diff --git "a/sindhiadabiboard.org/mehran/Book11.txt" "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book11.txt" new file mode 100644--- /dev/null +++ "b/sindhiadabiboard.org/mehran/Book11.txt" @@ -0,0 +1,3140 @@ +ڪتاب جو نالو: مهراڻ 1955ع + + + +مهراڻ 1955ع +غلام محمد گرامي +گذارش +ٻولي +”ٻوليءَ جي مفهوم ۾ ان جو ڳالهائجڻ ۽ لکجڻ ٻيئي شامل آهن. ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي انهن ٻن حيثيتن ۾ وڏو فرق آهي. ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، ٻولي ڦرندي گهرندي ٿي رهي: سندس اواز، اُچار، لهجو، لفظ ۽ انهن جون معنائون ڪي قدر هميشه بدلجنديون ٿيون رهن. هي جو چوندا آهن ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“ سو به ٻوليءَ جي انهيءَ ڳالهائجڻ واريءَ حيثيت کي خيال ۾ رکي ائين چوندا آهن. هڪڙيءَ ٻوليءَ جا هڪ کان وڌيڪ مقامي روپ، انهن مقامي روپن مان اڳتي هلي جدا جدا ٻولين جو ٺهڻ، ۽ اهڙيءَ طرح شروعات ۾ دنيا جي بنهه ٻن چئن ٻولين مان وڌي، اڄ جي صدها ٻولين جو وجود ۾ اچڻ- اهي سڀيئي، ”ٻوليءَ“ جي ڳالهائجڻ واريءَ حيثيت جا ڪرشما آهن. برخلاف ان جي، ٻولي، جي لکجڻ واري حيثيت، ٻوليءَ جي انهيءَ ڦيرگهير کي ڪافي حد تائين روڪي ٿي، ۽ ان ۾ هڪ قسم جي هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ٿي ڪري. هڪ دفعو، ٻوليءَ جي صورتخطي، سندس لفظن جي هجي ۽ معنيٰ، جملن جي ترتيب ۽ ان جا اصول، تحريري صورت ۾ قائم ٿي ويا، هڪ دفعو ڪنهن ٻوليءَ پنهنجو ادبي سرمايو تحريري صورت ۾ محفوظ ڪري ورتو، هڪ دفعو ڪنهن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن ان جي آئينده علمي ۽ ادبي ترقيءَ جا سامان، ۽ ان جي عام سکڻ ۽ سيکارڻ جا وسيلا پيدا ڪري ورتا- ته پوءِ ان ٻوليءَ گويا پنهنجو مستقبل دائمي طور محفوظ ڪري ورتو، ۽ پڻ چئبو ته پوءِ ان ٻوليءَ ۾ ڪنهن بنيادي تبديل يا بگاڙي اچڻ جا امڪان بنهه ختم ٿي چڪا. +سنڌي ٻولي، ۽ ان جا ڳالهائيندڙ +اسان جي موجوده سنڌي پنهنجي سر هڪ قديم ٻولي هجي يا نه، پر هوءَ هڪ قديم النسل ٻولي آهي، تنهن کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. عيسوي سن کان ٻه اڍائي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت ٻولي سنڌ (۽ هند) ۾ داخل ٿي. تنهن کان اڳ موهن جي دڙي جي سڀيتا جي ڪهڙي ٻولي هئي، ۽ ان سان اسان جي موجوده سنڌيءَ جو ڪهڙو ۽ ڪيترو لاڳاپو ثابت ٿي سگهي ٿو، ان متعلق فقط تڏهن ئي ڪي ڪجهه چئي سگهبو جڏهن موهن جي دڙي مان لڌل مهرن تي جيڪي حرف لکيل آهن تن جي پڙهڻ ۾، ۽ اهي حرف ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ان ٻوليءَ جي سمجهڻ ۾ دنيا جا عالم ڪامياب ٿي سگهن. بهرحال، سنڌيءَ جو سڌو سنئون بنياد، سنسڪرت کي ئي شمار ڪيو ٿو وڃي. اوائلي سنسڪرت بدلجي، وچولي درجي واريءَ سنسڪرت ۽ پوءِ آخرين قسم جي سنسڪرت جو روپ اختيار ڪيو: ان کان پوءِ پراڪرت جي مختلف قسمن مان هڪ قسم يعني اپڀرنش پراڪرت جي بگڙيل صورت، جنهن کي وراچڊ اپڀرنش چيو ٿو وڃي، وجود ۾ آئي: وراچڊ اپڀر نش ۾ وڌيڪ جو بگاڙو ۽ ڦيرو آيو، تنهن، اٽڪل يارهين صدي عيسويءَ ۾، اسان جي موجوده سنڌيءَ کي جنم ڏنو. اڄ خود سنڌيءَ جا ڇهه ست (نهايت هلڪا) مقامي روپ آهن، جهڙوڪ: اتراڌي، (ڪنهن حد تائين) سرائڪي، وچولي، لاڙي، لاسي، ٿري ۽ ڪڇي، ۽ سندس ڪل ڳالهائڻ وارن جو تعدا سٺ لک کن آهي، جيڪي پاڪستان ۾ سنڌ، خيرپور ۽ لس ٻيلي جي رياستن ۾، ۽ هوڏانهن هندستان ۾ بمبئي ۽ اجمير جي شهرن ۽ راجستان جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جهونا ڳڙهه وارن ڀاڱن ۾ پکڙيا پيا آهن. +سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا +”ملڪ“ جي ورهاڱي کان پوءِ، اٽڪل اٺ لک سنڌي هندو، سنڌ کي ڇڏي، هندستان ويا، ۽ اتان اٽڪل ٽي لک ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ جهوناڳڙهي ميمڻ ۽ ٻيا جن جي مادري ٻولي (فقط ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾) ڪڇي سنڌي آهي، سنڌ ۾ لڏي آيا آهن. انهيءَ دوطرفي لڏ پلاڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪي نهايت اهم ۽ مشڪل مسئلا پيدا ڪيا آهن، جن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڪڇ جي هڪ عوامي شاعر شري ڪاراڻيءَ، هتان کان اوڏانهن لڏي ويل سنڌين جي آجيان ۾، پنهنجي ڪڇي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ گيت چيو آهي، جيڪو اسان ”مهراڻ“ جي هن پرچي جي صفحي ( 000) تي شايع ڪري رهيا آهيون. ساڳيءَ ريت، جيڪڏهن ڪڇ کان هيڏانهن لڏي آيل پنهنجن سنڌي ڀائرن جي هتي اسين به اهڙي ئي قسم جي آجيان ڪيون، ۽ ان نموني سنڌ توڙي هند جا سڀ نوان ۽ پراڻا سنڌي گڏجي پنهنجي پنهنجي منهن، پنهنجي مادري ٻوليءَ جي خدمت ۾ لڳي وڃون، ته هوند سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهتيه جو مستقبل نهايت شاندار ٿي سگهي ٿو. جيئن هتي پاڪستان جي لس ٻيلي رياست جي ماڻهن جي جيتوڻيڪ مادري ٻولي سنڌي آهي، تنهن هوندي به تعليم کين اردو ٻوليءَ ۾ ڏني ٿي وڃي، تيئن هتي هندستان ۾ جيڪي ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ”سنڌي“ آهن، تن کي تعليم گجراتيءَ ۾ ڏني وڃي ٿي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو هيڏانهن لس ٻيلي جي سنڌي ڀائرن کي ۽ هوڏانهن ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ڀائرن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ملي. ان مان نه رڳو هنن جي تعليم سهنجي ۽ سڦلي ٿي پوندي، پر سنڌي ٻوليءَ کي به ڪي لک ماڻهن جا وڌيڪ لکڻ پڙهڻ وارا ملي پوندا، ۽ ٻوليءَ جي ادب ۾ به اضافو ٿيندو. اهو اسان جوئي فرض آهي ته ان لاءِ ڪو اهڙو آواز اٿاريون، جو اهي لاسي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ جهوناڳڙهي ڀائر، هت ۽ هت، انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪري، اسان سان ساٿ ڏين ۽ پنهنجي مٺڙيءَ مادري زبان لاءِ ڪجهه ڪن! +”ورهاڱي“ جي ڪري، جيڪي سنڌي سڄڻ ڀارت ۾ وڃي آسودا ٿيا آهن، سي به اسان وانگر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪاڻ ادب ۽ ساهتيه کي ميدان ۾ آڻي رهيا آهن. هنن جو نئون ماحول، جو گهڻو ڪري گجراتي، مرهٽي ۽ هندي ٻولين جو ماحول آهي، ضرور هنن جي ٻوليءَ تي، ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، پنهنجو اثر ڪندو. اسان وٽ به اردوءَ جو وايو مندل اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب تي اثر ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي گهڻگهرن لاءِ اهو به هڪ مسئلو آهي ته اهو اثر متان ڪن سالن جي عرصي کان پوءِ اهڙو گهرو ۽ اونهو ٿي وڃي، جو هتي جي سنڌي ٻولي، اردو، فارسي ۽ عربي لفظن جي گهڻي ٽنبجڻ ڪري، ڀارت جي سنڌي سڄڻن لاءِ ماڳهين اوپري ٿي پوي ۽ هتي جي سنڌي، هندي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين جي غير مانوس لفظن جي ڪري هتي اسان سنڌين لاءِ سمجهڻ کان ڳري ٿي پوي. ٻنهي طرفن جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن تي اهو فرض آهي ته ٻولي اهڙي لکن، جنهن ۾ ڌارين ٻولين جو اڻ سهائيندو، غير ضروري ۽ اجايو استعمال نه هجي، ۽ منجهس سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي سوڀيا ۽ سلوڻائي قائم رهندي اچي. نه رڳو اهو، پر هينئر ڀارت ۾ جو مسئلو اٿيو آهي ته ٻوليءَ جي لپي ڪهڙي رکجي- عربي يا ناگري؟ سو اسان سڀني لاءِ ڌيان جوڳو مسئلو آهي. اسين ته پنهنجن ڀائرن کي منت اهائي ڪنداسين ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي صدقي ان جي لپي اهائي قائم رکن، جنهن ۾ اسان جو گڏيل علمي ۽ ادبي خزانو ۽ صدين جي سڀيتا محفوظ ٿيل آهي. لپيءَ جي هاڻوڪي صورت، جئن به آهي، اسان جي ادبي ضرورتن سارو آهي ۽ لپي کي ڦيرائڻ مان هِتي ۽ هُتي جي سنڌين ۾ جو ويڇو پئجي ويندو، تنهن جو مٽجڻ پوءِ محال ٿي پوندو. +انهن سمورين ڳالهين سان گڏ، ٻوليءَ جون ٻيون به ضرورتون ڌيان جوڳيون آهن- مثال طور، اسان جي لفطن جي صورتخطي يا هجي يا گرامر جي صورت سڀ ڪنهن هنڌ ساڳي هئڻ گهرجي. جيتوڻيڪ لکجڻ جي حيثيت ۾، اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ٿي چڪي آهي، تنهن هوندي به ڪيترائي لفظ آهن جيڪي مختلف هنڌن تي مختلف ماڻهو جدا جدا لکن ۽ ڪم ۾ آڻين ٿا. مثال طور: (1) ”نون غني“ وارا لفظ (چڱو، چنڱو، چڱون چنڱون، وغيره)، ”ء، و ۽ ي“ وارا لفظ جن ۾ اهي حرف علت، حرف صحيح طور ڪم ٿا اچن، ۽ هڪ ٻئي ۾ پيا مٽجن سٽجن (هئا، هوا، هيا، وغيره)، ”اِي يا اُو“ پڇاڙيءَ وارن لفظن جون اهي صورتون جن ۾ ”الف همزو“ پٺيان استعمال ڪرڻو آهي (ڇوڪريءَ رنو، ڇوڪري رنو، مٺوءَ کي، مٺو کي، وغيره)، ”هاي ساڪت“ پڇاڙيءَ وارا فارسي لفظ (زمانه، وغيره) جن کي سنڌي صورت م آڻڻ گهرجي (زمانو، زمانا، زماني، وغيره)، الڳ الڳ معنيٰ ۽ وجود رکڻ وارا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل لفظ جيڪي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري لکجن (مون کي، مونکي، تنهن کان سواءِ، تنهنکانسواءِ، ٻيءَ طرح، ٻيئطرح، وغيره)، لفظ جيڪي گڏي لکڻ گهرجن (منهنجو، منهن جو، پنهنجو، پنهن جو، تنهنجو، تنهن جو)، وغيره. ٻوليءَ ۾ وزن، اثر ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ بيهڪ جي نشانين (، ؛ : ! ؟ ” “ ’ ‘ -- .) جو استعمال نهايت ضروري آهي. دنيا جي سڌريل ٻولين جي حالت ۾، صورتخطي يا هجي جي چڪن، بيهڪ جي نشانين جي غلط واپرائڻ، ۽ لفظن جي غير موزون، نامناسب يا غير ضروري استعمال ۽ اهڙين ٻين خالص فني خامين کي نهايت عيبدار ڳالهه سمجهيو ويندو آهي. انهن چيزن کي نظر انداز ڪرڻ سان اسان جا اديب ۽ ساهتيه ڪار، پنهنجي ٻوليءَ جي هڪجهڙائيءَ ۽ دائميت کي وڏو ڌڪ ٿا هڻن. انهيءَ طرح جي مسئلا ويهي ڳولبا، ته بيشمار اهڙيون ڳالهيون ملنديون، جي اسان جو ڌيان ڇڪائينديون. هنن جزوي مثالن جو مقصد رڳو اهو آهي ته انهن سمورين ڳالهين تي سوچي، ويچاري اسين اهڙي ڪوشش ڪريون جو ٻوليءَ جا اهي مسئلا ڪاميابيءَ سان حل ٿيندا رهن، ۽ اسان جو ادبي ۽ علمي خزانو مفاصلي، ماحول ۽ زماني جي ڦيرين گهيرين هوندي به سدائين وڌندو ويجهندو رهي. +سنڌي ريڊيو اسٽيشن +ٻوليءَ ۽ سڀيتا کي قائم رکڻ لاءِ ٻوليءَ جي لکجڻ واريءَ صورت سان گڏ، ڳالهائجڻ وارو پهلو به مکيه آهي. ڳالهائجڻ ۾ اچڻ وقت، ٻولي جدا جد هنڌن تي جدا جدا صورتون وٺندي آهي. مفاصلو ۽ ماحول جڏهن به مَٽبو، تڏهن ڳالهائجڻ واري صورت به هري هري ٿي مَٽجڻ شروع ڪندي. اسان جي سنڌي به ائين ڪيترين صورتن ۾ مٽجندي رهي آهي. اتر ۾ ٻوليءَ جي، ڳالهائجڻ ۾، صورت هڪڙي آهي، لاڙ ۾ ٻي، ٿر ۾ ٽي- ته ڪڇ ۾ وچئون چوٿين. اهو صرف انهيءَ ڪري ٿئي ٿو، جو ماڻهن جا ماحول جدا جدا آهن. جيئن جيئن ماڻهن جي پاڻ ۾ ملڻ جا ذريعا گهٽ هوندا، تيئن ٻوليءَ جون صورتون مٽبيون رهنديون آهن، لهجي ۽ اُچار ۾ فرق پوندو ويندو آهي. انهيءَ جو علاج لکڻ جي صورت ۾ ڪرڻ کان سواءِ، ڳالهائجڻ ۾ هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت پيدا ڪرڻ سان به ٿي سگهندو آهي. هاڻ ته ملڪ ۾ ماڻهن جي پاڻ ۾ ملڻ جلڻ جا ذريعا به عام جام آهن. پر ان هوندي به ماڻهن جي تعليمي طرح پوئتي پيل حالت انهيءَ جي اثر کي زائل ڪريو ڇڏي. انهيءَ ڪري ماڻهن جي تعليم عام ڪرڻ سان ئي ٻوليءَ جي دائمي مرڪزيت قائم رهي سگهندي. ٻوليءَ ۾ اها هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت پيدا ڪرڻ ۾ ريڊيو به ڏاڍي ڪارائتي چيز آهي. ريڊيو ذريعي، ٻولي دنيا ۾ هرهنڌ پنهنجي صحيح ۽ مرڪزي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿي. ان کان سواءِ، سڀيتا جون مکيه ضرورتون ۽ ڪيفيتون ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ريڊيو جو وڏو هٿ آهي. اسان جي سنڌ، هيل تائين انهيءَ کان محروم هئي، پر تازو حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن کولي ويئي آهي. اهو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي تهذيب لاءِ ڏاڍو سٺو سوڻ آهي. سچ پچ ته ريڊيو، ٻوليءَ جي مختلف اُچارن ۽ صورتن، ۽ سڀيتا جي مختلف پهلوئن ۾ هم آهنگي، هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ڪرڻ جو ڪارائتو وسيلو آهي. اسان کي اميد آهي ته حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن انهيءَ ڏس ۾ ڪارائتا قدم کڻندي. +”مهراڻ“ +”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو او��ان جي هٿن ۾ ڪجهه دير سان پهتو آهي. پنهنجي بچاءَ ۾ ڇا عرض ڪجي! ڪي ته سبب واقعي هئا، جن مهراڻ کي ميدان ۾ آڻڻ ۾ دير ڪرائي! پر اسين انهيءَ دير جي پورائي ڏيڍوڻي مواد پيش ڪرڻ سان ڪري رهيا آهيون. اميد ته انهيءَ نذراني کي اسان جا عزيز پرهندڙ ضرور قبول ڪندا. +”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي ۾ اسان اعلان ڪيو هو ته ”مختصر افسانن“، ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي...“ واري عنوان جي مضمونن ۽ ”سنڌي نثر جي مثالي ٽڪرن“ جي چٽا ڀيٽي ڪئي ويندي، پر هڪ ته هن ڀيري اسان جي لکندڙن کان افسانا يا اهي مضمون ايتري انداز ۾ مليائي ڪونه، جو انهن کي چٽا ڀيٽيءَ ۾ آڻي سگهجي، ۽ ٻيو ته ڪن عالمن ۽ اديبن اهي صلاحون ڏنيون ته ”مهراڻ“ جهڙي رسالي لاءِ اهو مناسب ڪين ٿو لڳي ته انعام طور اديبن کي اهي ”پيسڙا“ آڇيا وڃن. انهيءَ مشوري تي عمل ڪري انعامي سلسلو واپس وٺي، بند ڪري رهيا آهيون. پر ان سان گڏ لکندڙ صاحبن کي عرض آهي ته هو مهرباني ڪري پنهنجا افسانا، مضمون يا مثالي نثر جا ٽڪرا دستور موجب ڏياري اماڻيندا رهن- جئن اهي عنوان قائم رهندا اچن. اسان کي اميد آهي ته اسان جا اديب اسان کي پنهنجون قلمي ڪاوشون موڪلي احسانمند ڪندا رهندا، ۽ پنهنجي ”مهراڻ“ کي ساڳيو آب تاب بخشيندا رهندا، جهڙو هن کان اڳ ان کي بخشيندا رهيا آهن. +شڪرگذاري +”مهراڻ“ جي اڳين ٻن پرچن لاءِ سنڌ ۽ ڀارت جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ ليکڪن اسان جي همت افزائي ڪرڻ فرمائي آهي ۽ رسالن ۽ اخبارن به حوصلي افزا تبصرا ۽ سمالو چنائون لکيون آهن. انهيءَ لاءِ اسين انهن سڀني سڄڻن جا تهدل سان شڪرگذار آهيون. درحقيقت اها عزت افزائي رڳو، انهن مدبرن، اديبن ۽ شاعرن جي طفيل نصيب ٿي اٿئون، جن پنهنجي دماغي ڪاوشن ۽ ادبي شهپارن سان اسان جي جهوليءَ کي جرڪايو آهي. لک ٿورا ۽ احسان آهن، انهن اديبن ۽ شاعرن جا، جن پنهنجي مٺڙي سنڌيءَ کي اجارڻ ۽ جرڪائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي. اسين انهن ساٿين جا به بيحد ٿورائتا آهيون. جن ڪي مفيد مشورا ڏيئي اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي. +اسان جي مهربان ۽ مشفق پڙهندڙن ۾ ڪي دوست اهڙا به آهن جن کي اسان ۾ خامين ۽ ڪوتاهين، اوڻاين ۽ عيبن کان سواءِ ٻيو ڪي به نظر ڪونه ٿو اچي- ايتري قدر جو هو اسان جي ناچيز خدمتن متعلق پنهنجي هڪ طرفي راءِ ۽ فيصلي تي نه فقط نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا، پر پنهنجي جذباتي ۽ انتها پسند اختلافن کي شايع ڪرڻ کان به نه گٿا. انهن کي حق آهي ته هو ڀل پنهنجي عمل کي حق بجانب سمجهن، يا ادبي ۽ علمي خدمت تصور ڪن- پر کين اهو يقيناَ معلوم هوندو ته علمي ۽ ادبي حلقن ۾ هنگامه آرائي ۽ اتنهائي پسنديءَ کي سخت معيوب سمجهيو وڃي ٿو. سنجيده طبقو ڪڏهن به هنن جي انهيءَ انتها پسنديءَ کي سٺيءَ نظر سان نه ڏسندو. ڪاش! اهي حضرت پنهنجن انهن ”ادبي خذمتن“ تي افادي نقطي نظر سان ٻيهر غور به ڪن ۽ ڪجهه سوچين به! +گذارش +آخر ۾، اسين پڙهندڙن، اديبن ۽ ليکڪن کي هڪ نئين گذارش ڪريون ٿا: جيڪڏهن هنن وٽ اسان جي سنڌڙيءَ جي جدا جدا شهرن، ڳوٺن، ٻهراڙين، درياءَ، واهن، ٻيلن ۽ ٻنين جي نظارن جا فوٽا موجود هجن ته مهرباني ڪري ”مهراڻ“ ۾ ڇپجڻ لاءِ اماڻي ڏين. اسان جي پرهندڙن ۽ اديبن مان ضرور ڪي ساٿي اهڙن نظارن جي فوٽن ڪڍڻ جو ذوق رکندا هوندا. اهي مهرباني ڪري اهڙا فوٽا اسان کي عنايت ڪن، ته اسين سندن شڪريي سان ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪنداسين. انهيءَ مان، اسان جي پياري سنڌڙيءَ جي سونهن ڀرين نظارن کي ڏسي نه رڳو هر سنڌيءَ جون اکڙيون ٺرنديون ۽ دل کي فرحت ملندي، پر هنن کي پنهنجي وطن مبا��ڪ جي جدا جدا هنڌن متعلق معلومات به حاصل ٿيندي. اميد ته اسان جا اهي مهربان سڄڻ اسان جي هن وينتيءَ کي ضرور قبول ڪندا. (م. ا. ج) +حيدربخش جتوئي ”حيدر“ +درياه شاه +آيا سنڌ جا ساهه فضل الله، آيا هند جا حسن زيور ۽ جاه، آيا فخر دنيا، خدا جي نگاهه، تونگر ۽ مسڪين جي پشت و پناه، +توئي ابر رحمت، توئي رنگ شفقت، سندم جان تو ۾، ۽ ايمان تو ۾، +چوي توکي دم دم محبت ۽ چاه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +سندءِ پاڙ ساري جهان جو آ تخت، جتي مينهن موتين سندو آ سخت، وهي ٿو هتان هر هميشہ جو بخت، هي دنيا ۾ آهي بهشتي درخت، +جو چاهي لهي ٿو، ڪٿي ڀي رهي ٿو، فرنگي ۽ هندي، جپاني ۽ سنڌي، +منجهان اهڙي سندر سخي بارگاه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +هتان پاڪ گنگا جو آغاز ٿئي، ۽ جمنا جو ڀي ناز انداز ٿئي، ٿي بنگال برهما سان دمساز ٿئي، هتي ڪشف الله جو راز ٿئي، +زمين آسمان سان، عرب گلستان سان، پيا هتڙي گڏجن، مخالف به سڏجن، +هتي فرق مغرب ۽ مشرق ۾ ناه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +اچين مانسرور مان ڪشمير ۾، ۽ باغ عدن واري تصوير ۾، ڀرين تنهن کي خوشبوء اڪسير ۾، مفرح کڻي سنڌ لئي سير ۾، +ڏئين دل کي فرحت، ڏئين روح راحت، ۽ ڪيلاش پربت، منجهان شير شربت، +ٿو گلزار گلشن جا آڻين اٿاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +ٽڪر ٽاڪي پهچين ٿو پنجاب ۾، وجهي توکي پنجاب ٿو خواب ۾، ڀرين ملڪ کي خواب ۾ آب ۾، وجهين آب کي ڪين گرداب ۾، +ويون چاڙهيون لاهيون، نيون واهه واهيون، ڇڏي گوڙ گهمسان، هلين ٿو مزي سان، +اي روح روان، صاحب عزوجا، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي، ۽ ستلج ۽ جهلم نمسڪار تي، ٿين مست ٿيون، تنهنجي للڪار تي، ڪرن تنهنجي قدمن جي آڌار تي، +ٿين توتان قربان، فنا پنهنجي ڪن جان، ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو، +جو ميلو سمايل فنا اندر آهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو آخير، جا آعشق تنهنجي ۾ اصلاَ آسير، سحر وقت، سنڌي، اچي ٿي حقير، ڪري تنهنجي پوڄا، مڃي توکي پير، +اي ”سنڌو“ سدائي، تون ڪر ”سنڌ“ سائي، تون همنام سان رهه، وفا سان هميشہ، +جو سنڌو سوا سنڌ ٻي ڪجهه به ناهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +ٿو آخر وڃين سمنڊ ۾ گم ٿئين، ٿو ٽڪرن ۽ جبلن کان بي غم ٿئين، ۽ بي انت ساگر سان همدم ٿئين، رموز خوديءَ جو ٿو محرم ٿئين، +ابد ذات تنهنجي، همہ بات تنهنجي، تون هر شي جو مايو، سندءِ سڀ تي سايو، +تر ۽ خشڪ کي بخشين نئون رنگ ۽ ساه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +هو اول ۾ تنهنجو سمندر ۾ گهر، تپش عشق جي پر ڪرايئي سفر، گهمئين ملڪ سهسين، ڏٺئي شهر و بر، هماليه تي ورتي تو شڪل گهر، +ٿيو پاڻي گوهر، پيو سمنڊ اندر، سمندر مان ڄائين، وري تنهن ۾ آئين، +هي دنيا آ چرخي سندي چاڙهه لاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +ٿي سانوڻ ۾ توکي بهاري ٿئي، بهاريءَ ۾ خوش خلق ساري ٿئي، ٿي ساري ڌرتي به ڪاري ٿئي، ٿي هرڪا زمين برک واري ٿئي، +ٻنيون ريج کائن، سگهو ان اُپائن، ڀرن واهه ريلا، ڪري جهنگ ٻيلا، +ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چار ماهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +دم عيسيٰ ڦوڪين ٿو هر واهه ۾، ڪسي سڀڪا سهڪي پئي چاهه ۾، ڪڻس آب حيوان اچي گاهه ۾، قدم خضر جو آهه هر راهه ۾، +ٿئي جهنگ گلشن ۽ هر باغ روشن، ٿي هر ٻوٽي ٻهڪي، پکي تنهن تي چهڪي، +ڌتاري ٿو اکين کي هر گاهه، گاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +خوشيءَ مان نه ماپين ٿو اونهاري ۾، پڄي تنهنجو ڀاڪر ڪچي ساري ۾، ڪرين تنگ تون بند کي گهاري ۾، اچي شل نه ڪو گهاري لهواري ۾، +ٿئي بحر بر مان، مڃي تنهنجو فرمان، سڙن پوکون سايون، ٿين غرق جايون، +تون بيحد خوشيءَ مان نه ماڻهن تي ڪاهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇهي آسمان، چڙهن مٿس ”حيدر“ مثل آس مان، هي سچ نوح جي ڪشتي جي آسمان، جنهين جي سڙهن آ چٽيو آسمان، +ڀلا اوج تنهنجي، ڀلا موج تنهنجي، عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون، +هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نين ساهه، ڀلي آئين جي آئين درياه شاه! +سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن، +آندائون عميق مان، جوتي جواهرن، +لڌائون لطيف چَئي، لعلون مان لَهرَن، +ڪانهي قيمت تَنِ، ملهه مهانگو ان جو. +آڇارا عميق جا، گڏيا غواصن، +جهڙيون جهاڳي آئيا، ڪارونڀار ڪُنَن، +سمنڊ سوجهي جن، آڻي اَمُلَ اوليا. +ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي، +تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهي، +پسندا اُهي ئي، اَمُلَ اکڙين سين. +شاهه +شعر +بيت +شيخ مبارڪ ’اياز‘، صاحب ڏنو شاهه مرحوم، مصري شاهه رحه، ”برده“ سنڌي. +ڪافيون +حافظ محمد ”احسن“، عبداڪريم ”گدائي“، محمد خان ”غني“، شيخ مبارڪ ”اياز“، ”سرشار“ عقيلي، علي بخش ”رضا“، حسين بخش ”خادم“، مير محمد ”ميرل“، طفيل احمد ”طفيل“. +مصري شاهه مرحوم،پير حسن بخش جيلاني رحه، فقير رمضان واڍو، غلام شاهه مرحوم، محمد فقير کٽياڻ، جهان شاه رحه، زمان شاهه ”ساقي“، محمد عالم شاهه ”عالم“. +گيت +”برده“ سنڌي، شيخ مبارڪ ”اياز“، هري ”دلگير“ ”نياز“ همايوني، ”تنوير“ عباسي، ”بشير“ مورياڻي، هوندراج ”دکايل“، سريچندر ڇاٻڙيا ”راهي“. +نظم +نواز علي ”نياز“، ڊاڪٽر ”خليل“، همايون بيگ ”فائق“، محمد خان ”غني“، اسدالله شاه ”اسد“، ”اياز“ قادري. +غزل +عبدالله ”خواب“،همايون بيگ ”فائق“، ”اختر“ رضوي، نارائڻ ”شيام“، محمد علي ”جوهر“، ۽ ”راز“ بلڙائي. +قصيده رباعيون آزاد نظم +”ساجد“ سرشاري نارائڻ ”شيام“ شمشير الحيدري +ادب لطيف +جهامنداس ڀاٽيا، شيخ حفيظ ۽ تاج صحرائي. +اسان جي شاعر جي خط +هي ادبي خط، شيخ مبارڪ ”اياز“ جا آهن، جي پاڻ وقت به وقت ’اداراه مهراڻ‘ ڏانهن پئي لکيا اٿن. هنن خطن جي افاديت، ادبي ۽ فڪري نقطه نظر سان نهايت بلند ۽ وسيع آهي. هنن ۾ جتي زندگيءَ جون تلخ ۽ شيرين حقيقتون، نهايت دلنشين پيرايي ۾ بيان ٿيل آهن، اتي دلدوز ۽ جانسوز حڪايتون ۽ شڪايتون به آهن. پنهنجي فن، پنهنجي شخصيت، ۽ زندگيءَ جي عام مسئلن کان سواءِ، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ متعلق ”اياز“ صاحب پنهنجا ذاتي تاثرات ۽ مشاهدا فلسفيانه انداز ۾ بيان ڪيا آهن. +هيءَ ادبي رهاڻ، ’مهراڻ‘ جي وساطت سان ناظرين ڪرام ۽ ٻين اهل نظر بزرگن تاين پهچائڻ هڪ ادبي فرض هو: لهذا شايع ڪري، پنهنجي فرض کان سبڪدوش ٿيون ٿا. ان سان گڏ سنڌ جي شاعرن ۽ ادبين کي مؤدبانه التماس آهي ته جيڪڏهن ڪوبه اديب يا شاعر اهڙي قسم جا علمي خط، جن ۾ ’زندگي ۽ ادب‘ متعلق سندن ذاتي تاثرات بيان ٿيل هوندا، يا جن خطن ۾ پنهنجي فن ۽ شخصيت جو تعارف ڪرايل هوندو، اُهي اسان شڪريي سان قبول ڪري، ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪنداسون. اداره. +”ادا...، تنهنجو خط پهتو. خط جي بلڪل توقع نه ئي. اڳ سمجهندو هوس ته اڻ- ڄاتو، اڻ- ڳاتو مري ويندس: پر هاڻي ته دوستن ايتري حوصله افزائي ڪئي آهي، جو دماغ جو توازن سنڀارڻ مشڪل ٿي پيو آهي. تو منهنجي زندگيءَ ۽ شخصيت جي باري ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي. ممڪن آهي ته تنهنجو خيال، منهنجي ادب ۽ آرٽ جي باري ۾ صحيح هجي. ڪيئن به هجي، پر مان تنهنجي ايتري قدرشناسيءَ ۽ محبت لاءِ احسانمند آهيان. +منهنجي زندگي ۽ شخصيت ايتري محبت جي لائق نه آهي. ڪنهن به انسان کي ان جي ادبي تخليق مان پرکڻ ۽ پرجهڻ نهايت غلط آهي. منهنجي نظر ۾، آرٽ ۽ ادب ”حسن جي تلاش“ آهي- ڪڏهن اديب جي ماحول ۾، ڪڏهن سندس ذاتي جذبات ۽ احساسات ۾ ان ڪري جي ڪنهن به شاعر جي زندگيءَ ۾ ڪي قبيح ڪمزوريون آهن، ته اُهي سندس شعر ۾ نه ڳولي سگهبيون. اهو لازمي نه آهي ته هر شاعر جي زندگي به ايتري حسين هجي، جيترو سندس شعر. ڪيترا شاعر ته پنهنجي زندگيءَ جي قباحت کان ڀڄي، شعر و شاعري جي حسين دنيا ۾ پناهه وٺندا آهن. باقي ائين برابر آهي ته شاعر جي اک ۽ دل ٻين انسانن جي اکين ۽ دلين کان مختلف آهي. هو پنهنجي ماحول ۽ روح ۾ جي ڳالهيون محسوس ڪري سگهي ٿو، سي ٻين جي احساس کان مٿڀريون آهن، ۽ جنهن طرح هو انهن ڳالهين کي لفظن جو جامو پهرائي سگهي ٿو، ان طرح ٻيو ڪوبه انسان نه ٿو ڪري سگهي. +ان ڪري ائين بهتر آهي ته تون منهنجي تخليق کي ڏس. جي منهنجو شعر پڙهندي توکي سچ پچ ائين محسوس ٿيو آهي ته بيخوديءَ جي عالم ۾ مون ازلي حسن جون ڪجهه جهلڪون جهٽي ورتيون آهن، جي سچ پچ توکي ائين لڳو آهي ته منهنجو آرٽ سچائيءَ ۽ سونهن جي مسلسل جستجو آهي، ته مون لاءِ اهو ڪافي آهي- ۽ منهنجي زندگيءَ جي ڄاڻ تو لاءِ ضروري نه آهي. منهنجي زندگي هڪ ڪوڙي ڪهاڻي آهي: اها ٻڌي ڇا ڪندين؟ منهنجي گهڙي گهڙي فريب آهي، پل پل دوکو آهي. مان ساري عمر رڃ پٺيان ڀٽڪيو آهيان، ڪڏهن به اڃ نه لٿي اٿم. شايد باقي زندگي به ڀٽن ۾ ڀٽڪندي گذرندي. توکي ان سراب کي سمجهڻ جو سوداءُ ڇو ٿيو آهي. شعر، جي واقعي شعر آهي ته اهو حسن جي بي پناه بارش آهي. تون ان مان پياس ٻجهائي سگهين ٿو. مان ڳائڻ مهل خالق آهيان، جيئڻ مهل مخلوق آهيان: بهتر آهي ته تون منهنجي تخليق کي ڏس: مون ۾ ڇا رکيو آهي! تنهنجو....“ +* * * * * +”ادا...، تو پنهنجي خط ۾ عجيب تفاضا ڪئي آهي ته مان توکي چانڊوڪيءَ ۾ ويهي خط لکان. توکي شايد خبر نه آهي ته مونکي چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. چانڊوڪي منهنجي نيڻن کان ننڊڙي کسي وٺندي آهي، ۽ مان راتين جون راتيون چنڊ پٺيان چارا رلندو وتندو آهيان. توکي شايد خبر نه آهي ته چنڊ ۽ ننڊ ازل جا ويري آهن. چانڊوڪي، اکڙين کي اوجاڳا ڏيندي آهي، دلين جا دکڙا دکائيندي آهي. مان ڪيئي راتيون نور ڀريءَ نيراڻ ۾ نهاريندو رهيو آهيان- ڪيئي ڀيرا سنسار جي سيني ۾ گهوري ڏٺو اٿم. چانڊوڪيءَ ۾ مونکي هيءَ ڪائنات ڪنهن خوش طبع ڪوريئڙي جو مها ڄار لڳندي آهي، جنهن ۾ انسان ڪنهن جيتڙي وانگر ڦاسندو، ڦٿڪندو نظر ايندو آهي. چنڊ آسمان ۾ ائين هلندو نظر انيدو آهي، گويا کيس ڪوئي ڪنڍي وجهي، ڪنهن ازلي منزل ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. مان به پنهنجي منزل جي تلاش ۾ هن جي پٺيان ڪيئي منزلون طي ڪري ويندو آهيان. ساري رات انهيءَ سفر ۾ طي ٿيندي آهي، ۽ منهنجن ڇپرن جي ڇانو ۾ پرهه ڪر موڙيندي نظر ايندي آهي. +ادڙا، چنڊ مون کي ڪائنات جي ازلي اک وانگر لڳندو آهي جا مون ڏانهن گهوريندي رهندي آهي، ۽ مان پنهنجي خوف ۾ تارن ڀرين راتڙين جو سهارو وٺندو آهيان. اڄ به اڻٽيهين اونداهي آهي ۽ مان توکي بتيءَ جي ڌيميءَ جوت ۾ هي خط لکي رهيو آهيان. شايد تنهنجي زندگيءَ ۾ مان پهريون شاعر آهيان، جنهن کي چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. پر ان هوندي به منهنجي شاعريءَ ۾ هرجڳهه چانڊوڪيءَ جو ذڪر آهي! ڇو؟ شايد مون کي چانڊوڪي بيحد پياري آهي! شايد چانڊوڪيءَ ۽ ننڊ ۾ رقابت جو جذبو آهي- تنهن ڪري! ادڙا، مان هڪ خسته تن ۽ خسته دل انسان آهيان: مون کي ننڊڙي وڌيڪ پياري آهي- مون کي ننڊڙي وڌيڪ پياري آهي: مون کي چانڊوڪي نه گهرجي- مون کي روشني نه گهرجي! تنهنجو پنهنجو ....“ +* * * * * +”ادا...، هاڻي معاشي مصروفيتن مان مس مس فراغت ملي آهي، سارو ڏينهن زندگيءَ جو ڳاهه ڳاهي آيو آهيان. نس نس ٽٽي رهي آهي. معلوم نه آهي ته سارو ڏينهن ڪير ڳرڪائي ويو! وقت، هن ماحول ۾ ڪنهن ازلي ديو وانگر ٿو لڳي. هينئر شام، چانهه وانگر نيرا نيرا پر پکيڙيا آهن. چانهه، اسان جي تر جو مشهور پکي آهي، ۽ ان متعلق ڏند ڪٿا آهي ته هو هميشہ ڪنهن پارس جي تلاش ۾ هوندي آهي. مان جڏهن به شام کي چانهه سان تشبيهه ڏيندو آهيان، ته نه فقط ان جي اڪيلائيءَ جو احساس ۽ نيراڻ مائل رنگ ذهن ۾ هوندو اٿم، پر مان محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي هر شام به ڪنهن پارس جي تلاش ۾ هوندي آهي- ڪنهن نامعلوم، نارسا هستيءَ جي جستجو ۾، جا منهنجي ساهه کي سارو سون ڪري سگهندي! +اها جستجو ئي منهنجو مذهب آهي. وهمن وسوسن ۾ ويڙهيل مذهب، منهنجي لاءِ من گهڙت، جڙتو ڪهاڻيون آهن. فرقه بنديون ۽ ظاهرداريون مون لاءِ خود فريبيءَ ۽ خدا فريبيءَ کان گهٽ نه آهن. خشڪ اخلاقيات جي ڳالهه منهنجن چپن تي هڪ شرارت ڀري مرڪ آڻيندي آهي. بهشت دوزخ، گناه ثواب، حرام حلال جي بحث تي ئي مون کي کل ايندي آهي- کِل جا مرڪ ۾ اُسرندي، ٽهڪ ۾ ڦهلندي، ۽ ساري ڪائنات کي وڻ- ويڙهيءَ وانگر وچڙندي ويندي آهي، ۽ پوءِ ڪائنات هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين گونجندي رهندي آهي: منهنجا ٽهڪ زمان ۽ مڪان جي سرحدن تي وڃي پڄندا آهن، ۽ منهنجا ازلي سوال آسمان کان کنوڻين وانگر کلندي پڇندا آهن، ”اي راز ازل! مون تنهنجي پراسرار هستي، چرندي، پرندي محسوس ڪئي آهي. مون توکي مکڙين جي خوشبوءِ ۾ سنگهيو آهي، چنگ جي آواز ۾ ٻڌو آهي، شفق جي ڀنل رنگن ۾ ڏٺو آهي، معصوم حسينائن جي ملايم ڳلن ۾ ڇهيو آهي، شراب جي ڪوڙيءَ ڳيت ۾ چکيو آهي. اي راز ازل! تنهنجو احساس منهنجي وجود جي معنيٰ آهي، ۽ تنهنجو وجود مون لاءِ معنيٰ جو احساس آهي. هي منهنجا همذات، هي انسان، توکي ڇو نٿا محسوس ڪن! هنن کي ڪير ٿو برغلائي؟ هيءُ ڪوڙين ڪهاڻين جو تاڃي پيٽو ڪنهن بڻايو آهي، جن ۾ هنن جو ذهن منهنجي پيو آهي؟ هي اڻ واقف مونکي پنهنجي واقف سان واقفيت ڪرائي رهيا آهن! اي راز ازل! تون ڪيترو نه حسين آهين، پر هنن انسانن، جو جامو توکي پهرايو آهي، تنهن ۾ ڪيترو نه قبيح ٿو لڳين! اي راز ازل! تنهنجي ڪنواري، بي نقاب صورت ئي حسن ۽ حق جي معياري پسند آهي.“ ۽ پوءِ ٽهڪ جهڪا ۽ ڦڪا ٿيندا ويندا آهن، منهنجي منهن تان مرڪ گم ٿيندي ويندي آهي ۽ منهنجو سر جهڪي ويندو آهي، ٽاهه ٽاهه ڳوڙها منهنجين اکين مان وهندا آهن، ۽ مان هڪ گهڙيءَ ۾ ساري انسان ذات واسطي صدين جي عبادت ڪري ڇڏيندو آهيان. منهنجا مٺڙا ڀاءُ، اهو آهي منهنجو مذهب جنهن جي ڄاڻ لاءِ توکي ايتري چورا کورا هئي، ۽ جنهن لاءِ بار بار تو پنهنجي گذريل خط ۾ لکيو هو. انهيءَ ئي منهنجي شاعريءَ کي جرڪايو آهي. انهيءَ جي ڪري مان پاڻ کي ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾ اڪيلو ڀائيندو آهيان، ۽ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي ساري مخلوق سان گڏ پرستش ڪندو ڏسندو آهيان. ان منهنجي مذهب جا نبي يا ولي، اوتار يا رشي ڪونه آهن، ان جا مصحف ڪتاب، پوٿيون پستڪ ڪونه آهن: اهو فقط ٻن جهاتين، ٻن جهلڪن تي بڻيل آهي- شايد تون سمجهي سگهين ته هر جهاتيءَ ۽ جهلڪ ۾ ڪائنات جا ڪيترا راز آهن! تنهنجو پنهنجو....“ +* * * * * +”ادا...، تنهنجو خط پهتو. تو لکيو آهي ته تون منهجي نه، منهنجي شعر جي شخصي زندگي ڄاڻڻ ٿو چاهين. تو پڇيو آهي ته مان گونا گون مصروفتين هوندي شعر ڪهڙي وقت ٿو لکان، ۽ شعر لکڻ وقت منهنجن جذبن ۽ احسان جي ڪهڙي حالت آهي؟ عشقيه ڪلام لکڻ وقت منهنجي تصور ۾ ڪي خاص شخصيتون هونديون آهن ڇا؟ مان شعر موقعي تي في البديهه چوندو آهيان، يا پوءِ گذشته حالات جي تصور کان متاثر ٿي چوندو آهيان؟ ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر وڌو آهي؟ منهنجي شاعرءَ ۾، هر صنف سخن سان بيوفائي ڇو آهي؟ ۽ آخري سوال- جو سڀ کان ڏکيو آهي ته مان شعر چوندو ڇو آهيان؟ +مان ڀانيا ته پوئين سوال جو جواب اول ڏيان ته بهتر ٿيندو. ما شعر ڇو چوندو آهيان ۽ مان زنده ڇو آهيان: انهن ٻنهي سوالن ۾ ڪوئي خاص فرق نه آهي. ٻئي لازم ملزوم آهن. مان زنده آهيان تنهن ڪري شعر چوندو آهيان، ۽ مان شعر چوندو آهيان تنهنڪري زنده آهيان. هر انسان کي پنهنجي ذريعهء معاش مهيا ڪرڻ واسطي محنت لازمي آهي: شعر و ادب جي تخليق تي به محنت ڪئي ٿي وڃي، پر شعر و ادب کي هن ماحول ۾ ذريعهء معاش بنائڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان ڪري مون قانون کي ذريعهء معاش بڻايو آهي. قانون جو مطالعو پنهنجي جاءِ تي دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، پر منهنجو فطري لڳاءُ شاعريءَ سان آهي. مان محسوس ڪندو آهيان ته قدرت مون کي انساني جامي ۾ آندو ئي ان واسطي آهي ته مان پنهنجا پراوا ڏکڙا ڳايان، ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڦيرايان، ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ مان رنگ برنگي گل ڇنان، گلدستا ٺاهيان، گلدان سجايان! گيت ئي منهنجي جيت آهن: انهن کان سواءِ منهنجي زندگي هار آهي. انهن کان سواءِ منهنجي زندگي بي معنيٰ آهي انهن کان سواءِ مان انهيءَ سوال کان ڪڏهن به پيڇو نه ڇڏائي سگهندس ته مان زنده ڇو آهيان؟ +باقي سوالن جو جواب آسان آهي. مون ڪڏهن به پنو پينسل کڻي، شعر لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. شايد هاڻي ان واسطي فرصت به نه آهي. مان شعر ڪڏهن ڪڏهن چوندو آهيان. بعضي بعضي ته ٻه ٻه ، ٽي ٽي سال هڪ سٽ به نه چوندو آهيان، ۽ پوءِ جڏهن طبعيت مائل ٿيندي آهي، ته منهنجي روح ۾ ڪوئي درياه اُٿلي ايندو آهي ۽ گهمندي ڦرندي منهنجي ذهن ۾ سوين سٽون جڙي وينديون آهن. لفظ ستارن وانگر منهنجي دل جي اکين اڳيان ايندا آهن، ۽ مان اهي ستارا چونڊي ڪهڪشائون ٺاهيندو ويندو آهيان. ان وقت مان بلڪل وائڙو لڳندو آهيان، ڪيئي واقف رستي ملندا آهن، پر مان انهن کي بلڪل سڃاڻڻ کان سواءِ سندن ڀرسان لنگهي ويندو آهيان: گويا منهنجون جسماني اکيون کليل هونديون آهن، پر ڏسنديون ڪجهه به نه آهن، باقي منهنجون روحاني اکيون ڀونرن وانگر ٻوليءَ جي گلزاريءَ ۾ ڦرنديون وتنديون آهن، ۽ مان مکڙيون ۽ ماڪ ميڙيندو وتندو آهيان. منهنجا ادا، ان طرح رستي ويندي مون ڪيئي بيت، گيت، غزل ۽ نطم جوڙيا آهن، جي مهينن جا مهينا منهنجي حافظي جي خزاني ۾ موتين وانگر جهرڪندا رهندا آهن، ۽ فرصت وقت انهن کي لکي ڇڏيندو آهيان. جنهن وقت شعر ڏانهن طبيعت مائل هوندي آهي، ته مان محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي روح ۾ چانڊوڪي وسي رهي آهي، مان خاڪ ۽ خون مان بڻيل انسان نه آهيان، مون ۾ فطري ڪمزوريون ۽ ڪچايون نه آهن، مون کي ذريعهء معاش لاءِ ڪائي محنت ڪرڻي نه آهي: مان فقط محسوس ڪندو آهيان ته مان لفظن جو صراف آهيان، مان انهن کي صاف ڪري ڇلي، گهڙي، ادبي زيور بڻائي رهيو آهيان. ان وقت منهنجي جندڙي- جنهن کي هونءَ ته ناسازگار ماحول بلڪل نستو ۽ اُٻاڻڪو بڻائي ڇڏيندو آهي- اٿاهه خوشيءَ سان موجون ماريندي آهي، ۽ مان پاڻ کي نهايت خوش نصيب انسان سمجهندو آهيان. اهو جنون، اهو شاعريءَ ڏانهن لونءَ لونءَ جو لاڙو مهينو ٻه هلندو آهي ۽ پوءِ چانڊوڪيءَ ۾ چڙهيل وير وانگر هٽندو ويندو آهي، ڇوليون ڇر ۾، بدلبيون وينديون آهن ۽ جڏهن روح بلڪل ماٺو ٿي ويندو آهي ته مان دنيوي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويندو آهيان- ايتري قدر جو شايد ڪوئي سمجهي سگهندو هجي ته هيءُ قانوني مهاڄار ۾ ڦاٿل انسان ڪو شاعر به آهي! سو ادڙا، منهنجي روح جو پکيئڙو تمام ٿورو وقت انهن ازلي آکيرن ۾ گهاريندو آهي. سندس باقي سارو وقت پڃري ۾ پلندي گذرندو آهي. شايد هيٺيان ٻه بيت منهنجي انهيءَ قلبي واردات جو اظهار آهن: +پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس، پکيئڙا پروس، ڦٿڪڻ لڳا ڦند ۾. +پڃري ۾ پيهي، آئي بوءِ بسنت جي، پکي پرڏيهي، پرڙا پتوڙڻ لڳا. +عشقيه ڪلام لکڻ وقت، منهنجي ذهن ۾ ڪي خاص شخصيتون هونديون آهن ڇا؟ اهو سوال منهنجي شخصي زندگيءَ سان تعلق ٿو رکي: پر، مان بنا تفصيل ۾ وڃڻ جي، تنهنجي حيرت مٽائي ٿو سگهان. ادا، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي ته ”محبت گناه نه آهي.“ محبت، جسماني خواه روحاني، شرعي خواه غير شرعي. منهنجي نظر ۾ عبادت جو درجو رکي ٿي. هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا انسان اچن ٿا، جن سان هو محبت ڪري ٿو. منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙا انسان آيا آهن، ۽ عشقيه ڪلام چوڻ وقت منهنجي روح تي ڪنهن نه ڪنهن پرينءَ جا پاڇا ضرور پوندا آهن. سنڌ جي جاگيرداري زمينداري دور جو ماحول، مشرق جو وهمن ۾ ويڙهيل جنسي اخلاق جو تصور، مجبور ٿو ڪري ته زندگيءَ ۾ انهيءَ واردات تي پردو پيل رهي، جي منهنجي عشقيه شاعريءَ جون محترڪ آهن. منهنجي ”محبت“ سان وفا آهي: ”وفا“ سان محبت نه آهي. ان جو تفصيل شايد تنهنجي حساس طبيعت کي ڪجهه ڀاري لڳي، ان ڪري ان متعلق ڪجهه زياده نٿو لکان. +مان موقعي تي شعر بلڪل ورلي چوندو آهيان. منهنجو ان نظرئي سان اتفاق آهي ته ”شعر اطمينان ڀريل خاموشيءَ ۾ ياد آيل جذبات جو اظهار آهي.“ پر مان راتين جو رولاڪ آهيان، چاندوڪين ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي، ڪڏهن ڪڏهن منهنجو روح چڪورن سان چلولايون ڪندو آهي، ۽ ڪجهه شعر رات جي منظر متعلق جڙي ويندو آهي. +ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر وڌو آهي، ان جو جواب ڪافي لنبو آهي ۽ ٻئي خط ۾ ڏيندوسانءِ. باقي اهو سوال ته ”تون ڪنهن به صنف سخن سان وفا ڇو نه ڪئي آهي.“ ٻيءَ طرح ساڳي قسم جو آهي ته منهنجي فطرت جيئن آهي تيئن ڇو آهي! ان جو جواب ته ڪوئي نفسيات جو ماهر ئي ڏئي ٿو سگهي. باقي اهو صحيح آهي ته مان ڪئي نظم سانده لکندو آهيان، ته انهن مان دل کٽي ٿي پوندي آهي، ۽ ڪيترا سال انهن جو پيڇو ڇڏي ڏيندو آهيان، ۽ پوءِ غزل لکندو آهيان. ڪجهه وقت کان پوءِ غزل به نه آئڙندا آهن، ۽ گيت لکندو آهيان ۽ نيٺ گيتن مان به ڪڪ ٿي پوندو آهيان ۽ ڪيتريءَ مدت تائين شاعريءَ کان ئي روح پلجي ويندو آهي. اڄ ڪلهه بيت لکي رهيو آهيان. ”بيت“ ۾ اسان جي ڏات جي يگانگت آهي. ان ۾ اها تخليقي انفراديت آهي جا گيت، غزل ۽ نظم ۾ نه آهي. بيت، پنهنجن مختلف نمونن ۾، سنڌي شاعر جي جذبات خيالات ۽ احساسات، جو بهترين آئينه دار آهي ۽ سندس موجوده شڪل به سرزمين سنڌ جي ئي تخليق آهي. +هاڻي راتڙي ڀني آهي. آسمان ۾ قطب تارو گهوري رهيو آهي. گويا کيس تعجب آهي ته هي سودائي ابن آدم ڇا ڪري رهيو آهي. ساري ڪائنات ڪنهن راڳ سان گونجي رهي آهي، جنهن کي ستارن جو ساهه سانت ۾ سڻي رهيو آهي. مان به انهيءَ راڳ جي لهرن ۾ لڙهي رهيو آهيان. اوجاڳو اکڙين کي چميون ڏئي موڪلائي رهيو آهي. ننڊڙي پنهنجي گودڙيءَ ۾ جذبن ۽ احساسن کي ويڙهيندي ٿي وڃي. چڱو خدا حافظ! تنهنجو پنهنجو........“ +* * * * * +”ادا...، اڄ ”سنڌو“ رسالو نظر آيو. ان ۾ کيئلداس ”فاني“ جو نظم ”او منهنجا وطن“ پڙهيم. ��ا ٻڌايانءِ ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪيو، ۽ مان ڇولين جي ڇوهه ۾ اُڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اُڏامي ويا هئا، ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي قدرت جي انڌاڌنڌ حملن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا، ۽ ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي، خود سمنڊ ۾ ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا. اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. آلا! اهي منهنجا پنهنجا هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تان بيهي نظارو ڏسندو رهيو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙءَ جو لاکيڻو شآعر کيئلداس ”فاني“، جو فاني فقط پنهنجي نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي دنيا ۾ باقي آهي. هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان پڙهندا رهندا. ادڙا، کيئلداس ”فاني“ منهنجو استاد هو. نه فقط هن مون ۾ ڏهين يارهين ورهئين جي عمر ۾ شاعريءَ لاءِ شوق پيدا ڪيو، پر، هن ئي مون کي سنڌي شاعريءَ جو روح ڏيکاريو. ”فاني“ لفطن جو سنگ تراش آهي: انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي، سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي. ”فانيءَ“ جون ڪي ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون. سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن، جن ۾ هو اُڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو. ”او منهنجا وطن“ ۾ لکي ٿو: +”چاهي ٿو هرڻ، واريءَ ڏي ورڻ، سمجهي ٿو سٺو، بک اڃ ۾ مرڻ“. +ڪيتريون نه پر گداز آهن هي سٽون! انهن ۾ اسان جي سنڌي هندن جي وطن لاءِ نهوڙيل نينهن لڇي رهيو آهي. اهي سٽون فقط هڪ استاد ئي لکي سگهندو، جنهن ساري عمر، شعر جي ديويءَ جي ڀيٽ چاڙهي هجي. مٿئين نظم ۾ لکي ٿو: +”سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن، ڪجهه ڪين ڪيو، ٻوڏن ۽ ٻٽن“. +”فاني“ ساري عمر شڪارپور ۾ رهيو هو. اتي، پهريون ماستر هو، پوءِ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، ۽ حالات جي ناساز گاري سبب هندوستان هليو ويو. مٿين سٽن ۾، هن شڪارپور جي روح کي سمايو آهي مون کي اڃا تائين اهي سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن، ٻوڏن ۽ ٻٽن جا زمانا ياد اچي رهيا آهن، جي مون هن سان شڪارپور ۾ گذاريا آهن. ادڙا، تون مٿين سٽن مان محسوس نه ٿو ڪرين ته ”فانيءَ“ لفط گهڙيا ۽ ڇليا آهن! هن جي فن جي عظمت کان انڪار ڪرڻ وڏي بيقدري ۽ ناشناسي ٿيندي. مٿئين مسدس جو پويون بند ته ساهه ۾ بڙڇيون ٿو هڻي: +”ڀڄي جن آ ڀڄايو، مون کي وطن، ڇڏي جن آ ڇڏايو، مون کي وطن، لڏي جن آ لڏايو، مون کي وطن، جن روهه رلايو، مون کي وطن، ”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي، سالن ۾ ٿيا ساعت نه سکي!“ +اي ڪاش! ڪوئي منهنجو نياپو هن تائين پهچائي! استاد، مان هتي تنهنجي دل جي ڌڙڪ ٻڌي رهيو آهيان. مان هتان تنهنجا ڳوڙها ڏسي رهيو آهيان: نه فقط هرڻ واريءَ لاءِ ٿي تڙڦي- پر واري به هرڻ لاءِ ٿي تڙڦي- اها باهمي تڙڦ هڪ ڏاريندڙ سوال آهي، جو تاريخ جي ڪنن ۾ وڄندو رهندو، ۽ تاريخ لاجواب ٿي، تاقيامت شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي رهندي! تنهنجو پنهنجو.....“ +بيت +شيخ مبارڪ ”اياز“ +وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾، +ڪونهي اڄ ڪلام ۾، سُر جو سِر سان سنگ، +ڀريان آءٌ اُمنگ، ڪريان لات لطيف جي! +ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول، +ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي! +ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت، +مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون! +ٽانڊن تي ٽليا، پانڌي تنهنجي پريت جا، +وچڙيا هرڪنهن وڄ سان، کِنوڻين تي کليا، +تو سان نيٺ مليا، سَٽون ڏئي ساهه جون. +پيتي ڙي پيتي، پيالي ��سان پريت جي، +بدلي نشي نينهن جي، نيت ۽ نيتي، +هارائي جيتي، بازي اسان برهه جي. +جلي ڪيسين جوت، واچوڙا ويڙهي ويا، +ڳاراڻا، ڳڻ ڳوت، لتاڙي ويا لاٽ کي. +آيو نيڻين نير، ڳوڙها ڳڙيا ڳجهُه ۾، +هارايو مون هٺ اَلا! دکن ڪيو دلگير، +دل کي آيو ڌير، ڳائي تنهنجون ڳالهڙيون. +جئن مکڙيءَ کي ماڪ، چمڻ اچي چاهه مان، +آيا سي تئن دور کان، اورانگهي افلاڪ، +خوشبو آ خوراڪ، سائل آهيون سڪ جا. +الا، اڄ ته اُڏام! ڀڙڪو ڏئي بند مان، +آيو اُتر واءَ تي، پرينءَ جو پيام، +ڪيئي ڪيئن قيام، پکيئڙا پرڏيهه جا. +ڏئي مون کي ڏات، سک کسي وئين ساهه جا، +سوچيندي مون سپرين، رڙهندي رهي رات، +پڌري ٿي پرڀات، نيڻ نهوڙيا ننڊ ۾. +سارو عالم پيو سمهي، جَلي منهنجي جاڳ، +ازل جي آواز مان، روح بڻايا راڳ، +ڀڙڪيا اُلا آڳ، ڄرڪڻ لڳي ڄندڙي. +ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، +ڄڻ ساري سنسار کي، پئي ڏاري ڏکويل، +پرينءَ سان پُويل، شل رهي ساهه سڀن جو! +ڦٽڻ لڳو ڦاڳ، آئي بوءِ بسنت جي، +سڄڻ منهنجي ساهه کي، ويڙهي ويو ويراڳ، +ڪٿي منهنجو ماڳ، ڪٿي منهنجون منزلون! +رهي منهنجي روح ۾، سدا تنهنجي سونهن، +ورهين لاءِ ورونهن، پلڪ تنهنجي پيار جي. +او منهنجي منزل! رلائين ٿي روح کي، +ويجهو اچي واٽ تي، ڪڏهن مون سان مل، +دکڙن ڀري دل، پيرين پڄان ڪيئن مان! +چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ- رليل آڪاس، +رتين رتيون راتڙيون، اُڏاڻا احساس، +چت ۾ چوڏهينءَ چنڊ جئن، اُڀري ڪائي آس، +پريات پريان پاس، آيون ڳالهيون ڳجهه جون! +چَنڊُ لُڙهي لس- ليٽ ۾، جهاڳي جهُڙ جي جهاڳ، +مينهوڳيءَ جي رات آ، وسن پيا ويراڳ، +ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ اچ ورائي واڳ، +مٺڙا، منهنجا ماڳ، سڄڻ منهنجي ساهه جا! +ڳالهيون هن جون ڳاءِ، ڳوڙها آڻي ڳائڻا! +رک ۾ منهنجي روح جي، ڄڀيون ڪي ڄرڪاءِ، +رتين رتيون راڳڻيون، سازن سان سرچاءِ، +تن ۾ پوئين پهر جو، سارو سوز سماءِ، +راتين منجهه رچاءِ، رمزون پنهنجي روح جون! +موڙي ڪيو ميڻ مون، پهڻن جهڙو پاڻ، +سڄڻ اڄ تو ساڻ، اوڙهي آيس عاجزي! +اوڙهي آڌيءَ رات جي، شال سموري شهر، +سارو عالم پيو سمهي، اُڏاڻا پل پهر، +سيرون ڪيون ساهه ۾، لڳي تنهنجي لهر، +نيڻين وهي نهر، ڳاتم تنهنجون ڳالهڙيون! +اوندهه تي اولا پيا، لڇندي رات لڙي، +ساهه نهوڙيو سوچ ۾، تارن ننڊ تڙي، +جنهن ۾ اک اڙي، سامهون آ سو سوجهرو. +طرز پراڻي- نياپو نئون +اندر منجهه اٿاهه، محبت ماڻهوئڙن جي، +پاڇو آهه، پرينءَ جو، تن جو سهڻو ساهه، +جيڪر چميون چاهه، ڏيان ساري ڏيهه کي. +ڏئي ڪوڙهئي کي ڪير، چميون ٻه ٽي چاهه مان، +سڄڻ توسان سير، ڪري ڪير ڪنڊن تي. +وڌم ڏکن ڏاڻ، سک نه سنڀران سپرين، +سوچي هن سماج تي، ڪڍي ڄڀيون ڄاڻ، +ڊاهي ڪريان ڍيرهي، بي معنيٰ مانڊاڻ، +سڄڻ اچ مون ساڻ، ته اٽڪون اڄ انياءَ سان. +ڪڻا ڪني ۾ ڏسي، رني، ڪونه ڪڇي، +لوليءَ منجهه لڇي، ممتا ساري ماءُ جي. +سانڍيا منهنجي ساهه، ڏکڙا ساري ڏيهه جا، +عالم! تنهنجي آه، لڇندي منهنجي لات ۾. +ڏنيون مون کي ڏات، ڳوڙهن ڀريون ڳالهڙيون، +لنوي منهنجي لات، ڏکڙا ساري ڏيهه جا! +آهي اڄ اڻاٺ، پرينءَ پانڌيئڙن جي، +جاڏي تاڏي جبر جي، ڏڪي پئي ڏاٺ، +ڪوڙ بڻايا ڪاٺ، سوريءَ سِري سچ جي. +نئين نه منهنجي ننڊڙي، چانڊوڪيءَ کي چؤ، +جاڳي جلندي جندڙي، تن من ايندو تؤ، +سور اسان ليءِ سؤ، آندا جاڳ جهان ۾! +اسان تي لازم، آندا جڳ جيئڻ جا، +جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منهنجا جام، +الا، ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي! +”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“ +صاحب ڏنو شاهه مرحوم +نفي ڪري جن نفس کي ”الف“ ڪيو اثبات، +هر هر پڙهن، حج سي، اندر ان عرفات، +”موتوا قبل انت موتوا، ”برهه پڙهاين بات، +قرب ڪٺا هو ڪات، ”صاحب ڏنا“ سي سڪ سين. +”هو هو“ ڪري حق ٿيا، ٻوڙيئون ”ٻيائي“، +”هل هلاچا“ ڄاڻن هو، ”وحدت“ جي وائي، +”من عرف الله ڪل لسانہ“، چٽي چٽائي، +وادي وسائي، ”صاحب ڏنا“ تن سڪ جي. +ڪڏنهن سڪن سلام کي، ڪڏهن هو سلطان، +”ان اوليائي تحت قبائي،“ مردن لڌا مان، +”صاحب ڏنا“ سامان، ٻاريائون ”ٻيائيءَ“ جا. +ڀينر آءٌ ڀلياس، ستيس پير ڊگها ڪري، +ڏاگهن ۽ ڏيرن کي، ڏونگر ڏوريندياس، +ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان! +هوتن سان نه هياس، جيڪس سڱيڻي سڱ ۾، +وينديس، وهنديس ڪينڪي، سنديس جا سياس، +ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان! +پٿون ٿي پياس، پرزا پب وڻن ۾، +ڪندا ڪمينن جو، ڪوهيارا ڪو قياس، +ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان! +هئي هئي هيئن ياس، ويراڳڻ وندر ۾، +ويو ٻاروچو نڪري، ڏکن آءٌ ڏڌياس، +ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان! +مصري شاهه مرحوم +نه ڪا مند مرڻ جي، نه ڪا جيئڻ جاءِ، +”الدنيا ساعہءٌ“، سا توتي آئي آءِ، +ڀورا ائين ڀانءِ، ته ڪوڙي ڇانو ڪڪر جي. +نه ڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جال، +هئڻ حياتيءَ هن جي، موتيءَ ماڪ مثال، +رهگزر رنج راحتون، منصب توڙي مال، +فنا سڀ في الحال، رهندو نالو رب جو. +نڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جام، +ويندو مثل واءَ جي، هيءُ طلسم ترت تمام، +آهه حياتي حرام، ريءَ يادگيريءَ يار جي. +هن مند هيڪاندا، هُتي سانگهيئڙا سرتيون، +لڱين لاکيون لوئيون، ڳوڙهي رنگ رتيون، +وتن ويجهيون ويڙهه ۾، جهڙيون ڪر ڪتيون، +سدائين ساڻيهه ۾، سَرهي سيل ستيون، +ڇنن منجهه ڇتيون، منهنجون ڳُتيون مارئين. +پهرينءَ وس پٽن ۾، ٿيا ڳم ڳنڍير، +سٿا ٿئڙيون سرتيون، مرڪن منجهه ملير، +گهر- کٿيري کير، اُٺن مينهن اگوندرا. +مون من ماروءَ ڄام سين، جڙيو آهي جيءُ، +قضا آنديس ڪوٽ ۾، قسمت قيد قويءُ، +موڪل ڏي ته ملير وڃان، راجا راضي ٿيءُ، +ته لهي سنگهارن سيءُ، اُڊو عمر ڄام جو. +اُڊو عمر ڄام جو، لٿو لويارن، +سنبهي جي سانگ ويا، سي پائر نت پسجن، +واري واڳ ورائيا، وطن ويڙهيچن، +”لاتقنطوا من الرحمة الله“، آسون اباڻن، +”مصري“ چوي ملير ۾، موٽيو ميڙاڪَنِ، +جهوپا جهانگيڙن، واري اڏيا ويڙهِه ۾. +واري اڏيا ويڙهه ۾، ويڙهيچن وٿاڻ، +”فاد ڪروني اَذڪر ڪم“، اباڻن اهڃاڻ، +پري اڏيائون ڀاڻ، نوان نجهرا نانهن ۾. +نوان نجهرا نانهن ۾، اڏيا اباڻن، +”اذاتم الفقر فهو الله“، سڃ ۾ سانگ سندن، +پلر پوچ پياريا، ڌڻ کي ڌراڙن، +سچا ست سندن، ٿوري قُوت قراريا. +ٻاروچاڻي ٻاجهه سين، لنگهي ويندين لڪ، +”فاذ ڪروني اذڪرڪم“، سسئيءَ لٿا شڪ، +جهڙ، جهولا ۽ جهڪ، رهبر ٿيندئي راهه ۾. +رهبر ٿيندءِ راهه ۾، پرين اچي پاڻ، +متان ساهين سسئي، سينو سائينءَ ساڻ، +ڪيچي لهندءِ ڪاڻ، پسي پهر پنهونءَ جي. +پهرئين ڏينهن پهي، سامين سفر چتائيو، +آڻي الوهيت ۾، جوڳين جاٽ هنئي، +وحدت جي ولات ويا، ويراڳي وهي، +تن مهيسين ”مصري“، ڪيو سوجهي رام سهي، +ڪنوتيا ڪهي، پرئا پورب پار ڏي. +ٻئي ڏينهن هنيا ٻاڻ، جوڳيڙن جبروت ۾، +ناسوتي نانهن ٿيا، ٻيا ڇڏي ٻانڌاڻ، +ملڪوتان ”مصري“ چئي، ماڻيئون محبت ماڻ، +”ترڪ الدنيا راس ڪل عبادة“، هَنئين لاهوتين لاڻ، +ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پرئا پورب پار ڏي. +سرائڪي بيت +”برده سنڌي“ +خَم خَم زلف دي پيچ رچاڪر، آيا مست خماري، +ڌار ڪجل دي، ڌار ڪيتا، سر جان ڪَنُون سو واري، +گهول ٿيوان، تنهن ڍول اُتون، لک وار ٿيوان ٻلهاري، +ٿيا ”بردا“ بخت سوايا، آيا، آن ڏتس دلداري. +آڪانگ تيڪون، لک ڪانگ ڏيوان، اي ڪانگ ڏيين وڃ يار ڪون اچ، +هڻ سانگ تيڏي، بي سانگ ٿيم، +ڪر سانگ ملو بيمار ڪون اڄ، +لنگهه مانگهه ڳيا، نان مانگهه ڀريم، +بٺ مانگهه ڌڙي سينگار ڪون اَڄ، +اي تانگهه نه ”بردا“ تانگهه ڏيندي، +هووي تانگهه وڃان لنگهه پار ڪون اڄ. +تانگهه تيڏي ڪش، سانگ ماري، +بن مانگهه ڏهيلي گهمان، +رت ڳئي ياڳ، سهاڳ دي ساري، +درد لايا دل ڌمان، +مونجهه تيڏي، سو مرض بڇائي، +رو رو منهن ڌو سمهان، +ڪل ”بردي“ دي، ول نان لڌڙءِ، +هڪ پل سؤ سؤ سمان. +ثابت رهه، اقرار تي سهڻا، ڪيتي قول، وسار نهين، هار سنگار، حرام ٿئي سڀ، تئين بن پلڪ، قرار نهين، دلڙي لُٽ ڳيون، سهُڻا سٽ ڳيون، ڏون ڏون ڌاڙي مارنهين، لاوڻ توڙ نڀاوڻ ”بردا“، ٽوڙڻ ريت پيار نهين. +ڪافيون +حافظ محمد ”احسن“ +عشق وڃائي آرام، سبق سورن جا ياد ڪرائي! +1. عشق اچي جتي پير ٿو پائي، عقل اتان سامان کڻائي، عشق اصل کان امام، ڪفر جا ڪلما ڪوڏ پڙهائي! +2. عشق ڪڍي ڪنهن جي ڪات نه ڪنهن پر، شاهن کي ڪري گولو گداگر، برهه ڪري بدنام، خواري ملامت خلق کلائي! +3. عشق نه ڄاڻي شان شريعت، ڪونه رکي ٿو مذهب ملت، ڪفر نه ڪو اسلام، پڙهيل پنڊت پير ڀلائي! +4. عشق اسان وٽ ”احسن“ آيو، سور سيني ۾ سرس سوايو، نينهن بنا ناڪام، محبت ريءَ ڪو مان نه پائي. +عبدالڪريم ”گدائي“ +هر هر وچ يار سمايا، من موهن من نون ڀايا! +مسجود ڪٿان، ڪٿ ساجد، مشهود ڪٿان، ڪٿ شاهد، ڪٿ رند، ڪٿان ول زاهد، ڪيا رنگ نيرنگ وکايا! +من موهن من نون ڀايا... +ڪٿ طور تي نور وکا ڪر، بيهوس ٿيا غش کا ڪر، ڪٿ يوسف نام ڌرا ڪر، خود آڪي بزار وڪايا! +من موهن من نون ڀايا... +ڪٿ آري نال چرا ڪر، ڪٿ پيٽ مڇي دي آڪر، وچ آڙهه جان جلا ڪر، ول آتش باغ بنايا! +من موهن من نون ڀايا... +وه يار دي ويس مٽاوڻ، بن شڪل محمد آوڻ، نروار ٿي نينهن نڀاوڻ، مختار لقب چا پايا! +من موهن من نون ڀايا... +وه يار دي الٽي بازي، ٿيا ٻول انا الحق غازي، ول آپ ٿي آيا قاضي، منصور نون دار چڙهايا! +من موهن من نون ڀايا... +اهين سهڻي يار ”گدائي“ وچ ديدان ديد رلائي، واه واه جو چوٽ چلائي، سانون برها ساڙ جلايا! +من موهن من نون ڀايا... +محمد خان ”غني“ +ووءِ ووءِ ويٺي پرت پچاريان، هر هر هوت هنجون ٿي هاريان! +لوڪ کي آهن پر جون پچارون، +مونکي تن ۾ تنهنجون تارون، +ٻي ڪا ناه مقال، +ٽاڻون هڪڙو ڪونه ٿي ٽاريان. +نڪريو روز ٿي ڪريان نهارون، +ڪير اچي ٿو پرين پارون، +ڏي ڪو هُتي جا حال، +جان مٿس سؤ وارون واريان. +سيگهه ڪري لهه ساجن سارون، +موٽ مٺا تون موڙ مهارون، +جان تان لاه جنجال، +ٻاڦ ڪڍيو ٿي ٻيلا ٻاريان. +عشق ڪيون هيئن مون تي اُلارون، +دهشت دريا آر اوڀارون، +رانجهن ٿي رکپال، +سار بدن ۾ ڪانه ٿي ساريان. +ڪانوءن کي ٿي ڪريان ڪارون، +پيش پرين جي ڪريو پڪارون، +سڪندي گذريا سال، +”غني“ گنگهر ۾ گهڙيون ٿي گهاريان. +شيخ مبارڪ ”اياز“ +ڪر ڪير ٿو هي پکن مان پڪارون، نه منهنجو ملير، آ، نه ڪي منهنجا مارون. +اچن پار کان ٿيون پرينءَ جون پڪارون، +متان دير سببان ڏين هو ميارون. +وڃون ٿا پيا سير جي اڄ سهاري، +نه ترهوئي تاڻيون نه ڪي آهيون تارون. +ورهه تنهنجي وستي ورهيه ٿيا وساڻي! +کڻي چڻنگ چوليءَ هليو ڪير پارون؟ +رهي گونجندي ڪوڪ ڪائي فضا ۾، +اُڏامي ويون ڪونجڙين جون قطارون! + + +”سرشار“ عقيلي +منهنجي محب جو ناهه ڪو مٽ، ڙي اديون، توڙي آءٌ چري چرٻٽ، ڙي اَديون. +1. ڌوٻيءَ جيان مانکي، ڦرهي پڇاڙي، سورٿا ڪن سٽ سٽ، ڙي اديون. +2. بره دکائي ٿي، ذرڙي، پرز��، جئن کامي ڏئي جي وٽ، ڙي اديون. +3. دلڙي ڏئي، سوء سور پرايم، اهڙي ڪا ٻي مٽ سٽ، ڙي اديون! +4. هوت جا پائن، پير ۾ پنهنجي، آءٌ تنهن جتيءَ کان گهٽ، ڙي اديون. +5. نينهن واچوڙي، وڻ وڻ اُکوڙيو، پاڙون پٽي پئون سٽ، ڙي اديون. +6. ڏاگها رڙن، سي ٿيا ماٺ مون ڀيري، جهڙپيا جتن جهٽ پٽ، ڙي اديون. +7. ڄاڻين تون ڄاڻڻهار سڀوئي، آءُ ڄام نسوري ڄٽ، ڙي اديون. +8. ڪلمي پاڪ تنوار ڪنديس مان، جو قلب تان لاهي ڪٽ، ڙي اديون. +9. نينهن نشي ”سرشار“ نچايم، پير نه آهيم پٽ، ڙي اديون. +علي بخش ”رضا“ +چوري چاڪ، سڄڻ، دل چور ڪيئي، ڏئي درد، ڌڪي ڇو دور ڪيئي! +1. هڪ سڪ ٻيو رئڻ، ٽيون نيڻ ٽمن، اهو سور سندو دستور ڪيم، سدا ياد رهن، هنئين منجهه هرن، ڏاڍي مام ڏئي، مذڪور ڪيئي. +2. هلي واٽ وندر جي مان ووڙينديس، اهو سور سفر جو منظور ڪيم، سر ساهه سڄڻ تان هي گهورينديس، ڏئي وره مٺا وهلور ڪيئي. +3. جيئري شال ملان، آهي آس اڃان، اچي پيش پوان، جي قصور ڪيم، ملي محبن سان، ”رضا“ خوش ٿي کلان، رکي رمز سڄڻ گهائي گهور ڪيئي. +حسين بخش ”خادم“ +هي ڪيفي ڪڪوريل، ڪنڍيون يار ڪاريون، تو مارڻ لئي منهنجي، اي دلدار ڌاريون. +1. عزم ساڻ اڀري، امالڪ اچن ٿيون، وڙهڻ لاءِ وريو وڪڙ ور وجهن ٿيون، اسين پيا ادب سان اي نرمل نهاريون. +2. ڪشي قرب جا ڪان قهري هڻين وئين، نماڻيءَ نظر سان کسي دل کڻي وئين، دکيءَ دل کي هاڻي، ٿا دم دم ڌتاريون. +3. ٿيون موهن مٺا مون کي هي من موهڻيون، نه مٽ ڪو سندن آهه، سدا سرس سهڻيون، سوا سرمين سهڻا، سونهن ٿيون سونهاريون. +4. اکيون ڪيئن ”خادم“ اڙن ٿيون اکين سان، نه هرگز هلي ٿو، ڪو حيلو هنن سان، کٽي هاڻ قسمت، پو جيتيون يا هاريون! +مير محمد ”ميرل“ +اسان ستل هسي، ننڊ نشي وچ، آڪر ڪنهن جڳايا، مست بنايا! +1. نور دي اِڪ تجلي آئي، باه بره دي بجلي آئي، هوش عقل وڃايا، مست بنايا. +2. نظر مين ڪيتي جيوين سامهون، سڄڻ کڙا ها آمهون سامهون، درس جو ديد وکايا، مست بنايا. +3. دوبدو دلبر دي جڏ ٿيوسي، ڏوهه گناه دي معافي ڳڌ يوسي، رب نون ٻهه ڪي ريجهايا، مست بنايا. +4. آواز آيا اڪ الستي، ڇوڙ ڏي ”ميرل“ اها تون مستي، عاشق نام رکايا، مست بنايا. +طفيل احمد ”طفيل“ +جت لاڻن جي ٿي ڇانگ ڇڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي. +1. جا لوئي لڄ جي لاهي لٽي، جا ڀونگن سان محلات مٽي، سا ڄائي شال نه ماءُ ڄڻي: مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي. +2. جي سون جي تند ۽ تارن سان، مٽ ڪين ٿين جي مارن سان، ڀل ڪيڏي ڪوئي هام هڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي. +3. ڏٿ ڏوٿيڙن کي ساهه سڪي، دل محلاتن ۾ ڪين ٽڪي، هي مون تان قادر قيد کڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي. +4. اڏ ماڙي ڪيم ۽ ڪوٽ نه ٻڌ، جي روڪيندين ته به سال يا اڌ، مان ٿر ڏي وينديس ٿوري گهڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي. +5. هت ڪوٽ ۾ مارئي ويچاري، بس آه ”طفيل“ ڏکن ماري، تقدير جا ويٺي ڏينهن ڳڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي. +(وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي) +مصري شاهه مرحوم +عشق سڄوئي امام، مذهب محبت عين مبارڪ! +1. سڻ خليفا، معلم خبرون، ذوق وڃايم زيرون زبرون، پيش پري ٿيا، جزمون لام، فرحي اُن کان ٿيا سون فارق. 2. قاضي، ڪامل، ڪاتب، قاري، برهه ڇڏايم بزرگواري، حسن هلايو حڪام، تاب انهي ڪيو تن کي تارڪ. 3. سٽ سڪڻ جي پڙهه تون ساري، ورق وهم جا سارا وساري، آءُ ته ٻڌون احرام، طلب اٿئون تن تات تبارڪ. 4. منهن ٿيو محراب پرينءَ جو، سجدو ساب پيو ”مصريءَ“ جو، ڀلي چون بدنام، غمزي انهيءَ ۾ ٿياسون غارق. +پير حسين بخش جيلاني +هن عشق جي آڙاهه، ڪئين هزار ٻهڳڻ ٻاريا، هر دو جهان نينهن جي نشي جوڳي جنگ جياريا. +1. برهه باب جي عتاب، ٻيا ڪتاب ڪل وساريا، ڪئين جوان منجهه طوفان، ڪن جا ڏيل ڪرٽ ڏاريا. +2. ڪربلي قرب ڪبريا، قهري قتل ڪاريا، اُهي مير مڙيا ڪين، جن جي موڙ سر ملهاريا. +3. مجني مير امير تي، بر ۾ گل بهاريا، جنهن کي ليلا هڪڙي لاڏ سان، سو سبق سور سيکاريا. +4. مچ عشق جي محال، ”آنا الحق“ اُجاريا، منصور جهڙا منصف، جن سوليءَ سر سينگاريا. +5. چاڪ صاحب تخت جي، اسباب ڪل اُڏاريا، جهنگ سيال جي خيال، رانجهن ڀاڻ ٻهاريا. +6. ”حسن بخش“ هوتن لاءِ، هي هي لڙڪ هاريا، قربان تن جي نام تان، جن قول ”قالوءَ“ جا پاريا. +رمضان واڍو +بشري بيک بتا اظهار، هر قدرت دا ڪمڙا ڪيتم! +1. طور تي موسيٰ مين چڙهايا، ”لن تراني“ مين پڙهايا، +تجلي ڪر ڪي مين ساڙايا، آڙه ڪيتم باغ بهار، چڙهه آسمان تي ڪپڙا سيتم! +2. نور نبي دا نيهن ڪيتا مين، روز ميثاق دا ڏينهن ڪيتا مين، نوح طوفان دا مينهن ڪيتا مين، چوطرف چوڌار، تار پاڻي اُتي ٻيڙا نيتم! +3. ”الانسان سري اَنا سره“، ”لا يتحرڪ ذره“ ظاهر، ”ونحن اقرب“ مين هون ماهر، ڦرڪا ڦيريم ليل نهار، +”موتي قبلل“، مري وت جيتم! +4. خوشي ميڏي غم غمي تي، سختي ميڏي نم نرمي تي، لهه لاهوتئون آيا زمين تي، ”واڍا“ ٿي ڪي وچ وڻڪار، +’رمضان‘ اپنا نانءُ رک ڏيتم! +غلام شاهه +اٿم اميدون اڃان، پاندڙو پائينديس، پرين پرچائينديس! +1. درد ونديءَ کي دم دم دلبر، درد فراق جا دل ۾ دفتر، ڳالهين جا ٿم ڳڃان: +ڳجهو ڳالهائينديس، ساري ته سڻائينديس. +2. جڏهين منهنجو جانب آيو، جنهن سان منهنجي روح جو رايو، سرتيون اوهان کي سڃان: +کنڊون کارائينديس، وٽون به ورهائينديس. +3. سڄڻ هليو، ۽ مون کي منهن ٿيو، پرين ڌاران ويهڻ وهه ٿيو، ڪين وهان، آءٌ وڃان: +وڃي ته ورائينديس، روئي ته رهائينديس. +4. سوين سال ٿيا، ورهين ويهان، آءٌ ته ”غلام شاهه“ راتو ڏيهان، ڀاڃ اها ويٺي ڀڃان: +گهر گهرائينديس، گهورون ته گهمائينديس. +”محمد“ فقير صوفي، کٽياڻ +عشق اويڙا قدم ڪڏايا، +ڪيفي ڪيف ڪلال دا، ڪمال دا! +1. حسن هلان ڪر حڪم هلايا، جلوا کول جمال دا! جلال دا! +2. قلب قتل دا قرب ڪمايا، فالم ٿي في الحال دا! برحال دا! +3. صوفي ٿي سر صاف سڃاتا، دلبا ديد دلال دا! ڌمال دا! +4. گم ٿي ’محمد‘ ويک تماشا، بيسر بيک بحال دا، خيال دا! +”جهان شاهه“ ٿاڻو بولا خان +تنهنجا نين خماري ناز ڀريا، سي ته مفت مسافر مارن ٿا! +1. قوس صفت تنهنجا ابرو ڪارا، تير ڪشي ٿا ڪن سي وارا، چچري ڪن ٿا، دل ”سي پارا“، ”مصحف“ منهن سي ڏيکارين ٿا! 2. کول نقاب تون نرمل سائين، ڇوٿو حجاب جي چادر پائين، ”مظهر“ ۾ وريو منهن کي لڪائين، سهڻا ته پاڻ سينگارن ٿا! 3. تنهنجا تهدل تابع عاشق، فڪر فنا ڪيا آهن فائق، شاهه گدا سڀ تنهنجا شائق، لک طالب توڏي نهارن ٿا! 4. ”جهان شاهه“ سي آيا جاني، ماه لقا منهنجا يوسف ثاني، من گهريا ڪري مهرباني، پت پيارل پارن ٿا! +زمان شاهه ”ساقي“ +1. جنهن سان دل لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ، اهو جاڙ جيڻ، تنهن کان زهر پيڻ، +اهو ناهه مرڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟ +2. دل تي دود دکن، لکين پور پون، سوين سور سجهين، دل تان ڪين لهن، +اهو ناهه رئڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟ +3. جنهن کي نينهن نيو، تنهن کان سڀ ويو، مون کي ڏس ڏيو، ڏکيو پيچ پيو، +اهو ناهه ڦسڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟ +4. ملي ماه لقا، جنهن تان آهيان فدا، ڪيو قهر قضا، ٿيو يار جدا، +اهو ناهه جلڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟ +5. ماندي يار مران، پکي روز پڇان، ”زمان“ مان ملان، اها آس رکان، +اهو ناهه سڪڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟ +مرحوم محمد عالم شاهه ’عالم‘ ٽکڙائي +هليا جنگ جوڳي سي نروار نانگا، لتاڙي لنگهيا لڪ لڪيون ۽ لانگها! +1. نه ٻولين ڪنهن سان، ٻڌن ڪانه ڪنهنجي، رکن ڪانه پرواه، پرائي نه پنهنجي، +ڇنا سڱ سامين، سياڪا ۽ سانگا. +2. وڌئون بک بگري، کنيئون سڃ سمر لا، رميا راه رڃ جي، ڪشي تن ڪمر لا، +چڙهي چوٽ ٿيئڙا ڏسڻ کان مهانگا. +3. شريعت سندا شمس، تارا طربقت، سندا معرفت مهر، هادي حقيقت، +وڃي پار پهتا، تري تار تانگها. +4. اٿي ڳول ان لئي، ڳليون ڳوٺ ’عالم‘، سونهي جن جي صحبت، سنگت صاف سالم، +انهن کان سکج عشق جا انگ اڙانگا. +گيت +”برده“ سنڌي +مستاني رت +نيهن نڀائڻ جا ڏينهن آيا، آئي رت مستاني..... آءُ وري تون جاني! +نهر ڪناري، ڪنگ تنواري، ساريائين ڪو ساٿي، ’پي پي‘ ڪري پپيهي پنهنجي، من تان مونجهه ته لاٿي، +ڪير چوي؟ هي ماڪ جا قطرا، لڙڪ اُداسي دل جا! واريءَ تي هي ڇوليون ڄاپن، ڦٿڪا ڪنهن بسمل جا: +او شل جواني ماڻين مٺڙا! مل آ مهل سُهاني..... آءُ وري تون جاني! +سياري جي هر رات هيڪاندي، مون آ ڏسڪي ڪاٽي، اُلڪي کان، سيرانديءَ سيري، رکان روز ڏياٽي، +بيهي چائنٺ وٽ چتايان، روز صبح جو راهون، ڀير ڏسان ڪو تنهنجي ڀورل، دل مان نڪرن دانهون: +پر نه اڻاسيءَ جا اجهڙا تو، اچي ڪئي احساني..... آءُ وري تون جاني! +انبن ٻور جهليو، نم هاڻي ڪاڪ پن ٿي ڇاڻي، آئي آهه بهاري، تون ڀي آءُ پرين هن ٽاڻي، +نيرا گل چڻن جا ناسي موريءَ جا گل مرڪن، سنگ جهنڊولا، ڪئنرا ڪئنرا، هير تي بيٺا ڍرڪن: +هاءِ جيئن لهرائن پوکون، جهومي دل ديواني.... آءُ وري تون جاني! +ڀيڄ ڀنيءَ جو، ڀنيءَ فضا ۾، تنهنجي ياد ستائي، سا جهٽ ڀاڳ سهاڳ جي ڀايان لالڻ ليئڙو پائي، +پاسا چوريان، ۽ ڪر موڙيان، هاءِ! اچن اوٻاسيون، عشق جو مُشڪ، ڇُلي پيو ڇپرين، ڳوٺ ڳليون سڀ واسيون، +سيني ساڻ لڳائي روئان، ”بردا“ نيهن نشاني.... آءُ وري تون جاني! +شيخ ”اياز“ +تون مونکي، مان توکي ڳوليان، +لڪي ليئا پايان، واجهه وجهي واجهايان! روز ازل جون رمزون تنهنجون، سُر ۾ ڪيئن سمايان، ڳوڙهن ۾ ڪئن ڳايان! سور سوين سانڍي مان تڙڦان، توکي ڀي تڙڦايان، +لونءَ لونءَ منجهه لڇايان! +بات برهه جي ڳوڙهن- گاڏڙ، مرڪي ڪيئن مڃايان، سڏڪن ساڻ سڻايان! ساري رات سڄڻ مان سوچان، تارن کي ترسايان، ڳالهه ڳجهي ڳالهايان! تون چنڊ ته مان چانڊوڪي تنهنجي، پاڇو ٿي پڇتايان، چوء، توکي ڪئن چايان! +تون مون کي مان توکي ڳوليان، لڪي ليئا پايان، واجهه وجهي واجهايان! هري ”دلگير“ +تو ڇو دلڙي لاٿي، ساٿي! +تـو ڇو دلڙي لاٿي؟ +ساٿي تنهنجا ساٿ ڇڏي ويا، تون ئي اڪيلو ڪاهه، ويل آويل ڏسين ٿو ڇا لاءِ، سانجهه سويلو ڪاهه، +هِن هُن جي پرواهه ڪرين ڇو؟ +ناداني داناءَ ڪرين ڇو؟ +ويو اڄ توکي ڇا ٿي، ساٿي! +تو ڇو دلڙي لاٿي؟ +ڪنڊا جي رستي ۾ ايندا، پيرن هيٺ لتاڙي هل، پربت جي روڪين ٿا راهي، تن کي چيري ڦاڙي هل، +ڌرتيءَ کي گلزار ڪري ڇڏ، +خوشبو سان سنسار ڀري ڇڏ، +سرڳ پوي دنيا ٿي، ساٿي! +تو ڇو دلڙي لاٿي؟ +رستو ڪارو، ٻاٽ انڌارو، آشا جوت جڳاءِ پنهنجي لاءِ ۽ جڳ جي لاءِ پڻ روشن راهه بڻاءِ، +سو سج تنهنجي راهه تڪيندا، +مــــــــــــاڻهو توڏي ڊوڙي ايندا، +سڀ پوندا تنهنجا ٿي، ساٿي! تو ڇو دلڙي لاٿي؟ +”نياز“ همايوني +ڀيڃ ڀني رات پُني، تون نه آئين دادلا! هيج ٽٽي آس رني، تون نه آئين دادلا! +تو بنا منهنجا پرين، هو منهنجي ڪاڻ هڳاء، هيڪلائيءَ هانءُ کاڌو، سڃ وڃايم، ساک، گهات وڌم گهاء، مونجهه مانارا ڪيا: سيج سڃي، ننڊ ڊني، تون نه آئين دادلا! +سانگ ساٿي ڪين ٿين، وندر لئي وڦلي رهيس، گود ۾ گوندر نپائي، تانگهه ۾ اهلي رهيس، دانهن مان دهلي رهيس، آهه اکيرا ڪيا: ماڪ اُٺي ميس مٺي، تون نه آئين دادلا! +ساهه سيبانا الا، ڇو نه آئين ڇا ٿيئي؟ ڪنهن پڇايو پنڌ تنهنجو، ڪنهن مسايئي ڪنهن جهليئي؟ پاڻ ڇو مونکان پليئي، وهم واهيرا ڪيا: لڙڪ کليا، مرڪ رني، تون نه آئين دادلا! +هيج ٽٽي آس رني، تون نه آئين دادلا! ڀيج ڀني رات پني، تون نه ائين دادلا! +”تنوير“ عباسي +صبح نه آهي دور، ساٿي! +صبح نه آهي دور. +لنبي رات وهامي ويندي، دک جي آگ اجهامي ويندي، +آس نه لاٿي، جي تو ساٿي! +اونده مان ئي باکون ڦٽنديون، ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون، +ڇو ٿو وڃين وهلور، ساٿي! +صبح نه آهي دور. +رات ٿي پنهنجو دم ٻوساٽي، اونداهين جو هانء ٿو ڦاٽي، ڪارن پردن مان پرڀاتيون، اوڀر کان ٿيون پائن جهاتيون، +صبح ٿئي ٿو، نور وسي ٿو، +ڄاڻ لٿا هي سور، ساٿي! +صبح نه آهي دور. +ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو، ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳي، +صبح جو پهريون پهريون ڪرڻو، +اونداهيءَ جا پردا چيري، وڌندو اچي ٿو ڌيري ڌيري، +ڄاڻ وسي ٿو نور، ساٿي! +صبح نه آهي دور. +اچ ته رفيقن کي جاڳايون، صبح سان گڏجي جوت جلايون، +منهنجا سنگتي، منهنجا ساٿي! +آءُ ته ڳايون گيت سحر جا، اچ ته ڪريون دنيا ۾، اُجالا، +ٿيندا هي دک دور، ساٿي! +صبح نه آهي دور. +”بشير“ مورياڻي +نيڻن نير وهايو تو بن نيڻن نير وهايو، تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو! +دل ۾ تنهنجو رنگ روپ ۽ صورت آهي سمائي، تنهنجو نالو آهي زبان تي، ناهي ٻي ڪا وائي، اکيون آليون ٿي ويئون، جو ڌيان آ تنهنجو آيو: +نيڻن نير وهايو تو بن نيڻن نير وهايو، تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو! +ڏينهن ڏينهن جو کسجي ٿي، مون کان منهنجي سرهاڻي، رات رات جو ارتو اوتيان، اکين آءٌ سدائي، ڏنگ هڻي ٿي روح کي منهنجي، تنهنجي هيءَ جدائي، تنهنجي پريت منهنجان اي سپرين، مون غم آهه پرايو: +نيڻن نير وهايو تو بن، نيڻن نير وهايو، تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو! +هوندراج ”دکايل“ +ڳوٺاڻو گيت +1. پٻن کڙي پيهي تي بيهي، پل پل ڪريان پڪار، ڪانوَ تڙي تو طرف منجان ٿي، من ڪو پهچئي پار، پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... +2. رونبا نڪتا، اوٻر نڪتا، نڪتو پئي ڄڻ ساهه، ساون مان پيلا ٿيا تيلا، لاب، پيا، ٿيو ڳاهه، تڏهن به تون آئين نه مسافر، ڪهڙي ڏيانءِ ميار؟ پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... +3. وائر ۾ ڇڄ ويهه ويهه ڀيرا، ڄڻ ٿي هٿ مان ٿڙڪيو، پيارو پورهيو بار لڳو پئي، تو رئي هڏ هڏ ٽڙڪيو، تن ميرو ٿيو ڌوڙ وسائي، چيڙهه وڃايم وار، پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... +4. ديرا ميرا لڳن، مسافر! تو نه ڪيو جي ديرو، اوطاقن ۾ اوندهه ڀانيان، پيو نه جي تنهنجو پيرو، من منهنجي کي ڪين وڻن ٿا تو ريءَ اَن انبار، پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... +5. اُکريءَ ۾ منهن پائي ويٺي، مهري ٿي کڙڪايان، آهٽ پائي، ڇرڪ ڀري، اک ور ور در ۾ پايان، مايوسيءَ کان ان ڪڻن کي ڏيان ٿي ڪيڏي مار، پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... +6. آس وڃائڻ واري ناهيان، ڇو ته ڳهيلي آهيان، تڏهن ته دم دم دڳ واجهائي پئي ٿي دل پرڀايان، نيٺ ته هڪ ڏينهن ايندين ”دکايل“، پاڙيندين اقرار، پٻن کڙي پيهي تان بيهي پل پل ڪريان پڪار. +سريچند ڇاٻڙيا ”راهي“ +جيون راڳ +ڇيڙ مڌر ڪو راڳ، سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ. +ڇاتي ڦولي ڪين سمائي، جذبن ڌوم مچائي، باغن ۾ سرهاڻ کڻي، آ هوا پکيڙڻ آئي، تن من ۾ جهنڪار لڳي آ، جاڳي ڀاڳ سهاڳ، +سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو را��. +تون مان مشڪون، جڳ پڻ مشڪي، مشڪي دنيا ساري، آشا مشڪي، جيون مشڪي، مشڪي من ڦلواڙي، ڀُلجون ساري جڳ جي چنتا، ڀُلجون منزل ماڳ، +سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ. +اجهو هلڻ جي ويل به آئي، مکڙي پڻ مرجهائي، اجهو وڄي ٿو ڪال نغارو، جيون ۾ سڃ ڇانئي، تڙڦي ٿو اڄ گيتن لاءِ ئي، من جو سمنڊ اجهاڳ، +سکي ري! ڇيڙ مڌرڪو راڳ. +ڪير چوي هن ويلا کان، پو، ڇاهي آخر ٿيڻو، پراڻن تي آ ڪين ڀروسو، ڪنهن کي جئڻو مرڻو، گيتن جي سٽ سٽ ۾ ”راهي“، ڀر جيون جو راڳ، +سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ +(”سئنا“ تان شڪريي سان) +نظم +نواز علي جعفري ”نياز“ +گلاب جي گل کي خطاب +اي سدا سهڻا، گلستان جي گلن جا تاجدار، آهه توتي هر چمن جي، حسن جو دارو مدار، سال سرو، باغبان، تنهنجو ڪڍي ٿو انتظار، ڇا چوان تولئي فقط بلبل نه آهي بي قرار، +تنهنجي لئي هر تار سنبل جي پريشان ٿي رهي، چشم نرگس جي ڏسي توکي ته حيران ٿي رهي. +ماڪ ڀي مئي ٿي ٿئي، تنهنجو ئي پيمانو ڏسي، ٿو پيڻ کان ئي اڳي ٿئي، سڀ ڪو مستانو ڏسي، ڪين ٿيو بي هوش جو، هرگز پريخانو ڏسي، ٿو ٿئي گلشن ۾ سو، دانا به ديوانو ڏسي، +عطر بڻجي وئي صبا، جا آئي تنهنجي روبرو، جنهن کي پهتي تنهن کي ٿي، تنهنجي ڏسڻ جي آرزو. +تازگيءَ ۽ پنهنجي خوش رنگيءَ تي توکي ناز آهه، ناز ۾ ويتر غرور ۽ حسن جو انداز آهه، سچ ته چؤ هي ناز يا انداز يا اعجاز آهه، سربسر جنهن ۾ سڄو قدرت جو مخفي راز آهه، +حسن سڀني کان نرالو تون وٺي پيدا ٿئين، تنهنجا سڀ شيدا مگر ڪنهن جو نه تون شيدا ٿئين. +ٿي ٿئي توکي ڏسي هيءَ دل جي بلبل باغ باغ، تنهنجي خوشبو سان معطر ٿو ٿئي سڀ جو دماغ، ناهه لاله تنهنجو همسر، اُن جي آهي دل ۾ داغ، توکي ٿا هر باغ و بستان جو چون چشم و چراغ، +ٿي ٺهي تو ساڻ ئي هر بزم ۽ هر انجمن، ڪئن نه پوءِ هر هر ڪندين تون ناز اي نازڪ بدن! +جنهن کي هٿ قدرت جو ٺاهي، ڇو نه سڀ کان سر ٿئي، ماڪ جي سو ڪئن نه موتين ساڻ زيباور ٿئي، پرتوي خورشيد جي سان، ڇو نه سارو زر ٿئي، ڪئن نه سو خورسند و خندان خورم و خوشتر ٿئي، +سو چمن جي تخت تي پوءِ ڪئن نه ٿئي جلوه فگن، ڪئن نه سڏجي گل اهو ٻهڪي نه ان سان ڪئن چمن! +نسترن توڙي هجي سوسن، سنوبر، ياسمين، آهين تون سڀني چمن جي نونهالن کان حسين، ڇا لطفت تنهنجي ۽ ڪهڙو نه آهين نازنين، هي عجب ناهي جو آهين خار جو تون همنشين، +دور ڪر هن خار کي رک، پاڻ کان بلڪل پري، ڏس ته ڪئن منحوس دامن تنهنجي پرزا ٿو ڪري! +تنهنجي دامن چاڪ ٿئي، بلبل جي دل ٿئي چور چور، خار پاسي ۾ ڪري، هن کي چوين ”ٿي دور دور“، ٿي چوي بلبل ته هي، سيني ۾ آهي سخت سور، جي کلين ڪنهن سان نه ٿو، مرڪين ته ٿو ڪنهن سان ضرور! +جي ائين مون سان به مرڪين، سو دفعا صدقي وڃان، عمر ساري ڳڻ به ڳايان مهربانيون ڀي مڃان! +روز شب هر وقت ٿو، تون گڏ گذارين خار سان، باغبان صياد، گلچين سان، هلين ٿو پيار سان، ٿي مري بلبل، جا تنهنجي درد ۽ آزار سان، ڇو نه الفت ٿو رکين، ان برهه جي بيمار سان، +توکي بلبل جي سفارش ٿي ڪري ڪيڏي صبا، ڇو ٿو سر ڌوڻي ڪرين، انڪار تون اي بيوفا! +ٿو ٿئي سرهو گهڻو، توکي ڏسي بيمار ڀي، تنهنجي تحفي تي ٿئي، راضي ٿو شاهوڪار ڀي، مثل زيور توکي پائي، مفلس ونادار ڀي، زيب تون آهين ڪنن جو، ۽ ڳچيءَ جو هار ڀي، +تنهنجي مٽ هرگز نه چانديءَ سون جو زوير ٿيو، تنهنجي ڏانيءَ تي سدا خوش سڀڪوئي افسر ٿيو. +هئي اڳي پوشاڪ تنهنجي سبز تون هئين پارسا، خون ڪنهن جي ۾ ڪئي تو، سرخ هيءَ پنهنجي قبا، ڪنهن جي هيءَ ڳاڙهن ڳلن ڏس ته سرخي آهه ڇا، يا هٿان ڪنهن حسن واري جي لڳي توکي حنا، +خير جي ڪئن ڀي کڻي تو پاڻ کي ڪيو سرخرو، ڪر مونکي ڀي خوش ٻڌائي پنهنجي رنگين گفتگو. +آهين بيشڪ دل ڌتارڻ لاءِ ڀي چالاڪ تون، ٻيو خزان جي خوف کان ڀي ٿو رهين بي باڪ تون، پر ٻڌائيندين ته آهين ڪنهن جي لئي غمناڪ تون، ڪنهن جي غم ۾ ٿو ڪرين پنهنجو گريبان چاڪ تون، +ٿو هنجون هي ماڪ جي صورت ۾ هارين ڇو ڀلا، آهه توکي ڀي محبت جي مرض ڪيو مبتلا! +تنهن جي دل ۾ شوخي ۽ نرمي برابر ٿو ڏسان، ڪو نياز ۽ ناز ۾ تنهنجو نه همسر ٿو ڏسان، گهوٽ جي سهرن ۾ توکي ئي سراسر ٿو ڏسان، لاش تي ڀي قبر تي ڀي قبر توکي اڪثر ٿو ڏسان، +موت ۽ شاديءَ ۾ آهين تون شريڪ اي مهربان، ڪئن نه توکي، آفرين، صد آفرين، هر هر چوان! سڀ حسين دنيا جا تنهنجي ئي رکن ٿا آرزو، ٿا رکن توکي اکين تي، مهجيبن ۽ ماهرو، ڪوبه نازڪ، ناهه نازڪ، تنهنجي نازڪ روبرو، مان اڃا تعريف ڪيان، تنهنجي گهڻي اي خوبرو، +پر ٿئي ٿو خوف هي سمجهي متان پنهنجو رقيب، ڪا ڪري ڪنهن سان شڪايت منهنجي بلبل بدنصيب! +تون جيئن جڳ جي چڱائيءَ لئي ٿو شل هردم جئين، مهربان هڪ جهڙو دشمن ۽ سڄڻ تي ٿو ٿئين، منهن ڏسڻ پنهنجو سدا جي باغبان کي ٿو ڏئين، ڪين گلچين کان به هرگز منهن لڪائي تون وئين، +توکان هڪ جهڙي ٿا هو خوشبو به حاصل ڪن ٻئي، هئن ڪندي احسان ٻين تي عمر سڀ تنهنجي وئي. +هي ٻڌي سڀ گل چيو مونکي زبان حال ۾، ”هر حسين جو حسن ڪم ٿيندو وڃي هر سال ۾، ”پائداري ناهه ڪنهن سهڻي جي خط و خال ۾، ”ڇو ٿي بلبل پنهنجو جيءُ ناحق وجهي جنجال ۾، +”جي خزان آئي ته مان لحظي ۾ ٿي ويندس فنا! ”ڇا انهيءَ سان لائجي دل حسن جنهن جو بي بقا! +”دل رکڻ ان ساڻ گهرجي آهه جيڪو لازوال! ”ذات جنهنجي پاڪ آهي هر صفت ۾ باڪمال! ”ڪين موسيٰ ڀي ڏسي جنهن جو سگهيو حسن و جمال! ”ڇا نه آهي پارسيءَ واري جو هي سهڻو مثال +هر کجا نقش نکوبيني بر او مائل مباش نقش را از دل رهاکن عاشق نقاش باش،“ +اي ”نياز“ اڄ گهر دعا ان کان جو آهي بي نياز، گل هجي خندان هميشه عمر ٿئي گل جي دراز، نازل بلبل، گل تي ۽ گل ڀي ڪري بلبل تي ناز، تن جي صدقي يار توسان ڀي ملائي ڪار ساز، +ڏس ته ڪئن تنهنجي دعا جلدي ٿئي ٿي مستجاب، جو اسانجي رب جي رحمت به آهي بي حساب! +ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ +ڪعبهء دل +ڪناري آب دريا جي، ٻڍو هڪ هو گلستان ۾، وڌائين ٿي نظر عبرت جي هر سو گل ۽ ريحان ۾. عجب راحت ڏياريندڙ، هو منظر ڪوهسارن جو، سردو آميز ٿي آواز آيو آبشارن جو. تجلي ماه تابان ۾ ٿي شوخي موج دريا جي، +هئي پڻ گلشن آرائي، نسيم ڪيف افزا جي. گلن جي ٿي نظر آئي بهاري سبزه زارن ۾، لڪل پڻ مرڪ بجليءَ جي نظر آئي ٿي تارن ۾. ڏسي هو اهڙي منظر کي، نظر مغموم آيو ٿي، چپن ۾ پنهنجي آهستي، چئي هن هي ٻڌايو ٿي. اچي ٿي صاف، دريا! تنهنجي موجن جي روانيءَ ۾، نظر شورش اُها جا گڏ، هئي مون سان جوانيءَ ۾. دل رعنا تون سهڻيءَ شڪل سان بيشڪ درخشان ٿئين، مگر منهنجي جوانيءَ مثل تون ڪٿ حشر سان مان ٿئين. ڪڏهن نيرنگ عالم هاءِ هيءَ ساعت به آڻيندو، ڪري مون جهڙو توکي نيٺ پرمزده بنائيندو. ڏسي منظر ته ياد آيو اٿم دل جو سيه خانو، ڪٿي هو حسن جي دنيا، ڪٿي هي تنگ ويرانو. مگر هن دل شڪسته کي صدا هيءَ غيب مان آئي، اڃا تو ڪين آهي ڪجهه ڏٺي هن دل جي گهرائي. دل مغموم کي سمجهيو تو آهي هڪ سيه خانو، غضب آهي اڃا آهين حقيقت کان تون بيگانو. سراسر نور ٿو هت ”ڪعبهء دل“ ۾ رهي سارو، +تجليءَ جو اٿئي مرڪز جو سمجهين ٿو تون گهر ڪارو. ڪٿي سو مهر ۾ جلوو، ڪٿي سو ماه ڪامل ۾، ”خليل“ آهي ٿيو پنهان جو تنهنجي غمزده دل ۾. همايون بيگ مرزا ”فائق“ +درد ��ل +نعمت دل آهي ٿي هر ڪنهين انسان کي عطا، بحر هستيءَ ۾ صرف جسم ۽ دل در صفا، نور عرفان جو انهيءَ دل ۾ رهي ٿو به ضيا، ٿا ٿين ان جي ڪري نيڪ عمل توڻي برا، +دل ۾ احساس جي قوت جو اثر ڀي آهي، ڪي چون ٿا ته هي ”الله جو گهر“ ڀي آهي. +دل گناهن کان مبرا ، جا صفا ٿيندي آه، سا ٻڌون ٿا ته گذرگاهه خدا ٿيندي آه، درد کان خالي ڪڏهن دل به ڀلا ٿيندي آه؟ دل نه چئو تنهن کي، اُها ٻي ڪا بلا ٿيندي آه! +دل کي بيدرد جي بي درد بنائي رکيو، گوشت جي ٽڪري کي سيني ۾ لڪائي رکيو. +ڪو بر همڻ هجي، يا شيخ هجي، شب بيدار، روز شب سجدي ۾ سر پنهنجو نمائي سوء بار، درد جي دل ۾ نه آهي، ته عبادت دشوار، درد جي دل ۾ نه آهي ته رياضت بيڪار، +نه ڪڏهن رحمت باري کان جزا پائيندو، دل ڪنهين جي ڏکائيندو، سزا پائنيدو. +آهه جو تير ٿئي ڪڏهن خطا، نا ممڪن! ڪو ٿئي تنهنجي نشاني کان رها، نا ممڪن! +ڪوئي ظالم نه ڪري مڪر و دغا، نا ممڪن! راضي تنهن شخص منجهان ٿئي پو خدا، نا ممڪن! +ظالم جي خُو کي ڌڪاري ٿو خدا ڀي دائم، ”ظلم قائم آهي، ظالم نه ڪڏهن ٿيو قائم.“ +ڪائي دل سيني ۾، شيشي جي برابر آهي، ڪنهين سيني ۾، ته پٿر کان به ابتر آهي، درد جنهن دل ۾ سمايل، اُها بهتر آهي، موم فرياد سان ٿئي ڪين، سا پٿر آهي، +رحم جنهن دل ۾ نه آهي، نه تنهين ۾ ايمان، آهي حيوان کان بدتر، نه آهي سو انسان. +دل بيدرد وٺي ڪونه بشر پيدا ٿئي، اهڙي انسان کان بهتر ته حجر پيدا ٿئي، ڪوئي بيمار جي ڪسڪي ته اثر پيدا ٿئي، ڪوئي ڦٿڪي جي ڪڏهن، درد جگر پيدا ٿئي، +ڪوئي بيڪس جي هجي سينه سپِر ٿي تنهنجي، جي ڏکيو ڪوئي ڏسي، چشم به تر ٿي تنهنجي. +جي مقابل ۾ اچي شينهن، نه سا گهٻرائي، سامهون توب جي ويندي، نه اُها ٿرائي، سا سوَن تي ۽ هزارن تي به غلبو پائي، زخم جي کائي ته سيني تي هميشہ کائي، +ٿي وڃي پرزا مگر جان لڙائي پنهنجي، جوهر اصل شرافت هي بتائي پنهنجي. +دانهن ڏکياري ٻڌڻ جو نه تنهن تاب هجي، ۽ نه چهري تي غم غير کان ڪجهه آب هجي، نه ڪڏهن تنهنکي خيال خورش و خواب هجي، چين جو لحظو نه تنهن، صورت سيماب هجي، +پيش مشڪل جي هجي ڪنهن کي، ڪري سا آسمان، طالب سر جي اچي ڪوئي، ڪري سر قربان. +بحر غم ۾ جي ٻڏي ڪوئي، بچائي تنهن کي، زندگيءَ کان جي رسي ڪوئي، منائي تنهن کي، ڪار بگڙي جي ڪنهين جي ته، بنائي تنهن کي، ۽ شرافت ڪري، احسان نه جتائي تنهن کي، +ٿو حمايت ڪري مظلوم جي، ظالم سان لڙي، ۽ غم غير جي لئه جان ڪري پننجي ڪڙي. +جي بکيو ڪوئي سجهي، تنهن کي وڃي کارائي، ڪو اگهاڙو جي هجي، تنهن کي وڃي پارائي، بي گنه ڪوئي نه جاندار ڪڏهن ايذائي، رحمتون اهڙو جوانمرد خدا کان پائي، +گلشن دهر ۾ سو شال ٽڙي، شاد رهي! آهي ”فائق“ جي دعا هيءَ ته سو آباد رهي! +محمد خان ”غني“ +”يارن جو ههڙو حال آه“ +سڻ سڄڻ، پنهنجي وطن وارن جو ههڙو حال آه، عاشق و معشوق، مہ پارن جو ههڙو حال آه. زندگي آهي، مگر زنده دلي ٿي ڪانه آهه، يعني ٿيو تنهنجي طلب گارن جو ههڙو حال آه، هو به ڪنهن معشوق وانگر، لڪ لڪوٽي ڪن پيا، آسمان ۾، چنڊ ۽ تارن جو ههڙو حال آه. ٿا پين، پر ڪوبه ماڻي ڪونه ٿو، ڪيف و سرور، پنهنجي ميخانن ۾، ميخوارن جو ههڙو حال آه. هن خزان جي دور ڪيو، تاراج آهي باغ کي، گل به ڪومايل، ۽ گلزارن جو ههڙو حال آه. ٿا وهن واهڙ، اڳوڻا، پر اُمنگ ٿي ڪانه آه، ٿا رهن مايوس، ٿيو يارن جو ههڙو حال آه. منهنجي دل جي بحر غم جيئن، موجزن ”مهراڻ“ آه، اڄ به اُن جي آر، اوڀارن جو ههڙو حال آه. سانوڻيءَ جي يار، ڪنهن کي سار هرگز ڪانه آه، درد دل کان، چشم جي لارن جو ههڙو حال آه. ��ي رهن ٿا دور ديرا جن جا دلين ۾ ٿيا، هاءِ! صد افسوس! دلدارن جو ههڙو حال آه. اڄ به ڳائين ٿا، اڳوڻي ساز تي، وڌ سوز سان، جهنگ ۾ ٿيو، پنهنجي ٻڪرارن جو ههڙو حال آه. سنگ سونهري پڪو، ڳاهيو، ڪڻا وٽڙي ويا! پنهنجي کيتن جو، ۽ لابارن جو ههڙو حال آه. اڄ به چارا ٿيا اُهي، پر بند ٻيا چارا ٿيا، ڇا چوان اي يار! بيچارن جو ههڙو حال آه. سنڌ جي صوفين جي سينن ۾، ڪدورت ڪانه آه، +نيڪ مردن، ۽ مڻيادارن جو ههڙو حال آه. جو کلڻ کائڻ خوشي جو دور، سو ويندو رهيو، ملڪ جي مفلوڪ، نادارن جو ههڙو حال آه. منهنجي پيغامن پڄائڻ کان ڏنو قاصد جواب، هاءِ هي منهنجي ڳچين ڳارن، جو ههڙو حال آه. گنج گوهر علم جو، اڄ قدردان ڪو ڪو رهيو، پنهنجي دل جي يار شهه پارن جو ههڙو حال حال آه. سنڌ جو هر آدمي، تنهنجي سلامن تي رنو، تنهنجي تن يارن، ۽ دلدارن جو ههڙو حال آه. غمزدن جو ڪوبه ٿيو، غمخوار ناهي اي ”غني“، هاءِ! صد افسوس! غمخوارن جو ههڙو حال آه. +”اسد“ ٽکڙائي +هلي آ مون ڏي دلربا +هو ياد ڪر ڪي راتيون، هو مٺڙيون مٺڙيون باتيون، جي تنهنجي منهنجي وچ ٿيون، نه دل تان منهنجي سي ويون هو عيش و ڪيف جو مزو، هو منهنجو تنهنجو چچهٽو، هو تنهنجو مون تي ڀرسو، هو منهنجو توتي آسرو، هو ناز سوز ساز جو، اٿيل دلين ۾ ولولو، نه هوش جنهن ۾ ڪو رهيو، هو ڏينهن جو ۽ رات جو. ٿئين نه مون کان دم پري، نه تنهنجا پيچ و خم پري هو رنج و غم الم پري، ۽ غير جو قدم پري: هي ڇا ڪيئي جو وئين ڇڏي، غمن ۾ مون کي تون گڏي، سڏي ٿي توکي دل سڏي، هلي آ مون ڏي دلربا! سدا رهي ٿي جستجو، رلان ٿو تو لئي ڪوُبڪُو، حرام عيش ۽ طرب، مدام رنج ۽ تعب. جڏهن کان توسان اک اڙي، نه چين ڪيم ڪوپل گهڙي، هي زخم دل جو پيو ڇڙي، ٻڌي نه ٿو بنهه ڪَڙي، حريم دل جو نور تون، تجلي گاه طور تون، غيوب تون حضور تون، مجسمئه سرور تون. دل حزين کي ڇا ڪيان! ڪري وجهي نه ڪو زيان، هي راز آهه جو نهان، ٿئي نه خلق تي عيان: مڃان ٿو مون ڪئي خطا، گهڻي آ تنهنجي پر عطا، +نَفَس نَفَس ڪري صدا، هلي آ مون ڏي دلربا! +جتي ڪٿي بهار آ، بغل ۾ سڀ جي يار آ، هٿن ۾ سڀ جي جام ڏس، خوشي به عام جام ڏس. وسي ٿو قرب جو ڪڪر، هوا به بُو سان تربتر، چمن ڏي ڪر ذرا نظر، ڄمي ويو رنگ آدگر، رسي جتي به ديد ٿي، اتي گلن ۾، عيد ٿي، زمين به سبز پوش ڏس، پيرو جوان ۾ جوش ڏس. صبا جون مٺڙيون لوليون، گلن جون ڏس هي هوليون، هي بلبلن جون ٻوليون، هي آب جوُ جون ڇوليون، ۽ هي چمن ۾ چهچها، وڻن نه مون کي ٿا صفا، +بغير تو اي مہ لقا: هلي آ مون ڏي دلربا! +اي مہ لقا ،اي دلبرا، ملي ٿو توکي ڇا ڀلا، رهين ٿو مون کان جو جدا، چوان ٿو توکي برملا وفا جفا جي ڳالهه ڇڏ، عطا خطا جي ڳالهه ڇڏ، سزا جزا جي ڳالهه ڇڏ، فنا بقا جي ڳالهه ڇڏ، رهين ٿو موج ۾ مگن، اي سيم تن اي گلبندن، اکيون اهي نه ننڊ ڪن، لڳي آ تنهنجي جن لگن، لڳي آ جن کي تار ڏس، سي روڪش هزار ڏس، سي وقف انتظار ڏس، سي چشم اشڪبار ڏس، +نه ڪر تون هاڻ ردوڪد، آ سڱ در سندئي ”اسد“، تون جان هو سندئي جَسد، ڀلي ته غير ڪن حَسد، هلي آ مون ڏي دلربا! +اياز قادري +”شاعر“ +اي خداي عشق، اي پروردگار رنگ ويو، تون زمين تي ٿو ڪرين ڪون و مڪان جي گفتگو، تنهن جو مرغ فڪر اڏري ٿو جهان ۾ چار سو، تنهن جي لفظن ۾ سمايل آهه دل جي آرزو، تون ئي ڇيڙين ٿو سدائين پيار الفت جو رباب، پنهنجي نغمن سان زماني ۾ ٿو آڻين انقلاب. +آسمان کان دور پهچي ٿي وڃي تنهن جي نظر، جت ملائڪ ڀي هلائي ٿو سگهي پنهنجو نه پر، تنهنجي اکين جي اڳيان سارو ڦري ٿو بحر و بر، تون زمين و آسمان جي ٿو ڏئين سار�� خبر، هرد و عالم کي جو جڪڙي، آهين سو زنجير تون، انقلاب و عشق جي خوابن جو آن تعبير تون. +تنهنجي نظرن جي اڳيان آه جلوهء لوح و قلم، تنهنجي آڏو هر دو عالم جي سدا گردن آخم، تون ڏسين ٿو آه ڪٿ تخت سليمان، جام جم، جذبهء انسان کي ڪاغذ تي ڪرين ٿو تون رقم، عڪس گلشن جو وجهين ٿو، تون خس و خاشاڪ تي، عرش جون مهرون هڻين ٿو تون جبين خاڪ تي. +تنهنجي لفظن ۾ سمايل، آ تخيل جو شباب، تنهنجي معنيٰ ۾ سمايل، آه بيحد آب و تاب، شهد تنهنجي گفتگو، تنهن جي زبان آهي شراب، تنهنجي جذبن جو فرشتن وٽ به ناهي ڪو جواب، تنهنجي شعرن کان ٿو ڄڻ، طاري ٿي جادوءَ جو اثر، پنهنجي نغمن سان ڪرين بيهوش کي ٿو هوش ور. +حسن جي مغرور دل کي جيڪو بخشي ٿو غرور، عاشق ناشاد کي جو سوز ۾ ڏئي ٿو سرور، جيڪو روشن ٿو ڪري ظلمات ۾ قنديل نور، جو خيالن ۾ اڏائي ٿو وڃي دنيا کان دور، جنهن کان مستي موج ۾ دائم رهي ٿو هر بشر، تنهنجي نظمن ۾ سمايل آه ڪو اهڙو اثر. +تنهنجي آهُن کان پريشان، ٿو ٿئي بيحد نگار، تنهنجي نغمن تي ٿو سوچي پنهنجي دل ۾ بار بار، ٿو عمل جي راه تي راهي ٿئي غفلت شعار، ۽ عمل سان ٿي وڃي ٿو هو گدا مان شهريار، شعر تنهنجي، جا ستل دل کي جڳائي آه آهه، سنگدل سهڻن کي جا تڙپائي اهڙي باه آهه. +تنهنجي لئي روشن ٿئي ٿو، آسمان ۾ ماهتاب، تنهنجي لئي ئي ابر تارن تي وجهي ٿو پيو نقاب، تنهنجي لئي ئي ٿا ٽڙن بلبل جي دل، رنگين گلاب، تنهنجي لئي ئي ٿي هلي باد صبا، با صد حجاب، صبح جي رنگينن ۾ تون آهين نغمه نواز، شام جي محفل کي گرمائي ٿو تنهنجو سوز، ساز، درهم و برهم جڏهين تارن جي ٿئي ٿي اجمن، پنهنجا ڪَرَ آهسته موڙي ٿو جڏهن برگ سمن، گل سنا شبنم جي زبان جنهن وقت آ محو سخن، مست جڏهن خواب غفلت ۾ پيو آهي زمن، تنهنجي دل جو ساز اهڙو ٿو اچي پو جوش ۾، حسن تارن مان اچي ٿو تنهنجي جهٽ آغوش ۾. +غزل +”خواب“ حيدرآبادي +ٿيو وقت نمودار اچي رنج و محن جو، قسمت جو نڪو ڏوهه نڪو چرخ ڪنهن جو. +ٿيو فتنه فسادن ڏي جڏهن قوم جو لاڙو، ٿيو عضوو جدا عضوي کان قومن جي بدن جو. +ٿيا ڏار جدا، وڻ کان ڪريا، پٽ تي اچي پَنَ، برباد ٿيو باغ سڄو قومي ڪمن جو. +دريا جي اٿل ٻوڏ سڄي ملڪ کي ٻوڙيو، ٻوڙن نه ٻڌو مور مگر ڪڙڪو ڪُنن جو. +اڄ قلب و نظر ۾ نه رهي آهه بصرت، پوءِ فيض ڪٿان پهچي سگهي شيخ قرن جو. +مسجد جي جڳهه تي ته خرابات ٿي ڏسجي، نيرنگ تون ڏسندين ڇا، اڃا چرخ ڪهن جو. +ناموس ۽ ننگ دين جو، دنيا کان رهيو دور، نائب نه رهيو، دين يا دنيا جي، ڪمن جو. +هر شاخ شجر، گل ۽ ثمر، تازا ۽ شيرين، شاداب رهي شال، هي گلزار وطن جو. +ڏئي ٽهڪ کنوڻ ٿي، ۽ ڪڪر ڪن ٿا دعائون، رحمت سان، ڪکن کي ٿا بنائين لکن جو. +ڪر ڪين ڪڏهن ”خواب“ جي دنيا تي خوشي تون، گهر آهه مسافر، هي سدا رنج و محن جو. +همايون بيگ ”فائق“ +محبت جو پينگهي ۾ پهريون اوراڻو، ڏنو پيار مان مونکي آيل اوراڻو. +پڙهايو محبت جو مادر هو منظق، پدر کان مليو ٿم، مزاج عاشقاڻو. +محبت کان محروم جو ابن آدم، سو علم ۽ ادب هوندي آهي اياڻو. +محبت آهي علم ۽ پڻ عبادت، محبت آهي مال، دولت ۽ ناڻو. +جهان سارو معشوق، عاشق اهوئي، سڏائي ڪٿي قيس، ۽ ڪٿ ٿو راڻو. +ڪو مالها تي نالو جپي رام جو ٿو، ڪو رحمان چئي سوري تسبيح جو داڻو. +وسائي جنهين لاءِ ملا ٿو مسجد، تنهن لئي وسائي برهمڻ ٽڪاڻو. +جيئڻ ٿيو جدائي، مرڻ وصل آهي، مرڻ ۽ جيئڻ کي ڪو سمجهي سياڻو. +آهي ”احد“ عاشق، ته معشوق ”احمد“، محبت جو ٿوَ ”ميم“ سياڻا سڃاڻو. +محبت، شريعت، حقيقت جو مرڪز، محبت، طريقت، معرفت، جي ڄاڻو. +ذڪريا ڪپيو ڪ��ٽ سان ڪاڻ ڪنهن جي، بلاول قبوليو محبت مان گهاڻو. +ٿيا مست موسيٰ ۽ عيسيٰ جنهين تي، ”محمد“ به تنهن جي ئي در تي وڪاڻو. +محل، طعام، ماڙيون، زهر مارئيءَ کي، محبت وڻايو للر، لنب، لاڻو. +ڪرشمو محبت جو ڪافي اهو ٿيو، جو درگاهه مومل ۾ ڪاڻو اگهاڻو. +پنهل جي محبت پٿون پير ڪيئڙا، جبل، جهنگ، جرسڀ سسئيءَ کي سيباڻو. +”همايون“ ابن ”قليچ“ آهيان آءٌ، اٿم عشق ۽ شعر ورثو اباڻو. +”اختر“ رضوي +سڏي زمانو ٿو، رهه وقف انتظار اڃان، خيال يار نه ڪر دل کي بي قرار اڃان. +گلن جي جاءِ تي پيدا ٿين ٿا خار اڃان، بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃان. +وري به ڪو نئون طوفان، اچڻ تي آ شايد، وڌي رهيو آ فضائن ۾ انتشار اڃان. +زماني ساز کان دنيا ڦري وئي، ليڪن، چوي ٿو پاڻ کي دنيا جو رازدار اڃان. +رڳو جلوس ڏسي ڪين ڪي تون ٿي حيران، گهڻائي قافلا هوندا پس غبار اڃان. +مزو خراب ڪيو فڪر روز و شب ”اختر“، مليو حبيب مگر دل آ بيقرار اڃان. +نارائڻ ”شيام“ +باهه ”مجبور جي محفل“ کي لڳايون، ساٿي! جوت جا دل جي وساڻي، سا جلايون، ساٿي! +ڇا ٿيو ساز ڀڳل آهه، تون ڇيڙينس کڻي، ڪنهن طرح، ڌيان ته محفل جو ڇڪايون، ساٿي! +ڪيسين تون راهه جي ڪنڊن کان بچائيندين قدم، خون سان تن کي به رنگين بڻايون، ساٿي! +داغ انسان جي سر تي آ غلاميءَ جو لڳل، صاف سو داغ غلاميءَ جو مٽايون، ساٿي! +جنهن اڳيان چنڊ ۽ سورج به لڳن ”شيام“ ڦڪا، جوت سنسار ۾ اهڙي ڪا جڳايون، ساٿي! +محمد علي ”جوهر“ +فريب جلوهء رنگين ۾ مبتلا آهيان، حدود شوق جي دنيا جي انتها آهيان. +هزار رنگ حقيقت کان آشنا آهيان، مگر هي علم نه آهي، ته ڇا ۽ ڇا آهيان؟ زمانو جنهن کي ٻڌي ڪين، سا صدا آهيان، اثر نصيب نه آ جنهن کي، سا دعا آهيان. ٻڌائي ٿو پيو انداز، وعددء فردا، جا هر قدم تي ٿي زائل، سا مدعا آهيان. فريب زيست نه ڏي، اعتبار زيست مون کي، طلسم عالم هستيءَ کان آشنا آهيان. توهمات جو ڪهڙو بيان ڪيان ”جوهر“، خدا ٿيان ها! مگر بندهء خدا آهيان. +”راز“ بلڙائي +هڪ ڏک جو ڏڌل، مسڪين مئل، آرام پرائڻ ڇا ڄاڻي، ڪنڊن ۾ گذارڻ وارو ڀلا، دامن کي بچائڻ ڇا ڄاڻي. جو عمر سموري آهه رهيو، آغوش بحر آفت ۾، طوفان مان پنهنجي ٻيڙيءَ کي، سو پار لڳائڻ ڇا ڄاڻي. تقدير جو دم هڻندي هڻندي، موت جي منهن ۾ ويندڙ ڪو، تدبير سان پنهنجي مشڪل کي، آسان بڻائڻ ڇا ڄاڻي. بس جوش تڪلم لب تي ۽ سيلاب تمنا اکين ۾، سرشار محبت ديوانو، احوال ٻڌائڻ ڇا ڄاڻي. هو ۽ تسليءَ جون ڳالهيون اي ”راز“ ڪو ايندو ڪنهن کي يقين، کلندڙ کي رئارڻ وارو ڀلا رئندڙ کي کلائڻ ڇا ڄاڻي؟ +قصيدو +مهراڻ +ساجد ”سرشاري“ +وه واديء سنڌ آهي ٿي سبزه زار، مهراڻ تنهنجي دم سان، ۽ باغ علم و ادب ۾ ايندي بهار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +اسانجي عزت، اسانجي دولت، اسانجي ناموس جو سبب تون، جهان ۾ حاصل ٿيو اسانکي وقار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +بگهاڙ، نارو، پڃاري، جمڙائو ميرواه، کيرٿر، ڦليلي، وهن ٿا هت واهه اهڙا ڪئي بيشمار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +هو پاڪ چوٽيون هماليي جون ڳري رسن ٿيون جي سنڌ تائين، سو پاڪ پاڻي، اسين ٿا پيون آبدار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +جهان مڃي ٿو ته سنڌ آهي جهان ۾ بيشڪ سکي ستابي، ٿيو آب وارو وطن سندم آبدار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +ڏسڻ جي چاهي، ڏسي وڃي ڪو، ته منڍ جمڙاؤ جا نظارا، هي سنڌ ۾ ٿيو بهار اندر بهار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +قدم قدم تي هزارين ٻيلا، هزارين پوکون، هزارين غنچا، ٿيو گلشن سنڌ سارو ئي لاله زار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +انهيءَ چوڻ ۾ وڌاءُ تر جو ڪڏهن به ”ساجد“ ڪيو نه آهي، اسان جو سرسبز شاد آهي ديار، مهراڻ تنهنجي دم سان. +رباعيون +نارائڻ”شيام“ +جو اسم وڻي تنهنجو، ٿو توکي سڀ کان، ان اسم سان توکي ٿي مخاطب، ٿو چوان، رک دور بديءَ کان، ڀلي گهرندو سا هجان، ڪر مائل نيڪيءَ ڏي، گهران يا نه گهران. +هِن هُن کي جهڪي، ڇو ڪرين هِت هُت سجدو؟ ڪي سمجهين به ٿو، نيٺ ڪرين هي ڇا ٿو؟ آداب عزازيل کان سک سجدي جا، هڪ جو رڳو هڪ جو، ۽ نه هِن جو، هُن جو! +گل پن مان وجهي واجهه، پريشان ٿين ڇو؟ خورشيد مان، شبنم مان نمايان ٿين ڇو؟ ڇالاءِ هِتان هُتان، ليا پيو پائين؟ پنهان نه رهي سگهين، ته پنهان ٿين ڇو؟ +اکڙين ۾ ڀريل لڙڪ، ۽ ساجن به پري، سانوڻ جو نظارو، هي اثر ڇا تي ڪري؟ وڃ، وڃ، وڃي ٻئي هنڌ ڪٿي وس بادل! موتين سان ڌڻي شال، سندءِ جهول ڀري! +ڀلجي به مصيبت ۾ نه فرياد ڪندس، خودداري ڪڏهن پنهنجي نه برباد ڪندس، جو عيش طرب ۾ نه ڪڏهن ياد ڪيم، ڇا رنج الم ۾ سو هينئر ياد ڪندس. +مغرور ٿيس، توڙي ڪ خود دار ٿيس، دم آءٌ خدائيءَ جو هڻي خوار ٿيس، بس غرق ٿيس ”نيل“ ۾ فرعون“ بڻي، منصور ٿي سوريءَ جو سزاوار ٿيس. +اڄ آئي محبت سندي برڪات جي رات، برسات جي سا رات، ملاقات جي رات، اي ڪاش، اها رات ٿئي ها ڪي وڏي، اف اهڙي رهي رات، فقط رات جي رات. +جيڪر نئين دنيا هجي خورشيد نئين، هر روز نئون جلوو هجي، ديد نئين، هستي ٿئي سچ پچ ته نئين هستيءَ جي، هر روز نئين دل هجي، اميد نئين. +آزاد نظم +شمشير الحيدري +اي هم سفرو +چو چاپ هلو، +هوشيار هلو، +اي هم سفرو! +ماحول ڀيانڪ ٿو ڏسجي، +ڪٿ راه جا خطرا آهٽ تي جاڳي نه پون: +اي همر سفرو! چپ چاپ هلو. +خاموش! +ذرا هوشياريءَ سان..... +اڄ رات ڪٺن آئي آهي، +هي راه گذر، +منزل جي سفر ۾ سڀني کان دشوار گذر آئي آهي: +اي هم سفرو، هلندا ته هلو! +اڄ رات اچانڪ پئجي وئي +ان دشت مصائب ۾ پهچي، +جو دشت مصائب +ٻڌجي ٿو- بي رحم درندن جو مسڪن! +جنهن جهنگل ۾، +هن کان اڳ ۾، +ڪئي قافلا ڦرجي لٽجي ويا.... +۽ ڪيئي مسافر- پنهنجو متاع ۽ مال لٽيرن +کي بخشي، +هن جهنگل جي +خنزيرن جي خوراڪ بنيا! +اي هم سفرو! +هڪ ٻئي کي سنڀاليندي گذرو! +رستي جي ڪنارن ۾ ئي هتي +اونداهن، گهرن غارن ۾..... +ڪيئي لنڊيون، ٽڪلا، ڳوراهون، +هڻ کڻ ۽ هزارين ازدهائون، +- ڪيئي ڪوراڙ بلائون، +خوراڪ جي لئي +چالاڪ بنيون +ڦڻ ڦهلائي- گهمنديون هونديون! +چپ چاپ هلو..... +هن جهنگل جي +پرهول وڻن جي پاڇولن ۾ ”ڀوت“ آهن! +خاموش! هوا کي ڪن آهن! +- جاڳي نه پون. +پاڇولن جا خون خوار بگهڙ! +- ڀڙڪي نه اٿن، +تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۾ لڪل +بگهڙن جي نگاهن جا شعلا! +هوشياريءَ سان..... +اي هم سفرو! +هن جهنگل ۾، +- چيتا ۽ ببر ۽ ڳورپٽون، +۽ گجر رڇن جا ڪئين ٽولا، +۽ ٺڳ لٽيرا ٽولن جا ٽولا، +هر وقت شڪارن جي پويان +ڦرندائي وتن ٿا چڪر ۾! +هلندا ته هلو! +اي هم سفرو! +اڄ رات ڪٺن آئي آهي، +هوشيار رهو! ۽ دم سانڍي، +هلندائي هلو..... +ليڪن هي ڇا......؟ +ڪجهه ساه جي تيزيءَ جا هلڪا آواز ڪنن کان +گذرن ٿا! +۽ قدمن جي آهٽ به قريب ئي ٻڌجي ٿي! +شايد، ڪئي رهزن +موقعي جي ڳولا ۾ ڊوڙون پائن ٿا..... +هيءَ راهزنن، نانگن ۽ مرن، پر خوف انڌيرن +جي دنيا؟ +ڀلجان ته نٿو- اي هم سفرو؟ +ها ياد آيو..... +ها ها- هي اُهوئي رڻ آهي...... +خوش ٿيو ۽ عيد ملهايو! +ان دشت مصيبت مان ئي هينئر گذرون ٿا اسين، +جنهن جي پريان +- ٿورائي قديم- +منزل جي حسين ديويءَ جو +اُهو اسٿان آهي، +جت شوخ حسين، شفاف بدن +ڪنواريون، ۽ نازڪ ڪنيائون +سفيد ۽ صاف لباسن ۾ هردم +- مصروف تبسم ۽ رقصان +شيدائي بنيون +منزل جي ويرن کي ٿيون سڏن! +ڪجهه ٻڌجي ٿو! +اي همراهو�� ڪن لائي ٻڌو..... +منزل جي مندر جي گهنڊ جو آواز، +ٻڌو ٿا- اي ساٿيو؟ +بس چند قدم منزل آهي، +اڳتي ئي هلي منزل ٿيندي..... +هلندائي هلو! +وڌندائي هلو! +تاريڪ فضائن جا سينا، همت جي چراغن سان +چيري، +وڌندائي هلو: +ڪجهه عزم سفر کي تيز ڪريو! +هيءَ رات اجها گذري ويندي، +۽ صبح جي ظاهر ٿيندي ئي، منزل تي پڄاڻي ٿي ويندي..... +اي هم سفرو! +- بس جاڳ رکي، +- هن جهنگل مان- بي خوف و خطر، +- هوشياريءَ سان، +هلندائي هلو، +بس چند قدم! +هلندائي هلو- هلندائي هلو- اي هم سفرو!! +ادب لطيف +جهامنداس ڀاٽيا +(1) +آزاديءَ جي ديويءَ جي درشن لاءِ، هو صدين کان سڪي رهيا هئا، مگر ظالم کين اهڙو ته چوکنڀو کڻي ٻڌو هو، جو واهي وانگي به کين پلڪ جي جهلڪ پلئي پوندي نه هئي. +هو به پنهنجو جاپ جاڳائيندا، گيت ڳائيندا رهيا. امنگن سندن مان سپنا جڙندا رهيا. اهي صورت وٺندا ويا. انهيءَ صورت جو هو ڌيان ڪندا، ڌن انهي ۾ آلاپ آلاپيندا، اڳتي وڌندا رهيا روز بروز.... اڳتي.... اڃان اڳتي.... ڪونڌرن جون قربانيون، معصومن جون جانيون، عورتن جون مرم شرم جون نشانيون- هنن مڙيئي ڀيٽ رکيون، ته به درشن اڃا به نصيب کين نه ٿي ٿيو. +نيٺ ترانو آدي انادي آزاديءَ جو وَڳو. نر خواهه ناريءَ، ٻار خواهه ٻڍي، بند ڀڃي، ٽپي پڙ ۾ پير پاتو! +جوانن ۾ جوانڙين، جان جي بازي لڳائي، آزاديءَ جي ديويءَ جي اُڃ اُجهائي. +پوءِ نيٺ هوءَ آئي، ميتن جي ڍير مٿان سندس جهنڊو جهولڻ لڳو. هڪڙو ٻڍو هي حال ڏسي چوڻ لڳو: ”ڇا صدين کان هن بياباني سڃ لاءِ سڪي رهيا هئاسين؟“ +جوان هڪ سندس ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن کان رهيو نه ٿيو هن چيو: ”نئين دنيا جي عمارت اڏبي جهونيءَ جي جنازي تي.“ +ٻالڪ تڏهين پنهنجي راند جي ساٿين سان گڏجي چيو: ”هيءُ کيل کلاڙيءَ جو آهي، ڪي آزادي دلاريءَ جو؟“ +عورت اُڦري اُٿي ۽ چوڻ لڳي: ”هيءُ افسانو آهي عورت جي دل جو!“ +ڪلاڪار، هيءُ موت جي مورت بنائي، اکنڊ جوت جڳائيندو، جڳان جڳ نپائيندو ٿو رهي پنهنجي ڪلا سان. +(2) +تون آئينءَ آزاديءَ جي ديوي، مگر ترڪي وئينءَ الاجي ڪئن؟ مون ته تنهنجي سواگت لاءِ گهڻيئي مٿان مونا هنيان، جاکوڙون ڪيون، مگر مون ڏٺو ته تنهنجي لهر ۾ لکين لڙهي ويا. ٻنڌن سڀئي ٽوڙي، هو بي لغام ٿي، بي راهه ۽ بي گاهه وڃي رهيا آهن. +ڪيڏي نه قابليت آهي تنهنجي ڇڙواڳ بنائڻ ۾ وس کي! واءُ اهڙو ڪو اڻائو کڻي کوليو اٿئي، جو هرڪو وهه پنهنجيءَ ويندو ٿو رهي. +هر روز، لقاءُ سموريءَ ليٽ جو، تنهنجي ڪوٺڙيءَ جي آڳنڌ اڳيان بيهي، ڏسندو ٿو رهان. +تنهنجي آئي، وائي هر ڪنهن جي وات ايهائي ”آزادي آهي آئي“: ۽ هرڪو من ماني ڳالهه ڪرڻ، هلت هلڻ ۾ هوشيار ٿيڻ لڳو. +مون کان به رهيو نه ٿيو. مون چيو، ”واهه ڙي مائي تنهنجو ’حسن‘، جنهن هزارين حيران ڪري، کين گهلي هنيو آهي گار ۾! حسن ته هميشه حسين بنائي حسين دڳ ٿو لائي. اهو حسن ڪهڙو جو بي راهه، بي گاهه بنائي! سارو سٽاءُ الٽ پلٽ! وسند ويرانيءَ ۾ ڦري وئي!“ +ٿوري وقت پڄاڻان تنهنجا پريمي چوڻ لڳا: ”متان ڪو لفظ ڪڍيو اٿئي!“ +ساهه سوڙهو ٿيڻ لڳم ۽ چوڻ لڳس: ”ڇا هيءَ آهي آزاديءَ جي آمد؟“ +گهٽ ۽ سوڙهه پسي، ڀؤ ۽ ڊپ ڏسي، وسهڻ ائين لڳس ڄڻڪ آزادي ديس کي ديوانو ڪري، ملڪ مان ڪوچ ڪري وئي هلي. +هيءَ غلاميءَ جي تصوير، هوءَ پنهنجي حيرت انگيز ڪلا سان بنائي، ڪامل ڪلاڪار جي ڪلا جو ثبوت ڏئي، ٺٺوليءَ ۾ کلندي، وئي هلي دور- تمام دور! +(3) +طوفانن مٿان طوفان، زندگيءَ جي مٿان لهرا ڏيندا، اوندهه انڌڪار آڻيندا پئي رهيا آهن. انهن طوفانن ۾ تهه خانا آهن. انهن تهه خانن ۾ لڪل رهي ٿو ”راڻو“. +جيسين نه نيون راهون، نوان رستا اکين اوڏو ٿين، تيسين الاجي ڪهڙي ڪرڙي گهاٽي ٿي سڄي! +زندگيءَ جي دور ۾ غور به ڪو اسراري آهي، مگر مام سنديس ملي ئي تڏهين ٿي، جڏهين جهام کائي جهول جهلجي. توائي طوفان، جي ڪنبيو، ته ڪنبائيندو ۽ ڪانئر بنائيندو، پر جي کيس ڇاتيءَ سان لڳائبو، ته اُن جي دل جي ڌمال ٻڌي، ٻل پائبو. +پوءِ تڏهين انڌاري ۾ ٻارڙن جيان ريهان ۽ ڪيهان ڪرڻ مان وٽ ونڪ ڪهڙي وٽبي؟ +طوفان جي آسمان ۾، آهي برقي طاقت جي جهلڪ، جنهن جي فلڪ جهلي، فرعون آڏو به انسان بيهيو وڃي! +سندس ماپو ڪيئن ڪري ڪيئن ڪريان؟ +محبت جو طوفان به طوفان آهي، مگر ان جو اندازو بي انداز آهي- اهوئي آهي راز ۽ ساز طوفان جي توائيءَ جو! +ڪن ڏئي ڪو ٻڌي، اک کولي ڪو ڏسي، ته حسن حيرت سندو آهي عجيبن جي آواز ۾! +از شيخ حفيظ +”منهنجو متاع حيات“ +(اپر سنڌ ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد ( تاريخ...... 1955ع) ۾ هڪ ادب پاره پڙهيو ويو هو، جنهن ۾ مرد خلاف عورت جي شڪايت بيان ڪئي ويئي هئي. هي تاثرات انهيءَ شڪايت جي جواب ۾ پيش ڪيا ويا آهن.) +ها..... اي غريب..... مون توکان بيک پني..... بيک!.... تو ڇا ڏنو؟..... تنهنجو متاع حيات!.... تنهنجو سڀ ڪجهه.... دل، دماغ، ايمان، اعتقاد.... سڀ ڪجهه.... تو سڀ ڪجهه ڏنو..... منهنجي مڪر ۽ فريب جي صدقي ۾... سکڻي خوشامد جي صدقي ۾.... منهنجي برپا ڪيل طلسم جي صدقي ۾... تو سڀ ڪجهه ڏنو.... ها، اي غريب، تو متاع حيات ڏنو. +مک ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسندي آهي، ته ڪوريئڙو ماٺ ڪري ڪين وهندو آهي.... ڪوريئڙو سک ڪين سمهندو آهي، بلڪ پنهنجي ڄار جي تارن کي وڌيڪ اڻڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.... تارون گهاٽيون ٿينديون وينديون آهن.... مک کي چرڻ جي جاءِ ڪين جڙندي آهي.... ويچاري ڦٿڪڻ کان به لاچار ٿي پوندي آهي، ۽..... ۽ پوءِ ڪوريئڙو کيس پنهنجي پيٽ ۾ پوري، سندس وجود ئي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. +مون نياز ۽ نمرتا جو ڄار وڇايو، تو لاڙو کاڌو.... +مون صدا ورجائي، توکي جهڪڻو پيو.... +مون ڪشتو وڌايو، تنهنجو متاع حيات اچي منجهه پيس.. +مون ڪوڙين خوشين جا خزانا لٽايا، تنهنجي عقل تنهنجو ساٿ ڇڏيو.... +مون توکي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي سڏيو، تنهنجي خود اعتمادي موڪلائي هلي.... مون خدا ۽ مذهب جو ذڪر ڪيو، تو مڪمل غلامي قبول ڪئي.... +پکي پڃري ۾ قيد ٿي چڪو هو.... مون چيريو.... مون ڦاڙيو.... ماس ڪوريو ۽.... ۽ چوسيل هڏيون راهه تي اڇلائي، ڪنهن ٻئي پکيءَ جو تلاش ۾ نڪري پيس.... منهنجو ڏوهه ڪهڙو؟.... مون ته ڪنهن کي ڪين چيو ته منهنجي ڄار ۾ ڦاسي!.... پنهنجي خود اعتماديءَ جو ساٿ ڇڏي!.... عقل کي خيرباد چوڻ جي صلاح به ته مون ڪنهن کي ڪين ڏني هئي!.... +خدا ۽ مذهب جون مرليون مون وڄايون، ٻيو ڪو ڄاڻي ٻجهي انڌو ڇو ٿي پوي؟ مون پنهنجو پورهيو ڪيو.... منهنجي محنت کي ته ڏس! ۽.... ۽ مليو ڇا اٿم؟ تون،.... ۽ توجهڙا ٽي ٻيا پکي.... منهنجو ”متاع حيات“.... منهنجي فهم.... منهنجي عقل.... منهنجي طلسم جو حاصل! +غريب،..... خدا سان شڪوو نه ڪر.... قسمت جو ماتم نه ڪر.... +تو وٽ عقل هو، تو ڪوڙين خوشين تي اُهو قربان ڪري ڇڏيو.... +تو وٽ خود اعتمادي هئي، تو منهنجي ساٿ تي اها صدقو ڪري ڇڏي.... +او هاريل رانديگر!.... منهنجا منتر ڪم ڪندا رهيا.... منهنجو جادو ڇانئيو رهيو.... تون ستو رهئين... سمهيل آهين... ستو رهندين..... ۽ جيسين ستو رهندين...... تيسين..... او هاريل جواري!.... +منهنجي طلسم جا شڪار!.... منهنجو ”متاع حيات“.... مون کان ڪوئي ڇو کسي؟ +خليل جبران +سنڌيڪار ”تاج“ صحرائي +جمال +اي جدا جدا مذهبن جي رستن ۽ راهن ۾ ڀٽڪندڙ انسانو! متضاد عقيدن جي ديوارين ۾ سرگردان ڀٽڪڻ وارؤ! +اچو ”جمال“ جي مذهب تي ايمان آڻيو، ۽ ان کي، خدا سمجهي، ان کان حجاب کائو. هيڏيءَ ساريءَ ڪائنات ۾ ”جمال“جي خدائي ڇانيل آهي. توهان جي سڀني علمن جو سرچشمو اهوئي ”جمال“ آهي. انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، جي مذهب کي بيڪاريءَ جو مشغلو سمجهدا آهن. جي زندگيءَ جي ڏينهن کي دولت جي حرص، ۽ راتين کي عيش ۾ بسر ڪن ٿا. توهان ”جمال“ جي خدائيءَ ۾ يقين رکو. توهان ”جمال“ کي ڏسڻ بعد ئي زندگيءَ سان پيار ڪري سگهو ٿا. ۽ پوءِ وڏيءَ سعادتمنديءَ سان ”محبت“ جي طرف خيال ڏيو. +هو عورت جي معرفت توهان کي عقل جو آئينو ڏيکاريندو، ۽ توهان جي سرڪش روحن ۾ زندگيءَ جا جوهر ڀريندو. +.... ۽ بي ڪار لفاظين جي اوندهه ۾ پنهنجي زندگيءَ جي گهڙين کي ضايع ڪرڻ وارؤ! فضول فڪرن ۾ غرق رهڻ وارو! ”جمال“ توهان کي اهڙيءَ حقيقت جو رستو ڏيکاريندو، جو توهان جي شڪن کي زائل ڪندو. ”جمال“ اهڙي روشني آهي جا باطل جي تاريڪين ۾ توهان کي رستو ڏيکاريندي. بهار جو اچڻ ڏسو، ۽ سج جي اڀرڻ تي غور ڪريو- ”جمال“ سوچيندڙن جي حصي ۾ آهي. پکين جي گيت، ٽارين جي آواز، ۽ نديءَ ۾ وهندڙ پاڻيءَ جي لهرن جي شور تي ڪن ڏيو. ”جمال“ ٻڌندڙن جي قسمت ۾ آهي. معصوم جي بي فڪري، جوان جي دل، شباب جي قوت، ۽ پيريءَ جي عقل کي ڏسو- ”جمال“ ڏسڻ وارن کي عزت جي نگاهن سان ڏسي ٿو. نرگس جهڙين اکين، گلاب جهڙن ڳلن، ۽ مکريءَ جهڙي منهن جي ثنا جا گيت ڳايو- ”جمال“ اهڙن گيتن ڳائڻ وارن جو قدر ڪري ٿو. سروَ قد محبوبه جي رات جهڙن ڪارن زلفن جي، ۽ هاٿيءَ جي صفيد ڏندن مثل گردن جي تعريف ڪريو- ”جمال“، اهڙيءَ ساراهه ڪرڻ وارن جو ساٿي آهي. +حسن کي سامهون وهاري، ان جي ساراهه جا ڍڪ ڀريو، دل کي محبت جي قربانگاهه تي ذبح ڪريو ”جمال“، اهڙيءَ ساراهه ۽ قربانيءَ ڪرڻ وارن کي سٺو بدلو ڏيندو آهي. +اي! ”جمال“ جي آيتن، ۽ ”جمال“ کي تسبيحن تي پڙهڻ واروء، خوش ٿيو غم جو فڪر نه ڪريو: توهان کي ڪوبه خوف نه آهي، ۽ نه توهان کي مايوس ٿيڻ گهرجي. +........................ +تون هميشہ ’بزم وصل‘ ۾ رهيو آهين، توکي ”درد هجران“ جي ڪهڙي خبر! ۽ ”غم جان“ جي ڪهڙي خبر؟ +سڄي عمر، راحت کان سوا تو ڪابه چيز ڪانه ڏٺي آهي، ان صورت ۾ مزدور ۽ دهقان جي زحمت ۽ محنت ۽ مصيبت جي توکي ڪهڙي خبر؟ +تنهنجي دل ۽ دماغ، جذبات ۽ وجدان تي ”رپيو“ طاري آهي، توکي حقيقي جذبات ۽ وجدان جي ڪهڙي خبر؟ +تنهنجي زندگيءَ جو سارو خرچ، عيش جو سامان، محصول، ۽ ڏيتيءَ ليتيءَ جي رقم، ڪباب ۽ شراب جو مصرف ته ”هارين جي انبار“ مان نڪري ٿو. ان صورت ۾ توکي، ”هڪ مانيءَ جي قيمت“ ڪهڙي خبر؟ +تون ريشم، مخمل، سنجاب ۽ ڪيمخواب ۾ ملبوس ٿو رهين، توکي ان ”تن عريان“ جي ڪهڙي خبر جو گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ ”اگهاڙو“ رهي ٿو؟ +تون ’انساني احساسات‘ کان خالي آهين، ان صورت ۾ مزدوري ڪندڙ، اهل ڪمال ۽ اهل هنر ماڻهن جي مصيبتن جي توکي ڪهڙي خبر؟ +(ابوالقاسم- لاهوتي) + + +افسانا +اسان جا +1. +چهڙي +از بشير مورياڻي +2. +شيدو ڌاڙيل +غلام رباني +3. +نئين زندگي +علي احمد بروهي +4. +جوابدار ڪير؟ +اياز قادري +5. +لکيل جواب +ع.ق.شيخ +6. +زندگيءَ جي ڪنارن تائين +سراج الحق”بسمل“ +7. +دريا شاهه +غلام علي ”ناشاد“ +ٻين جا +1. +پاشا +جمال الدين ابڙو +2. +اکڙيون +الاهي بخش لاڙڪ +ناٽڪ +1. +شاهدي +م. ع. ڏيپلائي +2. +ضعيف انسان +ايم- يو- ملڪاڻي +هڪ ڏينهن جي ڳالهه... +3. +دلبر +غلام محمد ”گرامي“ +4. +اسپرنگ خراب ٿي ويندا +محمد ابراهيم جويو +ادب جي هر صنف لاءِ ڪجهه فني لوازم ٿين ٿا، جي هڪ صنف کي باقي اصناف کان جدا ڪن ٿا ۽ صوري ۽ ��عنوي فرق پيدا ڪري، پڙهندڙ کي اشتباه کان بچائين ٿا. اهو قانون افساني سان به لاڳو آهي. +هونئن ته افسانو هر ڪهاڻيءَ کي چئي سگهجي ٿو، پر فني طور، ڪي افساني جا لوازم آهن. مثلاَ: وحدت تاثر، رمزيت ۽ ايمائيت، مواد جي فنڪارانه ترتيب ۽ ڇنڊڇاڻ، ٽيڪنيڪ جي پابندي، مختلف اجزاء جو ربط ۽ توازن، معنوين ۽ مقصديت ۽ افاديت کي پيدا ڪرڻ جو سليقو، ماحول جي تنقيدي مطالع، واقعات جي اسباب جي تفتيش ۽ ڄاڻ، مشاهدي ۽ تجربي جي فراواني، ڪردار جي حقيقي تصوير ڪشي، لکندڙ جي سنجيدگي ۽ متانت، ڪردار جي مختلف ڪيفيتن ۽ عملن ۽ اوصاف کان غير جانبداري، زبان جي رواني ۽ بي ساختگي، انداز بيان جي دل آويزي ۽ دل نشيني. +* * * * +ٿورن لفظن ۾ هئن چئجي ته، هڪ ”تاثر“ کي، جو ڪنهن مشاهدي کان پوءِ پيدا ٿيو هجي، يا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي بيان ڪرڻ سان پيدا ٿيو هجي، پنهنجي پاڻ تي مسلط ڪري، ان کي اهڙي انداز سان بيان ڪرڻ، جنهن جي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان، اهو ساڳيوئي ”اثر“ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ۾ پيدا ٿئي، ان کي ”افسانو“ چئجي. +بشير مورياڻي +چهڙي +هوءَ ڏاڍي وڻندڙ نينگري هئي ڀنگياڻي هئي ته ڇا! +هو ڪڏهن ڪڏهن ماءُ سان گڏجي ايندي هئي، ماءُ جي پڙي جي پلوء کي پڪڙي، ان جي پٺيان لڪندي، لڄي ٿيندي، ڪڏهن مرڪندي ۽ ڪڏهن منهن هيڏانهن هوڏانهن ڦيريندي ايندي هئي. ويڻين ۾ ننڍڙيون ڪاريون ڪانچ جون ڪنگڻيون پيل هونديون هيس. ماڻس، ڪاڪوس صاف ڪرڻ ويندي هئي، ته هوءَ اسان جي گهر جي پڌر ۾ ڪنهن فڪر ۾ ٻڏل بيٺي هوندي هئي. ڪڏهن انهن ڪنگڻين کي ٻانهن ۾ پيئي ڦيرائيندي هئي، ته ڪڏهن وري گهر جي ڀتين کي چتائي بيٺي ڏسندي هئي. اهي حرڪتون تيسين جاري رهنديون هيس، جيسين ماڻس ڪاڪوس صاف ڪري موٽندي هئي. +”وڌين! هن چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ،“ امان اندران بورچيخاني مان رڙ ڪندي هئي. +هوءَ ننڍڙا ننڍڙا قدم کڻندي، جڏهن پهريون دفعو مون کان آنڪي وٺڻ آئي، ته نالو پڇيومانس پهرين، ڪجهه وقت ته هوءَ درجي طاق پٺيان لڪندي، ۽ چوريءَ چوريءَ مون کي ڏسندي رهي! +”نالو ٻڌاءِ، ته پوءِ آنڪي ڏيانءِ“ +هوءَ پنهنجو ننڍڙو، ڳتيل وارن وارو مٿو ڌوڻي، انڪار ڪندي رهي. شرمائجي رهي هئي، هن جو انڪار به وڻيو پئي. نيٺ ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”ڇيمي“ ۽ ڀڄي ويئي. آنڪي به نه ورتائين! +”ڪيڏي نه شرميلي ۽ وڻندڙ آهي! ڀنگياڻي ٿي ته ڇا! ”آءٌ سوچي رهيو هوس. +ٻه ٽي دفعا آنڪي وٺڻ کانپوءِ هوءَ مون سان هري ويئي. هاڻي بي ڌڙڪ منهنجي اڳيان اچي بيهندي هئي، امان ڏسندي هيس ته ڇينڀيندي هيس: +”او ننائين! نڪر ٻاهر- ڪمرو ٿي گندو ڪرين. گهور وڃانءِ، ڏائڻ کي ٻاهر ڪڍ!