستائين هو نطرن کان گم ٿيندو هو. +هن جو ٻار سان ڪيڏو نه پيار هو! هن جو ٻيو ڪوبه ناتو اهڙو گهرو نه هو. هن کان اڳ هن ايڏي خوشيءَ سان ڪنهن کي پاڻ نه ارپيو هو، جيترو هاڻي جڏهن هن جي اندر ۾ ممتا جا جذبا اڀريا هئا. هن ڇوڪري لاءِ جيڪو هن جو نه هو، هن جي ڳل جي چگهن لاءِ، هن جي ٽوپي لاءِ هوءَ پنهنجي زندگي به ڏيئي ڇڏي ها. جڏهن هوءِ ساشا کي اسڪول مان موٽندي ڏسندي هئي ته اطمينان ۽ پيار سان ڀريل هوندي هئي. هن جو چهرو اڌ سال اندر جوانن وانگر مرڪڻ چمڪڻ لڳو هو. جيڪو ماڻهو هن سان ملندا هئا ته هن کي ڏسي مسرت محسوس ڪندا هئا. +”اولنڪا.... تون ڪيئن آهين؟ ڪيئن پيو وقت گذري؟“ +هوءَ مارڪيٽ ۾ هنن کي ٻڌائيندي هئي:”اڄ ڪلهه اسڪول جو ڪورس ڏاڍو ڏکيو آهي. مذاق نه آهي. ڪلهه پهرين ڪلاس وارن کي سبق ياد ڪرايو ويو، ليٽن جو ترجمو، ۽ حساب ڪرايا ويا، ننڍو ٻار اِهي ڪيئن ڪري سگهندو؟“ هن استادن، سبق ۽ ٽيڪسٽ بوڪ تي ڳالهايو، جيئن بلڪل ساشا هن کي ٻڌايو هو. +هو ٽين وڳي ماني کائيندا هئا. شام جو گڏجي سبق ياد ڪندا هئا، ۽ هوءَ ساشا کي مشڪل ڪم ڪرائيندي هئي، جڏهن هوءَ هنکي بستري ۾ سمهاريندي هئي، ته دعا پڙهي هن تي شوڪاريندي هئي ۽ جڏهن پاڻ هنڌ ۾ سمهي پوندي هئي ته خواب ڏسندي هئي ته ساشا وڏو ٿي ويو آهي، پڙهائي ختم ڪري هاڻي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيو آهي، هن کي پنهنجو وڏو گهر، گهوڙا ۽ گاڏيون آهن ۽ هن شادي ڪئي آهي ۽ ٻار اٿس.....“ اهي خواب لهندي هوءَ گهري ننڊ ۾ سمهي پوندي هئي ۽هن جي بند اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا. +اوچتو زور سان دروازو کڙڪيو. اولنڪا ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺي. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. اڌ منٽ کانپوءِ وري دروازو کڙڪيو. ”کارڪو کان تار“ هن سوچيو، هن جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو. ”هن جي ماءَ هن کي کارڪو ۾ گهرايو آهي، او منهنجا خدا!“ +هوءَ پريشان ٿي ويئي. هن جا هٿ پير، مٿو ٿڌو ٿي ويو. هن محسوس ڪيو ته هن جهڙو ڪو بدنصيب دنيا ۾ ٻيو ڪونه هوندو. ٻئي منٽ ۾ هن آواز ٻڌو. فوجي ڊاڪٽر ڪلب کان گهر اچي رهيو هو. ”الله تنهنجو شڪر آهي.“ هن سوچيو ۽ هن جي دل تان وڏو بار لهي ويو. هوءَ وري سڪون ۾ اچي ويئي، ۽ وري هنڌ ۾ سمهي پيئي. ساشا بابت سوچڻ لڳي، جيڪو هن جي ڀرواري ڪمري ۾ ستو پيو هو ۽ رکي رکي ننڊ ۾ رڙ ڪري رهيو هو.”مان اهو توکي ڏيندس! هليو وڃ! جهڳڙو ختم ڪر!“ +الطاف شيخ +ڄامشوري جي پل مٿان +اوساڪا جي ايئرپورٽ تي لهي ٻئي جهاز ذريعي جپان جي ڏاکڻئين شهر فڪوڪا (صحيح لفظ فڪوئوڪا) ۾ پهچان ٿو. اُتان بس جي ذريعي موجي شهر ۾ اچان ٿو. جپان جو هيءَ شهر جيڪو بندرگاهه به آهي مون لاءِ نئون نه آهي. اسي تائين. يعني اڄ کان چوٿون صدي اڳ تائين هتي ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو. هي بندرگاهه ۽ سامونڊي درياهه جي هن ڀر واروشمونوسيڪي بندرگاهه، جيڪو اڄ ڪلهه ڪيمان پل جي ذريعي ڳنڍيل آهي، ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهن، انچان ۽ پوسان کي ائين ويجهو آهن، جيئن دادو ۽ موري جا شهر هالا ۽ ڄامشوري کي. وچ ۾ فقط سمنڊ جو ڪجهه حصو لتاڙڻو پوي ٿو. +اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ سامان لاهي پوءِ ڏکڻ ڪوريا وڃڻ کان اڳ جپان جي موجي يا شمونوسيڪيءَ مان ٿيندا ويندا هئا. شمونوسيڪيءَ ۾ وڏا شپ يارڊ هجڻ ڪري واپسيءَ جي ڊگهي سفر لاءِ جهاز جي ضروري مرمت شمونوسيڪيءَ مان ئي ڪرائبي هئي نه ته به سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ هفتو ٻه ته ضرور بيهبو هو. هنن بندرگاهن ۾ نه فقط مڪاني ماڻهن سان دوستيون وڌيون، پر پنهنجي جهازي دوستن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ڌارين جهازي آفيسرن سان پڻ ملاقاتون ٿينديون هيون، جو هتان هر جهاز جو لنگهه هوندو هو ۽ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن جا جهاز بيٺا هوندا هئا. هنن بندرگاهن جي هڪ هڪ رستي توڙي گهٽيءَ مان اسان جو اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي. +موجي بندرگاهه ۾ هڪ دفعو مون کي باءِ ايئر به وڃڻو پيو هو. موجيءَ ۾ بيٺل اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ جهاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيوهو. اُتي جهاز جي مهينو کن مرمت هلڻي هئي. آءٌ هڪ ٻئي جهاز تي جپان جي اترئين بندرگاهه وڪاياما ۾ هئس. مون کي جهاز جي مرمت تي نظر رکڻ لاءِ موجي وڃڻ لاءِ چيو ويو. آءُ فئمليءَ سان هئس. ۽ مون موجي شهر ۾ هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنهن ننڍڙي گهر(مسافر خاني) ۾ رهي پئسو بچائڻ ٿي چاهيو. اُن سلسلي ۾ مون وڪايامان مان ئي موجي بندرگاهه جي مقامي آفيس وارن کي فون ڪيو، جن هڪ مسافر خاني جي پوڙهيءَ سان مون کي ڳالهرايو. +پوڙهيءَ جي مسافر خاني طور استعمال ٿيندڙ گهر جي ڳالهه مون کي هر لحاظ سان وڻي. بندرگاهه جي ويجهو، گهٽ مسواڙ ۽ پوڙهيءَ نيرن تي جپاني کاڌو گوهان(ڀت) ۽ ميسو شيرو(ڀاڄين ۽ ڳڙ جو سوپ، جيڪو هتي عام طرح نيرن تي ملي ٿو) ڏنو ٿي. گهر جي ڀرسان بس اسٽاپ پڻ هو. هن ٻڌايو ته سندس گهر جي اڳيان ندي(ڪاوا) به وهي ٿي. جپاني لفظ ”ڪاوا“ ندي ۽ درياهه لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿو. جيئن نيل ندي، سنڌو درياهه، تيئن جپان ۾ سميدا گاوا وغيره آهن(جپاني لفظ ڪاوا نالي سان لڳڻ تي گاوا ٿئي ٿو.) +”واهه جي لوڪيشن آهي، پوڙهيءَ جي گهرجي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ خيالن جي دنيا ۾ پاڻ کي ڄامشوري جي پُل وٽ ٺهيل المنظر هوٽل ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. (هيءَ 1974ع ڌاري جي ڳاله آهي، جڏهن المنظر هڪ بيحد خوبصورت ۽ رومانٽڪ اسپاٽ سمجهيو ويو ٿي) ماڻهو هن هوٽل ۾ چانهه يا ماني کائڻ کان وڌيڪ هتان سدا شاداب ۽ جوش ۾ اُٿلون کائيندڙ سنڌوءَ جي نظاري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. هو اُهو درياهه آهي، جنهن سان دنيا جي قديم ترين تهذيب وابسطه آهي، ۽ هيءَ اُها ندي آهي جيڪا صدين کان وهندي ٿي اچي. اسان جي ڳوٺ جي هڪ شاعر پروفيسر عبدالفتاح ابڙو (عبد هالائي) پنهنجي دل کي سنڌونديءَ سان تشبيهه ڏني آهي: +دل ناهه ڪا ڪئمپ فلسطيني، +جا جلندي رهي ۽ ٻرندي رهي. +دل ناهه ڪا شام بيروتي، +جا دونهن ۾ ڪاري ٿيندي رهي، +دل ناهه ڪا بيوهه جي چُوڙي، +جا پرزا پرزا ٿيندي رهي، +دل آهي اسان جي سنڌوندي، +جا ”عبد“ صدين کان وهندي رهي. +”خبر ناهي ته موجي شهر مان هي ڪهڙو درياهه وهي ٿو، جنهن جي ڪپر تي هن پوڙهي جپانڻ جو گهر آهي.“ مون دل ۾ سوچيو. بهرحال هوندو ڪو درياهه. مون سڄي جپان جي جاگرافي ته نه پڙهي آهي، جو مونکي هن ملڪ جي هڪ هڪ درياهه، ندي، جبل ۽ ماٿريءَ جي خبر هجي. وڌ ۾ وڌ هتي جي بندرگاهن جي ڄاڻ رکڻ منهنجو فرض آهي. +بهرحال، ضروري سامان کڻائي پوڙهيءَ جي گهر پهتس. پهچڻ سان ئي جهاز جي ڪم ۾ اهڙو ته جنبي ويس جو صبح جو پوڙهي مالڪڻ جي طرفان مليل نيرن(سوپ ۽ ڀت) کائي نڪرندو هئس ته چانهه به اچي جهاز تي پيئندو هئس. هڪ ئي وقت جهاز جي ڏهن حصن تي ڪم هلي رهيو هو. مٿي کنهڻ جي به فرصت نه هوندي هئي. شام جو ستين بجي شپ يارڊ جي مزورن جي موڪل ٿيڻ تي آءٌ جهاز تان يان رستي جي ڪنهن ننڍڙي جپاني هوٽل تان ماني کائي رات جو نائين ڌاري ٿڪجي اچي مسافر خاني ۾ ڪمري ۾ وڇايل ”تاتامي“(تئونري) تي ڊهندو هئس. جهاز جون مشينون کليل هجڻ ڪري جنريٽر وغيره سڀ بند هئا ۽ بجلي ۽ پاڻي نه هجڻ ڪري اسين سڀ جهاز جاآفيسر توڙي خلاصي جهاز جي ڪمپنيءَ طرفان جهاز بدران ٻاهر ڪناري تي هوٽلن ۽ جپاني اسٽائيل مسافر خانن ۾ رهياسين ٿي. +ٻن ٽن ڏينهن بعد جيئن ئي جهاز جي ڪمن مان ٿوري واندڪائي ملي ۽ هوش ٺڪاڻي آيا ته مون کي درياهه جو خيال آهي. پوڙهيءَ چيو ته”واتاشينوي اي اي نو(ايئينو) مائيوا ڪاواگا اري ماس“ (منهنجي گهر جي اڳيان ندي وهي ٿي( ۽ هتي ته ڪا اهڙي ڪهاڻي ناهي. +گهر جي مالڪڻ کان اُن جو پڇيم ته هن سامهون اشارو ڪيو. ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي وهندڙ گندي پاڻيءَ جي نالي جيڏو هڪ نالو وهي رهيو هو. هي به گندي پاڻيءَ جو نالو هو، پر فرق اِهو آهي ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ وانگر هتي جي نالن ۽ گٽرن مان فقط مينهن ۽ وهنجڻ جو پاڻي لنگهي ٿو(ڪاڪوس وغيره جو سسٽم بلڪل الڳ ۽ زمين دوز آهي) اُن ڪري اُن نالي جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ نه گند ڪچرو هو ۽ نه ڪک پن ۽ نه وري پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. نالي جي پاسن کان وڻن ۽ گلن جو قطارون هيون +”تو لڳي ٿو ته درياهه نه ڏٺو آهي.“ مون پوڙهيءَ کي چيو. پوءِ آڪڙ ۽ فخر مان مون کيس پنهنجي ملڪ سنڌوءَ جو احوال ٻڌايو ته ”اها ندي ڪيڏي ويڪري، ڪيڏي اونهي ۽ ڪيتري تکي وهڪري واري ٿئي ٿي. اسان جي سنڌو هماليه جبلن تان گجگوڙ ڪندي پنجاب ۽ سنڌ کي سيراب ڪندي عربي سمنڊ جي پيٽ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سمنڊ وانگر سنڌوءَ ۾ لهرون ۽ ڪُن ٿين ٿا. ٻيڙيون ۽ بتيلا هلن ٿا...“ آءٌ ويس پنهنجي سنڌوءَ جي تعريف ڪندو ۽ پوڙهيءَ جو ويو وات ڦاٽندو. ظاهر آهي ته ڪٿي هي نالو، جنهن ۾ ٻه مينهون به نه بيهي سگهن ۽ ڪٿي اسان جي سنڌو درياهه جو ويڪرو پيٽ ۽ تکو وهڪرو، جيڪو وڏن وڏن ٻيڙن کي به لوڙهي ڇڏي. اُن وقت ڳوٺان جهاز لاءِ ڪراچي ايندي ڄامشوري جي پل وٽ ڪار مان لهي ڪا دير درياهه جي مون کي ڏسندو رهيس، ۽شاهه لطيف هن درياهه جي ارڏائي ڏسي چيو هوندو؛ +دهشت دم درياهه ۾ جت لڙ، لهرون، لس ليٽ، +آڻي اوڀارين ۾ ٻانڌي ٻُوڙي ٻيٽ، +جت چڪنئي چيٽ، اُت ساهڙ سير لنگهاءِ تون. +پر پوڙهيءَ کي اهڙا شعر ترجمو ڪري ته نٿي ٻڌايئي سگهيس. باقي اسان جي سنڌو درياهه جي ڪولوسال هجڻ جو تاثر ڏيڻ لاءِ مون کي جپانيءَ ۾ جيڪي صفتون آيون ٿي، اُهي ٻڌائي ورتم. +اڄ چوٿو صديءَ بعد هن ساڳيئ شهر ۽ ساڳي گهٽيءَ مان لنگهڻ تي هن مسافر خاني جي اڳيان بيهي رهيس. گهر جي مٿان ٻه وڌيڪ ماڙيون ٺهيل هيون. ٻاهران مسافرخاني جو ئي بورڊ لڳل هو. موجي ڇڏڻ کان اڳ پوڙهيءَ پنهنجي پٽ جي هتي جي حساب سان ڌام ڌوم سان شادي ڪئي هئي. اُها اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آءٌ درياهه جي ٻئي ڀر واري بندرگاهه شمونوسيڪي کان آيو هو.س ڪجهه سالن بعد ٻڌو هوم ته پوڙهيءَ جو اُهو اڪيلو پٽ، جنهن سندس ڪاروبار ۾ مدد ڪئي ٿي، هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. پوڙهيءَ جي وري خبر نه پيئي جو منهنجو دوستن جي جهازن به هنن بندرگاهن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. آءٌ در جي بيل وڄائي اندر رسيپشن ۾ گهڙيس. سندس ٻنهي پوٽين منهنجو مهمان جي حيثيت سان آڌرڀاءُ ڪيو. پر پوءِ پنهنجو تعارف ڪرائڻ تي هو مون کي سڃاڻڻ لڳيون. +”اهو ڪيئن؟.... توهان ته ڄايون به بعد ۾ آهيو، آءٌ ٻاويهن ٽيويهن سالن کان پوءِ هتي پيو اچان +”ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته هتي هڪ ممئرين انجنيئر رهندو هو جيڪو باشو (جپاني شاعر) ۽ مشيما(جپاني ناول نويس) جو عاشق هوندو هو.“ هنن مان هڪ ٻڌايو ۽ ٻيءَ منهنجو جپان جو سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامو ”جپان جن جي جيءَ سان“ کڻي آئي، جيڪو مون تڏهن سندن ڏاڏيءَ کي موڪليو هو، هنن ٻڌايو ته هوءَ چار سال کن اڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويئي. +”توهان جي ڏاڏي عظيم عورت هئي.“ مون سندن ڏاڏيءَ کي ياد ڪندي تعريف ڪئي ۽ ڪا دير خيالن ۾ گم ٿي ويس، جو هن پوڙهيءَ جي قرب ۽ خيال رکڻ جي ڪري موجي يا هن پاسي اچڻ تي هميشه هن جي ئي مسافرخاني ۾ رهندو هوس. +”اسان جو ڏاڏو هيروشيما ۾ ڪريل بم جو سرڪار ٿي ويو هو.“ پوڙهيءَ جي پوٽين مان هڪ ٻڌايو. +”مون کي ڄاڻ آهي.“ مون ڏکويل آواز ۾ وراڻيو. ” ۽ اُن جي اثر جي ڪري توهان جي ڏاڏي ڪيترين ئي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا هئي.“ +”پر چون ٿا ته هُن وڏيءَ همت کان ڪم ورتو.“ +”صحيح ٿيون چئو، اِن ۾ ڪو شڪ ناهي، بيمار هوندي به هوءَ گهر کي هلائڻ لاءِ سخت پورهيو ڪندي هئي.“ مون کين ٻڌايو. +”هو قربائتي به ڏاڍي هئي، سندس مري وڃڻ تي اوڙي پاڙي وارن به ڏاڍو ڏک ڪيو.....“ +”جي ها.“ صحيح ٿيون چئون.“ مون وراڻيو. ”کيس انسانذات لاءِ همدردي هئي. هن هر هڪ جو ڀلو چاهيو ٿي. ٻئي کي ڏکويل ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويندي هئي. آءٌ پهريون دفعو جڏهن هُن وٽ رهڻ آيو هئس ته منهنجي هڪ سال جي ڌيءَ کي تيز طوفاني هوائن جي ڪري يا شايد وڪاياما کان موجي هوائي جهاز جي سفر جي ڪري ڪن ۾ اچي سور ٿيو، منهنجي زال نه هن شهر جي واقف هئي ۽ نه جپاني آيس ٿي. پوءِ توهان جي ڏاڏي پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي منهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ ڊوڙندي رهي. مون کي چوندي هئي ته تون نه گهر جو خيال خيال ڪر ۽ نه پئسي جو. جنهن ڊيوٽي لاءِ آيو آهين، يعني جهاز جي مرامت ڏي توجهه ڏي. جيئن اُهو جهاز سمنڊ تي تولاءِ مسئلو نه بڻجي.“ +”ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي، هڪ ڌارئين کان پنهنجي وڏن جي ڳالهه ٻڌي. سندس پورهئي جي ڪمائي اڄ اسين کائي رهيون آهيون. هوءَ پاڻ غربت ۾ گذاري ويئي. پر اسان لاءِ روزگار ٺاهي ويئي...“ +”صحيح ٿيون چئو.“ مون سندن ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ڪافيءَ جو آخري ڍُڪ پي اُٿي کڙو ٿيس. ٻاهر ساڻن هڪ يادگار تصوير ڪڍائي شاٿونارا(خداحافظ) چيم. +ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي هلي سندن گهر جي اڳيان وهندڙ نالي جي ڪپر وٽ بيهي رهيس ۽ ڪا دير پنڊ پهڻ بيٺو رهيس. مينهن ۽ گهر مان ايندڙ پاڻي اُن ”نالي“ مان شپڪا ڪري وهي رهيو هو. مون کي پوڙهي سان اڍائي ڏهاڪا سال اڳ جو بحث ياد اچي ويو... ”هن کي چئبو آهي درياهه! درياهه ته اسان جو سنڌو آهي.“ مون چيو هومانس. (يعني تڏهن چيو هو مانس.) چڱو جو اڄ هوءَ جيئري ناهي نه ته هن کي اڄ اُن سنڌوءَ بابت شايد ڪجهه به ٻڌائي نه سگهان ها! هفتو کن اڳ هن سفر لاءِ ڳوٺان ڪراچي ايندي وقت هن ڀيري ڄامشوري وٽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. اسان جي سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇولين بدران ڌوڙ اُڏامي رهي هئي. ٻيڙيون وچ درياهه ۾ خشڪيءَ تي پاسيريون ٿيون پيون هيون ۽ ٻارن ڪرڪيٽ راند پئي ڪيئي!.... سنڌو ۾ ايترو پاڻي به نه هو جيترو موجي شهر جي هن نالي مان وهي رهيو هو. آءٌ ڏکويل دل سان اڳتي وڌان ٿو. هڪ هڪ وک ڇپ جهڙي ڳري محسوس ڪريان ٿو ۽ مون کي پنهنجي هڪ ٻئي ڳوٺائي ۽ پياري انسان حميد شهيد جو تازي ”سوجهري“ رسالي ۾ ڇپيل هي شعر ڌيان ۾ اچي ٿو: +ڄامشوري جي پُل مٿان بيهي سوچيم +”سنڌو“ ناهي، هي ”هاڪڙو“ آهي! + + +نصير مرزا +رني ڪوٽ – ياترا +اڌياءُ: پهريون +اعتراف نامو +مُسافر رني ڪوٽ جي قلعي جي صرف مُهڙ واري حصي جي ’ديدار فرحت‘ آثار کان برابر ته 3- مارچ 2003ع تي، اُتي پهچي وڃي فيضياب ٿيو هو، پر الائي ڇو..... اُن جي تهه دَر تهه تاريخ ۽ پُراسرار ديوان مان مسافرن لاءِ قلعي بابت ڄاڻ جو ڪوئي دروازو ته کُليو ئي ڪونه! +۽ علاوه ازين، مسافر کي دنيا جو اِهو وڏي ۾ وڏو تصور ڪيو ويندڙ قلعو، اُجاڙ بيابان ۾، کيرٿر جي پهاڙي سلسلي مٿان ڇاتي تاڻي، اُتي بيٺل ته بيشڪ نظر آيو پئي، پر بنهه اِئين جيئن ڪوئي بزرگ، گيان ڌيان سان ڪنڌ جهڪائي، مراقبي ۾ مشغول هجي. +۽ باوجود اِن جي، جو مسافر ڀريا ٽي ڪلاڪ اُن بيابان ۾ بيهي هُن کي يڪ ٽۡڪ ملاحضه ڪندو رهيو، پر بزرگ قلعي، مسافر جي آڏو مراقبي مان ڪنڌ مٿي کڻڻ پسند ئي ڪونه ڪيو!..... سولاه محاله، مسافر کي رني ڪوٽ قلعي جي اِن ياترا دوران اُن جي در و ديوار جي سرسري سياحت کان سواءِ اتان ٻيو ڪجهه پلئه پيوئي ڪونه! +افسوس..... افسوس..... صد افسوس! +اڌياءُ: ٻيون +..... ۽ ڪيڏي نه عام رواجي هئي ماه مارچ جي اُها شام! +جڏهن ناشاد...... منهنجي پياري دوست، رني ڪوٽ قلعي جي سياحت لاءِ مون کي صلاحيو. هاڻي هتي ڇا عرض ڪريان ته پنهنجيءَ ذات ۾ آءٌ آهيان سخت سست ۽ ڪاهل انسان! گهر کان آفيس..... ۽ آفيس کان گهر.... ۽ اِن روٽين مان نڪري ڪيڏانهن وڃڻ ۽ ڪيڏانهن گهمڻ جي لاءِ دل منهنجي هاڻي چاهيندي ئي ڪانهي. سچي ڳالهه آهي، هونئن به مزاجن آءٌ نه آهيان ٽوئرسٽ، نه آرڪيالاجسٽ ۽ نه وري ڪو جيالاجسٽ وغيره! +ها!......ائين برابر آهي ته ڪي سال اڳي رني ڪوٽ بابت ڪجهه ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ ’مهراڻ‘ جي ’رني ڪوٽ نمبر‘ کي هتان هُتان اُٿلائي پُٿلائي ضرور ڏٺو هئم.... ۽ جيڪا ڪسر باقي رهجي ويئي هئي، اُها جاکوڙي قلمڪار عزيزم بدر ابڙي جي رني ڪوٽ بابت لکيل تحقيقي ڪتاب کي پڙهي پوري ڪري ورتي هئم.. الله الله.... خير صلا! +خير..... مون هتي چوڻ اهو پئي چاهيو ته سٺا ۽ مخلص دوست ڌڻيءَ جي پاران مليل نعمتن وانگر هوندا آهن ۽ ناشاد صاحب جي دوستي کي آءٌ پنهنجي لاءِ نعمت ئي سمجهان ٿو ۽ ڌڻيءَ جي پاران عطا ٿيل خاص مهرباني پڻ!.......ڪن ماڻهن کي سندس ذات ۾ ڪي اوگڻ نظر ايندا هوندا، پر مون لاءِ ته هُو آهي سراپا گڻ ئي گڻ!....... ساڻس سنگت نه هجي ها، منهنجي، ته...... سچ ٿو چوان.... آءٌ نه ڪڏهن کيرٿر نيشنل پارڪ جي سياحت ڪري سگهان ها ۽ نه هن پنهنجي رني ڪوٽ جي قلعي جي! +سگريٽ جو فُل ڪش هڻندي، هوا ۾ دونهون ڦهلائيندي، فخرمنديءَ سان چيائين،”جيئي بچي شل پنهنجو حميد سنڌي صاحب! ۽ سندس ڀاءُ سنڌ وائيلڊ لائيف ۽ فاريسٽ جو سيڪريٽري محترم شمس بابا.....! سندس مهربانين سان، کير ٿر نئشنل پارڪ ۽ رني ڪوٽ ته ٿي ويجهو جي ڳالهه، الله چاهيو ته سندن ’دستِ شفقت‘ مهابي.... گورک هل.... ڏاڙهياري جبل..... ۽ ڪُتي واري قبر جو سير به هلي ڪنداسين، انشاءَالله!...... في الحال توهان رڳو اڄ سڀان ۾ ’رني ڪوٽ‘ ڏانهن هلڻ جي تياري پڪڙيو، جو اِن ٽوئر ۾ جن صاحبن سان اوهين ساڻ هوندا، اُنهن جي ڪمپنيءَ مان لطف اندوز ته ٿيندا ئي ٿيندا، پر بعد ۾ اِن نرالي سياحت کي پنهنجي زندگيءَ جو پڪ سان مثالي ۽ يادگار سفر به ڪري پيا ڄاڻندا.“ ۽ ناشاد صاحب تڪڙو تڪڙو لفظن جو منهنجي حواسن جي چئوگرد اِهو اهڙو ته کڻي ڄارُ اُڻيو، جو جهٽ ۾ اُن ۾ ڦاسي پيس.حواس باخته ٿيندي وراڻيم:”اڙي سائين!..... جهٽ ٻڌايو، ڪڏهن ٿا وٺي هلو. ڪيڏي مهل ٿا وٺي هلو....آءُ تيار سائين!.......بلڪل تيار........“ +۽ اِهو پُر بهار سفر، عاليشان گاڏين جي قافلي جي صورت ۾ ٽين مارچ جي خوشگوار صبح مهل، شروع ٿيو هو. سرڪٽ هائوس حيدرآباد جي اڳيان، ڪارپورچ وٽان. +اڳيان اڳيان پروٽوڪول طور.....پوليس جي موبائيل ڊاٽسن! +۽ اُن کان پوءِ وارين گاڏين ۾ جن جن دلپذير شخصيتن سان مون ناچيز کي سفر ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي رهي هئي، اُنهن جي جامع تعارف ڪرائڻ کان ته آءٌ قاصر ئي آهيان.... مثال طور: +محترم سائين غلام رباني آگرو صاحب... جي ها! رني ڪوٽ جي اِن سفر ۽ سياحت جو خاڪو سندن ئي تيار ڪيل هو، جنهن ۾ سونهن جو رنگ ڀريو سائين حميد سنڌي صاحب...! پر اِن سفر اختيار ڪرڻ ۽ سياحت لاءِ اصل محرڪ شخصيتون اڃان ئي ڪي ٻيون هيون.(اُهي ڀلا ڪير؟) +هِتي بلڪل گوش گذار ڪريان ٿو، پر ٿورو توقف!...... سوچيو هئم ته رني ڪوٽ جي اِن سفر جي روداد ڪڏهن به جي لکڻ ويٺس، ته سڀ کان پهرين، اُن ۾، هن سياحت لاءِ غلام رباني آگري صاحب جا ٿورا مڃيندس. سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طرح سان حاضر دور ۾، رباني صاحب منهنجي ٻن چئن فيوريٽ ترين نثر نگارن منجهان هڪ آهي. سندس نثر ۾ منهنجي لاءِ ته ڄڻ شئمپئن جو نشو آهي.(ظاهر آهي، اِهو مهانگو شراب جنهن جنهن پيتو هوندو، اُن جي معياري خمان جو پتو به بس اُن اُن کي ئي هوندو.) +۽ اجهو هاڻي هيءَ تعارف پڙهو، اُن مهان عاليشان جو، جنهن جي سير سياحت لاءِ هِن سفر جو سانباهو ٿيو هو. +جرمن ائمبيسڊر هز ايڪسيلنيسي ……Dr. Christopher Brummer ۽ پهرين نظر جا منهنجي مٿس پيئي هئي، ۽ سندس قد ڪاٺ ۽ هاٺي ڪاٺيءَ تي جو ڀرپور نگاهه پيئي هئم ته اندازو لڳايو هئم ته سندس نالو پڪ سان هوندو.... جعفر زٽلي! ساٺيڪو کن سال ته سندس عمر اُن وقت واهه جي هوندي. لقد لاڍيرو، مٿو چپتڙو ۽ صاف. مٿي جي وچو وچ ريڙهه جي هڏي جهڙو هڏو اُڀري. شڪل مان برابر ته ’مڙهو ڀائي‘ ٿي لڳو، پر هلڻ ڳالهائڻ ۾ بلا جو ڦڙتيلو، ٽنگن ۾ سندس جيينز جي ڦاٽل پينٽ پاتل ۽ جسم تي هاف سليو شرٽ. پري کان ڏسندي ائين سهڻو پئي لڳو، جيئن ڍنڍ جي ڪپرن سان ڊگهين ڊگهين ٽنگن وارا اَڇا پکي ڏيکائي ڏيندا آهن. +جرمن ايمبيسڊر قدآور مڙس هو، لهاذا سندس تعارف هتي مون کي سندس قد جي حساب سان ڊگهو ڪرائڻ گهرجي، پر بس في الحال سندس ايترو تعارف لکڻ تي اڪتفا ٿو ڪريان. +رني ڪوٽ ڏانهن هلندڙ اُنهن معزز ۽ معتبر مسافرن ۾ ٻه عدد زائفائون به هيون، ۽ اُنهن مان هڪڙي ته هئي عالي وقار ايمبيسڊر جي وائيف، صفا سنهڙي، سيپڪڙي، سوتليءَ جهڙي نازڪ، اکيون ننڍڙيون، چپ ۽ چهري جا نقش سنها، منهن پوپالو، ڏسڻ ۾ هونئن ته کڙي تڙي، پر چهري مان ٻُڍڙي ٻُڍڙي ٿي لڳي، ڪنهن ڳالهه تي کلي ٽهڪ ٿي ڏنائين ته سندس گهنج گهنج چهرو ڪُرو مُرو ٿي ٿي ويس. +همسفر ٻي جرمن خاتون هئي... ۽ ڇا ته ڪيوٽ خاتون هئي!...... ڪراچيءَ ۾ قانصل جنرل. ان مئڊم Countess Verena Grafin Von Roedern ڏانهن اکيون کڻي سندس پر شڪوه چهري ۽ پرسنلٽي کي ڏٺم ته دل جي ڌڪ ڌڪ مان آواز ٻُرندو پئي ٻڌم.... ’ونڊر فل، ونڊر فل!‘ عمر اُن خاتون جي پنجاهي کن سال ته واهه جي هوندي. سنهو ڊگهو مُنهن، چهري جا نقش پُر ڪشش، نازڪ نازڪ هٿ پير، وار کليل ۽ برائون لباس ۾ شرٽ ۽ ميرون رنگ جي جينز پاتل، سندس پُر بهار گفتگو جو ٻڌم ته ڀاسيم، ڄڻ ڪنهن اڪيلي ٽاريءَ تي مينا پکي ويٺو ٻولي! +۽ رني ڪوٽ ڏانهن اِن ياترا لاءِ اصل محرڪ اِهي ئي ته بس ٽي معزز مهمان شخصيتون هيون، جن جي مهابي ۽ سائين آگري صاحب جي ٻاجهاري رضامندي سان هي ناچيز به ساڻن همسفر و همرڪاب هو. سفر جي ساٿي حميد سنڌي صاحب جي محبت ۽ شفقت جا ڪهڙا ڳڻ ڳائي ڪهڙا ڳايان. هر هڪ جو همدرد ۽ هر ڪنهن جو هڏ ڏوکي.جهڙو ٻاهران سهڻو تهڙو اندران اَڇو اُجرو. لطيف اهڙن ئي ته انسانن لاءِ چيو هوندو:”جهڙا مُنهن مُهار، تهڙا پُٺيرا سپرين!“ +سفر ۾ پروفيسر اعجاز قريشي به همسفر هو. نهايت جفاڪش انسان ۽ اورچ سماج سڌار. سڀ جو ڀلو چاهيندڙ، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سماج لاءِ پنهنجي حصي جي ڪم سان پورو پورو ڪميٽيڊ انسان! رني ڪوٽ جي قلعي جي چائنٺ ٿيندي ئي پنهنجو تازو ڪتاب:”چوٿين مارچ ۽ اڄ جي سنڌ“ گفٽ طور ڏنائين.(ٿئنڪ يو ويري مَچ، قريشي صاحب!) +جرمن مهمانن سان حميد سائينءَ منهنجو تعارف ڇاڪاڻ ته براڊڪاسٽر ۽ ٽوئر جي آبزرور طور ڪرايو هو، اِن ڪري اُنهن مهمان مان، خاص ڪري مسز ائمبيسڊر، جڏهن به مون سان ڪا ڳالهه ڪرڻ يا پڇڻ ٿي چاهي، مون کي مسٽر براڊڪاسٽر چئي مخاطب پئي ڪيو. +هز ايڪسيلينسي مسٽر ائمبيسڊر سان اتي اِن ڊپ ۾ مون ڪونه ٿي ڳالهايو جو انگريزي ڳالهائڻ پنهنجي وس ۾ هئي ئي ڪٿي! صرفهڪ دفعو گڏ ڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ عرض ڪيومانس ته بيحد خوشيءَ سان رضامندي ڏيکاريندي وت مان آواز ڪڍيائين …Ah…ha…Ah….ha. +عرض ڪريان، ته مسٽر ائمبريسڊر مزاجن چلولو ڏاڍو هو، پر سندس ڀيٽ ۾ ٻئي جرمنياڻيون نهايت پولائيٽ ۽ بيحد ڪرٽينس عورتون هيون. هونئن به اِها ڳالهه طئه آهي ته دنيا ۾ چئن شين تي بنا ڀئو ڀولي جي اکيون پوري اعتماد ڪري سگهجي ٿو ۽ اُهي چار شيون ڀلا ڪهڙيون ڪهڙيون...... اِجهو نوٽ ڪندا وڃو. نبرون آمريڪي ڊالر، نمبر ٽو چائينيز فوڊ، نمبر ٿري برٽش آرچيٽيڪٽ ۽ نمبر فور اِهي پنهنجون وفادار جرمن زالون! +جرمن عورتن جا ٻه مثال ته ذهن تي هتي چڙهي به آيا آهن، پڙهندا هلو. +مثال طور پهريون علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي گهرواري مدر ايلسا قاضي.... ۽ ڇا ته عظيم عورت هئي! علامه صاحب سان اُنس ۾، کانئس پهرين، سندس هنج ۾ پساهه پورا ڪيائين ۽ سنڌ جي پاڪ پوتر مٽي ۾ ئي آسودهء خاڪ ٿي. هتي ڊاڪٽر اينيمري شمل صاحبه جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪريان؟ اسان جي پير حسام الدين راشدي صاحب سان سندس اهڙي ته لونءَ لڳي، جو کيس ٻيا سڀ دل وارا وسري ويا. پير صاحب سان والهانه لڳاءُ سبب هُن مڪليءَ جي قبرستان ۾، سندس ڀر واري لحد ۾ سمهڻ به چاهيو پئي، پر....؟ +........۽ رني ڪوٽ ياترا دوران، اِهي ٽيئي معزز جرمن مهمان قلعي جي دروازي وٽ هڪ هنڌ گڏ ٿي جو اچي بيٺا ته لڳم.....رني ڪوٽ جي اُجاڙ بيابان ۾ ، گِل جئسمين جون ٽي ڏانڊيون، زمين مان نڪري، فضا کي معطر ڪري رهيون آهن. +معاف ڪجو....! معزز مهمان جي تعارف ۾ مون ڪافي وقت اوهان جو سيڙايو. ظاهر آهي ته اوهان مان گهڻا صاحب( ۽ منهنجا پڙهندڙ به) رني ڪوٽ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت هتي ڪي ڪجهه مون وٽان پڙهڻ چاهيندا هوندا، سو مٿينءَ تعارفي تحرير بعد، قلعي بابت، پنهنجي اڌوگابري ڄاڻ ۽ ذاتي وزن جو لب لباب، اجهو راوي هِن طرح ٿو لکي ظاهر ڪري.... +اڌياءُ: ٽيون +عجوبو.....! +رني ڪوٽ جو قلعو ڇا آهي يارو!...... عجوبو آهي عجوبو!.... ڄڻ 32 ڪلوميٽرن ۾، گولائيءَ ۾ پکڙيل پهاڙ، ديوارن جي ڀاڪر جي مضبوط گرفت ۾ جڪڙيا بيٺا آهن. مون کي ته ڏسندي ئي ڏندين آگريون اچي ويون.... يا منهنجا مولا! هن برپٽ بيابان ۾ هيءُ برڙ باڪاس جيڏو قلعو آخر ٺهرايو الائجي ته ڪنهن آهي ۽ الائجي ته ڪهڙي دور ۾؟ عجوبا ڪهڙا ۽ ڪيئن هوندا آهن، ۽ جي ڪنهن بني بشر کي ڪنهن عجوبي جو ڪو تصور ذهن ۾ ڪونهي، ته اُهو مهرباني ڪري رني ڪوٽ جي قلعي کي وڃي اکين سان ملاحظه ڪري. +سنڌ جي ٻين هنڌن کان اِهو ڪيتري ڪيتري مفاصلي تي واقع آهي، آءٌ نٿو ڄاڻان، حيدرآباد شهر کان البته اِهو 56 ميلن(93 ڪلوميٽر) جي فاصلي تي واقع آهي. وڃڻ لاءِ رستو اِهو ئي انڊس هاءِ وي ۽ اُن کان پوءِ جڏهن اُن رستي تي سن جو سنگ ميل نظر ايندو، ته حيدرآباد کان ويندي کاٻي هت تي، اولهه ۾ لڙي پئبو، لنڪ روڊ تي ۽ قلعي ڏانهن ويندي ان سنهڙي پر سگهڻي رستي تي 30-35 کن ڪلوميٽر هلبو ته قلعي تائين پهچڻ کان پهرين ڪوٽڙي – لاڙڪاڻي ريلوي لائين جي انيٽيڪ نما ڦاٽڪ کي پهرين ڪراس ڪبو آهي. +ڦاٽل لڳ سگنل وارو هڪ کنڀو آهي ۽ کنڀي سان سلهاڙيل ڊگهي ڊگهي ڏاڪڻ..... اُهو ڏيک ڄڻ ڪنهن ڪلاسڪ انگريزي فلم ۾ ڏٺل ڪنهن پرڪشش منظر وانگر لڳو هئم. رني ڪوٽ ڏانهن ويندڙ اِهو لنڪ روڊ توڻي جو صاف سٿرو آهي، پر هو سوڙهو! هي رستو ويڪرو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪڏهن اُهو ٿيندو، ته اُن جي لاءِ ٻڌايو پئي ويو ته رٿا اُن لاءِ منظور ٿيل آهي ۽ دير سوير، ويڪرو اُهو هڪ ڏينهن ٿي ئي ويندو. (جو تڪڙ ئي ڪهڙي آهي!) کيرٿر جبل جي ويران سلسلي مٿان اڏيل هن قلعي( رني ڪوٽ) ڏانهن وڃڻ لاءِ اِهو به بهرحال لازمي آهي ته موٽر گاڏي اوهان جي ”فور ويل“ ئي هجڻ گهرجي، جو اُن کان سواءِ اُن طرف ڏانهن سفر ڪري ئي نٿو سگهجي. ۽ اسان جو هڪ کان هڪ فور ويل گاڏين جو اِهو قافلو ڪول تار واري رستي ختم ٿي وڃڻ بعد لڳم ته ڪنهن کڙ ٻڙ هنڌان پيو اڳتي وڌي. پتو پيو ته اِهو نئن موهن جو پيٽ آهي ۽ قلعي اندران وهي ايندڙ اُن جو برساتي پاڻي سن وٽان وهندڙ سنڌو درياهه ڏانهن جنهن هنڌان ڪاهيندو ويندو آهي ته رستي ۾ اُن جي نالي سڏبو آهي: نئن سن. ٻڌايو پئي ويو ته قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار دروازا آهن: جنهن دروازي جو رُخ آمري ڏانهن آهي، اُهو سڏبو آهي آمري وارو دروازو: جنهن دروازي جو منهن سن شهر ڏانهن آهي اُهو سڏجي سن وارو دروازو: ٽئين دروازي کي چون شاهه پير وارو دروازو ۽ چوٿون سڏجي موهن ڪوٽ وارو دروازو. +ڏٺم ته اسان جي ڪار- ڪاروان جو رخ ’نئن موهن‘ جي پٿرائين پيٽ تان هلندو رني ڪوٽ قلعي جي جنهن دروازي طرف گامزن هو اُهو ئي قلعي جو مکيه دروازو به هو، جتي گائيڊ نالي صادق گبول ٻانهون ڊگهيري مهمانن جي خوش مرحبا لاءِ ڄڻ بي چينيءَ سان منتظر بيٺو هو. +وڪڙ ۾ قلعي جي اُن مکيه دروازي وٽ خوش مرحبا جو اِهو سلسلو اڃان جاري ئي هو جو ڇا ڏسان ته جرمن خواتين، هز ايڪسيلينسي جرمن ائمبيسڊر ۽ ٻيو ڊنبلو، قلعي جي ڏيڍيءَ ۾، ڪوٽ جي ديوار ۾ ٺهيل جاري جي آرچ مٿان پٿر تي اُڪريل ڪنهن نقش ۾ اکيون کُپايو بيٺو آهي ۽ اُن کي پيو گهوري گهوري ملاحظه ڪري! +يا خدا!..... اِها شيءِ آهي ڪهڙي، جنهن کي ڏسڻ ۾ هي سڀ مُنهمڪ ٿي ويا آهن! ويجهو پهچي جان کڻي جو ڏسان ته اُهو سورج مکيءَ جي گل جو نقش هو. سورج مکيءَ جي گُل جو ديوار تي نقش ڏسي دل ۾ چوان ٿو ته اِهو پڪ سان ايراني آرٽ آهي... ۽ هجي نه هجي، اِهو گل زردشت ايراني سلطنت جو ئي قومي گل هوندو، بنهه ائين جيئن پاڪستان ۾ چنبيليءَ جي گل کي قومي گل جو درجو مليل آهي. +ظاهر آهي ته ايران جا زردشت باب ۽ سج جا پوڄاري هئا ۽ اُن حساب سان سورج مکيءَ جي گل جي علامت اُنهن ڏانهن ئي منسوب ڪري سگهجي ٿي ۽ اُن ناتي سان گهڙيءَ لاءِ تصور ڪريان ٿو ته هزارين ورهيه اڳ پڪ سان هي قلعو ايران جي ساساني بادشاهن ٺهرايو هوندو، +جيڪو پنهنجي ”هفت اقليم“ سلطنت جي فوجي تحفظ لاءِ سرحدن تي قلعا جوڙائيندا رهندا هئا.... پر هي اجگر جيڏو ۽ ڀڙڀانگ قلعو آخر هن بيابان ۾ ٺهرايو ڪنهن ۽ ڪڏهن هوندو؟ ۽ مون سوچيو ته آءٌ رڳو اِن خفي ۾ پئجي رهيس ته قلعي کي اينجواءِ ڪري نه سگهندس. قلعو ڪنهن به ٺهرايو!......اِهو پنهنجو ساسانين يا سٿين.... سارٿين يا پارٿين... يونيانين يا ايرانينن... يا پنهنجن مائٽ ٽالپر بادشاهن..... ڳالهه صاف آهي ته اُنهن مهامنترين مان جنهن به اِهو مضبوط قلعو ٺهرايو هوندو، ٺهرايو ئي اِن خيال سان هوندو ته سندس سر بخت جو خير هجي ۽بعد ۾ سندن سلطنت جو به! +سياحن جو اِهو اسان وارو ڊنبلو گائيڊ جي قيادت ۾ اڳيان وڌيو ته وري راهه ۾ ايندڙ هڪ ٻي ديوار جي آڏو ڳاهٽ ٿي بيهي رهيو. هاڻي جو اُتي پهچي ڏسان ته هن دفعي سڀ معزز مهمان اُن ديوار تي هندي يا مصري رسم الخط جهڙي هڪ نشان (جُتي، گهيتلي يا فوجي بوٽ نما) تي بيٺا بحث مباحثا ڪن. +قلعي جي ويڪري (موڪري) ديوار تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ تي پير ڌرياسين ته صادق گبول ٻڌائيندو هليو...”صاحبو! رني ڪوٽ قلعي اندر چوطرفن ۾ چار قلعا ٻيا به آهن”شير ڳڙهه“ ”موهن ڪوٽ“ آمري ڪوٽ“ ۽ ”شاهه پير ڪوٽ“. هي پنهنجو رني ڪوٽ اٽڪل ارڙهن چورس ميل ايراضيءَ تي ڦهليل آهي ۽ اُن جي شڪل مستطيل نما آهي. مُهڙ ۾ ”نئن موهن“ اٿس، ۽ جيڪا نئن قلعي مان اندران پئي اچي اُها سڏجي ”نئن رن“ ۽ قلعي کان ٻاهر، سنڌو درياهه ڏانهن جتان لنگهي، اُتان سڏجي ”سن واري نئن.“ +۽ هن قلعي کي جهان ۾ نئين سر نروار ڪرڻ ۾ صادق گبول ٻڌائڻ شروع ٿو ڪري...”سنواري سائينءَ، جي ايم سيد صاحب جو ئي وڏو هٿ آهي.“ رني ڪوٽ قلعي جي ديوار تي بيٺي مون چئوطرف گاهه ڦيرائي ته رني ڪوٽ جو قلعو مون کي عظيم محب سنڌ سائين جي ايم سيد جي شخصيت وانگر ئي اڏول نظر آيو. رني ڪوٽ قلعي جي اندر مکيه دروازي جي ساڄي هٿ تي ”ميري ڪوٽ“ اڳيان، ٻهراڙين ۾ ٺهيل اوطاق نما جڳهه لاءِ ٻڌايو ويو ته اِن جو اِتي جوڙائيندڙ به سائين جي ايم سيد ئي آهي. جنهن ٻاهران ايندڙ معزز سياح مهمانن لاءِ اِهو ريسٽ هائوس تڏهن جوڙايو هو، جنهن وقت پاڻ 1940ع ڌاري سنڌ جي تعليم جا وزير هئا. +توڻي جو سنڌي مرثين جي محترم شاعر هزهائينس جنت مڪاني مير حسن علي خان ٽالپر(مدفن ڪربلا مولي!) هن قلعي کي پنهنجن وڏن ٽالپر بادشاهن جو يادگار سڏيو آهي ۽ سندن خانوادي جي درٻاري شاعر، مير غلام علي مائل پنهنجي هڪ فارسي قصيدي (مثنوي ۾ اُن جو نالو ”علي آباد“ ڪري ڄاڻايو آهي ۽ اُن کان بعد ۾ 1886ع ڌاري جڏهن اي ڊبليو هيوز”سنڌ گزيٽيئر“ پئي ترتيب ڏنو، تڏهن اُن صاحب به رني ڪوٽ جي ذڪر خير طور لکيو آهي ته اِن قلعي جي تعمير تي ٻارهن لکن جي ڪثير رقم خرچ ٿي آهي، اِن کان علاوه اِهو به چيو پئي ويو ته باوجود اِن جي جو هي قلعو ٻه اڍائي هزار ورهيه قديم آهي، اُن جو تذڪرو ڪٿي به، ڪنهن ويد، پراڻ، اُپشند يا قديم اتهاس ۾ ڪونه ٿو ملي. +اِهو ته خدا ڀلو ڪري نامياري محقق ليٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد جو، جنهن راشدي صاحب سان علم دوستي ۽ سنڌ جي تاريخ سان دلچسپيءَ جي پس منظر ۾ 1965ع ڌاري پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويي، ايم ايڇ پنهور ۽ غلام رباني آگري کي ساڻ ڪري، اچي سن ۾ سائين جي ايم سيد جو مهمان ٿيو ۽ رني ڪوٽ جي ڪنڊ ڪنڊ کي وڃي گهميو، اُتان موٽي پهريون دفعو قلعي بابت تحقيقي مقالو لکي ڇپرايائين ۽ مقالي جو نالو رکيائين:”رني ڪوٽ – دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو.“ 1967ع ڌاري ڪرنل رشيد صاحب جو اِهو مقالو ڇا شايع ٿيو، آرڪايالاجيءَ جي دنيا ۾ هن قديم قلعي بابت چئوپچو باقاعده شروع ٿي ويئي ۽ اُن مقالي کان متاثر ٿي آگري صاحب، ڊاڪٽر الانا صاحب، تاج صحرائي صاحب، حميد سنڌي صاحب ۽ ٻين علمي حلقن، اُن وقت جي حيدرآباد جي ادب پرور ڪمشنر محترم عبدالله جي ميمڻ جي تعاون سان 26 مارچ 1981ع ڌاري رني ڪوٽ قلعي اندر خود قلعي بابت هڪ عاليشان علمي سيمينار جو سانباهو ڪيو.... گويا جهنگل ۾ منگل برپا ٿي ويو. روشنين جي بهار ٿي ويئي. تنبو طولان کڙا ڪيا ويا. ڇا مئورخ ۽ ڇا محقق، هڪ کان هڪ عالم ۽ آرڪيالاجسٽ، اُتي پنهنجن مقالن سميت پهچي ويا. خوب خوب تقريرون ڪيائون. بحث ڇيڙيائون. طعام نوش ڪيائون ۽ بعد ۾ اِن جي، سيمينار ۾ پڙهيل اُهي سڀ مقالا يڪجا ڪري، 1984ع ڌاري محترم دوست نفيس احمد شيخ شاندار انداز ۾ ايڊٽ ڪري ٽماهي مهراڻ جو رني ڪوٽ نمبر شايع ڪري اُن کي تاريخي دستاويز بنائي ڇڏيو. +۽ قلعي بابت..... قلعي جي اِن بئڪ گرائوند کي اُتي ديوار مٿان هلڻ جي دوران ذهن ۾ روائينڊ ۽ فارورڊ ڪرڻ واري خفي ۾ ئي پئي هليس، ته اچانڪ عزيزم ناشاد صاحب مهرباني ڪري، دوربين ڏيندي چيو:”ٿورو اکين تي رکي... اِن مان قلعي جي آسپاس جو جائزو ته وٺو.... ڏاڍولطف ايندو!....“ +... ۽ بس دوربين جو اکين تي رکي دور تائين پکڙيل قلعي جي ديوار جو جائزو ورتم ته دنگ رهجي ويس! +”ايلي ڙي..... يا حُسين....!“ +هي پنهنجي رني ڪوٽ قلعي جي ديوار هئي ، جا نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي، الائي ڪيڏانهن جوڪيڏانهن اوچن پهاڙن ۾ گم ٿيندي پئي ويئي.... دوربين مان چوطرف نظر ڦيرائيندي، جان کڻي ڏسان ته ڪٿي ڪٿي ماچيس جي کوکي جيترين ڪکائين جهوپڙين ۽ ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن تي نظر ٿي وڃي پويم. +”اُنهن ڳوٺڙن ۾ ڀلا ڪير پيو رهي؟“ صادق گبول کان پڇا ٿو ڪريان. +وراڻيائين:”سرڪار... اِهي کوسن، گائنچن، ۽ گبولن جا ڳوٺڙا آهن.... ۽ ڪڏهن جي ڪي اُڙيا ٿُڙيا سياح يا ڪي آرڪيالاجسٽ هيڏانهن ايندا آهن، ته اُتان جا واسي اُنهن جا گائيڊ بنجي پوندا آهن.“ +منهنجون اکيون اڃان اُن دوربين تي ئي هيو، جو ڏٺم ته اکين جي سامهون ڪو گهر آهي، جنهن جي اڱڻ ۾ ڪا عورت آهي، جا هٿ ۾ موجود ڪنهن گاهه جي مُچي سان ٿانوَ ويٺي مَلي. +”ڀلا صادق....! هي قلعي اندر گهر ڪنهن جو ۽ هِن ادڙيءَ جي هٿ ۾ اِهو گاهه الائي ته ڪهڙو آهي، جنهن سان ٿانوَ ويٺي ٿي مَلي؟“ +ٺهه پهه چيائين: سرڪار!....اِهو گهر پنهنجو ئي ته آهي، ۽ اُها مُئي جا هٿ ۾ جهلي اٿس، اِها کپ جي گاهه جي آهي ۽ هِتي عورتون اِن سان ئي ٿانوَ ٿپا ملينديون ۽ اُنهن کي اُجارينديون آهن.“ + + +صادق گبول کان اِها اوک ڊوک پئي ڪيم ته وچ ۾ ٻڌم... رباني صاحب جرمن ائبيسڊر کي ٻڌايو پئي ته ”رني ڪوٽ جي هن ديوار جو منظر چين واري عظيم ’ديوار چين‘جهڙو آهي۽ پري کان ڏسڻ ۾ ٻنهي ۾ ڪو فرق نظر ئي ڪونه ٿو اچي.“ +”ڪيڙو ڪيڙو“....! +”ڪيڙو ڪيڙو“....! +... ۽ اوچتو ڪٿان دور کان ٻُرندڙ تتر جهڙي اِن آواز تي اوچتو منهنجا ڪن کڙا ٿا ٿي وڃن. +”اڙي هان.... هي ڇا!“ +”سرڪار! ... اِهو اَپڙي تتر جو آواز آهي.“ صادق گبول آگاهه ٿو ڪريم. +”۽ هتي رني ڪوٽ جي آسپاس اِهو پکي جام ٿيندو آهي.“ (۽ ڀرسان بيٺل هڪڙو همسفر دوست کلي ڪن ۾ چويم ٿو”..!”آهو گائيڊ اٿئي جل ڦٽاڪو.... سندس ڳالهين تي اعتبار مڙئي گهٽ ڪجئي...“) +۽ صادق گبول جيڪو سخت ڳالهير، سنهڙو سيپڪڙو ۽ اَڌڙوٽ عمر جو هو، مون کي ريڊيو جو آفيسر ڄاڻائيندي ٻڌائيم ٿو ته“ سرڪار... اُهو جيڪو ريڊيو جو ڳوٺاڻن ڀائرن جي ڪچهريءَ وارو جهونو فتح خان آهي نه.،... سيد صالح محمد شاهه.. اُهو ۽ آءٌ ڏيپرن ۾ هڪڙي ئي استاد وڏل شاهه وٽ پٽي پڙهيا آهيون.... ۽ هتي اسين جيڪي گبول آهيون نه، اُهي ارغونن جي وقت کان وٺي هن ئي تَر ۽ پَٽ ۾ رهون وسون پيا. اسان جا وڏا ٺٽي تائين هن تر ۾ ڦرون ڪندا وتندا هئا ۽ اُن زماني جي هڪ ناياب ”سُرمي داڻي“ اسان وٽ اڃا سوڌو محفوظ به پئي آهي..... ۽ اِجهو هن قلعي ۾ سڪرا! هڪڙو اهڙو هنڌ به آهي، جتي سهڻُو چشمو هوندو هو ۽محمد بن قاسم جڏهن هن قلعي ۾ اچي لٿو هو ته حجاج بن يوسف کي هتان هڪڙي خط ۾ لکيو هئائين ته جنهن قلعي ۾ رهيو پيو آهيان، اُن ۾ هڪ اهڙي ڍنڍ آهي، جنهن جو ڏيک بنهه ڪنهن عاشق جي اک جهڙو آهي.“ +........۽ صادق گبول جي ٻڌايل ۽ محمد بن قاسم جي بيان ڪيل اُها ڍنڍ، رني ڪوٽ ۾ ڪڏهن واقعي هئي به يا الائي نه، البت دوربين مان رني ڪوٽ جي مهڙ واري مکيه دروازي واري برج تان هيٺاهين مٿانهين پهاڙين مٿان ٺهيل ورن وڪڙن ۾ جڙيل ديوارن کي ڏسندي لڳيم ٿو ته ڄڻ ڪا چنچل نار لوڏ ڀري هوڏ سان کيرٿر پهاڙن جون هيٺاهيون مٿانهيون چڙهندي لهندي ازل باد ڏانهن وڌندي پيئي وڃي. +هيٺ.... پري.... قلعي جي کڙ کٻڙ ميدان تي ٻڪرين جو هڪڙو ڌڻ سُڪل ڪک ڪانا چري رهيو هو. رباني صاحب حميد سنڌي صاحب ۽ +اعجاز قريشي صاحب پاڻ ۾ ڳالهائيندا ۽ چوندا پئي هليا ته”هتي قلعي ۾ ايوبيه“ وانگر.... هڪ پهاڙ کان ٻئي پهاڙ تائين ۽ شِير ڳڙهه کان مير ڪوٽ تائين چيئر لفٽ لڳائي، هيٺ قلعي جي ميدان ۾ گڊ، مور ۽ سَرهه آڻي، قلعي جي ديوارن ۾ نئن ۽ ٻيا کليل هنڌن کي ڪنڊيدار تارن سان بند ڪري.. ۽ هيٺاهين واري هنڌ جي چوطرف پهڻن سان پتر ڏيئي ڪا ڍنڍ ٺاهجي ته اُها پاڻهي ڏيهي پرڏيهي پکين لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي پوندي... اهڙي ماحول ۾ جڏهن سياح هتي ايندا ۽ چيئر لفٽ ۾ چڙهي مٿان کان هيٺ قلعي جو نظارو ڪندا ۽ گهمندا، ته جهنگلي جيوت پَسڻ جو کين مزو اچي ويندو.“ +رباني صاحب ۽اسان جا اِهي ٻيا مانائتا صاحب، ائمبيسيڊر کي جهرمٽ ۾ وٺيو هلندا ۽ اهڙيون ڳالهيون ٻولهيون ڪندا پئي هليا، جو هز ايڪسيلينسي ڪرسٽاف برومر صاحب، خوش دليءَ سان ساڻن سهمت ٿيندي پوري اُتساهه سان چيو...”ها واقعي!....جيڪڏهن هِن قلعي جي ترقي ۽ آرائش ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي، سياحن لاءِ هٽس ٺاهيا وڃن ۽ انهن لاءِ ٻين جوڳين سهوليتن جو انتظام ڪيو وڃي ته پڪ سان هيءَ قلعو سڄي دنيا جي سياحن جي لاءِ سياحت جو پرڪشش مقام ٿي سگهي ٿو.“ +۽ هيڏانهن صادق گبول کان وري شير ڳڙهه جي ذڪر سان گڏ اُتي موجود پاڻيءَ جي مٺي چشمي جو ٻڌي دل اوڏانهن هلڻ لاءِ اُڇلون ڏيڻ لڳي، چيم:” ناشاد صاحب... اوڏنهن ڇا هلي نٿو سگهجي؟“ +” هلي ڇو نٿو سگهجي...؟“ ناشاد صاحب هميشه وانگر خود اعتماديءَ سان دلجوئي ڪندي وراڻيم ٿو... ”ادا منهنجا... هلي ته بيشڪ سگهجي ٿو..... پر اڄوڪي سياحت شيڊول ئي ايتري ٿيل آهي ته رني ڪوٽ جي مهڙ واري حصي جو ديدار ڪجي ... ۽ اُن کان پوءِ ڏينهڪ ئي هلي سيوهڻ شريف جي زيارت ڪجي. اُتي پاڻ وارو ”پيارو“ ڪهاڻيڪار دوست محمد انور بلوچ(ڊي ايف او) مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ منتظر هوندو، جو هز ايڪسيلينسي ۽ مهمان جي اعزاز ۾ سيوهن واري قلعي جي ريسٽ هائوس ۾ لذيذ لنچ جو انتظام محترم شمس الحق ميمڻ، سيڪريٽري فاريسٽ طرفان ٿيل آهي... ۽ وري پرڏيهي مهمانن کي سُجهندي ئي، واپس ڪراچي موٽي به وڃڻو آهي.“ +ناشاد صاحب يڪ ساهي ڳالهائيندو، مون کي گوش گذار ڪندو پئي هليو، ته وچ ۾ اوچتو صادق گبول ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنو:. +”سرڪار.... رني ڪوٽ اندر هي جيڪي ٻه قلعا آهن نه، ’ميري ڪوٽ‘ ۽ ’شير ڳڙهه‘، اِهي رهائشي قلعا هئا. توهان جو وڏو شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ به اِتي آيو ۽ سير ڪري اُتي پاڻ پنهنجو نالو به ڪنهن پهڻ تي ڪندهه ڪري ويا آهن. سن وارو سائين جي ايم سيد صاحب ته اوڏانهن ڪيئي دفعا ويو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو. ايم ايڇ پنهور.... ۽ ڪهڙا نالا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايانوَ، جيڪي شير ڳڙهه ۾ باقاعده پير گهمائي ۽ رهي به ويا آهن.“ +”ڀلا سياحن جو ڪو وڏو ڊنبلو به...“ آءٌ صادق گبول کان پڇڻ ٿو لڳان....”هن برپٽ بيابان ۾ ڪڏهن آيو، يا اچي ڪڏهن هتي رات رهيو؟“ +”ها، سرڪار!... “ صادق پوري اتساهه سان آگاهه ڪرڻ ٿو شروع ڪري. +”1984ع ڌاري چيني سياحن جو هڪڙو وڏو جٿو اچي هِتي لٿو هو، پاڻ سان تنبو طولان...کاڌو پيتو... پاڻي ڇاڻي... سڀ ساڻ هئن... وٽن زمين ماپڻ ۽ پٿر جانچڻ جا ڪي اوزار به گڏ هئا. ۽ قلعي جي ديوار ۽ بُرجن تي چڙهي لهي... فوٽا ڪڍي... وتيا پئي ڪا تحقيق ڪندا.“ +”سرڪار ... اُهي چيني آرڪيالاجسٽ...“ صادق گبول پُراسرار اندا ۾ ٻڌائي ٿو... ”يارنهن ڏينهن قلعي جي هن بيابان ۾ رهيا پيا هئا ۽ يقين ڪريو ته کاڌائون گهٽ ۽ جانچ جونچ واري تحقيقي ڪم وڌيڪ دلچسپيءَ سان پئي ڪيائون.“ +”ڀلا جي ڪو اُڙيو ٿڙيو ذوقين سياح هتي سياحت لاءِ اچڻ چاهي ته اُن لاءِ ڪو سِڪيورٽي وغيره جو انتظام آهي هِتي؟“ آئون صادق گبول کان پڇان ٿو. +”نڪو صاحب...!“ صادق وراڻي ٿو. +”هيڏانهن جنهن کي به اچڻ جو شوق هجي، اُهو پنهنجي رِسڪ تي پاڻ اچي، جو قلعي اندر پوليس چوڪي وغيره جهڙي ڪنهن به شئي جو انتظام آهي ئي ڪونه!“ +” ها... چون ٿا ته ٽالپر حاڪمن جي دور ۾ برابر ته قلعي جي ديوارن تي اِهي جيڪي مستطيل نما برج هنڌ هنڌ تي کڙا بيٺا آهن، اُنهن ۾ بندوق بردار سپاهي چوڪيءَ لاءِ چاڙهي ويهاريا ويندا هئا، پر هاڻ...؟ اِج��و ڏسو پيا نه، ته هاڻي پوري رني ڪوٽ ۾ چئوطرف رڳو الله ئي الله آهي ۽ ٻيو مڙئي ٿيو خير.“ +”ڀلا هوءَ سامهون قلعي جي ميدان ۾ ساوڪ ۽ جيڪا پوک پيئي نظر اچي، اُها ڇا ۽ ڪنهن جي...؟“ ۽آءٌ صادق گبول کان اِها پُڇ پُڇ ڇڏيان ئي ڪونه ٿو. +چيائين،” اِها پوک اسان گبولن جي آهي، جن جا قلعي اندر يارهن ٻارهن گهر آهن، پاڻي اِجهو نئن موهن ۽ نئن سن مان هٿ ٿا ڪريون...“ ۽ هٿ جي اشاري ان اُن پوک ڏانهن منهن ڪندي ٻڌائي ٿو،”سرڪار.... اِها جيڪا پوک ڏسو پيا نه... ته اِها بصر جي اَٿوَ... ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اِن وکر جي پوک ايتري ته گهڻي ٿيندي آهي، جو ٽيهه پنجٽيهه ٽرڪن جيترو بصر به نڪري ايندو آهي.“ +”ڀلا اندر قلعي تائين سواري ڪهڙي آڻي سگهجي ٿي؟“ +”سامان سڙو آڻڻ نيئڻ لاءِ...“ صادق گبول ٻڌائڻ شروع ٿو ڪري...”اوت به استعمال ڪريون... ته گڏهه به!.... سامان گهڻو آهي، ته ڊاٽسن به اندر قلعي ۾ ڪاهي ايندا آهيون.“ +”ڀلا رني ڪوٽ جي مکيه دروازي اڳيان جيڪا ’نئن موهن‘ لنگهي پيئي، اُن ۾ پاڻي ڪڏهن ڪو ڏٺو اوهان؟“ +”اڙي سائين... پاڻيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو،“ صادق اُتساهه سان ٻڌائڻ شروع ٿو ڪري....”مون سرڪار.. ان نئن ۾ پنهنجي اکين سان ڪيئي ورهيه ٻوڙان ٻوڙ پاڻي ڏٺو آهي.. ۽ مون کي زادگيرو آهي ته... تڏهن جهنگلي جيوت وارن جو لڏو اچي هتي لٿو هو. اُنهن جي ڪوت لاءِ چانورن، اَٽي، کنڊ ۽ گيهه وغيره جي ٻُورين سان ڀريل ڊاٽسن کين ئي زون ڪري تارئون تار پاڻي مان نڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي جو پريان جبل مان نئن جي پاڻيءَ اهڙي ته کڻي اڇل ڏنس جو ڊاٽس وچ نئن ۾ ڪلٽي ٿي پيئي... ۽ پاڻيءَ جو ريلو اُهو پنهنجو سڀ ڪجهه کڻيو ويو...“ +”ڀلا ڊرائيور!”..... مان اُتاولائي مان صادق کان پُڇان ٿو. +”سرڪار... ڊرائيور ڏاڍي ڏکيائي سان تري ساهه بچايو.... نه ته ويو ته اُهو به لڙهي هو...“ +چيم... ”صادق! اوهان جو ٻڌايو ته اِتي قلعي ۾ گبولن جا يارهن ٻارهن گهر آهن، ته اِتي جي ڪا موتي فوتي ٿئي ته .. تدفين وغيره لاءِ ڪيڏانهن وڃو؟“ +”سرڪار.. قبرستان اِتي ئي آهي، اسان جو... رني ڪوٽ قلعي ۾.. اِن ۾ ئي اسين پنهنجن مُردن کي دفنائيندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ڪا قبر کوٽيندي اُن قديم قبرستان مان اڳوڻي زماني جي ڪا قبر کُلي پوندي آهي ته ڏاڍا حيران ٿي ويندا آهيون.“ +”ڇو؟“ مان حيرت مان کانئس پڇڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان. +”سرڪار... قبر جي اُها زائفان جي هوندي آهي ته، اُن مان هڏن سان گڏ ڳهه ڳٽا به نڪري ايندا آهن ۽ اُهي ڏاڍا عجب جهڙا هوندا آهن.“ +”چڱو ڀلا ، ڪا ٻي حيرت جهڙي ڳالهه به ٿي وڃي...“ صادق گبول جي سحر انگيز گفتگوءَ کي اينجواءِ ڪندي آءٌ کيس وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ وينتي ٿو ڪريان. +”ها سرڪار!... ٻُڌو...“ صادق پوري اُتساهه سان منهنجي سادگيءَ مان لطف وٺندي ٻڌائڻ ٿو لڳي....... +”رني ڪوٽ قلعي اندر... پهاڙن ۾... ڪٿي ڪٿي ڪي غار ايڏا ته اُونها آهن، جواُنهن ۾ جي اُٺ يا هاٿي ڪري پون، ته صاحب... پتو ئي ڪونه پوندو ته اُها هيبت جهڙي مخلوق ويئي الائجي ته ڪيڏانهن گم ٿي!“ +اڌياءُ: چوٿون +لال مير پَت....! +.... ۽ صادق گبول کان اِنهيءَ ۽ اهڙي معصوميت ڀري منهنجي پُڇ پُڇ ۽ رني ڪوٽ جي مهڙ واري حصي، موهن دروازي ۽ ميري ڪوٽ جي دروديوار جي آسپاس اسان جي اِن ياترا جو اِهو سلسلو اڃا جاري ئي هو جو مختصر سفر جي آخري منزل سيوهڻ شريف ڏانهن هلڻ جي تياري شروع ٿي ويئي. +.... ۽ پهاڙن ڏانهن مُنهن ڪري سياحن جو اِهو ڪار-ڪاروان سيوهڻ شريف ڏانهن جيئن ئي وڌڻ لڳو ته ڪهڙا ڪهڙا نه تاريخي ماڳ مڪان اکين جي اڳيان ۽ ڀرسان تيزيءَ سان گذرڻ ��روع ٿي ويا... آمري... لڪي شاهه صدر.... ۽ ۽ بس، اِجهو ڪلاڪ کن ۾ سيوهڻ شريف جي حدن سرحدن ۾ داخل ٿي وياسين. +سبحان الله!... لعل سائينءَ جي سونهري گنبذ جي جهلڪ پهرينءَ جي چنڊ وانگر پري کان جيئن ئي نظر اچيم ٿي، پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ ۽ وجود جي انگ انگ مان آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچيم: +لعل ميري پَت رکيو ڀلا، جهُولي لعلڻ. +سنڌڙي دا....سيوهڻ دا.....شهباز قلندر! +ڏٺم،اڙل واهه جي ڪڙ ڏيئي اسان جي گاڏين جو قافلو ’چرٻٽ راجا‘ واري اونڌي قلعي مٿان ٺهيل ريسٽ هائوس ڏانهن وڌندو پئي ويو. اڙل واهه!... ريسٽ هائوس جي پورچ ۾ معزز مهمان جون گاڏيون اچي بيٺيون مس ته دلنواز ۽ وضعدار پوليس ڪمانيءَ سردار اڪبر ڀنگوار صاحب اڳيان وڌي اچي هز ايڪسيلينسي ۽ ٻين مانائتن مهمان سان ملندو ۽ کين خوش مرحبا ڪرڻ ٿو لڳي. معزز مهمان اُتان اڳيان وڌي، ريسٽ هائوس جي ڊرائنگ هال ۾ هلي ويٺا، ته ڪماني اڪبر ڀنگوار صاحب، مسٽر ايمبريئسڊر، مسز ائمبريسڊر ۽ مئڊم قانصليت جنرل کي سنڌي ثقافت جي شانائتي سوکڙي اجرڪون ٿو اوڍائي ۽ هز ايڪسيلنسيءَ کي ته هن مٿي ۾ سنڌي ٽوپي به پارائي ڇڏي. +۽ ائين ڪندي فريش جس... سافٽ ڊرنڪس... ۽ ٿڌن پاڻين جا گلاس اچي ويا. مهمانن جي اهڙي شانائتي تواضع ۾ ڏٺم ته اسان جو اديب دوست محمد انور بلوچ پوري طرح سان پيش پيش پئي نظر آيو، جنهن لاءِ حميد صاحب جي نگراني سون تي سهاڳ مثل هئي. +مهمانن هٿ مُنهن ڌوئڻ واري مشغولي مان واندا ٿيا، ته ’دبنگ لنچَ‘ ٽئبل تي لڳي چڪي هئي. مڇيءَ جو ٻوڙ..... سنيل بهه... روسٽ رانون... مڇيءَ جا ڪوفتا... ساڳُ... پَلي... ڪباب... قيمي جو ٻُوڙ.. چانورن ۽ ٻاجهري جون مانيون... آڇار ۽ چٽڻيون... مُربا ۽ سلاد.. ڌونئرا ۽ پُلاءُ!... ۽ مهمان عاليشان ڊليشز... ڊليشز ۽ گُڊ...گُڊ چوندا، لذيذ لئوش لنچ مان مستفيض ٿي، هٿ ڌوئي موٽي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺا ته طرحين طرحين جا سُويٽ، ڪسٽرڊ ۽ پُڊنگون، جيليبيون ۽ کيرڻيون، مٺايون ۽ ميوا –نوش جان لا منتظر هئا. +... ۽ اِجهو مسز ائمبريسڊر ميوات مان چاڪليٽي چيڪو ڇلي کڻي پنهنجي پوپلي مُک ۾ ڇا رکيو، حيرت مان انگريزيءَ ۾ چيائين:”ڪيڏو نه لذيذ آهي هي ميوو. پر نالو الائجي ته ڪهڙو آهي هن فروٽ جو؟“ جواب ڏيڻ جي لاءِ ڀانيان ٿو ته سڀني جي وات مان لفظ نڪتو هو”چيڪو!... چيڪو!“ +”چيڪو؟“ +”واٽ چيڪو...؟“ +۽ مسز ائمبريسڊر پوپلي وات ۾ هڪ مزيد چيڪو وجهندي دلچسپيءَ سان اُن مان لطف اندوز ٿيندي ۽ پڇندي ٿي رهي، ته اِهو چيڪو آخر آهي ڇا؟ افسوس، چيڪو جو ڪوبه اطمينان بخش ٻيو نالو اسان مان کيس ڪوبه ٻڌائي ئي ڪونه ٿو سگهي. +سُويٽ مان لطف اندوز ٿي ڊرائنگ روم مان اُتي، مهمان سرڪٽ هائوس جي اويوان ۾ اچي، اوچي ميدان ۾ موجود چبوتري تي چڙهي، چوطرف نگاهون ڦيرائي، سيوهڻ شريف جي منظرن جو نظارو ڪرڻ ۾ مصروف ٿا ٿيو وڃن. عزيزم ناشاد صاحب، اِن ئي موقعي تي معزز مهمان سان منهنجي هڪ يادگار تصوير، پنهنجي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪري ٿو وٺي، جو سفر ۾ دوربين ۽ ڪئميرا کڻڻ سندس مکيه يادگيري هوندي آهي. +قلعي جي ملبي تي ٺهيل انهيءَ سرڪٽ هائوس جي ايوان مان، اوچائيءَ تان چئوطرف نگاهون ڦيرايان ٿو ته دور دور سنڌو درياهه جي ڌاڳي نما ڌار... لال سائينءَ جي مزار مبارڪ جو اُس ۾ تجلا ڏيندڙ سونهري گنبذ.. سندن درگاهه جي دروازي وٽ موجود اوچي انگاس جو ڪلس... ڀانيان ٿو ته خواب جهڙي ڪائي ڪيفيت طاري هئي مون تي، جو ڇا ڏسان ته ... معزز مهمان ۽ اسين ٻيا سڀ درگاهه جي سوني دروازي واري پاسي کان گاڏين مان اچي لٿا آهيون. ڊي ايس پي جناب نور علي مري مهمانن کي خوش مرحبا چئي اندر مزار مبارڪ ڏانهن رهنمائي ڪندو وٺي ٿو هلي. ٻُڌم.. سيوهڻ جي ساده صفت زائرين، سنڌي ڳوٺاڻن ۽ زائفائن، سرگوشيءَ ۾ هڪ ٻئي کي ٻڌايو پئي.. ”آئي... ڪنهن مغربي ملڪ جو وزيراعظم آيو آهي زيارت لاءِ.. آئي، وزيرياڻيون به گڏ اٿس.. منڊمون!“ +مقبره مبارڪ ۾ اندر پهتاسين ته اوقاف کاتي جو ڪو عملدار وڌي هز ايڪسيلينسي ۽ معزز خواتين جي خدمت ۾ مزار مبارڪ تان لٿل پَڙ، تبرڪن هڪ هڪ مهمان جي ڳلي ۾ پارائيندو ٿو وڃي. ڏٺم... پَڙن جي ان تبرڪ کي عقيدت سان ڳلي ۾ پائي جرمن خواتين پکين وانگر گد گد پئي ٿيون. درگاهه ۾ موجود ٻارڙا، مرد ۽ خواتين اُنهن پرڏيهي مهمانن کي نظر ڀري ڏسڻ لاءِ، هر طرف کان ڄڻ مڙندا پئي آِيا! +درگاهه جي وڏي ايوان ۽ مکيه دروازي ۽ دروازي جي ڀڪ ۾ نوبت جي لاءِ رکيل نغارن تائين پهچندي پهچندي، لڳو ته نغارن تي ڌمال جي وڄت شروع ٿي ويئي آهي، ۽ فضا ڄڻ ”مي رقصم ... مي رقصم... جي آواز سان ڀرجندي پئي وڃي، اوچتو اهڙي ڪيفيت ۾ بي اختيار منهنجي چپن مان ڪنهن جهرڻي مثل ڦٽي هي صدا بلند ٿي ٿئي! +جَهن جَنن، تيري نوبت باجي! +نال وڄي گهڙيال ڀلا، جهولي لعلڻ... +سنڌڙي دا، سيوهڻ دا، شهباز قلندر..! +اڌياءُ: پنجون +ائمبيسڊر جو خط +..... ۽ 3- مارچ 2003ع تي ٿيل ان ”رني ڪوٽ ياتۡرا“ جي ٿورن ڏينهن بعد جڏهن رباني صاحب سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿي ته ڳالهين دوران رني ڪوٽ جي سياحت جو ذڪر به نڪري پيو. چيائون:”ائمبريسڊر صاحب اِن ڏس ۾ شڪريي جو خط به لکي اماڻيون آهي.“ خط ڏسڻ جي خواهش ڪيم ته ٽئبل دراز مان ڪڍي مون ڏانهن وڏائي ڇڏيائون. کولي ڏٺم ته سرنامي تي خط جي ورانگي جي تاريخ 11- مارچ لکيل هئي، خط انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ اُن جو مضمون اِجهو هن ريت پئي شروع ٿيو: +اڌياءُ: ڇهون +معذرت نامو +معزز قارئين ڪرام... رني ڪوٽ ۽ سيوهڻ شريف ۾ گهاريل ڪجهه ڪلاڪن جي دوران ۾ ڪيل سياحت بابت منهنجي لکيل هن ڪچي پِڪي ۽ اڌوگابري رپورتاز کي، نالي ڌڻيءَ جي... قطعي به ”سفرنامو“ نه سمجهجو ۽ جيڪڏهن ڪو هن تحرير کي، اِن اُميد سان پڙهي ٿو ته اُن لاءِ هو پاڻ ذميوار هوندو، آءٌ نه!... علاوه ازين، آگاهه رهجي ته رني ڪوٽ جهڙي جناتي قلعي ۾ محض ٻن ٽن ڪلاڪن جي قيام بعد، مون جهڙو ڪو ناچيز ليکڪ ڪجهه لکڻ چاهي ته بس ههڙوئي ڪجهه لکي سگهي ٿو... ۽ ڀلا آءُ شئي ئي ڪهڙي؟.....