diff --git "a/sindhiadabiboard.org/mehran/Book105.txt" "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book105.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book105.txt" @@ -0,0 +1,4011 @@ +ڪتاب جو نالو: مهراڻ 1 ۽2 / 2002ع + + + +مهراڻ 1 ۽2 / 2002ع +ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ +گذارش +ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد ۽ +صوبائي ادبي ادارا +پاڪستان جي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن، علم ۽ ادب (Literature) کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هرهنڌ ادارا قائم ڪيا آهن ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اُنهن جي مسلسل مالي مدد ڪري رهيون آهن. اُنهن ادارن ۾، پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس، پنجابي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، پشتو ايڪيدمي ۽ بلوچي ايڪيڊمي، سڌو سنئون، قومي ۽ صوبائي حڪومتن جا نمائندا ادارا آهن، سو اُنهن جون پاليسيون به مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي پاليسين پٽاندر هئڻ گهرجن. +پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس، اِنهيءَ نظريي هيٺ چئني صوبائي ادارن کي هڪ هڪ لک روپيا سالياني گرانٽ ڏيندي آهي. هونئن، ايڪيڊمي ٻين به گهڻن ئي ادارن کي مالي مدد ڏيندي آهي، جن ۾ انجمن ترقيءَ اردو ڪراچي به شامل آهي. حيرت آهي ته ايڪيڊمي هاڻي انجمن ترقيءَ اردو ڪراچيءَ جي گرانٽ ته وڌائي ڏهن لکن کان به مٿي ڪئي آهي، پر، ٻئي طرف، چئني صوبائي ادارن جي گرانٽ ۾ هڪ رپئي جو به اضافو ڪونه ڪيو اٿس! +ايڪيڊميءَ جي صوبائي ادارن ڏانهن انهيءَ روش مان ڪهڙي بوءِ اچي ٿي، سو، هرڪو سمجهي سگهي ٿو. اِنهيءَ تاثر کي تقويت هن حقيقت مان به ملي ٿي ته ايڪيڊميءَ ڪجهه عرصي کان اردو اديبن ۽ شاعرن کي ته لکين روپيا “Life-time Achievement Award” (ڪمالِ فن) جي نالي ۾ ڏيڻ شروع ڪيا آهن، پر سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي زبانن جي اديبن ۽ شاعرن کي انهيءَ ايوارڊ جي لائق نه سمجهيو اٿس. ايڪيڊميءَ جي اِنهي روش جي ڪري اُنهن ٻولين جي اديبن ۽ شاعرن ۾ احساس محرومي وڌي رهيو آهي. +صدر پاڪستان، جنرل پرويز مشرف پنهنجي پهرئين ئي قومي خطاب ۾ ننڍن صوبن مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو، پر، ايڪيڊميءَ اُنهن صوبن ۾ احساس محروميءَ کي وڌائڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. +ايڪيڊميءَ جي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ صوفي ازم تي ڪم ڪرڻ تي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي خبر 11- جولاءِ جي سنڌي اخبارن ۾ ڇپي آهي. اِنهيءَ جو مطلب اِهو ٿيو ته سنڌ جو هيءُ هاڪارو عالم به ايڪيڊميءَ جي نظر ۾ “Life-time Achievement Award” جو اهل ته ڪونه آهي، البت شاهه جي رسالي ۽ صوفي ازم تي ڪم ڪرڻ جي ڪري سندس ڪجهه حوصلا افزائي مناسب آهي. +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو شاهه جي رسالي تي ڪم هڪ جُداگانه حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سنڌي لغات، سنڌي لوڪ ادب، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين بيشمار موضوعن تي قابل تعريف ڪم ڪيو آهي. اُن کان علاوه، نئنشنل هجرا ڪائونسل، نئشنل انسٽيٽيوٽ فار هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل ريسرچ، اسلام آباد، ۾ جيڪو وسيع ۽ جامع ڪم ڪيو آهي. تنهن جي ڀيٽ ۾، ايڪيڊميءَ جي نوازيل اردو اديبن جو ڪم، واريءَ جي ذرڙن جيتري حيثيت ڪونه ٿو رکي. +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين محمد ابراهيم جويو، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي اهڙا اعليٰ پايي جا عالم، اديب ۽ دانشور آهن، جن تي سنڌ کي هميشه فخر ۽ ناز رهندو. کين ايڪيڊمي جي مڃتا (Recognition) جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي. +تاهم، اسان پاڪستان جي عزتم آب وزير تعليم، زبيده جلال کي ادب سان گذارش ڪنداسين ته هوءَ پنهنجي مڙني مصروفيتن جي باجود، ايڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد، جي اهڙين سرگرمين کي نگاهه ۾ رکي. +هڪ مستحسن قدم +حڪومت پاڪستان، مسٽر قلي بخش رند کي سنڌ جو چيف سڪيريٽري مقرر ڪيو آهي، جنهن پنهنجي نئين منصب جي چارج وٺي ڪم شروع ڪيو آهي. +پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ اعليٰ عملدار جي صوبي ۾ چيف سيڪريٽريءَ طور مقرريءَ تي، سنڌ جي باشعور حلقن وڏي پيماني تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جي ادبين، شاعرن ۽ دانشورن هڪ پريس پڌرائي وسيلي اُن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ”مسٽر قلي بخش رند هڪ لائق انسان ۽ فرض شناس اعليٰ عملدار آهي، اُميد آهي ته هُو صاحب سنڌ جي پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ عوام ۽ حڪومت جو وڏو مددگار ثابت ٿيندو.“ +مسٽر قلي بخش رند پنهنجن اعليٰ انتظامي صلاحيتن سان گڏ، علم و ادب ۽ ثقافت جو سرپرست به رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ اُن جو رسالو ”مهراڻ“ سندس دلچسپيءَ جو مرڪز رهيو آهي. اسان، مسٽر قلي بخش رند کي، سندس موجوده منصب تي مقرريءَ لاءِ مبارڪباد ڏيون ٿا. سندس ڪاميابين لاءِ ڌڻي در دعاگو آهيون. ـــ ن. ا. ش +سٽاءُ +شاعري +شيخ اياز +سرويچ سجاولي، محسن ڪڪڙائي، +عبدالقيوم صائب، وفا ناٿن شاهي +تاج بلوچ، نصير مرزا +آثم ناٿن شاهي، عنايت بلوچ +احمد خان مدهوش، سوز هالائي +اياز گل، وسيم سومرو، +ادل سومرو، احمد سولنگي +اشفاق آذر، سائق ڪمبوه، +اسحاق سميجو، احمد ٽالپر +مقصود گل، حُبدار سولنگي +بخشل باغي، شاهه محمد پيرزادو، +ستار سُندر، عامر سيال، +ساحر راهو، بخت عابد، +جوهر بروهي، گل ٽکڙائي، +روشن گهانگهرو +روبينه ابڙو، ابرار ابڙو، +ظهير زرداري، عتيق چنجڻي +علي آڪاش +* مقالا +1. سنڌ ۾ ’جل پوڄا‘ جو رواج ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۾ اُن جو ذڪر ـــ ڊاڪٽر غلام علي الانا +2. سنڌي لفظن جي لساني جائزو ـــ دين محمد ڪلهوڙو +3. ڳالهيون پير حسام الدين راشديءَ جون ـــ حميد سنڌي +4. علم الانسان ۽ علم الاثار +(سنڌو تهذيب جي تشريح جا اهم ماخذ) ـــ شيخ خورشيد حسين +5. ”نصرت نامئه ترخان“ (هڪ تنقيدي جائزو) +ـــ ڊاڪٽر محمد سليم اختر سنڌيڪار: عبدالاحد جوڻيجو +6. مير امين الدين خان ٺٽويءَ جون فارسي ادب لاءِ ڪيل خدمتون +ـــ ڊاڪٽر عارف نوشاهي سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر +7. جتي مشرق ۽ مغرب ملن ٿا (روميءَ جي مرزا تي حاضري بابت تاثرات) +ـــ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو سنڌيڪار: اڪبر لغاري +8. تنوير عباسي ـــ سنڌي ادبي جو موتي داڻو +ـــ شوڪت حسين شورو +9. سورٺ ـــ سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار +ـــ ڊاڪٽر تهمينه مفتي +* ڪهاڻيون +1. هڪ ڪلاڪ ٻاويهه منٽ ـــ محمود مغل +2. جمهوريت زنده باد ـــ اڪبر لغاري +3. اندر جي اونده ــ ايوب عمراڻي +4. ناسور ـــ موپاسان مترجم: ڄام وقار حسين قادري +5. زندگيءَ جي رڻ ۾ ـــ محمد انور بلوچ +6. ڪرسمس جو وڻ ـــ نسيم پارس گاد +* سفر نامو +1. بنگلاديس ۾ ڏهه ڏينهن ـــ غلام رباني آگرو +* مغربي آرٽ +1. فطرت جو چترڪار ـــ وان گو ـــ ڪليم لاشاري +* تبصرا +1. قرآن شريف مترجم سنڌي (محمد عثمان ڏيپلائي) +ـــ رياض آگرو +2. بيان العارفين ـــ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو +3. خط ٻن استادن جا ـــ ادارو +4. ڪهاڻيون ـــ الطاف آگرو +* ادبي خبر نامو +1. ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس ـــ ادارو +2. پير حسام الدين راشديءَ جي ورسي ـــ ادارو +لطيفي لات +الله جي آسَ ڪَري، هَلِي آيو هِتِ، +جا جِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جيوُن صَدائُون هَڻي. +الله جي آسَ ڪري، هَليي آيو هيءُ، +مالُ نه مَنگي مَڱڻو، جا جِڪُ منگي جيءُ، +وَڍِ وَهِلو ٿيءُ، ساعَتَ صَبرُ نه سَهان! +الله جي آسَ ڪري، هَلِي آيُسِ هيرَ، +هاتِڪَ تو حَضُورَ ۾، پِرتان ڀَري پيرَ، +وِير لڳاءِ مَ ويرَ، وڍي ڏي ته وٺي وڃان. +الله جي آسَ ڪري، سُڻِي آيُسِ شانُ، +مڱان ڪهڙي مَت سين، نسرون نادانُ، +سو ڪو ڏياريين ڏانُ، جو طمع کي تَرڪُ ڪري. +آءٌ سوالي سِر جو، آيسُ اڳاهون، +مٿي ري مَس رکان، پيرُ کڻي پاهُون، +داتا سُن دانهوُن، جي ڪريان ڪوڏِ ڪَپَار جيوُن. +ـــ شاهه عبداللطيف ڀٽائي +شاعري +”.... سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف عليہ رحمة جي شاعرانه روايتن جو تسلسل توڙي جو ڪڏهن به ٽُٽو نه هو، ليڪن ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ شهرن اندر ’غزل‘ جي شڪل ۾ هڪ نئون ادبي شوشو شروع ٿيو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ذهن، فڪر، زندگيءَ ۽ روايتن جو حاصل ۽ حامل نه هو. ’غزل‘ جي سڄي جوڙجڪ، اُن جون سموريون تشبيهون، استعارا ۽ مال مواد فرضي ۽ اهڙيون هيون جيڪي سنڌ جي اکين نه ڪڏهن ڏٺيون ۽ نه ڪنن ڪڏهن ٻُڌيون هيون. شهري شاعرن روايتي غزل چئي نه ڇڙو پنهنجو وقت ضايع ڪيو. بلڪ سنڌ جي نازڪ ۽ صاف زبان ۾ عفونت جا انبار ڪٺا ڪري ڇڏيا. اصل ۾ شهرن جا شاعر سنڌ جي تهذيب، تمدن، روايتن ۽ فڪري نزاڪتن کان يڪسر بيگانا ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ هروڀرو جاکوڙ ڪندا رهيا، جنهن جو حاصل ڪجهه به نه هو، يعني سندن ”فرمودات“ ۽ ”ارشادات عاليہ“ سنڌ ۾ نه مقبول ٿي سگهيا ۽ نه وري اُهي اسان جي ادب ۽ ادبي تاريخ جو جزو بنجي سگهيا. اهو هڪ نامعقول ادبي مشغلو هو جيڪو ٽالپرن جي حڪومت کان شروع ٿيو ۽ انگريزن جي زوال واري زماني کان ٿورو اڳ پنهنجو موت مري ويو. افسوس فقط اهو آهي جو ڪاغذ ڪارا ٿيا ۽ وقت زيان ويو. اڄ نه انهن شاعرن جو ذخيرو قابل قدر آهي ۽ نه اهي شاعر ڪنهن کي ياد ئي آهن. +”سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو علمي فڪر آهي، جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽ مخصوص آهن، جن کي ’ڪافي‘ ۽ ’ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون نج ملڪي آهن. اُهي، جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن سان صدين کان سندس سرورڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس پيچ پيل آهي. ’نظم‘ جو به سنڌکي پنهنجو نمونو آهي، جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سُر ۽ ساز به پنهنجا ترتند ۽ تنوار به پنهنجي آهي. باوجود هن جي جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي جي پيڙا رهي؛ غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو؛ ٻاهرين جو رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍ ۽ ڏڍ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اهي اثرانداز ٿي سگهيا ۽ نه انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حُسن جي پرک پنهنجي عشق جو معيار جدا، محبوب جو تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۽ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق کان ڪِريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور، ڳالهه توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي عشق تي ٿيندس....“ +ـــ سيد حسام الدين راشدي +(”تند ڪٽارو ڪنڌ“ جي مهاڳ مان ورتل) +شيخ اياز +(1) +جنهن وقت اَسُر جي هِير اچي، جنهن وقت پکي پَر کوهِن ٿا، +تنهن وقت گلن تي ماڪَ ڦُڙا، مَنُ منهنجو ڪيڏو موهِن ٿا! +مون ڄاڻَ بڻائي ڄَر جيءَ جِي، ڄڻ آهه تَپت ڪنهن آويءَ جي، +ٿا تن مان ڇا ڇا ٿانوَ جُڙن، جي ڪُنڀر مِٽي ڳوهِن ٿا! +هو ڪير هُيا جِن ڳاتو ٿي؟ جن اونهو سمنڊ سُڃاتو ٿي؟ +سُر سارا نڪتا سانت منجهان، اڄ جيڪي سازَ سَموهِن ٿا! +ڪنهن وقت اَچي ٿي ڪِرڀَ متان! ڪر پيار ”اياز“ وڌيڪ اڃا، +سي ماڻهو جُڳ جُڳ شال جِيَن، جي پريت ڪري پاٻوهِن ٿا. +(2) +اِئن دل ۾ ڪيئي سال رَهِي، اي شعر صدائون ٿِي ويندءُ، +مون ڄاتو هو، مون ڄاتو هو، گهنگهور گهٽائون ٿِي ويندءُ! +هن جيون ۾ جي پَهر هُيَهءِ، سي چانڊوڪيءَ جي لَهر هُيهءِ، +رهندءُ نه اِئين ڪنهن ڄاتو هو، ڪنهن وقت جفائون ٿِي ويندءُ! +اي هَرڻين جهڙا نيڻَ اِئين، ڪنهن وقت ڀٽون ڀِٽڪائيندوءُ، +ائن دوُرِ رَهِي ايندءُ نه ڪَهِي، ڪي ريتِ ـــ هوائون ٿِي ويندءُ! +وِرلي ته ڪِرو ٿا اي ڳوڙها، وِيران اکين مان ورهين ۾، +ڪنهن ڄاتو هو اڄ بارش جون، مون لاءِ دعائون ٿِي ويندءُ! +هي چار ڏهاڙا چانڊوڪِي، ايڏو نه ٽڏو اِن ڏانهن ڏِسِي، +بس، آهه ”اياز“ عجب اِن تي، انسانَ خُدائون ٿِي ويندءُ! +(3) +وئي عمر خوشبوءَ جيان اي گلابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي! +اُڏامي ته شبنم جيان آفتابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي! +اِهي ميڪدا ڪونه ٻيهارَ کُلندا، وَري رِنَ ٿڙندي ڪٿي ڪونه رُلندا، +خُمار آهه ڪوئي جواني، شَرابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي! +ڪِٿي ڪانه بِهندي ڪٿي ڪانه بِهندي، ايها ابشارن جيان تيز آهي، +ڏسو ٿا اِنهيءَ جي روانِي حُبابو، وَري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي! +اِها چاندني رات ڪجهه پَهر آهي، وَڃي ٿِي اِيئن جيئن ڪا نهر آهي، +ڪٿي ٺَهر آهي اِنهيءَ ماهتابو؟ وري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي! +نشاني اِها سوال جِي آهه يارو، جُدائي ازل کان لکي آهه پيارو! +ڪيو غور ڇا تي پيا لاجوابو؟ وَري ڪانه ايندي، وَري ڪانه ايندي! +”اياز“ آهه هي نانوَ جي ڇانوَ ڪيسين؟ ڏين ٿا رڳو ڏڍُ هُو هانوَ ڪيسين؟ +اُنهن کي چَئي ڏي ته خار خرابو، وري ڪانه ايندي، وري ڪانه ايندي! +”سرويچ“ سجاولي +غزل +اچ ته ڪنهن اهڙي طرف، اي نازور! نڪري هلون، +جت نه پهرا پيار تي ۽ جِت نه جذبن تي جُهلون. +جِت نه چاهت تي چڪاسون چوڪسيون ۽ چؤ ـــ پُڇون، +جِت نه دل کي دل کان ٽوڙڻ جون ڪري ڪو اٽڪلون. +جِت نه روحاني رهاڻين تي هجي ڪا روڪ رنڊ، +جِت هجن پنهنجون متل، موضوع به موضوع محفلون، +جِت نه تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڪوهجي ويٺل وچيون، +جو جدائيءَ جون جڙيل دلين کي پاڙهي جدولون. +جِت نه معصومن مَنن جون مرضيون ماريون وڃن، +جِت وتن بي خوف گهمندا مينڌرا ۽ موملون. +مهل بي مهليون ملاقاتيون، جِتي هر مُند ۾، +جِت نه پنهنجي ميل ميلاپن جون وٺجن موڪلون. +جِت هجي ممڪن مڙوئي، نانءُ نه ناممڪن سندو، +پاڻ ٻئي ٻاريون ڪي ويهي محبتن جون مشعلون. +جِت نه سڪ وندن ملي، ’سرويچ‘ سوريءَ جي سزا، +اُت هلي معراج واريون ماڻيون ڪي منزلون. +”محسن“ ڪڪڙائي +غزل +سِرُ جي بازي لڳي، لڳائي سون، +عشق جي آبرو بچائي سُون. +پاڻ آيو پيرين لِڪي لوڪان، +جشن جي رات هُئي، ملهائي سُون. +گرم ٻانهن ۾ هُن پئي ڪُڻڪيو، +پيار جي پياس ٿي اُجهائي سُون. +جهول ۾ گُل اچي ڪِريو پاڻهي، +اَڻ ـــ گهري آس رب پڄائي سُون. +جنهن سان جنهن سان به قرب ٿيو مُحسن، +اُن سان هر حال ۾ رهائي سُون. +عبدالقيوم ”صائب“ +غزل +دانشورانِ دولت، آهن اوهان جا گهورا، +در در وڃي نه پو ڇو، ڳائين تنهنجا مورا. +پنهنجي مٿي هو آهن، بيشڪ حڪيم صادق، +حالانڪ در حقيقت، آهن غريب ڪورا. +گورن کي گر جي ورتو، ٿيندا هلڻ کان هيڻا، +هيڻا ٿيڻ کان اڳ ۾ اوٺي سنڀال گورا. +ميدان ۾ ته مڙسي، مڙسن جي آهه ڏسبي، +ايمان جي نه هوندن، پو ڇا ڪندا هي ڇورا. +جي رستم زمان ٿي، ميدان ۾ لٿا ها، +سي ڏيل ها ڏسڻ جا، اندر ها تن جا پورا. +جن کي حيات ساري ڏؤنڪون هڻڻ نه آيو، +تن ۾ نه ٿوم آهي، ڪم ڪيئن ايندا لورا. +غيرن کي پنهنجو سمجهي، تو ساٿ هو ڏنو پر، +تنهن وقت اٺ رڙيا ٿي، جنهن وقت سِبيا ٿي ٻورا. +پنهنجن جي لاءِ حد کان، نڪري ويس جي ٻاهر، +ماڻهن کي آهه ڪهڙي، تنهن لاءِ هورا کورا. +دريائي سنڌ ۾ ڪجهه ويرين ڇڏيو نه پاڻي، +جن تي مدار هوسين، سُڪندا وڃن سي ڍورا. +آهين چري�� ڪو صائب، ڇو عيب پيو اُگهاڙين، +سڀ جي ڍڪي ڀلي آ، ڦولهڻ نه ويهه ڦورا. +”وفا“ ناٿن شاهي +غزل +وقت مُرشد لڳو، مُريد لڳو، +باقي هر فلسفو شهيد لڳو. +ڪوڙ هر دؤر ۾ قديم رهيو، +سچ هر دؤر ۾ جديد لڳو. +عمر گذري وئي حُسين جيان، +جو مٿي ۾ لڳو يزيد لڳو. +خود پريشان آهه تيرانداز، +تير اهڙو سندس شديد لڳو. +لڙڪ ۽ مُرڪ کي جڏهن توريم، +غم خوشيءَ کان ’وفا‘ مزيد لڳو. +”تاج“ بلوچ +روشنين جو سفير +(حسام الدين راشديءَ جي نذر) +جَري سپاهي +سواءِ لشڪر، +ترار جنهن جي هٿن ۾ ناهي +۽ ايڏو بيباڪ، همتون ڀي حضور جنهن جي +جُهڪي جُهڪي ٿيون ڀرن سلامي +اگر هي مُرڪي +ڪليون ٿيون ٻَهڪن +اگر هي غيض ۽ غضب ۾ ٻولي +ائين لڳي ٿو +ڄڀيون ٿيون ڄرڪن +اگر هي اُٿلي +زمين لرزي ٿي نيٽ وانگر +سمونڊ اُٿلن +هي دشمنن جي اکين جو ڪندو +۽ دوستن لئه گلاب هردم +رُڳو قلم جي وسيلي جيڪو +ازل ابد کان ئي ظلمتن جي خلاف وڙهندي +هي نفرتن ۽ محبتن جو شڪار ٿيندي +سڄي شهر جا سمورا پٿر +وجود پنهنجي مٿان وسائي +هي ٻاٻري ڪنڊ جو مسافر +تمام زخمي تمام زخمي +تڏهن به آهي اڳي کان اڳرو +حقيقتن جي صليب پنهنجي +ڳچيءَ ۾ پايو +هي روشنين جو سفير هردم +صداقتن جا چراغ ٻاريو +هي ڀونءِ پنهنجي ۽ پنهنجي ماڻهن جا سُور سارا +سمائي دل ۾ اچي نباهيندو نينهن ـــ ناتو +جيئڻ جي خاطر مري هي ڄاڻي +مصيبتن سان مقابلي ۾ +سدا جيئڻ لئه رهي ٿو آتو +ڏسڻ ۾ ڪيڏو نه گلبدن آ +مگر هي جرئت ۾ پيلتن آ +اديب آهي اديب آهي +اديب ناهي ـــ سپاهي آهي. +جري سپاهي +سواءِ لشڪر +تلوار جنهن جي هٿن ۾ ناهي +۽ ايڏو ويڙهاڪ، جرئتون ڀي +حضور جنهن جي +جهڪي جهڪي ٿيون ڀرون سلامي! +نصير مرزا +مسز فيروز ناما +تون....! +تون.... ڪٿي آهين؟ +شايد ڪٿي به ناهين +زمين ۾ لهي چُڪي آهين! +۽ فقط سنگِ لحد آهين +۽ ڪتبو؟ +يا سُڪل پنکڙين جي خوشبو، +۽ فقط مٽي! +جيڪا هاڻي +صرف منهنجي تصور ۾ +مهڪي پيئي +۽ سوچ ۾ تازي آهي! +آثم ناٿن شاهي +غزل +آءٌ اڄڪلهه ٿو رهان پيو سامرين جي شهر ۾، +جَل پَرين جهڙين هزارن سانورين جي شهر ۾. +ڀانئجي ٿو مون کي ڀي چريو ڪري وجهنديون اُهي، +جي اڃا ڪجهه وقت رهڻو پيو چَرين جي شهر ۾. +ڇا ڪبو، جي دل نه رهندي داءُ پوندو کيڏڻو، +پاڻ کي وڃبو کٽائي لاٽرين جي شهر ۾. +هر طرف جهنڪار ئي جهنڪار جا سُر ٿا ٻُرن؛ +هٿ ڪڙين، چوڙين، سِڪن ۽ جهانجهرين جي شهر ۾. +ڪيترا ڇورا بڻيا ٿا هِت وِتن سيف الملوڪ، +هن زماني جي طلسماتي پرين جي شهر ۾. +ڪيئن ڪمرن جي اندر جا راز ڪو سمجهي سگهي؟ +هن سمورن بند دروازن، درين جي شهر ۾! +هِت نه هڻ آثم! وڃي ڪنهن در تي سر جي سئن تون، +چنگ چارڻ! ڪير ٻڌندءِ بانسرين جي شهر ۾. +عنايت بلوچ +غزل +نظر ملندي ئي شرمائي نه وڃجان، +اچين سامهون ته گهٻرائي نه وڃجان. +نه ڏوراپا، رُساما يا ميارون، +رڳو اچجانءِ، پرچائي نه وڃجان. +نوان ناسور ٿيندا، زخم چڪندا، +پراڻو پيار ورجائي نه وڃجان. +ڀلي پيو سورَ صدما سوکڙيون ڏي، +انهي بازيءَ ۾ هارائي نه وڃجان. +جفائن کي ڀلي جاري رکيو اچ، +انا پنهنجيءَ کي مارائي نه وڃجان. +گرم ساهن ۽ سُڏڪن ساڻ سانڀيل، +لڙهيءَ ۾ لڙڪ پارائي نه وڃجان. +عنايت انتظارن ۾ ئي رهندو، +قيامت تائين ترسائي نه وڃجان. +احمد خان ”مدهوش“ +غزل +تنهنجو درشن عطا نه ٿيندو آ، +روح خوش اي مٺا نه ٿيندو آ. +ڏينهن سارو ڏسائين ويٺو ته به، +تومان ڍَءُ دلربا نه ٿيندو آ. +پيار اهڙي پڪي عبادت آ، +جنهن جو سجدو قصا نه ٿيندو آ. +توڙي ٿيندو ڳڀا ڳڀا آهيان، +ساهه توکان جدا نه ٿيندو آ. +ڪافر عشق جو قسم ڪهڙو؟ +ڪافرن جو خدا نه ٿيندو آ. +تنهنجي ’مدهوش‘ کي ڪڏهن حاصل، +ڪو مزو تو سوا نه ٿيندو آ. +”سوز“ هالائي +غزل +پيار وارن کي پيارن جي تلاش، +آ نظارن کي نظارن جي تلاش. +سج کي ڪهڙي ضرورت آ پئي، +جو ڪري هو چنڊ تارن جي تلاش. +تو ته جگنو سان وري ياري رکي، +مون سدائين ڪئي ستارن جي تلاش. +لهر ۾ ڪا لهر آهي دوستو! +ٿي ڪري جيڪا ڪنارن جي تلاش. +پنهنجي مطلب ۽ حفاظت واسطي، +گل کي رهندي آهه خارن جي تلاش. +ڪالهه موکيءَ کي متارن ڳوليو، +اڄ ڪري موکي متارن جي تلاش. +هجر جي ڪهڙي خبر تن کي ڀلا، +جن نه ڪئي آ انتظارن جي تلاش. +جي خزائن ۾ به خوش خوش ٿا رهن، +تن کي ڪهڙي آ بهارن جي تلاش. +ساز ۽ آواز جن ۾ سوز آهه، +’سوز‘ کي تن سوز وارن جي تلاش. +اياز گل +غزل +اسان جي ڏات کي جنهن جاءِ مات ٿي ڏسجي، +اوهان جا نيڻ، جتي ڪائنات ٿي ڏسجي. +لڳيس شهر نه پنهنجو، وڻي نه آئينو، +نئين نئين ڪا ٿيل واردات ٿي ڏسجي. +ٻيو ته ڪجهه نه ٿيو، پر اوهان پڄاڻان دوست، +حياتي هڪڙي ڊگهي ڄڻ ته رات ٿي ڏسجي. +ٽُٽي ته راهه ۾ گڏجڻ به ڪين ٿا چاهيون، +جُڙي ته ٻي ۾ ڀي، پنهنجي ئي ذات ٿي ڏسجي. +نه درد، پيار، وڇوڙو، نه خواب ئي ڪوئي، +شعر ته ناهي رڳو فاعلات ٿو ڏسجي. +کِلن ٿا ماڻهو ته ٿو روئڻ جو گمان ٿئي، +عجيب شهر آ، جت ڏينهن، رات ٿي ڏسجي. +اوهان کي هاڻي وساري ڇڏيون صفا دل تان، +اسان کي پنهنجي انهيءَ ۾ نجات ٿي ڏسجي. +وسيم سومرو +نظم +نظم وسرندو ناهي، +اُهو ذهن جي نديءَ ۾ +ٻارجي اُن پائليءَ جيان گم ٿي ويندو آهي +جنهن کي هو شرارت ڪندي، +ڪيرائي ڇڏيندو آهي +نظم وسرندو ناهي! +اُهو ڪنهن رنگ منچ جي ڪردار جيان، +پردي پويان، +نئون ويس ڪري، ٻيهر اچڻ لاءِ +انتظار جي هٿن ۾ سوگهو ٿي ويندو آهي +تون! +ڪاپيءَ ۾ اکيون ويڙهي اُداس نه ٿي، +ڇوته نظم وسرندو ناهي. +ادل سومرو +غزل +ادل سومرا! توکي ڇا آ ٿي ويو، +هر اکر تنهنجو خطا آ ٿي ويو. +جنهن کي جوڙڻ ۾ لڳا ڪيئي ورهيه، +لفظ هڪڙي سان ڳڀا آ ٿي ويو. +مان آهيان اُن شعر وانگي دوستو! +قافيو جنهن کان جدا آ ٿي ويو. +ڇوڪري تنهنجي اکين جي شهر ۾، +شخص هڪڙو لاپتا آ ٿي ويو. +دل ۾ خنجر تنهنجي دوري ٿي هڻي، +ساٿ تنهنجو ڀي سزا آ ٿي ويو. +ڪينٿو هن ڏي نهاري مان سگهان، +سج وانگي ڇو ڀلا آٿي ويو. +ڀرسان آهي پو به ڏسجي ڪين ٿو. +هُو به مون لئه ڄڻ خدا آ ٿي ويو. +ايترو ڀوڳيو آ هن جو، هاڻ هُو، +درد جي ڪائي ڪٿا آ ٿي ويو. + + +احمد سولنگي +غزل +دل ۾ ويهي ڏس هتان هڪ آسمان، +آسمانن جي مٿان هڪ آسمان. +چنڊ، تارو، ڪا ڪَتي اُڀري ته آ، +سوچ جو جاڳيو ڪٿان هڪ آسمان. +آءٌ ڌرتيءَ جي انهيءَ ڇيڙي هلون، +جت ڪري ٿو آجيان هڪ آسمان. +تون پکيءَ وانگر اُڏين نيراڻ ۾، +چاهتن جو مان هجان هڪ آسمان. +خواب مان نڪتي پَري ڪا رات جي، +ننڊ ۾ هو پيو اڃا هڪ آسمان. +ڪر اکين سان تون اکين کي روبرو، +ڪو اکين مان، مان ڏسان هڪ آسمان. +اشفاق آذر +نظم +هن عمر جي اڱرين مان +هوريان هٿ کي ڇڏائي +ڏس اِتي ئي آسپاس +زندگي رهجي وئي آ! +هر پاڻو عشق پاپي +ڄڻ مسافر هو، ويو +چؤڏسائن ۾ فقط +بي رُخي هجي وئي آ! +تون نه اُڀرينءَ سج وانگي +سڀ ستار پيا سمهي +چنڊ هو ڀٽڪيو، ڪٿي +روشني رهجي وئي آ! +پاڻ کان وسري وياسين +ياد ڪو ڏياري اسان کي +دل ڪٿي آ ۽ ڪٿي +دلبري رهجي وئي آ! +تون نه موٽينءَ سال ٿيا +وقت ويو رستا مٽي +هاڻ ٻيو ڇاهي اسان وٽ +شاعريءَ هجي وئي آ! +شائق ڪمبوهه +غزل +چاندنيءَ جون روپ چورايو اٿئي، +ڪيترن کي چئه پرين گهايو اٿئي. +مان ازل جي اُڃ آهيان او پرين! +رُڃ ۾ ايڏو ڇو ترسايو اٿئي؟ +تون ڀلي اُن جو ئي ٿي مون کان وڌيڪ، +جيڪڏهن بئي ڪنهن گهڻو چاهيو اٿئي. +اڄ وري ڳوڙها ٿو ڳاڙين تون ”شفيق“ +مينهن ۾ پڪ ياد ڪو آيو اٿئي. +اسحاق سميجو +غزل +ڪو ڪتابن ۾ رهي +يا نگاهن ۾ رهي +محفلن ۾ +ذڪر جو محور ٿئي +ڳڻپ وارن ۾ اچي +يا سندس نالو +سندس ئي گيت ۾ دهرائجي پيو +ڇو نه ڪو ڪاليج، ڪو رستو، +سندس نالي سان سڏجي +۽ وڏي ڪنهن هال ۾ +ڪا شام ٿئي ساڻس +سندس سنگتي +مٿس ساراهه جا گل ايترا اُڇلن +وڃي هو پورجي ڀل! +گهر جي تختيءَ ۾، يا +پنهنجي قبر جي ڪتبي ۾ ڌڙڪي +۽ هجڻ جو +ڇونه ڪو احساس بڻجي +پر اَمر ٿئي ـــ ائين ناهي! +جيستائين ڪو دلين ۾ ڪونه لهندو +ڪونه رهندو! +ڪونه رهندو! +احمد ٽالپر +غزل +هير چاهت جي پئي گُهلي ڪيڏي، +آس جي راهه وئي کلي ڪيڏي. +پيار تنهنجي ۾ زندگيءَ جي وري، +آرزو من ۾ پئي ڇُلي ڪيڏي. +تو، مون هڪٻئي ڏي مس ڏٺو مورڪي، +ڳالهه گهر گهر وئي هلي ڪيڏي. +سونهن جي سمنڊ پي رهيو پياسو، +عشق کي آ اڃا اُلي ڪيڏي. +پيار پهرن ۾ قيد ٿيو آ ڪٿي، +هي دنيا بانوري ڀُلي ڪيڏي. +پاڻهرتو نپائي نفرت کي، +خلق محبت بنا رُلي ڪيڏي. +مقصود ”گل“ +نيڻن جو نشو، نينهن نظر ناز نرالو، +توساڻ جيان، سونهن ٿيان، پيار ٿيان مان. +گل رنگ فضا جوت جوالا ٿو ڏسان مان، +جاڏي به ڏسان تنهنجو پيو پيار ڏسان مان. +محبوب نظر عشق جو انداز نرالو، +نيڻن مان پيئان ڇو نه جيان، ڇو نه جيان مان، +نيڻن جو نشو نينهن نظر ناز نرالو. +* +سا رات، عجب رات، ڀلي رات ٿئي ٿي، +جنهن رات پرين پاڻ ڪري پنڌ اچي ٿو. +ويران نگاهن ۾ نئون رنگ رچي ٿو، +ٿو چنڊُ کڙي، ماهه جي مَنَ مور نچي ٿو. +ٿر دل جي مٿان برهه جي برسات ٿئي ٿي، +هيئن سونهن ڏسي ساڻ، پڪو پيار پڇي ٿو، +سا رات، ڀلي رات، عجب رات ٿئي ٿي. +حُبدار سولنگي +غزل +زندگيءَ کي پيار تنهنجي سان سنواريون ٿا اسان، +ڄڻ ته اونداهي اڱڻ تي ديپ ٻاريون ٿا اسان. +مشڪلاتن ۾ به مُرڪي زندگي ٿا گهاريون، +سمنڊ تي طوفان هوندي ناوَ تاريون ٿا اسان. +پنهنجي پنبڻين تي ٻرن ٿا روشنين جا ڪيئي خواب، +انڌيارن کي سدا در تان ڌڪاريون ٿا اسان. +پنهنجي پنبڻين تي ٻرن ٿا روشنين جا ڪيئي خواب، +انڌيارن کي سدا در تان ڌڪاريو ٿا اسان. +پنهنجي آکيري ڏي پنڇي جنهن مهل موٽن پيا، +تنهن مهل نيڻن ۾ اوسيئڙو اُڏاريون ٿا اسان. +باغ ۾ پوپٽ لهن ٿا ڄڻ گلابن جي مٿان، +خوبصورت عڪس سوچن تي اُتاريون ٿا اسان. +سمنڊ مان ڄن چنڊ نڪري پنهنجي آڏو ٿو اچي، +چاندنيءَ ۾ هڪ حسينا کي سنڀاريون ٿا اسان. +دل ۾ خنجر ٿِي آ دوستن جي هر دغا، +دوستن جون مهربانيون ڪٿ وساريون ٿا اسان. +بخشل باغي +غزل +ڪڏهن تو اِنهيءَ تي به سوچيو آ پيارا! +اِهي ڇالئه جاڳن پيا ائين ستارا؟ +ڪيئين عڪس ٻئي جا ڏسان تو، اکين ۾، +ڪڏهن ڀي نه مون کان هي ٿيندو گوارا. +ستارن کان تنهنجو پتو مون پُڇيو جو، +چيائون وٺي وڃ اِها کير ـــ ڌارا. +عجب تو خوابن جي دنيا بسائي، +عجب حيرتن مان تو جوڙيا نظارا. +سمنڊ تي چرين جيان وئي شام ڀڄندي، +شفق جي رنگن ۾ هئا ڪي اِشارا. +مان هر پل ٿو ڇڪجي اچان لوهه وانگر، +ڇڪن ٿا جو چقمق جيان تنهنجا چارا. +سمنڊ ڀاڪرن ۾ ڀري آجيان ڪئي، +مليا ڪين مون ساڻ ليڪن ڪنارا. +رڳو سنڌ! نالي ۾ پنهنجي رهي آ، +کليل آسمان هيٺ بُک ۾ گذارا. +سندي حڪم سان ئي ٻرن ۽ اُجهن ٿا، +سدائين اِهي چنڊ، سورج، ستارا. +ڪڏهن ڀي ورائي سگهي ٿو سندس کان، +وِتا موت کان رنگ جيون اُڌارا. +مِٽن کا اڃان ڍڪ ڏي تون نه موکي، +پريان پنڌ هو ڏس! اچن پيا متارا! +شاهه محمد پيرزادو +ترائيل +تون نشيلي اَسُر جي ڪنهن پَهرَ جان، +تو چٽائي آن صبح جي سوهڻي، +تون وڌي آئينءَ مون ڏي لَهرَ جان، +تون نشيلي اَسُر جي ڪنهن پَهرَ جان، +��ون ڇلين ٿي منهنجي من ۾ بَحرَ جان، +تون جي ناهين، مان نه آهيان موهڻي، +تون نشيني اَسُر جي ڪنهن پَهرَ جان، +تون چٽائي آن صبح جي سوهڻي. +ستار سُندر +غزل +شايد تو ڇوڙيا آهن اڄ وار هوا ۾، +ڇانيل تڏهن ته آهي خُمار هوا ۾. +منهنجي چهري کي اگر تون ڏسڻ جي چاهين ٿي، +تون نيڻ خُماريل کڻي نهار هوا ۾. +ڏس آسمان سارو رنگين ٿي ويو آ، +پيا ٿا لغڙ اُڏارن هو ٻار هوا ۾. +تون ڀي ته منهنجو شايد اوسيئڙو ڪرين پئي، +محسوس ٿي رهيو آ انتظار هوا ۾. +پنهنجي پَنن جي سُر سان هر روز گيت ڳائي، +وڻ پيار جو ڪندا هن اظهار هوا ۾. +نيڻن کي ڇُهڻ سان ئي آلو ڪري وئي آ، +ڪيڏي نه تنهنجي آهي اڄ سار هوا ۾. +آڪاس جي پڃري ۾ پنڇين جيان قيد تارا، +آزاد خدا تن کي تون اُڏار هوا ۾. +عامر سيال +وائي +ٿورڙو سنڀالجان تون، تنهنجي نيڻن مان اُڏن ٿا، +خواب منهنجا! +ڏينهن جو گم ٿا رهن ۽ رات جو مون سان رهن ٿا، +خواب منهنجا! +ٿو ڪيان ايڏي عبادت،تنهنجي قدمن ۾ جهڪن ٿا، +خواب منهنجا! +روح ڀي زخمي ٿئي ٿو، ايترو اندر لهن ٿا، +خواب منهنجا! +زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾، ها! ٺهن ٿا ۽ ڊهن ٿا، +خواب منهنجا! +ارپنا ڪنهن کي ڪيان مان، نانءُ تنهنجو ئي لکن ٿا، +خواب منهنجا! +”هاڻ گهرجي ٿي حقيقت“، روز ئي عامر! چون ٿا، +خواب منهنجا! +خواب منهنجا! +ساحر راهُو +غزل +شام وئي آ لڙي گهر هلي دل چري چين پل پائجي، +غم وهاڻو ڪري درد جي سيج تي ننڊ پرچائجي. +چنڊ تنهنجي اکين مان سهائي ڇڻي نظم ٿي نُور جو، +رات جو رهزنن کي شڪستون ڏئي جڳ جرڪائجي. +تون جي ناهين وهاڻي مان ڄاتل مهڪ جاڳ وئي آ بڇي، +تن تنبوري کي تنهنجو ڇُهن آڱريون دل به پرچائجي. +پنهنجي هر شعر کي اڄ منڌيئڙو ڏئي سڀ جلائي پنا، +تنهنجي نيڻن مان پڙهجن ڪنوارا غزل، من به مهڪائجي. +تون جي ناهين پرين! سڀر پٺيرا بدن تنهنجو دوکو لڳن، +تون جي سامهون اچين چپ ڦڙڪڻ لڳن، اک به شرمائجي. +دل ۾ مندر اڏي يار جي سار سان باوضو من ڪري، +تانگ تسبي پڙهي پيار پوڄا ڪجي، سونهن سرچائجي. +نيڻ نيڻن سان ٻکجن ۽ اُلجهن ڀلي پاڻ ۾ ڌڙڪنون، +پيار جي ڇانو ۾ ڪا ته اُڻجي سحر گيت ڪو ڳائجي. +ڪو ته رستو هجي واپسيءَ جو پرين راهون ڪنڊا نه ڪر، +لوڻ زخمن تي ساحر نه هر پل ڇٽي ڪنهن کي تڙپائجي +بخت عابد +غزل +شام جا سڀ رنگ سُهڻا ٿا لڳ! +پر اِهي منظر به تو سان ٿا سُهن. +تنهنجي چهري جا پرين پگهر ڦڙا، +ٿا لڳن تان ڄڻ ته هو موتي ڪِرن! +بادلن جا هو روا رنگين سڀ، +تنهنجي زلفن کان اچو پيرن پون. +تنهنجي لاليءَ جو شفق ۾ آهي رنگ، +ٿا سڌا هو پاڻ ۾ گڏجي رهن. +تنهنجي آئي ڏس چمن ۾ اي پرين! +چاهه مان گل به ٿا پيا سجدا ڏين. +سامهون صورت پسي تنهنجي پرين، +ٿا شفق جا ڇانورا ڳل تو ڇُهن. +سونهن تنهنجي ريس جي ساڳي ته آهه، +”بخت“ جهڙا شعر ڀل تنهن تي لکن! +”جوهر“ بروهي +غزل +هر روز ٿي تڙپائي دلدار نظر تنهنجي +ماري ۽ جياري ٿي هر وار نظر تنهنجي. +احساس اڌواڌ ٿيا، هر آس ٽُٽي پيئي، +قاتل آ نظر تنهنجي تلوار نظر تنهنجي. +تخليق جي سندرتا، سج، چند، ستارا پر، +روحن کي پئي ارپي اسرار نظر تنهجي. +لڱ ساهه ڇڏي ويا هن، اڻ پيتي به مدهوشي، +بخشي ها اسان کي ڪجهه پيار نظر تنهنجي. +هر آهه پئي تڙپي، هر لفظ پيو ٿڙڪي، +ڪيڏي نه سگهاري آ، اي يار نظر تنهنجي. +دلدار هي جيون آ ڪاڇي جو وڏو صحرا، +نٽهڻ اس جي گهڙي ۾ آ وڻڪار نظر تنهنجي. +هڪ عشق، ٻيو ’جوهر’ ٿيا ڌار نه هڪ ٻئي کان، +جي جوڙي ته جوڙيندي وهنوار نظر تنهنجي. +”گل“ ٽکڙائي +غزل +ڪوريئڙو اُڻي چار ويٺو، +وري روئي ساڳي پرين پيار ويٺو. +هوا آهي اولهه جي هاڻي گهُلي ڇا، +��لي ڀت ڪوسو کڻي ٺار ويٺو. +ستارا سڄي رات جاڳي سُمهي پيا، +صنم تير نظرون وري وار ويٺو. +گهڻا سڏ واڪا سُڻي ڪونه هو ٿو، +چئون ٿا نه آهي پرينءَ پار ويٺو. +اُميدن جي ڳاڙهن گلابن جي خوشبو، +اِها روح اندر ڀلي ڌار ويٺو. +کُٽڻ منجهه جانان کي ٿيندي خوشي آ، +انهيءَ کان ته خود کي ڀلي هار ويٺو. +سڄو سال جذبا ڪنوارا وڙهن ٿا، +مروٽي اڙي گل اِهي مار ويٺو. +روشن گهانگهرو +ڏيڍوڻا +چانڊاڻ، ندي جيون، +سرهاڻ صديون جيئندي، نيراڻ ندي جيون. +هر واٽ گلابي آ، +مخمور ستارا، چنڊ، ڄڻ رات شرابي آ. +گهنگهور گهٽائن ۾، +ٿو ساٿ کپي تنهنجو، محبوب فضائن ۾. +تون هٿ ملائي ڏس، +پٺتي نه قدم هوندو، سوليءَ تي سڏائي ڏِس. +سنسار ڇڏي سگهندس، +پر سونهن ــــ ملاقاتيون، ڪيئن پيار ڇڏي سگهندس. +سنگت اڌورو آ، +بي چين حياتيءَ جان ـــ هر گيت اڌورو آ. +بي رنگ ڪلا آهي، +سڀ ساز ٽٽل سڪ جا ـــ بي چين فضا آهي. +ڪنهن کي نه بقا آهي، +آ موت مٿان سڀ جي ـــ هر چيز فنا آهي. +ڪيئن پاڻ جلائن ٿا، +ٿي باهه ٻري مِل ۾ ـــ مزدور ڪمائن ٿا. +مزدور جيئن جُڳ جُڳ، +محبت ۽ محبت جا ـــ منشور جيئن جُڳ جُڳ. +ڌرتي به نه پرچي ٿي، +سَوَ سال ويا گذري، سرتي به نه سرچي ٿي. +ٿي ميڻ ڳري ويندس، +تون ڏور نه وڃ مون کان، سچ آءٌ مري ويندس. +درپن به مزو ڏيندو، +جي ساڻ هجي سرتي، جوڀن به مزو ڏيندو، +احساس ــــ اڪيلائي، +هڪ آءٌ اياڻو ۽، بنواس ـــ اڪيلائي. +سچ چيهه ڪڍي آهي، +وئي رات وهامي آ، هوءَ ڪونه پُڳي آهي. +روبينه ابڙو +غزل +رات جوڳيئڙا ياد آيا وري! +ڇو ڇڏي ويئڙا ياد آيا وري! +دور هوندي به جو ساهه کان ويجهڙا، +سي ته سانگيئڙا ياد آيا وري! +وانڍ منهنجي پرين تون نه آئين ڪهي، +تنهنجا اوسيئڙا ياد آيا وري! +ذهن زندان ۾ ڪي جليا ڪي اُجهيا، +ڏاتِ جا ڏيئڙا ياد آيا وري. +توڏي ايندي مَهل ڇو نه ڪيائون اثر، +ڪيڏا ها سيئڙا ياد آيا وري! +ذاتِ پنهنجيءَ اندر توکي ڳولهيو پرين، +روح ۾ ليئڙا ياد آيا وري! +ابرار ابڙو +غزل +هي ڏيک ڏيک سمنڊ جو ٻُسو ٻُسو آ سام جو، +هي پهر پهر بور ۽ اُداس ڇو آ شام جو؟ +گهُٽيل گُهٽيل نڙيءَ مان صدا رُلي ٿي روج جي، +۽ لڙڪ لڙڪ اکين ۾ مَنُ ٻُڏو آ شام جو. +صبح جون تازگيون به اختيار کان پري رهيون، +۽ چين عاشقيءَ جو پري رُليو آ شام جو! +هزار خواهشون عمر جي داستان کان ڪٽيل، +هي پنڌ پنڌ عمر جو به بار ٿيو آ شام جو! +اسان جي دل جي صحرا ۾ رڳو آ ٿوهرن جو ڏيهه، +۽ گلستان ئي اسان کي پئي ٿڏيو آ شام جو! +ٿو ياد پئي گهڻو اڳي سلامتيون هون ساٿ جون، +الائي هاڻ ڇاجي لئه هي جڳ رُٺو آ شام جو! +ظهير زرداري +غزل +نينهن لائي ڇڏيم، دل اڙائي ڇڏيم، +ڪنڌ تنهنجي اڳيان هي جُهڪائي ڇڏيم. +پيار تنهنجو هُئو ڄڻ ته مون لئه ڪجل، +سِڪ منجهان پنهنجي اکڙين ۾ پائي ڇڏيم. +هن زماني ۾ دل ڪانه ٻئي سان لڳي، +تنهنجو نالو هِنئن تي لکائي ڇڏيم. +تنهنجي تصوير کي پنهنجي آڏو رکي، +يادگيرين سان سينو سجائي ڇڏيم. +پنهنجي سهڻي سان گڏجي گهمي اي ظهير، +حاسدن جا ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيم. +ناءُ الله ”عتيق“ چنجڻي +غزل +ماڻهو مٺرا ياد اچن ٿا، +چاهت چپڙا ياد اچن ٿا. +مينديءَ ڌاران او محبوبا! +ڳاڙها ڪپڙا ياد اچن ٿا. +ڳوڙهن جون ڳالهيون ٿي ڇيڙين، +اَمرت ڇنڊڙا ياد اچن ٿا. +هاڻ ته منزل ٿي پيو آهيان، +پهريان پنڌڙا ياد اچن ٿا. +سنڌو لاءِ سيس ڏنائون، +ڪونڌر ڪنڌڙا ياد اچن ٿا. +پوپٽ بڻجي تو وٽ پهتس، +”خواب ـــ کنڀڙا“ ياد اچن ٿا. +تو بن ٿو تنهائي تاڻيان، +ڳالهيون ـــ ڳٽڙا ياد اچن ٿا! + + +علي آڪاش +نوٽ: سڳوري سنڌي شاعري ۽ موسيقيءَ جو هڪ اهم ۽ منفرد دُ��اور ديس آهي، جنهن جو وڏو ۽ مکيه ثبوت سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو روح کي ڇُهندڙ ڪلام آهي. موجوده زماني ۾ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جون نالو نمايان طرح ساهه کي سيبائي رهيو آهي. اِن سلسلي ۾ نئين ٽهيءَ جي لاتعداد شاعرن اِن روايت کي اڳتي وڌايئندي، سنڌي شعري ادب ۾ قدر لائق واڌارو ڪيو آهي. 15- اپريل 1975ع تي جنم وٺندڙ علي گوپانگ (”علي آڪاش“) جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي جرڪندڙ شاعريءَ سان هڪ خاص رنگ ۽ آهنگ جو مالڪ آهي، جنهن جو ڪجهه ڪلام هتي پيش ڪيو وڃي ٿو. اميد ته مهراڻ جي مانوارن پڙهندڙن وٽان قدر افزائي ۽ مڃتا جي موٽ ملندي. +نظم +اسين پرديس جا پنڇي +رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾ +جتي ديرا به اوڌارا +ته آکيرا به اوڌارا +سويري ساڻ ئي بي انت اوجاڳا +کڻي بي خواب اکڙين ۾ +وڃون ٿا ڏور ڍورن ڏن +جتي ڪوئي نه ڪنهن جو آ +جتي پنهنجو پرائو آ +اسان جي چهنب ٿي چاهي +ٻه ـــ ٽي موتي چُڳڻُ چونڊڻُ +سڄوئي ڏينهن لوڙيون ٿا +سڄي ڇاڇر ڇڇوليون ٿا +پتڻ تي جئن سُري سانجهي +ٻه ـــ ٽي ڪارا اڇا ترڇا +کڻي ڪنڪر ڪنارن جا +لتاڙيل واءَ تان وهندي +پڄون ٿا روز آکيري +جتي اونداههَ آڳانجهي +کنڊيري کنڀ ساهيون ٿا +ته پنهنجي ديس جا اُڌما +اُٻڙڪا اوچتو ڏيئي +اندر جي ٺوٺ ڌرتيءَ مان +ڦٽن ٿا گرم چشمن جان: +ڀنيءَ جي بيد مشڪن جي +کَٽي خوشبوءِ جون ڳالهيون +سموري باغ سان اوري +اُڏڻ آڪاش ۾ آزاد مستيءَ مان +ڪَڙن جا ڇانورا گهاٽا +تتيءَ جي ويل ساين چُهچ ٽارين ۾ +ڪنهين جي چهنب سان چهٽڻ +رسڻ پرچڻ +کِلڻ کيڏڻ +ٺري جئن ڏينهن اُڏرڻ ۽ +لهڻ ڪن اڻ ڏٺل اڱڻن مٿان +اِهي رولاڪيون +بي باڪيون +آڻيون ڪٿان؟ +ماڻيون ڪٿان؟ +هِتي هِن ديس تنهنجي ۾ +جتي هر ساههُ قرضي ا +سندي ڪائي نه مرضي آ +جتي ٻرندڙ جوانيءَ جا +پوتر پل وسامن ٿا +ته لاحاصل سندو احساس ٻوڙي ٿو +ولوڙي ٿو +لڳي ٿو ايئَن وينداسين +ڇڊيءَ ڪنهن ڇاڇ جان بنجي +اسين پرديس جا پنڇي. +نظم +* سج سُريکو گهوڙو آهي +هليو ويو آ پڇم ـــ پار +سُنبن جو ساز اُجهي ويو آهي +باقي آهي ڌوڙ فضا ۾ +چوڌاري انڌيارو آهي +روشن ڪوبه نه چارو آهي +شايد پنڌ ۾ چنڊ مسافر +ٿڪجي ٿڪجي آرامي پيو آ +اُڀ جي دل اڄ خالي آهي +تارا ڄڻ ته سپاهي آهن +ويڳاڻا سالار سوا هُو +جنگ جو طبل وڄائن ڪيئن؟ +ٻاٽ جو ٻکُ ڇڏائن ڪيئن؟ +پوءِ به ٽمڪي ٽمڪي پنهنجو +هئڻ جتائڻ بيٺا +هوشوءَ وانگي +دشمن کي ڌمڪائن بيٺا +تن جي هيٺان بي سُڌ +سڀڪو سک سمهڻ لئه آتو +سڀ ڪنهن ڄاتو! +جڳ جي جاڙ اُجاڙ اڳيان هُت +هُن ويراني +الڳ ٿلڳ ڪا جهوپي آهي +سا جهوپي منهنجي دل آهي +جنهن ۾ روشن ڏيئي وانگي +تنهنجي سڪ جلي ٿي. +غم جي رات ڍلي ٿي +جئن تئن رات گذاري ڇڏبي +ها پر هيءُ ارمان نه ويندو +منهنجي ذات صراف اُنهيءَ وٽ +ڪائو ڪچ نه اگهجي +منهنجي اک به لک لهي ٿي +جنهن جي تاڙ ئي ڪسوٽي آ +مُلهه به ڄاڻي مَٺ به ڄاڻي +تنهنجي ذات به سون ڪچي جان +جنهن ۾ آءٌ پسان ٿو تنهنجو +اصلي روپ جنهين ۾ +سونهن به آهي سچ به آهي +توکي آءٌ گهڙڻ ٿو چاهيان +پر تون منهنجي ڪانه مڃين ٿي +منهنجون ماهر هٿڙن کان تون +ونءُ وڃين ٿي +سندم تصور منجهه اچي جي، +پاڻ پسين +دم نه مون کان دور وَسين +تون جا منهنجي ذات نه ڄاڻين +ڏات نه ڄاڻين +پوءِ به مون ۾ ڏيئي وانگي +تنهنجي سڪ جلي ٿي +غم جي رات ڍلي ٿي. +نظم +تون جا مون کان ڌار رهين ٿي +پوءِ به مون ۾ تار وهين ٿي +تنهنجا سهسين رنگ پسان ٿو +آلا آلا انگ پسان ٿو +جهڙ جان توتي ڇانءَ ٿيان ٿو +دل ته چوي ٿي توتي برسان +تِر نه ترسان +شهر جا سارا لنگهه لتاڙي +منهنجي پاڙي +تنهنجي خوشبو آئي آهي +م��مانن جان +اُن جو آڌر ڀاءُ ڪريان ٿو +کولي ٻانهون، +اُن کي اوري آءُ چوان ٿو +ڇا تون ائن مهمانَ نه ٿيندينءَ +رات مٿان جئن چنڊ ڪندو آ +اهڙو ڪو احسان نه ٿيندينءَ +منهنجي هن نادانيءَ کي ڪو +مان نه ڏيندينءَ +ڪڏهن نه ايندينءَ؟ +ڇو تو ائين وساريو آهي +ڇو تو ڪڏهن شام پڄاڻان +هِن چائنٺ تي +پنهنجن پيرن جي پايل سان +ڪوئي ديپ نه ٻاريو آهي +اڄ به اچين جي چيٽ چِڪيل آ +ان جي واس ورن ۾ ورتل +چانڊوڪي به ڀنڀوليل آهي +جيسين نيڻ نهار وڃي ٿي +سُرهي سَرنهن ڦهلاريل آهي +ها، پر هيءُ جو ڦوهه ڦٽين جئن +ڦُٽي پيو آ +اُن جو چونڊو ڪير ڪري +هاءِ! اچين جي پير ڀري +گهڙيون ڪماڻيل هارن وانگي ڪين ٿين +پيار به ڀيليل ٻارن وانگي ڪين ٿين +وچ ٻنيءَ ۾ ماري اڇليل +ڪاريهر جان وِرههُ ملي +وصل جي سيج وڇائي ٿئي +پوري عمر سجائي ٿئي +پوري عمر سجائي ٿي. +نظم +دؤر منهنجي جي ڳهيلي نازنين! +ٿيڻ ته ائن گهربو هيو +تون ادا ۽ ناز جو ڪو +ڄار ڦهلائي ڇڏين ها. +ڪيترن ئي عاشقن جون +ڦٿڪندڙ ۽ تڙپندڙ پاڳل دليون +ميڙي کڻين ها +۽ نگاهن جي سرابن ۾ سوين +هردا اُڃارا دوڙندي ۽ سهڪندي +ماري ڇڏين ها +سونهن جي هن مچ ۾ +سنگدليءَ ۽ بي رخيءَ سان +ڪَرُ کڻي ايندڙ پتنگن جون ڳچيون +ڳاري ڇڏين ها +تون چُنيءَ جا پاند لهرائي مُٺو ماحول +مهڪائي ڇڏين ها +چنڊ جي ڪنهن رات ۾ +ساحل مٿان گهمندي ڪڏهن +وارَ کولي +ويرَ ۾ هيءَ کير جهڙي +چاندني رولي ڇڏين ها +ها مگر +او دؤر منهنجي جي ڳهيلي نازنين! +ايئن تو ناهي ڪيو +تو ته پنهنجي حُسن کي پُٺتي رکي +عشقکي اڳتي ڪيو +تون ته ليليٰ +جا اشاري سان ستارن کي سڏي +صحرا سڄيءَ جا جهوپڙا روشن ڪري +چوٽ تي چڙهندو جوالا +هيٺ هِڻ هِڻ هڻڪندڙ +لُوءَ جي بدمست گهوڙن جون مهارون +مُرڪ سان روڪي ڇڏي +جيڪڏهن ٽوڪي ڇڏي +جهونين کجين جون +سيءَ ۾ ڀي کارڪون رَسجي وڃن +او حسن جي جلوه گريءَ کان اوپري +ڇو ڀلا تون +پاڻ کي مجنونءَ جيان رولين پئي +محبوب پنهنجي جي گهٽيءَ ۾ +سنگبازي گلريزيءَ وانگيان +سمجهين پئي +۽ جڏهن لڱ لڱ ڦٽائي +جسم جون ليڙون رڱائي +هُن اڳيان پهچين پئي +هو جي آهي بيوفا +پو به تنهنجي عاشقيءَ جي +هن اياڻيءَ آرزوءَ کي +چند چمين جي ڏئي +خيرات راضي ٿو ڪري +ٻن گهڙين لئه ٻَک جي +ڳاني ٻڌي تنهنجي ڳچيءَ ۾ ٿو چوي: +آنءُ جنمن لاءِ تنهنجو +پيار منهنجو هار وانگي +هيئَن تُنهنجي ئي ڳلي جي لاءِ آهي +آس ۽ ارمان جي آڪاس تي +چمڪندڙ هي چنڊ تُنهنجا +ڪهڪشائن جا سمورا دڳ تنهنجا +دنگ تنهنجا روح ۾ رچندڙ ولين جا +هي ڪڪوريا رنگ تنهنجا +ونگ تنهنجا +مون جواني جهول ۾ ڦولن جيان آڻي رکي +تنهنجي اڳيان +زندگيءَ جي ساز ۾ هي سُرَ تنهنجا +جئن ڪنن ۾ ڪُرَ توکي +ايئَن تو سان زندگيءَ ڀر ساڻ آهيان +آءٌ هاڻي آءٌ ناهيان +۽ تڏهن تون +ٽوڪ چٿرون ۽ ٺٺوليون +طنز وارا ٽهڪ سارا +گهاءُ سارا چهڪ سارا +پنڌ وارو ٿَڪُ سارو +ڀُورين وانگي بدن جي ڪنڌين تان +جهٽ اُڏائي ٿي ڇڏين +ڇپرن سندا پو بند ڏيئي +لڙڪ روڪي هٿ هُن جا +ٿڙڪندڙ ڪوسين چپن سان ٿي چمين +۽ جڏهن موٽي اچين ٿي پيچرن تان +پير تُنهنجا +ڪنهن نئين اتساهه مان کڄندا اچن ٿا +اڻ ٻڌيءَ ڪنهن تال جان وڄندا اچن ٿا +۽ جئن گهر اچي +کٽ تي ڍُرڪي پوين ٿي، +لام نوڙي ننڊ جي +نيڻ تنهنجا ٿي چمي +تون تڏهن ڪو هيئن سپنو ٿي ڏسين! +(جيڪو خيالِ خام آهه) +ڪنهن لڙاٽيل واهه مان +ٻُڪ ڀري +ڪجهه ڍُڪ اوتي +تون نڙيءَ جي نالين ۾ اٽڪيل +ٿي هٽائين سڀ سُڏڪا سسڪيون. +۽ کِلي ٿوري ٽِلي پو ٿِي نهارين +ڏور لالائي اُفق جي +ايئن ٿي ڀانئين ته آهين پاڻ ويٺي +ڪنوار وانگي سيج تي سينگارجي +۽ جڏه�� هوءَ +جاڳ جي جهوني اچي ڌُوتين جيان +شور برپا ٿي ڪري +ڪر موڙي تون اُٿين ٿي +نيڻ مهٽي +رئو سنڀالي +ريشمي چولو ڏسي +ڇڙواڳ وارن کي ٻَڌي +غسل خاني ۾ گهڙين ٿي +۽ جڏهن ٻاهر اچين ٿي +وار ڪارا آلا آلا +تون ڇنڊين ٿي +موتئن جي مهڪ سان آڳر وڃي ٿو واسجي +او چري! ٿورو ٻڌاءِ +موتئن جو مُلهه ڇاهي؟ +ڪَٿ اهڙي ڇا ڪڏهن مطلوب تنهنجي آ ڪئي!؟ +محبوب تنهنجي آ ڪئي؟ +شهر ساري کي خبر آ +هو سدائين لذتن ۽ ذائقن جي پوئتان +روز ٿو لاهڻ گهري +شوق جي گلدان ۽ تازا گلاب +روز ٿو سوچي اِهو +ڪنهن نڪوري چنڊ کي آغوش ۾ ڪيئن آڻجي +ڪيترا جوڀن لتاڙي آ چڪو هو تو سميت +پو به تون هُن لاءِ ڪيڏي منتظر +او! بي خبر، ڪجهه بي قدر +تون ته منهنجو پيار پهريون +ويجهڙو هوندي به تو ڄاتو نه آهي +توکي پائي ڀي ته مون پاتو نه آهي +مون ته سمجهيو تون ملين آن +ڪجهه نه هاڻي ڳولهجي، +تنهنجين اکين جي نرم گهورن جي حياتيءَ جو +سمورو ٿڪ ترسي لاهجي +تنهنجي بدن جي باک ۾ +پنڇيءَ جيان ڪجهه ٻولجي +پر تو نه ڄاتو تات کي +منهنجي قداور ذات کي +مان ته شاعر +ڪاڻ ڪنهن جي، جنهن ڪڏهن ناهي ڪڍي +آڻ ڪا ناهي مڃي +پر ڇڏي سنسارُ سارو +تنهنجي چانئٺ تي رُڪيس +آڪاش هوندي +تنهنجي پيرن تي جُهڪيس +پو به تون جي سون جهڙي هيءُ جواني +جهول منهنجي ۾ وجهڻ چاهين نٿي +ٺيڪ آهي +ڀَل نه منهنجي گام سان تون گام گڏ +مون کي منهنجي زندگيءَ ۾ ايئَن بي ترتيب ڇڏ +مان ته توکان دور، تنهنجي درد سان +جيءُ جالي ٿو سگهان +پاڻ پالي ٿو سگهان +تون ته پوپٽ جي پرن جان +آنهه نازڪ ۽ نفيس +عشق جي هن انڌ جي ٻرندڙ ڇهاءُ +رنگ تنهنجا ڀي اُجاڙي ٿو سگهي +روپ تنهنجو ڀي بگاڙي ٿو سگهي +تون ڪڏهن ڪا راءِ منهنجي +سوچ سان ناهين سڃيندي +ميڇ ڪا ناهين مڃيندي +جيڪڏهن اَرهي نه ٿئين +هيءَ ڳالهڙي تو سان سليان +هٿ وٺي توکي جهليان +چلولي هُن شخص جي آڏو جُهڪڻ +ايترو ناهي سهي +هٿ هُن ڏان ٿي وڌائين +هٿ هُن جا ڦسڪڻا ۽ ترڪڻا +چيڪلي ڪئن چاهه تنهنجي جي اچي +ساهه هُن جا ڇرڪڻا +ياد هُن جيءَ جو پکي +جيءَ جارين تان اڏائي ڇڏ ته اڄ +هُڻ جي ڪوڙن واعدن جي +سُرت تانهيءَ پيلي شال لاهي ڇڏ ته اڄ +۽ وڃي ڪو چونڊ اهڙو +هم قدم همراز همدم هم سفر +جو سدا لئه تنهنجي جلون جي نگر ۾ +روح واري رَٿَ کي روڪي رکي +جو سدائين سونهن تنهنجيءَ جي انوکي +آرسي اُگهندو رهي. +* . سُريکو: سهڻين ريکائن وارو ـــ چمڪندڙ + + +نظم +اندر ڄڻ ڪو پربت آهي +جنهن سان ڏات هوائن وانگي +سر ٽڪرائي، +شور مچائي +مون وٽ اُهو به وقت نه آهي +هن لئه ڪوئي +سانگ رچايان سرچائڻ جو. +پنهنجي هردي منجهه ڏسان ٿو +ٽالهيءَ ڇانو اڪيلي آهي +البيلو هُو شاعر ڪٿ آ؟ +لهندڙ سج سان جنهن جي ياري +بيد مشڪ تي وس چڱي پر +ڪارا ڪڻڇي +سايون ٻنيون +هوريان هوريان وهندڙ واهيون +جو نه وساري +صنم ڪدن جي سڪ ٿو سُونجهي +پٿرنکان پر پير ڇنائي +وِلهه ۾ رات جون راڻيون مهڪن +هو نانگن جان نينهن نچائي +دل ته چوي ٿي +اڄ به ٻڌائي +اها ڪهاني آڌيءَ ڌاري +هڪ ڀيري زيتون جي ٽاريءَ +تي ڪا ڪوئل اُڏري آئي +۽ هن ڪُوڪُو مان ائن سمجهيو: +جيڪو جت آ پرديسي آ +دنيا دائم ديرو ناهي +پرڙا ساهڻ ٻوليون ٻولڻ +سڀ ڪجهه هڪڙو ڀيرو آهي، +ٽالهيءَ ڇانو اڪيلي آهي +البيلو هُو شاعر ڪٿ آ؟ +ڪوئي آهي جو آڻي ڏي +اُن کي ڳولي +جي هُو ڪنهن کي +رستي ويندي +ملي ته مون پاران ائن چئجو: +توڻي هيءَ حياتي جنهن جو +بوهَر ڪڏهن نه ڀرڻو آهي +ٿڪ لڱن ۾ ڏاڍو آهي +ايئن لڳي ٿو جنجهوڙڻ سان +اُڊڙي ويندو +ساڻي جسم جو ٽاڪو ٽاڪو +پوءِ به تنهنجي ڪمي ته آهي +ڏينهن گهڻائي گذري ويا جو +تو سان محفل ڄمي نه آهي +اِهو به چئجو: +اڄ به ڪلهه جان +لَڙندڙ سانجهه، پکيءَ جي پر سان +پيلي پن تي، تو لئه ڪيئي +لڙڪن ساڻ لکي ڏوراپا +منهجي هٿ ۾ ڏئي وئي آ +عمر جي ڪوئي ڪئت نه آهي +چئي وئي آهي +هر پل اُلڪو ڪين وڻي ٿو. +آنءُ ڏسان ٿو +چانڊوڪيءَ ۾ تُوت ڇڻي ٿو. +نظم +جڳ ڇاهي؟ +بس ديارِ غير آهي، +ڪير اهي هئن چوي، +مان سدائين لاءِ آهيان +توکي مون کي سڀ کي هي احساس آ +ڪجهه پلن لئه آهه پيرن هيٺ ڌرتيءَ جو تڏو +ڪجهه گهڙين لئه +هو مٿان محراب جان آڪاس آ. +ڪجهه گهڙين لئه +زندگي کي هٿ آهن +ٻن پلن جي لئه جوانيءَ جي سمرڻي +هيءَ سوري ٿي سگهي +۽ اُنهيءَ جي آرزوءَ ۾ +چپَ چوري ٿي سگهي +تون نه ڄاڻين ٿي پئي +عاشقيءَ جي ڇڄ ۾ +پوءِ به ڪاري ڇار ڇاڻين ٿي پئي +ڪيترو بيڪار گهارين ٿي پئي +خواهشن جو مُڃ ماري +مسڪرائي +گنگنائي +تون انهيءَ کٽ لاءِ نوڙيون ٿي وٽين +ٻاهران جيڪا لڳي ٿي پائدار +ڪجهه انهيءَ اندر نهار +هاءِ تنهنجيون +نينهن جي دونهين ۾ دونهاٽيل اکيون +ڪجهه نه جاچي ٿيون سگهن +واجهه سان هي ڪجهه نه واچي ٿيون سگهن +مون ٻڌايو آهه توکي بار بار +ڪاوشون تنهنجا ڪشالا انتظار +پيچرن تي ماڪ آهي +جا کڻي ڪجهه دير تائين +دز دٻائي ٿي سگهي +ٿورڙي خوشبو ورهائي ٿي سگهي +پر، +ڪيئن تو لئه ڦل ڦلائي ٿي سگهي +او چري! هيءَ ڀل تنهنجي چور وانگي +هيءَ جوانيءَ جي گُڏي ويندي کڻي +پوءِ متان تون ٻار جان پلٿي هڻي +سڏڪيون ڀرين +ها اڃا ڀي وقت آهي +ڳالهه جي ڪائي ڳڻين +حسن پنهنجي جي بهارن کي بچائي ٿي سگهين +هي خزانون تون سليقي سان لُٽائي ٿي سگهين +جي سڃاڻڻ جي ڪرين +تنهنجي ڀر بيتاب بيٺو بخت آهي +هونئن ته آهي بادشاهه +پر گداگر آ بڻيو تنهنجي ڪري +سئن هن جي ڪين تنهنجي چئن ۾ ڪنهن +ڇيت وانگي هٿي ڇُڀي +ڪين ٿي کٽڪي جيان توکي کُکي +ڏس ته هيڏانهن +ڪئن نه تنهنجي بيرُخيءَ جي +ساهميءَ ۾ +تانگهه توري ٿو پيو +آس جي کيڙيل ٻنيءَ جا ڏينهن رات +ڀِينڊ ڀوري ٿو پيو +تو ڪڏهن ڪي جام اُن جي +نانءِ اوتيا ئي نه آهن +۽ ڪڏهن اُن لاءِ روڪيا ئي نه آهن +ذهن واري سرزمين تي ڊوڙندڙ +سوچ جا ڪرا ڪُميت +شل اِهو توکي سُجهي ته +ڪيستائين هي کڻي ڪشڪول تنهنجي +پوئتان ڦرندو رهي +ڪيستائين هيءَ گيڙو ويس پنهنجو +تنهنجي قدمن مان اُڏيل +ڌوڙ سان مُرڪي لٽي +۽ اکين جي التجائن جا سمورا +سڏ ناسي +تنهنجي راهن ۾ رکي +ٿي سگهي ٿو +حد کان لاحد ويندي +هيءُ جوڳي +جاٽ کان جهلي وڃي +ٻور وانگي +راهه ۾ رَلجي وڃي +ٿي سگهي ٿو +تون به اوجهڙ کي لتاڙين +ڌوڙ جهاڙين +اک جو ”هو ڪک“ سارين +نير هارين +ڳلَ ڳارين +۽ نهارين راهه ۾ ڪجهه ڀي نه آ، +درو تائين ڪاهه ۾ ڪجهه ڀي نه آ، +پوءِ جي تون وک وکارين ڇا ٿيو؟ +ڪنهن سياري جي نه کٽندڙ رات ۾ +ڪو ٻک ٻارين ڇا ٿيو؟ +نظم +الا يار پنهنجا رُلي ويا +اُنهن جون اَجهل آرزوئون +اڪن ـــ انبڙين جيئن جر تي لُڙهي ويون. +چُٽيون ويون هوا ۾ +اُنهن جي خوشيءَ جون سموريون اُڏارون +سنڀارون سندن رات آڌيءَ مهل +خيال جي شهر ۾ +ڦُريل ڄڻ ته سوداگرن جان مليون +عشق جا رَڇِ اڇلائيائون ڪئي +حسن جي ڇَرَ مٿان +مگر پوءِ به ڪُرڙين جيان +ڦٿڪي نڪري ويون +اسان جي نگري جون سڀئه گَندريون +مڃون ٿا +نه ڪائي اَٿن بادشاهي +نه شاهي سواريون +نه لشڪر خزانو +نه نوڪر نه چاڪر +ڀلا ڪنهن به ماڱر +سمان ڄام تن جي اندر جا ڏٺا؟ +اُنهن کي به نورين جي نوڙت وڻي ٿي +ڏٺائون جڏهن خواب ڦلواڙ جهڙا +ڇڇي ڇڄ جهڙيون جوانيون سندن +کٿوريون بڻيون ٿي +جڏهن ٿي کنيائون خماريل اکيون +سڄو ملڪ ماڃر +اسان کي ته سانڀر +سڀئه سَنُ پنهنجا +ڇلر ڇَٽ وانگي ٻهاريا وي�� +ڌڪاريا ويا هو لتاڙيا ويا +پراڻي سڙهه جيئن ساڙيا ويا +الاهي مُهاڻيون +اُنهن کي ته تڙ جو تماچي کپيو ٿي، +وڃي واٽ ويهي +جوانيون سُڻين ساڻ وڪڻڻ گهريائون +هيون جي ڪرايون سنهيون سانوريون +ڏٺا ويا اُنهن منجهه ڌارين جا ڌاڳا +سڀيئي ويا يار پٿرائجي +لڇڻ ۽ پڇڻ کان به رهجي ويا +ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ کان به رهجي ويا +اُتر واءُ بنجي +ڪڏهن ڪنهن نه ڪامڻ اُنهن ڏي نهاريو +اونهن جو اڀاڳو نه ڪينجهر قراريو. +نظم +ڏينهن اُهي ئي ساڳيا ها جو، +ورهين جي بنواسُ ڪَٽي +پاڻ مَٽي، هر کيدُ کٽي +رامُ وريو هو. +هر دل هئي ويرانُ جهروڪو +جن جي گونگي تنائي +تيل ڦُليل جي ڏيئن ٻرندي، +دونهون دونهون ڪري اُڏائي. +چنڊ جي اُجري ڏولي جنهن تي +ڪَتيون ولين جان هيون وڇايل، +تارن آڻي تر ۾ لاٿي، +سُک جي ديوي تنهن مان نڪري +هر ڪنهن گهر جو سير ڪيو هو +وسنديءَ ۾ وِسرام وريو هو +ڏينهن اُهي ئي ساڳيا آهن +اڄ به ڏِياريءَ جو ڏِڻ آهي +سڀ ڪنهن ديپ جلايا آهن +ويڙهي ويڙهي +سون سمان سُهائي آهي. +مون به اڪيلائيءَ جو ڏيئو +ٻاريو آهي. +توکي ڏاڍو ساريو آهي. +هوئن ته پرائي ٿي وئي آهين +پو به وسارڻ جهڙي ناهين +تنهنجو پيار اَسُوءَ جيئن آهي +جنهن جي اُس به اوڍڻ جهڙي +جنهن جي ڇانءَ ائين جئن هوريان +جهپ اکين جو جهُولو لوڏي. +جي تون ڪائي مَٺيان نه ڀانئين +اِهو حجت مان +پڇان پراڻي ناتي خاطر +ڇا مان توکي ياد اچان ٿو؟ +ٻاجهه ڀريون هي کڻي نگاهون +پنهنجي اندر منجهه نهار +جاچ ڪٿي به اوسي پاسي +منهنجو ڪوئي جُز بچي ٿو +يا تو مون کي پنهنجي دل مان +پوريءَ ريت ٻهاريو آهي! +ڇا تو وِهه وهاٽيو سمجهي +منهنجي چاهه جي امرت ـــ رَس کي +هاريو آهي. +ڪجهه به آهي +آءُ اچي ڏس مون وٽ تنهنجو +ورِهه وهائوُ جئن چمڪي ٿو +تون ڪنهن ڀاڪر منجهه سُتينءَ ۽ +منهنجي پهلوءَ منجهه نه ڪوئي. +رات اِجهوئي +ننڊ ـــ نگر جي ڪِلي مان ڇوڙي +چورن وانگي کِسڪي ويندي +پُٺ تان ڪوبه نه رندُ ڇڏيندي +صبح جو ڀاڳيو +ايندو ساڳيو. +جاڳ جو پورو ڀاڳُ کڻي +ڀاڳ جو چيڪيءَ مٽيءَ جهڙو +جي ڪو چاهي جام بنائي. +يا ڪو اُن کي چَڪ تي چاڙهي +خوب لَسائي +گهَڙو بنائي، +اِن تي سُهڻا چِٽ سَجائي، +پر هن دل اڄ مون سان هڪڙو +ضدُ ڪيو آ اُن مٽيءَ مان +سڀ کان سهڻو بُت بنايان، +جنهن ۾ پنهنجو روح سمايان، +توکي پايان، +تون جا بت تي ڀُلندي آهين، +چهرن ۾ ئي رُلندي آهين. +نظم +اِتي ئي شهر تنهنجي ۾، +ٻُڌوسين شوق جو سودو، +ٿيو آ عام سڀ ڪنهن لئه، +اسين اُن هاڪ تي هرکي، +عشاقيءَ جي ٻَڌي هَڙ سان، +ڪمائي ڪلُ آياسين. +صبح کان شام ٿي وئي آ، +اڃا بازار ۾ آهيون، +عجب آزارَ ۾ آهيون. +اسان کي ڪنهن حسين جي ــــ +نقش پا جو ڪو، +ٽڙيل رابيل ٿو گهرجي، +پريشان زلف ڪنهن جي، جو ـــ +کپي ٿو زهر قاتل ـــ +جو ڏسي وهسي، +اسان جو جيءُ متوالو، +اسان کي ڪنهن ڇنل پازيب جي گهايل، +اڌوري گونج گهرجي ٿي، +لُڙاٽيل جو مٿان ترندڙ. +ٻٻر جي پيلي ڦلڙين جي، +مسافت جو پتو گهرجي، +اسان کي سانوڻيءَ جي ـــ +آخري ڇڇڪار ۾ +سِپيجي ويل موتي مليو ناهي. +ڏٺو ناهي، +ڪٿي ساقي جي ريشم هٿَ مان ترڪي، +ڪِريل ڪنهن جام جو غمگين شوڪارو، +سِرنهن جي چوٽ تان ورتل. +چمي سا الوداعي چيٽ جي چنڊ جي، +پراڻي بادبان وانگي چُڙي ويل ـــ +آرزو ڪنهن جهونڙي ملاح جي دل جي، +خريديان ها، +اُٻاريل چانورن جئن خواب جوڀن جو، +صبا جان نرم هلڪا پير کڻندڙ ـــ +ڪنهن حسينا جو، +حيا سان هورڙيان مُرڪي، +رئي جا پند لهرائي، +هوا جا پاند لهرائي، +هوا جو رُخ بدلائڻ، +اکين جي ننڍڙي بي خود اشاري سان، +خزان جي خارزارن ۾، +بسنتيون بود موٽائڻ. +پڇين جي سچ او سانئڻ، +اِتي ئي شهر تنهنجي ۾، +هلي ٿو شوق جو سودو، +سڄي بازار ڇاڇولي، ٿڪيا آهيون، +ڪٿي ڀي تنهنجي ٽهڪن جي، +پَرين جي ديس وارو ـــ +هُلُ هنگامو نه هٿ آيو. +جهڙالو مُرڪ تنهنجيءَ جو. +سندءِ لهجو، +صدين جي شاهدي ڏيندڙ +ٻُڍي آڍي پپر جي ڏار ۾ ڄڻ +ساهه کڻندڙ ڪوڪ ڪويل جي +اسان جي ڀاڳ جي ڪَلجُڳ ۾ هيڪر +ڏِيِي جي لاٽ وانگي، +لمڪندڙ تنهنجون ادائون ـــ +ناز ۽ نخرو، +گهڙي سا، ڪَڇَ منهنجيءَ ۾، +هئو ننڊاکڙي مُگرو، +سدوري مُکَ تنهنجي جو، +پيو ڪجهه ڀي پلئه ناهي، +مليو ناهي. +هجر جي واءُ جي زورآوريءَ ۾ سو، +اسان جي هن وهيءَ جي هٿَ مان اڏري ويل، +رومال ڳاڙهو وصل تنهنجي جو. +سمورو سال ڳاڙهو وصال تنهنجي جو. +حاصل/ لاحاصل +آڱرين تي ڇا ڳڻيان ڳڻجي نٿي؟ +سار تنهنجي اڄ ستارا ٿي وئي +پر اُنهيءَ ۾ چنڊ وانگي هيکلو +هجر تنهنجو +چاندني اُن جي اڱڻ ۾ +ٿي وڄي مُرلي جيان +گڏ گهاريل سڀ پَل +نانگڻين جان +رقص ۾ آهن رُڌل +ونگ ههڙا +ڏنگ ههڙا +ڏاءُ ۽ ڏهڪاءُ ههڙو +اڳ ڪڏهن ڪٿ هو ڏِٺو! +اڄ ڪيو مون ”جيءُ مٺو“ +زهر سارو ذوالجلال +منجهه ناڙُن ٿو ڊڪي طوفان وانگي +ٿو چوي: +”اوءِ مانجهي! +سِر هٿان سانجهي ڏسي +ڇو ٿيو آهين ڇِڊو؟ +ڇو ڪيئه ڊُونڊي ڍري؟ +ٿو اُتر جي هير ۾ +صبح جو ڇوڙي پَڳَهه +ٻار ۾ ٻيڙي وجهي +سوچيو هيو: +هونئن ته سارو ڇَلُ آهي +عشق کي ساحل نه آهي +پر هلون ٿا +دُور ڪٿ امڪان ۾ +ڪنهن پتڻ جو پور آهي +پور، جو تولئه اِهو +سود ثابت ڪونه ٿيو +منزلِ مقصود ثابت ڪو نه ٿيو +ڍوليا! ڳَريو جهلي مُهُري مٿان +نيرُ ڇو ٿو هارئين +آهه موٽڻ ميهڻو +حَلُ ٿي وڃ +هاڻ نينڍوءَ منجهه جُڳ جُڳ جيءُ تون +يا ته پنهنجو پاڻ ڦهلائي اِتي +ڪو جزيرو ٿيءُ تون +نظم +هاءِ اُتر جا ڳورا ڳڀرو! +لاڙ ۾ تنهنجي پاڙ نه آهي. +تنهنجو نِينهن ٿُٻين سان ٺهڪي +تنهنجي مُرڪ مَراين جهڙي +تنهنجا ٻول ته جهول ڦرين جا +تنهنجا سپنا ”ڪوري سر“ تي +پنڇين جهڙا +تنهنجي ننڊ ته ماڪ چَڻن تي +تنهنجي جاڳ به جهولن جهڙي +تنهنجو سُک ٻٻر ڦلڙيون +تنهنجو ڏک، ڏکڻ جو اُلڪو +ماٽيءَ منجهه ولوڙڻ جهڙي +سندءِ جواني +او ڙي جاني! +هونئن ته لاڙ جي لَست انوکي +ڄڻ ڪنهن پاءُ گلن ۾ تُرندڙ +دوشيزه جو، اڇي وڳي مان +جهلڪا ڏئي ٿو بدن گلابي. +ها پر ناسي اکڙيون وارا +توکي سوچي +است ڪبوتر وارو قصو +ياد اچي ٿو +جنهن ۾ جهوني جهرڪ کي داڻو +نڙيءَ ۾ اٽڪيو +پنهنجو پاڻ گهڻو تو جهٽڪيو +ڇالئه گهٽيل ساهه کڻين ٿو +مند ڀلي آ، +آءُ هلي آ. +هونئن ته اِتي به وفا جو وينڊو +وونئڻن کلندي +کيتن کي پارايو هوندو +چؤماسي جي ڇيل ڇٻيلين +مست هوائن ٻاجهرين جي +سنگن کي سهڪايو هوندو. +هت به بڊي جي چانڊوڪيءَ ۾ +سارين کي آ نند اچي وئي +”باگي ديري“ جي کجين ۾ +پرونماسي چنڊ آهي يا +ڪنهن حٻشڻ جي +وارن ۾ رابيل لڳل آ +سڀ جڙيل پر ڇا لئه تنهنجو +من ڀڳل آ +اچُ اڳي جان +پٻڻ جون سايون ٽوپيون پايون +ڏينهن تتي جا پَنڌ پُڄايون. +نظم +آخر سج لهي ويو آهي +سَٿ سڄي جا پير رُڪيا هن +پنڌ جو پور سُتو ئي ناهي +کٽ تي بي سَت ليٽيل آهيان +سَنڌُ سَنڌُ کان ڇڄي رهيو آ +جسم وساڻيل ٽانڊو آهي +پر اُن ۾ ڪا چڻنگ دُکي ٿي +دُکي دُکي جا چئي رهي آ +اڳتي هلجي، ڏُس تون ان کي +ڪئن جهلجي ۽ ڇاڪي چئجي؟ +”بائوديرو“ شهر نه منهنجو +هتي ته مون کي ڪونه سڃاڻي +ڪنهن سان سڱ سياڪو ناهي +رئو فضا جو جنهن ۾ منهنجي +ٽهڪ جو ڪوئي ٽاڪو نانهي +کٽ مٿان ڪا ول آ جنهن مان +اڇا ڪومل گل ڇڻن ٿا +اڱڻ ۾ انب سمهي پيا آهن +ها پر ٻور سُتوئي ناهي. +اُڀ ڄڻ ”ساغر“ جي چادر آ +تارا اُن جا لڙڪ لڳن ٿا +۽ هو پريان ”صوفڻ“ جنهن ۾ +بسنت سارو ڀرجي ويو آ +ٽار ٽار ۾ بود ائين ڄڻ +بات ثبات جي سولي اهي. +من ۾ تون به ته سُري رهي آن +چپ اڌيڪا کُليل تنهنجا +گَهري چمي گُهري رهي آن. +مان سوچيان ٿو ائين ته ناهي +امبر کان هن ڌرتيءَ تائين +هر ڪنهن شيءِ سان منهنجو ڪوئي +جنم جنم جو ناتو آهي +پنهنجو اصل نه ڄاتو آهي +بي خبريءَ مان ڪوئي انوکو +گيت ازل کان ڳاتو آهي +جنهن کان هئَن انڪار ڪريان ٿو +سا ته جُڳن جي هائو آهي +جي ائن آهي پوءِ ته سانئڻ +بائوديرو منهنجو آهي +آنءُ هِتي ئي ڄائو آهيان + + +نظم +مان ڌراڙو +پر ڪراڙو +ڪجهه به منهنجي وس ناهي +ڪلهه جواني جا ڪهوءَ جي لٺ هئي +جنهن جي اشاري تي سموري +ڇيلڙن جان ڇانگ ڏيندڙ +وقت کي مرضيءَ سان +مون ته هڪاليو +اڄ نظر جيڪا پراڻي ٿي وئي پٽڪي جيان +ڪالهه سا هِن واهه جان وهندي هئي +ڪالهه دلڙي ڪڙ جيان آلي هئي +جنهن ۾ هئي +خواهشن جي جڙا اونهي بڙ جيان +نڙ جيان منهنجي نڙي وڄندي هئي +جهومندا ۽ جهولندا هئا +گيت منهنجا وڏڦ جي ٻارن جيان +يارن جيان +روح جو رونبو ڪرڻ هلندا هئا +ڪلهه خواب سارا +لاب جان ڪيڏيون لڻيون مون چاهتون +فصل ڪيڏا راحتن جا +جهار وانگي مون چُڳيا +ٻار جان مون ننڊ چوري +ڪيترين الهڙ جوانين جي ڪئي +ڪيترائي پيار آواندن جيان مون لئه کُليا +ڪيترن ئي هينئڙن ۾ لوچ منهنجي +ڇاڇ جان ڇلندي هئي +اڄ مگر سڀ عاشقيون ۽ دلبريون +گُوڌول سان گڏجي ويون +بي وسيءَ مان ٿو ڏسان منهنجي اڳيان +هو پَلَن جو ڌڻ ڪيڏو بي خبر +زندگيءَ جو آخري ٻارو چري ٿو +مان ڌراڙو +پر ڪراڙو +ڪجهه به منهنجي وس ناهي +ڪجهه به منهنجي وس ناهي. +نظم +ڪئن به هيءُ ٽاڻو ٽَري +رات آ ڪاري نِپَٽَ +وِسوسا سؤنچا نِکٽَ +پرهه ڀي ڏاڍو ڀري. +جوءِ ۾ هيءَ جندڙي +اوپري ۽ هيکلي +وَڻ ـــ وِلِهي +ڪُک جي هِن سَرَ ۾ +ڪو گُلُ، جيڪو اڄ سُڀان +ساحل مٿي ايندو لُڙهي +ان سوا ٻيا +آسرا سارا اَلَڀُ +منهنجو وَلَڀُ +مس مهينو آهه گذريو +راه ويندي بي سبب +ماريو ويو. +رهزنن جي ديس ۾، +ڪنهن همسفر جي ڳالهه ڳُوڙِهي، +هيءَ نگري مَتِ مُوڙهي. +روز ڪيڏين ٽارين تان +گُلَ روڙي ٿي ڇڏي، +پَرَ ساري مس اُڏرڻ ٿو لڳي. +نينهن کي نائُڪَ کوڙي ٿي ڇڏي +هُوڪرن جي وائِڙي طرفان ۾، +ساٿ جي ۽ سڏ جي. +هر ناءَ ٻوڙي ٿي ڇڏي. +جو به آهي ٻيلهه تنهن جي پنڌ ۾، +سيلهه بنجي ٿي پوي، +ڪو هجي، هن کي چوي، +هاءِ مون وٽ، +وسُ، واڪا جي به هئا +هن اَناسي ڏيهه جو، +درُ درُ ڦِري واپس ٿيا. +ماڙَ مان ڪنهن مان مَڱان +اي ناهري! تنهن کان سواءِ +جاڙ جهڙي ڳالهه تنهنجي +ٿِي اُتر جي اوتَ سيڙهي +مان چنيءَ جا پوت ويڙهي +ڪئَن ٻُڌان +لِڱ لِڱَ پيو ٿو آٽجي +ٿو رڦي سارو سريرُ +ڇو نه ڏانڍيون +ڪي سُڪل ميڇڻ وڃان +گڏ ڪري، +ڀاڪُر ڀري +ڪو مچ ٻاريان، +هونئن ته جهوپيءَ ٻاهران، +ولهار ۾ نانگ نيلاٿا سُجهن +هُو لَيُنِ جي لانڍ نه آهي +گهلِ آهن ڄڻ ته ڄانگهيون ڏانئڻيون +تنهن پريان چمني ڦِٽل +ٿي لڳي راڪاس وانگي. +پو به جيءُ کي جهَلَ ناهي، +ٻي ته ڪائي ڪَل ناهي، +ڪئن به هيءُ ٽاڻو ٽري +رات آ ڪاري نِپَٽَ +وِسوسا سؤنچا نِکٽَ +پرهه ڀي ڏاڍو پري. +هونئن ته وارث ڪونه وَلَهو. +ڪوبه ناهي سڱ سِياڪو +هِن ٽُٽيءَ کي ڪونه ٽاڪو. +ڏک ـــ ڏاڪو پوءِ به چڙهجي +راس ٿيڻو ئي نه آهي جي رَتو +هيءُ ڀَڳو ئي ڀير جي +ديوار اُوچي ڀل هجي +ڪا ڪُنڊَ تنهن جي ڪيرجي. +(دعا) +هٿ جيڪي خدا کان رُٺل ها سدا +اڄ کڄن ٿا دعا لاءِ تنهنجي ڪري، +سينڌ تنهنجيءَ جو رستو سِڌو ئي هجي، +نرڙ تنهنجي جو محراب ميورو نه ٿئي، +تنهنجي نيڻن لئه سپنا نه ڳورا ٿين، +تنهنجا مزگان ميڙين سارا مزا +ڪُر ڪنن ساڻ ائين ئي رهن باوفا. +نڪ تنهنجي جو ڪوڪو نه ڪَسجي ڪڏهن، +رس چپڙن جي ڏاڙهن سان پرتو رهي، +تنهنجي ڳلڙن جي لَڳهن ۾ لالي هجي +تنهنجي کاڏيءَ ڏان ڳوڙها نه رڙهندا اچن، +شال محبوب تنهنجي جون ٻانهون سدا، +هل ڳڱايل ڳچيءَ جي ئي ڳڻتي رکن، +ڳاٽِڙين جي هي جوڙي جُڙيل ئي رهي، +تنهنجي ڀورن ۽ ڀريل ڪلهن تي ڪڏهن، +رنگ گيسو چريا، ڪين پنهنجو ڇڏين، +تنهنجي ٻانهن جون لامون به لُڏنديون رهن، +آڱرين جا اشارا به ارڏا هجن. +پير پايل سوا هيئن وڄندا رهن. +تنهنجي دل ۾ سدائين رهي دلبري، +تنهنجي گهورن جا گهيرا نه ٿين گهرگهلا +تنهنجي ساهين ۾ ڪوسي هي خوشبو رهي +تنهنجي ٽهڪن جون ٽاريون سلامت رهن +هاڪ تنهنجي هوا ۾ هُليل ئي هجي، +تون ڪٿان جي لنگهين سڀ محبوبڙيون +گل کان هلڪڙيون، ريس توسان رکي، +نڪ چاڙهي چون؛ هوءَ وڃي ٿي پئي +۽ ها آهي دعا هيءَ به اي گلبدن! +سوچي آڪاش کي تون جي بيزار ٿين +غم ۾ غلطان ٿين يا پريشان ٿين +يا هو تنهنجين خوشين ۾ خلل ٿي وڃي +تنهنجي جهيڙن جهملين جو آهي قسم، +دربدر ٿي وڃي اي جنم جا پرين، +دربدر ٿي وڃي! +نظم +ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي +ڪشڪول جي پنگهي ۾، درويش لُڏيو هو پئي +ها نيڻ کُليل هن جا، تن منجهه اڇو پنڇي +ڪنهن ماڳ جي ڳولا ۾، بي چين اُڏيو هو پئي. +ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي +ڏيئو ته اُجهاڻيل هو، درويش ٻريو هو پئي +ها نيڻ کُليل هن جا، تن منجهه هيو درياهه +وَهه ان جي ڍري، جنهن تي، ڪو گل تريو هو پئي +ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي +دل پنهنجيءَ ۾ ويٺو، درويش اڪيلو هو +ها نيڻ کُليل هن جا، هو شينهن ستل تن ۾ +چوڌار سوا اُن جي، بس گهاٽو ٻيلو هو. +ڪلهه رات جڏهن جهوپيءَ ۾ چنڊ وڌي جهاتي +ڀاڪر ۾ دعائن کي، درويش ڀڪوڙيو هو +ها نيڻ کُليل هن جا، تن منجهه هيو ڌاڳو +جنهن ڌرتيءَ جو ناتو، آڪاش سان جوڙيو هو. +”... هاڻي جيستائين لطيف جي ’وسعتِ فن‘ جو تعلق آهي ته فطرت جون ننڍي ۾ ننڍيون ۽ حقير کان حقير شيون پڻهن جي همدردانه توجهه جو مرڪز بنيون آهن. هو جنهن حسين پيرايي ۾ ڪانگل کي محبوب جو قاصد بنائي ٿو، انهيءَ ساڳيءَ نموني ۾ چنڊ کي پڻ استعمال ڪري ٿو. هو اهڙن مڌر گيتن جو خالق آهي، جنهن جهڙا گيت صدين تائين هن علائقي ۾ نه ٻڌا ويا هئا. حالانڪ سندس دؤر جو مقامي ادب يا انوقت جو ٻيو ادب اهڙي روايت کان خالي آهي. بهرحال اهو سڀڪجهه سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي ڪري ممڪن هو. ڇاڪاڻ ته هن جي زندگي جهنگ جهر ۽ رڻ پٽ ۾ گذري هئي، ۽ ڇاڪاڻ ته هو سڄيون ساريون راتيون ويهي اوجاڳا ڪندو هو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ملاحن، ڪاتارين، هارين ۽ شاهزادن، سڀني کي ساڳيءَ سهولت ۽ واقفيت سان بيان ڪري ٿو. هو انهن جو ٻولي ۽ محاورن ۾ ايڏي پختي انداز سان ڳالهائي ٿو جو ائين ٿو لڳي ڄڻ ته هو پاڻ سندن طبقي سان واسطو رکي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪنهن مرد، عورت يا ٻار جي باري ۾ ڪجهه چوي ٿو ته ڄڻ هو پاڻ اهو روپ اختيار ڪيو وٺي. جيستائين سندس فن جي گهرائيءَ جو تعلق آهي ته هن جي نگاهه نهايت تيزيءَ سان فطرت جي دل تائين پهچيو وڃي ۽ اها ظاهر شڪلين ڏانهن تمام گهٽ وڃي ٿي. سندس فن جي گهرائي جو هڪڙو وڏو اُهڃاڻِ اهو آهي ته هن ڪائنات کي هڪ ’مڪمل ڪُل‘ جو درجو ڏئي ٿو. کيس ڪثرت ۽ گهڻائي آئڙي ئي ڪانه ٿي. اهڙيءَ طرح جيستائين بلندي جو تعلق آهي ته اسان کي اهڙو ماڻهو مشڪل سان ملندو جيڪو ڪيڏي به علمي ذهن جو مالڪ ڇو نه هجي يا کڻي اڻ پڙهيل ڇو نه هجي؛ پر اُهو جڏهن لطيف جو ڪلام ٻُڌي ٿو ته پاڻ کي ڪجهه گهڙين لاءِ ضرور وساري ويهي ٿو ۽ پاڻ کي بلنديءَ تي محسوس ڪري ٿو. بهرحال اسان جو شاعر جن بلندين تي پهتو آهي، تن تي ڪيئي تفصيل لکي سگهجن ٿا. +ــــ علامہ آءِ. آءِ. قاضي +مقالا +”هڪ مسلمان جي حيثيت ۾، منهنجي لاءِ، اسلام جي پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ۽ هڪ نموني وانگر آهي. سندن مثالي زندگي مون ۾ هر وقت اُتساهه ۽ اُمنگن جو جذبو جاڳائيندي رهندي آهي. پاڻ سڳورن ﷺ جي تعليم ۽ سندن مادي توڙي روحاني زندگيءَ جا اصول ۽ پيمانا، منهنجي لاءِ مثالي نمونا آهن. جن مان مون کي هميشہ رهبري ملندي رهندي آهي. ٻي مثالي شخصيت جنهن جي حيات جاودان مان مون کي اُتساهه ۽ رهنمائي حاصل ٿيندي آهي، اُها شخصيت حضرت علي ڪرم علي وجهه جن جي ذات مبارڪ آهي. سندن ذهني ڪمال ۽ عظمت، منهنجي ۽ منهنجي زندگيءَ لاءِ هميشہ اُتساهه ڏياريندڙ، جذبي ۽ ولولي جو باعث بڻي آهي. آءٌ انهن ٻنهي اعليٰ، عظيم ۽ پاڪ هستين جي مثالي زندگين طرف گهڻي چاهه سان متوجهه رهيو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي چوندو آهيان ته اسان اُنهن هستين جي تعليم، سکيا ۽ رهنمائيءَ کي فقط سندن عمر واري دور تائين، يا اُن دور لاءِ محدود نه سمجهيون پر سندن زندگيءَ سيرت جا زرين اصول ۽ سندن تعليم هر دور ۾ پاڻ لاءِ راهنما بنايون ۽ انهن کان هميشہ فيض حاصل ڪندا رهون.....“ +ــــ هز رائل هائينيس پرنس ڪريم آغا خان +ڊاڪٽر غلام علي الانا +سنڌ ۾ ”جل پوڄا“ جو رواج ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۾ اُن جو ذڪر +1 ـــ سنڌ جي سرزمين گهَڻَ ـــ پاسائين ثقافت ۽ گهڻ ـــ پنٿي، يعني گهڻن ئي ’پنٿن‘ کي مڃيندڙن جي سرزمين رهي آهي. سنڌي ثقافت جي تاريخ جي بتدريج مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ۽ هيءُ اُهو ملڪ آهي، جنهن جي ثقافت ۾ هڪ ’خاص انفراديت‘ نظر ايندي آهي، ۽ اُن انفراديت کي به گهڻي اهميت حاصل آهي. +علم جي هڪ شاخ، علم الانسان (Anthropology) جي روشنيءَ ۾، سنڌي ثقافت جي ڌار ڌار پهلوئن کي، ڌار ڌار شعبن م ورهائي سگهجي ٿو؛ مثلاً +(1) دريائي ثقافت(River culture) +(2) ميداني ثقافت(Plain land/ Barrage area Culture) +(3) دو ـــ آبي ثقافت(Delta Culture) +(4) کارائي/ سامونڊي ٿقافت (Sea Culture) +(5)سامونڊي ساحلي ثقافت(Coastal Culture) +(6) ڍانڍي ثقافت(Lake Culture) +(7) ماهي ثقافت(Fish Culture) +(8) ساريالي ثقافت(Rice Culture) +(9) ٿري ثقافت(Thari/ Desert Culture) +(10)ڪوهستاني/ روهي ثقافت(Hill Cultrue) +(11) منڇري ثقافت(Manchari/ Manchar lake Culture) +(12) شهري ثقافت (Urban Culture) +(13) ديهي ثقافت(Rural Culture) +سنڌي ثقافت جي انهن مڙني پهلوئن کي سامهون رکي، جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن جي مَنتن، پنٿن، ڌرمن، مذهبن ۽ سندن عبادت، بندگي ۽ پاٺ پوڄا جي طور طريقن تي غور ڪبو ۽ اُنهنجي باري ۾ کوجنا ڪبي ته معلوم ٿيندو ته واديءَ سنڌ ۾، انسان ذات جي آباديءَ جي ابتدا واري زماني کان وٺي، موجوده وقت تائين، هن خطه زمين جو انسان، ڪيترن ئي پنٿن، منتن، ڌرمن ۽ مذهبن جو مڃيندڙ ۽ پوڄاري رهيو آهي. سنڌو ماٿر جي ماڻهن ڪڏهن پٿرن جي پوڄا ٿي ڪئي ته ڪڏهن باهه کي طاقتور سمجهي، اُن جي اڳيان سجدو ڪيو. هتي جي ماڻهن، نه فقط قديم زماني ۾، وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن کي ديوتا يا اوتار سمجهي، اُن جي پرستش ٿي ڪئي؛ پپر (پپل) جي وڻ ۽ تُلسيءَ جي ٻوٽي جي پوڄا جا سنڌ ۾ اڄ به ثبوت ملن ٿا. هن ڏس ۾، سنڌ جي شاعر روحل فقير جو هي بيت، ڪافي دليل آهي: +جي پپر ۾ پاڻ ڌڻي، ته ٻٻر ۾ ٻيو، +مندر ۽ مسجد ۾ ٻري هڪ ڏيو (1) +ايشين اسٽڊيز جي مشهور فاضل، ڊاڪٽر آسڪو پرپولا، پنهنجي تحقيق ۾، هن سلسلي ۾ گهڻي وضاحت سان لکيو آهي. هو لکي ٿو ته: +”سنڌو تهذيب جا ماڻهو قديم زماني کان وٺي، ڪنهن نه ڪنهن مذهب، ڌرم، پنٿ يا مت جا مڃيندڙ رهيا آهن. ’موهن جي دڙي‘ جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته هتي جا ماڻهو وڻن ٽڻن کان سواءِ، جانورن جي به پوڄا ڪندا هئا. هن ڏس ۾ ’سانَ‘ (Bull)/ ڍڳي جو، ’ديوتائن جي وَهٽَ‘ (Vehicle) طور احترام ڪيو ويندو هو. ٻڪريءَ، واڳوءَ، ڳيري، ڪاري نانگ، پپر جي وڻ ۽ گڻيش (Swastika) کي واديءِ سنڌ ۾ مذهبي ڪرياڪرم، ڌرم يا ڪنهن پنٿ جي خاص علامت طور پوڄيو ويندو هو.“(2) +مشهور محقق تاج محمد صحرائي به ’ڍڳي‘، ’پپر جي وڻ‘ ۽ ٻين شين کي برڪت جي علامت مڃي ٿو. هو لکي ٿو: +”ڍڳو اسان وٽ طاقت، سڀاڳ ۽ محنت جو نشان آهي، ۽ ’هَرُ‘ نشان آهي زراعت جسماني مشقت جو. ساڳيءَ طرح ’مور‘ اسان وٽ سونهن، سوڀيا، پاڪيزگي ۽ نزاڪت جي علامت آهي؛ ’مڇي‘، گهڻي پاڻيءَ، خوشحاليءَ ۽ لطافت جي علامت آهي؛ ’پپل‘ جو وڻ، وڻڪار، وِندر، قدامت ۽ عبادت جون نشانيون ۽ علامتون آهن. ان کانسواءِ کير، مکڻ يا ڦُٽي، ڏڌ، چاڏي، مانڌاڻي ۽ ڏيئو، ڳوٺاڻي سماج ۽ زندگيءَ ۾ آسودگيءَ ۽ برڪت جون نشانيون سمجهيون وينديون آهن.“(3) +اهڙيءَ طرح سنڌو تهذيب جي قديم رهاڪن طرفان، سورج ديوتا ۽ چندرما جي پوڄا جا به ڪيترائي ثبوت، سنڌ جي سماجي زندگيءَ جيڪن رسمن کان سواءِ، سنڌ جي هنرن جهڙوڪ: ڀرت، ڇُر جي ڪم، ڪاٺ تي ٽُڪ جي ڪم ۽ پٿر تي اُڪر جي ڪم ۾، سورج ديوتا ۽ ڪنول جي چٽن گلن ۽ گُلن ٻوٽن ۾، علامت طور موجود ملن ٿا. +سج جي پوڄا جي باري ۾، محترم تاج محمد صحرائي لکي ٿو ته: +”ايڇ. جي. ويلس، نئين پٿر واي دور جي هڪ اهڙي ڪلچر جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو مرڪز ۽ محور ’سج‘ هو. ويلس ۽ ڪن بين محققن ان ڪلچر جي عقيدي ۽ پوڄا جي رسمن ۽ رواجن لاءِ انگريزي زبان ۾ هڪ جامع لفظ ’هيليوليٿڪ (Heliolithic) ڪلچر‘ استعمال ڪيو آهي. ڪن ملڪن ۾ اُن کي ’سن اسٽون (Sun Stone) ڪلچر‘ ۽ ڪن خطن ۾ ’سج ـــ نانگ (Sun Serpent) ڪلچر‘ سڏيو ويو آهي. ان عقيدي ۽ سڀيتا سان تعلق رکڻ وارا، پندرهن هزار سال ق ـــ م کان وٺي، هڪ هزار سال ق ـــ م تائين، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رلندا ۽ گهمندا رهيا، جنهن ڪري ان عقيدي ۽ سڀيتا سان واسطو رکڻ وارن ماڻهن جا نشان، نشانيون ۽ آثار، ڀونوچ سمند، سنڌ، مشرقي چين، جپان، ’ميڪسيڪو‘ ۽ ’پيرو‘ ۾ به مليا آهن؛ جيتوڻيڪ ان ڪلچر بابت اهو عام رايو ۽ تاثر آهي ته اهو ڪلچر نسبتاً آهستي آهستي وڌيو ۽ پکڙيو هو. سڀني محققن ’سج’ جي پوڄا کي، دنيا جي قديم ترين عقيدن مان، سڀ کان وڌيڪ هلندڙ، اثر رکندڙ، پکڙجندڙ، مکيه عقيدو سمجهيو آهي ان عقيدي جي پوئلڳن جي خيال موجب ’سج’، نسلن جي واڌ ۽ شفا ڏيندڙ قوت جو مظهر آهي. سج جي مظهر وارين نشانين ۽ علامتن ۾ اهرام، موميائون، سج ٿالهيون ۽ چڪرا (Sun Disks)، سورج مکيءَ جا گل، سج، نانگ ۽ ’سواستيڪا‘ وغيره شامل آهن. ’سواستيڪا‘ جي عجيب ننڍڙي نشانيءَ کي سڀاڳ جي علامت سمجهي، سڄيءَ دنيا ۾، خوشيءَ سان اهميت ۽ خصوصيت ڏني وئي آهي.“ (4) +تاج محمد صحرائي صاحب اڳتي لکي ٿوته: +”مون سورج جون ساڪن ۽ متحرڪ چڪريون، سورج مُکيءَ جا گل ۽ ڪي سواستيڪا جون نشانيون، گهڻو ڪري تمام پراڻن قبرستانن ۾، قبرن جي پٿر مان گهڙيل سرن ۽ تختين مٿان اُڪريل ڏٺيون آهن. ’رني ڪوٽ‘ جي پهرئين مکيه ’سن دروازي‘ سان، لڳ وهندڙ نئن مٿان جيڪو اُچو، ڊگهو گول برج بيٺو آهي، اُن برج ۾ به پٿر جي سرن ۾ ’سواستيڪا‘ جي هڪ ننڍڙي خوبصورت نشاني اُڪريل ڏٺي اٿم. مان سمجهان ٿو ته آمري ۽ ڪوٽ ڏجي سماجن وارن ماڻهن ۾ شايد اُن ڪلچر جو اثر قبول ڪيو هوندو.“(5) +2 ـ ويجهڙائيءَ واري زماني تائين، لاڙ واري خطي ۾، خصوصاً جاتي، شا��بندر، ڇڇ جهان خان، بدين ۽ ٽنڊي باگي طرف، ڪن تعلقن ۾، تحقيق ڪندي، مون ڏٺو ته اُهي عورتون، جن جو تازو ويم ٿيو هو، سي ڇٺيءَ (ڇهين) واري ڏينهن، صبح جو بلڪل سوير، سج اڃا ڪَني مس ڪڍندو هو ته اُهي عورتون (سندن رسم پٽاندر)، گَهرن جي اڱڻ ۾، پنهنجي تازي ڄاول ٻار کي هنج ۾ کڻي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ بنان، نئين اُڀريل سج جو پاڻ ۾ سلام ڀرينديون هيون، ۽ پنهنجي نئين ڄاول ٻار جو، ساڄو هٿُ، پنهنجي ساڄي هٿ ۾ جهلي، اُن کان به نئين سج جو سلام ڀرائينديون هيون. سج جي سلام ڀرڻ، يعني ’سج کي پوڄڻ‘ جو سندن طريقو هيئن هوندو هو: اُهي عورتون پنهنجي ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر کي پاسيرو ڪري، اُن کي پهرين پنهنجن چپن تي رکي چمنديون هيون ۽ پوءِ اُن (ڏسڻي اڱر) کي ساڳئي طريقي سان پنهنجي نَڪَ تي ڇهائي، پوءِ اُن (آڱر) کي اُڀو (سڌو) ڪري، پنهنجي نرڙ تي رکنديون هيون. اهڙي ئي طريقي سان، هُو پنهنجي ڇهن ڏينهن جي ٻار جو ساڄو هَٿ، پنهنجي ساڄي هٿ ۾ جهلي، اُن (ٻار) کان به سج جو سلام ڀرائينديون هيون. ان طريقي کي هو، ’سج جو سلام ڀرڻ’ يا سج پوڄا‘ چونديون هيون. سندن اِن عمل کي، برڪت وارو عمل ۽ ٻار جي وڏي حياتي ماڻن لاءِ ’سٺو سوڻ‘ سمجهيو ويندو هو. اِن باري ۾ جڏهن ڪنهن وڏڙيءَ عورت کان پڇيو ويو ته اُن (وڏڙيءَ) جواب ڏنو ته: ”اِها ’سج پوڄا‘ جي رسم آهي، جيڪا اسان جي، صدين کان پراڻي رسم آهي، ۽ اسان وٽ هڪ نسل کان، ٻئي نسل تائين جاري رهندي آئي آهي.“ +سج جي پوڄا واري سم دوران، پوڄا ڪندڙ عورت جي سس، وڏي نِڻان، ڄيٺاڻي يا ڪا ٻي وڏڙي عورت، پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ هڪ ٿالهه جهلي بيهنديون هيون. اُن ٿالهه ۾ ’روٽ‘ (ڪڻڪ يا ڳاڙهن چانورن جي ماني ڀوري، اُن ۾ کنڊ يا ڳڙ ۽ گرم گيهه ملائي، ٻنهي هٿن سان ان کي مهٽبو آهي. عام طور اُن کي ’ڪُٽي‘ به چئبو آهي، پر سکا پاکا ۽ ڪرياڪرم جي ٻوليءَ ۾ اُن کي ’روٽ‘ يعني ’نياز/ تبرڪ‘ چئبو آهي) پيل هوندو هو. ’سج پوڄا‘ جي رسم پوري ڪرڻ کان پوءِ، اُها وڏڙي عورت، اُن ’روٽ‘ مان ذرڙو، نياز طور چکڻ لاءِ، سج جي پوڄا ڪندڙ عورت کي ڏيندي هئي، ۽ چپٽي ڀري، ٻار جي وات ۾ ’سُهُڻ‘ ڪرڻ خاطر وجهندي هئي، سنڌي ثقافت جي اها قديم رسم ممڪن آهي ته اڃا به لاڙ واري سامونڊي ساحل يا دو ـــ آبي واري علائقي ۾، ڪن قومن ۽ قبيلن ۾ قائم هجي، ڇو ته جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ”سج نسلن جي واڌ ۽ شفا ڏيندڙ قوت جو مظهر آهي.“ +3 ـــ هن کان اڳ، ڊاڪٽر پرپولا جي حوالي سان اهو بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌو تهذيب ۾ نانگ جي پوڄا جا اُهڃاڻ به ملن ٿا. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪاري نانگ جو احترام ڪيو ويندو آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اُن (ڪاري نانگ) جي ڇيڙ نه ڪندا آهن، اُن کي مارڻ کان گريز ڪندا آهن. اُن کي احترام وچان ’واسينگ‘ ڪوٺيندا آهن. تاج محمد صحرائيءَ، ’نانگ پرستي‘ (Serpent cult) جي رواج ۾ هجڻ جو به ذڪر ڪيو آهي.(6) +منهنجي پنهنجي مشاهدي مطابق اڄ به لاڙ جي ڪن ڳوٺن ۾، ڏياريءَ واري رات يا ڪنهن ٻيءَ وڏيءَ رات جو، ڪي عورتون، تراکڙين ٿالهين ۾، مٺي کير ۾ کٿوري يا ڪيسر وجهي، گهرن اندر يا گهرن جي ورانڊن ۾ پيل کٽن هيٺ رکي ڇڏينديون آهن. سندن اهو عقيندو هوندو آهي ته رات جو ڪنهن به وقت، ڪارو واسينگ نانگ اچي، اهو کير پي ويندو، ۽ برڪت جا اهڃاڻ ڇڏي ويندو. +اسان کي اهو به معلوم آهي ته نانگ ريجهائيندڙ جوڳي/ سامي، ٻهراڙين ۾، فصل ۾ لاباري وارن ڏينهن ۾، يا لاهوت لامڪان يا شاهه بلاول نورانيءَ جي ميلي جي موقعي تي، نورانيءَ جي درگاهه تي حاضري ڏيڻ لاءِ ويندي، ڳوٺن يا شهرن ۾، گهرن جي درن تي مرليون وڄائي، خيرات لاءِ صدائون هڻندا آهن. ان وقت، اُنهن گهرن جون وڏڙيون، اُنهن جوڳين کي مرلي وڄائڻ ۽ نانگ کي جهومائڻ لاءِ چونديون آهن، ۽ پوءِ اُهي، جوڳيءَ کان اِها به گُهر ڪنديون آهن ته هو (جوڳي) نانگ جي پٺيءَ تان هٿ ڦيري، اُهو هٿ، وڏي حياتيءَ (دراز عمر) جي دعا واري علامت لاءِ، سندس پُٽن، پوٽن، ڏهٽن يا ان وقت اُتي موجود سندس ڪنهن ٻئي رشتيدار ٻار جي پٺيءَ تي ڦيرائي، ۽ ٻار کي دعا ڪري. جوڳي/ سامي فقير ائين ئي ڪندو آهي، ۽ ٻار جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي، اُن کي شوڪارو هڻي، دعا ڪندو آهي. اِنهي عمل مان هن مراد جي پوري ٿيڻ جي اُميد هوندي آهي ته ٻار تي آيل يا ايندڙ بلا ٽري ويندي، ۽ جيڪڏهن اُن ٻار تي ڪنهن بدخواهه جي ٽوڻي ڦيڻي جو اثر ٿيو هوندو، ته اُهو به بي اثر ٿي ويندو يا ٽري ويندو. +اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ’نانگ پوڄا’ جا ٻيا مثال به ملن ٿا، پر جيئن ته منهنجي هن مقالي جو مقصد ’جل پوڄا‘ يعني ’پاڻيءَ جي پوڄا‘ يعني ’درياء پنٿي مت‘ جي باري ۾ آهي، ۽ اُن سلسلي ۾ شاهه لطيف جي سُر سامونڊيءَ جي حوالي سان مثال ۽ دليل ڏيڻا آهن، تنهن ڪري، وڌيڪ مثال ڏيڻ سان هي مقابلو گهڻو طويل ٿي ويندو. +4 ـــ سر جان مارشل، پنهنجي جڳ مشهور تحقيق: Mohen Jo Daro and Indus Civilization ۾ سنڌو تهذيب جي قديم ماڻهن جي ڌرمن، پنٿن، متن، مذهبي رسمن ۽ ڪرياڪرمن جي باري ۾ لکندي، انهن کي ’درياء پنٿي‘ (Indus Cult) ڄاڻايو آهي. هن ائين به لکيو آهي ته واديءَ سنڌ جا ماڻهو، جانورن ۽ وڻن جي به پوڄا ڪندا هئا. هن جي راءِ موجب سنڌو تهذيب جا ڌڻي، پپر (پپل) جي وڻ جي به پوڄا ڪندا هئا (7). سر جان مارشل کان پوءِ آثار قديمه جي هر ماهر، سنڌو تهذيب جي هنرن مان برتن سازيءَ (Pottery) واري هنر ۾ برتنن تي جن نشانين، چٽن، گلن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آهي، اُنهن ۾ هنس پکي، مور، نانگ، سج ۽ سورج مکيءَ جي گل کان سواءِ ڌرمي علامت طور پپر (پپل) جي پنن جا چٽ چٽيل آهن. پروفيسر ڊاڪٽر رياض صديقي، هن ڏس ۾ لکي ٿو ته: +“The specimen of VIIb illustrated is unique in having a painted band in black of papal-leaf pattern, which is the commonest of the Indus plant-motif” (8) +ڊاڪٽر رياض صديقي اڳتي لکي ٿو: +“It is characterised by an accentuted flange and is roughly painted in black with the conventional papal-leaf, palm- frond loop and mat- pattern” (9) +5 ـ مٿي ماهرن جي تحقيق جي حوالي سان، سنڌ ۾ جانورن جي پوڄا جي باري ۾ لکيو ويو آهي. ٿانون ۽ برتنن مٿان، تازن توانن وڏن ٿوهن وارن ڍڳن جون چٽيل شڪليون ۽ ڪوٽ ڏجيءَ جي کنڊرن جي تهن مان ڀلي ڍڳي جي ڊولائتي مُنڊي (سري) به ملي آهي. اُن مان ثابت ٿو ٿئي ته ان دور ۾ ڍڳي کي محنت ۽ طاقت جي علامت سمجهي پوڄيو ويو هوندو (10). ڍڳي کان سواءِ ڳئون کي به پوڄيو ويو هوندو ڇو ته اڄ به ڳائي ۽ ميهي مال کي ’مال ڀٽارو‘ چوندا آهن. سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ هندو ماڻهو ته ڳئون کي ’گئو ماتا‘ چوندا آهن ۽ اُن جي پوڄا ڪندا آهن. ڳئون ۽ مينهن جي کير کي ’کير ڀٽارو‘ چئي عزت ڏني ويندي آهي، ۽ اُن جو گهڻو احترام ڪيو ويندو آهي. +6 ــ سنڌي تهذيب ۾، کيتن ۽ زمينن مان لاباري کان پوءِ حاصل ٿيل ’اَن‘ کي، وڏي احترام جي نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي. اَن جو ’ڪَڻو‘ به جيڪڏهن پٽ تي پيل ڏسندا آهن ته اُن کي کڻي پهرين اکين تي رکي پوءِ چمندا آهن. ’اَن‘ کي ’ان نور‘ سمجهن، ۽ اُن کي ’روزي‘ سمجهي، اُن جو قدر ڪن. اقن کي پٽ تي ڪرڻ يا اُڇلائڻ کان احتياط ڪندا آهن، ڇو ته جيئن تاج محمد صحرائي فرمايو آهي ته: +”حقيقت ۾ انسان جو سڀ کان پهريون ۽ عظيم ڪارنامو زراعت آهي.“(11) +7 ـــ سنڌ ۾ ’درياء جي پوڄا‘ يا ’جل پوڄا��، اڄ به سنڌي تهذيب جي هڪ خاص حصي طور مڃي ويندي آهي. سنڌ جي هندن کان سواءِ، سنڌو درياءَ جي ڪنڌين ۽ سامونڊي ساحل تي رهندڙ مهاڻا، ميربحر، گندرا، ونگرا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون ۽ قومون، ’دريا پنٿي‘ به آهن. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته اسماعيلي (آغاخاني) جماعت وٽ، مذهبي رسمن ۾ ’جَل‘ کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي. +ڀارت جو هڪ سنڌي ڏاهو، ڊاڪٽر يو. ٽي. ٺڪر، پنهنجيءَ تحقيق، ”Sindhi Culture“ ۾ سنڌو تهذيب جي ماڻهن جو ”درياء پنٿي“ هجڻ، ۽ اُنهن جي ’جل پوڄا’ جي سلسلي ۾، ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن. هُو (ڊاڪٽر ٺڪر) پنهنجي Ph.D لاءِ لکيل تحقيقي مقالي ۾، سنڌ جي هندن جي هن پنٿ لاءِ لکي ٿو ته: +”سنڌ جي هندن جو مکيه پنٿ يا ڌرم، ’دريا پنٿي‘ (Indus Cult) يعني ’جل پوڄا‘ آهي. سنڌ جا هندو، ’درياء پنٿي‘ آهن. هو جل پوچا ڪندا آهن. سنڌو درياء، جنهن سنڌ جي کيتن کي، پنهنجي ’اَمرت‘ يعني ’جل‘ سان آبياري ڪري، سنڌ جي ماڻهن کي زندگي بخشي آهي، ۽ کين سندن جيوت جي جياپي لاءِ ’اَمرت ڌارا‘ عطا ڪئي آهي، اُن لاءِ ته اِهي کيت، اَن اُپائين ۽ سدائين سرسبز هجن.“ (12) +ڊاڪٽر ٺڪر اڳتي لکي ٿو ته: +”قديم سنڌو تهذيب ۾، ’ڪڻڪ‘ ۽ ’جَوَن‘ جي لاباري وقت يا لاباري مان حاصل ٿيل ’اَن‘، يعني ’روزيءَ‘ جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ، ’ايکاڻا‘ (Ekhana) نالي روزيءَ جو جشن‘ (Corn festival) ملهايو ويندو هو. سنڌ ۾، انهيءَ نموني جا ٻه جشن ملهايا ويندا هئا، انهن ٻنهي جشن جو واسطو يا نسبت، هر طرح سان، ’درياء پير‘ سان هوندي آهي. +انهن ٻنهي جشنن مان ٻيو جشن، ان وقت ملهايو ويندو هو، جڏهن درياء ۽ اُن مان وهندڙ واهن ۾ نئون پاڻي وهي ايندو هو، ۽ ان وقت درياءَ ۾، سانوڻ جي مند (Monsoons) ۾ سيلاب ايندو هو، ۽ درياء، ’ڪَچا‘ ٻوڙي ڇڏيندو هو. سانوڻ جي مند ختم ٿيڻ کان پوءِ، درياء ڇينار ڪندو هو، ۽ درياء جو پاڻي پوئتي موٽ کائيندو هو. موٽ کائڻ کان پوءِ، درياءِ، ريت يا رءُ جي صورت ۾، پنهنجي سون جهڙي ڇڏيل طاقت يا ’وَٽَ‘ سن، سيلاب هيٺ آيل زمين کي ’سگهائتو‘ يا ’وٽائتو‘ (زرخيز) ڪري ڇڏيندو هو. +اهي ٻئي جشن، سنڌو درياء جي ڪنڌين تي رهندڙ ڳوٺاڻا، شاندار ۽ ڀرپور نموني سان ملهائيندا هئا. هنن جشنن جي موقعن تي ميلا لڳيندا هئا ۽ جلوس نڪرندا هئا“ (13). +آءٌ ڊاڪٽر ٺڪر جي هن راءِ تي معذرت سان پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ جي اجازت چاهيندس. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ’کاڌ خوراڪ‘ (Staple food) چانور آهن ۽ نه ڪه ڪڻڪ. انهيءَ ڪري ’ايکاڻا‘ يعني ’روزيءَ وارو جشن،‘ سارين ۾ لاباري جي وقت ملهايو ويندو هو. ’ان نور‘ وارو تصور به چانورن سان لڳايو ويندو آهي. ’ڪَتي، گري گنجي متي“ واري چوڻي به سارين جي لاباري جي باري ۾ چئي وئي آهي ۽ نه ڪه ڪڻڪ جي فصل ۾ لاباري جي باري ۾. +ڊاڪٽر ٺڪر اڳتي لکي ٿوته: +”جڏهن سنڌو تهذيب ۾ رهندڙ، اوائلي انسانن، ’رولڙي‘ يعني ’رولاڪ’ ( Wandering) واري زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي، ’رهائش‘ (اَقامت/Settlement) واري زندگي اختيار ڪئي، ۽ انهن کيتي ٻاڙي يعني (Agriculture) جي ڪرت ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ کيتن کي آباد ڪرڻ، ۽ پنهنجي گذر معاش لاءِ اناج پيدا ڪرڻ لاءِ ’هارپي‘ جو ڌنڌو اختيار ڪيو، اِن ڌنڌي جي ڪري جڏهن وتن اناج جا ڍير ٿيڻ لڳا، تڏهن هنن، اناج جي انهيءَ ذخير يا ڍير کي، حفاظت سان رکڻ لاءِ سوچيو. هنن پنهنجي انهيءَ ’ڌَن‘ کي سنڀالي رکڻ لاءِ، پنهنجن ’چَپَرن‘ (ڪکائين جهوپڙين) جي سامهون اڱڻ ۾، ’گُندڙن‘ يا ’گُندين‘ جي اَڏڻ جو هنر ايجاد ڪيو. پوءِ هنن گُندڙا يا گُنديون ٺاهيو��. اُنهن ۾ پنهنجي اناج جي ذخيري کي محفوظ ڪري رکيائون ته جيئن اهو پکين ۽ جيتن کان به بچيل رهي، ۽ ڊگھي عرصي تائين استعمال نه ٿي سگهي. + + +اهڙيءَ طرح هنن کيتن ۾ لاباري کان پوءِ ’وَلِ‘ کي کَرَن تي پهچايو، ۽ کرن تي گڏ ٿيل ’وَلَ‘ تي هَلَر هلائي، اُن کي ڳاهي، اَنَ کي، ڪکن پنن، ڪن ڪچري کي صاف ڪرڻ لاءِ ۽ ’ڳاهه‘ کي اُڌڻڻ لاءِ هنن ’ڇَڄَ‘ ۽ ’سُپَ‘ ٺاهيا، ۽ اُنهن جي مدد سان ڳاهه کي اُڌڻي ’اَنَ‘ کي صاف ڪيائون. اُن کان پوءِ صاف ٿيل ’اَنَ‘ (سارين جي حالت ۾) کي ’ڏَرَرڻ‘، ۽ ’ڇَڙَڻ‘ لاءِ ’ڏرڻيون‘ ۽ ’جَنڊيون‘ ٺهرايون. اهي ڪُنڀارڪي ڪم جو حصو هيون. اَنَ (چانورن) کي ڇَڙَڻ لاءِ ’نِننگون’، ’مهريُون‘، ’اوکَريون‘ ۽ ’مُهرلا’ جوڙيائون. چانورن ۽ ڪڻڪ کي پيهي اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن پٿر جا جنڊ گهڙيا. +اناج کي ڏرڻ، ڇڙڻ، اُڌڻڻ ۽ پيهڻ لاءِ جيڪي اوزار يا جيڪو سامان ڪم آندو ويندو هو، تن جو ’ديوتا سمان‘ (ديوتا وانگر) احترام ڪيو ويندو هو، ۽ اُن کي عزت ڏني ويندي هئي. اُن سامان (اوزارن) کي صاف ۽ پاڪ جاءِ تي رکيو ويندو هو.“ (14) +ڊاڪٽر ٺڪر اڃا به اڳتي لکي ٿو ته: +’ايکاڻا’ نالي وارن انهن جشنن واري عرصي دوران، سنڌوءَ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. سنڌوءَ جي جل جِي، مٿي ڄانايل جشنن کان سواءِ، ڪنهن ٻار جي جنم، ڪنهن جي شادي مراديءَ ۽ ڪنهن جي موت وارين رسمن لاءِ به سنڌوءَ جي جل جي پوڄا ڪئي ويندي هئي.“(15) +اسان کي اهو به معلوم آهي ته سنڌ مان لڏي ويل هندو ماڻهن مان ڪيترن ئي پنهنجي موت کي اڳ، اها وصيت ڪري ڇڏي هئي ته سندن مرتئي کان پوءِ، سندن ’رَکَ’ کي ’دريا شاهه‘ يعني سنڌوءَ ۾ ’سرڻ’ ڪيو وڃي. اسان کي اهو به معلوم آهي ته جڏهن دنيا جي ڪنهن به حصي کان ڪوبه سنڌي هندو، سنڌ گهمڻ ايندو آهي، تڏهن واپس وڃڻ وقت هُو پاڻ سان سنڌو دريا جي پاڻيءَ جي ’امرت ڌارا‘ طور، بوتل ڀري، پاڻ سان پنهنجي ملڪ کڻي ويندو آهي، جتي رهندڙ سڀني سنڌين ۾ هو اُها ’امرت ڌارا‘ تبرڪ طور ورهائيندو آهي، بلڪل ائين جيئن سڄيءَ دنيا جا مسلمان، عُمري يا حج تان موٽڻ کان پوءِ ’زم زم جو پاڻي‘ آڻيندا آهن، ۽ اُهو دوستن احبابن ۽ رشتيدارن ۾ تبرڪ طور ورهائيندا آهن. +8 ـــ منهنجو اهو پنهنجو تجربو ۽ ذاتي مشاهدو به آهي ته سنڌ ۾ اڳي، خصوصاً لاڙ واري حصي ۾، ڪوٽڙي براج جي شروع ٿيڻ کان اڳ، ويساک جي ميهين ۾، جڏهن واهن ۾ نئون پاڻي وَهي ايندو هو، تڏهن اُنهن واهن جي ڪنڌين تي اَڏيل ڳوٺن وٽ، جڏهن اهو نئون وَهي آيل پاڻي پهچندو هو، يا اُنهن ڳوٺن وٽان اُهو ’امرت‘ لانگهائو ٿيندو هو، تڏهن اُنهن ڳوٺن جا رهواسي، دُهلن ۽ شرناين سان، هڪ هڪ کن ميل پنهنجي ڳوٺ کان مٿڀرو وڃي، نچندي ٽپندي، ڳائيندي وڄائيندي، نئين وَهي آيل ڌارا کي ڳارائي وڄارائي، پنهنجي ڳوٺ وٽان مَٽائي، ڪافي پنڌ تائين اڳڀرو يعني هيٺ، ويندا هئا، جتي ٻئي ڳوٺ وارا، واهه ۾ آيل ’جل‘ جي آجيان واري جلوس سان تيار بيٺا هوندا هئا، ۽ ساڳيءَ طرح سان دُهلن دمانن سان، اُهي به ’امرت ڌارا‘جي آجيان ڪري، ڳائيندا وڄائيندا، نچندا ۽ ٽپندا، اُن کي اڳتي، يعني هيٺئين ڳوٺ ڏانهن اُماڻيندا هئا يا لانگهائو ڪندا هئا. +اُنهيءَ ساڳئي ڏينهن صبح / شام جو، اُنهن ڳوٺن جون عورتون، واهه جي تڙ تي وڃي، نئين وهي آيل امرت ڌارا جي آجيان ڪنديون هيون؛ اُن ۾ ’اکا‘ وجهنديون هيون؛ اُن کي چنبيليءَ، کٿوريءَ ۽ ٻيءَ خوشبوءَ سان واسينديون هيون. ’اکن‘ ۾ ڏونگيءَ سان گڏ ايلاچيون، لؤنگ، مصري ۽ پتاشا شامل ڪنديون هيون. جيوت جي انهيءَ سهاري، يعني ’امرت ڌارا‘ (پاڻي) جي واهن ۾ وَهي اچڻ ۽ اُن جي اهڙي طريقي سان آجيان، دراصل ’جل پوڄا‘ جي علامت يا خود ’جل پوڄا‘ سمجهي ويندي هئي. ’جل پوڄا‘ جي لاءِ خاص عقيدو اِهو هوندو آهي، ته جَل، ’امرت ڌارا‘ آهي؛ ’جل‘، جيوت لاءِ امرت يعني سهارو آهي؛ ’جل‘، زندگيءَ لاءِ، اُپائڻهار طرفان عطا ٿيل هڪ اُها نعمت آهي، جيڪا زندگي وڌائي ٿي، عمر کي وڏو ڪري ٿي، ۽ بيمارين ۽ پيڙائن کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿي. +9 ـــ سنڌ ۾ جل پوڄا، دراصل ’درياء پير‘ جي پوڄا جي علامت آهي. پروفيسر لال سنگهه اُجواڻي، پنهنجي ڪتاب، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: +”سنڌ ۾ ’ورڻ ديوتا‘ (درياء شاهه) جي پوڄا، سڀ کان وڌيڪ ڪئي ويندي آهي، ۽ اِهائي اُن جي مکيه لوڪ ڪٿا آهي. درياء پير کي ’اُڏيرو لال‘ چوندا آهن. اُڏيري لال جو جنم، چيٽ مهيني جي پهرينءَ تاريخ، چنڊ رات، سنبت 1007 يعني 950ع کان 951ع ۾، نصرپور ۾ ٿيو. چون ٿا ته ’ورڻ ديوتا‘، نصرپور ۾ ’رتڻ راو لوهاڻي‘ ۽ سندس پتورت زال ديوڪيءَ جي گهر ۾ اوتار ڌارڻ ڪيو.“ (16) +اُڏيري لال جو ميلو، هر سال، چيٽ جي مهيني جي پهرينءَ تاريخ (چنڊ رات) کان شروع ٿيندو آهي، جنهن ۾ هندن کان سواءِ مسلمان پڻ هزارن جي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا آهن.“(17) +سنڌ ۾ اها هرهڪ کي خبر آهي ته ’درياء پير‘ يعني ’جل ديوتا‘ کي مسلمان ’خواجه خضر‘ يا ’زنده پير‘ جي نالي سان ڪوٺيندا آهن، جڏهن ته هندو قومون اُن کي ’درياء پير‘ ڪوٺين، ۽ هندو ماڻهو عام طور ’دريا پير‘ کي ’اُڏيرو لال‘ ڪوٺيندا آهن. اُڏيري لال جي مزار يا اُن جو آستان ٽنڊي آدم کان، حيدرآباد واري رستي تي، ٽنڊي آدم کان پنج ميل اورتي آهي. ميلي يعني ڏهاڙي واري جشن وقت، هندو ماڻهو لال جا پنجڙا ڳائين، ڇيرون وجهن ۽ ’جهولي لال، جهولي لال‘ گڏجي چون. اُڏيرو لال، سنڌ جي مهاڻن، ميربحرن، ناکوئن، ٻيڙياتن ۽ سامونڊين لاءِ هڪ درويش ۽ ولي آهي. (18) +ڊاڪٽر ٺڪر جو به اِهو رايو آهي ته: +”عام طور ائين مڃيو ويندو آهي ته درياء پير، جيڪو ڪائنات جو خالق به آهي، جيڪو سنڌو درياء ۾، پاڻيءَ اندر رهندو آهي، سو هن سار ڪائنات/ جڳ کي، ڪنول گل جي وسيلي، زندگي (جيوت) بخشيندو آهي. سنڌو تهذيب وارا ماڻهو ائين به سمجهندا آهن ته درياء پير، سيلاب جي مدد سان، کيتن کي زرخيز ڪندو آهي، ۽ ٻوڏن جي وسيلي، ڳوٺ ۽ بستيون تباهه ڪندو آهي.“ (19) +پروفيسر لال سنگهه اجواڻيءَ، دلوراءِ جي نگريءَ جي سروناس جي ڪٿا جو واسطو، سنڌو درياء جي وهڪري سان ڏيکاريو آهي. هن جي خيال موجب، دلوراءِ جي نگريءَ وٽان، سنڌو درياءَ طرفان پنهنجو وهڪرو ڦيرائڻ جي خاص سبب دلوراءِ جي ظلمن جا داستان هئا. (20)؛ گويا ’درياء شاهه جي ناراص ٿيڻ سبب، سنڌو درياء، دلوراءِ جي نگريءَ (برهمڻ آباد) وٽان، پنهنجو وهڪرو ڦيرائي، ٻئي پاسي کان وَهڻ لڳو. (21) +ڊاڪٽر ٺڪر ’جل پوڄا‘ جي باري ۾ لکي ٿو: +”سنڌو درياء جي ’جل‘ ۽ ’جوت‘ جي روپ ۾ هميشه پوڄا ڪئي ويندي هئي. گهڻو زمانو اڳ، ’جل ديوتا‘ جو، انسان جي روپ ۾ طهور ٿيو. اُن جو هو ظهور ’خواجه خضر‘ (زنده پير) يا ’درياء پير‘ يعني ’اڏيرو لال‘ جي شڪل/ صورت ۾ نظر آيو. مسلمانن اُن کي ’خواجه خضر‘ (زنده پير) سڏيو ۽ سندن اُن کي ’درياء پير‘ يا ’اُڏيرو لال‘ نالو ڏنو (22). +ماڻهن جو اِهو به عقيدو آهي ته ’درياء پير‘، مڇيءَ تي سوار ٿي، ڪنول جي گلن سان سٿيل پاڻيءَ تي ترندو آهي.