“ +۽ هوءَ هوريان هوريان، چپ چاپ ٻاهر نڪري ويندي هئي. ڪنهن کي اجايو ستائڻ جو نه گهرندي هئي! دڙڪي داٻ ملڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن تائين هن جو اهو دستور ٿي ويندو هو، ته منهنجي ڪمري جي ٻاهر دڳ ڏانهن کلندڙ دريءَ جي ٻاهران، سيخن ۾ هٿ وجهي، بيهندي هئي. مان سمجهي وٺندو هوس ته آنڪي وٺڻ آئي آهي، پر هوءَ پنهنجي زبان سان ٻڙڪ به نه ڪڇندي هئي. +(2) +هڪ ڏينهن هن آنڪي وٺڻ کانپوءِ شرمائجندي چيو: ”مان کي بي پيشو ڏيندين؟“ +”تڏهن آنڪي ڪنهنجي ٿي وٺين؟“ +”داديءَ جي.“ +”پوءِ، دادي تنهنجي ناهي ڪئن؟“ +”آهي- آنڪي منهنجي ناهي.“ +مون کي هن جي اکين ۾ مرڪ سان گڏ لڙڪ ترندا نظر آيا. چپن تي سدا بهار سرهائي هيس. ان ريت هوءَ روزانو مون کان پنج پئسا وٺي ويندي هئي. آنڪي ماءُ جي محنت جي اُجرت، پئسو پاڻ لاءِ. +هڪ ڏينهن پڇيومانس: ”روزانو جيڪو پئسو وٺي ويندي آهين، ٻڌاءِ ته ڀلا، ان جو ڇا ڪندي آهين؟��� +”گهنگلو وٺنديس. پيرن ۾ ٻڌي لاليءَ ۽ لما (رما) وانگي ڇم ڇم ڪندس.“ +مان هن جي ان معصوم خواهش تي کلڻ لڳس. پر هن جي منهن جو رنگ نه مٽيو. هن کي يقين هو ته هن جي اها خواهش ٺوس هئي! +هن جي نالي ۾ به ته گهنگهرن جي ڇنڪار سمايل هئي....”ڇيمي“. +ڇيمي ڇهن ستن سالن جي هوندي، پر هئي ٻاتڙي! زبان ۾ شايد قدرتي هٻڪ هيس. سچ ته سخت کان سخت ۽ بي جان لفظ جڏهن هن جي زبان مان ادا ٿيندا هئا، ته انهن ۾ موسيقيت اچي ويندي هئي، ڄڻ گهنگهرن جو ڇمڪو ٿيو هجي. +(3) +آءٌ سمجهي نه سگهيو آهيان، ته مون کي هن لاءِ ايتري چاهنا ڇو هئي؟...... شايد هوءَ غير رواجي ٻارڙي هئي. شايد هوءَ نرالي قسم جي ڇوڪري هئي، اهوئي سبب هو جو هوءَ چهڙي نه سمجهڻ ۾ ايندي هئي. منهنجي دلچسپيءَ جو هي سبب به ٿي سگهي ٿو، ته مون کي از حد معصوم ۽ وڻندڙ ٻارن لاءِ سڪ هوندي آهي. خاص طرح انهن ٻارڙن سان جن ۾ فطري طرح سان معصوميت ۽ شرارت جو ميلاپ هوندو آهي، پيار ٿيڻ سڀاويڪ آهي. +ڇيميءَ جي ماءُ رن زال هئي. ڇيمي، ستن سالن جي ننڍڙي ڇيمي، يتيم هئي. هن کي پيءُ جو پيار نصيب نه ٿيو هو. هوءَ چوندي ئي ته پنهنجي پيءُ کي ڏٺوئي نه هئائين. يا ٿي سگهي ٿو ته ان جي سانڀر نه هجيس. +ڏينهن لنگهي ويا. +هڪ ڏينهن، ڇيمي منهنجي ڪمري جي ٻاهرينءَ دريءَ جي سيخن ۾ هٿ وجهي، اچي بيٺي. مان لکڻ ۾ ايترو ته رڌل هوس جو ان طرف ڌيان ئي نه وڃي سگهيو. +”ڇي ڇي.... شي شي...“ اهو هن جي اچڻ جو اطلاع هو. +”اندران ڦري آ، ڇيمي!“ +هوءَ کاٻي هٿ جي چيچ ڏندن ۾ ڏيئي، ڪنڌ لوڏي، انڪار ڪرڻ لڳي. +”ڇو؟“ +”بيبي ماليندي.“ +”نه نه..... نه ماريندي. اچ ته پئسو به ڏيانءِ.... ۽ ها... اڄ آنڪي نه وٺندينءَ ڇا؟ ۽ هاڻي ٻاهر ڇو بيهي رهندي آهين؟“ +منهنجي ايترن سارن سوالن کان گهٻرائجي هن جواب ڏنو: +”نه نه..... نا نه..... بيبي ماليندي“ +مان هن کي پڪڙڻ لاءِ اٿيس، ته هوءَ ڀڄي ويئي، ۽ رستي جي ڇيڙي تي بيهي ڄڀ ڪڍي مون کي چيڙائڻ لڳي- اها هن جي پهرين شرات هئي! +(4) +آءٌ هڪ دوست کي خط لکي رهيو هوس، +”شي شي ......“ +سمجهيم ڇيمي آئي. ڏٺم ته نئين وڳي ۾ هئي. ڇيٽ جو رنگين چولو ۽ ڀنگياڻين جو مخصوص، رنگين، ڇينڀي تي سنهو پڙو. ٻانهن ۾ ساڳيون ڪانچ جون ڪاريون ڪنگڻيون. مکڙي تي اهائي گنڀير مرڪ، مگر اکيون ڳاڙهيون ۽ انهن ۾ ڳوڙها، جيڪي ڀانيو پئي ته اجهو ڳڙيا ڪي ڳڙيا- ڇيمي اجهو رني ڪي رني. +”ڇو، ڇيمي ڇو! +هوءَ ٻنهي هٿڙن سان اکيون مهٽڻ لڳي، پوءِ روئي ڏنائين، روئندي به ٿي ويئي ۽ ڪڏهن نئين چولي ۽ پڙي کي ۽ ڪڏهن اگهاڙن پيرن کي ڏسندي به ٿي ويئي. مان حيران، ته ٻارڙي ايترو ڇو ٿي روئي، ۽ ڪپڙن ۽ پيرن کي ڇو ٿي ڏسندي وڃي چوڻ لڳي: +”داديءَ...... چولو پرو..... آرين (آڻين) ڏنو..... گهنگلو نه موکان اُهي پئشا به کشي ولتائين..... جيڪي تو ڏنا ها!“ +مان هن کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، ۽ گهڻا جتن ڪري پڪ ڏياريمانس ته کيس گهنگهرو وٺي ڏبا. +”مان پيرن ۾ پائينديس،“ هوءَ خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳي، ”اڄ پئي به مان ميري (ميڙي) آئي هانءِ!“ هن ڄڻ ته مون تي رعب رکڻ چاهيو. اتفاق سان ان وقت ئي امان مون کان منجهند جي مانيءَ جو پڇڻ آئي. ڇيميءَ کي منهنجي ڪمري ۾ بيٺل ڏسي، اچي مٽي، چي: ”اهڙو ڪڌو ڪئين ٿيو آهين؟ چهڙيءَ کي کڻي مٿي تي چاڙهيو اٿيئي! ائين ڪو ڪندو؟ ڀائٽين کي به ايترو نه گهرين جيترو هن ڇنال کي!“ هوءَ ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري وئي، مانيءَ جو به نه پڇيائين. ڇيميءَ جو منهن لهي ويو، ۽ بنا چون چرا جي ٻاهر نڪري ويئي. امان به ڪا هن لاءِ واجهائي رهي هئي. ڇيمي ٻاهر نڪتي مس ته امان ٻهاري کڻي سٽڻ لڳيس. ويچا��يءَ ڪجهه نه ڪڇيو، ڳوڙهو به نه ڳاڙيائين! +پڌر مان گند جو ٽين کڻي، هوريان هوريان ٻاهر نڪري وئي. +منهنجي حساس دل ۽ دماغ تي ان جو ايترو اثر ٿيو، جو منجهند جي ماني به نه وڻي. رات جي ماني به امان ۽ ڀاڄائيءَ منٿ ميڙ ڪري کارائي. امان چوڻ لڳي. +”اهڙو نرم دل به ڪو ماڻهو ٿئي! مون کي حيراني آهي، ته تون آفيسري ڪئن ڪري سگهندين؟ خدا گهريو ته نيٺ ڪو عهدو ماڻيندين، پوءِ زيردستن تي رعب ڪئن ڄمائي سگهندين! انتظام ڪئن رکندين!“ +هيڏانهن، منهنجي ذهن ۾ ڪي ٻيا ويچار اٿلي رهيا هئا. آءٌ سماج جي اوڻاين تي غور ڪري رهيو هيس. انسان انسان کي ڌڪاري ٿو. انساني فطري پيار ۾ به ذات پات، اوچ نيچ جو دخل ٿي سگهي ٿو! +(5) +ٻئي ڏينهن ڇيمي آئي! شايد ماءُ کي مار جي ڪا ڳالهه نه ٻڌائي هئائين، نه ته اچڻ نه ڏئيس ها. هن جي اکين ۾ رهي کهي مرڪ جي جاءِ به لڙڪن والاري هئي. هوءَ ڪاڪوس ميڙي ٻاهر نڪري وئي. امان به شايد ڪالهوڪي واقعي تي پشيمان هئي. چئي نه سگهي: پٽ، هن چهڙيءَ کي آنڪي ته ڏجانءِ، ڇيمي به مغموم ٿي ڏٺي. آءٌ پنهنجي ليکي شرمندو هوس. اچانڪ هوءَ ٻاهرين دريءَ جي سيخن کي پڪڙي اچي بيٺي. ڪو آواز نه ڪيائين بس بيٺي رهي. ڀانيم، ابد تائين ائين بيٺي رهندي! مان ڪرسيءَ تان اٿي، ڏانهنس وڌي ويس چوڻ لڳي: +”تون منهنجي دادا کي وٺي ايندين؟ دادي کش ناهي.“ +مان ڏڪي ويس. ان جو ڪهڙو جواب ڏئي ٿي سگهيس! هن جهٽ کن کان پوءِ وري چيو: +”اڄ ٻه آنڪون ڏيندين؟ دادي کش ناهي.“ +مون ٻياني ڪڍي، هن کي ڏني، ته چوڻ لڳي، ”سڀان پئشا نه ڏجانءِ.“ +”ڇو؟“ مون حيرت مان پڇيس. +”اڄ ٻياني جو ڏني اٿئي!“ هن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيندي چيو. ”آنڪ جون ڪچوريون وٺندس. پنهنجي ڪاڻ ٿوروئي! داديءَ لاءِ: کش جو ناهي!“ +هوءَ هوريان هوريان هلندي هلي ويئي، ڏاڍي اداس پئي ڏٺي. دڙي تائين پهتي، جتي ٻين ڀنگياڻين جي گند جي دٻن سان هن جو دٻو به رکيو هوندو هو. مون ڏٺو، هن سينهو مٿي تي ٺاهي رکيو، ۽ پوءِ ان تي گند جو ٽين رکي هلڻ لڳي. +مان کيس ڏسندو رهيس. +هڪ ڏينهن صبح جو، پاڙي اوڙي جا ٻار اسان جي گهر جي ٻاهران رستي تي ”سٽ ڪٽ“ راند ڪري رهيا هئا. ڇيمي هنن جي راند مان مزو وٺي رهي هئي. جڏهن کينهون ڪني پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ ٿي ڪريو، ته هن ڪڍي آڻي ٿي ڏنن. هڪوار ته کينهون هن جي هٿن ۾ آيو، هوءَ حسرت سان ان کي دٻائي ڏسندي رهي. پريان ڪنهن ڇوڪري رڙ ڪري چيس: +”او ڙي، او چهڙي! کينهون هيڏي ڦٽي ڪر، نه ته هڏ گڏ ڀڃندوسانءِ.“ +ڇيمي ويچاريءَ ڊڄي، کينهون کڻي اڇلايو. +پريان ڪا بگي ٿي آئي، جنهن ۾ تازو وهو ڪيل گهوڙو جوٽيل هو، جو بگيءَ کي کنيو ٿي آيو. منهنجو چئن سالن جو بي سمجهه ڀائٽيو وچ رستي تي بيهي، راند ڏسي ۽ تاڙيون وڄائي رهيو هو. بگيءَ وارو پريان ئي رڙيون ڪندو ٿي آيو، ۽ جيترو پئي گهوڙي جي رينن کي ڇڪيائين، اوترو ٿي گهوڙي اُڇانگ ڏنا. ٻار رستي تان نه هٽيو. ٻيا ڇوڪرا پري پري وڃي بيٺا. ڇوڪر جو وڏو ڀاءُ ۽ ڇيمي کيس بچائن لاءِ، ڏانهنس ڊوڙيا. ڀاڻس ڪجهه دير سان پهتو، نه ته اُهو به ننڍڙي طارق ۽ ڇيميءَ جيان بگيءَ جي چيڀٽ ۾ اچي وڃي ها. +وٺي ٻارن ڏانهن ڊوڙيس. عورتون درن پٺيان بيهي پار ڪڍڻ لڳيون. بگي هوا ٿي وئي هئي مون هڪ ڪڇ تي طارق کي کنيو: ٻيءَ تي ڇيميءَ کي. هڪ ٻار رڙ ڪري چيو: +”ادا! اها چهڙي اٿئي، ڪڇ تي نه کڻيس. لٽا ڪنا ڪندءِ!“ +ٻيا ٻارڙا ’آخ- آخ‘ ڪرڻ لڳا. هڪ ٻار منهنجي ويجهو آيو: ”اڙي، هاڻي ادا به چهڙو ٿي پوندو“ تنهن تي ٻيا ٻار، ان حادثي کي وساري، وٺي کلڻ لڳا! +ڇيمي بيهوش هئي. سندس مٿي مان رت وهي رهيو هو. ڪلهن ۽ سيني تي سخت رهڙون آيون هيس هن سياڻپ ڪري طارق کي پرتي ڌڪي ڇڏيو هو، جنهن ڪري هن کي رڳو ٽنگن تي معمولي زخم رسيا هئا. +گهر ۾ گهڙيس ته امان ۽ ڀاڄائي طارق لاءِ وهلور ٿي ويئون. ڇيميءَ لاءِ ڪنهن به نه پڇيو. ان کان اڳ جو مون تي ڪوئي نڪته چيني ڪري ته ”چهڙيءَ کي ڇو ڪڇ تي کنيو اٿئي“، مان ٻاهر نڪري ويس. +(6) +آءٌ ڇيميءَ کي اسپتال کڻي ويس. جڏهن هن جا زخم صاف ڪرڻ لاءِ کيس ميز تي ليٽايو ويو، ته ڪجهه سڌير ٿي، زخم صاف ٿيڻ مهل جاڳي پئي ۽ درد کان دانهون ڪرڻ لڳي. هن کي مضبوطيءَ سان جهلي، سوگهو ڪري، زخم صاف ڪيا ويا، ۽ انهن ۾ دوائون ۽ پائوڊر وغيره ڀري پٽيون ٻڌيون ويئون. +مان هن کي ڪڇ ۾ کڻي، ٻاهر رستي تي اچي، ٽانگي لاءِ واجهائڻ لڳس. هوءَ، رت وهڻ سبب، ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ ڍر ڪندي ٿي وئي. جهڪي آواز ۾ پڇيائين: +”ڪاڏي؟“ +”گهر- ڇيمي! تنهنجي گهر پيا هلون هلون نه؟“ +”ٽين ۽ سينهو ته کڻون، نه ته دادي گهر اچڻ نه ڏيندي! +”چڱو ڀلا منهنجي گهر هلندينءَ ڪئن؟“ +”نه- بي بي ماليندي. تالڪ (طارق) کي ڄنگهه ۾ ڌڪ جو لڳا آهن!“ هوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي. +”نه نه... نه ماريندءِ. مان جو ويٺو هوندس.“ +نه نه- نا نه... بي بي ماليندي!..... هل ته دادا ڏي هلون!“ +پوءِ هوءَ رئڻ لڳي. +مان منجهي پيس. +* * * * +لهندڙ سج جي ’ڳاڙهاڻ‘ نئين صبح جي آمد جي خوشخبري ٿي ٻڌائي! جو زياده روشن ۽ تابناڪ ٿئي ٿو. جنهن جي سونهري ڪرڻن سان دنيا منور نظر اچي ٿي. رات جي ”ظلمت پاش“ فوجن کي سر لڪائڻ جي جاءِ به ڪانه ٿي ملي سگهي! ۽ انهن کي پنهنجي موت مرڻو ٿو پوي! (کن ٺان- برمي شاعر) +غلام رباني (سنڌي) +شيدو ڌاڙيل +سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس. +”شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!“ +”اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي اچون،“ ٻئي واڪو ڪيو. +پر شيدو اهوئي ستو پيو هو. +تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو ڪري اٿڻ، ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس“ ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو. +ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا. +’غفور اصل ڪونه مڙندو- ضرور سائينءَ کي چوندو ته سائين، شيدوءَ هيئن ٿي چيو. قالو به ته ٺاهي جوڙي ڳالهه ۾ لوڻ مرچ گڏيندو. ڀلا ڪريم؟ نه نه، هو به حرامي آهي- اهو به چوندو ته سائين توهان کي گاريون ٿي ڏنائين“ اهي ويچار ويچاريندي شيدو اٿيو. رلهي پري ڦٽي ڪري، کٽ هيٺان پيل پاڻيءَ جي ٻٽي دلي مان جهڙو منهن ڌئڻ لاءِ پاڻيءَ لپ ڪڍيائين، تهڙو پاڻي، ڀڳل گهانگهي مان پٽ تي وهي ويو. +”ڀيڻسان دلو به ڀڳل.... ڀلا هجي ابو امڙ ته.....“ هن جون اکيون آليريون ٿي ويئون. کٽ تان رلهي کڻي، منهن اگهي، جهڙوئي در ڏانهن وڌيو ته پٽ تي هاريل پاڻيءَ تان پير ترڪي ويس. ڌومنهن ڀر وڃي ڪريو. ڪاري ڪپڙي جي پنيءَ تائين گوڏ به گپ ۾ ڀرجي ويس. اڃان اٿيوئي مس ته در کڙڪيو، ۽ ائين ڊنب ٻارن جو گهر ۾ گهڙي آيو. در تان ماستر واڪو ڪيو، ”اڙي کنڀي اچوس“!.... ۽ ڇوڪرا شيدوءَ کي چنبڙي ويا. ڪو ٽنگن کان ڪو ٻانهن کان، ٽنگوٽالي ڪري هو کيس ائين ماستر ڏانهن کنيو پئي ويا جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل ڏينڀوءَ کي پنهنجي ڏرڙ ڏانهن نينديون آهن. ”هل اسڪو!“ ماستر، شيدوءَ کي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪري اڳ ۾ ٿي هليو. +”سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گهڙي کن ڇڏيو ته گڏ تان وهنجي اچان.“ +”وهنجي ٿو پٽ!“ ماستر، شيدوءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي ٻير جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو. +اسڪول ۾ پهچي ماستر رڙ ڪئي، ”حمزا!“ +”جي سائين!“ +”پاڻيءَ واري واڍ کڻي آ!“ +حمزو پاڻيءَ واري واڍ کڻي آيو، ۽ ماستر جي حڪم سان شيدوءَ کي بينچ تي پٺيءَ ڀر سمهاري ٻڌڻ لڳو. +”سائين سوگهو آهي“ حمزي، شيدوءَ کي چڱيءَ طرح بينچ سان جڪڙي ٻڌڻ بعد چيو. +”ها، پوءِ؟ ڇاٿي چيئي ته وڃي پنهنجي بابي کي دانهن ڏيو!“ +شيدوءَ ڪڇوئي ڪونه بس، جهڙي ڀت! +اسڪول ۾ چپ چاپ ٿي ويئي. ۽ پوءِ ان خاموشيءَ ۾ ماستر جي گارين جي گجگوڙ بعد، جڏهن ٻير جو لڪڻ وڄ جيان وراڪو ڏيئي، بينچ سان ٻڌل شيدو تي وسڻ لڳو ته شيدوءَ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪرن جيان اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون. اهي گارين جو گوڙيون، لڪڻ جا وڄ جيان وراڪا ۽ اکين جو اوهيرا ڪري وسڻ- تيسين جاري رهيا جيسين ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ ماستر جي ٻانهن ساڻي ٿي پيئي ۽ شيدوءَ جي اکين مان وهندڙ مهراڻ سڪي ويو. +(2) +’ هڪ ايڪو ٻه ڏهاڪا، ايڪيهه.‘ +’ٻه ايڪا ٻه ڏهاڪا، باويهه‘ +’ٽي ايڪا ٽي ڏهاڪا....‘. ”اڙي بس ڪيو، ڪتي جا پڇ!“ +ماستر صاحب اسڪول ۾ داخل ٿيندي چيو. چوڌاري چپ ٿي ويئي. ماستر صاحب دستور موجب حاضريءَ جو ڪتاب کڻي حاضري وٺڻ لڳو. +”حمزو“ ’حاضري سائين‘ +”قالو“ ’حاضر سائين‘ +”غفور“ ’حاضر سائين‘ +”ڪريم“ ................... +”ڪريم!“ ماستر ٻيهر واڪو ڪيو. +”شيدو!“ +”شيدو!!“................... +”سائين شيدو ۽ ڪريم ٻئي ڪونه آيا آهن.“ حمزي اٿي چيو. +”ڪالهه گڏهه جيڏي مار جهلي اٿائين، وري اڄ ڪتي جو پٽ نه آيو! اڙي توهان مان ڪنهن کيس ڏٺو؟“ +بشير، ماستر ڏي نهاريندي، ٻانهون ٻڌي، چوڻ لڳو، ”سائين صبح جو ٻئي ڄڻا ميري جي هٽ تان چانورن جي لائي وٺي، مڪان واري کوهه ڏانهن پئي ويا. مون چيومان ته ’هلو اسڪول‘ تنهن تي مون کي مڪ وهائي ڪڍيائون!“ +”پيسا ڪاڏهون آندائون، جو لائي ورتائون!“ ماستر عجب ۾ پئجي چيو. +بشير ڊڄي ڊڄي چوڻ لڳو، ”سائين... سائين! مون کي نه مارجو... مان ڏسيانو؟“ +”ڳالهه ڪر!“ +”سائين، ڪالهه نوري جي گهران رائي چورائي هئي سين. هٽ تي وڪيسون ٻارنهن آنا مليا. پر سائين مون کي هڪ ڏوڪڙ به نه ڏنائون. ٻارنهن ئي آنا شيدو ۽ ڪريم کڻي ويا!“ +”ها، ڪتي جا پٽ چوري نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا. نه ماءُ نه پيءُ ڪو چوڻ آکڻ وارو ته اٿن ڪونه. اهي حرامي ڦر وڏي هوندي کاٽ هڻندا. اهي پڙهيا! جيڪي هينئر ئي چوريون ٿا ڪن، سي وڏي هوندي ڪهڙا اَڪ ڪارا ڪندا. پر مون کي ته عجب آ ته اهي ماني ڪٿئون ٿا کائن؟“ ماستر صاحب ڇوڪرن ڏانهن نهاريندي چيو. +”سائين ڪڏهن ڪڏهن اوبر سوبر اسان ڏيندا آهيون.“ قاسم درزيءَءِ جي پٽ اٿي چيو. +”۽ سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان،“ وڏيري جي پٽ انور اٿي چيو. +”ها، ننڍي هوندي اُڙين ٿڙين ٽڪرن تي پلبا، ته وڏي هوندي ضرور چوري ڪندا!“ ماستر نفرت وچان چيو، ۽ پوءِ ڪلاس جي ڪم کي لڳي ويو. +(3) +انهي ڳالهه کي سال گذري ويا. اڄ شيدوءَ جو سڄي تر ۾ ڏهڪاءُ هو. ٻارنهن ڪوهيءَ ۾ چڱا چڱا جوان مرد، شيدوءَ جو نالو ٻڌي ڏڪي ويندا هئا. هاڻي هن کي شيدو ڪير ڪونه ڪوٺيندو هو. ماستر جنهن شيدوءَ کي ننڍي هوندي موچڙن سان ڪٽي نوءد جو ٽڪر بنائي ڇڏيو هو، قاسم درزي ۽ ڳوٺ جو وڏيرو عيدل خان ۽ ٻيا جن جي سڪلن ٽڪرن تي شيدو ننڍي هوندي پليو، اسڪولي ٻار، جي شيدوءَ جا ڪلاسي هئا، جن مان ڪي اڄ ڪڙمي هئا، ڪي مزور هئا، ڪي ٻڪرار ۽ خود شيدوءَ جو ننڍي هوندي جو يار، ڪريم، جو اڄ پنهنجي تر جو سٺو رازو هو. اهي سڀ کيس شيدو ڌاڙيل ڪوٺيندا هئا. +شيدو هو به ته پورو پورو ڌاڙيل. سندس شڪل به هوبهو ڌاڙيلن جهڙي هئي. ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳاڙهيون اکيون، جن مان ڄڻ ته باهه جون اماڙيون ٿي نڪتيون، جن مان شايد ڪڏهن به ڪا رحم ڀري نظر نه نڪتي هئي. رڪ جهڙيون ٻانهون، جن ۾ آسمان جي سيني مان تارن ڇني وٺڻ جي طاقت سمايل هئي. ڪلهي تي سدائين چانديءَ جيان چمڪندڙ ڪهاڙي، رات جي اوندهه ۾ شيدوءَ جي ڪاري چمڙيءَ جي تهه سان ڍڪيل ڀيانڪ صورت ائين لڳندي هئي ڄڻ ته ڪنهن ڀوت جو پاڇو هجي. مطلب ته شيدو هينئر پورو پورو ڌاڙيل هو انسانيت جي جسم ۾ هميشه چڪندڙ هڪ ڦٽ. +شيدو، هينئر ڇٺيءَ ڇماهيءَ ڳوٺ ايندو هو. ڳوٺ هو صرف ٻن ماڻهن سانگي ايندو هو: هڪ ڪريم لاءِ، جو سندس ننڍي هوندي جو يار هو، ۽ ٻيو زيبيءَ لاءِ! +زييبي، شيدوءَ جي ڳوٺ جي هڪ رن زال هئي. عام هليل هو ته مڙس کي زهر ڏيئي ماريو هئائين. شيدوءَ جي هوءَ يار هئي، سا به جڳ جهان کي ڪل هئي. شيدو، زيبيءَ تي اصل چريو هو. زيبي هئي به مورت. سڄي ڳوٺ جو نڪ هئي. ڪاريون ڪاريون اکيون جهڙا ڀونئر! سنهڙا چپ، سنهڙو نڪ، ڪپهه جي ٻڙن جهڙ ااڇا ڳل، جن تي وقتي وقتي پگهر جا ڦڙا ائين چمڪندا هئا جئين گلابي گلن جي ورقن تي صبه جو ماڪ جا ڦڙا! سنهڙي چيلهه، سانوڻ جي درياء جيان اڀرندڙ ڇاتي! جنهن تي ڊگها ڪارا وار ائين لڳندا هئا جيئن سانوڻ جي درياء مٿان ڪا پورب کان ڪڪرن جي ڪارونڀار ڇائنجي وڃي! +(4) +شيدو اڄ پورن پنجن مهينن کانپوءِ ڳوٺ ۾ آيو هو. ڪريم جي گهران ماني کائي، هينئر هو زيبيءَ جي گهر زيبيءَ سان گڏ هڪ ئي کٽ تي سمهيو پيو هو. +”ڏاڍا ڏينهن لاتئي!“ +”تو ته ڪانگ ٿي اڏايا!“ شيدوءَ، زبيبيءَ سان چرچو ڪندي چيو. +”نه ته وري ڇا! سڀ توجهڙا آهن ڇا! توکي ته سيني ۾ دل آهي ئي ڪانه. پٿر اٿيئي پٿر.“ +”۽ توکي.......“ شيدوءَ اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي نه ڪئي ته در کڙڪيو. شيدو اٿي وڃي در لاٿو. در تي وڏيري جو ڪمدار بيٺو هو. +”شيدو راجا، وڏيري ڪوٺايو اٿيئي.“ +”صبح ايندس.“ شيدو در ٻيڪڙي، اچي زيبيءَ سان گڏ کٽ تي ليٽيو. +”ڪير هو؟“ +”وڏيري جو ڪمدار.“ +”ڇو آيو هو؟“ +”وڏيري ڪوٺايو آهي- ڪم هوندس ڪو- صبح جو ويندس.“ ايئن چئي شيدو زيبيءَ سان گڏ وري رهاڻ ۾ لڳي ويو. اڃا ويرم نه گذري ته وري در کڙڪيو. شيدو خار کائي اٿيو. در کوليائين در تي وڏيرو بيٺو هو. +”سائين، توهان تڪليف ڪئي!“ +”ابا، مڙئي خير- رئيس ڌڱاڻو خان آيو آهي. تنهنجي نالي ٻڌائين ته آيو آهين، سو توکي هينئر ئي سڏايو اٿس.“ +ڌڱاڻي خان جو نالو ٻڌي شيدو وڃڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو ۽ وڏيري سان گڏ اٿي اوطاقت ڏانهن هليو. +ڌڱاڻي خان جو نالو سڄي تر ۾ وڄيل هو. هو وڏو گڙنگ زميدار هو چڱا چڱا بيٺل ماڻهو به سندس نالي کان ڪوء کائيندا هئا. خود ضلعي پوليس جا عملدار به کيس ”سائين“ چئي سلام ڪندا هئا. شل نه ڪو پوليس جو آفيسر ساڻس ٺهي نه هلي- ڏينهڪ بدلي ڪرائي،ٿر ۽ لاڙ جا وڻ ته ڏيکاري ڇڏيس! پري، پري، مڙس جي هلندي هئي. +ڌڱاڻو خان ظالم به ته هڪ ئي هو. شل نه تر ۾ ڪنهن سهڻيءَ ڇوڪريءَ تي اک پويس. ڌڱاڻي خان جي هٿان بچي نڪتي ته نئين ڄائي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڏينهن ڏٺي جو راهه ويندڙ ماڻهوءَ کي خون ڪرائي ڇڏڻ به رئيس لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. وٽس وڏا وڏا ناليرا بدمعاش، ڌاڙيل، خوني ۽ وارنٽي ويٺل هئا. هو سڀ ڌڱاڻي خان جي راڄ ۾ الوليون ڪندا هئا. مجال هئي ڪنهن کي جو ڏانهن اک کڻي به نهاري. رئيس چوندو هو، ”مان جوڳي آهيان. منهنجي گودڙيءَ ۾ ڪاريهر نانگ آهن. ٻيا جوڳي ڪاريهرن جا ڏند ڀڃي، انهن کي کير پياري، مرلي وڄائي، ڏوڪڙ ڪمائيندا هوندا. پر مان؟ مونکي ته گهرجن ئي ڪاريهر ڏندن وارا، زهريلا، زور ڏنگڻا. ڪيڏو نه مزو ايندو آهي مونکي جڏهن ڪو ماڻهو منهنجي ڪاريهر جي ڏنگ کان ڏنگبو آهي. ويرم ئي ڪانه لڳي. بس هڻ، ۽ کڻ!“ +۽ رئيس جي اها ڳالهه سورنهن آنا نه پر ارڙنهن آنا سچي هئي. ڪيئن؟ اجهو هيئن. +هڪ دفعي ڳوٺ جي پڌر تي رئين ويٺي رڇ ۽ ڪتن جي ويڙهه ڏٺي. اوچتو ڪو پرديسي پڇائيندو پڇائيندو آيو. رئيس کي ڏسي چيائين، ”رئيس، پيرا کڻي تو تائين پهچايا اٿم! مينهڙي هيم سئا- ٻچڙن پئي کير لپ پيتي بس اها وئي اٿم ٻڌجي! هاڻي ورائڻ نه ورائڻ آهي تنهنجي هٿ ۾، رئيس!“ +رئيس کي ڪاوڙ لڳي يا تماشو! حڪم ڪيائين، ”اڙي هن کي ٻڌي ڳوڻ ۾ سبو! پيرا کڻي آيو آهي رن پٽ مينهن ورائڻ!“ +رئيس جو حڪم الله جو حڪم. ائين ئي ٻن چئن ڄڻن غريب کي دسي، ٻڌي کڻي ڳوڻ ۾ وڌو. ڳوڻ جو منهن سبي آندائونس رئيس اڳيان. رئيس چيو ’پڌر تي ڦٽي ڪري، ڪتا ڇڏيوس!‘ +حڪم جي دير هئي- ڪتا ڇٽا ته ڪاري ڳوڻ ۾ ڦٿڪندڙ شيءِ مٿان چڙهي ويا. ۽ پوءِ پرديسيءَ جون دانهون ايستائين عرش جي مٿان ورنديون رهيون جيستائين ڪتن پاڻيهي هٽي پاسو نه ڪيو! +سو شيدو اڄ انهي ڌڱاڻي خان اڳيان بيٺو هو.”ڀلي آئين شيدن!“ +”خوش هوندين، بابل سائين!“ شيدوءَ ٻئي ٻانهون ٻڌي، رئيس ڏانهن نهاريندي چيو. +”ڪاٿي گذارين؟“ +”سائين ملڪ مولا جو وڏو ويڪرو آهي.“ +”پرديس ڇڏي ڏي، بابا!“ ۽ پوءِ رئيس راز واري لهجي ۾ شيدوءَ کي چوڻ لڳو، ”چڱائي ٿو چوانءِ، ٻچا! ڇڏي ڏي پرديس جي پچار. اچ، اچي مون وٽ رهه. ٻيا به ته رهيا پيا آهن نه! ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي. اچي وڃين ڪنهن مهل پوليس جي چنبي ۾ ته!“ ۽ پوءِ رئيس ۽ شيدو ڳالهين ۾ ٺهي ويا. +(5) +شيدو هاڻي رئيس ڌڱاڻي خان وٽ رهندو هو. رئيس جي حڪم تي هن رئيس جي ڪيترن ئي مخالفن کي سڌو ڪيو. غريبن جا جهڳا برباد ڪيا، خون ڪيا، ۽ انهيءَ ڪري هو رئيس کي ڏاڍو پيارو هوندو هو.... +پر پوءِ، اوچتو شيدوءَ جي رئيس سان اڻبڻت ٿي پيئي. ۽ اها خبر به جڳ جهان کي پئجي ويئي. ڪنهن ڪيئن ٿي چيو، ڪنهن ڪيئن سچي. ڳالهه جي خبر رڳو ڪريم کي هئي. +هڪ رات ڪريم، زال کي چيو، ”رات اسر جو اٿي ماني پچائج.“ +”ڇو“ +”شيدو ماني کائي گاڏيءَ تي ويندو.“. +”ڪيڏانهن؟“ زالس عجب ۾ چيو. +”مڙيئي هيٺ- لاڙ جي طرف“ +”ڇو؟“ +”رئيس ۽ شيدو ۾ اڻبڻت ٿي پيئي آهي.“ +”اهو وري ڪيئن.“ +”ڳالهه ڪج نه ڪنهن سان- رئيس شيدوءَ جي يار زيبيءَ سان کرجي ويو آهي- هينئر ته زيبي وڃي رئيس جي گهر ويٺي آهي. شيدو چئي ٿو ’رئيس کي خون ڪندس.‘ پر رئيس به ڏاهو آهي. هن به چاري ڇڏيا آهن. شيدو ٻن چئن ڏينهن لاڪر رئيس جي منهن تي ئي ڪونه چڙهيو آهي. کيس جان جو خطرو آهي. ڪالهه پوليس جي صوبيدار مون کان شيدوءَ جو پڇيو پر مون چيومانس ته الائي ڪٿي آهي. شيوءَ سان اها ڳالهه ڪيم، سو چيائين ته اڄ نڪران هتان ته ٻيو ڏينهن ٿئي. سو رات ويندو هليو.“ +اسر جو شيدوءَ اچي ڪريم جو در کڙڪايو. شيدو ۽ ڪريم اچي ويٺا کٽ تي. ڪريم جي زال ماني آڻي اڳيان رکين. اڃان ٻه گرهه وڌائون ته در کڙڪيو. شيدوءَ جي دل ڌڙڪي اٿي. پر ڪريم همٿ ڪري وڃي در کوليو. اڃا ڪريم جو در کولڻ ۽ صوبيدار جو پنجن پوليس وارن سان گڏ اندر اچڻ. مانيءَ تان اچي شيدوءَ کي اٿاريائين چي، ”تو تي وارنٽ آهي.“ +همراهه ٻڌجي ويو. +(6) +صبح جو، سڄي ڳوٺ ۾ نه، پر سڄي تر ۾ ڳالهه هلي ويئي: ”نامي گرام ڌاڙيل شيدو ٻڌجي ويو“ ۽ پوءِ هوريان هوريان شيدوءَ جو نالو ماڻهن جي زبان تان لهي ويو. +پورن پنجن مهينن بعد، اوچتو وري هڪڙي صبح جو ماڻهن جي زبان تي شيدوءَ جو نالو آيو. +سڄي ڳوٺ ۾، گهٽين ۾، موچيءَ جي دڪان تي، لوهر جي دوڪان تي ماڻهن جا ميڙ ب��ٺا شيڊوءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اسڪول جي در تي ماستر صاحب هڪ ميڙ ڏي منهن ڪري اخبار پڙهي رهيو هو: ”سنڌ جي نامي گرامي ڌاڙيل شيدوءَ کي ڦاسي ڏني ويئي. مٿس ڇهن خونن ۽ تيرهن ڌاڙن جا ڏوهه ثابت ٿيا. شيدو ڪيتري وقت کان لاپتا هو، پوليس کيس پڪڙي نه ٿي سگهي. مگر بعد ۾، رئيس ڌڱاڻي خان جي مدد سان پوليس، شيدوءَ کي سندس هڪ دوست جي گهر مان گرفتار ڪيو. انهيءَ ڪري سرڪار نامدار طرفان رئيس ڌڱاڻي خان کي ڏهن هزارن رپين جي ٿيلهي انعام طور ڏني ويندي.“ +* * * +سرمايه داري جا بنياد، جنهن جي تعمير تمام مضبوط آهي، سا اٿندڙ انقلاب جي سامهون سرنگون آهي، ۽ لرزه براندام آهي. ڪائنات تي ڇانئجي ويندڙ اڳتي وڌيل صدين جو گرجدار آواز ٻڌو! اهو ڇا آهي؟ +اهو آهي، ”انساني ارتقا“ جو گڏ ٿيل غصو! هڪ انقلاب انگيز طوفان، جنهن ۾ بجليون چمڪي رهيون آهن، ۽ گويا بغاوت جا شعلا آهن، جن جو ”انقلاب لاله گون“ ٿئي ٿو. (مائيڪا ويسڪي) +علي احمد بروهي +نئين زندگي +خيراتي اسپتال جي وچين وارڊ ۾، لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي، ظفر سوچيندو رهيو. بيماريءَ کي اچي ٻه هفتا کن گذريا هئس. علاج معالجو به ڪافي ڪجهه ڪيو ويو هو، ليڪن الاجي ڇو، ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ٿي ڪيو. ڊاڪٽرن طرفان دوا سان گڏ دستوري دلداري ۽ ڏڍ به ڏنو ٿي ويو، ليڪن ظفر کي بخوبي ڄاڻ هئي ته سندس زندگي ۽ موت جي دنگل جو آخرين نتيجو ڪهڙو نڪرڻو هو۽ آخرين فتح ڪنهن کي حاصل ٿيڻي هئي ليڪن ان لاءِ کيس ڪابه ڳڻتي يا فڪر هرگز نه هو. +آخر موت ڪو مهڻو ته نه آهي، ۽ نه وري ظفر ڪو پهريون انسان هو جو موت جي منهن چڙهيو ٿي. ازان سواءِ، ظفر کي زياده جيئڻ جي به ڪا خاص خواهش نه هئي. هن ڌوڙ ۽ ڌڌڙ جي گولي تي ڳچ عرصو گذاريو هئائين. گهڻو ڪجهه ڏٺو وائٺو، گهميو گهتيو ۽ کاڌو پيتو هئائين. عيش عشرت، ڏک ڏاکڙا، سرديون گرميون، خواهه دنيا جون لاهيون چاڙهيون، سڀ طئي ڪري چڪو هو. هاڻ چند گهڙين بعد سندس زندگيءَ جي ڊرامي جي آخرين ڊراپ سين ٿيڻي هئي. ’ترت کيس موت جو منهن ڏسڻو پوندو‘ اهو ڄاڻي کيس هڪ قسم جي مسرت محسوس ٿيڻ لڳي، جئن کيس ننڍپڻ ۾ ڪنهن نئين ملڪ ڏسڻ باعث حاصل ٿيندي هئي! +ظفر سوچيندو رهيو، ۽ سندس خيالات جي دنيا وسيع ٿيندي رهي. پنهنجي گذشته زندگيءَ جو جائزو وٺندي، ظفر ڏٺو ته سندس گذريل عمر، جا ستر سالن جي لڳ ڀڳ هئي، درجي بدرجي فلمي تصويرون جيان، تصور جي پردي تي نمودار ٿيندي رهي. ظفر نهايت متعجب ٿيو جڏهن ڏٺائين ته سندس زندگي هڪ ظفر جي مسلسل زندگي نه هئي، بلڪ هزارها ’ظفرن‘ جي مختلف عارضي زندگين جو مجموعو هئي. +ظفر ڏٺو ته سندس زندگيءَ جي شروعات هڪ اهڙي ’ظفر‘ سان ٿي جو فقط گوشت پوست جو لوٿڙو هو، ۽ جنهن کي نه سمجهه هئي ۽ نه ٻوجهه. هو فقط ماءُ جي ٿڃ تي پلندو رهيو ٿي. بعض اوقات مشڪيو ٿي يا رنو ٿي. کيس نه هو فڪر معاش، نه هو عشق بتان جو سوداءُ ۽ نه ياد خدا. ان بعد هڪ ٻيو ظفر نمودار ٿيو جو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهيو ٿي. هن پنهنجن مٽن مائٽن کي سڃاڻڻ ۽ ’امان بابا‘، نقل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، يا ڪڏهن ريڙهيون پائڻ ترڪ ڪري کٽ جي سهاري پير پير جي پرئڪٽس ٿي ڪئي. ظفر نمبر ٽيون، کڙو تڙو ۽ ڦڙت ڇوڪراٽ هو، جو زندگيءَ جي نئين دور ۾ گامزن ٿيڻ لاءِ آتو ٿي ڏٺو. هي طفل مڪتب هو ۽ دنيا جي غم فڪر ۽ جهنجهٽن کان آزاد. هن جو اڪثر وقت راند کيڏڻ، هل بکيڙو ڪرڻ ۽ طوطي جيان سبق يا ڪرڻ ۾ صرف ٿي ٿيو. ان بعد جنهن ظفر منهن ڪڍيو سو نهايت سهڻو ۽ شڪيل نوجوان هو ۽ هزارها خوبين خصلتن جو مجموعو. هن ظفر ۾ جواني هئي، جوش هو ۽ امنگ هئا. قسمت سانگي، جي سندس پلاند ڪنهن ٻٿڻيءَ سان اٽڪي ٿي ويو، ته سندس سموري جسم ۾ سيسراٽيون اڀري ٿي ويون. هي ظفر دنيا جي ڄار ۾ چوکنڀو ڦاٿل هئڻ گڏ، هڪ نئين قسم جي بيماريءَ ۾ مبتلا نظر ٿي آيو، جنهن کي ڪن عشق ٿي سڏيو ۽ ڪن محبت. هي ڪڏهن هرڻ جيان رڃ جي ريب ۾ ڊوڙندو ٿي رهيو ۽ ڪڏهن سرد آهون ۽ شوڪارا ٿي ڀريائين. ليڪن هي ظفر به اڳين ٻين ظفرن جيان چند پلڪن جي جهلڪ بعد نظر کان غائب ٿي ويو، ۽ سندس جڳهه والاريندڙ ظفر نهايت سنجيده مزاج ۽ بردبار ٿي ڏٺو. هن ظفر جو گردن دنيوي ٻوجهي سبب جهڪيل هو ۽ سندس قدم ۾ نه اها تيزي هئي ۽ نه گرمي. کيس اهل عيال، ٻارٻچا، مٽ مائٽ ۽ سوين ٻيون جوابداريون هيون. هي ڪرڙوڍ ظفر زمانه ساز ۽ آزمود گار انسان هو. هرهڪ ڪم ٿڌي سيني ۽ سوچ ويچار سان ٿي ڪيائين. +آخرين ظفر هڪ عمر رسيده، ضعيف ۽ خدا ترس شخص هو، جنهن جو جسم هيڻائيءَ ۽ خوف خدا کان ڏڪندو ٿي رهيو. هي زاهد، متقي ۽ پارسا هو، جنهن جو سمورو وقت ٻين کي نصيحتن ڪرڻ ۽ سجدن ڏيڻ ۾ صرف ٿي ٿيو. هن جا وار سفيد، ڏند عدم پيدا، ۽ قدم نهايت سست ۽ ڪمزور هئڻ سبب ٿڙڪيا ٿي. هيءُ ظفر خيراتي اسپتال جي وارڊ ۾ لوهي چارپائيءَ تي ليٽندي ڪجهه سوچي رهيو هو. +ظفر سوچيندو رهيو، حالانڪ فلم جو عڪس سندس دماغي اسڪرين کان اوجهل ٿي چڪو هو. آخر اهي سڀ ’ظفر‘ ڪٿي هئا؟ هو ٻار ڪٿي هو، جنهن ٿڃ ٿي پيتي ۽ تنجڻن ۾ ٻڌل رهيو ٿي. هو ڇوڪراٽ ظفر ڪٿي هو، جنهن ٽپا ٺينگ ٿي ڏنا. هو نوجوان عاشق ڪيڏانهن ويو، جنهن عشق ٿي پچايا ۽ ٽڪر کي مٿو ٿي ڏنو؟ هو ڪرڙوڍ ظفر ڪٿي غرق ٿيو، جنهن سياست ٿي کيڏي ۽ آدم جو اولاد ٿي وڌايو؟ ۽ هي ٻڍڙو قريب المرگ ظفر ڪير هو! هرهڪ ظفر کي پنهنجي زندگي هئي- ۽ هڪ ٻئي کان مختلف نوعيت جي! هرهڪ جي شڪل شبيهه، اٿڻي ويهڻي، خيالات ۽ خواهشون، علحده علحده هيون. ڇا هيءَ حقيقت هئي ته اهي سڀ ظفر مري چڪا هئا، ۽ سندن قبرستان لوهي چارپائيءَ تي ليٽيل ظفر جو بيمار جسم هو؟ +ظفر انڌيري ۾ ڪجهه روشنائيءَ جا ڪرڻا پسي رهيو هئو هن محسوس ڪيو ته هرهڪ ظفر جي زندگي عارضي ۽ محدود هئي. هرهڪ پنهنجو وارو وڄايو. هرهڪ جي فطرت، وضع قطع ۽ عادت نرالي رنگ ڍنگ جي هئي. هرهڪ جي عمر ۽ سمجهه مختلف هئي. اهي سڀ ظفر موت جي زد ۾ اچي چڪا هئا ۽ هاڻ انهيءَ ظفر جو به انت اچڻو هو، جو لوهي چارپائيءَ تي ليٽي سوچي رهيو هو. +ظفر کي هي احساس ٿيڻ لڳو ته موت ۽ زندگي ڪي ٻه مختلف يا متضاد چيزون نه هيون بلڪ هڪ ساڳي وستو. ظفر کي هيءَ حقيقت روشن ٿيندي رهي ته موجوده دنيوي زندگي بذات خود هڪ موت جي زندگي هئي ۽ انسان هرگهڙي، هر ساعت، هر ڏينهن مرندو ٿي رهيو ۽ هر دفعي هڪ نئون انسان سندس خال ڀريندو ٿي رهيو. جئن ڪو انسان نديءَ جي ڪناري تي بيٺل هجي ۽ سندس پاڇو وهندڙ پاڻيءَ تي پوندو هجي ۽ هرساعت سندس پاڇي هيٺان نئون پاڻي ايندڙ هجي! +ليڪن، انسان جي موت جي زندگي، مستقل نه هئي: ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت بعد، انسان جو جسم بيڪار ۽ بيجان ٿي زمين تي ڪريو ٿي، تڏهن اهو موت انسان جي موت واري زندگيءَ جو آخرين موت ٿيو ٿي، ۽ جنهن بعد انسان جي هر ڏينهن واري موت جو خاتمو آيو ٿي، ۽ انسان بعد ۾ خيالات ۽ احساس جي نئين زندگيءَ ۾ داخل ٿيو ٿي. +موت ڪو جن ڀوت يا ديو نه هو، جنهن کان خوف يا خطرو ڪيو وڃي. هر گز نه. موت هڪ فطري قانون هو، ۽ دنيوي زندگيءَ جو ضروري پهلو هو، ۽ اهڙو ئي سلسلو جئن ٻج مان ٻوٽو، ٻوٽي مان مکڙي ۽ مکڙيءَ مان ٽڙيل گل ٿئي ۽ بعد ۾ گل خوشبوءِ ۾ تبديل ٿي فضا ۾ جذب ٿي وڃي ۽ باقي گل جا مادي حصا بيڪار مرده پتن جي حالت ۾ هيٺ ڪر�� زمين دوز ٿي وڃن. +ظفر سوچيندو رهيو ۽ هاڻ هن پاڻ کي نهايت هلڪو محسوس ٿي ڪيو. سندس پيشانيءَ تي اڳ جي فڪرات جا اهڃاڻ هئا سي ميٽجي چڪا هئا. ظفر جي چپن تي مسڪراهٽ نمودار ٿي. +هو مري چڪو هو، ۽ کيس اها خبر ئي نه هئي..... +...................... +شايد ”سعيد“ کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين، سفيد ڏاڙهيءَ جي ٿوري نشان سان زندهه رهان! ۽ پوءِ انهن ڪراڙن وانگر، جي جنگ جي ميدان مان سلامت موٽيا آهن، ديوار جي پناهه ۽ سهاري ۾ هلندي، وائلن وڄائيندوس، ۽ ٻڌائيندس. ان وقت منهنجي چوڌاري هڪ ”سحر انگيز رات“ هوندي، نون ماڻهن جي ”قدمن جي آهٽ“ هوندي، ۽ سندن زبان تي ”نوان ترانا“ هوندا (ناظم حڪمت) +”اياز“ قادري +جوابدار ڪير +هن جي تقرير، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾ ختم ٿي. هن کي هار وڌا ويا. ايتري قدر جو سندس منهن به گلن جي وچ ۾ نظر نٿي آيو. اڄ هرڪنهن جي وات ۾ هن جي واکاڻ هئي. هو قوم جو صحيح ترجمان هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهن جي دلين ۾ هن جي لاءِ بيحد عزت هئي، پيار هو. اڄ به سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي جمع ٿيا هئا. هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پئي ٿيا. ميدان ۾ پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي، پبلڪ پارڪ سڄو ماڻهن سان سٿيو پيو هو. اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ ماڻهن جو دم پئي گهٽيو. ماڻهون پگهر ۾ شل ٿي ٿيا، مگر جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ وئي ٿي وڌندي. سندس تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ ٻن چئن هنڌن ڌڪا مڪي به ٿي مگر وري سانت ٿي وئي. +اڄ هن ڳالهايو ۽ دل کولي ڳالهايو- سماج جي ان بدنما داغ لاءِ جنهن کي ’عصمت فروش‘ ڪوٺين ٿا، جا چند سڪن تي پنهنجو جسم ٻين جي حوالي ٿي ڪري! هن چيو ته پاڪ آستان ۾ اهڙي پليديء جا اڏا بند ڪيا وڃن، جنهن مان گناهه جي باهه ڀڙڪي ٿي اُٿي، جن جي الن ۾ هزارين گهر سڙي خاڪ ٿي ويا آهن. +هن جي تقرير ختم ٿيڻ تي نعرا بلند ٿيا- هن جي ”زنده باد“ جا نعرا ”خرابيءَ جا اڏا مرده باد“ جا نعرا! هن جي زبان جاودءَ جو اثر ٿي رکيو. ان کان سواءِ هن عوام جي ترجماني ٿي ڪئي. پليديء جا اڏا، جنهن مان ڪوبه سلامت نه وريو. هڪ ٺهراءُ پاس ڪري سرڪار کان گهر ڪئي وئي ته ’يڪدم اهي اڏا بند ڪيا وڃن: جي اهي بند نه ڪيا ويا ته ان خرابيءَ جو سيلاب زياده راڱا ڪندو.‘ +هو خوش هو- ڏاڍو خوش هو- پنهنجي تقرير کان، ماڻهن جي جوش کان، سندن تاڙين کان، انهن جي نعرن کان سندس ”زنده باد“ جي نعرن کان، ”پليديءَ جا اڏا مرده باد“ جي نعرن کان. هن جي ڪنن ۾ اڃا به تاڙين جي ڦهڪن ۽ نعرن جو شور ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. هو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. هن کي بيحد هار وڌا ويا، ايتري قدر جو سندس دم گهٽجي رهيو هو. ماڻهن کيس سندس نيڪ جذبي ۽ تحريڪ تي مبارڪون ٿي ڏنيون. آخر هو ملڪ جو وڏو ليڊر هو، عوام جو ليڊر هو- وڏو سياست دان هو. +هو جڏهن گهر موٽيو، ۽ ٻيا دوست به کيس ’خدا حافظ‘ چئي، پنهنجي پنهنجي گهر روانا ٿي ويا، تڏهن چپراسيءَ کيس ٻڌايو، ”هڪ عورت اوهان سان ملڻ ٿي گهري.“ هن جي خيالن جي ڪڙي ٽٽي پئي. سندس خيال ۾ رخنو پئجي ويو. هن خيال ڪيو ڪهڙي عورت ٿي سگهي ٿي؟ شايد سندس تقري کان متاٿر ٿي ڪا عورت کيس مبارڪ ڏيڻ آئي هجي. چپراسيءَ کي کيس اندر موڪلڻ لاءِ چيائين، ۽ پاڻ وري خيالن شهرت جي خيالن ليڊريءَ جي خيالن، سياست جي خيالن ۾ گم ٿي ويو. اوچتو ”ڇم ڇم“ جي آواز سندس خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ جوانيء جون منزلون طي ڪيل عورت هار کنيون بيٺي آهي. هن جي دماغ تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو. هو سوچڻ لڳو، سندس ذهن تي جهونو نقش جنهن تي وقت گرد و غبار چاڙهي ڇڏيو هو، تازو ٿيڻ لڳو. گذري ويل زمانو رنگين زمانو، جوانيءَ جو زمانو، مستيءَ ڀريو زمانو- جنهن ۾ ڪيف ۽ سرور هو: سڀ جوان هئا، امنگ، جذبا هوءَ ۽ هو! عورت اڳتي وڌي، آهستي آهستي چيو، ”آءٌ انهيءَ هنڌان آئي آهيان. جنهن کي پليديء جا اڏا ڪوٺيو وڃي ٿو. آءٌ اوهان کي مبارڪ ڏيڻ آئي آهيان. مون سان گڏ منهنجي ڌيءَ به آهي.“ نوجوان ڇوڪري اڳتي وڌي. ماڻس هن ڏانهن مشڪي نهاريو. سندس انهيءَ مشڪڻ ۾ هزارين زخم پنهان هئا. ”امڙ، هيءُ اسان جي قوم جو ليڊر آهي! هن جا سڄي قوم تي ٿورا آهن! خاص طرح اسان تي سندس خاص مهربانيون آهن!“ اهو زهر جو ڍڪ جو سندس لبن تي پهچي ويو هو، هوءَ پي وئي ۽ سانت ٿي وئي. ڇوڪريءَ هن کي هار وڌو. ماءُ ۽ ڌي ٻاهر هليون ويون. ”اسان تي سندس خاص مهربانيون آهن!“ جا اکر سندس سيني ۾ چڀي ويا انهيءَ ڪنڊي وانگر جو لڳڻ کان پوءِ ڀڄي پئي ۽ سندس ڪجهه حصو اندرئي رهجي وڃي. هن جي اڳيان ماضيءَ جو ڦٽل نقش آهستي آهستي چٽيءَ طرح اُڀرڻ لڳو. اهو ڏينهن جنهن ڏينهن کان اُهو ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو، اهو ڏينهن جنهن ڏينهن هن ڪنهن جي اميد کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن کي اها رات جا سندس گناهن وانگر ڪاري هئي، ياد اچڻ لڳي. جنهن رات هوءَ پنهنجي مائٽن کي خيرباد چئي، هن سان وڃڻ لاءِ نڪري آئي هئي. جنهن رات هن دنيا کي ڇڏيو مگر هو پاڻ دنيا کي چهٽي پيو جنهن رات هن سماج جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، مگر هن سماج کان ڊڄي ويو. جنهن رات هن عزت کي محبت مٿان قربان ڪيو، مگر هن ”عزت“ خاطر محبت ڇڏي ڏني ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ ڪجهه ٿيڻ گهريو ٿي. ڇاڪاڻ ته هن ليڊر ٿيڻ ٿي گهريو. هن جون آهون ۽ دانهون به سندس پٿر جهڙي دل کي نرم نه ڪري سگهيون. سندس محبت جي واسطن به سندس دل تي اثر نه ڪيو. جڏهن هن هر هر گهر واپس وڃڻ لاءِ ٿي چيس، مگر هوءَ تڏهن گهر ڪيئن ٿي واپس وڃي سگهي! هوءَ مائٽن کي ڇڏي آئي. ان کان سواءِ، هوءَ ماءُ ٿيڻ واري هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪهڙي ڇوڪري مائٽن لاءِ ڪارنهن جو ٽڪو بڻجي، زندگيءَ تائين طعنا ۽ تنڪا سهندي رهي! هو سوچي رهيو هو- انهن ڏينهن ۾ هن جي ستاري چمڪڻ شروع ڪيو هو. هن ان کي اونداهيءَ جي ڪڪرن هيٺ آڻڻ نه ٿي گهريو. هن جي عوام ۾ عزت وڌندي ٿي وئي، ۽ هن کي پنهنجي آئيندي جو خيال هو. هن کي آخر رئندو ڇڏي هليو ويو هو. ”تون گهر وڃ، آءٌ توسان شادي ڪري نه ٿو سگهان. منهنجي عزت کي ڌڪ لڳندو- آءٌ زندگيءَ ۾ ڪٿان جو به ڪين رهندس.“ +اڄ وري گهڻيءَ مدت کان پوءِ اٽڪل پندرهن ويهن ورهين کان پوءِ جڏهن سندس شهرت جو ستارو اوج تي هو، جڏهن سندس نالو هر ڪنهن جي وات ۾ هو، جڏهن هو ملڪ جو مشهور سياست دان ۽ قوم جو ليڊر هو، تڏهن هوءَ هن جي اڳيان آئي محبت جو اهو گل جنهن کي واس وٺڻ کان پوءِ پيرن هيٺ چيڀاٽي ڇڏيو هئائين. شراب جي اها بوتل جنهن جي ورتائڻ کان پوءِ زمين سان ٽڪرائي پاش پاش ڪري ڇڏيو هئائين! مگر هوءَ اڄ نئين رنگ ۾ هئي- سماج جو هڪ بدنما داغ هئي! ۽ هن سان هن جي ڌيءَ به هئي! هو سوچيندو رهيو. هي دنيا ۽ سماج جا بدنما داغ، ڪارنهن جا ٽڪا- مگر..... +سندس دل بيهجي وئي. +دنيا جي اخبارن ۾ وڏين وڏين سرخين سان سندس موت جي خبر شايع ٿيل هئي. سندس واکاڻ ۽ تعريف ۾ خاص نمبر ڪڍيا ويا. هن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي وئي. هو قوم جو ليڊر هو. ملڪ جو وڏو سياست دان هو. هن خرابيءَ جي اڏن برخلاف هلچل هلائي، پاڻ کي ماڻهن ۾ مقبول بنايو هو. ملڪ ۾ ماتم جي لهر ڇانيل هئي. هن جي لاش سان هزارين ماڻهو ساڻ هئا. پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي. ڀيڙ جئن پوءِ تئن وڌندي ٿي وئي. هن جي لاش مٿان بيحد گل وڌا ويا. هو گلن ۾ پورجي ويو. هو عوام جو ليڊر هو، جنهن عصمت فروشيءَ جي اڏن برخلاف هلچل هلائي هئي. +مان شاعر آهيان گلن، ستارن ۽ بهارن جو نه! بلڪ مان شاعر آهيان، غريبن، مزدورن ۽ بيڪسن جو! منهنجا شعر ”قوس ۽ قزح“ جي خوشنما، نقوش تبسم جي نرمي ۽ بلبل جي نغمه سنجي کان بيگانه آهن. منهنجا شعر ”ڳاڙهين چڻگن“ جو مچ آهن. مون شراب جا ”جام“ ڀڳا آهن. ”رباب“ ٽوڙيا آهن. ۽ ”لباس“ بدليا آهن. +منهنجي شر ۾ ”ڪهاڙين ۽ تلوارن“ جي چمڪ هوندي، +مان نيم عريان، فاقه ڪش، پٺاڻن جو ترجمان آهيان. +مان ”اناج پيدا ڪندڙ“ مظلوم ڪڙمين جو آواز ٿيندس! +مان خيبر جي عظمت کي زنده رکندس! +مون گهڻا لباس بدليا آهن- ۽ منهن جو هي لباس ”آفاقي“ آهي. +(قلندر- پشتو شاعر) + + +ع. ق. شيخ +لکيل جواب +”پرواهه ناهي، تو اڄ مونکي ڌمڪايو..... +نفرت ڀريءَ نگاهه سان نهاريو، +شوخيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ شوڪجي..... +منهن ۾ گهنڊ وجهي، +تو مون سان ڳالهايو. +تون سمجهين ٿو، +آءٌ نوڪر آهيان، +مونکي پگهار ٿو ملي- +اهي چند سڪا، +جيڪي مون کي ملن ٿا، +تنهنجي عجيب صحيح سان +۽ تنهنجي معرفت، +سرڪار جي خزاني مان- +جنهن مان، نصيب ٿئي ٿو +مون کي منهنجي مانيءَ جو ٽڪرو، +جن تي پلجان ٿو آءٌ، +۽ منهنجا ٻار ٻچا +..... اسانجي قسمت آهي +تنهجي قلم جي نوڪ تي! +هائو، برابر، بيشڪ +زيردستن جي محنت جو اجورو، +پورهئي ۽ پگهر جو عيوضو +- جيتوڻيڪ، جنهن مان +پورو به نٿو ٿئي، +هڪڙي مهني جو ڀتو ۽ ڪپڙو +انهيءَ ڪري ته آءٌ، خاموش +ٻڌندو رهيس، +ٻنهي ڪنن سان، +تنهنجا طعنا ۽ تنڪا +نود وانگر، +جنهن مان سوئو ٽنبي ٽنبي، +وري ڪڍي وٺجي، +ته به اهڙي جو اهڙو! +.... سو ڪهڙو اثر ڪندي، +مون جهڙي نود تي، +اها تنهنجي گرما گرم گفتار! +آءٌ ته برابر نوڪر آهيان، +سرڪار جو، +۽ هو سرڪار جو، +بنهه بالا آفيسر اچڻو هو، +جنهن سان آڌيءَ رات تائين، +تو رچائي هئي محفل: +’کانا ۽ پينا.......‘ +دوءر هليا هئا جتي +پيالن جا، +۽ تو ٻڌا هئا عمدا گانا، +۽ تو ڏٺا هئا دلفريب ناچ، +جن جا نظارا... آهن اسانجي +خوابن جي دنيا کان دور +۽ پري +ڇو نه پري ٿيندا، +اهي اسان کان! +توهين آهيو آفيسر، +۽ هو آهن +اوهان کان به وڏا آفيسر! +ڪهڙو نه عمدو نيشان، +جهرمر جهلڪي ٿو +اوهانجين پيشانين تي! +جنهن مان نڪرن ٿا +نوراني ڪرڻا، +۽ سڃاڻپ جي روشنائي، +جنهن جي وسيلي +اوهين هڪ ٻئي کي +ڄاڻي، سڃاڻي، ۽ کيڪاري +وهو ٿا ويجهو، +۽ رمزن واريون ٿين ٿيون +رهاڻيون، مجلسون ۽ محفلون. +دنيا جي جهيڙن جهٽن +کرکسن کان محفوظ، +اوهين بي خبر ۽ بي خوف، +اڏايو ٿا عيش زندگيءَ جا، +ماڻيو ٿا مزا جوانين جا، +راتين جي پردي ۾ +ڪيو ٿا جڏهن رانديون +ڪنهن ’پتي‘ سان، +ٿين ٿيون- ’سٽ ڪٽ‘ جون بازيون: +.... ته اسين ڊهون ٿا، +غمن جي بستري تي +ڀٽڪندا رهن ٿا، +اسان جا خيال، +۽ کسڪندا رهن ٿا، +اسان جا خواب، +- هن حقيقت جي دنيا ۾: +اڄ پورو ڍوء ڪري +به نه کاڌو اٿم، +هي ميرا سيرا ڪپڙا، +سڀاڻي ٿي ويندا +ليڙون ليڙون. +۽ موديءَ کان +وٺڻو اٿم سيڌو. +تنهن کان سواءِ، +سڀاڻي وري ڪرڻي اٿم +سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ +اوهان جي چاڪري. +سڄو ڏينهن، +هوندي وٺ پڪڙ، +اوهان جي حڪمن جي. +انهن حڪمن سان، +گڏيل هوندا، +اوهان جي +فرمائشن جا فرمان، +تيز، تڪڙا ۽ تز +ناراضگيءَ جا فقرا.... +اڙي هيءُ ڇا ڪيئي؟ +زيان ڪري وڌئي! +هيترو وقت! +هئين ڪٿي؟ +واٽ تي ننڊون ڪري آيو آهين؟ +ڪميڻا ۽ ڪم ڪوس! +حرام ڪري ٿو کائين! +نوڪري ڪرڻي اٿيئي يا نه؟ +توتي قياس ٿو اچيم، +جهونو جو آهين، +نه ته هوند گهر اماڻي ڇڏيانءِ، +ماڻهن جي ڪا ڪمي؟ +روزگار لاءِ ماڻهو ڌڪا پيا کائين، +حرام تي هري ويو آهين! +نوڪريءَ کان جواب ڏيندوسانءِ! +خبر پئجي وينديئي ته +گهڻين ويهين سؤ آهي؟ +ٻيهر ڪندين وري اهڙي غلطي؟ +وڃ، ٽر، +اکين کان پري ٿي! +وري متان اهڙي +بيوقوفي ڪئي اٿيئي!، +اٿندي، وهندي، +اوهان جي بس اهائي ڪلڪل، +۽ اهائي مهرباني! +انهيءَ طريقي تي، هري مري، +پڪيون ۽ پختيون، +ٿي ويون آهن، +منهنجون، اسان جون +۽ توهان جون عادتون، +جيڪي مجبور ڪن ٿيون، +بهانن ٺاهڻ لاءِ، +ته هردم ائين چوندا رهو: +- معاف ڪجو، +حاضر سائين، +سچ ٿا چئو، +غلطي ٿي وئي، +آئيندي ائين ڪونه ٿيندو، +وري دير نه ٿيندي، +هيءُ ڀيرو ڪريو در گذر، +توهان کانسواءِ، +ٻيو ڪهڙو اوهي واهي؟ +توهان کان سواءِ +ٻيو ڪنهنجو اجهو آسرو؟ +مون تي قياس ڪيو، +منهنجي ٻچڙن تي رحم ڪيو! +آءٌ دربدر ٿي ويندس، +اوهان کي ڇڏي، +آءٌ ڪنهن جي در تي وڃان! +ڪاوڙ نه ڪيو، +انسان خطا جو گهر آهي. +اوهين صاحب آهيو، +اوهين مائٽ آهيو. +آءٌ اوهان جو +نوڪر آهيان، +آءٌ اوهان جو +خادم آهيان، +آءٌ خدمتگار آهيان- +برابر آءٌ خدمتگار آهيان- +سرڪار جو. +انهيءَ سرڪار نامدار جو، +جنهن جي هٿ ۾ آهن +اوهان جهڙا آفيسر، عهدايدار ۽ عملدار. +جيڪي آهن وڏا ماڻهو، +ايماندار، +اشراف، +دل ۾ درد رکندڙ، +قوم جا خادم، +ملڪ جو ڀلو ڪندڙ، +مهربان ۽ مخدوم. +آءٌ برابر آهيان، +انهن حاڪمن جو نوڪر، +نوڪرن جو نوڪر، +۽ چاڪرن جو به چوڪر، +جنهن کان وٺندا رهون ٿا، +اوهين نوڪري، +۽ اٿاريندا وهاريندا، +رهو ٿا جنهن کي اشارن تي. +- اڙي! ڪيڏانهن؟ +هيڏانهن- هيڏانهن، +بوٽ کڻي اچ، +جوراب پاراءِ، +پالش ڇو ڪان ڪئي اٿيئي! +ڏس، +بوٽ ڪٿي ٿو چمڪي؟ +ها، +اهي صحيحن وارا +ڪاغذ ڪٿي آهن؟ +مٿي ۾ سور اٿم، +ٻه ٽي زور ته ڏينم! +ڪلارڪ کي بنگلي تي موڪل، +تون ٻاهر در وٽ ويهه، +ڪو اچي، +ته کيس چئج: +خان صاحب، +واندو ڪونهي، +اندر ماڻهو ويٺا آهن، +سڀاڻِ اچجو- +ڊرائيور کي ٻڌاءِ. +موٽر تيار ڪري، +اسين گهمڻ ڦرڻ وينداسين، +تون ته جلدي موٽ، +توکي مون سان +گڏ هلڻو پوندو. +ڪو بداخلاق ٿو ڏسجين، +جهنگلي، +آفيسر سان ڪو گڏ هلبو آهي؟ +پنهنجا ڪپڙ، صاف رک، +۽ مون کان ڏهه قدم پرتي هل! +شام جو ٻارڙا، +گهر ۾ گوڙ ٿا ڪن. +کين باغ ۾ گهمائيندو ڪر. +سمجهين ٿو، ڪونه ٿو سمجهين؟ +تون منهنجو نائڪ آهين، +مون کي جلدئي +وڏو عهدو ملندو. +آءٌ، توکي به پاڻ سان، +وٺي ويندس +سڀاڻي وڏي صاحب وٽ، +ميوي جو ٽوڪرو +کڻي وڃج، +۽ وڏي ادب سان جهڪي +سلام ڪجائينس. +پر هو وڏيرو!- +اڄ جو واعدو ڪري ويو هو، +راڄ جو پريو مڙس آهي، +آيو ته ڪونه هو؟ +۽ فلاڻو سيٺ!- +مس مس ته ڦاٿو آهي، +ڏس! +ڪيئن نه اچي ٿو ڪنڌ جهڪائي؟ +۽ هن ٺيڪيدار!- +اڃان ڪميشن ڪانه پهچائي آهي، +رڳو سوٿي ڏيئي هليو ويو آهي گهر! +بس سمجهي ڇا ٿو؟ +ڏهن هزارن جو بلو اٿس! +خرچ؟- +ڇا ڪيو هوندائين- +بس اهي ٽي چار هزار! +باقي هيترا هزار سڄو فائدو! +حصو نه ڏيندو، +ته ڪيڏانهن ويندو- +خير وقت تي سڀئي +اچي سلام ڪندا: +اَن جو منهن جنڊ ڏانهن. +پر اڄ ڪلهه، +زمانو اهو نه رهيو آهي، +جو اڳ ۾ هو. +هينئر وقت آهي اسانجو، +موقعا آهن هزارين، +حڪومت...... +ته اسان جي آهي پنهنجي، +پر خبرداريءَ سان هلڻو آهي. +اسين نه هجون +ته هوند هيءُ سڄو +ڍينگو ئي ڍيري ٿي پوي! +اسانکي، +هڏ ڏوکي، محنتي ۽ +ايماندار ماڻهو کپن، +جي پنهنجي فرض ادائي +رات ڏينهن، +اٺ ئي پهر پوري ڪندا رهن. +رعيت جي هر هڪ انسان تي +فرض آهي +ته هو پنهنجي ملڪ جي +مٿان سڀ ڪجهه قربان ڪري، +خدمت ۽ خدمت ڪندو رهي، +محبت....، +يقين، ڀروسي، سچائيءَ +سان ڇا ڇا نه ٿي سگهندو؟ +اسان جي رهبرن، ليڊرن +۽ آقائن، +اسان کي، توهان کي، +هڪڙي امانت ڏني آهي. +سڀني جو فرض آهي، +ته انهن فرمانن ۽ فرمودن +تي، ماٺ ميٺ ۾، +عمل ڪندا رهون. +آزادي ڏياريندڙ انسان، +هزارها سالن کان پوءِ +پيدا ٿيندا آهن +اسين ته بختن وارا آهيون. +پر هي ٿورڙا ماڻهو! +پنهنجن جي +گلا غيبت +ڇوٿا ڪن؟ +حڪومت! +حڪومت وٺڻ، ٺاهڻ ۽ هلائڻ +ڪو چرچو آهي؟ +وقت جي نزاڪت ۽ ضرورت! +بنيادي حق! +شهري آزاديون! +ڪيڏي نه ناداني! +۽ ڪيڏي نه بيوقوفي آهي؟ +اسان جو پهريون فرض ۽ +اسان جي پهرين جوابداري آهي، +ق و م ي ح ف ا ظ ت: +وطن جي خاطر +خسيس ۽ رواجي ڳالهين +ڏانهن اسان جو ڌيان، +ڇو وڃڻ گهرجي؟ +اهڙين ابتين ڳالهين ڪرڻ وارا، +دشمن آهن. +اهي سس ڦس ڪرڻ وارا، +غدار آهن، +جيڪي رڳو ڳولي ڳولي، +گلائون ڪندا وتن ٿا، +۽ نوسي نوسي، +ڀنڀلائيندا رهن ٿا، +بي سمجهه، اٻوجهه ۽ جاهلن کي، +ته، ”سرڪار اسان غريبن +لاءِ ڪجهه ڪين ٿي ڪري“! +امن امان ۽ زنده رهڻ لاءِ +ضروري شيون؟ +اڳ ۾ ئي موجود آهن. +کاڌو، ڪپڙو ۽ اجهو؟ +- سڀني کي آهي. +وڌيڪ گهرڻ وارا +باغي آهن، +جي رڳو هر وقت، +لهندا رهندا رهن ٿا خواب، +ته ملڪ ۾ ڀڙڪائي ڇڏجي +بغاوت جي باهه. +هيءَ اسان جي آزاد +۽ جمهوري حڪومت، +ڪيئن برداشت ڪندي، +اهڙن ناپاڪ ۽ ذليل، +ماڻهن جو وجود؟ +هيءُ برابريءَ ۽ هڪ جهڙائيءَ جو دليل! +اميريءَ ۽ غريبيءَ جو ويڇو +ڪيئن ويندو؟ +ناممڪن ۽ غلط ڳالهيون. +قدرت، +طاقتور ۽ هيڻا، +ازل کان پيدا ڪري ڇڏيا آهن. +اهو فرق، +مٽجڻ جو ڪونهي. +اهو سنڌو، +ننڍ وڏائيءَ جو +وڃڻ وارو ڪونهي +- ائين اڪثر. +اوهان کي ڳالهين +ڪندي ٻڌو اٿم +پاڻ ۾ پاڻهيئي، +ڀلي اوهين +دل خوش +ڪندا رهو، +ڀلي اوهين +ظلم ۽ ستم ڪندا رهو، +ڀلي اوهين +پنهنجن ڪرتوتن تي، +ڪک ڪانا، +وجهندا رهو، +منهنجا آفيسر ۽ صاحب! +جڏهن اوهين، +پاڻ ۾ ويهي ڪريو ٿا رهاڻ، +ته ڦريو گهريو، +اهي ئي مسئلا، +ڇيڙيندا ٿا رهو، +۽ سمجهو ٿا پاڻ کي، +ستين آسمان جا فرشتا! +۽ ڀانيو ٿا ته اسان کي، +ڪير ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو، +نڪو ڄائو آهي نڪو ڄاپندو! +پر حقيقت، فريب سان، +ڪيترو لڪي سگهندي، +سچ، ڪوڙ سان ڪيترو ڍڪبو؟ +پوءِ هيءَ اوهانجي من ماني! +ڇا سج، تريءَ هيٺ لڪائي سگهبو؟ +چوري ۽ سينه زوري! +ٺڳي ۽ گوٿ ناٿي؟...... +مون هي وار، +اس ۾ اڇا، +ڪين ڪيا آهن. +سرڪار، نامدار +جي ڪئي اٿم نوڪري. +تو جهڙا صاحب! +هت آفيسن ۾، +اچن ۽ وڃن پيا. +سڀني کي سڃاڻان ٿو. +اهي سڀيئي، جيڪي هزارها +روپين جا، +پگهار ۽ ڀاڙا ڀتا، +او گرائيءَ کانسواءِ، +هضم ڪيو ڇڏين. +۽ اوهان جا صاحب، +۽ انهن صاحبن +جا صاحب! +نه رڳو اهي، +پر انهن جا، +نڪ، پڇ ۽ پاڇولا، +اِنهن جا جي حضوري +۽ خوشامدي ٽٽو! +ڪيئن ٿا پکيڙين، +پنهنجي پنهنجي ڄار. +ڪيئن ٿا ويهي +بنگلن ۾، +هو هلائين حڪم! +ڪيئن ٿيون ٿيون، +انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ تي، +دعوتون، مجلسون، +محفلون ۽ پارٽيون! +پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي +قوم جا هي بدخواهه دشمن، +ڪير آهن؟ +عيش پرست، سست، +ڪاهل ۽ ڪم چور، +ڪير آهن؟ +ڏينهن ڏٺي جو، +هرڪنهن جي اکين ۾، +ڌوڙ اڇلائڻ وارا، +ڪير آهن؟ +ٻين جي محنتن، +۽ پورهين تي پلجڻ وارا، +ڪير آهن؟ +عام ماڻهن ۽ زيردستن مٿان، +فرعوني مزاج، +آزمائڻ وارا، +ڪير آهن؟ +اوهين ڇا ڇا ٿا ڪيو؟ +اوهين، ڪهڙي ڪوڏر ٿا هڻو؟ +اهي لکپڙهون، ڪاغذ، +اهي منصوبا، +۽ اهي درخواستون، +۽ انهن جي ٿهن جا ٿها! +فائيلن ۽ دستين، +جا گاڏا ۽ گدام! +ڪير ٿا اٿلائين پٿلائين، +پڙهن ۽ نيڪال ڪن؟ +توهان جا، +هي هيڏا ڪاروبار! +کاتا ۽ محڪما! +ڪير ٿا هلائين چلائين؟ +توهان جي هوندي، +هي هيڏو انڌ ڌنڌ! +جتي، جيڏانهن +۽ جنهن کان پڇو، +سورن ۾ ئي آهي! +هي مصيبتون ۽ مشڪلاتون! +واهه جو آهي انتظام! +ڪنهن ي خبر ناهي؟ +پر منهنجي وطن جا وسوڙل انسان! +هاڻي ٿيندا وڃن ٿا واقف، +۽ حقيقت هوريان، هوريان +ٿيندي وڃي پيئي واشگاف. +راڻي جهليون آهن، +ناتر جون چوٽيون. +۽ انهيءَ رنگ محل جو طلسم، +ٿي ويو آهي چڪنا چور: +منهنجي محبوب وطن جا، +سڀ شهرواسي، +آزاديءَ جا بهادر شهزادا- +هڪڙي مومل هاڻي ويندي ڪيڏانهن؟ +سو اهو سچ، +سڀڪنهن کي +معلوم ٿيندو پيو وڃي. +پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ +اوهين ڪيئن ۽ ڪٿي +لڪائيندا پاڻ کي؟ +ڦاڙهو جتي کائيندو، +اتي اوس اوجهه ڏيندو. +پر جيڪڏهن، +ٻنيءَ جي مالڪ، +ڦاڙهي کي زيان ڪندي +اڳ ۾ +ڏسي ورتو ته؟ +ته پوءِ +ان جو نتيجو؟ +ڪهڙو نڪرندو؟ +ڪالهه جو تو مون کي ڌمڪايو، +جيڪي منهن ۾ آيئي، +سو چئي وئين، +بنهه بالا عملدار، +جو اچڻو هو! +ڪنهن کي به خبر +ته ڪانه هئي: +هن جي اچڻ جو +ڪو پروگرام ته ڪونه هو: +مون ته ڪو، +خواب ڪونه لڌو هو، +ته اوهين هلي ملي +وڃي کيس منٿ ڪري ايندا- +پيرن گهمائڻ لاءِ +پر هنن، +بالا آفيسرن جي اچڻ ڪري، +اوهان جو دماغ، +ڇو.... +سرت ۽ ساڃهه، +مان نڪريو ٿو وڃي؟ +ايتري، +ناجائز ۽ لنڊي خوشامد، +ڇوٿا ڪريو؟ +ڇاجي لاءِ ٿا ڪريو؟ +شايد، اهي صاحب، +اهڙائي آهن، +جي خالي ڇنڊ ڦوڪ، +۽ سائين سائين، +جيءُ حضور- +تي آڪڙجيو +۽ آڦرجيو وڃن ٿا! +بناوٽي ۽ ملاوتي، +ٽيپ ٽاپ تي، +راضي ٿيو وڃن! +پوءِ ڇو نه اوهين، +اهي اٽڪلون +۽ سٽڪلون هلايو! +اهو هار سينگار، +اها معلمي سازي، +اوهان کي، +واهه! واهه! +۽ شاباس! +جي لقبن سان +ضرور نوازيندي. +پوءِ کير ۾ جيتري +کنڊ وجهبي، +اوترو ئي مٺو ٿيندو. +اڄ جو آءٌ، +توکي ٻڌي سڻي، +خاموش ٿي ويس +توکي جيڪي چوڻو هو، +سو اکيون پوري +چئي ڏنئي +تنهنجي ڪاوڙ ۽ قهر +جو پارو، +چوٽ چڙهي ويو، +آءٌ توکي ٻڌندو، +آءٌ توکي تڪيندو، +رهجي ويس. +در اصل آءٌ، +سوچي، ويچاري، +خيال ڪري رهيو هوس، +ته اوهان کي واقعي +ناراض ٿيڻ جو +آخر ڪهڙو سبب هو؟ +صبح جو، +ته دستور موجب، +حاضر ٿيس! +منهنجي خطا؟ +۽ منهنجو ڏوهه؟ +اخر ته اسانکي به، +اوهان جهڙو ساهه آهي. +نيٺ اسين به آهيون، +ڪي انسان! +اسين به نوڪر آهيون، +سرڪار جا، +نوڪري ڏيندا رهون ٿا، +توهان جي ۽ سرڪار جي. +۽ آهيون ٻئي، +پگهاردار نوڪر، +۽ اهي بالا عملدار صاحب! +ڇا اهي ڪين آهن ڇا، +سرڪار جا ملازم، +ملڪ ۽ ماڻهن +جا خادم؟ +پوءِ هيءُ هيڏو سارو ويڇو! +اهو ته اسان جي +خاموشيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ +پيدا ڪيو آهي. +انهيءَ ڪري، +واجب سمجهيم، +ته توکي لکيل جواب ڏيان، +بنهه توکي لکي ٻڌايان، +ٻين کي ٻڌايان، +۽ ائين انهيءَ، +بيداد جي نڙيءَ تي، ننهن ڏيئي، +هميشه هميشه لاءِ، +اُن کي نابود ڪري ڇڏيان!“ + + +سراج الحق +زندگيءَ جي ڪنارن تائين....! +دريا جي ڪناري تي، مٽيءَ ۽ ريتيءَ جون ڍڳيون ڍڳيون ٺاهنيدي، ڦٽائيندي، هو سوچي رهيو هو: ’ڇا منهنجي لاءِ زندگيءَ جي جهولي ايڏي خالي ٿي چڪي آهي، جو مون کي ڪجهه به نه ٿو ملي، يا زندگي ايڏي ڪوتاهه بين ٿي چڪي آهي، جو منهنجي هر ڪنهن تقاضا، هر ڪنهن ضرورت کي ڪا اهميت ئي نه ٿي ڏيئي سگهي؟