محض هڪڙو هالو چالو قلمڪار.... جنهن جي اوقات سُٽ ڪتڻ واري ڪاتار.... ڪرسين واڻڻ واري ڪِرت ڪار.... ۽ پوئڻين پِڃڻ واري پڃار جيتري به ناهي، ۽ ايترو به آگاهه رهجي ته... هيءَ تحرير عزيزم ناشاد صاحب جي بار بار اصرار تي ۽ پنهنجي بي حد و حساب ريڊيائي مصروفيتن مان وقت ڪڍي ”الل ٽپ“ لکي ويئي آهي.. منهنجي گرامي قدر پڙهندڙن مان جي ڪنهن کي ان ۾ ڪا ڳالهه وڻي ٿي ته... سبحان الله... ۽ جي نٿي وڻي ته يا بسم الله!(فيبروري 2004ع) + + +ماهتاب محبوب +زندگيءَ جهڙو شخص – علي احمد بروهي +مون کي سال جي شروعات ۽ پڄاڻي کان سدائين ڊپ لڳندو آهي، ڇو جو بدقسمتي سان اسان جا ڪيترائي ويجها ۽ پيارا اُنهن ئي ڏينهن ۾ ساٿ ڇڏي ويندا آهن. بروهي صاحب، علامه قاسمي ۽ شمس سومري جو وڇوڙو سال جي پڄاڻيءَ جو هڪ انتهائي ڏکيو ڌڪ آهي، جنهن ڄڻ سڄي سنڌ ۽ سنڌي ادب کي در ۾ ڌوڏي ڇڏي آهي. +بروهي صاحب جو موڪليل آخري عيد ڪارڊ منهنجي ٽيبل تي اڃان به موجود آهي، پر ويساهه نٿو اچي ته اُهي لفظ جن مان ڪي ڏينهن اڳ تائين زندگيءَ جي مهڪ پئي آئي، سي اڄ ڄڻ موت جي ڪٽهڙي ۾ گم ٿي ويا آهن ۽ هو زندگيءَ سان ڀرپور شخص اسان ۾ ناهي رهيو... بهرحال، اِن حقيقت کان دوست ته دوست، پر دشمن به اِنڪاري نه ٿيندا ته سنڌ ۽ سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ هميشه پُر اُميد رهندڙ بروهي صاحب جهڙا حوصلي مند ماڻهو پنهنجي بيباڪ ڪردار جي حوالي سان زندگيءَ ۾ توڙي موت پڄاڻان به پنهنجي قوم جي لاءِ هڪ وڏو ڏڍ ۽ آسرو هوندا آهن. +هر انسان جي زندگي ۾ ڪامياب تجربا، ترقيون، ناڪاميون ۽ نادانيون گڏ گڏ هلندڙ آهن. ذهين کان ذهين انسانن جي زندگي ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا تجربا شامل ٿيو وڃن جو کن لاءِ ئي سهي کيس پنهنجو سمورو وجود ڪُن ۾ ڦيراٽيون پائي غرق ٿيندي محسوس ٿيندو. شيخ اياز جهڙي انتهائي ذهين ماڻهوءَ تي به اهڙيون ڪي مهلون آيون پر ڏک کي پرڀائڻ لاءِ اڪثر کلي چوندو هو”وري به پاڻ کي خوش قسمت ڀائيندس جو زندگي ۾ ئي خدا منافقن جو اصلي چهرو ڏيکاري ڇڏيو. جنهن کي پنهنجي ڪوتاهي سبب سڃاڻي نه سگهيو هئس. هاڻ گهٽ ۾ گهٽ هنن بابت ڪا خوش فهمي ته نه رهندي.“ +جيئن اياز پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ ”برسات جو ايڊيٽر ٿي ”دعائون“ لکڻ شروع ڪيون، تيئن ئي تنگ ذهن ماڻهن جا تير ۽ نشتر هن تي وسڻ لڳا هئا. پر هو مطمئن رهيو. ساڳئي ريت بروهي صاحب هڪ عرصي کان زندگيءَ جي طويل شاهراهه تي هلندي اوچتو هڪ اهڙي موڙ ڏي مُڙي ويو جنهن جي خبر هئڻ جي باوجود به ته کيس پٿر به لڳي سگهن ٿا، هو بي ڊپائي مان ان تي هلندو رهيو. هن عمر ۾ به هو انسان کي سندس اندر ٻاهر سوڌو پرکي سگهڻ جي همت رکندڙ هو. حالتن سان مقابلو ڪري هن زندگيءَ ۾ هر چئليجن کي خوشدليءَ سان قبول ڪيو. ”متحده“ ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان اهو فيصلو ڪيترن کي نه آئڙيو، پر اها به حقيقت آهي ته انسان جي سوچ زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي پاڻمرادو بدلجي سگهجي ٿي. بروهي صاحب پاران ”متحده“ ۾ شامل ٿيڻ وارو فيصلو يقينن ان حقيقت جي ترجماني ٿو ڪري ته هو سنڌ ۾ هلندڙ آئي ڏينهن جي جهيڙي جهٽي واري سياست ۽ ليڊر شپ کان بيزار هو. لاشڪ ته سياست ۾ پير پائڻ وارو فيصلو ان ڪري به ڪيو هوندائين ته جيئن هو سنڌ ۾ رهندڙ ٻنهي ڌرين (سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن) جي وچ ۾ پيدا ٿيل ويڇا دور ڪرائي سگهڻ واري ڪوشش ۾ شامل ٿي سگهي ۽ اهڙو قدم کڻي بروهي صاحب لاشڪ ته پنهنجو قومي ۽ اخلاقي فرض نباهيو. ان تي اگر ڪوئي اعتراض اُٿاري ٿو ته بيشڪ اُٿاري پر منهنجي خيال ۾ ان حقيقت کي هر ڪو مڃيندو ته بروهي صاحب سڄي زندگي هڪ ”باضمير فرد“ رهيو آهي، کيس پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي نه ڪوئي جرئت ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪير اهڙي دعويٰ ڪري ٿو سگهي. +علي احمد بروهي جي زندگيءَ جا جدا شيڊز آهن... تکا مٺا، تيز تز، پر سنڌ سندس شخصيت جي هر رنگ ۾ سمايل هئي. ادب، ثقافت، صحافت ۽ تاريخ جي حوالي سان سندس خدمتون ڪنهن کان به لڪل نه رهيون آهن، سندس لکڻي ۾ به اُهو ساڳيو ڪمال هو جيڪو سندس شخصيت مان پيو جهلڪندو هو. هو پنهنجي قلم سان ڪميٽيڊ هو، هڪ اهڙو سچو، کرو ۽ دلبهار شخص هو جنهن جي لفظن، ٻولي، منطق ۽ مزاح سان پڄڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي نه هئي، شايد اِهو ئي سبب هو جو سندس ڪمپني هڪ ئي وقت نوجوان توڙي بزرگن، هر ڪنهن لاءِ وڻندڙ هئي... ياد اٿم، ڪراچي وڃڻ تي جڏهن به بروهي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي ته وقت الائي ڪيئن منٽن ۾ پَر ڪري اُڏري ويندو هو. دل چوندي هئي ته کيس بس ٻڌندا وڃون... دانائيءَ جا گفتا، دل ڀڄائيندڙ واقعا، ٽهڪن جو سامان پيدا ڪندڙ يادگار ڳالهيون ۽ اهو ڪهڙو موضوع هو جنهن تي هو نه ڳالهائي سگهندو هجي؟ خدا کيس جنهن دانائيءَ سان نوازيو هو، هُن اُن جو قدر به ڪري ڏيکاريو. +فن خطابت به هڪ خدائي ڏات آهي. هڪڙا ماڻهو هوندا آه�� جن کي ڀانئجي ته دلچسپي ۽ چاهه مان پيو ٻُڌجي، ٻيا واري اهڙا ٿين جن پاران اسٽيج تي پير رکڻ شرط ٻڌندڙن کي اُٻاسيون شروع ٿيو وڃن، ته هر هر واچ ڏي به پئي نهار پوندي. بدقسمتيءَ سان اُهي ماڻهو ڏهه منٽ ڳالهائڻ به پنهنجي گهٽتائي سمجهندا آهن، پر ظلم ته اُنهن سان ٿيندو آهي جن لاءِ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جي تقرير نما ليڪچر ڏيڍ صديءَ برابر ٿيو پئي. پر ٻئي پاسي بروهي صاحب جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڀانئبو ته کيس ٻڌندو ئي رهجي. منجهانئس وڌ کان وڌ نه رڳو پرائجي پر سندس شگفته مزاجيءَ کي به پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏجي. +تنقيد ته هونئن به گهٽ برداشت ٿيندي آهي، پر بروهي صاحب ۾ تمام گهڻي سهپ هئي. پر ڪٿي جي هو متفق نه هوندو ته پنهنجي نموني سان ٺاهوڪو جواب ڏيئي ڇڏيندو. مون کي پوري ڳالهه ته ياد ناهي، پر اِهو سو ياد اٿم ته منهنجي ڪتاب ”جيءَ جهروڪا“ جي مهورت مهل اسان جي نامياري ليکڪ بادل جمالي، ڪتاب ۾ شامل بروهي صاحب جي مهاڳ بابت ڪا تنقيد ڪئي يا شايد ڪو اعتراض اُٿاريو هو، ته بروهي صاحب صدارتي تقرير مهل مُرڪندي مُرڪندي جيڪو جواب ڏنو تنهن سڀني کي مزو ڏيئي ڇڏيو. چيائين،”بادل جيڪو نه آسمان تي ٽڪي سگهي، نه زمين تي، سدائين وچ ۾ لٽڪيل.. اُن جي اعتراض تي ڪهڙي ميار......“ +ليکڪ ڏاڍا حساس ٿيندا آهن، پر گهٽ ليکڪ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ماحول ۽ معاشري جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي به نه بخشيندا آهن. بروهي صاحب پاڻ پنهنجي رنگ روپ ۽ شڪل شبيهه جي حوالي سان اڪثر پنهنجي لکڻين يا ڳالهه ٻولهه ۾ پاڻ تي ٽوڪ ٽڙي ڪندي پاڻ کي گهٽ پيو ڄاڻائيندو. هڪ دفعي چيومانس ته،”ادا! توهان نٿا ڄاڻو ته توهان جي اُن سانوري رنگت ۽ منهن مهانڊن ۾ ئي قدرت اِها مڻيا رکي آهي جيڪا توهان جي سموري منفرد شخصيت ۽ فطرت جي ترجمان آهي. فرض ڪريو ته جيئن هينئر توهان آهيو اُن بدران ڀورن وارن واري ٿلهي ٿنڀري ۽ مئدي جهڙي رنگت واري ڪا شخصيت هجو ها ته پوءِ اُن نمڪين مهانڊن عيوض ماڻهن جي دلين ۾ لهڻ واري ڏات به شايد توهان جي حصي ۾ نه اچي سگهي ها.“ تڏهن ياد اٿم ته هن نه رڳو منهنجي ڳالهه سان سهمت ڪئي پر بي انتها خوش به ٿيو. +کيس مان ”زندگيءَ جهڙو شخص“ انڪري چوندس، جو هن هر حال ۾ ڄڻ زندگي ورهائي آهي. مُئلن کي به ڪي گهڙيون پنهنجي ڳالهين سان هو ڄڻ جياري ڇڏيندو هو، نه ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي زندگي ته پري ٿي، سڀاءُ جي اعتبار کان ماڳهين موت جهڙو ڏيک پيا ڏيندا آهن. +بروهي صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل بابت ڪڏهن به نا اُميد نه ٿيو. جتي کيس سندس لکڻين ۽ زنده دليءَ جي ڪري سدائين محبتون مليون. اُتي هن پنهنجي مزاحيه لکڻين مان تمام گهڻيون دشمنيون به پرايون، پر هن جو مقصد ڪنهن تي ٽوڪ ڪرڻ نه بلڪ ماڻهن کي کليءَ دل سان ٽهڪ ڏيارڻ هو. اِها هن لاءِ وڏي ۾ وڏي سخا هئي، اِنسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت اهڙوبه ايندو آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه بي معنيٰ پيو لڳندو آهي. بروهي صاحب پڻ ايڏو سارو لکيو: ڪالم، ڪهاڻيون، ڪتاب، بيشمار مضمون، تاريخي ۽ ثقافتي ڄاڻ سان ڀرپور مقالا...پوءِ به احساس تي ڇانئجي دل ۾ لهي، روح ۾ رچي رِل مِل ٿي وڃڻ واري هن شخصيت جي اندر ۾ به اسان جي سماجي، معاشرتي توڙي سياسي حالتن اهڙي ڪا ڀڃ ڊاهه ڪئي جو لکڻ تان ارواح ئي کڄي ويو هئس. هڪ ڀيرو منهنجي پڇڻ تي چيو هئائين:”لکڻ تي هاڻ دل ئي نٿي چئي... ڇا ڪجي... ڇا لکجي.. لکڻ لاءِ هاڻ ڪجهه به نئون ناهي رهيو.“ اهڙين سنجيده ڳالهين دوران مون کي بي اختيار سندس ڪجهه سال اڳ چيل اُها ڳالهه ياد اچي ويئي، جنهن ۾ مون کان پڇيو هئائين،”بابا، اڄڪلهه ڇاپيا لکو؟“ ته وراڻيو مانس،”هند مان هڪ نامياري ليکڪا پنهنجا چار پنج ڪتاب موڪليا آهن، جن تي تفصيلي رايو لکي ڏيڻو اٿم. سو اڄڪلهه اُن ڪم ۾ مصروف آهيان.“ ته کِلي پيو ۽ چيائين،”مون کي اِن ڪم لاءِ چئي ها ته مان چوانس ها راءِ لکڻ کان بهتر آ ته مان تنهنجن سڀني ڪتابن سوڌو پاڻکي سَتي ڪري ساڙڻ لاءِ تيار آهيان.“ بروهي صاحب جي اِن بي ساختگي ڏاڍو مزو ڏنو. بهرحال هن ته کڻي پنهنجي فطري خوش مزاجيءَ سان اِها ڳالهه ڪئي، پر اُن پس منظر ۾ اِهوئي محسوس پئي ٿيو ته کيس لکڻ سان اڳي جهڙو چاهه نه رهيو هو، پر وري به کيس جس هجي جو قلم سان توڙ نڀائيندي هو لکندو رهيو. سندس آخري ليک لاشڪ ته ”مهراڻ“ جي ”قليچ بيگ نمبر“ ۾ شامل هو، جيڪو طبيعت ٺيڪ نه هئڻ واري حالت ۾ لکڻ جي باوجود به هڪ سگهارو، خوبصورت ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ليک هو. سندس هر لکڻيءَ جو اِهو ڪمال هو، جو اُها پاڻ ۾ گهرائي رکندڙ هئي. ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيندو هو ته بروهي صاحب ڪو ٻيو لفظ رهڙي جند پيو ڇڏائي. اِهو فن به گهٽ ماڻهن جي پلئه پيو هوندو، جيڪو مون بروهي صاحب جي لکڻين مان محسوس ڪيو ته وٽس لکڻ جو اهڙو ته سهڻو ڏانءُ هو جو ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو هڪ سٽ ۾ ئي ماڻهوءَ جي سموري شخصيت جي اُپٽار ڪري وٺندو هو ۽ اِهو فن رڳو لکڻ تائين محدود نه هو. بلڪه ڳالهائڻ مهل به هو اهڙا جهل پيو جهٽائيندو هو جو سندس سِٽ سِٽ لاءِ دل چوندي هئي ته ذهن ۾ محفوظ ٿي وڃي، ائين به نه هو ته وٽس رڳو ٽهڪن جون پٺارڪون ئي ڀريل هيون. زنده دل شخصيت هئڻ سان گڏ هو هو انتهائي شفيق، همدرد ۽ مهربان انسان پڻ هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏک اوربو هئس يا ڪا پريشاني شيئر ڪبي هئس ته سدائين دلداريون ڏيندو؛”بابا الله چڱي ڪندو... بس الله کي ياد رکو...“ ائين نه ته اُنهيءَ مهل سان ئي جتي پائي شهر ۾ ڍنڍورا ڏيڻ نڪري ته فلاڻي هيئن ٿي چيو يا هونئن ٿي چيو. بس جيڪا ڳالهه ٿي سا اُتي ڇُٽي. هن پاران ٻه لفظ دلداريءَ جا کوڙ هوندا هئا ۽ اهڙا سٻاجها ماڻهو اڄ جي دور ۾ ملڻ ڏاڍا ڏکيا آهن. مان سمجهان ٿي ته خوش قسمت هئس جو بروهي صاحب جهڙي شفيق انسان جون محبتون منهنجي حصي ۾ به آيون. +هُن نه ڪڏهن پاڻ پڏائڻ جي ڪوشش ڪئي نه ئي هنکي شاعرن ۽ اديبن جو پاڻ پڏائڻ وڻندو هو. ڪير جي ائين ڪندو به هو ته بروهي صاحب وٽ اُن لاءِ سٺي راءِ نه هوندي هئي. امالڪ چئي ڏيندو:”هن جي ته رڳو مئين وئين جي پٽڪار پيئي پئي.“ سندس رڳو سُر ۾ ”وو“ چوڻ ئي کلائي ڇڏيندو هو. +اِها ڳالهه گهڻن جي مشاهدي ۾ هوندي ته ڪي ماڻهو پنهنجي بيماري سيماري جو جيستائين پڙهو گهمرائي شهر کان همدرديون نه ميڙين، تيستائين سُک جو ساهه نه کڻندا. رهندو ٻئي کي ميارون ڏيئي مارڻ کان وسان ڪين گهٽائيندا ته”مون کي پڇڻ نه آئين، الله نه بخش ڪندئي.“ پر آفرين آهي بروهي صاحب کي ، جنهن صحت جي حوالي سان ڪيتريون ئي تڪليفون ڏٺيون، پر ڪڏهن به ڪنهن سان ذڪر نه ڪندو هو، بس پنهنجي ليکي ماٺ ميٺ ۾ علاج ۽ دوا دوارون ڪرائي وري نئون سنئون ٿي پوندو هو. ڪراچي ۾ اسپتال جي بيڊ تي هوندو ته واپسيءَ تي کلي ٻڌائيندو:”دوستن کي چيو هئم ته اسلام آباد ويل هئس.“ اُن مان خبر پئي ٿي ته هو همدرديون ميڙڻ کان ڪيڏو نه لهرائيندو هو. +ادب ۾ پير پائڻ کان اڳ اسان جي گهر ۾ بروهي صاحب جي ڪهاڻين، ڪردارن ۽ دلچسپ ڊائلاگن جو گهڻو ذڪر هلندو هو. اُن جو اثر مون تي اِهو ٿيو ته جڏهن ”نئين زندگي“ ۾ لکڻ جي شروعات ڪيم ته سڀ کان پهرين مان علي احمد بروهي ۽ رشيد ڀٽيءَ کي پڙهندي هئس، جيڪي پوءِ سدائين لاءِ منهنجا من پسند ليکڪ رهيا. +شخصي لحاظ کان پڻ بروهي صاحب انتهائي سٻاجهو ۽ ٻين جي ڪم اچڻ وارو شخص هو. هن جنهن جو به ڀلو ڪيو، نيڪ نيتي سان ڪيو. هن جي ذهن ۾ ڪڏهن ڀلجي به اهڙو خيال نه آيو، ته فلاڻي جو ڪم ڪري، مون کي به اُن مان مفاد حاصل ڪرڻا آهن. جيڪي به کيس ويجهي کان ڏسي چُڪا آهن، سي شاهد هوندا ته هو انتهائي درويش صفت، سخا جو سائين ۽ الله لوڪ قسم جو شخص هو ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته اسان وٽ اهڙا انسان تمام گهٽ آهن، جيڪي بنا ڪنهن غرض يا مفاد حاصل ڪرڻ جي، ٻئي جي ڪم اچڻ جي همت ساريندا هجن. +83 ورهين جي ڄمار تائين هي باهمت انسان پاڻ سان پيار ڪندڙن کي ائين ساڻ ساڻ کڻي هلندو رهيو، ڄڻ اسان پڻ ساڻس گڏ گڏ زندگي جي لاهين چاڙهين تان هلندي سندس عمر تي اچي دنگ ڪيو هجي. جنهن مان اندازو ٿو ٿئي ته هن پنهنجي سموري زندگي کليل ڪتاب جيان اسان جي آڏو رکي، پر پوءِ به دل جا ڪي در اهڙا هئس، جن تي هن ڄڻ لوهي ڪلف ڪڙا چاڙهي اُنهن کي ڪڏهن به نه کوليو.. ڪنهن سان به نه سليو هوندو.... سواءِ پنهنجي شريڪ زندگي جي... جنهن لاءِ کيس اٿاهه محبت رهي... ٻنهي ۾ جيڪا ذهني هم آهنگي رهي، تنهن جو جواب ناهي...... سچ ته اهڙي انڊراسٽينڊنگ مون ڪٿي نه ڏٺي. +۽ اڄ اسان وٽ رڳو ڳالهيون آهن، واقعا آهن، يادون آهن،......جيڪي اسان کي احساس ڏيارينديون ته اسين هن عظيم دور جا شاهد آهيون، جنهن ۾ اسان بروهي صاحب سان گڏ ساهه کنيو.... سندس علم ادب جون سوغاتون ۽ شفقتون ميڙيون. +هڪ يادگار تحرير +جڏهن پاڻ ويس وڻڪار......! +از : علي احمد بروهي +(نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جي صاحب طرز ليکڪ سائين علي احمد بروهيءَ جي نثر نويسي پنهنجو مَٽ پاڻ ئي آهي. ادب ۾ سندس بنيادي سڃاڻپ ”ادب لطيف“ جي موضوع سان ٿي، جنهن کي هن آخر تائين طنز و مزاح جي حوالي سان پوري سگهه سان برقرار رکيو. توڙي جو تاريخ، تحقيق ۽ ٻين سنجيده موضوعن تي سندس لکڻين ۾ سندس معيار جو مقام مثالي آهي. بروهي صاحب جو مضمونن ۽ ڪالمن جي تعداد کي صحيح معنيٰ ۾ ”بيشمار“ چئي سگهجي ٿو. جي پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان سنڌي ادب جو املهه اثاثو آهن. بروهي صاحب 1980ع ڌاري انفرميشن مان رٽائرمينٽ کان پوءِ شيخ سلطان ٽرسٽ جو ڊپٽي ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو ته ان وقت روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي سندس اداري جي تحويل ۾ هئي. پاڻ لاڳيتو، تقريبن روزانو اخبار ۾ ڪالم لکندو هو ۽ اهو سلسلو ورهين جا ورهيه هليو. جيڪو سندس دلچسپ ۽ معلوماتي لکڻين جي ”ڀرپوريت“ جو دوءر آهي. هونءَ ته بروهي صاحب جو هر هڪ ڪالم ”شاهڪار“ جي حيثيت رکي ٿو، پر 30 جولاءِ 1982ع واري اخبار ۾ آيل هيءُ ڪالم پنهنجي موضوع جي لحاظ کان نهايت ”منفرد“ آهي. ان ڪالم جو محرڪ اڳئين ڏينهن هڪ آيل خبر هئي، جنهن موجب اصل ۾ وفات ته بروهي صاحب جي ڀاءَ ”علي محمد“ جي ٿي هئي، پر اخبارن ۾ سندس (علي احمد) مغفرت لاءِ دعا طلبي ۽ فوٽو ڇپجي ويا. هيءَ دلچسپ ڪالم پاڻ ان موقعي تي لکي ڇپرايائون، جيڪو هاڻي سندس ياد ۾،”مهراڻ“ ۾ پيش ڪجي ٿو. ههڙي دلڪش تحرير جي خالق کي شال رب ڪريم جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي...............ن.ا.ش) +چوندا آهن ته مرڻ واري کي پنهنجي موت جي نه هوندي آهي خبر نه چار. اِهو سڌ سماءُ کيس ڪير ۽ ڪيئن ٻڌائي ته هو ديس ڇڏي پرديس پهچي رهيو هو. مون کي به پهريائين ته ڪل ڪانه هئي ڪائي. ٻئي ڏينهن تي اخبارن ۾ پڙهيم ته خبر پيئي ته آءٌ ڪوهيارل به ڪالهه ڪيچ کان ڪوچ ڪري چڪو هئس. خبر پوڻ کان پوءِ هي خاطريءَ سان چئي نٿو سگهان ته بروقت منهنجا تاثرات ڪهڙا هئا، پر هڪ ڳالهه جو يقين اٿم ته مون کي پنهنجي مرڻ جو ڪو خاص ڏک ڪونه ٿيو. البت دل کي اهو ارمان برابر ٿيو ته ٻيلي مرحُوم چڱو ماڻهو هو. پنهنجيءَ واٽ وارو هو. زمين تي ٻوجهه ضرور هو، پر ڪنهن جي اٽي تي چٽي يا تان ڪونه هو. هٺ وڏائي به هروڀرو ايڏي ڪانه هئس، پر الائجي ڇو سڃو هوندي به ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندو هو. خير ايتري آڪڙ ته اُن انسان جي سمجهه ۾ اچي ٿي، جنهن جي سچي توڪل الله تي هجي. هاڻ ته وڃي پنهنجي رب کي پرتو هو. هتي ته سندس حساب ڪتاب ئي پورو ٿي چڪو هو، هاڻي ڪهڙا ويهي ڦورا ڦولجن، چرين ڪهڙي چت ۽ مُئن ڪهڙا مامرا! +پنهنجي وفات تي پاڻ سان عذر خواهي ڪندي کل اچي وئي. ٽهڪ ڏيڻ تي هئم ته وري اچي ڦرڪڻيءَ ورايم. چوندا آهن ته موت تي ڪڏهن به نه کلجي، ڇاڪاڻ ته آخري ٽهڪ ته هونئن به اجل ئي ڏيئي ٿو سگهي. ملهه به ته مڙس جي پوئين ليکبي آهي ۽ نه پهرين. پر اهڙي موت تي ڪير نه کلي، جنهن ۾ حياتيءَ کي نه اچي لهر نه لوڏو. پهرين ته ويساهه ئي نٿي آيو ته ننڊ هئي يا ساڀيا. پر جڏهن سڀني اخبارن ۾ سرخين سان گڏ پنهنجو فوٽو ڏٺم، ته پوءِ مڙوئي پڪ ٿيم ته يار مون سان خير ڪونه هو! وري به شاباس هجي منهنجي اخباري دوستن کي جن پوري ۽ پڪي ڄمار ۾ مون کي پرلوڪ پهچايو هو. جي مون کي ننڍي هوندي يا جوانيءَ ۾ ئي ماري ڇڏين ها ته آءٌ کين ڇا ڪري سگهان ها. هنن نه فقط منهنجي موت جي خبر ڇاپي پر مون جهڙي عام ماڻهوءَ جي رواجي موت کي وڏي عزت بخشي، ڪجهه اخبار وارن سنگل ڪالم ۾ ئي منهنجو ڪم لاهي ڇڏيو، ڪهڙي خبر سندن ڪو حساب ڪتاب رهيل هوندو. پر ”مهراڻ“ واري دلبر ته منهنجي خبر خوب سجائي ۽ سينگاري ڇاپي، اڃا ته تتي تاءُ ٻئي ڏينهن خبر کي ردڪد اچڻ ڪري خاص مضمون ۽ ايڊيٽوريل ڇپجڻ ملتوي ٿي ويا، ورنه منهنجي خاصي پت وائکي ٿيڻ جو امڪان هو. + + +پنهنجي موت تي آءٌ ڪو ارهو به ڪونه هئس. سچ پڇو ته موت لاءِ جيئري ئي منهنجي دل پاڻ سِرڪندي رهندي هئي. اُن ڪري نه، ته ڪو هن جهان مان ڪڪ ٿيو هئس يا وري منهنجو جيئڻ وِهه ٿي چڪو هو. بلڪل نه، موت لاءِ اها اُٻهرائپ ۽ انتظار فقط هن ڪارڻ هئم ته ڏسان ته موت بعد آهي ڇا، بلڪل ائين جيئن ڪنهن نوجوان کي آمريڪا ڏسڻ جي اڪير هجي ۽ هو سدائين اُن لاءِ موقعي جي تلاش ۾ هجي ته ڪنهن بهاني وڃي اُهو مڪو ڀيٽي اچي. ائين برابر آهي ته موت جي هوراکوري مون کي ننڍپڻ کان لڳل هئي، پر اِها هرکر ان شيءِ لاءِ ٿيندي آهي جا سمجهه ۾ ايندي هجي. وري هن دنيا ۾ منهنجي ڪا سيڙپ به ايتري ڪانه هئي، جنهن مال املاڪ کي ڇڏيندي مون کي ڪو ٻرو چڙهي يا صدمو رسي. آءُ ته ننڍڙي لاڪر ئي رولڙن ۾ رهيو هئس. محنت مزدوري به ڏاڍي ڪئي. هاڻ ته لڱ به ٿڪجي پيا هئا ۽ هڏ هڏ پئي چيچلايو. وري ڪراڙپو به اچي ورايو هو. انگ انگ ٿي ڌڏ ڌڏ ڪئي. هٿ ۽ ڪنڌ ته ائين ٿي ڏڪيو ڄڻ ته ڌرتي ٿي ڌڏي! +قرض به سر تي ڪافي هيم. قسطون ڀريندي ڀريندي ڏيوالو ئي نڪري ويو هو. مهانگائي به چوٽ تي هئي. پانڌي به پوري ڪانه ٿي پيئي. وري ڊگهي مدت هئي ترسڻ ڪري جيءَ به مزي ۾ ڪونه هو. سنگي ساٿي به اڪثر راهه رباني وٺي چڪا هئا. هاڻ ته پنهنجن ۾ پاڻ کي اوپرو ٿي ڀانيم. هونئن به آءُ هميشه ان راءِ جو آهيان ته راند رس ۾ ڇڏجي ته چڱو. بجاءِ ان جي جو ماڻهو هتان بدبودار ڍونڍ ٿي کڄي. اُن کان سواءِ منهنجو هن ڀنڀور ۾ هاڻ رهيو به ڇا هو؟ نه مون کي هتي ڪو تاج محل اڏڻو هو ۽ نه ڪو خيبر جو ڪوٽ فتح ڪرڻو هو. اڳئي کائي پي چڙهيو هئس، گهمي ڦري موج به ڪئي هيم. ڪا آس رهي ئي ڪانه هيم، جنهن اميد جي للانگهري تي اڃا به کپ کوڙي هت ڌرڻو ماري ويهي رهان. اهڙو ڊيٺ آءٌ ڪ��نه هئس. ٻار ٻچڙا به خير سان وڏا ٿي چڪا هئا. هڪ اڌ پنهنجن پيرن تي بيٺل هو، باقي جن کي اڃا به منهنجي ضرورت هئي سي هئا الله جي حوالي. پاليندڙ ته سڀني جو اُهو ئي مالڪ هو. آءٌ ته هيس خالي هڪ بهانو. ماڻهو الائجي ڇو پنهنجن ٻارن جي يتيم ٿيڻ تي گهٻرائيندا آهن. شايد کين خبر ئي نه آهي ته يتيم ته الله کي پيارا هوندا آهن. جي ائين نه هجي ها ته هو پنهنجي محبوب کي يتيم ڪري پيدا ئي نه ڪري ها. +هونئن به موت ڪا مون لاءِ نئين ڳالهه ته ڪانه هئي. آءٌ اُن گهٽ گهيڙ کان گهڻيئي گهمرا ڏيئي گذري چڪو هئس. آءٌ هڪ علي احمد ٿوروئي هئس. منهنجي نالي ۾ ڪيئي علي احمد ڄمي اُسري ۽ مري ڳري چڪا هئا. منهنجي اُن ابهم سان ڪهڙي نسبت هئي جو اوئان اوئان ڪري ٻاڪاريندو هو يا بانبڙا ڏيئي رڙهندو هو. يا وري اُن وات ڳاڙهي نينگر سان ڪهڙو لڳ لاڳاپو هو، جو پاروٿا چانور کائي، پٽي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، صبح سويل اسڪول پنڌ پوندو هو. جنهن ڇوڪر چولي جي پلاند سان نڪ ٿي اُگهيو يا کيس چولي جي ڪنڊ چٻاڙڻ کان سواءِ ٻي ڪا فضيلت ئي ڪانه هئي. وري اُهو الهڙ نوجوان منهنجو ڇا لڳندو هو جو ٽپا ٺينگ ڏيندي اڦر وهڙي جيان سچو ڏينهن پڇ ڪنڊي تي هوندو هئس. توڙي اُن ڦوهه جوانيءَ واري اڙٻنگ سان منهنجو ڪهڙو واسطو هو، جو سدائين پرايا پيهر ٽپندو هو، ۽ ٻچڙيوال هوندي به پنهنجي عاقبت ۽ آخرت کان بي خبر رهيو. اهي سڀ ننڍڙا نوجوان ۽ ڪرڙوڍ علي احمد هاڻ مري کپي چڪا هئا. منهنجو جسم اُنهن سڀني جو قبرستان هو. جنهن ۾ هو واري وٽيءَ سان دفن ٿيندا رهيا. هاڻ وارو هو اُن مقام جي ئي مٽجڻ جو، جنهن ۾ جملي علي احمد جي ياد پوريل هئي. +زندگي ۽ موت اهي آهن ٻئي سوال جون نشانيون. جيترا منهن اوتريون ڳالهيون. پورو ڏس پتو ته ڪنهن کي هوئي ڪونه. ڪي چون ته زندگي هئي عمر ڀر قيد جي سزا، جنهن جو ڇوٽڪارو هو موت. ڪن جو وري خيال هو ته زندگي هئي موت کان اوڌر ورتل قرض. جنهن جو وري وياج هو ننڊ، جا اسان روزانه قسط ٿي ادا ڪئي. جڏهن ته قرض جي مدت پوري ٿي ته پوءِ پڇاڙيءَ جي ادائگي هئي آخرين اُوٻاسي! گهڻا ماڻهو وري موت کي شڪاري سمجهن، چون ٿا ته موت وتي ٿو سدائين زندگيءَ جو پيرو کڻندو. ڪٿي پيو ڪوڙڪيون اڏيندو ته ڪٿي ڇڙڪ سرڪڻ ڦاهيون. جو جتي ڦاسي اُن کي اُتي ئي ازل ٿي ڏنائين. سڀن لاءِ وري لنگهه ۽ تڙ جاچي پيو پنجوڙ هڻندو رهي. جي گوٿاناٿ ۽ گوهيون ڪن اُنهن کي ڏڦا هڻي پيو ڏاري ۽ چيري. +منهنجي خيال ۾ ماڻهن جا موت تي اُهي خالي پيلي الزام هئا. اهڙا دهمان هئا جن جو ڪو بنياد هيو ئي ڪين. ماڻهو پاڻ ننڍا ٿي وڏا ٿي ٿيا ۽ جوان ٿي پوڙها ٿي ٿيا. ٻج مان ٻوٽو ٿي اسُريو. ٻُوٽو وڌي وڻ ٿي ٿيو، وڻ ڏار ٿي ڪڍيا ۽ ميوو ٿي ڏنو. پوءِ ڪڏهن ڪنهن واڍي ٿي وڍيس يا وري آنڌيءَ آئي پاڙون پٽجي ٿي پٽ پيو. اُن ۾ موت جو ڪهڙو قصور؟ موت جي معاملي ۾ ڏٺو وڃي ته هرڪو حيرت ۾ هو. ڪن زندگيءَ کي مانجهانديءَ جو ماڳ ۽ موت کي وڇوڙو ٿي سڏيو ته ڪن وري ”وصال“. ڪڏهن کيس پاراتا ٿي ڏنائون ته ”ماري مرين شال ڊٻ وڄني ڊٻيون.“ ته ڪڏهن وري چيائون ٿي ته”اي شڪر الحمد الله جو مٿو گهريوءِ منڱڻا.“ +عمر خيام کان پڇيائون ته موت ۽ حيات آهي ڇا؟ چيائين ته:”ننڊ ۽ جاڳ“ ”اک پٽ ته ميلو متل، جي اک ٻوٽ ته ختم ڪهاڻي. کيل ختم.“ ڪي وري اُن کان به آڳاهان ٿيا، چي: آهي ئي ڪجهه ڪين. هندستان جو مشهور ساڌو ڪلاڻو چوندو هو ته سڀ آهي ٺڳيءَ جو ٺاهه. مومل جي ماڙي يا اڃان به رُڃ وارو لقاءُ. حقيقت ۾ نه آهي زندگي ۽ نه موت. هڪ ڏينهن ڪن شرارت ڪري مست هاٿي ڪڍ ڇڏيائونس. ڪلاڻو هاٿيءَ کي ڏسي ٺڪاءُ ڏيئي وٺي ڀڳو. هٻڙ ڌٻڙ ۾ ڌوتي به ڇڙي پيس. وڻ تي چڙهي جان ڇڏايائين. ٻئي ڏينهن تي پڇيائونس ته ڪر خبر، چي ڇا جو هاٿي، ڪنهن جي ڀاڄ؟ ويٺا ٿا خواب ڏسو ۽ وري جواب پڇو ٻين کان! +زندگي ته هرڪو پيو گهاري، پوءِ ڪي مزي ۽ موج ۾ ته ڪي ڇڪي تاڻي ۽ ڪي وري ڳيتون ڏيئي. ڪي کلندي کائيندي ته ڪي روئيندي رڙندي پساهه پورا ڪن. پر موت سان هرهڪ جو آهت ۽ پاهت پنهنجو پنهنجو هو. ڪي ته موت جي نالي کان به ونءُ وڃن، جيئن ڪانوَ وڃي ڪمان کان. اڃان ڪو ٿورو کنگهه کڙڪو يا بخار جي آرس مس ٿيندن ته وڃي طبيبن جي تات پوندا. ڪي خير خيراتون پيا ڪندا ته من نه من ڪو ڏنو ٻنو ٿئي. ڪي وري ڦُرئي واڻئي جيان گهل گهوڙا پيا ڪندا. ڪي ته موت آئي ڳوهه جيان چارئي چنبا کوڙي گهيگهه ڪري زندگيءَ کي چچڙ جيان چنبڙي پوندا. آخر محنتون ڪري جا موڙي هتي گڏ ڪئي اٿائون. اُن تان آرو ڪيئن کڻن. جنهن وٽ محل، ماڙيون ۽ ملڪيت هجي اُهو ڪيئن ٿو سڃ جي پنڌ لاءِ سنبت ڪري. سڪرات ته نالو ئي آهي هن دنياسان سان پريت جو . اهڙن جو ساهه هتي اٽڪيل ٿو رهي ۽ پاڻ ٻنهي جهانن جي وچ ۾ لڙڪيل ڪي وري مست ملنگ، جي موت کي وتن سڏ ڪندا ۽ ٻاڏائيندا، ته او چڱا مڙس، او ڀلي مانس، اچ وڏيرا، وٺ ۽ سنڀال پنهنجي مڏي. ڇڏاءِ اسان جي جان، ته اسين وڃون پنهنجي اباڻي ماڳ. +ظلم هي آهي ته اسان کي جتي زندگي گهارڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏني ٿي وڃي، اُتي مرڻ لاءِ سکيا جو ڪو سبق پڙهايو ئي نٿو وڃي. جي موت لاءِ تياري۽ آڌرڀاءُ سيکاريو وڃي ته هوند ايتري هئبت ۽ ڏهڪاءُ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا جيڪر نه ٿئي. اسان وٽ ڪيترن ئي الله وارن جا مثال موجود آهن، جن ماٺ ميٺ ۾ سفر جي سنبت ڪئي. جڏهن امر الهي ٿيو ته صلح سانت ۾ راهه رباني وٺي رمندا رهيا، شاهه ڀٽائي مراقبي ۾ ويٺي ساز سردو جي لئه ۾ موڪلائي ويو. امام غزالي غسل ڪري ڪفن اوڙهي ڪلمون اشهد پڙهندي روانو ٿي ويو. شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد ۾ مون هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو جنهن پٽ کي چيو ته گلڻ خبر اٿئي ته مومن جو موت ڪيئن ٿيندو آهي؟ پٽس پڇيو ته ابا تون ٻڌاءِ اُهو مجاهد ڪلمون پڙهندي پير ڊگهيري ليٽي پيو ۽ چيائين ته”ابا هيئن.“ يارو ويندا ڏيکاريندا. +ڪي وري منهنجي پڦي دادا گراناز جيان سدائين پيا موت لاءِ تياريون ڪن، پر عين وقت تي اُسهڻ کان نابري واري ويهن. دادا بيبي هر سال حاجين کان ڪفن گهرائي آب زم زم ۾ ڌوئاري، مٿس دنيا ڀر جا ڪلمان خاڪ شفا سان لکرائي پيتيءَ ۾ وجهي رکندي هئي ۽ پوءِ اعلان ڪندي هئي ته هن سال روزن ۾ آخري جمعي ڏينهن تي خيرن سان رواني ٿيندس. اُن عرصي ۾ اسان جي گهراڻي جو ڪونه ڪو ٻيو ڀاتي ڊهي پوندو هو ۽ پڦي وارو اهو ڪفن کيس نصيب ٿيندو هو. اهڙي ريت پڦيءَ جو موت هر سال ملتوي ٿيندو رهيو. تان جو اسان جي خاندان جا ٻاويهه ڀاتي هنگلاج هلي چڪا ۽ اسان جو پاڙو ئي ڀينگ ٿي ويو، پر پڦي اُهائي اڳي کان اڳري رهي. هاڻي پر سال، مس مس وڃي پڦيءَ هڪ سو ستن سالن ۾ پرلوڪ پڌاريو آهي. تڏهن وڃي موت اسان جي پاڙي کان ٽارو ڪيو، نه ته هر سال اسان جي ڪنهن نه ڪنهن عزيز کي ڪن کان گهلي وڃڻ جي ٺڪ ٺاهي ڇڏي هئائين. ڀلا جتي ڪفن هڪيا تڪيا حاضر هوندا اُتي موت ڪيئن نه واجهائيندو. +دنيا ۾ ڪيترا اهڙا مثال به ٿي گذريا هئا، جو مرڻ کان پوءِ ڪجهه دير بعد ڪي مردا وري زنده ٿيا هئا. چيو ٿي ويو ته اهڙا ماڻهو ”نالي بدل“ جي ڀل چوڪ ۾ موت جو شڪار ٿيا هئا، پر جيئن ته سندن حياتيءَ جاڏينهن پورا نه ٿيا هئا. اُن ڪري ترت ئي غلطي کي سڌاري کين واپس وجود ۾ آندو ٿي ويو. اهڙو هڪ ماڻهو مون به ڏٺو جو چار پهر مرڻ بعد اُن وقت اُٿي بيٺو، جڏهن سندس جنازه نماز پڙهي ٿي ويئي. پر پوءِ سندس زبان بند ٿي ويل هئي ۽گونگي هئڻ ڪري ڪجهه ٻڌائي نٿي سگهيو ته موت وارين گهڙين ۾ ساڻس ڇا وهيو واپريو. +پر تاريخ ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو ذڪر ٿيل آهي جو مرڻ بعد جيئرو ٿيو هو ۽ ڪافي عرصي تائين زنده رهيو، جنهن جي شاهدي انجيل ۾ درج ٿيل آهي.اهو ماڻهو هو ”لازرز“، جو ٽي ڏينهن ٽي راتيون قبر ۾ دفن ٿيڻ کان پوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڪرامت سان زنده ٿيو هو. کيس پاڪ مريم ۽ بيبي مارٿا پڻ ڏٺو هو. جن کيس جيئري ٿيڻ بعد اکين سان پسيو هو تن جو چوڻ هو ته قبر ۾ سندس جسم جي تباهي شروع ٿي چڪي هئي. سندس چهرو اهڙو ڀيانڪ هو جو ڏسڻ واري کي خوف ٿيندو هو. سندس ننهن ڪاراٽيل ۽ وڌيل هئا. اکين جو نور مرجهايل هو ۽ قبر جي بو سندس بدن ۾ آخري دم تائين رهي. سندس مٽ مائٽ ۽ شهري، جي کيس ڏسڻ ۽ آجيان ڪرڻ لاءِ مقام ڏانهن آيل هئا، سي ترت ئي هئبت ۾ اچي ٽڙي پکڙي ويا، جڏهن جيئري ٿيڻ بعد ”لازرس“ جي حضرت عيسيٰ عليه السلام سان گڏجاڻي ٿي ته روئندي پيغمبر جي پيرن تي ڪري پيو. ايلاز ڪيائين ته کيس واپس ”الحد“ ۾ داخل ڪيو وڃي. سندس شڪايت هئي ته هو دنيا جي جهنجهٽ کان آجو ٿي ڏاڍي الوٽ آرام ۾ ليٽيل هو، جيئري ٿيڻ شرط وري قرض خواهن کي پنهنجي اوڌر ۽ حق حساب ياد پيا هئا. هاڻ هو لهڻيدارن ۽ وياج خورن جي وچ ۾ گهيريل هو، جن سندس زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. لازرس گهڻائي ليلڙاٽ ڪيا ته کيس واپس وڻڪار اماڻيو وڃي، پر پيغمر ماٺ ۾ رهيو. ظاهر آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام ته فقط مئل کي جيئرو ڪرڻ جو معجزو ڏيکاري ٿي سگهيو، پر جيئرن کي مارڻ جو پورٽ فوليو ته فقط اڪيلي الله جي هٿ وس هو، جو ذات الاهيءَ اڄ سوڌو ڪنهن به ٻئي بني بشر سان اهڙو ڀائيچارو ڪڏهن نه ڪيو آهي. +آءٌ ته خير سان وڻڪار وڃي واپس وريو هئس، پوءِ هي ٻي ڳالهه آهي ته تقدير جو لکيو اخبارن جي لکت کان الڳ ۽ اڻٽر آهي. ڪيترن ئي نيڪ بخت انسانن نيڪ نيتيءَ سان پنهنجا هيڻا هٿڙا کڻي بارگاهه الاهيءَ ۾ مون کي جنت ۾ جاءِ ملڻ لاءِ ٻڏايو هوندو. جي سندن دعائون ثاب پيون ۽ اگهايون به ويون ته آءٌ اڪيلو انسان هوندس جو جيئري ئي گهڻي ڀاڱي بخشجي چڪو هوندس. ڪجهه سنگتين ساٿين منهنجي تڏي تي اچڻ جي تڪليف به ڪئي هئي. هو پنهنجي دوستي ۽ ڀائپيءَ جو حق ادا ڪري چڪا هئا، هاڻ مٿن منهنجي ڪا ميار نه هئي. منهنجي حقي موت جي حالت ۾ کين ٻيهر پنڌ پوڻ نه گهرجي. هو پنهنجو فرض پورو ڪري برادري جو پير کڻي چڪا هئا. انسان کي هلڻو برابر آهي، پر فقط هڪ ڏينهن آخر روز روز ڪو ٿوروئي مرندو آهي! +پروفيسر نذير قاسمي +منهنجو شفيق پيءُ +علامه غلام مصطفيٰ قاسمي +سرزمين سنڌ جي مٽي سدائين کان زرخيز رهي آهي. اِن مٽيءَ ڪيترا علمي گوهر ۽ ابدي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن هن سونهري زمين جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. +هن ڌرتيءَ جي نيڪنام ديني بزرگن جي آخري نشاني، سنڌ جي علم و ادب جي سڃاڻپ ۽ مختلف علمن جو شهسوار ۽ سڀ کان وڌيڪ منهنجو شفيق پيءُ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺڙي ”ڀنڀو خان“ (المعروف رئيس جو ڳوٺ) ۾ پيدا ٿيو. سندس پيدائش واري سن جي حتمي ڄاڻ ڪانه ٿي ملي، ڇو جو ان دور ۾ رڳو پيدائش واري وقت وارن واقعن کي ذهن ۾ رکيو ويندو هو، ۽ بابا سائين جي هم عمر شخصيتن جي ڄمار ان دور جي ۽ ڪن مکيه مستند واقعن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ٿي ته سندن ڄمار تقريبن اٺانوي ورهيه ٿئي ٿي. +بابا سائين پنهنجي پيدائش سان لاڳاپيل هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندا هئا، جنهن جي روايت سندن والد بزرگوار حاجي حافظ محمود کان آهي ته”اڃان منهنجي پيدائش نه ٿي هئي ۽ ماءُ جي پيٽ ۾ هئس ته والد بزرگوار ميرو خان ۾ هڪ معتقد ۽ دوست وڏيري غلام قادر تُنيي وٽ ٽڪيل هئا. سياري جي رات هئي جو اڌ رات جو اُٿي ويٺا ۽ وڏيري کي چيائون ته جلد بيل گاڏي تيار ڪريو، جو ڳوٺ ويندس، جو مان خواب ڏٺو آهي ته مون کي پُٽ ڄائو آهي، جيڪو سنڌ جو هڪ وڏو عالم ٿيندو، جڏهن پاڻ گهر پهتا ته پوءِ منهنجي ولادت ٿي. ننڍپڻ ۾ آءٌ ڏاڍو حرڪتي هوندو هئس. منهنجي والده مون کي ٻڌايو ته تنهنجو پيءُ توکي چوندو هو ته تون منهنجو عالم پٽ ٿيندين، پر خبر نه آهي ته منهنجو اِهو خواب سچو ٿئي يا نه. اُهو اِن ڪري جو هڪ ڀيري مون سندن هٿن مان تسبيح کسي باهه ۾ اُڇلائي ڇڏي هئي. +قاسمي صاحب کي چار ڀائر ۽ ست ڀينرون هيون ۽ پاڻ سڀ کان ننڍا هئا. ٽن ورهين جا هئا جو سندن والد گذاري ويو ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس تربيت والده ۽ ڏاڏي پياري خان وٽ ٿي، جنهن کي سندس ڳوٺاڻي دوست رئيس اڌل خان صلاح ڏني ته پنهنجي هن پوٽي کي هاري بڻاءِ، جيڪو تنهنجو واهر ۽ مددگار ٿيندو. پر ڏاڏي دوست جي صلاح جي اُبتڙ کين پڙهايو ۽ مولانا فتح محمد سيرانيءَ وٽ قرآن مجيد پڙهڻ لاءِ ويهاريو. تنهن کان پوءِ ميرو خان ۾ مولانا خوش محمد ميروخانيءَ وٽ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ٿي. پر اصل تعليم قنبر تعلقي جي ڳوٺ رڪ سليمان ۾ قائم مدرسي ”دارالفيض“ ۾ علامه عبدالڪريم ڪورائي وٽ ٿي. مولانا ڪورائي مولانا صديق ابڙائي جا ۽ مولانا صديق ابڙائي مولانا فضل الحق خير آباديءَ جا شاگرد هئا. وڏا باڪمال عالم هئا. پر بنهه سادا ۽ فقرائي طبيعت وارا. پنهنجي استاد لاءِ چوندا هئا ته سندن پڙهائڻ جو انداز اهڙو هوندو هو جو ائين معلوم ٿيندو هو ته جهڙوڪ اُنهن سمورن ڪتابن جا مصنف به پاڻ آهن. دستاربندي به مولانا ڪورائي وٽ ننڍي ڄمار ۾ ٿي ۽ سندن ذهانت جو اهو عالم هو جو مولانا ڪورائي وٽ پڙهندي پاڻ ٻين شاگردن کي به پڙهائيندا هئا. ۽ ڪڏهن به ائين نه ٿيو جو حضرت استاد وچ ۾ يا ڪنهن غلطيءَ تي کين تنبيهه ڪئي هجي. +پنهنجي مطالعي ۽ حافظي بابت بابا سائين ٻڌائيندا هئا ته سورنهن سترهن ورهين واري ڄمار ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جون سموريون لائبرريون پڙهي ڇڏيون هئم ۽ حافظو اهڙو جو جيڪا تحرير پڙهبي هئي سا ذهن تان ميساربي نه هئي ۽ ان ڳالهه جي شاهدي سندن دوست ۽ شاگرد به ڏيندا هئا، جو حياتيءَ جي پوين ورهين ۾ به کين ننڍپڻ جون ڳالهيون چٽيون ياد هيون. ساڳي ڄمار ۾ پاڻ قنبر تعلقي جي ڪانگريس جا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيا ويا. تنهن کان پوءِ ضلعي وائيس پريزيڊنٽ. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن ”آزاديءَ واري تحريڪ“ زور وٺي رهي هئي. هتي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ دارالعلوم ديوبند ويا، جتي مولانا حسين احمد مدني رحه، مولانا اعزاز علي ۽ مولانا محمد ابراهيم بلياوي سندن استاد هئا. جن جي پوري هندستان ۾ علمي ساک هئي. دارالعلوم ديوبند ۾ داخلا لاءِ عام طرح امتحان جو شرط هوندو هو پر ڪور سليمان(سنڌ) ۽ پنجاب جي هڪ مدرسي مان پڙهي آيل شاگردن تي امتحان ۾ سختي نه ٿيندي هئي ۽ کين آسانيءَ سان داخلا ملي ويندي هئي. دارالعلوم ديوبند ۾ نيت سفر جي رهي، ڇو جو سواءِ چند اُستادن جي ٻين اُستادن متاثر نه ڪيو ۽ اُهي سڀ علامه ڪورائيءَ کان علميت ۾ گهٽ هئا. سفر واري نيت مولانا حسين احمد مدني رحه جي سبق جي شروعات تي ختم ٿي. پنهنجي اُستاد مولانا مدني رحه جي علميت، روحانيت، بزرگي ۽ دينداريءَ کان ايتروته متاثر ٿيا جو سندن هٿ تي بيعت ڪيائون، جڏهن ته اِن کان اڳ مولانا حافظ غلام محمد دين پوريءَ وٽ به بيعت ٿيل هئي. پڙهڻ دوران نه رڳو ٻين ساٿي شاگردن کي پڙهائيندا رهيا، بلڪ تاليف وارو ڪم به جاري رکيائون. +”ديوبند“ مان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ دهلي ۾ مشرقي علوم جا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائون ۽ اسڪالرشپ به حاصل ڪيائون. حڪيم جميل الدين جي مدرسه طيبه مان طب جو امتحان پهرين نمبر سان پاس ڪيائون. تنهن کان پوءِ حڪيم ظفر احمد خان، جيڪو حڪيم اجمل خان جو ڀائيٽيو هو ۽ سندس جاءِ تي مطب ڪندو هو، تنهن جا پيشي طبيب ٿي رهيا. +دهليءَ مان واپسيءَ تي مدرسه ”دارالسعادت“ گوري پهوڙ ۾ صدر مدرس مقرر ٿيا، جتي امام الانقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رحه سان تفصيلي ملاقات رهي. اُن کان پوءِ مولانا محمد صادق ۽ مولانا دين محمد وفائي جي اصرار تي کڏي (ڪراچي) جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ شيخ الحديث ٿي رهيا. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه مردم شناس ۽ علم جي پرک رکندڙ ۽ وڏو قدردان هو. سائين کين سنڌ مسلم ڪاليج (ڪراچي) ۾ اُستاد مقررڪيو، جتي پاڻ پرنسيپال هئا. اُتي عربي، فارسي ۽ شاهه ولي الله جو فلسفو پڙهايائون. +ڪراچي واري دور بابت ٻڌائيندا هئا ته اُهو دور به نهايت سٺو هو، جو اُن دور ۾ لکڻ پڙهڻ جو گهڻو ڪم ٿيو ۽ برک علمي شخصيتن سان ملاقاتون به رهيون. جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا دين محمد وفائي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا محمد مدني، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ٻيا شامل هئا. ڪراچيءَ ۾ قيام دوران مختلف ادارن سان تعلق ٿيو، جن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام، سنڌ اطلاعات کاتو ۽ ”نئين سنڌ“ اخبار شامل آهن. +سندن زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي تڏهن آئي جڏهن کين حيدرآباد اچڻ جو سڏ ٿيو، جتي شاهه ولي الله اڪيڊمي جو قيام ٿي رهيو هو. پاڻ ڪراچي ڇڏي اچي حيدرآباد وسايائون ۽ اِن اڪيڊمي جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيا. ۽ اِن اداري سان غير معمولي ۽ مثالي تعلق، وڏيءَ اوستا جي باوجود به، سندن وفات تائين، جيئن جو تيئن قائم رهيو. پاڻ نهايت ضعيفييءَ جي باوجود به باقائدي سان اِن اداري ۾ ويندا رهيا، جو اُن سان سندن روح جو رشتو هو. +شاهه ولي الله اڪيڊميءَ کين مالي فائدو ته نه پر ذهني ۽ قلبي سڪون ضرور ڏنو، ڇو جو اِهو ادارو سندن روحاني مرشد حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ قائم ٿيو هو ۽ پاڻ اهو فلسفو پنهنجي بلند مرتبت اُستاد حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه کان پڙهيو هئائون ۽ سندن چوڻ هو ته اگر منهنجي ملاقات مولانا عبيد الله سنڌيءَ سان نه ٿئي ها ته فلسفي، منطق ۽ علم الڪلام بابت جيڪي ڪجهه پڙهيو هئم سو اڌورو رهجي وڃي ها. اِها مولانا سنڌيءَ جي صحبت ۽ شفقت ئي هئي، جنهن سندن زندگيءَ ۾ انقلابي تبديلي آندي. اڪيڊميءَ ۾ رهي شاهه ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي کي سنڌ توڙي پاڪستان ۽ دنيا ۾ ڦهلائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائون ۽ شاهه ولي الله رحه جا تقريبن 32 ڪتاب ترجما ڪري سنواري شايع ڪيائون، جهڙوڪ همات، لمعات، ڪچڪول نامه، تاويل الاحاديث، فتح الرحمان، سطعات، البدرو بازغته وغيره. اڪيڊميءَ جي گهٽ بجيٽ جي باوجود به ماهورا ٻه رسالا ”الرحيم“(سنڌي) ۽ ”الولي“ (اردو) ڪڍندا رهيا ۽ اِن ننڍي اداري جو چراغ وسامڻ نه ڏنائون. جڏهن ته اِن عرصي ۾ ڪيترائي ادارا يا ته بند ٿي ويا يا وري مختلف مسئلن جو شڪار ٿي ڪافي پوئتي رهجي ويا. +جڏهن سائين غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسيلر مقرر ٿيا ته قاسمي صاحب کي سندن علمي مرتبي ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اعزازي پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي نگران مقرر ڪيائون. سندن تقرر سنڌواسين ۽ سنڌي نوجوانن توڙي وڏن کي همٿائيندا هئا ۽ سندن هر ممڪن رهنمائي ڪندا هئا. اِها سندن محبت ۽ شفقت ئي هئي جو شاگردن جو هڪ وڏو انگ سندن نگرانيءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ماڻيون آهن. اهڙن شاگردن ۾ ڪي ته چوٽيءَ جا اديب، شاعر ۽ ديني عالم به آهن، جڏهن ته اهڙن پرڏيهي شاگردن جو تعداد به ڪو گهٽ ڪونهي، جيڪي سندن علميت جي هاڪ ٻڌي وٽن آيا ۽ علمي فيض پرايائون. سندن نگرانيءَ ۾ لکيل مقالا جيڪڏهن شايع ڪيا وڃن ته اهي سنڌي، عربي ۽ فارسي ادب ۾ ڪارائتو اضافو ٿيندا ۽ اڳتي تحقيق ڪندڙن لاءِ وڏي رهنمائي ٿي پوندي. +سندن شخصيت کي ”علماءَ گر“ به چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندن تدرس وارو طويل سلسلو آخر وقت تائين جاري رهيو. جيڪڏهن سندن اوائلي شاگردن کان ڳڻپ ڪئي وڃي جيڪي ”عالم“ بڻيا ۽ پوءِ اُنهن شاگرد عالم پيدا ڪيا ته اهڙي نموني سان سندن حياتيءَ ۾ عالمن جو ست پيڙهيون آڏو اچن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اِها ئي آهي ته اهڙن شاگردن جو انگ به گهٽ ناهي، جيڪي سندن شاگردن جا شاگرد هجڻ کان پوءِ سندن شاگرد به رهيا. اهڙا شاگرد به ڪيترائي آهن، جيڪي پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ٻين علمي ادارن ۾ درس و تدريس ۽ تحقيق وارو ڪم ڪري رهيا آهن. +پاڻ سنڌ جي ممتاز ادبي اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ جا ٻارنهن سالن تائين اعزازي چيئرمين به رهيا. اُهو دور سنڌ لاءِ تمام ڏکيو دور هو ۽ بورڊ لاءِ ڪيئي مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون، پر پاڻ وڏي همت ۽ دور انديشي سان اِن اداري کي عتاب کان بچايو ۽ ترقي پڻ وٺرائي. اُنهيءَ عرصي ۾ بورڊ جي گرانٽ ۾ واڌارو ٿيو، آفيسٽ مشين يونٽ قائم ٿيو، شهر ۾ ڪتابن جي وڪري لاءِ بُڪ اسٽال قائم ڪيو ويو. اشاعتي سلسلي ۾ تيزي ۽ باقاعدگي پيدا ٿي، سنڌي لغت جي ڇپائيءَ وارو ڪم جي نئين سر شروعات ۽ تعميل ٿي ۽ مختلف ٻولين ۾ مکيه ڪتاب شايع ٿيا. اُنهيءَ عرصي جي صحيح ڪٿ ڪو ايماندار مبصر ئي ڪري سگهي ٿو. +اهو چيو ويندو آهي ته قاسمي صاحب علم جو بحر بي ڪنار هو. اِن ڳالهه جي تصديق ان نقطي مان به ڪري سگهجي ٿي ته پاڻ هڪ ئي وقت اسلامي علمن جي سمورن موضوعن قرآن، حديث، فقه، سيرت، صرف و نحو ۽ علم الڪلام سان گڏ تاريخ، جاگرافي، رياضي، علم الانساب، تشريح، ڪتابيات، لُغت نويسي، فلسفي، منطق، سماجي علمن، سياست، تنقيد، شاعري، طب ۽ راڳ جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ هئا ۽ انهن موضوعن مان گهڻن عنوانن تي سندن ڪتاب ۽ مضمون پڻ اِن ڳالهه جا شاهد آهن. اِن ڳالهه جي ڄاڻ اُنهن دوستن ساٿين ۽ شاگردن کي به آهي، جن کين ڏٺو، ساڻن ملاقات ڪئي، تقريرون ٻڌيون، مضمون پڙهيا، وٽن پڙهڻ جو شرف حاصل ڪيو يا وري نگرانيءَ ۾ پي ايڇ ڊي/ ايم فل ڪئي. سندن علميت جي مڃتا ڏيهه ته ڇا پرڏيهه ۾ به هئي. پاڻ جتي به ويا، اُتي پنهنجي قابليت ۽ ڏاهپ کي مڃرائي ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيائون. +سنڌ ۽ سنڌيت ته سندن رڳ رڳ ۾ رچيل هئي، سندن تقريرن ۽ مضمونن مان اها ڳالهه ڀليءَ ڀت پڌري آهي. پاڻ پنهنجن تحريرن ۾ سنڌ جي مشاهرين جي خدمتن ۽ ڪارنامن کي پڌرو ڪري سنڌ جي عظمت بيان ڪيائون. سنڌ سان ايتري ته محبت هئن جو ڪجهه ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين مان کين ملازمت جو سڏ ٿيو پر پاڻ انڪار ڪيائون ۽ سندن چوڻ هو ته هتي رهي جيڪا خدمت ڪري سگهان ٿو، سا پرڏيهه ۾ ٿي نٿي سگهي. +بابا سائين بنهه سادو ۽ فقير طبع ماڻهو هو، پنهنجيءَ ذات کان بلڪل غافل! نه ذاتي زندگيءَ جو ڪو رڪارڊ نه ئي پنهنجن ڪتابن ۽ تحريرن جو ڪو تفصيل. نه ئي ظاهري ڏيک ويک وارو چهچٽو. هر ڪم خاموشيءَ سان جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن خاص مشن جي تڪميل لاءِ مشغول هجي. فجر جو اُٿڻ کان وٺي رات جو سُمڻ مهل تائين رڳو پڙهڻ پڙهائڻ. هر ڪنهن سان محبت ۽ پيار ۽ علميت وارا گفتا. پوءِ اُهي ڀوڳ واري انداز ۾ ڇونه هجن. گهر جو ڀاتي هجي يا ڪو ٻاهريون. ننڍو هجي يا وڏو، علميت وارو هجي يا عام. هرڪو کانئن خوش هوندو هو ۽ سندن ڳالهين مان مستفيض ٿيندو هو. +سندن مطالعو ته تمام وسيع هو، مٿان وري غير معمولي حافظي سون تي سهاڳ وارو ڪم ڪيو. سندن ذاتي ڪتبخانو شخصي ڪتبخانن ۾ سڀ کان ناياب آهي، جنهن ۾ قلمي ڪتابن جو چڱو ڳاڻيٽو موجود آهي. سندن ڪتابن تي نظر وڌي وڃي ته ڄاڻ پوندي ته پڙهيل ڪتابن تي حاشيا يا نوٽ به وڌا اٿن ۽ حوالا به ڏنا اٿن. +الله سائينءَ جي مٿن وڏي ٻاجهه رهي. هڪ ته کين اُستاد بي مثال ۽ شفيق مليا، ٻيو حافظو مثالي ۽ ٽيون فصاحت ۽ قوت ڪلام. اِن سان مطالعي ۽ مشاهدي جو شوق ۽ مختلف ٻولين تي عبور... انهن سمورين خوبين کين منفرد ۽ ممتاز بنائي ڇڏيو ۽ هر ڪو سندن علميت ۽ شرافت جو معترف ۽ مداح رهيو. +سندن ”سَند“ کي وڏي فضيلت حاصل رهي آهي، ڇو جو کين اها ٽن واسطن سان حاصل ٿي، هڪ ته علامه ڪورائي رحه کان، ٻيو مولانا حسين احمد مدنيءَ رحه کان ۽ ٽيون مولانا عبيدالله سنڌي رحه کان. سندن ”سند“ اعليٰ سند مڃي وڃي ٿي، ڇو جو اِن ۾ واسطا تمام گهٽ آهن. +سندن انداز مڪمل فقيري رهيو. پنهنجيءَ ذات کان بالاتر ٿي بنا ڪنهن انعام و اڪرام جي ڪشش جي پنهنجي علمي ڪم ۾ خاموشيءَ سان جنبيل رهيا ۽ هاڻ ڏسجي ٿو ته سندن علمي پورهيو ڪيترو نه گهڻو آهي!....مختلف ٻولين ۾ چاليهه کان مٿي ڪتاب ۽ ٻيو گهڻُو اڻ ڇپيل مواد! +اِها سندن قوت ارادي ئي هئي، جنهن جي آڌار تي پيرسنيءَ جي باوجود آخر تائين ڪم ڪرڻ تي آماده رهيا، پر کين پنهنجي نظر جي جهڪائيءَ جو ڏاڍو افسوس رهندو هو ۽ چوندا هئا ته اکيون ٺيڪ هجن ها ته اڃا به ڪم ڪريان ها. پر اِن جي باوجود آخر وقت تائين پنهنجي قائم ڪيل اداري شاهه ولي الله اڪيڊمي ويندا رهيا ۽ اڻ سڌي طرح ڪم ڪار ۾ مشغول رهيا. +مان جڏهن سندن حياتي ۽ ڪم تي نظر وجهان ٿو ته مون کي ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جون چيل سٽون خاص طرح سان ياد اچن ٿيون. جيڪي سندن ذات سان ٺهڪيل آهن.” انسان جا ڪيترائي قسم آهن، پر عالم انسان جو بهترين قسم آهي. جيئن حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ فرمايو آهي ته مان ”معلم اخلاق“ بنائي اُماڻيو ويو آهيان، ته اِن نموني سان عالم به رسول مقبول صلي الله عليه وآله وسلم جو نائب هوندو آهي ۽ سندن ذميواري تعليم آهي. علامه قاسمي پنهنجي سموري حياتي ان مبارڪ مشغولي ۾ گذاري ۽ سندن شخصيت هڪ تراشيل هيري جي مثل آهي، جنهن جي هر پاسي کان روشني پئي ڦُٽي. +11 آگسٽ 2002ع تي جڏهن ”بزم روح رهاڻ“ طرفان سائين حميد سنڌيءَ پنهنجي گهر ۾ بابا سائينءَ سان هڪ خاص نشست جو اهتمام ڪيو هو تڏهن بابا سائينءَ جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ان محفل ۾ وڏي تعداد ۾ پنهنجن پراڻن دوستن، عالمن ۽ اديبن، ساٿين ۽ سڄڻن کي ڏسي سرها ٿيا هئا. حميد صاحب بابا سائينءَ جي اعزاز ۾ نهايت يادگار ۽ پروقار علمي محفل برپا ڪئي هئي، جنهن ۾ سندن خدمتن تي تقريرون ٿيون ۽ کين عقيدت جو خراج پيش ڪيو ويو. حميد صاحب جي محبت آفرينيءَ تي کيس گهڻيون دعائون ڏنائون، سندن اعزاز ۾ اها آخري ادبي گڏجاڻي هئي. +هت اِهو ذڪر ڪرڻ مناسب آهي ته بابا سائينءَ جي علمي خدمتن تي محترم تاج جويي وڏيءَ محنت سان هڪ ضخيم ڪتاب ”عالمن جو آفتاب“ ترتيب ��نو آهي، جو محترم محمد عثمان منگي پنهنجي اداري ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ طرفان دلاويز انداز سان (2002ع) شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ بابا سائينءَ جي سڀني پهلوئن تي سير حاصل تذڪرو موجود آهي. +اُن کان اڳ 18 سيپٽمبر 1998ع تي سنڌ ميوزيم آڊيٽوريم ۾ ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ بابا سائينءَ جي تاجپوشيءَ جي حوالي سان هڪ سدا ياد رهندڙ ادبي اجلاس منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ مقررين، سندن خدمتن تي روشني وڌي ۽ عقيدت جو خراج پيش ڪيو. اها تقريب به محترم محمد عثمان منگيءَ منعقد ڪئي، جنهن ۾ سائين تاج جويو ۽ تنظيم جا ٻيا ساٿي سرگرم هئا. +خدا بابا سائينءَ کي مغفرت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي سندن جدائيءَ واري صدمي سهڻ جي سگهه عطا فرمائي.(آمين) +خان محمد جروار +”محبت جو مجسمو“- شيخ محمد اسماعيل +مشهور ڪهاڻيڪار جمال ابڙي پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ڪٿا“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“ ۾ ”خ“ جي حوالي سان چئن اصولن جي ڪسوٽيءَ تي ڪنهن ماڻهوءَ جي پرک جو معيار ٻڌايو آهي، جيڪي ترتيبوار ”خلوص“، ”خيرخواهي“،”خدمت“ ۽ ”خلق“ آهن. مانواري عالم ۽ مخلص ادبي خدمتگذار اُستاد شيخ محمد اسماعيل صاحب جي زندگي اُنهن چئني اصولن جو محور ۽ ڀنڊار هئي. سندن زندگيءَ جي پوين پنجن سالن جي رفاقت ۾ مون کي سندس شخصيت جو ڪوبه پهلو، انهن چئن نقطن کان خالي محسوس ڪونه ٿيو ۽ منهنجي خيال ۾ اُنهن جو بنياد وري ”محبت“ آهي. +شيخ صاحب جي علمي ڪشالن جي صحيح تڪ تور ته سندس همعصر ۽ اڪابر ئي ڪري سگهندا، البته سندس ادبي شاگرد جي حيثيت ۾ هتي جيڪي ڳالهيون بيان ڪيون وينديون، اُنهن مان گهڻين جو راوي شيخ صاحب پاڻ آهي. +21- جنوري 1926ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ شيخ صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم نصرپور ۾ حاصل ڪئي، ورهاڱي کان اڳ، روايتي تعليم جي پڄاڻيءَ بعد شيخ صاحب چاهيو ٿي ته پوليس ۾ ڀرتي ٿيان، پر پنهنجي والد جي خواهش جو مان رکندي مارچ 1948ع ڌاري تعليم کاتي ۾ ”استاد“ جي حيثيت ۾ شموليت اختيار ڪيائين. +ان زماني ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، آمريڪا مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ بعد جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر +مقرر ٿي پنهنجي علمي خدمت جو آغاز ڪيو، تڏهن سنڌي لوڪ ادب ۽ جامع سنڌي لغات جي تاليف جو ڪم پنهنجي ذّمي کنيائون، اُن وقت کين هڪ اهڙي ”مستقل“ علمي مددگار جي ضرورت محسوس ٿي جيڪو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي نوعيت کي سمجهي سندن ٻانهن ٻيلي ثابت ٿئي جيئن ته اُن زماني ۾ شيخ صاحب، نهج جا اُستاد ۽ پنهنجي ڄاڻ ۽ اهليت جي لحاظ کان وڻندڙ قابليت رکندا هئا، تنهنڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُن سلسلي ۾ ڪنهن ”ابتدائي استاد“ جون ئي خدمتون حاصل ڪرڻ ٿي گهريون. ڊاڪٽر بلوچ پاران رابطي ڪرڻ تي ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي پرنسپال، اُتي زير تربيت”شيخ محمد اسماعيل“ جو نالو تجويز ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ 1951ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي شروع ڪيل مختلف علمي اسڪيمن ۾ بطور ڪارڪن مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ غير معمولي صلاحيت وسيلي سندن معاون/دست راست ثابت ٿيو. +مٿيون اسڪيمون ڊاڪٽر صاحب بنيادي طرح سنڌي ادبي بورڊ مان ئي منظور ڪرايون هيون ۽ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس ۾ اُنهن لاءِ باقاعده آفيس قائم ڪيائون، جا اڳتي هلي ”لغت آفيس“ جي نالي سان مشهور ٿي. شيخ صاحب، اڳتي هلي اُن آفيس جو انچارج مقرر ٿيو، جتي ٻيا به ڪيترائي ڪارڪن مصروفِ ڪار هئا. پنجاهه کن سالن جي طويل عرصي ۾ جن عالمن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن، مختلف وقتن تي ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪم ڪيو، تن جا نالا شيخ صاحب اسان کي ٻڌائيندو هو. انهن ��انوارن ۾ محمد بخش واصف، سردار علي شاهه، رشيد احمد لاشاري، عبدالڪريم سنديلو، استاد ابن حيات پنهور، استاد ولي محمد طاهرزادو، استاد محمد يعقوب ميمڻ، استاد محمد طالب لوهار، ممتاز مرزا ، عزيز شيخ، غلام محمد ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جي صحبت ۽ رفاقت دوران، مرڪزي آفيس ۾ ڪم ڪندي ڪيترائي ڀيرا شيخ صاحب ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ مطالعاتي دورن ۾ به ساڻس همسفر رهيو ۽ ان طرح سگهڙن ۽ ڪلاڪارن سان ڪچهريون ڪندي پاڻ به گهڻو پرايائين، جنهن جي