(22) +10 ـــ شايد درياء پير جي مڇي تي سواري ۽ ڪنول جي گُلن سان سٿيل پاڻيءَ مٿان ترڻ واري سبب جي ڪري ئي، سنڌي تهذيب ۾ ڪنول جي گلن ۽ مڇيءَ کي به بڪرت ۽ واڌاري واري سئوڻ (Significance) سان نسبت ڏني ويندي آهي. مڇي، سنڌي تهذيب ۾ ’وڏيءَ عمر‘ (Longetivity) ۽ ’رزق يا روزيءَ ۾ برڪت ۽ اضافي‘ جي علامت سمجهي ويندي آهي. مڇيءَ جو واسطو به ’درياء پنٿي‘ ڪرياڪرمن سان آهي، جيتوڻيڪ، اُڏيري لال جي ميلي جي موقعي تي ’رتوڇاڻ‘ڪري يعني مڇي ۽ گوشت جي واهپي تي عقيدي موجب بندش هوندي آهي. +ڊاڪٽر ٺڪر جي اها دعويٰ ته درياء پير مڇيءَ تي سوار ٿي، ڪنول جي گلن سان سٿيل پاڻيءَ مٿان ترندو آهي، اُن دعويٰ جي تصديق درگاهه اندر ديوارن تي ڪڍيل تصويرن ۽ ٻيءَ چترڪاريءَ مان ٿئي ٿو. درگاهه اندر ٿيل چترڪاريءَ ۾، درياء پير کي، مڇيءَ تي سواري ڪندي، ڪنول جي گلن سان ڀريل پاڻيءَ مٿان ترندي ڏيکاريو ويو آهي. مون، اِهي تصويرون جڏهن مرحوم ڊاڪٽر مهڪريءَ کي ڏيکاريون، تڏهن هُو وڏيءَ سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ پوءِ سنڌو تهذيب جي مٿالاجيءَ جي مٿاهين پڊ واري هجڻ جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو. +شايد، درياء پير جي مڇيءَ تي سواري ڪرڻ واري علامت جي ڪري ئي، سنڌ جي ڪترين ئي درگاهن سان، مڇيءَ جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان واسطو رهندو اچي؛ مثال طور: +(1) مڪليءَ تي مخدوم آدم نقشبنديءَ جهڙي برگزيده عالم ۽ فاضل جي ڏهاڙي (عرس) جي موقعي تي، حاضرينن ۽ زيارت لاءِ آيل ماڻهن ۾، مڇي ۽ ڳاڙهن چانورن جي اٽي جي ماني، تبرڪ طور ورهائيندا آهن. +(2) جاتيءَ ۾، درويش مغل ڀينءَ جي درگاهه تي، بيشمار ٻليون هيمشه موجود رهنديون آهن. انهن ٻلين ۽ درگاهه جي فقيرن ۽ حاضر مريدن توڙي زيارتين لاءِ، جاتي شهر جا ماڻهو، پنهنجن گهرن مان، نذر ۽ نياز طور، تازي مڇي يا مڇيءَ جو ڪو طعام پيش ڪندا آهن. درگاهه تي مڇي نه موڪلڻ، جاتي جي شهر وارن لاءِ بدسئوڻ سمجهيو ويندو آهي. +(3) حيدرآباد سنڌ ۾ مدفون ڪلهوڙي حاڪم، ميان غلام شاهه جي مزار تي ڪيل سکا لاهڻ لاءِ، درگاهه تي حاضر ماڻهن ۾ مڇي ۽ ماني نياز طور وهائي ويندي آهي. +اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ جل ديوتا جي پوڄا، هندن توڙي مسلمانن ۾، اسماعيلي خواجن، مهاڻن، ميربحرن، ماڇين، ناکوئن، ٻيڙياتن ۽ درياء سان وهنوار رکندڙ قومن ۽ قبيلن ۾ عام طور جاري رهي آهي. اِن ڏس ۾ محترم علي بابا جي پي ـــ ٽي ـــ وي ڪراچيءَ تي نشر ٿيل ڊرامو ’دنگي منجهه درياء‘ دليل طور ڏسڻ گهرجي. پنهنجي هن ڊرامي ۾ علي بابا، درياء سان واسطو رکندڙ ريتين رسمن ۽ ڪريائن کي نمايان ڪيو آهي. +11 ـــ منڇر ڍنڍ تي رهندڙ مهاڻن، يا کاري واري ساحلي بستين ۾ رهندڙ گندرن، ونگرن، ماڱرن، مهاڻن، ميربحرن، جتن ۽ ٻين ٻيڙياتن ۽ ناکوئن کان ورتل انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جي جوابن ۾، هنن درياء پير لاءِ صد احترام جو اظهار ڪيو. هنن ٻڌايو ته: +”هو جڏهن به پنهنجي نئين ٺهرايل ٻيڙي پاڻيءَ اندر لاهيندا آهن، تڏهن هو وڏيون خوشيون ملهائيندا آهن ۽ جشن ڪندا آهن. هن موقعي تي هو درياء شاهه تي باسيل باسون ۽ ڪيل سکائون پاکائون لاهيندا آهن ۽ مٺي ڀت جون ديڳيون لهرائيندا آهن اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾، برادريءَ وارن کي دعوتون ڏيندا آهن. وڏي ڌام ڌوم، دُهلن ۽ دمانن سان سڄو ڏينهن جشن ڪندا آهن؛ نچندا ۽ ٽپندا آهن. نئين ٺهرايل ٻيڙيءَ کي جنڊين ۽ وائنٽين سان سينگاريندا آهن، ۽ پوءِ دعائون گهري، هوڪاريندا، ’جهولي لال جا نعرا هڻندا، اُن ٻيڙيءَ کي ڌڪيندا، پاڻيءَ ۾ لاهيندا آهن.“ (24) +انٽرويو دوران، اُنهن ماڻهن اِيئن پڻ ٻڌايو ته مٺن چانورن جون ديڳيون، درياء پير/ درياء شاهه جي صدقي ۾ لاٿيون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح مهاڻا، ميربحر، گندرا، ونگرا ۽ ٻيا ٻيڙياتا ۽ ناکوئا، اُڏيري لال جي ميلي جي موقعي تي، اُڏيري لال جي درگاهه تي پڻ سلام ڀريندا آهن ۽ مٺن چانورن جون ديڳيون لهرائي، عام ماڻهن ۽ زيارتين ۾ ورهائيندا آهن. +1989ع ۾، ٽماهي ”مهراڻ“ جي جلد 4 ۾، صفحي 53 کان 60 تائين، منهنجو مقالو ڇيو هو. اُن مقالي جو عنوان هو: ”سنڌ جي ڪن درگاهن جون رسمون ۽ اُنهن جو مٿالاجيءَ جي روشني ۾ مطالعو“. اُن مقالي ۾ مون سنڌ ۾ رائج ڪن ’ڌرمن’، ’پنٿن‘ ۽ اُنهن جي ‘ڪريائن‘ تي روشني وڌي هئي. اُنهن ڪريائن مان ’جل پوڄا‘ ۽ ’جوت جي پوڄا‘ کان سواءِ ’درياء پنٿي ڪريائن’ ۾ ’مڇيءَ کي جيوت لاءِ اهم سمجهڻ‘ ۽ اُن جو ’برڪت وارو هجڻ‘ واري موضوع جي اهميت تي نشاندهي ڪئي هئي. پڙهندڙن جي ياد تازي ڪرائڻ لاءِ، مذڪور مقالي مان ڪي پئراگراف نقل ڪري هيٺ ڏجن ٿا: +(الف) جوت جي پوڄا جي باري ۾ صفحي 59 تي هيئن لکيل آهي: +”جاتي شهر ۾، مغل ڀينءَ جي درگاهه تي دائما مچ ٻرندو رهي ٿو. اِهو مچ هرگز وسائڻو نه آهي. هن مچ کي ’جوت‘ به چوندا آهن. درگاهه جي مريدن جي عقيدي پٽاندر، درگاهه جي صحن ۾ جوت دائما جلائڻي آهي ۽ هرگز وسائڻي نه آهي. جوت جو توصر ’نور‘ سان آهي. اهائي جوت درياء پير، اُڏيري لال جي درگاهه تي به، بهراڻي واري حصي ۾، مندر ۾، دائما جلندي رهندي آهي، ۽ هرگز وسامڻ نه ڏبي آهي؛ لاٽ مان لاٽ ٻاري ويندي آهي؛ البت اُڏيري لال واري ’جوت‘ ۽ ’درويش مغل ڀينءَ واريءَ جوت ۾ فرق هيءُ آهي ته اُڏيرو لال واري جوت ’ڏيئي جلائڻ‘ سان ورشن رهندي آهي، جڏهن ته درويش مغل ڀينءَ جي درگاهه تي جوت، ’مچ‘ جي لاٽ مان نڪرندي آهي. بهرحال ’جوت’، ’جوت‘ آهي، جنهن جي روشني دائما رهڻي آهي.“(25) +سنڌ ۾، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾، ’نماز شام‘ (عوامي لهجي ۾ ’نماشام‘ چون) مهل، بتي ٻارن تي، يعني ’نور جي جوت‘ منور ٿيڻ تي، شڪراني طور، گهر جو هر ڀاتي، پنهنجو ساڄو هٿ، پنهنجي منهن تان گهمائي، شڪر ڪندو آهي، ۽ پوءِ جيئن هن کان اڳ سج جي سلام ڀرڻ لاءِ عورت، ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر کي چمي، پوءِ اُن سان نَڪَ کي ڇُهي، ۽ پوءِ نرڙ (پيشانيءَ) کي ڇهندي آهي، بلڪل ائين، ’نور جي منور ٿيڻ مهل‘ ڪيو ويندو آهي. اهو عمل اِن ڪري ڪبو آهي. جو عام عقيدو اهو آهي ته ڏينهن جون چار ئي گهڙيون، اُن ئي مهل پچاڻيءَ تي پهچنديون آهن، ۽ اوندهه کي ٽارڻ لاءِ، جوت جي روشني، ساري ماحول کي روشن ڪندي آهي. +(ب) ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل منهنجي ساڳئي مقالي ۾، صفحي 59 تي ’جل پوڄا‘ جي بار ۾ هيئن لکيل آهي: +”اُڏيري لال کي سنڌ جا هندو (پوءِ چاهي اُهي دنيا جي ڪهڙي به حصي ۾ لڏي ويا هجن) ۽ مسلمان، ’درياء پير‘ ڪوٺيندا آهن. سنڌ جا ’درياء پنٿي’، چيٽي چنڊ (چيٽ ميهني جي شروع ٿيڻ واري رات) تي هت وڏو ميلو لڳائيندا آهن ۽ هن ميلي کي ’جاٽ’ سڏيندا آهن. هن ميلي جي موقعي تي هزارن جي تعداد ۾ هندو ۽ مسلمان، ’جاٽي‘، اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ پير جي ’جاٽ‘ ڪندا آهن. هندن طرفان ست سنگ ۽ ڀڄن ڀاو جو بندوبست ڪيو ويندو آهي، درياء پير جي علامت طور ’بهراڻا‘ ڪڍندا آهن. ڇيڄ جو ناچ ڪندا آهن ۽ پير جا پنجڙا ڳائيندا آهن ۽ ’جهولي لال، جهولي لال‘ جا هوڪرا هڻندا آهن. +هندو جاتيءَ وارا ’جل ۽ جوت‘ جي پوڄا ڪندا آهن. انهيءَ پوڄا ۽ پاٺ کي، ۽ درياء پير جي انهيءَ ’ياترا‘ کي، سنڌي هندو، مذهبي عقيدي وچان ’جاٽ‘ يعني ياترا سڏيندا آهن، جنهن جو درجو هو تمام گهڻو اُتم سمجهندا آهن.“ (26). +هن مقالي ۾ اڳتي ڄاڻايل آهي ته: +”جيئن مٿي چيو ويو آهي ته هن ميلي جي موقعي تي، ��نڌو درياء ۽ منڇر ڍنڍ تي رهندڙ مهاڻا ۽ ٻيڙياتا، پنهنجن ٻچن ٻارن سميت سلام ڀرڻ ايندا آهن؛ مٺن چانورن جون ديڳيون لهرائيندا آهن، ۽ درياء پير تي نذر ۽ نياز ڏيندا آهن، خير خيراتون ڪندا آهن ۽ ايندڙ سال لاءِ خير ۽ برڪت جون دعائوپن گهرندا آهن. انهيءَ موقعي تي، هندو ماڻهو جل جي پوڄا ڪندا آهن، ۽ اُن ۾ اکا وجهندا آهن ۽ ڏيئا ٻاريندا آهن. +اُڏيري لال واري آستان تي، اندرئين طرف، هڪ کوهه آهي، جنهن جي پاڻيءَ کي هندو جاتيءَ جا ماڻهو، امرت ڌارا سمجهي، اُن جي پوڄا ڪندا آهن.“ (27) +سنڌ ۾، جل پوڄا جي رسم، قلندر شهباز جي درگاهه جي رسمن مان به هڪ آهي. لال باغ تي، لال جا ملنگ ۽ جاٽي، سڄي رات، هستيءَ ۽ مستيءَ توڙي وجد جي ڪيفيت ۾ گذاريندا آهن. اُتي ماڻهو، جل جي پوڄا ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح انهيءَ آستان کان اڳتي، ساڳئيءَ واٽ تي، ڪجهه مفاصلي تي، ’نئنگ جي چشمن‘ مان وهندڙ ’جل‘ (پاڻي) کي لاهوتي فقير، جوڳي، سامي ۽ ملنگ، عزت ۽ احترام وچان، چشمن (اکين) تي لائيند آهن.“ (289 +12 ـــ لطيف سائينءَ جو ڪلام، سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو علمبردار آهي. اُن ۾ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي سڀني پهلوئن تي بيشمار بيت شامل آهن ڊاڪٽر شاهه نواز ’سوڍر! جي ڊاڪٽوريٽ لاءِ لکيل مقالو، هن سلسلي ۾ هڪ بهترين تحقيق آهي. اهڙيءَ طرح هن ڏس ۾ ٻيا به لاجواب مقالا لکيا ويا آهن. +شاهه لطيف جي رسالي جي سر سامونڊيءَ ۾، جل پوڄا جي باري ۾، 5 بيتن ۽ هڪ وائيءَ ۾ وستار ڪيل آهي (29)، پر ڄڻ ته ڪوزي ۾ درياء/ سمنڊ کي بند ڪيو ويو آهي. اهي بيت، سنڌي تهذيب جي ’جل پوچا‘ واري باب لاءِ وڏو ثبوت پيش ڪن ٿا. وڻجارن جون وهون ۽ ونيون، وڻجارن جي سامونڊي سفر تي اُسهڻ کان اڳ ۽ اُنهن جي خير سلامتيءَ واري سفر ۽ سک سلامتيءَ سان واپس ورڻ لاءِ، بندرن جي ڪنارن تي وڃي، درياء شاهه تي سکائون پاکائون ڪنديون هيون، منتون، مڃينديون هيون، ۽ جل جي پوچا ڪنديون هيون. شاهه سائينءَ، وڻجارين کي سندن اُنهن سکائن جي پورائي ڪندي، جل جي پوڄا ڪندي، اُن ۾ اکا وجهندي، ڏيئا موهيندي، کٿوريءَ ۽ سرکنڊ جي خوشبوءَ سان اُنَ کي واسيندي ڏيکاريو آهي. لطيف، پنهنجي هن سُر ۾ اهڙا چٽ چٽيا آهن ۽ اهڙا منظر پيش ڪيا آهن. جن وڻجارين طرفان سستيءَ، لاپرواهيءَ ۽ مڃيل سکا جي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾، ۽ جل جي پوڄا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي، ۽ لاپرواهيءَ کان ڪم ورتو ويو، انهن لاءِ شڪ، ڀرم، سنسي ۽ وسوسي جي وارتا بيان ڪئي آهي. اهڙين سست، لاپرواهه ۽ ڪوتاهي ڪندڙ وڻجارين کي، جل جي پوڄا ڪرڻ جي يادگيري ڏياريندي ۽ کين هدايت ڪندي لطيف فرمايو ته: +جا جر جاٽون نه ڌي، ڏيئا نه موهي +سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون (30) +اُن زماني ۾ سنڌ جا وڻجارا، اڃا اُتر جون هوائون لڳڻ شروع ئي مس ٿينديون هيون ته پنهنجي ٻيڙن جا سڙهه سنوان ڪندا هئا ۽ پنهنجا واهڻ هاڪاري، وڃڻ جون تياريون ڪندا هئا، ۽ وَهن کان موڪليندا هئا، ۽ وري جڏهن واهوندا ورندا هئا، تڏهن اُهي سامونڊي، سفر تان موٽندا هئا. هن ساري ماحول جي منظر، لطيف سرڪار هيئن چٽيو آهي: +اُتر لڳي اوهريا، واهوندن ورن +13 ـــ سنڌ جا وڻجارا، پنهنجا واهڻ سنڌو درياء جي بندرن، يا درياء جي ڇاڙن ۽ سامونڊي کارين جي ڪنڌين ۽ ڪنارن تي واهڻن لاءِ ٺهيل ڌڪن، ۽ سامونڊي کارين تي آباد شهرن ۽ بندرن تان پرڏيهين (لنڪا، چين جاوا، سوماترا، مالديپ ۽ سرانديپ ۽ ايراني نار وارن شهرن) لاءِ اُسهندا هئا. هُو درياء جي شاخن يعني پراڻ، مهراڻي، گونگڙي، بگهاڙ ۽ هاڪڙي نديءَ جي ڪنارن تي قائم، قديم دريائي بندرن �� واپاري شهرن جهڙوڪ: نُهٽو، رتوڪوٽ، پاري ننگر، ونگو پتڻ، باغ جو پتڻ، ٻنگهار جو سهر، جوڻ، فتح باغ، آڳڙيءَ جو شهر (جسوڌڻ آڳڙي جي گاديءَ وارو شهر)، ماهم تور (محمد طور)، ڍنڍي، ملان ڪاتيار، ڏاڏواهه، ميران پور، رڙي، ميرپور بٺورو، ننگر ٺٽو ۽ سامونڊي کارين تي سنڊو بندر، شاهه بندر، اورنگا بندر، ديرو، لاڙي بندر، جاکي بندر، ڪيٽي بندر، هميت جو بندر، راهموڪي بازار، علي بندر ۽ سنڌڙي بندر، نالي وارا بندر هوندا هئا، جتان وڻجارا پنهنجا واهڻ بهاڪاري، کارو کيڙڻ لاءِ، ست سمنڊ پار ويندا هئا. اڄ به انهن جي اولاد مان ڪي مالديپ، سري لنڪا (سرانديپ) ملبار جي ڪناري وارن شهرن کان سواءِ جاوا، سوماترا، عدن، بحرين، بصري، اورماڙي ۽ آفريڪا ۾ آباد آهن. +شاهه لطيف جي هن بيت مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته وڻجارن جا واپاري ڌڪا، سامونڊي ساحل کان سواءِ، دريا جي بندرن تي پڻ هوندا هئا؛ مثال طور: +کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا، +سوڌو ڪن نه سونَ جوِ، وڏا وهائو، +موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو، +سامونڊي سائو، لنڪا لوچي آئيا. +14 ـــ مٿي چيو ويو آهي ته وڻجارن جي سفر تي اُسهڻ کان اڳ يا سفر تان موٽڻ کان ڪجهه عرصو اڳ يا سفر تان موٽڻ تي، وڻجارن جون وَهون، بندرن تي وڃي، درياء شاهه (جل) جي پوڄا ڪنديون هيون؛ پاڻيءَ ۾ اکا وجهنديون هيون؛ ڏيئا موهينديون هيون. پر جيڪڏهن وڻجارن واپس وارڻ ۾ دير ڪئي، ته پوءِ اُهي زائفائون، درياء جي ڪنڌين تي وڃي، وڻجارن جي خير سلامتيءَ سان واپس ورڻ لاءِ، باسون باسنديون هيون ۽ سکائون ڪنديون هيون. لطيف سائين سر سامونڊيءَ ۾، وڻجارين جي انهيءَ ڪريا ۽ پاڻيءَ جي پوڄا جو جيڪو نقشو چٽيو آهي، سو سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو هڪ اهم بابت آهي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا: +(1) وڻجارن، واپس ورڻ ۾ دير ڪئي؛ سندن ونيون ۽ وَهون، اُنهن جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ پريشان آهن؛ هُو سامونڊين جي هر واٽ تي ڏيئا پيئيون ٻارين؛ لطيف سائينءَ اُنهن جي باري ۾ هيئين فرمايو آهي: +جر تڙ ڏيئا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وائنٽيون +الله ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان (31) +(2) پنهنجي ور جي واپس ورڻ لاءِ باسيل باس جي پوري ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ، يا سست، لاپرواهه ۽ ڪاهل وڻجاري، جيڪا پنهنجي وڻجاري جي خير سلامتيءَ سان جلدي واپس ورڻ لاءِ جل پوڄا نٿي ڪري، پاڻيءَ جي اکا نٿي وجهي، ڏيئا نٿي موهي، دعائون نٿي گهري، سمنڊ ۾ ترڦل، ڦوٽا، سرکنڊ ۽ کٿوري نٿي وجهي، تنهن لاءِ لطيف سائينءَ هيئن ٿو فرمائي: +جا جر جاٽون نه ڏي، ڏيا نه موهي +سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون (32) +(3) بندر تي وڻجارن جي اوسيئڙي ۾، آسائتين وڻجارين جي پوڄا جو منظر لطيف سرڪار هيئن چٽيو آهي: +اُڀيون تڙ پوڄين، وَهون وڻجارن جون، +آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي (33) +(4) وڻجارا خير ۽ سلامتيءَ سان موٽي آيا آهن؛ سندن وَهون ۽ وَنيون ڏاڍيون خوش آهن؛ هو خوشيءَ وچان کليو چون ٿيون: +جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄئا +پُنيم اُميدون، سيئي سڄڻ آئيا (34) +سنڌ جي وڏي لطيف شناس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب طرفان، ايڊٽ ڪيل شاهه جي رسالي جي سر سامونڊيءَ ۾، شاهه صاحب طرفان چيل هڪ وائيءَ ۾، وڻجاري کي جل پوڄا ڪندي، هن طرح بيان ڪيو ويو آهي: +تڙ نهاريان تي، منهنجا بندر وئڙا جي، +مان سڙهه سڃاڻان سڄڻين. +وڻ ٽڻ ٻڌي وائنٽيون، جر تڙ ڏيا ڏي، +کٿوري سمنڊ کي، آڻيو اکا ڏي +آسائتي آهيان، الله ڪانڌ اچي (35) +محترم غلام محمد شهواڻي، پنهنجي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي، سُر سامونڊيءَ جو مضمون، هنن لفظن ۾ ٿو سمجهائي: +”هن سُر ۾ وڻجارن جي وَهن جو ا��وال عمدي پيرايي ۾ ڏنل آهي. شاهه جيڪو ذات جي جذبن ۽ اُمنگن جو نقش، هت ويهي چٽيو آهي، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سفر ڪندي شاعر، اکيون اُپٽي ۽ ڪَنَ کولي ماحول جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪندو پئي ويو. ڪراچيءَ جي لاڙ حصي جو، مغل ڀينءَ وٽ جيڪو سامونڊين جي وڇڙيل وَهُن ۽ مُنڌل مُنڌن جو حال هن اکين سان ڏٺو هو، تنهن جي هِن سُرَ ۾ چٽي تصوير نڪتل آهي. وڻجارين جي من جو مونجهارو، اندر ۾ اُٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پورَ، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آگي اڳيان التجائون، سندن صحيح صلامت واپس ورڻ لاءِ قسمين قسمين حيلا ۽ تپشيائون، تڙن تي ورن ورڻ لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار ڪرڻ، بندر تي ناکئن کان پڇائون ڪرڻ، پيرن تي پڙ باسڻ، درياء تي اکا پائن، چؤواٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيره، اِنهن سڀني جو نهايت دلسوز ۽ رقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي.“ (36) +حاصل مطلب ته اِهي ۽ اهڙا ٻيا سوين، بلڪ هزارين نڪتا لطيف سائينءَ جي رسالي جي مختلف سرن ۾، اشارن، ڪتابن، استعارن، تشبيهن، تمثيلن ۽ علامتن طور بيان ٿيل آهن. جيتوڻيڪ هن کان اڳ لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ محققن، معياري ۽ معلوماتي محنت ڪئي آهي، ۽ تحقيقي مقالي لکيا آهن پر جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو آهي ته سنڌ جي ثقافت، گهَڻ ــــ پهلوئين ثقافت آهي، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ قديم زماني کان ڌار ڌار پنٿن، ڌرمن، متن ۽ مذهبن کي مڃڻ وارو عنصر اڄ به ڪنهن نه ڪنهن ڪرياڪرم جي وسيلي، متواتر، سڌيءَ طدرح يا اڻسڌيءَ طرح، ظاهر ۾ يا لڪل نموني، جاري آهي. +جل پوڄا، سنڌي ثقافت جو هڪ اهم باب آهي، جنهن تي اڃا به تفصيلي تحقيق جي ضرورت آهي. +حوالا +(1) روحل فقير جو ڪلام +(2) Asko Parpola and Simo Parpola, Further Progress in Indian Script Decipherment, Copenhagen, Scandinavian Institute of Asian Studies, 1970, p. 33. +(3) تاج صحرائي: سنڌو تهذيب، دادو، کيرٿر پبلشرز، 1989ع، ص 9 +(4) ايضاً، ص ص 144 ۽ 145. +(5) ايضاً، ص 145. +(6) ايضاً، ص ص 140 ۽ 141. +(7) John Marshal, Sir, Mohen- jo- Daro and Indus Civilization. +(8) Riaz Siddiqui, Dr. Archaeology of Pakistan, Indus Publications, 1994, p. 55. +(9) Ibid +(10) ڏسو حوالو 3، ص 14. +(11) ايضاً، ص 108. +(12) Thakur, U.T, Dr., Sindhi Culture, Bombay University Publication, Sociology series, No: 9,1959,pp. 19 & 20. +(13) Ibid +(14) Ibid, p. 192 +(15) Ibid +(16) لعل سنگهه اجواڻي، پروفيسر: سنڌي ادب جي تاريخ، ص 34. +(17) Allana G.A, Sindhi Culture, Karachi, Indus Publication, 1986, pp. 59, 70 & 80. +(18) Ibid +(19) See ref: No: 12 +(20) ڏسو حوالو نمبر 16، ص 38. +(21) ايضاً +(22) See ref: 12 +(23) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: مقالو: سنڌ جي ڪن درگاهن جون رسمون ۽ اُنهن جو ميٿالاجيءَ جي روشنيءَ ۾ مطالعو، ٽماهي مهراڻ، 1989ع، نمبر 4، ص 56. +(24) ذاتي طور ورتل انٽرويو، جيڪو سنڌالاجيءَ ۾ موجود هو. +(25) ڏسو حوالو نمبر 23، ص 59. +(26) ايضاً +(27) ايضاً +(28) ايضاً +(29) غلام محمد شهواڻي: شاهه جو رسالو، حيدرآباد، آر. ايڇ. احمد ۽ برادرس، 1950ع، ص ص 259 ۽ 366. +(30) ايضاً +(31) ڏسو حوالو نمبر 28، بيت 22. +(32) ايضاً، بيت 23. +(33) ايضاً، بيت 18. +(34) ايضاً، بيت 19. +(35) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: محقق ۽ شارح، شاهه جو رسالو/ شاهه جو ڪلام، جلد 2، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه/ حيدرآباد، 1992، ص ص 442 ۽ 444 +(36) ڏسو حوالو نمبر 28، ص 239. +دين محمد ڪلهوڙو +سنڌي لفظن جو لساني جائزو +ٻوليءَ جي سرحد: ”علمِ لِسان“، ٻوليءَ متعلق سائنسي علم آهي، جنهن تي اسان وٽ ايڏو وڏو ڪم آڃا نه ٿيو آهي. جو ڪجهه ٿيو آهي، اُهو اڃا ابتدائي مرحلن ۾ آهي. اسان جا پڙهيل لکيل ماڻهو گهڻو ڪري علم کان پوريءَ ريت واقف به نه ٿي سگهيا آهن، ته آخر هن علم جو مقصد ڇا آهي ۽ هيءُ سماج ۾ ڪهڙو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو؟ هن علم جون سرحدون ڪيستائين ڦهليل آهن؟ اهڙا ڪيئي سوال آهن، جي لکيل پڙهيل ماڻهن واتان ٻُڌجن ٿا. +سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات جو هر موضوع دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. اِها دلچسپي، گهڻو ڪري هن علم جي عالمن، ماهرن ۽ محققن جي اختلافن ۽ ٽڪرائن جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اِها خصوصيت چئجي يا خوش نصيبي جو هن ۾ هڪ ته ڌارين لفظن کي پنهنجو ڪرڻ جي قوت سمايل آهي، ٻيو ٻين غريب ٻولين کي پنهنجا لفظ اُڌاري طور به ڏئي ٿي، ۽ ٽيون ته سُرن ۽ آوازن جو هڪ وسيع ۽ ڀرپور نظام رکي ٿي، جو شايد ٻين ٻولين ۾ اهڙو نه هجي. +سنڌي ٻوليءَ ۾ ’گئنس‘ ۽ ’گؤنس‘ ٻه اهڙا لفظ آهن، جن جي معنا ته ساڳي آهي پر سماج ۾ اُنهن جي سڃاڻپ ۽ ماحول الڳ الڳ آهي. اُنهن ٻنهي لفظن جي معنا آهي: ’نقصان، هٿ چراند، شرارت، تڪليف، چُرچ’ وغيره. لفظ ’کؤنس‘ خالص انسان ۽ حيوانن لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ لفظ ’گئنس‘ خاصل زرعي آباديءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم جنس يا ڪنهن جانور کي تنگ ڪندو، ته چئبو: ’فِلاڻي، فِلاڻي سان کؤنس ڪئي‘ يا چئبو: ’فِلاڻي جانور، فِلاڻي جي پوک سان گئنس ڪئي. اهڙيءَ طرح لفظ ’کئنسيرو‘ يا ’کؤنسيرو‘ رڳو ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿئي. چئبو: ’فلاڻو کئنسيرو آهي، يعني: هِن کي پاڙي جو ڀرم به رکڻ نٿو اچي، جو وتي ٿو ماڻهن کي رنجائيندو. +مطلب ته سماج ۾ ساڳيا لفظ هڪ ئي وقت ڪهڙيءَ ريت الڳ ماحول، مزاج ۽ طبيعت رکن ٿا، تنهن جو تعلق ’علم لِسان‘، (Linguistics) جي شاخ ’معنيات‘ (Semantics) سان آهي. اهو هڪ دلچسپ بحث آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مونث ۽ مذڪر جنسون ڪيئن ٺهن ٿيون، جن جو تعلق لفظن جي سرُن (Vowels) ۽ آوازن جي پڇاڙين سان آهي، جنهن کي علم لِسان ۾ ’صوتيات‘ (Phonology) يعني ’ٻوليءَ جي آوازن جو سائنسي علم‘ چئجي. مطلب ته سماج ۾ اهڙو ڪوبه علم نه آهي، جنهن جي ڄاڻ لِسانيات ۾ نه ملي، اهو ممڪن نه آهي. سماج ۾ ٻولي ڪيئن ڊهي ۽ ٺهي ٿي ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ڪيئن رابطو رهي ٿو، ٻوليءَ جي اُنهيءَ سموري (Mechanism) جو واسطو وري ”سماجي لِسانيات“ (Socio Linguistics) سان آهي. دراصل سنڌي زبان جي اها خوبي فطري آهي، جا هوءَ پنهنجي دامن ۾ صدين کان سمايو بيٺي آهي. سنڌي لفظن، سُرن ۽ آوازن جي پنهنجي قدامت، تاريخ ۽ ماحول آهي. اِنهن مڙني موضوعن تي ويهي طبع آزمائي ڪبي، ته ڪيترائي ڪتاب تيار ٿي سگهن ٿا. هن مقالي ۾ گهڻو ڪري سنڌي زبان جي اهڙن لفظن جو لسانياتي جائزو ورتو ويو آهي، جن تي اڳ ۾ لسانيات جي عالمن ۽ ماهرن پنهنجا رايا ڏنا آهن. مون به پنهنجي ناقص نظر سان لفظن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جا لسانيات جي پڙهندڙن لاءِ نئين سر بحث ڪرڻ موضوع کولڻ ۽ لکڻ جي دعوت به ڏئي ٿي. +لفظ جي صوتِي ڪيفيت: هر ٻوليءَ جو ايڪو ’لفظ‘ ٿئي ٿو، جو مختلف آوازن مان جُڙي ٿو ۽ ٻين هم جنس لفظن سان ڳنڍجي جُملو ٺاهي ٿو. لفظ مان نڪرندڙ آواز ٻن جزن يعني وينجنس (Consonants) ۽ سُرن (Vowels) تي مشتمل ٿين ٿا ۽ اهڙيءَ ريت ڪيترائي وينجن ۽ سُر، لفظن کي ٺاهي ٻوليءَ جي هڪ ڀرپور نظام کي جوڙين ٿا. ’لفظ‘ جي معنوي طور تقطيع يا ڀڃ ڪبي ته ان مان ’صوتيا‘ (Phonemics) ۽ ’صرفيا‘ (Morphenics) نڪرندا. صوتيو اُن کي چئجي جو آوازن ۾ معنوي فرق ڪري. جيئن:/ ڀَيڙو/ ۽ /ڀِيڙو/. اِنهن ٻنهي لفظن ۾ جيڪي آواز معنوي فرق پيدا ڪن ٿا سي آهن: /اَي ۽/اِي /تنهنڪري اِهي ٻيئي صوتيا سڏبا. ’صرفيا‘ وري صوتين مان ٺهن. هڪ صوفيي ۾ هڪ صوتيو يا هڪ کان وڌيڪ صوتيا به ٿي سگهن ٿا. هڪ صوتيي ۾ ’سادو لفظ‘ به ٿي سگهي ٿو ۽ ’پَدُ‘ (Syllables) به، جو ٻئي ’سادي لفظ‘ سان ملي نئون لفظ ٺاهي ٿو. جيئن: /جهَولڙو/ ۾ ٻه صرفيا [جهول] ۽ [ڙو] آهي. پهريون سادو لفظ ۽ ٻيو پَدُ آهي. لفظ جو اِهو حصو، جنهن جي اُچار مان ننڍا يا وڏا سُر نڪرن، تنهن کي ’پَدُ‘ چئجي. اِنهيءَ مختصر بحث مان خبر پوي ٿي ته ٻوليءَ ۾ ’لفظ‘ جي وڏي اهيمت آهي، ڇاڪاڻ ته هِن مان گهڻو ڪري هڪ جملي جو مفهوم به نڪري ٿو. جيئن: ڳالهاءِ! گُهُم!، ڀَڄُ‘ وغيره. +لفظ جي تعريف ۽ تشريح: لفظ، ٻوليءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻيا ٻيا روپ وٺن ٿا، تَنهن جو تعلق لسانيات جي شاخ ’صَرفيات‘ سان آهي، جنهن کي تشڪيلات به چئجي. اِهو علم، لفظ جي مختلف شڪيلن ۽ صورتن سان بحث ڪري ٿو. سنڌي زبان ۾ ”لفظ“ اُهو اُچاريل ايڪو آهي، جو اڪيلي سر ٻوليءَ ۾ بامعنا مستقل حيثيت رکي“ * +”لفظ“ جي تشريح ڪندي ڊاڪٽر علي نواز جتوئي، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ جي صفحي 108 ۾ ملن ٿا: +”روزمره جي گفتگو ۾ اسين جيڪي لفظ ڪم آڻيون ٿا، تن مان ڪي اهڙا هوندا آهن، جن جو روپ مختلف جملن ۾ ڦريو وڃي. مثال طور: لفظ/ بابت/ هميشه سڀني جملن ۾ انهيءَ روپ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، مگر لفظ /ڇوڪرو/ ڦريو ڪيترائي روپ وٺي ٿو، جيئن: +1 ــــ ڇوڪرو اچي ٿو، 2 ــــ ڇوڪرا اچن ٿا، 3 ــــ ڇَوڪري کي نه مار، 4 ـــ ڇوڪرن کي نه مار، 5 ـــ ڇوڪري اچي ٿي، 6 ـــ ڇوڪريون اچن ٿيون، 7 ـــ ڇوڪريءَ کي نه مار، 8 ـــ ڇوڪرين کي نه مار. +مٿين جملن ۾ /ڇوڪرو /لفظ جون ۽ ٻيون 7 صورتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ازنسواءِ ڪيترا اهڙا لفظ هوندا آهن، جي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سر مستقل الڳ حيثيت رکن ٿا، مگر ٻين لفظن مان ٺهيل هوندا آهن، مثلاً: لفظ /وڏائي/ سنڌي زبان ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو مگر لفظ /وڏو/ مان ڦٽي نڪتو آهي. اهڙيءَ طرح /انيڪ دل/ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ لفظ آهي جو ڪنهن ماڻهوءَ جي گڻ کي ظاهر ڪري ٿو، مگر پنهنجي جوڙجڪ ۽ ٻن لفظن /نيڪ / ۽ دل/ جو مرڪب آهي.“ +”لفظ“ متعلق لِسانياتي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جن ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ۾ لکن ٿا: +’سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻين، لفظن جا هيٺيان ٻه قسم بيان ڪيا آهن: (الف* ’مُفِردُ لفظ‘ ۽ (ب) ’مُرَڪِبُ لفظ‘. سٽاءَ ۽ بناوت جي لحاظ کان لسانيات جي ڄاڻن، لفظ کي ٻن مکيه قسمن ۾ ورهايو آهي. هڪڙا ابتدائي يا بنيادي لفظ (Primary) ۽ ٻيا ثانوي لفظ (Secondary word). پهريان ابتدائي لفظ اهي آهن، جن مان ٻيا يعني ثانوي لفظ ٺهن ٿا، پر اِهي (ابتدالي لفظ) خود ڪنهن ٻئي لطف يا ٻين لفظن مان جڙيل نه هوندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جا لفظ / وڏو، ننڍو، ڇوڪر ۽ ماڻهو/ وغيره ابتدائي يا بڻيادي لفظ آهن، اِهي لفظ ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ يا بنياد مان جڙيل نه آهن، پر اِهي خود ڌاتو يا بنياد ٿي ڪم ايندا آهن.“ +ڊاڪٽر صاحب جن وڌيڪ لکن ٿا: ”هاڻوڪي وصف موجب، مفرد لفظ اُهي صورتون آهن، جن کي اڳتي وڌيڪ معنادار جزن ۾ ٽوڙي يا ورهائي نٿو سگهجي. مثال طور: /پَتِ، ماڻهو، ڄاڻ، ڇوڪر ۽ ننڍو/ وغيره، پر /وڏائي، وڏپڻ، وڏتڻ، ننڍائي ننڍپڻ، ماڻهپو، ڇوڪرپائي/ وغيره لفظ بنيادي يعني ابتدائي لفظن مان ٺهيل آهن. بلڪل ساڳيءَ طرح /گهر ڌڻي، ملڪ راڄ، منهن ـــ جوت ۽ سَٽ ڪُٽ/ وغيره لفظ به بنيادي يعني ابتدائي لفظ نه آهن، پر اِهي سڀيئي ثانوي لفظ آهن.“ +ڊاڪٽر جتوئي صاحب جن جي پهرين مثال جي ڀَڃ ڪبي، ته ڪيتريون ئي ڳالهيون واضح ٿي سامهون اينديون. مثال طور: ڊاڪٽر صاحب جن لفظ /ڇوڪرو/ جون 7 صورتون ٻڌايون آهن. سندن خيال موجب اُنهن سَتن صورتن جو بڻياد (Base)/ ڇوڪرو/ آهي، پر جيڪڏهن اسان انهيءَ لفظ جي حصن تي غور ڪنداسين ته اُهو ٻن جزن ۾ ورهايل نظر ايندو. هڪ/ ڇوڪرُ/ ۽ ٻيو/ او/. ’او‘ پڇاڙي آهي، جنهن مان عدد واحد ۽ جنس مذڪر جي خبر پوي ٿي ۽ /ڇوڪرُ/ ’بڻياد‘ (Base) آهي. جيڪڏهن اُن بڻياد يعني /ڇوڪر/ پٺيان ’آ‘ پڇاڙي لڳائبي، ته عدد جمع جنس مذڪر جي ڄاڻ پوندي، جيئن /ڇوڪرا/. ’اِي‘ پڇاڙي لڳائڻ سان عدد واحد جنس مونث ٺهندي، جيئن /ڇوڪِري/. ’يون‘ پڇاڙي ڳنڍڻ سان عدد جمع جنس مونث ٺهندي، جيئن /ڇوڪريون/. ڪنهن به لفظ جي بڻياد (Base) کي ڳولهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اُن جي اڳياڙين ۽ پڇاڙين تي غور ڪيو وڃي. اڳياڙي مٽائي سگهجي ٿي، پڇاڙي بدلائي سگهجي ٿي، پر اُن لفظ واري بڻياد جي مستقل حيثيت هر حال ۾ ساڳي ئي رهڻي آهي. بڻياد جي اڳياڙي مٽائڻ سان لفظ جي مفهوم ۾ ڦيرو اچي ٿو. پڇاڙي تبديل ڪرڻ سان عدد ۽ جنس ۾ تبديلي اچي ٿي، مثال طور: /اَولو/ ۽ /سَولو/. جيڪڏهن اِنهن لفظن جي ڀڃ ڪبي، ته ڪي ڳالهيون سامهون اينديون. لفظ جي ڀَڃ لاءِ فارمولو آهي: /اڳياڙي/ + /بُڻياد / + /وِچياڙِي /+ /پڇاڙِي. +اَولو = [ (اَ[ = نه. /ول / آسان. /او /= /عدد واحد جنس مذڪر جو جزو] +اَوِلي = [ (اَ) = نه. /ول/ = آسان. /اِي /= عدد واحد جنس مونث جو جزو] +سَوِلو = [(سَ) = صحيح، سٺي /ول / = آسان. /او/ /= عدد واحد جنس مذڪر] +سَوِلي = [(سَ) = صحيح، سٺي /ول/ = آسان. /اِي /= عدد واحد جنس مونث] +· ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي اڳياڙي جو وڌاءُ، بڻياد جو وڌاءُ. وچياڙي جو وڌاءُ، پڇاڙي جو وڌاءُ ٿيندو آهي، جنهن لاءِ ڀڃڻي آهي: +· /اڳياڙي /+ / اڳياڙي جو وڌاءُ / + + بڻياد/ + /بڻياد جو وڌاءُ/ + /وچياڙي/ + /وچياڙي جو وڌاءُ/ + / پڇاڙي /+ / پڇاڙي جو وڌاءُ/. +· ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي اڳياڙي نه ٿيندي آهي ۽ بڻياد اڳ ۾ ايندو آهي، ان لا ڀڃڻي آهي / ــــ /بڻياد/ + /پڇاڙي / مثال طور: / ادبُ، دردُ، شرمُ / وغيره، اُنهن جي پڇاڙي آهي /اُ/. +اڳياڙي (Prefixes): ڪوبه اڻپورو جزو ڪنهن بڻياد جي اڳيان مِلائجي، تنهن کي اڳياڙي چئجي. اڳياڙي لفظ جي مفهوم ۾ تبديلي آڻي ٿي. جيئن: /بي بوءِ / ۽ /بدبوءِ/ +[بي (اڳياڙي) + بو (بڻياد) + ءِ (پڇاڙي)] = بي بوءِ +[بد (اڳياڙي) + بو (بڻياد) + ءِ (پڇاڙي)] =بد بوءِ +بڻياد (Base): فعل جو اُهو جزو، جنهن مان ٻيون صورتون ڦُٽي نڪرن. ٻين لفظن ۾ هن کي ’مصدر‘ يا ڌاتو‘ به چئجي. ڇو ته اُن جي پنهنجي مستقل حيثيت ٿئي ٿي، جا مَٽجي نه ٿي پر اتان ٻيا لفظ ٺهن يا ڦُٽي نڪرن ٿا، جيئن: ’چنڊ‘ مان ’چانڊوڪي‘، ’چانڊوڪيون‘. ’منڊ‘ مان ’مانڊي‘، ’مانڊيون‘ وغيره. بڻياد کان سواءِ ٻه اڻپورا جزا ڪڏهن به لفظ ٺاهي نٿا سگهن. مثال طور/ بي با، بابد، بي بد/ وغيره. جيئن پوکيءَ لاءِ ٻج ضروري آهي، تيئن لفظن ۾ بنياد جو هجڻ تمام ضروري آهي. +· ڪي بڻياد، اڳياڙي جي هوندي به ڪا مڪمل معنا نٿا ڏيکارين، البته اُنهن جي مستقل حيثيت برقرار رهي ٿي. مثال طور؛ /تُنهن، مُنهن، پَنهن /. هنن لفظن ۾ بڻيادي جزو آهي/ اُنهن / يا / اَنُهن/، جن ۾ /تُ / وينجن اڳياڙي طور ’تون لاءِ‘، /م /وينجن اڳياڙي طور ’مون لاءِ‘ جي معنيٰ ٻڌائي ٿو. جڏهن ته /پَ /وينجن اڳياڙي آهي، جا ’پاڻ لاءِ‘ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. مستقل حيثيت رکندڙ بڻياد هتي گهڻو ڪري ضمير جي معنا ڏئي ٿو، سوا ايتسائين پنهنجو واضح مفهوم به ظاهر نٿو ڪري، جيستائين هن ۾ ڪا پڇاڙي لڳائي ڪو ’لفظ‘ نٿو جوڙجي. /جو/ پڇاڙ لڳائبي، ته پوءِ لفظ مڪمل ٿيندا /منهنجو، تنهنجو، پنهنجو/. هتي اهو مسئلو واضح ٿيڻ گهرجي، ته جيڪي بڻياد يا لفظ پنهنجي اڪيلي سر مڪمل معنا نٿا ڏيکارين، سي اڳياڙين يا پڇاڙين کان ڌار ڪرڻ بجاءِ ڳنڍي لکجن، جيئن: ’مُنهن جو‘ بجاءِ ’منهنجو‘، تُنهن جو‘ بجاءِ تُنهنجو‘، ’پنهnجو‘ بجاءِ ’پنهنجو‘ وغيره، ۽ جيڪي بڻياد يا لفظ پنهنجي سرشت ۾ مڪمل معنا ڏيکارين، سي اڳياڙين يا پڇاڙين کان ڇتي ڌار ڪري لکجن. جيئن: ’اسانجو‘ بجاءِ ’اسان جو‘، ’هنجو‘ بجاءِ ’هن جو‘، ’توهانجو‘ بجاءِ ’توهان جو‘، ’ڪنهنجو’ بجاءِ ’ڪنهن جو‘ وغيره. ڇاڪاڻ ته اڻپورن جزن جي هڪٻئي تي ڇڪ (Stress) اچي ٿي، جا ٻن اڌورين معنائن جا پاڻ ۾ گڏجي مڪمل مفهوم کي جوڙڻ لاءِ پيدا ڪجي ٿي. مڪمل بنيادُ يا لفظ، اڳياڙي کان انڪري ڌار لکڻ گهرجي، جو هن جي پنهنجي سر مڪمل معنا ٿئي ٿي، جنهن سبب اُن جي پڇاڙيءَ تي ڇڪ نٿي رهي، پر جي هروڀرو به اُن کي ملائبو ته اُن جي حرفي صورت ۾ فرق اچي ويندو، جنهنڪري لفظ معنا تي وڏو اثر پوندو. مثال طور: ’چئون ٿا’ بجاءِ ’چئونٿا‘، ’لکون ٿا‘ بجاءِ لکونٿا‘، ’ڪن ٽار‘ بجاءِ ’ڪنٽار‘ لکڻ سان اُنهن جون اکري صورتون ٿينديون: ’چئو نٿا‘، ’لکونٿا‘ ۽ ’ڪنٽار‘، جي اصلي لفظن جي معنائن ۽ شڪلين کان گهڻو تبديل ٿي ويا. +* . الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي جو اڀياس“، سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1987ع. + + +سنڌي ٻوليءَ جي اِها فطرت آهي ته هر لفظ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو. جيئن ڪمزور ماڻهو پنهنجي بي طاقتيءَ سبب پنهنجي جدا شناخت رکي ٿو ۽ چڱو ڀلو، طاقتور ماڻهو به ڪمزور ماڻهو پنهنجي بي طاقتيءَ سبب پنهنجي جدا شناخت رکي ٿو ۽ چڱو ڀلو، طاقتور ماڻهو به پنهنجي جدا سڃاڻپ رکي ٿو. ڪمزور ماڻهوءَ کي عام زندگيءَ ۾ ٻئي ڪنهن جي مدد جي ضرورت پوي ٿي پر طاقتور ماڻهو ڪنهن جي مدد کانسواءِ آزاد رهي ٿو، پر ٻنهي جي سڃاڻپ الڳ الڳ آهي. ٻوليءَ ۾ ائين آهي. معنادار ۽ صحتمند لفظ يا بڻياد به گهڻو ڪري آزاد چرپر ڪري ٿو ۽ ضعيف لفظ يا بڻياد به ٻئي صحتمند لفظ يا پڇاڙيءَ کان مدد وٺي معنادار بڻجي ٿو. +· ڪي بڻياد اهڙا آهن، جي مستقل حيثيت رکڻ سن گڏ اڪيلي سر بامعنا به آهن، مثال طور: /ٻَلُ، مُلهه، وَس / وغيره. اڳياڙي لڳائڻ سان اُنهن مان ڪافي مرتب لفظن ٺهن ٿا. جيئن: / اَٻل، نٻل، سَٻل، اَملهه، ڪُملهه، سُملهه،اَوس، بيوس، باوس/ وغيره. +· هن کان اڳ لسانيات ۾ جهڙيءَ طرح لفظن جي درجيبندي ڪئي ويئي آهي، تهڙيءَ ريت لفظ جي ’بڻياد‘ جي به (Classification) ڪرڻ گهربي هئي. جيڪڏهن ٻوليءَ جي بڻيادي يونٽ يعني ’لفظ‘ جي (Classification) ڪئي ٿي وڃي، ته پوءِ لفظ جي ’بڻياد‘ جي درجيبندي ڇو نٿي ڪري سگهجي؟ ’بڻياد‘ جي اهميت رڳو مفرد، مرڪب ۽ مرتب لفظن ۾ نٿي ٿئي، پر اُن سان گڏوگڏ خود بڻياد يعني ڌاتو پنهنجي پاڻ لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿو، اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته جهڙيءَ ريت لفظن ۾ سُرن ۽ وينجنن جو پنهنجي سر وڏو ڪارج آهي ۽ اُنهن کان سواءِ لفظَ، پد، ماترائون، صوتيا ۽ صرفيا نٿا ٺهي سگهن، تهڙيءَ ريت اُهي ڪنهن به لفظ جي ’بڻياد‘ يا ’ڌاتوءَ‘ لاءِ به ساڳي اهميت رکن ٿا. ٻين لفظن ۾ هنن کان سواءِ ’بنياد’ جو ٺهڻ ممڪن ڪونهي. ڪن ’بڻياد‘ ۾ سُرَ، وينجهنن کان سواءِ اڪيلي سر استعمال ٿين ۽ ڪن بڻيادن ۾ وري وينجنن سان گڏ استعمال ٿين. درجيبنديءَ ۾ ’بڻياد‘ جي آخري سور کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهنڪري اُنهن جي ڌار سڃاڻپ طئي ڪرڻ ضروري بڻجي ٿي. مثال طور: +1. هڪ مردُ وڃي پيو ۽ ٻيا مردَ اچن پيا. +2. ڇوڪرُ، ڇوڪِر کي سڏي پيو. +3. ڇوڪَر اچن پيا ۽ ڇوڪِر وڃي پئي. +4. نينگرو اچي پيو ۽ نينگرِ وڃي پئي. +5. نينگَر وڃن پيا ۽ نينگرِ اچي پئي. +مٿين مثالن تي غور ڪبو، ته /مرد، ڇوڪر ۽ نينگر /’بڻياد‘ ڪيترين ئي صورتن ۾ ورهايل نظر ايندا، جنهنڪري اها مشڪل پيدا ٿئي ٿي، ته اُنهن مان ڪنهن کي بڻيادي حيثيت ڏجي؟ اُهو فيصلوڪرڻ ذرا مشڪل ٿئي ٿو، انڪري به ’بڻياد‘ جي گروهه بندي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. +’بڻياد‘ کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ڪجهه ويچار ڏجن ٿا. +الف، * هڪڙا اهڙا بڻياد، جن جي پڇاڙي جو سُر / اُ/ ٿئي، تنهنڪري اُهي عدد واحد جنس مذڪر ٿين. +مثال طور: /ڇوڪرُ، نينگرُ، ڪُڪڙُ/ وغيره. +* هڪڙا اهڙا بڻياد، جن جي پڇاڙي جو سُر /اِ/ ٿئي، جي گهڻو ڪري عدد واحد جنس مونث ٿئي. +مثال طور: /ڇوڪرِ، نينگرِ، ڪُڪڙِ/. +* هڪڙا اهڙا بڻياد، جن جي پڇاڙي جو سُر /اَ /ٿئي، سي گهڻو ڪري عدد جمع جنس مذڪر ٿين. +مثال طور: /ڇوڪرَ، نينگر!، ڪُڪڙَ/. +(ب) هڪڙا اهڙا بڻياد، جن مان جنس مذڪر جا عدد واحد ۽ عدد جمع جوڙا ٺهن. +مثال طور: عدد واحد عدد جمع +انسانُ، انسانَ +مرُ مردَ +حيوانُ حيوانَ +ٻڪرُ ٻڪرَ +* هڪڙا اهڙا بڻياد، جي عدد واحد جنس مؤنث ٿين. +مثال طور: /عورتَ، ذاتِ، زِلَ، عِزَ/ وغيره. +* هڪڙا اهڙا بڻياد، جي عدد واحد جنس مذڪر ٿين، جن جي پڇاڙي جو سُر/ اُ / ٿئي. +مثال طور: /پيءُ، نانگُ، اٺُ، شينهنُ، گدڙُ، ڪانءُ/. +(ٻ) هڪڙا اهڙا بڻياد، جي هڪ ئي وقت عدد واحد عدد جمع جي نشاندهي ڪن. +مثال طور: +عدد واحد عدد جمع +پاڻي پاڻي +هاٿي هاٿي +ساٿي ساٿي +سائين سائين +کان کان +۽ ۽ +۾ ۾ +* هڪڙا اهڙا بڻياد، جي هڪ ئي وقت مونث به ٿين ته مذڪر به ٿين. +مثال طور: +عدد واحد عدد جمع +اوهان اوهان +اسان اسان +آئون آئون +تون تون +توهين توهين +توهان توهان +حاصل مطلب ته ’بڻياد‘ جنس ۾ مذڪر به ٿئي ته مؤنث به، عدد ۾واحد به ٿئي، ته جمع به. ۽ ڪن صورت ۾ هڪ ئي وقت واحد به ٿئي ته جمع به، مونث به ٿئي ته مذڪر به ٿئي. +جنهن بڻياد مان ٻه يا ٻن کان وڌيڪ بڻيادي صورتون پيدا ٿين، تن کي ’مرڪب‘ ۽ جنهن بڻياد مان رڳو هڪ ئي بڻيادي صورت ظاهر ٿيندي هجي تنهن کي ’مفرد‘ چوڻ ٺيڪ لڳندو. هن کان وڌيڪ بڻياد جي ٻي ڪا معياري درجي بندي ٿي نٿي سگهي. حالانڪ /ڇوڪر، مرد، نينگر/ بڻيادن جي پڇاڙي وارن وينجنن/ ر، د ۽ ر /مٿان جزم ڏئي اُنهن کي ساڪن ڪري سگهجي پيو پر اِهو سنڌي ٻوليءَ جي لهجي، مزاج ۽ طبيعت جي سراسر خلاف آهي، ڇو ته اسان عام گفتگوءَ ۾ گهڻو ڪري لفظن جي آخري وينجن کي متحرڪ ڪندا آهيون. جيئن: ڪمالُ، زوالُ، چاهتَ، محبتَ وغيره. تنهنڪري ٻوليءَ جي قانون گهڙڻ وقت ٻوليءَ جي فطرت، طبيعت ۽ نفاست کي به نظر ۾ ضرور رکڻ گهرجي. +هن بحث مان اُها به خبر پوي ٿي ته ’بڻياد‘ مان پيدا ٿيل پهرين صورت واري لفظ (نه ڪي بڻياد) کي بڻيادي لفظ چوڻ ٺيڪ نه رهندو، جيئن اڳ لسانيانت جي عالمن ٻڌايو آهي. جيڪڏهن بڻياد مان ڦٽي نڪتل ابتدائي صورت کي بڻيادي لفظ چئون ته پوءِ /ڇوڪرو ۽ ڇوڪري/ لفظن مان ابتدائي صورت ڪنهن کي قرار ڏجي؟ بڻياد مان پيدا ٿيل پهرين صورت واري لفظ کي بڻيادي لفظ چوڻ بجاءِ ’منفرد‘ لفظ يا ’ابتدائي‘ لفظ چوڻ درست رهندو. دراصل ’بڻياد‘ رڳو لفظ جي ڌاتو گيري حيثيت کي چئجي. مٿيان ٻيئي لفظ بڻياد جون ابتدائي صورتون آهن. +وچياڙي (Infixes): جڏهن به ڪي ٻه پانبد صورتون ڪنهن ’بڻياد‘ جي پٺيان لڳائجن، ته اُن مان بڻياد جي ڀر واري پابند صورت کي وچياڙي چئجي. هيءَ پابند صورت گهڻو ڪري معفول جي ڄاڻ ڏئي. مثال طور: ’کارائيندو مانءِ! +[/کا (بڻياد) = فعل جو بڻيادي جزو-] +[/را/ (وچياڙي) = توکي ــــ مفعول جو جزو] +[/اِين/ (وچياڙي جو وڌاءُ) = مستقبل جو جزو] +[/دو/ (پڇاڙي[ = عدد واحد جنس مذڪر] +[/مانءِ/ (پڇاڙي جو وڌاءُ) = مان توکي ـــ فاعل، ضمير سان گڏ] +[/کا / (بڻياد) = فعل جو جزو] +[/اِين/ (وچياڙي) = زمان مستقبل جو جزو ] +[/دُم / (پڇاڙي) = فاعل ۽ جنس سان گڏ] +جنهن حالت ۾ بڻيادي لفظ جي پٺيان ڪابه پابند صورت پڇاڙي طور نه هجي ته اُنهي لفظ جي آخري وينجنن (Consonant) جو ’سُرُ‘ پڇاڙي سمجهبو. +مثال طور: لفظ /وِتُ / ۾ آخري وينجن /تُ/ جو سُر /اُ/ آهي، تنهنڪري سنڌي زبان ۾ لفظ /وِتُ/ جي پڇاڙي /اُ/ آهي، +مٿئين قانون تحت ڪجهه سنڌي لفظن جون ڀڃڻيون معنا سميت ڏنيون ويون آهن، جي ملاخطه ڪريو: +لفظن جي اهڙيءَ ريت وڍ ٽڪ ڪرڻ کان پوءِ اِهو چئي سگهجي ٿو، ته /وَڏائي ۽ ننڍائي /لفظن جا بڻياد /وَڏ ۽ ننڍ/ آهن، نه ڪي /وڏو ۽ ننڍو/ ۽ ’آئي‘ سندن پڇاڙي آهي، جا عدد واحد جنس مونث کي ظاهر ڪري ٿي. /وڏو ۽ ننڍو/ خود ثانوي لفظ آهن، جي /وڏ ۽ ننڍ/ مان ڦٽي نڪتا آهن، جيڪي ڊاڪٽر الانا صاحب ۽ ڊاڪٽر جتوئي صاحب جن جي نظر ۾ ’ابتدائي يا مفرد لفظ آهن. +لفظ جي آزاد صورت (Free) ۽ پابند (Bound) صورت بابت ڊاڪٽر الانا صاحب جن لکن ٿا: +”اهڙي صورت جيڪا ڪنهن به رواجي ڳالهه ٻولهه ۾ اڪيلي، سر يعني پنهنجي ليکي /سِر ڪم ايندي هجي ۽ ٻيءَ ڪنهن به صورت جي محتاج نه هجي، ته اهڙيءَ صورت کي خودمختيار يا پاڻ وسيڪي صورت (آزاد) (Free form) چئبو آهي، پر اهو جزو يا صورت، جا پنهنجي اڪيلي يعني اڪيلي سر ڪم نه ايندي هجي، پر ٻيءَ صورت يا ٻين صورتن سان گڏ ڪم اچڻ سان معنيٰ دار ٿيندي هجي، يعين ته اُن صورت جي معنا ۽ اُن جو ڪارج ڪنهن خود مختيار صورت جي ’وس’ ۾ هجي يعني اُن تي مدار رکندي هجي، ته اهڙيءَ صورت کي ’پَر ــــ وَسَ‘ يا پابند صورت (Bound form) چئبو آهي. / ماڻهو، پُٽ، ڄاڻَ، ڇَوڪرُ/ وغيره صورتون، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سر، يعني اڪيلي سر، ڪم اچن ٿيون يا استعمال ڪجن ٿيون. اهڙين سڀني صورتن کي ’خودمختيار‘ يا ’آزاد صورتون‘ چبو آهي، پر /اسروند، عقلمند، اڻڄاڻ، اڻهوند، وڃڻو، پُٽيتو، سچيت، ڏٺل، لکيل/ وغيره صورتون پنهنجي سر يعني اڪيلي سر ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڳالهايون ڪونه وينديون آهن، پر اُنهن جي ڪارج جو مدار ڪن خودمختيار صورتن تي هوندو آهي. اهڙين سڀني صورتن کي پَر ـــ وَس يا پابند صورتون چئبو آهي. پر ـــ وس صورتون جڏهن ڪن خودمختيار صورتن سان گڏ اڳياڙيءَ (Prefix) يا پڇاڙي (Sufix) جي روپ ۾ ڪم اينديون آهن، تڏهن سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب اُنهن جي به ضرور ڪا معنا هوندي آهي. مثال طور: جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ته /سُ ۽ ڪُ/ جڏهن / ـــ پت / صورت جي اڳيان اڳياڙيءَ جي روپ ۾ ڪم اچن ٿيون، تڏهن اُهي /سُ ۽ ڪُ/ وِياڪَرڻي معنا رکن ٿيون. هونئن اڪيلي سر يا پنهنجي ليکي اُنهن جي ڪا به معنا ڪانهي.“ +ڊاڪٽر الانا صاحب جن جي اِنهي طويل بحث مان آزاد صورت کي ڇڏي پابند صورت بابت مختصر لفظن ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو: ”پابند صورت، لفظ جو اُهو جزو آهي، جنهن جي پنهنجي سر ڪابه معنا نٿي ٿئي پر جڏهن اُها ڪنهن آزاد صورت آڏو ’اڳياڙي‘ طور لڳائجي، تڏهن معنادار ٿئي ٿي.“ لفظ جي پر ـــ وس صورت بابت ڊاڪٽر صاحب جن جي ڪجهه نقطن سان اتفاق نه رکندي ادب مان ڪي ڳالهيون سامهون رکجن ٿيون. +(1) لفظ جي بڻياد ڳولهڻ لاءِ اُهو ضروري آهي ته اُنهي لفظ جي ٽڪراءَ جو ٻيو لفظ به کڻجي. جڏهن اُنهن جي معنا کي هڪٻئي سان ڀيٽبو، ته لفظ جو بڻياد (ڌاتو) ظاهر ٿي پوندو. نه صرف ڌاتو پر اُن جون پر ـــ وس صورتون به نروار ٿينديون. مثال طور: /سَڀاڳ ۽ اَڀاڳُ / اُنهن لفظن ۾ پر ـــ وس صورتون: / سَ/ سٺائي ۽ اَ/ اڻ هوند، جي معنا ڏيکارين ٿيون، جڏهن ته ٻنهي لفظن ۾ ’بڻياد‘ يا ’ڌاتو‘ /ڀاڳُ/ آهي، جو هڪ مستقل حيثيت ۽ معنا ڏيکاري ٿو. اُهو ڪنهن به صورت ۾ /س ۽ اَ/ جيان مَٽجي نٿو، تنهنڪري /ڀاڳُ/ ٿيو ’بڻياد‘، ۽ /سَ ۽ اَ/ ٿيون اڳياڙيون يا پر ــ وس صورتون، جي مَٽجي لفظن جي معنا ۾ ڦيرو آڻين ٿيون. +(2) /سُهاڳُ ۽ ڏُهاڳ / لفظن ۾ پر ـــ وس صورتون /س / سُٺائي ۽ /ڏُ / تڪليف جي معنا ڏيکارين ٿيون ۽ هاڳُ/ ٻنهي لفظن ۾ ’بڻياد‘ طور استعمال ٿيو آهي، جنهن جي مستقل طور معنا ’بخت‘ نڪري ٿي. +(3) لفظ /ڪُپتيو/ جي اڳياڙي يا (پر ـــ وس صورت) /ڪُ/ ’خراب‘ جي معنا ٻڌائي ٿي ۽ ٻي پر ـــ وس صورت /يو /پڇاڙي طور استعمال ٿي آهي، جا عدد واحد جنس مذڪر جي نشاندهي ڪري ۽ اُنهيءَ مرتب لفظ جو بڻياد/ پَتِ/ آهي. +(4) / مڇڏ ۽ مَڪر/ لفظن جي پر ــــ وس صورت (اڳياڙي) /م / آهي، جا ’نه‘ جي معنا ڏيکاري ٿي. +اهڙيءَ ريت اڳياڙي، وچياڙي، پڇاڙي، يعني پر ـــ وس صورتون به پنهنجي سر ڪي نه ڪي معنائون رکن ٿيون، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو، ته لفظ جي پابند صورت ۾ پنهنجي اڪيلي سر معنا رکي ٿي. مثال طور: / (اَ) = نه، (سَ) = ٺيڪ، صحيح، (ڏَ) = ڏنگو، ڏکيو، (ڪُ) = خراب، (بي) کانسواءِ (با) = سان گڏ وغيره (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو لفظن جون ڀڃڻيون). +لفظ جي آوازي صورت: هونءَ ته آواز ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا پر سائنسي علم موجب اُهي گهڻو ڪري ٻن ڪلاسن ۾ ورهايل نظر اچن ٿا، هڪ ’جاناري آواز‘ ۽ ٻيا ’اِنساني آواز‘. وري اُنهن جا پنهنجي سر ڌار قسم ٿين ٿا. پهريان اُهي، جي لانڍَ تي مشتمل هجن، جن ۾ لانڍَ وڏي به ٿئي ته ننڍي به، ڳَري به ٿئي ته هَلڪي به مثال طور:...ا...او....اِي... اِين... اون... آن... وغيره اُنهن ۾ ڪي به وينجن (Consonants) جي گهڻو ڪري جانور (جانار) پکي پکڻ آلاپين، تن کي ’عام آواز‘ (General Sound) چئجي. ٻيا اُهي جي انسان ڪڍن، تن کي (Voice) چئجي، جن ۾ صاف به ٿين ته جهيڻا ۽ ٻاڙا به ٿين. هنن آوازن ۾ وينجنَ (حروف صحيح) به ٿين ته سُر (حروف علت) به ٿين. وينجن يعني: ب ٻ ڀ ت ٿ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ هه ۽ سُر (حروف علت) يعني؛ (ا، و، ي) وينجن صاف به ٿين ته گهُنا به ٿين. ڳَرا به ٿين ته هلڪا به ٿين. سُرَ وري ننڍا به ٿين ته و ڏا به. جي صاف به ٿين ته گُهنا به. +جانورن ۽ انسانن جي آوازن ۾ بڻيادي فرق اِهو آهي ته جانور هر ڀيري آواز ساڳيو ۽ هڪجيترو نٿو ڪڍي سگهي پر انسان ائين ڪري سگهي ٿو. هڪ ڪتو پهرين ’روڙ‘ دؤران جيڪڏهن 10 سيڪنڊ لڳائي ٿو ته اِهو ضروري ڪونهي ته سندس ٻيو آواز به 10 سيڪنڊن تائين هلي ۽ اهو به ضروري نه آهي ته ٻي ڀيري واري ’روڙ’ جي ڳوراڻ ۽ هلڪاڻ، پهرين آواز جهڙي هجي! پر انسان ائين ڪري سگهي ٿو. انسان آوازن جا بار بار سيٽ ساڳيا ڪڍي سگهي ٿو، پر جانور ۽ پکي پکڻ ائين ڪرڻ کان قاصر آهن. انسان آوازن ۾ فرق ڪري سگهي ٿو، جي سندس شعوري آهن. جانور به آوازن ۾ فرق ڪري سگهي ٿو پر اِهي سندس فطري ۽ لاشعوري آهن. هتي اسان موضوع جي نسبت سان رڳو انساني آواز جو ذڪر ڪنداسين. +سائنسي علم موجب هڪڙا آواز، وات مان نڪرڻ دؤران هوا جي جهوٽي سان خارج ٿين، تن کي وسرگ (Aspirated) ۽ ٻيا اُهي جن جي نيڪال سان هوا جو جهوٽو خارج نه ٿئي. تن کي اوسرگ (Unspirated) چئجي. وسرگ ۽ اوسرگ آوازن جي تعريف ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن لکن ٿا: +”آوازن جي اُچارڻ مهل ڦڦڙن کان ايندڙ هوا جو زور، ڪن حالتن ۾، جهجهو ٿيندو آهي ته ڪن حالتن ۾ گهٽ. هوا جو زور پيٽ ڇهه (Diaphrgm) جي وسيلي ۽ ڏنل زور تي مدار رکي ٿو. جڏهن هوا جي داٻ ۾ زور گهڻو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن لنگهه ۾ رڪاوٽ يا رنڊڪ پيل هوندي آهي تڏهن انهيءَ رنڊڪ (Occusion) جي هٽڻ سان، هوا جي ڦوڪ(Puff of breath) هڪدم آواز جي پهريان اُن سان گڏوگڏ ٻاهر ڌوڪيندي ايندي آهي. هوا جي اُنهيءَ ڦوڪ کي ’وِسرِڳائي‘ چئبو آهي. جنهن آواز سان اها شامل ٿي نڪرندي تنهن کي ’وِسرِگُ‘ ۽ جنهن آواز سان اها شامل نه هوندي ان کي ’اَوِسِرَگُ‘ چئبو.“ +دراصل اوسرگ آواز پٺيان سَنجوڳي [سهه] جي هلڪي آواز ڳنڍڻ سان وِسرگ آواز ٺهي ٿو. مثال طور: +اوسرگ آواز سنجوڳي [سهه] جو جوڙ وسرگ آواز +[ب] [ب+ ـهه] [ڀ] +[ت] [ت+ ـهه] [ٿ] +[ٽ] [ٽ + ـهه] [ٺ] +[پ] [پ + ـهه] [ڦ] +[ج] [ج + ـهه] [جهه] +[چ] [چ + ـهه] [ڇ] +[د] [د + ـهه] [ڌ] +[ڊ] [ڊ + ـهه] [ڍ] +[ڙ] [ڙ + ـهه] [ڙهه] +[ڪ] [ڪ + ـهه] [ک] +[گ] [گ + ـهه] [گهه] +[ل] [ل + ـهه] [لهه] +[م] [م + ـهه] [مهه] +[ن] [ن + ـهه] [نهه] +[ڻ] [ڻ + ـهه] [ڻهه] +[ـهه] سنڌي صُورتخطيءَ جو اهڙو هلڪو آوز آهي، جو سنڌي صوتيات ۾ وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. هي نه رڳو اوسرگ صوتين (Unspisrted Phonemes) سان ملي وسرگ صوتيا( Sprited phonemes) ٺاهي ٿو پر سُرن (Vowels) ۽ وينجنن (Consonants) سان ملي ’پد‘ (Syllables) به ٺاهي ٿو. هن ۾ هڪ ئي وقت سُرن ۽ وينجنن ٺاهڻ جي صلاحيت به موجود آهي ته حروف علت جي سگهه به رکي ٿو. مثال طور: جهڙ، گهرُ، وجُهه، وغيره. هنن مثالن تي غور سان معلوم ٿيندو ته [ـهه] نه رڳو اوسرگ آواز [ج] سان ملي [جهه] جو وسرگ صوتيو ٺاهيو آهي پر اُن سان گڏوگڏ (Vowels) طور به ڪم آيو آهي. اهو اهڙو حرف علت آهي جو ڪڏهن به لفظن جي شروع ۾ متحرڪ طور نٿو هلي، حالانڪ حروف علت جي ٻين آوازن [ا، و، ي] ۾ اهڙي خصوصيت آهي، جو اهي لفظن جي ابتدا ۾ متحرڪن ٿين ٿا. +مثال طور: +ا = [اختر، انب، انعام، اگر، احمق] +و = [وطن، واسطو، واهوندو، وديشي] +ي = [يعقوب، يعني، يجر ويد] +تنهنڪري [ـهه] کي حروف علت جو ٻيلهه سوار آواز ( Non Significant voice) چئجي، ڇو ته اهو ڪنهن به آواز جي اڳ ۾ اچڻ بجاءِ رڳ وچ ۾ ۽ آخر ۾ ئي ساڪن طور هلي ٿو. +مثال طور: +وچ ۾ آخر ۾ +جُهڙُ ڳالِهه +گهرُ ڪالهه +ماڻهو چاڙُهه +گهوٻي ملهه +[ـهه] جي هم شڪل جو هڪ ٻيو آواز [هه] ٿئي ٿو، جو پنهنجي مزاج ۽ سرشت ۾ ڳرو ۽ متحرڪ Significant voice)) يعني ”ڪنهن آواز جي اڳ ۾ وچ ۾ ۽ آخر ۾ متحرڪ ٿي هلندڙ هي آواز [ـهه] جي هلڪي آواز جيان نڪي اوسرگ آواز سان ملي وسرگ آواز ٺاهي ٿو، نه ئي حروف علت واري طبيعت رکي ٿو، ۽ نه ئي وري لفظن يا آوازن ۾ Non Significant voice)) طور ساڪِن ٿي استعمال ٿئي ٿو. +مثال طور: +اڳ ۾ وچ ۾ آخر ۾ +هَلڪو گَهرو چاههُ +هَهڙو سُهڻو موههُ +هاٿي ٻاهَرِ ڪاههَ +هاڪڙو بَهَاول باههِ +هَلچل ڪَهڙو ڏوههُ +تنهنڪري اکر ’هه‘ جي انهيءَ ٻنهي آوازن [هه] ۽ [ـهه] جو سنڌي سُرن (Vowels) ۽ وينجنن (Consonants) ۾ پنهنجي مُنهن وڏي اهميت ۽ ڪارجُ آهي، پر اسان جي پڙهيل ڳڙهيل طبقي کي به اِن بابت پوري ڄاڻ نه آهي ته ’وجههُ‘ ۽ ’وجَهه‘ ۾ ڪهڙو صوتي فرق آهي يا ’ڪلهوڙي‘ جي درست شڪل ’ڪلهوڙو‘ آهي يا ’ڪلهوڙو‘. دراصل اُها مونجهه تڏهن ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌي آئيوٽا ۾ اکر ’هه‘ جي ٻنهي آوازن [هه، ـهه] کي هڪٻئي جي ڀر ۾ رکيو وڃي ۽ ”سنڌي پرائيمر“ ۾ ته اُنهن جي باقاعده وضاحت به ڪئي وڃي. ’هه‘ جي تڪرار ۾ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي ڏاڍي ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي. هو پنهنجي ڪتاب: ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (سنڌي ٻوليءَ جون لپيون) جي صفحي 190 ۾ لکي ٿو: +”وسرگي وينجنن ’گهه‘، ’جَهه‘ ۾ ايندڙ ’ـهه‘ ۽ وينجنن ’ـهه، هه‘ جي اُچار ۾ پڻ لکت ۾ ڪوبه فرق نه رکيو ويو آهي. اِنهيءَ ڪري گهڻو ڪري ڪيترن لفظن جي دُرست هِجي صورتخطيءَ ۾ معلوم نٿي ٿئي. جيئن ته ’گهر‘ لفظ ۾ جيستائين زيرون ـــ زبرون استعمال نه ڪبيون تيستائين معلوم نه ٿيندو ته اُن جو ڪهڙو مطلب آهي. گهرُ (مڪان، جڳهه)؛ گهَرَ (گَهِرو، اونهو)؛ گِهرُ (وڏيون جليبيون ـــ مٺائيءَ جو قسم). ساڳيءَ طرح ’جهارِ‘ (پکين جو وڳر)؛ جُهارَ (ملاقات)؛ وسرگي وينجنن ’گهه‘، ’جهه’ ۽ ’هه‘ جي وچ ۾ لکت ۾ فرق ڏيکاريڻ جو هڪ آسان طريقو اِهو آهي ته وسرگي اُچار جي حالت ۾ هميشه دو ــــ چشمي ’ـهه‘ کي گـ ۽ جـ سان جوڙي استعمال ڪجي (گهه، جهه) ۽ ٻين هنڌن تي، جتي ’هه’ بنجن جو اُچار اچي اُتي دو ــــ چشمي ’ـهه‘ کي ڪڏهن به ڪتب نه آڻجي.“ +[هه] ۽ [ـهه] جي تڪرار جو مسئو رڳو چڱن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن سان لاڳو نه آهي پر سنڌي ٻولي جي محققن کي به ان تي مونجهارو آهي. هڪڙا عالم اِن راءِ جا آهن ته [گ] آواز ۾ جڏهن [هه] آواز ملائبو ته اهو مُرڪب آواز [گهه] ٿي ويندو. جڏهن ته ٻيا عالم ان کي ’مفرد آواز‘ ڪوٺين ٿا. اُنهن وٽ اُهو دليل آهي ته جڏهن [هه] جو آواز [ب] آواز جي پٺيان لڳي مَدغمَ ٿي [ڀ] جو آواز ٺاهي ٿو، ته پوءِ اُن کي مرڪب آواز چوڻ بجاءِ مفرد آواز ڇو ٿو چيو وڃي؟ دراصل [ڀ] ۾ [ـهه] جو آواز شامل هوندو اهي، پر اُهو پَس پَردهه آهي ۽ لکيو نه ويندو آهي ۽ ٽيان عالم، انهيءَ آواز کي نڪي مفرد ٿا چون، نڪي مرڪب، پر اُن کي وسرگ چون ٿا. اُنهن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن نمايان آهن. ڊاڪٽر صاحب جن انهيءَ بحث جي اُڪلاءَ لاءِ هيئن لکن ٿا: +”ڪن صاحبن جي خيال موجب [جهه، گهه] مرڪب آواز آهن، جن کي ’ج’ ۽ ’هه‘ ذريعي نمايان ڪيو ويو آهي. اِها راءِ صحيح نه آهي. اِهي مرڪب آواز نه، پر وسرگ آواز آهن. مثلاً: [سمهي] ۾ [مهه] وسرگ آواز آهي، مرڪب نه آهي، پر [تمهيد] ۾ [م ۽ هه] مرڪب آواز [مهــ] جو مثال آهن.“ +هن مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جن به واضح نظر ٿا اچن. سندن انهيءَ راءِ سان کڻي ڪجهه قدر متفق ٿجي، ته [جهه] وسرگ آواز آهي، باقي [تمهيد] جي [مهـ] مرڪب آواز آهي، سان سهمت نٿو ٿي سگهجي. +[جهه] جي ـهه] وسرگ آواز ۾ اُچارجي نٿي، جا ساڪن آهي، جڏهن ته [تهميد] جي [هه] اُچارجي ٿي، جا متحرڪ آهي، سا مرڪب آواز ڪيئن ٿي؟ اُن کي ته اوسرگ آواز چوڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب هڪ طرف [هه] جي ساڪن صورت کي ته وسرگ آواز مڃين ٿا پر ٻئي طرف اُن جي متحرڪ صورت کي اوسرگ آواز نه ٿا سمجهن! +دراصل [جهه] ۾ هلڪي [ـهه] جو آواز ساڪن آهي جو اوسرگ آوازن جي پٺيان ملي وسرگ آواز ٺاهي ٿو ( جنهن جو تفصيلي ذڪر مٿي اچي چڪو آهي) ۽ [تهميد] ۾ [هه] جو ڳور آواز متحرڪ آهي جو اوسرگ آواز طور استعمال ٿيو آهي. هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريان وسرگ آواز ۽ مرڪب آواز جي وچ ۾ فرق ڪيو وڃي. +وسرگ آواز ۽ مرڪب آواز ۾ فرق: وسرگ آواز ۽ مرڪب آوازن ۾ وڏو فرق آهي. اچو ته انهيءَ تفاوت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. +(1) مٿي بين ڪيل 15 اهڙا اوسرگ آواز آهن، جن سان هلڪي ۽ ساڪن [ـهه] جو سنجوڳ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اُهي آواز وسرگ بڻجن ٿا. +جيئن: ’ب‘ مان ’ڀ‘، ’ت‘ مان ’ٿ‘، ’ٽ‘ مان ’ٿ‘. ’پ‘ مان ’ڦ‘، ’ج‘ مان ’جهه’، ’چ‘ مان ’ڇ‘، ’د‘ مان ’ڌ‘، ’ڊ‘ مان ’ڍ‘، ’ڙ‘ مان ’ڙهه‘، ’ڪ‘ مان ’ک‘، ’گ‘ مان ’گهه‘، ’م‘ مان ’مهـ‘ ’ن‘ مان ’نهه‘ ۽ ’ڻ‘ مان ’ڻهه‘ ـــ وسرگ آواز جڙيا آهن. +(2) اُنهن آوازن کان علاوه وينجن آوازن سان جڏهن اڻ سنجوڳي ۽ متحرڪ [هه] پٺيان لڳائجي، ته پوءِ اُهي مرڪب آواز ٿيندا. مثال طور: /اهڙو، ٻهروپ، رهاڻ، ڏهڪاءُ، زهر ۽ وهٽ/ لفظن مان / اهه، ٻهه، رهه، ڏهه، زهه ۽ وهه /مرڪب آواز آهن. +(3) ڪن وسرگ آوازن پٺيان متحرڪ [هه] ملائڻ سان ٻه مرڪب آواز ٺهن ٿا. جيئن: /ڦهڪو، ٺهڻ، ٿهو، ڍَهه ۽ کُهڙو /لفظن مان /ڦهه، ٺهه، ٿهه ۽ ڍهه ۽ کُهه /مرڪب آواز آهن. +(4) اوسرگ آوازن جي پڍيان محترڪ [ـــ هه] ملائڻ سان به مرڪب آواز ٺهن ٿا. مثال طور: / پالڻهار، پهلوان، گُهه، گَهپي ۽ گِهِلڻ / لفظن مان /ڻِههَ، پَههَ، گَههُ، گَهه ۽ گِههِ /مرڪب آواز آهن. +هن سموري بحث کي مختصر لفظ ۾ هيئن بيان ڪجي ته: +جنهن ۾ وسرگ ۽ وينجن آواز پٺيان متحرڪ [ـــ هه] جو ڳرو آواز لڳائبو، ته اُن مان پيدا ٿيندڙ آوز ’مرڪب‘ سڏائيندو ۽ جنهن ۾ اوسرگ آواز پٺيان ساڪن ۽ سنجوڳي [ـهه] جو هلڪو آواز لڳائبو، ته اُن مان پيدا ٿيندڙ آواز ’وسرگ‘ چوائيندو. انهيءَ سموري بحث مان اهو نتيجو نڪري ٿو، ته جيستائين [هه] حرف وارين ساڪن ۽ متحرڪ صورتن جي ڌار لساني ڪارج کي نٿو قبوليو وڃي، تيستائين وسرگ، اوسرگ ۽ مرڪب آوازن ۾ فرق نٿو ڪري سگهجي. + + +لفظن ۾ سُرن ۽ وينجنن جي اهميت: سنڌي لفظن ۾ سُرن ۽ وينجنن جي وڏي اهميت آهي. هڪ لفظ ۾ ڪيترائي وينجنن ۽ سُر ٿي سگهن ٿا. لفظ ۾ وينجن هميشه سُرَ کان اڳ اچي ٿو. لفظ جي آخر سُر کان پوءِ وينجن ڪڏهن به نه ايندو. مثال طور: لفظ /گُلُ/ ۾ ٻه وينجن /گُ ۽ لُ/ آهن ۽ سُرَ به ٻه / اُ، اُ/ اٿس، جن مان پهريون سُر، /گُ/ وينجن کان پوءِ اچي ٿو ۽ ٻيو /لُ/ وينجن کان پوءِ اچي ٿو. ڪي به وينجن اڪيلي سِر ڪوبه لفظ يا پد (Syllables) نٿا ٺاهي سگهن، پر اهي سُرن سان گڏجي لفظ ٺاهن ٿا. مثال طور: /خَطُ /. ’خَطُ‘ ۾ ظاهري طور ڪنهن به ح حروف علت (ا، و، ي) مان ڪوبه حرف ناهي ڏنل، پر /خ/ وينجن مٿان زبر (اَ) ۽ /ط/ وينجن مٿان پيش (اُ) ڏنل آهن سي ئي سُر کي ظاهر ڪن ٿا، جيئن: /مُحَمدُ/ ۾ چار سُرَ/ اُ، اَ، اَ، اُ/ آهن. جڏهن ته سُرَ، وينجنن کان سواءِ پنهنجي مُنهن لفظ ٺاهي سگهن ٿا. مثال طور: /ويو، ويا، آيو، آيا وغيره. دراصل اُهو هڪ فني نقطو آهي جو عام پڙهندڙ کي هڪدم سمجهه ۾ نه ايندو، اُن لاءِ هن کي لسانيات جي عالمن، ماهرن ۽ ٻوليءَ سان دلچسپي رکندڙن سان رجوع ڪرڻو پوندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سُر جا ٻه تصور ٿين ٿا. هڪڙا اُهي، جي مستقل طور اکري سڃاڻپ رک، تن کي حروف علت يعني (Vowels) چئجي ۽ ٻيا اُهي جي اکري سڃاڻپ نٿا رکن پر هر اکر (وينجن) جي پڇاڙيءَ مان آوازي صورت ۾ ٻڌجن، اُنهن کي رڳو سمجهڻ خاطر مختلف اعرابن ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي. جيئن: آ، اَ، اِ، اُ، اُو، اَو، او اَي، اي ۽ اِي. سنڌي ٻوليءَ ۾ بڻيادي طور اِهي 10 صاف سُر آهن، جن مان وري ٻيا 10 سُر پٺيان/ ب/ ملائڻ سان ٺهن ٿا، جن جو مخرج نڪ ٿئي ٿو، تن کي گهُڻا يا نڪاوان سُر چئجن: آنۡ، اَنۡ، اِنۡ، اُنۡ، اُنۡ، اَونۡ، اونۡ، اِينۡ، اين، اَين. +سنڌي صورتخطيءَ ۾ حروف علت يعني: ا، و، ي کان سواءِ جيڪي ٻه ٻيا حرف ٿين ٿا، اونهن جي مستقل اکري شڪل کي حروف صحيح ۽ سندن آوازن / اُچارن کي وينجن (Consonants) چئجي. اهڙيءَ ريت وري آواز جي لکيل صورت کي حرف / اکر (Graphene) چئجي. +لفظن جي معنوي اهميت: انگريزي ٻوليءَ ۾ به اها خصوصيت عام آهي ته سندس لفظ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي معانئن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. جهڙيءَ ريت سماج ۾ هر فرد جو هڪ ئي وقت ڌار ڌار ڪارج ۽ ماحول ٿئي ٿو، تيئن سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لفظ به پنهنجي سرشت ۾ ڪيترين ئي معنوي ڌارائن ۾ ورهايل آهي. اُنهن لفظن جون معنائون گهڻو ڪري ڪنهن ٻوليءَ جي عالم پنهنجي سر ويهي گهڙيون نه آهن پر انهن کي سماج جوڙيو آهي. سماج ٻولي جو ايجاد ڪندڙ ۽ گهڙيندڙ آهي. دنيا جي ٻولين جي تاريخ جو (Mechanism) گهڻو ڪري پنهنجين جاگرافيائي حالتن تي به محيط آهي. جاگرافيائي حالتن جو مطلب اُهي سرحدي زبانون، جي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڏيهي ٻوليءَ سان ويجهڙائي رکن ٿيون، جنهن سان نه رڳو ڏيهي ٻوليءَ تي پاڙيسري ٻولين جو اثر نٿو ٿئي پر هِن جو به اُنهن ٻولين تي اثر پوي ٿو. جهڙيءَ ريت ڏيهي ٻولي ڌارين لفظن کي پنهنجو ڪري ٿي، تيئن ٻيون ٻوليون به ڏيهي ٻوليءَ جي لفظن کي قبولين ٿيون ۽ اُنهن کي پنهنجون معنائون ڏين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو مطالعو ڪبو ته اهڙا ڪيئي لفظ مثال طور نظر ايندا، جي مختلف دؤرن ۾ ٻاهران آيا ۽ هتان جي ٻوليءَ ۾ ضم ٿي ويا ۽ سڳيءَ طرح هِتان جا لفظ به اُنهن ٻولين ۾ جذب ٿي ويا. عربن هٿان سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ نه رڳو سنڌي ٻوليءَ تي به عربيءَ زبان جو گهرو اثر پيو ۽ ڪافي عربي لفظ سنڌي زبان ۾ ضم ٿي ويا پر ان سان گڏ سنڌي ٻولي جو عربي تي اثر پيو ۽ ڪيترائي خالص سنڌي لفظ عربي ۾ ضم ٿي ويا، جن جو ذڪر عرب سياحن: جا حظ (864ع) ۽ البروني (1030-1017ع) پنهنجن ڪتابن ”رسالہ فخر السودان علي البيضان‘ ۽ ’ڪتاب الهند‘ ۾ به ڪيو آهي. +اِهو ته هيو ٻوليءَ تي ڌارين ٻولين جو اثر، جنهن سان لفظن جي معنا ۽ شڪل ۾ تبديلي ٿي آهي، پر ٻوليءَ تي ٻيو اثر اهو به پوندڙ آهي، جو سماج پنهنجي مرضيءَ سان هر لفظ جي معنيٰ مطلب پنهنجو ڪڍي ٿو اهو لفظي به ٿئي ته اصطلاحي به هن مقالي ۾ سنڌي ٻولي جي اهڙن لفظن جو جزوي طور ذڪر ڪيو ويو آهي، جي صوتي ۽ صرفي هڪجهڙائي رکڻ جي باوجود به هڪ ئي وقت جدا جدا معنا رکن ٿا ۽ ساڳئي وقت اهڙي لفظن جي به نشاندهي ڪئي ويئي آهي جي لفظي معنا هڪڙي رکن ٿا، پر سماج گهڻو ڪري اُن جي معنا ٻي ڪڍي ٿو. اهو هڪ دلچسپ بحث آهي، جنهن تي هڪ الڳ مقالي لکڻ جي ضرورت آهي، پر هتي موضوع جي نسبت سان جزوي ذڪر ڪيو ويو آهي. +سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڳيا لفظ ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا اُهي، جن ۾ وينجن ساڳيا ٿين پر سندن سُرن ۽ آوازن ۾ فرق ٿئي. مثال طور: /ڀَلو ۽ ڀُلو/. هنن لفظن جي بظاهر حرفي (وينجني) بناوت ته ساڳي آهي، پر ٻن مختلف سُرن/ اَ ۽ اُ/ جي هجڻ ڪري معنا ۾ تبديلي اچي ٿي، تن لفظن ۾ ’آوازي صوتيو‘ ٿئي يعني اُهي آواز، جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪن. ٻيا اُهي لفظ، جن ۾ وينجن ۽ سُر به ساڳيا، پر سندن معنائون جدا جدا ٿين، مثال طور /تارَ ۽ تارَ/. هنن لفظن ۾ ساڳيو لفظ ٻه ڀيرا لکيو ويو آهي، جنهن ۾ وينجن به ساڳيا ته سُر به ساڳيا آهن، پر هتي اُن جا ٻه ماحول ڏيکاريا ويا آهن، جي ڌار معنائون ٻڌائن ٿا، تن لفظن ۾ ’معنوي صوتيو‘ ٿئي. هتي هڪ ’تارَ‘ جي معنا آهي ’سڪ‘ ۽ ’محبت‘، ٻئي هنڌ سندس معنا آهي ’ڌاتوءَ جي سنهڙي تندُ‘. ساڳئي لفظ جو اهڙو احول، جنهن ۾ هو هڪ کان وڌيڪ معنا ٻڌائي، تنهن کي لسانيات ۾ ’معنيات‘ (Semantics) چئجي. اُن متعلق ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب: ”ٻوليءَجو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (سنڌي ٻوليءَ جون لِپيون) ۾ لکي ٿو: +”ڪنهن به ٻوليءَ جي هرهڪ لفظ جي ڪا مکيه (مکيو) يا بنيادي معنا آهي، جنهن کي ان لفظ جي اکري معان سڏجي ٿو، پر ٻوليءَ جي رواج مطابق ڪيتار لفظ پنهنجي اکري معنا کي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ معنا جو به اظهار ڪندا آهن، جنهن کي لفظ جي اصطلاحي معنا چئبو آهي. مثال طور: ’گڏهه‘ لفظ جي اکر معنا آهي ’هڪ خاص شڪل جو جانور‘، پر جڏهن ان لفظ جو استعمال ڪنهن شخص کي ڪجي ٿو، تڏهن گڏهن لفظ جي اصطلاحي معنا پيدا ٿئي ٿي، جيڪا آهي ’مورک‘ يا ’بيوقوف‘، ان طرح ڳالهائيندڙ جي ڍنگ ۽ جنهن لاءِ هو ڪا ڳالهه چئي رهيو آهي اُن جي حوالي مان به لفظ پنهنجي اکري معنا ڇڏي ڪو ٻيو مطلب ڏيندا آهن. اهي لفظ، جنهن اندر لفظن جي معنيٰ جو اڀياس ڪجي، ان کي ’ارٿ و گيان‘ علم معنيات (Semantics) چئجي.“ +هن ئي علم سان اهڙا به لفظ واسطو رکن ٿا، جن جي ڀڃ مان لفظي معنيٰ هڪڙي نڪرندي پر سماج جو گهڻو حصو اُن جي ابتڙ معنيٰ ڪڍندو. +مثال طور: ”ماحولياتي گدلاڻ“، هي اهڙو لفظ آهي، جنهن جي تقطيع ڪبي ته لفظي معنيٰ نڪرندي: +ماحول + يات+ اِي +گدلاڻ [ (ماحول) = اوسو پاسو، (يات) =سائنس، (اِي) = حرف جر، (گدلاڻ = خرابي) يعني: ’ماحول جي علم جي خرابي‘ +جڏهن ته سماج جو گهڻو حصو اُن جو مطلب ڪڍي ٿو: ’ماحول جي خرابي‘، حالانڪ (ـــ يات) علم / سائنس کي چئجي جيئن: +سماج+ يات = سماجيات (سماجي علم) +رياضي + يات = رياضات (حسابن جو علم) +حيات + يات = حياتيات (زندگيءَ جو علم) +ارض+ يات = ارضيات (زمين جو علم) وغيره. +تيئن: ماحول+ يات = ماحوليات (ماحول جو علم) +جيڪڏهن (ــ يات) جي پٺيان حرف جر جو جزو /اِي/ پڇاڙي طور لڳائبو ته پوءِ اُن مان جيڪا معنا نڪري ٿي سا لسانيات جي عالمن ۽ ماهرن لاءِ ڏاڍي مضحڪه خيز ۽ سخت چڙ ڏياريندڙ آهي. ماحول کي انگريزيءَ ۾ (Environment) چئجي. جيڪڏهن ان جي پٺيان (-al) پڇاڙي طور لڳائبو ته پوءِ ٿيندو ‘Ebvuribnebtak’ يعني ’ماحولي‘، ان جي پٺيان لفظ ‘Protection’ لکبو ته لفظ ٺهندو: ‘Environmental protection’ يعني ’ماحولي تحفظ‘، جنهن جي معنيٰ ”ماحولياتي تحفظ“ ڪڏهن به نٿي نڪري. دراصل ’ماحولياتي گدلاڻ‘ لفظ تي اردو ٻوليءَ جي عدد جمع واري صيغي: امڪانات، خدشات، توقعات، تعليمات ۽ پيغامات وغيره جو اثر آهي. اُنهن لفظن جي پٺيان (ـــ آٽ) پڇاڙي آهي جا عدد جمع کي ظاهر ڪري ٿي، تنهنڪري ’ماحوليات‘ جي پڇاڙي ’ــــ يات‘ ڄڻ (Logy) طور وٺڻ بجاءِ اردوءَ جي عدد جمع واري (ـــ آٽ) طور معنيٰ طور ورتي پئي وڃي. ائين هڪ ٻيو لفظ آهي ’موتمار‘، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي’ موت تي فتح حاصل ڪندڙ‘ يعني ’زندگي بخشيندڙ‘، پر ان مان جيڪا معنيٰ ڪڍي وڃي ٿي سان ڏاڍي افسوسناڪ آهي، يعني: زندگي ختم ڪندڙ!‘ +ٻوليءَ ۾ لفظن جي اهڙي معنوي ڦيرگهير جو تعلق گهڻو ڪري سماج سان آهي. سماج ۾ هڪڙا لفظ ڊهندا اهن ته ٻيا وري اُنهن مان بگڙجي نئون روپ وٺندا آهن ۽ اُن جو تعلق گهڻو ڪري لفظن جي نحوي يا صرفي خصوصيتن سان نه هوندو آهي، پر اُن جو ڳانڍاپو سماجي ڦيرگهير سان هوندو آهي. ماڻهوءَ جي به هڪ طبعي حد مقرر آهي، جنهن ۾ هو زندگي گذاري مري وڃي ٿو، پوءِ سندس سماجي ڪارج ئي رڳو مثال طور باقي رهي ٿو، تيئن لفظن جي به هڪ زندگي مقرر ٿئي ٿي، جنهن کان پوءِ هو ختم ٿي وڃن ٿا. سنڌي لفظن جي تاريخ تي غور ڪبو، ته اهڙا ڪيترائي لفظ ڏسڻ ۾ ايندا، جي هينئر مروج نه آهن، ۽ مري ويا آهن، پر اُهي لفظ جي هينئر استعمال ڪبا ته هاڻوڪو نسل اُن کي نه سمجهي سگهندو ۽ نه وري ڪتب آڻڻ لاءِ تيار ٿيندو. اِن جو مقصد اِهو ٿيو ته لفظن جي اها فطرت اڻٽر آهي، جنهن سان ٻوليءَ کي ڪوبه نقصان ڪونه ٿو پوي، بلڪ ان جو واسطو زماني جي ترقي ۽ تنزل سان آهي. جڏهن سماج ۾ ترقيءَ جو رجهان وڌندڙ آهي، ته پوءِ يقيناً ٻولي انهن حالتن جو پاڻ مرادو اثر قبوليندي. پوءِ جيڪڏهن ڪو فرد ڪنهن لفظ جي بگڙجندڙ صورت کي پنهنجي اصلوڪي يعني معنوي روپ ڏانهن موڙڻ چاهيندو، ته گهڻو ڪري ڪامياب نه ٿي سگهندو . هن وقت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي عروع تي آهي ۽ هر ماڻهو چاهي ٿو ته اُن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪجي، تنهنڪري هو پاڻ توڙي پنهنجي والد کي ”انگريزي ٻولي“ سيکاريندو، پوءِ ڇو نه اُهو ماڻهو سنڌي ٻوليءَ سان اَجهل عشق ڪندڙ هجي. ڇو نه لسانيات جو عالم هجي، پر اِها سندس مجبوري ۽ وقت جي ضرورت آهي جيڪڏهن ائين نه ڪندو ته هو جهڙوڪر وقت ۽ حالتن مان ڦٽندڙ ترقيءَ ۽ فائدي کي پُٺي ٿو ڏئي، هن وقت اسان کي اهڙا لفظ جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي عجيب لڳن ٿا پر جيئن وقت گذرندو ۽ اسان جي جاءِ نئون نسل والاريندو، تنهن لاءِ اه�� ساڳيا لفظ عجيب نه هوندا. البته فردن کان اڳتي سماجي يا گروهي طور اهڙن لفظن جي صحت، زندگي ۽ لفظي معنيٰ کي بچائڻ لاءِ موقعي سر اُپاءَ ورتا وڃن، ته پوءِ اُن جا نتيجا خوش آينده نڪري سگهن ٿا. +حميد سنڌي (يادگيرين جو سفر) +ڳالهيون پير حسام الدين راشدي جون +هن مهل تائين گهاريل حياتيءَ ۾ مون ته هر انهيءَ ماڻهوءَ کي حيرت ۽ عجب وچان ڏٺو آهي، جنهن مون کي پنهنجو سمجهي پنهنجو ڪيو آهي، يا مان پاڻ سندس حيرت انگيز عمل دخل کي ڏسي هُن جي وجهو ويو آهيان. مان اُنهن ماڻهن سان گهاريل گهڙين کي گهڻو ڪري پاڻ وٽ سانڍي رکندو آهيان ۽ سندن لاءِ لکيو به گهٽ اٿم. اَڄ جڏهن يادگيرين جي ورقن کي اٿلائڻ جو حڪم مليو آهي، خاص طرح اُنهيءَ شخصيت لاءِ، جنهن لاءِ مون ته پنهنجي اندر ۾ جايون جوڙيون جو هُن به پنهنجي اندر ۾ منهنجي لاءِ به هڪ جاءِ جوڙائي هئي، جنهن ۾ مان رهندو ڇا هوس، پر سندم شعوري پالنا به اُنهي مَنَ واري گهر ۾ ٿي. اُت رهندي مون سندس محبت، پيار ۽ شفقت جهڙن جذبن کي جال ڏٺو، پر اُنهي سان گڏ حيرت ۽ عجب ۾ وجهندڙ سندس جذبن، احوالن، عمل ۽ رَدعمل کان به آگاهه ٿيس. ڇا هيءُ ڪو عام ماڻهو هو! ڇا هر عام ماڻهو، هئڙا ڄاڻ وارا نقطا، آگاهي ڏيندڙ ۽ ڪڏهن تپرس ۾ وجهندڙ پر ڇرڪائيندڙ خيال رکندڙ ٿو سگهي ٿو؟ ڇا هن جوڙجڪ جهڙا ماڻهو عام جام ملي سگهن ٿا، جن جي ڏاهپ ۽ سمجهه سان هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ جو اِدراڪ ٿي سگهي ٿو؟ بهمڻ ڳوٺ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ پلجندڙ ٻاراڻي اوستا کان وٺي جوانيءَ تائين، هُن اهڙيون ڪي رمزون ڄاڻي ورتيون يا سُپتيو ٿي گهارڻ جا گُر ڄاڻي ورتا هُيا، جو بنا ڪنهن تاج پهرڻ جي هُن سڄي جهان کي ڪيئي تاج پهرائي ڇڏيا. ها سائين! بهمڻ ڳوٺ جي ويراني مان، ماڻهن جي مَن جون ڪيئي وستيون آباد ڪرڻ لاءِ نڪتل هيءُ شخص ٻيو ڪير نه، پير حُسام الدين راشدي هيو. پاڻ اڪيلو ڪونه هو، هڪ بي ٻهڳڻ شخصيت ساڻس گڏ هئي: پير علي محمد شاهه راشدي هيو، پاڻ اڪيلو ڪونه هو، هڪ ٻي جڳهن شخصيت ساڻ گڏ هئي پير علي محمد شاهه راشدي. +مون شخصيتن جي حوالي سان جڏهن به ڪا ڳالهه ڪئي آهي ته ذهن ۾ اِها ڳالهه رکي ڪئي آهي ته کين ياد رکڻ لاءِ سندن تسبيح ۾ ڏاهپ ۽ سمجهه سان گڏ انسانيت جي عظمت جا ڪيترا مڻيا هُيا يا آهن. مڻيادار ماڻهو اِنهن مڻين جي آڌر تي پرکيو ويندو آهي. اُن لاءِ ئي سندس هڪ قريبي دوست حڪيم محمد سعيد پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته: ”... آءٌ جنهن ڳالهه کي هن جي لاءِ وڏي فضيلت سمجهان ٿو اُها آهي انسان سان سندس محبت. انسان جي لاءِ عزت ۽ احترام ڪو سندن خصلت ۾ ويٺل هو. هو هر انسان سان محبت ڪندو هو ۽ سخت تنقيد ڪرڻ وقت به انساني مرتبي کي ڪونه وساريندو هو...“ +منهنجي خيال ۾ ڇاڪاڻ ته پاڻ هڪ عظيم انسان هو، تنهن ڪري ئي منجهس هر انسان لاءِ عزت ۽ محبت جا انبار هُيا. +مون کي ياد آهي ته پير صاحب حجت ۽ پيار وچان ڪڏهن ٻاڙا ٻول به ٻولي وٺندو هو. سندس اهڙن ٻولن تي ڪيترا دفعا رنج پهتو. مون ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو. پڇا ڪرڻ تي ماهتاب محبوب، جنهن سان سندس ۽ منهنجو قرب جو رستو هو، تنهن ٻڌائي ته حميد سنڌي کي اوهان جي ڳالهين مان ڏک پهتو آهي. اُن وقت چيائين، ”اهڙي ڳالهه نه آهي، حميد ته مون کي ڏاڍو پيارو آهي.“ پوءِ پاڻ مون وٽ هلي آيو ۽ پرچايائين ته مان روئي ويٺم، پر ڏٺم ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. +هيءُ محبتن جو ڀنڊار شخص چڙ، ڪاوڙ يا حجت ۾ جيڪي به وڻيس چئي ويندو هو، پر گهڙي پل کان پوءِ هُو ماڻهو ئي ٻيو هوندو هو. سندس هر Nagative عمل جو ردِعمل عجيب ۽ مثبتي Positive هوندو هو، جنهن ۾ مون سندس اکين ۾ پهريائين پڇتاءُ جو عنصر، پوءِ محبت ۽ قرب جي چمڪندڙ روشني ڏٺي. مون کي لڳو ته هيءُ شخص رڳو ماڻهن کي پيار نٿو ڪري پر سندس مٽي جنهن مان هو ڳوهيل آهي، اُن کي به پيار ڪري ٿو. هو اُن جي ٻوليل اکرن کي به مان ڏيندو هو. مرحوم حڪيم سعيد صاحب جو وَري ذڪر ڪيان ٿو، جو هُن اُن ئي مضمون ۾ ٻئي هنڌ لکيو آهي: +”... سنڌ جي سرزمين سان ته کيس ڪا وڏي حُب هئي ۽ سنڌ جو پاڪستان جي هڪ حصي هجڻ جي ڪري هُنَ کي پاڪستان سان به عش هو، جيئن هر پاڪستاني کي هئڻ کپي، سنڌي سندس زبان هئي ۽ هو اُن زبان سان انڪري محبت ڪندو هو، جو اُن ۾ شاهه لطيف جو ڪلام آهي، جنهن کي هر مذهب ۽ ملت وارن وٽ عام مقبوليت حاصل آهي. انهيءَ هوندي به اُردو زبان سان سندس گهاٽو سنٻنڌ هوندو هو، ايتري قدر جو مرڪزي اردو بورڊ ان سندس تعلق ۽ واسطو آخري وقت تائين قائم رهيو. +مان ائين سمجهان ٿو ته پير صاحب ازلي اُڃايل هُيو، پيار جو محبت جو، جنهن ڪري هر ماڻهوءَ سان لونءَ لاتئون ۽ ٻيو هُو اُڃايل هو ڄاڻ چئو آگھي چئو يا علم چئو اُن جو، جنهن لاءِ هو سڄي عمر ڳولا ۾ رهيو. سڄي جهان جون اهم ٻوليون سکيو. عربي، فارسي، سنڌي، انگريزي، اُردو ته گهڻي کان گهڻي ڄاڻ جو خزانو، شهر شهر، ملڪان ملڪ لتاڙي ڪنهن فاتح وانگر کڻي پنهنجي ملڪ پنهنجي وطن ۾ آڻيان. اُن سان ماڻهن جي اندر بيوسين ۽ محرومين جي خال کي ڀريان. هُن ايران جي فارسيءَ جي خرزين کولي ته ڇا نه نڪتو: مرزا اصلح جو تذڪره شعرء ڪشمير، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو تحفة الڪرام، مقالات الشعراءِ، مڪلي نامو، مثنويات ۽ قصائد، ميرڪ يوسف جو تاريخ مظهر شاهجهاني، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي تاريخ منشورالوصيت، مير محمد ٺٽوي جو ترخان نامون ۽ ٻيا ڪيترا نادر نسخا. چون ائين ٿا ته پير صاحب جي اندر ۾ هڪ تاريخدان ويٺل هو، جنهن جو اِهو ڪم هو ته هِن نسل توڙي ايندڙ نسل کي تاريخ جي عمل ۽ ردِعمل مان پيدا ٿيندڙ نفعن نقصانن ۽ تلخ حقيقتن يا خوش فهمين کان آگاهه ڪرڻ ـــ ڇاڪاڻ ته گهڻو تڻو چوندا ائين آهن ته تاريخ بي رحم ٿيندي آهي پر ڪٿي بيوس ۽ لاچار. +پر سندس هڪ ٻيو سٿي ڊاڪٽر جميل جالبي اُن جاکوڙ يا پهڻ ٽُۡڪڻ واري ڪيفيت کي هن نموني بيان ڪري ٿو: ”.... پير حُسام الدين راشدي بنيادي طرح تي تاريخ جا عالم هُيا، ۽ تاريخ جي نسبت سان ئي سندن نظر مختلف علمن ۽ فنن تي هئي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي بنيادي ماخذن کي مرتب ڪري شايع ڪرائي سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي زندگيءَ کي نئين حياتي بخشي. اڄ سنڌ جو جيڪو نئون نسل علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي، اُهو پير صاحب جي ئي ڪيل بنيادي ڪم مان روشني ۽ رهبري حاصل ڪري رهيو آهي. جديد تحقيق جي روايت کان سنڌي لکندڙن کي پير صاحب ئي واقف ڪيو. سندس اها خدمت تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندي.“ +سنڌ جو هيءُ عجائب روزگار شخص تحقيق جي حوالي سان جُهد پٽي ٿو ته سنڌ جي تاريخ، اُن جي ماخذن ۽ ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن ڏي رُخ موڙي، سنڌ جي ثقافت ريتن رسمن ۽ اُن سان ٿيل ڏاڍ ڏمر لاءِ خاموش صدا بلند ڪري ٿو، جنهن کي الهامي آواز هُيو، هوئن به ڪتابي آواز الهامي آواز ئي هوندا آهن. تازو عزيزم زاهد حسين جو نئون ڪتاب ”تاريخ هند ــــ پس منظر، پيش منظر“ (اُردوءَ ۾) آيل آهي، جنهن ۾ کانئس هڪ دوست جهان قدر پڇي ٿو ته زاهد خان، تنهنجي خيال مطابق تاريخ جيڪا اسان کي پڙهائي ويئي آهي يا اسان پڙهي آهي، سڀ قصن ۽ ڪهاڻين تي مبين آهي؛ ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي دور جا ماڻهو اُن کي تاريخ جو نالو ڏين ٿا“. زاهد حسين جواب ۾ چئي ٿو ته ائين نه آهي، مان تاريخ کي هاڻي به ڪيترن حصن ۾ ورهائيندو آهيان. اُها به تاريخ آهي، پر ماڻهن جي، جاين، ماڳن مڪانن جي. جارج برنارڊشا جو هيءُ جملو ٻڌ: +All history is incorrect execpt names and places and all novels are correct execpt individuals and places. +جان نوبل ولفرڊ چئي ٿو: +All works of history are interim reports. +اصل ۾ هر قصي ڪهاڻي ۾ يا ته علم جو پهلو آهي يا ته غلو جو پهلو آهي يا ڪجهه نه ڪجهه لڪايل هوندو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته بادشاهن جي تاريخ، ڊاڪوئن جي تاريخ، انسانن کي غلام بنائڻ جي تاريخ، هيءُ سڀ قصا ڪهاڻيون آهن؛ اصل تاريخ ته صرف اُها آهي جنهن جو تعلق عام ماڻهوءَ سان هجي. هڪ ماڻهوءَ جي تاريخ نه ٿيندي آهي، بلڪ تاريخ مان مراد دراصل سڄي قوم يا علائقي يا دور جي حساب سان ليکبي آهي.“ +اسان جي هڪ سُٺي دوست مرحوم ناصر مورائيءَ، ”اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ“ جي عنوان سان پير صاحب سان هڪ انٽرويو ڪيو هو، جيڪو هفتيوار ’برسات‘ (ڪراچي) ۾ ڇپيو هو. هُن پير صاحب لاءِ لکيو هو، ’اروڙ جي فرياد جيئن خاموش ۽ اروڙ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل پير حسام الدين راشدي وٽ بنا وقت مقرر ڪرڻ جي پني تي سوال لکي وٽس پهتس‘. هيءُ تاريخي انٽرويو آهي. سندس هڪ ٻن سوالن جي جواب کي پيش ڪجي ٿو، اِن لاءِ ته پير صاحب سنڌ جي تاريخ، اُن جي ماخذن ۽ ماڳن مڪانن تي ڇو ويهي جُهد پٽي آهي ۽ سڄي حياتي رولڙي ۾ رولي هيءُ هزارن صفحن جو مواد گڏ ڪيو آهي، صرف صرف اِن لاءِ ته هُن جو سنڌ، اُن جي عام ماڻهن ۽ اُن جي معاشري سان عشق هو ۽ هُن اِهو خزانو ڇو جو هيئن جوڙو هو: +ناصر مرحوم کانئس پڇيو هو ته ”سائين توهان جيئن مٿي ذڪر ڪيو آهي ته تاريخ تي جيڪي توهان ڪتاب ڇڏيا آهن، اُهي فارسيءَ ۾ آهن ۽ انهن کي سنڌي ترجمي ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڏس ۾ توهان ڪهڙيون ڪوششون وٺي رهيا آهيو“. پير صاحب جواب ڏنو هو، ”ادا، منهنجي ڄمار هن وقت چوهٺ ورهيه آهي. جيڪي فارسي ماخذ آهن، اُنهن جي جيڪڏهن ڇپائڻ جي ڪوشش ڪريان ته منهنجي زندگيءَ جا چند سال ته ڇڏيو اڃا پنجاهه سال گهرجن. منهنجو ڪو متن شايع ڪرڻ آهي، اُن ۾ مون ٽي چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا آهن. مان تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي. مون کان اِهو ٿي نه سگهندو ته اُنهن ڪتابن جا ويهي ترجما ڪريان. اُن لاءِ ڪو ٻيو شخص تيار ٿئي سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجي کي اُنهن ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ گهرجن. سنڌ جي تاريخ تي الڳ شعبو قائم ڪرايون. سنڌ جي قديم تهذيب، جيڪا پنج هزار سال پراڻي آهي ۽ جيئن هر ملڪ کي پنهنجين تهذيبن تي فخر هوندو آهي تيئن اسان کي به پنهنجي تهذيب تي فڪر ڪرڻ گهرجي. ان ڪري بالڪل ابتدائي تعليم جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب، تاريخ ۽ ناليوارين شخصيتن جا ذڪر اَذڪار آڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌي ٻار کي ننڍي هوندي کان پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿئي. پر ادا، اسين آهيون پراڻي وس. باقي سنڌ جي تاريخ جا ترجما، سنڌ جي سلسليوار تاريخ لکرائڻ، تاريخ ثقافت ۽ علم جي ٻين ڪيترين ئي شاخن تي تحقيق ٿيل نه آهي. اها تحقيق ڪرائڻ، سنڌ جي قديم تاريخي جڳهين ۽ آثارن کي محفوظ ڪرائڻ قومي فرض آهي. ٻيو ته جيڪڏهن تاريخ کي سنڌيءَ ۾ نه آندو ويو ته اسان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي ڪيئن خبر پوندي. ڪيئن سُرت ۽ جاڳرتا پيدا ٿيندي ۽ ڌارين جا سنڌي قوم تي ٿيل ظلم هن جي نگاهن ۾ ڪيئن ايندا. پنهنجي پرائي ۾ جيڪو شرافت ۽ همدرديءَ جو فرق آهي، ان جو هڪ کي ڪيئن احساس ٿيندو.“ +پير حُسام الدين راشدي اِنهيءَ جاڳرتا ۽ احساس لاءِ جملي ايڪيتاليهه ڪتاب ــــ ٻارهن سنڌي ۾، پنجويهه فارسي ۾ ۽ چار اردو ۾ لکيا. سندس آخري ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ آهي. سندس سنڌيءَ ۾ ٻيو مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ آهي. ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ سندس مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويو ۽ هڪ ڪتاب ”تذڪره مشايخ سيوستان“ تي مشتمل آهي، جو غلام محمد لاکي جو سهيڙيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. پير صاحب جي ڪتابن ۾ صفحي صفحي تي سنڌ جا ماڻهو، سندن رهڻي ڪهڻي ۽ خوبيون ۽ اوڻايون، سنڌ جي تاريخي جاين جڳهين سان گڏ سندن مڙهه مقام وکريا پيا آهن. +منهنجي خيال ۾ پير صاحب هرهنڌ هڪ ئي ڳالهه ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته سندس اندر ۾ به ماڻهو نه هڪ ئي ماڻهو رهندو هو، جيڪو مورخ هوندي به صحافي به هو، ڪهاڻيڪار به مفڪر به، سنڌ جي نئين سوچ جو محرڪ، جنهن ڪڏهن به ٻه ڳالهيون نه ڪيون، صرف هڪ ڳالهه: سا آهي بقول پير صاحب جي ته: ”سنڌ جي تاريخ گهڻي آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ تمام اهم پڻ. پر اُها اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي ٽڙيل پکڙيل آهي! سنڌيءَ يا ڪنهن ٻي زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو بنيادي خاڪو ڪوٺي سگهجي. يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالت هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ ۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي صفحن تي ئي پنهنجن بزرگن جا خون پيدا ڪرڻ جو اهم ذريعو قومي تاريخ جي صفحن تي ئي پنهنجن بزرگن جا شاندار ڪارنما آئندن نسلن لاءِ زندگيءَ جو سبق بڻجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضي کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي سببن تي ٿڌي سيني سان غور ڪري پنهنجو مستقبل درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه آهي، اُن لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اُها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت اهم وسيلي کان محروم آهي.“ هيءُ ئي سوچ هئي جيڪا محرڪ بڻي ۽ هڪ تحريڪ بڻي. +پير علي محمد راشدي سندس حياتي جي محرڪات تي نظر وجهندي پنهنجي شاندار مضمون ”حُسام الدين مرحوم حسام الدين ڪيئن بنيو“ (جيڪو مهراڻ 1997ع واري ”پير حسام الدين راشدي“ نمبر ۾ ڇپيو) ۾ پنهنجي عشق محبت ۽ ساٿ کي هيئن ظاهر ڪيو آهي: ”ما و مجنون هم سبق بوڊيم در ديوان عشق“ پر اُن سان گڏ پير صاحب جي ڄمڻ کان وٺي، ٻالپڻو، جواني، بزرگي جا دؤر، پورهيي محنت ۽ فقرائي لڏي جا ڄاڻايا آهن، جن دورن پير حسام الدين کي پيرن ۽ زميندارن جي ٻار مان هڪ نئين سوچ ۽ نئون فڪر رکندڙ انقلابي تاريخدان ۽ مفڪر بڻايو. هو لکي ٿو: + + +”هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي منهنجي ڪمري ۾ منهنجن ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ لڳو. مون کيس دڙڪو ڏنو، ’اڙي ڄٽ! تون منهنجن ڪتابن کي هٿ نه لاءِ.‘ هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو. ’آءٌ ڄٽ آهيان! چڱو ادا!. اُن واقعي کانپوءِ هُن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو. هُن رانديون رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رُلڻ هڪدم ڇڏي ڏنو. اڳي کان وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر اُنهيءِ شيءِ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳ، جنهن ۾ مون کي دلچسپي هئي. ماٺ ميٺ ۾ هرڪا ڇپيل شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو به پڙهيل لکيل ماڻهو مليس ٿي تنهن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪانه ڪا ڪم جي شيءِ حاصل ڪرڻ لڳو. رات ماني کائڻ کان پوءِ لالٽين رکي ڪجهه نه ڪجهه پيو پڙهندو هو. ڳوٺ ته ڇڏيو، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اَڃا بجلي ڪانه آئي هئي. وري گرميءَ جي مُند ۾ سخت گرمي، گُهٽ ۽ مڇر ـــ الامان والحفيظ. هُن جي حال تي ترس کائي اسان جي والده مرحومه پکو کڻي ساڻس گڏ ويهندي هئي ۽ جيستائين هو پاڻ ٿڪجي سُمهي نه رهندو هو، هوءَ اُتان چُرندي نه هئي. گهڻو ڪري ٻيئي صبح جو ٽين چئين بجي تائين ويٺا هوندا هئا.“ +هو پير حسام الدين راشديءَ جي آخري دور جو ذڪر ڪندي چئي ٿو. +”... آءٌ کيس اُن بيماري جي حالت ۾ فلپائن وٺي ويس ۽ پاڻ وٽ به سال رهايومانس. اُتي به جيئن ئي سندس صحت سُڌري ته بيڪار ويهي نه سگهيو. پنهنجو مشهور ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ لکيائين. اُن ڪتاب ۾ سندس دل جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ملن ٿيون جن کي سمجهڻ لاءِ عقل ۽ وقت گهرجي. هيءُ موقعو تفصيل ۾ وڃڻ جو ڪونهي. مختصر هيءُ ته پنهنجي زندگيءَ جي آخري ٽيهن ورهين ۾ هن ايتري ته علمي ڪم ڪري ورتو ۽ ايتري قدر ٺوس ۽ بامعنيٰ، جو انسان اچرج ۾ پئجيو وڃي. فارسيءَ ۾ پنجويهه وڏا ڪتاب لکيائين، سنڌيءَ ۾ ٻارنهن ۽ اردوءَ ۾ چار. سڀئي معياري ڪتاب ۽ وڏي تحقيق ۽ وڏي محنت جو نتيجو. اُنهن سان گڏ هو علمي رسالن جي لاءِ مضمون ۽ تحقيقي مقالا به لکندو رهيو. (سنڌيءَ ۾ ٻه سؤ، اردوءَ ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾ پنج، اخباري مضمون ڪيترائي هزار). هي اُهي شيون آهن جيڪي ڇپجي چڪيون آهن. اُنهن ان سواءِ محروم جا لکيل ٻيا سوين اڻپورا مسود اڃا به پيا آهن، جيڪر انهن تي ڪو شخص ڪم ڪري ۽ اُنهن کي پورو ڪري ڇپائي سگهي. اسان جي اوسي پاسي نالي جا بکيا ۽ نااهل ته ڪيترائي آهن، پر مقصد وارو ۽ محنت سان ڪم ڪندڙ تمام ٿورا نظر ايندا. +”شايد که مردي از غيب برون آيد و کاري بکند.“ +”پنهنجي طرفان مرحوم گهڻوئي ڪي ڪري ويو آهي. ڪيترن ئي اڻلڀ ۽ قيمتي شين کي تباهه ٿيڻ کان بچائي عام جي اڳيان آندائين. سنڌ جي تاريخ تي تمام قيمتي مواد ڪٺو ڪري ڇڏي ويو. هن خطي جي تاريخ لاءِ پختو بنياد رکي ويو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته هن هتي جي لٽريچر کي مقصديت ڏني. +”آخر پنج سال مرحوم ڪينسر جي موذي مرض ۾ ڪنجهندو رهيو، پر تڏهن به علمي ڪم جاري رکيائين. علاج جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گهريائين ٿي، پر اجازت حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويو. جيسائين اجازت ملي ۽ هو لنڊن پهتو، تيستائين موذي مرض پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو هو. واپس اچڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي پالڻهار کي وڃي پرتو ۽ مون ستر ورهين جي پوڙهي کي هن ڏکن ڀري دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويو. +تو عزم سفر کردي رفتي ز برما ـــ +بستي کمر خويش شکستي کمرما. +”هن ڌرتيءَ جو هو سرفروش عاشق هو. وصيت ڪري ويو ته کيس پنهنجي والد ۽ والده جي قدمن ۾ نه، پر سنڌ جي قومي قبرستان مڪليءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم جي ڀرسان هميشه لاءِ سمهاريو وڃي. اُن کان وڌيڪ عشق ۽ قربانيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هاڻي قيامت جي ڏينهن هو اُنهن بزرگن ۽ شهيدن سان گڏ اٿندو جن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”مڪلي نامہ“ ۾ وڏيءَ محبت سان ڪيو آهي. هن ننڍڙي حياتيءَ ۾ هڪڙو انسان اِنهيءَ کان وڌيڪ ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ هاڻي سنڌ جو مٿس ڪهڙو قرض رهيو...“ +سندم بزرگ سنڌ جي مهان هستي ۽ سندس ساٿي، سائين جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشدي جي آخري سفر تي اُسهڻ جو ٻڌي، پير علي محمد راشديءَ کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته: +”... سڄي زندگي صدمن ۾ گذري آهي. ارڙهن سال نظربندي ۽ سرڪاري قيد ۾ گذاريا اٿم. آهستي آهستي يار دوست، هڪ هڪ ٿي جُدا ٿيندا، فراق جا صدما ڏيندا ويا آهن. پر هن صدمي جو نوع ئي علحده هو. خبر نٿي پويم، ته اُن جي توسان عذرخواهي ڪريان جنهن جو ڀاءُ الوداع ڪري ويو آهي، يا حسين شاهه سان عذرخواهي ڪريان، جو جيتوڻيڪ فرزند تنهنجو آهي، پر لاڏ ڪوڏ سان نپايل حسام الدين شاهه جو آهي، يا پاڻ سان غم اوريان، جنهن لاءِ ”وڏي وٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾“ وانگر حسام الدين شاهه هڪ دوست، ڀاءُ، غمگسار ۽ پيار جو ڀنڊار هو. +برادرم حسام الدين جي وفات اُهو صدمو رسايو آهي، جو قلم ته رت ڪونه ٿو هاري سگهي، البت جگر زخمي ٿي رت هاري رهيو آهي. سچ پڇين ته وڌيڪ سهڻ جي طاقت نه آهي، سو لکڻ بند ڪريان ٿو. عزيزم حسين شاهه کي ڀڪر پائي دلاسا ڏج. قبيلي جي جملي ڀائرن کي منهنجي پاران عذرخواهي ڪج. پر، ارمان اِهو اٿم ته پاڻ کي هن غم ۾ دلداري ڏيڻ وارو ڪوبه ڪونه ٿو ڏسان! +غم جو ماريل +غلام مرتضيٰ +پير حسام الدين راشدي اُهي سڀ محفلون ويران ڪري ويو جيڪي حيدرآباد ۾ سندس مان ۾ منعقد ٿينديون هيون، جنهن ۾ ڪيترائي دوست گڏ ٿيندا هئا، جنهن ڪري حيدرآباد جون هوادار شامون وڌيڪ پُربهار ۽ فرحت بخش ٿي وينديون هيون. جيستائين ياد اٿم ته رٽز هوٽل هجي يا فاران، ڊاڪٽرس ڪالونيءَ ۾ جيجي زينت چنا جو ”زينت هائوس“ هجي يا لطيف آباد ۾ ماهتاب محبوب جو ”اِرم نما“ گهر هجي يا بعد ۾ هيرآباد ۾ نواب نوراحمد خان لغاريءَ جو گهر هجي، هيءُ دوست جيڪي سندس همسفر ساٿي هئا. ميڙو پيا مچائيندا هئا: سائين محمد ابراهيم جويو، مولانا قاسمي، ڀاءُ غلام ربني آگرو، گرامي صاحب، ڏيپلائي صاحب، شيخ علي محمد، نياز همايوني، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر مجتبيٰ جوڻيجو، نواب نور احمد لغاري؛ ۽ خيرپور ۽ سکر کان ڪڏهن ڪڏهن ايندڙ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ فتاح ملڪ ”مهراڻ“ جي ”پير صاحب نمبر“ ۾ عزيزم غلام رباني آگري پنهنجي مضمون ۾ سندس حياتيءَ جي اُنهيءَ رُخ ڏانهن اِشارو ڪيو آهي: +”هڪ ڀيري ڳالهين ڪندي هن مون کي چيو ته ”رباني، چون ٿا ته قيامت ڏينهن ماڻهوءَ کي وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي پلصراط لنگهي پاڻ بچائي، بهشت ۾ پير رکڻو آهي، پر حقيقت ۾ هن دنيا جي حياتي ئي پلصراط آهي.