diff --git "a/sindhiadabiboard.org/mehran/Book108.txt" "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book108.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book108.txt" @@ -0,0 +1,3269 @@ +ڪتاب جو نالو: مهراڻ 1990ع + + + +مهراڻ 1990ع +نفيس احمد شيخ +بِسِمﱞ اللهِ الرﱟحـﱞمٰنِ الرﱠحِيـﱡم +حال احوال (ايڊيٽوريل) +اديبن لاءِ ڪالونيون +وزيراعظم محترمـﮧ بينظير ڀٽو اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين لاءِ رهائشي ڪالونيون جوڙيون وينديون ۽ اسلام آباد ۾ شهيد ڀٽو رائيٽرس ڪالوني تعمير ڪئي پيئي وڃي. محترمـﮧ اهڙو اعلان نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان طرفان گذريل نومبر ۾ ”جمهوري ادبي اعزازات“ ڏيڻ جي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. +وزيراعظم جي هن اعلان جي ملڪ جي ليکڪن طرفان پرجوش آجيان ڪئي ويئي آهي. اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين جو وڏو طبقو اهڙو آهي، جن لاءِ رهائشي مسئلو زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو ۽ مُنجهائيندڙ مسئلو آهي. اديبن جي مالي حالت اهڙي ناهي جو پنهنجن ٻچن جي سر لڪائڻ لاءِ پنهنجي خرچ سان مناسب اجها اڏي سگهن. اديبن ۽ شاعرن جون زندگيون شعر و ادب جي خدمت ڪندي گذري ٿيون وڃن، پر هو ذاتي رهائشي گهرن کان محروم ٿا رهن. محترمـﮧ هي اعلان ڪري هڪ اهم مسئلي ڏي ڌيان ڏنو آهي. +اسان هن موقعي تي وزيراعظم محترمـﮧ جي هن اعلان جي آجيان ڪندي اهو مشورو ڏينداسين ته هائوسنگ ڪالونين جي رٿا کي اهڙي نموني مرتب ڪيو وڃي، جيئن وڌ ۾ وڌ ليکڪ اها سهولت آسانيءَ سان پنهنجن محدود مالي وسيلن آهر حاصل ڪري سگهن. +اها به هڪ اهم ضرورت آهي ته ان ڏس ۾ رٿائن کي جلد هٿ ۾ کنيو وڃي ۽ واسطيدار کاتن طرفان مڪمل گرمجوشيءَ ۽ تندهيءَ سان ان کي تڪميل تي پهچايو وڃي. +ان ڏس ۾ اسان حيدرآباد جي حوالي سان هڪ مشورو ڏينداسين ته حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين لاءِ رهائشي ڪالوني ڄامشوري ۾ جوڙي وڃي، جتي اڳي ئي يونيورسٽين ۽ اديبي ادارن جي حوالي سان اڪيڊمڪ، ريسرچ ۽ ڪلچرل ماحول ميسر ۽ موجود آهي. ان طرح سان حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي اديبن لاءِ هيءَ رٿا گهربل ادبي سهوليتن سان هڪ موزون ۽مثالي رٿا ثابت ٿيندي. +ساڳيءَ طرح سنڌ جي ٻين وڏين شهرن سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، دادو، سانگهڙ، خيرپورميرس، بدين، ميرپورخاص، شڪارپور، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، ٺٽي، ٽنڊي آدم، هالا، مورو وغيره ۾ پڻ اديبن جي رهائشي ڪالونين جوڙڻ طرف ڌيان گهرجي. +ايڊيٽوريل بورڊ ”مهراڻ“ +مهراڻ جي وقتائتي اشاعت ۽ ان جي خصوصي مقبوليت بابت اسان مهراڻ 1/89ع جي اداريه ۾ ڪن خاص نقطن جي اڳي ئي اپٽار ڪئي آهي. الله جي فضل سان، جنوري 1989ع ۾ بورڊ جي موجوده گورننگ باڊي جي نازمد ٿيڻ کان پوءِ، جناب مخدوم صاحب جن جي سربراهيءَ ۾، سندن خاص توجهه ۽ دعائن سان مهراڻ کي مچائڻ لاءِ ڪيئي خوشگوار موقعا ميسر ٿيا آهن. اديبن ۽ شاعرن جو مهراڻ سان والهانه ساٿ ته هر دؤر ۾ مثالي پئي رهيو آهي. مهراڻ جي مقبوليت جو هڪ ٻيو سهڻو دليل اهو به آهي جو ان جي سرڪيوليشن ۾ واڌ آئي آهي. +بـﮧ کان بهتر ۽ بهتر کان بهترين جي تلاش ۽ تمنا انساني طرفت جي هڪ پُربهار مثبت قدر آهي. خدا جو شام آهي، جو مهراڻ جي ڏس ۾ به ان ’جستجو‘ جو تازو هڪ وڻندڙ فيصلو ڪيو ويو آهي. 25- نومبر 1989ع تي بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾، مهراڻ کي اڃا به وڌيڪ دلپذير ۽ روح پرور بڻائڻ لاءِ، بورڊ جي فاضل چيئرمن ۽ مهراڻ جي سرپرست اعليٰ قبله مخدوم صاحب جن مهراڻ لاءِ ايڊيٽوريل بورڊ مقرر ڪرڻ فرمايو آهي. +اميد آهي ته نئين خوشگوار تبديليءَ سان مهراڻ کي اڃا به وڌيڪ معياري ۽ مقبول بڻجڻ جو موقعو ملندو. +وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾ +اَه! سائين عبدالڪريم سنديلو +2- جنوري 1990ع تي سنڌ جي نامور محقق ۽ عالم، مخلص تعليمي خدمتگار ۽ لغت ۽ لوڪ ادب جي اڻٿڪ وينجهار سائين عبدالڪريم سنديلي صاحب جي وفات جي خبر اهلِ سنڌ نهايت ڏک ۽ رنج مان ٻڌي. +ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو بلاشبه انهن برک سنڌي عالمن مان هڪ هو، جن تي سنڌي ادب کي بجا طور تي فخر حاصل آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي ميمبر جي حيثيت ۾ ۽ءٌ پڻ اداره مهراڻ سان وابسته هجڻڪري، اسان سائين مرحوم جي رحلت کي نهايت شدت سان محسوس ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي انتقال جي ڏکوئيندڙ موقعي تي اسان دعاگو آهيون ته شال رب ڪريم سندن روح کي مغفت سان نوازي ۽ سندن وڏي سلڇڻي صاحبزادي ڊاڪٽر اسلم سنديلي ۽ ٻئي غمزده خاندان کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. +هن پرچي جي آخر ۾ سائين سنديلي صاحب بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب کان هڪ مضمون لکرائي شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سائين مرحوم جي سوانحي خاڪي سان گڏ سندن علمي خدمتن ۽ تصنفين جو قدري تفصيلي جائزو سمايل آهي. +استاد محمد جمن جي جدائي! +24- جنوري تي سنڌي موسيقيءَ جو سدابهار فنڪار استاد محمد جمن اسان کان وڇڙي ويو! استاد محمد جمن، فقط هڪ شخص جونالو نه هو- هـُو سنڌي راڳ جي هڪ دلپذير انجمن هو، ۽ افسوس جو اها انجمن اڄ اجڙي ويئي! سنڌي راڳ ۽ آواز جي ماضي قريب واري ٽمورتي- استاد منظور علي خان، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن- سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ جو هڪ زرين بابت آهي. افسوس، جو ٽيون ساٿي تازو اسان کان جدا ٿي ويو، ۽ پنهنجو منفرد من موهيندڙ آواز پان سان کڻي ويو ۽ هاڻي فضائن ۾ سندس تحليل ٿيل آلاپ بار بار ڪَنن ۾ پيو ٻُري: +ڪارون وَس ڪيام، ڙي! +استاد محمد جمن جي رحلت ڏاڍي ڏک جو باعث آهي. اداره مهراڻ سندس پوين سان دلي همدردي ڪري ٿو ۽ دعاگو آهي ته رب ڪريم شال کيس مرهي. +آه! بدر قريشي +سنڌي زبان جو مشهور شاعر ۽ صحافي بدر قريشي 30- جنوريءَ تي وفات ڪري ويو! مرحوم جي وفات وقت پنجاهه ورهيه عمر هئي. کيس مختلف عارضن سبب مهينو کن اڳ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هُو جانبر ٿي نه سگهيو. بدر نومبر 1970ع ۾ هڪ حادثي ۾ جسم جو هيٺيون حصو بيڪار ٿيڻ ڪري لاڳيتو بستري داخل هو ۽ چُرڻ پُرڻ کان لاچار هو. +بدر قريشي، سنڌيءَ جي مشهور شاعر مرحوم ”امير“ قريشي جو فرزند هو. گذريل ٽيهن سالن کان سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکندو رهيو. سنڌيءَ ۾ شاعريءَ سان گڏ نثر تي به کيس دسترس حاصل هئي ۽ تنقيد نگاري ۾ به کيس هڪ مرتبو حاصل هو. 1960ع ڌاري ڊان ۽ انڊس ٽائيمس انگريزي اخبارن ۾ صحافت سان لاڳاپيل رهيو. +بدر قريشي جي ڏکوئيندڙ رحلت تي اسان دلي ارمان جو اظهار ڪندي سندس پوين سان همدردي ڪريون ٿا. +جيئن ته مهراڻ جو هي پرچو ڇپجي رات ٿي چڪو آهي، ان ڪري ورندڙ شماري ۾ مرحوم بدر قريشي بابت مضمون ۽ تاثرات ڏيڻ جي فرض ادائي ڪنداسون. +نديم انصاري +تازو 7- فيبروريءَ تي سنڌي زبان جي ڪهنه مشق مشهور شاعر ولي محمد ”نديم“ انصاري هڪ ٽرئفڪ حادثي کانپوءِ، رحلت ڪئي. نديم صاحب هڪ قادر الڪلام شاعر جي حيثيت ۾ وڏي مقام جو مالڪ هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو وسيع آهي. مرحوم سليم ڳاڙهوي ۽ ٻين دوستن سان گڏ خيرپور ميرس طرف ادبي چهچٽي برپا ڪرڻ جي ڏس ۾ مرحوم جي مخلصانه خدمتتن کي وساري نه ٿو سگهي. هن حادثي جا نڪاه تي اسان مرحوم نديم انصاري جي پوين سان همدردي جو اظهار ڪندي، سندس مغفرت لاءِ دعاگو آهيون. +ڪجهه پنهنجي متعلق +سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ترقي پذير ڪارڪردگيءَ ۾ جتي مهراڻ ۽ ٻين نون ڪتابن جي اشاعر جا نقطا اهميت رکن ٿ��، اتي ڪيترن ئي ختم ٿي ويل ڪتابن جي دوباره اشاعت جو سلسلو پڻ زور شور سان جاري آهي. ساڳيءَ طرح بورڊ، پنهنجن ملازمن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هڪ سال جي قليل عرصي ۾ ڪيئي وڻندڙ اقدامات ڪيا آهن، جن ۾ ملازمن لاءِ پينشن ۽ گريجوئٽي جي حقوق جو قيام سرفهرست آهي. ملازمن جو اهو ديرينه مطالبو پورو ڪري بورڊ حق رسيءَ جو سهڻو مثال قائم ڪيو آهي. ان طرح ملازمن جي ترقين طرف توجهه ڏيندي، بورڊ جي فاضل چيئرمن، تازو ڪيترن ئي ملازمن کي پروموشن ڏيڻ فرمايا آهن، جن سان ملازمن جي استحقاق سان گڏ سندن حوصله افزائي مقصود آهي. ملازمن جي بهتريءَ جي ڏس ۾ رهائشي ڪالونيءَ جر رٿا جو ڪم پڻ انتظاميه هٿ ۾ کنيو آهي ۽ اميد آهي ته اهو ڪم پڻ جلد پايهء تڪميل تي پهچايو ويندو. +ليکڪن کي گذارش +مهراڻ جي لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خدمت ۾ ڪجهه گذارشون ڪجن ٿيون. استدعا آهي ته ان ڏس ۾ اسان سان تعاون ڪرڻ فرمائين: +(1) جيئن ته مواد بنيادي طرح خالص علمي، ادبي ۽ تحقيقي قبول ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ذاتي تنقيد ۽ پسند/ ناپسند واري انداز ۽ پڻ سياسي ۽ نيم سياسي انداز کان پرهيز ڪرڻ فرمائين. ان قسم جو مواد قبول ڪرڻ کان معذرت رهندي. البته ”علمي تنقيد“ واري انداز کان نه اڳ ڪڏهن انڪار هو ۽ نه هاڻي ئي رهندو. +(2) فوٽو اسٽيٽ مواد موڪلڻ کان پرهيز ڪرڻ فرمائين. +(3) جيئن ته معياري مواد جي مهراڻ آفيس ۾ هميشـﮧ گهڻائي رهي ٿي، ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي ته نئون ايندڙ قابل اشاعت مواد فوراً ڇپجي وڃي. آفيس جو پنهنجو دستوري ۾ ڪرمفرما لکندڙ کي گهربل انتظار برداشت ڪري اسان سان تعاون ڪرڻو پوندو. اميد ته مهران مايوس نه ڪندا. +(4) آخر ۾ مهربان ليکڪن کي استدعا آهي ته پنهنجي هڪ تازي تصوير اسان کي موڪلي ڏين، جيئن ”مهراڻ آلبم“ کي مڪمل ڪري سگهجي. +- نفيس احمد شيخ +مقالا +1. سروري جماعت جو ”ڏهر“ ۽ اويسي طريقو +مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ +2. شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال – قسط 2 +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +3. شاهراهه ريشم ڊاڪٽر غلام علي الانا +4. سنڌي ساهت جو هڪ لڪل ورق +(پراڻ ناٿ جون 524 چوپايون) جهمون رامچند ڇڳاڻي +5. سيوهڻ شهر ۾ قضيه ڪربلا جي ياد ۾ +تاج صحرائي +6. لطيف سائينءَ جا آدرشي انساني +(سُر رامڪليءَ جي روشنيءَ ۾) ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو +7. جُهڪر جو دڙو امام راشدي +8. فڪر لطيف جا چند نقطا مخدوم غوث محمد پيرزادو +9. ”چڻنگون“- سنڌي نثري ادب جو هڪ شاهڪار +ممتاز مهر +10. انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ سنڌي ملفوظات ۽ +سنڌي ڪتاب مدد علي سنڌي +سنڌ جا قديم سڪا (سيريز) +سنڌ ۾ انگريزن جا اوائلي سڪا عبدالله ورياهه +سنڌ جي تاريخ جو حصو +برٽش ميوزم ۾ موجود تفسير آيـة الڪرسي +سنڌي جو تحقيقي مطالعو غلام محمد لاکو +ڪهاڻيون +1. زرينه حفيظ شيخ +2. چوري ساڻ چسن حميد سنڌي +3. چرچو- ساڀيا انيس انصاري +4. دل جا دکندڙ درد شعبان وسطڙو +5. اُڏامندڙ دَز عبيدالرحمان شاهه +ادب لطيف +صديون گذري ويون جهامنداس ڀاٽيا +عالمي ادب +امين ريحان جو عربي نظم اياز گل +جديد ادب جو اڀياس +ايندڙ ٽهيءَ کي سلام (تقرير) تنوير عباسي +تبصرا +علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون +آديسي اُٿي ويا +”هر شاعري پنهنجي شاعري جي شروعاتي دؤر ۾ پنهنجي دؤر جي ڪن عظيم شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي. انهن جي پيرن تي هلندو آهي، ۽ انهن جو اسلوب ۽ ٻولي قبول ڪندو آهي، پر عظيم شاعر ان کان اڳتي وڌي ٻئي دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجو انفرادي اسلوب گهڙيندا آهن.“ +”ازرا پائونڊ“ + + +شاعري +لافاني ڪلام +مخدوم امين محمد صديقي ”امين“ رح +ٻ��روچا ٻيهار +اڱڻ آءٌ تان عيد ڪيون. +اچي ويهج اوڏڙو، منهنجا تون منٺار، +ديدن ۾ ٿا ديد ڪيون. +هلڻ واريون من ۾، هلي ڪر هيڪار، +خوشيءَ کي ته خريد ڪيون. +اهي اسان کي ڳالهڙيون سيکاريون سنسار، +هلائي ته حميد ڪيون. +هل ته گهمون ڪي گهٽيون، برهن جي بازار، +شهرن ۾ ته شنيد ڪيون. +”امين“ تنهنجي عشق جي، پيئي آهه پچار، +هوتان رسيد ڪيون. +مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ +غزل +ڇو ڪو نه ڪيئي وعدو وفا خير ته آهي، +اي منهنجا مٺا ماه لقا خير ته آهي. +اڄ شيرين زباني جي جڳهه خامشي ڇا کان، +اي دلربا اي هوش ربا خير ته آهي. +پهرين ته تظلم کان پيو وٺندو هئين ڪم، +اڄ ڇا کان نه آ جورو جفا خير ته آهي. +ناراض اهين سهڻا صنم؟ چور ٻٽي چپ، +ڇو ڇو ٿو ڪرين صلح و صفا خير ته آهي. +برگِ گلِ تر کان به تون نازڪ اهين دلبر، +پر هيسين ٿو بي جرم و خطا خير ته آهي. +اي منهنجا سڄڻ يار طبيبِ دلِ مجروح، +ڏين ٿو نه دوا، بلڪ دعا خير ته آهي. +آئين نه، سڄي رات اکن تي مون گذاري، +تو کان ٿو پڇان يار ته ڇا خير ته آهي. +هي جوش هي گرمي آ سڄڻ ڇا جي ڪري اڄ، +مون کان نه ٿي اربع ڪا خطا خير ته آهي. +اڳ چڙندو هئين طالبِ مولا سان پيارا، +اڄ ڪجهه به ڪڇين ٿو نه، ڀلا خير ته آهي. +(11- آگسٽ 1988ع) +سيد احسن الهاشمي +ڪجهه اکين سان اکيون ملائڻ ڏيو، +عشق جو حوصلو نه هارڻ ڏيو. +سنگِ در تائين مون کي پهچڻ ڏيو، +روح کي ڪا گهڙي ته ترسڻ ڏيو. +غم جون ڳالهيون ڪرڻ ڏيو، روئڻ ڏيو، +يار ڦاٿل کي ڪجهه ته ڦٿڪڻ ڏيو. +تنهنجي ياد آمد جو پوءِ ذڪر ڪندس، +پهرين پيرن تي پنهنجي بيهڻ ڏيو. +تنهنجي آوازِ پا تان صدقي وڃان، +دل جي ڦٿڪي ته اُن کي ڦٿڪڻ ڏيو. +پير ته پاڻي اچي ويندو، +پهرين مون کي رُٺل سان پرچڻ ڏيو. +هن کي ڏسندي جي پُل صراط مٿان، +پير تِرڪي پوي ته تِرڪڻ ڏيو. +درد مون ساڻ حُجتون نه ڪريو، +زيست کي مشڪلن تي مشڪڻ ڏيو. +احسنِ خسته کي وساري ڇڏيو، +ڇا ڪندو ڀل ڪني کي ڪرڪڻ ڏيو. +بشير مورياڻي +دل جوهر زخم گل ٿيو آهي، +درد کي مون دوا ڪيو آهي. +جنهن کي سمجهون ٿا نور جو مرڪز، +سج جو هڪڙو ترورو آهي. +سون گهوري ڇڏيان ٿو سيڻن تان، +بس اهو دل جو فيصلو آهي. +جنهنکي سمجهان ٿو آءٌ ديسان دوُر، +سو ته دل کان به ويجهڙو آهي. +ڪيئن توسان لڳي اسان جي دل، +تنهنجو انداز اوپرو آهي. +روشني روشني ٿيو ماحول، +رُخ تان پردو سُري ويو آهي. +دل جي ڌڙڪڻ ٿي ويئي آهي تيز، +تنهنجي آمد جو آسرو آهي. +بي حجابانه آءٌ دل ۾ هلي، +بعد مدت جي در کليو آهي. +تنهنجو چهو هجي يا چانڊوڪي، +منهنجي اندر جو اولڙو آهي. +ڇو نگاهون ملي جهڪي ويئون، +نيٺ ڪوئي ته سلسلو آهي. +وقت جي بيهجي وئي رفتار، +بعد مدت جو هُو مليو آهي. +تون اجايو جلين پيئي گوري، +منهنجو ساجن ته سانورو آهي. +روپ جي رڻ ۾ پُر فضا پاسو، +تنهنجي زلفن جو ڇانورو آهي. +عنايت بلوچ +کڙڪي کولي جهاتيون پايان، +تنهنجون واٽون پيو واجهايان. +پنهنجي پنهنجي قسمت آهي، +هُو مُرڪي، مان نير وهايان. +تون سڀني جو، سڀڪو تنهنجو، +ڪو به نه منهنجو، ڪنهن جو ناهيان +غيرن کان ڪو الڪو ناهي، +يارن کان ٿو مان گهٻرايان. +سچ جي مون ۾ جرئت ناهي، +ڪوڙ چوڻ کان ڇو شرمايان. +آهيان سارو عيبن هاڻو، +ڪهڙا ڪهڙا عيب لڪايان. +جڳ ۾ جيڪو جيئن به سمجهي، +تنهنجي لاءِ عنايت آهيان. +تاج بلوچ +بي خياليءَ ۾ +تو جو هٿ هوا ۾ لوڏيا +تنهنجي چوڙين جا +پولارن ۾ ٽهڪ ٽڙي پيا +۽ ڪنواري هٿن جو خوشبوءَ، +رم جهم رم جهم مهڪ پکيڙي، +کليءَ هوا ۾ +تو جي اڱڻ تي پير گهمايا +سڀ کي جاڳايو +تنهنجي پايل جي ڇم ڇم +گيت کڙي پيا +لهر لهر سنگيت ٻري پيو. +ت�� جي وار هوا تي ڇوڙيا +ميگهه ملهار جي موسم موٽي. +چڪ ۾ پوتيءَ جي ڪنڊ جهلي +پير جي ننهن سان +تو جي ڌرتيءَ کي کوٽيو +خوشبوءِ جو ساگر ڇلڪي پيو. +تو جي مرڪيو +ڌرتيءَ کان اُڀ ڪنارين موتيا مهڪيا +چانديءَ جي جلون جو نور ٻري پيو +تو جي ڪڏهن، ها، تو جي ڪڏهن +بي خياليءَ ۾ ٽهڪ ڏنو +ايئن لڳو، ها ايئن لڳو +ڄڻ ٿر تي مينهن اُٺو +بي خياليءَ ۾ +بي خياليءَ ۾. +سرويچ سجاولي +ڳورن ڀُرن ڪارن ..... +اُڀ ڀون جي اِسرارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون، +پَڙهيم پَٽين پارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +هُو هُو جي هونگارن ۾، سج ۽ چنڊ ستارن ۾، +آذانن اذڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +پوڙهن جوانن ٻارن ۾ ۽ ساون ساون ٻارن ۾، +۽ اَن سان ڀريل ٻارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +کڙندڙ ٽڙندڙ تارن ۾، ۽ يَڪتارن جي تارن ۾، +تَن جي تندن تارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +ڳيرن جي ڳٽڪارن ۾، ڪونجن جي ڪُڻڪارن ۾، +ڀونئرن جي ڀُڻڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +سوچن ۾ افڪارن ۾، ۽ ڳورن ڀُرن ڪارن ۾، +جنسن ۽ جنسارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +سئُهڻن سبز نظارن ۾ ۽ ولين جي وَڻڪارن ۾، +غُنچن ۽ گلزارن ۾، بس ساجن هڪڙو تون ئي تون. +مُرڪن ٽَهڪن کِلڪارن ۾، کيجن خوشين کيڪارن ۾، +لولين جي للڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +واهوندن ۽ وَسڪارن ۾، هيرن ۾ هٻڪارن ۾، +ڪڪرن ڪارن ڪارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +شُعرا جي اَشعارن ۾، اَدبا جي شهپارن ۾، +فنڪارن فنپارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +سرويچن ۽ سچارن ۾، مهميرن ۽ مهندارن ۾، +ماڻهن مڻيادارن ۾، بس ساجن! هڪڙو تون ئي تون. +مظفر حسين جوش +ڪافي +جن لئه ڀنان نيڻ جيڏيون، منهنجا سي جانب آيا. +سڪندي سڪندي سال گذاريم، روز ٿي جن لئه اڱڻ اجاريم، +سي ئي آيم سيڻ، مولا مهرؤن محب ملايا. +ورهه وڇوڙو سر تي آيو، پاڙي وارين ساهه سڪايو، +ويرين ڏنا ويڻ، اديون اکر سي مون نه ورايا. +جن جي آئي خوشيون آيون، وک وک تي مليم واڌايون، +ڀل سي آيا ڀيڻ، ڀلي پنهنجا ڀال ڀلايا. +ساهه ۾ سانڍيم سڪ سڄڻ جي، پکي آيا پيار مان پيهي، +جيڏيون ٺريم نيڻ، ڀينر ٿئيڙم ڀاڳ سوايا. +عبدالقيوم صائب +غزل +ڀروسو ڪهڙو ڪجي تقدير تي، +ڪم هليو آهي جڏهن تدبير تي. +خوابِ هستيءَ کي پريشان ڪيم ڪر، +ڳالهه آهي خواب جي تعبير تي. +دهر ۾ تخريب ڪاريءَ جو هنر، +ضرب ڪاري آهه خود تعمير تي. +دورِ حاضر ۾ به صوفي مست آهه، +اڻ ڏٺل جي، اڻ ڏٺل تصوير تي. +سرمد و منصور جي ڳالهين پٺيان، +حرف آيو آهه پڻ تفصير تي. +منهنجي زخمن جا نشان آهن ٿيا، +نقش هر هڪ حلقئه زنجير تي. +حق جي نالي ۾ وري ناحق ٿيو، +زور هو بس، ڪوڙ جي تشهير تي. +اصل کان پاسو ڪري، خوش هو صنم، +مست ماڻهو هو جڏهن تفسير تي. +جام شيرين زهر آلوده ڪري، +ٿو ڏجي سقراط جي تقرير تي. +مرد ماريا ٿا وڃن، هر دؤر ۾، +بس، ذرا هڪ شوخيءَ تحرير تي. +ڏاڍ پنهنجي ڏاڍ تي مڇريو وتي، +دم هڻي ٿو، هو دمِ شمشير تي. +حلقئه ياران ۾ آهن سڀ ڪٺا، +وڃ نه ڪنهن جي تخم تي تاثير تي. +ويسلو ٿي واٽ ٿي صائب نه ويهه، +ڇو ٿو ترسين جاده بي پير تي. +محمد علي ”جوهر“ +ٿيو پري اکڙين کان پيارو يار دلبر عيد ڏينهن، +ٿيا اسان جي لاءِ عاشورا سراسر عيد ڏينهن. +دور ڪنهن کان شل نه ٿئي دلبند دلبر دادلو، +زندگي اهڙي کان آهي موت بهتر عيد ڏينهن. +دور دل کان ڪين مان هڪڙي گهڙي توکي ڪيو، +رَتُ رُئاري ٿو مِٺا تنهنجو تصور عيد ڏينهن. +ٿيو هلالِ عيد دنيا لاءِ پيغامِ خوشي، +بڻجي منهنجي لاءِ آيو نوڪِ خنجر عيد ڏينهن. +آهه اُڀريو سج اڄوڪو سور جو سامان کڻي، +اڄ ڏکن مون کي ورايو آهه ��يتر عيد ڏينهن. +عيد جي سڀ ڳالهه ڇيڙي اي عزيزو! دوستو! +اڄ نه مون کان رت جا وهرايو سمندر عيد ڏينهن +اي ملڻ وارو! مبارڪ عيد جي مون کي نه ڏيو، +منهنجي دل کي سڀ ڏکايو ڪين هَر هَر عيد ڏينهن. +شينهن جا پٽ سورما جوڌا جوان سڏجن سوين، +شينهن جي ڏاڏي سندو ڏيجي نه همسر عيد ڏينهن. +ڪير ڏيندو اڄ کِلي جوهر مبارڪ عيد جي؟ +ڪير نوڙي نياز سان پائيندو ڀاڪر عيد ڏينهن. +مسڪرائي ناز سان سينگارجي سامهون اچي، +ڪير پيرين اڄ پئي پائيندو ڀاڪر عيد ڏينهن. +محبوب سروري +هي سروري صاحب جو غزل، غور طلب آهه، +هر شعر ۾ آ راز لڪل، غور طلب آهه. +ڪنهن کي به خدا حسن جي بک ڪا نه ڏني آهه، +ڪاڻيءَ به وڌو آهه ڪجل! غور طلب آهه. +رندن جي خلاف آهه سڄي ملڪ ۾ هڙتال، +هر شيخ آ سرگرمِ عمل غور طلب آهه. +حاوي ٿو ڏسان شهر تي حجري جي سياست، +ميخاني تي آ تالو لڳل، غور طلب آهه. +ڪنهن قدر ڪيو مردِ قلندر جو نه جئري، +ميڙو آ جنازي تي متل، غور طلب آهه. +پيري ۾ ڪري شادي ٿو، هي شهر جو قاضي!، +ڏس! واڇ ڦِريل، ڏند ڀڳل، غور طلب آهه. +هن پوڙهي به فرياد جواني تي ڪيو آهه! +ڏاڙهيءَ تي اٿس ’ڪيس‘ ڪيل، غور طلب آهه. +بي وقت اچي راڳڻي اڄ ڇيڙي رقيب آهه، +خوشين ۾ وجهي ٿو هو خلل، غور طلب آهه. +هٿ جنهن جا هئا صاف، اهو صاف ڇُٽي ويو! +پيو ويل ۾، جنهن کاڌا کڳل، غور طلب آهه. +معيارِ وفا آهه شهنشاهه جي دولت؟ +يا جنهن تي اڏيل تاج محل؟ غور طلب آهه. +ڏس تَڙَ تي تماچي ٿو ڏئي ڀونئر جيئن ڀيرا، +ڪينجهر ۾ کڙيو آهه ڪنول، غور طلب آهه. +اڄ تنهنجي چرئي، عام سان گڏ عيد ملهائي، +دامن تي چَتي آهه لڳل، غور طلب آهه. +ورهين جي وڇوڙي کان پو محبوب مليو آهه، +بيشڪ آ مٺو صبر جو ڦل، غور طلب آهه. +انور هالائي +پرڪشش انقلاب جون راتيون، +منهنجي خوشي انتخاب جون راتيون. +مئڪشن لاءِ شراب جون راتيون، +زندگي جي ثواب جون راتيون. +تنهنجي حسن و شباب جون راتيون، +چنڊ جي آب آب جون راتيون. +پيار جون ڪيئن وضاحتون ڪريون، +اُف! سوال و جواب جون راتيون. +تُنهنجا مُنهنجا مباحثا اهڙا، +ڄڻ حساب و ڪتاب جون راتيون. +تو سوا مون گذاريون آهن، +فرقتن ۾ عذاب جون راتيون. +تنهنجي نيڻن جي ئي تصور ۾، +”ياد آيون حجاب جون راتيون“. +لذتِ غم سان ئي پيون گذرن، +عشق خانه خراب جون راتيون. +حوصلن تي ٿين پيون حاوي، +رفته رفته هو خواب جون راتيون. +مون سان هو ڪاوڙيو، رٺو، وڙهيو، +ڪيئي آيون عتاب جون راتيون. +سر به خم رهندو تو اڳيان ”انور“، +ڀل اچن احتساب جون راتيون. +اُستاد بخاري +زهر ڍُڪ ڪري پيان ٿو پيو، +ساٿ سقراط سان ڏيان ٿو پيو. +صبر ايوب کان گهريم نه مليو، +لوڇ موسيٰ ڏني، لُڇان ٿو پيو. +ڪوهه ناهيان جو زلزلو لوڏي، +ڇرڪ دل ٿي ڀري، ڏڪان ٿو پيو. +ڀنُونءِ ڍُرڪي پوي ڪِران جي مان، +اُڀ ڦاٽي ٿو، جي اُٿان ٿو پيو. +ڪِلڪ سان ڪو ٽَڪر نه ٿو ٽُڪجي، +تيشو فرهاد کان کڻان ٿو پيو. +حشر ڪر، پورهيتن کي جنت ڏي! +روز الله کي چوان ٿو پيو. +جسم ٻي جُوڻ گيت ۾ ورتي، +شعر ٿي شهر ۾ گجان ٿو پيو. +واءَ ۾ ساههَ مُون ڇڏيا سِڪندا، +مان مري ڀي ڀِٽون چمان ٿو پيو. +عشق استاد، عشق شاگرد آ، +پيار پاڙهيان به ٿو، پڙهان ٿو پيو. +مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ +جهان ۾ ڪوئي ناهي جو اسان جو داستان سمجهي، +نڪو ٿو گلستان سمجهي نڪو ٿو باغبان سمجهي. +اڄوڪي وقت ۾ هر شخص پنهنجي مسئلن ۾ گم، +ته پو ڪئن ڪو ٻئي ڪنهن جي ڀلا آهه و فغان سمجهي. +هي دنيا آ، هتي وٺڻو پوي ٿو سختين سان ڪم، +جهان ۾ گهٽ ڏسون ٿا، جو محبت جي زبان سمجهي. +مِٺو محبوب گڏ آهي ته صحرا پڻ چمن ٿيو پئي، +نه آهي ڪنهن جي ��رواهه، خود کي ڇا ٿو گلستان سمجهي. +جا گذري تنهنجي ٻانهن ۾، اها ئي زندگي آهي، +سوا تنهنجي حياتي کي ٿو ”عاطف“ رائگان سمجهي. +ولي سروري +جرات ڪري ڪي صرف ٿيا گفتا ڪڏهن ڪڏهن، +سنڀريا مگر نه خلق کان، نڪتا ڪڏهن ڪڏهن. +ڪنهن سان گذر ٿين ٿا جي لمحا ڪڏهن ڪڏهن، +دردن جا ٿي پون ٿا مداوا ڪڏهن ڪڏهن. +دل ۽ دماغ، عقل و خرد ڪنهن جي چئي لڳي، +مون ساڻ ڪن دغا ٿي هي منهنجا ڪڏهن ڪڏهن. +جا هئي چوڻ جي ڳالهه، سا چپ چئي ويا، +هن جي جبين تي اڀريا جي ليڪا ڪڏهن ڪڏهن. +طغياني ۾ اکين جا ڪنارا ٻَڏيو وڃن، +ناڪافي ٿئي ٿو قلب جو صحرا ڪڏهن ڪڏهن. +صبر و شڪيب سارو دِگر گُون ڪريو ڇڏي، +تحت الشعور مان ڪو سراپا ڪڏهن ڪڏهن. +ڪنهن جي حسين ياد اُڏايو کنيو وڃي، +از فرش تا به اوجِ ثريا ڪڏهن ڪڏهن. +بي پيرهن فلڪ جي شڪايت نه ڪا ڪبي، +موٽائي تشنه لب ٿو دريا ڪڏهن ڪڏهن. +ڪنهن بد نظر جي آهه نظر ڪا لڳي ويئي، +پوري ٿئي ٿي ڪا ڪا تمنا ڪڏهن ڪڏهن. +هرڪو نه ذوالفقار نه سقراط ٿو ٿئي، +قومن ۾ ٿئي مسيح ٿو پيدا ڪڏهن ڪڏهن. +مخدوم جميل الزمان ”جميل“ +وطن جو آهي برو حال، يا الاهي خير، +جيئڻ آ ٿي پيو جنجال، يا الاهي خير، +محبتن جو پيو ڪال، يا الاهي خير، +زمانو ٿي ويو ڪنگال، يا الاهي خير. +ننڍو وڏي سان وڙهي ۽ وڏو ننڍي سان وڙهي، +نه آهي ڪنهن ۾ ڪو افعال، يا الاهي خير. +نماز عيب ۽ روزو عذاب سمجهيو ويو، +عوام کي ٿو وڻي تال، يا الاهي خير. +نه ڪوئي بم ٿو کپي ۽ نه ڪا ڪلاشنڪوف، +کپي ٿو ملڪ ۾ في الحال، يا الاهي خير. +درِ امير جي دربان وٽ آ خوشحالي، +غريب ٿي ويو بدحال، يا الاهي خير. +تمام عمر رهي منهنجو پيارو پاڪ وطن، +حسين و بهتر و خوشحال، يا الاهي خير. +دلِ حزين جي دعا آ ته حشر تائين هجي، +وطن سڄي جو سڄو سال، يا الاهي خير. +سڄي جهان ۾ جمي الزمان جي ڌرتيءَ جو، +اڃا بلند ٿئي اقبال، يا الاهي خير. +نثار بزمي +ماڻهو ماڻهوءَ جي ڪم اچي ته چڱو، +اهڙو وهنوار پيو هلي، ته چڱو. +دشمني ڪک جي ڀي چڱي ناهي، +فعل بڇڙو ڏجي ڇڏي، ته چڱو. +ڏوهه آخر ته ڏوهه ئي آهي، +ان کان ماڻهو ڀلي بچي، ته چڱو. +ويڙهه ويڙهاند مان ملي ڇا ٿو؟ +پاڻ ۾ پيار ڪو وڌي، ته چڱو. +دَڳُ نه نيڪيءَ جوٿي ڏَسي دولت، +موههُ ڇڏجي اِهو مٽي، ته چڱو. +هڪڙي ڪُرري ڪِني ته سڀ ڪِنيون، +ڪو لُچو ڳوٺ مان لَڏي، ته چڱو. +ظلم تي جيڪو سندرو ٿو ٻَڌي، +اهڙو موذي ڀلي مري، ته چڱو. +جيڪي آهي سو آهي الفت ۾، +وير وچ مان هليو وڃي، ته چڱو. +جيڪو سَڏَ ۾ ڏئي ٻه سَڏَ ”بزمي“، +اهڙو گهر گهر ۾ پيو ڄمي، ته چڱو. +”آزاد“ ورياهه +”دلبر دل کان ناهين دور“ +تنهنجي ياد ڪيو وهلور، دلبر دل کان ناهين دور. +مرڪڻ مهڪڻ من کي موهيو، +گهاءُ هڻي وئي تنهنجي گهور، دلبر دل کان ناهين دور. +تنهنجي سونهن تان سڀ ڪجهه صدقي، +سون پري يا ڀل ڪا حور، دلبر دل کان ناهين دور. +گونچن گلڙن گيت گلابي، +تو بن ٻن وجهان سي ٻور، دلبر دل کان ناهين دور. +هينئڙي ۾ تون روز هُرين ٿي، +پل پل پلجن تنهنجا پور، دلبر دل کان ناهين دور. +تو جي ٻول ٻَڌا ها مون سان، +من ۾ سانڍيم سي مذڪور، دلبر دل کان ناهين دور. +راتيون ڏينهن گذاريل توسان، +ساٿ سنڀاري سرجن سُور، دلبر دل کان ناهين دور. +ڳالهه ڳڻيان تان ڳاراڻو ٿئي، +چاڪ چڪي پيا ٿيڙس چور، دلبر دل کان ناهين دور. +هينئن حياتي گهارڻ ڏکيو، +سال، مهينا، منٽ نه مور، دلبر دل کان ناهين دور. +ڪيئن وساري ويٺين مون کي، +ڪيڏو ڪيڙءِ ڪيِس ڪلور، دلبر دل کان ناهين دور. +منهنجي آس اُميد اهائي، +محب مِٺا تون رهه مسرور، دلبر دل کان ناهين دور. +هيڪر جيڪر تون به پڇين ها، +آزاد آهين يا مجبور، دلبر دل کان ناهين دور. + + +حبيب الله صديقي +”زندگي ۽ منزل“ +زندگيءَ جي ڪا به منزل، آخري منزل نه آ، +خود چراغِ راهه آهي، زندگي منزل نه آ. +هڪ ڏئي جي لاٽ مان سَهسين ٻيون لاٽون ٻَرن، +زندگيءَ جي جوت جي موجودگي منزل نه آ. +گُل ٽِڙن، مُرجهائجن، مُکڙيون ڦُٽن، ڪومائجن، +زندگي تنهنجي تنهن به ڪائي، دائمي منزل نه آ. +ماءُ پيٽان نڪرندي ئي جو نهاري آسپاس، +اجنبي ناهي مسافر، اوپري منزل نه آ. +هيڪلو هرڪو اچي ٿو، هيڪلو هرڪو وڃي، +منتشر هن قافلي جي هڪ ڪَري منزل نه آ. +آرزو ميلاپ جي مَنَ ۾ رهي ٿي موجزن، +ڇا ڪجي جو يار پنهنجي اوتري منزل نه آ. +روح جو ازلي سفر، لوح و قلم، روزِ جذا، +بيحسي ۽ بيوسي جي زندگي منزل نه آ. +ڪير آهيان، ڇا ٿو چاهيان، خود خبر ڪنهن کي پئي، +عالمن ۽ عارفن جي، آگهِي منزل نه آ. +سَچ آهي جو ڪتابن آ لکيو، ڏاهن چيو: +’علم آهي روشني‘ پر، روشني منزل نه آ. +هي گذشته زندگي جي آ صدائي بازگشت، +عارضي ناهي حياتي، موت ڀي منزل نه آ. +پارسا، اي پاڪ پوتي، عيب جوئيءَ جا اَبا، +ڀانئجي ٿو تنهنجي منهنجي ڪا يَڪي منزل نه آ. +مون حبيبِ ڪبِريا جو آ جهليو دامن ’حبيب‘، +ذات منهنجي آ صديقي، عارضي منزل نه آ. +احمد خان ”مدهوش“ +غزل +نظر نظر سان ملائي ڦريون هليو ويو دل، +نقاب رخ تان هٽائي ڦريون هليو ويو دل. +نرالي نازَ وچان هُو نشيلا نيڻ کڻي، +لبن تي مُرڪ نچائي، ڦريون هليو ويو دل. +ڪمانون ڪانَ سنڀاري، چکائي چوٽ وڏِي، +جگر ۾ تير کُپائي، ڦريون هليو ويو دل. +عجيب ڍن گ سان دلبر اداؤ ناز ڪري، +هزار رنگ رچائي، ڦريون هيون ويو دل. +ڪيان ته نيٺ ڪيان ڇا، وڃان ته ڪاڏي وڃان، +اندر ۾ آگ لڳائي، ڦريون هليو ويو دل. +سوا گهڙيءَ جي ملاقات ۾ ڪري قابُو، +اُتي ئي ڪنڌ ورائي، ڦريون هليو ويو دل. +نگاهِ شوخ سان ”مدهوش“ جوقرار کَسي، +ديوانو مست بنائي، ڦريون هليو ويو دل. +”محسن“ ڪڪڙائي +وائي +ڪو، جو ڪالهه رُنو- +مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا. +هوندي-سوندي هر ڪنهين، چاڙهيو ”ڪين – ڪُنو“ +مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا. +ڄاڻي ڄاڻڻهار سڀ، پوءِ به چَپَ- چُنو- +مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا. +آءٌ ته رچي راسُ ٿئي، مُنهنجو من مُنو- +مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا. +اَلا، ڪهڙي اهنج کان، مون کان ڀاءُ ڀُنو- +مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا. +”محسن“ تُنهنجي مُونجهه جو، پويون پهر پُنو- +مُنهنجا ڳَچَ ڳري پيا. +”نشتر“ ناٿن شاهي +رباعيون +پٿر جي خدائن کي خدا ٿا سمجهو، +نمرود جي ٽولي کي بجا ٿا سمجهو، +ڪمزور عقيدي جي مرض جا اي مريضو! +ڇو زهر جي شيشي کي دوا ٿو سمجهو. +جنت جا دلاسا نه ڏيو مون کي اوهين، +حورن جي حوالي نه ڪيو مون کي اوهين، +سودو نه زمين جو آ ڪبو لالچ تي، +پاڻي ۾ وجهي ڌوڙ نه ڏيو مون کي اوهين. +حق ٿي جي پوي وهم، اهو ناشدني، +هڏ ٿي جي پوي لحم، اهو ناشدني، +ڪيڏيون به ڪهاڙيون ۽ هڻو تلوارون، +پاڻيءَ تي ٿئي زخم، اهو ناشدني. +موجن کي ڏئي موج اڀاري آيس، +واچوڙي کي طوفان بنائي آيس، +لڙڪن جي رواني کي رواني ڏيئي، +درياهه کي واهڙ ۾ سمائي آيس. +هٿ کان نه اصولن کي ڇڏينداسين اسان، +مرنداسين مگر، ڪين مڃينداسين اسان، +منزل آ نگاهن ۾ هينئر ڪين ڪي وربو، +ٽيپهري تي روزو نه ڀڃينداسين اسان. +لمحن جي بهارن تي ڪڏڻ ڪهڙو آ! +مهمان قرارن تي ڪڏڻ ڪهرو آ! +جي صبح سڄڻ، شام عداوت ۾ رهن ٿا، +اِن طرح جي يارن تي ڪڏڻ ڪهڙو آ. +آثم ناٿن شاهي +چوسٽاء +(1) +جڏهن به عرض ڪوئي مون گذاريو جناب ۾، +ته صبر جو سبق اوهان تڏهن ڏنو جواب ۾. +اوهان جي آئي، پل ٻه ٽي، ٿا ڏک ائين لڪي وڃن! +جو ڏينهن- ٻن جي لاءِ جيئن اڇا لڪن خضاب ۾. +(2) +چُپ جي ڀڃ- ڊاهه ڪرڻي ٿي پوي، +سونهن جي ساراهه ڪرڻي ٿي پوي. +دل کي ڪا صورت وڻي ٿي جيڪڏهن، +وات سان ”وَهه واههَ“ ڪرڻي ٿي پوي. +(3) +سونهن اڳيان آڻِ مڃڻي ٿي پوي، +ڇا ڪجي؟ يَر! ڪاڻِ ڪڍڻي ٿي پوي. +ساههَ پنهنجي جي غذا سُرهاڻِ آ، +تنهنڪري سُرهاڻِ وٺڻي ٿي پوي! +(4) +ڪنهن سَمي ڪاوڙ به پيڻي ٿي پوي، +ماڻهپي جي ساکَ ڏِيڻي ٿي پوي. +ڪنهن سَمي آثم ائين چوندي آ دل، +سوچ آڻ ٿيڻي ڪا، ٿِيڻي ٿي پوي! +غلام حسين رنگريز +غزل +اڃان آس جيئري آهي آس ۾، +اڃان گل به آهن وهنتل واس ۾. +اڃا سَڏ سوريءَ ٿين پيا ٿين، +لُڏن سِرَ ستان جا آڪاس ۾. +اهو گوڙ گهمسان حياتي تي آ، +رکيو آهي ڇا يارَ بنواس ۾. +ڀڄو ٿا اسان کان ڇو هرڻيءَ جيان، +اسان ڀي ته آهيون گهڻي پياس ۾. +جي جذبن جو ميلاپ سگهيو ڪين ٿي، +رکيو آهي ڇا پو رڳو ماس ۾. +اِهو ڪرب قُربن آ تنهنجو ڏنو، +ازل کان ئي آهيون ٽنگيل ٽياس ۾. +شعبان بخت +تنهنجي ئي ته ماڻي آ، موهي ڪيو مستانو، +اي مست نظر! تنهنجو، شڪرانو آ شڪرانو! +ڪيڏو نه ڏکيو آهي، مون لاءِ رُسڻ تنهنجو، +ممڪن ئي نه آ سمجهي ڪو برهه کان بيگانو. +تو لئه ئي ڀريل آهي، هيءُ شهر نظارن سان، +مون لئه ته آ تو ڌاران، ويران جو ويرانو! +هن درد جي دنيا ۾، جهڙو تنهنجو دربان آ، +ڪو ٿيو آ، نڪو ٿيندو، اهڙو ڪوئي بي شانو! +ڀل سنگ زني جو چؤ پٿرن کي زبان ملندي، +جيڪو به لڱين لڳندو، ٿي ويندو سو پروانو! +ڏِس، رت جا ڇنڊا پئجي، توتي نه ٿين شاهد، +ڪر قتل بلاشڪ پر، پائي ڪوئي دستانو! +جنهن مام سان چاهت ۾، مون شام ڪئي آهي، +ڪنهن لاءِ حقيقت آ، ڪنهن لاءِ آ افسانو! +بيتاب ٿي محفل ۾، جي تنهنجو پلؤ پڪڙيان، +چئجان کڻي ماڻهن کي، ديوانو آ ديوانو! +چئي، بخت! چريو اهين، دل کي ڇا ڪندو ڪوئي، +ڪنهن کي ٿو کپي اهڙو، سکڻو سڃو نذرانو! +سوز هالائي +گيت +لال گلاب جي ڀر ۾ ويهي، ساجن کي ساريوسين، +ڏاڍو ياد ڪيوسين. +روح جا روشندان کليا ڄڻ، ائينءَ محسوس ٿيوسين، +ڏاڍو ياد ڪيوسين. +آليءَ ڌرتيءَ تي آڱر سان، تنهنجو نانءُ لکيوسين، +ڏاڍو ياد ڪيوسين. +پيار جي پوپٽ کي پرچائي، ڪنهن جو ڏَس پڇيوسين. +ڏاڍو ياد ڪيوسين. +موتئي جي ٽاريءَ تي ٽڙندو، تنها گُل ڏٺوسين، +ڏاڍو ياد ڪيوسين. +سُرهيءَ سُرهيءَ سانجهيءَ ويلي، مڌر گيت لکيوسين. +ڏاڍو ياد ڪيوسين. +رحيم بخش ”قمر“ +سنڌ سموري سون، سنڌ ج مٺڙو نام، +سنڌ جو صبح سڀاڳو، سنڌ جي سهڻي شام. +سنڌ ۾ سانگي سنڌ جا، +سنڌ ۾ جهانگي جام. +سنڌ ۾ سنڌو ندي، +سنڌ ۾ پوکون عام. +سنڌ هي مالا مال ٿي، +سنڌ ۾ سڀ اقسام. +سنڌ ڏئي سپوت ٿي، +سنڌ ڏئي ٿي امام. +سنڌ ڀٽائي گهوٽ ڏنو، +سنڌ ۾ آهن ڄام. +سنڌ ۾ هنجهه هزارين، +سنڌ ۾ مور مدام. +سنڌ جا ماڻهو مڻيارا، +سنڌ سنڀاري سام. +سنڌ جو مان مٿاهون، +سنڌ کي ڪوٺِ ڪرام. +سنڌ ۾ ماکي، کير، مکڻ، +سنڌ ۾ جنس تمام. +سنڌ مٿي نِت رحمتون، +سنڌ تي سو لک سلام. +سنڌ ۾ وڻ ٽڻ واسيا، +سنڌ ۾ لک لک لام، +سنڌ سان قرب ”قمر“ کي، +سنڌ سان نينهن نظام. +قاضي منظر حيات +ننڊکو مُک ائين لڳي ٿو، +ڪينجهر ۾ ڄڻ سج لهي ٿو. +اکڙيون ٻيڙيون ڇانوَ ڇپرڙا، +واءُ تي ڄڻ ڪو سڙهه ڦڙڪي ٿو. +ياد به چانهه جي پيالي آهي، +جنهن سان ذهن توزنو ٿئي ٿو. +وڇڙيل ڊيل سنڀاري پنهنجي، +ٿر ۾ وئي مور رڙي ٿو. +شام ڪلهي تي سج ويچارو، +رت ۾ وهنتل لاش لڳي ٿو. +ڪوريئڙي جي ڄار ۾ پوپٽ، +ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏئي ٿو. +طبقن جا بي سوق نشانا، +ذهن ڪبوتر پيو تڙپي ٿو. +جيون راهه م تنها ”منظر“، +ساٿي تنهنجو ساٿ گهري ٿو. +ذوالفقار سيال +روايت +اسان کي جي چاهيو +ته ڪچلي سگهو ٿا +۽ جسم رستن تي +ڇڏيو ڀل گهائي +ڳچيءَ ۾ گهُٽو +۽ ڦٽن تي ڇڏيو +لوڻ ٻُرڪي ڀلي. +مڃون ٿا جي چاهيو +دونهون شهر سارو، +مگر ايترو توکي +مڃڻو ئي پوندو +ٿا ڄاڻون ته سڪجهه +ڪري تون سگهي ٿو +انهيءَ هوندي به +اسان تنهنجي سامهون +اٽل آهيون بيٺا. +بڻائي سگهو ٿا. +ڪو آڙاهه ٻاري +سوين سهڻا چهرا +ساڙائي سگهو ٿا. +مڃون ٿا ته هڪ ڦوڪ سان +ڏيهه سارو +اڏائي سگهو ٿا +لٽائي سگهو ٿا +اسان جسم پنهنجو +وڍائي سگهن ٿا. +نه هي هنڌ اوچو +نوائي سگهون ٿا. +اهائي اسان جي +روايت رهي آ. +ادل سومرو +گيت +ڏور بيٺا ڏسو +ڪجهه ته ويجهو اچو +ايئن پري کان پرين! +اوپرا ٿا لڳو. +مُند هٻڪار جي +سونهن- سينگار جي +واءُ وسڪار جي +اهڙي مُند ۾ اوهين +ڪين تنها ٺهو. +لات پنڇي لنون +ڪين هيڪل رهن +ٿي قطارون وڃن +پر اسان کان اوهين +دور ڇو ٿا رهو؟ +زندگيءَ جو سفر +توڙي آ مختصر +پر بنا همسفر +آهي ڏاڍو ڏکيو +هاڻي گڏجي هلو. +مقصود ”گل“ +غزل +دشمنن تي رک نظر ۽ دوستيءَ جو خير گهُر، +خوش رهي عالم سڄو ڌرتي سڄيءَ جو خير گهُر. +سونهن، سچ، سرهاڻ جو ۽ سنڌڙيءَ جو خير گهُر، +سنڌڙيءَ جو ساهه آ، سنڌو نديءَ جو خير گهرُ. +ٿي نه تون چمڙو چريا! اوندههجو پوڄاري نه ٿي، +روشني آ زندگي، ڪجهه روشنيءَ جو خير گهُر. +جي ملائڪ آن ته جهُڪ انسان جي عظمت اڳيان، +جيڪڏهن انسان آهين، آدميءَ جو خير گهُر. +تون ڪکائين گهر ۾ ويهي، باهه سان رانديون نه ڪر، +جنهن جهُڳيءَ ۾ ٿو رهين تون، تنهن جهڳيءَ جو خير گهُر. +تون تڪبر جو زهر ڪيئن ٿو عبادت ۾ وجهين، +خوف ڪر زاهد! خدا جو، بندگيءَ جو خير گهُر. +دانهن ٻڌ ڌرتيءَ سندي، درٻار جو شاعر نه ٿي، +ڏات جو رک شان ۽ تون شاعريءَ جو خير گهُر. +داغَ چهري جا ڏسي، تون عڪس تي اُلرون نه ڪر، +ڌوءُ مُنهن پنهنجو وڃي ۽ درسنيءَ جو خير گهر. +باغبان بڻجي نه تون هن باغ جي بدخواهه ٿي، +مرڪندو هر ”گل“ رهي، تون دلڪشيءَ جو خير گهُر. +واجد +هڪ مرم ۽ ٻيو ماڻهپو گهرجي، +مون کي ذهنن جو آجپو گهرجي. +جنهن جي ڇيڙڻ سان زندگيون مرڪن، +مون کي اهڙو ئي ساز ڪو گهرجي. +ائين مهصور ڪر نه نيڻن ۾، +مون کي هر شئي سان واهپو گهرجي. +آءٌ ڪلفت کي ڪيئن قبوليان، جو، +مون کي روحن جو راضپو گهرجي. +تنهنجي جاگير توکي نيبهه، بس، +مون کي جيئڻ لئه هارپو گهرجي. +ظلمتن جي جهان ۾ ”واجد“! +مون کي ڪرڻ جو هار ڪو گهرجي. +سرڪش سنڌي +غزل +ڪاٿي اوبر هاري پئي آ، +ڪاٿي بک جي ماري پئي آ. +ٻاڪون، ٻاڪون منهنجي ڌرتي، +ويل وڏيرو آهه، مٿي جو، +ماڻهن جهڙو هڪڙو ماڻهو، +جاٿي، ڪاٿي، سونهن سچائي، +تنهنجي، منهنجي قسمت ڄڻ ڪنهن، +اوچا ڳاٽ جهلياسي مرڪي، +اُڀري ڏس او! چوڏهينءَ وارا، +غيرن ساڻ شڪايت ڪهڙي! +باهه ڏيو سماج انهيءَ کي، +ڏانڊن جهڙا لفظ اٿم جو، +هيڻو ڇو ٻوليندو ”سرڪش“، +ڌارين سان والاري ئي آ +سور به ٿي سرداري پئي آ. +ماڻهن ۾ بيماري پئي آ.ک +ارٿيءَ تي سينگاري پئي آ. +ڪاٻاڙي ۾ لاري پئي آ. +تڏهن ڳچيءَ ۾ ڳاري پئي آ. +سڀڪا دل آزاري پئي آ. +پنهنجن ۾ غداري پئي آ. +جنهن ۾ زور ۽ زاري پئي آ. +باهه اندر ۾ ٻاري پئي آ. +تو ۾ سوچ سگهاري پئي آ. +علي احمد شاهه ”ساقي“ سروري +مون ڏٺو هُن گلبدن روئي ڏنو، +ان ڪري اهلِ چمن روئي ڏنو. +مون جڏهن هُن بيوفا جو ذڪر ڪيو، +دردمندن ڪيترن روئي ڏنو. +قصئه غم مون ته کلندي ڪيو بيان، +سو ٻڌي هُن جانِ من روئي ڏنو. +ڳالهه هڪڙي ڪا ٻڌي ٿَوَ دوستو، +”مئڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو“. +ڳالهه اهڙي ڪا به ڪانهي دوستو، +بي سبب منهنجي اکن روئي ڏنو. +ٿيون صدائون منهنجون آخر ڪامياب، +مون کي ڀاڪر پائي هن روئي ڏنو. +نيم شب ج�� آه جو ٿيو هي اثر، +دوستن ۽ دشمنن روئي ڏنو. +اهلِ گلشن ان ڪري آهن اداس، +ماهه روئي گلبدن روئي ڏنو. +دوست ساقيءَ مان جڏهن ساغر ڪريو، +”ميڪدي ۾ مئڪشن روئي ڏنو.“ +ناظم منگي +غزل +ستمگر کان ڏاڍيون سزائون ملن ٿيون، +ڪُڇان ٿو ته ويتر جفائون ملن ٿيون. +جتي پرورش پيار جي ٿي مزي سان، +اتان حسرتن جون هوائون ملن ٿيون. +نگاهن کي ديدار جي آ تقاضا، +مگر دل کي غم جون غذائون ملن ٿيون. +هڻي تير نظرن سان ڳاري ٿو لاهي،ل +غضب جون جڏهن ڪي ادائون ملن ٿيون. +فقط منهنجي رنجش ڪري سو ڪري ڇا؟ +جو، هر در تان هن کي دعائون ملن ٿيون. +پُڄائين ٿو شايد قلندر ٻين کي، +سوالين کان توکي سکائون ملن ٿيون. +سندس حڪم تي هَڙ لٽائي ڇڏيم ته به، +وفائن جي عيوض جفائون ملن ٿيون. +ڇُٽي دردمند ويا دوا عام ٿي وئي، +ٿو مُرڪي ملي ڄڻ دوائون ملن ٿيون. +لکئي جو لکيو آ چڱو انگ ’ناظم‘ +وَنيءَ ڀاڳ واريءَ سان لائون ملن ٿيون. +همدم سروري +قائم رهي هي ساٿ، سدائين خدا ڪري، +ڪا بدنظ ر اسان کي نه هرگز جدا ڪري. +تعريف ڇا ڪجي ڀلا قدرت جي شان جي، +ٿي حڪم ساڻ خاڪ ڀي بلڪل شفا ڪري. +هردم رهي ٿي آرزو ساڳي اي دوستو، +دل ٿي چوي ته دلربا مون سان وفا ڪري. +هُن بي وفا کي باوفا سمجهيم، مگر ڏسو، +هُو هر گهڙي مون سان پيو جور و جفا ڪري. +هرڪو ته پنهنجي پَر ۾ عبادت گذار آ، +”هِت ڪير ٿو نمازِ محبت ادا ڪري.“ +مون هر خوشي نثار ڪئي، دوستو مگر، +ظلم و ستم جي يار ڇڏي انتها ڪري. +همدم خدا ڪري ته سدا سرخرو هجين، +دلِ بيقرار ٿي مٺا توکي دعا ڪري. +مير غلام الله خان ٽالپر +(مورجهنگو) +مون ڏٺو رات توکي خواب ۾ هئو، +چنڊ روشن تنهنجي شباب ۾ هئو. +تنهنجي هر ڳالهه ۾ خمار عجب، +گفتگو هڪ هڪ ٻُڏل شراب ۾ هئو. +چؤطرف تنهنجي اچڻ جي خوشبوءِ، +جسم تنهنجو ڀنل گلاب ۾ هئو. +رفته رفته ڏسڻ، اکين جو جهڪڻ، +ربط ڪهڙو تنهنجي حجاب ۾ هئو. +’مير‘ ڪهڙي تنهنجي واکاڻ ڪري، +حسن تنهنجو نه ڪنهن حساب ۾ هئو. +اقبال رند +وائي +اپسرا! تنهنجي اڱڻ، +چنڊ اُلهي ئي نٿو! +پيو تڪي تارن وچان، +تنهنجي ڪرائيءَ جو ڪنگڻ، +چنڊ اُلهي ئي نٿو! +ڏس ڪتيون مُرڪن پيون! +سمان ڏي نيڻ کڻ، +چنڊ اُلهي ئي نٿو! +وار ٿو تنهنجا ڦلوري، +واءُ کي ايڏي نه وڻ! +چنڊ اُلهي ئي نٿو! +اپسرا! تنهنجي اڱڻ، +چنڊ اُلهي ئي نٿو +ساجد لعلپوري +غزل +نه ڪو همدم نه ڪو ئي همنوا ٿيو، +خبر ناهي زمانو ڇو خفا ٿيو. +جڏهن يو غمن جو دور ڪاهي، +تڏهن ساٿي ۽ هر سنگي جدا ٿيو. +ڪيم ٿي ڀروسو جنهن جي وفا تي، +وفا نا آشنا سو بيوفا ٿيو. +ويو سو عشق جو معراج ماڻي، +جهانِ عشق ۾ جيڪو فدا ٿيو. +وضو جنهن خون سان ساريو، انهن کان، +نمازِ عشق جو سجدو ادا ٿيو. +اهوئي حق و باطل ٿو سڃاڻي، +جهان ۾ جو حقيقت آشنا ٿيو. +عنايت هن ڪيئ مون تي نه ڪڏهين، +ڪرم هن جو عدو تي بارها ٿيو. +وئي همت سان پهچي پار ڪشني، +ٿيو ڇا؟ جي مخالف ناخدا ٿيو. +ڏسو مهرو وفا وارو ته ٿيو پر، +دغا وارو نه ڪنهن جو دلربا ٿيو. +انهي جي پيو ڪندو تعريف ’ساجد‘، +جو هي لائقِ مدح و ثنا ٿيو. +محمد علي پٺاڻ +وائي +جڳ ويا گذري، +توکي ڪين ڏٺو آ مون. +تنهنجي منهنجي وچ ۾ آئي، اونداهي اڀري، +توکي ڪين ڏٺو آ مون. +ياد نه آهيان، شايد توکان، آءٌ ويس وسري +توکي ڪين ڏٺو آ مون. +منهنجي دلڙي تنهنجي ڪارڻ، پل پل آ پڄري، +توکي ڪين ڏٺو آ مون. +ريتون جي اورانگهي ايندينءَ، ڪڏهن هي ٽڪري، +توکي ڪيئن ڏٺو آ مون. +تنهنجي جدائيءَ واري مونکي، ضرف لڳي زبري، +توکي ڪين ڏٺو آ مون. +توبن سوچون، خواب ويا هن هڪ هڪٿي وکري، +توکي ڪين ڏٺو آ مون. +اشرف زمان پير چنڊامي +توکان ناز ادا ٿي ويو آ، +منهنجو هوش خطا ٿي ويو آ. +حاذق هاڻ اچي به ڪندا ڇا +پاڻ گهُري مون ڪو ته وتو آ، +جنهن کي هٿ سان پاڻ تراشيم، +سونهن اڳيان جو ڪنڌ جهڪايم، +حيرت ۾ آ هرڪو اشرف، +درد ئي پاڻ دوا ٿي ويو آ. +مونکي پيار عطا ٿي ويو آ. +پٿر سو ته خدا ٿي ويو آ. +سارو ڳوٺ خفا ٿي ويو آ. +مون کي آخر ڇا ٿي ويو آ. +سيد زوار نقوي +نثري نظم +تنهنجي مٿي جا وار +منهنجي هٿن جي آڱرين ۾ +ائين وکريا پيا آهن، +ڄڻ +رابيل جا گل +زندگي جي ڪينواس تي +ٽڙيا پيا هِن! +پشپا ولڀ +سنڊريلا جا جوتا +زندگي نئين ورتل بوٽ وانگر +هرپل چڪ پائيندي رهي ٿي +اهو نئون بوٽ جيڪو خوبصورت به آهي. +پائي، شان جو احساس به +خودبخود ٿي وڃي ٿو +هر ڏسڻ وارو چئي ڇڏي ٿو +توهان جا جوتا ڪيڏا سهڻا آهن! ڪٿان ورتا؟ +پر سنڊريلا جي جوتن وانگر +ڀڳوان وٽ هر ڪنهن لاءِ +هڪ خاص قسم جا جوتا آهن +خاص ماپ وارا +جيڪي صرف ان کي پورا ايندا. +شهيد سومرو +اسان هر قدم تي ڪئي آ وفا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا، +رکي مولا ڪئيسون نه ڪٿ جفا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا +نڪي حالِ دل ڪنهن سان اوريون،نڪي زخم دل جا ڏيکاريون +اسان درد پنهنجي جي خود دوا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا. +نڪي دوستن ڏانهن شڪايتون، نڪي محتسب تي ملامتون، +پنهنجي آهي يار ڪا دل جدا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا +هڪ مولا جي ته خزاني مان، جو گهرون سوئي مليو وڃي، +ڪيون ڪو نه درد در جي گدا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا. +آيا زندگيءَ ۾ هزارين ڏک، مُنهن ڏيئي ماڻياسينن پوءِ سُک، +اسان هر قدم تي ستم سَٺا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا. +جو ٻين جي ڪو نه ٻُڌي سُڻي، رڳو پاڻ ٿو ڪري سُرخرو، +اهو ختم ٿي ويندو خود ثنا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا. +هوندا خوب جذبن سان ڀريل، ۽ حقيقتن تي سدا جڙيل، +هي سدائين شعر ’شهيد‘ جا، ڪو مڃي ته ڇا نه مڃي ته ڇا. +پير مختيار علي ”مختار“ +صنم هاڻ توڏانهن تنها اچون ٿا، +ڪرڻ پاڻ کي دوست رسوا اچون ٿا. +اسان جو اي سهڻا مڙئي مان رکجان، +ڪريو ڏاڍا تو وٽ ڪشالا اچون ٿا. +ڀلي تون ڌڪارين يا ڀر ۾ ويهارين، +رنجائي سڄي يار دنيا اچون ٿا. +ڪڏهن واءُ ورندو اڱڻ تي هو ايندا، +”سڄڻ مدتن کان چون پيا، اچون ٿا“. +هزارين پريشانيون سر تي آهن، +تڏهن هيئن اويلا سويلا اچون ٿا. +ٻيو ڪو به مقصد اي ”مختار“ ناهي، +ملڻ تنهنجي خاطر پيارا اچون ٿا. +آصف مٺياڻوي +تڪڙي ڇولي سنڌوءَ جيهي، +پنهنجي پريت نه ساجن ايهي. +پريت سندو پرچار ڪيون ٿا، +ڏور پرانهان ڏونگر ڏوري، +بيحد پيارو آهين ڇو جو، +غيرت وارو رت رڳن ۾، +قرب نه ڏيندين ڪاڏي ويندس، +پريت-نگر ۾ پيارا ويهي +ڏسبو تنهنجي پکڙن پيهي. +پنهنجو رشتو آهي ڏيهي. +پنهنجو پيار نه آ پرڏيهي. +ڪاوڙ ڪئي تو آهي ڪيهي. +شفيع چانڊيو +دل جو شهر سڄو سنسان، +کنڊر کنڊر ۽ ويران. +تو بن تنگ اداس گليون، +ڏور رهي ڀي، ويجهو ڀاسين، +مون ته اوهان جي لاءِ ڇڏيا، +تنهنجي شهر ۾ آهيون پيارا، +توسان هاڻي محب ملڻ جو، +هاءِ لڳن ٿيون سڀ حيران. +ايءُ به تنهنجو آ احسان. +کولي روح جا روشندان. +ٻن ٽن ڏينهن جا مهمان. +روشن ناهي ڪو امڪان. +پريتم ”پياسي“ +اچو يار آهي ستايو بهارن، +گهڻو غم اسان جو وڌايو بهارن. +ڪئي ماٺ ڪوئل، پيا مرغ روئي +ڪئي محب منهنجو لڪايو بهارن. +ڏسي لوڪ سارو ڪئي دانهن دلڙي، +وڏو سور آهي مچايو بهارن. +نه آ باغ ساڳيو نه آ بوءِ ساڳي، +کڻي ماڳ پنهنجو مٽايو بهارن. +مئل روح منهنجي ڪئي رڙ جو ايڏي، +وري اڄ گلستان سجايو بهارن. +ڇڏي تون پريتم وئين ڪين آئين، +مگر وقت ساڳيو ورايو بهارن. +مرتضيٰ مٺياڻوي +وائي +توبن ڪيئن ��يان الا، +تو بن ڪيئن جيان. +تات ۽ تانگهه آ تنهنجي اهڙي، +تن، من ۾ تڙپان الا! +تو بن ڪيئن جيان. +خوشيون ويون سڀ سهڻا کامي، +ڪهڙا گيت لکان الا! +تو بن ڪيئن جيان. +ساوڻ رُت جي بادل وانگر، +ڀَٽڪيو ٿو ڀَٽڪان الا! +تو بن ڪيئن جيان. +غيرن کي دل ڏيندي سهڻا، +سائين لَڄ مَران الا! +تو بن ڪيئن جيان. +هاڻ ”مٺياڻوي“ وٽ اچ جيڪر، +سِر هي صدقو ڪيان الا! +تو بن ڪيئن جيان. +مشاهد منگي +غزل +لونءَ لونءَ منجهه لغار غمن جي، +ڏاڍي آهه ڄمار غمن جي. +ماضي ساري، حال وساري، +سو ڪيئن ماڻهو سڏبو سائين، +ساري حياتي، رهي مماتي، +ڏک مشاهد! ڪيسين رهندا، +کڻڻي ناهه مَيار غمن جي. +جنهن کي ناهه سنڀار غمن جي. +وَهندو ڪير ونگار غمن جي. +آخر ٿيندي هار غمن جي. +عباس علي شاهه ”اختر“ +ڪاش اڏري مان ملان توسان قمر، +زندگي سايي ۾ تنهنجي ٿئي بسر. +پيار جي آغوش ۾ گم ٿي وڃون، +ٿي وڃون ٻئي پاڻ کان ئي بي خبر. +دل چوي ٿي سونهن تنهنجي سرڪيان، +راهه ۾ آهن رقابت جا ڪڪر. +بادلن جي گود ۾ تڙپين پيو، +غير جي صحت وئي بنجي زهر. +حسن تنهنجو اوج تي اڄ رات آ، +ٿي نه پئي گرهڻ پيارا غم نه ڪر. +دور يا نزديڪ سان ناهي فرق، +پيار پنهنجو ٿي ويو آهي امر. +”چنڊ ۾ آ داغ“ اختر ٿو چوين، +داغ پنهنجو ئي اچي توکي نظر. +سليم رضا +وڏن جا فيصلا جڏهين ٻڌاسون، +انهن جي سوچ تي ڏاڍو رناسون. +ڪيا جن ڏوهه سي بي ڏوهي سڏيا، +اسان پوتر رهي ڏوهي ٿياسون. +هئي ڪا باهه جا ڀڙڪي ٿي دل ۾، +خبر پيئي جڏهن زندهه جلياسون. +اميدن جي نه سکڻي ڳالهه ڪر ڪا، +صبح سانجهي سوين سپنا ڏٺاسون. +سموري زندگي رلندي ئي گذري، +ڪڏهن اولهه ڪڏهن اوڀر هلياسون. +شوڪت علي ڌماچ +پاڻ سان گڏ نه ڀل وهاريو ها، +غير سمجهي نه بس ڌڪاريو ها. +بيوفا ڪو سڏي اوهانکي ڇو، +قول پنهنجي پنهنجا نه جي وساريو ها. +واهه ايڏو غرور ۽ ڪاوڙ، +يار مرڪي ته ڪجهه نهاريو ها. +روز پرچڻ رسڻ رسي پرچڻ، +يار ماڻا ڪري نه ماريو ها. +عمر گذري وئي ايلازن ۾، +پل ته پرچي به ڪو گذاريو ها. +ڪجهه رٺل ڪجهه خفا لڳا شوڪت، +ڪو دلاسو ڏئي ڌتاريو ها. +اڪبر ساگر +هيءُ جيون جو سفر ڏاڍو ڏکيو، +هت ملڻ ڪو همسفر ڏاڍو ڏکيو، +پيار جي گلڙن جي مون ڪئي آرزو، +ٿيو هي ڪنڊن تان گذر ڏاڍو ڏکيو، +ذهن مان ٻاهر ڪڍي هر ياد کي، +۽ رکڻ دل تي پٿر ڏاڍو ڏکيو. +پنهنجي هٿ سان ئي ڀري سقراط جيئن، +پر پيئڻ آهي زهر ڏاڍو ڏکيو. +ياد جي سڪرات ۾ تڙپئون پيا، +۽ مرڻ آهي مگر ڏاڍو ڏکيو. +درد جي زخمن کان ڏاڍو چُور ٿي، +آهه هي منهنجو اندر ڏاڍو ڏکيو +سمجهه ۾ ’ساگر‘ نه اچڻو آ ڪڏهن، +آهي جيون جو چڪر ڏاڍو ڏکيو. +ذوالفقار هيسباڻي +گيت +آئي باغن منجهه بهار، +ٿيئڙا آهن مينگهه ملهار. +بلبل گيت خوشيءَ مان ڳايا، +سارنگ آهن رنگ رچايا، +گُلڙن مان آئي هٻڪار. +ٽاري ٽاري ٽهڪي پئي آ، +مُکڙي مُکڙي مهڪي پئي آ. +چيهن جا آهن چهڪار. +بادل برسيا ٿيون گلزاريون، +ٽهڪيون ٻهڪيون ٽاريون ٽاريون، +ڀونئرن جي آهي ڀڻڪار. +”هيسباڻي“ آ نغمه ڳايون، +ڇير وڄايون، جهمريون پايون، +وڄڙين جا آهن وسڪار. +سليمان سولنگي +وائي +سنگهرن منجهه سنگهار، +وو ميان، سُتي ڪيئن سُک ٿئي؟ +اڀري ايندا مور نه کڻندا،م مارو لوڪ – ميار +وس ريءَ ڪهڙو وس ميان هت، مُٺ ۾ ساهه سنگهار +هيل ته ٻوڙا ٻوڙ ٿئي ڀل، وَس وَس وسڻهار +مند تي ميڙي سيڙي آڻج، واري سڀ ولهار +پنهنجي قسمت پنهنجي ليکي، لِکُ ٿي لکڻهار +مان ئي آٿت مان ٿي واهر، مان ئي تات تنوار +وو ميان، سُتي ڪيئن سک ٿئي؟ +اڪرم ساگر عباسي +ڀاڳ پنهنجو مون ڀلارو پئي ڏٺو، +چمڪندڙ پنهنجو ستارو پئي ڏٺو. +پر لڳي ڪن��ن جي نظر ڪا اوچتو! +ڪالهه مون رئندي پيارو پئي ڏٺو. +ساٿ ڪنهن ڀي ڪو نه مشڪل ۾ ڏنو، +پاڻ کي مون بي سهارو پئي ڏٺو. +جن کي ڏاڍي سان آهي دوستي، +تن جون مون مشڪل گذارو پئي ڏٺو. +عشق جي مون کي سزا اهڙي ملي، +درد ريءَ ٻيو ڪو نه چارو پئي ڏٺو. +مون سدا ”ساگر“ ڪناري تي وڃي، +ڏک ڀريو هي آ نظارو پئي ڏٺو. +رکيل مورائي +سانت جي شال اوڙهي سُتي راتڙي، +چنڊُ رابيل جي گُل جيان پيو ٽڙي. +شاعري دلڪشي مرڪ ”گوگوش“ جي، +دؤر جلاد جي هانَوَ تي چوچڙي. +وقت جي ناءُ ۾ ٽهڪ ڦهلاءَ سان، +باک جي ساک جي راڳڻي آ ڇڙي. +چنڊ آڪاش تي ڇير پائي نچيو، +گيت ڳاتا سڄي رات تارن مڙي. +تون وئينءَ ها مگر ياد جي چاندني، +من آڳنڌ مٿان چوڏهينءَ جان کڙي. +ساغر سميجو +ڪيئن ڪريان؟ +تنهنجي اکين جا سُر +سيني ۾ سانڍدان +ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟ +توکي ئي ياد ڪريان. +منهن ۾ مچ هونئن ئي متل +ڪجرو ٻرئي منجهه اکڙيان +ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريانئ +توکي ئي ياد ڪريان. +ڀاڪر کڻي ڀريان! +ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟ +توکي ئي ياد ڪريان. +پير اگهاڙا، پنڌ اڻائو +۽ ٻاٻري ڪَنڊ +هَٿ هَٿ گجرا +مرڪ سندءِ مُگرا +نظرن جي جهول ڀريان؟ +ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟ +توکي ئي ياد ڪريان. +ڦول اکين جا، ڦل چَپَن جا +ڦولن انگ ٽڙيا +دل ٿي چوي ڦولن جو +وک ڌريان؟ نه ڌريان؟ +تون ته آهين ڪا ڪونج پريان +ٻيو ڪجهه ڪيئن ڪريان؟ +توکي ئي ياد ڪريان. +شائق ڪمبوهه +غزل +دوستن جي سدا عنايت آ، +جان پنهنجي تڏهن سلامت آ. +درد، غم، انتظارو ۽ ڀٽڪڻ، +پيار سان ئي ته آهي جڳ قائم +هونئن به سچ آ وڏو ڏوهي، +سُور سهندي به چپ رهج ’شائق‘، +پيار جي اصل ۾ وضاحت آ. +پيار سڀ کان وڏي عبادت آ. +ڪوڙ جي هر گهڙي حفاظت آ. +پنهنجي استاد جي هدايت آ. +پارس حميد +ترائيل +هن بي انت وڇوڙي جو ڪنارو ناهي، +توندور ڪيڏو دور ٿي وئي آهين. +هن اداس دل جو ڪو سهارو ناهي، +هن بي انت وڇوڙي جو ڪنارو ناهي. +دکن جي صحرا ۾، جيئڻ جو چارو ناهي. +مون سان وري نه ملڻ جو چئي وئي آهين. +هن بي انت وڇوڙي جو ڪنارو ناهي، +تون دور ڪيڏو دور ٿي وئي آهين. +سيد امجد +اڄ مَنَ جي اڱڻ تي آيو هو، +ڪو سانوڻ رُت جي مينهن وانگي، +۽ کَن پل ۾ سيراب ڪري ويو، +ڪومل دل جي پاڙن کي. + + +سرور جي سومار تي، آيس آس ڪري، +ادب نوڙت نياز مان، پرتان پير ڀري، +ته من سندم منٺار چئي، ڪنهن سوليءَ واٽ وري، +صحبت شال سري، مٺي مرشد پاڪ جي. +- منٺار فقير راڄڙ جو چيل هڪ ”ڏهر“ +مقالا +”مسلمانن جو خاص منصب جُهد هو. عزاليءَ جي عمر ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو، جنهن ۾ هن ڪم از ڪم 16 يا 17 صفحا نه لکيا هجن. ”جهاد بالقلم“ انهيءَ جو نالو آهي. پر اڄ جي مسلمانن جي حالت ڏسي روئڻ ٿو اچي. اِهي اُهي مسلمان آهن، جن جي ساري دنيا ۾، جپان ۽ چين کان وٺي آمريڪا ۽ مئڊاگاسڪر تائين عزت ۽ ثناخواني ٿيندي هئي؛ جن جا ڪتاب سڄي دنيا ترجمو ڪندي هئي ۽ پڙهندي هئي؛ جنهن وقت ٻيو ڪو ڪتاب هو ئي ڪو نه! +خدا سلامت رکي مخدوم ’طالب الموليٰ‘ کي، جو انهيءَ جذبي ۽ انهيءَ محبت کي وري جيارڻ پٺيان آهي. ٻيون ڳالهيون ته بجاءِ خود، فقط علمي خواهش ئي مفقود آهي. طاش ۽ ياوه گوئي صبت جا ٻه مقصد هن وقت فيشن ۾ آهن. انهيءَ ڪُهني بيماريءَ جي علاج لاءِ هن قسم جون تصنيفون ۽ ادبي مجلسون، جي اسان جو طالب الموليٰ پيدا ڪري رهيو آهي، بهترين دوا آهن. حافظ جو چوڻ آهي: +نه شوي واقفِ يک نکته ز اسرارِ وجود +تا تو سرگشته شوي دائرهء امکان را. +جيڪڏهن ڪنهن کي مٽيءَ جي ماهيت پروڙڻي هجي ته تارن تائين پهچڻ کان سواءِ پروڙي نه سگهندو. جرمن شاعر گوئٽي چيو آهي ته: +”اهو ضرور نه آهي ته تون ڪنهن وڏي شيءِ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرين. شيءِ ڪهڙي به خسيس هجي، رڳو سندس تهه تائين پهچڻ جو عزم ڪر. اِتي ئي پهچندين، جتي چنڊ، سج ۽ تارا توکي وٺي ويندا.“ +علامه آءِ . آءِ . قاضي +(ڪتاب ”ڪافي“ تي تقديمي ٻه اکر مان اقتباس). +سروري جماعت جو ”ڏهر“ ۽ اويسي طريقو . +مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ +نوٽ: اٽڪل 22 سال اڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب مون کان لفظ ”ڏهر“ بابت پڇيو هو، پر ڪي اهڙا سبب ٿيا جو ڪا خاص رهاڻ ڪا نه ٿي سگهي، ۽ ڊاڪٽر صاحب کي ڏهر بابت ڪجهه ٻڌائي ڪو نه سگهيس. اٽڪل 7-8 سال اڳ ڊاڪٽر صاحب خط لکي وري به ساڳي ڳالهه پڇي، مون پنهنجي مختصر راءِ لکي موڪلي هئي، پر ڊاڪٽر صاحب وتان ڪو جواب ڪو نه آيو. پر ڏهر بابت وڌيڪ لکڻ جو خيال ٿيو ته جيئن مختلف حلقن ۾ مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي جماعت سروري ۾ رائج ”ڏهر“ بابت مختلف قسمن جي خيالن جي اظهار ۽ جماعت سروري جي ”سهروردي“ يا ”اويسي“ هجڻ بابت پيدا ٿيل مونجهارن جي وضاحت ڪري سگهجي. +13مئي 1980ع تي شيخ محمد اسماعيل صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو لکيل ڪتاب ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ موڪليو ۽ ان ڏينهن ئي مطالعي بعد شدت سان ضرورت محسوس ٿي ته جلد اهرو مضمون لکجي ته جيئن وضاحت ٿئي ۽ ڪا به غلط فهمي باقي نه رهي. ان مضمون لاءِ حوالا گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، پر طبيعت جي ناسازيءَ سبب اهو ڪم جلد مڪمل نه ٿي سگهيو. هن وقت به عبدالله ورياهه، اسان جي هدايتن ۽ گڏ ڪيل حوالن موجب مضمون نقل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي. – ”طالب الموليٰ“ +”ڏهر“ لفظ ”ڏهر“ جو مخفف (گهٽايل) آهي. ڏهر جو اشتاق (بنيادي) لفظ ’ڏاهه‘ آهي، جنهن جو معنائون آهن: خبر، ڏس، پتو، پرولي ۽ ڳجهارت[1]. پر انهي لفظ جون معنائون ’سڏ‘ ۽ ’اطلاع‘ وغيره به آهن. +لفظ ”ڏاهه“ ۾ ’ر‘ نسبتي آهي، جيئن ڪنڀر، ڀتر ۽ لهر وغيره وغيره. عوام ۽ خواص کي سڏ ڪري يا اطلاع ڏيئي الله ۽ ان جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ جو هڪ بهترين ۽ آسان ذريعو ۽ رستو آهي ”ڏهر“. +چوڻي آهي ته ”ڏاهري به آيل آهن يا ’ڏاهرن‘ جي اچڻ جو اظهار آهي“، وغيره. يعني سُر سان ڏهر ڏيندڙ فقير. چوندا آهن ته فلاڻي ڳالهه لاءِ سموري پرڳڻي ۾ ’ڏاهه‘ ڏني ويئي ته سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيا (مدد ڪرڻ لاءِ) ته ڪم ٿي ويو. +سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ سنڌي شاعري جي جيترين به صنفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ’ڏهر‘ کي شامل نه ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ بُڻ بنياد جي باري ۾ اڄ تائين جيڪو بحث ڪيو ويو آهي، انهيءَ ۾ جديد تحقيقاتي بنيادن مطابق مذهبي پرچار وارو ڪلام يعني ”گنان“ به ڏنا ويا آهن، جن کي اندازن 1965ع کان پوءِ سنڌي شاعري جي صنف طور قبول ڪيو ويو آهي. ”گنان“ فقط اسماعيلي پيرن جي تعريف ۽ توصيف جا بيت آهن، جن کي سنڌي ادب جي ٻئي دؤر جي شاعري طور پيش ڪيو ويو آهي[2] حالانڪ ”ڏهر“ به سنڌي شاعري جي عظيم صنف آهي، جنهن ۾ خدا تعاليٰ جي تعريف، حضرت محمد ڪريم صلي الله عليـﮧ وسلم جي ساراهه ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمت الله عليـﮧ جي ساراهه جو ذڪر آهي. منهنجي ڄاڻ موجب شاعريءَ جو هي نمونو الف اشباع (مقدمه الصلوات) جي دؤر سان گڏ شروع ٿيو آهي ۽ اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي. +”ڏهر“ سنڌي شاعري جي هڪ غير عروضي صنف (نمونو) آهي، جنهن کي مخدوم معظم غوث الحق حضرت مخدوم نوح رحه جي سروري جماعت جياريو اچي. اها صنف ايتري ته مقبول هئي ۽ آهي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليـﮧ رحمت به پنهنجي شاعريءَ ۾ ان کي جاءِ ڏني. غير عروضي سنڌي شاعري ڪندڙن کي گه��جي ته ڏهر جي صنف تي آل جال لکن. +ڏهر ۾ حمد، نعت، منقبت، اصحابه ڪرام ۽ ٻين الله وارن جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف تي مضمون لکبا آهن[3]. ڏهر عوام ۽ خواص کي سڏ ڪري يا اطلاع ڏيئي الله ۽ ان جي آخري رسول ڏي رجوع ڪرائڻ جو هڪ بهترين ۽ آسان ذريعو ۽ رستو آهي، جنهن جي وسيلي نه صرف الله ۽ الله جي رسول پر پنهنجي مرشد جي احوال کان پڻ جماعت کي روشناس ڪرايو وڃي ٿو. +حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جن رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي سُنتن پاڙڻ تي انساني وس پڄندي بيحد ڪوشش ڪندا هئا ۽ ان ۾ پاڻ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي هئائون. +مڪي شريف ۾ ڪعبـﺔ الله جي ويجهو ٻه جبل هڪ صفا ۽ ٻيو مروه چڱا خاصا وڏا هئا[4] جڏهن مڪي پاڪ تي ڪا ڪاهه ٿيندي هئي، ڪو خطرو هوندو هو يا ڪو قافلو يا قاصد ايندو هو ته انهن جبلن مان هڪ تي ڪو به شخص چڙهي بلند آواز سان ان ڳالهه جو اطلاع ڏيندو هو ۽ ماڻهو هوشيار ٿي ويندا هئا. اهو طريقو اسلام اچڻ کان به گهڻو وقت اڳ رائج هو. +جڏهن حضرت محمد بن عبدالله صلي الله عليـﮧ وسلم جن نبوت ملڻ بعد ماڻهن کي اسلام ڏي اچڻ ۽ هن سچي مذهب کي اختيار ڪرڻ جي تبليغ ڪئي ته پاڻ هڪ دفعو مڪي جي ڪوهه صفا[5] تي چڙهي ان وقت جي رواج موجب بلند آواز سان هي لفظ ”يا معشر قريشي“ ٻه ٽي ڀيرا چيا ۽ قريش اچي گڏ ٿيا. پاڻ آيل ماڻهن کي فرمايائون ته جيڪڏهن آئون چوان ته هن جبل جي پويان هڪ وڏو لشڪر موجود ۽ حملي ڪرڻ وارو آهي ته اعتبار ڪندؤ؟ تنهن تي پاڻ چيائون ته صرف هڪ الله آهي، ان کي سجدو ڪريو ۽ آئون ان جو رسول آهيان، وغيره. تنهن تي ابوالهب هميشـﮧ وانگر بڪواس ڪئي ۽ ماڻهو هليا ويا. +”ڏهر“ به انهيءَقسم جو يعني الله طرف سڏڻ جو هڪ طريقو آهي. +ڊاڪٽر نبي بخش صاحب پنهنجي تصنيف ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”مخدوم صاحب جن جو طريقو سهروردي آهي ۽ مخدوم صاحب (هالا) جي جماعت جي اصطلاح ۾ مرشدن جي تعريف ۽ ذڪر جي سلسلي کي ”ڏهر“ چون. ’ڏهر ڏيڻ‘ معنيٰ بلند آواز ۽ هڪ خاص ڍار سان اهڙا بيت ڏيڻ، جن ۾ درگاهه جي وڏي سرور پير يعني مخدوم نوح رحه صاحب ۽ سندس درگاهه جي صفت هجي. اهو مضمون هن درگاهه جي مريدن لاءِ برڪت ۽ آٿت جو سهارو آهي ۽ سندن ’ڏهر ڏيڻ‘ جو خاص مقصد اهو ئي آهي.“ ڊاڪٽر صاحب جو اهو چوڻ صحيح آهي. وري ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”مگر سنڌي راڳ جي روايت جي لحاظ کان ڏهر جو اصطلاح هڪ خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملتان جي سهروردي طريقي ۾ پڻ ڏهر موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته اهو سُر ڪنهن آڳاٽي راڳ جو يادگار آهي، جنهن جا آثار ڪنهن حد تائين ميسارجي چڪا آهن.“[6] +”اسان راڳ ڏهر جي اصليت ۽ ماهيت کي سمجهڻ لاءِ مخدوم صاحب جي مريدن ۾ رائج ”ڏهر ڏيڻ“ جي سلسلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ سلسلي ۾ مختلف جاين تي ڏهر ٻڌا، ۽ پڻ آڳاٽو منٺار فقير جي ميلي جو ڀيرو ڪيو، جو موجوده دور ۾ منٺار فقير جا چيل بيت خود منٺار فقير جي مزار تي توڙِ ٻين اڪثر جاين تي ڏهرن طور ڏنا وڃن ٿا. انهيءَ ڳولا ۽ پڇا مان جيڪي ڪجهه معلوم ٿي سگهيو، تنهن جا مختصر هيٺيان پهلو قابل ذڪر آهن: +جن شاعرن جا بيت ڏهر طور ڏنا وڃن ٿا، سي سڀ مخدوم صاحب جي درگاهه جا مريد هئا. منٺار فقير راڄڙ جي بيتن کانسواءِ اسان ساهو فقير، سڌا توري فقير مڱريي ۽ حيات فقير جت (جيڪو جاتي جي پاسي جو هي) جا بيت ٻڌا، جيڪي ڏهر طور ڏنائون، مگر اهي سڀ فقير مخدوم نوح صاحب رحمـﺔ الله عليـﮧ کان گهڻو پوءِ ٿي گذريا ۽ انهيءَ ڪري شاعرن ۽ سندن بيتن جي مطالعي مان ڏهر ڏيڻ جي تاريخي اصليت روشن ٿئي ٿئي. +”مخدوم صاحب جي جماعت ۾ جيڪو ڏهر ڏيڻ جو سلسلو رائج آهي، سو اصولي طور مرشد جي تعريف ۽ ذڪر جو سلسلو آهي. مخدوم نوح صاحب رحمـﺔ الله عليـﮧ جي درگاهه تي هر سهائي سومار يا لاکاني ۽ حج وارن مهينن ۾ ڏهر ڏيندا، ۽ پڻ درگاهه جي سلسلي ۾ ٻين ماڳن تي ڏهر ڏيندا آهن. ميلن ۾ مکيه جاين تي فقير اڪثر مچ جي چوڌاري گولائي ۾ بيهندا ۽ هڪ خاص ڍار سان مرشد جي تعريف ۾ بلند آواز سان بيت آلاپيندا. هر بيت جي پوري ٿيڻ تي ’ذڪر جي توار‘ طور ’لاالـﮧ‘، ’الالله‘ ’ياالله‘ ۽ ’هو الله‘ جون ضربون هڻندا آهن. انهن ’ضربن سان ذڪر‘ واري توار مان گمان نڪري ٿو ته غالباً ڏهر ڏيڻ جو سلسلو سماع جي ڪنهن آڳاٽي سلسلي سان وابسته آهي، جيڪو اندازا اٺين صدي هجري ڌاري يا ان کان به اڳ سنڌ ۾ رائج هو.[7] +هتي ڊاڪٽر صاحب جي ڪجهه ڳالهين سان اختلاف ڪندي چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ سروري جماعت کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن به جماعت ۾ ”ڏهر“ جو رواج نه آهي. ملتاني جماعت ۾ ڏهر بدران ”بيت“ چوندا آهن. صرف مخدوم نوح رحه جي جماعت ۾ ”ڏهر“ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حمد، نعت، منقبت، صحابه ڪرام ۽ ٻين الله وارن جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ۽ مرشد جي تعريف وغيره تي مضمون لکبا آهن. رهيو سوال ڏهر راڳ جو ته ڏهر راڳ هو ئي ڪو نه، پر ”ڏهر“ راڳ ڀيروين ۽ جوڳ ۾ آلاپيا ۽ چيا (ڳايا) ويندا آهن. سروري جماعت جو هي به دستور آهي ته شڪار يا سفر ۾ هڪ ٻئي کان رفيق ڀلجي جدا ٿي ويندا آهن ته پوءِ ڪلمهء طيبه آلاپي ”ڏهر“ ڏنا ويندا آهن ته ڀلجي ويل رفيق اهو ٻڌي ان جو جواب ”ڏهر“ سان ڏيندو ۽ اچي هڪ ٻئي سان ملندا آهن. +ڏهر ڏيڻ جو طريقو اڄ به سروري جماعت ۾ رائج آهي. اهو طريقو ڪيترو پراڻو آهي ۽ ڪڏهن شروع ٿيو، ان بابت پڇا ڪرڻ تي به معلوم نه ٿي سگهيو ته ڏهر ڏيڻ جو طريقو ۽ ايجاد ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪئي، پر حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جا چيل ڏهر به اسان وٽ موجود آهن، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”ڏهر ڪلمي“ جو طريقو ڪيتريون صديون پراڻو آهي، جن مان هڪڙو مشهور ”ڏهر“ هيٺ ڏجي ٿو: +متان ڏسي موهجين دنيا وارا ڌڄ، +جدا ڪر جودئون ڇائيءَ کي ٿي ڇڄ، +اڄ نه ٿئي سڀان، سڀان نه ٿئي اڄ، +نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ، +مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃي ٿو وسيلا. +جنهن ۾ واضح نموني سان دنيا جي فاني هجڻ، نيڪي ۽ برائي جي فرق کي سمجهڻ ۽ بنا وقت وڃائڻ جي رب کي راضي ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي. +حيات فقير جت، جاتي ضلعي ٺٽي جو رهاڪو هو، سندس هڪ ڏهر آهي. +جي آسائو آهين، ته هلي وڃ هالين، +جي ستي جا سيڪڙو سي پين پيالين، +ڪوجهي افعالين، پير نه ڇڏي پانهنجا. +هن ڏهر ۾ مرشد جي ساراهه ۽ سندس مهربانين جو ذڪر آهي. منٺار فقير راڄڙ پٽ قبول محمد (1285هه/ 186ع - 1358هه/1938ع) ڳو ٺ کاڻي راڄڙ، ضلعي سانگهڙ، جو مشهور فقير ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سروري جماعت ۾ سندس چيل ڏهر تمام گهڻو مشهور آهن. سندس ڏهرن جو ڪتاب ”رسالو رهنمائي“ پڻ ڇپيل آهي، سندس ڪجهه ڏهر هتي پڻ ڏجن ٿا. +چئو لاالـٰﮧ الالله، محمد رسول، +ائين چئي ويو چاڳلو، مولا جو مقبول، +منجهان دل منٺار چئي، ڪيو جن قبول، +مٿان تن محصول، لطف ساڻ لهي ويو. +* +سرور شاهه جي سگهه جو، ليکو لکندو ڪير، +آيو جو اولياء وٽ، پرتئون ڀري پير، +سو سڀڪي شاهوڪار ٿيو، توڙي ڏڏ ڏڦير، +جن دعا گهري هڪ دمڙي، تنکي سرور بخشيو سير، +جنهن جي فيض ۾ ڪونهي ڦير، سو ڇو نه مڃي منٺار چئي. +* +سرور جي سومار تي آيس آس ڪري، +ادب نوڙت نياز مان پرتان پير ڀري، +ت�� من سندم منٺار چئي، ڪنهن سوليءَ واٽ وري، +صحبت شال سري، مٺي مرشد پاڪ جي. +سڻي منهنجا سڏڙا، سائين امين محمد ايندو، +ڪئين دلاسا دل کي، اچي ڏڍ وڏا ڏيندو، +مرڻ ويل منٺار چئي، اچي وسيلو ٿيندو، +هيءَ نماڻي نيندو، پلئه لائي پانهنجي. +* +ميان محمد زمان منهنجا پرين سڻ سائل جا به سوال، +نرمل ناري ملڪ تي تون رکج خان خيال، +موهر سان منٺار چئي ڪر ڀلايون ڀال، +لائق ڀريا لال، ڪر نظر نوازڻ جي. +* +ميان ظهور الدين ظهور ڪيو، ويٺو مسند مٿي مور، +منجهه قلب منٺار منٺار چئي، ٿيو ذڪر جو زور، +تابش طالبن تان ويوشيطاني شور، +ويئي دلگيري دل تان، هينئڙي مٿان هو، +مليو امل اتور، پلئه لڳندي پير جي. +* +آيو پوٿو پکن ڌڻيءَ جو، نسورو ئي نُور، +آهي والد ول جنهن جو، جنهن کي حبيبي حضور، +سو غلام محمد گهوٽ ئي آهي، محمد وٽ منظور، +ڪيو دين سندو دستور، تنهن موهر ۾ منٺار چئي. +* +بسم الله ڀلي ڪري آيو هي مرد موچارو، +والد ولي جنهن جو آهي پارس پاڳارو، +تنهن غلام حيدر گهوٽ هي نوازيو سڀ نارو، +مهراڻو منٺار چئي، ٿيو سڀاڳو سارو، +لٿو مونجهارو، قلب قريشي نئون ڪيون. +* +آيو سائين محمد زمان موهر ۾ پهريون دفعو پير، +سو صحيح صديقي سلڇڻو، کڻي الله ڪيو اڪثير، +سو نرمل نوازيندو اچي، وهڻ وستون سڀ وير، +سو آيو ڀلي بوڇڻاهه تي، ڪامل قطب ڪبير، +۽ ڏئي ٿو فيض فقير، والي وريل شاهه کي.[8] +* +[1] ”سنڌي لغات قديمي“، مرزا قليچ بيگ، حيدرآباد، 1924ع، صفحو 155. +[2] ڏسو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ڇاپو ٻيو، از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، صفحه 184-186. +[3] مقدمو، از طالب الموليٰ. ”رساله رهنمائي“ منٺار فقير راڄڙ، مرڪزي بزم طالب الموليٰ، 1984ع هالا، صفحه 5-6. +[4] اهي جبل وچولي درجي کان به گهٽ هئا، جن کي سعودي حڪومت اڃا به وڌيڪ ننڍو ڪري ڇڏيو آهي. +[5] هن وقت ڪوهه صفا جو معمولي نشان باقي آهي. +[6] ”سنڌي موسيقي جي تاريخ“ صفحو 305 (ڇپايل شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1978ع.) +[7] سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، ص 306. +[8] ”رسالو رهنمائي“، منٺار فقير راڄڙ، مرڪزي بزم طالب الموليٰ، هالا، 1984ع. + + +مٿي ذڪر ڪيل سڀئي ڏهر منٺار فقير پنهنجي مرشدن جي شان ۾ چيا آهن، جن ۾ مختلف سروري سجاده نشينن جي ساراهه، سندن فيض ۽ مسافري جو ذڪر ڏنل آهي. هن سلسلي ۾ منهنجا چيل ڏهر پڻ مثال طور ڏجن ٿا. +لاالــــﮧ الالله، مــحــــمــد الـــرســـول، +جهانن ۾ جميل کي، مولا ڪيو مقبول، +پيغمبر پڌرو ڪيو، الله جو اصول، +طالب الموليٰ مرد ٿي، فڪر ڇڏ فضول، +جنهن قريشيءَ جي قلب کي، قلبئون ڪيو قبول، +سو محبتي ملول، ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو. +آئون طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي شاهه سرور، +پنان ٿي پينار تو، تنهنجي نيڪ نظر، +سندي ڏينهن محشر، سوکو ڪج سردار تون. +* +آئون طالب تنهنجو توڪلي تون سخي سرور شاهه، +پنان ٿي پينار تو، تنهنجي نيڪ نگاهه، +سدا منهنجو ساهه، سڪي تنهنجي سڪ ۾. +* +آئون طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي سرور پير، +دامن لڳس تنهنجي، منهنجا مٺا مرشد مير،[1] +يا ننگي نوح فقير، ڀرم رکجانءِ ڀال سان. +مٿين سڀني ڏهرن جو موضوع اهو ساڳيو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيل آهي، يعني الله ۽ الله جي رسول صه ۽ مٺي مرشد کان دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جي طلب جو اظهار. +ان کانسوءِ هن وقت به بئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ ”ڏهر“ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي. سروري جماعت سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان شاعر عبدالله خان ورياهه[2] پڻ ڪافي ڏهر چيا آهن، جن مان مثال جي طور تي ٻه ڏهر هيٺ ڏجن ٿا. +سچو سرور نوح ٿئي، صديقي سلطان، +لاڙ وچولي ٿر ۽ اتر ۾ اعلان، +هند توڙي سنڌ ۾ ملڪان ملڪ بيان، +آگي جا احسان، سرور ڪيو سوجهرو. +* +سرور ڪيو سوجهرو، چوڌر ٿي چانڊاڻ، +مرشد سندي مهر سان ڀريا ڀاڳين ڀاڻ، +طالب سندي طلب جي تن ۾ رکي تاڻ، +سرور نوح سڃاڻ ته سولو نڪرين سير مان. +هي ڏهر پڻ سرور نوح رحه جن جي صفت ۾ بيان ڪيل آهن.