ثابتي ٻولي ۽ لوڪ ادب بابت لکيل سندن اُهي مضمون آهن، جن مان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪو سگهڙ پنهنجي ڪچهري ٻڌائي رهيو هجي. اهوئي سبب آهي جو ريڊيو ۽ ٽي وي تي لوڪ ادب ۽ لطيفيات بابت ڪچهرين جي سرواڻي به ڪيترن ئي ورهين تائين سندن حوالي رهي. نه فقط ايترو پر هر سال ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي انعقاد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو سرگرم معاون ڪار رهيو . +شيخ صاحب جيئن ته بنيادي طور استاد هو، تنهنڪري کيس پنهنجين ذميوارين ۽ ٻهراڙين سان لاڳاپيل هزارين اُستادن جي حقن جو گهڻُو اونو هوندو هو، جن جي حاصلات لاءِکين طرح طرح جي ڪشالن مان گذرڻو پوندو هو. وقت بوقت تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ اُستادن جي مفادن جي خلاف انتظامي پاليسن کي نظر ۾ رکندي مرحوم جان محمد جمالي ”پ ٽ الف“ (پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن) جو بنياد وڌو، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي استادن جي هڪ مضبوط نمائنده جماعت طور سامهون آئي، جنهن ۾ مختلف دورن ۾ اُستادن جي مسئلن ۽ سندن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ انتظاميا سان ڪامياب ڳالهيون ڪري پنهنجي حقن جو مضبوط دفاع ڪيو. جيئن ته شيخ صاحب مرحوم جمالي جو دوست ۽ بيباڪ ۽ سڄاڻ استاد هو، تنهنڪري اُن سلسلي ۾ تنظيمي پليٽ فارم تان اعليٰ عملدارن سان جيڪي به گڏجاڻيون ٿينديون هيون، شيخ صاحب انهن ۾ هميشه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڻ رٽائرمينٽ تائين حيدرآباد ضلعي جو صدر ۽ خزانچي به ٿي رهيو، سچو ۽ کرو ڳالهائڻ ته شيخ صاحب جي سُتي ۾ پيل هو، تنهنڪري پاڻ بنا ڪنهن هٻڪ جي اعليٰ آفيسرن کي سامهون سچ چئي ڏيندو هو. 1973-1976ع دوران تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم سان شيخ صاحب جون ٿيل جهڙپون ته اڄ به اُن دور جي استادن کي ياد آهن، جنهن تي اٺن مهينن لاءِ کيس پنهنجي ملازمت تان بيدخل به ٿيڻو پيو. +شيخ صاحب اُن زماني ۾ جيئن ته ادبي ميدان ۾ گهڻو پاڻ موکي چڪو هو، تنهنڪري سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب کيس سنڌالاجيءَ جي تحقيق واري شعبي ۾ ملازمت لاءِ آڇ به ڏني، جيڪا پاڻ قبول نه ڪيائون. شيخ صاحب، مرحوم جماليءَ جي وفات کان گهڻو وقت پوءِ ويندي جنوري 1986ع ڌاري رٽائرمينٽ تائين پ ٽ الف جي حقن لاءِ هڙان وڙان رت ست ڏيئي جاکوڙيندو رهيو. +اولڊ ڪئمپس واري ”لغت آفيس“ جنهن کي ”لٽرري بئنڪ“ چئجي ته غلط نه ٿيندو، مان نه صرف لوڪ ادب جي سهيڙ سٽاءُ ۽ جامع سنڌي لغات جي تاليف ممڪن بڻي، پر اُنهيءَ ئي آفيس مان سنڌ جي تاريخ، آثار قديمه، لطيفيات، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي موضوعن تي ڪيترائي علمي خزانا نروار ٿيا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ جو اشاعتي سلسلو هجي يا مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو طباعتي سلسلو، اسلام آباد/ڪراچيءَ جي علمي ادارن جو تحقيقي ڪم هجي يا سنڌالاجيءَ جي ڪا تحقيقي رٿا. ويندي علامه آءِ آءِ قاضي تحقيقي اشاعت طرفان ڏهن ضخيم جلدن ۾ شاهه جي رسالي جي جامع ۽ مستند اشاعت، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سربراهيءَ ۾ شيخ صاحب گهڻو ڪري مڙني تحقيقي ڪمن ۾ سندس معتمد رفيق ڪار جي حيثيت ۾ پيش پيش رهيو. اِن طرح ايڊيوڪيشن فئڪلٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد، اُستاد، توڙي ڊاڪٽريٽ ڪندڙ اُميدوار مواد جي حاصلات ۽ رهنمائيءَ جي سلسلي ۾ وٽانئس وقتن فوقتن پيا فيضياب ٿيندا هئا. علمي ادبي حوالي سان سندس شاگردن جو اهڙو هڪ وڏو انگ موجود رهيو آهي، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو. سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ممتاز مرزا به سندس اهڙن شاگردن مان هڪ هو، جنهن جي ذهني آبياري شيخ صاحب جي علمي ۽ ادبي سخا جو نتيجو هئي جيڪو پنهنجي ڪتاب ”سدا سوئتا ڪاپڙي“ ۾ لکي ٿو ته ”منهنجي زندگيءَ ۾ ٽن ماڻهن جي وڏي اهميت رهي آهي، اُنهن ۾ شيخ محمد اسماعيل پهرئين نمبر تي آهي.“ سنڌي ٻولي، ادب، تعليم، تاريخ، آثار قديمه ۽ ثقافت جي حوالي سان مثالي خدمتون انجام ڏيڻ تي سنڌ ثقافت کاتي شيخ صاحب کي 1998ع ڌاري ڀٽ شاهه واري ميلي جي موقعي تي ”لطيف ايوارڊ“ سان نوازيو. +فيبروري 1999ع ۾ ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ پاران شيخ صاحب جون خدمتون انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ لاءِ حاصل ڪيون ويون. جيئن ته شيخ صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي صحبت ۽ ڊڪشنري آفيس کي ڇڏڻ نٿي گهريو، پر ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري مسٽر حميد آخوند، اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين الانا صاحب ۽ شيخ صاحب جي ڀاڻج ۽ اٿارٽيءَ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري عبدالرحمان ميمڻ پاران گهڻي زور ڀرڻ تي ڊڪشنري آفيس کي الوداع چئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ اچي انسائيڪلوپيڊيا جي ٺاهه جوڙ کي لڳو. جتي اڍائي سالن جي قليل عرصي ۾، سندس اڻ ٿڪ ۽ اٿاهه محنتن سان هڪ هزار صفحن تي مشتمل پهريون جلد تيار ٿيو.(جيڪو هن وقت نظرثانيءَ جي مرحلن ۾ آهي.) +تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ به شيخ صاحب جون خدمتون تحسين لائق آهن. پاڻ آخري دوءر تائين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران قائم ڪيل، نئين سر ڪتابن لکڻ واري پئنل ۾ بطور ميمبر جي شامل رهيو. اُن طرح، پهرين کان وٺي ٽئين درجي تائين جي درسي ڪتابن لاءِ لکيل سندس سبق اڄ به نصاب ۾ موجود آهن. بورڊ پاران اڪثر ڪتابن جي ايڊيٽنگ به شيخ صاحب جي ذمي هوندي هئي، جنهن کي پاڻ احسن نموني سان انجام ڏيندو رهيو. +شيخ صاحب ذاتي طرح نهايت ملنسار، خوش خلق،هر دلعزيز ۽ باغ بهار طبيعت جو مالڪ هو. ڪاوڙ يا شڪوه شڪايت کان ڪوهين ڏور رهيو. نه ڪڏهن ڪنهن کان رنج ٿيو ۽ نه وري ڪنهن کي رنجائيائين، مُک تي مستقل مُرڪ سندس بنيادي سڃاڻپ هئي. آءٌ ننڍو آهيان، پر سندس همعصر ۽ وڏي عمر جا سندس احباب يڪراءِ آهن ته شيخ صاحب ڪڏهن به ڪنهن کي ڪونه ڏکويو ۽ نه وري پاڻ ڪڏهن ڪنهن لاءِ اُرهائي ظاهر ڪيائين. مون سدائين ائين محسوس ڪيو ته سندس زندگيءَ جو هڪ ئي مقصد رهيو-”کلڻ ۽ کلائڻ“. محبتي هجڻ سان گڏ مجلسي به پنهنجو مٽ پاڻ هو. کيس سنگت ساٿ، ڪچهري ۽ محفل جو هجوم وڻندو هو ۽ اُن ۾ چرچن، ٽوٽڪن ۽ لطيفن سان بهاري لائي ڇڏيندو هو. کيس بي شمار لطيفا ياد هئا ۽ موقعي مهل سان اُنهن جو اظهار به سندس ئي ڏانءُ هو. پنهنجي سموري زندگي اِنهيءَ ئي نهج تي ”زنده دليءَ“ سان گذاريائين. سڄي حياتي جيڪو غير معمولي ۽ مثالي علمي ۽ تحقيقي پورهيو ڪيائين، سندس زنده دلي ڪڏهن به ٿڪاوٽ ۽ بيزاري کي وٽس ويجهو اچڻ ڪونه ڏنو. لاڳيتو شام ۽ رات تائين ڪم ڪرڻ سندس خاص شيوو رهيو ۽ اُن ۾ آخر تائين ناغو پوڻ ڪونه ڏنائين. رب ڪريم کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. سندس عمل ۾ پيغام هو ته ”اڻٿڪ محنت ۾ ئي عظمت آهي ۽ اٿاهه محبت کي ئي بقا آهي.“ +سنڌ جو هيءَ فقير طبيعت اُستاد ۽ عالم پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هيپاٽائيٽس ”سي“ جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويو. پاڻ هميشه هڪ بيت جي ��ٽ جهونگاريندو هو ته ”جيسين هلائين، هادي رکج حفظ ۾“ سو پاڻ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به ڪنهن جو مالي محتاج نه رهيو. البته هٿ جي ڪشادگي وٽس سرس هوندي هئي، تنهنڪري اڪثر ڪري تنگدست رهيو، پر ڪنهن کان ڪجهه گهرڻ کان هميشه ڪيٻائيندي چوندو هو ته ”جوکا ڳيا، سو چاڳيا، جو ڇوڙ ڳيا،سو ٻوڙ ڳيا“. سندس زندگيءَ جي ميڙي چونڊي ناياب ڪتاب آهن، جو ”ڪتاب“ ئي سندس زندگيءَ جو محور ۽ مرڪز رهيا. ٻن شادين جي باوجود به اولاد جهڙي نعمت کان مرحوم رهيو. تنهنڪري ننڍڙي عليم الله کي گود ورتائين. جيڪو هينئر شيخ صاحب جي ننڍي ڀاءُ ۽ نامياري صحافي شيخ عزيز جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ زير تعليم آهي. بيماريءَ جي بستري تي به شيخ صاحب جي خوش مزاجي کانئس رُسامو ڪونه ڪيو. جڏهن به عيادت لاءِ وياسين، کيس کلندي ۽ کلائيندي ڏٺوسين، ۽ اهڙيءَ طرح کلندي کلندي 22-جنوري 2004ع تي، پاڻ اسان کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو ۽ کيس ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. + + +سڄڻ سومرو +شمس توکي ڪٿي ڳوليون؟ +(Tragic Death of a Saintly Man) +ڪنهن پر رُوئان پرين کي، روئي نه ڄاڻان، +ڀيڙا ڪيو ڀوڻا، هنجن هاڻا هٿڙا. +(لطيف) +ڀاءَ فهيم نوناريءَ جو خط پهتو آهي ته شمس سومري جو چاليهو جنوريءَ ۾ آهي، اُن تي ڪجهه لکي موڪل! +هن مَن ته اڃان اهو قبول به نه ڪيو آهي ته ڪو شمس گذاري ويو آهي، ته پوءِ چاليهو ڪنهنجو؟.... اڃان رات تاج بلوچ سان فون تي ڳالهه ٿي ته هُو اوڇنگار ڏيئي ڍنڍڪي پيو ۽ چيائين ته تون شمس تي لک!...... لطيف نوناري شايد اڃان شاڪ مان نڪتو ئي نه آهي.... شمس سان منهنجي ڏيٺ ويٺ کي صرف ست سال مس ٿيا هئا ۽ اُنهن ستن سالن ۾ شايد ڪل ست ملاقاتون به مشڪل سان ٿيون هونديون، ليڪن پوءِ به ايترو چئي سگهجي ٿو ته: +مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، +تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي! +حقيقت بهرحال حقيقت آهي ته شمس جسماني طور تي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي. اُن درد جي حقيقت لکڻ ڏُکي آهي، جيئن اسرارالحق ”مجاز“ ڪنهن جي وفات تي لکيو هو ته:”اڪثر هماري دور ڪي بيمار مرگئي!“ باقي رسمي ٻه اکر جيڪي وس ۾ آهن، اُهي شمس جي چاهيندڙن لاءِ لکان ٿو. +شمس هڪ شخص جي حيثيت ۾ سچو، بهادر، بيپرواهه، ڏاهو، سهپ وارو، وفادار، گهڻ ڄاڻو ۽ گهڻ پڙهيو سماجي سائنسدان هو، جيڪو ظاهري ڏيک ويک، مڃتا ۽ لالچ کان مٿانهون ٿي پنهنجي ڪرت سان ڪميٽيڊ رهيو. هُن پنهنجي حياتي جا ٿورڙا ڏهاڙا تمام گهڻا سجايا گذاريا، ۽ ڀانيان ٿو ته ڪنهن کي به ڏک ڪونه ڏنائين. آءٌ پيار مان کيس ”مجذوب“ سڏيندو هئس، جيڪو نالو لطيف نوناريءَ(جنهن سان هُن منهنجي پرپٺ سنگت ڪرائي ۽ شمس جو پيارو دوست بلڪه ڀاءُ به هو) کي به وڻيو ۽ پوءِ اسين ٻئي کيس ”مجذوب“ سڏيندا هئاسين. هن ماکيءَ جي مک جيان جيڪا به محنت ڪئي، سا سنڌ ۽ سنڌي ادب جي لاءِ ڪئي ۽ بنا ڪنهن لوڀ جي ڪئي. هُن جو موٽو ڀٽائيءَ وارو هو ته: +ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيرو ئي خوب، +ميروئي محبوب، اسان مارو مڃيو، +جڏهن ته هن منتشر دور ۾ ڪيترن ئي کي قبلو بدلائيندي ڏٺو ويو آهي. ليڪن شمس جي لاءِ شيون پنهنجي ”اصلي جوهر“ ۾ ئي باقي هيون ۽اُنهن جي پويان عام ماڻهوءَ جي ڀڄ ڀڄان مارڪيٽ اڪانوميءَ ۽ ملٽي نيشنل جي جادوگريءَ جو ڪارنامو آهي. پنهنجي اعليٰ ادراڪ جي ڪري شمس هئڻ ۽ نه هئڻ واري مونجهاري کان مٿڀرو هو ۽ هن هڪ دفعي چيو هو ته زندگيءَ ۾ هِن کي ڪوبه روايتي نشو پنهنجو مطيع نه ڪري سگهيو آهي. هڪ اديب جي حيثيت ۾ جيئن مون سمجهيو آهي ته شمس ڀلي گهڻ – پاسائون هجي، پر بنيادي طور تي هو تنقيد جي ميدان جي بجاءِ تجرباتي تحقيق (Analytical Research) جو دانشور هو. اگر اسان وٽ ادارا ۽ اُنهن وٽ ماڻهوءَ جو قدر هجي ها ته شمس ڪڏهوڪو بين الاقوامي مڃتا جي صاحب (Man of International Acclaim) هجي ها. پر جيئن ته اسان جو سماج ئي ٺوهيو آهي، انهيءَ ڪري ئي شايد هو پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ”ٺوهيو“ چوندو هو. +هو چوندو هو ته اسين ڪجهه به نه آهيون، پر اُهو مواد ئي فيصلو ڪندو، جيڪو انسان جي ذهن ۾ سرجي ٿو، تنهنڪري شمس جي ادبي پورهيي جو ڪاٿو هن جي لکيل مواد مان ئي ڪري سگهجي ٿو. الميو اِهو آهي، جو موت هُن کي منزل تائين مهلت نه ڏني، نه ته شمس پنهنجو ثبوت پاڻ ضرور لهي ها. +هڪ دوست جي حيثيت ۾ شمس ڪيئن هو، اِهو لکڻ جي لائق آءٌ ته گهٽ ۾ گهٽ ڪونه آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجا سڀيئي لفظ شمس جي قد کان ڇوٽا آهن، شمس جا دوست ئي اهو ٻڌائين ته هو ڇا هو؟.... آءٌ ته فقط ايترو چوندس ته: +ڪنڊي ڪِلين وچ ۾، جڏهن هنيائون، +موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي. +سو، منهنجي لاءِ شمس جهڙي دوست کان محرومي زندگيءَ جي وڏين محرومين مان هڪ آهي. الله شال ڪنهن سان ائين نه ڪري! +”مون کي چاڙهي چيئن ويو وڻجارو اوهري“ +”پڙيا“ ڳوٺ (ضلعو دادو) جو هي شمس ازل کان پنهنجن حالتن کي بدلائڻ جا جتن ڪندو رهيو. پورهيت پيءُ جي هيءَ سج، سچ ۽ ڏاهه جو ساکي ۽ متوالوهو. هن جي سمجهه پينگهي کان وٺي قبر تائين سرشاريءَ جا داستان ڦهلائيندي رهي. پنهنجي پرائمري تعليم جي استادن کان وٺي پنهنجي سوچ جي ساٿين تائين هن هميشه روشن خياليءَ جا ڪرڻا پکيڙيا. +سن 1984ع جي اها شام هٿ جي لڪيرن جيان چٽي پيئي ڏسجي، جڏهن مون نوابشاهه جي گورنمينٽ ڪاليج جي ڪوارٽرس ۾ شام جي ڪچهري لاءِ عبدالله مگسيءَ جو انتظار پئي ڪيو.”نوناري ڪٿي آهين؟ اچ ته توکي نئين ٽهيءَ جي بادشاهه سان ملايان.“ ته عبدالله در مان داخل ٿيندي ئي هوڪرو لائي ڏنو. سندس ڀرسان هڪ سمارٽ ڪلين شيو نوجوان هو.”هن سان مُل. اسان جو سياڻو ۽ ٻوليءَ جو بادشاهه دوست ڊاڪٽر شمس سومرو!“ مون هٿ وڌائي کيڪار ڪئي ۽ پنهنجي من اندر ملندڙ هٿ جي نرمي ۽ گرميءَ کي اوتجندو محسوس ڪيو. عبدالله مگسي جي ڊڪشنريءَ ۾ ”اسان جو دوست“ واري فقري جو مطلب هوندو هو” You better behave”. شمس جي تعارف ۾ ٻه وڌيڪ صفتون ڳنڍڻ جو مطلب هو: ”Be more careful” سچ پچ آءٌ هيسجي ويس. رات جي ماني جي وقت تائين هو اسان سڀنيءَ جو دوست ٿي چڪو هو. عبدالله مگسيءَ جي ڪچهري جو مطلب هوندو هو هر هر چڙندڙ پرندڙ شيءِ تي مادي جدليات کان وٺي روحاني رمزن تائين روشن خياليءَ جي ڏي وٺ. بعد ۾ ٻڌايائين ته هن جو اهو دلربا سلسلو سائين ابوبڪر مگسيءَ جي خيالن کان اتساهيل هو. +شمس جي منطقي ڌارائن ۾ ديس جي شين کي تاريخي پس منظر ۾ ڏسڻ جو ڏانءُ ازل کان اوتيل هو. تنهن وقت به هن اندر هڪ طبيب کان وڌيڪ هڪ اديب جي موجودگي نظر ايندي هئي. تن ڏنهن ۾ ئي هن خاڪي جويي جي ”آسڻ جن آريج“ جو مهاڳ لکيو ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ڏانءُ سان ڇرڪائي ڇڏيو. هن جي اندر ۾ موجود هڪ ڊراما نويس، تاريخدان، شاعر ۽ سياسي ڪارڪن جو همه گير موجودگي مون کي حيران ڪندي هئي. +ادب ۾، سياست ۾، چاهت ۾ غير ذميوار رويا شمس جي ماٺار ۾ اُڀار آڻيندا هئا. هو زماني جي ڄاڻ کي اوتڻ گهرندو هو ۽ اوتڻ بعد اوڳاڇڻ کي بدهضمي شمار ڪندو هو. ادبي تحريڪون هجن يا سياسي نظريا، هو هر شيءِ کي انساني حال ۽ آئندي جي تناظر ۾ ڏسندو هو. غربت جي آسيس ۽ آسائش لاءِ جنگ جو هو ازلي ويڙهو هو. وسيلن جي ڏکوئيندڙ کوٽ جي باوجود هن پنهنجي ساڃاهه ۽ صبر سان پڙهائي جا مرحل�� طئي ڪيا ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽري جي سند ورتي. +لطيف نوناري +سحر امداد +10- هين سارڪ رائٽرس ڪانفرنس، لاهور +”سدائين گڏ!“ +11- مارچ جي خوبصورت، خاموش صبح جو، سمنڊ جي گهميل هوائن جي هلڪي وڻندڙ ٿڌاڻ کي محسوس ڪندي، آءٌ ڪراچيءَ جي خاموش ۽ پرسڪون رستن تان سانول ۽ سَني سان سنگ سنگ گذري رهي هئس. ڪراچيءَ جي ويڪرن، ڪشادن ۽ صاف سٿرن رستن ٻانهون ڦهلائي ڄڻ اسان جو استقبال ڪيو ۽ مان دور ماضيءَ ۾ ڪٿي ليئا پائڻ لڳيس.... جڏهن ڪراچيءَ جا رستا روز صبح جو ڌوپجندا هئا، مون پنهنجي ڏاڏيءَ جي روشن اکين مان ئي اُهو سڀ ڪجهه ڏٺو هو... پر خود منهنجي ننڍپڻ جي ڪراچي ڪيڏي نه خوبصورت ۽ ڪيڏي نه حسين هئي، ۽ مان پُوريل اکين سان اهو سڀ ڪجهه پسان ٿي. اوچتو گاڏيءَ جي بريڪ سان منهنجي يادگيرين کي بريڪ لڳي ٿو، ۽ جناح ٽرمينل جي لابيءَ ۾ امدا ۽ سني کان موڪلايان ٿي. ايئرپورٽ تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين ويندڙ ائرڪنڊيشند ڪوچ جي سيٽن کان به خراب سيٽن وارو جهاز اسان کي لاهور وٺي وڃڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. جهاز ۾ گهڙندي ئي پهرين سيٽ تي ويٺل چهرو مون کي ڪجهه شناسا لڳي ٿو. دل ٿئي ٿي ته اُن سان ڪجهه هيلو هاءِ ڪجي، پر في الحال مان صرف پنهنجي سيٽ تائين پهچڻ چاهيان ٿي، سو اڳتي وڌي ٿي وڃان. +هن جهاز ۾ ويــٺل سڀ چهرا پنجن پاڻين جي ميلاپ جي خبر ڏين ٿا، اُنهن سمورن چهرن ۾ شايد هڪ منهنجو ئي چهرو مختلف هو، يا وري ڊاڪٽر عشرت حسين جو چهرو، جنهن سان پڻ هڪ مختصر ملاقات ٿي. اصل ۾ مون کي اعتبار نٿي آيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ اڪانامي ڪلاس ۾! ڊاڪٽر عشرت مون سان صاف سٿري سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، مون کي سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿي. ڊاڪٽر صاحب کي ڏهين سارڪ ادبي ڪانفرنس ۾ منهنجي شرڪت ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ تي خوشي ٿي. هن منهنجي شعري مجموعي ”چوڏهينءَ چنڊ آڪاس“ کي ڏسي ساراهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جون خبرون چارون ٿيون ۽ وري ڪڏهن ملڻ جو چئي علامه اقبال ٽرمينل لاهور تي اسين الڳ الڳ ڏسن ڏانهن مُڙي وياسين،. +ٻاهر نڪتيس ته ”پروفيسر سحر امداد“ جو ڪارڊ کڻي بيٺل شخص کي هٿ لوڏيم. هن وڌي اچي منهنجي بيگ ورتي ۽ مون کي سائيڊ تي بيهڻ جو اشارو ڪري، بيگ موو ڪندو وري وڃي اُتي بيٺو. پهرين ته مون سمجهيو ته شايد پشاور جي فلائيٽ به ترت ئي رسي آهي، ۽ هو پشتو شاعره حسينه گل لاءِ بيٺو آهي، پر پوءِ ائين بيٺي بيٺي خيال آيم ته ڪٿي هو ڊاڪٽر آصف فرخي ۽ زاهده حنا لاءِ ته ڪونه بيٺوآهي، سو وڌي وڃي کانئس پڇيم ۽ کيس ٻڌايم ته اُهي ٻئي شام جي فلائيٽ ۾ ايندا. +هوٽل جي آرامده گاڏي لاهور جي صاف سٿرن ويڪرن ڪشادن ۽ بنا رش وارن رستن تي ڊوڙڻ لڳي. لاهور جي خوبصورت رستن جي ٻنهي پاسي ساوڪ ۽ رنگين گلن جي گلڪاري ائين ٿي لڳي ڄڻ انڊلٺ ڌرتيءَ تي لهي آئي هجي. ڪيڏو نه بدليل لاهور منهنجي اکين آڏو هو. هڪ ماڊرن شهر جو ڏيک ڏيندڙ لاهور! ڊرائيور سموري واٽ مون سان لاهور جي رستن، جاين ۽ اهم عمارتن جو تعارف ڪرائيندو هليو. لاهور جا نقش نگار ڪٿي ته مون کي جدي جهڙا ٿي لڳا ته، ڪٿي اُهو ڪراچيءَ جهڙو ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته ڪٿي مون کي حيدرآباد وانگي بنهه شناسا شهر ٿي لڳو. +هوٽل پهچي، ڪائونٽر تي چيڪ- ان ٿيندي ئي مون اسٽرابيري فريش جوس جي سِپ ڀريندي منتظمين جي پڇا ڪئي، ته خبر پيئي اجهو هيئنر اُهي ”الحمرا“ وڃي چڪا آهن. بهرحال، آءٌ ته ڪمري ۾ وڃي سمهي پيس، چئين سوائين چئين وڳي ڌاري ڪنهن ڪمري جي در کي هلڪو ناڪ ڪيو، در کوليم ته سامهون حسينه گل اڇي چڪن جي چادر ۾ ويڙهيل سيڙهيل بيٺي هئي. هن چهر�� تان نقاب به اُتي اچي هٽايو هو. اسين هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي اُڪير مان ملياسين. اسين هڪ ٻئي سان اڳ ۾ ملي به چڪا آهيون ۽ هڪ ٻئي کي ٻُڌي به چڪا آهيون،ان ڪري اسين ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي مُور نه هئاسين. حسينه گل کي چيم: مان شاور وٺان ته پوءِ گڏجي هلون ٿا ڪافيءَ جو ڪپ پيئڻ. شاور وٺي، فريش ٿي، ڊائننگ هال ۾ آياسين. ته اُتي اڪادمي ادبيات لاهور جي جميل اسان +جو استقبال ڪيو. ۽ هن ئي ٻڌايو ته هتي جا اديب هندوستاني اديبن کي وٺڻ لاءِ واهگا بارڊر ويا آهن. بس اِجهو ايندا ئي هوندا. اسان سئنڊوچ ۽ ڪافي وٺي واندا ٿياسين،تڏهن ڏٺوسين گلن جا هار پاتل ڪجهه ماڻهن جي جهڳٽي ۾ ڪشور ناهيد لفٽ مان ٻاهر آئي. اسين به اڳتي وڌياسين. ڪشور ناهيد وڏي محبت سان گلي ملي ۽ چيائين: اسان کي هوٽل ڪائونٽر وارن ٻڌايو ئي ڪونه، اوهان کي به واهگا بارڊر تي هِنن کي رسيو ڪرڻ لاءِ وٺي هلڻو هو. بهرحال هڪ ٻئي سان ملڻ جو، ۽ تصويرن نڪرڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿيو ۽ ائين اجنبي چهرن سان شناسائيءَ جو هڪ سلسلو هليو. نصرت شيخ سان فون توڙي موبائل تي ٿيل رابطا هڪ رشتي ۾ بدلجڻ شروع ٿيا. هن سنهڙي سيپڪڙي ڇوڪري پنهنجي نازڪ ڪلهن تي ڀاري ڀرڪم ذميواريون کنيو هيون. چانهه جي دور کان پوءِ هن پهريون حڪم ڏنو ته:”اوهين سڀ تيار ٿي اٺين وڳي لابيءَ ۾ پهچو، انارڪلي فوڊ بازار هلڻو آهي.“ +سارڪ ملڪن – انڊيا، ڀوٽان، بنگلاديش، پاڪستان، سري لنڪا، مالديپ ۽ نيپال .... مان پهتل وفدن جي پاڻ ۾ پهرين خوشگوار ملاقات +”انارڪلي فوڊ بازار“ جو ماحول پنجابين جي محبت، گرمجوشي ۽ زنده دليءَ جو چٽو ثبوت هو، پکين جي صورت ۾ بجليءَ جي ننڍڙن قمقمن سان سينگاريل، لاهور جي اها فوڊ بازار موسيقيءَ جي سُرن ۽ کاڌي جي خوشبوئن سان مهڪي رهي هئي. ٻنهي پاسن تي لڳل ڪرسين تي ڪيتريون ئي فيميليز،جوان جوانڙيون، ٻار، ٻُڍا، سڀ موجود هئا. انهن ۾ ڪيترائي فارينرز، گورا توڙي ڪارا سڀئي موجود هئا. ۽ بازار ۾ پيهه لڳل هئي. دڪاندارن گراهڪن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ سازندا بيهاريا هئا، ڪٿي ڍولڪ تي، ڪٿي شهنائي تي، ڪٿي وائلن تي سازندن گراهڪن جي پسند مطابق ڌنون ٿي وڄايون. اُن رات سارڪ جي اديبن لاءِ پنجاب سرڪار پاران خاص انتظام ڪيل هو، ۽اُتي جا آفيسر (ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر رئنڪ جا) مهمانن جي آجيان ۽ آڌرڀاءُ لاءِ موجود هئا. بِنا مرچن جي به کاڌو ڪيترو سوادي ٿي سگهي ٿو، اهو اُتي وڃي خبر پيئي. چڪن تڪه ۽ مٽن ڪڙاهي کان وٺي پالڪ پنير، پالڪ گوشت، فِش فراءِ، ساڳ ۽ دال تائين موجود هئا، مٿان گرم خستانان، فائڊ رائس، سلاد،ڏهي، لسي، ڪوڪ، جيڪو وڻي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٺڪر جي وٽين ۾ ٿڌي کيرڻي- پر کاڌي کان پهرئين ئي اسان جي ”بانگلابونڌو“ زبيده گلشن آڙا جي سُريلي روح اُڇل کاڌي ۽ هوءَ اونهن سازن سان هم آواز ٿي ڳائڻ لڳي. ائين اُن مستيءَ ۾ گهڻو جو روح رسڪيو ۽ آواز سان آواز ملندا ويا. تاڙين سان تاڙيون ملنديون ويون ۽ سڀ هڪڙي ئي لهر ۾ لُڙهڻ لڳا. ڪشور ناهيد، افتخار عارف، احمد فراز، اجيت ڪور، ثروت محي الدين، نيلم، حسينه گل، انتظار حسين، منُو ڀائي، اشوڪ واجپائي، اڀي سُبيدي، ڊورجي، ٽيشا، رحيم،عباس ابراهيم، رينوڪا ۽ مان- اسين سڀ اُن سُر لهر ۾ لڙهندا وياسين. ائين روح جي غذا ۽ جسم جي غذا گڏوگڏ هلندا رهيا. واپسي تي اُتي ئي خاص طور سان هڪڙي ننڍڙي محفل جو اهتمام ڪيو ويو هو. ڪن روايتي فقراءَ جي لباس ۾ فقيرن ماڌو لعل حسين، خواجه فريد ۽ بلهي شاهه جي سُريلين ڪافين کي آلاپي اُن شام کي دوآتشه بڻايو. فنڪارن کي گهور ڏيڻ اسان جي روايت آهي- اُن روايت کي اجيت ڪور، احمد فراز، مون ڪجهه ٻين نڀايو. اجيت ڪور ته گهور وجهڻ ۽ جادو جي جپي وجهڻ ۾ سڀني کان اڳ ڀري هئي. اديبن جي ان وسيع وفد جو هر ميمبر هن سان گهڻي محبت ۽ آڌر جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ هوءَ اهو لهڻي پئي. واپسيءَ تي ڪنهن اولياءَ جي مزار جو ڏيک ڏيندڙ پان جي مانڊڻي سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويئي- ۽ اديبن اُن تان پان ائين پئي ورتا ڄڻڪو تبرڪ وٺندا هجن. اِن ريت”زنده دلان لاهور“ ۾ اسان جي پهرين شام هڪ يادگار شام بڻجي ويئي. +ان ريت”انارڪلي فوڊ بازار“ کان موٽندي، سڀئي اجنبي چهرا اجنبي مُور نه رهيا هئا. هر چهري جو هڪ نالو هو ۽ اُهو هر ڪنهن جي ميموري باڪس ۾ محفوظ ٿي چڪو هو. هي ڪمليشور جي آهي، هندي توڙي اردوءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ مون هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهيون آهن، ۽ اڄ هن سان ساڳئي ڪوسٽر ۾ موجود آهيان- سڀ تاڙين جي ڦهڪي تي زبيده گلشن آرا ۽ رينوڪا جي سُر سان سُر ملائن پيا. زبيده گلشن آرا بنگالي ٻوليءَ جي ليکڪا، شعر ۽ ادب جي اُستاد آهي- مون وانگي ئي. هن سان گڏ بنگالي وفد ۾ عبدالرحيم به شامل آهي، جيڪواديب ۽ صحافي آهي. هن اڇن وارن وارو نهايت وضعدار ۽ خوش لباس شخص ڊاڪٽر عابد حسين آهي. هن کي ڏسي مون کي ڊاڪٽر الياس عشقيءَ ياد ٿو اچي وڃي، مقناطيسي شخصيت جو مالڪ ڊاڪٽر عابد حسين انگريزي ۽ هنديءَ جو وڏو عالم، اديب ۽ تعليمدان آهي.