‘ دريا جون لهرون ڪناري تائين اچي، وري موٽي وڃڻ لڳيون. هو سوچڻ لڳو: ’ڇا زندگيءَ جو اهوئي جواب آهي ته آءٌ به پنهنجي گذريل زندگيءَ ڏانهن موٽي وڃان!‘ ۽ هو وري به انهن لهرن جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪئين لهرون آيون ۽ واپس موٽي ويون.... هن جي ذهن ۾ به ڪئين سوال اڀريا ۽ واپس موٽي ويا! +سج جا آخري ڪرڻا، دريا جي پريئن ڀر عجيب رنگ اڀاري رهيا هئا. شفق جي لالائي، لهرن جي نيلاهٽ ۾ گڏجي اهڙو منظر پيش ڪري رهي هئي، ڄڻ ته ڪائنات جي نيرين نيرين اکڙين ۾ ننڊ جي خمار جا ڳاڙها ڏورا اڀري رهيا هجن. ڪائنات جي انهيءَ خمار ۾ الائي ڪيڏيون گهرايون سمايل هيون، ڪهڙيون وستعون لڪل هيون، جي ڪرڻن جي اوٽ ۾ چمڪندي نظر اچي رهيون هيون. ۽ هو سوچڻ لڳو: ’ڪائنات جو هي حسين منظر، زندگي ۽ حيات جا هي ڪرشما، انسان جي ذهن کي هن کان اڳ به ڪافي تڙپائي، ڦٿڪائي چڪا آهن، هن کان پوءِ به هن کي ڀٽڪائيندا، ڀنڀلائيندا رهندا- پر ڪيستائين؟.... جيسين هو زندگيءَ جو سمورو زهر پي، انهيءَ ڪائنات جي حسن کي، پنهنجي نگاهه جي حسن ۾ جذب نه ڪري ۽ ڪائنات جي پاڪيزگيءَ کي پنهنجي فطري پاڪيزگيءَ جي تابع نه آڻي! ڇا مون ۾ اها فطري پاڪيزگي انهيءَ حد تائين موجود آهي، جا ڪائنات جي پاڪيزگيءَ کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جاءِ ڏيئي سگهي؟ اهو سوال پنهنجي پاڻ کان پڇندي، هن کي ڄڻ ته ڪو صدمو رسيو ۽ هو ائين سمجهڻ لڳو ته هن جو اهو ويچار به هڪ گناهه کان گهٽ نه هو....! +۽ هن کي پنهنجي پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو ته هو اهو سڀ ڪجهه ڇو سوچڻ لڳو جڏهن هو انهيءَ لائق ئي ڪونهي، تڏهن هن کي اهو حق ئي ڪونهي ته هو پاڪيزگيءَ جي لفظ کي به پنهنجي ذهن ۾ آڻڻ ڏئي. هو ته پاڪيزگيءَ جو قاتل هو، حسن جو دشمن هو، زندگيءَ کي ذبح ڪندڙ هو.... هن جي دماغ ۾ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون. خيالن جي انهيءَ طوفان هن جي ذهن کي عجيب حالت تي پهچائي ڇڏيو. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون جيئن آس پاس کي ڏسي، وري نه هن جو ذهن ڀٽڪڻ لڳي! +پوءِ هن جي ذهن جي پردي تي ڪي سوال، ڪي جواب ۽ ڪي ڪردار اڀرڻ لڳا. چتائي، هو انهن کي جانچڻ لڳو: هي ته هن جوئي ڪردار آهي.... هن جو پنهنجو، جو چئي رهيو آهي ته ’آءٌ چور آهيان، آءٌ شرابي آهيان، آءٌ جواري آهيان ۽ آءٌ زاني آهيان. هن کي اعتبار ته ڪرڻو ئي پيو! فلم ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو ائين سمجهندو آهي ته انهيءَ ۾ نوي فيصد ته ڪوڙ آهي حقيقت کان هميشه پري- پر هيءَ ته هن جي پنهنجي ماضيءَ جي فلم هئي، گڏذريل زماني جي تصوير جنهن ۾ هن جو هرفهم جرم هو، هر عمل ڏوهه هو، هر ڪم قانون شڪني هو... ڪاش، ڪو هن کي ٻڌائي ته ائين ڇو ٿيو؟ هو مجرم ڇو ٿيو، هن ڏوهن ۾ پاڻ کي ڇو ڦاسايو، قانون شڪنيءَ جو ڏوهاري هو ڇو ٿيو؟ +ڇا انهيءَ جو سبب فقط هن جي اڻڄاڻائي هئي، يا ٻيو ڪجهه؟ هن جي ذهن جي پراگندگي ڪهڙين ڳالهين جي ڪري پيدا ٿي؟ اها سوچ ۽ اهو احساس هن کي وري ماضيءَ جي ديارن ۾ گهلي وٺي ويو. ماضيءَ جي ڪجهه روشن ۽ ڪجهه تاريڪ خلائن ۾ ماضيءَ جي بيابانن ۾، جتي ڪي ٿورا خيابان، ٿوري ساوڪ به هن کي نظر آئي، جتي هو هڪ ٻار جي حيثيت ۾ دنيا کان بي پرواهه ۽ بي خبر ڊوڙون پائي رهيو هو. +هن ماضيءَ جي ڌنڌلڪي ۾ ڏٺو ته هو هڪ ڪچي جاءِ جي اڱڻ ۾ راند ڪري رهيو آهي. وراڻي هٿ ۾ کڻي اڱڻ جي مٽي کوٽي رهيو آهي، ۽ سندس ماءُ، سندس ننڍي ڀاءُ کي ٿڃ ڏيئي رهي آهي. سندس پيءُ سامهون کٽ تي اخبار پڙهي رهيو هو. هن کي ياد آيو ته هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن هن پٽي پڙهڻ شروع ڪئي هئي. هن کي اسڪول ۾ رڳو انهيءَ لاءِ اماڻيو ويو هو، جو هو گهر ۾ گهڻو گوڙ ڪندو هو. انهيءَ اسڪول جي ديوارين جي اندر هو وڏو ٿيڻ لڳو. هن ۾ ان وقت جي حالتن کي فقط لفظي طرح سمجهي وڃڻ جي قوت پيدا ٿيڻ لڳي هئي. هن کي ياد آيو ته جڏهن هو ٽئين درجي ۾ هو، تڏهن هڪ ڏينهن اسڪول ۾ هڪڙو زبردست جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ سڄي اسڪول کي سينگاريو ويو هو جهنڊيون، گل ڦل ۽ الاجي ڇا ڇا آڻي گڏ ڪيو هئائون وڏين وڏين تختين تي لکيل هو: ”اتحادي زنده باد،“ ”جرمن مرده باد“ هن کي ياد آيو ته هنن کي اهي نعرا هڻڻ لاءِ چيو ويو هو ۽ زور زور سان نعرا هڻندي هن جي نڙي ويهي رهي هئي. هن جي ماءُ سندس نڙي گهگهي ٿيڻ جي سبب پڇڻ کان سواءِ هن کي مارڻ شروع ڪيو هو، فقط انهيءَ ڳالهه تان جو اسڪول مان مليل جلسي جي مٺائي کائي هن پاڻي پيتو هو. هن کي اهو به ياد آيو ته اهو سندس حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو هو، جو هن مٺائي کاڌي هئي ۽ ان کان پوءِ هو هميشه مٺائي کائڻ جي تمنا دل ۾ رکي ماءُ کان پئسا گهرندو هو، پر پئسن جي بدران هن کي چماٽون ۽ ٿڦڙ ملندا هئا ڇو؟ اهو هن کي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو، ۽ نه ئي هن کي ڪڏهن سمجهايو ويو.... البته جڏهن سندس ماءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ ڪو جهيڙو ٿيندو هو تڏهن پيءُ کي اهي لفظ چوندو ٻڌندو هو ته ’مون وٽ پئسو نه هوندو ته آءٌ ڌاڙو هڻي ڪونه اوهان کي کارائيندس‘ اهي جهڳڙا ته گهر ۾ عام ۽ اڪثر ٿيندا هئا، ۽ سمورن ٻارن تي موچڙا پوندا هئا. خواهه مخواهه ۽ بنا ڪنهن سبب جي! هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن پهريون ڀيرو چوري ڪئي هئي. اسڪول ۾ رسيس ملڻ مهل هن جي هڪ ساٿيءَ هن کي مٺائي کارائي. مٺائي واقعي ڏاڍي لذيذ هئي ۽ هن جي ساٿيءَ هن کي ٻڌايو ته سندس پيءُ کيس روزانو اٺ آنا خرچي ڏيندو هو، جنهن مان هو مٺائي وٺندو هو. هن کي به خيال آيو ته امان ته پئسا هونئن ئي ڪانه ڏيندي، بابي کان گهري ڏسان. پيءُ کان هن رڳو ٻه آنا گهريا هئا. ۽ هن کي ياد آيو ته انهيءَ جي بدلي ۾ هن کي سخت مار پيئي هئي. روئڻ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ هو وري پيءُ جي ڪوٺيءَ ڏي ويو. هن ڏٺو ته بابو ستو پيو آهي. سندس ڪوٽ ڪليءَ تي ٽنگيو پيو آهي. هن جي معصوم دل ۾ هڪ معصوم گناهه پيدا ٿيو ۽ هن هري هري ڪوٽ ۾ هٿ وڌو ڪوٽ ۾ ڪل ساڍا ٽي آنه پيل هئا، ٻه آنه پنهنجي نڪر جي کيسي ۾ وڌائين ۽ ڇهه پئسا وري ڪوٽ م وجهي ڇڏيائين. ۽ اتان سڌو پيرو حلوائيءَ جي دڪان تي پهتو. هن کي محسوس ٿيو ته پنهنجي پسند جي مٺائي کائڻ ۾ ڪيڏو نه لطف آهي. هن جي معصوم دل بار بار انهيءَ نتيجي تي ئي پهتي ته مٺائي لذيذ آهي، انهيءَ ڪري هاڻ پئسا ضرور چوري ڪبا، ٻيو ته ڪوبه وسيلو ڪونهي. گهر واپس اچڻ تي هن ڏٺو ته هن جي پيءُ ٻارن ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنو هو. ٻه آنا گم هئا ۽ هن جي پيءُ جي ڪاوڙ جو پارو چوٽ چڙهيل. هو سهمجي، هيسجي ماءُ جي پاسي ۾ اچي ويهي رهيو. هن جي معصوم دل ۾ اهو خيال آيو ته هيتري گوڙ جو سبب فقط اهوئي آهي.هن کي ان کان اڳئين ڏينهن تي ماستر جي پڙهايل سبق جي يادگيري آئي. جنهن ۾ جارج واشنگٽن پنهنجي پيءُ کي سچ ٻڌايو هو ته سندس پياري وڻ جا ڇوڏا هن ئي لاٿا هئا ۽ انهيءَ سچ ڳالهائڻ جي ڪري هو پنهنجي پيءُ وٽ وڌيڪ پيارو ٿي ويو... هن يڪدم چئي ڏنو: ’بابا، ڪوٽ مان ٻه آنا ڪڍي، مون مٺائي وٺي کائي ڇڏي.‘ هن کي اڄ تائين اهو ڏينهن ياد آهي. پڻس هن کي پيار ڪرڻ جي بدارن آپي کان ٻاهر نڪري ويو. ’اٺ جا پٽ! پڻهين به عمر مٺائي کاڌي آهي، جو هي پٽ سڄن سارن ٻن آنن جي مٺائي ٿو کائي ۽ وري سينو تاڻي ٿو چوي ته ٻه آنا مون کنيا آهن!“ ۽ ان ڏينهن هن کي بيحد مار ملي. جنهن جو نشان اڄ تائين هن جي نڪ جي چوٽيءَ تي موجود هو. هن جو هٿ، بي اختيار نڪ تائين پهچي ويو. هن جي دل مان هڪ هلڪو سڏڪو نڪري چپن جي هلڪي جنبش تي ختم ٿي ويو. انهيءَ واقعي ڪن ڏينهن لاءِ هن جي خيالن ۾ اٿل پٿل مچائي ڏني هئي. ان ڏينهن ته هن جارج واشنگٽن کي ٻاراڻيون گاريون دل کولي ڏينون هيون، جنهن جي مثال هن کي سچ ڳالهارائي هيڏي مار ڏياري هئي. هن يا عمر سچ ڳالهائڻ کان بان ڀري ڇڏي! +دريا مان هڪ لهر اُٿي ۽ ڪناري تي ٿيل اڳين جهڪن جهڪن ليڪن ۽ نقشن کي پنهنجي دامن ۾ سميٽي وري موٽي ويئي. هن جي ذهن تي وري به هڪ نظارو نمودار ٿيو، جتي هو اهو سڀڪجهه ڪري رهيو هو، جنهن کي اوباش ڇوڪرن جو ڪردار سڏيو وڃي ٿو. هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن، جئن هو اسڪول مان گهر ڏي واپس اچي رهيو هو ته ڪي ڇوڪرا هڪ هنڌ گڏجي ڪجهه ڪري رهيا هئا. ويجهو ٿي ڏسڻ سان هن ڏٺو ته هڪ ڇوڪرو آنڪ هٿ ۾ اڇلائي ٻين ڇوڪرن کان لڪائي، هٿ جي هيٺان، پٽ تي لڪائي پڇي رهيو هو: ”اکر ڪي ڀوري“، ۽ هن ڏٺو ته صحيح واڪ ڏيڻ واري کي ٻيڻا پئسا ٿي مليا. هن کي عجب ٿي ته هي چڱو پئسن ميڙڻ جو رستو آهي، جيڪڏه ائين هو پئسا ميڙي سگهي ته شايد هو گهر ۾ روز روز جي ڪل ڪل کان ڇٽي پوي، هن پنهنجي آنڪ وچ تي اڇلائي واڪ ڏنو ۽ هن جو واڪ صحيح نڪتو، هن کي ٻي به آنڪ ملي. انهيءَ طرح سان هڪ ڪلاڪ بيهڻ کان پوءِ هن ڏٺو ته هن وٽ ٻن آنن جي بداران چوڏهن آنا هئا ۽ ان کان پوءِ اسڪول مان موٽي اچي اها قسمت آزمائي ڪرڻ هن جو معمول ٿي ويو. رفته رفته هو ”آگل ڇڪو“ جو منتر سکيو، جنهن تي مشق ۽ محنت ڪرڻ سان پيسي مان ٽڪو، آنو، ۽ رپيو ٿيو ٿي پيو. جڏهن هن وٽ گهڻا پئسا گڏ ٿيندا هئا، تڏهن پهريون ڪم اهو ڪندو هو ته پيرو حلوائيءَ جي دڪان تان مٺائي خريد ڪندو هو. ڪجهه پاڻ کائيندو هو، ڪجهه وري پنهنجي ننڍن ڀائرن ڀينرن لاءِ کڻي ويندو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويندو هو ته هن پئسا ڪٿان آندا، تڏهن کلي، حرفت سان جواب ڏيندو هو ته مون ڪمائڻ سکيو آهي. آءٌ ماڻهن جو ڪم ڪار ڪري انهن کان پئسا وٺندو آهيان. انهيءَ ڪوڙ مان نه رڳو هن جي پنهنجي دل کي هڪ نامعلوم خوشي ٿيندي هئي، پر پڻس به هن جي مٿي تي هٿ ڦيري چوندو هو ته منهنجو هيءُ پٽ سڀني کان وڌيڪ هونهار آهي. ۽ اهو سڀاڳو پٽ سڄو ڏينهن پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان طرح طرح جي مشغولين ۾ مصروف هوندو هو. ڪڏهن ڇڪي تي طبع آزمائي ڪندو هو، ته ڪڏهن پتي سان نصيب لڙائيندو هو. هن کي ياد آيو ته هن جي انهن ڳالهين جي ڪري هن جي پڙهائيءَ کي سخت نقصان پهتو ۽ نيٺ هڪ سال جڏهن هو ٻئي انگريزيءَ م هو، هن کي ناپاس ڪيو ويو. هن جي پيءُ کي سخت صدمو رسيو. هن کي خود به ٿورو ڏک هو، پر اهو ڏک جلدئي دوستن جي محفلن ميٽائي ڇڏيو. +هاڻ ته هو ڪامياب جواري هو، جنهن کي پتي جي ٻاونجاهه پتن جيتريون ئي رانديون ياد هيون. شهر ۾ هن جي ناموس وڌڻ لڳي ۽ هن جي پيءُ کي به خبر پئي ته هن جي سڀاڳي پٽ ڪيڏو نه معقول ڌنڌو اختيار ڪيو هو. ان ڏينهن هن جي پيءُ هن کي ڇت سان ٽنگي بيد جي لڪڻ سان اڌ مئو ڪري ڇڏيو، جيسين هن توبه نه ڀري ته هو آئينده جوا کي ويجهو به نه ويندو. انهيءَ مار کي ياد ڪري هن جي بدن مان سيسراٽ نڪري ويا، هن جو سمورو بدن ڪانڊارجي ويو. دريا جي لهرن ۾ نهاريندي هن کي پنهنجي پيءُ جو چهرو ياد آيو، جنهن جي نراڙ تي ان وقت پگهر جون بوندون وهي اکين ۾ پئجي رهيون هيون. +پر هن پنهجي ڌنڌي کي نه ڇڏيو. مارون کائيندو رهيو. ڇڪا هڻندو رهيو، پتا اڇليندو رهيو ۽ پتا اڇليندي هن کي هڪ ڏينهن جيل جي زيارت ڪرڻي پئي. هي نئون ماحول ۽ اجنبي حالتون ڏسي هن کي ڪجهه پريشاني، ڪجهه ندامت ٿي. هن ۾ ڪي احساس پيدا ٿيا، پر گلو مڪرانيءَ جي پهرينءَ گوليءَ سان هن جا احساس الائجي ذهن جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ هڄي ويا. آهستي آهستي ان ماحول سان هو مانوس ٿي ويو ۽ هن محسوس ڪيو ته جيل هن جي لاءِ بهترين درسگاهه آهي. هتي هو اهو سڀڪجهه سکي سگهي ٿو، جو هن کي پيٽ ڀرڻ جي قابل بنائي سگهي ٿو، ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لائق ڪري سگهي ٿو ۽ جڏهن گلو مڪراني سلفي هٿ ۾ جهلي هن کي چوندو هو: ’اچي!‘ تڏهن هو مرڪي چوندو هو: ’ڀلي ڀلي اچي، سر سيد جو بچي.‘ سيد جو سر بچندو رهيو، سلفي ايندي رهي. پتا اڇلبا رهيا، ڇڪا ۽ تريون لڳنديون رهيون. تالا ٽٽندا رهيا، ڇريون چمڪنديون رهيون ۽ هو جيل بار بار ايندو رهيو. +هن دور افق ڏانهن نهاريو. رات ڪائنات کي پنهنجي هستيءَ ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ۾، دريا جي لهرن تي ترندي، لڙهندي، هن کان به اڳتي پهچي چڪي هئي، دور، دريا جي هن ڀر، ملاح پنهنجي ٻيڙين جا ونجهه کولي رهيا هئا ۽ زندگيءَ، رات وانگر ڪاري ۽ خاموش بنجي، هن جي ذهن ۾ چهنڊڙيون پائيندي رهي. هن کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن آخري بار لنبي سزا ڪاٽي، جيل مان ڇٽي آيو هو. هن پنهنجي گهر جي حالت ڏسي روئي ڏنو هو. سندس پيءُ لاڳتين مصيبتن جو شڪار ٿي گذاري ويو هو. سندس ماءُ جي حالت، ٻارن جي پرگهور لهندي لهندي اهڙي ٿي وئي هئي، جو اول ته هو کيس سڃاڻي نه سگهيو سندس ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينرون چيٿڙن ۾ ملبوس، ايترا ڏٻرا ۽ ضعيف هئا، جو ائين ٿي محسوس ٿيو. ڄڻ ته هنن کي ڪن مهينن لاءِ ماني نصيب نه ٿي هئي. سندس ماءُ روئي روئي کيس ٻڌايو ته هن جي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، هن تي ڇا ڇا نه ٿي گذريوهو. هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ ته هن جي ذهن ۾ ڪو لڳاتار چهبڪ وسائي رهيو هو ۽ هر چهبڪ تي هن جي وات مان هلڪي دانهن نڪريو ٿي ويئي. هن اوڏي مهل ئي انجام ڪيو ته هو هنن يتيم ٻارن ۽ ضعيف ماءُ جي لاءِ پنهنجي رت جو آخري قطرو به وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. هو اهي حرڪتون ڇڏي ڏيندو ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري، پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پاريندو. هن سماج جي بازار ۾ پنهنجو پگهر نيلام لاءِ پيش ڪيو، پر هن ڏٺو ته هن جي محنت ۽ پگهر جا خريدار تمام ٿورا آهن، بلڪل نه هئڻ جي برابر ۽ جيڪي آهن، سي به واڪ ايترو ٿا ڏين، جنهن مان هن جي پسيني جي بوءِ جي به قيمت ادا نه ٿئي. هن ڪوشش ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي ڪو اهڙو پورهيو ملي وڃي، جتي هن کي ايترو ملي، جو هو رکي سکي کائي سگهن. انهيءَ جي بدلي ۾ جيڪڏهن هن کي رات ڏينهن محنت ڪرڻي پئي، ته ڪندو. هن پنهنجي ضعيف ماءُ ۽ ڏٻرن ڀائرن ڀينرن کي وڌيڪ ضعيف ۽ بيمار نه ٿي ڏسڻ گهريو. هن کي اهو به احساس هو ته انهيءَ جي قربانيءَ ۾ هن کي اهي عادتون ڇڏڻيون پونديون، جيڪي قريب قريب هن جي فطرت بنجي چڪيون آهن. پر انسان جي حيات جي فطري پاڪيزگيءَ هن ۾ اها جرات پيدا ڪئي. هن هر قسم جي محنت ڪئي. پنڻ کان سواءِ، ٻي جيڪا به محنت هن جي امڪان ۾ هئي، سا هن ڪئي پر ان هوندي به هن ڏٺو ته هن جي ماءُ وڌيڪ صعيف ٿيندي ويئي،هن جا ڀائر ڀينر وڌيڪ ڏٻرا ٿيندا ويا. هو بيمار ماءُ جي دوا نه ڪري سگهيو، پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي تعليم نه ڏئي سگهيو. هن ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته ڪو هن جي ماءُ ڪا نرم ۽ گداز بسترن تي آزام ڪري، نفيس ڪپڙا پائي ۽ ست رڇيون کائي نه ئي ڪڏهن هن ائين چاهيو ته هن جا ڀائر ڀينر سندس پاڙي جي سيٺ طاهر جي ٻارن وانگر موٽرن ۾ چڙهي سڪول وڃن، ولائتي ڪپڙا پائين هن ته فقط هنن لاءِ زندگيءَ جون ضرورتون ٿي مهيا ڪرڻ گهريون، پر اهي به ته هو ميسر نه ڪري سگهيو. +هن ڪارخاني ۾ مزوري ڪرڻ شروع ڪئي. صبح جو پنجين بجي کان شام جو پنجين بجي تائين باهه جي کوري اڳيان بيهي هن کي ڪم ڪرڻو پوندو هو. پر هن جو پگهار مهيني جي ويهين تاريخ کان پوءِ چئلينج ڏيڻ لڳندو هو. هن سوچڻ شروع ڪيو ته آخر ائين ڇو آهي؟ ٻارنهن ڪلاڪ باهه جي مٿان بيهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ به هنن کي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نه ٿيون ملن. هن پنهنجي ساٿي مزورن جي حالت به ڏٺي هئي. انهن جي حالت به هن کان گهڻو مختلف نه هئي، سڀني جي قريب قريب ساڳي حالت هئي. صبح جو پنجين بجي، جڏهن ڪارخاني جو گهگهو وڄندو هو، تڏهن سمورا مزور پنهنجي ڪم تي چڙهڻ لڳندا هئا ۽ هو ڏسندو هو ته سڀني جي منهن تي اهڙي ويراني ۽ مردني ڇانيل هوندي هئي، ڄڻ ته زندهه لاش آهن، جي مرڻ کان پوءِ به، بک جو تاثير ياد ڪري ڪفن ڦاڙي اچي مزوري ڪرڻ لڳا آهن. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ ته زندگي مزور لاءِ بدنصيبيءَ جو گهنج بنجي رهجي ويئي آهي. ۽ اهو گهنج ايڏو وسيع آهي، جنهن ۾ ملڪ جا ڪروڙها مزور بکيا، اڃيا، اگهاڙا ۽ بيمار مزور تڙپي رهيا آهن، ڇڙيون هڻي رهيا آهن ۽ انهن جي مٿان هي سماج هڪ ڪاريهر نانگ وانگر ڦوڪون ڏيئي رهيو آهي. انهي نانگ جي اها ڦوڪ، ڪارخاني جي گهگهوءَ ۾ تبديل ٿي، هن جي ذهن کي ايڏو ڇرڪ ڀرائيندي هئي، جو هو ائين سمجهندو هو ته واقعي ڪنهن نانگ تي هن جو پير اچي ويو هو. ۽ جڏهن هو، اهي ڳالهيون پنهنجي ساٿي مزرورن کي ٻڌائيندو هو، تڏهن سندس حيرت جي حد نه رهندي هئي ته سڀني مزورن کي اهو احساس اڳئي آهي ته واقعي هنن جي زندگي ڪتي جي زندگيءَ کان به بدتر آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ احساس کي عمل جو رنگ چاڙهين، ته اهو احساس ئي هڪ زهري خنجر بنجي، انهيءَ ڪاريهر کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي. +هن کي ياد آيو ته انهيءَ احساس ئي هنن کي مجبور ڪيو ته هو ڪارخاني ۾ هڙتال ڪري پنهنجون پگهارون وڌائڻ لاءِ آواز اٿارين. هنن هڙتال ڪئي ڪارخانو بند ٿي ويو. اخبارن هنن جي فائدي ۾ لکيو. حڪومت هڙتال کي بي قاعدي ٺهرايو ۽ ڪاريهر نانگ جي زهر کي وڌيڪ خونريز بنائي ڇڏيائين. مزدورن جون گرفتاريون ٿيڻ شروع ٿيون، پر مزور باز نه آيا ڪاريهر نانگ چپ ڪري ويهي رهيو. ڪارخانو بند رهيو. مزورن جي هڙتال جاري رهي. ڪاريهر فقط مرڪندو رهيو. هن کي يقين هو ته هن جي ئي پيدا ڪيل ٻئي اصيل نانگ کان مجبور ٿي، مزور خود بخود ڪم تي ايندا. اهو اصيل نانگ انسانن جي جسم جو رت چوسڻ لڳو، ۽ جڏهن مزورن جي گهرن مان، اناج جو آخري داڻو ختم ٿيڻ لڳو، تڏهن اصيل نانگ خوشيءَ ۾ ڦوڪون ڏيندو، پنهنجي آقا ۽ خالق کي اها خوشخبري ڏيڻ لاءِ پهتو ۽ ان ڏينهن هري هري ٿي مزور ڪم تي اچڻ لڳا. هو به ڪم تي ويو، پر هنکي چيو ويو ته ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ”رازق“ جي شان ۾ سڀني کان وڌيڪ گستاخي ڪئي هئي، ان ڪري هن جو روز بند آهي! +دريا تي مڪمل اوندهه، مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي هئي. هو ذهن جي اوندهه ۾ ڀٽڪڻ لڳو انهيءَ اوندهه ۾ هن کي ڪي ترورا به نظر آيا، جتي انسان جي پاڪيزگي بک جي باهه ۾ جلي رهي هئي. انسان جي فطرت سڙي رهي هئي. جتي مزورن جون هڏيون سڙي رهيون هيون ۽ انهن جي ڦلهيار مان ڪارخانن جون چمنيون، محلن جا گنبذ ۽ محراب اُڀري رهيا هئا. هو اٿيو ۽ پنهنجي واپس ورتل نيڪيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کي انهيءَ باهه جي نذر ڪري، تبرڪ طور ڦلهيار جي چپٽي کڻي، دريا جي اونداهين کي پنهنجي ذهن ۾ سميٽيندو ان طرف نڪري ويو جتي انسان چور آهي- ڌاڙيل آهي- ۽ خوني آهي.... +خواجه غلام علي ”ناشاد“ +درياءُ شاهه +”سائين، درياهه بادشاهه جي ڳالهه پري آهي!“.... ٻڍي ڌٻندي، لٺ پٽ تي رکندي ۽ وهندي وراڻيو، ”جواني ديواني آهي.... مون تي به زوري اجائي سڄو ڳنڍيو پيو هوس. هيءَ (اشاري طور) ڇاتي ٻه هٿ مس ڪرائيءَ تي ورن، بت جهڙو راڳيو پيو هوم. ڪپڙن ۾ ٺهيل، شين به شيني جتي جنهن جو رونگٽ پري ٿي ٻڌو. ڪانچ سورهن پوتي هرک جي، جنهن ۾ اٺاڳ ڄاريءَ وارو، جنهن جا ڇيڙا، مقي ڀريل، لڙڪيا پئي. ڏوري واري وائلي جي صدري، جنهن تي به ڀرت- ٻه پڙي ٺٽي جي اجرڪ، لوڙهه پرهه کن، جنهن ۾ لوهه ڪڙيون، ناڻو ڪهڙي وڄا سان خبر ڪا خير: ڄاتم واڻئي جي ڏاڙهي اڄ هوندي صبح نه! دنيا ڇا رتيءَ ماتر ڪل ڪانه هئم. +”رئيس جي مرياتي پيءُ جي ڀل ڀلائي هئي نرمڙس هو! پنهنجي هڪڙي جواني سانوڻ ۾، ٻيو زوري، ۽ ٽيون الله جا هٿ پر ان جا بس پير پٽ تي نه ٿي کتو. پٺ مٺ ٻئي هئا: پوءِ ته وڻ گهوڙو ٻڌڻ ڪونه ٿي ڏنم.مڙس ڏهيسر هوس: رائي گهڻي هئم، سو هڪ لڱا راڄ جي ميڙ سان ٽڪ جا پيرا کنياسين. ڳوٺ راڄ جو ڪم... مڙس جي خبر مهل تي، سو وڃي گڏيوسان. رلي، مٿا ڏيئي، نيٺ درياء جي ريٽ ۾ پيرا وڃاياسين. ڪئين سئين مال جي کرن جون چيهون، سو پتو ڪونه پيو. پر پيري سڄاڻ: کرشين مان سهي ڪئين ته ٽياڻ پراڙ اکتي! پور ڀرجي ويو هو سو هاسيڪار ترسڻو پيو. مير بحر مڙس ماڻهو هئا، وري جو خبرون ٻڌئون سو ساهه پئي ڇڏئون. چي: ’آنجيون لتون اسانجون اکيون... مرٽڪو!‘ ويچارا تڏا کڻي آيا، ماني کائي، ڀاڳيو، آءٌ ۽ پيري ترسياسين، ٻين کي ڏنيسين مٺ: ميان! وڃي ڳوٺ ڀيڙا ٿيو... آئين ڇٽا! همراهن ته تنگ پئي ڇنايا، سي ڀيڙي رهيا، گرڙي به وڃي ڳوٺ ڇڏئون. چار پهر ترسياسين. ساجهر اٿي، ڇاندو ڪيوسين. پتڻ سنبهيو بيٺو هو؛ موڪلائي چوڪلائي رڙهياسين. ڀلا درياه شاه! ڪوهن ۾ لانڍ هئيس... پور سانوڻ... وٺيو جو ڪنهن ڀٽ کي ڦيرو ڪڍي، ڌو... اندر... شپڪو ٿي پيو. گهاتو پئي پهريا، تک ٽڪڻ نه ڏين، پر به واهه جا وارا پئي ڪڍيئون. ڪي ماٽين مٿي ۽ ڪي سيڻاهون ڦوڪيو پئي ٽليا. سوئي ڏانهن نرت ٿي پئي ته ڳچ جيترا پلا هڪ هڪڙي ڀيڙا ڪيا. روز الستي هو پر به وس وڏائي پئي ڪيئون. لهرن لوڙي ڇڏيا هئا، پر ڪرت جا ٿي! پئي زور ڏنئون. ڀاڳ مان ڪنهن جي ريس ڪانهي. ڪي ڀلا ته ڪي ٺلها. ڇڏيندو ڪنهن کي به ڪونه، اهڙو ٻاجهن ڀريو اهي پر به حيلو واجبي آهي حيلو ڪبو تڏهن وسيلو ٿيندو. گهيڙا به گهڻيئي هئا. ڪي مال ٽڪون ورايو پئي آيا، ته ڪي مون ڪنڌيءَ پئي ويا. سج ڪني ڪڍي، سندس سوجهري ۾ مڇين جا ڇلر چانديءَ وانگر پئي چلڪيا. روح پئي ريلا ڏنا ته من ڪا ور چڙهي پر، هلندي ٻيڙي، جنهن ۾ نڪا لڳي ڍٻي، نڪو سوئو بس رنگ پئي ڏٺوسين. اتي، وٺي جا ڌم ڏئي ته مڪڙي اُڀ چڙهي اچي سٽڪو ڪيو! الائي ڪي ذريتيون آهنس بس هيڏي ساري ٻيڙي ڪنڀار جي چڪ وانگر پي ڦري! سڪڙ سڪي وياسين: ٻيڙتا، تن وٺ پڪڙلائي ڏني. ڪي ڏس ته سنوان سڙهه لاڄن تان پيا ڍارين، ته ڪي ونجهه پيا سرهين: بس راڙو ڪاڙ لڳي ويئي! هر ڪنهن کي اچي سر سان لڳي. چيئون ته ’ڪن شاهوڙ آهي الله ڍڪ ڪري، نه ته ليکي لل ڪونهي، پير کڻي مٿي تي رکياسين، ڪو ڳنڍ پيو ٻڌي، ته ڪو پڙ پيو باسي: بس سائين، سر جي بلا سرسين هر ڪو پاڻ ليکي هو. مڙس هارجي ويا. سمجهيوسين چوڻا پورا ٿي آيا. پر اڃا ڪي ڪڻا آڏا هئا. ڇوليءَ ڌمي ٻاهر ڪڍيوسين. لک شڪرانا ان مالڪ جا جو ڪوٽ ٿيو، نه ته ڳالهه پري هئي. جان کڻي نهار ڪريون ته جيئن کٽي ڪن کي لٺ هڻي ڇڏي هجي، تيئن چڪري پي پيئي. ڌڻيءَ پناهه ڏني، نه ته رقم اڳت هئي. ڏوئلو ۽ ٽوٻر وارو ٻڌيو بيٺا هئا پوپري مس ڪنڌ ڪڍي ته چونب ۾ ڪرٽو پئي پين! +”پرين ڀر کي باقي اچي ڇڏيوسين. پريان ڪاٺ ڪٽو وڻ کي لڳو پيو هو. وڻ آن جان تي هو: درياء جي ريٽ تي، اڄ نه ڪري سڀان ڪري. وستا... وستا ڪنڌيءَ لڳاسين. آڙون ڏيئي پيرا ڪڍياسين. ذات کوٻلا سنئين نه ڏين: وٺي ها ها ڪئيسين. آچي آچي تي مس کرءَ تي وريا. ڏيتو ڪيئون. ٻئي جمعي تي ڪاهڻ جو ڇيئون ورياسين ڪم سولو ٿيو. پر اتي اچي اڳيون وچيون ٿيون... پتڻ خير ڪو هو: اچي جهوري لڳيسين. پريان مال ڏٺوسين ڳچ جهڙو هو: همراهه ذات جو شودو هو. چئين، سيڻاهون ساڻ آهن. مال ۾ واهرو ٿيو ته ٻنهي سنئين ٿئي الله توهار ڪري ڪپڙا ٻڌي مولهائو ڪري، ’سيڻاهون ڦُڪي، ٽپي پياسين. ڀٽارين جي پڇن ۾ کڻي هٿ وڌاسين. گوگٽ پوندو ويو. سير ڇڏي، اڃا مس اوراڙ ٽرڪياسين، ته همراهه پيريءَ رڙ ڪئي ’گهوڙا بلا ٿي نئيم‘. سمجهوسين ڪوريءَ ۾ واڳوءَ ڌاران ٻي ڪهڙي بلا وڙهندي! جهٽ بلاتو هوس. گهيڙو مال وارو ايمان وارو هو. جهٽ هيٺان مٿوڏئي واڳوءَ کي اڇ تي آندئين. مڙسيءَ جي مهل هئي. ايمان مزمان آهي. مون به هٿ ڦُڪي اچي وارو لاٿس. ڪهاڙين سان پوت ڪري ڇڏيوسينس. وٺ وٺ ۾ درياهه جي تک وٺي جا ڦيرو ڪڍي، ته ڌو.... سير ۾. همراهه ساڻو ٿي ويو هو.... الائي ڪي رت ڇڏئين. واڳو به ٽلندو پي ويو! ڌونڌاڙي، ڌونڌاڙي مڙس سرت ۾ آندوسين... ’متا دل لوڙي اٿيئي.... مڙس ٿي اچي رسيا آهيون!‘ ڪلها ڏيئي ترڻ لڳاسين. ڦيري ۾ ڪوري ڇڏي وڃي ڇيل ۾ پياسين. جهاڳ... جهاڳان... جهاڳ... جهاڳان... مس اُکتاسين. پريان سيسار سير ۾ اڀو هو... وٺيو جو پلي کي ڏي اڇل ته جهڙو ٻارپيو ڏڙو اڇلي ڌو... وات ۾. ڇلر هوا ۾ سوسٽ ڪندا ڏندن جي پاسن کان سڌو لڙ ۾.... سائينءَ جا رنگ... واهه جو منڊل هو. ههڙو درياء شاهه دادلو، پر وچ سير ۾ سنئين ڳاٽ سيسار کي رتي ماتر به نه ٿي چوري سگهيو. جهڙو بنڊ کتو پيو هو. ٻلڻين جي ٽٻ ٽٻان رڳو اٿل ۾ پڇ ٿي ڏٺو، ٻيو سارو خير. ڀونتري جي تک ڏٺي ته ٻلڻ ٻي ڪانهي. ڪميون ڪڇان پئي اورئون پرئون ٿيا گانگٽن کي گاڙيو ويٺا هئا. سيانتن جي چمٽا حجامن مٿا پئي هليا.. اڃا اڇ تي ويهي مس، ته چمٺي ۾ لوهه لڳو پيو هو! +”سڄ منجهه ٻاهر هو، ته اچي ڪوريءَ تي رسياسين. ريتيءَ ۾ پڪل پلا ڍوئي کاڌاسين. همراهه کي رڳو کير چڪو ڏنوسين. رت بند ٿي ويو هوس. ڏاڍي اجرڪ ڇڪي کڻي ٻڌيسينس. هاڻي بود ۾ هو. ٿڪ ڪري جهٽ کونگهرا هڻڻ لڳو. اسين به اک ٻوڙڻ لاءِ ليٽي پياسين. پر مال وارو خبردار هو. ڍڪيءَ جو اٿي هنياسين. جتيءَ کي ٽي ڌڪ، همراهه مال وارو ٻيلي جي منهن وٽ ڇڄي ويو. اسان کڻي پهو ورتو، چَتونءَ جي تنوار، ڪار ڪنڇي جي جهونگار، تڌڙي هير، ڊڪ ڊوڙ ڊمڀ، ڊڪ ڊوڙ ڊمڀ، ٿڌل جو پنڌ، ڄاڻ رسياسين. وڇات وکروانو کڻيو مياڻين ڏانهن پئي ويا، ته ڪي گهوڙا پلن جا ڀريو، ڪي ٽنگر مٿن تي کڻيو پئي موٽيا. سڄ مس ڪني ڪڍي ته اچي پهتاسين. سڌو رئيس جي سلام تي وياسون. خبرون ڏنيونسينس. خوش ٿيو جو منهن مٿي ڪري آيا هئاسينس. سائين، هوندي تي حرص آهي! اڄ ڏيل پيو ڏڪي، بت پيو رڦي، پهچ موڪلائي وئي، قبر ڪنڌيءَ تي، اڄ نه ته سڀان- الائي موت ڪڏهن نهوڙي نيندو! جواني ۾ ڪئين سئين ڀيرا درياءَ اکتاسين. هاڻي الله شال هيءَ دنيا روپي درياءُ لڄ پت سان اڪاري. ڀاڳ وارا آهيو: دعا ڪريو ته سڪرات سولي ٿئيم. شال مسلمان ڪري ماريم!“ +اسان وراڻيس، ”پريا مڙس، ڌڻي شل مڙني تي مهر ڪري، نه ته آهي ڀري ڳري ۽ پنڌ اڻانگو!“ +اصل، مئڪسم گورڪيءَ جو، روسي زبان ۾ لکليل +انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ آڻيندڙ: +جمال ابڙو +پاشا +روز صبح ساڻ گگهوءَ جو ڀوائتو آواز لهرون هڻدو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. ڳوٺ جي گريءَ ۽ تيل هاڻيءَ فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو هو. سڄو ڏينهن هڏ هڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو، ڪنڊن ۾ ڪريا پيا هوندا هئا. ننڊئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ هئي! گگهوءَ جي بي وقتو ۽ بي هودو حڪم کين اڌ ننڊ مان ڇڪي اٿاريندو هو. اکيون مهٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا هئا. بس ڄڻ ته ڪئا ٻرن مان نڪتا. اوندهه، پوسلو ۽ ٿڌ ڪرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گهٽيءَ مان گڙڪندا ايندا هئا پيا هڪ ٻئي جي مٿان ڊهندا ۽ ٿاٻڙندا هئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀتيون لاپرواهيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون هونديون هيون. مزور ويندا هئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن هيٺان پي چڪ چڪ ڪندي هئي. گوڙ ۽ شور ويندو هو وڌندو. ڦٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا هوندا هئا. لوهي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو هو زور وٺجندو. دونهي جا ڪڪر اٿندا، وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇانئجي ويندا هئا. +پاشا به اتيئي رهندو هو. سندس سڄو بدن شوخ گهنڊيدار وارن سان ڀريو پيو هوندو هو. سندس ٿلهن وڏن ڀِرُن هيٺيان ننڍڙيون اکيون پيون چمڪنديون هيون. هن جي شڪي نگاهن مان نفرت پئي اڇلون ڏيندي هئي. اکيون اهڙيون تيز جو ڄڻ ته ڪرڻا پيا نڪرندا هئس کاڏي ۽ چپ مٿي ڪري، ٻوٿ بڇڙو بڻائي، حقارت مان ٿڪ کڻي اڇليندو هو ۽ چوندو، ”ڪتي جو ڦر!“ +هو راٺوڙ لڳو پيو هو ٽنگون ڄڻ ته ٿنڀا، ٻانهون وڏيون ۽ وار ٿلها. ڪاريگر به واهه جو هو. سڄو ڏينهن پيو وهندو. شوخ ۽ ڪڙڪ. سڀني کان ڏاڍو هو. مالڪن کي به کتيون ٻڌائيندو هو. ڊٺ هڻندو، ته ڪم کان جواب، پيسي جي وٽس جهٽ ٻاڙائي ٿيو وڃي. پوءِ خار ۾ هٿ پيو مهٽيندو ۽ پيو هيٺ مٿي ٿيندو. +ڪنهن کي ڪونه وڻندو هو. سڀ کانئس ڇرڪندا هئا، جي کڻي ڪو خارباز جوان سامهون ٿيس، ته عمر لاءِ سبق سکي ويندو هو. موڪلن ۾ ته ضرور ڪنهن نه ڪنهن سان وڙهي ويهندو. هڻي هڏ گڏ ڀڃي رکندس. ٻڌي ڪري، ٽولا ٺاهي ساڻس وڙهندا هئا. پاشا کي به جيڪي سٽ ۾ آيو، کڻي بيهي رهندو. وڏو شاهي پٿر يا لوهو ڏنڊو مٿي ڪري، ٽنگون ڦاڙي، اُڀو ٿي بيهي رهندو. وارن سان سٿيل، مروٽيل سروٽيل ٻانهون، ٿلهي بي ڊولي ڏاڙهي، وڏو اڀو منهن: ڍڳي وانگر ويڙهه لاءِ تيار، ڦوڪون پيو ڏيندو. گڦ پيئي وهنديس. نظر اهڙي تيز ڄڻ ته ڪات آهن. پڙي هڻي بيهي رهندو. ڪير جو ساڻس نظر ملائي! هيبت وٺي ويندي هئي ڄڻ ته ڪو جهنگلي جانور ڇتو ٿيو کائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. اوچتو وٺي رانڀاٽ ڪندو، ٿڪ اڇليندو ۽ چوندو ”ڪتي جا ڦر!“ سندس وڏا پيلا ڏند کڙڪندا، ڏاڙهيءَ مان ظاهر ٿي پوندا هئا. ازغيبي ڀوء ڇانئجي ويندو. سڀ وٺي ڀڄندا. پري بيهي کيس گاريون ڏيندا. سندس نڙيءَ مان گڙ گڙ جو آواز نڪرندو. زور سان کڻي ٿڪ ڦٽي ڪندو ۽ چوندو ”ڪتي جا ڦر!“ سندس اکيون پيون ٻرنديون هيون. ڏنڊو مٿي جهلي، اڳتي وڌندو ۽ ڀڪوڙيل چپن ۾ چوندو، ”ڪير آهي جو اڄ مرندو؟“ ڀلا ڪهڙو سر تان تتو هوندو! سڀ ٽڙي پکڙي ويندا. +هو اصل ڪونه ڳالهائيندو هو. پوليس لاءِ، ڪامورن لاءِ ڪارخاني وارن لاءِ بس وٽس اهوئي هڪڙو جملو هو: ”ڪتي جا ڦر“. زال کي به چوندو هو ته ”ڪتي جي ڌيءُ! ڏسين نٿي، منهنجي سٿڻ ڦاٽي پئي آهي!“ +کيس هڪڙو چوڏهن سالن جو پٽ هو. وارن کان وٺي، کڻي مٿي ڪندو هوس. پٽس به هڪ ڏينهن سٽ ڏيئي، هٿوڙو کڻي بيهي رهيو. چي، ”اڳتي وڌندين ته خير نه هوندئي!“ پاشا دنگ ٿي ويو. چپ ڀڪوڙي، اکيون چنجهيون ڪري، هوريان وک کنيائين. پٽس به هٿوڙو تيار ڪري چيو ته ”متان آيو آهين، مون گهڻوئي سٺو آهي. هاڻي نه ڇڏيندوسانءِ“. پاشا بيهي رهيو. رڇ جهڙا هٿ کڻي پٺيان ڪيائين. پاسيريون اکيون ڪري پٽ کي ڏٺائين. ساهه روڪي بيهي رهيو. نرڙ ۾ گهنج وجهي ڪنڌ لوڏيائين، ڄڻ ته ڪا ڳالهه سمجهي ويو! وٺي ٽهڪ ڏنائين، چي، ”واقعي تون ڪتي جو ڦر آهين!“ +انهيءَ ڏينهن، زال کي چيائين ته ”مون کان هاڻي پائي به نه گهرجانءِ. پٽهين توکي پاڻهي پاليندو.“ +جوڻس ويچاري چئي ويٺي ته ”باقي تون سو سڀئي پئسا نشي ۾ وڃائيندين.“ +”ڪتي جي ڌيءُ، مان کڻي يار کي ڏيان، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ +پاشا ڪابه يار ڪانه رکي، پر پٽ جو ڪڏهن به اونو ڪونه ڪيائين: مرڻ گهڙيءَ تائين نه کانئس ڪجهه پڇيائين، نه ساڻس ڳالهايائين. +کيس هڪڙو ئي دوست هو. سندس وڏو ڪتو! پاشا جهڙوئي بي ڊولو ۽ شوخ. ساڻس گڏجي ڪارخاني ڏي ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن در تي سندس ا��تظار ڪندو هو. شام جو اُٿي، ڪر ڀڃي، اکيون پيو مچڪائيندو، جيستائين پاشا ٻاهر نڪري، چپ چاپ پاشا جي پٺيان لڳي پوندو. پاشا نه ڪڏهن کيس گار ڏني، نڪو ڌڪ هنيو ۽ نه وري ڪڏهن مٿانئس پيار جو هٿ گهمايائين. ٻئي خاموش هئا ۽ هڪ ٻئي جي طبيعتن کان چڱيءَ طرح واقف. +موڪل جي ڏينهن پاشا وتندو هو ڌڪا کائيندو. ماٺ ميٺ ۾ هڪ گتي کان ٻئي تائين. پنهنجي ليکي ايندڙ ويندڙ جي منهن کي پيو جاچيندو. ڄڻ ته ڪنهن کي ڳولي پيو. ڪتو به سندس پٺيان ٿلهو وارن وارو پڇ لٽڪائيندو، سهڪندو، نوسيندو ايندو هو. ماڻهو نفرت مان چوندا هئا ته ”ٻئي ڪتا!“ +پاشا، شام جو نشي ۾ ٽاٽ ٿي، ٿڪجي ٽٽجي، اچي مانيءَ تي ڪرندو. ڪتي کي به پنهنجي ٿانو مان گڏ کارائيندو. ويندو هو گرهه ڳڙڪائيندو. هڻي ڏاڙهي مڇون ڀري ڇڏيندو. جوڻس، جي ذرو به دير ڪئي ته ٿانو کڻي اڇليندو. چري پري، سولو ٿي، ڦاٽل سوٽ جي کيسي مان دارونءَ جي بوتل ڪڍي، کڻي اڳيان رکندو. ٽنگون ٽيڙي، ڀت کي ٽيڪ ڏيندو، اکيون بند ڪري، وٺي راڳ شروع ڪندو. سندس ٿلهو ۽ گگهو آواز مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيندو. بي سُرا ۽ بي وقتا آواز سندس منجهيل ڏاڙهيءَ ۾ پيا اٽڪندا هئا. سندس ڳتيل ڏاڙهيءَ مان مانيءَ جا ڀور ڇنڊجي وڃي پري پوندا. ٿلهين ۽ گهرين آڱرين سان ڏاڙهيءَ کي ڇنڊڪو ڏيئي، وري کڻي راڳ شروع ڪندو. سندس راڳ جا اکر اصل سمجهه ۾ نه ايندا هئا. ڄڻ ته سياري ۾ گدڙن جون اونايون. ڪتو به سندس ڀرسان اکيون بند ڪيو، پيو ڍڪر کائيندو هو. پاشا جي اوچتي ۽ ڏاڍي آواز تي وٺي زور سان پڇ لوڏيندو. بس جيستائين بوتل ۾ دارون هوندو هو، تيستائين سندس راڳ پيو هلندو، ۽ پوءِ ويندو هو ڍرڪندو. ٻئي ڄڻا اتي ئي سمهي پوندا. +پاشا جو موت تري ڦاٽڻ جي ڪري ٿيو. سڄا سارا پنج ڏينهن پئي هنڌ ۾ لڇيو. منهن ڪاراٽجي ويس. اکيون بند، ڏند پيو ڪرٽيندو هو. ڪڏهن ته مٺيون ڀڪوڙي، زال کي چوندو هو ته .ڪجهه سنکيو ڏينم. زهر ڏيم، ڪتي جي ڌيءُ!“ +ڊاڪٽر مٿانئس پلستر رکيو، چي، ”آپريشن ٿيندي، کيس اڄ جو اڄ اپستال ۾ آڻيو.“ پاشا ٻڌي ورتو. چيائين ته ”اسپتال ۾ يا توسان گڏ جهن ۾!“ وٺي ڏند ڪرٽيائين، چي، ”تون الڪو نه ڪر، مان پاڻهي مري ويندس.“ ڪنڌ ڦيرائي چيائين ”ڪتي جو ڦر“. ڊاڪٽر هليو ويو. جوڻس کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. کيس آپريشن لاءِ منٿ ڪيائين، پر پاشا هنڌ مان ئي ٺونشو ڪڍي ڏيکاريس. چي، ”مان چڱو ڀلو ٿيس ته توسان وڌيڪ تعدي ٿيندي.“ +صبح جو پاشا مري ويو. ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن گگهو وڳو! هو سفيد ڪفن ۾ سڌو سنئون پيو هو. سندس وات کليل هو ۽ نرڙ ۾ اڃا به بي آراميءَ وارو شور ۽ گهنج لڳا پيا هئا. سندس جنازو کنيو ويو. هن جي جنازي سان گڏ سندس زال هئي، پٽ، سندس ڪتو ۽ ڳوٺ جا ٻه چار پينو فقير ۽ هڪ پراڻو چور ۽ شرابي جنهن کي ڪارخاني مان نيڪالي ملي هئي. سندس زال ماٺ هئي. پٽس اصل ڪونه رنو. جنهن جنازي کي ڏٺو، بيهي رهيو. چي، ”جوڻس جي جند ڇٽي“. ”جهڙو هو، اهڙو ڪتو ٿي مئو.“ +پاشا کي قبر داخل ڪيو ويو. سڀ هليا ويا. سندس ڪتو بيٺو رهيو. تازيءَ نڪتل مٽيءَ تي ويهي رهيو. خاموشيءَ سان قبر کي پئي سنگهيائين. ڪنڌ مٿي ڪري ڪوڪر ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪتي کي به ڪنهن ماري وڌو! +دنيا جي سال 1954ع وارن، +بهترين مختصر افسانن ۾ شمار ٿيل +اصل، ڪ. ٽ. محمد جو ملايالم ٻوليءَ ۾ لکيل +انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ سثيلا مزرا +سنڌيڪار: الاهي بخش لاڙڪ +اکڙيون +جن کي به الله اکيون ڏسڻ لاءِ ڏنيون آهن، سي مونکي ڏسي کلندا آهن، ۽ ڪي ته بنهه ليڪو لنگهي اچي ٽهڪن ۾ پوندا آهن. هنن جي ڏندن جي نمائش ۽ گڏهه وارين هينگن جو هڪ ��ي به راز آهي، ته مون به هڪ دلبر سان نينهن اٽڪايو هو ۽ توڙ نباهي وڃي شادي رچائي هيم. هو هن ڳالهه تي اچرج کائيندا آهن ته آءٌ ڪيئن عاشق ٿيس؟ +جيڪڏهن اوهان هنن کان هن بي موقعي هينگڻ جو سبب پڇندا، ته هو يڪدم اوهان کي چوندا، ’ذرا ڪنڌ ورائي هوڏانهن ته نهاريو!‘ چڱو هينئر مان اوهان جي اڳيان آهيان. اوهين امين ٿي فيصلو ڏيو ته مون ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن لاءِ مون تي کل جي ايتري ٺٺري کڻي ٻڌي اٿن! آخر آءٌ به ته الله جي پياريءَ اشرف المخلوقات جو هڪ فرد آهيان. +آءٌ قد جو مختصر آهيان،... رنگ جو ڪارو، جهڙو ريل جو ڪوئلو،.... ٻيا عضوا پڻ ڏنگا ڦڏا، حصي رسيءَ جي حساب کان ٻاهر،.... ڇوٽي قد تي حساب کان وڏو مٿو.... اکيون گول، اونهن کوپن ۾ لڪل،..... نڪ ساڻ ڄڻ جيپ جو حادثو ٿيل،... برساتي ڏيڏر جيڏو وات، ۽ ٻن هاٿيءَ جيڏن ڪنن وچ ۾ سوڙهي چپتري پيشاني اٿم. ننڍي هوندي، ڪوٺيءَ تان ڪرڻ سبب سڄيءَ ڄنگهه کان به لنگڙو آهيان. ٿورن لفظن ۾، مان بدصورتيءَ جو هڪ مجسمو آهيان. هو چوندا آهن ته پهرين نظر جنهن جي مون تي پوندي آهي، سو مونکي آفريقي ڪارو باندر سمجهندو آهي. پر ڪو باندر ڏسي به ماڻهو کلندا آهن ڇا؟ هنن کي ته کل فقط پاڻ جهڙي هڪ باندر جهڙي انسان تي ايندي آهي! رستي تان ويندي، ڪيترائي ماڻهو مون تي ٽوڪبازي ڪندا آهن ۽ جهنگلي جانورن سان تشبيهه ڏيندا آهن. پر مون ڪڏهن به اهڙي پنهنجي توهين ٿيندي ڏسي، احتجاج بلند ڪين ڪيو، ۽ نه ئي وري انهن جي وڌائن ۽ غلط بيانين تي خار کاڌم. +رستي تان ويندڙ رنگ برنگ پوشاڪ پهريل نوءجوان نينگرين کي ڏسي، ڪنئار ٻوٽيءَ وانگر بنهه سسي ويندو آهيان، ڇا لاءِ ته هو پنهنجو مکڙو، مون کي ڏسي، ائين ڦيرائي وينديون آهن،جيئن ڪو برهمڻ رستي ويندي، چٻري کي ڏسي، ٻدسوڻي سمجهي، ٻوٿ ڀلڙو ڪري، اُتي جو اُتي کڻي پويان پير ڪندو آهي. شايد اهو سڀ هن لاءِ آهي ته هو مونکي پاڻ مان هڪ سمجهڻ کان عاري ۽ انسان ذات مان تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهن. هر شخص وانگر آءٌ به سونهن جا گڻ ڳائيندو آهيان، پر شايد اها منهنجي حرڪت اوهان کي ناگور گذرندي هجي ۽ منهنجي انهيءَ حسن پرستيءَ جي گناهه کي اوهان معافيءَ کان مٿي گناهه سمجهندا هجو. +آءٌ اڃان تنجڻن ۾ هوس ته پدري شفقت کان محروم ٿيس. صرف الله ۽ امڙ کان سواءِ، گهر ۾ مڙيوئي خير. منهنجي بدصورتيءَ لاءِ ڀلا ڪير جوابدار ٿي سگهي ٿو؟ بابو؟... امان؟... انهن جو ڪهڙو قصور! بس، آءٌ ڄائس! ممڪن آهي ته هنن جي نه چاهنا هئي ته ڪو آءٌ ڄائس! ممڪن آهي ته هنن جي نه چاهنا هئي ته ڪو آءٌ ڄمان، ۽ نه کين ڪل هئي ته آءٌ ڪو ڄمندس. +جيئن ته هر ماءُ کي اها آس هوندي آهي ته پنهنجي پٽ جا هٿ مينديءَ رنڱا ڏسي، سو امڙ به هڪ ڏينهن مونکي ڏسي چيو ته ”ٻچا گهر ۾ ڪنوار ڪڏهن ٿو آڻين“؟ +”امان تمام جلد،“ مون دل کي ڏاڍو ڪندي وراڻيو. +امڙ پنهنجي پاڙيسري پوڙهين سان منهنجي شاديءَ بابت صلاح مصلحت شروع ڪري ڏني. ڪيترا ڏينهن ڳالهيون هلنديون رهيون ۽ هوءَ هرزو نااميد ٿي واپس گهر موٽي ايندي هئي. ان نراسائيءَ جو سبب کانئس پڇندو رهيس، مگر هوءَ ”ڪجهه به نه“ چئي، خاموش ٿي ويندي هئي، پر، ان ”ڪجهه به نه“ ۾ ماءُ جي ڏڪندڙ دل جي بيوسيءَ جا آثار ڏسجي رهيا هئا. ٻه هفتا گذري ويا امڙ ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. جيڪي اڳ مون تي نه کلندا هئا، تن به هينئر کلڻ شروع ڪري ڏنو، هڪ پير مرد ته مون ڏانهن نهاريندي، همدرديءَ جي لهجي ۾ چيو، ”غريب ويچارو!.... ماڻس ڪنوار هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيترو نه پاڻ پتوڙيو.... اي خدا! تون ههڙا ماڻهو زمين تي موڪلين ڇو ٿو؟“ +پوءِ آءٌ، چپ چاپ، بت جي چک مک ۽ ٺاهه ٺوهه ڏانهن متوجه ٿيس، ۽ پنهنجي بدصورتيءَ کي عمدن ڪپڙن ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪيم. پر منهنجي هن نادانيءَ ماڻهن کي مذاق جو پاڻ وڌيڪ موقعو ڏنو. ڪانءُ وهنجڻ سان ڪو هنس ڪونه ٿيندو آهي. +ڪيتري عرصي کان آس هيم ته ڪنهن سان محبت ڪريان ۽ ڪو مون کي به پيار ڪري. نيٺ مون به پنهنجي لاءِ محبوب ڳولي هٿ ڪيو. منهنجي عشق جو داستان ٻڌڻ جو اوهان کي يقيناً اشتياق جاڳيو هوندو. واقعي هي هڪ عجيب داستان آهي، جنهن ۾ هڪ ننڍيءَ نينگر جو، جنهن سان پريم جا پيچ پاتم ۽ شادي رچايم، داستان پڻ شامل آهي. جنهن منهنجي ڏيهان ننديل شڪل شبيهه جي ڪا پرواهه نه ڪري، مون سان پنهنجي پوتر پريم جا پيچ پاتا ۽ شادي رچائي. +ڪنوار هٿ ڪرڻ لاءِ منهنجي ماءُ جون ڪوششون رائگان ويون.ڪنهن به عورت هڪ باندر جي زال ٿي رهڻ قبول نه ٿي ڪيو. هن ناڪاميءَ سبب اَمڙ بيمار ٿي پيئي. هڪ اڳ ۾ ئي هئي پوڙهي، ٻيو وري هن سوداءَ ۽ پريشانيءَ کيس اهڙو جهليو جو وري نه اُٿي. منهنجي مٺڙي امڙ،.... منهنجي دل جو آٿت،..... جا پنهنجي پيار جي مٺڙيءَ هير سان منهنجي دل جي اُٿندڙ اُلن کي وسائيندي هئي،.... امڙ منهنجي زندگي... منهنجي آس ۽ اميد،.... جنهن منهنجي خطر ناڪ بدصورتيءَ ۾ به سونهن جي جهلڪ ڏٺي هئي. مون کان موڪلائي ويئي،... مون کي هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويئي. آءٌ مٿس ويهي رئندس ڪين: ڇا لاءِ ته وڌيڪ دک درد سهڻ جي سگهه منهنجي غريب امڙ ۾ باقي ڪانه بچي هئي. +۽ پوءِ جيڪو معجزو ٿيڻو هو، سو ٿي پيو. هڪ ڏينهن، اوچتو اوچتو، ڏاڪڻ ڀرسان لٺ جي ٺڪ ٺڪ ٿي. تنهن بعد هڪ صدا جو پڙلاءُ پيو! ”سائين ڪجهه واسطي الله جي!“ هيءَ هڪ گداگر جو آواز هو. ”سائين آءٌ ڏسي نه ٿي سگهان!“. هن ٻيهر آواز ڏنو. مون هن ڏانهن، ۽ پوءِ هن جي اکڙين ڏانهن نهاريو. پنهنجو پاڻ کي وساريندي، مون سوچيو ”غريب ڇوڪري.... نوجوان.... مگر نابينا! هڪ جيئري جاڳندي زندگي جنهن ۾ صرف ٻڌڻ ۽ ڇهڻ ممڪن!.... ڪا حسين ڪانه هئي، پر سنديس اُڀريل ڇاتي ۽ ٻيون جوانيءَ جون علامتون منجهس موجود هئڻ ڪري، پهرينءَ نظر سان دل ڏيئي ويٺس.“ ”اندر اچ ۽ اچي ويهه!“ مان هن کي محبت ڀرئي انداز ۾ چيو. هوءَ دروازي ڳولڻ لاءِ هٿوراڙيون ڏيڻ لڳي، ۽ مون اُٿي سندس هٿ ورتو. عورت کي ڇهڻ جو زندگيءَ ۾ مون لاءِ هي پهريون واقعو هو. احساس ڀريل نگاهن سان هن ڏانهن نهاريم نابينائيءَ جي باوجود به هن جي مک ۾ ڪافي رعنائي هئي. سندس ڀريل ڇاتي منهنجي ڇاتيءَ کان گهڻو پري ڪانه هئي. ان کان اڳ جو آءٌ ڪجهه سوچيان، مون کي سرءُ جي تپ وانگر اچي ڏڪڻيءَ ورايو. محسوس ڪيم ته منهنجا چپ خشڪ ٿي چڪا هئا ۽ دل جي رفتار تيز ٿي ويئي هئي. ”تون اتي ويهه،“ مون هن کي ورانڊي جي پڇڙيءَ ۾ ڪرسيءَ تي ويهاريندي چيو. هڪ رپيو ۽ جيڪا ڪجهه روٽي بچت هئي، سا مون کيس ڏني. هن پنهنجو نالو ”ليلا“ ٻڌايو، ۽ چيائين ته هوءَ پنهنجي ماءُ سان شهر جي ٻاهران هڪ وڏي ڪارخاني لڳ ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ رهندي هئي. موڪلائڻ وقت مون هن کي وري اچڻ لاءِ گذارش ڪئي. +ليلا هينئر اڪثر اچڻ لڳي. منهنجي ۽ هن جي ملاقات روزمره جو دستور ٿي پيو. اسان هر موضوع تي بحث ڪندا هئاسون، ۽ آءٌ دل جو بار هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. زندگيءَ جون گهڙيون منهنجي لاءِ دلچسپ ٿيڻ لڳيون. ڪنهن وقت سوچيندو هوس ته جيڪڏهن ليلا جي بينائي قائم هجي ها، ته يقيناً هن جي سونهن ۾ اضافو ٿي وڃي ها! عورت جا ناز ڀريا خماري نيڻ ڪيڏو نه مدهوش بنائي ڇڏيندا آهن! جيتوڻيڪ انهيءَ باري ۾ رڳو ٻين کان ڳالهيون ٻڌيون هيم، پر اکڙين جي انهن جادو ڀرين ادائن جو ذهني طور پاڻ به قائل هوس. خوب ڄاتم ٿي ته منهنجي اُميد ڪيتري نه چريائپ واري هئي. جيڪڏهن ليلا کي اکيون هجن ها ته هوءَ دردر ڌڪا ڪين جهلي ها! جي پينو به هجي ها، ته به خيرات کان وڌيڪ مون کان ڪجهه وٺڻ لاءِ تيار نه ٿئي ها ۽ نه وري هن جون اکيون ڪڏهن به کيس مون وٽ آڻڻ لاءِ تيار ٿين ها، ۽ نه ئي وري ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو ئي نصيب ٿئي ها. +ماڻهو اسان جي ملاقاتين کان واقف ٿي چڪا هئا، مگر ڪنهن به حسد ڪين ڪيو. ”باندر“ هئڻ ڪري هنن جي مذاق جو مرڪز ته اڳ ئي هوس. هينئر وري انڌيءَ جي عشق هڪواريءَ هنن کي کلڻ لاءِ وڌيڪ موقعو ڏنو. انڌيءَ ۽ بدصورت جي ميلاپ تي ڀلا ڪير نه کلندو؟ +هڪ ڏينهن مون ليلا کان پڇيو، ”ليلا تون مون بابت ڇا سوچيندي هوندين؟“ هوءَ شرمائجي ويئي ۽ هن جي چپن تي مرڪ اچي ويئي. آءٌ خوشيءَ ۾ ڀرجي ويس. +”ها! ٻڌاءِ ليلا“، مون هن کي پيار مان چيو. +”ڇا، مان ڪڏهن چيو آهي ته تون خراب ماڻهو آهين؟“ هن مشڪندي وراڻيو. +جيتوڻيڪ منهنجو ارادو ڪين هو پر احساسات جي غلبي سبب مون هن کان پڇيو، ”ليلا! تون مون کي پسند ڪرين ٿي؟“ هن شرم وچان ڪنڌ جهڪايو ۽ مون محسوس ڪيو ته حياتيءَ جو لطف اُن منظر ۾ اچي چڪو هو. ليلا موڪلائي ويئي. ”ليلا!“ ”ليلا!“ مان ڪيترو نه خوش نصيب هوس جو هن هيڏيءَ ساريءَ بي وفا دنيا ۾ آءٌ به ڪنهنجو نالو پيار سان پڪاري سگهيس ٿي. حياتي، جا مون لاءِ اڳ وبال هئي، سا هينئر بدلجي جنت ٿي پيئي. +جيڪي مون تي کلندا آهن، سي منهنجا دشمن آهن. سمجهو کڻي منهنجي بدصورتيءَ بابت هنن ليلا کي اڳ ئي ڪجهه ذهن نشين ڪرايو هجي! ڇا هنن ائين ڪيو ته ڪين آهي؟ ڪهڙو اعتبار! پر هن ويچاريءَ کي ڪهڙي خبر ته خوبصورتي ڇا ٿيندي آهي، جڏهن جو هن کي رات ڏينهن جي پروڙ پئجي نٿي سگهي. آءٌ ائين ڪونه ٿو چوان ته هن جو ڄائي ڄم کان نابيانا هجڻ، منهنجي خوش قسمتي هئي. پر ڇا، اها هن جي بدبختي به هئي ڪيئن؟ +ليلا ٻئي ڏينهن آئي. آءٌ شاديءَ متعلق سوچي رهيو هوس: ’ڇا اسان جو نڪاح ڪو ملان پرهڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ هي خدا جا بندا ديني اصولن کي ٽوڙڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيندا! هنن جي شريعت موجب اسان جو ميلاپ ممڪن نه آهي. هو اسان جي مدد هرگز نه ڪندا! حالانڪ هنن کي خبر آهي ته مون جهڙي بدشڪل کي ليلا کان سواءِ ٻي وني ملڻ محال آهي. هو ضرور چوندا ته مان مسلمان آهيان: پر ڇا اها حقيقت آهي؟‘ مون هن کان پڇيو، ”ليلا، مون سان شادي ڪندينءَ؟“ هوءَ گهري سوچ ۾ غلطان ٿي ويئي. شايد منهنجو مسلمان هجڻ ئي هن جي سوچ جو موضوع هجي. ”ڇا ٿي چوين؟ ليلا، اهو ڪافي آهي جيڪڏهن تون صرف هي سمجهين ته آءٌ به هڪ انسان آهيان. الله تعاليٰ توکي منهنجي لاءِ پيدا ڪيو آهي. ذات پات ۽ هي مذهبي ڍونگ سڀ انسان جي دماغ جي پيدائش آهن.“ +هڪ عرضدار جي حيثيت ۾ مان هن جي جنبش ۾ آيل چپن ڏانهن نهاري رهيو هوس. پنهنجي حيثيت ان خونيءَ جهڙي سمجهي رهيو هوس، جو جج اڳيان فتويٰ ٻڌڻ لاءِ منتظر هوندو آهي. ها.... هي فيصلو ليلا ئي ڪري سگهي ٿي ته مون کي هن دنيا ۾ رهڻ گهرجي يا نه؟ ليلا خاموش رهي. مان پنهنجي تقرير جاري رکندي دهرايو، ”ليلا! چئه، ڪجهه ته چئه: آءٌ توکي پنهنجي حفاظت ۾ رکڻ گهران ٿو. وعدو ڪر ته مون کي خوش رکندينءَ.“ ”آءٌ غور ڪنديس“. آخر هن وراڻيو. ”جڏهن مان ڪٿان لنگهندي آهيان ته ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ته ’هوڏانهن نهاريو باندر جي محبوبه وڃي رهي آهي.‘ هنن جي هن اشاري مان ظاهر آهي ته تون سهڻو ڪين آهين.“ +”پر تون ڇا ٿي ڀانئين، ليلا؟“ مون نهايت ئي بيقرار ٿي پڇيو. ”آءٌ نٿي سمجهي سگهان ته حسن مان هنن جي ڇا مراد آهي، نه وري ڪو مان باندر ئي ڏٺو آهي. هو ڇا ٿا چون مونکي ان جي پرواهه ڪانه آهي. جيڪڏهن هو چون ها ته هن دنيا جي تختي تي تون هڪ حسين ترين شخص آهين تڏهن به آءٌ آخر ڇا سمجهان ها! مون هيءَ دنيا اکين سان نه، پنهنجي دل سان ڏٺي ۽ سڃاتي آهي. مان حسن ۽ بدصورتي پنهنجي دل سان پرکيندي آهيان. تون مسلمان آهين ۽ مان هندو استري. جيڪڏهن توکي اعتراض نه آهي ته مونکي به ڪينهي. مان سمجهو ٿي ته هن دنيا ۾ مونکي ڪنهن جي به محبت حاصل ٿيڻي ڪانه آهي. پر........“ ”ها.... ها... ’پر‘ ڇا؟“ مون انتظاريءَ سان کانئس پڇيو. +”هائو،.....پر....’پر‘ گهڻو ڪجهه آهي خاص طرح هن پنڻ جي ڌنڌي جي حالت ۾ مون ۾ پاڪ عورت ڪانهي جا توکي پيش ڪريان. اگرچ انڌي آهيان تڏهن به مون چاهيو ٿي ته مون سان به ڪو پيار ڪري. پر ساري ڏينهن جي ڌڪن ۽ ٿاٻن کان پوءِ، منهنجو پينن وارو خالي ڪستو منهنجي ۽ منهنجي ماءُ جي خالي پيٽ ڏانهن تڪي، شيطاني کل کلندو رهيو. مونکي ڪيترن ئي شهوت پرست انسانن اڳيان چپ رهڻو پئي پيو آهي. ڪوبه شخص هڪ نوجوان پينو فقيرياڻيءَ جي ڪستي ۾ رڳو خيرات طور پئسو نٿو اُڇلي! مون ٿي سمجهيو ته تنهنجي شروع ۾ همدردي به ساڳيءَ بنا تي آهي. مون کي معاف ڪج. اڄ سڀني انسانن کان وڌيڪ منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ عزت پيدا ٿيل آهي!“ منهنجا جهٽ پلڪ لاءِ ته تاڪ لڳي ويا. ڪجهه وقت خاموشي طاري رهي. آخر مون ان خاموشيءَ کي ختم ڪندي چپ چوريا، ”ليلا! اها ماڻهن جي مطلب پرستي آهي. مون کي ان جي پرواهه ڪانه آهي.“ هو خاموش رهي. +ڪجهه ڏينهن پڄاڻان، اهو وقت به اچي ويو، جنهن سموري ڳوٺ ۾ چوءٻول مچائي ڏنو. بنا ڪنهن ملان مولويءَ يا ٻانڀڻ برهمڻ جي ۽ بنا ڪنهن شاهد گواهه يا سفارش جي، هن ۽ مون- ليلا ۽ عبدالله خاموش وعدو ڪيوسون ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن هڪ ٻئي جي سک ڏک جا ساٿي ٿي گذارينداسون. +ماڻهن لاءِ تماشو وڌندو رهيو. هو کلندا رهيا. جڏهن ليلا ۽ ماڻس مون سان اچي رهڻ لڳيون، تڏهن سماج جا نام نهاد ٺيڪيدار عجب جي نشانيءَ جهڙو حليو بڻائي تڪيندا رهيا. آءٌ ليلا جي دل ڏاڍي پرڀائيندو رهيس. ”ليلا، ڀل ته ماڻهو کلن... کلڻ ڏين.... هو چريا آهن.“ +اسان هينئر باقاعدي زندگيءَ ۾ قدم رکيو. ليلا هينئر ماءُ ٿيڻ واري هئي. منهنجي بدشڪلي ۽ ليلا جي نابينائي ٻار جي پيدائش لاءِ ڪا روڪ ڪين هيون. هينئر مونکي اهي مسرتون حاصل هيون جن جو آءٌ زندگيءَ ۾ تصور ئي نه ٿي ڪري سگهيس. عاشق.... شوهر ۽ هينئر.... پيءُ ٿيڻ وارو هوس. واهه خدا، تنهنجا لک شڪرانا! تون وڏو آهين! +ليلا، ويم کان ٻه مهينا اڳ بيمار ٿي پيئي. ڊاڪٽر کي گهرايم ۽ هن کي التجا ڪيم ته ”مونکي ليلا بچائي ڏي.“ هن چيو ته ”تشويش جهڙي ڳالهه ڪانه آهي. اميد ته جلد ٺيڪ ٿي ويندي.“ ٿوري جهٽ رکي، ڊاڪٽر پڇيو ته ”ڇا هوءَ ‎ڄائي ڄم کان نابينا آهي؟ مان هن جون اکيون آپريشن ڪري ٺيڪ ڪري سگهان ٿو. البت هينئر آپريشن ناممڪن آهي. ويم کان بعد سولائي ٿيندي.“ ڊاڪٽر جي انهن لفظن منهنجي دل ۽ دماغ تي خوب وار ڪيو. ڇا هو چوي ٿو ته ’مان ليلال جون اکيون ٺيڪ ڪري سگهندس!‘ ڇا پوءِ هوءَ مون کان نفرت ڪندي! ان شخص کي... جنهن کي هوءَ محبت جي لائق تصور ڪندي آهي. ڇا روشني ملڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجو پيار ۽ مون لاءِ عزت قائم رکي سگهندي؟ مگر ڊاڪٽر آءٌ ڇا چوان! نه، ڀل ته هوءَ ائين ئي هجي! مون رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ’ليلا، ڊاڪٽر ٿو چوي ته تنهنجون اکيون ٺيڪ ٿي وينديون‘! مان مٿيون جملو بار بار دل ۾ دهرائيندو رهيس. مان هن کي ڪيئن سمجهايان ته هن جون اکيون منهنجي تباهيءَ جو باعث بڻبيون. ليلا جنهن منهنجي دل کي چڱيءَ پر پرکيو هو، سا منهنجي جسماني ڪيفيت کان بلڪل نا واقف هئي. چيائين ته ”جيڪڏهن مان پنهنجي ديد واپس وٺي سگهان، ته ڏاي خوش نصيب چئبيس. جڏهن مان توکي ٻنهي اکين سان ڏسي سگهنديس ته تون پاڻ وڌيڪ مونکي پيار ڪندين.“ بيماريءَ جي باوجود به هن جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪيو ٿي. هي سڀ ان لاءِ ته هن کي نئين زندگي ملڻ واري هئي. ڊاڪٽر نسخو ڏيندي چيو، ”جڏهن ليلا ٺيڪ ٿي وڃي ته پوءِ تون مون وٽ اچج ته آپريشن متعلق وڌيڪ ڳالهائينداسون.“ +ليلا خاموش هئي، مگر منهنجي دل ۾ طوفان ٿي اٿيا. منهنجو دماغ ڪيترن ئي وهمن ۽ وسوسن جو مرڪز بڻجي چڪو هو. +مان ورانڊي جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺس. هيءُ گهر هو جتي منهجي آرام جو وقت گذرندو هو سو به هينئر ختم ٿيندو پئي نظر آيو. منهنجي دنيا تمام ننڍڙي هئي ’نه.... نه، تون ليلا کي بينائي نٿو ڏيئي سگهين. اڙي ڊاڪٽر! تون منهنجن دشمنن سان ساز باز ڪري مونکي تباهه ڪرڻ گهرين ٿو؟ پر ياد رک آءٌ پهريائين توکي ختم ڪندس. تو اسان جي آرام واريءَ زندگيءَ ۾ ڇو خلل وڌو آهي؟ پر، نه... تنهنجو ته اهو فرض آهي. تنهنجو ان ۾ ڪهڙو قصور؟ ڀل ليلا جون اکيون ٺيڪ ٿين ۽ ڀل ته هوءَ غريب ان نعمت کي ماڻي، زندگيءَ جون چار گهڙيون خوش گذاري. اها نعمت ته انسان کي غريب چاهي امير کي بنا ڪنهن امتياز جي عطا ٿيل آهي. پر مان جيڪر، ان کان اڳ، جو هوءَ محسوس ڪري ته باندر ڇا ٿيندو آهي، هن دنيا جي تختي تان هوند مٽجي وڃان. تڏهن ئي ته آءٌ هن جي يادگيريءَ ۾ هڪ انسان ۽ سچو محبوب ٿي گذاري سگهندس! ڇا هن جو پيار مون لاءِ پوءِ به ساڳيءَ طرح قائم رهي سگهندو؟‘ هاءِ، منهنجي دل.... ڏکي رهي هئي! +آخر اسان کي پٽ ڄائو، سماج هن ناجائز ٻار جي پيدائش تي ٿرٿلي ۾ اچي ويو! ڪيترا ته گڏهه وانگر هينگي هينگي کلڻ لڳا. ڪهڙي نه عجيب چيز آهي هيءَ دنيا! ڇا اها حقيقت نه هئي ته بدشڪل پيءُ ۽ نابينا ماءُ جو هيءُ ٻالڪ معصوم هو! هن ۾ ليلا جي رعنائي، ۽ منهنجون اکيون هيون. +ليلا هينئر تندرست ٿي چڪي هئي. هڪ دفعي هن مونکي اها ڳالهه ياد ڏياري جا مطلب پرستيءَ منهنجي ذهن مان اُڏائي ڇڏي هئي. ”هاڻ ڊاڪٽر ڏانهن هلڻ نه گهرجي؟“ کيس ڪهڙي ڄاڻ ته سندس انهن لفظن، منهنجي اندر ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون انڌاريون ۽ طوفان پيدا ڪري ڇڏيا! مون ڪوڙ ڳالهائيندي، کيس دلداري ڏني ته ”مون کان ڳالهه وسري ويئي هئي. اڄ وڃي ڊاڪٽر سان ضرور ملندس.“ مان غوطا کائي رهيو هوس. ٻن ڪلاڪن جي بي مقصد چڪرن بعد اچي ليلا کي ٻڌايم ته ”ڊاڪٽر مري ويو آهي.“ ان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيس. مون ٿي ڀانيو ته شايد اهي لفظ به اُڪري نه سگهن. ليلا خاطر ههڙي ڀل مانس ۽ ڪمائتي ڊاڪٽر جي موت تي جيڪو ڏک مون کي ٿيڻ گهربو هو، رڳو ان جو ٺلهو ڏيکاءُ به ڪين ڪيم. مون پنهنجي دل ۾ خود مطلبيءَ کي ڇپائي رکيو. هيءُ سڀ ڪجهه آءٌ پنهنجي حفاظت ۽ دائمي آرام لاءِ ڪري رهيو هوس: مڄاڻ جو ائين ڪرڻ سان من کي هميشہ لاءِ اشانت ڪري رهيو هوس. +ڏکيا سکيا ڏينهڙا گذرندا رهيا هڪ ڏينهن جيڪي ڪجهه مون گهر پهچي ڏٺو، تنهن منهنجي دل کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. ليلا جي ماءُ ٽامي جو ديڳڙو ڪمري مان کڻي پاسي ڪري ڪونه رکيو هو. ليلا، ٻار جي رئڻ تي جڏهن بنا لٺ جي پينگهي ڏانهن ڊوڙ پاتي ته ٿاٻڙجي وڃي در جي تاڪ سان لڳي. رت زور سان وهي رهيو هوس. مون کيس بنا ڪنهن دير جي اسپتال پهچايو. +زندگيون جلي رهيون هيون. ڇا، هاڻي کلڻ تي دل ٿئيو ٿي؟ آءٌ وڌيڪ شڪايت ڪونه ٿو ڪريان. ٻئي ڪندي منهنجي شڪايت جي پرواهه به ڪير ٿو ڪري؟ +’ليلا! منهنجي زندگي!... منهنجي دنيا!‘ ڊاڪٽر مون کي سڏ ڪري ٻڌايو ته ”سخت ڌڪ آيل ٿو ڏسجي، حالت خراب آهي.“ مان ليلا ڏانهن ڊوڙ پاتي. هن جو سور کان برو حال هو. مان ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سڏڪا ڀريندي چيو، ”اوهان اچي ويا؟ مان موڪلايان ٿي. صرف هڪ حسرت دل ۾ کڻي ٿي وڃان ته اوهان کي ڏسي نه سگهيس.“ ليلا جي هيءَ آخري اُميد منهنجي همت جو امتحان هئي. ڇا هوءَ ان لاءِ افسوس ڪري رهي هئي ته ڊاڪٽر مري ويو آهي؟ ”ليلا!“ مان هن کي چيو، ”مون کي اکين سان ڏسڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. ڇا تو مون کي پنهنجي ڪشاديءَ ۽ پاڪ دل جي اک سان نه ڏٺو هو؟ مان سمجهان ٿو ته توئي مون کي هن دنيا ۾ چڱيءَ طرح ڏٺو آهي. ماڻهو هڪٻئي کي اکين سان ڏسي سگهن ٿا پر سڃاڻي بنهه ڪين ٿا سگهن. پياري... غم نه ڪر. تون جلدئي ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“ +هن مون ڏانهن نهاريو ۽ چوء طرف خاموشي ڇانئجي ويئي. چمڪندڙ سج اڳ ۾ ئي غروب ٿي چڪو هو: ليلا ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ اکڙين مان ڳوڙها ڳڙي هليس. منهنجي حالت خراب ٿيندي ٿي ويئي. منهنجو ڳجهه پڌري ٿي پوڻ تي هو. مان وڌيڪ بيهي نه ٿي سگهيس. ليلا جي ماءُ آئي ۽ ٻار کي ماءُ جي پاسي ۾ ليٽايائين. ننڍڙي جيتامڙي، روئڻ شروع ڪري ڏنو. مان وائڙو بنيو چپ چاپ بيٺو رهيس. ليلا جو پاڪ روح پرواز ڪري ويو. ياد نه آهي ته مون ان وقت ڇا ڪيو. هڪڙي دل بيهجي ويئي ۽ ٻيون دليون ڦسي پيون.... سج رخصت ٿي چڪو هو، ۽ اونداهي ڪاري ٿي رهي هئي. +ماڻهو جيڪي منهنجي بدشڪليءَ ۾ جذبا ۽ احساس نه ٿا پروڙي سگهن سي اڃان کلندا ٿم. آءٌ ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن آءٌ به انڌو هجان ها، ته منهنجي هيءَ آتم ڪهاڻي ڪهڙو رخ وٺي ها! +ناٽڪ +محمد عثمان ڏيپلائي +شاهدي +(هڪ ايڪٽ جو ناٽڪ) +ڪردا +رئيس احسن خان +مدعي +قربان علي شاهه +شاهد +ايم- اي ماجد +مدعيءَ جو وڪيل +فيروز +مدعيءَ جي وڪيل جو منشي +شاهد علي خان +مدعاعليه +سرفرار حسين +مدعا عليه جو وڪيل +ان کان سواءِ جج، نائڪ، حاضرين وغيره +زمانو ۽ جڳهه! +انگريزن وارو ۽ پڻ هاڻوڪو- سنڌ ۾ جتي ڪٿي. +(ديواني ڪورٽ جي ورانڊي ۾ رئيس محمد احسن خان ۽ سندس وڪيل ويٺل کل ڀوڳ اندران منشي فيروز گهٻرايل حالت ۾ اچي ٿو) +منشي- حضور! طلم ٿي ويو! +وڪيل- ڪهڙو ظلم؟ +منشي- حضور! جج صاحب ٻي شنوائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. چو ٿو ته ”شاهد نه آيا هوندا ته دعوا ڊسمس ڪندس.“ +وڪيل (کلي) اوهه! ڳالهه به اها؟ +رئيس- (گهٻرائجي) سائين! توهين ته کلو پيا، هوڏانهن دعوا جو ڊسمس ٿيندي؟ +وڪيل- دعوا ڊسمس ٿيندي، جو اڳيان ٻار آهن! +رئيس- پر سائين! شاهد ته ڪوبه ڪونه آيو آهي! +وڪيل- (مرڪي) ڪير ٿو چوي؟ +رئيس- سائين مدعي ته آءٌ آهيان نه! +وڪيل- پر وڪيل به ته مان آهيان نه؟ (مرڪي) ڪڍو ويهه روپيه! +(رئيس- حيرانيءَ مان ويهه روپيا ڪڍي ڏئيس ٿو) +وڪيل. (منشيءَ کي) شاهه صاحب کي ته سڏي وٺ؟ +(منشي، قربان علي شاهه کي وٺي اچي ٿو) +وڪيل- شاهه صاحب! (نوٽ ڏيئي) هي اٿو خرچي: بس سمجهي وڃو! (رئيس محمد احسن کي) رئيس، هي وٺو اوهان جو شاهد! +(نائڪ پڪاري ٿو.) +(نائڪ. رئيس محمد احسن خان مدعي حاضر آهي؟ (3 دفعا پڪاري ٿو) +شاهد علي خان مدعاعليه حاضر آهي (3 دفعا پڪاري ٿو) +(شاهد علي خان جو وڪيل، سرفراز حسين، خوش ٿيندو اندر وڃي ٿو. قربان علي شاهه به يڪدم وڌي اندر وڃي ڪورٽ کي سلام ڪري، شاهدن جي پڃري وٽ بيهي ٿو.) +رئيس (نهايت گهٻرايل حالت ۾) جناب! هن کي ڪجهه سمجهايو ته ها. +وڪيل- (مرڪي) سمجهائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. +رئيس پر سائين! هن کي اکين ڏٺو شاهد بنائڻو هو سو بنا سمجهائڻ جي ڪئن ”شاهدي“ ڏيندو؟ +و��يل- (مرڪي) رئسي صاحب! توهان اندر هلي رنگ ڏسو. هاڻي هلو اندر دير ٿي ٿئي. +(ٻئي اندر وڃن ٿا وڪيل ڪورٽ کي سلام ڪري اڳيان اٿي ٿو بيهي.) +وڪيل- ڪورٽ سڳوريءَ کي معلوم آهي، ته هيءَ پنجن هزار رپين جي دعوا، رئيس احسان علي خان مرحوم تي، رئيس محمد احسن خان جي ڪيل آهي، ۽ جئن ته رئيس صاحب فوت ٿي ويل آهي، ان ڪري ان جو نابالغ پٽ شاهد علي خان سندس وارث جي حيثيت ۾ آهي.... +جج- مگر انهيءَ ڊيگهه جو ضرور ڪهڙو؟ توهان پنهنجو شاهد پيش ڪريو. +وڪيل حاضر جناب، اسان جو شاهد نمبر پهريون، سيد قربان علي شاهه، پڃري وٽ بيٺل آهي پيش ٿيڻ جي اجازت ملي. +جج اجازت آهي. +(”شاهد نمبر پهريون“ جي لفظن تي رئيس ڪجهه گهٻرائجي، وڪيل ڏي ڏسي ٿو. مگر وڪيل کي ڪوبه خيال ڪونهي انهيءَ تي هو وري منشيءَ سان سرپر ڪري ٿو) +رئيس منشي صاحب! ٻيو شاهد ڀلا ڪير آهي! +منشي ٻيو ڇا لاءِ؟ +رئيس هي جو وڪيل صاحب چيو ته ”شاهد نمبر پهريون“ سو؟ +منشي انهيءَ جي معنيٰ اها، ته ڪورٽ سڳوري کي جيترا شاهد کپن اوترا ڏبا. +رئيس (وائڙو ٿي) پر اهي آهن ڪٿي؟ +منشي رئيس صاحب! ڪورٽ هن هڪڙي سان ئي مس منهن ڏيئي سگهندي، ٻئي جي ضرورت پوي ئي ڇو ٿي؟.... +(انهيءَ وچ ۾ شاهه صاحب کنگهڪار ڪري، تمام اطمينان سان پڃري ۾ بيهي ٿو. مدعاعليه جو وڪيل خوش ٿي مرڪي ٿو) +ناظر (شاهه کي) نالو ڇا اٿيئي؟ +شاهه قربان علي شاهه. +ناظر ولد؟ +شاهه حضرت سيد سبحان علي شاهه وارثي، چشتي، قادري، قدس الله سره العزيز. +ناظر هڪڙو اکر چوء؟ ايڏو ڊگهو نالو ڪئن لکبو؟ +شاهه جناب! نالو ته هڪڙوئي آهي، بزرگن جو احترام ڪرڻ هرڪنهن حلاليءَ جو اولين فرض آهي. +ناظر مگر مان ڇا لکان؟ +شاهه توهين نوان آهيو. نه ته هتي هرڪو شخص سائين وڏي جي نام نامي اسم گراميءَ کان واقف آهي. +جج (تڪڙ مان) ميان! لک ”سبحان علي شاهه“. +ناظر ڪلمو پڙهه! +(شاهه صاحب، نهايت مخرج سان ڪلمئه شهادت پڙهي ٿو) +ناظر چوء ته ’خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ چوندس.‘ +شاهه آءٌ الله پاڪ جل جلالہ عم نواله کي حاضر ناظر سمجهان ٿو، ۽ بلڪل سچ چوندس. +ناظر ’ڪوڙ نه ڳالهائيندس.‘ +شاهه ڪوڙ کان الله تعاليٰ اسان جي خاندان کي پناه ڏني آهي. +(مدعيءَ جو وڪيل ساڻس مخاطب ٿئي ٿو) +وڪيل شاهه صاحب! توهان مدعي رئيس محمد احسن خان کي سڃاڻو؟ +شاهه ها معمولي طرح، هو اسان جي مرحوم و مغفور دوست رئيس احسان علي خان خدا بخشيس، جي واقفن مان هڪ آهي. +وڪيل هونئن اوهان سان ذاتي دوستي ڪانه اٿس؟ +شاهه نه سائين، اسين مولائي مڙس، وڏن ماڻهن سان دوستي رکون ئي ڪونه! +وڪيل پوءِ رئيس احسان علي خان سان ڪئن دوستي هئو؟ +شاهه (کلي) رئيس مرحوم به ڪو وڏو ماڻهو هو؟ اڙي سائين، هو ته مسڪينن ۽ اڀرن جو يار هو، غريبن جو غمگسار هو، هن کي مولا پاڪ ڏيندو هو ته هو ان کي غريبن جي امانت سمجهندو هو. +وڪيل چڱو، ته ڀلا هن رئيس محمد احسن کان پنج هزار رپيا اُڌارا ورتا هئا؟ +شاهه ها سائين، هو غريبن جي مدد لاءِ ڪنهن کان به پئسا اڌاري طور وٺڻ ۾ عار ڪونه سمجهندو هو. +وڪيل توهان روبرو پئسا وٺندي ڏٺا؟ +شاهه ڳڻي ته رئيس محمد احسن رهيو هو. هو مولائي مڙس اهڙن چچين مارڻ مان ڪونه ڄاڻندو هو. هن وٺي کڻي کيسي ۾ وڌا. +وڪيل (جج کي) بس جناب! مون کي ايترو ئي پيش ڪرڻو آهي. +جج (مدعاعليه جي وڪيل کي) آڏي پڇا اٿو؟ +وڪيل ها حضور! +جج چڱو: پڇو! +وڪيل (کنگهڪار ڪري، مرڪي) شاهه صاحب! اوهان ڪڏهن جيل کاڌو آهي؟شاهه صاحب! اڄ ڪلهه ملڪ جو ڪهڙو چڱو مڙس ۽ سڌاري جي چاهنا رکندڙ اهڙو آهي جنهن جيل نه کاڌو هجي؟ هي پير ڏسو، هي مير ڏسو، هي وزير ڏسو، هي ليڊر ڏسو، هي ديش ڀڳت ڏسو، هي محبان وطن ڏسو، هي شيواڌاري ڏسو، هي خادم خلق ڏسو، سڀ پيا جيل وڃن: منهنجي خيال موجب ته اهو شخص قوم جي خذمت ۾ اڃا پڪوئي نه ٿيو آهي جنهن جيل نه کاڌو هجي، ان ڪري ته حضرت سيدالعارفين ڀٽائي گهوٽ (رحمہ الله عليہ فرمايو آهي ته: +اڃا تو منجهاءُ، ڪک ڇتي رت نڪري... +ناظر اڙي ميان بس ڪر! ڪورٽ ڪا بيتن ۽ ليڪچرن لاءِ نه آهي! +شاهه حاضر سائين! +وڪيل ڀلا توهان ڪهڙيءَ ملڪ جي خذمت ۾ جيل کاڌو؟ +شاهه (فخر سان) آءٌ ته شاهديءَ جي قانون کي نهايت ناقص سمجهان ٿو، انهيءَ جي اصلاح جي ڪوشش ۾ جيل مليو هو، پر اپيل ۾ منهنجي ئي فتح ٿي. +وڪيل (ڪورٽ کي) جناب! هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، هن کي ڪوڙيءَ شاهديءَ سبب جيل مليو هو، ان ڪري هن جي شاهدي وزنائتي ناهي. +جج توهين انهيءَ ڪورٽ جا نقل وٺي پيش ڪريو ته ڪورٽ غور ڪندي، پر هينئر شاهدي ته رد ڪري ڪانه سگهبي. +وڪيل چڱو، حضور! (شاه کي) اوهين مرحوم احسان علي خان کي سڃاڻندا هئا؟ +شاهه واه سائين، سڃاڻڻ جي به ڪا ڳالهه آهي؟ خدا مرحوم کي جنت نصيب ڪري، اسين ته بادام جي ٻن ڦارن وانگر هڪ جان ٻه جسم هئاسون. نه هن کي ڪڏهن مون کان سواءِ قرار هو، نه مونکي! +وڪيل ڀلا سندس عمر گهڻي هئي؟ +شاهه اهائي ٻه ٽي ويهون! +وڪيل اهو ٻه ٽي ويهون چوڻ سان ڪم نه هلندو صاف ٻڌايو ته هو گهڻن ورهين جو هو؟ +شاهه اها ورهين جي پوري خبر ته اسڪول ماستر يا آدمشماريءَ وارن کي هوندي: ٻهراڙيءَ ۾، ماڻهو پنهنجي عمر جي ئي داخلا ڪونه رکن، حضور! +وڪيل ڀلا پوڙهو هو يا جوان؟ +شاهه عمر جي لحاظ کان ته پوڙهو ڪونه هو، پر اڪثر صحت خراب هجڻ سبب وڏو پيو معلوم ٿيندو هو. +وڪيل وار اڇا هئس يا ڪارا؟ +شاهه نزلي سبب وار اڇا ٿيل هئس، پر جڏهن ڪيس لڳائيندو هو تڏهن جهڙو جوان! +وڪيل رنگ ڳورو هوس يا ڪارو؟ +شاهه هو بلڪل عمدي ڳوري رنگ جو هو، پر پوين ڏينهن ۾ بيماريءَ جي دور سبب مڙس البت ڪاراٽجي ويو هو. +وڪيل ڊگهو هو يا بندرو؟ +شاهه نڪي تمام ڊگهو ۽ نڪي تمام بندور بس پوري پني قد جو هو. بيماريءَ کان ڪمر ڪجهه جهڪيل هئيس، سو جڏهن سنئون نئون ٿي هلندو هو، تڏهن ڪجهه مڙيئي ڊگهو پيو ڏسبو هو: ۽ جي جهڪي هلندو هو ته بندرو پيو ڀانئبو هو. +وڪيل (تکو ٿي) سوال جو جواب صفا ڇو نٿا ڏيو! اهو ڇا، ’پوڙهو به هو ته جوان به هو، ڳورو به سنورو به، ڊگهو به بندرو به، وار اڇا به هئس ته ڪارا به ڀلا انهي مان صورت جو ڪهڙو پتو پوندو؟ +شاهه (نهايت نرميءَ سان) خانصاحب! رنج ڇو ٿا ٿيو! ڪا هڪ ڏينهن جي ملاقات هجي ته انهيءَ ڏينهن جي خاص حالت جي خبر ٻڌايان، ورهين جا ورهيه رات ڏينهن جي سنگت رهي پوءِ جهڙين حالتن ۾ ڏٺم اهڙين ئي حالتن ۾ ٻڌايان ٿو، مون کي ڪورٽ سڳوريءَ جي احترام ۾ صاف سچ ڳالهائڻو آهي، ڪو ڪوڙ ته ڪونه ويهي گهڙيندس! +(ڪورٽ ۾ هلڪو ٽهڪڙو مچي ٿو وڃي. جج صاحب ميز تي مترڪو هڻي ’آرڊر‘ ’آرڊر‘ چوڻ ٿو فرمائي). +وڪيل ڀلا رئيس مرحوم کي ڏاڙهي هئي؟ +شاهه هو هڪ قلندري طبيعت وارو مولائي مڙس هو، آيس پور ته سڀئي وار چٽ، وري ڪڏهن آئي موج ته ڏاڙهي خواه زلف ائين وڌائيندو هو جهڙو خضر صورت! +وڪيل اجائي بڪواس جو ضرور ڪونهي، فقط هائو يا نه جو جواب ڏي، اسانکي ساريءَ دنيا جي قصن ۽ آکاڻين جي گهرج ڪانهي. +مدعيءَ جو وڪيل (ڪورٽ کي) حضور! +شاهه حاضر جناب! اڳتي حڪم موجب انهن ٻن اکرن ۾ ئي جواب عرض ڪندس. +وڪيل احسان علي خان مرحوم ڪٿي رهندو هو؟ +شاهه جي ها. +وڪيل اهو ’جي ها‘ ڪهڙو! آءٌ پڇان ٿو ’ڪٿي رهندو هو؟‘ چي ’جين ها‘ اهو به جواب آهي؟ +شاهه- سائينءَ جي ئي فرمايو هو ته ���جواب ۾ فقط هائو يا نه چئج، فضول بڪواس نه ڪج‘ آخر سائينجن جو به حڪم ته ضرور مڃڻو آهي. +وڪيل مون ڪو هر ڪنهن سوال لاءِ اهي ٻه اکر ٿوروئي چيا هئا، خير هاڻي ٻڌاءِ ته ڪٿي رهندو هو؟ +شاهه پنهنجيءَ جاءِ ۾. +وڪيل (چڙي) لاحول ولاقوت، اڙي ميان! شهر ۾ رهندو هو يا ٻهراڙيءَ ۾. +شاهه ڪڏهن شهر ۾، ڪڏهن ٻهراڙيءَ ۾. +وڪيل ٻهراڙيءَ ۾ سندس جاءِ ڪهڙي طرف کي سامهين هئي؟ اوهين ته اتي به ويندا پيا هئا نه؟ +شاهه جي ها، حضور! سدائين پيو ويندو هوس. +وڪيل اصل سوال ته اوهين کائي ويا، مون سدائين وڃڻ جو ڪونه پڇيو، پڇيم ته سندس ٻهراڙيءَ واري جاءِ ڪهڙي طرف کي سامهين هئي؟ +شاهه (مرڪي) طرف؟ اي سائين! پاڻ شهرين جو مٿو ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري ڦريل هوندو آهي، مون کي ته نڪو اتي ڪڏهن طرف جو پورو پتو پيو، نه ڪا ضرورت هيم جو کڻي ڪنهن کان پڇان يا ويهي غور ڪريان. +وڪيل اهي رپيا هن ڇا لاءِ ورتا هئا؟ +شاهه ضرورت لاءِ ٻيو ڇا لاءِ؟ +وڪيل ڪهڙي ضرورت؟ اهڙي ڪا خاص ضرورت اچي پيئي هئس ڇا، جو قرض کان سواءِ ڪم نٿي هلي سگهيس! +شاهه- هو هڪ نهايت دلير مولائي مڙس هو، هن لاءِ خاص ۽ عام ضرورتون هڪ جهڙيون هونديون هيون،هو پاڻ وٽ ٻه چار هزار رپيا رکڻ به ضروري سمجهندو هو. +وڪيل هن اهي پئسا ڪڏهن ورتا هئا؟ +شاهه جڏهن ضرورت پيس. +وڪيل انهيءَ کي گهڻا ڏينهن ٿيا؟ +شاهه هڪ سال ۾ ٽي سو پنجهٺ ڏينهن ٿين ٿا، هاڻي حساب ڪرڻ ۽ سڀ ڏينهن جوڙ ڏيڻ اهو ته ذرا مشڪل ڪم آهي. +وڪيل آءٌ اوهان کان ڏينهن ڪونه ٿو پڇان، سال ٿو پڇان. +شاهه سال ته جيڪي دستاويز ڏسڻ موجب ٿيندا، سي هوندا. +وڪيل ته صاف کڻي چئو ته مون کي ياد ناهي. +شاهه خير ياد ته مون کي پنهنجون ته ڇا پر منهنجي عمر وارن سڀني صاحبن جي ننڍپڻ جون به ڳالهيون آهن، پر مطلب اهو آهي ته لکڻ پڙهڻ ڇڏئي ڪي ورهيه ٿيا. هاڻي اهي حساب ليکا ته ياد رکڻ واپارين جا ڪم آهن. +(گهڙيال جا ٺڪاءُ ٿين ٿا، وڪيل گهٻرائجي تڪڙ مان اهو سوال ڇڏي ٻيو سوال ٿو ڪري.) +وڪيل (فخر مان) ڪيئن جناب! اوهين احسان علي خان مرحوم جا دلي دوست هئا، ورهين جا ورهيه گڏ رهندا هئا، تنهن ڪري سندس اکر ته ضرور چڱيءَ طرح سڃاڻندا هوندوء؟ +شاهه (مرڪي) اهو ته مرحوم جو خاص ڪمال هو، جنهن تي هو بجا فخر ڪندو هو جناب هو نهايت خوشخط ۽ قسمين قسمين طرز تحرير جو واقف هو: قلم تي ايترو ضابطو هوس جو هڪڙا اکر ٻين سان ملي ئي نه سگهندا هئا. +جج (ڪڪ ٿي) ڪيئن اڃا به اٿو ڪو سوال يا ڪريون رسيس؟ +وڪيل (گهٻرائجي) جي بس حضور! باقي صرف هڪ سوال (شاهه کي) ها، شاهه صاحب، اهو ته ٻڌايو ته اوهان جي دلي دوست، مرحوم احسان علي خان وفات ڪهڙيءَ بيماريءَ ۾ ڪئي؟ +شاهه (اوڇنگار ڏيئي) هاءِ هاءِ، وڪيل! اهوئي ته سور اسان محبن کي سدائين پيو کائي. جناب! مرحوم جي علاج ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪئي سون. حڪيم، ويد، ڊاڪٽر سڀني جو علاج ڪيوسون، پر افسوس! اصل مرض جو پتو ڪنهن کي به ڪونه لڳو. بس، ڪنهن ڪهڙي بيماري پئي چئي ته ڪنهن ڪهڙي. هاءِ هاءِ! جڏهن قضا ٿي اچي تڏهن ويڄ به وائڙا ٿيو وڃن. ڀلا ڦڪيون ڪئن فرق ڪن، جي امر نه ٿئي انهن کي؟ (’لڙڪ‘ اگهي) جناب وڪيل صاحب! سچ ته مرحوم کي موت جي بيماري هئي! هاءِ هاءِ، مرحوم! +(گهڙيال جو ٺڪاءُ ٿيو ڪورٽ رسيس لاءِ اٿي ويئي وڪيل وائڙن وانگر نهارڻ لڳي ٿو، رئيس ۽ سندس وڪيل مرڪندا ٻاهر نڪتا قربان علي شاهه عجز ۽ نماڻائيءَ مان ڪنڌ جهڪائي، ٻاهر نڪري ٿو. رئيس کيس ڀاڪر پائي، ڏهن جو نوٽ ٻيو به ڏئي ٿو، هو سلام ڪري اطمينان سان وڃي ٿو. پردو ڪري ٿو.) + + +پروفيسر منگهارام ملڪاڻي +ضعيف انسان +(س��ڌي ڳوٺاڻو ننڍو ناٽڪ) +پرود پهريون +(جهرڪن جي ڳوٺ ٻاهران، رئيس بخشڻ، خان جي حويليءَ ۾ صفحو، جنهن ۾ ڳوٺاڻو گهرو سامان پيو آهي. هڪ پاسي کان دروازو حويليءَ جي اندريئين ڪوٺيءَ ڏانهن نئين ٿو. سامهينءَ ديوار ۾ ٻاهريون در رستي تي کلي ٿو. ٻئي پاسي دريءَ مان پريان سنڌونديءَ جو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي اورئين ڪپ تي ڳوٺ جون جايون ۽ باغات آهي، ۽ پرئين ڪپ تي ٻڌڪو ٽڪر اُڀو آهي. +سج اُڀرئي وقت، رئيس جي ڀائٽي زينت، تڏي تي ويٺي، سپ ۾ چانور صفا ڪري، ۽ هر هر اُلڪي وچان دريءَ ڏانهن پيئي نهاري. نيٺ اُٿي دريءَ وٽ وڃي ٿي، ۽ اُتاوليءَ مان ٻاهر نهاري ٿي. گهر اندران سوءٽس عثمان اچي ٿو ۽ ڏانهنس وڌي ٿو.) +عثمان- ڇو زينت، دريءَ مان ڇا پيئي ڏسين؟ +زينت ادا، سج اُڀري ويو آهي، محمد اڃا گهر ڪونه وريو.... +عثمان- سموري رات الائجي ڪٿي ڪاٽيائين. مدرسي مان موڪل تي ڳوٺ آيو آهي، ته هن جو مڪو مچي ويو آهي. +زينت- نه ادا، هو ته هميشه قاعدي تي پورو آهي. رات جائي ڪو اتفاق ٿيو هوندس. وڃي چاچي کي چتاءُ ڪر، يا تون ئي ڪو پتو لڳاءِ. +عثمان- تون ڇو نه سوءٽ جو پاسو کڻندينءَ. ڪالهه سانجهن جو ڏٺئي ڪين ته ميڙي تان دارون پي ڪهڙيءَ حالت ۾ موٽيو! +زينت- تنهن تان مون پڻ ڇينڀيومانس، جو مرڳوئي ڪاوڙجي پيو. +عثمان- پر سڌ اٿيئي تنهان پوءِ رات جو ڪيڏانهن هليو ويو؟ +زينت- مٿو ڳوءرو سمجهو هوندائين، ويو هوندو ڪجهه هوا کائڻ. +عثمان- هوا کائڻ! هن قبرستان واري ٽڪري پٺيان، غلام ڪمدار جي گهر ڏانهن، برابر هو کائڻ پي ويو! +زينت- پر ادا، تون اُتس جاسوسي ڇا لاءِ پيو ڪرين؟ تنهنجو مطلب؟ +عثمان- مطلب ظاهر پيو آهي: غلام جي ڇوڪري حسينا ڪانه ٿي سجهيئي، جنهن سان چڱي لڙهه وچڙ اٿس؟ +زينت- نه نه، هوءَ پاڻ سندس پٺيان پوندي آهي. پاڻ ته رخ ئي ڪونه ڏيندو اٿس. +عثمان- اهو توکي ڀنڀلائڻ لاءِ. اندروني طرح اڃا به هن سان ڏيٺ رکندو اچي. +زينت- نه ادا، اها اجائي تهمت ٿو اُتس رکين. +عثمان- هاڻي ”ادا، ادا“ ڪري مونکي وڌيڪ ڏنڀ نه ڏي. توکي مون کا وڌيڪ اهو محمد پسند پيو، جو منهنجو سڱ ريٽي ڇڏيئي. +زينت- هان! تڏهن انهيءَ ڪري تو ساڻس پائي کنئي آهي؟ +عثمان- پر سندس افعال به ڏسين ويٺي. مهنو مس توسان مڱئي ٿيو اٿس، ته ڌارين ڇوڪرين پٺيان پوڻ شروع ڪيو اٿس. +زينت- بس، هاڻي وهلور نه وڃ. مان برابر کيس سڀ کان سرس گهرندي آهيان. آبا جي گذرڻ پڄاڻا جئن چاچي مونکي پاليو، تئن اسان ٻنهي جون دليون ٻجهي ويون آهن. +عثمان- هائو، هوني ڪراچي مدرسي جو سڌريل شاگرد آهي، آءٌ وري به ڳوٺاڻو ڪڙمي آهيان! +زينت- انهيءَ ٺٺوليءَ مان هاڻي ڇا ورندو؟ جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو. +عثمان- اهي چاچي بخشڻ خان جا ڪم آهن، جو پنهنجي پٽ کي ورسايائين. ٻانهن به وسن جهڙي وٺي ڏنائينس، ته تنهنجي پيءَ وارو ورثو به سهيڙي پاڻ ڏانهن ڪيائين. +زينت- چاچو اهڙو آهيئي ڪونه. اهو تون آهين جو سڀ ڪنهن تي ڪوڙا الزام رکندو وتين. +عثمان- پر الزام رکڻ مان ڇا وٽيندس؟ هاڻي ته محمد جي موڪلن جي پڇاڙيءَ ۾ توهان جي شادي به ٿي ويندي. پر مان کڻي ڪهڙو به آهيان، توکي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته انهيءَ محمد کي پسند ڪري تو ڀاري ڀل ڪئي آهي. +(نڪري وڃڻ تي آهي ته ٻاهرئين دروازي تي زور مان ڪڙو کڙڪي، ٿو، ۽ آواز اچي ٿو ”رئيس بخشڻ خان!“) +زينت ادا، در ته کولجانءِ. +(عثمان- خارن مان وڃي در ٿو کولي، ته ٻاهران ڪمدار غلام ماڇي، محمد ۽ پنهنجي ڌيءُ حسينا کي اڳيان ڪيو اندر گهڙي ٿو. هنن ٻنهي جا ڪنڌ هيٺ آهن. زينت حيرانيءَ ۾ پوي ٿي.) +غلام- (جوش ۾) رئيس وڏو ڪٿي آهي؟ +ع��مان- ميان، خير ته آهي جو هيئن گجندو آيو آهين؟ ادو محمد توکي ڪٿي مليو؟ +غلام- سائين، ڀلائي ڪري رئيس کي ڪوٺيو، آءٌ سموري ڳالهه ساڻس ڪندس. +(عثمان- حرفت سان مشڪندو اندر وڃي ٿو. زينت، محمد ڏانهن وڌي ٿي.) +زنيت- محمد، هي ڪهڙو قصو آهي؟ تون ساري رات ڪٿي هئين؟ +غلام- ڪٿي هو؟ رئيس کي اچڻ ڏيو ته آءٌ ساڻس هڪ هڪاڻي ٿو ڪريان. +(رئيس بخشڻ خان پهچي ٿو، پٺيانئس عثمان.) +بخشڻ خان- ڪمدار، ڇا آهي؟ +غلام- حضور، اسين توهان جا تابعدار نوءڪر آهيون، پر عزت غريب کي به پياري آهي. +بخشڻ خان- آخر ڳالهه ڪهڙي آهي؟ +غلام- سائين، حضور جن جي فرزند ڪالهه رات اسان مسڪينن جي آبروءَ ۾ هٿ وڌو آهي، تنهن جو فرياد سائينءَ جن وٽ کڻي آيا آهيون. +بخشڻ خان يعني؟ صاف ٻڌاءِ! +غلام حضور، ڪهڙيءَ زبان سان ڳالهه ڪريان! رات، آءٌ ديهه ۾ کري تي ستو پيو هوس. ڀنڀرڪي جو گهر ويس ته ڇا ڏسان جو رئيس ننڍو، ٻنڀي مان ٻاهر پيو نڪري، ۽ هيءَ ڇوري (ڌيءُ ڏانهن اشارو ڪري) کيس اُپرائڻ لاءِ ايوان ۾ اُڀي آهي. بس، وڌيڪ ڇا چوان؟ سائين جن داد ڪن! +بخشڻ خان- (محمد کي) هي سڀ سچ آهي؟ +محمد- (ڪنڌ مٿي کڻي) هائو، ابا. +بخشڻ- تون پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪر، تازو مڱايو ٿي مانءِ، توڪئن اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو؟ +محمد- ابا، پيشين جو ميڙي تان ڪجهه دارون پي گهر موٽيس، جنهن تان زينت مون تي اچي مٽي. +بخشڻ خان- ڇو نه مٽبي؟ تو تي هن جو هرڪو حق آهي. دارون پيڻ به ڪا شانائتي ڳالهه آهي؟ +محمد- مون گهڻوئي سمجهايو مانس ته پئڻ جي ڪا علت ڪانه اٿم. جهونن سنگتين جي سنگ ۾ پي ويٺو آهيان. پر زنيت مون کي نهايت سخت ضربيو! +بخشڻ- ڀلا، پوءِ وري گهر کان ٻاهر ڇو نڪتين؟ +محمد- ابا، ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيوم: مون چيس مون پڇتايو آهي، توکي مون ۾ ويساهه رکڻ گهرجي. پر مورڳو مون کي سڱن تي کڻي ڏنائين. چي، ’وڏي شهر مان ٻيو به الاجي ڪهڙيون خصلتون پرائي آيو هوندين!‘ +بخشڻ خان- سو ڇا؟ +محمد- بس، مون کي شراب جي بيخوديءَ ۾ بخيلي وٺي ويئي ۽ گهر ڇڏي هليو ويس. +بخشڻ خان- پوءِ ڪمدار جي گهر پاسي ڪيئن وڃي نڪتين؟ +محمد- سڌ ناهي ڪهڙي هوا گهلي ويم، جو انهيءَ گهر مهندان اچي مٽيس. ننڍي هوندي کان آءٌ ۽ حسينا رانديون رونديون ڪندا هئاسون ۽ هوءَ مون کي گهڻو گهرندي هئي. پر مڱڻي کان پوءِ ڪونه مليو هوسانس. ڪالهه رات چانڊوڪيءَ ۾ ڀنڀي ٻاهران بيٺي هئي ۽ مون کي ڪوٺيائين. بس، مان مدهوش ٿي ويس. ساري رات نبري ويئي، مون کي ڪو سماءُ ڪونه رهيو. +بخسڻ خان- پوءِ هاڻي؟ +محمد- جيڪو ڏنڊ ٺهرايو سو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. +بخشڻ خان- ڪمدار، تون ڇا ٿو چوين. +غلام حضور، آءٌ انصاف گهرڻ آيو آهيان اسان جي پوتيءَ کي داغ لڳو آهي. تنهن کي مٽائڻ جو هڪڙو ئي علاج آهي. +بخشڻ- هاڻي ڊگهيون ڳالهيون ڦٽيون ڪر.... هيڏانهن اچ (غلام ويجهو وڃي ٿو.) تون اسان جو خادم آهين، تنهنجي عزت سان اسان جي عزت. اسين هيءَ اُگري ڳالهه لئي مٽي ڪري ٿا ڇڏيون. جئن ڳوٺ ۾ ٻاڦ به ٻاهر نه نڪري. (ڳوٿريءَ مان هڪ سوء رپئي جو نوٽ ڪڍي) اچي، هي تنهنجو اُجورو. +غلام- ڇا، توهان سمجهو ٿا ته آءٌ ڌيءُ جي بي عزتيءَ لاءِ رشوت وٺڻ آيو آهيان؟ رئيس ڀلا آهيو انهيءَ نرڄائيءَ جو اُجورو فقط نڪاح آهي. نه ته ڌڪ هڻي بنهه پورو ڪري ڇڏيندوسانس ڄڻ ڄائي ڪانه هئي. +بخشڻ خان- نڪاح! تو نوڪر جي ڌيءُ سان نڪاح! تنهنجو هوش ته جاءِ آهي؟ +غلام- غريب ڪمدار ٿيس ته ڇا ٿيو؟ آءٌ به چئن ڀائرن جو پريو مڙس آهيان. ماٺ ڪري ويهڻ وارو نه آهيان. +بخشڻ خان- پر محمد جو مڱڻو ٿي چڪو آهي. جي اهڙي بيهودي طلب ٿو ڪرين، ته نڪري وڃ هتان! جيڪا ڪاهڻي هجيئي ��ا وڃي ڪاهه! +غلام- رئيس ياد رکجو: آءٌ ساري ڳوٺ ۾ ڳالهه هلائيندس. بلڪ مولويءَ وٽ فرياد وجهڻ کان به ڪين گسندس. توهان جي ڇوڪري منهنجي ڌيءُ کي ڌتاريو آهي. سندس مڱڻو رد ڪرائيندس ۽ حسينا کي حق وٺي ڏيندس. +حيسنا- نه نه ، ابا، محمد مون کي ڪونه ڌتاريو. مون ئي کيس سڏ ڪيو، مان ئي کيس ننڍپڻ کان پيار ڪندي هيس. هو ته اصل کان زينت کي محبت ڪندو هو. آءٌ زينت جو حق ڪانه کسينديس. +غلام- صبر ڪر، بي لڄي! تون ڇو پيئي وچ ۾ ٽپي پوين؟ هاڻي هل ته هينئر ئي مولويءَ وٽان انصاف وٺي ڏيانءِ. (جئن کيس ٻانهن کان وٺي نڪرڻ تي آهي تئن محمد روڪيس ٿو.) +محمد- غلام، مونکي تنهنجو شرط منظور آهي. مون زينت سان شاديءَ جي دعويٰ ڦٽي ڪئي. پنهنجي بدافعاليءَ جو بدلو ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي حسينا سان شادي ڪرڻ قبول آهي. +بخشڻ خان- ڇوڪرا، تون صبر ڪر. آءٌ پاڻيهي هن معاملي کي منهن ڏيندس. +محمد- نه بابا، هن معاملي جو بار آءٌ پنهنجي مٿي تي کڻندس. پنهنجي خاندان جي گهٽتائي ڪرڻ ڪانه ڏيندس. +بخشڻ خان- گهٽ ذات سان شادي ڪرڻ ۾ توکي خاندان جي گهٽتائي ڪانه ٿي لڳي؟ اهو ڪم ڪيو اٿيئي ته آءٌ لا وارث ڪري ڇڏيندوسانءِ! +محمد- اُن جي پرواهه ڪانهي. آءٌ ڪمائي پيٽ پاليندس، پر پنهنجو فرض بجاءِ ضرور آڻيندس. +بخشڻ خان ته هينئر ئي منهنجي گهر مان نڪري وڃ! تون منهنجي خاندان تي ڪوڙهه جو ٽڪو آهين! +محمد- مون لاءِ به هن گهر ۾ وڌيڪ گهارڻ بڇڙائي آهي، پر مون کي فقط زينت جو خيال ٿو ماري، (ڏانهن وڌي) جنهن کي ئي منهنجي بدڪاريءَ جو نتيجو سڀ کان سخت سهڻو ٿو پوي. زينت، مون کي معاف ڪجانءِ، مان تنهنجي لائق ئي ڪين آهيان. پر منهنجي محبت ۾ مور نه شڪ آڻجانءِ، اها سدائين قائم رهندي. +زينت- نه محمد، حقيقت ۾ ڏوهه مڙيوئي منهنجو آهي، جو توتي اجايو ڏمريس ۽ غير واجبي شڪ شبها آندم، ۽ توکي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيم.... برابر، هاڻي حسينا جو توتي وڌيڪ حق آهي، توکي پنهنجو فرض بجا آڻڻ کپي. +محمد- آفرين زينت! شڪر جو تون به انهيءَ قربانيءَ ڪرڻ ۾ مون سان شامل راءِ آهين. هاڻي ساري ڄمار جو وڇوڙو ڪي قدر آسانيءَ سان سهي سگهبو.... هاڻي آسرو الله جو! (عثمان ڏانهن نهاري) ادو عثمان به توکي ننڍي هوندي کان گهرندو آهي، انهيءَ سان شال خوش گذارين. (عثمان سرهو ٿئي ٿو غلام کي) هاڻي هلو ته هينئر ئي مسجد شريف ۾ هلي نڪاح وجهون. (غلام ۽ حسينا کي وٺي نڪري وڃي ٿو. بخشڻ خان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اجائي.) +پردو ٻيو +(ڏيڍ سال کان پوءِ، ساڳيو رئيس بخشڻ خان جي حويليءَ وارو صفحو. ٻه پهر ٿي ويا آهن، ته به ساوڻ جي سخت برسات سبب ٻاهر اهڙو ڌنڌ آهي جو دريءَ مان ٻڌڪي ٽڪر واري نظاري جو اهڃاڻ مس ٿو پوي. رکي رکي وڄ جا چمڪاٽ ۽ گجگوڙ پيئي ٿئي. +زينت- هڪ ڪنڊ ۾ ويٺي آهي ۽ چوءنڪ تي ڀرت جو ڪم بي دليو ڪري رهي آهي، ته عثمان مينهن ۾ پسندو اندر اچي ٿو.) +عثمان- اسان جو جهڳو جهڻ ٿي ويو آهي، توکي پنهنجو ڀرت مٺو لڳو آهي! +زينت (چؤنڪ ڇڏي) ڇو، خير ته آهي؟ +عثمان- ڏسين ويٺي ته ديهه مان ڀڄي ڀت ٿي موٽيو آهيان، ته اُٿي سڪا ڪپڙا ته ڪڍي ڏي. +زينت- (اٿي) پر مان اُٿيس ٿي. (نئين قميص ڪڍي ڏئيس ٿي، جا هو بدلائي ٿو.) ديهه جو ڪهڙو حال آهي؟ +عثمان- حال وري ڪهڙو آهي؟ برسات ڪالهه رات کان ٽڪ ٻڌي بيهي ويئي آهي. ڪڙين ۾ گهارا پئجي ويا آهن، ديهه ۾ اڇ لڳي پيئي آهي. مٿان پوٺي تان اوٺ جو پاڻي به اچي بچاءَ بند سان ٽڪريو آهي. هاڻي الله آهي جو فصل بچائي. +زينت- ويچارن مسڪينن ڪڙمين جو ڪهڙو حال ٿيندو! +عثمان- توکي ته انهن مسڪينن جو ئي اُڊڪو لڳو پيو آهي. پنهجي رو��يءَ تي ٿي لت اچي، تنهن جو ڪو اونو اٿيئي؟ +زينت- اسين ته وري به سهڻ جهڙا آهيون. پر ويچارا مسڪين، اڳيئي قرضن ۾ پيڙيل، تن جي سال جي ڪمائي ويئي ته ڄڻ ٻچورلي ويندن... ڀلا درياهه شاهه جو ڪهڙو حال آهي؟ +عثمان- درياهه به اهڙو ڦوڪيو وڃي، جو اڳهڻون ٻڌم ته پراڙ (دريءَ ڏانهن اشارو ڪري) هو ٻڌڪي ٽڪر وارو بند ڦاٽي پيو. +زينت- (گهٻرائجي) تڏهن ته ويچارا مهاڻا ماڇي اڄ وڏي خطري ۾ هوندا. +عثمان- (خار وچان) ته پوءِ سچي ڇو نه ٿي ڪرين ته توکي اُلڪو فقط انهيءَ محمد ماڇيءَ جو آهي، جنهن توسان دغا ڪرڻ کان پوءِ وڃي ماڇڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. +زينت- ڇو نه اُلڪو ٿيندو؟ وري به پنهنجو سوءٽ آهي. هن ته پاڻ فراخدلي ڏيکاري جو اباڻو ورثو ڦٽو ڪري، پنهنجو فرض پاليائين. مدرسي ۾ وڌيڪ نه پڙهي سگهيو ته وڃي اهو مسڪيني ڌندو ڪيائين. +عثمان- سؤٽ نه چڱو اٿيئي! ڄڻ ته آءٌ پاءُ اٽو کان ئي ڪونه ٿو. ارڙهن مهينا پرڻئي ٿيا اٿئون ته به اهو محمد دل تان لهيئي ٿو؟ +زينت مون ته توکي صاف صاف ٻڌايو، ته منهنجي سچي دل اصل کان هن سان هئي. پر قسمت جڏهن منهن ڦيريو، تڏهن ٻي ڪا واهه نه ڏسي، چاچي ۽ تنهنجي دل وٺڻ لاءِ توسان نڪاح وجهڻ قبوليم. پر منهنجي دل ۾ هن لاءِ هميشہ همدردي ۽ عزت آهي. +عثمان- همدردي ۽ عزت! ڇو نه ٿي چوين عشق ۽ محبت؟ +زينت- (ٿڌي سيني) تون ڄاڻين ٿو، ته آءٌ عورتپڻي جا مڙيئي فرض توسان پورا ڪرڻ ۾ ڪانه گٿي آهيان. وڌيڪ طلب ڪرڻ جو توکي ڪو حق ڪونهي، منهنجو توسان اهو شرط هو. +عثمان- بس، گهڻو ٿيو! بي شرم، مرڪي ٿي پنهنجي بي وفائي ظاهر ڪرين، ته زبان نه ڪپي ڪڍانءِ! +(اوچتو وڄ ۽ گجگوڙ جو ڪڙڪو ٿئي ٿو، جنهن جي روشنيءَ ۾ دريءَ مان ڏسجي ٿو ته حسينا برسات ۾ ڊوڙندي ٻاهرئين دروازي وٽ اچي ڪڙو کڙڪائي ٿي. زينت وڃي در کولي اندر وٺي اچيس ٿي.) +زينت- ادي، خير ته آهي؟ ڇو هن برسات ۾ ڌوڪيندي آئي آهين؟ +حسينا نه ادي، خير ڪونهي: محمد کي گهڻوئي چيم ته ههڙي برسات ۾ اڄ درياهه تي نه وڃ، پر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پيٽ قوت لاءِ هليو ويو. هاڻي مٿان پيشيون اچي ٿيون آهن، ته به برسات هڪ ٽڪ وسندي اچي، ۽ سندس ڪو پتو ڪونهي! وري اڳهڻون ٻڌم ته ٻڌڪن وارو بند به لڙهي ويو، تڏهن ته منهنجو سک ئي ڦٽي پيو. ابو به ديهه جي بچاءَ لاءِ نڪري ويو هو ٽڪريءَ پٺيان. ٻيو ڪو پاڙيسري به ڪونه اٿئون، تڏهن ششدر ٿي توهان وٽ واهر لاءِ ڊوڙندي آئي آهيان. +زينت- مون کي پڻ اهو اُلڪو ٿي بيٺو آهي. هاڻي تون هتي ترس ته اسين ٿا ڪو اُدم ڪريون (عثمان کي) ڀلائي ڪري تون نه ٻه چار واهي ساڻ ڪري محمد جي مدد ڪرين؟ ههڙيءَ برسات ۾، وچ سير ۾ ڪشتيءَ تي، ويچاري جو الائجي ڪهڙو حال هوندو. +عثمان ڇا چيئي؟ آءٌ وڃي انهيءَ ماڇيءَ جي مدد ڪريان! سمهون ٿڌجي ديهه تان وريو آهيان، واهي سڀ تڏا ٽوئا کڻي ويا بند جهلڻ، اسان کي ٻيو ڪم ڪونهي جو ويٺا تنهنجي محمد جي مدد ڪريون. +زينت- پر هڪ انسان جي جان جوکي ۾ آهي، ان کي بچائڻ تنهنجو فرض آهي. +عثمان- مون کي پنهنجي جان وڌيڪ عزيز آهي. توکي ڪهڪاءُ ٿو پوي ته وڃي پاڻ پنهنجي عاشق جي جان بچاءِ. +زينت- (جوش ۾) بس، وڌيڪ بيهودو نه ڳالهاءِ. تون مڙسارو ٿي اهڙو بزدل آهين، ته آءٌ عورت پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به هن شريف انسان کي بچائينديس... حياتيءَ مان اڳيئي کٽي ٿي پيئي آهيان، ويتر جان ويئي ته ڪهڙو ڏڪر پوندو. (حسينا کي) ادي، هل ته اسين ٻئي ٻيڙي ڪري محمد جي واهر ڪريون. الله هٿ ڏيئي رکندس. +(حسينا کي ٻانهن کان وٺي وڃڻ تي آهي.) +عثمان- ڪيڏانهن هلي آهين؟ چپ ڪري هتي ويهي رهه نه ته.... +زينت- تنهنجو اڄ کان پوءِ مون تي ڪو اختيار ڪونهي. ڪير آهي جو مون کي روڪي سگهي؟ هلي آءُ، ادي! (حسينا کي وٺي نڪري وڃي ٿي). +پردو ٽيون +(ساڳئي ڏينهن نما شام وقت ٻڌڪي ٽڪر جو هڪ حصو، پريان سنڌونديءَ جون لهرون ڌوڪينديون اچن، پر ٽڪر جي اُتاهينءَ سبب ڪنارو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. مينهن هاڻ بند آهي، پر ڪجهه وقت کان وري طوفان اچي اُٿيو آهي. ڪارا بادل آسمان ۾ پيا ڊوڙن، ۽ کِنوڻ ۽ گجگوڙ لڳي پيئي آهي. +اُتي محمد پٺيان ڪناري تان ٽڪر چڙهندو چوٽيءَ تي پهچي ٿو. ڪپڙا بنهه ڀنا پيا اٿس، ٿڪ وچان سهڪي پيو ۽ ٽڪر تي پئجي رهي ٿو ڪجهه مدت بعد اُٿي اُڀو ساهه کڻي چوي ٿو ”يا خدا!“ پوءِ پٺ ڏيئي، هٿ نراڙ تي رکي درياهه ڏانهن نهاري ٿو.... اوچتو وڄ جو چمڪاٽ ٿئي ٿو، ۽ اُن روشنيءَ ۾ هڪ ٻيڙيءَ جو سڙهه ٽڪر پٺيان ويجهو پوندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نيٺ هڪ ڀاري ڌڌڪو ٿئي ٿو. سڙهه ٽڪر پٺيان ڪري پوي ٿو، ڄڻ ٻيڙي ٽڪرائين ڪناري سان اچي لڳي ۽ پرزا ٿي پيئي. زناني آواز ۾ هڪ چيخ ٻڌجي ٿي، ٿوري وقت بعد ٻي چيخ. جنهن تي محمد ٽڪرن تان ٽپندو موٽي ڪناري ڏانهن لهي وڃي ٿو. ڳچ وقت هوا جي سوساٽن ڌاران ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. آخر محمد زينت کي ٻانهن ۾ کڻندو چوٽيءَ تي پهچي ٿو ۽ هڪ ڇپ تي وهاريس ٿو. پاڻ به ڀرسان وهي ٿو ۽ ٻئي سهڪن پيا. نيٺ محمد چوي ٿو ته:) +محمد- سج لڙئي، منهنجي ڪشتي ته وچ سير ۾ اُٿلي پيئي، ۽ آءٌ ڳچ وقت وهڪري جي آڏو ترندو، اڳهڻون اچي هن ٽڪر تي چڙهيس. پر زينت، توهين ٻئي ڄڻيون اڪيليون ڪئن ٻيڙي هاڪاري هليون؟ ڪناري تان ڪو همراهه به ڪونه کنَيوَ؟ +زينت- ڪناري تي ڪا پهرئي ڪانه هئي، ماڻهو ويچارا گهرٻار بچائڻ ۾ ئي پورا هئا. پر اسان کي به ڪجهه مير بحرپ پيٽ ۾ پيل آهي، سو جوش وچان هڪ ٻيڙي هاڪاري هليون سين. پر وچ سير ۾ پهچڻ سان سخت واءُ اچي کڙو ٿيو ۽ اسين سڙهه لاهي ڪين سگهيونسين. ٻيڙي اسان جي قبضي کان نڪري ويئي ۽ ڌوڪيندي اچي ٽڪر سان لڳي ۽ ڇيهون ڇيهون ٿي پيئي. +محمد ۽ حسينا....؟ +زنيت- ڌڪاءَ ۾ حسينا اُڇلجي، ڪيڪ ڪندي، وڃي پرئين پاسي درياهه ۾ پيئي ۽ اک ڇنڀ ۾ وهڪري ۾ غائب ٿي ويئي، آءٌ به ڪيڪ ڪري اچي ڪناري پاسي ڪريس، پر منهنجو هٿ ٽڪر ۾ ڦٻجي ويو، ۽ مٿان تو اچي ڇڪي مٿي ڪيو. +محمد- (افسوس ۾) تڏهن ويچاري مون کي بچائڻ آئي هئي، پر منهنجين اکين اڳيان سير ۾ لڙهي ويئي ۽ مون کي سماءُ به ڪونه پيو! +زينت- هن کي بچائڻ ناممڪن هو، مرڳو پنهنجي جان به وڃائڻي هئي. بس، ويچاري توکي درياهه مان بچائڻ آئي ۽ پاڻ درياهه جو بک ٿي. (ماٺ ٿي وڃي ٿي.) +محمد- پر زينت، تو ڇو مون خاطر پنهنجي حياتي خطري ۾ وڌي؟ مبادا، تون به درياهه جو بک ٿي وڃين ها! +زينت- چڱو ٿئي ها جي آءٌ ئي هن بدران توکي بچائڻ ۾ پنهنجي حياتي ڏيان ها. حياتيءَ ۾ هاڻي رهيو ئي ڇا آهي؟ +محمد- (کيس ڪلهن کان جهلي) زينت، هي ڇا پيئي چوين؟ مون ته سمجهيو ته تو عثمان سان خوشيءَ جو وقت گهاريو هوندو. مون کي پنهنجي دل جو حال کولي ٻڌاءِ. +زينت- محمد ڇا، ٻڌايانءِ. توکي سهسايم ته سهي، پر تو ڌاران مون نهايت دک ڀريو زمانو ڪاٽيو آهي. عثمان سان اڻ بڻت به منهنجي حياتي زهر ڪري ڇڏي آهي. +محمد- تڏهن آءٌ به ٻڌايانءِ ته مون به تو بنا دکي دم گذاريو آهي. جيتوڻيڪ حسينا مون کي سکي رکڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو، پر افسوس جو آءٌ کيس دل جي محبت ڏيئي نه سگهيس، ۽ ويچاري اهوئي رنج دل ۾ پائي هلي ويئي. ان لاءِ سندس پاڪ روح کان معافي طلب آهيان. +زينت- هاڻي اسان ٻن لاءِ باقي دنيا ۾ ڇا بچيو آهي؟ توکي ته پٺيان ڪو ٻنڌن ڪونهي، پر مان ته..... +محمد- هائو، تون ته هن جي حق ٻڌي زال آهين. هو جائي تنهنجو پتو لڳائيندو ۽ توکي پنهنجي گهر وٺي ويندو. +زينت (محڪم ارادي سان) پر آءٌ انهيءَ دوزخ ۾ وري وڃان ڇوٿي؟ آءٌ ته توسان جنت ۾ هلنديس. ٻڌاءِ، مون کي ساڻ وٺي هلندين؟ +محمد (حيرانيءَ ۾) آءٌ سمجهي نٿو سگهان. پر تون جئن چوين تئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. +زينت تڏهن هيڏانهن آءُ. (اُٿاريس ٿي ۽ ٻئي دوبدو ٿيا ٽڪر تي بيٺا آهن.) ڏس، هينئر واءُ به ماٺو ٿي ويو آهي، آسمان مان غبار به هلڪو ٿيندو وڃي.... اچ ته قدرت جي ماٺائيءَ ۾، هن اونهي عميق ۾ ٽپي پئون ۽ پنهنجي روحاني زندگي هڪ ٻي سان گڏيون. قبول؟ +محمد (سندس هٿ هٿ ۾ وٺي) اکين سان. الله گهريو آهي ته قيامت ڏينهن ملنداسون، آخرت ۾ هڪ ٻي جا ٿي رهنداسون ۽ وري ڪڏهن ڪين ڌار ٿينداسون. +زينت- آمين! تڏهن هلي آءُ. +(درياهه ڏانهن منهن ڪن ٿا، هوءَ ٻانهن گلي ۾ وجهيس ٿي ۽ پوءِ ٻئي اُڇانگ ماري درياهه ۾ ٽپي پون ٿا. هيٺان پاڻيءَ جي ڇٽڪا جو آواز ٻڌجي ٿو ۽ ڳچ پاڻي ڦوهاري وانگر ٽڪر تي چڙهي اچي ٿو.) +(اشارو: هيءُ ناٽڪ مصنف جي موڪل بنا ڪوبه اسٽيج تي نه آڻي. موڪل ملڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿيندي.) +...................... +پيش رفتار مسافرو اڳتي وڌو، ۽ زندگيءَ جي جنگي ميدان ۾ عمل جا هٿيار سينگاري باهٿيار لهو! دوستو، ڪوچ جو گهنڊ وڄي رهيو آهي، دير نه ڪريو، اسان روشن چراغ جو ’نور‘ آهيون، ۽ نئين بهار زندگي جا باني ٿينداسيون. +آئرلنڊ، عرب، مصر ڪوريا، چين ناروي، روس (هر جڳهه) ۾ اسان جي خون جا قطرا موجود آهن. اسان سڀ هڪ مسئلي کي کولڻ لاءِ پريشان آهيون. اسان کي شيرين خواب نه گهرجن، ۽ نه وقتي مسرت. اسان چند گهڙين لاءِ راحت، سڪون، مخمل ۽ قالين ۽ سهانگي شهرت نه ٿا گهرون. اهي ته سڙيل ۽ بدبودار چيزون آهن. دوستو اڳتي وڌو اڳتي +(قاضي نذرالاسلام) +هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته..... +”دلبر“ +جهوڪ شريف جي ميلي جا ڏينهن هجن، ۽ گاڏيءَ م ڏاڍي پيهه هجي. ماڻهن کي بيهڻ جي جاءِ به مشڪل ٿي ملي اصل، ماڻهن جي مٿان ماڻهو سٿيا پيا هجن! تر ڇٽڻ جي به جڳهه ڪانه هجي. اسان سان خيرپور ميرس اسٽيشن تي، ٻهراڙيءَ جو هڪ فقير، صاحبن ڪريمن جو پانڌيڙو ۽ مريد، سانوڻ نالي، سهڪندي سهڪندي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو. فقير هڪ زنده دل ۽ ساده مزاج ماڻهو ٿي ڏٺو. واقف ماڻهن کان پتو پيو ته فقير ۾ هڪ عجب جهڙي عادت آهي، جنهن ڪري ماڻهو کيس درويش ڪري ٿا مڃين. ٻڌايائون ته فقير صاحب هميشہ ڪنڌ هيٺ ڪري، منهن دل ڏانهن ڦيرائي، پنهنجي ليکي ڳالهائيندو آهي، ۽ پنهنجي مخاطب کي سڏيندو آهي ’دلبر‘! +ان ’دلبر‘ سان ائين پيو ڳالهائيندو آهي، جئن ڪنهن جيئري جاڳندي ماڻهوءَ سان ڪا رهاڻ ڪجي. ’دلبر‘ سان عجيب غريب ڳالهيون ڪندو آهي، ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ کي جواب به پاڻ ئي ڏيندو آهي، پر نمونو اهڙو ڪندو آهي جو ڄڻ ’دلبر‘ ويٺو ڳالهائي. اسان ٻه چار سنگتي حيدرآباد وڃي رهيا هئاسين. ۽ ڊگهي مسافري تان موٽيا هئاسون. ۽ ڏاڍا ٿڪل هئاسون. پر فقير کي ڏسي خدا جو شڪر ڪيوسون. سمجهوسين ته مڙيئي ڪا رهاڻ ٿيندي، فقير کي ڏٺوسين ته ڏاڍو پريشان ۽ ملول، جيءَ جي جنگ ۾ رڌل، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ويٺو دلبر سان رهاڻ ڪري. +گاڏي اٿي هلي، فقير جي عجيب غريب نموني ۽ ساده مزاجيءَ کي ڏسي، ساري گاڏي جا ماڻهو ڏانهس نهارڻ لڳا. +اسان به غور سان ويٺي رنگ ڏٺو، ۽ فقير صاحب کي جاچيو. ائين ڪندي، گاڏي اچي نواب شاهه ۾ بيٺي گاڏيءَ مان ڳچ ماڻهو لهي ويا، پر فقير صاحب ويٺو رهيو. اسان به ويٺا رهياسون. ڇا لاءِ ته هيٺ لهڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي، پليٽ فارم تي اخبار فروش، ۽ ماني چانهه ۽ پان ٻيڙيءَ وارا آواز ڏيندا رهيا، اسان ماني ڪڍي کائڻ شروع ڪئي. فقير صاحب کي به صلاح ڪئيسون، پر فقير ’دلبر‘ جي جهيڙي ۾ متل هو. ائين ڪندي دروازي جي سامهون، ٽي. ٽي اچي لنگهيو. ٽي ٽيءَ تي نظر پوڻ شرط فقير جو رنگ ئي بدلجي ويو! ڪنڌ هيٺ ڪري ۽ دل ڏي منهن ڪري، ’دلبر‘ جي پاران هن طرح ڳالهائڻ شروع ڪيائين: +دلبر- هو ڏسين ٿو؟ +فقير- ڪير؟ +دلبر- ٽڪٽن وارا! +فقير- پوءِ ڇا آهي؟ +دلبر- پوءِ ڇاهي؟ مان ٿو وڃي ٻڌايانس، ته فقير بنا ٽڪيٽ چڙهيو آهي! +اتي فقير نهايت عجز ۽ آزيءَ سان ’دلبر‘ کي چيو: +فقير- ميان! مڙ! قسم ٿي الله جو! نه ڏوڪڙ نه پيسو! اجايو خوار خراب ٿينداسون! +دلبر- وري ڪوڙ! +فقير- ڪوڙ وري ڪيئن! اصل سچ ٿو چوان. +دلبر- ڇو ٿو ايمان ٻوڙين! هي فقير ٿيو آهين؟ آهين ته ڪو وڏو ٺڳ! پيسن هوندي سوندي ويٺو ڪوڙ هڻين نه پيسو ڪونهيم! +فقير- دلبر قسم ٿئي مرشد جو! ميان جند ڇڏ، اجائي بي عزتي ٿيندي! سچ پچ مون وٽ ڏوڪڙ ڪين آهي. نه ته مان ٽڪيٽ ضرور وٺان ها! توکي خبر آهي ته مان بنا ٽڪيٽ گاڏيءَ ۾ اصل ڪونه چڙهندو آهيان. هن ڀيري به لاچار چڙهيو آهيان، سچ پچ ڏوڪڙ ڪونيهم. +دلبر (حيرت سان) هي فقير ٿيو آهين...! ڪڍين ٿو ڏوڪڙ ٻاهر! يا وڃي ٽي. ٽيءَ کي سڏيان! ۽ ڪرايانءِ ڪا تعدي!... چڱو فقير ٿيو آهين...... +فقير- نه دلبر! الله جو ٿئي قسم!... بيهه ته سهي... او... او... ائين چئي فقير هيٺ لهي پيو ۽ ’دلبر‘ جي زبان سان وڃي، ٽي. ٽيءَ کي چيائين.... +دلبر صاحب! هن گاڏيءَ ۾ هڪ فقير بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي! +ائين چئي، موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو ۽ ٽي. ٽي مٿي چڙهي آيو. +ٽي ٽي هت ڪهڙو ماڻهو بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي؟ +فقير- (دلبر جي زبان سان پاڻ ڏانهن اشارو ڪري) هيءُ.... +ٽي . ٽي عجب ۾ پئجي ويو! ۽ لڳو فقير کي هيٺ مٿي ڏسڻ! ڏٺائين ته هيءُ اهو ساڳيو ماڻهو آهي، جنهن پاڻ گاڏيءَ تان لهي اچي چيو هو ته هڪ فقير، بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي! ٽي. ٽي حيرت جي دنيا ۾ غرق ٿي ويو. اسان پنهنجي کل کي روڪيو ويٺا تماشو ڏسون. +ائين ڪندي ”فقير ۽ دلبر“ جي وري جهڙپ شروع ٿي. +دلبر- فقير، اشرافت سان ڏوڪڙ ڪڍي ڪر ٻاهر... نه ته... +فقير- دلبر الله کان ڊڄ، چرچو ڇڏ، مون وٽ ڏوڪڙ آهن ڪٿي؟ جو ڏيان! +دلبر- اهڙو ڪوڙ! تڏهن اڳٺ ۾ ڇا ٻڌل اٿئي؟ +فقير ڪجهه شرمندگيءَ سان، آهستي ۽ رازدارانه انداز ۾ چوڻ لڳو: +فقير- دلبر، آهستي چئو متان ٽي. ٽي نه ٻڌي وٺي. ڏوڪڙ برابر اڳٺ ۾ ٻڌل آهن پر انهن جي ته ماني کائينداسون! حيدرآباد ۾ ڀلا ڇا کائينداسون؟ ان کان پوءِ موٽر جو ڀاڙو گهرجي، ۽ ڪجهه ميلي تي خرچي کپي... ۽ پوءِ.... +دلبر (شوخ ٿي) نه نه! اهي ڪوڙا بهانا ڇڏي ڏي! ڏوڪڙ ڪڍي ڪر ٻاهر! مانيءَ سان منهنجو واسطو ڪونهي! کائين يا بک مرين.... ڀلا ڏين ٿو ڏوڪڙ يا ڏسيان ٽي . ٽيءَ کي ته ڏوڪڙ اڳٺ ۾ اٿس...! +فقيرنهايت ڪاوڙجي، نرڙ ۾ گهنج وجهي، هٿ اڳٺ ڏي وڌايا ۽ لڳو ڳنڍيون ڇوڙڻ. +اسان کل کي روڪيو ويٺا ڏسون. ٽي. ٽي ويچارو کاڏيءَ تي هٿ رکيو بت بڻيو بيٺو ’دلبر ۽ فقير‘ جي لڙائي ڏسي. فقير ڏوڪڙ ڇوڙي، چڙ مان ڪڍي، کڻي ٽي. ٽيءَ جي هٿ تي رکيا ۽ پوءِ فقير وري ”دلبر“ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. +فقير- هاڻي ته ٿيئي ڪارو منهن! ٿئين خوش!هاڻي حيدرآباد هلي منهنجو آڱوٺو کائجانءِ! هاڻي ميلي تي به ڪونه هلنداسون. هن ڀيري کڻي گامو سچار نه ٿين ها، ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ هاڻي حيدرآباد ۾ بک به مرنداسون ۽ ميلي تي به ڪونه پهتاسون، تنهنجي گهپيءَ ۽ اجائي ريڙهه پيڙه نه هيڏي ڪيو نه هوڏي! +دلبر- بک مر ته سؤ ڀيرا مر، ميلي تي نه هل ته نه هل ڪومون تي ٿورو ٿو ڪرين ڇا. هلين ٿو پڳ ٻڌي مرشدن جي ميڙي تي، ڏوڪڙ ٿو ٻڌين اڳٺ ۾.... ۽ ٽڪٽ کان جواب!... شرم نه ٿو اچيئي... هي فقير ٿيو آهين.... ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا... +فقير (ڪاوڙجي، هڪل ڏني) بند ڪر وات!... اجايو مٿو نه هڻ!... نه ته دلبر.... ڳالهه وڃي پري پوندئي!.... اڄ جيڪا ٻاراڻي ڪئي اٿئي.... ۽ مون تي راڄ کلايو اٿئي.... ان جو داد فرياد ته رب ڪندو... ميلي تي هلڻ لاءِ به منهن گهرجي...تو جهڙن جي سنگت مان اجهو اهو فائدو ٿو پهچي... اڳتي ڏسي رهنداسون. اسان ڏوڪر وڃايا، پر يار پرکيا! +دلبر (فاتحانه انداز ۾ ڪجهه ڪاوڙ سان) هل هل ٺڳ، تنهنجي ميلي جي آ مون کي پرواهه! توجهڙي ڪوڙي ٺڳ سان هلڻ مان ڪهڙو فائدو! سڏائين ٿو فقير ۽ هڻي ٿو ڪوڙ! اندروهاري ڪانءُ ۽ ٻاهر ٻولين هنجهه جان! راڄ تو کلايو آهي، يا مون!... برابر.... ميلي تي هلڻ لاءِ به مهانڊو گهرجي! تو جهڙن ڪوڙن جي اُتي برابر گهرج ڪانهي! +فقير شڪست قبول ڪري، کڻي ماٺ ڪئي. +ٽي. ٽيءَ اهو سارو تماشو بيٺي ڏٺو. سو چيائين، مستن تي ڪهڙي ميار! فقير ڪو خدا رسيدو ٿو ڏسجي، ۽ ويچارو ’جيءُ جي جنگ‘ ۾ مبتلا آهي. ان کان ڀاڙو ڇا وٺجي! مڙس هو لائق ۽ سمجهو، سو ڏوڪڙ ورائي ڏنائين فقير کي. +فقير جو دلبر کان ڪاوڙيو، ڦوڪيو شوڪيو ويٺو هو، تنهن خوشيءَ ۽ رنج جي گاڏڙ ڪيفيت سان ٽي. ٽيءَ ڏانهن هٿ وڌايو. +فقير جو هٿ وڌائڻ ۽ ’دلبر‘ جي وري دانهن ڪرڻ. +دلبر... کلا ٿي ڪوڙا.... ٺڳ. متان ڏوڪڙ وٺين... ۽ ايمان وڃائين!.... +فقير، دلبر جي دڙڪي تي هڪدم هٿ پوئتي موٽايو... ۽ پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪجهه ’ڀڻ ڀڻ‘ ڪندو رهيو. شايد ’دلبر‘ کي ڪجهه رازدارانه نموني ۾ پئي نصيحت ۽ وصيت ڪيائين. +اسان اهو بنا ٽڪيٽ تماشو ڏسي حيرت ۾ پئجي وياسين! ڏسون ته ويچارو ٽي. ٽي بيٺو اکيون ٽمڪائي، ۽ حيرت جي نظرن سان ڏسي،..... بيهي بيهي، مشڪندي، نيٺ هيٺ لٿو. فقير ۽ ’دلبر‘ جي رهاڻ جاري رهي، ۽ گاڏي هلندي رهي.... +غلام محمد ”گرامي“ +”اسپرنگ ٽٽي پوندا....“ +حيدرآباد وڃڻو هوم. گاڏي پليٽ فارم تي بيٺي هئي. ٽڪيٽ وٺي، اندر ويس ته پهريون ئي سيڪنڊ ڪلاس گاڏو جيڪو منهن پيم، سو خالي ڏٺم، منجهس فقط هڪڙو صاحب ويٺل هو. گاڏيءَ ۾ چار گاديلا هئا ٻه هيٺ ۽ ٻه مٿي. سامهونءَ واري هيٺئين گاديلي تي، هيءُ صاحب بوٽ سميت، ڄنگهون ڊگهيون ڪيو، سگريٽ ڇڪڻ ۽ اخبار پڙهڻ ۾ مشغول، بالم ٿيو ليٽيو پيو هو. گرمي البت غير معمولي هئي سو گاڏيءَ ۾ جيڪي ٻه بجلي پکا هئا، تن ٻنهي جو منهن هن صاحب پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو هو، ۽ پنهنجي مٿان واري گاديلي کي مٿي کڻي ڇڏيو هئائين ته جيئن ٻنهي پکن جي سموري هوا سڌي سئين کيس ملي سگهي. ٻئي مٿئين گاديلي تي، صاحب جو سامان سٿيو پيو هو. ٻه وڏيون لوهي پيتون، چمڙي جي بئگ، نيٽ جي وڏي ڇلي، ٻه ڪاٺ جا کوکا، ميوي جو ٽوڪرو، هڪ انتهائي ڦوڪيل بسترو! مون وٽ سامان خير ڪو هو. فقط هڪڙي ننڍڙي بئگ هٿ ۾ هيم: سا لاچار کڻي هيٺ رکيم. ايندي ايندي، آمريڪي هفتيوار رسالو ”ٽائيم“ ورتو هوم. تنهن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويس. +گهڙيءَ کن کان پوءِ هڪڙو ٻيو صاحب پنهنجي بيگم صاحبه سميت گاڏيءَ ۾ اچي چڙهيو. ڪافي سامان هو هن صاحب کي به: ٻه مزور ساڻ هئس سو ڏٺائين جو ته هڪڙو مٿيون گاديلو اڳئي سامان سان ڏٽيو پيوآهي، ۽ ٻيو وري خالي مٿي کڄيون پيو آهي. تڏهن لڳو ان ٻئي گاديلي کي هيٺ لاهڻ، ۽ مزور وڌيا ان تي سامان رکڻ لاءِ. هڪدم اڳواٽ ويٺل صاحب رڙ ڪئي: ”جناب اهي سيڪنڊ ڪلاس جا گاديلا سامان رکڻ لاءِ نه بلڪ مسافرن جي سمهڻ لاءِ هوندا آهن. انهيءَ گاديلي تي سامان نه رکو: ان جا سپرنگ ٽٽي پوندا!“ ويچارو نئون صاحب لڳو ٻئي مٿئين گاديلي ڏانهن نهارڻ ۽ مون ڏانهن نهارڻ. مون هڪدم کيس تسلي ڏني ته اهو سامان منهن��و نه پر هن ٻئي صاحب جو هو! ٻئي صاحب اهڙي ڪن ٽار ڪئي جو ڄڻ اهو منهنجو گفتو هن ٻڌوئي ڪونه! نئين صاحب، ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، نيٺ پنهنجو سامان هيٺ رکائي ڇڏيو. +جنگشاهي اسٽيشن تي لهي، آءٌ پاسي ۾ انٽر ڪلاس گاڏي ۾ هڪ دوست وٽ وڃي ويٺس، ۽ ڪوٽڙيءَ تائين اتي ويٺو رهيس. ڪوٽڙيءَ تي ٻئي دوست هيٺ لٿاسين. جهٽ رکي، پنهنجي گاڏي ۾ جهاتي پاتيم: ڏٺم ته ٻيو صاحب ۽ سندس بيگم صاحبه لهي ويا هئا، ۽ هو پهريون صاحب منهنجي رسالي ”ٽائيم“ جي ورق گرداني ڪري رهيو هو. گاڏي ڇٽي ۽ آءٌ وري به وڃي دوست سان انٽر ڪلاس ۾ ويٺس. حيدرآباد جي سشيشن آئي بئگ کڻڻ لاءِ جو پنهنجي گاڏي ۾ آيس ته ڏٺم ته منهجو همسفر صاحب به لهڻ جون تياريون ڪري رهيو هو. آءٌ بئگ هٿ ۾ کڻي لڳس رسالو ”ٽائيم“ ڳولڻ. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ڪٿي نظر ڪونه آيو. آخر هن صاحب کان پڇيم، ”جناب، هتي منهنجو رسالوهو؟“ جواب مليو، ”هو صاحب ڪوٽڙيءَ تي لهي ويو، تنهن جي بيگم صاحبہ جي هٿ ۾ هو پڙهيائين پئي: شايد پاڻ سان کڻي ويئي.“ کڻي جو صاحب جي هٿ ڏانهن نهاريان ته سندس اخبار جي وچ ۾ منهنجو رسالو ظاهر ظهور ويڙهيو پيو آهي! ڏسي اهڙي ته تپرس ۾ پئجي ويس جو حرف وات مان نه اڪليم. هو صاحب مزورن کان سامان کڻائي چپ چاپ گاڏي مان لهي هليو ويو: آءٌ ڏانهس ڏسندو ئي رهجي ويس! م. ا. ج +اديب +اڄوڪو اديب انقلاب جو خواب اهڙيءَ طرح سان ڏسي ٿو، جئن هڪ عاشق پنهنجي معشوق جو تصور ڪري ٿو. هن لاءِ مزدور، هاري، سرمايه دار، طبقاتي ڪشمڪش ۽ انقلاب جي اهائي حيثيت آهي، جا غزل گو شاعرن وٽ گل، بلبل، هجر، وصال، ساقي، مئي، رقيب ۽ محتسب وغيره جي آهي. +ڪيترا اديب ۽ شاعر پراڻين ادبي روايتن کي ڇڏي ڪري، هڪ نئين ادبي روايت کي قبول ڪري چڪا آهن، تاهم سندن تخليقات ۾ سندن تجربي جو دخل گهٽ آهي. ان ڪيفيت جو ٻيو پهلو اهو آهي ته هو پنهنجي ڳالهه کي صاف طور بيان ڪري نه ٿا سگهن، هو به تشبيهون ۽ استعارا ۽ ڪنايا استعمال ڪن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو، جو انهن شعرن جو غالب ۽ مير وانگر ڪو صوفيانه تعبير ئي ڪرڻو پوي ٿو. ان ۾ انقلاب پسند ۽ اصلاحي تاثر گهٽ ٿو رهي. +’انقلاب‘ سان اها جذباتي وابستگي قابل قدر ته آهي، پر سماجي زندگيءَ جي عڪاسي جي لاءِ رڳو جذبو به ڪافي نه آهي. بلڪ وسيع مطالع ۽ ڪافي تجربي جي ضرورت آهي. ۽ ان جو امڪان تڏهن آهي جڏهن اديب، سماجي ڪشمڪش کان نه ڀڄي، بلڪ ان کي زندگيءَ جو حصو بنائي، ۽ سماج جي ڏک سک کي پنهنجو ڏک سک ڪري سمجهي ۽ جيسين ”جگ بيتيءَ“ کي ”آپ بيتي“ نه بنائي. ۽ زبان حال سان هينءَ نه چوي: +خنجر لگي کسي کو تڙپتي هين هم ”امير“ ساري جهان ڪا درد هماري جگر مين هي +اها مٿين ڪيفيت جيستائين پيدا نه ٿي آهي، تيسين اهڙو ادب نه پيدا ٿي سگهندو، جنهن ۾ خلوص هجي، جو ٻين کي متاثر ڪري سگهي. عمل لاءِ تيار ڪري سگهي، ۽ اصلاح ۽ انقلاب لاءِ صحيح صلاحيتون پيدا ڪري سگهي!“ + + +مضمون +سنڌو +احمد بشير +سنڌيڪار:عبدالرسول نظاماڻي +منڇر جون موجون +گورڌن محبوباڻي- اجمير +يادگيريون +ڊاڪٽر يو.ايم.دائود پوٽو +گداگري +ڪريم ڏنو راڄپر +ملوڪيت +محمد اسماعيل عرساڻي +ڪڇ جي عوامي شاعر جو ڪلام +دکايل +سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +منشي صاحب راءِ ”آزاد“ +سيد حسام الدين راشدي +سنڌ جي اقتصادي تاريخ(1) +ڊاڪٽر س. پ ڇٻلاڻي +سنڌيڪار: سراج +سنڌي نثر جا مثالي ٽڪرا +چونڊيندڙ: م. د. سونيجي +-ابوبڪر +بمبئي ۾ ڪٺو ٿيل چوٿون سنڌي سميلن +ترتيب ڏيندڙ: موتيرام ايس. رامواڻي +آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارين +غ. گ +تبصرا +غ. گ +پڙهندڙن جا پيغام +اداره +اديبن جو فرض +”اسين هن وقت هڪ نهايت نازڪ دور مان لنگهي رهيا آهيون. اسان جي زبان، اسان جو ادب، اسان جي تهذيب بلڪ اسان جو وجود خطري ۾ آهي. ڪاتي چم چيري هڏي کي ڪرٽي رهي آهي. چوڌاري نا اميديءَ جا ڪارا ڪڪر آگم ڪري آيا. اهڙي سمي ۾ به جيڪڏهن اکيون نه کوليون سين ته رهي کهي راند به هٿن مان هارجي ويندي، پر آگي جا لک احسان، جو اسان جي اميدن جي ٻيڙيءَ جا ناکوا هاڻ قدري سجاڳ ٿيا آهن، ننگرن ۽ ناڙين کي سوگهو ڪري، سرهائي جي ساحل تي ناتاريون هڻي رهيا آهن. الله تعاليٰ شل کين بازن ۾ سگهه وجهي، جو اسان جي موجن ماريل مڪڙي چيٺي چڱي ڪري، سندس سڙهه ساز سنواري، کيس اوڙاهه مان اڪاري منزل مقصود تي پهچائين. +اهڙي نازڪ وقت ۾ اسان سڀني کي گهرجي ته يڪمشت ٿي وڃون ۽ پنهنجي باقي مانده اباڻي ورثي کي چهٽي پئون، بلڪ ان ۾ اضافو ڪري ۽ ان کي سنباهي ۽ سهيڙي ڏيهه کي ڏيکاريون، ته اسين به ڪنهن شي جا مالڪ آهيون. اسان کي به ڪنهن چيز تي ناز آهي. وڇ ڪيري تي ڪڏندي آهي. اسان جو ڪيرو الڙيل هوندو ۽ وٿاڻ جا واهي ستل هوندا ته چالاڪ چور وڇ کي راتو ڌو اٺائي ويندا پوءِ ڪري هزار ڀنگ آڇين ته به وري پنهنجي وٿاڻ ڏي مشڪل ورندي. اڄ اردو ادب جا اداره دار، اسان کي للڪاري رهيا آهن، ته جيڪڏهن ڪجهه هڙ ۾ اٿو ته ڪڍي ڪريو ٻاهر، پر اسان جي هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي، سي ڇا ظاهر ڪنداسين. جيڪي هٿن ۾ هوسين، تنهن کي به ڏئي وٺي ويهي رهياسين، هاڻي ڪهڙو منهن مٿي کڻون پر اڃا به هاج هٿن مان نه ويئي آهي. وڏن جي وٿ به اسان وٽ موجود آهي. جيڪڏهن ان کي سيٽي ۽ سڌاري وري به واضح ڪريون، ۽ ان تي پنهنجي دماغ مان اصليت ۽ عبقريت جا انگ چاڙهيون، ته جيڪر اسانجو اداب به دنيا جي ادبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهي. ان جي بدران اٽلو اسان جا ڪيترائي نوجوان اديب اڄ نقالي ۽ تقليد کي چنبڙي ويا آهن، ۽ پنهنجو خداداد دماغ ڊوڙائي، پنهن جي نثر ۽ نظم ۾ ڪوبه معقول واڌارو نٿا ڪن. آڳاٽو ادب نهايت دلپذير، ججهو ۽ جالارو آهي. اسان جي زبان نهايت وسيع ۽ تونگر آهي، دنيا جون ٽي قديم شاهوڪار ٻوليون سنسڪرت، عربي ۽ فارسي سندس باجگذار آهن، منجهس هر ڪنهن قسم جي ادبي ۽ علمي خوبي ۽ صلاحيت آهي. پوءِ ڪيڏو نه انڌير چئبو جو اهڙي هٿيار هوندي به اسين اڌرننڌر ۽ اڀرا هجون ۽ اغيار اسان جي بيوسيءَ تي کلون ڪن ۽ ٺونٺيون ٺوڪين.“ +ڊاڪٽردائود پوٽو +اصل انگريزيءَ ۾ احمد بشير جو لکيل +سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي +”سنڌو“ +مان انهيءَ عظيم ماءُ، مانسرور ڍنڍ، جي ڄائي آهيان، جيڪا لافاني هماليي جي عظيم پهاڙن ۽ انهن جي آسماني چوٽين جي وچ ۾، آد کان وٺي، هڪ بي انت سوچ ۽ ويچار جي دنيا ۾ گم رهندي پئي آئي آهي. اُهي شاهاڻا پهاڙ، منهنجي ان مانائتيءَ ۽ ماٺيڻيءَ ماءُ جي حفاظت ڪن ٿا، جتي هر شيءِ خاموش آهي، جتي ڪنهن به قسم جي ڪا ڀڻڪ ڪانهي جتي حسن حيرت، اثر ۽ طاقت، پوترتا ۽ پاڪيزگيءَ جي هڪ گنڀير، دل ڏاريندڙ، ڀيانڪ دنيا آهي. قدرت جي هڪ لاجواب ۽ لازوال چترڪاري آهي! ان جي نوراني نرملتا ايڏي ته آب تاب ۽ اثر واري آهي، جو خود مان، سنڌو، پڻ اتان کسڪي وڃان ٿي ته متان قدرت جي هن بيچون ۽ بي مثال نظاري جي بي عيب جڙت ۽ بناوت کي ڦٽائي نه وجهان! پوءِ مان زندگيءَ جي روح کي پنهنجي ساهه سان سانڍيندي، رستي جي هيٺانيهن مٿانهين، جبلن ۽ ٽڪرن، چُرن ۽ غارن مان ڇلانگ هڻندي، وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي، ٽپندي ۽ ڪڏندي، نڪري ٻاهر ميدانن تي نروار ٿي ٿيان! برف جي ڇپن ۽ پهاڙن، جهنگن ۽ جهرن، ٻيلن ۽ چراگاهن، وڻراهن ۽ وڻڪارن جي وسيع ميدانن ۽ پٽن مان، اُس ۽ ڇانوَ مان، ڪڏهن تيز ۽ تڪڙو، ڪڏهن ماٺيڻي ۽ آهستي، ڇپن کي ڀڃندي، پٿرن کي لوڙهيندي، ڊاهيندي ۽ ٺاهيندي، نيست و نابود ڪندي ۽ وري جياريندي. لهرين پويان لهريون هڻندي، پکڙبي ۽ ملڪن کي پائيندي، موجون ماريندي، وڌندي وهندي وڃان ٿي! مان آهيان ”سنڌو“، جيون جي نشاني ۽ زندگيءَ جي علامت! +پنهنجي هن جوکائتي سفر ۾، مان پيلي پوشاڪ پهريل ڌرماتما لامائن کي هماليي تي، معصوم ۽ اٻوجهه ڪشميري ڪنئارين کي پنهنجا ڌڻ چاريندي، ماکيءَ کان مٺڙين هيرن کي پنهنجن رانجهنن لاءِ ڏوهيڙا ڏيندي، صوفين ۽ سنتن کي وڇوڙي جي ماريل سسئين جون بي شمار ڪافيون ڳائيندي، ٻڌندي ۽ ڏسندي آهيان. جئن ئي راتيون پنهنجي ڪاراڻ جي چادر رتيءَ جي مٿان وڇائي ڇڏينديون آهن، ته تارن ڀرئي آسمان هيٺ ٿڪا ماندا ڪڙمي ۽ ڪاشتگار منهنجي ڪناري تي آرام يا بندگي ڪندا آهن، ننڍڙا ٻارڙا سمهندا يا کيڏندا آهن، ۽ اڀرا ۽ ضيعف مانجهي ۽ مهاڻا مٺيون ۽ سريليون ڪافيون ۽ گيت ڳائيندا آهن. آءٌ انهن سڀني کي پنهنجي سيني تي پالي نپائي وڏو ڪريان ٿي. هنن جو مون سان پيار آهي، هو مون کان ڊڄن به ٿا، ڇاڪاڻ ته مان ”سنڌو“ آهيان، انهن ئي وانگر مهربان ۽ دياوان به، ۽ چيڙاڪ ۽ مست پڻ! +مان ڪيترن ئي جڳن کان هنن جي واقف آهيان. مون کي اڃا تائين انهن جا بدلجندڙ چهرا، انهن جو ننڍپڻ، نينگرائپ، ڦوهه جواني، پيري ۽ نستائي ۽ ڏٻرائپ سڀ ياد آهن. مان هنن سڀني کي سڃاڻان ٿي. +مان انهن جي باري ۾ توکي سب ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿي. مان توکي اڳي اڳي جون ڪهاڻيون ۽ قديم زماني جا قصا ۽ بادشاهن ۽ راجائن، فاتحن ۽ حڪمرانن، هنن جي زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن، دک ۽ سک جا سمورا داستان ٻڌائي سگهان ٿي. اهي قصا، اهي داستان، اهي افسانا جي تو اڳ ڪڏهن به شايد نه ٻڌا هوندا. مان توکي اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري سگهان ٿي جيڪي مون ڏٺو!..... چڱو، هاڻي هيڏانهن نهار! اجهو هو سامهون هنن جو شان ۽ هنن جي عظمت ڏس. اهو آهي مهن جو دڙو. مرد پنهنجن ٻنين ۾ هر ڏيئي کيتي ڪري رهيا آهن، زالون پنهنجن خوشحال گهرن جو ڪم ڪار ڪري رهيون آهن ۽ ٻارڙا راندين ۾ مشغول آهن. سڀ سکيا سهنجا خوش ۽ آباد. هنن جا گهر نهايت ئي سهڻا ۽ سلسليوار آهن. هنن جي بازارين جي ڌوڪ ڌوڪان، گوڙ ۽ هل کي ڏس! پوءِ وري هڪ وحشي قوم جو ڪٽڪ اچي ٿو. هي قداور ۽ خوبصورت ماڻهو آهن. هو اچن ٿا ۽ هنن اچڻ شرط بي رحميءَ سان قتل عام شروع ڪري ڏنو. مرد ڪري ۽ مري رهيا آهن، عورتون لڪڻ جي ڪري رهيون آهن ۽ ٻار ڦڙڦوت پوڻ ڪري ريهون ڪندا ڀڄي رهيا آهن، ۽ وري نماشام جي منهن اونداهيءَ کان اڳ سڀ ماٺ ٿي ويئي. نئون ڏينهن اڀري ٿو. هڪ نئين تهذيب جنم ورتو آهي ڇو ته اهو قدرت جو قانون آهي!.... هاڻي ٻڌ! پريان هو ڌڌڪيدار نغارن جو گجندڙ آواز ٻڌ. هنن جي صورت ۽ طاقت، جاهه وجلال کي جاچ. اهي سنڌ جي راجائن جون سنسٿائون آهن، جن کي مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ پانڊون خلاف ڪورون جي مدد لاءِ موڪليو ويو آهي. هنن جي عجيب غريب ويسين وڳن، هٿيارن پنوهارن ۽ رٿن ڏانهن نهار. وري هنن کي غائب ٿيندو ڏس، جئن ڌوڙيو مٿي آسمان ۾ گم ٿي ويندو آهي!.... ۽ هاڻي وري هو نوجوان جنگي جوڌو سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش دل ۾ کڻي نمودار ٿئي ٿو. هن خيبر کي فتح ڪري ورتو. هو هاڻي جهلم جي پورس راجا کي شڪست ڏئي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جي خوبصورت چهري ڏانهن نهار، ۽ هن جي مٿي تي زره جي رڪ واري جهرڪندڙ ڪلنگي ۽ هن جي ڊگهي ٻن ڌارن واريءَ ترار کي جاچي ڏس. هو وڙهيو ۽ هن فتح حاصل ڪئي. مگر هن جو بي انداز لشڪر هاڻي گهڻي وقت تائين وڙهڻ ڪري، ٿڪجي ماندو ٿي پيو آهي. هتي هو پنهنجن خوابن کي ڪوڙو ثابت ٿيندو ڏسي، مري وڃي ٿو، ۽ هن جا هٿ خالي ۽ اکيون کليل رهجي وڃن ٿيون! +هاڻي نهار.... سندس جرنيل نيروڪس واپس ورڻ جي سفر لاءِ آرماڙ کي گڏ ڪري رهيو آهي. هي پڻ هليا ويا!... هاڻي وري سفيد چمڙيءَ وارا هوڻ لوڪ حملو ڪن ٿا.... بي رحم ۽ قاتل.... هو واچوڙي وانگر تڪڙا اچن ٿا ۽ ملڪ کي ڦريندا ۽ ساڙيندا، چوڌاري پٽن تي پکڙبا وڃن ٿا، جيئن مان موجون ماريندي ميدانن کي ٻوڙيندي ويندي آهيان. پر اهي سڀ ڪٿي آهن؟ هليا ويا... سڀ هليا ويا اوندهه انڌوڪار ۾، موت جي اونداهيءَ واديءَ ۾. پوءِ ٿوريءَ مهل تائين سڀ ماٺ ٿي ويئي. هيءَ سر زمين ماٺيڻي آهي. آسمان تان گردو غبار صاف ٿي ويو، ۽ پوءِ هڪ اجنبي مست واٽهڙو اچي ٿو. هي هڪ چيني مسافر آهي، هيون تسيانگ،.... جيڪو علم ۽ سوجهري جي ڳولا ۾ رلي رهيو هو. هن کي سوجهرو ملي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪو به ان جي ڳولا ڪري ٿو، ان کي پائي ٿو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي هيءَ سرزمين علم ۽ سوجهري جي کاڻ هئي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ڏوراهن ماڳن تان علم جي تلاش ۾ هتي ايندا هئا..... جڳ لنگهي ويا سوجهرو ۽ اونداهي... اونداهي ۽ سوجهرو.... سوجهرو ۽ اونداهي..... پر، زماني کان پوءِ وري ٻيا ماڻهو آيا جن هن زمين تي علم ۽ سوجهري جي نئين شمع آندي. هو عرب جي ريگستان مان اُڀريا ۽ دنيا تي ڇانئجي ويا ۽ آفريڪا ۽ هندستان جي اونداهين ڪنڊن کي علم جي سوجهري سان روشن ڪري ڇڏيائون.... هن جوشيلي عرب محمد بن قاسم ڏانهن نهار! هن جي گجندڙ منجنيقن ۽ طاقتور کانڀاڻين کي جاچ. هن سڄي سر زمين کي فتح ڪري ورتو، ۽ هاڻي هو سڄي ملڪ تي حڪم هلائي رهيو آهي، ڏاڍو پيارو ۽ عزيز آهي، ڇو ته جنهن وقت هو موڪلائي وڃي ٿو، هن جا هي نوان دوست هن لاءِ رڙن ۽ روئين ٿا. هن کان پوءِ شوخ ترڪ، قدا ور تاتاري، مغل، پٺاڻ ۽ انگريز اچن ٿا... هنن جي ڀڳل ترارين، ۽ ڦٽيل رت ڳاڙيندڙ دلين ڏانهن نهار! +سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي بهادريءَ جي شان کي ڏس. پراچين ديبل، برهمڻ آباد ۽ قديم منصوره ۽ محفوظ ڏانهن نهار. اهي فنا ٿي ويا ۽ هن وقت سندن نشان به ڪونهي، پر مان اڃا تائين انهن جون پيهه پيهان واريون بازاريون، نون رنگن ۾، نون چهرن سان ڏسي رهي آهيان. مان اڃا تائين ڀنڀور ڏانهن لڙهندي، ننڍڙيءَ سسئي جو پينگهو پنهنجي ڪناري تي لڏندو لمندو ڏسي سگهان ٿي. مان پنهونءَ کي ڪيچ جي جبلن ۾ ڏسي سگهان ٿي، جنهن کي سندس دعاباز ڀائرن ڊوهه ڪيو، اٺ جي پٺيءَ تي ٻڌيو چاڙهيو وٺيو پيا وڃن. ۽ اجهو هو پريان عمر ڪوٽ جون مغرور محلاتون نظر اچي رهيون آهن، جن مان وڇڙيل مارئيءَ جي آهُن ۽ زارين جو پڙاڏو اچي رهيو آهي. مان اڃا تائين هنجي سوز ۽ فراق کي ٻڌي سگهان ٿي!... هو پريان... ڀٽ تي.... سهڻو سيد لال لطيف پنهنجن مٺڙين لاتين ۽ روحاني راڳن ۾ مست ويٺو آهي. هن وقت هو ڪونهي پر مان هن جا درد ڀريا بيت ۽ مٺڙا ڪلام اڄ به ٻڌي سگهان ٿي. مان اڃا تائين کيس اهڙو چٽو ٻڌي رهي آهيان جهڙو هن کي جيئري ٻڌندي هيس. هو هڪ لافاني روح، وسيع ۽ اتم، سخي ۽ ٻاجهارو، جذباتي ۽ مهربان آهي. هو خوبصورت قداور ۽ خوش اندام آهي. جيئن هو پنهنجون من موهيندر ڪافيون ڳائي ٿو، تيئن هن جون گول گول ڪاريون اکيون چمڪن پيون. جڏهن هو ڏکارن ڏوٿين کي دعائون ڪري ٿو، تڏهن هن جو چهرو ٻهڪي اٿي ٿو. هو مون سان مخاطب ٿي ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ ته مان هن کي سمجهي سگهان ٿي. مان هن کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. مون تهذيبون ۽ تمدن پيدا ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺا، مون فاتحن جي سوارين کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر سنڌ جو فاتح فقط هو شاهه ئي آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻيا فاتح زمينون ۽ ملڪ فتح ڪن ٿا، پر هن ماڻهن جي دلين تي فتح حاصل ڪئي آهي، ۽ هن جي نينهن جو نياپو هن جي سهڻي سڳنڌ ڀري ساروڻي امر آهن. +هو مٺڙيءَ سنڌيءَ ۾ الاهي افضل ڳالهيون ڳائي ٿو. پنهنجي من موهيندڙ ڪلام سانهو ماڻهن جا رخ ڦيريو، تقديرون ۽ قسمتون بدلايو ۽ روح کي دائمي راحت ڏيو ڇڏي. +هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ننڍڙين ڪکاين جهوپڙين ۽ چونئرن ۾ گذارين ٿا. منجهائن جيڪي سکيا ۽ شاهوڪار آهن سي حوضن ۽ مڇين جي تلائن سان سينگاريل اوچن گهرن ۾ رهن ٿا. پر مان انهن جي گهر ۾ قرب ۽ اتساهه گهٽ ڏسان ٿي. مان انهن غريب مارو ماڻهن کي پسند ڪريان ٿي جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ گذارين ٿا، جتي وچ ۾ هڪ ننڍڙي صاف سٿري مسيت آهي، جنهن جي ننڍڙن منارن تي موءذن چڙهي عبادت گذار بندن کي پنهنجي مولا جي بندگي ڪرڻ لاءِ سڏيندو آهي، جتي هڪ سرهاڻ پکيڙيندڙ سهڻو مندر آهي، جنهن جي سريلن گهنڊن جي مڌر آوازن تي پوڄاري سوير گهرن کان پوڄا لاءِ ٻاهر نڪري ايندا آهن. جڏهن گهر جا وڏا ڪم ڪن ٿا يا عبادت ڪن ٿا تڏهن زالون ڪچهري لايو ٽهه ٽهه پيون ڪن ۽ ننڍڙا من موهيندڙ ٻارڙا وري لڪ لڪوٽي ۽ اٽي ڏڪر راند پيا رهن. هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ پنهنجو واڙو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌي مال کي پيار ڪندا آهن. +هن ديس جا سپوت هميشہ کل مک ۽ خوشمزاج طبيعت جا صاحب ٿي رهيا آهن. ڪم ڪاڄ، پيار ۽ محبت، کل ۽ خوشيءَ، لئي ۽ رس جا ڪوڏيا. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ هنن جو شوق ۽ پيار ملڪان ملڪ مشهور آهي. سندس عيدون ۽ هوليون گڏجي گذارن. انهن موقعن تي وڏيون وڏيون دعوتون ۽ مجلسون، گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ٿينديون آهن. زالون وري مٺايون ۽ گل ورهائينديون آهن. اهي پنهنجن ٻانهن ۾ عاج جون ٻانهيون ۽ وڏا چوڙا پائينديون آهن. هر چنڊ واري مهني جو پهريون جمعو ۽ هر سهائو سومار نهايت ئي وڏي ڌام ڌوم ۽ مزي سان ملهايو ويندو آهي. جڏهن وسڪارا ۽ برساتيون پونديون آهن، تڏهن ڳوٺن کان ٻاهر مجلسون ۽ محفلون ڪيون وينديون آهن جتي يڪتاري ۽ گهڙي تي سريلا ڪلام ۽ ڪافيون ڳايون ويندوين آهن. هتي مان پنهنجن اکين سان هنن جا رنگ برنگي ناچ ڏسي رهي آهيان. تنهن زماني ۾ به بلڪل اڄ وانگي،سگهڙن ۽ شاعرن، هن پنهنجي ملڪ جي سونهن سوڀيا ۽ حسن و نزاڪت منجهان ئي پنهنجي شاعريءَ جا مواد ۽ موضوع حاصل ڪيا. هنن منهنجي اٿلن ۽ سيلابن، مڇين پلن، واڳن ۽ سيسرن، ۽ منهنجي پورالي طبيعت جي هر روپ رنگ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو. هنن هن ديس جي اٺن ۽ اوٺيڙن، جتن ۽ جهانگيئڙن، لڏن ۽ قافلن، ڪارن ڪڪرن ۽ زرد رنگ بيابانن، ميهارن ۽ ريڍارن، ۽ چهچ چراگاهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. هنن هن ديس جي لين ۽ لاڻن، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن، ڪرڙن ۽ کٻڙن تي بيت چيا. هنن هن سهڻي ديس جي انهن نارين کي ڳايو جن جي ڪونج جهڙين ڊگهين ڳچين ۾ چانديءَ جون مالهائون ۽ هس ۽ سهڻين سنهڙين ڪاراين ۽ ڪنگڻ ۽ ننڍڙن نازڪ پيرن ۾ ڪڙيون ۽ پازيب پهريل آهن، سندن مٿي تي واسينگ نانگ جهڙن ڪارن، ڀنئور جهڙن وارن جون پيچدار چڳون ۽ گهنڊيدار ڳتون نڪتل آهن ۽ سندن مرگهه جهڙيون ڪجلدار ڪاريون اکڙيون مشعل وانگي ٻري رهيون آهن. شاعرن حسين نارين جي پيارن مڙسن ۽ پريمين جي انهن پتڻن ۽ ٻيڙين کي پڻ ڳايو جيڪي وڻجارن سنڌورڪين کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ واپس ماڳ موٽائي وٺي ٿي آيون. هنن، گهر ڌياڻين جي گهرڙن، چرخن ۽ آتڻن کي پڻ ڳايو... مطلب ته سنڌ جي هنن سدا حيات سگهڙن ۽ شاعرن پنهنجي سٻاجهيءَ سونهن ونديءَ سنڌ جي هر ڳالهه ۽ هر ادا کي هر دفعي ڳايو... +ڌرتيءَ جي کيڙيندڙ هارين پورهيو ڪيو ۽ پگهر وهايو ۽ زميندار ۽ شاهوڪار انهن جي پگهر واريءَ خسيس ۽ ٿورڙيءَ ڪمائي کي به ڳهندا، ڳڙڪائيندا، مچندا ٿلها ٿيندا ويا ۽ غريبن کي ٿونها هڻندا رهيا. مگر مفلسيءَ جي هر حال ۾ آسيسن ۽ دعائن حاصل ڪرڻ لاءِ، هنن پيرن ۽ سيدن سڳورن جي رڪيبن ۽ لغام جي واڳن کي هر وقت چمي سيني سان لڳايو. سنڌ جي لافاني شاعر، شاهه، هنن سڀني کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو، ڇاڪاڻ ته هو هنن جو هو. مان اڃا تائين هن جي روحاني ڪافين ۽ ڪلامن کي ٻڌي سگهان ٿي. +مان آهيان ٻلدان ۽ زور واري سنڌو... مان پاڻ سان داءُ رکڻ واري کي اڇلايو ڇڏيان. جن به مون سان شرط رکي، انهن هميشہ راند هارائي. جن به مونسان سينو ساهيو، پاڻ کي نيست و نابود ڪيائون. پر شاهه مونکي ماٺو ڪري ڇڏيو. مون هن جي آس پاس شانتي ۽ پيار حاصل ڪيو. مان هن جي دل جي گهرائپ ۽ شاعريءَ جي روانيءَ سان محبت ڪريان ٿي. مان هن جي مٺي ڪلام تي قربان آهيان. هو ڪيترو نه مون جهڙو ۽ ڪيترو نه مون کان اعليٰ هو! +اوهان جي هن ملڪ ۽ اوهان جي ڪچي وارن ميدانن جي هن زمين ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجن ماڻهن کي لنگهڻ ۽ فاقا ڪڍرايا ڇو ته پاڻي ڪونه هو. منهنجو پاڻي ڪيترن ئي ويران برن ۽ ساڙيندڙ ميدانن کي آباد ڪري سگهيو ٿي، پر وقت جي راجائن ۽ فاتح حڪمرانن ڪا خاص پرواهه ڪانه ڪئي. انهن مان ڪن ٿورڙن ڪي ننڍا ننڍا ۽ ڪي نماڻا واهه کڻايا. پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ منهنجي لٽ ۽ ريٽ جي واريءَ انهن کي لٽي ڇڏيو. اڄ پهريون دفعو انهن ماڻهن لاءِ چاهه ڀريل سچيءَ پچيءَ دل واري ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪي منهنجي نالي پويان سڏجن ٿا. سکر وٽ هڪ زبردست براج منهنجي پيٽ ۾ سوگهو بيٺل آهي. آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪم ۾ ساٿڙو ڏيئي رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجو اوهان سڀني سان پريم آهي ۽ اهو اوهان جي ئي فائدي لاءِ آهي. ڪوٽڙيءَ وٽ پڻ اوهين منهنجي ٻل واري گهوڙِ تي سنج وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. مون انهيءَ لاءِ اوهان کي اجازت ڏني آهي. پنهنجن زمينن ۽ ٻنين کي آباد ڪريو. مان چوانوَ ٿي. سونهري ڪڻڪ پيدا ڪريو. کيڙيو ۽ کائو، پيئو، پهريو، ۽ خوش گذاريو. مان اوهان کي نه روڪينديس. منهنجو پاڻي کڻي وڃو ۽ مون کي اهي قديم ۽ اڳي اڳي وارا خوشيءَ جا ناچ ۽ راڳ رنگ ڏيکاريو. مون کي اهي ٽهڪ ٻڌايو جيڪي دلين مان اڌاما ڏيئي نڪرندا هجن. مان اوهان کي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ڪجهه مون وٽ آهي... ۽ مون وٽ ان کان تمام گهڻو آهي، جيتري جي اوهان کي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته مان آهيان ٻلدان ۽ طاقتور سنڌو... مان آهيان اجيت ۽ امر سنڌو، مان آهيان اٽڪ، مان آهيان جهلم، مان آهيان چناب، مان آهيان راوي، مان آهيان بياس، مان آهيان ستلج، مان آهيان مهراڻ، انهن سڀني جي اپت ۽ جوڙ مان آهيان ”سنڌو“... مان آهيان مها ٻلوان، اجيت ۽ امر سنڌو.... +اديب تيسين ترقي نه ڪري سگهندو، جيسين ”عوام“ جو توجهه پاڻ ڏانهن نه ڇڪائي سگهيو آهي، ۽ جيسين منجهس اعليٰ درجي جي ”سماجي مقصديت“ نه پيدا ٿي آهي. +اديب ”عظيم انساني قدرن“ مان نور حاصل ڪري ٿو. امن سان محبت، جنگ کان نفرت، قومن ۾ دوستانه تعلقات پيدا ڪرڻ جي خواهش، سرمايه داري جي لٽ ڦر کي ختم ڪرڻ جو عزم ”انساني دوستيءَ“ مان ئي پيدا ٿي سگهن ٿا. ادب عظيم اخلاقي مقصد جو مطالبو ڪري ٿو. جئن سڀ اديب پنهنجي تحرير ۾ سنجيدگي پيدا ڪن، تاثر ۽ خلوص پيدا ڪن، ۽ ان کي مقبول ۽ خوبصورت بنائين. جئن اسان جي قوم انهن سان محبت ڪري سگهي، انهن مان جوش حاصل ڪري سگهي ۽ انهن تي فخر ڪري سگهي. +عوامي ادب ۽ ڪلچر جو مستقبل اديبن سان ئي وابسته آهي. ۽ هي ثابت ڪرڻ به انهن جو ئي فرض آهي ته ”مستقبل معتبر هٿن ۾ آهي يا نه؟“ +گوورڌن محبوباڻي- اجمير +منڇر جون موجون +سو سائين، نيٺ سفر جو سعيو ڪري، اسين آراضيءَ مان اسهياسين. ساڻ هيوسين سائيڪلون جي شاهي سڙڪ تان سرڙاٽ ڪري هلڻ لڳيون. ساوڻ جو سهڻو، من مهڻو مهنو، سو ڀلا اسان ’ڇوڪر ڇتيءَ ذات‘ کي ڪٿي ٿو سڪول اندر آرام اچي! الک در اهائي پئي التجا ڪئيسين ته ”موليٰ مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان!“ نيٺ الله عرض اگهايو. منڊل منڊيا، وڄن وسڻ جا ويس ڪيا. ڪڪرن ڪيهون ڪيون، ته اسان به آزي نيزاري ڪئي. چي: ”سائين! هلو ڪنهن سير سفر تي.“ ماسترن جي مهربانيءَ سان هيڊ ماستر صاحب به ”ها“ ڪئي. بس! پوءِ ته مڪتب ۾ مهيءَ ولوڙ مچي ويو. فيصلو ٿيو ته منڇر جي موج وٺجي. منڇر آراضيءَ کان ٻه ٽي ڪوهه پري بوبڪن ڀرسان وڏي ڍنڍ آهي. ٻئي ڏينهن ئي قافلي ڪوچ ڪيو. +صبح جو سهاونو سمو، آڪاس تي ابرن جي اڇ رکي رکي بوندن جي برکا پئي ٿي. سارنگ جا ساز سرندا ۽ سائيڪلن جا سرڙاٽ ٻڌي، دل جي دهل به ڌمڪ ڌمڪ ڪرڻ شروع ڪئي. دل از خود الاپيو: +”اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪي توار، هارين هر سنباهيا، سرها ٿئا سنگهار، اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“ +ڀلا من تي هئي مستي چڙهيل، سو مني ڪلاڪ ۾ ئي اچي بوبڪن جي بند تي ٺڪاءُ ڪيوسين. وڌي وڏيري شير خان جي اوطاق تي آياسين. هو ملوڪ مڙس ان وقت اوطاقت جي اڱڻ ۾ محفل مچايو ويٺو هو. اسان کي ڏسي اٿيو. کلي کيڪر ڪيائين. چي: ”ڀلي آيا ڀلارا! اڄ ساجهر ئي اوهان جو سنيهو مليو. اسان سڀ بندوبست ڪيو آهي.“ سائيڪلن کي هڪ هنڌ سٽي، اسين ٿوري آرام لاءِ اندر وياسين. خان جي خاصخيلين اسان جي خاصي خذمت ڪئي. شير خان، هو به برابر شير دل. اسان لاءِ سڀ سامان ميسر ڪيو هئائين. ٻاهر ٽانگا به تيار بيٺا هئا. اسين ٿورو ٿڪ ڀڃي، ٻاهر آياسين. ٽانگا ڪل ٽي. ٻن ۾ ويٺا بزرگ ۽ هڪ ۾ سامان. باقي باندر سئنا سائيڪلن تي. ٽڪ ٽڪ ڪري ٽانگا هليا. بوبڪن جي پسگردائي پار ڪري اچي دانستر واهه تي دنگ ڪيوسين. اتي ٺيڪيدارن جون لانڍيون لڳيون پيون هيون. جن ۾ مڇين جا مڻ ۽ برف جا ڍير لڳا پيا هئا. اسان سامان لاهي، ٻيڙين ۾ رکيو ۽ پاڻ به ٿي منجهن ويٺاسين. ٻيڙيون هليون. پاڻيءَ ۾ لهرون اٿيون، ته من ۾ امنگ. هيٺ ڇل ڇل ڪندڙ ڇوليون: مٿان برساتي بانولا بادل، نظارو عجيب هو! دانستر پار ڪري ٻيڙيون منڇر ۾ گهڙيون. سامهون نهار ته: +”سانده سڀ درياه، ڪانهي ڪنڌي پار جي.“ +سانوڻ جي مند ۾ ته منڇر ميلن ۾ ڦهلجي ويندي آهي، پر پاڻيءَ جي گهرائي ڪٿي مڙسان تار ته ڪٿي فوٽ ٻه چار. اڃا ٿورو اڳتي وڌ ياسين ته پريان ٿالهين جي جهن جهناهٽ جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو. سمجهيوسين ته مهاڻا مڇين مارڻ لاءِ اهو غلغلو مچائي رهيا هئا. +منڇر ۾ مهاڻن جي مڇي مارڻ جو نمونو به مزيدار آهي. جتي پاڻي تانگهو هجي اتي هڪ وڏي گول ۾ اُڀا ونجهه کوڙي وڃن. انهن ۾ هيٺ گول سمهيل ڄاري لڳائين، ۽ ونجهن جي پاسن کان به ٻه ٽي فوٽ اڀي ڄاري ويڙهي وڃن. ان طرح گويا ڄاريءَ جو هڪ وڏو گول کوهه ٺهيو پوي، جنهن کي چون ”ڀن“ پوءِ بتيلن ۾ چڙهي. پن جي چوڌاري اٽڪل سڏ کن پنڌ پري کان ٿالهيون وڄائي، وٺي شور غل مچائين ۽ ڌيري ڌيري چڪر هڻندا وڃن پن کي ويجهو پوندا. هيڏو هل هلاچو ٻڌي موڙهل مڇيون ويچاريون ڊپ جون ماريون وٺي ڀڄن ڀن ڏانهن. جڏهن ڀن جي ڄاريءَ وٽ پهچن، تڏهن اڳتي وڌڻ جي واٽ نه ڏسي وٺي جو ڇوهه مان ڇلانگ مارين ته ڌو وڃي پون ڀن ۾. پوءِ ته مهاڻا کين پڪڙي سندن منڍيءَ مان سوء لنگهائي، وڃننن هڪ سنهڙي رسيءَ ۾ پوئيندا ڄڻ مڇين جي مالها ٺاهڻي اٿن. +منڇر ۾ مڇين تي مارو ته هر مند ٿئي، پر پکين جو شڪار رڳو سياري ۾. ڪيترائي آفيسر سياري ۾ سير ۽ پکين جي شڪار لاءِ منڇر تي ايندا آهن. هو گهڻو ڪري بندوق سان شڪار ڪن. پر پکين جي شڪار لاءِ مهاڻن جا طريقا تعجب خيز آهن. +عام طور منڇر ۾ آڙين ۽ بدڪن جو شڪار ٿئي. بدڪن ڦاسائڻ لاءِ مهاڻا ڏاڍي چالاڪي ڪن. هوبهو بدڪ جي شڪل جهڙو بوتو بڻائين ۽ اهو ٽوپلي وانگر مٿي ۾ پائي، ڇپ ڇپ ڪري، وڃي بدڪن جي جهنڊ ڀرسان بيهن. نڪ کان هيٺ بدن پاڻيءَ اندر رکن، جئن بيوقوب بدڪون سمجهن ته ڪا سندن ئي ادي ڀينڙي ڀرسان بيٺي آهي. مهاڻا سياڻا: پوءِ خوب خبرداريءَ سان بدڪن کي ڄنگهن کان جهلي وڃن اندر پاڻيءَ ۾ ڇڪيندا ۽ انهن جون ٽنگون ٽوڙي کين چيلهه ۾ ٻڌل رسيءَ سان ٻڌندا. +آڙين جو شڪار اڪثر اونداهين راتين ۾ ڪن. ٻه لنبا ونجهه اڀا کوڙي، ان ۾ ڄاري لٽڪائين، گويا پاڻيءَ جي وچ ۾ ڄاريءَ جي هڪ وڏي اوچي ديوار ٺهي پوي. پوءِ ان ڄاريءَ اڳيان ٻه ننڍا لڪڙا کوڙي، ڄاريءَ جو هيٺيون پاسو انهن تي اهڙيءَ طرح اٽڪائين جو ڄاريءَ جي ”جهول“ ٺهيو پوي. ان کان پوءِ ڄاريءَ جي سامهون سڏ کن پنڌ پري وڃي، دٻا، ٽين ۽ ٿالهيون کڙڪائي وٺي گوڙ مچائين. آواز تي آڙيون وٺي سامهون اڏامن ۽ اونده سبب سڌو زوم سان اچي ڄاريءَ سان ٺڪاءُ ڪن ۽ ڦهڪو ڪري هيٺ ”جهول“ ۾ ڪري پون، جتي ڪيترا مهاڻا بيٺا هوندا آهن اهي آڙين کي هڪدم پڪڙي وڃن سندن منڍيون مروٽيندا. +سو سائين، ڳالهه ٿي ڪيم ته ٻيڙيون هاڪاري اسين به اچي ڀن ڀيڙا ٿياسين. مهاڻا ويچارا، بدن اگهاڙا، ’مال جنين جو مڪڙيون، ٻيا ڄارا ۽ کارا‘، ڏاڍيءَ محنت سان مڇيون ماري رهيا هئا. ڪيڏي نه غربت، ڪيڏي نه جفاڪشي ۽ پريشاني! پهرڻ لاءِ گند ڀري گوڏ ۽ اجهي لاءِ ٻيڙيءَ ۾ ڇنل ڇپر يا ڪپر تي پراڻو پکو. ته به هو مست هئا. نڪو هون فڪر يا ڦرنو نڪا ڳڻتي يا غم. ڪم سان گڏ ڪنڌ ڌوڻي پئي هونگارون ڪيائون. لاشڪ، سچي راحت نڪي آهي محلن ۾، نه ماڙين ۾، نه ڌن ۾، نه دولت ۾، نه اجائي مان وڏائيءَ ۾، نه جوٺي مرتبي ۾، پر جيڪڏهن آهي ته آهي محنت ۾، سچ جي پورهئي ۾. +منجهند اچي ٿي هئي، سو مهاڻن کان مڇيون ۽ پوپرا خريد ڪياسين. پوءِ روٽيءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. اسان واري ٻيڙي سڀني کان وڏي هئي. هلائڻ وارو به هو ميربحرن جو مهندار. ساڻس گڏ سندس زال ۽ ننڍي ڌيءُ به ونجهه هلائي رهيون هيون. ٻيڙيءَ اندر چلهه ٺهيل هئي. اسان ان تي پوپرا پچائڻ شروع ڪيا. تريل مڇيءَ جي سڳنڌ مان اسان ماس کائن کي ته مزو ٿي آيو، پر وئل هو ويچارن ويشنن سان. ٻوٿ ٻڌي، نڪ ٻوساٽي وڃي ڪنڊن ۾ قابو ٿيا. ڀر واريءَ ٻيڙيءَ ۾ مولو مذاقي ويٺو هو. ساوڻ جي جهڙ ۽ صبح واريءَ ڦڙ ڦڙ هن جي دل ۾ دونها دکائي ڇڏيا هئا، جي هينئر طعامن جي طراوت تي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪري آيا. ڏاڍي امنگ مان هن سارنگ ڳائڻ شروع ڪيو. +”مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي، جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان، بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين!“ +چوندا آهن ته سارنگ ڳائڻ سان سچ پچ بارش پوندي آهي. مولوءَ جي ڌن به اثر ڏيکاريو، مگر اُلٽو. کن پل ۾ آسمان صاف ٿي ويو ۽ سج ساڙڻ لڳو. ڀلا جُهڙ جي اُس کان الله بچائي. پر سج جي ڪرڻن منڇر مٿان عجيب رونق لائي ڏني. هوا جي هلڪن جهوٽن تي هيٺ مٿي ٿيندڙ پاڻي چانديءَ جي ورقن وانگر چمڪڻ لڳو. قدرت جا به ڪهڙا نه عجيب رنگ آهن! +اس نڪتي. گرمي ٿي. ٻيڙين مٿان ڪپڙي جو ڍڪ چاڙهيو ويو ۽ کين هڪ هنڌ وچ پاڻيءَ ۾ ب��هاريو ويو. روٽيءَ کان پوءِ گپ شپ شروع ٿي. +آخر سج لڙيو. شام آئي. منڇر مٿان نچندڙ چانديءَ جا ورق ڦري سونا ٿيا. خيال ڪيوسين ته هاڻي ”شاهه حسڻ“ جي ڳوٺ ڏي رخ رکون. پر مهندار منع ڪئي چي: ”سائين! گهٽ آهي. شايد واچ چڙهي. اڳتي هلڻ آهي خطرو ڳنهڻ.“ پر سائين باندر ذات ڪٿا ٿي باز اچي. وٺي مهندار کي مڇلايوسين. ”اصل ڪو ڏسڻ جو ڏيل آهين. ٻاهر بانڪو بير، اندر مڙيوئي اڳڙيون.“ مهندار وراڻيو، ”اسان کي ڇاهي؟ اسين جل جا جناور، اسان کي ڪو ڀؤ ڪو ڀولو؟“ +ٻيڙيون شاهه حسڻ ڏي وڌڻ لڳيون. اسان رڳ جي محفل مچائي. آخر ميان مهندار کي به منٿ ڪئي سون ته: ’يار ڪا قهر جي ڪافي ٻڌاءِ.‘ هو مڙس به دل وارو هو. چيائين، ”ٻيلي! مان ڇا ڳائنيدس؟ توهان ڳاتو، اسان ٻڌو. هاڻي منهنجي نينگري نازان ڳائيندي. ذرا اهو به ٻڌجو.“ سندس نينگريءَ جو نالو ته نازان هو پر ’مهاڻيءَ جي من ۾ گيرب نه گاءُ.‘ هن جو ناز هو هن جي نماڻائيءَ ۾. هن جي نزاڪت هئي هن جي نهٺائيءَ ۾. شڪل جي صفا سانوري تڏهن به سلوڻي. ونجهه ڇڏي وڃي پاڇل تي ويٺي. اکيون هيٺ. ڳائڻ شروع ڪيائين. ڇوريءَ جو سر به ڪو سر هو. اصل ماکيءَ جي ڌار ڦٽي ٿي نڪتي. سڀني تي گويا جادوءَ جو اثر ٿي ويو. ونجهه بيهي ويا. ٻيڙيون ڍريون ٿي وييون ۽ اهو مٺڙو سنهڙو آواز ڌيري ڌيري منڇر جي وسيع سطح تي ڦهلجي ويو: +”ڪاري رات ڪچو گهڙو، اڻٽيهه اونداهي، چنڊ نالو ناهه ڪو، درياهه دڙ لائي، ساهڙ ڪارڻ سوهڻي، آڌيءَ ٿي آئي، ايءُ ڪم الاهي، نات ڪنن ۾ ڪير گهڙي!“ +ڏوهيڙو پورو ڪري، هن ڪافي شروع ڪئي: +منکي ڪانه جهلي، سڀڪا پاڻ پلي، آئون وڌڙي نينهن اڇلي.“ +هيءَ سهڻيءَ جي سوز ڀري صدا هئي، جنهن اسان سڀني جون دليون ڦيهي وڌيون. راڳ به هڪ انوکي ڪلا آهي، جادو آهي جو انسان کي کلائي به سگهي ٿو ته روئاري به سگهي ٿو. آلاپ بند ٿي ويو، پر ڪنهن ٻڙڪ نه ٻولي. سوز سبب سڀ سانت هئا. پر ان سوز ۾ به ڪيڏو نه آنند، ڪيڏو نه لطف هو. سچ! درد ۾ جو مٺاس آهي سو کل خوشيءَ ۾ ڪٿي؟ +اوچتو پاسي واريءَ ٻيڙيءَ مان ملاح رڙ ڪئي، ”استاد! شايد اولهه ٿو اُٿي!“ سڀني کان ڇرڪ نڪري ويو. سچ پچ اولهه کان تيز طوفان اچي رهيو هو، مانجهي مڙسن جا به منهن لهي ويا. ونجهن جا وارا وڄائي ڏنائون، پر ڇوهو اچي ڪڙڪيو. پوءِ ته چوڌاري چوٻول مچي ويو. دليون دهشت ۾ ڌڙڪڻ لڳيون. هينئڙا هپائجي ويا. ماٺيءَ منڇر ۾ ڄڻ مانڌاڻي پئجي ويئي. ڇولين جي ڇوهه سبب ٻيڙيون ائين لڏڻ لڳيون گويا اجهي ٿيون اونڌيون ٿين. مصيبت ۾ ڀڳوان ياد ايندو آهي. سڀ رام ۽ رحيم لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳا. سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته هاڻ ڪجي ڇا؟ اوچتو مهندار جي مغز ۾ تجويز تري آئي. رڙ ڪري چيائين، ”بچڻو اٿوَ ته مڙسي ڪريو. سڀ جوان ٻيڙين کي جهلي لٽڪي پئو پاڻيءَ ۾!“ سندس چوڻ جي دير هئي، عمل ۾ ويرم ڪين لڳي. اسين سڀ وڏا ڇوڪرا ۽ ماستر ڪپڙا لاهي چوڌاري ٻيڙين کي جهلي لهي پياسين پاڻيءَ ۾. بس! پوءِ ته ڪا جٺ به جٺ ٿي. لهرن جي لوڏن تي هر هر ٻوٿ وڃي ٻيڙين سان ٽڪرجن پر تڏهن به هٿ وجهيو لنگورن وانگر لٽڪيا پيا هئاسين. برابر اڌ ڪلاڪ اها جبري جٺ سٺيسين، پر ٻيڙيون ٻڏڻ کان بچي وييون. +واچوڙو لنگهي ويو، هؤ مؤ ٽريو. ٽپي آياسين ٻيڙين ۾. ان مهل تؤ ۾ ته ڪجهه پتو ڪونه پيو پر جڏهن موٽندي دانستر تان سامان سوڌيون سائيڪلون، گپ ڀريل رستي تان گهلي، ٿڌ ۾ ڏڪندا ٿڙڪندا، آڌيءَ رات جو اچي وڏيري شير خان جي اوطاق تي پهتاسين، تڏهن لڱ لڱ ساڻو ٿي چڪو هو. پر وري به شڪر! جان ته بچي! رستي تان ايندي، آءٌ اهوئي سوچي رهيو هوس ته: ”واهه ڙي منڇر تنهنجون موجو��! تنهنجي ماٺيڻين لهرن جا مزا ورتاسين، ته ڇتين ڇولين جا لوڏا به سٺاسين. هڪ شيءِ جا ٻه روپ، هڪ ۾ راحت، ٻئي ۾ آفت! ساڳي آهي من جي حالت!!“ +................ +”اديب“ ماضيءَ جي ڪلچر ۽ ادب جي صحيح وارث آهي. ۽ هو ”انساني تهذيب“ جي بهترين، آزادي بخش، صحتمند ۽ زنده روايات کي کڻي اڳتي وڌي ٿو. +سماج جي ”تاريخي ارتقا“ جي پس منظر ۾، هو پنهنجي تهذيبي ورثي کي تنقيدي نظر سان پرکي ٿو، ۽ ڪلچر کي قومي تعصب ۽ تاريڪ انديشي جي هم معنيٰ نٿو سمجهي، بلڪ هو ان طرح جي سڀني پردن کي چاڪ ٿو ڪري. اهڙو اديب ان کي هڪ ادبي فرض ٿو سمجهي ته هو پنهنجي ادبي تخليق کي به اهڙن مٺن زهرن کان بچائيندو رهي.“ +شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو +يادگيريون +هينئر منهنجي ڄمار اڻونجاهه ورهين کان به مٿي آهي. اگرچ ٻالاپڻ جو ٻوڪ دل تان لهي ويو آهي، ليڪن گذريل پنجاهه سالن جي پوري سانڀر اٿم. انهيءَ زماني جا تجربا ۽ مشاهدا، سک ۽ سور، چڱيءَ طرح من تي اڪريل اٿم، ۽ اڄ به جيڪڏهن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ وهان ته هوند ذهن جي تختيءَ تان اتارجي قلم مان فرفر ڪري، ڪاغذ جي سطح تي نڪري نروار ٿين. هڪ ڪڙميءَ جي ٻار جي نازڪ ۽ نرم دل تان ننڍڙائيءَ جا نقش ڀلا ڪيئن اتري سگهندا؟ +آهه! ڪهڙو نه پر لطف ۽ مزيدار زمانو هو. سڀ شيءِ سهانگي هئي، ان پاڻي ججهو جالارو هو، ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه پوندي هئي. هر هڪ جي گهر اڳيان ان جون ڀريل گنديون نظر اينديون هيون. گويا دنيا ۽ ماسوا جون سڀئي نعمتون وٽن موجود هيون. پئسي دڪو مکڻ جو، ۽ اٺين آني نبار گيهه جو سير ملندو هو. هينئر پنجين روپئين به صاف گيهه جو سير ملي نٿو سگهي. افسوس جو ڳوٺاڻان به شهرين جون علتون ۽ چالاڪيون سکي ڀڙ ٿي پيا آهن! ملاوت کان سواءِ انهن جو به روح نٿو رهي. اڳي جوئر روپئي ٻه اڍائي ڪاسا ۽ ڪڻڪ جو مڻ ملي، سا به ٻٽ ۽ ٻري. ڪهڻي ۽ رڙيءَ جو ته نالو ئي نه پڇ. سڳداسي چانور جن جو سڳنڌ پري کان ايندو هو، سي اڄ اڻ لڀ آهن، ۽ سٺڙيا چار سير به نه ٿا ملن. غريب غربو سائو ستابو هوندو هو. زميندار هارين کي پنهنجن ٻچن جهڙو ڀائيندا هئا. اگرچ واڻيا وڪال قرض خاطر غريب ڪڙمين کي گاهه گاهي ڪورٽن جو منهن ڏيکاريندا هئا، ۽ سندن مال لهڻي جي عوض ۾ ڪاهي، سندن ڀاڻ ڀينگيا ڪري ويندا هئا، ته به اهي ڪراڙ هروڀرو محبت ۽ ماڻهپي کان خالي ڪونه هئا. منجهن مرم، شرم ۽ ڀرم جا ماڻ ڀريل هئا. ڪنهن به ويلي منجهن ڪم پوندو هو ته مهل نه وڃائيندا هئا. اڄ اها حالت آهي جو ڀائر ڀائرن جو چڪين ماس کائين ٿا. نفسا نفسي لڳي پيئي آهي. سڱ ۽ سياء جو سانگ ڪونهي. لوڀ ۽ لالچ جو ڀوت سڀني کي گهيري ويو آهي. شرم حياء، لڄ ۽ پت سڀ لوڪ مان لڏي ويا آهن، ديا ۽ ڌرم جا دروازا بنهه ٻوٽجي ويا آهن. چوڌاري اوندهه ۽ انڌوڪار ڇانئجي وئي آهي. +سچائيءَ وفائيءَ سندو ڏيهه ۾، +پيو قحط قهري متو ڏس مهانگ. +نهين ڏينهن سڀڪو جوڙيءَ جو ڪپڙو پائي خوش رهندو هو. هاري ماڻهو ان کي نيروٽيءَ کان رنڱائي، صدريون ۽ سٿڻون گهران سبارائي پائيندا هئا. درزي ڪو ورلي لڀندو هو. زالون وري سوسين جو ڪپڙو اوڍينديون هيون. سٽ سستو ملندو هو. بافتو، پڻيو، ڏوريو ۽ ململ پڻ اڻ ميا ملندا هئا. هر ڪو پنهنجي هوند آهر انهيءَ نعمت کان محروم نه هوندو هو. اڄ سٽ ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ڪورين جي اڏاڻن جو آواز بيهي ويو آهي. مرد ۽ ڇوڪرا ٻاهر ليڙون لوڏيندا وتن، زالون ۽ نياڻيون اڌ اگهاڙيون پنهنجي جهي اندر ويٺيون آهن. +اگرچ شاهوڪار غريبن جو رت چوسي، پٽ پٽيهر پهري، موٽرن ۾ موجون پيا ماڻين ۽ برقي پکن هيٺان ��يهي، برفي پاڻي پي ۽ ملذذ کاڌا کايو، وسرام پيا وٺن، پر غريبن جي ڪير به سار ڪونه ٿو لهي، ڄڻ ته اهي مسڪين ساڳئي خالق ۽ مالڪ جا خلقيل نه آهن، جنهن سائن ۽ سڃن کي هڪ جهڙو ساهه ڏنو آهي. حديث موجب ”سڀ مومن ڀائر ۽ هڪ جهڙا آهن.“ پر سماجي فرق ايتري قدر وڌي ويو آهي جو ونهيان ولهن کي حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ انهن کي پاڻ جهڙو نٿا سمجهن، گويا هو آسمان تان لهي آيا آهن، ۽ هي ويچارا زمين جي سرڻن سمان آهن. +سقيم ۽ بي بس سنڌ کي ته ڪو ڇٽو لڳو آهي. اڳي واهه ۽ نياڻ اگرچ ٿورا هوندا هئا ۽ مهراڻ پنهنجي مستيءَ ۾ وڃي کاري درياهه ۾ داخل ٿيندو هو، ته به مٿن آبادي ڪافي ٿيندي هئي. ملڪ سرسبز ۽ آباد هو ۽ پيداوار ماڻهن جي حاجت کان وڌيڪ هئي. مينهن به مند تي وسندا هئا، ۽ جتي ڪٿي سُڪار هو. هينئر ته اهڙي ڪا ملڪ تي ڪمهري کتي آهي، جو باوجود براج، وڏن واهن، شاخن ۽ سنهڙن جي، جي ملڪ جي ڀاڱي ڀاڱي ۾ جاري ۽ ساري آهن، غريب هارين کي پورو پاڻي نٿو ملي. انجنير ۽ داروغا سڀئي ڪوراڙ بلا وانگر وات ڦاڙيو ويٺا آهن، ۽ جيتوڻيڪ گهڻوئي ڪجهه ملين ٿو ته به سندن شڪم ڀرجڻ جو ناهي. ”ڪين“ دريا وانگر وٽن هميشہ ڪين لڳي پئي آهي. ”هل من مزيد“ جو نعرو هرجا بلند آهي. روينيو کاتي جا ڇاڙتا ۽ پوليس جا پرمار ڳجهن وانگر ڳاهه تي ڳارو ڪيو ويٺا آهن. ڪوبه وسوڙل هٿ آين ته خوب راڱا ڪندا ۽ سندس الهو تلهو چٽ ڪري ڇڏيندا. چڱن مڙسن جو ڪنڌ هيٺ آهي. بدمعاش ۽ پاٿاريدار زور آهن. ”صلح جي عادل“ جو لقب به انهن لچن کي ملي ٿو، جي پوليس جي ڪارپردازن ۽ ٻين ڪامورن جو پيٽ ڀرين ٿا. اشرافن کي اڄ ڪوبه ڪونه پڇي: +دغابازن جي اڄ بازي، چغل خورن مان سڀ راضي، تڙين جي آبرو تازي، عجب هي دور آيو آهه! +رشوت جي بازار گرم آهي. ڪهڙو به خسيس ڪم سواءِ ڏني جي نه ٿو ٿئي. بيشڪ ڏنو ٻنو آهي، پر اهڙو انڌير ڪڏهن به ڪونه ڏٺوسون. تحقيق اڳي به انسان ڪي فرشتا ڪونه هئا. پئسي جي چوس ڏاڍي بڇڙي آهي. ڪي ڳاڻ ڳڻيا فرد هوندا جي انهيءَ عيب کان آجا هجن، نه ته سڀ ڪنهن کي جوفي ۽ جيفي جي لوري لڳي پئي آهي. پر هي سمو ته سڀني سمن کان آڳ کڻي ويو آهي. روئي جي راند آهي. ايمان ۽ شرافت الوداع چئي ويا آهن. ياالله! ڪڏهن اهي سچائيءَ ۽ ديانت جا ڏينهن ورندا، جو ماڻهو انهيءَ ڇتڪتائيءَ کان ڇٽي پون، ۽ صفائيءَ ۽ سٺائيءَ سان زندگي بسر ڪن؟ +سنڌ آزاد ٿي، ۽ گورنر جو علائقو بني، پر سچا سنڌ واسي آزاد نه ٿيا. اڳي فقط ڇهه ضلعا هوندا هئا ۽ ڇهن ڪليڪٽرن مٿان هڪڙو ڪمشنر راڄ ڪندو هو. تنهن هوندي به ملڪ جو انتظام تحسين جوڳو هوندو هو. ڪيڏانهن به دانهن ڪوڪ ڪانه هئي. چوريءَ چڪاريءَ کان امن هو. ڪامورا ڪڙا برجستا ۽ پنهنجن فرضن تي محڪم هئا. حڪومت جي سرشتي جو خرچ کاٻار پڻ واجبي هو. انصاف ستت پلءِ پوندو هو. گورنري راڄ شروع ٿيو، ته ان سان گڏ گورنر جو اٽالو ۽ طوفان به آيو، خرچ وڌي ويا. ماڻهن مٿان ڍلن جا بار ڏينهون ڏينهن ڍرندا ويا، ۽ غريب پيڙبا ويا. هوا ۽ پاڻيءَ تي به رائڙ پئجي ويو، ۽ قدرت جون مفت نعمتون مهانگيون ٿي ويون. پر اڃا به ڪجهه ساڃاءِ باقي رهي. گورنر صاحب کي اٽالي هوندي به شروعات ۾ فقط 2 صلاحڪار هئا، جي هڪ ورهيه جي قليل عرصي بعد ڦري پنج ڇهه وزير ٿي پيا. هاڻ ته ماشاء الله سنڌ جي نظام شمسيءَ جا ٻارنهئي برج ڀرپور آهن انهن کان سواءِ سندن سيڪريٽري ۽ صلاحڪار ۽ ميمبر سڀئي پنهنجي حيثيت آهر پگهاردار آهن. اسيمبلي ڪوٺجي يا نه ڪوٺجي، پر ميمبرن کي هر ماهه اڍائي سوء روپيا ضرور جيب ۾ پون اهڙي اسراف اسان جو ڏونگهو ڏر ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وري دعويٰ ته ’اسين پنهنجي ديس جي خالص خدمت ٿا ڪريون. ليڪن چونڊن تي جو ايڏا خرچ ڪيا اٿئون، تنهن جو به ته ڪجهه معاوضو ملڻ گهرجي يا نه؟‘ حقيقت ۾ ديش جي ڪابه شيوا ڪانه ٿي ٿئي. سڀ ڪو پنهنجي پيٽ جو مريد ۽ سڀ ڪو پنهنجن ڪمن ڪڍائڻ ۾ مشغول آهي. باقي ملڪ جو واهي الله. ماڻهو ڦرجي وڃن ته ڀل ڦرجن، ٻين تي ظلم ٿئي ته ڀل ٿئي، پر ميمبر صاحبن جا ڪارج ضرور سر ٿين. ويچارا وزير هي سارو وقت انهن ڦرندڙ گهرندڙ ميمبرن جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن، تن کي وطن جي خدمت ڪرڻ جو وجهه ڪٿان ملندو؟ ڪوبه تعميري پروگرام پيش نظر ڪونهين، جنهن تي عمل پيرا ٿين. انڌيءَ گهوڙيءَ جيان وتن ڪل ۾ الغارون ڪندا. رڳو زور اٿن سکڻيءَ اشتهار بازيءَ تي. خدا شل انهن ”چونڊن“ جو خانو خراب ڪري، جنهن اسان جي سونهاريءَ سنڌ کي ڏولائي ۾ وجهي ڇڏيو آهي! انهيءَ هوندي به شل اتحاد ۽ اتفاق جي ڏوري هٿان نه ڇڏي، نه ته اسان جا هوشيار حريف جي تارا ڦاڙيو ويٺا آهن، سي سنڌڙيءَ کي ساڻ سلهاڙي ڳچيءَ سوڌو ڳڙڪائي ويندا. پوءِ نڪا وزيري رهندين نڪا مشيري. سنڌ وئي ته سڀ ويو؟ اسين جيئرا ئي تڏهن آهيون جڏهن سنڌ جيئري آهي. اسين ڀل مرون، پر سنڌ جيئري رهي: +هوءِ مر هوت حيات، آءٌ ميائي گهوريي. +....... +من و دل گرفنا شديم چه باڪ، غرض اندر ميان سلامت اوست. +وقت آيو آهي جو پنهنجيون عبرت جون اکيون کولين، ۽ ماضيءَ کي وساري، حال کي سڌاري پنهنجو استقبال اجارين. پر جيڪڏهن شخصي طمعون ۽ انفرادي غرض اڳئين وانگر قائم رهيا، ته پوءِ خير جي اميد رکڻ اجائي آهي. +مطلب ته اڳيان پويان ظلمات آهي. ڌڻي آهي جو پنهنجو رحم فرمائي ۽ ڪرامت جو ڪڪر وسائي. ههڙو ڏڪار ۽ ههڙي اڻ هوند گذريل پنجاهه سلان ۾ ڪٿي ڪانه ٻڌي سين. سڀڪا شي چوڻي پنجوڻي مهانگي ٿي وئي آهي. اڳي هندو واڻيا ۽ واپاري رپئي تي ٽڪو آنو وياج وٺندا هئا، پر نوان مسلمان مارواڙي جيڪي ڀارت ڇڏي پاڪستان ۾ آيا آهن، سي هڪ روپئي جي راس المال تي پنج ڇهه روپيا فائدو وٺن ٿا. ڇا اهو منافعو وياج کان ابتر ناهي؟ ا اسلام پاڪ جو فرمودو آهي ته ايترو کٽيو کائو؟ جتي ڪٿي مشتريءَ تي مار آهي. نتيجي ۾، اسفل ۽ اوسط طبقي جا ماڻهو وڃن زبون ٿيندا، ۽ رڳو ڪي ٿورا اعليٰ طبقي جا ماڻهو پيا الوليون ڪن، جن ۾ ڪو به ايثار ۽ خود قربانيءَ جو انگ ڪونهي. پوءِ به اونڌيءَ کوپريءَ وارا سياستدان چون ته زندگيءَ جو معيار بلڪل مٿاهون ٿي ويو آهي! زندگيءَ جو صحيح معيار ته هي آهي ته سڀئي ماڻهو، شاهوڪار توڙي غريب، سکيا سهنجا ۽ آسودا هجن، ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي توڻ نه هجي. شال رب تعاليٰ کين سنئين سمجهه بخشي، جو چڱي مٺي جو امتياز ڪن! شل پاڪستان جي پاڪ زمين تي عنايت جي ابرن جي اوريڪ ٿئي، ۽ ان سان گڏ سونهاري سنڌ به سرسبز ۽ شاداب رهي. +سانيم سدائين ڪريين، مٿي سنڌ سڪار، دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين! +ڪراچي +14، آگسٽ 1954ع +ڪريمڏنو راڄپر +گداگري! +مئي جو ماهه پهريون سومر هو، ڪراچيءَ جي صدر واري حصي ۾، ڪوريءَ اُس ۾، هڪ فقير کي رستي جي پاسي ۾ آنهون ۽ دانهون ڪندي ڏٺم! پگهر ۾ ڇل، وار ڀنڊ، مٽيءَ ۾ ڀڀوت، ڳل تان ڳوڙهو نه سڪي، سڏڪا به پيو ڀري ۽ چوي پيو ته ”آهي ڪو، جو الله جي نالي منهنجي بکين ٻچن جو پيٽ ڀري؟ آهي ڪو الله جو بندو جو منهنجي حال تي رحم ڪري؟ يا الله! يا الله! توکي معلوم آهي ته منهنجا ٻچا به تنهنجائي بندا آهن، ٽن ڏينهن کان اَن اکين نه ڏٺو اٿن!“ +اهي ۽ ٻيا اهڙي قسم جا گهائيندڙ جملا، هن جي واتان ٻڌي، لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويم، ۽ دل ڀرجي آيم، پڇڻ لاءِ فقير ڀيڙو ٿيس ته هڪ پوليس واري سائيڪل تان لهي سڏ ڪري چيو ته ”حضرت! هن بدمعاش جي مڪر ۾ نه ڦاسو. انهيءَ طريقي سان هيءُ گهڻن کي پيو ڦري اڄ هن رستي تي پيو آهي ته سڀاڻي وري ڪو ٻيو گهٽ تاڙيندو.“ عجب به لڳو ۽ ڏک به ٿيو. سوچ ۽ ويچار ۾ پئجي ويس. +هن حقيقت کان ته ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي، ته مسجد يا مندر، دائرو يا قبر، واهڻ يا شهر، پينن سان پر آهي. فقير کي ته مان ڦٽو ڪري، ڪراچيءَ کان ڪوچ ڪيو. پر انهيءَ فڪر مونکي ڦٽو نه ڪيو. جيڪو به گداگر منهنجي سامهون آيو ٿي، ته اُن جي صدا منهنجي اندر ۾ پئي گونجي! اهڙا مرد ۽ عورتون مشڪل لڀندا، جي ڪنهن به وقت سائل جي سڏ تي لبيڪ نه چون. ڇا هي سڀ فقير، جيڪي ڦري رهيا آهن، سي ”فقيري ته ڦند نه ته نسورو گند“ جو ثبوت ٿا ڏين؟ يا انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي انگ اُگهاڙا ۽ پيٽ بکيا آهن، ۽ لاچار ٿيا ٻين اڳيان هٿ ٽنگين! ڇا هنن لاءِ سوال منهن جي ترار نه آهي؟ يا پني ڳنهي پڪا ٿي ويا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته هري مري حس وڃايو اٿن، ۽ هاڻي عادت کان مجبور آهن. +فقير ڪو انڌو آهي ته ڪو منڊو، ڪو لولو ڪو لنگڙو، ڪو ضعيف ڪو زخمي، ڪو عرب ڪو عجمي، ڪو مقيم ڪو مسافر، ڪو ڇڙو ڇرمل ته ڪنهن سان ڪير شامل آخر ڪيئن حاجتمند گروهه جو ٻئي گروهه کان امتياز ڪجي! قرآن ۽ حديث ۾ خيرات ۽ صدقات جو تاڪيد سڀڪنهن کي معلوم آهي. ڀلا جنهن نموني سان هينئر خيرات ڏيئي رهيا آهيون، ڏبو اچجي، يا ان ۾ ڪي اوڻايون آهن ۽ ڪو ٻيو حل ڳولجي؟ اهي خيال پئي دماغ ۾ آيا ۽ ويا. فقير سوال ئي اهڙي نموني ٿا ڪن جو انڪار جي گنجائش ئي نه رهي. مثلاً: ”آ صبح جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين، ڪنهن جو ڪين وڃائين! آ، رئيس جا ٻڄا جيئن! ڪا نانگي کي خدا جي نانؤ تي ڪانچڙي ڏيار! ڀيڄ قلندر، ڀٽائي گهوٽ، شاهه گودڙيا، حق حق! رئيس انهيءَ ٻچڙي مان ڪيچ ٿيندءِ! ڪوتري ڪونه پٽيندءِ! ڏنو ٻنو آهي سائين“ رئيس نه سمجهي ٿو ته صبح جي مهل آهي، نه اَن لڳو آهي نه پاڻي ڪير فقير کي موٽائي! +بؤلا شاهه جو چوهو، ڪن وڏا ۽ مٿو ننڍو، بدن ٿلهو ۽ آواز سنهو، در تي اچي بيهي ۽ ان سان گڏ هڪ ملنگ، پنهنجو معاملو شروع ڪيو ڏئي: ”درويش جي هنئين ڪير موٽائي؟ هن کي جنهن موٽايو سو سنئينءَ نه هوندو! اما، ڀر ٿالهي اَن جي، جيجل درويش در تي آيا اٿيئي، اَڏجي ويئينءَ، سڀ دک درد دفعي، هيءُ درويش سڪا ساوا ڪيو ڇڏي!“ +جتي مانجهي مردن جا پير نڪري ٿا وڃن، اتي ڀلا ويچاري وسوڙل عورت ڪيئن بيهي سگهندي؟ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي فڪر ۾ مدهوش هجي، ۽ اوچتو پاسي کان دانهن ٿئي، ”او سائين!! تنهنجا دستگير بادشاهه پير، ڀٽائي گهوٽ، پنج تن پاڪ، دل جا مطلب پورا ڪندو. جاڏي پير تاڏي خير، سخين جا ٻيڙائي پار سخي، هڪڙو آنو رب جي نانوء تي ڏيو وڃ!“ ته پوءِ في الحال ماڻهو لرزجي نه ويندو؟ جنهن وڪيلن کي ڪئين ويهون ڏنيون آهن، شاهدن جي فقط مانيءَ تي ساوا نوٽ خرچ ڪيا آهن، سو دل ۾ خيال ڪرڻ شروع ٿو ڪري، ته آنو کڻي ڏجيس، ڪهڙي خبر، هن غريب جون دعائون مصيبت ٽارڻ ۾ ڪم ڏين؟ +اُس ۾ ڪانوَ جي اک پيئي نڪري، ۽ فقير، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيل، ڪنڌ هيٺ ۽ هٿ مٿي ڪيو، صابرين ٿيو ويٺو هجي. ڀر مان لنگهڻ وارن اهل دل جي دل، پاش پاش ٿيو پوي ۽ کيسي ۾ هٿ هڻي آنو ٻٽو ڏيو پيا وڃن. هاڻي، سوال آهي ته فقط هن ملڪ جا باشندا جذبات جو شڪار ٿا ٿين، يا سڄيءَ دنيا جو اهو حال آهي؟ ڪير اهڙو ڪٺور دل هوندو جو ٻئي کي تڪليف ۾ متلا ٿيل ڏسي، خوش ٿئي ۽ ڀنجرئي نه ڀريس مگر، مغربي ملڪن هن ڏس ۾ به تفتيش ڪئي آهي. جڏهن پينن جو آمريڪا ۾ آزار مچي ويو، ته سياڻن سوچڻ شروع ڪيو، ۽ انگ اکر ڪٺا ڪيائون. حقيقتن جي تهه ۾ ويا، هن لاءِ ته معلوم ٿئين ته جن پنڻ کي پيشو ڪري اختيار ڪيو آهي، سي واقعي مجبور به آهن، يا عوام جي جذبات تي کيڏي، ناڻو ڪٺو ڪري رهيا آهن! جيڪڏهن هنن کي پيسو ڏيڻ بند ڪيوويو، ته هوء فاقه ڪشي ڪندا ڇا؟ ڇا پارڪ ئي هنن لاءِ سمهڻ جي سيج آهي؟پنجاهه هزار فقير جا انگ اکر ڪٺا ڪيائون، جن مان معلوم ٿين ته سچ پچ خيرات وٺندڙ خواهه خيرات ڏيندڙ، ٻنهي کي، حتيٰ ڪ ساري سماج کي هن مان نقصان آهي. +جن ماهرن هي انگ اکر ڪٺا ڪيا تن فقيرن کي ٻن گروهن ۾ تقسيم ڪيو. هڪڙا اُهي جن کي نه گهر نه گهاٽ، نه ٻار نه ٻچو پنهنجو من گهڙت دردناڪ واقعو ٻڌائي پيا خلق خدا کي ڦرين. ۽ ٻيا هي جيڪي باقاعدي عيالدار، گهرگهاٽ وارا آهن، ۽ ٻئي ڌنڌي ڪرڻ بدران پنڻ کي پنهنجو پيشو ڪري اختيار ڪيو اٿن. پهرينءَ ٽوليءَ ۾ اُهي فقير اچي ٿا وڃن، جن کي يا ته انگور جي مچايل رس يا آفيم سان اُلفت آهي. يا ته هو عمل جا عامل آهي. هنن کي اَٽي ٻاٽ کاڌ خوراڪ جي آڇ ڪبي، ته ڦيرو کائي روڪڙ لاءِ رڙ ڪندا. ضرورت ته پوري ٿيڻ جي ئي ڪانهي. ڪو چار پيسا ڏيئي پاسو وٺي بيهي لقاءُ ڏسي ساڳيو داستان سڀ ڪنهن اڳيان پيو دهرائبو ۽ ساڳئي طريقي سان. +ٻئي گروهه جو ته ڄڻ ابي ڏاڏي جو ورثو آهي. شهر ۾ باقاعدي گهر گهاٽ ۽ شهريت جا حق حاصل فقط روزگار لاءِ هو ٻاهر نڪري وڃن ٿا، ۽ مهل يا ڪمهل اچي گهر ڀيڙا ٿين ٿا. اکين جي ڇپرن کي کونئر سان قابو ڪرڻ يا منڊڪائي هلڻ ته ماڻهو رحم کائي ڪجهه ڏين اُتي جي فقيرن ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن ڪا هٿراڌو ٽنگ اٿس، ته پيچ ڪڍي ٿو ڇڏي. نه فقط ايترو، پر مزوريءَ تي ماڻهون رکي، ڦيٿن واريءَ ڪرسيءَ تي پاڻ کڻايو پيو هلي. عجيب عجيب طرقن اختيار ڪرڻ ۾ فقيرن به ڪافي فڪر ڪيو آهي، ۽ دماغ هلايو آهي. اهڙي نموني سان ڄنگهه ۽ ٻانهن بنائڻ، جو هلڻ سان ائين معلوم ٿئي ته هن کي اڌ رنگ آهي، هنن جي ڏائي هٿ جو کيل آهي. ٻانهن ڪلهي کان نڪتل لڳي، ۽ هٿ جون آڱريون مڙيون پيون هجن، اهڙا به پينو اُتي پيا آهن! +پينو عورتون، هڪ بوٽ جي کڙي ڊگهي ته ٻئي جي ڇوٽي رکي، منڊڪائي هلڻ سان ماڻهن جي همدردانه طبيعت تي سهڻو وار ڪن ٿيون. ٽاليڊو ائني (Toledo Annie) نالي هڪ عورت جي صورت ۾، آمريڪا جي پوليس کي هن نموني جو هڪ بهترين مثال دستياب ٿيو. هن جي عمر ٽيهن سالن کان به هيٺ هئي، سونهري فريم واري عينڪ پهري جا هلندي هئي، ته ائين پيو معلوم ٿيندو هو ته ڪنهن سڪول جي ماسترياڻي آهي، ۽ هيتري هلڻ چلڻ ۾ تڪليف جي باوجود قوم جي خدمت ۾ مصروف آهي نه فقط ايترو پرٽنگ کي دڏ کان ٻاهر ڪڍي هلڻ جي اهڙيءَ ته استعمالي هيس جو ڪير به سمجهي نه سهگندو هو ته هيءَ سڀ هٿ جي هنئين آهي. +ڪي فقير وري اهڙي طريقي سان رستي تي ويهي ٿا رهن. ڄڻڪ هنن کي هڪ يا ٻئي ٽنگون ڪونهن. خاموشيءَ سان هڪ هنڌ، بنا رلڻ جي پيئي ڪمائي ٿئي. مسٽر چيسٽر ارونگ جي چوڻ مطابق ڪي ته اُستاد اهڙا آهن، جو بغلن هيٺان گهوڙيون پاسي تي اُڇلي، اهڙيءَ طرح کڻي ٿا پاڻ اُڇلين، جو هڪدم ماڻهو هنن جي ٽنگن جو اهڙو ضعيف حلا ڏسي، رحم کائي پئسن جو مينهن وسائين ٿا. +نيويارڪ جي پوليس کي هڪ ڏٽو مٽو مڇن وٽيل، ۽ سيني اُڀريل پهلوان هٿ آيو، جو گذريل وڏيءَ لڙائيءَ جو زخمي ٿيل سپاهي هو. هن کي لڙائيءَ ۾ مٿي جي پوئين حصي ۾ چوٽ لڳي هئي، جنهن کي ڊاڪٽرن هڪ چانديءَ جي پٽ سان حفاظت ۾ رکيو هو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن چانديءَ جي پٽ تي کل به ٿورو پاسن سان ڪنهن حد تائين چڙهي آئي. هيءُ ڇا ڪندو هو جو ر��تي تي هلندي هلندي، ڀر وارا ماڻهو جاچي اوچتو دانهن ڪري کڻي پاڻ ڦٽو ڪندو هو. تان جو ڪيپراٽي فرش تي وڃي اهڙيءَ طرح لڳندي هئس، جو اهو پٽ وڄڻ لڳندو هو! بس پوءِبلڪل بيهوشيءَ وانگر مڪر ڪري بنا چرڻ پرڻ جي ڪو وقت پيو هوندو هو، تان جو سندس رازدان ڇاڙتا اچي کيس کڻندا هئا، ۽ پر فريب همدردي ڪندا هئا. جي ڪو پڇندو هو ته ڪيئن ڪرئين؟ ته گهٻراهٽ سان چوندو هو ته شايد بک جو اورٽ اچي ويو، ته ماڻهو سمجهڻ لڳن ته ويچاري کي ڪجهه کائڻ لاءِ به ڪونهي. اهڙي ڦند ۾ گهڻيئي ڦاسن ٿا، مگر ڳنڍ جا ڳوڙها مت جا موڙها ته جهولي حاضر رکن ٿا. هن پوليس سان سچي ڪئي ته اهو پٽ هن کي ڏاڍو ڪم ڏيندو هو. +ارونگ ته ايستائين به وڃي ٿو ته جڏهن اوهان گمان ڪرڻ لڳو، ته ڪم از ڪم هيءُ ماڻهو ته امداد جو مستحق آهي، تڏهن به توهان کي يقين سان گذشته تجزيي مان ٻڌاءِ سگهبو ته گهڻي قدر اوهان غلط آهيو. ممڪن آهي ته جنهن کي اوهان مسڪين سمجهو آهي، سو اوهان کان به روزانو زيادهه ڪمائيندو هجي. نيويارڪ ۾ هڪ ٻاويهن سالن جو فقير هو، تنهن کي هوٽل جي نوڪر، هوٽل ۾ اندر اچي پنڻ نه ڏنو. هن غصي ۾ اچي نوڪر کي ڪجهه زخمي ڪري وڌو. پوليس هن کي پڪڙيو، ۽ هن جي باري ۾ معلوم ٿيو ته هن کي شاهوڪارن جي محلي ۾ پنهنجي رهائش جو مڪان آهي، ۽ بئنڪ ۾ به ٽيهه هزار کن روپيه جمع اٿس. لاس اينجلس LOS) (ANGELES ۾ هڪ فقير وٽان پاس بڪ هٿ آيو جنهن ۾ هن جا 25 هزار رپيه جمع ٿيل نظر آيا. هت آمريڪا جي پوليس کي هڪ ته اهڙو فقير هٿ آيو، جنهن کي هڪ لک پنڌرهن هزاررپيا هئا اُتي ويهه في ڪلاڪ فقير جي ڪمائي ته رواجي ڳالهه آهي. پر، اهڙا هوشيار ۽ چالاڪ فقير به هٿ آيا آهن، جن کي ڪلاڪ ۾ ٻه سو رپيا کن مليا آهن. +مسٽر گيٽس (Mr: Gates)، جو پينن ۽ انهن جي مڪرن کي سمجهڻ ۾، دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خود فقير ٿي ڪو وقت هليو. هو صاحب فرمائي ٿو ته ڏهن ۾ فقط هڪ به مشڪل سان ٿو هٿ اچي، جو پنهنجي صحيح حقيقت ۽ حڪايت پيش ڪري. هڪ فقير جي ڳالهه ٿا ڪن ته هن ٻيا به گهڻيئي ڌنڌا اختيار ڪيا، پر پنڻ جهڙو سڻڀو ڌنڌو ٻيو ڪونه ڏٺائين. هڪڙي سائينءَ جي سنوارئي سائل کي، ته ڪئين وڏا وڏا شراب جا گتا نيويارڪ جهڙي شهر ۾ آهن. +هيءَ ڳالهه قبول ڪرڻ کان بعيد ڪانهي ته، ڪئين فقير ڀڃ چٽو آهن، جو اڄ مليو سو اڄ هضم. مگر اها ڳالهه يقيني آهي ته ملي بيشڪ جام ٿو. هتان جو فقير جيتوڻيڪ آمريڪا جي فقيرن جيترو نٿو ڪمائي، مگر هتان جي حالتن مطابق منهنجي قياس موجب، ڪو گهٽ انگ ڪونه هوندو. هيءُ ته آمريڪا جهڙن ملڪن جا ’مشڪ از نمونه خروار‘ واقعات آهن. جيڪڏهن سڀ يا قريب قريب سڀ واقعا بيان ڪجن ته جيڪر هڪ مستقل ڪتاب ٺهي پوي. مون کي هن شاهوڪار ملڪ آمريڪا ۾ سنه 1953ع ۾، ڇهه مهينا رهڻ جو موقعو مليو، ۽ اوهان کي هيءَ ڳالهه ٻڌي تعجب لڳندو ته سواءِ هڪ يا ٻن ماڻهن جي مون کان ڪنهن به پيسو نه گهريو، ۽ نه ڪو نطر چڙهيو. ائين ته چئي ڪونه سگهبو، ته ڪو هن ملڪ ۾ گداگري آهيئي ڪانه، مگر ايترو ته چئي سگهبو ته گهٽ مڙيئي آهي. هن نحوس کان، نه انگلنڊ نه هالنڊ، نه ايران نه افغانستان، نه هندستان نه پاڪستان آجا آهن. فرق شايد ايترو هجي ته ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ. پنهنجي ملڪ پاڪستان جا فقير جيڪي رنگ ۽ ڍنگ اختيار ٿا ڪن سي داهرائڻ به مصلحت کان خالي ڪين آهن. +”سائين! ڀاڙي ۾ فقط چار آنه کڻي پيا آهن. روڪ نه ڏيو ٽڪيٽ وٺي ڏيو. اسان نوان ماڻهو، رات هڪ دليچو منهنجا پيسا ڪڍي ويو“ نه سج کٽي نه ٻِچ کٽي هن درويش جي اها هر روز جي تنوار آهي. +”سائين ڀلي سونهاري پڙهڻ جو رات ڏينهن شوق آهي، ٻيا پيسا ه�� ڪيا اٿم، مٺائيءَ ۾ هڪ رپيو کٽي پيو آهي“ ماڻهو دل ۾ خيال ٿو ڪري ته مون کان ته پڙهڻ نٿو ٿئي، ڪم از ڪم جو پڙهي ٿو اُن جي ته مدد ڪيان. +”السلام عليڪم! حضرت پاڙي ۾ هڪ لا وارث شخص فوت ٿي ويو آهي، هن جي ڪفن دفن لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي اٿم. اوهان کان به جيڪي سري سگهي رپيو ٻه ڏيو.“ +”سادات آهيان بابا! خيرڙو ڏيار ۽ ٻين وٽان به ڳوٺ مان خير وٺيو اچ!“ +”موءمن مولائي! ٿيندئي سڻائي، ڏئي وڃ نالي الله جي!“ +”آهي ڪو هن ڪچهريءَ ۾ مرد موءلا، جو سائينءَ جي نالي تي هڪ رپيو ڏئي. فقط هڪ رپئي جو سوال آهي. کائيندي خرار کٽي ويا. ڪئين سڪندر ۽ دارا هليا ويا ڏهه دنيا ستر آخرت، ڏنو ٻنو آهي بابا!