مٿي ذڪر ڪيل ڏهر جي نمونن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڏهر مختلف ماڻهن جا چيل آهن؛ پر انهن سڀني جو موضوع اهو ساڳيو آهي. ڏهر جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته اهو نه صرف حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت ۽ سندن درگاهه، پر سندن سجاده نشينن جي فيض ۽ برڪت، مسافري ۽ سهائي سومار بابت پڻ وڏي تعداد ۾ چيا ويا آهن. +ڀلاري ڀٽ ڌڻي شاهه عبداللطيف عليـﮧ الرحمت پنهنجي رسالي ۾ ”سر ڏهر“ جي عنوان هيٺ چئن داستانن ۾ ڪافي بيت چيا آهن. ڪلياڻ آڏواڻي ڏهر جي معنيٰ سمجهائيندي لکي ٿو ته ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر يا ڏاڍي مٽيءَ واري سڌي ميدان کي ”ڏهَرُ“ چوندا آهن[3] هن نسبت سان سڌي، سچي ۽ واضح ڳالهه جيڪا ڏهر جو اصل موضوع هوندي آهي، جيڪر ڪنهن به بيت ۾ سمايل هجي، ته ان کي ”ڏهر“ چئي سگهجي ٿو. +جلال کٽي سنڌ جو مشهور ۽ جهونو سگهڙ، جيڪو ٻارهين صدي هجري جي اوائلي اڌ ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن جي سنڌي لوڪ ادب ۾ هڪ خاص حيثيت آهي. هن پنهنجي هڪ سينگار بيت ۾ ”ڏهر“ جو لفظ ’ڏندن‘ لاءِ استعمال ڪيو آهي. بيت هن ريت آهي: +لڪ ليثي، ”ڏَهَر ڪپور“، ڀروان ڀؤنر ڀونگ، +تنهن سمايا سارنگ، جلوي ساڻ جلال چئي.[4] +سينگار بيت جو هڪ ٻيو نمونو سگهڙ ڪوريءَ جو پڻ ملي ٿو. سندس نالو نه ملي سگهيو آهي، پر هي جلال کان پوءِ وري دور جو سگهڙ آهي. هن پڻ ساڳيو لفظ ڏهر، ڏندن لاءِ ڪتب آندو آهي. +مرواريد مات ٿيا ڏسي ”ڏهر“ سندان[5] +سگهڙ جلال کٽي پنهنجي سينگار بيت ۾ ”ڏهر ڪپور“ معنيٰ ’ڪافور جهڙا اڇا ڏند‘ جا لفظ استعمال ڪيا آهن. +جڏهن ته ڪوري سگهڙ ”مرواريد“ يعني موتين کان به وڌ محبوب جا ڏهر، يعني ڏندن جو ذڪر ڪيو آهي. +مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي مشهور سگهڙن جي سينگار بيت جي نمونن ۾ ”ڏهر“ جو لفظ ڏندن لاءِ ڪم آندل آهي. نه صرف اهو پر ٻين به ڪيترين لکڻين جي قديم سنڌي زبان جي نمونن ۽ گفتن ۾ پڻ ”ڏَهَر“ ڏندن لاءِ ڪتب آيو آهي. +جهڙيءَ طرح ٻن ڀٽن جي وچ واري اڇي، سڌي ۽ ڏاڍي مٽيءَ واري ميدان کي ”ڏَهر“ چئبو آهي، ساڳيءَ طرح ٻن چپن جي وچ ۾ اڇن، اجرن ۽ سهڻن ڏندن جي قطار کي به ڏهر سڏيو ويو آهي ۽ سگهڙن ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻن به انهيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. پر هن لفظ جو عام استعمال ان معنيٰ ۾ باقي نه رهيو. ان ڪري هن لفظ بابت عام مانهن توڙي اديبن کي ڄاڻ ملي نه سگهي. +ڏهر جي لفظي معنيٰ کي ڳولهيندي مختلف عربي، فارسي ۽ سنڌي لغات ڏسڻ جو موقعو مليو. ممڪن آهي ته هي لفظ اصل ۾ عربي لفظ ”دهر“ جي تبديل ٿيل صورت هجي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي زمانو. نبي ڪريم صلي الله عليـﮧ وسلم جي حديث ”لاتَسبو الدَهَرَ فان الله هو الدَهُر“، يعني زماني کي خراب نه چئو، ڇو ته ان کي رب پاڪ ٿو هلائي[6] دهر جي لفظي معنيٰ اهڙي زماني جي پڻ آهي، جنهن جو ڪو به ڇيڙو نه هجي. هڪ وڏي ۽ ڊگهي عرصي کي پڻ دهر چئبو آهي[7] مقصد ته دهر جي لفظي معنيٰ زمانو، جڳ، وقت، عرصو، مدت، سمو، دنيا، سنسار ۽جهان ٿيندي[8] جيڪو شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڏنل سر ڏهر جو اصل موضوع آهي. سر ڏهر جو هڪ بيت مثال طور هيٺ ڏجي ٿو: +ڍورو نه اڳئين ڍار، مهند ملاحن لکيو، +موڙي ڇوڙيا مڪڙا، پسي پاڻيءَ پار، +جسوڌن جيها يار، پيڙا ويرَ و ماس.[9] +ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ڏاهه جي لفظي معنيٰ ڏس، پتو، اهڃاڻ، پرو، خبر��ار، سڌ، سماءُ، احوال، سڻس، کڙڪ، چتاءُ، آگاهي، اطلاع، ڄاڻ، واقفيت، ڳجهارت، پرولي، مام، سمجهه، عقل، هوش، فهم، ٻُڌي، ڏاهپ، سياڻپ، سچيتائي، دانائي ۽ هوشياري پڻ لکي آهي، جڏهن ته ڏهر کي سنڌي راڳڻيءَ جو هڪ قسم، تعريف جا بيت، سُريلا بيت جيڪي دعا يا ذڪر خاطر ملتان جي غوث بهاؤالدين رحه ۽ مخدوم نوح رحه جا مريد وڏي آواز سان پڙهن، لکيو اٿن[10] +مٿين سڀني ڳالهين جي آڏو اچڻ بعد اهو معلوم ٿيو ته ”ڏهر“ اڇي اجري، واضح ۽ سچي ڳالهه، جيڪا زماني جي مختلف دورن سان تعلق رکندڙ هجي، ان جي سڌ ڏيڻ کي چيو وڃي ٿو، جيڪو صاحب الفيض و الفتوح حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي جماعت سروري ۾ مروج ڏهر جو اصل موضوع آهي. +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب اڳتي هلي بزرگ نوح هوٿياڻي جي تاريخي حقيقت معلوم ڪندي هڪ ڏهر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پاڻ سومر فقير ڏاهري کان درگاهه حضرت نوح هوٿياڻي تي ٻڌو هئائون. +اٿندي پير اويس جو، نر جو نانءُ ڳنهن، +سي سدا وتن سنرا، پاپ نه پڙي تن، +الله اويسين، ڪوسو واءُ نه واريين. +بلوچ صاحب جن هن بيت بابت لکن ٿا: ”پڇا تي چيائون ته هي ڪو آڳاٽو بيت آهي، جيڪو سيني به سيني هلندو اچي، پر اهو معلوم ناهي ته ڪهڙي شاعر جو چيل آهي. ظاهر آهي ةه هيءُ ’سماع‘ جو بيت آهي، ڇاڪاڻ ته ’اٿندي‘ مان مراد آهي ’سماع‘ ۾ اٿندي سان ئي برڪت ۽ ڀلائيءَ لاءِ اويس پير ۽ اويسين جو نالو کڻن.‘ اهو پڻ ظاهر آهي ته هيءُ بيت مخدوم صاحب جي سلسلي جي فقير جو چيل ناهي، ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحبن جو طريقو ’اويسي‘ ناهي، مگر ’سهروردي‘ آهي. ڏهر جي هن بيت ۾ پير اويس ۽ اويسين وارا ٽاڻا تاريخي لحاظ سان اهم آهن. اسان جي خيال ۾ سنڌي ۾ تصوف جو ’اويسي طريقو‘ ٿورو هليو، مگر آڳاٽو آهي. درويش نوح هوٿياڻي جي توڪل ۽ تسليم واري زندگي مان پڻ سمجهجي ٿو ته هو اويسي هو. مانجهندن جي سامهون الهندي طرف ’شاهه اويس‘، جنهن جي نالي ۾ اويسي طريقي جا اهڃاڻ سمايل آهي، سو پڻ آڳاٽو ولي ٿي گذريو آهي. نسبتا پوئين دور ۾ ڏيرا فقير درويش جيڪي سئي ڪندر واري مقام ۾ دفون آهن، تن مان پڻ هڪ ٽولو اويسين جو هو. هيءُ آڳاٽي اويسي طريقي جي مضمون وارو سماع جو بيت آهي، جيڪو مسلسل روايت ذريعي ’ڏهر‘ طور پڙهجڻ ۾ آيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ اندر ’ڏهر جي سماع‘ کي اويسي طريقي سان پڻ ڪا نسبت آهي، ۽ ڏهر ۽ سماع جو اهو سلسلو ڪم از ڪم اٺين صدي هجري تائين پهچي ٿو، ڇاڪاڻ ته درويش نوح هوٿياڻي تڏهن ٿي گذريو.“[11] +هن ۾ وضاحت طلب اها ڳالهه آهي ته ڏهر ۾ اويسين جو ذڪر ڪيل آهي، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب اهو ڏهر سروري جماعت جي ڪنهن فقير جو چيل ان ڪري نه آهي جو هيءُ سلسلو سهروردي آهي، اويسي ناهي ۽ سندن خيال موجب درويش نوح هوٿياڻي رحه اويسي سمجهڻ ۾ اچي ٿو. +هن سڄي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين اويسي طريقي کي سمجهجي ۽ پوءِ ثابت ڪجي ته حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جو اويسي طريقي سان ڪهڙو تعلق هو ۽ درويش نوح هوٿياڻي جي مخدوم نوح رحه سان تعلق تي پڻ روشني وجهجي. +اويسي جو لفظ حضرت اويس القرني سيد التابعين جينالي مبارڪ سان منسوب آهي. پاڻ يمن جي علائقي قرن جا رهاڪو هئا. حضور جن جي پرپٺ اسلام قبول ڪيو هئائون، مگر ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيا. پاڻ (سنه 17 هجري کانپوءِ) يمن جي هڪ امدادي فوج سان مديني پاڪ ۾ آيا ۽ حضرت عمر رضي الله عنـﮧ سان سندن پهرين ملاقات ٿي. ڪجهه عرصو ڪوفي ۽ بصري ۾ گوشه نشيني جي زندگي گذاريائون ۽ الله جي عبادت ۾ مشغول رهيا�� جنهن کانپوءِ ڪيترين جنگين ۾ حصو ورتائون. +سندن لاڏاڻي بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ مختلف روايتون ملن ٿيون. هڪڙي روايت آهي ته آذربائيجان جي هڪ معرڪي ۾ (20 کان 22هه) حصو وٺڻ کان پوءِ موٽندي رستي ۾ اوچتو بيمار ٿي وفات ڪري ويا (حليـﮧ الاوليا، 2: 9.) +ٻي روايت موجب جنگ صفين (37هه- 657ع) ۾ حضرت علي رضه جي طرفان شريڪ ٿيا ۽ شهيد ٿي ڪنهن پاسي گم ٿي ويا. +اڪمال في اسماء الرجال جي عبارت آهي ته ”فُقِدَ يصفين سنـﺔ سبع و ثلثين“ معنيٰ ”گم ٿي ويا صفين مان سنـﮧ 37هه ۾.“ +ٽي روايت سندن دمشق ۾ وفات ۽ مقبره باب الجايـﮧ ۾ دفن ٿيڻ بابت آهي. +چوٿين روايت آهي ته پاڻ مڪي شريف ۾ وفات ڪري ويا[12] +هڪ ٻي روايت موجب، سيلاني ماڻهن کان معتبر سندن سان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته حضرت اويس جو مقبرو ڪن مٿاهن جبلن ۾ موجود آهي، يعني سن شهر جي ويجهڙائيءَ وارن جبلن ۾، جتي هر سال 9 ذوالحج جي رات ميلو لڳندو آهي[13] +تاريخ مظهر شاهجهاني وارو به ساڳي ڳالهه جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته ”سن کان پنج ڪوهه پري ٺٽي جي طرف ڏانهن هڪ جبل آهي، جنهن تي حضرت خواجه اويس قرنيءَ جي مزار پئي ٻُڌجي، جتي سندس والده جي مزار به آهي. هيءَ جاءِ اويس قرنيءَ جي نظر گاهه به ڪوٺجي ٿي. صبح جي موقعي تي جبل ۽ ٻين پاسن کان حشام ماڻهن جا زيارت لاءِ هتي ايندا رهن ٿا.“[14] +سنڌ ۾ اويسي قرني عليـﮧ الرحمت جي روضي مبارڪ جو هجڻ ۽ ان تي سالياني ميلي لڳڻ تي وقت جي عالمن اعتراض ڪيو ته حضرت اويس يمن مان هلي اچي سنڌ ۾ وصال ڪيو يا حضرت علي ڪرم الله وجـﮧ جي لشڪر ۾ شهادت پرائي اچي سن واري جبل ۾ مدفون ٿيو. اها ڳالهه مڃڻ جهڙي نه آهي، پر ڪن بدعتي قبر پرستن اها مصنوعي قبر ٺاهي آهي. انهي حجت ۽ دليل سان انهن عالمن قبر تي ويندڙ ماڻهن کي روڪيو. روڪيندڙ عالمن ۽ حضرت مخدوم بلاول عليـﮧ الرحمت پڻ شامل هئا. +حڪمت الاهي حضرت مخدوم بلال رحه کي ٽلٽي ۾، جتان سن وارو جبل نظر ٿو اچي حضرت اويس قرني رحه جن پنهنجي مقرر ٿيل مقبري مان پنهنجي بزرگي ۽ ڪرامت جي قوت سان جلوه افروزي ڪري پنهنجو مشاهدو ڏيندي فرمايائون ته فقيهن جي روايت پوري آهي، پر اسين ته اجهو پنهنجي قبر ۾ موجود ويٺا آهيون[15] +ان مشاهدي بعد حضرت مخدوم بلاول رحه جن مريدن ۽ شاگردن سميت سن ۾ اچي حضرت خواجه اويس قرني رحه جي زيارت ڪئي. گهڻي زماني کان اهو مقبرو ڊهي ويوهو، جنهن کي سنڌ جي ارغون حاڪم ميرزا شاهه حسن وڏي عقيدت منديءَ سان ٺهرائي ان جي چوڌاري ديوار ڏيئي چوڪنڊي قائم ڪئي ۽ ماڻهن جي سهوليت لاءِ تلاءُ ٺهرايائين[16] +عارفن ۽ صوفين جي اصطلاح ۾ اويسي ٻن قسمن جي بزرگن کي ٿو چئجي. هڪڙا جن جي بيعت جو سلسلو حضرت اويس قرني رحه جن کان هليو آهي؛ ٻيا اهي جيڪي حضرت اويس رحه وانگر بغير ظاهري مرشد جي منزل مقصود کي رسيا آهن. +هتي هي سمجهڻ به ضروري آهي ته حضرت اويس قرني رحه جن جي سلسلي جا ڪهڙا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن کي اويسي سلسلي جو چئي سگهجي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته اهو متبرڪ سلسلو حضرت جنيد بغدادي عليـﮧ الرحمت جن کان مٿي هلي ٿو. سندن وفات 7 رجب المرجب سنه 297هه ۾ ٿي. اهو مريد هو. شيخ ابو عمر اصطخري جو، اهو سڳورو مريد هو حضرت سلطان ابراهيم بن اهم جو جنهن جي وفات 28 جمادي الاول سنه 166هه ۾ ٿي. جيڪو مريد هو حضرت ابو موسيٰ يزيدراعي جو. اُهو مريد هو حضرت ابو عمرو اويس قرني رحه جو ۽ ان سڳوري کي فيض مليو، حضرت عمر رضي الله عنـﮧ ۽ حضرت علي ڪرم الله وجـﮧ کان. جيڪي به بزرگ حضرت جنيد رحه سان منسلڪ آهن، اهي سڀئي سڳورا اويسي سلسلي جا اصحاب سڏائڻ جا مستح�� آهن. ڇاڪاڻ ته سندن بزرگن جو ظاهري شيخ طريقت اويسي سلسلي سان تعلق رکندڙ آهي ۽ انهن جي بيعت جو سلسلو حضرت اويس قرني رحه کان هليو اچي. ٻيا اهي جيڪي سواءِ ڪنهن ظاهري مرشد جي حضرت اويس قرني رحه جن وانگر قادر جي ڪرم سان ڪامل اولياءَ الله ٿي ويا، انهن کي ”اويسي المشرف“ چئبو. شيخ ابو القاسم جرجاني ۽ حضرت خواجه ابو الحسن خرقاني (وفات 425هه) پڻ اهڙن اويسي المشرف اولياء ڪرام مان آهن. +ساڳي طرح حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جن جو به ظاهري مرشد نه آهي، ان ڪري کين پڻ ”اويسي المشرف“ چيو ويندو. انهيءَ سبب جي ڪري کين سهروردي سان گڏوگڏ اويسي پڻ سڏيو ويندو آهي. +اويسي بزرگن بنسبت چيو وڃي ٿو ته اهي سڳورا ذڪر سان گڏ ”اويس، اويس“ جو نعرو پڻ هڻندا هئا. +ساڳي طرح حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جن شروعات ۾ ”لا الله الاالله“ جي ذڪر سان گڏ ”اويس، اويس“ به گهڻو چوندا هئا[17] +قطب الاقطاب حضرت مخدوم نوح رح جن پنهنجي اويسي شرف حاصل ڪرڻ بابت فرمائين ٿا ته ”جڏهن چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ پڙهندو هئس، هڪڙي ڏينهن حضرت ابوبڪر صديق رضه تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليـﮧ وسلم جن توهان کي سڏايو آهي. پاڻ ٻئي سڳورا مون کي پاڻ سان هڪڙي عجيب ۽ حيرتناڪ رستي تان وٺي هليا، تان جو هڪ جبل تي اچي چڙهياسون. اتي هڪڙي عاليشان جاءِ هئي، پاڻ مون کي ان ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪيائون. جڏهن اتي هتاسون ته حضرت عيسيٰ عليـﮧ اسلام جن جي ڪچهري لڳي پيئي هئي. مون کي سندن آڏو پيش ڪيائون، انهن اسان جي ڏاڍي عزت ڪئي. سندن هٿ ۾ هڪ ڦرهي هئي، جيڪا مون کي عنايت ڪيائون، جنهن تي ٽي سٽون لکيل هيون ۽ مون کي سبق وانگر پڙهيائون. اتي مون کي حضور جن صلي الله عليـﮧ وسلم جو ديدار نصيب ٿيو، سندن اشاري تي ويجهو حاضر ٿي سندن قدم بوسي جي سعادت حاصل ڪيم. حضور جن گهڻيون مهربانيون ۽ لطف فرمايا. ڦرهي وٺي اهي سٽون ڏسي نئين سر سبق پڙهايو. اتان ٿي اچي وهب الاهي جو آغاز ٿيو. لدني علم جا دروازا کلي پيا. ظاهري ۽ باطني علوم جا درياهه سيني ۾ پلٽجي پيا ۽ تعليم و تربيت جو سڌو رب تعاليٰ سان تعلق پيدا ٿي پيو ۽ سڌو سنئون ان جو مريد ٿي پيس.“ حضرت غوث الحق جن جي اهڙيءَ طرح بلاواسطه ظاهري مربي ۽ مرشد جي سڌو رب تعاليٰ جي ذات اقدس کان تلقين وٺڻ ۽ فيض پرائڻ کي اويسي طريقو ٿو چئجي.[18] ڪامل عارفن اويسيت جي اوائلي سڃاڻپ ۽ تعريف ڪئي آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪنهن خاص ٻانهي کي ڪنهن ٻئي جي وچ ۾ پوڻ کانسواءِ پنهنجي بي انتها فضل ۽ ڪرم سان صمدي تعليم سان مشرف ۽ ممتاز ڪري پاڻ تعليم ۽ تربيت عطا ڪري ۽ تلقين بخشي ته اهو شخص اويسي طريقي ۽ اويسي نسبت وارو ٿي پوندو. +حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي اويسي هجڻ جي سلسلي ۾ حضرت بهاؤالدين گودڙيو فرمائي ٿو ته ٺٽي شهر ۾ حضرت ميان محمود ڪاريي رح جي جاءِ تي، جيڪو حضرت مخدوم اعظم جن جو مريد پڻ هو، فقيرن ۽ الله وارن جي محفل مچايو ويٺا هئا، ۽ ڳالهه پئي ٿي ته فلاڻو بزرگ فلاڻي ولي الله جو عقيدتمند ۽ فلاڻو فقير فلاڻي شيخ جو مريد آهي. ٺٽي جي هڪ مشهور بزرگ مخدوم فضل الله، شيخ ابوبڪر رح (حضرت مخدوم نوح رح جي ڏوهٽي) کان پڇيو ته حضرت مخدوم نوح رح جن ڪهڙي بزرگ جا عقيدتمند ۽ مريد آهن. شيخ ابوبڪر رح جن جڏهن مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته ساڳيو سوال کانئن معلوم ڪيائون. حضرت مخدوم اعظم جن ارشاد فرمايو ته، ”اسين مخلوق مان ڪنهن جا به مريد نه آهيون، پر قادر جي ڪرم جا مريد آهيون.“ +شيخ ابوبڪر اطمينان سان سڄي ڳالهه مخدوم فضل الله جن کي ٻڌائي. ان چيو ته بيشڪ هو سچو شخص آهي، ۽ پاڻ اويسي اولياء جو درجو رکن ٿا. ان بعد مخدوم فضل الله سڀ شڪ شبها ختم ڪري هردم پنهنجن ۽ مريدن واري روش اختيار ڪئي.[19] +جنهن وقت هي واقعو رونما ٿيو هو تڏهن مخدوم اعظم حضرت غوث الحق رحمت الله عليـﮧ پورا ٽي مهينا ٺٽي شهر ۾ مقيم رهيا ۽ پنهنجي فيض ۽ برڪت سان الله وارن، نيڪ ماڻهن ۽ حاجتمندن جي رهبري ۽ سروري ڪندا رهيا.[20] +اهڙيءَ طرح حضرت مخدوم نوح رح اويسي ٿيا ۽ اويسي ولين جو درجو سڀني اوليائن کان بلند ۽ بالاتر هوندو آهي. مٿين سمورن دليلن ۽ تاريخي حقيقتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ان خيال جي واضح ترديد ٿي وڃي ٿي ته مخدوم صاحبن جو سلسلو اويسي نه آهي، ۽ پير اويس بابت چيل ڏهر مخدوم صاحبن جي سلسلي جي ڪنهن فقير جو چيل نه آهي، پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ڏهر سروري جماعت جي ڪنهن فقير جو چيل آهي، جنهن ۾ پنهنجي مرشد کي اويسي پير ۽ ان جي مڃيندڙن ۽ مريدن کي اويسي سڏيو اٿس. +جيستائين درويش نوح هوٿياڻي جو ذڪر آهي، جنهن جي درگاهه تي هي ڏهر ٻڌو ويو ان جو تعلق پڻ جماعت سروري سان آهي. هن بزرگ بابت جيڪي تفصيل هٿ اچي سگهيا آهن، سي هن ريت آهن: +صاحب الفيض و الفتوح حضرت مخدوم نوح عليـﮧ الرحت جن جي والد ماجد مخدوم نعمت الله رحمت الله عليـﮧ جن جي خدمت ۾ هڪ فقير رهندو هو. هڪ ڏينهن اهو درويش ائين چئي مخدوم نعمت الله جن وٽان هليو ويو ته اوهان جي پيشانيءَ ۾ جيڪونور هو، اهو منتقل ٿي چڪو آهي. جنهن ڏينهن مخدوم نوح رح جن جي ولادت باسعادت ٿي ته اهو بزرگ اتي پهچي ويو ۽ مخدوم نوح رح جن جي بيعت ڪري مريد ٿيو. +هن واقعي جو ذڪر منٺار فقير راڄڙ پنهنجي هڪ ڏهر ۾ هن ريت ڪيو آهي: +جنهن ڏينهن ڏيدا پير ٿيو، سرور شاهه سردار، +تڏهن هوٿياڻيءَ حضور ۾، اچي ڪيو اظهار، +ته ان ۾ نورالله جو، جو جل جلال جبار، +رجمون منجهه رسول جو، اڙين جو آڌار، +آئون مريد ٿيندس مخدوم نوح جو، اٿم ٻڌو اعتبار، +سو مون وٽ مڪمل آڻيو، ته ڪندس دلبر جو ديدار، +پوءِ آندائون اڪمل کي، جو ماڻهن جو مهندار، +اتي هوٿياڻيءَ هٿ ورتو، ٿيو دست بيعت بردار، +تڏهن ان صادق شاهد ٿي، ڪيا چؤ قبلي چوڌار، +ته آئون مريد اولياء جو، آهيان پهرين درجي دار، +تڏهن فيض ڌڻي فرمايو، تنهن طالب سان تڪرار، +ته نو لک ملڪ مريد ٿيا، منهنجا شاگرد بي شمار، +تنهن پڄاڻان تنهنجو، مون نام رکيو نروار، +اهڙا معجزا مخدوم نوح جا، آهن لکين لک هزار، +تنهن جون تعريفون ڪيتريون، ڪندو مداحي منٺار، +آهي اور نه ڪوئي پار، سرور سندي سگهه جو.[21] +درويش نوح هوٿياڻي بابت انهن روايتن کان سواءِ ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ پڻ حوالا ملن ٿا. انهن موجب درويش نوح هوٿياڻي،[22] اٺين صدي هجري جي آخر ۾ کيبراڻي واري ايراضي ۾ هڪ نالي وارو درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جي درگاهه هن وقت حيدرآباد- هالا رستي تي کيبرن جي ڳوٺ کان ٻه ميل کن اتر- اوڀر ۾ واقع آهي. حديـقـﺔ الاولياء جو مصنف لکي ٿو ته: جڏهن ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح الدين سنڌ پهتا ۽ کيبرن جي ڳوٺ کي ڏٺائون، جنهن ڍڳن جي گوهر پئيچاري. ان موقعي تي ڪو شخص سندس گوهر ڏانهن وڌيو، جنهن تي بزرف چيس ته: ڄام تماچي جي حڪم سان منهنجي مال سان دست اندازي نه ڪر. اهو ٻڌي هو نهايت عجب ۾ پيا ۽ اڳتي وڌي اچي درويش کان پڇيائون ته ملڪ جو والي اڃا ڄام جوڻو آهي ۽ تماچي دارالخلافت دهليءَ ۾ نظربند آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چوين ته ’ڄام تماچي جو حڪم آهي.‘ درويش چيو ته ’مون کي تماچي جي خ��ر ڪانهي، باقي ٻن ٽن ڏينهن کان وڻ ٽڻ پکي پکڻ کان اهائي صدا ٻڌي رهيو آهيان ته ڄام تماچيءَ جو حڪم آهي.‘ اها بشارت ٻڌي کين نهايت خوشي ٿي ۽ درويش سان پنهنجو سڄو احوال ڪيائون ۽ مقصد حاصل ٿيڻ خاطر پاڻ تي نذرانو مقرر ڪيائون. +غالباً انهيءَ موقعي تي درويش کين دعا ڪئي ته فتح اوهان جي آهي. چون ٿا ته درويش نوح ان موقعي تي هي بيت پڙهيو: +جوڻو وڃي جهوري ماريو، +ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.[23] +يعني ته ”ڄام جوڻي کي وڃي پورو ڪريو، ۽ ڄام تماچي کي ملڪ جو بادشاهه بڻايو.“ +درويش نوح هوٿياڻي هي دعائيه فقرا تڏهن چيا جڏهنڄام تماچي سنڌ ۾ پهچي ويو هو ۽ ٺٽي ڏانهن ويندي کيبرن وٽان اچي لانگهائو ٿيو. تاريخي لحاظ کان ڄام تماچي غلاباً سلطان فيروز شاهه جي فوت ٿيڻ (18- رمضان 790 -1388ع) تي دهلي ڇڏي.[24] مقصد ته هي واقعو به ان تاريخ کان ستت پوءِ جو آهي. مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جن جي تاريخ ولادت 27- رمضان المبارڪ 911 هه آهي ۽ سندس دارالبقا ڏانهن روانگي 27- ذوالقعد 998هه جو ظهور پذير ٿي.[25] جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بزرگ نوح فقير هوٿياڻي ڄام تماچي جي سنڌ ڏانهن واپس ورڻ (790هه -1388ع) وقت ننڍي عمر جا هئا ۽ سندن عمر مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جي ولادت (911هه) وقت اٽڪل سو سؤ سالن کان مٿي هوندي. هي فقير پنهنجي وقت جو نالي وارو درويش ٿي گذريو آهي ۽ سندس ڪيئي ڪرامتون مشهور آهن. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي پاڻ مخدوم نوح رحمت الله عليـﮧ جا سچا ۽ ڀلارا مريد هئا. سندس والاد اڄ تائين به درگاهه سروري سان ساڳي عقيد رکن ٿا ۽ مريد آهن. +مٿين سڀني ڳالهين سمجهڻ سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مخدوم نوح عليـﮧ الرحمت جو سلسلو نه صرف سهروردي پر ”اويسي“ پڻ آهي ۽ سندن مريد هجڻ جي حيثيت ۾ درويش نوح هوٿياڻي کي پڻ اويسي چئي سگهجي ٿو. +ba +[1] مقدمو ”رسالو رهنمائي“، از طالب الموليٰ. +[2] عبدالله ورياهه پٽ تاج محمد ورياهه، ٽنڊي آدم جو رهندڙ آهي. پاڻ شاعر کانسواءِ اديب پڻ آهي. سندس ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ”سنڌ جي تاريخ سڪن جي روشنيءَ ۾“ لکيل آهي. +[3] شاهه جو رسالو، ترتيب پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، صفحو- 467. +[4] سنڌي سينگار شاعري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1986ع. +[5] ايضاً، ص 154. +[6] لسان العرب- امام علامه ابي الفضل جلال الدين محمد بن مڪرم ابن منطور الافريقي المصري، جلد چوٿون، دارصادر، بيروت، لبنان صفحو 292. +[7] فرهنگ فارسي عميد، حسن عميد، تهران ڇاپو ڇهون، 1365هه، جلد اول، صفحو 1165. +[8] جامع سنڌي لغات، جلد ٽيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1404هه - صفحو 1249. +[9] شاهه جو رسالو، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، سر ڏهر، داستان پهريون، بيت نمبر ڏهو، صفحو 456. +[10] جامع سنڌي لغات، جلد ٽيون، صفحو 1307 ۽ 1348. +[11] سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ، صفحو 307. +[12] انسائيڪلوپيڊيا ] اردو[ جلد ٽيون، دائره معارف اسلاميه، پنجاب يونيورسٽي لاهور، ص ص 570 ۽ 571. +[13] سراج العارفين. +[14] تاريخ مظهر شاهجهاني، يوسف ميرڪ (ترجمو: نياز همايوني)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1979ع، صفحو 299. +[15] سراج العارفين جي حوالي سان هي ذڪر قلمي ڪتاب سفينـﺔ النوح ۾ ٿيل آهي، صفحو 77. +[16] سفينـﺔ النوح في سڪينـﺔ الروح (قلمي) تاليف حضرت مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي صفحو 82، (طالب المولي لئبرري هالا نوان). +[17] سفينـﺔ النوح في سڪينـﺔ الروح (قلمي) تاليف مخدوم غلام حيدر صديقي، صفحو 82 کان 86. +[18] رساله فتحي، (قلمي) از مخدوم فتح محمد رحمت الله عليـﮧ (طالب الموليٰ لائبريري هالا.) +[19] سفينـﺔ النوح (اردو ق��مي) تاليف مخدوم غلام حيدر رح. تصحيح ۽ حاشيه عبدالله ورياهه، ، طالب الموليٰ لائبريري هالا، صفحو 76- 77. +[20] سراج العارفين، قلمي، طالب الموليٰ لائبريري هالا، صفحو 99. +[21] رسالو رهنمائي، منٺار فقير راڄڙ، مرڪزي بزم طالب الموليٰ هالا، 1984ع، صفحو 38. +[22] حديقـﺔ الاولياءَ ۾ ’درويش نوح کبير‘ لکيل آهي، پر سندس بزرگ جو نالو هوٿي هو، انهيءَ ڪري مقامي طرح ’نوح هوٿياڻي‘ جي نالي سان مشهور آهي. +[23] حديقـﺔ الولياءَ (قلمي 1240ع) مير علي شير قانع واري نسخي جي حاشئي تي هي بيت لکيل آهي. +[24] سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1980ع، 182- 183. +[25] سفينـﺔ النوح (اردو) قلمي. تاليف مخدوم غلام حيدر صديقي، تصحيح ۽ حاشيه، عبدالله ورياهه. + + +شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال +(قسط-2) +از: +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +]نوٽ: هي مواد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪيل ”شاهه جي رسالي“ جي جامع مستند متن واري ايڊيشن جي مقدمي جو ٻيو حصو آهي. ان جو پهريون حصو ص ص 1-26مهراڻ 3/1989ع ۾ شايع ڪري چڪا آهيون. سنڌي ادبي بورڊ پريس ۾ ڇپيل ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ طرفان ڇپايل ”شاهه جي رسالي“ جي هن مثالي ايڊيشن کي، ڀٽ شاهه ۾، 245- هين عرس شريف جي موقعي تي ”سنڌي گورنرس ادبي ايوارڊ- 1989ع“ جو مستحق قرار ڏنو ويو.[ +4. ڀٽ تي دائمي سڪونت، فاقيري فيض ۽ تربيت ۽ ڪمال ڄاڻ ۽ معرفت جي فروغ وارو دور (1142-1161هه) +شاهه لطيف جي نوجوانيءَ کان پڪي جوانيءَ تائين سندس زندگي جا سڄا سارا ويهه سال ڪَهڻ ۽ ڪاهڻ، ڏسڻ ۽ پسڻ، پُرجهڻ ۽ پروڙن ۾ صرف ٿيا: حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ پاڻ پنهنجي تربيت وارو اهو دور سندس واسطي هڪ وڏو ڪشالو هو، جنهن ۾ مسلسل طور ٻاهرئين مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ سندس پنهنجي اندروني سُرت نِرت سان بصيرت جا نوان باب کليا، ۽کيس يقين ۽ معرفت جا اعليٰ مقام حاصل ٿيا. هاڻي سندس عمر چاليهه سال هئي، ۽ جوانمرد لطيف هر لحاظ سان پاڻ پنهنجو پچائي راس ڪيو هو. فڪر ۽ فهم، ڄاڻ ۽ بصيرت جي اعليٰ منزل تي پهچڻ بعد هاڻي سندس حياتي جو تخليقي ۽ تعمير دور شروع ٿيو، جنهن ۾ شاهه صاحب ڪمال معرفت جي جستجو سان گڏوگڏ ٻين لاءِ رهنمائي، فاقيري فيض ۽ تربيت طرف متوجهه ٿيو. شاهه جي حياتيءَ جي هن دور بابت جيڪي اهڃاڻ موجود اهن، تن جي بناء تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سندس زندگيءَ جو يوهن سالن کن وارو هيءُ دور خاص طرح هيٺين مشغلن ۽ مرحلن وارو دور هو: +(الف) ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ. +(ب) شاهه حبيب جي وفات، ۽ ان بعد مرشديءَ جو مَسند سينگارڻ. +(ج) ڀٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ. +(د) سماع ۽ ذڪر جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ. +(هه) معتقدن مريدن وٽ ڀيرا ڪري سندن حال معلوم ڪرڻ، ڄاڻ وارن فقيرن درويشن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ. +هيٺ سندس انهن مشغلن ۽ مرحلن تي مختصر طور روشني وڌي ويندي. +(الف) ڀٽ کي وسائڻ ۽ دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ: +شاهه عبداللطيف جو ڀٽ کي وسائڻ بابت ڪو به پڪو پختو حوالو موجود ڪونهي. البت مير عبدالحسين خان سانگيءَ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ’لطائف لطيفي‘ ۾ قلمبند ڪيون، سي ساڳيون پوءِ مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام لالواڻيءَ به سندن ڪتابن ۾ آنديون. مگر ٽنهي جي بيانن ۾ وڏو تضاد آهي، جن مان ڪو به خاطر خواهه نتيجو ڪو نه ٿو نڪري. مير سانگيءَ کي مليل حڪايتن موجب، (1) مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ سان شادي بعد سگهوئي شاهه لطيف ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي آيو، (2) پنهنجي والد شاهه حبيب جي وفات بعد لڏي آيو، (3) سير سفر واري دور بعد آخري عمر ۾ شاهه صاحب ڀٽ تي اچي ويٺو*. پهرئين اهڃاڻ موجبه، سنه 1124هه ۾ مرزاق مغل بيگ جي وفات واري سال کان ڪجهه اڳ يا پوءِ ڀٽ تي لڏي آيو. ٻئي اهڃاڻ موجب سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات بعد لڏي آيو، ۽ ٽئين ٽاڻي موجب اڃان به ان کانپوءِ اّري عمر ۾ لڏي آيو. انهن اهڃاڻن جي اعتبار سان، شاهه لطيف جي ڀٽ کي وسائڻ وارو عرصو سنه 1124هه کان وٺي 114هه تائين ڪم از ڪم ويهه سال کن ٿئي ٿو، جيڪو حد کان زياده آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شاهه لطيف جي ڀٽ کي وسائڻ واري شروعاتي خيال ۽ پوءِ آخري طور اتي گهر ٻار ڪري ويهڻ ۾ ڳچ وقت لڳو هوندو، پر اهو وڌ ۾ وڌ ست سال کن (1135هه -1142هه) ٿي سگهي ٿو. +شاديءَ بعد فوراً ڪوٽڙي مان لَڏڻ لاءِ ڪو سبب ڪو نه هو: شادي جو مقصد ئي هڪ شريف اُجڙيل خاندان کي سهارو ڏيڻ هو، جيڪو هڪ وسندڙ گهر ۽ سهر کي ڇڏي ڀِٽ ۽ بَرَ کي وسائڻ سان پورو ٿي نٿي سگهيو. غالباً ڪوٽڙي ڇڏڻ جي نوبت تڏهن آئي جڏهن مغل حويلي جا ٻيا ڀاتي گذاري ويا. روايتن مان معلوم ٿو ٿئي ته بي بي سيده بيگم جو فقط هڪ ننڍو ڀاءُ عرف ’گولو‘ هڪ جيڪو شاديءَ کانپوءِ سگهو ئي گذاري ويو، سنديس والده غالباً ڏهه- ٻارهن سال پوءِ سنه 1135هه جي لڳ ڀڳ رضا ڪئي. هڪ روايت موجب، شاهه لطيف ڀٽ تي هو، جو ”گلان“ اچي اتي ڳايو ۽ شاهه صاحب کيس دعا ڪئي* جو هوءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نڪاح ۾ آئي ۽ ميان غلام شاهه جي ماءُ بني. جيڪڏهن انهيءَ روايت کي صحيح تسليم ڪجي ته به گُلان سنه 1135هه ڌاري شاهه لطيف جي آڏو ان وقت ڳايو هوندو، جڏهن هو شروع ۾ پنهنجي عيال کان سواءِ بعضي اچي ڀٽ تي رهندو هو. گلان جو قصو بيان ڪندي سانگيءَ ڄاڻايو آهي ته ان وقت مخالفن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي شاهه بابت ائين ٻڌايو ته ’اهو سيد جنهن ڀٽ کي پنهنجي آستاني بنائڻ جي رٿ رٿي آهي‘[1] +مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته ننڍپڻ کان وٺي شاهه لطيف گنباٽ ۽ ان سان لاڳيتي ڊرٻ کي ڏٺو هو، پوءِ بلوغت ۽ عوانيءَ واري دور ۾ پڻ اتي گهمندو هو ۽ گوشائتو ويهي چلا ڪڍندو ۽ عبادت ڪندو هو. ”شاهه جو ڪنڊو“ ان ڊرٻ واري ايراضي جي اترين ڀاڱي ۾ هو، جتي شاهه صاحب رياضت ۾ محو ٿيو هو. ’ڀٽ‘ يعني موجوده درگاهه ۽ ڳوٺ وارو ماڳ ان ڊرٻ واري ايراضيءَ جو وچ هو جتي (غالباً ’حجري‘ واري جاءِ تي) پاڻ اڪثر نويڪلائي ۾ رياضت ڪندو هو. جو ان وقت ڪن ماڻهن اتي کيس ڏٺو ۽ سندس گوشائتي ويهڻ واري ڳالهه مشهور ٿي. انهيءَ ڀٽ جي هيٺان ڏکڻ طرف ’ڪِراڙ واري ترائي‘ هئي جتي مينهن جو پاڻي بيهندو هو. ان جي چوڌاري ڪِرڙ هئا، جنهن ڪري ان کي ’ڪِراڙ‘ سڏيو ويو. ڀٽ واري اها ڀيڻي شاهه صاحب کي پسند آئي ۽ اتي شروع شروع ۾ پنهنجو پاڻ ۽ بعد ۾ پنهنجي فقيرن سان گڏجي خاص طرح سانوڻ ۾ اچي منزل انداز ٿيندو هو، جڏهن مال وارا ڀاڳيا ماڻهو به انهيءَ ڀيڻيءَ تي وانڍون ڪندا هئا. جيئن ئي شاهه صاحب جي عمر چاليهن سالن (1140- 1142هه) کي ويجهي ٿيڻ لڳي ته ڀٽ واري ماڳ کي هميشـﮧ لاءِ وسائڻ وارا سندس ارادا پڪا پختا ٿيا. ڀٽ واري ڀيڻي جي اصل ڪهڙي حالت هئي، شاهه صاحب ڪيئن اتي موجوده درگاهه واري ماڳ کي چونڊيو ۽ هموار ڪيو، ۽ ڪهڙيءَ طرح اتي جايون ٺهرايون- ان بابت سانگيءَ جا قلمبند ڪيل هيٺيان بيان تصديق جهڙا آهن[2]: +سانگيءَ کي وڏيري عبدالله ٻڌايو ته هن پنهنجي پيءُ وڏيري رستم کان ٻڌو، جنهن پنهنجي پيءُ وڏيري قلندر کان ٻڌو ته هيءُ ماڳ اصل ۾ واريءَ جي هڪ وڏي شاهي ڀٽ هئي، جنهن جي چوڌاري پاڻي هو ۽ هر طرف وڏو جهنگ هو، جتي هن شاهه لطيف کي ننڍي هوندي، بيخودي ۽ محو��ت واري حالت ۾ ويٺل ڏٺو هو (لطائف لطيفي، ص 144). +اهو معلوم آهي ته خود سندس حياتي ۾ حضرت اولياءَ صاحب (شاهه صاحب) ’ڀٽ شريف‘ جا سڀ پاسا پلئه پوريءَ طرح ڏڍا هئا. ڀٽ جي هيٺ چوڌاري. پاڻيءَ جون خوبصورت ترايون هيون ۽ هيٺ ڀٽ جي پاسي ڪناري سان سائي سهڻي وڻراهه هئي. مٿي ڀٽ وارو ماڳ راحت بخشيندڙ هو، جنهن جا آثار هن وقت (1887-1880ع) تائين موجود آهن، جو آب ڪلاني ۾ چوڌاري هيٺاهيون پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن ٿيون، جن مان ڪي (وڻراهه جي ڪري) نظاري دار آهن (لطائف لطيفي، ص 78- 79). +جڏهن کان اولياءُ صاحب (شاهه صاحب) ڀٽ تي پنهنجو فيض ور تڪيو قائم ڪيو ته سانوڻ جي برسات ۾ اڪثر سي تفريح لاءِ ايندا هئا. بهار جي موسم کين وڻندي هئي ۽ ان موسم ۾ خاص طرح گهني عبادت ڪندا هئا. (لطائف لطيفي، ص 183). +شاهه صاحب ئي ’ڀٽ شريف‘ کي سڀ کان اول اچي وسايو هو. ان کان گهڻو اڳ تائين هيءَ سرزمين غيرآباد هئي ۽ منجهس جهنگ هو. ڀٽ شريف جي چوڌاري سڄو سال پاڻي بيهندو هو، گاهه گهڻو ٿيندو هو ۽ ڀاڳيا ماڻهو مال چاريندا هئا. سانوڻ جي آب ڪلاني ۾ ڀاڳيا ماڻهو ڀٽ تي پنهنجا ڀاڻ ڪندا هئا. حضرت اولياء صاحب جيئن ته (هت) اڪيلو پيو هلندو هو، سو هن ڀيڻيءَ کي ڏسي پسند ڪيائين. پر جيئن ته هت واري پئي وسندي ۽ هلندي هئي، سو مٿان ڀنجهو وجهائي ڀٽ کي هموار ۽ ڪشادو ڪيائون. اها (خذمت) فقيرن لاءِ رياضت هئي (لطائف لطيفي، صفحا 90-91). +ڳالهيون هلنديون آيون آهن ته حضرت اولياء صاحب (شاهه صاحب) حياتيءَ جو وڏو عرصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ جڏهن آخر عمر ۾ اچي ڀٽ تي ويٺا (تڏهن پهريائين) ’ڀٽ‘ (جي چوٽي کان) ڪجهه هيٺ تي هڪ ڪوٺي (حجره) ٺهرايائون، جنهن جي آڏو ڪجهه باغيچو ڪيائون ۽ زمين کي (هموار ڪري) ڪشادو ڪيائون. پوءِ به صُفا (حجرا) پنهنجي حرم لاءِ ۽ هڪ صُفو (حجرو) پنهنجي والد لاءِ ٺهرايائون. هڪ مسجد، ٽنگنبذن سان، پاڻ پنهنجي سر بيهي ٺهرايائون. پوءِ ’ڀٽ‘ (واري ماڳ) جو تر ۽ بر اڳئين کان وڌيڪ ويڪرو ۽ ڪشادو ٿيو جو سَوَن فقيرن مِٽي کڻي اچي ان جي مٿان وڌي. پوءِ (شاهه صاحب) پاڻ پنهنجي عصا جي چوٽيءَ سان (نقشي جي صورت ۾) ليڪا ڪڍي درگاهه جي خليفن لاءِ جاين جون حدون نروار ڪيون، ۽ پوءِ هر هڪ پنهنجي پڄندي ۽ مرتبي آهر پنهنجي پنهنجي حد ۾ ائين جايون جوڙايون جيئن حضرت اولياء صاحب رٿ ڪري ڏنيون هيون، انهن جون ڀتيون اڃان تائين (1880- 1887ع ۾) بيٺيون آهن (لطائف لطيفي ص 36). +آخري طور ڀٽ تي اچي ويهڻ کان اڳ مٿئين ڪم پوري ڪرڻ ۾ وقت لڳو هوندو ۽ اهو ڪن مرحلن ۾ پورو ٿيو هوندو. پهريون مرحلو اهو هو جو شاهه صاحب هتي اڪيلي سر پئي آيو ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ماڳ پسند آيس ۽ اتي پنهنجو تڪيو (عارضي رهائش) ڪيائين. ان بعد بعضي پنهنجن فقيرن سان گڏ اچي ٿي هتي رهيو، ۽ انهيءَ عرصي دوران مٿئين چوٿين نمبر بيان وارو مرحلو طيءِ ٿيو هوندو، يعني جهنگ وڍي صاف ڪيائون، زمين هموار ڪيائون انهيءَ زمين واري ايراضي کي ڪشادو ڪيائون، زمين هموار ڪيائون انهيءَ زمين واري ايراضي کي ڪشادو ڪيائون، ۽ ان جي چڱي خاصي ڀاڱي مٿان مٽي ۽ ڀنجو وجهي پَٽ پڪو ڪيائون. غالباً جڏهن شاهه صاحب جي عمر چاليهه سال کن ٿي ته ڀٽ تي ئي پنهنجي دائمي سڪونت جو ارادو پڪو ڪيائين. عمر جو اهو هڪ اهڙو مرحلو آهي جو هر سجاڳ دل واري انسان کي زندگيءَ جي نئين ورق ورائڻ جو خيال اچي ٿو. 1142هه وارو سال شاهه صاحب جي زندگيءَ جو چاليهون سال هو ۽ بالڪل ممڪن آهي ته 1142- 1143هه واري عرصي ۾ ڀٽ واري ماڳ تي اهي جايون ٺهيون، جن جو بيان مٿي نمبر پنجين ۾ آهي.جاين ٺهڻ بعد ئي سندن والد ۽ پاڻ ڪوٽڙيءَ مان لڏي هميشـﮧ لاءِ اچي ڀٽ تي مقيم ٿيا. هن بيان ۾ جن جاين جو ذڪر آهي، سي سڀ پهريائين ڪچيون ۽ محض اوٽ اجهي لاءِ هيون. البت گنبذن واري مسجد جو ذڪر صحيح نه آهي جو اها پوءِ ٺهي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. پهرين جيڪا مسجد ٺهي سا مضبوط مگر ڪچي ۽ صُفائين هئي. +(ب) شاهه حبيب جي وفات، ۽ مرشديءَ جو مسند سينگارڻ. ڀٽ تي دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ، جايون ٺهرائڻ ۽ ان بعد ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ تي ويهڻ وارو مرحلو پورو ٿيو هو جو شاهه حبيب بيمار ٿيو. شاهه عبداللطيف پوءِ سڄو توجهه پنهنجي شفيق والد ۽ مرشد جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خذمت طرف ڪيو. سندس سڀ فقير پڻ انهيءَ اوسيئڙي ۾ هئا ۽ وڏي شاهه جي صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گهرندا رهندا هئا. شاهه صاحب گهڻو سارو وقت حويليءَ ۾ اندر پنهنجي والد جي خذمت ۾ پئي گذاريو، ۽ جنهن وقت ٻاهر ايندو هو ته فقير کانئس خيريت جو احوال پڇندا هئا. هڪ طرف شاهه حبيب پاڻ پنهنجي دينداري ۽ درويشيءَ جي ڪري مشهور هو ته ٻئي طرف شاهه عبداللطيف پڻ پنهنجي جاءِ تي عام خاص ۾ مقبول هو. انهيءَ ڪري ڪيئي وڏا ڄاڻو طبيب آيا هوندا، پر ڦڪين فرق نه ڪيو. شاهه عبداللطيف سڄو وقت والد جي خذمت ۾ رهيو، ۽ پئي پيار ڀرين لفظن سان حال پڇيائين. پر آخر اهڙو وقت آيو جو شاهه حبيب طرفان ڪا ورندي ڪا نه وري. شاهه صاحب ان وقت ٻاهر آيو ته سڀني کي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي. جڏهن سندس پيارن فقيرن اڳتي وڌي اچي کانئس حال پڇيو، تڏهن جواب ڏنائين ته: +اوٺي اٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشين، +ڪڇن پڇن ڪينڪي ورندي وات نه ڏين +لاکيڻا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين +نيڻ نماڻا کڻيو هنجهون ٿا هارين +سي جُنگ جواب نه ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيَف ڪڪوريا[3] +جڏهن شاهه حبيب وفات ڪئي ته شاهه لطيف پاڻ پنهنجي والد کي ڀٽ تي اُتي دفنايو جتي هن وقت سندس مزار آهي. اهو سال 1144 هجري هو. جڏهن شاهه حبيب گذاريو. شاهه عبداللطيف جنهن اڳيئي سِڪ ۽ صبر جا پيالا پيتا هئا سو رضا الاهي تي راضي رهيو جو سندس شفيق والد هن جهان مان سرخرو ٿي هُن جهان طرف لاڏاڻو ڪيو. ٺٽي جي نامياري عالم ۽ اديب ميان محمد صادق نقشبندي، جيڪو شاهه عبداللطيف جي مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي چڪو هو، تنهن حضرت شاهه صاحب جي رضا ۽ تسليم واري هال موافق شاهه حبيب جي وفات جي تاريخ هينئين عربي فقري مان ڪڍي جيڪو معنوي اعتبار سان نهايت ئي موزون ۽ بي بدل آهي: +”اَلموَتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلِقاءِ الحبيبِ“ +يعني: ”موت هڪ پُل آهي جيڪا هڪ دوست (’حبيب‘) کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي“[4]. پوءِ شاهه صاحب جڏهن والد جو قبو تعمير ڪرايو ته اهو ساڳيو تاريخي فقرو سامهون در تي سهڻو ڪري لکارايائين. +(ب) مرشدي جو مسند سنڀالڻ: شاهه عبداللطيف کي مرشدي جو مسند ورثي ۾ مليو پر پنهنجي والد وانگر سندس طور طريقي پڻ ’رسمي مرشدي مريدي‘ کان الڳ هو. شاهه حبيب پنهنجي وقت جو هڪ وڏو بزرگ ۽ حال جو صاحب هو. ميين شاهه ڪريم کان پوءِ، ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب تصوف جي قادري طريقي ۾ وڏي فيض وارو ٿيو، سندس وڏي مڃوتي ٿي ۽ گهڻا ماڻهو سندس مريد ٿيا. سندس وفات بعد اهي سڀ فطري طور شاهه عبداللطيف ڏانهن متوجهه ٿيا. شاهه لطيف پاڻ قادري طريقي ۾ هيٺئين سلسلي موجب (1) پنهنجي والد شاهه حبيب الله شاهه کان دست بيعت ٿيل هو: +شاهه عبداللطيف پنهنجي والد حبيب الله شاهه کان قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو، حبيب الله شاهه پنهنجي والد عبدالقدوس شاهه کان، ان پنهنجي والد شاهه عبدالڪريم کان، ان پنهنجي والد جمال شاهه کان، ان پنهنجي والد شاهه عبدالڪريم کان، ان پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم بهاري کان، ان پنهنجي مرشد سيد احمد قادري حسني حموي (شام جي شهر ’حماه‘ جي) کان، ان پنهنجي والد سيد علي هاشمي کان، ان پنهنجي والد سيد شهاب الدين احمد کان، ان پنهنجي والد سيد شرف الدين قاسم کان، ان پنهنجي والد سيد بدرالدين يحيٰ کان، ان پنهنجي والد سيد نور الدين حسين کان، ان پنهنجي والد علاؤالدين علي کان، ان پنهنجي والد سيد شمس الدين محمد کان، ان پنهنجي والد سيد سيف الدين يحيٰ کان (جيڪو حضرت پيران پير جي والد مان پهريون بزرگ هو جيڪو بغداد مان لڏي اچي حماه ۾ مقيم ٿيو هو)، ان پنهنجي والد سيد ظهير الدين احمد کان، ان پنهنجي والد سيد شمس الدين ابو نصر محمد کان، ان پنهن جي والد قاضي سيد ابو صالح نصر کان، ان پنهنجي والد سيد حافظ ابوبڪر تاج الدين عبدالرزاق کان، ان پنهنجي والد شيخ الاسلام حضرت غوث اعظم سيد محيٰ الدين ابو محمد عبدالقادر جيلاني کان جيڪو قادري طريقي جو باني مباني هو[5] +جيئن ته شاهه صاحب ساڳئي وقت پنهنجي والد توڙي مرشد جو جاءِ نشين هو، انهيءَ ڪري مخلص مريدن جي دلجوئي، خيرخواهي ۽ رهبري خاطر، شاهه صاحب پنهنجي والد کان عنايت ٿيل تصوف جو طريقو ختم ڪو نه ڪيو پر بدستور جاري رکيو، البت هو نه ڪنهن کي پنهنجي مريد ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو هو ته نڪي پاڻ ڪنهن کي رسمي طور مريد ڪندو هو. اهي ماڻهو جيڪي سندس فيض واري صحبت ۽ رفاقت يا سندس عارفانه ڪلام ۾ سمايل حقيقت ۽ هدايت کان متاثر ٿي ساڻس صدق ۽ اخلاص جو ناتو ڳنڍيندا هئا، تن جي عقيدت، سندس شفقت جي ڪري، ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي هئي. سندس اهڙن ارادتمندن بلڪه عاشقن (عرف عام ۾ ’مريدن‘) جي صف ۾ اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل ۽ عالم شامل هئا: مثلاً هڪ طرف مخدوم محمد صادق نقشبندي ۽ مخدوم محمد معين جهڙا ٺٽي جا وڏا عالم ۽ عارف شاهه صاحب جا عقيدتمند ٿيا ته ٻئي طرف ڪڇ جا سادا غريب جَت (بلوچ) سندس سچا سرگهور مريد ٿيا. تصوف ۽ طريقت ۾ شاهه صاحب پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم وارو سلسلو اختيار ڪيو. ميين شاهه ڪريم جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم بهاري کان قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو مگر ان کان اڳ هو سهروردي طريقي مان فيضياب هو. انهن طريقن جي عارفن جي نقش قدم تي هو سنت جماعت جو پورو پيروڪار هو. ساڳئي وقت هو پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم وانگر، ذاتي ارادت ۾ ’اويسي‘ هو: يعني نبي ڪريم صلعم جي عاشق اَوَيس قَرني وانگر غائبانه رسول الله صلعم کانرشد هدايت حاصل ڪيائين. شاهه عبداللطيف کي حضرت محمد مصطفيٰ صلعم سان حقيقي ۽ شعوري عقيدت هئي، جو ’رسالت‘ کي ’توحيد‘ جي تصديق ۽ لاءِ لازمي ڪري ٿي ڄاتائين. +’وحده لاشريڪ لـﮧ‘ جان ٿو چئين ايئن +تان مڃ محمد ڪارڻي نِرتئون منجهان نينهن‘ +۽ حضرت جن جي ’عبديت‘ (’عبده و رسولـﮧ‘) واري مقام کي انسانيت جو واحد وارو معراج ڪري ٿي مڃيائين: +’نڪا ابتدا ’عبد‘ جي نڪا انتها‘ +حضرت رسول اڪرم سان شاهه جي بي انتها محبت هئي، بلڪه عشق هو جو سندس اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار ۽ نئين نياپي سان هڪ نئون جهان روشن ٿيو: اڳيان وهم ۽ وسوسا ويا ۽ غلام آزاد ٿيا، ’ڇوريون ڇرڻ سکيون‘ ۽ ’ڏُکيون ڏِک ويٺيون‘. شاهه عبداللطيف سندس زندگي جي عارفانه بصيرت واري هن دور ۾، ’اويسي طريقي‘ سان، پنهنجو روحاني رشتو حضرت نبي صلعم سان ڳنڍيو مگر ان جي باوجود جئن ته پاڻ سلوڪ ۽ طريقت ۾ ’مرشدي‘ جي مقام تي فائز هو انهيءَ ڪري، شاهه صاحب هڪ خاص قدم کنيو جيڪو سندس اعليٰ شعور تي شاهد آهي. +سلوڪ ۽ طريقت جا رهنما ۽ عارف عامي سطح وارن ويچارن کان آجا هوندا اهن، پر ’اويسي طريقي‘ بابت عوامي سطح تي اهڙا ويچار پيدا ٿي سگهن ٿا ته غائبانه مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه، ۽ اهل مماتي وارن کي به مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه! شاهه صاحب انهن مسئلن جي وضاحت لاءِ ٺٽي جي وڏي محقق عالم ۽ صوفي مخدوم محمد معين ڏانهن، جيڪو ان وقت شاهه صاحب سان محبت ۽ عقيدت جي رشتي ۾ اچي چڪو هو، ’اويسي طريقي‘ بابت هڪ خاص خط لکيو، جنهن جو مخدوم صاحب تحقيق ۽ تفصيل سان جواب ڏنو، ۽ پوءِ فارسي ۾ لکيل انهن ٻنهي خطن جو متن ’رسالـﮧ اويسيـﮧ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. هيٺ شاهه صاحب جو سڄو خط ۽ مخدوم محمد معين جي لکيل تفصيلي جواب جو انحصار ڏجي ٿو ته جيئن ٻنهي جو موضوع ۽ مقصد معلوم ٿي سگهي ۽ پڻ شاهه صاحب جو هيءُ تاريخي خط سامهون اچي وڃي[6] +سوال خدام حضرت شاهه صاحب سلمـﮧ الله +بسم الله الرحمان الرحيم +حضرت شاهه صاحب سلمـﮧ الله جن جي خادمن جو سوال +بسم الله الرحمان الرحيم +]1[ چه فرمايند علماء کرام مراجع انام اندر آنچه لفظ ”اويسي“ در کلام طائفه صوفيه رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين واقع شده يا نه؟ و بر تقدير که واقع شده باشد، چه معنيٰ داد اگر ”اويسي“ کسي است که فيض از روحانيت گيرد، مرشد ظاهر با اين منافات دارد يا ندارد؟ +]1[ علماء ڪرام، جيڪي خلق جي رجوعات جا مرڪز آهن، هن باري ۾ ڇا ٿا فرمائين ته لفظ ”اويسي“ صوفين جي جماعت جو ڪلام ۾ آيل آهي يا نه؟ جيڪڏهن آيل آهي ته ڪهڙي معنيٰ اٿس؟ جيڪڏهن +”اويسي“ اهو شخص آهي جيڪو روحاني فيض حاصل ڪري ٿو ته (ان حالت ۾ ظاهري مرشد (وٺڻ سندس) هن (عمل ۽ اعتقاد) سان مخالفت رکي ٿو يا نه؟ +]2[ ونيز فيض گرفتن از ميت در عالم برزخ عقل و شرع آنرا تجويز نمايد يا نمايد؟ +]2[ ۽ پڻ انميت کان جيڪو عالم- برزخ ۾ آهي، فيض وٺڻ کي عقل ۽ شريعت جائز ڏيکارين ٿا يا نه؟ +]3[ ونيز فقر و سلوک را باقوال علماي ظاهر منافات هست يا نه؟ +]3[ ۽ پڻ فقر ۽ سلوڪ (جي نظرين) جي، ظاهري عالمن جي قولن سان مخالفت آهي يا نه؟ +]4[ و نيزيکي از کبار ان اولياء الله تعاليٰ که مشهور بخوارق عادات و کرامات باشد، ليکن سلسلئه ارادت بتعين مشائخ، مثل سلسله نقشبنديه و قادريه مشهور ندارد طريقئه آن بزرگ راست بنياد و بي اصل توان گفت يا نه؟ +]4[ ۽ پڻ اولياء الله مان ڪو وڏو ولي جو (سندس) عجيب ڪارنامن ۽ ڪرامتن سبب مشهور هجي، مگر (پنهنجو) مريديءَ جو سلسلو ڪن خاص مشائخن، جهروڪ نقشبندين يا قادرين، سان رکندڙ نه هجي، ته پوءِ ان بزرگ جي طريقي کي ضعيف ۽ بي بنياد چئي سگهجي ٿو يا نه؟ +]5[ شما که علماي حامي – دين و بيان کننده قبيح و حسن اند، مي پرسم شمارا که جواب اين مقدمات چه باشد؟ و ميخواهم که بعبارت فارسي سهل الماخذ آنرا بقيد قلم آريد که نفع عام رشود و انتفاع باقي مانده جزا کم اله سبحانه و عافا کم کما يحت و يرضي و اجرکم ورضي عنکم آمين.“ +]5[ اوهان، دين جي مددگارن ۽ برائي ۽ ڀلائي جي بيان ڪندڙن کان پڇان ٿو ته انهن مسئلن جو جواب ڪهڙو آهي؟ آءٌ چاهيان ٿو ته انهن (جوابن) کي سليس فارسيءَ ۾ قلمبند ڪريو ته عام فائدو ٿئي ۽ اهو نفعو هميشـﮧ لاءِ باقي رهي- شل ڌڻي تعاليٰ اوهان کي پنهنجي محبت بخشي، ۽ اوهان کي اجر ڏئي، ۽ اوهان کان راضي رهي. آمين! +جواب خدام حضرت مخدومنا سلمـﮧ الله +بسم الله الرحمان الرحيم +حامد الله سبحان العظيم و مصليا و مسلما عليٰ رسولـﮧ الکريم و اهل بيتـﮧ الفخيم و اصحاب ذوي الفضل العظيم- اما بعد: +اسان جي حضرت مخدوم سلمـﮧ الله جن جي خادمن جو جواب +بسم الله الرحمان الرحيم +]1[ جواب سوال اول آن است که ”اويسي“ در کلام حضرات صوفيه واقع شده و اشتهار يافته، چناچه بر ناظر کتب قوم مخفي و مستور نباشد – و ”اويسي“ کسي را گويند که روحانيان را در تربيت و تکميل او دخل باشد – و اين معني منافات با پير ظاهر ندارد.... +]1[ پهرئين سوال جوجواب هيءُ آهي ته: لفظ ”اويسي“ صوفي حضرات جي ڪلام ۾ آيو آهي ۽ عام استعمال ٿيو آهي، جيئن ته هنن بزرگن جي ڪتابن پڙهندڙن کان لڪل۽ ڳجهو نه آهي. ”اويسي“ انهيءَ شخص کي چوندا آهن، جنهن جي تربيت ۽ تڪميل ۾ روح وارن کي دخل هجي. هيءَ (روحاني فيض وٺڻ) ظاهري مرشد وٺڻ جي مخالف نه آهي. +]2[ جواب سوال دويم آن است که فيض گرفتن از اهل قبورو امداد جستن از ايشان شرعاً و عقلاً جائز است و در حکايات احوال مشائخ عظام که بنقل ثقاة رواة بثبوت پيوسته است، واقع و کائن است- و نزديک طائفه صوفيه کرام امري است معهود و مشهور... +]2[ ٻئي سوال جو جواب هيءُ آهي ته: اهل مماتي وارن کان فيض وٺڻ شرعاً خواه عقلاً جائز آهي ۽ (اهو دستور) وڏن درويشن جي حالات ۾ پڻ موجود آهي، جيڪي (حالات) معتبر ذريعن رستي نقل ٿي (اسان تائين) پهتا آهن. ۽ پڻ صوفياء ڪرام وٽ اها ڳالهه عام طور تسليم ٿيل آهي... +]3[جواب سوال سيوم آن است که تبعيت علماء، که تبعيت شرع محمدي است، شرط فقرو سلوک است، منافات چه معني دارد.... +]3[ ٽئين سوال جو جواب هيءُ آهي ته: علماء جي متابعت آهي، فقر ۽ سلوڪ جو هڪ خاص شرط آهي. انهيءَ ڪري (فقر ۽ سلوڪ جي نظرين ۽ ظاهري عالمن جي قولن ۾) مخالفت بي معنيٰ آهي. +]4[ جواب سوال چهارم آن باشد که چندين هزار اولياء مقربين گذشته اندکه سلسله مشائخ ايشان شهرت نداشت- اين همـﮧ دوستان خدا بگمنامي در جهان و بايدها عمر بسر بدند مگر اولياء ببودند. امام يافعي در ”روض الرياحين“ اولياء را نقل مي کند آنها که داند که در کدام سلسله بودند و از شيوخ کدام واسطه داشته اند، خواجه حافظ شيرازي کسي نميدانه که از که سبق علوم باطن خوانده- چناچه در ”نفحات“ آوردهاست اين معني شرط ولايت نيست و بدين سبب طعن نمودن و طريق ايشان را بي اصل گفتن جرات و گستاخي است. +]4[ چوٿين سوال جو جواب هيءُ آهي ته: ڪيئي هزار الله جا پيارا اولياء ٿي گذريا آهن، جن جي مرشدن جو سلسلو مشهور نه هو، انهن مڙني خدا جي دوستن هن جهان ۽ ان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گمنامي جي زندگي گذاري مگر هئا اولياء. امام يافعي ”روض الرياحين“ ۾ انهن ولين جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي کيس خبر هئي ته ڪهڙن سلسلن مان هئا ۽ ڪهڙن مشائخن سان لاڳاپيل هئا (ان مان معلوم ٿئي ٿو ته) خواجه حافظ شيرازي جي ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪنهن کان باطني علم جو سبق پڙهيو هئائون. جئن ته (مولانا جامي جي ڪتاب) ”نفحات“ ۾ آيو آهي، هيءَ ڳالهه (يعني ظاهري مرشد وٺڻ) ولايت جي لاءِ ڪو شرط نه آهي، ۽ انهيءَ ڪري طعنه هڻڻ ۽ اهڙن (بزرگن) جي طريقي کي بي بنياد چوڻ جرات ۽ گستاخي آهي. +]5[ و الله سبحان و تعاليٰ هو العاصم عن الزلل و الخطاء و النسيان و هو المستعان و عليه التڪلان. اميد از نظر کنندگان اين چند ورق آن است که اين عاصي سراسر معاصي محمد المقلب بالمعين ابن محمد الملق بالامين را بدعاء حصول حقيقت اسلام و وصول باسرار شريعت مطهر و ختم بر کار بران کنند. +]5[ تحقيق الله پاڪ ئي غلطي ۽ خطا ۽ ويسر کان بچائيندڙ آهي؛ ان جي ئي مدد درڪار آهي ۽ انهي تي ئي توڪل آهي. هنن ورقن تي نظر ڪندڙ صاحبن کان هيءَ اميد ڪجي ٿي ته هو هن عاصي گ��هگار محمد لقب ”معين“ ولد محمد لقب ”امين“ کي اسلام جي حقيقت جي حاصل ٿيڻ ۽ شريعت جي اسرارن تائين پهچڻ ۽ انهيءَ تي خاتمي ٿيڻ جي دعا ڪندا. +شاهه صاحب هن خط ذريعي پنهنجي ڪنهن ضرورت پوري ڪرڻ کان وڌيڪ ٻين جي تسڪين لاءِ وضاحت ٿي طلب ڪئي، کيس جيتوڻيڪ پنهنجي والد کان قادري طريقي ۾ فيض مليو، پر ان سان گڏ پاڻ پنهنجي سر اويسي طريقي ۾ اعليٰ مدارج کي پهتو ۽ حضرت نبي صلي الله عليه وآلـﮧ وسلم جي روحاني فيض سندس قلب کي ويتر وڌيڪ روشن ڪيو. هن خط مان ظاهر آهي ته سلوڪ ۽ طريقو جي راهه ۾ ٻين جي رهنمائي خاطر ظاهري اسباب طور پڻ شاهه صاحب قابل قدر قدم کنيو، جنهن مان سندس ’مرشد هئڻ‘ جي وڌيڪ تائيد ٿئي ٿي. خط جي عبارت ۽ سوالن جي سلسلي مان شاهه صاحب جي علم ۽ فڪر تي ڪافي روشني پوي ٿي. مخدوم محمد معين کين سندس خاص تاڪيد ته سليس فارسيءَ ۾ جواب ڏيو جن هرڪو سمجهي سگهي. ڏيکاري ٿو ته شاهه صاحب کي سليس ۽ ڳوڙهي فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي. اها شاهدي شاهه صاحب جي فارسي مان واقفيت تي هڪ خاص دليل آهي. +(ج) ڀٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ. ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي طور سڪونت اختيار ڪرڻ سان شاهه صاحب جو عالم اسباب ڏانهن متوجهه ٿيڻ لازمي هو. جڏهن کان وٺي ڀت کي هموار ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ شاهه صاحب جو اتي ڪجهه وقت رهڻ ٿيو، تڏهن کان وٺي فقيرن کي ڪم ونڊي ورڇي پئي ڏنائون. ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي اچڻ بعد ايندن ويندن جي آڌر ڀاءُ، بَٺيءَ جي انتظام، ۽ حويليءَ جي سنڀال جي سلسلي ۾ شاهه صاحب وڏي پوئواري ڪئي. مسجد ۽ جماعت جي خذمت خاص فقيرن جي حوالي ڪيائين، ۽ پڻ راڳ لاءِ خاص فقير مقرر ڪيائين. اهو نظام ۽ انتظام جئن پوءِ تئن وڌنڌو ۽ وڌيڪ سهڻو ٿيندو ويو، تان جو سندس زندگيءَ جي پوين سالن ۾ اهو سڄو انتظام هر لحاظ سان مڪمل طور پوري پابنديءَ سان هلڻ لڳو[7]. ان وقت جدا جدا ڪم هيٺينءَ طور جدا جدا فقيرن جي حوالي هئا: +- مائي گنگا جت، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي بُوئا وساڻ اندر حويليءَ ۾ خذمتگار هيون. +- عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو، اسماعيل فقير سمون ڀينء پوري، فقير سيد نهال شاهه، اسماعيل فقير ڏيرو، اجن فقير ڏيو، ڪمال فقير سينهڙو، ورو فقير عرف ’وڳنڌ‘، نور محمد فقير ابڙو ڪاٺڙي مڪان جو، عمر فقير سهتو، فقير سيد سائينڏنو موسي پوٽو مٽياروي ۽ بچو فقير خاص حاضري جا فقير هئا. عمر فقير سهتو، شاهه صاحب جو خاص خادم هو جنهن کيس ننڍي هوندي نپايو هو. شاهه صاحب جو هنڌ بسترو سيد سائينڏني جي حوالي هو ۽ هو ئي هنڌ وڇائيندو هو. بچو فقير ڪونئرو جهليندڙ هو. عبدالجميل فقير انڙ، شاهه صاحب جو مصلو ۽ تسبيح سنڀاليندو هو، ۽ نماز ۽ عبادت جو بندوبست سندس حوالي هو. +- خليفو محمد عالم ڏيرو، شاهه صاحب جو ماسات، ذڪر ۽ سماع جو نگران هو[8] +- سومر فقير لاڙڪ، هڪ پهتل درويش هو، جنهن کي شاهه صاحب کان پيري مريدي جو ارشاد مليل هو: يعني ته ڪو مريد ٿيڻ ايندو هو ته سومر فقير جي حوالي ٿيندو هو. ٻيا فقير سندس وڏو ادب ڪندا هئا[9]. +- عارف فقير ٿيٻو، ٽنڊي الهيار (تعلقي) جو وڏو عابد شخص هو ۽ نوئِي فقيرن کي عبادت جي ترغيب ڏيندو هو ۽ نماز سيکاريندو هو. +- عنايت فقير وساڻ جت، ڪَجائي جو رسو جهليندو هو. +- رحمون فقير بورچي هو. +- قاسم فقير حجام هو ۽ شاهه صاحب جي سنوارت ٺاهيندو هو. +- احمد فقير سمون، گهَليِن جو، شاه صاحب جي گهوڙي ’چنگل‘ جو سئيس ۽ گاهي هو. +- ونهيون فقير سالاراڻي جت، ’موتي‘ ۽ ’گردگان‘ يا ’کينهون‘ نالي ٻن ڪتن کي سنڀاليندو هو (اهي ننڍڙا گلر هئا جو شاهه صاحب ڪٿي ڏٺا ۽ بک پئي مئا، سو ٻنهي کي کڻي آيو. ونهيون فقير انهن جو خاص خدمتگار هو). +- محمد رحيم فقير، شاهه صاحب جو منشي هو ۽ لکپڙهه جو ڪم سندس حوالي هو. انهن کانسواءِ راڳائي فقير جدا هئا، جيڪي حضرت شاهه صاحب کي نهايت پيارا هئا، ۽ جن جو ذڪر اڳتي ايندو[10] +ڪمن جي مٿين تقسيم ۽ تڪميل شاهه صاحب جي خداداد تنظيمي صلاحيت، مردم شناسي ۽ دلنواز شخصيت جو نتيجو هئي. اصل ۾ اهو سڄو نظام محبت جي مضبوط بنياد تي ٻڌل هو. شاهه صاحب کي هميشـﮧ اهو خيال رهندو هو ته جئن ڪنهن به فقير کي ڪا به تڪليف نه پهچي، ته فقيرن کي وري اها اڻ تڻ هوندي هئي ته جيئن ڪا به ڪوتاهي نه ٿئي. شاهه صاحب جي محبت ۽دلنوازي جو اهو معجزو هو جو ڪنهن به فقير ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان ڪو نه ٿي ڪيٻايو. ونهيون فقير جت، تازوخدمت ۾ حاضر ٿيو هو، جو ’موتي‘ ۽ ’کينهون‘ ٻنهي ڪتن جي سنڀال سندس حوالي ٿي. سندس سڄو ڌيان ان طرف هوندو هو. هڪ ڏينهن فقير ماني تي ويٺا ته ٻيل ٻڌي ويٺا. ’موتي‘ ويٺو هو پر کاڌو ڏنائونس ته نه پيو کائي (جو ’کينهون‘ ڪٿي ٻئي پاسي هو). شاهه صاحب کي ٻڌايائون ته چيائين: ”ابا موتي اڪيلو آهي، هن جو سنگي هجي ته کائي: جي ڪو ٻيل ٻڌيس ته کائي“. ونهين کي شاهه صاحب جا اهي لفظ دل ۾ وسي ويا ته ’هن جو به سنگتي هجي جو هن سان ٻيل ٻڌي ۽ گڏجي کائي‘، سو ونهيين فقير ويهي موتي سان گڏ کاڌو. ان ڏينهن کان وٺي شاهه صاحب جي ونهيين فقير تي وڏي مهر نظر ٿي جو چيائون ته ”جتي ونهيون ڪتائي، اتي ڀٽائي.“ ونهيين فقير کي ڀٽائي صاحب پوءِ خلافت جي ڦڙڪي ٻڌائي. +(د) ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ. ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي سڪونت اختيار ڪرڻ سان، شاهه صاحب اتي سماع سلسلو شروع ڪرايو، ۽ ان کانپوءِ راڳ جو ادارو پڻ قائم ڪيو. +سماع. ڀٽ تي ٿيندڙ سماع جي نوعيت ۽ فقيرن جي سيني به سيني روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ٿيندڙ سماع ۽ ذڪر واري سلسلي کي ئي شاهه عبداللطيف ڀٽ تي قائم ڪيو. سماع جو شغل رات جو ٿيندو هو. ماهه پهرئين سومار جي رات ۽ حج جي رات خاص سماع لاءِ مقرر ٿيون. جمعي جي ڏينهن ۽ عيدن جي موقعن تي پڻ نماز بعد سماع ٿيندي هئي. ميين شاهه ڪريم جي وقت ۾ غالباً سماع جي شروعات سياري ۾ ٿي ۽ پڻ سياري ۾ ئي سماع جا شغل وڏي اهتمام سان ٿيڻ لڳا. اهو انهيءَ ڪري جو سياري ۾ ٻني ٻاري جو ڪم گهٽ هو ۽ فراغت وڌيڪ هئي. رات جو سماع جي شغل وقت، سياري جي سيءُ کان توڙي روشنيءَ خاطر مچ ٻاريندا هئا ۽ فقير پڻ مچ جي چوڌاري مچ کي ويجها ٿي سماع ڪندا هئا. سماع جي سلسلي ۾ سُر سان بَيت، ضَربُون ۽ ذڪر شامل هئا. انهيءَ ساڳئي نموني سان ڀت تي پڻ سماع ۽ ذڪر شروع ٿيو، جنهن جو اڳواڻ شاهه صاحب جو ماسات ۽ وڏو خليفو محمد عالم ڏيرو مقرر ٿيو. خليفو محمد عالم سماع لاءِ مچ ٻاريندو هو، جنهن جي اُتر طرفان خليفو پاڻ ۽ سندس ساٿي، ۽ سامهون ڏکڻ طرفان تمر فقير ۽ سندس ساٿي بيهندا هئا. ان بعد شاهه صاحب ايندو هو. پهريائين ’هو آلو‘ جون ٽي تسبيحون ٿينديون هيون. ان کانپوءِ خليفي محمد عالم جي ٽولي جي فقير بلاول يا ڌناسري جي سُرن مان بيت ڏيندو هو، ۽ پهرين سٽ آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم ”اَلقارِ عَة مَا القارعة“ (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب هڻندو هو. ان بعد سامهون تمر فقير وارا ساڳي سٽ پڙهي ٻه ضربون هڻندا هئا. ساڳئي وقت فقير مچ جي چوڌاري بالڪل آهستي پير پير ۾ ڏيئي ڦرندا هئا، اهڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾ سڄي سماع ختم ٿئي. آخر ۾ مچ جي الهندي طرفان سڀ ويهي گڏجي ذڪر ڪندا هئا ۽ ذڪر ۾ پڻ سُر سان بيت پڙهندا هئا[11]. پڇاڙيءَ ۾ دعا گهُري اُٿندا هئا. +اهو چئي نٿو سگهجي ته ڀٽ تي جڏهن پهريائين سماع جو سلسلو شروع ٿيو ته فقير ڪهڙا بيت ۽ ڪنهن جا بيت پڙهندا هئا. ٿي سگهي ٿو پهريائين ميين شاهه ڪريم يا ٻين اڳين بزرگن جا بيت پڙهيا ويا هجن، پر پوءِ شاهه صاحب جا بيت ئي سماع ۾ پڙهيا ويا. اهو پڻ معلوم ناهي ته ان وقت بلاول ۽ ڌناسري کانسواءِ ٻين ڪهڙن سُرن جا بيت پڙهندا هئا، مگر هن وقت ڀٽ تي سماع ۾ هيٺين سُرن جا بيت پڙهيا وڃن ٿا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته شاهه صاحب جي وقت ۾ پڻ انهنساڳين سُرن جا بيت پڙهيا ويا هجن، جيڪي اڃان تائين هلندا اچن. +پهريون ڦيرو (سڄو) +ڦيري جي پهرين چوٿين پتي ۾ سُر بلاول جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت +ڦيري جي ٻي پتي ۾ سُر سري راڳ ” ” ” ” ” ” +ڦيري جي ٽي پتي ۾ سُر سامونڊي ” ” ” ” ” ” +پيري جي باقي چوٿين پتي ۾ سُر سورٺ ” ” ” ” ” ” +ٻيو ڦيرو (چوٿين پتي) +ڦيري جي پهرين چوٿين پتي ۾ سُر راڻو ۽ سُر حسين جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت +جملي سوا ڦيرو جملي ڇهه سر +موجوده وقت ۾ عيدن جي ڏينهن تي نماز بعد سماع ۾ فقط تن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مان بيت پڙهندا آهن[12]. +راڳ جو ادارو. سماع جي هن نظام ۾ بيتن جو سُر سان پڙهڻ، سڀني جو گڏجي ذڪر جي سُرائتي توار ڪرڻ، تار ۾ سمايل ضربون هڻڻ، گول حلقي ۾ ڦرڻ جا عنصر شامل هئا، جيڪي پوءِ راڳ جي اوسر لاءِ ڄڻ بنيادي ترغيب جو باعث بڻيا. سماع جي هن نظام ۾ بيتن جو سُر سان پڙهڻ، سڀني جو گڏجي ذڪر جي سُرائتي توار ڪرڻ، تار ۾ سمايل ضربون هڻڻ، گول حلقي ۾ ڦرڻ جا عنصر شامل هئا، جيڪي پوءِ راڳ جي اوسر لاءِ ڄڻ بنيادي ترغيب جو باعث بڻيا. +سنه 1142هه ۾ جڏهن شاهه صاحب ’ڀٽ‘ کي وسايو ته فقير پڻ اتي رهڻ لڳا، جن مان ڪي خاص راڳ جي ذوق ۾ راڳائي ٿيا ۽ راڳ ڪرڻ لڳا. مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘ ۾ اهو نڪتو نروار ڪيو آهي ته: شاهه صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو، نه ته پاڻ پنهنجي جذبي ۽ جوش ۾ هتان کان هتي گهمندا ڦرندا رهيا. راڳ جي رس سان ئي سندن تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ کي وسائي ويٺا[13]. +فقير شروع ۾ شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون فراغت واري وقت ۾ گڏجي ڳائڻ لڳا، پر پوءِ شاهه صاحب جي توجهه سببان خود فقيرن ۾ ايڏو ذوق وڌيو جو ڄڻ راڳ سندن واسطي هڪ روحاني خوشي واري خوراڪ بڻجي ويو. سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات کانپوءِ، راڳائي فقيرن جي جيڪاق ڪيفيت هئي، تنهن بابت ’لطائف لطيفي‘ ۾ هيٺيون بيان نقل ٿيل آهي[14]: +لطيفي فقير جيڪي راڳائي هئا، تن مان گهنن کي واري جو تپ ٿي پيو. جڏهن مونجهه ۽ پيڙا کان پريشان ٿيا ته حضرت شاهه صاحب سان طبيعت جي ناسازي جي شڪايت ڪيائون، تڏهن شاهه صاحب کين ارشاد فرمايو ته: ’هر جمعي رات سندم والد بزرگوار (شاهه حبيب) جي درگاهه تي لطيفي ساز وڄايو ۽ راڳ ڳايو‘. فقيرن ان تي عمل ڪيو ۽ بالڪل چڱا ڀلا ٿي ويا. هو پهر رات کانپوءِ راڳ شروع ڪندا هئا ۽ صبح صادق وقت بس ڪندا هئا. پر ڳچ وقت گذرڻ کانپوءِ باقاعدگي سان راڳ ڪرڻ ۾ سستي ڪيائون ۽ وري اچي کين تپ ورايو. انهيءَ ڪري پوءِ هميشـﮧ لاءِ (باقاعدگي سان جمعي رات) راڳ ڪندا رهيا، جو ويندي هن وقت تائين جمعي رات راڳ ڪندا رهن ٿا. +هن مان ظاهر آهي ته شاهه حبيب جي وفات کانپوءِ ئي فقيرن کي شاهه حبيب جي روضي اڳيان هر جمعي رات راڳ ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. ائين ڪيائون پر وري وچ ۾ وٿي پئجي وئي. ان کانپوءِ وري هر جمعي رات باقاعدگي سان راڳ شروع ڪيائون، ۽ پوءِ اهو سلسلو هميشـﮧ لاءِ جاري رهيو. هن بيان مان انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات واري تاريخ کانپوءِ، هڪ ٻن مهينن اندر، شاهه صاحب جمعي جي رات راڳ لاءِ مقرر ڪئي، ۽ راڳائي فقيرن کي خاص هدايتون ڏنيون جن موجب هر جمعي رات راڳ ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ فقير حضرت شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين کي جدا جدا سرن ۾ ڳائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنه 1144هه کان وٺي ’شاهه جو راڳ‘ بحيثيت هڪ اداري جي هميشـﮧ لاءِ قائم ٿيو[15] جنهن لاءِ شاهه صاحب جي رهنمائي هيٺ هيڍيان تمام ٿيا: 1. هن درد ۽ محبت پيدا ڪندڙ ۽ دلين کي جياريندڙ راڳ لاءِ شاهه صاحب سندس بيتن ۽ واين جي ذخيري مان ڪي خاص ڀاڱا (موضوع) چونڊيا ۽ انهن جي ڳائڻ لاءِ ’سر‘ (راڳ) مقرر ڪيا. اڳتي هلي انهي اصول موجب ’شاهه جو راڳ‘ سرن مطابق وڌيڪ اهتمام سان ڳايو ويو. 2. راڳ ۾ وڄت لاءِ ’دنبوري‘ جو نئون ساز استعمال ٿيو، ۽ پهريون دنبورو شاهه صاحب پاڻ ٺٽي ۾ ويهي ٺهرايو. 3. راڳ ڳائڻ لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي پوري پابندي ڪئي وئي، هن طرح جا عِشا جي نماز جماعت سان ادا ڪرڻ بعد راڳ جي شروعات ٿي ۽ فجر جي نماز کان اڳ راڳ جي خاتمي جي دعا گهر وئي. 4. راڳ لاءِ، راڳائي فقير چونڊيا ويا ۽ تمر فقير کي راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. +ان طرح ’شاهه جي راڳ‘ جي اداري جي هڪ باقاعدي تنظيم مطابق تڪميل تي جنهن موجب ڀٽ تي هر جمعي رات توڙي عيد ۽ حج جي موقعي تي راڳ ٿيڻ لڳو. پر اهو سڄو انتظام محض رسمي نه هو: زندگي جي هن مرحلي تي (۽ غالباً ان کان اڳ پڻ) راڳ شاهه صاحب لاءِ روحاني خوراڪ بڻجي چڪو هو. انهيءَ ڪري ايندڙ سورهن سالن کن تائين (1145- 1161هه)، شاهه صاحب جڏهن به ٻاهر سفر تي ٿي ويو ته راڳائي فقير به پاڻ سان گڏ ٿي کنيائين، جو سفر ۾ هر رات ’راڳ‘ باقاعدگي سان ٿي ٿيو. جڏهن شاهه صاحب وقت جي ڪن وڏن عالمن وٽ ٿي ويو ۽ انهن پڻ سندس ’دل جياريندڙ راڳ‘ جي سلسلي ۾ کيس بيوس ۽ بي ميار ڪري ٿي ڄاتو. سفر ۾ ’اهه جي راڳ‘ جي آخري محفل سنه 1161هه ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ٿي، جنهن حاضرينن جي دلين ۾ ايڏو ته درد ۽ عشق الاهي وارو اثر پيدا ڪيو جو اتي وڏي حال وارن مان مخدوم محمد معين ان رس ڀريي راڳ جي پيدا ڪيل جذبي ۽ احساس جي اثر هيٺ وفات ڪئي. +(هه) وڏن جي درگاهن جي سنڀال ۽ تعمير ڪرڻ. شاهه صاحب معنوي لحاظ سان ’وڏي حال وارو‘ هو، ۽ پڻ عملي طور ’حال‘ جو صاحب هو. انسان جي اعليٰ ڪردار ۽ ڪمال، حق جي تلاش ۽ حقيقي وصال وارين منزلن ماڻڻ جي لحاظ سان سندس فڪر، لاحَد ۽ لامتناهِي ’مستقبل‘ سان همڪنار هو، جو چيائين ته ”جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين.“ ساڳئي وقت شاهه صاحب جي نظر ۾ ’ماضي‘ پڻ وڏو معنيٰ خيز ۽ سبق آموز هو، ڇاڪاڻ ته اهو انسانن جي انفرادي اخلاق ۽ ڪردار توڙي سماجي ريت ڪُريت جو آئينو آهي. وڏن جو ادب ۽ ريت رسم جو لحاظ سنڌ جي تهذيب جو لازمي جز هو، جنهن کي شاهه لطيف وڏي اهميت ڏني. شاهه صاحب جي پنهنجي تربيت ۾ سندس وڏن جو هٿ هو، هاڻي جڏهن شاهه صاحب پاڻ، اخلاق ۽ ڪردار جي اعليٰ منزل تي پهتو تڏهن وڏي احسان مندي سان پنهنجن وڏن جي آثارن جي سنڀال ۽ تعمير ڏانهن ڌيان ڏنائين. +سڀ کان پهريائين بلڙي ۾ ميين شاهه ڪريم جي درگاهه سندس توجهه جو خاص مرڪز بني. شاهه جو والد شاهه حبيب، ڏاڏو عبدالقدوس شاهه، پڙ ڏاڏو جلال شاهه (جمال شاهه) سڀ اتي ڄاوا نپنا هئا. عبدالقدوس شاهه وفات به اتي ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي مزار جي ويجهو دفن ٿيو. عزازت جي انهن رشتن کان وڌيڪ، شاهه صاحب جو پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم سان گهَرو روحاني رشتو هو جو سندس هدايت ۽ تلقين کي سان لاتائين، ’بيان العارفين‘ کي سفر ۾ به ساڻ کنيائين. جئن شاهه ڪريم بُلڙي ۾ نئين ماڳ کي وسايو هو، تئن پاڻ ’ڀٽ‘ کي وسايائين. شاهه ڪريم وانگر ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو قائم ڪيائين، ۽ ميين شاهه ڪريم جي ڪن چيل بيتن ڀران پاڻ بيت چيائين: نه فقط ايترو پر ڪن فقيرن کي جيڪڏهن ميين شاهه ڪريم جي ڪنهن بيت جي ڪا سٽ ياد نه هئي ته پاڻ ٻي چئي ان کي پورو ٿي ڪيائين[16]. مثلاً شاهه صاحب کي جڏهن ڪن فقيرن ٻڌايو ته ميين شاهه ڪريم هيءَ هڪ سٽ چئي هئي (پر اڳتي سندس مراد الائجي ڪهڙي هئي) ته: +ٺري ڀَڳِي ڪِنگريِ ٺلها ڦيرا ڏي +تڏهن چيائين ته: هائو ابا! +آڻي نَڪِي ني، پر وڃي سَلهاڙي ساٿ سان. +اهڙيون روايتون انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهن ته شاهه صاحب جي ميين شاهه ڪريم سان وڏي محبت ۽ عقيدت هئي. ننڍي هوندي پنهنجي والد سان گڏ، ۽ جوانيءَ ۾ پاڻ پنهنجي سر، بلڙي تي ڀيرا ڪيائين، پر هاڻي پنهنجن فقيرن سان گڏ ڪريمي درگاهه تي وڌيڪ وڃڻ لڳو. اتي سماع ۽ ذڪر جي شغل ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ پنهنجو ڀٽ وارو راڳ پڻ شروع ڪرايائين. ڪريمي فقيرن ’شاهه جو راڳ‘ سکيو ۽ اهڙيءَ طرح ڀٽ کان پوءِ شاهه ڪيريم جي درگاهه تي ئي سڀ کان پهريائين ’شاهه جو راڳ‘ ٿيو، جيڪو اڄ تائين هلندو اچي. +زندگي جي هن دور ۾ ڏهن ٻارهن سالن تائين اهڙي عقيدت واري حاضري بعد، شاهه صاحب اڃان به وڌيڪ خذمت خاطر ميين شاهه ڪريم جي مزار تي روضي جوڙائڻ ۽ ڀرسان جامع مسجد ٺهرائڻ جوارادو ڪيو، ۽ 1154- 1156هه واري عرصي ۾ ان ڪم کي وڏي همت ۽ محبت سان پورو ڪيو. حضرت شاهه ڪريم جو سهڻي گنبذ سان روضو ۽ ان جي اُتران لڳو لڳ عاليشان جامع مسجد جوڙايائين، ۽ اتان ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف پنهنجي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي تربت تي قبو ٺهرايائين. شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد شريف کي ڪاشي جي سِرن سان سينگاريائين. شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد شريف کي ڪاشي جي سِرن سان سينگاريائين جيڪي ملتان مان آندائين ۽ پڻ اتان ڪاريگر آندائين جن بلڙيءَ ۾ ويهي وڌيڪ سرون ٺاهيون. اهو سڄو ڪم سنه 1189هجريءَ ۾ راس ٿيو، ۽ شاهه صاحب جي ارشاد تي سندس معتقد ۽ مريد ۽ ٺٽي جي نامياري عالم مخدوم محمد صادق نقشبندي ڪريمي درگاهه جي تڪميل جي تاريخ هيٺئين سهڻي فقري مان ڪڍي: +”هست درگاهِ کريمي جلوه گاهِ حق ابد“ +ابجد جي حسان سان عدد = 1156 +شاهه صاحب پوءِ انهيءَ تاريخي مصرع سان سينگاريل ڪاشيءَ جي هڪ سهڻي سِرَ ٺهرائي جيڪا غالباً صحن واري ٻاهرئين دروازي تي هڻايائين. ٻي هڪ ننڍي سِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکايائين سا روضي جي دروازي واري سامهون اتران ديوار ۾ هڻايائين[17] ان وقت ڪريمي درگاهه جي گادي تي عبدالواسع شاهه (بن عبدالغني شاهه، بن محمد دليل شاهه بن دين محمد شاهه بن ميون شاهه ڪريم) هو جنهن جو ڌيان درگاهه کان وڌيڪ دنيوي ڪاروبار طرف هو. ان کي اچي وهم ويٺو ته عبداللطيف شاهه درگاهه ٺهرائڻ کانپوءِ اندر وري پنهنجو نالو هڻايو آهي ته جئن وارث بڻجي ۽ درگاهِ تي قبضو ڪري: سو شاهه صاحبجي روانگي بعد پاڻ پنهنجي سر اچي اها سِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو پٽائي ڦٽي ڪيائين. ان وقت شاهه لطيف ’بلڙي‘ مان اڃان ’ڊنڍي‘ جي شهر ۾ (بلڙي ۽ ٽنڊي محمد خان جي وچ تي) پهتو هو ۽ اتي ’ڪريم– پوٽي‘ سيد محمد صلاح (بن ابوبڪر شاهه بن محمد شريف شاهه بن محمد دليل شاهه بن دين محمد شاهه بن ميون شاهه ڪريم) وٽ ٽڪيل هو جو عبدالواسع شاهه جي سِر پٽائڻ جي خبر اچي پهتي، جنهن تي شاهه صاحب چيو ته: ”هن ضعيف جو نالو عبداللطيف آهي، باقي ’لطيف‘ نالو ته الله جل شانـﮧ جي نالن مان هڪ آهي. ��ال ان ذات باري تعاليٰ کي ڪا غيرت نه اچي“[18]. +درگاه ڪريمي جي خاص خذمت ۽ تعمير کان پوءِ غالباً شاهه صاحب ڀٽ جي جاين ڏانهن توجهه ڪيو. شروع ۾ اهي جايون تڪڙو تيار ڪيل هيون، پر هاڻي انهن کي وڌيڪ سهڻي سٽاء سان تعمير ڪيو ويو. پنهنجي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم ۽ ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي مزارن جي تعمير بعد شاهه صاحب پنهنجي والد شاهه حبيب جو مقبرو به پڪو ڪرايو ۽ ٻاهران دروازي جي مٿان وفات جي تاريخ واري هيٺين مصرع جيڪا سندس مريد ۽ ڀلاري عالم مخدوم محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جوڙي هئي سا لکايائين: +”الموتُ جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب“ +ابجد جي حساب سان عدد = 1144 +مسجد شريف شروع کان ڪَچي پر مضبوط ٺهيل هئي، انهيءَ ڪري ان کي شاهه صاحب پوءِ پنهنجي زندگي جي آخري دور ۾ وڏو شاندار ڪري ٺهرايو. +(و) معتقدن مريدن وٽ وڃڻ ۽ سندن پوئواري ڪرڻ، حال وارن فقيرن ۽ درويشن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته شاهه صاحب جي زندگي جو هن کان اڳيون ويهن-ٻاويهن سالن وارو دور (1120- +* ’لطائف لطيفي‘، فارسي متن، 1967ع، صفحا 69، 42- 43 ۽ 36. ساڳيءَ طرح ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1972ع ڇاپو) ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ جاءِ تي لکيو ته مرزا مغل بيگ جي حياتيءَ ۾ ٿي سندس اڻبڻت ۽ ايذاءَ کان ڪوٽڙيءَ مان لڏي وڃي ڀٽ تي ڳوٺ ٻڌائون (ص- 34) ۽ ٻيءَ جاءِ تي ڄاڻائين ته ”پيءُ جي مرڻ کانپوءِ سگهو ئي شاهه عبداللطيف لڏي اچي ڀٽ تي ويٺو“ (ص 38). وري هڪ جاءِ تي چيائين ته شاهه صاحب ڀٽ تي هو هو جو گلان کي دعا ڪيائين (ص-86) ته ٻيءَ جاءِ تي آندائين ته آخر عمر ۾ ڀٽ کي وسائين (ص 36). سندس انهن بيانن ۾ تضاد آهي. لالواڻي پنهنجي انگريزي ڪتاب ’شاهه لطيف‘ (ڇاپو 1890ع) ۾ شاهه جي شاديءَ جي بيان بعد لکيو ته هو پاڻ اچي ڀٽ تي رهيو ۽ گهڻو وقت اتي گذاريندو هو، حالانڪه سندس گهرٻار ۽ والد ڪوٽڙيءَ ۾ هئا. هو پنهنجي والد کي ”ڀٽ تي لڏي اچڻ لاءِ مڃائي نه سگهيو. اهو معلوم ناهي ته شاهه لطيف ڪڏهن اچي ڀٽ تي (گهر ٻار ڪري) ويٺو، پر (ڀٽ تي) سندس مريدن (لالواڻي کي) ٻڌايو ته شاهه صاحب سندس والد جي فوت ٿيڻ ۽ ڀٽ تي دفن ٿيڻ بعد لڏي آيو“ (ص 13). +* لطائف لطيفي، ص 86. +[1] ”سيد کـﮧ برڀٽ شريف آستانه امجد تجويز کرده است“ (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 86) ميان غلام شاهه جي ولادت جي تاريخ في الحال اسان جي آڏو موجود ناهي، پر اهو تاريخي طور ثابت آهي ته سنه 1152هه ۾ نادر شاهه بادشاهه جڏهن ميان نور محمد خلاف سنڌ تي چڙهيو پئي آيو ته ميان نور محمد پنهنجي طرفان اڳواٽ صفائي خاطر صاحبزادي غلام شاهه کي نادر شاهه جي خدمت ۾ موڪليو هو. ان وقت ميان غلام شاهه وڏو هوندو نه ته به ڪم از ڪم سندس عمر سورنهن سترهن سال کن هوندي، جنهن مان پڻ اهو گمان ٿئي ٿو ته سندس والده مائي گلان سنه 1135هه ڌاري ڀٽ تي شاهه جي خذمت ۾ اچي ڳايو هوندو. +[2] ڇاڪاڻ جو انهيءَ موضوع بابت جيڪي بيان سانگي (1888- 1880ع ڌاري) ’لطائف لطيفي‘ ۾ آندا آهن سي گهڻو ڪري سڀ کيس وڏيري عبدالله شوري ٻڌايا. هڪجاءِ تي سانگي سَنَدَ سان بيان ڪيو آهي ته هن وڏيري عبدالله (عمر 55 سال) کان ٻڌو، جنهن پنهنجي والد وڏيري رستم (عمر نوي سال) کان ٻڌو، جنهن سندس پيءُ وڏيري قلندر شوري کان ٻڌو، جنهن اُٺيون چاربندي شاهه لطيف کي ڀٽ تي وڻن ۾ ويٺل ڏٺو هو ۽ کيس کير پياريو هو. ان بعد جڏهن شاهه صاحب ڀٽ واري ماڳ کي هموار ڪري ٺهرائي سهڻو پئي ڪيو، تڏهن پڻ قلندر پنهنجي پيءُ وڏيري صاحبڏني سان گڏجي اتي ويندو هو (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 144- 145). +[3] ڄاڻو فقيرن وٽ جتي ڪ��ي راقم هي بيت (ذرا مختلف پڙهڻين سان) ٻڌو جيڪو متفقه زبانين موجب هن موقعي تي شاهه صاحب پڙهيو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ هن واقعي بابت جيڪا روايت قلمبند ڪئي آهي، سا شاهه حبيب ۽ شاهه لطيف جي پيار ڀريي ناتي جي سراسر ابتڙ آهي. ان روايت موجب، شاهه حبيب جي بيماريءَ وقت شاهه لطيف ڀٽ تي هو ئي ڪونه، ۽ هو ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو پيو هو. انهيءَ تي شاهه حبيب ڏانهس ڏوراپي جو بيت چوائي موڪليو، جنهن جي جواب ۾ وري پاڻ به بيت چوائي موڪليائين، پر آيو ڪو نه. ان جو سبب اهو ڄانايو ويو آهي ته شاهه عبداللطيف رضا الاهي تي راضي رهڻ جو عهد ڪيو هو سو چيائين ته جي آءٌ ويندس ۽ والد کي فوت ٿيندو ڏسندس ته مون کي ڏک ٿيندو، جيڪو ڪيل عهد جي خلاف ٿيندو (ڏسو لطائف لطيفي، فارسي متن، صفحا 42-43). +[4] شاهه حبيب جي وفات تي ڏسو راقم جو تفصيلي مضمون، سماهي ’مهراڻ‘ نمبر 3-4، سنه 1987ع. +[5] حضرت پيران پير کان اڳتي سندس پنهنجن مرشدن مشائخن جو هي خاص سلسلو حضرت علي رضه سائين تائين پهچي ٿو. ان کانسواءِ قادري طريقي ۾ حضرت پيران پير جي مرشدن مشا؟خن جا ٻيا سلسلا حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ ٻين اصحابن ڪرامن تائين پهچن ٿا. مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ ۾ (صفحا 23-24) شاهه صاحب جو قادري طريقي ۾ هي سلسلو ويندي حضرت علي رصه تائين ڏنو آهي پر هن پهرئين ڀاڱي ۾ کانئس ڪي نالا رهجي ويا آهن. هي ڀاڱو مٽيارين جي عالم فاضل مشتاق متعلوي جيئن لکيو آهي، تيئن ڏنو ويو آهي. مولوي دين محمد وفائي مرحوم پڻ ان کي لطف اللطيف‘ 0صفحا 13-32) ۾ نقل ڪيو آهي. +[6] راقم شاهه صاحب جو خط مخدوم معين جي جواب جي اختصار سميت رسالي ”نيئن زندگي“، نومبر 1953ع ۾ ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان شايع ڪيو آهي ۽ اتي ڏسڻ گهرجي. +[7] سانگي جي هڪ روايت موجب، شاهه جي زندگي جي پوين ڏهن سالن ۾ هيءَ سڄو نظام قائم ٿيو (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 181)؛ پر سانگي جي پنهنجن ئي ڪيترن بيانن توڙي ڪن ٻين حوالن مان تصديق ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جي ڀٽ تي لڏي اچي ويهڻ سان فاقيري نظام جي شروعات ٿي. البت هن نظام جي تڪميل ۽ پوري پائبندي غالباً شاهه جي زندگي جي پوين پنجن ڏهن سالن ۾ ٿي، جڏهن هو ٻاهر مسافرين تي وڃڻ بدران گهڻو وقت سڄو ڀٽ تي ئي گذارڻ لڳو. +[8] هيء محمد عالم ڏيرو ’وڏو‘ جيڪو اڳ ٿي گذريو. هن پوئين ويجهي دور ۾ حاجي عالم ڏيرو راڳائي هو، جنهن اول ميين حسين کان ۽ پوءِ ٽنڊي غلام حيدر جي فقير حافظ چاڪي کان راڳ سکيو. هن پوئين محمد عالم جو ٻالڪو غلام دين آريسر ٿيو، جيڪو تند جو وڏو قابل هو. +[9] عام مڃيل ۽مشهور روايت موجب سومر فقير لاڙڪ اتر جو هو ۽ سانپور (لڳ شڪارپور؟) جو ويٺل هو. سانگي جي لکڻ موجب، سومر فقير پير پٺي کان 7 ڪوهه پري خانپور جو ويٺل هو. +[10] مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ (169- 171) ۾ تفصيل سان فقيرن جا نالا ڏنا آهن. اسان ڀٽ تي حسين بخش فقير لاڙڪ وٽ، ’شرح لطيفي‘ (نالو ائين) تان ’ڌڻي بخش فقير‘ جو (تازو ويجهي وقت ۾) اتاريل تفصيل 4- آڪٽوبر سنه 1955ع تي ڏٺو ۽ نقل ڪيو. +[11] هي ’سماع وارو ذڪر‘ هو. ان کانسواءِ روزانو هر نماز بعد ’تسبيحي ذڪر‘ جدا ٿيندو هو. +[12] ڀٽائي صاحب جي وفات بعد، 14 ۽ 16 صفر تي سماع قائم ٿي. 16- صفر واري سماع ۾ ٽن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مانبيت پڙهندا آهن، ۽ 14- صفر واري سماع ۾ چئن سُرن يعني پورب، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ حسيني مان بيت پڙهندا آهن. +[13] و ازان وزيکه انس بـﮧ سرود گرفتند بمکان شريف ماندن اختيار کردن و ذوق و شوق مافوق بـﮧ آن مي داشتند و ازان جوش تسکين يافتند – و اِ��ا نـﮧ مدامي بمحل گردي مصروف بودند بعروج بسر مي بردند- وسرود براي حصول نزول سببي شد. (لطائف لطيفي، فارسي متن، راقئم جي تصحيح سان شايع ڪيل شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي، ڀٽ شاهه، 1967ع ص 101). +[14] منقولاست کـﮧ اکثر فقراء لطيفي کـﮧ سرودي بودند تپ نوبت کردند. چوَن از ملالت و ناهمواري طبع عاجز آمدند شکايت از بي اعتدالي طبيعت بحضرت اولياء عرض گذرانيدند. فرمان صدور يافت کـﮧ هر شب آدينـﮧ بدرگاه پدر بزرگوار سرود لطيفي بسر ايندو کلام شريف بگويند. فقراٰء عمل برحکم کردند صحت کلي يافتند. بعد از يک پاس شب آغاز سرود مي کردند و بوقت صبح صادق انجام مي نمودند. وچون مدتي منقضي شد در کردن سرود کاهلي و تساهلي نموند. باز بـﮧ علت تپ گرفتار آمد. لابد مداومت ساختـﮧ کـﮧ تاهنوز شب جمـعـﮧ کلام کرامت نظام مي سرايند (لطائف لطيفي، ص -81). +[15] ’شاهه جي راڳ‘ جي شروعات 7 پوءِ ان اداري جي دور- وار تاريخ تي جدا ڪتاب. ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ (1978ع ڇاپو، صفحا 149- 240) ۾ تفصيل سان روشني وڌل آهي. البت ان ڪتاب لکڻ وقت، شاهه حبيب جي وفات واري سال تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ بدران، گربخشاڻي واري ڏنل سال 1155هه تي ڀروسو ڪيو ويو ۽ ’شاهه جي راڳ‘ جي شروعات انسال ۾ ڄاڻائي وئي جيڪو صحيح نه هو. +[16] عقيدتمندن جي روايتن موجب، شاهه ڪريم ڪن موقعن تي ڪن بيتن جون پهريون سٽون چيون ۽ جڏهن فقيرن باقي ٻين سٽن بابت پڇيو ته جواب ڏنائين ته: سندس اولاد مان ڪوعارف ٿيندو، جيڪو انهن بيتن کي سڄو ڪندو. +[17] جيڪڏهن صاحبڏني شاهه ڪا سر هڻائي هئي ته اها به سنه 1355هه ۾ غلام حيدرشاهه جڏهن لونگ فقير جي فقيرن جي خذمت ذريعي مرمت ڪرائي ۽ اڀرندي ڀت تي ٻاهران نئين ڪا شي لڳي تڏهن پٽجي ويئي. راقم ٻه ڀيرا ميين شاهه ڪريم جي روضي توڙي ان سان اتران لڳ مسجد جي ديوارين کي جانچي ڏٺو پر اهڙي ڪا سر لڳل نظر ڪا نه آئي. البت مجاور حاجي صوف ميمڻ ٻڌايو ته سندن وڏا چوندا هئا ته شاهه لطيف واري اصل سر جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو سا روضي جي اڀرندينءَ ڀت جي ٻاهران، روضي جي در کان اتر، ڀت جي بالڪل آخري اترئين ڪناري سان ڪنڊ لڳ پر ذرا مٿي لڳل هئي. مسجد جي ڏاکڻي ڀت ان ڪنڊ جي ڀرسان آهي. +مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘ (ص 32-34) ۾ غالباً انهيءَ سر جو ئي ذڪر ڪيو آهي ته: ”اما يک خشت بسمت شمال دروازه مقابل روضـﮧ کريمي بامر لطيفي بديوار نصب کردن که بران لطيف نگاشت بود.“ چٽي وضاحت ٿيل ڪانهي ته ڪهڙي ديوار (مسجد يا روضي جي) تي سر هنئي هئي البت اڳتي هلي لکي ٿو ته اصل سر جتان ڪڍي وئي، ان ساڳي جاءِ تي صاحبڏني شاهه ٻي سر هڻائي جيڪا پيلي رنگ تي نمايان آهي. +[18] مير عبدالحسين خان سانگي، هيءُ سڄوبيان حڪايتي رنگ ۾ شاهه صاحب جي ڪرامت جي سلسلي ۾ آندو آهي. سندس لکڻ موجب هڪ ته ميين شاهه ڪريم کي پاڻ تي روضو منظور ڪو نه هو ۽ انهيءَ ڪري جيڪو به عمارت ٺهرائڻ خاطر اتي بيٺل وڻ وڍيندو هو، تنهن کي نقصان رسندو هو، پر شاه صاحب کي ڪجهه ئي ڪو نه ٿيو؛ ٻيو ته عبدالواسع شاهه جي ان اڻ – سهائيندڙ هلت سببان (شاهه لطيف جي رنجش جي ڪري) ٽن پيڙهين کانپوءِ سندس اوالد ۾ گادي ختم ٿي ويئي ۽ اها ڦري محمد صلاح شاهه جي اولا ۾ آئي (لطائف لطيفي، ص30-33). سانگي عمارت جي اندر واري اها جاءِ ڄاڻائي آهي جتي ’لطيف‘ جي نالي واري سر هنئي وئي هئي، پر ’درگاهه ڪريمي‘ واري سر جو ذڪر ڪو نه ڪيوآهي. ان سر جي ڪَتبي واري معنيٰ مان ظاهر آهي ته اها درگاهه جي ٻاهرئين صحن واري مکيه دروازي تي لڳل هوندي، پر پوئين دور ۾ ��نهن مرمت وقت لاهي رکيائون ۽ وري ڪا نه هنيائون. البت اها اڃان تائين محفوظ ڪري رکيل آهي. شروعاتي تحقيق دوران سنه 1968ع ۾، ۽ وري ٻيهر تازو سيپٽمبر 1987ع ۾، راقم اها سر ڏٺي ۽ ان جو فوٽو ورتو. درگاهه جي مجاور حاجي صوف ميمڻ ان سر کي سنڀاليو آهي. هيءَ سر شاهه عبداللطيف جي هٿن جو وڏو يادگار آهي، جنهن کي وڏي احتياط سان محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. + + +1142هه) طلب ۽ تحقيق وارو دور هو، جنهن ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر سفر ڪيا، درويشن جا ماڳ مڪان ڏوري ڏڍا، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڌنڌي پيشي وارن توڙي عامماڻهن جي روزاني زندگي ۽ حال حقيقت کان واقف ٿيو. اهي پنڌ ۽ سفر سندس پاڻ پنهنجي تربيت ۽ پرجهه پروڙ خاطر هئا. زندگي جي هن ٻئي دور، ۾ جيڪو چاليهن سالن جي عمر کانپوءِ وارو دور هو، شاهه صاحب پاڻ هڪ جهانديده درويش ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو. هن دور ۾ سندس مسافريون وڌيڪ سوچيل مقصدن ۽ منزل واريون هيون: يعني پنهنجن پيارن فقيرن ۽ مخلص معتقدن وٽ ڀيرا ڪري سندن پوئواري ڪرڻ، ٻين حال۽ ڄاڻ وارن فقيرن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان سلوڪ ۽ معرف واريون صحبتون ڪرڻ. هن دور جي مسافرين ۾، شاهه صاحب قرآن شريف پنهنجي دور لا3، ۽ ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۽ مولانا رومي جي ’مثنوي‘ حاضرين جي وعظ ۽ نصيحت لاءِ، پاڻ سان گڏ رکندو هو. سندس ارادتمند ميون محمد صلاح ساڻس گهڻو ڪري گڏ هوندو هو ۽ ڏينهن جو اڳين نماز ۽ جمعي نماز بعد مثنوي پڙهندو هو ۽ ان جي شرح ڪندو هو. ان کانسواءِ راڳائي فقير شاهه صاحب سان انهن سفرن تي گڏ هوندا هئا ۽ رات جو سمهياڻي نماز بعد ’شاهه جو راڳ‘ ٿيندو هو. +شاهه صاحب جي سير سفر بابت اڪثر خيالي انومان ڪڍيا ويا آهن ته هِتي به ويو هُتي به ويو، ائين جو ڄڻ هر جاءِ تي ويو پر ان باري ۾ ڪي به اهڙا ٽاڻا يا اهڃاڻ نه ڏنا ويا آهن جن تي ڪو ڀروسو ڪري سگهجي[1]. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن کان اڳئين دور ۾ توڙي هن دور ۾ شاهه صاحب سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن ئي ماڳن مڪانن تي ويو، پر انهن سڀني بابت صحيح معلومات محفوظ نه رهيا آهن. البت سندس زندگيءَ جي اڳئين دور جي ڀيٽ ۾، هن دور ۾ ڪيل مسافرين يا ملاقاتن بابت ڪي وڌيڪ ڀروسي جهڙا بيان ۽ اهڃاڻ ملن ٿا[2]. +[1] مثلاً مير عبالحسين خان سانگي جو ’لطائف لطيفي‘ 0ص 183) ۾ بنا ڪنهن دليل جي بيان ته ”حضرت اولياء صاحب، سناسين ۽ جوڳين جي ٽولي ۾ پورا ٽي سال گذاريا ۽ ڪوهستان جي سير تي هو.“ اهي شاهه جي زندگيءَ جا ڪهڙا ٽي سال هئا ۽ اهو پورن ٽن سالن وارو مدو ڪنهن ڳڻيو! +[2] انهن مان ڪي ٿورا لکيت ۾ موجود آهن ۽ ٻيا زباني روايتن ذريعي مشهور آهن؛ انهن زباني روايتن جي وڌيڪ تصديق راقم پاڻ انهن ماڳن تي وڃي اتان جي سڄاڻن ۽ خاص طرح انهن اڳين بزرگن جي اولاد کان ڪئي، جن جو شاهه صاحب جي سلسلي ۾ ذڪر ٿيل هو. + + +پنهنجن خاص مريدن ۽ معتقدن وٽ ڀيرا ڪرڻ. هن دور ۾ شاهه صاحب جي محبتين ۽ معتقدن جو دائرو وڏو وسيع ٿيو، جنهن ۾ عام توڙي خاص اچي ٿي ويا. پاڻ عمل توڙي عقيدي ۾ محض ’رسم‘ بدران ’روح‘ جي تلقين ڪيائين. توحيد جي اعليٰ نظريي طور ڪل ڪائنات تي يقين ۽ توڪل، سڄي مخلوق سان پيار ۽ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جا سبق ڏنائين. شاهه صاحب جي پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ محبت ڀريي طور طريقي جو اثر دلين تي ايترو ته پيو جو ڪي هندو فقير توڙي حڪمران به سندس معتقد ٿي پيا. +هن دور ۾ شاهه صاحب سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر پنهنجن پيارن فقيرن وٽ ڀيرا ڪيا ۽ سندن پوئواري ڪئي. ويهن سالن کن جي هن وڏي عرصي ۾ هو گهڻن ئي فقيرن وٽ ڪن ��هڻن ئي ماڳن تي ويو هوندو، پر جتي جتي ڪجهه وڌيڪ ترسيو اتي سندس نالي سان ’تڪيا‘ قائم ٿيا. هن وقت به سنڌ ۾ گهڻين جاين تي ’شاهه جا تڪيا‘ موجود آهن، جيڪي مريدن ۽ پوءِ سندس نالي سان قائم ڪيا، فقط ڪي ٿورا اهڙا آهن، جن بابت وڌيڪ ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب پاڻ پنهنجي حياتي ۾ اتي ويو هوندو. مثلاً کپري تعلقي ۾ ’واگهين جي ڀٽ‘[1] ٺٽي ۾ مڪلي لڳ، بدين، روڙهي، سکر (پراڻو) ۽ ترائي (مديجي کان ٻه ميل اتر-اولهه) ۾ جيڪي ’شاهه جا تڪيا‘ آهن، اتي غالباً شاهه صاحب پاڻ ويو ۽ ٽڪيو[2]. بهرحال انهن ٿورن مشهور ’تڪين‘ جي جدا جدا ماڳن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته شاهه صاحب سنڌ ۾ لاڙ کان وٺي اتر تائين پنهنجن مخلص م معتقدن وٽ ڀيرا ڪيا. +سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾، شاهه صاحب خاص طرح ڪڇ ۾ پنهنجن پيارن جتن فقيرن وٽ گهڻو ويو. ڪڇ ۾ شاهه صاحب سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد وَنهين فقير سالاراڻي جت ۽ تماچي فقير نهڙيي وڌو. غالباً هن دور جي پهرئين سفر ۾ شاهه صاحب انهن ٻنهي فقيرن تي ڪا اهڙي فيض واري نظر ڪئي جو هو ڀٽ تي آيا. تماچي فقير کي شاهه صاحب ڪڇ موٽي وڃڻ جو ارشاد ڪيو ۽ هو اتي ئي رهيو، تان جو وفات کان ڪجهه وقت اڳ شاهه صاحب کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو. ونهيين کي شاهه صاحب پاڻ وٽ ڀٽ تي رهايو ۽ سندس خلوص جي مدنظر کيس پنهنجو خاص خليفو ڪيائين ۽ سندس پويان ڪڇ ۽ واڳڙ طرف گهڻا جت شاهه صاحب جا معتقد ٿيا[3]. ڪڇ طرف جتن ۾ شاهه صاحب جي سفر جا منزل به منزل سلسلا ونهيين فقير جي اتي وڌايل ارادتمندن سببان شروع ٿيا، ۽ شاهه صاحب جتي جتي ڀيرا ڪيا انهن ماڳن مڪانن جو مانُ ٿيو ۽ پڻ پوءِ تمر فقير جي اڳواڻي هيٺ اهي ’شاهه جي راڳ‘ جا مرڪز بنيا. مسلسل طور هلندڙ روايتن موجب ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب هيٺين ماڳن تي ڀيرا ڪيا: +’ڏَر‘ مڪان، لکپت جي شهر سان لاڳو، جتي سالار فقير وٽ شاهه صاحب آيو. +ڀُٽائو مڪان، ’پِپِر‘ جي شهر لاڳو (تعلقو لکپت) جتي درويش سانوَلي فقير جت جو مزار هو. +آسالڙي مڪان، تعلقو لپت. +’ڪَنڊو‘ مڪان (تعلقو کاهڙ) جيڪو ونهيين فقير جو اصل ڳوٺ هو. +’اوريئڙو‘ مڪان، (تعلقو نکٽراڻو) جيڪو شاهه صاحب جي پياري فقير ميين تماچي نهڙيي جو ڳوٺ هو. +ڄَڙهوٽ مڪان، نکٽراڻي شهر کي ويجهو، جتي شاهه صاحب جو خليفو صالح فقير مڱريو رهندڙ هو. +سِراڙو مڪان (تعلقو کاهوڙو)، جتي شاهه صاحب جوخليفو ڇتو فقير لاکاڻي جت رهندڙ هو. +بگهاڙيو مڪان (ٻني)، جتي ميين شاهه ڪريم جا خاص مريد جيِئنداڻي جت فقير هئا. +آرل مڪان (تعلقو نکٽراڻو)، جتي شاهه صاحب جوخليفو دين محمد فقير هو. +هو اصل ريٻاري هو ۽ شاهه صاحب سان صحبت ۾ مسلمان ٿيو، جنهن پوءِ پڳ ڏنس ۽ خليفو ڪيس. +مٿين ماڳن جا نالا معلوم ۽ مشهور آهن، جتي شاهه صاهب غلاباً گهڻا ڀيرا ڪيا. سالاراڻي جتن فقيرن جي ٻي هڪ متفقه روايت موجب شاهه صاحب ’واڳڙ‘ کان اڀرندين ڀاڱي ۾ به ويو جتي ان وقت جت ويٺل هئا ۽ اتي چاليهه ڏينهن رهيو جو انهيءَ ياد ۾ پوءِ مچ ۽ ميلو ٿيو (۽ پڻ ڪن روايتن موجب ڀٽائي صاحب ڀُڄ تائين ويو ۽ پڻ ڪڇ جو راء ساڻس اچي مليو هو). +ڪڇ کانسواءِ، سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾ شاهه صاحب ٻاهڙ مير ۽ جيسلمير طرف ڀ يرا ڪيا جتي سما، سميجا، مڱريا، لنجا، ڀنڀرا دل ۽ ڪي ٻيا سندس مريد هئا. جيسلمير جي راجا ساب به سندس ڏيٺ ٿي ۽ هو ايتري قدر متاثر ٿيو جو شاهه صاحب جي وفات بعد درگاهه تي نوبت لاءِ نذراني طور ڀيرون موڪليائين. ان طرف شاهه صاحب پهريائين غالباً ملتان جي غوثي جماعت جي فقيرن جي دعوتن تي ويو ۽ پوءِ جن ماڳن تي ويو ۽ رهيو، اتي کانئس پوءِ (ويندي هن پوئين ويجهي دور ۾ سنه 1930ع تائين) ’ شاهه جو راڳ‘ ٿيندو رهيو[4] +ڪن حال ۽ ڄاڻ وارن ناٿ- پنٿي جوڳين ۽ هندو ساڌن سنتن ساڻ ملڻ. سنڌ کان ٻاهر ڪڇ ۽جيسلمير طرف هن دور وارين مسافرين ۾ شاهه صاحب ناٿ- جوڳين ۽ بين ڪن ساڌن سنتن سان مليو، ۽ ساڻن توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ خيالن جي ڏي و‎ٺ ڪيائين. مذهب جي حقيقت ۽ حقانيت تي شاهه صاحب هن کان اڳ گهڻو سوچيو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو عقيدي جي ’سچائي‘ ’روح‘ جو قائل ٿي چڪو هو. اعليٰ ڄاڻ وارن صوفين ۽ عارفن وانگر، شاهه صاحب دين ۾ محض ’نالي جي مسلماني‘، رسم ۽ رياء واري پاڪبازي ۽ لوڪ لباس بدران ايمان جي سچائي، نيت جي صفائي، ۽ انڪساري، ۽ مخلوق سان محبت جي تلقين ڪئي، ۽ تنبيهه طور ”منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين“ چئي ظاهري رسم رياء ۽ اندر جي ٻيائي کي ننديو. هندو ڌرم جي رکوالن کي به ويجهو وڃي ڏٺائين. جڏهن سندن ڌرمي پاٺ پوڄائن ۽ عملي ڪرتوتن کي ڀيٽيائين ته کيس منجهن محض ٻاهرين رسم ۽ رياء وارو رنگ نظر آيو، تڏهن چيائين ته: ”هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاء“. شاهه صاحب حق ۽ حقيقت جو ڳولائو هو، ۽ پنهنجي زندگي جي هر مرحلي تي هو مسلسل طور ڪائنات جي حقيقت جو ڳولائو هو، ۽ پنهنجي زندگي جي هر مرحلي تي هو مسلسل طور ڪائنات جي حقيقت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي، انساني عقيدي ۽ ڪردار جي رسمي صورت توڙي اعليٰ معيار جو مطالعو ڪندو رهيو. زندگي جي هن دور ۾ جڏهن هو پاڻ معرفت جو صاحب ٿيو، تڏهن توحيد ۽ وحدانيت واري عقيدي ۾ ئي کيس انسان ذات توڙي ڪائنات جي وحدت نظر آئي. هاڻي هو اسلام جي حقيقت کي سمجهندڙ عالمن ۽ عارفن، توڙي ڄاڻ وارن هندو سنتن ساڌن سان وحدانيت ۽ توحيد جي رازن کي روشن ڪرڻ لاءِ ٿي مليو[5]. ٻاهڙ- جيسلمير طرف مسافرين ۾ شاهه صاحب غالباً پورب کان ايندڙ ۽ هيڪڙائي حق مڃيندڙ ’هٽ- يوگين‘ کي ڏٺو جيڪي تن کي تسيا ڏيئي حق جي تلاش ۾ هلندڙ هئا ۽ جن جي جوڳ ۽ ڪشالي جو بنيادي عقيدو ’توحيد‘ هو. ڪن مشهور روايتن موجب شاهه صاحب ٻاهڙ مير جي پريان (والهوٽي واري علائقي ۾) ڪنهن ماڳ تي ويو، جتي ’مَلِي- ناٿ‘ نالي هڪ موحد ساڌو سندس معتقد ٿي ويو ۽ پوءِ ان تڪيي تي يادگار طور مسلمانن- هندن جو گڏيل ميلو ٿيڻ لڳو. ڪڇ ۾ شاهه صاحب ڪنڦاڙ ڪاپڙين جي مڙهين ۽ ڪوٽِسر ۽ نارائڻ سر مندرن جي سنتن کان سندن ويساهن ۽ پوڄائن بابت پڇيو، ۽ پڻ توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ ساڻن پيار ۽ محبت سان ويهي ورونهه ڪئي. ڪوٽيسر جي مندر لڳ واري مسجد ۾ ٽڪيو جتي سندس تسبيح يادگار طور اڃان تائين ٽنگيل آهي، پڻ شاهه صاحب هنگلور مان ’هنج- ڪريون‘ (ڊگهين ڳچين واريون ڪَريون) آنديون هيون، جيڪي مسجد ۾ يادگار طور رکيل آهن. ڪوٽيسر جي مندر ۾ ويو، جتي شاهه صاحب سنتن کي سچائي واري ويساهه ۽ ’هيڪڙائي حق‘ جي ترغيب ڏني، جنهن کان هو گهڻو متاثر ٿيا، سندس وڃڻ کان پوءِ اندر جنهن ڀت کي شاه صاحب پڍا ڏيئي ويٺو هو اتي ڀت ۾ محراب مثل نشان يادگار طور قائم رکيائون[6]. ’ڌيڻو ڌر‘ جبل واري مڙهي جي ڪنهن ڪاپڙي کي (ٻي روايت موجب خود ڌرمناٿ کي) ڏٺائين، جيڪو پنهنجي ٻانهن مٿي اڀي ڪري جهليو بيٺو هو. کانئس پڇيائين ته هن چيو ته: ”مون تپسيا طور ٻانهن کي اڀو جهلي سُڪائي ڇڏڻ جو وچن ڪيو آهي‘، تڏهن شاهه صاحب کيس تنبيهه طور هي بيت پڙهيو ته: +هنيون نه سُڪايئي هوت لئي ٿو سُڪائين ٻانهون +ڏيکارين ٿو ڏيهه کي دَتا ڪِيو دانهون +پاڻهي مُٺئي پاڻ کي، چوين ’آديسي آئون‘ +ايء پنڌ پراهون، ڪي ڪي لهندا ڪاپڙي[7] +���شاهه جي رسالي‘ جو ’سُر رامڪلي‘ هن دور جي مسافرين ۽ مشاهدن جو يادگار آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب ’ناٿ پنٿي‘ مُوَحّد جوڳين، سامين سناسين ۽ ڪنڦاڙن ڪاپڙين جي حوالن ڪناين سان توحيد ۽ وحدانيت جي نهايت دلپذير ۽ مؤثر طريقي سان تلقين ڪئي آهي. هن سر ۾ شاهه صاحب هيڪڙائي حق وارن جي وڏي تعريف ڪئي آهي، سچائي ۽ صداقت کي ساراهيو ۽ رياء رسم کي ننديو آهي: +گندي ۽ گراه، جن سنياسين سانڍيو +اني کان الله، اڃان آڳاهون ٿئو. +سنڌ جي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ. پاڻ پروڙڻ ۽ پرجهڻ خاطر ويهن سالن کان وٺي نوجوان لطيف سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي درگاهن تي ويو ۽ پڻ ان وقت جي ڪن سالڪن ۽ عالمن سان مليو، جن مان ڪم از ڪم ٻن وڏن حال ۽ ڄاڻ وارن بزرگن جا نالا تصديق سان معلوم آهن: هڪ ميون شاهه عنات رضوي ۽ ٻيو ميون صابر ولهاري. سيد عنايت الله شاهه عرف ميون شاهه عنات، نصرپور جي رضوي ساداتن مان هو، سلوڪ ۽طريقت ۾ هو سکر جي شاهه خيرالدين قادري رحه جي سلسلي سان وابسته هو، ۽ پنهنجي وقت ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. نوجواني کان وٺي شاهه لطيف جي ساڻس محبت ۽ نيازمندي واري ڏيٺ ويٺ ٿي. شاهه پور جو ڳوٺ جتي ميون شاهه عنات رهندو هو توڙي نصرپور جتي هو ايندو ويندو هو، اهي ٻئي ماڳ ڪوٽڙي کان گهڻو پري ڪو نه هئا. اندازاً سنه 1120هه کان وٺي ويندي سنه 1133هه ۾ ميين شاهه عنات جي وفات تائين، ٻارهن تيرهن سال کن شاهه لطيف جون ميين شاهه عنات سان رهاڻيون رهيون[8]. ميون صابر ولهاري، وقت جو وڏو عالم عارف ۽ تقويٰ جو صاحب هو. هو سمن جي ’ٻَرند‘ پاڙي مان هو ۽ پرڳڻي ولهار (ٽنڊي الهيار کان ڏکڻ اوڀر طرف) ۾ درسگاهه قائم ڪئي هئائين، جيڪا پوءِ مشهور ٿي، ۽ ٽالپور اميرن جي دور ۾ وڏي اوج کي پهتي. ميون صابر قرآن شريف جي تعليم ڏيندڙ ۽ وڏي فقيري حال وارو بزرگ هو، جنهن جي ديدار لاءِ شاهه عبداللطيف پاڻ وڏي چاهه سان وٽس هلي ويو. ميين صابر سنه 1135هه ۾ وفات ڪئي ۽ مخدوم پير محمد هالائي ”صد داغ بدل“ جي فقري مان سندس وفات جو سال ڪڍيو. جيئن ته اهو پڪو تاريخي سال آهي، انهيءَ ڪري شاهه صاحب سنه 1135هه ۾ يا ان کان اڳ ساڻس مليو هوندو[9]. +ڀٽ کي وسائڻ کانپوءِ، چاليهن سالن جي عمر بعد زندگي جي ٻئي دور ۾، شاهه صاحب جون سنڌ جي جن عالمن ۽ عارفن سان صٻهتون ٿيون تن مان هيٺين بزرگن بابت (ڪتابن ۽ تحريرن مان، مشهور ۽ معتبر روايتن مان، توڙي جن ماڳن تي هو رهندا هئا اتي سندن پوين ۽ ٻين ڄاڻن وٽان) جيڪي حوالا ۽ ٽاڻا ملن ٿا تن مان تصديق ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جون ساڻن هڪ ٻه ڀيرا ملاقاتون يا اڃان به وڌيڪ عرصي لاءِ حال واريون صحبتون ٿيون. +آخوند حاجي متين الدين سانوڻي هالن پراڻن جو، جنهن کي شاهه صاحب ميٽائين رنگ جو پنهنجو لباس ڏنو هو، جيڪو پوين يادگار طور سنڀالي رکيو، تان جو ويندي 87- 1880ع تائين سانگي جي اُستاد آخوند احمد سانوڻي وٽ موجود 7 محفوظ هو (لطائف لطيفي، ص151). +سيد شهمير شاهه باقيل پوٽو مٽياروي (وفات 10- محرم 1177هه) مخدوم محمد هاشم جو هونهار شاگرد هو، ۽ اسلام جي خذمت ۽ دين جي قوت ۾ ڪوشان رهيو. تحفـﺔ الڪرام ۾ سندس ذڪر آهي. شاهه صاحب جي ساڻس محبت جي واٽ هئي جو کيس حجت سان چيائين ته هو هڪ هندو شخص کي مسلمان نه ڪري. +مخدوم عبدالباسط هالائي، وڏو عالم ۽ شاهه صاحب جو معتقد هو، جنهن وٽ شاهه صاحب ايندو هو ۽ اچي ٽڪندو هو (لطائف لطيفي، ص 152) لطف اللطيف، ص16). +حافظ ميون اسحاق درس مشائخ پوٽو عرف ميون اسحاق بنوري، ميي مشا0626 هوٿي‘ واري ماڳ کان ميل کان ڏکڻ طرف، موجود ڳوٺ ’مُلَڪو دڙو�� (تعلقو ٽنڊوالهيار) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو. وڏو عابد زاهد هو. ٻارڙن کي نهايت پيار سان پڙهائيندو هو. شاهه صاحب اچي کيس مليو ۽پڇيائين ته: ’ادا پاڙهين ٿو يا کارين ٿو!‘ حافظ اسحاق جواب ڏنو ته: ’جي کاريندس ته به لطيف ٿيندا‘ ] يعني اکرن ۾ کريا ته به اخلاق ۾ لطيف (= نيڪ ۽ پاڪ) ٿيندا[. شاهه صاحب اشارو سمجهيو ۽ ساڻس وڏي محبت سان مليو. شاهه صاحب وٽس ڀيرا ڪندو هو (’مشائخ هوٿي‘ ۽ ’مُلڪو دڙو‘ ماڳن جي مشهور مقامي روايت). +ميون محمد مبين ٿَرائي، مخدوم محمد هاسم جو همعصر ۽ دوست، پنهنجي وقت جو وڏو عالم، ۽ درسگاهه ’چوٽياريون‘ (ضلعو سانگهڙ) جو باني هو (جيڪا کانئس پوءِ وڏي اوج کي پهتي). شاهه صاحب اڪثر سانوڻ ۾ وٽس ايندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويڍا ته گهڻو ويهي ويا ۽ البت دير ٿي وئي. جڏهن شاهه صاحب موڪلايو ته ميين مبين چيو ته: ’جهڙ ڦڙ آهي ترسي پئو‘. شاهه صاحب جواب ڏنو ته: +”رداء جا رضا جا سا اوڇڻ آديسين“ +پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. (مشهور روايت جنهن جي تصديق انهيءَءُ مان به ٿئي ٿي جو اها سٽ رسالي ۾ ’سر رامڪلي‘ جي هڪ بيت ۾ موجود آهي).* +مخدوم دين محمد صديقي سهروري سيوستاني (92- 1193هه)، اصل ’پاٽ‘ جو پوءِ اچي سيوهڻ ۾ رهيو هو. شاهه صاحب سان سندس گهاٽا دوستانا تعلقات هئا جو هڪ ٻئي سان دستارون بدلائي پڳ مٽ يار ٿيا هئا. مخدوم موصوف ظاهري علم توڙي تصوف ۽ طريقت ۾ وڏو ڪامل عامل هو (تذڪره مشاهير سنڌ، جلد-1، ص 86 ۽ 203). +ميون محمد صلاح بن ميون محمد عارف (ڊاسوڙي جو، پوءِ ’مٽياري‘ ۾ رهيو)، فارسي جو عالم ۽ مولانا رومي جي مثنوي جو وڏو ڄاڻو هو. شاهه صاحب جو معتقد ۽ مريد ٿيو، ٻاهر سفر ۾ هميشـﮧ ساڻس گڏ هوندو هو ۽ روزانو مثنوي جو وعظ ڪندو هو. شاهه صاحب وٽ سندس وڏي عزت هئي ۽ کيس ’خليفو محمد صلاح‘ سڏيندا هئا. سنڌي ۾ ’بزغل جا ڪلما‘ جوڙيائين جيڪي ’محمد صلاح جي سنڌي‘ جي نالي سان مشهور ٿيا، پڻ شاهه صاحب جو ’سفر نامو‘ جوڙيائين جيڪو پوئين ويجهي دور ۾ ضايع ٿي ويو[10]. +مخدوم عبدالله آگرو (ڪنڊياري جو) جنهن وٽ مسافري ۾ اڳتي ويندي يا موٽندي شاهه صاحب ترسندو هو[11]. +مخدوم محمد صديقي قريشي جيڪو پنهنجي وقت جو عالم ۽ درويش هو ۽ ڪوٽڙي ڪبير (تعلقو ڪنڊيارو) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو. سندس اهو مڪتب مخدومن جي پاڙي ۾ ’سوا لک مقام‘ جي وچ تي هو. اتي مسجد هئي جتي شاهه صاحب اچي ٽڪندو هو. مسجد جي ڀرسان هڪ لئي جو وڻ هو جيڪو پوءِ يادگار طور ’ڀٽائي صاحب وارو لئو‘ سڏبو هو ۽ سنه 18947ع ڌاري پڻ بيٺل هو[12]. +[1] ٻه ڀٽُون جيڪي ’واگهين جون ڀٽون‘ سڏجن، تن مان اڀرندي طرف واري تي ڀٽائي صاحب جوتڪيو آهي ۽ الهندي واري تي مخدوم صاحبن جي مريدن مان هڪ درويش بهرم فقير جوڻيجي جي تربت آهي، جيڪو ’بهرم بري‘ سڏجي. +[2] ٻين ڪن ماڳن بابت پڻ روايتون آهن پر انهن تي وڌيڪ غور جي ضرورت آهي. +[3] وَنهيين فقير سالاراڻي جي اولاد مان احمد فقير، گل محمد فقير ۽ طيب فقير جيڪي پاڪستان کانپوءِ ڪڇ مان سنڌ لڏي آيا ۽ پاڻ شاهه جي رسالي جا ڄاڻو ۽ سالڪ هئا تن (جؤنگي، لڳ چوهڙ جمالي ۾، 22- اپريل 1962ع تي ساڻنڪيل تفصيلي ڪچهري) متفق طور اها تصديق ڪئي.(راقم جي استدعا تي گل محمد فقير، شاهه صاحب جي قادري طريقي واري ڪلاه جيڪا پاڻ ونهيين. فقير کي ڏني هئائين، سا ڏني ۽ ان کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ميوزيم ۾محفوظ ڪري رکيو ويو). +[4] ٻاهڙ مير جي پريان تلواڙو سٽيشن کان ڏکڻ سمن ۽ راهومن فقيرن وٽ ويو، جو اتي پوءِ فقير سماع ڪندا هئا، دعا گهرندا هئا ۽ بعد ۾ چيٽ جي مهيني ۾ ��لوڻي ندي‘ جي پيٽ ۾ سال به سال ميلو ٿيڻ لڳو. ڳوٺ ’سوُڙهيار‘ 0تعلقو ۽ ضلعو ٻاهڙ مير) ۾ غوث جو خليفو جمعو فقير شيدي ان پڇاڙي واري دور ۾ راڳ ڪندو هو. ڳوٺ ’سانئون‘، برهان جو تڙ، اتي لنجا فقير دل دنبورن تي راڳ ڪندا هئا. ڳوٺ ’سينهار‘ جي غوثي جماعت جي راهومن مان، همير فقير راهومو راڳ ڪرائيندو هو. ڳوٺ ’هڙپاريو‘ جي راهومن مان دائم فقير ۽جامين فقير دنبورن تي راڳ ڪندا هئا. ’پاسرلو‘ ۽ ’سينهاڻي‘ ڳوٺن ۾ ڀنڀرا دل فقير راڳ ڪندا هئا (انهن ماڳن جي راقم گهڻن باخبر ماڻهن کان جيڪي ان طرف ويا ۽ رهيا هئا پڇي پڪ ڪئي). آخر ۾ مرحوم هوت سمون، جيڪو هڪ وڏو سڄاڻ ۽ جهانديده شخص هو (جنهن سان 4- نومبر1980ع تي ننگر پارڪر جي ڳوٺ ساجن خاصخيلي ۾ تفصيلي رهاڻ ٿي)، تنهن انهن ماڳن مان گهڻن تي ڀٽائي صاحب جي وڃڻ جي تصديق ڪئي. +[5] رسالي جي ’سُر رامڪلي‘ ۾ ’جوڳين سناسين‘ جي نالن کي سطحي نظر سان ڏسي، اڳين لکندڙن بنا سوچ ويچار جي شاهه جي جوڳين ۽ سناسين سان گڏ گذارڻ جون خيالي ڳالهيون لکيون. سڀ کان اول مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ ۾ (صفحا 31، 56، 183) ۽ پوءِ ليلارام ۽ مرزا قليچ بيگ سندن ڪتاقبن ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي تنهن ۾ وڏيون اوڻايون آهن، جو هڪ طرف شاهه جي ڪرامتن بابت وڌاءُ ته ٻئي طرف ’جوڳين ۽ سناسين‘ جي نيڪي بدران گلا آهي. مجموعي طور سان سندن انهن بياننن مان فقط اهو نتيجو نڪري ٿو ته نڪو شاهه صاحب انهن ’جوڳين ۽ سنياسين‘ جي ويساهن ۽ ڪريا ڪرمن کان متاثر ٿيو ته نڪو هو به شاهه صاحب سان سچائيءَ سان پيش آيا. +[6] سالاراڻي جتن فقيرن جن شاهه صاحب جا اهي آثار پاڪستان کان اڳ پاڻ ڏٺا، تن مان هڪ کان وڌيڪ فقيرن راقم سان انهن آثارن جي تصديق ڪئي. وڌيڪ اتي جي پوڄارين ائين به مشهور ڪري ڇڏيو هو ته شاهه صاحب ’نارائڻ سر‘ مان ٽٻي هنئي ۽ اچي ڪوٽيسر جي مندر مان نڪتو. +[7] ٻي پڙهڻي: +ايء پنڌ اڳاهون، ڪي ڪاهي رسئا ڪاپڙي. +- +ايء پنڌ اڳاهون، جت نانگا گڏئا ناٿ کي. +[8] ميين شاهه عنات ۽ شاهه عبداللطيف جي تعلق بابت وڌيڪ ڏسو ڪتاب ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“؛ مطبوع سنه 1963ع، مقدمو صفحا 89-106، خاص طرح صفها 90-89، 96 ۽ 106. ان ڪتاب جي مقدمي لکڻ ۽ ڇپجڻ بعد ميين شاهه عنات جي وفات جو سال (1133هه) پڪيءَ طرح معلوم ٿيو. +[9] ميين صابر جو ’تحفـﺔ الڪرام‘ (جلد-3، مطبع ناصري دهلي، ص 166) ۾ ذڪر آهي. شاهه لطيف جو ساڻس ملڻ بابت ڏسو ’لطائف لطيفي‘ (ص 162)، ’لطف اللطيف‘ (ص88) ۽ ’تذڪره مشاهير سنڌ‘، جلد-3، ص ص 625-267. +* هي ملاقات غالباً هن دور جي آخري سالن 1160- 1155 هه ۾ ٿي. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ان وقت شاگرد هو، چوٽيارين ۾ پڙهندو هو ۽ ميين محمد مبين کي ’ابو‘ ڪري سڏيندو هو. شايد ماني وقت هو خذمت ۾ موجود هو جو جنهن پيالي ۾ شاهه صاحب پاڻي پيتو سو گرهوڙي صاحب سنڀالي رکيو 0بيءَ روايت موجب اهو پيالو شاهه صاحب پاڻ کيس ان موقعي تي يا ٻئي موقعي تي ڏنو هو) جيڪو هن پوئين ويجهي دور تائين گرهوڙ ۾ سيدن وٽ حفاظت سان رکيل هو (لطف اللطيف، ص 90). +[10] اولاد وٽ مسلسل طور هلندڙ روايت جيڪا راقم سان مرحوم مولوي عبدالله بيان ڪئي. +[11] مخدوم جي اولاد جي روايت جيڪا آخر ۾ ان گهراڻي جي وڏيءَ عمر جي مائي جي زباني بيان ٿي ( ۽ راقم کي غلام رباني آگري ٻڌائي). هن رويت جي ڪنهن قدر هن مان تصديق ٿئي ٿي جو مخدوم صاحب مثنوي جو ڄاڻو هو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ مخدوم دائود آگرو به مثنوي جو وڏو شائق ۽ ڪاتب هو. +[12] ڪوٽڙي ڪبير جي مخدومن عالمن وٽ مسلسل طور هلندڙ روايت، جنهن جو ذڪر راقم سان پهريون ڀير�� هن خاندان جي سڄاڻ جائنشين مرحوم غلام قادر فيبروري 1967ع ۾ ڪيو. بعد ۾ 1985ع ۾ موجوده جائنشين ميان غوث محمد گوهر جي معرفت راقم ڪي ڪاغذات ڏڍا، جن مان معلوم ٿيو ته مخدوم محمد سنه 1165هه ۾ حال حيات هو. راقم مسجد ۽ لئي واري ڀيي پڻ ڏٺي ۽ وڌيڪ پڇا ڪئي، جنهن تي معلوم ٿيو ته شاهه صاحب جڏهن مخدوم محمد وٽ ايندو هو ته عبدالرحيم ڦل پوٽو ڪوري فقير سندس خاص خذمت ۾ رهندو هو. هن فقير جي پوين وٽ ان وقت جي هڪ ’ٿالهي‘ وڏي حفاظت سان رکيل آهي (جو ڀانئجي ٿو ته ڀٽائي صاحب ان ۾ ماني کاڌي هئي) جيڪا راقم کي ميان محمد اسماعيل 0عمر 75ورهيه) ڏيکاري. + + +فقير محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي (وفات 1192هه)، سچل جو ڏاڏ، درازن جي شهر کان ٻاهر کٻڙن جي ويڙهه ۾ گوشائتو رياضت ۽ عبادت ۾ ويٺل هو، جو شاهه صاحب اتان لنگهندي ساڻس مليو، ۽ سندس اشاري تي ميان صاحبڏنو ويراڳ مان نڪتو ۽ کوهه کڻايائين ۽ مسجد ٺهرايائين (’لطف اللطيف‘ ص 83- 84). +مخدوم محمدي (وفات 1171هه)، مخدوم عبدالرحمان شهيد جو فرزند ۽ جائنشين، جنهن جي وقت ۾ هڪ ڀيري شاهه صاحب کهڙن جي شهر جي ٻاهران چنيهه فقير اڄڻ جي کوهه تي اچي لٿو. جڏهن مخدوم صاحب کي خبر پئي ته پنهنجو خاص ماڻهو موڪليائين ۽ تاڪيد سان چوائي موڪليائين ته: هتي اسان وٽ اچي رهو. (غالباً شاهه صاحب اڳ مخدوم عبدالرحمان سان مليو هو، ۽ پوءِ جڏهن مخدوم صاحب کي ميان نور محمد ڪلهوڙي سنه 1145هه ۾ شهيد ڪرايو ته شاهه صاحب عذر خواهي لاءِ مخدوم محمدي وٽ آيو هو. انهيءَ اڳئين لاڳاپي جي ڪري ئي مخدوم موصوف حجت سان چوائي موڪليو ته: هت اسان وٽ اچي رهو. پر شاهه صاحب جو اچي فقير وٽ لٿو هو سو رات اتي رهڻ مناسب سمجهيائن). انهيءَ تي شاهه صاحب، ٺڪر جي ٽڪر تي اڱار سان هيءُ بيت لکي مخدوم محمد ڏانهن ڏياري موڪليدو ته: +اڄ نه آيس آنء، صبح ايندس سپرين +توتي جنهن جو نانء، سو کڻي بار کُهين جا[1] +وعدي موجب شاهه صاحب ٻئي صبح مخدوم صاحب وٽ ويو. ان وقتٿ شاهه صاحب سان راڳ لاءِ پنهنجا راڳائي فقير دنبورن ساڻ گڏ هئا. جئن ته مخدوم صاحب شريعت جو صاحب هو سو سبب پڇيائين، جنهن تي شاهه صاحب عذر ڏيندي چيو ته: اسان جي مجبوري آهي جو ’راڳ‘ اسان جي روحاني خوراڪ بنجي چڪو آهي. مخدوم صاحب جن چيو ته: هت بنا سازن جي ڀل راڳ ٿئي ۽ ڀل ٻڌو. شاهه صاحب قبول ڪيو ۽ دنبورا اندر ڪوٺي ۾ سنڀالي رکيائون. رات جو نماز بعد جڏهن ٻاهران ويهي فقيرن وڏي سوز گداز سان راڳ ڪيو ته اندر دنبورا وڄڻ لڳا. ان تي مخدوم صاحب چيو ته: هيءَ هڪ نرالي حالت آهي ۽ شاهه صاحب بي ميار آهي. ان موقعي تي شاهه صاحب هفتو کن مخدوم صاحب وٽ ٽڪيو ۽ سندن پاڻ ۾ رهاڻيون ٿيون. مخدوم محمدي پاڻ اويسي سلسلي جو وڏو شيخ ۽ ڄائي ڄام کان الله وارو هو. هيءَ ملاقات غالباً شاهه صاحب جي زندگي جي آخري سالن 60- 1159هه ڌاري ٿي جڏهن مخدوم صاحب جي عمر 16- 17 سال کن هئا. +چنهيه فقير اڄڻ، کهڙن جو، جنهن وٽ شاهه صاحب ٽڪيو، جئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي. +سيد محمد بقا لڪياري (شهيد 1192هه)، جناب پير صاحب محمد راشد ’روضي- ڌڻي‘ جو والد، جنهن سان شاهه صاحب جي ملاقات ٿي ۽ هڪ ٻئي سان حجائتي گفتگو ڪيائون. شاهه صاحب جي اها ملاقات مسافري ۾ کهڙن جي شهر کان اڳتي ويندي ڪٿي ٿي[2]، جنهن جو ذڪر پوءِ غالباً سيس محمد بقا پنهنجي هونهار فرزند محمد راشد صاحب (1170- 1230هه) سان ڪيو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف ٿيو. پنهنجي والد کان شاهه عبداللطيف بابت جيڪي ٻڌائين ان کان متاثر ٿي شاهه صاحب جي بيتن ڏانهن توجهه ڪيائين. هو سنڌ جو پهريون وڏو عالم ۽ قادري طريقي جو اڳوڻ هو، جنهن سڀ کان اڳ شاهه صاحب جي بيتن ۾ سمايل عارفانه فڪر کي سڃاتو ۽ انهن کي اهميت ڏيندي پنهنجي وعظ ۽ نصيحت ۾ بيان ڪيو. +پير موسن شاهه جيلاني، ’لوءِ مبارڪ‘ (گهوٽڪي) جو عالم عارف ۽ سجاده نشين هو، جنهن سنه 1101هه ۾ شاندار جامع مسجد جوڙائي ۽ مدرسو قائم ڪيو. شاهه صاحب جڏهن ’لوءِ‘ ۾ آيو ته انهيءَ مسجد ۾ اچي ٽڪيو جتي پير صاحب سان سندس روح رهاڻ ٿي، جنهن ۾ شاهه صاحب مارئي جي سُر مان پنهنجا ڪي بيت پڙهيا، جيڪي پوءِ اتي پيرن صاحبن وٽ يادگار رهيا. روايت موجب شاهه صاحب جيڪو پهريون بيت پڙهيو ۽ جنهن پير صاحب تي وڏو اثر ڪيو سو هيءُ هو: +زُمر زُخرف سومرا، حمد جني جو هنڌ +اهدناالصراط المستقيم اهو پنهوارن پنڌ +باري لاهج بند، ته ملان ماروئڙن کـي[3] +مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1172هه)، بلڙي جي ڀرسان بهرام پور ۾ رهندڙ هو جو شاهه صاحب جي سانس ڏيٺ ٿي. مخدوم صاحب سان شاهه صاحب جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتن جو سلسلو ويندي 1153- 1154هه وارن سالن تائين قائم رهيو. انهن سالن ۾ شاهه صاحب ارادو ڪيو ته بلڙي ۾ ميين شاهه ڪريم جي مزار تي قبو جوڙائي، مخدوم صاحب کي جڏهن خبر پئي تڏهن شاهه صاهب کي چيائين ته قبو نه ٺهرائي، جنهن تي شاهه صاحب عذر پيش ڪيو ته ميين شاهه ڪريم سان سندس بي انتها محبت آهي، انهيءَ ڪري ٿو قبو جوڙائي، پر ان سان گڏ جامع مسجد به تعمير ٿيندي. ان بعد ملاقاتن ۾ ويجهائي ڪا نه رهي؛ پر باوجود ان جي شاهه صاحبن کي مخدوم صاحب لاءِ آخر تائين وڏي عزت هئي[4]. +درويش ڏاتار ڏنو بن درويش اسحاق سَڪَريو (’ملاڪاتيار‘ وارن بزرگن جو وڏو جنهن جو ذڪر قانع تحفـﺔ الڪرام ۾ آندو آهي) تنهن سان شاهه صاحب جي گهڻي ڏيٺ هئي. جڏهن ميين شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد جي تعمير لاءِ شاهه صاحب ڪاشيءَ جي سِرن وٺڻ لاءِ ملتان وڃڻ جو ارادو ڪيو ته درويش ڏاتار ڏنو (جيڪو ملتان وارن بزرگن جو خاص مريد هو) ساڻس گڏجي ملتان ويو هو ( هيءَ روايت ملاڪاتيار وارن بزرگن وٽ مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽ راقم سان اتي جي موجوده سجاده نشين فقير محمد اسحاق پنهنجي زباني بيانڪئي). +مخدوم ڀاون شاهه، ملتان جي سهروردي غوثيه درگاهه جو سجاده نشين، جنهن سان فقير ڏاتار ڏني سان گڏ شاهه صاحب مليو ۽ صحبت ڪئي. اها ملاقات 1154- 1155هه وارن سالن ۾ ٿي هوندي. +ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي، عالم ۽ صوفي، مخدوم معين جو شاگرد ۽ خواجه محمد زمان لواري واري جو استاد، فارسي جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر جنهن کي مير علي شير قانع ”جامع فنون ڪمال ظاهر يو باطني“ ڪري لکيو آهي، سو شاهه صاحب جي زندگي جي هن دور جي شروع ۾ ئي سندس معتقد ۽ مريد ٿيو ۽ سندس اها اراتمندي آخر تائين قائم رهي. هن پوءِ شاهه صاحب جي ارشاد تي، شاهه حبيب جي وفات (سنه 1144هه) توڙي ميين شاهه ڪريم جي درگاهه جي تعمير (سنه 1156هه) جون ابجد جي حساب سان فارسيءَ ۾ سهڻيون تاريخون ڪڍيون. +خواجه محمد زمان (اول) لواري وارو، جيڪو شاهه عبداللطيف جي مريد ۽ وڏي عالم ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جو شاگرد هو، تنهن سنه 1150هه ۾لواري کي وسايو، جتي پوءِ غالباً ڪڇ ڏانهن ايندي يا ويندي شاهه صاحب ساڻس مليو ۽ ڪا گهڙي پاڻ ۾ اعليٰ معرفت واري صحبت ڪيائون. خواجه صاحب ٺٽي مان ظاهري توڙي باطني علم سان بهرور ٿي آيو هو، سو شاهه صاحب کانئس پڇيو ته: ”“فنا کان پوءِ به ڪو علم آهي؟“. جواب ڏيڻ بدران خواجه صاحب پاڻ سامهون سوال پڇيو ته: ”فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي؟“ خواجه صاحب ان ملاقات وقت نسبتاً جوان هو ۽ چاهيائين ٿي ته شاهه صاحب سند�� مريد ٿئي، پر شاهه صاحب وڌيڪ ڪو نه ترسيو ۽ اتان ٻيءَ منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. خواجه محمد زمان جي نظر ۾ ’شاهه صاحب هڪ اهل دل عارف هو جنهن جو قلب ذڪر الـٰهي ۾ مشغول هو‘. (ڪتاب ”مرغوب الاحباب“، تصنيف نظر علي ٽالپور، لطف اللطيف، ص ص 75- 76، تذڪره مشاهير سنڌ، جلد3، ص ص 111- 113). +مير (سيد) محمد عطا امير خاني ٺٽوي (وفات 3- شعبان 1178هه)، جڏهن کان شاهه صاحب جي صحبت ۾ آيو ته پنهنجون تلخ طبع واريون عادتون ۽مذهبي نفرتون ترڪ ڪيائين، ۽ باوجود هڪ شيعه گهراڻي جي فرد هجڻ جي هو خليق ۽ صاف دل صوفي ٿي پيو. شاهه صاحب به پوءِ کيس گهڻو ڀانئڻ لڳو ۽ ٺٽي ۾ بعضي وٽس وڃي ٽڪندو هو. سنه 1152هه ۾ شاهه صاحب وٽس اوطاقي هو جو اتي حبيب شاهه ڪلهوڙي نالي هڪ مجذوب درويش کي ستل ڏٺائين جنهن ٻه ڏينهن ٻه راتيون پاسو ڪو نه ورايو هو. تڏهن سندس ڀرسان ويهي شاهه صاحب چيو ته: ’اي مست‘ تو کي جيڪي ننڊڙ ۾ حاصل آهي سو اسان جاڳندي پي اڳوليون، اهڙي ننڊر تون ڪنهن کان سکئين![5]. +مخدوم محمد معين ٺٽوي پنهنجي وقت جي چوٽيءَ جي عالمن مان هو جنهن سان شاهه صاحب جون زندگي هن دور جي شروع کان وٺي محبت ڀريون ملاقاتون ٿيون ۽ ويندي آخر تائين قائم رهيون، مخدوم محمد معين پنهنجي وقت جو وڏو محقق ۽ فلسفي، ابن عربي جي صوفيانه فڪر جو علمبردار سالڪ ۽ صوفي، ۽ ’وحدت الوجود‘ جي نظريي جو زوردار حامي هو. هو ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت الله ۽ دهلي جي وڏي عالم شاهه ولي الله جو ذهين شاگرد هو. تصوف ۾ نقشبندي طريقي جي شيخ ۽ مرشد ميان ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي جو مريد هو. شاهه عبداللطيف جو وڏو يار هو: بعضي پاڻ ڀٽ تي شاهه صاحب وٽ ايندو هو ۽ بعضي شاهه صاحب ٺٽي ۾ وٽس روح رهاڻ لاءِ ويندو هو. مخدوم محمد معين جي ديني ۽ فقهي ڄاڻ تي شاهه صاحب جو وڏو ڀروسو هو جو آڳاٽو ڏانهن ’اويسي طريقي‘ جي حقيقت سمجهائڻ بابت خط لکيو هئائين. مخدوم محمد معين کي شاهه صاحب لاءِ وڏي عزت بلڪه دلي محبت هئي ۽ سندس هر ارشاد جو خاص لحاظ رکندو هو[6]. +مخدوم معين سماع جو شائق ۽ ’شاه جي راڳ‘ تي عاشق هو، ايتريقدر جو آخر حياتي ۾ به ’شاهه جو راڳ‘ ٻڌندي مٿس حال پئجي ويو، جنهن ۾ دم ڏنائين. مير علي شير قانع ’تحفـﺔ الڪرام‘ ۽ ’معيار سالڪان طريقت‘ ۾ اهو واقعو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: +”ڀٽ تي شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو ته: اچو ته پنهنجي يار جو آخري ديدار ڪرڻ هلون. ائين چئي ٺٽي ۾ (مخدوم محمد معين وٽ آيو ۽ اتي) راڳ جي صحبت (محفل) ڪيائين جنهن ۾ مخدوم (محمد معين) پڻ شامل ٿيو. محفل ۾ عين گرمي ۽ ذوق واري وقت هو اٿي اندر ويو ۽ ٿوري دير ۾ دم ڏنائين. سيد موصوف (شاهه عبداللطيف) جنازي ۾ شموليت بعد ڀٽ ڏانهن موٽندي چيو ته: ”ٺٽي ۾ اچڻ سندن ڪري ئي ٿيندو هو- هاڻي کانئس پوءِ ختم“ (تحفـﺔ الڪرام، جلد 3، مطبوع دهلي، ص ص 229- 230). +وڏي ارادي ۽ اخلاق وارو ٿيو. شاهه موصوف کي به ٺٽي ۾ سندس صحبت نهايت وڻي وئي ۽ سندس ملڻ خاطر هو ٺٽي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ لڳو. مخدوم جي (حياتي جي) آخري ڏينهن ۾ شاهه موصوف آيو ۽ اچي راڳ جي صحبت (محفل) ڪرايائين. مخدوم کي ان راڳ ٻڌڻ سان حال پئجي ويو، ايتريقدر جو جان ڏيڻ کانسواءِ چارو ڪو نه رهيو... (جڏهن) سندس جنازو مڪلي ڏانهن پئي نيائون ته سيد (شاهه عبداللطيف) پڻ پويان ڪانڌي ٿي پئي هليو.... شاهه عبداللطيف جنازي سان ڪانڌي ٿيڻ بعد موٽندي، پنهنجي ڪرامت ڀري زبان سان چيو ته: ”ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي الوداع خاطر هي اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو....“ (معيار سالڪان طريقت، قلمي). +مخدوم محمد معين غالباً آ��ري عالم هو، جنهن سان زندگي جي هن دور ۾ شاهه صاحب جي هي آخري ملاقات ٿي. +ڀٽ تي هڪ جاءِ مقيم ٿيڻ وارو آخري دور (1161- 1165هه) +مخدوم محمد معين جي وفاتر سنه 1161هه ۾ ٿي، جنهن جي تصديق قانع جي ڏنل تاريخي ماده ”قطه در بحر واصل شد“ مان ٿئي ٿ. وفات بابت مٿئين بيان مان ظاهر آهي ته شاهه صاحب کي وڏو غم ٿو جو چيائين ته سندس ٺٽي ۾ اچڻ جو هيء آخري ڀيرو ٿيندو ۽ دوست جي جدائي بعد هاڻي هو وري ٺٽي ڪو نه ايندو. هن وقت شاه صاحب جي عمر 59 سال هئي، ۽ هو جيئن ’ڀٽ‘ تي موٽيو ته غالباً وري ڪنهن ٻئي سفر تي ٻاهر ڪو نه ويو، زندگي جو باقي عرصو ڀٽ تي ئي ياد الاهي ۾ فقيرن سان گڏجي گذارڻ جو پهه ڪيائين. ان جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو هاڻي ڀٽ تي اڳين مسجد واري جاءِ تي هڪ وڏي ٽن گنبذن واري جامع مسجد ٺهرائڻ شروع ڪيائين، جيڪا بکر جي ويٺل عيدن رازي شاه صاحب جي موجودگي ۾ سندس نظرداري هيٺ سنه 1162هه ۾ جوڙي راس ڪئي[7]. (اها ساڳي ٽن گنبنذن واري مسجد، جيڪا اڃا تائين موجود آهي). هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم شاه صاحب جي ارشاد موجود مسجد جي تعمير جي تاريخ هيٺين منظوم مصرع مان ڪڍي[8]: +”نادري مسجد درين دوران چـﮧ زيبا دل ربا“ +شاهه صاحب هاڻي ڀٽ تي ئي گوڏو ڀڃي ويٺو ۽ اتي همـﮧ تن عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو. مير سانگي جو هيٺيون بيان شاهه صاحب جي زندگيءَ جي انهي آخري دور جي ئي عڪاسي ڪري ٿو: +ڀٽ واري جامع مسجد ۾ هميشـﮧ (= روزانو لازمي طور) پنجئي وقت نماز جا جماعت سان ادا ڪندا هئا. نماز ۾ پاڻ آڏو امام نه ٿيندا هئا. حضرت شاهه عبدالڪريم جي طريقي موجب، ٽي تسبيحون ذڪر جون صبح جي نماز ۽ ٻين نمازن وقت مقرر ٿيل هيون، جيڪي پڙهيون وينديون هيون: پهرين تسبيح ”الله هو“، ٻي تسبيح ”الله الله“، ۽ ٽئين تسبيح ”هُو هُو“. پاڻ اڪثر روزي ۾ هوندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: (حقيقي) ’روزه دار‘ اهو آهي جيڪو عيد جو محتاج ناهي، ۽ (حقيقي) ’عابد‘ اهو آهي جنهن ۾ ’نانيت‘ (’آءٌ‘) ناهي: مسجد به ماڻهن لاءِ انهيءَ ڪري سجده گاه بني آهي جو (منجهس خود نمائي ڪانهي ۽) پاڻ پٺيري ٿي ٻين جو منهجن ڪعبي ڏانهن ڪيو اٿس“[9].هاڻي شاهه صاحب جڏهن ڀٽ ماڳائتو مقيم ٿيو ته راڳ پڻ هر جمعي رات باقاعدگي سان ٿيڻ لڳو، جنهنڪري ڀٽ سندس مريدن ۽ معتقدن توڙي ٻين عام مرادوندن جو مرڪز بني. راڳ ٿورو گهڻو اڳ به فقير ڪندا هئا پر 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ فقيرن راڳ تي گهڻو ڌيان ڏنو هو. ان کانپوءِ واري سورهن سالن جي عرصي ۾ راڳائي فقير وڏي سمجهه ۽ سوز سان شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون ڳائڻ لڳا. اهڙي توجهه سان ’شاهه جو راڳ‘ ڄڻ ڄڻ هڪ اعليٰ ادارو بڻجي ويو ۽ راڳائي فقير به راڳ ۾ وڏي ڄاڻ واراٿي ويا. تمر فقير راڳ جو اڳواڻ هو، ۽ سيد تقي فقير، هاشم علي فقير ريحاڻ پوٽو ۽ ٻيا سندس اڳواڻي هيٺ راڳ ڪندا هئا. سڀني راڳاين فقيرن وٽ هاڻي دنبورا پڻ هئا، ۽ جئن ته هر جمعي رات ’شاهه جو راڳ‘ خود شاهه صاحب جي حاضري ۾ ٿيڻ لڳو، تنهنڪري فقيرن جي ’راڳ واري سڏ‘ ۾ وڏو درد ۽ اثر پيدا ٿيو، جنهن جو غوغاء پري پري تائين وڃي پهتو: +”لات جا لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي“ +هڪ طرف شاهه جي بيتن ۽ واين جي لفظن ۽ معنيٰ ۾ سمايل درد ۽ اثر، ته ٻئي طرف خود راڳائي فقيرن جو راڳ ۽ ساوز وارو ’سڏ‘- انهن ٻنهي جاذب جُزن جي ميلاپ سان ’شاهه جي راڳ‘ ۾ وڏي ڪشش پيدا ٿي جنهن هر جمعي رات ’ڀِٽ‘ تي محبتين جا ميڙا لڳائي ڇڏيا. +شاهه صاحب جو عشق ۽ عرفان، ڪل ڪائنات جي خالص جي وحدانيت تائين پهچي چڪو هو، ۽ هاڻي خالق حقيقي سان وصال کانسو��ءِ هن عارضي زندگي واري وجود کي بي سود ڪري ٿي ڄاتائين. انهيءَ حق ۽ حقيقت جي آگاهي جو اظهار ان وقت سر ’سهڻي‘ جي ’وائي‘ ۾ ڪيائين جو چيائين ته: +”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري“ +اڳ هلندڙ مسلسل روايت توڙي موجوده دور يج اعليٰ عالمانه راء مطابق.انهيءَ وائي جي لحاظ سان سر سهڻي آخري ڪلام هو جيڪو شاهه صاحب چيو[10]. +شاه صاحب لاءِ راڳ روحاني خوراڪ هو ۽ بالاخر راڳ جي رس ۾ ئي هيءُ جهان ڇڏيائين. پڇاڙي واري وقت سندس ارشاد موجب ٽي ڏينهن راڳ ٿيندو هيو ۽ شاهه صاحب پاڻ استغراق واري حالت ۾ مراقبي ۾ ويٺو رهيو. جڏهن راڳ ۾ ذرا وقفو ڪيائون ته ڏڍائون ته ان مراقبي واري حالت ۾ ئي شاهه صاحب جو روح پرواز ڪري چڪو هو[11]. شاهه صاحب جي اُستاد (ميين نور محمد ڀٽي مرحوم) جي فرزند ميين ولي محمد غسل ڏياريو[12] ۽ شاهه صاحب جي پنهنجي ارشاد موجب کيس ان جاءِ تي دفن ڪيائون جتي هن وقت سندس مزار آهي. هجري سال 1165 جي صفر مهيني چوڏهين تاريخ هئي جو شاهه صاحب وفات ڪئي: اها سندس پيارن فقيرن لاءِ هڪ وڏو صدمو هئي، جنهن کي ڪي فقير برداشت ڪري نه سگهيا ۽ انهيءَ غم ۾ گذاري ويا. ان وقت جي ٻن عالمن بزرگن، قاضي ابراهيم هالائي ۽ محمد پناهه ’رجا‘ نقشبندي ٺٽوي، جيڪي ٻئي شاهه صاحب جا معتقد هئا، تن سندس وفات تي هيٺيان ’تاريخي قطعا‘ چيا جيڪي ان غمناڪ ۽ جانگداز واقعي جا يادگار آهن: +- قاضي ابراهيم هالائي هيٺئين قطعي ۾ ”رضوان حق“ جي لفظن مان وفات جو سال ڪڍيو: +شاهه صاحب ذوالمناقب سيدِ عبداللطيف +آن که قطب وقت خود بودست در مردان حق +چون زجامِ اِرجعي مخمور نوش وصل شد +گفت مَلهم غيب رب رحلتش ”رضوان حق“ +1165 +- محمد پناه ’رجا‘ سندس هيٺين ٻين شعرن جي پوين سٽن مان رحلت جو سال ڪڍيو: +زد نعره در فراق دگر کرد سينـﮧ چاک +”شد محو در مراقبـﮧ جسمِ لطيف پاک.“ += 1165 +گفت اينن ”رجا“ مريد سنِ ارتحال پير +”گرديد محو عشق وجودِ لطيفِ مير“. += 1165 +مٿيون بيان شاهه صاحب جي زميني زندگي جو هڪ مختصر خاڪو آهي، جيڪو ڪڳن معتبر تحريري حوالن ۽ ڀروسي جهڙين روايتن ۽ تصديقي ٽاڻن مان اجاگر ٿئي ٿو[13]. مگر انهن جملي اهڃاڻن کان وڌيڪ چٽا پڌرا ڪي ٻيا آثار آهن جيڪي شاهه صاحب جي سوانح حيات کي روشن ڪن ٿا. اهڙن آثارن مان ’ڀٽ‘ تي سندس مزار سنس خاڪي جسم جي امانت گاهه آحي، بلڙيءَ ۾ ميين شاهه ڪريم جو قبو ۽ مسجد، ۽ ڀٽ تي شاهه حبيب جو قبو ۽ جامع مسجد سندس جوڙايل عمارتن جا يادگار آهن، ’لال لئو‘، ’ڪنڊو‘ ۽ڪي ٻيا ماڳ مڪان پڻ سندس زندگيءَ جي ماضي وارن مرحلن جا نشان آهن. پر حقيقت ۾ ’شاه جو رسالو‘ ۽ ’شاه جو راڳ‘ ئي حضرت شاهه صاحب جي سوانح جا جئرا جاڳندا باب آهن. رسالي ۾ محفوظ سندس پنهنجو ڪلام، حضرت شاهه صاحب جي اعليٰ شاعري ۽ عارفانه بصيرت تي شاهد آهي. ساڳئي وقت اهو سنڌي ٻوليءَ جو دائمي دستاويز آهي. اهو ڄڻ الهامي ڪلام آهي، جيڪو شاهه صاحب جي عالمگير فڪر جو مظهر آهي، اسلامي تعليم ۽ تلقين جو روح آهي، زندگي جي مختلف مرحلن ۽ موڙن تي انسان جي فطري جذبن ۽ احساسن جو عڪس آهي، ۽ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو آئينو آهي. ٻئي طرف ’شاهه جو راڳ‘ سنڌي موسيقي جو هڪ اهم تاريخي ادارو آهي، جنهن جو شاهه صاحب پاڻ بنياد وڌو ۽ ان جي تڪميل ڪئي- اهو انهيءَ لاءِ ته درديلي ۽ مٺي آواز ۾ ڳايل سندس بيتن ۽ واين ۾ سمايل حق ۽ حقيقت، فڪر ۽ هدايت جو دلين تي خاص اثر ٿئي: اهڙو اثر جيڪو سالم دلين کي وڌيڪ سنواري، ڪَٽيل دلين کي اُجاري، بلڪه مُين دلين کي جياري. +[1] هيءَ ڳالهه کهڙن جي مخدوم عالمن وٽ مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽ پڻ وڏي عالم مخدوم محمد عاقل (چوٿون) پنهنجي ڪتاب ”تاريخ آئينـﮧ جهان نما“ (قلمي) ۾ آندي آهي. راقسم سان ان جو ذڪر پهريائين استاد مرحوم مخدوم امير احمد ڪيو، جنهن کي پوءِ ’تحفـﺔ الڪرام‘ جي سنڌي ترجمي (مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص ص 228- 240) جي حاشيـﮧ ۾ پڻ آندائين. مخدوم صاحب جن ائين به چيو ته: شاهه صاحب پاڻ ٺِڪَر جي ٽُڪر تي اڱار سان اهي سٽون لکي موڪليون هيون. کهڙن ۾ آءٌ وٽن ويس ته مون کي اها ڪوٺي واري جاءِ پڻ ڏيکاريائون (جيڪا ان وقت غالباً جامع مسجد جي ٻاهرئين دروازي لڳ هئي) جتي شاهه صاحب ٽڪيو هو. مرحوم مولوي دين محمد وفائي پڻ ’لطف اللطيف‘ (ص ص 81- 82) ۾ شاهه صاحب جو مخدوم محمدي وٽ وڃڻ وارو بيان ’تاريخ آئينـﮧ جهان نما‘ جي حوالي مان آندو آهي. +[2] ’لطائف لطيفي‘ (ص 79) ۾ مير عبدالحسين خان سانگي هن ملاقات بابت لکيو آهي ۽ پڻ مولوي دين محمد وفائي ’لطف اللطيف‘ (صفها 84- 85) ۾ ان کي بيان ڪيو آهي. +[3] راقم کي هيءَ روايت گهوٽڪي ۾ اعتبار جهڙن صاحب کان ملي. ساڳي روايت پوءِ عادلپور ۾ پڻ ملي پر البت ’مارئي جي سُر‘ مان انهن بيتن جو سلسلو بدليل هو. +[4] هيٺ ڏسومخدوم محمد معين جي بيان هيٺ. مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ (ص ص 100-101) ۾ جيڪا حڪايت آندي آهي ته مخدوم محمد هاشم راڳ بند ڪرائڻ لاءِ شاهه صاحب وٽ 0ڀٽ تي) آيو هو جو دنبورا ڪوٺي ۾ بند ڪرڻ جي بوجود وڳا، سا صحيح ناهي. اهو سازن جو خود بخود وڄڻ وارو واقعو تڏهن ٿيو، جڏهن شاهه صاحب کهڙن ۾ مخدوم محمدي وٽ مهمان هو، مخدوم محمد هاشم جي منع ڪرڻ واري روايت بابت ڪن بيانن ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته مخدوم صاحب چيو ته: ’شرعي لهاظ کان خود مين شاهه ڪريم پڻ سندس قبر تي قبي جوڙائڻ کان منع ڪئي هئي.‘ ميين شاهه ڪريم جي ڪيل منع جو اهو ذڪر ’لطائف لطيفي‘ ۾ آندل آهي. +[5] مير علي شير قانع، مقالات الشعراء، ص ص 221- 222 ۽ تحفـﺔ الڪرام ۾ اهو ذڪر آندو آهي ۽ معيار سالڪان طريقت ۾ ان مجذوب کي ’قلهره‘ ڪري لکيو آهي. محمد عطا بابت وڌيڪ ڏسو لطف اللطيف، ص ص 78- 79 ۽ تذڪره مشاهير سنڌ، جلد 2 صفحا 338- 339. +[6] مخدوم محمد معين ۽ مخدوم محمد هاشم جا ديني مسئلن تي هڪ ٻئي سان سوال جواب ٿيندا هئا (تحفـﺔ الڪرام، 3x229). هڪ ڀيري ڪنهن خاص مسئلي جي اهميت سببان مخدوم محمد هاشم پاڻ مخدوم محمد معين وٽ اچڻ جو ارادو ڪيو، ۽ هو جنهن وقت آيو تنهن وقت شاهه صاحب به مخدوم محمد معين وٽ هو. ٻاهران دروازي کان جيئن ئي مخدوم صاحب کي ڪو به ردڪد نه ڏجؤ جو سندس پيشاني تي نبي ڪريم (صلعم) جي ڇانوَ آهي.‘ اهو ٻڌي، جيئن مخدوم محمد هاسم آيو ته مخدوم محمد معين اٿي سندس آجيان ڪئي ۽ چيائينس ته: انهيءَ مسئلي تي اوهان سان اسان جو ڪو به اختلاف ناهي. پوءِ مخدوم صاحب کي در تائين اماڻي آيو. (مشهور روايت جيڪا ملاڪاتيارن جي بزرگ فقير محمد اسحاق پڻ راقم سان پنهنجي زباني بيان ڪئي). +[7] لطائف لطيفي ۾ آندل بيان موجب، شاه صاحب ان مسجد جو بنياد رکيو ۽ اها شاه صاحب جي موجودگي ۾ سندس روبرو جڙي: ”مسجد معلـٿي روبروي والاتبار نمونـﮧ پنسديده تيار شد، (ص 39) ”عيدن معمار ساکن بکهر مسجد مطهره روبرو اولياء صاحب بر ڀٽ شريف ساختـﮧ بود“ (ص 171) بنا کردهء شاهه والا تبار- کـﮧ شد روبروي مُعليٰ تيار 0ص 26). شاهه جو روضو به پنج سال پوءِ عيدن رازي جوڙيو. +[8] قاضي ابراهيم پوءِ شاه صاحب جي وفات جي تاريخ پڻ ڪڍي (ڏس هيٺ). مسجد جي جُڙي راس ٿيڻ جي تاريخ واري اها سرَ ضرور مسجد ۾ ڪٿي لڳائي وئي هوندي پر هن ��قت موجود ناهي. غالباً پوءِ ورانڊي جي ٺهڻ يا ٻين تعميري تبديلين وقت اها سر لاٿي وئي جو پوءِ وري لڳائي ڪا نه وئي. مسجد جي تعمير بابت قاضي ابراهيم جي منظوم ڪيل اها تاريخي مصرع راقم کي ولهار جي ڪتبخاني جي ڪُهنن ڪاغزن ۾ هيٺين طور لکيل ملي: +”تاريخ عمارت مسجد غوّاصِ بحر حقيقت سيد شاه عبداللطيف جيو +بطريق مصرع: عليـﮧ الرحمـﺔ قدس الله سره العزيز +نادري مسجد درين دوران چه زيبا دل ربائي“ +1151 +هن لکيت ۾ سال وارو عدد 1161 بدران 1151 لکيل آهي، جيڪو صحيح ناهي، ۽ لفظ ’ربائي‘ پڻ صحيح ناهي جو ان سان مصرع جو وزن ٽُٽي ٿو. ابجد جي حساب سان: نادري = 265، مسجد = 107 + درين = 264 + دوران = 261 + چـﮧ= 8+ زيبا = 20 + دل = 34+ ربا= 203= 1162. +[9] لطائف لطيفي، صفحا 97، 102 ۽ 127. +[10] اڳ هلندڙ روايت مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ (صفحو 183) ۾ آندي آهي ۽ موجوده دور جي اعليٰ عالمانه ۽ سالڪانه راءِ علامه آءِ. آءِ. قاضي. جي آهي، جيڪو پاڻ فڪر ۽ نظر جو صاحب، علم ۽ فيض جو سرچشمو ۽ خاص طرح شاهه جي رسالي جو وڏو ڄاڻو هو. +[11] لطائف لطيفي، ص 120. +[12] ايضاً، ص 171. +[13] ڪن ٽاڻن اهڃاڻن جي وڌيڪ تحقيق اڃان باقي آهي. في الحال ’رسالي‘ جي مقدمي طور ايتري قدر هيءُ مختصر خاڪو مرتب ڪيو ويو آهي. + + +شاهراهه ريشم ]حصو پهريون[ +(ان جي ايشيا ۽ يورپ ۾ تهذيبي، تمدني، مذهبي ۽ سياسي اهميت) +ڊاڪٽر غلام علي الانا +ويجهي عرصي ۾ شاهراهه ريشم جيڪا شهرت حاصل ڪئي آهي، تنهن کان پاڪستان جو هر فرد واقف آهي. هيءَ شاهراهه، دراصل قديم زماني ۾ به ايتروئي مشهور هئي جيترو اڄ آهي. قديم زماني ۾ به هن شاهراهه کي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي، معاشرتي، مذهبي ۽ تجارتي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. مختلف پراڻن تاريخي ڪتابن ۽ گرنٿن ۾ هيءَ شاهراهه قديم واپاري شاهراهه يعني ”شاهراهه ريشم“ جي نالي ياد ڪئي ويئي آهي، جنهن جو هڪ ڇيڙو چين تائين پهچندو هو ته وري ٻيو ڇيڙو ٽئڪسيلا تائين ختم ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح هن سڙڪ هڪ طرف ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن کي واپاري سهوليتون ٿي مهيا ڪيون ته ٻئي طرف هنن جپان جي قديم شهر ۽ پهرئين تختگاهه ”نارا“ تائين واپاري ۽ مذهبي رشتا ڳنڍي ڇڏيا. هيءَ سڙڪ هاڻ نئين سر جوڙي ويئي آهي، ۽ 1982ع ۾ هن جو افتتاح ڪيو ويو هو. هيءَ سڙڪ پاڪستان کي چين جي مٿاهين ريجن ”سنڪيانگ“ سان ملائي ٿي ۽ هاڻ ”خنجراب“ دڙي کان ”ڪارا ڪورم جبل“ اُڪري، چين جي ”پرالي“ (Pirali) چيڪ پوسٽ وٽان، اتر طرف ”ڪاشگر“ تائين وڃي سگهجي ٿو. +ڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم زماني ۾ شاهراهه ريشم، خنجراب دڙي وٽان برصغير کي چين سان نٿي ملايو، پر اُهي دڙا (Passes)، جتان واپاري قافلا چين طرف ويندا هئا يا چين کان ايندا هئا، اهي چار دڙا هئا، جن جا نالا آهن: ”ڪِلڪ“ (Kilik) دڙو، ”منتاڪا“ (Mintaka) دڙو، ٽيون ”پارپڪ“ (Parpik) ۽ دڙو چوٿون ”مسگر“ دڙو. اڪثر قافلا ”منتاڪا يا ”پارپڪ دڙن“ کان ايندا هئا، ڇو ته چين واري سرحد ۾ شاهراهه ريشم وارو حصو انهن ٻن دڙن سان مليو ٿي. ”ڪلڪ“ دڙو ”واخان“ (Wakhan) علائقي جي ويجهو هو، جتان عالم، و دوان، مبلغ ۽ واپاري قافلا افعانستان کان ٿيندا، اترين علائقن ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ پوءِ هنزا نديءَ جي ڪناري تي قديم شاهراهه تي چڙهندا هئا. +موجوده شاهراهه ريشم کي سرڪاري طور ”ڪاراڪورم هاءِ وي“ (KKH) چوندا آهن. هن شاهراهه نه فقط چين ۽ پاڪستان کي تجارتي لحاظ کان ملايو آهي، پر هن شاهراهه جي ذريعي انهن سنسان پهاڙي علائقن جي وچان هن سڙڪ کي وري نئين سر هموار ڪيو وي�� آهي، جيڪي صدين کان سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني اثرن ۽ مذهبي مبلغن جي اچ وڃ جو ذريعو رهيا آهن. هن شاهراهه جي نئين سر تعمير سان گويا ”دنيا جي عجائبات“ ۾ اٺين عجائب جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جي تعمير ۾ چيني ۽ پاڪستاني (آرمي) انجنيئرن وڏو ڪمال ڪيو آهي ۽ هزارين جانيون قربان ڪيون آهن. هنن جي قربانين دنيا جي پراڻي تاريخ ۾ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي. +”ڪارا ڪورم“ جي لفظي معنيٰ ”ڪارا جبل“ آهي. جبلن جي هيءَ هڪ وڏي قطار آهي، جيڪا چين ۾ ”پامير“ وٽ موڙ کائي ٿي. ٻي وڏي قطار هماليه جبلن جي آهي. هي جبل اتر طرف چين ۽ ڏکڻ طرف برصغير جي وچ ۾ هڪ مضبوط ديوار مثل اُڀا آهن، ۽ ”اوڪسس“ (Oxus) ريجن ۽ واديءَ - سنڌ اندر، ماڻهن جي چرپر لاءِ رڪاوٽ بنيل آهن. اهڙيءَ طرح ”گزر“ (Ghissar) ۽ ”الائي“ (Alai) جبل اتر ۽ ڏکڻ طرف بيٺل آهن. انهيءَ ڪري اهي اوڀر ۽ اولهه طرف وارن خطن جي وچ ۾ آمدرفت ۽ چرپر کي روڪيو بيٺا آهن. اتر- اوڀر طرف جبلن جون ٻيون به ڪيتريون ئي قطارون آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ”ڪُن لُن“ (Kun Lun) ”تيين شان“ (Tien Shan) ۽ ”التائي“ (Altai) آهن. انهن قطارن جي وچ ۾ ڏکڻ طرف ”تريم“ (Tarim) وادي ۽ اتر طرف ”زونگرئي“ (Dzungarai) وادي/ ترائي آهي. اهي واديون ۽ ترايون منگوليا جي ڏکڻ- اولهه طرف جهڪيل آهن، ۽ انهن جو ڳچ حصو قديم ترڪستان جو حصو آهي. اهي ئي ترايون آهن جتان ٻڌمت جا مبلغ ۽ پرچاري گنڌارا کان چين، منگوليا، ڪوريا ۽ جپان تائين اچ- وچ ڪندا هئا. +هماليه ۽ ڪارا ڪورم قطارن جي وچ وارين ماٿرينل مان طاقتور سنڌو درياء، ٽڪرن کي ٽاڪيندو، ڇپن کي ڇيهون ڇهيون ڪندو، جبلن کي جهوريندو، گجندو، دهشت مچائيندو، هزارن آبشارن، ندين ۽ نالن کي پاڻ ۾ پائيندو، انهن کي هضم ڪندو، پاڪستان ۾ ”اسڪردو“ کان وڪڙ کائي اتر- اولهه طرف وهندو ”ساسلي“ (Sasli) کان اولهه طرف موڙ +کائي ”جنگلوٽ“ وٽان شاهراهه ريشم جو ڪنارو وٺي، ”رائڪوٽ“ وٽ سر اولهه مُڙي، ”چلاس“، ”ٿور“، ”شتيال“، ”سازينا“ تائن پهچي، پوءِ ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اولهه طرف مڙي، ”داسو“، ”ڪوميلا“، ”پتن“، ”بشام“ ۽ ”ٿاڪوٽ“ وٽ شاهراهه ريشم کان هيٺ اچي، تربيلا بند کان پوءِ اٽڪ وٽ ڪابل درياء کي پائيندو، هيٺ واديء- سنڌ جي پنجاب ۽ صوبه سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. اسان جي ديومالائي ڪهاڻين ۾ ”هماليه“، ”ڪارا ڪورم“، ”ننگا پربت“ ۽ ”راڪاپوشيءَ“ کي جئن ۽ پرين وارو جبل ”ڪوهه ڪاف“ سمجهندا آهن. +اسلام آباد کان هوائي جهاز ۾ ”گلگت“ ڏانهن اڏامندي، ننگا پربت مٿان جڏهن جهاز پرواز ڪندو آهي، ان وقت جبلن جي مٿان ڦهليل برف بلڪل اهڙو منظر پيش ڪندي آهي، ڄڻ ته ڪا حسين و جميل پري، پنهنجي مٿان سفيد چادر اوڍي، گهري ننڊ ۾ ستل آهي، جنهن کي ننڊ جي خمار ۾ پنهنجي حسن ۽ جمال واري دلفريب لقاء ۽ منظر جو احساس بنهه ڪونهي. جهاز جي ڪپتان مون کي ڪاڪپٽ ۾ ويهاري هيءُ خوبصورت ۽ دلفريب منظر ڏيکاريندي چيو ته ”سائين، اسين هن منظر کي Sleeping beauty سڏيندا آهيون.