“ +رباني صاحب ان تي لکيو آهي ته اڄ پير صاحب اسان ۾ موجود ڪونه آهي، پر مان ائين سمجهان ٿو ته هو پلصراط تان پاڻ بچائي اڳتي نڪري ويو آهي ۽ خدا جي حضور ۾ پنهنجو اَڇو اُجرو اعمالنامو پيش ڪري بهشت برين ۾ داخل ٿيو آهي. +مان اُن ۾ هيءُ واڌارو ڪندس ته پير صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترين پلصراطن تان لنگهيو هو جو آخرت واري پلصراط رب کيس معاف ڪري ڇڏي هوندي. +حسين شاهه راشدي ۽ سندس سڄو خاندان علي رضا سميت، پير صاحب جو اُن لاءِ وڌيڪ ٿورائتو هئڻ گهرجي جو حسين شاهه جي شادي سنڌ جي هڪ وڏي ۽ نامياري خاندان پير غلام الرسول شاهه جيلانيءَ جي نياڻي سان ڪرائي، جنهن حسين شاهه جهڙي ماڻهوءَ کي مقصيد کان ٿڙڻ نه ڏنو. مون حقير کي اهو شرف حاصل رهيو هو ته هن ناتي ۽ رشتي کي ڳنڍڻ لاءِ ڪوششون وٺان. اِن ڳالهه ۾ پير صاحب حسام الدين شاهه طرفان محترم رباني آگرو مون سان گڏو هو ۽ سڄي ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ته ڪيئن محرومه بيگم زينت چنا انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌايو ۽ توڙ تائين پهچايو. لِکئي جا ليک آهن. علي رضا جي شادي به محترم عبدالله چنا ۽ بيگم زينت عبدالله چنا جي ڏوهٽيءَ سان ٿي. ماشاءالله کيس پُٽڙو به ڄائو آهي، جنهن جو نالو ”حسام الدين“ آهي. +هيءُ سنڌ جي انهيءَ نسل جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي تاريخ اسان جي بزرگن پنهنجي رت ست سان لکي ۽ پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشديءَ جو ڪردار اُنهن بزرگن سان گڏ نروار ٿيو بيٺو آهي. اُميد اٿم ته حسن شاهه، علي رضا ۽ ٻيا سندس خاندان وارا آئنده پڻ اِها پَرِ نڀائيندا ايندا، جيئن هيءَ نڀائي اٿن. +ڏوٿي سا ڏورين، جا جُوءِ سُڻي نه ٻُڌي، +پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين، +وڄا اُت ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا. +(هيءُ مضمون پير حسام الدين راشدي جي ويهين ورسيءَ جي موقعي تي 31- مارچ 2002ع، ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ پڙهيو ويو.) +شيخ خورشيد حسين +سنڌيڪار: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو +علم النسان ۽ علم الآثار: +سنڌو تهذيب جي تشريح جا اهم ماخذ +(نوٽ: شيخ خورشيد حسن پاڪستان جو مشهور آرڪيالاجسٽ آهي. سندس هيءُ مقالو سنڌو تهذيبن جي مطالعي جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، جو ”پاڪستان آرڪيالاجي“ نمبر 26، سال 1991ع، ”سلورجبلي نمبر“ ۾ ڇپيو هو.) +علم الانسان ۽ علم الآثار جي گڏيل مدد ۽ موجوده دور جي مشاهدن جي سهڪار سان، گذريل زماني جي حالتن ۽ عملن جي تشريح ڪري سگهجي ٿي. علمن جو مفهوم نهايت جامع ۽ وسيع آهي، جنهن ۾ بيشڪ هنر، ڪاريگريون، معاشي ۽ سماجي حالتون توڙي لطيف فن اچي وڃن ٿا (1). هيءُ هڪ نئون نظريو آهي، جنهن ڪجهه وقت اڳ آمريڪا ۾ جنم ورتو. تازي دور ۾ هن نطريي جي روشنيءَ ۾ قديم آثارن جو اڀياس شروع ڪيو ويو آهي؛ ان طرح نهايت دلچسپ نتيجا ملڻ شروع ٿيا آهن. جيئن اسان کي خبر آهي ته قديم آثارن جي علم جو تعلق انسان جي گم ٿيل تهذيبن سان هجي ٿو، اُن جي برعڪس علم الانسان جو توجهه موجوده رسم ۽ رواج توڙي طور طريقن جي اڀياس تي محيط ٿئي ٿو، جن جون پاڙون قديم دور ۾ کُتل آهن. هنن ٻنهي مضمونن جي تحقيق جي مقصدن ۾ گهري هڪجهڙائي آهي. ان هوندي به اُنهن جي تحقيق جي طريقهء ڪار ۾ چِٽو فرق آهي. مختصر هيءُ ته علم الاثار جي ماهر جو هي ڪم آهي ته اُهو انساني باقيات جي اُنهن صورتن، جي اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محفوظ آهن، جي نشاندهي ڪري، ۽ گذريل دور جي مختلف زمانن ۽ گڏوگڏ سندن گڏيل تعلقات جي بِناءَ تي اُنهن نتيجن کي ”امڪانات“ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي. ان لاءِ نهايت منظم طريقي سان ڪم ڪرڻ کپي. امڪانات اُهي جائز تصور ڪيا ويندا، جيڪي هلندڙ دور ۾ انسان جي رسم ۽ رواج ۾ به سچ پچ ته ڏسڻ ۾ اچن (2). علم الاثار جي ماهرن جي اڪثريت هن ڳالهه تي متفق آهي ته ڪنهن انساني باقيات جي سلسلي ۾ تحقيق ڪندي، صرف هڪ جاءِ کي نظر ۾ نه رکڻ کپي، ليڪن ان جي آسپاس کي به مد نظر رکڻ کپي. بلاشبه اُن جاءِ جي محل وقوع سان گڏ متعلقه ماڳ جي اِردگرد جي علائقي جي اهميت کي به نظرانداز نه ڪجي. پر هيءُ به ياد رکڻ کپي ته ان ريت حاصل ٿيل نتيجن بابت به ڪجهه احتياط ڪرڻ لازم ٿي پوي ٿو. هيءُ ڳالهه امڪان کي ويجهي آهي ته ڪجهه قبيلا قديم زماني کان و‎ٺي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکندا آيا آهن، پر زماني جي تبديلن سان گڏ سندن طرز زندگيءَ ۾ به آهستي آهستي تبديلي اچي رهي آهي. باوجود ان جي ته سندن شڪار ڪرڻ، مڇي پکڙڻ ۽ هنري طريقا قديم دور جا آهن. اهڙن قيبلن جي موجوده طرز زندگي، هوبهو قديم دور وانگر نٿي ٿي سگهي، ان ڪري هلندڙ ثقافتي روين ۽ انهن جي گذريل دور سان تعلق کي چڱيءَ طرح سان تجزيي، مطالعي ۽ پرک ۾ آڻي، نتيجا حاصل ڪرڻ کپن. +سال 1925ع ۾ سنڌو تهذيب جي دريافت کان وٺي، ان جي باري ۾ گهڻو تحقيقي ڪم ٿي چڪو آهي، پر اِن ڏس ۾ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڏکڻ ايشيا جي هن تمام ترقي ڪيل مڪمل شهري ۽ وسيع تهذيب جي باري ۾ معلومات مڪمل ٿي سگهي. علم الاثار جي ماهرن جي ڪوڏر جي ذريعي گڏ ٿيل معلومات، سنڌو تهذيب جي باري ۾ اڪثر اسرارن ۽ خاص ڪري نسلي مطالعي ۾ مددگار ثابت نه ٿي آهي. جن انساني ڍانچن جو تجزيو ٿيو آهي، اُهي سنڌو تهذيب جي انسان جي نسلي ساخت بابت فيصله ڪن شاهدي نٿا ڏين. سيول (Sewell) ۽ گوها (Guha) هڏاون آثارن جي ڏس ۾ پنهنجي اڀياس جي آڌار تي، موهن جي دڙي �� ’گهڻ نسلي‘ ماڻهن جي نشاندهي ڪن ٿا (3). ٻئي طرف ڊي. ڪي سين (D.k. Sen) قبول ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ مٿي جي شڪل، نڪ جي صورت ۽ قد ڪاٺ جي حوالي سان، اُتي رهندڙ ماڻهو ’هڪ نسل‘ جا هئا (4). ڪجهه قديم آثارن جي ماهرن جو رايو آهي ته انڊس دور کان ڪري اڄ تائين، انساني نسلي ساخت گهڻو ڪري اڻ تبديل ٿيل رهي هوندي. اهڙن ماهرن موجب هنن علائقن تي ٿيل حملا ضرور اهميت جوڳا نه هوندا، جن سبب ماڻهن جي جسماني ساخت ۾ ڪا وڏي تدبيلي اچي.(5) +سنڌو تهذيب جي دريافت واري وقت کان وٺي، عاج جي شين، ٽامي جي ٿانوَن، ٺڪر جر برتنن، ٽپن ۽ مُهرن تي موجود پراسرات لکت کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ڪجهه عالم، جيڪي هن لکت کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ رڌُل آهن، اُنهن ۾ پارپولا (6) ۽ مهاديون (Mahadevan) (7) جو خيال آهي ته سنڌو لکت ’پروٽو ـــ دَراوڙي‘ آهي. پر ڏسجي ٿو ته هن ڏس ۾ ڪاميابي اڃا پري آهي. جيتوڻيڪ ’پروٽو ــــ دَراوڙي‘ وارو مفروضو وڌيڪ بهتر آهي، پر اڄوڪي دراوڙي دنيا ڪجهه به ذڪر جوڳي باقياتي مواد پيدا نه ڪيو آهي (8). +موهن جو دڙو پختہ سنڌو تهذيب جو وڏو شهري مرڪز آهي. اُهو سنڌو ماٿر جي اُن حصي ۾ واقع آهي، جيڪا هن تهذيب جي مکيه ايراضي رهي هوندي. اِن ڪري اها ايراضي سنڌو تهذيب جي آغاز جي منطقي علامت ٿي سگهي ٿي (9). +ميداني خطي ۾ پڪي اڏاوت ۽ شهر جي بنياد پوڻ کان وٺي موجوده دور تائين، رءَ جي ڀرمار ۽ پوءِ جي دور ۾ زير زمين پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سبب، سنڌو تهذيب جي بنيادي باقيات تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي پيدا ٿي آهي. موهن جي دڙي جي ڪوٽ واري علائقي جي هيٺينءَ سطح تي پهچڻ لاءِ 1950ع ۾ کوٽايون شروع ڪيون ويون، پر پاڻيءَ جي سطح وڌڻ ڪري گهربل مقصد حاصل نه ٿي سگهيا (10) سال 1964ع ۾ ڊيلز تجرباتي کوهه کوٽايا. اُن وقت مٿاڇري واري سطح جو اندازو 39 فوت هو، جتي موجوده دڙو 35 کان 40 فوٽ اوچو هو (11). وري 1966ع ۾ ڊچ صلاحڪارن 24 مشاهداتي کوهن لاءِ، اڳواٽ طئه ڪيل جاين تي سوراخ (Drilling) ڪرايا. ان طرح سراسري ميداني سطح کان 60 فوٽ هيٺ، سرن جي اڏاوت ۽ ٺڪر جي ٿانوَن جي نشاندهي ٿي (12). علم الاثار جي ماهرن جي شديد خواهش آهي ته اِهي هيٺينءَ سطح تائين پهچن، ليڪن پاڻيءَ جي وڌندڙ سطح اُن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. يونيسڪو پاران حڪومت پاڪستان جي زير زمين پاڻي گهٽ ڪرڻ واري رٿا جزوي طرح سان مڪمل ٿي سگهي، ڇو ته رٿيل رٿا مان صرف 26 ٽيوب ويل لڳي سگهيا. اطلاع اِهي آهن ته زيرزمين پاڻي، سطح کان 28 فوت هيٺ رهجي ويو آهي (13). هي سطح ان حساب سان ٺيڪ آهي جو ان ڪري موهن جي دڙي جي آثارن کي بچائڻ ۾ مدد ملندي. البته 32 واڌو ٽيوب ويلن جي اصلي رٿا ته جيئن زيرزمين پاڻي 65 فوٽ هيٺ ڪجي، سا عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. اُن جو سبب رقم جي کوٽ آهي، جنهن جي دستياب ٿيڻ جو ويجهي مستقبل ۾ ڪوبه امڪان ڪونهي! ان ڪري موجوده صورتحال سبب، موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ممڪن ڪونهي ته جيئن اُن جي اولين سطح‘ تي پهچي سگهجي. +اِن حالت ۾ علم الاثار ۽ علم الانسان جي گڏيل مدد سان، سنڌو تهذيب جي مُنجهيل سُٽ کي سُلجهائي سگهجي ٿو. سنڌو تهذيب جي دلچسپ خاصيت، اُن جون طويل عمر واريون روايتون آهن جي اڄ به زندهه آهن. موهن جي دڙي جي آس پاس رهندڙ ڪنڀر اڄ به اهڙا ٿانوَ ٺاهين ٿا، جي سندن وڏڙا قديم دور ۾ ٺاهيندا هئا. عورتون اڄ به اهڙا زيور پهرين ٿيون، جي پنج هزار سال اڳ به استعمال ۾ هئا. گهڻو وزن ڍوئيندڙ گاڏيون (ڏاند گاڏيون) اڄ به سڄي سنڌ ۾ ڏسجن ٿيون. هي گاڏا موهن جي دڙي جي پڪل رانديڪن جي ڏيک ڏين ٿا. جيتوڻيڪ اسان وٽ موهن جي دڙي جي ڍڳي گاڏي جو حقيقي نمونو موجود ڪونهي، پر پوءِ به پڪ آهي ته رانديڪي واري ڍڳي گاڏي اُن سان گهڻي مشابهت رکي ٿي. ڪپڙي تي ڇُر جون علامتون به سنڌو تهذيب واري وقت کان هلندڙ آهن. موهن جي دڙي جي ڦولدانيءَ تي چٽسالي سنڌ جي کيس سان مشابهه آهي، جو آڏاڻن تي تيار ٿئي ٿو (14). اِن طرح چٽسالين ۽ گلڪارين جي شڪل ۾ موهن جي دڙي جون ڪي نشانيون، اڄ به سنڌ جي ڳوٺن ۾ لوڪ هنرن جي صورت ۾ موجود آهن. +اهڙي پس منظر ۾ هن مقاله نگار، سنڌو تهذيبن جي اڀياس خاطر ”مهاڻا“ قبيلي کي اڀياس جو محور بنايو آهي، جنهن کي ’ميربحر‘ به سڏجي ٿو. اِهي ناکئا به آهن ته مڇي پڪڙن وارا به آهن. اُنهن جا ڳوٺ اڪثر ڪري درياهه سنڌ جي ڪناري سان آهن، پر ڪي ڳوٺ دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ تي ۽ ڪجهه گهر ناري جي اُڀرندن ڪنارن سان به موجود آهن. سنڌ گزيٽيئر موجب مهاڻا سنڌو ماٿر جا قديم رهاڪو آهن (15). اِهي ڊگهي عرصي کان پنهنجي ڌنڌي ۾ رُڌل آهن. اُنهن جو ڪارو رنگ توڙي عادتون اطوار، سندن دراوڙي نسل هجڻ متعلق شاهدي ڏين ٿا. پوسٽنس لکي ٿو ته ”مهاڻا ڪاري رنگ جا آهن، پر اُنهن جي شڪل شباهت عام سنڌين وانگر آهي. اِهي عام طرح ٻيڙين ۾ رهن ٿا ۽ سندن ڪو ٻيو ٺِڪاڻو ڪونهي“ (16). برٽن جو خيال آهي ته ”مهاڻا اصل ۾ هندو آهن ۽ پوءِ مسلمان ٿيا آهن. اهي عام سنڌين وانگر نٿا ڏسجن. انهن جا مهانڊا منفرد آهن ۽ رنگ ۾ به ڪارا آهن“ (17). ڪيڊل جو رايو آهي ته مهاڻو قبيلو نهايت قديم آهي. سندن تعلق سنڌو تهذيب جي دور ۾ ڍنڍن ۾ رهندڙ اُن نسل سان آهي، جنهن جي رت ۾ نهايت گهٽ ملاوٽ ٿي آهي“ (18). شيخ صادق علي سنڌ جي ذاتين جي مطالعي سبب اهميت رکي ٿو، پر کيس به مهاڻن جي اصليت بابت پڪ ڪونهي. سندس موجب هن ذات وارا يا ته ٻيڙيون هلائن ٿا، يا وري مڇي ماري گذران ڪن ٿا. پاڻ مهاڻن جا 254 پاڙا لکيا اٿس (19). بلوچستان جي ميد قبيلي کي به ’مهاڻو‘ سڏيو ويو آهي. اهي اڪثر ڪري مڪران ۽ لس ٻيلي جي سامونڊي ڪنارن سان ڏٺا ويا آهن. اُهي ڀوري رنگ جا ۽ ڌنڌلين اکين وارا آهن. اُهي ايترا ته مضبوط ۽ سگهارا آهن جو پنهنجي طاقت جي آڌار تي جوکم وارن ڪمن ڪرڻ جي اهليت به رکن ٿا، ۽ سمونڊ اندر جٽادار قوت جو پڻ اظهار ڪن ٿا (20). +ناکئن يا مڇي ماريندڙ جي روپ ۾، مهاڻن جو تعلق سنڌو ماٿر جي سڀني حملي آورن سان قائم رهيو آهي. آريا، ايراني، يوناني، سٿين، اڇا هوڻ (Huns)، مسلمان ۽ پوءِ انگريز سنڌ تي ڪاهي آيا، پر مهاڻن تي صرف مسلمانن جو اثر پيو ۽ سندن زندگيءَ توڙي ثقافت ۾ تبديلي محسوس ڪئي وئي. جيتوڻيڪ مهاڻن جو ڪم ڪٺن هو، پوءِ به اسلام کان اڳ سنڌو ماٿر ۾ کين گهٽ رتبو مليل هو. مسلمانن کين سماج ۾ برابر جي حيثيت ڏني. انڪري ته مهاڻن اسلام قبول ڪيو. +مهاڻن جو ڳوٺ 10-15 ٻيڙين تي مشتمل آهي، جن کي ’ڊونڊي‘ سڏجي ٿو. ٻيڙين جي ڀرسان کُليل ميدان تي عارضي گهر ٺاهين ٿا. اُنهن اڏاوتن ۾ رهن به ٿا ته ٻيڙين جي مرمت به ڪن ٿا. سندن گهرن کي پکين جي آکيرن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. اُهي درياهه سنڌ جي لاهه ۽ چاڙهه جي پس منظر ۽ لڏپلاڻ ڪن ٿا. اُنهن جي پيئڻ جي پاڻيءَ جو اهم ذريعو سنڌو درياهه آهي، جو خواجه خضر طرفان کيس مليل آهي. مختلف سببن جي ڪري مهاڻن لاءِ هي درياهه مقدس آهي. اُنهن جي لاءِ درياهه جو پاڻي روحاني طاقت سان نوازيل آهي. عام طرح مهاڻا پنهنجن ٻارن کي بد روح جي بڇڙاين کان بچائڻ لاءِ سنڌو درياهه جو پاڻي پياريندا رهن ٿا. اُن کي سٺو سنوڻ سمجهيو ويندو آهي. مهاڻن جي زندگيءَ ۾ ٻيڙي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻيڙي اُنهن لاءِ رهائش به آهي ته پيدائش جو ذريعو پڻ آهي. ٻيڙيءَ جا عام طرح ٽي حصا هجن ٿا. آڳل، تَرُ (وچ)، ۽ پاڇل، آڳل کي رڌڻي طور استعمال ڪن ٿا ۽ تَرَ کي سمهڻ جي ڪمري طور ڪتب آڻين ٿا. پاڇل هڪ مضبوط جاءِ آهي، جتان عام طرح ٻيڙي هلائڻ لاءِ ونجهه جو استعمال ٿئي ٿو. مطلب ته ٻيڙي کي هلائڻ کان ڪري، ان کي ٺيڪ ٺاڪ رکن تائين پاڇو وارو حصو وڏي اهميت رکي ٿو. + + +مُهاڻا اُها سنڌي ڳالهائين ٿا جا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ استعمال ۾ آهي. اُن هوندي به ٻهراڙيءَ جي ثقافت ۽ زبان جي معاملي ۾، مهاڻن کي ڪي قدر انفراديت به حاصل آهي. ناکئا اڄ به موهن جي دڙي جي بلڪل سامهون، درياهه جي ٻئي طرف خاص قسم جي ميلو منعقد ڪندا آهن. اهو ميلو ٻوڏ جي مند کان ڪجهه وقت اڳ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻيڙين جي ڊوڙ، ترڻ، ناچ ۽ ڪي ٻيا جشن منعقد ڪيا وڃن ٿا. حقيقت ۾ هي تقريبون قديم آهن ۽ اُنهن جون پاڙون موهن جي دڙي ۾ کتل آهن. +کوجنائن ذريعي ميسوپوٽيما ۽ سنڌو ماٿر ۾ واپاري لاڳاپن جو پتو پيو آهي. درياهه ذريعي سوين اقتصادي ۽ مذهبي ڳانڍاپن جو پتو، ’اُر‘ ۽ ’اڪاد‘ جي حڪمران ’سارگن‘ کان وٺي، آئرن لارسا جي دؤرن (2380-1900 ق. م) تائين ملي ٿو (21). عالمن ۾ ميلوها، مگن (مڪن) ۽ دلمن جي سڃاڻپ ۾ لڳ ڀڳ اتفاق ڏسجي ٿو. محققن ’ميلوها‘ جي درآمدي شين کي سنڌو ماٿر جي پيدائش سان ڀيٽيو آهي، ۽ ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته ’ميلوها‘ اصل ۾ سنڌو ماٿر وارو ماڳ آهي (22-23). مُڪر جي چوي ٿو ته قديم زماني ۾ سامونڊي واپار دراوڙن جي هٿ ۾ هو، جيڪي درحققت سنڌ جي اڄوڪي دور جي ماڇي ۽ مهاڻان قبيلن جا ابا ڏاڏا هئا (24). اها ڳالهه هن حقيقت ذريعي ظاهر ٿئي ٿي ته موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن تي ٻيڙين تي اهڙا آثار ملن ٿا (25). جهڙيون ٻيڙيون موجوده دور ۾ درياهه سنڌ اندر مهاڻا ڪتب آڻين ٿا. سنڌوءَ تي هلندڙ ٻيڙين جي آڳل ۽ پاڇل اُڀريل آهي.... ساڳي شڪل، جا ڪجهه وڌيڪ صاف آهي، موهن جي دڙي مان لڌل پڪي مٽيءَ جي ٽڪنڊي تعويذ جي صورت ۾ به ملي آهي (26). هن تعويذ تي وڌيڪ دلچسپ شڪل هي آهي ته ٻه پکي نهايت سجايل طريقي سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڄ سوڌو پکين کي مهاڻا هن طرح سينگاريندا اچن ٿا. ٻيڙين تي پيڻ پکي ۽ پيٽوري (ماهي خور پکي) چٽڻ جو هڪ خاص مقصد آهي. سنڌ جي فطرتي دنيا جو ڄاڻو جيمس مُري جو خيال آهي ته هي پکي ماهي خور هجڻ سبب مڇيءَ سان وڏو هاڃو ڪن ٿا (27). اِهي شڪار جي خيال کان اُتاهينءَ تائين هيٺ لامارو ڏين ٿا، ۽ غوطا هڻي تيزيءَ سان مناسب وزن جو شڪار ڪري سرخرو ٿي واپس ٿين ٿا. گهڻو ڪري مهاڻا هر ٻيڙيءَ ۾ اِهي پکي پاڻ سان رکن ٿا. جڏهن مڇي ڄار ذريعي آسانيءَ سان دستياب نه ٿئي، تڏهن هن مقصد لاءِ پکين جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. پکين جي ڳچيءَ ۾ ڳاني وجهن ٿا، جنهن سبب پکي شڪار ڪيل مڇي ڳهي نٿا سگهن مڇيءَ کان سواءِ پکين جو شڪار به مهاڻن جي آمدنيءَ جو هڪ وڌيڪ ذريعو آهي. پکين جو شڪار ڄار ذريعي ٿئي ٿو. اُنهن جون عورتون جدا جدا ڌنڌن ۾ مصروف رهن ٿيون. +علم الانسان جي ذريعي پاڻي ۽ زمين ۾ رهندڙ هن قبيلي جو اڀياس ٿيڻ کپي. هن ڏس ۾ ٻيڙين جو گهر وارو حصو خاص ڌيان گهري ٿو، جنهن ۾ ڪاٺ جي اُڪر ذريعي تصويرون ٺهيل آهن. هي نقش نگار، سنڌو تهذيب جي دور ۾ ٿيندڙ سنگتراشي يا شڪلين ٺاهڻ واري روايت جي هڪ علامت آهن. مهاڻن جي ٻولي ۽ خاص ڪري محاورا توڙي چوڻيون اهميت جوڳا آهن. اُنهن جو اڀياس موهن جي دڙي جي رسم الخط جي مطالعي ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو (28). +حوالا ۽ حاشيا +(1) Allchin Bridget, Ethnoarchaeology in Sonth Asia, in South Asian Archaeology (1983), Naples, 1985, pp. 21-33 (Vol. I) +(2) Fairservis, Walter A., Jr., Sir Mortimer Wheeler and I, Serie Orientale Roma, LVI, I Orientalia Josephi Tucci Memoriae Dicata,Rome, 1985, pp. 144-54. +(3) R. B. Seymour Sewell and B. S Guha in John Marshall Mohenjodaro and Indus Civilization (London, 1931), Vol. II, pp 599-648. +(4) D.K. Sen, Ancient Races of India and Pakistan- A study of Methods in Ancient India, 1967, No. 20 & 21, pp. 178-205. +(5) Wheeler, The Indus Civilization (Third Edition) Cambridge, 1968, p. 78. See also (a) Matrio Cappieri in W. A. Fairesrvis, Roots of Ancient India (London, 1971), Appendix K. pp. 425-437 and (b) Shaikh Khurshid Hasan, ‘The Burial Practices among the people of the Indus Valley Civilization, In International Symposium on Mohenjodaro Karachi, 16975.pp. 94-99. +(6) Parpola Asko, Interpreting the Idus Script, In Indus Civilization- New Perspective, Islamabad, 1981, pp. 117-31. +(7) Mahadevan, Iravatham, Terminal Ideograms in the Indus Script, In Harappan Civilization, New Delhi, 1982, pp. 311-17. +(8) Dani, A. H., The Indus Civilization-New Perspective, Islamabad 1982, pp. 10. +(9) Mughal M.?R., Present State of Research on the Indus Valley Civilization, Karachi, 1973, p. 23. +(10) Alcock, Leslie,Pakistan Quarterly, Karachi, 1952, Vol.2 (1), pp. 12-16. +(11) Dales, G.f., New Investigations at Mohenjodaro, Archaeology New York, 1965, Vol. 18(2), pp. 145-50. +(12) Mohenjodaro Preservation Plan (Ground Control), West Pakistan Power & Development Authority, Lahore, 1972,pp. 2. 1. +(13) Sallent feature in brief of preservation work of world vamous most. Ancient archaeological remains at Mohenjodaro, Report prepared by the Mohenjodaro Preservation Authority, Karachi (Un-published). +(14) Bunting, Ehel- jand W., Sindhi tombs and Textiles- The Presistence of Patterun, University of Mexico Press, U.S.A. p. 65. +(15) Gazetteer of Sindhi, Bombay, 1907, p. 178. +(16) Capt, T. Postans, Personal Observations on sindhi, 1943.pp. 100-05. +(17) Burton, Richard F., Sindh and the Races that inhabit the Valley of Injdus, Karachi (Re- print). 1973, p. 251-52. +(18) Cadell, S. P., Who are the descendants of the people of Mohenjodaro. Journal of the Bombay Anthropological Society Jublee, Vol. 1937, pp. 125-140. +(19) Ali Sadiq Shaikh. A short sketch of the Muslim Races in Sindh, Baluchistan and Afghanistan, Karachi, 1954, p. 60. +(20) Gazetteer of Baluchistan (Lasbela), Quetta (Reprint), 1986, p. 58. +(21) Mallowan, M., the mechanics of Ancient Trade in Western Asia, Iraq (III) London, 195. pp. 1-9. +(22) Parpola Asko, Recent Development in the study of the Indus Script, In sindh Through the Centuries, Karachi, pp. 74-75. +(23) Lamberg-Karlovsky, C.C., Sumer, Elam and the Indus: Three Urban Processes Equal One Struture, In ‘Harappan Civilization, New Delhi, 1982, pp. 61-68. +(24) Moookerji, Radha Kumunda, History of Indian Shipping and their own ships from earlier times int the Persian Gulf, Bombay, 1960. p. 62. +(25) Mackay, E.J.H., Further Excavation at Mohenjodaro, vol.I, New Delhi, p. 30. Clay models of boats have been found at lothal. See ‘Lothal & Indus Civilization, 1973 by S. R. Rao p. 124. +(26) Dales, G. F. , The South Asia Section ‘Expediton’, Philadelphia, 11.1., pp. 38-45. +(27) Murrary, J. a. , The vertebrate Zoology of Sindh – A Systematic Account, Richardson & Co., London, 1884-pp. 102. +(28) Hasan, Shaikh Khurshid & Ashfaque Syed Mohammad, ‘Mohenjodaro’. A 5000 years old Legacy, UNESCO, Paris, 1981, p. 38. +ڊاڪٽر محمد سليم اختر +سنڌيڪار: عبدالاحد جوڻيجو +”نصرت نامهء ترخان“ ـــ +هڪ تنقيدي جائزو +(نوٽ: نصرت نامهء ترخان“ تي هڪ مفصل اسٽڊي ”مهراڻ“ (3-4/2001ع) ۾ اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪي آهي (از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو). هي ڀرپور تنقيدي جائزو ملڪ جي هاڪاري اسڪالر ڊاڪٽر محمد سليم اختر تيار ڪيو آهي، جنهن جي پڻ وڏي اهميت آهي. ـــ ادارو) +بنا ڪنهن شڪ جي امير تيمور جو شمار دنيا جي عظيم فاتحن ۾ ٿئي ٿو. اُن جي دورِ اقتدار (771-7 هه /1969-1404ع) ۾ مارواء النهر واري علائقي کي اهڙي ته رونق ملي جو اُن جو مثال تاريخ ۾ اُن کان اڳ نٿو ملي. سمرقند هڪ اهڙي وڏي ۽ ويڪري سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو، جنهن جون حدون نالي ماتر ئي سهي، دهليءَ کان دمشق ۽ خوارزم سمنڊ (Aral Sea) کان ايراني نار تائين پکڙيل هيون (1) پر هڪ ته تيمور جي فوجي ڪاهن ۾ هونئن ئي دنياداريءَ جي ڀيٽ ۾ حڪمراني ۽ توسيع پسنديءَ تي زور هو، ٻيو ته سندس فتحن واري طوفاني سلسلي اُن کي ڪڏهن اِها مهلت ئي نه ڏني جو ايڏي وڏي عظيم سلطنت جي انتظام ۽ بندوبست جو ڪو خاطر خواهه ۽ باقاعده نظام جوڙي سگهجي. اُن جو نتيجو اِهو نڪتو جو هوڏانهن هُن اکيون ٻوٽيون ۽ هيڏانهن سندس جاءِ نشين جي اباڻي قبضي مٿان گرفت گهٽجڻ لڳي. (2) شاهه رخ مرزا ابن تيمور (807-85 هه/ 1405-1447ع) قبضا گيريءَ واريون عمل کي ڪنهن حد تائين روڪيو، پر سلطان ابو سعيد مرزا (800-873هه /1451-1469ع) جي شهيد ٿيندي ئي اُن جي جانشين جون پاڻ ۾ رقابتون ۽ خانه جنگيون عروج تي پهچي ويون. جنهن جو لازمي نتيجو اِهو نڪتو جو تيمور جي عظيم الشان سلطنت آخري ڏينهن ۾ پنهنجي اصلي وجود جو پاڇو وڃي رهي ان سان هڪ ايران جي صفوي خاندان جي عروج ماوراء المنهر ۾ اوزبڪن جي اقتدار، ۽ خراسان ۾ ابوالغازي سلطان حسين ميرزا بايقرا جي عظيم علم دوست رياست جي وجود وٺڻ ۽ مستحڪم ٿيڻ جا رستا کُلي ويا ته ٻئي طرف سلطان ابو سعيد مرزا جي پوٽي بابر ماوراء النهر ۽ ڪابل ۾ لاڳيتيون مايوسيون ملڻ کان پوءِ برصغير ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي خانداني قبضن واپس وٺڻ کي پنهنجو مقصد قرار ڏنو. بابر جي اِهائي سوچ آخرڪار هندوستان ۾ مغليه سلطنت جي بنياد پوڻ جو سبب بڻجي. +ماوراء النهر، افغانستان ۽ خراسان جي اُن سياسي خلقشار ۽ انتظامي عدم استحڪام جي وڌاري ۾ جتي ٻيا به ڪيترائي سبب هئا، اُتي منگول نسل جي ئي مهم جُو ۽ بهادر ارغون ۽ ترخان قبيلن جي سازشن کي پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اِهي قبيلا هونئن ته تيمور جي ئي دور کان وٺي اُن جي فوجي مهمن ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪندا پئي آيا، پر تيمور جي جانشينن جي ڪمزورين کي ڏسي اُهي اقتدار جي مسند تي سڌيءَ طرح اثرانداز ٿيڻ کان پڻ پَرَ ساهڻ لڳا. شروعات ۾ ته اِها جماعت خود تيموري شهزادن کي ئي شطرنج جي مهرن جيان استعمال ڪري پنهنجي اقتدار واري هوس جي تسڪين حاصل ڪندي رهي پر پوءِ هڪڙو مرحلو به آيو جو بادشاهه جي ملازمت ڪرڻ بجاءِ خود بادشاهه ٿيڻ واري خواهش سندن دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳي. پر ايران ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ جي بااختيار حڪومت، ماوراء النهر ۾ شيباني خان جي زير نگراني اوزبڪ اقتدر جي لواڌاري، ڪابل تي بابر جي مضبوط گرفت، هرارت ۾ ابوالغازي شاهه سلطان حسين ميرزا بايقرا جي موجودگي ۽ سنڌ ۾ سما خاندان جي اعليٰ دماغ، علم، پرور ، انسان دوست ۽ هر دلعزيز حڪمران ڄام نظام الدين نندي (866-914هه/1461-1508ع) جي مستحڪم حڪومت جي هوندي سندن اُن خواهش جو پورو ٿيڻ ڪائي سولي ڳالهه نه هئي. +سلطان ابوسعيد جي تخت نشينيءَ ۾ ارغونن اهم ڪردار ادا ڪيو هو (3)، انڪري اُن جي اقتدار ۾ اچڻ سان اُنهن جي اثر و رسوخ ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ٿي ويو. سنڌ ۾ ارغون سلطنت جي بيناد وجهندڙ امير ذوالنون بيگ ارغون پڻ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سلطان ابوسعيد جي ئي درٻار کان ڪئي هئي، جتي هُن پنهنجي بي مثال جرئت ۽ دليريءَ سبب جلد ئي سلطان جي دل راضي ڪري ورتي. 873هه/1469ع ۾ سلطان جي شهادت تي ذوالنون پهريائين هرات اچي سلطان حسين ميرزا بايقرا جي ملازمت اختيار ڪئي، پر پوءِ جلد ئي سمرقند وڃي پنهنجي واسطيدار سميت بابر جي چاچي سلطان احمد ميرزا (873-899هه/1469-1494ع) جي درٻار سان منسلڪ ٿي ويو. جڏهن اُتي به دل نه لڳس ته امير ذوالنون ٻن ٽن سالن کان پوءِ سلطان حسين بايقرا وٽ واپس هليو آيو. جتي هُن هڪ طرف بايقرا جي سلطنت جي واڌاري ۽ مضبوطيءَ خاطر بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون، اُتي قنڌار، سيوي ۽ شال (موجوده ڪوئيٽا) جهڙن لشڪر ڪشيءَ جي اهيمت وارن هنڌن تي، پنهنجا پير ڄمائي، ڏهين صدي هجري / سورهين عيسويءَ جي پهرين اڌ دوران سنڌ (جا ان کان اڳ 892هه/1487ع ۾ پڻ هرات جي تيموري سلطنت جي ملڪ گيريءَ واري هوس جو نشانو ٿي چڪي هئي) ۾ پنهنجي جانشين هٿان هڪ ٻئي پٺيان خودمختيار ارغون ۽ ترخان حڪومتن جي وجود ۾ اچڻ لاءِ رستو هموار ڪري ڇڏيو (4) اهڙيءَ طرح مجموعي طور تي سنڌ جي سرزمين هڪ سَوَ سالن تائين سڌيءَ طرح مڪمل طور ارغون ۽ ترخان خاندانن جي هٿ هيٺ رهي، جنهن منجهان مني صديءَ تائين وقت بوقت سخت مغليه دٻاءَ هوندي به اُهي لڳ ڀڳ مستحڪم ئي هئا. باقي چوٿائي صدي اُنهن مغلن جي ڏَنَ ڀرو ٿي گذاريو ۽ پوءِ 1021هه /1612ع ۾ ميرزا غازي بيگ ترخان جي وفات کان پوءِ جهانگيري دور ۾ هي علائقو برصغير جي مغليه سلطنت جو باقاعده هڪ صوبو ٿي ويو ۽ اُن جي اها حيثيت 1151هه / 1739ع ۾ مغل بادشاهه محمد شاهه (61-1131هه/ 48-1739ع) جي نادر شاهه افشار هٿان شڪست تائين برقرار رهي (5). +سنڌ ۾ ارغون ــ ترخان قبضي واري حوالي سان ويجهڙائيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ايسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي يونيورسٽيءَ ”نصرت نامهء ترخان“ نالي ڏهين صدي هجري / سورهين صدي عيسويءَ جو هڪ فارسي متن ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي انگريزي مقدمي، تحقيق ۽ تعليقات سان شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر انصار زاهد خان برصغير ڏکڻ ايشيا جي وچين صدين جي سنڌ جي تاريخ ۽ برصغير جي آزاديءَ واري تحريڪ جي حوالي سان هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ هئڻ کان سواءِ، ان اداري پاران شايع ٿيندڙ ٽماهي تحقيقي رسالي ”جرنل آف دي پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو چيف ايڊيٽر ۽ همدرد نيشنل فائونڊيشن جي رسالي ”همدرد اسلاميڪس“ جو ائسوسئيٽ ايڊيٽر پڻ آهي (6). ان کان سواءِ کيس محروم ڊاڪٽر معين الحق ۽ حڪيم محمد سعيد (شهيد) سان گڏ ڪن علمي شهپارن جي تصنيف/ تاليف ۽ صحيح وارو ڪم ڪرڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي. +جيستائين ”نصرت نامهء ترخان“ جي هڪ تاريخي دستاويز هئڻ واري اهميت جو تعلق آهي، اُن جو اندازو هِن ڳالهه منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ و هند، خراسان، ايران، افغانستان ۽ مارواء النهر جي نائين صديءَ جي آخر ۽ ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جي اهم ترين واقعن تي هيءُ هڪ اکين ڏٺو مفصل تبصرو آهي، جيڪو اُن دور واري اسان جي تاريخ جي مختلف پهلوئن بابت ڪنهن نه ڪنهن طرح بي بها اضافو ڪري ٿو، جنهن جو هڪڙو وڏو ڪارڻ اِهو آهي ته هن ڪتاب جومصنف نه صرف ارغون ۽ ترخان حڪمرانن سان ذاتي لاڳاپو رکندو هو، پر اُن جا ابا ڏاڏا گذريل اڌ صديءَ کان وٺي مٿي ذڪر ڪيل علائقن جي حڪمرانن جي عقيدت و احترام جو مرڪز هئا (7) ۽ اُن (مصنف) ۽ اُن جي ويجهن خانداني فردن جي (جن جا پويان اڄ به سنڌ ۾ ڪثرت سان موجود آهن) تمام گهڻين اهڙين شخصيتن ۽ دستاويزن تائين رسائي هئي، جن اُنهن حالتن ۽ واقعن جي جوڙجڪ ۾ ڪونه ڪو اهم ڪرادر ادا ڪيو هو. +”نصرت نامه ترخان“ جو هن وقت تائين حاصل ٿيل هيءُ واحد نسخو 25 ـــ فيبروري 1950ع تي لِٽن لئبريري علي ڳڙهه يونيورسٽي (ڀارت) ۾ شمارو نمبر 146 (اخبار فارسيه ڪليڪشن) لکيو ويو ۽ اڄ کان تقريباً 25-30 سال اڳ معروف جرمن اسڪالر ڊاڪٽر انيمري شمل جي نظر تي چڙهيو، جنهن اُن جي هڪڙي فوٽو ڪاپي/ مائيڪرو فلم پيپر حسام الدين راشدي صاحب لاءِ حاصل ڪئي. پير صاحب جي نظرداريءَ هيٺ اُن کي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ واري مقصد سان ڪراچيءَ ۾ نقل ڪرايو ويو ۽ پوءِ اُن نقل کي علي ڳڙهه موڪلي، معروف دانشور جناب پروفيسر خورشيد الاسلام جي تعاون سان، يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جي هڪ استاد جناب ابوالهاشم معرفت اُن جي اصل قلمي نسخي سان ڀيٽا ڪرائي ويئي، جنهن نه صرف رهيل ۽ فلم ۾ ظاهر نه ٿيندڙ عبارتن جو اُن نقل (ڪاپي) ۾ واڌارو ڪيو، بلڪ پنهنجي پاران ڪجهه يادگيريون پڻ ڀيٽا ڪيل نقل سان گڏ ڪراچيءَ موڪلي ڏنيون. اُن نقل موجب اصل متن کي پير صاحب پنهنجي آخري طويل بيماريءَ دوران سرسري نظر سان ڏسي غالباً 1980ع جي شروعات ۾ (8) ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي حوالي ڪري ڇڏيو ته هو اُن کي انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان ڇپائڻ لاءِ تيار ڪري، جنهن کي ان اداري 2000ع دوران شايع ڪيو آهي. اُن ڪتاب جي اشاعت کي ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب، پنهنجي پيش لفظ ۾ بلڪل صحيح طور تي، پاڪستان ۽ وچ ايشيا جي تاريخ نويسيءَ جو هڪ ”اهم واقعو“ قرار ڏنو آهي. هن ڪتاب کي ڏسڻ لاءِ علمي ۽ تحقيقي حلقن کي جهڙوڪر پنجويهن سالن تائين انتظار ڪرڻو پيو! +ڪتاب اعليٰ ڪاغذ تي ڇپيو آهي ۽ اُن جي ڇپائيءَ جو معيار به عمدو آهي. اُڻ جو سائيز 3020X/8 ۽ صفحن جو تعداد 582 آهي. ساڄي پاسي کان فارسي متن آهي، جيڪو 437 صفحن تي مشتمل آهي. اُن کان پوءِ، 438 کان 493 تائين صفحا “Geographical and Historical Notes” ۽ 494 کان 496 وارا صفحا ڪتابيات لاءِ مخصوص آهن. ڪتاب جي کاٻي پاسي کان شروعات ۾ پروفيسر رياض الاسلام صاحب جو پيش لفظ آهي، جنهن کان پوءِ چوهٺ صفحن تي (جن مان ص 54 کان 64 تائين مقدمي جا حاشيه ۽ ببليوگرافي آهن) مشتمل ڊاڪٽر انصار زاهد خان جو مقدمو آهي. فارسي متن ۽ اُن جي تعليقات و ڪتابيات جا 496 صفحا ۽ کاٻي پاسي واري ص 64 جي وچ تي ڏهه صفحا اهڙا آهن جن تي ڪو به نمبر ناهي. اُنهن منجهان کاٻي پاسي کان پهرين چئن صفحن تي مصنف جي خانداني قبرستان ۽ ڪجهه قبرن جون جملي ست رنگين تصويرون آهن، جن منجهان هرهڪ جي هيٺان اُن جو عنوان لکيل آهي. اُنه کان پوءِ پوراني ساداتن جو هڪ صفحي جو شجرو آهي جن جي باري ۾ پڙهندڙ جي رهنمائي لاءِ ڪوبه بندوبست ناهي جا بليڪ اينڊ وائيٽ عڪس ڏنل آهن، جن جي باري ۾ پڙهندڙ جي رهنمائيءَ لاءِ ڪوبه بندوسبت ناهي. اُنهن منجهان ساڄي پاسي وارا پهريان ٽي عڪس ”نصرت نامه ترخان“ جي قلمي نسخي جا آهن. جڏهن ته باقي ٻن صفحن جي اندروني ڪيفيتن منجهان صرف ايتري خبر پوي ٿي ته ”نورالدين بن ابي سعيد البوراني“ جي ڪنهن تصنيف بابت آهن ۽ ان ذڪر ڪيل اصل ڪتاب جو قلمي نسخو مرڪزي تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان راولپنڊي (هاڻ اسلام آباد) ۾ محفوظ آهي. +فارسي متن تي سرسري نظر وجهڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي اڳيان اچي ٿي ته اِن قسم جي مواد جي تصحيح ۽ درستي ته پري رهي، اُن کي صحيح پڙهي وڃڻ به فارسي ٻوليءَ جي ڄاڻ رکندڙ هر شخص جو ڪم ناهي. جڏهن ته نسخو به هڪڙوئي هجي ۽ ان کي نقل ڪندڙ شخص پڻ اڌ پڙهيل! اندروني جاچ پڙتال منجهان خبر پوي ٿي ته ڪاتب هيءُ نسخو غالباً ڏسي نقل ناهي ڪيو، بلڪ اُن کي حافظي سان لکيو ويو آهي ۽ پوءِ هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُن کي نادر نسخي سان ڀيٽڻ واري نوبت پڻ ناهي آئي. رڳو ايترو ئي نه پر ڪتاب جو اسلوب بيان بناوٽي آهي، جنهن جي سمجهڻ لاءِ هڪ خاص حد تائين واري فارسي مواد جي مطالعي جي مهارت ضروري بلڪ اڻٽر هئي، اِهو صحيح آهي ته ڪنهن فرد واحد کي تصحيح جي دوران ڪيتريون ۽ غير معمولي تڪليفون درپيش اينديون آهن پر اُن لاءِ ڇا چئجي جو هن ڪتاب جي ڇاپي فارسي متن ۾ نمايان طور ظاهر ٿيل عبارتن سميت بلاشبه اهڙا سوين لفظ موجود آهن، جن کي عبارت جي پسن منظر ۾ موجود لفظي و معنوي مفهوم جي مدد سان يا ڪجهه اکرن ۽ لفظن کي ٿورڙو اڳتي پوئتي ڪرڻ سان يا انهن جي نقطن ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻ سان (جملن کي) درست ڪري سگهجي پيو، پر ائين نه ڪيو ويو آهي. +هڪ تمام مکيه ۽ انتهائي اهم نڪتو، جيڪو پوري ڪتاب سان لاڳو ٿئي ٿو ۽ جنهن ڏانهن شايد اڳتي به اشارو ڪرڻو پو��، ڪتاب جي طباعت وارن ٽيڪنيڪي پاسن طرف توجهه جو مڪل فقدان آهي. ان سلسلي ۾ حوالي طور ڪجهه فني ڳالهين طرف مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح فارسيءَ متن جا عنوان، جيڪي ڪن حالتن ۾ ٽن ٽن چئن سٽن تي پکڙيل آهن، اُنهن کي هر هنڌ ساڳي پيرا واري انداز ۾ ڪمپوز ڪيو ويو آهي. اِهوئي نه بلڪ ڪيترين جاين تي ته ڪن لفظن کي ايتري قدر بي رحميءَ (!) سان ٻن سٽن ۾ ورهايو ويو آهي جو اُهي بي معنيٰ ٿي پيون آهن. + + +مصروفيت ۽ گهماگهميءَ واري هن دور ۾ ڪنهن علمي ڪتاب جي فهرست کان سواءِ اشاعت جو تصور ڪرڻ به محال آهي. بلڪ ڪيترا مصنف ته پنهنجي پڙهندڙن جي وقت جو اِن حد تائين لحاظ ڪندا آهن جو ڪتاب جي ضخامت کي نظر ۾ رکندي، شخص، ماڳن، ڪتابن، رسالن، قرآني آيتن نبوي حديثن ۽ (ٻين اهم موضون وغيره تائين جون ڌار ڌار فهرستون مواد جي آخر ۾ ڏنل هونديون آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ”نصرت نامه ترخان“ جي آخر ۾ نه ته ڪائي انڊيڪس ڏنل آهي، ۽ نه وري اُن جي شروعات ۾ ڏنل 437 صفحن واري متن، جنهن ۾ ڪيترائي بابت آهن، ڪنهن فهرست جو واڌارو ڪرڻ مناسب سمجهيو ويو آهي. +متن واري حوالي سان ڪجهه ٻيون ڳالهيون، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ اشد ضروري آهي، اُنهن منجهان هڪڙي ته اها آهي ته فارسي متن ۾ جتي به ڪو لفظ مبهم محسوس ڪيو ويو آهي، تصحيح ڪندڙ محترم ڪٿي اُن جي اڳيان [Sic] ڪٿي [کذا] (10) ۽ ڪٿي اُن جي اڳيان ڪامائن ۾ (پنهنجي سوچ مطابق) اُن جي درست نعم البدل جو پڻ واڌارو ڪيو آهي (11). ان کان علاوه هڪڙي ٻي صورت اها پڻ نظر اچي ٿي ته ”صحيح“ لفظ متن ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اُن تي نشان يا نمبر هڻي فوٽ نوٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قلمي نسخي ۾ اِن لفظ جي پڙهڻي اِها هئي (12). اُن جي باوجود ڪتاب ۾ بي شمار لفظ اهڙا نظر ايندا جيڪي بلند آواز پنهنجي غلط هئڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن، پر فاضل تصحيح ڪندڙ وسيع النظريءَ کان ڪم وٺندي ڪاتب جي غلطين کي نظرانداز ڪيو آهي! هتي جيڪا ڳالهه بهرحال انتهائي تشويش لائق آهي سا اها آهي ته جڏهن اسين ڪتاب جي انگريزي مقدمي ۾ نقل ڪيل ”نصرت نامه ترخان“ جي اقتباسن جي ڀيٽا خود ڇاپي متن سان ڪريون ٿا ته ٻنهي ۾ لڳ ڀڳ هرهنڌ ڪيترائي اختلاف نظر اچن ٿا، جن جو ڪوبه سبب، ڪنهن به جاءِ، مقدمي يا حاشيي واري متن ۾، ظاهر ڪيل ناهي. ان حالت ۾ انهن اختلافن کي ڪهڙي ڳالهه تي پورو ڪيو وڃي؟ جيستائين اِن سوال جو ڪو تسلي بخش جواب اڳيان نه اچي، ڇا ڇاپي متن موجب (ان کي) اصلي هئڻ تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو؟ +ٻي ڳالهه اِها ته عام طور تي عبارتن جي وچ ۾ نشان هڻي حاشيي يا فوٽ نوٽ ۽ ٻئي ورق / فوليو جو نمبر a-b/ا ـــ ب وارو اضافو، اڳئين ۽ پوئين صفحي جي وچ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، پر هن ڇاپي متن جي تصحيح دوران جتي جتي بنيادي نسخي جو ورق نمبر بدلجي ٿو، اُتي ڏنگين جي وچ ۾ فوليو نمبر ته ڏنل آهي، پر اُنهن سان گڏ واسطيدار ورقن جي ٻنهي صفحن جي وچ ۾ فرق وارو ڪو انتظار نظر نٿو اچي. ڇا اُن منجهان اهو نتيجو ڪڍڻ صحيح ٿيندو ته هن ڪتاب جو سڄي قلمي نسخو پني جي هڪ ئي پاسي تي لکيل آهي، جنهن جا پٺيان صفحا خالي آهن؟ +ٽين ڳالهه اِها ته ’نصرت نامه ترخان‘ جي فارسي متن جي طباعت لاءِ تياريءَ دوران اُن جي فولين 24-74کي (جن جي اندر شامل بابن جا عنوان ڇپيل ڪتاب جي ص 27 تي ڏسي سگهجن ٿا). فاضل ايڊيٽر جاءِ تي قلت، ۽ ان خيال سان به نه اُنهن جا موضوع ـــ مصنف جي بقول ــــ تذهر لابرار [تذڪار...؟] نفايس الفنون جامع المعارف؟ ظفر نامهء يزدي ۽ جوش و خورش (؟) تان کنيل آهن، سي هاڻوڪي ڇاپي ۾ شامل نه ڪيا ويا ��هن (13). احتياط جي تقاضا ته اها هئي ته مصنف جو فهم تي اعتماد ڪندي سڄي ڪتاب کي جئين جو تيئن شايع ڪيو وڃي ها. اُن سان هڪ نه سرحد پار کان آيل ڪتاب جي هِن نقل جي سالميت برقرار رهي ها ۽ ٻيو ته دلچسپي رکندڙ پڙهندڙ اُن منجهان ضرورت موجب فائدو وٺي سگهن ها. پر جيڪڏهن ڪن اڻٽر سببن جي ڪري اهڙو وڏو فيصلو ڪرڻو ئي پوي پيو ته ان ڳالهه جو ته گهٽ ۾ گهٽ اطمينان ڪيو وڃي ها ته مٿي ذڪر ڪيل پنج ماخذ هاڻ موجود آهن به يا نه. جڏهن ته صورتحال اِها آهي ته خود مُصحح کي به هنن پنجن منجهان تن ڪتابن جي مصنفن جا نالا به معلوم ناهن ۽ ظفر نامهء يزدي (جنهن جي مصنف جي اسان کي خبر آهي) جي ٽن ڇاپن منجهان ٻن ۾ اِهو مقدمو شامل ئي ڪونهي، جنهن منجهان نصرت نامهء ترخان جي مصنف اُن دور جي حالتن واري حوالي سان فائدو ورتو هو. +دراصل ڳالهه اِها آهي ته مصنف ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ، سندن ابن ڏاڏن يافث بن نوح کان شروع ڪئي هئي ۽ اِن سلسلي ۾ ظاهري طرح ”ظفر نامهء يزدي“ يزدي وار طرز تي، سندن مختلف قبيلن جي تشڪيل، اُنهن جي نالي جو سبب ۽ واڌويجهه تي پڻ روشني وڌي هوندي. ان سلسلي ۾ هن جتي ”ظفرنامه“ سامهون رکيو، اُتي پهرئين دور جي هڪ مثنوي ”جوش و خروش“ مان به فائدو حاصل ڪيائين. هيءَ مثنوي بنيادي طور تي امير تيمور جي اثر ۽ وڏائي جي بيان ۾ هئي. ظاهري طور تي اُن ۾ موصوف جي ابن ڏاڏن جو ذڪر آيو هوندو. اُن جي مصنف شيخ محمود زنگي عجم 806هه/1403ع جي لڳ ڀڳ، جڏهن امير تيمور گُرجستان واري قلعي مٿان فوج ڪشي ڪري رهيو هو، تڏهن سندس حضور ۾ حاضر ٿيو، پر موٽندي ”تفليس“ ۾ ”ڪُر“ درياه ۾ ٻڏي مري ويو. شيخ محمود جي اهڙي اوچتي وفات کان ڪجهه عرصو پوءِ سندس پٽ شيخ قطب الدين ”جوش و خروش“ جو هڪ ”ضميمو“ لکي تيمور جي خدمت ۾ پيش ڪيو ته بقول شيخ شرف الدين يزدي ”عاطفِ پادشاهانه شامل حالِ اوشُد اَلَم جراهت ماتمش نمبر 1 براهيم مراحم بيکرانه تسڪين بخشيد“. (16) اُن منجهان اِن ڳالهه جو اندازو ڪرڻ ڏکيو ڪونهي ته مٿي ذڪر ڪيل ورقن کي هن اشاعت ۾ شامل نه ڪرڻ، ڪو عقلمنديءَ وارو ڪم نه آهي. +هاڻ اسين فاضل ايڊيٽر پاران لکيل مقدمي ۽ تعليمات طرف اچون ٿا. مقدمي ۾ مصحح جي توجهه جو مرڪز گهڻو ڪري اڳ ئي معلوم ٿيل سياسي هيراڦيريون ۽ واقعا ئي رهيا آهن، ۽ جتي به ڪنهن نئين معلومات جي بحث سبب سنڌ جي تاريخ جو ڪو نئون گوشو واضح ٿيڻ جو امڪان هو [اُتي] عبارت جي مونجهاري کيس اُن طرف توجهه ڏيڻ جي اجازت ئي نه ڏني آهي. اُن جي باوجود هُن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُهو ”نصرت نامهء ترخان“ جي مطالعي لاءِ هڪ مفيد ۽ ڪارآمد پس منظر واري حيثيت رکي ٿو. خاص طور تي پوراني ساداتن جي باري ۾، هُن جي پاران ڏنل معلومات کي گهڻي اهميت حاصل آهي. فاضل ايڊيٽر جي ڏنل اِها معلومات ”نصرت نامهء ترخان“ کان سواءِ به پڙهندڙ لاءِ هڪ قيمتي تحفو آهي. پير حسام الدين راشدي صاحب جي اِها پراڻي خواهش هئي ته پاڻ اُن موضوع تي ڪم ڪن، پر زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي. ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي هن ڪم سان يقيناً سندس روح کي خوشي حاصل ٿي هوندي. تڏهن به اِها ڳالهه نهايت ڏک سان چوڻي ٿي پوي ته لائق مصحح جي پوري محنت ۽ جانفشانيءَ جي باوجود، جيڪي ڪجهه ڇپجي اسان جي اڳيان آيو آهي، اُهو تحقيق جي مڃيل معيارن تي پورو نٿو بيهي. +انگريزي مقدمي ۾ ڪجهه جاين تي، پر ڏنگين جي وچ ۾ جيڪي حوالا ڏنا ويا آهن، اُهي صحيح ناهن، يعني اُنهن حوالن جي مدد سان جڏهن اسين مقدمي جي آخر ۾ ڏنل ماخذن کي ڏسون ٿا ته اُنهن جي زڪر ڪيل صفحي تي اهي حو��لا اڻلڀ آهن (17). ڪن جاين تي جتي حوالا درست به ڏنل آهن، جڏهن مقدمي واري عبارت جي ذڪر ڪيل ماخذن ۾ ڏنل معلومات سان ڀيٽا ڪريون ٿا ته اُن ۾ به فرق نظر اچي ٿو. مثلاً مقدمي جي پيرا 1 سٽ 6 ۾ جتي ”تيره“ لکيل آهي، ”حبيب السير“ ۾ اُن جڳهه تي درست ۽ مڪمل نالو ”قله تيزه نو“ لکيل آهي (18). اهڙي قسم جو هڪ ٻيو مثال مرزا شاهه حسين ارغون جي ڌيءَ چوچڪ بيگم جي اصلي نالي بابت آهي. اها عام طور تي مٿي ذڪر ڪيل نالي سان ئي مشهور آهي، پر ”نصرت نامه ترخان“ جي مصنف پهريون ڀيرو اُن جو نالو ”سلمه سلطان بيگم لکيو آهي. +ڊاڪٽر انصار زاهد خان تعليقات ۾ اُن کي ”سلطان بيگم“ بنائي ڇڏيو آهي (19). اهڙيون ٻيون به ڪي غلطيون، ٻين ڇاپي ڪتابن مان ورتل مواد کي نقل ڪرڻ ۾ نظر اچن ٿيون. ڄڻ ته جيڪي شيون اصل مسودي ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي صحيح هيون، ”نصرت نامهء ترخان“ ۾ لکڻ وقت اُنهن کي پڻ غلط يا مشڪوڪ بنايو ويو آهي (20). اُن کان سواءِ مقدمي ۽ تعليقات ۾ اهڙا مثال پڻ ملن ٿا جتي فاضل مصحح کان مصنف جي فارسي عبارت جي مفهوم سمجهڻ ۾ ڪوتاهي ٿي آهي. اُن جو هڪڙو مثال ته ص 27-29 تي شيخ جلال الدين ابويزيد پوراني ۽ شيخ جلال الدين ابو سيعد پورانيءَ جي شخصيت جي باري ۾ پيدا ٿيل مونجهارو آهي. اهڙي نموني جي ئي صورتحال ص 5 جي آخر جملي ۾ پڻ نظر اچي ٿي. اهوئي نه پر ص 32 تي ڊاڪٽر انصار زاهد خان لکيو آهي ته شيخ جلال الدين ابو سعدپوراني جڏهن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ”ماشور“ ۾ بيماريءَ سبب بستريءَ داخل هو ته اُنهن ئي ڏينهن ۾ بابر پارن قنڌار تي چڙهائي ڪرڻ جا افواهه گرم هئا، جنهن کي نظر ۾ رکندي شيخ جي خبر خواهن ۽ گهرجي ڀاتين ڪيترا ڀيرا کيس ”ماشور“ منجهان نڪرڻ جو مشورو ڏنو، پر پاڻ معلوم موجب اُتي ئي رهيو. ايتري قدر جو سندس انتقال به اُتي ئي ٿيو. اصل ڳالهه اِها آهي ته شيخ جلال الدين ابو سعيد پورانيءَ کي بابر مان ڪوبه خطرو نه هو. هو ته پاڻ هن عقيدتمند هو. خطرو هو ته شاهه بيگ ارغون جي ذات کي هو، جيڪو شيخ جي تيماداريءَ سبب ”ماشور“ ۾ ٽِڪيل هو ۽ جڏهن شيخ جو اُن ئي بيماريءَ ۾ انتقال ٿي ويو ته سندس تابوت جي اڳيان ٻن پاون کي شاهه بيگ مرزا ڪيخسرو، ۽ پوين ٻن پاون کي عاليجاهه ممالڪ پناهه زينڪ ترخان ۽ عاليجاهه ممالڪ پناهه امير بابر بيگ ذاتي طور ڪلهو ڏنو ۽ ڪجهه ماڻهن جي بيماري ٿيڻ جي وهم واري مخالفت جي باوجود به، اُن کي اُتي ئي دفن ڪيو ۽ مقبرو ٺهرايو. بابر جي اچڻ واري خطري سبب ”ماشور“ ۽ قنڌار کان پري ٿيڻ جو شايد شاهه بيگ ارغون کي مشورو ڏنو ويو هو، جيڪو شيخ سان پنهنجي غير معمولي دلي لڳاءَ سبب ائين نه ڪري سگهيو. +فارسي متن جي ص 333 تي مصنف هي لکيو آهي ته فردوسيءَ شاهنامي جي تاليف ۾ جنهن مبالغي آرائيءَ کان ڪم ورتو هو، اُن بيهودگيءَ جو کيس بعد ۾ احساس ٿي چڪو هو ۽ هن حضرت يوسف عليہ السلام جو قصو نظم ڪرڻ وقت پاڻ به اِن ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي، ۽ اُن کان پوءِ مصنف فردوسيءَ ڏانهن (غلطيءَ سبب) منسوب (21) ”مثنوي يوسف زليخا“ جا ڪجهه شعر پڻ پنهنجي روايت جي تائيد ۾ نقل ڪيا آهن. اُن تي ڪتاب جي تعليقات ۾ ڊاڪٽر انصار زاهد خان جو هي تبصرو غير ضروري آهي. (22) +“The Episode of Prophet Yusjuf (Joseph A.S.) is not found in the Shah namah” جاگرافيائي ماڳ هجن يا ماڻهن ۽ ڪتابن جا نالا هجن يا عام ڳالهه ٻولهه وارا لفظ ۽ اصطلاح، فاضل مصحح، اُنهن جي درست تلفظ ۽ هِجي طرف به قطعاً ڪوئي توجهه نه ڏنو آهي. مثلاً Farah کي Farah، Garmsir کي Garamsir، Quhistan کي Qahistan، Quhistani، کي Qahistani، Uymaq کي Uimaq، Amuli کي Amali، Shiqqdar کي Shiqdar، Ghujdawan کي Ghazdawan، Nafahat کي Nafhat، Murwarid کي Marwarid ۽ Gurkan کي Gurgan ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڇپائيءَ جون غلطيون پنهنجيءَ جاءِ تي، ڪيترن ئي انگريزي لفظن جا غلط رائج ٿيل تلفظ (هِجي پڻ استعمال ڪيا ويا آهن. مثلاً Foolscap بجاءِ Full-scape، Emigres بجاءِ Emigress, Litterateur بجاءِ Litterature ۽ خبر ناهي Peace Be Upon Him جهڙي دعائيه جملي جو مخفف (P. B. U. H) بجاءِ هر هنڌ (P. B. H.) ئي لکيو ويو آهي. +ڪنهن تحقيقي ۽ علمي ڪتاب تي نظر پوندي ئي پڙهندڙ جو توجهه سڀ کان اول اُن جي ديباچي يا مقدمي ڏانهن ۽ پوءِ اُن جي ڪتابيات يا ببليوگرافي طرف وڃي ٿو؛ جنهن جي مرتب ڪرڻ جو هڪڙو بين الاقوامي طور طريقو مروج آهي، ۽ جنهن جي لڳ ڀڳ هر هنڌ پابندي ڪئي ويندي آهي. ببليوگرافيءَ ۾ ڪنهن به ڪتاب جي ماخذ جي داخلا غام طور هيٺينءَ ترتيب سان ڪئي ويندي آهي: مصنف يا مرتب جو نالو، ڪتاب جو عنوان، ڇپائيءَ جو هنڌ ۽ ڇپائيءَ جو سال. ”نصرت نامهء ترخان“ کي جڏهن مون پهريون ڀيرو کوليو ته ص 496 تي، اُن جي انگريزي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ ۾ ڪتابن جي جاءِ جو ذڪر، اُن جي چپائيءَ وارن سالن کان پوءِ ڏسي ڪجهه دير لاءِ ته آءٌ منجهي پيس، پر پوءِ هڪ ٻئي ڪتاب ۾ پڻ ڪري چڪو آهي (23)، مون اُن کي سندس ذاتي پسند ۽ مرضي تصور ڪندي نظرانداز ڪري ڇڏيو، پر جڏهن مون هن ببليوگرافيءَ کي ڏسڻ شروع ڪيو تڏهن خبر پيئي ته نه ائين ڪونهي. هن ڪجهه ڪتابن کي پاڻ بين الاقوامي طور تي طئه ٿيل طريقي سان به داخل ڪيو آهي. +ببليوگرافيءَ جي باري ۾ هڪ ٻي اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هن ڪتاب ۾ اُنهن سڀني ڪتابن جا نالا شامل نه آهن، جن مان فاضل ايڊيٽر مقدمي، تعليقات يا ”متن جي تصحيح“ جي سلسلي ۾ استفادو ڪيو آهي. ڪيئي اهڙا ڪتاب آهن جن جا نالا اِن حد تائين مسخ ڪيا ويا آهن جو شايد اُن جي مصنف کي به اُن جي خبر نه پئجي سگهي. مثال طور ”المعجم المفهرس“ جي جاءِ تي صرف Musfahris-al-mujam لکيو ويو آهي (24). ڪيترن ئي مصنفن جي نالن جا شروعاتي لفظ (Initials) غائب آهن. ڪن نالن جي هِجي صحيح ناهي، مثلاً Badr کي Badar، Browne کي Brown، Denison کي Denizen، Ishtiaq Husain Qureshi کي Istiaque Husan Qureshi ۽ Jauhar Aftabchi کي Jawahar Aftabchi ڪيو ويو آهي. ڪن ڪتابن جي اشاعت جي جاءِ، ڪن جي اشاعت جو سال ۽ ڪن جي ته ٻنهي ڪيفين جو ذڪر ئي ڪونهي. ڪن جي جاءِ اشاعت غلط آهي. ميز علي شير قانع ٺٽويءَ جو هڪ ڪتاب سڀ کان پهريائين ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي مقالي طور سامهون آيو. اُهو تحقيقي مقالو ڪهڙي يونيورسٽيءَ ۾ ڪهڙي سال ۾ پيش ڪيو ويو، اُن جي باري ۾ ببليوگرافي بلڪل خاموش آهي. اُن کان سواءِ ڪنهن هڪ ئي مصنف جو نالو سندس ٻن ڌار ڌار حوالن جي بنياد تي ببليوگرافيءَ ۾ به ڀيرا ڏنو ويو آهي ۽ اُن هڪڙي ئي مصنف جي هڪ کان وڌيڪ ڪتابن کي هڪ ئي جڳهه تي، هڪ ٻئي پٺيان، سندس نالي سان درج ڪيو ويو آهي. +مختصر اِهو ته ”نصرت نامهء ترخان“ نهايت اهميت وارو ڪتاب آهي، ۽ اُن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ سلوڪ جو حقدار هو، جيڪو سلوڪ فاضل ايڊيٽر هن ڪتاب سان اختيار ڪيو آهي. اِنهي سڀني ڳالهين جي باوجود جن ماڻهن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هيءُ نادر نسخو اڄ اسان جي هٿن تائين پهتو آهي، اُنهن جو جيترو به ٿورو مڃيو وڃي، اُهو گهٽ آهي. +حوالا +1. Stanley Lane-Poole: “The Mohammadan Dynasties”, Beirut, 1966, p. 266. +2. ايضاً ص 267 +3. دولت شاهه سمرقندي: ”تذکره الشعراء“، باهتمام محمد عباسي تهران ص 406. +4. Muhammad Saleem Akhtar: “Sind under the Mughuls, “Islamabad/ Karachi, 1990, pp 5-15 +5. ايضاً ص 4 +6. سيد مير محمد بن بايزيد پوراني: ”نصرت نامهء ترخان“، تصحيح و تنقيح (؟) ڊاڪٽر انصار زاهد خان، ڪراچي، 2000ع، گردپوش +7. ايضاً 23 +8. ايضا مقدمهء مصحه، ص 16-17 +9. مثلاً ڏسو فارسي متن ص 20، س 2 +10. ايضاً ص 15 س 15؛ ص 19، س19؛ ص 24، س 8؛ ص 25، س 4 وغيره وغيره. +11. مثال طور ڏسو ص 27، س 2 +12. اُن جا مثال اڪثر صفحن جي فوت نوٽن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جن منجهان ڪيترائي مضحڪه خيز حد تائين غلط آهن. +13. شرف الدين علي يزدي: ”ظفرنامه“، بتصحيح و اهتمام محمد عباسي، تهران 1336 شمشي (ٻه جلد) شرف الدين علي يزدي، ”ظفر نامه“، بتصحيح مولوي محمد الله داد، ڪلڪتو 88-1885ع، بحواله C.A. Storey +Persian Literature: A bio-Bibliographical Survey, London, 1927-39, Vol 1, Part I, Page 286. +15. ڏسو، شرف الدين علي يزدي: ”ظفر نامه“، تمهيد و تنظيم از عصام الدين رورو نبايوف، تاشڪندم 1972ع، ص 57 (مقدمه) +16. ايضاً ص 898 +17. مثلاً: ڏسو فوٽ نوٽ 6، 7 ۽ 8 ذڪر ڪيل ص 3 (تصحيح ڪندڙ پارن مقدمو) +18. . ڏسو: خواند امير: ”تاريخ حبيب السير“، ڇاپو ٽيون، تهران، 1362 ش، جلد چوٿون، ص 101 +19. ڏسو فاسي متن، ص 353 ۽ تعليقات ص 485، نمبر 272 +20. مثال طور ڏسو: ”نصرت نامهء ترخان“ ص 455 +نقل ڪيل شعر از سلطان محمد فخري بن محمد امير هروي: ”تذڪره روضة السلاطين“، تصحيه و تحشيه سيد حشام الدين راشدي، حيدرآباد 1968ع، ص 46 +21. ڏسو: ”تاريخ ادبيات فارسي“، ترجمو و حاشيه رضازاده شفق، تهران، 1337 شمسي، ص 49. حاشيه نمبر 1، ۽ Jan Rypka: “History of Iraniam Literature” Ed: karl Jahn, Dordrecht-Holland, 1968,p. 155 +22. ”نصرت نامهء ترخان“، تعليقات، ص 48، نمبر 251 +22. Ansar Zahid khan: “History and Culture of Sindh”, Karachi, 1980m oo 360 69. +24. اهڙيءَ ريت ”نصرت نامهء ترخان“، ص 462 نمبر 136 ۾ آقا بزرگ طهرانيءَ جي معروف تصنيف، ”ڪتاب الذريعه الي تصانيف الشيعه“ جون شخصيتون هن طرح لکيون ويون آهن. +“Agha buzrug Tahrim Al-Zari, ah ila Tasrif-al-shi`ah,...” +ڊاڪٽر عارف نوشاهي +سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر +مير امين الدين خان ٺٽويءَ جون فارسي ادب لاءِ ڪيل خدمتون +بلگرام جو هڪ ناميارو عالم ۽ تاريخ گو شاعر مير عبدالجليل بلگرامي (1071هه-1138هه/1660ع-1725ع) 1117هه کان 1130هه/1705ع کان 1718ع تائين سنڌ ۾ دهلي درٻار پاران وقائع نويس ٿي رهيو آهي. اُن کان پوءِ سندس پٽ مير سيد محمد بلگرامي (1101ع-1885هه/1690ع-1771ع) سندس جاءِ سنڀالي ۽ 1133 هه کان 1155هه/ 1721ع کان 1742ع تائين سنڌ ۾ دهلي لاءِ وقائع نويسي ڪندو رهيو. سيد محمد بلگرامي پنهنجي تجربة الناظرين“ (فارسي) ۾ 1101هه کان 1182هه/1690ع کان 1728ع تائين هندستان ۾ رونما ٿيندڙ خاص سياسي، تاريخي، ثقافتي، ادبي ۽ خانداني واقعا سال به سال درج ڪيا آهن. جيئن ته مصنف ۽ سندس پيءُ مجموعي طرح سان 38 سال (1117ع کان 1155هه/1705ع کان 1742ع) سنڌ ۾ مقرر هئا، تنهنڪري انهيءَ ڪتاب ۾ مصنف سال 1120هه جي واقعن متعلق لکي ٿو ته، ”و هم درين سال خان ذيشان امين الدين خان فوجدار سرکار بکهر که از ابناء امير خان تتوي بود رد عهد فوجداري خود در قصبه سکهر که آن روي آب از قلعه بکهر است، مسجد عالي عمارت نمود. چنانچه صاحب قبلئه جاودان (مير عبدالجليل بلگرامي) تاريخ تعمير آن چنين فرموده اند: +خانِ ذيشان امين الدين خان ذکر فيضش به زبا نها مذکور +در رُخش نور نبي گشته عيان در کفش جودِ علي کرده ظهور +مسجدي کرده بنا در سکهر پاک تر از دل اربابِ حضور +خانئه دين خود آباد نمود سعي او پيش خدا شد مشکور +سکهر از نسبت اين مسجد شد بلدهء طيبئه ربِ غفور +حبذا، مسجد فرخنده بنا در و ديوار وي آئينهء نور +از دمِ صبح برآمد به به بر گچ او چو نظر کرد از دور +مي سزد گر پئي جا روبش چرخ دسته بند و زسر کاکل حور +باهم آغوش مصلاش شده است سجده در جبهه کند رقص سرور +سال تاريخ چنين گفت خرد مهبط نور چو بيت المعمور . +انهيءَ مسجد ��ا نشان سکر ۾ موجود هجن يا نه هجن، ليڪن انهيءَ جي بانيءَ جو ڪجهه احوال ۽ تصنيفون گذريل ٽن سو سالن کان محفوظ آهن ۽ اسان تائين پهتيون آهن. +مير امين الدين خان: مير امين الدين خان جي جد اعليٰ مير ابوالقاسم ”نمڪين“ (وفات 1018هه/1609ع) جو والد مُلا مير سبزواري هرات تي ازبڪن جي قبضي کان پوءِ پنهنجو ابائي علائقو هرات ڇڏي قنڌار ۾ اچي ويٺو ۽ اُتي فوت ٿيو. ابو القاسم ”نمڪين“ قنڌار مان ئي ڪابل جي رستي هندستان ۾ داخل ٿيو ۽ اڪبر بادشاهه جو ملازم ٿيو. اڪبري دور کان پوءِ جهانگير جي طرفان مختلف صوبن ۽ شهرن جي صوبيداري تي فائز رهيو. اُن جو پُٽ مير ابوالبقا امير خان (وفات 1507هه/1647ع) به شاهجهاني دور ۾ مختلف سرڪاري عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. مير ابوالبقا گهڻي اولاد وارو هو. سندس اولاد مان هڪ پٽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ (وفات 1073هه/62-1662ع) به شاهجهاني دور ۾ مختلف سرڪاري عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. مير ابوالبقا گهني اولاد وارو هو. سندس اولاد مان هڪ پٽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ (وفات 1073هه/63-1662ع) منصب جو صاحب به هو ۽ قلم جو ڌڻي به. هن جي قلمي ڪارنمان مان ”مثنوي پري خانه سليمان“ (فارسي) جو نالو خاص طور تي ورتو وڃي ٿو. اسان جي مقالي جو خاص ڪردار امين الدين خان انهيءَ مير ”شهود“ جي ڇهن پٽن مان هڪ هو. هي خاندان مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جي هندستان ۾ اچڻ وقت سنڌ ۾ آباد ٿيو. مير ابوالقاسم جو اولاد ”سادات قاسم خاني“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو ۽ بعد ۾ هن جي پٽ مير ابوالبقا امير خان جي اولاد وري ”سادات امر خاني“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان ۾ نسل در نسل منصبداري ۽ علمي فضيلت گڏ رهي (2). مير امين الدين خان انهيءَ خاندان جو هڪ خاص فرد هو. +امين الدين خان پنهنجي ڪتاب ”رشهات الفنون“ جي ديباچي ۾ پنهنجو نالو ”امين الدين خان بن سيد ابو المڪارم بن امير خان الحسيني الهروي“ لکيو آهي (3). ليڪن مير علي شير قانع (وفات 1203هه/1789ع) هن جو پرو نالو ”امين الدين خان حسين“ لکيو آهي (4). اِهوئي نالو روهڙيءَ ۾ سندس ٺهرايل مسجد جي ڪتبي ۾ به آهي. خان عاليشان امين الدين حسين حق شناس.(5) +”خان جو ذاتي احوال تمام گهٽ ملي ٿو. هن جي باري ۾ صرف ايترو معلوم آهي ته هو 1091هه کان 1095هه/1680ع کان 1684ع ڌاري ٺٽي ۾ ديواني عهدي تا فائز هو. 1120هه ۾ بکر سنڌ ۾ هو ۽ روهڙيءَ جي موجوده قاضين جي محلي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين. جيڪا اڄ تائين قائم آهي (6). 1114هه/3-1702ع ۾ ٺٽي صوبي جو عهديدار هو. شهزادي محمد معزالدين جڏهن ٻيو ڀيرو سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪامياب نه ٿي سگهيو ته ميان يار محمد المقلب ”خدايار خان“ سان صلح ڪيائين ۽ پنهنجا ڪجهه نائب سنڌ ۾ ڇڏي هليو ويو، جن ۾ امين الدين خان کي خانپور ۾ مقرر ڪيائين. هي تقريباً 1115هه/4-1703ع جي ڳالهه آهي، جڏهن امين الدين ٺٽي مان خانپور ويو (7) اسان کي هي به معلوم آهي ته هو 1120هه/1708ع ۾ بکر جو فوجدر هو ۽ اُنهيءَ سال هن سکر ۾ جامع مسجد ٺهرائي. 1123هه/1711ع ۾ ”رشهات الفنون“ لکيائين. هن جي ٻئي ڪتاب ”معلومات آلافاق“ ۾ جيئن ته اورنگزيب عالمگير جي وفات (1118هه) جو ذڪر ملي ٿو ۽ خود امين الدين خان جي وفات 1127هه ۾ واقع ٿي، تنهنڪري هي ڪتاب به اِنهن سالن دوران ئي لکيو ويو هوندو. امين الدين خان جي قبر مڪلي ٽڪريءَ جي ”امير خاني قبرستان“ ۾ اڄ به موجود آهي (8). +اِهي هئا امير امين الدين خان جي زندگيءَ جا معلوم سن. هن جي زندگي جي متعلق بن نوعيتن جا رايا موجود آهن. هڪ شاعرانه ۽ ٻيو مؤرخانه. شاعرانه راءِ مير عبدالجليل بلگرامي ۽ مُلا عبدالحڪيم عطا جي تاريخي قطعن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. مؤرخانه راءِ قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراءَ، ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ لکي آهي، جيڪا وڌيڪ توجهه جي لائق آهي. قانع جي بقول امين الدين خان هڪ عالي قدر امير هو. سندس گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن سان گڏ مجلسن ۾ گذرندو هو(9). جيڪڏهن مشرقي شاعرن جي ڪلام کي اسين رڳو زبان ۽ بيان جي لذت نه سمجهون ۽ انهيءَ کي هن لائق ڄاڻون ته شاعرن جا ذاتي حالات سندن شاعريءَ سان لاڳاپيل ٿي سگهن ٿا، ته اسان مير امين الدين خان، ٺٽي جي امير ۽ بکر جي فوجدار جا هي شعر نموني طور پيش ڪنداسين. +افسوس که بي دوست همه عمر بسر رفت، +در صرفهء کار شتر او اَستر وخَر رفت؛ +حالات همه صرف خزو وا اطلس و ديبا، +اوقات همه در طلب نقره و زر رفت (10). +فارسي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف: امين الدين کي علمي ۽ ادبي ذوق ورثي ۾ مليو هو. ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت هن کي فارسيءَ جو شاعر ۽ مصنف بنايو. هن جو ديوان ته محفوظ نه آهي، حالانڪ هن ديوان مرتب ڪيو هو. ليڪن هن جو جيڪو مختصر ڪلام قانع ”مقالات الشعراءَ“ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اُنهي مان سندس فني پختگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن جون ٻه مستقل فارسي تصنيفون صحيح سالم ۽ مڪمل حالت ۾ اڄ تائين زماني جي گردشن کان محفوظ آهن ـــ هڪ ”رشحات الفنون“ ۽ ٻي ”معلومات الافاق“. +رشحات الفنون: هيءُ ڪتاب هڪ طرح سان ننڍڙو دائرة المعارف يعني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ مصنف مختلف عقلي ۽ نقلي علمن جا مضمون مختصر عبارتن ۾ لکي ڇڏيا آهن ته جيئن هر فن جي شاگردن لاءِ مفيد ٿي سگهن ۽ فارسي پڙهڻ وارن کي علم حاصل ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي. انهيءَ مناسبت سان هن ڪتاب جو نالو ”رشحات الفنون“ (فن جا قطرا) رکيو، جنهن جا عدد 1126 ٿين ٿا. پوءِ پاڻ ئي ٻڌايائين ته جيڪڏهن اِنهيءَ نالي مان جهالت جو سر قلم ڪيو وڃي ته تاليف جي تاريخ معلوم ٿيندي. جهالت جي سر مان مراد حرف جيم، جنهن جا عدد ٽي آهن ۽ اهڙيءَ طرح ڪتاب جي تاليف جي تاريخ 1123هه معلوم ٿئي ٿي. +مصنف ڪتاب جا سورهن بابت قائم ڪيا آهن. هر باب کي ”رشحه“ جو نالو ڏنو اٿس، ۽ اُن ۾ سورهن مختلف علمن جو هيٺ ڏنل ترتيب سان تعارف ڏنو اٿس. 1 ـــ تفسير، 2 ــــ حديث، 3 ـــ شعب ايمان، 4 ـــ عقيدا ۽ ڪلام، 5 ـــ اصول فقه، 6 ــــ فروغ فقه، 7 ـــ تصوف، 8 ــــ حڪمت ۽ منطق جي تعريف ۽ اُنهن جا قسم، 9 ـــ طب، 10 ـــ حڪمت عمليه، 11 ـــ نحو، 12 ـــ صرف، 13 ـــ معاني، 14 ـــ بيان، 15 ـــ بديع، 16 ـــ تاريخ ۽ آخري مضمون جو عنوان ”تنوير“ آهي، جنهن ۾ سيرت النبيٖﷺ جو بيان آهي. مضموننن جي هي اُها فهرست آهي، جيڪا مصنف ڪتاب جي ديباچي ۾ ڏني آهي ۽ عنوان قائم ڪيا آهن. ليڪن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ڪجهه ٻيا به خاص مضمون آهن، جن جو ذڪر ڪنهن ديباچي ۾ نه آهي. جيئن ذڪر خلفاء راشدين، ذڪر آئمه معصومين، مهدي مرعود جي باري ۾ اهل سنت والجماعت جو عقيدو، اهل صفا جا مناقب، اصحاب سڳورا، مشائخ سڳورن جو ذڪر، عارفه عورتن جو ذڪر، هند جي مشائخن جو ذڪر، مسلمان فلاسفرن جو ذڪر، بنو اُميه جي بادشاهن جو ذڪر، عباسي خليفن جو ذڪر ۽ اُنهن بادشاهن جو ذڪر جيڪي خلافت عباسيه جي دؤر ۾ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هئا، روم جي بادشاهن جو ذڪر، مڪي ۽ مديني جي شريفن، ترڪستان جي خانن، ايران جي بادشاهن، هندستان جي بادشاهن ۽ سلطانن جو ذڪر. (هن حصي ۾ سنڌ جي حاڪمن جو به ذڪر آهي). هن کان پوءِ امير تيمور گورگاني ۽ سندس اُنهي اولاد جو ذڪر جيڪو هندستان ۾ تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو. اُنهن جو نسل در نسل تذڪرو ڪيو ويو آهي. هي ��ذڪرو اورنگزيب جي وفات (1118هه) تي ختم ٿئي ٿو. خود مصنف اورنگزيب جي وفات جي مادهءَ تاريخ ”دخل الجنة“ مان ڪڍي آهي. +مصنف سنڌ جو رهاڪو آهي ۽ سرڪاري عهديدار به آهي، تنهنڪري اسان کي توقع هئي ته هو ڪتاب جي تاريخ واري باب ۾ ”سنڌ“ جي حوالي سان ڪي خاص معلومات فراهم ڪندو، ليڪن سنڌ جي بار ۾ ڪوبه غير معمولي اطلاع نه ڏيئي، هُن اسان کي مايوس ڪيو آهي! بيشڪ هندستان جي بادشاهن جي واقعن دوران مصنف ڪٿي ڪٿي سنڌ جي منصبدارن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن اها سموري معلومات هن کان اڳ لکيل مغليه تاريخن ۾ به ڏنل آهي. مصنف جتي هندستان جي مشائخن جا نالا ڄاڻايا آهن، اُتي سنڌ جي حوالي سان صرف شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوريءَ جو نالو ملي ٿو. هندستان جي بادشاهن ۽ سلطنت واري باب ۾ ”حڪام سنڌ“ جو ذيلي عنوان به موجود آهي، جنهن ۾ سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي کان وٺي ميرزا جاني بيگ ترخان تائين هتان جي حاڪمن جا نالا ۽ حڪومت جي مدت ڏنل آهي، ۽ بس! +راشدي صاحب، ”تذڪره اميرخاني“ جي هڪ باب ۾ هن خاندان جي عقيدن جي باري ۾ گفتگو ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هن خاندان جا ڪجهه فرد سُني هئا ۽ ڪجهه شيعا هئا، ۽ آخر ۾ لکي ٿو ته هن گهراڻي جي علمي سرمايي جي محفوظ نه رهڻ سب مذهبي اعتقادن جو پورو جائزو وٺڻ مشڪل آهي (11). امين الدين خان جي مذهبي عقيدن جو هن ذڪر نه ڪيو آهي. ”رشحات الفنون“ ۾ هن خلفاء راشدين جو ذڪر بهترين لقبن سان ڪيو آهي، جيئن ”افضل الصحابه اوّلهم بالتصديق حضرت ابوبڪر صديق ـــ الناطق بالحق والصواب حضرت عمر فاروق بن الخطاب ـــ جامع القرآن حضرت عثمان ذي النورين بن عفان.“ هن انهيءَ ٽنهي اصحابن جو ذڪر ”اسدالله العالب و ملطوب ڪل طالب امير المؤمنين علي مرتضيٰ بن ابي طالب“ جي مقابلي ۾ مختصر ڪيو آهي. خلفاء راشدين جي ذڪر کان فوراً پوءِ هن ”زڪر ائمه معصومين“ جو عنوان قائم ڪيو آهي، ۽ هتي هڪ دفعو وري حضرت علي جو ذڪر خير ڏنو آهي. هن ڀيري تاريخي واقعا نه ڄاڻايا اٿس، بلڪ ادبي ۽ عقيدت واري رنگ ۾ صرف فضيلتون بيان ڪيون اٿس. پوءِ ترتيبوار ٻين امامن جو احوال لکيو اٿس. اِنهيءَ تذڪري لڱن کان پوءِ هن هڪ عنوان ”فضل دربيان اعتقاد اهلسنت و جماعت“ قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ مهدي موعود جي باري ۾ اهل سنت جماعت جا عقيدا بيان ڪيا آهن ۽ اُنهيءَ ۾ هي ڳالهه به لکي اٿس ته سن 1200هه جي محرم مهيني ۾ عاشوري واري ڏينهن اِنهيءَ جو ظهور ٿيندو (اسان به پنهنجي زماني ۾ اِها ڳالهه ٻڌندا هئاسين ته سن 1400هه تي دنيا جو ڪاروبار بند ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته فقط چوڏهن صديون ئي آهن!) بهرحال ”رشهات الفنون“ جي مطلب ۽ مضمونن مان اهوئي اندازو ٿئي ٿو ته امين الدين خان سُني عقيدي جو هو، ليڪن خاندان ۾ جيئن ته شيعت موجود هئي، انهيءَ ڪري حضرت علي ۽ ٻين يارهن امامن سڳورن جو احوال ۽ فضيلتون لکڻ ۾ ڪجهه قدر مبالغي کان ڪم ورتو اٿس. +* . اصل مقالو اردو زبان ۾ اسلام آباد مان نڪرندڙ رسالي ”فکر و نظر“ جي جولاءِ ــــ سيپٽمبر 2001ع جي پرچي ۾ ڇپيو آهي. مترجم مير حسان الحيدري چانڊيو جو شڪرگذار آهي، جنهن فارسي عبارتن جي ترجمي ۾ مدد ڪئي. +[1] . ترجمو، ۽ انهي سال ۾ (1120هه) خان ذيشان امين الدين خان فوجدار سرڪار بکر، جيڪو امير خان ٺٽوي جي اولاد مان هو، هن پنهنجي فوجدري جي زماني ۾ سکر ۾، جيڪو درياءَ جي ڪناري تي بکر قلعي جو هڪ ڳوٺ آهي. هڪ بُلند عمارت واري مسجد جوڙائي. جيئن ته مير صاحب (صاحب عبدالجليل بلگرامي) هن مسجد جي تاريخ هن ريت بيان ڪئي آهي: +ـــ وڏي شان وارو خان امين ا��دين ـــ جنهن جو ذڪر هر زبان تي جاري آهي. +ـــ هن جي چهري مان نبي پاڪ جو نور ظاهر آهي. هن جي تِري تي حضرت علي جي سخاوت جو ظهور آهي. +ـــ هن جو سينو ازل جي رازن جو خزانو آهي، هن جي دل جي فانوس جي شمع نور جو چمڪارو آهي. +ـــ هن سکر ۾ هڪ مسجد تعمير ڪئي آهي، الله جي بارگاهه ۾ هر وقت حاضر رهڻ وارن جي دل کان به زياده پاڪ آهي. +ـــ پنهنجي دين جي گهر کي آباد ڪيائين، هن جي ڪوشش الله وٽ اجورو حاصل ڪيو. +ـــ هن مسجد جي نسبت جي ڪري، سکر پاڪ شهر ۽ رب بخشڻهار جو نشان بڻجي ويو آهي. +ـــ واهه واهه مبارڪ بنياد واري مسجد، هن جا در ۽ ديوارون نور جو آئينو آهن. +ـــ صبح جي ٿيڻ سان ”ڏاڍو سٺو ڏاڍو سٺو“، جو آواز پئي آيو، جڏهن هن جي چُن ۽ گچ کي پري کان ڏٺائين. +ـــ جيڪڏهن آسمان حورن کي زلفن کي هن مسجد لاءِ ٻُهاري بڻائي، ته پڻ هن لائق آهي. +ـــ هن جي محراب جا ٻيئي پاسا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پايو بيٺا آهن، (جنهن کي ڏسي) سجدا پيشاني ۾ رقص ڪن ٿا. +ـــ عقل هن مسجد جي تاريخ جو سال ائين چيو آهي، (هي مسجد) آسمان تي ٺهيل فرشتن جي سجده گاهه. +ـــ بيت المعمور وانگر الله جي نور جي نزول جي جاءِ آهي. +* .”اميري والا مقدار بود، اغلب اوقات بمطالعه کتب و صحت باعلما پرداخته.“ (تحفة الکرام جلد سوم بخش اول، از مير علي شير قانع تتوي، بتصحيح پير حسام الدين راشدي. طبع اول 1971ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، صفحه 346) +* .ترجمو: افسوس جو سڄي عمر دوست کان سواءِ گذري ويئي (يعني يار جو وصال نصيب نه ٿيو) رڳو اُٺن گهوڙن ۽ گڏهن (خچرن) جي ڌنڌي ۾ عمر گذري ويئي. هر حال ۾ زندگي رڳو اوني ۽ ريشمي ڪپڙن ۽ قيمتي ڪپڙن جي شوق ۾ گذري ويئي، ۽ زندگيءَ جون سموريون گهڙيون چاندي ۽ سون جي ڳولا ۾ گذري ويون. + + +”رشهات الفنون“ جي افاديت اِنهيءَ کان سواءِ ڪجهه به نظر نٿي اچي ته مصنف چند علمن جو تعارف ۽ اصطلاح جي تشريح ۽ ڪجهه تاريخي ترجمن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي قسم جا ڪيترائي ڪتاب برطانيه ۾ لکيا ويا آهن، جيڪي اسان کي ملي وڃن ٿا (12). اُنهن کي هن وقت جي انسائيڪلوپيڊيا جو ابتدائي نمونو چوڻ گهرجي. مصنف جن علمن کي پنهنجي ڪتاب ۾ گڏ ڪيو آهي، ظاهر آهي ته هو خود اُنهن سڀني جو ڄاڻو هو. هُن اِهي مضمون ٻين ڪتابن تان اخذ ڪيا آهن، جيئن عام طور تي ضروري هوندو آهي. ليڪن مصنف ديباچي ۾ ماخذن جو ذڪر نه ڪيو آهي، مگر ڪٿي ڪٿي هڪ اڌ ماخذ جو نالو کنيو اٿس. هاڻيءَ اهو معلوم نه آهي ته اهي انهيءَ جا سڌا سنوان ماخذ آهن يا بالواسطه. مثال طور ”رشحه هشتم در تعريف حڪمت“ ۾ هڪ جاءِ تي لکيو اٿس ته ”اين خلاصه تحقيقي است که سيد (شريف) جرجاني درحاشيهء مطالع از محققين قدماءِ نقل مي فرمايد.“ +”رشحه شانزدهم در علم تاريخ“ ۾ هن ”تاريخ طبريٰ“ ۽ ”روضة الصفا“ جا حوالا ڏنا آهن. هيءُ ڪتاب اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي (13). تنهنڪري صرف قلمي نسخن جي صورت ۾ ملي ٿو. +هن جا هيٺيان نسخا معلوم آهن. +(1) خدا بخش اورينٽل لائبرري پٽنا، ڪتابت 1173هه (14). +(2) مُلا فيروز لائبرري بمبئي، ڪتابت 1265هه (15). +(3) برٽش ميوزم لنڊن، 2060 O.R جنهن جو تفصيل راشدي صاحب ”ريو“ جي فهرست تان نقل ڪيو آهي (16). +(4) ڪتابخانه دانشڪده اديبات و علوم انساني، دانشگاهه تهران، نمبر ادبيات 28 ج، ڪتابت 1258 هه (17) +(5) ڪتابخانه مجلس تهران، نمبر 2189، ڪتابت جي تاريخ به اٿس (18). +(6) هڪ قلمي نسخو راقم الحروف وٽ آهي، نمبر 63 اٿس. هي معمولي نستعليق ۾ 82 ورقن ۾ لکيو ويو آهي. ڪجهه هنڌن تان اڏوهيءَ جو کاڄ ٿيل آهي. اختتامي عبارت هن طرح اٿس: ”قد اختتم هذه النسخه في السفر ببلدة بهاولپور في سلخ الصفر علي يد شائقها في ايام قليلہ سنة 1197ع غ ڪ مالڪ الحقيقي المجازي بنده مرتضيٰ غلام رضا.“ نسخي جي اول ۾ ”عبده شاهه نواز خان 1238“ جي مهر لڳل هي. [انهيءَ صفحي جو عڪس هِت پيش ڪجي ٿو.] +معلومات الافاق: هن ڪتاب جي نوعيت اُهائي آهي جيڪا ”رشحات الفنون“ جي آهي، يعني هيءُ به ننڍڙو دائرة المعارف (انسائڪلوپيڊيا) آهي. البته هن ۾ جاگرافيائي معلومات ٻين مضمونن کان وڌيڪ آهي ۽ هن ۾ پوري دنيا جي مختلف علائقن جي جاگرافيائي معلومات، حيوانات، نباتات ۽ ٻين عجيب ۽ غريب شين جو ذڪر آهي. ليڪن ڪتاب جو آخري حصو زياده اهم آهي، جنهن ۾ هندستان ۾ مغليه دور جي انتظامي ڍانچي جو تفصيل فراهم ڪيو ويو آهي. جيئن ته سيد حسام الدين راشدي مرحوم هن ڪتاب متعلق معلومات فراهم ڪري ڇڏي آهي (19)، ۽ هي ڪتاب ٻه ڀيرا شايع به ٿي چڪو آهي ۽ دستياب به آهي، تنهنڪري هتي اِنهي جي تفصيل کان درگذر ڪجي ٿو. هن جا ٻيئي ڇاپا مطبع نولشڪور لکنوءَ مان ترتيبوار 1287هه/1870ع ۽ 1290هه/1873ع ۾ ڇپيا. ٻيئي ڇاپا 198 صفحن تي مشتمل آهن ۽ هڪجهڙا آهن. البته هتي پنجاب يونيورسٽي لاهور جي هڪ قلمي نسخي جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهجي ٿو، جنهن جي ڪتابت 23 جمادي الثاني 1127هه تي محمد صالح ٺٽويءَ جي ٿيل آهي. هِن ۾ هڪ سؤ تصويرون آهن ۽ هن جو نمبر 2 APG آهي (20). جيئن ته هن ڪتاب ۾ به عالمگير جي وفات (1118هه) جو ذڪر آهي ۽ خود مصنف جي وفات 1127هه آهي، تنهنڪري هن جي لکڻ واري زماني جو تعين 1118هه ۽ 1127هه جي وچ وارو هجڻ گهرجي. +حوالا ۽ حاشيا +(1) بلگرامي، مير سيد محمد: ”تبصرة الناظرين“ (قلمي) پير حسام الدين راشدي جو ذخيرو، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد، (پراڻو نمبر 10557). +(2) محقق سنڌ سيد حسام الدين راشدي (وفات 1982ع) سنڌ جي انهيءَ، علمي، ادبي ۽ تاريخي خاندان جي تفصيلي احوال تي مشتمل ”تذڪره امير خاني“ سنڌي زبان ۾ لکيو آهي (ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ 1961ع، صفحا 372+55 صفحا تصويرن تي مشتمل) هن تذڪري ۾ انهي خاندان جي تاريخ ۽ ادبي احوال کانسواءِ انهن جي ٻين آثارن (عمارتن، قبرستانن ۽ ڪتبن) جو تفصيلي احوال ۽ تصويرون به نهايت محنت سان جمع ڪيون ويون آهن. حقيقت اها آهي ته راشدي صاحب جي انهيءَ تحقيقات تي وڌيڪ اضافو ڪرڻ ڏکيو آهي. اهو ڪتاب منهنجي سامهون رهيو آهي. راشدي صاحب پنهنجي اردو مقالي ”مير ابوالقاسم نمڪين ۽ سندس خاندان“ (رسالو، ”تاريخ و سياسيات“ ڪراچي، ماه اپريل 1951ع) ۾ به مفيد معلومات فراهم ڪئي آهي، ليڪن اها سندس انهيءَ ڪتاب جي مقابلي ۾ پراڻي ۽ نامڪمل آهي. هتي مان پنهنجي مهربان دوست ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن ضلعي نواب شاهه مان، پنهنجي ذاتي ڪتابي ذخيري مان اِهي ٻيئي ماخذ منهنجي مطالعي لاءِ اسلام آباد موڪليا. +(3) ”رشهات الفنون“ (قبيلي) ملڪلت واقم الحروف (عارف نوشاهي) اسلام آباد، ڪتابت 1197هه، صفحو 2. +(4) مير علي قانع ”تحفة الڪرام“ جلد ٽيون، حصو پهريون (ايڊٽ سيد حشام الدين راشدي، ايڊيشن پهريون 1971ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، صفحو 345. +(5) ساڳيو حوالو، صفحو 349 حاشيو. +(6) سيد حسام الدين راشدي محروم 28 مارچ 1970ع تي خود روهڙي ويو ۽ انهيءَ مسجد جا ڪتبا نوٽ ڪيائين ۽ تصويرون ورتائين. ڪتبن جي متن ۽ تصويرن لاءِ ڏسو، تحفة الڪرام، صفحو 349 کان 350 حاشيه ۽ 571 کان 574. +(7) تحفة الڪرام، صفحو 345 کان 349 ۽ تذڪره اميرخاني، صفحو 333، ۽ 359. +(8) سيد حسام الدين راشدي، امين الدين خان ۽ سندس خاندان جي قبرن جون تصويرون ۽ نقل پنهنجي مخ��لف ڪتابن ۾ ڏنا آهن. ڏسو، مقالات الشعراء، تصنيف قانع ٺٽوي مرتب پير حسام الدين راشدي حيدرآباد سنڌ 1957ع، صفحو 23، تذڪره اميرخاني صفحو 207 ۽ 275. تصوير نمبر 69، 70 ۽ 71؛ مڪلي نامه، تصنيف قانع ٺٽوي، مرتب سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌ، تصوير نمبر 68، 69، 70 ۽ 71. تحفة الڪرام، صفحو 570. +(9) تحفة الڪرام، صفحو 346. +(10) مقالات الشعراء +(11) تذڪره اميرخاني، صفحو 334 کان 336. +(12) ان نوعيت جي ڪتابن جي ڄاڻ لاءِ ڏسو، احمد منزوي، فهرست مشترڪ نسخه هاري خطي فارسي پاڪستان اسلام آباد 1983ع، جلد پهريون صفحو 803 کان 842. +(13) راقم الحروف جڏهن 94-1995ع ۾ تهران ۾ رهائش پذير هو ۽ اُتي ڪتابخانهء مرڪزي دانشگاهه تهران جي خاتون ڪارڪن نادره سليماني سان ملاقات ٿي، جيڪا ”رشحات الفون“ مرتب ڪري رهي هئي. هن مون کان مصنف جو احوال گهريو، جيڪو مون تهران ۾ دستياب واحد ماخذ، ڊاڪٽر ظهور الدين احمد جي ڪتاب ”پاڪستان ۾ فارسي ادب“، ڇاپو لاهور 1977ع، جلد ٽيون، صفحو 817 کان 824، عڪس جي صورت ۾ هن کي هٿ ڪري ڏنو. گمان آهي ته خانم سليماني جو اهو ڪم ڪنهن تعليمي مقصد لاءِ هو ۽ اشاعت لاءِ نه، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي اشاعت جي ڄاڻ هن وقت تائين تهران مان نه ملي آهي. +(14) مرات العلوم، پٽنه 1925ع، جلد پهريون، صفحو 1. +(15) Catalogue Raisonne of the Arabic, Hindostani, Persian and Turkish Mss, in the Mulla Firuz library, by Edward Rehatsek, Bombay, 1873, p. 201. +(16) تذڪره اميرخاني، صفحو 196 کان 200. +(17) احمد منزوي، فهرست نسخه هاي خطي فارسي تهران، 1969ع، جلد پهريون، صفحو 669. +(18) ساڳيو. +(19) تذڪره امير خاني، صفحو 200 کان 203. +(20) فهرست مشترڪه نسخه هاي خطي فارسي پاڪستان، اسلام آباد 1988ع، جلد 10، صفحو 25. +ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو +مترجم: اڪبر لغاري +جتي مشرق ۽ مغرب ملن ٿا +[تُرڪيءَ جي شهر ”قونيه“ ۾ مولانا روميءَ جي مزار تي حاضري بابت تاثرات] +محبت هڪ اهڙو اَکُٽ مها ساگر آهي، جنهن جي اَٿاهه گهراين جو نه ڪڏهن توهان انت لهي سگهو ٿا، ۽ نه وري اُن بحرِ بيڪران کي تسخير ڪري سگهو ٿا. بلڪ اُها محبت ئي آهي، جيڪا توهان کي اڻ ڳڻين طريقن سان شڪار ڪري وٺي ٿي. پيار، جيڪو سمنڊ ۾ طلاطم جو باعث بنجي ٿو، اُهو جبلن کي به بيقرار بنائي ڇڏي ٿو. زمين ۽ آسمان هڪٻئي جي محبت سبب قائم ۽ دائم آهن. خالق ڪائنات وجود جي هڪ هڪ ذري ۾ هر ٻئي ذري يا حصي سان ميلاپ جي شديد تڙپ رکي ڇڏي آهي. منشاءِ ايزدي جي مطابق، دنيا جو هر جُزو، پنهنجي ٻئي جُزي سان جوڙو ٺاهي ٿو. ڪائنات جو هر ذرڙو (Atom) پيار جي جادوءَ ۾ جڪڙيل آهي. جيڪڏهن پيار نه هجي ها ته هن ڪائنات جو وجود به نه هجي ها. خالق جي محبت ئي اصل ۾ ڪائنات جي تخليق جو باعث آهي. پيار طبعياتي به آهي ته مابعدالطبعياتي پڻ؛ پيار دنياوي به آهي ته سماوي پڻ. پيار پنهنجو پاڻ م عالمِ صغريٰ به آهي ته عالمِ ڪبريٰ پڻ. +اِهي صرف اُهي چند منتخب خيالات آهن، جيڪي مشرق جي عظيم صوفي شاعر مولانا جلال الدين رومي (1207-1273ع) پنهنجي مشهور و معروف ”مثنويءَ“ ۾ بيان ڪيا آهن، جنهن کي دنيا جي ادب ۾ ”ڪلاسڪ“ جي حيثيت حاصل آهي. ”مثنويءَ“ ۾ ڪُل ڇهه ”دفتر“ آهن ۽ جملي ڇويهن هزارن شعرن تي مشتمل آهي. +مولانا روميءَ جا ”پيار“ بابت اِهي بي مثل خيالات ۽ نظريات ۽ قعلي ۽ فڪري توجيهات ۽ تاويلات سان گڏ نهايت دلنشين انداز ۾ مثنويءَ ۾ بيان ٿيل آهن. ليڪن اهي ساڳيا نظريات ۽ خيالات نهايت وجداني ۽ من موهيندڙ، مترنم ۽ پُر ڪيف ۽ سُرور ۽ سرمستيءَ سان ڀرپور انداز ۾ سندس جڳ مشهور تصنيف ”ديوان شمس تبريزيءَ“ ۾ آيل آهن جيڪو وري پنجٽيهن هزارن شعرن تي ٻڌل آهي. اِهي اشعار ايتري قدر ته فطري موسيقيءَ ۽ ترنهم سان ڀرپور آهن، جو اهي صدين کان وٺي ’قونيه‘ ۾ ڪائناتي انداز ۾ رقص ڪندڙ درويشن جي روح پرور نظاري ۽ سحرانگيز منظر جو باعث بڻيل آهن. قونيه، ترڪيءَ جو مشهور شهر ۽ روميءَ جو آخري آرامگاهه آهي. +اڄڪلهه روميءَ کي مغرب ۾ نئين سوچ ۽ ولولي سان پڙهيو پيو وڃي. سندس ڪجهه شاعري جو ترجمو سي. ڊي تي به آندو ويو آهي. مغرب وارن کي روميءَ جي انسان، ڪائنات ۽ خدا بابت دلڪش ۽ پراثر نظرين جي ڄاڻ ته جهڙوڪر اڃا هاڻ پيئي آهي، پر مشرق ۾، خصوصاً برصغير پاڪ و هند ۾، روميءَ جي سحرانگيز شخصيت گهڻو اڳ ڌاڪو ڄمائي چڪي هئي. آزاد خيال، ڏاهو ۽ سگهارو مغل شهنشاهه اڪبر اعظم ۽ سندس زيرڪ ۽ زاهد پوٽو اورنگزيب، روميءَ جي مثنويءَ جا وڏا قدردان هئا. +دنيا جي تخليقي ادب ۾ ڪلاسيڪي حيثيت جي حامل ”شاهه جي رسالي“ جي خالق، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ ارڙهين صديءَ ۾ روميءَ کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ اُتساهه جو ذريعو ڪري سمجهيو هو، تڏهن ته پنهنجي شاعريءَ ۾ روميءَ جو نالو وٺي ذڪر ڪيو اٿائين. ويهين صديءَ جو وڏو مفڪر ۽ شاعر علامه اقبال، جيڪو سڀاويڪ هڪ سچو مشرقي انسان هو ۽ ساڳئي وقت هن کي پنهنجي دؤر جي مغربي فڪر تي به عبور حاصل هو، پنهنجي فارسي شاهڪار ”جاويدنامه“ ۾ مولانا روميءَ کي فڪري اڳواڻ طور تسليم ڪيو آهي. اهو سڄو نظم مرشد رومي ۽ سندس مُريد اقبال جي وچ ۾ هڪ قسم جو مڪالمو آهي، ته جيئن هن زندگيءَ جا راز ۽ آخرت جا اسرار سمجهي سگهجن. سڄي نظم جو نچوڙ زندگي بابت هڪ نئون زاويه نگاه آهي، يعني ته زندگي هڪ ”ڪُل“ يا اُن جو تسلسل آهي. +گذريل ستن صدين کان روميءَ جو گهرو ۽ متنوع فڪر، گويا زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهي ويو آهي ۽ اهو عمل اڳي کان اڳرو ۽روز افزون آهي. سندس اثرات ”قونيه“ کان هر رخ ۾ ۽ هر وقت ڦهلبا رهيا آهن. قونيه جديد ترڪيءَ جو هڪ اهم ۽ ترقي ڪندڙ شهر آهي، جيڪو استنبول کان تقريباً چار سؤ ڪلو ميٽر يعني هڪ ڏينهن جي سفر تي آهي يا ترڪيءَ جي گاديءَ واري شهر انقره کان البت ڪجهه گهٽ فاصلي تي آهي. تازو مون کي ترڪي وڃڻ جو موقعو مليو ته مون اُن موقعي جو فائدو ورتو. استنبول ۾ اوتاگار بس اسٽاپ وٽان جيڪڏهن شام جو جديد آرامده ڪوچ ۾ ويهبو ته اُها صبح جو ڇهين وڳي هلي قونيه ۾ پهچائيندي. روڊ کان علاوه ريل ۽ هوائي سفر پڻ ممڪن آهي. +منهنجي لاءِ سچ پچ ته اِهو هڪ نهايت روح پرور تجربو هو، جڏهن آءٌ روميءَ جي مقبري جي دروازي وٽ پهتس، جنهن جي مٿان لکيل هو: ”يا حضرت مؤلانا“. ڪيڏي نه خوبصورت طريقي سان، قونيه، جي رهواسين مولانا روميءَ سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي! هن فقري جي هيٺان، عظيم مرشد کي سندس شان وٽان خراج تهسين پيش ڪرڻ لاءِ، سندس ئي هي فارسي شعر لکيو ويو آهي. +کعبه عشاق باشد اين مقام، +هرکه ناقص آمد، اينجا شد تمام. +(پيار جي پانڌيئڙن جو، هي آهي ماڳ ڪمال، +توڙي اچن ڪيڏا ڪچا، پر پچي ٿيندا لال.) +مقبري جي اندر ويهه مقبرون آهن، جن ۾ مولانا، سندس والد ۽ فرزند سلطان وَلَد جون قبرون ته پري کان ئي پڌريون آهن، باقي ٻين قبرن جي سڃاڻپ ڪُنڊ ۾ پيل هڪ پٿرجي ڪتبي تي اُڪريل آهي. توهان جنهن مهل روميءَ کي نذرانهء عقيدت پيش ڪري رهيا هوندا ته توهان جي ڪنن ۾ بئنسري يا نڙ جو سُريلو ۽ مٺڙو آواز مسلسل ايندو رهندو، جيڪو هر وقت توهان کي روميءَ جي اُن بي مثال استعاري جي ياد ڏياريندو رهندو، جنهن سان مثنويءَ جي شروعات ٿئي ٿي: +بشنو اين ني چُون شکايت مي کند +از جُدائي ها حکايت مي کند +(ترجمو: هِن نڙ کي ٻُڌ، جو شڪايت ٿو ڪري. اِهو پنهنجي جدائيءَ جو قصو ٿو ٻڌائي). +هتي اِها ڳالهه قابل توجهه آهي ته مٿيون بيت برصغير پاڪ و هند ۾ مثنويءَ جي ڇپيل توڙي قلمي نسخن ۾ هيٺينءَ ريت اچي ٿو: +بشنو از ني چُون حڪايت مي کند +واز جُدائيها شکايت مي کند +(ترجمو: نڙ کي ٻُڌ، جو قصو ٿو ٻڌائي. اهو پنهنجي جدائيءَ بابت شڪايت ٿو ڪري.) +بهرحال، صحيح پڙهڻي اُها آهي ته جيڪا مٿي ڏنل آهي، ڇو ته مثنويءَ جو اُهو نسخو جيڪو مولانا روميءَ جي وفات کان فقط پنج سال پوءِ لکيو ويو، اُن جو نقل مولانا روميءَ جي مزار جي ڀر واري ڪمري ۾ ٻين ڪتابن سان گڏ رکيل آهي، تنهن ۾ ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿو ۽ پاڻ اُن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي. +اِهي سِٽون ’بئنسريءَ‘ جي بيپناهه درد جي اپٽار ڪري رهيون آهن. انسان به اُنهيءَ بئسنريءَ وانگر آهي، جيڪا پنهنجي ازلي محبوب کان جدا ٿيڻ تي غمزده آهي. اهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون سٽون آهن: +آتشت ايس بانگ ناي و نيست باد +هرکه ايس آتس ندارد نيست باد +آتش عشقست کاندر ني فتاد +جوشش عشقست کاندر مي فتاد! +(ترجمو: بئنسريءَ جي اها ڪوڪ هوا نه آهي، بلڪ باهه آهي. جنهن وٽ به اِها باهه نه آهي اُهو ادنيٰ ۽ هيچ آهي. اِها محبت جي حرارت ئي آهي جنهن بئنسريءَ کي سوز سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ هي پيار جي اُها موج اهي جيڪا شراب ۾ مستي آڻي ٿي.) +پس منظر ۾ پئسنريءَ جي ڌن، ماڻهوءَ جي من ۾ پيار جي تاثر کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿي، جيڪو اڃا به وڌيڪ گرمائيندڙ ۽ لذت ڀريو ٿيو وڃي، جڏهن ماڻهو پنهنجي پاڻ کي اردگرد جي ماحول ۾ غرق ڪري ڇڏي ٿو. +”مثنوي“ لاشڪ اعليٰ مذهبي ادب ۽ تصوف جو هڪ لافاني شاهڪار آهي. ليڪن ان سلسلي ۾ رومي ٻين کان اِن لحاظ کان مختلف آهي ته هن نڙ يا بئنسريءَ جي موسيقيءَ جي روايت قائم ڪئي، جيڪا اڳتي هلي ”مَوِلوي“ [Mevlvi ـــ ترڪي اُچار] مڪتبئه فڪر جي خاص سڃاڻپ بڻي. اُن ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو، درويشن جي منفرد مستي پريي رقص ڪيو، جيڪو هاڻي ساليانو معمول بنجي چڪو آهي ۽ هر سال ڊسمبر ۾ عرس جي تقريب جي موقعي تي ٿيندي آهي. ها، جيڪڏهن اوهين اِهو ڄاڻڻ گهرو ته اِهي درويش ڪيئن رهندا هئا يا ڪهڙي پوشاڪ پائيندا هئا ته مقبري جي ڀروارا ڪمرا ڏسڻا پوندا، جتي ماڊل ٺاهي اُن ماحول جي پوري عڪاسي ڪئي ويئي آهي. هاڻي ته اُن جي جهلڪ ڏسڻ بلڪ ڪنهن حد تائين محسوس ڪرڻ اڃا به وڌيڪ آسان ٿي پيو آهي جو اُهي منظر ٽي. ويءَ تي ڀر وارن ڪمرن ۾ هلندي ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي خاص اِنهيءَ مقصد لاءِ ٺهرايا ويا آهن، جن ۾ نه صرف ويهڻ جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي، پر ٽي. وي تي انگريزيءَ ۾ ڪمينٽري به هلي رهي هوندي آهي. +رومي ”سماع“ يا ”موسيقيءَ“ کي ڪيتري اهميت ڏيندو هو، اِن حقيقت جو اندازو سندس هيٺئين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو خوبصورت خطاطيءَ ۾ اندروني ديوار تي لکيل آهي: +سماع آرام جان زندگانيست +کسي دانند که اور را جان جانست +خصوصاً حلقهء کاندر سماعند +همه کردند و کعبه درميانست. +(ديوان سمس تبريزي) +(ترجمو: (سماع زندهه انسانن جي روح جي راحت آهي. جنهن جو روح زنده آهي، اُهو گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو. جيڪي دل سان سماع جي حلقي ۾ مشغول آهن، اُهي ڪعبي کي پنهنجي وچ ۾ پسندا.) +اِها ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي نه آهي ته جلال الدين رومي 1207ع ۾ بلخ يعني موجوده افغانستان ۾ تولد ٿيو. سندس ولادت پنهنجي دؤر جي جيد عالم سلطان العلماء جي گهر ۾ ٿي ۽ اُهو سندس والد بهاءُ الدين وَلَد هو. جلال الدين اڃا ٻالجتيءَ ۾ ئي هو ته سندس ڪٽنب کي اهڙيءَ صورت ۾ بلخ ڇ��ڻو پيو جو سندس سامهون ڪا واضح منزل نه هئي. هڪ انداز موجب اُهو سال 1215ع يا 1217ع هو. سندس هجرت جو ممڪنه سبب بهاءُ الدين جي صوفيانه سوچ هئي، جيڪا اُن وقت جي حڪمران علاءُ الدين خوارزم شاهه سان اختلاف جو سبب بڻي، جنهن ڪري کين پنهنجو مُلڪ ڇڏڻو پيو. آخرڪار 1228ع ۾ بهاءُ الدين کي اناطوليه جي سلجوق حڪمران دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرايو ۽ اهڙي طريقي سان هيءُ خاندان آئڪونيم ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. آئڪونيم، جنهن کي ’روم‘ جو علائقو پڻ سڏيندا هئا، اڳتي هلي ’قونيه‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. قونيه ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ کان اڳ هن ڪٽنب کي سالن جا سال ڪيترين ئي جاين تي عارضي قيام ڪرڻو پيو سندن سفر دوران سوانح نگارن ڪيترن ئي شهرن جي نشاندهي ڪئي آهي: بلخ کان مرو ۽ مشهد، نيشاپور ۽ بغداد، مڪو مدينو ۽ دمشق، قندوس ۽ ايرزنجان، لارنده يا ڪرامان ۽ آخر ۾ قونيه. سوانه نگارن موجب بهاءُ الدين ست سال لارنده ۾ رهيو ۽ اُتي ئي مولانا رومي جڏهن سترنهن سالن جو هو ته سندس شادي گوهر خاتون سان ٿي. لارنده ۾ رهائش دوران بهاءُ الدين جي شهرت وقت جي حڪمران علاءُ الدين ڪيقباد جيڪنن تائين پهتي، جيڪو هينئر سلجوقي روم جو والي وارث هو ۽ علم ۽ فضل جو قدردان هو. آخر هن جي خواهش تي هي خاندان لارنده کي ڇڏي اچي قونيه ۾ مستقل طور قيام پذير ٿيو. قونيه ۾ بهاءُ الدين جو شاهي مهمان جي حيثيت ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو. بهاءُ الدين جلد ئي ٻن سالن بعد سن 1231ع ۾ انتقال ڪري ويو ۽ سندن مٿان پيل ذميواري نباهڻ جو بار، نوجوان جلال الدين جي ڪلهن تي اچي پيو، جيڪو هاڻ خود به باقاعده عالم بنجي چڪو هو. هڪ ’عالم فاضل‘ جلال الدين مان ’عارف ۽ صوفي’ جلال الدين جي صورت ۾ تبديلي تڌهن ٿي، جڏهن سندس آشنائي بلڪ اتفاقي صورت ۾ هڪ الله لوڪ هستي شمس تبريزيءَ سان ٿي، جنهن سندس روحاني زندگيءَ ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. اِهو واقعو سال 1244ع ۾ پيش آيو. اُنهيءَ تبديلي کيس شاعرن جو شاعر بنائي ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو اُن دؤر ۾ هن پنهنجي سموري شاعري، شمس تبريريءَ سان منسوب ڪري ڇڏي، ۽ جيئن شروع ۾ ٻڌايو ويو ته اُهو ديوان پنجٽيهن هزارن شعرن تي مشتمل آهي. +* . ترجمو: هي انهيءَ تحقيق جو خلاصو آهي، جيڪو سيد (شريف) جرجاني پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”مطالع“ جي حاشيه ۾ قديم محققن کان نقل ڪيو آهي. +§ . محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب هن نسخي جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي: ”هن ۾ 151 ورق آهن ۽ هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. نسخي جو خط تعليق آهي، ڪتابت 1673هه ۾ ٿيل آهي. ڪاتب جو نالو سيد احمد بن سيد حبيب الله آهي. فهرست نگار مصنف جو نالو هن طرح لکيو آهي. امين الدين مان بن سيد ابوالمڪارم بن سيد امير خان حسيني الهروي.“ (تذڪره امير خاني، صفحو 195 ـــ 196) مترجم. +© . ترجمو: هن نسخي جي شوقين جي هٿان هي نسخو ٿورن ڏينهن ۾ بهاولپور جي سفر جي دوران ماه صفر ۾ پورو ٿيو، سن 1197غ غ ڪ (؟) هن نسخي جو تحقيقي مجازي مالڪ بنده مرتضيٰ غلام رضا آهي. + + +ستين صدي هجري / تيرهين صدي عيسوي مسلمانن لاءِ انتهائي تباه ڪن ۽ اندوهناڪ ثابت ٿي، جڏهن وحشي منگولن وچ ايشيا ۽ ڀرپاسي جي مسلمان رياستن ۾ ڦرلٽ ۽ خونريزيءَ جي بازار گرم ڪري ڇڏي، جنهن جي انتها 1258ع ۾ بغداد جي تباهيءَ تي ٿي. بربادي ۽ غارتگري ايڏي ته وڏي پيماني تي ڦهلائي ويئي جو منگول وحشين جي بربريت کان نه ته روميءَ جو اباڻو وطن بلخ ۽ نه ئي قونيه وغيره محفوظ رهيا. تاريخ جي ڪتابن ۾ آهي ته چنگيز خان بلخ کي 1220ع ۾ تاراج ڪيو ته وري سندس پونيرن 1230ع ۾ نيشاپور ۾ ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪيو، جنهن ۾ فارسيءَ جو عظيم شاعر فريد الدين عطار شهيد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح 1256ع ۾ سلجوقي حڪمرانن جو تخت گاهه قونيه سندس حساس مزاج ۽ دماغ تي ڪيترو گهرو اثر ڇڏيو، اُن جو اسان اندازو نٿا ڪري سگهون. هيءُ اُهو وقت هو جڏهن روميءَ جي روحاني تڙپ ۽ شدت کي سندس هڪ زيرڪ ۽ ذي فهم ساٿي ضياءُ الحق حسام الدين چلپي محسوس ڪيو ۽ اُن جي آماده ڪرڻ سبب شاعريءَ جي دنيا جو ’عظيم ڪلاسڪ‘ تخليق ٿيو، جنهن کي فني حوالي سان ”مثنويءَ“ جو نالو ڏنو ويو. هڪ مستند روايت موجب مثنويءَ جو آغاز 1258ع کان پوءِ غالباً 1262ع ڌاري ٿيو. مولانا رومي جيڪو چوندو ويندو هو، تنهن کي حسام الدين لکندو ويندو هو ۽ ٻئي ڏينهن وري اُهو سمورو مواد کيس پڙهي ٻڌائيندو هو، ته جيئن اُن ۾ ضروري درستيون ڪري سگهجن. مثنوي لکرائڻ جو اِهو سلسلو مولانا روميءَ جي زندگيءَ جي آخري سالن يعني 1273ع تائين جاري رهيو. هن شاهڪار تخليق جو هڪ اوائلي مسودو، جيڪو مولانا رومويءَ جي وفات کان فقط پنج سال پوءِ لکيو ويو، اِن صورت ۾ محفوظ آهي ته اُن جو نقل ٻين ڪتابن سان گڏ اُنهيءَ ميوزم ۾ رکيل آهي، جيڪو هاڻي مقبري جو حصو آهي. هي عمارت، جنهن ۾ مولانا رومي، سندس والد، سندس فرزند، ويجهن عزيزن ۽ دوستن جون قبرون ۽ مثنويءَ جا مخطوطا آهن، اُن جو دلچسپ احوال هن ريت آهي: +اِها اصل ۾ مولانا جي درگاهه هئي، جيڪا اڄڪله ميوزم بڻيل آهي. اُها پهرين سلجوقي محل جو حصو هئي ۽ اُتي ”باغيچهء گلاب“ هو، جيڪو مولانا جي والد سلطان العلماء بهاءُ الدين وَلدَ کي سلطان علاءُ الدين ڪيقباد تحفي ۾ ڏنو. 12 جنوري سن 1231ع تي جڏهن سلطان العلماء جو انتقال ٿيو ته کيس اُتي ئي دفن ڪيو ويو، جتي اڄڪلهه سندس مقبرو آهي. ”باغيچهء گلاب“ ۾ اُها پهرين قبر هئي. سلطان العلماء جي وفات کان پوءِ، سندس ڪجهه شاگرد مقبرو اَڏڻ چاهيو ته مولانا رومي ائين چئي انڪار ڪيو ته، ”آسمان کان وڌيڪ بهتر ڀلا ٻيو ڪهڙو مقبرو هوندو؟