پروفيسر امير بٽ ۽ وائيس چانسلر، پر وڏا بنهه نه- اسي پنجاسي سالن ۾ ماڊرن لُڪ ڏيندڙ ڊاڪٽر عابد حسين جي ابتڙ هڪ سادو سوڌو ڌوتيءَ ڪڙتي ۽ واسڪوٽ ۾ ملبوس هي قدآور ماڻهو ڊاڪٽر نامور سنگهه آهي-پنهنجي نالي وانگيان نامور- ۽ هڪ شاهڪاري شخص. 13 مارچ تي پنجين سيشن ۾ پنهنجي ڪنهن نوٽ ۾ هڪ هڪ صديءَ کان هڪ هزار صديءَ تائين ادب جي تاريخ کي ڇاڇولي رکيو. هن ڏيڍ ڪلاڪ ايڪسٽميپو ڳالهايو- ۽ ڇا ته ڳالهايو! ادب، اُن جي جزئيات ۽ تفصيل- ۽ پورو هال پنهنجي ان گمشده ورثي کي اُن سان گڏجي کوجيندو رهيو- نهايت خاموشيءَ سان- هن جڏهن ”سنديس راشا“ ملتان جي ”ادو رحمان“ جي حوالي سان ذڪر ڪيو، يعني هندي/اردوءَ جي پهرين دستياب شاعريءَ جي ملتان مان ملڻ-ملتان جي تاريخ جي اُن دور ۾ ”سنڌ“ هو- ۽سنڌ جو دارالحڪومت پڻ رهيو هو- ۽ هو هتان مليل ”سنديس راشا“ کي هندي ۽ اردوءَ جي ابتدا مڃين ٿا- ۽مان سوچيان ٿي اِهو ته سو سيڪڙو قديم سنڌي ڪلام ئي هوندو - ۽ مون کي ساڳي سن سال جي حوالي سان ”سنڌ“ جا ٻه راسا ياد اچن ٿا””همير راسا“ ۽ “دودل راسا“- سنڌ جا اِهي ٻئي راسا چندر بردئي جي ”پرٿوي راج راسا“ جا همعصرآهن. سنڌ جي ”رزم“ ۽ ”بزم“ سان مرصع اِها شاعري- جيئن ڊاڪٽر نامور سنگهه به ”سنديس راشا“ لاءِ چيو- ٻارنهن ماسن تي مشتمل آهي. سارڪ اديبن جي انهيءَ وفد ۾ ڪيرل(ڪيرالا) جو ڊاڪٽر اشوڪ ڪوشي به آهي- عالم، اديب ۽ رٽارئرڊ آفيسر- نهات سنجيد ۽ ريرزوڊ شخص- هو مونکي پنهنجين ڌيئرن ديا ۽ ڇايا جون تصويرون ڏيکاري ٿو- ته اِهي مون کي پنهنجي ڌي ”سنڌيا“ جهڙيون ئي لڳن ٿيون، ۽ مان سوچيان ٿي اسان جا نالا، اسان جا مهانڊا، اسان جا رنگ، اسان جون عادتون، اسان جي ٻولي ۽ اُن جي جڙ ۽ ان جو ٿڙ سڀ هڪ آهن- پوءِ به اسان ۾ ڪيڏا نه ويڇا آهن! بشنو جو نالو ٻڌي مون کي لڳي ٿو ته هي ته ڪو اسان جو پنهنجو آهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ عام طرح دال ڀاڄي کائيندڙن کي ”ويشنو“ چيو وڃي ٿو. اسان پڻ دال ڀاڄي کائڻ پسند ڪندا آهيون. ان ڪري اسين خود پنهنجي پاڻ لاءِ به ائين چوندا آهيون ته:اسين ويشنو آهيون- ي��ني سبزي خور آهيون. هتي انهيءَ ”و“۽ ”ب“ جي ادل بدل جي چٽي صورت موجود هئي. عام طرح سنڌي، پنجابي، توڙي هندي/ اردو ٻوليءَ ۾ اها تبديلي نهايت عام آهي، جنهن جو هڪ بنهه سادو مثال آهي لفظ:بال-وال/وار“ بمعني هيئر. بشنو مهاپاتري جڏهن پنهنجي نهايت مادري ٻولي ”اُريا“(اُڙيسه جي ٻولي) ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي ٿو، ته روح رڳن مان ڇڪجي ٿو. هو جڏهن ان خوبصورت شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٻڌائي ٿو ته ائين لڳي ٿو، ڄڻ اسان جا خواب، خيال، نظم جو آڪار، اُن جي نغمگي ۽ سُريلائپ سب اسان جا پنهنجا آهن! پروفيسر افضل حسين قاضيءَ جو نالو جڏهن مون قاضي افضل ٻڌو ۽ هن کي ڏٺو، ته مون کي ائين لڳو ته هي ڪو سنڌ جو قاضي آهي. اُن کان اڳ جو آءٌ هن کان سندس پار پتا پُڇان، ته هو ڪهڙن قاضين مان آهي-تيسين مون کي تعارف ڪرائيندڙ ٻڌايو، ته هي علي ڳڙهه يونيوررسٽيءَ ۾ اُردو شعبي جو سربراهه آهي. 14- مارچ تي ستين سيشن ۾ قاضي افضل جي مقالي”گلوبلائيزيشن ۽ ادب ۾ اُن جو عڪس“ هڪ اهم مقالو هو. ڊاڪٽر شميم حنفي هندي / اردوءَ جو وڏو نقاد آهي. هن جا ڪجهه مقالا ڊاڪٽر آصف فرخيءَ جي ”دنيازاد“ ۾ مون پڙهيا آهن. هو پنهنجي مقالي ۾ ڪمال علميت ۽ دليل جو صاحب نظر اچي ٿو، ته هو پنهنجي شاعريءَ جي گداز ۽ نغمگيءَ جي ڪري هڪ درد آشنا آرٽسٽ لڳي ٿو. ۽ اجيت ڪور جيڪا اُن ست رنگي انڊلٺ جو سڀ کان سهڻو ۽ نمايان رنگ آهي- نيلو رنگ- سچ جو رنگ-نيڪي جو رنگ، يقين جو رنگ، محبت جو رنگ. هوءَ سڀني کي پنهنجي ڳلي سان لڳائي ٿي، ڀاڪر پائي ٿي، پٺي ٺپري ٿي، سڀني جو گهڻُو خيال رکي ٿي ۽ جڏهن هوءَ پيار مان مٺو ٻولي ٿي، تڏهن هوءَ پنهنجي زبان جي ڪيميا سان ورح جا سمورا رنگ لاهي ٿي ۽ روح اُجاري ٿي. هڪ سچي اديب ۽ شاعر جو ”مقصد حيات“ اِهو ئي آهي- تار تار روح جي رفوگري ڪرڻ ۽ ميري من کي اُجورو ڪرڻ- ۽ روح جي ناپاڪين ۽ ڪثافتن کي پاڪ ڪرڻ ۽ اندر اُجارڻ- ۽اجيت ڪور اُهو ئي ڪجهه ڪري پئي. 1987ع کان وٺي-”خانه بدوش“ جي اجيت ڪور پنهنجي روح جي رڙ کي خانه بدوشيءَ ۾ دفن ڪري، هاڻ سڀني ۾ کِل جي کستوري ورهائي ٿي- اِهائي هن جي جيون ڀرجي حاصلات آهي. اُن وفد ۾ هڪ سانوري سلوڻي مدراسڻ به آهي-رينوڪا نرائنن، جا هر وقت جهرمر جيان جهرمرائيندي رهي ٿي. هوءَ ڳالهائي ٿي، جهونگاري ٿي ته ڄڻ روشنيءَ جا ڦول ڇڻن ٿا، هوءَ واقعي ڦول جَهڙي آهي. هوءَ ڪڏهن ترنگ ۾ اچي ڀڳت ڪبير جا دوها ٿي جهونگاري ۽ ڪوسٽر تي واپسيءَ ۾ هوءَ پنجابين کان وڌيڪ سُريلا پنجابي ڪلام ڳائي سگهي ٿي- هن کان رابيدر ناٿ ٺاڪر(ٽئگور) جو بنگالي ڪلام ساڳيئي بنگالي ايڪسنٽ ۾ ٻي زبيده گلشن آرا سيد وسريو وڃي. +13- مارچ تي لاهور جيمخاني کان ڊنر تي واپسيءَ تي آءٌ زاهده حنا ۽ رينوڪا جي روم ۾ وڃي ويهان ٿي ۽ پنهنجي شولڊر بيگ مان ٽيپ ريڪارڊ ڪڍي سامهون رکان ٿي- زاهده حنا مذاق جي انداز ۾ رينوڪا کي چئي ٿي ته ”تون اسان جي ملڪه پکراج آهين“ ۽ رينوڪا ملڪه پکراج وانگيان هٿن جي لهرن سان آلاپي ٿي:”اڀي تو مين جوان هون......“ حفيظ جالنڌريءَ جو خوبصورت ڪلام رينوڪا ڏاڍي رچاءُ سان ڳائي ٿي ۽ اوچتو رينوڪا مون کي حيرتن جي سمنڊ ۾ لوڙهيو ڇڏي، جڏهن هوءُ شُڌ سنڌيءَ ۾ ڏاچي واليا موڙ مهار وي، هو ڏاچي واليا موڙ مهار وي...“ آلاپي ٿي. هوءَ لٽريچر، ڪلچر، تهذيب ۽ تاريخ تي وڏي دستور رکي ٿي- هن جون تحريرون ڪيترائي پاڪستاني انٽرنيٽ تي پڙهن ٿا ۽ ساراهين ٿا. +بقول اجيت ڪور...”بنگالي بلبل“ زبيده گلشن آرا، رابيندر ناٿ ٺاڪر(ٽئگور) جو دلگداز ڪلام ۽ نذرالاسلام جو جو��يلو ڪلام ٻڌائي ٿي. ته انسان جي دل ساڳئي وقت گداز ۽ جو ش سان ڀرجيو اچي. هن جا بنگالي ڪلام مون کي ڏور ماضي ڏي ڌڪي وڃن ٿا، جڏهن پنهنجي ٽين ايج ۾ دريا جي مٿاڇري تي ترندڙ ٻيڙيءَ ۾ ”ڀويا“ ڳائيندڙ ۽ ونجهه هلائيندڙ مانجهيءَ جا آلاپ منهنجي رڳن مان روح ڇڪي وٺندا هئا، ۽ مون کان ساهه کڻڻ ئي وسري ويندو هو، جڏهن حيدرآباد جي ريشم ڳليءَ ۾ بنگالي”ڪانجي ورم“ جون ساڙهيون هتي جي لوڪل ڪپڙي جي جوڙي کان ته وڌ سستيون ملنديون هيون.- ۽ مون پنهنجي ٽينس ۾ ساڙهيون پائڻ شروع ڪيون هيون: ڪانجي ورم جون ساڙهيون- ۽ مان تصور ۾ پاڻ کي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي سمجهندي هئس.، تڏهن جڏهن ما ريڊيو پاڪستان تان بنگالي سيکارڻ وارو پروگرام خاص طور ٻڌندي هئس ته جيئن مان ٽئگور کي رڳو ڊبليو بي يٽز جي ڪيل ترجمي ۾ نه، پر هن جي پنهنجي ”ماتر ڀاشا بنگلا“ ۾ پڙهي سگهان، سمجهي سگهان ۽ محسوس ڪري سگهان. ته هن جي سٽ سٽ، لفظ لفظ، اکر اکر ڪيئن ٿو روح جي تارن کي ڇُهي... بنگال جو جادوءَ مان خود تي گذرندي، خود محسوس ڪيان...... پر هي ظالم وقت! +ساڳيئو ظالم وقت اڄ ڪيتري قدر مهربان آهي- مان ٽئگور کي ٻُڌان پئي ۽ اُن جي جادوءَ ۾ جڪڙجان پئي- مان زبيده ۽ رحيم جي بنگالي ڳالهه ٻولهه مان معنيٰ جا موتي جهٽيان ٿي، ۽ بنگالي لهجي ۾ ويڙهيل لفظن جا سمورا وڪڙ کولي اُن کي سنڌيءَ ۾ آڻي سامهون بيهاريان ٿي- ۽ هوءَ حيران ٿئي ٿي- ۽ اسين هن پوري خطي جي ٻولين جا روٽس ڳولڻ لڳون ٿا، پر ڇا اِها اسان تي صرف وقت جي مهرباني آهي؟ ان مهربانيءَ ۾ ڇا انسان جو ڪو هٿ ناهي؟ يقيناَ اجيت ڪور 1987ع کان هڪ خواب اُڻڻ شروع ڪيو هو. اُن سپني کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ هو ڪٿي ڪٿي، ڪيئن ڪئين وڙهي هئي-اِها ڪهاڻي هوءَ هر ڀيري، ورائي ورائي ٻڌائي ٿي. ان خواب کي هتي آڻي حقيقت جي روپ ڏيڻ ۾ ڪشور ناهيد جي غير مشروط محبت به شامل آهي- ته افتخار عارف جو افتخار به شامل آهي- ته ڊاڪٽر فوزيه سعيد جي ايڊ جو ته گهڻو عمل دخل آهي ته نصرت ۽ محسن جن جي محنت ۽ اوجاڳا به شامل آهن- ۽ ان ۾ اجيت ڪور جو شهزادو احمد فراز به شامل آهي ۽ احمد نديم قاسميءَ جون دعائون به شامل آهن- ۽ شامل هجڻ وارن ۾، انهن سڀني سان وک سان وک ملائيندڙن ۾ انتظار حسين به آهي، منوڀائي ، شعيب هاشمي، سليمه هاشمي، ڊاڪٽر انور سجاد، نيلم احمد بشير، جاويد شاهين، فرخنده لوڌي، عبدالله حسين، شائسته، وحيد احمد، افضل توصيف، نيلم حسين، ثمينه رحمان، منصوره احمد، ڊاڪٽر روبينه ترين، نسرين انجم ڀٽي، امتياز عالم، مستنصر حسين تارڙ، مسعود اشعر، ثروت محي الدين، حسينه گل، حڪيم بلوچ، ڊاڪٽر آصف فرخي، زاهده حنا ۽ مان- اسين سڀ قدم سان قدم ملائي هلندا رهياسين ۽ قافلو ٺهندو ويو. +ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ همه تن گوش سامعين +پاڪستان ۾ ”سارڪ اديبن جي ڪانفرنس“ ٿيڻ هڪ وڏو واقعو هو. 12 مارچ جو صبح ”الحمرا“ جي ڳاڙهين سِرن جي ٺهيل، قلعي نما خوبصورت عمارت جي خوبصورت آڊيٽوريم ۾ ستن ملڪن جي ننڍڙن رنگين جهنڊن جي وچ ۾ رکيل خوبصورت رنگارنگ گلن جي ”ٻُڪي“ اڄ جو استعارو بڻجي ويو هو. سڀ کان پهرين ڪشور ناهيد هال ۾ ويٺل سمورن اديبن کي اسٽيج جي ٻنهي پاسن تي لڳل وڏي فريم ٿيل پني تي ”امن“ لاءِ صحيح ڪرڻ جي وينتي ڪئي. اسٽيج جي هڪڙي پاسي احمد فراز پنهنجي شعر ۽ آٽو گراف سان ”امن لاءِ دستخط“ جي ابتدا ڪيئي ته ٻئي پاسي افتخار عارف پنهنجي شعر ۽ صحيح سان امن جي سفر جو آغاز ڪيو. زبيده گلشن آرا انگلش ۾ امن جي دعا ڪئي ته مون ”عالمي امن ۽ سلامتيءَ“ جي حوالي سان دنيا جو خوبصورت ترين شعر اُتي لکيو- شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ چيل اِهو شعر دنيا جي امن جو اعليٰ ترين منشور آهي: +سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، +دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين! +سموري دنيا جي سُک ۽ سلامتيءَ جو اهو خواب شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اڄ به زنده آهي. +آڳاٽي دور جي ڏند ڪٿائن موجب، هي ڪائنات ستن سمنڊن، ڌرتيءَ جي ستن تهن، ستن آسمانن، ستن ڏينهن ۽ ستن سُرن جو تال ميل آهي- ۽ اُن ڏينهن اسٽيج تي ستن ملڪن جي ستن جهنڊين ۽ ستن نمائندن جو هجڻ هڪ حسين استعارو ٿي لڳو. اسٽيج تي بنگلاديش جي نمائندگي عبدالرحيم ٿي ڪئي. ڀوٽان جي نمائندتي تِشرنگ ڊورجي ٿي ڪئي. انڊيا جي نمائندگي سارڪ اديبن جي انجمن جي صدر اجيت ڪور ٿي ڪئي. مالديپ جي عباس ابراهيم، نيپال جي اڀي سُبيدي، پاڪستان جي نمائندگي ڪشور ناهيد ٿي ڪئي ۽ سري لنڪا جي نمائندگي ابيسڪراٽسا ٿي ڪئي. جڏهن ته پريزڊيم ۾ پاڪستان جي وزير تعليم محترمه زبيده جلال صاحب به موجود هئي. ڊاڪٽر جاويد اقبال به موجود هو، احمد نديم قاسمي پنهنجي ناچاڪيءَ جي ڪري اچي نه سگهيو- هُن جو ريڪارڊ ٿيل پيغام ٻڌرايو ويو. +”ڏهين سارڪ اديبن جي ڪانفرنس لاهور“ جو باقاعده آغاز فيض احمد فيض جي نظم تحت اللفظ پڙهڻ/ڳائڻ سان ٿيو. شعيب هاشمي ۽ شازيا اِها خوبصورت ذميواري نڀائي، احمد فراز پنهنجي نظم”دوستي ڪا هاٿ“ ٻڌائي خوب داد پاتو. هنديءَ جي مشهور شاعر اشوڪ واجپائي پنهنجو نظم ٻڌائي ٿو ۽ اُن ۾ واعدو ڪري ٿو ته: هاڻ هو ڪڏهن به سمنڊ جي ڪناري گل ڪونه پوکيندو، ڇو ته سمنڊ سدائين هن جي سال کن جي محنت پاڻ سان وهايو وڃي .”ان ڪري آءٌ سمنڊ ڪناري گل ڪونه پوکيندس!“ اها سندس نظم جي ٽيپ جي لائين هئي. +ڀوٽان جي تشرنگ ڊور جي کي ”شاعري“ ڪرڻ جي سزا جي طور پرنسپل جي آفيس جي سامهون گاهه لڻڻو پيو هو، جڏهن ته هو شاعريءَ ۾ گاهه ڪونه ٿو لُڻي، پر گل پوکي ٿو، جڏهن ته اسان وٽ اڄڪلهه شاعرن جي گهڻائي رڳو گاهه ئي لُڻي پئي، گل پوکڻ بدران! +مالديپ جي عباس ابراهيم جي نظم ۾”هڪ اديب جون گهڻيون ئي ذميواريون آهن. انسانذات جي بهتري ۽ ڀلائي، دنيا ۾ امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ جي ذميواري هڪ اديب ئي بهتر طور نڀائي سگهي ٿو.“ نيپال جو اڀي سبيدي هندوستان ۽ پاڪستان جي اديبن جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ اُنهن جي جوش جذبي کي ساراهي ٿو. هو چئي ٿو”انهن ٻنهي ملڪن جي مشترڪه تاريخ ۽مشترڪه تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي ملڻ جو مشترڪه نقطو نيپال آهي.“ بنگلاديش جي عبدالرحيم کي سڀئي چهرا شناسا ٿا لڳن ۽ هو پهريون نڪتو ئي اِهو کڻي ٿو ته، ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن جي تهذيب هڪڙي آهي- اُنهن جي تاريخ، ثقافت، منهن مهانڊا- ٿوري فرق سان ساڳيا ئي آهن، ان ڪري هنن سڀني ملڪن کي هڪ ٿيڻ کپي- ۽ اُن لاءِ اسان کي پنهنجا سمورا اختلاف وساري، هڪ ٿيڻ جي راهه ڪڍڻي پوندي، ڇو ته اسان سڀني کي هن پوري وڏي خطي جي امن ۽ محبت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. سري لنڪا جو ابيسڪرا ٽسا پنهنجي ملڪ جي ڪشيده حالتن لاءِ ڏک جو اظهار ڪري ٿو ۽ پوءِ ذري گهٽ اِهي ئي ڳالهيون ڪري ٿو، ته ڏکڻ ايشيا جي سڀني ملڪن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن. هن خطي جو ڪلچر هڪ آهي. هو پڻ هندستان ۽ پاڪستان جي اديبن جي محبت ۽ يگانگت جو ذڪر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته تاريخ جي وڏي ستم ظريفي چئجي جو اِهي ٻيئي هڪ ٻئي سان کلي ملي نٿا سگهن. فن ۽ ثقافت ته قومن کي ملائيندا آهن، ڌار ته نه ڪندا آهن- مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ مان ڪنهن جادوئي ڪهاڻيءَ ۾ پيو جيان. +ڊاڪٽر مبشر حسن پڻ پريزيڊيم ۾ موجود هو. هو پنهنجي مخصوس رنگ ۾ حالتن جو تجزيو ڪري ٿو ۽ ايڊورڊ سعيد جي حوالي سان ادب ۽ سياست کي گڏ کڻي هلڻ ٿو چاهي، ۽ اديب کي سياستدان به ڪرڻ ٿو چاهي. هن جي خيال ۾ قومپرستي نه، بلڪه محبت جو مذهب ئي سمورن مسئلن جو حل آهي. +ڊاڪٽر جاويد اقبال، ڊاڪٽر مبشر جي ايڊورڊ سعيد جي حوالي کي کڻي ڳالهه اڳتي وڌائي ٿو. هو چئي ٿو ته سارڪ جي سڀني ملڪن ۾ صرف بُک ۽ غربت ئي هڪ مشترڪه شيءِ آهي. اديب ۽ شاعر محبت جا پيامبر آهن، صرف اديب ۽ شاعر ئي سياستدانن کي هڪ نئون وزن ڏيئي سگهن ٿا. قومون شاعرن جي دلين ۾ پيدا ٿين ٿيون، ان ڪري اديب جنگ جو نه پر محبت جو پيغام ڏي. +اجيت ڪور پڇاڙيءَ ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجي دل چيري کڻي رکيائين....! هن جا لفظ شديد محبت ۽ شديد درد ۾ دٻجي ٿي ويا. هن چيو” منهنجي دل ٿئي ٿي ته اوهان سان پنجابيءَ ۾ ڳالهايان پر مان اُنهن ڪبوترن جو ڇا ڪيان، جن کي مون وڏين مشڪلن سان هٿ ڪيو آهي- ۽ اُنهن ”امن جي ڪبوترن“ جي ڪري ئي مان هِتي جي ۽ هُتي جي بندوق بردارن سان وڙهي آهيان. مون جڏهن به اديبن/شاعرن جي ملڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون کي اِهو ئي جواب مليو ته اديب ملي ڇا ڪندا؟ اِهي سياستدان آهن؟ يا اِهي ڪي تاجر ۽ واپاري آهن؟ ٻيا سڀ ڀلي ملن، ڌنڌو ته ڪندا- اديب ملي ڇا ڪندا!“ هن امن جي اُنهن ڪبوترن کي گڏ ڪرڻ جي مشڪل ۽ ڊگهي ڪهاڻي ٻڌائي:” ڀوٽانوارن چيو، اسان جي زبان ڏاڍي قديم آهي، مشڪل آهي- اسان وٽ مونڪجس ته ملندا، پر اديب نه ملندا ۽ اُتان وڏي مشڪلن سان مون کي اِهو ”ڊورجي“ مليو. مالديپ وارن ته حيران ٿي پڇيو ته:”اديب ڇا؟ اسان وٽ ماڻهو جام پيسا پيا ڪمائين- سياحت مان، واپار مان ته پوءِ ادب ڇو؟“ اجيت ڪور مڇڏ ٿيندي چيو؛ اوهين پنهنجي ائرڪنڊيشنڊ ڪمري جي دري کولي ٻاهر نهاريو- ڇا سامهون ميدان ۾ گاهه ڦٽي ٿو؟ ڇا سامهون لڳل ٻُوٽن ۾ گل ٽڙيل آهن؟ ڇا وڻن تي پکي چرچر ڪن پيا؟ جي ها ته پوءِ شاعر به ضرور ڪٿي ڪجهه جهونگاريندو هوندو. اديب ڳوليو! ۽ هاڻ منهنجي دامن ڀريل آهي، ۽ اُنهن کي مان هِتي هُتي گهمايان ٿي پئي. اجيت ڪور وڌيڪ چيو: سورج اُڀري ٿو ندي وهي ٿي ۽ شاعر گيت جهونگاري ٿو. اُن کان سواءِ اسان اديبن کي ڇا ڪرڻو آهي؟ اسان اديبن ۽ شاعرن کي ٻن مان هڪ ڪم جي چونڊ ڪرڻي آهي چُپ رهو – يا ڳالهايو- جيئن ڳڻيا وڃو! اسان جا ٻيئي ملڪ هاڻ غربت ۽ بُک سان گڏ هڪ بم به شيئر ڪن ٿا! اسين ڪهڙي بم جي پاسي ٿيون؟ هندو بم جي – يا مسلمان بم جي! پر اهو سڀ ڇا لاءِ؟ اسان کي اسان جي پاڙيسرين کان بچائڻ لاءِ! جيڪي مصيبت ۽ تڪليف جي لمحن ۾ سڀ کان پهرين هڪٻئي جي ڪم اچن ٿا- هڪٻئي جي مدد کي رسن ٿا. ان ڪري جنگيون ڇو؟ پر اُنهن جنگين ۾ جيت ته هميشه سرڪار جي ٿئي ٿي. عوام ته هميشه هارائي ٿو! اسان ٽن عورتن، ڪشور ناهيد، فوزيه سعيد ۽ مون گڏجي هڪ خواب کي حقيقت بڻايو آهي. عورت هڪ ماءَ آهي، جنتي آهي، هو ءَ تخليق ڪندڙ آهي، ان ڪري هوءَ تباهه نٿي ڪري سگهي. بلڪل اهڙيءَ طرح هڪ شاعر ۽ اديب به تخليق ڪري ٿو، هو تهذيبن کي سنواريندڙ آهي. هو ستارن جون پرندن جون، بادلن جون، هوائن جون، خوشبوئن جون ڳالهيون ڪري ٿو. زندگي اڳتي هلندي رهڻ ۽ وڌندي رهڻ جو نالو آهي- ۽ اسين وک سان وک ملائي هلندا ئي رهنداسين پاڪستان منهنجي به جنم ڀومي آهي، منهنجي ناڙ هن ڌرتي ۾ دفن ٿيل آهي. اسين هڪ قديم تهذيب جا امين آهيون- ۽ اسين اُنهن ماڻهن جي هٿان استعمال ٿي رهيا آهيون جن کي پنهنجي ڪا سولائزيزشن ئي ناهي؟ جن جي ڪُل تاريخ پنج سئو سالن کان وڌيڪ ناهي. جيتوڻيڪ مان هتي لفظ ��وني سولائيزڊ استعال ڪرڻ ٿي چاهيو، پر منهنجي دوستن مون کي ايتري سخت ٿيڻ کان روڪيو ۽ مان هتي اُنهن لاءِ پيزدو سولائيز يا ليس سلوائيزڊ لفظ استعمال ڪريان ٿي. اسين موهن جي دڙي ۽ هڙپه جي تهذيبن جا امين، اُنهن جي هٿ ۾ رانديڪو بڻيل آهيون، جن وٽ ميزائل پاور(هٿيارن جي طاقت) آهي، جن وٽ پني پاور(پئسي جي طاقت) آهي. ماڻهو اسان کي ذرو ذرو ڪري ڇڏيندا. هو اسان کي لاڳيتو ڌڪي رهيا آهن.... فاشزم ڏانهن، پر پري ڪٿي نقرئي گهنٽيون وڄن پيون- اُهي مڌر گهنٽيون ڪنهن جي لاءِ وڄن پيون؟ اُهي اسان لاءِ وڄن پيون! پر اسان کي وقت جي ڌارا جي ابتڙ ترڻُو پوندو!، +اجيت ڪور کي پوري هال ڏاڍي خاموشيءَ سان ۽ ڏاڍي ڌيان سان ٻڌو. سندس آخري کان پهرين ڳالهه ۾ هينگوي جي For whom the bell tolls کي استعارو بڻايو ويو هو- ۽ سندس آخري ڳالهه تي مون کي بي اختيار شاهه سائينءَ جي هي خوبصورت سِٽ ياد آئي: +لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وَهه اوڀار +اجيت ڪور ويندي ويندي وري آئي ۽ چيائين:”اڄ اسان هڪ واعدو ڪريون. اسين سارڪ ملڪن جا سمورا اديب هڪ جسم وانگيان اُٿي بيهون ۽ هڪ آواز ٿي چئون ته اسين اُنهن سمورن مرڻ وارن سان گڏ آهيون، جن کي بي گناهه ماريو ويو. اسان اڄ هتي هڪ وچن ڪريون ته اسان پنهنجي ٻولي ۽ ادب کي مرڻ نه ڏينداسين. اسين پنهنجي اڇن تنبوئن ۾ امن جا خواب ڏسنداسين. اسين موت جي هر سامان کي تباهه ڪنداسين. اُنهن بمن کي تباهه ڪنداسين، پنهنجي زندگيءَ ۾ نه سهي، پنهنجن ٻارن جي زندگيءَ ۾ سهي!“ +پڇاڙي ۾ محترمه زبيده جلال کي سڏيو ويو، جنهن جو مڪمل سهڪار سارڪ اديبن جي ڪانفرنس کي حاصل هو. مان جڏهن به بلوچي گهگهو پاتل، اُن پڙهيل ڳڙيل ٻروچياڻيءَ کي ڏسندي آهيان، ته منهنجو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويندو آهي- ڇو ته اُن فخر جو ڪجهه حصو مون ڏانهن به اچي ٿو. زبيده جلال بلوچستان جي ذهين ماڻهن جي پاڪستان ليول تي نمائندگي ڪري ٿي- پر هوءَ پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ پڻ هڪ عظيم خاتون آهي. هن ڪسرنفسيءَ جو مظاهرو ڪندي چيو:”ايترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي وچ ۾ ڳالهائيندي، آءٌ ڪجهه نروس پئي ٿيان. مون کي يقين آهي، اِهي هيترا عمل ۽ ادب جا صاحب هتي ويهي محض زباني جمع خرچ نه ڪندا، بلڪه ڪجهه عملي ڪم به ضرور ٿيندو. اسين سڀ امن ۽ اخوت چاهيون ٿا. اسان سڀني کي گڏجي امن ، محبت ۽ سک سلامتيءَ سان رهڻُو آهي. اسان سڀني کي گڏجي سڏجي غربت، بُک، بدحالي، نسلي مت ڀيد، سماجي تنزلي ۽ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ وڙهڻو آهي. اديب هڪ سماجي اڳواڻ به آهي. اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته هو ڪنهن جي پاسي آهي؟ ڇا هو جنگ ۽ لڙائي جهڳڙي جي پاسي آهي، يا هُو امن جوطرفدار آهي! هڪ اديب جي زندگيءَ جو مقصد يقيناَ امن جي طرفداري ئي آهي. آءٌ دعا ڪريان ٿي ته سارڪ جي اديبن جو هي ميڙاڪو هن پوري علائقي لاءِ امن ۽ سُک آڻي.“ +افتتاحي اجلاس کي ڪشور ناهيد ڏاڍي سهڻي نموني ڪنڊڪٽ ڪيو. منجهند جي ماني برٽش ڪائونسل پاران لاهور جي هڪ خوبصورت هوٽل ”وليج“ ۾ هئي. ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ ڏيئن ۽ لالٽينن جي روشنيءَ ۾ کاڌي جي ايتري ته ورائٽي هئي، جو مون جهڙي ٿور-کائو رڳو شيون ڏسي پيٽ ڀريو. اصل ۾ اُنهن لنچز ۽ ڊنرس پڻ اديبن جي ويجهڙائپ کي وڌايو- ۽ هتي گهڻو ڪري کائڻ کان وڌيڪ ڳالهائڻ کي ترجيح ٿي ڏني سڀني – نه ته هِتي اسان جي ڪانفرنس ۾ مون ماڻهن کي کاڌن تي ائين ڪرندي ڏٺو آهي، جو ڪنڌ شرم کان جهڪيو وڃي! اُتي اُهو سڀ اُنهن جي سويلائيزيشن جو ئي حصو هو. +پوري اڍائين وڳي ڪانفرنس جو پهريون باقاعده سيشن شروع ٿيو، جنهن جو موضوع هو:”سارڪ خطي جي ادب جون جڙون ۽ تصوف“ مک ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر عابد حسين هو ۽ پاڪستان مان ”اداس نسلين“ جو عبدالله حسين هو. پريزيڊيم ۾ عباس ابراهيم مالديپ بشنو مهاپاتري انڊيا آڙيسا، ابيسڪرَر ٽسا سري لنڪا، ڊاڪٽر سهيل احمد جن شامل هئا. اُن سيشن کي اردوءَ جي انوکي لهجي واري خوبصورت شاعره ياسين حميد ڪنڊڪٽ ڪيو. ڊاڪٽر عابد حسين توڙي ٻين جي حوالي سان پويان ڪجهه مختصر طور آءٌ اڳ ۾ ئي لکي چڪي آهيان. چانهه ۽ آئسڪريم جي پندرهن منٽن جي مختصر وقفي کان پوءِ چئين وڳي ڌاري ٻيو سيشن شروع ٿيو، جو ”نسائي ادب“ بابت هو. اُن جي مک ڳالهائيندڙ بنگلاديش جي زبيده گلشن آرا هئي. پريزيڊم ۾ زاهده حنا، ٽيسا، ڪمليشور ۽ اجيت ڪور هئا. ان پروگرام کي سليمه هاشميءَ نهايت سهڻي نموني ڪنڊڪٽ ڪيو. زبيده گلشن آرا پنهنجي مقالي جي ابتدا ۾ چيو:”مان بنگلاديش واسين پاران سارڪ جي سڀني ملڪن لاءِ امن جو پيغام کڻي آئي آهيان.“ هن پنهنجي مقالي جي اصل موضوع تي ايندي چيو:” هر ملڪ اقتصادي ۽ تعليمي ترقيءَ ۾ وک وڌائي ۽ نوان خيال ۽ تصور متعارف ڪرايا. پر عورت جي تعليمي ۽ معاشي ترقيءَ بابت ڪجهه نه سوچيو ويو- اها عورت جيڪا ٻني ٻارو ڪري ٿي، گهر جا ڪم ڪار ڪري ٿي، ڪپڙو اُڻي ٿي، پورهيو ڪري ٿي ۽ ٻار پالي ٿي، پر ويهين صدي عورت لاءِ ترقيءَ جو هڪ نئون پيغام کڻي آئي- هاڻ هوءَ هر ميدان ۾ پنهنجن حقن لاءِ وڙهي پيئي. بيٽي فرائڊن اينجلا ڊيوس، ڪيٽ ملر، گِلا آئنسٽائن عورتن جي حقن لاءِ بنيادي ڪم ڪندڙ ۽ نشانبر عورتون هيون. عورتن پنهنجي عزت ۽ وقار لاءِ سدائين پئي پاڻ پتوڙيو آهي.“ زبيده گلشن آرا بنگاليءَ ۾ عورتن سان لاڳاپيل موضوعن تي وڏي بهادريءَ سان لکيو آهي. هن پڇاڙيءَ ۾ چيو:” مون کي فخر آهي ته مان هڪ عورت آهيان. مون کي فخر آهي ته مان هڪ اديب به آهيان- ۽ مون کي فخر آهي ته آءٌ توهان سان گڏ آهيان.“ زاهده حنا هڪ مختصر ڪالم ننڍي کنڊ جي شاعرائن ۽ اديبائن بابت لکيل پڙهيو ۽ چيو ته اسين سڀ ان تخليقي وراثت جون امانتدار آهيون. ڪمليشور جي هڪ انسٽنٽ اسٽوري ٻڌائي. رات جو پنجاب جي گورنر خالد مقبول پاران ڊنر هئي. آءٌ ته گورنر هائوس جي ڊائنگ هال جي درن، درين، شهتيرن، ڇڄن، پلرن ۽ آبنوس جي ڪاٺ جي پئنلن تي ٿيل قديم ۽ قيمتي اُڪر جي ڪم کي ڏسي حيران پئي ٿيس. هال هڪ نادر ۽ انٽيڪ لُڪ ٿي ڏني- ۽ مون سوچيو اُنهن پنهنجي قديم ورثي کي ڪيڏي نه محبت سان سنڀاليو آهي، پوءِ ڀل اُن ورثي جو تعلق رنجيت سنگهه سان ئي ڇو نه هجي. هن اڌ منو ڪلاڪ ايڪسٽيمپو ڳالهايو. سو به اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان! سندس تقرير علمي ۽ معروضي حقيقتن سان ڀريل ويل پنچوئيٽيڊ هئي. هو ايڏو شارپ هو، جو تقرير ڪندي احمد فراز کي مخاطب ٿيندي چيائين:”فراز صاحب! اوهان کي اسان جي وردي نٿي وڻي، پر اسين ايڏا به بُرا ماڻهو ناهيون. اِن سچائيءَ کي ته اوهين به مڃيندوء ته سول حڪومتن اوهان سان جيڪي جُٺيون ڪيون آهن- سي اسان ناهن ڪيون- بلڪ اسان ته اوهان شاعرن، ۽ اديبن کي هر طرح جي آزادي ڏني آهي.“ اجيت ڪور اوتي به ڏاڍي دلچسپ تقرير ڪئي. غالباَ نائين ڪورسز ڊنر هئي، ماني ۽ موسيقي ٻئي ايز يويوئل زبردست هئا. ائين لاهور ۾ علميت سان ٽمٽار هڪ حسين ڏينهن کان پوءِ هڪ خوبصورت رات، لاهور جي رستن تي اتاڙين جي ٿاپ ۽ گيتن جي آلاپ سان گُنگنائيندي گذري رهي هئي. هوٽل اچي ٻارن سان فون تي ڳالهايم ته سمورا ٿڪ لهي ويا. +13- مارچ جي صبح واري سيشن جو موضوع ڪجهه ڏکيو هو ۽ اُن لاءِ مُک ڳالهائيندڙ ڊاڪٽر آصف فرخي هو. ”11 سيپٽمبر کان پوءِ جنم وٺندڙ جديد حقيقت پسندي“ بابت ڳالهائيندي ڊاڪٽر فرخي اڳ ۾ ئي چيو، ته موضوع جي چونڊ منهنجي ناهي بلڪه مون کي ڏني وئي آهي. بلڪل ائين ئي 11/9 کان پوءِ اڀرندڙ تبديل ٿيل- هيءَ نئين دنيا اسان مان ڪنهن جي به ذاتي چونڊ ناهي. نئين دور جون پيڙائون ڪيتريون ئي نيون ۽ مختلف ڇو نه هجن، پر هڪ اديب جو رول ريڊيڪل انداز ۾ بدلائي نٿو سگهجي. وقت ۽ حالتون اديب جي موضوعن کي بدلائين ٿا، پر هن جون ذميواريون نٿيون بدلجن- هنکي لکڻو آهي ۽ سٺو لکڻو آهي. پهرين مهاڀاري جنگ وقت هينري جيمس جهڙي مهان اديب جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار آهي ۽ زندگيءَ جي اندوهناڪ لمحن ۾ هُو اسان لاءِ مثال هئڻ گهرجي. اسان جهڙين قومن کي پنهنجين اکين سان ٻين جا خواب ڏسڻ سيکاريو ويندو آهي - ۽ اِهو جبر هتي جي اديب کي به ڀوڳڻو پئي ٿو. اهو اسان تي منحصر آهي ته اسين اُنهن لاءِ هڪ نئين لوليتا بڻجون ٿا، يا اسين ان مڙهيل ٿاڦيل کان انڪار ڪيون ٿا ۽ پنهنجي شناخت پايون ٿا. اشوڪ واجپائي جي صدارتي خطبي سان اهو سيشن پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. اُن سيشن کي ڪنڊڪٽ ڊاڪٽر انور سجاد ڪيو. چوٿون سيشن زميني حقيقتن جي تخليقي ادب ۾ تصوير ڪشي“ جي موضوع تي هو. ان ۾ مختلف ملڪن ۽ علائقن جي اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي تخليقات پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. اُن سيشن جي صدارت بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان جي اردو جي پروفيسر ڊاڪٽر روبينه ترين ۽ اڪادمي ادبيات جي چيئرمين افتخار عارف ڪئي. ان سيشن ۾ بشنو مهاپاتري پنهنجي مادري ٻولي اُڙيا ۾ پنهنجي خوبصورت شاعري ۽ ان جي انگريزي ترجمو ٻڌايو. نيپال جي اڀي سُبيدي، ڀوٽان جي تشرنگ ڊورجي پڻ پنهنجي شاعري ٻڌائي. شميم حنفي، ڪونر نرائن هندي ۽ اردوءَ ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي. منصور احمد پڻ پنهنجو نظم ٻڌايو. ڊاڪٽر وحيد پنهنجو خوبصورت استعارن سان سينگاريل نظم ٻڌايو- ۽ هن پنهنجي شاعريءَ جي هڪ مختصر چونڊ انگريزي ترجمي سوڌي هتي وراهي پڻ. نسرين انجم ڀٽي پنجابيءَ ۾، حسينه گل پنهنجي پشتو شاعري ۽ اُن جو نثري اردو ترجمو ٻڌايو. مون سنڌيءَ ۾ پنهنجي چونڊ شاعري ٻڌائي، هڪ نظم انگريزي ترجمي سان ۽ هڪ اصل اردوءَ ۾ لکيل نظم ”نيرون ڪوٽ“ ٻڌايو. ڪمليشور، زاهده حنا ۽ عبدالرحيم پنهنجي ڪهاڻين جا ٽڪرا ٻڌايا. هن سيشن جي صدر افتخار عارف تقرير ڪرڻ بدران پنهنجي خوبصرت شاعري ٻڌائي. ان نشست کي خود ڪشور ناهيد ڪنڊڪٽ ڪيو. باغ جناح جي حسين مرغزاد ۾ منجهند جي ماني صغريٰ امام، سوشل ويلفيئر جي وزير جي پاران هئي. فخر امام ۽ عابده حسين جي سهڻي سيبتي ۽ سمارٽ ڌيءُ صغريٰ امام کي ڏسيو ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا ڪاليج اسٽوڊنت هجي. اُتي هڪڙي ٻي به ننڍي نيٽي سهڻي جهڙي ڪاليجي ڇوڪري قدسيه لوڌي سان ملاقات ٿي، جيڪا پاٻوهه مان منهنجو هٿ جهلي هلي پئي. اُها ننڍي نيٽي سهڻي ڇوڪري قدسيه لوڌي پڻ پنجاب جي منسٽر هئي. اُنهن نوجوان سهڻين وزيرياڻين کي ڏسي اجيت ڪور ڏاڍي محبت سان چيو هو:”اوهين مون کان سڀ ڪجهه وٺي ڇڏيو- اِهي سهڻيون ننڍيون نيٽيون منسٽر اسان کي ڏيئي ڇڏيو.