“ سچ پچ ته اهو منظر هوائي جهاز جي ڪاڪپٽ ۾ ويهي ڏسڻ تي ئي مدار ٿو رکي، ۽ واقعي اهو منظر Sleeping beauty وارو منظر آهي. +هن قسم جو ٻيو رومانوي منظر جنهن جو بيان لفظن ۾ لکي نٿو سگهجي، ۽ جيڪو هر سياح کي ڪنهن خواب آلوده رومانوي دنيا، خاموش فضا ۽ دلفريب وايومنڊل ۾ گم ڪري ٿو ڇڏي، اهو آهي ”سيف الملوڪ جي جهيل“ وارو منظر. هن رومانوي ماحول ۾ پهچڻ سان ائين ٿو محسوس ٿئي ته گويا سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال پنهنجي رومانوي ماحول ۾ پهچڻ سان ائين ٿو محسوس ٿئي ته گويا سيف المل��ڪ ۽ بديع الجمال پنهنجي رومانوي ۽ محبت واري ماحول ۾ دور دور، بلڪه پربت جي چوٽيءَ تي ويٺل نظر اچن ٿا ۽ بديع الجمال پريءَ جون سهيليون، ڍنڍ ۾ وهنجي به رهيون آهن ۽ کينچل بازي به ڪري رهيون آهن؛ مطلب ته ڪو به سياح پنهنجي تصوراتي دنيا ۾ پهچي ايتريقدر ته گم ٿي ويندو آهي جو هو هنزا ۾ راڪاپوشي جبلن، چلاس وٽ ننگا پربت ۽ ڪاراڪورم جبلن واري وايو منڊل ۾، ۽ سيف الملوڪ جهيل ۾ پرين کي رانديون ڪندي، کلندي، ٽهڪ ڏيندي، سفيد لباس ۾ اُڏامندي محسوس ڪندو آهي. اهي پريون برف مان ٺهيل سفيد برفاني جبلن (Glaciers), ننگاپربت، راڪاپوشي ۽ ڪاراڪورم مٿان اڏامندي، سيف الملوڪ جهيل تي پهچي بديع الجمال جي حسن ۾ اضافو ڪنديون آهن. +چين واري حصي ۾ ”تريم“ (Tarim) ۽ ”زونگرئي“ (Dzungarai) ترايون خشڪ صحرا نما آهن. ڪيترائي نالا ۽ نهرون ”خوتن“ (Khotan)، ”يارقند“ (Yarkand)، ”تشڪورگن“ (Tashkurgan) ۽ ”ڪاشگر“ کان نڪرن ٿيون ۽ ”تريم“ (Tarim) جي ترائيءَ تائين پهچن ٿيون، جنهنڪري هن ترائيءَ ۾ انسان ذات جي آبادي ممڪن ٿيو پوي ۽ اچ- وڃ لاءِ راهون کليو پون. انهن تراين جي وچ ۾ خيابان- نما ٽڪرا آهن، جيڪي انسان ذات جي آباديءَ لاءِ وسيلا بنيل آهن. قديم زماني ۾ اهڙين انساني آبادين، وڻج واپار، آمدرفت ۽ واپاري قافلن جي اچ- وڃ لاءِ راهون هموار ٿي ڪيون. اهڙي تاريخي ميل جول، واپاري قافلن جي آمدرفت، هن واديءَ کي انساني تهذيب جي رسيءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو. ”تاريخ“ شاهد آهي ته ”زونگرئي“ (Dzungarai) واري واديءَ ۾ آباد ”شيونگ- نو“ (Hsiung- nu) قوميت وارن ماڻهن، تريم (Tarim) تي پنهنجون نطرون رکيون، ۽ چين جي ”هَن خاندان“ (Han Dynasty) جي حڪمرانن، هن طرف پنهنجون سرحدون وڌايون ۽ هن پاسي ايندڙ رستن ۽ واٽن تي قبضو ڪيو. ان زماني ۾ چين وارن چاهيو ٿي ته سندن ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ريشم جو روانگي واپار وڌائجي. چين جا واپاري قافلا، تريم (Tarim) واري جهن وادي/ ترائيءَ جي وچان، جنهن رستي/8 واٽ/ راهه ذريعي وسط- ايشيا ڏانهن ريشم کڻي ويندا هئا، اُن واٽ/ راهه کي هنن ”ريشم واري راهه/ واٽ“ (Silk- road) نالو ڏنو. هن رستي ذريعي چين کان ريشم ڀونوچ سمنڊ جي ساحلي واپاري ملڪن تائين پڻ پهچڻ لڳو. هن رستي ذريعي هي واپر ٻين صدي ق- م کان پنجين صدي عسويءَ تائين جاري رهيو. اهو واپار ڪارا ڪورم جبلن جي دڙن (”پارپِڪ“، ”منتاڪا“ ۽ ”ڪِلڪِ“) ذريعي هنزا نديءَ جي ڪناري واري رستي کان پوءِ درياءِ- سنڌ جي ڪناري واري قديم شاهه راهه، شاهه راهه ريشم وسيلي برصغير ۾ به جاري رهيو. پنجين صدي عيوسيءَ ۾ جڏهن سرحد هن پار شيونگ- نو (Hsiung-nu) قوموارن زور ورتو ۽ تريم (Tarim) واديءَ تي قبضو ڪيو، تڏهن نه فقط هي رستو بند ٿي ويو، پر ريشم جو واپار به رڪجي ويو ۽ شاهراهه ريشم جو نالو صرف لوڪ ادب ۽ ديومالائي ڪهاڻين ۽ ڏندڪٿائن تائين محدود رهجي ويو. +ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته مذڪوره شاهراهه ريشم ان زماني ۾، چين جي، برصغير جي اتر- اولهه واري سرحد وٽ، ”ڇانگن“ (Ch’angan) شهر وٽان شروع ٿيندو هو. هي شهر ”شنسي“ (Shen-si) صوبي جو اڳوڻو تخت گاهه هو. موجوده وقت هن شهر جو نالو ”سِي- گن- فُو“ (Si-gan-fu) آهي. هن شهر وٽان اهو رستو (شاهراهه ريشم) نڪرندو هو ۽ گوبي (Gobi) جي صحرا وٽان، گول چڪر کائيندو، اولهه طرف دُن- هُئانـڱ (Dun Huang) ڏانهن ويندو هو، جتي هي رستو ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو؛ هڪ شاخ ”تريم“ (Tarim) واديءَ جي اترئين ڇيڙي وٽان ”تُرفن“ (Turfan) جي وچان لنگهندي ”اڪشو“ (Akshu) ۽ ”ڪاشگر“ (Kashgar) کان ٿيندي، اولهه طرف ”پامر“ جي مٿاهين پٽ جي اتر طرف کان ”سمرقند“ کان ٿيندي ”هندوڪش“ جبلن جي اترين وادي اوڪسس (Oxus) کان واخان (Wakhan), بدخشان(Badakhashan) ۽ بختر (Bacteria) پهچندي هئي. هن واٽ تي ڪيترائي مرڪز هوندا هئا، جن جي ذريعي ڪُن- لُن (Kun- Lun) جبلن مان، ڪارا ڪورم ريجن ۾ واديءَ سنڌ تائين داخل ٿيڻ لاءِ راهون نڪرنديون هيون. تاريخدانن اهو به بيان ڪيو آهي ته واٽ ۾ تبديليون به ٿينديون رهيون. انهن تبديلين جومدار هن ڳالهه تي هوندو هو ته اهو رستو شروع ڪٿان ٿيو؛ ٻي شاخ (اهو رستو) ڪڏهن ”خوتن“ (Khotan) کان شروع ٿيندي هئي ته ڪڏهن وري ”يارقند“ (Yarkand) کان. خوتن وارو رستو اوڀر طرف هو، جيڪو ”يارقند“ ندي پار ڪري، ”ڪُن لُن“ (Kun- Lun) پهچندو هو، پوءِ ڏکڻ طرف ”مُزتاگ“ (Muztag) ندي اڪري، ”شِمشال“ (Shimshal) نديءَ واري واديءَ وچان ونگي، ”پسو“ (Passu) جي ويجهو هنزا نديءَ تي پهچندو هو، جتان قديم شاهراهه وهندو هو؛ پر جيڪو رستو يارقند (Yarkand) وٽان نڪرندو هو، اهو ”تشڪور گئي“ (Tashkugai) نديءَ جي هڪ نالي جو ڪنارو ڏيندو، واخان (Wakhan) واري ريجن وٽان، ڪِلڪ (Kilik) دڙي يا ان جي اوڀر طرف منِتاڪَا (Mintaka) دڙي وٽان، هُنزا نديءَ جو ڪنارو وٺندو هو. اهڙيءَ طرح خنجراب (Khunjerab) دڙي کان به ڪي قافلي داخل ٿي، هزا نديءَ جو ڪنارو وٺندا هئا، پر ان دڙي جو استعمال ايترو گهڻو ڪو نه هوندو هو. +موجوده سڙڪ خنجراب دڙي کان شروع ٿئي ٿي، جتي سرحد جو پٿر به لڳل آهي. سرحد جي اتر طرف ٻاويهه ڪلوميٽر مفاصلي تي چين جي چيڪ پوسٽ ”پرالي“ (Pirali) وٽ آهي، ۽ پاڪستان جي چيڪ پوسٽ ٽيهه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ”سوست“ (Sost) وٽ آهي. خنجراب واري ابتدائي هنڌ کان اڳ هنزا واري سرحد ۾ هيءَ شاهه راهه قديم زماني ۾ چئن هنڌن کان شروع ٿيندي هئي. اُهي چار هنڌ هئا: پارپڪ (Parpik)، منتاڪا (Mintaka)، ڪِلڪ (Kilik) ۽ مِسگر (Misger) دڙا. انهن مان ”مِسگر“ واخان ريجن ۾ واقع آهي. اهي شاخون هُنزا واري ريجن ۾، هنزا نديءَ جي ڪناري تي پهچنديون هيون. هاڻ به هنزا واري قديم شاهه راهه کي موجوده شاهه راهه جي شڪل ڏنل ويئي آهي. چيني شهنشاهن واري زماني ۾، اوڀر طرف منتاڪا (Mintaka) ۽پارپڪ (Parpik) دڙا قافلن لاءِ اڪٿر کليل هوندا هئا ۽ اُتر- اولهه طرف وارو ”ڪلڪ دڙو“ (kilik) اڪثر ”زار“ واري رشيا (Tsarist Russia) جي قافلن لاءِ کليل هوندو هو، جيڪي ”واخان ريجن“ ذريعي هتان داخل ٿيند اهئا. برطانوي دور حڪومت ۾ ”پارپڪ“ (Parpik) کي وڌيڪ اهميت ملي ڇو جو برطانيه حڪومت هنزا جي واديءَ کي اهم حصو ٿي سمجهيو، انهيءَ ڪري جو هِت ٽن حڪومتن جون سرحدون مليون ٿي. حاصل مطلب ته ”ڪلِڪ“ (Kilik)، ”منتاڪا“ (Mintaka) ۽ ”پارپڪ“ (Parpik) دڙن وٽان هنزا ڏانهن چيني ۽ روسي قافلا ايندا هئا، پر چيني قافلا گهڻوڪري ”پارپڪ“ (Parpik) ۽ منتاڪا (Mintaka) دڙن جي وچان لنگهنا هئا. انهن قافلن سان گڏ چين کان عالم ۽ فاضل پڻ برصغير ۾ ايندا هئا، ۽ برصغير جا عالم ۽ ودوان چين، ڪوريا ۽ جپان کانسواءِ يورپ طرف ويندا هئا، جن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڪيو ويندو. +موجوده سڙڪ پاڪستان ۾ ”مانسهره“ وٽان شروع ٿئي ٿي ۽ ”ٿاڪوٽ“ (Thakot) وٽ سنڌو درياء جو ڪنارو وٺي ٿي، ۽ اتر، ۽ اوڀر ۽ وري اوڀر ۽ اُتر اوڀر طرف خنجراب دڙي تائين پهچي ٿي. ”ٿاڪوٽ“ کان وٺي ”جنگلوٽ“ تائين سنڌو درياء جو ڪڏهن ساڄو ته ڪڏهن وري کاٻو ڪنارو ڏيندي، درياء جي دهشت، آسمان سان ٽڪر کائيندڙ پهاڙن، جبلن ۽ پربتن جي هيبت کان سياحن ۽ مسافرن کي ڊيڄاريندي، ڪڙڪا ڪندڙ آبشارن ۽ پاڻيءَ جي گجگوڙ جي وچان ”بشام“ (Besham)،”پتن“ (Pattan)،”ڪوميلا“ (Komila)،”داسو“ (Dassu)، ”سازين“ (Sazin)، ”شتيال“ (Shatial)، ”ٿور“ (Thor)، ”چلاس“ (Chilas)، ”جنگلوت“ تائينپهچي ٿي؛ هتان سنڌوءَ درياء اوڀر طرف مڙي ٿو، پر هيءَ سڙڪ اڳتي اتر طرف هلي، گلگت کان ٿورو اڳي، هنزا نديءَ جو ڪنارو ڏيندي، ”دائنيور“ (Dainyor)، ”نِلت“ (Nilt)، ”ميناپن“ (Minapin)، سڪندر آباد، حسن آباد، علي آباد، ”آلتت“ (Altit)، ”بالتت“ (Baltit) يعني پراڻين ٽن رياستن- گلگت، ننگر ۽هنزا کي پار ڪندي، ”گجال رياست“ جي شهر ”گُلمت“ کي ڇُهندي، ”پَسُو“ (Passu) وٽان برفاني پهاڙن (Glacier) جو پاسو وٺندي، پاڪستاني چيڪ پوسٽ ”سوست“ (Sost) تائين پهچي ٿي، جنهن کان اڳتي هيءَ سڙڪ خُنجراب دڙو پار ڪري ٿي. پر ”سوست“ کان اڳتي انسان ذات جي آبادي نظر نٿي اچي. هن شاهه راهه تان گذرندي سياحن کي ڪيترن ئي برفاني پهاڙن کانسواءِ راڪاپوشي (Rakaposhi) ۽ ڪارا ڪورم جبلن وٽان لنگهڻو پوندو آهي. چلاس کان اڳتي ننگا پربت ۽ راڪاپوشيءَ جا منظر دلفريب لڳندا آهن. +هن مقالي ۾ منهنجي مراد ٻڌمت جي پرچار جي سلسلي ۾ عالمن ۽ فاضلن جي، واديء- سنڌ ۾ جيڪا اچ- وڃ ٿيندي هئي، تنهن جي باري ۾ روشني وجهڻي آهي، حالانڪه معاشي، معاشرتي، تهذيبي، تمدني ۽ تجارتي نقطه نگاهه کان به هن سڙڪ کي وڏي اهميت آهي، جنهن جو ذڪر آءٌ ڀاڱي ٻئي واري مقالي ۾ ڪندس، جنهن ۾ حن سڙڪ تي آباد ماڻهن، انهن جي گذر- معاش، ٻولين، معاشرتي حالتن کانسواءِ هن سڙڪ جي آسپاس وارين ايراضين جهڙوڪ مانسهرن، هزاره، واديء استور، هنز، ننگرن سان واسطو رکندڙ لوڪ ڪهاڻين، ديومالائي قصن، زرعي ۽ معدني پيدائش، ٻولين، قديم آثارن جي باري ۾ وضاحت سان لکندس. اهڙيءَ طرح هن سڙڪ يج ٻيءَ ڀر واديءَ سوات ۾ ٻڌمت جي پرچار، قديم آثارن جي باري ۾ پڻ هڪ الڳ مقالو لکندس. +هن مقالي ۾ شاهه راهه ريشم جي وسيلي سان برصغير جي اترين علائقن کان وٺي جپان جي قديم شهر ”نارا“ (Nara) تائين ٻڌ ڌرم جي ڦهلجڻ ۽ برصغير جي ثقافتي، علمي ۽ ادبي اثرن جي باري ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، ڇو ته چين، ڪوريا ۽ جپان کانسواءِ افغانستان ۽ وچ ايشيا تائين ٻڌ ڌرم جي ڦهلجڻ ۾ هن سرڪ اهم حصو ادا ڪيو آهي. +هيءَ هڪ تاريخي سڙڪ آهي، جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هيءَ سڙڪ ٻين صدي ق- م کان وجود ۾ هي آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هيءَ ڊگهي ڊگهي سرڪ آهي ۽ هڪ لحاظ کان هن سڙڪ، واديء- سنڌ ۽ مشرق- ايشيا جي وچ ۾، جپان جي قديم ۽پهرئين تختگاهه ”نارا“ (Nara) تائين، مذهبي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي ناتا هموار ڪيا. ڪاش هيءَ سڙڪ تاريخدانن کي پنهنجي قديم تاريخ، خود بيان ڪري ٻڌائي. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته هن شاهه راهه تان اُٺن ۽ خچرن جا قافلا، چانهه، ريشم ۽ چين کان ٻيو سامان کڻي وچ مشرق ۽ مشرق جي واپري منڊين، ۽ ”بزنٽائين“ ۽ ”روم“ تائين پهچندا هئا؛ اهڙيءَ طرح برصغير ۽ ٻين ملڪن جو مال چين ڏانهن ويندو هو؛ پرڇاڪاڻ ته جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته چيني تاجر، چين جو ريشم هن ئي سڙڪ ذريعي کڻي ويندا هئا، انهيءَ ڪري هن راهه جو نالو ”شاهه راهه ريشم“ پئجي ويو. +واپري قافلن سان گڏ، سياح ۽ ٻڌ مت جا مبلغ پڻ هن سڙڪ تان سفر ڪندا رهندا هئا. تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته چين جا مشهور ودوان فاهيان (Fa-Hsien)، ”سنُگ- يُن“ (Sung- Yun) ۽ ”هُيون- سَنگ“(Hiuen- Tsang) به هن ئي راهه ذريعي واديء سنڌ پهتا. اهڙيءَ طرح دنيا جو وڏي ۾ وڏو سياح ”مارڪو پولو“ (1270ع- 1290ع) به هن ئي راهه ذريعي لنگهيو هو. ساڳيءَ طرح ٻڌمت جو مبلغ ”ڪمارجيوَ“ (Kumarajiva) به هن سڙڪ ذريعي واديء- سنڌ کان چين پهتو. مطلب ته شاهراهه ريشم ئي اهو وسيلو هو، جنهن جي ذريعي ٻڌمت، هندستان کان چين، پوءِ ڪوريا ۽ڪوريا ک��ن جپان پهتو. اڄ به هن سڙڪ جي معاشي ۽ معاشرتي اهميت کانسواءِ، مذهبي اهميت هن ڪري به آهي جو سنڪيانگ جا چيني مسلمان، حج بيت الله لاءِ اڪثر هن سڙڪ جي ذريعي پاڪستان ايندا آهن، جتان اڳتي سهندا آهن. +تاريخ مان خبر پوي ٿي ته چين جي ”هَن خاندان، (Han Dynasty)، جنهن چين تي 140 ق. م. کان 81ق.م تائين حڪومت ڪئي، جي ”شهنشاهه فُو“ (King Wu) جي زماني ۾، هيءَ شاهراهه تجارت ۽ واپار لاءِ کولي ويئي. ان زماني ۾ هن خاندان جي حڪومت جون حدون مغربي سرحد تائين پکڙيل هيون ۽ هيٺ ڏکڻ ۾، واديء- سنڌ ۾ ٽين صدي عيسويءَ تائين، چين ۽واديء- سنڌ جي علائقن جي وچ ۾ مذهبي، معاشي ۽ معاشرتي ميل جول جا وڏا اهڃاڻ ۽ ثبوت ملن ٿا. +هن شاهراهه ذريعي چين کان عالم، فاضل ۽ مذهب جا پرچاري، واديء- سنڌ ۽ اتر هندستان تائين نه فقط هتي جي عالمن، فاضلن ۽ ودوانن کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، پر هتي جي عالمن، فاضلن ۽ ودوانن کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ مان پڻ فائدو پهچايون. انهيءَ لحاظ سان هيءَ دُراهي- آمدرفت (Two- Way Traffic) چين ۽ واديء- سنڌ جي وچ ۾ مضبوط رابطي جو هڪ اهم ۽ انمول وسيلو بني. +ان زماني ۾، جڏهن هن خاندان جي حڪومت جون سرحدون، مغرب بعيد تائين ڦهليل هيون، تنهن زماني ۾ ”فرعانه“ (Farghana)، ”ساگديئانا“ (Sagdiana)، ”تخارا“ (Tukhara) ۽ ”پارٿيا“ (Parthia) تائين، تجارتي اچ- وڃ وڌيڪ سرگرم رهي، جنهن جو بنياد دراصل ”سڪندر اعظم“ وڌو هو. هيءَ سرڪ، جيئن ته، انهن ملڪن جي وچان لنگهي ٿي، تنهنڪري هن سڙڪ جي ڪري، نه فقط ريشم جي واپار کي هٿي ملي پر عيسوي صديءَ جي شروع واري زماني ۾، واديء- سنڌ ۽ چين پنهنجا ثقافتي ۽ تجارتي ناتا، هن سڙڪ ذريعي انهن ملڪن سان جوڙيا ۽ مضبوط ڪيا. اڳتي هلي ڀارت- ورش جي موريا گهراڻي جي ”شهنشاهه اشوڪا“ (268- 232 ق.م.) جي زماني ۾ ٻڌمت جي سکيا نه فقط برصغير پاڪ- هند ۾ زور ورتو، پر برصغير جي سرحد کان ٻاهر به هن ڌرم) جي پکڙجڻ لاءِ موقعا حاصل ڪيا ويا. موريا گهراڻي جي حڪومت، پهرئين ئي حڪومت هئي، جنهن برصغير ۾ پنهنجا پير پختا ڪيا هئا. هن گهراڻي جي پهرئين حاڪم ”چندرگپت“ (316 ق. م. کان 293 ق. م.) جي زماني ۾ ئي حڪومت جون سرحدون اتر ۾ هماليه جبلن تائين، اوڀر ۾ بنگال جي اپسمنڊ تائين، اولهه ۾ هندوڪش جبلن تائين ۽ڏکڻ ۾ وڌيا جبلن تائين پکڙجي چڪيون هيون. شهنشاهه اشوڪا هن حڪومت جي سرحدن کي وڌيڪ هيٺ يعني ڏکڻ تائين وڌايو ۽ ’ڪالنگا‘ (Kalinga) ۽ ٻيا حصا فتح ڪيائين. اشوڪا پٿرن جي ٿنڀن تي يا جبلن جي ڇپن تي ٻڌمت جي سکيا جا اصول ۽ متا اڪرايا، ۽ هن ڌرم جي پرچار کي وڌيڪ زور وٺايو (پنهنجي الڳ مقالي ۾ شاهراهه ريشم ۽ سوات جي قديم آثارن جي ذڪر ۾ آءٌ انهن تي ڪجهه روشني وجهندس.) +اڳ م عرض ڪيو ويو آهي ته شاهراهه ريشم جي ذريعي ٻڌمت چين پهتو. اول ٻڌمت جا پرچاري ٽئڪسيلا کان چين ويا ۽ پوءِ چيني ماهر ۽ ودوان هت يعني واديء- سنڌ ۾ وارد ٿيا ۽ ٻڌمت جي سکيا ۽ ان جي اصولن جي ڄاڻ حاصل ڪيائين، ۽ چيني زبان ۾ ان جا ترجما ڪيائون. هن سلسلي ۾ جنهن چيني ودوان جو نالو سڀ کان پهرين ملي ٿو سو هو ”ائن- شِن ڪائو“ (An-Shin-Kao) جيڪو 148ع کان 171ع تائين ”لو- يانگ“ (Lo- yong) شهر ۾ ترجمي واري ڪم تي مقرر ڪيو ويو. چون ٿا ته ”آئن- شن- ڪائو“ (An-Shin-Kao) ۽ ٻيا ڪيترائي چيني ودوان وچ- مشرق وارن ملڪن جا رهندڙ هئا، مثلاَ آئن- شن ڪائو ”پارٿيا“ (Parthia) جو رهاڪو هو، ٻيو ماهر جنهن جو نالو ”ڪڱ- سڱ- ڪائي“ (Kang- Seng- Kai) هو، سو ٽين صدي عيسويءَ ڌاري ”سمرقند ريجن“ ۾ رهندو هو. هن (Kang- Seng- Kai) عالم ”لاحد (Limitless) حياتيءَ“ جي عنوان واري ڪتاب، ”سُکوَ تيوِ يُوهه“ (Sukhavativyuha) جو ترجمو ڪيو. اهڙيءَ طرح ”ڌَرمَ رَڪشَ“ (Chu-Fa-Hu)، جنهن ”سڌ ڌرم پوندَ ريلا“ (Saddharmapundarila) نالي واري ڪتاب جو ترجمو ڪيو هو، سو ”تخارا“ (Tukhara) جو رهاڪو هو، ۽ ٽين صدي عيسويءَ جي آخري حصي ۽ چوٿين صدي عيسويءَ جي اوائيل حصي ۾ ”لو- يانگ“(Lo-Yong) يا ”ڇانگ- آن“ (Chang-an) ۾ رهندو هو. چين ۾ ترجمي (ٻڌمت جي سلسلي ۾) وارو ڪم، پنجين صدي عيسويءَ جي اوائلي حصي ۾، ان زماني ۾ اعليٰ مقام تي پهتو، جنهن زماني ”ڪُمارجيوَ“ (Kumarajiva)”ڪُوچا“ (Kucha) کان پهتو هو. +پنجين صدي عيسويءَ جي اوائلي دور ۾ ٻڍمت جي ڀکشوئن جي سرگرمين ۾ گهڻو واڌارو آيو. ۽ هن شاهراهه جي ذريعي چين، واديءَ- سنڌ ۽ برصغير جي اترين علائقن تائين، انهن سرگرمين ۾ گهڻو اضافو آيو. چين کان ڪيترائي ودوان برصغير ۾ سنسڪرت ۽ ٻڌمت جي سکيا وٺڻ لاءِ پهتا. هن قسم جي سرگرميءَ جو باني ”فا- هيان“ (Fa-Hein) هو، جيڪو 399ع-420ع ڌاري ٿي گذريو آهي. هو 400ع ڌاري ٽئڪسيلا آيو. هن جو اصلي نالو ”ڪُڱ“ (Kung) هو ۽ ”شين- سي“ (Hsen-si) صوبي جي ”پڱ- يڱ“ (Ping-Yang) ضلعي جي ”فو- يڱ“ (Wuyang) ڳوٺ جو رهاڪو هو. فا- هيان، خوتن (Khotan) واري رستي کان ”يارقند“ پهتو، جتان ”چلاس“ (Chilas) واري علائقي ۾ آيو، اتان پوءِ ”اَدين“ (موجوده سوات: واديءَ- سوات ۾ اُديگرام جا آثار اڄ به موجود آهن) پهتو. هن سنڌو دريا يا ته شتيال وٽان پار ڪيو هوندو يا ”سازينا“ وٽان؛ ۽ پوءِ دريا جو ساڄو ڪنارو وٺي بشام وٽان سوات جي واديءَ ۾ هو ”شنگلا دڙي“ وٽان ”خازا خيل“ (Khawaza- khela) آيو هوندو، اتان ٽئڪسيلا پهچڻ لاءِ هن ”باريڪوٽ“ کان اڳتي ڏکڻ ۾ ”ڪاراڪردڙو“ پار ڪري، اڃا به اڳتي ڏکڻ ۾ ”بَنَرا“ (Buner) ۽ ”امبيلا“ (Aumbela) دڙو اڪري، ”شهباز ڳڙهي“ پهچي، ”هند“ (Hund) وٽان سنڌو دريا پار ڪيو هوندو. هن جو تفصيلي ذڪر ڌار مقالي ۾ ڪيو ويندو. فاهيان پنهنجي سفر جي پهرين منزل جي باري ۾ لکي ٿو: +هي هڪ تمام مشڪل پهاڙي رستو آهي. جبلن جي ڄڻ ته هڪ مضبوط ديوار ٺهيل آهي، جيڪا ڏهه هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي ٿيندي. مٿان جڏهن هيٺ نهارجي ٿو تڏهن نيڻ- نهار تائين ڪا به راهه ۽ پير رکڻ جي جاءِ نظر نٿي اچي. هيٺ هڪ ندي وهي ٿي جنهن کي سنڌو (Sint-uho) چون ٿا. قديم زماني ۾ انسانن، انهن ٽڪرن کي ٽانڪي، انهن جي وچان لنگهه ٺاهيا آهن. پاسن کان ڏاڪا به جوڙيا اٿن. مون کي اهڙا ڪل ست سؤ کن ڏاڪا لنگهڻا پيا. ان کانپوءِ اسين رسين واري لٽڪندڙ پل تي پهتاسين، جتان دريا پار ڪيوسين. نديءَ جا ٻئي ڪنارا اٽڪل 80 قدمن جي مفاصلي تي هوندا.“ +منهنجي خيال ۾ ”چلاس“ کان هيٺ ڏکڻ طرف، درياءِ- سنڌ جي ڪناري تي ”شتيال“ يا ”سازينا“ ٻه اهڙيون جڳهيون (مقام) آهن، جتي اڄبه جبلن جي ڇپن تي ٻڌ مت وارن پنهنجا نشان ڇڏيا آهن. فاهيان، شتيال يا سازينا پهچي، درياء اڪري درياء جو ساڄو ڪنارو ڏيئي، بشام پهتو هوندو. فاهيان پندرهن سال واديء- سنڌ ۾ سکيا وٺڻ لاءِ رهيو، ۽ گهڻو عرصو ٽئڪسيلا گذاريائين. هن نه فقط سنسڪرت زبان جي سکيا ورتي پر ٽئڪسيلا ۾ ۽ ان جي آسپاس واري علائقي جي ثقافت ۽ تاريخي حالات کان به واقفيت حاصل ڪيائين. هو پنڊت پاڻينيءَ سان به مليو هوندو، جيڪو ان وقت، ٽئڪسيلا ۾ هڪ وڏو ودوان هو. +ٻيو چيني ماهر جيڪو ”فاهيان“ کان پوءِ آيو، سو هو ”سڱ يُن“ (Sung-yun). هيءُ ”دُن- هُئانڱ“ (Dun-Huang) جو رهاڪو هو. هن کي عظيم ”في“ (Wei) خاندان جي مهاراڻي ”دوواگر“ (Dowager) ٻڌمت تي ڪتابن جي حاصل ڪرڻ لاءِ برصغير موڪليو هي به ڪارا ڪورم ذريعي هت آيو. هي پهرين ”خوتن“ پهتو، جتان يارقند آ��و. يارقند کان ”تشڪورگن“ (Tashkurgan) آيو، اتان پوءِ ”مسگر“ (Misgar) واري رستي کان ”منتاڪا“ (Mintaka) دڙو پار ڪري، هنزا نديءَ جي ڪناري تي، قديم شاهراهه ريشم پهتو، جتان واديء- سنڌ ۾ آيو. هو پنهنجي سفر جي باري ۾ لکي ٿو: +”هتي جا جبل تمام اتاها آهن. هتي جي حاڪم هڪ شهر تعمير ڪرايو آهي، جتي هو خود به رهندو آهي. هتي جا ماڻهو چمڙي مان سهڻا لباس ٺاهي پائيندا آهن. هي ملڪ تمام سرد آهي. ايتريقدر جو ماڻهو جبلن جي غارن اندر پنهنجي رهڻ لاءِ گهر ٺاهيندا آهن. هت هوائون ايتريقدر ته تيز لڳنديون آهن ۽ برف ايتري ته پوندي آهي جو ماڻهو ۽ سندن مال هن موسم م گڏ غارن ۾ رهندو آهي. هن ملڪ جي ڏکڻ ۾برف سان سٿيل جبل آهن.“ +هن جي بيان جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو تڏهن ائين چئي سگهجي ٿو ته جنهن ايراضيءَ جو هي نقشو چٽيو ويو آهي اهو”هنزا“ جي اتر- اوڀر طرف ”گُجال“ واري واديءَ جو آهي. هي عالم يقيناً هتان ئي لنگهيو هوندو، جتي وَخي (Wakhi) ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. هتان هيءُ پهرين ”سوات“ آيو،جتان پوءِ ٽئڪسيلا پڌاريو. +تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ فخر جي لائق جنهن عالم ۽ فاضل، برصغير جي ياترا عموماً ۽ وادي سنڌ جي ياترا خصوصاً ڪئي، سو هو ”شون- چُئانڱ“ (Hsuan- Chuang) هي عالم 603ع ۾ ”چن- ليو“ (Ch’in-Liu) ۾ ”هُنان“ (Honan) صوبي ۾ ڄائو هو. هو واديء- سنڌ ۾ 627ع ۾ آيو، ۽ 645ع ۾ يعني 18- 19 سالن جي عرصي کان پوءِ واپس چين موٽيو. هو پنهنجي بيان ۾ لکي ٿو: +”منگورا شهر کان اتر- اولهه طرف ويندي، جبلن جون قطارون پار ڪندي سنڌو (Sin- tu) درياء جي واديءَ ۾ پهتاسين. رستا نهايت ئي اڻانگا ۽ جوکائتا هئا. جبل ۽ وادي ڌنڌ واري ۽ ڪارسري ٿي نظر آئي. ڪڏهن ڪڏهن رسين وارين پلين ذريعي دريا اڪرڻو ٿي پيو ته ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ڪنارن تي لوهي زنجير (تار) کي جهلي دريا کي پار ڪرڻو ٿي پيو. ڪٿي ڪٿي درياء جي پار ڪرڻ لاءِ ڦڙهيون پڻ ٺهيل هيون، جن تان پيدل هلي ٿي سگهياسين، پر اهي ڦڙهيون (پليون) لٽڪندڙ هيون. اهڙيءَ طرح اسين نديءَ جي “Ta-li-lo” واديءَ ۾ پهتاسين، جتي ڪنهن زماني ۾ ”آو-چنگ-نا“ (U-Chang-na) نالي تختگاهه هو. ”او- چنگ- نا“ دراصل واديء سوات ۾ ”ادين“ يا ”اَديگرام“ آهي، جنهن جي باري ۾ ٻئي مقالي ۾ تفصيل سان لکبو. هت سون به لڀي ٿو ۽ خوشبودار عمارتي ڪاٺ (غالباً ديال) پيدا ٿئي ٿو.“ +هن کانپوءِ ”آءِ- چِنگ“ (I- Ching) برصغير ۾ تشريف فرما ٿيو (آءِ- چنگ عالم جو نالو، آءِ چنگ ڪتاب سان مُنجهايو نه وڃي). هي عالم 713- 635ع ڌاري ٿي گذريو آهي. آءِ- چنگ سمنڊ جي ذريعي 671ع ۾، واديء- سنڌ ۾ پهتو، ۽ ويهن سالن جي عرصي کانپوءِ، ساڳئي رستي کان چين واپس موٽي ويو. + + +هت هيءَ حقيقت ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته واديء- سنڌ ۽ چين ڏانهن عالمن جي اچ- وڃ ۽ ثقافتي آمدرفت ٽئڪسيلا کان واديء سوات جي ذريعي ٿي. گويا ”بِشام“ ئي اهڙو مقام هو جتان عالم ۽ فاضل ”شنگلا“ (Shangala) دڙو پار ڪري، شاهه راهه ريشم تي چڙهندا هئا. البت ڪي عالم ”ٿاڪوٽ“ (Thakot) وٽان درياء اُڪري ”مانسره“ کان ٿيندا، ”ٽئڪسيلا“ ويندا هئا، پر ٻڌمت جي سلسلي ۾ واديء- سوات کي وڏي اهميت حاصل هئي، جيئن ٻئي مقالي (مذڪوره) ۾ بيان ڪبو. +اهي عالم ۽ فاضل، جيڪي برصغير ۽ واديء- سنڌ ۾ سنسڪرت ۽ ٻڌمت جي سکيا وٺڻ آيا هئا، اُهي پاڻ سان اهي نسخا کڻي ويا، جيڪي هنن منتخب ڪيا ۽ جيڪي هنن چيني زبان ۾ ترجمو ڪرڻ ٿي چاهيا. اهي سڀ نسخا ٻڌمت جي سکيا جي باري ۾ هئا. انهن ماهرن مان هڪ، جنهن جونالو ”شُئان- چُنگ“ (Hsuan- Chung) هو، تنهن علم اللسان ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪئي، جو چين ۾ هن کي مايه ناز (Out Standing) جي دور تائين واري ترجمي ٿيل مواد کي ٻن دورن ۾ ورهايو آهي. اوائلي دور واري ترجمي جو ڪم جيڪو ”ڪمارَ جيو“ (Kumarajiva) ۽ ٻين عالمن ڪيو، ۽ ان کي ”پراڻي ترجمي وارو مواد“ (Old Translation) ڪوٺيو ويو، ۽ جيڪو ڪم ”شُئان- چنگ“ (Hsuan- Chung) ۽ کانئس پوءِ آيل عالمن ڪيو، تنهن کي نئون ترجمو“ (New Translation) سڏيو ويو. +ٻڌمت برصغير کان چين پهتو، ۽ چين کان هي ڌرم ڪوريا تائين پکڙيو، جتان ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جپان تائين ڦهليو. اينسائيڪلو پيڊيا برٽئنيڪا جي حوالي موجب، چين جو اڀرنديون سامونڊي ڪنارو، جپان واري وڏي سمنڊ، اڀرندئين چين واري سمنڊ ۽ ڏاکڻين چين واري سمنڊ جي آمهون سامهون آهي، پر ڪوريا جو ملڪ اُپٻيٽ (Peninsula) آهي. جپان جو ”ڪيوشو“ (Kyushu) ٻيٽ ۽ ڪوريا جو اُپٻيٽ، ڪوريا جي کاري جي ڪري هڪ ٻئي کان ڌار ٿيل آهن. انهن جي وچ ۾ ٻه ننڍا ٻيا به ٻيٽ آهن، جن جا نالا آهن: ”سُو- شيما“ (Tsu- Shima) ۽ ”اِڪِي“ (Iki). ”سو- شيما“ جيڪو جپان جو ٻيٽ آهي ۽ ”پوسن“ (Pusan) جيڪو ڪوريا جو ٻيٽ آهي، انهن ٻنهي ٻيٽن جي وچ وارو مفاصلو فقط ڏيهه ميل آهي. اهو مفاصلو ڪنهن ننڍيءَ ٻيڙيءَ جي ذريعي طئي ڪري سگهجي ٿو. چون ٿا ته برف واري زماني (Ice- Age) ۾، يعني هڪ ڪروڙ (پهه ملينيئم) سال اڳ، ٿڌ واريءَ موسم ۾، سمنڊ ڄمي برف ٿي پوندو هو، ۽ اهو مفاصلو ڪوريا ۽ جپان جي انهن ٻيٽن وارا ماڻهو پيدل طي ڪندا هئا. انهيءَ لحاظ کان چين، ڪوريا ۽ جپان، آمدرفت ۽ تجارت واري نقطه نگاه کان هڪ خطو آهن. +اسين جڏهن انهيءَ خطي جي سماجي ۽ ثقافتي ڳالهين جو جائزو وٺون ٿا، تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته اُڀرندئين ايشيا جي ثقافت ۽ تهذيب، اُتر چين کان پهرين ڪوريا کان جپان تائين تبديل ٿي، پهتي ۽ پکڙي. چين جي نئين پٿر واري زماني (Neolithic Culture) وارو ڪلچر، اوائلي تاريخي دور (Pre-historic Times) ۾ ڪوريا ۽ جپان تائين پهتو. اهڙيءَ طرح چين جي ڌاتوءَ واري دور (Metal Age) جو ڪلچر اوائلي تاريخ واري دور ۾ پکڙيو. تاريخدانن کي اهو پڻ معلوم آهي ته اُتر ڪوريا تي ٽين صدي ق-م کان وٺي چين جي حڪومت هئي، انهيءَ ڪري چين جي تهذيب جو ڪريا جي تهذيب تي اثر، قديم زماني کان وٺي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح جپان پڻ سڌيءَ طرح يا اڻسڌيءَ طرح پنجين صديءَ ق- م ۾ چين جي زراعت واري تهذيب جي اثر هيٺ رهيو هو. ٻينءَ صدي عيسويءَ ۾ جپان جو سڌيءَ طرح سان، چين سان واسطو رهيو، ۽ ڌاتوءَ واري (Metal Culture) تهذيب کان متاثر ٿيو. اهڙيءَ طرح ٻينءَ صدي عيسويءَ کان وٺي ٻيئي ملڪ، يعني چين ۽ جپان، ايتري قدر ته هڪ ٻئي جي ويجهو آيا، جو چين جي حروف تهجي (رسم الخط)، جپان به پنهنجي ٻوليءَ جي لکت لاءِ ڪم آندي، ۽ جپاني ٻوليءَ جو سارو مواد چيني رسم الخط ۾ لکڻ لڳو. +مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته ٻڌمت ڇهين صدي عيسويءَ کان پوءِ چين کان جپان تائين پکڙيو. 538ع ۾ ڪوريا جي ”بادشاهه پوچي“ (King Pochi)، جپان جي شهنشاهه ڪنِميئي“ (Emeror Kinmei) جي درٻار ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جو هڪ مجسمو ۽ سوترن جو هڪ اسڪرول، ٻڌمت جي پيغام طور موڪليو. گويا جپان ۾ ٻڌمت جو تعارف پهريون ڀيرو ڪرايو ويو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن چين، وچ- مشرق، پاڪ- هند برصغير ۽ ڏاکڻن سامونڊي ملڪن ۾ ٻڌمت جي حوالي سان عالمانه، مذهبي ۽ فن جي ميدان ۾ سرگرميون ڏينهون ڏينهن زور وٺنديون ويون. هنن سرگرمين جو سڀ کان وڏو ثبوت جپان جي قديم ۽ پهرئين دارالحڪومت ”نارا“ ۾ ”تودائجي مندر“ (Todaiji Temple) ۾ ملي ٿو. هي مندر ”تيمپويو دور“ ۾ تعمير ٿو. ان کان پوءِ ڏکڻ نارا ۾ سن 680ع ۾ ”يا ڪوشيجي“ (Yakushiji) مندر ان جاءِ تي تعمير ��يو، جتي فوجيوارا (Fujiwara) تخت گاهه هو. 698ع تائين سڄو مندر ته مڪمل نه ٿي سگهيو، پر ان جي فقط ٻاهرين ديوار تعمير ٿي سگهي هئي. ڏهه سال پوءِ، يعنيلڳ ڀڳ 710ع ڌاري جپان جي دارالحڪومت ڏکڻ نارا يعني ”فوجيوارا“ (Fujiwara) مان کڻي، اُتر نارا ۾ قائم ڪئي ويئي، ۽ ”يا ڪوشيجي“ (Yakushiji) مندر 718ع ۾، انهيءَ نئين دارالحڪومت يعني اُتر نارا ۾، موجوده مقام تي تعمير ڪيو ويو. +ياڪوشيجي مندر ”نارا“ ۾ تعمير ٿيل انهن ستن مندرن مان هڪ آهي، جيڪي جپان ۾ وڏي ۾ وڏا مندر ليکيا ويندا آهن. اهي ست مندر هي آهن: +مندر جو نالو تعمير جو دؤر +تودائجي (Todaiji) تيمپويو دؤر (710ع- 794ع) +دائيئنجي (Daianji) تعمير 759ع +ياڪوشيجي (Yakushiji) 680ع ۾ تعمير ٿيو. +سئندائجي (Saidnaiji) +گنگوجي (Gangoji) +هوريُو (Horyuji) +ڪُفوڪوجي (Kufukuji) +انهن ۾ ”ڪُوفُوڪُوجي“ مرڪزي مندر (Head Temple) هو. هي مندر ٻڌ ڌرم جي ”هوسو“ (Hosso) فرقي وارن جو آهي. هي فرقو جپان ۾ ٻڌڌرم جو پراڻي ۾ پراڻو فرقو ليکيو ويندو آهي. هن مندر ۾ مهاتما ٻڌ جو مجسمو، ”ڀئسائجي گرو“ (Yakushi Nyorai) 630ع ۾ ٺاهيو هو، ۽ شاهراهه ريشم جي حوالي سان هي مندر ۽ مجسمو گهڻيءَ اهميت وارو آهي. مهاتما ٻڌ جي هن مجسمي کي ”ڏکن 7 سورن کي مِٽائڻ وارو ديوتا ٻڌا“ (Buddha of Healing) چوندا آهن. هن کي مشرق جي سچي پٿر (نيلم ۽ پکراج) واري سرزمين جو مالڪ/ ديوتا ڪوٺيندا آهن، جنهن روحاني ۽ جسماني دک ۽ درد مٽايا. اهوئي سبب آهي جو هي (مهاتما ٻڌ) ستين صدي عيسويءَ ۾، جپان ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪري چڪو هو، ۽ اتي جا ماڻهو، ”وڏي حياتي ماڻڻ“ (Longetivity) لاءِ هن جي پوڄا ڪرڻ لڳا هئا. +ڀئسائجي گروءَ (Yakushi Nyorai) جي مجسمي جي پائدان تي هڪ اُڀريل ڊزائين (Design in relief) جا جيڪي نمونا آهن اهي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اها ڊزائين دنيا ۾ ٻڌمت جي مختلف ثقافتن جو مجموعو (ميڙ) آهي. جپاني ماهرن جي راءِ آهي ته ”ڀئسائجي گروءَ“ جي مجسمي وارو پائدان، جپان ۾، ”شاهراهه ريشم“ جو هڪ علامتي نشان (Symbol) آهي. هن مجسمي تي برصغير جي گپتا دؤر (350ع- 650ع) واري مجسمه سازيءَ جا آثار ۽ اهڃاڻ نمايان نظر اچن ٿا. ان مان ائين چئي سگهجي ٿو ته برصغير جي مجمسه سازيءَ جو جپان تي به اثر ٿيو، جيڪو چين کان هت پهتو. +”توشودائجي“ (Toshodaiji) هڪ ٻيو پراڻو ۽ اهم مندر آهي، جيڪو پڻ ”نارا“ ۾ تعمير ٿيل آهي. هي مندر ان وقت تعمير ٿيو هو، جڏهن ”نارا“ جپان جو قديم تختگاهه هو. اها جاءِ جتي هي مندر تعمير ٿيل آهي سا هاڻ شهر کان ٻاهر ٿي لڳي، پر جنهن وقت هي مندر تعمير ٿيو هو، ان وقت هي، شهر جي وچ واري حصي ۾ هو. هي مندر ”شهنشاهه تيموءَ“ (Emeror Temmu) جي حڪومت جي زماني ۾، 759ع ۾ تعمير ٿيو هو. ”توشودائجي“ (Toshodaiji) مندر، ”ڪينشوريتسوجي“ (Kenshoritsuji) جي نالي سان مشهور آهي. اهو نالو انهيءَ ڪري پيو آهي جو جپان جو هي پهريون مندر هو جيڪو چين جي ”نانزان فرقي“ (Nanzan Sect) جي هڪ پرچاريءَ قائم ڪيو هو. اڃا تائين جپان جي ٻڌمت جي سکيا جي ”رتسو- شو“ (Ritsu-Shu) شاخ جو هي صدر مندر مڃيو ويندو آهي. اهو به چون ٿا ته هن مندر جي باني، ”ائبت گانجن“ (Abbot Ganjin)، جيڪو چين ۾ ”دائميوجي“ (Daimyoji) مندر جو وڏو پادري هو، تنهن کي جپان جي شهنشاهه ”شومو“ (Emperor Shomu) چين مان دعوت ڏيئي جپان گهرايو ته جيئ هو ٻڌمت جي جپان ۾سکيا ڏئي. ”گانجن“ (Ganjin) هن عظيم خدمت لاءِ ”شهنشاهه شوموءَ) جي دعوت قبول ڪري جپان پهتو، پر هت پهچڻ ۽ سمنڊ پار ڪرڻ ۾ هن کي ٻارهن سال لڳا؛ پنج دفعا ته ناڪمياب ٿيو ۽چون ٿا ته 754ع ڌاري ”نارا“ پهچندي هو پنهنجي اکين جو نور وڃائي چڪو هو. جپان پهچڻ کان پوءِ هن ”تودائجي“ (Todaiji) مندر وٽ، مهاتما ٻڌ جو هڪ وڏو مجسمو (بت) ٺهرايو، جتي هن ٻڌمت جي سکيا وقت جپان جي نه فقط مشهور ۽اعليٰ مرتب ۽ علميت رکندڙ فاضلن کي دعوت ڏيئي گهرايو پر خود ”شهنشاهه شومو“ به شرڪت ڪندو هو. چون ٿا ته جپان ۾ ٻڌمت ۽ ٻڌ ثقافت جي ڪاميابي ۽ ۡامرانيءَ لاءِ، گانجن جون خدمتون ايتريقدر ته اثر انداز ٿيون جو ملڪ ۾ هن (گانجن) جو مقام ۽ شمار اعليٰ ۾ اعليٰ منفرد عالمن ۽ فاضلن ۾ ٿئي ٿو. +حاصل مطلب ته ڇهين ۽ ستين صدي عيسويءَ ڌاري ٻڌ ڌرم برصغير ۾ واديءِ- سنڌ کان چين پهتو، جتان ڪوريا تائين پکڙيو، ۽ پوءِ ڪوريا کان جپان تائين ڦهليو. ٻڌ ڌرم لاءِ هن سڄي ڪاوش، پهچ ۽ پکيڙ ۾ شاهراهه ريشمي هڪ وڏي ۾ وڏي ۽ آسان وسيلي طور مدد ڪئي. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو ٻڌائڻ به مناسب آهي ته ٻڌمت جا هونئن ته ڪيترائي فرقا آهن، پر برصغير کان جيڪو فرقو پهرين چين پهتو، ۽ چين کان جپان تائين پکڙيو، سو هو ”مهايان پنٿ“ (Mahayan Sect). +بهرحال شاهراههِ ريشم نه فقط ٻڌ ڌرم جي پهچ ۽ پکيڙ لاءِ وسيلي بڻيو، پر هن شاهراهه ذريعي ثقافتي، تهذيبي، تمدني، تجارتي، مذهبي، معاشرتي ۽ سياسي سرگرمين کي به وڏي هٿي ملي. هن معلومات لاءِ گهڻي تحقيق ۽ محنت جي ضرورت آهي. +مددي ڪتاب +Encyclopaedia Brittannica, Roadway Development & History, 15: 894 c. +Ibid, Termini and Significance, 19: 174 h. +Ibid Byzrantine Dilomacy and Commerce 3: 553 d. +Dani A.H. Dr., Human Records on Karakorum Highway, Islamabad, 1983. +Some material was collected from Publicity literature available at the Temples when I visited Japan in October, 1987. +My report on “Japan” Published in November, 1987. +سنڌي ساهت جو هڪ لڪل ورق +جهمون رامچند ڇڳاڻي +(ڀوپال- ڀارت) +سترهين صديءَ جي سنت ڪوي مهامتي پراڻ ناٿ[1] جون 524 سنڌي چوپايون. +1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ساهت کي جيڪي ٻه وڏيون حاصلاتون مليون آهن، انهن مان هڪ اهي قاضي قادن جي ڪلام جي لڀجڻ (قاضي قادن جي وفات 1551ع ۾ ٿي)؛ تنهن کان به وڏي حاصلات آهي ”مها متي (وڏيءَ مت ۽ سمجهه وارو) پراڻ ناٿ جي گرنٿ، شري ڪُلجم سُروپ ۾ 524 سنڌي چوپاين جو ملڻ.“ +”مها متي پراڻ ناٿ“ جو اصلوڪو نالو مِهِرِ راڄ هو. سندس جنم 6- آڪٽوبر 1618ع جو جنم قاضي قادن جي وفات کان لڳ ڀڳ 66 سال پوءِ ٿيو. +مها متي پراڻ ناٿ ننڍي هوندي کان ئي هوشيار ۽پڙهڻ لکڻ ۾ چاهه رکندڙ ۽ مذهبي ويچارن وارو هو. پراڻ ناٿ جي مرشد جو نالو ديوچند هو. هيءُ صاحب (ديوچند) سنڌ جي آمر ڪوٽ[2] ۾ ڄائو هو، پر سچ جي کوج ۾ هيءُ درويش شهر شهر گهمندو اچي ڄام نگر[3] (گجرات) ۾ پهتو. اتي ٻالڪ مِهِرِ راڄ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ڇو جو هن ٻالڪ ۾ کين اها روحاني جوت ڏسڻ ۾ آئي، جنهنجي ڳولها ۾ هو نڪتا هئا. ديوچند، مِهِرِ راڄ کي سنساري ماڻهن جي دلين مان اڳيان روپي انڌڪار کي هٽائي کين ڌرم جي صحيح ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ديش- وديش ۾ موڪليو؛ ان دوران ڪجهه وقت هو عربستان ۾ به رهيا، ۽اتي عربي ٻولي سکي، قرآن شريف ۽ ٻين اسلامي گرنٿن جو چڱو اڀياس ڪيائون. مرشد شري ديوچند يج وفات کانپوءِ سموري ڪم جو بار مهر راج (مهامتي پراڻ ناٿ) تي اچي پيو. +جيتوڻيڪ مهامتي پراڻ ناٿ جي مادري ٻولي ته گجراتي هئي، پر پاڻ گجراتيءَ کانسواءِ هندي، سنڌي، فارسي، عربي ۽هندستاني به ڄاڻندو هو. هو ديو بندر کان پور بندر، مانڊوي نليا بندر واري رستي کان سنڌوءَ جي ڪناري تي وسيل ٺٽي نگر ۾ 165*9ع ڌاري آيو. اتي (ٺٽي ۾) هڪ برهمڻ، ناٿا جوشيءَ جي گهر ۾ ڏهه مهينا کن رهيو. اتي رهندي سندس سنگت شري لعل داس سان ٿي، جنهن سندس ٺٽي شهر ۾ رهڻ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”بيتڪ“ ۾ ڏنو آهي ۽لکيو اٿس ته پاڻ ٺٽي شهر ۾ ڪهڙن ڪهڙن سنڌين سان گڏيا ۽ انهن کي پنهنجن ويچارن کان آگاهه ڪيائون. +مهامتي پراڻ ناٿ جيڪو پنٿ هلايو، تنهن کي ”پرنامي يا ست پرنامي“ چوندا آهن. اهو هڪ ”آدار وادي“ پنٿ آهي، جيڪو اسلام ۽ هندو مت ۾ جيڪي چڱايون آهن، انهن کي ملائڻ ٿو چاهي. +مهامتي پراڻ ناٿ جي وائي ”ڪلجم سروپ“ نالي گرنٿ (جنهن کي پنٿ جا مڃيندڙ تارتم ساگر به چوندا آهن) ۾ قلمبند ڪيل آهي، جنهن ۾ 18785ع چوپايون ۽ هيٺين نالن وارا ڀاڱا آهن: +(1) راس، (2) پرڪاش، (3) شٽ رِتُو، (4) ڪلش، (5) سننڌ، (6) ڪيرتن، (7) خلاما، (8) خِلِوت، (9) پريڪرما، (10)ساگر، (11) سينگار، (12) سنڌي گرنٿ، (13) معرفت ساگر ۽ (14) قيامت ناما. +سنڌي گرنٿ بابت: +هن مقالي ۾ سنڌي گرنٿ جي باري ۾ ويچار ظاهر ڪيا ويا آهن. +سنڌي ڀوميءَ جي ٻوليءَ ۾ لکيل هئڻ جي ڪري هن گرنٿ کي سنڌي گرنٿ چيو ويو آهي. ٻوليءَ جي ڄاڻن کي خبر هوندي ته سنڌيءَ جون وري ڪي اُپ- ڀاشائون (Dialects) به آهن. ٿر جي پاسي ٿري ڳالهائبي آهي. ٿر ۾ راجسٿانيءَ جو جيڪو لهجو ڳالهائبو آهي، تنهن کي ڍاٽڪي چئبو آهي، جيڪا، سنڌ جا سئنڌوَ راجپوت، جن کي سوڍا به چئبو آهي، ڳالهائيندا آهن. هن گرنٿ ۾ ڪي اهڙا لفظ به ڪم آندل آهن، جيڪي ڪڇ ڀڄ (گجرات) جي پاسي رهندڙ جت قوم ۽ انهن کانسواءِ ڪي ڪڇي پڻ ڳالهائيندا آهن. هن گرنٿ جي ٻولي سولي ۽ ڀاو ڀريل اهي. هيءُ گرنٿ وري 13 ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڪِنِ کي ڇڏي باقي پرڪرڻن جو سِرو گرنٿ ۾ ڏنل آهي. پهرئين پرڪرڻ جو ڪو به سرو ڪو نه آهي. هن پرڪرڻ ۾ 57 چوپايون آهن. اسين پنهنجيءَ سهوليت جي لحا ظ کان ان کي ”ستا اٿي جاڳ“ سرو ڏيئي سگهون ٿا. مهامتي پراڻ ناٿ هن گرنٿ ۾ کيل جو ورتانت، وينتي، فرياد، نياءُ، منهنجو گناهه وغيره اُپسرگن هيٺ 524 چوپايون چيون آهن. انهن جو تاتپرج ايترو ئي آهي ته آتما پرماتما کان وڇڙيل حالت ۾ ويهي ورلاپ ڪيا آهن. ان کي ڪٿي پنهنجي پريم کي پورڻ سڏيندي پرڀوءَ جي آگيا لاءِ پاڻ کي ترسيل رکيو اٿس، ته ڪٿي ڏوراپا به ڏنا اٿس. باقي پرماتما سان ملي هڪ ٿي وڃڻ سندس لاءِ ڏکي ڳالهه ڪو نه آهي. مطلب ته هنن چوپاين ۾ ڪڏهن وينتي ڪندي پرڀوءَ کي فرياد ٻڌائي نياءُ ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو اٿس، ته ڪٿي پنهنجو قصور قبول ڪندي پنهنجو ڏوهه گناهه معاف ڪرڻ لاءِ پرڀوءَ در پرارٿنائون ڪيون اٿس. مطلب ته ٿوري ڪوشش ڪرڻ سان سڀني چُوپاين جوارٿ سولائيءَ سان مجهه ۾ اچي ٿو وڃي. ائين کڻي چئجي ته سڄو گرنٿ لطافت سان ٽمٽار آهي. انهيءَ ۾ جيتري اونهي ٽُٻي ڏبي اوترائي ملهائتا موتي ملندا، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اِها آهي ته هن گرنٿ جي کوج، ۽ وري کوج کان پوءِ سنڌي ساهتيه پريمين تائين آڻيندي، سنڌي ساهتيه جي اوائلي سنڌي ساهت جي ڀنڊار جي لڪل ورق کي روشنيءَ جو تِرورو ڏيارڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ وڏي حاصلات آهي. +مهامِتي پراڻ ناٿ جهڙيون شخصيتون ته سڄي عالم جي ملڪيت آهن. اِها ئي ڳالهه ڌيان ۾ رکي، سرحد جي هُنَ ڀر (پاڪستان) ۾ جيڪي سنڌي عالم ۽ فاضل آهن انهن اڳيان هن ليک سان گڏ جيڪي 524 چُوپايون آهن، جيڪي وري تيرهن بابن ۾ ورهايل آهن، انهيءَ هر هڪ باب مان پهريون ٽي چوپايون، جهڙي روپ ۾ ديوناگري هندي (رسم الخط) ۾ مليون آهن، انهن جي اهائي مُولڪتا برقرار رکندي، عربي سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ جي، قربن ۽ نيازن مان هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي اٿم. اِنهيءَ آس ۽ اميد سان ته ساهت جي لڪل ورق کي مڪمل روپ، پهرين سنڌي عالمن تائين پهچايان، جيئن هو صاحب پنهنجن راين کان واقف ڪن ۽ ڪي سهڻيون صلاحون ڏين جيئن اِهو اڌورو ۽ آپورو ڪم، پورو ٿئي. +دوست هيري ٺڪر جڏهن قاضي قادن جي 112 بيتن کي سوڌي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو تڏهن سدا حيات پروفيسر رام پنجواڻيءَ کيس دعائون ڪندي لکيو هو ته علامه دائودپوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر لال سنگ اجواڻي، دين محمد وفائي، ڄيٺمل پرسرام جهڙا علم دوست زنده هجن ها ته هو خوشيءَ مان جهومي اٿن ها. اڳتي هلا لکيو اٿن ته سنڌ ۾ جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خانبلوچ، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر الانا ۽ ٻيا اديب ۽ کوجنيڪ اِهو سماچار سڻندا، تڏهن فخر سان گڏ حيرت به کائيندا. +مون کي قوي اميد آهي ته ساڳي خوشي سنڌ ۽ هند جي عالمن ۽ فاضلن کي مهامتي پراڻ ناٿ جي چُوپاين مان به ملندي. +مهامتي پراڻ ناٿ جي سنڌي گرنٿ جي هرباب جون پهريون تي چوپايون. +پهرئين باب جون پهريون ٽي چوپايون: +آخر ويرا اُٿڻ جي، آئين روحين ڇڏيجا راند +اُٿي وچ عرش جي، ڪوڏ ڪري مِلون ڪانڌ [1] +ڌڻي موهجي روح جا، هاڻي چُئان ڪيئن ڪري +روح ڪي (کي) ڏِنيو پرڏيهڙو، چئو سو دل ڌري[2] +عِشق ڏني تون، توري عشق نه اچي +گهڻي ڪريان آئون، ڪُوڙ نه آڏي ري سچي[3] +باب ٻيون: هن باب ۾ ڪل 18 چوپايون آهن، پر هن باب جو ڪو به سرو نه آهي. ٻئين باب جون پهريون ٽي چوپايون: +ري پريئم هٿ توهجڙي حال +آئيڙي ويران اٿڻ، هاڻي پسان نور جمال [1] +اَرواحين جا هن عرش جي، ڪيِن (ڪيئن) ڇڏي خِلوتَ حُق +جا ڏيکارئي روح کي، تي ۾ ذرو نه شڪُ [2] +هن عرش جي باغ ۾، آيون مُنديون مينهن +هن ويران اسان کي، جُديون رکيون ڪِنهن[3] +باب ٽيون: هن باب ۾ ڪل 31 چوپايون آهن ۽ هن باب جو به ڪو سرو نه ڏنل آهي. +ري پريئم منگان سو لاڏ ڪري +ايهڙِي ڪِجِ ڪا مُندسي، کلندڙي لڳان ڳري [1] +تو مُڪي (مون کي) چيئو تون موُهجي، هيڏي ڪري نسبت +ڌڻي مُوهجي ڌام جا، آئون هاڻي ڪو هِنَ ڀت [2] +ايهيڙو سنگُ ڪري مُوهه سي، اچي ڏنئي سانجائي (ساڃاءِ) +علم ڏني بيشڪ جو، ته آئون ڪو ويٺس هي پائي [3] +باب چوٿون: هن باب ۾ 23 چوپايون آهن ۽ هن باب جو به ڪو سرو نه ڏنل آهي. +ري پريئم منگان سو لاڏ ڪري +هيڏي ڪِجِ ڪا مُندسي لکندڙي لڳان ڳري [1] +جڳائئي علم سي، وچ سوڻي وِهاري +ندرڙي (ننڊڙي) آئي جا حڪمين، جاڳان ڪيئن ڪري[2] +هي انگڙا سڀ سوڻيجا، اصل ڪُوڙا جي +زور ڪرئان گهڻي پري، ته ڪي نه پڄي توکي. [3] +باب پنجون: هن باب جو سرو آهي ”شري ديوچند جي ميلاب جوپرسنگ.“ هن باب ۾ 64 چوپايون آهن. +سانگا ئي ٿيندم ڌام سنگ جي، تڏي گهُرندس لاڏ ڪري +دم نه ڇڏئان توهه ڪي (کي) لڳِي رهان ڳري. [1] +جاسين سنگُ نه سانگائي، ته روح ڪيهڙي سانجائي (ساڃاءِ) +هي ڳالهيون ٿئن سڀ مٿيون ڪيِن لاڏ ڪري گهُرائي. [2] +هي سڀ سانجايون (ساڃايون) تو هٿ، لاڏ سانگائي يا سنگ +قول قيل يا حال جو، تو هٿ ۾ نوَ انگ آهن. [3] +باب ڇهون: روحن جو فعل حال- هن باب ۾ 52 چوپايون آهن. +ڌڻي موهجي روح جا، ڳالهه ڪرئان ڪوڏ ڪري +آئينِ (آهن) اميدون لاڏ جيِون، اَچي ڪرئان ڳري. [1] +روحين وِهاري راند ۾، پاڻ ويٺا پرڏيهه +سُڌ نِهائي ڪي روح ڪي (کي) رانت نه اچي ڇيهه. [2] +اسان مٿي آئيو، پرئن (پِرين) جوفرمان +موڪيو آن رسول کي ڏئن (ڏين) روح ڄاڻ. [3] +باب ستون: جڳهڙي چوپر ڪرڻ. هن باب ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 96 چوپايون آهن. +ولها جي آءٌ توڪي (کي) ولهي، ڳنين بٺي تري قدم +هي مون ڏني ساهيدي (شاهدي)، تون مون ري رهي نه دم. [1] +آرٿ: هي، منهنجا پيارا ڌڻي! مان توهان کي ڏاڍو پيار ٿي ڪريان، ڇو جو توهان مون کي پنهنجي چرنن (قدمن) ۾ ويهاري ويٺا آهيو. منهنجيءَ دل اها پوري گواهي ڏني آهي ته توهان مون کانسواءِ هڪ پل به الڳ نٿا رهي سگهو. +ڏني ٻي ساهيدي (شاهدي) علِم، تريِ (ٽيِن) توهجي +عِسِق (عشق) +چؤٿي ساهيدي (شاهدي) رسول،ٻيون ڪَئِي ساهيديون +(شاهديون) حق. [2] +اَرٿ: ٻين گواهي توهان جي علم ڏني ۽ توهان جي عشق ٽين گواهي ڏني. رسول پاڪ صه چوٿين گواهي ڏني ۽ ٻيون به ڪيتريون شاهديون ويدن پُراڻن، شاسترن وغيره ذريعي مليون. +توهِجي علمين مون ڪي (کي) اِين چيو، هي راند +ڪيئي آن ڪارڻ +لاڏ ڪوڏ آسا (آشيا) اميدون سي سڀيئي پارڻ [3] +اَرٿ: مون کي توهان جي علم هن ريت چيو آهي ته هيءُ کيل اسان جي لاءِ، اسان جي لاڏ، اسان جي خوشيءَ، آشائن ۽ اميدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ئي ڪيو آهي. +باب اٺون: باب ظاهر ٿيڻ جا- هن باب ۾ 42 چوپايون آهن. +روح الله ڏنيون نسانيون (نشانيون)، جي لِکيون +مئي فرمان +سي سڀ ملائي داخلا، ڪري ڏنائون پيهيچان. [1] +اَرٿ: روح الله (مهامتي پراڻ ناٿ جي گُرو مرشد ڌڻي ديوچند) نشانيون ڏيئي پرم ڌام جي واقفيت ڪرائي آهي، جيڪي قرآن ۽ ويدن پراڻن ۾ لکيل آهن. انهن سڀني ڳالهين جون ظاهري ٿابتيون ڏيئي مون (مهامتي پراڻ ناٿ) ڄاڻ ڪرائي آهي. +نه تان ڪير راند ڪيڙي آئي، هي روحين ڪو ڄاڻي +ڏئڻ اسان ڪي (کي) سُکڙا، تو اَپائڻي پانڻي +(پاڻيهي). [2] +اَرٿ: نه ته ڪهڙو کيل آحي؟ ڪهڙي راند آهي؟ روحن کي ڪهڙي خبر؟ اسان روحن کي سک ڏيڻ لاءِ ئي توهان اسان جي اندر اَپايو آهي (يعني ويدن پراڻن ۽ قرآن ۾ ڇا لکيل آهي، انهن جون ثابتيون ڏسڻ لاءِ تارتم منتر ڏِنُوَ). انهيءَ سان مون ڄاڻ ڪئي. اهڙي وينتي شري مهامتي پراڻ ناٿ خدا سان ڪري ٿو. +نه ڪِي ڄاڻون راند ڪي (کي) اَن دِل اَپائي پاڻ +ڏئڻ اسان ڪي (کي) سُکڙا، هي دل ۾ آئيم ڄاڻ. [3] +اَرٿ: اسان کي خبر نه هئي ته سنسار جو کيل ڪيئن آهي! هاڻي اها ڳالهه اسان جي دل ۾ پيدا ڪئي آهي. اسان روحن کي سک ڏيڻ لاءِ توهان انهيءَ ڳالهه جي ڄاڻ اسان جي دلين ۾ ڪرائي آهي. +باب نائون: مارڪنڊ جو درشٽانت- هن باب ۾ 54 چوپايون آهن. +چئِي سندر ٻائي اسان ڪي (کي)، مارڪنڊ جي حقيقت +اِين در ٿي آن (اوهان) ڪي (کي) کولئان، آنجي +(اوهان جي) پڻ اِين بيتڪ. [1] +اَرٿ: شري ڌڻي ديوچند (سندرٻائي يعني مهامتي پراڻ ناٿ جو گرو- مرشد) اسان سان مارڪنڊييه رِشيءَ جي حقيقت ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح توهان جو دروازو کوليو اٿس. +هن در مان(مثال ڏيئي) ٿي ڪري توهان کي سمجهايان ٿي. توهان جي به اهائي بيتڪ آهي. +نمونو مارڪنڊ جو چيو سندر ٻائي ڀلي ڀت +سڪديو (سُکديو) آندو آن ڪارڻ، هي جي پسو +ٿا هت. [2] +اَرٿ: جيڪو مارڪنڊ رِشيءَ جودرشٽانت آهي، اُهو شري سندر ٻائيءَ (گرو يعني مرشد ديوچند) چڱيءَ طرح چيو. هيءُ جيڪي ڏسو ٿا اُهو شري سُکديو مُنيءُ پنهنجي لاءِ آندو آهي. +جيڪي ڪي گذريو مارڪنڊ ڪي (کي) وِچ جِمين +(زمين) هن اَڀ +سي ڳُجهه دل جو نِدر (ننڊ) ۾، ڏٺو نارايڻ جي سڀ. [3] +اَرٿ: جيڪي ڪجهه مارڪنڊييه جي مٿان ٿي گذريو ۽ مايا ۾ جيڪي تڪليفون هن زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ سٺائين، اهي دل جي ڳجهه نارايڻ جيءَ سڀ ننڊ ۾ ڏٺا. +باب ڏهون: عاشق جا گناهه- هن باب ۾ 33 چوپايون آهن. +سُڻو روحين عرش جي، جا پاڻ ۾ بيتِي آئي +جيهڙي لٽِي پاڻ ڪيئي ايهيڙي ڪري نه ٻي ڪانئي. [1] +اَرٿ: هي پرم ڌام (عرش عظيم) جون سکيون (حورون) مان توهان کي جيڪو چوان ٿي اهو ڌيان ڏيئي ٻڌو، جيڪو اسان تي ٿي گذريو آهي. اسان جهڙي اُلٽي ڳالهه ڪئي آهي، سا شل ٻي ڪا نه ڪري. +چُئان تيهجو (تنهنجو) بيوَر، سُڻجا ڪن ڏيئي +ڏٺم جي صحور (شعور) سي، صحور (شعور) آئين پڻ ڪريجا سيئي. [2] +اَرٿ: مان اُن جو بيوَرو (احوال- ورتانت) ۽ حقيقي حالت چوان ٿي سا ڪن ڏيئي ٻڌو. مون ويچار (شعور) ڪري ڏٺو آهي سو توهان به ڏسي صحور (شعور) ڪريو. +پوئي جا دل اَچي پانهنجي، پاڻ ڪريون سيئي +ڀؤلي روئي تيحقيق، هٿڙا مٿي ڏيئي. [3] +باب يارهون: هن باب جو ڪو سرو ڪو نه آهي- هن باب ۾ 23 چوپايون آهن. +لکي ڀتي نِهاريم خودي وڃين نه ڪيئن ڪيئي +هي مؤرمنجهان ڪيِن نڪري، جا ڪانڌي ڏيکاري پيئي. [1] +جي گهُران عشق ته هِتِ پڻ پسان پاڻ +هي پڻ خودي ڏٺم، جڏي ٿئيم حق پيهيچان. [2] +حق پيهيچان ڪي ڪي ٿيئي، هِت ٻِئو نه ڪو ئي آئي +جي ڪڍي باريڪيون خوديون، ڏي ٿو حق سانجائي (ساڃاءِ).[3] +باب ٻارهون: هن باب ۾ 20 چوپايون آهن ۽ هن باب جو ڪو به سرو ڪو نه آهي. +تاڙو ڪُنجي نه در اُپٽڻ، سمجهائي ڏني سڀ تو +بِٺا آيو (آهيو) مون دل ۾، جِين ڄاڻو تين گڏجو. [1] +اَرٿ: ڪو تالو (ڪُلِف) ڪو در ڪنهن ڪنجيءَ سان کولڻو نه آهي. اِهو توهان سڀ سمجهائي ڇڏيو آهي، پنهنجي علم سان. توهان منهنجيءَ دل ۾ ويٺا آهيو. هاڻي جيئن ڄاڻو تيئن مِلو. +سيهيرڳ (شاهه رڳ) سي اوڏڙو، آڏو پَٽ نه دُئار +اُگهاڙئي آنک سمجهه جي، ڏسندي نه ڏسي ڀرتار. [2] +اَرٿ: صحور (شعور) سان ويچار ڪري ڏٺم ته هي ڌڻي! توهان شاهه رڳ (دل جي) اندر رت کڻي ويندڙ ناري (نبض) کان به منهنجي وڌيڪ ويجهو آهيو ۽ آڏو ڪو به پردو نه آهي ۽ نه وري ڪو دروازو آهي. سمجهه جي اک کولي ڇڏي اٿو. پر هي منهنجا مالڪ (منهنجا ڀتار)! مان اوهان کي ڏسندي به، نٿي ڏسي سگهان. +حڪم علم کيل هڪڙو، ٻئو ڪوئي نه ڪِتئين +(ڪٿهين) دم +هِت روح نه ڪو ئي روحن جي، جي ڪي ٿيئو سو +سڀ حڪم. [3] +اَرٿ: حڪم، عِلم ۽ کيل سڀ هڪ ئي آهن. ٻيو ڪو ڪٿي به هڪ پل لاءِ به نه آهي. هِتِ روحن جي ڪا به روحِ نه آئي آهي. جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، سڀ حڪم سان ٿيو آهي. +باب تيرهون ۽ آخري باب - هن باب جو سرو آهي حق، هادي روحون (روحن) جي صفت. هن باب ۾ يارهن چوپايون آهن. +ڪانڌ روحن ڀائيان صِفت ڪريان +توهِجي هِتِ ٿئي نه صِفتِ ڪئين ڪيئي +سي نهاريم جڏي بيورو ڪري، آنئون اُرجهي تي ۾ رهي. [1] +هي دل جي ڳالهه ڪي سي (ڪنهن سي) ڪريان، +روح جِي تون ڄاڻين +ڪُڇڻ ڀيڻي لاٿئي، ڪانڌ چئو سي چُئان هاڻين (هاڻي). [2] +اُتائئان عالم ۾ مون جيڏي ڪيئي نه ڪانئي +اَجان (اَڃا) ترسي مون جندُئو، هي ڪيهِي پر توهِجي آئي. [3] +هيءَ هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي اٿم. هن ۾ ٻولي جيئن جو تيئن رکي اٿم، البت ڪٿي ڪٿي ڏنگين ۾ هاڻوڪي پڙهڻي به ڏني اٿم. اميد اٿم ته هند ۽ سنڌ جا عالم ۽ اديب پنهنجي راءِ کان واقف ڪندا. +]نوٽ: حاشئي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مهامتي پراڻ ناٿ جي ڪلام تي ڪيل تحقيق طرف اشارو ڏنو ويو آهي. هن مقالي کي ان مواد سان به ڀيٽڻ گهرجي. الانا[ +[1] مهر راج پراڻ ناٿ جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ جي ٻيءَ اشاعت (1980ع) ۾ صفحي 265 کان 270 تائين محققانه نظر وڌي آهي. (الانا) +[2] سنڌ جي تاريخن ۾ امرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ ٻئي لفظ لکيا ويا آهن. +[3] ڄام نگر، گجرات جي ڪاٺياواڙ واري خطي ۾ آهي. هن ڪڇي ٻولي (ڪاٺياواڙي لهجو) ڳالهائي ويندي آهي. ڄام نگر ورهين جا ورهيه سنڌ جي سما سردارن جي تسلط هيٺ رهيو. ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيءَ ۾ گهڻي تفصيل سان هن حقيقت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. (الانا) + + +سيوهڻ شهر ۾ قضيه ڪربلا جي ياد +تاج صحرائي +سيوهڻ شهر جي خصوصيت: +مان اڄ به پنهنجيءَ ان راءِ تي قائم آهيان ته هي شهر دنيا جي قديم ترين زنده شهرن مان هڪ آهي. جنهن شهر جا مختلف دورن ۾ مختلف تاريخويسن، مختلف نالا رکيا آهن، جيڪي منهنجي ڳڻڻ ۽ تاريخ جي ڪتابن مان ڳولي لهڻ ۾ چوڏهن کان به مٿي ٿين ٿا. تاريخ نويسن ۾ هندستاني، ايراني، يوناني، چيني، عرب، انگريز، پاڪستاني ۽ ٻيا شامل آهن. اهو شهر جنهن جي ڀرپاسي ۾ غارن ۾ رهڻ وارن انسانن جا آثار ملن ٿا. جيڪو شهر منڇر ڍنڍ ۽ اڙل درياهه واري دوابي جي ڪنڍين تي آباد هجي؛ جيڪو شهر قديم شاهراهن مان هڪ مکيه ’سلڪ ۽ پيش‘ واٽ تي ٻڌل هجي. جنهن شهر کي هڪ جنگي گهاٽ سبب وڏي فوجي اهميت هجي؛ جنهن شهر ۾ هڪ وڏي ڪوٽ يا قلعي جا ڦٽل نشان به ملندا هجن ۽ جنهن شهر کي دنيا جي مشهور زمانه فاتحن ۽ شهنشاهن فتح ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي چڙهايون ڪيون هجن ۽ جيڪو شهر تاريخ جي مختلف ايامن ۾ مختلف عقيدن وارن جي عبادتگاهن ۽ زيارتن سبب بين الاقوامي حيثيت رکندڙ هجي؛ لازمي آهي ته اهڙي شهر کي شادين ۽ غمين، عيدن ۽ براتن، ڏڻن ۽ تهوارن جي ملهائڻ جون ڪي خاص خصوصيتون هونديون. +سيوهڻ شهر ۾ حضرت شيخ عثمان قلندر شهباز رحه جي ميلي جون جيئن ڪي خاص رسمون ملهايون ۽ ادا ڪيون وينديون آهن، جهڙوڪ: صبح جو ڌمال، شام جو ميندي ۽ رات جو نوبت ۽ شادمانو، لعل ڪنوار ۽ نيکيٽي، تيئن هن شهر ۾ عاشورن ۽ محرم جون رسمون به مختلف نمونن ۽ صورتن سان نڀايون وينديون آهن. مثال طور: ڏونڪو مٽائڻ، علم چاڙهڻ، خزوريون کڻڻ، منتا پڙهڻ، نوح خواني، سلامي، لولي، تابوتن، ذوالجناح جا سينگار، گجگاهه، گهڙيال، ماتمي جلوس، اوسر، ڌاڳا وٽائڻ وغيره وغيره. اهي سڀ رسمون حد درجي احترام ۽ عقيدت سان، نياز ۽ نئڙت سان، نمناڪ اکين ۽ ڳاڙهن بازن سان، خون ٻڏل ڪپڙن سان، زنجيرن ۽ چاڪن جي ماتم سان، روڄ راري، اونڌن کٽن ۽ کٽولن سان، تابوتن، پينگهن، سيجن ۽ گهوڙن (ذوالجناح) سان، نذر ۽ نيازن سان نڀايون وينديون آهن. انهن رسمن ۾ هندو ۽ مسلمان، شيعا ۽ سني، امير ۽ غريب، سيد ۽ فقير، مرد ۽ عورتون، ٻڍا ۽ ٻار سڀ حصو وٺندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيندا آهن. سيوهڻ شهر ۾ محرم جا پهريان ڏهه ڏينهن فقط ماتمي ڏينهن سمجهڻ گهرجن. +سيوهڻ جي شهر ۾ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اها چوڻي آهي ته ”نائين حج، ڏهين عيد، يارنهين يا حسين“. سيوهاڻين جا گهڻا ماڻهو عيد کائي، عاشورن جي تيارين ۾ لڳندا آهن. امام بارگاهون ۽ مجلسن جون جڳهيون صاف ڪيون وينديون ۽ ضروري مرمتون به ڪرايون وينديون. غلافن، لونگين، گهوڙن يج سنجن، نقارن، تابوتن وغيره جي صفائي وڏي اهتمام ۽ احترام سان ڪئي ويندي. علمن کي رنگ روغن ڪيو ويندو ۽ نئين بيرقن جي سلائي ٿيندي. تابوتن جي رکڻ وارين جاين يعني پڙهن جي نئين سر ڪهگل ٿيندي ۽ چن جون پوچيون اينديون. پير پوٽن، ڪربلا، تجر ۾ ڪن خاص جڳهين جي مرامت ٿيندي. سيد ثابت علي شاهه مرحوم جي مقبري ۽ مزار جي سارسنڀال ۽ مرامت جو ڪم لڪياري سيد جي بلي آهي. ساڳيءَ طرح مخدوم سيد مير ڪلان جي مزار جي سنڀال ۽ مرامت سبزواري سيدن کي ڪرڻ گهرجي، جيڪا مزار ڊهندي ٿي وڃي. +ڏونڪو مٽائڻ: +مون کي ٻڌايو ويو ته سيوهڻ شهر جا مڱڻهار عيد نماز کان پوءِ، قلندر شهباز جي درگاهه يج پراڻي علم هيٺان، مڙي گڏ ٿيندا ۽ دهل ۽ شرناءِ تي پهرين ماتمي ڌن، پوءِ سر ڪيڏاري مان ڪا ڌن وڄائيندا آهن. ان کي ڏونڪو مٽائڻ واري رسم سڏيو ويندو آهي ۽ وڄت کي سواري. ذوالحج مهيني جي ويهين تاريخ واري رات جو قلندر جي درگاهه ۾ نوبت جو ڏونڪو بدلائي ماتمي ۽ سرڪيڏاري جي ڌنن ۾ نقارن کي وڄايو ويندو آهي. ماتم جي وڄت جي هڪ ڌن ”ڍانڍ“ به آهي. تابوت يا گهوڙا جڏهن شهر مان نڪري پير پوٽن يا ڪربلا ڏانهن وڌندا، تڏهن اها ڌن زور شور سان وڄائي ويندي آهي. ان ڌن ۾ هڪ عجيب قسم جو اثر آهي جو ماتمي بي خود ٿي زورشور سان يا حسين يا حسين جي آوازن ۾ سِر ۽ سينو پٽيندا آهن. مون ته ڪن ماڻهن کي مٿي ۾ واري وجهندي به ڏٺو آهي ۽ ماڻهن يا ماتمين جي اڪثريت زارو قطار روئندي روئندي هلندي رهندي آهي. ان مهل هڪ غمناڪ م��حول، فضا ۽ سمو نظر ايندو آهي ۽ تصور ۾ ڪربلا جو منظر ڏسبو آهي. سواري ۽ ڍانڍ جي وڄتن ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي. +علم ۽ خزوريون: +ذوالحج مهيني جي 28- تاريخ شام جو چئين وڳي شهباز قلندر جي خاص رفيق بودلي بهار جي مقبري ۾ علم چاڙهڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. وري 29- تاريخ صبح جو اٺين وڳي ڪربلا ۾ سيد ثابت علي شاهه جي روضي وارو علم، زوار محمد جمن طرفان ڍانڍ سان چاڙهيو ويندو آهي. ساڳيءَ تاريخ تي شام جو حسيني امام بارگاهه سيد گل محمد شاهه يا لڪياري سيدن طرفان هڪ وڏو جلوس دهل، شرناءِ، ڀير، نقاري ۽ گهڙيال سان نڪرندو آهي. ان جلوس سان گڏ هڪ سيد لعل شهباز جي علم جو بيرق کڻي ايندو آهي ۽ مقرر ڪيل ناکئي يا ان جي وارث جي حوالي ڪندو آهي. اهو ناکئو حضرت سيد عثمان قلندر جي درگاهه جي اوڀر ۾، کلئي ميدان ۾ نصب ڪيل پراڻي وڏي علم تي چڙهي بيرق بدلائيندو آهي. ان کانپوءِ ساڳئي ماتمي جلوس سان، شهباز جي درگاهه جي ڏکڻ ۾ سوني دروازي ڀرسان، نئين علم تي به بيرق چاڙهي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح محرم مهيني جي پهرين تاريخ صبح جو اٺين وڳي لعل باغ ۾، ۽ ڏهين وڳي يڪ ٿنڀي تي، تاريخ ٻي صبح جو نوين وڳي ڪافي گلاب شاهه ۽ امير حيدر شاهه ۾، تاريخ چوٿين صبح جو اٺين وڳي جمن جتي ۾، ۽ شام جو پنجين وڳي ڪافي اوالدي اميد ۾، تاريخ چوٿين صبح جو اٺين وڳي ڪافي روشن علي شاهه ۾، تاريخ ڇهين ڪافي ڪچهري ۾ صبح جو ڏهين وڳي، تاريخ نائين شام جو ڇهين وڳي زوار جلال جو، ۽ تاريخ ڏهين صبح جو ائين وڳي صدرالدين بادشاهه جي مقام ۾ علم چاڙهيا ويندا آهن. +علم چاڙهڻ جي هڪ ٻي رسم کي خزوريون سڏيندا آهن. محرم مهيني جي ٻي تاريخ شام جو پنجين وڳي سيد صادق علي شاهه يا سبزواري سيدن جي پڙ تان هڪ بيرق کڄندي ۽ رمضان فقير جي روضي اڳيان علم تي چاڙهي ويندي. وري محرم مهيني جي چوٿين تاريخ شام جو پنجين وڳي سخي سلطان جون خزوريون ٿينديون آهن. سڀني جڳهين تي علم چاڙهڻ کانپوءِ، علم جي چوگرد بازن جو ماتم يا پٽ ڪئي ويندي آهي. آخر ۾ دعا گهري، نذر نياز ورهايو ويندو آهي. ان نياز ۾ فقط ڇولا، چؤنرا ۽ مٽر رڌي ورهايا ويندا آهن. انهن سڀني علمن ۾ وڌيڪ اهميت ۽ خصوصيت ’لال جي علم‘ کي مليل آهي. پِٽ ۾ فقط يا حسين يا حسين جا ماتمي لفظ ورجايا ويندا آهن. +مجلسون: +سيوهڻ شهر ۾ امام سڳورن جي ياد ۾ اٽڪل ارڙهن- ويهه مجلسون پڙهيون وينديون آهن. انهن مجلسن ۾ حضرت آدم ۽ حضرت علي رضه کان وڍي حضرت امام حسين رضه جي شهادت تائين تاريخي واقعا بيان ڪيا ويندا آهن. امامن ۽ حضرت حر جي بلند ڪردار، صاف گوئي، سچائي، بهادري، سخاوت، جرئت وغيره جهڙن اوصافن، اصولن ۽ اخلاقي قدرن تي روشني وڌي ويندي آهي. انهن مجلسن ۾ پاڪستان جي جدا جدا پرڳڻن مان ذاڪر گهرايا ويندا آهن، جيڪي اهي مجلسون پڙهندا آهن. ڪن مجلسن ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي کان مستورات لاءِ انتظام ڪيو ويندو آهي. مجلس ۾ هر ڪنهن ماڻهو کي اچڻ جي اجازت هوندي آهي. گهڻو ڪري سڀ ماڻهو مٿي اگهاڙا وهندا آهن. ذاڪرن جي بيان کي يا کڻي چئجي ته مجلس کي نهايت ئي صبر ۽ تحمل سان وقتي وقتي روئيندي، نعره حيدري، يا حسين پڪاريندي ٻڌو ويندو آهي. +مجلسون پهرين تاريخ کان وٺي ڇهين تاريخ تائين پڙهيون وينديون آهن. صبح واريون مجلسون اٽڪل يارنهين وڳي کان وٺي منجهند جو هڪ- ٻي وڳي تائين، لڪياري سيدن جي حسيني امام بارگاهه ۾، ۽ شام واريون مجلسون ٽين وڳي کان وٺي پنجين وڳي تائين سيد صادق علي شاهه سبزواري جي اوطاق ۾ پڙهيون وينديون آهن. انهن مجلسن کان سواءِ ڪي اضافي مجلسون به پڙهيون وينديون آهن. هڪ مجلس اڻٽيهه تاريخ ذوالحج مهيني جي رات جو اٺين وڳي کان يارهين وڳي تائين، انجمنِ سپاههِ عباس طرفان، حضرت شهباز قلندر جي قديم علم هيٺان، ٻي مجلس محرم مهيني جي تاريخ پنجين رات جو اٺين وڳي کان ڏهين تائين درگاهه جي رستي تي واقع سيد انور علي شاهه سبزواري جي اوطاق تي انجمن سپاههِ علي اصغر طرفان، ۽ ٽين مجلس ساڳي تاريخ جي ڏينهن جو ڏهين کان ٻارهين وڳي تائين، شيخ محلي ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد راجپوت طرفان سندس جاءِ ۾، پڙهيون وينديون آهن. سورهين خاص مجلس ستين جي رات جو عدل درياهه، شاهه ابدال جي ڪافي ۾ پڙهي ويندي آهي. اها مجلس اٽڪل چار ڪلاڪ هلندي آهي. ان جو وقت آهي رات ڏهين وڳي کان وڍي صبح جو ٻي وڳي تائين. ان مجلس ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ مشهور ذاڪر گهرايا ويندا آهن. سترهين مجلس نائين جي رات جو حسيني امام بارگاهه ۾ سيج ۽ ميندي جي کڄي اچڻ کانپوءِ پڙهي ويندي آهي. هيءَ مجلس وڏي روڄ راڙي واري مجلس ٿيندي آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورتون شامل ٿينديون آهن. هن مجلس جي پڄاڻي کان پوءِ نياز ۾ خاص قسم جي ڪٽي ورهائي ويندي آهي، جيڪا صبح جو اٽڪل چئين- پنجين وڃي ختم ٿيندي آهي. پوئين مجلس نائين تاريخ صبح جو نائين وڳي فداحسين انڙ جي جاءِ تي پڙهي ويندي آهي. اها مجلس هڪ وڳي منجهند جو ختم ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح ڪل اٽڪل ارڙهن. ويهه کن مجلسون پڙهيون وينديون آهن. +هر ڪنهن مجلس جي پڄاڻيءَ کانپوءِ نذر نياز پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري قورمون، چاشني ۽ شربت شامل هوندا آهن. نياز جي ماني جو اهتمام لڪياري سادات طرفان علي نواز علوي، سيد الهه بخش شاهه،سيد محرم شاهه، زوار غلام رضا انصاري ۽ پير محمد علوي ڪندا آهن ۽ سبزواري سيدن پاران عارف لاکو، رسول بخش سومرو، ڏاتر ڏنو ڏاهري، قادر بخش سومرو، سيد مظفر علي شاهه ۽ سيد انور علي شاهه جن ڪندا آهن. اضافي مجلسن ۾ نياز جي ماني جو بندوبست انجمنون خود ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد راجپوت ۽ فداحسين انڙ ڪندا آهن. +تاپوت: +هي پارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مڙدي جي صندوق. اسٽيفنس- سي- پال ان جي اها به معنيٰ لکي آهي ته هڪ قسم جي ونگ يا ڪمان جيڪا خدا جي طرف کان حضرت آدم کي عطا ڪئي ويئي، جنهن ۾ پيغمبرن سڳورن جا پورٽريٽس (شڪليون (Portraits رکيل هئا. سيوهڻ شهر ۾ جيڪي تابوت ڪڍيا ويندا آهن، سي هوبهو هڪ صندوق يا قبر نما هوندا آهن. اهي ڪاٺ جي ڊگهين پٽين جا ٺهيل هوندا آهن، انهن مٿان غلاف چاڙهيا ويندا آهن. مٿيون غلاف گهڻو ڪري اوچي ڪيمخواه جي ڪپڙي مان سبيل هوندو آهي، ۽ تمام سهڻو، وڻندڙ ۽ شانائتو لڳندو آهي. تابوت جي سيرانديءَ کان هڪ وڏي پڳ يا دستار رکندا آهن. اها دستار قيمتي لونگين مان ٺاهي ويندي آهي. انهن مٿان ’پيچي‘ جو آخري پيچ ڏيندا آهن. اها پيچي به تمام اوچي ڪپڙي جي ٺهيل هوندي آهي، ۽ جنهن مٿان زريءَ جو ڪم ٿيل هوندو آهي. ان پڳ جي وچ ۾ رنگ برنگي کنڀن، گلن، سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل جڙائدار ڪلنگيون ٻڌي، پڳ يا دستار کي سليقي سان تابوت مٿان رکندا آهن. تابوت مٿان پوءِ گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن. پڳ وارن گلن جون لڙهيون تمام سهڻي نموني سان ٺاهي، پڳ تي سينگاريون وينديون آهن. گلن جي انهن چادرن کي پڳ، سرو ۽ بند ڪمر سڏين. ڪجهه سال اڳي، پڳ ۾ گلن جي لڙهين سان گڏ موتين جون لڙهيون به سينگار ۾ ڪم آڻيندا هئا. +ائين ته سيوهڻ شهر ۾ مومنن جا ٻارڙا ذوالحج مهيني جي ويهين تاريخ کان وٺي ننڍا ننڍا تابوت ڪڍندا آهن ۽ ”اميرن جا ان ڪڻا“ گڏ ڪيو نياز به پيا کائيندا ۽ کارائين��ا آهن، پر صحيح نموني سان تابوت محرم جي چنڊ جي پهرين تاريخ کان شروع ڪندا آهن. هر ڪنهن رات جو سبزواري يا لڪياري سيدن طرفان يا خود سيد تابوت، پينگهه يا سيج ڪڍندا آهن. تابوتن، پينگهن ۽ سيجن جي کڄڻ جا هنڌ مقرر ڪيل آهن ۽ مقرر ڪيل رستن ۽ راهن، گهٽين ۽بازارن مان لنگهي، مقرر جڳهين تي نهراج ڪيا ويندا آهن. ڪي تابوت، پينگها ۽ سيج حضرت شهباز جي درگاهه جي اوڀر طرف واري کليل ميدان ۾ سلامي، غلاف ۽ گلن جي چادرن چاڙهڻ کانپوءِ مقرر هنڌن ڏانهن ويندا آهن. انهن جا تفصيل ڪجهه هيٺينءَ ريت آهن. ياد رهي ته سيوهڻ ۾ لڪياري ۽ سبزواري سيدن جي نگراني ۾ محرم جون سموريون تقريبون ملهايون وينديون آهن. +سبزواري سيدن طرفان محرم جي پهرين تاريخ، رحيم بخش سومرو تابوت ڪڍندو. ان تابوت جو جلوس سبزواري سيدن جي امام بارگاهه مان رات جو ڏهين وڳي ڌاري کڄندو. جلوس ۽ تابوت سبزوارين جي محلي، مقبرو نهال شاهه نوري، حسيني امام بارگاهه کان ٿيندو، قلندر جي درگاهه جي اوڀر وارو رستو ڏيئي، سبزواري سيدن جي ٻئي پڙ وٽ نهراج ٿيندو، اهو سمورو سفر قافلو ۽ تابوت اٽڪل چئن ڪلاڪن ۾ پورو ڪندا. انهيءَ طرح چوٿين رات جو تابوت مرحوم الهورايو ڪڍندو هو ۽ هاڻي سندس فرزند غلام حيدر لاکو ڪڍندو آهي. اهو قافلو ۽ تابوت پهرين رات واري تابوت جي نقش قدم تي هلندو، ستين جي رات جو سيد غلام نبي شاهه ”زري“ ڪڍندو. اهو جديد قسم جو تابوت آهي. اهو تابوت سوني دروازي ڀرسان سيد عدل درياه شاهه ابدال جي ڪافي جي مجلد لاءِ ترسندو، پوءِ سبزوارين جي پڙ تي اختتام کي پهچندو. پنجين تاريخ وارو تابوت، کٽ ڌڻي سيد غازن شاهه ڪڍندو. اهو ساڳين رستن ۽ گهٽين مان هلي، سوني دروازي وٽان لنگهي، پراڻي علم پاڪ کان ٿيندو ساڳئي هنڌ تي نهراج ٿيندو آهي. +سبزواري سيدن طرفان وڏا ٻه تابوت، ڏهين رات جو، سبزوارين جي امام بارگاهه مان، ڏهين وڳي کڄندا، انهن تابوتن جي جلوس سان گجگاهه ۽ گهڙيال به هلندا، هن جلوس ۾ فقط مرثيا پڙهيا ويندا آهن. تابوت ۽ جلوس نهال شاهه نوري جي مقبري کان ٿيندا، سوني دروازي کان لڙي، ڪچهري بازار وٺي، قلندر شهباز جي درگاهه اڳيان اوڀر ۾ ترسندا، جتي غلاف ۽ گلن جون چادرون تابوتن مٿان چاڙهيون وينديون آهن. ان بعد بازن جو ماتم شروع ٿيندو، پوءِ هي سڄو ماتمي جلوس سبزوارين جي ٻئي پڙ وٽ پهچي ترسندو. اتي سلامي پڙهي ويندي آهي. سلامي کانپوءِ پهريون وڏو تابوت ماتم تي رکندا آهن ۽ ٻيو تابوت سيد حاجن شاهه جي دوڪان تي رکيو ويندو آهي. ان ماتمي جلوس کي ڪنهن به حالت ۾ رات جو ڏيڍ وڳي کان اڳي ماتم تي پهچڻو آهي، ڇاڪاڻ ته گجگاهه کي پوءِ لڪياري سيدن جي قافلي ۾ شامل ٿيڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وقت جي گهٽ وڌ ٿيڻ سبب تلخين جي پيدا ٿيڻ جو به امڪان رهندو آهي. سلامي ۾ سيد عالم شاهه جو مرثيو پڙهيو ويندو آهي. +ڏهين تاريخ جو شام جو چئين وڳي ساڳيا تابوت مٿي ذڪر ڪيلو رکيل هنڌ تان وري ساڳئي طرح قافلي گجگاهه ۽ گهڙيال سان هلندا. تابوت قلندر جي درگاهه اڳيان ترسندا، جتي ساڳيون رسمون بازن جي ماتم سميت ادا ڪيون وينديون. ان کان پوءِ ڪچهري بازار کان ٿيندا، دادو روڊ تان لنگهي پير پوٽن ڏانهن هلندا آهن. پير پوٽن ۾ پهچڻ کان اورتي، مستورات سائڻ جي ڏوکي کڻي، ٽي ڀيرا تابوتن سان مس ڪنديون آهن. پير پوٽن ۾ پهچڻ کان پوءِ شامِ غريبان جي مجلس پڙهي ويندي آهي. ان پوئين ماتمي جلوس ۾ شامِ غريبان جي مجلس ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن. +انهن وڏن تابوتن مان پهريون تابوت سيد صادق علي شاه�� سبزواري ڪڍندو آهي، پويون تابوت ميان ڏاتر ڏنو ڏاهري جي ذميواري هيٺ آهي. +جيئن سبزواري سيد طرفان پنج تابوت ڪڍيا ويندا آهن، تيئن لڪياري ساداتن طرفان ٽي تابوت کڄندا آهن. لڪيارين جو پهريون تابوت پنجين رات جو هڪ وڳي، اولادي امير جي ڪافي مان، ميان ڏنل علوي ڪڍندو آهي. ان قافلي جي جلوس سان گجگاه به هوندو آهي. اهو جلوس تابوت ۽ گجگاه سميت، قاضين ج محلي وٽان لنگهي، ڪچهري بازار کان ٿيندو، درگاهه شهباز تي ايندو ۽ پوءِ لڪيارين جي ماتم تي اٽڪل ٽين وڳي نهراج ٿيندو آهي. لڪياري سيدن طرفان ٻه وڏا تابوت ڏهين رات جو ڏيڍ وڳي اولادي امير جي ڪافي مان، هڪ وڏي قافلي، گجگاهه ۽ هڙيال سيمت کڄندا. ان ماتمي جلوس ۾ به فقط مرثيا پڙهيا ويندا آهن. جلوس قاضين جي محلي مان لنگهي، ڪچهري بازار کان ٿيندو، قلندر شهباز جي درگاهه اڳيان ترسندو، جتي تابوتن مٿان غلاف ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون آهن ۽ بازَنَ جو ماتم ٿيندو آهي. پوءِ هي ماتمي جلوس لڪياري سيد جي ماتم تي صبح جي اذان وقت پهچندو آهي، جتي سلامي پڙهي ويندي آهي. سلامي ۽ نماز کان پوءِ ماتم وٽ نقارن تي ’ٽونڪڙي‘ وڄندي رهندي آهي. ان وڄت وقت حاضرين تي هڪ اهڙي قسم جي ماتمي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. جو اهي زارو قطار روئندا رهندا آهن. + + +وري ساڳين تابوتن جو جلوس گجگاهه ۽ گهڙيال سميت صبح جو اٺين وڳي شروع ٿيندو آهي. درگاهه تي پهچڻ کان پو3 ساڳيون رسمون پوريون ڪيون وينديون آهن، جن ۾ بازن (ٻانهن ۽ ڪلهن) جو ماتم به اچي وڃي ٿو. پوءِ هي ماتمي جلوس ڪچهري بازار کان ٿيندو، اولهه طرف وڌي نئن وارن کان مولچند جي مڪان وٽ سلامي لاءِ ترسندو آهي. سلامي کانپوءِ نقارن تي ڍانڍ وڄائي ويندي آهي ۽ زنجيرن ۽ چاڪن جو ماتم ٿيندو آحي، جيڪو ڪربلا تائين هلندو رهندو آهي. ان وچ ۾ پنجن ڇهن جڳهين تي تابوتن سان غازي عباس جي علم کي مخصوص رسم مطابق، ’مس‘ ڪيو ويندو آهي. ان علم جي علم طوق سان سنڌ جي مشهور ۽ معروف مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه جي نسبت چئي ويندي آهي. جلوس جي ڪربلا ۾ پهچڻ کانپوءِ هڪ خاص انداز ۾ فاتح پڙهي ويندي ۽ تمام حاضرين لڪياري سيدن ۽ ٻين سادات سان فاتح خواني ۽ عذرخواهي ڪندا آهن. ان وقت تائين عورتون اوسر ڪنديون رهنديون آهن ۽ پاڻ پڇاڙي ۾ عذرخواهي ڪنديون آهن. ياد رهي ته انهن ٻنهي تابوتن مان پهرين تابوت جي سينگار جي ذميواري لڪياري سيدن ۽ پوئين تابوت جي سينگار جي بار بودلي بهار جي فقيرن جي بلي آهي. مون کي ٻڌايو ويو ته پهرين وڏي تابوت ۾ اندر لعل سئاين جي گڊي تبرڪاً رکي ويندي آهي. +ذوالجناح: +مون کي ذاتي طور تي ڪجهه خبر هئي ۽ ڪن ٻين کان وڌيڪ تصديق ڪيم ته سيوهڻ شهر ۾ حضرت امام حسين رضه ڏانهن منسوب ذوالجناح جا نڪرندڙ چارئي گهوڙا ننڍي عمر ۾ ئي خريد ڪيا ويندا آهن يا عقيدت ۽ احترام سان خاص نموني سان انهن جي پالنا ۽ پرگهور ڪئي ويندي آهي. انهن گهوڙن کي ڪڏهن به سواري لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو آهي. البت انهن گهوڙن کي ڪڏهن ڪڏهن شهر ۾ گهمايو ويندو آهي يا اونهاري ۾ ارل درياهه تي وهنجارڻ لاءِ نيو ويندو آهي، مگر ٻنهي حالتن ۾ گهوڙن جون پٺيون ڍڪيل هونديون آهن. گهڙن جي چاري جي شين جو به خيال رکيو ويندو آهي. +گهوڙن جي سينگار ۾ هيٺيون شيون اچي وڃن ٿيون: ڳانيون، تعويذ، جهاٻا، دمچي، ڳل خول، زغا، ڪلنگيون، دستار، خلاف، لونگيو، ڍالون، تير ۽ زري جا ٻيا سنج. گهوڙي جي مٿان غلاف وجهي، سنجن سان سينگاريو ويندو آهي. پوءِ دستار ٻڌي ويندي آهي. دستار کي رنگين کنڀن، گلن، سون ۽ چانديءَ جي ڪلنگين سان سينگاريو ويندو آهي. پوءِ گهوڙي جي ٻنهي پاسن کان ڍالون ۽ تير لٽڪايا ويندا اهن. گهوڙي کي بند ڪمر ۽ ننڍڙي علم طور سان سينگاري وڌيڪ شاندار ۽ پروقار ڪيو ويندو آهي. گهوڙي جي ٻنهي طرفن کان لغام جهلڻ لاءِ خاص خدمتگار مقرر ڪيل هوندا آهن، جيڪي وڏي خبرداريءَ سان گهوڙي جي هر ڪنهن حرڪت ۽ چال جو خاص خيال رکندا آهن. ستين ۽ اٺين تاريخ وارن گهوڙن جا سڀئي سنج، تير ۽ ڍالن جا مٺيا به چاندي جا هوندا آهن. +پنجين تاريخ شام جو چئين وڳي پهريون گهوڙو ماتمي جلوس سان گڏ، شيخ محلي مان نڪرندو، جيڪو صدر بازار وٽان مڙي، قنڌار ۽ قاصين جي محلن وٽان لنگهي، سوني دروازي کان ٿيندو، سج لهڻ مهل، ڇٽي امراڻي جي مقبري وٽ پهچندو. اتي نصب ڪيل علم تي بيرق چاڙهي، پوءِ زوالجناح کي نهراج ڪيو ويندو آهي. وري ڇهين تاريخ شام جو چئين وڳي، بودلي سڪندر وٽان ذوالجناح جو ماتمي جلوس نڪرندو. اهو جلوس قاضين جي محلي وٽان لنگهي، سوني دروازي وٽ ڪجهه وقت لاءِ ترسندو، جتي مجلس پڙهي ويندي آهي. ان کان پوءِ ساڳي ماتمي جلوس سان گهوڙو هلندو ۽ تجر مقام ۾ نهراج ٿيندو آهي. پهرين گهوڙي جي سينگار وغيره جو اهتمام ڊاڪٽر راجپوت ۽ پوئين جو غلام شبير پيرزادو ڪندو آهي. +تاريخ ستين جي ڏينهن جو سبزواري سيدن جي اوطاق وٽان سبزواري سادات طرفان، ذوالجناح منجهند جو هڪ وڳي نعره حيدري ۽ يا حسين جي ماتمي آوازن سان نڪرندو ۽ سڌو قلندر جي درگاهه اڳيان پراڻي علم وٽ کلئي ميدان ۾ اچي بيهندو. ميدان ۾ گهوڙي جي پهچڻ کان پوءِ چاڪن ۽ زنجيرن سان ماتم ڪيو ويندو آهي. ان وقت درگاهه طرفان هڪ غلاف نذراني طور، گهوڙي کي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ گهوڙي تي گلن جون چادرون به چاڙهيون وينديون آهن. ان کانپوءِ هڪ مخصوص انداز ۾ مخصوص نموني سان ڪجهه وقت لاءِ پٽ ٿيندي ۽ پوءِ مجلس. مجلس جي پڄاڻيءَ کان پوءِ فقط منشن ۽ ماتم سان جلوس ڪچهري بازار مان لنگهي، سوني دروازي ڀرسان سلامي ۽ دعا لاءِ ترسندو آحي، جنهن کان پوءِ پير پوٽن ڏانهن روانو ٿيندو. پير پوٽن ۾ گهوڙي جي پهچڻ سان، اتي نصب ڪيل علم پاڪ تي بيرق چاڙهي ويندي آهي ۽ ذوالجناح نهراج ٿيندو. هن ذوالجناح سان قافلي ۾ گجگاهه ۽ گهڙيال به شامل هوندا آهن. شهر ڇڏڻ کانپوءِ نقارن تي ڍانڍ ۽ سواري جي وڄت ڪئي ويندي آهي ۽ ماتمي ياحسين يا حسين چوندا، پٽيندا رهندا آهن. +ساڳئي نموني سان اٺين تاريخ تي وري لڪياري سيدن طرفان حسيني بارگاهه مان ساڳئي وقت يعني منجهند جو هڪ وڳي ذوالجناح جو ماتمي جلوس گجگاهه ۽ گهڙيال سميت نعره حيدري ۽ يا حسين جي دل سوز آوازن سان نڪري، قلندر جي درگاهه اڳيان پراڻي علم وٽ اچي بيهندو آهي، ۽ جتي ستين تاريخ واري ذوالجناح جون سموريون ساڳيون رسمون وڏي احترام سان ادا ڪيون وينديون آهن. پوءِ هن ذوالجناح جو ماتمي جلوس ڪچهري بازار مان لنگهي، سوني دروازي وٽ پهچي سلامي ۽ دعا لاءِ ترسندو آهي. ان کان پوءِ ياحسين يا حسين جي آوازن، ڀيرين، نقارن ۽ گهڙيال، دهلن ۽ شرناين جي ڊانڍ ۽ سواري جي ڌنن ۾ اٽڪل پنجين وڳي شام جو ڪربلا ۾ پهچي نهراج ٿيندو آهي. اهو علمن، نقارن، ڀيرين، گجگاهه ۽ گهڙيال وارو قافلو اتي ڪربلا ۾ ترسي پوندو، جتان پوءِ رات جو اٽڪل ڏهين ڌاري ڪڙجي (تيار ٿي) حسيني امام بارگاهه وٽ پهچي سيج جو انتظار ڪندو. +پينگها: +عاشورن جا سڀئي پينگها حضرت امام حسين رضه جي پينگهي ۾ پلجندڙ معصوم فرزند علي اصغر شهيد ڏانهن منسوب ڪيل آهن. معصوم علي اصغر کي ڪربلا جي ميدان ۾ اُڃ ستايو هو. امام ��سين کيس هنج ۾ کڻي ميدان ۾ اچي فرمايو هو ته ”هن معصوم اوهان جو ڪو به گناهه نه ڪيو آهي، پاڻي ڏيو ته پياريانس.