“ ليڪن جڏهن 17 ڊسمبر 1273ع تي مولانا روميءَ جو انتقال ٿيو ته سندس فرزند سلطان وَلَد مقبري ٺاهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، جنهن کي ”قبهء حضرا“ يعني ”سبز گنبذ“ سڏيو ويو ۽ اُن کي بدرالدين تبريزيءَ نالي معمار جوڙي راس ڪيو. +باقي عمارت سن 1274ع ۾ سلجوقين ٺهرائي، جنهن ۾ اڳتي هلي عثماني ترڪن اضافو ڪيو، جنهن ۾ ڦوهاري وارو اڱڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت لاءِ ڪمرو، ملاقاتي حُجرو، درويشن لاءِ بيٺڪ، لنگرخانو ۽ تقريبات وغيره لاءِ هڪ هال شامل آهي. سن 1927ع ۾ هن پوري عمارت کي ميوزم ۾ تبديل ڪيو ويو. +هاڻي هي اُهو مقام آهي جيڪو مولانا جي مشرقي توڙي مغربي پرستارن جي وڏي تعداد کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. 6 جنون 2001ع تي جڏهن آءٌ اُتي هئس ته مون اُتي مختلف ملڪن ۽ مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ ڪيترا ماڻهو ڏٺا. مون اندازو لڳايو ته اُنهن ماڻهن کي فارسي ٻولي يا فارسي ادب بابت ڪا سمجهه يا واقفيت ڪانه هئي، پر انگريز ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا کوڙ هئا. +جنهن هوٽل ۾ منهنجو قيام هو، اُن جو مئنيجر مون کي ٻڌايو ته اُتي هڪ ايراني واپاري آيل هو، ليڪن اُن سان رابطو نه ٿي سگهيو. مون مقبري جي احاطي ۾ پنج ڇهه ڪلاڪ گذاريا ۽ زيارتين جا انبوه مولانا کي خراجِ تحسين پيش ڪندي ڏٺا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب، روحاني سڪون جا متلاشي هئا ۽ سندن واپس وڃڻ وقت اندروني سڪون ۽ اطمينان سندن روين توڙي سندن چهرن مان بکي رهيو هو. آءٌ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته آخر اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن لاءِ ايترا ماڻهو ڏورانهان پنڌ ڪري هِتي اچ�� ٿا! دنيا جي سمورن صوفين، ليڪن خاص ڪري مولانا روميءَ پيار ۽ محبت جي ٻولي ڳالهائي آهي. مثنوي ۽ ديوان ۾ پيار جو آفاقي ۽ لافاني پيغام آهي، جيڪو زمان ۽ مڪان، سرحدن ۽ خطن جي حدن کان ماورا آهي. اُن ۾ هر ماڻهوءَ لاءِ هڪجيتري ڪشش آهي. منهنجو يقين تڏهن وڌيڪ پختو ٿي ويو جڏهن مون مقبري جي ديوار تي لکيل هيٺيون فارسي پيغام پڙهيو، جيڪو ڪيترن ئي سُووينيئرس ۽ ڪارڊن تي انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ اُهي جڳهه جڳهه تي وڪامي رهيا ها: +باز آ باز آهر آنچه هستي باز ا، +گر کافر و گبر بُت پرستي باز آ؛ +درگه ما درگه نوميدي نسيم، +صد بار گر توبه شکستي باز آ! +(ترجمو) +اچو اچو، وري اچو، +ڪير به هجو، وري اچو، +بُت پرست هجو يا آگ پرست، +اسان وٽ نه آهي ڪائي نراسيت، +وري اچو، +چاهي توهان ٽوڙيا هجن، +سؤ سؤ ڀيرا پنهنجا وڃن، +وري اچو. +وري اچو. +شوڪت حسين شورو +تنوير عباسي ـــ +سنڌي ادب جو موتي داڻو +تنوير عباسيءَ پنهنجي دبئي جو سفرنامي ”چنڊ ٻه ٽڪر“ ۾ نارائڻ شيام بابت لکيو آهي ته ”هو نه رڳو وڏو شاعر آهي، پر وڏو عالم پڻ آهي. سندس شاعريءَ کي سندس مشاهدن ۽ تجربن سان گڏ سندس وسيع علم ۽ اونهي اڀياس جو پس منظر آهي.“ +نارائڻ شيام تمام وڏو شاعر آهي، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي. تنوير عباسي هن کي اسان جي دور جو ’مها ڪوي‘ سڏيو آهي، انڪري تنوير نارائڻ شيام جا پير ڇهيا ۽ هٿ چميا. نارائڻ شيام جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو نهايت سٻاجهو ۽ نماڻو شخص هو. هن جي انڪساري جي انتها سندس ان شعر مان ظاهر آهي: +هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي، +نه پنهنجي شاعري اهڙي، نه پنهنجي زندگي اهڙي. +مون کي هڪ دفعو دهلي وڃڻ جو موقعو مليو، پر نارائڻ شيام سان ملڻ نصيب نه ٿيو. خوش قسمتيءَ سان تنوير عباسيءَ سان گهڻيون ملاقاتون ٿيون، ڪچهريون ٿيون. مون کي جيڪڏهن اجازت ڏني وڃي ته تنوير عباسي جيڪي لفظ نارائڻ شيام جي لاءِ چيا آهن، سي آءٌ خود سندس لاءِ چوان ته تنوير عباسي نه رڳو سنڌيءَ جو سر موڙ شاعر آهي، پر عالم پڻ آهي. +تنوير عباسي سنڌيءَ جي اُنهن ٿورن شاعرن مان آهي، جن دنيا جي ادب ۽ شاعري جو وسيع مطالعو ڪيو آهي. تنوير انگريزي ۽ فارسي پڙهيل هو، ان ڪري هن کي انهن ٻولين جي شاعري پڙهڻ ۾ ڪا دقت ڪانه ٿي. تنوير کي فارسي ۽ انگريزي کانسواءِ فرينچ، جپاني ۽ چيني ٻولين جي شاعريءَ سان به دلچسپي هئي. جيتونيڪ انگريزيءَ ۾ انهن ٻولين جي شاعريءَ جا ترجما موجود آهن، پر تنوير کي شوق ٿيو ته فرينچ شاعريءَ کي سندس اصلوڪي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ کپي. هونءَ ٽي. ايس. ايليٽ جي چواڻي شاعري جو ترجمو ڌارينءَ ٻوليءَ ۾ ٿي نٿو سگهي. +تنوير فرينچ شاعري پڙهڻ لاءِ فرينچ زبان سکي. هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جڏهن شروع ۾ هن دنيا جي ادب جو مطالعو ڪيو هو ته هن ڏٺو ته ”شارٽ اسٽوري فرانس مان شروع ٿي، آزاد نظم فرانس مان شروع ٿيو، تجريدي آرٽ فرانس مان شروع ٿيو، جديد ڊرامو فرانس مان شروع ٿيو. بهترين پرفيوم (تنوير جو پسنديده پرفيوم شينل 5 هو)، بهترين فيشن فرينچ، بهترين وائن فرينچ، ائين ٿو لڳي ته سڄو يورپ ۽ سڄي آمريڪا فرانس جي ڪلچرل ڪالوني آهي.“ ان ڪري هن سوچيو ته جيڪڏهن جديد ذهن کي سمجهڻو آهي ته ”جيستائين فرينچ زبان نه سمجهبي، انهن کي سمجهي نه سگهبو ۽ اها خبر نه پوندي ته ڪيئن انهيءَ ٻوليءَ سڄي يورپ تي اثر ڪيو.“ +تنوير کي فيرنچ شاعرن مان سينٽ جان پرس، پال ورلين ۽ بودلير وڌيڪ پسند هئا، هن پنهنجي شعري مجموعي ”هيءَ ڌرتيءَ“ جي مهڙ ۾ سينٽ جان پرس جي نظر جو ترجمو ڏنو آهي: +روئجي يا تخليق ڪجي�� +هن گهڙيءَ اسان مان ڪير تخليق ڪندو؟ +موت جو جواب تخليق ڪرڻ کانسواءِ +ٻيو ڇا آهي؟ +تنوير جي شاعريءَ جي شروعات روايتي شاعريءَ سان ٿي جڏهن هن جو لاڳاپو ’جمعيت الشعراء سنڌ‘ سان هو. تنوير ”سنگت ــــ هڪ تحريڪ“ جي پيغام ۾ ڄاڻايو آهي ته هو اڳينءَ شاعريءَ مان بيزار ٿي نئين موڙ ڏانهن مڙيو آهي. الهداد ٻوهئي جي چواڻي ”ڪهڙو عجب آهي جو جن ڳالهين کيس روايتي شاعريءَ جو دستور ڇڏايو آهي، اُنهن مان هڪ ورڊ سورٿ جو مطالعو به هجي.“ +ورڊ سورٿ ۽ سندس دوست سيموئل ڪالرج جي جوڙيل شعري مجموعي Lyrical Ballads (سُريلا گيت) جي ٻئي ڇاپي جي مهاڳ طور، انگريزيءَ جي مشهور شاعر وليم ورڊ سورٿ هڪ نهايت عالمانه قسم جو مضمون لکيو هو. تنوير، مراد علي مرزا سان گڏجي ان مهاڳ جو ترجمو ڪيو آهي. Lyrical Ballads يعني ”سُريلا گيت“ لکڻ سان ورڊ سورٿ جو مقصد اهو هو ته جو ڪجهه به عام ۽ اکين آڏو آهي، ان کي شاعراڻو روپ ڏجي. +To make the familiar Poetic +”ورڊ سورٿ پنهنجي ان نظريي جي حمايت سڀ کان اڳ ۾ شاعراڻن عروضي لفظن Poetic Diction جي مخالفت سان ڪئي ۽ خاص طور تي ملٽن ۽ جانسن جي زبان جهڙي يا (Grand style) تي وار ڪيا اٿس.“ +انگريزيءَ جي جڳ مشهور نقاد وليم هيزلٽ لکيو آهي ته ”ورڊ سورٿ شاعريءَ ۾ فطرت ۽ عام انساني زندگيءَ جي موضوعن کي استعمال ڪري، ان جي دائري کي وسعت ڏني. هن ٻڌايو ته فطرت جي ڪابه شيءِ چاهي ڪيتري به حقير ۽ غير اهم ڇو نه هجي، يا انساني سماج جو ڪوبه طبقو کڻي ڪيترو به هيٺانهون ۽ خسيس ڇو نه هجي، شاعريءَ ۾ اهي استعمال ڪرڻ لائق آهي. ورڊ سورٿ اهي سڀئي ڳالهيون اهڙي خوبصورت طريقي سان زورائتن احساسن ۾ بيان ڪيون آهن جو کانئس اڳ ڪنهن به شعر ائين ڪونه ڪيو. هن انساني فطرت جي نين نين ڪيفيتن ۽ حالتن مان واقف ڪيو. انهيءَ لحاظ کان هو موجوده دور جو هڪ جدت پسند ۽ نئون شاعر آهي. اهڙو شاعر جنهن جي تحريرن کي وساري نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو مثال ڪٿي به هٿ نه ايندو.“ +الهداد ٻوهئي جي چواڻي ”جيڪڏهن ورڊ سورٿ ڍنڍن، ٻنين، فصلن،ماٿرين ۽ جبلن جو شاعر آهي ته تنوير سنڌو ماٿريءَ جو، سنڌ جي ماڻهن جو ۽ سنڌي ماڻهن جي شان جو شاعر آهي. تنوير دل جو شاعر آهي، جذبات جو شاعر آهي ۽ ورد سورٿ نظاري جو، مشاهدي ۽ پسن جو شاعر آهي.“ +الهداد، تنوير عباسي ۽ ورڊ سورٿ جا ڪجهه شعر مثال طور ڏنا آهن: تنوير جو شعر آهي: +اڄ سارو جڳ دل کي وڻي ٿو، +من ڇيلن جيان ڇال هڻي ٿو، +دل دکڙن جا ڏينهن وساريا. +Lucy Poems. ۾ ورڊ سورٿ جو هڪڙو بند آهي: +You can see a fawn at play +And hare upon the green, +But sweet face of Lucy gray, +Can never more be seen +تنوير جي نظم ۾ ڇيلن جو ڇال ۽ ورڊ سورٿ جي نظم ۾ سهي جو گاهه مٿان ٽپڻ طرف الهداد ڌيان ڇڪايو آهي ۽ هو تنوير عباسيءَ کي ورڊ سورٿ جيان ’فطرت جو شاعر‘ سڏي ٿو. +سنڌو دريا تي تنوير جي هڪ نظم جو شروعاتي بند آهي: +ڇلڪندڙ ڇوليون ڏسو +ڄڻ ڇيڳريون ڇوريون هجن. +هن جي هڪ ٻئي نظم ۾ ڳوٺ جو عڪس هن ريت آهي: +هوءَ رئي اُڏاڻي رستن تي +هو ڳوٺن ڏي ڌڻ موٽن ٿا +دز رنگ شفق سان ڳاڙهي آ +ٻُڌجي جهونگار ڌنارن جي +سنگيت ٽلين جي ساٿ ڏئي، +هوءَ رئي اڏُاڻي رستن تي. +تنوير عباسي برابر بنيادي طور تي شاعر آهي، پر هن جو اڀياس ۽ علميت رڳو شاعريءَ تائين محدود ڪونهي. هن نثر جي مختلف صنفن تي به لکيو آهي، جن ۾ مختلف شاعرن جو شعري مجموعن جا مهاڳ، مضمون، خاڪا، يادگريون، سفرناما، ادب، ڪلچر ۽ تصوف جي مختلف موضوعن تي سندس تقريرون ۽ مقالا شامل آهن، پر تنوير جو وڏو ۽ يادگار ڪم ٽن جلدن ۾ ڇپيل ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس“ آهي. +تنوير پنهنجي وسيع مطالعي جي بنياد تي شاهه لطيف جي شاعري تي جديد معيارن ۽ ادبي اصولن مطابق لکيو آهي، جنهن ۾ هن لطيف کي سندس اصل، نج ۽ ساڀيان رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. +تنوير عباسي شاهه لطيف کي سنڌيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر سڏيندي چيو آهي ته شاهه شاعريءَ کي عوامي بڻايو. عوامي سان تنوير جو مقصد آهي عوامي ٻولي، عوام جا جذبا، عوام جو ماحول، عوام جا مسئلا تنوير جي چواڻي ”شاعريءَ کي عوامي بڻائڻ جي باوجود شاهه لطيف جي شاعريءَ کي جيڪا عظمت آهي. انهيءَ تي پوري طرح قائم آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ردم، موسيقيت، عڪسيت، رمزيت، اهڃاڻ سڀ ملندا. شاهه جي شاعريءَ ۾ وحدت جي تصور کي اهڙو سولو بڻائڻ، جو هڪ عام ماڻهو جي زبان تي شعر اچي، اُهو شاهه جو وڏو ڪارنامو آهي.“ +تنوير عباسيءَ روحانيت ۽ تصوف کان علاوه شاهه جي شاعريءَ جي جن ٻين پهلوئن کي جديد معيارن سان پرکيو آهي. سي آهن: علامتي شاعريءَ جي پهلو، عوامي، ٻولي، شاهه جا ڪردار، جيڪي عام ماڻهو آهن ۽ عام رواجي ڇوڪريون آهن. +اُنهن پهلوئن کان سواءِ تنوير عباسي شاهه جي شاعريءَ جو هڪ نئون پهلو اسان جي اڳيان آندو آهي. جنهن کي هو شاهه لطيف جي ’عڪسي شاعري‘ سڏي ٿو. +تنوير ان ڳالهه جي وضاحت هن ريت ڪئي آهي: +”مون شاهه کي هڪ ’عڪسي شاعر‘ ڪري سمجهيو آهي. تمام ٿورا اهڙا شاعر آهن، جن اهڙي نموني جي عڪسي شاعري ڪئي هجي. جڏهن سهڻي ٻُڏي ٿي تڏهن سهڻيءَ جو جسم ۽ ان جي خوشبو دريا جي پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ٿي، شاهه چوي ٿو: +لَهَر مڙوئي لال، وَهڻ کٿوريان وِترو +اوٻارا عَبيرَ جا، جر مان اچن جال... +”اهو عڪسي شاعري جو املهه نمونو آهي، جنهن جو مثال اوهان کي سموري دنيا جي شاعريءَ ۾ ملي نه سگهندو.“ +”ٻيو مثال سر مومل راڻي ۾ آهي، جنهن ۾ مومل ۽ سندس ڀينرون تلاءُ تي وهنجن ٿيون. ان جو عڪس شاهه هن بيت ۾ هيئن ڪڍيو آهي: +جنهن تڙ ڌوڙون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو، +اچن ڀنور ڀنڀوليا، پاڻيءَ تنهن پون، +راول رتو رون، ڪو وهه لڳو واسئين. +امداد حسينيءَ پنهنجي اڀياس ۾ تنوير عباسيءَ کي گمڀير مڌرتا جو شاعر سڏيو آهي. هن جي لفظن ۾ ”تنوير جي شاعري، برين ڇيلين جي مٽرين جي سُر سمانُ آهي، جو ڏور کان ويجهو پوندو. پنهنجي وجود ۾ گم ٿيندو محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن وري پنهنجي ئي وجود مان نڪرندو، ڦهلجندو، ويجهي کان ڏور پوندو، پولار ۾ پيهي ويندو آهي.“ +تنوير عباسي نرم، نازڪ ۽ ڪومل جذبن جو نرم، نازڪ ۽ ڪومل شاعر آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته شاعر جي شخصيت ۽ سندس شاعري ائين رلي ملي ٻئي هڪ ٿي ويون هجن. تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ جيتري ڪوملتا ۽ جيترو ميٺاج هو، اوترو ئي سندس شخصيت ۾ هو يا ائين چئجي ته سندس شخصيت جي ڪوملتا ۽ ميٺاج هن جي شاعري ۾ اوتجي ويو هو ۽ اها نرم، نازڪ ۽ ڪومل بنجي وئي هئي. اهڙوئي پوپٽ جي رنگا رنگ پرن جهڙو سندس هڪ خوبصورت نظم آهي: +شعر لکان ٿو +ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو +يا ڪو گل گلاب ڇنان ٿو +يا ڪنهن مينهن ڦڙي کي جهٽيان ٿو +يا ڪنهن سهڻي من موهڻي جو +نازڪ نازڪ ڳل ڇهان ٿو +يا ڪنهن وڄ کي +پنهنجي پلاند ۾ قيد ڪريان ٿو +يا ڪنهن واچوڙي کي +پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪريان ٿو، +شعر لکان ٿو. +تنوير عباسيءَ رڳو جهيڻي جهيڻي جهانجهه وڄائڻ واري شاعري ڪانه ڪئي. هن ائين به چيو آهي ته: +او تنوير اسان ستلن جي ننڊ ڦٽائڻ آيا آهيون، +اسان ته شاعر آهيون، سائين اسان ته ڳائڻ آيا آهيون. +سارو ڳوٺ ڳهرجي ويو آ، ساري خلق سُتي پئي آهي، منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي. +هاڻي ساز کڻان مان ڳايان، ڳهريل ڳوٺ‎ جي نند ڦٽايان، +جيئن مان پاڻ ٿو جاڳان تيئ�� مان ساري ديس کي ٿو جاڳايان. +تنوير عباسي 4 ـــ مارچ ۽ ٺوڙي ڦاٽڪ وارن واقعن تي خاص طور ’سر ڪيڏارو‘ لکيو ۽ هو سنڌي شاگردن کي ’اڄ جا هوشو‘ سڏيندي چئي ٿو: +هوشو هڪ هئو، هڪ هڪ هوشو آهي اڄ +مٽيءَ مان لڌو، سائِي ٿي ڪُک سنڌ جي. +ــــ +مرن مارڳ منجهه، گولين سان پرڻ جُسو، +نه ڪا دانهن نه ڪوڪ آ، نه ڪا ڪنجهو ڪنجهه، +گوليون سيني منجهه، ته به نعرا نينهن جا. +پر جڏهن اڄ جا هوشو ۽ پاڻ کي جوڌا سڏائيندڙ مفاد پرستيءَ جي ور چڙهي پڙهڻ بدران ڪرائيم ۾ ڪاهي پيا، پنهنجي کي ئي داٻا ڏيڻ ۽ ڀتا خوري ڪرڻ لڳا ۽ سندن حلف برادري نه ڪندڙ شاگردن کي هاسٽلن جي ڪمرن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪلاس رومن ۾ گوليون هڻي مارن لڳا ته تنوير عباسي Disillusion وچان لکيو: +نئين نسل جي کوپرين ۾ علم بجا آ ڀوسو +يونيورسٽين ۾ هر مند جِهل جو فصل پچي ٿو. +ـــ +نئين نسل جي کوپرين ۾ ٻيو ڪجهه ناهي اوندهه آهي +ڊگريون کوٽا ڏوڪڙ، جن جو ڪوئي ڀي اگهه ناهي. +انهيءَ دل ڏکائيندڙ صورتحال هوندي به تنوير مايوسيءَ جو شڪار ڪونه ٿيو. هو اميد پرست شاعر هو ۽ صبح جو ڳولائو هو. هن چيو هو: +منهنجو وطن اونڌاهو آهي، تنهنجن وارن کان به وڌيڪ +صبح سهائو ڳوليان ٿو، تنهنجن رخسارن کان به وڌيڪ. +۽ هن وڏي واڪي چيو: +او تنوير اسان جو دم آ جڳ ۾ بهارن کان به وڌيڪ +هڪ اهڙو شاعر جنهن نظر ۾ ’هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو‘ ۽ هر ڪا دل ’هيرن جي کاڻ‘ هئي، سو ماڻهوءَ جي ماڻهپي مان نراس ٿي ڪونه ٿي سگهيو. +آهي جي مايوس اڄ جو آدمي +ائين نه سمجهيو آدميت آ نراس +زندگي لڏندي رهي ٿي پينگهه جيان +هڪڙي پاسي ياس ۽ ٻئي پاسي آس. +۽ هو اسان کي آٿت ڏيندي چوي ٿو: +ڇو ايڏو مايوس ٿيو آن، تو ڇو دلڙي هاري آهي، +صبح به ايڏو روشن هوندو، رات به جيڏي ڪاري آهي. +اڄ اسان کي تنوير عباسيءَ جي غيرموجودگيءَ جو شدت سان احساس ٿئي ٿو. تنوير جي پنهنجن لفظن ۾: +ائين لڳي ٿو ته سڄي عشق جي بازار ٿڌي +ڪو خريدار نه آ جيڪو ڏئي واڪ وڌي. +ان کان اڳ ۾ جو اسين تنوير جي وڃڻ کان پوءِ دانهن ڪري، ڪجهه چئون ها، هو پاڻ اڳواٽ چئي ويو: +تون جي چپ ٿي وئين تنوير ته ڪوبه نه شعر ٻڌائيندو +دل وارن جي دردوندن جي محفل ڪير مچائيندو؟ +حوالا +1 ـــ تنوير عباسي: ”چنڊ ٻه ٽڪر.“ مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفر نامو). روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2001ع. +2 ـــ طارق اشرف: ”لفظ ڳالهائن ٿا“ (انٽرويو) آرسي 3، حيدرآباد. +3 ـــ الهداد ٻوهيو: تنوير عباسي ۽ ورڊ سورٿ، ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1970. +4 ـ تنوير عباسي ۽ مراد علي مرزا: سُريلن گيتن جو مهاڳ (ترجمو) سهه ماهي مهراڻ 2-1959ع. +5 ــ امداد حسيني: تنوير عباسي ـــ گمڀير مڌرتا جو شاعر. چوڏس ــ 3، حيدرآباد. +6 ــ تنوير عباسي: تنوير چئي (1950 کان 1988ع تائين جو مڪمل ڪلام) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو 1989ع. +ڊاڪٽر تهمينه مفتي +”سورٺ“ ــ سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار +تعارف:- سُر ”سورٺ“ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو اُهو سُر آهي، جنهن جا ٻه پهلو نمايان آهن. پهريون، جنهن ۾ احساسن جي شدت کي تند تنوار سان ڳنڍيو ويو آهي. جڏهن ٻيجل ڪينرو ويهي وڄايو، ته سٺو شهر لئي جي مڌرتا ۽ سُريلي انگ ۾ اڙجي ويو. هن قصي جي چونڊ ڪرڻ ۾ شاهه ڀٽائيءَ جي آڏو فڪري پهلو يقيناً اثرائتو ۽ زوردار (Powerful) هو. خاص طرح سُر ۽ لئي جي حوالي سان جذبن جي اُجري ٿيڻ (Purgation) ۽ داخلي يعني اندروني ڪيفيتن جي اُڀار سان الميو ظاهر ٿيڻ ۽ پوءِ ڪُل ۾ جُز جي هڪ ٿيڻ جو گهرو نڪتو سمايل آهي. جيئن ته هن سُر جو موضوع ’تند جي تنوار‘ آهي، جيڪو لئي ۽ سوز جي اهڙي ڪيفيت پيدا ڪري ٿو، جو زندگي موت سان ڳلي ملي بقا جو هڪ اهڙو انوکو تصور پيش ڪري ٿي، جيڪو هن سُر کي ڳوڙهو ۽ گنڀير بنائي ٿو. ”سرت نرت موسيقيءَ ۾ مهارت جا مدارج آهن ۽ راڳ جو نياز سان اظهار (پيش ڪرڻ) اثر انداز ٿيڻ لاءِ ضروري آهي. ساز جي وڄت جي حوالي سان تصوف واري فڪر جي روشنيءَ ۾ شاهه صاحب موسيقيءَ جي تاثير جي اصليت سمجهائي آهي ته حقيقت ۾ اهو تاثير ساز ۾ سمايل ناهي، پر سازندي (وڄائيندڙ) جي اندر واري لئي ۽ نازڪ احساسن جي لهر آهي. هيءَ ڪا ٻاهرين تند جي تان ناهي، پر وڄائيندڙ جي اندروني راز جي رُون رُون آهي؛ اهي وڄائيندڙ جون آڱريون ئي آهن، جيڪي ٿيون ساز کي ڇيڙين، پر ٻُڌندڙ ٿا ڀائِينِ ته ساز ٿو سُر ڪڍي! حقيقت ۾ آڱرين جي اُٿل پٿل وڄائيندڙ جي ماهرانه ذهني تصورات سان گڏ سندس نفسياتي ڪيفيتن ۽ نازڪ احساسن جو مظهر آهي. جيئن هو ڪنهن نغمي يا سُر جي صورت کي تصور ۾ آڻي ٿو، تيئن آڱريون خودبخود اُٿلن پٿلن ٿين ۽ تند تنواري ٿي. اُها تنوار حقيقت ۾ وڄائيندڙ جي اندر واري لئي تار آهي.“ (1) +ارسطو پڻ مٿئين نڪتي جي پٺڀرائي ڪري ٿو: ”سُر ۽ لئي مان الميو اُڀري ٿو“ (2)، جنهن جي ڪري (رحم، ڊپ، ارپڻ ۽ سپردگي) جي ذريعي جذبن جي ڇنڊڇاڻ ٿئي ٿي. اُهي پاڪيزه ۽ خالص ٿين ٿا. هيٺ ڏنل بيتن مان مٿي ڏنل نڪتن جي چڱي نموني وضاحت ٿئي ٿي: +نرتي تند نياز سان، ٻرائي ٻيجل، +راجا رَتولن ۾، اوتائي اَمُل، +راز ڪيائين راوَ سين، موچاريءَ مهل، +”انا احمد بلا ميم“، سَين هنئي سائل، +ڪنہ ڪنہ پيئي ڪَل، ته هر دوئي هيڪ ٿئا. +(سُر سورٺ، داستان 2، بيت 8، ڊاڪٽر بلوچ) +هڪ ٻيو مثال +نِرتي تند نياز سان، ٻيجل ٻُرائي، +راجا رَتول ۾، ورنائي وائي، +ڪوٺايائين ڪوٽ ۾، ٻارِٽُ ٻاجهائي، +راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿئا. +(داستان 2، بيت 9، بلوچ) + + +هن سُر جو ٻيو پهلو ”سورٺ“ جو المياتي ڪردار آهي. هن سُر ۾ ٻين سُرن وانگر، سورميءَ جي ڪردار کي مرڪزي حيثيت حاصل ناهي. سندس ڪردار ٻين سورمين جي ڀيٽ ۾ اُڀري سامهون نٿو اچي، پر هيڻو ۽ پاسيرو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ عروج (Climax) ۽ اڳتي واڌ/ وڌڻ (Turnnning Point) ٻيجل جو راءِ ڏياچ کان سِر گهُرڻ واري سوال کان شروع ٿئي ٿو. هن سر جو موضوع، مزاج ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻت ٻين قصن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي. +هن سُر جي موضوع بابت ڪيترائي نڪتا بيان ٿيل آهن. ڪٿي سورٺ محقق جي نظر ۾ نظرانداز ٿيل ۽ ڪٿي وري کيس روحانيت ۽ تصوف جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي. گيتا ۾ يوگ جي حوالي سان ڄيٺمل پرسرام لکي ٿو: ”ترشتا جي معنيٰ رڳو طمع نه آهي. ڀڳوان گيتا ۾ چوي ٿو: ”اندريون، من ۽ ٻڌي ٽيئي هن ترشنا جو آسٿان آهن. اِنهيءَ ترشنا جو نالو سورٺ آهي، جا راءِ ڏياچ طالب جي اهنڪار روپي سر سان ڳنڍيل آهي سو جيڏيءَ مهل راءِ ڏياچ اهنڪار ڪرڻ جي معنيٰ سِر ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو تڏهن ترشنا سورٺ روئي سُر سورٺ روئي ٿي ۽ ورلاپ ڪري ٿي. تنهن سان گڏ دايون، ٻايون، ناريون، جي اندريون آهن سي به روئن ٿيون: ’ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رَم گيو‘... اهي دايون ٻايون يوگ موجب ’ناريون‘ آهن ۽ نارين جو رت يعنيٰ ساهه ’راجا’ آهي، يعني اهنڪار آهي.“(3) +قصي کي غور سان جاچن سان خبر پوي ٿي ته سورٺ جو ڪردار ”خاموش احتجاج“ ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن کي شاهه صاحب (Silent Protest) جي طور پيش ڪيو آهي. سورٺ جي ڪردار اِنڪري ’پاسيرو‘ نظر اچي ٿو، جو سِرُ گهرڻ وارو سوال ساري سُر تي ۽ قصي تي ڀاري آهي؛ پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ”سورٺ“ جي دانهن محل جي ٻين ٻاين ۽ راڻين ۽ نارين سان شامل هئي، مثال: +جاجڪ جهوناڳڙهه ۾، ��و عطائي آيو، +تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو، +شهر سڄوئي سُر سين، تندن تپايو، +دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو، +چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو. +(داستان 2، بيت 1، ڪلياڻ آڏواڻي) +هن سُر ۾ سورٺ جو ڪو ڏياچ سان عشق نه هو، انڪري ئي هن سُر ۾ مجازي پهلو نظر نٿو اچي. سورٺ مڱ ڪنهن ٻئي (انيراءِ ــــ انهلراءِ) جي هئي. قسمت ۽ حالتن کيس ڏياچ جي راڻي بنايو. هڪ وني ۽ پتنيءَ جي حيثيت ۾ سندس آهون ۽ دانهون محسوس ڪري سگهجن ٿيون. سورٺ جي المياتي ڪردار کي پرکڻ کان پهريائين ضروري آهي ته سنڌ جي قديم ريتن، رسمن، مذهبي روايتن ۽ تمدن کي پرکجي، جنهن جي ڪري سورٺ دردناڪ انجام تي پهتي. سندس ڀوڳنا کي سنڌ جي اڄوڪي عورت سان پڻ ڀيٽجي، ته جيئن اسين سڀ ثقافت جي آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهون. +سورٺ جي المياتي ڪردار ـــ ريتن، رسمن، مذهبي روايتن ۽ تمدنن جي روشنيءَ ۾: +”هندستاني گوين موجب، ”سورٺ“ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا ڀئرو راڳ جي ٽئين پٽ ’دِنَني پريا‘ جي زال آهي. ”راڳ مالا“ ۾ سندس تصوير هن ريت نقش ٿيل آهي: ”بدن تي ڳاڙها ڪپڙا اوڍيل اٿس ۽ منهن ۾ گهنڊ پيل اٿس. سڀاءُ جي گنڀير آهي ۽ رَوِش پهلونن جهڙي اٿس“. (4) هڪ ٻي وصف موجب ”سورٺ سنسڪرت لفظ سؤراشٽر جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي منيٰ اهي: ’عمدو ملڪ يا عمدي ملڪ جي‘.“ (5) جنهن ملڪ کي هاڻي ڪاٺياواڙ جي نالي سان سڏجي ٿو، تنهن کي اڳي سؤراشٽر ڪري ڪوٺيندا هئا. (6) سورٺ ۽ نُک ۽ سماجي حيثيت بابت جدا جدا روايتون آهن. سندس پيءُ کي ڀوڄ، ڀوڳ، توڙي راجا نند جي نالي سان سڏيو ويو آهي، پر سندس نالو ”ڀوڳ“ بدران اصل نالو ”ڀوڄ“ آهي (7). جيڪو سگهڙن جي چيل بيتن مان ظاهر ٿئي ٿو: +سورٺ سنڪلديپ ڪي، ذات ڀلي پرمار، +ٻيٽي راجا ڀوڄ ڪي، راکي رتن ڪنڀار، +اڻکي انيراو، ڀوڳي راوَ کنگهار. +هڪ روايت موجب ”سورٺ“ اَمبل ديس جي راجا ڀوڄ جي ڌيءَ هئي، جيڪو ذات جو پرمار هو. سورٺ کي رتن ڪنڀار پالي وڏو ڪيو. هوءَ راجا انيراءِ راٺوڙ سان پرڻي، پر سندس شادي راءِ کنگهار سان ٿي.“ (8) سورٺ جي ڪنڀار جي گهر تائين پهچڻ ۽ وڏي ٿيڻ ۾ ڪيترائي سبب آهن. اُن وقت جا راجائون، وهم پرستي ۽ نجومين ۽ فقيرن پاران اڳڪٿين تي يقين رکي، ڌيءَ کي بار ۽ بدقسمت ۽ نڀاڳو سمجهي پاڻ کي آجو ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندا هئا. پٽ جو اولاد نه هجڻ ڪري پنهنجي سِر ۽ حڪومت لاءِ خطرو سمجهي ڌيءَ سان عقوبتون ڪيون وينديون هيون. +سورٺ کي به بدقسمت سمجهي درياءَ برد ڪيو ويو ۽ هڪ ٻي روايت موجب کيس جهنگ ۾ ڦٽو ڪرايو ويو، جتان کي رتن ڪنڀار کڻي نپائي وڏو ڪيو. سماجي تاريخ جو هڪ اُهو دؤر به هو جڏهن عورت کي ”سڀاڳو“ سمجهيو ويو، جيئن قديم يونان ۾ ”بهار جو جشن“ (Spring Celebrations)، ديوتائن جي ماءُ ”ريها“ (Rhea) جي مان ۾ ملهايو ويندو هو. علم الانسان (Anthropology) جي لحاظ کان اَولان اَول هت ”ماءُ“ آدرشي سماج هو، جنهن ۾ عورت ”سردار“ هئي. ڇاڪاڻ ته هن اناج پوکڻ ايجاد ڪيو هو ۽ ساري تخليق جو سرچشمو ”ماءُ“ هئي، انڪري عورت کي اُن تخليقي قوت جي ڪري پوڄا لائق سمجهيو ويو. کيس ”ديوي“ جو درجو ڏنو ويو. اهو عورتاڻو آدرش (Female Principle) نهايت قديم تمدن جو اهڃاڻ آهي. عورتاڻي آدرش جا اهڃان موهن جي دڙي مان به واضح آهن. هي اُهو دؤر هو، جڏهن ذاتي ملڪيت جو تصور ئي ڪونه هو. اُن دور ۾ سماج اِن سطح تي هو جنهن کي ابتدائي (Primative) اشتراڪيت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اتڪل 4 هزار ورهيه ق. م ۾ زرعي نظام جي پختي ٿيڻ سان سماج جي ’ماءُ آدرشي‘ حيثيت بدلجي ’پيءُ آدرشي‘ ٿيو“ (9). اُن وڏي تبديليءَ کان پوءِ عورت جي حيثيت به بدلجي ويئي. کيس ”ڌيءَ“ نالو به ڪِرت جي حوالي سان منسوب ڪيو ويو. ”پٽ جو مؤنث آهي ڌيءَ (پراڪرت = ڌيئا)، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ آهي ’دهنتا‘، ’دهتر‘. پارسي ۾ دختر ۽ انگريزيءَ ۾ Daughter انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دهه“ (Duh)، مني ڏهڻ. اڳي نياڻين تي ٻڪرين، گاين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم رکيل هو، تنهنڪري مٿن اِهو نالو پيو. مطلب ته پُٽ لفظ ۾ هڪڙو خيال ۽ ڌيءَ لفظ ۾ ٻيو خيال سمايل آهي.“ (10) ”اٿر ويد“ جي ڇهين منڊل ۾ (11، 3) ايشور کي ارڌنا ٿيل آهي ته ”اي ڀڳوان! ڌيءَ ٻين کي ڏجان ۽ هتي اسان جي گهر ۾ پٽ ڏجان“ (11) مطلب ته ڌيءَ ڄائي ته مائٽن مٿان ڇپ ڪري پيئي! +آڳاٽن ڌرمن ۾ عورت جي متعلق متضاد خيال ۽ تصور ملن ٿا. پر جيئن ته کيس ”ديوي“ به سمجهيو ويو، اِن خيال موجب سوم ديوتا، گندرون ديوتا ۽ اگن ديوتا کيس ماڻي، ڪنيا، گوري ۽ اُن کان پوءِ روهڻي معنيٰ زال جي درجي تي پهچائين ٿا. اُن کان پوءِ هوءَ پرڻجي ٿي ۽ ٻار ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي. +آڳاٽي سنڌي سماج ۾ گهڻين زالن پرڻجن جو رواج (Polygamy) به نظر اچي ٿو. ان رواج، پسند جي عورت کي تحفظ ڏيڻ جي بدران، کيس عيش عشرت جو سامان ڪري پيش ڪيو. ”رگ ويد“ موجب ”سهسر سٿوڻ“ يعني هزار ٿنڀن وارا محل سڏبا هئا. ٿنڀن تي اگهاڙين ڇوڪرين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي، جنهن مان سمججهي ٿو ته راجا عيشي جيئڙا هوندا هئا“ (12) قديم راجائي حڪومتن جو سرشتو، ڌرم جا نيم ۽ اصول اهڙا هئا، جن عورت جي تشخص کي مجروح ڪيو، اُن سرشتي جو هڪ ڪم هيءُ به هو ته راجا دان ۽ دهرا دان (فراخ دليءَ ۽ هميشه کُليءَ دل سان) ڏيندا هئا، جيئن عوام خوش رهي. رگ ويد مطابق راجائون وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا. رشين سندن دان ـــ استتيون ڳايون آهن.“ (13) رگ ويد واري زماني ۾ جنهن عورت جو مڙس مري ويندو هو، سا پتيءَ سان گڏ چکيا تي چڙهي، پاڻ کي جلائي، زندگيءَ تان هٿ کڻندي هئي. جيڪڏهن مڙس کي پنهنجي زال جي ڪردار تي شڪ هوندي هو ته هن کي ئي باهه جي مچ مان لنگهي پنهنجي ساک ڏيڻي پوندي هئي. جنهن جي ثابتي ڪيترائي قصا ڏين ٿا، جيئن مارئي، مومل، وغيره وغيره. +ستي لڪڙيءَ جي رسم ڪنهن شروع ڪئي، اُن جي ڪابه ڄاڻ نٿي پوي. اها ظالماڻي ريت انگريزن جي شروعاتي دور ۾ پڻ جاري رهي، جا پوءِ ”لارڊم وِليم بينٽڪ“ جي ڏينهن ۾ ”برهمو سماج“ جي بنياد وجهندڙ راجا رام موهن راءُ جي سرجوشي سان، سرڪاري قاعدي پٽاندر بند ٿي“ (14) گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جي وچ ۾ هڪ عورت تي جهيڙو شروع ٿيو. ڪاٺياواڙ جي راجا ڏياچ جي اڳرائي سبب، جڏهن سورٺ پرڻجڻ لاءِ گجرات پئي ويئي ته راجا، سورٺ جي ٻانهن زوريءَ محل ۾ آڻي ويهاري ۽ گجرات جي حاڪمن وير وٺڻ لاءِ جهوناڳڙهه تي ڪاهه ڪئي ۽ شڪست کاڌائون. نيٺ ذلت جو بدلو وٺڻ لاءِ هڪ راڳيءَ کان ڏياچ جو سِر لهرائي بدلو ورتائون. ائين سورٺ زندگيءَ جا سڀ المناڪ رنگ ڏٺا. ڏياچ جي سِر ڏيڻ کان پوءِ سورٺ به ”سَتي“ ٿي. اڄ به هن داستان کي پڙهجي ٿو ته سورٺ هڪ اهڙي سرشتي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ مذهبي ريتن ۽ روايتن کيس سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. هوءَ ڏاڍائي ۽ ڪوڙي شان شوڪت جي ڪري اهڙين هالتن جو شڪار ٿي. راءِ ڏياچ جي سِرُ ڏيڻ کان پوءِ جيڪا المناڪ صورتحال پيدا ٿي، سا ڪجهه هن ريت آهي. +گل ڇنو گرنار جو، پَٽَڻِ ٿيون پِٽين، +سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين، +چوٽو چارڻ هٿ ۾، سِرُ سينگاريو ڏين، +ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم گيو. +(سر سورٺ، داستان 4، بيت 11، بلوچ) +”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جي مرڪز جهوناڳڙهه هو. سمن حاڪمن جي دؤر (1349-1520ع) ۾ هن قصي کي ڀٽن، چارڻن، منڱڻن ۽ مڱڻهارن ڳائي مشهور ڪيو (15) ”ڪاٺياواڙ چئن ضلعن ۾ ورهايل آهي. اُنهن مان ڏاکڻي ضلعي کي اڃا به سؤ راشٽر يا سورٺ ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ ضلعي ۾ ٽي مشهور پاڪ جبل آهن. گرنار، داتار، پاليتانا. گرنار ۽ پاليتانا جي وچ ۾ گهاٽا جهنگ آهن، جن کي گر ٻيلو ڪري ڪوٺيندا آهن. گرنار جبل جي پاڙ وٽ اشوڪ راجا جا ٿنڀا بيٺل آهن ۽ چوٽيءَ تي جين لوڪن ۽ هندن جا مندر اڏيل آهن“ (16) اِن لحاظ کان اِهو دؤر ڌرمي اثر هيٺ به ٿيو، ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني کان وٺي هي ڏيهه هندن جو تيرٿ ٿي رهيو آهي. سورٺ به انهن مذهبي پابندين جي ور چڙهي ويئي! چکيا تي چڙهڻ مهل سورٺ ڳورهاري هئي. اِن طرح سورٺ سان ڪنهن به قسم جي نرمي روا نه رکي ويئي، ريتون ۽ رسمون کيس ڳڙڪائي ويون. هي بيت سورٺ جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو: +موٽي مڱڻهار! شال مَ اچين ڪڏهين! +اٺئي پهر اجل جو، ڪنڊو منجهه ڪپار، +جِہ تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن سين. +(داستان 2، بيت 15، جلد 3، گربخشاڻي) +هن سُر جي مطالعي مان عورتن جي هڪ اهڙي طبقي (Class) جي ڄاڻ پوي ٿي، جنهن کي شاهه صاحب ”اوردا بيگيون“ جي نالي سان سڏيو آهي. اُن طبقي سان تعلق رکندڙ عورتن جو وجود اڄ به ملي ٿو، جن کي ”رداليون“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ ”اوردا بيگيون“ وقت گذرڻ سان ڦري ”رداليون“ ٿي پيو آهي. شروع وارو ’الف‘ ڦري ’ر‘ ۽ ’بيگيون‘ مٽجي ’ليون‘ ٿي وڃڻ سان هن لفظ مٿئين صورت ورتي آهي. هي اُنهن عورتن جو ذڪر آهي، جيڪي گرجستان، ترڪستان، حبش وغيره مان ٻانهين جي حيثيت ۾ خريد ڪري يا جنگين ۾ کين قيدي بنائي، محلن ۾ داخل ڪيو ويندو هو. سندن نالا به مردن جهڙا رکيا ويندا هئا ۽ کين مرداڻو لباس پهرڻ لاءِ ڏيندا هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻي ”شاهه جي رسالي“ ۾ هن لفظ جي معنيٰ هن طرح درج ڪئي آهي: ”کين ’ارادا بيگيون‘ يعني حويليءَ جون پهريدار زالون ڪري سڏيندا هئا“ (17) سورٺ سان محل ۾ قيدي بنيل هنن عورتن جي نشاندهي ڀٽائي هن ريت ڪري ٿو. +راجا رنگ محل ۾، جاجڪ سِر زمين، +جا هنيائين هٿن سي، سا سُئي بالا بين، +جت اچن نه اُردابيگيون، اُت ڪوٺايو امين، +تازي ڏهوس تڪڙو، جوهر پائي زين، +ٻئو مڱي ڪين، ڌاران سِر سيد چئي +(داستان 2، بيت 6 ــــ گربخشاڻي) +وقت سان گڏ ’اُردا بيگين‘ جي حيثيت سندن نالي سان گڏ تبديل ٿيندي رهي. اُهي جن جو آواز سُريلو ۽ لئي وارو هو، تن جو ڪم شاهي خاندان جي غم ۽ خوشيءَ وارن موقعن تي اوسرا ۽ پار ڪڍن سندن ڪِرت بنجي پيو. سڀ کان پهريائين اُهي عورتون (اُردابيگيون) پار ۽ اوسارا ڪنديون هيون، تنهن کان پوءِ ئي رنگ محل جون راڻيون لڙڪ هارينديون هيون. ٻيون خدمتگار، ٻانهين ۽ پهريدارن جي حيثيت ۾ رهيون. هِنن جو وجود سنڌ جي آخري حڪمرانن (ٽالپرن) وٽ به ملي ٿو، ”ردالين“ جو وجود ۽ حيثيت ميرن سان ئي جُڙيل رهي. کيس وڏا انعام ۽ بخششون ملنديون هيون. جنهن مان اُنهن جو گذران اُنهن جو گذران سٺي نموني ٿيندو هو ۽ پار، اوسارا ۽ ماتم ڪربلا جي مناسبت سان سندن ڪِرت (Profession) بنجي ويو. +روزنامہ ”Dawn“ (The Review) ۾ ڇپيل هڪ مضمون Hired Mourners اُنهن ”ردالين“ جي غمزده زندگي ۽ ڪن حالتن تي روشني وجهي ٿو. مردن جهڙي نالي واري مائي ”غلامون“ نوي سالن جي عرم ۾ ڪوٽڏيجيءَ جي وجهو هڪ بنگلي ۾ گذاري وئي، جنهن جي مرڻ تي ڪوبه ماتم ڪرڻ وارو نه هو. +“Mai Ghullamoon was a ‘rudaali’ a professional mourner. She wept, beat her chest (performing matam) and wore black clothes on the death of members of the Mirdanesty” (18) +جڏهن سورٺ ”اُردابيگين“ سان گڏجي پار ڪڍيا هوندا، ته سندس اکين مان وهندڙ لڙڪ نه پر رت جا ڳوڙها هوندا. +محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سُرندو، +سِر جي صدا سُر ۾، گهورَ اِها گُهرندو، +مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چُرندو، +جهونا ڳڙهه جهُرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾ +(داستان 3، بيت 2، جلد 3، گربخشاڻي) +مٿئين پسمنظر جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جون مصيبتون، ڏک ۽ زيادتيون ۽ ساڻس غلامانه سلوڪ جو اندازو بخبوبي ڪري سگهجي ٿو. اِهي آڳاٽيون ريتون رسمون، نوان ڳٽ بڻائي سنڌي عورت کي وڌا ويا آهن، جن مان سنڌي عورت پاڻ ڇڏائي نه سگهي آهي. بظاهر اڳتي وڌندڙ ۽ ترقيءَ جا ڏاڪا طئه ڪندڙ سماج ۾ سنڌي عورت سان ڏاڍائي، زور زبردستيءَ تحت کيس تعليم ۽ تربيت کان پري رکڻ جا جواز سماج وٽ موجود آهن. شهرن جي حوالي سان ٿيندڙ تبديلين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پر ذهن ۽ ذهنيت کي به اڃا تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي. روشن خيالي ۽ عورت کي به هڪ فرد جي جاءِ ڏيڻ ۽ تسليم ڪرڻ جي ۽ متضاد روين کي ريٽي ختم ڪرڻ لاءِ اُپاءِ وٺڻ جي ضرورت آهي. اها ٿوري تبديلي ارتقائي مرحلي ۾ آهي، جنهن ڪري خاطر خواهه پذيرائيءَ نه پئي ٿئي ۽ اثر نظر نٿو اچي. +سنڌ جي قديمي تهذيب ۽ تمدن جي جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اِهي رسمون ۽ ريتون صدين کان وٺي جاري آهن. ڪن جي شڪل ۽ صورت بدلجي ويئي آهي، پر اِهي سنڌ جي عورت سان لاڳو آهن. رگ ويد موجب: ”پرائي اِستريءَ سان سنجوڳ ڪرڻ ڳرو گناهه ليکبو هو. ”جيئن اڄڪلهه ڪارو ڪاريءَ کي بروقت قتل رڪڻ واجب سمجهن ٿا، تيئن اڳي به اهڙي خون لاءِ ڪابه سزا ڪانه ملندي هئي (19) ”ڪاروڪاري“ جي آڳاٽي رسم اڄ به موجود آهي ۽ اُن م جنهن ڪارڻ قتل ڪيو ويندو هو، هاڻي اُن جي آڙ ۾ ملڪيت جو چڪر ۽ خانداني دشمني شامل ٿي ڪربناڪ حالت جوڙي ورتي آهي. +قبائلي سرشتو، جنهن ۾ ڪڌن ڪمن مثلاً قتل، زنا، وغيره جي بدلي ۾ تاوان ۾ عورت کي ڏنڊ طور ڏيڻ ۽ مائٽن سان وري ڪڏهن به ڪنهن قسم جو تعلق نه رکڻ جي سزا ۽ اُتي کانئس جبري مشقت ۽ محنت ڪرائي وڃي ٿي. ايتري قدر جو نياڻين کي خوراڪ گهٽ مقدار ۾ ڏيڻ، ننڍي هوندي ئي سندن سڱابندي ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي سماج ۾ عورتن کان گهر جي ڪم کان وٺي زمينن تي ڪم لاءِ پڻ وڃڻو پوي ٿو، جنهن جي ڪائي ڳڻپ به نٿي ڪئي وڃي. تشدد ۽ گهريلو Violence به عام آهي، جيڪو به رپورٽ نٿو ٿئي. +ستي لڪڙي جي جاءِ خودڪشيءَ ورتي آهي. ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب: ”سنڌ ۾ جنوري 2000ع ۾ 29 عورتن آپگهات ڪيو. گذريل سال ئي 236 عورتون ڪاروڪاري هيٺ قتل ٿي ويون.“ (20) ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو رواج به عام آهي. +انگن اکرن جي حساب م سنڌي عورت اڄ ڪٿي بيٺل آهي، اُن جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو. ريتن رسمن جي آڙاهه کي وسائڻ ناممڪن نظر اچي ٿو، پر تنهن هوندي به علم جي روشني هڪ اهڙو جادو/ هٿيار آهي، جنهن جي مدد سان بهتري آڻي سگهجي ٿي. تعليم ۽ تربيت سان، قانون جي لاڳو ٿيڻ، جاڳرتا ۽ شعور لاءِ سڄاڻ ماڻهن پاران تحريڪون شروع ڪرڻ ۽ قبائلي نظام کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ سان ئي اُنهن سمورين گونگين، ٻوڙين ريتن ۽ رسمن تي ضرب هڻي سگهجي ٿي. +هي اُهو المياتي پسمنظر ۽ پيش منظر آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جي ”سورٺ“ ۽ اڄوڪي سنڌي عورت جو المياتي ڪردار نروار ٿي بيٺو آهي. +نتيجا: +(1) سنڌي ادب جا لوڪ داستان ۽ قصا سنڌ جي آڳاٽي تهذيب ۽ تمدن تي روشني وجهن ٿا. +(2) آڳاٽي سماجي پسمنظر ۾ سنڌي عورت جي پيڙا ۽ ڀوڳنا ظاهر آهي. +(3) هن سُر ۾ مجازي پهلو موجود نه آهي. تصوف جي حوالي سان هي سُر لئي ۽ تنوار سان گڏجي ’ڪُل‘ ۽ ’جُز‘ جي فلسفي کي سمجهائي ٿو. +(4) شاهه صاحب، سورٺ جي ڪر��ار کي قصي موجب ئي بيان ڪيو آهي. اُن ڪردار جو احتجاج ”خاموش احتجاج“ آهي، اُن کي غور و فڪر سان ئي پرکي سگهجي ٿو. +(5) سنڌي سماج جو سرشتو، عورت جي ترقي ۽ حقن لاءِ راهه هموار نٿو ڪري، انڪري جو سنڌي سماج قدامت پسند سماج آهي. +(6) سنڌ جو سماج، فرسوده ريتن، رسمن ۽ قدرن تي هلندڙ هڪ سماج آهي، جنهن جو هڪ سلسلو ماضيءَ سان جڙيل آهي. +(7) مرد ڪن حالتن ۽ صورتحال ۾ ”مضبوط“ (Power Ful) آهي، جنهن جو مظاهرو هُو برملا ڪري ٿو. تعليم ۽ شعور جي نه هجڻ جي ڪري هُو غلط فيصلا ڪري ٿو. +(8) عورت کي ”غيرت“ جي نالي تي وکر / شيءِ جي حيثيت ۾ ڏٺو وڃي ٿو. خاص طرح سڱابندي جي موقعي تي ۽ اڪثر اِن ڳالهه تي قتل ۽ فساد برپاد ٿين ٿا. +(9) سماج کي بهتر بنائبو ته عورتن جي حالت بهتر ٿيندي، انڪري عورت ۽ سماج جي بهتري لازم ملزوم آهي. +(10) ”سورٺ“ جو المياتي ڪردار ڄڻ ته اڄوڪي سنڌي عورت جو ئي ڪردار آهي. +(11) تعليم ۽ ڄاڻ کي فروغ ڏيڻ لاءِ انقلابي قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي. +حوالا +(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”شاهه جو رسالو“ (شاهه جو ڪلام) جلد پنجن، علامہ آءِ. آءِ قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، سال 1997ع، ص 37. +(2) ڊاڪٽر تهمينه مفتي: (شاهه جي ڪلام ۾ جماليات جو فلسفو“، ”ڪلاچي“ جلد ٻيون، شمارو ٽيون، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سال 1999ع، ص 80. +(3) ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي: ”شاهه جون آکاڻيون“، سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد سنڌ، ص 229، 1996ع. +(4) هوتچند مولچند گربخشاڻي: ”شاهه جو رسالو“،روشني پبليڪيشن، سال 1993ع، ص 631. +(5) ايضاً = = = = ص 631 +(6) ايضاً = = = = ص 631 +(7) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”مشهور سنڌي قصا“ (سنچڌ جا عشقيه داستان ـــ سورٺ راءِ ڏياج ۽ هير رانجهو) سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع، ص 4 +(8) ايضاً = = = = ص 4 +(9) سراج: ”سنڌي ٻولي“، ڇاپو پهريون، ”عظيم پبليڪيشن“، سال 1964ع، ص 94. +(10) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي: ”قديم سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، سال 1980ع، ص 293. +(11) ايضاً = = = = ص 273 +(12) ايضاً = = = = ص 248 +(13) ايضاً = = = = ص 248 +(14) ايضاً = = = = ص 342 +(15) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”مشهور سنڌي قصا“ (سنڌ جا عشقيه داستان ــــ سورٺ راءِ ڏياج ۽ هير رانجهو)، سنڌي ادبي بورڊ سال 1976ع، ص ا +(16) هوتچند مولچند گربخشاني: ”شاهه جو رسالو“ روشني پبليڪيشن، سال 1993ع، ص 631 +(17) ايضاً = = = ص 645 +(18) The Review (“Dawn”) Daily, March 21-27, year 2002, “Hired Mourners” By: Imdad Soomro, Page 14. +(19) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي: ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (سنڌ)، سال 1980ع ص 445 +(20) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”شاهه جو رسالو“ جلد پنجون؛ ”شاهه جو رسالو“ ڪلياڻ آڏواڻي؛ ”شاهه جو رسالو“ هوتچند مولچند گربخشاڻي (ٽي جلد گڏيل). +افساني ۾ عام طرح ٻه پهلو ٿين ٿا: هڪ ’ماحول‘ ٻيو ’ڪردار‘. منهنجي سمجهه ۾ ماحول برو ٿي سگهي ٿو پر ڪردار نه. ائين برابر آهي ته ظاهراً انسانيت روئي پئي ۽ حيوانيت کِلي پئي. پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته حيوانيت جي کل کوکلي آهي. ڇا اها حقيقت نه آهي. ته انسانيت جو روئڻ ڪارنهن کي ڌوئيندو پيو وڃي، يا ائين کڻي چئجي ته انسانيت اڄ ڪلهه آويءَ ۾ آهي، جتان ضرور جرڪي نڪرندي، سڙي ڪانه ويندي. حيوانيت کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي ــ انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي. +پوءِ جيڪڏهن افساني ۾ ’ماحول‘ کي مقدم رکيو ٿو وڃي، ته انهيءَ لاءِ ته ڀلي کيس اٿلائي پٿلائي، چيري ڦاڙي خوب نشانو بنائجي؛ ڀلي ڏيکارجي ته کيس پنهنجو ئي گهُڻو کائي رهيو آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙا افسانا لکجن پيا. انهن ليکڪن بيشڪ کيرون لهڻيون ـــ کين مبارڪ هجي. +جڏهن ’ڪردار‘ کي افساني ۾ مقدم رکيو ٿو وڃي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن بنهه نازڪ شيءِ کي ٿو هٿ لائجي. افساني ۾ جذبن جو ڊهڻ ۽ ڪرڻ، بيوس ۽ بي حس ٿيڻ، سُن ٿي وڃڻ، ڇتو چريو ٿيڻ، ڌڪار ۽ نفرت جو اڀرڻ يا وري پچڻ ۽ جرڪڻ، نهايت حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اسان جو ’ڪردار‘ ڊهي ٿو پوي، سن ٿي ٿو وڃي، بيوس ۽ بي حس ٿي ٿو پوي، ڇتو چريو ٿو ٿئي يا ڌڪار ۽ نفرت ٿو ڪري ۽ بس، ته چئبو ته اهو ڪردار به ماحول جو نشانو ٿي ويو. ان افساني ۾ به ماحول مقدم رهيو، نه ڪردار. اهڙو افسانو به پهرئين قسم جي افسانن ۾ اچي ويو. اهائي گندي ماحول جي گندگي ظاهر ڪئي وئي. پر، نيٺ ڪيستائين اسان ماحول جي شڪايت ڪندا رهنداسين؟ ڪيستائين ماحول اسان جي ڪردارن کي نشانو بنائيندو رهندو؟ ڪيستائين حيوانيت ڏند شيڪيندي رهندي؟ ڪيستائين اسان جا ڪردار مِيڪ مِيڪ ڪندا رهندا؟ ڇا اڃا اهو وقت نه آيو آهي، جو پيار ۽ محبت، پورهيو ۽ محنت، ماڻهو ۽ ماڻهپو، اڳتي وڌن ۽ ڇانئبا وڃن؟ جي اڃا نه آيو آهي، ته ڪڏهن ايندو؟ جڏهن جنازو کڄندو؟ جنازو ته حيوانيت جو کڄندو، انسانيت زنده رهندي. +وقت آيو آهي جڏهن اسان جا ليکڪ ڪردار کي ماحول جو نشانو نه بنائين. انسانيت کي مظلوم ۽ قابل رحم نه بنائين. اهي ڪردار چونڊين، جي ماحول کي مٽائين. دهل جي ڏونڪي تي ٻڌائين ته انسانيت ۾ اهي قوتون لڪل آهن، جي جوالا بنجي حيوانيت کي جلائي ڇڏينديون ۽ زمين جي سطح تي ماڻڪ ۽ موتي پٿاري ڇڏينديون. ٻيو نه، ته ڀلا اهو ته ٻڌائين ته انهيءَ گندي ڦيٿي ماحول جي اڍ ۾ اها باد ڀريل آهي، جا پاڻهئي سندس پيٽ ڦاڙي رکندي. من ائين ڪجهه اميد جا پيغام پهچائين. +ـــ جمال ابڙو +محمود مغل +هڪ ڪلاڪ، ٻاويهه مِنٽ +پُڄاڻي...! +حياتي خرچ ڪرڻ کان پوءِ اوهان جي مُٺ ۾ ڇا ٿو بچي؟ +هٿ ريکائون؟.... جيڪي جوتشيءَ ٻُڌايون هڪڙيون ۽ اُنهن جو هڙ حاصل ڪجهه ٻيو نڪتو! +هٿَ جي پُٺ تي ڪنهن جي رکيل چپن جو ڏنگ، جيڪو ڪڏهن نه نڪتو.... جنهن جو زهر اندر اوتجي ويو ۽ وَقت جي سُئيءَ سان کوٽي کوٽي، اوهان اُتي ٺيڪ ٺاڪ زخم ڪري ڇڏيو ۽ تنهن ڏنگ کي اڃا وڌيڪ گهرو ڪري ويو! +ڪجهه آڏا اُبتا مهٽا، جيڪي اوهان اُن مهل به ڏنا پئي، جنهن مهل هن اوهان کي ياد جي اسٽيشن تي لاهي پنهنجي وجود جي ريل کي سيٽي هڻائي هئي؛ يا توهان اُن مهل به ڏيو پيا. جڏهن ورهين پڄاڻان، هاڻي چئن ٻارن جي ماءُ، پنهنجي پاڻ کي سنڀاليندي اوهان آڏو نگاهن جا درواز کوليو بيٺي آهي. +ڪجهه نٿو بچي يار.... ڪجهه به نٿو بچي... ڪجهه به ته نٿو بچي.... +سندس نگاهه جي تيزي جهيڻي ٿيڻي ناهي. سندس وار ڪلهن تي هجن يا ربڙ بينڊ ۾، اڇا هجن يا ڪارا، اوهان کي پاڻ ۾ جڪڙڻ جي صلاحيت نٿا وڃائين، ۽ سندس هٿ ڏسي توهان پهرئين پل ئي اهو سوچيو ٿا ته ڪاش اِهي سدائين منهنجن هٿن ۾ هجن. +سندس هٿ جهلڻ چاهيم.... نه ڏنائين. +”بس ٺيڪ آهي...“ +ڪنڌ جهڪيل هئس... اهوئي عذاب آهي. جيڪي ڪنڌ جهڪائي ڄاڻن تن جي ڪنڌ جو جهڪيل هجڻ هڪ تازيانو لڳندو آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ته اُنهن ڪلهن تان منهن غائب ٿي ويو آهي. +مان ککو وکو ٿي ويٺو هئس. سوال ترار هوندو آهي ته جواب خنجر کان گهٽ ناهي هوندو. سوال ڪندڙ جي لڄي ٿي وڃن ته پڪ ڄاڻجي ته خنجر جي ڌار نئين نڪور آهي. هن واري منهنجو ڪنڌ جهڪيو هو. +”ڪيئن آهين تون؟“ +هلڪي کنگهه سان نڙي صاف ڪيائين.... کنگهڻ سان هن پنهنجي عادت مطابق ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو ۽ سندس وارن خوبصورت لوڏو کاڌو... مون ڪجهه چوڻ چاهيو پر وات بند ڪري ورتم... هن ڏسي ورتو، مُرڪي چيائين، ”مان اڃا تائين اهڙي ئي آهيان.“ +دل چيم، چوانس: منهنجي وجود جو پٿرائڻ توکي نظر نٿو اچي... جنهن اسٽيشن تي بيهاري وئي هئينءَ اُتي وري ڪابه ٽرين نه بيٺي. بلڪه اُهو اسٽاپ ئي ڪينسل ٿي ويو هو. منهنجي نگاهه جي خالي هجڻ جو ڇا کيس ڪو احساس نه هو؟ +”توهان جا ٻار ڇا پيا ڪن....؟“ +”وڏو نوڪريءَ کي لڳو آهي، ننڍو آخري سيمسٽر ڏئي پيو، سِول انجنيئرنگ جو...“ +”وڏي ڇا ڪيو؟“ +”ايم. بي. اي آهي.“ +منهنجي دل چيو چوانس، اهو به ته پڇ ته مون ڇا ڇا ڪيو؟... ڪهڙي ڌوڙ پاتي ٿم... ڪنهن ڪنهن جو سِتم دل جي پار ٿيو؟.... پر ماٺ رهيس، ڪڏهن ڪڏهن اُها ماٺ بنهه نه وڻندي آهي. +”منهنجي ٻارن جو نه پڇندئو؟“ هن نگاهه جهڪائي ۽ جملو پورو ڪري وري نهاريائين. +”اُنهن سڀني جي مون کي خبر آهي.... مون ڪڏهن به پاڻ کي اوهان کان غافل ناهي رکيو...“ +نگاهون مليون ته هانءَ ۾ ڌڪ لڳي ويو. ورهيه اڳ ڪاٽيل لغڙ جو مُنجهيل مانجهو اڇا تائين محبت جي ٿنڀي ۾ لڳل آهي. تيز هوا لڳي ٿي ته تار تي تيزيءَ ان وچڙي ٿو. سرڙاٽن مان لڳي ٿو ته ڪجهه حصو لغڙ جو به رهجي ويو آهي. ”مان ڪالهه هتي آئي هيس.... خبر پئي ته توهان به آيل آهيو.... چڱو ٿيو جو ملڻ جو موقعو ته مليو.....“ + + +سندس جملن تي ڄڻ وئنيشنگ ڪريم لڳل هئي. لفظ هوائن ۾ گم ٿيندا رهيا. سماعتن ۾ ڄڻ ڪنهن شيمپو ڀري ڇڏيو هو. ڪنهن ڪٿي ڄڻ چيو هجي ته اِهو ته پڇينس اُن موقعي ملڻ لاءِ ڇا تون وٽ ڪوبه دروازو ڪونه کڙڪيو هو يا تو وٽ سڀ درَ Autolocked آهن؟ +”سٺو ٿيو...“ چيم، بلڪ چئي ئي ڏنم.... ڪڏهن ڪڏهن الاءِ ڪيترين خراب شين کي سٺو چوڻو پوندو آهي. +”اڄ وري ٿورو وقت مليو آهي....“ سندس مُک تي ناسي مرڪ تري آئي. سندس چپن تي ناسي لِپ اسٽڪ جو لڳل آهي. +”هي ته مهرباني آهي اوهان جي... نه ته توهان پاران مليل وقت ته مان کپائي چڪو آهيان... توهان کي ياد آهي نه دوستي....اُن هڪ ڪلاڪ ۽ ٻاويهن منٽن ۾ پنهنجي رهندي ڄمار لاءِ فيول هٿ ڪري ورتو هو.“ +”مون کي ياد آهي...“ هن وري نهاريو. نگاهون هڪدم اڙهن سال پراڻيون ٿي ويون. بلڪل اهڙيون.... جهڙيون اهو جملو پهريون ڀيرو ٻُڌي ٿيون هيون. +”منهنجي حياتيءَ ۾ هڪ شرٽ جون مٿي ٿيل ٻانهون آهن، هڪ واچ جو ڀڳل بيلٽ آهي، هڪ بال پين آهي، پنج وار آهن ۽ هڪ ڀاڪر آهي. جڏهن اُنهن تي هيءَ حياتي ايڏي سوير گذري آهي ته پوءِ جيڪو وقت هاڻي ملي ٿو ته اُهو ته ڪنهن احسان کان گهٽ ناهي؟“ +شروعات: +منهنجي ٻانهن ۾ هن جي وارن جا ڇُڳا وکريل هئا، ائين ئي جيئن ڪنهن ڀِت تي ڪا دل گُل وکيريندي آهي. جيئن ئي پاسن تي خوشي هئي، سندس نازڪ وجود منهنجي ڀاڪر ۾ جڪڙيل هو. هن پنهنجو پاڻ کي ڍرو ڇڏي ڏنو هو ۽ مان ته هونئن به ڪشڪول کنيو بيٺو هوس. فقير صرف اُهي ته نه هوندا آهن جيڪي رستي تي بيٺل هجن يا رڳو در کڙڪائين؛ جيڪو نگاهه جو سوال ڪن، جن لاءِ اوهان جا پير ازل کان ابد تائين آرامگاهه جو درجو رکندا هجن؛ جن لاءِ اوهان جي مرڪ هڪ محو هجي ۽ جن جي ڪُل ڪائنات اُن هڪ شخص تي اچي بيهي رهي، تن کي اوهان ڪهڙي خاني ۾ فٽِ ڪندا؟ +اڃا هاڻي هاڻي مون کيس چميو هو، جيئن ڪنهن پاڪ هستيءَ جي چانئٺ تي پنهنجا چپ رکيا آهن. اُنهن ۾ ڪوبه سيڪس نه هوندو آهي. بس عادت جو هڪ اظهار، عقيدت جي هڪ صفت لڪل هوندي آهي. نيڻ، دار، ڳل ۽ آخر ۾ چپَ... ۽ اُنهيءَ کان پوءِ هن صرف ايترو چيو هو ته ”اوهان نيٺ بي ايماني ڪري ئي ڇڏي نه...“ +خبر ناهي ته ڳلي تي ترار ڪيئن ڦرندي آهي. بارش جو ڳڙو ڪيڏي تيزيءَ سان شيشا ڀڃندو آهي ۽ آسمان مان تيزيءَ سان ڪرندڙ پکيءَ کي پهرين گولي ماريندي آهي يا کيس زمين مان لڳندڙ ڌڪ جهوريندو آهي. پر اُنهن ساعتن ۾ اُها خبر هئي ته سندس اِهو جملو اِنهن مڙني ڪمن کان مٿانهون هو. +”هنن ساعتن کان پوءِ، مان اوهان سان سڄي حياتي ملي نه سگهندم. توهان پاڻ مون کي اجازت ڏني هئي، پر مون اُن مان ڪوبه فائدو ناهي ورتو. سڄي حياتيءَ جي وڇوڙي کان اڳ، مان هڪڙو ڀيرو اهي چپ ته چُمي سگهان ٿو....“ +هن سُڏڪي ڏنو. +ٻاهر چوڪيدار شايد رڪشا آندي هئي، بنگلي جو گيٽ جيتوڻيڪ پري هو پر هنن ساعتن ۾ هر کڙڪو چٽو هو. +هن پنهنجي پرس کنئين، اوچتو ڊورندي مون ڏي آئي ۽ منهنجي نرڙ تي چپ رکي ڪجهه پل سانت ۾ گذاري ڊوڙندي ٻاهر نڪري ويئي. +ڪهاڻي: +ڳالهه ڪٿان کان ڪٿي شروع ٿيندي آهي، اُنهيءَ جو ڪو اندازو هجي ٿو؟ نه ڪو... ڪوبه ته اندازو نٿو هجي. جيڪو اُڇاترو اوهان جي ڀرسان لنگهي ويو هجي، اُن تي اوهان جو ڪهڙو ڌيان وڃي سگهي ٿو. ائين ته حياتيءَ ۾ هزارين ماڻهو اوهان جي ساڄي، کاٻي، اڳيان پويان ڦرندا رهندا آهن. اُها خبر ڪٿي هوندي ته اُنهن مان ئي ڪو ساهه جي رڳ تي آڱر رکڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. +ورهيه اڳي، ڪنهن ڪنڊ ۾ بيٺو هوس. هٿن ۾ گلاس هو ۽ گلاس ۾ پاڻي. اڇي گلاس ۾ شفاف پاڻي کير لڳي رهيو هو ۽ ائين ئي ڪير ڀرسان لنگهيو هو، جيڪو به ڄڻ گلاس ۾ پاڻيءَ جيان هو. نگاهه رخ تي نه پيئي هئي، انڪري اندازو نه ٿي سگهيو ته ڪير ٿي سگهي ٿو، ڪيئن ٿي سگهي ٿو. اُنهن ڪٽارن جهڙن وارن جي اڳيان، چهرو سنبل جو هوندو يا نسرين جو، ڪا فرزانه لڪل هوندي يا ڪا شائسته. نالا ته نالا هوندا آهن، نه نه... نالا ئي ته سڀ ڪجهه هوندا آهن. +منهنجي ڇرڪ ڪڍڻ لاءِ نسيم وري اچي ويئي هئي، عزيز از جان دوست، نور حسن جي ڌيءَ مون کي ’دادو‘ چوڻ سٺو لڳندو آهي. +هن جهان ۾ موٽيس ته نگاهه وري گلاس تي اٽڪي پيئي. هن ڀيري پاڻيءَ ساهه پئي کينو.... ”آني.... هي دادو آهن، احمد حسن خان... اِهي....“ +ڪنهن لهر ڪڙ کنيو ۽ نسيم جي جملي هڪ خوبصورت آواز مڪمل ڪيو. +”جيڪي اوهان جي پاڇي جا Close Friend آهن ۽ جن سان روز رات جو فون تي ڳالهائڻ کان سواءِ اوهان کي آرام ناهي ايندو ۽ جيڪي پنجٽيهن سالن جي عمر ۾ مڪمل پوڙها ٿي چڪا آهن.... ۽ .... ۽ .....“ +مون هٿ مٿي کنيو ۽ هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. الائي ڇو مون کي لڳو ته اُن کان اڳ ڪنهن به مون بابت ايڏو خوبصورت ناهي ڳالهايو.... +“I believe this is enough for me.” +هي پهريون ڀيرو مون سان نگاهه ملائي ۽ سندس اکين اُٿندي ئي سوال ڪيو ته منهنجو ايترو ڄاڻڻ سٺو نه لڳو ڇا؟.... ۽ منهنجن ڪنن ڳاڙهسرو ٿيندي ها ڪئي ته بيحد سٺو لڳو.... +”اوڪي.... توهان ته ڄاڻو ٿا، هاڻي دادوءَ کي ٿي ٻڌايان.“ نسيم جو سڄو زور مون تي اچي ويو. ”دادو!... هي آني آهي، فردوس آني.... Computer Science ۾ پڙهائيندي آهي.“ +منهنجي دل چيو ته چوانس، هيءَ پڙهائيندي آهي؟ هن کي ته پاڻ اڃا ٻه چوٽيون ڇڪي، سڳيون ٻڌي، ٿيلهو کڻي روانو ٿيڻ گهرجي.... +”السلام عليڪم....“ مون مُرڪڻ نه گهريو، چپن ڳالهه نه مڃي. +هن موٽ ۾ ڪنڌ لوڏيو. +”وعليڪم السلام....“ +”بدقسمتيءَ سان، مان اوهان جي باري ۾ ڪجهه نٿو ڄاڻان.“ +”ڇو.... توهان سان نسيم منهنجون ڳالهيون ناهن ڪيون...؟، +”توبنهن.... دادوءَ سان ڳالهه ڪيان، الامان... دادوءَ سان ته مان رڳو هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندي آهيان، ڪنهن بابت ڪجهه چوڻ کيس پسند ئي ناهي.“ +اُن مهل ئي ڪنهن نسيم کي سڏيو ۽ هو بنان Excuse ڪئي رواني ٿي ويئي.... ائين لڳو، هن هيڏي ساري هال ۾، بلڪ مڪمل ڪائنات ۾ اسان رڳو ٻه ڄڻا اڪيلا بيٺا آهيون.... مون انهيءَ سحر مان پاڻ کي ڇڏائڻ پئي گهريو. نڙي صاف ڪيم، پاڻيءَ جا به ڍُڪ ڀريم، ۽ نه چاهيندي به ڪنڌ جهڪائي ڇڏيم. +”مان اوهان جي فين آهيان... ڇتي فين... توهان جو انداز... توهان جو آواز.... ڏاڍا خوبصورت هوندا آهن.“” +مون مُرڪي ڏنو، آواز مسلسل اچي رهيا هئا. ڪنهن چيو پئي ته هن کي ٿئنڪس نه ڪجانءِ. اها احسان منديءَ جي بي عزتي هوندي... +”مان بس، اهڙوئي آهيان، جيڪي دل ۾ ايندو آهي، اُن جو برملا اظهار ڪندو آهيان.“ +”توهان جا موضوع سٺا هوندا آهن، ڳالهه ڪرڻ جو هُنر ڄاڻُ ٿا.“ +”بس لفظن جي مهرباني آهي. ادا ٿي ويندا آهن.“ +”واهه....“ هن مُرڪيو.... سندس مُرڪ بيحد آسوديءَ ۽ خوشگوار هئي. نگاهه بيٺي ته ڏاڍي مشڪل سان هٽايم. +”مان هتي نه هئم، ڪجهه عرصو ٻاهر ويئي هئس.... موٽيم ته اوهان جا پروگرامز مون خاص رڪارڊ ڪرائي رکيا هئا... سڀ ڏٺم.... ورائي ورائي ڏٺم.“ +مون کي مونجهه ٿيڻ لڳي.... ايڏي عزت ڪٿي راس اچي ٿي... هن دنيا ۾ رهندي، اهڙا هزارين فينز ملن ٿا. الاءِ اُنهن جي پاران اِهو سڀ رسمي هوندو آهي. الاءِ حقيقي....“ +”يونيورسٽيءَ ۾ مون کي گهر مليل آهي، توهان ڪڏهن اچو ته مون وٽ، سڀ توهان سان ملي ڏاڍا خوش ٿيندا.“ +”جي ضرور.... ضرور ايندس مان.“ +سندس مُرڪ نه هئي ڪو ڊرل جو برمو هو. منهنجي هانءُ ۾ ٺهندڙ سوراخ، اونهو ۽ ويڪرو ٿي رهيو هو. مون پاڻ سنڀالي وڏو ساهه کنيو، ”....Excuse Me“ آڱر سان اشارو ڪندي مون کانئس جاءِ گهري ۽ هال مان ٻاهر نڪري آيس. اڱڻ ۾ رکيل گلن جي خوشبوءِ، هن جي وجود جي سڳنڌ سامهون گوڏا ٽيڪيا هئا. ٻاهر نڪرڻ مهل اڻ سونهون ماحول هو.لڳو ئي نه پيئ ته ڪو مان هتان لنگهي اندر ويو هئس ۽ احمد جي گهر جو هي اُهو اڱڻ آهي، جتي مون کي هميشه فرحت ملندي آهي. فرحت ته اندر رهجي ويئي هئي، جيڪا کانئس الڳ ڪٿان پئي ٿي سگهي. +اُتان ٻاهر نڪتو هئس ته منهنجي چُپ مون سان سدائين جيان مشڪري ڪري رهي هئي... ڪنن ۾ آواز ايندا رهيا ۽ چپن جو آواز گم ٿي چڪو هو. نگاهه اُنهن منظرن کي به جهٽيو پئي، جڏهن هوءَ ڪنهن سان ڳالهه ته کِلي رهي هئي. براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا سان تعلق رکڻ جي ڪري انيڪ خوبصورت آواز ڪنن ۾ ٻُرندا رهن ٿا، پر اِها پڪ هئي ته ڪوبه آواز هن جي آواز جهڙو خوبصورت نه هو. +هنن ماڻهن جي رش ۾ ساهه کي تڪيلف ٿيڻ لڳي ئي....ماڻهو ماڻهوءَ سان ڇو ملندو آهي؟ ملڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي ڇا؟ ماڻهوءَ جو سينو پنهنجي اندر ٻئي جي دل کي ڌڙڪڻ ڇو ٿو ٿئي. پنهنجي دل بئي کي ڏيڻ سان پاڻ اِهو عذاب ڪيئن ٿو کڙو ڪري. +گهر ننڍو نه هو، نظر ننڍڙي ٿي ويئي هئي. ڀلا جي گهر ۾ ڪا دعوت هوندي ته ماڻ هو ته گڏ ٿيندا نه... پوءِ اها شڪايت ڇا جي؟ ڪا به ڪنڊ خالي نه هئي. ته ائين ته ٿيڻو هو... مون جهڙن کي جي هتي اچي خالي ڪُنڊن جي ڳولا ڪرڻي هئي ته اها ته سوچ ئي اجائي هئي. اندر من ماني شروع ٿي هئي... منهنجي خالي هٿن ۾ ڪابه پليٽ نه هئي ۽ شايد انهيءَ جو کيس احساس هو. هوءَ تيزيءَ سان ٻاهر آئي هئي ۽ ٻنهي هٿن ۾ هڪ هڪ ڀريل پليٽ ساڻ هئس.... جنهن تيزيءَ سان هن وکون کنيون پئي، اِنهيءَ کان ته زمين جي اُنهيءَ ٽڪري کي شڪايت ٿي پئي، جتان سندس پير هٽيا پئي منهنجي نگاهه ۾ جيڪي ڪجهه هو سو مون ظاهر نه پئي ڪرڻ چاهيو. کيس ايندو ڏسي مون رخ موڙي ورتو هو. +”مان اوهان لاءِ ماني کڻي آئي آهيان.“ +پليٽ ورتم، ته واتان پاڻهي نڪري ويو، ”مهرباني.“ +سندس مُک تي مُرڪ جو دائرو ويڪرو ٿي ويو هو. الاءِ ڇو اُهو خيال هر هر اچي رهيو هو ته ڪي ڪي چهرا مُرڪڻ کي سونهن بخشيندا آهن. +هوءَ مون سان گڏ اُتي ئي ويهي رهي هئي. سندس آڱرين ۾ جڪڙيل چمچو به ڄڻ مهڪي اُٿيو هو. ائين پئي لڳو ڄڻ چمچي ۾ پليٽ ۾ مانيءَ ۾، هر شئي ۾ اکيون ئي رکيل هيون. +”توهان گهڻا Retakes ڪونه ڏيندا آهيو.... ها نه؟“ +هن نگاهه کنئي، جيڪا سڀني تيرن سان ليس ٿيل هئي. +”ڪوشش ڪندو آهيان، ڌڻي مهرباني ڪندو اهي...“ +جملا وات مان نڪتا پئي، پر هنن ڪابه موڪل نه پئي ورتي. +”منهنجي هڪڙي فرينڊ، اوهان جي رڪارڊنگ ۾ آئي هئي. توهان جي ڏاڍي تعريف پئي ڪيائين.“ +”اڇا....“ +”توهان ته تعريفن جا عادي هوندا.... ها نه؟“ +”جي نه، ائين به انهي.“ مان ڄڻ گڙاٻڙائجي ويو هوس. خبر نه پئي پيئي ته سندس لهجو زورآور هو يا سندس نيڻ، بهرحال ڌار محسوس ٿيندي هئي. +”اوهان کي شهرت ڪيئن لڳندي آهي؟، +هن نگاهه جهڪائي ئي نه پئي... مون کي سندس نظر جي گرميءَ پگهرايو پئي. +”مناسب... سُٺي.“ +”توهان ايترو گهڻو نٿا ڳالهايو، جيترو شوبز وارا ڳالهائيندا آهن.“ +مون وٽ ڪوبه جواز نه هو، جواب نه هو. ڇا چئي سگهيس پئي ته ڪن ڪن ماڻهن جا چپ سبيل هوندا آهن. کين اڻ ڏٺل ٽاڪا لڳل هوندا آهن. جيڪا هلي ويندي آهي، اُها پاڻ ڪئنچيون ۽ ريل کڻي ويندي آهي ۽ کانئس موٽڻ وسري ويندو آهي.... +”مانيءَ ۾ ڏاڍا مرچ آهن.... ها نه.... اوهان پگهرجي ويا آهيو.... مان اوهان لاءِ پاڻي ٿي کڻي اچان.“ +هوءَ تڪڙو اُٿي هئي. مون رومال ڪڍڻ لاءِ کيسي ۾ هٿ وڌو هو ۽ الا ڪيئن پليٽ ترڪندي، هيٺ ڪري ڀور ٿي ويئي هئي. پليٽ ۾ بچيل ماني زمين تي وکري ته بوٽ مٿان به ڪري پيئي. ڪنهن ڪُن ۾ چيو، ”احمد! هي نئون تعلق به ائين ئي ڀور ڀور ٿي سگهي ٿو ۽ گڏ هليل لمحن جي هيٺ ڪِرڻ سان تنهنجو وجود به هِنن بوٽن جيان چمڪ وڃائي سگهي ٿو.... اهو چڱو نه ٿيندو ته توهان اِها پليٽ وري جهليو ئي نه.“ +مون کي اهو جملو بهتر لڳو هو. مان تيزيءَ سان اُتان نڪري آيو هوس. +وقت کي ڇاهي؟ +هو اوهان سان تعلق ۾ هوندي به لاتعلق هوندو آهي. اوهان جي گهڙيءَ گهڙيءَ جي خبر رکندي به اوهان کان غافل هوندو آهي. بس، تيزيءَ سان گذرن سان ئي سندس اڪيلو تعلق آهي، جيڪو اوهان سان قائم رهي ٿو. الائي ڪيترا ڏينهن هِن کان سواءِ گذري ويا هئا. هڪ ڏينهن ڪتابن جي هڪ دڪان ۾، ميلي ۾ لڳل ڪتابن جي چونڊ ڪندي، مون سندس آواز جي خوشبو محسوس ڪئي هئي. +”السلام عليڪم.“ +ڪن ڪن چهرن کي گلاب چوڻ وڌيڪ مناسب هوندو آهي. اکين ۾ موجود ڪجل جي ڌار، جي اوهان جو هينئون ڦرون ڦارون ڪري سگهي ٿي، ته اِهو ڪم ته سندس ڀرون به اوڏي ئي صفائيءَ سان ڪري سگهن ٿا. سندس مُک تي اکين جو جادو ڪمال جو هو. +”وعليڪم السلام....“ مون کي لڳو هو ته ڪتابن کي مضبوطيءَ سان جهلڻ گهرجي، متان اُهي ڪِري نه پون. +”پنهنجي ملاقات ائين رستي ويندي ئي ڇو ٿي ٿئي احمد صاحب..... پاڻ ڪٿي ويهي نٿا ملي سگهون؟“ +چوڻ لاءِ جملو چئي وئي هئينءَ پر هڪدم پنهنجيءَ ڳالهه تي تنهنجا ڳل ڳاڙها به ٿي ويا هئا... مان ڪجهه ڪڇان ئي ڪڇان ته ڇوڪرين جي هڪ انبوهه مون کي ورائي وڌو.... آٽو گراف بُڪس جي رش ۾ بهرحال منهنجي نگاهه وري به هٿ تي ئي هئي، جن هڪ نڪور ڊائريءَ کي جڪڙي رکيو هو. +“”هيءَ سڀ منهنجون Serdeops اٿوَ، ڏسو ڪيئن نه اوهان کي گهيريو بيٺيون آهن....“ +دل چيو ته چوانس، ”تو ناهي گهيريو، هنن جي نظر ايندڙ گهيري کان تنهنجو اڻ ڏٺل دائرو وڌيڪ تنگ ڪندڙ آهي.“ پر اِهو سڀ چوڻ ڪٿي ممڪن هو.... مون کي خبر ڪانه هئي ته مون آٽوگراف بڪس تي ڇا پئي لکيو. ڪو نالو هو، ڪا مرڪ هئي، ڪجهه هو جيڪو موجود هو ۽ جنهن جو ورجاءُ باربار ڪاغذن تي ٿي رهيو هو.... هنن سڀني مان منهنجي جند توئي ڇڏائي هئي ۽ پوءِ ٻاهر هڪڙي ڪول ڪارنر تي ڊرنڪ مان ڍُڪ ڀريندي تو ٻارن وانگر مٿو لوڏيو هو. +”جند ڇڏايم نه اوهان جي..... عوام ۾ ڦاسي پيا هُئو....“ +”اِها جند ڦاسايو به اوهان ٿا ۽ ڇڏائڻ جو بندوبست به پاڻ ٿا ڪيو.“ چوڻ لاءِ چئي ته ويو هئس، پر لفظن جي گهاءَ جي خبر نه هئي. لفظ جيڪي اوهان سان، اوهان جي ڳالهه ڪري به سگهن ٿا ۽ اوهان کان اوهان جي ڳالهه لڪائي به ته سگهن ٿا. +تون الائي ڪيتريءَ دير تائين ڳالهايئندي رهي هئينءَ. ڪن ڪن آوازن ۾ جملن جي خبر ناهي پوندي. بس اُهو آواز وڻندو آهي، ڪنن کي ڪابه طلب ناهي هوندي. ذهن کي سمجهڻ جي ضرورت جو خيال وسري ويندو آهي. بس اِهو آواز هوندو آهي. جيڪو اوهان جي حدبندي ڪندو آهي. اوهان جي چوڌاري گول ڪڍي وٺندو آهي ۽ اوهان هڪ محفوظ دائري ۾ اچي ويندا آهيو. +محبت ۾ گهڻا ماڻهو Involve ٿيندا آهن؟... ٻه ..... وڌ ۾ وڌ ٽيون، جيڪي ڪنهن به ڌر سان سچو هوندو آهي. اُنهيءَ ٽياڪڙيءَ مان سامهون واري جي اندر جي ڳڙکيءَ تي نظر پوندي آهي، پر پاڻ گڏ هئاسين ته ڪابه دري، ڪنهن هٿ جي منتظر نه هئي. سندس ڪُنڍي شايد ڪچي هئي، گِرل ڳريل هئي.... نرم نگاهه جي ٿوري هوا ئي تاڪَ کولي پئي ڇڏيا. +تو ڪجهه عرصو رکي مون سان آفيس ۾ ملڻ شروع ڪيو. خوشبو ڪاريڊور ۾ هجي ته پڇڻ وارا ته پڇندا نه، ته ڪير لنگهي ويو آهي؟ ائين ئي تنهنجي اچڻ تي چؤٻول شروع ٿيندا هئا، پر توکي ڪهڙي پرواهه هئي. تو ته مون سان پنهنجي اندر جون ڳالهيون پئي ڪيون نه. +”هُو پنهنجي ذات ۾ ڪمال آهي احمد.... پر نگاهه کڻي ڏسڻ جو قائل ناهي.“ هاڻي ائين ٿي ويو هو جو تون مون کي احمد سڏي وٺندي هئينءَ. وقت به عجيب هوندو آهي. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي ڪيڏو نه ويجهو ۽ ڪيڏو نه پري وٺي ويندو آهي.“ مان هن سان ڳالهائيندي آهيان. گفتگوءَ ۾ الا ڪيترا موضوع زيرِ بحث ايندا آهن پر ڪڏهن به ماڻهن سان اندر جي ڳالهه اوري نٿي سگهان.“ +اهو سڀ ائين ئي هو، جيئن بلڊوزر عمارتون پٽ ڪندو آهي؛ جيئن سائي گاهه کي سنب لتاڙيندا آهن ۽ جيئن جسم مان ساهه ڀڙڪو ڪري ٻاهر نڪرندو آهي. جنهن سان محبت ٿي ويئي هجي ۽ اُهو ڪنهن ٻئي جو هجي، اُها هن دنيا جي وڌيڪ تلخين مان هڪ تلخي آهي. +”مان هُن سان ڳالهايان؟“ +”نه نه.... عجيب ماڻهو آهي، بگڙجي ويندو، تنهن ڪري هٿ ئي نه لايوس ته چڱو. “ تنهنجي مُک تي خدشا آيا هئا. شايد تو اڃا هُن کي وڃائڻ لاءِ همت نه ٻڌي هئي پر اصل ۾ ته اڃا تو هُن کي هٿ ئي ڪٿي ڪيو هو. هٿ ڪرڻ کان پوءِ ئي ته وڃائبو آهي. پر نه، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيتريون ئي شيون بنا هٿ ڪرڻ جي به وڃائجي وينديون آهن.“ +”توهان کي پسند ڪيئن اچي ويو؟“ +”ڪيئن ايندو آ؟“ تو هيٺيون چپ دٻائي مُرڪيو هو ۽ ڪنن ۾ ڪنهن ڳالهايو، ”جيئن تون اچي وئي آهين.“ پر زبان اُڪيلو، ”مون کي ڪهڙي خبر آهي.“ +”ڇو؟... اوهان کي ڪڏهن به ڪوبه پسند ناهي آيو؟“ +نگاهه ترار هئي، تير هئي، خنجر هئي ۽ سندس مُک انهن لاءِ دستي جو ڪم ڏيئي رهيو هو. +”مون پاڻ کي انهيءَ دائري مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“ +”پٿر جا ٿي ويا آهيو ڇا احمد؟“ +”نه.... پٿرائجي ويو آهيان. نگاهه ۾ نور ناهي، زبان ۾ چاش ناهي، دوستي... ۽ شايد ڪنن کي هاڻي ڪنهن لفظ ٻڌڻ جي تمنا به ناهي.“ +هن مون ڏانهن نهاريو هو ته اک نه ڪڍي سگهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڪن منظرن ۾ ماڻهو جڪڙجي ويندو آهي. هن جي نگاهه ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو ۽ سندس اکين ڄڻ پٺيءَ تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيا هئا. +”ائين ڇو ٿي ويندو آهي احمد؟“ +”الاءِ.... پر اهو سڀ چڱو ناهي ٿيندو. جيئن دوائن جا Sideeffects خراب هوندا آهن نه، ائين ئي، اِهو سڀ به ڏاڍو خراب اثر ڇڏي ٿو.“ +الاءِ ڪير اچي ويو هو. جيڪو آيو هو سو ياد ناهي. بس ايترو ياد آهي ته ڳالهه اوچتو ختم ٿي وئي هئي. +تون ۽ مان نيٺ اُنهيءَ وڻ هيٺان اچي بيٺا ئي هئاسين، جنهن کي محبت سڏبو آهي. الاءِ ڪيترو عرصو ترسي تون آئي هئينءَ، سَٺن ورهين، مهينن ۽ لمحن جو ڪوبه حساب نه هو. تنهنجي اچڻ کان پوءِ احساس ٿيو هو ته مان ته ڪڏهوڪو اُن وڻ هيٺان بيٺل هئس. +”هُو ته منهنجو هو ئي ڪونه احمد، منهنجو ٿي ئي نه پئي سگهيو.“ +سامهون آئي هئينءَ ته سڏڪي پئي هئينءَ ڳلن تي ڳوڙهن جي بوندن لالاڻ وڌائي ڇڏي هئي. ماڻهوءَ جي ڌڪارجڻ کان پوءِ وٽس ڇا ٿو بچي. هٿ ڪيڏا نه خالي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪراين ۾ هٿ محسوس ئي ڪونه ٿيندا آهن. +”توهان هن سانه ڳالهايو هو، ڇا؟“ +”نه....“ سڏڪا وڌي ويا هئي. ”چڱو ٿيو جو نه ڳالهايم.... پريان ئي خبر پئجي ويئي ته هُو ته نجما سان شادي ڪرڻ ٿو گهري.“ +ائين الاءِ ڇو ٿيندو آهي. جيڪو دل ۾ گهر ٺاهيندو آهي، اُنهيءَ کي اُتي رهڻ ڇو نه پسند ايندو آهي؟ ڇا عمارتن کي خالي رکڻ لاءِ جوڙبو آهي ۽ ڇا اتي آسيس جي کوٽ هوندي آهي؟ دل چيم، ته پڇانس، ايڏو طويل عرصو توکي رڳو اِن هڪ نقطي کي ڄاڻڻ ۾ لڳي ويو؟ پر اهڙن سوالن جو اِهو موقعو ئي ڪٿي هو. +”هاڻي؟“ +منهنجي سوال جي موٽ ۾ تو ٽشوءَ سان ڳلن کي صاف ڪيو هو، چپ ڀڪوڙي نهاريو هيئي. +”هاڻي ڪجهه به نه.“ +۽ الاءِ ڪيئن منهنجي واتان نڪري ويو هو، ”مان ناهيان ڇا؟“ +جيڪو ٿيڻو هو، ٿي ويو. تنهنجي اکين ۾ اڻ لکي حيراني اُڀري ۽ گم ٿي ويئي هئي. ڇوڪريون ڪيڏيون نه تيز هونديون آهن. کين نه اُچاريل اقرار به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.... +ماٺ اسان کي وڪوڙي ويئي هئي. مون ڪلهن تان هڪ وڏو بار ڪِرندي محسوس ڪيو هو، پر اهو اطمينان نه پئي ٿيو ته الاءِ بار لٿو آهي، يا الاءِ اُن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. +پريان ڪٿان تنهنجو آواز آيو هو. +”مون اُن بابت ڪڏهن سوچيو ناهي.“ +”توکي ڪوڙ ڳالهائڻ اچي ويو آهي دوسي؟“ +”ڇا مطلب؟“ +”مطلب اهو ته ڇا توکي انهن Feelings جي خبر نه هئي؟“ +وري ماٺ ٿي ويئي هئي ۽ نيٺ تو ڪنڌ جهڪائيندي چيو هو. +”مون کي اندازو ته هو.“ +”مان اِنهيءَ اندازي کي يقين ۾ تبديل ڪرڻ ٿو گهران.... جي تون موڪل ڏئين ته مان تنهنجو هٿ پڪڙڻ ٿو گهران.“ +اهو سڀ ڪنهن ڳالهايو پئي، مون کي انهيءَ جي بلڪل به ڄاڻ نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن، اوهان اندر هليا ويندا آهيو ۽ اوهان جو اندر گفتگو ڪرڻ شروع ڪندو آهي. +تون هڪدم اُٿي ويئي هئينءَ، نه ڪو سوال هو نه جواب.... بس منهنجي سامهون هڪ خالي ڪرسي رکيل هئي ۽ ڪمري ۾ تنهنجي خوشبو وکريل هئي. هي سڀ ڇا هو جيڪو ٿي رهيو هو. ڪنڊن پاسن تي، اوچتو ملندڙن ۾ هي ڪهڙي ڏور هئي. تعلق جو اُهو ڪهڙو حوالو هو، جيڪو ائين جُڙي ويو هو. بهرحال انهيءَ کي ئي محبت چئبو آهي. +عجيب حالت ٿي ويئي هئي دل جي. بار بار اهو احساس ٿيو پئي ته اظهار کان پوءِ اُهو سڀ غلط ته نه هو. سندس اندر ۾ اِهو سڀ دُکيل هو به ته اُهي اڱر مون ته نه ٻاريا هئا. پوءِ اُنهيءَ تپش کي پنهنجو ليکڻ يقيناً وڏي غلطي هئي. پر بهرحال اوهان غلطيون به ته ڪندا آهيو، پر اُتي اهو احساس به ٿيو پئي ته ٿي سگهي ٿو ته غلطي نه ٿي هجي. +منهنجي زندگيءَ ۾ محبت جو ڪهڙو عمل دخل هو. فرزانه سان محبت ڪئي هئي، جنهن کي شايد نه بلڪ يقيناً مون سان زندگي گذارن پسند نه هو ۽ جنهن سڌو سنئون مون کي ٻڌايو هو ته حياتي رڳو خواب ڏسڻ نه هوندي آهي. انهيءَ ۾ عقل، علم، حيثيت ۽ رتبي جي به طلب هوندي آهي. انهيءَ هڪڙي ڌڪي کان پوءِ مون شايد اُن راهه تي هلڻ ئي نه گهريو هو، پر پوءِ هي ڀ الائي ڪيئن ٿي ويو هو. شايد هڪ دفعي ڌڪ کاڌل، ٻئي دفعي کي خاطر ۾ نه آڻيندا آهن. +وري هڪ طويل غير حاضري هئي. اهو ئي لڳو پئي ته چيل جملا بي اثر هئا. موسمن جا احساس جي ڪابه خبر نه هئي. بس اهو احساس شديد هو ته دل جي اڪيلائيءَ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. +دنيا جا سڀ سلسلا پنهنجيءَ جاءِ تي هئا، جو اوچتو هن جو فون اچي ويو هو. +”مان آئي آهيان، آفيس اچان پئي.“ +دل چيو هو پڇانس، تون وئي ئي ڪڏهن هئين؟ پر سوچيم ته سڀ سوال سندس سامهون ئي پڇجن ته بهتر آهي، پر سچ ته اهو آهي ته هن کان سوال ڪرڻ جي همت ڪير ڪري سگهي ٿو. اوچتو سڀ ڪجهه خوبصورت ٿي ويو هو. دريءَ کان ٻاهر گلن جو رنگ مٽجي ويو هو ۽ تيز اُس خوشگوار بڻجي ويئي هئي. +اسين Flemineo ۾ اچي ويٺا هئاسين. پهرين ماڙ تي شيشي جي ڀرسان رکيل ٽيبل تي خوبصورت نيپڪن وڇائيندي تو بيري ڏانهن نهاريو هو. +“I need pepsi… chilled” +تو هن سان ڳالهايو هو پر لڳو هئم ته لاشعوري طور تي اندر ۾ ٻرندڙ ٽانڊن تي ڇنڊو وجهڻ لاءِ ته اهو جملو ڄڻ مون کي چيو هو. جيتوڻيڪ ضرورت مون کي هئي، پر شايد مون اونهيءَ جو برمهل اظهار نه ڪيو هو. +”مان نوڪري ڇڏي چڪي آهيان. ڳوٺ امان اڪيلي آهي، بابا به بيمار رهن ٿا، سوچيو اٿم ته هنن وٽ هلي وڃان.“ +”جن کي وڃڻو هوندو آهي، اُهي ايندا ئي ڇو آهن؟“ +”ڇاڪاڻ ته جي ايندا نه ته ويندا ڪٿان؟“ +”ته بس، پوءِ اچڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هوندي آهي.“ +جي ائين هجي ته ياد لاءِ ته اسان وٽ ڪجهه به نه بچندو.“ +ڊرنڪ اچي ويو هو، تو هڪ وڏو ڍُڪ ڀريو هو. +”تون يادون ميڙڻ لاءِ ئي مون وٽ آئي آهين ڇا؟“ +”ڪجهه ته هجي احمد، جنهن سان ماڻهو ڳالهيون ڪري سگهي.“ +اکين ۾ لڙڪ آيا پئي ۽ تو ڪمال سان اُنهن کي ٽاريو پئي. +”منهنجي ڳالهه جو تو جواب نه ڏنو هو.“ +”ڪهڙيءَ جو؟، +”هٿن جهلڻ جو، منهنجي زندگيءَ ۾ دخل جو.“ +”منهنجو اُٿي وڃڻ جواب نه هو ڇا؟“ +وري ماٺ هئي. سڄي پس منظر ۾ ڇا ٿي رهيو هو، اُن جو ڪوبه احساس نه هو. بس سڄي ڪائنات ۾ اسان ٻن جو آواز شامل هو. +”مون کي هڪڙو ڀيرو چؤ فردوس، ته تون مون سان محبت نٿي ڪرين....“ +هٿ ۾ گلاس ڀڪوڙيو هئم.... لڳم پئي، بلڪل هيٺئين ڏاڪي تي بيٺل آهيان. +”مون اڄ ڏينهن تائين محبت جو اقرار ڪيو ته ناهي.“ +تنهنجو لهجو عجيب هو. سڀ ڪجهه ڌنڌ ۾ ورتل هو، خيال آيم ته تعلق هو به الائي نه.... +”پاڻ هڪٻئي لاءِ ڇا آهيون دوسي؟“ +”الاءِ ڇا آهيون.... اهائي ته خبر نٿي پوي نه احمد.“ +”منهنجي تنهنجي ۾ کوٽ آهي ڇا؟“ +”نه.... نه.... نه.... اِهو منهنجو مطلب ناهي، منهنجو مطلب آهي نه.“ +تون مُنجهي پئي هئينءَ. محبتن جا افسانا ائين مُنجهيل ڇو هوندا آهن. سڄي عمر ڳالهائن کان پوءِ صرف هڪ جملي ۾ سڀ ڪجهه Wind-up ٿي ويندو آهي. +”مون کي مطلب جي طلب ناهي. مان پنهنجي مقصد ۾ واضح آهيان، مان توسان شادي ڪرڻ ٿو گهران.... توسان سڄي زندگي گذارڻ ٿو گهران.“ +”جن ڳالهين جي خبر هجي، اُنهن کي چوڻ ضروري ناهي هوندو.“ +مون ڳالهه ڪٽي هئي. ”پر بنا چوڻ جي گذارو نه هجي ته چوڻو پوندو ئي آهي يار....“ +”مون اڄ ڏينهن تائين چيو آهي.... ”تو مون ڏي گهوريو هو. مان وائڙو ٿي ويو هئس.“ +”توکي جنهن لاءِ چوڻو هو ته تو چيو هو،“ ڳيت ڏني هئي، لفظ رُٺل رُٺل هئا. +”ائين ٿيندو آهي ڇا احمد، ته ماڻهو رڳو هڪڙي لاءِ ئي چوي. جي ائين هجي ها ته پوءِ توهان مون لاءِ ڪيئن پيا چئي سگهو، جڏهن ته مان فرزانه کي به سڃاڻان ٿي.“ +ڪٿي ڪو ڌماڪو ٿيو هو. ضروري ناهي ته سامهون وارو به اوهان جي باري ۾ ايترو .ي بي خبر هجي، جيترا توهان سندس بابت هجو. اُهو ذهن جو قصو آهي، ڄاڻ جو معاملو آهي ۽ اُهو به ممڪن آهي ته توهان جيترا ذهين لڳو ٿا اوترو اندران ناهيو. +ماٺ ٿي ويو هئس، تو آهستي سان منهنجي هٿ جي پُٺي تي پنهنجو هٿ رکيو هو. +”فرزانه منهنجي ڪلاس فيلو هئي احمد.... هاسٽل جي ڪمري جي دريءَ مان، انيڪ ڀيرا مون اوهان کي ۽ هن کي وزيٽرس روم جي آڳر ۾ ڏٺو هو. هن پاڻ ئي مون سان.... +منهنجن ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون هيون. ڪجهه تيزيءَ سان چيم، ”محبتن جي اهڙي ارزائپ ۽ سستائپ جي ڪري ئي منهنجو مٿانئس اعتبار کڄندو ٿو وڃي.“ +هٿ ڇڏائڻ گهريو هئم، تو مضبوطيءَ سان جڪڙي ڇڏيو هو. +”آهستي ڳالهايو.... هتي ماڻهو آهن...“ +”ماڻهو ته هرهنڌ هوندا آهن، پوءِ اسان ڳالهائڻ بند ڪيون ڇا؟“ +”مون ڳالهائڻ کان بلڪل ته ناهي روڪيو....“ +”ته بس... پوءِ مون سان ڳالهاءِ... مون کي هر سوال جو جواب گهرجي ٿو...“ آواز وري مٿانهون ٿي ويو هو. تو سرگوشي ڪئي هئي. +”ڪٿي ٻاهر ٿا هلي ڳالهايون، اڪيلائپ ۾.“ +”توسان اڪيلاپ نصيب ڪٿان ٿيندي.... خوابن جون ڳالهيون خوابن ۾ ئي ٺهن ٿيون....“ +هٿ تي پڪڙ وڌيڪ گهري ۽ مضبوط ٿي ويئي هئي....“ ۽ جي مان واقعي به توهان سان اڪيلائپ ۾ ملان ته...“ +”ته... مان واعدو ٿو ڪيان، توکي هٿ به نه لائيندس، بس توسان ڳالهائيندس.“ +الاءِ ڇا پئي ڳالهايم، تو وري نهاريو هو. +”غلط ڇو ڳالهائيندا آهيو احمد! جي مون کي بي ايمانيءَ جو احساس ٿئي ته مان پاڻ اوهان کي ملڻ لاءِ چئي سگهان ٿي ڇا....؟“ +جهڪيل ڪنڌ سان پڇيو هئم، ”ڪڏهن ملندينءَ؟“ +”سڀاڻي ئي...“ تو هٿ کي اڃا به نه ڇڏيو هو، ”پر ياد رکجو.... اُها ملاقات آخري ئي هوندي.“ +جملو مڪمل ڪري تو هٿ ڇڏي ڏنو هو. +لمحا طويل ٿي ويا هئا. الا ڪيترا ڀيرا گيٽ تان وڃي وٽي آيو هئس. تو يارهين بجي اچڻ لاءِ چيو هو. ٻاهر رستن تي ڌنڌ هو ۽ هوائن ۾ ڄڻ جنون جي لهر هئي. شايد جدائيءَ جي موسمن جو اهڙو ئي ڪو اُهڃاڻ پهرين سامهون ايندو آهي. عجيب ٻڏتر هئي ذهن کي! هوءَ ايندي، الاءِ نه ايندي.... اڪيلي گهر ۾ ملڻ لاءِ ڪيئن اچي سگهي ٿي؟ پر هُن پاڻ چيو هو... پر پنهنجو چيل ڪيتريون ڳالهيون ماڻهو ڪٿان پوريون ڪري سگهندو آهي! + + +مون نوڪرن کي موڪل ڏيئي ڇڏي هئي. گيٽ تي وڃان پيو ته عجيب عجيب سوال ورائي پئي ويا، ”اهو غلط يا صحيح؟ جي ڪنهن ڏسي ورتو ته؟ ته خير آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي حياتيءَ جي ڪشڪول ۾ ڪجهه سڪن ميڙڻ جو حق به ناه ڇا؟، ۽ انهيءَ ٻڏتر ۾ ئي تون اچي وئي هئينءَ. +رڪشا کي ڀاڙو ڏيندي تو مون ڏانهن نهاريو هو. تنهنجي نظرن ۾ الاءِ ڇا هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترن ماڻهن کي شڪار ٿيڻ جو خدشو ورائي ويندي آهي. لڳندو اٿن ته ڄڻ ڪا جهڙپ آئي ڪه آئي. +اندر آيا هئاسين ته هر شئي ۾ ڄڻ بهار گهڙي ويئي هئي. ڪمري جي ڀتين تي شوخ رنگ اچي ويا هئا. گهڙيال ڌڪ هڻي يارنهن وڃڻ جو احساس ڏياريو هو. +”صحيح ٽائيم تي آئي آهيان... ها نه...“ +”هر اُهو وقت جنهن تي تون اچين، صحيح ئي هوندو آهي.“ لفظ ڄڻ ڀڙڪو کائي پئي نڪتا. اندر ۾ ولر ڪيو ويٺا هئا، رڳو تنهنجي آواز جي دل کلڻ جا منتظر هئا.... +”اِهو ڪيڏو نه عجيب آهي ته ماڻهو ملڻ لاءِ انڪري اچي جو کيس جدا ٿيڻو آهي.“ ڊرائنگ روم ۾ ايندي، پنهنجو ننڍو ٿيلهو سائيڊ ٽيبل تي رکندي تو وارن کي جهٽڪو ڏيندي ڳالهايو هو. +”جدائيءَ جي ڳالهه ابتدا ۾ ئي ڪرڻ ٺهي ٿي ڇا؟“ منهنجي لهجي ۾ تيزي هئي. آواز ۾ ڪاٽ، تو خفيف مُرڪيو هو. +”جيڪي انتها ۾ ٿيڻو هجي، اُن لاءِ ابتدا ۾ ئي ڪجهه چوڻ، ڪجهه غلط ته ناهي...“ هڪ صوفي تي ويٺي هئينءَ ۽ نگاهه کي ڪٿي به ويهڻ نه پئي ڏنئي. +مان تو ڏانهن سرڪي آيو هئم. تنهنجي مُنهن تي وري ڪجهه خدشا آيا هئا. تنهنجي ويجهو اچي مون هٿ وڌايو هو... ”پنهنجو هٿ مون کي ڏئي ڇڏ...“ تو مرڪيو هو. +”اِهوئي ته نٿي ڏئي سگهان.“ +”مون هميشه لاءِ ناهي گهريو، ڪجهه گهڙين لاءِ گهران پيو.“ +”ڪجهه گهڙين ۾ هميشه جا فيصلا ناهن ٿيندا ڇا؟“ +”اِهي گهڙيون گذري ويون هن فردوس.... اُنهن گهڙين ۾ هميشه جي لاءِ تون منڪر ٿي چڪي آهين. هي کن پل جو سوال آهي.“ +ڪجهه ٻڏتر جي دوران ئي تو پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. ماٺ وري سامهون اچي ويئي هئي. تنهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ عجيب لڳو هئم. سانورن هٿن ۾ کير جهڙا اڇا اُجرا هٿ ڪٿي سونهن ٿا. تو هٿ ڇڏائڻ جي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. عجيب لمحا هئا اُهي به. جسم ۾ عجيب لهرون اُٿندي محسوس ٿي رهيون هيون ۽ اُهو به بيحد عجيب هو ته ڪنهن ۾ به سيڪس جو ڪوبه شائبو نه هو. +”مون سان شادي ڇو ڪونه ٿي ڪرين دوسي. ڪهڙي خرابي آهي مون ۾؟“ هاڻي آواز کوهه مان اچي رهيو هو. ساهه کي ڄڻ ڪنهن سوڙهو ڪري ڇڏيو هجي. +”ڪن ڪن ڳالهين جا ڪي به سبب ناهن هوندا، احمد!“ تو ڳالهائيندي پنهنجي هٿ ۾ منهنجي کاٻي ڪرائي جهلي ورتي هئي ۽ منهنجي واچ جي بيلٽ تي آڱريون ڦيرڻ شروع ڪيون هئائين. ”مان... بس اوهان جي ٿي نٿي سگهان....“ +”پر اُنهيءَ جو ڪو ته سبب هوندو نه.“ +بي ساخته چئي ويٺو هوس. حالانڪ تنهنجي چيل جملي مٿان اُهو جملو اجايو هو. +”منهنجي دل اوهان کي قبول ڪرڻ ۾ دير ڪئي آهي احمد...۽ جسم ته قبول ڪرڻ جو سوچي ئي نه پيو...“ +تو سٽَ واچ جي بيلٽ جو ڪڙو کوليو هو، ڪرائي خالي ٿي ويئي هئي. +”دل قبوليو آهي؟“ تو ڏانهن گهريو هئم. الاءِ ڇا پئي ڳالهايوسين، الاءِ ڇا ڳالهائڻو هو. +”دل نه قبولي ها ته مان اچان ها ڇا؟“ +”پر دل ته موڪلائڻ لاءِ اچڻ قبوليو آهي جانم....!“ +عجيب حالت ٿي ويئي هئي. منهنجي ڀر ۾ هئينءَ... بلڪ ڄڻ ته ڀاڪر ۾ هئينءَ.... +تنهنجا وار منهنجي ساڄي ڪلهي تي خوشبو وکيري رهيا هئا ۽ تنهنجين نگاهن منهنجي وجود ۾ ڊرلنگ (Drilling) پئي ڪئي. +”منهنجي من ۾ اوهان جي عزت آهي احمد ۽ انهيءَ عزت کي مان سلامت رکڻ ٿي گهران.... محبتن وسيلي اِنهيءَ کي خراب ڪرڻ نٿي چاهيان.“ +”محبت ۾ عزت خراب ٿيندي آهي ڇا فردوس؟“ +تو هيٺيئن چپ کي ڪجهه لمحن لاءِ ڪٽيو هو. +”گهٽ ۾ گهٽ مون وٽ ته ائين ئي ٿيو آهي.“ +”پر مان... ائين نٿو ڪري سگهان، تون مون کي هڪڙو موقعو ڏي ته سهي... مان... تو جملو ڪٽيندي، منهنجي هٿن کي جڪڙي ورتو هو. +”مان... اوهان کي فيصلو ٻڌائي چڪي هان....“ +الائي ڪيترا لمحا سر ڪيا هئا.... اسان ٻيئي هڪٻئي ۾ گم هئاسين، ڀاڪر پاتل نه به هو ۽ ڪا آزادي به ڪانه پئي محسوس ٿي. سڄو جسم جڪڙيل هو.... تو منهنجيءَ شرٽ جي ٻانهن جا بٽڻ کولي، اُنهن کي ٽي ٽي درَ ڏنا. +”توهان جون ٻانهون ڏاڍيون خوبصورت آهن، اُنهن تي شرٽ جون ٻانهون ورائيندي ڪيو. ”پيار مان نهاريو هيئي.... دل چيو چوانس، ”ڪپي ڏيانءِ.... جي وڻنئي ٿيون ته کنيو وڃ....“ ۽ اُتي به خيال آيو ته ڪاش مان سڄو سارو کيس پسند هجان ها ته پنهنجي وجود جا ڳڀا ڳڀا ڪري ڏيانس ها. +”ٺيڪ آهي....“ +تو بيگ مان بال پين ڪڍي هئي ۽ اُنهيءَ سان منهنجي ڪرائيءَ تي لکڻ شروع ڪيو هُيهء. پين گڏ هئي، اکر خيالي هئا. +”ڪجهه لک نه، ائين خالي پين ڇو ٿي گهمائين.“ +”جي اهو سڀ خالي آهي ته توهان ڪيئن پڙهي ورتو آهي احمد؟“ +۽ بس.... تنهنجي انهيءَ جملي سان الا ڇا ٿي ويو هو، مون سٽ ڏيئي توکي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. تو روڪڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي هئي. بس، منهنجي اندر ۾ گهڙي وئي هئينءَ... اکين مان مينهن وسڻ شروع ٿيو هو.... منهنجو سينو ۽ کاٻو ڪلهو پُسندا رهيا.... سڀ آواز بند ٿي چڪا هئا. بس بي آواز بارش جاري هئي. +الائي ڪيترو وقت اهو سڀ جاري رهيو. هوش آيوسين ته منهنجي شرٽ جي سي��ي تي تنهنجا وار رهجي ويا هئا. الڳ ٿي وئينءَ پر اُهي ٽي چار وار، آلن ڳوڙهن سان، چنبڙيل هئا. مون اُنهن کي ڳڻيو، اُهي پنج هئا. ”تنهنجا هي پنج وار، مون سان چنبڙي پيا آهن دوسي.“ +مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، ڳوڙهن مرڪڻ نه پئي ڏنو. +”مان سڄي ساري، اوهان کي چنبڙي پئي آهيان احمد.“ تو سُڏڪي ڏنو. وري فاصلا وچ ۾ اچي ويا هئا. +”ته بس.... پوءِ پنهنجو پاڻ ڇڏاءِ نه.“ +”ڪٿي پئي ڇڏايان.... پنهنجو پاڻ ئي ته ارپيو اٿم.“ ڳوڙها اگهيئي پئي. +”ته پوءِ ڇو ٿي مون کان منڪر ٿئين.“ +”ڇاڪاڻ ته مان الاءِ ڇو، هن کي اڃان به پهريون نمبر ٿي ڀانئيان احمد. ايتري قربت هوندي به اوهان ٻيو نمبر ئي رهو ٿا.“ +جملو چئي اوڇنگارن ۾ پئجي ويئي هئينءَ... مون تنهنجو هٿ وري جهليو هو. +”مان نمبرن جي چڪر ۾ ناهيان پوندو. تون بس مون کي قبول ڪر.“ تو هاڻي وري ڳوڙهن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. +”مان.... احمد... توهان کي نمبر ون رکڻ چاهيو هو، پر پنهنجي ملڻ ۾ دير ٿي ويئي ۽ هاڻي، پهرين جاءِ اوهان کي ڏيئي نه سگهنديس... ۽ ويساهه گهاتيءَ جو اهو تصور کڻي مان سُک سان جِي نه سگهنديس....تنهن ڪري، تنهن ڪري...“ +تو جملو اُتي ئي ڇڏي ڏنو هو ۽ مون هڪ وڏو ساهه کنيو هو. +”ٺيڪ آهي. تو وٽ ٻيو نمبر ٿيڻ به منهنجي لاءِ اعزاز آهي. هاڻي وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه ناهي. تون چئين ته مان چوڪيدار کي رڪشا آڻڻ لاءِ چئي ڇڏيان.“ +ڏاڍو تڪڙو جملو هو ۽ اوتري ئي تڪڙي تنهنجي اقرار ۾ ورندي هئي ۽ الاءِ ڇو اُن مهل اک گهڙيال ڏي کڄي ويئي هئي. ٻارنهن لڳي ڏهه منٽ ٿيا هئا. +چوڪيدار کي رڪشا لاءِ چوڻ کان پوءِ مان اندر اچي بيٺو هئس. نگاهه تو ڏانهن کڄڻ لاءِ بيتاب هئي پر مون سختيءَ سان ڪنڌ کي جهڪائي ڇڏيو هو. تون پرڀور بيٺي هئينءَ. الاءِ ڪيئن ڇڪجي مون ڏي آئينءَ ۽ ٻانهن کي جهليندي، ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪيو هُيهءِ. +”توهان جو آواز مون کي چريو ڪري ڇڏيندو احمد.... مان اُنهن لهرن ۾ گم ٿي ٻاهر نڪرڻ نه چاهيندي آهيان.“ +”نڙيءَ کي گُهٽي ڇڏيان.“ تو ڏي نهاريو هئم ۽ تو پاڻ ڀاڪر پائيندي ڳچيءَ تي آڱريون ڦيريندي چيو هو. +”انهيءَ کي جي ڪجهه ٿي وڃي ته مان ته هڪدم مري ويندس.“ +”ڳچي واري کي، نڙيءَ واري کي چهڪ ڏيئي پيئي وڃين، باقي نڙيءَ جو ايترو خيال ٿَئي؟“ +”اها رُڳي منهنجي نالي، اها ته مڙني جي آهي، ها... ڳچيءَ وارو منهنجو آهي.“ +وري ڪجهه نظر نه پئي آيو. تنهنجن وارن جا ڇڳا ڇانوَ ڪري رهيا هئا. مون کين هٿ لاتو هو. +”ٿي سگهي ته ڪڏهن وار نه ڪٽرائجانءِ دوسي.“ +”نه ڪٽرائيندم.“ +تو وري ڀاڪر نه پئي ڇڏيو. ساهه تي ڪو خنجر رکيل هو... الاءِ ڇا چوڻ چاهيم پئي، چئي نه سگهيس.... اُتي ئي تو سُرٻاٽ ڪيو هو...“ مون کي ’فاقر‘ جون ڪجهه سٽون ٻڌايو... تحت اللفظ.“ +جدائيءَ جي گهڙين ۾، وهندڙ اکين جي سامهون ڌنڌلا اکر ايندا ويا ۽ مون آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو. +کوئي يه کيسي بتائي که وه تنها کيون هي، +وه جو اپنا تها وهي اور کسي کا کيون هي. +يهي دنيا هي تو پهر ايسي يه دنيا کيون هي، +يهي هوتا هي تو آخر يهي هوتا کيون هي. +اک ذرا هاتهه بڙهادين تو پکڙلي دامن، +اُس کي سيني ۾ سما جائي هماري دڙهکن، +اتني قريب هي تو پهر فاصلا اتنا کيون هي! +دل برباد سي نکلا نهين اب تگ کوئي، +اک لُڻي گهر په ديا کرتا هي دستک کوئي، +آس جو ٽوٽ گئي، پهر سي بندهاتا کيون هي! +تُم مسرت کا کهو يا اُسي غم کا رشتا، +کهتي هين پيار کا رشتا هي جنم کا رشتا، +هي جنم کان جو يه رشتا تو بدلتا کيون هي! +آخري سِٽ سان سُڏڪو اُڀريو هو، جيڪو گهُٽي ڇڏيو هئم... تون ڀاڪر ۾ ئي ه��ينءَ... بس ڄڻ ساهه نڪري ويو هجئي.... سُڏڪي ۾ چيو هئم.... ”سدرشن فاقر“ جي ڪا ٻي تخليق ٻڌايو سائين.“ +۽ وات مان بي ساخته نڪري ويو هو: +تو نهين تو زندگي مين اور کيا رهه جائي گا، +دور تک تنهائيون کا سلسلا رهه جائي گا، +درد کي سار تَهين اور ساري گذري راستي، +سب دونهوان هو جائين گي اک واقعا رهه جائي گا، +يون بهي هوگا وه مجهي دل سي بهلادي گا مگر، +يه بهي هوگا خود اسي مين اک خلا ره جائي گا! +ٻاهر، رڪشا جو آواز ٿيو هو. +دائري انکار کي اقرار کي سرگوشيان، +يه اگر ٽوٽي کبهي تو فاصله رهه جائي گا. +۽ اندر، منهجي وجود کي سندس وجود جي ولِ ويڙهي ورتو هو. نگاهه وري گهڙيال تي اٽڪي پيئي. هڪ هڪ گهڙي ڳڻڻ جو هنر اچي ويو هو. گهڙيال ٻارنهن لڳي ٻاويهه منٽ وڄايا پئي. +زوال جي اها گهڙي اڄ تائين قائم آهي فردوس... مون پنهنجي زندگي جي ڪُل سفر کي اُنهن ٻياسي منٽن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. اها واچ... اها پين، اِهي وار ۽ اهو ڀاڪر... سڄيءَ عمر لاءِ خزانو آهن ۽ هڪ ڳالهه چوانءِ... شايد ڄاتل الاءِ اڻ ڄاتل اتفاق هو ته اهو ڏينهن 14 فيبروري هو، جنهن کي Valentine Day ڪري دنيا جا محبت ڪندڙ ملهائيندا آهن. بس... رڳو اِهو عجيب لڳندو آهي ته اُنهيءَ ڏينهن تي ملندا آهن ۽ اسان وڇڙڻ جو فيصلو ڪيو هو! +اڪبر لغاري +جمهوريت زنده باد +”هڪ ـــ مارشل لا مُرده باد.... ٻه ـــ جمهوريت زنده باد،... ٽي ــ عوامي انقلاب زنده باد... چار...“ تقريباً چار فوٽ ڊگهو، چمڙي جو ڪؤڙو، سچل جي پُٺن تي وسي رهيو هو ۽ سچل هر ڪؤڙي لڳڻ تي نعرا هڻي رهيو هو. ڏهن ڪؤڙن کان پوءِ هڪ ڊاڪٽر اڳتي وڌي سچل جو معائنو ڪري، جمعدار کي اشارو ڪيو، جيڪو وري شروع ٿي ويو. تيل پياريل چمڙي جو ڪؤڙو جسم تي خنجر وانگر وار ڪري رهيو هو ۽ سچل جي اگهاڙي پٺيءَ تان چمڙي جا ٽُڪر لهي رهيا هئا، جتان رت ڦوهارا ڪري وهي رهيو هو. جيئن جيئن ڪؤڙن جو تعداد وڌڻ لڳو، تيئن تيئن سچل به اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻڻ لڳو، ليڪن پنجاهه ڪؤڙن لڳڻ کان پوءِ هو بيهوش ٿي ويو. ڊاڪٽر وري سندس چيڪ اپ ڪرڻ لڳو ۽ تشويشناڪ انداز ۾، اُتي بيٺل، ”اعليٰ عملدارن“ کي ٻڌائڻ لڳو ته هن کان وڌيڪ ڪؤڙا هنيا ويا ته سچل مري ويندو. اعليٰ عملدارن جي اشاري تي سچل جا هٿ پير ڇوڙي، کيس اسٽينڊ تان لاهي، سندس بيهوش جسم کي جيل جي کوليءَ ۾ اڇلايو ويو. +* * * +سچل يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي. ڪري رهيو هو ته ”جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ“شروع ٿي ويئي. سچل به يونيورسٽيءَ جي هڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو روشن خيال نظرياتي ڪارڪن هو. ليڪن تقرير ڏاڍي جوشيلي انداز ۾ ڪندو هو. سندس تقرير ٻڌندڙن ۾ وڏو جوش و خروش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيندي هئي. +جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ آهستي آهستي زور وٺڻ لڳي. هر طرف جلسا ٿيڻ لڳا. جلوس نڪرڻ لڳا، هڙتالون ٿيڻ لڳيون، جنهن جي نتيجي ۾ وري پهرين ڳوڙها آڻيندڙ گئس، پوءِ لاٺي چارج کان ٿيندو معاملو وڃي فائرنگ تائين پهتو. هڪ طرف گن مشينن جو گهمنڊ هو ته ٻئي طرف حوصلي جي بلندي هئي. هزارين جوشيلا جوان روڊ بلاڪ ڪري رهيا هئا. لاٺي چارج ۾ مٿا ڦاڙائي رهيا هئا، رستا رت ۾ ڳاڙها هئا، پر پوءِ به نعرن جي گونج ۾ ٻُري رهيا هئا. هنن جوانن جي اڪثريت غريبن ۽ شاگردن جي هئي. وڏا ليڊر گهڻو ڪري يا ته پنهنجي ڊرائنگ رومس مان اخباري بيان ڏيئي رهيا هئا يا گرفتاري پيش ڪري، جيل ۾ ’اي‘ ۽ ’بي‘ ڪلاس لاءِ ’جدوجهد‘ ڪري رهيا هئا. +ٻَڌ ٻَڌان شروع ٿي ويئي ۽ بيشمار ماڻهو گرفتار ٿيا. ڪيترا ته معافي ناما لکي آزاد ٿي ويا. ليڪن جن ڪنڌ نه جهڪايو، اُنهن تي بغاوت، آتش زني، سرڪاري ملڪيت تباهه ڪرڻ ۽ امن ۾ خلل وجهڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا. تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ طاقت جو بي انتها استعمال ٿيو ۽ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويا. تڪڙين عدالتن، تڪڙا ڪيس هلايا ۽ هر ”باغي“ کي اسي ڪؤڙا ۽ ڪيترن ئي سالن جي ٽيپ ملي. +سچل به هر جلسي ۾ تقريرون ڪيون ۽ هر جلوس ۾ شامل رهيو. هو جمهوريت کي واقعي به سڀني مسئلن جو حل سمجهندو هو. روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان صرف جمهوريت ۾ ئي ممڪن هو. مسڪين ماڻهن لاءِ روزگار، تعليم ۽ صحت جا درواز صرف جمهوريت ۾ ئي کُلي ٿي سگهيا. هو جهموريت لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هو. +سچل به پنهنجن سڀني ساٿين سميت گرفتار ٿيو. مٿس بغاوت جو ڪيس هلائي، کيس اسي ڪؤڙن ۽ ڇهن سالن جي ٽيپ ڏني ويئي. بيشمار نوجوانن وانگر سچل به ڪؤڙا کائي، جيل اندر پنهنجي سزا پوري ڪرڻ لڳو. کيس ڪؤڙا کائڻ ۽ جيل ۾ وڃڻ جي ڪا ندامت نه هئي پر مائٽن جو اُلڪو ضرور هئس. +هو پنهنجن مائٽن جو اڪيلو پٽ هو. سندس پيءُ پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري استاد هو. هر مائٽ وانگر سچل جي ماءُ پيءُ به سچل لاءِ وڏا خواب ڏٺا هئا، جن جي ساڀيا لاءِ کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو هو. سچل سان ملڻ لاءِ سندس پيءُ جڏهن جيل ۾ آيو ته کيس شيخن جي پويان ڏسي پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو، پر سچل کيس آٿت ڏني. ”توهان ڏسي وٺجو بابا سائين، جمهوريت جو سج ضرور اُڀرندو. هي ڏکيا ڏينهن به گذري ويندا ۽ حقدار کي پنهنجو حق ضرور ملندو. عوامي حڪومت ايندي ۽ عوام ئي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو.“ سچل پوري اعتماد سان پيءُ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. +سچل جو پيءُ، ميهني ۾ ٻه دفعا کيس ملڻ لاءِ ايندو رهندو هو ۽ ڳوٺ جا حال احوال به ڏيندو رهندو هو. سچل جيل ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ قيدين کي گڏ ڪري اُنهن کي جمهوريت تي ليڪچر ڏيندو هو. شروع شروع ۾ کيس ملڻ لاءِ پارٽي جا ڪيترائي ڪارڪن ايندا هئا ليڪن آهستي آهستي انهن ملاقاتين جو انگ گهٽ ٿيندو ويو ۽ آخر ۾ صرف هڪڙو ملاقاتي وڃي بچيو ۽ اُهو هو سچل جو پيءُ. +ليڪن سچل همٿ نه هاري. کيس جمهوريت ۽ پنهنجي پارٽي ليڊرن تي پورو اعتماد هو. جمهوريت، جيڪا هر بيماري ۽ هر درد جي دوا هئي، جنهن کي سچل محبوبه وانگر چاهيو هو، جنهن لاءِ هن مائٽن جي خوابن جي به پرواهه نه ڪئي هئي، جنهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ خوشيءَ سان زنجيرون پائي ويٺو هو ۽ جيل جون صعوبتون وڏي صبر ۽ جذبي سان برداشت ڪري رهيو هو. +وزير تعليم پنهنجي کاتي جي اهم ڪامورن سان گڏجاڻي ڪري رهيو هو ته کيس انٽرڪام تي سندس پي. اي ٻڌايو ته ڪو سچل نالي ماڻهو آيو آهي، جيڪو وزير صاحب سان ملڻ لاءِ ڏاڍو گوڙ ڪري رهيو آهي. +”ڪير سچل؟ توکي خبر ڪانهي ته آءٌ اهم پاليسي ميٽنگ ۾ مصروف آهيان“، وزير صاحب پي. اي کي ڇنڊ پٽيندي چيو. +”سائين، مون هن کي ڏاڍو سمجهايو آهي پر مڃي ئي نٿو. چوي ٿو ته آءٌ مارشل لا واري دور ۾ سائينجن سان جيل ۾ گڏ هئس.“ پي. اي تڪڙ ۾ وضاحت ڪئي. +”چڱو ويهارنيس ۽ ميٽنگ کان پوءِ موڪلجانس.“ +وزير صاحب انٽرڪام رکندي، بيزاريءَ مان آفيسرن کي چوڻ لڳو، ”يار! ڏاڍو اچي هنن جيالن مان ڦاٿا آهيون. هر روز ڪونه ڪو جيالو زوري آفيس ۾ گهڙيو اچي. اڙي بابا ڪير سمجهائي هنن کي ته توهان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، جمهوريت اچي ويئي، هاڻي وڃي پنهنجي ڪم ڌنڌي جي ڪريو، اسان جو رت ڇو ٿا پيئو.