“ عابده حسين سان ملاقات ٿي. ڪشور ناهيد تعارف ڪرايو. تڏهن عابده حسين سنڌ وڃڻ جي ڳالهه ڪئي- غالباَ شهيد فاضل راهوءَ جي ورسيءَ ۾ وڃڻو هوس- ۽ ڪجهه سياسي ميٽنگون پڻ هيون. ان ڏينهن لنچ تي کائڻ کان وڌيڪ مختلف ماڻهن سان ملڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، مون لاءِ کاڌي کان وڌيڪ اهم هو. واپس الحمرا اچي ڪانفرنس جون پنجون سيشن شروع ٿيو. ان جو موضوع هو”اديب لاءِ تاريخ جي ڄاڻ“- ان نشست جو ”ڪي نوٽ اسپيڪر“ ڊاڪٽر نامور سنگهه هو. هن ثابت ڪيو ته هو واقعي نامور آهي، هن بنا ڪنهن پني جي ڏيڍ ڪلاڪ ڳالهايو ۽ ڇا ته ڳالهايو! +هن چيو ته:” اڄ! اسين جنهن کي ڏکڻ ايشيا چئون ٿا، اُهو سمورو علائقو قديم دور جو هندوستان آهي(جيتوڻيڪ اُن کي ”هند“ بدران ”سنڌ“ چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو) هن ڏکڻ ايشيا جي سموري خطي جي راڄنيتڪ ۽ ساهتڪ مسئلن ۽ اُتي جي مکيه سڀيتائن ۽ اُتي جي رنگارنگ تهذيب ۽ اعليٰ ادب جو وڏي فخر سان اظهار ڪيو. هن هڪ هزار سالن جي تاريخ تي تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته هتي جي صوفي شاعرن، عوامي زبان ۾ شاعري ڪري ثابت ڪيو ته عوامي زبان ۾ به شاعري ٿي سگهي ٿي. هن فطري طور ٻوليءَ جي بدلجڻ جي عمل کي واکاڻيون ۽ چيو ته اِها هڪ حقيقت آهي ته ڪالهه جي زبان ۾ اڄ جو سچ نٿو چئي سگهجي.“ +سارڪ اديبن/ شاعرن جي تخليقي رچنائن واري نشست ۾ سحر امداد ”سنڌي شاعري“ پڙهندي +نيپال جي شاعر ۽ پروفيسر اڀي سبيدي پنهنجي مقالي ۾ چيو:”اڄ اسين جنهن مقام تي بيٺا آهيون، اُتان کان آسمان صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نيپال پنهنجي تاريخ جي هڪ خوني دور مان گذري پيو. اسان جي ڌرتي رت ۾ ٻڏل آهي. ان ڪري اهڙين حالتن ۾ اسان کان وڌيڪ امن جو گهورو ٻيو ڪير هوندو! نيڪي ۽ بديءَ جي ان جنگ ۾ اديبن ۽ شاعرن لاءِ امڪان جا نوان رستا کليا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سوين سوال جنم وٺن ٿا. ڇا تاريخ ڪڏهن بدلي به آهي؟ ڇا ادب، شاعري، فلم ۽ مصوريءَ ۾ ڪا تبديل آئي آهي؟ هي دور خود پنهنجي پاڻ کان سنجيده سوالن ڪرڻ جو دور آهي. +ان سيشن کي نيلم حسين انتهائي مهارت سان ڪنڊڪٽ ڪيو. هوءَ حسين به هئي ته ذهين به. هن جي انگريزيءَ ۾ ترجمن جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن. رات جو جيمخاني لاهور ۾ ايس اي ايف ايم اي طرفان ڊنر هئي ۽روايتي طرح بيحد ڊليشز ڊنر هئي. اتي به شاعرن کان شاعري ٻڌي وئي. هڪ بيحد خوبصورت ۽ نهايت يادگار ڏينهن پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. هوٽل پهتيس ته امداد ۽ سنيءَ فون تي ڳالهايو، گهر ۽ ٻارن جو اُلڪو لٿو ۽ ڏاڍي پرسڪون ننڊ ڪيم. +14- مارچ تي صبح جو ڇهون سيشن شروع ٿيو . انتظار حسين ”زباني ادب جي اهميت“ جي حوالي سان اردوءَ جي قصن ۽ داستانن جو ذڪر مُک مقرر جي طور تي ڪيو. اُن سيشن جي پريزيڊم ۾ ڊاڪٽر شميم حنفي صدارتي ڪلمات ادا ڪيا. ڪمليشور هڪ زباني ڪهاڻي ٻڌائي، هڪ مختصر وقفي دوران سڀئي چانهه پي ۽ آئسڪريم کائي، جهرڪين واري چرچر ڪندا فرش ٿي اچي هال ُ۾ ويٺا سون، ستون سيشن هو:”گوبلائيزيشن ۽ اُن جو ادب ۾ اولڙو“ پروفيسر قاضي افضل حسين(انڊيا) ان جو مُک مقرر هو. مُنو ڀائي، امتياز عالم، ابيسڪِڪرا ٽس، عباس ابراهيم ۽ ڊاڪٽر عابد حسين اُن جي پريڊيڊم ۾ موجود هئا. اصغر نديم سيد اُن سيشن کي ڪنڊڪٽ ڪيو. ڊاڪٽر قاضي افضل حسين پنهنجي مقالي ۾ چيو: جديد ٽئڪنالاجي اسان جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي آهي. اسين سڀ ڄڻ ڪنهن ڪلوز سرڪٽ ۾ هڪڙي ئي تند ۾ ٻڌل آهيون. هن گلوبل وليج جي دور ۾ فاصلا پنهنجي معنيٰ وڃائي چڪا آهن. ڊيوڊ هاروي ان مڪمل مرحلي کي وقت ۽ جاءِ جو ڪو ڪٽجڻ چئي ٿو. ڪمپرشن آف اسپيس اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مينيجرن کي ڌرتيءَ جي هر انچسسس تائين رسڻ جي سهوليت ميسر ڪري ڏني آهي.- هڪ ٻئي کان ڏکڻ اُتر ويٺل ماڻهو ساڳي ٽائيم، ساڳي شيءِ ائين ڏسن ٿا، ڄڻ هڪڙي ئي ڊرائينگ روم ۾ ويٺا هجن. ان رسائي سان نوان ڪلچر ڊزائين ڪندڙن کي ”پنهنجي اوليتن“ جي بنياد تي سوشو ڪلچرل(سماجي ثقافتي(روين کي تبديل ڪرڻ ۽ ري فيوزن ڪرڻ ۽ ائين سماج جي پنهنجي مرضيءَ مطابق صورتگريءَ جا، مفاد پرستانه حق حاصل ٿي ويا آهن ۽ ائين هو سڄي دنيا کي پن��نجي مرضيءَ موجب هلائي سگهن ٿا. ان ڪري اڄ جو ادب لٽريچر آف ڊسپورا آهي. ڪڏهن هيڏانهن، ڪڏهن هوڏانهن جي ڪيفيتن مان گذرندڙ ادب، پر ڏکڻ ايشيا جو ادب دنيا جي ٻين تهذيب، تمدن، روايتن، ريتن ۽ پنهنجي قديم ديومالائي تخليقيت آهي. اسان جي اهائي اجتماعيت ۽ گنوگاوني اسان جي طاقت آهي، ان ڪري اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان نيون ڌنون ۽ نوان ردم ۽ نوان رنگ ادب ۾ اُڻيون- ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جي ان خال کي ڀريون- اهائي هن خطي کي ٺاهيندڙن جي ذميواري آهي. ۽ پوءِ اهي فلم ٺاهيندڙ هجن، ميڊيا لاءِ ڊراما ٺاهيندڙ هجن، اديب ۽ شاعر هجن، ڪنڀر هجن، ڪين مصور هجن!“ +اشوڪ واجپائي، جيڪو بنيادي طور شاعر ۽ نقاد آهي، پنهنجي مقالي ۾ چيو:” جڏهن واپار وڌي ٿو ته تاريخ سڪڙجي (ڪوئجي) ٿي، واپاريءَ جو تاريخ سان ڇا؟ ان ڪري ئي ”مارڪيٽ“ تاريخ کي ماري ٿي. اِهي ئي مارڪيٽ فورسيز نيِن ٽئڪنالاجيءَ جي سهڪار سان هڪ ٻوليءَ جي بادشاهي کي اڳتي وڌائين پيون ۽ انگريزيءَ کي ڇڏي دنيا جي ٻين سمورين ٻولين لاءِ هڪ نئون خطرو اُڀري آيو آهي. ان ڪري جذباتي گهرائي رکندڙ ۽ روحاني طاقت رکندڙ ادب/ شاعري محض هڪ بيڪار هنر ۽ ڌنڌو ٿي رهجي ويو آهي. ڪيترن ئي ٻين هنرن ۽ ڌنڌن وانگيان! پر ان ٻوڏ اڃا سارڪ ملڪن کي ڪونه ٻُوڙيو آهي، ان ڪري حرص ۽ لالچ جي ان حوس کي روڪي، هڪ مختلف دنيا جا خواب اُڻو- جا مرڪزي نگاهه هجي!“ +سري لنڪا جو ٽسا ابيسڪرا گهڻي محبت سان پنهنجي سينيئر ساٿين کي ياد ڪري ٿو، جن جي دور ۾ اڃا عصبيت جو زهر ڪونه گهليو هو ۽ سنهالي ۽ تامل هڪ ٻئي سان کير کنڊ هئا. ان دور ۾ ڊينڊرس ڊي سلوا رائل ايشاٽڪ جنرل ۾ 1863ع ۾ ليک لکيو هو، جنهن کي لاڊ ميڪائولي ذاتي طور ساراهه ۾ خط لکيو هو، جنهن کان پوءِ هو سيلون ميڪائوليءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويو هو. اُن ئي دور جا ٻيا ليکڪ جهڙوڪ آنندا ڪمارا سوامي، جيمس ڊي ايلوس، جيانٿا پدمنڀا، ريگي سري ورڌني ۽ ميرين ڊي سلوا کي هو ياد ڪري ٿو. هو جي وي ڊيسائي جو خاص طور سان ذڪر ڪري ڪري ٿو. آر ڪي نارائن کان پوءِ ايندڙ نسل ۾ هو ڪملا مارڪنڊيا، ويد مهتا، نين تارا سهگل ۽ انيتا ڊيسائيءَ کي ياد ڪري ٿو، سري لنڪا جا گهڻا اهڙا ليکڪ آهن جن جي شهرت ٻئي پار آهي- جيڪي گهڻو ڪري ملڪ بدريءَ جي زندگي گذارين پيا ۽ انگلش ۾ لکن پيا.انهن ۾ ياسمين گونيرتني آهي ته مائيلر آر ڊاچي به آهي ته رينز ڪروز به آهي. ٽسا اُنهن شاعرن جي ملڪ بدريءَ جي عذاب کي گهڻي درد سان پنهنجي مقالي ۾ سمايو آهي. 84 سالن جو مائيڪل آن ڊاچي جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کان ڪئناڊا ۾ ملڪ بدريءَ جي زندگي گذاري پيو، ٽسا ابيسڪرا جڏهن هن جو نظم پڙهي ٿو، ته مان پنهنجي اکين جي نمڪين پاڻيءَ کي پنهنجن چپن تي محسوس ڪريان ٿي؛ +”آخري سنهالا لفظ جيڪو مون کان وڃائجي ويو هو +اُهو ”پاڻي“ هو +جهنگل ۾ آزاد وهندڙ پاڻي +چُميل چپن تي رهجي ويل پاڻي +۽ رئندڙ اکين مان وهندڙ پاڻي!“ +سري لنڪا جو اهو گمشده نسل صرف ڪتابن ۾ رهجي ويل ترجمن ۾ ئي ڳولي سگهجي ٿو. هو هڪڙي حقيقت پسندانه ڳالهه به ڪري ٿو، ته انگلش هاڻي رڳو انگريزن جي زبان ناهي، ۽ نه ئي اُها اسان جي اشرافيه ۽ اَپر ڪلاس جي زبان آهي. بلڪ اُها هاڻ هر اُن ماڻهوءَ جي ٻُولي آهي، جيڪو اُن کي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ اُن ۾ سوچي سگهي ٿو. +اشوڪ ڪوشي (انڊيا)، سحر امداد (پاڪستان)، زبيده گلشن آرا (بنگلاديش)، بشنو مهاپاتري (انڊيا)، ابسيڪرا ٽِسا (سريلنڪا) ۽ ڊاڪٽر دامبر بير ٿاپا (نيپال) هڪ سيشن دوران سماعتن ۾ منهڪه. +هندوستاني ڊيليگيشن ۾ شامل هڪ خوش لباس، ��ضعدار، خوش گفتار ۽ پنهنجي لُڪ ۾ ماڊرن شخص ڊاڪٽر عابد حسين آهي. هو علم جو صاحب آهي. هو جڏهن ڳالهائي ٿو ته پورو هال هن کي خاموشِيءَ سان ٻڌي ٿو. هن جڏهن گلوبلائيزيشن واري سيشن جي پڄاڻيءَ تي پنهنجا صدارتي ڪلمات ادا پئي ڪيا ته ڪشور ناهيد، جنهن ڪنهن کي منٽ به وڌيڪ مشڪل سان پئي ڏنو- سا پنهنجي چهري کي هٿن جي ڪٽوري ۾ جهليو، اسٽيج وٽ روسٽرم جي بنهه سامهون، گم سم هن کي ٻڌندي ئي رهي، جيستائين ڊاڪٽر عابد حسين پنهنجي ڳالهه مڪمل نه ڪري ورتي. ڊاڪٽر عابد حسين ايڪسٽيمپو ڳالهايو هو. مان خود هن کي ٻڌڻ ۾ ايڏي گم هئس جو مون کان نوٽس وٺڻ ئي وسري ويا هئا. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن ياد آيم ته ڪجهه ٿورا نوٽس ورتم. ڊاڪٽر عابد حسين چيو ته مان گلوبلائيزيشن جي خلاف ناهيان- مان اُن جي مينيجمنٽ جي خلاف آهيان. هن پوري خطي ۾ رڳو ٻه ڪلاس آهن. هڪ اهو جو علم/ڄاڻ رکي ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو علم/ڄاڻ نٿو رکي. رڳو ڄاڻ جو اعليٰ معيار ئي ڪنهن تبديليءَ جي اساس بڻجي سگهي ٿو، پر اسان جي حالت اِها آهي ته اسان وٽ اعليٰ درجي جا دانشور ته آهن، پر اسان وٽ ٽئين درجي جا ادارا آهن، اسان کي پنهنجن سمورن مسئلن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ مضبوط قوت ارادي جي ضرورت آهي- ۽ ان لاءِ اسان کي ذهن جي طاقت درڪار آهي. هن اندرا گانڌيءَ جي حوالي سان هڪ ڳالهه ٻڌائي- جڏهن اندرا گانڌي هن کي چيو: +Mr. Hussain, stop brain draining! +جنهن تي هن جواب ڏنو هو: +Brain Drain is any way better than a brain in drain! +هن چيو:اسين هن دنيا جا اُهي ذهين ماڻهو آهيون، جن ٻُڙي-صفر ايجاد ڪيو، ۽ سموري دنيا جي اِها ترقي ان صفر زيرو جي ڪري ئي آهي- ۽ هو اسان کي زيرو نٿا بڻائي سگهن!“ +منجهند جي ماني هڪ جرمن ليڊي ڊار انجيليڪا لوباڪ جن جي هينري بال فائونڊيشن جي تعاون سان ”ضيافت“ جهڙي خوبصورت هوٽل ۾ هئي. اُنهن جي کاڌي ۾ ورائٽي هئي ۽ ذائقو لاجواب هو. مانيءَ کان واپسيءَ تي مقالن جو اٺون سيشن ”لسانيات، آئي ٽي ۽ ادب“ جي موضوع تي هو، جنهن ۾ عطش دراني مُک مقرر هو. هن مائيڪرو سافٽ آفيس ايڪس پي جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي ذريعي هتي جي علائقائي ٻُولين ۾ هڪ ٻئي سان رابطو رکي سگهجي ٿو، پر جنهن کي اسان جا 99 سيڪڙو کنگهن به ڪونه ٿا. جيتوڻڪ اسان جون گهڻو ڪري ٻوليون يوني ڪوڊ جو حصو آهن. اسان کي گهرجي ته اسين ان ماڊرن ٽيڪانالاجيءَ کان جوڳو فائدو وٺون ۽ ڪمپيوٽر تي پنهنجي ٻُولين جو هيٺين شين ۾ استعمال رکون. +1. Word processing ڪي بورڊ تي لکڻ +2. Word Weaver صحيح لفظ جي چونڊ لاءِ ليڪسيڪن ۽ ٿيسورس +3. Compupom techniques +4. Springboard and dialogue software +Spell Check, grammar check + + +1. Word processing ڪي بورڊ تي لکڻ +2. Word Weaver صحيح لفظ جي چونڊ لاءِ ليڪسيڪن ۽ ٿيسورس +3. Compupom techniques +4. Springboard and dialogue software +5. Spell Check, grammar check +نئشنل لئنگئيج اٿارٽي ان ڏس ۾ نه رڳو اردو لاءِ پر 36 ٻين ٻُولين لاءِ، خاص ڪري سڀني پاڪستاني ٻولين لاءِ آس ڪي -2 ڪوڊ پيج ۽ ڪي بورڊ لاءِ ڪم ڪيو آهي، ان ڪري هاڻ خود سنڌي ٻوليءَ کي جينسيس آءِ ٽي ٽيڪسرس جي ضرورت آهي، پريزيڊم مان مسعود اشعر چيو: مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، ته مون کي ان سيشن جي صدارت لاءِ ڇو رکيو ويو- جڏهن ته آءٌ رڳو ڪمپيوٽر آن ڪيان ٿو. ان تي اي ميل پڙهان ٿو. ڪجهه اي ميل موڪليان ٿو. دنيا جون اهم اخبارون ۽ خاص طور سان اسان جي پاڙيسري ڀارت جون اخبارون پڙهان ٿو. رينڪانرائنن هتي ويٺي آهي”انڊين ايڪسپريس“ ۾ مان هن جا ڪالم خاص طور سان پڙهندو آهيان، جو هوءَ ڏاڍو سٺو لکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هتي اليڪٽرانڪ بوڪ جون ڳالهيون پيون ٿين، پر مان سمجهان ٿو ته ڪاغذ سان اسان جو رشت�� ٽٽي نه ٿو سگهي. اسان کي پنهنجي زبان کي ۽ اُن جي اسڪرپٽ کي آءِ ٽي سان گڏجي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. مسعود اشعر گهڻيون ئي علميت سان پُر ڳالهيون ڪيون. جڏهن هن جي مٿان اشوڪ ڪوشيءَ کي ڳالهائڻ لاءِ سڏيو ويو، ته هو ڏاڍو تڪڙو اسٽيج تي آيو ۽ پاسي تي رکيل تختو ڇڪي اُن تي تڪڙو چڙهي بيٺو ۽ مسعود اشعر(جيڪو ڊگهو ۽ قداور پڻ هو) ڏانهن نهاري چيائين +Any way I need this pedestal to reach you! +اُن تي هال ۾ هڪ وڏو ٽهڪ ٻُريو. هن دهشت گرديءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ اُن کي ننديو. هن ايڊيٽنگ ۽ ري ايڊيٽنگ جي اهميت ۽ افاديت تي ڳالهايو. ان سيشن کي شعيب هاشميءَ ڪنڊڪٽ ڪيو هو ۽ هن پنهنجي دلچسپ ڳالهين سان آءِ ٽيءَ جي ڳوراڻ کي سڀني لاءِ سهپ جوڳو بڻائي ڇڏيو. هڪ مختصر وقفي کان پوءِ اختتامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مستنصر حسين تارڙ ٺهراءُ ڪميٽي پاران تيار ڪيل ٺهراءُ منظوري لاءِ پيش ڪيا. ٺهرائن مان ڪجهه ٺهراءُ هئا، نصابي ڪتابن ۾ تعصب پرستيءَ کي ٻنجو ڏنو وڃي، ۽ اهڙو مواد نصاب مان خارج ڪيو وڃي. امن جي بحاليءَ لاءِ اديبن کي پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڪانفرنس جا سڀئي شريڪ ڏکڻ ايشيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ علائقو ڏسڻ چاهين ٿا. سارڪ ملڪن جون حڪومتو انساني حقن جو احترام ڪن. ڊاڪٽر نامور سنگهه تجويز ڏني ته سارڪ رائٽرس جو پنهنجو لوگو ۽ الڳ جهنڊو هجي ۽ هڪڙي تجويز اها به ڏنائين ته اديبن جي ڪاپي رائيٽ جو قانوني تحفظ اديبن کي ملڻ کپي. ٺهرائن ۾ اهو به عهد ڪيو ويو ته سارڪ جا سمورا اهل قلم امن يگانگت، رواداري ۽ محبت جي فروغ لاءِ تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي رشتن کي مضبوط بڻائيندا، تجزياتي ۽ تخليقي تحريرن جي مٽا سٽا سان امن ۽ اخوت جو ماحول ٺاهڻ ۾ گهڻي مدد ملندي. سارڪ ملڪن جون حڪومتون هٿيارن تي خرچ ڪرڻ بدران انساني ڀلائي ۽ بهبود جي منصوبن تي پيسو خرچ ڪن. هندستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن پاران امن لاءِ ڪيل ڪوششن جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. سارڪ ملڪن جو ادب هڪ ٻئي جي ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ اديبن ۽ دانشورن جي تعاون تي زور ڏنو ويو. هن خطي جون عورتون گهڻي ظلم ۽ استحصال جو شڪار آهن، ان ڪري نسائي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو. ڪتابن، رسالن، ڇپيل مواد، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پروگرامن جي مفت يا گهٽ اگهه تي ترسيل کي ممڪن بڻايو وڃي، جيئن ادبي مٽا سٽا آسانيءَ سان ٿي سگهي. اديبن ۽ شاعرن کي ويزا جي پابندين کان آجو ڪيو وڃي، جيئن هو سارڪ جي سموري خطي ۾ آزاديءَ سان اچي وڃي سگهن. +آخري سيشن کي پريزيڊيم ۾ ويٺل رميش چندرا، نامور سنگهه، اجيت ڪور، ۽ هن هيڏي وڏي پروگرام کي ڪاميابيءَ سان پار پڄائيندڙ پاڪستاني ميزبان ڪشور ناهيد ڳالهايو- ۽ اُن ڏينهن ڪشور ناهيد دل جون ڳالهيون ڪيون. هن اُنهن سمورين مشڪلاتن جي پوتاميل بيان ڪيو، جن مان گذري هي ڪانفرنس هڪ حقيقت بڻي. هن اُنهن سڀني دوستن جو گهڻي محبت سان ذڪر ڪيو، جن جي سهڪار کان سواءِ هي ڪانفرنس برپا ڪرڻ جو خواب اڌورو رهي ها ۽ ان ڏينهن هال ۾ پرزور فرمائش تي ڪشور ناهيد نظم پڻ ٻڌايو. اجيت ڪور آخر ۾ چيو ته خدا حافظ لاءِ گجراتيءَ ۾ هڪ ڏاڍو سهڻو لفظ آهي .”آئوجو“ يعني اينداسين. ائين ئي بنگالي ۾ پڻ هڪ لفظ آهي”آسون“ سو ان ڪري خدا حافظ يا موڪلاڻي ناهي... وري ملنداسون! +چانهه پي گهڻن هڪ ٻئي کان موڪلايو، پڇاڙڪيون رهجي ويل تصويرون نڪتيون،. اُن کان پوءِ سارڪ جي ستن ئي ملڪن جي اديبن هٿ هٿ ۾ ڏيئي”امن لاءِ مارچ“ ڪيو. ان ڏينهن مارچ ڪندڙ اديبن جو رڳو هڪڙو ئي نعرو هو We want Peace امن کپي چوندڙ-اجيت ڪور جا ”امن جا ڪبوتر“ لاه��ر آرٽس ڪائونسل کان چيرنگ ڪراس تائين مارچ ڪن ٿا. واپسيءَ تي هڪڙي ڪوسٽر انارڪلي وئي. هڪڙي هوٽل تي آئي. بنگلاديش جي وفد کي اُن رات ئي روانو ٿي وڃڻو هو، ان ڪري آءُ زبيده گلشن آرا سان گڏجي سندس روم ۾ ويس ۽ هن سان هڪ مختصر ڳالهه ٻولهه ۽ ڪجهه بنگالي گيت رڪارڊ ڪيم. اُن رات جي ڊنر الحمرا جي خوبصورت لان ۾ پنجاب حڪومت پاران ڏنل هئي. اُتي هڪ مختصر ميوزيڪل پروگرام پڻ هو. اُتي اسد امانت علي انتهائي خوبصورت پرفارمنس ڏني. اُن رات پڻ ڪجهه نون ماڻهن سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيو، خاص طور سان ڊاڪٽر ڪرسٽينا سان ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان خاص ڪچهري ٿي. +ٻئي ڏينهن اسان جا ميزبان نصرت شيخ، محسن ڊار ۽ نويد اسان کي لاهور جي سير لاءِ وٺي ويا- لاهور ڏسي مون پنهنجين پراڻين يادن کي تازو ڪيو. رينوڪا نرائنن جهڙي ذهين ۽ پياري سرتيءَ ۽ ٻين دوستن جي ساٿ ۾ اُهو سير هڪ يادگار سير هيو. منجهن جي ماني هڪ خوبصورت چائينيز ريسٽورنٽ ۾ کاڌي سين. اُن کان پوءِ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پسند جي شاپنگ ڪئي. رينوڪا پنهنجي ڀاءُ لاءِ شلوار قميص خريد ڪيا، ته مون پنهنجي سانول لاءِ لاهور جي شيڊو ورڪ جو شلوار ڪرتو خريد ڪيو. ٻارن لاءِ سي ڊيون ورتيون ۽ مڪي ۾ رهندڙ پنهنجي اڪلوتي ڌيءَ لاءِ بوتيڪ تان ٺهيل ٺڪيل ڊريس ورتم. پوءِ مان ۽ رينوڪا گڏجي ڪتابن جي دڪان تي وياسين ۽ ڪافي سارا ڪتاب خريد ڪياسين. هوٽل تي اچي ڪوسٽر مان لهندي ئي مون سڀني سان موڪلايو. سامان پيڪ ڪري، ڪائونٽر تي اچي چيڪ آئوٽ لاءِ چيم ۽ لائونج ۾ ويهي ڪافي پيتي سين. هر ڪنهن ويندي ويندي، هڪ ٻئي سان گهڻي سڪ اڪير مان وري ملڻ جي انجام سان موڪلايو پئي. شام ڇهين بجي سڀئي باقي بچيل اديب ديوان خاص ۾ اچي ڪٺا ٿيا. وفد جي هوٽل ۾ ترسيل اديبن سان لاهور جا اديب ثروت محي الدين، نيلم احمد بشير، صديقه، محمد جميل، قاضي جاويد، عطيه سيد، جاويد شاهين، منو ڀائي ۽ انتظار حسين سڀ اچي اُتي ڪٺا ٿيا. هتان کان سڀني کي گڏجي ڪانفرنس جي آخري ڊنر تي وڃڻو هو. محفل هلندي آءٌ ۽ ڊاڪٽر آصف فرخي اُٿياسين. مون چيو: سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ”ميڙو متل ڇڏجي“، سو اسين ميڙو متل ڇڏي وڃون ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ موڪلائڻ مهل چئبو آهي”سدائين گڏ!“ +تبصرا +انسان جي تاريخ +ڊاڪٽر حبيب الله صديقي بنيادي طور تعليمي ماهر ۽ تاريخدان هئڻ سان گڏ دينيات جو ڄاڻو صاحبِ ذوق اديب آهي، هيل تائين سندس Education in Sindh: past and present ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ لکيل تحقيقي مقالو ”تارخ باب الاسلام سنڌ“ کان سواءِ شاعريءَ جا ٻه مجموعا شايع ٿيل آهن، جيڪي سندس تعليمي ۽ مذهبي تاريخ جي ڄاڻ جي ساک ڀرين ٿا ۽ کيس هڪ محقق جي حيثيت سان سڃاڻپ ڏين ٿا. +تازو سندس ڪتاب ”انسان جي تاري“ (ٻن حصن ۾) شايع ٿيو آهي. مذڪوره ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي سموري زندگيءَ دوران ڪيل وسيع مطالعي ۽ اڀياسي عرقريزيءَ جو نتيجو آهي. جيڪو پڙهندڙن لاءِ هڪ تحفي کان ڪنهن به طرح گهٽ ناهي. ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ مطابق، هن هيءَ ڪتاب لکڻ ۾ ڇهه سال صرف ڪيا آهن ۽ ڪتاب ۾ ڏنل ببليو گرافيءَ مان پتو پوي ٿو ته پاڻ مذهب، فلسفي، سائنس، آثارِ قديه، سماجيات، سياسيات، اقتصاديات ۽ علم الانسان سان لاڳاپيل ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي مشتمل ڪتابن جا ورق ورائي پڙهيا ۽ پرجهيا آهن، جنهن لاءِ سندس محنت محبت ۽ لگن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. +کيس سرڪاري نوڪريءَ کان فارغ ٿئي 5- 7 سال ٿيا هوندا، انهيءَ مختصر عرصي دوران پاڻ جيتري مقدار جو تحقيقي ڪم ڪيو اٿس، اُهو ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ڪيڏو نه جاکوڙي جوڌو آه��، جنهن پنهنجو وقت وڃائڻ بدران علمي ۽ ادبي ڪمن لاءِ وقف ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو اڃا گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ها، جيڪڏهن سرڪاري ذميوارين کان آجو هجي ها. اسان کي وري به کانئس اُميد آهي ته هو انهيءَ ميدان ۾ اڃا به وڏا ۽ بهتر معرڪا سر ڪندو. +انسان پنهنجي زندگيءَ جي بقا ، سوچ ۽ فڪر جا مختلف مرحلا طئه ڪري هاڻي جنهن موڙ تي بيٺو آهي، اها سموري جاکوڙ ۽ جدوجهد سندس تاريخ آهي، جيڪا نهايت سبق آموز، دلچسپ، حيرت انگيز ۽ سوچ جو سامان ميسر ڪري ٿي. هُن ڪهڙا مذهب اختيار ڪيا، ڪهڙن نظرين سان واڳيل رهيو ۽ انهن کي رد ڪري وري ڪهڙا نوان نظريا تشڪيل ڏنا ۽ اطمينان سان سک جو ساهه کڻڻ بدران اڃا ڪهڙن نون اُفقن جي گسن جي ڳولا ۾ سرگردان آهي، اها مسلسل جستجو نهايت دلچسپ ۽ مهم جوئي سان ڀريل آهي، جيڪا سندس فطرت جو اڻ ڇڄندڙ حصو آهي. مذڪوره ڪتاب انهيءَ ڳالهه جي اُپٽار ڪرڻ جي هڪ اهڙي ڪوشش آهي، جيڪا سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اضافي طور تسليم ڪئي ويندي. +مذڪوره ڪتاب(حصو پهريون) تي طائرانه نظر وجهڻ سان اهو پتو پوي ٿو ته فاضل مصنف ڪائنات جي تخليق، ڌرتيءَ جي تاريخ، انسان، مذهب ۽ تهذيب ۾ بني اسرائيل ۽ بني اسماعيل قومن جي ترقيءَ جو ڇيهه اسلام تي ڪيو آهي، جڏهن ته صيهونيت ۽ عيسائيت جي جدا مذهبي حيثيت نروار نه ڪئي اٿس. اهو سمورو احوال ”احوال الانبياءَ“ ”قصص القران“ ، ”توريت مقدس“ ۽ ٻين مذهبي ڪتابن تان آڌاريل آهي. +گڏوگڏآرائي قبيلن جي هڪ گروهه جو ايران ۽ پوءِ يورپ ڏانهن اُسهڻ ٻئي گروهه جو هندوستان پهچي آهستي آهستي منظم ٿيڻ ۽ پوءِ دراوڙي نسل جي ماڻهن سان گڏجي هندو ڌرم ۽ اُن جي فلسفي جي بنياد وجهڻ جو تفصيل بيان ڪيو اٿس جنهن لاءِ گهڻو ڪري ٻين ڪتابن سان گڏ پروفيسر اي ايل بشم جي ڪتاب The Wonder, that was India (1985) ۽ جواهر لال نهرو جي ڪتاب The Discovery of India(1945) +کي آڌار بنايو ويو آهي. +جيئن ته ڪتاب جو عنوان ”انسان جي تاريخ“ لکيو ويو آهي، تنهنڪري انهيءَ موضوع کي وسيع ۽ جامع معنيٰ ۾ وٺي، ڪائنات، زمين، انسان ۽ سندس مختلف مذهبن ۽ تهذيبن جي ارتقا جي پس منظر ۾ انساني فڪر ۽ فلسفي، سائنس عقلي دليلن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ پرکجي ها ته هن ڪتاب جو دائرو وسيع ٿئي ها، ۽ پکيڙ ۾ دنيا جي سڀني ماڻهن جي ذهني اُڏام، توڙي ۽ نون گسن جو احاطو ٿي سگهيا ها. مذڪوره ڪتاب ۾ جتي صيهونيت ۽ عيسائيت جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. اُتي اهو به شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته هندو ڌرم جي ڄاڻ بابت ڪجهه بنيادي ۽ مستند ڪتابن جهڙو ايس راڌا ڪرشن جا The Hindu View of life (1921) ۽ Bhagavad-Gita هينرخ زمر جو The Philosophies of India (1951) مئڪسن جا ترجمو ڪيل ”ويد ۽ اُپشنڊ“ سوامي پراونند ۽ ڪرسٽافر ايشرود جي ترجو ڪيل Bhagavad-Gita سوامي نرويدانند جو Hinduism at Glance( 1946) نکل آنند جو Essence of Hinduism(1948 ۽ ايس راڌا ڪرشنن جي ايڊيٽر شپ هيٺ شايع ٿيل The History of philosophy Easter &Western جو اڀياس ڪري ها ته هندو ڌرم جي اُپٽار ايتري مبهم نه هجي ها. جيئن ته مواد جا حوالا انگريزي ڪتابن مان ڏنا ويا آهن، اُنڪري گهڻُو ڪري اُهي نالا به صحيح اُچارن سان الٿو نه ٿي سگهيا آهن. +اُن کانسواءِ هندو ڌرم مان ڦٽي نڪتل ٻڌڌرم بابت ڪوسمبي جو ڪتاب ”گوتم ٻڌ“ ۽ ”ڌم پد“ ۽ ٻيا لاڳاپيل ڪتاب ۽ جين ڌرم بابت ڪي مستند ڪتاب مطالعي هيٺ آڻجن ها ته کوٽ جو احساس نه ٿئي ها. +هن ڪتاب ۾ جتي ڪنفيوسنزم ۽ زردشتين جو ذڪر آهي، اُتي بهائي فرقي ۽ سک مت کي پڻ نظرانداز ڪيو ويو آهي. +سنڌ جي تاريخ تسلسل ۾ جتي دراوڙي تهذيب جي نمائنده منارن، آھاٽن آثارن ۽ موهن جي دڙي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُتي بعد ۾ خال ڇڏي، ميرن جي حڪومت جي پڄاڻيءَ تي تاريخي تسلسل جو در بند ڪيو ويو ۽ انگريزن جي راڄ جي شروع ٿيڻ سان سماجي، سياسي ۽اقتصادي جاڳرتا جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ويو آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي خال آهن جيڪي انسان تاريخ جي حوالي سان هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ گهرجن ها مثال طور: +* آڳاٽي زماني جي جهاز راني ۽ تجارت بابت ڄاڻ ڏني وڃي ها. انهيءَ ڪرت ۾ فينيقي لوڪن جو وڏو عمل دخل هو، جيڪي اُتر اولهه جي سامي نسل مان هئا. انهن جي ابتدا جو مسئلو تڪراري آهي. ڇا اهي سنڌ جا پڻي يا فيويشن لوڪ هئا، جن بابت تاج صحرائي پنهنجي مقالي ۾ چيو آهي ته اهي سنڌي هئا. +* اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾، اسلامي فتحن سان گڏ مختلف سمنڊن مان گذرندي، وقت جي تعين ۽ تارن جي سڃاڻن جي ضرورت تحت طرفن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ عرب ملاحن جو وڏو ڪردار هو. +* وائڪنگ لوڪ ڪير هئا؟ اُهي پنهنجي نالي جي حوالي سان ڏاڍا بدنام هئا. انهن جي باري ۾ معلومات ڏيڻ ۾ اچي ها. +* ڇا منگولس جو ذڪر ڪرڻ مناسب ناهي؟ +* آفريقا جي ساحلي ۽ جزائري تهذيبن جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه اُتي جي رهاڪن جي نشاندهي ڪن ٿا. اُتان گهڻن رنگبرنگي اثرن ۽ تهذيبن گڏجي هڪ مشرقي ۽ مغربي آفريقي تهذيب کي جنم ڏنو، سنڌ ۾ يا آمريڪا کنڊ ڏانهن انهن جي منتقلي تاريخي حادثو ناهي؟ +* ڏور مشرق جي مختلف ملڪن، جن ۾ چين، جاپان، ٿٻيٽ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا، انهن جي رهاڪن جي تاريخ ۽ تهذيب جو ذڪر ڪيو وڃي ها. +* جيتوڻيڪ اهو مڃيو وڃي ٿهو ته آمريڪا جا اوائلي باشندا آبنائي بيرنگ پار ڪري آيا هئا، پر نسليات جي فرينچ ماهر پال رپورٽ اهو ثابت ڪيو آهي ته آسٽريليا جا ماڻهو اينٽارٽڪا پار ڪري 600 ق. م. ۾ ڏکڻ چلي ۽ پتاگونيا پهتا هئا ۽ ميلاتشي ۽ پولي نيشي لوڪ اُتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن تي پهتا هئا. اُنهن جو ذڪر انهيءَ ڪري به اهم آهي جو اهي دنيا جي وڏي خطي جي آباديءَ جو حصو آهي. +* عظيم شاهراهن ۽ سامونڊي رستن کي تهذيب جي عروج ۾ وڏو عمل دخل هو، جن ۾ شاهراهه ريشم ۽ ٻيا خشڪي ۽ سامونڊي رستا اچي وڃن ٿا. انهن مان جاگرافيائي وحدت وجود ۾ آئي، جنهنڪري مصر، عرب، فلسطين، شام، ميسوپوٽيميا ۽ اسيريا اُسريا ۽ مذهبي عقيدن سان گڏجي انهن جي سماجي ۽ تجارتي وحدت قائم ٿي ۽ تهذيبن کي جنم مليو. +* اسڪيموز جي تاريخي ۽ تهذبي حيثيت ڪهڙي آهي؟ +ڪتاب جي منڍ ۾ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ بابت سائنسي نظرين سان گڏ مذهبي صحيفن، ڏند ڪٿائن ۽ ڪهاڻين تي نسبتاَ وڌيڪ انحصار ڪيو ويو آهي. جتي اسلامي عقيدي موجب قيامت جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُتي هندو ڌرم جي ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل ”پرلئه“ ۽ ”مهاپرلئه“ کي ساڳيءَ سطح تي ٻڌايو وڃي ها. بلڪه ٻين مذهبن جي عقيدن جي حوالي سان به اهڙو ذڪر ڪيو وڃي ها. ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ ۽ اُن جي تسخير جي باري ۾ تقابلي تجزيو ڪيو وڃي ها ۽ ساڳئي وقت سائنسي تجربن تي ٻڌل دليلن، ٺوس نتيجن ۽ حقيقتن تي بحث ڪري ٻڌايو وڃي ها ته مناسب ٿئي ها. ڪائنات ۽ اُن جي پُراسراريت جي باري ۾ ڪارل ساگان جي ڪتاب ڪوسموس ۾ پيش ڪيل نظريي کي سامهون رکي، اُن ۾ پيس ڪيل نتيجن کي مذهبي ڪتابن ۾ پيش ڪيل عقيدن جي روشنيءَ ۾ پرکيو وڃي ها. اُن کان سواءِ علم طبيعات، علم فلڪيات ۽ علم ڪائنات ۾ تارن، تارن جي ارتقا ۽ وسعت پذير ڪائنات جي عمل جي باري ۾ ٻين ماهرن جي پيش ڪيل عقلي دليلن ۽ ٺوس نتيجن جو ذڪر ڪيو وڃي ها. ڪائنات ۽ زندگيءَ جي رازن جي تڏهن پروڙ پوندي، جڏهن ڪائنات کي پروڙڻ جو سفر جاري رکبو، اهو هڪ اهڙو سفر آهي، جو ائٽم کي پولارن جي ٻاهرين سرحدن تائين ازلي وقت کان وٺي ادب تائين ڦهليل آهي. اسان جي زندگيءَ لاءِ اهو چئلينج آهي ته جڏهن اُها هن ننڍڙي دنيا کان وسيع ڪائنات جي حدن ۾ قدم رکي ته پنهنجي سوچ جي گهوڙي کي خوب ڊوڙائي +زمين تي صوف ڪرندي ڏسندڙ پهريون شخص فقط عظيم سائنسدان آئزڪ نيوٽن ئي نه هو، پر پهريون شخص اُهو هو جنهن صوف کي ڏسي اهو سوچيو ته صوف جي هيٺ ڪرڻ ۽ چنڊ جي زمين جي چوڌاري گردش ڪرڻ کي هڪ ئي قوت ضابطي هيٺ رکي ٿي. يعني ڪشش ثقل. جڏهن نيوٽن کان پڇيو ويو ته هُن انهيءَ ڳالهه تي اُهو اعتراض ڪيو ته اُنهيءَ قوت جي مظهر کي آئون سمجهان ٿو پر حقيقت ۾ مون کي اها خبر ناهي ته هوءَ اهو ڪم ڪيئن ڪري ٿي. +سائنس جو وڏو حصو نظر نه ايندڙ ڳالهين جي باري ۾ آهي، مثال طور ڪشش ثقل، ائٽمي ذرا، نور جون لهرون، تاري جي دل ۽ ڪائنات جي پوئين ڇيڙي جون ڪهڪشائون. انهيءَ جي باوجود انسان تجسس هٿان پنهنجي ڪائنات جي شروعات ۽ مستقبل جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. +آئنسٽائين جڏهن جوان هو ته سندس دل ۾ هڪ سوال پيدا ٿيو ته ڇا آءٌ روشنيءَ جي ڪرڻي تي سوار ٿي سفر ڪريان ته دنيا ڪيئن نظر ايندي. اُنهيءَ سادي سودي پر قوت ڀرئي سوال مان طبعيات جنم ورتو ۽ هن وقت تائين ڪائنات جي آغاز جي باري ۾ اِهائي ڄاڻ بهتر سمجهي وڃي ٿي. +ڪائنات جي باري ۾ دليلن ۽ ثبوتن جي ڳولا ۾ آئنسٽائين آسمان جي وسعتن جي حيرت انگيز موسيقي کان ڪڏهن به غافل نه رهيو. وٽس سائنس ۽ عالمي مذهبن جي ڏاهپ ۾ ڪو تضاد نه هو. هن چيو هو:” هن دنيا جي باري ۾ هڪ ابدي طور تي سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه اِها آهي ته اُها سمجهه ۾ اچڻ جوڳي آهي.“ +مون کي ياد اچي ٿو ته ضياءُ جي دور ۾، درسي ڪتابن ۾ ڌرتيءَ جي گول هئڻ جي باري ۾ هڪ مذهبي عالم جي مسلسل اصرار تي اسلام آباد ۾ طبعيات ۽ جاگرافي دانن جي عالمي سطح جي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي، جو اعتراض اِهو هو ته عقيدي موجب ڌرتي گول ناهي. ڪانفرنس جي پهرين نشست ۾ ئي اُهو فيصلو ڏنو ويو ته ڌرتي ته گول آهي ئي، پر اوهان دنيا کي پاڻ تي نه کلايو. +اِن ڏس ۾ وڌيڪ ڄاڻ لاءِ فرڊ هائل، چندر وڪرم سنگهه، وي سي ريڊش، جي انت وينارليڪر، نائيجل نبست ۽ ياڪوف بورسيووچ زيلڊوووچ جا ڪتاب ۽ وقت بوقت سندن شايع ٿيندڙ مقالا قابِل ذڪر آهن، جن نه رڳو تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جا نظريا پيش ڪيا آهن، بلڪ سائنس جي دنيا ۾ نوان اُفق دريافت ڪيا آهن. +جتي تاريخ جي بانين مان هيروڊوٽس ۽ عبدالرحمان ابن خلدون جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُتي ٽائن بي جي مشهور تصنيف دي اسٽوري آف هسٽري ۾ پيش ڪيل تهذيبن جي عروج ۽ زوال جي نظريي تي پڻ بحث ڪيو وڃي ها جو کيس ويهين صديءَ جي جديد تاريخ جو سائنسدان ڪوٺيو وڃي ٿو. اُن کانسواءِ انهن تڪراري تاريخي ڪتابن کي پڻ بحث هيٺ آندووڃي ها، جيڪي سنڌ جي تاريخ سان واسطو رکن ٿا. مثال طور گنگارام سمراٽ جا ”سنڌو سوءوير“ ۽ ”چچ نامو عرف ڀينڪر دوکو“ جيڪو فارسيءَ ۾ لکيل ”چچنامي“ جي سنڌي ترجمي جي جواب ۾ لکيو ويو آهي. +برٽرئنڊ رسل مطابق هر ٺوس علم سائنس جي حاصلات آهي، جڏهن ته عقيدو مذهبي ملڪيت آهي. سائنس ۽ مذهبي عقيدي جي وچ تي هڪ اهڙو خلا آهي جنهن تي ڪنهن جي مالڪيءَ جو اختيار ناهي، اُهو خطو سائنس ۽ مذهب ٻنهي جي حملي لاءِ کليل آهي. اُهو بي مالڪ خطو فلسفي ۽ فڪر جو آهي، جيڪو سوچ کي سفر جي راهه ۾ اڳڀرو ڌڪي ۽ نوان اُفق ڏسيندو آهي. +750ع کان 1100ع تائين جو دور جيڪو 350 سالن تائين ڦهليل آهي، مسلمان فيلسوفن، سائنسدانن ۽ رياضيدانن جي زير اثر هو، جنهن کي اسلام جو ”سونهري دور“ ڪوٺيو وڃي ٿو. انهيءَ دور کي جارج مارٽن پنهنجي تصنيف هسٽري آف سائنس ۾ پنجاهه سالن تي مشتمل دورن ۾ ورهائي ، هر هڪ دور کي ڪنهن اوچي پايي جي مفڪر سان ڳنڍي ٿو. 450 ق، م کان 4000 ق. م کي افلاطون جو دور ڪوٺي ٿو ۽ 40 ق. م کان 350 ق. م ارسطو جو دور سان منسوب ڪري ٿو. جڏهن ته 750ع کان 1100ع تائين جو عرصو، هڪٻئي پويان لاڳيتو جابر، خوارزمي، رازي، مسعودي، وفا، برني، ۽ عمر خيام جا دور هئا ۽ 1100ع کان پوءِ مغربي نالا منظر عام تي اچن ٿا. ڪريموناجو جيرارڊ ۽ راجر بيڪن پڻ ٻن صدين تائين ابن رُشد، طوسي ۽ نفيس به ساڻن حصيدار رهيا. +پروفيسر خواجا مسعود پنهنجي مقالي Islam and Philosophy: are The Contradictory? ۾ لکي ٿو ته”1350ع کان پوءِ کانئن تدبر، تفڪر ۽ تعقل ڇڏائجي ويا ۽ اُهي عقيدن جي ننڊ ۾ سمهي پيا، پر ڪڏهن ڪڏهن سائنسي سوچ ۽ صلاحيت جي جهلڪ پندرهين صديءَ ۾ سمرقند ۾ اليغ بيگ جي درٻار ۾ نظر ايندي هئي.“ +پروفيسر خواجا مسعود ساڳئي مقالي ۾ لکي ٿو ته ”سترهين صديءَ جي وچ ڌاري قطعي طور تي پاسو پلٽجي ويو ۽ فيصله ڪُن طور تي اسلامي دنيا جي خلاف ٿي بيٺو. ڊڪارٽ جي فلسفي ۾ رياضي (1637) يورپ کي ميڊيولزم کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. جڏهن ته شيخ احمد سرهندي(وفات 1624ع) رياضيءَ کي سزاوار ڪري ڇڏيو.“ +هو پنهنجي مقالي جي پڄاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته ”اسان چار سئو سالن کان وڌيڪ عرصي تائين دليل کي پُٺ ڏيئي ڇڏي آهي، تنهنڪري بنياد پرستي، هٺ ڌرمي ۽ ڪٽرپڻي جو شڪار بنجي ويا آهيون.“ +فاضل مصنف ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب سان تازو جڏهن ملاقات ٿي هئي ته مون ساڻس پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو، ۽ گذارش ڪئي هئي ته”انسان جي تاريخ“ هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪجهه موضوع تشنه ۽ ڪجهه هنڌن تي خال رهجي ويا آهن، جيڪي ڀرجڻ گهرجن. جيئن ته مذڪوره ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل ۽ ڇپيل آهي، اُنهيءَ ڪري اڌورا احوال، رهيل تفصيل ۽ سوچ جي سفر جي کوٽ سُڌاريل ۽ وڏايل ڇاپن ۾ آڻي پوري ڪئي ويندي ته مناسب رهندو. +ولي رام ”ولڀ“ +مخدوم بصر الدين جي سوانح ۽ رسالو +سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ پاٽ ۽ سيوهڻ جي ”صديقي خاندان“ جي تمام گهڻي اهميت رهي آهي. هن باوقار خاندان ۾ مسيح الاولياءَ حضرت شيخ عيسيٰ جند الله رحه جهڙو يگانه روزگار عارف ۽ عالم پيدا ٿيو، جو پنهنجي بزرگي ۽ فضيلت، علم ۽ عرفان وسيلي پوري برصغير ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪيو. سندس علمي عظمت جو پوري برصغير ۾ اهو عالم هو جو عظيم مغليه سپهه سالار مرزا عبدالرحيم خان خانان، سندس مدفن(برهانپور) تي پوءِ مقبرو جوڙايو. هن بزرگ جي عربي تصنيف”تفسير انوار الاسرار“ مشهور آهي. ان ئي هاڪاري خاندان جون ٻه شاخون مشهور ٿيون: هڪ برهانپور جي ۽ ٻي پاٽ جي. اڳتي هلي سنڌ جي شاخ جي ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي: هڪ سيوهڻ جا صديقي ۽ ٻيا پاٽ جا صديقي. حضرت مخدوم فخرالدين عبدالواحد ڪبير پاٽائي به هن ئي خاندان جو چشم وچراغ ٿي گذريو آهي، جنهن ”ڪشف الاسرار“ جهڙو نامور ڪتاب تيار ڪيو. مخدوم عبدالواحد جو هڪ فرزند مخدوم دين محمد صديقي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ناميارو عملدار ٿيو. هتان سيوهڻ جي صديقي خاندان جي شاخ شروع ٿي. قاضي عبدالواحد جو ٻيو پٽ مفتي محمود ٿيو، جو پاٽ جي صديقي خاندان جو وڏو ڏاڏو هو. +خاندان جي ٻنهي متبرڪ شاخن گذريل ٽن صدين دوران نهايت مانوارا افراد پيدا ڪيا، جن مان ڪي طبيب، فاضل، حافظ، قاري، فقيه، مفتي، عالم ۽ مفسر ٿيا، ته ڪي عارف، مجذوب، حال ۽ قال جا صاحب، روشن ضمير ۽ اهل دل، ۽ رشد و هدايت جا صاحب ٿيا. ڪجهه ��زرگن ”قضا“ جي عهدن تي رهي عوام لاءِ مثالي انصاف ۽ عدل مهيا ڪيا ۽ اِن طرح مجموعي طرح ”صديقي خاندان“ سنڌ ۾ پنهنجو نيڪ نالو روشن ڪيو، جو تاحال جاري آهي. +هن ڀلاري خاندان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ روشن ضمير ۽ حاذق حڪيم حضرت مخدوم بصر الدين رحه1282هه/1865ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مخدوم احمد هو، جو سندس ولادت کان اڳ حج تان واپس ٿيندي، راهه ۾ مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. مخدوم صاحب جي پرورش سندس ڏاڏي مخدوم مجذوب عرف سيوهاڻي بزرگ ڪئي. مخدوم بصرالدين ديني تعليم سان گڏ انگريزي تعليم به ورتي. اِن طرح پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ به آيو، ليڪن سُتت ئي نوڪري ترڪ ڪري ڇڏيائين. سندس خاص ۽ بنيادي سڃاڻپ ته ”حڪمت ۽طب“ جي حوالي سان ٿئي ٿي، پر حقيقت هي آهي ته مخدوم موصوف پنهنجي دوءر جو وڏو داناءُ، فلسفي، روحانيت وارو اهل الله ٿي گذريو آهي، جو قدرت سندس روشن قلب کي غير معمولي اوجر ڏني هئي. مخدوم بصرالدين رحه جي پنهنجي دور جي ناليرن انسانن سان خاص طرح سان محبت آفرين ٻاجهه ۽شفقت رهي. هن ڏس ۾ مولانا تاج محمد امروٽيءَ، مولانا عبدالغفور همايوني، مير علي نواز علوي شڪارپور واري، مولوي غلام محمد ملڪاڻي، سائين جي ايم سيد، سردار واحد بخش ڀٽي، حاجي مولا بخش سومري، مخدوم غلام حيدر هالائي، سردار بهادر صحبت خان گولي، ڊاڪٽر ضياءَ الدين شيخ، ڪريم بخش چنا ۽ ميان نور محمد مغل سيوهاڻي جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا. هڪ طبيب ۽ حڪيم جي حيثيت ۾، سنڌ جي طبي تاريخ ۾ سندس درجو گهڻُو مٿانهون آهي. مخدوم صاحب سيوهڻ ۾ 1356هه/1938ع تي وصال ڪيو. +مخدوم بصرالدين طب کان علاوه قلمي ۽ علمي ميدان ۾ به خوب پاڻ ملهايو. روايت آهي ته پاڻ شيڪسپيئر جي معيار جو انگريزي شعر چيائون، جو بعد ۾ پنهنجن هٿن سان ضايع ڪري ڇڏيائون. علمي دنيا ۾ سندس تحرير ڪيل باڪمال عربي ڪتاب ”البصائر“ واحد نشاني طور بچيو آهي. هي رسالو سڀ کان اول سال 1937ع ۾ ڇپيو هو. موجوده دور ۾ صديقي خاندان جي دلاويز علمي نشاني ۽ اسان جي روح پرور دوست مخدوم ميان سليم الله صديقيءَ صاحب جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي توجهه سان هي ناياب ڪتاب، سنڌي ترجمي، تعارف ۽ مقدمي سان سينگارجي عربي متن سان گڏ ڇپيو آهي. ترجمي تي مولانا سعيد احمد ڀٽي وڏي محنت ڪئي آهي. مهاڳ نامور دانشمند ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکيو آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪتاب جي نالي ۽ معنيٰ جي وضاحت هن ريت ڪن ٿا””مصنف هن ڪتاب جو نالو البصائر پنهنجي نالي بصرالدين جي مناسبت سان رکيو. بصر جمع آهي بصيرت جو، جنهن جو بنيادي (اشتقاقي) مادو بصر ئي آهي. بصيرت معنيٰ حقيقت کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ جي نرت، نظر ۽ پروڙ. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو:”سنڌ ۾ مخدوم بصرالدين پهريون عالم هو، جنهن کي اسلامي ۽ مغربي علوم ۾ دسترس هئي. کانئس پوءِ اها علمي فضيلت ۽ عظمت علامه آءِ آءِ قاضي کي عطا ٿي. ٻنهي جو سنڌ جي وڏي علمي مرڪز پاٽ شريف سان تعلق هو ۽ ٻئي پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ عرفان ۾ يگانا هئا.“ مهاڳ کان پوءِ ممتاز محقق ۽ فاضل ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جو عالمانه ”تعارف“ شامل ڪيو ويو آهي.. سومري صاحب ”ڪلام، منطق ۽ الاهيات“ جي سر سان پُر بهار مقدمو لکيو آهي، جو پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي اهميت رکي ٿو. مترجم جا ٻه اکر ڏيڻ کان پوءِ فاضل مرتب مخدوم سليم الله صديقي صاحب، مخدوم بصرالدين رحه جي سوانح ڀرپور انداز سان تيار ڪري پيش ڪئي آهي. هن تفصيلي سوانح عمري ذريعي صاحبِ ڪتاب جي سوانح مبارڪ جا ڪيئي نوان ۽ منفرد گوشا نروار ٿي بيهن ٿا. اِن طرح صديقي خاندان جي شجري ڏيڻ کان پوءِ، اصل ڪتاب ”البصائر“ جو متن ۽ سامهون ترجمو ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو سٽاءُ ڏاڍو دلڪش قائم ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي عربي متن ۽ ٻئي پاسي سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي. ميان سليم الله ڪتاب جي مهڙ ۾ ”ڀال ڀلايون“ عنوان سان هن ناياب ڪتاب جي ڇپرائڻ جي مقصدن تي روشني وجهندي انهن فاضلن ۽ دوستن جو شڪريو ادا ڪيو آهي، جن کيس هن املهه ڪتاب جي تياري ۽ اشاعت ۾ دل کولي ادبي مدد ڪئي. مخدوم سليم الله صاحب کي جس آهي، جو پاڻ پنهنجن نيڪنام وڏڙن جا قيمتي ڪتاب حواشي ۽ تعليقات، تحقيق ۽ تحشيه سان مرتب ڪري ڇپرائڻ جي شروعات ڪري چڪا آهن. ان سلسلي ۾ اڳ به ڳچ قيمتي ڪتاب ”اداره پاٽ هائوس“ حيدرآباد پاران شايع ڪري چڪا آهن. ان طرح ”درد نامو“ (ترتيب صوفي نورالله شاهه ۽ تعليم صوفي فضل الله شاهه قلندر جهوڪ شريف) جي اشاعت پڻ سندس تازه قابل تحسين ڪوشش آهي. اسان جي خيال ۾ مخدوم بصرالدين بابت هن ڪتاب جي ٻي اشاعت وقت ڪتاب جو اصل نالو ”البصائر“ قائم رکجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. دلڪش سرورق، بهترين ڪاغذ ۽ عمدي ڇپائي سان هيءَ ڪتاب ”اداره پاٽ هائوس“ قاسم آباد، حيدرآباد وٽ دستياب آهي. +ن.ا.ش +”نيڻ تارا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون +”نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ ترجمن جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت واڌارو آهي، سنڌي ٻوليءَ جا مستقبل مخلص ادبي خدمتگار سائين ولي رام ”ولڀ“ هڪ زماني کان وٺي دنيا جي مختلف ٻولين جي مختلف ادبي شاهڪارن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب جي دامن کي وشال ڪندو ٿو رهي. سندس چاليهارو کن سالن جي ادبي يوگدان ۾ ترجمو توڙي تخليق، ڪيترائي غير معمولي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ قرت العين حيدر جا ناول ”سيتا هرڻ“ ۽ ”پوئين پهر جا پانڌيئڙا“ خاص اهميت رکن ٿا. +”ولڀ“ صاحب جو تازو ترجمو ”نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ اردو ۽ هنديءَ جي دلاويز ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جنهن ۾ مشهرو ڪهاڻيڪارن جون چونڊ ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته مترجم ڪهاڻين جي چونڊ اهڙي ته خوبصورت ۽ منفرد ڪئي آهي، جو ڪتاب ڏسڻ کان پوءِ اردوءَ جي هڪ شاعر امالڪ چيو ته ”اهي ڪهاڻيون ته مون ڪڏهن ڪٿي نه پڙهيون هيون!“ ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي منشي پريم چند جي ”اِٽي – ڏڪر“ آهي، جا بلاشبه هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي. مجموعي ۾ ڪل ٻارنهن هندي ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪمل جوشي جي ”نئين عمارت“ ڪمليشور جي ”پيتل لڙڪ“ اُسا پريمودا جون ٻه ڪهاڻيون”واپسي“ ۽ ”کليل در“ سميت ٻيون دلچسپ ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي ڪهاڻي – ڪلا جو مخصوس اسلوب ۽ ٽيڪنڪ رکن ٿيون،. +ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ اردوءَ جون سترهن ڪهاڻيون آهن، جن جي پڙهڻ کان پوءِ غير شعوري طور تي هندي ڪهاڻين سان ڀيٽ ذهن ۾ اچي ٿي. ائين چئجي ته انتظار حسين، قرت العين حيدر ۽ مظهرالاسلام ڪهاڻيءَ جي فن جو صحيح حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. هن مجموعي ۾ اردوءَ جون ڪهاڻيون پنهنجي مخصوس اسلوب، موضوع ۽ خاص طور تي منفرد ايپروچ ۾ هندي ڪهاڻين کان وڌيڪ معياري آهن. مظهرالاسلام جي ڪهاڻي”پکي هن جي اکين مان ننڊ چُڳي ٿو.“ +ڪرشن چندر جي ”برهمڻ“، ۽ يونس رمزيءَ جي ڪهاڻي ”نيڻ تارا“ دل کي نهايت ڇُهندڙ آهن. خاص طور تي انتظار حسين جون چار ڪهاڻيون، جيڪي قديم ديومالائي پس منظر ۾ لکيل آهن، سي ته وڏي ڪمال جون ڪهاڻيون آهن، سندس ڪهاڻي ”نرناري“ ته ميٿالاجيڪل لٽريچر جو عاليشان شاهڪار آهي. توڙي جو هندي ادب يا اديبن کي هڪ منفرد ديومالائي پس منظر آهي، اُن جي باوجود انتظار حسين جي معيار سان سندن برميچي نٿو سگهجي. +ترجمي جي فن جي اگر ڳالهه ڪجي ته ولي رام ”ولڀ“ ترجمي سان ڀرپور نباهه ڪيو آهي، مان سمجهان ٿو ته ڪهاڻين جا رڳو لفظ ئي ترجمو نه ڪيا ويا آهن، پر ڪهاڻين ۾ موجود احساس، جذبا، مخصوص ماحول ۽ ڪهاڻيڪارن جو پنهنجو پنهنجو اسلوب، غرض ته سمورو روح ترجمي ۾ اوتڻ ۾ ولڀ صاحب ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، سندس ترجمي جي هڪ ٻي خوبي اِها آهي ته اُن ۾ ”عوامي سنڌي ٻولي“ استعمال ٿيل هوندي آهي ۽ڳرن، ڏکين ۽ ڌارين لفظن کان پرهيز ڪئي ويندي آهي، جا روايت هن مجموعي ۾ به برقرار آهي. +اسان وٽ ٻين ادبي المين سان گڏ اهو به هڪ الميو آهي ته مترجم کي اڪثر ڪري اديبن جي ٻي قطار ۾ ويهاريو ويندو آهي ۽ طنزيه طور تي ائين به چيو ويندو آهي ته ”ترجمو، پرائي مٿي جو سور پنهنجي مٿي ۾ وجهڻ برابر آهي.“ جڏهن ته ترجما نه صرف ٻولين کي مالامال ڪن ٿا، ۽ اُنهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿا، بلڪه قومن کي به ويجهو آڻين ٿا. ڪن مبصرن ته ائين به چيو ته ٽئگور کي نوبل پرائيز ٻن ڳالهين جي ڪري مليو، هڪڙو ته هن جي ڪتاب تي مهاڳ مشهور انگريز اديب واءِ بي ٿيتس لکيو ۽ ٻيو ته هن جي بنگالي شاعريءَ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، پر ائين به ناهي ته سڄو ڪريڊٽ مترجم کي ڏجي، پر مترجم جي ڪردار کي نظرانداز به نٿو ڪري سگهجي. +”نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ڪتاب مشهور ادبي اداري”آج“ شايع ڪيو آهي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪهاڻيڪارن جا مختصر سوانحي خاڪا به ڏنل آهن، دلڪش سرورق، وڻندڙ ڪاغذ، دلاويز ڇپائي ۽ جاذب گيٽ اپ ، ”آج ڪي ڪتابين“ (316- مدينه سٽي مال، عبدالله هارون روڊ، ڪراچي) جي روايتن جو هڪ سنجيده ۽ من کي وڻندڙ مثال آهي. +زبير سومرو +محمد عثمان ڏيپلائي +سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اهل قلم ۽ جرات مند صحافي محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي علمي خدمتن جو پيرائتو ۽ جامع تذڪرو ڪتابي صورت ۾ آڻي ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ جي روح روان محترم محمد عثمان منگيءَ وڏو جَس کٽيو آهي. 560 صفحن جي ضخامت واري هن دلاويز ڪتاب جي جامع مواد کي جاکوڙي اديب ۽ صلاحيتمند مولف محترم تاج جويي جنهن سليقي ۽ سنجيدگيءَ سان ترتيب ڏنو آهي، اهو سندس ماهرانه سوڌ – سنوار جو هڪ وڌيڪ مثال آهي. منگي صاحب جي تحرڪ تي تاج صاحب تنظيم طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب، علامه قاسمي صاحب، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب تي پڻ شانائتا ڪتاب تاليف ڪري سنڌي ادب ۾ عُمدو اضافو ڪيو آهي. تازو مولانا حاجي احمد ملاح تي سندن تاليف کي پڻ علمي حلقن ۾ پذيرائي حاصل ٿي آهي. +محترم محمد عثمان ڏيپلائي، ادب ۽ صحافت جو آفتاب عالمتاب وانگر هڪ سدا روشن نانءُ آهي، جنهن جي پيدا ڪيل فڪري لٽريچر، سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ وڏي جاڳرتا پيدا ڪئي. اهڙي عظيم شخصيت جي علمي ڪارنامن، صحافتي، ڪاميابين ۽ ادبي ڪشالن کي مختلف مضمونن جي صورت ۾ خوب اُجاگر ڪيو ويو آهي. مضمون نگارن جي طويل فهرست ۾ سائين جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشدي کان وٺي انس راڄپر ۽ عبدالرحمان ڏيپلائي تائين ڪيئي ناميارا نانءُ شامل آهن، جن ڏيپلائي صاحب جي مختلف پهلوئن کي روشن ڪيو آهي، ۽ مرحُوم جي وڏي صاحبزادي محمد علي ڏيپلائي پنهجن پنجن مضمونن ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جا ڪيئي دلچسپ نڪتا نروار ڪيا آهن ۽ ان طرح ڪتاب جي شروعاتي حصي ۾ ڏيپلائي صاحب جي لکيتن سان ڪتاب کي وڌيڪ معياري بڻايو ويو آهي. +عمدي ڪاغذ تي ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هي جاذب نظر ڪتاب، خاص ڪري سنڌ جي نئين ٽهيءَ لاءِ هڪ مثالي فڪري تحفو آهي، جنهن ۾ سماجي جاڳرتا لاءِ ججهو سامان مهيا ڪيو ويو آهي. +ن ا ش +ايلڪيمپو، سنڌ ۽ ”انعام“....! +ايلڪيمپو Elcampo ، ميڪسيڪن نار جي ڪناري واري ڏاکڻي آمريڪي رياست ٽيڪساس جو هڪ ننڍڙو پر خوبصورت شهر آهي. جيڪڏهن اهو آمريڪي ترقيءَ واري نظر سان نه ڏٺو وڃي ته پوءِ اُن ننڍڙي شهر کي ”ڳوٺ“ چئي سگهجي ٿو. مان پنهنجي جنم ڀومي روهڙيءَ جي گهٽين سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکان ٿو، پر اُن کان پوءِ ايلڪيمپو جو هي ننڍڙو شهر منهنجي لاءِ ٻيو روهڙي ثابت ٿيو آهي. اُنهيءَ طرح جيئن سنڌ منهنجو ملڪ، منهنجو وطن آهي، تيئن آءٌ آمريڪا کي سنڌ کان پوءِ ٻئي نمبر تي رکان ٿو، ڇاڪاڻ جو ان ملڪ مون کي عزت ڏني آهي، رزق ڏنو اٿائين ۽ اُن ملڪ جي ماڻهن مون کي بي پناهه پيار ڏنو آهي، منهنجي سائين جي ايم سيد مون کي سيکاريو آهي ته جنهن ڌرتي جو کائجي، ان جو ڳائجي، نه ڪي جنهن ٿالهي ۾ کائجي، اُن ۾ ڇيد ڪجي. +هن وقت ڏهن هزارن کان مٿي آباديءَ واري هن شهر ۾ مان اڪيلو ”سنڌي“ رهندو آهيان، پر گورا انگريز، ميڪسيڪن، توڙي ڪارا، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون دوست هجڻ سبب اڪيلائپ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ جو دوستي اُهو واحد رشتو آهي، جنهن لاءِ رنگ، نسل، ٻولي، وغيره ڪرائيٽيريا نه هوندي آهي. منهنجا گهاٽا دوست گهڻُو ڪري اسپينش نسل وارا ميڪسيڪن ماڻهو آهن. +هن ننڍڙي شهر ۾ مون کي سڀ سک وارا آهن: محبت ڪرڻ وارا دوست، مالي خوشحالي، سٺي موسم، سٺي خوراڪ، هر شيءِ ميسر آهي، پر پوءِ به ڪيفيت اِها آهي ته: +دل لڳي ڇو نه ٿي پرائي شهر ۾؟ +اباڻي شهر جي ڳلين جا نشا! +گذريل سال آگسٽ ۾ هڪ ڏينهن اُنهيءَ ايلڪيمپو شهر ۾ پنهنجي دوست بشير شاهاڻي جي اسٽور تي ڪم پئي ڪيم ته اوچتو اسٽور جو دروازو کليو ۽ ڪنهن زور سان رڙ ڪئي:”پيارا....!“ +ڪنڌ کڻي ڏٺم ته ”انعام“ بيٺو هو. سڪ سان ملياسين. اتفاق سان منهنجا سئوٽ احمد ۽ عديل به نيويارڪ کان مون وٽ آيل هئا، سو اسان هڪ ٻه ڏينهن گڏ گهمياسين، ڏاڍو مزو آيو. +مستقبل بابت انسان پروگرام هڪڙا ٺاهيندو آهي، پر قسمت کين ڪنهن ٻئي پاسي وٺي ويندي آهي. انعام سان به في الحال ته ائين ئي ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو ته پڪو هو، پر وري اوچتو انٽرنيٽ تي ”ڪاوش“ ۾ پڙهيم ته مٿس سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي ذميواري رکي ويئي آهي. ڏاڍي خوشي ٿي ته ادبي بورڊ ۾ ڪارڪردگيِءَ جي لحاط کان ڪامورن کان ته انعام لک ڀيرا ڀلو آهي. ان ڪري مون کي خاطري آهي ته انعام پنهنجي ڏاهپ ۽ محنت سان پنهنجي دوءر ۾ بورڊ ۾ ”تاريخي“ ڪردار ادا ڪندو، ڇاڪاڻ جو مستقبل ۾ رڳو تاريخ ئي بچندي آهي. اُن لاءِ ڪنهن ماڻهو جو ڪم تاريخي هوندو ته سندس نسل به اُن جو لاڀ حاصل ڪندا ۽ قوم ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا، نه ته يزيد وانگر قيامت تائين مٿن تبرو ته جاري رهندو ئي رهندو. +انعام سدائين سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجن لکڻين ۾ خواهش ۽ بي چيني ڏيکاريندو رهيو آهي، ۽ هينئر کيس پهريون ڀيرو، ننڍي پيماني تي ئي سهي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ان لاءِ سندس طبيعت ، صلاحيت، همت ۽ ڪمٽيمينٽ لاءِ هيءُ موقعو سندس امتحان آهي. ڪم سان سندس چاهت ۽ شوق جو اندازو اِن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن هزارين ميل پري ويٺل مون کي بار بار اِي ميل ڪري چيو ته ٻه چار اکر، بورڊ جي رسالي”مهراڻ“ لاءِ لکي موڪليان. جيتوڻيڪ آءٌ بنيادي طور ليکڪ آهيان ئي ڪونه، آءٌ سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ ۽ سياسي ڪارڪن آهيان، پر پوءِ به باوجود تمام گهڻي مصروف هجڻ جي، انعام جي لاڳيتي اصرار کي نظر ۾ رکندي ڪوشش ڪري نيڪ تمنائن جون هي چند سٽون ”مهراڻ“ لاءِ موڪلي رهيو آ��يان. +سهيل ميمڻ \ No newline at end of file