“ معصوم اصغر جي نڙيءَ ۾ فرات ندي جي پاڻيءَ جو ته هڪ قطرو به داخل نه ٿيو پر هڪ تير معصوم جي حلق کي سندس ئي خون سان تر ڪري ڇڏيو هو. ان خوني واقعي جي ياد قائم رکڻ لاءِ پينگها ڪڍيا ويندا آهن. پينگها عام پينگهن وانگر هوندا آهن، فقط ڏولي کي گلن، شمعن، مشعلن وغيره سان سينگاري کنيو ويندو آهي. رستي تي هلندي هلندي عقيدتمندن طرفان گل، مصري، پتاشا، مٺايون، ڪپڙا ۽ روڪ پيسا وغيره نذراني طور پينگهي ۾ وڌا ويندا آهن. ڪي مستورات وڌي اچي پينگهي کي احترام وچان لوڏينديون آهن ۽ زاروزار روئنديون به آهن ۽ پار ڪڍي پٽينديون به آهن. +ٻي محرم رات جو ڏهين وڳي ڌاري سبزواري سيدن جي امام بارگاهه مان هڪ پينگهو قافلي سان کڄندو آهي. ان پينگهي ۾ هڪ ننڍرو تابوت به رکيل هوندو آهي. پينگهو سبزووارين جي محلي مان لنگهي نهال شاهه نوري جي روضي وٽان هلي، حسيني امام بارگاهه کان ٿيندو، قلندر جي درگاهه جي اوڀر وارو رستو ڏيئي، سبزوارين جي ٻئي پڙ تي پهچي نهراج ٿيندو آهي. سموري رستي ۾ پينگهي ۾ نذراني ۾ گل، مصري، پتاشا وغيره وجهندا آهن. پينگهو صبح جو ڏيڍ وڳي ڌاري ماتم تي پهچندو آهي. ان پينگهي جو اهتمام ڪريم بخش ٻرڙو ڪندو آهي. ٽين رات جو پينگهو، هڪ ننڍي جهولي سان ساڳئي امام بارگاهه مان کڄندو آهي. قافلي سان ساڳين گهٽين ۽ رستن تان هلي، ساڳئي وقت تي، پينگهو ساڳئي پڙ تي پهچي نهراج ٿيندو آهي. هن پينگهي جي سينگار وغيره جو بندوبست سيد مظفر علي شاهه سبزواي ڪندو آهي. +ڇهين رات جو اٽڪل يارهين وڳي ڌاري حسيني امام بارگاهه مان لڪياري سيندن طرفان هڪ وڏو پينگهو، جنهن کي مقامي ماڻهو ”لعل جوپينگهو“ سڏيندا آهن، نڪرندو آهي. ان پينگهي سان هڪ وڏو قافلو به ساڻ هلندو آهي، جنهن ۾ گجگاهه ۽ گهڙيال به شامل هوندا آهن. اهو پينگهو نهال شاهه نوري جي گهٽي ڏيئي، دادو مين روڊ ۽ مڪرانين جي محلي وٽان لنگهي، صدر بازار جي پٺ وٺندو. ايوب سوناري جي گهر وٽ قافلو ۽ پينگهو ڪيجهه وقت لاءِ ترسندو آهي. اتي مجلس پڙهي ويندي آهي ۽ پينگهي جا شمعدان ۽ مشعل به روشن ڪيا ويندا آهن. ان کانپوءِ قافلو ۽ پينگهو قنڌاري محلو، قاضين جو محلو ڏيئي، ڪچهري بازار مان گذاري قلندر جي درگاهه تي صبح جو چئين وڳي پهچندو آهي. درگاهه جي پڌر ۾ ’لولي‘ جي هڪ خاص ۽ مشهور رسم وڏي خوص ۽ عقيدت سان پوري ڪئي ويندي آهي. ان رسم کانپوءِ پينگهو لڪياري سيدن جي ماتم تي اٽڪل پنجين وڳي صبح جو پهچندو آهي. دعا ۽ نذر نياز کان پوءِ پينگهو ۽ جلوس نهراج ٿيندا آهن. انهيءَ نياز جو اهتمام اٽڪل پنجاهه سالن کان وٺي مهراج لعل داس، عقيدت وچان ڪندو اچي ٿو. +وري اٺين جي رات جو سبزوارن جي امام بارگاهه مان هڪ وڏو پينگهو نڪرندو. پينگهو اٽڪل ڏهين وڳي ڌاري کڄندو. پينگهي جي کڻڻ سان نعره حيدري ۽ ياحسين يا حسين جا ماتمي آواز بلند ٿيندا. اهو پينگهو پٺاڻن جي ڪافي ڀرسان ترسيل ۽ طبل ڪندڙ قافلي مان اچي ملندو. قافلي ۾ گجگاهه ۽ گهڙيال به شامل هوندا آهن. اهو قافلو پير پوٽن مان ڪڙجي ايندو آهي ۽ پٺاڻن جي ڪافي وٽ ان وقت تائين ترسندو ۽ طبل ڪندو رهندو، جيستائين پينگهو اچي ان سان شامل ٿئي. ان کانپوءِ قافلو ۽ پينگهو دادو روڊ ۽ مڪرانين جي پاڙي مان لنگهي سوني دروازي وٽ، شمعن ۽ مشعلن جي ٻيهر روشن ڪرڻ لاءِ ڪجهه دير ترسندو آهي. جتان پوءِ مرثين ۽ نوحه خواني سان گڏ ڪچهري بازار مان لنگهي درگاهه شه��از جي کليل ميدان ۾ پهچندو. اتي مخصوص قسم جي رسم هيٺ ’لولي‘ پڙهي ويندي آهي. جنهن کانپوءِ پينگهو ماتمي جلوس جي همراهي ۾ سبزوارين جي ٻئي پڙ تي صبح جو باک ڦٽيءَ مهل پهچندو آهي. پينگهي جو نهراج سبزوارين جي امام بارگاهه ۾ ٿيندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته پينگهن ۾ نذراني ۾ پيل پتاشا، مصري وغيره عقيدتمندن ۾ ورهايا ويندا آهن. +سيجون: +تاريخ نائين جي رات جو اٽڪل يارنهين وڳي لڪياري سيدن طرفان، حسيني امامبارگاهه مان هڪ سيج شهزادي قاسم بن امام حسن جي نالي ۾، سينگارجي نڪرندي آهي. اها سيج نهال شاهه نوريءَ جي روضي وٽان ونگهي، مائي بختاور جي مڪان وٽ ڪجهه وقت لاءِ رکبي آهي. اتان وري واپس ساڳئي امام بارگاهه وٽان لنگهي لڪياري سيدن جي پڙ تي ايندي آهي. ٿوري وقفي کانپوءِ اتان کڄي ساڳئي امام بارگاهه ۾ پهچندي آهي. ان سفر ۾ سيج سان هڪ وڏو قافلو گجگاهه ۽ گهڙيال سميت گڏ هوندو آهي. سيج جي واپس امام بارگاهه ۾ پهچڻ کانپوءِ مرحوم سيد گل شاهه جي حويلي مان، سيدن جي هڪ نماڻي ننڍڙي نياڻي مخصوص لباس پائي، مٿي تي ميندي کڻي، روئيندي هنجون هاريندي نڪرندي، جنهن سان عورتن جو هڪ وڏو ماتمي جلوس گڏ هوندو آهي. اهو ماتمي جلوس ميندي سميت امام بارگاهه حسيني ۾ داخل ٿيندو. ميندي جي جلوس جي داخل ٿيڻ سان امام بارگاهه ۾ روڄ- راڙو ۽ رودنج شروع ٿي ويندو آهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ميندي جون مخصوص رسمون وڏي احترام ۽ عقيدت سان ادا ڪيون وينديون آهن. وچ وچ ۾ ياحسين، هاءِ شهزادو قاسم، هاٰءِ حسين جا ماتمي دل ڏاريندڙ آواز به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. ميندي جي رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ مجلس پڙهي ويندي آهي. آخر ۾ هڪ خاص قسم جي ڪُٽي ورهائي ويندي آهي ۽ آيل ميندي باس باسيندڙ عورتن ۾ ورهائي ويندي آهي. صبح جو اٽڪل چئين پنجين بجي ڌاري سيج ۽ ٻيون رسمون نهراج ٿينديون آهن. +ساڳيءَ طرح نائين تاريخ جي شام جو چئين وڳي مهل، مرحوم خير محمد قريشي جي گهر وٽان کهنباٽين طرفان، شهزادي قاسم جي نالي ۾ ٻي سيج کڄندي. سيج سان جلوس ۽ مرثين پڙهڻ وارا گڏ هوندا آهن. سيج قافلي سان گڏ ڪافي قاسم شاهه جي ڀرسان علم وٽ، شام جو ڇهين وڳي پهچي نهراج ٿيندي. سيج جي لنگهڻ وارين گهٽين مان، عورتون ڪُٽي تيار ڪري، نذراني ۾ موڪلينديون اهن. اها سموري ڪٽي پوءِ عقيدتمندن جي گهرن ۾ ورهائي ويندي آهي. ٻنهي سيجن جي ڪٽيءَ کي تبرڪ سمجهي کاڌو ويندو آهي ۽ ذرو ضايع ڪرڻ به بدشگون سمجهيو ويندو آهي. +سيج جنڊي جي پاين سان ٺهيل هڪ خوبصورت کٽ، ڇٽيءَ سميت هوندي آهي. ڇٽيءَ جا اڳيان ۽ پويان پاسا اڌ گول ڪمان جي صورت ۾ وريل هوندا آهن، جن ۾ ٽي- ٽي سهڻا شمعدان ٽنگيل هوندا آهن. ڇٽيءَ کي گلن سان سينگاري خوبصورت ڪيو ويندو آهي. کٽ مٿان غلاف وڇائي، مٿن کان هڪ سهڻو طول وهاڻو رکيو ويندو آهي. طول وهاڻي مٿان، ميناڪاري سان سينگاريل چاندي جي دستار رکندا آهن. ٻه اگهاڙيون، چانديءَ جي مٺن واريون تلوارون، هرپاسي کان هڪ هڪ رکي، انهن جي نوڪن کي ملايو ويندو آهي. اهي تلوارون دستار مٿان تمام سهني انداز ۾ بيهاريونن وينديون آهن. سيج کي پوءِ گلن سان سينگاريو ويندو آهي. گلن جون لڙهيون تمام وڻندڙ نموني لڳايون وينديون آهن. +جلوس: +سيوهڻ جي شهر ۾ محرم مهيني جي چنڊ ڏسڻ سان جيڪي تابوت، پينگها، گهوڙا ۽ سيجون نڪرنديون آهن، انهن سان گڏ جلوس به نڪرندا آهن. پهرين تاريخن ۾ جلوس ننڍا ڪڍيا ويندا آهن ۽ پوين تاريخن ۾ وڏا جيڪي مفاصلي ۾ ميل اڌ ٿي ويندا آهن. انهن جلوسن ۾ اٽڪل ٽيهارو کن اٺ به شامل هوندا آهن، جن تي جهنڊا، نقارا، ڀيرون، گجگاهه ۽ گهڙيال ڪڙيا ويندا آهن. پهريائين اٺن ڏهن اُٺن تي جهنڊا يا علم کڻي وڏا ۽ ٻار هلندا آهن. ڪجهه فاصلي کانپوءِ نقارن سان ڪڙيل اٺن جو قافلو هلندو آهي، جنهن تي نقارن وڄائڻ وارا ٻار ۽ وڏا سوار هوندا آهن. انهن کي اها خبر هوندي آهي ته ڪهڙي موقعي تي ڪهڙي قسم جي وڄت ڪرڻي آهي. انهن سان گڏ ڀيرون ڪن اٺن تي ڪڙيل هونديون آهن، جيڪي فقط ماهر ۽ ڄاڻو وڄائيندا آهن. ڀيرن وٽان لنگهڻ مهل ڪنن ۾ آڱريون وجهڻيون پونديون آهن. ان بعد ڪجهه مفاصلي تي مڱڻهار دهلن ۽ شرنائن مان ماتمي ڌنون، وقتي ڪيڏاري مان به وڄائيندا هلندا رهندا آهن. انهن جي پٺيان ٻن قطارن ۾ بازن ۽ سيني تي ماتم ڪرڻ وارا هوندا آهن. قطارن جي وچ ۾ سِر پٽڻ وارا ۽ ڪي زنجيرن ۽ چاڪن سان ماتم ڪرڻ وارا هوندا آهن. ٿوري وڇوٽيءَ کان پوءِ نوحه خوان ۽مرثيه پڙهڻ وارا هوندا آهن، جيڪي تابوت، پينگهي، سيج يا ذوالجناح اڳيان مرثيه پڙهندا ۽ وراڻي چوندا ۽ ڏيندا هلندا آهن. وچ وچ ۾ نعره حيدري يا علي، علي مولا، ياحسين جا ماتمي آواز به بلند ٿيندا رهندا آهن. تابوتن وغيره جي پٺيان اوسر ڪرڻ واريون عورتون هونديون آهن. انهن جي پٺيان انتظام سنڀالڻ وارن مان ٻه- ٽي مرد هوندا آهن. وچ وچ ۾ پاڻي پيارڻ ۽ نياز جي ڇولن ۽ مٽرن ورهائڻ وارا به هوندا آهن. ان کانسواءِ هرهڪ اٺ سان اوٺي به هلندو رهندو آهي. روشني لاءِ، راتين جو اڳي ته گولا کڻندا هو، پر هاڻي جنريٽرن ۽ ٽيوب لائيٽس کان ڪم ورتو ويندو آهي. +جلوس جي اڳيان ۽ پٺيان پوليس جي سپاهين ۽ عملدارن جو عملو به ڪافي موجود هوندو آهي. ساڳئي وقت سيدن ۽ سکر ماڻهن سان گڏ مئجسٽريٽ ۽ پوليس جا وڏا عملدار به ڊيوٽي تي هوندا آهن. ياد رکڻ جهڙي اها ڳالهه آهي ته صدين کان وٺي اڄ تائين، سيوهڻ شهر ۾ ڪڏهن به ماتمي جلوس ۾ يا ڪنهن به ٻي ماتمي تقريب ۾ ڪو به فساد ۽ هل بکيڙو نه ٿيو آهي. سيوهاڻين جي اها تاريخي رواداري ضرب المثل آهي. نه فقط ايترو پر جنهن به گهٽي ۽ پاڙي مان تابوت، پينگهو، ذوالجناح ۽ سيج گذرندي آهي ته جاين ۽ جڳهين جي ڇتين ۽ ڪوٺين تان، جلوس مٿان گل ۽ گلن جون پنکڙيون ۽ گلاب جي پاڻي جون بوندون برسايون وينديون آهن ۽ ٻارڙا درن وٽ پاڻي، شربت ۽ نياز کنيو بيٺا هوندا آهن. سچ ته سيوهاڻين جو پنهنجو هڪ ڪلچر آهي. هندن جي لڏپلاڻ کان اڳي اهي ماتمي جلوس ۽ تابوت وغيره هندن جي هٽن، پاڙن ۽ گهٽين مان به گذرندا هئا ۽ اهي به نذر نياز ورهائيندا هئا. گجگاهه ۽ گهڙيال واري حالت ۾ قافلي جي سرواڻ گجگاهه وارو اٺ سڀ کان پهريائين بيهندو ۽ هلندو آهي. +نوحا: +نوحه پڙهڻ جو رواج، سيوهن شهر ۾ بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ پيو آهي. هاڻي ڪن مجلسن تابوتن وغيره اڳيان محمد علي شاهه جوهر ۽ محسن شاهه بخاري جا نوحه پڙهيا وڃن ٿا، مگر اها رسم عام نه سمجهڻ گهرجي. هن وقت نوحه پڙهڻ وارن ۾ سيد حاجن شاهه لڪياري، ماستر نظير احمد سومرو ۽ پير محمد لاکو دوڪاندار مشهور آهن. سيوهڻ ۾ نوحه سنڌي، ملتاني ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهيا ويندا آهن. +منشا ۽ مرثيا: +اهي ٻئي پارسي زبان جا ٻه لفظ آهن ۽ ٻنهي جي معنيٰ مختلف ۽ جدا آهي. منشا جي معنيٰ آهي سبب (Cause)، اصل نسل (Origin)، شروعات (Beginning)، ۽ مرثيه جي معنيٰ آهي ماتمي گيت، شعر ۽ ڪنهن شخصيت جا اوصاف شعر ۾ بيان ڪري روئڻ (Elegy). پر سنڌي ٻولي ۾ ٻئي لفظ ذري گهٽ ساڳئي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪربلا جي واقعي ۾ سڀ کان وڌيڪ دخل منشاءُ ايزدي کي سمجهيو ويو آهي. تڏهن ته شاه لطيف چيو آهي ته: +”قضيو ڪربلا جو، رند پروڙين راز�� +سيوهڻ جي اٻوجهن ڪربلا جي سانحه کي هڪ راز، هڪ امر ۽ هڪ منشا سمجهي، تسليم ۽ رضا وچان پنهنجا سرخم ڪيا آهن ۽ آگي جي امر کڻڻ ۾ سعادت ۽ نجات سمجهي آهي، انڪري مرثيا ۽ منشا هڪ معنيٰ ۽مفهوم ۾ وٺي صدين کان تابوتن، پينگهن، ذوالجناح ۽ سيجن اڳيان پڙهندا آيا آهن. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ مرثيا گهڻو ڪري پارسي ٻولي ۾ پڙهيا ويندا هئا. پر پوءِ وقت گذرڻ ۽ قوميت جي شعور وڌڻ سان،مرثيا سنڌيءَ ۾ پڙهجڻ شروع ٿيا. هن وقت مرثيا گهڻو ڪري سنڌي ۽ ملتاني ۾ عام طرح ۽ ڪڏهن ڪڏهن اردو زبان ۾ هڪ اڌ مرثيو پڙهيو وڃي ٿو. مرثيا گهڻو ڪري سيد ثابت علي شاهه، سيد عالم شاهه ۽ آخوند محمد ۽ مير مرتضائي جا پڙهيا ويندا آهن. سيد ثابت علي شاهه جو روضو سيوهڻ شهر ۾ ڪربلا واري مقام ۾ واقع آهي. ڪافي ڪوشش ڪرڻ بعد به آڳاٽي زماني ۾ مرثين پڙهڻ وارن جا نالا حاصل ٿي نه سگهيا، سواءِ چئن نالن جي سيد مصري شاهه، غلام نبي شاهه، ماستر حسين بخش علوي ۽ ڍڪ منشي قاضي الهه بخش جي. پوين کي مون پاڻ ننڍي هوندي مرثيا پڙهندي ٻڌو. هن وقت زوار ڪريم بخش، ليڪچرار منظور علي شورو، نظير احمد سومرو ۽ غلام محمد علوي، مشهور مرثيه گو سڏيا وڃن ٿا. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مرثيا موقعي جي نسب سان جدا جدا تاريخن تي ٻيا ٻيا پڙهيا ويندا آهن. +سلامي: +سلامي مرثيـﮧ جوهڪ قسم آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿي شهيدن جي صبر، تحمل، جرئت، فضيلت ۽ شجاعت جو ذڪر ڪيل آهي. انهن جي همت ۽ پامردي کي هزارين ۽ ڪروڙين سلام آهن، جن موت کي سامون ڏسندي به مرڪي مرڻ قبول ڪيو ۽ جي پتنگن وانگر سچ جي شمع تي هڪ هڪ ٿي قربان ٿيندا ويا. سيد عالم شاهه جو سلامي وارو مرثيو مشهور آهي. +لولي: +هي به مرثيـﮧ جو هڪ نمونو آهي، جنهن ۾ شهزادي علي اصغر شهيد ۽ سندس والده ماجده جي مصائب جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي. ديارِ غير ۾ پاڻيءَ جي بوند لاءِ ترسندڙ معصوم ۽ سندس ماءُ ۽ ٻين عزيزن تي ڇاڇا نه گذريو هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. مگر هڪ ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جي پياس ۽ شهادت کي صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪيو. لولي جو ٿل ۽ وراڻي هيٺين ريت آهي: +”ريءَ اصغر ڪنهن کي ڏيان، لوڏي مان لولي“ +سڳڙا ۽ ڌاڳا: +عقيدتمند تابوتن، پينگهن ۽ سيجن سان پٽ ۽ سٽ جا ڌاڳا مس ڪرائي، تعويذن ۽ تائٿن وانگر ڳچين ۾ يا ٻانهن ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ هر سال ڌاڳو مٽائيندا ايندا آهن. انهن ڌاڳن جي ڇڄي پوڻ واري حالت ۾ ڌاڳن کي کوهن يا وهندڙ پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيندا آهن. انهن ڌاڳن سان شجاعت ۽ حفاظت جون ڳالهيون يا وصفون منسوب ڪيل آهن. +گجگاهه: +گجگاهه اصل ۾ هڪ وڏي شاهي عَلم جو نالو آهي، جنهن علم کي حضرت سيد عثمان قلندر رح سان ڪا قريبي ۽ قرب ڀري نسبت آهي. اهو علم قلندر جي روضي ۾ اندر، اتر- اوڀر واري ڪنڊ ۾ رکيل هوندو آهي ۽ لعل سائينءَ جا پانڌيئڙا ان کي چمندا رهندا آهن. +وڏن تابوتن، پينگهن، گهوڙن ۽ سيج ڪڍڻ وقت، هڪ خاص نموني سان سينگاريل اٺ کي هڪ معتبر ۽ تندرست ۽ مخصوص لباس پهريل فقير وهاري، اهو علم ان جي هٿ ۾ ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي اڳيان، هڪ وڏي شينهن جي منڍي، رعب ۽ هيبت پيدا ڪرڻ لاءِ رکندا آهن. محرم مهيني جي ماتمي جلوسن ۾ انهن سڀني کي گڏي گجگاهه سڏيندا آهن گجگاهه سبب وقت جي پابندي ضروري ٿيو پوي. +گهڙيال: +گهڙيال به قلندر جي درگاهه طرفان، گجگاهه سان گڏ موڪليو ويندو آهي. پتل جي هڪ گول وڏي ۽ سج وانگر چمڪندڙ ٿالهي (Sun-Disk) کي ٽن پائين واري جهلڻي ۾ ٽنگي، اٺ مٿان رکيو ويندو آهي. هڪ مقرر ڪيل فقير ان کي جهلي وهندو آهي. ۽ وقت سر، وقت مطابق، ڪاٺ مان ٺهيل هڪ مترڪي سان، وڄائيندو رهندو آهي. +ڪامل ڪربلا ۾، آيا جنگ جوان، +ڌرتي ڌٻي، لرزي، ٿرٿليا آسمان، +ڪَره، هئي ڪانَ، هو نظارو نينهن جو. +(لطيف) +نوٽ: مون اٽڪل سٺ پنجهٺ سالن کان وٺي هر سال يا وقفي وقفي سان سيوهڻ شهر جي محرم مهيني جي ڏهن ئي ڏينهن وارين ماتمي مجلسن، جلوسن ۽ تابوتن وغيره کي پئي ڏٺو آهي. هرسال منهنجي دل ائين پئي چاهيو ته انهن سڀني ماتمي روايتن، رسمن ۽ ريتن کي لکي محفوظ ڪري ڇڏيان، مگر وقت گذرڻ سان، ڪن ٻين مصروفيتن ۾ گم ٿي ويندو هوس. هن سال مون محسوس ڪيو ته زماني جي نشيب و فراز جي ڪري آهستي آهستي مجلسن جو رنگ ۽ تابوتن ۽جلوسن جو ڍنگ بدلجندو وڃي ٿو، ان ڪري هڪ قومي فرض سمجهي هيءُ مقالو، جيڪو هڪ ثقافتي دستاويز آهي، لکي سنڌي ادبي بورڊ جي سڄاڻ سيڪريٽري ۽ مهراڻ رسالي جي پياري ايڊيٽر جي حوالي ڪري، پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪريان ٿو. +مقالي ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪي گهٽ وڌايون ۽ سَهون ٿيون هجن، سي قرب ڪري درگذر ڪندا. مون کي خبر آهي ته هر ڪنهن محفل جي ڪي آداب ٿيندا آهن، جن مان ٿي سگهي ٿو ته مان بي خبر هجان. مان ميان ڏاتر ڏني ڏاهري، ماستر نظير احمد سومري ۽ ٻين جو ٿورائتو آهيان، جن کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪري، هي مختصر مگر قدري جامع مقالو لکي سگهيو آهيان. + + +لطيف سائينءَ جا آدرشي انسان +سُر رامڪلي جي روشنيءَ ۾ +ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو +سيوهڻ شهر جي خصوصيت: +سر رامڪلي ۾ لطيف سائينءَ جي انهن تجربن ۽ مشاهدن جي اپٽار ٿيل اهي، جيڪي گنجي ٽڪر کان هنگلاج ڏانهن ويندي واٽ تي کيس سامهون يا. جن ماڻهن سان گڏجي لطيف سائين اهو سفر اختيار ڪيو، سي سڀ ڌيان ۽ گيان واريون هستيون ڪري پيش ڪيون اٿس. اهي سڀ ڪردار هن سنسار جي گيانين، سنتن ۽ درشتي انسانن جو تصور اهن. +هن سُر ۾ لطيف سائين جيڪي ڪردار پيش ڪيا آهن، انهن کي هيٺيان نالا ڏنا اٿس. لاهوتي، بيراڳي، ڪاپڙي، جوڳي، بيکاري، بابو، سامي، نانگا، ڪن ڪٽ، آديسي، ڪن چير، ڪنوٽيا، سنياسي، لانگوٽيا، فقير، پوربي، گودڙيا، مهيسي، ريگڙيارا، صابري، جبروتي ۽ راول وغيره. +رهيا اٿيئي رات، صبح ويندء صابري، +لنءُ لنءُ منجهه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات، +سندي جوڳين ذات، ٻي ڀيري مس مڙي. +(شاهواڻي: 8-1) +اهي مقصدي انسان، هر مصيبي کي صبر سان سهڻ جا عادي آهن. حيات انساني جي بقا ۽ بهبوديءَ لاءِ اهڙا انسان پنهنجي وجود جي پرواهه نٿا ڪن. اهي ٻاهرين ٺاهه ٺوهه کان وڌيڪ اندر جي اجرائي تي ڌيان ڏين ٿا. جي من ميرو ٿيو ته ڪو به مقصد پلئه ڪو نه پوندو، ان ڪري سرير جي سگهه سان گڏ روح جي روش تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. لطيف تڏهن ته چيو آهي ته اهڙن انسانن جي صحبت مان مستفيض ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ويندا وري نه ايندا. +اهي آدرشي انسان وحدت الوجود جي فلسفي جا داعي هئا. اهي انسان کي ’اناعبده‘ جي دائري کان ٻاهر ڪڍي (يعني فرد جي بيوسي ۽ لاچاري واري حيثيت کي سماج لاءِ هاڃيڪار ڄاڻندي) ان کي ’اناالحق‘ جي اعليٰ مقام تي وٺي وڃن ٿا. لطيف سائين جيان هر سچي شاعر انهيءَ حقيقت جي اپٽار ڪئي آهي. سچل سائين چوي ٿو: +پاڻ سڃاڻن آيو ڙي، سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو. +ڪم نه هيڙس ڪو ٻيو. +پاڻون ڄاڻي پاڻ سان، هن لنءُ ته لائڻ آيو..... +عرش منجهارون اُلهي، هت ورهه وسائڻ آيو..... +سوليءَ تي منصور ٿي، هت سِرّ سلائڻ آيو..... +مصر جي بازار ۾، هت ملهه وڪامڻ آيو..... +سچو ري سنسار ۾، هت پير گهمائڻ آيو..... (1) +سچل سائينءَ جي مٿين خيال ۾ ’ايڪائي‘ جي ڳالهه ٿيل آهي، جيڪا شيخ حسن بن منصور حلاج ڪئي هئي. شيخ منصور حلاج جِي فلسفهء وحدت الوجود کي اڳتي هلي ابن العربي زور وٺايو: ان فلسفي جي جواب ۾ شيخ احمد سرهندي جيڪو تصور ڏنو آهي. تنهن کي وحدت الشهود چئجي ٿو، جنهن مطابق ”انسان جي عظمت جو دارومدار انهيءَ۾ مضمر آهي ته هو شڪرگذار بڻجي ۽ ٻانهپ جو مقام حاصل ڪري.“ (2) +شيخ احمد سرهندي پنهنجي خانگي زندگيءَ ۾ به غم ۽ الم جي زندگيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ هن جو چوڻ آهي: ”هن زماني جو بهترين سامان ڏک ۽ تڪليف ۽ هن دسترخوان جي برداشت لائق ۽ نعمت الم ۽ مصيبت آهي.“ (3) +شيخ احمد سرهندي جا ’طاعون‘ ۾ هڪٻئي پٺيان ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي موت جو شڪار ٿي ويا ته به هن اهڙي موقعي تي صبر کي هٿان نه ڇڏيو ۽ انهيءَ موقعي (حادثي) کي وڏي نعمت ۽ عظيم انعام تصور ڪيو. (4) +اهڙيءَ ريت هن طاعون جي وبا کي باطن۾ رحمت قرار ڏنو ۽ ان کن محفوظ رهڻ جي ڪوشش کي صف جهاد کان فرار ٿيڻ جي معنيٰ ۾ ورتو. ان ڪري اهڙي عمل کي گناهه ڪبيره سمجهيائين. (5) +شيخ احمد سرهندي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ فلسفهء وحدت الشهود کي ڇڏي، فلسفهء وحدت الوجود کي اختيار ڪيو هو. (6) +شري ڪلياڻ آڏواڻي ”شاهه جو رسالو“ جي سُر رامڪلي ۾ جوڳين ۽ صابرينجو ذڪر ڪندي، ساڳيو شيخ سرهندي وارو مفهوم حاصل ڪيو آهي. لکي ٿو: ”هو هميشـﮧ صاحب ڀر پيا ڪنبن ۽ اکين مان ارتو آب پيا وهائين. سندن سير ۽ صحت سورئي آهي.“ (7) +مذهبي نفسيات جو اهو پهلو ٻانهپ جي ٻولي ٻولڻ ۾ لڪل آهي، جتي هرڪاشيءِ خدا ڏانهن منسوب ڪري، بندا پنهنجي جان ڇڏايو وڃن. حقيقت ۾ اها نظام فڪر جي سادگي واري روش آهي. جيستائين مقصد جو تعلق آهي ته انسان ان جي حاصلات تائين اکن توڙي دل مان ضرورت جا ڳوڙها وهائيندو رهندو آهي. پر اهو سندن مقدر نه آهي ۽ نڪي ربّ غفور جي منشا، ڇو ته باري تعاليٰ فرمائي ٿو: ترجمو: ”منهنجي رحمت هر شيءِ تي محيط آهي.“ (سوره اَعراف، آيت نمبر 156.) +هنگلاج لطيف سائين ٻه دفعا ويو آهي. پوئين دفعي هنگلاج ۾ هن اتان جي رسم بجا نه آندي، ان ڪري بقول ڪاڪو ڀيرومل ”جوڳين سان ناسازي ٿي پيس ۽ کيس اڪيلو موٽڻو پيو.“ (8) +محترم غلام محمد شاهواڻي انهيءَ باري ۾ لکي ٿو: ”هن جي مسلمان دل ٺڪر ۽ ٺوپر جي پوچا کان پاڻ پري رکي، وحدانيت جي واٽ ورتي. جوڳي کيس انهيءَ ڪري ستو ڇڏي رمندا رهيا.“ (شاهه جو رسالو ص 1106) +منهنجي اها راءِ آهي ته لطيف سائين جوڳين کان ڪنهن به موقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪو نه ڪيو آهي. البته انهن جي ساراهه ڪئي اٿس: +مون سان جوڳين ڳڻ ڪيا، +مون مان ڳهر ويئي، +اکين آرس ڇڏي ڏنو، +۽ ائون ٻيائي کان پاسي ٿيس. +هي هڪ علامتي طريقو به آهي، جنهن مطابق لطيف سائين آدرشي انسانن جي دنيا تياڳي وڃڻ تي پريشاني جو اظهار ڪيو آهي. ڪاڪو ڀيرومل اڳتي هلي اهو اعتراف ڪندي لکي ٿو ته شاهه صاحب انهن جوڳين کان جدا گهاري نٿو سگهي. (9) +لکين ڪيا لسان سين، لاهوتن لوڙا، +گهوڙا ڙي گهوڙا! آئون نه جيئندي ان ري. (1-3) +اهي ماڻهو پنهنجي دور جا باغي ۽ پنهنجي وقت جا وڏا ڏاها ليکيا وڃن ٿا. اهي آهن سيد علي هجويري، داتا گنج بخش، عثمان مروندي لعل شهباز قلندر، شيخ شرف الدين بوعلي قلندر. لعل شهباز جو سنڌ سان ۽ بوعلي قلندر جو دهلي ۽ پاڻپيٽ سان واسطو هو. قاضي جاويد لکي ٿو: ”مشرق وسطيٰ جي علائقن ۾ قلندري نالي جوهڪ فرقو موجود هو، جنهن شروعاتي عثماني عهد ۾ ان طوليه ۽ روماليه جهڙن مرڪزن کان پري علائقن ۾ سياسي شورش پيدا ڪئي هئي ۽ سلجوقي عهد ۾ به اهي اهڙين ئي ڪارواين ۾ مصروف رهيا هئا. برصغير ۾ انهن جي سڌي سنئين وابستگي خارج از امڪان آهي.“ (10) +عثما�� مروندي آذر بائيجان علائقي جي اسماعيلي فرقي سان واسطو رکندڙ هو. اسماعيلي فرقي جو اثر سيوهڻ ۾ به گهڻو هو. ان ڪري هو جڏهن پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي برصغير ۾ آيو، ته هن سيوهڻ کي رهڻ لاءِ پسند ڪيو، جتي تصوف جي سهروردي طريقي کي عام مقبوليت حاصل هئي. هن جا خيال وحدت الوجود جي فلسفي مطابق هئا. لال شهباز 1274ع ۾ وفات ڪئي. انهيءَ کان پوءِ تصوف جي انهيءَ بنياد تي شطاريه فڪر کي هٿي ملي. هن تحريڪ جو باني شيخ عبدالله شطاري هو. +برصغير ۾ وحدت الوجود جي فلسفي جو باقاعدي سلسلو شيخ صدرالدين کان شروع ٿيو. هو شيخ بهاؤالدين ذڪريا جو پٽ هو (11). ان بعد مسعود بڪ جو نالو اچي ٿو. سندس ٻن ڪتابن نورالعين ۽ مرات العارفين ۾ فلسفه وحدت الوجود تي گفتگو ٿيل آهي. +برصغير ۾ ڀڳي تحريڪ کي به تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. هيءَ تحريڪ پندرهين ۽ سورهين صديءَ جي، هندو ۽ مسلمان دانشورن جي سوچ جو منطقي نتيجو هئي. انهيءَ نقطه نظر کي سامهون رکندي، ڪيترن ئي ويدانتي ۽ تصوف سان واسطو رکندڙ دانشورن انهيءَ عمل کي اڳتي وڌايو. هن فڪري تحريڪ جو بنيادي رڪن ’رامانج‘ کي مڃي سگهجي ٿو. ’رامانج‘ پنهنجو زياده تر توجهه گهٽ ذات وارن هندن ڏانهن رکيو هو. (12) +هن تحريڪ جو بنيادي مقصد ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي مخالفت هو. انهيءَ ڇوت ڇات واري نظام ۾ روحاني طور تي آزاد ۽ سماج وادي بڻجڻ ئي ڏکيو مسئلو هو. ان ڪري ڀڳتي تحريڪ محبت کي ئي انساني نجات جو ذريعو ڄاتو. رامانج ڇوت ڇات کان گريز ۽ انسانيت ۽ هيڪڙائي جو سبق ڏنو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي ”سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو“ ۾ انهيءَ فڪري تحريڪ جو سنڌي ماڻهن تي اثر پوڻ جي سلسلي ۾ لکي ٿو: ”ڪبير، گورنانڪ، دادو ديال، سمن، تلسي، رحمان ۽ ڪالو وغيره جا هندي دوها، سنڌي ۾ به عام مروج ۽ مقبول هئا. ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف وٽ به انهن جو قدر هو. ڀٽائي صاحب وقت بوقت انهن دوهن کي دهرايو، ۽ انهيءَ ڪري ئي اهي دوها ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ سريراڳ هندي هيٺ، هڪ اهم باب جي صورت ۾ قلمبند ٿيا.“ (13) +لطيف سائين سُر رامڪلي ۾ جن جوڳين ۽ لاهوتين جا نشان پتا بيان ڪيا آهن، سي سڀ انهيءَ فڪري تحريڪ سان واسطو رکندڙ معلوم ٿين ٿا. هن تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ رامانند کان پوءِ تلسي داس (رامائڻ جو ترجمو ڪندڙ) جو اهم هٿ آهي. پر سڀ کان پراثر ۽ اهم شخصيت ڀڳت ڪبير جي آهي. محترم تنوير عباسي لکي ٿو: ”هو مٿاهين شاعر هئڻ سان گڏ عوامي شاعر پڻ هو. هن جي شاعري پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل طبقن ۾ هڪ جيتري مقبول هئي.“ (14) +ڀڳتي تحريڪ جي ٻين رهنمائن جيان ڀڳت ڪبير به پنهنجي فڪر کي گيتن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. هو ويدانت فلسفي جو قائل آهي. تنهن هوندي به هن جي آڏو قرآن مجيد جي فرمان موجب غيب ۾ رهندڙ طاقتور هڪ خدا جو تصور به واضح طور تي موجود آهي. +لطيف سائين تي به ڀڳت ڪبير جي انهيءَ تحريڪ جو اثر رهيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف درويش، ڪبير جي هن مؤحدانه نظريي جي حقيقت ۽ جاذبيت کي محسوس ڪري، ان کي پنهنجو ڪيو.“ (15) +ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو: ”لطيف سائين ڀڳتي تحريڪ ۾ حصو ورتو، جيڪا گرو نانڪ (1469- 1539ع) جي تعليم جي واسطي سان سنڌ ۾ پکڙي“ (16) ساڳئي ئي حوالي سان محترم تنوير عباسي لکي ٿو: ”هو ڀڳتي تحريڪ جي اهم شاعر تلسيداس جي رامائڻ کان به متاثر ٿيو آهي.“ (17) +پنهنجي سفر هنگلاج ۽ لاهوت ياترا ۾ لطيف سائين جوڳين جي تحريڪ کي اکين سان ڏٺو، انهن سان ڪچهريون ڪيائين. هو ان جوڳين کي نفس جي تپسيا ۾ اتم سمجهي ٿو. کين بي غرض ۽ خودي کان خالي ڄاڻي ٿو. +جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ٽوڙ، +جي ڄاوا نه ڄاپندا، جيءُ تنين سين جوڙ، +ته تون پهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾. +(4-2) +لطيف سائين مٿئين بيت ۾ جنهن جوڳي جو ذڪر ڪيو آهي، اهوڪو عام رواجي پينو يا ڪو ڪشتو کڻي پنندڙ گودڙيو ڪونهي، پر سندس جوڳي اعلي ۽ اتم خصلتن جومالڪ آهي. +محبت جي ميدان تي رسائي حاصل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ دنيا جا سڀ لاڳاپا ٽوڙڻا آهن ۽ ٻيو نينهن آفاقي سچ سان جوڙڻو آهي، جنهن جو ظاهري وجود ڪونهي. يعني پنهنجي مقصد سان نينهن اٽڪائي ڇڏجي، جيڪو اڃا وقوع پذير نه ٿيو آهي. +جوٺي جوڳيءَ جي نشاندهي ڪندي لطيف چوي ٿو: +گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي، +ڦٽل او ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا. +(4-16) +مٿئين بيت ۾ لطيف سائين اهو واضح ڪيو آهي ته سچي جوڳي ٿيڻ لاءِ مادي فائدي تي صرف اک ناهي رکڻي، ڇو ته جن به ماڻهن مادي فائدي جي اهميت کي اڳيان رکيو آهي، سي مقصد ۽ مقصود تائين پهچي ڪو نه سگهيا آهن. +ساڳيو ئي مقصد هيٺين بيت مان واضح ٿئي ٿو: +جن سنياسين سانڍيو، گندي ۽ گراهه، +انهن کان الله، اڃا اڳاهون ٿيو. +(9- 10) +اهڙن ڪوڙن ۽ ڪانئرن جي ڀيٽ ۾ مقصدي ماڻهن کي پيش ڪيو اٿس. لطيف وٽ هيرا به آهن ته کرڪڻا به آهن. اهڙو انسان پيٽ کي پٿر ٻڌي، مقصد جي آڏو ايندڙ هر رڪاوٽ سان جنگ جوٽي ٿو. +ڪشي ساڻ ڪشن، ڏيل ڪيائون ڏٻرا، +پيٽ نه هيريائون پنهنجا، چوري ساڻ چهن، +اهڙي راهه رسن، ڪاپڙي ڪاٻول کي. +(7-9) +هرڪو مذهب انسانيت جا قدر سيکاري ٿو، تنهنڪري مذهب کي ماني جو ذريعو بڻائڻ نه گهرجي. ظاهري مذهبي رسمون، اصلي منزل کان پري ڪري ڇڏين ٿيون. لطيف سائينن انهيءَ ڪري ئي پنهنجي دور جي رائج قدرن کان انڪاري ٿيو آهي. +لطيف سائين اسلام جي تاريخي ڪردارن سان گڏوگڏ علائقي جي ٻين مذهبي پيشوائن کي علامتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. +روح ۾ رهين رام، ٻاهر ٻولين ڪي ٻيو، +پيالو پر ڪري، جوپ نيتائون جام، +تهان پوءِ تمام، تن تڪيا تاڪي ڇڏيا. +(6-2) +محترم تنوير عباسي به سري رامچندر سان گڏ گورکناٿ کي به اهڃاڻ ڪري مڃي ٿو. (18) +لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مسحو، +جا اسلاما اڳي هئي، سا سڻيائون ٻانگ، +سامي ڇڏيا سانگ، گڏيا گورکناٿ کي. +(7-14) +مٿئين بيت ۾ لطيف سائين پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪيو آهي. ڪي علامتون شاعر جي ذاتي تجربي جي بنياد تي به جڙنديون آهن، جنهن کي اتفاقي (Accidental) علامتون چئبو آهي. يعني جهڙو تجربو تهڙو ردعمل. +هن بيت ۾ اسلام کان اڳي واري ٻانگ جو مقصد مهاتما ٻڌ جي تعليم ڏانهن اشارو آهي. گرو گورکناٿ، مهاتما ٻڌ جي تعليم کي نئين سر جياريو. انهيءَ سلسلي ۾ سائين تنوير عباسي لکي ٿو: ”اها اسلاما اڳي واري ٻانگ مهاتما ٻڌ جي تعليم آهي، جنهن ۾ بت پرستي نه آهي ۽ جنهن جي تجديد گروگورکناٿ ڪئي.“ (19) +لطيف سائين ڪنهن به مذهب کي برو نٿو ڀانئي. هن جو زور انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انسان ڪنهن به مذهب سان يا مسلڪ سان واسطو رکي، پر ان سان چو رهي. ان ڪري اسلاما اڳي واري ٻانگ جيئن ته ٻڌمت جي تعليم ڏانهن واضح اشارو آهي. ٻڌمت جا پوئلڳ ناٿ پنٿي ۽ ڪن ڦاڙ جوڳي سڀ علامتون آهن. اهي تڏهن ئي مقصود (گورکناٿ) تائين رسائي حاصل ڪري سگهيا، جڏهن سڀ سانگ ڇڏيائون. يعني مقصد جي حاصلات لاءِ سڀني رڪاوٽن ۽ خواهشن کي تڇ سمجهڻو آهي. مقصد ڪهڙو به هجي ان سان سچائي، دراصل پاڪائيءَ جو سمبل آهي. پر اهي سچا گورکناٿي، ناٿ پنٿي، ڪن ڦاڙ ۽ لاهوتي ڳوليا ڪو نه ٿا ملن. انهن جي اڻاٺ لطيف کي خاموش رهڻ نٿي ڏئي. +اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنو��رين، +آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين، +جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. +(8-8) +لطيف سائين هر دور ۾ مقدي ماڻهن جي اچڻ جي اميد رکي ٿو. هن کي خبر آهي ته اهڙيون سچيون ۽ باڪردار شخصيتون جڏهن به اينديون آهن ته ڏيهه تان ڏولا لهي ويندا آهن ۽ خوشيءَ جون خبرون عام ٿي وينديون آهن. +ويراڳي واري، الا! اڱڻ آڻئين، +ڏک لاهينديس ڏيل مان، تُهن جيئن تاري، +ايندم اوتاري، کيِنءُ جون ڏيندم خبرون. +(7-16) +اهي ماڻهو تفريق جا قائل نه آهن۔ هنن جي نظرن ۾ سڄي انسانذات باوقات آهي. اهي ڪائناتي سوچ جا قائل آهن. سندن آڏو ڪا به طبقاتي حد بندي ڪونهي، ڏسو. +منهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان، +اڏامي ات ويو، عقل ۽ عرفان، +سڀوئي سبحان، ڪاڏي وڃي نيتيان. +لطيف سائين اهڙن ماڻهن جي اصليت ٻڌائي آهي، جيڪي سواءِ انساني وقار جي ٻيءَ ڪنهن به حقيقت کي ڪو نه ٿا مڃين. +نڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين، +جاٽا ڪن نه جوڳ جي، جوڳ نه جهارين، +آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون. +(6-8) +سائين تنوير عباسي انهن ڪن پٽ ڪاپڙين ۽ ناٿ پنٿي جوڳين کي اڻ مڃيندڙ (Agnotist) سڏيو آهي. (20) +ڀڳت ڪبير جو تعلقاتي پس منظر به ساڳيو آهي. هن جي فڪر تي اجتماعيت پسندي غالب اهي. هن پنهنجي پيشروئن مان مهاتما ٻڌ کان به وڌي سماجي طبقي بنديءَ جي مخالفت ڪئي آهي. (21) +سچل سرمست به ساڳي وائي ٻولي ٿو: +نه مئن ڪعبه نه مين قبله، مڪي مول نه جاوان، +نه مئن سني، نه مئن شيعا، سيد ڪين سڏاوان، +نه مئن نانڪ، نه مئن لڇمڻ، گنگا مول نه جاوان، +يار ته ميڏا درس درازي، سچو نانءُ سڏاوان. +(22) +حضرت بلها شاهه جا به انهيءَ سلسلي ۾ ساڳيا خيال آهن. +بلها! ڪيا جانان مئن ڪون؟ +نه مئن مومن وڃ مسيتان، +نه مئن وچ ڪفر دي ريت آن، +نه مئن پاڪان وچ پليتان، +نه مئن موسيٰ، نه فرعون، +بلها! ڪيا جان مئن ڪو نه؟ +(23). +مطلب ته اهي سڀ شخصيتون حقيقت ۾ ڪنهن به طبقي بندي جي خلاف آهن. سندن مول مقصد انسانيت آهي. سڀ انسان ۽ ذي روح سندن آڏو قابل تڪريم آهن. +صوفين آڏو دنيا جا سڀ مذهب سڦل زندگي گذارڻ جو ذريعو هوندا آهن. اسلامي نڪته نظر سان ابن العربي جو هي فلسفو قرآن ۽ سنت سان مطابقت رکندڙ آهي، جنهن مطابق زندگي جي سڀ مسئلا رواداري ۽ اعتدال واري پاليسي مطابق حل ڪيا وڃن ٿا. +صوفي هر مذهب ۾ چڱائي جا متلاشي هوندا آهن ۽ سموري ڪائنات جي ڪثرت کي هڪ ئي وحدت ڄاڻندا آهن. لطيف سائين جو هي بيت ڏسو: +گل گل پسي گودڙيا، گهڻا مَ ڀانئيج، +سوئي سڃاڻيج، هي هو آهي هيڪڙو. +(9- 36) +لطيف سائين وحدت الوجودي ڏاهو هو. انهيءَ فلسفي وارن صوفين لاءِ انسان ۽ ڪائنات ٻه جدا جدا شيون نه آهن، پر اهي هڪ ئي وحدت ۾ سمايل آهن. +لطيف دنيا جي مختلف رنگن ۽ روپن کي ڏسي، انهن جي ڪثرت ۾ گم ٿيڻ بجاءِ حق کي سڃاڻڻ جي هدايت ڪري ٿو، ڇو جو هر هڪ رنگ ۽ هر هڪ ڪثرت کي، هڪ ازلي وحدت ۾ سمائجڻو آهي. ”هي ۽ هو“ ٻئي هڪ آهن. ٻنهي جي وچ ۾ ڪو ويڇو ڪونهي. جيئن انسان ڪائنات کان ٻاهر ڪا حيثيت نٿو رکي، تيئن خدا به انسان کان ڌار نه آهي. +خدا ۽ انسان جي نزديڪي هجڻ وارو تصور بيان ڪندي لطيف چوي ٿو: +مونا طور سينا، سندا سنياسين، +پورب کنيون پاڻ سين، نه بغض بيراڳين، +رِدا آهي راز جي، اوڇن آديسين، +قرب ڪاپڙين، ننهن چوٽي سين ڍڪيو. +(5-2) +هن بيت ۾ سنياسين ۽ خدا لوڪن جي گوڏن کي طور سينا سڏيو ويو آهي. جهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ عليـﮧ السلام طور سينا تي خدا جو نور ڏٺو، تهڙيءَ طرح الله ڪريم جا نيڪ بندا، پنهنجن گوڏن ۾ منهن لڪايو، خدا جي نور جو مشاهدو ڪن ٿا. محترم تنوير عباسي مونا ۽ طور س��نا جي علامتن ذريعي پوري ڪائنات، خالق توڙي مخلوق کي هڪ وحدت طور بيان ڪيو آهي. (24) +ڌڻيءَ سان هڪ ٿي وڃڻ جي اها حجت هرڪو نٿو ڪري سگهي. اها خواهش اهي ئي ڪري سگهن ٿا، جن پاڻ سڃاتو آهي. لطيف سائين انهن جا پار پتا ٻڌائيندي چوي ٿو: +پَٽ ڇڏيائون پٽ ۾، ڏنڊ ڇڏيائون ڏِس، +سڀ ٽولنئان اڳي ٿيا، موٽي ٿين نه مِس، +هي ڇڏيائون حِس، وڃي ڪالهه ڪُل ٿيا. +مٿئين بيت ۾ پَٽ (ڪشتو يا جمنيون)، ڏنڊ (سڱيون وڄائڻ جون)، مِس (ٽامو يا ڪچ) ٽئي علامتون آهن. اهي عام شيون خاص شين جا تصور آهن. +هن بيت ۾ لطيف سائين جُز جي ڪُل ۾ سمائجڻ واري فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي. جيڪي به آدرشي ماڻهو دنيوي يا مادي فائدي کي ڦٽو ڪري، انومان ۽ انديشا ڪڍي ۽ ناپاڪي ۽ دوئي کان دور ٿي زندگي گذارين ٿا، اهي ئي ازلي وحدت ۾ سمائجڻ جي قابل آهن. اهڙا انسان مقصود تائين پهچي سگهن ٿا. +شاهه لطيف هن سر ۾ اجتماعيت جي ڳالهه ڪئي آهي. هن سُر ۾ فرد واحد کي جاکوڙ ڪندڙ ڪو نه ڏيکاريو ويو آهي، بلڪه سڀ لاهوتي ۽ جوڳي گڏجي هڪ مقصد لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا. +جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري، +ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري. +(1-1) +حوالا +انصاري عثمان علي: ”رسالو سچل سرمست“ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد، 1978ع، ص 19-20. +قاضي جاويد: ”برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا“، نگارشات لاهور 1986ع، ص 157- 156. +ايضاً ص- 157. +ايضاً ص- 158. +ايضاً ص- 158. +ايضاً ص-203. +آڏواڻي ڪلياڻ: ”شاهه جو رسالو“ مڪتبه اسحاقيه ڪراچي، 1976ع، ص 387. +آڏواڻي ڀيرومل: ”لطيفي سئر“ عبدالله عبدالستار ڀٽي، حيدرآباد 1926ع، ص 35. +ايضاً ص- 36. +قاضي جاويد: ”برصغير ۾مسلم فڪر ڪا ارتقا“، نگارشات لاهور 1986ع، ص 58. +ايضاً ص- 67. +ايضاً ص- 71. +بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر): ”سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو“ مقالوسماهي مهراڻ حيدرآباد، سيارو 1955ع، ص-117 +عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“ (جلد ٻيو) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع ص- 41-42. +بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر): ”سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو“ (مقالو) سماهي مهراڻ حيدرآباد، سيارو 1955ع، ص-118. + + +جوتواڻي موتي لال: ”شاهه عبداللطيف- هز لائيف اينڊ ورڪ“ يونيورسٽي آف دهلي، 1975ع ص- 143. +عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“ (جلد ٻيو) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع ص – 65. +عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“ شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي 1976ع ص- 159. +ايضاً ص- 166. +عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“ (جلد ٻيو) نيو فيلڊ پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع ص- 65. +قاضي جاويد: ”برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا“ نگارشات لاهور 1986ع، ص- 73. +عباسي تنوير: (مرتب) ”سچل سرمست“، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور 8/ 1988ع ص- 80 +سي- ايف- اسبورن، ڪي- آر- لاجنتي، اي- آر- لوٿر: ”بلها شاهه“ شيخ مبارڪ علي، لاهور ص 84. +عباسي تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“، شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي، 1976ع ص- 165. +جُهڪر جو دڙو +امام راشدي +انهيءَ ۾ ڪو به سڪ ناهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب ڄاتي وڃي ٿي. اهڙا هزارين اهڃاڻ سنڌ جي ڌرتيءَ تي موجود آهن، جن جي قدامت جو اندازو کوجنا مان لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم تهذيب جو چٽو ثبوت، ”موهن جو دڙو“ آهي، جيڪو پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو پختو دليل آهي. +سنڌ ۾ ٻيا به اهڙا سوين ماڳ، مڪان، دڙا ۽ ويران وسنديون موجود آهن، جن ڏانهن اڃان آثارِ قديمه جي ماهرن جو ڌيان نه ويو آهي. پر جي ڌيان ڏنو ويو به آهي ۽ خوش قسمتيءَ سان انهن جي ڪا کوٽائي يا کوجنا وغيره به ڪرائي وئي آهي، ته پوءِ اها بلڪل اڻپوري ۽ نامڪمل آهي، ��نهن مان ان هن جي صحيح حقيقت جو اندازو لڳائي نٿو سگهجي. +سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو هڪ اهڙوئي ماڳ، ”جهُڪر جو درو“ به آهي، جيڪو پنهنجي سيني ۾ هزارن سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جا انمول موتي سانڍيو ويٺو آهي، جيڪو زماني جي بي حسي ۽ آثارِ قديمه وارن جي عدم توجهي تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. +جهُڪر جو درو، لاڙڪاڻي کان ڇهه ڪلوميٽر، اولهه ۾ انڊس هاءِ وي جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. هن رستي سان ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن جو گذر اڪثر ٿيندو رهندو آهي، جيڪي هن تاريخي ماڳ کي نهايت دلچسپيءَ سان ڏسندا ته هوندا، پر افسوس جو هندڙي جي اڻپوري کوٽائي ۽ مڪمل تحقيق ۽ اتي رهائش وغيره جو ڪو بنوبدست نه ڏسي مايوس ٿي هليا ويندا آهن. +جُهڪر جي دڙي بابت تاريخي حوالا گهڻا نه ٿا ملن، ۽ نه وري هن دڙي جي ڪا تسليءَ جوڳي تاريخ ئي ملي ٿي، جنهن مان هن دڙي جي قدامت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي. البت هيءَ راءِ بلڪل صحيح ڄاتي وڃي ٿي ته هيءُ دڙو، موهن جي دڙي کان پوءِ برباد ٿيو. يا جُهڪر جو دڙو ۽ موهن جو دڙو ٻئي همعصر آهن.عام راٰءِ هيءَ آهي ته موهن جي دڙي جي ڦٽڻ کان پوءِ، ”جهُڪر“ جو شهر آباد ٿيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته، موهن جي دڙي جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ ساڳين ماڻهن اچي جحوڪر جو شهر ٻڌو، ۽ اتي به ڌارين جي حملي، ٻوڏ، وبائي بيماري، ڏُڪار يا ڪنهن ٻئي اهنج ڪري هي وسندڙ شهر به ويران ۽ تباهه ٿي هجي: +حقيقت ۾ جهُڪر جو دڙو، سنڌو سڀيتا جي آخري دور سان تعلق رکي ٿو. مسٽر ايڇ. ٽي لئمبرڪ، پنهنجي ڪتاب”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ۾ لکي ٿو ته ”اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته لال ڇَتي ۽ مشاق جي ٻيٽاون ماڳن تان هڪ قسم جا ٺڪر- ٿانوَ هٿ آيا آهن، جي ٿلهي ليکي جهُڪر ۽ لوهم جي دڙن مان لڌل ٿانون جو سَن آهن. پويان ٻئي دڙا، کوٽائي ڪرائيندڙ صاحب جي خيال ۾ سنڌو سڀيتا جي آخري دور سان واسطو رکندڙ آهن.“ (1) +لئمبرڪ جي انهيءَ حوالي مان ظاهر ٿيو ته جهُڪر جودڙو، موهن جي دڙي کان پوءِ جو آهي. +اها ڳالهه مڃيل آهي ته موهن جو درو، هڙپا يا ٻيون قديم تهذيبون دريائن جي ڪناري تي آباد هيون، ڇو ته انسان جي زندگيءَ لاءِ اناج، چراگاهه ۽ پاڻي وڏي اهميت رکن ٿا. قديم زماني جا رهاڪو به پنهنجي زندگي گهارڻ لاءِ، دريائن جي ڪنارن تي رهڻ پسند ڪندا هئا، ته جيئن پنهنجي ۽ پنهنجي مال جي لاءِ زراعت، چراگاهه ۽ پاڻيءَ جو انتظام آسانيءَ سان ڪري سگهن. +قديم دور ۾ سنڌو ندي جهڪر جي ڀرسان وهندي هئي يا سنڌو نديءَ جو هڪ ڦاٽ، جهڪر جي دڙي وٽان لنگهندو هو. ان کان علاوه هڪ سَڙڪ آڳاٽي زماني ۾، بولان لڪ کان نڪرندي هئي. اها سرڪ اڳتي هلي ٻن سڙڪن ۾ ورهائجي ويندي هئي.هڪ اروڙ کان ٿيندي، ملتان تائين ويندي هئي. سنڌ ۾ هن سڙڪ ذريعي ٻاهران ڪيتريون ئي قومون آيون. هن سڙڪ سان، ٻين ملڪن ۽ شهرن ڏانهن وڻج واپار ٿيندو هو. ممڪن آهي ته جهڪر جو شهر ان وقت ۾ آباد هجي ۽ پوءِ ڦِٽو هجي! هن سڙڪ جا اهڃاڻ اڄ به ڪيترن هنڌن تي موجود آهن. (2) +جهڪر جي دڙي جي پکيڙ ڪيترن ئي ايڪڙن تي مشتمل آهي. چيو وڃي ٿو ته گهڻن مينهن پوڻ سبب هن دڙي جا ٻه حصا ٿي ويا آهن. هي هڪ ئي درو هو. هينئر ٻنهي درن جي وچ ۾ تقريباً ٻه سؤ فوٽ مفاصلو ٿي ويو آهي. پهريون ننڍو دڙو 17 فوٽ بلند ۽ هموار آهي. ٻيو وڏو 63 فوٽ مٿي آهي. ٻنهي دڙن جي اولهه م هڪ ننڍو ڳوٺ ”مِنو ديرو“ آهي. ڳوٺاڻا هنن ٻنهي دڙن کي جداجدا نالن سان سڏيندا آهن. وڏي کي ”جهُڪر جو دڙو“ ۽ لنڊن کي ”وِلهيءَ جودڙو.“ چيو وڃي ٿو ته وِلهي راڻي هئي، جيڪا جهڪر راجا جي ڀيڻ هئي. انهن ٻنهي ڀاءُ- ڀيڻ جي نالن پٺيان هي ٻئي مشهور آهن. وِلهيءَ جي دڙي جي ڪجهه حصي جي کوٽائي ٿيل آهي، جيڪا جهڪر جي دڙي جي کوٽائيءَ سان گڏ ڪئي وئي هئي. جهڪر جي دڙي جي نالي بابت ڪئين انومان، ويچار ۽ روايتون ملن ٿيون، جنجو جائزو هيٺ پيش ڪنداسين. پر پهريائين اچو ته انهن تاريخي شهرن جو پس منظر ڏسون، جيڪي قديم زماني کان سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود آهن. +حقيقت ۾ ڪو به شهر ڪنهن شخصيت جي نالي سان منسوب هوندو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ جيڪي ٻاهريون قومون آيون، تن پنهنجي نالن سان هتي شهر آباد ڪيا. جيئن ”اُر“ کان آيل قوم جي نالي سان ڪيئي شهر مشهور آهن. جهڙوڪ، ڪشمور، اروڙ، ڀنڀور وغيره. ڏٺو وڇي ته جهڪر به ان ۾ شامل آهي. خيال آهي ته هي شهر به انهي4 دور جو ”اُر“ کان آيل قومن جو ئي ٻڌايل آهي، جنهن سبب اڄ تائين مشهور آهي. (3) +پهرين روايت: ”گهڻين برساتين پوڻ سبب دڙي جو ڪافي حصو جهڪي پيو ۽ ان ڪري اهو ’جهڪر جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو“. (4) +ٻي روايت: ”هن شهر ۾ جهڪر نالي راجا راڄ ڪندو هو ۽ انهيءَ ڪري ’جهڪر جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو.“ (5) +ٽين روايت: ”هي شهر راجا دلوراءِ جي دور جو آهي. دلوراءِ پنهنجو خزانو هن شهر ۾ پورايو هو. انهيءَ ڪري شهر جو نالو ’جهڪر‘ پئجي ويو.“ (6) +چوٿين روايت: ”جهڪر ۽ نَڙَ ٻه ڀائر هئا ۽ ٻئي ڀائر هن شهر جا رهندڙ هئا. آڳاٽي زماني ۾ سنڌو ندي جهڪر شهر جي ڀرسان وهندي هئي. ان جي بار بار پائڻ سبب هي شهر ويران ٿيندو رهيو. آخر ماڻهن هتان لڏڻ شروع ڪيو ۽ جهڪر جي دري کان ڪجهه پنڌ تي اولهه طرف، هڪ هنڌ اچي رهيا ۽ گهر اڏي ويٺا. پر اتي به هو گهڻو وقت نه رهيا. ان جڳهه کي ”نَڙ جو دڙو“ نالو ڏنو ويو. اڄ به نَڙ جو دڙو، جهڪر جي دڙي کان اَٺ ڪلوميٽر پري ڳوٺ ”خيرپور جوسو“ ۾ واقع آهي. هينئر ڪي آثار دڙي جا موجود آهن. +نَڙ بابت چيو وڃي ٿو ته ”سنڌ ۾، ”نڙاڻي تُنيا“، راجا نڙ جي اولاد مان آهن. اڄ به، ’نڙاڻي تُنيا‘، تينا قوم ۾ هڪ معزز گهراڻو ڄاتو وڃي ٿو.“ (7) +”حقيقت ۾ سنڌو تهذيب جون وسنديون، حملي ڪندڙ ”آرين“ ئي تباهه ۽ برباد ڪيون. جيڪي سنڌ ۾ ٻاهران آيون، انهن ماڻهن کي ٽن گروهن، سيميٽري. ايڇ، جهڪر ۽ جهانگر وغيره ۾ ورهايو ويو. انهن ٽنهي گروهن کي ”آريا قبيلا“ قرار ڏنو ويو. انهن چيو وڃي ٿو ته هنن سنڌو ثقافت جي ماڻهن کي لٽي برباد ڪيو. انهن ماڻهن کي ”دراوڙ“ قرار ڏنو ويو.“(8) +”آثار قديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته هڙپا ۾، سيميٽري. ايڇ جي ماڻهن ۽ موهن جي دڙي جي جهڪر ماڻهن حملو ڪري، سنڌو سڀيتا جو انت آندو. اهي حملو ڪندڙ ڪير هئا؟ هنن اهو نظريو ڏنو، ته اهي دهقاني، آريا ماڻهو هئا. سيميٽري. ايڇ، جهڪر ۽ جهانگر جا ماڻهو پاڻ به سنڌو سڀيتا جا ماڻهو هوندا هئا. ان سڀيتا جو ڪن سببن جي ڪري زوال ٿيو هو.“ (9) +مٿين روايتن ۽ حوالن مان معلوم ٿيو ته ”جهڪر“ نالي هڪ قوم هئي، جيڪا موهن جي دڙي ۽ ٻين ماڳن تي رهندڙ هئي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته موهن جو درو ۽ جهڪر جو دڙو ٻئي همعصر آهن. يا جهڪر، موهن جي دڙي کان پوءِ جي دور جو آهي. ٿي سگهي ٿو، ته جهڪر قوم، جهڪر جي شهر ۾ رهندڙ هجي ۽ اهو شهر پنهنجي دور جو وسندڙ شهر هجي، جيڪو سنڌو دريا جي ڪناري تي آباد هو ۽ پوءِ ڌارين جي حملي، ٻوڏ، ڏڪار، ۽ بيماريءَ يا ڪنهن ٻئي اَهنج ايذاءَ جي ڪري هن شهر جي رهواسين کي هي شهر ڇڏڻو پيو هجي پوءِ هي شهر ويران ٿي دڙي جي صورت ۾ تبديل ٿيو هجي! يا وري موهن جي دڙي جي تباهيءَ کان پوءِ اتان جا ماڻهو اچي هتي رهيا هجن، جن ۾ جهُڪر قوم به شامل هئي ۽ انهيءَ مناسبت سان هن شهر تي ”جهڪر“ نالو پيو هجي. اڃا ٻيو سبب هي به ٿي سگهي ٿو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته ”موهن جي دڙي جي جهڪر ماڻهن حملو ڪري سنڌو سيتا جو انت آندو.“ ممڪن آهي، ته انهيءَ جهڪر قوم، هن شهر تي به حملو ڪري، هتان جي ماڻهن کي لٽيو، ڦريو ۽ تباهه ڪيو هجي. +مٿين روايتن ۽ حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته جهُڪر هڪ قوم هئي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ هئي. خيال آهي ته جهُڪر جي دڙي تي، جهڪر نالو به انهيءَ قوم جي مناسبت سان پيل آهي، جيڪو صدين کان اڄ تائين هلندو اچي. +مسٽر لئمبرڪ وري لکي ٿو، ”فاتح قوم جي ماڻهن جو موهن جي دڙي ۾ آباد ٿي ويهڻ جو ثبوت نه ٿو ملي، حالانڪه اُهي جهڪر، لوهم جي دڙي ۽ چانهوءَ جي دڙي جي ويران سرزمين آباد ٿي ويا هئا. سنڌو تهذيب جي هن شاهه شهر کي هنن طرفان ائين نظرانداز ڪرڻ جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته هنن کي سابق دارالحڪومت واري شهر جي آسپاس پوکيءَ راهيءَ جا ڪي آثار نظر نه آيا هوندا. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن لاءِ هيءُ اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو ته انهن جي زندگيءَ جي طرز نيم خانه بدوشيءَ واري هئي ۽ اهي فقط پنهنجي مال جي ڌڻن مان ٿيندڙ اُپت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي ڪڏهن ڪڏهن زراعت ڪندا هئا. انهن حملي آور ماڻهن جي دور جا، جن کي اسان ”جهڪر وارن لوڪن“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا، جيڪي قديم اوزار مليا آهن، انهن جو گهڻي کان گهڻو تعداد ۽ گهڻي کان گهڻا مختلف نمونا چانهونءَ جي دڙي مان دستياب ٿيا آهن ۽ اهي بلوچستان جي پري پري تائين منتشر ٿيل هنڌن مان هٿ آيل شين سان به مماثلت رکن ٿا.“ (10) +لئمبرڪ جي انهيءَ ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته جهڪر ڪنهن ماڳ جو نالو آهي، جتي ٻاهران آيل فاتح قومن پنهنجو آستانو قائم ڪيو هجي. انهن ٻاهران آيلن موهن جي دڙي ۾ به رهڻ پسند نه ڪيو. ان مان ظاهر ٿيو ته جهڪر اڳ ۾ به موجود هو: شهر جي صورت ۾ يا وري ويران وسنديءَ جي صورت ۾. لئمبرڪ جي ان ڳالهه مان اها ثابتي پڻ ملي ٿي ته جهڪر، موهن جي دڙي کان پوءِ جو آهي. انهيءَ وقت موهن جو دڙو تباهه ٿي چڪو هو ۽ يا وري صفا ويران ٿي ويو هو، جو ٻاهرين قومن هن شهر کي نظرانداز ڪري، ٻين هنڌن تي رهڻ پسند ڪيو. +باقي دڙي تي خزاني، جهُڪي پوڻ يا جهُڪر راجا جي نالي سبب، ان تي نالو پوڻ اِهي محض روايتون آهن، پر جيستائين ڪا واضح صورتحال نظر اچي، تيسين انهن روايتن کي به رد نٿو ڪري سگهجي. اڃان تحقيق ۽ کوجنا جي ضرورت آهي. اڄڪلهه جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي بنيادن تي تحقيقي ڪم ٿي رهيا آهن. ”جهڪر جو دڙو“ به هڪ اهڙوئي ماڳ آهي جنهن جي مڪمل کوٽائي ۽ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ئي پتو پئجي سگهندو ته هي دڙو ڪيترو پراڻو آهي. +مسٽر لئمبرڪ جي انهيءَ ڳالهه سان اسان کي متفق ٿيڻو پوندو ته جهڪر، ڪو ماڳ هو، جنهن جي ڪري هي دڙو صدين کان، انهيءَ نالي سان سڏبو اچي ٿو. باقي جهڪر هڪ قوم هئي، جيڪا آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هئي، نهايت وزندار ڳالهه آهي. اسان کي اها ئي ڳالهه بلڪل درست لڳي ٿي، ڇو ته ڪنهن به قوم يا شخصيت جي مناسبت سان شهر ٻڌايا ويندا آهن. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته جهڪر هڪ قوم هئي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ هئي. جهڪر تي نالو به انهيءَ مناسبت سان پيل آهي. +جهڪر جي دڙي جي سڀ کان پهريائين کوٽائي، انگريزن جي دور ۾، سن 1935ع ۾ آثار قديمه جي ماهر مسٽر اين- ايم- مجمدار ڪرائي هئي، جتان کيس ٺِڪر جا ٿانو، ٽامي جا سڪا ۽ ڪجهه مهرون ۽ ٻيون شيون به مليون، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي گپتا خاندان ۽ سفيد هُوڻ جي دور سان واسطو رکن ٿيون. +مسٽر لئمبرڪ جهڪر مان لڌل شين بابت لکي ٿو ته ”پنجين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ ۾ اُتر الهندي هندستان ۾ ايراني اثر وري بحال ٿيل نظر اچي ٿو. اها ڳالهه جهڪر جي لڌل ٺڪر جي ٿانون تي نڪتل شڪلين مان نظر اچي ٿي.“ (11) +مسٽر مجمدار جي کوٽائيءَ کان پنجاهه سال پوءِ 73- 1974ع ۾ آثار قديمه وارن هن دڙي جي ڪجهه حصي جي ٻيهر کوٽائي ڪرائي، جنهن مان ڪيتريون ئي اهڙيون شيون مليون آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته موهن جو دڙو ۽ جهڪر جو دڙو هڪ ئي تهذيب جا شهر هئا. اهڙي شهادت، مسٽر لئمبرڪ جي هن حوالي مان پڻ ملي ٿي ته ”اپر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي کان ڪجهه ميل اولهه طرف جهڪر وٽ وٽ هڪ قديم آثار جي قريبي زماني سان واسطو رکندڙ لڳ ڀڳ ساڳيءَ نوعيت ۽ ساڳيءَ شهادت وارا سڪا لڌا ويا آهن. اتي واسو ديوَ جا سڪا لڌا ويا آهن، پر انهن سڪن کان وڌيڪ تعداد ۾ اهي مخصوص شڪل ۽ صورت جا سڪا مليا، جيڪي موهن جي دڙي واري (اسٽوپا) جي قريب ڪُشن گهراڻي جي زوال واري دور سان واسطو رکندڙ آهن. ان کان سواءِ هنن سڪن جهڙا ڪي سڪا يا ته ٺڪر جي انهن مهرن جي ويجهڙائيءَ ۾ يا ان سان گڏ مليا، جن تي گپتا دور جي اکرن ۾ ڪجهه تحرير ٿيل هو، جيڪو شايد پنجين عيسوي صديءَ جي زماني کان گهڻي قدامت جا ناهن. +جهڪر وارين کوٽاين مان مليل چيزن جي شهادتن جي وڌيڪ جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، هيءَ ڳالهه بهتر ٿيندي ته انهيءَ دور ۾ زيرين سنڌ ۾ ظاهر ٿيل واقعن ۽ حالتن تي جيتري قدر به انهن جو سراغ ملي سگهي، غور ڪرڻ گهرجي.“ (12) +”جهڪر جي دڙي جي کوٽاين مان مليل شهادتن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته هوڻ حمله آور، شِرا جا پوڄاري بڻجي پيا هئا. پر هن ڳالهه ۾ ذرو به شڪ ٿي نه ٿو سگهي، ته انهيءَ سڄي ڊگهي زماني ۾ سنڌ جا عام ماڻهو مجموعي طور ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪندڙ هئا. (13) جهڪر جي دڙي جي کوٽائي مان معلوم ٿئي ٿو، ته جاين جي اڏاوت ڪچين سرن سان ٿيل آهي، تڏهن ته موهن جي دڙي جي جاين ۽ بين قديم لڌل آثارن جي جاين جي اڏاوت پڪين سِرن سان ٿيل آهي. جهڪر جي دڙي مٿان هڪ اسٽوپا نما ٺُل ٺهيل آهي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته ڪا محلات، عبادتگاهه يا ٻي ڪا عمارت هجي. يا وري جيئن ته گوتم ٻڌ جي جن ٺُلن ۾ رکي وئي ۽ انهن کي يادگار طور اسٽوپا جو نالو ڏنو ويو. اهڙا اسٽوپا سنڌ ۾ اڃا به گهڻن حصن ۾ موجود آهن. ٿي سگهي ٿو، ته هيءُ ٺل به اسٽوپا هجي. +جهڪر جي کوٽائي مان هڪ وڏي دروازي جا ٺهيل ٺل به نظر اچن ٿا ۽ شهر جي چوڌاري ڏنل ديوار، عالم پناهه جا آثار پڻ مليا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن شهر کي ڌارين جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ چوڌاري عالم پناهه ڏنل هئي. +مشهور انگريز محقق، مسٽر وار وِڪ بِري (Warwick bray) ۽ مسٽر ڊيوڊ ٽرمٽ (David Trump) پنهنجي ڪتاب (A Dictionary Archaeology) ۾ لکي ٿو ته جهڪر جودڙو پٿر جي پوئين زماني جو ڪلچر آهي، جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب مِٽجڻ بعد سنڌ جي ڪن حصن ۾ وجود ۾ آيو. هن جو بهترين مثال چانهوءَ جو دڙو آهي. جهڪر مان هٿ آيل شين مان، سنڌو تهذيب، بلوچستان ۽ وچ اوڀر واري تهذيب جي جهلڪ ملي ٿي. آخري تهذيب جي نشاني مُهرن جي صورت ۾، ٽامي جي ٽاچنين ۽ ڪهاڙي جي ڦر جي صورت آهي. هي ڪلچر ٻي صدي عيسويءَ جي وچ واري حصي جو ئي آهي.“ (14) +مٿين ڪجهه روايتن ۽ حوالن پڙهڻ کانپوءِ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ”جهڪر جودڙو“ محض ڪو مٽيءَ جودرو ناهي، بلڪه هتي ضرور قديم زماني جي تهذيب ۽ سڀيتا دفن آهي. انهيءَ لٽيل تهذيبي خزاني کي نروار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته حڪومت ۽ آثار قديمه کاتو هن طرف توجهه ڏئي. روزبروز پوندڙ برساتون، سم ۽ ڪلر هن دڙي کي نهايت تيزيءَ سان تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن هن دڙي جي حفاظت لاءِ ڪي اُپاءَ نه ورتا ويا، ته هي دڙو بلڪل ختم ٿي ويندو. پر جيڪڏهن مستقبل قريب ۾ حڪومت جي طرفان اهڙو قدم کنيو ويو ۽ هن دڙي جي مڪمل کوٽائي وغيره ڪئي وئي، ته هن جڳهه تان ضرور دفن ٿيل تاريخ جو نئون باب نروار ٿيندو. باقاعده تحقيق ۽ تلاش اسان کي حقيقت جي تهه تائين وٺي ويندي. ممڪن آهي، ته موهن جي دڙي جيان، هتان به ڪو تاريخي ۽ ثقافتي خزانو نڪري نروار ٿئي، جيڪو سنڌي قوم جي قديم ثقافت جو اُهڃاڻ ثابت ٿئي، جنهن تي سنڌواسي فخر محسوس ڪن. +حوالا +ايڇ. ٽي. لئمبرڪ- ’سنڌ هڪ عام جائزو‘ صفحو 138، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ. +سماجي، ثقافتي سنگت نئون ديرو ۾، نئون ديري شهر بابت ڇپجندڙ ڪتاب، ”نئون ديري جا نوان ۽ پراڻا ورق“ جي مواد لاءِ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان ڪرايل شهر بابت ليڪچر. +ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ”شڪارپور- ماضي ۽ حال“ صفحو 10، پبليڪيشن ڪميٽي جشن شڪارپور 1984ع. +ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ صفحو 26، ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو. +ايضاً- صفحو 26 +ايضاً- صفحو 26 ۽ 27. +هيءَ روايت نامياري ليکڪ، اديب ۽ ڊرامه نويس محترم روشن علي تنيو صاحب ٻڌائي. +ايم. ايڇ. پنهور، ”سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت“ صفحو 152، ٽه ماهي مهراڻ 2/1984ع (سنڌي ادب سيمينار نمبر) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. +ايضاً- صفحو 172. +ايضاً- صفحو ايڇ. ٽي لئمبرڪ، ”سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ“ صفحو 88، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. +ايضاً- صفحو 213. +ايضاً- صفحو 109. +ايضاً- صفحو 118. +‘A Dictionary of Archaeology’ Warwick Bray, and David Trump. +۽ ڪجهه رسالن، ڳوٺاڻن ۽ ادب دوستن کان مليل معلومات تي لکيل. +فڪر لطيف جا چند نقطا +مخدوم غوث محمد پيرزادو +عام طور چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه اُمي (اڻ پڙهيل) هو. پر هيٺين حقيقتن جي آڌار تي شاهه صاحب کي اڻ پڙهيل ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ +اهو ثابت آهي ته شاهه عبداللطيف رحه قرآن شريف فارسي ترجمي سان، جنهن جون قرآني آيات ڪاري مس سان، ۽ فارسي ترجمو ڳارهي مس سان، قلمي نسخو شاهه صاحب پاڻ سان کڻندو هو. +مثنوي مولانا روم رحه جي، جيڪا ميان نور محمد ڪلهوڙه حاڪم سنڌ، شاهه صاحب کي خوشخطي ۾ تحرير ٿيل تحفه طور ڏني هئي، سا پاڻ سان کڻندو هو. +ڪلام ڪريم، پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام رساله پاڻ سان کڻندو هو. اها ڳالهه مستند ۽ ٺوس پايه ثبوت تي پهتل عام ۾ مڃيل آهي. +شاهه صاحب ۽ مخدوم ”محمد“ ڪوٽڙي محمد ڪبيري واري درميان خط و ڪتابت رهندي هئي، ۽ شاهه صاحب جو ڪوٽڙي محمد ڪبير ۾ اچڻ ۽ صحبتون مشهور آهن. +مخدوم محمد، ڀٽائي صاحب جو همعصر ۽ هم راز، هم نواله ۽ هم پياله هم آهنگي ۾ هم رنگ، تصوف جي رنگ ۾ رنڱيل ۽ رچيل هئا. ڀٽائي بيٺڪ، ڀٽائي وارو لئو، يعني لئي هيٺان بيٺڪ جا نشان ۽ اهڃاڻ اڄ به ڪوٽڙي محمد ڪبير جي آس پاس زبان زد عام آهن. +شاهه ڀٽائي جا فارسي خط سندس هٿ اکر تحرير شده، ڊاڪٽر حامد علي خانائي اسان جي ڪتبخانه الڪبير اڪيڊمي ۾ ڏٺا هئا. اهو چشم بديد گواهه بقيد حيات موجود آهي. افسوس آهي جو اهي نهايت قيمتي خط زماني جي دستبرد جي ڪري ضايع ٿي ويا آهن! +مخدوم محمد جو قطه ولادت ۽ وصال جو هن طرح آهي. +مخدوم محمد بن مخدوم عزت الله بن مخدوم رحمت شاهه احناد (پوٽو) شيخ محمد ڪبير بن محمد بن محمود بن عصمت الله بن تقي بن ابوبڪر بن حضوري هارون بن اسحاق بن قيس. +بسلسله خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه +تاريخ استمرار ابر و باران که مشهور +به سي است غيبم و فتنه سن 1052هه +مخدوم زمان آن عالم دوران د��نشور +ازين دارالفنا و رحلت سوئي دارالبقا کرد +رسيد در فلک آواز خاص و عام نيک و بد +که امروز از جهان شد حاتم و رحلت سخا کرد +زمانه جست از سالار تاريخ وفات او +روان گفتا که مسند خالي از جود و عطا کرد +تذڪره راوي آهي ته شاهه لطيف کهڙن جي ٻاهران اچي منزل انداز ٿيو. مخدوم محمد دعوت ڏياري موڪليس. +شاهه صاحب بيت لکي موڪليو ته: +اڄ نه آيس آئون، صبح ايندس سپرين، +توتي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کُهين جو. +شاهه لاءِ مشهور آهي ته پڙهيل نه هو، ليڪن تذڪري جو مؤلف لکي ٿو ته: +”شاهه صاحب اين بيت سندي، نوشته فرستادند“- (1) حديقـﺔ الاولياءَ- تاليف: سيد عبدالقادر بن سيد محمد تتوي- تصحيح سيد حسامالدين راشدي. ص- 23 ۽ 24. +ٻي روايت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم معين درميان علمي بحث و مباحث جي خط و ڪتابت رهندي هئي. +مفتاح العلوم، ”مثنوي مولوي معنوي، هست قرآن در زبان پهلوي“. مولانا جلال الدين ”رومي“ کان شاهه صاحب متاثر ٿي. ان نموني مماثلت ۾ ڪيئي شعر چيا آهن. ان مان هڪ شعر بطور نموني ضروري پيش ڪجي ٿو: +بشنو از ني چون حکايت ميکُند +وز جدائيها شکايت ميکُند- ”رومي“ +بانسري کان ٻڌ ڪهڙو حال ٿي ڪري، +هجر ۽ فراق جي ڪهڙي شڪايت ٿي ڪري. +مٿيون شعر يا بيت، مماثلت ۽ هڪ جهڙائيءَ جي پهلو کان هڪ جهڙو مثالي آهي. هي بيت اصل ۾ گنج شريف جي سرود مان پهريون بيت آهي. هاڻوڪن رسالن ۾ ترتيب تبديل ڪري اصليت کان روگرداني ڪئي وئي آهي. ان ۾ مصلحت ڪهڙي آهي، اها حقيقت نو مؤلف ٻڌائي سگهندا. +سر سهڻي جي داستان پهرين جي پڇاڙي ۾ ڏنل وائي جو منڍ هي آهي: ”ڪهڙي منجهه حساب، هوئڻ منهنجو هوت ري“ اڪثر شاهه صاحب ذومعنيٰ جو ڏاڍو ڪوڏيو هو. گهڻن ئي جاين تي ساڳين ساڳيا لفظ آڻي ٿو، جن جو جدا جدا معنيٰ پئي نڪري. جيئن ته سر سهڻي جي داستان پنجين ۾ (جا هَڙ) جاهڙ اندر جي ساهڙ ڏني ساهه کي. ساهڙ ڇڙي نه ساهه جي- ساهڙ ساهڙ ريَ- ساهڙ ميڙ سَميِعَ- ته ساهڙ ڇڏي ساهه جي. بعضي وري ساڳي سٽ ۾ اهڙا لفظ اچن ٿا، جن جي منڍ ۾ اکر هڪڙي اچار وارو آهي. گهڻو ڪري ڪلام ۾ ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي. اهو رستو اهڙو سٺو پيو لڳي جو ويٺو ٻڌجي. بعضي ته هڪڙي مصرع جا اڌ يا ڪو ڀاڱو ڪيترن ئي بيتن ۾ ٻيءَ پٺيءَ وري وري ٿو اچي. يا پهرين مصرع ۾ يا پوئين مصرع ۾ جي تمام گهڻو خبر ڏين ٿا. بعضي وري بيتن ۾ ٻين جي بيتن جون مصراعون يا ڀاڱا تضحن وانگر اچن ٿا ۽ ان شاعر جي نالو اتي جو اٿي ثابت ڏسجي ٿو. جهڙي طرح سارنگ جي داستان ٽئين ۾- مند ٿي منڊل مَنڊيا، موٽي آيو مينهن، لال پرين لکمير چوي ساري سارو ڏينهن، جن سين نيڻن لايو نيهن، سي پرين پيهي گهر آئيا. اهڙيءَ طرح ساڳي سر جي داستان چوٿين ۾ ڍٽ ڍري پٽ پيئي، وِڄنِ ڪيا ورنَ- اونهي ٿي عيسو چوي- ڇاڇر سڀڪا ڇن. جي محب اندر مونمن، سي پرين پيهي گهر آئيا. وري ابڙي جي داستان چوٿين ۾ موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيو مَ جيڏيون، نهارينديس نڪري آرياڻي البت، سرتي شراڪت، آئون ڪيئن آگن سين ڪريان. اهڙيءَ طرح جوڻي ۽ محمود جي بيتن جون مصراعون به آيل آهن ۽ عنايت جو نالو به ڪن بيتن ۾ آيل آهي. اهوعنايت، جاني ڏيري جو پٽ ۽ شاهه صاحب جو مريد هو، جنهن جا بيت شاهه کي به وڻندا هئا. پر ڪي چون ٿا ته شاهه صاحب پنهنجا بيت ٺاهي محبت کان عنايت جو نالو وڌو آهي. جيئن ڪوهياري جي داستان ٽئين ۾- زر خريديجتن جي هي گولي بندي ڏاه، آجپڻ عنايت چوي هٿ آرياڻي آه- سو مون سڏ سُهاءِ، جيئن ٻانهي ڪوٺن ٻاجهه سين. +شاهه صاحب جدا جدا سرن ۾ جدا جدا مضمون آندا آهن ۽ گهڻو ڪري عاشقن جون ڳالهيون ۽مز�� جهڙا قصا جن جو اڳي به سنڌ ۾ رواج هو، پنهنجي ڪم آندا آهن. جيتوڻيڪ سڀ ڳالهه مان خاص مطلب ۽ حقيقي مدعا اها ساڳي آهي، مگر جداجدا ڳالهين جي وسيلي علحده علحده رنگن ۽ ويسن ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريو اٿن. انهن قسن ۾ جيڪي عاشق آهن، تن جي واتان ڄڻ چيل آهي. ٻڌندڙ ائين ڀائيندو ته شاهه يا شاعر پاڻ نٿو چوي. پر اهو عاشق ٿو چوي، ڄڻ ته شاعر ۽ عاشق ٻئي هڪ آهن. منجهن ڪا به جدائي ڪا نه آهي. انهيءَ ڪري شاهه جي ڪلام ۾ اهڙو اثر ٿو ٿئي جو ٻڌندڙ درد ۾ ڳريو وڃي ۽ شاعر جي انهي سوز واري خيال ۾ محو ٿيو وڃي، جيڪا خاصيت تعريف ڪرڻ جوڳي آهي. سا اها ساڳيو مطلب جدا جدا لفظن ۾ جدا جدا ماڻهن جي واتان پيو نڪري ۽ سڀ جي وڃيو مولا جي عشق تي بيهي. سڄي رسالي ۾ اهڙو اسرار و رموز ڀريل آهي. +جيئن صوفين جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ هرجاءِ حاضر آهي، اهو نُڪتو شاهه صاحب جدا جدا عاشقن جي واتان ظاهر ڪرائي ٿو، جيئن مومل چوي ٿي ته: +ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چوڏِس چٽاڻو، +راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻيو نانهن ڪي. +سهڻي چوي ٿي ته: +لڏيندي لباس، جتن جيڏو ڪيو، +اچي آريءَ ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس، +جي مرون کانئم ماس، ته به هڏ هلندم هوت ڏي. +مولانا جلال الدين رومي رحه پنهنجي ڪتاب بنسبت چيو آهي ته: +مثنوئي ماد کان وحدت پست- وحدت اندر وحدت اندر وحدت هست +مثنوي المعنوي المولوي- هست قرآن در زبان پهلوي +من چه گويم وصف آن عاليجناب- نيست پيغمبر ولي دارد کتاب +رحمت الله برجنازه مولوي- داد قرآن را لباس پهلوي +علم اهل دل نه از مکتب بود- بلک از تلقين خواصه رب بود +بي کتاب و بي حساب و بي اديب- اوليانرا حق کند علم نصيب +اهڙيءَ طرح صوفين جي قول موجب اسلامي مذهب جي سڀڪنهن ڳالهه جون ٻه معنائون آهن: هڪڙي حقيقي يا باطني، ٻي مجازي يا ظاهري، جنهنڪري ثابت ڪري سگهجي ٿو ته دين اسلام اصل حقيقت تي ٻڌل آهي، ته ظاهري تقليد تي.اها حقيقت ساڳي تصوف واري آهي نه ڪا ٻي، ۽ اسان جو نبي الڪريم صلي الله عليـﮧ وسلم پاڻ وڏو صوفي آهي، تنهنڪري ڪاملن جي لاءِ عروج ۽ نزول جون ٻه حالتون مقرر ٿيل آهن. پهرين حالت وصال جي ۽ ٻي فراق جي آهي. پهرين وصف ۾ صوفي حق يا حق جو جزو آهي ۽ ٻي ۾ هو انسان نالي آهي. اها پهرين حالت عروج يا جلاليت جي هئي، جنهن موجب حضرت محمدڪريم عليـﮧ الصلواه والسلام پاڻ چٽائي سان فرمايو آهي ته: +لِي مَعَ اللهِ حَالاَت حَالَتاً انَا هُوَ وَهُوَ اَنا- حَالَتاً اَناَ اَنَا وَ هُوَ هُوَ، يعني الله تعاليٰ سان آئون ٻن حالتن ۾ گذاريان ٿو. هڪڙي حالت ۾ آئون هو آهيان، ۽ هو آئون آهي؛ ٻي حالت ۾ آئون آئون آهيان، ۽ هو هو آهي. اهو ساڳيو محمد ڪريم صلي الله عليـﮧ وسلم فرمايو آهي ته: مَن رَاُنِي رَاءَ الحَقَ، يعني جنهن مون کي ڏٺو، تنهن ڄڻڪ الله جل شانه کي ڏٺو. +لاَ فرقَ بِيِني وَ بَينَ رَبي، يعني منهنجي ۽ منهنجي رب جي وچ ۾ ڪو به تفاوت ڪونهي. +اَنَا اَحَمَدُ بِلاَ مِيمِي، يعني آئون احمد ميم کان سواءِ آهيان، يعني احد آهيان. +اهي سڀ جذبي ۽ جلاليت واريون حالتون پهرين جون گفتارون هيون. +وري ساڳيءَ طرح رسول ڪريم عليـﮧ الصلوات و السلام هو، جنهن جي زبان گوهر فشان مبارڪ کان هي جملا نڪتا: +اِنَماَ اَنا بَشَر مِثلُکُم، يعني آئون توهان جهڙو ماڻهو آهيان. +لاَ اَعلَمُ الغَيبَ وَلاَ اَقولُ لَڪُماِني مَلڪُ، يعني مون کي غيب جي خبر نٿي پوي، نڪي آئون اوهان کي چوانٿو ته آئون ملائڪ آهيان. +لاَ اِلـٰﮧ اِلاَّ اللهُ وَحدَه لاَ شَريڪَ لَـﮧ وَ مُحَمَّد عَبدُه و رَسُولُه، يعني الله هڪڙو آهي، ۽ انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪونهي. نڪو سندس ڪو شريڪ آهي ۽ محمد سندس ٻانهو ۽ پيغام رسائڻ وارو آهي. +اهي سڀ انسانيت واري ٻي حالت جي نسبت جون ڳالهيون آهن. سڀني صوفين جو مطلب متو به اهو ئي آهي. حقيقت ڪري سڀني مشائخن ۽ درويشن ۽ خدا رسيده ٻانهن کي اهي ٻه پهلودار ڳالهيون هونديون آهن. هو هڪڙي ساڳي حالت ۾ ڪين رهندا آهن، لاها چاڙها هنن لاءِ ضروري به آهن. +ڪڏهن حقيقت ۾ محو هوندا آهن. ڪڏهن مجاز ۾ مشغول هوندا آهن. +انهن بنسبت شيخ سعدي شيرازي چيو آهي ته: +گهي بر طارم اعليٰ نشينم +گهي بر پشت پائي خود نه بينم +اگر درويش بريک حال ماندي +سردست دو عالم برفشاندي +اهي تصوف جي اسرار واريون رمزون آهن، جن بابت شاهه عبدالطيف قدس الله سره پنهنجي رسالي ۾ ڪافي اشارا آندا آهن. اگرچه خلاصو صوفين جي حڪمت بابت ٻن سرن ڪلياڻ ۽ يمن ۾ ۽ آسا ۽ رامڪلي ۾ ذڪر آندو آهي، جيڪو رسالي جي آخرين ٻن سرن ۾ اشارا موجود آهن. پر تڏهن به اندروني مطلب سموري رسالي جو اهو ئي آيو آهي. +جهڙي صورت ۾ مولانا جلال الدين رومي رحه قرآن کي فارسي لباس پهرائي زينت وارو ڪيو آهي، اهڙيءَ صورت ۾ ساڳئي نموني شاهه صاحب سنڌي ويس ۾ دُرُيگانو ڳائي، ان کي رسالي جي طرز ۾ آڻي، ظاهر ڪيو آهي. اهو شاهه جي ڪلام جو فن ڪمال معراج واري منزل وارو آهي. اهو اڻ ڄاڻ ۽ اڻ پڙهيل امي جو ٿي ٿي سگهي؟ +شاهه صاحب ٿو فرماي: جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين، وڃيو لُنئن لائين، پريان سندي پار ڏي. +شمع ٻاريندي شب، پره باکون ڪڍيون +موٽ مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ ربّ +تنهنجي تاتِ طلب ڪانگ اڏايم ڪاڪِ جا. +چڙهيا چارئي يار سوڍا شڪاري +فڪر سان ڦٽي ڪئي سوڍي سوپاري. +ويا ڪاهيندا ڪاڪِ ڏي جت مومل موچاري +موٽيا نه ماري ڪنورَ لتاڙي ڪاڪ جا. +مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور +هڻي حاڪمن کي ٻسٽ نهاري ٻور +گهوٽ پهرين گهورَ جي وياسي وڍيا. +مومل ماري مير، آهيڙن کي آ ڪري +سوڍي گهڻا سهايا، پڙهيا پنڊت پير +هڻي تن کي تير، مڻيا جن مٿن ۾. +گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون +هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون +ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون. +مضمون تيار ڪرڻ ۾ مددي ڪتاب. +مفتاح العلوم، مثنوي مولانا جلال الدين رحه رومي +رساله شاهه ڀٽائي، مسميٰ به انوار الاهي، قلمي قاضي فقير محمد، المتخلص ”قانع“ خلف مرحوم مغفور قاضي علي بخش ساڪن روهڙي شريف 1895ع. +شاهه جي رسالي جا سرچشما 1972ع. +حديقـﺔ الاولياءَ، تاليف سيف عبدالقادر بن سيد محمد تتوي +تصحيح سيد حسام الدين راشدي ص23- 24. +ذاتي مشاهدي ۽ مطالعي مان تخيل تجويز ڪيل. +الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير مان مواد ورتل. +ba + + +”چڻنگون“- سنڌي نثري ادب جو هڪ شاهڪار +ممتاز مهر +ويهين صديءَجي شروع وارو نثري ادب، جنهن ۾ طبع زاد ناول، ڪهاڻين ۽ مضمونن جا مجموعا اچي وڃن ٿا- ادبي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. هن دور ۾ نه رڳو سنڌي نثري ادب جو عروج ٿيو، بلڪه پهرين مهاڀاري جنگ ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جي وچئين عرصي دوران اهڙا ڪتاب به شايع ٿيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ ڪلاسيڪ جو درجو رکن ٿا. مضمون نويسي ۾ جيڪي مضمون جا مجموعا ان دور ۾ شايع ٿيا ۽ شهرت حاصل ڪئي، تن مان پرمانند ميوارام جي مضمونن ۾ مجموعو ”گل ڦل“، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم“، لال سنگ اجواڻي جو ”ويچار“، نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ”ڳوٺاڻي چهر“، تيرٿ و سنت جو ”چڻنگون“، نارائڻداس ڀنڀاڻيءَ جو مرتب ڪيل ”ادبي گلشن“، رام پنجواڻي ۽ نارائڻداس ڀنڀاڻيءَ جو مرتب ڪيل ”اديب غنچو“ ۽ ليکراج ڪشنچند عزيز ��و ”ادبي آئينو“ نه رڳو تفصيلي تجزيي جي قابل آهن، بلڪه انهن مان جيڪي ڪتاب اڻ لڀ آهن، تن کي ٻيهر شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن نئون نسل به پنهنجي ادبي ورثي کان پوريءَ طرح واقف ٿي سگهي. +جيئن ته تيرٿ و سنت جي مضمون جو مجموعو ”چڻنگون“ هڪ اهم اڻ لڀ ڪتاب آهي. تنهنڪري ساهتيه پريمين کي ان جو واس وٺائڻ خاطر ان جو مختصر تعارف ڪرائڻ ضروري آهي. مضمونن جي گوناگوني، وڻندڙ ٻولي ۽ اثرائتي انداز ۾ بيان سبب ”چڻنگون“ ور ور ڏيئي پڙهڻ جي لائق آهي. هيءُ ڪتاب 1941ع ۾ شايع ٿيو هو، تنهنڪري ڪي مضمون ان دور جي پس منظر ۾ لکيل آهن. اهو زمانو هٽلر جي نسل پرستيءَ واري سياست ۽ ڏاڍ ڏمر جو زمانو هو. ان مناسبت سان هڪ مضمون ۾ نسل پرستيءَ تي تنقيد ڪيل آهي. هٽلر ۽ نازي ازم جو خاتمو اچي ويو، پر اڃا تائين ڏکڻ آفريڪا ۽ ڪن ٻين ملڪن ۾ نسلي مت ڀيد واري پاليسي اڃا جاري آهي، جنهن ڏاڍا هاڃا ڪيا آهن، تنهنڪري اهڙي موضوع تي لکيل مضمون جي افاديت ختم ڪا نه ٿي آهي. مذڪوره موضوع واري مضمون کي ليکڪ هڪ وسيع تناظر ۾ لکيو آهي. +رائل سائيز ۽ 210 (ٻه سو ڏهه) صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ڪل 15 مضمون آهن. ڪتاب جو مهاڳ حيدربخش جتوئي صاحب جو لکيل آهي. جتوئي صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ مصنف ۽ سندس مضمونن بابت بي ريا ٿي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. مثال طور پنهنجي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکن ٿا: +منهنجو دوست و سنت انهن تمام ٿورن انسانن مان آهي، جن جي دل درد سان ڀريل آيه ۽ جي اعليٰ درجي جي ذڪا ۽ ذهن جا صاحب آهن. سندس ذات مشرق ۽ مغرب جي ادبيات ۽ اثرات کان ڪافي ماهر آهي ۽ وسيع معلومات سان گڏ کيس غير ملڪن جي سير سفر جا موقعا به مليا آهن. هنن مضمونن ۾ هن جديد طرز تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آحي. ڪي مضمون علمي آهن، ڪي ڪن بزرگ هستين جي حياتي ۽ خيالن بابت آهن ۽ ڪن جو واسطو ڪن معمولي شخصيتن سان آهي. هر هڪ مضمون مان اميد ته پڙهندڙن کي چڱو اڀياس ۽ رس حاصل ٿيندو. ممڪن آهي، بلڪه ضروري آهي ته پڙهندڙ مصنف جي ڪن خيالن سان شامل راءِ نه ٿين. ممڪن آهي، ته ڪي ڪوتاهيون به هجن. ڪهڙو انسان آهي جو خطا کان خالي آهي! پر ان کان ڪو انڪاري نه ٿيندو ته مصنف هڪ سنئين راهه ۾قدم کنيو آهي. اهڙي نموني جا مضمون سنڌيءَ ۾ بلڪل گهٽ آهن. حقيقت ۾ اسان جي ديس ۾ ادبيات ۽ علمي مذاق ايتري قدر ڪم ۽ پست آهي جو هن قسم جي تصنيف لاءِ تحسين ڪرڻ واجب آهي، تڏهن ئي چڱا چڱا ماڻهو هن طرف توجهه ڏيندا. ارمان آهي، جو اڄڪلهه فقط عيب جوئي تائين ئي تنقيد محدود ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ترجمن کانسواءِ گهڻو اصلي مواد ڪونهي.