“ +”سائين! هنن جيالن ته اسان کي به ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. درخواستن تي سائينجن جو نوٽ لڳل ڏسي کڻي ٿا چُپ ڪريون.“ هڪ ڊي. اي. او صاحب موقعي جو فائدو وٺڻ لڳو. +”اڙي نه بابا نه. نوٽ ته آءٌ هزارن ماڻهن کي هڻي ٿو ڏيان پر صرف جان ڇڏائ�� لاءِ. نوڪريون صرف انهن ماڻهن کي ڏيڻيون آهن، جن جي لسٽ آءٌ توهان کي ڏيان“ وزير صاحب ڊي. اي. او کي تنبيهه ڪئي. +ميٽنگ کان پوءِ سچل کي سڏ ٿيو ته هن وزير صاحب کي ڀاڪر پائي ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزير صاحب ڪرسيءَ تي ئي ويٺي هٿ ڏنو. +”ها بابا ٻڌايو، ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ وزير صاحب رُکائيءَ مان پڇيو. وزير جي سرد مهري ڏسي سچل ٿورو هٻڪيو، پر همٿ ڪري چيائين، ”سائين پاڻ جيل ۾....“ +”ها ها، اُهو مون کي ياد آ، پر مون پڇيو ته ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ وزير سچل جي ڳالهه ڪٽيندي وري پڇيو. +سچل کي سندس لهجي تي حيرت به ٿي ۽ غصو به آيو، ”هي اُهو ساڳيو ماڻهو آهي جيڪو جيل ۾ اسان سان گڏ هو. سچل دل ۾ سوچيو. +”سائين جيل ۾ وڃڻ کان پهرين آءٌ يونيورسٽي يونٽ ۾ فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري هئس ۽ ايم. اي. ۾ پڙهندو هئس. جيل جي ڪري ايم. اي. ته اڌ ۾ رهجي ويئي پر مون وت بي. اي جي ڊگير آهي. بيروزگار آهيان، مهرباني ڪري ڪنهن نوڪريءَ سان لڳايو.“ +”بابا نوڪريون آهن ڪٿي جو ڏيون. دعا ڪر ته ڪي جام نوڪريون اچن ته ويهي ورهايون.“ وزير بيزاري مان وراڻيو. +”سائين! ڪجهه نوڪريون آيون ته آهن، اخبار ۾ مون پڙهيو....“ +”اهي نوڪريون اسان هر ايم. پي. اي کي ڪوٽا مطابق ڏيئي ڇڏيون آهن، جو مٿان جو حڪم ئي اهڙو هو. تون وڃي پنهنجي تڪ جي ايم. پي. اي کي منٿ ڪر، اُهوئي تنهنجي نالي جي سفارش ڪندو.“ وزير وري ڳالهه ڪٽندي چيو. +سچل خاموشيءَ سان اُٿي هليو آيو. کيس هن وزير وٽان نوڪري ملڻ جي ڪا اميد نه هئي. سچل گهر آيو ته سندس پيءُ ڏانهن اُميد ڀريل نظرن سان ڏٺو. سچل جو پيءُ هاڻي رٽائر ٿي چڪو هو ۽ گهر جو گذر سفر صرف سندس پينشن تي هو. +سچل ٻئي ڏينهن پنهنجي تڪ جي ايم. پي. اي وٽ ويو پر اُن به کيس سولو منهن ڪونه ڏنو. پوءِ هو واري واري سان هر وزير، ايم. پي. اي ۽ ايم. اين. اي وٽ ويو. پارٽي اڳواڻن وٽ ويو ته سائين مون کي ڪو روزگار ڏيو، ڪابه هلڪي ڦلڪي نوڪري ڏيو، پٽيوالي ئي ڏيو پر مون کي بيروزگاريءَ جي عذاب مان ڪڍو. هر طرف بهانا هئا. آسرا هئا، ڇڙٻون هيون، جيالي هجڻ جا مهڻا هئا ـــ پر ڪا نوڪري ڪانه هئي. هن لاءِ مائٽن سان اکيون ملائن به ڏکيو ٿي پيو هو. آفيسن ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ به ڀاڙو کپي، پر اُهو به ڪٿان اچي؟ پينشن مان ته پيٽ به پورو نٿي ٿيو. +مايوس ٿي سچل بئنڪ مان قرض کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڪو ڌنڌو ڌاڙي شروع ڪري سگهي، پر اُتان کيس جواب مليو. قرض کڻڻ لاءِ سچل وٽ نه ته ڪو ضمانتي هو ۽ نه رشوت ڏيڻ لاءِ ڪو ڏوڪڙ. +مايوسيءَ جو زهر سندس رڳن ۾ اڃا به وڌيڪ ڦلجڻ لڳو، جڏهن هن اخبار ۾ پڙهيو ته ڊي. ايس. پي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جون نوڪريون، بنا امتحان جي صرف وزيرن ۽ مشيرن جي اولاد کي مليون هيون. سندس تڪ جي منسٽر جا ته ٻه پٽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيا هئا. همٿ ڪري ٻيهر سيڪريٽري جو رخ ڪيائين، جتي کيس ايجنٽ مليا. +”نوڪري کپي توهان کي؟“ هڪ ايجنٽ رازدارانه انداز سان سچل کان پڇيو. سچل جو هاڪار ۾ جواب ٻڌي پڇيائين، ”ڪهڙي نوڪري؟“ +”جيڪا به ملي.“ +”پرائمري ماستري 15 هزار، ڪلارڪي 25 هزار، اي. ايس.آءِ لک روپيا، ڪسٽم آفيسر پنج لک، ڊي. ايس. پي ڏهه لک...“ +ايجنٽ جون اهي ڳالهيون ٻڌي سچل جو مٿو چڪرائڻ لڳو. +”هي آهي اُها جمهوريت، جنهن لاءِ اسان ڪؤڙا کاڌا، جيل ڪٽياسين، ذلتون برداشت ڪيوسين. اسان ته ماڻهن کي عزت ۽ آجپي جا خواب ڏيکاريا هئا، هتي ته اسان کي ئي عزت ڪانه ٿي ملي. جيالو لفظ، جيڪو ڪڏهن وڏو معتبر لقب هو، اُهو هاڻي گار بنجي ويو آهي.“ سچل تي جنون سوار ٿي ويو. عرصي کان رجندڙ غصو آتش فشان بنجي ويو ۽ هو سڌو هوم منسٽر جي ڪمري ۾ ڌوڪيندو ويو، جيڪو پارٽي جو اهم عهديدار پڻ رهي چڪو هو. هن کي روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ويئي ليڪن هن جي جسم ۾ بجلي ڀريل هئي. سڀني کي ڌڪا ڏيندو، وڃي منسٽر جي اڳيان بيٺو. هوم منسٽر وٽ ڪجهه دوست ويٺل هئا ۽ ٽيبل تي ڪافي لوازمات سجايل هئا. سچل کي زبردستي اندر ايندو ڏس، هو تپي لال ٿي ويو. +”هي ڇا بدتميزي آهي، ڪهڙو طريقو آهي اندر اچڻ جو هي؟“ +”منسٽر صاحب، توهان جي آفيس جي ٻاهران نوڪريون سرِعام نيلام پيون ٿين، ليڪن توهان وٽ اسان ڪارڪنن لاءِ ڪا نوڪري ڪانهي. اهي منسٽريون توهان کي اسان جي قربانين سان مليون آهن. جيل اسان وياسين، ڪؤڙا اسان کاڌا آهن، هي ڏسو...“ سچل پنهنجي قميص مٿي ڪري پنهنجا پُٺا ڏيکارڻ لڳو، جيڪي ڪؤڙن جي نشانن سان چچريا پيا هئا. +”توهان جيالن جو وڏو مسئلو اِهو آهي ته توهان کي ڳالهائڻ جي تيمز ڪانهي. توهان قربانيون جمهوريت لاءِ ڏنيون هيون، ڪو مون تي ٿورو ڪونه ڪيو هو. هي منسٽري مون کي توهان جيالن جي ڪري نه پر منهنجي خانداني وفاداريءَ جي ڪري ملي آهي.“ مسٽر صاحب تپي ڳاڙهو ٿي چڪو هو. ”هاڻي ٽر هتان... گيٽ آئوٽ... نه ته ڏاڍو بڇڙو ٿيندين.“ +سچل به آپي کان ٻاهر نڪري چڪو هو، ”آءٌ توهان کي خوب سمجهيو ويو آهيان، منسٽر صاحب! توهان اسان غريب ڪارڪنن جي رت جو سودو ڪرڻ وارا آهيو. اسان جي قربانين کي ڪئش ڪرائڻ وارا آهيو. توهان جا غير جمهوري رويا....“ +”بڪواز بند ڪر، توهان جيالن جو دماغ ايڏو خراب ٿي ويو آهي.“ منسٽر رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي عملي کي حڪم ڪيائين، جنهن سچل کي سوگهو کڻي ڪيو ۽ حد جي صوبيدار کي گهرائي سچل کي اُن جي حوالي ڪيو ويو. +ٿاڻي تي سچل کي پهرين ته خوب ”مزو“ چکايو ويو ۽ پوءِ مٿس ايف. آءِ. آر داخل ڪري کيس ڪورٽ ۾ چالان ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته سچل پستول کڻي، هوم منسٽر تي قاتلاڻو حملو ڪيو هو. هٿ ٺوڪين گواهن جي گواهي، سچل کي ٻيهر جيل پهچائي ڇڏيو. +سچل جي ماءُ اِهو صدمي سهي نه سگهي، ۽ خاموشي سان هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويئي. سچل جو سڄو جوش و خروش ختم ٿي چڪو هو. هو اندران ڀڄي ڀُري چڪو هو. مائٽن جي خوابن ۽ پنهنجن آدرشن جو اهڙو حشر! سندس قربانين ۽ جدوجهد جو هي انعام! +جيل ۾ هن پهرين به ڇهه سال گذاريا هئا، ليڪن اُهي پر اميد ڏينهن هئا. روشن مستقبل جي آسري ۾ گذري ويا. ليڪن هن دفعي ته سڀ اميدون دم ٽوڙي ويون. +اڳيان هڪ ڊگهي تاريڪ سرنگهه هئي، جنهن جي اختتام تي به ٻاٽ اونداهي هئي، سندس قوت ارادي ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ هو بيمار ٿي پيو. ٽي. بي جهرو موذي مرض کيس وڪوڙي ويو. +جڏهن جيل مان نڪتو ته ٽي. بي خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي هئي. سندس پيءُ کيس گهر وٺي وڃڻ جي بجاءِ، ٽي. بي سينيٽوريم ۾ اچي داخل ڪرايو. ٽي. بي اهڙو مرض آهي جنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سٺي غذا ۽ سٺيون دوائون کپن، جيڪي نه ته سرڪار وٽ هيون ۽ نه سچل جي پيءُ وٽ. +سچل جا ڦڦڙ پروڻ ٿي چڪا هئا. کنگهندو هو ته سندس وات رت سان ڀرجي ويندو هو. علاج جي نالي ۾ جيڪو ناٽڪ ٿيندو هو، تنهن سچل کي اڃا به گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو. حالت سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي ويئي. +اڄ سينيٽوريم ۾ سڀني مريضن کي صاف ڪپڙا پارايا ويا. وارڊ جي خصوصي صفائي ٿي ۽ مريضن کي دوائون به پوريون مليونڇو ته اڄ صحت جي وزير کي دورو ڪرڻو هو. سچل همٿ ڪري هڪ نرس کان پڇيو: ”سسٽر، اڄ ته چوڏهين آگسٽ به ڪونهي، پوءِ وزير صاحب دوري تي ڇو پيو اچي؟“ +”اڄ سينيٽوريم جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف ’جشنِ جمهوريت‘ ملهائڻ لاءِ فنڪشن جو بندوبست ڪيو آهي ۽ وزير صحت اُن ۾ خاص مهمان آهي، تنهنڪري هو وارڊن جو چڪر به لڳائيندو ۽ مريضن ۾ فروٽ به ورهائيندو. +”جشنِ جمهوريت!“ سچل حيرت مان چيو ۽ سالن کان پوءِ کلڻ جي ڪوشش ڪئي پر کلڻ جي بجاءِ کيس کنگهه اچي ويئي. کنگهه ايڏي ته زوردار هئي جو سچل جا ڦڦڙ چيرجي پيا ۽ هن رت جي زوردار الٽي ڪئي، جنهن سندس بيڊ جي سفيد چار کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. +ٻاهر دهلن ۽ شرناين سان وزير جي آجيان ٿي رهي هئي. فوٽوگرافرن جو هڪ ٽولو وارڊ ۾ داخل ٿيو جنهن پنهنجا ڪئميرا سيٽ ڪيا ۽ پوءِ وزير صاحب وارڊ ۾ داخل ٿيو. کيس ڳاڙهن گلابن جا هار پاتل هئا. هو هر مريض کي فروٽ جي ٿيلهي ڏيئي چئي رهيو هو. +”چئو جمهوريت زنده باد.“ +”جمهوريت زنده باد“ مريض چئي رهيا هئا ۽ فوٽو به نڪري رهيا هئا. +وزير صاحب جڏهن سچل جي ويجهو پهتو ته اُن جي چئني طرف رت جي الٽي ڏسي، کيس ڪراهت جو احساس ٿيڻ لڳو. فروٽ جي ٿيلهي سچل جي پيرن وٽ رکي هو لنوائي اڳتي وڌڻ لڳو ته سچل همٿ ڪري ٿورو اُٿيو ۽ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته کنگهه جو دورو پيس. +”جه.....م......هو.....ر.....يت......“ +سندس وات رت سان ڀرجي ويو ۽ هو ساڻو ٿي ڪِري پيو. +ايوب عُمراڻي +اندر جي اوندهه +ٽيڪسيءَ ۾ ويهڻ لاءِ پهريون پير رکندي مهتاب مون ڏانهن ڏٺو. چهري تي اُداسي ۽ وياڪلتا نمايا هئس. نيڻن ۾ پاڻي ڀرجي آيو هئس. مان اسپتال جي گيٽ تي بي حس و حرڪت بيٺو رهيس. ڊرائيور ٽيڪسي اسٽارٽ ڪئي ته اڳينءَ سيٽ تي ويٺل عبدالڪريم هٿ لوڏي موڪلايو. ڏٺم ته مهتاب رئي جي پلئه سان اکيون اُگهي رهي آهي. جڏهن ٽيڪسي هلي ته مهتاب شيشي مان مون ڏانهن ڏسندي رهي. ٽيڪسي تيزيءَ سان اڳتي وڌي ويئي ۽ چند لمحن ۾ ٽريفڪ جي درياهه ۾ ٻُڏي گم ٿي ويئي! +”مهتاب!“... ڪيڏو نه عجيب ۽ پيارو نالو آهي! هڪ سال اڳ اِهو نالو منهنجي لاءِ بلڪل اوپرو ۽ اجنبي هو. مان اِن نالي سان مانوس تڏهن ٿيس، جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو منهنجي وارڊ ۾ داخل ٿي هئي. منهنجو رويو ساڻس بلڪل عام مريضن جيان هو. مون هن تي بلڪل اوتروئي توجهه ڏنو، جيترو عام طور تي هڪ ڊاڪٽر کي ڪنهن مريض تي ڏيڻ گهرجي. اُن وقت سندس پورهي ماءُ کيس داخل ڪرائيندي ايتروئي ٻڌايو هو ته ”مهتاب هڪ حساس ڇوڪري آهي. اڪثر شاعريءَ جا ڪتاب پڙهندي آهي ۽ پوءِ سوچن ۾ گم ٿي ويندي آهي. عجيب حالت ٿي ويندي اٿس، زور زور سان ٽهڪ ڏيندي وري سُڏڪي پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به شاعري ڪندي آهي.“ مون مهتاب جو اِهو علاج ڪيو ته ساڻس ڪچهري ڪندي کيس پنهنجا ڪچا ڦڪا شعر ٻڌائيندو رهيس ۽ پوءِ کيس ٻڌايم ته ”هي شاعر ماڻهو عام ماڻهن کي ڏکن ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ اڪثر غير سائنسي ڳالهيون ڪندا آهن. اڄڪلهه جي جديد سائنسي دؤر کي شعرن جي ڪابه ضرورت ناهي.“ شاعرن تي منهنجي تنقيد کيس صفا نه وڻندي هئي، پوءِ مون اٽڪل ڪري هڪ ٻن شاعرن کي منٿ ڪري مهتاب سان ملاقات ڪرائي. کين اڳ ئي اِهو سمجهائي ڇڏيم ته هو اِن ڳالهه جو اقرار ڪن ته سندن شاعريءَ جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي. هُو نه محبوب لاءِ آسمان جا تارا ٽوڙي سگهن ٿا، نه ئي سوا نيزي جي سج تي بيهي محبوب جي جدائيءَ جو غم برداشت ڪري سگهن ٿا. هنن ته صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ شاعري ذريعي اهڙيون غير سائنسي ۽ تصوراتي ڳالهيون ڦهلايون آهن! +شاعرن سان ملاقات کان پوءِ مهتاب جي طبيعت ۾ حيرت انگيز تبديلي اچي ويئي، آهستي آهستي هو نارمل ٿيڻ لڳي. ايتريقدر جو هفتي ڏيڍ ۾ کيس گهر وڃڻ جي اجازت ملي ويئي. پر ٻئي دفعي جڏهن هوءَ Psyco case بنجي انتهائي خطرناڪ حالت ۾ داخل ٿي ته مان حيران ٿي ويس. مون کي محسوس ٿيو ته شاعريءَ کان سواءِ ٻي به ڪا ڳالهه آهي، جنهن هن خوابن جي پريءَ جهڙي ڇوڪريءَ کي ذري گهٽ پاڳلپڻي جي آخري اسٽيج تي پهچائي ڇڏيو آهي. مون کي اِن ڳالهه جو شديد احساس ٿيو ته اڳئين ڀيري منهنجي علاج ۾ ضرور ڪا ڪمي رهجي ويئي آهي. مون سندس شاعريءَ سان دلچسپيءَ جي بنيادي ڪارڻ کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. اصل حقيقت ته ڪا ٻي هئي، جنهنڪري هن شاعريءَ پڙهي فرار حاصل ڪرڻ پئي چاهيو. هاڻي جڏهن اُهو مسئلو حل ئي نه ٿيو آهي ته هوءَ ٻيهر نفسياتي مريضه بنجي ويئي آهي. هن ڀيري مهتاب سان گڏ سندس ننڍي ڀيڻ آئي هئي. مهتاب جي حالت ايتري ته خراب هئي جو في الحال ته فوراً کيس ننڊ جي انجيڪشن ڏيئ ڇڏيم. مون سندس ننڍي ڀيڻ کان سوال ڪيو: +”مهتاب هاڻي شاعري پڙهندي آهي؟“ +”جڏهن کان هِتان علاج ٿيو هوس، شاعريءَ پڙهڻ ڇڏي ڏني هئائين.“ +”ڏسو! ڊاڪٽر کان ڪابه ڳالهه لڪائبي ناهي. جيڪڏهن ڪا ڳالهه لڪائبي ته علاج صحيح طرح نه ٿي سگهندو. اڳئين ڀيري به شايد توهان مهتاب بابت مون کي مڪمل طرح نه ٻڌايو هو ۽ اِن ڪري سندس علاج ۾ ڪا ڪمي رهجي ويئي، جنهن ڪري ٻيهر هن تي ساڳي بيماريءَ جو حملو ٿيو آهي.“ +مهتاب جي ننڍي ڀيڻ تعليم يافته هئي. منهنجي ڳالهه سمجهي ويئي. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مهتاب جي بيماريءَ جو اصل ڪارڻ حافظ عبدالڪريم آهي.“ +”حافظ عبدالڪريم؟“ مون حيرت مان پڇيو. +”ها، حافظ عبدالڪريم، جو مهتاب جو مڙس آهي. هُو اکين کان معذور آهي. مهتاب ننڍي هوندي کان ئي سندس نالي ٿيل هئي. اسان ڳوٺان ڪراچي شفٽ ٿي آياسين ته بابا حافظ کي ساڻ وٺي آيو، هتي ئي شادي ٿي.“ +”Oh! What a great tragedy“ مون چيو، ”ڀلا مهتاب اُن شاديءَ خلاف ڪا مزاحمت نه ڪئي؟“ +”مهتاب اُن وقت ٻهراڙيءَ مان شفٽ ٿيل ڇوڪري هئي ۽ سندس عمر به چوڏهن کن سال مس هئي.“ +”توهان اِها ڳالهه پهريائين مون کان ڇو لڪائي؟ هي ته انتهائي سيريس ڪيس آهي، جنهن کي مان هڪ آرڊنري ڪيس سمجهي هينڊل ڪندو پئي رهيس.“ +هن رڳو ايترو چيو: ”آءِ ايم ساري ڊاڪٽر! اسان عورتن جون ڪجهه مجبوريون اهڙيون ٿين ٿيون، جو اسان گهڻو چاهيندي به حقيقتن کي ذروبه سامهون آڻي نه سگهندا آهيون.“ +شام جو جڏهن مهتاب کي هوش آيو ته مون ڪنهن به ماڻهوءَ کي هن جي ويجهو وڃڻ نه ڏنو. سچ پچ مون کي سانس وڏي همدردي ٿي پيئي هئي. ڪٿي هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري ۽ ڪٿي هڪ انڌو مڙس! مون پنهنجي پرئڪٽس دوران ڪجهه اهڙين ڇوڪرين کي ضرور ڏٺو هو جن بدنصيبن کي پاڻ کان وڏيءَ عمر جي مردن سان زبردستي شادي ڪرائي ويئي هئي يا حق بخشرائي گهر ۾ ويهاريون ويون هيون. پر هيءُ پهريون ڀيرو هو جو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪنهن پڙهيل لکيل نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ کي هڪ نابين جي حوالي ڪري سندس وجود ۾ اونده ڀري ويئي هئي! ڪراچي، جتي جون ڇوڪريون هميشه فلمي هيرو جهڙن نفيس ڇوڪرن جا خواب ڏسنديون آهن، جتي محبت پهرين ۽ شادي پوءِ ٿيندي آهي، اُن ئي شهر ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي آگ جي اوڙاهه ۾ اُڇلايو ويو هو! +هوش ۾ اچڻ وقت هوءَ ڪافي ٿڪل هئي. مان سندس لاءِ چانهه کڻي ويس. هوءَ مون کي ڏسڻ سان سڃاڻي ويئي، ڇو ته اُن وقت نارمل حالت ۾ هئي. حيرت مان چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! هي ڇا توهان پاڻ پيا تڪليف ڪريو؟“ +”مهتاب، اِن ۾ تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي. چانهه تيار هئي، سوچيم متان توهان به پيئو، اِن ڪري کڻي آيس.“ +هن چانهه جو ڪوپ مون کان ورتو. چانهه پي ڪوپ اسٽول تي رکي ڇڏيائين. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مون شاعري پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي، پر پوءِ به منهنجي من ۾ اونده انڌوڪار آهي!“ +چيومانس: ”رليڪس مهتاب! تون ته تمام همت واري ڇوڪري آهين! اِهو رڳو توسان ناهي، پر اڄڪلهه جي دور ۾ هر انسان جي من ۾ اونده ڀريل آهي. هر انسان ڪامپليڪس جو شڪار آهي. مان سائڪالاجسٽ آهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن مان به اهڙن ذهني مونجهارن ۾ ڦاسي ويندو آهيان جو ذري گهٽ نفسياتي مريض بنجي ويندو آهيان. خاص طور تي محبت جي معاملي ۾ ته مان صفا بدنصيب رهيو آهيان. ان معاملي ۾ منهنجي اندر ۾ اُڻٽيهين اونداهي آهي، ڪا جگنو جيتري روشني به نه آهي!“ +محبت جو نالو ٻڌڻ تي هوءَ ڇڪري پيئي. چيائين: ”ڇا توکي محبت ۾ ڪو دوکو مليو آهي؟“ +”دوکو نه پر دوکا مليا آهن.“ +”ڪنهن کان؟“ +”مهربانن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي. مون کي ڪٿان به سچو پيار نه مليو آهي، مهتاب! مان ندنصيب آهيان!“ +منهنجي ڳالهه ٻڌي پهرايئين ته مون کي حيرت وچان ڏسندي رهي، پوءِ چيائين: ”تو ڀلا ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي؟“ +”ها ڪئي هيم!“ چيومانس. +”پوءِ؟“ هن تجسس وچان چيو. +”اُن ڇوڪريءَ مون سان شادي ڪئي، پر هينئر اُها ڇوڪري انڌي آهي!“ +”انڌي آهي؟“ هن ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو. +”ها مهتاب! هوءَ عقل جي انڌي آهي! مون گذريل پنجن سالن کان وٺي ساڻس هر طرح سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ساڻس محبت ڪئي آهي، پر هن مون تي رڳو شڪ ڪيا، پهرا ڏنا، منهنجي خلاف اُفواهه هلائي مون کي بدنام ڪيو. هن منهنجي زندگي زهر بنائي ڇڏي آهي. مان ته ڪڏهن ڪڏهن نفسياتي مريض بڻجي خودڪشي ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو آهيان!“ +هن ٿڌو ساهه کڻندي چيو: ”اوهه ڊاڪٽر! توسان ته بلڪل مون جهڙي حالت آهي! تنهنجي زال عقل جي انڌي آهي ۽ منهنجو مڙس اکين کان انڌو آهي! هُو به مون تي سڄو ڏينهن شڪ ڪندو رهندو آهي. مون کي ته ڏٺي ئي نه وڻندو آهي!“ +”مهتاب! پاڻ کي هاڻي اُنهن ٻنهي انڌن مان جان ڇڏائڻي پوندي. تون نوجوان آهين. خوبصورت آهين، مان توکي ڪنهن انڌي جي زال ٿيڻ نه ڏيندس. جيڪڏهن تون بُرو نه سمجهين ته مون کي پنهنجي اونداهي دنيا ۾ روشنيءَ جو ترورو سمجهي سگهين ٿي. سچ پچ ته منهنجي دل تنهنجي چاهت ۾ تڏهن کان ڌڙڪڻ شروع ڪري ڏنو هو، جڏهن تون هِت پهريون ڀيرو آئي هئينءَ. پر ڇا ڪجي. ڊاڪٽر ۽ مريض جو رشتوئي اهڙو آهي جو ماڻهوءَ کي هڪ حد ۾ رهڻو ٿو پوي.“ +منهنجيءَ ڳالهه تي اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. منهنجي هٿ کي پنهنجي نازڪ هٿ ۾ وٺندي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون مون سان ڪوڙ ته نٿو ڳالهائين. ڇا تون مون سان سچ پچ محبت ڪرين ٿو؟“ +چيومانس: ”مهتاب! مان توسان محبت کي عبادت ٿو سمجهان. پاڻ ٻنهي کي محبت ڪرڻ جو حق حاصل آهي. پاڻ ڪيترو وقت انڌن جي رحم و ڪرم تي رهنداسين!“ +منهنجي ڳالهه ٻڌي چهري تي نکار اچي ويس. چيائين: ”ڊاڪٽر! مان اڄ ايتري خوش آهيان، جو پاڻ کي ڪڪرن، سمنڊن ۽ پهاڙن مٿان اُڏامندي پيئي محسوس ڪريان. دل چاهي ٿي ته پاڻ اڪيلا اڪيلا دور ڪنهن ڳوٺ ڏانهن نڪري هلون، جتي هڪ سادي جهوپڙي هجي، اُن ۾ رهون. چوڌاري چُهچ سايون ٻنيون هجن، تون ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرين ۽ مان تولاءِ ماني کڻي اچان. تون مون سان دير سان ماني کڻي اچڻ تي رُسين ۽ مان توکي پرچايان!“ +”واهه! ڇا ته شاعرانه ۽ رومانٽڪ منظر نگاري آهي! جيڪڏهن تنهنجي اها خواهش آهي ته پوءِ پنهنجيءَ ڀيڻ کي ڪنهن بهاني سان گهر موڪل ته سڀاڻي آچر تي توکي ٻهراڙي گهمائي اچان!“ +چيائين: ”مان اديءَ کي گهر موڪلي ڪپڙا گهرائي ٿي وٺان، سڀاڻي ضرور آئوٽنگ تي هلنداسين.“ +ٻئي ڏينهن مون کيس پنهنجي ڪار تي کينو. هن مڪمل تياري ڪئي هئي. ٽِڪن تي ڀريل ڪاٽن جو ڳاڙهو وڳو سندس سونهن کي چار چنڊ لڳائي رهيو هو. ڏهين وڳي اسان ڄامشوري پُل جي المنظر ريسٽورينٽ تي پهتاسين. اُتي پلو کائي اڳتي وڌياسين ۽ ٽنڊي ڄام کان پري هڪ ڪچي لِنڪ روڊ تي مُڙي انبن جي هڪ باغ وٽ اچي بيٺاسين. انبن جي موسم هئي ۽ باغ ۾ انب پڪل ۽ اڌ پڪل حالت ۾ وڻن تي لٽڪي رهيا هئا. مون گاڏيءَ جو هارون وڄايو. باغ ۾ ٺهيل جهوپڙيءَ مان هڪ اڌڙوٽ عمر جو شخص پَن جي ٻيڙي ڇڪيندي ٻاهر نڪتو. جڏهن اسان جي ويجهو آيو، تڏهن مون تي نظر پوندي ئي ذري گهٽ رڙ ڪندي چيائين: ”اڙي انب آهين ڇا!“ +مان مُرڪندو رهيس. هن ڊوڙي اچي مون کي ڀاڪر وڌو. ڊگهي خوش خير عافيت کان پوءِ جڏهن سندس نظر مهتاب تي پيئي ته کيس حيرت مان تڪڻ لڳو. چيومانس: ”چاچا خميسا! هيءَ مهتاب آهي!“ ۽ مهتاب جو توجهه چاچي خيمسي ڏانهن ڇڪائيندي چيم: ”۽ هي چاچو خميسو آهي، هن انب جي باغ جو مالڪ، هاري ۽ رکوالو کيس انبن سان ايتري محبت آهي جو هو مون کي به ننڍي هوندي کان وٺي انب سڏيندو آهي!“ اِن ڳالهه تي مهتاب کان ٽهڪ نڪري ويو. +چاچي خميسي چيو: ”ڀلا غريب خاني تي هلندا يا هِتان ئي واپس ٿيندا؟“ مون چاچي خميسي کي ٿورڙو پري وٺي وڃي ڳالهه سمجهائي ۽ پوءِ مهتاب ڏانهن آيس. چيومانس: ”مهتاب! ڇا خيال آهي، انبن جي باغ واري رومانٽڪ ماحول ۾ رهڻ پسند ڪنديون يا چاچي خميسي جي گهر هلنديون؟“ +چيائين: ”ههڙو ماحول ته مون صرف خوابن ۾ ئي ڏٺو آهي!“ +چاچي خميسي چيو: ”ٺيڪ آ، توهان ڀلي هِتي ئي رهو، مان توهان لاءِ ماني ٺهرائي ٿو اچان.“ +چيومانس: ”اڄ اسان نه ماني کائينداسين نه ئي ننڊ ڪنداسين، پر تنهنجي باغ جا انب کائينداسين!“ +کِلندي چيائين: ”پنهنجو باغ اَٿو ڍءُ ڪري کائو.“ +چاچو خميسو منهنجي منع جي باوجود ڳوٺ هليو ويو. مون مهتاب جي هٿ مان وٺي کيس واٽر ڪورس ڪراس ڪرايو ۽ سڌو باغ ۾ هليا آياسين. باغ ۾ گهڙڻ شرط مون کي ننڍپڻ ياد اچي ويو. مان سڀ کان وڏي ۽ گهاٽي انب جي وڻ تي چڙهي ويس. جڏهن هيٺ نظر ڪيم ته مهتاب غائب هئي! مون مهتاب کي زور سان سڏ ڪيو، پر سندس جواب ڀرسان وري ٽار تان مليو. هوءَ به منهنجي پٺيان انب جي وڻ تي چڙهي آئي هئي. مان کيس اُتي ڏسي ڏاڍو حيران ٿيس. هن هڪ پڪل انب کي ڇهندي چيو: ”ڊاڪٽر! مان اڪثر سوچيندي آهيان ته عورت به مرد لاءِ هڪ انب جيان ئي هوندي آهي. مرد سندس رت ست، سونهن ۽ سوڀيا ايستائين چوسيندو رهندو آهي، جيستائين سندس جسم ۾ جوڀن جو رس موجود هوندو آهي؛ پر جڏهن اُهو جوڀن جو رس ختم ٿي ويندو آهي ۽ عورت بلڪل چوپيل ڪوڪلي جهڙي ٿي پوندي آهي، تڏهن کيس ڦِٽو ڪيو ويندو آهي. +چيومانس: ”مهتاب! هروڀرو ائين به ناهي. ڪي مرد اهڙا به آهن جيڪي عورتن جي ظلم جو نشانو بنجن ٿا، اُن جو جيئرو جاڳندو مثال مان تنهنجي سامهون آهيان!“ +هو مون کي ڏسي خاموش ٿي ويئي. +مون ٻيهر ڳالهايو. چيومانس: ”مهتاب! مون کي خبر آهي ته تو شاعري پڙهڻ بند ڪري ڇڏي آهي، پر اڄ تون صرف مون لاءِ ڪو شعر نه ٻڌائيندينءَ؟“ +چيائين: ”مان توکي پنهنجو نثري نظم ٻڌايان.“ +چيومانس: ”بلڪل ٻڌندس.“ +هن نثري نظم ٻڌائڻ شروع ڪيو: +”اسان جي رحم جوڳي جيون تي، +کِلن ٿا ڪئين وڏا ماڻهو، +۽ تفريح هڪ نئين وياسين بنجي، +اُنهن لئه +ٽهڪ، چٿرون ۽ چيڙ جا نالا +لکي ڇڏيائون مقدر ۾. +جڏهن به ڪنهن گهٽيءَ مان، +گذر ٿو ٿئي، +ته تاڙيون، ٽهڪ ۽ هوڪرا ٿا مچن، +اسان جو اندوهناڪ جيون، +ڄڻ ڪو عجوبو آ، +جنهن تي مذاقون مچائي، +ماڻهن تفريح آ حاصل ڪئي! +۽ هر ماڻهو بيرحم جلاد آهي، +ڪوئي ناهي جو، +اسان جي دل جو آواز ٻُڌي.....“ +هن نثري نظم ختم ڪيو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. چيائين: ”خبر اٿئي، هي نثري نظم مون ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ لکيو آهي؟ هڪ پاسي منهنجو ا��ڌو مڙس مون تي شڪي آهي ته ٻئي پاسي اوڙي پاڙي جا ڪئين نوجوان مون کي ’انڌي جي زال‘ سمجهي ايترو ته بي غيرت، نيچ ۽ ڪميڻو سمجهن ٿا جو مان ڄڻ سندن هڪ اشاري سان پڪل انب جيان سندن جهوليءَ ۾ ڪِري پونديس! اُن آزار جي ڪري مان هفتن جا هفتا گهران نڪري نه سگهندي آهيان. مون کي ڏاڍا گندا ۽ غليظ جملا ٻڌڻا پوندا آهن.“ +مهتاب جي ڳالهه ٻڌي مون کي ساڻس ويتر همدردي پيدا ٿي پيئي. چيومانس: ”مهتاب! توکي جس آهي، تو تمام گهڻو ڀوڳيو آهي. تون درد جي ٻٽي عذاب مان گذري رهي آهين، پر تڏهن به ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍي اٿئي. ڇا تنهنجي مائٽن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو آهي؟“ +چيائين: ”هاڻي اِن ڳالهه جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي. ڪنهن جي غلطي محسوس ڪرڻ سان منهنجي زهر ڀريي جيون ۾ ڪو امرت ته نه ڀربو!“ +چيومانس: ”مهتاب! تون اڄ کان خوش گذار! زندگيءَ کي اِنجواءِ ڪر. تون هن زمين تي دک ڪٽڻ لاءِ پيدا نه ٿي آهين. سُکن ۽ خوشين تي به تنهنجو حق آهي.“ +منهنجي آٿت تي اکين ۾ ڳوڙها تري آيس، پر چهري تي زوريءَ مُرڪ آڻيندي چيائين: ”ٿئنڪ يو، سو مچ ڊاڪٽر!“ +مون سندس ئي رئي سان ڳوڙها اُگهيس ته سندس اکين ۾ زندگيءَ جو جوت جلڻ لڳي. +اسان سڄو ڏينهن باغ ۾ گذاريو. مان لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي کيس کِلائيندو رهيس. اسان شام جو سج لهڻ مهل ڳوٺ جي خوبصورت منظرن کي پنهنجي اکين ۾ ڀريندا ڏهين وڳي ڪراچي پهچي وياسين. هڪ ڏينهن جي اِن خوبصورت سفر جي ڪري اِها سڄي رات مهتاب ڀرپور ننڊ ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو دير تائين هوءَ ننڊ مان نه اُٿي. هوءَ اڃا ننڊ ۾ ئي هئي ته صبح جو سوير سندس ماءُ هڪ انڌي شخص کي ساڻ ڪري اچي ڪڙڪي. مون کي پڪ ٿي ويئي ته اِهو انڌو شخص مهتاب جو مڙس حافظ عبدالڪريم آهي. مهتاب جي ماءُ جي اِن حرڪت تي مون کي سخت ڪاوڙ آئي. مون کيس هڪ طرف وٺي وڃي چيو: ”توهان هن حافظ کي ساڻ وٺي آيون آهيو! جنهن شخص جي ڪري مهتاب هيتري تڪليف ۾ مبتلا ٿي آهي، توهان اُن کي هتي آڻي مهتاب کان خودڪشي ڪرائيندا ڇا؟“ +هن پنهنجي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو: ”هُو سندس مڙس آهي. اڄ ضد ڪيائين ته مهتاب ڏي وٺي هلو، سو مان به انڪار نه ڪري سگهيس!“ +مون کي هن تي افسوس ٿيو. چيومانس: ”مهتاب اڃا ستل آهي، اُٿندي ته ملجانس، ۽ کيس اِهو نه ٻڌائجان ته سندس مڙس به آيو آهي. مان کيس ٻئي ڪمري ۾ وٺي ٿو هلان.“ +مهتاب اُٿي ته ماءُ ملڻ هلي ويس. گهران آندل ناشتو به ڏنائينس پر هوءَ مون لاءِ ضد ڪري ويٺي ته ڊاڪٽر کان سواءِ ناشتو نه ڪنديس. مان حافظ عبدالڪريم کي ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويس. کيس اُتي ويهاري پوءِ مهتاب ڏانهن آيس. ساڻس ناشتو ڪيم. ناشتو ڪري چيومانس ته ”مان هاڻي ٻيا مريض ڏسڻ ٿو وڃان، تون تيستائين پنهنجي ماءُ سان ويهي ڪچهري ڪر.“ هوءَ هاڪار ۾ مُرڪي پيئي. +حافظ عبدالڪريم ٽيهن کن سالن جو هڪ خوبصورت نوجوان هو. هڪ پاسي مهتاب جي حوالي سان منهنجي من ۾ هڪ لاءِ ڌڪار ۽ نفرت هئي پر ٻئي پاسي معذور هئڻ جي ناتي هو قابل رحم به هو. مون اڻ ڄاڻ ٿي کانئس سوال ڪيو: ”تون هتي ڇو آيو آهين؟“ +مُرڪندي چيائين: ”پنهنجي زال سان ملڻ!“ +چيومانس: ”تنهنجي زال کي ڇا ٿيو آهي؟“ +چيائين: ”پاڳلپڻي جو دؤرو پيو اٿس!“ +چيومانس: ”تنهنجي زال جي پاڳلپڻي جو بنيادي ڪارڻ ڇا آهي؟“ +چياين: ”پهرين اِهو ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ مون کان اِهي سوال ڇو ٿو ڪرين!“ +چيومانس: ”مان هن اسپتال جو ڊاڪٽر آهيان. تنهنجي زال جو علاج مان پيو ڪريان!“ +منهنجي ڳالهه تي منهن تي مُرڪ اچي ويس. چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! پوءِ توکي خبر هوندي ته مهتاب کي پاڳلپڻي جا دؤرا ڇو ٿا پون؟“ +چيومانس: ”مون کي ڇڏ، تون ئي پنهنجي زال بابت صحيح ٻُڌائي سگهين ٿو.“ +تڏهن چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مهتاب جي بيماريءَ جو اصل ڪارڻ مان آهيان! ڪٿي هڪ خوبصورت نوجوان ۽ پڙهيل لکيل ڇوڪري ۽ ڪٿي هڪ انڌو شخص!... ڊاڪٽر صاحب، اڄ مان پنهنجي انڌي انا جي بُتن کي ڀڃي مهتاب کي ٻُڌائڻ آيو آهيان ته مان کيس آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. کيس پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو پورو پورو حق آهي. منهنجي ته دنيا اونداهي آهي، پر مان مهتاب جي دنيا اونداهي ٿيڻ نه ڏيندس.“ +چيومانس: ”اِها سوچ توکي مهتاب سان شاديءَ کان اڳ ۾ اچي ها ته بهتر هو.“ +چيائين: ”توهان جي ڳالهه صحيح آهي. مون کي مهتاب سان بي پناهه محبت هئي مان جڏهن حادثي ۾ پنهنجيون اکيون وڃايون ته ڊاڪٽرن مون کي اهوئي چيو ته سال کن ۾ منهنجون اکيون ٻيهر روشن ٿي وينديون نه ته آپريشن کان پوءِ ته ضرور ٺيڪ ٿينديون. مون مهتاب سان اِن آسري ۾ شادي ڪئي. پر جڏهن منهنجون اکيون ٺيڪ نه ٿيون ته مان آپريشن لاءِ ويس. افسوس جو مون کي ڊاڪٽر جي في جا پئسا ٻڌي واپس ورڻو پيو ۽ انڌي جو انڌو رهجي ويس!“ +”ڇا، ته اِها ڳالهه آهي!“ مون کي عبدالڪريم سان همدردي ٿيڻ لڳي. +هن ٿورو ترسي سوال ڪيو: ”سائين! مان مهتاب سان ملي سگهان ٿو؟“ +چيومانس: ”في الحال نه!“ +هو چُپ ٿي ويو. +مان عبدالڪريم جي حالت تي سوچڻ لڳس ۽ پوءِ ٻئي لمحي مون کي ڊاڪٽر عطا ياد آيو. سوچيم ته عطا جي انسان دوستي هينئر ڪم نه ايندي ته ڪڏهن ايندي. مون ٻئي ڪمري ۾ وڃي ڊاڪٽر عطا کي فون ڪئي. کيس ٻڌايم ته هڪ انتهائي غريب مريض موڪليان ٿو، اُن جي اکين جو مفت آپريشن ڪرڻو پوندئي. هن به ها ڪئي ۽ چيائين ته مريض اُن ئي وقت کيس ڏياري موڪليان. مان سڌو عبدلڪريم وٽ آيس. چيومانس: ”اچو، توهان جي آپريشن جو بندوبست ٿي ويو آهي!“ +هو حيران ٿي ويو. چيائين: ”اِهو بندوبست ڪنهن ڪيو؟“ +چيومانس: ”اِهو سوال هينئر نه ڪر! ٺيڪ ٿي ويندين ته پوءِ ٻڌائيندوسانءِ. هينئر گاڏي تيار بيٺي آهي، جيڪا توکي اکين جي اسپتال کڻي هلندي.“ حيرانيءَ مان سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا. هو اُٿي بيٺو. مان کيس ٻانهن کان وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو. +مان اُتان ٿي سڌو مهتاب ڏي آيس. مهتاب ماڻس سان ڪچهريءَ ۾ مصروف هئي. منهنجي اچڻ تي خاموش ٿي ويئي. مهتاب چيو: ”توهان ڪهڙي قسم جا ڊاڪٽر آهيو، جل علاج جا پئسا ته وٺو ٿا پر هيستائين رڳو ننڊ ڏيارڻ جي انجيڪشن ڏني اٿو.“ +مهتاب جي جملي ۾ شرات هئي. چيومانس: ”اسان دوا جا پئسا نه پر مريض کي ٺيڪ ڪرڻ جا پئسا وٺندا آهيون. اڄ تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويئي آهين ۽ بل ادا ڪري گهر وڃي سگهين ٿي!“ +منهنجي جواب تي وڏو ٽهڪ ڏنائين. چيائين ”هاڻي پنهنجي گهر وڃڻ بدران تنهنجي گهر هلنديس!“ +”ڇو؟“ مون حيرت مان چيو. +چيائين: ”مان تنهنجي زال ڏسڻ ٿي چاهيان، جيڪا تو تي شڪ ڪري پاڻ ته پاڳل ٿي پيئي آهي پر توکي به ذري گهٽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو اٿس!“ +مهتاب جي ماءُ حيرت مان ڏانهن ڏٺو. پوءِ مهتاب کي روڪيندي چيائين: ”مهتاب! پنهنجي حد ۾ رهه! ڊاڪٽر صاحب سان اِئين نه ڳالهائبو آهي.“ مون مهتاب جي ماءُ جي ذري به پرواهه نه ڪندي چيو: ”مهتاب! تون منهنجي گهر هلندينءَ ته منهنجي ڊراڪولا جهڙي زال توتي به شڪ ڪندي، بلڪه ٻنهي کي سڳ سوڌو پڪڙڻ جو اعلان ڪندي. ٻنهي کي ويلڻ سان مار ڏيندي. هجئي منظور ته ڀلي هل!“ +منهنجي ڳالهه تي کِلي کِلي کيري ٿي پيئي. چيائين: ”هاءِ ڙي قسمت! ڪٿي نفسياتي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر ۽ ڪٿي زال هٿان ويلڻ سان مار!“ هوءَ وري به ٽهڪ ڏيڻ لڳي. چيوما��س: ”مون پنهنجي زال تي نثري نظم لکيو آهي، ٻڌندينءَ؟“ +چيائين: ”بلڪل، ڇو نه”“ +مون چيو: +”دنيا جو سمورو نفسيات جا ماهرو! +توهان جو علم ۽ عقل، +منهنجي ڪم جو ناهي! +ڇو ته؛ +توهان پنهنجي ڪتابن ۾ +جهيڙاڪ ۽ شڪي زال جو +دماغ درست ڪرڻ لاءِ +ڪوبه فارمولا نه ٻڌايو آهي!“ +منهنجو نثري نظم (جيڪو مون اُتي جو اُتي ٺاهي ورتو هو) ٻڌندي ايترا ٽهڪ ڏنائين جو اکين مان پاڻي ڇُلڪي پيس. +شام جو مان پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري مهتاب جي ماءُ کان موڪل وٺي کيس سمنڊ جي ڪناري تي وٺي ويس. پاڻيءَ ۾ پير پُسائيندي مون مهتاب کي چيو: ”توسان تنهنجي مڙس ڪڏهن محبت جو اظهار ڪيو؟“ +هن غضبناڪ نظرن سان مون کي ڏٺو. چيائين: ”ڪنهن عورت جي زندگي تباهه ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ ظلم ناهي ته ٻيو ڇا هي؟ ها، هو مون سان اهڙو ظلم اڪثر ڪندو رهندو آهي.“ +چيومانس: ”هڪ معذور جي حيثيت سان توکي هن تي ڪڏهن رحم آيو؟“ +چيائين: ”شاديءَ کان اڳ هن تي رحم ايندو هو، پر هاڻي ته مان خود قابل رحم آهيان!“ +مون دور دور کان ايندڙ سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي چيو: ”جيڪڏهن تنهنجي مڙس جون اکيون اوچتو ئي اوچتو ٺيڪ ٿي وڃن ته پوءِ تنهنجو اُن سان ڪهڙو رويو هوندو؟“ +چيائين: ”مون کي هُن کان شديد نفرت آهي ۽ رهندي!“ +مون اُن بحث کي اُتي ئي ڇڏي مهتاب کي آفر ڪئي ته هوءَ ٻيءَ ڪهڙي انجواءِ ڪندي. هن فن لئنڊ تي پينگهه ۾ لُڏڻ پسند ڪيو. +اسان پينگهه ۾ وڃي ويٺاسين ۽ پينگهه تيزي سان هلڻ لڳي ته هوءَ ٻيئي ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي هلڪيون دانهون ڪرڻ لڳي. مان کيس رليڪس ٿيڻ لاءِ چوندو رهيس. جڏهن پينگهه بيٺي ته سندس اکيون بند هيون. چيومانس: ”محترمه! هوش ۾ اچو! مون تان ۽ پاڻ تان ماڻهو نه کلايو!“ +هن ڪنڌ مٿي کنيو؛ اکيون پٽيون. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. پينگهه مان لهندي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون مون کي ڇڏي ته نه ويندين نه؟ مان ڏاڍي ڏکويل عورت آهيان! تون مون کي ڇڏي ويندين ته مان پاڻ ماري ڇڏينديس!“ +چيومانس: ”چري ڇوڪري! رليڪس ٿيءُ. مان توکي ڪيئن ڇڏي ويندس. مان ته توسان گڏ آهيان.“ +چيائين: ”ڊاڪٽر! مون کي لڳي ٿو ته تون مون کي ڇڏي ويندين!“ +چيومانس: ”اِهو تنهنجو وهم آهي. مان زندگيءَ جي هر موڙ تي توسان گڏ هوندس. مان توسان هر ساهه ۽ دل جي ڌڙڪڻ ۾ گڏ هوندس.“ +هن کي مون تي يقين نه آيو. چيائين: ”ڊاڪٽر ائين ته ناهي جو تنهنجو پيار صرف ۽ صرف منهنجو نفسياتي علاج ڪرڻ لاءِ آهي؟“ +اسان پارڪ ۾ اچي ويٺاسين. مون مهتاب کي ڪوبه جواب نه ڏنو. لفظ ساٿ ڇڏي ٽڙي پکڙي ويا. مون ٽڙيل پکڙيل لفظن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مٿان مهتاب ڌونڌاڙيندي چيو: ”ڊاڪٽر مون کي جواب ڏي!“ +چيومانس: ”مهتاب، اِها حقيقت آهي ته مان توسان محبت ٿو ڪريان!“ +چيائين: ”ڪيتري محبت؟ جيتري ڪو ڊاڪٽر پنهنجي مريض سان ڪندو آهي؟“ +چيومانس: ”محبت کي ڪڏهن به ساهميءَ ۾ توري نٿو سگهجي.“ +چيائين: ”کُلي ڳالهه ڪر!“ +چيومانس: ”مون توسان صرف هڪ ڪوڙ ڳالهايو هو، سو به توکي خوش ڪرڻ لاءِ، حقيقت اِها آهي ته منهنجي گهر ۾ ڪابه بد دماغ ۽ شڪي مزاج عورت ناهي!“ +منهنجي ڳالهه ٻڌي يڪ ٽڪ مون کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ مون کي چيائين: ”تو مون سان دوکو ڪيو، ڪوڙ ڳالهايو. توهان مرد وڏا مطلب پرست آهيو. هميشه لفظن جا ڄار اُڻي عورتن کي مڇي جيان ڦاسائي وجهندا آهيو.“ اُن وقت آواز ڪرخت ۽ ڳؤرو ٿي ويس. اکيون ڦهلائيندي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون ڊاڪٽر نه پر ٺڳ آهين! خبر ناهي ته هن کان اڳ ۾ مون جهڙيون ڪيتريون نيم پاڳل عورتون محبت جي ٻن ٻولن ۾ ڦاسائي چڪو هوندين. منهنجو توسان ڪوبه واسطو ناهي. هاڻي منهنجو موت به ٿيو ته اُن جو ذميوار تون هوندين!“ +ائين چئي هوءَ پارڪ مان اُٿي هڪ پاسي تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳي. مون کيس گهڻائي سڏ ڪيا، پر هوءَ نه رُڪي. مان به سندس پويان لڳس، پر هوءَ ماڻهن جي مجمعي ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. مان ٿڪل قدمن سان سڄي ڪلفٽن تي کيس ڳوليندو رهيس، پر هوءَ اهڙي گم ٿي جو وري نه ملي. مون کي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ آئي. مان سڌو اسپتال آيس. سڀ کان پهرين مهتاب جي اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ جي رپورٽ ٺاهيم. پوءِ گهر آيس، گهر ۾ لائيٽ بند هئي. لائيٽ ٻاريم ته سڄو گهر روشن ٿي ويو. پر منهنجي اندر مان اوندهه وڃي نه سگهي. منهنجي دل بي چئن هئي. مون کي مهتاب سان سچ پچ ته لازوال محبت ٿي ويئي هئي ۽ مهتاب جو ائين هليو وڃڻ منهنجي لاءِ تمام وڏي عذاب کان گهٽ نه هو. مون کي مهتاب سان محبت هئي، پر مون نٿي چاهيو ته ڪنهن انڌي جي زال کي علاج بهاني وڏا سبزباغ ڏيکاري اُن جي دل ۽ دماغ تي قبضو ڄمائي ويهان. مون مهتاب کي آهستي آهستي ٻڌائڻ چاهيو ٿي ته مان ڇا آهيان ۽ ڪيئن پيو جيون گذاريان، پر مهتاب منهنجي اڌ ۾ ڪيل ڳالهه کي سمجهڻ بنا ئي ري ايڪشن ۾ اچي ويئي. ڪاش اِهو سڀ نه ٿئي ها! +اُها سڄي رات مون جاڳندي گذاري. محبت جي باري ۾ مان سچ پچ ته ڏاڍو نڀاڳو شخص آهيان، ان ڪري ئي اڄ تائين شادي نه ڪري سگهيو آهيان. مون هيستائين مهتاب کي رليڪس ڪرڻ لاءِ پنهنجي شڪي مزاج زال جو ڪوڙو قصو پئي ٻڌايو. + + +سڄي رات جاڳي مان صبح جو اسپتال ۾ ٿيندڙ ڌماچوڪڙيءَ لاءِ ذهن طور تيار ٿي ويس. مون کي هر هر اِهو کُٽڪو ورائي ٿي ويو ته ڪٿي مهتاب سچ پچ خودڪشي نه ڪري ڇڏي هجي. +اسپتال پهچي عملي کي سمجهائي ڇڏيم ته مهتاب جو ڪير به پڇي ته کيس ٻڌايو ته ڪالهه کيس ڊسچارج ڪيو ويو آهي. +منجهند تائين مهتاب جو ڪوبه گهر ڀاتي پڇڻ نه آيو. آءٌ پنهنجي آفيس ۾ ٻڏتر جي حالت ۾ ويٺو هوس ته اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. مون ڏڪندڙ هٿن سان رسيور کنيو. ڊاڪٽر عطا جو فن هو؛ چيائين: ”مبارڪون هُجن، تنهنجي موڪليل مريض جون اکيون ٺيڪ ٿي ويون آهن!“ +مون سک جو ساهه کنيو، چيومانس: ”کيس ڊسچارج ڪڏهن ڪندا؟“ +چيائين: ”ٻن ڏينهن کان پوءِ کيس ڊسچارج ڪنداسين.“ +مون ڊاڪٽر عطا جي مهرباني مڃي فون رکي ڇڏي. +ڊاڪٽر عطا جي فون کان پوءِ مون پاڻ کي ڪجهه ڪجهه هلڪو محسوس ڪيو. شام جو مهتاب جي ماءُ اسپتال کان اچي نڪتي. ڪاوڙ ۾ ٿڙڪي رهي هئي. کيس ڏسي مون کي پڪ ٿي ويئي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيو آهي. مون کيس ويهڻ جي آفر ڪئي پر هوءَ نه ويٺي. بيٺي بيٺي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون ڪهڙي قسم جو وحشي جلاد آهين، تو مهتاب جي علاج ڪرڻ بدران کيس ٻيهر پاڳل بنائي ڇڏيو آهي!“ +مون کي اُن جملي ۾ ڀريل زهر تي ڪجهه به محسوس نه ٿيو. دل ئي دل ۾ شڪر ڪيم ته مهتاب زنده آهي ۽ گهر پهچي ويئي آهي. +”مان تنهنجي خلاف ڪيس داخل ڪنديس ته تو منهنجي ڌيءَ سان علاج جي بهاني ڇا ڪيو آهي؟“ مهتاب جي ماءُ جا زهريلا لفظ جگر مان پار ٿي ويا! +چيومانس: ”بس بس، گهڻو ڪجهه ٿيو محترمه! توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اُهو ڪريو، پر مون کي صرف ايترو ٻڌايو ته توهان جنهن ڌيءَ لاءِ هينئر واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيو ٿيون، توهان ئي اُن کي هڪ انڌي شخص سان شادي ڪرائي سندس زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. مهتاب جي ذميواري مون تي نه پر توهان تي اچي ٿي. مون کان وڌيڪ جلاد ته توهان پاڻ آهيو!“ +منهنجو جواب ٻُڌي هوءَ ڪو جواب نه ڏيئي سگهي. ڪرسيءَ تي ويهي رهي. پوءِ انتهائي ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”.... ۽ هُو عبدالڪريم ٻن ڏينهن کان گم آهي. ڪالهه تو ٻڌايو ته گهر موڪليو اٿائون، پر هو گهر نه پهتو آهي!“ +مون ڊرائيور کي سڏ ڪيو. چيومانس ”هن محترمه کي ڊاڪٽر عطا جي آءِ هاسپيٽل وٺي وڃ ۽ کيس عبدالڪريم سان ملاقات ڪراءِ!“ هوءَ حيرت مان مون کي ڏسندي وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺي. +مهتاب جي ماءُ جي هلئي وڃڻ کانپوءِ مون مڪمل طور تي سک جو ساهه کنيو ۽ رليڪس ٿي پنهنجي ڪم کي لڳي ويس. +ان اندوهناڪ ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ باقي ڏينهن انتهائي تيزيءَ سان گذرڻ لڳا ۽ هڪ سال جو عرصو کن پل ۾ گذري ويو. پوريءَ هڪ سال تائين مهتاب جي ڪابه خبر ڪانه پيئي. مان سندس وڇوڙي ۾ تڙپندو ۽ لڇندو رهيس. منهنجي اندر جي اونده وڌيڪ وسيع ۽ گهري ٿيندي ويئي.... +اڄ اوچتو ئي اوچتو مهتاب بلڪل ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ هڪ پينٽ شرٽ پاتل ڪلين شيو نوجوان سان گڏ مُڪرندي، ٽهڪ ڏيندي منهنجي آفيس ۾ داخل ٿي. مون مهتاب کي اِن روپ ۾ اوچتو ڏسي پنهنجي پاڻ کي پستين جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندو محسوس ڪيو. مون مهتاب کي ڏسي ائين محسوس ڪرايو ڄڻ کيس سڃاتوئي نه هيم. ايتري ۾ اُن نوجوان اچي مون سان هٿ ملايو. مهتاب چيو: ”ڊاڪٽر صاحب اسان تنهنجي آڏو شرمسار آهيون! اسان تنهنجي ڏکن ۽ پريشانين ۾ واڌارو آندو آهي. تو وٽ اچڻ ۾ دير به اِنڪري ٿي جو اسان تنهنجي منهن تي چڙهڻ جي همت ئي نه پئي ڪري سگهياسين.“ مون حيرت مان مهتاب ڏانهن ڏٺو. چيومانس: “نه نه، اهڙي ڳالهه ناهي!“ +ڪلين شيو نوجوان چيو: ”ڊاڪٽر صاحب! دير سان اچڻ تي منهنجو ڪوبه ڏوهه ناهي. مهتاب پاڻ ئي پيئي نٽائيندي هئي!“ +مهتاب چيو: ”توهان اسان کي ويهڻ جي آفر نه ڪري هنيئر به پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهيون!“ +مون کين ويهڻ جي آفر ڪئي، پاڻ به ويٺس. پٽيوالي کي سڏيم ۽ کيس ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچن لاءِ چيم. مون ڪلين شيوَ شخص کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڃاڻي نه سگهيس. چيومانس: ”مهتاب ٻه دفعا منهنجي پيشنٽ رهي آهي، اِنڪري کيس سڃاڻان ٿو، پر توهان سان شايد پهريون ڀيرو ملاقات پيئي ٿئي!“ +ڪلين شيو شخص چيو: ”سائين، مون کي نٿا سڃاڻو؟ مان عبدالڪريم آهيان، مهتاب جو هسبنڊ، توهان جي ئي مهربانيءَ سان ته منهنجي اکين جي روشني واپس آئي ۽ مهتاب مون کي هن حالت ۾ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. هاڻي سندس ئي حڪم تي ڏاڙهي ۽ مُڇون چٽ ڪري ڪلين شوي ٿيو پيو هلان!“ +مون کان ذري گهٽ رڙ نڪري ويئي: ”اوهه، تون عبدالڪريم آهين! “Wish you good ludk” مون مهتاب ڏانهن ڏٺو، سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو، جو يقينن خوشيءَ جو هو. +مون مهتاب کي ڀوڳ ڪرائيندي چيو: ”مهتاب! اڄ هن خوشيءَ جي موقعي تي ڪو چڱو شعر ته ٻڌاءِ!“ +چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مان شعر نه پر ڳيچ ڳائينديس!“ +”ڳيچ ڳائيندين!“ مون حيرت مان چيو. +چيائين: ”ها، توهان جي شادي جي شادي جو ڪرائڻي آهي!“ +چيومانس: ”مهتاب! توکي ته خبر آهي ته منهنجي زال ڪيتري نه خطرناڪ عورت آهي. ڇو ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪري مون کي ويلڻ سان مار ڏيارين!“ مون کي ائين چوندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. +مهتاب چيو: ”ڊاڪٽر صاحب! مون ته تحقيقات ڪئي آهي ته توهان اڄ تائين شادي ئي نه ڪئي آهي!“ +چيومانس: ”مهتاب! تون منهنجو اونو نه ڪر. مان سرڪس جي اُن مسخري جيان آهيان، جيڪو هزارن ماڻهن کي خوش ڪري پاڻ اڪيلائيءَ ۾ روئندو آهي.“ +مهتاب چيو: ”جيڪڏهن تون چاهين ته عاصمه سان شادي ڪري سگهين ٿو.“ +چيومانس: ”ڪير آهي عاصمه؟“ +چيائين: ”تون هِن سان ملي چڪو آهين، هوءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي.“ +مهتاب جي ڳالهه ٻڌي منهنجو وجود وڍجڻ لڳو. چيومانس: ”مهتاب! عاصمه تمام سٺي ڇوڪري آهي، پر پنهنجو جيون پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ لاءِ عاصمه ڪي خواب ڏٺا هوندا. مان سندس سپنن کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ نٿو چاهيان. مان محبت ۾ ڏنڊ ۽ چٽيون ڀرائي وٺڻ جو قائل ناهيان. منهنجي من ۾ ڀل ته اونده ئي هجي. مون جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي، منهنجي دل تي ان جي چند ڏينهن جي ساٿ جا چِٽ چِٽيل آهن. اُن جي جاءِ ڪو ٻيو والاري نٿو سگهي.“ +مهتاب منهنجي ڳالهه سمجهي ويئي. اکين ۾ ڳوڙهن جا موتي تري آيس ۽ پوءِ هن اوچتو ئي اوچتو اُٿي واپس وڃڻ جو اعلان ڪيو. مان کيس روڪي ويهاري نه سگهيس. عبدالڪريم به اُٿيو. +مان ٻنهي کي اسپتال جي گيٽ وٽ ڇڏڻ آيس ۽ جڏهن سندس ٽيڪسي اکين کان اوجهل ٿي ويئي، تڏهن مون کي مهتاب سان گهاريل هڪ هڪ پل ياد اچڻ لڳو. +موپاسان +مترجم: ڄام وقار حسين قادري +ناسور +ننڍڙو جارج زمين تي اوڪڙو ويٺو باغ ۾ پکڙيل مٽيءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڍڳڙيون ٺاهي رهيو هو ۽ هن جو پيءُ موسيو پيرنٽ هن کي دلچسپيءَ سان راند کيڏندي ڏسي خوش ٿي رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هنن ٻنهي کان سواءِ اُتي ٻيو ڪير موجود نه هجي. باغ ۾ بي شمار ٻار مختلف رانديون کيڏڻ ۾ رڌل هئا. اُنهن جون آيائون، مائرون ۽ ڀينرون وغيره ڳالهائڻ ۾ مشغول هيون. ڪجهه پوڙها اُتي آهليا پيا هئا. سج لهڻ وارو هو. وڻن جا پاڇا ڊگها ٿي ويا هئا ۽ اوندهه وڌي رهي هئي. ننڍڙي جارج کيڏندي کيڏندي هٿ مٿي ڪيا. هن جي پيءُ پيرنٽ جون محبت ڀريون نظرون هن جي هٿن سان گڏ مٿي ٿيون، پوءِ بغرارادي جي گرجا گهر جي گهڙيال تي بيهجي ويون. ساڍي ڇهين وڳي هن کي گهر پهچڻو هو، هاڻي ڇهه وڄي پنجٽيهه منٽ ٿي ويا هئا. پنجن منٽن جي اِها دير به هن کي مهانگي پئجي سگهي پئي؛ ان ڪري جو هن جي زال چيڙاڪ طبيعت واري هئي. +پيرنٽ تڪڙ ۾ ننڍي جارج جي ٻانهن جهلي هن کي اُٿاريو، ٻنهي هٿن سان هن جا ڪپڙا ڇنڊيا ۽ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي اَپارٽمينٽ ڏانهن وڌيو. جارج هن جي اُن تڪڙ سان گڏ نه پئي هلي سگهيو. ان ڪري پيرنٽ هن کي هنج ۾ کنيو. جارج کي هنج ۾ کڻي هلڻ جي ڪري هن جو ساهه مُنجهندو هو ۽ جسم پگهر ۾ ٻُڏي ويندو هو، پر اُن وقت مجبوري هئي، جو سندس زال جوليا گهر کان ويندي وقت ٻڌايو هئس ته هوءَ ساڍي ڇهين تائين موٽي ايندي. چاليهن سالن جو پيرنٽ قد جو ننڍو ۽ ٿلهو شخص هو. هن جي وارن ۾ سفيدي نظر اچڻ لڳي هئي ۽ شڪل جو به واجبي هو. ملڪيت مان ٿيندڙ آمدني هن وچولي طبقي جي ننڍي خاندان لاءِ ڪافي هئي. جيئن ته هن کي ڪم ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي، ان ڪري هو سڄو ڏينهن پنهنجي ٽن سالن جي ٻار جارج سان کيڏندو رهندو هو يا هن کي کيڏندي ڏسندو هو. جارج هن جي جگر جو ٽُڪر هو. جوليءَ سان هن کي شادي ڪئي تقريباً پنج سال ٿي چڪا هئا. هوءَ حسين ۽ نازڪ هئڻ کان سواءِ عمر ۾ به هن کان تقريباً پندرهن سال ننڍي هئي. شايد ان سبب جي ڪري ئي هن جو رويو پنهنجي مڙس سان گهڻو سخت هو. هوءَ هن جي هر ڪم ۾ نقس ڪڍندي هئي. ڳالهه ڳالهه تي طعنا ۽ مهڻا ڏيڻ هن جي ڄڻ وڻندڙ مشغلو هو. سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ هن کي پنهنجي مڙس جي بيڪاريءَ تي ايندي هئي، جڏهن ته پيرنٽ جو خيال هو ته جڏهن سواءِ محنت جي، هن کي ملڪيت مان ايترو ملي وڃي ٿو ته هن کي ڪجهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جوليءَ جي سخت رويي ۽ اڻ وڻندڙ لهجي جي باوجود به پيرنٽ هن سان محبت ڪندو هو ۽ ننڍو جارج هن جي اکين جو ٺار هو. پيرنٽ جي زندگي هن جي چؤگرد گردش ڪري رهي هئي. +جاءِ جي دروازي تي پهچي پيرنٽ جارج کي هنج مان هيٺ لاٿو. ڪجهه گهڙيون هن ساهه پٽيو ۽ نرڙ تان پگهر خشڪ ڪري ٻيءَ منزل ڏانهن وڌيو. ٻيءَ منزل تي هن جو اپارٽمينٽ هو. اِها عمارت هن کي ورثي ۾ مليل هئي. ماءُ جي پاران هڪ پوڙهي نوڪرياڻي هيزيٽي به ملي هيس، جيڪا خانداني نوڪرياڻي هئي. هوءَ پيرنٽ جي پيدائش کان به اڳ هن جي ماءُ جي ذاتي نوڪرياڻي هئي. هن جي هنج ۾ پيرنٽ جوان ٿيو هو. هيزيٽيءَ هن کي ماءُ وانگر پاليو هو ۽ اِهوئي سبب هو جو چاليهن سالن جي عمر، هڪ زال جي مڙس ۽ هڪ ٻار جي پيءُ هجڻ جي باوجود پيرنٽ سان هيزيٽيءَ جو رويو ٻارن جهڙو هو. +گهنٽي وڄڻ تي هيزيٽيءَ دروازو کوليو. +”جولي اچي ويئي؟“ پيرنٽ هوريان پڇيو. پوڙهي نوڪرياڻي ڪلها لوڏيندي چيو: ”ڇا مادام پهريائين به ڪڏهن ساڍي ڇهين وڳي گهر آئي آهي؟“ +”چڱو ٿيو“، هن جواب ڏنو. ”مون کي وهنجي ڪپڙا بدلائڻ جو موقعو ملي ويندو.“ +نوڪرياڻي هن کي رحم ۽ ڪاوڙ وارين نظرن سان ڏٺو. ”ٺيڪ آهي موسيو! مان ڏسي رهي آهيان ته تون پگهر ۾ ٻڏو آهين. لڳي ٿو ته تون جارج کي هنج ۾ کنيو ڊُڪندو آيو آهين ته جيئن توکي دير نه ٿي وڃي، پر افسوس جي توکي مادام جي موٽڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ماني به اُن وقت ملندي. مجبوري آهي، ڇو ته ٻاڦ ۾ پَڪل ڪُڪڙ ٺرڻ تي سُٺو نه لڳندو آهي.“ +”ڪا ڳالهه نه آهي“، پيرنٽ جلدي چيو، ”مان تڪڙ ۾ وهنجي ٿو وٺان. تون جارج کي آيا جي حوالي ڪر، اُها هِن جا ڪپڙا بدلائيندي. ڏاڍا ميرا ٿي ويا اٿس.“ +پنهنجي بيڊروم ۾ پهچي هن دروازو بند ڪيو. هي سندس پناهه گناهه هئي. پنهنجي مخصوص جاءِ تي ويهي هو ساهه پٽڻ لڳو. هاڻي هو هيزيٽيءَ جي طنز ۽ زال جي ٽوڪ جو عادي ٿي ويو هو. پر هڪ ڳالهه هن کي ڪيترن ئي مهينن کان پريشان ڪري رهي هئي. اُها هئي هيزيٽيءَ جو چهرو ۽ هن جون اکيون، صاف ظاهر هو ته هيزيٽي منهنجي زال جوليءَ ۽ منهنجي دوست ليموزين کي پسند نه پئي ڪري، پر ڇو؟ پيرنٽ کي کُٽڪو هو ته هيزيٽيءَ جي ناپسنديءَ ڪنهن ڏينهن ضرور ڪو خُلم ٻاريندي.. ائين ننه ٿئي جو هوءَ منهنجو گهر کڻي برباد ڪري ڇڏي. جوليءَ کان هن جي نفرت جي سڀني کي خبر هئي ڇو جو ان جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي هيزيٽيءَ کان ٿيڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن کي عزت جو خيال به ته رهندو هو. تنگ ٿي هڪ ڏينهن جوليءَ کي چوڻو پيو ته هيزيٽيءَ پنهنجو رويو نه بدلايو ته هوءَ اُن پوڙهي نوڪرياڻيءَ کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيندي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏسي پيرنٽ کي حيرت ٿيندي هئي ته جوليءَ جهڙي دلير ۽ سخت عورت هن پورهي نوڪرياڻيءَ کان ڊڄندي به هئي. پيرنٽ جوليءَ جو اهو رويو مروت سمجهيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته هيزيٽي ئي هن جي مڙس کي پاليو آهي، پر هاڻي ڪجهه ڏينهن کان معاملو حد کان وڌيل آهي. اهڙي حالت رهي ته اڳتي سٺو نه ٿيندو ۽ ڪنهن ڏينهن ڪو هنگامو ٿي ويندو. گهر ۾ متوقع ڪنهن مونجهاري، ڪنهن جهيڙي جي امڪان هن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. هن کي پريشاني ٿيڻ لڳي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي! ڇا هن کي ان معاملي ۾ پنهنجي دوست ليموزين کان مشورو ڪرڻ کپي؟ هيزيٽي ته هن کان به نفرت ڪندي آهي. پاڻ ليموزين به ان ڳالهه کان واقف آهي. پيرنٽ کي اِهو کٽڪو به هو ته متان ليموزين اُن پوڙهي نوڪرياڻيءَ کي ڪڍڻ جو مشورو نه ڏئي. هن ۾ ليموزين جي راءِ کي رد ڪرڻ جو حوصلو نه هو. ليموزين شاديءَ کان پهرئين به هن جو واحد دوست هو ۽ هاڻي به هو هر وقت پيرنٽ جو طرف کڻندو هو. ايستائين جو هن جي زال جوليءَ جي سخت رويي تي جوليءَ سان ڪاوڙ جو اظهار به ڪندو هو. جوليءَ جي سخت رويي جي خلاف هو، پيرنٽ جي طرف هو، هڪ همدرد ۽ هڏڏوکي دوست. +ڀت تي لڳل گهڙيال ست وڄايا. پيرنٽ گهٻرائجي اُٿيو، هو فقط ڪجهه منٽ ساهه پٽڻ لاءِ ويٺو هو پر وقت گذرڻ جو هن کي احساس ئي نه ٿيو. ”شڪر آهي جو جولي اڃا تائين نه آئي آهي.“ هو ڊڪندو غسل خاني ۾ داخل ٿيو. پندرهن منٽن کان پوءِ هو نون ڪپڙن سان ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿيو. ڏاڍو مطمئن نظر اچي رهيو هو، ڇو جو جولي اڃا تائين نه آئي هئي. ٺيڪ اُن وقت ننڍو جارج ڪمري ۾ داخل ٿيو. پيرنٽ ٻنهي هٿن سان کڻي هن کي ڪمري جي ڇت طرف اُڇلايو. جارج ٽهڪ ڏنو. جارج کي خوش ڏسي پيرنٽ به چهڪڻ لڳو. هو هن کي پنهنجي چيلهه تي ويهاري قالين تي ڊُڪڻ لڳو. +”ساڍا ست وڄي ويا آهن، موسيو!“ پوڙهي نوڪرياڻي ڪمري ۾ داخل ٿي سخت لهجي ۾ اعلان ڪيو. +پيرنٽ جارج کي پنهنجي پٺيءَ تان لاٿو ۽ واچ ڏانهن ڏٺو. +”ها واقعي! ساڍا ست ٿي رهيا آهن.“ +”ماني تيار آهي.“ +هن نوڪرياڻيءَ جي لهجي مان نڪرندڙ باهه کي محسوس ڪري ورتو. +”تو ته چيو هو ته ماني اٺين بجي تائين تيار ٿي ويندي.“ هن سادگي سان چيو. ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. +”ڇا چيئي، اٺين وڳي؟ ته ڇا ٻار اٺين وڳي تائين بکيو رهندو. تون هن جو پيٽ خراب ڪرڻ چاهين ٿو؟ فرض ڪر، هن جي سنڀال صرف ماءُ جي حوالي هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ هن جهڙي ماءُ شايد ئي دنيا ۾ ڪا ٻي هجي، مان چوان ٿي....“ +”بس ڪر هيزيٽي!“ پيرنٽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن سان سخت لهجي ۾ ڳالهايو. هن جي خيال ۾ هاڻي اِها طنز برداشت کان ٻاهر آهي. ”مون کي جوليءَ جي خلاف اهڙيون ڳالهيون پسند نه آهن. سٺو ٿيندو جو آئنده خيال ڪجانٰ.“ +پوڙهي نوڪرياڻي حيرت ۾ پئجي ويئي. ڪجهه گهڙيون هوءَ خالي نظرن سان هن کي ڏسندي رهي. پوءَ هوءَ ٿاٻڙجي ڄڻ هڪدم بي ساهي ٿي ويئي هجي. ڀرسان رکيل ڪرسيءَ جي ٽيڪ وٺي هوءَ ان تي ويٺي ۽ قالين جي نقشن کي گهورڻ لڳي. هيزيٽيءَ جو ردعمل پيرنٽ لاءِ اميد کان مختلف هو. هڪ اڻ ڏنل ڊپ هن کي پريشان ڪري رهيو هو. جهيڙي، رڙين ۽ گارين جو انديشو به هن لاءِ ڏاڍو تڪليف وارو هو. هن جي نڙي خشڪ ٿيڻ لڳي. هو خاموشيءَ سان ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ننڍو جارج حيرت مان واري واري سان اُنهن ٻنهي کي ڏسي رهيو هو. +ٿوريءَ دير کان پوءِ پوريه نوڪرياڻي منهن مٿي ڪيو ۽ پيرنٽ جي اکين ۾ سڌو ڏٺو. هوءَ بلڪل پرسڪون نظر اچي رهي هئي، ڄڻ ڪو فيصلو ڪري ورتو هجيائين. +”موسيو پيرنٽ...“ هن بيٺل لهجي ۾ چيو. +”مون تنهنجي ماءُ جي مرڻ گهڙيءَ تائين خدمت ڪئي، پوءِ تنهنجي پيدائش کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تنهنجي سنڀال ڪري رهي آهيان. مون ٿوري به ڪوتاهي نه ڪئي آهي. هن ڊگهي عرصي جو سبب منهنجو تو سان ۽ تنهنجي خاندان سان هڪ لڳاءُ آهي، محبت آهي. ٺيڪ آهي نه؟“ +پيرنٽ جي دل ڌڙڪي رهي هئي. هيزيٽيءَ جا انداز ٻڌائي رهيا هئا ته هن ڪو ارادو ڪيو آهي، هن جون سوالي نظرون پنهنجي چهري تي محسوس ڪندي پيرنٽ تڪڙ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو: ”ظاهر آهي ته هيزيٽي! اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي.“ +”توکي اِها به خبر آهي ته مون تنهنجي خاندان جي خدمت ڪڏهن به نوڪر سمجهي نه ڪئي آهي ۽ نه ڪڏهن تنهنجي خاندان جو برو چاهيو آهي. مون ڪڏهن پيسن جي لالچ ۾ ڪو ڪم ناهي ڪيو. مون جيڪو ڪجهه ڪيو، اُهو صرف تنهنجي محبت ۾ ڪيو. مون ڪڏهن به توکي دوکو نه ڏنو آهي. ڪڏهن توسان ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ شايد توکي به ڪڏهن مون کان ڪا شڪايت نه ٿي آهي.“ +”تون صحيح چئي رهي آهين، پياري هيزيٽي!“ +”هاڻي ڳالهه منهنجي برداشت کان ٻاهر ٿي ويئي آهي موسيو! مان هاڻي چُپ نٿي رهي سگهان. اڄ تائين مان اِن ڪري چپ هيس ته اهو سڀڪجهه ٻڌائي توکي ڏک ڏيڻ نه پئي چاهيم، ڇو ته تون جوٽيءَ سان ڏاڍي محبت ڪندو آهين. تون هڪ سادو ۽ معصوم شخص آهين. توکي ڪجهه خبر نه آهي ته پاڙي جا سڀ ماڻهو اِن ڳالهه کان واقف آهن ۽ سڀ تنهنجي پويان توتي ٽوڪون ڪندا آهن. تو شايد ڪڏ��ن سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو آهي، پر مون کي خبر آهي ته جولي راتين جو دير ڪري ڇو ايندي آهي. ان ڪري جو هوءَ توسان بيوفائي ڪري رهي آهي.“ +پيرنٽ جي حواسن تي ڄڻ بجلي ڪِري. هو ڪجهه گهڙيون وات کولي حيرت مان پوڙهي نوڪرياڻيءَ کي تڪيندو رهيو. +”هيزيٽي! خاموش ٿيءُ! وڌيڪ ڪجهه نه ڪجهه نه...“ +”توکي سڄي ڳالهه ٻُڌڻي پوندي...“ پوڙهي نوڪرياڻيءَ جي سڪون ۾ ڪو فرق نه آيو. +”مون هڪ دفعو نه، پر ڪيترا ئي دفعا جوليءَ کي تنهنجي دوست ليموزين سان پيار ڪندي ڏٺو آهي. پنهنجن هنن اکين سان هِتي ۽ هِن ئي ڪمري ۾! جيڪڏهن تنهنجو دوست تو وانگر پئيس وارو هجي ها ته اها ڳالهه لکي وٺ ته جولي توسان ڪڏهن به شادي نه ڪري ها. ٿورو ٿڌي دل سان پويون ڳالهيون ياد ڪر. جيڪڏهن تون سوچيندين ته جولي سان تنهنجي شادي ڪهڙي نموني ٿي هئي ته سڀ ڪجهه سمجهي ويندين.“ +پيرنٽ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو. هن جو چهرو سُڪل پَن وانگر پيلو ٿي ويو هو. +”اِهو تون چئي رهي آهين هيزيٽي!“ هن رڙ ڪري چيو. ”خاموش ٿي وڃ خدا جي واسطي. اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“ +”نه، توکي سڀڪجهه ٻڌڻ کپي موسيو! مان پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آهيان. مان توکي ٻڌايان ٿي ته جولي توسان ان ڪري شادي ڪئي جو تو وٽ وڏي ملڪيت هئي ۽ سٺي آمدني هئي. هن کي توسان، تنهنجي ذات سان ڪو واسطو نه هو. توسان شادي هن پنهنجي عيش ۽ آرام لاءِ ڪئي هئي. نه ته هوءَ شاديءَ کان پهرئين ئي ڪنهن جي ٿي چڪي هئي ۽ شاديءَ جي پهرئين ڏينهن کان ئي توسان بيوفائي ڪري رهي آهي. هن پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ، تنهنجي دولت سان عيش ڪرڻ ۽ پنهنجي عاشق سان گڏ موج مستي ملهائڻ تي ئي بس نه ڪئي، هن بي لغام تنهنجي زندگيءَ ۾ به زهر وجهي ان کي دوزخ ٺاهي ڇڏيو آهي. اهڙي ذليل عورت ڪڏهن ڪنهن نه ڏٺي هوندي.“ +پيرنٽ مُٺيون بند ڪري ڪمري ۾ ٽهلڻ لڳو: ”تون چري ٿي ويئي آهين هيزيٽي! چُپ ٿي، پنهنجو منهن بند ڪر.“ هو لڳاتار اِهي جملا چئي رهيو هو. ننڍو جارج ڊڄي زور سان روئي رهيو هو. جارج جي رڙين کان پيرنٽ وڌيڪ ڪاوڙيو. پوءِ سڀ ڪجهه هن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو. هو چرين وانگي ڏند ڀيڪوڙي پوڙهي نوڪرياڻيءَ ڏانهن وڌيو. +”بيشڪ موسيو! تون مون کي مارڻ گهرين ٿو، اِها حسرت به پوري ڪر. تو مون کي هميشه ماءُ جو درجو ڏنو آهي ۽ مون توکي پنهنجو پٽ سمجهيو آهي، پر مون کي پنهنجي حيثيت جي احساس جو درجو ڏنو آهي ۽ مون توکي پنهنجو پٽ سمجهيو آهي، پر مون کي پنهنجي حيثيت جي احساس ڏيارڻ کان ڇا تنهنجي زال توسان بيوفائي ڪري ڇڏي ڏيندي؟ ڇا اِها حقيقت بدلجي ويندي ته جارج تنهنجو پٽ نه آهي؟“ +هيزيٽيءَ جا اِهي لفظ هن تي ڇپ ٿي ڪِريا. هن جو جسم سُن ٿي ويو. هيزيٽيءَ تي اُٿيل هٿ هيٺ ڪري پيو هو. بُت وانگي بي حس ۽ سانٿ ٿي ڪجهه نه سمجهڻ واري نظر سان ڏسندو رهيو. +”حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، موسيو! ٿورو پنهنجي پُٽ کي هڪ نظر غور سان ته ڏس! هن جون اکيون ۽ هن جو نرڙ! ڇا توکي اِهو ٻار تنهنجي عزيز دوست ليموزين جي تصوير وانگر نٿو لڳي؟ اِها حقيقت هڪ انڌو به هٿ لائي محسوس ڪري وٺندو.“ +پيرنٽ اڳتي وڌي پوڙهي نوڪرياڻيءَ جي ٻنهي ڪلهن کي جهليو ۽ اُنهن کي چرين وانگي ڌُوڻڻ لڳو. ”نڪري وڃ هتان، دفع ٿي! مان توکي صفا ماري ڇڏيندس. هلي وڃ هتان، هلي وڃ.“ هن نوڪرياڻي کي زور سان ٻئي ڪمري ڏانهن ڌڪو ڏنو. هيزيٽي ٿاٻڙجندي مانيءَ جي ميز سان ٽڪرائي. ميز تي سينگاريل ٿانو ۽ گلاس ڪِري پيا. ڪجهه ميز کان هيٺ ڪري ڀڄي پيا. نوڪرياڻي ميز جي ڪنڊ کي جهلي پاڻ کي سنڀاليو ۽ اُبتن قدمن سان پوئتي هٽڻ لڳي. +”موسيو! جيڪڏه�� تون اهو تماشو پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهين ٿو ته ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي. اڄ ئي مانيءَ کان پوءِ ٻاهر ٽهلجڻ لاءِ هليو وڃجانءِ، پر جهٽ دير ۾ واپس هليو اچجانءِ، ۽ پاڻ ئي اِهو نظارو ڏسجانءِ ته هيزيٽي توسان ڪيترو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي.“ هوءَ ڀُڻڪندي ڪمري مان نڪتي ۽ پيرنٽ کي پاڻ ڏانهن ڪاوڙ ۾ ايندي ڏسي بورچي خاني ۾ گهڙي ويئي. دروازو اندران بند ڪري ڇڏيائين. +”تون هاڻي، هن وقت، منهنجي گهر مان نڪري وڃ.“ پيرنٽ رڙ ڪري چيو. +”ها، ها، مان اڌ ڪلاڪ ۾ هميشه لاءِ هن گهر مان هلي وينديس.“ +پيرنٽ ڪنهن انڌي وانگر در ۽ ڀتين کي جهليندو هوريان هوريان هڪ دفعو ٻيهر ويهڻ جي ڪمري ۾ آيو. ننڍڙو جارج قالين تي ويٺو روئي رهيو هو. پيرنٽ هن تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ ويران نظرن سان پنهنجي پُٽ کي تڪڻ لڳو. جارج جا سڏڪا هن کي ٻڌڻ ۾ نه پئي آيا. هن جا حواس گم ٿي ويا هئا، ۽ دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. هن کي نه ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي پئي آيو، نه ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هن جي حالت چرين وانگر ٿي ويئي هئي. ڪجهه دير لاءِ ته هن کي اهي سڀ ڳالهيون ياد ئي نه رهيون جيڪي نوڪرياڻيءَ هن کي چيون هيون. پوءِ هوريان هوريان ڪجهه دير پوءِ هن جا حواس ڪم ڪرڻ لڳا. +نوڪرياڻيءَ جون ڳالهيون ۽ هن جي زبان مان نڪتل هڪ هڪ لفظ يقين ۽ اعتماد وارو هو. هن جي خلوص ۽ ايمانداريءَ ۾ ڪو شڪ نه هو، ان هوندي به پيرنٽ هن جا الزام مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو. بيشڪ هيزيٽيءَ هن کي ماءُ وانگر پاليو هو، پر هوءَ هن جي حسين ۽ جوان زال جوليءَ کان نفرت به ڪندي هئي. ان ڪري اهو امڪان به موجود هو ته هن جا اهي الزام سچ کان وڌيڪ هٿرادو هجن. ٿي سگهي ٿو ته هيزيٽيءَ جي پوڙهين اکين جيڪي ڪجهه ڏٺو آهي، اُن کي هن جي ڪمزور حافظي ڪو ٻيو رنگ ڏنو هجي. پيرنٽ جي دل ۽ دماغ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي هئي. هن کي گذريل بي شمار ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. پهرئين هن اُنهن ڳالهين کي ڪا اهميت نه ڏني هئي ۽ نه وري انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. جوليءَ جا بي معنيٰ فقيرا ۽ هن جي دوست ليمزوين جي محبت وارين نظرن ۽ هڪ وقت ٻنهي جو غائب ٿي وڃڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هنن جي وچ ۾ ڪجهه اشارن جي ڏي وٺ جن کي هو ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هو. هن جو ذهن ماضيءَ جي اهڙين ڳالهين کي ياد ڪرڻ لڳو ۽ اِهي ڳالهيون هن جي روح کي ڏنگي رهيون هيون. پنج سال اڳ جوليءَ سان هن جو مڱڻو ٿيو هو، اُن وقت کان وٺي هن گهڙيءَ تائين هر زهر ۾ ٻڏل فقيرا ۽ اشارا، اِهي سڀ ڪجهه هن جي ذهن ۾ خوابن وانگر ياد اچڻ لڳا. +پوڙهي نوڪرياڻي الائي ڪهڙي مهل هلي ويئي هئي. جارج ٿڪجي چُپ ٿي ويو هو. ڪجهه دير کان پوءِ هو خاموشيءَ سان اُٿي پنهنجي پيءُ جي پيرن ۾ اچي ويٺو هو. پيرنٽ هن کي کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ ڏاڍا پيار ڪرڻ لڳو. ”منهنجا جارج! منهنجي جان، منهنجا پٽ.“ پوءِ اوچتو هن کي هيزيٽيءَ جي ڳالهه ياد آئي. جنهن چيو هو ته ”جارج هِن جو پٽ نه آهي، هن جي دوست ليمزوين جو پاپ آهي.“ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ممڪن آهي ته هيزيٽيءَ جي ٻين ڳالهين ۾ سچائي هجي، پر جارج ته فقط منهنجو پٽ آهي، مان ئي هن جو پيءُ آهيان. اِهو ممڪن نه آهي ته ڪو ٻيو جارج جو پيءُ هجي. هن هڪ دفعو ٻيهر ٻار کي سيني سان لڳايو. جارج جي جسم مان زندگيءَ جي مهڪ نڪري هن کي سيني ۾ گهڙندي محسوس ٿي. هن جي دل محبت ۽ خوشيءَ سان ڀرجي ويئي. +دروازي جي گهنٽي ٻڌڻ سان هن ڇرڪ ڀريو. جارج کي ڪرسيءَ تي ويهاري هو وائڙن وانگر اُٿي بيٺو. ”هوءَ اچي ويئي! هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ هن ڀُڻڪندي چيو. ٻيهر گهنٽي وڃڻ تي هن جا پير ��نهنجي پاڻ دروازي ڏانهن وڌڻ لڳا. پوڙهي نوڪرياڻي هيزيٽي شايد جوليءَ جي نوڪرياڻيءَ کي پنهنجي وڃڻ جي خبر نه ڪئي هئي. هوءَ مٿئين ڪمري ۾ رهندي هئي، اِن ڪري هن سوچيو ته هاڻي مون کي پاڻ دروازو کولڻو پوندو. ”ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ ايترو ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ ضروري ٿي ويو آهي ته مان حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيان. مون کي سچائي ڄاڻڻ کپي، اهو منهنجو حق آهي. آخر مان جوليءَ جو مڙس ۽ جارج جو پيءُ آهيان. پيرنٽ ڪاوڙ کي دٻائيندي فيصلو ڪيو ته هن کي سچائي ڄاڻڻ ۾ دير ڪرڻ نه گهرجي، نه ته هن جو دماغ ڦاٽي پوندو. +دروازي ڏانهن ويندي هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. ڇا هو ڊڳل آهي؟ ڇو جو اِهي سڀ الزام، تهمت آهن، اِن ڪري هو جوليءَ جي سامهون اچڻ تي ڊڄي ٿو يا هن ۾ سچ ٻُڌڻ جو حوصلو نه آهي. دروازي جي ويجهو پهچي هو خاموشيءَ سان ڪجهه ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن کي خبر نه هئي ته آخر هو ڇا ٻُڌڻ جي توقع رکي ٿو، پر هن کي پنهنجي دل جي آواز کان سواءِ ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه آيو. +دروازي جي مٿان لڳل گهنٽي زور سان وڄڻ تي هن ڇرڪ ڀريو. هن چاٻي گهمائي دروازو کوليو ۽ جوليءَ کي پنهنجي دوست ليموزين سان گڏ دروازي تي بيٺل ڏٺو. +مڙس کي سامهون ڏسي جولي ڏاڍي حيران ٿي. ڇڙٻ ڏيندي چيائين: ”هاڻي تون دروازو کوليندين! هيزيٽي ڪاڏي مري ويئي آهي؟“ +جوليءَ جو سخت لهجو ڏسي پيرنٽ جي نڙي سُڪي ويئي ۽ وڏا ساهه کڻڻ لڳو. هن جواب ڏيڻ چاهيو پر نڙيءَ مان آواز نه نڪتس. +”ڇا تون هاڻي ڏاڍيان ٻُڌڻ لڳو آهين؟ مان پڇان ٿي ته هيزيٽي ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي پوڙهي؟“ +”هوءَ هلي ويئي.“ +”ڇا مطلب آهي تنهنجو!.... هلي وئي!... ڪيڏانهن جلي ويئي؟ آخر ڇو؟“ جولي تيز لهجي ۾ پڇيو. +”هوءَ هلي ويئي. مون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“ +”نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي!.... تون خوش ۾ ته آهين؟“ +”ها، هوءَ چري ٿي ويئي هئي. هوءَ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهي هئي، جو مون کان برداشت نه ٿي سگهيو.“ +”ڇا هيزيٽي بدتميزي ڪئي؟“ جوليءَ کي حيرت ٿي. +”ها“. پيرنٽ ٻيو ڪجهه نه چئي سگهيو. +”تنهنجي باري ۾ ڪجهه چئي رهي هئي.“ +”منهنجي باري ۾؟“ +”ها، توکي موٽڻ ۾ دير ٿي ويئي هئي ته ماني ٿڌي ٿي رهي هئي.“ +”ته هن ڇا چيو؟“ +”اهڙيون ڳالهيون ڪيائين، جن کي بيان ڪرڻ بيڪار آهي.“ +”آخر ڇا چيو هِن، مان ٻُڌڻ چاهيان ٿي.“ +”هوءَ چئي رهي هئي ته مون جهڙي ماڻهو کي تو جهڙي عورت سان شادي ڪرڻ وڏي بدقمستي آهي، ڇو ته تون ڏاڍي غير ذميدار، بي پرواهه، سليقي کان سواءِ ۽ بي لغام عورت آهين. هڪ خراب ماءُ ۽ گهٽيا زال آهين.“ +جوليءَ جي اکين ۾ ڊپ جي روشنيءَ اُڀري. هوءَ خاموش ٿي ويئي. ڊرائنگ روم ۾ پيرنٽ جو دوست ليموزين به موجود هو، پر هو ان وچ ۾ بلڪل خاموش رهيو هو. جولي هيٽ ۽ ڪوٽ لاهي هڪ پاسي اڇلايو ۽ سڌو پنهنجي مڙس ڏانهن آئي: ”تنهنجو... تنهنجو خيال آهي ته مان... مان؟“ +”اِهو منهنجو خيال نه آهي،“ پيرنٽ پرسڪون لهجي ۾ جواب ڏنو. ”مون ته تنهنجي اصرار تي ئي اِهو سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي جيڪو پوڙهي هيزيٽيءَ مون کي چيو هو. اِنهيءَ ئي ڳالهه تي مون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“ +جولي ٻرندڙ اکين سان هن کي گُهرڻ لڳي. جي هن جو وس هلي ها ته پنهنجي مڙس جو منهن پٽي ڇڏي ها. پنهنجن ڊگهن ڊگهن ننهن سان هن جو چهرو رتوڇاڻ ڪري ڇڏي ها. اهو شخص هن جي بدلجندڙ انداز کي ڏسي ڏڪڻ لڳو. هن پنهنجي رويي کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ بيزاريءَ مان پڇيو، ”تو ماني ته کائي ڇڏي هوندي؟“ +”نه، مان تنهنجو انتظار ڪري رهيو هوس.“ +جوليءَ هوريان ڪلها لوڏيا. تون ڪهڙو مرد آهين. ساڍي ستين کان پوءِ منهنجي انتظار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. توکي سمجهڻ کپي ها ته ڪنهن ڪم جي ڪري مون کي دير ٿي ويئي آهي ۽ وڌيڪ به دير ٿي سگهي ٿي. ڪابه مجبوري ٿي سگهي ٿي. مون کي گهڻا ڪم هوندا آهن، خريداري آهي، ملڻ جلڻ آهي ۽ ٻيا به ننڍا وڏا ڪم نڪري ايندا آهن.“ +پيرنٽ ڪو تبصرو نه ڪيو. هن جي خاموشيءَ مان جولي شايد اهو محسوس ڪيو ته هن کي پنهنجي مصروفيت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ ضرور کپي. هن ڪاوڙ مان بيٺي بيٺي چيو: ”مان شهر جي پرئين حصي مان هڪ خاص دڪان مان ڪجهه فرينچر وٺڻ ويئي هيس، ۽ ڏاڍي ٿڪجي پيئي هيس. بک به چڱي لڳي هئي پر مان اڪيلي ماني نه کائيندي آهيان، ان ڪري بک برداشت ڪندي رهيس. پوءِ اوچتو اُتي ليموزين سان ملاقات ٿي. مون هن سان گڏ هڪ ريسٽورانٽ ۾ ماني کاڌي. ان کي کائڻ ته نه چئجي، بس هانءُ جهل لاءِ ڪجهه کاڌو، اُهو به ڏاڍي تڪڙ ۾، ڇو ته هن کي پنهنجي گهر پهچڻ جي جلدي هئي.“ +”ظاهر آهي ته مجبوري هئي، آءٌ توکي قصور وار ڪٿي ٿو چوان.“ پيرنٽ سادگيءَ سان چيو. +ليموزين اڳتي وڌندي پيرنٽ کي چيو: ”تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟ ڪيئن آهين تون؟“ +”هميشه وانگر ٺيڪ.“ پيرنٽ نرميءَ سان جواب ڏنو. +مڙس جي آخري فقري تي ڄڻ جوليءَ جي بدن ۾ باهه لڳي ويئي. +”قصور وارو نٿو چوان، ان جو مطلب آهي؟ تون ڇا چوڻ ٿو چاهين؟“ +”ڪجهه نه، منهنجو مطلب آهي ته مون کي ذرو به پريشاني نه هئي. جيئن ته ڏاڍي دير ٿي ويئي هئي، ڪابه مجبوري ٿي سگهي ٿي.“ +جوليءَ کي جهيڙي ڪرڻ جو بهانو ملي ويو. هوءَ ڪافي دير کان بهاني جي ڳولا ۾ هئي. ”ڇا مون کي دير ٿي ويئي هئي؟ ڏاڍي دير! لڳي ٿو ته رات جا ٻه ٿي ويا آهن ۽ مان پنهنجون راتيون هميشه گهر کان ٻاهر گذاريندي آهيان.“ +”منهنجو اِهو مطلب نه هو، ڊارلنگ!“ پيرنٽ صلح واري لهجي ۾ چيو. +”مون لفظ ’دير‘ ان ڪري استعمال ڪيو ته ان کان سواءِ ٻيو ڪو مناسب لفظ نه هو. تون چئي ويئي هئينءَ ته ساڍي ڇهين تائين ايندس ۽ هاڻي ساڍا اٺ وڄي ويا آهن. ظاهر آهي، ان کي ’دير‘ ٿيڻ کان سواءِ ڇا ٿو چئي سگهجي ۽ هاڻي مون کي دير جي سبب جي به خبر پئجي ويئي.“ +”نه، نه، بلڪل نه.“ +جوليءَ کي اندازو ٿي ويو ته هن جو مڙس هميشه وانگر اڄ به آڻ مڃي ڇڏيندو ۽ هن سان اختلاف نه ڪندو. هو مطمئن انداز ۾ سمهڻ واري ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي. وچ ۾ ڊرائنگ روم جو دروازو هو. هن جي نظر ننڍڙي جارج تي پيئي. ماءُ کي ڏسي هو روئڻ لڳو. جوليءَ هن کي هنج ۾ کنيو ۽ پيار ڪرڻ لڳي. هن مڙس کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو. ”جارج کي ڇا ٿيو آهي؟ ۽ هي... هي....؟“ هن حيرت ۾ ڀڳل گلاس ۽ ڪريل نمڪ دان ڏانهن ڏٺو. ”هي ڪنهن ڪيو آهي؟“ +”هيزيٽيءَ!“ +”اُن حرام زاديءَ...؟“ هن زور سان رڙ ڪئي. هن جو چهرو ٻرڻ لڳو. +” هن مون کي خراب ماءُ چيو، بي لغام زال چيو، ٿانو به ڀڳائين ۽ منهنجي ٻار کي ماريائين به، ڇا اها برداشت ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي؟“ +”اِن ڪري ته مون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.“ +”پڏو ڪارنامو ڪيئي، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيئي. ظلم جي ڇپ ڪيرايئي، ان ڪميڻيءَ کي ته پوليس جي حوالي ڪرڻ گهرجي ها.“ +”هن پاپا کي ماريو هو.“ جارج وچ ۾ چيو. +جوليءَ مڙي ڪري پنهنجي مڙس ڏانهن ڏٺو. ڏاڍي حيرت کان هن جي زبان بند ٿي ويئي، پوءِ پاڻ مرادو هن جي نڙيءَ مان ٽهڪ نڪتو. +”ماريو هو؟ هن پوڙهيءَ!.... هُن منهنجي مڙس کي ماريو هو؟... ها ها ها ها.... تو ٻڌو ليموزين! ٻڌو تو؟... ان پوڙهيءَ منهنجي مڙس کي ماريو!“ +”نه، نه، اِهو غلط آهي،“ پيرنٽ تڪڙ ۾ ترديد ڪئي. +”ان جي ابتڙ مون هيزيٽيءَ کي ايڏي زور سان ڌڪو ڏنو جو هوءَ ميز سان ٽڪرائجي ڪِري پيئي ۽ ڪلاس ڀڄي پيو. ��ارج پري ويٺو هو. هن کي ڀُل ٿي آهي.“ +”ڇا ڳالهه آهي، منهنجا پٽ! هيزيٽيءَ پاپا کي ماريو هو يا پاپا هيزيٽيءَ کي ماريو هو؟“ جولي ٻار کان پڇيو. +”هن پاپا کي ماريو هو.“ +جولي ڪجهه چوڻ چاهيو پئي پر هن جون نظرون مانيءَ جي ميز تي پهچي بيهي رهيون. ”منهنجي پٽ ماني کاڌي آهي؟“ +”نه مما! بک لڳي آهي.“ +جولي مڙي ڪاوڙ مان پنهنجي مڙس کي ڏٺو. ”تون چريو ٿي ويو آهين. تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اٺ ٿي رهيا آهن ۽ جارج کي اڃا تائين ماني نه ملي آهي؟“ +”اسين تنهنجو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ڊارلنگ!“ پيرنٽ عذر پيش ڪيو. هو تڪڙ ۾ سمهڻ واري ڪمري ۾ پناهه وٺڻ چاهي پيو. ”مان توکان سواءِ ماني ڪيئن کاوان ها. تون روز دير سان ايندي آهين، ان ڪري مون سوچيو ته بس اجهو ڄاڻ آئينءَ.“ +”بيوقوفن سان گڏ زندگي گذارڻ دنيا جو مشڪل ترين نه پر بدترين ڪم آهي. ايتري ننڍي ڳالهه تنهنجي دماغ ۾ ڇو نه آئي ته ساڍي ستين وڳي کان پوءِ مون کي وڌيڪ دير به ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو خاص ئي ڪم هوندو جو مون کي ايتري دير ٿي ويئي آهي.“ +پيرنٽ کان صبر نه ٿي رهيو هو. هن جو جسم ٽچڪڻ لڳو ۽ هو ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو. ليموزين کي هن جي حالت جو احساس ٿي ويو هو. هن مڙي جوليءَ کي ڏٺو. ”منهنجو خيال آهي ته تون ڪجهه وڌيڪ ڳالهائين پيئي جولي! تون به ايڏي دير سان آئينءَ. آخر پيرنٽ کي ڪيئن خبر پوي ته اڄ توکي گهڻي دير ٿي ويندي. هن نوڪرياڻيءَ کي به ڪڍي ڇڏيو آهي. جارج کي ماني کارائڻ نوڪرياڻيءَ جي ذميواري آهي. پيرنٽ کي اُن جو ڪهڙو تجربو؟“ +پر جولي ڏاڍي بيهودي هئي. ”هن کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. هاڻي ڪرڻو پوندو. نٿو اچي ته سکڻو پوندو.“ هوءَ ڪاوڙ ۾ ڊرائنگ روم مان نڪري ويئي ۽ اهو به وساري ڇڏيائين ته هن جو ٻار بکيو آهي. +ليموزين ميز تان ڀڳل ٽڪرا جمع ڪري ڊسٽ بن ۾ وڌا، پوءِ هو ميز تي پليٽين رکڻ لڳو. پيرنٽ پنهنجي زال جي نوڪرياڻيءَ کي سڏڻ هليو ويو ته جيئن هوءَ ماني وغيره ڪڍي. نوڪرياڻي بورچي خاني مان ماني ڪڍي ميز تي رکڻ لڳي. پيرنٽ جارج وٽ ويهي رهيو. ليموزين هن جي سامهون ويٺو هو. ٻار کي ڪجهه ماني ڏيئي پيرنٽ ڪجهه کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، هن جي دل ۾ پنهنجي دوست ليموزين ۽ جاج جي چهري جي ڀيٽ ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي.“ ڇا واقعي جارج جي شڪل ليموزين سان ملي ٿي؟“ پهريائين ته هن کي همٿ نه ٿي، پوءِ هن ليموزين جي چهري کي غور سان ڏٺو. اڄ هن کي ليموزين جو چهرو مختلف نظر آيو، شايد اُن جو سبب اِهو هو ته هن پهريائين ڪڏهن هن جي چهري جي هڪ هڪ نقش کي ايتري غور سان نه ڏٺو هو. هن رکي رکي ڪيترائي دفعا ليموزين جي چهري کي ڏٺو، پوءِ وري پنهنجي ٻار کي ڊبل روٽي ڏيڻ جي بهاني اُن جي چهري تي گهري نظر وڌي. هيزيٽيءَ جي هڪ هڪ ڳالهه هن جي ذهن ۾ گهمي رهي هئي. ”هُو هِن جو پيءُ آهي، هُو هِن جو پيءُ آهي.“ ها شايد، پيرنٽ ٻُڏل دل سان سوچيو، ”ليموزين ئي جارج جو اصل پيءُ هجي.“ليموزين اطمينان سان ماني کائڻ ۾ رڌل هو. پيرنٽ پنهنجا هٿ جهليا، جوهن کي هونئن به ماني نه پئي وڻي. هن جي سيني ۾ رکي رکي باهه ٻري رهي هئي. اهڙي باهه، جيڪا ماڻهوءَ کي ڀتين سان ٽڪر هڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. هن جي دل چاهيو ته ميز تي رکيل ڇري کڻي پنهنجي سيني ۾ هڻي ڇڏي. ڪنهن نموني ته اُن اذيت جو خاتمو ٿئي، ان کان پوءِ سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ ٺيڪ ٿي ويندو. هاڻي هن وٽ جيئڻ لاءِ بچيو ئي ڇا هو؟ ڇا هاڻي ڪڏهن هُو پنهنجي پُٽ کي اِن يقين سان پيار ڪري سگهندو ته هو اُن جو ئي پٽ آهي؟ جڏهن به هن جي نظر جارج تي پوندي ته اِهو سوال هن جو رت ساڙيندو رهندو ته ”جا��ج جو پيءُ ڪير آهي!“ ڇا هُو اِن حالت ۾ جارج ۽ اُن جي ماءُ سان گڏ هڪ گهڙي به سڪون ماڻي سگهندو؟ هڪ ئي گهر ۾ رهندي ڇا هُو اُن ٻار کي پيار ڪري سگهندو جنهن کي هن اڄ تائين پنهنجو حصو سمجهيو آهي. هاڻي اِهو ممڪن نه آهي. آخر ڪڏهن ڪنهن ڏينهن هُو هِن ٻار سان سخت نفرت ڪرڻ تي مجبور نه ٿي وڃي! هيزيٽي هي ڪهڙو عذاب مون کي ڏيئي ويئي آهي. ڪاش! هوءَ پنهنجي زبان بند رکي ها. اِهو شڪ ته هن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندو. ان مونجهاري ۾ هُو آخر ڪيستائين پاڻ کي قائم رکي سگهندو. هاڻي ڪيئن هُو جارج کي ٻاهر گهمائڻ وٺي ويندو ۽ پارڪ ۾ بدڪن جو کيل ڏيکاريندو. جارج کي اِهو تماشو ڏاڍو پسند آهي. بدڪن جو آواز ٻُڌي هُو ڪيئن نه ٽپ ڏيندو آهي! جارج جي ٽهڪن سان هن جو رت وڌندو هو، پر هاڻي اِهو سڀ ڪجهه خراب ئي رهجي ويو آهي. جارج ڏاڍو ذهين ٻار آهي. هُو پنهنجي پيءُ جي لٿل چهري کي جلدي محسوس ڪري وٺندو. ڇا اِهو سُٺو نه ٿيندو ته هن کي ڪنهن ٻئي شهر ڇڏي اچجي يا پاڻ اِهو شهر ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ ڀڄي وڃجي؟ +”مون کي بک لڳي آهي،“ جولي ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو ۽ ميز تي ويهي رهي. هن ڪپڙا بدلايا هئا ۽ پُرسڪون نظر اچي رهي هئي. هوءَ کاڌي تي ڪري پيئي. ليموزين پهرئين ئي ڏاڍي مزي سان ماني کائي رهيو هو. پيرنٽ کي ياد آيو ته ڪجهه گهڙيون پهرئين هن جي زال چيو هو ته هوءَ ليموزين سان گڏ ڪنهن ريسوٽرانٽ ۾ ماني کائي چڪي آهي. +ماني کائڻ دوران جولي ڄڻ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو ۽ ليموزين سان ڀوڳ ڪرڻ لڳي. پيرنٽ کي احساس ٿيو ته هِن جي زال ڪڏهن هِن سان ته اهڙيءَ خوشيءَ سان ڳالهايو ئي نه هو. جوليءَ جا اهي ڀوڳ ليموزين لاءِ مخصوص هئا. اُهي ٻيئي ڄڻا هِن جي سامهون لڳاتار ڀوڳ ڪري رهيا هئا، ڄڻ اُهي ڀوڳن ۾ ڪيل هڪٻئي جا اشارا سمجهي رهيا هئا. پيرنٽ جون نظرون ٻنهي تي کُتل هيون. هو اِن کان پهريائين اِهو سڀ ڪجهه ڇو نه ڏسي گهيو؟ هونئن ته هن پنجن سالن کان وٺي اُنهن کي سوين دفعا ائين کائيندي کِلندي ڏٺو هو. اوچتو هن هڪ فيصلو ڪيو. ”ماءِ ڊارلنگ!“ هن پنهنجي زال کي مخاطب ٿي چيو: ”هيزيٽيءَ جي وڃڻ کان پوءِ گهر جا گهڻا ڪم اڌ ۾ رهجي ويندا، ان ڪري مان هاڻي ٻي نوڪرياڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو، جيئن صبح کان ڪم معمول سان ٿئي. مون کي ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي.“ +”ٺيڪ آهي،“ جوليءَ چيو، ”ليموزين آهي، مان اِهو وقت هِن سان گڏ گذاري وٺندس. اسان ٻيئي تنهنجي واپسيءَ جو انتطار ڪنداسين.“ هن پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي چيو. ”مانيءَ کان پوءِ جارج کي سمهاري ڇڏجانءِ. پوءِ تون پاڻ به پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سگهين ٿي.“ +پيرنٽ اهڙي نموني ٿاٻڙجندي ٻاهر نڪتو ڄڻ ڪنهن طوفان ۾ گهيريل جهاز تي هلي رهيو هجي. ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي به جارج کي هنج ۾ کڻي هلي ويئي. ڪمري ۾ جولي ۽ ليموزين اڪيلا رهجي ويا، ”توکي ڇا ٿي ويو آهي جولي!“ ليموزين شڪايتي لهجي ۾ چيو، ”تون ڇو هن کي هر وقت ڏنڀيندي رهندي آهين؟“ +”تون ڇو هِن کي شهيدن جهڙو رُتبو ڏئين ٿو.“ جوليءَ جواب ڏنو. +”تنهنجي اِها عادت هاڻي مون کي ڏاڍو تنگ ڪرڻ لڳي آهي.“ +ليموزين ميز تان اُٿي هڪ آرام واري ڪرسيءَ تي ٽنگون ڦهلائي ويهي رهيو. ”مان هن کي شهيد نٿو ٺاهيان، پر ٿورو سنجيدگيءَ سان سوچ، ته جهڙيءَ حالت ۾ اسان ٻيئي گهيريل آهيون، اُن حالت ۾ ٻن شخص سان هر وقت حقارت جهڙو سلوڪ ڪرڻ ڪهڙي عقلمندي آهي؟“ +جوليءَ سگريٽ دکايو ۽ نڪ مان دونهون ڪڍندي چيو: ”مان ڄاڻي واڻي ته ائين نٿي ڪريان. هن جون ڳالهيون ۽ بيوقوفيون ئي اهڙيون آهن جو مون کي ڪاوڙ اچي وڃي ٿي ۽ م��ن هن سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ لڳان ٿي، جيڪو اهڙي ماڻهوءَ سان ڪرڻ گهرجي.“ +”جيڪو ڪجهه تون ڪري رهي آهين، اُهو خطرناڪ هجڻ کان سواءِ وڏي بيوقوفي به آهي. منهنجو خيال آهي ته سڀ عورتون هڪ جهڙيون ٿينديون آهن. ٿورو ڌيان سان منهنجي ڳالهه ٻُڌ، تنهنجو مڙس، پيرنٽ، هڪڙو سٺو انسان، ڏاڍو نرم دل، مهربان ۽ بيوقوفن جهڙو سِڌو آهي. هُو اسان جي معاملن ۾ ڪڏهن به دخل ناهي ڏيندو. هِن کي ڪڏهن هڪ گهڙيءَ لاءِ به اسان تي شڪ ناهي ٿيو. هُو ڪيڏيءَ خوشيءَ سان اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيندو آهي ۽ تون آهين ته هن کي ڇتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهين. هِن کي خوار ڪرڻ لاءِ بهانا ڳوليندي آهين. تون ڇو نٿي سمجهين ته اهڙي نموني اسان جي خوشين ۾ رنڊڪ پئجي سگهي ٿي.“ +”تنهنجون ڳالهيون مون کي پريشان ڪري رهيون آهن، ليمي ڊيئر! لڳي ٿو ته تون به ٻين مردن وانگر بُزدل ٿيندو وڃين ٿو. تون اِن کان ايترو ڊنل ڇو آهين. اِن ويچاري مسڪين کان؟“ +ليموزين سڌو ٿي ويٺو. ”مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته آخر هن ويچاري تنهنجو ڪيو ڇا آهي؟ تون هر وقت ڇو هِن سان مهاڏو اٽڪائيندي رهندي آهين؟ ڇا هُو تنهنجي هر فرمائش پوري ناهي ڪندو؟ ڇا هُو توکي هر طريقي سان خوش رکڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو؟ ڇا هو توسان بيوفائي ڪندو آهي ۽ ٻين عورتن وٽ ويندي آهي؟ تون ڇو هن کان نفرت ڪندي آهين. ڇا ان ڪري جو هو تمام شريف انسان آهي، ان ڪري هن سان لڳاتار بيوفائي ڪري رهي آهين؟“ +جولي اُٿي هن جي ويجهو آئي ۽ هن جي اکين ۾ ڏسندي چيائين: ”تون مون کي بيوفائيءَ جو طعنو ڏئي رهيو آهين. تون... تون!... تون هڪ بيڪار، ۽ بيهودو انسان آهين!“ هوءَ تڪڙ ۾ پوئتي ٿي ۽ پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڪيري ڇڏيائين. +ليموزين پيشيمانيءَ مان ڳاڙهو ٿي ويو. هن پنهنجي بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ”مان بيوفائيءَ جو طعنو نٿو ڏيان. مان صرف اهو چاهيان ٿو ته تون پنهنجي مڙس سان نرمي ۽ محبت سان پي ايندي ڪر، ڇو جو اسان ٻنهي کي اُن جي ڀروسي جي ضرورت آهي. هن کي اهڙو موقعو نه ڏئي جو هُو شڪ ۾ پئجي وڃي. منهنجو خيال آهي ته تون به اِن ڳالهه کان اتفاق ڪندينءَ“، هو هن جي اڳيان عاجزيءَ مان بيٺو رهيو. +جولي ڪجهه گهڙيون پنهنجي سهڻي ۽ قدآور محبوب کي ڏسندي رهي، پوءِ هن جي خوبصورت چهري تي نرميءَ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. هن ليموزين جو هٿ جهليو ۽ اُن جي ٽيڪ وٺي ڪرسيءَ تي بيٺي. ٻيئي بنهه ويجهو آمهون سامهون بيٺا هئا. ”تون ايتري ننڍڙي ڳالهه اڄ تائين نه سمجهي سگهيو آهين منهنجا ليمي! ڊيئر ليموزين!“ هن وڏو ساهه کڻندي چيو، ”مان هِن گڏهه سان اِن ڪري نفرت ڪندي آهيان جو هن مون سان شادي ڪئي آهي. پنهنجي دولت سان منهنجو جسم، منهنجو سڄو جود خريد ڪيو آهي. هُو پنهنجي دولت جي زور تي مون کي استعمال ڪندو آهي ۽ مان هن نالائق کي منع به ڪري نٿي سگهان. پر منهنجو روح ته منهنجو آهي، هو اُن دولت کان آزاد آهي ۽ اُهو مون پنهنجي خوشيءَ سان تنهنجي حوالي ڪيو آهي، پنهنجي محبوب جي حوالي! ها، مان هن سان نفرت ڪندي آهيان. هُو ڏاڍو جاهل ۽ بيوقوف آهي. هِن جي هر حرڪت، هِن جو هر لفظ، هِن جو هر خيال مون کي بيزار ڪندو آهي. منهنجي جسم ۾ باهه لڳي ويندي آهي. تون هِن جي بيوقوفين کي سادگي شرافت سمجهين ٿو. هن جي جهالت کي اعتماد ڄاڻين ٿو. ڇا هِن جهڙو ڍڳو اڄ تائين توکي نظر آيو آهي؟ هن جي اکين جي سامهون گذريل پنجن سالن کان اِهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ هُو بنهه بي خبر آهي! هِن کي ڪڏهن اسان تي شڪ ناهي ٿيو. هو توکي پنهنجو بهترين دوست ۽ مون کي وفادار زال سمجهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هن گڏهه تي مون کي اهڙي ��ه ڪاوڙ ايندي آهي، جو دل چوندي آهي ته هِن جي سُڄل ڳٽن تي چماٽ هڻي چوان: ”گڏهه! هي شخص، تنهنجو عزيز دوست، منهنجو محبوب آهي. ڇا توکي صفا سامهون اِها صرف حقيقت نظر نٿي اچي؟“ +”اِهو ٺيڪ آهي، ڊارلنگ! پر پوءِ به احتياط ضروري آهي.“ +”احتياط؟... هن انڌي جي سامهون.“ +”اهو انڌو نه آهي، پر اسان تي بي پناهه اعمتاد ڪندو آهي. اعتماد جو اهو طلسم هڪ دفعو ٽٽو ته پوءِ ڪجهه به باقي نه رهندو.“ +”خير، خير، تون ڏاڍو ڊڄڻو آهين. مان آئنده خيال ڪنديس ۽ تنهنجي هدايت مطابق پنهنجي ڪاوڙ کي ضبط هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪنديس. پر اِها ڪيڏي ته تعجب جي ڳالهه آهي جو تون اڄ ڏينهن تائين هن کان منهنجي نفرت جو سبب نه سمجهي سگهيو آهين. اُن جي ابتڙ تون هِن جون تعريفون ڪندو آهي. ڏاڍي خلوص سان هِن سان ملندو آهين. مرد به الائي ڪيئن هوندا آهن؟“ +”اُن کي دنياداري چوندا آهن، ڊارلنگ!“ +”سوال بيوفائيءَ جو نه پر احساسن جو آهي. توهان مرد لڪي ڪري هڪٻئي کي دوکو ڏيندا آهيو. شايد انهيءَ ڪري توهان پنهنجي مخالف کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳندا آهيو. هن لاءِ توهان جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي ويندي آهي، پر اسان عورتون پنهنجن مڙسن سان بيوفائي ڪنديون آهيون ته اسان جي دل ۾ هنن سان نفرت پيدا ٿيندي آهي.“ +”تنهنجو مطلب آهي ته مان هڪ تمام سٺي شخص سان فقط ان ڪري نفرت ڪريان ته هن جي زال مون تي مهربان آهي؟“ +”اُف! توکي ته سمجهائڻ ڏکيو آهي. تون سمجهي ئي نٿو سگهين ۽ اهي ڳالهيون لفظن ۾ بيان به نه ٿيون ڪري سگهجن. مردن ۾ شايد احساس جو جذبو ناهي هوندو. اُنهن کي ته بس جانورن وانگر صرف هوس جي بُک اُٿندي آهي. اُهي صرف هڪ ئي جذبو رکندا آهن ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ خود غرض ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه به ڪري ويندا آهن.“ +جوليءَ جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جي چمڪ تري آئي. هن جي سهڻن چپن تي هڪ شرارت سان ڀريل مُرڪ ظاهر ٿي. هوءَ ليموزين جي اڃان وڌيڪ ويجهو آئي ۽ پيرن جي آڱرين تي بيهي هن اکيون بند ڪيون. ليموزين تڪڙ ۾ هن جي نازڪ ڪمر کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو. +اُنهن کي ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. نه اپارٽمينٽ جي داخلي ڪلف ۾ چاٻي گهمڻ جو آواز، نه دروازي کُلڻ جي آهٽ، نه پيرن جو آواز. پهريائين جوليءَ جي نظر پنهنجي مڙس تي پيئي. هوءَ رڙ ڪري ليموزين کان الڳ ٿي. پوءِ ٻيئي مُڙي پيرنٽ جي سامهون بيٺا. هُو اُنهن جي سامهون بيٺو هو. هِن جي چهري تي باهه ٻري رهي هئي، اکيون ڄڻ ٻاهر نڪري آيون هئس. هِن ڪو لفظ مُنهن مان ڪڍڻ کان سواءِ پنهنجي بهترين دوست تي جهڙپ هنئي. ليموزين بيهي نه سگهيو ۽ قالين تي ڪِري پيو. پيرنٽ هن جي مٿان چڙهي پوري طاقت سان هن کي گهُٽو ڏيڻ لڳو. جوليءَ کي يقين ٿي ويو ته هن جو مڙس اڄ ليموزين کي صفا ماري ڇڏيندو. هن وحشت ۾ شينهڻ وانگر پنهنجي مڙس تي جهڙپ هنئي. هن جي آڱرين جا ڊگها ڊگها ننهن پيرنٽ جي نڙيءَ ۾ گهڙي ويا. هن پنهنجن ڏندن سان پيرنٽ جي ٻانهن ۾ زور سان چڪ پاتو. پيرنٽ ڪجهه دير برداشت ڪيو، پوءِ تڪليف کان هن ليموزين کي ڇڏي ڏنو ۽ قالين تان اُٿندي جوليءَ کي هڪڙو زور سان ڌڪو ڏنو، جو هوءَ پري وڃي پيئي. +هو وڙهڻ جهڙو ماڻهو نه هو ۽هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪري. هن جو ساهه ڪجهه درست ٿيو ته هن رڙ ڪري چيو: +”نڪري وڃو هتان توهان ٻيئي، هاڻي هن ئي وقت هڪدم نڪري وڃو.“ +ليموزين قالين تي بي هس ۽ خاموش پيو هو. هن جو ذهن اڃا تائين اُن صورتحال کي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو هو. هو حيران ۽ ڊڳل هو. جولي هڪ ننڍي ميز کي ٽيڪ ڏيئي هوريان هوريان اُٿڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن جا وار کُلي ويا هئا، ۽ لباس بي ترتيب ٿي ويو هئس. هوءَ حيرت مان پنهنجي مڙس کي گهُوري رهي هئي، ڄڻ هن جو نڙگهٽ ڏندن ۾ وجهي رت پي ويندي. +”توهان ٻيئي منهنجي گهر مان فوراً نڪري وڃو،“ پيرنٽ رڙ ڪري چيو. +جوليءَ محسوس ڪيو ته هن جي مڙس جي چريائپ ختم ٿي ويئي آهي. هن جو حوصلو وڌيو. هوءَ سڌي ٿي بيٺي ۽ ڪجهه قدم پيرنٽ ڏانهن وڌي چيائين: ”تون چريو ٿي ويو آهي. تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي. هن تماشي جو مطلب ڪهڙو آهي؟“ +پيرنٽ تي ٻيهر چريائپ ظاهر ٿي. هن اڳتي وڌي پوريءَ طاقت سان پنهنجي زال جي چهري تي چماٽ وهائي ڪڍي. +”اُگهاڙي.... رنڊي..... نڪري وڃ هِتان.... مون هڪ هڪ لفظ ٻُڌو آهي توهان ٻنهي جو.... توهان ٻيئي دنيا جا ذليل ترين انسان آهيو.... مون پنهنجن ڪنن سان سڀ ڪجهه ٻڌو آهي... مان ڪاڏي ويو نه هئس، مان گهر ۾ لڪل هئس.... نڪري وڃو توهان ٻيئي.... نه ته.... نه ته.... مان توهان ٻنهي جو خون ڪري ڇڏيندس.“ +جولي اندازو لڳايو ته هاڻي هِن جو کيل ختم ٿي ويو آهي. هاڻي هوءَ گذريل ڳالهه کي ٻيو رنگ نٿي ڏيئي سگهي. هن جي مڙس سڀ ڪجهه ڏسي ورتو آهي. هاڻي بي گناهي جي وضاحت ڪرڻ جو وقت نڪري ويو آهي. هن بي پرواهيءَ مان چيو: ”اُٿ ليمي ڊيئر!... هِن شخص پنهنجي گهر جا دروازا مون تي بند ڪري ڇڏيا آهن... هاڻي مان تُنهنجي گهر هلنديس.“ هن اڳتي وڌي ليموزين کي لوڏيو ۽ پوءِ ٽيڪ ڏيئي هن کي اُٿارڻ ۾ مدد ڪئي. +”اچ دوست!... هل.... هيءُ شخص چريو ٿي ويو آهي.“ +اُهي ٻيئي هوريان هوريان دروازي ڏانهن وڌيا. ليموزين هن جي پويان ائين هلي رهيو هو ڄڻ ڪنهن کي ننڊ ۾ هلڻ جي بيماري هوندي آهي. مڙس جي خلاف رڳ رڳ ۾ ڀريل نفرت جوليءَ جي چهري تي ظاهر ٿي پيئي هئي. هن نفرت مان پنهنجي مڙس کي گُهوري ڏٺو. ڄڻ ڪو اهڙو ڦٽ ڏيڻ گهري پيئي جيڪو سڄي عمر ”ناسور“ ٿي رسندو رهي. پوءِ ڪو خيال هن جي ذهن ۾ آيو. هن مضبوط لهجي ۾ مڙس کي مخاطب ٿي چيو: ”مان پنهنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي وينديس.“ +پيرنٽ حيران ٿي ويو. هن جي زبان بند ٿي ويئي: ”تون... تنهنجو ٻار؟.... ها..... هڪ رنڊيءَ جي اهڙي همٿ.... بي حيا!“ +جوليءَ جي چپن تي هڪ اطمينان پر زهر سان ٻُڏل مُرڪ اُڀري آئي. هوءَ اطمينان سان مڙس وٽ پهتي. ”ها، منهنجو ٻار... هن تي تنهنجو ڪو به حق نه آهي، موسيو پيرنٽ!.... ڇو ته هُو تنهنجو نه آهي، سمجهيهءِ؟.... تون هن جو پيءُ نه آهين، ليموزين هن جو پيءُ آهي.“ +پيرنٽ جي نڙي مان ڏک سان ڀريل رڙ نڪتي. ”ڪوڙا.... تون پهرئين درجي جي ڪميڻي آهين.... ڪيڏي صفائيءَ سان ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين.“ +”بيوقوف! هڪڙو توکان سواءِ سڀني کي خبر آهي ته جارج جو پيءُ ڪير آهي.... تُنهنجو ٻار.....! هُنهه!