“ +الفي ڪنڌ ۾ زنجير ڄنگهه ۾، هڪ طرف پيو ڏسجي ته مرلي ۽ نانگ، باندر ۽ ڏانگ ٻئي طرف طرف ڊاڪٽر مس ڪلير (Dr: Miss Kcller) جا اکين کان معذور، ڪنن کان ٻوڙي ۽ زبان کان گونگي آهي. انڌن ٻوڙن ۽ گونگن کي دنيا ۾ رهڻ لائق بنائڻ لاءِ دنيا جي دوءري تي نڪتي: ته ٻئي طرف فقير، جيڪي حمال جهڙو بدن رکن ٿا، رپئي جيڏيون مهرون هڻايو پيا ملڪ ڦرين! هڪڙا سفيد پوس نؤجوان نوان نوان واقعا بيان ڪري، پيا شڪار ڦاسائين: ته ٻيا پينشن وٺڻ بعد، گل ناز شاهه بادشاهه سڏائي، مٿي تي گل ٻڌي پيا ملڪ لٽين. +ان ۾ ته شڪ ڪونهي ته حاجتمندن جي حاجت روائي ڪرڻ لازمي آهي. پر ڇا انهيءَ نموني تي، جو هميشه جي واسطي هو هن دنيا جي تختي تي بيڪار پرزا ثابت ٿين! پنهنجي غيرت ۽ خودداري، حلم ۽ بردباري، سمجهه ۽ سنو پرائي وڃائي ويهن ڪم کان عار ڪن، ۽ ٻين مٿان بار ٿين قدرت جي ڏات ۽ امانت جي قدرشناسي ۽ صحيح مصرف ئي نه رهي، هنن کي جڏهن پنهنجي حال تي ڇڏيو ٿو وڃي ته نه فقط قوم جي پيداوار ۾ اضافو نٿا ڪري سگهن، پر قوم جي ڪمائيءَ تي هڪ قسم جو بار ثابت ٿا ٿين. اُهي فرد بلڪل ٿورا آهن، جيڪي ڪم ڪرڻ جهڙائي نه آهن. جيڪي ڪم ڪرڻ جهڙائي نه آهن، انهن لاءِ ته قوم تي واجب آهي، ته هنن جي واسطي هڪ انسان وانگر رهڻ لاءِ خوراڪ، پوشاڪ، رهائش و تعليم جو مڪمل انتظام ڪري! پر جيڪي قوم کي ڄور وانگر لڳي، چوسي چٽ ٿا ڪن، اُنهن کي راهه راست تي آڻڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي. +هن وقت اسان وٽ منهنجي خيال ۾ ڪي به انگ اکر موجود ڪونهن، جن کي مدنظر رکي، اقتصادي لحاظ سان سمجهي ۽ سوچي ڪو جوڳو بندوبست ڪجي. هن ملڪ ۾ فقيرن جا ڪيترا قسم آهن، سا ڳالهه به قابل تفتيش آهي. مگر جيڪڏهن گهريءَ نطر سان هن مسئلي جو مطالعو ڪبو ته، هيءُ معلوم ضرور ٿيندو ته ڪنهن به ملڪ جي سماجي زندگيءَ ۾، ڪا ضرور اهڙي ڪمي آهي جا ڪن فردن کي پنڻ تي مجبور ٿي ڪري ۽ اهو ممڪن لڳي ٿو ته جيڪڏهن انهن ڪمين جي دور ڪرڻ ۾ صحيح قدم کنيا وڃن، ته ممڪن آهي ته پنڻ جيڪڏهن بند نه ٿئي ته به ڪافي حد تائين گهٽ ضرور ٿي وڃي. +ٽيڪساس ائگريڪلچرل ڪاليج ۾ هڪ پوسٽ آفيس جي ڪنڊ ۾، هڪ مرد ۽ هڪ عورت ڏٺم، جي ٻئي نابين هئا. مگر رسالا وڪڻي روزي ڪمائي رهيا هئا: ان جي معنيٰ ته عوام کي ان درجي تائين ڪنهن طريقي سان آندو ويو آهي، جو انڌن کي به ڌنڌو ڪرڻ لاءِ ميدان خوشگوار آهي. +جيڪڏهن هن گروهه کي، جنهن حال ۾ مست آهن، ڊگهو رسو ڏيئي، ڇڏيو ويندو ته اُنهن مان جيڪي سٺو دماغ رکن ٿا، اهي پنهنجي دماغ کي بيڪار معاملن ۾ استعمال ڪري، پاڻ کي به اخلاقي نقصان هيٺ آڻيندا رهندا، ۽ قوم کي به انهن جي خداداد لياقت مان ڪوبه فيض حاصل نه ٿيندو. هوند، ڪي مرد مجاهد عملي ميدان ۾ ٽپي پون ۽ اجتماعي طريقي تي سائلن جي سڄڻپائيءَ وارا ڪم شروع ڪري ڏين. + + +محمد اسماعيل عرساڻي +ملوڪيت +زبان حال سي کهتي هي يه تاريخ انساني ستمراني مهذب هو تو بن جاتي هي سلطاني. +”ملوڪيت“ يا ”شهنشاهي“ درحقيقت انهيءَ ملعون نظام حڪومت جو نالو آهي، جنهن ماتحت ڪمزورن جي آزادي ناس ڪئي ٿي وڃي، ۽ پراون ملڪن تي قبضو ڄمائي، انهن کي ذاتي غرضن خاطر غلام بنايو ٿو وڃي. دنيا جي تاريخ ۾ اهڙن متعدد ظالم شهنشاهن، جابر فاتحن، ۽ جنگجو حاڪمن، جا مثال ملندا، جن صرف پنهنجي اقتدار قائم رکڻ لاءِ، لکن بلڪ ڪروڙن بيگناهن جي خون سان، بر ۽ بحر کي لاله زار ڪري ڇڏيو هوندو، ۽ معصوم عورتن ۽ ٻارن کي پنهنجي نيزن جي نوءڪن سان چيرڻ ۽ ڦاڙڻ ۾ هڪ قسم جي لذت محسوس ڪئي هوندي. اهڙن ظالمن پنهنجي خوني ڪارنامن سان ايتري ته دهشت پکيڙي هوندي جو اڄ به انهن جي شيطاني ڪارگذارين تي نظر وجهڻ سان جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا. +ملوڪيت جي ابتدا +ملوڪيت جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ انهيءَ مسئلي تي جيڪڏهن اسين تاريخ جو مطالعوڪنداسين، ته اسان کي معلوم ٿيندو ته انساني اجتماعي زندگي واقعي نهايت عجيب غريب مختلف دوءرن مان گذري آهي! ابتدا ۾ انسان جو گذازو فقط جانورن جي شڪار ۽ ڦَل ڦول تي هوندو هو. تاهم جنهن کي جتان جهٽ لڳندو هو، اُتان ڪونه گسندو هو. ان کان پوءِ انسان جانورن کي پالڻ شروع ڪيو، ۽ هر شخص پنهنجي ڌڻ کي پنهنجي ملڪيت تصور ڪندو هو. ان ذاتي ملڪيت هڪ اهم صورت اختيار ڪئي. ڌنار ويچارا موسمن جي حالتن موجب چراگاهن جي جستجو ۾ پنهنجي سر هِتي هُتي ڀٽڪندا رهندا هئا. انهن مان وري ڪن آرام طلب ڌنارن پنهنجي لاءِ سهولت انهيءَ ڳالهه ۾ ڏٺي جو هنن پنهنجو ڌڻ پاڻ سنڀالڻ جي بدران ڪنهن پاڻ کان ڪمزور ۽ ضعيف ڌنار جي زوريءَ حوالي ڪري ڇڏيو، ته اهو سندس ڌڻ کي چاري پياري. اهڙيءَ طرح پهريون دفعو غلام بنائڻ جو رواج شروع ٿيو. +ان بعد جڏهن زرعي دؤر آيو ۽ انسانن صحرائي ۽ وحشانه زندگيءَ کي خيرباد چيو ۽ فصلن جي انتظار ۾ هڪ جاءِ تي رهڻ جو نمونو سکيو، تڏهن افراد ڦري خاندانن ۽ قبيلن جي صورت ۾ ورهائجي ويا، ۽ هر هڪ قبيلي پنهنجي بود و باش لاءِ جدا جدا ملڪ جو ڀاڱو چونڊيو ۽ اهڙيءَ طرح ذاتي ملڪيت جو تصور وسيع ٿيندو ويو، پر جيئن ته زمين کي آباد ڪرڻ جو ڪم بلڪل محنت طلب هو، تنهن ڪري مزورن ۽ ڪمين ڪاسبين جي ضرورت پيش آئي ۽ طاقتور ماڻهن بي پهچ ماڻهن کي زوريءَ جهلي پنهنجو غلام بنائڻ شروع ڪيو ۽ ڪاشتگاريءَ جو ڪم انهن جي حوالي ڪيو. قدرت جا مظاهر ڇاڪاڻ ته هميشہ مختلف آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي زمين زرخيزيءَ جي لحاظ سان ٻيءَ زمين کان بهتر هوندي آهي، تنهن ڪري قدرتي طرح هٿ کس، حق غصبي ۽ دست درازيءَ جو سلسلو به ويو وڌندو، ۽ قبيلا هڪٻئي جي ملڪيت تي قبضو ڪندا، پنهنجي طاقت ۾ اضافو ڪندا رهيا. ٻئي طرف وري بود و باش جا ڪيترائي اهڙا مسئلا پيدا ٿي پيا، جن کي صاف ڪرڻ ڪنهن به هڪ فرد جي طاقت کان ٻاهر هو. مثلاً خانداني جهيڙن جا فيصلا ۽ ٻين قبيلن سان تعلقات قائم ڪرڻ جا مسئلا، اهڙيون ڳالهيون هيون جو هرهڪ قبيلي پاڻ منجهان سڀ کان وڏيءَ عمر واري شخص کي جنهن جي بصيرت ۽ تجربي ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هو تنهن کي کڻي پنهنجو امير ۽ روحاني پيءُ تسليم ڪيو. اهڙيءَ طرح ننڍي پيماني تي ”حڪومت“ جي تخيل پهريون دفعو عملي صورت اختيار ڪئي. وري جڏهن قبيلن ۽ خاندانن جو تعداد وڌي ويو، تڏهن هڪ حڪمران يا امير جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي، جو جماعتي ۽ قومي مفاد جي نگرانيءَ کانسواءِ هنن جي قوت ۽ طاقت ۾ به واڌارو ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح جڏهن محدود دائري ۾ حڪمرانيءَ جو بنياد پيو، تڏهن اهڙا اصول ۽ قانون پڻ ٺهيا جي اجتماعي حياتيءَ جو تواز�� برقرار رکڻ لاءِ بلڪل ضروري هئا. +ان وقت انسانن لاءِ اهي سماجي پابنديون بلڪل هڪ نئين ڳالهه هئي، ۽ ڪي انسان ان جي مخالفت ڪرڻ تي پڻ ڪمربسته ٿيا، جيئن اڄ سوڌو ”آئين“ ۽ ”خلاف آئين“ جي درميان اختلاف رهندو ٿو اچي. مگر ”مملڪت جي استحڪام“ لاءِ، زور وارن حاڪمن، افراد کي پنهنجو آلهء ڪار بنايو، ۽ حڪومت کي پنهنجي ميراث ۽ ڏاڏاڻو حق سمجهيو، ۽ اڳتي هلي پاڻ کي پنهنجي ئي ٺاهيل آئين ۽ دستور کان آزاد ۽ خود مختيار بادشاهه سڏايو. اهيئي پهريان شخص هئا جن ملوڪيت يا شهنشاهيءَ جو بناد رکيو. +ملوڪيت جا شروعاتي مرڪز +هاني اسان کي ڏسڻو آهي ته ملوڪيت ڪهڙن ملڪن ۾ پرورش پاتي ۽ اُهي ڪهڙا ڪهڙا مطلب العنان شهنشاهه هئا جن جا خونريز ڪارناما پڙهندي، اڄ به اسان جي بدن کي ڏڪڻي وٺي ٿي وڃي. هونءَ ته دنيا جي تاريخ اهڙن قهار حڪمرانن جي داستانن سان ڀري پيئي آهي، ليڪن هتي اسان فقط مختصر طرح ذڪر ڪنداسين. +مصر +ملوڪيت جو پهريون مرڪز مصر جو ملڪ معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته مصرين جو اعتقاد هو ته انهن جي قوم ازل کان وٺي هلندي ٿي اچي جنهن تي پهريائين ديوتائن، پوءِ نيم ديوتائين ۽ ان کان پوءِ فرعون حڪومت ڪندا ٿي آيا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن بابل جو برج ٺاهيو ويو ۽ نوح عليہ اسلام جا پٽ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا، تڏهن سندس ٻيو نمبر پٽ آفريقا جي ملڪ ۾ وڃي نڪتو جتي پيٽرايمن ديو جي نالي سان سندس پوڄا ٿيڻ لڳي. هن جا چار پٽ هئا، جن مان مرزيم مصر جو ملڪ آباد ڪيو ۽ ان جو پٽ مصر جو سڀ کان پهريون بادشاهه ڪوٺيو ويو. انهي کان 2158 ورهيه پوءِ مصر ۾ فرعونن جي ملوڪيت ٿي. مصر ۾ بادشاهه سدائين موروثي ۽ خود مختيار ٿيندا هئا ۽ مطلق العنان هئڻ جي باوجود به اڳين جي اصولن ۽ قانونن جي هڪ وار جيتري به ڀڃڪڙي نه ڪندا هئا. +بادشاهن جي رعونت جي اها حالت هئي، جو فقط تربيت يافته ماڻهو سندن خذمت ۾ حاضر ٿي سگهندا هئا. عوام يا اجنبي ماڻهن کي روبرو اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ملوڪيت ڪيتري قدر نه بدترين ۽ قابل نفرت چيز هوندي هئي. مصر جي فرعونن پنهنجي رعيت تي ۽ خصوصاً بني اسرائيلن تي جيڪي ظلم ڪيا انهن جي تفصيل بيان ڪرڻ جي هتي جڳهه ڪانهي، تاهم ان جي شدت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جو خدا تعاليٰ هزارن نبين کي انهن ملوڪيت پسند فرعونن جي غرور کي ناس ڪرڻ لاءِ سر زمين مصر ۾ پيدا ڪيو، ۽ آخر حضرت موسيٰ عليہ السلام اچي فرعونن جي تابوت ۾ پڇاڙيءَ جي ڪلي ٺوڪي، جنهن بعد فرعونن جو رعب ۽ دٻدٻي جو ستارو غروب ٿي ويو. انهن کان پوءِ جيڪي به بادشاهي طاقتون مصر ۾ برسر اقتدار آيون، انهن جي زوال جو سبب اسلامي فتوحات آهي. مسلمانن اتي اچي جيڪو نظام قائم ڪيو، ان هڪ قسم جي آئيني ملوڪيت جي شڪل اختيار ڪئي، ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. +بابل +حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄمڻ کان اڳ، بابل پڻ ملوڪيت جو هڪ وڏو مرڪز هو، جتي نمرود ۽ بخت نصر جون تشدد آميز ڪارروايتون ايترو ته مشهور آهن جن کان گهڻو ڪري ڪوبه تعليم يافته انسان ناواقف نه هوندو. نمرود خدائيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ آخر حضرت ابراهيم عليہ السلام سندس طلسم کي اچي پاش پاش ڪيو. ان کان پوءِ بخت نصر جاڳيو جنهن بابل جي کنڊرن تي ملوڪيت جي ماڙي اچي اڏي، ۽ يهودين سان دشمنيءَ جو ثبوت ڏيندي، هزارين يوهودين کي تهه تيغ ڪري ڇڏيو. يهودين جون عبادت گاهون باهه جو نذرانو ڪيائين ۽ هزارين يهودين کي غلام بنايائين. اهڙي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي بني اسرائيل بغاوت ڪئي، جنهن ڪري هن جي انتقام جي باهه ويتر زياده ڀڙڪي، ۽ هن فلسطين تي حملو ڪري يهودي آبادين کي ساڙائي، قريب ڏهه هزار يهودين کي غلام ڪري، ٻين ملڪن ۾ وڪڻي ڇڏيو. +ايران +سائرن اعظم، هتي پنجين صديءَ ق. م ۾ بادشاهت جو بنياد رکيو، ۽ ميڊيا سيريا، بابل ۽ هندوستان جي ڪن حصن، عرب ۽ ايشيا ڪوچڪ کي تاراج ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. آخر ان کي قتل ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ٽن دارائن، ايران تي شهنشاهانه حڪومت ڪئي. ۽ آخري دارا کي سڪندر اعظم شڪست ڏيئي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان کان سواءِ ساساني، سلجوقي ۽ قاچاري خاندانن پڻ ايران ۾ شهنشاهانه نظام قائم ڪيو، ۽ خسرو ٻئي، جمشيد ۽ پرويز وغيره بادشاهن ڏاڍي رعب تاب ۽ دٻدٻي سان حڪومتون ڪيون، ليڪن چنگيزي، يوناني ۽ رومي حملن انهن جي ملوڪيت جي ماڙيءَ کي ڊاهي خاڪ ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي شهنشاهي قائم ڪئي. +يونان +يونان ۾ فلپ ٻئي ۽ سڪندر اعظم جي ملوڪيت خاص طور تي نمايان نظر اچي ٿي. فلپ ٻئي ايران کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اها حسرت هو سيني ۾ سانڍي قبر جي آغوش ۾ وڃي سکيو ٿيو. ان کان پوءِ سڪندر اعظم سنه 356 ق. م کان 323 ق. م تائين سڄي دنيا جي فتح ڪرڻ جا خواب ڏٺا ۽ ڪيتريءَ حد تائين انهن جو تعبير ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن ايران کي برباد ڪرڻ سان گڏ شام، اتر اولهه هندستان ۽ مصر کي به تلف تاراج ڪيو. آخر بابل ۾ وڃي وفات ڪيائين. +چين +ٻيو ملڪ جنهن کي پڻ ازلي ۽ ابدي هجڻ جي دعويٰ آهي ۽ جنهن جا بادشاهه پاڻ کي ظل الله تصور ڪندا رهيا آهن، اهو چين آهي. هن ملڪ ۾ پهريائين دود مانن جي حڪومت هئي جنهن کي هڪ محدود ملوڪيت جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. انهيءَ نظام جي ماتحت، مختلف خاندان برسر اقتدار ايندا رهيا، جن پنهنجي قوت ۽ طاقت سان چين جي طول و عرض تي حڪومت ڪئي، مثلاً هسپا جو خاندان شنگ جو خاندان چوء جو خاندان. هان جو خاندان وي جو خاندان، تانگ ۽ منگ وغيره جا خاندان، اهي خاندان آهن جن 3468 ق. م کان وٺي 1614 عيسوي سنه تائين حڪومتون ڪيون. هان خاندان جي دور کان پوءِ چين ۾ طوائف الملوڪي ڦهلجي ويئي، ليڪن وي ۽ تانگ خاندانن وري اچي امن قائم ڪيو ۽ چين جي سلطنت کي زياده وسيع ڪيو. جيستائين چين ۾ ٻڌ ڌرم ۽ اسلام جو مذهب اڃا داخل نه ٿيا هئا تيستائين اتي سج جي پوڄا مروج هئي. آخر چنگيز خان ۽ قبلائي خان جي هڪ ٻئي پٺيان حملن سبب انهن بادشاهن جو زوال آيو، ۽ جڏهن مغرب ۾ جمهوريت ۽ آزاديءَ جا خيالات پکڙڻ لڳا،تڏهن ڊاڪٽر سن يات سين چين کي ملوڪيت جي چنبي مان 1902ع ۾ آزاد ڪرائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ آخر ۾ مائوزي تنگ عوامي جمهوريت جو نظام قائم ڪيو. +روم +روم پڻ هڪ بدترين ملوڪيت جو مرڪز هو. ملوڪيت کي عروج تي پهچائڻ وارو جوليس سيزر سنه 100 ق. م کان سنه 44 ق. م تائين زندهه رهيو. هن گال ۽ برطانيه تي حملو ڪيو، پومپيءَ کي هڪ گهرو لڙائيءَ ۾ شڪست ڏنائين،۽ سڪندريه جي جنگ ۾ فلوپطره سان مليو، جنهن جي حسن ۽ عشق جي داستان ملڪان ملڪ مشهور آهي آفريقا کان موٽڻ بعد، سيزر کي تاج شاهي پيش ڪيو ويو، جا ڳالهه اميرن جي بر افروختگيءَ جو باعث بني ۽ هن کي قتل ڪيو ويو. جوليس کان پوءِ نيرون ڪنڌ کنيو جنهن پنهنجي چوڏهن سالن جي عرصي ۾ قتل غارت جو رڪارڊ مات ڪري ڇڏيو. ان بعد رومة الڪبريٰ جي واڳ ڏور آگسٽس جي هٿ ۾ آئي، جنهن سڄي يورپ ۽ شمالي آفريقا ۾ ملوڪيت جي بنياد کي پڪو ڪيو. سڀ کان پوءِ هر قل بادشاهه فلسطين تي حملو ڪري ايراني سطوت جي کنڊرن تي رومي ملوڪيت جو ايوان تعمير ڪرايو. ليڪن هن جو ستارو بلڪل جلد غروب ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هن طرف اسلام جو آفتاب طلوع ٿي ويو. +مرڪزي ايشيا +تيرهينءَ صديءَ ۾ م��ڪزي ايشيا کان هڪ ملوڪانه فتنو پيد اٿيو جو ڏسندي ڏسندي ايشيا جي وڏي حصي تي ڇانئجي ويو. ان کي تاتار جو فتنو چيو وڃي ٿو، جنهن جو باني چنگيز خان هو، جو منگوليا ۾ پيدا ٿيو. سنه 1228ع ۾ تاتارين ايران فتح ڪيو. ان بعد چنگير خان مصرين جي مدد سان شام جي طرف وڌيو ۽ اتان فلسطين ۾ اچي خون جون نديون وهايايئن. پر ترڪن جي مقابلي ۾ ان کي ذلت آميز شڪست آئي. چنگيز خان کان سواءِ هلاڪو خان پڻ آباد بستين کي ويرانن ۽ انساني لاشن جي ڍيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اتان پوءِ هو بغداد ڏانهن وڌيو، ۽ هن عظيم الشان شهر کي آتش زده ڪري قريبان ڏيڍ ڪروڙ انسانن جو نهايت بي دردي سان خون وهايو. ان کان پوءِ قبلائي خان جاڳيو. هن چين تي حملو ڪيو ۽ پنهنجي سلطنت، ملاڪاسا کان وٺي بحر منجمد تائين وڌائي، ۽ سنه 1280ع ۾ شهنشاهه جو لقب اختيار ڪيائين. +هندستان +هندستان ۾ ملوڪيت جو آغاز آرين جي حملي سان گڏ ٿيو ۽ چندرگپت ۽ اشوڪ اعظم ان کي فروغ ڏنو. تيرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ امير تيمور، جو چنگيز خان جي اولاد مان هو، پنهنجي مهم شروع ڪئي ۽ ايشيا جي وڏي حقي تي ڇانئجي ويو. ان کان پوءِ بابر هندوستان ۾ پنهنجا قدم ڄمايا ۽ سندس پوٽي اڪبر اعظم فتوحات جو سلسلو وسيع ڪري ملوڪيت جو ايوان کڙو ڪيو. اڪبر کان پوءِ جيڪي مغل شهنشاهه آيا تن جي حڪومت اگرچه شخصي هئي تڏهن به اها استبداد کان اڪثر پري هئي. +انگلنڊ +نائين صديءَ تائين انگلنڊ ۾ قبائلي جاگيردارن کي علحده علحده حڪومتون هيون. ان کان پوءِ سارو انگلنڊ هڪ بادشاهه جي ماتحت ٿي ويو. سنه 1215ع ۾ عوام بادشاهه جان جي مطالق العنانيءَ جي برخلاف احتجاج بلند ڪيو ۽ کانئس ”آزاديءَ جو پروانو“ لکايائون. ان بعد بادشاهه جا اختيار محدود رهي ا۽ پارليامينٽري حڪومت آهستي آهستي ترقي ڪندي رهيا. ليڪن اسٽوئرٽ گهراڻي استبداد ۽ سامراج کي وري به تازو ڪيو. انهن جي دعويٰ هوندي هئي ته بادشاهت خدا جي طرف کان ملندي آهي. پر جمهوريت پرستن جي آخر فتح ٿي، ۽ سترهينءَ صديءَ ۾ نيٺ پارليامينٽ کي ڪافي طاقت حاصل ٿي. ان کان پوءِ انگلنڊ ۾ مطلق العنانيءَ جو خاتمو آيو. ليڪن جمهوريت جي پس پرده اميرن ۽ ڪارخانيدارن جي حڪومت ئي رهندي آئي، ۽ انگريزن پنهنجي بيٺڪن ۽ غلام بنايل ملڪن ۾ ملوڪانه اقتدار قائم رکيو. +فرانس +سنه 1789ع کان اول فرانس ۾ بادشاهت قائم هئي، ليڪن بربن خاندان جي زبردستين کان ملڪ جي وچولي ڪلاس جو متمول درجو مطمئن نه هو. هوڏانهن جمهوريت پسندانه خيالات پکڙي چڪا هئا، تنهن ڪري سال 1789ع ۾ اُهو هلاڪت پرور طوفان کڙو ٿيو، جنهن لوئي سورهين کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ سنه 1799ع ۾ نيپولين بونا پارٽ هڪ اهڙو دستور مرتب ڪيو جنهن جي مطابقت ۾ دنيا جا پوءِ پيدا ٿيندڙ سڀ دستور ڦرندا رهيا. هن آسٽريا، شام ۽ مصر جي خلاف فوج ڪشي ڪرڻ کان سواءِ، روس ۽ انگلنڊ سان پڻ هٿ ڳنڊيا. دراصل هن سڄيءَ دنيا کي پنهنجي قدمن ۾ سرنگون ڪري هر هنڌ فرانسي انقلاب جا نعرا ”اخوت، مساوات ۽ آزادي“ پکيڙڻ ٿي گهريا، ليڪن انهيءَ ۾ ڪامياب نه ٿيو. +جرمني +نيپولين جي حملي کان پهرين، جرمني سلطنت ذري گهٽ ساڍن ٽن سون رياستن ۾ ورهايل هئي، جن مان پروشيا کي، فريڊرڪ اعظم جي زماني ۾ سنه 1740 کان سنه 1788ع تائين، گهڻو ئي اقتدار حاصل هو. فريڊرڪ، جرمن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پروشيا کي يورپ ۾ اول درجي جي طاقت بنايو، فريڊرڪ گهڻو ڪري روم ۽ اسپين جي اثر هيٺ هو. انڪري ”شهنشاهه روم“ جو لقب اختيار ڪيائين. فريڊرڪ وليم ٽئين جي وقت ۾ نيپولين پروشين پروشيا تي حملو ڪيو، ۽ ان کي نهايت ڪمزور بنائي وڌو. هوڏانهن ماڻهن ۾ فريڊرڪ جي برخلاف بغاوت جا جذبات پرورش پائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو هو استبداد ۽ آمريت جو قائل هو، ۽ هن جو خيال هو ته بادشاهت خدا جي طرفان مليل آهي. سنه 1861ع ۾ وليم پهرئين پروشيا جي حڪومت جي واڳ سنڀالي. سندس وزير جو نالو بسمارڪ هو جو تقريباً 28 ورهين تائين يورپ جي قسمت جو مالڪ ٿي رهيو. هن جو عقيدو هو ته فوجي طاقت ۽ جنگ کان سواءِ جرمني ڪڏهن به عروج حاصل ڪري نه سگهندي، تنهن ڪري هن پنهنجي فوج ۾ اضافو ڪيو، ۽ ”عالمگيري سلطنت“ جا خواب ڏسڻ لڳو. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن تقسيم آفريقا جو تنازع پيدا ٿيو تڏهن جرمني به ان ۾ ٽپي پيئي ۽ ٽوگولئنڊ، ڪامرون، جنوب مغربي ۽ مشرقي آفريقا جا چند علائقا حاصل ڪري ورتائين. وليم پهرئين کان پوءِ وليم ٻيو تخت تي ويٺو، جنهن قيصر جرمني سڏايو ۽ بسمارڪ کي استعفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو. پر تنهن هوندي به هن جي پروگرام کي جاري رکندو آيو. آخر ۾ هٽلر به بسمارڪ، فريڊرڪ ۽ قيصر جرمنيءَ جي خوابن جو تعبير ڏسڻ ٿي گهريو پر ڏسي نه سگهيو! +روس +سنه 1672ع تائين روس مختلف جاگيرن ۾ ورهايل هو. ان کان پوءِ پيٽراعظم رشيا ۾ مرڪزيت قائم ڪئي، ۽ 1696ع ۾ ”زار روس“ جو خطاب اختيار ڪيائين. پوءِ پنهنجي فوج ۽ بحري طاقت ۾ اضافو ڪيائين ۽ لي وونيا، فنلينڊ ۽ پومرنيا کي فتح ڪيائين. پلٽوا جي جنگ ۾ هن هڪ سويڊش عورت ڪئٿرائين سان شادي ڪئي جا سندس طاقت ۽ قوت جي استحڪام جو سبب بنجي پئي. پيٽر اعظم کان پوءِ نڪولس پهريون تخت نشين ٿيو جنهن ڪن مفيد اصلاحات جو نفاذ ڪيو. بعد ۾ زار نڪولس ٻئي جو دور حڪومت آيو جنهن جي آمرانه اقتدار کان تنگ ٿي ماڻهن بغاوت ڪئي ۽ زار کي قتل ڪري سنه 1918ع ۾ اتي اشتراڪيت جو نظام قائم ڪيو. +مطلق ملوڪيت جو زوال +زار روس جي قتل سان گڏ اُنهيءَ ملوڪيت جو آخري نشان به ميٽجي ويو جنهن حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي ان وقت تائين جنگ و جدال، قتل و خون، غارتگري، قزاقي، جهانگيري ۽ جهانبانيءَ جي روح فرسا ياد کان سواءِ ٻيو ڪوبه يادگار دنيا ۾ نه ڇڏيو هو. +ملوکيت کري غسل آب لطف و رحم سي ليکن نهين مڻني کا اسا کي ناصيه سي داغ خونريزي. +مطلق ملوڪيت جي زوال جو سبب درا اصل اها ارتقا هئي جا انسان جي سياسي نظريي ۾ آهستي آهستي ٿيندي ٿي رهي. انهيءَ نظريي جو بنياد وري اهو صحيح مذهب هو جنهن تي خدا جي نبين ۽ ٻين انسان ذات جي خيرخواه مفڪرن ۽ مصلحن مختلف وقتن ۾ دنيا کي هلائڻ گهريو ٿي. جيئن ته دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪنهن شخص طاقت جي نشي ۾ مخمور ٿي ٻين قومن جي حقن تي دست درازي ڪئي هوندي ته خدا جي طرفان ڪونه ڪو اهڙو ”مرد مومن“ ضرور مبعوث ٿيو هوندو جنهن انهيءَ طاغوتي طاقت جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو هوندو ۽ پنهنجي قوم کي آزادي وٺي ڏني هوندي: جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته صحيح فطرت جي مالڪ انسان ڪڏهن به غلاميءَ ۽ محڪوميءَ کي برداشت نه ڪيو آهي. +سياسي تاريخ جي نقطي نظر کان يوناني ماڻهو سڀ کان پهريان هئا جن دنيا کي ”عموميت“ سان روشناس ڪيو. يونانين جي سياست جو فلسفو اصل کان اهو هو ته حاڪم کي سندس اقتدار آسمان کان ملي ٿو. ٻين لفظن ۾ بادشاهه کي زمين تي خدا جو پاڇو تسليم ڪيو ويو. يوناني فلسفين اڳتي هلي مذهب ۽ حڪومت جون علحديون علحديون حدون مقرر ڪيون. ان کان پوءِ سوفسطائين جو دور آيو جن مذهب تان بلڪل گهڻي قدر چٿر ڪئي، ايتري قدر جو نظام بلڪل درهم برهم ٿي ويو، مگر سقراط ميدان ۾ اچي ويو ۽ هن سوفسطائين جي نظريي جي خلاف ٻڌايو ته فرد جي مقابلي ۾ قوم زيادهه اهميت رکي ٿي، ان ڪري اسان جو فرض آهي ته قومي نظام کي انفرادي حقوق تي ترجيح ڏيون. افلاطون جو سقراط شاگرد هو، تنهن وري هن نظريي کي وڌيڪ بهتر صورت ۾ پيش ڪيو، ۽ هڪ طرف افراد کي تلقين ڪئي ته هو قوم جا مفيد ۽ نيڪ فرد بنجڻ جي ڪوشش ڪن، ته ٻئي طرف حڪومت تي نڪته چيني ڪري ان کي پنهنجي فرض ڏي متوجه ڪيو: تنهن ڪري سندس سياسي فلسفي جو ملڪ جي سياست تي گهاٽو اٿر پيو جو اڄ تائين هلندو ٿو اچي. سسرو، آگسٽين، سرٽامس مور، روسو، ڪانٽ ۽ هيگل وغيره جي تصانيف ۾ ان جي ئي افڪار ۽ حالات جو روح موجزن آهي. +افلاطون کان پوءِ، ارسطوءَ پنهنجا خيالات پيش ڪيا جن جو مرڪزي نقطو اهو هو ته بهترين حڪومت اها آهي جا افراد جي ڀلائي مدنظر رکي. جڏهن سڪندر اعظم پنهنجي سلطنت وڌائي ته سياسيات جي نقطي نظر ۾ به ڦير گهير ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي، جنهن ڪري اپيغورس، عيش ۽ آرام جو فلسفو پيش ڪيو جنهن جي مقابلي ۾ رواقين جي تحريڪ شروع ٿي. ايتري ۾ عيسائي مذهب نمودار ٿيو، جنهن جي ڪري بادشاهه ۽ پوپ ۾ گهڻو وقت ميلاپ رهيو. آخر آفتاب اسلام طلوع ٿيو جنهن ملوڪيت ۽ استعمار جي مقابلي ۾ ”آزادي، مساوات ۽ اخوت“ جو نعرو هڪ سياسي نعري جي حيثيت ۾ سڀ کان پهريائين بلند ڪيو ۽ ان جو آواز سڀني ملڪن ۾ ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن ڪري شهنشاهيءَ جو ستارو غروب ٿيڻ لڳو. +لاڪ ۽ منٽسڪو ”محدود بادشاهت“ ۽ ”دستوري حڪومت“ جا نظريا پيش ڪيا. روسي، شخصي آزاديءَ جو سوال پيدا ڪيو. هيگل، وري فرد جي آزاديءَ جو راز مملڪت ۾ گم ٿي وڃڻ کي قرار ڏنو ۽ انهي ئي نظريي تي ڪارل مارڪس، پنهنجي نظريي جو بنياد رکيو ۽ دنيا کي اشتراڪيت جو سبق ڏنو. لينن، وري ان کي عملي جامو پهرائي شهنشاهي نظام کي ختم ڪيو. الغرض شهنشاهيءَ جي زوال جو باعث دراصل اهو سياسي نظريو آهي جنهن ۾ افلاطون کان وٺي ڪارل مارڪس تائين ارتقا پيدا ٿيندو رهيو آهي. +معاشي ملوڪيت +هن طرف مطلق ملوڪيت جو ستارو غروب تي رهيو هو، ته هن طرف وري حريت ۽ انسانيت کي تباهه ڪندڙ ٻيا مهلڪ سامان تيار ٿي رهيا هئا. اها نئين مصيبت ۽ لعنت، جا بني نوع انسان تي نازل ٿي، اها هئي ”معاشي ملوڪيت“. ارڙهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي انسان هڪ نئين دور ۾ قدم رکيو، جنهن کي ”صنعت ڪاري“ يا ”مشينن جو دؤر“ چئجي. هن زماني ۾ جديد انڪشافن ۽ سائنس جي ايجادن، انساني اجتماعي حيات جي ڪايا پلٽي وڌي. اهو ڪم جنهن لاءِ پهريائين سون هٿن جي ضرورت هئي، اڄ ان کي ڪلن جي ذريعي سرانجام ڪرڻ آسان ٿي پيو، ۽ جنهن مفاصلي کي طي ڪرڻ ۾ اڳي مهينا لڳي ويندا هئا، هاڻي اهي ڏينهن يا ڪلاڪن ۾ طي ٿيڻ لڳا. جتي جتي مشينن جو رواج پيو اتي انساني جماعت ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويئي. هڪ طرف سرمائيدار هئا ۽ ٻئي طرف مزور. سرمائيدارن پنهنجي پئسن جي زور تي نه فقط مزورن جو خون چوسيو بلڪ انهن کي ذهني ۽ دماغي آزاديءَ کان به محروم رکيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو سرمائيدار اڳي کان به وڌيڪ طاقتمند ٿي ويا ۽ هنن پنهنجون حريصانه نگاهون ٻين ملڪن ۾ پڻ وڌيون ۽ دنيا جي هر حصي ۾ تجارتي ۽ وياج جي ڄار پکيڙي ۽ ماڻهن کي محڪوم ۽ غلام بنائڻ شروع ڪيو. ان جو هڪ طريقو اهو هو ته سرمائيدارن پنهنجو مال ڏيساور ۾ وڪيو ۽ اهڙِءَ طرح خريدار ملڪ سندن دست نگر ٿي پيا. ٻيو طريقو جو هنن اختيار ڪيو، اهو هو ته هنن پنهنجو مال سستو وڪڻي، محڪوم، ملڪن ۾ جتي پڻ سرمائيدارن جي حڪومت هئي، اتي شرح مبادله اهڙي ته قائم ڪيائون جو، ٺهيل مال جي حالت ۾، خريد ڪندڙ ملڪ جي نسبت وڪڻندڙ ملڪ کي زياده فائدو پهچي ٿي سگهيو. ان کان پوءِ ڪمزور م��ڪن ۾ اهڙيون متعدد نوء آباديون قائم ڪيائون جن جو مقصد فقط شاهي ملڪن کي ڪچو مال مهيا ڪري ڏيڻ ۽ ان جي مصنوعات کي خريد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين هو. تنهن ڪري شاهي سرمائيدارانه نظام جو سڀ کان بدترين نتيجو اهو ظاهر ٿيو جو ”معاشي ملوڪيت“ ترقي ڪرڻ لڳي ۽ ملوڪيت جو بنياد پاڻ وڌيڪ پڪو ٿيڻ لڳو. +معاشي ملوڪيت جي برخلاف سڀ کان اول جنهن صدائي احتجاج بلند ڪئي، اهو ”ڪارل مارڪس“ هو. هو لکي ٿو، ته انساني تاريخ کي ٺاهڻ ۾ انسان جي مادي احتياجن کي سڀ کان زياده دخل آهي، باقي سڀني اثرن جي ثانوي حيثيت آهي. تنهن ڪري اسان جو مذهب، اسان جي سوسائٽي، اسان جو آرٽ مطلب ته اسان جي زندگيءَ جو هرشعبو گذريل معاشي حالتن جو هڪ قسم جو پاڇو آهي، انهيءَ نظريي کي ”تاريخ جو مادي نظريو“ چيو وڃي ٿو. مارڪس اهو به ثابت ڪيو ته سڀڪا پيداوار محنت ۽ مزوريءَ جو نتيجو آهي ۽ سرمائيدار، مزورن جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن، جنهن ڪر ي”جماعتي ڪشمڪش“ پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ ڪشمڪش کي دور ڪرڻ جو هڪڙوئي طريقو اهو آهي ته پيداوار جا سمورا ذريعا عوام جي ملڪيت بنايا وڃن. ڪارل مارڪس کان پوءِ لينن پڻ پنهنجي ڪتاب ”امپيريلزم“ ۾ سمجهايو آهي ته شهنشاهي ٻين ملڪن ۾ ڪهڙيءَ طرح قبضو ٿي ڄمائي. هن جو چوڻ آهي ته شهنشاهيءَ ۾ هميشہ سرمائيداريءَ جو وڏو دخل هوندو آهي. اهيئي سرمايدار آهن جي پوئتي پيل ملڪن کي اقتصادي قانونن جي ڦندي ۾ ڦاسائي سوگهو ڪندا آهن ۽ ”شاهي حڪومت“ کي اهڙي طريقي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن جو محڪوم ملڪن ۽ نوء آبادين کي ابدي غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جي لعنت ۾ گرفتار ڪري وٺي ۽ جڏهن ماتحت ملڪن جا مزور پنهنجي حقن جو مطالبو ڪن تڏهن سياسي قوت کان ڪم وٺي انهن جي تحريڪ کي دٻائي سگهي. +عهد حاضر جون ملوڪانه تحريڪون +عهد حاضر ۾ دنيا جي قومن جي دعويٰ آهي ته هو تهذيب ۽ تمدن جي ڪماليت کي پهچي چڪيون آهن، تنهن جي باوجود اهو ڏسندي عجب ٿو وٺي ته هر جاءِ جو نفسي نفسي جو شور متل آهي سو ڇا جي ڪري! مشينن ۽ سائنس جي ذريعي بحروبر کي فتح ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ پنهنجي پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي مفاد کي زور وٺائڻ لاءِ انساني فڪر کي نئين سانچي ۾ وڌو پيو وڃي. ٻين تي غلبي ڪرڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ فسطائييت، نازيت ۽ ”جمهوريت“ جهڙا فلسفا وضع ڪيا ويا آهن، جن جو مقصد فقط ضعيف قومن ۽ ملڪن کي پيرن ۾ لتاڙڻ ۽ انهن کي محڪوم بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪينهي. +هاڻي اسين ڏسون ته عهد حاضر جون سياسي تحريڪون ڪهڙيءَ طرح ملوڪيت ۽ شهنشاهيءَ جي راهه تي گامزن آهن. +جمهوريت +اوڻيهينءَ صديءَ کي ”عموميت جي صدي“ سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هن زماني ۾ جن نون خيالن جو چرچو اٿيو، اهي ”عموميت“ يا جمهوريت متعلق هئا. موجوده جمهوريت جي دعويٰ آهي ته اها دنيا جي قومن کي ملوڪيت جي لعنت کان نجات ڏيارڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جمهوري حڪومتن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق سڀني باشندن کي حاصل آهي، ان ۾ شڪ ڪونهي ته حڪومت جا رڪن ۽ مشير ڪار عوام جا نمائندا هوندا آهن، ۽ عوام کي آخرين اختيار آهي ته جيڪڏهن هي حڪومت چڱيءَ طرح نه هلائين ته انهن کي برخاست ڪري سگهن ٿا، ليڪن اهي اختيارات صرف برائي نام هوندا آهن. اصل اختيار صرف انهن سرمايدارن جي هٿن ۾ هوندا آهن جي ووٽن کي پنهنجي سون ۽ چانديءَ سان خريد ڪندا آهن. ٻيا جيڪي به نمايندگيءَ جا اصول آهن تن کي به ڪنهن لحاظ سان خاطر خواهه چئي نه ٿو سگهجي، جيئن ته ايڇ جي. ويلس لکي ٿو ته ”جمهوريا عوام ۾ اجتماعي ارادي جي قوت موجود هوندي آهي. هڪ وچولي درجي جي شهريءَ ۾ انتهائي بي پرواهي ۽ ذهني ٺلهائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو حقيقي اختيار دراصل فقط ڪن ٿورن هٿن ۾ هوندو آهي، جي پنهنجي ذاتي مقصدن کي تڪميل تي پهچائڻ خاطر عوام جي خوشحاليءَ کي به پس پشت رکڻ کان دريغ نه ڪندا آهن.“ +ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اگرچ جمهوريت ۾ نالي ته ڪوبه بادشاهه ڪونه هوندو آهي، ليڪن دراصل، خواهه اهو ڏسڻ ۾ اچي يا نه اچي، ڪيترائي بادشاهه موجود هوندا آهن، جي بعض اوقات خودمختيار بادشاهن کان به وڌيڪ ظالم ۽ مستيد هوندا آهن. +فسطائيت +اٽليءَ ۾ جيڪو نظام حڪومت قائم هو ان کي فسطائيت چيو وڃي ٿو. فسطائيت هڪ سرمايدارانه تحريڪ هئي جنهن جي ڪري فردن جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو نه ٿي ويو ۽ ڪل اختيار اسٽيٽ يا حڪومت کي سپرد ڪيا ويا ٿي. فسطائيت ۾ حڪومت جو روح ۽ عقل هڪ جدا شيءِ هوندي آهي، جا افراد جي روح ۽ عقل جو مجموعو نه هوندي آهي، مگر هڪ علحدي ۽ منفرد حقيقت سمجهي ويندي آهي. فسطائي نظام انهيءَ روح جي تحفظ جو دعويدار هو. فسطائيت جو نظام ”معاشي مسرت“ يا عوام جي بهبوديءَ جو قائل نه هو ۽ هن عوام ۾ معاشي مساوات پيدا ڪرڻ نه ٿي گهري. فسطائيت ان ڳالهه کان به انڪاري هئي ته ڪو جماعتي زندگيءَ ۾ سرمايدارن ۽ مزورن جي وچ ۾ جنگ لازمي ۽ اڻ گس آهي، اهوئي سبب هو جو فسطائيت، طبقاتي فرق کي مٽائڻ نه ٿي گهريو، بلڪ قائم رکڻ ٿي چاهيو. مسولني، جو هن تحريڪ جو علمبردار هو سو نه ته عالمگير امن جو قائل هو ۽ نه امن عامه جا فائدا هن جي سمجهه ۾ ٿي آيا. ظاهر آهي ته جنهن تحريڪ جو فلسفو ئي مزور کي ختم ڪرڻ، ضعيف قومن سان جنگ ڪرڻ ۽ فردن جي راءِ کي حڪومت جي حوالي ڪرڻ تي مبني هجي، سا اگر ملوڪيت جي بدترين شڪل نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندي! تنهن ڪري جيڪو نظام حڪومت مسولنيءَ جي وقت ۾ اٽليءَ منجهه قائم هو، اهو به ملوڪيت ۽ شهنشاهت جو آئنيدار هو. اٽليءَ جي دستور اساسيءَ جو سڀ کان پهريون جزو بادشاهه هو، جنهن کي ڪوبه سياسي اختيار حاصل نه هو. اهو صرف برائي نام وزير اعظم جي چونڊ ڪندو هو. جڏهن کان فسطائي حڪومت بر سر اقتدار آئي، ان وقت کان وٺي مسولني انهيءَ عهدي تي قابض رهيو ۽ عملي طرح اهوئي ملڪ جي سياهه سفيد جو مالڪ هو. اٽليءَ ۾ قانون سازيءَ جا جملي ٻه ايوان هئا: ”هڪ ”سينيٽ“ ۽ ٻيو ”چيمبر آف ڊيپوٽير“. ليڪن اهي عوام جي اڳيان جوابدار نه هئا. بلڪ انهن جو مقصد صرف مسولنيءَ جا هٿ مضبوط ڪرڻ هو. فسطايت پڻ پنهنجي مقصد جي لحاظ سان ملوڪيت پسند هئي، ڇو ته ان جي حامين جي مراد اهائي هئي ته يا سڀئي ملڪ سندن ماتحت رهن ۽ هو روم جي شهنشاهه وانگر مرڪزي طور تي سڀني مٿان راڄ ڪن. انهيءَ جذبي جي ماتحت اول حبش کي پامال ڪيو ويو ۽ پوءِ نازيت جي دوش بدوش شمالي آفريقا ۽ يونان تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. +نازيت +نازيت جو باني هٽلر هو، جو ان وقت ساري مهذب دنيا سان برسر پيڪار هو ۽ پنهنجي وحشي اعمالن سان ملوڪيت جي بدترين دؤر جي ياد تازي ٿي ڪيائين. نازيت ۾ فردن تي ايتريون ته پابنديون لڳايون وييون هيون جو انهن کي انساني فطرت ڪڏهن به برداشت ڪري نه ٿي سگهي. درحقيقت نازيت جو بنيادئي ان ڳالهه تي هو ته انفرادي مفاد کي ملي مفاد تي قربان ڪري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ملي مفاد مان هٽلر جي مراد سڪندر ۽ چنگيز وانگر انسانيت جي قبا کي چاڪ ڪري ڇڏڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ڪانه هئي. ڪي ماڻهو ائين سمجهن ٿا ته هٽلر ٿيل عهدنامي جي ماتحت پنهنجا وڃايل علائقا واپس وٺڻ ٿي گهريا، ليڪن هن جا عمل شاهد ��هن ته هن به نيپولين ۽ سڪندر اعظم وانگر ”تسخير عالم“ جا خواب پئي ڏٺا، ۽ سندس تحريڪ بسمارڪ، وليم قيصر ۽ فريڊرڪ جي شهنشاهيءَ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هئي. عالمگيري اقتدار جي خواب کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ هٽلر پهريائين اهي علائقا واپس وٺڻ شروع ڪيا جي ڪنهن زماني ۾ جرمن سلطنت ۾ شامل هئا ۽ جن ۾ جرمني ٻولي سمجهي يا ڳالهائي ويندي هئي. انهن کان پوءِ ٻين ملڪن تي دست درازي شروع ڪيائين، چنانچه سار، رائين لئنڊ، آسٽريا، سوڊاٽين لئنڊ، بوسيميا، پولنڊ، ناروي، ڊينمارڪ، بيلجم، هالنڊ، فرانس، رومانيا ۽ بلگيريا کان پوءِ هو ڀونوچ سمنڊ ۽ انگلينڊ ۾ پڻ اکيون وجهڻ لڳو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته نازيت جو بنياد سڄو عالمگير اقتدار جي تخيل تي ٻڌل هو ۽ اهائي حقيقت هئي جا هن تحريڪ کي ملوڪا نه سڏڻ لاءِ ڪافي آهي. انهيءَ کان سواءِ هٽلر جو تشدد ۽ صرز حڪمراني پڻ اهڙي نه هئي جنهن جي پيشانيءَ تان ملوڪيت جو داغ مٽجي سگهي. ”طوفاني فوج“ جي ذريعي، قتل ۽ غارتگريءَ کان سواءِ، جڏهن هٽلر آمريت جي تخت تي ويٺو، تڏهن جيڪو حڪومت جو آئين هن تجويز ڪيو انهيءَ کيس زمان ماضيءَ جي ڪنهن به بادشاهت کان گهٽ اختيار ڪين ٿي ڏنا. +جپانيت +جپان ۾ ”محدود ملوڪيت“ قائم هئي ۽ جپان جمهوريت پسند هئڻ جي باوجود هٽلر ۽ مسولني جو هم نوالو ۽ هم پيالو ثابت ٿي پيو، جنهن ڪري ان جو جدا ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سنه 1860ع کان اڳ جپان ۾ ”اقطاعي نظام“ قائم هو ۽ پوءِ اتي جمهوريت جي لهر لڳي، ليڪن بادشاهي بدستور قائم آهي. جپان جي دعويٰ آهي ته سندن بادشاهه سورج ديويءَ جي پوٽي جو اولاد آهي ۽ هن کي سڄي دنيا جي مٿان حڪمراني ڪرڻ جو اختيار آهي. ان ڪري جپانين مشرق بعيد ۾ هڪ ’نئون نظام‘ قائم ڪرڻ ٿي گهريو جنهن جو مقصد خاص طرح ڏکڻ ايشيا تي قبضي ڪرڻ جو هو، اهوئي سبب هو جو ان زماني ۾ جپان جي وزير خارجه صاف صاف چئي ڏنو هو ته جپان مشرق بعيد جي معاملات ۾ ڪنهن به غير ملڪي طاقت جي مداخلت کي برداشت نه ڪندو. پهريائين جپان، صنعت ڪاريءَ جي ذريعي ٻين ملڪن تي قبضو ڄمائڻ گهريو ٿي ۽ پوءِ هن طاقت ۽ قوت جي زور تي انهن کي پنهنجي نوآبادين ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي، ۽ اهائي ڳالهه سندس ملوڪيت پرست هئڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. +الغرض دنيا جي قومن جي تاريخ جو مطالع ڪيو ويندو ته معلوم ٿيندو ته جڏهن کان سرمايدار وجود ۾ آيا آهن ۽ جڏهن کان وٺي انهيءَ سرمايي تي انسانن جي ڪنهن خاص گورهه قبضو ڪيو آهي، ته انهن تي قوت جو نشو ضرور غالب پيو آهي ۽ هو جهانگيري ۽ جهانبانيءَ جا خواب ڏسي، پنهنجي وطن کان ٻاهر نڪري، ضعيف قومن کي برباد ڪندا ۽ ملڪن کي تاراج ڪندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو علامه اقبال فرمايو آهي ته: +اسکندرو چنگيز کي هاتهون سي جهان مين، سو بار هوئي حضرت انسان کي قبا چاڪ، تاريخ امم کان يه پيام ازلي هي: صاحب نظران نشئه قوت هي خرناک. +ڪاش! سرمايي کي جيڪر هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ کان روڪيو وڃي، حڪومت جي تشڪيل ۾ عام راءِ کي خيال ۾ رکيو وڃي، تجارت آزاد هجي، ٻين ملڪن ڏي حريفانه نگاهون رکڻ ڇڏي ڏجن، ۽ هر قوم، تهذيب ۽ ثقافت جي امداد سان، ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري: ورنه ٻئي نظام جي جيڪا حالت ٿئي ٿي ان جي بيان ڪري جي ڪابه ضرورت ڪانهي. +هم ملوکيت بدن را فربهي است، سينئه بي نور او از دل تهي است مثل زنبوري که بر گل مي چرد، برگ او بگذارد و شهدش برد، از طلسم رنگ وبوي او گذر، ترک صورت کن در معنيٰ نگر، +برگ باطن گرچه ديدن مشکل است، گل مخوان اورا که در معني گل است. +”دکايل“ +بمبئي ج�� سنڌي هفتيوار ”هندواسيءَ“ +تان شڪري سان، ورتل +ڪڇ جي عوامي شاعر ”ڪاراڻيءَ“ جو ڪلام +ڪڇي شاعريءَ جو سنڌي شاعريءَ سان گهاٽو تعلق آهي. سنڌي شاعريءَ جو اثر هر نقطي نظر سان ڪڇي شاعريءَ ۾ موجود آهي، ۽ اُن ۾ خاص طرح شاهه لطيف جي بيتن ۽ واين جو رنگ نمايان آهي. موجوده زنده شاعرن مان شري ڪاراڻي ڪڇ جي تعليم کاتي ۾ وڏو آفيسر هو. هو هن وقت پيرسن آهي. سندس ڪڇي، گجراتي ۽ هنديءَ ۾ شاعريءَ تي چڱا ڪتاب لکيل آهن. +ڪڇي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو بنيادي فرق ڪونهي. ائين برابر آهي ته جيترو فرق لاڙيءَ، اڀي جي سنڌيءَ ۽ وچولي جي سنڌيءَ ۾ آهي، اُن کان جيڪي سو وڌيڪ فرق ڪڇيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ آهي: پر اها حقيقت آهي ته اهي ”ٻيئي“ ٻوليون ايتريون ته هڪ ٻئي جي ويجهو آهن، جو جيڪڏهن ائين چئجي ته هڪ ڪڇ جي ”سنڌي“ ۽ ٻي سنڌ جي سنڌي آهي، ته غلط نه ٿيندو. هتي اسان انهيءَ ڪڇي ٻوليءَ ۾ شري ڪاراڻيءَ جي شعر جو نمونو (هڪ ڪافي، ڪجهه بيت، هڪ ڀڄن ۽ گيت) پيش ڪري رهيا آهيون. ڪڇيءَ ۽ سنڌيءَ جي لفظن ۾ ٻئي مختصر فرق سان گڏ، اُچارن جو پڻ فرق آهي. انهيءَ ڪري، ڪڇيءَ جي ڪن ضروري اُچارن جي سنڌيءَ سان ڀيٽ ۽ لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني ويئي آهي، ته جيئن پڙهندڙن لاءِ شعر جي معنيٰ سمجهڻ ۽ ان مان خط حاصل ڪرڻ آسان ٿئي. (ادارو) +هوڙي ڪي هنڪار (ڪافي) +ننگر(1) کڻي ني ناکيا! هوڙي ڪي هنڪار، +هوڙي ڪي هنڪار، اسان ڪي پڄڻو پرلي پار- ننگر.... +وير لڳي نه وا وريا، اپڙيا نير اپار، +ڌريا ڌڌڪارا ڪري، لهرين جي للڪار- ننگر.... +لک(2) ۾ آڇاڙا لگا، نيڻ کڻي ني نيار، +سڻ تان سونساٽا ڪرين، سو کاڻ ڪي سنڀار- ننگر... +ساٿ ڇڏي ني ساٿيڙا اُپڙيا اپر نپار، +ڀگا وڃين تان ڀانورا، ڀري وٺا ڀار- ننگر... +”ڪاراڻي“ چين چان ڪُرو؟ ويرم ڪر تون وار، +مٺڙا منجا مالهي، پرين پگو اُپار- ننگر.... +ڌکي دل جي ڌان (بيت) +رونڌي(3) کٽي راتڙي، کٽا هيين جا هير، +سبيڻ منهنجا سڙ کٽا، نيڻن کٽا نه نير. +آنسوڙا اکيين کٽا، کٽي رات پرڀات، +تن مان توجي تات، کٽي نتي کوٽين سين. +آنسوڙا اکيين کٽا، تنهنجي کٽي تڻار، +پرين توجا پار، ڪامل! کٽين نه ڪين ڪنڌي. +آنسوڙا اکيين کٽا، رتڙي کٽي رات، +کٽي نتي کٽڪي وٺي، پرين ري پرڀات. +ڪٿ رئان ڪين وٽ رئان؟ ڪاران سڻڌو ڪير، +آئيل ٿئي اوير، سونپاٽ پيو سنسار ۾. +ڪٿ رئان ڪين وٽ رئان؟ سڻڌڙ ريئا سمي، +گهر گهر گهمر گهمي، سڃ ڏٺي سنسار ۾. +ڪٿ(1) رئان ڪين وٽ رئان؟ ماڙي ڏسان نه ماگ، +اندر اُجي نه آگ، بانف نه نڪري بار ڪين. +ڪٿ رئان ڪين وٽ رئان؟ رونڌڙ ڀلين رئين، +هينڙي ۾ نه هئين، رونگا جيڪي رت جا. +رام جو نان (ڀڄن) +من(1) تون رام جو ناءُ رٽ، +رام جو نانءُ رٽ منوا! رام جو نانءُ رٽ. +تو جا ڪرم بنڌن ڪٽ- من تون.... +جني بيڙي جاجري ني، واٽ آيه وڪٽ +مست هن مهيراڻ جي، ڪين سڻ جهليندا سٽ- من تون... +چئن ڏيين جي چمڪ توجي، چئن ڏيين ۾ چٽ +اُڇٽ ۾ ويين اُڙي تون! پاڙ آيه نه پٽ- من تون... +بار جيون تون بوُچ اکيون، انڌر جين اُپٽ +انڌر جو اواج سڻ تون، گنجي منجهه گهمٽ- من تون... +ڪڻو ڪڻ ۾ منو من ۾، گهٽو گهٽ پر گهٽ +”ڪاراڻي“ چين وٺو وهالم وٽو وٽ نؤ وٽ- من تون... +آجيان (گيت) +اسان(2) جا من مٺا مهمان جي. +من مٺا مهمان اوان ڪي ڪڇ ڏي تومان- اسان جا... +اج اوان جي ساٿ آوئي، سنڌ سجي جي شان جي، +ڪراچي جي ڪم نصيبي، ڪڇ ٿيو ٻلوان- اسان جا... +مٺا ماڻون مٺي من سان مٺا ڏيندا مان جي، +مٺپ ۾ ويندا ملي آنئين مٺپ جا مهمان- اسان جا... +نو لکي ڪٿ سنڌ اوانجي، ڪٿ مٺو مهراڻ جي، +ڀلين آيا ڀاور مونجا، ڪڇ قسمت ساڻ- اسان جا... +مٺي ڌرتي ڪڇ جي ني، مٺا آئين مهمان جي، +”ڪاراڻي“ چين ڪڇڙو، ٿيندو مٺو مهراڻ- اسان جا... +ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ +سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو +(آخري قسط) +4. سنڌي شاعريءَ جو فن ’سينگار‘ +هن مضمون جي گذريل قسط جي آخر ۾، اسان نتيجي طور هيءَ راءِ قائم ڪئي هئي ته غالباً ڪلهوڙن کان اڳ ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ سنڌ جي سگهڙ شاعرن هندي شاعريءَ جي ”سنگار رس“ وارن مضمونن ۽ عنوانن ۾ پنهنجي سنڌي تخيل جي آميزش سان نوان نوان نقطا پيدا ڪيا، البته انهيءَ وائلي دؤر ۾ هنن پنهنجن خيالن کي هندي زبان جي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اندازاً، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ کان سنڌ جي پخته مشق شاعرن، حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نئين سنڌي اسلوب بيان ۾ نباهيو، ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل طور فن ”سينگار“ جو بنياد رکيائون. +اسان جي مٿئين نطريه جو مدار هن حقيقت تي آهي، ته تاريخي لحاظ سان ’سنڌي سينگار‘ شاعري اسان کي اول اول ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ پوري اوءج ۽ ڪمال تي نظر اچي ٿي، جنهن ڪري ان جي شروعات يقيني طور ڪافي عرصو اڳ ٿي چڪي هوندي. هن مضمون ۾ اسين پهريان تاريخي لحاظ سان سنڌ جي انهن نامور شاعرن جو ذڪر ڪنداسون جي ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ جي ميدان جا شهسوار +راجا راڳائِي، هَردوئي هيڪُ ٿئا! - شاهه +بنيا ۽ ان فـــن ۾ گــوءِ کـنيائون. ان بعد سنڌي شـاعريءَ جي فن ’سينگار‘ جو مجموعي طور جائزو وٺي، ان جي خاص خصوصيات مثلاً ڳوڙهي اسلوب بيان، بلند تخيل، انوکين ادائن ۽ دلچسپ عنوانن تي قدري روشني وجهنداسون. +(الف) سنڌي سينگار شاعريءَ جا نامور شاعر +سنڌي سينگار شاعريءَ جو اوءج ۽ ڪمال اسان کي سڀ کان پهريائين حضرت جلال رنگريز جي بي بها بيتن ۾ نظر اچي ٿو. جلال غالباً پهريون استاد شاعر هو جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان ”سنڌي سينگار“ کي اؤج تي پهچايو ۽ ان کي سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ هڪ مستقل فن جي حيثت ڏني. جئن ته هيٺ ذڪر ايندو، جلال، ميان نور محمد جي عهد جو شاعر هو ۽ غالباً ڀٽائي صاحب جو وڏو معاصر يا هم عمر هو. ان وقت جي عام سنڌي شاعري تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هئي ۽ مجاز کان زياده حقيقت ڏي مائل هئي: جئن ته ان جو خاص مقصد اصلاح نفس هو ۽ ان جو خطاب عام ماڻهن کي هو، انهيءَ ڪري ان کي نهايت موءثر مگر عام فهم زبان ۾ ادا ڪرڻ ضروري هو. ان جي ڀيٽ ۾ ’سنڌي سينگار‘ شاعري پنهنجي پس منظر جي لحاظ سان هڪ خاص ’فن‘ هو جنهن ۾ محبوب جي حسن ۽ سينگار جي موضوع کي هڪ خاص انوکي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لازمي هو. سينگار شاعريءَ جي هن ’فني حيثيت‘ سبب، ان کي نباهڻ لاءِ شاعرانه طبع سان گڏ هنرمندي ۽ سگهڙپائيءَ جي به ضرورت هئي. انهي لحاظ سان ”سينگار“ شاعريءَ جا استاد شاعر ساڳئي وقت هنرمند شاعر به هئا: البته هن سلسلي جا ڪافي اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن جن جي شاعرانه طبع سندن ’هنرمنديءَ‘ تي غالب هئي، وري ٻيا ڪي اهڙا آهن جن جي ڪلام ۾ ’هنرمندي‘ يا سگهڙپائي زياده نمايان آهي. +بحيثيت هڪ ’فن‘ جي، سينگار شاعري نسبتاً هڪ مشڪل موضوع آهي، انهيءَ ڪري هن ميدان ۾ هر شاعر يا هر هنرمند جو ڪڏي پوڻ مشڪل هو. اهوئي شايد هڪ مکيه سبب آهي جو هن سلسلي جي سڄاڻ شاعرن جو تعداد ڪنهن حد تائين محدود نظر اچي ٿو. حالانڪ هي سلسلو ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر جي شروعات کان وٺي ويندي اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ تائين، يعني ته تقريباً پوڻا ٻه سوء ورهيه، لاڳيتو نظر اچي ٿو. مگر هن تعداد جي ڪمي جا ٻيا ڪي خاص سبب پڻ نظر اچن ٿا. پهريون ته سينگار شاعريءَ جو خاص الخ��ص موضوع ’مجاز‘ هو. يعني ته محبوب جي ظاهري حسن ۽ سينگار جي تعريف. مگر سنڌ جي سرزمين عالمن، درويشن ۽ صوفين جي اصلاح نفس واري مسلسل تبليغ سبب حقيقت کي هميشه مجاز تي ترجيح ڏني، ۽ ’صورت‘ جي بدلي ’سيرت‘ جي قائل رهي، انهيءَ ڪري سينگار شاعري عالمن ۽ صوفي درويشن جي خاص طبقي ۾ عام رائج نه ٿي. جئن ته ان وقت لکيل پڙهيل طبقو به اهوئي هو، انهيءَ ڪري اهو شعر جنهن جو تعلق فن ”سينگار“ سان هو قلمبند ڪونه ٿيو، ۽ محض سگهڙن جي سينن ۾ ئي محفوظ رهيو. ٻيو ته ڀٽائي صاحب يا ٻين صوفي شاعرن جا بيت عام فهم زبان ۾ چيل هئا ۽ انهيءَ ڪري زبان زد عام ٿي ويا، مگر ’سينگار شاعري‘ بحيثيت هڪ فن جي، ڳوڙهي زبان ۽ انوکي اسلوب بيان ۾ ادا ڪيل هئي، انهيءَ ڪري ان جو ذوق خاص طرح ان فن جي ماهرن جي مجلسن جو ورد وظيفو بنيو. جيتوڻيڪ عوام ۾ ان کي ڪافي مقبوليت حاصل ٿي مگر اها مقبوليت خاص طرح عوام جي سڄاڻ سگهڙن ذريعي پيدا ٿي ۽ انهن فني اشعار جي روايت به گهڻو ڪري انهن سگهڙن جي سينن تائين محدود رهي. ٽيون ته تقريباً گذريل 100 سالن کان وٺي سنڌي ادب جي نئين دوءر جي سنڌي خواه انگريزي پڙهيل اديبن جو توجهه به اڪثر ڪتابي ذخيري تائين محدود رهيو ۽ هو سنڌ جي سگهڙن جي مجلسن کان يا ته بي بهره رهيا، يا ته انهن سگهڙن جي صدري خزانن جو ڪماحقہ قدر ڪونه ڪيائون، جنهن ڪري اهي قيمتي ذخيرا قلمبند ڪين ٿيا ۽ آهستي آهستي جيئن انهن سگهڙن هن دنيا کي ڇڏيو ته اهي صدري خزانا به پاڻ ساڻ کنيو ويا. اهڙيءَ طرح، سنڌي شعر جي ٻئي ذخيري سان گڏ سينگار شاعريءَ جو سرمايو به ضايع ٿي ويو ۽ اڳين استاد شاعرن جي نالن جو به ڪو نشان باقي نه رهيو. +انهن نا سازگار حالتن، ذوق جي ڪمي ۽ پڙهيلن جي ڪوتاهيءَ سبب هن وقت ’سينگار شاعري‘ جي سرمايي مان صرف ٻڏل ٻيڙيءَ واريون هريڙون وڃي باقي بچيون آهن جن جي تحقيق ۽ تلاش اسان تقريباً 1944ع کان شروع ڪئي آهي. مگر موجوده سگهڙن وٽ اها جنس اڪثر ناياب ٿي چڪي آهي. اسان سنڌ جي سگهڙن جي مشهور ماڳن ۽ دڪانن جي کنڊرن تي وڃي ڌوڙ ڌوين وانگر رک ۽ مٽيءَ جا ڍير وائريا آهن ته من ڪي هن مٽيءَ مان سون جا ذرڙا هٿ لڳن! انهيءَ محنت ۽ مشقت سان جو ڪجهه ذخيرو حاصل ٿيو آهي ان ۾ ’سينگار شاعري‘ جي چالهين کان وڌيڪ نامور شاعرن جا ٿورا ڪي گهڻا بي بها بيت، سالم يا ناقص حالت ۾ مليا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سرزمين در اصل نه معلوم هن فن جا ڪيترا استاد شاعر پيدا ڪيا هوندا! اهي چاليهه کن نالا ته محض خوش قسمتيءَ سان اتفاق طور هٿ آيا آهن، ۽ تنهن هوندي به هندي ’سينگار رس‘ شاعريءَ جي شهسوارن جي مقابلي ۾ اهو ٿورو عدد به گهڻو ۽ وزندار آهي. +حضرت جلا رنگريز: +اسان مٿي چئي آيا آهيون ته حضرت جلال پهريون استاد شاعر هو جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان ’سنڌي سينگار‘ کي اوءج تي پهچايو ۽ سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ ان کي هڪ مستقل فن جي حيثيت ڏني. افسوس جو هن باڪمال شاعر ۽ درويش جي سوانح توڙي ڪلام تي پوين ٻن سون سالن جي عرصي پنهنجو لٽ وجهي ڇڏيو آهي. اسان کي ڏهه سال کن اڳ سندس هڪ ٻه بيت مليا جن وڌيڪ تلاش جو جذبو جاڳايو. رساله ’نئين زندگي‘، ماه جنوري ۽ فبروري 1953ع، ۾ ’سنڌ جا سگهڙ‘ جي عنوان سان ٻن قسطن ۾ ڏنل مضمون ذريعي، بندي پهريون دفعو حضرت جلال کي اهل سنڌ سان روشناس ڪرايو ته من ذوق وارن کي وڌيڪ شوءق جاڳي ۽ سنڌ جي هن بادشاهه سگهڙ شاعر جو ڪماحقہ قدر ٿئي. ان ابتدائي مضمون بعد به جستجو جاري رهي جنهن ڪري حضرت جلال جي سوانح ��ا ڪي گوشا وڌيڪ روشن ٿيا آهن ۽ سندس شعر جو به ڪجهه وڌيڪ ذخيرو هٿ آيو آهي، جنهن جي بناء تي اسان حضرت جلال تي هڪ جدا ڪتاب لکي رهيا آهيون جنهن ۾ سندس سوانح ۽ ڪلام تي تفصيل سان روشني وڌي ويندي. البته جلال ڪٿي جو هو، ۽ ڪڏهن هو، ان باري ۾ ڪي تحقيقي نتيجا پيش ڪيا وڃن ٿا، انهيءَ لاءِ ته سنڌي سينگار شاعريءَ جي هن پهرئين استاد شاعر بابت ڪي ضروري معلومات ناظرين ڪرام جي سامهون رهن. +حضرت جلال جي جاءِ سڪونت بابت لس ٻيلي، ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جي اڪثر موجوده سگهڙن جي متفقه راءِ آهي ته هو ٺٽي ضلعي جو ويٺل هو، منجهانئن ڪن خاص معتبر رواين جي خيال ۾، هو تعلقي ميرپور ساڪري جي قديم ڳوٺ ’گروڙا‘ جو ويٺل هو. دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي سگهڙن جي متفقہ راءِ آهي ته جلال دادو ضلعي جو رهاڪو هو، منجهانئن اڪثر جي راءِ آهي ته هو دادو تعلقي جي ڳوٺ ’موندر‘ جو ويٺل هو، ۽ ڪن جو خيال آهي، ته هو جوهي تعلقي ۾ ’ڊگهه بالا‘ جو رهاڪو هو. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ اڃا تائين ڪا يقيني راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي، ته به هيٺين دليلن جي بناء تي في الحال هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته، غالباً جلال دادو ضلع جي ڳوٺ موندر(1) جو رهاڪو هو: +پهريون ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سپہ سالار شاهه بهاري جهنجهڻ ۽ قلات جي امير عبدالله خان بروهي جي جنگ بابت جلال ۽ جمن چارڻ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون بيت چيا آهن(1). جئن ته ميان نور محمد جي گاديءَ جو شهر خداآباد هو جو دادو تعلقي ۾ واقع آهي. جمن چارڻ جا مٽ ۽ مائٽ عزيز به دادو ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ رهندڙ هئا، ۽ خود شاهه بهارو به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو جتي سندس مقبرو موجود آهي، انهيءَ ڪري جلال جي سڪونت به دادو ضلعي ۾ زياده قرين قياس نظر اچي ٿي. ٻيو ته جلال جو هڪ بيت حضرت مخدوم بلاول رحه جي مدح ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيو اٿس ته: +”بلاولي بحرين مان جن پيتا جودي جام“ +جئن ته حضرت مخدوم بلاول رحه جي درگاه شهر دادو کان 6 ميل کن اتر طرف قديم شهر ’باغبان‘ ۾ آهي ۽ ڳوٺ موندر کي به ايترو ئي ويجهي آهي، انهيءَ ڪري جلال جي حضرت مخدوم بلاول سان هي عقيدت پڻ موندر ۾ سندس جاءِ سڪونت هجڻ جي تائيد ڪري ٿي. ٽيو ته، دادو تعلقي ۾ هي روايت عام آهي ته جلال، ’پير طرهي‘(2) جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي، جو دادو شهر کان 7 ميل کن اتر ۽ ڳوٺ موندر کان اٽڪل ميل ڏيڍ اتر اولهه، موجوده دادو ڪئنال جي لڳو لڳ الهندي طرف واقع آهي. ’پير طرهي‘ جي سجاده نشينن قريشي پيرن، ٻين عام ماڻهن، ۽ خاص طرح اتي جي هڪ عمر رسيده شخص فاضل فقير شيخ توڙي ڀر واري ’ملڪن‘ جي ڳوٺ جي ٻڍڙي سگهڙ سليمان فقير ملڪ (عمر 80 ورهيه) ٻنهي متفقہ طور خبر ڪئي ته: ”اسان وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون ته جلال موندر جو ويٺل هو ۽ سندس قبر پير طرهي تي آهي جا اسان ننڍي هوندي صحيح سلامت بيٺل ڏٺي هئي ۽ ماڻهو اچي ختمو پڙهندا هئا، البته درويش پير طرهي جي نالي سببان سندس شهرت ڪانه ٿي. هن وقت سندس قبر واريءَ جاءِ تي فقط هڪ پٿر جو نشان باقي آهي“ ا.هه. اسان سر زمين تي روبرو وڃي ڏٺو ته اهو نشان پير طرهي جي مقبري جي آڏو وڏي صحن ۾ ڏکڻ اوڀر طرف بيٺل وڻن جي هيٺ هڪ جهوني ٻير جي وڻ جي پاڙ ۾ آهي. جيتوڻيڪ سواءِ هڪ پٿر جي نشان جي ٻيو ڪوبه ڪتبو موجود ڪونهي، ته به هن مقامي روايت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. +انهن مٿين ٽن قرين قياس دليلن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته غالباً جلال موندر جو ويٺل هو ۽ سندس مرقد پير طرهي جي مقام ۾ آهي. +جلال جي حياتيءَ واري عرصي جي باري ۾ نسبتاً پڪا اهڃاڻ موجود آهن. جلال ۽ جمن چارڻ جيڪي بيت هڪٻئي کي سوال جواب ۾ چيا آهن تن جو تعلق انهيءَ جنگ سان آهي جا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر ۽ مير عبدالله خان قلات جي واليءَ جي وچ ۾ لڳي جنهن ۾ مير عبدالله خان شهيد ٿي ويو. ميان نورمحمد طرفان شاه بهارو جهنجهڻ سپهه سالار هو جنهن جي تعريف ڪندي جلال پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو ته: +”بازي بهارو شاه، کٽي ويو شير کون“ +اها جنگ سنه 1144 هه (1731ع) ۾ لڳي(1) ۽ ان بابت چيليتن مان ظاهر آهي ته جلال ان وقت هڪ بلڪل پخته مشق شاعر هو. جمن چارڻ به پنهنجي وقت جو چوٽيءَ جو شاعر هو جنهن جلال جي بيتن جو جواب ڏنو(2). انهيءَ مان ظاهر آهي ته جمن ۽ جلال هڪ ٻئي جا ساٿياري ۽ همعصر هئا. درويش جمن چارڻ سنه 1150هه (1739ع) ۾ وفات ڪئي، يعني ته شاه عبدالطيف کان 14-15 سال کن اڳ، ۽ انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته جمن توڙي جلال، شاهه صاحب جا وڏا معاصر هئا. +جلال جي زندگيءَ جي حالات جو پورو پتو پئجي نه سگهيو آهي. سندس باري ۾ روايتون مشهور آهن ته هو پنهنجو موروثي ڌنڌو ڪندو هو ۽ ڪپڙا ڌوئندو هو. پنهنجن بيتن ۾ ’کٽي‘ توڙي ’رنگريز‘ جو تخلص آندو اٿس جنهن مان سمجهجي ٿو ته غالباً جلال دڪان تي ڪپڙن رڱڻ جو ڪم به ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن بيتن ۾ خاص طرح ’دڪان‘ جو نالو وري وري آندو اٿس مثلاً: +”دؤڙي ونء دڪان تي، ڪَهه پڇ ڪاريگر.“ +....... +”دؤڙي ونء دڪان تي، هٿ ٻڌي ڪر حال.“ +...... +”دل اُجار دڪان تي، ديک وڃي داناء.“ +جت قبيلن جا ماڻهو آسپاس رهندڙ هئا جن سان جلال جي تمام گهڻي پريت هئي. پنهنجي هڪ بيت ۾ انهن نيڪ، سادن ۽ مارو ماڻهن کي ساراهيو اٿس ته: +جت بلوچان بابڙا، آهن حلمي هٿوڪا، ڪنڌيين رهن ڪانهلا هي بر جا بتوڪا، بوريا بافڻ جن جو، رکڻ داڻا دلوڪا، کٽو ڏائن کنج جون، پائن پتوڪا، ڏاچيون چارن ڏيهه جون، ڪن ٽڙن تي توڪا، گهگهيرين گهر ڄائيا، سي جسماني جوڪا، آهن آريءَ ڄام جا، اديون آتوڪا، پنهونء کي پرتل ٿيا هي گنگا گڪوڪا، جي اهڙا اَلوڪا، تن جتيم جيء جلال چئي. +جتن سان جلال جي والهانه محبت هئي مگر مخالفن اهو هلايو ته جلال جتڻين ماين مان ڪنهن تي عاشق آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي جڏهن کاڻ تي ڪپڙا ڌوئڻ ٿو وڃي ته هميشہ جتن جي ڳوٺ ڏانهن منهن ڪري بيهي ٿو ڪپڙا ڌوئي. حقيقت ۾ جلال تي نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو عشق غالب هو ۽ انهيءَ ڪري هميشہ الهندي منهن ڪري بيهي ڪپڙا ڌئندو هو. جئن ته جلال جي سندس ٻئي همصر شاعر صابر موچيءَ سان دوستي هئي، ۽ صابر موچيءَ ۽ سيد محسن شاه پاڻ ۾ ڪين ٺهندا هئا، انهيءَ ڪري سيد محسن شاهه کي شڪ جاڳيو ته شايد جلال جتن مان مائيءَ تي عاشق آهي. چون ٿا ته هڪ دفعي محسن شاهه انهيءَ کاڻ تي آيو جتي جلال بيٺي ڪپڙا سٽيا. کيس ڪلهي تي هٿ هڻي چيائين ته ’جلال! جت ڪٿي!