“ +”چڻگون“ (Sparks) جو پهريون مضمون ”شاهه جو سنيهو“ آهي. وسنت جو هي مضمون نج وطن دوستيءَ جي اثر هيٺ لکيل آهي. مضمون جي شروعات ئي عام پڙهندڙ تي اثر وجهڻ لاءِ ڪافي آهي. ”شاهه جو اسان لاءِ ڪهڙو پيغام آهي؟ ڪهڙو آهي سندس سنيهو جو اسان کي دل سان هنڊائڻ کپي ۽ جنهن تي پيروي ڪرڻ جڳائي؟ انهيءَ ۾ ته شڪ ناهي ته اسين سندس حقيقي وارث آهيون ۽ سنڌي هئڻ جي حيثيت ۾ اهو اسان جو اخلاقي خواهه وطني فرض آهي ته ان بي بها ورثي کي پنهنجي دلين ۾ محفوظ رکون ۽ پنهنجي حياتيءَ کي ان سان خوش رنگ ۽ معط بنائي ديس ديسانتر کي ان جو واس وٺايون، جيئن ان جو فيض کان ڪو به محروم رهجي نه وڃي.“ ”شاهه ن ج ۽ خالص سنڌي آهي ۽ هن ملڪ جي ٿر ۽ بر، ڏونگر ۽ ماٿري، آسمان ۽ زمين جو يگانو مجسم روح آهي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهه مون کي عزيز آهي. حقيقت آهي ته تون ۽ مان جنهن سچائي، صداقت ۽ سوڀيا سان شاهه جي شعراڻي آرسيءَ ۾ هوبهو پنهنجو پاڻ ڏسي سگهن ٿا، تنهن جي خود اسان کي پروڙ ڪانهي. اسان جو ساڻس جگري سٻنڌ آهي، جو اسان کي ڇڪي وٽس نئي ٿو.“هڪ ٻئي مضمون ۾ مشهور داستان ”ممتاز دمساز“ جو جائزو ورتل آهي. هن مضمون ۾ عشقيه داستان ۽ عالمي ادبي جو دلچسپ تجزيو ڪيو ويو آهي. مضمون ”سنڌو“ ۾ سنڌونديءَ جي تاريخ ۽ تهذيب جي حوالنسان منظر ڪشي ڪئي ويئي آهي. ”شاهه جو سنيهو“ جيان هن مضمون ۾ پڻ مصنف جذبات نگاريءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. بهرحال سنڌونديءَ بابت هيل تائين لکيل سٺن مضمونن منجهان هي هڪ آهي. ”جيڪڏهن سنڌوءَ جو اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اثر ڏسڻو اٿو ته اسان جي شاعرن جا ورق ورائي ڏسو. اسان جي مادري زبان جا محاوارا جاچيو، اسان جي مڙهين ۾ ليئو پايو، بهراڻا کڻو، زنده پير جي جوت جڳايو، مداحون پڙهو، لال کي هندوري ۾ لوڏيو ۽ ۽ هاري ناري سان خوشيءَ مان يڪ آواز ڳايو: ’ڀلي آئين، جيءُ آئين درياءشاهه،! ته اوهان جو روح ريلو ڏيندو ۽ ممڪن آهي ته اچانڪ اوهان کي اسانجي رڳن ۾ سنڌوءَ جي شاندار وهڪ ڏسڻ ۾ اچي.“ +گوناگون مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو هڪ مضمون ”آسماني اثر“ بظاهر ته فلڪيات متعلق آهي، پر موضوع گهڻو ڦهليل آهي، جنهن ۾ سائنسي ڳالهين کان علاوه نجوم ۽ انساني سڀاءَ تي آسماني اثر وغيره جون ڳالهيون ڪيل آهن. تيرٿ و سنت صاحب جو اندازو بيان ئي اهرو سحر انگيز آهي، جو پڙهندڙ پهريون جملو پڙهڻ سان ئيمگن ٿيو وڃي. مثال طور مذڪوره مضمون اجهو هن ريت شروع ٿئي ٿو: ”خبر اٿيئي ته هي برهمانڊ ڪيڏو آهي؟ ڪٿي آهي سندس منڍ ۽ ڪٿيآهي سندس ڇيهه؟ شايد آڪاس ۽ پاتال ٻڌو هوندءِ! شايد ”گگن ٿال چند جنڪ موتي“ ۽ فيثا غورث جو آهنگ ڪائنات (Music of the Spheres) ٻڌو هوندءِ ۽ جيسيڪا وانگر چانڊوڪيءَ ۾ هر هڪ ستاري، سياره ۽ سج ۾ تانسين ۽ آرفيوز ڏسي سندس سرود ۽ ساز جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي هوندءِ. جي تنهنجي دل غيب جي رمز ۽ راز سان جڪڙيل آهي ته ممڪن آهي ته سچل وانگر ”هُو هُو پرينءَ جو آواز“ سڻين ۽ پنهنجي قلبي چنگ مان عجيب آهنگ ۽شبد اناهت اتپن ڪرين. پر اهي سڀ شاعرانه جذبا آهن ۽ سندن ڪلا ڪويءَ جي ڪوتا ۽ ڪلپنا شڪتيءَ ۾ آهي.“ +”چڻنگون“ جو سڀ کان دل ڀڄائيندڙ ۽ اکين ۾ آب آنيندڙ مضمون ڀڳت ڪنور رام متعلق آهي. اهڙو تاثراتي مضمون سنڌيءَ ۾ ورلي پڙهڻ ۾ ايندو: +چارڻ چوري چنگ کي جڏهن ويهي وڄايو، +شهر سڄو، اي منگتا، تنهنجي تندن تپايو. +”2- نومبر 1939ع سنڌ لاءِ ماتامي ڏينهن هو؛ اڳين رات رڪ اسٽيشن تي هڪ اهڙو واقعو ٿي گذريو هو، جنهن جي ڀيٽ فقط ڀونڪنپ سان ڪري سگهجي ٿي. ڪکائين باهه وانگر خبر ڦهلجي ويئي ۽ ملڪ ڄراٽجي ويو. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين دلين کي ڌڌڪو آيو ۽ بي اختيار نيڻن مان لڙڪ لڙي پيا.“ +مذڪوره مضمون جو انت هن ريت آهي: ”آڀي جي پَٽ جا ساده لوح هاري ڳالهه ٿا ڪن ته ڀنڀرڪي ۽ ناشام ويل آُسريل ڪڻڪن وچ ۾ چيرولي پڳڙي، ڪنڊل، ڪڙتي ۽ ڇير سان هڪ سهڻو، سدا ملوڪ شخص اوچتو پر گهڙ اچيو ٿئي ۽ جامو جهلي، هٿ جوڙي، اکين ۾ آب آڻي التجا پيو ڪري، ”خدا خير ڪجائين. لوڪن کي ساڃهه ڏجائين. هائو، شل خدا خير ڪري، لوڪن کي ساڃهه ڏي.“ +شخصي خاڪا نگاري يا اسڪيچ جي لحاظ کان مضمون ”نانو“ پڻ بهترين آهي. پڙهڻ سان ٽهڪ به پيا نڪرندا ته ڪٿي ڪٿي آهون پڻ. +”چڻنگون“ ۾ ڏنل سڀيئي مضمون شاعرانه جذبن، زمنگن ۽ فيلسوفاڻي ويچارن سان پُر آهن. ٻولي گهڻي قدر سادي، سوادي ۽ سپڪ استعمال ٿيل آهي. +”چڻنگون“ جو ليکڪ تيرٿ و سنت هاڻي تيرٿ بسنت جي نالي سان مشهور آهي. بزرگ ليکڪ جي عمر هن وقت اٽڪل 80 کن سال هوندي. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليو ويو ۽ هن وقت دهليءَ ۾ رهي ٿو. ڀارت ۾ رهڻ دوران ٻين تصنيفات کان علاوه ڀڳت ڪنور رام جي مڪمل سوانح به لکيائين، جنهن تي سرڪار پاران انعام به مليس. تنهن کانسواءِ شيڪسپيئر جي ڊرامن جا سنڌيءَ ۾ ترجما به ڪيائين، جيڪي پڻ ڏاڍا مقبول ٿيا. ڀارت ۾ سندس ڪجهه ڪتاب بي. اي ۽ ايم. اي لاءِ درسي ڪتابن طور تسليم ٿيل آهن. +ba +انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ سنڌي ملفوظات ۽ سنڌي ڪتاب +مدد علي سنڌي +”انڊيا آفيس لائبريريءَ“ جو نالو تاريخ ۽ تحقيق سان شوق رکندڙ لاءِ ڪو نئون نالو بنهه ڪونهي. لنڊن ۾ واقع انهيءَ لائبريريءَ ۾ ننڍي کنڊ جي ثقافت، تاريخ ۽ سياست جا اهي اهڃاڻ ۽ راز پوشيده آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ عمر جو هڪ وڏو حصو وقف ڪجي ته به اهو گهٽ آهي. ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين جا اڻ لڀ قلمي نسخا، ”برٽش دؤر حڪومت“ توڙي ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي دور جي لکپڙهه، ويندي 1947ع تائين برٽش حڪومت جا سمورا دستاويز اتي موجود آهن، جن مان ڪو به ماڻهو سولائيءَ سان وڃي لاڀ پرائي سگهي ٿو. +اصل ۾ ننڍي کنڊ جي گهٽ ماڻهن کي اها ڄاڻ هوندي ته انڊيا آفيس لائبريري ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آئي، يا وري ان کي موجوده حالتن ۾ ڪهڙن ڪهڙن دشوارن مرحلن مان گذرڻو پيو! پاڪستان توڙي هندستان مان شاگرد يا اهلِ قلم حضرات جيڪي اڪثر ڪري لنڊن ايندا رهن ٿا، انهن مان ڪيترن ته انهيءَ شاندار ڪتبخاني مان استفاده ڪيو هوندو، يا وري ڪيترا ماڻهو برٽش لائبريري جي ڪتبخاني کي ”انڊيا آفيس لائبريري“ سمجهي وزٽ ڪري هليا ويندا آهن، پر جن ماڻهن هن لائبريريءَ مان فيض حاصل ڪيو، انهن به هن لائبريريءَ جي تاريخ بابت چند اکر لکڻ گوارا نه ڪيو. (لائبريريءَ جي تاريخ بابت مفصل ڄاڻ ايندڙ مضمون ۾ پيش ڪندس.) بهرحال 186 ورهين کان قائم هن لائبريريءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جا انمول گوهر توڙي 1843ع کان وٺي 1947ع جي دور جي برٽش حڪومت جا اهم دستاويز موجود آهن، جن کي سچ پچ ته منظر عام تي آڻڻ جي ضرورت آهي. پر بدقسمتي اها آهي، جو انهيءَ لائبريريءَ مان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙن ۾ سنڌ جي ماڻهن جو تعداد بنهه گهٽ آهي. جيئن مون پهريون اهو ذڪر ڪيو ته اڪثر ماڻهن کي اهاڄاڻ ئي ڪونهي ته ”انڊيا آفيس لائبريري“ لنڊن ۾ ڪٿي واقع آهي؟ اهڙوئي واقعو مون سان به پيش آيو، جڏهن مون لنڊن رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌيونيورسٽيءَ جي چند پروفيسرن کان، جيڪي لنڊن تي پاڻ کي اٿارٽي سمجهندا آهن، انڊيا آفيس لائبريريءَ جو پتو پڇيو. ڪن ٻڌايو ته لائبريري برٽش لائبريريءَ ۾ واقع آهي، ته ڪن وري اهو ڏَس ڏنو ته انڊيا آفيس لائبريري ”برٽش ميوزم“ جي ڀرپاسي ۾ واقع آهي. جڏهن اهي ايڊريسون کڻي لنڊن پهتس ته ان مهل نهايت اچرج وڪوڙي ويم، جڏهن برٽش ميوزيم ۾ اندر يا ان جي پسگردائيءَ ۾ انڊيا آفيس لائبريري جي ڳولا ڪيم، جنهن جو اتي وجود ئي ڪو نه هو. بعد ۾ پنهنجي محترم دوست ۽ سائوٿ مخزن جي چيف ايڊيٽر همايون گوهر ۽ سائوٿ جي جنرل مئنيجر مسٽر نذير احمد جي معرف انڊيا آفيس لائبريري ۾ ڪم ڪندڙ مسٽر سليم قريشي جي مدد سان نه رڳو ”انڊيا آفيس لائبريريءَ“ جو اصل پتو معلوم ٿيو، بلڪه مسٽر قريشيءَ جي مهربانيءَ سان لائبريريءَ ۾ گهڻو وقت هڪ فيلوشپ جهڙيون سهوليتون حاصل ٿي ويم. +اصل ۾ برٽش ميوزم جي عمارت نيو آڪسفورڊ اسٽريٽ کان پرڀرو ”گريٽ رسل اسٽريٽ“ ۾ واقع آهي، جڏهن ته ”انڊيا آفيس لائبريري“ ٽيمس ندي جي ٻيءَ ڀر ”بليڪ فيئرس روڊ“ تي واقع آهي. +”انڊيا آفيس لائبريري“ ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جا قلمي نُسخا، شاهه جو رسالو، سنڌ بابت نهايت ئي املهه تصويريون، ۽ برٽش دؤر ۾ بندش پيل سنڌي ڪتابن جو تعداد پڻ موجود آهي. ان کانسواءِ ميرن ۽ برٽش حڪومت جي وچ ۾ ڪيل لکپڙهه، 1857ع جي غدر وقت سنڌ جي ڪمشنر جي بمبئي حڪومت سان لکپڙهه جا اصل دستاويزات راقم الحروف جي نظرن مان گذريا. اهو سمورو مواد ايڏو ته دلچسپ ۽ معلوماتي آهي، جو راقم صبح جو لائبريريءَ جي رڪارڊ روم ۾ داخل ٿيندو هو ۽ شام جو لائبريريءَ جي بند ٿيڻ تائين ان جو مطالعو ڪندو رهندو هو. 1958ع جي دؤر جي لکپڙهه جا ڪاغذات بوسيده ٿي چڪا آهن. هت لائڻ سان ڪاغذ جي زارداڻ هٿن ۽ ڪپڙن تي ٿي لڳي وڃي، پر مجال آهي جو اهو اصل ڪاغذات بوسيده ٿي چڪا آهن. هٿ لائڻ سان ڪاغذ جي زرداڻ هٿن ۽ ڪپڙن تي ٿي لڳي وڃي، پر مجال آهي جو اهو اصل ڪاغذ ڪٿان ڳري وڃي. مقصد ته هڪ هڪ شيءِ جي حفاظت اهڙن جديد طريقن سان ڪئي ويئي آهي، جو ٻه سؤ چاليهه ورهيهه پراڻا ڪاغذ جيئن جو تيئن محفوظ رهجي ويا آهن. +لائبريريءَ ۾ برٽش دؤرِ حڪومت ۾ بندش هيٺ آيل هندستان جي سمورين ٻولين جا ڪتاب موجود آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو تعداد اوڻويهه آهي، جيڪي برٽش انڊيا جي حڪومت مختلف سالن ۾ ضبط ڪيا انهن اوڻيهه سنڌي ڪتابن جا نالا ۽ تعداد هن ريت آهي: +1- ”ڪميونسٽ، اين پي.“ سنڌ ڪميونسٽ آف هندستان، ڪميونسٽ پارٽيءَ جوماهوار رسالو، شمارو پهريون- نمبر 2 ۽ 3، 5- مئي، 5- جون 1940ع، (لائبريريءَ ۾ ڪئٽلاگ نمبر سنڌي پي. پي 18-17). هن ڪتاب ۾ هندستان اندر ڪميونسٽ پارٽيءَ جي انقلابي سرگرمين جون خبرون ڏنل آهن، جڏهن ته مذڪوره ڪتاب کي انهيءَ ڪري ضبط ڪيو ويو، جو ان ۾ شامل مواد ذريعي ماڻهن کي برٽش حڪومت خلاف هٿيار بند جدوجهد ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويئي هئي. +2- ”آزاد نارائڻ داس جي قومي گيتن جو ڪتاب“، جيڪو 1931ع ڌاري ضبط ٿيو، اهو ڪتاب ميرپورخاص جي رهواسي آزاد نارائڻ داس جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڪتاب جا صفحا 31 آهن، جڏهن ته اهو ڪتاب حيدرآباد جي هڪ ڇاپخاني ”حيدرآباد ڀارت پريس“ مان ڇپرايو ويو هو. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي -9) +3- ”آلاپِ آزادي“. (شاعري)، 24 صفحن جو هي ڪتابڙو، سنڌي ٻوليءَ جي جڳ پڌري انقلابي شاعر ”هوند راج دکايل“ جي شاعريءَ جو ڳٽڪو آهي، جيڪو هن 1930ع ۾ لکيو هو، ۽ ساڳئي سال ضبطيءَ هيٺ آيو. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي - 16). +4- ”ڦاسي گيت مالا“ (شاعري)، ليکڪ هوند راج دُکايل. هن شاعريءَ جي ڳٽڪي ۾ هوندراج دُکايل پنهنجا نظم موتي لال نهرو، تلڪ، ميران ٻائي ۽ ٻين انقلابي ۽ قومي اڳواڻن جي نانءُ ڪيا آهن، انهيءَ ڪري مذڪوره ڪتاب کي 1930ع ۾ ضبوط ڪيو ويو. +”ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي - 13). +5- ”گانڌي گيت“، حيدرآباد جي قومي ساهتيه ڀون پاران ڇپرايل هي ڪتابڙو 1930ع ۾ ضبط ٿيو. ضبطيءَ جو ڪارڻ ڪتابڙي ۾ شامل گيت آهن، جيڪي مهاتما گانڌي ۽ سوديشي هلچل نالي ارپن ڪيل آهن.(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 3). +6- ”گانڌي گلشن“ (شاعري). حيدرآباد جي موهن داس اُڌارام جي ڇپرايل اٺن صفحن جي هي چوپڙي 1930ع ۾ اعتراض جوڳي شاعريءَ سبب ضبطيءَ هيٺ آئي. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 4). +7- ”من موهن ڀڃڻ واري“ (شاعري. نٿرمل ايسرداس جي30 صفحن جو هي ڪتابڙو پڻ اعتراض جوڳي انقلابي شاعريءَ ڪارڻ 1931ع ۾ ضبط ڪيو ويو. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 6). +8- ”مهاراج ڪاليداس“ (شاعري). گانڌي مالا حيدرآباد سنڌ طرفان 10 صفحن جي هيءَ چوپڙي 1930ع ۾ ضبط ڪئي ويئي. (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 11). +9- ”سُوراج ڪاليداس“ (شاعري). گانڌي مالا حيدرآباد سنڌ طرفان 10 صفحن جي هيءَ چوپڙي 1930ع ۾ ضبط ڪئي ويئي. (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 10). +10- ”تلڪ يادگار“ (شاعري). ڪوٽڙيءَ مان نڪتل ڪرپالداس جو هي ڪتابڙو 8- صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي 1926ع ۾ ضبط ڪيو ويو. + + +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 14). +11- ”اڄ ڪلهه جو سڌارو“ (ناول). گجراتيءَ ۾ سناتن ڌرم پرچار پارٽ 14 جو سنڌي ترجمو، جيڪو هرومل پريمچند شرما ڪراچيءَ ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. 198 صفحنجو هيءُ ڪتاب 1915ع ۾ ضبط ڪيو ويو، جڏهن ته ڪتاب جي اصلوڪي ليکڪ جو نالو هو چترويج نارائڻجي وينشجي. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 1). +12- ”ڌاراسڻ ڪهاڻي“ (مضمون). نارائڻ داس ليکراج جو لکيل هي ڪتاب 36 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب ۾ ”ستيه گرهه“ تحريڪ دوران پوليس جي ظلمن جو اپٽار ڪيال آهي. هيءُ ڪتاب 1920ع ۾ ضبط ڪيو ويو. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 15). +13- ”انقلاب زندهه باد“ (مضمون). هيءُ ڪتاب دوارڪا پرشاد جو لکيل آهي، جنهن کي انقلابي مضمونن سبب 1932ع ۾ ضبطيءَ هيٺ آندو ويو. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 15). +14- ماهوار هندو جو تلڪ نمبر، آگسٽ 1931ع. هن رسالي ۾ لوڪمانيه بال گنگاڌر تلڪ جي حياتيءَ بابت مضمون شامل آهن. (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 12). +15- ”هندوستيه“ ماهوار رسالو سيپٽمبر 1941ع. سکر مان نڪتل انهيءَ رسالي جي شماري کي انهيءَ ڪري ضبط ڪيو ويو، جو ان ۾ شري پنڊت چندرگپت جو مضمون ”جناح کي جواب“ شايع ٿيل هو. (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 20). +16- ”بندي جيون“- سنيل سچندرناٿ جي لکيل تيرهن صفحن جي چوپڙي ۾ 1915ع ۾ هلايل ستيه ڳڙهه تحريڪ بابت مواد ڏنل هو، ان ڪري انهيءَ چوپڙيءَ کي 1930ع ۾ ضبط ڪيو ويو. (ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 8). +17- ”بندي جيون“ شمارو 02 1930ع ۾ شايع ٿيل. انهي ڪتاب ۾ ڀارت جي انقلابي اڳواڻن کي ڀيٽا ڪيل آهي. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 7). +18- ”خونين جو ڪُوڪٽ“. ليکڪ شاهنواز جمال الدين پيرزادو. 1940ع ۾ هن ڪتاب کي انهيءَ ڪري ضبط ڪيو ويو، جو ڪتاب ۾ ليکڪ اهو ڄاڻايو هو ته پهرئين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريز جاري هئا. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 99). +19- ”ڌاراسڻ“ 47 صفحن جو هي ڪتاب ستيه ڳڙهه تحريڪ بابت لکيو ويو، جنهن کي 1930ع ۾ اعتراض جوڳي مواد سبب ضبطيءَ هيٺ آندو ويو. +(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي- 5). +انهيءَ کانسواءِ انڊيا آفيس لائبريريءَ جي قيمتي ڪتبخاني ۾ انهن بندش هيٺ ڪتابن کانسواءِ ڪيترا ضبط ڪيل سنڌي پوسٽر پڻ موجود آهن، جن مان هڪڙو پوسٽر ”برٽش سلطنت برباد! اهڙي خونخوار جنگ ۾ حڪومت جي مدد ڪرڻ گويا ملڪ سان غداري ڪرڻ!“ جي عنوان سان منهنجي نظر مان گذريو. اهو پوسٽر 1940ع ڌاري ٻي مهاڀاري لڙائيءَ هلندي شايع ڪيو ويو، جنهن کي ساڳئي سال ضبط ڪيو ويو. لائبريريءَ ۾ رکيل انهيءَ پوسٽر جو ڪئٽلاگ نمبر پي پي سنڌي 139- اي/6 آهي. +”انڊيا آفيس لائبريريءَ“ جي ڪتبخاني ۾ سنڌي ٻوليءَ جا نهايت اڻ لڀ قلمي نسخا پڻ موجود آهن، جيڪي سي 72 کان 67 نمبر هيٺ رکيل آهن، انهن تي ترتيبوار فهرست هن ريت آهي: +سي 72: ”شاهه جو رسالو“. (ايم. ايس. ايس سنڌ. 3 ڪئٽلاگ نمبر). +سي 73: ”تفسير هاشمي“. (ايم. ايس. ايس. -1) +سي 74: ”بياض اسلام“ (ايم. ايس. ايس- 6). +سي 75: فاضل. +سي 76: محمد هاشم جا ٻه ورق. +سي 77: فرض اسلام. +سي 78: مطلب المونين. +سي 79: حيات الدنيا. +سي 80: مطلب المونين. +سي 81: چار اسلامي نظم. +سي 82: چار اسلامي نظم. +سي 83: حضرت محمد (صلي الله عليـﮧ وسلم) جن تي هڪ نظم. +سي 84: ڪنزل العبرت. +سي 85: سوره ياسين. +سي 86: قصو حضرت يوسف زليخا. +سي 87: قصو حضرت يوسف زليخا. +انهيءَ کانسواءِ ٻيو به کوڙ سارو مواد اتي موجود آهي، پر افسوس اهو آهي ته سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ ادب تي ڪم ڪندڙن مان جن عالمن هن نادر ڪتبخاني مان استفادو حاصل ڪيو، انهن ۾ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو شامل آهن. بقول منهنجي دوست ۽ انڊياق آفيس لائبريريءَ جي هلندڙ چرندڙ ڄاڻو عاشق بٽالوي (هاڻي تازو گذاري ويو!) جي ته پاڪستان مان بنهه گهٽ ماڻهو هتي لائبريريءَ مان مستفيض ٿيا آهن. بهرحال سنڌ جي 1843ع کان وٺي 1947ع تائين اقتصادي توڙي سياسي حالتن بابت ”انڊيا آفيس لائبريري“ جي قيمتي ۽ نادر دستاويزات جي پڙهڻ کانسواءِ سنڌ ۾ ويهي ڪتاب لکڻ هرگز ممڪن ڪونهي. سنڌ جي برٽش دؤر حڪومت وارو عرصو هڪ عجيب ۽ ڪڏهن به نه وسرندڙ حصو رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو 1843ع ۾ پنهنجي آزادي وڃائڻ کانپوءِ سمورو عرصو برٽش حڪومت کان نفرت ڪندا رهيا، ته انگريزن به 1843ع کان وٺي 1947ع تائين سنڌ جي ماڻهن تي بنهه اعتبار نه ڪيو، ۽ شروع کان وٺي توڙي 1857ع جي جنگ آزاديءَ وقت به سنڌ کي ”شورش زده“ پرڳڻو سمجهندا رهيا. انهيءَ سلسلي ۾ ڪتبخاني ۾ موجود 1843ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ سرچارلس نيپيئر جا لکيل خط، توڙي سنڌي جي ڪمشنر پاران ”سيڪريٽري ٽو گورنمينٽ آف انڊيا“ کي 15- آڪٽوبر 1858ع ۾ ڪيل لکڙهه پڙهڻ جي قابل آهي. آزاديءَ کان اڳ ۾ آزاديءَ واري هلچل ۾ سنڌ جي خدمتن تي افسوس تي سنڌ توڙي ڀارت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو ئي مسند ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ڪنهن به محقق سنڌ جي سياسي تحريڪن بابت انڊيا آفيس لائبريريءَ جي ڪتبخاني تائين وڃڻ جي زحمت ئي گوارا نه ڪئي آهي، يا ائين کڻي چئجي ته اسان وٽ اهي وسيلا ئي ميسر ڪونهن، جو ست سمنڊ پار لنڊن تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪهي وڃون. ان سلسلي ۾ سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي ڪوئي مثبت ڪردار نڀائڻ گهرجي. ڪاش! سنڌ بابت سمورن مسودن، توڙي ڪتابن جون مائڪرو فلمون سنڌالاجي پاڻ وٽ گهرائي رکي، ته هوند سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن لاءِ وڏي سهوليت حاصل ٿي سگهي ٿي. باقي لنڊن جهڙي مهانگي شهر ۾ ذاتي خرچ تي وڃي تحقيق ڪرڻ لاءِ نه اسان جا مالي وسيلا اهڙي اجازت ٿا ڏين، نه وري ڪو ئي اهڙو ادارو موجود آهي، جيڪو عالمن ۽ محققن کي اها سهوليت فراهم ڪري ڏئي! +ba +سنڌ جا قديم سڪا (سيريز) +(سنڌ ۾ انگريزن جا اوائلي سڪا) +عبدالله ورياهه +نوٽ: ] مهرڻ ۾ تحقيق جي حصي کي خصوصي اهميت ڏيندي، گذريل سال ”سنڌ جي تاريخ جو حصو“ عنوان سان هڪ نئون ڀاڱو شروع ڪيو ويو، جنهن کي عالمن ۽ قارئين ڏاڍو پسند ڪيو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ”عالمي ادب“ جي عنوان سان هڪ ٻيو نئون ڪالم شروع ڪيو ويو، جنهن جي پڻ جوڳي موٽ ملي آهي. تحقيقي حصي ۾ اسان هاڻي ٻن نون ڪالمن ”سنڌ جا قديم سِڪا“ ۽ ”سنڌ جا خطي نسخا“ جو اضافو آڻي رهيا آهيون. +ان ڏس ۾ ”سِڪن“ جي موضوع تي، سنڌ جي سُڄاڻ ۽ مڃيل محقق جناب عبدالله خان ورياهه ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ۽ ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ مهراڻ، ابتدا ڪئي آهي. ورياهه صاحب سڪن جي عنوان تي، باالخصوص سنڌ جي سڪن بابت وڏي فني ۽ سائينٽيفڪ ڄاڻ رکي ٿو ۽ سندس ڊاڪٽريٽ جوعنوان به اهو ئي آهي. جناب ورياهه صاحب جو ان سيريز لاءِ پهريون مضمون هتي پيش ڪجي ٿو. (ادارو) +سنڌ ۾ انگريزن جي دلچسپي سنه 1022هه / 1613ع کان شروع ٿي جڏهن پهريون انگريزي ٻيڙو، واپار سانگي ديبل بندر تي اچي لڳو هو ۽ پوءِ اهو سلسلو واپار مان وڌي سندن حڪومت جي صورت اختيار ڪري ويو. کين 1172هه/ 1758ع ۾ سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه (1171هه/ 1758ع کان 1186هه/ 1772ع) واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ ۽ قلعي شوري جي خريداري جي باقاعدي اجازت ڏني، جنهن کان پوءِ هنن شاهه بندر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪوٺي قائم ��ري پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. هنن کي سنڌ جي حاڪمن طرفان لاڳيتو سهوليتون ملنديون رهيون، پر انگريز سندن ڪنهن به ڪم نه آيا. +ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات (1186هه/ 1772ع) کان پوءِ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي (1186هه/ 1772ع کان 1189هه/ 1776ع) جي حڪومت سنه 1189هه / 1775ع ۾ انگريزن حالتن کان مجبور ٿي واپاري ڪوٺي بند ڪري ڇڏي. سنڌ تي ميرن جي حڪومت (1199هه / 1784ع کان 1259هه / 1843ع) قائم ٿيڻ کانپوءِ 1223هه / 1808ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر (1207هه / 1802ع کان 1227 هه / 1811ع) انگريزن سان نئين سر معاهدو ڪري سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪمپني سرڪار ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪئي، جنهن بعد ٻيا به ڪيترا معاهدا مير رستم خان، مير مراد علي خان، مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير مبارڪ خان، مير محمد خان، مير صوبدار خان ۽ ٻين ٽالپرن اميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٿيندا رهيا، جن موجب ڪراچي انگريزن جي حوالي ٿي. ميرن جي حيثيت حاڪم مان ڦري محڪوم جي ٿي پئي ۽ سنڌ ۾ رائج سڪي کي بند ڪري سنڌ ۾ انگريزي سڪي کي جاري ڪيو وييو. +سنڌ تي انگريزن جي قبضي وقت سنڌ ۽ ڀرپاسي واريون رياستون +پنجين فيبروري 1839ع / 1255هه تي لارڊ آڪلينڊ (Auckland) جو ميرن سان معاهدو ٿيو، جنهن جي فقري نمبر ڏهين ۾ ڄاڻايو ويو ته: +”ڇاڪاڻ ته ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار جو رپيو ۽ سنڌ ۾ رائج تيموري سڪو برابر آهن ۽ سنڌ جي اميرن کي پنهنجي علائقي ۾ ڪمپني جو سڪو جاري ڪرڻ ۾ ڪو به عذر ڪونهي، پر جيسين تائين انگريز سنڌ ۾ ڪوٽسڪال قائم نه ٿا ڪن، جيڪو افغانستان جي مهم کان پوءِ قائم ٿيندو، ڪمپني تيموري سڪو ضرب ڪرائيندي.“ +ان کانپوءِ مير شير محمد خان ٽالپر، واليء ميرپور جو ايسٽ انڊيا ڪمپني سال 18 جون 1841ع مطابق 27- ربيع الاول 1257هه تي به معاهدو ٿيو، جنهن ۾ ڏهين فقري ۾ لکيو ويو ته: ”انگريزي سڪو ۽ تيموري سڪو قيمت ۾ برابر آهن، ان ڪري امير موصوف جي حڪومت ۾ انگريزي سڪو جاري ڪيو ويندو.“ +اڳتي هلي چوٿين نومبر 1842ع تي حيدرآباد جيميرن کان پڻ انگريزن لکرائي ورتو ته: ”جنوري 1845ع (1261هه) کان حيدرآباد جي اميرن جي سڀني شهرن ۾ صرف ڪمپني جو سڪو رائج ٿيندو. +”انگريزن جي حڪومت جو ضرف خانو حيدرآباد جي اميرن لاءِ سڪا پلٽيندو رهندو.انهن سڪن جي هڪڙي پاسي انگريز بادشاهه جي شبيهه يا جيڪو ڪجهه انگريز حڪومت لکرائڻ چاهي ۽ ٻئي پاسي حيدرآباد جي اميرن جي لکيت هوندي. +”حيدرآباد جي اميرن لاءِ جيڪا سڪا پلٽيا ويندا، انهن جي چانديءَ جي قيمت ۽ انهن جو وزن انگريزي سڪي جي برابر هوندو. ميرن جي طرفان چاندي ملڻ جي چئن مهينن کانپوءِ گهربل سڪا انگريزي ضرب خانو تيار ڪري ڏيندو ۽ سڪي ٺاهڻ تي ٿيندڙ خرچ مير صاحبان کان ڪو نه ورتو ويندو. +”هن معاهدي موجب اميران حيدرآباد سڪن ٺاهڻ جو حق نه رکندا.“ +معاهدي جي مٿين سڀني فقرن وسيلي حيدرآباد جي ميرن جو ٻين سڀني اختيارن سميت سڪن ٺاهڻ جو حق به ختم ڪيو ويو. ساڳئي تاريخ ۽ سال تي اهڙو معاهدو خيرپور جي ميرن سان پڻ ڪيو ويو، جنهن موجب سنڌ جي ڪجهه حصن کي بهاولپور جي حوالي ڪري، سکر، بکر، روهڙي ۽ ٻيا ڪجهه علائقا انگريزن پنهنجي نالي لکرائي ورتا. هن معاهدي ۾ اهو پڻ طئي ٿيو ته: +”خيرپور ۾ صرف انگريزي سڪو يا اهو سڪو هلندو، جيڪو اڳتي هلي تجويز ٿيندو. حڪومت برطانيه خيرپور جا سڪا پاڻ پلٽيندي، جنهن جي هڪڙي پاسي شاهه انگلينڊ جي تصوير هوندي ۽ ٻئي پاسي خيرپور جا امير جيڪو چاهيندا اهو ڏنو ويندو.“ +مٿين سڀني معاهدن وسيلي انگريزن حيدرآباد، ميرپور ۽ خيرپور جي اميرن جي خودمختياري کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ عملي طرح سان ميرن کي سنڌ جي حڪومت تان معزول ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ کين قيد ڪري سنڌ کان ٻاهر موڪليو ويو ۽ انگريزن سنڌ ۾ سندن واپاري ڪمپني ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي حڪومت ۽ ان جي نالي جو بمبئي جي ضرف خاني جو سڪو سموريءَ سنڌ ۾ هلائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ هڪ دفعو وري ڌارين جي قبضي ۾ هلي ويئي. +سنڌ تي انگريزن جي قبضي ۽ حيدرآباد جي ميرن جي ضربخاني بند ٿيڻ کانپوءِ به رياست خيرپور جي نالي ماتر حيثيت برقرار هئي ۽ 1259هه / 1843ع کان پوءِ به خيرپور جي ميرن طرفان هلندڙ افغان حاڪم محمود شاهه بن تيمور شاهه (1216هه- 1801ع کان 1245هه- 1829ع) جي نالي جو سڪو”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي نشان شينهن جي تصوير جي اضافي سان برقرار رکيو ويو. بکر جي ضربخاني مان جاري هن چاندي جي سڪي جي هڪ پاسي وچ ۾ ”محمود شاهه“ ۽ ان جي چوڌاري فارسي ۾ هي شعر لکيل آهي: +”سڪه برسيم زد بتوفيق الـﮧ +خسرو گيتي ستان محمود شاهه.“ +جنهن جي معنيٰ ٿيندي، ”سڪو چانديءَ تي ٺپيو ويو الله جي مدد سان، دنيا جي فتح ڪندڙ خسرو (ٻئي) محمود شاهه جي نالي“. عام طرح سڪي جو ٺپو وڏو هجڻ جي ڪري شعر جي پوري پڙهڻي سڪي تي اچي نه سگهندي هئي ۽ پاسا ڪٽجي ويندا هئا. سڪي جي ساڳئي پاسي تي هڪ سهو پڻ ٺهيل آهي، جنهن جا اڳيان ٻئي پير ۽ منهن وارو حصو سڪي جي وچ واري گول ۾ ”محمود شاهه“ جي مٿان ۽ باقي پويان ٻه پير ۽ جسم جو پويون حصو فارسي شعر واري حصي ۾ اچي وڃي ٿو. سڪي جي ٻئي پاسي فارسي رسم الخط ۾ هيءَ لکيت آهي: +”سنه جلوس ميمنت مانوس 1259، ضرب بهکر.“ +هن قسم جي لکيت هندستان جي مغل حاڪم اورنگزيب عالمگير (1068هه- 1658ع کان 1119هه- 1207) پنهنجي سڪي تان ڪلمون پاڪ هٽائي جاري ڪئي هئي ۽ کانئس پوءِ ايندڙ مغل حاڪمن ۽ افغانن پڻ پنهنجي سڪن تي ان لکيت کي برقرار رکيو. هنن فارسي لفظن جي معنيٰ ”ڪاميابيءَ سان بادشاهي داخل ٿي سنه 1259هه ۾، سڪو ٺپيو ڀکر ۾.“ +سڪي تي لکيل لفظ جلوس جي س ۾ شينهن جي تصوير آهي، جيڪو حملي ڪرڻ واري انداز ۾ آهي ۽ پڇ مٿي اٿس. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ وارن رياست خيرپور جي بکر مان جاري ڪيل هن قسم جي سڪن تي شينهن جي تصوير ڪا نه هوندي هئي. انگريزن سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ٿيڻ جي نشاني طور شينهن جي ڇاپ جي واڌاري سان هيءُ سڪو جاري ڪيو هو. (ڏسو تصوير سڪو نمبر-1) هن قسم جا سڪا سنه 1259هه- 1843ع ۽ 1261هه- 1845ع) جامليا آهن. هنن سڪن جو وزن تقريباً پوڻا ڏهه گرام ۽ سائيز 59- 21 ملي ميٽر ٿيندي. +سنڌ جي پهرئين گورنر سرچارلس نيپئر (1259هه- 1843ع کان 1263هه- 1847ع) جي دور ۾ بکر ۾ ضرب ٿيل مٿين سڪن کان سواءِ سنه 1262هه- 1845ع جو ساڳئي قسم جو سڪو پڻ مليو آهي، پر انهيءَ تي سهي ۽ شينهن جي تصوير جي بدران مختلف قسم جا گل ۽ ٻوٽا نقش ڪيل آهن. ٿي سگهي ٿو ته مذهبي مخالفت يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري سڪي تان تصويرون ختم ڪيون ويون. سنه 1263هه- 1847ع ۾ چارلس نيپئر واپس ولايت هليو ويو، کانئس پوءِ سنڌ جو گورنر جو عهدو ختم ڪري مسٽر پرنگل کي ساڳئي سال سنڌ جو ڪمشنر ڪري موڪليو ويو، جيڪو بمبئيءَ جي گورنر سرجارج ڪلارڪ جي هٿ هيٺ سنڌ جو انتظام هلائڻ لڳو. +سندس وقت ۾ پڻ خيرپور جو سڪو سواءِ پهرئين سال 1263هه/ 1847ع جي 1264هه/ 1842ع کان 1269هه/ 1852ع تائين لاڳيتو ساڳئي قسم جا سڪا بکر جي ضربخاني مان جاري ٿيندا رهيا. +(ڏسو تصوير سِڪو نمبر- 2) +31- جنوري 1852ع تي مسٽر پرنگل جي جاءِ تي سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر (1268هه/ 1851ع کان 1273 / 1856ع) کي ڪري موڪليو ويو. سنڌ جي آزاد حيثيت انگريزن اڳ ئي ختم ڪري ڇڏي هئي. حيدرآباد جو ضربخانو به بند ٿي چڪو هو، پر سر بارٽل فريئر مختلف بهانا ڪري رياست خيرپور جي اڳوڻي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ خيرپور جي ميرن جا سڪا ڍاهيندڙ بکر جي ضربخاني کي بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڪڏهن به هن ضربخاني مان ڪو سِڪو جاري نه ٿيو. مٿي ذڪر ڪيل سِڪا سنڌ جي سرزمين تي ٺپيل آخري سڪا هئا. +انگريزن جي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ستت ئي سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سون، چاندي ۽ ٽامي جي سڪن جو رواج پئجي چڪو هو، جيڪي انگريزن جي قائم ڪيل ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس جي ٽڪسالن مان جاري ڪيا ويندا هئا، پر بکر ۾ سنڌ جي آخري ضربخاني بند ٿيڻ بعد سنڌ ۾ پوريءَ طرح سان ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جو سڪو هلڻ لڳو، جيڪو ٺپي تي ڌڪ هڻي ٺاهڻ بدران نئين نموني سان ڌاتو پگهاري مشين وسيل پلٽيا ويندا هئا. +مددي وسيلا +R.B. Whitehead +Catalogue of coins in the Punjab Museum, Lahore, Volume III. At the Clarendon Press, Oxford 1934. +Colin R. Bruce II, John S. Deyell +Nicholas Rhodes, William F. Spengler. +ﺔhe Standar guide to South Asian Coins and paper Money Since 1556 A.D. +Krause Publications Iola, Wiscouisn, 1982. +مننشي عطا محمد شڪارپوري، +تاريخ تازه نو اي معارف (فارسي) +سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي- 1959ع. +اعجاز الحق قدوسي، +اعجاز الحق قدوسي، +تارخ سنڌ جلد سوم (اردو) +اردو سائنس بورڊ، لاهور- 1984ع. +رحيمداد خان مولائي شيدائي، +ٽالپرن جي مختصر تاريخ (سنڌي) +انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو- 1983ع. +سڪن جي ذاتي ذخير جي مشاهدي مان پڻ هن مضمون لاءِ مدد ورتي ويئي. +(عبدالله ورياهه) +ba + + +سنڌ جي تاريخ جو حصو +برٽش ميوزم ۾ موجود تفسير ”آيته الڪرسي“ سنڌيءَ جو تحقيقي مطالعو +غلام محمد لاکو +برٽش ميوزم لنڊن جي جڳ مشهور ڪتبخاني ۾ قرآن مجيد جي هڪ بابرڪت آيت يعني ”آيـﺔ الڪرسي“ جو هڪ قديم ۽ قلمي سنڌي تفسير موجود آهي. هي ناياب تفسير هيل تائين نه ته مطالعي هيٺ آيو آهي ۽ نه وري ڪٿي ڇپجي سگهيو آهي. هت اسين هن ناياب تفسير تي سرسري نظر وجهنداسين ۽ پڻ ڏسنداسين ته اهو ڪيترو قديم آهي ۽ ان جو مفسر يا شارح ڪير آهي؟ +1- برصغير ۾ آيته الڪرسيءَ جا تفسير +قرآن مجيد جي سورة البقرة جي آبـﺔ نمبر 255 کي ”آيـﺔ الڪرسي“ به سڏيوويو آهي. قرآن پاڪ جي هر مفسر ۽ شارح هن آيت جي فضيلت، برتري ۽ ٻين آيتن جي ڀيٽ ۾ ان جي اهميت ۽ وقعت وڌيڪ ڄاڻائي آهي. عالمن ان کي اسم اعظم به سڏيو آهي، جنهن بابت بحث پڻ هن آيت جي آڌار تي ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ هن سڳوري ۽ برڪت ڀري آيت جي بنياد تي، مفسرن توحيد ربانيءَ جي تشريح پڻ ڪئي آهي، ۽ ٻڌايو آهي ته ان جو هر ايندڙ لفظ، خدا تعاليٰ جي وحدانيت جي جامعيت ۾ واڌارو ڪندو وڃي ٿو. ان ڪري شارحن ان کي ”آيـﺔ التوحيد“ به سڏيو آهي. +هند پاڪ ننڍي کنڊ ۾ هن سڳوري آيت جي قديم تفسيرن جا ڪم از ڪم ٻه تصديق شده مثال موجود آهن. انهن مان هڪ ته هندستان جي هڪ اديب ۽ اسڪالر جو ڪيل آهي، ۽ ٻيو تفسير هن خطي ۾ جيڪڏهن نه به لکيو ويو آهي، تڏهن به اڄ تائين ان جا قلمي نسخا هن علائقي ۾ موجود آهن. +ابوالفضل هندستان جو هاڪارو تاريخدان ۽ بادشاهه اڪبر جي درٻار جو اهم رڪن ٿي گذريو آهي. هن اڪبر جي جاري ڪيل دين الاهيءَ جي به وڏي وڪالت ڪئي هئي. ابوالفضل سن 1551ع ۾ ڄائو، ۽ سن 1602ع ۾ شهزادي جهانگير جي چرچ تي قتل ڪيو ويو. پاڻ پهريون ڀيرو سال 1572ع ۾ شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ پنهنجو عربي زبان ۾ لکيل تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ تحفو ڪري اڪبر کي پيش ڪيائين. هن تفسير جو هڪ نسخو پشاور يونيورسٽيءَ جي ڪتبخان ۾ موجود آهي[1]. ابو سلمان شاهبجهانپوريءَ جي حوالي سان، علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب لکيو آهي ته ابوالفضل هي تفسير فارسي زبان ۾ لکيو هو [2]. ڏسجي ٿو ته پروفيسر ابوسلمان جي ڀيٽ ۾، پهرين راءِ وڌيڪ درست آهي. +هندي ننڍي کند ۾ موجود ”آيـﺔ الڪرسي“ جو ٻيو قديم تفسير فارسي زبان ۾ آهي. هي تفسير ڪاتب سيد حيدر، 6-جنوري 1665ع (28- جمادي الا آخر 1075هه) تي نقل ڪري پورو ڪيو. هي تفسير حافظ محمود شيراني مرحوم جي ذخيري ۾ هو، جو هاڻي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ محفوظ آهي. هن تفسير جو مصنف معلوم ڪونهي، البته گمان ڏيکاريو ويو آهي ته شايد ملان ڪمال الدين واعظ جي ”جواهر التفسير“ مان، مذڪوره آيت بابت ڪيل تفسير کي، ڪاتب سيد حيدر جداگانه نقل ڪيو هجي [3]. ملان جو تعلق امير علي شير نوائيءَ جي درٻار سان هو، جوهرات جي بادشاهه حسين مرزا بايقرا جو وزير هو. پاڻ امير علي شير جي فرمائش تي چئن جلدن ۾ پنهنجي تفسير جو خاڪو رٿيائين، ليڪن ڪم جي ڊيگهه سبب اهو ارادو ترڪ ڪري، سن 1493ع /899هه ۾ هڪ جلد تي مشتمل تفسير تيار ڪيائين. هي تفسير تهران مان محمد رضا جلالي نائيني شايع ڪيو آهي. سندس ٻه ڪتاب: انوار سهيلي ۽ روضـﺔ الشهداء- پڻ مشهور آهن. ملان ڪمال الدين حسين پٽ علي واعظ ڪاشفي سن 1504ع / 910هه ۾ وفات ڪئي[4]. هند پاڪ ۾ اڪثر ڪري سندس ڪتاب اڀياس هيٺ رهيا ۽ هت انهن جا ترجما پڻ ٿيا. +اردو زبان پاڪستان جي مقامي ٻولين جي ڀيٽ ۾ علمي طور تي وڌيڪ شاهوڪار آهي، تڏهن به ان ڏس ۾ ڊاڪٽر محمد مسعود احمد جي ڪيل ڪم کي، سرسري طرح ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن زبان ۾ ”آيت الڪرسي“ جو ڪو به جداگانه تفسير تيار نه ٿيو آهي. ان صورت ۾ چئبو ته قديم دور ۾ هن علائقي ۾، هن آيت جو تفصيلي ۽ جداگانه تفسير صرف ”سنڌي زبان“ ۾ لکيو ويو، جا هڪ نهايت فخر جوڳي حقيقت آهي. ڊاڪٽر محمد مسعود احمد صاحب جي ڪتاب جي اڻ ڇپيل ڪاپي سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي. +برٽش ميوزم لنڊم ۾ موجود تفسير آيـﺔ الڪرسي (سنڌي) جي پهرئين صفحي جو عڪس +2- سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جا ابتدائي تفسير +عربن جي دؤر حڪومت ۾ قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو ٿيو، جو هاڻي موجود نه رهيو آهي[1]. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ ۾ ٿيل قرآن مجيد جي ترجمن۽ تفسيرن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ موجود ڪانهي. سنڌ ۾ فارسي زبان ارغونن جي دور ۾ سرڪاري سرپرستي حاصل ڪري مدرسن، مڪتبن ۽ خانقاهن تي ڇانئجي وئي. سنڌي عالمن پهريون ڀيرو نه رڳو هڪ عجمي (فارسي) زبان ۾ قرآن شريف جي ترجمن ۽ تفسيرن کي ڏٺو، پر سرڪاري پاليسيءَ پٽاندر کين سڄو درس ۽ تدريس پڻ فارسي ٻوليءَ ۾ هلائڻو پيو. ان صورتحال کي ڏسي سنڌي عالمن پڻ عربي- سنڌي رسم الخط ۾ تجربا ڪيا ۽ آهستي آهستي ٿي سنڌي ڪتب نويسي پڻ شروع ٿي[2]. سنڌي زبان ۾ تصنيف تاليف به ٿي، ته ٻين ٻولين مان ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا ويا. +سنڌ جي ڪنهن عالم پاران قرآن مجيد جو ڪيل قديم ترجمو، جو اسان وٽ موجود آهي سو فارسي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. هي ترجمو مخدوم نوح عليـﮧ رحمـﺔ (وفات: 1590ع) ڪيو ۽ علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ذريعي، سن 1401هه ۾ سنڌي ادبي بورڊ ان کي شايع ڪيو. مغل دور ۾ سنڌي زبان ۾ ڪتب نويسي ته ملي ٿي، پر ڪلام پاڪ جي ڪنهن ترجمي يا تفسير جو پتو نه پيو آهي. پهريون ڀيرو ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جا تفسير لکيا ويا، جي الف- آشباع جي طرز تي منظوم ڪيا ويا. سنڌيءَ ۾ هن دور ۾ هي تفسير تيار ٿيا. +1- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات: 1761ع)، سون ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس تفسير هاشمي (تفسير: پاره عم) مشهور آهي. هي تفسير متعدد ڀيرا ڇپيو آهي. تارو اصل خط ۾ سنڌي ادبي بورڊ ان کي وري نروار ڪيو آهي. مخدوم صاحب سنڌيءَ ۾ تفسي تبارڪ (29 پاره) به لکيو، جو قلمي حالت ۾ دارالعلوم ندوة العلماء لکنوءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي[3]. +2- مولوي مهرو ولد سرهيو ولد موٽيو لاڙ جو رهاڪو هو. هن بزرگ به ”تفسير پاره عم“ لکيو، جنهن جو سن تاليف 1791ع (1206هه) آهي. هي تفسير 574 صفحن تي مشتمل ليٿو ۾ ڇپيل آهي[4]. مولوي مهرو بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ڪونهي. +3- مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (وفات: 1778) به هن علمي ۽ ديني ڪم ۾ سرگرمي ڏيکاري. قرآن مجيد جي چئن سورتن: فاتح، تبارڪ، انا اعطينا ۽ اخلاص- جا تفسير لکيائين جي ڇپيل آهن. +4- مخدوم عبدالله نرئي وارو (وفات؛1821ع؟)، ارڙهين صديءَ ۾ سنڌي مفسرن جي سلسلي جي آخري عالم آهي. سندس تفسير ”سورة يوسف“ مشهور آهي، جنهن جي هڪ ڪاپي انڊيا آفيس لنڊن جي ڪتبخاني ۾ آهي. سنڌ اندر موجود هن تفسير جي هڪ قلمي نسخي جو تعارف، تازو منهنجي دوست عبدالرزاق گهانگهري صاحب ڪرايو آهي[5] +ارڙهين صدي عيسوي، جا ڪلهوڙن جي صدي مشهور آهي، ان دور ۾ سنڌي زبان ۾ تيار ٿيل تفسيرن ۽ انهن جي مصنفن جي پاڻ کي ايتري ڄاڻ حاصل آهي. گمان غالب آهي ته تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌي به هن دور ۾ لکيو ويو. +3- تفسير آيـﺔ الڪرسي سنڌي +مغل دور کان ڪري ٽالپورن جي خاتمي تائين، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد لکيو ويو. سن 1843ع م انگريزي حڪومت جي قيام کان پوءِ سنڌ جي علمي ادبي فضا تبديل ٿيڻ شروع ٿي. قديم طرز جي سنڌي تصنيف جو سلسلو رڪجي ويو. هڪ طرف ليٿو پريس ذريعي جهونا سنڌي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا، ته ٻئي طرف سنڌي قلمي ڪتابن جو ڳچ حصو سنڌ جا وڻ ڇڏي يورپ پهچڻ لڳو. قديم سنڌي ڪتاب جي مختلف ماڻهن هٿان لنڊن پهتا، انهن جو وڏو تعداد انڊيا آفيس ۽ برٽش ميوزم جي ڪتبخانن ۾ داخل ٿيو[6] اسان جن بزرگن جي ڪوتاهين سبب تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌي پڻ ولايت پهتو ۽ آخرڪار وڃي برٽش ميوزم ۾ محفوظ ٿيو. هن ناياب تفسير جو سڄي دنيا ۾ هي اڪيلو نسخو آهي ۽ ان جو ڪو ٻيو مخطوطو ڪٿي به موجود ڪونهي. +(الف) قلمي نسخي جي ڪيفيت ۽ تفسير جي ترتيب: +برٽش ميوزم جي اورينٽل سيڪشن ۾ چئن مخطوطن جو هڪ جلد آهي، جنهن ۾ ئي هن تفسير جو نسخو به محفوظ آهي. هي چارئي رسالا مذهبي قسم جي لٽريچر جا آهن. مجلد نسخي جي مجموعي ڪيفيت هن ريت آهي: +”دالخلا نمبر 2988 O.R.؛ ڪل ورق 289؛ ڊيگهه 8 انچ؛ ويڪر پوڻا ڇهه انچ؛ هر صفحي تي 13 سٽون؛ تختي پوڻا چار انچ؛ سهڻي ۽ صاف تحرير؛ ڪتابت ارڙهين صدي عيسوي.“ +هن جلد ۾ ٻه ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ هڪ ڪتاب ميين ابوالحسن جو آهي. چوٿون مسودو تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ جو آهي. هي تفسير قلمي نسخي جي ورق1 کان ]9-1 Foll [ تائين ملي ٿو. برٽش ميوزم جي ڪيٽالاگر نه ته ڪاتب جونالو لکيو آهي ۽ نه وري مصنف جو ذڪر ڪيو آهي. البت ڪيٽالاگر هن نسخي جي تعارف ۾ ڪرنل ٽي. ايم. Baumgartner جو نالو، خبر نه آهي ته ڪهڙي سلسلي ۾ لکيو آهي[7]. ٻئي طرف ڊاڪٽر شمل جو خيال آهي ته، هي جلد ڪيپٽن اسٽئڪ [Stack] جي توسط سان، برٽش ميوزم جي لئبريريءَ ۾ پهتو آهي[8]. +هن نسخي جي عام جاچڻ بعد اسين تفسير جي صورتحال، سٽاءَ ۽ اندروني ترتيب تي سرسري نظر وجهنداسين. هن ناياب تفسير جا ڪل ساڍا اٺ ورق، اسان جي اڄوڪي ليکي ۾ سترهن (17) صفحا ٿين ٿا. مجموعي طرح تي هن مجلد جي هر صفحي تي 13 سٽون ٻڌايل آهن، ليڪن تفسير جي ڇنڊ ڇاڻ ذريعي ڏسجي ٿو ته، پهرئين صفحي تي 12 سٽون، ٻئين کان سورهين تائين 13 سٽون، ۽ آخري صفحي تي صرف 8 سٽون ڏنل آهن. ان ريت هي تفسير 215 سٽن تي مشتمل آهي. عام سٽاءَ کان هٽي ڪري ڊاڪٽر شمل تفسير جي اندروني ترتيب ڏي ڌيان ڇڪايو آهي. آيـﺔ سڳوريءَ جا اهي اکر، جن ۾ پڙهندڙن لاءِ برڪت ۽ شفاعت جو انجام ڪيل آهي، ان��ن جي شرح يارنهن سٽن تي ڪيل آهي. جڏهن ته عام اکرن جو تفسير صرف چئن چئن سٽن تي ملي ٿو (3)[9]. +(ب) تفسير جي رسم الخط ۽ متن تي هڪ نظر: +هن تفسير جي متعلق اڀياس ڪندي ٻن پهلوئن تي غور ڪرڻ ضروري آهي. هڪ آهي ان جي ٻولي، ڪتابت ۽ رسم الخط ۽ ٻئي طرف ان جو متن، مفسر جي لکڻ جو انداز ۽ سندس سونهان ڏسڻ به ضروري آهي. +(i) برٽش ميوزم جي ڪيٽالاگر صاف صاف لکيو آهي ته هن تفسير جي ڪتابت ارڙهين صديءَجي آهي ۽ اها نهايت ئي خوبصورت توڙي سهڻي آهي[10]. ان جو مطلب ته هي تفسير ٻه صديون قديم آهي. تفسير جي ٻولي ۽ ڪتب آندل صورتخطي هن راءِ جي تصديق ڪن ٿا. ٻولي عام فهم ۽ سادي توڙي روان ڏسجي ٿي. ان جي تحرير جو بنياد الف- اشباع جو قديم طرز آهي، جو اڪثر ڪري اڳين مصنفنڪتب آندو آهي. رسم الخط يا ڪتابت ٻه صديون پراڻي هجڻ سبب، ۽ ان کان علاوه ته ڪجهه اکرن جي متروڪ ٿيڻ ڪري، يا وري مصنف جي لاڙي تلفظ جي استعمال ڪرڻ ڪري، اڄوڪي پرهندڙ لاءِ هي تفسير ڪي قدر ڏکيو محسوس ٿئي ٿو. ٻولي سادي ۽ رسم الخط صاف هوندي به، ڪن خاص نشانين (اعرابن) ڪري ڪجهه اکر پڙهڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. متن کي غور سان پڙهندي چنمد اهم علطين جي نشاندهي ٿئي ٿي، جنهن مان خاطري ٿئي ٿي ته تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ جي هي ڪاپي، مصنف جي هٿين اکرين نه پر ڪنهن ڪاتب جي نقل ٿيل آهي، ٻيءَ صورت ۾ متن ۾ هي مکيه غلطيون نه ٿين ها. +- امام حسين پٽ حضرت علي، لقب زين العابدين لکيو ويو آهي (ص 3). حقيقت ۾ هي لقب حضرت امام حسين جي وچئين پٽ امام علي اوسط جو آهي، جو ڪربلا جي معرڪي ۾ محفوظ رهجي ويو هو[11]. چئي نه ٿو سگهجي ته ڪاتب هيڏي وڏي غلطي ڪيئن ڪئي، ۽ اصل متن جون هي ٻه سٽون ڪيئن هيون؟ +- مهد (ص 16 سٽ 1). قديم خط ۽ زبان ۾ مهند، مهندا، مهندان لکبو ۽ پرهبو هو، جنهن جي معنيٰ آهي اڳيان. مهد پڙهڻ ۽ لکڻ سان مفهوم جي بگڙجڻ جو امڪان آهي. +- سيها (ص 6، سٽ 11)، سينهان (ص 9، سٽ 10). مطلب ٻنهي اکرن جو هڪ آهي، خبر نه آهي ته درست اکر ڪهرو بيهندو. +- خطيرة القدوم (ص 8، سٽ 3). درست حظيرة القدس آهي. معنيٰ اٿس بهشت. +ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي زبان ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا. تڏهن به خاص سنڌي اکرن جي صورت بابت، عالمن ۾ اتفاق راءِ نه ٿو ڏسجي. هت تفسير هاشمي ۽ تفسير آيـﺔ الڪرسيءَ جي مختصر تقابل ذريعي، ان دور ۾ ڪجهه خاص سنڌي اکرن بابت موجود مونجهاري کي چٽو ڪجي ٿو. +رسم الخط موجوده +تفسير هاشميءَ جو رسم الخط +تفسير آيـﺔ الڪرسيءَ جو رسم الخط +ڄ +ڄ/ڃ +ڃ/ج +ڻ +ڻ +ڻ/ن +ڍ +ڊ +ڊ +ٻ +ٻ +پ/ب +ڏ +ث +ث +ڙ +ڑ +ر +گهه +گ +گ / ک +ٺ +ٽ +ٽ +جهه +ج +ج +(1) طبقات ناصري، جلد اول، ص 173، حاشيه، اردو ڇاپو از غلام رسول مهر، لاهور 1975ع. +(ii) هن تفسير جو لکندڙ بزرگ وڏو عالم فاضل انسان ڏجي ٿو. کيس اسلامي دنيا ۾ علم تفسير بابت ٿيل واڌاري بابت پوري پوري ڄاڻ حاصل هئي، ان ڪري پاڻ پنهنجو تفسير لکندي علم حديث ۽ تفسير جا معتبر ڪتاب سامهون رکيائين. هن مٿي ذڪر ڪيل آيـﺔ الڪرسيءَ جي ٻن تفسيرن جو ذڪر نه ڪيو آهي، ليڪن خاطري آهي ته پاڻ هنن ٻنهي شرحن کان ضرور خبردار هوندو. +ابوالفضل ۽ سنڌ جو تعلق عالم آشڪار آهي. جڏهن ته مولوي احمد مرحون سن 1785ع / 1172هه ۾، ملا ڪمال الدين جي ڪتاب ”روضـﺔ الشهداءَ“ جو سنڌي ترجمو ڪري چڪو هو[12]؛ جنهن بابت پڻ اسان جي هن مفسر کي پوري واقفيت حاصل هوندي. مصنف تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌي لکندي، هڪ ته نثر بجاءِ الف- اشباع جي مروجه طرز ڪتب آندي آهي، ته ٻئي طرف ڊاڪٽر شمل موجب ان ۾، تفسير هاشميءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ صوفياڻا لاڙا ڏسجن ٿا[13] هي تفسير تيار ڪندي مفسر ه�� آيت جي فضيلت بيان ڪرڻ لاءِ، حديث جي معتبر راوين حضرت جابر بن عبدالله، حضرت عبدالله بن عباس ۽ حضرت انس بن مالڪ کان روايتون نقل ڪيون آهن. ان ريت پاڻ هنن عالمن، مفسرن ۽ ڪتابن کان پڻ مدد ورتي اٿس. امام ترمذي جنهن حديثن جو ڪتاب ”جامع“ مرتب ڪيو. هن 892ع / 279هه ۾ وفات ڪئي. امام نسفيءَ جي تفسير ”بحر العلوم“ کان مدد ورتل آهي. سندس اصل نالو عبدالله پٽ احمد هو. پاڻ نسف (ماوراء النهر) نالي شهر ۾ ڄائو. سندس وفات سن 1310ع / 710هه ۾ ٿي[14]. هن جو لکيل ڪتاب ”ڪنزالدقائق“ وڏي شهرت رکي ٿو. مفسر ٻن جاين تي ”فتوح الاوراد“ جو حوالو پڻ ڏنو آهي، البته ان جي مؤلف جو نالو نه کنيو اٿس. هي ڪتاب هڪ سنڌي محدث فتح محمد بن شيخ عيسيٰ جند الله سن 1647ع/ 1057ه ۾ تاليف ڪيو. شيخ فتح محمد سنڌ مان لڏي برهانپور ويو ۽ پوءِ مديني شريف ويو، جتي سن 1669ع / 1080هه ۾ وفات ڪيائين[15] هن ڪتاب جي ڪاپي ڪنهنزماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ- آءِ- قاضي ڪتبخاني ۾ موجود هئي. ان کان علاوه تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ ۾ ”اربعين“ جي صاحب ابو منصور ابو نعيم، کان علاوه ابن السني ۽ مستغفريءَ جا حوالا به ملن ٿا. +سنڌ جي سڄاڻ استادن، عالمن ۽ اديبن، مغل دؤر ۾ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾، تعليم توڙي تربيت جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ عربي سنڌي رسم الخط جا تجربا ڪندي، سنڌي تصنيف ۽ تاليف طرف وک وڌائي. ميون لطف الله قادري (وفات: 1679ع) شايد پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن هن جذبي تحت پنهنجو رسالو جوڙيو. اسان جي هن مفسر جو هي جذبو پڻ عالم آشڪار آهي: +پڻ ڪير ڪريندو هن آيـﺔ جي معنيٰ ڪو اداءُ +پر پروڙڻ لاءِ اٻوجهن جي لکئم ڪو قد را +خدا تعاليٰ جي تعريف ڪرڻ ۽ رسول ڪريم تي درود موڪلڻ بعد، هن ريت تفسير جو آغاز ڪيو ويو آهي: +ته قادر مڪي قرآن ۾ ڀلي آيت جا +سا آهي آيـﺔ الڪرسي ريهم شڪ شبها +ان بعد صفحي هڪ کان نائين تائين مختلف راوين، محدثن ۽ مفسرن ( جن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي) جيمدد سان، پاڻ هن برڪت ڀري آيت جون ڀلايون ۽ رحمتون بيان ڪيون اٿس. صفحي ڏهين کان اصل تفسير جي ابتدا ڪندي چوي ٿو ته: +جي ڪجي تفسير تنهنجو ته جڙن ڪتاب سڄا +پر ڪارڻ تسلي مؤمنن جي لکيم اکرن جي معنا +ائين ٿو ظاهر ٿئي ته هن تفسير جو لکندڙ ديني عالم هجڻ سان گڏ، پنهنجي دور جو وڏو مصنف ۽ ڄاڻو بزرگ هو. کيس پنهنجي قلم تي ايتري ته قدرت حاصل هئي جو هو چاهي ها ته هن هڪ آيت جي تفسير ۾ ڪيئي ڪتاب جوڙي سگهيو ٿي، پر پاڻ مؤمنن ۽ اٻوجهن لاءِ هن اختصار تي اڪتفا ڪيائين. تفسير جي پڄاڻي ڪلمي پاڪ تي ڪيل آهي: +برڪت نبي ڪريم شفيع جي جو محمد مصطفيٰ +هلن هئا ايمان سين ڪلمون چئي ڪوڏا +(ج) مصنف مخدوم عبدالله نرئي وارو؟ +گذريل صفحن ۾ مختلف رخن کان تفسير ”آيـﺔ الڪرسي“ سنڌيءَ بابت بحث ڪيو ويو آهي، ليڪن هڪ سوال اڃا حل طلب آهي ته ان جو مفسر يا مصنف ڪير آهي؟ هن مسئلي تي سوچيندي ٻه چار رڪاوٽون آڏو اچن ٿيون. اسان جي آڏو تفسير جي موجود نسخي تي نه ته ڪاتب ۽ نه وري مصنف جو نالو لکيل آهي. ان کان علاوه ان جي ٻي ڪا به ڪاپي موجود ڪانهي، جا هوند اسان جي مدد ڪري سگهي. سنڌ جا جملي ادبي تذڪرا به هن تفسير بابت خاموش ڏسجن ٿا. ان هوندي به مفسر جي ڳولا جي هڪ سنجيده ڪوشش ڪجي ٿي. +هن ڏس ۾ پهرين غور جوڳو نڪتو ڪيٽالاگر مهيا ڪيو آهي، جنهن موجب هي تفسير ڪم از ڪم ٻه صديون قديم آهي[16] سياسي طرح ٻه صديون اڳ سنڌ تي ڪلهوڙن يج حاڪميت قائم هئي. هن دور ۾ سنڌي زبان ۾ ڪثير تصنيف تاليف ٿي. هن زماني ۾ سنڌي ساهت جي دنيا ۾ ٻه بزرگ مخدوم عبدالله جي نالي سان ٿي گذريا آهن. هڪ هو مخدوم عبدالله واعظ عرف ميان موريو، جنهن سن 1753ع / 1167هه ۾ وفات ڪئي. ٻيو مخدوم عبدالله نرئي وارو هو، جو ٺٽي ۾ پڙهيو ۽ پوءِ ڪڇ ڏي لڏي ويو. هي بزرگ ججهي سنڌي ڪتب نويسيءَ سبب مشهور آهي، ليڪن نالي جي يڪسانيت سبب، سندس سڀ ڪتاب ميان عبدالله واعظ جي نالي ۾ شمار ٿي ويا[17]. ڊاڪٽر شمل، جنهن سڀ کان اول هي تفسير اڀياس هيٺ آندو، حسب دستور ان کي به ميان عبدالله واعظ جي تصنيف سڏيو آهي[18]. ان صورت ۾ گمان نڪري ٿو ته ڇا هي تفسير به نرئي واري بزرگ جولکيل آهي؟ سندس لکيل ”تفسير يوسف“ اڳ ۾ ئي مشهور آهي. ڪنهن حد تائين هن گمان جي تائيد ”آيـﺔ الڪرسي“ تفسير جي اندروني اڀياس ذريعي پڻ ٿئي ٿي. مصنف ٻن جاين تي سنڌي محدث فتح محمد جي ڪتاب ”فتوح الاوراد“ جو نالو کنيو آهي. ميان عبدالله نرئي واري هڪ ڪتاب ”نورالابصار“ لکيو هو. ستت پوءِ ان جي وڌيڪ چٽائي لاءِ ”خزانـﺔ الابرار شرح نورالابصار“ جي نالي سان هڪ ٻيو ڪتاب به لکيائين. هن شرح لکندي سندس آڏو جي ماخذ هئا، انهن ۾ ”فتوح الاوراد، سرفهرست ڏسجي ٿو[19] +(نور الابصار جو آڳاٽو ڇاپي نسخو مونکي پنهنجي هڪ بزرگ ميان حبيب الله جي ذخيري مان مليو هو، ليڪن هي اکر لکندي ڪتاب موجود نه هو جو وڌيڪ تصديق ڪجي ها. ميان حبيب الله مشهور عالم دين حافظ ابراهيم نابينا جو فرزند هو ۽ اڌ صدي اڳ وفات ڪيائين.) +هن مختصر علمي بحث جو حاصل نتيجو هي آهي ته ”آيـﺔ الڪرسي“: جوهي تفسير، ٻه صديون اڳ يعني ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيو ويو. اڳ وانگر هڪ ڀيرو وري به غلطيءَ مان، هي تصنيف ميان عبدالله واعظ جي نالي ۾ لکجي وئي آهي، ليڪن گهڻو امڪان هي آهي ته هي تفسير پڻ ”سورة يوسف“ جي مفسر، ميان عبدالله نرئي (ڪڇ) ڏي هليو ويو. هت به کيس سڪون نه مليو ته اتان وري سسري (سٿريون؟) شهر ڏي لڏي ويو، جتي اڄ به سندس مزار موجود آهي. سنڌ مان هليو وڃڻ ۽ شهر شهر دربدر ٿيڻ سبب سندس سوانح حيات ڪافي منجهيل آهي. ضروري آهي ته ارڙهين صديءَ جي هن وڏي سنڌي مصنف جي علمي خدمت جو حقيقت جي آئيني ۾ ڀرپور جائزو ورتو وڃي. +سنڌي زبان ۾ تيار ٿيل هي تفسير هڪ صدي اڳ لنڊن پهتو. ان سموري عرصي ۾ صرف ٻن يورپي اسڪالرن- بلم هارڊٽ ۽ ڊاڪٽر شمل- پنهنجن ڪاوشن ۾ ان جو تعارف ڏنو ۽ بيان آندو. راقم الحروف هنن ٻنهي محققن جي ذريعي سان هن تفسير سان متعارف ٿيو ۽ آخرڪار پنهنجي دوست جناب هدايت پريم صاحب جي توسط سان، ان جو فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هن علمي ۽ ادبي تعاون لاءِ آءٌ جناب هدايت پريم جو دلي طرح شڪر گذار آهيان. +ba +[1] ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ص 163، سال 1983ع. +[2] سنڌي رسم الخط جي اوسر بابت راقم هڪ پيپر ۾ مفصل بحث ڪيو آهي، (مهراڻ، 3/1987ع. +[3] مولانا محمد صديق مائر: ”سنڌالاجيءَ ۾ موجود قلمي نسخن جو ڪيٽالاگ“، ص30، سنڌالاجي 1980ع. +[4] محمد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، جلد اول، ص 391، حيدرآباد 1937ع. +[5] رسالو مهراڻ، 2/1989ع. +[6] راقم ٻن قسطن ۾ ان بابت تفصيل ڇپيا آهن. رسالو مهراڻ، 3/1986ع، ۽ مهراڻ 3/1988ع. +[7] J.F. Blumhardt: CCatalogue of the Marathi, Gujarati, Bengali, Assamese, Oriya, Pushtu and Sindhi Manuscripts in the library of the British Museum”, P. 37, London, 1905. +[8] Prof. Annemarie Schimmel: “Pearls from the Indus”, P. 62, Sindhi Adabi Board, Hyderabad, 1986. +[9] Pearls from the Indus, P. 63. +[10] J.F. Blumhardt, Catologue, P. 37. +[11] طبقات ناصري، جلد اول، ص 173، حاشيه، اردو ڇاپو از غلام رسول مهر، لاهور 1975ع. +[12] محمد صديق ميمڻ“ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، جلد اول، ص 392، حيدرآباد 1937ع. +[13] پرلس فرامدي انڊس، ص 62. +[14] نسفيءَ جي نسبت سان هڪ ٻيو بزرگ، نجم الدين ابو حفص پڻ وڏي شهرت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هو حنفي مسلڪ جو وڏو عالم هو. سندس ڪتاب ”عقايد“ نهايت ئي مشهور آهي. هو 1142ع / 537هه ۾ فوت ٿيو (پروفيسر مقبول بيگ بدخشاني ”تاريخ ايران“ جلد2، ص 108، مجلس ترقيءَ ادب لاهور 1971ع). +[15] سيد محمد مطيع الله راشد: ”برهانپور ڪي سندهي اولياء“، ص 164، ڇاپو ٻيون، سنڌي ادبي بورڊ 1987ع. +[16] J. F. Blumhardt: Catalogue, P 37. +[17] ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ص 80، سال 1982ع. +[18] Pearls from the Indus, P 63. +[19] خزانـﺔ الابرابر شرح نور الابصار“، قلمي ص 122، ڪاتب محمد عثمان سومرو، ملڪيت محمد قاسم سومرو، لڳ ڪنڊيارو ضلع نواب شاهه. +[1] تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪستان وهند، جلد2، ص 259، پنجاب يونيورسٽي لاهور، سال 1972ع. +[2] مخدوم نوح سرور هالائي: ”قرآن مجيد مترجم فارسي“، مقدمه ص 12، از علامـﮧ غلام مصطفيٰ قاسمي، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1401هه. +[3] مجله اداره تحقيقات پاڪستان، دانشگاهه پنجاب لاهور،جلد 4، شماره 1-2،ص5، 1967ع +[4] اختر راهي: ”ترجمه هاي متون فارسي به زبانهاي پاڪستان“ ص 1، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد 1986ع. +- ملا جو تفسير ”مواهب عليـﮧ“ ۽ ”جواهر التفسير لتحفـﺔ الامير“ جي نالن سان به مشهور آهي. + + +”هن تارن سان جَڙيل وسيع گنبذ هيٺان، +” جتي چانديءَ جهڙن ڍنڍ ۽ زمرد جهڙن سمنڊن جا فرش پٿريل آهن، +”ڇا- ڪڏهن به ڪا روح رچندي جاءِ آرام جي نصيب نه ٿيندي؟ +”ڇا- خواهشمند دل کي ڪڏهن به سڪون حاصل ٿي نه سگهندو؟ +ڪهاڻيون +ٻري جن ٻاري.... +حفيظ شيخ سنڌي زبان جو هڪ بيباڪ، باهمت ۽ انسان دوست اديب هو، جيڪو جيسين زنده رهيو، پنهنجي قلم کي هڪ ماهر سرجن وانگر، معاشري جي اوڻاين خلاف بيحد مهارت سان استعمال ڪندو رهيو. +۽ سندس ئي چواڻي: +”منهنجون آکاڻيون بند ڪمن ۾ شراب جا پيگ چاڙهي ڪين لکيون وينديون آهن. اُهي آکاڻيون زندگيءَ جو صحيح عڪس هونديون آهن ۽ اُهي عڪس آءٌ جيئري جاڳندي جندڙيءَ جي رنگن مان چورائيندو آهيان.“ +زندگيءَ جا صحيح ۽ سچا عڪس چِٽيندڙ هِنَ اُجري مَنَ واري افسانا نويس جتي سنڌي ادب کي ”مبارڪون“، ”فقير رمندا رهن“، ”امان مان اسڪول نه ويندس“، ”ٻه ڳوڙها“، ”اديب“ ۽ ”ساگر جي لهرن تي“ جهڙا يادگار افسانا ڏنا، اُتي سنڌي ڪهاڻي کي سچائي ۽ حقيقتن جي واٽ تي هلڻ به سيکاريو. ”زرينا“ سندس اڻ ڇپيل افسانو آهي، جيڪو اسان مهراڻ جي پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي بجا طور تي فخر محسوس ڪريون ٿا. ۽ پڻ ٿورا مڃون ٿا محترم بيدل مسرور جا، جنهن مهراڻ لاءِ هي افسانو ”زرينا“ اڪير مان اماڻيو. +زريـــنـــه! +حفيظ شيخ +سڃاڻندو ته آءٌ کيس گهڻي وقت کان وٺي هيس، پر جوانيءَ جي آمد سان اسان جي محبت جي ابتدا ٿي. آءٌ سندس گهر ڪم ڪار سانگي پيو ايندو ويندو هيس ۽ اهڙي ئي هڪ موقعي تي مون کانئس پاڻي گهريو. هوءَ پاڻي کڻي آئي ۽ پوءِ ٿوريءَ دير کان پوءِ چانهه جو هڪ ڪوپ به. آءٌ چانهه پيئڻ لاءِ منجي سوري ويهي رهيس ۽ هوءَ هيٺ صندليءَ تي ويهي نيرن ڪرڻ لڳي. سندس پيءُ خواهه ڀاءٌ نيرن ڪري وڃي چڪا هئا ۽ باقي رڳو سندس حصو رهيل هو. +هن ڪڏهن ڪڏهن اکيون کڻي مون ڏانهن نهاري ٿي ورتو ۽ وري نيرن کائڻ ۾ لڳي ٿي ويئي. آءٌ آهستي آهستي چانهه جا ڍڪ ڀري رهيو هيس. هن نيرن کائي پوري ڪئي. دسترخوان سهيڙي پري ڪيائين. دلي مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري گرڙي ڪيائين ۽ باقي بچيل پاڻيءَ کي ڳيت ڏيئي پي ويئي. پاڻي پي هوءَ ٿانون ٿپن کي درست ڪرڻ ۾ جنبجي ويئي ته مون کي احساس ٿيو ته هن جيڪا چانهه مون کي پيئڻ لاءِ ڏني هئي، سا سندس حصي جي هئي. +مون کي ڪجهه تعجب ٿيو، مگر آءٌ خاموش رهيس ۽ ڏانهنس نهاريندو رهيس. ”حسين هئي“ سو چوڻ سندس حسن کي بيان نٿو ڪري سگهي. ”نهايت حسين هئي.، پوري وضاحت نه ڪندو ۽ اهڙيءَ طرح سندس شڪل و شبيهه بيان ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي ۽وري هن پنهنجي حصي جي چانهه مون کي ڏئي ڇڏي هئي. هن ائين ڇو ڪيو؟ اهو ئي سوال منهنجي دل ۾ هلچل مچايو ويٺو هو، پر آءٌ ڪو جواب سوچي ڪين سگهيس. آءٌ اتي ڪيتري دير ائين خاموش ويٺو هئس ۽ پوءِ اٿي آيس. انهيءَ ڏينهن آءٌ سندس گهر ٽي چار دفعا ويس يا شايد انهيءَ کان به وڌيڪ، مگر جيترا دفعا به ويس، منهنجي آرزو تهائين وڌندي ويئي. دل پئي چوي ته ڪنهن پر اسين ٻئي گڏئي گڏ هجون ۽ ٻيءَ سڄي دنيا اسان کي ڏسي نه سگهي. ان ڏينهن پڄاڻان اسان جون ملاقاتون شروع ٿيون، سندس گهر وڃڻ لاءِ مون تي ڪا بندش ڪا نه هئي. سندس پيءُ خواه چاچو خواه ڀاءُ منهنجي طرفان مطمئن هئا. آءٌ سندن روبرو به ويندو هئس ۽ غير حاضريءَ ۾ به، البته غير حاضريءَ ۾ ڪيترو وقت ويٺو هوندو هئس ۽ سندن موجودگيءَ ۾ جلد موڪلائي اٿندو هئس. +چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ لڪائي نه لڪن، سو اسان بابت به چؤ پچار شروع ٿي. پاڙي وارن پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ نيٺ+ سندس پيءُ کي به انهيءَ جو علم ٿي ويو ۽نتيجي ۾ اسان ٻنهي جي ملاقاتن تي پابنديون وڌيون. مون کي سندن گهر وڃڻ کان منع ڪيو ويو ۽ هن کي مون سان ڳالهائڻ کان منع ڪيو ويو ۽ هن کي مون سان ڳالهائڻ کان منع ڪيو ويو. مگر معاملو انهيءَ وچ ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. اسان جي انسيت محبت ۾ تبديل ٿي ويئي هئي. هڪ ٻئي سان نباهڻ جا قسم کڄي چڪا هئا ۽ هاڻي انهن ملاقتن جو يڪ قلمبند ٿيڻ هڪ ناممڪن ڳالهه هئي. اسان ٻنهي جا گهر، گهر ۾ گڏيا پيا هئا، تنهنڪري هن جي خواه منهنجي والدين جي مداخلت مان ڪو کڙتيل ڪين نڪري سگهيو. اسين ملندا رهياسين، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ کان ترسندا رهندا هئاسين، مگر موقعي ملڻ شرط ملاقات ٿيندي هئي ۽ سڀ شڪايتون دور ٿي وينديون هيون. اهڙين ئي ملاقاتن مان هڪڙي لاءِ مان هڪ اونداهيءَ رات ۾ مٿي کڏ تي چڙهيس. رات ڪاري ٻاٽ لڳي پيئي هئي، هٿ کي هٿ ڪين پئي سجهيو. ڏاڪڻ چرهندي هنياءُ پئي لڏيو. دل جهلي پير پير ۾ پائي مٿي چڙهڻ شروع ڪيم. اڄ پهريون موقعو هو جو هن بيگاهه وقت آءٌ هنسان ملڻ وڃي رهيو هيس. اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻندو، آءٌ ڏاڪڻ چڙهي کڏ تي پهتس. کڏ تي پهچندي پگهر وٺي ويا هئم. مٿي پهتس ته سياٽو وٺي ويم، نومبر جا ڏينهن هئا، ٿڌي هوا سوساٽ ڪيو پئي گهلي. کٿو کنيو آيو هئس، سو گهو ڪري پاڻ ويڙهيم. ”ڀر واري کڏ تي هوءَ منهنجي انتظار ۾ هوندي“ آءٌ سوچڻ لڳس.... منهنجي دل تمام تڪڙو ڌڙڪي رهي هئي. الائي ڇو! آهستي آهستي قدم وڌائيندي ڀت وٽ پهتس. هن جي کڏ تي نظر ڪيم، هوءَ ڪا نه هئي. منهنجي دل کي ڌڌڪو آيو، پر آس ڪين لاٿم. پنهنجي کڏ تي ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيس. دل ۾ هزارن قسمن جا خيال پئي وسوسا بنجي اٿيا..... ۽ پوءِ هوءَ آئي.... هن ڀت تان ليئو پاتو.... مون کي ڏٺائين.... سڏ ڪيائين.... ”عزيز“... اءٌ خاموش بيٺو رهيس.... خيالات جي عجيبطوفان ۾ گهريل.... ڄڻ اسين ٻئي هڪ ٻئي کان ڪي ڪوهه پري بيٺا هئاسين... هن جو ڊپ ڀريو هلڪو آواز منهنجي ڪن ۾ هڪ سريلي آواز مثل وڄي رهيو هو ۽ آءٌ انهيءَ ۾ ئي مست ٿي رهجي ويو هئس. ڪيتري دير ائين بيٺو هئس، سو خوف منجهان هن وري پڪاريو.... ”عزيز“... مون ڪنڌ ورائي ڏانهنس ڏٺو ۽ چيو ”زرينه“... مون وراڻي ڏني ۽ پوءِ هوءَ ڀت ٽپي اچي منهنجي پاسي ۾ بيٺي ۽..... +ملاقاتن جو اهو سلسلو زنجير جيلاانتها ڪڙين مثل هڪ ٻئي سان جڙيل هو. اسين ملندا رهياسين ۽ محبت اسان کي اسير ڪندي رهي. +۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو هن جي در تي دهل وڄڻ لڳو. قيدي پکيئڙي مثل هن گهڻي ئي پير هنيا. مون به سندس ڪوشش ۾ ساٿ ڏنو، مگر ظالم سماج اسان جي محبت کي برداشت نه ڪري سگهيو. هن کي هڪ ٻئي شخص سان وابسته ڪيو ويو. آءٌ دل تي پٿر رکي ويهي رهيس ۽ وري پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مشغول ٿي ويس. +هن جي محبت صدقي پڙهائيءَ جو هڪ سال خراب ڪري چڪو هئس. هوءَ پنهنجي مڙس جي گهر وڃڻ بعد به مون کي ياد ڪندي رهندي هئي ۽ ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي گونگيون هنجون هاريندي هئي. مون کي سندس احوال ملندا هئا. جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ مون کي ڪو به نياپووغيره ڪين موڪليندي هئي. +اڄ ٽن سالن بعد زرينه وري منهنجي پاڙي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي آهي. سندس مڙس کيس چوسيل هڏيءَ مثل پري اڇلائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ آءٌ.... آءٌ سوچيان ٿو ته ڇا ڪيان....! سوچيان ٿو ته سماج آئينده ڪهڙو قدم کڻندو!.... سوچيان ٿو ته زرينه جي حالت ڇا ٿيندي.... ۽ سوچيان ٿو ته مون کي زرينه سان محبت آهي؟ +چوري ساڻ چسن +حميد سنڌي +سلطان اوطاق ۾ گهڙيو ته مان ٽپو ڏئي اٿي بيٺس. ساڻس اسان جا ٻيا ٽي هاري به همراهي هئا. سلطان لک اسان جو هاري صحيح، پر ابي ڏاڏي جي ڏينهن جو ساٿي هو. مون سڪ مان وٺي ڪوچ تي ڀرسان ويهاريو مانس. سال ٻنکان پوءِ ڏٺو مانس، همراهه بنهه جهونو پئي لڳو. نه اها مينديءَ رتي سوناهري، نه اڇو کير جهڙو پڻئي جو پٽڪو، نه اکين ۾سرميجي سونهن، نه وري مساڳ سان مليل جرڪندڙ ڏند، ڪپڙن ڏي ڏٺومانس ته اڄ گوڏ ٻڌل هئس. رئيس جي اوطاق تي سلطان ڀلو وڳو اوڍي ايندو هو. سنس منهنتي اڄگهنج به وڌي ويا هئا، بنهه ڏهاڳيل پئي لڳو. +”سلطان،خير ته آهي، اُجڙيو پيو آهين؟“ +سلطان ماٺ ويٺو رهيو. سلطان اسان جو جهونڙو هاري هوندو هو، منهنجي ننڍي هوندي کان ساڻس دل هئي. جڏهن به ملندو هو ته مان وچڙي ويندو هيومانس. مان ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽پاڻ گفتن جو بادشاهه. بس ساڻس ڪچهري ڪري اٿندو هوس ته سمجهندو هوس ڪنهن مَٽ مَڌجا پياري ڇڏيا آهن. سندس ڪچهري بس جي نه هئي. هو ڳالهائيندو هو ته محفل مسف مگن هوندي هئي. اڄ محفل جو مور ماٺ ۾ هو. مون سلطان جو لڙيل ڪنڌ مٿي کنيو، اکين ۾ ميگهه ملهار هو، بس وسڻ تي هو. مون ڇڪي کيس ڇاتيءَ لاتو، بنهه وسي پيو. اوڇنگارون ڏئي رنو، ڳوڙها بس ئي نه ڪن. مون ساڻس گڏ آيل پنهنجي هاري صوف کان اشارن ۾ پڇيو. جيسين هو ٻڌائي. سلطان ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏي سڌو نهاريو. +”سائين صوف ڇا ٻڌائيندو، مان ٿو ٻڌايانءِ. شاهن مري ويو، سائين شاهن مري ويو.، شاهن سلطان جو وڏو پٽ، اسان جو هاري هو. سلطان جيئن جهونو ٿيو ته سندس هارپ، هن جي ٻن پٽن شاهن ۽ گلڻ سنڀالي هئي. گلڻ ماٺو پر شاهن شهزور هو. طاقت وارو، سهڻو جوان.ڀلو هاري، پر ڍڳن جي چوريءَ جو ماهجر. شاهنڪٿي ڀلا ڍڳا ڏٺا نه آهن، ننڊ ڦٽي پوندس. بنهه پويون ڏينهن ٿي لڳندن، جيسين ڍڳا ڪڍي واٽ نه وڃائين ته شاهن ڪونه سڏائي. جهلبو به ڏکيو هو، پوليس جي پڪڙ ۾ گهٽ اچي، تنهنڪري ويري به ويري هيس. +”سلطان، مان توکي چوندو هيس ته شاهن کي جهل. ڪڏهن پاڻ اهڙو جهلبئي جو ڳوليونه ملندءِ.“ +”نه سائين، هيءُ چور چوريءَ وگهي نه مئو آهي. اڪسيڊنٽ ٿيس. توکي ته خبر آهي، هاڻ ڀرپاسي ۾ کنڊ وارو ڪارخانو لڳو آهي. ڀلا پڪو روڊ، ٽرڪ وارا نشو پي هلائين ٽرڪ، بس همراهه جون پاسيرون ڪڍي وڌائون.“ +سلطان ڳالهه ٻڌائيندي سهڪي پيو. هن بس ڪئي ته ��وف شروع ٿيو. +”سائين، ويو هو بهاري وارن ڏي. ٻن ڏينهن کان اتي ٽڪيل هو. بهاري وارن جو ڳوٺ تي خبر اٿئي، شهر جي ڇيڙي تي پڪي روڊ سان آهي. بهارو ۽ هيءُ هوٽلن جا شوقين، بس شهر پيا اچن وڃن، بهارو ته روڊ ٽپي ڳوٺ واري پاسي آيو، پر شاهن ٽپي نه سگهيو. پريان ٽرڪ پئي آيو، جوان کي کنيو ويو. بنهه ٽُڪر ٿي ويو.“ +مان ماٺ ۾ واقعو پئي ٻڌو. اعتبار ئي نه پئي آيم. ڇهه فوٽو، ڀريل بت، ڪاٽڪو ڦڙتيلو جوان. جنهن جي ٻرانگهه ڪوهه لتاڙي، سو روڊ ٽپندي ٽرڪ لتاڙيو. بنهه ويساهه نه پئي آيم. سلطان جو ماٺ ۾ هو، پرکي ويو. +”ابا سائين، ويسهه ته مان کي به نه هو. پر سال ٿيو، جو قرآن ڏنو مانس ته چوري کان پاسو ڪر. ڪاٽڪي ڇڏ. قسم ته ابا کنيائين، پر ڇوڪر وسامي ويو. آهستي آهستي ڪم کان جواب. بس هاري جي سنگت ۾ پيو رلندو هو. گهڻو رهندو به بهاري وارن جي ڳوٺ هو. يار اٿس ڀلوڙ، پاڻ سان ڪم تي به لڳائي ڇڏيو هئائينس. اسان ته پاڻ پلي ڇڏيو هو. ڪنهن ويلي پور پيس ته ڳوٺ ايندوهو. زال کي پڇي ڪو نه. باقي ٻچڙن سان دل هيس. بس انهن کي ڏسي ٽول وٺي ڏئي، ۽ پوءِ اهو ٿو وڃئي. گهڻو چئون: ابا! ابا! گهڙي ته ويهه. چڱائيءَ لاءِ قرآن ڏنم. بس همراهه چوريءَ کان ويو، ڄڻ گهر کان ويو.“ +سلطان پئي ڳالهايو. مان اوطاق ۾ هوندي به اوطاق ۾ نه هيس.اڄڪلهه نوڪريءَ سنگي ٻاهر رهڻي پئي پيو، پر جڏهن ٻنهي ٻاري جي سنڀال ڪندو هيس ته شاهن مون وٽ گهڻو ايندو هو. سهڻو جوان هو، سندس نراڙ تي ڏينڀوڙي جو نشان ڏاڍو ٺهندو هيس. پيءُ وانگر ماڳ هڻندو هو. ڏند پيا جرڪندا هيس. مان جڏهن پڇندو هيومانس: ”شاهن، ڏي خبهر انهيءَ ڏينڀوڙيءَ جي؛ ڪنهن ڏينڀوڙيءَ ته نه ڏنگيو اٿئي.“ هيڏو پهلوان مڙس، بنهه ڇوڪرين وانگر شرمائجي ويندو هو. +هن راڄ جو زميندار هوندي به منهنجي راڄ سان دوستي هوندي هئي. هاڻ وڃن گهٽ ٿئي، ادو ننڍو پيو منهن ڏئين. پر جڏهن به ويندو آهيان ته راڄ اچيو مڙي. بس اها ڪچهري لڳندي آهي، جو اسين مست ٿي اٿندا آهيون. سلطانسان گهني لڳندي هئي، پر سندس پٽ شاهن مون کي وڻندو هو. سندس شخصيت ۾ هڪ سحر هوندو هو. پَٽ تي هجي يا کٽ تي، سڀني هارين ۾ پيو بکندو هو. سندس شخصت مون کي ڏاڍو متاثرڪندي هئي.مان سلطان کي چوندو هيس: +”سلطان، هن ڪاتڪو کي سمجهاءِ، عمر نه وڃائي. مون سان هلي ته شهر ۾ ڪنهن ڪم ڪار سان لايانس. سندس حياتي ٺهي پوندي.“ +”تون مالڪ آن، هلئي ته ڀلي وٺي وڃينس.