“ +پيرنٽ ٿاٻڙجندي پوئتي ٿيو. هن جو چهرو ڌوتل ڪپڙي وانگر سفيد ٿي ويو هو. پوءِ هو اُتي نه بيٺو ۽ ڊڪندو پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اچي هنڌ تي ڪِري پيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن کي جارج جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو نند مان اُٿارڻ تي روئي رهيو هو. پوءِ اپارٽمينٽ جي ٻاهرئين دروازي جي بند ٿيڻ جو آواز آيو ۽ هر طرف گهري خاموشي ڦهلجي ويئي. +پيرنٽ اڪيلو ٿي ويو. هلندڙ پنج هفتا پيرنٽ لاءِ ڏاڍا سخت هئا. نوڪرياڻي کي پهرئين ئي ڪڍي ڇڏيو هئائين. هن جي زال جي نوڪرياڻي به هلي ويئي هئي. اپارٽمينٽ ۾ هو صرف سمهڻ ۽ ڪپڙا بدلائڻ لاءِ ايندو هو، باقي سمورو وقت هُو گهٽين ۾ رلندو وتندو هو يا شراب خاني ۾ ويٺو وقت گذاريندو هو. ماني به هو مختلف هوٽلن ۾ کائيندو هو. بدنامي کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي وڪيل جي مشوري تي زال ۽ ٻار لاءِ ماهوار خرچ مقرر ڪيو هو، جنهن جي ادائگي هن جي بئنڪ ۾ ذمي هئي. +شروع شروع ۾ هن کي ڏاڍو عجيب لڳندو هو. هن کي پنهنجي وجود کان به چڙ ٿي ويئي هئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن کي پنهنجي ٻار جي ياد ڏاڍو تنگ ڪرڻ لڳي. راتين جي خاموشيءَ ۾ هن کي جارج جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪڏهن ڪنهن ڪمري مان ”پاپا، پاپا“ جو آواز ايندو هو ۽ هو بيقرار ٿي ويندو هو. هڪ رات ته اِهو آواز ايترو ته صاف هو جو پيرنٽ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿيو. هن اُٿي دروازو کوليو ته پڪ سان هن جو پٽ موٽي آيو آهي! جڏهن ڪو جاندار يا ڪبوتر سال جدا رهڻ کان پوءِ به پنهنجي مالڪ وٽ واپس موٽي اچي سگهي ٿو ۽ پوءِ جارج ته انسان جو ٻچو آهي. ”هن کي به ته منهنجي ياد ايندي هوندي. مان ته هن جو عادي هيس.“ +جارج نه آيو ۽ پيرنٽ ائين ئي پنهنجي پاڻ کي دوکو ڏيندو رهيو. هُو ڪلاڪن جا ڪلاڪ جارج جي باري ۾ سوچيندو رهندو هو. ”الائي هو ڪيئن هوندو؟“ هُو تصور ۾ هِن کي پنهنجي سيني سان لڳائي پيار ڪندو هو. ڪڏهن هِن سان کيڏندو هو ۽ ڪڏهن هِن جي آڱر جهلي باغ ۾ وٺي ويندو هو. ڪڏهن هِن کي ايئن محسوس ٿيندو هو ته جارج پنهنجون ننڍيون ننڍيون ٻانهون هِن جي ڳچيءَ ۾ وڌيون آهن، يا پنهنجن ننڍين اڱرين سان هن جا وار ڇڪي رهيو آهي. سڄي ڏينهن ۾ هزار ڀيرا هُو پاڻ کان سوال ڪندو هو ته ”ڇا هو واقعي جارج جو پيءُ نه آهي؟“ راتين جو دير دير سان پاسا ورائيندي هُو پنهنجي پاڻ کي تسلي ڏيندو هو ته ”جارج هن جو ئي رت آهي، ۽ جوليءَ جيڪو ڪجهه چيو آهي، اُهو فقط انتقامي جذبي ۽ اذيت ڏيڻ لاءِ چيو آهي.“ اِهو منظر هن جي اکين جي سامهون اُڀري ايندو هو، جڏهن معافي وٺڻ جو وقت گذري چڪو هو ۽ جوليءَ وٽ ڪاوڙ ۽ نفرت کان سواءِ ڪجهه نه رهيو هو. اهڙيءَ حالت ۾ جولي ڪجهه به بڪواس ڪري سگهي پيئي. ممڪن آهي ته اِها ڳالهه ائين ئي هن جي زبان مان نڪري ويئي هجي. پوءِ ته هن کي پنهنجي اِن ڳالهه تي قائم رهڻو ئي هو. هن کي هونئن به هر قيمت تي پنهنجي ٻار کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻو هو ۽ اهڙي نموني هن هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا. قيمت تي پنهنجي ٻار کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ۽ پيرنٽ کي سچي زندگيءَ جو سور ڏيئي ويئي هئي. اِها سزا ته موت کان گهڻو وڌيڪ سخت هئي. + + +ڪڏهن ڪڏهن هو راتين جو اُٿي ويهندو هو ۽ ارادو ڪندو هو ته هن کي انهيءَ وقت ليموزين وٽ وڃي حقيقت معلوم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اُن جي بدلي ۾ هن کي ڪجهه ڏيڻو به پوي. هُو سوچيندو هو ته اهڙيءَ طرح گهٽ ۾ گهٽ هِن کي اُن عذاب مان ته ڇوٽڪارو ملي ويندو ۽ هڪ دفعو اُن حقيقت تان به پردو کڄندو ته آخر جارج اصل ۾ ڪنهن جو آهي. جوليءَ سان ته ڳالهائڻ بيڪار آهي. هوءَ پنهنجي ضد تي قائم رهندي، پر ليموزين به ته گناهه ۾ اڌ جو ڀائيوار هو. هن تي اعتبار ڪيئن ڪجي؟ هو ته جوليءَ تي پردي رکڻ جي ڪوشش ڪندو. صبح شام پيرنٽ اِهوئي ڪجهه سوچيندو رهندو ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سندس مايوسي وڌندي ويئي. +پوءِ هن کي احساس ٿيو ته هيءُ دوزخ جهڙو عذاب هن جو پنهنجو پيدا ڪيل آهي. هن کي ڪجهه صبر ڪرڻ گهرجي ها. جيڪڏهن هو مهينو ٻه مهينا پاڻ کي قابو ۾ رکي ها، ۽ اُنهن تي پنهنجي بُردباريءَ سان شڪ جو اظهار نه ڪري ها ۽ اُنهن جي نگراني ڪندو رهي ها ته ضرور حقيقت کان واقف ٿي وڃي ها. جيڪڏهن جارج جو واسطو ليموزين سان هجي ها ته هُو اڪيلائيءَ ۾ پنهنجو ٻار سان ضرور پيار ڪندو هوندو. ڪو دوست ڪيترو ئي ويجهو هجي، دوست جي ٻار کي پيءُ وانگر محبت نٿو ڏيئي سگهي. هن کان تڪڙ ٿي ويئي هئي. الائي ڇو اُن وقت هن کي اِهو خيال نه آيو ته اڪيلائيءَ ۾ جارج سان ليموزين جي سلوڪ ۾ غير معمولي ڳالهه نظر اچي ها ته پيرنٽ جو ڪم سولو ٿي وڃي ها. اُن صورت ۾ هو ڏاڍي سولائيءَ سان زال کان ڇوٽڪارو وٺي پنهنجي پٽ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگهي ها ۽ اُن سان گڏ زندگي گذاري سگهي ها. هن کي زال جي ايڏي ضرورت نه هئي، جيتري پٽ جي هئي. هونئن به شادي کان پوءِ جوليءَ ڪڏهن هن سان محبت جو اظهار ڪيو هو؟ گرمجوشي ته جوليءَ ۾ هن ليموزين جي لاءِ ڏڍي هئي. هن سان گڏ هوءَ ڄڻ ڪو فرض ادا ڪندي رهي هئي. پيرنٽ چاهي ها ته عدالت جي ذريعي ٻار کي وٺي سگهي پيو، پر اُن مان ڪجهه حاصل نه ٿئي ها. جارج جي موجودگيءَ ۾ اِهو سوال هن کي وڌيڪ پريشان ڪري ها ته جارج جو پيءُ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. اُن لاءِ سٺو اهو آهي ته هو اڪيلو رهي يا اُن تنهائي ۾ پنهنجو وقت گذاري ۽ خاموشيءَ سان مري وڃي. +اڪيلائي ۽ وسوسن هن جي حالت چرين جهڙي ڪري ڇڏي هئي. ويران رستن ۽ اونداهين گهٽين کان هن کي وحشت ٿيڻ لڳي. صبح ٿيندي ئي هُو ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ناشتو ڪندو هو ۽ رونق سان ڀريل بازارين ۾ نڪري ويندو هو. ڪڏهن ٿڪجي ساهه پٽڙڻ لاءِ ڪنهن ٿئيٽر ۾ گهڙي ويندو هو ۽ شام ٿيندي ئي گهر جي ڀرسان هڪ شرابخاني مان نڪرندڙ آخري شخص هوندو هو. اُتان جو مستقل گراهڪ هاڻي هن کان واقف ٿي ويا هئا. سڀ اِهو ئي سوچيندا هئا ته شايد هن ويچاري جو ڪو گهر نه آهي. پيرنٽ کي سڀ کان وڌيڪ سڪون شرابخاني ۾ ملندو هو. تمام جي دونهن سان ڀريل ۽ مختلف شرابن جي خوشبوءَ سان ڦهليل ماحول هن جي حواسن کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيندا هئا. هو لڳاتار هڪ نقطي تي سوچڻ جي قابل نه رهيو هو. هن جو ذهن نظرن سان گڏ ڀٽڪندو رهندو هو. جڏهن هو ٿڪجي پوندو هو ته ميز تي مٿو رکي ڇڏيندو هو. بک لڳندي هئس ته کائڻ لاءِ ڪجهه اُتي ئي گهرائي وٺندو هو. شرابخاني جو عملو هن کان بيزار نه هوندو هو، ڇو جو هُو بي ضمير ۽ نفعي وارو گراهڪ هو. شرابخاني جي مالڪياڻيءَ جي ڌيءَ کي هن تي ڏاڍو ترس ايندو هو. هوءَ ماءُ جي غيرحاضريءَ ۾ اڪثر ڪائونٽر تي ويهندي هئي. هوريان هوريان بار جي مستقل گراهڪ پيرنٽ سان هن جي دوستي ٿي ويئي. هِن سان گڏ هُو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هر موضوع تي ڳالهائيندو هو. هن پنهنجن پراڻن واقفڪارن، مائٽن ۽ پاڙيسرين سان واسطو صفا ختم ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجو گهر به ڪِرائي تي ڏيئي ڇڏيو هو ۽ هڪ ويجهي رونق واري علائقي ۾ هڪ هوٽل جو ڪمرو ڪرائي تي ورتو هو. ڪمري جي بالڪنيءَ ۾ ويهي هو رستي تي ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ واٽهڙن کي تڪيندو رهندو هو. +پنج سال اهڙيءَ طرح گذري ويا. +هڪ ڏينهن هُو معمول مطابق تمام گهڻي ٿڌ ۾ رُلي رهيو هو ته هڪ عورت کي ڏسي بيهي رهيو. عورت سان گڏ هڪ قدآور مرد ۽ ننڍي عمر جو ٻار به هو. اُتي ٽيئي ڄڻا چهل قدمي وانگر هن کان ڏهن ٻارنهن قدمن جي فاصلي تي هلي رهيا هئا. عورت جي پٺي هِن ڏانهن هئي. هُن جي خاص نموني جي هلڻ سان هو سُڃاڻي پيو. هُو غور سان هن جي چرپر جو جائزو وٺندو رهيو. اوچتو، عورت جي ٻانهن هڪ خاص انداز ۾ حرڪت ڪئي. پيرنٽ جي دل جي ڌڙڪن بيهڻ لڳي. هوءَ يقيناً هن جي زال جولي هئي ۽ هن سان گڏ ڪو ٻيو نه، هن جو دوست ليموزين ئي هو ۽ ننڍيءَ عمر جو ٻار هن جو پنهنجو ”جارج“ هو. اُهو وچينءَ درجي جو هڪ خوشحال خاندان نظر اچي رهيو هو. ليموزين پهرين کان ڪجهه وڌيڪ ڪمزور لڳي رهيو هو، جڏهن ته جولي ٿوري ٿلهي نظر اچي رهي هئي. سڀ کان وڌيڪ تبديلي جارج ۾ آيل هئي. پنجن سالن ۾ هن چڱو قد ڪڍيو هو. جارج اُنهن سان گڏ نه هجي ها ته شايد پيرنٽ هنن کي سڃاڻي به نه ها. هن وچون فاصلو گهٽايو ۽ خاموشيءَ سان هنن جي پويان لڳو رهيو. هن جي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي. اوچتو اُهي ٽيئي هڪ دوڪان جي سامهون بيهي رهيا. اُنهن جي ويجهو گذرندي پيرنٽ اکيون ڦيرائي اُنهن کي ڏٺو. ليموزين جا وار چٽا ٿي ويا هئا ۽ هو ڪمزور لڳي رهيو هو. گذريل پنجن سالن هن جي عمر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن جو اضافو ڪري ڇڏيو هو. اُن جي ابتڙ جولي پهرين وانگر سهڻي ۽ وڻندڙ نظر اچي رهي هئي. پيرنٽ جو ارادو هو ته هو ڪجهه اڳتي وڌي وڃي موٽي ايندو ۽ ٻيو دفعو اُنهن کي سامهون کان ڏسندو. اُنهن جي ويجهو لنگهندي هنجي دل ۾ جارج کي ننڍي ٻار وانگر ٻانهن ۾ جهلڻ جي خواهش پيدا ٿي. الائي ڇا ٿيو، هو اوچتو جارج سان ٽڪرايو. ڇوڪري مُڙي ڪاوڙ ۽ نفرت سان ان اڌيڙ عمر وري شخص کي ڏٺو. پيرنٽ جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. جارج جي نظرن هن جي مٿان ڏکن جي ڇپ ڪيرائي وڌي. هن کي خوف ٿيو ته متان جولي ۽ ليموزين به مُڙي ڪري هن کي ڏسن. هو تقريباً ڊڪندو اڳتي نڪري ويو ۽ آخرڪار هڪ ريسٽورانٽ ۾ هليو ويو، جتي هو منجهند جو ماني کائڻ چاهي پيو. +هن اتفاقي ملاقات جو اثر هن تي ڪيترائي مهينا ڇانيل رهيو. هو جڏهن به اکيون بند ڪندو هو ته هن کي اُهو خوشحال خاندان نظر ايندو هو، جيڪو هن جي ماهوار وظيفي تي زندگي گذاري رهيو هو. اُنهن جي وچ ۾ ڪيڏي نه محبت هئي! اُنهن شايد ڪڏهن هڪ گهڙي لاءِ به اڪيلائيءَ جو زهر نه پيتو هو. پيرنٽ کي سڀ کان وڌيڪ اذيب جارج جي اوپرين نظرن سان پهتي، ڄڻ جارج ۽ هن جي وچ ۾ ڪو رشتو ئي نه هو! +هوريان هوريان پنهنجي دوزخ ۾ هو پوڙهو ٿيندو ويو. هن جا وار ڇڻندا ويا. شرابخانو هن جو گهر بڻجي ويو ۽ اُتان جا گراهڪ هن جو خاندان. شرابخاني جي مالڪياڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ هن جي ڌيءَ شادي ڪري ڇڏي ۽ ٻار وڪڻي پنهنجي مڙس سان گڏ انگلينڊ هلي ويئي. نئين مالڪه هڪ عام نوجوان ڇوڪري وقتي طور تي نوڪرياڻي رکي. ٻين لاتعداد ڇوڪرين وانگر هن به پنهنجن اکين ۾ بيشمار خواب ڏٺا هئا ۽ پيرنٽ جهڙي بي ضر ۽ خوش اخلاق گهراهڪ جي سامهون هوءَ پنهنجا خواب ٻڌائڻ ۾ ججهڪ محسوس نه ڪندي هئي. ڪجهه سالن کان پوءِ هوءَ هلي ويئي ته اُن جي جاءِ تي ٻي آئي. هيءَ نئين ڇوڪري به پوئين وانگر هئي، بس هن جو نالو ٻيو هو. هن کي پيرنٽ سان دلچسپي ٿي ويئي هئي. هوءَ اڪثر هن کي صحت جو خيال رکڻ لاءِ چوندي هئي ۽ هن کي اصرار ڪندي هئي ته ٻين ماڻهن وانگر هن کي به هر سال ڪنهن صحت بخش جاءِ تي موڪليون گذارڻ گهرجن. پيرنٽ سندس اِهو مشورو پسند آيو. هن وٽ دولت به هئي ۽ وقت به هو. هن هر سال چار پنج ڏينهن ڪنهن صحت بخش جاءِ تي وڃڻ شروع ڪيو، پر هن کي ڪنهن جاءِ تي سڪون نه ملندو هو. اوپرن شهرن ۽ اوپرن ماڻهن جي وچ ۾ هن کي وڌيڪ مونجهه ٿيندي هئي. اُتي اڪيلائپ جو احساس اڃا به وڌيڪ ٿيندو هو. تفريح وارين جاين تي سڀيئي جوڙا جوڙا ايندا هئا. اُنهن سڀني ماڻهن جي وچ ۾ هي ماڻهو اڪيلو هوندو هو. +شاديءَ کان پوءِ شرابخاني جي ان ڇوڪريءَ به نوڪري ڇڏي ڏني ۽ وڃي پنهنجو گهر آباد ڪيائين. پر هفتي ۾ هڪ ڏينهن پابنديءَ سان هوءَ پيرنٽ سان ملڻ ايندي هئي. ان بي سهاري زندگي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهه ورهيه گذري ويا. هر سال ڪجهه ڏينهن ڪنهن صحت واريءَ جاءِ تي وڃي تفريح ڪرڻ هن جي عادت ۾ شامل ٿي ويو هو. هن جي روزمره ۾ ڪا تبديلي آئي هئي ته بس ايتري. +هن سال هو سينٽ جرمن ويو هو. اُتي جولاءِ ۾ اُس ڏاڍي وڻندي هوندي آهي ۽ ساوڪ ڪنهن سمنڊ وانگر پري تائين ڦهليل هوندي آهي. اسٽيشن جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ پنهنجو مختصر سامان رکي هُو چهل قدمي لاءِ نڪري ويو. ٻپهريءَ تائين هو ڏاڍو ٿڪجي پيو ۽ بک لڳس ته هڪ ريسٽورانٽ جي ميز تي ويهي رهيو. ريسٽورانٽ جي سينگاريل وڏي ڪمري کان سواءِ سياحن لاءِ فٽ پاٿ تي خاص ميزون ۽ ڪرسيون رکيون ويون هيون ۽ ويٽر تڪڙ تڪڙ ۾ آرڊر جي تعميل ڪري رهيا هئا. هن ويٽر کي آرڊر ڏنو ۽ چوگرد ڏسڻ لڳو. هن جي ڀر واري ٽيبل تي ٽي ماڻهو ماني کائي رهيا هئا. ماني جي انتظار ۾ ائين ئي هن جي نظر ڪيترائي دفعا اُنهن تي پيئي. هن کين ڪا اهميت نه ڏني. پوءِ اوچتو هن کي عورت جو صاف ۽ وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”جارج، ڪڪڙ جا ٽُڪر ته ڪر،“ عورت پنهنجي ويجهو ويٺل نوجوان کي چيو. ”ييس ممي.“ نوجوان سعادت منديءَ سان جواب ڏنو ۽ ڇريءَ سان ڪڪڙ کي ٽُڪر ڪرڻ لڳو. +پيرنٽ جو جسم سُن ٿي ويو!.... بيشڪ هيءُ هِن جي زال جي آواز هو! هو جوليءَ کي ڪيترائي ڀيرا ڏسڻ کان پوءِ به سڃاڻي نه سگهيو هو. پر جوليءَ جو آواز بدليو ڪونه هو. پيرنٽ جون بي چين نظرون اُتي ئي کُپي ويون. ويهن سالن گذرڻ کان پوءِ به اُهو خاندان اُنهن ٽن ڀاتين تي ٻڌل هو. جوليءَ جا سڀ وارا اڇا ٿي ويا هئا. هوءَ ڏاڍي ٿُلهي ۽ پوڙهي ٿي ويئي هئي. ليموزين جي پُٺي پيرنٽ جي پاسي ڏانهن هئي. هو صرف ايترو ڏسي سگهيو ته ليموزين ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو هو. هن جا ڪلها جهُڪي ويا هئا. سڀ کان وڌيڪ تبديلي جارج ۾ آئي هئي. هوُ هاڻي ٽيهن سالن جو تندرست نوجوان ٿي ويو هو. اِهي ٽيئي نهايت خوش نظر اچي رهيا هئا. +ويهن سالن کان وٺي لاڳيتو محروميءَ جو احساس ۽ اڪيلائيءَ جو لاوو پيرنٽ جي سڄي وجود ۾ ڦهلجي ويو. پنهنجي زندگيءَ جي وڃايل ويهن سالن جي حوالي سان هُو اُن خاندان سان ڪُرڻ لڳو. گناهگار ڪير هو ۽ سزا ڪنهن کي ملي. تباهه ۽ برباد ڪير ٿيو؟ ويهن سالن جو عذاب ڪنهن ڪَٽيو. هن ڪهڙي جرم جي سزا ۾ ڪنڊن تي عمر گذاري. پندرهن سال پهرئين به هن اُن شخص کي ۽ اُنهن ٽنهي کي ڏٺو هو. اُن وقت به اُهي اهڙائي خوش ۽ بي فڪر نظر اچي رهيا هئا. جهڙا اڄ! ائين لڳو ٿي ڄڻ اُنهن ڪڏهن ڪو ڏک ڏٺو ئي نه هجي ۽ اُنهن کي ذهني عذاب جي معنيٰ جي خبر ئي نه هجي. ”ويهن سالن کان وٺي اُهي منهنجيءَ دولت تي عيش ڪري رهيا آهن. اُنهن کي سڀ ڪجهه ميسر آهي: گهر، سڪون، محبت، اولاد، صحت مند ۽ فرمانبردار پٽ.“ جارج کي ڏسي هاڻي هن جي دل ۾ درد جون سَٽون نه پئي اُڀريون، جن هن کي سالن جا سال بيقرار ڪري رکيو هو. حقيقت اِها هئي ته هِنن کي ڏسي پهريون دفعو پيرنٽ جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪل نفرت نڪري آئي. ”هُو يقيناً حرامي آهي. هُو ليموزين جو ئي پُٽ لڳي پيو، نه ته ليموزين ايڏي وڏي عرصي تائين ڪيئن ڪنهن ٻئي جي اولاد کي پنهنجي گهر ۾ برداشت ڪري ها ۽ گهڻو پهرئين ٻنهي ماءُ پٽ کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏي ها.“ هاڻي جولي ۾ ڪا ڪشش نه رهي هئي. هو گوشت ۽ چرٻيءَ جي ڇپ ٿي ويئي هئي ۽ ظاهر هو ته اها تبديلي هڪ رات ۾ ظاهر نه ٿي هوندي، اُن جي شروعات اٺ سال اڳ ئي ٿي چڪي هئي. +ماني کائڻ دوران موسيو پيرنٽ کي لڳاتار اُهي عذاب وارا ڏينهن ياد ايندا رهيا، جيڪي هِن تي گذريا هئا. ويهن سالن کان هِن جو روح دوزخ جي باهه ۾ سڙيو هو. اُنهن ٽنهي هن کي ڇا مان ڇا ٺاهي ڇڏيو هو! هن جي ته سڄي زندگي ضايع ٿي ويئي هئي. هن جو قصور ڇا هو، فقط سادگي ۽ سچائي، پر اڄ قدرت هِن کي بدلي وٺڻ جو موقعو ڏنو هو. هن کي اِهو موقعو وڃائڻ نه گهرجي. مانيءَ کان پوءِ تيز شراب جو جام پيئندي هن کي مختلف داستان ياد آيا، جيڪي هُو اخبارن ۾ پڙهندو رهندو هو. دشمنن کي جيئري ساڙڻ جا واقعا، اُنهن جي جسمن کي ٽڪرا ڪرڻ جون وارداتون، پٿرن سان مغز ڦاڙڻ جون ڳالهيون ـــ هُو مختلف طريقن تي غور ڪندو رهيو، پر اُنهن مان ڪوبه طريقو هن کي مطمئن ڪري نه سگهيو. سزا ته ڏوهه مطابق هجڻ گهرجي. جيڏو وڏو ڏوهه، اوتري خط��ناڪ سزا. اوچتو هڪ عجيب خيال هِن جي ذهن ۾ ڦِرڻ لڳو ۽ هن جي چپن تي مُرڪ ڦهلجي ويئي. هن مطمئن طريقي سان ويٽر کي اشارو ڪيو ۽ بليڪ ڪافي گهريائين، پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو. ريسٽورانٽ هوريان هوريان ڀرجي ويو هو، اِن ڪري هو اُتي پنهنجي ارادي کي عمل ۾ نه آڻي سگهيو ۽ هن کي ايڏي تڪڙ به نه هئي. موقعو ڏسي ئي هن کي قدم کڻڻ گهرجي. +ڪافي دير کان پوءِ اهو خاندان ريسٽورانٽ مان اُٿيو ۽ سياحن وانگر بي مقصد چهل قدمي ڪرڻ لڳو. پيرنٽ ٿورو فاصلو رکي هنن جو پيڇو ڪرڻ لڳو. بازار جي ڪنڊ کان اِهي ٽيئي گهمندا ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ويا. ڳوٺ جي ٻاهران چوگرد ساوڪ سان ڀريل پهاڙيون ڦهليل هيون. هر هنڌ گلن جا ٻارا، آبشار ۽ ڊگها وڻ ڦهليل هئا. سڀ سياح اُنهن باغيچن جو سير ضرور ڪندا هئا. اُهي جنت جهڙا نظارا ۽ ڦهليل ساوڪ ئي اُنهن کي هتي ڇڪي آڻيندا هئا. ٿڪجڻ تي هو ڇٻر جي فرش تي ليٽي پوندا آهن. نوجوانن کي جهنگل جا پاسا محبت ڪرڻ جا موقعا ڏيندا آهن. جهنگل ۾ چهل قدمي ڪندي هو ڏاڍو پري تائين نڪري ويندا آهن. نوجوان جارج پنهنجي والدين کان ڪجهه قدم پويان سگار جا ڪَش هڻندو هلي رهيو هو. آخر اُهي ٽيئي ٿڪجي هڪجانءِ تي گاهه تي ويهي رهيا. پيرنٽ وڏا ساهه کنيا ۽ تيز تيز قدم کڻندو اُنهن جي سامهون پهچي ويو. ٽنهي حيرت ڀريل نظرن سان هن کي ڏٺو. هنن جي اکين ۾ سڃاڻپ جي چمڪ نه اُڀري. +”مان پيرنٽ آهيان.... هينري پيرنٽ.... توهان سمجهندا هوندؤ ته هاڻي ڪڏهن به اسان جي ملاقات نه ٿيندي پر هڪ ڏينهن مون کي توهان سان ضرور ملڻو هو.... ڪجهه اڌ رهيل ڳالهيون.... اڌ رهيل معاملا نبيرڻ لاءِ... ڪجهه وضاحتن لاءِ....“ +پوڙهي جوليءَ کان رڙ نڪري وئي. هن ٻنهي هٿن سان چهرو لڪايو. ”اُف، منهنجا خدا!“ +پنهنجي ماءُ کي دهشت ۾ ڏسي نوجوان جارج ٽِپ ڏيئي اُٿي بيٺو. +ليموزين تي ڄڻ بي حس ٿي ويو هو. هن جو منهن ڦاٽي ويو. پيرنٽ هن کي پهاڙي کان وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهو نظر اچي رهيو هو. +جارج اڳتي وڌي پيرنٽ جي ڪلهن تي پنهنجا ڳورا هٿ رکيا. +”ڇا ڳالهه آهي پوڙها؟.... هِتان تڪڙو نڪري هليو وڃ، تون مون کي چريو لڳي رهيو آهين.“ +”پري ٿي گستاخ....“، پيرنٽ جارج جا هٿ ڌڪيندي چيو. ”توکي پنهنجي پيءُ سان ڳالهائڻ جي تميز نه آهي.... اکيون ڦاڙي ڇا ڏسي رهيو آهين؟.... پر سُٺو آهي ته چڱيءَ طرح ڏسي وٺ.... نوجوان! مان تنهنجو پيءُ موسوي پيرنٽ ۽ تنهنجو نالو جارج پيرنٽ آهي.... يقين نه هجئي ته پنهنجي ماءُ کان پڇ“، حيرت ۾ ٻُڏل نوجوان مُڙي پنهنجي ماءُ ڏانهن ڏٺو. پيرنٽ چيو، ”هن کي ٻُڌاءِ جولي! مان ڪير آهيان؟..... هن کي ٻُڌاءِ ته مان موسيو آهيان ۽ قانوني طور تي هن جو پيءُ ’مان‘ ئي آهيان... هن کي سمجهاءِ ته هن جي نالي سان گڏ پيرنٽ لڳائڻ ڇو ضروري آهي ۽ تو شايد هن کي اِهو ناهي ٻڌايو ته قانوني طور تي تنهنجو مڙس ڪير آهي؟... تو شايد اِها حقيقت به هن تي نظر نه ئي هوندي ته توهان ٽيئي منهنجي خيرات تي عيش ڪندا رهيا آهيو ۽ اِهو ته توکي هر مهيني منهنجي بئنڪ مان هڪ وظيفو ملندو آهي، جيڪو اُن وقت کان لاڳيتو ملي رهيو آهي جڏهن ويهه سال اڳ مون توکي ۽ تنهنجي هِن عاشق کي...“ پيرنٽ آڱر سان ليموزين ڏانهن اشارو ڪيو. ”.... ڌڪا ڏيئي پنهنجي گهر مان ڪڍيو هو ڇو ته اُن رات مون کي هن مفت خور عياش سان گڏ سڳ سوڌو پڪڙي ورتو هو... جارج کي ٻڌاءِ ته مان هڪ شريف ۽ عزتدار ماڻهو آهيان، جنهن سان تو هن جي دولت جي ڪري شادي ڪئي هئي ۽ شاديءَ جي چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ تو ساڻس بيوفائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. هِن کي ٻڌاءِ ته مان ڪير آهيان ۽ تون ڪير آهين؟.... خا��وش ڇو آهين جولي!... سُٺو اِهو آهي ته هن کي اُهو سڀ ڪجهه معلوم ٿيڻ گهرجي. پوءِ ڪهڙو وقت ايندو؟“ پيرنٽ رڙيون ڪري چيو. +”هِن کي جهلي ليمي! خدا جي واسطي هِن کي جهل.“ جولي روئيندي ليموزين کي لوڏيو. ”هي سڀ ڪجهه تباهه ڪرڻ وارو آهي. هي سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيندو.“ +”خاموش ٿي پيرنٽ.“ ليموزين اُٿندي هلڪي آواز ۾ چيو. +”توکي خبر آهي ته تون ڇا چئي رهيو آهين؟“ +”ها مون کي خبر آهي.“ پيرنٽ زهريلي لهجي ۾ چيو. ”۽ اڄ مون کي اِن سوال جو جواب به کپي، جنهن ويهن سالن کان وٺي مون کي عذاب ۾ رکيو آهي.“ هن پنهنجو منهن ڦيري نوجوان ڏانهن ڪيو. جارج وڻ سان ٽيڪ ڏيو وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هو. +”بُڌ جارج!.... جڏهن تنهنجي ماءُ منهنجي گهر مان نڪتي هئي، تڏهن هوءَ منهنجي عزت مٽيءَ ۾ ملائي مون کي ڌوڪو ڏئي، مون سان بيوفائي ڪري مطمئن نه ٿي هئي. هُن مون کي مايوسيءَ جي دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيو. هڪ تون ئي منهنجو مقصد هئين. تون ئي منهنجي زندگيءَ جي خوشي ۽ مرڪز هئين. هن عورت قسم کائي چيو هو ته مان تنهنجو پيءُ نه آهيان پر تنهنجو پيءُ هن جو هي عاشق آهي.“ جوليءَ جي نڙيءَ مان درد ڀريل آهه نڪتي. ”خبر ناهي ته هيءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي يا سچ.“ پيرنٽ ڳالهه جاري رکندي چيو: ”مان گذريل ويهن سالن کان وٺي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پاڻ کان اِهو سوال ڪندو آهيان ته منهنجي پُٽ جارج جو پيءُ ڪير آهي؟ ڪير آهي هن جو پيءُ، جولي؟“ هن پنهنجي بيوفا زال ڏانهن ڏٺو، پوءِ هوريان هوريان هن جي ويجهو پهچي ويو. جولي پنهنجو چهرو لڪائي سُڏڪا ڀري روئي رهي هئي. +پيرنٽ بي رحميءَ سان هن جي هٿن کي سٽ ڏيئي پري ڪيو، ”ٻڌاءِ جولي!.... اسان ٻنهي مان ڪير جارج جو پيءُ آهي؟.... ليموزين يا مان؟.... تنهنجو مڙس يا تنهنجو عاشق؟.... ٻڌاءِ جولي، جواب ڏي.“ +ليموزين چرين وانگر هن کي جهليو. پيرنٽ ٻنهي هٿن سان هن کي جهلي پوريءَ طاقت سان ڌڪو ڏنو. ليموزين ٿاٻڙجندو زمين تي ڪري پيو. ”هڪ پوڙهي ۾ ايڏي همت!“ پيرنٽ هن تي ٿڪندي چيو. ”تون اُها رات وساري ويٺو آهين، جڏهن مون تنهنجي زندگي بخش ڪئي هئي. جولي جواب نٿي ڏئي ته تون ئي ٻڌاءِ. ڇا تون ئي هن نوجوان جو پيءُ آهين؟ چُپ ڇو آهين، دغاباز! ڳالهائين ڇو نٿو؟“ +ليموزين کي خاموش ڏسي هُو هڪ دفعو ٻيهر پنهنجيءَ زال کي مخاطب ٿيو: ”جيڪڏهن تون مون کي نٿي ٻڌائڻ چاهين جولي! ته ڪا ڳالهه نه آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پُٽ کي ته هن جي اصل پيءُ جي باري ۾ ٻُڌاءِ. هي هاڻي ٻار ته نه آهي، پورو مرد ٿي ويو آهي ۽ هِن کان اِها حقيقت ڄاڻڻ جو پورو حق حاصل آهي. مون کي خبر نه آهي، نه مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي، نه ئي مان ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو، جارج! ته تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ پيرنٽ تي چريائپ ڇانيل هئي. هو رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هو ۽ زور زور سان هٿ لوڏي رهيو هو. ”اِها ڳالهه تون پنهنجيءَ ماءُ کان ئي معلوم ڪر جارج! مان يقين سان چوان ٿو ته هن کي به خبر نه آهي ته تنهنجو پيءُ ڪير آهي! مان يا هن جو عاشق؟ ها ها ها.... ڪهڙي ته عجب جهڙي ڳالهه آهي ته تنهنجي ماءُ کي به خبر نه آهي، هن کي معلوم به نٿو ٿي سگهي، ڇو جو هوءَ هڪ ئي وقت اسان بنهي کي راتين جي شريڪ ڪندي هئي. پوءِ هوءَ ڪيئن ٻُڌائي سگهي ٿي ته حقيقت ۾ تنهنجو پيءُ ڪير آهي؟ تون ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهندين ته تون پنهنجي ماءُ جو جائز اولاد آهين يا ناجائز.“ پيرنٽ زهريلو ٽهڪ ڏنو. ”پوءِ به توکي سچ ڄاڻڻ ۽ اصليت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. ها ها ها.... جيڪڏهن ڪڏهن تنهنجي ماءُ تنهنجي ان سوال جو صحيح جواب ڏيئي سگهي ته مهرباني ڪري مون ک�� به ٻُڌائي ڇڏجانءِ، يا پوءِ تون پاڻ ئي اسان ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪجانءِ. منهنجي يا هِن جي! چڱو دوست، خدا حافظ! سُٺو وقت گذريو، خدا حافظ!“ +اُنهيءَ رات هُو پنهنجي شهر موٽي آيو ۽ اسٽيشن کان لهي سڌو شرابخاني هليو آيو. نوجوان ويٽريس هن کي ڏسي حيران ٿي ويئي: ”موسيو! توهان موٽي آيا آهيو... اڃا اڄ صبح جو ئي نه توهان ويا هُيو.“ +”ها، مان اچي ويو آهيان پياري اُمي! هاڻي مان ڪاڏي نه ويندس. مهرباني ڪري جدائيءَ ۾ مون کي ڪجهه پيئڻ لاءِ ڏي.“ +انهيءَ رات شراب خاني ۾ هِن کي پوريءَ طرح مدهوش ۽ بي حس ڏٺو ويو. +محمد انور بلوچ +زندگيءَ جي رڻ ۾.... +پڪي عمر جي پوڙهي، ٻن ٻارن سان گڏ هلندي، مقام جي اولاهينءَ ڪنڊ ۾ ڪجهه مهينا اڳ واري اُن قبر تي اچي بيٺي، جنهن تي پيل گل سُڪي چڪا هئا ۽ هرک جون اڇيون اڳڙيون ميريون ٿي ويون هيون. قبر وٽ پهچي، هن هٿ ۾ جهليل پاڻيءَ جي بوتل، اگربتيون ۽ ڪاغذ ۾ ويڙهيل گل هڪ طرف رکيا ۽ بُٺيءَ جي پاسي ۾ ويهي مٽي ٺاهڻ لڳي، جيڪا گذريل چئن پنجن مهينن دوران پوري طرح کنڊري ۽ هيٺ مٿي ٿي چڪي هئي. هن قبر جي هڪ ڪنڊ وٽ ڦُٽل ڊڀ جا تيلا پٽيا. پاسي تي پيل سروٽو کڻي ڌڪ هنيا ته قبر جي ڄميل ڪچي مٽي ڀُرڻ لڳي ۽ بُٺي جي پيراندي ۾ ويهي رهي: ”ملان چون ٿا ته قبر جي پيرن کان ويهي قرآن نه پڙهجي، پر مان اڳي به تنهنجي پيرن ۾ ويهندي هئس ته هاڻي بي ادبي ڪيئن ڪريان.“ هوءَ چپن ۾ ڀُڻڪي ۽ پوءِ خاصي دير الائي ڇا ڇا چوندي رهي. ائين هن جون اکيون ڪڪر بڻجي وسڻ لڳيون ته ڳوڙها ڳلن تان تِرڪي سندس چولي جو آڳنڌ آلو ڪندا ويا. +”تون ڇو هليو وئين.... مون ته توسان هر طرح نڀايو... پوءِ به تون رُسي وئين“ ڪنهن موڳي انسان وانگر، ڪجهه به سوچڻ بنا هوءَ چوندي رهي... ”ماڻهو چون ٿا ته مان توکي وساري ڇڏيان، پوءِ کين ڪهڙي خبر ته توکي وساري ڏاڍو ڏکيو ڪم آ.... گهٽ ۾ گهٽ مان ته ائين نٿي رڪي سگهان.“ ائين ڪافي دير تائين هوءَ مٽيءَ ۾ دفن اُن شخص سان ڳالهائيندي رهي، جيڪو مُئي کان پوءِ به سندس من مان نڪري نه سگهيو هو. هن جو مڙس، پيارَ، محبت، زندگي ۽ الائي ڇا ڇا... ائين ڪنهن ڪنهن مهل هوءَ سڏڪا ڀري رُني. هن مونن ۾ منهن هنيو ۽ پوءِ توبنهون ڀري ماٺ ٿي ويئي. آڪاش جي بلندين تان ساري جڳ تي سوجهرو ڪندڙ سورج ديوتا، سندس ڏک جو تماشو ڏسڻ لاءِ اُن وقت تائين ٽِڪ ٻڌيون بيٺو رهيو جيسين قبر جي مٽي ٺاهي، زيبو، اُن مٿان پاڻي هاريو، اگربتيون ٻاريون، رابيل جا گل وڌا ۽ پکين جي چڳڻ لاءِ اَن کنڊرايو. ائين وري به ڪٿجي نه سگهندڙ دير تائين ساڳيءَ جاءِ تي ويهي هوءَ ڪجهه سوچيندي ۽ چَپ چوريندي رهي. اَڌ پهر يا پهر تائين هوءَ بخشش جون ڪي قرآني آيتون، وظيفو يا ڪي دعائون پڙهي رهي هئي ۽ پوءِ کيس ماحول تي ڇانئجندڙ ميري اوندهه جو احساس ٿيو ته قبر جي پيرن کان ويٺي ئي هن ڪجهه مٽي کڻي اکين تي رکي، اُن کي چميو ۽ اُٿي ٻار وٺي پوڙهيءَ عورت سان گڏ هوريان هوريان واپس موٽڻ لڳي. +زيبو، قبرستان کان اڌ ميل کن اوڀر طرف هڪ ڳوٺڙي جي ويٺل هئي. ننڍي نيٽي، وڌ ۾ وڌ به ٽيهن سالن جي، پر وهيءَ ۾ مڙس مُئو ته رَت جا ڳوڙها رُئندي رهي! هوءَ پنهنجن مائٽن جي سڪيلڌي هئي. حد کان وڌيڪ دادلي، ارڏي ۽ ضديري، تڏهن ئي پنهنجو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن جو پيار وڃايائين. پر سڀ ڪجهه ماڻي نه سگهي هئي. سندس مڙس وقت کان اڳ مري ويو هو، رڳو چار مهينا اڳ ۽ اڄ هن جي سوءَ لٿي هئي. +سج اڃا ڪانو کن به مس چڙهيو ته سڄي راڄ جون مايون سندن گهر ۾ گڏ ٿيون. ڄاڻ سُڃاڻ ۽ پاڙي وارا ته سندس ڀائر ۽ پيءُ ماءُ ��ه. هن جي ماءُ، پاسي ۾ ويهي کيس ڇاتيءَ سان لاتو ته هوءَ اوڇنگارون ڏئي رُني. ائين زيبوءَ جي روئڻ تي ”پٿر پرايو، سور سڀڪو پنهنجا روئي“ وانگر ڪيئن اکيون آليون ٿي ويون ۽ پوءِ منجهند ڌاري هن جو ”مٿي ڌوپ“ ٿيو. پڪين پوڙهين گڏجي سندس ڪپڙا مٽايا. خيرات جي ماني مان ٻه گرهه وڌا ۽ هن جي ماءُ سميت هرڪا عورت ٻانهن ورائي، منهن منهن وٽ آڻي، دلاسو ڏيئي، کانئس موڪلائي ويئي. +”منهنجو هن سان جسم جو نه پر روح جو رشتو هو، ۽ روح ڪڏهن به ناهن مرندا.“ پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن جي ايلازن تي به منصور جو گهر نه ڇڏيندي زيبوءَ چيو هو: ”هُو ناهي ته ڇا ٿيو، هن جو گهر ته آ... اولاد ۽ سندس انيڪ يادون آهن.“ +”تنهنجي زندگي ننڍي ناهي امان! جبل جيڏي وهي آ... ماڻهن جون بُکيون اکيون تنهنجو جيئڻ وِههُ ڪري ڇڏينديون... هونئن به مُئن پويان ڪير مُئو آ.“ هن جي ماءُ کيس سمجهايو، پر زيبوءَ نه مڃيو. هن ماءُ کي جواب ڏيندي چيو: ”ڪنهن جي مرڻ پويان هزارن ۾ ڪو هڪ به جسماني طور مرندا آهن، پر اهڙا کوڙ هوندا آهن، جي جيئرا رهي به ذهني توڙي روحاني طور مري پرزا پرزا ٿي ويندا آهن.“ ريبوءَ ڄاتو ٿي ته هن جڳ ۾ انيڪ اهڙا ماڻهو هئا جن جا پاند خوشين کان خالي هئا پر سندن من ۾ پيار ڪندڙن جي ياد هئي.... ۽ پيار جي اُنهن يادن جي سهاري هو ڪئين جُڳ گذاري ويا. تڏهن ئي هن مائٽن کي چيو: ”هو ڏک ڏسي مُئو.... ۽ هاڻي سُکن لاءِ کيس وساري ٻيو ڏٺو ڪيان، سو مون کان نه پُڄندو. هاڻي ته هن گهر مان منهنجو مري ئي کٽولو کڄندو.“ ۽ پوءِ اُن شام، پاڙي جي هڪ عورت پنهنجن ٻارن کي وٺي هوءَ مڙس جي قبر تي هلي آئي هئي. +حاجي امين شهر جي سکر ماڻهن مان هو. شهر ۾ سندس قوم جا سؤ کان مٿي گهر هئا. جيڪي ذري گهٽ اڌ صدي اڳ، جڏهن تمام ننڍو شهر هو، هتي اچي آباد ٿيا. حاجي امين ڪاٺ جو واپاري هو. هن ويهه پنجويهه سال اڳ اُن وقت هي ڌنڌو شروع ڪيو هو، جڏهن هڪ ڏينهن سندس پيءُ حاجي رزاق، روڊ ٽپندي، ٽرڪ هيٺان اچي مري ويو. شهر جي مک روڊ تي ٻيلي کاتي واري پراڻي نرسريءَ جي پاسي ۾ حاجي امين جو ڪاٺ جو وڏو دِڪو ۽ آرا مشين هئي. هن رڳو زمينداري ڪاٺ ورتو. ٻٻر جون هُڙيون ٻولي کنيون. وڏيرن جي واهڙن ۽ زمين تي بيٺل وڻ خريد ڪيا ۽ پنهنجن مزدورن کان وڍرائي، ڪاٺ ڪراچي، ڪوٽڙي ۽ حيدآباد موڪليو. سندس آرا مشين تي چير جو ڪم هلندو هو، جتان داستان، پٽيون، دروازن جو مال يا هلڪي ڪاٺ مان کوکا ٺاهڻ وارا تختا ڪڍي وڪرو ڪيائين. ائين وڻن جي پاڙن ۽ اڏوهيءَ کاڌل بُنڊن مان گُٽڪا ٺهرائي هن يا ته اُتي ئي ٻاڪڙا هوٽل وارن کي ڏنا يا اُنهن جون ٽرڪون ڀرائي اُماڻيون، جتي خاص طور سياري ۾ کيس خاص نفعو مليو. حاجي امين، ضلعي جي شگر ملن ۽ ڪوٽڙيءَ ۽ ڪراچيءَ جي ڪارخانن کي به ٻارڻ جو ڪاٺ ڏيندو هو ۽ ”ٿورو نفعو، گهڻي برڪت“ واري اصول تي هلي پيٽ گذر ڪندو آيو. شهر ۾ ڪاٺ جا ٻيا به کوڙ واپاري هئا، پر حاجي جو وهنوار سٺو رهيو ۽ گهڻو ڪري هرڪو وٽس لڙي آيو. +زيب النساء هن جي هيڪلي ڌيءُ هئي. اُن کان سواءِ کيس چار پٽ به هئا، پر سڀ وڏا، پنهنجيءَ وارا، پرڻيل ۽ هرڪو الڳ رهندو هو. اُنهن مان شايد ئي ڪنهن پيءُ وارو ڌنڌو ڪيو. زيبو تن ڏينهن ۾ انٽر ۾ هئي. وهيءَ چڙهيل، تڏهن ئي سندس مائٽن کيس وڌيڪ پڙهائي نوڪري ڪرائڻ بجاءِ سٺو گهر ڳولهي، هٿ ڳاڙها ڪرڻ جو رٿيو. پر سٺا وَرَ ۽ گهر ته رڳو ڀاڳ وارن کي ئي ملندا آهن. حاجي جي پنهنجائپ ۾ به اهڙي موزونيت ڪانه هئي، جتي پنهنجي نياڻي اُٿاري. برادريءَ ۾ هن جي ڀائرن سميت ڪيترن ئي ويجهن مائٽن ۾ ٻه ـــ ٽي، ٻه ـــ ��ي نينگريون ويٺل هيون. انڪري ئي جڏهن به ڪٿي ڪو چڱو سڱ سُجهيو ته هڪ ڇوڪر ۾ اٺ اٺ اکيون اٽڪيون رهيون. پر ڇوڪرا به پنهنجي مرضيءَ وارا. نئون دور، نوجوان خيال، ته ڪنوار به چونڊي کڻبي! توڙي کڻي زيبوءَ ۾ ڪوبه عيب نه هو، پر لکئي جا ليک ته آسمانن تي هوندا آهن. دنيا ۾ ڪنوار کي گهوٽ سان ملائڻ جو رڳو رسم ئي ملهائبي آهي، انڪري حاجي ۽ جوڻهنس هر وقت ڌيءَ جي سٺي نصيب بابت دعائون پيا گهرندا هئا. کين اِها خبر ڪانه هئي ته زيبوءَ جي من ۾ ڪنهن لاءِ پيار پيدا ٿي چڪو آهي، جنهن جي ياد، رات جي ڪنهن به پهر هوريان هوريان سندس دل ۾ داخل ٿي هن جي ننڊ ڦٽايو ڇڏي. ”لوڪ لڏڻ ۾، چرڻ اڏڻ ۾“ وانگر، برادريءَ جي اڌي صدي اڳ جيان، اڄ به ڌارين ۾ مائٽي کان لنوايو ٿي، پر زيبوءَ لڪ ڇپ ۾ پنهنجي ڪاليج جي هڪ اُستاد منصور سان پيار ڪرڻ لڳي. +منصور، مقامي ڪاليج ۾ پڙهندو هو. اهڙي گهر جو فرد هو، جو سَکن جي رڳو سَڌ ڪئي هئي، پر ڪمتريءَ جي احساس ۾ وڪوڙجي، زندگيءَ جي رڻ ۾ رلڻ بدران هو محنت سان چڱي درجي تي وڃي رسيو. منصور سچو، سادو ۽ پيار ڪندڙ شخص هو. وڻندڙ مهانڊن ۽ ڪشش رکندڙ وڏين ڪارين اکين واري هن جوان ۾ خبر نه ته الائي ڇا هو جو کيس ڏسي جيڪو ڪير ڪنهن به طرح پاڻ کي ساڻس پيار ڪرڻ کان روڪي نه سگهي. هن جا مائٽ ڀرپاسي وارن رئيسن جا هاري هئا، جن پيٽ تي پٿر ٻڌي کيس پڙهايو. سندس هڪ ڀاءُ ميٽرڪ ۾ ۽ ٻيو اڃا ننڍو هو. منصور کي پنهنجي گهرو حالتن جي خبر هئي، تڏهن ئي سوڙ آهر پير ڊگهيريائين. هو چوندو هو: “One has to cut the coat according to his standard” +وٽس هڪ اڌوڻي موٽر سائيڪل هئي، جنهن تي روز ڪاليج ايندو ويندو هو. غريباڻي حال جي باوجود به هو زندگيءَ کان مايوس نه هو. جيون کي هن مڪمل جنگ ڀانيو ۽ هر طرح کٽڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ موجب: ”ضروري ناهي ته ماڻهو هر ويڙهه کٽي، پر پوءِ جنگ ضرور وڙهبي..... ميدان خالي ڇڏڻ مڙسن جو ڪم ناهي.“ تڏهن ئي ”خفي مان نفعو“ واري اصول موجب، هو رات ڏينهن، سُکئي وقت لاءِ جاکوڙيندو رهيو. ڪاليج ۾ هو انگريزيءَ جو استاد هو، پر کيس تاريخ ۽ ادب سان به دلچسپي هئي ۽ اڪثر ڪنهن به موضوع تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي سگهندو هو. بنيادي طور تي هو خراب شخص نه هو. تڏهن ئي اڪثر چيائين: ”پنهنجي محنت سان جيڪڏهن ڪو سُکي جيون گهاري ٿو ته ڪنهن کي رنج ٿيڻ نه کپي، ڇو ته ڪنهن جي به سٺي کائڻ يا پائڻ سان ٻئي کي ڪهڙي تڪليف آ.... بدي جي عمر گهڻي ناهي... ماڻهوءَ کي سدائين سٺو سوچڻ کپي. سٺو سوچڻ وارا، سٺو نه ڪندي برو نه ڪندا آهن پر برو سوچيندڙ رڳو برو ئي ڪندا آهن.“ ائين جهيڙن، ڌڪار ۽ نفرتن ختم ڪرڻ وارين ڳالهين پويان هن چيو: ”محبت اها ميراث آ.“ هو چوندو هو: ”نيڪي به اُها چڱي، جا ثواب جي لالچ بنا ڪجي ۽ ڇا اِهو صحيح ناهي ته ڪنهن ٻئي جي ڪلهن تي چڙهي بهشت ۾ وڃڻ بدران ماڻهو پاڻ ئي پنهنجن پيرن تي هلي دوزخ قبولي.“ سندس خلوص، سچائي ۽ سهپ جي ڪري کيس چئن چڱن ۾ مثال طور پيش ڪيو ويندو هو. ڪاليج يا ڳوٺ ۾ هن بابت ڄاڻندڙ اڪثر عورتون کيس چاهينديون هيون. منصور کي چاهيندڙن ۾ ڪاليج ۾ پڙهندڙ زيب النساء به هئي. + + +سترهن ارڙهن سالن جي، ڊگهي قد ۽ چيلهه تي پوندڙ چوٽيءَ واري زيبو ڪاليج جي سهڻين ڇوڪرين مان ليکبي هئي. جيئن سندس ڪاريون، چنهنبياريون اکيون ماڻهو لهنديون هيون، ائين ئي وري اڌ ڳٽي تائين ايندڙ پنبڻ هئا جن جي اصليت تي به جيڪر ڪير شڪ ڪرڻ لڳي. زيبوءَ وٽ سونهن هئي ته البيلائي ازخود سندس من ۾ سموئجي ويئي. تڏهن ئي ڪاليج ۾ سارو وقت مذاق ڪندي هن ڪئين رئندڙن کي کلايو ��ه ڪيترا کلندڙ کائنس رُسي به ويا. هن ڪيترن استادن ۽ هڪ جيڏن تي نالا رکيا. ڪا ”چُوپڻي“ ته ڪا ”لغڙي“ يا ”ڍڳي“ سڏبي هئي. ائين هن ڪڏهن هڪ بينچ تي ويٺل ٻه ڇوڪرين جون چوٽيون ٻڌي ڇڏيون ته ڪڏهن ڪنهن جي پٺيءَ تي ڪارٽون وارو اسٽيڪر چنبڙايو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيئي کلندي هئي. کل ته هن ڄڻ مڻن ڳنهي ورتي هجي ۽ هر طرف مسڪراهٽون پکيڙيندي رهي. تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ائين ضرور ٿيو ته هوءَ جُوه وجهي منصور ڏي ڏسندي هئي ۽ پوءِ خاصي دير چپ چاپ خبر نه ته الائي ڇا سوچيندي رهندي هئي. اهو ڪنهن به نٿي ڄاتو ته چلولي ۽ چاڳلي زيبو، دل ئي دل ۾ منصور کي چاهڻ لڳي هئي ۽ مائٽن جي ڊپ کان هن اهو راز زندگيءَ جي محل ۾ لوهي دروازي واري وڏا تالا لڳل هڪ ڪمري ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ شايد ته منصور کي اِها خبر نه پوي ها... پر زيبو پاڻ ئي هڪ ڏينهن اِها ڳالهه کولي وڌي، جڏهن پيرڊ هلڻ دوران ”جان ڪيٽس“ جي پيار بابت هڪ بيت تي ڳالهائيندي منصور چيو هو: ”سڀ ماڻهو هڪجهڙا هوندا آهن، پر جڏهن ڪنهن سان پيار ٿي ويندو آ ته اُن جي نه هجڻ تي ساهه ٻوساٽبو آ.... ائين لڳندو آهي ته انسان کان وٺي خدا تائين جيترا به رشتا آهن، اُتي گڏ ڪندي به ماڻهو جو پيار وڌيڪ ٿيندو ۽ پوءِ ماڻهو، آڪاش جي اوچاين جيترو وڏو ستارن کان سهڻو بت، دل جي مندر ۾ سجائي رات ڏينهن اُن جي پوڄا ڪندو رهي. +ائين ڳالهائيندي ڪو نئون بحث ڇيڙجڻ تي جڏهن هن چيو: ”منصور، ارڏا، اڏول ۽ سرڦريا هوندا آهن... توهان عباسي حڪمران منصور کي ڏسو، منصور الحلاج يا اهڙي نالي واري ڪنهن ٻئي ماڻهو کي... هو يا ته تخت يا وري تختي تي بيٺل نظر ايندا آهن.“ +”تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو کين چاهي ته...“ ڪنهن جي پڇڻ تي منصور وراڻيو: +”تخت بابت سوچي يا...“ +”تختي بابت....“ +”اهڙا خيال رکندڙن کي احتياط ڪرڻ کپي.... ڇو ته منصور جي ڀاڳ وارو سڪو اڪثر کوٽو نڪري پوندو آهي.“ +”جيڪڏهن ڪو تختي بابت ڄاڻي به ڪنهن کي چاهي ته اُهو ڀاڳ جي کوٽي سڪي بابت ڪونه سوچيندو....“ الائي ڪيئن زيب النساء چيو ته هال ۾ ويٺل ڪيترين ڇوڪرين ڪنڌ ڦيري ڏانهنس ڏٺو هو. +”جيڪڏهن توهان ماڻهو جي نالي مان اُن جي ڪردار بابت ٻڌائي سگهو ٿا ته زيب النساء جي باري ۾ ڇيا چونؤ.“ زيبوءَ جي اِن سوال تي کيس ڇيڙڻ لاءِ ڪلاس جي ڪنهن ڇڪري، مرڪي منصور کان پڇيو ته ورندي ملي هئس: ”مان رڳو هڪ زيب النساء بابت ڄاڻان ٿو... دهليءَ جي ٽيهه هزاري باغ ۾ دفن زيب النساء ’مخفي‘ مغل حاڪم اورنگزيب جي وڏي ڌيءُ هئي.“ منصور چيو هو..... ”اورنگزيب بابت تاريخدانن جي راءِ آهي ته هند جو بادشاهه هوندي به هٿ سان قرآن لکي، اُنهن جي وڪري واري ڪمائيءَ مان پنهنجو خرچ ڪڍندو هو، پر تاريخ لکندڙ اِهو وساري ويٺا ته تخت ۽ تاج جي لالچ ۾ هن پنهنجي پيءُ شاهجهان کي جيل ۾ وجهرايو. قاضين ۽ عالمن جي هٿ ٺوڪين فتوائن جي بنياد تي پنهنجن ڀائرن دارا شڪوڪ ۽ مراد بخش کي قتل ڪرايو. پنهنجي ڌيءُ زيب النساءِ جي عاشق کي ٽهڪندڙ تيل جي ڪڙاهيءَ ۾ اُڇلارائي ماريو.“ +مذاق ۾ ڪيل سوال جي جواب ۾ منصور تاريخ جي هڪ باب کولي وڌو ته دلچسپي وڌڻ تي ڪنهن ٻيءَ ڇوڪري پڇيو هو: ”ڇا اُن کان پوءِ زيب النساءِ عشق نه ڪيو؟“ +”تاريخ جي ڪتابن ۾ اُن بابت ڪي خاص حوالا ته ڪونه ٿا ملن پر اِها حقيقت آ ته هوءَ پنهنجي پهرئين پيار کي وساري نه سگهي هئي. تڏهن ئي هن عشق واري شاعري به ڪئي.“ منصور چيو هو.... ”ڇو ته عشق ڪنهن لاءِ اُن تيزاب وانگر آ جو ساوا وڻ به سڪائي.... ۽ ڪنهن لاءِ وري اُن امرت جيان، جو سڪل وڻ به ساوا ڪري.“ +منصور جي اِها ڳالهه روزاني واري پڙهائيءَ جو حصو هئي پر ڪنهن به نه ڄاتو ته زيبو اُنهن ڳالهين تي حد کان وڌ ماٺيڻي ٿي اڃا به ڪجهه ٻيو سوچي رهي هئي. تڏهن ئي اُن ڏينهن لائبريريءَ ۾ منصور سان ملي هن چيو هو: ”توهان مون کي سٺا ٿا لڳو.“ ننڍي شهر ۾، سماجي رسمن ۾ بند هڪ نينگري جا دليريءَ وارا اِهي اکر منصور لاءِ حد کان وڌڪ حيران ڪندڙ هئا. تنهن هوندي به هن ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺو ۽ مرڪي پڇيائين: ”ڪو خاص سبب؟“ +”ڇا ضروري آ ته هر ڪم لاءِ ڪو نه ڪو سبب هجڻ کپي.“ +”پوءِ به ڪنهن کان متاثر ٿيڻ لاءِ ڪا خاص ڳالهه ضرور هوندي آ.“ +”مون کي وڌيڪ خبر ته ناهي پر الائي ڇو اڪيلائيءَ ۾ اوهان بابت سوچيندي آهيان.“ هوءَ چوڻ لڳي..... ”رات جي وقت هنڌ تي پيئي هوندي منهنجي ننڊ ڦٽي ويندي آ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي رات پاسا ورائيندي گذري ٿي.“ زيبوءَ جي اِن ڳالهه کي منصور پهريائين ته سندس مذاق جو انداز ڀانيو پرهن جي وساميل چهري ۾ ماٺيڻائپ کيس تمام گهڻو مُنجهايو. کيس اِهو به عجب لڳو ته وقت کي هر ويل کِل جي ڪاتيءَ سان ڪهندڙ نينگريءَ وٽ اهڙا خيال ڪيئن آيا.... ۽ سندس چونڊ ۾ به رڳو منصور ئي ڇو؟ ”پر هُو ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهيو. هو وچولي طبقي جو سهر هو، جتي ماڻهو نه چاهيندي به مخصوص دائرن ۾ قيد ٿي جيئي ٿو. سڀ کان وڌيڪ کيس پنهنجي شهرت جو خيال هو، ڇو ته ”سج ڪڏهن به کاري هيٺان لڪي نه سگهيو آ.“ ۽ اهڙيون ڳالهيون واءُ مينهن ٿي رڳو خوار ئي ڪنديون آهن. تڏهن ئي هن زيبوءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُهو سڀ کيس ڏڌل کير وانگر واپس ٿڻين وجهڻ وانگر لڳو. عقل جي ڌارا کان پري بيٺل نينگري جيئن ٿڌ تيئن وڌ وانگر سندس ڪابه ڳالهه نه مڃي. کيس خبر نه هئي ته زيبو ڪئين هفتا يا ڪئين مهينا اڳ کان هن بابت سوچڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي کيس ڪوبه اُنهن خيالن تان ڦيرائي نٿي سگهيو. +منصور ڄاتو پئي ته حاجيءَ وارا پنهنجائپ کان ٻاهر سڱ نه ڪندا آهن ۽ هو خود فريبيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ وارن مان نه هو. هن کي پنهنجي حيثيت ۽ حال جي خبر هئي. غريب مائٽ ۽ وڏو ڪٽنب، جن جو ذري گهٽ سڄو بار سندس مٿان هو. اهڙن ئي حقيقين جي ڪري، هن پاڻ کي زيبوءَ کان تمام پري بيٺل ڏٺو. ائين ڄڻ ته باهه جي درياءَ جي ٻن الڳ الڳ ڪنارن تي بيٺل ٻه انسان، جيڪي چاهيندي به پاڻ ۾ نه ملي سگهن ۽ سندن ضد جو انت رڳو موت ئي هجي ٿو، انڪري ئي هن زيبوءَ کي چيو: ”حقيقت اِها ناهي، جيڪا تون سوچين پيئي.“ +”حقيقت اهوئي عمل آ، جيڪو اسان ڪيون ٿا.“ +”تنهن هوندي به تنهنجا وارث ئي تو بابت صحيح فيصلو ڪري سگهن ٿا.“ +”مان عاقل، بالغ ۽ وات وڪيل آهيان.“ +”تون زندگيءَ جي اهنجن رخن کان اڻ واقف آن.“ منصور چوڻ لڳو.... ”توکي خبر ناهي ته ڪيتريون ئي خوشيون ڪيترن ئي ماڻهن جي ڏکن جو سبب بڻيون آهن.“ ائين منصور کيس سندس مائٽن ۽ ڪاليج جي پرنسپال وٽ وڃڻ جو دڙڪو به ڏنو، پر زيبوءَ نه مڙي. +”ڪنهن کي اُن بابت ڪجهه چئي تون مون کي خوار ته ڪري سگهين ٿو، پر منهنجي ارادي جي اٽل ديوار کي ڪيرائي نٿو سگهين.“ زيبوءَ روئڻهارڪو ٿي چيو هو... ”مان زهر کائي پاڻ مارينديس... ۽ تو وٽ منهنجي يادن، وڇوڙي ۽ سوداءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو.“ +منصور کي لڳو ته زيبو جنون جي هر حد اورانگهي چڪي هئي ۽ اهڙيءَ ويل ڪنهن جو ٿورو چوڻ به کيس هٿ وٺي مارڻ برابر هو. تنهن هوندي به منصور کيس رخ نه ڏنو ته هوءَ ڏينهون ڏينهن سوچن جي ڪُن ۾ ڦاسندي رهي. دل جي بي چيني ۽ اڻ کٽ خيالن کيس افعالن مان ڪڍي ڇڏيو. هن کل ڀوڳ ۽ مذاق سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو. لاڳيتن اوجاڳن، وسوسن ۽ اُڻ تڻ ڪري سندس بلڊ پريشر گهٽجڻ لڳو. رنگ ڦِٽي ويو ۽ ذهن ڄڻ ته انيڪ سوچن جو آستان بڻيل هجي. زيبوءَ جي اهڙي حالت منصور کي پريشان ڪندي رهي پر هو چاهيندي به کيس اهڙن خيال مان ڪڍي نه سگهيو. زيبو هن کي سٺي لڳندي هئي. هوءَ حقيقت ۾ به ايتري سٺي هئي جو ڪير بنا ڪنهن هٻڪ جي کيس پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، پر منصور لاءِ اهو هماليه جي ڪا اوکي چوٽي اُڪرڻ برابر هو، ڇو ته برادريءَ جون پنهنجون ريتون رسمون هيون ۽ پنهنجن کان ٻاهر مِٽي نه ڪرڻ جي ڪري سندن ڪيتريون ئي حسين ڇوڪريون ويٺي وَهي کائي مُيون، ته منصور جي ڪا سَڌ ڪيئن سچ بڻجي ها. +”توکي خبر هجي ته مان امير ناهيان.... مون وٽ مسڪراهٽون، خلوص، محبت ۽ پيار ته آهي، پر اُن سان ڪنهن به طرح ڪنهن جو پيٽ ڀرجي نٿو سگهي.“ هڪ ڏينهن منصور موقعو وٺي زيبوءَ کي چيو ته هن وراڻيو: ”ڇا زندگي گذارڻ لاءِ رڳو سُک ئي ضروري آهن.“ +”پر گهڻن ڏکن ۾ ڪو گهڻو جِي نه سگهندو آ.“ +”سُکن ۾ رهي به ماڻهو مري ته سگهي ٿو،“ ۽ منصور ماٺ ٿي ويو. سندس هر سوال جي موٽ ۾ زيبوءَ جو ائين امالڪ جواب کيس مُنجهائي ڇڏيندو هو. هو سندس اهڙي +ذهانت بابت ته ڪڏهن سوچي به نه سگهيو هو، تنهن هوندي به کيس سمجهائيندي چيائين: ”تون مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر زيبو!... تنهنجن مائٽن جي صدين پراڻين ريستن رسمن جي ڪري تون مون لاءِ اُن ماڪ وانگر آن جيڪا ٿوري اُس لڳڻ تي اُڏامي ويندي آ.“ +”مان ڪنهن به طرح پنهنجن مائٽن کي مڃائي وٺنديس.“ +”تون ڀُليل آن زيبو.... تنهنجا مائٽ اِها ڳالهه ٻڌي توکي ماريندي به نه مُڙندا.“ اِها حقيقت هئي ته بعد ۾ زيبوءَ پاران، ماءُ سان اِها ڳالهه ڪڍڻ تي تمام وڏو ممڻ متو. پڪي عمر ۽ ڳاڙهي مٿي واري پوڙهي حنيفا، مڙس سان اِهو سور ته نه سليو پر زيبوءَ کي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ٺاهوڪي ڦيهه ڪڍي هئي. هوءَ اهڙين عورتن مان هئي، جيڪي مرد جي مان لاءِ مرڻ تائين به تيار هونديون آهن. توڙي کڻي زيبو کيس گهڻي پياري هئي پر هن حاجي بابت به چڱي پر ڄاتو پئي. تڏهن ئي ڌيءُ کي سمجهائڻ جي ڪيائين پر ڪوشش ڪندي به ڪجهه ڪري نه سگهي. هڪ رات لوڪ ستي، اُٿي، ڪوئن جي دوا کائي زيبو پاڻ مارڻ جي ڪئي هئي. +مائٽن جي سخت ڪوشش تي زيبو بچي ته ويئي پر سندس اُن حرڪت تي جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون. حاجي ۽ حنيفا يا سندن پٽ ته ڪنڌ کڻڻ جهڙا به نه رهيا. پوري راڄ جي چؤپچو، سُس پُس ۽ ڪنن ۾ ڀُڻڪا ٻڌي هو ڄڻ ته جيئري ئي مري ويا. ائين زيبوءَ جو ڪاليج وڃڻ بند ڪيو ويو. ڇوڪريءَ جي پڙهائيءَ کان حاجي پنهنجن ريتن، قبائلي رسمن ۽ خاندان جي روايتن کي وڌيڪ اهميت ڏني. ائين لڪ ڇپ ۾ هن تَر جي چئن چڱن وٽ به دانهيو. واسطا وڏا، راڄ جا وڏيرا ۽ شهر جا ڀوتار پر منصور تي ڏوهه اچي نه سگهيو، ڇو ته زيبوءَ کي چاهيندي به ظاهر ۾ هُو هر ڳالهه کان وانجهه بيٺل هو. تڏهن ئي ڪنهن مٿس الزام نه آندو. پر سندس مائٽن کي اهڙي حرڪت زيبوءَ کي اڃا به وڌيڪ چيڙائي وڌو. هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هڏن جي مُٺ بڻجي ويئي. هڪ اهڙي ٻار وانگر جو من پسند رانديڪو کسجڻ تي کيٽو ڪري روئي ۽ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ تي نه ريجهي کيس اهڙو مرض لڳو جو ڪنهن جي به سمجهه ۾ نه آيو. ڊاڪٽرن وس ڪيا. ويد، حڪيم، ويڄ طبيب... پر هر ڪنهن ائين ئي چيو: ”خبر نه هيءَ الائي ڇا پئي سوچي؟“ اِها خبر زيبوءَ جي پيءُ، ماءُ، ڀائرن، منصور، سندس ساهيڙين يا رڳو کيس ئي هئي. +”اسان پنهنجو ضد نه ڇڏيو ته هوءَ مري ويندي.“ هڪ رات سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ مصلي تي ويٺي ئي نظر جي عينڪ پائي، قرآن جو ورق ڪري، حاجي دعا گهرڻ لڳو ته سند�� پاسي ۾ ويهي تسبيح پڙهندڙ جوڻهنس حنيفا کيس چيو.... ”خدا کي مَڃ حاجي.... ائين نه ڪر.“ +”ڪنهن ٻئي جي حُالي رڪڻ بجاءِ مان کيس مُئو سهسائڻ پسند ڪندس.“ +”پوءِ تون سندس سڄڻ ڪيئن ٿئين... سلان جي دعائن پويان ئي ته هوءَ ڄائي هئي.“ +”تڏهن ته مون کي به پڳ ٻڌرائي ڇڏيائين.“ +”هن جي ٻاراڻي طبيعت آ... کيس ڪهڙي ڪل ته ڇا ڪرڻ ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي“ +”ته هاڻي ضد ڇو ٿي ڪري؟“ +”اٻوجهه آ... من ۾ ڳالهه ويهي ويئي اٿس ته ڇا ڪجي.“ +”سندس من ۾ ڪا غلط ڳالهه ويٺي ته مان مڃيندس ڇا؟“ +”تون پيءُ آن... توکي هن جي مرضي رکڻ کپي.“ مڙس جي ڪاوڙ بابت اندازو لڳائيندي حنيفا هوريان هوريان چوڻ لڳي... ”وري به چڱو ٿيو جو گهر نه ڇڏيائين.... نه ته الائي ڪٿي ڪٿي رُلي ها.“ ائين حاجي ڪنڌ ڦيري ڏانهس ڏٺو، پر هوءَ چوندي رهي... ”ڪنهن ٻُڌايو پئي ته ڇوڪرو ڏاڍو سٺو آ.... سهڻو، اخلاق وارو ۽ نوڪري به ڪري ٿو.“ +”ڀلي هجي، پر هو اسان مان ناهي... ڌاريو... هِتان جو سنڌي آ...“ زال جي ڳالهه تي مڇرجي حاجي چڙ مان چيو پر جوڻهنس ماٺ نه ڪئي. هوءَ ڄڻ ته اول ڪو فيصلو ڪري چڪي هئي: +”ڌاريو آ ته ڇا ٿيو:... مسلمان ته آهي... اسان پنهنجي مرضيءَ سان سڱ ڪيو ته راڄ ۾ گلا به نه هلندي... هونئن به پنهنجائپ ۾ اهڙو سڱ آهي ڪٿي؟“ ۽ توڙي کڻي حاجي ڪابه ورندي نه ڏني پر حنيفا چوڻ لڳي... ”مون کان زيبوءَ جي حالت ڏٺي نٿي ٿئي حاجي.... خدا لڳ پنهنجو ضد ڇڏ.“ +”توکي خبر ناهي ته برادريءَ وارا اسان کي ڀَت ڀوت مان ڪڍي ڇڏيندا.“ هن چيو... ”هنن ته هاڻي به مهڻا ڏئي اڌ مئو ڪيو آ.“ +”اسان جي معاملن ۾ برادري وارن جو ڇا؟... هوءَ تنهنجي منهنجي نياڻي آ. جو جي ڳالهين تي اسان هن کي نڌڻڪو ڪري ته نه اڇلائينداسين.“ حاجي کي ٿڌو ٿيندو ڏسي جوڻهنس چوڻ لڳي.... ”الله کي مڃ حاجي... مون کي منهنجي ٻچڙي بچائي ڏي... نه ته مان سندس پويان ئي مري ويندي سان.“ ائين حاجي کيس ماٺ رهڻ جو چئي دعا گهرڻ لڳو ته به حنيفا نه مڙي... هوءَ چوندي رهي.... ”تون جنهن هستي کان دعا ۾ سڀ ڪجهه پنين ٿو... اُن جي صدقي منهنجي نياڻي بابت سوچ.... هٺ ڇڏ، نه ته هوءَ مري ويندي...“ ائين خاصي دير کان پوءِ دعا ختم ڪري حاجي ڏانهنس ڪنڌ ڦيريو ته مڙس جي اکين ۾ اُڀري آيل ماٺيڻائپ مان حنيفا فرعونيت جي صديون پراڻي ميڻ رجندي ڏٺي. +ائين نه ته اِها رڳو زيبوءَ جي ضد ۾ اچي ڳچي پوڻ واري ڳالهه هئي، پر منصور به کيس حد کان وڌ چاهيو. هو ته لڄارو، حضور شم، ڊڄڻو يا حد کان وڌ شريف هو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته کيس زيبوءَ جي مائٽن ۽ پنهنجي مالي توڙي شخصي پوزيشن جو خيال هجي، تڏهن ئي هو کُلي طرح اِها ڳالهه ڪري نه سگهيو. پر حاجي ۽ سندس پٽن جي راضپي سان زيبو هن جي رڙ ٿي ويئي ته منصور کيس ساهه سمان ڀانيو. +”هن جڳ ۾ ڪنهن به هنڌ اهڙو ڪو به ماپو ڪونهي جو منهنجو پيارُ ڪَري سگهي.“ +”مون کي خبر آ.“ مڙس جي ڳالهه تي جڏهن به زيبو مرڪي ڏنو ته هو پڇندو هو: +”ڪهڙي خگر اٿئي؟“ +”اِهائي ته تون مون سان پيار نٿو ڪرين.“ پر زال جي ڳالهه تي منصور مِٽون سُڄائي منهن ڦيريو ته هوءَ کيس چنبڙي پوندي هئي: +”دل چوندي آ ته تون هر هر ڪاوڙجين ۽ مان رڳو پئي توکي پرچايان.“ +”ائين ڪرڻ ۾ مزو ايندو اٿئي ڇا؟“ +”تمام گهڻو.“ زيبو چوندي هئي... ”پنهنجو امتحان وٺندي هان ته تنهنجي پيار ۾ ڇا ڇا ڪري سگهان ٿي.“ +”پوءِ ڇا ٿي سمجهين.“ منصور جي پڇڻ تي زيبو سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي سيني سان لڳي چوندي هئي: +”اڃا اهڙي ڪابه مهل نه آئي آ جو مان ٿڪجي پوان... تنهنجي پيار مان ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي. دل چوندي آ ته تون اڳيان هجين ۽ مان رڳو توکي ڏسندي رهان.“ +”لڳيم ٿو ته تون هاڻي ٿوري ٿوري چري به ٿي پيئي آن.“ +”چري ته مان اڳي به هئس.... پر تڏهن وات تي مُهر هجڻ ڪري ڪجهه ئي نه سگهي هيس.“ +”مون کي ته مٿي ۾ سور وجهي ڇڏندي هئينءَ.“ زيبوءَ کي چيڙائڻ لاءِ منصور ائين ئي چوندو هو ته هوءَ تال ڪندي کيس ڌڪ هڻڻ لڳندي هئي. +منصور سان زيبوءَ جي زندگي ڏاڍي سٺي گذرڻ لڳي. هن کيس سندس سوچڻ کان به وڌ پيار ڏنو. ايتري محبت، جيتري شايد ته ڪير پاڻ سان به نه ڪري. ائين زيبو به مثالي زال وانگر مڙس جي لاءِ سارو وقت در ۾ اکيون اٽڪائي ويٺي رهندي هئي. سندس ٿوري دير به کانئس سَٺي نه ٿيندي هئي. ڪنهن ڪم ۾ ڦاسي منصور ڀلي سڄو ڏينهن گهر نه اچي، ته زيبو به ماني نه کائيندي هئي ۽ بعد ۾ اُن ڳالهه تان مڙس کيس ڇِنڀيو به ته کلي چوندي هئي: ” تنهنجو اوٻاريل کائندي هان ته سڄو ڏينهن بک ئي نٿي لڳيم.“ ائين هوءَ پاڻ ئي مڙس جا ڪپڙا ڌوئيندي هئي. صبح سان اٿي ننڍي ٻار وانگر تياري ڪري کيس ڪاليج موڪليندي هئي. هن لاءِ هر ڏينهن نئين بهار جي شروعات ٿي آيو ۽ اهو قصو ڇهه سال هلندو رهيو. ان وچ ۾ کين ٻه ٻار به ٿيا، رينو ۽ غوث. ڌيءُ پٽ ڄڻ ته به سهڻا رانديڪا هئا، جي سارو ڏينهن ڪڏهن پيءُ ته ڪڏهن ماءُ جي پٽن تي چڙهي ڪڏندا رهيا. هو تمام گهڻو خوش هئا.... ۽ عجب لڳندو هو جڏهن منصور ٻارن بجاءِ زيبوءَ کي پٺن تي کڻي سڄي گهر جي آڳر ۾ ڊڪندو هو ۽ جوڻهنس جي رڙين تي به نه بيهندو هو. ماڻهو هنن جي پيار تي ريس ڪندا هئا. تڏهن ئي شايد کين ڪنهن جي نظر لڳي ويئي جو هڪ ڏينهن قسمت ساڻس مذاق ڪري وڌو. برسات جي هڪ رات، موٽر سائيڪل تي گهر موٽندي، ’چين اسڪوپ‘ ۾ ڦاسي، منصور جو پير کڙي وٽان وڍجي پيو ته هو کٽ وٺي ويهي رهيو. +پير جي کڙي سخت هجڻ ڪري، جيئن ته Blood circulation گهٽ ٿئي ٿي، انڪري اهڙا ڦٽ سوالائي سان نه ڇُٽندا آهن. شهر جي ڊاڪٽرن وٽان منصور کي جوڳو فائدو نه ٿيو ته هو پهريان بدين ۽ حيدرآباد جي هڪ نالي واري سرجن وٽ هليا آيا، جنهن گهربل ٽيسٽ رپورٽون چيڪ ڪندي منصور کي چيو مو... ”ڪيس ڏاڍو ڳنڀير آ ڇو ته ڌڪ جي ڪري مُرئي وٽ ملندڙ تنتن مان به ڪئين وڍجي ويون آهن... ۽ سڀ کان اوکي ڳالهه ته تون شگر جون مريض آن، تڏهن ئي ڦٽ مڙڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. ان ڪري هاڻي گهڻ رخي علاج جي ضرورت آهي. هڪ طرف ڦٽ سُڪائڻ جي ته ٻئي طرف شگر جي ليول گهٽ ڪرڻ جي دوا ڏبي.“ ۽ منصور کي ماٺ اچي ويئي هئي. +”توهان کي ڪنهن به حالت ۾ پنڌ ڪرڻو ناهي.“ ڊاڪٽر کيس تاڪيدي هدايت ڪئي هئي ”ڇو ته نسن جي چرپر، وَڍُ خراب ڪري ڇڏيندي.... ۽ اِها ويتر نقصان جي ڳالهه آ.“ +تنهن هوندي به منصور نه مُڙيو. هو پير جي کُڙي کوڙڻ بجاءِ پٻ تي هلڻ لڳو ۽ سندس اِها عادت اُن وقت ويتر وڌي ويئي جڏهن ڪاليج مان کيس موڪلڻ به بند ٿي. +”تون نٿو ڄاڻين ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍا ڦٽ وڏا وڍ وجهي ويندا آهن.“ هڪ ڏينهن منصور کي زيبوءَ چيو هو: ”تون هيڪلو ته ناهين... توسان گڏ ٽي جيون ٻيا به آهن. ها باقي اسان مان ڪڪ ٿيو آن ته ڀلي جيئن وڻئي تيئن ڪر.“ +”تون ائين ڪيئن ٿو چوين زيبو؟“ +”ڇو نه چوان...؟“ زيبو روئڻهارڪي ٿي ويئي هئي. ”پنهنجو تِر جيترو به خيال نٿو ڪرين.... ڊاڪٽر جي نصيب کي ته ليکين به نه پيو.“ +”ڀلي هلي وڃي...“ سندس ڳالهه ڪٽي زيبو چوڻ لڳي: ”جيءُ آ ته جهان آ.... زندگي ۽ صحت رهي ته ماڻهو ٻئي هنڌ به لڳي سگهي ٿو.... پر ائين لاپرواهه ٿيڻ چڱو آ ڇا؟“ ۽ اِها هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه هئي. لاڳيتو ڇهه ست مهينا منصور جو علاج هليو ۽ فائدو ذري برابر به نه ٿيو ته ڏهاڙي واري اچ وڃ کان تنگ ٿي، ڪنهن جي صلاح تي هنن کيس حيدرآباد واري ”لال بتي“ ۾ داخل ڪرايو. +”همت نه هار، مان توسان گڏ آهيان.“ منصور جي پاسي ۾ ويهي کيس دلجاءِ ڏيندي زيبو چوندي هئي... ”تون ڇا ٿو سمجهين ته مان بس ڪري ويهنديس.“ +”تون ڇا ڪندينءَ؟“ +”تنهنجي علاج لاءِ مان پنهنجو سڀ ڪجهه کپائينديس.“ +”تو وٽ ڇاهي...“ نه مڙس جي چوڻ تي هوءَ ماٺ ٿي کيس ڏسندي هئي. واقعي به وٽس ٺلهي جان کان سواءِ ٻيو ڇا هو. هلڪو ڦلڪو ڳهه ڳٽو ۽ پاسي ڪيل پئسا ته هو اول ئي خرچ ڪري چڪا هئا. هن معاملي ۾ توڙي کڻي ساهرن به سندن ساٿ ڏنو پر ڪيستائين؟ اهڙا ڊگها علاج ته رڳو ڪنهن امير ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه هئي. تنهن هوندي به زيبو دل نه لاٿي. هن چيو هو: +”ٻيو ڪجهه ڪيان يا نه پر قرآن کڻي الله سائين کي ايلاز ڪنديس ته منهنجي مڙس کي ٺيڪ ڪر.“ +”تون نٿي ڄاڻين ته وڃڻ وارا ڪيئن ويندا آهن... سڏ ٿيو، ساهه جي تند ٽُٽي ته ويندڙن جي رستي جي ڌوڙ به نظر نه ايندي آ ۽ پويان رڳو پيار، جهيڙي، ويڙهه ۽ تڪرار جون يادون هونديون آهن.“ زيبو جي ڳالهه پويان منصور به ڪجهه چوڻ چاهيو پر اکر نه اُڪليس، ته ماٺ ڪري زال ڏي ڏسڻ لڳو. سندس اکيون آليون ٿي ويون هيون. +مڙس جي علاج لاءِ زيبوءَ وسان نه گهايو. پر خبر نه ته الائي ڇا هو جو ٺيڪ ٿيڻ بدران منصور ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي هڏن جي مُٺ وڃي بچيو ۽ پوءِ وفد جي صورت ۾ ٻاهران آيل ڪجهه ڊاڪٽرن کيس ڪينسر هجڻ جي ڇرڪائيندڙ ڳالهه ٻڌائي، زيبوءَ جو ساهه سڪائي ڇڏيو. بي پاڙي جهڙو، ڪنهن به سائي ڪاٺي ۾ تنتون ٽنبي ست چوسيندڙ ڪينسر هن جي اڌ جسم ۾ پکڙجي چڪو هو. +”هاڻي ته ڄنگهه ڪپڻ مان به ڪو فائدو ڪونهي.“ وفد ۾ شامل ڊاڪٽرن چيو هو... ”ڇو ته مرض سٿرن کان مٿي وڌي چڪو آ.“ +”پوءِ ڇا ٿيندو ادا!“ +”هاڻي ته خدا ئي کيس بچائي سگهي ٿو.“ زيبوءَ جي پڇڻ تي هڪ ڊاڪٽر چيو... ”هن لاعلاج مرض جي علاج طور ايندڙ هڪ سُئيءَ جو ملهه به هڪ لک روپيا آهي، جيڪا سگهه ڪو ڪروڙ پتي ئي ساري سگهي ٿو... ائين جيڪڏهن توهان لاهور کڻائي وڃو ته اُتان وارا به ڪات ڪهاڙا تکا ڪيون ويٺا هوندا. اُتي به اهو سڀ مفت ۾ ته نه ٿيندو.“ ڳالهه ٻڌي زيبوءَ جو ست ڇڏائجي ويو. کيس لڳو ته ڄڻ سندس هيٺيون ڌڙ سُڪي ويو هجي. ڄنگهون بي سَتيون ۽ هيانءُ ٻڏڻ لڳو. بعد ۾ هوءَ ريهون ڪري رُني. دانهون ڪوڪون، رات جو نماز کان پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي دعائون پنڻ لڳي، پر ٿيڻو اُهوئي، جيڪو منصور سان واسطي ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهن يا هن پاڻ به ڄاتو ٿي. +”لڳيم ٿو ته ڪونه بچنديس.“ +”تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين؟“ منصور جي چوڻ تي زيبوءَ کيس ڏڍ ڏيندي هئي... ”ماڻهو کي الله جي رحمت مان مايوس ٿيڻ نه کپي.“ +”پر مون لاءِ رحمت جو اُهو مينهن شايد ڪڏهن به نه وسي.“ +”ائين نه چئو چريا!“ زيبو سندس وات تي هٿ رکندي هئي... ”توکي خبر آ ته غير جي خدا لاءِ به گٿا لفظ ڪڍڻ گناهه آ... پر تون پنهنجي رب لاءِ ائين پيو سوچين.“ ۽ توڙي کڻي زيبوءَ جو اندر خالي هو، پر مڙس کي همٿائيندي هوءَ چوندي هئي.... ”تو خدا ڏٺو آ؟“ +”اونهون....!“ +”پوءِ به اُن جي هجڻ جي پڪ اٿئي.“ +”ها...“ +”ته سندس وجود وانگر اُن جي رحمت به موجود آهي.“ زيبو چوندي هئي، پر ڪجهه به ڪڇڻ بنا منصور ماٺ ڪيو کيس ڏسندو رهندو هو. هن کي پنهنجي سڀاڻي جي سڀ خبر هئي. هو بُردبار هو ۽ ڄاتائين پئي ته پريشان ٿيڻ سان موت موٽي نه ويندو، پر شايد ته زندگي به پياري آ. پيار وارا ماڻهو، محبت ڪندڙ زال ۽ ڇاتيءَ جي وارن مثل ٻار ساري ڪو مشڪل سان ئي ماٺ ڪري سگهندو هوندو. منصور کي سڀ کان وڌيڪ زيبو، رينو ۽ غوث جو خيال ايندو هو، جن جي زندگي، سندس نه هجڻ ڪري يقينن ته اونداهين طرف ڌڪبي رهندي هئي. +”هوءَ پنهنجي وَهيءَ جو بار ڪيئن کڻي سگهندي؟“ رات جي هيڪلائيءَ ۾ جڏهن زيبو چپ چاپ سندس پيرن کان ويهي تسبيح پڙهندي هئي ته کيس ڏسي منصور سوچيندو هو... ”بهتر ٿيندو ته مون کان پوءِ هن کي ٻي شادي ڪرڻ کپي.“ ۽ بعد ۾ هڪ صبح سان زال جو هٿ پڪڙي هن کيس جڏهن اهڙي وصيت ڪئي ته زيبوءَ جون اکيون ڪينجهر جيان ڇُلڻ لڳيون هيون: +”ڇا تو اُن شاعر واري ڳالهه وساري ڇڏي، جنهن زال پاران ٻي شادي لاءِ زور ڀرڻ تي کيس چيو هو... تون شايد اِهو چاهين ٿي ته پارسين جي لاش جيان منهنجي ماهه کي به آسماني ڳجهون کائين.“ +”مان تنهجي دل کي سمجهان ٿو زيبو... پر دنيا ڏاڍي ظالم آ... تنهنجو حسن ئي تنهنجو ويري بڻبو.“ +”مان توکي بچائي وٺنديس ته دنيا وارا مون ۾ اکيون ڇو وجهندا.“ زيبو چيو ته ٽوڪ واري کل کِلندي، ۽ منصور چپن ۾ ڀڻيڪو هو: +”انڌي ماڻهو پاران سج ڏسڻ جي خواهش رڳو خواب ئي هوندي آ.“ ۽ پوءِ سندس علاج جو اُهو سلسلو ڪو گهڻو وقت هلي نه سگهيو. وقت گذرندي منصور جو مرض وڌندوويو. سندس ٽنگ جو گوشت ڳري ويو ۽ ڦٽ سهپ کان وڌيڪ ڌپ ڪري ويو. ايتري قدر جو اسپتال جا ماڻهو به نڪ تي ڪپڙو رکي کيس چيڪ ڪرڻ ايندا هئا. حقيقت ۾ هُو هاڻي رڳو پساهه پڄڻ جي انتظار ۾ هو. ائين هڪ ڏينهن اوچتو هن جي طبيعت خراب ٿي پيئي. اهو نظارو ڪنهن ننڍي قيامت کان گهٽ نه هو. جڏهن ريهون ڪندي زيبو ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر جي ڪمري ڏي ڀڳي ته ٽيبل تي ٽنگون ڊگهيري ڪنهن سان ٽيليفون تي ڪچهري ڪندڙ ڊاڪٽر اهو سوچڻ بنا ته هوءَ ڪير آ، کيس الله جي نالي تي ٻه روپيه خيرات ڏني. +”مان فقيرياڻي ناهيان.“ زيبو دانهون ڪري ڪرڻ لڳي... ”منهنجو مڙس ٿو ڦٿڪي، ڊاڪٽر!... خدا جي واسطي اُن کي ڏسو...“ پر جيسين ڊاڪٽر منصور تائين پهچي، هو کانئس موڪلائڻ بنا اوکي پنڌ جو راهي بڻجي چڪو هو. هو نه ته پيءُ ماءُ ۽ ٻارن کي آخري ڀيرو ڏسڻ لاءِ ترسيو ۽ نه وري زيبو کيس ٻک وجهي روڪي سگهي. +ائين هو مري ويو. قضا پڄي آئي ته اڻ مندائتو موت سندس مقدر بنيو. ”حيلي رزق بهاني موت“ وانگر ڪينس ته رڳ بهانو ٿي آيو ۽ آڪاش جي اتاهين بلندين تي اوندهه جي آکيري ۾ رهندڙ وت جو اڻ ڄاتل پکي ڪنهن بکئي باز وانگر جهپٽ هڻي سندس جيون جي ڏور ڇني ويو. هن جو جيون، هوا ۾ رکيل ميڻ بتي جو اُهو شعلو بڻجي ويو، جيڪو واءُ جي هلڪي جهوٽي تي ئي پنهنجو وجود وڃائي ويهندو آ. ننڍپڻ کان پيريءَ تائين وک وک تي ساٿ ڏيڻ واري حقيقت موت، پنهنجي هجڻ واري حيثيت ظاهر ڪري ويو هو. موت جنهن لاءِ ڪنهن به تياري جي ضرورت نه پوندي ۽ کيس موت به رڳو ان ڪري چون، جو اوچتو اچي تاريخ جو هڪ باب بند ڪيو وڃي. اسٽيشن تي ايندڙ اُن ريل گاڏي وانگر، جيڪا ڪڏهن به ليٽ نه ٿيندي آ. زيبوءَ جي دنيا ويران ڪري منصور پيارَ، محبت جون يادون ۽ گلن جهڙا رينو ۽ غوث ڇڏي هليو ويو ۽ سندس ٻارن کي خبر نه پيئي ته هُو ڪاڏي ويو ۽ ڪڏهن موٽندو. منصور جي دل ۾ به جيئري رهڻ جي آس ۽ امنگون هيون، پر هُو جي نه سگهيو. ”سدرة المنتهيٰ“ تي بيٺل ٻير جي وڻ مان سندس نالي وارو سائو پن، پيلو ٿي هيٺ ڪِريو ته دنيا مان پنهنجو ”مَن وسلويٰ“ کٽائي هو هميشه لاءِ اُڏامي ويو ۽ زيبوءَ جي دل اهو مندر بڻجي ويئي، جنهن ۾ انتظار جا ڏيئا ته ٻرندا رهن ٿا، پر هاڻي اُتي سيس نوائڻ وارو ڪير به نه ڪونهي. +نئين صبح سان سڀ ڪجهه ساڳيو هو. واهن ۾ وهندڙ پاڻي، پکين جي اُڏام، سج، چنڊ، ڪڪر ۽ هوا جا جهوٽا... پر منصور ڪونه هو. چون ٿا ته ڦٽ مان ايندڙ ناسون ساڙي دماغ تائين رسندڙ ڌپ جي ڪري، هن جي لاش جي ڀرسان ڪير به نه ويٺو. ڳوٺ جا مرد ۽ مايون پري پري هئا. کيس وهنجاريندڙ ماڻهن ڪپڙي سان منهن ويڙهيو. نماز واري توڙي قرآن بخشيندڙ مولوي، لاش کي ڪلهو ڏئي مقام تائين ويندڙ ڪانڌين ۽ مڙهه قبر ۾ لاهيندڙ همراهن جا به ٻوٿ ٻڌل هئا. منجهانئن هر ڪنهن اِها ڪوشش ڪئي ته تمام جلدي اها بدبوءَ مٽيءَ ۾ پوري ڇڏين پر اسپتال واري اهڙي حالت کان آخر تائين زيبو، کيس ڀاڪر کان نه ڪڍيو. هن ڪنهن به طرح کيس پاڻ کان پري نه ڪيو هو. +نسيم پارس گاد +ڪرسمس جو وڻ +ڊسمبر جا آخري ڏهاڙا آهن. پارو وسي رهيو آهي. پرهه ڦٽيءَ ۾ اڃان کوڙ سارو وقت پيو آهي. سيءُ ۾ ڏڪندو وڃي چانهه جو دڪان کوليو اَٿئين. حسب معمول سندس پهرين نظر روڊ جي ٻُهاري ڏيندڙ ڇوڪري تي پيئي آهي، جو روزانو پرهه ڦٽيءَ کان اڳ هن روڊ جي ٻهاري ڏيڻ ايندو آهي. سندس عمر مشڪل سان ست ورهيه ٿيندي. هو پيرين اگهاڙو، بنا گرم ڪپڙن جي يخ سرديءَ ۾ روڊ ٻهاري رهيو آهي. کيس پوريءَ طرح خبر آهي ته اڄ ڪرسمس جو ڏڻ آهي. اڄ دعا گهرن جو ڏڻ آهي. اڄ کين موڪل هئڻ گهرجي ــــ پر پوءِ به هو، ماءُ سان گڏ ڪرسمس جي ڏينهن روڊ کي ڄڻ يسوع مسيح جي آمد لاءِ سنواري رهيو آهي. +ننڍڙي ڇوڪري جو نانءُ يسوع آهي. يخ سرديءَ ۾، ڪرسمس ڏهاڙي، روڊ ٻهاريندي سندن ذهن ۾ انيڪ سوالن جنم وٺڻ شروع ڪيو آهي. هو ويران ۽ ويڪري روڊ کي يڪ ٽڪ تڪي رهيو آهي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان دڪان آهن، جي معمول جيان بند پيا آهن، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ چانهه جي دڪانن جي، جي پرهه ڦٽيءَ کان کُلڻ شروع ٿيندا آهن. يسوع اُنهن دڪانن کي تڪي رهيو آهي، جن جي هو صفائي ڪندو آهي. شايد هو اُنهن دڪانن ڏانهن سندس ذهن ۾ ڀٽڪندڙ سوالن جا جواب وٺڻ لاءِ تڪي رهيو آهي. +ماءُ ۽ پٽ روڊ ٻهاري، معمول جيان چانهه جي دڪان ٻاهر رکيل بينچن تي ويهي رهن ٿا. مجال آهي جو ڪوبه ڀنگي هنن بينچن تي ويهي سگهي! جيئن ته صبح جو پهر آهي، دڪان گراهڪ کان سواءِ ٻسو لڳو پيو آهي، سواءِ گڏهه گاڏين وارن جي، جي پنهنجن گڏهن گاڏين تي ويهي چانهه پيئندا آهن، تنهنڪري ٻئي ماءُ ۽ پٽ ٻاهرئين بينچ تي ويٺا آهن. +شام جي پهر ۾، ڪو صفائيءَ وارو هن روڊ جي ڪنهن به چانهه جي دڪان تي چانهه پيئڻ جي جرئت ڪري ناهي سگهندو. جڏهن روڊ ٻهاري ٿڪجي چور ٿي پوندا آهن، تڏهن هي ويچارا پاڻ سان گڏ آندل ڪوپن ۾ روڊ جي هيٺ ويندڙ گهٽيءَ ۾ پلٿي ماري چانهه جي چسڪي هڻندا آهن. ٿيا ته ”ويچارا“، جو شهر جي گهٽي گهٽي ٻهارين، پوءِ به ڪنهن هوٽل تي شاندار نموني چانهه پي به ناهن سگهندا. چانهه پيئڻ ته ٺهيو، هي هن روڊ تي ٺهيل ٻن سئنيمائن منجهه سڪون سان فلم ۾ ڪونه ڏسي سگهندا آهن. هنن جي وڏي عياشي فلم ڏسڻ هوندي آهي. +ٽولن جا ٽولا ٺاهي فلم ڏسڻ جا ارمان کڻي ايندا آهن، پر سئنيما جو مالڪ جڏهن ڏسندو آهي ته رش گهٽ آهي ۽ فلم جا پويان هفتا آهن، تڏهن هنن کي اجازت ملندي آهي ٿرڊ ڪلاس جي پهرين سيٽن اڳيان ڇڏيل فرش تي پلٿي ماري ويهڻ جي. وڏي اسڪرين آڏو ساندهه ٽن ڪلاڪن جي فلم سندن ڪنڌ کي مروٽي ڇڏيندي آهي. جي اوهين سئنيما اسڪرين آڏو پلٿي ماري فلم ڏسو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته هنن ويچارن سان ڪيڏي نه جُٺ آهي! +ننڍڙي يسوع اسٽان جي ڪنڊ ۾ رکيل ٻه ڪوپ ڌوئي اچي چانهه ٺاهيندڙ جي آڏو رکيا آهن. چانهه کڻي اچي ماءُ سان بينچ تي ويهي رهي ٿو. ماڻس چانهه کان بي خبر سئنيما جي پوسٽرن ڏانهن تڪي رهي آهي. پوسٽر جنهن ڏانهن هوءَ ٽِڪ ٻڌي تڪي رهي آهي، يخ سردي ۾ کيس گرم ڪمبل جو ڪم ڏيئي ��هيو آهي. پوسٽر ڪنهن ڪنوار جو آهي جا گهونگهٽ ۾ پنهنجو منهن ڍڪي رهي آهي ۽ هڪ خوبصورت نوجوان ڪنوار جي گهونگهٽ کي مٿي ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيري رهيو آهي. ٻنهي جي چهري تي حياءُ جو ڏيک نمايان آهي، جو پينٽر نهايت خوبصورتيءَ سان ٺاهيو آهي. +ڪنوار جو پوسٽر ڏسي، يسوع جي ماءُ کي پنهنجي شاديءَ جي رات تڙپائي ٿي ڇڏي. خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي تنها ڪمري ۾ کٽ تي، گهونگهٽ سان ڍڪيل چهري مان، کٽ تي ويٺل ڏسي ٿي. انتظار اٿس پنهنجي سهاڳ جو، جو اجهوڪي اجهو اچي سندس گهونگهٽ کي مٿي ڪري سندس مُک پَسندو ۽ نيڻ چمندو. +ذهن ۾ ڊوڙي وڃيس ٿو يسوع جي پيءُ جو چهرو، جو سانورو، قدآور ۽ جانٺو هو. دل سان کيس چاهيندي هئي. دل جا ارمان اُن ڏينهن پورا ٿيس، جڏهن سندس دل جي راڻي اچي گهونگهٽ مٿي ڪري سندس نيڻ چميا هئا. +”شرمائين ڇو ٿي، مان تنهنجو پنهنجو سونو آهيان....“ شرمائجي پاڻ کي گهونگهٽ ۾ ويڙهي ڇڏيو هئائين. پر سونو، هن کي ڇهڻ بجاءِ هن ڏي منهن ڪري سندس جوانيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو هو، پوءِ هوءَ پاڻ مرادو هن جي هنج ۾ پيئي هئي. +پوسٽر مان نظرون هٽائيندي، لڙڪ نيڻن منجهان لارون ڪري وهي اچڻ ٿا. يسوع جي پيءُ جي اوچتي موت جي خيال کيس ڏنڀي وڌو. +”امان... هوءَ پٽ جي سڏ تي خوابن جي دنيا ۾ جاڳي پوي ٿي. ”امان چانهه ٿڌي ٿي ويئي...“ يسوع نمانا نيڻ کڻي ماءُ کي چيو. +”امان! اڄ ڪرسمس آهي نه.... “ +”ها.... پٽ .... اڄ ڪرسمس آهي.“ +ماءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ هڪ طويل خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. +ننڍڙو يسوع زهن جي ويرانن ۾ ڀٽڪندڙ سوال کڻي ويران روڊ ڏانهن نهار ڪندي ماءُ کان پڇي ٿو. ”امان.... پوءِ هي دڪان سينگاريل ڇو ناهن.... اڄ ته خوشي جو ڏينهن آهي نه...“ +ماڻس يسوع جي حيرت زده سوال تي ڇرڪي پوي ٿي. ماڻس وٽ ڪوبه جواب ناهي. هوءَ کيس ڇا چوي؟ هوءَ کيس ڪهڙي ورندي ڏئي ته هن به خواب ڏٺا هئا، ڪرسمس جي رنگين جا، جي سندس وَر جي موت کان پوءِ اڻپورا ۽ اڌورا رهجي ويا هئا. + + +ماءُ کي خاموش ڏسندي سوالي ٿو: ”امان، ڪرسمس جو وڻ ڪنوار جي گهونگهٽ جيان چمڪيلو هوندو آهي نه... امان... ڪالهه موتيءَ چنو پئي ته ڪرسمس جو وڻ روشني ڏيندو آهي ۽ تجلا پڻ. موتي چيو ته وڻ اسان وٽ ناهي هوندو، ٻئي هنڌ هوندو آهي، جتي دڪان سينگاريل هوندا آهن، گهرن ۾ روشنيون ڪيون وينديون آهن، ماڻهو نوان نوان ڪپڙا پائيندا آهن... امان ٻڌاءِ ته ڪرسمس جو وڻ ڪٿي هوندو آهي؟“ +ننڍڙي يسوع جي ذهن ۾ اُٿندڙ سوال ماڻهس کي صليب تي چاڙهي ڇڏين ٿا. هوءَ ائين محسوس ڪري ٿي ڄڻ هوءَ عيسيٰ صليب جي وارث بڻجي صليب تي چڙهي هجي. +”امان... موتيءَ چيو پئي ته اڇين مُڇن ۽ ڏاڙهيءَ وارو سانتاڪلاز به هوندو آهي جو ٻارن کي اوٻاريل آنن جا تحفا ڏيئي کن پل ۾ گم ٿي ويندو آهي. امان! مان سانتاڪلاز وٽ ويندس، هن کي ست اوٻاريل آنا وٺندس. کيس چوندس ته مون ڪڏهن به توهان کان هڪڙو به اوٻاريل آنو ناهي ورتو. هاڻ ته مان ستن سالن جو ٿيو آهيان، تنهن ڪري ست آنا ته منهنجا حق ٿيا. امان! مان اوٻاريل آنا ته ڪڏهن به ناهي کاڌا... امان.... ٻڌاءِ نه سانتاڪلاز ڪٿي ملندو؟“ +ماڻس پٽ جي چاهتن جي صليب تي چڙهي پوي ٿي. هن وٽ ڪوبه جواب ناهي ته کيس ڇا جواب ڏئي. هن به رڳو خواب ڏٺا هئا، جي يسوع جي پيءُ جي موت کان پوءِ خوفناڪ بڻجي پيا هئا. ڀلا هن کي ڪهڙي خبر ته سانتاڪلاز ڪير آهي؟ هن لاءِ سندس ورئي سڀ ڪجهه هو، جو جوانيءَ ۾ کيس ارمانن جي صليب تي چاڙهي پاڻ وڃي ڀونءَ ۾ ملي ڀون ٿيو هو! +”امان.... تون چُپ ڇو آهين... ٻڌاءِ نه...“ ننڍڙو يسوع، ماءُ کان حسرت منجهان پڇي ٿو. +هوءَ يخ سرديءَ ۾ ڄڻ ڄمي ويئي آهي. ائين ٿي ڀانئي، ڄن سندس وجود منجهه رت ڊوڙڻ ڇڏي ڏنو هجيس. هوءَ بيجان يڪ ٽِڪ پُٽس ڏانهن تڪي رهي آهي. +”امان... مان ڪرسمس جو وڻ ڏسڻ ويندس. جتي دڪان سينگاريل هوندا آهن، گهر روشن هوندا آهن، ۽ جتي سانتاڪلاز منهنجي لاءِ اوٻاريل آنن جو تحفو کنيو انتظار ڪري رهيو آهي. امان... مان ڪرسمس جو وڻ ڏسڻ ويندس.“ +ننڍڙو يسوع بئنچ تان اُٿندي، پيرن اگهاڙو، مٿي اگهاڙو، يخ سرديءَ ۾ وڃي ٿو روڊ تي ڊورندو... پنهنجي ننڍڙي ذهن ۾ اڏيل ماڳ ڏانهن، جتي ڪرسمس جو وڻ آهي، جتي سانتاڪلاز ننڍڙي يسوع لاءِ ستن اوٻاريل آنن جو تحفو کنيو سندس اوسيئڙي ۾ بيٺو آهي! +يسوع جي ماءُ، پاري جهڙي وسندڙ سرديءَ ۾ ٺري ويئي آهي. سندس چپ سرد بڻجي پيا آهن. هوءَ رڙ ڪري يسوع کي سڏڻ ٿي چاهي، پر پاري جهڙي سرديءَ سندس جسم ۾ ڊوڙندڙ رت کي ڄمائي ڇڏيو آهي. هوءَ؟ اکين منجهان لارون ڪري وهندڙ ڳوڙهن سان پُٽ کي روڊ تي ڊوڙندي ڏسي رهي آهي. +غلام رباني آگرو [سفر نامو] +بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن +جنرل ارشاد بنگلاديش تي حڪومت ڪري رهيو هو. پاڪستان سرڪار کي دعوت نامو موڪيائين ته ”اسان ڊاڪا ۾ ايشيا جي ملڪن جي شعر و شاعريءَ ۽ ادب جي جشن ملهائي رهيا آهيون، اوهان به پنهنجو وفد موڪليو.“ +حڪومت مون کي پنهنجي وفد جو اڳواڻ چونڊيو ۽ ملڪ جي قومي ۽ صوبائي ٻولين مان ڪي اديب ۽ شاعر ميمبر ڪري کنيا، جن ۾ نامور مزاحيه اديب ۽ شاعر (رٽايرڊ) ميجر سيد ضمير جعفري به شامل هو. اسلام آباد ۾ ضمير جعفري منهنجو ڀائرن جهڙو دوست هو. اسان ٻئي ڄڻا هوائي جهاز ۾، ڪراچيءَ آياسين. ايئرپورٽ جي ويجهو ’مڊوي هوٽل‘ ۾ رات رهياسين. حيدرآباد مان ڪي سنڌي اديب ملڻ آيا، جن ۾ منهنجو عزيز، الطاف آگرو به شامل هو. ساڻس سٺي ڪچهري ٿي. صبح جو ’سپر ڪانسٽيليشن‘ جي هڪ هوائي جهاز رستي ڊاڪا روانا ٿياسون. جيڪو ايڏو ته پراڻو هو، جو ڊپ ٿي ٿيو ته ڪٿي ڪِري نه پوي! +ڊاڪا ايئرپورٽ تي پروفيسر علي حسن ۽ هڪ نوجوان بنگالي اديبہ ادان جي استقبال لاءِ بيٺا هئا. پروفيسر علي حسن ڪنهن زماني ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. سو، منهنجو واقف هو. البت، بنگالي اديبہ ٻُڌلَ ۽ ڏِٺل ڪانه هئي. سندس نالو محترمہ شهناز ٻڌايائون. پروفيسير علي حسن ۽ منجهس هڪڙي ڳالهه نمايان هئي: پروفيسر علي هسين عمر جي لحاظ کان ٻڍو هو. قد جو ڊگهو هو ۽ انهيءَ ئي نسبت سان ڊگهي سونهاري رکي هئائين. اُن جي ابتڙ، محترمہ شهناز ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي. قدرت کيس سونهن ۽ عقل جي نعمتن سان فراخدليءَ سان نوازو هو، سو اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويو ته بنگال جو جادو ايڏو مشهور ڇو ٿيو آهي! +اسان کي ”ڊاڪا شيريٽن هوٽل“ ۾ ٽڪايائون، جيڪا اوڀر پاڪستان جي زماني ۾ ’ڊاڪا انٽر ڪانٽيننٽل‘ سڏبي هئي. هر اديب ۽ شاعر کي جدا جدا ڪمرو مليو. سيد ضمير جعفري ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا رفيق منهنجي آمهون سامهون وارن ڪمرن ۾ لٿا. منهنجي ساڄي پاسي واري ڪمري ۾ هڪرو ٻڍڙو ترڪ پروفيسر هو ۽ کاٻي پاسي هڪ ايراني خاتون جيڪا ستت مون سان گهري گهاٽي ٿي ويئي، ڇو ته مون کي ٽٽل ڦٽل فارسي ايندي هئي. +البت، ترڪ پروفيسر ۽ منهنجو مسئلو اِهو هو ته: +زبانِ يارِ من ترکي +و من ترکي غمي دانم +’جشن ڊاڪا‘ لاءِ پاڪستان، هندستان، نيپال، سري لنڪا، ايران، ترڪي ۽ ڪوريا سان گڏ ٻين الائي ته ڪيترن ايشيائي ملڪن مان وفد گهرايا هئائون. ستت، سڄي هوٽل انهن سان ڀرجي ويئي. +روز، صبح جو اسان جو ادبي اجلاس ٿيندو هو، جنهن ۾ ڪونه ڪو اديب پنهنجي ملڪ جي ادبي لاڙن بابت پيپر پڙهندو ��و، جن تي سوالُ جوابُ يا هلڪو سلڪو بحث مباحثو به ٿي ويندو هو. +هڪ ڏينهن صبح جو ادبي اجلاس ۾ وياسين. غالباً، جپاني اديب پيپر پڙهيو، جنهن ۾ پنهنجي ملڪ جي دجديد شاعريءَ کي گهڻو ساراهيائين. ڪنهن ٻئي ملڪ جي مندوب ٽوڪ ڪيس: +“Friiend, you are taking of woolen heights.” +سڄي هال ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. +ٻاهر نڪتاسين، ته مون دلجوئيءَ لاءِ ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيو ته ”هر هنڌ، اهڙا هلڪڙا شخص فقره بازي ڪندا آهن. دل ۾ نه ڪجي.“ +مرڪي چيائين ته، ”اسان وٽ به اهڙن ڪريل ڪردارن جي ڪمي ڪانهي.“ +اسان گڏجي لنچ کاڌي ۽ ڪچهري ڪئي. موڪلائڻ مهل ”جپاني تنڪائن“ جو ڪتاب (اردو ترجمو) تحفي طور ڏنائين. +اسان جو شام جو سمورو وقت گهمڻ گهتڻ ۾ گذرندو هو. ڪاڏي به وڃڻ تي روڪ ٽوڪ ڪانه هئي. سرڪاري موٽرون هر وقت حاضر هونديون هيون. اردو مهاوري ۾ ائين چئجي ته ”هر ڏينهن عيد جو ڏينهن هو.“ کائڻ پيئڻ جا ته ڏاڍا مزا هئا. سنڌ ۾ چوندا آهن ته ”لٺ، ڌُڪو کڻجي ڀاءُ جي خاطر پر شاهدي ڏجي خدا جي خاطر.“ سو، سچي ڳالهه اِها آهي ته بنگالي ڏاڍا مهذب ماڻهو ۽ مهمان نواز ثابت ٿيا. هوٽل کي حڪم ڏئي ڇڏيو هئائون، ته مهمان جيڪي به طعام گهرن، سي کين پيش ڪريو. +پيڻ جي معاملي ۾ هونئن ته هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي پسند هئي. پر، ڪچي سبز ناريل جي پاڻيءَ جي گُهرَ گهڻي هئي، جنهن کي ’ڊابُ‘ پئي ڪوٺيائون. ـــ ڏاڍو خوش ذائقه هو. +اسان پاڪستاني وفد جا ميمبر روزانو شام جو، گهمي ڦري، رات جي ماني ٽِڪي کائي، ايراني خانم جي ڪمري ۾ ڪچهري ڪرڻ ويندا هئاسين. سٺي شاعره هئي. يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهي چڪي هئي. هاڻي، ايران ۾ ڪنهن اعليٰ عهدي تي آهي. پر، مان ڄاڻي ٻجهي سندس نالو ڪونه ٿو کڻان، جو منع ڪئي هئائين. وٽس سبز چاءِ جو دور هلندو رهندو هو ۽ ادبي ڳالهيون ٻوليون ٿينديون هيون. +هڪ دفعي، اهڙيءَ ڪنهن مجلس ۾، شعرُ شاعري، لطيفا ۽ ڳالهيون ٻولهيون ٻڌائيندي، خانم پنهنجو فارسي شعر ٻڌايو، جو منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويو. پر، شعر ٻڌائن کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو، ته هن اِهو شعر تڏهن چيو هو، جڏهن شاهه ايران، پنهنجي ملڪ جي مٿان ’ساوڪ‘ جي زور تي، وڏيءَ دٻڙ دؤنس سان، حڪومت ڪري رهيو هو: +تو گاهه جي پنن کي چيٿاڙڻ لاءِ +مٿانئن سيمنٽ پلاسٽر ڪرائي ڇڏيو! +پر، ڏس ته گاهه جا پن (ڊَڀَ جا پَنَ) پلاسٽر کي ٽوڙي، +ڪيئن نه ٻاهر نڪري آيا آهن! +هڪ رات حسب دستور، ايراني خانم وٽ ڪچهري ٿي. پر، مان ڄاڻي ٻجهي، سڀني کي اڳي وٽس پهتس ۽ رازداريءَ ۾ چيم ته ”اڄ صبح جو مون سان وڏي جُٺِ ٿي آهي. اوهان سان پنهنجي منهن اها ڳالهه ڪرڻ آيو آهيان.“ +حيران ٿي چيائين ته، ”ڪهڙي؟“ +مون چيو ته ”صبح جو سوير مان اڃا بستري ۾ ئي هئس، ته ڪمري جو دروازو کليو. ڀانيم ته بيئرر دستور موجب، بيڊ ـــ ٽي کڻي آيو آهي. پر، هو اچڻ شرط اول دروازي وٽ بيل وڄائيندو آهي، پوءِ اندر بٽڻ دٻائي، بتي ٻاريندو آهي. اڄ بتي ته ڪانه ٻري. البت، مون ڪنهن جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ ۽ هلڻ جي آهٽ ٻڌي! هن بيڊ وٽ اچي، مون کي سرٻاٽ ڪري، انگريزيءَ ۾ چيو: ”پيٽر، تون اڃا ستو پيو آهين!“ +مون سمجهيو، ته آواز ڪنهن يورپي عورت جو آهي، جا هوٽل ۾ ٽڪيل هوندي. کيس نهايت شائسته نموني ۾ چيم ته ”محترمه، اوهان کان ڀُلَ ٿي آهي. مسٽر پيٽر شايد ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ آهي.“ +اِهو ٻڌي، يورپي خاتون “I am so Soory!” - - “Sorry!” چوندي، منهنجي ڪمري مان تڪڙي تڪڙي نڪري ويئي. سندس ’هاءِ ـــ هيل‘ سئنڊل جي ٽَڪِ ٽَڪِ مان ڄڻ ته اڃا ٻڌي رهيو آهيان.“ +مون اڃا ڳالهه ڪري پوري مس ڪئي، ته ايراني خانم کل ۾ اچي ڇُٽڪي! بس، پوءِ ته جيئن ئي اسان جي وفد جا ساٿي هڪ هڪ ٿي سندس ڪمري ۾ ايندا ويا، ته خانم واري واري تي، مون ڏانهن نهاري، اول ته مشڪڻ شروع ڪري، پوءِ هر گهڙيءَ فوني تي اهو رڪارڊ چاڙهيندي رهي ته +“Peter, are you still sleeping!” +ڪچهري ڪري هرڪو پنهنجي ڪمري ۾ ويو. رات خير جي گذري وئي. پر، صبح جو سوير مان اڃا بستري ۾ ئي هئس ته بيرو چاءِ کڻي اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ، واقعي ڪا خاتون منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي، آهستي آهستي منهنجي بيڊ وٽ آئي، ۽ سُرٻاٽ ڪري چيائين ته: +“Peter, are you still sleeping!” +مون آواز سڃاتو. +ڪَرَ موڙي، بيڊ ۾ اُٿي ويٺس. +خانم کِلي ڏنو ۽ سامهون واري صوفا سيٽ تي وڃي ويٺي. صبح جي نماز پڙهي آئي هئي، سو مٿي تي ’حجاب‘ اڃا ٻڌل هئس. لاٿائين، ته زلف سندس ڪلهن تي پکڙجي ويا. چهري جا خدوخال سندس پوئتي موٽندي جوانيءَ ۽ سونهن جي ساک ڏيئي رهيا هئا. +مان ٽٿ برش ڪري آيس، ته خانم چاءِ جو ڪوپ ٺاهي ڏنو. ٻيو پاڻ کنيائين ۽ بيرر کي چيائين ته ”صاحب ۽ منهنجو ناشتو هِتِ کڻي اچ.“ +ناشتو ڪري، اسان هيٺ لٿاسين. انهيءَ ڏينهن ادبي اجلاس ڪونه ٿيو. رڳو ٺهراءَ پاس ٿيا. جن جو مقصد ايشيا جي ادبين کي هڪٻئي کي ويجهو آڻڻ هو. +هڪ ڏينهن، صبح جو ادبي اجلاس جي وقفي ۾، بنگلاديش جي صدر، جنرل ارشاد، سمورن مندوبين (Delegates) جي مان ۾ ’ٽي پارٽي‘ ڏني. جڏهن سڀ مهمان چاءِ تي، گپ شپ ۾ مشغول هئا، ته هن پنهنجي يارهن ٻارهن سالن جي پٽ کي آڱر سان اشارو ڪري چيو ته ’هو مهمان پاڪستان مان آيل اٿئي، ساڻس وڃي مل.‘ +مون کي پاڪستاني لباس پيل هو، سو اُن ڳالهه تي ته حيرت ڪانه ٿيم، ته جنرل ارشاد کي ڪيئن خبر پئي، ته مان پاڪستاني آهيان. پر، سوچڻ لڳس ته ’سمورن مهمانن جي وچ ۾ هن پنهنجي پٽ کي رڳو مون سان ملڻ لاءِ ڇو چيو؟‘ ـــ اوچتو منهنجي اکين اڳيان هڪ تيز رفتار فلم جادوگر پاڪستان جي ٺهڻ ۽ اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ جا منظر لحظي ۾ لنگهي ويا. ۽ شدت سان احساس ٿيم، ته ’مار! مان هِتِ ڪو سئر ۽ تفريح ڪرڻ ڪونه آيو آهيان. پر، هڪ عظيم اجتماع ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ آيو آهيان!“ +جنرل ارشاد جو نينگر مون تائين پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ مان تڪڙو تڪڙو ڏانهس وڌيس ۽ کيس مٿي تي هٿ گهمائي، دعا ڪري، وڃي جنرل ارشاد سان مصافحو ڪيم. +جنرل ارشاد نهايت سٻاجهي لهجي ۾ انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ”رهائش ۾ ڪا تڪليف ته ڪانهي؟“ +مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ موٽي ساٿين وٽ آيس. پر، جنرل ارشاد سان انهيءَ مختصر ملاقات ۾ اهو ادراڪ ٿيم ته ’مان هِتِ حساسُ نگاهن هيٺ آهيان.‘ +جنرل ارشاد جي ٽي ــــ پارٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته هڪڙي ڏينهن پاڪستان جو سفارتخانو ٻاهرين ملڪن مان آيل مڙني مندوبين جي مان ۾ لنچ ڏيندو. ٻيءَ رات، بنگلاديش جو وزيراعظم ڊنر ڏيندو. آخرين رات تي جنرل ارشاد ڊنر ڏيندو، جنهن ۾ ايشيائي مڪلن جي مندوبين (Delegates) سان گڏ بنگلاديش جا وزير، قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جا سفير پڻ شريڪ ٿيندا. +بنگلاديش مان پاڪستاني سفارتخانو هڪ سهڻي عمارت ۾ هو. هڪ ڏينهن، ادبي اجلاس پورو ڪري، سفارتخاني ۾ لنچ ڪرڻ وياسين. هڪڙي هال ۾ گول ميزون رکيل هيون. هر ميز تي ڇهه ست ڄڻا ويٺل هئا، جن ۾ ڪي بنگالي، ته ڪي غير بنگالي اديب ۽ شاعر هئا. عورتون ۽ مرد گڏ ويٺا هئا. +اسان واريءَ ميز تي منهنجي ڀرسان هڪ ڪرسي خالي پئي هئي. ڪجهه دير گذري ته اُها بنگالي خاتون، جنهن پهرئين ڏينهن پروفيسر علي حسن سان گڏ اسان جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو هو، سا، مختلف ٽيبلن جي وچ ۾ گهمندي ڦرندي، اسان واريءَ ميز وٽ آئي، ۽ خالي ڪرسي تي اچي ويٺي. سونهن کي ڪا پنهنجي سرهاڻ ٿئي ٿي. سو، سندس اچڻ سان سڄو ماحول سرهو ٿي ويو. گفتگوءَ جو آغاز ڪندي، چيائين ته ”سيمينار جي ڪمن ۾ ڏاڍو مشغول آهيون، سو اوهان سان وري ملاقات ڪانه ٿي. پر، اڄ پاڪستاني سفارتخاني جي دعوت ملي، ته هلي آيس. سوچيم، ته اوهان سان ملاقات جو موقعو ملندو. پهريائين اهو ٻڌايو ته سيمينار ڪامياب ٿيو آهي يا نه؟“ +مون جواب ڏنس ته، ”سيمينار ڪامياب ٿيو آهي. اسان مختلف ملڪن جا مندوبين هڪٻئي جي ذهني ۽ ادبي لاڙن کان واقف ٿيا آهيون، مفاصلا دور ٿيا آهن، قربتون وڌيون وڌيون آهن. اُن کان وڏي ڪهڙي ڪامبيابي ٿي سگهي ٿي؟“ +’قربتون وڌيون آهن‘، لفظن تي زور ڏئي، چيائين، ته ”اِها ته وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي. پر، سچ پچ ائين آهي، يا هي رڳو چئن ڏينهن جو چُٽڪو آهي: نقش بر آب آهي.“ +مون چيو ته، ”هزار ميلن جو سفر به ته آخر پهرينءَ وککڻڻ سان شروع ٿيندو آهي.“ +کِلي چيائين ته ”اِهو صحيح آهي.“ +مون پڇيس ته ”يونيورسٽيءَ ۾ ڇا ڪندا آهيو؟“ +چيائين ته، ”ريسرچ ـــ اڄڪلهه فرانسيسي مفڪرُ روسو منهنجي ريسرچ جو سبجيڪٽ آهي. سندس نظريو آهي ته ’انسانَ هر هنڌ آزاد ۽ برابر ٿين ٿا. پر، سماج مٿن زنجيرون وجهي ٿو.‘ پر، مان نٿي ڀايان ته ائين آهي! +پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ هندو مذهب وارن جو ته عقيدو ئي اِهو آهي ته ’هڪڙا ناسان‘ ماءُ جي پيٽان ئي اُتم ۽ اعليٰ پيدا ٿين ۽ ٻيا پليت، نجس ۽ ناپاڪ.‘ ـــ ائين آهي يا ناهي، سو، ٿيو هڪ مذهبي عقيدو. پر، ماءُ جي پيٽان سڀ انسان هڪجهڙا پيدا ٿين ها ته اهو پهاڪو ڇو ٺهي ها ته ”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.“ +مون چيو ته، ”ان جو مطبل اهو ٿيو ته اوهان روسي جي نظريي سان متفق ناهيو.“ +شهنشاز چيو ته، ”پر حقيقت به ته آهي ته ماءُ جي پيٽان هڪڙا ٻار سهڻا، صحمتند ۽ سمجهندار پيدا ٿين ٿا. ٻيا ڪوجها، ڪمزور ۽ عقل کان عاري. مون کي ٻڌايو ته، سڀ انسان هڪجهڙا ڪاٿي پيدا ٿين ٿا؟ خود روسي جي مُلڪَ، فرانس ۾ به ڪونه ٿا ٿين. ڪاٿي به ڪونه ٿيا ٿين ـــ انسانَ ته ڇڏيو، آسمان جا تارا به برابر ڪونه ٿا ٿين. هڪڙا ننڍا ٿين ٿا، ته ٻيا وڏا، حقيقت اها آهي ته ’يڪ ـــ رنگي‘ فطرت (Nature) جو قانون ڪونهي.“ +شهناز چيو، ”پر، هاڻي ڇڏيو اِنهن ڳالهين کي، اچو ته ڪا هلڪي سلڪي ڳالهه ٻولهه ڪريون.“ +مون چيو ته، جيڪا پڇو؟“ +سُرٻاٽ ڪري پڇيائين ته ”مون کي ساڙهي ڪيئن ٿي لڳي؟“ +مون چيو ته، ”سٺي ٿي لڳي.“ +مرڪي چيائين ته، ”منهنجي دل رکڻ لاءِ ائين چئو ٿا يا؟“ +مون چيو ته: ”ساڙهي سچ پچ اوهان کي ڏاڍي ٺهي ٿي. پر، جي اها ڳالهه بلڪل صحيح لفظن ۾ بيان ڪندس، ته اوهان وري ڪي غلط مطلب ڪڍندؤ.“ +اهو ٻڌي ڏاڍي کِلي! +چيائين ته ”اُن ڏينهن ايئرپورٽ تي بشرٽ ۽ جينس پائي آئي هئس، جو عام طرح سان يونيورسٽيءَ ۾ اِهو ئي لباس پائي ويندو آهيان. پر، سفارتخانن جي دعوتن ۾ قومي لباس پائي وڃبو آهي، سو، مان به اڄ پنهنجو ’قومي لباس‘ پائي آئي آهيان.“ +پروفيسر علي حسن اسان کي ائين راز نياز ۾ ڳالهائيندي، ڏسي، پري کان پڇيو ته: ”آگرا صاحب، ڪهڙي گفتگو ٿي رهي آهي؟“ +مون کيس مختصر نموني ۾ ڳالهه کان واقف ڪيو هو. هو پنهنجيءَ ميز تان ڪرسي کڻي اچي اسان ڏي آيو. +شهناز چيو ته، ”جي اجازت ڏيو ته مان هلان ٿي، جو ڪاٿي پهچڻو اٿم. سڀاڻي نديءَ ۾ ڪروز جو پروگرام آهي، سو، وري اتي ملنداسين.“ +شهناز موڪلائي وئي، ته پروفيسر علي حسن منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. چيائين ته ”مون سمجهيو ته اوهان شهناز جي ساڙهيءَ تي طنز ڪري رهيا آهيو.“ +اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويس. کانئس پڇيم ته، ”ڇو؟“ +چيائين ته ”پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ جو وزيراعظم، پنهنجيءَ بيگم سان گڏ اوڀر پاڪستان جي دوري تي آيو. پاڻ ڪنهن دعوت ۾ ويو، ته پٺيان ڊاڪا جي ڪن وڏ ـــ گهراڻين خواتين سندس بيگم صاحبه جي مانَ ۾ ’گارڊن پارٽي‘ ڏني. بنگالي خواتين اڌ گول ۾ ڪرسيون وجهي ويٺيون جڏهن بيگم صاحبه گارڊن پارٽيءَ ۾ پهتي ۽ پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي ويٺي، تڏهن سڄي کٻي نهاري، نرڙ ۾ گهنج وجهي، چيائين ته، ”اوهان هي ’هندوانه لباس‘ ڇو پاتو آهي؟ غرارو ڇو نٿيون پايو؟“ +اهو ٻڌي هڪ نوجوان بنگالي خاتون جوش ۾ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي ۽ تيزيءَ سان چيائينس ته، ”بيگم صاحبه! بيبي عائشه به غرارو پائيندي هئي؟“ +پروفيسر عيل حسن چيو ته، ”بنگالي خاتونءَ جا اِهي لفظ ٻڌي، بيگم صاحبه شرمسار ته ڪانه ٿي. ورندو، چڙ مان چيائين ته اُها وري ڪير هئي؟“ +پروفيسر علي حسن ائين چئي چپ ٿي ويو. ڏُک سندس چهري تي پڌرو بيٺو هو. سندس ڳالهه ٻڌي، مون کي پنهنجن اڳوڻن اڳواڻن جي عقل ۽ بنگالي ڀائرن جي دل آزاريءَ تي ڏاڍو افسوس ٿيو. خاص ڪري، بيبي عائشہ لاءِ بيگم صاحبه جا ’گستاخانه اکر‘ ٻڌي اکيون آليون ٿي ويون. +پروفيسر علي حسن پاڪستاني سفارتخاني وارن ۽ اسان کان موڪلائي ويو، ته اسان به ميزبانن کان موڪل گهري. +هنن چيو ته، ”اڳو پوءِ، شام جو چاءِ پي وڃو.“ +اسان چيو ته، ”اسان ’بنگلا اڪيڊمي‘ گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي، سو ڪو ڪم ڪار هجي، ته حڪم ڪريو.“ +سفارتخاني جي هڪ عملدار چيو ته ”ٻيو ته ڪم ڪونهي. رڳو اِهو پڇڻو هو، ته اوهان پروين شاڪر کي وفد ۾ شامل ڪونه ڪيو؟“ +اسان کيس ٻڇيو ته، ”وفد جي تشڪيل حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم ڪئي آهي.“ +تڏهن هن ڪجهه بي تڪلفيءَ جو مظاهرو ڪري چيو ته، ”ڀلا، جيڪڏهن اوهان کي ٽڪيٽ جو انتظام ڪري ڏيون، ته اوهان کيس هاڻي گهرائي سگهو ٿا؟“ +اسان چيو ته، ”اوهان ڀلي سفارتخاني جي طرفان وزارت تعليم وارن کي اهڙي اڇ موڪليو. شايد، هو اوهان جي فرمائش تي غور ڪَنِ.“ ـــ اهو ٻڌي، سفارتڪار، البت، مايوس ٿيو. اسان بنگلا اڪيڊمي ڏسڻ هليا وياسين. +’بنگلا ايڪيدمي‘ گهمڻ کان پوءِ، مون کي اهڙي بنگالي اديب يا شاعر سان ملڻ جي آرزو هئي، جيڪو ٽئگور جون ڳالهيون ٻڌائي. +ڪي ڪي شخص پنهنجيءَ قوم ۽ ملڪ جي سڃاڻپ ٿيندا آهن. مثلاً، سنڌ جي سڃاڻپ شاهه ڀٽائي آهي. بنگالي قوم جي سڃاڻپ آهي رابندر ناٿ ٽئگور. جعفري صاحب به انهيءَ راءِجي تائيد ڪئي. +ڊاڪا شيريٽن هوٽل ۾ سندس ڪمري مان هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي آيو هئس. نالو هئس ”اڙتي خاڪي“ ان ۾، اردو زبان جي هڪ فرضي شاعر، شاه لعل محي الدين بادشاهه مخدوم جو هڪ مذاحيه خاڪو لکيو هئائين. جو کيس ريلوائي سفر ۾ مليو هو. ساڻس پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: +”جب مين اپني ريلوي ڊبي مين واپس داخل هوا تو يه ديکهه که حيران ره گيا که ايک نور وارد ميري سامني والي نشست پر متمکن هين ـــ خوشي کي حد نه تهي که الله ميان ني گويا ايک رفيقِ سفر بش ديا ـــ نووارد پر ايک بهرپور نظر ڊالي تو مين سر سي پري تک کانپ گيا ـــ سرگ باشي ڊاکڻر رابندر ناتهه ٽيگور کي تصوير تو آپ ني ديکهي هوگي ـــ اسن کي نورانيت، روهانيت، ذهانت، عظمت اور نفاست وغيره هر چيرز خارج کرديني کي بعد جو کچهه ره جاتا هي وه نووارد کي شکل مين ميري سامني بيٺها تها“. +مون سيد ضمير جعفري جهڙا اعليٰ اديب ۽ شاعر گهٽ ڏٺا آهن. جڏهن اهڙو اعليٰ اديب ٽئگور کي پنهنجي ڪتاب ۾ انهن صفتن سان ياد ڪري، تڏهن ماڻهو ٽئگور جي عظمت جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو. +سنڌ ۾ سوڀو ٽئگور جون ڳالهيون ڪندو هو، جو پاڻ سال ٻه، ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڙهي آيو هو. اها درسگاهه ٽئگور قائم ڪئي هئي. +سوڀي هڪ دفعي ٻڌيو ته جڏهن مان پڙهندو هئس ته ٽئگور ٻڍو ٿي ويو هو. مٿي جا وارَ سڀ سفيد، سونهاري ڊگهي ۽ بلڪل سفيد، اکيون روشن ۽ چهري ۾ معصوميت ـــ اهو هو سندس حيلو. ”شانتي نڪيتن“ جي ساليانن جلسن ۾ پابنديءَ سان ايندو هو. +هڪ ڀيري سالياني جلسي ۾ آيو. راڳ روپ جي محفل هئي. جيئن رات ٺري، تيئن راڳ زور ورتو. ڪنهن مهل ٽئگور موج ۾ آيو، ۽ ڳائڻ شرو ڪيائين. تڏهن عمر اسي ورهين کان مٿي هئس. +جوانيءَ ۾ ڳائڻ، وڄائڻ ۽ رقص جو وڏو ماهر هو. جاگيردار ڪلاس جو سکيو ستابو امير ماڻهو هو. پر، عمر وڏو ’ظالم عنصر‘ (Cruel factor) آهي. اسي ورهين جي عمر ۾، سندس آوازُ، سازَ ۽ سنگيتَ جو ساٿ ڏيئي ڪونه سگهيو. سو، ڏک ۾ سندس اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. +اهو ڏسي، مجلس جا منتظمين، ۽ مهمان توڙي موسيقار سڀ ڏکوئجي ويا. محفلِ موسيقي هڪ شمع وانگر آهستي آهستي اُجهامندي وئي! چؤطرف سناٽو ڇانئجي ويو. +جڏهن ٽئگور سامت ۾ آيو، ته سمورا ميزبان ۽ ڪي خاص مهمان! وڏي ادب ۽ احترام سان، کيس ڀاڪر پائي، سندس رهائشگاهه تي وٺي ويا. +ٽئگور جي انهن ڳالهين ٻڌڻ ڪري به مونکي شوق هو ته ڊاڪا ۾ سندس ڪو يادگار ڏسندس. پر، ڪٿان به رهبري ڪانه ملي. سو، لاچار ڪو ڪتاب پڙهي، رات گذارڻ لاءِ ’ڊاڪا شيريٽن‘ ۾، ڪتابن جي دڪان تي ويس. اڃا جو ڏسان ته سامهون شيلف تي ٽئگور جو ڪتاب ’گيتانجلي‘ رکيو آهي! +تنوير گيتانجليءَ جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. انهيءَ ئي ڪتاب تي ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو هو. مون ڪتاب جون ٻه ڪاپيون خريد ڪيون. رات جي ماني اڪيلوئي اڪيلو کائي، ساجهر سويرو، بستري ۾ وڃي ليٽيس ۽ گيتانجلي پڙهڻ شروع ڪيم. +گهڙي نه گذري ته سخت برسات اچي لٿي! جڏهن ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، ته برسات وسي وسي جَهڪي ٿي وئي هئي. +دريءَ وٽ وڃي بيٺس ۽ ائين محسوس ڪيم ته سحرِ بنگلا! رڳو ’زلفِ بنگال‘ تائين محدود ڪونهي! ڪو فنڪار، هن مهل اسر جو ويهي بئنسري وڄائي، ته رات جو سناٽي ۾، اُن جو آواز اهڙوئي لڳندو، جهڙي ڪوئل جِي ڪُوڪَ ـــ پر، ٽئگور جي گيت ٻنهي کان مٺِو آهي. +ٽئگور جي گيت ۾ ڏاڍو سوز ۽ درد هو. ’گيتا نجلي‘ منهنجيءَ دل کي ميڻ وانگر ڳاري ڇڏيو هو. بيڊ تي، منهنجي ڳل جي هيٺان، وهاڻي جي ڇَوَ منهنجن اکين جي ڳوڙهن سان آلي ٿي وئي. +ٻئي ڏينهن، شام جو، نديءَ ۾ سير (Cruise) جو پروگرام رکيل هو. ڪجهه اديب ۽ شاعر هليا ۽ ڪجهه پنهنجن پروگرامن سان ويا. +مون کي هاڻي ياد ڪونهي ته ندي ڪهڙي هئي؟ پر، ايترو ياد اٿم ته تمام وڏي هئي. ننڍپڻ ۾، مون سنڌو نديءَ جي عظمت ڏٺي آهي. تڏهن گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج ڪونه هئا، پنجاب ۾ به تونسه بئراج ڪونه هو. تڏهن پنجاب ۾، (سندس نالي موجب) پنج درياءَ وهندا هئا ۽ پنجند وٽ پنجن ئي جو پاڻي اچي گڏ ٿيندو هو. سو، هيٺ سنڌ ڏي، سنڌوندي تار وهندي هئي. سياري ۾ تڏهن به ڪجهه گهٽبي هئي. پر، اونهاري ۾ ان جو اؤج ڏسڻ وٽان هوندو هو. +نوابشاهه ضلعي ۾ ڀونئرن جي اسڪول مان اونهاري ۾ اسن ڪڏهن ڪڏهن درياءُ ڏسڻ ويندا هئاسين. هڪ ڪناري تان بيهي نهاريندا هئاسون، ته ٻيو نظر ڪونه ايندو هو. پاڻي ئي پاڻي هوندو هو. پري پري بيشمار ٻيڙيون ترنديون نظر اينديون هيون. عجب نظارو هوندو هو. +پر، ڊاڪا ۾، جنهن نديءَ ۾ اسان کي ڪروز لاءِ وٺي ويا، سا ايڏي ته وڏي هئي، جو مان حيران ٿي ويس ته هيءَ ندي آهي يا سمنڊ! +اسٽيمر ايڏو ته عاليشيان هو، جو ڄڻ ته ڪو پاڻي ۾ ترندڙ، بادشاهي محلات آهي! ڊيڪ تي بيهي، ٻنهي پاسن ڏي نهاريم، ته نظارو اهڙو سهڻو هو، جو اکيون ئي نه ڍاپن. ٻنهي پاسن کان وڏا ساوا چهچ ٻيلا. +اسٽيمر ۾ اندر ڪمرا ڪشادا ۽ اعليٰ درجي جي فرنيچر سان آراسته پيراسته، بيشمار اديب ۽ شاعر هيڏانهن هوڏانهن پئي آيا ويا. ڪنهن مهل شهناز هڪ نوجوان سان گڏ سامهون آئي ۽ ساڻس تعارف ڪرايائين. چيائين ته ”هن جو توهان ۾ ڪم آهي.“ +نوجوان ڏاڍو شريف هو. ڪم اهو ٻڌايائين ته سندس والد اسلام آباد ۾ ڪنهن اعليٰ عهدي تي هو، جو بنگلاديس ٺهي ويو، سو، واپس وطن هليو آيو.کيس سرڪاري طرح اسلام باد ۾ ڪو پلاٽ الاٽ ٿيو هو، جنهن جا پئسا وغيره سڀ پياريا هئائين، جن جا ڪاغذ پٽ اڃا سڀ وٽن محفوظ آهن، هاڻي سرڪاري لکپڙهه ڪري ٿڪجي پيا آهن. پر، کيس ڪوبه جواب ڪونه ٿو ملي. سو، انهيءَ ڪوشش ۾ آهن، ته ڪنهن شخص کي خانگي طرح پلاٽ سستو وڪرو ڪري ڏين، ته ڪجهه هن جو فائدو ٿئي ۽ ڪجهه کين ملي. +هن ڳالهه پوري ڪري، نماڻيون اکيون کڻي، مون ڏي نهاريو. +مون کيس چيو ته ”ادا، اوهان ڪاغذن جا فوٽو اسٽيٽ مون کي ڏيو، ته وڃي خبر چار لهان. دنيا بدلجي ويئي آهي. ڪيئن چئجي، ته اسلام آباد ۾ هاڻي انهيءَ پلاٽ جي پوزيشن ڪهڙي آهي؟“ +نوجوان ايڊريس ڏئي، موڪلائي ويو. +شهناز ٿڌو ساهه ڀري چيو ته، ”دنيا ۾ هرهنڌ ڪيڏي ناانصافي آهي!“ +مون کيس جواب ڏنو ته، ”جيڪڏهن هن دنيا ۾ حق ۽ انصاف سان معاملا نبرن ها، ته پوءِ بهشت جي باري ۾ ائين ڇو چون ها، ته اهڙو هنڌ آهي، جتي +کسي را کسي کاري نه باشد. +شهناز اهو ٻڌي، هيڪاري اداس ٿي وئي. ڪا گهڙي اسان خاموش رهياسون. پوءِ، چيائين ته توهان کي ڪروز ۾ مزو آيو؟“ +مون چيو ته ”ڄڻ ته بهشتي باغ جو سير سفر آهي.“ +شهناز چيو ته، ”هلو ته اتي هلون، جتي ڪئپٽن وهي ٿو.“ +اهو ڪمرو به ڪشادو هو. ڪئپٽن هڪ بنگالي نوجوان هو، نهايت بااخلاق هو. مون کي نماز پڙهڻي هئي. اتي ئي مصلو وڇرائي ڏنائين. فارغ ٿيس. چاءِ جو حڪم ڏنائين ۽ کاڌي جون ڪجهه مٺيون ۽ چهريون شيون ميز تي رکيائين. چاءِ آئي ته شهناز ٺاهي. +ڪئپٽن اسٽيمر هلائيندي، ڪنهن ڪنهن مهل ڪار وانگر ڄڻ هارن ٿي وڄايو، جو ڄڻ ته ڪارخاني جو گُگهُو. پر، هن جو آواز پيارو هو. مون کي ڏاڍو مزو ٿي آيو. +اسان ٽنهي چاءِ تي اڌ منو ڪلاڪ ڪچهري ڪئي. موڪلائڻ مهل مون شهناز چيو ته ”پاڻ اڄ رات وزيراعظم جي ڊنر ۾ وري ملنداسين.“ +اسان ڪئپٽن کان موڪلايو. هوءَ مون کي پنهنجيءَ ڪار ۾ ”ڊاڪا شيريٽن“ ۾ لاهي وئي. +مان وزيراعظم جي ڊنر لاءِ تيار ٿي، ڪپڙا لٽا بدلائي، هيٺ لٿس. ”ڊاڪا شيريٽن“ ۾ ڪتابن جو ننڍڙو، پر سٻنڌڙو دڪان هو.’دل ۾ ڪا ڳڻپ ڪري’، انهيءَ دڪان تي ويس ۽ پارڪر پينن جو هڪ خوبصورت سيٽ ورتم. اسلام آباد مان اڳيئي ’Presenting Pakistani Poetry‘ نالي هڪ ڪتاب وٺي ويو هئس. انهيءَ ڪتاب ۾ پارڪر پينن جي سيٽ جو ’گفٽ پارسل‘ ٺهرايم. ڊنر ۾ ’گفٽ پارسل‘ ساڻ کنيو ويس. مانيءَ کان اڳ، ڪي مختصر تقريرون ٿيون. منهنجو وارو آيو ته چيم ته ”اسان جو محترم ميزبان جنرل ارشاد پاڻ شاعر آهي. سو، مان پاڪستاني اديبن ۽ شاعرن طرفان سندن چونڊ شعر جو هيءُ ڪتابُ ۽ قلمُ کيس تحفي طور پيش ڪريان ٿو.“ +ڪوريا مان آيل شاعر جنرل ارشاد جي شان ۾ قصيدو پڙهيو. +اُن کانپوءِ ڊنر شروع ٿي. +مڇي بنگالين جي مرغوب غذا آهي، مڇيءَ جا ڏاڍا شوقين آهن. پچائي به ڄاڻن، ته کائي به ڄاڻن. جڏهن مڇيءَ جي ڊِشِ Serve ڪيائون، ته ڏٺم ته هڪ بنگالي اديب، وڏي شوق سان، وات ۾ هڪ پاسي کان مڇيءَ جو ٽڪرو پئي وڌو ۽ ٻئي پاس کان، اوڏي ئي آرام سان ڪنڊا ڪڍندو پئي ويو. +ٻيو ڪو غير ملڪي اديب هو، جنهن ماني اصل ڪانه کاڌي. پر، اننسا جا ٻه پيالا کائي ويو ۽ مٿان ’ڊاب‘ جا ٻه ٽي گلاس پي ڇڏيائين. انناس بنگال جو خاص ميوو آهي ۽ ڏاڍو سٺو آهي، جيئن اسان وٽ سنڌڙيءَ جو انبُ. +ماني کائي، هٿ ڌوئي، پنهنجيءَ ٽيبل تي آيس ته شهناز ميز تي موجود هئي. چيائين ته ”مون به ماني کاڌي آهي. هلو ته ڊاب گڏ هلي پيون.“ +اسان ٻنهي ريسٽارنٽ ۾ ’ڊاب‘ پيتو ۽ ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي. +جنرل ارشاد جي دعوت ۾ پاڪستان جو سڄو وفد گڏجي ويو ۽ ساڳيءَ ميز تي وڃي ويٺو. وڏو شاميانو هنيو هئائون. آهستي آهستي مهمان ايندا ويا، جن ۾ برک ۽ سينئر بنگالي اديب ۽ شاعر هئا، ملڪي اڳواڻ هئا، وزير، سفير ۽ اسيمبلي ميمبر هئا. +جڏهن سڀ ميزون ڀرجي ويون، ته جنرل ارشاد پنهنجن رفيقن سان آيو. مٿانهينءَ جاءِ تي رکيل سرخ رنگ جي ڪرسيءَ تي، اچي ويٺو. سندس پاسن سان وزيراعظمُ ۽ ٻي وزير ويٺا. +مرحبائي تقرير ٿي، جنهن کان پوءِ جنرل ارشاد کي سڏيائون. ڏاڍي سٺي تقرير ڪيائين. ماڻهن جي فرمائش تي، کين پنهنجا شعر به ٻُڌايائين. آخر ۾ ڪي تاثرات بيان ڪيائين. چيائين ته ”تنهن رات، وزيراعظم جي دعوت ۾، ڪوريا جي هڪ شاعر منهنجي تعريف ۾ شعر پڙهيا. مان سندس لاءِ پنهنجي گهر جي باغيچي مان نرگس جا گل کڻي آيو آهيان. پاڪستاني وفد جي اڳواڻ، مون کي پنهنجو ’هم ـــ قلم ساٿي‘ ڪوٺيو. قلم ۽ ڪتاب جو تحفو ڏنو. ماڻهن لاءِ هڪ خوبصورت سونهري قلم کڻي آيو آهيان.“ +ڪوريا جي اديب جنرل ارشاد کان گل ورتا ۽ مون قلم وٺي، سندس شڪريو ادا ڪيو. +جنرل ارشار تقرير پوري ڪئي، ته ڊنر شروع ٿي. سڀ مزي ۾ ماني کائي رهيا هئاسون، ته اوچتو پروفيسر علي حسن تکو تکو اسان واريءَ ميز ڏي آيو ۽ ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيائين ته ’ڊنر‘ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، سيمينار ۾ آيل ايشياءِ جي مڙني ملڪن جي مندوبين طرفان اوهان بنگلاديش جي حڪومت جي ميزبانيءَ جو شڪريو ادا ڪندا.‘ ـــ ائين چئي، هو وري تڪڙو تڪڙو پنهنجيءَ ميز ڏي موٽي ويو. +ڳالهه ٻڌي، مون کان ته ماني وسري ويئي! وري ياد آيو ته ’مان هن عظيم اجتماع ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان ۽ حساسُ نظرن جو نشانو آهيان.‘ +اڃا اُنهن ئي ويچارن ۾ هئس، ته پروفيسر علي حسن مائيڪ تي اعلان ڪيو: ”اڄوڪيءَ هر بئنڪيٽ ۾، پاڪستاني وفد جي اڳواڻ، ايشيائي ملڪن مان آيل سمورن اديبن ۽ شاعرن جي طرفان پنهنجي ميزبانَ، صدر جنرل ارشاد، سندس حڪومت ۽ سيمينار جي منتظمين جو شڪريو ادا ڪندو.“ +مان پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اُٿيس ۽ روسٽرم وٽ ويس. اسٽيج سيڪريٽريءَ مائيڪ سڌو ڪري، منهنجي اڳيان ڪيو. مون خدا کي ياد ڪري، انگريزيءَ ۾ مختصر تقرير ڪئي. هاڻي ياد ڪونهيم ته ڇا چيم. پر، بنگلاديش سرڪار جي ميزبانيءَ جو دل کولي داد ڏنم ۽ پنهنجا ڪي خيال ظاهر ڪيم. گفتگو هن شعر تي ختم ڪيم: +ان کا جو کام هي وه اهلِ سياست جانين +ميرا پيغامِ محبت هي، جهان تک پهنچي +وزراعظم ميزان الرحمان هڪدم پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اُٿيو. سڌو روسٽرم وٽ آيو. مون کي سڪ سان ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ته: ”آگرا صاحب، اڄ کان اسان جي وچ ۾ سياست ختم ٿي محبت شروع ٿي.“ ـــ سڄي شامياني ۾ طوفان جي لهرن وانگر تاڙيون هيون! +جنرل ارشاد جي بئنڪئيٽ مان موٽياسين، ته هوٽل ۾ مختلف ملڪن جي مندوبين سڄي رات پنهنجن دوستن سان ڪچهريءَ ۾ گذاري. ڪو خوشنصيب هوندو، جنهن کي ٻه چار ڪلاڪ ننڊ نصيب ٿي هوندي! +مون ۽ جعفري صاحب خانم کي سامان پئڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. اڌ رات جو هيٺ هوٽل جي ريسٽارنٽ ۾ اچي ’ڊاب‘ پيتوسون. پوءِ ٽيئي ڄڻا پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسين. صبح جو خانم، جعفري صاحب ۽ مون ناشتو گڏجي ڪيو. يارهين بجي ’ايران ايئر‘ جي فلائيٽ هئي. +پي. آءِ. اي جي فلائيٽ لاءِ پاڪستاني سفارتخاني وارن اسان کي چيو هو ته ’اسان پاڻ ئي ساڻن ڳالهائي، اوهان جي سيٽن جو انتظام ڪنداسين.‘ سو، اسان کي ته ڪوبه انتظار ڪونه هو. +خانم سان گڏ اچي هوٽل جي لابيءَ ۾ ويٺاسين. هن مون کي ۽ جفري صاحب کي پنهنجون تصويرون آٽوگراف ڪري ڏنيون ۽ اِهو تاڪيد ڪري، اسان کي ڏهين بجي موڪلائي ويئي، ته ”خط پَٽُ ضرور لکجو، ليڪن محتاط لفظن ۾.“ +جعفري صاحب ۽ مان اڃا هوٽل جي لابي ۾ ئي هئاسين، ته بنگلاديس گورنمينٽ جو هڪ اعليٰ عملدار مون لاءِ پيغام کڻي آيو. ”اڌ ڪلاڪ ۾ وزارت داخلا جو سيڪريٽري صاحب اوهان سان ملڻ ايندو، سو، ڪمري ۾ رهجو.“ +جعفري صاحب ۽ مان وائڙا ٿي وياسين! +مون جعفري صاحب کان پڇيو ته ”رات مون تقرير ۾ ڪا غير مناسب ڳالهه ته ڪانه ڪئي هئي؟“ +جعفري صاحب ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي. +بهرحال، يارهين بجي لابيءَ مان اُٿياسين. جعفري صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ انتظار ڪرڻ لڳس. وزارت داخلا جو سيڪريٽري آيو ۽ چئي ويو ته مٿان حڪم آيو آهي ته: +”اڄ سمورا مهمان پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس ويندا. پاڪستاني وفد جا به جيڪي ميمبر پاڻ موٽڻ گهرن، سي پڻ ڀلي وڃن، پر، وفد جو اڳواڻ، مسٽر غلام رباني آگرو، بنگلاديش گورنمينٽ جو ’اسٽيٽ گيسٽ‘ آهي. سو، پنهنجن رفيقن سان گڏ، چاٽگام ۽ ڪاڪسس بزار گهمڻ ويندو. اُنهن شهرن جي عملدارن ڏانهن آرڊر اڳيئي موڪليا ويا آهن.“ +مان جعفري صاحب جي ڪمري ۾ گهڙيس. +انتظار سان پڇيائين ته، ”سڀ خير آهي؟“ +مون کيس احوال ٻڌايو. +اُهو ڏينهن ۽ رات ”ڊاڪا شيريٽن“ ۾ ٽِڪي، ٻئي ڏينهن، صبح جو سوير، جعفري صاحب، مان ۽ گلزار مري سرڪاري ڪار ۾ چاٽگام روانا ٿياسين. +بنگلاديش ڏاڍو سرسبز ملڪ آهي. اها ڳالهه ٻڌندا هئاسين. پر، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڪار ڊاڪا شهر مان ٻاهر نڪتي، ته چوڌاري ايڏي ساوڪ نظر ۾ آئي، جو اکين تي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. جعفري صاحب شايد اسان کان اڳي به بنگلاديش (تڏهوڪو اوڀر پاڪستان) گهمي ويو هو. سو، ٻڌايائين ته انهيءَ ساوڪ، سبزيءَ ۾ وڻن، ٽڻن ۽ ٻيلن جو سبب آهي برسات! ٻيو ته ملڪ ۾ درياءَ جام آهن. +ستت اسان پاڻ اِن ڳالهه جو مشاهدو ڪيو. اڌ منو ڪلاڪ سفر ڪيو هوندو سون، ته ڪار هلي هڪ درياءَ جي پتڻ وٽ بيٺي، جتي بيشمار ماڻهو اڳيئي بيٺا هئا. سامهون، درياءَ مان هڪ چڱو وڏو اسٽيمر پئي آيو، جنهن ۾ موٽرون، سائيڪليون، مختلف سامان، ماڻهو ۽ جانور سڀ گڏ سوار هئا. لنگر انداز ٿيو، ته هڪڙا هيٺ‎ لٿا ۽ ٻيا مٿي چڙهيا. اسان جي ڊرائيور وٽ سرڪاري ليٽر هو، سو اسٽيمر وارن کي ڏيکاريائين، ته هنن وڏي مان مرجات سان اسان کي هڪ صاف سٿريءَ ڪيبن ۾ صوفا سيٽن تي آڻي وهاريو. درياءُ ٽپياسين ته روڊ ڪشادو ۽ ڏاڍو سٺو هو. منجهند جي مهل چاٽگام پهچي وياسين. +چاٽگام چڱو وڏو شهر آهي. ڪمشنر جو بنگلو هڪ ٽڪريءَ جي مٿان اڏيل هو. پاڻي اڳيئي منتظر هو. اسان هٿ منهن ڌوتو، ته ڊائننگ روم ۾ وٺي هليو، منجهس شيشي جون ٻه وڏيون دريون هيون، جن مان شهر جو چِٽو نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو. جيتريون هيون جايون، اوترا هئا وڻ ـــ سڀ چهچ ساوا. +ڪمشنر لنچ سٺي تيار ڪرائي هئي: ڪي طعام گوشت جا، ته ڪي مڇيءَ جا، ڪي وري سبزين جا ـــ پُلائن جا به ٻه ٽي قسم ٺهرايا هئائين ۽ مٺاڻ جا به ٻه ٽي قسم. مٿان تازو ميوو. +آخر ۾ سبز چاءِ آئي. ��اني کائي، چاءِ جو ڪوپ ٺاهي، مان شيشي جي دريءَ وٽ وڃي بيٺس. برسات شروع هئي. اول بونداباري پوءِ وڏڦڙو ــ برسات ۾ شهر جو نظارو هيڪاري وڻندڙ هو. +اسان اُها رات چاٽگام ۾ هڪ سيٺ جي ’ريسٽ هائوس‘ ۾ گذاري، جنهن جو انتظار ڪمشنر ڪيو هو. سڀ سيٺ ڪنجوس ٿيندا آهن. هي سيٺ به سيٺ هو. ’ريسٽ هائوس‘ جي ڪمرن ۾ اسان کي ريسٽ ڪونه مليو: مَڇَرَ مليا. بهرحال، رات جيئن تيئن گذاري، صبح جو ڪاڪسس بازار روانا ٿياسين. +چاٽگام کان ڪاڪس بزار جو سفر هيڪاري سٺو هو، جو اُنهيءَ پاسي ملڪ تمام سائو آهي، سوپاريءَ ۽ بانس جا وڻ عام آهن. ٻئي وڻ سڌا ئي سڌا مٿي وڃن ٿا. تمام سنها ۽ سهڻا آهن. رستي جي پاسن کان اُنهن جا بيشمار جهڳٽا بيٺا آهن. اسان هڪ هنڌ ڪار جهلي، تصويرون ڪڍايون. +ڪاڪس بزار کي دنيا جي مشهور سامونڊي Beaches ۾ شمار ڪن ٿا. اسان کي جنهن سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايائون، سو، مٿاهينءَ تي ٺهيل هو. حدِ نگاهه تائين، سمنڊ صاف نظر پئي آيو. شام جو ڪناري تي سئر ڪرڻ به وياسين. مانجهاندڙيءَ جهڙڻ وڻن جي هڪ ڊگهي قطار پوکيل هئي. چيائون ته هي جو اخبارن ۾ خبرون اينديون آهن، ته اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ سامونڊي طوفان ايندا آهن، سو، آزاديءَ کان پوءِ اسان جي سرڪار طوفان کان بچاءَ لاءِ هي وڻ پوکايا آهن. +رات جي مانيءَ تي اسان جو ميزبان لڇمڻ هو، جو ڪاڪس بزار ۾ ايس. ڊي. ايم هو. پنهنجو تعارف ڪرائيندي، چيائين ته ”مان هن علائقي جو وڏي ۾ وڏو طبلچي آهيان. *“ +ڪاڪس بزار جو احوال ڏيندي چيائين ته ”هِتِ گهمڻ جون جايون ٻه آهن: هڪ سامونڊي بِيچ، ۽ ٻيو مارڪيٽ، جنهن جو سڄو ڪاروبار عورتون هلائينديون آهن. +اسان چيس ته ”اِهو مارڪيٽ ڄڻ ته اڪبر بادشاهه جي ’مينا بزار‘ آهي!“ +مسٽر لڇمڻ چيو ته ”اڪبر بادشاهه جي مينا بازار ڪڏهن ڪڏهن لڳندي هئي ۽ رڳو بادشاهه ۽ سندس اميرن لاءِ هوندي هئي. هيءُ ته عام مارڪيٽ آهي. ٻارهن ئي مهينا منجهس وڻج واپار هلي ٿو. امير غريب جو سنڌو ڪونهي.“ +لڇمڻ ٻئي ڏينهن اهو مارڪيٽ گهمائڻ جو پروگرام ٺاهي، اسان کان موڪلائي ويو. +ڪاڪس بزار جي ريسٽ هائوس ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪورٽ جو جج صاحب اڳيئي ٽڪيل هو. سُنهاري ايڏي ته وڏي هئس جو گوڏ ٻڌل نه هجيس ها، ته مان کيس سر سيد احمد خان سمجهان ها. جعفري صاحب سان سٺي ڪچهري ڪيائين ۽ کيس ٻڌايائين ته ”بنگلاديش ۾ اٺانوي فيصد آبادي مسلمان آهي.“ +ان تي مون کي ياد آيو ته ڊاڪا ۾، مون جمعي جي نماز ”بيت المکرم“ ۾ پڙهي هئي. وڏي ڪشادي مسجد هئي، پر، نماز پڙهڻ لاءِ مشڪل سان جاءِ ملي. مسجد جي ڪشادگيءَ ۽ نمازين جي عظيم اجتماع ڏاڍو متاثر ڪيو. پر، اوتروئي متاثر ڪيو مسجد جي ٻاهران، ديوار جي ڇانوَ ۾ ويٺل، مٿي پيرين اگهاڙين فقيراڻين جي ڊگهيءَ قطار، جيڪي مسڪين سڀئي ڦاٽل ساڙهين ۾ هيون. اڳيان ايڏي ئي ٻي قطار هئي سندن انگ اگهاڙن ننڍڙن ٻچڙن جي ـــ ابهم ٻارن جي هٿن ۾ جست جا پيالا هئا. خيرات لاءِ ليلائي رهيا هئا ـــ مون ان ڏينهن ڊاڪا ۾ بنگال جي غربت جو مشاهدو ڪيو. +جج صاحب ۽ جعفري صاحب جي ڪچهري اڃا جاري هئي، جو مان کانئن مولائي، پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس. ٽيبل لئمپ ٻاريم ۽ بستري تي ليٽي وڏي آرام سان ناول پڙهڻ لڳس. +ناول مون کي ڏاڍا وڻندا آهن. ناول جا ڪردارَ، حقيقي ماڻهن وانگر بي مروت ڪونه ٿيندا آهن. نڪي وري نانگ ۽ ڇونءَ وانگر ڏنگيندا آهن. هونئن، افسانوي ڪردارن جون به ڪي ڪي ڳالهيون پڙهي هڪ لحظي لاءِ اکين ۾ پاڻي ايندو آهي. پر، ماڻهوءَ جو ڏنگ ايڏو ته زهريلو ٿيندو آهي جو سڄي عمر اکين مان پا��ي ڪونه بيهندو آهي. اڪثر ماڻهو ڏنگُ هڻندا آهن: هزارن ۾ ڪو هڪڙو هوندو آهي جنهن جي روح مان بهار جي خوشبو ايندي آهي. +مسٽر لڇمڻ ٻئي ڏينهن شامجو اسان کي مارڪيٽ گهمائڻ وٺي ويو. منجهس سؤ ٻه سؤ دڪان هوندا. هر دڪان، اڪيلي نوجوان عورت هلائي رهي هئي. گرميءَ جي مند هئي. کيس هاف سيلوز بشرٽ ۽ گوڏ پاتل هئي، پر، اُها گول سبيل هئي. اسان جي ٻوليءَ ۾ سنئين سڌي صاف ”گوڏ“ هئي. ليڪن، يورپي اصطلاح ۾ پيرن تائين ڊگهي اسڪرٽ هئي. مٿو اگهاڙو. وارَ ائين اٽڪيل جيئن اسان وٽ ويهن پنجويهن ورهين جا نوجوان ڪٽائيندا آهن. +عمر ويهن ۽ پنجويهن ورهين جي وچ ۾. شڪل شباهت ۾ خوبصورت ۽ چهري جا وصف ڏاڍا سهڻا. جسم ٺاهوڪو. پر، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ محتاط. حرام جو گراهڪ ڏانهن اکيون کڻي نهاري. بس، سندس ڳالهه ٻڌي، سامان ڪڍي، سامهون شيشي جي ميز تي رکيس. +دڪانن تي ڪاسميٽڪس، عينڪون، پرس، ڪيميرائون، لکڻ جون پينون، رومال، ننڍا ٽوال، آئينا وغيره رکيل هئا. ٻين دڪانن تي وري ٻيو سامان هو، مثلاً، چمڙي جون بئگون ۽ اسٽيل جون پيتيون، ڪن دڪانن تي سٺي ولائتي ۽ مهانگي ڪراڪري به رکيل هئي. +مون پنهنجي گهر لاءِ ٽي چار زالاڻيون شالون خريد ڪيون ۽ ٻه ٽي ٻيا آئيٽم ورتم. گلزار به ورتا. سڀ مناسب قيمت تي ڏنائون. +موٽي ريسٽ هائوس تي آياسون ته ٻڌايائون ته بنگلاديش ۽ برما جي سرحد تي ڪي اهڙا قبيلا آهن، جن ۾ عورت کي اُهو ئي درجو مليل آهي، جيڪو اسان وٽ مرد کي حاصل آهي. هي مارڪيٽ انهن ئي قبيلن جي عورتن جو آهي. انهن قبيلن ۾، روزگار جا سَڀُ ڪَمَ، مثلاً واپار، نوڪري ۽ کيتي ٻاڙي عورت ڪري. مرد گهر ۾ ماني پچائي، ڇنڊ ڦوڪ ڪري ۽ ٻار سنڀالي. زال ڪاوڙجيس ته هٿ مان ڏوئي کيس، نرڙ ۾ ٺڪاءُ ڪرائيس ته ”بد فعالا، اڄ ٻوڙ ۾ لوڻ گهڻو وڌو اٿئي!“ +ڪا ڌاري زال گهر ۾ اچي، ته مرد ڊوڙي وڃي پردو ڪري، ڇو ته ڪي ڪي زالو لٺ باٺي ۽ بندوق جي زور تي ٻين عورتن جا ”خوبصورت مڙس اغوا ڪري وينديون آهن. +ڪن ڪن ڳوٺن جون زالون وري رات جو ڪهاڙيون ڪلهن تي کڻي، ٻين ڳوٺن مان چوري ڪرڻ وينديون آهن. پوءِ، جهيڙو ٿئي ته ڀلي ٿئي. پر، ڳالهه جو نبيرو وري به عورتن جي جرڳي ۾ ٿيندو. +ڪاڪسس بزار ۾ ٻه راتيون ٽڪياسين. موٽ تي سڌو ڊاڪا آياسين. سفر ڊگهو هو، سو رستي تي ٿَڪُ ٿيو. چاءِ پيئڻ لاءِ ٽرڪ وارن جي هڪ ننڍيءَ هوٽل وٽ ڪار بيهاريسون. رستي جي ڪپ سان ڪاٺ جون بئنچون رکيل هيون، جن تي عام ماڻهن ويٺي چاءِ پيتي. سندن لباس ـــ گوڏ، پهرياڻ ۽ مٿي ۾ کجيءَ جي ٽوپي هئي. سڀ ڳوٺاڻا غريب ماڻهو هئا. اسان جي لباس مان سمجهي ويا، ته هيءُ اولهه پاڪستان مان آيا آهن، سو ماحول ’اتي جو اتي سنجيده کان به زياده، انگريزي معنيٰ ۾ Grim ٿي ويو. مون کي اچانڪ احساس ٿيو، ته الائي ڇو حڪومت وارن اسان کي سيڪيورٽيءَ لاءِ سپاهي ڪونه ڏنو آهي! +اهڙن مرحلن تي قدرت هميشه مون ۾ ازغيبي اعتماد ۽ حوصلو پيدا ڪندي آهي. جعفري صاحب ۽ گلزار مري ته ڪار ۾ ويٺا رهيا. مان آرام سان هيٺ لٿس ۽ بينچن تي ويٺل ماڻهن ڏانهن ويس. پهريائين هڪڙي سان، پوءِ ٻين سان ”السلام عليڪم“ چئي هٿ ملايم. هوٽل واري کي چيم ته ”چاءِ جا چار ڪوپ کپن.“ +هوٽل وارو چاءِ ٺاهي رهيو هو، ته پٺيان اسڪولي ٻارن جو هڪ ٽولو آيو. ويجهو اوڏو ڪو اسڪول هوندو، جنهن مان پڙهي موٽيو هوندو. مون تڪڙو تڪڙو وڌي، هڪ ٻار کي جهليو ۽ کيس ڀاڪر پائي، کيسي مان سؤ ٽڪن جو نوٽ ڪڍي، هٿ ۾ ڏنم. ٻار اول ته ڪيٻايو. پوءِ آهستي آهستي ڪري نوٽ ورتائين. اِهو ڏسي گلزار مري به هيٺ لٿو. ٻئي ٻار کي جهلي، کيس سو ٽڪن جو نوٽ ڏنائين. اِن ڳالهه جو ماحول تي خوشگوار اثر پيو. پر، سڀ ماڻهو پوءِ به سمورو وقت خاموش رهيا. +هوٽل واري چاءِ تيار ڪئي. اسان عام ماڻهن سان گڏ بينچن تي ويهي پتي. چاءِ پي، هوٽل واري کي بل ڏيئي، ماڻهن کان موڪلائڻ لاءِ اُٿاسين ته هو پاڻ مرادو اڌ ـــ گول ٺاهي بيٺا. اسان سڀني سان هٿ ملايو. مون هر ڪنهن کي چيو ته ”هم بهائي هين.“ +ٽيهارو ورهين جو هڪڙو نوجوان هو، جنهن کي ننڍڙي ڪاري ڏاڙهي هئي. مون جڏهن ڏانهس هٿ وڌايو، ته هن مون سان هٿ ڪونه ملايو. خاموش بيٺو رهيو. مان حيران ٿي ويس. هو مون کي گهوريندو رهيو. پوءِ آهستي آهستي اڳتي وڌيو. اچي ڀاڪر پاتائين! مون ڏانهس نهاريو. سندس اکين ۾ ڳوڙها ڇلڪي رهيا هئا. چيائين ته ”هيءُ اوهان جو ملڪ آهي!“ +منهنجو ڪنڌُ، ندامت ۾، هيٺ جهڪي ويو. ڪا دير ڌرتيءَ ڏانهن ڏسندو رهيس! ڪنڌ مٿي کڻڻ جي طاقت ڪانه ڀانيم. سندس اکر اکر ۾ صداقت هئي. بيشڪ، ڪالهه تائين هيءَ ڌرتي منهنجي ڌرتي هئي ۽ هي ملڪ منهنجو ملڪ هو. +هاڻي مون کي هاڻي ياد ڪونهي ته مون انهيءَ نوجوان کي ڪيتري دير کان پوءِ موڪلايو. پر، اهو چٽيءَ طرح ياد اٿم ته اسان ٻنهي هڪٻئي کان ڀنل اکين سان موڪلايو. +ڪار رواني ٿي. ڊاڪا پهتاسين، ته سڌو ايئرپورٽ تي هليا وياسين. هوائي جهاز ڪراچيءَ روانو ٿيو. +بنگلاديش جي ڏهن ڏينهن جي دوري گهڻائي دفعا ڪڏهن چپن تي مرڪ آندي هئي ته ڪڏهن اکين ۾ لڙڪ. هوائي جهاز ۾ چڱيءَ دير تائين خاموش ويٺا هئاسن. ڀايان ٿو ته اڌ ڪلاڪ کن اڏاڻو هوندو، جو گلزار مريءَ جعفري صاحب کي چيو ته، ”بنگالي ڏاڍا مٺا ماڻهو هوندا هئا. مون کي انديشو هو ته ’محمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ‘ سڄي کين برزبان ياد هوندي. پر، ڏينهن ٻن ۾ ئي منهنجو اُهو ڀَئُه ڀولو لهي ويو.“ +جعفري صاحب ٿڌو ساهه ڀري چيو ته ”يار، سچي ڳالهه اها آهي، غريب بنگالين جو ڏوهه رڳو اهو هو، ته سندن ووٽ اسان کان وڌيڪ هئا.“ +گلزار مريءَ ڪنڌ ورائي مون کي چيو ته : ”رستي تي چاءِ پيئندي اوهان کي اهو نوجوان ڪيئن لڳو؟“ +مون کيس چيو ته، ”ادا، اُنهيءَ نوجوان ۽ ملڪ جي وزيراعظم، ميزان الرحمان جي محبت مان عمر ڀر وساري ڪونه سگهندس.“ ـــ ـــ وڌيڪ ڳالهائي ڪونه سگهيس، جو جذبا جي شدت ڪري، منهنجو گلو ڀرجي آيو. +گلزار مري پاڻ به اداس ٿي ويو. ڪُهنِي بلوچي شاعريءَ جو ڪو گيت، بي ساخته سندس چپن تي آيو، جنهن ۾ بي پناهه سوز ۽ درد هو، ڄڻ ته ٽئگور جي گيت جو پڙلاءُ هو. +ڪليم لاشاري +فطرت جو چترڪار ـــ وان گو +نوٽ: ونسنٽ وان گو (Vincent Van Gogh) 1890ع، يورپ جي جديد فنِن مصوريءَ جي چئن بانين مان هڪ ناميارو نانءُ آهي، اِن طرح ٻيا ٽي ـــ گاگين (Gauhuin) 1848-3-19ع، سيورٽ (Seurat) 1859-1-19ع ۽ پال سيزاني (Paul Cezanne) (وفات 1906ع) شمار ڪيا وڃن ٿا. هيءُ مضمون ونسنٽ وان گو جي سوانح ۽ فني ڪمالات تي سر حاصل روشني وجهي ٿو، جنهن لاءِ نامور محقق ڊاڪٽر ڪليم لاشاري جس لهڻي. ــــ ادارو +لنڊن ۾ ڪرسٽيز جي مشهور نيلام گهر تي اڄ غير معمولي رونق آهي. وڏا تاجر، نالي چڙهيا واپاري، نو دولتيا ڪروڙپتي، جن جي کيسن ۾ ڏوڪڙن جا ٽهڪ آهن. شوقين، جن کي شوقن ڪنگال ڪري ڇڏيو آ. دلچسپ خبرن جا متلاشي اخباري نمائندا، آرٽ جا نقاد، مفلس فنڪار، نادار شاگرد، رونشي ڪوڏيا، پاڻ ڏيکارڻ وارا فيشني ـــ مطلب ته هڪ دنيا اچي گڏ ٿي آهي. +ماڻهن جي چهرن تي جوش جي سرخي ڪنهن وڏي واقعي جي غماز آهي. اُميدن جي بلندي سبب خاموشي طاري آهي.... هڪ تصوير جي نيلام آهي! +ٻولي هلي ٿي... دل جو ڌڙڪو وڌي ٿو.... چُپ ايتري جو ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.... ٻولي ڏيندڙ ميڇن ۽ اشارن کي ڏسندو ٻولي وڌائيندو ٿو رهي. هو لکندڙن جي هٿ جي لوڏ ۽ فونين تي سرگوشين کي نظر ۾ رکندو قيمت کي وڌ کان وڌ چاڙهيندو ٿو وڃي. +ڇا هيءُ تصوير اڳين رڪارڊ قيمت کان وڌيڪ مهانگي وڪامبي؟ ماني (Eduard Manet) جي تصوير 1، 11 ملين ڊالرن ۾ وڪامي هئي، جيڪا ڪنهن به تصوير جي اگهه جو، هن وقت تائين رڪارڊ آهي. 12 ملين ڊالرن کان مٿي ٻولي لڳي آهي. +ويٺل پنهنجو ساهه روڪيون ويٺا آهن ته ڪٿي ٿو سودو ٽُٽي!... ٻولي هاڻي ٻيڻ کان به مٿي چڙهي هلي آ... هي ڇا ٿو ٿئي!... شايد تاريخ جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿي رهيو آهي!... ٽي دفعا گهنٽي وڄي ٿي!... ڪنهن درياهه جو بند ٽٽي ٿو پوي. ڳالهاءُ جو آواز هال جي ڇت سان ٽڪرائجي. عجيب پڙاڏو پيدا ڪري ٿو. +اڄوڪي تصوير دنيا ۾ هن وقت تائين وڪرو ٿيندڙ سمورين تصويرن کان وڏو اگهه ڪيو آهي ۽ پراڻن رڪارڊن کي ڀڃي ڇڏيو آهي!.... ماڻهو ڪئميرائن جي فليشن جي چمڪاٽ تان اُٿي هيڏي هوڏي ٿا وڃن.... اخباري نمائندا فونين رستي اها خبر منتظر دنيا تائين پهچائڻ لاءِ زور زور سان ڳالهائين ٿا! +سامهون اسٽيج تي سونهري فريم ۾ هڪ سونهري تصوير رکيل آهي. تصوير ۾ مس منظر ڦڪو، گلدان زرد ۽ پيلي رنگ جو، ميز زرد، گل هيڊا، ڦڪا ۽ پيلا آهن. خاموش تصوير مان سڪون بکي ٿو. چتائي ڏسڻ سان اُن سڪون ۾ زندگي جي هيجان، جيئڻ جي شديد تمنا سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي. +بظاهر سورج مکي گل (Sun flowers) هڪ گلدان ۾ پيل آهن. گلدان تي هلڪي سائي رنگ ۾ ”ونسنٽ“ لکيل نظر اچي ٿو. اُهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو اُن تصوير ۾ موجزن آهي؟ تخليق جي قوت ۽ زندگيءَ جي محبت، بيسڪ تخليق جي بي مثال قوت، اُن تصوير مان بکي ٿي. +بهار جي موسم، ڏکڻ فرانس جي بيمثال اُس، لاباري جي مُند ۾ هر گل، هر سنگ ٽڙيل ۽ ڀرپور آهي. هوا سُڳنڌ سان ڀريل، تڏهن هڪ عجيب بيخودي پيدا ٿئي ٿي ۽ طبيعت تخليق طرف مائل ٿئي ٿي. +”مون کي اُن وقت عجيب ڇڪ ٿيندي آهي، جڏهن فطرت ايڏي شاندار ٿئي ٿي. اُنهن ڏينهن ۾ مان پنهنجو پاڻ کي بيخبر ٿيو وڃان ۽ تصويرون ذهن ۾ ائين ٿيون اچن، جيئن خواب ۾ شيون نظر اينديون آهن. آخرڪار زندگي دلفريب آهي.“ (ونسنٽ جو پنهنجي ننڍي ڀاءُ ’ٿيو‘ Theo ڏي خط). +ونسنٽ وان گو (Vincent Van Gogh) جو آرلز ۾ قيام وارو عرصو هن جي فن جي بلنديءَ وارو دؤر مڃيو ويو آهي. +پيرس جي شهري زندگيءَ مان بيزار ٿي هو آرلز ۾ اچي ٿو، جِت فطرت سان محبت، چٽي اُس ۾ چمڪندڙ ٻنين ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ پنهنجي سُک لهي ٿو. فطرت کي چِٽيندي هو پنهنجي تخليقي بلندي تي رسي ٿو. +”سن فلاور“ اُن دور جي پيداوار آهي. ونسنٽ هڪ ٻئي خط ۾ لکي ٿو، ”مان وڏي انهماڪ ۽ ڪنهن باغي سپاهي واري جذبي سان سُڪل ماني کائي پينٽنگ ۾ مصروف آهيان. توکي اِن ڳالهه تي حيرت نه ٿيندي، جڏهن توکي اها خبر پوندي ته مان ڇا پيو ٺاهيان، مان سورج مکي گل پيو چٽيان. +”هن وقت ٽي تصويرون ٺاهي رهيو آهيان. پهرئين ۾ ٽي وڏا گل سائي گلدان ۾ پيل آهن. ٻيءَ تصوير ۾ ٽي گل آهن. جن مان هڪ ٻج ڪري ويو آهي، جنهن جون پَتيون ڪِري پيون آهن ۽ ٻي مکڙي آهي. رائل بلو رنگ جو پس منظر اٿس. ٽين تصوير ۾ ٻارنهن گل ۽ مکڙيون ڦڪي گلدان ۾ رکيل آهن. اها آخري تصوير سڀني کان وڌيڪ روشن آهي. اميد آهي ته سڀني کان بهتر ٿيندي ۽ مان سمجهان ٿو ته مان اُنهن تي بس نه ڪندس. هاڻي جڏهن اِن ڳالهه جي اميد آهي ته گاگين ۽ مان هڪ اسٽوڊيو ۾ رهون. تنهن ڪري مان اسٽوڊيو کي سينگارڻ گهران ٿو. ٻيءَ ڪنهن شيءِ سان نه پر وڏن سورج مکي گلن سان... جيڪڏهن منهنجو ارادو پورو ٿيو ته ڪل ٻارنهن تصويرون ٺهنديون، جيڪي پيلي ۽ نيري رنگ جو هڪ سريلو راڳ هونديون. مان روزانو صبح جو سج اُڀرڻ کان وٺي اُنهن تي ڪم پيو ٿو ڪيان، ڇو ته گل جلدي ڪومائجي ويندا آهن.“ +ونسنٽ جا خط اسان کي اُن شاهڪار جي ابتدا کان به واقف ڪن ٿا ته انتها کان به اُهي اسان کي سندن شهپارن جي تخليق جي هر مرحلي ۾ سوچ کان تڪميل تائين داستان ڏسين ٿا. +گل واقعي جلد ڪومائجي ويندا آهن. +پر ونسنٽ وان گو جا ٺاهيل گل سؤ سال گذرڻ تي به نه ڪوماڻا، بلڪ اُنهن جي حسن جي تازگي اهل ذوق کي لطف بخشيو آهي. +اُن تصوير جي ايتري وڏي اگهه ڪرڻ جا ڪيترائي سبب بيان ڪري سگهجن ٿا. اڄ ڪلهه جي ڪسادا بازاري، پئسي جو ڪِرندڙ ملهه ۽ سرمايي کي محفوظ هنڌ لڳائڻ وارو جذبو به هڪ سبب ٿي سگهي ٿو. +پر اُن تصوير جي تاريخي ۽ فني حيثيت جو تعين ڪرڻ لاءِ اُن ڏس ۾ ڏسجي ته ”سن فلاورز“ جو خالق پاڻ اُنهن کي ڪهڙي حيثيت ڏئي ٿو. +”گاگين ’سورج مکي‘ کڻي ڏاڍو خوش ٿيندو. مان کيس خوش ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ جيڪڏهن هو ٻنهي تصويرن مان هڪ کڻڻ گهري ته ڀلي کڻي. مان اِها تصوير ٻيهر ٺاهي وٺندس. +”اِهي تصويرون اک کي وڻن ٿيون. منهنجي صلاح اِها اٿئي ته اِهي پاڻ وٽ رک... اِها اِن قسم جي تصوير آهي، جو جيترو وڌيڪ اُن کي ڏسجي اوترو وڌيڪ ڀرپور نظر ايندي. ٻيو توکي چڱي طرح اها خبر آهي ته گاگين اُن تصوير جي عشق ۾ گرفتار آهي.“ +پال گاگين فرانس جو هڪ عظيم مصور ٿي گذريو آهي، جنهن جو ونسنٽ سان ياراڻو هو ۽ ونسنٽ جي فلاورز سان شديد محبت هئي. ونسنٽ جي وفات کان پوءِ هن تاهيٽي ۾ سورج مکيءَ جا ٻج گهرائي پوکيا. جڏهن گل ٽڙي پيا تڏهن پاڻ به اُنهن جي تصوير ٺاهي هئائين. +گاگين سن فلاورز کي کڻي وڃڻ پئي گهريو، اُن وقت ونسنٽ کيس اُها تصوير ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو هو. هو خط ۾ لکي ٿو: +”مان گاگين سان پنهنجيون شيون (تصويرون) مٽائڻ پسند ڪيان ٿو، پوءِ اُهو سودو مون کي ڀلي ڪيڏو به مهانگو ڇو نه پوي؟“ +ڇا ونسنٽ کي اها خبر هئي ته ”سن فلاورز“ ڪڏهن ايڏو وڏو اگهه ڪندا؟“ +هو ’ٿيو‘ ڏي خط ۾ لکي ٿو: ”مان ساک تي ٿو چوان ته منهنجي سن فلاورز جو اگهه پنج سؤ فرانڪ آهي.“ مفلس ۽ نادار فنڪار جيڪو بکون ڪاٽي به رنگ خريد ڪندو هو ته جيئن هو تصويرون ٺاهي سگهي، اُن کي ڪهڙي خبر ته سن فلاورز ڪڏهن ڪروڙن ۾ وڪامبا. هو ته بس اِهو ڄاڻي پيو ته ڪهڙي طرح ڪنهن تصوير جو مان وڌائي سگهجي ٿو. +جيتريقدر منهنجي ڪم جو پئسن ۾ ملهه جو معاملو آهي، مان صرف ايترو چوندس ته اُهو ضررو وڪامبو، پوءِ چاهي هاڻي وڪامجي يا بعد ۾، اُن متعلق ظاهر آهي ته مان هينئر ڪجهه نٿو چئي سگهان، البته اُن جي قدر قيمت وڌائڻ جو يقيني طريقو اِهو آهي ته ماڻهو فطرت جي نظارن ۾ محو ٿي جذبي جي شدت سان ٺاهي.“ +وئنسنٽ وارن گو جي حياتي جو داستان ايترو دلچسپ آهي، جو اُن کي هڪ جديد ڏندڪٿا سڏي سگهجي ٿو. اهو هڪ اهڙو الميو آهي جنهن جو هر هڪ تفصيل نرالو ۽ اُن جو اثر ايترو وحشتناڪ آهي، جهڙو قديم داستانن ۾ ”پروميٿس“ جو ٿي سگهي ٿو. هن فنڪار جي بيچين زندگي هالينڊ جي خاموش سرزمين کان شروع ٿئي ٿي ۽ لنڊن، برسلز ۽ پيس مان ٿيندي اُنهن اڪيلن مڪئيءَ جي فصلن تي پهچي ٿي، جتي هن پنهنجو انگ آندو. +هي تخليقي جوش، بي لوث محبت، جذبات ۾ هلچل مچائيندڙ تصويرن ۾ برادراڻيءَ محبت جو لازوال داستان آهي. +ونسنٽ ۽ هن جي ننڍي ڀاءُ ٿيو جي محبت جو داستان، قرباني ۽ باهم پيار جو اهڙو قصو آهي، جنهن جو نظير انساني تاريخ ۾ خيال خال ئي نظر اچي ٿو. اُن تعلق ٻاراڻين راندين کان شروع ٿي ڇوڪراڻي وهيءَ جي ساٿ ۾ زور ��رتو ۽ جڏهن جواني جي ”لغزسن“ ۾ سڀني مائٽن ۽ واقعن مخالفت ڪري هن کان ڪناري ڪشي ڪئي ته به ’ٿيو‘ جو هن سان ساٿ رهيو. +زماني جي تنقيد ۽ ٽوڪ جي باوجود ’ٿيو‘ کي هن جي صلاحيتن تي پورو پورو ڀروسو هو. هن جي ڀيڻ ’ٿيو‘ کي هڪ خط ۾ لکيو: +”تون ونسنٽ کي عام ماڻهن کان گهڻو مٿانهون سمجهين ٿو، پر مان چوان ٿي ته هو عام ماڻهو وانگر ٿي هلي ته به اسان کٽيوسين.“ +ونسنٽ کي جڏهن آرلز (Arles) ۾ مرگهيءَ جو شديد دورو پيو ته کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ٿيو اطلاع پچڻ تي آرلز اچي پهتو. ڀاءُ کي اسپتال ۾ ڏسي هو پاڻ هلي نه سگهيو ۽ پاڻ سان ساڳئي بستري ۾ مٿو مٿي سان ملائي ستو. اُن وقت ونسنٽ هن جي ڪن ۾ چيو، ”ائين ٿو لڳي ڄڻجھ رنڊرت ۾ هجون.“ +زنڊرت ۾ اُنهن ٻنهي جو ٻالڪپڻو گذريو هو. ڀاءُ جي ويجهڙائيءَ سبب ونسنٽ کي خيالن ۾ اُهو حسين ۽ آزاد زمانو وري ياد اچي ويو. هن جي اکين آڏو گهر جا ڪمرا، باغ، ٻنيون، گرجا ۽ پکين جا آکيرا ڦرڻ لڳا. +اسپتال ڇڏڻ کان پوءِ ونسنٽ اسپتال ۾ گذريل ان گهڙيءَ جو ذڪر ’ٿيو’ ڏي هڪ خط ۾ ڪيو هو. ونسنٽ جا خط اهڙن خسيس لمحن جو ذڪر به ڪن ٿا ته فني شهپارن متعلق رايا به ڏين ٿا. اُنهن ۾ سندن تخليقي عمل جو سمورو رڪارڊ به آهي ته اظهار جي قوت جي شدت جو ڏيک به. انهن ۾ پاڪيزه محبت جي هجڻ جا قصا به آهن ته ڪريل رنڊين سان يارانن جا داستان به. +ونسنٽ 1872ع ۾ جڏهن گوپل ۽ ڪمپني (پيرس) ۾ ملازم هو. اُن وقت کان ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ خط و ڪتاب جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو ونسنٽ جي مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهيو. +’ٿيو‘ اِهي خط سانڍيندو ويو. +ونسنٽ جي آپگهات ۽ ان جي ڇهن مهيني کان پوءِ، ٿيو جو موت بعد، ٿيو جي بيوه سمورا خط سهيڙي ترتيب ڏيئي، هالينڊ مان 1814ع ۾ شايع ڪرايا. ونسنٽ ڪيترن خطن تي تاريخ نه لکندو هو، انڪري خطن جي تاريخ وار ترتيب ڏکيو ڪم هو. اُن جي تڪميل کان پوءِ هن اُنهن خطن جو به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. هُو انگريزيءَ ۾ پڻ سٺي ڄاڻو هئي. افسوس جو جڏهن اهو ڪم ختم ٿيڻ تي هن عظيم عورت 1925ع ۾ وفات ڪئي. +(2) +1927-1929ع ۾ خطن جو انگريزي ترجمو ڪانسٽبل ۽ ڪمپني ٽن جلدن ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. اڻويهين صدي ۾ فنون لطيفه جي حوالي سان ٻه لکڻيون اهڙيون آهن جن کي هڪ بلند مقام حاصل آهي ۽ جن جي مطالعي سان نه صرف لکندڙ جي اندروني هيجانن، تخليقي تصورن ۽ ذهني بلندين جي پروڙ پوي ٿي، بلڪ اها به خبر پوي ٿي ته اُن دور ۾ تخليقي فنڪار هئڻ ڇا معنيٰ رکندو هو. هي آهن يوجين ڊيلا ڪروئڪس جو روزنامچو ۽ وان گو جا خط. +ونسنٽ وان گو جا خط سڌو دل تي اثر ڪن ٿا. اُهي پنهنجي سچائي ۽ انڪساري سبب پڙهندڙ کي اُن عظيم ذهن ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا، جيڪو هونئن وس ڪندي به ميسر نه ٿي سگهي ها. +ونسنٽ وان گو يورپ جي فن جي تاريخ ۾ عظيم مصورن مان هڪ ٿي گذريو آهي. هُو هڪ بلند سوچ رکندڙ ۽ نرم دل شخص هو، جيڪا حقيقت سندس خطن مان پڻ ظاهر ٿئي ٿي. +هي خط هن جي ذهن ۽ فن کي سمجهڻ لاءِ نهايت اهم آهن. پر جا ڳالهه اُنهن کي بلندي بخشي ٿي اُها اُنهن جي دلڪشي آهي، جيڪا هر هڪ ماڻهو محسوس ڪري ٿو. +انڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته مصور جي وڏي شهرت اُنهن خطن جي لازوال ڪشش جو سبب ناهي. ونسنٽ وان گو 30 مارچ 1853ع ۾ هاليند جي زنڊرت ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. نوجواني ۾ کيس هيگ ۾ 1869ع ڌاري گوپل ۽ ڪمپني ۾ (جيڪا آرٽ جو واپار ڪندي هئي) ملازمت ملي. هو اُتان ڪمپنيءَ جي لنڊن واري شاخ ۾ بدلي ٿي ويو. +اُتي جنهن گهر ۾ هو ڪرائيدار هو، اُن جي مالڪياڻي جي ڌيءُ ارسلان هن کي ڏاڍي وڻي. ونسنٽ خاموشي سان اُن جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏينهن ارسلان سان پنهنجو حال اوري شادي جي درخواست ڪيائين، پر ارسلان انڪار ڪيو. +هن جو لنڊن وارو قيام هاڻي تڪليف ده ٿي ويو. هو پيرس برانچ ۾ بدلي ٿي آيو، پر هنجي بيچين طبيعت هن کي اُتي به سڪون نه ڏنو. سندس ڪمپنيءَ جي مالڪن سان اڻبڻت ٿي ۽ کيس ڪمپني ڇڏڻي پيئي. هو وري انگلينڊ ويو، جتي اسڪول ۾ پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيائين. 1876ع ۾ ڪرسمس ملهائڻ لاءِ والدين وٽ ايٽن هليو آيو. بعد ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي وڃي بيٺو. پر پوءِ پنهنجي پراڻي خيال کي پوري ڪرڻ لاءِ ايمسٽرڊيم يونيورسٽي ۾ مذهبي تعليم جي امتحان جي تياري شروع ڪيائين 1878ع ۾ اهو ارادو ترڪ ڪري ايوانجليڪل اسڪول برسلز ۾ داخل ٿيو، پر ٽن مهينن ۾ اُن پڙهائيءَ کي به ڇڏي ڏنائين ۽ کاڻين ۾ حادثي جي خبر ٻڌي پنهنجي خرچ تي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙن ۾ تبليغ جي ڪم سان لڳي ويو. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ غريب مزدورن سان هن کي جيڪا همدردي هئي اُها پراڻي هئي. ”جڏهن مان انگلينڊ ۾ هيس اُن وري مون درخواست ڪئي هئي ته مون کي مبلغ جي حيثيت ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪش ڏي موڪليو وڃي، پر انهن منهنجي درخواست رد ڪئي ته مان 25 ورهين کان گهٽ ڄمار جو هيس.“ +پر هاڻي هن جي دل جي مراد پوري ٿي، جو کيس ڇهن مهينن لاءِ عارضي طور تي مبلغ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رکيو ويو. ونسنٽ محنت ڪشن جي غربت ڏسي پريشان ٿي ويو. اُنهن جي انتهائي مفلسي تي هن کي رحم آيو. جيڪو ڪجهه کيس مليو، اُهو مسڪينن کي ڏيئي ڇڏيائين. پاڻ به انهن وانگر ڦاٽل لَٽن ۾ رکو سکو کائي گذر ڪيائين. هن جي اها حالت ڏسي، کيس ”وڌيڪ جوش ڏيکارڻ“ تي خارج ڪيو ويو. +هو هڪ کان پوءِ ٻيو ۽ ٻئي کان پوءِ ٽيون ڪم شروع ڪندو ۽ وري ڇڏيندو رهيو. هن جي ذهني بيچين جو سبب ڇا ٿو ٿي سگهي؟ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا هن کي هڪ هنڌ ويهڻ نٿي ڏئي؟ +ونسنٽ جولاءِ 1880ع ۾ زندگيءَ جي اهڙي موڙ تي پهچي چڪو هو، جتي هو تجزيو ڪري سگهي پيو. مذهب رستي هن پنهنجن احساسن جي اظهار جا سڀ رستا بند ڏٺا. پابندين ۽ رسمن ۾ ٻڌل مذهب هن کي وسيع ۽ آزاد همدردي کي پاڻ ۾ سموئي نه سگهيو هو. +”.... مون کي صرف هڪ ڳڻتي آهي ته مان هن دنيا ۾ آخر ڪيئن ڪنهن ڪم جو ٿي سگهان ٿو؟ ڇا مان ڪنهن مقصد جي خدمت نٿو ڪري سگهان. ڪي موضوع گهرائي سان پڙهي ۽ سکي نٿو سگهان؟ اهو ڪهڙو سبب آهي جو مان ڳڻتي ۾ رهان ٿو، پر پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي غربت جو قيدي ڏسان ٿو، جيڪا مون کي ڪيترن ڪمن ۾ حصي وٺڻ کان روڪي ٿي. اهڙيءَ طرح ڪيتريون ضروري شيون منهنجي پهچ کان پري آهن. +”اُداسيءَ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ماڻهو دوستي ۽ سنجيده چاهت جي نه هئڻ ڪري زندگي ۾ خال محسوس ڪري ٿو. بي همتي پيدا ٿي، ماڻهوءَ جي حوصلي کي ختم ٿي ڪري. ائين لڳي ٿو ته تقدير محبت جي جبلت لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويئي آهي. پوءِ بيزاري جي ٻوڏ ماڻهو ئي تباهه ڪري ٿي ڇڏي ۽ ماڻهو دانهن ڪري ٿو. ’اِهو ڏاڍ ڀلا ڪيترو وقت رهندو؟‘ +اسان جي اندر ۾ ڀلي ڪو مچ ٻرندو هجي، پر ڪوبه اُن مچ جي ڀر ۾ پاڻ کي سياري جي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ نٿو اچي ويهي. واٽهڙو رڳو چمنيءَ مان دونهون نڪرندي ئي ڏسي سگهندا آهن ۽ پنهنجو پنهنجو دڳ ورتيون هليا ويندا آهن...“ +مصوريءَ سان هن جو واسطو تمام پراڻو هو. اها ڪا اهڙي شئي نه ئي جيڪا اوچتو پيدا ٿي يا سامهون آئي. هن جا ويجها عزيز آرٽ جا وڏا واپاري هئا. هن جو هڪ مائٽ ته مشهور مصور به هو. پاڻ ونسنٽ آرٽ جي واپار ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪئي هئي. پر سڀني کان وڌيڪ ته هن جي اندر ۾ جيڪو مصور هو، اُن کي پاڻ ڪيترا دفعا اڳ به ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين، پر موافق حالتن نه هئڻ سبب اهو ممڪن نه ٿيو جو هو پنهنجي اصل ڪم ڳولي لهي. +”مان چاهيان ٿو ته ڪجهه رف اسڪيچ اهڙين شين جا ٺاهيندو رهان جيڪي مان روزمره ڏسندو رهان ٿو. پر اها ڳالهه شايد مون کي منهنجي اصل ڪم کان روڪي تنهنڪري بهتر آهي ته مان اهو ڪم شروع ئي نه ڪيان.“ +هن جي اک مصور جي اک هئي. هو شين کي اهڙي نظر سان ڏسي سگهي پيو: +”ڇا مون توکي ان طوفان متعلق ٻڌايو هو، جيڪو مون ويجهڙ ۾ ڏٺو هو؟ سمنڊ هيڊو هو، خاص ڪري ڪناري جي ويجهو. اُفق تي روشني جي هڪ سنهڙي ليڪ هئي، تنهن جي مٿان گهنگهرو گهٽا، وڏا ڪارا سليٽي بادل، جن مان مينهن ناليون ڪري هوا جي رخ تي لاڙو کائي پٽ تي ڪري پيو. +سامهون ٽڪرين جي وچ ۾ اچي رستي تان مٽي اُٿي هوا جي دوش تي سمنڊ ڏي هلي. سَرَ ۽ گل جهومڻ لڳا. سڄي پاسي تي مڪئيءَ جو سائو فصل بيٺو هو. ڏُور پري شهر ائين نظر پيو اچي، جهڙو ڳوٺ البرٽ ڊيورو چٽيندو هو.“ +وري هو جتان لنگهي ٿو ته به کيس نظارا نظر اچن ٿا. لنڊن شهر جا ٻاهريان علائقا به پنهنجي انوکي انداز ۾ دلپذير آهن. ننڍڙن گهرن ۽ باغن جي وچ ۾ وڏا سبز ميدان، جن جي وچ ۾ گرجا يا اسڪول وڻن ۽ ٻوٽن جي اوٽ مان ليئا پائيندي نظر ايندا ۽ اُهو منظر وري شام جو ايڏو حسين ٿيو وڃي، جڏهن شام جي هڪلي ڪوهيڙي ۾ ڳاڙهو سج غروب ٿيڻ تي هجي. +فطرت سان هن جو چاهه ۽ خاص طرح سج سان هن جو لڳاءُ هو، جنهن اڳتي هلي هن جي زندگي تي وڏو اثر وڌو. ”اڄ صبح جو سج وري ڏاڍي سهڻي انداز ۾ اُڀريو. مان اُن کي روز صبح جو ڏسندو آهيان، جڏهن شاگردن کي ننڊ مان جاڳائڻ ويندو آهيان.“ +هن لنڊن جي رهائش دوران ٽميز ندي جي اسڪيچ ٺاهيا. برسلز ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪشن جا ڪيترا ٺاهيل سندس اسڪيچ اڄ تائين موجود آهن. +هاڻي هن وري ڊرائنگ شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجي ڏات جو اظهار... ته سندس مفلسي هن جي رڪاوٽ بڻجي ويئي. اُن ذهني ڪرب جي زماني ۾ آخرڪار هن کي هڪ دڳ نظر آيو. هن پنهنجي اظهار جو رستو لڌو. هو پنهنجي اُن فيصلي متعلق هڪ خط ۾ لکي ٿو: ”... مون پاڻ کي چيو: مان وري پنهنجي پينسل کڻندس ۽ ڊرائنگ شروع ڪندم ۽ اُن مهل کان وٺي شيون منهنجي لاءِ بدلجي ويون.“ +پر غربت هن جي راهه جي وڏي رڪاوٽ هئي. ”... پينٽنگ جون ضرورتون بگڙيل محبوبائن وانگر هونديون آهن، جن جي ناز نخزن کي اوهان پئسن کان سواءِ پورو نٿا ڪري سگهو...“ +’ٿيو‘ اُن وقت کان هن جي مالي مدد شروع ڪئي. برسلز ۾ ايناٽامي ۽ پس منظر ڊرائنگ ۾ سبق ورتائين. اُن وقت هو ايڏو خوش هو. ڀاءُ کي مليٽ جون ڊرائنگس ۽ مشق ڪرڻ لاءِ ڪاپيون گهرايائين. هو ڪم ۾ جنبجي ويو هو“ .... منهنجي لاءِ فڪرمند نه ٿي، اهو وڏو سک آهي جڏهن ماڻهو آخرڪار پنهنجو ڪم ڳولهي لهي ٿو.“ +ونسنٽ پنهنجو اصل ڪم اُن وقت لڌو جڏهن سندس عمر 27 سال هئي. اهڙيءَ طرح برسلز ۾ چند مهينا ڊرائنگ جا بنيادي اصول سکڻ ۾ گذاري هو واپس ايٽن ۾ واپس والدين وٽ هليو آيو. هالينڊ جي ٻهراڙيءَ جي حسن جو ونسنٽ مٿان خاص اثر هو. هاڻي اُنهن جي منظرڪشي جو موقعو مليس. +* . ’جپاني تنڪائون‘ جپاني ڪلاسيڪي شاعريءَ جو روح آهن. +* . ’ساوڪ‘ شاهه جي حڪومت جو خوفناڪ خفيه ايجنسي هئي. +* . راڳ ناچ ۽ موسيقي بنگالين جي روح جي غذا آهي. + + +اُنهن ڏينهن ۾ هن جي سؤٽِ ”ڪي“ مهمان ٿي اُتي آئي، جنهن جو مڙس ڪجهه ڏهاڙا اڳ گذاري ويو هو. ونسنٽ پنهنجي سوٽ جي ننڍڙي پٽ سان قرب وڌايو. هو پنهنجي سوٽ سان پيار ڪرڻ لڳو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ ونسنٽ کيس شادي ڪرڻ لاءِ چيو، پر ڪي انڪار ڪيو. هو شادي ڪرڻ نه پئي چاهي، پر ونسنٽ هن جي انڪار تي مايو�� نه ٿيو. +”مان توکان اِهو ضرور پڇندس ته ڇا ڪو پيار جيڪو ايترو سنجيده ۽ شديد آهي، جيڪو هزار انڪارن تي به ٿڌو نه ٿئي، توکي حيرت ۾ وجهندو؟ مان سمجهان ٿو ته توکي حيرت ڏيڻ بجاءِ اهو فطري ۽ حقيقت پسنداڻو لڳندو. ڇو ته پيار هڪ مثبت، طاقتور ۽ حققي جذبو آهي. اُن کي ختم ڪرڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن پنهنجي ساهه وٺڻ. جيڪڏهن اُن ڳالهه جي جواب ۾ تون ائين چوين ته ڪيترا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ساهه وٺندا آهن. اُن جي جواب ۾ مان اهو ئي چوندس ته مان اهڙي قسم جو ماڻهو ناهيان جيڪو اهڙا خيال رکي.“ +”مون کي زندگي ڏاڍي پياري ٿي لڳي ۽ مون کي خوشي آهي ته مان محبت ڪريان ٿو. منهنجي حياتي ۽ پيار هڪ ٿي ويا آهن.“ +”ڪي“ واپس ايمسٽرڊم هلي ويئي. سموري خاندان ونسنٽ جي اُن پيار جي مخالفت ڪئي. بس هڪ ’ٿيو‘ طرفان کيس دلدار ملي. هڪ ڏينهن ونسنٽ ايمسٽرڊم ويو هو سان ’ڪي‘ دلداري ملڻ گهري پيو. اُن سان پاڻ ڳالهائڻ چاهي پيو. جڏهن هو اُتي پهتو ته گهر وارا سڀ ماني ميز تي ويٺا هئا. جيئن ئي اها خبر پيئي ته درد تي ڪير آيو آهي، ’ڪي‘ ميز تان اُٿي هلي ويئي. سندس پليٽ ميز تان هٽائي ويئي. ونسنٽ اهو احوال تفصيل سان ’ٿيو’ ڏي لکيو: +”اِهي چاهين پيا ته مان اهو سمجهان ته ’ڪي‘ گهر کان ٻاهر آهي، پر مون کي پڪ هئي ته هوءَ گهر ۾ آهي ۽ مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪو مزاحيه کيڏ کيڏيو پئي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ مون پڇيو، ’ڪي ڪٿي آهي؟‘ ۽ گهر ۾ هر ڪنهن اهو سوال هڪ ٻئي کان پڇيو ته ڪي ڪٿي آهي؟ آخرڪار چاچي جواب ڏنو ته ڪي گهر ۾ ناهي. ماني کان پوءِ چاچا ۽ چاچي مون کي اڪيلائيءَ ۾ ويهاريو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون وري پڇيو: ’ڪي ڪٿي آهي؟‘ تڏهن بهانا ۽ ڪوڙ ٻڌي ونسنٽ پنهنجو هٿ بتي جي شعلي تي جهليندي چيو ”مون کي ايتري دير ڏسڻ ڏيو، جيترو وقت مان باهه ۾ پنهنجو هٿ جهليان ٿو، ”سندس چاچي سٽ ڏيئي بتي کي هيٺ ڪيرايو“. +نيٺ هن کي ٻڌايو ويو ته ’ڪي‘ هن سان شاي نه ڪندي، ڇو جو هوءَ کيس پسند نٿي ڪري ۽ هن سان ملڻ نه پئي گهري. هن جي گهر اچڻ تي هوءَ گهر ڇڏي هلي ويئي. +هو دلبرداشته ٿي گهر مان ٻاهر نڪتو. ٿڙندو ٿاٻڙندو سوچيندو رهيو ته زندگي کي ختم ڪري ڇڏجي. +(3) +هو هيگ هليو ويو. خيالن ۾ غلطان، سڄي رات گهٽين ۾ رلندو رهيو. جنهن کي هن زندگي جو ساٿ سمجهيو هو، اهو پيار ختم ٿي چڪو هو؛ جنهن کي هن دل جي واحد تاجدار سمجهيو هو ۽ دل ۾ قسم کاڌو هو ته، ”اُها ۽ اُن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه،“ تنهن ته سندس سمورا خواب ختم ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي جيئرو رهڻ مشڪل هو، پر جيڪڏهن زنده رهي ته زندگي جي اُمنگن کي ڪٿان واپس آڻي؟ +اندر ۾ هڪ جهيڙو جاري هوس. آخر هن فيصلو ڪيو. هن ’ٿيو‘ ڏي اُن فيصلي متعلق لکيو: +”... مون پاڻ کي چيو، ’اها ۽ ٻي ڪابه نه‘ به ته تو چيو هو ۽ هاڻي تون ڪيئن ٻيءَ عورت ڏي ويندين. اِهو نامناسب آهي ۽ منطق جي خلاف پڻ، ۽ ان کي مون ائين وراڻيو، ڪير مختيار آهي. مان يا منطق؟ منطق منهنجي لاءِ آهي يا مان منطق لاءِ آهيان ۽ ڇا منهنجي ان غير مناسب رويي ۾ سبب ناهي؟“ +جڏهن هن اهو فيصلو ڪيو ته پوءِ، ”.... منهنجا پيارا، مون کي گهڻو ڳولڻو نه پيو. مون کي هڪ عورت ملي جيڪا جوان هئي نه خوبصورت، نه ئي وري اُن ۾ ڪا خصوصيت هئي.“ +اُن رات ونسنٽ ماضيءَ جون يادون ذهن جي پٽيءَ تان ميٽي ڇڏيون. هن اهو ڪم ڪيو ۽ ان کي درست ڄاتو. ابي ڏاڏي جي مذهب ۾ جيڪي ڪجهه غلط هو، ان کي اڇلي پري ڪيائين. هو هاڻي هن انقلابي هو. روايت پسندي کان پري زماني جي ٺاهيل پيمانن تي عمل کي تورڻ بدران هن هاڻي پنهنجي لاءِ جيڪو پيمانو مقرر ڪيو، اهو هو اَڌوگابرو جيئڻ يا هڪ ڀرپور حياتي گذارڻ. +ونسنٽ هاڻي هيگ هليو آيو. اُتي مشهور مصور ماف (Mauve) هن جي رهبري لاءِ موجود هو. ’ٿيو‘ هن جي خرچ جو بلو پنهنجي مٿان کنيو ۽ مهيني سر ڏيڍ سو فرانڪ موڪليندو رهيو. هو اڳ به ونسنٽ ڏي پئسا اُماڻيندو رهيو هو، پر والد جي معرفت، جنهن جي خبر ونسنٽ کي نه ئي. ماهوار مقرر ٿيل رقم ونسنٽ جي سڄي ڄمار جاري رهي، پر جڏهن به ممڪن ٿي سگهيو، هن وڌيڪ به اُماڻيا. هو ونسنت جي گهرج جي درخواست تي هميشه ڌيان ڌريندو هو. +هيگ ۾ سندس قيام هن لاءِ شديد تڪيلف ده هو. +فنڪار جي زندگي ۾ هميشه ٻن قوتن جو ٽڪراءَ رهندو آهي. هڪ طرف هن جي اندر جي سچائي هوندي آهي ته ٻئي طرف زماني جو روايتي انڪار. وان گو اُن جهيڙي مان پوريءَ طرح واقف هو ۽ اُن جي نتيجي کان به آگاهه. هو لکي ٿو: +”قابيل ٿيڻ کان هابيل ٿيڻ بهتر آهي. ماريندڙ کان مرندڙ هئڻ درست آهي...؟“ هو چئي پيو، ”... جو ٿيڻ کان پروميٿئيس ٿيڻ بهتر آهي.“ +هو اندر جي اُڌمن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”مان پنهنجي اندر ۾ هڪ طاقت محسوس ڪريان ٿو، جنهن کي وڌائن صحيح سمجهان ٿو. هڪ باهه آهي، جنهن کي وسائڻ بجاءِ مچ بڻايان. مون کي خبر ناهي ته اُن جو نتيجو ڇا نڪرندو. مون کي اُن تي بالڪل حيرت نه ٿيندي، جيڪڏهن اُن جو نتيجو غم اندوز نڪتو هن زماني ۾ ڀلا ماڻهو ڪهڙي توقع رکي سگهي ٿو. ڪهڙو نتيجو بهتر رهندو؟“ +هن پنهنجي پاڻ کي مڪمل طرح سان فن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هو جولاءِ 1882ع واري خط ۾ لکي ٿو، ”فن ساڙيلو آهي. اُهو ڪڏهن به پسند نه ڪندو ته اسان سندس ڀيٽ ۾ بيماري تي توجهه ڏيون، تنهنڪري مان ائين ڪندو آهيان، جيئن اُهو چاهي ٿو.“ +هو پنهنجي شوق جي حصول لاءِ شديد محنت ڪندو رهيو. هن هميشه پنهنجو پاڻ کي هڪ محنت ڪش سڏيو. هو معتبري ۽ اميري کان مثنفر رهيو. هو لکي ٿو: +”مان مزدور طبقي ۾ پنهنجائپ محسوس ڪريان ٿو ۽ اُنهن ۾ گهڻي کان گهڻو رهڻ جي ڪوشش ڪندس، جو مان سمجهان ٿو ته منهنجو ڪم عوام جي دلين ۾ آهي. مان حقيقت جي ويجهو رهان، زندگيءَ جي مُرڪن کي سمجهان، محنت ۽ توجهه وسيلي اڳتي وڌان.“ +عام ماڻهن سان واسطو، ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ماڻهن سان همدردي هن جي ڪم مان ظاهر ٿئي ٿي. هو هڪ ٻئي خط ۾ لکي ٿو: +”... مون يتيم خاني جي هڪ ڇوڪر جي تصوير ٺاهي آهي، جيڪو بوٽ پالش ڪري رهيو آهي. مختلف حالتن سبب هن ۾ جيڪا تبديلي واقع ٿي هئي، اُن جو اظهار اُن عمل مان ٿئي ٿو ته هن هڪ رنڊي جيڪا هن جي لاءِ ماڊل ٿيندي هئي، کي پاڻ وٽ رهايو. اُها هڪ مصيبت زده عورت هئي ۽ ان ڳالهه سبب ونسنٽ جي همدردي جي خزاني جا در کلي پيا. +”اِن ۾ ڪا خاص ڳالهه ناهي. هو انهن عام ماڻهن مان هڪ معمولي عورت آهي، جن جي حيثيت منهنجيءَ نظر ۾ برتر آهي.“ +هو ان عورت کي پاڻ وٽ رهائڻ کي پناهه ڏيڻ قرار ٿو ڏئي. هو اهڙين حالتن ۾ هڪ عورت کي ڌڪن کائڻ لاءِ نٿو ڇڏي سگهي. هو سماج جي بي حسي متعلق شڪايت ڪري ٿو: +”مان ڪيترن ڪمزورن کي پرن ۾ لتاڙجندي ڏسان ٿو، تنهن ڪري مون کي هٿ ٺوڪي تهذيب ۽ ترقيءَ جي خلوص تي شڪ آهي. +اٽڪل پوڻا ٻه سال هو سين (Sien) سان رهيو. آخرڪار هن محسوس ڪيو ته هو ۽ سين هڪ دڳ جا راهي ناهن. ٻنهي جا رستا ڌار ٿيا ۽ هو هيگ کي ڇڏي ڊرين ٿي ويو، جتي ٻه اڍائي مهينا گهمي ڦري ڪرسمس تي والدين وٽ گهر پهتو. اُتي هڪ حادثي هن کي وري هڪ ٻه واٽي تي آندو. والده جي ڄنگهه ڀڄڻ سبب ونسنٽ ان جي تيماداري ۾ رهيو. کاڻين ۾ نرسنگ جي ڪم ۾ تجربي سبب هن جي موجودگي ڪارآمد ثابت ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪ پاڙيسري عورت سان (جيڪا پڻ هن ج�� والده جي تيماداري ڪندي هئي) ونسنٽ شادي لاءِ تيار ٿيو، پر رواج جي خلاف ان رشتي جي ٻنهي جي خاندان مخالفت ڪئي. ٿيو پڻ ان جي مخالفت ڪئي. تنهن تي ونسنٽ هن ڏي خط لکيو. 1848ع واري بغاوت، جنهن ۾ لوئي فلپ جي حڪومت ۽ ريپبليڪن باغي آمهون سامهون ٿيا هئا، جي موضوع تي تصوير ٺاهڻ جي حوالي سان ٿيو جي خيالن ۽ پنهنجي سوچ جو فرق واضح ڪيو. اهو خط هڪ نهايت سهڻي ۽ دلپذير لکڻي آهي. ان پس منظر ۾ هو هي پيش منظر چٽي ٿو: +”.. ۽ اسان ٻيئي پنهنجن پنهنجن اصولن تي پڪا، دل ۾ اداسي کنيون هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا هجون. ڪنهن دنگ تي، تون اڏ جي پٺيان سرڪار جي سپاهيءَ جي حيثيت ۾ ۽ مان ان جي سامهون ڪنهن باغي جيان...“ +آخرڪار ان عورت پنهنجي خاندان جي سخت اعتراض تي پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس بچائي ورتو ويو. اهڙيءَ طرح اهو معاملو جيڪو ڊرامائي انداز ۾ شروع ٿيو هو، نهايت غير ڊرامائي پڄاڻيءَ تي ختم ٿيو. +پر ان موقعي تي ونسنٽ سخت اثر ورتو. هو پنهنجو پاڻ کي اهڙو بدنصيب سمجهڻ لڳو، جنهن سان تعلق رکندڙ به مصيبت ۾ مبتلا پئي ٿيو. +”... ان مذهب ۽ رواج جي ڇا معنيٰ آهي، جيڪي معزز ماڻهو سانڍيون ٿا اچن. مان مذهب جو دوست ناهيان... مذهب جي سرد مهري مون کي نوجوانيءَ ۾ الائي ڪيئن پسند آئي هئي. مان هاڻي ان جو انتقام ٿو وٺان. ڪيئن؟ محبت جي پوڄا ڪري، جنهن کي مُلا گناهه سڏين ٿا.“ ونسنٽ اهو سرءُ هارين سان گڏ ٻنين ۾ گذاريو. هن جي هڪ دوست، جنهن ڪراڙپ ۾ پينٽنگ شروع ڪئي هئي، پنهنجي پاڙي واري ڪمري ۾ پنهنجي بزرگ جي تصويرن ٽنگڻ جو فيصلو ڪيو هو، تنهن کي ونسنٽ صلاح ڏني. هو ٿيو کي ان متعلق لکي ٿو: +”مون هن کي عرض ڪيو ته سوچ ته، جيڪي معتبر ماڻهو ميز تي ويهي ماني کائيندا، بزرگن جي شڪلين کي ڏسي سندن بک اُڏري نه ويندي؟ ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته هارين جون ڇهه تصويرون ٺاهجن جيڪي ساڳئي وقت چئن مُندن کي به ظاهر ڪن!“ +سرءُ گذريو سيارو آيو، گهمڻ ڦرڻ گهٽ ٿيو. سيارو ويو بهار آيو، گلن ڪئي گلزاري. گرميون آيون. فصلن زور ورتو. هو هارين سان ئي رهيو. هو مُندن جي ڦيري ۾ هو ۽ هن لاءِ زندگي هميشه لاءِ هئي. +”... اها سٺي ڳالهه آهي ته ماڻهو سياري ۾ برف جي وچ ۾ هجي، خزان ۾ سُڪل پتن جي ڍير ۾، اونهاري ۾ پڪل مڪئي ۾ بهار ۾ گلن جي وچ ۾ هجي، خزان ۾ سُڪل پتن جي فصلن لڻڻ وارن ۽ هاري ڇوڪرين سان گڏ هجي، يا اونهاري ۾ کليل آسمان هيٺان، سياري ۾ باهه جي مچ جي ڀر ۾ ائين محسوس ڪندو رهي ته هميشه ائين ئي هو ۽ هميشه ائين ئي رهندو.“ +نيونن ۾ هن جو وقت سٺو گذريو. اهو عرصو هن پينٽنگ ۾ گذاريو. ونسنٽ پنهنجي پهرين عظيم تصوير ”پٽاٽو کائيندڙ“ (Potato Eaters) اُتي ٺاهي. +ان تصوير ۾ غربت محنت ڪش پنهنجن ڦاتل لٽن ۾ پراڻي گهر ۾ ويٺل ماني کائيندي نظر اچن ٿا. غربت جي هر اذيت اُن تصوير مان بکي ٿي. اُنهنجي محنت ڀري زندگي معمولي راحتن کان عاري آهي. آرام کان عاري، پنهنجن چهرن تي غربت جي ذلت سينگاريون اُهي سماج ۾ موجود تڪليف ده تفاوت کي ظاهر ڪن ٿا. +ونسنٽ جي اهڙن خيالن کي مذهب جو مخالف ڄاڻي، جڏهن چرچ جي معتبر پنهنجي مذهبي برادري مٿان هن لاءِ ماڊل ٿيڻ تي پابندي وجهي ڇڏي ۽ ايندڙ سياري سبب هن کي ٻيا ماڊل هٿ ڪرڻ ۾ دقت محسوس ٿي ته ونسنٽ ڪجهه عرصي لاءِ ڳوٺ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. +هو اينٽورب روانو ٿيو. اهو هن جي ڏکڻ طرف سفر جو پهريون قدم هو. روشني طرف وک... هاڻي هن جو موٽڻ ڏکيو هو. اها حقيقت آهي ته نومبر 1885ع کان پوءِ هو پنهنجي وطن واپس نه وريو. اينٽورب ۾ ڳوٺاڻي خاموشي بدران هن جو واسطو شهري گهماگهميءَ سان پي��. هن ان زندگي کي بغور ڏٺو. ان دور ۾ هن ٿيو ڏي خطن ۾ مختلف شين تي بي انتها خوبصورت تبصرا ڪيا. +آرٽ اڪيڊمي ۾ سکيا، بندرگاهه جي رونق، ماڊلن جي تلاش، آرٽ گيلرين ۾ موجود مصورن جا شاهڪار. ”... بهرحال اها ڳالهه آهي ته اينٽورب دلچسپ جڳهه آهي ۽ هڪ پينٽر لاءِ بهترين پڻ.“ +هت نهايت مروف وقت گذرڻ لڳو.خرچ وڌيڪ ۽ رقم گهٽ. رنگن ۽ ماڊلن جي گهرج، شوق جي شدت ـــ ونسنٽ ڪيئي ڏينهن فاقو ڪندو هو، تڏهن هو پنهنجي شوق آهر پينٽنگ ڪري سگهندو هو. +”... شايد تون اها ڳالهه نه سمجهي سگهين، پر اها حقيقت آهي ته جڏهن مون کي پئسا ملن ٿا تڏهن مون کي کائڻ جي اشتها نٿي ٿئي، حالانڪ آءٌ بکايل هوندو آهيان. پينٽنگ جو شديد شوق سڀ شيءِ تي غالب آهي. مان فوراً ڪم سان لڳي ويندو آهيان، جيستائين سڀئي ڏوڪڙ ختم نه ٿي ويندا آهن.“ +اهڙيءَ طرح ونسنٽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو، سندس صحت بگڙندي ويئي. +”مون محسوس ڪيو ته مون ڪافي عرصي کان بکون ڪاٽيون آهن. جڏهن تنهنجا پئسا مليا تڏهن منهنجو آنڊو کاڌي کي هضم نه ڪري سگهيو. پر مان ان جو بلو ڪندس. بهرحال اها صورتحال مون کي ڪم کان نٿي روڪي. منهنجي سڄي طاقت ۽ صلاحيت ڪم تي لڳل آهي. ها البت جڏهن مان ٻهر کليل هوا ۾ ڪم ڪيان ٿو تڏهن اهو مون کان برداست نٿو ٿئي. مون تي غشي طاري ٿئي ٿي.“ +اڪيڊمي ۾ سٺن آرٽسٽن جي نگراني هيٺ سکيا ڏني ويندي هئي، پر ونسنٽ اتي پنهنجي انداز سان پينٽنگ ڪندو رهيو. سندس مخالفت ٿي پر هن ان طرف ڌيان نه ڏنو. هو چوندو هو ته ”اوهان جنهن به طريقي سان ڊرائنگ ڪيو ٿا، ان جو ڪو فرق نٿو پوي. اصل ڳالهه آهي بهتر طريقي جي ڳولا، تنهن لاءِ صبر ۽ مسلسل جدوجهد ضروري آهي.“ +ونسنٽ جي خطن ۾ تفصيل سان محبت ۽ جزيات احساسن جي شدت ظاهر آهي. هو گونڪورٽ کي پڙهي رهيو هو ۽ جپاني آرٽ جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪري رهيو هو. +پر ونسنٽ پنهنجي جسماني ڪمزوري ۽ طبيعت جي خرابي سبب اهو بهتر سمجهيو ته هو پيرس وڃي ’ٿيو‘ وٽ رهي. کيس اهو انديشو هو ته ڪمزوري هن جي ذهن تي اثر انداز نه ٿئي. ونسنٽ پنهنجو پروگرام لکيو. جواب ۾ ’ٿيو‘ هن کي ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ لاءِ چيو. +ونسنٽ جڏهن ڪنهن ارادي تي چڙهندو هو ته پوءِ کيس ان خيال کان لاهڻ ممڪن نه هوندو هو. اڳلو خط جيڪو ٿيو وٽ پهتو، اهو، ڪاغذ جي هڪ ننڍڙي ٽڪر تي چاڪ سان لکيل اهو پيغام هو ته هو (ونسنٽ) پيرس ۾ پهچي چڪو آهي ۽ ٿيو جي انتظار ۾ آرٽ گليريءَ ۾ ويٺو آهي. +ونسنٽ جي پيرس پهچڻ هن کي مصوريءَ جي دنيا جي هڪ عظيم دور سان تعلق ۾ آندو. اهو دور امپريشن ازم (Impressionsim) جي آغاز جو هو. امپريشن ازم جي مقبوليت لاءِ هن ۽ ٿيو ساراهه لائق ڪردار انجام ڏنو. ٿيو وڏيءَ همت کان ڪم وٺي موني، سسلي، رنائير، ديگا وغيره جون تصويرون نمائش لاءِ رکيون. پيرس جي قيام وارو عرصو انڪري به ونسنٽ لاءِ اهم ثابت ٿيو جو هن کي ڪيترن نون مصورن جي ڪم کي سڏڻ جو موقعو مليو. ڪن مصورن هن کي متاثر ڪيو. هن جا تعلقات ڪيترن ماڻهن سان قائم ٿيا، جن ۾ مشهور مصور به شام هئا، هڪ ياراڻو ته تاريخي اهميت جو حامل رهيو آهي. سندر صورت وارو ايملي برنارڊ، مصوري جي تربيت لاءِ ڪارمن جي اسٽوڊيو ويندو هو. ونسنٽ سان ياري کان پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هو هڪ پراڻي بادبان جي ڊرائنگ ٺاهي رهيو هو ته ڪارمن (Carmon) کيس ڇينڀيو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي. هن وراڻيو ته هو شين کي ائين ڏسي پيو. تنهن تي ڪارمن سختي سان چيو ته هو پنهنجي اسٽوڊيو ۾ ڪابه ڳالهه پنهنجي مرضي خلاف ٿيڻ نه ڏيندو. جڏهن ونسنٽ کي اها خبر پيئي ته هو سخت ڪاوڙيو ۽ چيائ��ن، ”مان ڏسان ٿو، ڪنهن کي ايتري طاقت آهي جو برنارڊ کي ڊرائنگن کان روڪي.“ +ان وقت کان پوءِ برنارڊ پنهنجي گهر ۾ اسٽوڊيو ٺاهيو ۽ اتي پينٽنگ ڪرڻ لڳو. ونسنٽ به ڪڏهن ڪڏهن اتي وڃي تصويرون ٺاهيندو هو. هڪ دفعي هو حسين برنارڊ جي تصوير ٺاهي رهيو هو ته برنارڊ جي والد سان برنارڊ جي مستقبل جي منصوبن تي بحث ۾ اختلاف سبب ونسنٽ ڪاوڙجي ويو ۽ آلي تصوير بغل ۾ هڻي اسٽوڊيو ڇڏي آيو ۽ وري ڪڏهن اُن طرف نه ويو. پر نوجوان برنارڊ، جنهن جي عمر ان وقت ارڙهن سال هئي، ڪو ڏينهن اهڙو ڇڏيو جڏهن هو ونسنٽ سان ملڻ نه ويو هجي. اُنهن جي وچ ۾ گهاٽو تعقل هو، جيڪو ونسنٽ جي مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهيو. ونسنٽ جي پيرس ڇڏڻ کان پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ خطن جو سلسلو جاري رهيو. +ونسنٽ جا برنارڊ ڏي لکيل خط ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا. ان جي ديباچي طور برنارڊ پنهنجي دوست جي زندگي ۽ فن متعلق هڪ انتهائي حسين مضمون لکيو هو. هو ونسنٽ جي فن جي مڃوتي لاءِ هلايل مهم جو هڪ سرگرم رڪن رهيو. ونسنٽ جپاني پرنٽس جو شوق پاڻ سان کنيون آيو ۽ امپريشنسٽ مصورن تي زور ڏنو ته هو به فطري نظارن طرف وڌيڪ مائل ٿين. هن کي يقين هو ته ٻيا به هن وانگر جپاني پرنٽس، ڊرائنگ ۽ رنگن ذريعي مشرقي مصورن جي فطرت طرف احساسن کي سمجهي سگهن پيا. جپاني مصور متعلق هو چئي ٿو: +”.... اسان هڪ ماڻهو ڏسون ٿا جيڪو بيشڪ ڏاهو، فلسفي ۽ هوشيار آهي. هو پنهنجي وقت ڪيئن ٿو گهاري، زمين ۽ چنڊ جي وچ ۾ مفاصلو ماپيندي؟ يا بسمارڪ جي سياسي پاليسي کي سمجهڻ ۾؟ نه هو سر جي هڪ تيلي کي پڙهي ٿو.... ڇا جيڪو ڪجهه هي ساده جپاني اسان کي سيکارين ٿا، سو حقيقي مذهب ناهي؟ ڇا هي فطرت سان ائين گڏجي نٿا گذارين ڄڻ هو پاڻ گل هجن؟“ +ونسنٽ جو خيال هو ته ڏکڻ فرانس پنهنجي رنگيني ۽ چٽي کُليل اُس سبب ٻيو جپان ٿي سگهي پيو. +پيرس جي شهري زندگيءَ جي هڪجهڙائيءَ هن کي هاڻي بيزار ڪيو هو. هن ڏکڻ فرانس جو رخ ڪيو ۽ آرلز ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. +ائين چوڻ ۾ ڪو مبالغو ناهي ته جپاني آرٽ جي مطالعي سبب ونسنٽ ڏکڻ فرانس جي کليل اس کي پسند ڪيو. آرلز ۾ هن جي قيام وارو عرصو ونسنٽ جي حياتي جو سڀ کان وڌيڪ زرخيز دور سڏيو ويندو آهي. +20 ـــ فيبروريءَ تي ونسنٽ جڏهن آرلز پهتو ته اهو برف سان ڍڪيو پيو هو، پر جلدئي هر طرف رنگن جو سيلاب اچي ويو. بهار پنهنجي خصوصي موج تي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو جپان ۾ هجي. +هو هڪ ريسورنٽ ۾ رهيو... ڇهن هفتن کان پوءِ هن پيلو گهر (Yellow House) ۾ خالي ڪمرا ڪرائي تي ورتا. آرلز جي پسگردائيءَ ۾ گهمندو رهيو ۽ راتين جو جاڳي تارن ڀرئي آسمان کي ڏسندو رهيو.... ”هتان جون راتيون عجيب خوبصورت آهن.. مان ڪم جي شوق ۾ ورتل آهيان...“ +هن جي مسلسل پينٽنگ سبب خرچ وڌي ويو. هن ٿيو ڏي خط لکيو: ”... جڏهن به ڪو اهڙو مهينو اچي جڏهن تو تي گهڻو بار هجي، ته مون کي ٻڌائجانءِ. مان پينٽنگ بدران ڊرائنگ ڪندس. اهي اسان جو گهٽ خرچ کائيندو. منهنجو مطلب اهو آهي ته تون هروڀرو پاڻ کي مصيبت ۾ نه وجهجانءِ. هت گهڻو ڪم آهي، ماڻهو اهو ئي کڻي ڪندو پر جيڪڏهن تون خرچ کڻي سگهين ته ڏاڍو سٺو ڇو ته باغ بهاري ۾ آهن ۽ اهي اهڙا آهن جن جي تصويرن کي ماڻهو وڪڻي سگهي ٿو.“ +پيلو هائوس کي ونسنٽ جي چاهت سڏي سگهجي ٿو. ان گهر کي سينگارڻ لاءِ ونسنٽ وڏا جتن ڪيا هئا. گهر جو ڦڪو رنگ هن لاءِ روشنيءَ جو مظهر هو. هن جا خط ان ڳالهه جي چغلي کائين ٿا ته هن کي ڦڪي، پيلي، هيڊي، زرد، گيڙوءَ ۽ سونهري رنگ سان ڪيترو چاهه هو. ونسنٽ مشهور زمانه ”سن فلاورز“ پينٽ ڪيا ۽ ”پيلو هائوس“ جي ڪمري کي انهن سان سينگاريو. +ونسنٽ خطن رستي ٿيو سان اهو طئي ڪيو ته گاين، جيڪو مالي مشڪلات جو شڪار هو، آرلز ۾ اچي هن وٽ رهندو ۽ هن جو خرچ ٿيو تي هوندو، جنهن جي بدلي ۾ گاگين هر مهيني هڪ تصوير ٿيو ڏي موڪليندو. +گاگين جي آرلز ۾ اچڻ جو ونسنٽ شدت سان انتظار ڪيو. هن جي اچڻ تي روزمره جي شين کي گاگين جي مشوري سان هڪ ترتيب ڏني ويئي. رات جو گهمڻ، قحبه خاني جو چڪر ڏينهن جي حساس ۾ شامل ڪيائيون. ان متعلق ونسنٽ خط ۾ لکي ٿو: ”گاگين جي تجويز آهي ته اڪثر قحبه خاني وڃجي. جيئن اتان جي زندگي کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي سگهجي.“ +گاگين ماني هوٽل ۾کائڻ واري رسم کي گهٽائڻ گهري پيو. ونسنـٽ لکي ٿو: ”هو ماني پچائي ڄاڻي ۽ مان هن کان سکندس. ان ۾ وڏي سهولت آهي.“ سرمستي جو هڪ عجيب دور شروع ٿيو فن تي بحث، پينٽنگ متعلق مشورا، مختلف موضوعن ۽ منظرن تي ٽيڪا ٽپڻي.... پر افسوس جو اهو دور نهايت مختصر رهيو. +هن کي اميد هئي ته گڏ رهڻ سان سندن پينٽنگ جون صلاحيتون ۽ موقعا وڌندا. گاگين جي صلاح تي هن فطرت مان گهٽ ۽ يادگيري مان وڌيڪ، تصويرون ٺاهيون. پر بعد ۾ هن يادگيري مان ٺاهيل اهي تصويرون به ضايع ڪري ڇڏيون هيون. +انهن جا بحث ڏينهون ڏينهن شديد ٿيندا ويا. گاگين جي سخت هوشياري ونسنٽ کي هڪ عجيب ديوانگي ڏانهن ڌڪي رهي هئي. ونسنٽ ان ڪاوڙ کي سخت محنت سان دٻائيندو رهيو. +”... اسان جا دليل بجلي وانگر جهٽڪا ڏيندڙ آهن. اسان جڏهن بحث ختم ڪيون ٿا ته ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جا مغز ڪنهن ڊسچارج اليڪٽرڪ بيٽري جيان ختم ٿي ويا هجن.“ +اُنهن جا اختلاف ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندا ويا. گاگين ڊسمبر ۾ ٿيو ڏي خط لکيو جنهن ۾ هن چيو ته هاڻي اونهن بنهجي جو گڏ رهڻ ممڪن نه هو. چند ڏينهن کان پوءِ گاگين جو ٻيو خط ٿيو کي مليو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته سندس پهريون خيال ڪنهن خواب جيان هو ۽ هو ٻيئي گڏ سک سان رهن پيا. 23 ڊسمبر تي ونسنٽ پنهنجي خط ۾ ٿيو ڏي لکيو ته رهڻ جي معاملي ۾ ”... گاگين جيڪو به فيصلو ڪيو، هو ان جو احترام ڪندو.“ انهي ڏينهن هن تي ذهني بيماري جو پهريون دورو پيو. +هو گاگين سان هوٽل ۾ ويو، جتي هڪ رنڊي جيڪا کين وڻندي هئي ۽ ونسنٽ ان کي ڪبوتري ڪري ڪوٺيندو هو، هن جي گوڏن تي ويهي هن سان ناز نخرا ڪرڻ لڳي. گاين هوٽل جي مٿين منزل تي ٺهيل ڪمرن ۾ هليو ويو. هن به ونسنٽ کي مٿي هلڻ لاءِ چيو: وان گو کلي وراڻيو ته هن وٽ گهربل پنج فرانڪ ناهن جو هو ڀري سگهي. نينگري هن جي ڪنن کي هٿ لائي کِلندي وراڻيو، ”تو وٽ اهڙا سهڻا ڪن آهن، پوءِ ڀلا توکي پسئن ڀرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“ +”ڇا توکي منهنجا ڪن وڻن ٿا؟“ +”ڏاڍا!“ نينگري هن جي ساڄي ڪن تان چمي وٺندي وراڻيو هو. +”توکي گهرجن؟“ ونسنٽ وان گو عجيب لهجي ۾ هن کان پڇيو. +”ها! پر اهي ڪي گڏي جا ڪن ته ناهن جيڪي سولائيءَ سان لاهي سگهجن.“ هوءَ پنهنجي ان ڳالهه تي کلڻ لڳي ۽ ونسنٽ جو منهن چمين سان ڀري ڇڏيائين. +ايتري ۾ گاگين هيٺ آيو. ونسنٽ نينگريءَ کان موڪلايو ۽ ٻئي واپس پيلو هائوس موٽيا. +سڄي واٽ ونسنٽ خاموش رهيو. +گاگين ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ونسنٽ ڪو جواب نه ڏنو. پيلو هائوس ۾ ونسنٽ جي عجيب رويي سبب گاگين کي بيچيني کي بيچيني محسوس ٿي. گاگين هن جي نگاهن ۾ ڪا عجيب ڳالهه ڏٺي، هو اها رات ’پيلو هائوس‘ ۾ رهڻ بجاءِ هڪ هوٽل ۾ وڃي ٽڪيو. +صبح جو کيس خبر پيئي ته ونسنٽ پنهنجو سڄو ڪن وڍي ڪاغذ ۾ ويڙهي وڃي نينگريءَ کي ڏنو. هن جڏهن اهو تحفو کولي ڏٺو ته ويچاري دانهن ڪري فرش تي ڪري پيئي ۽ بيهوش ٿي ويئي. ونسنٽ واپس وڃي پيلو هائوس ۾ سمهي رهيو. ونسنٽ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ گاگين پيرس هليو ويو، جتي هن ’ٿيو‘ کي تار ڪري ان واقعي کان آگاهه ڪيو. ٿيو آرلز پهتو. ونسنٽ جي حالت خراب هئي. هن تي دورا پوندا ٿي رهيا. مرگهيءَ جا شديد دورا، جن ۾ شديد ذهني تڪيلف پهچندي رهيس ۽ هو تصور ۾ هالينڊ کي ڏسندو رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٿيو کي واپس پيرس وڃڻو پيو. ڊاڪٽر ري ۽ پوسٽ مين رولن هن جي خيالداري ڪئي. +هو روزانو ٿيو ڏي هن جو سمورو احوال موڪليندا رهيا. سال جي آخري ڏينهن تي ونسنٽ پاڻ کي ذهني طرح بهتر محسوس ڪيو ۽ نئين سال شروع ٿيڻ تي ٿيو ڏي خط لکيائين: ”... مان جلد پينٽنگ ٻيهر شروع ڪندس... ۽ جلدئي سٺي مُند شروع ٿي ويندي ۽ مان باغن جي بهار چِٽي سگهندس... مون کي سخت افسوس آهي جو توکي تڪيلف ٿي. منهنجي وس ۾ هجي ها ته توکي سفر جي اها تڪليف نه ڏيان ها.“ +رولن جي درخواست تي ستين تاريخ ونسنٽ کي گهر وڃڻ جي اجازت ملي. رولن جي مدد سان هن جلد ئي پينٽنگ ٻيهر شروع ڪئي. ٻنهي جشن صحت ملهائيندي رات جي ماني هوٽل ۾ کاڌي، پر 21 تاريخ هن جي بدلي مارسيلز ٿي ويئي. ونسنٽ لکي ٿو: ”... جيئن چوڻي آهي ته مصيبت ڪڏهن اڪيلي نه ايندي آهي اها صحيح ثابت ٿي ٿئي. رولن ڪالهه روانو ٿي ويو...“ +رولن کي جڏهن به موقعو مليو هو، ونسنٽ سان ملڻ لاءِ ايندو رهيو. ونسنٽ جي زندگي هاڻي هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. هن جي پينٽنگ واري محنت ۾ هاڻي دورن کان بچڻ لاءِ جدوجهد به شامل ٿي ويئي. +هن جو هي دور تخليق جو دور هو. ”... اهڙا موقعا اچن ٿا جو مان جوش ۽ چريائپ محسوس ڪريان ٿو ۽ هڪ معجزو رونما ٿئي ٿو.“ فيبروريءَ ۾ هن کي وري دورو پوي. کيس اسپتال داخل ڪيو ويو. هو جلد صحتياب ٿي واپس پيلو هائوس پهتو، پر ڪن ماڻهن جي درخواست تي هن کي آرلز ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن کي اسپتال ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر ٿيو ڏي لکيو هو ته هوُ بالڪل ٺيڪ هو ۽ هو کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو ڪو سبب نه هو. +اتي مصور سگنيڪ Signac هن کي ڏسڻ آيو، اهو ڏينهن انهن ڏاڍو خوش گذاريو، ادب، سوشلزم ۽ پينٽنگ متعلق ڪچهري ڪيائون. ڊاڪٽر سيليز Dr. Salles ونسنٽ جي مستقبل لاءِ فڪرمند هو. هو ان لاءِ مختلف رٿائون زير غور آڻيندو رهيو. ونسنٽ جي پنهنجي صلاح تي کيس سينٽ ريمي جي ذهني مريضن جي اسپتال ۾ رهائڻ تي راضي ٿيو، پر ان کان اول ڊاڪٽر وڃي پاڻ اهو هنڌ ڏٺو. جڏهن کيس يقين ٿيو ته اهو ماحول ونسنٽ لاءِ تڪليف ده نه ٿيندو، تڏهن اتي بندوبست ڪيو ويو. +ونسنٽ جي بيماري جي بيماري کي سمجهڻ ڏکيو ناهي، هن جا خط به ان متعلق چڱي معلومات پهچائين ٿا. در حقيقت خاندان ۾ مرگهي جي مرض جا ٻيا مريض به هئا. خود ٿيو ۽ ونسنٽ تي به ان جو اثر رهيو. هن جي بيماريءَ جو ٻيو وڏو سبب هن جي پنهنجي صحت ۽ جسم طرف غفلت هئي. ٻارنهن سالن تائين هن جسم جي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو هو. هونئن به غذا جي گهٽتائي، فاقه، ڪافي ۽ تماڪ تي گذر آهي سڀ شيون ڪنهن به مضبوط جسم کي ڀڃي ڀوري ڏڻ لاءِ ڪافي هيون. سينٽ ريمي ۾ هن جي زندگيءَ ۾ هڪ ترتيب هئي. کيس پينگھن لاءِ سهوليت ميسر هئي. هن اتي ذهني بيماري کي ويجهڙائيءَ ۾ ڏٺو. هن جي خطن ۾ انهن لاءِ همدردي جا جذبا صاف اچن ٿا. +سينٽ ريمي ۾ هن کي پينٽنگ متعلق سوچڻ جو وارو مليو. پنهنجي محنت ۽ ان جي نسبت ۾ زماني جي مڃوتي جي ڀيٽ ڪيائين. ٿيو جي هيڏي ساري قرباني، جنهن پنهنجي اڌ آمدني هن کي ڏني هئي ته جيئن هو پينٽنگ ڪري سگهي، ڪهه گهٽ اهم نه ئي ۽ ان جي نسبت ۾ انهن تصويرن جي وڪري جي حالت ڇا هئي؟ +”... منهنجون تصويرون ڪنهن ڪم جون ناهن. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته انهن منهنجو گهڻو خرچ کاڌو آهي، رت ۽ مغز جو خرچ... ۽ جڏهن ان تي سوچجي ٿو ته اها اسان جي بيوقوفي آهي. جو اسان پينٽنگ ڪيون ٿا، جيڪا اسان جي ايترو خرچ کائي ٿي ۽ موٽ ۾ ڪجهه به نٿي آڻي. ٻيو ته ٺهيو، پر معمولي سيڙپ جيترا پئسا به ملن...“ ونسنٽ سڄي ڄمار پنهنجي ان مفلسيءَ جي بار هيٺ رهيو. اهو بار هن جي ذهن کي بيچين رکندو هو. هو ڀاءُ کي چوندو رهيو ته جيڪا مدد هو ڪندو ٿو رهي، ان جي موٽ ۾ هن جي تصويرن جو مالڪ آهي: ”مان عرض ڪريان ٿو ته اهي تصويرون آءٌ جيڪي توڏي موڪليان ٿو اهي قبول ڪر ۽ ان سان گڏوگڏ شڪرانا به، انهن ٿورن لاءِ جيڪي تون مون تي ڪيا آهن. توهان کان سواءِ مان وڏو بدنصيب هجان ها.“ +(5) +اڄ اهو وقت اچي ويو آهي جو ونسنٽ جي هڪ تصوير جي قيمت ايتري آهي، جيترو ونسنٽ سڄي ڄمار ۾ خرچ نه ڪري سگهي ها. پنهنجي زندگي ۾ هو ان ڳالهه لاءِ آتو رهيو ته ڪهڙي طرح هو پنهنجو قرض لاهي سگهي. ٿيو پنهنجي ڀاءُ جي خيال سان متفق نه هو. هو هن جي ذهن کي سڪون ڏيڻ لاءِ هميشه چوندو: ”مان اها ڳالهه توکي چوان ها ته هميشه چوندو رهندس ته اهو پسئن جو ڪو مئسلو آهي ئي ڪونه... تون قرض موٽائڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين ۽ مان ان ڳالهه کي مڃان ئي نٿو. توکي اندازو ڪونهي، اهڙي ڳالهه چئي تو مون کي ڪيتري تڪليف پهچائي آهي.“ +پر ونسنٽ جو اصرار رهيو ته ”مان پئسا واپس ڪندس يا وري جان ڏيندس.“ سينٽ ريمي ۾ ونسنٽ پينٽنگ ڪندو رهيو. اهي تصويرون ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته هو جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو اهو انهن تصويرن ۾ چوڻ ممڪن نه هو. +هو پنهنجي صحت جي بهتر ٿيڻ جي خبر ڏئي ٿو. پينٽنگ جي انداز تي تبصرو ڪري ٿو. صحت بهتر ٿيڻ سان پينٽنگ ڪرڻ جي خواهش وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي. هو ڪتابن تي تبصرو ڪري ٿو. زولا جي هڪ ناول ۾ بيان ٿيل هڪ ڪردار جو ذڪر ڪري ٿو: ”ڀرت ڀريندي هوءَ عورت مون کي ڏاڍي خوبصورت لڳي، سونهري ڀرت جو بيان به دلچسپ آهي. اهو رنگن جو معاملو آهي، مختلف ڦڪا رنگ، سڄا ۽ ٽٽ...“ +هو پينٽنگ ۾ منهمڪ آهي. هن کي خبر آهي ته وقت جي اهميت ڇا آهي. ”زندگي ائين گذرندي رهي ٿي. وقت موٽي نٿو. مان پنهنجي ڪم ۾ تمام مشغول آهيان، ڇو ته مون کي خبر آهي ته ڪم ڪرڻ جا موقعا ٻيهر نٿا ملن ۽ خاص ڪري منهنجي معاملي ۾ جڏهن ته خطرناڪ دور منهنجي پينٽنگ جي صلاحيت کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهي ٿو.“ +هو پنهنجي صلاحيتن جي وڌڻ ۽ پينٽنگ سان پنهنجي واقفيت متعلق لکي ٿو: ”مون کي اهي ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، جيڪي مان سالها ڳولهيندو رهيو هئس ۽ منهنجي ذهن ۾ ڊيلاڪروئڪس جي اها چوڻي ڦرندي رهي ٿي ته هن پينٽنگ متعلق ان وقت جائزو هو، جڏهن ڏندن ۾ دم هن جو ساٿ ڇڏيو.“ اتي ونسنٽ محسوس ڪيو ته هن کي اها جاءِ ڇڏڻ گهرجي. هو اتر وڃڻ گهري پيو. پراڻن دوستن سان ملڻ جي خواهش شديد ٿيڻ لڳي هئي. هن کي سينٽ ريمي مان اها شڪايت هئي ته اتي مريضن جي مذهبي توهمات کي ختم ڪرڻ بجاءِ انهن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي. +سيپٽمبر 1889ع واري خط ۾ هو وري وري ان جاءِ ڇڏڻ لاءِ چئي ٿو. صاف محسوس ٿئي ٿو ته هو وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ آتو آهي. اهي خط اتان جي رهواسي مريضن، اسپتال جي عملي ۽ ان علائقي جي احوالن سان ڀريل آهن. ونسنٽ اسپتال جي طريقي ڪار تي جيڪو تبصرو ڪيو آهي اهو پڻ لاڳاپيل ماڻهن جي رهبري ڪري سگهي ٿو. +سينٽ ريمي ۾ هن کي ٻه دورا پيا. بعد ۾ جڏهن هو آرلز ۾ دوستن سان ملڻ ويو هو ته کيس دورو پيو ۽ هن کي گاڏي ۾ کڻائي سينٽ ريمي آندو ويو. +هن جي بيماريءَ کي هڪ سال پورو ٿيو هو ته کيس ڪرسمس تي ٻيهر شديد دؤرو پيو. تڪليف حد کان وڌي ويئي. پريشانيءَ ۾ هن پنهنجا رنگ کائي پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي. +هو اڃان ٺيڪ نه ٿيو هو ته سندس ڀاڄائي (جيڪا اميد سان هئي) ويم کان هڪ رات اول هن ڏي خط لکيو. ٻئي ڏينهن ان کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ونسنٽ جي نالي پٺيان رکيو ويو. اها خبر ۽ ڀاڄائيءَ جو خط جڏهن هن کي مليو ته هن ڀاءُ کي مبارڪباد ڏني: ”ان ڳالهه مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو، جو مهرباني ڪري ويم کان هڪ رات اول مون ڏي خط لکيائين، ۽ خاص ڳالهه ته هو خطريءَ جي وقت ۾ ايتري بهادري ۽ سڪون سان لکي سگهي ٿي.“ +هو ننڍڙي ونسنٽ لاءِ دعا ٿو ڪري: ”منهنجي اها تمنا آهي ته هن جي منهنجي منفرد روح کان جداگاڻي طبيعت هجي.“ انهن ڏينهن ۾ ونسنٽ جي فن تي هڪ مضمون ڇپيو هو. ان متعلق هن جو ردعمل هن جي ذهانت ۽ بردباري جو مظهر هو: ”.... جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي شهرت اسان جي حصي ۾ اچي ٿي ته اهڙي موقعي تي اسان پرسڪون رهون ۽ حاضر دماغي جو ثبوت ڏيون.“ +ايندڙ بهار جي تصويرن ٺاهڻ جي تياري ۾ آرلز ويو، جتي هن مٿان بيماريءَ جو ستون حملو ٿيو، جيڪو ڪافي سخت هو ۽ ان جو اثر فيبروري اپريل جي وچ تائين رهيو. +سينٽ ريمي ۾ چاقائيءَ جي ڏينهن ۾ هو تصويرون ٺاهيندو رهيو. هر مند ۾ زيتون جي باغن ۾ سرو جي وڻن کي چِٽيندو رهيو. جڏهن هو ٻاهر نڪرڻ جهڙو نه هوندو هو ته مليٽ، ڊيلاڪروئس ۽ ريمبران جي تصويرن جي بنياد تي تصويرون ٺاهيندو هو، جن کي هو ٽرانسليشن (ترجمو) ڪوٺيندو هو.کيس اهو انديشو هو ته ماڻهو ان عمل کي نقل ڪرڻ ڪوٺيندا ۽ تنقيد سان هن کي رڪاوٽ پيدا ڪندا: ”جيڪڏهن ون کي اهو ڪم جاري رکڻو آهي ته پوءِ مان ان کي ’ترجمو ڪرڻ‘ سڏيندس.... ۽ اها ضرورت رهندي ته ڪو گاگين يا رسل جهڙو فنڪار اهو ڪم ڪري ۽ ان کي سنجيدگي عطا ڪري.“ +آخرڪار هن سينٽ ريمي ڇڏڻ جو پڪو فيصلو ڪيو، جيڪو هن کي ”تباهه ڪري ڇڏيندو.“ ٿيو مشهور مصور پشارو (Pissaro) جي مدد سان نيٺ اهڙو هنڌ هٿ ڪيو، جتي ونسنٽ کي موڪلي سگهجي. +ڊاڪٽر گيچٽ هڪ ماهر طبيت هو، جنهن جو پينٽنگ سان به شغف هو، هو پيرس کان هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي آفرز سرائي ۾ رهندو هو. اهو هڪ خوبصورت ڳوٺ هو، جتي ڊاڪٽر جي نظرداري به ميسر هئي. ٿيو هن کي وٺڻ لاءِ سينٽ ريمي وڃي گهري پيو، پر ونسنٽ ان کي ضروري نه سمجهيو: +”... جڏهن ريل ۾ سوار ٿي وڃان ٿو ته پوءِ مون کي ڪهڙو ڀؤ ڀولو. مان خطرناڪ ناهيان... مان صبر ڪري سگهان ٿو ۽ هن وقت تائين مون ڪنهن کي به نقصان نه پهچايو آهي. اهو انصاف ناهي جو مون کي ڪنهن جي نگرانيءَ هيٺ موڪليو وڃي، جيئن مان ڪو خطرناڪ جانور هجان؟ +”... مون کي پورو ڀروسو آهي ته پاڻ تي ضابطو رهندو. مون کي افسوس آهي جو مون کي انهن حالتن ۾ هي هنڌ ڇڏڻو ٿو پوي ۽ منهنجو افسوس منهنجي چريائپ کان وڌيڪ طاقتور آهي. انڪري به مان سمجهان ٿو ته گهربل ضابطو رهندو.“ +پيرس ۾ هن جو انتظار آهي. ٿيو اسٽيشن تي هن کي وٺڻ وڃي ٿو. ونسنٽ جي ڀاڄائي، جنهن اڃا تائين ڏير کي نه ڏٺو آهي، گهر ۾ انهن جي انتظار ۾ ويٺي آهي. هوءَ ان شخص کي ڏسڻ اچي ٿي، جنهن جو سندس مڙس جي دل ۽ دماغ تي قبضو آهي؛ جيڪو ٿيو جي محبت ۽ آمدني ۾ هن سان ڀاڱي ڀائيوار آهي. +ٿيو ۽ ونسنٽ عمارت جي ڀرسان پهتا ته هن هٿ لوڏي اشارو ڪيو ۽ ٿيو جي گهر واري هٿ لوڏي انهن جي آجيان ڪئي. گهر پهچي پهريون ڪم اهو ڪيو ويو ته ونسنٽ کي سندس ڀائيٽيو ڏيکاريو ويو. ننڍڙي کي ڏسي هن ڀاڄائيءَ کي چيو: ”منهنجي ننڍڙي ڀيڻ! هن کي جهالرن ۾ اهڙو سوگهو ڪر!“ ٽي ڏهاڙا انهن سان گڏ گهاري ونسنٽ پنهنجي نئين منزل طرف روانو ٿيو. +ڊاڪٽر گيچٽ پاڻ هڪ نهايت دلچسپ شخصيت جو مالڪ هو. آرٽ سان هن جي دلچسپي شوق جي حد کان وڌيل هئي. هن جو تعلق ان وقت جي سڀني امپريشنسٽ پينٽرس سان هو، جن جون ڪيتريون ئي تصويرون هن جي گهر جو سينگار هيون. هن ڪيترائي پکي ۽ جانور پنهنجي گهر جي باغ ۾ پاليا هئا. ڊاڪٽر متعلق ونسنٽ خط ۾ ٿيو ڏي لکيو: ”اڄ ڊاڪٽر سان ٻيهر مليس. مان اڱاري تي هن جي گهر وڃي پينٽنگ ڪندس ۽ پوءِ اسان گڏجي ماني کائينداسين. بعد ۾ هو مون سان هوٽل تي ايندو ۽ منهنجيون تصويرون ڏسندو. هو ڏاڍو سمجهدار ٿو ڏسجي، پر هو پنهنجي ڪم کان دلبرداشته آهي، جيئن مان پنهنجي ڪم مان آهيان. مون چيومانس ته وڏي خوشي سان ڪم بدران ڪم مٽائڻ لاءِ تيار آهيان. بهرحال مون کي يقين آهي ته اسان دوست ٿي وينداسين.“ +ونسنٽ جي خيال ۾ ڊاڪٽر هن جيترو چريو هو. جيڪڏهن وڌيڪ نه چئجيس ته ڊاڪٽر هن جي پينٽنگ ۾ مهارت ڏسي ونسنٽ کي هڪ وڏو مصور مڃيو هو. هو هن جي فلسفياڻن خيالن جو معترف هو. ڊاڪٽر چڱيءَ طرح سمجهي چڪو هو ته ونسنٽ لاءِ مصوري صرف شوق نه هو، بلڪ هڪ دين هو، هڪ يقين هو، جنهن لاءِ هن زندگي وقف ڪئي هئي. +ڊاڪٽر ڌاتوءَ جي پليٽ تي تيزات سان تصويرڪشي ڪندو هو. هن اهو طريقو ونسنٽ کي سيکاريو. ونسنٽ جي مشهور تصوير، جنهن ۾ هو پائپ جهليون بيٺو آهي. ڊاڪٽر ۽ هن گڏجي ٺاهي هئي. +ونسنٽ به ڊاڪٽر جي تصوير ٺاهي جنهن ۾ ”انهن ڏينهن جي اداسي“ کي سموئي ڇڏيو اٿس. +آفرز ۾ پن حسب سابق هن جو وقت مصروفيت ۾ گذريو. ڊچ پينٽر هرشنگ، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي هو، سان خوب ملاقاتون رهيون. +سڪون ۽ سک جو وقت جلدئي ختم ٿي ويو. مهيني پوري ٿيڻ تي ’ٿيو‘ جو خط پهتو. ننڍڙو ونسنٽ بيمار هو. ٿيو سخت پريشان ٿيو. هوڏانهن جتي هو نوڪري ڪندو هو، اتي به حالتون سٺيون نه هيون. ايندڙ وقت متعلق ڪا پڪ نه هئي. مستقبل غير يقيني هو. انديشن جي غبار سوچ جي اُفق کي ميرو ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به هن وڏي محبت سان ونسنٽ کي چيو ته هو انهن ڳالهين سبب پاڻ کي پريشان نه ڪري، ڇو ته هن جي ويجهو ونسنٽ جي خبر وڌيڪ اهم هئي. +ونسنٽ فوراً خط روانو ڪيو: ”.... جيڪڏهن مان سمجهان ها ته ان فڪر جي گهڙي ۾ ڪا مدد ڪري سگهان ٿو ته مان فوراً پيرس هليو اچان ها. مون کي افسوس آهي ته مان پڻ اوهان وانگر بيوس آهيان.“ +پر هن کي ڳڻتي کڻي ڏنو ۽ هو فوراً پيرس وڃي پهتو. پيرس ۾ ونسنٽ جي ملاقات لاءِ دوست احباب وڏي تعداد ۾ جمع ٿيا ۽ هو ٻه مصروف ڏينهن اتي گذاري واپس آفرز وريو. +ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ننڍڙي جي طبيعت ٺيڪ ٿي ۽ ونسنٽ ان تي خوشي جو اظهار ڪيو. هاڻي هن جي خيالن ۾ بيچين جو عنصر شامل ٿي ويو، جنهن ڏينهون ڏينهن شدت ورتي. ونسنٽ کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ زندگيءَ جو سلسلو ختم ٿيڻ وارو هجي: +”منهنجي زندگيءَ کي وڏو خطرو آهي ۽ منهنجا قدم هاڻي ٿاٻڙجن ٿا...“ هن جو ڪم جاري رهيو. ان وقت هن مڪئيءَ جي فصلن سان ڀريل ٻنيون پينٽ ڪيون هيون. ”اداس ۽ ملول آڪاش هيٺان مڪئي ڀيون ٻنيون ٺاهيندي، غمگيني ۽ اڪيلائي جي شدت کي پيش ڪرڻ ۾ مون کي ڪا خاص تڪليف ڪرڻي نه پيئي. اميد اٿم ته مان اهي تصويرون پيرس آڻيندس. مون کي اندازو آهي ته اهي تصويرون هو ڪجهه ٻڌائينديون جيڪو مان لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.“ +آخرڪار ونسنٽ اها تصوير ٺاهي ٿو، جنهن ۾ مڪئيءَ جي ٻنين مٿان ڪارا ڪانگ ڪنهن ايندڙ مصيبت جيان لامارا ڏيندا نظر اچن ٿا. +ونسنٽ جي آخري تصوير، ”ايندڙ تباهي جو اعلان“ اڄ به موجود آهي، جنهن ۾ ونسنٽ جي ذهن ۾ ٿيندڙ تبديلون، هيجان ۽ اڌو گابرا فيصلا چشم تصور سان چٽي طرح ڏسي سگهجن ٿا. +بيماري دوران وڌندڙ تڪليف ۽ دؤرن جي اذيت هن جي ذهن ۾ خوف پيدا ڪيو هو، جنهن جو اظهار هن جي خطن ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا ٿيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته دنيا جي بيحسيءَ جيڪو افسوس پيدا ڪيو هو، ان جو بدلو هن ائين ورتو هجي. +پر انهن ڳالهين کي هن جي موت جو سبب نٿو چئي سگهجي. ونسنٽ جنهن طرح سان ڏکين ڏينهن ۾، جنهن شدت سان جيئري رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها هن جي خطن پڙهڻ کان پوءِ ڳجهي نٿي رهي. ها البت ائين چئي سگهجي ٿو ته خيالن جي يڪسوئيءَ جو خاتمو، حالتن جي ڪشاڪش، تخليقي قوتن متعلق شڪ ۽ شبها پيدا ٿيڻ سبب هن کي آخرڪار اهو انتهائي فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. +27 جولاءِ تي هن وڻن جي جُهڳٽي ۾ وڃي پاڻ کي گولي هنئي پاڻ سنڀالي، ڪوٽ جا بٽڻ بند ڪري هو وچڙندڙ وکن سان واپس هوٽل پهتو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهي رهيو. +جڏهن ماني کائڻ لاءِ هو هيٺ نه آيو ته هوٽل جي مالڪ مٿي جي پُڇا ڪئي. ونسنٽ جي حالت ڏسي ڊاڪٽر گيچٽ کي اطلاع ڏنو ويو. +ڊاڪٽر فوراً پهتو. ٿيو کي اطلاع ڏيڻ لاءِ ونسنٽ کان ان جي ايڊريس پڇي ويئي. ونسنٽ ايڊريس ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. هو ڀاءُ پريشان ڪرڻ نه پيو چاهي. +صبح جو ڊاڪٽر جو پٽ پيرس وڃي ٿيو کي آرٽ گيلريءَ مان وٺي آيو. ٻيئي ڀائر هوٽل جي ڪمري ۾ ڊچ زبان ۾ پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا. ونسنٽ هر هر ڀائٽي متعلق پڇندو رهيو. +ٿيو صدمي سبب سائو ٿي پيو هو. هو ڀاءُ سان گڏ رهيو. هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات گذارڻ کان پوءِ ونسنٽ ڀاءُ ڏي منهن ڪري چيو: ”منهنجي تمنا آهي ته هاڻي مان هلان.“ ائين چئي هن اکيون ٻوٽيون ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ هن جو ساهه هلڻ بند ٿي ويو. مرڻ وقت هن جي کيسي مان ڀاءُ ڏي لکيل هڪ اڻپورو خط مليو: +”... جيستائين منهنجي مصوريءَ جو تعلق آهي، ان لاءِ مون پنهنجي حياتيءَ داءُ تي لڳائي. منهنجو اڌ ذهن ان ڪري تباهه ٿيو آهي... ان جو به خير آهي. تون انسانيت جي حوالي بنان ڪنهن جو پاسو وٺندي صحيح فيصلو ڪري سگهين ٿو، پر هاڻي ان مان ڪهڙو فائدو؟“ +هوٽل جي ڪمري ۾ ونسنٽ جي جنازي جو چؤڦير هن جون ٺاهيل تصويرون رکيون ويون هيون. اهي تصويرون ونسنٽ جا دوست ايملي برنارڊ، لارل ۽ تانگوئي پيرس مان کڻي آيا هئا. هن عظيم مصور کي دوستن اهڙيءَ طرح خراج تحسين پيش ڪيو. +ونسنٽ مري ويو، پر پنهنجين تصويرن ۾ هو امر آهي. انهن تصويرن ۾ هن جا جذبا، هن جا تصور، هن جي جيئڻ جي شديد خواهش ۽ تخليق جا خزانا اڄ به محفوظ آهن. +اڄ سڄي دنيا هن باڪمال پر بدنصيب مصور جي عزت افزائيءَ ۾ هڪ ٻئي کان گوءَ کڻڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جنهن کي دنيا ڌڪار، نفرت، بک، افلاس ۽ بيماريءَ کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو هو! +هن جي جدوجهد جو داستان هزارن ڪتابن جو سينگار بڻيو آهي، پر هن متعلق لکيل هيترن سارن ڪتابن مان سڀ کان وڌيڪ دلچسپ، سهڻو ۽ حقيقت کي ويجهو ڪتاب هن جي پنهنجي لکيل خطن جو مجموعو آهي، جنهن جو نالو ٻنهي ڀائرن جي محبت ۽ ٿيو جي خدمت جي اعتراف ۾ انهن ٻن لفظن تي رکيو ويو آهي، جن سان ونسنٽ پنهنجا خط شروع ڪندو هو: پيارا ٿيو “Dear Theo” +رياض آگرو +قرآن شريف سولي سنڌي ترجمي سان +محمد عثمان ڏيپلائي +قرآن شريف جا سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ترجما ٿيا آهن جن ۾ محروم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ترجمو به گهڻو مشهور آهي. ڏيپلائي صاحب سنڌ ۾، قرآن مجيد جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ، حضرت شاهه ولي الله، حضرت شاهه عبدالقادر، مولانا محمود الحسن، مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي مشهور اردو ترجمن جي مدد سان، سنڌي زبان ۾ هڪ سهڻو ۽ سليس ترجمو ٺاهو ۽ ڇاپيو. تازو، سندس فرزند، محترم محمد عليءَ ڏيپلائيءَ جي سعيي ۽ ڪوشش سان، اهو تاريخي ترجمو ڪراچيءَ جي ”سنڌيڪا اڪيڊمي“ ڪمپيوٽر تي شايع ڪيو آهي، جو نهايت ديده زيب آهي. +ڏيپلائيءَ صاحب جي ترجمي جو نمونو ڏسڻ لاءِ، سورة ’ياسين‘ جون ڪي آخري آيتون پڙهندڙن جي ملاحظي لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون: +(77) ڇا انسان اِهو نه ڏٺو آهي ته اسان کيس ڦڙي مان بڻايو، تڏهن وري هو چٽو جهڳڙالو آهي؟ +(78) ۽ اسان لاءِ پيو مثال ٺاهيندو آهي. پر، سندس بڻاوٽ کي وساري ڇڏيندو آهي! هو چوي ٿو ته ”ڀلا سڙي ويل هڏين کي وري ڪير جياريندو؟“ +(79) چه ته ”اُنهن کي اهو جيئاريندو، جنهن کي اول خلقيو هو، ۽ انهيءَ کي خلقڻ جي هرڪا خبر آهي.“ +(80) جنهن اوهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي، تڏهن ٿا اوهين ان مان سيڪ وٺو. +(81) ڀلا، جنهن آسمان ۽ زمين خليقا، تنهن کي اُها طاقت ڪانهي ڇا، جو سندن جهڙا بڻائي؟ هائو اُهو وڏو خلقيندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. +(82) هن جو حڪم ته بس ايترو آهي جو جڏهن ڪجهه بنائڻ جو ارادو ڪندو آهي، ته اُن لاءِ چوندو آهي: ”ٿيءُ.“ ـــ ته اُهو ٿي پوندو آهي. +(83) پوءِ پاڪ اُهو آهي، جنهن جي هٿ ۾ هر چيز جي حڪومت آهي، ۽ اوهين سڀ اُن ڏي ئي موٽائبا. +قرآن ڪريم جو ترجمو سولي ڳالهه نه آهي. قرآن ڪريم الله جو ڪلام آهي. عالمن جي چوڻ موجب، الله تعاليٰ وٽان ’نور جي ذرن‘ جي صورت ۾ نازل ٿيو ۽ جبرئيل امين جي معرفت، حضور پيغمبر ﷺ جن جي قلب ۽ زبان تي عربي اکرن جو جامو ورتائين. سو، اسان جهڙو ڪو خاڪي انسان اها دعويٰ ته ڪري نٿو ڪري سگهي ته مان الله جي ڪلام جو ماهر آهيان. البت، اها دعا ڪري سگهي ٿو ته اميد رکي سگهجي ٿو ته الله پاڪ کيس ايترو علم ڏئي، جو پاڻ قرآن ڪريم جي معنيٰ ۽ مفهوم، سمجهي ۽ سمجهائي سگهي. +قرآن ڪريم جو پهريون پهريون ترجمو خود حضور پيغمبر ﷺ جن جي حيات طيبه ۾ ٿيو هو. روايت آهي ته حضرت سلمان فارسيءَ حضور پيغمبر ﷺ جن جي اجازت سان ڪن آيتن جو ترجمو ڪيو هو. مقصد اهو هو ته سندس هم وطن فارسي جا ڪي باشندا، جيڪي عربي زبان سان ناآشنا هئا، ۽ مسلمان ٿيا هئا، سي نماز ۾ اهو ترجمو پڙهن ليڪن، اڳتي هلي، امان ابوحنيفي معاملي جي نزاڪت جي پيش نظر، فتويٰ ڏيئي، نماز ۾ قرآن ڪريم جو ترجمو پڙهڻ روڪي ڇڏيو. +تاهم، هيءَ حقيقت پنهنجي جاءِ تي ناقابلِ ترديد آهي، ته دنيا جا ماڻهو عربي زبان ڪونه ٿا ڄاڻن. سو، قرآن جي تعليم سچيءَ انسانذات تائين پهچائڻ رڳو ثواب جو ڪم ڪونهي، پر، سڀني مسلمانن جو فرض پڻ آهي. +ڪنهن زماني ۾، مولانا تاج محمد امروٽيءَ، اصل عربي عبارت کانسواءِ، قرآن ڪريم جو خالص سنڌي ترجمو ڇپايو هو، ته ماڻهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ آساني ٿيندي. پر، سنڌ جا مُلا ۽ مولوي اڪثر لڪير جا فقير هوندا هئا. سي وفد ٺاهي وٽس ويا، ته ”سائين، توهان هي ڪم صحيح ڪونه ڪيو آهي.“ مولانا امروٽي زمانه شناس انسان هو، سو کين چيائين ته ”مون کي مسئلي جي خبر ڪانه هئي. هاڻي جيڪو نئون ڇاپو نڪرندو، تنهن ۾ اصل عربي عبارت شامل ڪئي ويندي.“ +* . هاڻوڪي زماني ۾، ترڪيءَ جي مصطفيٰ ڪمال پاشا به عربي زبان ۾ بانگ ڏيڻ بدران ترڪي زبان ۾ بانگ ڏيڻ جو حڪم ڪيو هو، پر هلي نه سگهيو. + + +اهو انگريزن جي بادشاهيءَ جو دور هو. مولانا امروٽي انگريزن جو سخت مخالف هوندو هو، سو انگريز سدائين سندس خلاف سازشون ڪندا رهندا هئا ۽ ويڪائو مُلن، مولوين ۽ پيرن کي بڇ ڪندا هئا، ته اهان امروٽيءَ جي خلاف ڪنهن نه ڪنهن طرح پروپئگنڊا جاري رکي. +’وهابيءَ جو ٺپو‘ انهيءَ زماني ۾ عام جام لڳندو هو ۽ ڏاڍو خراب سمجهبو هو. سنڌ جا سادا سودا مسلمان واڻئي جي هٽ تان سودي وٺڻ ۾ عار محسوس ڪونه ڪندا هئا. پر، ڪنهن به اهڙي مسلمان دڪاندار وٽان سيڌو سامان وٺڻ کان ڪيٻائيندا هئا، جنهن لاءِ اهو مشهور ٿيندو هو ته ’وهابي‘ آهي. +اهو ساڳيو ٺپو مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي به لڳو، ڇو ته هن به مولانا امروٽيءَ وانگر مڪار پيرن جي خلاف وڏي جدوجهد ڪئي. ڪيئي ڪتاب ڪڍيا، جن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو. +قرآن ڪريم جي سنڌي ترجمن ۾ مٽيارين جي مشهور عالم قاضي عزيز الله جي ترجمي کي اوليت جو شرف حاصل آهي. هن اهو ترجمو سنه تيرهن صديءَ جي شروع ۾ (غالباً 1330هه) ڌاران ڪيو هو، پر انسان ۾ ”پاڻ پڏائڻ“ جو جذبو آهي، سو، ڪن ماڻهن وٺي هُل اُٿاريو، ته سڄي دنيا ۾ قرآن شريف جو پهريون پهريون ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو هو. پوءِ وري چيائون ته نه، سڄي هندستان ۾ ٿيو هو. انهيءَ ڳالهه جو بنياد رکيائون بزرگ جن شهريار جي ڪتاب ”عجائب الهند“ جي هڪ روايت تي.