“ +”ڀلا شاهن کي ڍڳن جي چوري جي هَوس. ڇهين مهيني ڪري يا ٻارهين، پر ڪري ضرور ۽ جهڙي تهڙي ڍڳي ۾ به هٿ نه وجهي. بس ڳولي کڻندو. مان ڪڏهن پڇندو هو مانس ته کلي پوندو هو: +”ڀوتار، توهان سان ڪهڙو لڪ لڪاءُ. ڍڳو يا ڍڳي مون کي نه ماري، سندس اک بس ماريو وجهي. اک ۾ ڏسندو مانس، جي مڻيا هوندس ته بنهه ڇڪي ڪڍندومانس. پوءِ ڀل مون وٽ ڏينهڪ هجي. کڻندو مانس ضررو.“ +ويٺي ويٺي شاهن جا ڏاڍا پور پيا. اُهي ڏکيا ڏينهن به گهاريل هئا، جڏهن زمين تي قبضا ٿيا. شاهن، ڪهاڙي کنيو اُڀو پيو ورندو هو. وڏو ڀرجهلائو هو. پر سندس چوريءَ جي عادت ڪري اسان جو پنڌ وڏو پنڌ نه هوندو هو. ٻيءَ ٽيءَ پوليس سان ويڙهه ته همراه ڇڏيو، ڳالهه ڏاڍو تنگ ڪندي هئي. پر ماڻهو ته مڻيا وارو هو، پوءِ کڻي عيب به سوين هجنس. مونڏٺو سلطان ۽ سندس ساٿي اُٿيا بيٺا هئا. +”ابل سائين، ڳوٺ مهمان آهن. بهاري وارا آيل آهن. ڪجهه سندن ماني ٽڪر جو به فڪر ڪيون. بس موڪل ڏي، وري ٻي ساعت اينداسين. اڃا ته اِتي آهيو نه؟“ +”ها چاچا، پر مان ڳوٺ ايندس شاهن جو پير ڏيڻ. مڙس ويو پر يار کي ياد ته ڪبو.“ +هو نڪتا ئي پئي ته مون کي خيال آيو: +”صوف، سڀاڻي شهر اچين ته بهاري کي وٺيو اچجانءِ. مان يار جي يار سان ملڻ چاهيان ٿو.“ +”حاضر منهنجا سائين!“ +هيءُ سڀ ويا ته مان وري ٻئي خفي ۾ لڳي ويس. پنهنجي ڳوٺ اچون ڇٺي ڇماهي. ماڻهو ملڻ ۽ پير ڀرڻ ۾ ئي پورو. ڏينهن گذريو رات وئي. صبح جو صوف، بهاري کي وٺي آيوته شاهن جو موت ياد آيو. مانهو موت کي ته پَل لاءِ ياد ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته آهي به پل جو کيل. +مون سوچيو ته بهارو به شاهن وانگي ڪو قدرآور، ڪو سهڻو جوان هوندو. پر هيءُ جوان قد جو ننڍو، رنگ جو سانورو پر ڦڙتيلو هو. سندس اکيون ننڍيون، ٻليءَ وانگر چمڪيون پئي. +اڃا اسان هڪ ٻئي سان کيڪر ئي ڪا نه ڪئي ته تر جو وڏو صوبيدار فضل حسين اندر گهڙيو. پراڻو واقف هو. سيلوٽ هڻي اچي مليو. +”سائينجن جي خبر پئي، بس چيم ته ٿيندو وڃان.“ +سندس نظر بهاري تي پئي ته پيشانيءَ تي گهنج اچي ويس. +”اڙي ڪاٽڪو، پنهنجي جُوءِ ڇڏي هتي ڪيئن آيوآن. چيو هيو مانءِ ته هيڏي نه اچجانءِ، مارجي ويندين.“ +”سائين! سائين! بابو آن. بس سائينءَ گهرايو هو، اجهو وڃان پيو.“ +بهارو پگهريو پيو هو. ڏٺم ته فضل حسين جي نرڙ تي گهنج وڌي ويا هئا. ڪاوڙ مڙئي سرس هيس. +مون کلي ڳالهه کي لنوايو. +”چڱو، توهان هلي مناهينن ۾ ويهو، مان پوءِ ڳالهائيندس.“ +”سائين، هيءُ وڏو بدمعاش آهي. توهان اچو ٿا ڪڏهن ڪڏهن، هن کي نه ٿا سڃاڻو. خطرناڪ ماڻهو آهي. هن کي هتي اچڻ نه کپي.“ +اِها ئي ته ڳالهه آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٿا اچون. ڀلي پيا اچن، اسان کي ڇا ڪندا.“ +”سائين، ڪاٽڪوهڪ دفعو اچي يا سؤ دفعا، وارُ ضرور ڪندو ۽ ڪنهن به ويلي. هُن کي جوُءِ ڏيکارجي ئي نه.“ +هن ۽ شاهن، تر ۾ باهه ٻاري ڇڏي هئي. شاهن مئو ڄڻ ڪتو مئو، اسان جي جان ڇٽي پئي. ڪو وقت ڍڳن جي چوري ڪندا هئا، پوءِ به- ڇڏيو انهيءَ ڳالهه کي؛ ڏيو خبر اوهان ڪيئن آهيو.“ +فضل حسين کي ڳالهه مٽائيندي وقت لڳو. ويو تهفڪر ڏئي ويو. ”سائين! بهاري کي هڪدم ڪڍي ڇڏيو، جيئن مان اوهان کي چوان.“ مانڪا ويل ماٺ هيس، پوءِ جيڏي مهل بهارو ۽صوف اندر گهڙيا ته ڄمي بيهي رهيا. هاڻ هنن جي سامهون هڪ سخت گير زميندار سامهون هو. منهنجي هٿ ۾ اباڻو نيٽ جو لڪڻ هو. منهنجي پاسن کان منهنجو ڪمدار خانڻ ۽ منهنجو خاص نوڪر ڌڻي بخش بيٺا هئا. هنن يڪدم اوطاق جو در بند ڪيو، ۽ مون اشارو ڪيو. هنن صوف کي ٿيلهو ڏئي ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ در ورائي ڇڏيائون. جيسين بهاري کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي، ٻنهي همراهن کڻي کيس دسيو، مان اُٿندي ئي نيٽ جو لڪڻ کيس وهائي ڪڍيو. +”اڙي بهارا! سچي ڪر، شاهن ڪيئن مئو.“ +”سائين- سئاين، سڄي جڳ کي خبر آهي اڪسيڊنٽ ۾ مئو. روڊ تي مئو سائين روڊ تي.“ +”بهارا، مان آفيسر سان گڏ تر جو زميندار به آهيان. تو جهڙن کي چڱيءَ ريت سڃاڻان. ٻڌاءِ شاهن ڪيئن مئو.“ +مون نيٽ جو ٻيو لڪڻ کيس وَسايو، ٽيون، چوٿون... +”جهليو سائين جهليو- مان مارجي ويندم. اِهو صوبيدار فضل حسين ئي مارائي ڇڏيندم- بس سائين مون کي معافي ملي.“ +”فضل حسين جو ذمو منهنجو آهي. بس تون ٻڌاءِ شاهن ڪيئن مئو، اِڪسيڊنٽ ۾ مئُو؟ مون سان چرچو؟ جلدي ڪر، ٻڌاءِ شاهن ڪيئن مئو.“ +مون نيٽ جو لڪڻ وري وسايو. +”سائين بس ڪريو. ٻڌايانوَ ٿو. پاڻي پياريو.“ +همراهه پڪو هو پر اوطاق آفيسري ڏسي دهلجي ويو هو. يڪدم کڻي باسيائين. +”سائين، اوهان کي ته خبر آهي، شاهن ڍڳن جي چوري ڪندو هو. پڻس قرآن ڏنس، ڀڄي اچي مون وٽ رهيو، هو ڏاڍو موڙهل هو. مون کيس چيو ته ڍڳن جي چوري لاءِ قرآن کنيو اٿئي ڪو ٻين چورين لاءِ ته ناهي نه. مون سان هل گڏجي. اسين سائينن چور آهيون، سنهي ٿلهي جيڪا چوري آئي سا به ڪار پر هي مور نه مڃي. نيٺ هڪ وهڙي ڏٺائين. هتان ٻه ڪوهه اندر چڱا سکر زميندار آهن، کاجاڻن جا زميندار ليکبا آهن. اصل قسم ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون کي خبر نه هئي ته هيءُ پيو وهڙي سانگي يا ڪنهن ٻئي مامري اُتي لامارا ڏيندو هو. الائي ڪيئن لڳس. ويو وهڙي ڪاهڻ هو، آيو ته زال ماڻهو ساڻ هجيس. ڀلوڙ زال هئي. مون اُن رات ئي کيس چيو ته ٻانهن موٽاءِ. اصل روئي پيو. هن جي ته ڪن ڏينهن کان ڪا پنهنجي پَر ۾ ميخ لڳل هئي. اسان کي خبر نه هئي. بس يار سان هئي ياري نڀائڻي، پوءِ نڀائي سون.“ +هُن ساهي کڻي پاڻي گهريو. مون ڏٺو هو سڄو ڏَڪيو پئي ۽ پگهريو پيو هو. پاڻي پي وڏو ساهه کنيائين ۽ وري قصو شروع ڪيائين: +”سائين، ٻانهن اسان وڃي ڪچي ۾ دَمي. لڪي به ڪيترو لڪون. هونئن به شاهن ڍڳا ڪاهي ته ڪي ڏينهن رکي پوءِ ڏيو ڇڏي، پر هيءَ ته زال ماڻهو هئي ۽ هئي به سهڻي ڏاڍي. نيٺ ته هئي پرائي ٻانهن، همراهه ڪوشش ڏاڍي ڪئي ته رکي ۽ نڀا؟ي، پر همراهه ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو. تر ۾ باهه ٻري وئي. فضل حسين تڪڙو صوبيدار آهي. بنهه اسانجي ڪڍ ڪاهجي پيو. نيٺ اسان جيئن رات جو کنئي. هئي، ڏهين ڏينهندر تي ڇڏي آياسين.“ +”مائي پرڻيل هئي يا ڪنواري.“ +”ڪنواري، پر عمر جي چڱي وڏي هئي. مالڪن جي ملڪيت ۾ وڏي وارث هئي، وهاري ڇڏي هئائون. پيسو، زيور جام آندوهئائين. شاهن پيسي ۽ زيور سوڌي واپس ڪئي، پر ڀاڳين کي خبر پئجي وئي هئي. فضل صوبيدار پاڻ به چورن جي ناني آهي. خبر کيس به هئي پر خيال سان هٿ وجهڻ ٿي چاهيائين. ٻانهن موٽي ناهي اِشارو ڪري ڇڏيائين. شاهن کي منهنجي سامهون ڌَڪيائون، ڪٺائون، پوءِ روڊ تي پنهنجي ٽرڪ سان چٿيائون. مان پاڻ هُيم سائين. فضل حسين کي به خبر آهي، شاهن جي مائٽن کي به خبر آهي. سائين، هو پوليس جي ڪري چپ آهن.“ +بهارو چپ ٿي ويو. فضا ۾ سانت ڇانئجي وئي. مون اٿي بهاري کي فرش تان کنيو. بهارو ڏٺم ٿڙڪي پيو، هراسيل هو. +”سائين، ڀاڳيا مون کي ماري ڇڏيندا، فضل حسين کي به لنبي ڇڏيو اٿن. سڄي پوليس مليل آهي. مون کي حڪم هو، ڪچي مان پڪي ته نه اچجانءِ. نه ته مارجي ويندين. آيو هئس چاچي سلطان سان ملڻ بس چاچي جو حڪم ٿيو، ٻيو اوهان جو نالو ٻڌو هيم، هلي آيس هتي ته....“ +هو ويٺو ڌڪ سيڪاٽڻ، مان مرڪي ويٺس. وڌي ڀاڪر پاتومانس. کيسي مان ڪجهه نوٽ ڪڍي ڏنامانس. دلداري ڏني مانس. +”خير آ، خير آ. مان ويٺو آهيان، ڪنهن مائيءَ جي لال کي طاقت آ. بس تون هاڻي ڀلي وڃ، ڳالهه ڇپر ۾ رهندي.“ +مون صوف کي سڏ ڪيو، کيس به خرچي ڏنم ۽ چيومانس ته بهاري کي خيال سان وٺي وڃي. بهاري هٿ ٻڌي موڪلايو. +”بابل سائين، بس پارت اٿئي.“ +مون بهاري کي ڪنڌ هيٺ ۽ ڪلها لڙڪائيندي ويندي ڏٺو. هُن جي چهري تي هراس هو. هڪ چور ڪاٽڪو موت جي پَل کان ڪيڏو نه ڊنل هو. +مان ٻئي ڏينهن صبح جو نوڪريءَ سانگي واپس حيدرآباد آيس پئي. اڃا موٽر ۾ پير رکيم ته ڪمدار خانڻ آهستي اچي ڀڻڪو ڪيو. +”بهارو مري ويو سائين، اڪسيڊنٽ ۾. ساڳئي روڊ تي.“ +مون ڊرائيور کي اشارو ڪيو ۽ موٽر اچي روڊ تي چڙهي. اڳيان هلي مس ته سامهون ڪا شئي چچريل روڊ تي پئي هئي. مون يڪدم دانهن ڪئي ۽ ڊرائيورکي ٻانهن کان ڇڪي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيو. ڊرائيور زور سان بريڪ هنئي. +”شمن ڏس، ڪنهن جو لاش آهي.“ +سائين، هيءُ لاش نه آهي، ڪتو آهي. توهان هروڀرو ڇرڪي ويا آهيو. هيءُ ماڻهوءَ جو لاش نه آهي. ٽرڪ هيڍان ڪتو چچرجي مئو.“ +هن گاڏي هلائي، مون کيس اشارو ڪيو، پاسو ڪري گاڏي ڪڍيائين. مون ڪتي جي چچريل جسم کي ڏٺو، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. +ba + + +چر��و- ساڀيا +انيس انصاري +ڊائريءَ مان ٽڪرو +10- آڪٽوبر 1977ع، ڪراچي. +مشتاق اڄ لاڙڪاڻي مان ٽيليفون تي خبر ڏني ته منهجو دلي دوست الله بخش انصاري فوت ٿي ويو. رب مَرهيس. +ڪجهه خط +ڳاڙهي موري +6- مارچ 1944ع +جناب الله بخش انصاري صاحب. +السلام عليڪم- حيرت وٺي ويم، جڏهن ”اديب سنڌ“ جي هڪ شماري ۾ سرورق تي پڙهيم: ”لکپڙهه لاءِ پتو: ’الله بخش انصاري، انيس نزديڪ امام بارگاهه لاڙڪاڻو.‘“ ان ۾ حيران ٿيڻ جي ٻي ته ڳالهه ڪا نه هئي، سواءِ ان جي ته منهنجو نالو پڻ الله بخش آهي، ذات جو مان به انصاري آهيان ۽ تخلص به ساڳيو اٿم! ڇا ائين ته نه آهي، اسان ٻه جسم ۽ هڪ روح آهيون؟ مهرباني ڪري ورندڙ ٽپال ۾ ورندي ڏيندا. +توهان جو +الله بخش انصاري +لاڙڪاڻو +12- مارچ 1944ع +دوست انصاري صاحب. +وعليڪم السلام- واقعي حيرت جي ڳالهه آهي. نالو ۽ ذات ساڳي ته گهڻن ماڻهن جي ٿي سگهي ٿي، پر ان سان گڏ تخلص به ساڳيو هجڻ هڪ عجيب اتفاق آهي. مان اوهان بابت وڌيڪ ڄاڻ رکڻ گهران ٿو. اوهان جي عمر ڪيتري آهي ۽ اوهان ڇا ڪندا اهيو؟ اميد ته جواب ڏيندا. +اوهان جو +الله بخش انصاري +ڳاڙهي موري +20- مارچ 1944ع +سائين الله بخش انصاري صاحب. +سدا سلامت هجو- مان خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ موريءَ جو رهندڙ آهيان. عمر ويهارو سال کن آهي. ڳوٺ جي ڀرسان ئي هڪ واهڻ ۾ سنڌي ماستر آهيان. اوهان به مهرباني ڪري پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندا ۽ اهو به لکندا ته اوهان پنهنجو تخلص تبديل ڪندءُ يا مان ڪريان. +اوهان جو پنهنجو +الله بخش انصاري +لاڙڪاڻو +8- 1944ع +برادرم الله بخش انصاري. +منهنجي عمر پڻ ويهه ورهيه آهي. قد پنج فوٽ ست انچ. مٿي تي رڍ جي ان جهڙا وار آهن ۽ شڪل آفريڪا جي رهاڪن جهڙي. مئٽرڪ پاس آهيان ۽ روينيو ۾ ڪلارڪي ڪندو آهيان. جناب حاجي محمود خادم ”اديب سنڌ“ جي سرورق تي منهنجو پتو لکپڙهه ڪرڻ لاءِ ڏنو اٿائين. منهنجو خيال آهي ته اوهان پنهنجو تخلص بدلايو ته چڱو. منهنجا نظم اُن تخلص هيٺ ڪافي شايع ٿي چڪا آهن. وري به اوهان جي مرضي. +اوهان جو +الله بخش انصاري +ڳاڙهي موري +16- اپريل 1944ع +ادا انيس! +اهو تخلص اوهان کي نيبـﮧ هجي. مان بدلائي ”حباب“ رکيو آهي. يار! اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو هم عمر آهيون. ڇا ائين بهتر نه ٿيندو ته هڪ ٻئي سان روبرو ملجي نه ته به اوهان پنهنجو فوٽو موڪلي ڏيو ته ڏسان. منهنجو آفريڪا ۾ رهندڙن جهڙو دوست نڪين نقشين ڪيئن آهي! ها اهو به عرض ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ته منهنجي شڪل به گورن انگريزن جهڙي ڪا نه آهي. +اوهان جو ڀاءُ +”حباب“ انصاري +موري +5- آگسٽ 1944ع +ادا انصاري! +16- جولاءِ جي منجهند جو نٽهڻ اُس ۾ ڪنهن ضروري ڪم سان سائيڪل تي خيرپور ويو هيس. موٽندي ڏينهن لڳي ويو. ٽي چار ڏينهن ته هوش ڪو نه هو. هفتو کن ڏاڍي ڪمزوري رهي. ڪجهه ساهه کڻڻ جهرو ٿيم ته اوهان جي خد جي پڇا ڪيم. هڪ جي بجاءِ ٻه خط اوهان جا آيل هئا. تفصيل وار حال ٻئي دفعي لکندس. اڃا ڪمزوري آهي. مٿو ٿو ڦاٽي. اوهان تعجب ڪندا هوندا ته منهنجي اکرن کي ڇا ٿي ويو آهي. مان پاڻ پنهنجا اکر سڃاڻي نه ٿو سگهان. شايد بيماري سبب قلم پوري طرح پڪڙي نه ٿو سگهان. هاڻي خدا حافظ. +اوهان جو +”حباب“ +موري +20- آگسٽ 1944ع +برادرم الله بخش انصاري صاحب! +اسلام عليڪم- اوهان کي هڪ ڏک ڏيندڙ خبر ٻڌايان ٿو ته اوهان جو دوست الله بخش انصاري چار ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو. رب بخشيس، منهنجن پيارن دوستن مان هو. مرڻ گهڙيءَ تائين اوهان کي ياد ڪندو رهيو. توهان جي ايڊريس به ان وٽان معلوم ٿي هئي. مرحوم هڪ فوٽو مون سان گڏ ڪڍايو هو. خيال هئس اوهان ڏ��نهن موڪلڻ جو، پر يار ته راهه رباني وٺي ويو، فوٽو موڪليان ٿو. فوٽي ۾ ٽوپيءَ سان مان بيٺو آهيان. مرحوم ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. منهنجي سڄي ٻانهن سندس کٻي ڪلهي تي رکيل آهي. +مان به سنڌي ماستر آهيان. +پتو: +سنڌي اسڪول موري، +پوسٽ ڳاڙهي موري. +غمزده +غلام عباس سومرو +لاڙڪاڻو +28- آگسٽ 1944ع +ادا غلام عباس! +اوهان جو خط پڙهي روئي ويٺم. الله جنت ۾ جاءِ نصيب ڪريس، آمين. الله بخش حباب ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. روبرو ملي ڪين سگهياسين، پر خطن مان ئي سندس خلوص جهلڪي رهيو آهي. هاڻي سواءِ صبر ۽ تحمل جي ڪري به ڇا ٿي سگهجي. اطلاع لاءِ ٿورائتو آهيان. گهر اڪيلو آهي، نه ته اچي اتان ٿي وڃان ها. مرحوم جي پونيرن سان منهنجي پاران رضا الله جي ڪري ڇڏجو. +اوهان جو +الله بخش انصاري +حيدرآباد +17- آگسٽ 1956ع +برادرم الله بخش انصاري حباب: +مئا به ڪڏهن جيئرا ٿيا آهن ڇا؟ سچ ٻڌايو اوهان ساڳيا ”حباب“ آهيو، جنهن کي 1946ع ۾ مان لاڙڪاڻي مان خط لکندو هيس يا ان جا روح آهيو. ڪ نه اوهان آهيو ئي ٻيا ماڻهو. مهرباني ڪري جواب ڏئي منهنجي حيرت دور ڪندا. اوهان جو نظم تازي ”فردوس“ رسالي ۾ پڙهيو هيم. اوهان اهو نظم عالم ارواح مان ته ڪو نه لکيو هوندو. جواب جلد ڏئي منهنجي حيراني دور ڪندا. +مان اڄ ڪلهه ڳوٺ سڌار کاتي جي هيڊ آفيس ۾ اسسٽنٽ آهيان. +پتو: +گهر نمبر B-11 +لطيف آباد نمبر 6، حيدرآباد سنڌ. +اوهان جو +الله بخش انصاري انيس +ڳاڙهي موري +30- آگسٽ 1956ع +ادا انيس! +مڃڻو پيو ته مئا به هجي اٿندا آهن. ڀاءُ! مان ته توکي ماري ويٺو هيس. 1944ع ۾ لاڙڪاڻي مان يار محمد اوهان جي دوست لکيو هو ته اوهان وڏي تپ ۾ فوت ٿي ويا هئا! معاملو ڇا آهي؟ مان ته سمجهي نه ٿو سگهان. مان ساڳيو الله بخش انصاري آهيان ۽ اوهان پڻ! ٻئي مري وڃڻ بعد جيئرا آهيون. آهي نه حيرانيءَ جي ڳالهه! +”حباب“ +حيدرآباد +6- سيپٽمبر 1956ع +ادا حباب: +مون کي ته ماستر غلام عباس سومري، اوهان جي دوست خط لکيو هو ته اوهان فوت ٿي ويا آهيو. ان فوٽو به موڪليو هوجنهن ۾ اوهان ڪرسيءَ تي ويٺل هئا ۽ هو بيٺو هو. يار محمد نالي ڪو منهنجو دوست ڪو نه آهي، جنهن خط لکيو هوندو. +اوهان جو +”انيس“ +موري +18- سيپٽمبر 1956ع +انيس: +سمجهيم اهو سڀ ڪجهه غلام عباس جو ڪيل ٿو ڏسجي. مان کيس اوهان جا خط ڏيکاريندو هيس. ٻي ڳالهه ته موريءَ ۾ مستقل پوسٽ آفيس ڪا نه هئي. اهوڪماسڪول جو هيڊماستر ڪندو هو. غلام عباس اتي ماستر هو. ان ئي شايد چرچي طور اوهان کي پنهنجي حقيقي نالي سان ۽ مون کي يار محمد جي نالي سان خط لکيا هوندا. خير ڇا به هئو، هاڻي ٻئي مري جِي اٿيا آهيون. بهتر نه ٿيندو ته حقيقي مرڻ کان اڳ روبرو ملاقات ڪريون. +”حباب“ +10- آڪٽوبر 1977ع تي لاڙڪاڻي مان ٽيليفون ڪال +”هيلو“ +”هيلو بابا! مان مشتاق ٿو ڳالهايان. اها بري خبر ٻڌائڻي هئي ته اوهان جو موريءَ وارو همنام دوست ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو آهي.“ +ba + + +دل جا دکندڙ درد +شعبان وسطڙو +پورن ڏهن سالن کان پوءِ اڄ ڳوٺ آيو هئس. هرڪا شيءِ نئين نئين نظر اچڻ لڳي. من ۾ انيڪ نه وسرندڙ خيال ۽ ڍير حسرتون اڄ به ڪَر کنيل نظر اچڻ لڳيون. جيون جا ٿڪائيندڙ ۽ ڊگها پل ڪيڏا نه اذيتناڪ ٿيندا آهن. جي سموري جسم کي ڄڻ ڪنهن ڪوڙهه جي مرض جيان اچي وڪوڙيندا آهن. اڄ من به بيراڳي بنجي جهرجهنگ جهاڳڻ لاءِ انهيءَ معصوم گلن جهڙي چهري کي ڳوليندي تڙپڻ لڳي ٿو. پر وقت جي بيرحم وهڪ مون کي ڪٿي جو به نه ڇڏيو آهي. مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. سڄو وجود منهنجو پوڙهائپ جي عذاب مان گذري رهيو آهي. مٿي جا وار به گاڏڙ مڪسي ٿي پيا آهن. +ڳ��ٺ اچڻ تي دل صفا نٿي چاهيو، پر جڏهن اوچتو امڙ جي بيماريءَ جي تار ملي هئي ته اندر منجهه جهڙا ڪرنٽ لڳي ويا هئا. ماءُ جي ممتا به عجيب راز آهي. ڳوٺ ۾ اچڻ سان من ۾ چهڪ لڳڻ لڳا ۽ دل بيتاب ٿيڻ لڳي. ڏهه سال اڳ منهنجي مک تي نيڻن جي ڌنڌ ۾ چٽو پٽو ڪرڻو اڀريو. سانوري سلوڻي مک ۽ ڊگهي چوٽي واري سنهڙي سيپڪ چاچي قادن جي ڌي سانوري-!! +بگي جڏهن ڳوٺ جي گهٽين مان ٿيندي اچي اسان جي گهرن سامهون بيٺي هئي، ته من ۾ اُڪليا هيا. هن جي لاءِ ڪجهه لفظ-!! هيڏي ساري عرصي ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو، پر نه بدلي هئي، ته منهنجي پاڳل دل تان هن جي ياد. منهنجي من کي انيڪ يادن جون لڪيرون ڪنهن اِي. سي. جي جي گراف جيان ڦهلجڻ لڳيون ۽ پوءِ جڏهن پاڙي جي ٻارن مون کي ڏٺو هيو ته هو به عجيب عجيب نظرن سان عجب وچان نهارڻ لڳا هئا. ڳوٺ ته مان قطعي نه اچان ها، پر جڏهن امڙ جو خط آيو. ”مون کي اهڙي خبر نه هئي ته منهنجو ٻچو ايڏوڪٺور دل ٿيندو. پٽ مان ڀڳي ڀر تي آهيان، دل چوي ٿي ته هڪ وار اچين ته ور ور ڪري توکي ڏسان ۽ پيار ڪري اندر ٺاريان، پر خبر ناهي ته تنهنجي دل ڇا جي ٺهيل آهي جو ماءُ جي سار به نٿو لهين.“ +امڙ جي خط ملڻ سان دل کي جهڙي جهٻي اچي وئي، پر ڪالهه جڏهن اوچتي امڙ جي ناچاڪائيءَ جي تار ملي ته دل تي قابو پائي نه سگهيس. تار ۾ لکيل هيو: ”تنهنجي ماءُ زندگيءَ جي آخري پساهن ۾ آهي، تون جلدي پهچ.“ +بگي مان لهندي ئي وکون گهر طرف کڄڻ لڳيون. اسان جي گهٽي ۾ هڪ وڏي پڪسري بلڊنگ ڏسي دل ۾ سوچيم: هي وري ڪنهنجو گهر ٺهيو آهي....؟ هتي ته چاچي قادن وارن جو گهر هوندو هو. گهر ٻاهران ڪاٺ جو وڏو در، جتي سانوري ۽ مون گرمين جي ڏينهن ۾ ٽاڪ منجهند جو انهيءَ در ۾ پينگهه ٻڌي هڪٻئي کي لوڏيو هو، ۽ اها ٻاراڻي لوڏ (اسان جي ديس جي لوڏ بڻجي وئي، ۽ جڏهن سانوري جواني جا قدم اڱڻ تي رکيا تڏهن منهنجي من جي اڱڻ ۾ هن جي پيرن ۾ پيل پازيبن جي جهنڪار وڄڻ لڳي هئي. ۽ پوءِ اسين ڳوٺ جي ٻاهران چاچي حمزي جي باغ پويان ڦٽل کوهه وٽ ملندا هئاسين. جڏهن پوءِ ٻنهي جي دلين ۾ نغارن جو تيز واڄٽ وڄڻ لڳو. تڏهن اسان ٻنهي انهي نغارن جي تيز آواز تي اڳتي قدم وڌائڻ کان اڳ، شادي جو سوچيو هو. جڏهن مون امڙ سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو ته امان منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو هو. ۽ منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيو هئائين، ”ابا اها ڳالهه ٻيهر نه ڪجانءِ سانوري پنهنجي سوٽ، سدوري جي مڱ آهي.“ +۽ امان ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي چيو، ”ادو قادن؟ مڇي ماني وارو آهي ۽ زوراور ماڻهو آهي، هن جو اها ڳالهه ٻڌي ته هيڪاري ويل ٻري ويندو.“ +پوءِ جڏهن سانوري کي اهو ٻڌايو هيم تڏهن نماڻا نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريندي چيو هئائين، ”ڀورا، مقدرن جا فيصلا مائٽن تي نه ڇڏبا آهن. هي ته دلين جا سودا آهن، مائتن سان اهڙيون ڳالهيون ڪري محبتن جا ملهه نه ڪٿبا آهن. مائٽن نه مڃيو ته اسين به جوان آهيون، اسين به پنهنجي زندگين جا فيصلا ڪرڻ ڄاڻون ٿا.“ +سانوري جي سوچ تي منهنجي جسم ۾ جهڙي همت اچي وئي، تڏهن به سانوري کي ڀاڪر ۾ آڻي چيو هومانس، ”اسان کي هر قدم سوچ ۽ سمجهه سان کڻڻ گهرجي، هتي جذباتي ٿي ڪم ناهي ڪرڻو.“ +تڏهن منهنجي نيڻن ۾ نيڻ ملائيندي چيو هئائين، ”محبت ٻاروتڻ جي ڏاڪڻ جي اُها چڙهائي آهي، جو پوءِ ڀلي اهو ٻار فرعون جي ڏاڙهي ۾ به هٿ وجهي ته به هو وري ٻار ليکبو، پر اسين ڪنهن جي چوري ته نٿا ڪريون، هي ته اسان جي حقن جي ويڙهه آ، ڀورل.“ +تڏهن سانوري جي نيڻن ۾ شم ٻرندي ڏٺا هئم. ناري هئڻ جي ناتي سان ڪڏي نه غيور هئي. تڏهن مان سندس اکين ۾ اکيون نڄاڻ ڇونه ملائي سگهيو هوس. سچ ته انهيءَ ويل سانوري مون کي شاهه جي سورمي لڳي هئي. سندس نيڻن ۾ رک اڏامندي پاسي هئم ڄڻ هوءَ سسئي بنجي پهاڙي پنڌ ڪندي هجي، ۽ هڪ وار سندس مک پسيو هئم. سندس مک مان مون کي ڪنهن منزل ۽ ماڳ تي پهچڻ جا اهڃاڻ ملي رهيا هئا، ۽ منهنجو من مڪلي جي ويران قبرستان جيان لڳي رهيو هو، جتي ڪنهن جي به پيرن جا نشان ڳولي نه سگهبا آهن. ۽ مان ٿڪل ماڻهو عزت جو ڀوَ کان پنهنجي ٻاروتڻ جي پريم کي صفا چيڀاٽي ڪچلي ڇڏيو. اڄ جڏهن من اندر ڪنهن هٿوڙي جهڙا ڌڪ لڳندي محسوس ٿين ٿا، تڏهن سانوري جا اهي لفظ منهنجي دماغ جي پڙدن کي ڪنهن ڏونڪي سمان لڳن ٿا. جڏهن پاڻ منهنجي ڳل تي مٺي ڏيندي چيو هئائين، ”ڀورل، سانوري اڻ پڙهيل ئي سهي، پر هن سانوري جي دل درسگاهه لڳي پئي اٿئي. جيڪو دل چاهئي، چاهتن جي چت ڪرڻ وارا سب پڙهي سگهين ٿو.“ +سانوري جا اهي لفظ سچ پچ مون کي ڪنهن علم جي اڪابر جا پئي لڳا. تڏهن سندس ڳلن تي هٿ رکندي چيو هومانس: ”پياري تون سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي ڪرين؟“ +چيو هئائين، ”جنهن جي دل ۾ ڪنهن جي محبت جا مچ ٻرندا هجن، ۽ انهن جا تاءُ به هو سهي نه سگهي، ته ڪهڙو عاشق چئبو.“ +چيو هومانس، ”چري اها ڳالهه ناهي.“ +تنهن پل منهنجي نيڻن ۾ شور سان تڪيندي چيو هئائين، ”ڀورا، هن سموري سنساري کي ٿڪ هڻي ڇڏينديس، باقي توکان پل به ڌار نه ٿيندس. بس هي دم به تنهنجي دم سان.“ +سندس ڳالهيون ٻڌي ڄڻ منهنجي ۾ رابيل جا گل ٽڙي پيا هئا. سندس ويجهو ايندي ڳل تي مٺي ڏيندي چيو هومانس، ”سانوري تنهنجي مڱڻي به ٿيل آهي نه-!“ +”جتي من سک ۽ چين جي چنتا پائي نه سگهي، اهي رشتا من جي تندن کي ڳنڍي نه سگهندا آهن. ۽ اهي ڪچيون تندون ٽٽي به سگهنديون آهن.“ +پاڻ مون کي جواب ڏئي چپن کي ڏندن جي ڀيڙ ۾ آڻي، مون ڏانهن ڏسندي رهي ۽ تنهن پل سندس لفظن تي مان جهڙو ڇرڪي ويس. چيو هومانس، ”ڪيئن-؟“ +چيو هئائين، ”ڪيڏو نه سادو آهين، پاڻ رات جي خاموشي ۾ هتان ڪوهين ڏور هليا هلون.“ +مون کي جهڙو ڪرنٽ لڳي ويو، ۽ مان صفا ڇرڪي ويس سندس ڳالهه ٻڌي. کيس هٿ کان جهليندي چيو هومانس: ”نه چري-!“ +عجب وچان مون ڏانهن نهاريندي چيائين: ”توکي ڪهڙي قسم جي مون سان محبت آهي. تون ڪهڙي قسم جو مرد آهين. مان هڪ ناري هئڻ جي ناتي سان هيڏي هامَ هڻي سگهان ٿي، باقي تون....!!“ +ائين لڳم ته سندس لفظن منهنجي مک تي زوردار چنبو هڻي ڪڍيو. تڏهن منهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ انيڪ جذبا سُرِ سُرِ ڪندا رهيا هئا منهنجي من ۾. پر تڏهن به کيس سمجهائيندي چيو هومانس: ”نه سانوري، جذباتي عمل هميشـﮧ غلط ثابت ٿيندو آهي.“ +تڏهن ڏٺو هوم هڪ وار ڏانهس نظر کڻي ته وجود لرزي ويو هوم، ۽ بس پاڻ رڳي اِهو چيو هئائين: ”هونهه، مان به زهر کائي توکي مري ڏيکاريندس.“ +۽ هوءَ روئيندي هلي وئي هئي. رات جي خاموشي کي چيريندي سندس سڏڪن جو آواز منهنجي دل تي ڪاتي جيان جهير وجهڻ لڳو هو. مان سانوري سان انهيءَ ڏينهن کانپوءِ نه ملي سگهيو هيس، جو امان ۽ گهر وارن کي اها سموري خبر پئجي وئي هئي ۽ امان هٿ ٻڌي چيو هو: ”وڃي شهر ۾ ڪا نوڪري ڪر. هتان بس نڪر، جي اها خبر چاچهين قادن کي پئي ته هو اسان جا ٻچا ٻير تي چاڙاهي ڇڏيندو.“ +امان جا جهيڻا ۽ ٿڪل لفظ، جيڪي عزت جي ڌاڳن ۾ پويل هئا، انهن کي مالها سمجهي گلي ۾ پائي ڪراچي هليو آيو هئس ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پنهنجو پاڻ صليب تي لٽڪندي ڀاسيو هوم. سانوري جو هڪ هڪ لفظ ڀالو بنجي منهنجي وجود کي زخميندو رهيو. ڪراچي اچي ڪنهنخانگي ڪمپني ۾ نوڪري ڪيم، پر ڪراچي ۾ اچي هڪ ڏينهن به چين ۽ سک جو گهاري نه سگهيس. پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳم ۽ پنهنجو وجود ڦاسي گهاٽ تي لٽڪندي ڀانيم. ڦاسي ايندي ڪجهه پلن کان پوءِ وجود تڙپي ٿڌو ٿي ويندو آهي، پر منهنجو وجود ڦاسي جي ڇڪ ۾ به مسلسل تڙپندو رهيو آهي. سانوري جو لفظ لفظ منهنجي جسم کي ڏنگيندو رهي ٿو. +ڪراچي ۾ ايندي به من ڪو سڪون پائي نه سگهيو هو. تڏهن ڪجهه مهينن کانپوءِ خبر پئي ته سانوري جي شادي زور زبردستي سان سندس اڻ سڌريل سؤٽ، سدوري سان ڪرائي ويئي. تن ڏنهن ۾ سانوري نڄاڻ ڪنهن کان هڪ چٺي لکائي مونڏانهن موڪلي هئي. لِکيو هئائين: ”ڀورا، مون کي اها ڪل نه هئي ته ڪو ايڏو بزدل نڪرندين، تنهنجي اها ڪيفيت ڏسي منهنجي من اندر تنهنجي مردانگي تي شڪ ٿي پيو آهي. مون توکي چيو هو ته مان تو بنان پاڻ کي زهر ڏئي ماريندس، پر هاڻي سوچيو اٿم ته نه. پاڻ مارڻ بزدلي آهي. مان جيئندس، تنهنجي دردن ۽ يادن کي دل ۾ سجائي جيئندس.“ +چٺي بنا نالي ختم ٿي وئي. اندر ۾ ڪنهن ڇرو هڻي ڪڍيو. دل ۾ چيم.... تون حق تي آهين. سانوري، توکي اجازت آهي تون منهنجي سموري اگهاڙپ ظاهر ڪري سگهين ٿي. پر سندس ٽوڪ وارا لفظ منهنجي وجود جي نس نس ۾ چڀندا رهيا. دل ۾ چيم، چري توکي ڇا ڄاڻ ته تنهنجي لاءِ منهنجي من ۾ ڪيڏي محبت ۽ عزت آهي. ٻيهر دل ۾ آيو هن معاشري جو عزت ۽ پڳ سان سجايل نقشو ڦاڙي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيان، پر تنهن پل ٻيو ڪجهه ڪرڻ کانسواءِ سڏڪي پيو هيس. ۽ انهن سڏڪن ۾ اڄ تائين سانوري جي دکن ۾ دل کي ڪاڙهيندو رهيو آهيان. ۽ منهنجي هر سڏڪي ۾ سانوري جي مياري ۽ ڏوراپا آهن. +سانوري جي خبرچار ڳوٺ مان هر ايندڙ کان وٺندو رهيس ۽ پوءِ اوچتو جڏهن خبر پيم ته سانوري کي ڪينسر ٿي پئي آهي، تڏهن دل ۾ جهڙي آڳ دکي وئي. اندر منجهه ڌماڪا ٿيندا رهيا، ڄڻ ڪنهن بارود جي ڍير کي تيلي ڏئي ڇڏي هجي. من ئي منن ۾ سانوري لاءِ دعائون گهرندو رهيس: ”مولا مون توکان ڪجهه نه طلبيو آهي، بس هي جهولي جهلي سانوري جي حياتي جي بيک مڱيان ٿو.“ +وقت جي وير ڌوڙ جي دز اڏائيندي، پنهنجا پاڇا پويان ڇڏيندي، ڌنڌلي ٿيندي اڳتي وڌندي رهي ۽ پوءِ امڙ جڏهن مون وٽ گهمڻ سانگي آئي هئي ته ٻڌايو هئائين: ”ابا ويچاري سانوري به مري وئي....! امان جا لفظ ٻڌي ڀانيم ته امان مون کي ٺونشو هڻي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو هجي. اندر آگ جا اُلا بنجي ٻرڻ لڳو، مغز ڀنواٽيون کائڻ لڳو، ۽ دل ٻڏڻ لڳي. تڏهن به دل کي وڏو ڪندي امان کي چيم، ”امان اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.“ +امان جي جواب ٻڌڻ کان اڳ ائين لڳم ڄڻ اندر ڪنهن چيري مرچن لَپ ٻرڪي ڇڏي هجي. هانو ماندو ٿيڻ لڳو. امان جواب ڏئي ئي ڏئي ٻاهر نڪري آيس. چاهيم زور سان رڙيون ڪري در ٻاهران هر ايندڙ ويندڙ کي ٻڌايان ته مان سانوري جو قاتل آهيان،.... قاتل آهيان.... قاتل....!! تنهن پل اندر سڏڪي پيو هو. ضمير اندر کي کائيندو رهيو. +اڳئين سال جڏهن سؤٽ ڦتن مون وٽ آيو، ته ٻڌايو هئائين: ”سؤٽ پياري جو پٽ سرور به اڄڪلهه رسولي جي ڌيءَ سان عشق ڪري رهيو آهي.“ +چيو مانس: ”سؤٽ پياري جا پٽ به ايڏا جوان ٿيا آهن ڇا؟“ +چيائين، ”ٻيو وري سؤٽ، بس سڄي پاڙي جي نڪ ۾ جهڙو دم ڪري وڌو اٿس. بس صفا لوفر ٿي پيا اٿس.“ +مان سوٽ ڦتن جي مک ڏانهن تڪيندو رهيس. +تنهن پل ته صفا ڇرڪي پيس، جڏهن سوٽ ڦتن ٻڌايو ته ”ڇوري علوءَ جي پٽ سان منڱيل به آهي.“ +سندس منڱڻي جو ٻڌي جهڙي ڪنبڻي وٺي ويم. +اڄ جڏهن ڳوٺ پهتس، گهر جي چائنٺ ٽپي اندر ٿيس، ته امڙ کي کٽ تي ويٺل ڏسي خوشيءَ مان مرڪي پيس. پر مون کي پڪي هئي ته اها مرڪ منهنجي سَرهي نه هئي، سانوري کان پوءِ منهنجي هر مُرڪ ارهي ٿي رهج�� وئي آهي. مون کي ڏسي امڙ بسم الله ڪري کٽ کان اٿي ۽ مان پيرن تي هٿ رکي وڃي ڀاڪي پاتي مانس. امڙ اهرو ته ڀاڪر پاتو جنهن ۾ سالن جي مامتا پڙاڏا ڪندي ميارون ڏيندي رهي هئي. +۽ امڙ کي چيم ”امڙ اهڙيون دل ٽوڙيندڙ تارون ته نه ڪريو.“ +چيائين، ”ايترا ڏينهن لائيندي ته پوءِ اسان کي ڏَس، ته آخر ڇا ڪيون.“ مان خاموش امڙ ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي ڏسندو رهيس. +رات جي مانيءَ کان پوءِ دير تائين امڙ سان ڳالهيون ڪندو رهيس ته امڙ ٻڌايو ته ”پياري جو ڇورو رسولي جي ڌيءُ ڀڄائي ويو.“ +ba + + +کنيل قدمن جي اُڏامندڙ دَزَ +عبيدالرحمان شاهه +”ڪير .....؟ اڇا تون .....!“ +”ها آءٌ، بهشت مان تڙيل“ +”ڪهڙا حال اٿئي.“ +”بدحال“ +”امتحان جي خبر ڏي“ +”ڪنهن هڪ امتحان جو پڇ ته ٻڌايانءِ“ +”ڪڏهن موٽندي“ +”جڏهن دل چوئي ته گهرائي وٺج +چئين ته اڄ بلڪل هينئر +سڙهه اڀا ڪريان .....؟“ +”چريا ائين نه ڪجانءِ +اڳي ئي گهڻا امتحان وڃايا اٿئي“ +”پوءِ به تنهنجن آزمائشن ۽ امتحانن ۾ +سرخرو رهيو هوندس، +ڀلا ڪڏهن اچان .....؟“ +”آرام سان ٽريننگ ۽ امتحان ڏيئي وٺ +چريائي نه ڪجانءِ“ +”باقي سرمد جيان (الف) ٿيڻ جي +ضرورت آهي.“ +”موسم جو احوال ٻڌاءِ؟“ +”ٻاهرين موسم جي ته سُڌ ڪا نه اٿم، +البت مَن بَنَ ۾ +تنهنجي وڇوڙي جون تيز هوائون آهن.“ +”تڏهن ائين بنا ٻڌائڻ جي هليو وئين!“ +”پري ڪڏهن ٿيو هان، جو موڪلايان ها .....؟“ +..... ..... ..... +..... ..... ..... +”آواز ڪو نه ٿو اچي.“ +”تون رسيور تي چپ رکي +ڇڏ تنهنجي سانت چپن تي +نظم لکي ڇڏيندس“ +ها، امتحان جو ٿي پڇيم؟“ +”ڪهڙن امتحانن جو ٿي پڇين، +مون ته +زندگيءَ جي هن رڻ ۾ وک وک تي، +تنهنجي اوسيئڙي ۽ چاهتن جا اوکا امتحان ڏنا آهن.“ +اڃان به ٿي پڇين امتحان ..... +پر ڪڏهن ڪڏهن +اهي چاهتنجا امتحان +آئوٽ آف ڪورس به لڳندا آهن +..... ..... ..... +..... ..... ..... +”ٻڌ هيترن ڏينهن ۾ +اسين رڳو ڪالهه شهر کان ٻاهر +اوڙڪ ۽ سيدو شريف ويا هئاسين، +جتي جي آزاد فضا ۾ سڀ Couples +بنا جهل پل جي +گهمي رهيا هئا. +بس آءٌ اڪيلو +اڪيلائي جي جهنم ۾ +پيڙبو ٿي رهيس. +پوءِ اسان جي ليڊي انسٽرڪٽر +جا، ڪرسچن آهي. +مون کي سڏي ورتو +(شايد هن منهنجي اداسائي ۽ اُٻاڻڪائي +پرکي ورتي هئي. +پر ڪير ڪنهن جي من تان +اداسائيءَ جا پيلا پن ميڙي سگهيو آ .....؟) +چون ٿا هوءَ هڪ سٺي پامسٽ آهي. +هن کي مون اهو سڀ ڪجهه +ٻڌائي ڇڏيو، جو پنهنجي وچ ۾ آهي. +پر کيس اهو ٻڌائيندي ٻڌائيندي +خاموش ٿي ويس ته ورهيه اڳ، +تو ڪنهن ٻئي جي نالي جي +چُني اوڍي هئي. +(اسان جي ڏيهه جي +نياڻين جي چُنيءَ ۾ +جيترا موتي هوندا آهن، +اوترا مونجهارا ۽ حسرتون به!)“ +..... ..... ..... +..... ..... ..... +”ٻي ڪا خبر .....!“ +”اڪيلائي ماري وڌو آهي“ +”اڪيلو ۽ تون..... آ؟ +”تونته ليڊي انسٽرڪٽر سان شامون پيو گذارين +اڃان به اڪيلو آهين!؟“ +”اڙي چري هوءَ ته عمر ۾ ڏهاڪو سال اڳتي آهي. +۽ هن سان رشتواستاد شاگرد وارو آهي“ +”تون هميشـﮧ پراڻا داڳ پئينٽ ڪندو آهين.“ +”ناراض نه ٿي.“ +ڪا گڙ ٻڙ هجي ها ته ٿورو ئي ٻڌايان هان.“ +”ڏينهن ڪيئن ٿا گذرن؟“ +پرهه ڦٽيءَ جو ٽريننگ تي هليا ويندا آهيون، +۽ شام جو ٿڪل ٽٽل. +ڪي دوست شهر ۾ نڪري ويندا آهن +پر آءٌ اڪيلو هن اوپري هاسٽل جي +اوپري ڪمري ۾ ٻوساٽجي ويندو آهيان. +۽ رات جو ٽيبل لئمپ جي +ڌنڌلي ڌنڌلي روشني ۾ +پاڻ کي ڳوليندو رهندو آهيان، +۽ سوچيندو رهندو آهيان، ڌنڌلجندڙ انساني رشتن تي. +ٻُڌ ..... مون کي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي، +دليون به هاسٽل جي ڪمرن جيان هونديون آهن، جن ۾ هرڪو پنهنجو ٽينيوئر پورو ڪري ��ڳتي هليو ويندو آهي.“ +”ٻيو ڇا محسوس ڪندو آهين؟“- +”لڳي ٿو ڄڻ سڀڪي +خوابن جو اڌورو داستان آهي +اسين خوابن جا شهزادا +حقيقتن جي پن ڇڻ ۾ +ڀُريو ٿا وڃون +شايد اُن اڻپورائي ۾ +زندگي جوراز آهي.“ +”پر تنهنجو راز ته اها ايجڊ ڪرسچن آهي نه؟“ +”تون غلط ٿي سوچين .....“ +ڪوئي ڪنهن کي سمجهي نه سگهيو آهي، +ان غلط فهمي جي دوري لاءِ، الائجي ڪيترا جنم کپن. +اهي جنم جنم جا چڪر ۽ پنڌ +پورا پوندا به الائجي نه .....؟ +”تو ڇا سوچيو آهي؟“ +”ڇا جي لاءِ-؟“ +”ايندڙ وقت لاءِ.“ +آئيندي جي عمارت جي اوسر +ماضي جي بنياد تي ٿيندي آهي +۽ منهنجو ماضي تنهنجين چاهين ۽ مرڪن سان +Cemented آهي“ +پر- پر ..... +خبر اٿم تون زندگي جي رستي تي +ان وڻ جيان آهين +جو ڪڏهوڪو پنهنجو سڀ ڪجهه +وقت جي واچوڙي ۾ +وڃائي چڪو آ. +سانوڻ رُتِ به جنهن جي +اڃ اجهائي نه سگهي آ. +”هاڻ ڇا ورندو؟“ +”محبتن جي مچ ۾ +پهاڙ به جهُري پوندا آهن. +(ائين ڇو هوندو آ، جو ڪا پرهه سانجهي جو +ڏيک ڏيندي آ +۽ ڇو ڪڏهن +بسنت بهار ۾ +پن ڇڻ جون هوائن گهُلڻ لڳنديون آهن؟)“ +”مون توکان ايندڙ وقت لاءِ پڇيو هو؟“ +”ايندڙ وقت جو پڇين ٿي ته ٻڌ. +زندگي جي ايندڙ وقت ۾ +جو ڪجهه به گذرندو، ان ۾ +تنهنجين ڳالهين۽ يادن جا حوالا هوندا، +۽ جڏهن به چنڊ تارا ۽ سانوڻ +ساٽ ڪندا، تڏهن اندر جي آڳر ۾ +تنهنجي نه هئڻ جي آڳ +دکيل هوندي. +هرگلي ۽ موڙ تي +تو لاءِ بيچين ۽ اٻاڻڪو هوندس. +تون هن ليڊي انسٽرڪٽر جو مهڻو ٿي ڏين. +پر مون توکي +هن پٿر دل ماڻهو لاءِ +ڪڏهن الف به نه چيو، +جو تنهنجو پنهنجو هوندي به، +ڪڏهن به تنهنجن احساسن کي ڇهي نه سگهيو +هن کي اوچتو لڳو ڄڻ پريان ڪير به ڪونهي +۽ هو پنهنجي ليکي ڳالهائيندو هجي. +هن نستي ۽ ٿڪل ماڻهو جيان +آهستي رسيور ڪريڊل تي رکي ڇڏيو ..... +ba + + +ادب لطيف +جهامنداس ڀاٽيا +صديون گذري ويون! +صديون گذري چڪيون آهن، مگر چڪتو نه ٿيو آهي حساب. اڃا حسن جو ڪتاب قرب هر باب مان حسن ۽ حسين جي حيرت جون هونگارون ڪندو ٿو رهي. +مهراڻ: ميهر ۽ سهڻيءَ کي سڪ ۾ سوگهو ڪري وصل ۽ وحدت جي وهڪ ۾ وهائي ڇڏيو، مگر اڏيو انهن عاشقن عجيب افسانو. +حسن پسي، اميد ڦسي پيو. عشق تري هسي پيو. حسن چيو عشق جو تير گسي ويو، ميهر مُسي ويو. عشق چيو ناممڪن آهي اهو. جانباز عشق جيهو نه آهي ڪو. +سسئي سڪ جي سوداگر، حسن جي ڄائي. حسن نپائي.ڪيچ جو قافلو سفر سانگي منزل ڪري ملڪ ۾ آيو. +تصوير حسن جي پسي سوداگر دنگ رهجي ويا، هاڪ ٻڌي بيباڪ ٿي پيو پنهون. عشق اُڀرڪي اُٿيو، رات ڏينهن غائب ٿي ويا. سج چنڊ لڪي پيا. عشق جا اسرار اقرار ڏيڻ لڳا، وڇڙيا مليا؛ وري وڇڙيا پيا. +سسئي- عورت جي چولي هوندي وسان ڪين گهٽايو. وڏا وڻ وڻڪار جا، باري بر، ڪارا ڏونگر، واٽن جي واري لتاڙي، مگر پنهون پرديس، ڀائن ڀيڙو. پهاڙن ۾ اڃان به سندس آواز هوائن جي گهوگهاٽن ۾ صدين کان سمايل راز رمتي فقير جي تنبور تي رات جي سناٽي ۾ چنڊ کي عتاب ڏيندو ٿو رهي. سسئي صدين کان ڍونڍيندي ٿي رهي، مگر ڍول لهي نٿي، هِت يا هُت! +روزمره جي ڳالهه آهي- عورت موتين جي مڻيا تي هرکجيو ٿي پئي. ليلان ڪونئروءَ کي هڪڙي رات لاءِ چنيسر جي ٻانهن ڏئي ٿي ڇڏي، مگر مارئي عمر جا باغ باغيچا محل ماريون، اطلس ۽ بخمل ٿوڪاري ٿي ڇڏي. عصمت قائم رکڻ لئي، تنهنجي نباهڻ لئي، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو ڪري، لاک جي لوئيءَ جي لڄ ٿي رکي، صديون گذري ويون ته به هنن موملن جي مڻيا ۽ ڪڻيا وقت ڦيري نه سگهيو آهي. ڏينهون ڏينهن تيج ۽ تجمل سندن وڃي وڌندو. +رنگت تنهنجن تصويرن جي سمر ميٽي سگهيو ئي ڪين. يقين هي ته جيئن وقت گذرندو، ”لطيف“ نگاهه تنهنجي عوام جي اکين ۾ عبرتي اوت اوتيندي حسن جي؛ ايڏي ڇت ته ڪئي اٿئي جو اسان تان اڃا به اڀرندي ٿي رهي حسن لئي. +لطيف! اکين تنهنجن چکيو ڪهڙو چوڄ، جو چَٽِ مَٽ وقت، جاءِ، سبب جا بڻي نه بڻيا. +عشق جي عبرت، حسن جي حيرت، ڪاملِ ڪلاڪار! تو پَٽن تي ويهي اڀاڙي پنهنجن تنوارن سان. +لطيف ڪڻيون وسائي، للڪارن سان واريءَ ۾ وسَنو ڪري ڇڏي اٿئي. صديون گذري ويون، اڃا به. +هاڻ به هوت ڪو سنڌڙيءَ سان سهنج ڪر وَر تي. وَر ڪر او ڀٽ جا ڌڻي ڀلارا لطيف! لطف ڪر- لائق ڪر ويچاريءَ وساريل سان. +(موڪليندڙ: روي. ايل. جها) +عالمي ادب (ڪالم). +امين ريحاني +اياز گل +امين ريحائي، عرب شاعريءَ جو هڪ معتبر نالو اهي. هن 1876ع ۾ جنم ورتو ۽ 1940ع ۾ وفات ڪيائين. خليل جبران جي همعصر شاعر طور سندس نالو بي حد احترام سان ورتو وڃي ٿو. امين ريحانيءَ زندگيءَ جو وڏو حصو نيويارڪ ۾ گذاريو. هن عرب شاعريءَ کي جدت ۽ نوان لاڙا ڏنا ۽ عربيءَ سان گڏ، انگريزيءَ ۾ به لکيائين. هتي سندس ٻن مختصر پر خوبصورت نظم جو ترجمو ڏجي ٿو. +خوشي +مان هنن مُکڙين کي ڦُٽندو ڏسي +بي حد خوشي محسوس ڪندو اهيان +مان کين ڪيئي ڀيرا ائين ڳڻيو هي +جيئن ماءُ، +پنهنجي ابهم ٻار جا ڏندَ +ڳڻيندي اهي. +سودو +مان مشرق هيان +مون وٽ فلسفا اهن +مذهب اهن +ڪوئي، هوائي جهازن بدلي +مون کان اِهي وٺندو؟ +جديد ادب جو اڀياس (سيريز). +ايندڙ ٽهيءَ کي سلام (تقرير) +تنوير عباسي +سنڌ جي نئين ٽهيءَ جا نمائندا شاعر ادل ۽ محترم مجيد چانڊيو، طارق عالم، نصير مرزا، سڄاڻ اديبو ۽ معزز حاضرين! +ادل جي مون ڏي واقعي وڏي ميار آهي. هڪڙي ميار اها ته ڪنهن زماني ۾ مون هڪڙو مقالو لکيو هو ۽ مون کي پاڻ عجب لڳو ته انهيءَ ۾ مون ادب جهڙي مکيه شاعر کي وساري ڇڏيو. اڄ به اهڙو ئي نمونو ٿيو جو مشڪل سان، دير سان هتي پهتو آهيان. ان لاءِ معافي ٿو وٺان. +گذريل مهيني جويو صاحب سکر آيو هو. ان سان ويٺا هئاسين ته مون چيو ته سکر ۾ ادل ۽ اياز گل واقعي نئين ٽهيءَ جا سٺا شاعر آهن. جويي صاحب چيو ته، مختيار ملڪ به. مون چيو نه مختيار ملڪ خيرپور جو آهي، مان سکر جي ڳالهه ڪئي. بهرحال، اسان جي جڏهن به گفتگو ٿيندي آهي ته ادل جو نالو نئين ٽهيءَ جي نمائندن شاعرن ۾ ضرور نڪرندو آهي. +هر دور ۾ ڪيئي شاعر پيدا ٿين ٿا. موجوده دور ۾ به سنڌ ۾ ڪيئي شاعر آهن. شاهه لطيف جي زماني ۾ به ڪيئي شاعر هئا. سچل سائينءَ جي زماني ۾ به ڪيئي شاعر هئا. پر پوءِ ادب جي تاريخ ۾ چند شاعرن جا نالا رهجي وڃن ٿا. شاهه جي زماني جا نالا ياد ڪبا ته ٻه- ٽي شاعر خواجه محمد زمان لُنواري وارو، ميون عنايت يا ٻيا ٻه- ٽي نظر ايندا، ٻيا گم ٿي ويا، يا ڪتابن ۾ محفوظ آهن، ريسرچ اسڪالر انهن کي ڳولي ٿا ڪڍن. بهرحال اهو ادب جي تاريخ جو سلسلو يا عمل آهي. جيڪڏهن غور ڪيون ته آخر ڇو سَوَن شاعرن مان فقط ٻن- تن شاعرن جو نالو رهجيو وڃي ۽ ٻيا گم ٿيو وڃن، پنهنجي ليکي ختم ٿيو وڃن. جيڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪبو ته اهو نظر ايندو ته زنده رهڻ وارن شاهرن ۾ ٻه ٽي خاصيتون ٿين ٿيون.ک ان مان پهرين خاصيت آهي انفرادي اسلوب. انفرادي اسلوب مان منهنجو مطلب آهي، هن جي لکڻي ۽ ان جو ڍنگ، هُن جي ٻولي، پنهنجي دؤر جي مسئلن ڏانهن هي جي روش. اهي سڀ ڳالهيون جيڪڏهن هن کي پنهنجون انفرادي ناهن، ته پوءِ اهو شاعر زنده رهي نٿو سگهي. پنهنجي دؤر ۾ بيشڪ ڪيئي شاعر هئا، جيڪي ڏاڍا مشهور هئا، خود اسان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏٺا. هوندراج دکايل جو نالو هاڻي توهان نه ٻڌو هوندو، پر هوندراج دکايل جو ڪلام گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳائيندا هئا. ڪامريڊ برڪت علي ”آزاد“ کي خبر هوندي. (ڪامريڊ برڪت ”آزاد“ ڏانهن اشارو ڪندي). +هوند راج دکايل جو نالو ادبي تاريخ ۾ ڪونهي، پر ڪشنچند بيوس جو آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته انفرادي اسلوب، انفرادي ٻولي، انفرادي روش (Attitude) پنهنجي دور ڏانهن، پنهنجي مسئلن ڏانهن، اهي شيون آهن، جيڪي ڪنهن شاعر کي پنهنجي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ابدي زندگي ڏين ٿيون. هڪڙي هنڌ ازرا پائونڊ چيو آهي ته: +”هر شاعر پنهنجي شاعريءَ جي شروعاتي دؤر جي ڪن عظيم شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي. انهن جو اثر وٺي، انهن جي پيرن تي هلندو آهي ۽ انهن جو اسلوب ۽ ٻولي قبول ڪندو آهي. پر عظيم شاعر ان کان اڳتي وڌي ٻئي دؤر ۾ پنهنجي شاعري ۾ پنهنجو انفرادي اسلوب گهڙيندا آهن.“ منهنجي نظر ۾ ته ادل سومرو به انهن شاعرن مان هڪ آهي، جن هن وقت، هن دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جو انفرادي اسلوب گهڙيو آهي. +جيئن مون عرض ڪيو ته اڄ کان سؤ سال اڳ جو شعر پڙهو، اڄ کان پنجاهه سال اڳ جو شعر پڙهو، وري اڄوڪو شعر پڙهو. جيڪي ادب جا شاگرد يا شاعريءَ جا ماهر آهن، انهن کي توهان دؤر نه ٻڌايو ته هي ڪهڙي دؤر ۾ لکيو ويو آهي. تڏهن به توهان کي ٻڌائيندا ته هي فلاڻي دؤر جو شعر آهي ۽ هي فلاڻي دؤر جو شعر آهي. اهو ان ڪري جو هر دؤر جا پنهنجا مسئلا ٿين ٿا ۽ هر دؤر جي ٻولي پنهنجي پنهنجي ٿئي ٿئي؛ انهن جو ريو (Attitude) پنهنجو پنهنجو ٿئي ٿو. هاڻي جيئن ڪجهه اڄوڪا شاعر ڪلاسيڪيت جي پٺيان لڳي، ڪلاسيڪي ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن. ٺيڪ آ، تمام سٺي ڳالهه آهي، ڪلاسيڪي ٻولي ڀل استعمال ڪن، پر اسان جي ماڻهوءَ جي سمجهه مطابق هجي. يعني توهان جيڪي ڪجهه چوڻ چاهيو. اهو ٻيا ماڻهو سمجهن ته سهي، انهن کي ڪجهه هڙ حاصل ته ٿئي نه! +ادل جي ٻولي، مون ڏٺي آ ته هن دؤر جي ماڊرن ٻولي آهي، جيئن سندس هڪ وائيءَ جي وراڻي آهي ته: +آهي گهُٽَ فليٽن ۾. +فليٽ هن صديءَ جي ستر کانپوءِ جو واقعو آهي. سنڌ ۾، ڪراچيءَ ۾ ڪجهه اڳ ۾ هوندا هئا. ٻي هڪڙي نظم يج سٽ اٿس ته: +ٻارڙن جو وارڊ آ روشن مگر پوءِ به اداس. +ڏاڍي پياري سٽ آ. وارڊ روشن آ، پر تنهن هوندي به اداس آ. اهي ٻئي تضاد آهن. +ٻارڙن جو وارڊ، روشن اداس، جيڪو ماحول آهي، اهو سڄو اسان جي دؤر جو آهي يا ٻي هڪڙي وائيءَ جي سٽ اٿس ته: +بکايل کي بُوءِ +روٽيءَ سندي روح ۾- +ٻيو هڪڙو شعر اٿس: +گوليون گونجان بَمّ ڌماڪا +لوٺيا! تنهنجي لاءِ تماشا. +اهو شعر پڙهڻ سان ئي چئي سگهجي ٿو ته اهو شعر هن صديءَ جو شعر آ، هن دؤر جو شعر آ، يا هڪڙو نظم اٿس، تمام سٺو نظم ”ڌٻڻ ۾ ڦاٿل زندگيءَ جي صدا“، جيڪو ائين ٿو شروع ٿئي ته: +منهنجو نانءُ نبو آ سائين. +اهي سڀ اسان جي دؤر جون ڳالهيون آهن. اهي اسان جي دؤر جا شاعر نه ڪندا ته ٻيا ڪير ڪندا. جيڪڏهن انهن ڳالهين کان اکون ٻوٽي اسان جا شاعر شاعري ٿا ڪن ته پوءِ اهو ئي چئبو ته انهن جي شاعري نه ڪو ئي مقصد ٿي رکي، نڪو ماڻهن جي لاءِ ڪا دلچسپي اکندي، نڪو ادبي تاريخ ۾ ان جي اهميت ٿيندي.اها ٿيندي هڪڙي لفاظي، هڪڙي سگهڙپائي. مون ڪيترن هنڌن تي چيو آهي، ڪيترن هنڌن تي لکيو آهي ته شاعري رڳو جذبن، احساسن، نظارن يا عڪسن جي نگارش ڪانهي، پر انهن جي کوجنا پڻ آهي. کوجنا مان منهنجو مطلب آهي ته (Discovery). شاعري (Discovery of Images) آهي. Discovery of emotion آهي. منهنجو مطلب آهي ته ڪنهن اهڙي جذبي جو بيان ڪرڻ، جيڪو شاعريءَ جي دنيا لاءِ نئون هجي، جيئن ادل جي هڪ غزل جو شعر آ. +سازن کان آواز رسي ويا. +اها ته عام ڳالهه آهي، هر شاعر ڪري ٿو. سازن کان آواز رسي ويا. اسان جي ڪيترن شاعرن اها ڳالهه ڪئي آ، پر ان جي ٻي سٽ جيڪا آهي: +هر چپ تي آ منڌيئڙو +چپ تي منڌيئڙو هجڻ، ڪراس هجڻ، اها هڪ discovery آهي. شاعري ۾ هڪڙي اُهڃاڻ جي discovery آهي. Symbol جي discovery آهي. +يا ٻئي هڪڙي هنڌ چوي ٿو: +ڪاريون راتيون سندر سپنا +اها به ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، پر ڪاريون راتيون سندر سپنا ڪهڙي ماحول ۾؟ +ڦاٽل رلي کٽ ڇڳل. +اهو جيڪو تضاد آ ته، ڦاٽل رلي آ، کٽ ڇڳل آ، تڏهن به هن کي سڪون جي ننڊ ٿي اچي ۽ انهن ڪارين راتين ۾ به هو سندر سپنا ٿو ڏسي، ته اها هڪڙي discovery آ Image جي، هڪڙي عڪس جي کوجنا آهي. يا ٻئي هڪڙي هنڌ آهي: +ڪنول قطارون من- ڪينجهر +نيڻ نهارون ڇرئي ڇر. +يا هي شعر: +جيڪي مون سان ٽهڪ ڏين ٿا +اهي سمورا ناهن دوست. +يا هڪ ٻيو شعر آ: +ولهه ۾ پئجي رهيا +ٻارڙا سارا رڙي. +يا هڪڙو ٻيو Image آ، ان ۾ ڏسو ته تغزل به آ: +حاويليءَ جي شاهي در وٽ +کٽو چور جو پيرو آهي. +يعني اهو به هڪڙو Image آهي. حاولي اُهڃاڻ آهي هڪڙي طبقي جو، ۽ چور جو پيرو اتي کٽڻ معنيٰ اتي هن کي پناهه ملي ٿي. ٻيو هڪ شعر اٿس ته (هي شعر صرف نارائڻ شيام ئي چئي سگهي ٿو.) +منهنجو پاڇو موٽيو هوندو +دروازي تي کڙڪو آهي. +ته اها شاعري ۾ کوجنا discovery آهي. هڪ ٻئي شعر ۾ ادل چئي ٿو: +تون وئينءَ مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ +سنڌ مون تنهنجي پٺيان ڏاڍا ڪيا. +اتي مان سمجهان ٿو ته نارائڻ شيام جو گهڻو اثر قبول ڪيو آ اسان جي يار، بهرحال ادل جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي، مون کي اُها اُميد نه، پر پڪ آهي ته ادل اسان جي دؤر ۾ سنڌي شاعرن ۾ تمام سٺو مقام هن وقت به رکي ٿو ۽ پڪ آهي ته اڳتي هلي ادبي تاريخ ۾ به اکندو. هن جا شعر، توڙي اڃا گهڻا نه لکيا اٿائين، پر جيڪي ڪجهه لکيو اٿائين، اهو ئي ڪافي آهي، هن کي هڪڙي عزت ڀرئي مقام ڏيڻ لا3. تنهن کان پوءِ ادل، جيڪي مون کي تازا شعر ٻڌايا آهن، جيڪي ٿر جي پس منظر ۾ آهن، يا ڪراچيءَ جي ڪرفيوءَ جي پس منظر ۾ آهن. اهي شعر واقعي، مون کي لڳي ٿو ته هڪڙو اڳتي قدم آهن، نه فقط ادل جي شاعري ۾ پر اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ مجموعي طرح ڇو ته انهن موضوعن تي تمام گهٽ شاعرن لکيو آهي. نه رڳو لکڻ، لکن ته صحافي به ٿا، خبرون به اچن ٿيون، اخبارن ۾ فوٽو به اچن ٿا، پر هڪ شاعر جي دل ڇا ٿي محسوس ڪري، ان ڳالهه جو جيڪو شاعراڻو احساس آهي، ان جي اپٽار ڪرڻ، اها وڏي ڳالهه آهي ۽ ادل ان کي واقعي شاعراڻي طريقي سان نباهيو آهي. جيئن هڪڙي وائي اٿس ته: +توسان ڪيئن ملان! +ايئن ته مان ناهيان. +ڪرفيو آهي شهر ۾- +فون به ناهي جو پرين! +توسان ڳالهايان. +ڪرفيو آهي شهر ۾- +اتي ڪرفيوءَ کي هن ڪيڏو نه ظالم ڏيکاريو آهي، جيڪو ٻن پيار ڪرڻ وارن کي ملڻ نٿو ڏئي. اهو هڪ شاعراڻو احساس آهي. اهي سڀ شعر ادل جا سچ پچ ته تعريف جي لائق آهن. ۽ مون کي پڪ آهي ته اد، جنهن جي مان چوان ته اڏام انهن شعرن سان شروع ٿي آ، اڃا اڳتي مٿي ويندو. باقي مان ڪجهه ڳالهيون عرض ڪريان، جيڪي روبرو به ادل سان ڪيون آهن ته ڪن ڪن جاين تي ادل جي شعرن جو ردم ٽُٽي ٿو، انهن جو خاص خيال رکي. ٻيون ڪجهه ٻوليءَ جون به ٿوريون ڪَچايون آهن، جيئن هڪ وائيءَ ۾ چوي ٿو ته: +اکين مٿان ڀنڀا ڀرون +سنڌوءَ جي ڄڻ ساوڻي. +ڀرون ڀنڀا نه ٿيندا آهن. ڀنڀا معنيٰ تمام ڊگها ۽ ڳاڙهيا. ڊگهن ڳاڙهن وارن کي ڀنڀا چئبو آهي. جيئن شاهه لطيف چيو آ: +لال لاهيندي وڇڙا +ڀنڙس ڀنڀا وار. +ڀرون ٿيندا آهن جاڙا، جيڪي نڪ مٿان اچي ملي وڃن. انهن کي چئبو آهي جاڙا. ٻئي هڪڙي هنڌ چيو اٿائين ته: +ڏيئا پائن ليئا +اک اوندهه ۾ اٽڪائي +لاٽ نه وِسڻي آهي +حالانڪه لفظ وسامجڻ يا وسامڻ آهي، پر وسڻي، وسامڻي يا وسامجڻي وغيره ناهي. ٻيو هڪ ٻن جاين تي: +مايا لهر ۾ لُڙهي ويا +قرب ڪنڌيءَ جا ڪانا سرَ. +ٻيو اٿس ته: +ڪڪرن جي رٿ تي هلي آءٌ پيارا +اها ڳالهه هڪڙي اسان جو مڃو ڪا +هن ۾ ٻه ڳالهيون آهن. هڪڙو ڪڪرن جي رٿ تي وزن ٽُٽي ٿو: +تون ڪڪرن جي رٿ هلي آءٌ پيارا، +(تڏهن به ٺيڪ آ.) +پر ٻيءَ سٽ ۾ چئي ٿو: +اها ڳالهه هڪڙي اسان جي مڃوڪا +هوڏي، هلي آءٌ پيارا واحد آ ۽ مَڃو ڪا ۾ جمع آ. اهي ٿوريون ٿوريون غلطيون آهن. منهنجي خيال ۾ ادل هاڻي mature ٿي ويو آ، اُن کي چوڻ گهرجن، اڳي نه چوندو هوس. ان ڪري دل ۾ نه ڪندو. جي انهن ڳالهين جو خيال ڪيائين ته هن جو شعر بي عيب هوندو ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي همت نه ٿيندي ته هن تي آڱر کڻي سگهي. +مان سچ پچ ته ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، جو اسان جي دوست مجيد چانڊئي صاحب اسان سنڌين جي پراڻي روايت، جيڪا مرده پرستي جي آ، اها ٽوڙي اٿائين. اسان جي آڏو جيئرو جاڳندو ادل ويهاريو اٿائين. اسان به جيئرا آهيون ادل به جيئرو آ. پنهنجي حياتيءَ ۾ اسان جيئري جاڳندي ادل کي پنهنجو خراجِ تحسين پيش ڪيون، اهو هڪڙي موٽندڙ ٽهيءَ جو ايندڙ ٽهيءَ کي سلام آهي. - مهرباني +]شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن پاران يونيورسٽيءَ ۾ ادل سومري سان ملهايل شام جي موقعي تي ڪيل تقرير[ + + +تبصرا +(رفتار-ادب) . +نالي ماتر آزادي +”نالي ماتر آزادي“ اصل ۾ انگريزي ڪتاب (The Myth of Independence) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1975ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ٻيو ڇاپو تازو بورڊ پڌرو ڪيو آهي. +هنڪتاب جو مصنف عالمي دنيا، خصوصاً ٽئين دنيا جو جڳ مشهور مفڪر ۽ سياستڪار جناب ذوالفقار علي ڀٽو آهي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو ٽئين دنيا جو اهو اهم سياسي دانشور ۽ مدبر هو، جنهنکي تقرير ۽ تحرير جو جيڪو ملڪو حاصل هو سو ڪنهن عالمي سياستدار کي شايد حاصل هجي. سندس هن تصنيف کي به دنيا جي سياسي ميدان ۾ هڪ اهم حيثيت حاصل آهي. خاص طرح سياسيات جي علم جي شاگردن لاءِ هي ڪتاب بيحد اهم آهي. ڪتاب جا ڪل ويهه باب آهن، جنهن ۾ مصنف پاڪستان ۽ هندستان جي سياسي معاملن کان وٺي ويندي دنيا جي سڀني اهم سياسي مسئلن تي بحث ڪيو آهي، ۽ انهن جي حل بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي. مصنف ڪتاب جي ديباچي ۾ لکيو آهي: ”پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي صفحن ۾ پاڻيهي معلوم ٿي ويندو، ته منهنجا رايا ڪهڙا آهن، عالمي مسئلن ڏانهن منهنجو رويو ڇا آهي، منهنجي راءِ موجب پاڪستان طرفان طاقتن سان معاملن طئي ڪرڻ ۾ ڪهڙيون غلطيون ڪيون ويون، ۽ انهن غلطين جو تدارڪ ڪيئن ڪجي ۽ اهڙي خارجه پاليسي ٺاهڻ لاءِ جيڪا نهن خطرن کي ٽاري سگهي، جيڪي هن وقت ملڪ کي درپيش آهن. منهنجون تجويزون ڪهڙيون آهن، انهن خيالن جو اختصار ديباچي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بيسود ٿيندي.“ +هي ڪتاب هڪ طرف مصنف جيذهانت، مهارت، دورانديشي ۽ گهري نظر کان واقف ڪري ٿو ته ٻئي طرف پاڪستان جي تاريخ ۽ بين الاقوامي تعلقات جو صحيح نقشو پيش ڪري ٿو. ڪتاب ۾ فاضل مصنف خارجه پاليسي جا بنيادي اصول مرتب ڪيا آهن ۽ هي اهي ئي اهم خيال آهن، جن کي بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ چوٿائي صدي تائين ڪنهن نه سمجهيو ۽ نه وري خارجه پاليسي کي اها اهميت ڏني وئي جا ڏيڻ گهربي هئي. منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب جو سڀ کان اهم باب ”عالمي طاقتون ۽ ننڍيون قومون“ آهي، ان باب ۾ ڀٽي صاحب عالمي طاقت جي وضاحت هن طرح ڪئي آهي؛ ”هندستان ۽ برازيل پکيڙ جي لحاظ کان تمام وڏا ملڪ آحن، پر ٻنهي منجهان ڪو هڪ به عالمي طاقت ناهي. چيڪو سلو واڪيه ۽ بيلجئم شايد جديد ترين هٿيار تيار ڪري سگهن پر انهن مان ڪو به عالمي طاقت بنجڻ جو خواب ڏسي نٿو سگهي. ڪالهه جون وڏيون طاقتون مثلاً برطانيا ۽ فرانس هاڻي طقط پاسيريون عالمي طاقتون آهن، اسان جي زماني ۾ موجود، ۽ جنهن ايندڙ زماني تائين اسين اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا، عالمي طاقتون فقط ٽي هونديون- ”آمريڪا، سويت يونين ۽ عوامي جمهوريه چين.“ ان زماني ۾ آمريڪا جي پاليسي ان بنسبت پاڪستان جي حڪومت جون جيڪي توقعات عالمي طاقت سان وابسته هيون ان بابت پنهنجي راءِ ظاهر ڪندي باب اٺين ۾ ”آمريڪي مطالبه ۽ پاڪستان لاءِ کليل راهون“ ۾ مصنف لکي ٿو ته ”انهي عرصيءَ دوران پهريون پاڪستان چين سان ۽ ڪنهن حد تائين سوويت يونين سان به تعلقات سڌارڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا. حالات جي انهي نئين شڪل اختيار ڪرڻ سان، اها اميد رکڻ ته آمريڪا پاڪستان کي اڃا به غير معين مدت لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندي ايندي، ساده مزاجي ۽ غير حقيقت پسندي ٿئي ها. واقعات اڻ محسوس ٿيندڙ نموني سان پاڪستان کي هڪ قطعي ۽ آخري فيصلي طرف ڌڪي آڻي رهيا هئا.“ ”عالمي طاقتون ۽ ننڍيون قومون“ باب ۾ مصنف جيڪي حقيقتون پيش ڪيون آهن، اهي نه صرف پاڪستان تي لاڳو ٿين ٿيون پر سڀني افرو ايشيائي ۽ ٽئين دنيا جي ملڪن لاءِ اهميت رکن ٿيون. دراصل ڪتاب جو هي حصو منهنجي نظر ۾ ٽئين دنيا لاءِ هڪ سفارتي اداب جي مجموعي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان تي اگر صحيح طور تي عمل ڪيو وڃي ته پوءِ ٽئين دنيا جي ملڪن لاءِ ان کان بهتر ۽ صحتمند نتيجا نڪري سگهڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هي ڪتاب ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني مرحوم ۽ سومار علي سومري مرحوم جو ترجمو ڪيل آهي. موجوده ڇاپي جي قيمت پنجاهه رپيا آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ وٽان خريد ڪري سگهجي ٿو. +- الطاف آگرو +رڻ ۽ رڃ جو اِتهاس +نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جو نئون مجموعو ’رِڻ جو اتهاس‘ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران تازوڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. منفرد نالي ۽ بنهه مختلف انداز ۾ لکيل هنن ڪهاڻين جي مجموعي جو ملهه ڪچي ڪاپي ٽيهه رپيا ۽ پڪي جلد سان پنجاهه رپيا آهي. اهو سڀ ڪجهه ته خير آهي ئي، پر ڪتاب ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ، ڪتاب جي سرورق تي نگاهون فريق ٿيون ٿيو وڃن. ڪهاڻين جي مطالعي کان پوءِ مون کي ڀرپور احساس ٿيو ته اِهو بنهه پهريوندفعو آهي، جو ڪنهن سنڌي ڪهاڻين جي مجموعي جو ٻه رنگو ٽائٽل اندر مجموعي ۾ موجود ڪهاڻين سان سينٽ پرسينٽ مطابقت رکندڙ آهي. ٽائيٽل، اِن حد توڻي با معنيٰ ۽ اتساهيندڙ آهي جو اندر موجود ڪهاڻين جو سمورو تتُ ڄڻ ان ۾ سمايل سمايل پيو لڳي. (۽ ڄاڻڻ گهرجي ته) اِن نئين انداز واري ٽائيٽل جو سِرجڻهار هڪڙوويهن سالن جو نوجوان چترڪار، زاهد دارا ابڙو آهي. ٽائيٽل روِرس ۾ ٺهيل آهي ۽ رورس کي ڪاري گراؤنڊ تي اڇُين ليڪن سان عورت ۽ مرد جا ساروپا، نڪ، وات ۽ اکيون هڪ ئي ليڪ ۾ ڏيکاريل آهي. (هڪ ئي لائين ۾ جڙيل هجڻ جي باوجود، ٻنهي چهرن جا ايڪسپريشنس الڳ الڳ ڪيفيتن جي نمائندگي ڪندا نظر اچن ٿا) عورت جو وجود لُڙڪَ سمان ۽ مرد جو اِسٽرڪچر، لانگ بوٽ جو اُهڃاڻن سان پيش ڪيو ويو آهي. عورت، جيڪا هميشـﮧ مردن جي هن سوسائٽي ۾ خود مرد جي لانگ بوٽ هيٺان، چيڀاٽبي ۽ استحصال جو شڪار ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته مرد جي حوالي سان وري ان ٽائيٽل ۾ لانگ بوٽ جو هڪ ٻيو به اهم حوالو آهي ۽ اُهو آهي: ’اسان وٽ يارنهن ساله آمريت وارو دور.‘ (لانگ بوٽ، جيڪو عام سپاهيءَ کان وٺي ڪنهن جنرل تائين يونيفارم جو بوٽ سمجهو ويندو آهي). نورالهديٰ شاهه جي هنن ڪهاڻين جي مجموعي جي ٽائيٽل جو ٽيون اهم گُڻ ۽ نمايان حوالو آهي ’هڪ ٻار‘، جيڪو ماءُ جي ڳوڙهي نما گرڀَ ۾ ناڙي بدران خاردار تارن ۾ جڪڙيل ڏيکاريل آهي (پڙهو ڪهاڻي: پاتال، صفحه: 40) ۽ اهو عڪدس، ان ڳالهه ڏانهن اشارو ٿو ڪري ته ٿرڊ ورلڊ جي سماج ۾ پيدا ٿيڻ جنم وٺڻ کان اڳ ئي، اڄ جو انقلابي ٻار زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، پيدائشي قيدي آهي، ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته ذهين چترڪار زاهد دارا جي ٺاهيل ’رڻ ۽ رڃ جي اتهاس‘ جو ٽائيٽل، ان جو هڪ هڪ رخ، ليکڪا جي ئي ڪهاڻين جي ڄڻ عڪسي تصوير ٿو پيش ڪري. هي ته خير، نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻن جو ٽيون مجموعو آهي. سندس پهرين ۽ ٻئي مجموعي ’جلاوطن‘ ۽ ’ڪربلا‘ جون ڪهاڻيون حويلين، فوٽ پاٿن ۽ چڪلن ۾ تڳندڙ ڪردارن جون سوشل وارتائون هيون. منجهن ڏيکاريل هو: سماجي حقيقت نگاري جو منظر نامه. ’جلاوطن‘ ۽ ’ڪربلا‘ جي ڀيٽ ۾ هن دفعي نورالهديٰ شاهه جون هي ڪهاڻيون ٿرڊ ورلڊ جي پيڙيل ماڻهن، انهن مٿان ٿيندڙ ٽارچرس، سندن بک، بدحالي، بي روزگاري، عورت جي استحصال، ڪنهن وڏي مهاڀاري يُڌ جي خوف، ۽ ايٽمي هٿيارن ۽ انهن جي تباهه ڪارين کي هڪ آفاقي سوچ سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي. هنن ڪهاڻين ۾ ’نور‘ فڪر ۽ فلسفي جي اُپٽار وڌيڪ ۽ (ڪن اڳين ڪهاڻين وانگر) ڇرڪائڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي آهي. ۽ انهن مسئلن جي نفسياتي اوک ۽ ڊوک ڇنڊڇاڻ سان ئي پڙهندڙ تائين پهتي آهي. ان مان ليکڪا جي فني چختگيءَ ۽ ميچورٽيءَ جو ڀرپور اندازو ٿئي ٿو. هنن ڪهاڻين ۾، ٽيڪنيڪ ۽ ڪراٽ ڏانهن به ’نور‘، نئون انداز اختيار ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن دفعي، هُن جي ڪهاڻين جا موضوع به انوکا آهن. خاص ڪري آمريت جي پُرآشوب دؤر ۾ رهندي، ڀوڳيندي، مزاحمتي نوعيت جون ڪهاڻيون تخليق ڪيون آهن. مزاحمتي ادب جيڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ بنيادي مقصد رکندو آهي ۽ اهو مقصد هوندو آهي: ”سماج کي تبديل ڪرڻ.“ مزاحمتي ادب جي جنگ اُن مرحلي تي شروع ٿيندي آهي، جڏهن مظلوم، هٿيارن کان محروم ۽ مخالف ڌُر وٽ، مئن پاور ۽ اَسلح ڀرپور هوندو آهي. نورالهديٰ شاهه هن مجموعي جي ڪهاڻين: ’آخري مئل ماڻهو‘، ’ڏوهي‘، ’اڻپورو آسمان‘، ۾ اهو بلڪل Clear ڪيو آهي ته هر يُگ ۾ ڏاڍُ جبر جيل ۽ ٽارچر ڪيمپس اهڙا وسيلي رهيا آهن، جن سان آمر، سچ کي دٻائڻ، هيسائيڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ حيلا هلائيندو آهي ۽ ان ايڏي ظلم جي رات کي کٽائڻ لاءِ، ليکڪ وٽُ صرف قلم جي روشني ۽ ڏات جي اُگهاڙي تلوار، آمر کي ڏيکارڻ ۽ نگهو سار ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. هنِن ڪهاڻين جي ڊڪشن ۾ خاص ڪري نورالهديٰ شاهه جا اُهڃاڻ، ’باهه جو سمنڊ‘ آڳ اوڳاڇيندڙ آسمان، رَت ۾ ٻُڏل چُري ( ۽ ٻيا لاتعداد اهڃاڻ) سندس ڪهاڻين جي اُڻت ۾، وڏي شدت پيدا ڪري ڏيکارين ٿا. اهڙين ڪهاڻين ۾ نور جون ڪجهه ڪهاڻيون، رومينٽڪ منظر نامو پيش ڪن ٿيون ۽ منجهن فنائتا ۽ خوبصورت جملا پڙهندي بي حد موهين ٿا: ”مون ڪيترا ڀيرا سوچيو. هُن جي اکين ۾ عينڪ جي اڇن اُجرن شيشن پويان ڇا ٿو جرڪي؟ لڙڪ يا ٽيبل تي ٻرندڙ ٻن ڊگهين ميڻ بتين جو عڪس. شايد لڙڪ شايد عڪس“ (صفحه 22) ۽ ’آخري مئل ماڻهو‘ کان هن پهاڙ جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آهي؟ ڪهاڻين تائين هنِن ڪهاڻين لاءِ، نهايت سمپل تبصرو مون وٽ هي به آهي ته ’رڻ ۽ رڃ جو اتهاس‘ ۾ آيل ڪهاڻيون، فني نقطئه نگاهه کان بهرحال مٿاهيون تخليقون آهن. نورالهديٰ شاهه وٽ ڪهاڻين آڻڻ ۽ بيان ڪررڻ جو جيڪو فن آهي، ان ۾ هُن وٽ مشاهدو گهرو، اسلوب وڻندڙ، سوچ جو انداز منفرد ۽ خيال بنهه فريش آهن. ’نور‘ هي نثر پڙهي، هن جي رينج ۽ لکڻ جي اسٽئمنا ڏسي دل گواهي ڏئي ٿي ته هوءَ جي وڏي ڦهلاءُ وارو ڪو ناول يا ناولٽ به لکڻ چاه�� ته آسانيءَ سان لکي سگهي ٿي (۽ ڪاش! هاڻي هو اهو ڪم به ڪري ئي ڏيکاري.) +- نصير مرزا +العدل و الاحسان +اسلام عدل ۽ احسان، مساوات ۽ رواداريءَ جو دين آهي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ به عدل ۽ احسان ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. ”ان الله يامر بالعدل و الاحسان“ مولانا رحيم بخش قمر صاحب هن ننڍي ڪتاب ۾ مٿئين عدل ۽ احسان واري آيت جو تفسير نهايت عالمانه ۽ محققانه انداز ۾ ڪيو آهي. وڏن تفسيرن ۽ احاديث مبارڪ جي ڪتابن مان تاريخي حوالا ڏيئي، عدل ۽ احسان جي شرعي ۽ عقلي اهميت آسان ٻوليءَ ۾ سمجهائي آهي. +هن ڪتاب ۾ عدل ۽ احسان جي لغوي معنيٰ سان گڏ مثال طور حضرت دائود عليـﮧ السلام، حضرت سليمان عليـﮧ اسلام، حضور صلي الله عليـﮧ وسلم، فاروقِ اعظم ۽ ڄام خير الدين سمي جي تاريخي فيصلن ۽ عدل ۽ احسان جو به ڏاڍو سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. +حقيت ۾ مولانا قمر صاحب هن هڪ آيت جو ايڏو سهڻو، گهڻو علمي تفسير لکي اڳئين دور جي مسهور مفسرن جي ياد تازي ڪرائي آهي. +علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۾ تعارف طور لکي ٿو ته ”سنڌي زبان جي برک شاعر ۽ اديب مولوي رحيم بخش قمر صاحب، قرآن مجيد جي سورت النحل جي هڪ آيت ”ان الله يامر بالعدل و الاحسان“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ تفسير فرمائي، غير شعوري طور تي سنڌي نوجوانن کي ديني انقلاب جي دعوت ڏيئي، وڏي ثواب جو ڪم ڪيو آهي. هن صورت ۾ عالمي اجتماعيت جو بيان آهي، جنهن کي ماکيءَ جي مکين جي اجتماعيت جي ذريعي انسانن کي سمجهايو ويو آهي. آخر ۾ مولانا قمر لاءِ خير جي دعا ڪجي ٿي، جنهن سولي سنڌيءَ ۾، هن آيت جو تفسير تحرير فرمايو آهي. جدا جدا لفظن جي معنيٰ ڄاڻائڻ کان پوءِ، پوري معنيٰ ٻڌائي ويئي آهي ۽ ان جو آسان عبارت ۾ مطلب سمجهايو ويو آهي، جو وڏن ماڻهن کان وٺي ننڍي عمر وارا مسلمان شاگرد به هن مان چڱو لاڀ پرائيندا.“ +بهرحال مولانا صاحب جي هن ڪتاب ۾ تحرير ۽ تفسير جو انداز عالمانه ۽ اديبانه آهي. موقعي جي مناسبت سان تفسير ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه صاحب جا بيت آڻي، ڪتاب جي رونق ۾ اضافو آندو ويو آهي. قمر صاحب جي سنڌي ٻولي به سليس، سوادي، ادبي، شاعرانه ۽ فصاحت ۽ بلاغت سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري حضرت قمر صاحب کي مبارڪ ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. +ڪتاب ۾ ايترين خوبين جي باوجود جيڪڏهن ڪتاب ۾ ڪم آيل تفسيرن، تاريخي حوالن ۽ حديث جي ڪتابن جي آخر ۾ ببليو گرافي ڏني وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. ان کان علاوه سرورق تي به ڪتاب جو نالو ۽ اعرابون غلط آيل آهن. اها مصنف کان سهو ته ڪا نه ٿي هوندي، البت اهو شايد ڪاتب جي هٿ جو ڪمال آهي. ڪاتب، ڪتاب جي ٽائيٽل تي نالو ۽ اعرابون غلط ڏيئي مصنف ۽ وڻندڙ ڪتاب جو وقار مجروح ڪيو آهي. آئينده ان سلسلي ۾ مصنف کي احتياط ۽ ڪاتب کي خبردار ٿيڻ گهرجي. +بهرحال هي ڪتاب ”عدل ۽ احسان“ هر ديندار لاءِ سوکڙي، شاگرد لاءِ معلوماتي خزانو ۽ هر لائبريري جو سينگار آهي. قيمت ڏهه رپيا اٿس ۽ يادگار پبلشرس حيدرآباد شايع ڪيو آهي. +- عبدالرسول قادري بلوچ + + +دانش +ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ممتاز عالم سيد حسام الدين راشديءَ جي ڪوشش سان، تڏهوڪي ايران سرڪار اسلام آباد ۾ برصغير ۾ اسريل فارسي علم ۽ ادب جي اڀياس لاءِ هڪ تحقيقي مرڪز قائم ڪيو. هن مرڪز ابتدائي ايامڪاريءَ دوران ئي وڏي پيماني تي اشاعت جو ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ مڃايو. ايراني انقلاب جي آغاز ڌاري ان جون سرگرميون ماٺيون ٿي ويون، پر پوءِ وري تحقيقي اڀياس کي تيز ڪيو ويو ۽ برصغير ۽ ايران ۾ ٿيل فارسي ادبي اوسر بابت، سنجيده ڪم ڪرڻ لاءِ رسالو ”دانش“ جاري ڪيو ويو. هي جرنل سه ماهي آهي ۽ اهو ٻن ٻولين يعني اردو ۽ فارسيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڇپجي ٿو. پهريان ان جو ايڊيٽر سيد عارف نوشاهي هو ۽ هن وقت ادارت جا فرائض ڊاڪٽر سيد سبط حسن رضوي سنڀالي ٿو. هيل تائين ”دانش“ جا ڪل ارڙنهن پرچا نڪري چڪا آهن. +تبصري هيٺ آيل ”دانش“ جو پرچو نمبر 17 ۽ 18 آهي، يعني ته هي گڏيل پرچو ڇپيو ويو آهي. پهريون حصو فارسي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هندپاڪ کان علاوه ايراني اسڪالرن جا مضمون به شامل ڪيل آهن. هنن مقالن ۾ فارسي ادبيات جي حوالي سان، نهايت ئي مستند ۽ معياري گفتگو ڪيل آهي. هي مضمون پڙهندي غالب، صائب، تبريزي، هند ۾ ايراني خوشنويسن ۽ بنگال ۾ فارسي ادب جي عنوانن تي معياري معلومات ملي ٿي. ٻيو حصو اردو ۾ لکيل مقالن تي مدار رکي ٿو، جنهن ۾ ٽي مقالا نمايان اهميت رکن ٿا. پهرئين مضمون ۾ ”حافظ ۽ پاڪستان“ بابت ڊاجڪٽر سبط حسن رضويءَ بحث ڪيو آهي؛ جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي زبان جي حوالي سان، حافظ بابت تمام گهٽ گفتگو ڪيل ڏسجي ٿي. ٻيو مضمون مير خادم حسين ٽالپر جو آهي، جنهن ۾ سنڌي غزلن تي خواجه حافظ جي اثر بابت تحقيق ڪيل آهي. ان بعد ٽيون مقالو ”ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا“ عنوان سان ڏنل آهي. هن مقالي جو ليکڪ نوجوان محقق تاريخدان غلام محمد لاکو آهي. هي مقالو اڳ ۾ ئي رسالي مهراڻ (1-1989ع) ۾ ڇپيو هو، جنهن کي مصنف خود اردو زبان ۾ منتقل ڪيو آهي. ٽيون حصو متفرقات بابت آهي. +جرنل ”دانش“ ۾ هند پاڪ جي فارسي ادب کان علاوه، سنڌ جي حوالي سان پڻ چند معياري مقالا ڇپيا آهن. انهن ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم جا ٻه مفصل مضمون به شايع ٿيا، جي غلام محمد لاکو ۽ عبدالرسول قادري صاحب، رسالي مهراڻ ۾ ترجمي ذريعي ڇپي چڪا آهن. بلاشبـﮧ سيد حسام الدين راسدي مرحوم، هند پاڪ جي فارسي ادب ۾ وڏو مقام پيدا ڪيو آهي. رسالي ”دانش“ جو هر پرچو ۽ ان جا ورق، هن حقيقت جي اضافي شاهدي ڏين ٿا. الله تعاليٰ مٿن رحمت ڪري. +- محمد قاسم سومرو +آشڪار- 1 +شمارو: پهريون. (تحقيقي جرنل) +ڇپائيندڙ: سچل چيئر- شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ. +سائيز ڊيمي: ڊيمي صفحا 136- قيمت 00-45 روپيا. +”سچل چيئر“ (سچل سرمت تحقيقي مرڪز) جي طرفان، تحقيقي جرنل جي اشاعت جو هيءُ پهريون ڪتاب ”آشڪار“ جي نالي سان ڇپيو آهي. سچل چيئر جي پاران- 1989ع کي سچل سال قرار ڏنو ويو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ”سچل سيمينار“ – 1989ع؛ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ نه صرف سنڌ، بلڪه سموري ملڪ مان برک اديبن، محققن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا تحقيقي مقالا حضرت سچل سائينءَ جي فڪر و فن تي پيش ڪيا. +هن تحقيقي جرنل کي نوجوان سُڄاڻ شاعر ”اياز گل“ نهايت سليقي سان ترتيب ڏنو آهي ۽ محمد علي حداد بطور ٻانهن ٻيلي، هٿ ونڊايو آهي. ”آشڪارا“ تحقيقي جرنل جي اِشاعت جي سلسلي ۾، سچل چيئر جي صلاح ڪار محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جون ڪوششون به قابل تعريف آهن. +حضرت سچل سائينءَ تي جيترو به ڪم ٿيو آهي، اُن کي نگاهه ۾ رکندي ڏٺو وڃي ته هيءُ شمارو سچل سائينءَ جي فڪر و نظر، سندس شاعري، اُسلوبِ بيان، ٻولي ۽ انهيءَ دور جي حالتن بابت مختلف ۽ جامع تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي. حضرت سچل سائين جي وحدت جي وائي، يا ”حق موجود- سدا موجود“ مان اها مراد آهي ته حق ۽ سچ، هميشـﮧ قائم آهي؛ باقي ناحق، جبر، بدديانتي، بي انصافي ۽ رياڪاري انسانيت لاءِ هاڃيڪار آهي. آغا سليم جو مقالو ”وحدت الوجود جو انقلابي ڪردار“ انهيءَ ڪڙيءَ جو هڪ نمونو آهي. ان کانسواءِ سچل سائين پنهنجي دور ۾ انگريزن جي آمد ۽ پرڏيهين جي پرماريت متعلق پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي اشارا ۽ ڪنايا پيش ڪيا آهن. انهن جو تفصيل جناب حبيب الله صديقي پاٽائي صاحب جي مقالي ”سچل تاريخ جي روشني ۾“ ۾ بيان ڪيل آهي. +سچل سائينءَ جي فارسي شاعري متعلق، جناب پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ صاحب جو مقالو ”حضرت سچل سرمست- سنڌ جو عطار“ نهايت ئي تحقيقي ۽ معلوماتي مقالو آهي. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو مقالو به سچل جي فارسي شاعري بابت آهي. بنده جو مقالو پڻ- ”سچل ۽ فريد الدين عطار“ جي عرفاني فڪرتي آهي. حضرت سچل سائين عطار لاءِ فرمائي ٿو: +دَر دُرونِ سينـﮧ يا بَم بُويِ يار، +شقد مُعَطرّ جانِ من از شـﮧ عَطار- +(مان پنهنجي سيني جي اندر يار جي خوشبو محسوس ڪريان ٿو- منهنجو روح شهنشاه عطار مان واسجي ويو آهي). محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مقالو: ”سچل سرمست جي فارسي داني ۽ وصلت نامه“ بابت آهي. جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو مقالو: ”سچل جي شعر جو لساني جائزو“ سچل سائينءَ جي ٻولي، محاوري ۽ ادبي خوبين کي نروار ڪري ٿو. +انهيءَ جي علاوه ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ۽ ٻين جا تحقيقي ۽ معلوماتي مقالا آهن. ميان غوث محمد پيرزاده گوهر صاحب پنهنجي قلمي نسخي ”بياض القادر“ مان سچل سائين جا 8 ڪلام ۽ هڪ قصيدو هٿ ڪيو آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي. قصيدو، تحقيق طلب آهي ۽ سيد ثابت علي شاهه جي قصيده سان ٺهڪي اچي ٿو. +هيءُ ڪتاب آفيسٽ تي سنڌي ادبي بورڊ پريس ڄامشورو شايع ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي سرورق تي سچل سائينءَ جي درگاهه جو ڏيک، چوڏهينءَ جي چانڊاڻ سان، نهايت وڻندڙ ۽ دلڪش انداز ۾ ”اياز گل“ ورتو آهي. اسڪولن، ڪاليجن، خانگي لائبريرين، استادن ۽ شاگردن لاءِ هن ڪتاب جو هئڻ مفيد آهي. +- پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري +جهڙا گل گلاب جا +ٻارڙن لاءِ شاعري ڪرڻ، ان حوالي سان مختلف آهي ته ادب جي هن حساس ترين صنف تي قلم کڻڻ لاءِ نه صرف ٻارن وانگر معصوم هجڻ ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي سوچ کي به ان سطح تائين کڻي وڃڻو پوندو آهي ته جيئن اهو احساس نه رهي ته ٻارن لاءِ ڪو وڏو ماڻهو سوچي پيو يا ٻارن لاءِ سوچيل ۽ چيل ڳالهه ٻارن جي ذهني سطح کان مٿي آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي سنڌ ۾ گهڻو ته نه پر جيڪو ڪجهه به ٻارن لاءِ لکيو ويو آهي ان جي جيڪڏهن تمام گهڻي واکاڻ نٿي ڪري سگهجي پر پوءِ به اهو ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ذوالفقار سيال، ادل سومري، اياز گل، اڪبر جسڪاڻي، نصير مرزا، نياز پنهور، مختيار ملڪ ۽ ٻين ان ڏس ۾ تعريف جوڳو قدم کنيو آهي. +ٻارن کي ڪيل شاعري جي ٿورن نالن ۾ وقت بوقت ڪي جوان سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهندا آهن، پر بدقسمتيءَ سان ڪو به مسلسل ٻارن لاءِ ڪو نه ٿو لکي ان ڪري هر دفعي تجربا ئي ٿين ٿا ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو ادب جو هن صنف ۾ اسان مالا مال نه ٿي سگهيا آهيون. اهڙن ئي تجربن ۾ تازو محترم اقبال شينو هڪ همت ڀريو قدم کنيو آهي ۽ ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”جهڙا گل گلاب جا“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. +اڄ جي دور ۾ جڏهن انسان کي پنهنجي پاڻ لاءِ سوچڻ جو به وقت نه آهي، ڪو ويهي ٻارن لاءِ سوچي 7 ان تي عمل ڪندي شاعري جو ڪتاب پڌرو ڪري، ساراهه جوڳي ڳالهه آهي ۽ ڀاءُ اقبال شينو به اهڙي تعريف جوڳي ڪم ڪرڻ لاءِ کيرون لهڻي. پر ٻارن جو معاملو اهڙو ته نازڪ آهي جو هن راهه تي تمام ننڍي غلطي به وڏي غلطي بڻجي ويندي آهي، تنهن ڪري آءٌ هتي پهرين ��اعر ڀاءُ جي ڪتاب ۾ رهجي ويل خامين تي ڳالهائيندس ۽ پوءِ ئي چڱاين جو ذڪر ڪندس. +ڏهه روپيا ڪنهن به ٻاراڻي ڪتاب لاءِ مناسب ان ڪري نٿا سُجهن ڇو ته هن ڪتاب جا گهڻا پڙهندڙ ڳوٺن جا اهي غريب ٻار آهن، جن لاءِ ڏهه روپيا ڀرڻ ڪافي مشڪل آهي. ”جهڙا گل گلاب جا“ کي کڻي ڏسبو ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه پروف جون غلطيون رهجي ويون آهن، جن کي اميد ته ٻئي دفعي درست ڪيو ويندو. جيستائين شاعريءَ جي مواد جي ڳالهه آهي ته ان ڏس ۾ صرف هڪڙي ننڍڙي شڪايت اها آهي ته ڪجهه نظم ايڏا ته ڊگها آهن ۽ ڪن نظمن جا قافيه ۽ رديف ايڏا ته طويل آهن جو نه صرف پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي بلڪه ڪٿي ڪٿي ته بوريت ۽ ورجاءَ واري ڪيفيت جو احساس پڻ ٿئي ٿو. باقي شاعر جي خيالن جي تعريف نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ نه صرف ٻارن جي تفريح جو خيال رکيو ويو آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو پڻ خيال رکيو ويو آهي ته ٻارن کي اڄڪلهه جي حالتن پٽاندر سوچ جو رستو ڏيکارجي ته جيئن اڳتي هلي هو ٻاٽ اونداهيءَ ۾ ڪو روشن ڪرڻو ثابت ٿي سگهن. +ڪتاب جي مهاڳ ۾ استاد بخاريءَ ٻارن لاءِ لکيو آهي ته اڄ جا ٻار خواب ۾ به راند بدران ويڙهه ۽ امن عيوض جنگ ڏسندا هوندا.... پر دوستو، اسان جي شاعر ڀاءُ اقبال شينو ٻارن کي راندئي راند ۾ صحيح رستو ۽ امن ج ينعري ۾ نفرتن کان نفرت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. +ڪٿي ڪٿي شاعر راند ئي راند ۾ ڪي سمجهه ڀريا نڪتا ٻارن جي ذهنن ۾ هميشـﮧ لاءِ چٽي ٿو ڇڏي جيئن ”جهولو“ نظم ۾ چوي ٿو ته: +”پينگهه چڙهي اڄ پاڻ پچايون +ڦاهيون کائي ديس بچايون. +صرف ائين به ناهي ته شاعر صرف هڪ استاد ٿي بيٺو آهي پر هو ٻارڙن جو دوست به آهي ۽ سندن وندر لاءِ ”چاچي واري چلم“ ۽ ”انتر جنتر“ جهڙا نظم به لکيا اٿس. خاص طور تي هڪ ٻار لاءِ ماءُ ڪيتري نه اهميت رکي ٿي ان جي احساس به شاعر کي بخوبي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هن ٽي چار نظم ماءُ ۽ ٻار جي عظيم ۽ اٽوٽ رشتي تي لکيا آهن ۽ ماءُ جي اُتم پيار کي خراج عقيدت پيش ڪيو اٿس جيئن: +پياري مٺڙي جيجل امان +لوڏي لولي ڏيم ته سُمهان +مختصر طور ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته سنڌي ادب ۾ ٻارن جي صنف تي لکندڙن ۾ اقبال شينو جو نالو اميد ته نمايان جڳهه والاريندو. +- سنتوش ڪامراڻي +سوريءَ مٿي سيڻ +واجد ناز جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي انهن نوجوان شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي اميجينيشن جي ڪوهيڙي ۾ ڦاسي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کان منهن ناهن موڙيندا. بلڪ سندن سِٽ سِٽ مان سچ ائينن ڦٽي نڪرندو آهي، جيئن سورج نڪرڻ لاءِ پهرئين ان جا ڪرڻا اوڀر اُڀ مان ڪٽارن جيان پکڙجي اونداهي جي چادر کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندا آهن؛ جن وٽ زندگيءَ جون ڪڙيون سچايون پاڻ هلي اينديون آهن. +”سوريءَ مٿي سيڻ“ به واجد جي اهڙن ئي جذبن ۽ احساسن سان ٽمٽار غزلن جو اهڙو ئي وهه جو پيالو آهي، جنهن کي واجد چپن تي رکي سيني ۾ اُتاريو آهي، ۽ ڄڻ پوءِ اها سچائي غزلن جو روپ ڌاري ڪاغذن جي ڌرتي تي ڪيڪٽس جي ٻوتن جيان اُڀري پئي آهي. هتي مثال لاءِ مان سندس غزلن جا ڪجهه بند اوهان جي خدمت ۾ نه فقط پڙهڻ لاءِ اتاريان ٿي، بلڪ غور ڪرڻ لاءِ پڻ گذارش ڪريان ٿي: +هي ڪهڙو ڪيو آهي موسم قهر، +جنازا جنازا لڳي ٿو شهر. +- +هيل سردي گهڻي پئي آهي، +هر ٽاري ڇڻي پئي آهي. +- +اِئين خالي ٿي مِل مان هو نڪتو، +مينهن واڙي مان ڄڻ ڏُڀي نڪتي. +- +سَچُ رڳو لافاني آهي، +باقي هر شئي فاني آهي. +- +اونداهي هر دور اندر، +روشن منهنجي ڏات رهي. +مٿيان سمورا شعر لکندي، مون کي واجد جي غزلن جي ڳٽڪي ”سوريءَ مٿي سيڻ“ ۾ ڳولا ناهي ڪرڻي پئي، مگر اهڙا ��يترائي شعر سندس هر غزل جي ڳٽڪي ”سوريءَ مٿي سيڻ“ ۾ ڳولا ناهي ڪرڻي پئي، مگر اهڙا ڪيترائي شعر سندس هر غزل ۾ بهار جي موسم ۾ ٽارين تي ٽڙيل گلن وانگر نظر آيا. +سوريءَ مٿي سيڻ ”ساڃهه پبليڪيشنس“ پاران ڇپايل هڪ بيحد قدر لائق سوکڙي آهي. ڪتاب جي سائيز ڊيمي آهي. صفها 68 آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل چئن رنگن ۾ مختيار جو ڊزائين ٿيل آهي ۽ قيمت ٻارنهن رپيا آهي. سوريءَ مٿي سيڻ لاشڪ جديد سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن ۾ هڪ قابل قدر اضافو آهي. +- رضيه طارق +ba + + +علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون +شهيد مخدوم بلاول جو ڏينهن +سنڌ ڌرتي ازل کان وٺي پنهنجي ڪُک مان اهڙن مهان سورمن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪڏهن نه ڪيٻايو آهي. اهڙن سورهيه سرويچن مان مخدوم بلاول سمون به هڪ هو، جنهن هن ڌرتيءَ تي ڪاهه ڪندڙ ڌارين سان نه صرف مهاڏو اٽڪايو، پر ديس جي ڌرتيءَ کي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ قرباني ڏيندڙ جي تاريخ ۾ هڪ انوکي قربانيءَ جو پڻ اضافو ڪيو ۽ اُها قرباني هئي گهاڻي ۾ پيڙهجي جان ڏيڻ جي. +اهڙي هستيءَ جي ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ دادو، قلندر لعل شهباز ميلا ڪاميٽي دادو جي سهڪار سان 8- نومبر 1989ع تي دادو لڳ ڳوٺ باغبان ۾ شهيد مخدوم بلاول جو ڏينهن نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو. هن موقعي تي ٽن نشستن- مقالا، مشاعرو ۽ راڳ رنگ- جو انتظام ڪيو ويو. پهرين نشست جي صدارت برک اديب ۽ شاعر محترم يوسف شاهين ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊيز سينٽر جو استاد محترم غلام محمد لاکو ۽ اعزازي مهمان تاريخ جو ڄاڻو ۽ محقق محترم عبدالله مگسي هو. ڪاروائي هلائڻ جا فرائش نوجوان شاعر ۽ سگا شاخ دادو جي جنرل سيڪريٽري عادل سخيراڻي ۽ مشهور شاعر ۽ ٽي وي فنڪار فاروق سولنگي بجا آندا. ڪاروائي جي شروعات قرآن شريف +شهيد مخدوم بلاول رح جي ڏهاڙي واري تقريب جا سامعين. +ڳوٺ باغبان-8-نومبر 1989ع +مقررين: يوسف شاهين، غلام محمد لاکو، عبدالسبحان ميمڻ ڊي. سي دادو، عبدالله مگسي، تاجل بيوس، استاد بخاري، محمد خان مجيدي، احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي،رميش ڪمار، محمد يوسف سُرهيو،عادل سخيراڻي. زرينه بلوچ ۽ منظور سخيراڻي راڳ جي نشست ۾ +جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن بعد مهمانن کي بيج هنيا ويا. سگا شاخ دادو جي صدر محمد يوسف سُرهيي آيل مهمانن جي آجيان جي تقرير ڪئي، جنهن بعد شهيد مخدوم بلاول جي تاريخي ڪردار جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهڻ ۽ اُجاگر ڪرڻ لاءِ نامور مقالا نويسن پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. محترم احمد خان ملڪاڻي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”مخدوم بلاول سنڌي قوم جو سچو هيرو ۽ سرواڻ هو، جنهن کي وقت ۽ سنڌ جي مخصوص معروضي حالتن جنم ڏنو. مخدوم بلاول نه صرف هڪ عالم، فاضل، صوفي ۽ روحاني رهبر هو، بلڪه هو هڪ بهادر، محب وطن، جوڌو ۽ سرويچ سنڌي هو، جنهن سنڌي قوم جي غدارن کي بي نقاب ڪيو.“ +عادل سخيراڻي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”مخدوم بلاول سنڌ کي غيرن جي غلامي کان بچائڻ لاءِ مجاهدانه جدوجهد ڪندي سنڌ جي سورمن ۾ ساڻيهه جي سڪ جو اُهو روح ڦوڪيو جو ٽلٽيءَ جو ميدان تي قومي جنگ لڙندي ڪيئي ڪونڌر ڪُسجي ويا. سنڌ جي هن سدا جيئري سالڪ ۽ سورهيه نه فقط سنڌ جي جوڌن ۽ جوانن کي سندن لشڪر سميت هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري قومي لڙائي لاءِ اُڀاريو، پر پنهنجي مريدن ۽ خليفن کي به لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ به عظيم مقصدن لاءِ خود قربانيءَ جي طويل سلسلي ۾ هڪ بنهه انوکي ق��باني جي مثال جو به اضافو ڪندي جيئرو گهاڻي ۾ پيڙهجي وطن تان قربان ٿي ويو.“ +محترم محمد يوسف سرهيي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”اچو ته باغبان جي مٽيءَ کي ماٿي لايون ۽ بلاولي تحريڪ کي سرگرم ڪريون.“ +محترم رئوف نظاماڻي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”تاريخ ۾ قاضي قاضن ۽ مخدوم بلاول جا ٻه ڪردار ملن ٿا. ٻنهي کي علم ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان هڪ خاص مقام حاصل آهي. قاضي قاضن سون تي سيڻ مٽائڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري، انهيءَ سان گڏوگڏ حڪمرانن اڳيان سيس نه نوائڻ واري روايت جو مخدوم بلاول امين آهي.“ +محترم ف. م. لاشاري چيو ته“ ”مخدوم بلاول شهيد سنڌ جي تاريخ جو اهڙو ئي عدالتي قتل آهي، جهڙو اسان جي پنهنجن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو.“ هن چيو ته ”مخدوم بلاول کان وٺي نذير عباسي تائين سمورا ڪيس اٿلايا وڃن، جن کي رياستي مشنري جي هٿان سرڪاري طرح مارايو ويو، ٻيءَ حالت ۾ بيگناهن کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو.“ +محترم محمد صديق ڏاهري چيو ته“ ”مخدوم بلاول هڪ روحاني بزرگ ۽ڪرامتن جو صاحب هو.“ +چيئرمين قلندر لعل شهباز ميلا ڪاميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو جناب عبدالسبحان ميمڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”تاريخ جي سڀني شهيدن پنهنجي عوام جي معاشي، انساني ۽ سماجي حقن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، پر اڄ جيڪڏهن ڪي ٽولا عوام کي اغوائن، ڌاڙن ۽ قتل جي ڪاررواين ذريعي پريشان ڪن ٿا ته اُهي سنڌ جي هن بزرگ ۽ تاريخي هستي جي قربانين تي پاڻي ڦيري رهيا آهن، جن کي روڪڻ جياپي جي جدوجهد لاءِ ضروري آهي.“ آخر ۾ هن عوامي شاعر استاد بخاريءَ کي سندس شاعريءَ جي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ٻه هزار روپيا ۽ ينگ سٽيزن ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو کي ڪتابن جو لائبرري لاءِ پنج هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. +نامور شاعر ۽ محقق محترم تاجل بيوس چيو ته، ”مون کي اڄ باغبان ڳوٺ ۾ اچي، هتي هلندي ۽ زمين تي پير رکڻ ۾ هڪ اڻ ڄاتي خوشي ۽ سڪون جو احساس پيدا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي اُها زمين آهي، جنهن جي مٽي مٿي کي لائبي آهي، ان کي چُمبو آهي، ته ان کي اکين ۾ پائبو آهي، هي اُها زمين آهي، جنهن جي جوڌن 1983ع جي جدوجهد ۾ پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ آمريت سان وڙهڻ لاءِ پاڻ ملهايو ۽ اڳواڻي جو رول ادا ڪيو.“ +اعزازي مهمان محترم عبدالله مگسي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ”ميران محمد شاهه جونپوري قدامت پرست انسان هو، ٻئي طرف شهيد بلاول سمجهيو پئي ته جونپري جي نظريي تحت قومي جبر، ڦرلٽ ۽ خانه جنگي جنم وٺندي ۽ اعليٰ قدرن جي نشونما روڪجي ويندي.“ +خاص مهمان محترم غلام محمد لاکي چيو ته ”مخدوم بلاول جو هڪ روپ مذهبي اٿس، جڏهن ته سندس ٻيو روپ وطن دوستي وارو آهي ۽ جنهن کي اڪثر اسان کان اوجهل کيو ويو آهي. مخدوم بلاول جي حياتيءَ جو اهو ئي روپ سماجي لحاظ کان اڄ به ڪارج وارو آهي ۽ اڄ اسين هت گڏ به سندس ان رُتبي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ۽ ان روپ ۽ رتبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٿيا آهيون.“ +مانواري صدر، محترم يوسف شاهين پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”سگهو ۽ طاقتور ٿيڻ لاءِ سورن جي واٽ وٺڻي پوندي، ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو پوندو ۽ اهائي بلاولي وات آهي، بلاولي سبق آهي.“ +جنهن کان پوءِ مقالن جي نشست پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي. ٻي نسشت مشاعرن جي صدارت نامور شاعر محترم تاجل بيوس ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان برک عوامي شاعر استاد بخاري ۽ اعزازي مهمان مشهور بزرگ شاعر محمد خان مجيدي هئا. بيجن هڻڻ کان پوءِ مشاعري جي باقاعدي ڪارروائي جو آغاز ٿيو. هن نشست جي ڪارروائي مشهور شاعر، اديب ۽ ڊرامه نگار عثمان ميمڻ هلائي. شاعرن پنهنجي شاعري وسيلي مخدوم بلاول جي حضور نذرانهء عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ۽ سندن شهادت ۽ ڪردار تي روشني وڌي. مشاعري ۾ جن شاعرن حصو ورتو، تن جا نالا آهن: عظيم سنڌي، جمن هالائي، عزيز ڪنگراڻي، وزير منگي، رميش ڪمار، محمد مٺل، فاروق سولنگي، مختيار گهمرو، اسحاق راهه، احمد خان مدهوش، اطهر منگي، نواز رڪڻائي، مقصود گل، محمد خان مجيدي، استاد بخاري ۽ تاجل بيوس. اهڙيءَ ريت مشاعري جي نشست پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي. جنهنبعد ٽين ۽ آخري نشست رڳ رنگ جي شروعات ٿي، جنهنجي انائونسمينٽ عادل سخيراڻي ڪئي. سچل سرمست جي درگاهه جي فقيرن، ٻالڪ سنڌي، خادم حسين سخيراڻي، فوزيه سومرو، غلام شبير شاهاڻي، منظور سخيراڻي ۽ جيجي زرينه بلوچ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ خوب داد حاصل ڪيو. +- عادل سخيراڻي + + +بيدل مسرور سان شام +سنڌي سنگيت کي نئون انداز، نئون لهجو ۽ انقلابي آهنگ ڏيندڙ سنڌ جي جديد راڳي، نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، موسيقار ۽ ٽي- وپي پروڊيوسر ”بيدل مسرور“ سان هڪ سريلي شام 16- نومبر 1989ع سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران ۽ مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي، مهراڻ سوشل فورم جي سهڪار سان مورو شهر ۾ خوبصورت ۽ جڳمڳائيندڙ ڪاڪ محل سئنيما ۾ رچائي وئي. +انهيءَ دوران ڪيترائي اديب، شاعر، صحافي، سنگي ساٿي، راڳ جا شوقين، بيدل جي آواز سان عقيدت رکندڙ ۽ اياز جي شاعريءَ جا عاشق ڪٺا ٿيندا رهيا. مهمانن ۾ جناب آفتاب احمد ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه، محترم شوڪت علي پنهور اسسٽنٽ ڪمشنر مورو، محترم خان محمد جماليءَ کان علاوه اديب ۽ شاعر- نصير مرزا، اياز گل، ادل سومرو، بينا مسرور، طارق عالم، تاج جويو، مير محمد پيرزادو، آغا سعيد، بخشڻ مهراڻو، قاضي نذير احمد، احمد بخش، سنتوش ڪامراڻي، سليمان سولنگي، خادم ٻگهيو، ادريس جتوئي، مسرور سومرو، گل سومرو، عبيدالله عباسي، اقبال عباسي، جميل مورائي، غلام نبي جويو، خادم شيخ ۽ زاهد ڀٽيءَ کانسواءِ ڪيترن اديبن ۽ ادب دوست ماڻهن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. +پروگرام جي شروعاتي ڪمپيئرنگ صلاح الدين پنهور ڪئي، جنهن بيدل جي فن تي ڪجهه جملا چئي بيدل مسرور سان گڏ محفل جي صدر جناب آفتاب احمد ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه، خان محمد جمالي خاص مهمان، اعزازي مهمان شوڪت علي پنهور اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي مورو جي صدر واحد بخش شيخ کي اسٽيج تي ويهاريو. +واحد بخش شيخ آجيان ڪندي، مورو جي شهر واسين، بيدل مسرور ۽ ٻين اديبن، شاعرن ۽ مهمانن جا ٿورا مڃيا، جن ههڙو پروگرام رچائڻ ۾ سندن ساٿ ڏنو. +بعد ۾ نصير مرزا اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض ادا ڪندي نوجوان شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري احمد سولنگي کي بيدل مسرور جي تعارف ڪرائڻ لاءِ اسٽيج تي سڏيو. جنهن چيو ته اسان سڀني لاءِ نه مورو اوپرو آهي، نه بيدل جو ساز ۽ آواز. مورو سنڌ جو اهو شهر آهي، جتان پورهيتن ۽ شاگرن ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. انهيءَ دور ۾ بيدل پنهنجي ساز جي تند تپائي ڳايو هو: ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ....“ +ڪهاڻيڪار ۽ شاعر نذير احمد قاضيءَ کي سڏيو ويو، جنهن چيو ته ”جيون جي ڏک سک جي ڪهاڻي لکندي لکندي جُڳ گذري ويا. اوجاڳيل اکڙين ماڻ پاڻي وهندي وهندي جُڳ گذري ويا آهن. پوءِ به آدجڳاد کان جيون جي ڏک سک جي ڪهاڻي لکجندي پئي آهي.بيدل مسرور به جيون جي ڏکن ۽ سکن جون ڪهاڻيون رچيون آهن، جن جو تاڃي پيٽو انساني پيڙائون ۽ درد سندس ڪهاڻين ۾ اندر جي ايذائن ۽ عذابن جا خوبصورت عڪس جرڪندا ۽ مرڪندا نظر اچن ٿا.“ +اُن پوءِ، نصير مرزا، بيدل جي ڪاڪ محل جي مومل ۽ زنديءَ جي هم سفر ۽ خوبصورت ساٿيءَ بينا کي بيدل جي فن ۽ فڪر متعلق ڳالهائڻ لاءِ چيو، بينا چيو ته: ”مان سمجهان ٿي ته بيدل جي دوستن مان سڀ کان ويجهي دوست مان آهيان، جنهن جي ڏک، خوشي، احساس ۽ جذبن جي خبر مون کي آهي. بيدل جا ڪيترائي روپ آهن. اديب جو، شاعر جو، ڪمپزر جو ۽ راڳيءَ جو، پر مون کي جيڪو روپ موهي ٿو، اهو راڳيءَ وارو روپ آهي. مان سمجهان ٿي ته ٻين کي به اُهوئي روپ پسند آهي. سنڌ ۾ جيترا به راڳي آهن، انهن ۾ بيدل جو هڪ جدا مقام آهي. هڪ وڏو ڪريڊٽ جيڪو بيدل ڏانهن وڃي ٿو. بيدل سڀني کان پهريائين انقلاب ۽ جديد سنڌي شاعريءَ کي ڳايو. +تاج جويي چيو ته ”مورو ادب جو سکيا گهر رهيو آهي. هي شهر راڳين فنڪارن، شهيدن ۽ استادن سان ڀريل آهي. سنڌي ادبي سنگت مورو، بيدل سان راڳ رنگ جي محفل مچائي پنهنجي انقلابي فنڪار سان، محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي.“ +نوجوان شاعر اياز گل مقالو پڙهندي چيو: ”بيدل ادب ۽ فن جي سج جي چوڌاري ڌرتي وانگر ڦرندو رهيو آهي، ۽ ڦري رهيو آهي. عملي زندگي ۾ هو ڪامياب پروڊيوسر آهي. هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا کڻڻ وارو اصطلاح مون بيدل وٽ ممڪن ٿيندي ڏٺو آهي. هن جي ڳايل انقلابي گيتن سرد دلين ۽ برف ٿيل ذهنن ۾ به ڀنڀٽ ڀڙڪايا آهن.“ +ادل سومري چيو ته ”بيدل، شيخ اياز جو به من پسند راڳي آهي. شيخ اياز جي به اها خواهش آهي ته بيدل سنگيت جو سفر ايڏي اُتساهه سان جاري رکيو اچي، ان ڪري کيس چئي ٿو ته: +ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ بانورا، +امرت رَسُ ڇلڪاءِ، بانورا. +ان کانپوءِ مقالن جينشست کي ڪجهه گهڙيون پاسيرو رکي راڳ رنگ جي محفل کي مچايو ويو. سرمد سنڌي قومي ۽ انقلابي گيت ٻڌائي محفل کان ڀرپور داد حاصل ڪيو، ۽ ان بعد جلد ئي وري مقالن کي ٻيهر جاري رکيو ويو ۽ سٻاجهي شاعر مير محمد پيرزادي ڳالهائيندي چيو ته ”بيدل کي آءٌ انهن ڏينهن کانسڃاڻان جڏهن ٽنڊي ڄام ۾ پڙهندا هئاسين ته بيدل اسٽيجن تي ڳائڻ ايندو هو. هو تمام سنهڙن سُرن ۾ به ڳائي ويندو هو. تمام وچولن سُرن ۽ اُوچن سُرن ۾ به ڳائي ويندو هو، اها هڪ وڏي ڪٿ آهي. بيدل جنهن انداز سان جديد شاعري کي ڳايو آهي، ٻيو ڪو به ائين ڳائي نه سگهيو آهي.“ +محفل جي مور ”بيدل“ چيو ته توهان سڀ نوجوان آهيو، توهان کي ڳائڻ واري جي لفظن ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. توهان شاعري کي ان جذبي سان ٻڌو، جنهن جذبي سان شاعر اوهان لاءِ پيغام لکيو آهي. فنڪار اوهان آڏو گيت کڻي ٿو اچي.“ ان کانپوءِ خاص مهمان خان محمد جمالي چيو ته ”سڀني دوستن کي اهڙي سٺي ۽ سريلي شام ملهائڻ تي مبارڪ باد ڏيان ٿو. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مونکي سنڌ جي سڄاڻ شخصيتن کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو ڏنو آهي.“ +محفل جي اعزازي مهمان اسسٽنٽ ڪمشنر مورو شوڪت علي پنهور چيو ته ”بيدل جي شام جي سلسلي ۾ +بيدل مسرور سان شام +بيدل مسرور، بينا بيدل، اياز گل، ادل سومرو، تاج جويو ۽ خان محمد جمالي (مورو 16- نومبر 1989ع) +جيترن ماڻهن اسان سان جيڪو تعاون ڪيو آهي، اسان ان لاءِ ٿورائتا آهيون. اڳتي به اهڙا پروگرام ڪندا رهنداسين.“ +مجلس جي صدر جناب آفتاب احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نواب شاهه، پنهنجا تاثرات بيان ڪندي چيو ته ”الاهي ڏينهن کان پوءِ مون کي اهڙي محفل ملي آهي، جنهن ۾ دل چوي ٿي ته ڏاڍو ڪجهه ڳالهايان. 1974ع کان پوءِ بيدل سان منهنجي ملاقات نه ٿي آهي. اڄ مون کي اُهي ڏينهن ياد اچن ٿا جڏهن مان ۽ بيدل ڄامشوري جي پٿرن، ميدانن، علامه آءِ- آءِ- قاضي جي مقبري ۽ انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ڪچهريون ��ندا هئاسين ۽ بيدل کان راڳ ٻڌندا هئاسين. مون اڄ صبح کان وٺي ٻيو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي، رڳو اهو انتظار ڪيو آهي ته شام ٿئي ته مان بيدل کي ٻڌان.“ +ان بعد راڳ رنگ جي محفل جي ڪاروائي رميش ڪمار هلائي. محفل ۾ فوزيه سومرو، حنيف لاشاري، خادم حسين سخيراڻي، اعجاز سولنگي، نعيم ميمڻ ۽ فقير محمد مستاني کان پوءِ بيدل مسرور، اياز جي نظم ”مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان.“ سان پنهنجي جديد سنڌي سنگيت جي شروعات ڪئي. بيدل جڏهن اياز جو نظم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ ڳايو ته سامعين خوب لطف حاصل ڪيو. بيدل ڪيترائي ٻيا نظم ڳائي ٻڌايا: فاشي ڪتا، سنڌ جي ڌرتي توتي، انقلاب انقلاب ڳاءِ انقلاب، جيجل ڪهڙي ٻيجل آندي، نه تڙ تي تماچي، کان علاوه نصير مرزاق جو نثر نظم خوشبوءِ جي سنگ سنگ ڳائي ڌرتي ۽ آڪاس کي مٺڙي ۽ من موهيندڙ آڳواز سان جهُمايو. آخر ۾ بيدل فجر مهل محفل جي پڄاڻي اياز جي نطم ”ڪو سورچ ٻاري اينداسين“ سان ڪئي ۽ سڀئي ٻڌندڙ جهومڻ لڳا. +- احمد سولنگي +”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت +شانتي پبليڪيشن بدين طرفان ”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت 6- ڊسمبر تي اسلاميه ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم ۾ ٿي، جنهن کي بدين شهر ۾ ٺاپرجي ويل ادبي سرگرمين کي ٻيهر تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ڪوشش به چئي سگهجي ٿو. +مهورت جي هن محفل جي شروعات علي احمد جمالي ڪمپيئرنگ سان ڪئي. اعلان کان پوءِ تاڙين جي گونج ۾ طارق عالم (مهورت ڪار)، پرمانند ڪنول (صدر تقريب) محمد صديق مرهم ملاح (مهمان خاص)، عبداللطيف زرگر (اعزازي مهمان خاص)، ليکڪ جي والد غلام حيدر ڪليار ۽ ليکڪ ضراب حيدر اسٽيج تي پنهنجون نشستون سنڀاليون ۽ تلاوت ڪلام پاڪ سان ابتدا ڪئي ويئي. +ان کان پوءِ طارق عالم ابڙي تاڙين جي گونج ۾ ڪتاب جي مهورت ڪئي. +طارق ’عاجز‘ ڀٽي چيو ته ”دوست ضراب حيدر جوهيءُ ڪتاب سنڌي ادبي ۾ يقيناً هڪ واڌارو آهي. سندس سموريون ڪهاڻيون ۽ مواد سندس ذاتي مشاهدي جا عڪس آهن، انهيءَ عمر ۾ ايترو مشاهدو ۽ تجربو مون کي اڄ جو نوجوان ۾ نظر نٿو اچي.“ +بعد ۾ عبدالله ملاح اسٽيج تي آيو، جنهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته: ”تخليق ڪهڙي به هجي، اُها تخليق ۽ ان جوجيڪو حسن آهي، اُهو دراصل تخليقار جو حسن آهي. موناليزا جي مُرڪ دراصل موناليزا جي سونهن آهي؛ رهجي ويل منظر جي سونهن دراصل طارق عالم ابڙي جي تخليق جي سونهن آهي، انگن چڙهيو انگ جي سونهن دراصل ضراب حيدر جي تخليق جي سونهن آهي.“ +ساگر سومري چيو ته ”هڪ سٺي آرٽسٽ ۾ جيڪي خوبيون هئڻ گهرجن، انهن جو اولڙو مون کي ضراب جي هن ڪتاب ۾ نظر آيو.“ +اسماعيل پٺاڻ چيو ته ”سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ اسان جي نوجوان دوست جي هيءَ جاکوڙ کيرون لهڻي.“ +ان دوران لاڙ جي جهوني شاعر عبدالمبين پنائي کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جنهن پنهنجي لفظن ۾ ماروئڙن، جهانگيرئڙن ۽ سانگيئڙن جي دردن جي خوب عڪاسي ڪئي هئي. +ليکڪ جي والد محترم غلام حيدر ڪليار چيو ته ”دنيا ۾ سچ چوڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ دنيا ۾ سچ کي جنم ڏيڻ به وڏو ڏوهه آهي. ضراب کي زبان الله تعاليٰ ڏني، مون کيس صرف جرئت ڏني ته سچ لک ۽ سچ تي سينو ساهي لک.“ +اعزازي مهمان خاص عبداللطيف زرگر چيو ته ”ضراب جي ڪهاڻين ۽ ڊائريءَ جي ورقن ۾ جيڪي واقعا ۽ مشاهدا آهن، سي اڄ جي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا.“ +خاص مهمان سائين محمد صديق ’مرهم‘ ملاح چيو ته ”هيءُ ڪتاب پڙهڻ سان مون کي ڀٽائيءَ جو سڄو سُر يمن +ڪتاب ”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت جي موقعي تي طارق عالم، پرمانند ڪنول، ضراب حيدر، ڪليار، طارق عاجز ڀٽي، ساگر سومرو، عبدالله مل��ح ۽ عبداللطيف زوگر ڳالهائي رهيا آهن. +(بدين -6 ڊسمبر 1989ع) +ڪلياڻ ٿو ياد اچي. سڄو يمن ڪلياڻ- جنهن ۾ جذبو آهي، درد آهي، اپيل آهي. ضراب جي ڊائريءَ جو هر ورق هڪ ننڍي ڪهاڻي آهي، اِهو هڪ مشڪل ڪم آهي.“ +ان کانپوءِ پرمانند ڪنول صدارتي تقرير ڪندي چيو ته ”جيتوڻيڪ ضراب جي عمر تمام ننڍي آهي، پر سندس تجربي، ڀوڳنا ۽ احساس جو ڪينواس تمام وڏو آهي. سندس ڪهاڻين ۽ ڊائريءَ جي ورقن ۾ اصولن جي ٻٽاڪ هڻندڙ سماج جي اندرين کوکلائب ۽ منافقت جو احتساب نظر اچي ٿو.“ +بعد ۾ ليکڪ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”جيستائين زندگي ۽ قلم منهنجو ساٿ ڏنو، تيسين پنهنجي ڌرتي ۽معاشري جي اوڻاين خلاف قلم جي جنگ جاري رکندس.“ +هن پُربهار تقريب جو اهم مهمان، سنڌ جو مڃيل ڪهاڻيڪار ۽آرٽسٽ طارق عالم تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج تي آيو. ليکڪ ۽ ڪتاب تي ڳالهائيندي هن چيو ته ”ليکڪ ڪڏهن به ڪوڙو ڪونهي ٿيندو. ڪوڙ هميشـﮧ پوڙهو هوندو آهي ۽ سچ هميشـﮧ جوان هوندو آهي ۽ سچ چوڻ وارو به هميشـﮧ جوان هوندو آهي. ليکڪ هميشـﮧ سچ چوندو آهي ۽ اُن جي لکڻي هميشـﮧ جوان هوندي آهي. ضراب حيدر به نوجوان آهي، هو پنهنجين لکڻين ۾ سدائين جوان رهندو.“ +- ”طارق“ عاجز ڀٽي +ادل سومرو سان رهاڻ +14- ڊسمبهر 1989ع تي، سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو پاران نئين ٽهيءَ جي نمائدن شاعر ادل سومري سان هڪ خوبصورت رهاڻ رچائي وئي. هاءِ اسڪول جي اسيمبلي هال ۾ نوجوان شاعر اياز جاني پروگرام جي ابتدا ڪئي. ڊاڪٽر غلام الرسول گهمري شاهه رحه سائينءَ جا بيت ٻڌايا. ان کان پوءِ صاحبِ رهاڻ کي ڀرپور تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج تي ويهڻ لاءِ سڏيو ويو. صدارت لاءِ اياز گل، مهمان خاص مختيار ملڪ، اعزاي مهمان خاص اسحاق راهي ۽ ساٿ لاءِ س. ق. س ضلعي لارڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري منڍار سولنگيءَ کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. +منڍار سڀني آيل مهمانن جا ٿور مڃيا، پوءِ ننڍڙي ياسر مقصود، ادل جي خوبصورت وائي ترنم ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو. جن اديبن ۽ شاعرن ادل جي فن ۽ شخصيت تي مضمون ۽ تاثر پڙهيا، تن ۾ عبدالغني مهر، مهر خادم، اڪرام ساگر عباسي، قاضي منظر، خليل عارف سومرو،امام راشدي،اشرف زمان پير چنڊامي، مقصود گل، شڪيل پريالوي، وحيد انصاري، پارس سنديلو،جوهر بروهي، ڪيلاش، گل حسن شاد گوپانگ، دوست راڄپر، امان شيخ، اختر درگاهي، سرڪش سنڌي، اسحاق راهي، مختيار ملڪ ۽ اياز گل شامل هئي. آخر ۾ صاحبِ رهاڻ شهر واسين جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي جيون جون ڪجهه يادون ۽ ڪجهه شاعري ٻڌائي. مقالن واري نشست ۾ ناصر مقصود، استاد بخاريءَ جو گيت ٻڌائي حاضرين کي مسرور ڪيو. شاعريءَ جي نشست جي صدارت لاءِ سرڪش سنڌي، خاص مهمان ’اختر‘ درگاهي ۽ اعزازي مهمان ’جوهر‘ بروهيءَ کي ادل سان گڏ اسٽيج تي ويهاريو ويو ۽ ڪمپيئرنگ منٺار سولنگيءَ ڪئي. اڪرام ’ساگر‘ عباسي، زخمي ڄام خان چانڊيو، منصور سيتائي، صاحبخان سورهيه ميراڻي، صابر پريمي، سڄڻ سيتائي، اياز جاني، وحيد انصاري، مهمدي شاهه، خليل لاکر، گل حسن ’شاد‘ گوپانگ اسد ڪٽپر، مهراڻ ڪٽپر، خليل عارف سومرو، عابد عارف الموليٰ، مقصود گل، ابراهيم خليل،منٺار سولنگي، مهر خادم، سلطان شاهه، دوست راڄپر، شڪيل پريالوي، علي دوست عاجز، سعيد عاقلي، ملنگ حيدري، عبيد ڪٽپر، منظر حيات، غلام محمد غازي، صدر ساغر دايو، متل جوڳي، ضمير ڦل، مشتاق ڦل، سلطان احمد شيخ، محمد بچل ’بيوس‘ سيتائي، پيرل ’پرديسي‘ سيتائي، چانڊيو الطاف ’آسي‘، مختار گهمرو، ملڪ آگاڻي، اياز گل، عبدالغفار ت��سم، منير سولنگي، جوهر بروهي، اختر درگاهي، ادل سومرو ۽ سرڪش سنڌي مشاعري ۾ حصو ورتو. +آخر ۾ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ غلام شبير سمون ۽ اختر درگاهي، ادل سومري ۽ ٻين جو ڪلام ٻڌايو. اهڙيءَ طرح صبح جو ڇهين وڳي هي يادگار پروگرام پڄاڻيءَ کي رسيو. +- امام راشدي +”ادل سومرو سان رهاڻ“- مقررين (کاٻي کان) ادل سومرو، اياز گل، مختيار ملڪ، مقصود گل، اسحاق راهي، سرڪش سنڌ، عبدالغفار تبسم، منٺار سولنگي، اياز جاني، خليل عارف سومرو. +(نئون ديرو- 14 ڊسمبر 1989ع) +مارو ڳڻن ساڻ، ويڙا ٿرئون اُڪري +سائين سنديلو صاحب +ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي +1990ع- جنوري جي ٻي تاريخ هئي، اڱاري جو ڏينهن هو، قريباً ٻارهين بجي جو وقت هو. آءٌ سوچي رهيو هوس ته فون ڪري سائين سنديلي صاحب کي ٻڌايان، ته شام اوهان وٽ ايندس، ڇاڪاڻ جو هفتو کن اڳ واٽ ويندي سائين مليو هو، ۽ مون ساڻس وعدو ڪيو هو ته 1- جنوري کانپوءِ اوهان سان ڪچهري ڪرڻ ايندس. اڃا انهيءَ ويچار ۾ هوس ته فون آئي. ڪو صاحب چئي رهيو هو، ته ڊاڪٽر سنديلو صاحب وفات ڪري ويو! اعتبار ڪو نه پئي آيو. ائين ڪندي محترمانيس انصاري جي فوج آئي، جنهن پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي. آخر ٻئي ڄڻا وڃي سنديلي صاحب جي گهر پهتاسون. ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا ۽ هرڪو اداس ۽ ملول نظر اچي رهيو هو. اسلم ميان مون کي ڀاڪر پائي ڍنڍڪران ڏيئي روئڻ لڳو. منهنجي دل به ڦِسي پيئي، پر انسان ويچارو ڪري ئي ڇا ٿو سگهي! +ٻي جنور يجي شام جو سائين سنديلي صاحب جي گهر تي ويٺو هوس، پر سائين سنديلو صاحب ڪونه هو. هو ڪڏهن ڪڏهن معآسري جون ناانصافيون، زيادتيون ۽ ڏاڍايون بيان ڪري چوندو هو: ”سنديلا ڪر صبر...“ ان شام جو سائينءَ جا اِهي لفظ منهنجي ڪن ۾ ٻري رهيا هئا. هاڻي ته هو صفا صبر ڪري، چپ چاپ، هن جهان مان هليو ويو هو. هو انهيءَ ڏيهه وڃي چڪو هو، جتان ڪو وريو ڪونهي، جتي آخر هر ڪنهن کي هلڻو آهي. تڏي تي ويٺي هيڏانهن ڏسان ته سائين سنديلي صاحب جو گهاٽو دوست، محترم عبدالغفور ڀرڳڙي اکين مان آب هاري رهيو هو. ڀرسان ئي محترم عبدالمنان چانڊيو روئي رهيو هو. مون کي ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪيئن هن ئي دڪيءَ تي ٻي بجي رات تائين سنديلي صاحب سان ڪچهريون ڪندا هئاسون، اهي روح پرور محفلون ڪي وسرڻ جون آهن.“ +اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين. +دنيا اچ- وڃ جو جهان آهي. ڪي ئي آيا، ڪي ئي ويا. پر ڪي ڪي انسان اهڙا به اچي گهڙيون گهاري ويندا آهن، جيڪي ويندي ويندي اڻ- مٽ نقش ڇڏي ويندا آهن. اهي پنهنجن ڪارنامن جي ڪري مرڻ کان پوءِبه زندهه هوندا آهن. اهڙين اڻ وسرندڙ شخيتن مان سائين سنديلو صاحب هو. هن اهي ماڻڪ ميڙي سنڌي زبان ۽ ادب ۾ اضافو ڪيو، جو جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب زنده آهي، تيستائين سنديلي صاحب جو نالو به ڳائبو رهيو. اهڙا ماڻهو روز روز پيدا نه ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن تي قومون فخر ڪنديون آهن. سائين سنديلي صاحب جي وفات سبب اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو پُر ٿيڻ جو نه آهي. هي اهو وکر ونڌيندڙ وينجهار هو،جنهن سنڌي ادب جو گهڻي ئي وڃايل وٿون واري هٿ ڪيون هيون. +ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي. +سوانح: محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 31- ڊسمبر 1919ع ۾ ڳوٺ ”محراب خان سنديلو“ ۾ تولد ٿيو. سندس والد جو نالو سهراب خان هو. سنڌي فائنل پاس ڪري، سنڌي پرائمري استاد ٿيو. انهيءَ وچ ۾ ڀائرن سان گڏ ڳوٺ مان لڏي اچي لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي ۾ رهيو. سندس گهر لڳ ”جلال“ نالي هڪ وڏو قابل سگهڙ رهندو هو، جنهن جي صحبت سائين سنديلي صاحب ۾ لوڪ ادب سان دلچسپي پيدا ڪئي. هن جلال سان ڪچهريون ڪ��ي ڏور- ڳجهارت جوگُنَ سکيو، ۽ لوڪ ادب قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين. سائين سنديلو صاحب پاڻ چوندو هو، ته لوڪ ادب ۾ سندس استاد لاهوري محلي جورهاڪو جلال کٽي هو. +سنديلي صاحب، پرائمري استاد، هيڊماستر ۽ اسڪولن جي صاحب جي حيثيت ۾ ڪيترائي ڳوٺ گهميا. جتي به ويو،اتي سگهڙن کي ڳولي انهن سان رهاڻيون ڪيائين ۽ انهن جي سينن ۾ محفوظ لوڪ ادب جو ذخيرو قلمبند ڪيائين. هو پاڻ ڪهي وڃي سگهڙن سان ڪچهريون ڪندو هو، ۽ انهن جو صدري خزانو ميڙي ايندو هو. نه فقط ايترو پر هو پنهنجن دوستن ۽ شاگردن جي ذريعي به لوڪ ادب جا املهه ماڻڪ سيڙارائي پاڻ وٽ گڏ ڪندو ويندو هو، ان کان پوءِ ان مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪري، سنواري سينگاري ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو رهيو. +سائين سنديلي صاحب پنهنجي سڄي حياتي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ گذاري. ان سان گڏ هو سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت به ڪندو رهيو. هو استاد به رهيو، ته پاڻ به تعليم حاصل ڪندو رهيو. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ وڏي محنت ڪري مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان سان گڏ ٽريننگ ڪاليج جا ٽي سال پاس ڪيائين. ان کان پوءِ بي. اي، ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هو پرائمري استاد ۽ پرائمري اسڪولن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ٿي رهيو. انهيءَ ملازمت دوران نه فقط لاڙڪاڻي ضلعي ۾، پر سانگهڙ ضلعي ۾ به رهيو. ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ استاد رهي، پرائمري استادن کي پڙهايائين. ان کان پوءِ ڪجهه وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد ٿي رهيو. 52- 1953ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج کليو، ته ان ۾ ليڪچرار ٿيو. ان وقت اڃا ايم. اي سنڌي جي آخري سال ۾ هو؛ پر سندس لياقتن ۽ صلاحيتن جي مدنظر کيس گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ سالن جا سال گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار ۽ پروفيسر ٿي رهيو. سيوهڻ ۾ ڪاليج قائم ٿيو، ته کيس پرنسپال ڪري موڪليو ويو، يعني گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ جو باني پرنسپال هو. جلد ئي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو. ان کان پوءِ 1974ع ۾ پي. ايڇ. ڊي. ڪيائين. 1979ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. ان کان پوءِ علمي ۽ ادبي صلاحيت ۽ لياقتن سبب کيس ”مجلس شوريٰ“ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1984ع ۾ ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ”تمغهء امتياز“ مليو. +تمغهء امتياز کان سواءِ کيس سچل ادبي ايوارڊ، پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ادبي انعام، راقم الحروف سان گڏ نائين- ڏهين جي سنڌي ڪتاب تي بهترين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ايوارڊ ۽ ٻيا انعام مليا. +سائين سنديلو صاحب لائق ۽ فائق استاد ۽ وڏو منتظم هو. هو وڏو داناءُ هو، ۽ کيس زندگي گذارڻ جو ڏانءُ هو. هو هر ڪم وڏي سياڻپ سان ڪندو هو، ۽ اڳ- پوءِ جانچي قدم کڻندو هو. انهيءَ ڪري هر وقت ڪاميابي سندس قدم چمندي هئي. کيس ٻئي مان ڪم وٺڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. هو هر ڪم لاءِ سوچي ويچاري، ان جي رٿابندي ڪندو هو. ان کان پوءِ ان رٿا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ خاموشيءَ سان قدم کڻندو هو. ان جو نه ڪنهن کي مَنجههُ ڏيندو هو، ۽ نه پاڻ پڏائيندو هو. هو انساني نفسيات جو وڏو ماهر هو، ۽ کيس ماڻهوءَ جي مزاج ۽ فطرت سمجهڻ جي ڏات حاصل هئي. هو ڳالهين ڳالهين ۾ ٻئي کان سندس اندر جو مَنجهُه زبان تي آڻائي ويندو هو. +سائين سنديلي صاحب جو اٿڻ ويهڻ ۽ هلڻ چلڻ جو ڍنگ ئي نرالو هو. هن جي هلڻ جي ڍار پرئون پڌري هوندي هئي. هو هوريان هلندو هو، پر سندس هلڻ جو انداز منفرد هو. هن جيڪي دوست بنايا، اهي ساڻس بيحد مخلص ۽ وفادار رهيا؛ ۽ توڙ تائين ساڻس نباهيائون. هن کي ماڻهوءَ کي سمجهڻ جي خداداد ڏات حاصل هئي، انهيءَ ڪري انهن سان نينهن جو ناتو رکيائين، جن ۾ خلوص، محبت، سچائي ۽ وفادري جو انگ ڏٺائين. جن سان دوستي رکيائين، انهن سان سچي ۽ پڪي دوستي رکيائين. +سائين سنديلي صاحب جي ڪچهريءَ جو انداز به نرالو هوندو هو. هو هر مانهوءَ سان سندس طبعي لاڙي ۽ ذهني معيار موجب گفتگو ڪندو هو، انهيءَ ڪري عام توڙي خاص ماڻهو کيس عزت جي نظر سان ڏسندا هئا. ادبي گفتگو ۾ به هو پنهنجي مخصوص اندا بيان ۽ طنزو مزاح وارن گفتن ۽ چوڻين ذريعي رنگيني ۽ رعنائي پيدا ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڪچهري مان علمي ۽ ادبي ڳالهيون به پرائبيون هيون، ته طبيعت ۾ سگفتگي به اچي ويندي هئي. +سادگي، سچيتائي، سنجيدگي ۽ خاموشيءَ سان ڪمڪرڻ سان سنديلي صاحب جي طبيعت جون خاص خوبيون هيون. هو سوچي سمجهي، چٻي چٿي ڳالهائيندو هو. گفتگو دوران چپي چپي تي پهاڪا ۽چوڻيون استعمال ڪندو هو. کيس سينگار جي بيتن سان تمام گهڻي دلچپسي هئي، ۽ کيس ڪيترائي سينگار جا بيت ياد هئا. هو ڳالهين ڪندي، اهڙو موضوع آڻي ويندو هو، جيئن هو سينگار جو بيت ٻڌائي، محفل کي پر رونق ۽ پر اثر بنائي. اهڙيءَ طرح محفل ۾ ويٺل احباب، سينگار جي بيت مان پورو پورو حظ حاصل ڪندا هئا، ۽ سنديلي صاحب جي ڄاڻ تي کيس داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا هئا. +سائين سنديلي صاحب سنڌي لوڪ ادب جي روح کي پنهنجي اندر ۾ سمايل هو؛ ۽ ان جي افاديت، اهميت ۽ سماجي ڪارج کان پوريءَ طرح باخبر هو. هن کي اها ڄاڻ هئي ته سنڌي لوڪ ادب، انساني مزاج ۽ فطرت جو آئينو آهي، 7 ان ۾ انسان جي جذبن، احساسن ۽ اڌمن جي عڪاسي ٿيل آهي. انهيءَ ڪري هن لوڪ ادب جي سچائيءَ کي نظر ۾ رکي، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنا تي ڪيتريون ئي چوڻيون پنهنجي طرفان جوڙيون. هو چوڻيون محفلن ۾ ٻڌائيندو هو ۽ ائين ظاهر ڪندو هو، ته هي چوڻيون هن پاڻ ‎ٺاهيون آهن. پر اسان سمجهي ويندا هئاسون، ته هي چوڻيون سندس تخليقي ذهن جون پيداوار آهن. +محترم ڊاڪٽر سنديلو صاحب انهن محققن مان آهي، جن سنڌي لوڪ ادب جي اهميت کي سمجهي، ان کي سهيڙي سموهي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. ان کان اڳ سنڌي لوڪ ادب ڏانهن ڪنهن جو ڌيان خير ڪو هو. البت سندس زماني ۾ سائين عبدالحسين شاهه موسوي سڳنڌ ۽سرهاڻ ۾ لوڪ ادب جي جهلڪ ڏيکاري؛ پر صحيح معنيٰ ۾ لوڪ ادب جو بنيادي ڪتاب سائين سنديلي صاحب جو ”وينجهار“ آهي، جنهن ۾ لوڪ ادب جي سمورين صفن جو مختصر مگر جامع تعارف ڏنو ويو آهي. لوڪ ادب تي تمام وڏو ڪم ڪندڙ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن ڪتاب جي تعريف ڪئي آهي. +تصنيفون:- محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پورهيت اديب هو. هن پنهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ زندگيءَ جونڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۾ به وڏي محنت، جهد ۽ جاکوڙ ڪئي، ته ادبي حيثيت حاصل ڪرڻ ۾ به پيار مان پورهيو ڪيو. هن ڪڻو ڪڻو گڏ ڪري، ادبي خزانو ٺاهيو، ۽ ان کي اهڙي سليقي سان پيش ڪيو، جو ان جي جوت جي جلوي، سنڌي زبان ۽ ادب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هت سندس تصنيفن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو: +وينجهار: سنڌي الوڪ ادب کي سهيڙڻ جي سلسلي ۾ اسان جي اديبن ۽ محققن جيڪي ڪوششون ڪيون آهن، اهي قابل قدر آهن. لوڪ ادب سهيڙي، سوڌي ۽ سنواري پيش ڪندڙن ۾ محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي اوليت جو شرف حاصل آهي. لوڪ ادب سلسلي جي شروعاتي ڪتابن ۾ +اِهي جن اُهڃاڻ، پانڌي پکي لڏسين +مارو ڳڻن ساڻ، ويڙا ٿرئون اُڪري +(شاهه) +سائين عبدالڪريم سنديلو +ولادت وفات +31- ڊسمبر 1919ع 2- جنوري 1990ع +جيتوڻيڪ محترم عبدالحسين شاهه موسوي جا ڪتاب ”سڳنڌ“ ۽ ”سرهاڻ“ به پنهن��يءَ جاءِءَ تي وڏي اهميت رکن ٿا، پر سائين سنديلي صاحب جو ڪتاب ”وينجهار“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن ۾ لوڪ ادب جي سمورين صنفن جو فني تعارف ڏنو ويو آهي ۽ هر صنف جو چڱو چوکو مواد سهيڙي سلجهائي، سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ڊسمبر 1950ع ۾ ڇپيو. ان جو مهاڳ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي. +هي ڪتاب ان وقت ڇپيو، جڏهن سائين سنديلو صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جو استاد هو ۽ آءٌ ميٽرڪ ۾ پڙهندو هوس. هن ڪتاب ئي مون کي سائين سنديلي صاحب جي ويجهو آندو ۽ مون ۾ لوڪ ادب جي سهيڙ جو جذبو پيدا ڪيو. اهو ئي سبب هو، جو مون ”ذور“ جا بيت گڏ ڪري، سوڌي ۽ سنواري ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيا. هيءُ ڪتاب ”ڏور“ جينالي سان ڊسمبر 1961ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سائين سنديلي صاحب جي ڪتاب ”وينجهار“ سان گڏ ”ڏور“ به ايم- اي جي نصاب ۾ شامل ٿيو. ”وينجهار“ جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته جولاءِ 1963ع ۾ ان جو اٺون ڇاپو ڇپيو.ان کان پوءِ به ڪي ئي ڇاپا هن ڪتاب جا ڇپيا. ”ڏور“ به چار ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. +تحقيق لغات سنڌي +هونئن ته محترم سنديلي صاحب ادب جي هر صنف تي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، پر هن جا ٻه خاص موضوع هئا: لوڪ ادب ۽ لغت، جن لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. حياتيءَ جو سمورو وقت هو انهن موضوعن تي کوجنا ڪندو رهيو. لوڪ ادب گڏ ڪري، ان جي لغوي پگهلوءَ تي وڏي جاکوڙ ڪندو هو. ان لاءِ هن کي ڪيتريون ئي سنسڪرت، پراڪرت، پالي، عربي ۽ فارسي وغيره جون مستند لغتون اٿلائڻيون پونديون هيون. لفظن جي لغوي کناکيڙ منجهس سنڌي لغت تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ،جامع سنڌي لغات جو ڪم شروع ڪيو، ته محترم سنديلو صاحب به ريسرچ اسسٽنٽ طور ان جي عملي ۾ شامل ٿيو. سندس ارادو ٽي سال ڪم ڪرڻ جو هو، پر گهر کان دوريءَ سبب هڪ سال مس ڪم ڪري سگهيو. هن 1952ع- 195ع ۾ جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۾ ڪم ڪيو. ان کان پوءِ هو موٽي تعليم کاتي ۾ آيو، پر سنڌي لغات تي تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. سندس جهد، جاکوڙ ۽ پيار جي پورهئي جو نتيجو 1955ع ۾ ”تحقيق لعات سنڌي“ جي نالي سان پڌرو ٿيو. +سنڌ جو سينگار +هيءُ ڪتاب لوڪ ادب جي صنف سينگار بابت آهي. ۽ 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. شروع ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان سان مهاڳ آهي، جنهن ۾ سينگار شاعريءَ جي وصف جامع انداز ۾ بيان ڪيل آهي. +ا ن کان پوءِ سينگار جي شاعرن جهڙوڪ: جلال کٽي، سليمان، ڪنڀار، صابر، موچي عارف شاهه، چاڪر خان ۽ شاهه محمد ديدڙ جا سينگار جا بيت ڏنا ويا آهن. شروع ۾ هر شاعر جو مختصر تعارف به ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو معنيٰ ۽ شرح تي مشتمل آهي. سينگار جي بيتن ۾ ڪيترين ئي ٻين ٻويلن جا لفظ آيل آهن. سنديلي صاحب انهن لفظن جي اصل نسل جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن جو بنياد ڏنو آهي ۽ معنيٰ سمجهائي آهي. نه فقط ايترو پر ڪن فقرن، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي معنيٰ ۽ مطلب به بيان ڪيو اٿس. هيءُ ڪتاب سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت جو انمول خزانو آهي ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ لاءِ اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. +ڏهس نامو: +”ڏهس نامو“ به لوڪ ادب جي صنف آهي ۽ سينگار شاعريءَ سان تعلق رکي ٿي. هن ڪتاب ۾ سائين سنديلي صاحب ڏهس نامي جا بيت ڏنا آهن ۽ انهن ۾ آيل انوکن ۽ ٻين ٻولين جي لفطن جي معنيٰ ۽ جڙ آندي آهي. ڏهس جا بيت به سينگار جا ئي بيت آهن، پر هنن بيتن جي خاص خوبي هيءَ آهي ته هنن ۾ ڏهه، تشبيهون آنديون وينديون آهن، يا مختلف ٻولين جا هم معنيٰ ڏهه لفظ آندا��يندا آهن. +سچل لغات: +سنديلي صاحب، سنڌي لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، هي ڪتاب به ان جي هڪ ڪڙي آهي. حضرت سچل سرمست جي رسالي ۾ جيڪي انوکا الفاظ آيل آهن، هن ڪتاب ۾ انهن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. دستور موجب سنديلي صاحب هر لفظ جو بنياد به ڏنو آهي. ان سان گڏ ڪن صوفيانه اصطلاحن ۽ فقرن جي معنيٰ به سمجهائي آهي. هي ڪتاب سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور طرفان 1984ع ۾ ڇپيو. +ساميءَ سنديون سپون: +هن ۾ سنڌي زبان جي بلند پايه ويدانتي شاعر ساميءَ جا چونڊ سلوڪ ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪل 200 آهن. ٻيو حصو ”معنيٰ ۽ مطلب“ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ڏکين لفظن جي معنيٰ سمجهائي ويئي آهي. ان سان گڏ هر لفظ جو بنياد به ڏنو ويو آهي. نه فقط ايترو، پر سلوڪن جي ڪن سٽن، فقرن ۽ ويدانتي وائين جي سمجهاڻي به ڏني ويئي آهي. معني ۽ شرح اهڙي اناز سان ڏني ويئي آهي، جهڙي نموني آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جي شعر جي ڏني آهي. +سائين سنديلو صاحب هميشـﮧ چوندو رهندو هو ته آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪ هندو ٿي ڪري شاهه لطيف جي شعر جي نهايت سهڻي نموني ۽ وضاحت سان معنيٰ ۽ شرح ڏني آهي. هجي ڪو مسلمان محقق، جيڪو ساميءَ جي سلوڪن جي اهڙي انداز سان معنيٰ ۽ شرح لکي. ان مان ائين لڳندو هو، ته سائين سنديلي صاحب جي دلي خواهش آهي، ته هو ساميءَ جي سلوڪن جي اهڙي ئي معنيٰ ۽ شرح لکي، جهڙي آنجهاني گربخشاڻيءَ شاهه جي شعر جي لکي آهي. پر ڪم ڏاڍو ڪٺن هو، تڏهن به هوريان هوريان ڪندو رهيو. افسوس جو اهو سمورو ڪم ته پورو نه ٿي سگهيو، پر جيڪي ڪجهه ٿي سگهيس، اهو هن ڪاب ۾ ڏنو اٿس. ڪتاب لاڙڪاڻي مان 1975ع ۾ ڇپيو. +سامي ڌاتو ڪوش: +سائين سنديلي صاحب، ساميءَ جي سمورن سلوڪن جي معنيٰ ۽ شرح ته نه لکي، پر سلوڪن ۾ آيل انوکن ۽ ٻين ٻولين جي لفظن جي لغت مڪمل ڪري ورتي، جيڪا ”سامي ڌاتو ڪوش“ نالي ڪتاب ۾ پيش ڪيائين. هي ڪتاب لاڙڪاڻي مان 1978ع ۾ ڇپيو. لفظن جي معنيٰ سان گڏ انهن جو بنياد به ڏنو ويو آهي. +پهاڪن جي پاڙ: +هن ڪتاب ۾ سنڌي پهاڪن جو وچور آهي. سنديلو صاحب سنڌي پهاڪن جي اصل ۽ پس منظر بابت ورهين کان کوجنا ڪندو رهندو هو. پنهنجي ورهين جي پيار جي پورهئي کي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو اٿس. هر پهاڪي جي وجود ۾ اچڻ بابت جيڪو واقعو، پس منظر، روايت ۽ تاريخي حڪايت کيس معلوم ٿي سگهي آهي، اها بيان ڪئي اٿس. يعني پهاڪن بابت هي روايتي نوعيت جو ڪتاب نه آهي، جنهن ۾ پهاڪي جيمعنيٰ ڏيئي، ان جو استعمال ڏنو ويندو آهي. پر هر پهاڪي بابت تحقيق ڪري، پنهنجو تحقيقي نتيجو ڏنو اٿس. انهيءَ ڪري هي ڪتاب سنڌي ثقافت جو ڄڻ آئينو ٿي پيو آهي. +هي ڪتاب لاڙڪاڻي مان پهريون ڀيرو 1966ع ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ سنڌي زبان جا سمورا پهاڪا ته نه آهن، پر اهي پهاڪا آهن، جن جي اصليت جي هُو تحقيق ڪري سگهيو. هي ڪتاب تازو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. +اصلاحن جي اصليت: +هن ڪتاب ۾ اصطلاحن جي اصليت بابت ڪيل تحقيق پيش ڪئي ويئي آهي. هي به روايتي قسم جو اصطلاحن جو ڪتاب نه آهي، پر هر اصطلاح بابت جاکوڙ ڪري ان جي لغوي ۽ معنوي پهلو جي اصليت بيان ڪري، اصطلاح جي معنيٰ سمجهائي ويئي آهي. شروع ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان هيٺ اصلاح جي وصف، افاديت ۽ تاريخي حيثيت بيان ڪئي ويئي آهي. سنڌي زبان ۾ هزارين اصطلاح ملن ٿا، پر هن ڪتاب ۾ فقط اهي اصطلاح آندا ويا آهن، جن بابت سائين سنديلي صاحب تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي ۾ 1987ع ۾ ڇپيو. +لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو: +هي ڪتاب سائين سنديلي صاحب جي پي- ايڇ- ڊي جو ٿيسز آهي، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان 1986ع ۾ ڇپيو. سنديلي صاحب 1973ع ۾ هي تحقيقي ڪم مڪمل ڪري، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ پيش ڪيو. ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: پرولي، ٻهڳڻ جا ٻول، هنر، دراهو، ست سري، سينگار، ڏهس، ڏور، مناظرا، مداحون ۽ مناجاتون معجزا، ٽيهه اکريون، مولود، لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻين جو تحقيقي جائزو ڏنو ويو آهي. هر صنف جي وصف، فني سٽا ۽ تاريخي ارتقا ڏيئي، هر جنس مان نمونو ڏنو ويو آهي. شروع ۾ لوڪ ادب جي وصف تي روشني وڌي اٿس. ڄاڻايو اٿس: +لوڪ ادب کي نج دهقاني ادب به چئي سگهجي ٿو. اهو لوڪ ادب ئي آهي، جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي، جا ڪنهن به وقت انهن ئي انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هي عوامي احساسن ۽ جزبن، اُمنگن ۽ اُڌمن جي پونجي آهي، جا دميل ديڳ جيان لوڪ ادب جي جملي جنسن (صنفن) جوهڳاءُ ۽ هڳسان ڏيندي پئي رهي آهي.“ +لاڙڪاڻي ضلعي جي بلند پايه عوامي شاعرن جو ڪلام: +محترم سنديلي صاحب ايم- اي لاءِ ”لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، جيعنوان سان تحقيقي مقالو لکيو هو، جيڪو اڃا تئاين شايع نه ٿيوآهي. انهيءَ زماني ۾ سنديلي صاحب لاڙڪاڻي ضلعي جي شاعرن جو ڪلام به گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٽن باڪمال ۽ عوامي شاعرن حسين ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ ۽ حاجي خانڻ چنجڻي جو ڪلام گڏ ڪري، ڪليات حسين ديدڙ، ڪليات شاهه محمد ديدڙ ۽ ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي جي نالن سان سهيڙي سموهي، سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنائين. هي ٽيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هر ڪتاب جي شروع ۾ مقدمو آهي، جنهن ۾ شاعر جي مختصر سوانح حيات ڏني ويئي آهي، ۽ ان جي ڪلام جي فني، لغوي ۽معنوي خوبين ۽ خصوصيتن تي روشني وڌي ويئي آهي. نه فقط ايترو پر ان جي ڪلام جو ٻين شاعرن جي شعر سان تقابلي مطالعو به ڏنو ويو آهي. +مختلف ڪلاسيڪي ڪتابن جو رهبر: +سائين سنديلي صاحب استادن ۽ شاگردن جي سهوليت لاءِ مختلف ڪلاسيڪي نثر توڙي نظم جي ڪتابن جا رهبر به لکيا؛ جهڙوڪ: رهبر ديوان گل، رهبر روح رهاڻ، رهبر سي ڪوهستان وغيره. هنن ڪتابن ۾ اصل ڪتاب/ شعر جو مفهوم نهايت چٽائيءَ سان سمجهايو ويو آهي. ايتري قدر جو ديوان گل جي شرح لکندي هر غزل جو بحر- وزن به ڏنو اٿس. +انهن کانسواءِ سنديلي صاحب درسي نوعيت جا ٻيا به ڪتاب لکيا، جهڙوڪ: علم بديع، انگي اصول، تاريخ سنڌ، اسلامي تاريخ، وغيره. +مڪليءَ جو سير: محبوب علي چنه مرحوم ڪنهن زماني ۾ مڪليءَ جي مقام تي وڃي، اُتي مدفون بزرگن، عالمن، حاڪمن ۽اميرن جي قبرن جا ڪتبا نوٽ ڪيا هئا، ۽ پنهنجي تحقيق جو نتيجو قسط وار ماهنامه ئين زندگيءَ ۾ ڇپايو هو. سنڌي ادبي بورڊ جي چوڻ تي سائين سنديلي صاحب اهي قسطون ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيون. اهو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. +درسي ڪتاب: +سائين سنديلو صاحب، محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا، سائين قادر بخش شاهه مرحوم، راقم الهروف ۽ بيا ڪجهه دوست بيورو آف ڪريڪيولم جي نظرثاني ڪاميٽيءَ جا ميمبر هئاسون. اسان ڪيتريون ئي ميٽنگون ڪري، پهرين جماعت کان ڏهين جماعت تائين سمورن سنڌي ڪتابن تي نظرثاني ڪئي. نظرثاني وقت سائين سنديلو صاحب ڏاڍا مفيد مشورا ڏيندو هو. ڪتاب جي سبق جي عبارت پڙهي، ان کي بهتر بنائڻ لاءِ ويچار ڪندا هئاسون، ته سائين سنديلو صاحب چوندو هو: ”ان کي رَندي جي ضرورت آهي.“ يعني اها عبارت موزون نه آهي، پر ان ۾ کاري ڦير ڦار ڪري، ان کي سنواري، سينگاري شاگردن جي ڏانوَ جهڙو بنائڻو آهي. ”رَندو هڻڻ“ سندس مخصوص اصطلاح هوندو هو، جيڪو نظرثانيءَ جهڙيءَ ٿڪائيندڙ ڪم ۾ شگفتگي پيدا ڪندو هو. +نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ کانسواءِ سائين سنديلي صاحب، محترم ڊاڪٽر الانا صاحب ۽ راقم الحروف گڏجي نائين- ڏهين ڪلاس جو سنڌي ڪتاب به لکيو، جنهن کي پاڪستان جي سڀني ٽيڪسٽ بوڪ بورڊن جي ٽيڪسٽ بوڪس ۾ ”بهترين ٽيڪسٽ بوڪ“ قرار ڏنو ويو. گذريل سال اسان کي هڪ تقريب ۾ ان جو انعام به ڏنو ويو، جيڪا وفاقي وزارت تعليم ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ طرفان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. +تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا: +سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب جي سلسلي ۾ سنديلي صاحب ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا لکيا، جيڪي وقت بوقت ماهنامه عام راءِ، نئين زندگي، اديب سنڌ لاڙڪاڻه، سه ماهي مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. انهن مان ڪن مضمونن ۾ لوڪ ادب جي بيتن جي لغوي پهلوءَ تي روشني وڌي اٿس، ڪن ۾ گمنام شاعرن جو تعارف ڏنو اٿس، ۽ ڪن ڪتابن ۾ آيل لفظن جي معنيٰ تي تنقيدي بحث ڪيو اٿس. +اسلوب بيان: +سائين سنديلو صاحب هڪ مخصوص اسلوب بيان جو مالڪ هو. هن پنهنجو اسلوب بيان پاڻ جوڙيو ۽ ٺاهيو، ۽ ان ۾ هن ڪنهن جي تقليد يا پيروي نه ڪئي. هو ٺيٺ سنڌي لفظ ڏاڍي سهڻي نموني استعمال ڪندو هو ۽ تجنيس حرفي ۽ تڪ بندي ذريعي تحرير ۾ رنگيني، رواني ۽ اثر انگيزي پيدا ڪندو هو. جنهن به موضوع تي لکندو هو، لفظ به ان جي مناسبت سان آنيندو هو. سينگار جي بيتن تي لکندو، ته سينگار جي شاعريءَ وارو انداز بيان اختيار ڪندو هو؛ لغت تي لکندو، ته لغت جي علم واري اسلوب سان لکندو هو. يعني سندس اسلوب بيان مضمون جي موضوع سان هم آهنگ آهي. +سنديلي صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، انهن جي مهاڳ تي گهڻو ڪري ”ٻه اکر“ عنوان ڏنو اٿس. ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتابن جي مهاڳ جو عنوان ”مقدمو“ آهي. سنديلي صاحب جي ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ طويل نه آهي. ”ٻه اکر“ جي معنوي نسبت سان ٿورن لفطن ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪيو اٿس. هن مختصر مگر معنيٰ دار عبارت ۾ موضوع جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. البت ڪٿي ڪٿي تسنگي جو احساس ٿئي ٿو. +سنديلي صاحب پنهنيج تحرير ۾ گهڻو ڪري ٺيٺ سنڌي لفٽ ڪتب آندا آهن، ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن مان علمي ۽ فني اصطلاح جوڙيا آهن، جهڙوڪ: کناکيڙ، اُکري ڀڃ، جَڙَ، پاڙ وغيره. ڪٿي ڪٿي ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ موزون عربي ۽ فارسي لفظن جو حسين امتزاج پيش ڪيو اٿس. گهڻو ڪري اهي عربي ۽ فارسي لفظ استعمال ڪيا اٿس، جيڪي عام طرح سنڌي تنقيد ۽ تحقيق ۾ آندا وڃن ٿا، مثلاً: تتبع، متاثر، خاڪو، نمايان، بلند خيالي، ذوق وغيره. اهڙن فني لفطن کان سواءِ ٻيا لفظ به سهڻي نموني آندا اٿس، جهڙوڪ: تاهم، ماحول، فضا، الفاظ وغيره. +مطلب ته سنديلي صاحب جي عبارت ۾ رس، رچاءُ، دلڪشي ۽ شگفتگي آهي. هن خالص علمي موضوعن تي لکندي به عبارت ۾ رنگيني ۽ رعنائي پيدا ڪري، قاريءَ لاءِ دلچسپي پيدا ڪئي آهي. +ba + + +آه! ڊاڪٽر سنديلو! +(از: محمد پنهل ڏهر) +مارچ 1989ع ۾ مون ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب کي هڪ خط لکيو. پاڻ ان جي جواب ۾ 23- مارچ 1989ع تي لکيو اٿن: ”اوهان جو قربن ڀريو ڪاغذ پهتو. مهرباني. جواب ۾ دير ٿي آهي. علاج سانگي ڪراچي ويو هوس. اوهان اپريل ۾ اچي سگهو ٿا، پر پهريائين اوهان ٻڌايو ته ڪڏهن اچڻ چاهيو ٿا ته جيئن آءٌ هت هجان. جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو مواد،ل هنر،دراهو، سينگار ۽ ڏهس وغيره هجي ته نموني خاطر هڪ هڪ بيت موڪليندا. اميد ته باعافيت هوندا.“ +ان بعد مون ٻيو خط لکيو. پروگرام 16- اپريل تي وڃڻ جو هو، پر وڃي نه سگهيس، ان ڪري ڊاڪٽر صاحب وري خط لکي مون کان ان بابت معلوم ڪيو. مون کين اطلاع ڏنو ته منهنجو والد فوت ٿي وي�� آهي، ان ڪري آءٌ اچي نه سگهيس. موٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب لکيو ته: +هرڪو ڇڏيندو لوءِ، +ڪو اڳي ڪو پوءِ! +اڄ ڊاڪٽر صاحب جي وفات جي خبر ريڊيو تان ٻڌم ته اکين آڏو انڌارو اچي ويو. سندن لکيل خط، سندن ڪتاب، سندن مواد جي تلاش ۾ دلچسپي- مطلب ته ساڻن لاڳاپيل هر هڪ چيز اکين آڏو تري آئي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي 31- ڊسمبر 1919ع تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم ورتو. پوري زندگي تعليم تدريس ۽ تحقيق سان وابسته رهيا. ڊاڪٽر صاحب ٻه ڊزن کن ڪتاب لکيا، جي لغت، سنڌي ٻولي، شعر ۽ لوڪ ادب بابت آهن. سندن اڪثر ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيا، جنهن جي گورننگ باڊيءَ جا ڪافي ورهيه پاڻ ميمبر به رهيا. مشهور ڇپيل ڪتاب هي آهن: ساميءَ سنديون سپون، ڏهس مانو، سامي ڌاتو ڪش، سچل لغات، وينجهار، سنڌ جو سينگار، تحقيق لغات سنڌي، ڪليات شاهه محمد ديدڙ، ڪليات حسين ديدڙ، ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي، اصطلاحن جي اصليت ۽ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو. +سندن پويون ڪتاب ڊاڪٽوريٽ جو مقالو آهي جو سنڌالاجي شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر سنديلي مرحوم سنڌي ادبي بورڊ جي ”جامع سنڌي لغات“ اسڪيم ۾ به ڪم ڪيو، ته رسالي ”مهراڻ، جي ادارتي ڪميٽيءَ سان به ٽي سال (1986- 1988ع) لاڳاپيل رهيا. سنديلي صاحب جي ڪتبخاني ۾ ”نگيران سنڌ“ فارسي به آهي، جو سنڌ جي تاريخ بابت هڪ اهم قلمي ڪتاب آهي. ان کان علاوه ٻيا به قيمتي ڪتاب سندن ذخير ۾ موجودآهن. ڪتابن کان علاوه پاڻ تحقيقي مقالا به لکيائون، جن مان اڪثر ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيا آهن. +ba +منهنجو ملڪ ملير ]تعزيت نامو[ +استاد محمد جمن جي ياد ۾ نصير مرزا +استاد محمد جمن جو فني سفر، سُر نگريءَ ۾ هڪ تنها ماڻهوءَ جو سفر آهي. +محمد جمنجو فني سفر هڪ اهڙي ’نئي نواز‘ فنڪار جو سفر آهي، جيڪو ڳلي ۾ سُر ۽ چپن تي بانسري رکي راڳ- نگري ۾ درديلا آلاپ الاپيندو اهڙو داخل ٿيو جو وري موٽي واپس گهر نه ويو. محمد جمن جا وڏا بلوچستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ’ڪنڊ جهنگ‘ ۾ آبا هئا ۽ ناناڻا شاهه بلاول نوراني جا فقير هئا، ۽ لاهوت لامڪان جي جبلن ۾ رهندڙ هئا. محمد جمن جو والد ۽ والده سندس ناناڻين وڃي رهيا هئا، ته واٽ تي ’سوڙهه‘ نالي واري ڳوٺ ۾ محمد جمن جو جنم ٿيو، ۽ اهو ڏهين آڪٽوبر 1935ع جو هڪ روشن ۽ خوشگوار ڏينهن هو. محمد جمن جو نالو، جيڪو دنبوري ۽ سرندي تي سُرن جي ورکا ڪندو،خوشيون ملهائيندو رهيو. محمد جمن جو ننڍپڻ انهن ئي پهاڙي پيچرن تي رانديون ڪندي، ڳائيندي گذريو پئي ته هن جو والد لڏي اچي لالو کي ڪراچي ۾ قيام پذير ٿيو. الوائي ڪهڙي گهڙيءَ ۾ هن کي پور پيو جو پنهنجي بانسري نواز پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندو، هو ريڊيو پاڪستان آيو ۽ کيس پهرينءَ آڊيشن ۾ ئي بطور راڳي پاس +يار! ڏاڍي عشق آتش لائي آ. +سنڌ جو سدا بهار فنڪار +استاد محمد جُمن +پيدائش وفات +10، آڪٽوبر 1935ع 24، جنوري 1990ع ڪيو ويو ۽ سندس آواز هوائن ۾ گونجڻ لڳو. 1955ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن شروع ٿي ته محمد جمن جي تازي شادي ٿيل هئي. هومينديءَ هاڻن هٿن ۾ بانسري چپن تي رکي وڄائيندو ريڊيو اسٽيسن ۾ داخل ٿيو، ۽ شهرت جي ڏاڪڻ تي پير رکندو بطور گائڪ ۽ موسيقار، ايترو مٿي هليو ويو جو کيس پاڪستان جي هڪ وڏي صدارتي اعزاز ”تمغئه حسن ڪارڪردگي“ سان 1980ع ۾ نوازيو ويو. +سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ سٺ وارو ڏهاڪو محمد جمن جي ستاري جي چمڪڻ جو ڏهاڪو آهي. محمد جمن پنجويهن سالن جو ڦوهه جوان هو ۽ سنڌ ۾ موسيقيءَ جي محفلن تي ماٺار ڇانيل هئي. هڪ- اڌ کي ڇڏي، سڀ خانصاحب يا ته ازلي موسيقار ڏانهن وڇي چڪا هئا، يا مسند ڇڏي، پر لوڪ پڌارڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. هي اهو زمانو هو، جڏهن ريڊيو ذريعي موسيقيءَ جي هڪ نئين دؤر شروع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. موسيقي، جيڪا اڳ صرف وڏن وڏن زميندارن ۽ امير خاندانن جي لاءِ ’سويٽ ڊش‘ هئي، هاڻي ريڊيو ذريعي ان کي گهر گهر جهنگ جهر تائين پهچائڻو هو.... ۽ اهو اهم ڪم ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کي گڏجي ڪرڻو هو. +محمد جمن کان اڳ خالص ڪلاسيڪل انداز ۾ ڪافي ڳائي ويندي هئي. اهڙي انداز سان راڳي، ڪافي جا ٻول ڳائيندا هئا، جو ان ۾ تان، پلٽي ۽ گُمڪ جو رس هر حال ۾ شامل هوندو هو. ڄاڻڻ گهرجي ته گائيڪي جو اهو انداز صرف راڳ جي پارکن لاءِ ئي دلچسپ هوندو هو. محمد جمن جي جدت پسند طبيعت جو اهو ڪمال هو، جو هن ڪافي گائيڪي جي ان ڪلاسيڪل انداز ۾ نوان رنگ، نوان احساس، هوا جي خوشبوءَ ڀرر لهر سان ملائي، انهن کي هلڪين ڦلڪين ڌنن، بندشن ۾ آڻي، عوامي مزاج مطابق ترتيب ڏئي ان کي هڪ پسند بنائي ڇڏيو. ائين ڪندي هن جيڪي ڪافيون ’ڪمپوز‘ ڪيون، اڄ ڪنهن کي ياد نه هونديون؟ ’منهنجو ملڪ ملير‘، ’زاري ته زاري ڪوهيارل سان‘، ’پيچ پُنهل مون سان پائي‘، ’سِگهڙا آوين سانول يار‘، ’روئندي عمر نڀائي‘، ’انت بحر دي خبر نه ڪائي‘، ’مون سان ڏاڍي ڪئي ڏيرن‘، ’راڻل تو بن رات‘، ’يار ڏاڍي عشق آتش لائي آ‘، محمد جمن جي گائيڪي جو اِهو هڪ اهم گڻ هو ته هُن پنهنجي فن کي نج سنڌي راڳ ۽ راڳڻين جي سهاري ’هر واسي‘ بنايو هو ۽ ان ڏس ۾ لطيف سائينءَ جي رسالي، هُن جي وِک وِک تي رهنمائي پئي ڪئي. هو اڪثر چوندو هو ته محمد جمن جو ڪجهه آهي، ’عظم لطيف جي ڪري آهي‘. محمد جمن هر وقت راڳ راڳڻين جي آميزش ڪري، نون رستن جي جاکوڙ ۾ لڳو رهندو هو ( ۽ بقول عابده پرين جي، ته هُن اها تلاش آخري وقت تائين جاري رکي). گائيڪيءَ جي فن ۾ هن ڪهڙي ڪهڙي نه ورائٽي ڏني، انوکيون ڌُنون ٺاهيون ۽ اهڙين راڳڻين ۾ وڃي ڪافيون ڪمپوز ڪيون جو ان کان اڳ اُن جو ڪو مثال ئي نٿو ملي. +سُر سرِيراڳ، رام ڪلي ۽ گُن ڪلي راڳڻيون ته شايد ئي اڳ ڪنهن ڳايون هجن. هُن لطيف سائينءَ جي هر سُر ۾ ساهه وجهي ڏيکاريو آهي. يمن ڪلياڻ (دوست پيهي در آيو)، سهڻي (ساهڙ سار لهيج)، راڻو (راڻلِ تو بن رات)، حُسيني (زاري تهزاري ڪوهيارل سان)- ان کانسواءِ ’پورب‘، ’پرڀاتي‘، ’آسا‘.. ۽ ائين محمد جمنجي فن جو وڏو ڪمال اهو به هو ته هن ئي پهريون دفعو ’ڪافي‘ کي ڪمپوزيشن ۾ آندو هو. ان کان اڳ ’ڪافي‘ محض ’ٺاڌوڻ‘ ۽ ٻولَ وڄائي ڳائي ويندي هئي. محمد جمن پهريون موسيقار هو، جنهن سنڌي ڪافي کي ڪمپوزيشن جي دڳ تي آندو ۽ انوکي ڳالهه اِها به ڪري ڏيکاري جو جنهن راڳ يا رڳڻيءَ مان ڪافي جي ڌن ترتيب ٿي ڏنائين ان جا انٽرويل پيس به ان ئي راڳ مان سازن ٿي وڄرايائين ٿي. ان کان اڳ اِها سهڻي روايت نه ڪار هئي ۽ نه مروج. سنڌ ۾ اِن انداز جي موسيقيءَ جو موجد فقط محمد جمن هو. اهڙي باڪمال فنڪار کي بيماريءَ جي زوال کان بچائڻ لاءِ قوم ڪيڏو نه دانهيو، ’ڪراءِ‘ ڪئي ته ان کان اڳ جو ذيابيطس جي اڏوهي محمد جمن کي کائي ختم ڪري ڇڏي، پرڏيهه ۾ ان جو علاج ڪرائي کيس بچايو وڃي. پر سڀ لاحاصل. اڪارٿ! ٺلها بيان ۽ آسرا نيٺ به کيس ڪيترو زنده رکي ٿي سگهيا.... +نيٺ 24- جنوري 1990ع تي عارفانه اسپتال ڪراچيءَ جي بيڊ نمبر 221 تان محمد جمن جي لاڏاڻي جي خبر يارهين وارين خبرن ۾ ريڊيو پاڪستان تان انائونس ٿي. هُن جي بيماري ۽ بينائي ختم ٿيڻ جي منادي ته سڀني فنڪار نواز ادارن جي ڪنن تائين اڳ ئي پهتل هئي. محمد جمن، جيڪو وڻندڙ صحت رکندڙ ۽ خوش گفتار شخص ه��، بيماري سبب محض هڏن جو ڍانچو وڃي بچيو هو ۽ ان ڍانچي مان جڏهن اکين واري روشني الوپ ٿيڻ لڳي، تڏهن کيس ڏسڻ سان لڳندو هو، ته ڪا اهڙي عمارت پيا ڏسون جنهن جون ڇتيون ڪري پيون هجن، جنهن جا در دروازا ڪو پٽي لاهي ويو هجي... پر حيرت هئي، محمد جمن جي ان خالي ڍانچي ۾ سُر سڀ سلامت هئا ۽ ان سُر جي سهاري تي هو هن سال لطيف جي ميڙي ۾ کٽ تي ويهاري آندو ويو هو. صرف مهينو کن اڳ هُن ’سچل عالمي ڪانگريس جي ميڙ‘ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهو ثابت ڪيو ته محمد جمن بي شڪ ڪمزور ٿي ويو آحي، هُن جي سُر ۾ ته وڏي سگهه موجود آهي. +1984ع ڌاري جڏهن محمد جمن سان مون بطور پروڊيوسر گڏجي ڪم جي ابتدا ڪئي ته هو بيماريءَ سبب ڪافي هيڻو هو. هن جي آڱرين ۾ کير جهڙن مڻڪن واري تسبيح هئي. چپن تي ورد، عذاب ثواب. اسڪينڊل ۽ عشق وارا سڀ زمانا هو پٺيان ڇڏي، بزرگيءَ جي ميمبر تي چڙهيو ويٺو هو. هن جي اکين ۾ هاڻي روشني ايتري ته جهڪي هئي، جو هو هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ بدران ڏينهن سڄو فنڪارن واري بيٺڪ ۾ گلم تي ويهي چوياري ڄمايو ويٺو هوندو هو. سڄو ڏينهن بيٺڪ ٻاهر نم جي وڻ مان پن ڇڻندا، اڏرندا رهندا هئا. نم جي لامن تي ڪانگ، ڪٻريون ۽ ڪوئل ڌملايو لات ويٺا لنوندا هئا ۽ اندر ڪمري ۾ محمد جمن ڏينهن سڄو لطيفا گوئي ڪندو ٽهڪ ڏيندو،داد لاءِ تاڙيءَ سان تاڙي ملائيندو، نت نيون ڌنون سوچيندو رهندو هو. لطيف سائينءَ کان سچل، سچل کان بيدل، بيڪس، ويندي پيرل پياسيءَ تائين هو سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ لاءِ عظيم الشان ڪم ڪري چڪو هو. ڏينهن سڄو هن کي ان جي داد ڏيڻ لاءِ هن جا ڪيئي فين هن کي تعريف جي ريشمي تندن ۾ ويڙهيندا رهندا هئا. +18- سيپٽمبر1989ع تي مون هن کي آخري دفعو ڏٺو هو. لطيف جي ميلي ۾ ڳائڻ لاءِ آيو هو ۽ آڊيٽوريم جي هڪ ڪمري ۾ پلنگ جي سفيد چادر مٿان پلٿي ماري، گنجيءَ گوڏ ۾ گوتم ٻڌ وانگر ويٺو هو. ڳلي ۾ تعويذ پاتل، ٻانهن ۾ امام ضامن. سندس راڳي پٽ شفيع محمد کيس پکو پئي هنيو. ڪالو فقير کيس پٺن تي هلڪا هلڪا زور ڏئي، کيس رليڪس پئي ڪيو. رات جو هن کي سهارو ڏئي آڊيٽوريم جي اسٽيج ويجهو آندو ويو، جتي هن کي لطيف تي پنهنجي زندگيءَ جي آخري پرفارمنس ڏيڻي هئي. مان هن جي ڀرسان هئس ۽ ڳالهين ڪندي هن جي هڪ ڏک ڀري اظهار مون کي فريز ڪري ڇڏيو. چيائين ته هن اسٽيج سامهون لطيف جو روضو آهي. ڪيڏو قهر آهي، مان اهو ڏسي نٿو سگهان. اچانگ هن جي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا. روضي ڏانهن منهن ڪندي، بي نور اکين سان ڏسندي چيائين: ”لطيف درشن ڏي. روشني ڏي.... صحت ڏي....“ اتي هن بي اختيار پنهنجو ئي لکيل بيت پڙهيو: +ڪميڻيءَ جي ڪاڪ تي سوڍا سار لهيج، +ناميا نام ڌڻيءَ جي، هن ويچاريءَ سان وهيج، +ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، اچي ڪاڪ ڪهيج، +راڻل تون رهيج، ته توسين جاليان جمن چوي. +جيون جالي، جيون دؤران سنڌ جي چپي چپي، ٻاهر روس افغانستان ۾ لکين ماڻهن جا من موهي، پٺيان زيب النساءِ، حسين بخش، علي احمد خاصخيليءَ جهڙا شاگرد ڇڏي، 24- جنوري 1990ع تي عارفانه اسپتال ڪراچي جي بيڊ نمبر 221 تان هوائن ۾ هليو ويو. پٺيان رئندڙ ڇڏيائين چار ٻار ۽ سڄي سنڌ. +محمد جمن جي وفات سان سنڌ موسيقيءَ جو هڪ اسڪول بند ٿي ويو. اهڙو اسڪول، جنهن جا شاگرد شايد ئي هن جي فني بلنديءَ تائين ڪڏهن پهچي سگهن، ان ڪري في الحال مان ائين چوڻ ۾ بلڪل حق بجانب آهيان ته: +”محمد جمن جو فني سفر، سُر نگريءَ ۾ هڪ تنها ماڻهوءَ جو سفر هو ۽ رهندو.“ +ba +ڏکڻ ايشيا ۾ قرآن شريف جو پهريون فارسي ترجمو حضرت مخدوم لطف الله ولد مخدوم نعمت الله صديقي هالاڪنڊي واري المعروف ب��ﮧ حضرت مخدوم سرور نوح رحه (1505- 1590) ڪرڻ فرمايو. انهيءَ ترجمي مان سورة الفاتحه جي ترجمي جو ڇپيل عڪس مٿي ڏجي ٿو. هي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ سال 1401هه (80- 1981ع) ۾ شايع ڪيو. + + + + + + + + + + + + + + + + + + +