هن غريب ته پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙي ڳالهه ڪئي ئي ڪانه هئي. ايترو سو لکيو هئائين ته سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ هڪ عراقي عالم سنڌ ۾ عربن جي گاديءَ منصوري ۾ لڏي آيو ۽ گهر ڪري ويٺو. سنڌ جي فتح کانپوءِ اسلام جي اُڀرندڙ طاقت کي ڏسي، ڪشمير جي پاسي هڪ راجا منصوري جي عرب حاڪم کي چوائي موڪليو ته اهڙو ڪم عالم موڪليو، جيڪو مون کي قرآن جي تعليم سان آشنا ڪري. منصوري جي عرب حاڪم اُنهيءَ ئي عراقي عالم کي ڏياري موڪليو، جنهن راجا کي قرآن شريف جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهايو. +هرڪو سمجهي سگهي ٿو ته عراقي عالم راجا کي قرآن جي تعليم اُنهيءَ ئي ٻوليءَ ۾ ڏني هوندي، جيڪا هو ڄاڻندو هوندو. سنڌي ٻولي نڪي ته قرآن جي ٻولي هئي، نڪي عراقي عالم جي مادري ٻولي هئي. ۽ نه وري ڪشمير جي راجا جي ٻولي هئي. نه وري بزرگ بن شهريار ڪٿي به اهو لکيو آهي ته عراقي عالم سڄي قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ڪيو. +پر، سنڌ ۾ ڪي عالم سڳورا اُهو ’مفروضو‘ اڃا ڦهلائيندا وتن ٿا، ته سڄيءَ دنيا ۾ قرآن شريف جو ترجمو سڀ کان اول سنڌي زبان ۾ ٿيو هو. +هند سنڌ ۾، قرآن ڪريم جا گهڻي ۾ گهڻا ترجما اردوءَ ۾ ٿيا آهن. انهن ۾ ديوبند جي عالم شيخ الهند مولانا محمود الهسن جو ترجمو سڀني کان وڌيڪ مشهور ٿيو آهي. هن تفسير، تشريح ۽ توجيہ جي اوٽ وٺڻ بدران، قرآن ڪريم جو ”تحت الفظ“ ترجمو ڪيو آهي، ته پڙهندڙ پنهنجو عقل ڪم آڻي، پاڻ قرآن ڪريم جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهي. +انگريزيءَ ۾ محمد ماردوڪ به ساڳيو رستو اختيار ڪيو آهي. سو، سندس ترجمو ٻين انگريزي ترجمن کان وڌيڪ مقبول آهي. +اسان جي پنهنجي دور ۾، ٻير واري بزرگ، مولانا عبدالڪريم قريشيءَ به پنهنجي ترجمي ۾ ساڳيو اصول اختيار ڪيو آهي. +هن دؤر ۾ معلومات جا بيشمار وسيلا نڪري پيا آهن. انسان الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتو آهي. ليڪن، ڪيئي ايام اڳي، جڏهن چوڌاري جهنگ هو، تن ڪن نيڪمردن اُن کي ڪپي صاف ڪيو. رستو ٺاهيو. ماڻهن لاءِ سهولت پيدا ڪئي. سندن همت ۽ محنت جو قدر نه ڪرڻ نسوري ناداني ٿيندي. +مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جو نالو انهن نيڪ مردن ۾ سرفهرست آهي. هن اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ قرآن ڪريم جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي محلي ’الهندي ڪچي‘ ۾ ”قرآن پريس“ قائم ڪئي. قرآن شريف جي سليس سنڌي ترجمو شايع ڪيو. دعا آهي رب پاڪ سندس روح کي پنهنجي رحمت سان نوازي ۽ جنت ۾ جايون ڏئي. +سندس فرزند محترم محمد علي ڏيپلائي تحسين ۽ مبارڪباد جو مستحق آهي، جنهن پنهنجي والد صاحب جي هن سونهري ڪارنامي کي قائم رکڻ لاءِ انهيءَ ترجمي جو نئون ۽ سهڻو ڇاپو شايع ڪرڻ ۾ ”سنڌيڪا اڪيڊمي“ وارن سان گڏجي، ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اُميد آهي ته هو آئينده به اهڙن نيڪ ڪمن ۾ بهرو وٺندو رهندو. +ڏ��پلائي صاحب جي ترجمي جي زير نظر ايڊيشن معياري ڊبل ڪرائون سائيز ۾ عمدي ڪاغذ تي ڇپيو آهي. منجهس 632 صفحا آهن. جاذب نظر گيٽ اپ ۽ سهڻو رنگين جلد اٿس. ”هديو“ هڪ سؤ سٺ روپيا آهي. ملڻ جو هنڌ هي آهي: ”سنڌيڪا اڪيڊمي“، بي /24، نئشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ، ڪراچي. +بيان العارفين +سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي باڪمال بانيڪار شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي عارفانه گفتن کي سندس هڪ مريد محمد رضان بن عبدالواسع (عرف مير دريائي بن داروغہ گهر ٺٽوي) سندس وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ سنه 1038هه ۾ ”ملفوظات“ جي صورت ۾ قلمبند ڪيو ۽ اُن جو نالو ”بيان العارفين في تنبيہ الغافلين“ رکيو. اهي اقوال فارسي زبان ۾ قلمبند ڪيا ويا، جن ۾ شاهه ڪريم جا روح پرور ”سنڌي“ بيت ۾ شامل ڪيا آهن. +’ملفوظات‘ اهڙي تحرير کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن صوفي بزرگ جي تعليمات توڙي گفتگو ۽ قولن اقوالن کان سواءِ سندس نصيحتن ۽ حڪايتن کي قلمبند ڪيو ويو هجي. +شاهه ڪريم جي انهيءَ مشهور زمانه مفلوظات ”بيان العارفين“ جو فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو پهريائين عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ 1213هه ۾ ڪيو. اُن کان پوءِ 1904ع ۾ مرزا قليچ بيگ ”رسالہ ڪريمي“ شايع ڪيو. مرزا صاحب کان پوءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي نيئن انداز ۽ ترتيب سان سندس سوانح ۽ ڪلام سهيڙي سنه 1937ع ۾ شايع ڪيو. بعد ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”ڪريم جو ڪلام“ 1963ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. +تبصره هيٺ آيل ڪتاب ”بيان العارفين في تنبيہ الفافلين“ سنڌ جي مشهور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب سليس ۽ عام فهم ترجمي، نئين تحقيق ۽ جامع تشريحي حوالن سميت سجائي ۽ سينگاري تيار ڪيو آهي، جو سنڌ اوقاف کاتي ۽ ”علامہ آءِ. آءِ. قاضي تحقيقي رٿا“ وڏي اهتمام سان شايع ڪيو آهي. +هي تحقيقي فن پاور جنهن معيار ۽ جامعيت، محنت ۽ محبت سان ترتيب ڏيئي پڌرو ڪيو ويو آهي، سو ڊاڪٽر سومري صاحب جي محققانه قابليت ۽ فاضلانه صلاحيت جو هڪ يادگار مثال آهي، ۽ ان طرح اهو ايڊيشن اسان جي ادب جو هڪ انفرادي اثاثو بڻيو آهي. هي پُربهار ڪتاب سنڌي ادب جي تحقيق سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ اهم ماخذ طور ڪتب ايندو. +هي مايدار ڪتاب ستن بابن تي مشتمل آهي، جي 178 صفحن تي ڦهليل آهن. اُنهن کان پوءِ ڇهن صفحن جو ضميمو شامل ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح 81 صفحن تي ضخامت تي جامع تشريحي حوالا آيل آهن، جن سان گڏ مقدمي، متن ۽ حوالن ۽ استفاده ڪيل 61 ڪتابن جي فهرست پيش ڪيل آهي. ان کان اڳ قرآني آيتن، حديثن ۽ بزرگانه قولن جي فهرست ڏني ويئي آهي. ٽين فهرست ماڻهن جي نالن ۽ چوٿين فهرست ماڳن مڪانن، شهرن ۽ ذاتين جي نالن جي پڻ درج آهي. آخر ۾ 166 صفحن تي ”بيان العارفين و تنبيہ الفافلين“ جي اصلي فارسي مخطوطي جي مڪمل متن جو عڪس ڏنو ويو آهي. جو محقق محترم ڊاڪٽر عبدالغار سومري صاحب سيد علي مير شاهه صاحب جوڻن واري کان حاصل ٿيو. اهو مخطوط 29 رمضان المبارڪ 1228هه تي ضياءُ بن گل محمد لکي پورو ڪيو. اُنهيءَ نسخي کان علاوه ڊاڪٽر سومرو صاحب ٻن ٻين قلمي نسخن جو ذڪر به ڪري ٿو، جي سندس آڏو رهيا آهن: اُنهن مان پهريون نسخو منصور لائبرريءَ جي ملڪيت آهي، جو 1243هه ۾ محمد صالح نالي ڪاتب لکيو ۽ ٻيو قمبر جي راشدي خاندان وٽ آهي، جنهن جا شروعاتي ورق ضايع ٿيل آهن ۽ آخر پڻ اڻپورو آهي. ان طرح سنڌ جي ٻن علمي ذوق رکندڙ صاحبن قاضي شوڪت (هالا پراڻا) ۽ مخدوم سليم الله صديقي پاٽائيءَ جي ادبي سهڪار ۽ سندن ڪتبخانن مان استفادي جو به اعتراف ڪيو ويو آهي. +هن ڪتاب جو مُهڙ ۾ ڊاڪٽر سومري صاحب پاران چئن صفحن جو مهاڳ ۽ پنجٽيهن صفحن جو جامع ۽ سير حاصل مقدمو ڏنل آهي، جنهن لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب تعارف ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر موصوف جي اعليٰ تنقيدي ۽ تشريحي بصيرت تي شاهد آهي. اُن ۾ زير بحث آندل سڀ ذيلي موضوع وڏي معلومات ۽ معنيٰ وارا آهن، پر انهن مان به خاص اهميت رکن ٿا: هڪ ”بيان العارفين ۾ صوفي فڪر ۽ اُن جا ماخذ“ ۽ ٻيو ”شاهه ڪريم جو عرفان“. پهرئين مان سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جو تاريخي پس منظر اجاگر ٿئي ٿو ۽ سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جو روح روشن ٿئي ٿو. انهيءَ لحاظ سان، سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جي تاريخ ۽ ترويج ۾ هي مقدمو هڪ دستاويزي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏ، متن جي آخر ۾ ڏنل تشريحي حوالا اعليٰ علمي تحقيق جو آئينو آهن، جن جي مطالعي سان پڙهندڙ جي معلومات ۾ مزيد اضافو ٿيندو. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان، پهريون ڀيرو ميين شاهه ڪريم جي ذاتي ۽ فڪري عظمت جو صحيح اندازو ٿئي ٿو. اها عظمت اڄ کان چار سؤ سال اڳ واري سنڌ جي هڪ مثالي فرد جي آهي.“ +مقدمي ۾ مصنف جي عنوانن تي بحث ڪيو آهي، انهن ۾ ”شاهه ڪريم جو سوانح“، ”شاهه ڪريم جي سماع جي روايت“، ”حڪايتن ۾ حقيقت جو پهلو“، ”شاهه ڪريم جي دور جي سياسي ۽ سماجي پس منظر“، ”سنڌ هند ۾ تذڪرن ۽ مفلوظات جي روايت“ ۽ شاهه ڪريم جو عرفان“ آيل آهن. +”بيان العارفين“ جي هن مطالعي فراهم ٿيڻ سان اسان کي سنڌ ۾ تسوف ۽ اُن جي روحاني توڙي فڪري ارتقا جا بنياد نظر اچن ٿا. هيءُ ڪتاب سنڌ جي اديبن، عالمن، محققن، صوفين، شاگردن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ هڪ وقت مفيد آهي. هن ڪتاب جو هر هڪ اهل ذوق وٽ هجڻ پڻ ضروري آهي. +ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب تحقيقي رٿابندي، اسلوب بيان ۽ عالمانه پيرايه اظهار تي کيس دل جي گهراين سان تحسين ڏيڻ ۾ ڪابه دقت محسوس ڪانه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته مطالعي مان لڳي ٿو ته ڄڻ اهو ”طبعزاد شهپارو“ هجي. اهڙيءَ طرح نثر جو عالمانه انداز ۽ متاثر ڪندڙ لمحو ۽ لفظن جي چونڊ سندس فاضلانه صلاحيت جا چٽا گواهه آهن. ”بيان العارفين“، سنڌ اوقاف کاتي (حيدرآباد) کان ملي سگهي ٿو. +ـــ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو +(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان) +خطَ ٻن اُستادن جا [تبصرو] +”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ (حيدآباد) هڪ اهڙو باوقار علمي ۽ اشاعتي ادارو آهي، جنهن گذريل ٽيهارو کن سالن وٺي، نهايت خاموشيءَ سان، فڪري جاڳرتا ۽ سنڌ دوستيءَ جو سنجيده موضوعن تي متعدد معياري ڪتاب شايع ڪري، ادبي دنيا ۾ هڪ وڻندڙ ۽ مانائتو مقام حاصل ڪيو آهي. انهيءَ دلپذير سلسلي جو سهرو، اداري جي باني ۽ روح روان، سائين محمد ابرهيم جويي جي سِر تي سونهي ٿو. جنهن جي مثالي ادبي خدمتن کان اهل سنڌ چڱيءَ طرح واقف ۽ مداح آهي. +تازو سهڪاري سنگت ”خَطَ ٻن اُستادن جا“ عنوان سان هڪ عمدو ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن جو سهيڙيندڙ محترم ”سنگرام“ آهي. +ڪتاب ۾ سائين محمد ابراهيم جويي ۽ سندس هڪ دلي دوست ـــ جيڪو پڻ اُستاد آهي ـــ محترم غلام علي چنا جا خَطَ آهن، جيڪي ٻنهي صاحبن مختلف موقعن تي هڪ ٻئي ڏانهن لکيا آهن ۽ اُنهن جو عرصو، 1968ع کان وٺي 2001ع تائين واري طويل دؤر تي ڦهليل آهي. +محترم غلام علي چنا، پيشي جي لحاظ کان هڪ سينئر ۽ محترم اُستاد آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ملازمت دوران، جويي صاحب سان عقيدتمندانه تعلق پيدا ٿيس، جو اڄ تائين قائم آهي. +محترم جويي صاحب، خط و ڪتاب جي ان دلچسپ سلسلي کي، ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري، سنڌي ادب، ۾ ”خَطَن“ جي خوشگوار روايت کي جِلا ۽ تازگي بخشي آهي. +ٻنهي محترم اُستادن جا خط پنهنجي مضمون آفرينين جي لحاظ سان دل کي ڇُهندڙ ته آهن ئي آهن، پر انهيءَ ڪتاب جو پيش لفظ ـــ جيڪو پنهنجيءَ جامعيت جي لحاظ کان هڪ چڱو خاصو معياري مضمون پڻ آهي ـــ پنهنجي ضخامت ۾ اهڙيون ته اڪيچار دلچسپون ۽ دلبريون رکي ٿو، جو اُن جو مڪمل متن، هِتي مهراڻ جي مانواري پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ، نهايت ئي مناسب ۽ موزون آهي. پيش لفظ ۾ سهيڙيندڙ ”سنگرام“ لکي ٿو: +”پنهنجي پياري، دل گُهرئي دوست کي ڪنهن ماڻهوءَ چيو ته ”يار، آءٌ توکي پنهنجو ڀاءُ ٿو سمجهان!“ دوست چيس، ”پاڻ ته سُٺا دوست آهيون، پوءِ هيءَ تبديلي ڇو؟“ هُن وراڻيس، ”دوستُ هڪُ نه ته ٻيو ملي ويندو آهي پر ڀاءُ جي نه هوندي ڀاءُ مشڪل ٿو ملي!“ دوست چيس، ”ائين ته ڀاءُ جو ملڻ مشڪل ئي نه پر ممڪن به ڪونهي! ٻيو به ڀائرن ۾ وڏ ننڍائي به ٿئي ٿي! دوستيءَ ۾ ائين نه هوندو آهي. مان ڀانيان ٿو ته دوستيءَ کي تو سمجهيو نه آهي. منهنجي هڪڙي اوستاد لفظ ’دوست‘ کي ڀڃي، اُن جي معنيٰ مون کي سمجهائي هئي ته دو + ستَ ـــ سَتيه ـــ سَچَ، معنيٰ ٻن سچن جو ميلُ. ٻن سچاين جو سنگ يا ساٿُ.“ +سو، جيڪي دوستيءَ جي اِن مفهوم ۽ اُن جي گهرائيءَ کان واقف هوندا آهن ۽ اُن جي قدر ۽ اهميت ڄاڻن ٿا، سي سِرَ جي سَٽ ڏيئي به پنهنجي ”سچ جو ساٿ“ کي قائم رکن ٿا. وقت گذرڻ سان اُن ۾ پُختائي ايندي آهي ۽ آزمائش جي گهڙين ۾ اُن ۾ نِکارُ ايندو آهي، جيئن سونُ باهه ۾ تپي ڪُندن بنجندو آهي. +ماڻهوءَ مُڪتي پريت ۾ اَجوکِي آهي، +سامي! هن سنسار کي جي ڪو ساڃاهي. +مُور نه هُو چاهي، ڀيدُ پوي ڪو پريت تي. +(سامي) +خطن جو هيءُ مجموعو سائين غلام علي چَني ۽ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي اهڙي ئي هڪ مثالي دوستيءَ جو دل نواز داستانُ آهي. +مُخلص دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکليل خط سچ پچ ته دوستيءَ جا اهڙا ئي من کي ڇُهندڙ دستاويز هوندا آهن. اُنهن ۾ سندن دؤر جا انيڪ اُڌما ۽ احساس، ويچار ۽ آدرش درج ٿيل هوندا آهن، جي پڙهندڙ ۽ پڙهندڙن جي ٻُڌندڙ هانوَ لاءِ نرم ’ٿڌڙن‘ ۽ ساهه سُڌير ’ڇنڊن‘ جو ڪم ڏيندا آهن. اهڙا خطَ دلي تعلق قائم رکڻ جا بهترين نقش ۽ نمونا ٿين ٿا. اُنهن ۾ هڪ انوکي ۽ نرالي سُرهاڻ هوندي آهي، جيڪا هر وقت لازوال محبت جي خوشبو چؤڏِس پکيڙيندي رهندي آهي. +تحرير جي ايجاد، جڏهن به اُها ٿي ۽ جتي به اُها ٿي، سچ پچ ته انساني ذهن جو هڪ بي مثال ڪرشمو هئي. ڇو ته ڪيل گُفتگو، ٻُڌل ڳالهيون ۽ قصا وغيره ڪجهه ياد رهن ٿا، ڪجهه وسريو وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري وقت گذرڻ سان پنهنجو اصل مفهوم ۽ تاثر وڃائي ويهن ٿا. پر تحرير هڪ اهڙو محفوظ خزانو آهي، جنهن کي انسانُ سالن ۽ صدين تائين سانڍي سگهيو ٿي. ”خط نويسي“ تحرير جي اُها دل جي اندرئين تَهه مان نڪرندڙ صنف آهي، جيڪا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري اڄ انشاپردازيءَ جي اُوچي مقام تي پهتي آهي ۽ اعليٰ ادب جو رُتبو ماڻيو اٿس. +خط لکڻ لاءِ فقط دل جو اُڌمو ئي ڪافي هوندو آهي، ڪنهن لياقت يا اعليٰ قابليت جو هئڻ هروڀرو ضروري نه آهي. من اندر ۾ هُرندڙ ڳالهه سادي نموني سان سهڻي کان سهڻي انداز ۾ به لکجي ويندي آهي. بس، دل جي سڪ، تانگهه ۽ طلب ئي هوندي آهي، جيڪا قلم کڻي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي. اُن ڪيفيت ۾ لکيل خطَ لفظن جو روپ ڌاري ڄڻ ته ”اڌ ملاقات“ بڻجي ويندو آهي! +آڳاٽي زماني ۾ جيئن ته تعليم اڃا عام نه هئي تنهنڪري ماڻهن کي خط لکڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي ٿيندي هئي، پر جيئن چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي بلڪل اهڙيءَ طرح ئي خط لِکاريُن جو هڪ طبقو تن ڏينهن ۾ پيدا ٿيو. اُهي خط لکڻ ۾ ڀڙ ۽ ماهر ماڻهو صبح کان شام تائين ڪَن ۾ قلم هڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمندا وتندا هئا ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو خط لکرائڻو هجي ته کيس اُن جو ڪجهه نه ڪجهه مواوضو يا اُجورو ڏيئي کانئس خط لکرائي. اِن ريت خط نويسيءَ باقاعدي هڪ پيشي جي شڪل اختيار ڪئي. جيڪو به ماڻهو اِن شعبي ۾ جيتري مهارت رکندڙ هو، تنهن اوتري ئي شهرت ۽ ناڻو ڪمايو ۽ سندس طلب اوتري ئي وڌيڪ ٿيڻ لڳي. نالي وارا لِکاري ته بادشاهن جي درٻارن تائين به رسائي حاصل ڪري وٺندا هئا ۽ پنهنجي اِن ڏانءَ کي خوب ڪئش ڪرائيندا هئا. +خط نويسين يا انشاپردازن پنهنجي علم ۽ هنر جي ڌاڪي ڄمائڻ لاءِ وڏا وڏا ”لقب القاب“ ۽ ”خطاب“ گهڙي ورتا. ڊگهيون ڊگهيون عبارتون، ٺهڪندڙ استعارا، تمثيلون ۽ تشبيهون، من موهيندڙ انداز ۾ لکي، پڙهندڙ جي من کي موهت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. معاملو اِتي وڃي پهتو، جو تحرير جي سادگي، دل جي سچائي ۽ خلوص جي چاشني خطن مان بنهه موڪلائي ويئي. پر پوءِ جدت پسند ماڻهو اِن مصنوعي لفاظيءَ مان بيزار ٿي پيا، ۽ نامور اردو ۽ فارسي شاعر، اسد الله خان غالب جهڙن سخن جي سرواڻن ته خط نويسيءَ ۾ ’انداز بيان ئي اؤر‘ قسم جو اپنايو. +ڊاروٿي آسبرن پنهنجي هڪ خط ۾ ”آئيڊيل“ يا مثالي خط جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي: ”منهنجو خيال آهي ته هر قسم جا خط اجائي ڏيکاءَ ۽ فرضي نماءَ کان آجا هئڻ گهرجن. اُهي اجائي پٽار بجاءِ عام گفتگوءَ واري انداز ۾ لکڻ گهرجن. نمائشي ۽ وڏن لقبن ۽ ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو وڃي.“ +سائين محمد ابراهيم جويو پڻ ساڳين خيالن جو حامي ٿو ڏسجي. هن ڪتاب ۾ شامل خط نمبر 17 ۾ غلام علي چني کي لکي ٿو: ”... خاص ڳالهه هيءَ مهرباني ڪري دل سان هنڊائج ته خط ۾ مون کي ايترن گهڻن لقبن القابن سان مخاطب ڪرڻ نه مناسب آهي نه ضروري آهي. سنئون سڌو محترم.... يا عزيزم... يا اهڙي قسم جو ٻيو ڪو اڃان ئي سِڌو سادو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ڪم آڻڻ ڪافي سمجهڻ گهرجي. اڳئين زماني ۾ جڏهن انشاپردازيءَ ۽ مضمون نويسيءَ ۾ لفظن جي ٽڪساٽ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ مطلب ۽ معنيٰ جي مواد تي گهٽ، تڏهن اهڙن طول طويل ’مخاطبات‘ کي، عبارت جي رنگين بيانيءَ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. هن زماني ۾ تحرير ۽ مضمون نويسيءَ جي اِها هڪ وڌيڪ خوبي ليکي وڃي ٿي ته سادا لفظ هجن ۽ سڌيءَ سنئينءَ طرز ۾ ۽ مختصر کان مختصر انداز ۾ پنهنجي مطلب جو بيان ڪيل هجي.“ +سچ پچ ته، خطن رستي ماڻهو پنهنجا من جا اُڌما ۽ اُمنگ، فطري ۽ دلي ڪيفيتون، شخصي تعلق، زندگيءَ جا ڀانت ڀانت مسئلا، راز نياز، ڪاوڙ، محبت، بيچيني، سڪ ۽ سوز، مطلب ته هر قسم جا حال احوال سڌا پاڌا ۽ ساديءَ سَوَليءَ ٻوليءَ ۾ ڏيئي وٺي سگهي ٿو ۽ پاڪ ۽ پويتر انساني جذبن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. +ادبي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي اعليٰ ادب ۾ مارڪس سِسَرو 43-106 ق. م، مائيڪل ائنجلو (1475-1564ع)، روسو (1772-1778ع)، ورڊ سورٿ (1770-1850ع)، ۽ پنهنجيءَ ويجهيءَ سرزمين مان مخدوم محمد معين ٺٽوي (متوفي 1161هه)، مرزا غالب (متوفي 1869ع)، جواهرلال نهرو، ابو الڪلام آزاد، سائين جي. ايم. سيد، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، شيخ اياز، ۽ ٻين علم ‎۽ ادب، سياست ۽ فن لطيف جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ موکيندڙ اڪابرن خط نويسيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب اِن صِنف ۾ خوب نانءُ پيدا ڪيو ۽ شُهرت جي بلندين کي ڇهيو. +اِئين، عالمي اد ب ۾، ڊارامن، ناولن ۽ ڪهاڻين جيتري بلڪ ڪجهه وڌيڪ ئي اهميت خطن، ڊائرين، نوٽبڪن ۽ سوانح عمرين کي حاصل آهي، ڇو ته باذوق پڙهندڙن کي افسانوي ڪاوشن جي پڙهڻ کان پوءِ وري به انهن جي سِرجيندڙ جي شخصيت جي سچي پچي روپ ۽ حقيقي بلندين معلوم ڪرڻ جو اشتياق ٿئي ٿو، جيڪو فقط ۽ فقط اُنهن سوانحي داخلائن، آپ بيتي ڪٿائن ۽ خطن ذريعي ئي معلوم ٿي سگهي ٿو. +سِسَرو جي لکيل ”دوستن ڏانهن خطن“ جي ٻن جلدن مان اَڻڄاتل قديم دؤر جي دنيا جا احوال ملن ٿا، جن کي پڙهي، ماڻهوءَ جون اکيون ۽ ذهن جون دريون کُلي وڃن ٿيون؛ روسو جي شخصيت جو سچو پچو ۽ مڪمل روپ، سندس علمي ۽ رومانوي مضمونن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ، سندس خطن ۾ ملي ٿو؛ مائيڪل ائنجلو جي خطن جي مجموعي پڙهڻ سان قاريءَ آڏو سندس فن سان پرخلوص وابستگيءَ ۽ بي انتها قوت وارو ڪردار اُڀرڻ لڳي ٿو؛ انگريزيءَ جي خود مست شاعر، لارڊ بائرن، جي رڪارڊ مان جيڪڏهن سندس خط ڪڍي ڇڏجن ته سندس بلند پايه جذبات ۾ ٻڏل شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ باقي بچندو ئي ڇا؟ شيخ اياز جي ڪامل شخصيت جو سچو پچو روپ سندس شعر سان گڏوگڏ سندس خطن جي مجموعي ”جي ڪاڪ ڪوريا ڪاپڙي“ ۾ ملي ٿو، جيڪي هُن سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيا؛ سندس اُنهن خطن ۾ ڪويءَ جي اُڏام به ملي ٿي ته سندس آتما جو درشن به ٿئي ٿو، جن جي گهراين مان پوءِ انيڪ گيت نڪري، هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا ۽ وڏي ذوق ۽ شوق سان پڙهيا ويا. +ڪي ماڻهو خطن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خاص مقام ڏيندا آهن. اُهي خطن جي اهميت کان بخوبي واقف وهندا آهن۽ خط لکڻ وقت اها ڳالهه ذهن ۾ رکي خط لکندا آهن ته اهي ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ ڏينهن ضرور ڇپجندا. اُنهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي هو ڪوشش ڪندا آهن ته سندن خطن ۾ ڪا اهڙي هڪ به ڳالهه نه هجي جيڪا اڳتي هلي سندن شخصيت جي ڪمزوري ثابت ٿئي. دنيا جي اڪثر ليکڪن ان ڳالهه کي خيال ۾ رکندي خط لکيا آهن. چارلس ڊِڪنس خطن جي اهميت کان واقف هو تنهنڪري پنهنجن مِٽن مائٽن ۽ يارن دوستن کي لکيل خطن ۾ ادب بابت ڊگها بحث ڪندو هو. جيتوڻيڪ کيس اها به خبر هئي ته جن ماڻهن کي هو خط لکي ٿو تن کي ادب ۾ ڪائي دلچسپي نه آهي پر تنهن هوندي به هو محض انڪري اِهي بحث ڪندو هو ته جيئن اڳتي هلي اُهي ڇپجن. +شيخ اياز کي ته سائين محمد ابراهيم جويي خاص اُتساهه ڏياري خط لکرايا ته جيئن اُهي ٽماهي ادبي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪري سگهجن. اهي خط سنڌي ادب ۾ انشاپردازيءَ جو هڪ بي مثل نمونو ثابت ٿيا ۽ بعد ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ جي نالي سان مجموعي جي صورت ۾ پڻ شايع ٿيا. انهن خطن جي اڀياس مان اها ڳالهه بخوبي واضح ٿئي ٿي ته اياز اُنهن کي لکڻ وقت شعوري طرح ڪيترو نه ”سُچيت“ هو. کيس پڪ هئي ته اهي خط ڇپجندا ۽ ڇپجڻ لاءِ ئي هُن لکيا آهن. سندس ان سُچيتائي ۽ ساوڌانيءَ ڪري ئي اهي خط خوبصورت، فنائتا معلومات افزا ٿي ويا آهن، اهي خط نه صرف گُل آهن پر هڪ مالها ۾ پويل به آهن. ياد رهي ته ”اياز“ جي خطن جي ان مجموعي ۾ شامل 22 خطن مان 21 خطَ اُنهن ئي ڏينهن ۾ ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي ۽ شهرت ماڻي چُڪا هئا. +ان طرح، خط ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جهڙوڪ والدين جا اولاد ڏي لکليل خط، جيئن نهروءَ جا پنهنجي ڌيءَ اندرا ڏي، ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جا بينظير ڏي لکيل خط؛ سياسي نوعيت جا خط، جيئن مهاتما گانڌيءَ جا خط، جناح ـــ گانڌي خط و ڪتابت؛ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن جا لکيل خط؛ علمي ۽ ادبي نوعيت جا خط، جيئن سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن سير ۽ سفر بابت لکيل شيخ اياز جي خطن جو ڇپيل مجموعو، ۽ ٻيا سندن هڪٻئي ڏانهن لکيل ڪيئي اڻ ڇپيل اهڙا خط يا جيئن سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن جو مجموعو؛ عشق ۽ محبت بابت خط، جيئن ڪافڪا جا پنهنجي محبوبه ملينيا ڏي لکيل، ۽ آسڪروائلڊ جي خطن جو مجموعو ”گلاب جي پنکڙين جهڙا ڳاڙها چَپَ“؛ زالن ۽ مڙسن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط، جيئن واجد علي شاهه اختر ڏي سندس بيگمات جا لکيل خط؛ هم مشرب دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط، جيئن محمد امين کوسي جا سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خط ۽ غير رسمي، نجي خط؛ ڪاروباري خط. سرڪاري لکپڙهه؛ وغيره وغيره. +سنڌي ٻوليءَ ۾ خطن جي صِنف تي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪم ٿيو آهي. ان جا گهڻائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. بهرحال، هن وقت تائين جيڪي مشهور خطن جا مجموعا اسان وٽ ڇپيا آهن تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا: +1 ـــ ”رهاڻ“ ـــ ميران محمد شاهه جي سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو. +2 ـــ ”ساهڙ جا سينگار“ ـــ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو. +3 ـــ ”خط ۽ مضمون“ ـــ پير علي محمد راشديءَ جي سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو. +4 ـــ ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪَ“ ـــ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل مختلف دوستن جي خطن جو مجموعو. +5 ـــ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ـــ سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل شيخ اياز جي خطن جو مجموعو. +6 ـــ ”واڄٽ ويراڳين جا“ ــــ ڀاڱو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون، سائين جي. ايم. سيد ڏانهن محمد امين کوسي جي لکيل خطن جو مجموعو. +7 ــــ ”ڪجهه خط“ ــــ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن سياستدانن، قومي ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيدارن جي لکيل خطن جو مجموعو. +8 ـــ ”سير ۽ سفر“ ـــ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن جو مجموعو. +9 ـــ ”خط ـــ ٻن اديبن جا“ ـــ عبدالقادر جوڻيجي ۽ سائين محمد ابراهيم جويي جي خطن جو مجموعو. +10 ـــ مهاتما گانڌيءَ جا خط. +11 ـــ جواهر لعل نهروءَ جا اِندرا ڏانهن لکيل خط. +12 ـــ ذوالفقار علي ڀٽي جا بينظير ڏانهن لکيل خط. +13 ـــ ”اڌ ملاقات“ ـــ طارق اشرف جي خطن جو مجموعو. +14 ـــ ”جيءُ منهنجو جن سين“ ـــ حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي صاحب جا ”سهيڙيل سنيها“. + + +سنڌي ادب ۾ خطن جي اشاعت جي حوالي سان سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جون سرانجام ڏنل خدمتون سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. هن صاحب ادب جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي نيون صنفون ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. ويجهي دور ۾ خط نويسيءَ جي صِنف تي سنڌ ۾ جيترو به ڪم ٿيو آهي تنهن ۾ سندن ڪليدي ۽ بنيادي ڪردار آهي. هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ خطن جا جيڪي به مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، تن مان ڪيترن مجموعن کي سهيڙڻ، ترتيب ڏيڻ، ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ سندن ڪاوشن ۽ محنتن جو ڪافي عمل دخل رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ پاران ڇپايل خطن جي مجموعن، جهڙوڪ (1) ”سير ۽ سفر“ ، (2) ”رهاڻ“، (3) ”خطَ“، (4) ”ساهڙ جا سينگار“، (5) ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪ“، (6) ”ڪُجهه خطَ“، (7) ”واڄٽ ويراڳين جا ـــ ٽن جلدن ۾“، (8) ”خط ــ ٻن اديبن جا“، وغيره وغيره، جي ڇپائيءَ جو سَهرو سائين جويي صاحب جن جي سِرَ تي آهي. ائين سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ هن صِنف ۾ به سائين جويي صاحب جو پنهنجو پاڻ موکيو آهي. زير نظر مجموعي ”خط ـــ ٻن اُستادن جا“ کان علاوه ”خط دوستن جا“ جي عنوان سان ٻن جلدن ۾ مجموعا وٽن تياريءَ هيٺ آهن، جن ۾ سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز، جمال صديقيءَ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، ع. ق. شيخ، يار محمد ابن حيات پنهور ۽ ٻين ساٿين ۽ دوستن جا سائينءَ جن ڏي لکيل خط شامل آهن. +خطن جو هيءُ مجموعو سندن ۽ غلام علي چني صاحب جي هڪٻئي ڏانهن لکيل خطن جو مجمو��و آهي. سندن رفاقت ۽ دوستي جيڪب آباد ۾ ٿي، جتي سائين جويي صاحب کي بدلي ڪري هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر طور رکيو ويو هو، اهو سن 1968ع جو دؤر هو ۽ ون يونٽ خلاف هلچل سنڌ ۾ زورن تي هئي، جنهن ۾ سنڌي اديبن ڀرپور حصو ورتو. علمي ۽ ادبي محاذ تان ون يونٽ خلاف هلايل اُنهي هلچل ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جو ڪردار ڪنهن کان لڪل ڪونهي، ۽ اُن جي ئي پاداش ۾ کين سنڌ جي ٻئي ڇيڙي تي موڪليو ويو هو، جتان پوءِ ٿوري ئي وقفي کان پوءِ ”چوويهن ڪلاڪن ۾“، ”اڄ جو اڄ“ جي تنبيهه سان پاڪستان جي ٻئي ڇيڙي، پشاور ۽ ڪوهاٽِ، اماڻيو ويو هو! اُنهن ڏينهن ۾ مٿن آيل ڪَٺن گهڙين جو اندازو سندن هِن ۽ ٻيءَ تحرير مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. ”خط ـــ ٻن اديبن جا“ ۾ سائين عبدالقادر جوڻيجي ڏانهن پاڻ لکن ٿا: ”..... منهنجي بدلي، اوچتو ئي اوچتو، پشاور ڪئي اٿن.... هونئن به گهڻي ۾ گهڻو کڻي نوڪريءَ مان ڪڍندا ــ ٻيو ڇا ڪندا. نوڪريءَ مان لاهڻ بعد ٻيو ڪو قدم هو کڻن ته به کڻي سگهن ٿا. اُن لاءِ به پاڻ تيار آهيون.... جلاوطني آهي، سا ڪنهن رات گذارڻي آهي... دل کي خوشي ۽ خاري هن ڳالهه جي آهي ته ڪا ڳالهه آهي، جنهن لاءِ هيءُ ڪُجهه سهڻو ٿو پوي... ۽ اها تحقيق اهڙي آهي جنهن تي فڪر ڪري سگهجي ٿو....“ +غلام علي چنو جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ نئون نئون فارسيءَ جو استاد مقرر ٿي آيو هو ۽ اتي سندس ڏيٺ ويٺ سائين جويي صاحب سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستي ۾ بدلجي ويئي. سندن دوستيءَ جو ناتو خطن رستي پختو ٿيو ۽ قائم رهيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ــــ زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، پختيءَ دوستيءَ جو ناتو! خطن جو هيءُ مجموعو سندن اُنهيءَ دوستيءَ جي دين آهي. هن مجموعي ۾ ڪُل 112 خط شامل آهن جيڪي پاڻ سن 1968ع کان 1999ع تائين واري عرصي دوران هڪٻئي کي لکيائون. 31 سالن جي ان طويل عرصي دوران الائي ڪيترو پاڻي پُل هيٺان گذري چُڪو هوندو، پر هنن دل گُهرين دوستن جي رسڪ جوڳي دوستي وقت گذرڻ سان وڌيڪ پڪي ٿيندي آئي آهي ۽ اُن ۾ نکار ۽ پختگي آئي آهي. +هن مجموعي ۾ شامل خط نمبر 3 مان، جيڪو غلام علي چني سائين جويي صاحب جن کي جيڪب آباد مان لکيو هو، اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سندن دل هڪٻئي لاءِ ڪيئن نه ڌڙڪندي هئي. پنهنجي دلي اُڌمن جو بي ساختگيءَ سان اظهار ڪندي انهيءَ خط ۾ غلام علي لکي ٿو، ”.... توهان جو خط پهتو، مٿان ئي توهان جا اکر ڏسي، ازخود اندازو لڳايم ته خط توهان کان آيل آهي! واري جڏهن پنو ڪڍي پڙهڻ لڳم تڏهن خبر نه آهي ته ڇو منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي ۽ خوشيءَ سببان چپن تان مُرڪ بند نه پئي ٿي.... هڪ طرف دل خوش هئي ته ٻئي طرف کان خوشيءَ سببان اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها وهي رهيا هئا... خوشيءَ کان سواءِ، مان اُن وقت جو فخر محسوس ڪري رهيو هوس، ان جي ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي...“ +ساڳيءَ طرح سائين جويو صاحب غلام عليءَ ڏانهن لکيل خط 27 ۾ پنهنجو نبار دل جي نبار ڳالهه ڪهڙي نه خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ لکي آهي! قربائتن دوستن لاءِ ۽ سندن دل جي اُڪير جو اندازو ان خط مان لڳائي سگهجي ٿوـــ ”..... اوهان جا خط پڙهڻ سان جيڪا دل کي خوشي پئي محسوس ٿي اٿم اها منهنجي دل ئي ڄاڻي ٿي. آءٌ هي به ڄاڻان ٿو ته ٻين کي به اهڙن قرب ڀرين خطن ۽ پيغامن ملڻ سان اوتري ئي خوشي محسوس ٿيندي هوندي. سو جيڪڏهن، ڪم از ڪم موٽ ۾، آءٌ ڪنهن دل گهرئي ڀاءُ يا دوست عزيز ڏانهن خط نٿو لکان ته هن کي ڪيڏو نه اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو هوندو ۽ ڪيڏيءَ نه خوشيءَ کان محروم رهڻو پوندو هوندو! ڀيري ڀري سان پاڻ کي ڏاڍي ملامت ڪندو آهيان، پر وري وري اُنهيءَ پنهنجي فرض کان غفلت جو گناهه ٿي وڃيم ٿو ۽ ائين سواءِ پنهنجي پاڻ کي لوئڻ ۽ ملامت ڪندي رهڻ جو ٻيو ڪوبه رستو ڪفاري ادا ڪرڻ جو مون وٽ باقي ڪونه ٿو رهي...“ +مخلص ۽ محبتي دوست هن دنيا ۾ هڪٻئي لاءِ قدرت جي عظيم نعمت هوندا آهن، ۽ اهڙي نعمت جيڪڏهن ڪنهن کي ملي ۽ اُن صورت ۾ سندن دل جي ڪيفيت ڪهڙي نه نازڪ ۽ پياري لڳي ٿي! سائين جويو صاحب هڪ خط ۾ اُن جو اظهار اجهو هيئن ٿو ڪري: ”..... اوهان جي محبتي توجهه تي آءٌ ناز ڪندو آهيان، جيڪو اوهان مون کي ڏيو ٿا. ڪڏهن به ائين نه سمجهندا ته آءٌ ان ڳالهه جو امڪان به ڪو دل ۾ ڪري سگهان ٿو ته اوهين مون کي رنجائي سگهو ٿا يا رنجائڻ جو سوچي به سگهو ٿا. اوهان جهڙا سچا، مخلص، نياز ڀريا اُمنگ رکندڙ پيارا ماڻهو مس مس ته دنيا ۾ ڪنهن کي نصيب سان ملندا آهن.....“ +خطن جي هن مجموعي ۾ شامل سڀئي خط جيتوڻيڪ ذات نوعيت جا آهن، جيڪي ڇاپي هيٺ آڻڻ لاءِ لکيل نه هئا، پر پوءِ به اُنهن ۾ عمومي زندگيءَ جي روزمره واقعن جو ذڪر، ان وقت جي ماحول جي عڪاسي، سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جون جهلڪيون دل کي ڇهي وڃڻ جهڙيون ملن ٿيون. خطن جو هيءُ مجموعو هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ اسان جي سماج جي مثبت ۽ منفي لاڙن ۽ رَوين کي ڏسي سگهجي ٿو. هنن خطن ۾ سماجي براين، معاشي مسئلن، گهريلو پريشانين کان علاوه نوڪريءَ جا مسئلا، سرڪاري کاتن جون ڪارگذاريون، آفيسرن ۽ عملدارن جون پنهنجي ماتحت ملازمن سان رَوَشون، عقوبتون، مطلب ته ڪيترن ئي تاريڪ لقائن جي عڪاسي ملي ٿي. هنن خطن جا ڪردار اسان جي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن، جن سان هر ذِري شعور ماڻهوءَ جو واسطو پوي ٿو. هنن خطن ۾ ذڪر ڪيل مسئلا ۽ واقعا اسان جي موجوده سماج جي عڪاسي ڪن ٿا. +غلام علي چنو جيڪو هڪ استاد آهي، ۽ ڪامياب استاد آهي، سو هنن خطن ۾ هڪ بُردبار، باهمت، دورانديش ۽ مڻيادار مانجهي مُڙس نظر اچي ٿو. هو صاحب انتهائي ناموافق حالتن ۾ به همت، حوصلي، محنت، سچائيءَ، اورچائيءَ ۽ وڏي ولولي ۽ امنگ سان اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ ۽ سماج ۾ هڪ مانائتو مقام ماڻڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. هُو ڪٿي به پنهنجين ڪوششن مان نااميد نٿو ٿئي. بلڪ پوري جوش ۽ جذبي سان پنهنجن نيڪ مقصدن جي حاصلات لاءِ اُدم ڪري ٿو. هُو مختلف امتحان پاس ڪندو، اڳتي وڌندو، پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو ڪندو ٿو رهي. هُو اولاد جي بهتر مستقبل ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ اُپاءَ وٺي ٿو، انهن لاءِ فڪرمند ٿئي ٿو ۽ پاڻ تي عائد سڀني ذميوارين کي فرض شناسيءَ سان نڀائي ٿو. هو وقت جي هر چئلينج کي قبولي ٿو ۽ فيصله ڪُن انداز ۾ اُنهن چئلينجن کي منهن ڏيندي، ناموافق حالتن جو رخ ڦيري پنهنجي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ ۾ سوڀارو ٿئي ٿو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به موزون ۽ معقول حدف مقرر ڪري ٿو، لڳ ڀڳ سڀني کي حاصل ڪري ٿو وٺي. اهڙيءَ طرح هُو صاحب زندگيءَ ۾ هڪ باعمل ۽ ڪامياب انسان ثابت ٿئي ٿو ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪري ٿو. سائين محمد ابرهيم جويي صاحب جي صحبت کي پنهنجي لاءِ وڏي نعمت سمجهي ٿو. سندن صحبت مان گهڻي کان گهڻو لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. محترم جويو صاحب سندن مَنَ اندر ۾ علم ۽ ادب جون ڏياٽيون روشن ڪري ٿو، جن جي روشنين کان فيضياب ٿي هو قلم کڻي، لکڻ جي همت ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت غلام علي چنو ’صاحبُ قلم‘ بڻجي ٿو. هُو صاحب هن وقت تائين اڌ ڊزن کن ڪتاب لکي چڪو آهي، جن مان ٽي عدد ڪتاب انگريزي گرامر جا آهن. سندن وڌيڪ اڌ ڊزن کن ڪتاب اڄ ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ٻه ترجمن جا ڪتاب ۽ هڪ سندس پنهنجي آتم ڪٿا شامل آهي. انهيءَ کان علاوه مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن ڪيترائي مضمون ڇپيل آهن. ائين هنن خطن مان غلام علي چني جي شخصيت جي جيڪا سڃاڻپ ملي ٿي سا هڪ فرض شناس والد، محبتي ۽ عزت ڪندڙ خاوند، مخلص دوست، مسلسل جاکوڙيندڙ، جفاڪش، اورچ، باصلاحيت، حوصلي مند ۽ ڪامياب انسان جي سڃاڻپ آهي. +خطن جي هن مجموعي ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جا ڪُل 36 خطَ شامل آهن. انهن خطن ۾ سندن گهڻ پاسائين شخصيت جي جهلڪ ملي ٿي. هنن خطن ۾ هو صاحب پنهنجي منفرد ۽ مخصوص انداز ۾ هڪ مهربان ۽ ٻُڌايون ڏاهي وانگر پنهنجي هڪ زنده دل ۽ ڪشاده ذهن نوجوان ساٿيءَ کي ڏاهپ جا اوچي آدرش جا ڏس ڏيندي نظر اچي ٿو. ڪٿي هو کيس ڪامياب، خوشگوار ۽ سُکي ستابي زندگي گذارڻ جا گُر ڏسي ٿو ته ڪٿي وري ”زندگيءَ ۾ هڪٻئي لاءِ پيار ۽ نيڪ تمنا جي جذبي ۽ باهمي تعاون“ جهڙن اعليٰ وصفن کان روشناس ڪرائي ٿو. مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ گهيرايل انسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هُو صاحب سندن اِن ڏِسَ ۾ رهنمائي به ڪري ٿو. هُو نوجوانن جي مستقبل لاءِ فڪرمند به ٿئي ٿو ته ڪٿي وري استادن کي سندن پنهنجو فرض منصبي ياد ڏياريندي، کين ”پڙهو ۽ پڙهايو، سکو ۽ سکايو“ جهڙا سڌا سادا ۽ سون جهڙا اصول ڏسي ٿو. هنن خطن ۾ هو صاحب ، علم ۽ ادب جي شوق ۽ ذوق کي همٿائي ٿو، ته ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي اديبن خلاف رجعت پسند حلقن طرفان هلايل مهم تي ڳڻتي ڪندي نظر اچي ٿو؛ پنهنجي پياري دوست شيخ اياز جي گرفتاريءَ واري خبر ٻُڌڻ تي پريشان ٿئي ٿو، ته ”روح رهاڻ“ رسالي کي درپيش مالي مشڪلاتن ۽ ان جي مالي اعانت ڪرڻ لاءِ فڪرمند به رهي ٿو. هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي دوست وانگر غلام علي چني جي هر مشڪلات ۽ مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي، حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، ته ناراض دوستن کي پرچائيندي به نظر اچي ٿو. خطن جي مطالعي مان اهم ڳالهه اها معلوم ٿئي ٿي ته هڏ ماس جو ٺهيل هيءُ صاف دل منشُ پنهنجي ڪنهن پريشانيءَ، ڳڻتيءَ، مُشڪل يا ڪنهن مسئلي جو ڪٿي به ذڪر نٿو ڪري! حالانڪ هُو به هڪ جيئرو جاڳندو انسان ۽ اسان جي هن ئي سماج جو هڪ فرد آهي، جيڪو مسئلن ۽ پريشانين کان آجو ته هرگز نه هوندو. ٻي ڳالهه ته اُنهن ڏينهن ۾ هو صاحب ”بزم صوفياي سنڌ“، ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ سرانجام ڏنل عملي، ادبي خدمتن ۽ ون يونٽ مخالف ۽ سنڌ دوست سرگرمين سبب سرڪاري عتاب هيٺ هو ۽ کين انهن سرگرمين کان باز رکڻ خاطر ئي ”سنڌ بدر“ ڪيو ويو هو. انهن ڏينهن جي حالتن جو ذڪر آءٌ مٿي پڻ ڪري آيو آهيان. انهن سڀني ڳالهين مان سائين جويي صاحب جن جي فولادي ارادي ۽ مستقل مزاج شخصيت جي عڪاسي ٿئي ٿي. +محترم محمد ابراهيم جويو هنن خطن وسيلي نه فقط غلام علي چني صاحب بلڪ علامتي انداز ۾ پوري سنڌي سماج سان مخطت ڏسجي ٿو. سندن مدبرانه ڳالهيون، اعليٰ انساني آدرش سندن شخصيت جي وڏائيءَ، مڻيا ۽ ڏاهپ جا آئينه دار آهن. هو صاحب هنن خطن معرفت غلام علي چني جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رهنمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليم ۽ تدريس، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۽ روزمره جي زندگيءَ جي معاملن ۾ نهايت ئي هڪ شفيق استاد ۽ رهبر وانگر ائين رهبري ڪندي نظر اچي ٿو جئين ”ايميلي عرف تعليم“ ڪتاب جو خالق ”روُسو“ پنهنجي مثالي مُتعلم ”ايمليءَ“ جي تعليم ۽ تربيت ۽ سندن شخصيت جي تعمير لاءِ هر وقت فڪرمند رهندي ڏيکاريل آهي. +خطن جو هيءُ مجموعو پنهنجي انيڪ خوبين سبب سنڌي ادب ۽ خاص ڪري خط نويسيءَ جي صنف ۾ هڪ گرانقدر اضافو ٿابت ٿيندو. اها سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جي وڏائي ۽ ڪُشاده دلي ئي آهي جو پاڻ مهربانن جهڙي ناقص العلم ۽ ادبي لحاظ کان اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ جو شوق بخشيائون جنهن کي آءٌ تحقيق پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهان ٿو.“ +هيءُ ڪتاب ، ”خَطَ ٻن اُستادن جا“ ڊيمي سائيز جي 176 صفحن تي مشتمل آهي. عمدي سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هن ڪتاب جو گيٽ اَپ دلڪش ۽ جاذب نظر آهي. سرورق جي سادگي، هڪ پرڪشش سونهن جي غماز آهي. ان جي قيمت سٺ رپيا مناسب آهي. پيپر بئڪ جي صورت ۾ هيءُ پر بهار ڪتاب، ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ حيدرآباد شايع ڪيو آهي ۽ سمورن مشهور ڪتب فروشن وٽ دستياب آهي. +ــــ اداره ”مهراڻ“ +الطاف آگرو [تبصرو] +ڪهاڻيون +هي ڪتابُ، ”ڪهاڻيون“، سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) جي پبليڪيشن آهي، جنهن جو سهيڙيندڙ ادل سومرو آهي، ۽ سندس ٻانهن ٻيلي آهن: گل ڪونڌر، آزاد انور ڪانڌڙو ۽ اسد سولنگي. ڪتاب هن سال مارچ مهيني ۾ شايع ٿيو آهي. قيمت اٿس پنجاهه رپيا. +ڪتاب ۾ هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل آهن: (1) رسول ميمڻ، (2) رفيق سومرو، (3) مڪل نديم، (4) شمس سومرو (5) پرويز، (6) اخلاق انصاري، (7) محمد انور بلوچ، (8) ڊاڪٽر تهمينه مفتي، (9) يوسف سنڌي، (10) عزيز ڪنگراڻي، (11) ضراب حيدر، (12) ابراهيم کرل (13) رزاق سهتو، (14) سائين بخش رند، (15) سليم چنا، (16) ڊاڪٽر اعجاز سمون، (17) امر اقبال، (18) نسيم پارس، (19) عباس سارنگ، (20) ساجده جبين. +اد سومري ”ڪجهه ڳالهيون“ سري هيٺ لکيو آهي ته ”هيءَ ڪهاڻيون موضوع جي لحاظ کان مقصد واريون ته آهن، پر هر ڪهاڻيڪار جي تخليقي سگهه، فني پهچ ۽ ڪاريگري پنهنجي پنهنجي آهي.“ +سندس راءِ صحيح آهي. هر گُل کي پنهنجي پنهنجي خوشبو ٿيندي آهي. تاهم، عطر جو قدر عطار ئي ڪري سگهندو آهي ۽ جواهرن جي پرک جوهري ڪري سگهندو آهي. نامور دانشور اديب ۽ شاعر، محترم نصير مرزا ڪتاب جو جائزو وٺندي، چيو آهي ته: +”هن ڪتاب ۾، سَتر واري ڏهاڪي کان وٺي اڄ تائين اُڀري آيل سڄاڻ ڪهاڻيڪارن جون ويهه ڪهاڻيون آندل آهن، ۽ برابر ته اُنهن مان هرهڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي طور تي ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۽ اسلوب سان نڀائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. +ساجده جبين، عباس سارنگ، نسيم پارس گاد، امر اقبال، ڊاڪٽر اعجاز سمون ۽ اُن کان ٿورو اڳ وارن مان سليم چنا، سائين بخش رند، رزاق سهتو، ابراهيم کرل، يا اُن کان ٿورو سينئرس مان ضراب حيدر، عزيز ڪنگراڻي، يوسف سنڌي، تهمينه مفتي ۽ انهيءَ کان پوءِ وارن جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون آهن، تن مان اڪثر ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ اُڀري آيل نشانبر ٽهيءَ جا نمائنده ڪهاڻيڪار تصور ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن جا نالا آهن: محمد انور بلوچ، اخلاق انصاري، پرويز، شمس سومرو، ملڪ نديم، رفيق سومرو ۽ رسول ميمڻ. +’ڪهاڻين‘ جي هن چونڊ جي خوشگوار ڳالهه هيءُ ته اُن ۾ هر اسلوڪ جي ڪهاڻي موجود آهي: ڪي علامتي ڏانءُ جون ڪهاڻيون آهن، ته ڪي واقعاتي نوع جون، ڪي رومانٽڪ فضا ۾ اُڻيل آهن ته ڪي وري شاعراڻي ۽ سينگاريل نثر ۾، مثال طور رسول ميمڻ جي ڪهاڻي کي علامتي انداز آهي ته محمد انور بلوچ ۽ ملڪ نديم جي ڪهاڻيءَ کي جمال ابڙي، اياز قادري ۽ غلام رباني آگري جي ڪهاڻين ’بلو دادا‘، ’بدمعاش‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ جي Continuity آهي. +رفيق سومري، پرويز، تهمينه مفتي، عباس سارنگ، ضراب حيدر ۽ يوسف سنڌيءَ جي افسانن کي واقعاتي ۽ سماجي پس منظر آهي. +امر اقبال ۽ نسيم پارس گاد جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي ڏانءَ ۽ موضوع جي ٽريٽمينٽ ٻڌائي ٿي، ته اظهار جي سطح تي، هنن ٻنهي ۾ نئين انداز سان ڪهاڻي لکڻ جي صلاحيت آهي. +پر، هتي حقيقت هيءَ به آهي ته اسان کي جيڪڏهن پنهنجي ڪهاڻيءَ کي اڃا اڳيان وٺي وڃڻو آهي ته جمال ابڙي، غلام رباني آگري، نسيم کرل، ماهتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجي، ماڻڪ ۽ ايشور چندر وغيره جي ڪهاڻين جو مطالعو هڪ دفعو ٻيهر ۽ ضرور ڪرڻو پوندو: ۽ ايتروئي نه، ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۾ نئين ٽريٽمينٽ سان لکجندڙ ڪهاڻيءَ کي جيڪڏهن اسان سنجيدگيءَ سان نه پڙهيو، ته ياد رکو ته سنڌي ڪهاڻي اُتي ئي بيٺي رهندي، جتان پنجاهه سٺ سال اڳ اُن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو.“ +سنڌي ڪهاڻين جي مطالعي ڪرڻ سان هڪ حقيقت، جا فوراً اُڀري اکين جي اڳيان اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته ”سنڌي ادبي سنگت“ جي پلئٽ فارم تان، سنڌي ادب جي جيڪا صنف گهڻي کان گهڻي اُڀري آهي سان آهي ”ڪهاڻي“، ـــ ائين ڇو آهي؟ اُن جو ’پس منظر‘ سمجهڻ ضروري آهي. +مختصر ڪهاڻي (Short- Story) جنهن کي عام طرح ”افسانو“ به ڪوٺيو وڃي ٿو، ماڊرن مفهوم ۾، مغربي لٽريچر جي صنف آهي. سنڌي ٻولي انهيءَ سان ويهينءَ صديءَ جي ٻئي ۽ ٽئين ڏهاڪي ۾ آشنا ٿي. +اُن کان اڳ، اسان وٽ ’ڳالهين‘ ۽ ’داستانن‘ لکڻ جو رواج هوندو هو، يا وري ’قصن‘ ٻڌائڻ جو. ڪي قصا سازن تي ڳائي، برزبان به ٻڌائبا هئا: مثلاً، دودي چنيسر جو قصو. +ڇپيل قصن ۾ ممتاز دمساز، جان عالم، انجمن آرا، چار درويش، طوطو مينا، امير حمزي جو داستان، الف ليليٰ ۽ چندر ڪانتا گهڻو مشهور هئا. اهي سڀ قصا شڪارپور ۽ سکر جي مشهور سنڌي هندو ناشرن پوڪرداس ۽ هريسنگهه جا ڇپايل هوندا هئا. بنيادي طور ترجما هئا: هڪڙا اردوءَ مان، ته ٻيا هنديءَ مان. مڙني ۾ وڏو قصو ’چندر ڪانتا‘ هو، جيڪو اٺاويهن ڀاڱن ۾ هو. انهيءَ جو ضميمو ”ڀوتناٿ جي جيوني“ نالي سان الڳ ڇپيو هو. گويا، ”چندر ڪانتا“ جو سڄو قصو جميل اڻٽيهن جلدن يا ڀاڱن ۾ هو. +’چندر ڪانتا‘ هندي زبان جو قصو هو، جنهن جو ليکڪ بابو ديوڪي نندن کتري هو. داستان جي مسلمانن انهيءَ جي مقابلي ۾ اردوءَ ۾ ’داستان امير حمزه‘ لکيو، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو ڇپيو. ’الف ليليٰ‘ وري عربيءَ جو قصو هو. سر رچرڊ برٽن انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي دنيا جي افسانوي ادب (Fiction) ۾ هاڻي وڏي اهميت آهي. +پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهي قصا سنڌي زبان ۾ وري ڪونه ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ، سو، ”چار درويش“ قصو دوباره ڇپيو ۽ ”جان عالم“ جو قصو به، ڪجهه اختصار جي صورت ۾ هڪ اڌ دفعو ڇپيو. +’جهڙو راجا تهڙي پرجا“ عام چوڻي آهي. اهڙي چوڻي عربيءَ ۾ به آهي ته ’ماڻهو حاڪمن جي پويان هلندا آهن.“ انگريزن جي بادشاهي آئي، ته سندن اُٿيءَ ويٺيءَ ۽ رسم و رواج جو مجموعي اثر سڄي سنڌي معاشري تي پيو، سو، سنڌي ادب تي به پيو. انگريزي زبان جا ناول سنڌي زبان ۾ آيا. شروعات ٿي ترجمن سان. اُنهن ابتدائي ترجمن ۾، انگريزي ادب سان گڏ، روسي افسانوي ادب جا ڪي ڪتاب به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا. پر، اها ڳالهه روس ۾ ’اشتراڪي انقلاب‘ کان اڳ واري لٽريچر جي آهي. روسي انقلاب کان پوءِ خود روس ۾ لٽريچر تي جيڪو اثر پيو، اُن جو ردعمل، گڏيل هندوستان ۾، ’ترقي پسند ادب جي تحريڪ‘ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. +سنڌ ۾، ’ترقي پسند ادب جي تحريڪ‘ سان وابسته شروعاتي اديبن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، برڪت علي آزاد، قادر بخش نظاماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، سندري اُتمچنداڻي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اُتم، حشو ڪيولراماڻي، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق ”راز“ ۽ ٻيا گهڻائي لکندڙ شمار ڪري سگهبا. انهيءَ ئي دؤر ۾، سنڌ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو بنياد پيو. سنگت جي اجلاسن ۾ جيئن هاڻي، تيئن انهيءَ زماني ۾ به ڪهاڻيون ۽ شعر پڙهيا ويندا هئا ۽ مٿن بحث مباحثو ٿيندو هو. +سنڌي ڪهاڻيءَ تي تاريخي طور اڃا صحيح تحقيق ڪانه ٿي آهي. پر، عام تاثر اهو آهي ته پهرين اصلوڪن سنڌي ڪهاڻين نويسن ۾ امر لعل هنڱوراڻي، مرزا نادر بيگ، آسانند ممتوراءِ ۽ عثمان علي انصاريءَ جا نالا شامل ڪري سگهبا. هونئن ته پير حسام الدين راشديءَ جهڙي محقق ۽ تاريخ نويس به پنهنجي ’ادبي سفر‘ جو آغاز افسانه نويسي سان ڪيو هو. سندن افسانا سکر جي ’لمنار‘ پريس ۾ ڇپبا هئا. +پر، ’ترقي پسند ادب جي تحريڪ‘ جي پيغامَ يعني ”معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف“ کي خيال ۾ رکبو، ته حيدر بخش جتوئيءَ جو ڪتاب ”هارين جون ڪهاڻيون“ سنڌ ۾ ترقي پسند افسانوي ادب جو ’شاهڪار‘ تسليم ڪيو ويندو. کانئس پوءِ جيڪي برک ترقي پسند اديب اُڀريا، تن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو ۽ سائينداد سولنگيءَ جا نالا سرِفهرست ايندا. سائينداد سولنگيءَ جو افسانو ”انڌِي ۽ جنڊ“ شيخ اياز جو افسانو ”سفيد وحشي“ ۽ عثمان علي انصاريءَ جو افسانو ”ململ جو چولو“ ان دؤر جا شاهڪار آهن. اِها ڳالهه پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آهي. +پاڪستان ٺهيو، ته هندو ترقي پسند اديب ڀارت لڏي ويا. سندن دنيا ئي مَٽجي وئي. هِتِ سنڌ ۾ به سنڌي ادب ڪجهه عرصو تعطل جو شڪار رهيو. پر، سنه 1951ع ڌاري، سائين جي. ايم. سيد انهيءَ تعطل کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو. حڪومت پاڪستان مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ”نئين زندگي“ نالي ادبي بورڊ ٺهرايو. حڪومت پاڪستان مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ”نئين زندگي“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو ڪڍيو، جنهن جو ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي هو. ماهنامي ”نئين زندگي“ به سندس ايڊيٽريءَ هيٺ، سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر ۾ نمايان رول ادا ڪيو. ليڪن، سنڌي ڪهاڻيءَ صحيح معنيٰ ۾ اوج تڏهن ماڻيو، جڏهن جويي صاحب سنه 1955ع ۾ ”مهراڻ“ رسالو شايع ڪيو. +انهيءَ کان سال ٻه اڳ، 53 ـــ 1954ع ڌاران، نورالدين سرڪيءَ ۽ عبدالغفور انصاريءَ جي ڪوشش سان ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو بنياد پيو. جويو صاحب ان جو روح روان هو. احسان بدوي به ڪراچي ادبي سنگت جو نهايت اهم ڪارڪن هو. ’سنڌ سنگت‘ جو بنياد گهڻو پوءِ پيو. ـــ ـــ تيسين ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾، ادبي سنگت جون ڇٽيهه شاخون قائم ٿي چڪيون هيون، جيڪي پنهجي ليکي قابل تعريف ڪم ڪنديون هيون، مثلاً ڪراچي ادبي سنگت وانگر، حيدرآباد ادبي سنگت به تمام گهڻي سرگرم هئي. هونئن ته ان جا گهڻائي ڪارڪن هئا، پر، تنوير عباسي ۽ مقبول ڀٽي صحيح معنيٰ ۾ ان جا سرگرم اڳواڻ هئا. +اڳتي هلي، ’سنڌ سنگت‘ ٺهي، جنهن جو پهريون جنرل سيڪريٽري اياز قادري چونڊيو. ڪراچي ادبي سنگت جا شروعاتي اجلاس، سنڌ مدرسي ۾ احسان بدويءَ وٽ ٿيندا هئا، پوءِ اياز قادريءَ جي گهر ۾ ٿيڻ لڳا. انهن اجلاسن ۾ غلام رباني آگرو، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، خواجه سليم، تاج بلوچ ۽ ٻيا سماجي ۽ اقتصادي انصاف (Socio-Econonic Justice) جي عنوانن تي ڪهاڻيون لکندا هئا ۽ ’ادبي سنگت‘ جي روايت موجب، ادبي اجلاسن ۾ رهندا هئا. رشيد ڀٽيءَ پنهنجي شاهڪار ڪهاڻي ”بڻ“ پڻ اهڙي ئي هڪ اجلاس ۾ پڙهي هئي. انهن ڪهاڻين تي کليءَ دل سان بحث مباحثو ٿيندو هو. تاهم، جڏهن سائين محمد ابراهيم جويو پنهنجي راءِ ڏيندو هو، ته پوءِ ٻيو ڪير به ڳالهائڻ جي همت ڪونه ڪندو هو. سندس راءِ ’سند‘ ليکي ويندي هئي. +سنگت جي اجلاس ۾ پڙهيل ڪي ڪهاڻيون اهڙيون معياري هيون، جو نه رڳو هندستان ۽ پاڪستان جي ٻين زبانن ۾ ڇپيون، پر، ٻاهرين ملڪن ۾ به ترجمو ٿيون. مثلاً، روس ۾ جمال ابڙي جون ڪهاڻيون ڇپيون، ته چين جي ’شرجئي وڻشئي‘ ’عالمي ادب‘ رسالي غلام رباني آگري جي ڪهاڻين جا ترجما ڇپيا. اِهي ترجما روسي ۽ چيني اديبن انگريزيءَ تان ڪيا. ليڪن ممتاز مستشرقہ، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، جمال ابڙي ۽ غلام رباني آگري جي افسانن جا ترجما سڌو سنئون سنڌي زبان مان جرمن زبان ۾ ڪيا. +هندستان ۾ حشو ڪيولراماڻي، ڪن سنڌي ڪهاڻين جو انتخاب، انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو. اُنهن ۾ اڪثريت هندوستاني سنڌي ڪهاڻيڪارن جي هئي، پر سنڌ مان غلام رباني آگري، جمال ابڙي ۽ سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪهاڻين کي به ڪتاب ۾ شامل ڪيائين. ڪراچيءَ جي انگريزي روزنامہ ”ڊان“ جي مبصر (محمد خان) ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکيو ته: +”شاهه عبداللطيف جا هي هم وطن، واقعي وڏا آرٽسٽ آهن. سؤ سوا صفحن جو هي ڪتابڙو سون ۾ تورڻ جي لائق آهي.“ +آسمان مان من مسلويٰ نازل ٿيڻ وارو دؤر ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو. ڪنهن به اديب ۽ شاعر توڙي ڪهاڻيڪار يا ٻئي ڪنهن آرٽسٽ کي الهام ڪونه ٿو ٿئي. سندس داخلي واردات کي خارجي واردات ئي متاثر ڪري ٿي. هيءُ دنيا عالم اسباب آهي: ”سبب“ (Cause) ۽ ”نتيجي“ (Effect) جو جهان آهي. اهو قدرت جو ازلي ۽ ابدي قانون آهي. +مٿي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ صاف صاف نظر ايندو ته هر دؤر ۾، سنڌي ڪهاڻيءَ کي زور وٺائڻ جا سباب ’سنڌي ادبي سنگت‘ ئي پيدا ڪيا. +سنڌي ڪهاڻيءَ هميشه سنڌي معاشري جي حقيقي تصوير پيش ڪئي آهي. سنڌي ڪهاڻيڪارن قلم جي وسيلي معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هو ڄاڻن ٿا ته ”انسان فقط مانيءَ جي ڳڀي لاءِ زندگي ڪونه ٿو گذاري“ ـــ ـــ “A thing of beauty is Joy for ever”. +پر، هو ان ۾ ايترو اضافو ڪن ٿا ته “But, it Shoult be Joy for all” +خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي سنگت اڄ به ادل سومري جهڙي وطن دوست ۽ باشعور دانشور جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجو رول موثر نموني ۾ ادا ڪري رهي آهي، جنهن جو ثبوت هيءُ املههُ ڪتابُ ”ڪهاڻيون“ آهي، جيڪو بلاشبه، ”سون ۾ تورڻ جي لائق آهي.“ +حيدرآباد جي ناظم، مخدوم رفيق الزمان صاحب، اها تجويز ڏني ته ”ڪراچيءَ ۾ ٻاهرين ملڪن جي قانصل جنرل صاحبان کي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏجي.“ +مسٽر غلام رباني آگري ايران جي قانصل جنرل کي دعوت ڏيڻ جي ذميواري کنئي ۽ چيو ته ’مان ڪوشش ڪندس ته ايران جو ڪو اسڪالر، اسلامي تصوف جي حوالي سان، شاهه سائينءَ تي مقالو پڙهي‘. سندس ڪوشش سان، اسلام آباد مان ايراني سفارتخاني جو ڪلچرل ڪائونسلر آغا مصطفوي سبزواري، ٽن ايراني عالمن جي وفد ۾، ڀٽشاهه پهتو، جن ۾ ڪراچيءَ ۾ ايران جو قانصل جنرل پڻ شامل هو. +حيدرآباد جي ناظم مخدوم رفيق الزمان صاحب، سنڌ سرڪار جي سيڪريٽري ثقافت مسٽر عاشق حسين ميمڻ، مير حسن علي، ڊي. سي. او. حيدرآباد، مسٽر عبدالقادر منگي اي. ڊي. او. فنانس ۽ مسٽر غلام رباني آگري وفد جي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. مخدوم صاحب سنڌ جي روايت موجب، ايراني مهمانن جي اجرڪ پوشي ڪئي، ۽ کين قرآن پاڪ جو حضرت مخدوم نوح رحه جو فارسي ترجمو تحفي طور ڏنو. جناب عاشق حسين ميمڻ کين شاهه سائينءَ جي ”گنج“ جو تحفو ڏنو. بعد ۾، ايراني وفد، شاهه سائينءَ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح پڙهي. +ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي عالمن مفڪرن، اديبن ۽ شاعرن شاهه سائينءَ جي حضور ۾ سڪ سان خراج عقيدت پيش ڪئي. سندن مقالا ڪتابي صورت ۾ دستور موجب ڇپبا. +ايراني اسڪالر، آغا مصطفويٰ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ��ولانا جلاول الدين رومي“ عنوان هيٺ، ڪانفرنس ۾ مقالو پيش ڪيو، جنهن جو سنڌي ترجمو، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي خاندان جي چشم و چراغ، اعجاز بيگ مرزا صاحب، بروقت، سامعين جي اڳيان پيش ڪيو. هِتِ اسان انهيءَ مقالي جو اختصار ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن جي ملاحظي لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. +(ادارو مهراڻ) +ڊاڪٽر رضا مصطفوي سبزواري +شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ +مولانا جلال الدين رومي +سرزمين مشرق جون ڪي خصوصيتون آهن. جن مان هڪ تي اهل قلم طبقي کي خاص طور فخر آهي: اُها آهي، اُنهن عارفن جو وجود، جن هن سرزمين تي جنم ورتو. اُنهن پاڪ سرشت ۽ نيڪ طبع عارفن، عوام جي ذهني تعليم ۽ تربيت ۾ تمام وڏا ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏهن اُنهن نيڪنام عارفن جو وجود نه هجي ها، ته عام ماڻهو علم ۽ ڪمال جي بُلندين تي پهچي ڪونه سگهن ها. +سندن مڪتب فِڪر جي جانشين صاحب ڪمال بزرگن ۾، علي بن عثمان جويري، خواجه عبدالله انصاري المعروف، ’پيرِ هرات‘ شيخ شهاب الدين سهروردي، بابا فريد گنج شڪر، خواجه نظام الدين اولياء، مولانا رومي، فخر الدين عراقي، سنائي، غزنوي ۽ سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرفهرست آهن. هنن بزرگن اسلام معاشري جي تعيمر لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ سندن اقوال ۽ ڪتاب شامل آهن. خلقِ خدا صدين جون صديون اُنهن مان استفادو ڪيو آهي. +هنن بزرگن پنهنجي پنهنجي دور ۾ ملڪي معاشري ۾ اعليٰ انساني افڪار پيش ڪيا. اسان مثال طور حضرت هجويريءَ جي ”ڪشف المحجوب“ بابا فريد جي ”اسرار الاولياء“ امام غزاليءَ جي ”ڪيميائ سعادت“، مولانا روميءَ جي ”مثنوي“، خواجه عبدالله انصاريءَ جي ”مناجات نامه“ ۽ ”فوايد الفوايد“ ۽ ”شاهه جي رسالي“ ڏانهن اشارو ڪري سگهون ٿا. +گهڻن ماڻهن کي شاعري نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڻندڙ آهي. اها ڳالهه بي بنياد ڪانه آهي. تازو انساني نفسيات تي شاعريءَ جي اثرن جي سلسلي ۾ تحقيق ڪئي ويئي آهي. ”استعلاجي شاعري“ جي عنوان سان بعض تحقيقي ڪم ڪيا ويا آهن. چانچه، شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ سماع هرهنڌ خانقاهن ۽ صوفين ۽ عارفن جي تربيتي مرڪزن ۾ عام طرح مفيد ۽ قابل قدر اثر وڌو آهي. +شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ، اُنهن بزرگ عارفن مان هو، جن مولانا جلال الدين روميءَ کان گهڻي ۾ گهڻو اثر ورتو. هن سنڌي زبان ۾، شعري واردات، فراق، وحدت، رحمت الاهي، آتش عشق ۽ درد کي شهداءِ عشق جي صورت ۾ پيش ڪيو. اهلِ دل انسانن جي اُنهن اعليٰ اقتدار تي خاص ڌيان هوندو آهي. +رساله ”خلاصة العارفين“ حضرت شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي قولن جو مجموعو آهي. اُن ۾ هڪ معاملي جي تشريح هن طرح ڪيل آهي: +”عشق اُهو آهي جو انسانُ خدا کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏسي. هُو جنت، دوزخ، ثواب، و عذاب، اهل عيال ۽ مال جي طرف ڪڏهن ٿو ڏسي سگهي؟“ +مٿيون فڪر خدا جي ذات ۾ مڪمل طرح فنا ٿي وڃڻ جو دليل آهي. +عارفن وٽ حق تعاليٰ عزوجل سان خطاب ۽ اُن جي ذات اقدس جي متعلق تعميرات ۾ هڪ ڪلمو ”دوست“ آهي، جو قرب خداونديءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. غالباً، قرآني آيت، ”ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد“ جي توجيہ آهي. بقول سعدي ”دوست نزديک تر از من به من است.“ +حافظ شيرازي پڻ پروردگار عالم جي باري ۾ اهوئي تعبير ’اصطلاح دوست‘ جي طور تي استعمال ڪيو آهي شيخ بهاءُ الدين ذڪراي پڻ الله تعاليٰ سان خطاب ۾ انهيءَ ئي خوبصورت ترڪيب کي استعمال ڪيو آهي. +شيخ بهاءُ الدين بغداد جي مسجد ڪهف ۾ تشريف فرما هو. اُتي موجود حاضرين جي وچ ۾ ’عشق’ جي موضوع تي گفتگو ٿي ر��ي هئي. اوچتو ٻه شعر سندس زبان تي جاري ٿي ويا ۽ اُتي موجود سمورن حاضرين ۾ هيجان ۽ جوش و خروش پيدا ٿي ويو. +حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا جا ڪي شعر، جيڪي خدا جي ذات پاڪ سان عشق ۽ عالم شوق ۽ سندس وجود ۾ محو ۽ گُم ٿيڻ جي حوالي سان سرشاري ۽ وفور جذبات ۾ چيا ويا آهن، تن ۾ هڪ ”خاص قسم“ جو اثر آهي. +ذڪريا مٿين شعرن کي انتهائي شوق جي عالم ۾ چوندو هو. هڪ ڀيري ته ست ڏينهن سانده، حق تعاليٰ سان عشق ۽ شوق جي عالم ۾ مستغرق هو. دنيا ۾ وما فيها کان بيخبر هو. شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي فارسي ڪلام کي تمام مٺو، دلچسپ ۽ مفيد سمجهيو ويندو آهي. سندس عقيدو هو ته اگر ڪوئي موحد، نماز جي حالت ۾ حق تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي فڪر ۾ هجي، يا الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ تي ڌيان ڏئي، ته اهڙي نماز موحدن جي نماز نه، پر ٻارن جو مشغلو هوندي آهي. +*شيخ بهاءُ الدين ذڪري ملتانيؒ جهڙو عارف، جو برصغير پاڪ و هند ۾ سهروردي سلسلي جو بانيڪار هو، ايران جي عارفن مان، اُنهن جي هم ملڪ ثقافت جي ڪڙين مان هڪ سمجهڻ کپي، جن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي آثارن جي تخليق ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن جي باهمي اثرن، خود ٻن برادر، دوست ۽ هم ثقافت ملڪن (ايران ۽ پاڪستان) جي رشتن جي ڪڙين کي مضبوط ڪيو آهي، اسان اِنهيءَ قديم ۽ پائدار دوستيءَ جي استحڪام لاءِ اڄ ڀٽ شاهه ۾، هن پاڪ محفل ۾ ڌڻيءَ جي در دعُا گهرون ٿا. +سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پير حسام الدين راشدي سيمينار +پير حسام الدين راشدي سنڌ جي باغ و بهار شخصيت آهي، جنهن جي خوشبو سنڌ ۾ چوڏس پکڙيل آهي. عيسوي ويهينءَ صديءَ کي اهو شرف حاصل آهي ته پير صاحب منجهس ئي اکيون کوليون ۽ ٻاهتر ورهين جي ڀرپور ڄمار ماڻي، پنهنجي جانِ ’جان آفرين‘ جي سپرد ڪئي. +سنڌ جي تاريخ نويسن ۾، هو ’يڪتا‘ آهي، جنهن سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريو. سنڌ جو پهريون عالم ۽ محقق آهي، جنهن نوجوان نسل جي ذهن ۾ ’شعوري طرح‘ قومپرستيءَ جو ٻج وڌو. انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو، ته ڳالهه سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي، ته سنڌ جو نوجوان نَسُلُ اڄ پير صاحب جو پرستار ڇو آهي؟ +پر، ايڏي عروج تي پهڇڻ ۽ اعليٰ آدرش ماڻڻ لاءِ ماڻهو کي نيڪنيتيءَ ۽ اڻٿڪ محنت سان گڏ، مالي وسيلا به کپن. پير صاحب کي اهي وسيلا سنڌي ادبي بورڊ مهيا ڪيا. پاڪستان جي اندر توڙي ٻاهر، ٻيو ڪوبه ادارو ڪونه آهي، جو اهڙي دعويٰ ڪري سگهي. +اهو وري پير صاحب جو ”اعليٰ ظرف“ هو، جو پاڻ انهيءَ ڳالهه جو کليل لفظن ۾ نه فقط اعتراف ڪندو هو، پر، اعلانيه چوندو هو ته ”اسان اڄ جيڪي به آهيون، اهو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪري آهيون.“ +ڪوبه ڪتاب لکڻ سولو ڪونهي. پر، تحقيقي ڪتاب ته الائي ڪيتريءَ محنت کان پوءِ تيار ٿئي ٿو. ماڻهوءَ کي صحيح معنيٰ ۾ ’نور نچوئڻو پوي ٿو.‘ هر هنڌان، قلمي ڪتاب جا نسخا هٿ ڪرڻا پون ٿا. انهن جي ڀيٽا لاءِ، مئڪرو فلمون ۽ مئڪرو فلم ريڊر ڪم آڻڻا پون ٿا. جڏهن ڪتاب جو متن تيار ٿئي ٿو، ته ان کي صاف ڪرڻ لاءِ نقل نويس کپن. ان کان پوءِ ڪاغذ ۽ مس کپي. ڇپائيءَ جون مشينون کپن. جلد بنديءَ جو سامان کپي. لکن رپين جو خرچ کپي. تڏهن وڃي ”معياري تحقيقي ڪتاب“ تيار ٿين ٿا. +پير صاحب کي اهي سڀ اسبابَ، گهر ويٺي، سنڌي ادبي بورڊ مهيا ڪندو هو. نه فقط ايترو، پر، ڪنهن زماني ۾، کيس گهر ويٺي، سالن جا سالَ، هر ماه هڪ هزار رپين جو نذرانو پڻ پيش ڪندو هو، (جيڪو، اڄوڪي ملهه ۾، ڏهن هزارن رپين کان گهٽ ڪونه ٿيندو). پاڻ جيڪي به ڪتاب لکندو هو، تن لاءِ کيس مڪمل آزادي هئي. ڪنهن به منظوريءَ جي ضرورت ڪانه هئي. ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي يا فارسيءَ ۾ لکي، بورڊ سندس مرضيءَ موجب، ڇاپيندو هو، اهوئي سبب آهي جو سندس لکيل ڪتابن ۾ گهڻي کان گهڻا ۽ زخيم ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل آهي. وفات کان پوءِ به سندس ياد ۾، جيڪي ”شاندار نمبر“ نڪتا آهن، سي به سنڌي ادبي بورڊ جي ”مهراڻ“ رسالي ڪڍيا آهن. توڙي جو پاڻ ٻين بيشمار ادارن جو ميمبر هو، بلڪ ڪن جو ته باني به هو. +خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري ”پاڪستان اسٽڊيز“ سندس ياد ۾ 16 ــ مئي تي سيمينار ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو زبان جي نامور اديبن ۽ دانشورن، سنڌ جي هن برگزيده عالم کي سڪ سان خراج عقيدت پيش ڪئي. +اداري جي سربراهه، محترمہ چاند بيبيءَ جلسي جي ڪارروائيءَ ”مهراڻ“ ۾ اشاعت لاءِ اسان کي عنايت ڪئي. ان سان گڏ، محترم حميد سنڌيءَ پڻ ان جلسي لاءِ لکيل پنهنجي تقرير، اڳواٽ اداري ”مهراڻ“ کي موڪلي ڏني. ’مهراڻ‘ جي پرچو ذري گهٽ ڇپجي چڪو هو. سو، ٻنهي جي فقط ”اختصار“ مهربان پڙهندڙن جي ملاحظي لاءِ هيٺ پيش ڪجي ٿو. ـــ ادارو ’مهراڻ‘ +سيمينار جي صدارت نامور دانشور، پروفيسر قوي احمد ڪئي سيمينار جي ميزبان ۽ پاڪستان اسٽڊي سيينٽر جي چيئرپسن، محترمہ چاند بيبيءَ گفتگوءَ جو آغاز ڪندي، پنهنجيءَ مرحبائي تقرير ۾ چيو ته ”پير صاحب جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي. پر، هن سيمينار ۾ اسان جا معزز مقرر، سنڌ جي عظيم شخصيت، پير حسام الدين راشديءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي روشني وجهندا ۽ کين عقيدت جا گل پيش ڪندا.“ +جناب غلام محمد لاکي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”مان وڏو بدقسمت آهيان، جو سنڌ جون ٻه عظيم شخصيتون نه ڏٺيم: هڪ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻيو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي صاحب. ليڪن، پير صاحب جهڙي شخصيت ڏٺم، ساڻس ڪچهريون ڪيم ۽ خط و ڪتابت پڻ ٿي. پير صاحب ٽن ٻولين سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن.“ محترم لاکي صاحب انهن ڪتابن جا نالا به ٻڌايا. سندس تقرير مختصر پر جامع هئي. +محترمه مهتاب محبوب ’ڪسر نفسيءَ‘ کان ڪم وٺندي چيو ته، ”پير صاحب لاءِ ٻه لفظ لکي پنهنجي لاءِ وڏي عزت افزائي ٿئي ها. پر، هتي وڏا وڏا دانشور ويٺا آهن، جن جي مقابلي ۾ آءُ ڇا ٿي ڳالهائي سگهان، اسان دنيا جي تاريخ ۾ جو زنده آهيون، اهي پير صاحب جي حوالي سان آهيون.“ +مسٽر نصرت حسين ابڙي پير صاحب کي ’خراج عقيدت’ پيش ڪندي چيو ته ”پير صاحب هڪ وڏي شخصيت آهي، جنهن جي ڪابه حد نه آهي. پير صاحب لاءِ به چار ڪلاڪ نه پر هڪ هفتو ويهي تقرير ڪجي، ته به گهٽ آهي.“ +ڊاڪٽر بعقوب مغل پنهنجي علمي تقرير ۾ چيو ته ”پير صاحب فارسي زبان ۽ ادب ۽ ايران جي تاريخ تي هڪ بين الاقوامي اسڪالر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ادبي خدمتن جي مڃتا ۾، ”حڪومت ايران“ کيس ادبي ايوارڊ ”نشان سپاس“ ۽ ”ڊاڪٽوريٽ جي اعزازدي ڊگري“ ڏني. حڪومت پاڪستان پڻ کيس ”ستاره امتياز“ ڏنو هو. +هن چيو ته، ”پير صاحب سنڌجي تاريخ ۽ ثقافت جي بنيادي ماخذن کي شايع ڪرائي، سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي سرمائي کي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو آهي. سندن اها خدمت هميشه لاءِ تاريخ ۾ ياد رهندي.“ +مسٽر نواز علي شوق پنهنجي دلپذير تقرير ۾ چيو ته ”پير صاحب اهو ڏسندو هو، ته جنهن ۾ ڪجهه داڻا ڪڻا آهن، انهيءَ کي اڳتي وڌائجي. پير صاحب جو هڪ اسٽئنڊرڊ هو، ته ’معياري شي تيار ڪرڻ کپي.‘ شوق صاحب افسوس جو اظهار ڪيو ته ”اسان پير صاحب کي پڙهيو ئي ڪونهي. ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه آهي.“ +شوق صاحب چيو ته، ”هڪڙي ڏينهن مون کانئن پڇيو ته ”سائين، توهان سڄي زندگي تاريخ تي ڪم ڪيو. ڇا توهان مطمئن آهيو، ته سنڌ جي تاريخ تي خاطر خواه ڪم ٿيو آهي؟“ +چيائين ته ”ڪم ٿيو ڪٿي آهي؟ مون ته رڳو ’سورس مٽيريل‘ (Source Material) جو ڪجهه حصو ايڊٽ ڪري ڏنو آهي.“ +جناب حميد سنڌيءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”سنڌ ۾ هن وقت، هر هنڌ، دانهن آهي ته اسان جو نوجوان نسل ڪتاب ڪونه ٿو پڙهي. اسان جو نوجوان نسل پنهنجن ڏاهن جي باري ۾ بي خبر آهي. پير صاحب سنڌ جي تاريخ تي لکيو آهي، جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي. پر سوال اهو آهي ته انهيءَ مان اسان جي نوجوان اديبن ڪيترو پرايو آهي؟ ڪو نوجوان ڪتاب ڪونه ٿو وٺي. ڪو رسالو ڪونه ٿو وٺي. عظيم انسانن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو طريقه ڪار اهو آهي، ته سندن ڪارنامن مان ڪجهه پرايو وڃي.“ حميد صاحب چيو ته ”پير صاحب جي ڪتابن مان گهڻا سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل آهن، جيڪي هٿ ڪرڻ ۽ پڙهڻ ڏکي ڳالهه ڪانهي.“ +حميد صاحب، پنهنجيءَ تقرير ۾، پير صاحب جي ياد ۾ اڳ ۾ ڪوٺايل جلسن جو دوستانه لهجي ۾ ڪجهه شڪريو به ڪيو ۽ چيو ته ”ٽيو ورهيه، مسٽر حسين شاهه راشديءَ جي چوڻ تي، اديبن ۽ ادارن پير صاحب جي تربت تي، يارهين بجي صبح جو مڪليءَ ۾ گلن جو چادرون چاڙهيون. پر، حسين شاهه پاڻ ٻارهين بجي پهتو. ان کانپوءِ، ان موقعي تي مڪليءَ ۾، ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ اڪثر سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سخت گرميءَ ۾ هڪ کليل شامياني ۾ ويهاري واپس روانو ڪيائين. تاج بلوچ صاحب، ”سوجهري“ رسالي جو ”پير صاحب نمبر“ ڪڍيو هو. کيس به تقرير جو موقعو ڪونه ڏنائين. +ٻئي ڀيري مسٽر حسين شاهه جي چوڻ تي مون پاڻ پنهجي گهر ۾، ”بزم روح رهاڻ“ طرفان، Curtain Raiser جي نموني تي، چاليهارو کن دوستن جو ميڙاڪو ڪوٺايو. حسين شاهه ”خاص مهمان“ هو. منهنجيءَ نماڻيءَ ڪوشش جي مڃتا پنهنجيءَ تقرير ۾ بلند بانگ دعوائن سان ڏنائين. پر، ان کان پوءِ، جڏهن ”آواري هوٽل“ ۾ جلسو ڪوٺايائين، ته وري به، اتي ٺٽي وانگر، مون سان جٺ ڪيائين. ڪن کي ٻه چار منٽ ڳالهائڻ ڏنائين، ته ڪن کي اڌ ڪلاڪ ڏنائين ـــ توڙي جو پاڻ ئي سڄيءَ ڳالهه جو منتظم هو. +حميد صاحب چيو ته، ”اڄ شاباس آهي، محترمہ چاند بيبيءَ کي، جنهن ڪنهن به مقرر تي پابندي کانسواءِ هيءُ سيمينار ڪوٺايو آهي.“ +حميد صاحب چيو ته ”سنڌ يونيورسٽي جي فاضل وائيس چانسيلر، محترم جناب مظهر الحق صديقيءَ، گذريل سال واري ”آواري ٽاور“ هوٽل جي جلسي ۾، منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪئي هئي، ۽ چيو هو ته ’سيمينار طئي ٿيل پروگرام مطابق ٿيڻ گهرجي.‘ +محترم صديقي صاحب، مسٽر حسين شاهه جي انهيءَ بي بنياد شڪايت جي به صفائي ڪري ڇڏي هئي ته ’سنڌالاجيءَ مان پير صاحب جا نوادرات گم ٿي ويا آهن.‘ +مومن صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”پير صاحب جا ڪتاب پڙهو، علامه آءِ. آءِ. قاضي کي پڙهو، مرزا قليچ بيگ کي پڙهو. ڪنهن به تاريخي فرد کي ياد ڪرڻ يا خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندس ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ تمام ضروري آهي.“ هن چيو ته ”نوجوانن کي پير صاحب جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن، ته جيئن تاريخ کان واقف ٿين.“ +مسٽر حسين شاهه راشديءَ پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته، ”پير صاحب سنڌي قوم جو سرمايو آهي، جنهن جي ڪيل ڪم مان اسان جو نوجوان نسل تحقيق ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.“ هن چيو ته ”علمي ادارا، هاڻي، جديد ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ، تاريخ جي شعبن ڏانهن به نوجوانن کي راغب ڪن.“ +مسٽر حسين شاهه راشديءَ اعلان ڪيو ته ”پير صاحب جو مون وٽ ڪافي اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جيڪو جل�� ڇپرائي عوام تائين پهچائبو.“ +ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته ”پير صاحب مخلص ماڻهو ۽ سچو عالم هو. بلڪ هڪ ادارو هو، جنهن جو واضح ثبوت هي آهي، ته گهڻن ئي اسڪالرن کانئس رهنمائي حاصل ڪري، پنهنجي علمي تحقيقات کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو ۽ پي. ايڇ. ڊي جون اعليٰ ڊگريون حاصل ڪيون. حقيقت اها آهي، ته اسان پير صاحب مان گهڻو پرايو آهي.“ +پروفيسر قوي احمد پنهنجيءَ صدارتي تقرير ۾ چيو ته ”الله سائين علم کي ڪڏهن به پابند ڪونه ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو پير حسام الدين راشدي تحقيق جي علم ۾ وڏو مقام ۽ شهرت حاصل ڪئي آهي. درحقيقت، اها ڳالهه پير صاحب جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو آهي. مٿس خدا جو فضل هو. بيشڪ، هو عظيم انسان هو. اسان سڀني کي پير حسام الدين راشديءَ جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي فخر آهي.“ هن چيو ته ”سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجي وطن جي تاريخ کي سمجهڻ گهرجي.“ +آخر ۾، پروفيسر چاند بيبي سلطانه، سمورن مقررن ۽ مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ”سنڌ جي ماڻهن کي پير حسام الدين راشدي جي لکيل تاريخ جي ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي. +ن. ا. ش +غلام رباني آگرو ــــ سنڌي ادبي بورڊ جو نئون چيئرمين +13 ـــ جولاءِ 2002ع تي، سنڌ سرڪار، مسٽر غلام رباني آگري کي، ٽن سالن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي. هُو ملڪ جو مشهور سنڌي ادبي ۽ دانشور آهي. سندس ڪن تحريرن جا ترجما، اردوءَ ۽ هنديءَ کان علاوه، چيني، جرمن ۽ انگريزي زبانن ۾ ٿيا آهن. هن پنهنجي ادبي سفر جو آغاز، سنڌي زبان ۾ افسانه نويسيءَ سان ڪيو هو، اڳتي هلي، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي ’اسلامي اثرن‘ جي پس منظر ۾، مختلف عنوانن تي ’تحقيقي مضمون‘ پڻ لکيائين. سندس تخليقي تحيررن جو خاص موضوع معاشري ۾ ”سماجي ۽ اقتصادي انصاف“ آهي. پر، تحقيقي ادب ۾، ”برصغير جي تاريخ“، ”سنڌي ثقافت“ ۽ ”سيرت رسول ﷺ“ سندس دلپسند موضوع آهن. +پاڻ به سال ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ سان گڏجي ڪم ڪيائين. ان زماني ۾، ڪجهه عرصو روزانه ”الوحيد“، روزانه ”نواءِ سنڌ“ ۽ روزانه ”نئين سنڌ“ سان به وابسته رهيو. آڪٽوبر 1957ع ۾، محمد ابراهيم جويو صاحب کيس ماهنامي ”نئين زندگي“ مان سنڌي جي بورڊ ۾ وٺي آيو، جتي ڏهاڪو سال پهريائين اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ پوءِ ڏهاڪو سال سيڪريٽري رهيو. انهيءَ ئي عرصي ۾، ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو بنيادي ايڊيٽر ۽ پڻ ٽماهي ”مهراڻ“ جو نگران ٿي رهيو. منهنجي سنڌي ادبي بورڊ ۾ مقرري ٿي ته هُو اڳيئي اُتي موجود تڏهن کان اسين ساڳئي اداري ۾ رفيق ٿياسين. هو مون کي مهل موقعي سان اسلام آباد به سڏيندو هو. +1979ع کان 1979ع تائين، حڪومت سنڌ کيس مقرر معياد لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروــــ وائيس چانسيلر ڪري موڪليو. وري، سنه 1984ع ۾، حڪومت پاڪستان کيس حيدرآباد مان اسلام آباد بدلي ڪيو، جتي، قومي لبول تي، ادبي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺايائين. اُن سان گڏ، ايران، چين، بنگلاديش ۽ هندستان ۾ پاڪستان جي ادبي وفدن جي اڳواڻي ۽ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪيائين. انهن ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان کيس تحفو ڏنو. +’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس‘ ۾ ڊئريڪٽر جنرل ۽ چار سال چيئرمين رهيو، جتان پوءِ ٽن سالن جي عرصي لان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ٽي سال ميمبر مقرر ٿيو. انهيءَ کان اڳ، حڪومت پاڪستان، ڪجهه عرصي لاءِ کيس اردو سائنس بورڊ، لاهور ۽ ’اداره برائي تحقيق ۽ ثقافت، اسلام آباد‘ جي ڊئريڪٽرن جي عهدن جون اضافي ذميواريون پڻ سونپيون هيو��. +انهيءَ عرصي دوران، هو قائداعظم ايڪيڊمي، (ڪراچي)، اقبال اڪيڊمي، (لاهور)، اردو لغت بورڊ، (ڪراچي)، اداره ثقافت اسلاميه (لاهور)، نيشنل فلم سينسر بورڊ، (اسلام آباد)، نيشنل بوڪ ڪائونسل (اسلام آباد)، نيشنل بوڪ فائونڊيشن، (اسلام آباد)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، (ڄامشوري) ۽ سنڌي ادبي بورڊ (ڄام شوري) جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. +حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ رهائش دوران، کيس سنڌ جي ممتاز عالمن، دانشورن ۽ شاعرن علامه آءِ. آءِ. قاضي، سائين جي. ايم. سيد، شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پير حسام الدين راشديءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد علام مصطفيٰ شاهه، مسٽر محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جو قرب حاصل ٿيو. ساڳئي وقت، بين الاقوامي شهرت جي ملڪي ۽ غير ملڪي عالمن: ڊاڪٽر حميده الله (پئرس)، ڊاڪٽر اي. ايڇ. داني (اسلام آباد)، ممتاز اردو مزاحيه نويسن، ريئر سرجن ايڊمرل شفيق الرحمان، صدقي سالڪ ۽ سيد ضمير جعفري (اسلام آباد)، مسلم ثقافت جي محققن ۽ اردو زبان جي اديبن: سراج منير، ڊاڪٽر رشيد جالنڌهري (لاهور)، ڊاڪٽر جميل جالبي، ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، (ڪراچي)، نامور پشتو شاعر غني خان (صوبه سرحد)، ايران شناسيءَ جي ماهرن: آغا جعفر محبوب ۽ ڊاڪٽر علي اڪبر جعفري، انگريز عالمن: ڪرسٽافر شيڪل ۽ ڊيوڊ چِيزِمَئِن، جرمنيءَ جي ممتاز مستشرقہ پروفيسر اينيمري شمل ۽ چين جي مرڪزي ادبي انجمن جي نائب صدر، مسٽر چومنگ سان سندس دوستانا لاڳاپا قائم ٿيا. چومنگ مٿس هڪ سٺو مضمون لکيو ۽ عالمي شهرت واريءَ روزانه ”پيپلس ڊيلي“ (Peoples Daily) سندس جامع انٽرويو ڇاپيو. +ڄام شوري ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده عمارتن جي اڏاوت ۽ پرنٽنگ پريس جو قيام ۽ اسلام آباد ۾ اڪادمي اديبات پاڪستان جي پرشڪوه عمارت جي تعمير، سندس اڻٿڪ ڪوششن جا نتيجا آهن. +سندس ڪتابن ۾ ”آبحيات“ ۽ ٻيا افسانا، ”جهڙا گل گلاب جا“ اديبن جي خاڪن جو مجموعو ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ مشهور آهن. +تازو سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس چيئرمين مقرر ٿيڻ تي، سنڌ جي عالمن، اديبن، دانشورن ۽ اعليٰ عهديدارن: روبرو ملاقاتن ٽيليفونن ۽ خطن وسيلي کيس مبارڪ ڏني، ۽ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. اُنهن ڪرم فرمائن ۾ مسٽر نثار ميمڻ، وفاقي وزير اطلاعات ۽ ترقيءَ ابلاغ، حڪومت پاڪستان، مسٽر عاشق حسين ميمڻ، سيڪريٽري ثقافت سنڌ، جناب مظهر الحق صديقي، وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي، پروفيسر اسد الله قاضي، وائيس چانسيلر اسريٰ يونيورسٽي، مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، ناظم ضلعو حيدرآباد، مخدوم سعيد الزمان، مخدوم جميل الزمان، پروفيسر قوي احمد، مسٽر نياز پنهور ۽ ڊاڪٽر خير محمد لاڙڪ، ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ، پير سائين وهب الله شاهه راشدي ۽ مسٽر عبدالله شاهه راشدي، قاضي اسد عابد، سيڪريٽري جنرل، آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي، مسٽر گل محمد عمراڻي، ڊئريڪٽر جنرل، ڪلچر سنڌ، مسٽر محمد اسحاق لاشاري، ايم. ڊي، سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن، مسٽر حمير سومرو، مسٽر عمران حسين سومرو، پروفيسر مسز ممتاز ڀٽو، پرفيسر چاند بيبي سلطانه، محمد صالح راڄڙ، شوڪت حسين شورو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو ۽ تاج جويو، عبدلرزاق چانڊيو، مجيد پنهور، منظور پنهور، اعجاز قريشي، نور الدين سرڪي، حميد سنڌي، نصير مرزا، شيخ محمد اسماعيل، ڊاڪٽر محمود مغل، عبدالغفار صديقي، علي محمد چنا، نذير احمد ميمڻ، مراد علي نطاماڻي، مظهر يوسف، سليمي صاحب، آغا نور محمد پٺاڻ، مسٽر محمد علي ڏيپلائي، ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري، مسٽر عبيدالله جتوئي، مسٽر نظام الدين ميمڻ، ڊاڪٽر گل حسين لغاري، مسز ثمينه وقار، مسز ممتاز پير علي راشدي، مسز رشيده بلوچ (اسلام آباد) شامل آهن ــ منجهانئن ڪن ڪرم فرمائن جا خط هيٺ پيش ڪجن ٿا: +عزيز غلام رباني، +اسلام عليڪم: +سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مقرر ٿيڻ تي منهنجي دلي مبارڪباد قبول ڪندا. بلاشبه، اِنهيءَ عهدي لاءِ اوهان هر طرح ۽ بجا طور موزون ۽ مستحق آهيو. +دعائن ۽ سلامن سان، +مخلص +18-7-2002ع مظهر الحق صديقي +سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي +ڄام شورو سنڌ +محترم رباني صاحب، +السلام عليڪم: +خداوند تعاليٰ اوهان کي خوش ۽ آباد رکي! +سنڌي ادبي بورڊ ۾ بطور چيئرمين اوهان جي مقرري واري خبر منهنجي لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي. دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. +حيدرآباد +16-7-2002ع شيخ محمد اسماعيل +حيدرآباد +محترم غلام رباني آگرا صاحب، +السلام عليڪم: +اڄ اخبارن ۾ اهو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته سنڌ سرڪار اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ فرمايو آهي. ڏاڍي خوشي ٿي، ته سرڪار توهان جهڙي مخلص ۽ اداري جي سڄڻ جو انهيءَ عهدي لاءِ انتخاب ڪيو آهي. پنهنجو واسطو ’خط و ڪتابت‘ وسيلي ٿيو ۽ آخرڪار هڪ ’گَنِجريل‘ علمي ادبي مسئلي ۾ خير خوبيءَ سان ڪاميابي ڪئيسون. مون ڏٺو ته اوهان کي جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي، سو نيڪ نيتيءَ سان ڪندا آهيو. +هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ۽ پنهنجن ڀائرن طرفان توهان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ته توهان خيريت سان هوندا. +ٽنڊو جان محمد +16-7-2002ع مخلص +ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري +عزيزم غلامي رباني +السلام عليڪم: +هتان جي انگريزي اخبارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل ۽ اوهان جي چيئرمين ٿيڻ جي خبر پڙهيم. منهنجي دلي مبارڪباد قبول ڪندا. +مون کي پوري پوري اميد آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ، جهڙو باوقار ادارو اوهان جهڙي لائق انسان جي قيادت ۽ صلاحيت سان اڃا به وڏو وقار ماڻيندو. +ڪراچي +18-7-2002ع مخلص +ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري +عزيزم غلام رباني +السلام عليڪم +هتان جي انگريزي اخبارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل ۽ اوهان جي چيئرمين ٿيڻ جي خبر پڙهيم. منهنجي دلي مبارڪباد قبول ڪندا. +مون کي پوري پوري اميد آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ جهڙو باوقار ادارو اوهان جهڙي لائق انسان جي قيادت ۽ صلاحيت سان اڃا به وڏو وقار ماڻيندو. +ڪراچي +18-7-2002ع مخلص +س. ا. سليمي +ڪراچي +محترم رباني صاحب +السلام عليڪم: اميد ته خيريت سان هوندا. +توهان جون مهربانيون آهن، جو ياد ڪندا رهو ٿا. ٿورائتو آهيان. +سنڌي ادبي بورڊ اسان جو قومي ادارو آهي ۽ توهان جي اُن سان وابستگي تمام پراڻي آهي. سو، اداري جي بهتري ۽ ڀلائي جو اوهان کي اونو هوندو. عهدو هڪ ذميواري آهي، بورڊ جي چيئرمين يا سيڪريٽري ڳالهه ساڳي آهي. اصل ڳالهه آهي مڪمل سچائي سان ذميواريءَ کي نڀائڻ. +اُميد آهي ته اوهان نئين جذبي ۽ اُتساهه سان هن قوم جي اداري جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. شال سدائين خوش هجو. +22-7-2002ع نيڪ تمنائن سان، +واري تڙ، سکر. ادل سومرو +مانوارا سائين غلام رباني +السلام عليڪم: +اميد ته خوش باش هوندا. +سنڌي ادبي جو چيئرمين ٿيڻ تي واڌايون! مون کي بي حد خوشي ٿي آهي، جو اوهان جهڙي لائق شخص کي اداري جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. هونئن به اوهان سڄي عمر انهيءَ اداري لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو آهي. +18-7-2002ع دعاگو +ڪنڊيارو قاضي غلام نبي ناشاد +سنڌي ادبي سنگت (رجسٽرڊ) +خانواهڻ، ضلعو نوشهروفيروز +برادرم محترم غلام رباني آگرا +السلام عليڪم: +توهان کي مبارڪون هجن. توهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين طور تقرر جو احوال معلوم ڪري خوشي ٿي آهي. هي منصب توهان لاءِ ڪو وڏو اعزاز ناهي، ڇو ته هن کان اڳ توهان وڏن قومي ليول جي ادارن جا سربراهه رهي چڪا آهيو، سو، توهان جو سنڌي ابي بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تي تقرر نهايت مناسب آهي. +18-7-2002 نيازمند +حيدرآباد ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي +[سابق ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ] +محترم آگرا صاحب +السلام عليڪم: +خوش هجو شال، +اوهان جي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ٿيڻ جو ٻڌي بي حد خوشي ٿي اٿم. منهنجي ڌڻيءَ در دعا آهي ته رب پاڪ اوهان کي زندگي ۾ اهڙين بي شمار عنايتن سان نوازيندو رهي. +20-7-2002ع نادر ابڙو +حيدرآباد (ولد مرحوم تاج محمد ابڙو) +سرڪل آفيسر، عمرڪوٽ، سنڌ +منهنجا بزرگ سائين آگرا صاحب، +السلام عليڪم: سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مقرر ٿيڻ تي دلي مبارڪون. شال هميشه تندرستيءَ، ڀلائيءَ ۽ نيڪ ناميءَ سان هجو. والسلام. +نياز مند +عبدالسميع ولد سردار نظام الدين خان کوسو (مرحوم) +آچر 21- جولاءِ 2002ع +گهر نمبر 5/331 شاهه غازي محله جيڪب آباد +Professorial Office allama I.I. Kazi Chair +ادا غلام رباني +السلام عليڪم: منهنجي 14 اپريل واري خط جي جواب ۾ اوهان جو 26- اپريل وارو خط مليو. اوهان پيار وارو جواب لکيو آهي، جنهن لاءِ آءٌ ممنون آهيان. اوهان ذاتي طور تي مون لاءِ هميشه چڱا لفظ پئي چيا ۽ لکيا آهن. مون کي اُنهن جو احساس آهي. مون ڪنهن جو به احساس ڪونه وساريو آهي. اوهان جي احساس کي به ياد ڪندو رهندو آهيان. +تازو، رسالي مهراڻ ۾، ڪنهن غلط فهمي ڪري ڪي اکر شايع ٿيا، جن جي تلافي ٿيڻ گهرجي. عجب اهو آهي، جو ساڳئي وقت، انهيءَ قسم جون ڳالهيون، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رسالي ’ڪلاچي‘ ۾ شايع ٿيون. +29- اپريل 2002ع مخلص +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +اولڊ ڪئمپس حيدرآباد پروفيسر ايمريطس +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، موجوده دور ۾، سنڌ جي علمَ، ادب ۽ ثقافت جي ’علامت‘ آهي. غالباً، ٻئي ڪنهن به عالم ۽ محقق، هر هنڌ، پاڻ سرزمين تي وڃي، سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو اهڙو اونهو اڀياس ڪونه ڪيو آهي. بلاشبه، غالب جو هي شعر ڊاڪٽر صاحب تي صحيح ۽ صادق آهي: +غالب اپنا يه عقيده هي بقول ناسخ +’آپ بي بهره هي جو معتقدِ مير نهين‘ +ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي بورڊ کي اؤج تي رسائڻ ۾ سالن جا سال ”بي لوث محنت“ ڪئي آهي ۽ بورڊ پڻ، پنهنجي وس آهر، سندس خذمت ۾ ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. دعا آهي ته خداوند تبارڪ و تعاليٰ ڊاڪٽر صاحب جي صحت سلامت رکي، عمر دراز ڪري ۽ سڄيءَ سنڌ تي سندس سايو قائم رکي. ـــ ادارو +محترم غلام رباني +السلام عليڪم: +اخبارن ۾ خبر ڇپي آهي ته سنڌ سرڪار اوهان کي سنڌ جي اهم ادري، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي. آءٌ دل جي گهراين سان اِنهيءَ مقرريءَ تي اوها کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. دراصل، ڪافي جاين تي اهو اظهار ڪيو ويو هو ته ’سنڌي ادبي بورڊ معنيٰ غلام رباني آگرو ۽ غلام رباني آگرو معنيٰ سنڌي ادبي بورڊ.‘ اوهان جن حالتن ۽ مشڪلاتن هيٺ بورڊ کي زنده رکڻ لاءِ جاکوڙ پئي ڪئي آهي، تنهن کان هر شخص واقف آهي. اُنهيءَ حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪونه ڪندو. سو، حڪومت سنڌ جو اهو قدم سنڌي ادبي بورڊ لاءِ نهايت مناسب آهي. +منهنجي دعا آهي ته مولا ڪريم اوهان کي هر طرح ڪامياب ڪندو! آمين +والسلام +17-7-2002ع مخلص +حيدرآباد ڊاڪٽر غلام علي الانا +محترم غلام رباني +اخبارن ۾ خبر پڙهي ’خوشي‘ ٿيم، ته توهان کي سنڌي ادبي بورڊ ج�� چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ کي چئبو آهي: ”صحيح ماڻهو صحيح جاءِ تي.“ ــ منهنجون دلي مبارڪون! +ڪراچي +19-7-2002ع مخلص +مسز ممتاز پير علي محمد راشدي +* . شيخ ذڪريا کي سنڌ ۾ غوث بهاءُ الحق ملتاني ڪوٺيندا آهن. قلندر لعل شهباز جڏهن هندستان ۾ آيو، ته غوث پاڪ جي صحبت ۽ محبت پسند آيس، ڪجهه عرصو وٽس ملتان ۾ رهيو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جڏهن شاهه ڪريم جي روضي لاءِ ڪاشيءِ جي سرن وٺڻ واسطي ملتان ويو هو، ته غوث پاڪ جي روضي تي حاضري ڏني هئائين. \ No newline at end of file