‘ جلال سندس اشارو سمجهي ويو، سو جواب ۾ هيٺيون بيت چيائين، جنهن ۾ عمداَ جتڻين ماين جي تعريف ڪيائين ته: +پيهي ڏس پکن ۾ اٿئي سون چڙيون، آريٽيون اڱڻ تي، ڪڍن انگ اڙيون، رئي رتيون، رنگريز چئي، تن پوتيون نيهن نڙيون، پاڻي ڀرن پتوه جان، اچن گام گِڙيون، گهگيريون گمڻ ۾ آهن ڳم ڳڙيون، مهر اٿن منهن تي، پر مِهر مامڙيون، هو ٿئي ڪل ڪڙيون(1)، هوٿئي جت جلال چئي. +چون ٿا ته آخري مصرع چوڻ وقت، محسن شاهه کي ٻانهن مان جهلي الهندي طرف اشارو ڪيائين ۽ محسن شاهه جي نظر وڃي. نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي روضي تي پئي. +جلال کي حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حقيقي عشق جي چوٽ لڳل هئي. انهيءَ نقطي کي اسان پنهنجي مضمون ”سنڌ جا سگهڙ قسط 2“، رساله نئين زندگي، فبروري 1953ع، ۾ قدري تفصيل سان واضح ڪيو آهي. نموني طور نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي مدح ۾ چيل سندس ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا جن ۾ فڪر جي بلندي توڙي زبان جو ميٺاج ۽ پختگي قابل تعريف آهن. +روشن ٿي سڀ رات، جڏ سپڙ ڄام سِرجيو، آيو داڙون دين جو، پيئي وائي سڀ ڪنهن وات، سخي ڄام سخاوت جي پلٽ ڪئي پرڀات، ڏئي ٿو جنگ، جلال چئي، ڏيهن کي نت ڏات، مير وٺيو ميراٿ، اڀو سواليين سڏ ڪري. +......... +ڦئنٽي مٿي ڦُل، سونهي سر سردار جي، جنُگ ساماڻي جکري، لٿو هيبت هل، سيد جو سڀ ديس ۾، تور نه آهي تُل، اچن در عجيب جي ڪيرت وارا ڪُل، جنين مال نه مل، تنهن ڏئي جنهوار جلال چئي. +بيشڪ جلال جي ذاتي طور نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان لنوء لڳل هئي ۽ انهيءَ حقيقي محبت کيس آخر نيئي عارفانه منزل تي پهچايو. مگر سندس شگفة طبع، تيز ذهن، سنڌي زبان تي عبور، ۽ ٻين ٻولين جي لغت کان واقفيت شروع کان ئي کيس سنڌي شاعريءَ جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن ڏانهن متوجهه ڪيو، جن مان هرهڪ ۾ هن پنهنجا جوهر ڏيکاريا. مطلب ته جلال نه فقط هڪ اعليٰ شاعر هو مگر پنهنجي وقت جي هنرمند شاعرن جو سرواڻ ۽ سرتاج هو ۽ عام سگهڙن جو سر مهرو ۽ سالار هو. سنڌي زبان ۾ ’فن سگهڙپائي‘ جو ته ڄڻ باني مباني هو: فن ”هنر“ به کانئس هليو ته ”ڏهسنامہ“ جي ڏاهپ سان به وٽائنس شروع ٿي جنهن پوءِ هر ڏس ۾ ڏاهه پئجي وئي. ان ڏهسنامہ جي ڏاهپ سان هن سنڌي شاعريءَ جي فن ”سينگار“ کي ويتر وڌيڪ سينگاري اؤج ۽ ڪمال تي پهچايو، جئن اڳتي هلي واضح ٿيندو. +ٻيا شاعر: +ٻين شاعرن جن حضرت جلال واري واٽ ورتي، ۽ خاص طرح سنڌي شاعريءَ جي فن ’سينگار‘ ۾ پاڻ موکيو، تن مان پهريون گروه خود جلال جي همعصر شاعرن جو هو. ڏاتو، خضر ۽ خالو ٽيئي کٽي هئا ۽ غالباًل جلا جا عزيز ۽ همعصر هئا. صابر موچي پڻ جلال جو دوست ۽ همعصر هو. انهن کان سواءِ نه معلوم ٻيا به ڪيترائي استاد شاعر ان وقت هئا جن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن. لس ٻيلي ۽ لاڙ طرف به ’سينگار‘ شاعريءَ جو چرچو هو، ۽ انهن اراضين مان پوءِ جلد ئي فن ’سينگار‘ جا وڏا استاد شاعر پيدا ٿيا. بهرحال ميان نور محمد ڪلهوڙي واري دوءر ۾ ’سينگار‘ شاعري اهڙي ته اوءج کي پهتي جو وڏا درويش صوفي شاعر پڻ ان کان متاٿر ٿيا. سيد ميون شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ان وقت صوفي شاعريءَ جا امام ۽ اڳواڻ هئا ۽ سندن ئي رسالن ۾ اسان کي پهريون دفعو حقيقت سان گڏ خالص مجازي شاعريءَ جي جهلڪ پڻ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ محبوب جي ناز ۽ انداز ۽ عورت جي ظاهري حسن ۽ سينگار کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهو رنگ کانئن اڳين بزرگن جي ڪلام ۾ اڪثر ناپيد آهي، ۽ جي آهي ته به نسبتاً بلڪل گهٽ آهي. اسان جي خيال ۾ اهو سندن همعصر شاعرن (جلال ۽ ٻيا جن فن ’سينگار‘ ذريعي محبو جي ظاهري حسن ۽ سينگار جي عنوانن کي چمڪايو) جو اثر هو جنهن هنن بزرگن جي ڪلام ۾ به محبوب جي مجازي حسن ۽ سينگار جي جهلڪ پيدا ڪئي. شاهه عبداللطيف محبوب جي حسن ۽ ناز کي پنهنجي هيٺئين بيت ۾ نهايت ئي پاڪيزه ۽ بلند مقام کان حقيقي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي ته: +ناز منجهارا نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌ، ڀونءِ پڻ ’بسم الله‘ چئي، راهه چمي ٿي رند، اُڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هنڌ، سائينءَ جو سوڳنڌ، منهنجو ساجن سڀنئان سوهڻو! +(سر بروو سنڌي) +سيد ميين شاه عنايت رضويءَ غالباً پهريون دفعو، سر مومل راڻي ۾، مومل ۽ سندس سهيلين جي حسن جي مجازي تعريف زياده کليل الفاظ ۾ ڪئي ته: +گلبدن جون گجريون، ارم اوڍيائون، چوٽا تيل ڦليل مان واسينگ ويڙهيائون، انهيءَ پر، عنات چئي، راڻو رانيائون، سو موٽي ڪيئن پاهون، جو گل گجر کي گڏئو! +ڀٽائي صاحب انهيءَ مضمون ۾ اڃا به اڳتي قدم وڌايو، ۽ ’سر مومل راڻي‘(1) ۾ هن رنگ جا ٽي بيت چيائين جي پنهنجو مٽ پاڻ آهن: +1. جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس، چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها، هو، هٻيس، پسئو سونهن، سيد چئي، نينهن اچن ٿا نيس، لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي. +2. جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون، عطر ۽ عبير سان، تازا ڪئائون تن، مڙهيائون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن، سونهن رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن، ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن، منجهه مرڪئس من، سُوڍي سين سڱ ٿئو‘. +3. سون ورنيون سوڍيون، رُپي رانديون ڪن، اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن، اوتيائون عبير جا، مٿي طاق تڙن، ٻاٽن ٻيلون ٻڌيون، پسئو سونهن سڙن، ٿيا لاهوتي، لطيف چئي، پسڻ لئه پرين، اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪورئا ڪاپڙي. +انهن ظاهري ساٺن سينگارن کانسواءِ مجازي حسن جي حملي کي پڻ ڀٽائي صاحب واضح لفظن ۾ بيان ڪيو ته، ”مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس“ ۽ پڻ ”مومل کي مجاز جون تارن ۾ تبرون“. مجموعي طور ’سينگار‘ شاعريءَ جي انهيءَ جهلڪ کان سواءِ، خصوصاً ’فن سينگار‘ جي مضمون توڙي اسلوب بيان جو اثر پڻ سيد ميين شاه عنايت توڙي ڀٽائي صاحب جي ڪن بيتن ۾ چٽيءَ طرح نظر اچي ٿو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. +جلال ۽ سندس همعصر گروه بعد، سنڌي ’سينگار‘ شاعريءَ جي نامور شاعرن ۾ هڪ طرف جلال جا پاڙيسري ۽ جمن چارڻ جا عزيز، جان محمد، صدرالدين ۽ گلاب چارڻ هئا ته ٻئي طرف وري سيد ڪبير شاهه، شيخ ابراهيم ۽ سندن ساٿي هئا جن لس ٻيلي ۽ ملير طرف هن شاعرانه فن جو چرچو پيدا ڪيو. سليمان نالي ’فن سينگار‘ جو استاد شاعر به غالباً هن ٻئي گروهه منجهان هو. ان بعد هن طبقي جي ٽئين گروه ۾ هڪ طرف دادو طرف جا سگهڙ شاعر ڪنڀار (نالو نا معلوم)، لونگ، وڌو، مانجهي ڊکڻ، کمڻ چارڻ ۽ چاڪر خان رستماڻي هئا، ته لس ٻيلي ۽ ملير طرف وري ڄام مراد علي، غلام الله جوکيو، قيصر خان ڀنڊ، دوس محمد راڄن شاهه، ۽ شيخ سائينداد جهڙا اعليٰ هنرمند استاد شاعر هئا. نواب شاهه ضلع مان حمل فقير لغاري اڪيلو هن پوئين گروه جي ساٿيارن مان هو جنهن هن فن ۾ طبع آزمائي ڪئي. مينهن وسايو مڱڻهار تازو پوئين وقت جو ڪوهستاني شاعر هو. انهن ٽن گروهن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر هن ميدان جا شهسوار هئا جن جي محض نالن ۽ چند بيتن کان سواءِ هن وقت تائين ٻي ڪابه معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي. هيٺيان شاعر هن گمنام طبقي ۾ داخل آهن: ملار، يوسف، غلام، قادر بخش (يا، ۽) قادو، شيرخان، سعيد، نواز، دينڻ، ملان خوشحال، هوندن، بلوچ (نالو نامعلوم)، انڙ (نالو نامعلوم ۽ ٻيا. +(ب) سنڌي سينگار شاعريءَ جون خصوصيتون +سنڌي سينگار شاعريءَ جي مٿين تاريخي پس منظر ۽ هن فن جي سڄاڻ شاعرن جي مختصر واقفيت بعد، اسان ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ جي انهن خاص خصوصيات جو ذڪر ڪنداسون جي ان کي هندي ’سينگار رس‘ کان اسلوب بيان خواه عنوانن ۾ بي نياز ڪري، سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ بطور هڪ فن جي جداگانه ۽ مستقل حيثيت ڏين ٿيون. +1. لغت جي وسعت ۽ بيان جي ڳوڙهائي: +”سنگاررس“ شاعريءَ جا عنوان ۽ مضمون هندي ٻوليءَ يا ان جي ٻين ويجهن محاورن ۾ رچيل هئا. سنڌي سگهڙن ۽ شاعرن لاءِ اهي ٻوليون غير سنڌي ۽ نيون هيون. انهيءَ ڪري غالباً هيءُ خيال پيدا ٿيو ته عورت جي حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي انوکي لغت ۾ ادا ڪرڻ ضروي آهي. جڏهن سنڌ جي استاد شاعرن، پنهنجي نئين ’سنڌي سينگار‘ جي فن کي هندي ٻوليءَ ۽ ان جي محاورن جي بدلي سنڌي ٻوليءَ جي قالب ۾ سموهيو، تڏهن اهو لازمي ڄاتائون ته ان ۾ اهڙا انو کا الفاظ استعمال ڪن جو سندن زبان جي ڳوڙهائي، ’سنگاررس‘ جي هندي ٻوليءَ واري انوکائيءَ جو مقابلو ڪري ان جي مٽ ۽ برابر ٿئي، بلڪ ان کان اتم ۽ اعليٰ بنجي. +’سنگار رس‘ لاءِ استعمال ٿيل هندي ٻوليءَ جي لغت محض سنسڪرت ۽ هندي محاورن تائين محدود هئي. سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن پنهنجي ”سنڌي سينگار“ فن لاءِ هڪ طرف پنهنجا انوکا سنڌي الفاظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف ’سينگار رس‘ شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل سنسڪرت ۽ هندي اسمن کي پنهنجو ڪيو، ۽ ٽئين طرف وري عربي، فارسي بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو هڪ وڏو سرمايو هٿ ڪيو. اهڙيءَ طرح ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ کي انوکي ۽ ڳوڙهي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لغت ۾ هڪ وڏي وسعت پيدا ڪيائون: بلڪ ائين چئجي ته خاص ’سنڌي سينگار‘ فن لاءِ ڄڻ هڪ نئين لغت تيار ڪيائون جنهن ۾ سنڌي، هندي، سنسڪرت، عربي، فارسي، بلوچي، براهوئي سرائڪي، ٿري، ڍاٽڪي ٻولين جي انوکن اسمن جو سرمايو شامل هو. مختلف ٻولين جي مطلوب اسمن جي واقفيت ۽ ڄاڻ کي سنڌ جي سگهڙن هڪ خاص ’سگهڙ پائيءَ جو فن‘ قرار ڏنو جنهن کي ’ڏهسنامو‘ ڪري سڏيائون. +ڏهسنامو: +سنڌ جي موجوده سڄاڻ سگهڙن جي متفقه نظريي موجب ’ڏهسنامو‘ سنڌي سگهڙ پائي جو آڳاٽو فن آهي، جنهن جو مطلب آهي: لفظن جي اها ڄاڻ ۽ بيان جو اهو نمونو جنهن ۾ ”ڏهه ٻوليون ۽ ڏهه معنائون هجن.“ سندن متواتر روايت موجب ”کٽي ڏهسنامي جا پهريان استاد هئا“. يعني ته جلال کٽي ۽ سندس قريب ساٿي ڏهسنامي جي فن جا پهريان ڄاڻو ۽ ماهر هئا. سنڌ جي هن سيني به سيني هلندڙ روايت مان ظاهر آهي ته ڏهسنامي جي فن جي شهرت جلال جي ڏينهن کان ٿي، ۽ سنڌي سينگار شاعريءَ جو فن به ان وقت اوءج تي پهتو، انهيءَ ڪري سمجهجي ٿو ته ڏهسنامي جو فن، جنهن جي ذريعي مختلف ٻولين جي انوکن اسمن جي ڄاڻ پيدا ٿي، سنڌيءَ سينگار شاعريءَ جي عروج لاءِ بنيادي ڏاڪو هو. +غالباً سنڌ جي سگهڙن ”ڏهسنامي“ جو نالو ان وقت جي فارسي تعليم جي اصطلاحن کان متاثر ٿي اختيار ڪيو. فارسي سکڻ لاءِ ’دووايو‘، ’ٽه وايو‘ ۽ ’آمدنامو‘ مشهور اصطلاحي نالا هئا. سنڌ جي سگهڙن جو معياري نظريو هو گهڻي ۾ گهڻين ٻولين جا انوکا الفاظ سکن، انهيءَ ڪري ’ٻن‘ يا ’ٽن‘ جي بدلي ’ڏهن‘ جو عدد نظر ۾ رکيائون، ۽ ’آمدنامي‘ جي لحاظ سان پنهنجو نئون اصطلاح ”ڏهسنامو“ ايجاد ڪيائون. +سگهڙن جي ذريعي ’ڏهسنامي‘ جا جيڪي مثال اسان تائين پهتا آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ’ڏهسنامي‘ جي ڄاڻ خصوصاً ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ جي خذمت واسطي پيدا ٿي. سنڌ جي سگهڙن خاص طرح انهن اسمن جا هم معنيٰ الفاظ ٻين ٻولين مان ڳولي هٿ ڪيا جن جو تعلق محبوب جي سهڻن عضون ۽ اندامن سان يا انهن جي مشابهات سان هو. مثلاً محبوب جا وار، اکيون، ڏند، چپ، نڪ، چيلهه، پير خاص طرح تعريف جي لائق هوندا آهن، انهيءَ ڪري انهن اسمن جا هم معنيٰ الفاظ ٻين ٻولين مان هٿ ڪيائون. تشبيهات جي دنيا ۾ محبوب جي حسن، چهري جي رونق ۽ بدن جي صفائيءَ جي ڀيٽ سج، چنڊ، کنوڻ، سون وغيره سان ٿي سگهي ٿي، وارن جي ڀيٽ ڪاري رات ۽ ڪارن نانگن سان ٿي سگهي ٿي، اکين جي ڀيٽ هرڻ جي اکين سان ٿي سگهي ٿي، ڏندن جي ڀيٽ موتين سان ٿي سگهي ٿي لبن جي لالائي جي ڀيٽ ’مينهن وساڙي‘ جيت ۽ لعلن وغيره سان ٿي سگهي ٿي، سندس سهڻي هلڻي جي ڀيٽ هاٿي، هنجهه ۽ مور وغيره جي سهڻي لوڏ ۽ ٽور سان ٿي سگهي ٿي، سندس سنهي چيلهه جي ڀيٽ شينهن جي سنهي چيلهه سان ٿي سگهي ٿي. انهيءَ لحاظ سان سج، چنڊ، کنوڻ، سون، مينهن وساڙي جيت، رات، نانگ، موتي، هرڻ، هاٿي، هنج، مور ۽ شينهن جي اسمن جا هم معنيٰ الفاظ مختلف ٻولين مان ڳولي هٿ ڪيائون، انهيءَ لاءِ ته انهن انوکن لفظن جي موءثر ۽ موزون استعمال سان سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان ۾ اها ساڳي انوکائي ۽ ڳوڙهائي پيدا ڪري سگهن، جا کين هنديءَ جهڙي ڌاري ٻوليءَ ۾ نظر ٿي آئي. +اسان هت ’ڏهسنامي‘ جا ڪي مثال قلبمند ڪيون ٿا انهيءَ لاءِ ته لغت جو هي مخصوص فن، جنهن تي سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان جو دارو مدار آهي، ان جي ماهيت قدري معلوم ٿئي. ’ڏهسنامي‘ جي ڄاڻ ۽ رهاڻ جا عملي مثال اسان جي سگهڙ سيني به سيني سانڍيندا پئي آيا آهن. آڳاٽي ۾ آڳاٽا سگهڙ جن جي ذريعي هي مثال اسان تائين پهتا آهن، سي هي آهن: 1. لس ٻيلي جي سڄاڻ سگهڙ ۽ شاعر نم فقير مڱڻهار (1750/1700-96/1893) جي روايت، جا سندس عزيز صالح محمد کان معلوم ٿي: 2. لس ٻيلي ۽ ڪراچي طرف جا گذريل صديءَ جي نصف جا سگهڙ جن جي زباني ڪي چند مثال آخوند عبدالرحيم ”وفا“ سنه 1273هه ۾ سندس هڪ هٿ لکيل قلمي ڪتاب ۾ ڏنا آهن، ۽ 3. حمل فقير لغاري جنهن پنهنجي عرصه حيات (1225-1296) ۾ ڏهسنامي جا مثال مختلف سگهڙن وٽان ٻڌا، جن کي هن پنهنجي شعر جي قلمي بياض جي چئن پنجن صفحن ۾ تفصيل سان قلمبند ڪيو آهي. غالباً، اوائلي روايتن ۾ هر هڪ اسم جي هم معنيٰ لفظن کي هڪ منظوم مصرع ۾ پوتو ويو، انهيءَ لاءِ ته اهي نالا آساني سان ياد ڪري سگهجن، البته زماني جي گذرڻ سبب ڪن اسمن جون منظوم مصراعون سلامت نه رهيون آهن. هيٺيان مثال عضون جي هم نام نالن جا آهن: +وار = اُڳ، رڌان، ڪيس، ڪَچ، ترنگ، چڪُر، وار(1) شعر، موءِ، ڦُٽ، زلف، ساجن سَر سينگار. اکيون = آنک، اکيان، نيڪ ڪنول، چاه، چشم، بن رين ڀڀ، کنجن، چڀ، کن اک، پي، لوچت، دونين. +يا +آنک، اکيان، نينڪ، ڪنول، نيتر، چاه، چشم، چتر، چڪس(؟)، پي، درگ، لوچن(؟)، کنجن، ڇم. +نڪ = نڪ، بيني، ڦونر، پامس، انف +چپ = هـــونٽ، لــــب، شــفــت، چـَـــپ +هيٺيان مثال تشبيهات وارن اسمن جي هم نام نالن جا آهن. +(الف) ڪاري رات ۽ ڪارا نانگ جن سان محبوب جي ڪارن وارن کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي. +رات = تُڳي، تُهاري، تامني، تمهر، تام، تَمَس، رات، رجني، رين، ليل، پهپ، چنيهر، نِس، شب، شام، شف، تامسر، تاڳي، پهنب، آنس. +نانگ = ڦن، پنيگ، ڀوَنگ، ازگر، +ڪرشن، بدويس، نــانگ، وسيهــر، +مـــــــار، ثعبــــان، الــيهـر، تـالـيـهــر. +(ب) سج، چنڊ، سون ۽ کنوڻ جن سان محبوب جي حسين منهن جي رونق کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي. +سج = شارق، شمس، وجون، ويذا، سجبرن، دي سرخي، ديتاب، اڏت ورن، سج، رڀن، خورشيد، بانا، بانر (يا بانسر؟)، آرن، آفتاب، +چنڊ = پونو، پانو، پنرو، پونم، چاند، چندورو، چَنَد، درڳ، سسوئو، دڄراج، پورب، سيس، مڪرند(1) نوخ، قمر، ماهتاب، بدر، ماهه، هلال، هسند. سون = ذهب، سوسن(؟)، سهرو(؟)، ڪنچن، سون، ڪُنَدن، فيم، وِتافر، ٿهنگو، رچي، طلا، رتن. کنوڻ = برق، دامني، بج، سمڻه(؟)، جهانڪ(؟)، چي، ڪنگور، کنوڻ، وڄ، بجلي، ڪروخ، ملارگهنه، چچور. +(ج) هرڻ جنهن جي اکين سان محبوب جي اکين کي مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي: +اُدگر، آهو، کرڊبدن(؟)، هرن، ڪرنگهان، ڇيل(2) جهوڪا(؟)، مرگهه، غزاله، الڪ، اسها، اسهول، نيل. +(د) طوطو جنهن جي ڪنڍي چهنب سان محبوب جي ڪنڍي نڪ کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي: +ڪيل، اُننگ، تيمر، بدر، سوندله. +(هه) موتي جن سان سهڻن ڏندن کي ڀيٽي سگهجي ٿو. +تنگن، پدماوت، مرواريد، دوڏر(1)، +تــــاهـــــل، سندر، در، موتي احمر، +(و) هاٿي جنهن جي سهڻي رفتار سان محبوب جي سهڻي هلڻي ۽ لوڏ کي ڀيٽ ڏيئي سگهجي ٿي. +ڪُنجل، ڪنجن، هنوت، هاٿي، گج، سنکر، غيدان، هستي، چنچل، هرنو، فيل، گنير گت گيان. +(ز) شينهن جنهن جي سنهي چيلهه سان محبوب جي باريڪ ڪمر کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي. +سنگ، ڪُنير، ڪارڌو، قيصر، ليث، مزار(2)، اَسد، چيٽا، شير، شينهن، اينٽر نانءُ نروار. +هن وقت اٽڪل ٻن سون ورهين کان پوءِ به ڏهسنامي جي لغت جي انهن مثالن ۽ مصراعن جو باقي رهڻ ثابت ڪري ٿو ته جلال ۽ سندس ساٿين جي وقت ۾ هن فن جو ڪافي چرچو هوندو. لغت جي هن ذوق ۽ ڄاڻ ذريعي سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن اهي انوکا الفاظ ڄڻ پنهنجا ڪري ڇڏيا، ۽ انهن جي موزون ۽ موءثر استعمال سان پنهنجي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ اها ڳوڙهائي پيدا ڪيائون جو ان جي ڀيٽ ۾ سندن اهل وطن واسطي ”سنگار رس“ جي هندي ٻوليءَ واري انوکائي هيچ بنجي وئي، ۽ هو هندي ’سنگار رس‘ جي بدران، هاڻي ڪلي طور ’سنڌي سينگار‘ ڏانهن متوجهه ٿيا. +هن ڪاميابيءَ جو سهرو يقيني طور حضرت جلال جي سر تي سونهي، جنهن پهريون دفعو ’فن سينگار‘ کي نهايت مؤثر ۽ ڳوڙهي اسلوب بيان ۾ بهترين نموني سان نباهيو، جنهن ڪري انوکو ۽ ڳوڙهو اسلوب بيان سنڌي سينگار شاعريءَ جي هڪ خاص خصوصيت بنجي ويو. اها حقيقت اڳتي آندل بيتن مان پوريءَ طرح واضح ٿيندي، مگر اسلوب بيان جي ڳوڙهائيءَ کي هت ابتدائي طور سمجهڻ لاءِ، جلال جو هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو(1) +1. تمهر روپ ترنگ، آهن ڪنول ڪيس قريب جا(2) 2. سهه ڳچي، قد سرو سنئون، ڪئونتر نيف نسنگ، 3. ڦوڳر ڦوڳ پريانہ جا، مزگان ڪيس خدنگ، 4. لڪ ليثي، ڏهر ڪپور، ڀروان ڀوءنر ڀونگ، 5. تنهن سسايا سارنگ، جلوي ساڻ جلال چئي. +ظاهر آهي ته لغت جي وسيع ڄاڻ کان سواءِ هن بيت جي ڳوڙهائيءَ کي سمجهڻ مشڪل آهي. قابل هنرمند شاعر محبوب جي حسن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته: +1. ڪاري اونداهي رات (تمهر) مثل، محض محبوب جا ڪارا ڊگها وار (ترنگ) ڪنول گل جهڙا نرم وار (ڪيس) آهن. 2. سندس سهڻي ڳچي ڪونج (سهه) جهڙي، قد سنئون سروء جهڙو، ۽ نڪ (نيف = ع. انف) طوطي (ڪئونتر) جي چهنب مثل نروار ڪنڍو آهي. 3. پرينءَ جا ڳل (ڦوڳر) مينهن وساڙي جيت (ڦوڳ) جهڙا ڳاڙها لال، ۽ سندس پنبڻين (مزگان) جا وار (ڪيس) تيرن (خدنگ) مثل آهن. 4. سندس ڪمر (لڪ) شينهن (ليث) جي چيلهه جهڙي سنهي، ڏند (ڏهر) اڇا ڪافور (ڪپور) جهڙا، ۽ ڀرون اهڙا ڪارا آهن جهڙا ڀونئر ۽ نانگ. 6 بقول جلال، (هن سڀني صفتين سهڻي سڄڻ) سندس حسن جي جلوه ساڻ سانوڻ (سارنگ) جي سهسين رنگ سونهن کي به جهڪو ڪري ڇڏيو آهي! +جلال جي هن بيت ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي ۽ سنڌي زبانن جي لغت سمايل آهي، غالباً سندس ئي هن سٽا ذريعي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ انوکن لفظن جو استعمال هڪ مڃيل معيار بنجي ويو. نه فقط ايترو مگر هن انوکي اسلوب بيان کان همعصر صوفي شاعر پڻ متاثر ٿيا. ڀٽائي صاحب، جو جلال ۽ سندس ساٿين جو همعصر هو، ۽ جنهن پنهنجي ذاتي فڪر ۽ طبع زاد بيان جي علاوه، ضرورت آهر هر گل مان واس وٺي پنهنجي فڪر کي عالمگير ۽ بيان کي جامع البيان بنايو، تنهن پڻ پنهنجي همعصر شاعرن جي هنن نئين شاعرانه فن ۽ انوکي اسلوب بيان کي قدري پنهنجي زباني ڳايو ۽ چمڪايو. +مثلاً سر ڪوهياري جا هيٺيان ٻه بيت جن ۾ عمداً انوکن عربي لفظن کي استعمال ڪيو اٿس، سي هن معاصرانه سينگار شاعريءَ جي ڳوڙهي اسلوب بيان جو عڪس ڏيکارين ٿا. +1. ’ليل‘ نه جاڳئين لک سين، ڪلي ’نوم‘ ڪياء، ’قم‘ ٿي پهچ قريب کي، ’اجلس‘ تو نه جڳاءِ، مٺي! مهمانن سين ويهي رات وهاءِ، جيلا نہ ننڊ ڪياءِ، تيلانہ روز رئين ٿي راه ۾. 2. ’اجلس‘ ڪري اٿيا، تنواريو توڏن، ’نوم‘ نوازي ان کي، مرحبا موڏن، رڙهي رس روڏن، ’اليوم سيروءا‘ سسئي! +نه فقط ايترو پر خود معاصرانه سينگار شاعريءَ جي دلچسپ مضمونن کان متاثر ٿي، ڀٽائي صاحب هيٺيون بيت بلڪل انهيءَ رنگ ۾ چيو ته: +گنير گت سکن، چلڻ جي چاه پئي، هنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لبن، چمڪن چوڏس چنڊ جئن وڄڙيون وهسن، لوچن ٿيون لطيف چئي، پسڻ لئي پرين، ڪيسر قريبن، سنباهي ساڻ ڪيا. (سر سارنگ: 7-3) +هن بيت ۾ ’گنير گت‘ (هاٿيءَ جي چال)، هنڊوا (ڳاڙها مينهن وساڙا جيت) ۽ ڪيسر (زعفران جنهن جي ڳاڙهي رنگ ۽ خوشبوءِ سان محبوب جي بدن جي لال ٻهڪندڙ رنگ ۽ هٻڪار کي مشابهت ڏجي ٿي) خاص طرح ڏهسنامي جي لغت جا الفاظ آهن جي سينگار شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل آهن. ساڳيءَ طرح ميين شاهه عنايت رضويءَ پڻ معاصرانه سينگار شاعريءَ کان متاثر ٿي ان جي هڪ خاص عنوان تي بيت چيو آهي جنهن جو ذڪر اڳتي (ص 205) ايندو. +مطلب ته انوکي لغت ذريعي ڳوڙهو اسلوب بيان ’سينگار شاعريءَ‘ جي هڪ امتيازي خصوصيت بنجي ويو ۽ ان جو اثر هن فن جي علمبردارن کان سواءِ ٻين شاعرن تائين پڻ پهتو. ازانسواءِ عام فهم اسلوب بيان ۾ مجازي حسن جي تعريف پڻ ’سينگار شاعري‘ جي زير اثر شروع ٿي، جئن ته هن کان اڳ بيان ڪيو ويو آهي. ميون شاهه عنايت رضوي ۽ ڀٽائي صاحب غالباً پهريان بلند صوفي شاعر هئا جن مجازي حسن کي ابتدائي طور صاف سنڌي زبان ۾ ڳايو. انهيءَ عام فهم اسلوب بيان ۾ محبوب جي مجازي حسن جي موضوع کي ان وقت کان وٺي ويندي موجوده دور تائين مختلف شاعرن مسلسل طور پنهنجي بيتن ۽ ڪلامن ۾ ڳايو آهي، مگر اهو مجازي حسن جي تعريف جو موضوع عام فهم اسلوب بيان سبب ’سينگار شاعريءَ‘ جي مخصوص فن جو جز بنجي نه سگهيو. بيشڪ، ڪبير شاهه، حمل ۽ راڄن شاهه جهڙا استاد شاعر، جي ’سينگار شاعريءَ‘ جي فن ۾ پڻ ممتاز هئا، تن علم فهم اسلوب بيان ۾ مجازي حسن جي موضوع کي واه جو نباهيو، مگر عموماً مجازي حسن جي موضوع تي چيل شعر خاص امتيازي صورت وٺي سنڌي شاعريءَ جي جمهوري ذخيري ۾ ڪا جداگانه حيثيت پيدا نه ڪري سگهيو. اسان هن مسئلي تي ڪافي جستجو ڪئي ته آيا ’سينگار شاعري‘ جي فن کي ڪن شاعرن عام فهم اسلوب بيان ۾ پڻ نباهيو يا نه؟ مگر اهڙا خاص مثال معلوم ٿي نه سگهيا. البته ميين شاهه عنايت رضوي، مومل ۽ سندس مجيجن جي مجازي حسن جي بيان ۾ هڪ دلچسپ عنوان ”گلبدن جون گجريون- الخ“ قائم ڪري بيت چيا جن جي ڀران ڀٽائي صاحب به پنهنجي فصيح ۽ عام فهم اسلوب بيان ۾ بي نظير بيت چيا. انهيءَ عنوان کان متاثر ٿي پوئين دور جي هڪ شاعر، مير دوست نالي، هيٺيون بيت چيو جنهن جو اسلوب بيان پڻ عام فهم آهي مگر ان جون تشبيهون خاص طرح ”سينگار شاعريءَ“ واريون آهن: +گل بدن جون گجريون ڪهڙي رَوَش روَن! ڏند اڇا، سينڌ سنئين، وار کٿوريءَ وَن، ڏاڍن ڇوڙي ڇڏيا منهن تي معشوقن، ڪنڍو نڪ نراڙ ۾، ٻهه ٻهه نيڻ ٻرن، منهن پوپٽ کؤن پڌرو، لاتي لاس لڱن، اُره اُلي چنڊ جان، ٿوٿر ناه ٿڻن(1)، سينو ڪشادو سانول جو، آ سنهي ڪمر قريبن، پاسريون پرين جون، ڪانجهي جان ڪرڪن، پسو پسو تنهن نار تي مٿئون آڱرين، ڇلا منڊيون مانجي يار جا، ٿا ڳوليا ڳوٺ لهن، مٺڙا، موريون، منگليون، جهومڪ جهالر جن، هلڻ جن جو هستيءَ جو، ا ڳچي ڪونج ڪرن(2) ڪرڪن ڪيل پکيءَ جان، لات لطيف لنون،(1) آهيني کان اُجرا، وڄن جهڙي ون، هرڻ ڏسي حيران ٿيا، ماٺ لڳي مرگهن، انهيءَ آرين پارين سپرين، ڇني نه ڇڏجن، من ��جهي ويا مامري، ڏيئي اوجاڳا به اکين، مانجو پنڌ نه اڄهي، بنا دلبرن، لهي منجهه لڪن، من محب ملي مير دوست چئي(2). +سنڌي سينگار شاعريءَ جي ٻن بنيادي ۽ امتيازي خصوصيتن، يعني ته لغت جي وسعت ۽ اسلوب بيان جي ڳوڙهائيءَ، جي مٿئين مختصر وضاحت بعد، اسين هن فن جي مخصوص عنوانن ۽ مضمونن، خيال جي جدت ۽ تشبيهات جي وسعت وغيره خوبين تي قدري روشني وجهنداسون، جي ’سنڌي سينگار‘ کي هندي ’سينگار رس‘جي ڀيٽ ۾ نه فقط هڪ مستقل امتيازي حيثيت ڏين ٿيون بلڪ ان کي هر نقطه نظر کان امتيازي فوقيت ڏين ٿيون. +(1) ننگر- لنگر، هوڙي- ٻيڙي، هنڪار- هاڪار، ڪي، کي، وا- واءُ، اپڙيا- هليا، ڌريا، درياهه. +(2) لک جهٽ پٽ آڇاڙا لوڏا، نيار، نهار، سڻ، سڙهه، سو کاڻ، سکاڻ، اپر نپار، هن نپار، ڀگا، هليا، ڀانورا، پيارا، ڀار، بار، ڪرو، ڪيئن يا ڇا؟ منجا، منهنجا، پگو، پڳهه. +(3) ڌکي، دکي، ڌان، دانهن، هيين دل، سبيڻ، سبندي،سڙ، سڙهه، ميان، اندر، ۾، توجي، تنهنجي، نتي، نه ٿي، کوٽئين، کٽڻ، تڻار، تنوار، کٽڪي، اوسيڙي، وٺي، ويٺي، ڪين وٽ، ڪنهن وٽ، ڪاران، دانهون، سونپاٽ، اوندهه، سمي، سمهي، گهمر، پڙهو، منادي. +(1) اُجي اُجهي، بانف، ٻاڦ، بار، ٻاهر، ڪين، ڪيئن، رونڌڙ، رئندڙ. +(1) نان،نانءُ، توجا، تنهنجا، جني، جهوني، آي، آهه، وڪٽ، اوکي، سڻ، سڙهه، ڏيين، ڏينهن، ويين، ويندين، بار، ٻاهر، جيئون، جيئن، بوچ، ٻوچ، انڌر، اندر، آواج، آواز. +(2) اوان کي، اوهان کي، آوئي، آئي، آئين، آهن، ڀاور، ڀائر، مونجا، منهنجا، آئين، اوهين. +(1) هي ڪافي جهونو ڳوٺ، داود شهر کان اٽڪل 6-7 ميل کن اتر، موجوده دادو ڪئنال جي ويجهو اوڀر طرف واقع آهي. +(1) ڏسو اسان جو مضمون ”سنڌ جا سگهڙ“ قسط 2 رساله ”نئين زندگي“ ماه فيبروري 1953ع. +(2) مقامي روايت موجب پير جو اصل نالو ”ابو طره“ آهي. +(1) مرزا قليچ بيگ: تاريخ سنڌ (انگريزي)، ڪراچي 1902، جلد 2 صفحو 147. +(2) ڏسو ”ٻيلاين جا ٻول“ ص ص 93-95 ۽ رساله ”نئين زندگي“ ماه فيبروري 1953ع ۾ ڏنل مضمون ’سنڌ جا سگهڙ‘. +(1) ر: ”هو ٿئي ڪيچ ڪڙيون - الخ“. +(1) رسالي جي اڳين ڇاپن جي داستان 2 ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي جي داستان 2 جي شروع ۾. +(1) ٻيءَ روايت ۾ ’رڌان‘ جي بدران ’ريڌا‘ آهي. حمل جي روايت ۾ ’چڪر‘ جي بدران لکيل لفظ صاف ناهي، مگر اندازا ’چين‘ (؟) معلوم ٿئي ٿو. +(1) ٻي روايت ۾ ’درڳ‘ جي بدران ’برگ‘، ۽ ’مڪرند‘جي بدران ’ڪرنت‘ آهي. +(2) ڏهسنامي جي هن روايت موجب لفظ ’ڇيل‘ آهي، مگر عام طرح سينگار شاعريءَ ۾ ’چيهل‘ استعمال ٿيو آهي. +(1) حمل فقير ’دوڏر‘ لکيو آهي مگر عام طرح سينگار شاعريءَ ۾ ’ڏوڏر‘ استعمال ٿيل آهي. +(2) ڪن ٻن روايتن ۾ ’ڪارڌو‘ جي بدران ’سارڌو‘ ۽ ’قيصر‘ جي بدران ’ڪئنٽر‘ يا ’ڪئنٽل‘ آهن. +(1) ر (يعني ٻي روايت): 1. ’تمهر روپ ترنگ، وڌ سورج کان سهڻا پرين‘ 2. ’ڪنول نيڪ نسنگ‘ يعني اکيون (= ڪنول نيڪ) سهڻيون نروار آهن. 3. ٻونگر سر ٻراء جي، مزگان ڪيس خدنگ.‘ +(1) ر: اُره کڙي ٿو چنڊ جان- الخ. +(2) هستي = هاٿي +(1) ڪيل = طوطو +(2) ر: لهي منجهه لڪن، محب گڏيو مير دوست چئي + + +2. ڳوريءَ جا سورهن- ٻارهن سينگار: +هن مضمون جي اڳئين قسط ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو هو ته هنديءَ ۾ جيتوڻيڪ ’سولهه سنگار باره اڀرن‘ (يعني سورهن سينگار ۽ ٻارهن زيور) جو تصور موجود هو، مگر ان جي وڌيڪ تشريح يا تعريف ناپيد هئي. سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن انهيءَ نظريي کي پنهنجي انوکي تخيل جي قالب ۾ سموهي ”سورهن ۽ ٻارهن سينگارن“ جو هڪ نئون نظريو قائم ڪيو جنهن موجب ’سورهن سينگار‘ عورت جي فطري حسن سان مخصوص ڪيائون ۽ باقي’ٻارهن سينگار‘ عورت جي جڙتو جنسارن سان لاڳو ڪيائون، ۽ پڻ ٻنهي قسمن جي وڌيڪ تشريح ڪري سورهن ۽ ٻارهن سينگارن مان هرهڪ جي سڃاڻپ جا اصول مقرر ڪيائون ته: +چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول، ڦل چار، اهي سورهن ئي سينگار: ابرنوي، اٺ چار. +يعني ته سهڻو محبوب جن سورهن فطري وصفن سان سينگاريل هجي، تن مان چار وصفون گهمندڙ جاندارن (چلنت) واريون هجن، چار اڏامندڙن (اڏنت) واريون، چار گلن (ڦول) واريون، ۽ چار ميوَن (ڦَل) واريون هجن، ساڳيءَ طرح ’اَبرنوي‘ يعني عورتن جي ٻارهن بناوتي سينگارن جي پڻ سڃاڻپ مقرر ڪيائون. سندن انهيءَ تحقيق ذريعي ’سورهن ۽ ٻاهرن‘ سينگارن جو چرچو عام ٿي ويو ۽ انهن جي معنيٰ ۽ ماهيت مڙني کي معلوم ٿي وئي. انهيءَ ڪري سنڌ جا هنرمند شاعر انهيءَ ڳالهه جا محتاج نه رهيا ته هو پنهنجي ’سينگار شاعري‘ ۾ ويهي ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ جو تفصيل بيان ڪن. جهڙيءَ طرح صوفي شاعرن، مثلاً ميين شاه عنايت ۽ ڀٽائيءَ صاحب، سمجهيو ته سندن مخاطب سنڌ جي ڪُهنن قصن (عمر مارئي، سسئي پنهون وغيره) جي تفصيل کان اڳئي واقف آهن، اهڙيءَ طرح ’سينگار شاعريءَ‘جي استاد شاعرن کي به خاطري هئي ته سندس سامعين ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ جي معنيٰ ۽ ماهيت کان اڳيئي واقف آهن. هندي شاعر پنهنجي ’سنگار رس‘ شاعريءَ ۾ اڃا محض ابتدائي منزل طئي ڪري رهيا هئا ۽ انهيءَ ڪري محبوب جي حسن بابت سندن تخيل توڙي بيان محض مختفل تشبيهن تائين محدود هئا، مگر سنڌي شاعرن جي تخيل جو پروانو هاڻي پري وڃي پهتو: هنن هي نقطو واضح ڪيو ته جو سڄڻ سڀني پرين سهڻو آهي سو سورهن ۽ ٻارهن سينگارن جو ته يقيني طور حامل آهي: يعني ته جاندارن، اڏامندڙن، گلن توڙي ميون واريون فطري سهڻيون وصفون، توڙي لباس ۽ ڳهن جا جملي جنسار سندس حسن ۽ سينگار جا ادنيٰ ڪرشما آهن، انهيءَ ڪري انهن کي ڪهڙو شمار ۾ آڻبو! سهڻو محبوب جنهن جي حسن جو معيار گهڻو بلند ۽ بالا آهي سو انهن ڳاڻ ڳڻين وصفن کان اڃا ڪي افضل ۽ اعليٰ آهي. بقول هن سٿ جي هڪ شاعر جي: +وڍي وڍي وڻراه، آءٌ ڪوڙين قلم جوڙيان، ڌرتي ڌر ڪاغذ ڪري لکان لعلڻ لاءِ، مس جو، مراد علي چئي، سمنڊ پاڻي پاءِ، ته به ساجن ڳڻ سنداءِ، آءٌ قلم چاڙهيان ڪيترا! +دراصل سنڌ جي سڄاڻ شاعرن جي فڪر تي تصوف جو رنگ چڙهيل هو، ۽ جيتوڻيڪ هنن مجازي شاعريءَ جي ميدان ۾ پئي ڪئونتل ڪڏايا، ته به سندن ذهن، فڪر ۽ طبع حقيقت ڏانهن مائل هئا. انهيءَ ڪري جڏهن پنهنجي سينگار شاعريءَ ۾ سورهن ۽ ٻارهن سينگارن جي مضمون کي پيش ڪيائون تڏهن مجموعي طور ’سورهن ۽ ٻارهن‘ سينگارن جو اهڃاڻ ڏيئي، نموني طور چند تشبيهون بيان ڪري، آخر ۾ نتيجي طور هن حقيقت کي واضح ڪيائون ته حقيقي محبوب جو حسن جمله ظاهري وصفن کان بالاتر آهي. درويشن جلال رنگريز پهريون دفعو سورهن ۽ ٻارهن سينگارن جي مجازي رنگ ۾ حقيقي حسن جو اهو بلند تخيل پيش ڪيو، ۽ انهيءَ معنيٰ ۾ سندس هيٺيون بيت پوين شاعرن لاءِ پڻ مشعل راهه بنيو. +جلال: 1. حب گوري گهنا ڪري ’اٺ ڏوڻا‘ اغماز، 2. ’ده دو‘ دائم درس رکي ڪل ڪامڻ ويس قواز، 3. ان جي چرنن طير چريا ڪيا، پس وتن پرواز، 4. آهو، مين مشاهدي، ڪن طائوس تواض، 5. ترنگن طرح تپاسيا، ڪن نيون نانگ نياز، 6. سروَ، صنوبر سر زمين، ڪم ڪنچن ماه ڪماز، 7. انهان دور دراز، منهنجا جانب وڌ جلال چئي. +يعني 1. جڏ اها ڳوري حسين عورت فطري حسن جي سورهن (اٺ ڏوڻا) غمزن کي پنهنجو ڳهه ۽ زيور بنائي ٿي، ۽ 2. ٻارهن (ده + دو) قسمن جي ويس وڳن ۽ سينگارن کي پن ا��ا ڪامڻ عجب هنر (قواز = قواعد) سان هميشہ قائم رکي ٿي، 3. (تڏهن سندس حسن ۽ سينگار، ناز ۽ انداز اهو اثر رکي ٿو جو) سندس قدمن (چرنن) جي سهڻي ٽور (هنجهه، مور، پاريهر ۽ ڪبوتر وغيره) پکي (طير) چريا ڪري ڇڏيا، جي ڏس ته (انهيءَ ديوانگيءَ ۾ سرگردان ٿيا) اڏامندا وتن: 4. هرڻ (آهو) توڙي مڇي (پهريون سندس سهڻين اکين ۽ ٻي سندس ننڍڙي سهڻي گول وات جي) مشاهدي ۾ (حيران) آهن، ۽ (سندس سهڻي رفتار سببان) مور (طائوس) پڻ تواضع ڪري رهيا آهن، 5. ڊگهن ڪارن وارن (ترنگن) کين تعجب ۾ حيران ڪيو (تپاسيا) جو ڪارا واسينگ نانگ پڻ نياز ۾ نمي رهيا آهن. 6. (سندس سنئين قد جي ڀيٽ ۾) روءِ زمين جي سرو ۽ صنوبر وڻن جي سڌائي گهٽ آهي، ۽ (سندس چهري جي سهڻي رنگ ۽ رونق جي آڏو) سون (ڪنچن) توڙي چنڊ جو جلوه ڪم آهي. 7. پر ان (ايڏي حسن ۽ ناز واري سهڻي عورت) کان به، جلال ٿو چوي ته، منهنجا پرين اڃا ڪي گهڻو وڌيڪ آهن. +جلال جي هن بيت ۾ اسلوب بيان جي لحاظ سان هيءُ نقطو قابل غور آهي، ته جلال غالباً پهريون بلند شاعر هو جنهن هندي ’سنگار رس‘ شاعريءَ جي بدران سنڌي ’سينگار شاعريءَ‘ کي فروغ ڏنو. جئن ته ’سورهن يا ٻارهن سينگار‘ جي مضمون جي ابتدا هندي ’سنگار رس‘ کان ٿي، جلال پڻ ان تاريخي تسلسل جي لحاظ سان پنهنجي بيت جو پهريون فقيره، ”جب گوري گهنا ڪري“، هندي ٻوليءَ جي اسلوب بيان جي مناسبت سان قائم ڪيو. سندس اهو دلچسپ عنوان ايترو ته مقبول پيو جو ٻين ڪيترن ئي شاعرن سندس بيت جو اهو ساڳيو عنوان يا مضمون سامهون رکي طبع آزمائي ڪئي. اسان انهن مڙني وڏن خواه ننڍن شاعرن جا انهيءَ رنگ ۾ چيل بيت، جي اسان کي ايستائين معلوم ٿي چڪا آهن، هيٺ ڏيون ٿا انهيءَ لاءِ ته سنڌي سينگار شاعريءَ جي عام مقبوليت ۽ هن خاص عنوان جي جابجا چرچي جو اندازو لڳائي سگهجي. +(کٽي) +هيٺيان ٻه بيت ساڳئي جلال واري عنوان تي، مگر زياده مجازي رنگ ۾ چيل آهن. جلال ڪن جاين تي پنهنجو تخلص ’کٽي‘ به ڪم آندو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي بيت سندس هجن. البته هنن بيتن ۾ جلال جي اسلوب بيان واري خاص ڳوڙهائي ذرا گهٽ آهي ۽ انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته سندس ٻئي ڪنهن عزيز ساٿي جا هجن. +1. جب گوري گهنا ڪري، ريزا پرهي راس، ڪنجل، هنجهه ڪنبي وئا، ٽهل پسي ٽوراس، ڀرون سي ڀنوراه جان سونهن خوب سندياس، منهنجو خيال، کٽي چوي، پيو تنهني جي پاس، تنهن پاٻوهي پاتاس، پسو پيچ پريان کي. (1). جب گوري گهنا ڪري، گهري پاس گگن، ڪرن موٺ ڪريل ڦر، سِر سالون سوسن، ڏنو کيس، کٽي چوي، ايءُ جورو جوڀن، ميان منهنجي من، ڪئا نينهن تنهين جي نجهرا. +ڪبير شاهه(2) +1. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، نوَ سَت نرمل نار، ’اٺ‘ رکي اغماز سين، ٻيا چڱا چئنچل ’چار‘ مهندان محبوبن جي، ’چلڻت‘ آه چه ڪار؟ ’اُڏڻت‘ اولي سين پئا(3)، پري پريان کوءن يار، ’ڦول‘ ڦڪا ڪيا سڄڻين، ’ڦل‘ ڦاٽي ٿيا ڦار، اهي سڀ نظر ساڻ نڪار، ڪئا ڪامڻ ڪبير شاه چئي. 2. جب ڳوري ڳوري ڳهڻا ڪري، سيلا(1) سر سنگين، ڪيل، برق قربان ٿئا، مٿان بئنسر، بين، ڪنچن، بيضا ڪم ٿئا، ديکي جلوه جبين، سيس، سسيهر سسئا، پئا مرگهه ملحظي مين، دادر دوبين ڀلائيون، سنگ صدقي تان چين، ڌاران عشق نه ڌار ٿا ٻولي ٻولن ٻي نه: اهڙ امحب مهين، منهنجا ڪامل ڪبير شاهه چئي. (2) جب ڳوري ڳهڻا ڪري، زيور ذاتئون ذات، ڪر ويس وڳا واسينگ ڪيا بادل ۾ برسات، پنگم روءِ پريان جو، جلوو وڌ جبات، ڪنجل، هنجهه ڪنبي ويا، مڙي ڪري مصلات، ڪن سرو سلامان سڄڻين، نميو نمن نخلات، ديهي پسي ڌم ڇپي، ٿي ورسي منجهه ولات، شمس، قمر صورت سان، ٻئي محبوبن ڪئا مات، مور ڪنٺ(3)، مک مين جئن، سچ سونهن سقلات، ڏوڏر دڇن دهان ۾، لب لالي لاک لغات، پسي انف عجيب جو، سئيءَ لڳي سڪرات، نواڙو تنهن نرمل کي، پوڄي ٿو پرڀات، ڪوئل، ڪبير شاه چئي، چپ ڪي وائي وات، حورون هنڌ لڄائيون، گهور تنهين جي گهات، تنهن فهميدي فرحات، دلبر ڏنيم دل کي. +يوسف +1. جب ڳوري گهڻا ڪري، سالون سر سامان، ’ڏه ڏون‘ ڏسجن ڏينهن ۾، ’نوست‘ نال نشان: ’چلڻت‘ چال چريا ڪيا، ’اُڏڻت‘ ۾ ارمان، ’ڦل‘ ’ڦل‘ ڦور ڦٽي ڪئي، روءِ پسي رويان، تنهن جي قد برابر ڪانه، يقينا يوسف چوي، 2. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، زيور ذاتيون ذات: جهينگن جهالارن ۾ ڇم ڇپي ڪي ڇات(؟) مونکي طلب تنهن جي تات، يقينا يوسف چوي. +هوندن(1) +جب ڳوري ڳهڻا ڪري، ’ڪارهن پنج‘ پرهاڻ، ’نو‘، رکي سا ناز سان، ڪئو ٽيلو ’ٽن‘ ٽڪاڻ: پسي ڪيس قريب جا ڪٽئين ڇڏي ڪاراڻ، هنجهه، گنير(1)، هوندن چوي، ٿئا هلڻ پسي حيران، لوڏ مقابل لهن ڇا انهيءَ جا اهڃاڻ! سورج، چنڊ شرمائيا، سونهن تنهن جي ساڻ، جڏ پرين نڪتا پاڻ، تڏ حورون هنڌ لڄائيون. +شير خان(2) +1. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، اونها اُرگ اَگم، قمر ڇپائي ڪامڻي، ڪر باني سان بيگم، آهو عين عجيب جا، ڇا ڇم برابر ڇم! سهج پريان جي سم، منهنجو سو جهي سور صفا ڪيو. 2. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، سر سنها سالور، هرڻ، سسو، سهه، سارنگ، سڀ گهايائين منجهه گهور، ماريو مسڪينن جا، پيو چين ڪري چڪچور، وه جوڀن جا پور، جنهن درد دکايم دوست جو. 3. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، سر سالوُن سوڪو، شارق ڀي، شيرخان چئي، تاب جهلي ٿو ڪو!، چوي چرو ڪو، ڪيوَ چئنچل! روح چڪور جان. +راڄن شاه(1) +جب ڳوري گهڻا ڪري ’سورهن‘ هار حسين، ’ده دو‘ دائم درس رکي، جلوه دار جبين، ’چلڻت‘ چور چڪي ٿيا، هٽيا هرڻ پسي هستين، ديهيءَ کان ان ڌم ڇپي، ڪي بس موتين تجلي مين، ڇڏي ڦور ’ڦول‘ ڦڪا ٿيا، بيٺا ڦل ڦسين، جي هرجاءِ اهل هنر جا چوءڻا عاقل چين، آئي تصوير نه طرح تنين کي، ٿيا منجهه غم انهيءَ غمگين، ڪئين سي ناتر ناز نهوڙئا، ٿيا تختئون تالابين، هردم حڪم حبيب اڳيئون، ڪا ناهي جاءِ نگين، ٻيو ساڻن جوڙيان ڪونڪو، ظاهر سر زمين، مرڪي لوٽيئون لوڏ سين، موهي مون مسڪين، روح ۾، راڄن شاه چئي، آهي سچي سڪ سندين، عشقئون املهه امين، هنئڙو کنئونم کسي ويا. +3. سوڀياوان سنڌي عورت پنهنجي فطري ماحول ۾: +هندي ’سنگار رس‘ شاعريءَ ۾ عورت جي سورهن سينگارن توڙي ٻارهن ڳهن ۽ زيورن وارو نظريو تڪلف کان خالي نه آهي. هندي شاعرن جي آڏو اها محبوبه آهي جا پنهنجي فطري حسن جي علاوه ’فيشن‘ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ ظاهر آهي ته هو شهري تمدن جي پيداوار آهي سماج جي رنگينيءَ جي رازدار آهي. هوءَ بدن جي آڍمک، ارگجا عطر، سينڌ سرمي، مسي مساڳ، ويس وڳن ۽ زيورن جي هار سينگار سان پنهنجي حسن کي چمڪائي ٿي، ۽ اکين جي الحاظ، ناز ۽ انداز، سهڻي گفتار ۽ ڪبڪ رفتار سان ويتر دليون گهائي ٿي. مطلب ته هي محبوبه حريف ۽ هوشيار آهي ۽ سرتاپا تڪلف آهي. +سنڌ جي سڄاڻ شاعرن هن روايتي مضمون کي بطور هڪ فني عنوان ۽ فرضي تخيل جي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ پڻ سمايو: بلڪ ان کي ويتر وڌيڪ وڌايو ۽ ويجهايو، ان جي هر پهلو کي ورجايو، ان جي هر نقطه ۽ معنيٰ کي نباهيو، ۽ مجموعي طور سان ان کي نهايت سهڻي نموني ۾ ڳايو ۽ واه جو ڳايو! +مگر سندن سليم طبع محسوس ڪيو ته هندي ’سنگار رس‘ واري محبوبه جو تخيل بهرحال هڪ هوشيار ۽ حريف شهري عورت جو آهي، ۽ سنڌ جي سادي زندگي ۽ ٻهراڙيءَ جي عام فطري ماحول ۾ اهڙو تخيل محض هڪ فرضي تخيل ٿيندو. سنڌ جي عوام جي حقيقي محبوبه ٻهراڙيءَ جي عو��ت آهي جنهن جي فطري حسن کي ٻهراڙيءَ جو فطري ماحول چمڪائي ٿو. هوءَ عموماً هڪ ڪم ڪندڙ عورت آهي جنهن کي سندس روزاني مشغول زندگيءَ ۾ هارن ۽ سينگارن جي تصنع ۽ تڪليف لاءِ نه وقت آهي ۽ نه ضرورت. انهيءَ ڪري سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ عوام جي انهيءَ حقيقي محبوبه کي سندس ٻهراري واري فطري ماحول ۾ پيش ڪجي: ٺاهجي ته اهو مضمون ٺاهجي ۽ ڳائجي ته انهيءَ کي ڳائجي. +جلال: +جلال غالباً پهريون بلند شاعر هو جنهن انهيءَ نئين عنوان جي ابتدا ڪئي. مجموعي طرح سان، ٻهراريءَ جي سوڀياوان زال ۽ سندس فطري ماحول جو تخيل جو جلال پيش ڪيو، سو هيءُ هو ته: مينهن جي مند آهي ۽ مال وارن سانگي ماڻهن جا گهر آهن. ٻيو مال پهري ويل آهي باقي کير پياڪ ننڍڙا ڦر واڙي جي آسپاس پيا گهمن. اوچتو ڪڪر ڀرجي اچن ٿا ۽ مينهن جي ڦڙ ڦڙ پوڻ شروع ٿئي ٿي. گهر واري نوجوان حسين زال کي ننڍڙن ڦرن جو خيال ٿئي ٿو ۽ ٻاهر نڪري اچي انهن ڦرن کي واڙي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. انهيءَ تڙ تڪڙ ۾ سندس وار ڪلهن تي وکري پون ٿا ۽ منهن تي مينهن جا ذرا ذرا ظاهر بنجي بيهن ٿا. انهيءَ فطري ماحول ۾ سندس چهرو ٻهڪي ٿو ۽ حسن چمڪي ٿو: سندس انهيءَ بي مثال پاڪيزه سونهن جي تعريف بيان کان ٻاهر آهي. +جلال اهو انوکو تخيل پنهنجي هيٺين بي نظير بيت ۾ پيس ڪيو ته: +1. گورب وجهندي گوند، ڪريا ڪيس ڪلاه تان، 2. ال اليهر انسرا، نين ته نرگس نوند، 3. ٿي ڦڙ ڦڙ ڦوهارن، جئن دڌ ست صاف سموند، 4. ميگهه پسي مستان ٿيو، برسي بادل بوند، 5. ڇا خوبي خورشيد جي، مک آڏو محمود، (6). چئين چڳين چڳ چوند، ڪنهنجي ناهي جوت جلال چئي. +يعني ته 1. اٺين جا گورڙا (گورب) ننڍڙي واڙي يا گوندي ۾ واڙيندي، سندس وار (ڪيس) ڪلهن تي وکري پيا، 2. (۽ مٿان مينهن جي بوند سببان اهي الا ٿي ڪلهن تي ائين چپڪي بيٺا جو ڄڻ ته) ڪارن نانگن (اليهر) جا اڻ سرندڙ (انسرا) ننڍڙا ٻچا (ال) آهن. (ان سوڀياوان جون) اکيون (نين) اهڙيون ته سهڻيون ۽ نيم خوابي آهن جهڙو نرگس گل، جو اڃا پورو کليو ناهي (نوند) 3. (سندس حسين چهري تي) مينهن جي ڦڙين جا پاڻي جا قطرا ائين چمڪي رهيا آهن جهڙا سمنڊ جا سچا موتي (دڌ = درياء + ست = پٽ سمنڊ يعني درياء جو پٽ = موتي). 4. خود مينهن جو بادشاه ميگهه پڻ سندس سهڻي صورت ڏسي مدهوش ٿي ويتر وڌيڪ بوندون وسائڻ لڳو. 5. انهيءَ فطري ماحول ۾ سندس سهڻي منهن (مک محمود) جي جلوه جي ڀيٽ ۾ خود سج (خورشيد) جي تجلي ۽ سهڻائي به هيچ آهي، ۽ 6. بقول جلال، سندس اهڙي سهڻي صورت سان، ٻي ڪنهن به چئن چڳن واري چونڊ زال جي سونهن ڀيٽ ۾ ئي نٿي اچي سگهي. +جلال جو هيءُ نئون مضمون ٻين شاعرن لاءِ مشعله راه بنيو- نه معلوم الائجي ٻين ڪهڙن ۽ ڪيترن سڄاڻ شاعرن هن مضمون کي نباهيو هوندو جن جا نالا، زماني جي لٽ سبب، اسان تائين نه پهتا آهن، اسان جي موجوده تلاش ۽ تحقيق سان هن عنوان تي ٽن چئن ٻين شاعرن جا بيت هٿ آيا آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته هي نئون مضمون ڪافي مقبول پيو ۽ ’سنڌي سينگار شاعريءَ‘ جو هڪ مخصوص عنوان بنيو. +ميون شاهه عنايت(؟): +ڀٽائي صاحب جي رسالي (سر سارنگ: د. ا) ۾ هن مضمون تي هڪ بيت ’ميين‘ جو موجود آهي، ۽ اسانجي خيال ۾ اهو بيت ’سيد ميين شاهه عنايت رضوي‘ جو آهي(1). ميون شاهه عنايت، جلال جو همعصر هو، ۽ هن کان اڳ بيان ٿي چڪو آ ته صوفي شاعرن مان ميون شاهه عنايت غالباً پهريون شاعر هو جو سنڌي سينگار شاعريءَ جي مضمونن کان متاثر ٿيو ۽ انهيءَ رنگ ۾ بيت چيائين. هيٺين بيت ۾ ميين شاهه عنايت ساڳئي جلال واري فطري ماحول جا اهڃاڻ ڏيندي چيو آهي ته: +1. لار لئيندي وڇڙا، چيهي پير رَتَاس، 2. کُڙيون کُنهبي ورنيون، موتي منهن ڳُتاس، 3. پسو! ميگهه، ميون چوي، جو هر جال جَڙياس، 4. جُهومَڪ بئَنسِرياسِ، وَسي مينهن پُسائيا. +يعني ته 1. ميينهن جا ننڍڙا (لار) وڇڙا ٻڌندي (لئيندي)، پهرئين وسڪاري تي موريل چيهي گاه تي هلڻ سان ان گاه جي رس سببان سندس پير ڳاڙها ٿي پيا آهن، 2. ۽ انهيءَ ڪري قدم کڻڻ وقت سندس کڙيون ڳاڙهيون کنهبي ورنيون نظر اچن ٿيون، (مينهن جي ڦڙين) سندس حسين چهري تي ڄڻ موتي مڙهي ڇڏيا آهن. 3. ميون ٿو چوي ته، ڏسو ته سارنگ جي وس ڪيترا نه اهڙا جواهر سندس بدن توڙي ڳهن تي جڙي ڇڏيا آهن، 4. ۽ مينهن جو بوند سندس جهومڪن ۽ نٿ کي پڻ آلوده ڪيو آهي. +ڏاتو کٽي: ڏاتو کٽي جو غالباً جلال جي عزازت مان هو، تنهن ميين شاه عنايت جي بيت جي آخري فقره کي مدنظر رکي پنهنجي هيٺين بيت ۾ هن حسين محبوبه جي حسن جي تعريف کي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪيو ته(1) +1. وسي مينهن پسائيا، ان جا منهن ۾ مرگهه ته مين، 2. سبزه لتاڙڻ هليون، ڪري بجليون برسڻ بين، 3. منهن ته مرگهين سهڻو، ٻي چيلهه چيلائي چِينِ، 4. عين عجب، پڳ پالٽو، ٻيا گم گام بروبر ڪين، 5. ان جي گن گهرائيءَ سين، اچن ڪئيسر ڪين، 6. سيني گڏيا شير دو رنگي گل رشين، 7. سي ڏسڻ سين، ڏاتو چئي، ٿا ڏک کسيو سک ڏين، 8. جي اهڙي حسن حسين، تن ماه مشابهت ناه ڪا. +يعني ته 1. مينهن جي بوندن، ان محبوبه جي منهن ۾ جي ’مرگهه‘ (= هرڻ = اکيون) ۽ ’مين‘ (= مڇي يعني ننڍڙو وات مڇيءَ جهڙو) آهن، تن کي آلو ڪيو. 2. (جڏ اها صورتمند ٻاهر نڪتي ته سندس حسن جي سلامي خاطر بي انتها خوشيءَ مان) کنوڻيون به ساٺ سينگار سان چوء طرف ساون ميدانن مٿان تجلا ڪري هلڻ لڳيون 3. ان سهڻي سڄڻ جو رخ، سهڻين اکين جي لحاظ سان، هرڻن (مرگهن) جو همسر آهي ۽ سندس سنهي چيلهه چيلاٽي جي چيلهه (چين) جهڙي سنهي آهي. 4. سندس اکيون عجب سهڻيون، ۽ پير اهڙا ته پوشيدا آهن جو ٻيو ڪوبه سندس نازڪ خرامي (گم = هلڻ، گام = قدم يا وک) سان برابري ڪري نٿو سگهي. 5. سندس گهري گلابي رنگ (گن = گون = رنگ) سان ڪئيسر جي ڇا مجال آهي جو مقابلو ڪري سگهي. 6. سندس سيني ۾ کير جا ٻه سر چشما (يعني پستان) ڄڻ ٻه گؤنٽا گل آهن. 7. اي سهڻا محبوب، ڏاتو ٿو چوي ته، پنهنجي هڪ نظر سان سڀئي ڏک ميٽي سکن سان بدلائي ٿا ڇڏين. 8. اهڙن سونهن ڀرين سڄڻ سان چنڊ جي ڇا مجال جو مشابهت جي ميدان ۾ بيهي سگهي. +ڄام مراد علي: +ملير جي ڄامن مان ڄام مراد علي جوکيي، ميين شاه عنايت جي بيت واري ساڳي زمين ۾ هيٺيون بيت چيو ته(1). +1. سارنگ نين سج جيئن، وه جي آگمياس! 2. انگ قمر، ڪيس ڪڪر، اوڍڻ ڪئسر ياس، 3. سبزه لتاڙڻ هليون، بوندون برسياس، 4. ڦڙيون فيروزن جئن لڱن لال لڳياس، 5. منهن ۾ ميگهه، مراد علي چئي، جوهر جال جڙياس، 6. بينا بينئون بجليون، هيرن هار هياس، 7. واڙي وَڇ وڌياس، ڪچوئل ڪوءنر ڀڄائيا. +يعني ته 1. سندس سهڻيون اکيون (سارنگ نين) جن ۾ سج واري تجلي ۽ تاب آهي، سي عجيب نموني ۾ آگمجي يعني خمار جي ڳاڙهيون ٿي بيٺيون آهن. 2. سندس بدن (انگ = عضوا ۽ اندام) جي رونق چنڊ جهڙي، وار (ڪيس) ڪڪرن جهڙا ڪارا، ۽ لباس ڪئيسر جهڙو رنگين ۽ مهڪندڙ آهي. 3. مينهن جون بوندون سندس استقبال ۾ ساوا ميدان سر ڪرڻ هليون ۽ مٿس گهور ٿي وسڻ لڳيون 4. سنهيون سنهيون ڦڙيون سندس سهڻي لال بدن تي پنهنجي پاڻيءَ جا قطرا ڄڻ فيروزن وانگي بنائي بيٺيون 5. مراد علي ٿو چوي ته ميگهه ملار پنهنجي بوندن سان سندس وارن ۽ منهن تي ڄڻ اڪيچار جواهر جڙي ڇڏيا آهن. 6. سندس سهڻي نڪ جي ڪنار جا تجلا بجي جهڙا آهن، جن (وس ڪري پنهنجي ڦڙين ذريعي) سندس ڳچيءَ ۾ ڄڻ هيرن جا هار وجهي ڇڏيا آهن 7. (انهيءَ ميگهه ملار واري ماحول ۾ هن صورتمند) پنهنجي مينهن جي وڇ کي ورائي واڙي ۾ پوريو آهي، جنهن ڪري سندس وار (ڪچوئل = ڪچ = وار) ۽ نازڪ ٻانهون (ڪونئر = اصطلاحا بمعنيٰ پٻڻ جي ڪوني جهڙيون سنهيون لسيون يا ڪنول گل جهڙيون سهڻيون نازڪ ٻانهون) پسي پيا آهن. +بلوچ: هن ساڳئي زمين ۾ ڪنهن بلوچ شاعر، جنهن جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، بيت چيو ته(1) +1. سرس سدا سارنگ جان، ڪنڊن ڪؤنر ڪياس، 2. عشق پيچ اڻين تي، کٽڻهار کڙياس، 3. سنها موتي منهن ۾، لبن لال ڳتاس، 4. هلڪو هار هڪيءَ تي، بئنسر واه بنياس! 5. برسي بوند، بلوچ چئي، ڀرون ڀونر ڀناس، 6. گڏي ڪامڻ ڪانڌ کي، ڪئيسر يا ڪڍياس، 7. جيلانہ واڙي وچ وڌياس، تيلانہ ڪچوئا ڪچوئا ڪؤنر پسائيا. +يعني ته 1. سدا سائي ۽ سرهي سارنگ وانگر، سندس ڪرايون (ڪوءنر= اصطلاحا بمعنيٰ ڪرايون) ’سر ڪنڊي‘ جي گلن (جن کي پوئي ڪراين ۾ ٻڌو اٿس) سينگاري سرهيون ڪيون آهن. 2. اکين جي اڻين مٿان سندس سهڻا ڀرون ’عشق پيچ‘ گلن وانگر ٽڙي بيٺا آهن، ۽ کلڻ وقت سندس سهڻا ڏند اها سهڻائي ۽ سٽاءُ ڏيکارين ٿا جو ڄڻ ’کٽڻهار‘ گل کڙي پيا آهن. 3. مينهن جي بوندن جا ذرا سندس منهن تي ڄڻ سنهڙا موتي بنجي بيٺا آهن، ۽ سندس لال لب بوند ۾ پسي ويتر اهڙا لعل ٿيا آهن جو ڄڻ مٿانئن لعلون مڙهيل آهن. 4. (سندس ڳهه مختصر ۽ سادا آهن پر سندس فطري حسن سببان اهي ڪي ٺهن ٿا!) هڪ ننڍو هلڪو هار ڳچي ۾، ۽ سهاڳ جي نٿ نڪ ۾ ٻئي واهه جا سهڻا لڳن ٿا! 6. کيس پنهنجي ٻاهران موٽندڙ مڙس کي گڏجڻو آهي، انهيءَ ڪري هن زعفران مثل رنگين ۽ مهڪندڙ لباس ڪڍي پاتو آهي. 7. هن ميگهه ملار ۾ جئن جو وڇ کي ورائي واڙي ۾ پوريو اٿس، ته سندس نرم وار (ڪچوئا) ۽ نازڪ ٻانهون (ڪونئر) بوندن ۾ پسي پيا آهن. +جلال، ميين شاهه عنايت ڏاتي، ڄام مراد علي ۽ ’بلوچ‘ مٿين بيتن ۾ سنڌ جي ٻهراريءَ جي سوڀياوان عورت کي ميگهه ملار جي فطري ماحول ۾ پنهنجو گهرو ڪم ڪار ڪندي پيش ڪيو آهي. بلوچ پنهنجي بيت ۾ هي نقطو پڻ صفا ڪيو آهي ته هن پاڪيزه اخلاق عورت جيڪي ٿورا گهڻا ڳهه ۽ خاص رنگين ڪپڙا پاتا آهن سي محض پنهنجي خاوند جي خوشنوديءَ خاطر. +ڪبير شاهه پنهنجي هيٺين بيت ۾ مضمون توڙي ماحول کي ذرا تڪلف سان پيش ڪيو آهي: هڪ حسين معشوقه آهي جنهن کي زندگيءَ جون سڀ نعمتون نصيب آهن. اها موسم بهار جي بوندن ۾ هڪ باغ ۾ سير جي بهاني سان پنهنجي محبوب کي ملڻ لاءِ مشتاق آهي. سڀئي ساٺ سينگار ڪري آئي آهي ۽ ليمي جي لام ۾ ٻڌل پينگهه تي اچي لڏي ٿي. بالاخر محبوب سان ملي ٿي ۽ ان سان ويهي ورونهه ڪري ٿي. ساغر ۽ صراحي پڻ موجود آهن. ٻن وڇڙيلن جي انهيءَ وصال واري موقعي تي، مٿان بادل بوندون وسائين ٿا ۽ ٻنهي جا ڪپڙا ڀڄي پون ٿا: +سرس سدا رنگ سارنگ جا، گل ڦل ’جايون‘ جام ’ستبرگ‘، ’چمپا‘ ’ڪيوڙو‘، ’ڪيتڪي‘، ’دائودي‘ دل دام، ’ارزن بار‘ ’گلاب‘ ’ڪرنا‘ ’سيوتي‘ ٿا ’سورج‘ ڪن سلام، ’بيل‘ ’چنبيلي‘ ’سرڪنڊي‘، زرد ’اُپمان‘ عام، ’دو پهري‘ ’دل پيچ‘ هوا، تنهن سان ’تڪمان‘ طرح تمام: انهيءَ باغ بنئي ۾ بره سين، هڪ هئي ڪامڻ اهو گام،(1) تنهن ’ٺوٺي‘ ’ٺامر‘ تي ٺيڪ ڪئي، مٿي مک مدام،(2) سا کنوڻ جان کُنهبا ڪريو، ٿي لڏي ليمي لام، تان مليس چنڊ چمن ۾، جنهن هئي ڄوليندي ڄام،(3) تڏ دست بتي، ڏي پيالو پر کي- ائين گڏيا گل اندام(4) تتهين ڪوئل، ڪبير شاهه چئي، ٿي ٻُلي ٻولي مام، وسي بادل مٿان بام، بوند ڀڄاين ڪپڙا. +4. تشبيهات ۾ وسعت: سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن، هندي شاعريءَ جي ’سورهن سينگارن ۽ ٻارهن زيورن‘ واري ابتدائي نظريي جي نئين سر تقسيم ۽ تعريف ڪري، ان ۾ معنوي لحاظ سان وڏي وسعت پيدا ڪئي. مثلاً، سورهن فطري سينگارن کي هڪ هڪ ڪري ڳڻائڻ بدران، انهن کي چئن جنسن ۾ تقسيم ڪيائون ته چار وصفون زمين تي هلندڙن واريون، چار اڏامندڙن واريون، چار گلن واريون ۽ چار ميون واريون هجن. ٻارهن بناوتي سينگارن مان به ڪم از ڪم ٻن کي ڪپڙن ۽ ڳهن جي جنسن ۾ شمار ڪيائون. هن نظريي موجب انهن ڇهن جنسن، يعني ته زمين تي هلندڙ جاندران، اُڏامندڙ جاندارن، گلن، ميون، ڪپڙن ۽ ڳهن، جا جملي مختلف قسم اچي ٿي ويا ۽ انهيءَ ڪري تشيبهات جي دائري ۾ وڏي وسعت پيدا ٿي. انهيءَ نئين تقسيم ۽ تشريح ۾ زمين توڙي هوا جون مکيه شيون، جن سان حسن جي مختلف خوبين جي ڀيٽ ممڪن هئي اچي ٿي ويون. مگر سنڌ جي سڄاڻ شاعرن جي خيال جي گهرائي هڪ طرف زمين کان هيٺ وارين سهڻين شين سون، چاندي، هيرن جواهرن، فيروزن، لالن، مرجانن وغيره، توڙي سمنڊ اندر موتين ۽ ماڻڪن تائين پهتي، ته ٻئي طرف سندن تخيل جو پرواز پکين جي پرواز کان مٿين فضا ۾ بادلن، کنوڻين ۽ قوس قزح جي رنگينين کي طيء ڪري ڃا به آسمان طرف اڏاڻو، ۽ سج، چنڊ، نکٽن ۽ تارن جي بلندين کي وڃي سميٽيائين. +هيرن ۽ جواهرن، ماڻڪن ۽ موتين، سج ۽ چنڊ، تارن ۽ نکٽن سان محبوب جي حسن جي مختلف رعناين ۽ خوبين جي تشبيهن جا ڪي مثال هن کان اڳ آندل بيتن ۾ موجود آهن، البته سارنگ جي سونهن ۽ سٽا، جهڙ بادلن جي بهار ۽ ميگهه ملار جي رنگين فضا جي ماحول سان محبوب جي حسن جي مجموعي تمثيل، يا ان ماحول جي مختلف جزن سان محبوب جي حسن جي مختلف وصفن جون تشبيهون، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ هڪ خاص انداز رکن ٿيون، جن جو بيان دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. +جلال: +حضرت جلال پنهنجي هيٺين بيت ۾ غالباً پهريون دفعو ’ابر بهار‘ جو عنوان ٻڌو، ۽ محبوب جي مڌ ڀرين ڪڪوريل اکين کي ميگهه ملار سان، ۽ آگمن جي اوسر ۽ نظاري کي، سهڻي سرت ڀريي (عارف) محبوب جي آمد سان ڀيٽ ڏيئي (مصرع 1)، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ تشبيهه ۽ تمثيل جو هڪ نئون ورق ورايو(1) +1. جئن سي ابر بهار، تئن ڪنول ڪيس قريب جا، 2. اليهر وانگي الٽيا، اچي ڍريا بدن ڍار، 3. سرو ڪنان سوڌا پرين، مک موتين کوءن موچار، 4. هنجهه ڏسي لوڏ لڪي ويا، بس گنير(2) ڪي گفتار، 5. ٻڌي ٻولي ٻاجهه ڀري، ڪي ڪوئل نا ڪوڪار، 6. ڇڏي شمس شعاء ويو، گڏجي منجهه غبار، 7. آهن چين چڪور، جان، پي پپيهل پار، 8. ڀنڀا ڀرون ڀونئر جان، اکيون ميگهه ملار، 9. سينو موڪرو سڄڻين، گلبدن گلزار، 10. عارف جي اچڻ جا، آگم ٿيا اظهار، 11. ساجن ۾ سنسار، جانب وڌ، جلال چئي. +هيٺين بيت ۾ جلال قوس قزح يا انڊلٺ جي تشبيهه جو عنوان قائم ڪيو آهي، ۽ ٻي مصرع ۾ محبوب جي حسن جي تجليءَ جي سلسلي ۾ کنوڻين جي تجليءَ ڏانهن اشارو ڪيو اهي. جلال جو هيءُ انوکو بيت نهايت ئي ڳوڙهن لفظن ۾ ادا ڪيل آهي جن جي معنيٰ غور طلب آهي.(2) +1. آهرين لهرين عين، قوس قزح ڪهڪار ۾، 2. ڪنب، وتافر، ڪورخؤن، مان چورائي ويا چين، 3. ڪنتر ڪوٽ، ڪپول موٺ، گن ته غزالي غين، 4. مان مندر منهن موج ۾، جوت جمن ۾ جين، 5. سر نايو سڀ سين، ڪن جهار جلال چئي. +يعني ته 1. محبوب جي منهن جي چوڌاري ڊگهن لهردار ڪارن وارن (اهر = اهه = وار) وچ ۾ مدڀريل ڪڪوريل اکين جي رنگيني ۽ روشنائي ائين آهي، جئن جبلن جي ڪاراڻ (ڪهڪار = ڪوه + ڪار = پڻ اصطلاحا، ڪڪرن جي ڪاراڻ) جي پس منظر ۾ گول انڊلٺ (قوس قزح) جو سهڻو رنگين نظارو 2. انهن سهڻن سڄڻن پنهنجي ڳوري لعل چهري سببان ڄڻ ته (مان) ڳاڙهي کنهبي (ڪنب = ڪسنب) سون (وتافر) توڙي تجليدار کنوڻي�� کان (ڪورخ = ڪروخ = کنوڻ. ڪوءرخوءن = کنوڻين کان) آرام (چين) کسي ڇڏيو آهي. 3. سندن ڪنڍو نڪ طوطي (ڪنتر = ڪؤنتر) جهڙو، ڳل (ڪپول) موٺ (مينهن وساڙو جيت) مثل ڳاڙها، ۽ سندس سهڻيون اکيون توڙي لاڏ ۽ ڪوڏ هوبهو هرڻ (غزالي غيب = ’غزال‘ جو هرڻ جو نالو آهي تنهن نالي جو بلڪل پهريون حرف ’غ‘) وارا آهن. 4. سندس منهن پاڪيزگيءَ ۽ ڏيا (موج ۾) سببان ڄڻ ته مندر آهي، جنهن ۾ سندس اکين جي گول دائرن ۾ روشن تارا ڄڻ ته (جين = جئن نه. ’جمن‘ = ٺڪر جو ڪپو) روشن ڏيئا پيا ٻرن، ۽ 6. بقول جلال، (ان مندر جا مشتاق عاشق) سر جهڪايو صدائون (سين) ۽ بندگيون (جهار) پيا ڪن. +جلال جي هنن بيتن بعد سارنگ جي سونهن، ميگهه ملار، بادل ۽ کنوڻيون ’سينگار شاعريءَ‘ جي تشبيهات جا عام موضوع ۽ استاد شاعرن جي بيتن جا خاص عنوان بنيا انهيءَ سلسلي جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا. +وڌو: شاعر وڌي ميگهه ملار جي ماحول کي پنهنجي هيٺئين بيت جو منڍ بنايو آهي ته: +1. بنيا ميگهه بناوَ سان مک سر محبوبن، 2. پسي ڪچ قريب جا، ڇڏيو تليهر تجلن، 3. ڏسي، برجم بانوريا، لالي لال لبن، 4. سسون، سسيهر، مور، هنجهه سهمايا سيڻن، 5. رجل پنهنجي راءِ سان جت جانب جاءِ کڻن، 6. وسون تت، وڌو چوي، ڇڏيو لوڏ لڪن، 7. اهڙن عجيبن، آ ساه سوگهو ڪيو سيم جان. +يعني ته: 1. محبوبن جي منهن (جو لال رنگ، ڪڪوريل اکيون ۽ چمڪندڙ ڏند،) ۽ سر تي ڪارا وار انهن جو مجموعي نظارو ساڳيو ميگهه ملار (جي رنگين انڊلٺ، کنوڻين جي تجلي ۽ ڪڪرن جي ڪاراڻ) وارو آهي. 2. محبوب جي ڪارن وارن (ڪچ) جي چمڪ کي ڏسي کنوڻِن (تليهر = سنهو ڊگهو نانگ = اصطلاحا، ’ٻڪرار‘ کنوڻ جو سنهو ورن وڪڙن وارو چمڪدار ليڪو) پنهنجا تجلا ترڪ ڪيا. 3. چپن جي لالائي کي ڏسي، مينهن وساڙا جيت (برجم؟) مست ٿي پيا. 4. چنڊ (سسون)، ڀونئر (سسيهر؟)، مور ۽ هنجهه انهن مڙني کي محبوبن پنهنجي مختلف سهڻين وصفن سان موهي شرمندو ڪري ڇڏيو. 5. جنهن جاءِ تي اهي سهڻا سڄڻ راضي ٿي پنهنجي سهڻي ٽور وارا قدم (رجل = پير) کڻن، 6. ته، بقول وڌو، ات هاٿي (وسون) پڻ پنهنجي لوڏ ڦٽي ڪري شرم وچان وڃيو لڪن 7. اهڙن سهڻن سڄڻن، منهنجي ساه کي وڻ ويڙهيءَ (سيم) جان وڪوڙي سوگهو ڪيو آهي. +ملان خوشحال: +ملان خوشحال، نهايت ئي ڳوڙهي اسلوب بيان ۾ چيل سندس هيٺين بيت کي ڪڪرن ۽ قوس قزح جي تشبيهات سان شروع ڪيو آهي ته: +1. ترنگ تليهر طرحان، ڪڪر ڪيس قريب جا، 2. ابرو عين عجيب جا، قوسن حاجت ڪانه، 3. مستڪ ماه مڙو مان ديکيو، ان جو ڀال ڀلو کوءن ڀان، 4. ڇم ڇيهل، ناس ڪ ڪيلي، هنڊوي هوٺ ردان، 5. مرواري ماڌو ٿيا، ڏسي ڏهر سندان، 6. دهن ’ميم‘، ملان چوي، صاحب سرت سجان، 7. احمر انارئون اڳرا، ڪنگوءَ ڪر ڪران، 8. سو ڪيور ڪل ڪڪر، ديهه تنگوءَ تجلان، 9. ڏني کين، خوشحال چئي، صورت سا سبحان، 10. چيهوءن چرن چڱان، سرني سڀ سُڪي ويا. +يعني ته: 1- پياري محبوب جي ڊگهن گهنڊيدار وارن (ترنگ) جا تجلا کنوڻين (تليهر = هڪ سنهو ڊگهو نانگ = اصطلاحا ’ٻڪرار کنوڻ‘) وارا آهن، ۽ اهي ڪارا وار (ڪيس) ڪارن بادلن مثل آهن. 2. سهڻي سڄڻ جون اکيون ۽ ان جي مٿان ڪمان مثل ڀرون انهيءَ منظر سان انڊلٺ جي مقابلي جي جاءِ تي نه آهي. 3. (شايد مطلب ته) چنڊ (ماه) ۽ مينهن وساڙو جيت (مڙو) ٻنهي کي مون مست ڏٺو، بلڪ ان سهڻي محبوب جي چهري جو تجلو ته سج (ڀان = بان = بانا = سج) کان به سوايو آهي. 4. سندس سهڻيون اکيون (ڇم) هرڻ (ڇيهل) جهڙيون، نڪ (ناس) طوطي (ڪيل) جهڙو (ع. ڪ = مثل. يا ڪ = ڪر = ڄڻ ته)، ۽ سندن لب (هوٺ = هونٽ) مينهن وساڙي (هنڊوو) جيت مثل لال رتل آهن (ردان). 5. سندن سهڻن ڏندن (ڏهر) کي ڏسي مرواريد به جهڪ�� ٿي ويا (ماڌو ٿيا). 6. انهيءَ سهڻي سرتيي سڄڻ جو وات، ملان ٿو چوي ته، حرف ’ميم‘ جي ننڍڙي گول گهيري جهڙو آهي. 7. اهي محبوب سندن لال ڳوري رنگ ۾ ڏاڙهون کان (انارئون) به وڌيڪ لال (احمر) آهن، ۽ سندن سنهيون نازڪ ڪرايون ڪنگوء جهڙيون لال ۽ سنهيون آهن. 8. (هن مصرع جي صحيح روايت ۾ معنيٰ اڃا تحقيق طلب آهي). 9. خوشحال ٿو چوي، ته اهڙي سهڻي صورت کين خالق طرفان ڏات ڏنل آهي. 10 سندن ڳورا پير (چرن) چيهي گاه (جي رس جي لالائيءَ) کان ڪثر، بلڪ اڃا به اهڙا وڌيڪ لال آهن جو انهن کي ڏسي لال ’سرني‘ گل به شرم وچان ڪومائجي سڪي ويا. +ڄام مراد علي: +ڄام مراد علي کنوڻين ۽ بادلن جي تشبيهن کي پنهنجي هيٺين بيت جو عنوان بنايو آهي(1) +1. وڄون عين عجيب جا، ڪارا بادل ڪيس، 2. سانوڻ منهن محبوب جا نور نديون نت نيس، 3. شام رنگئون رنگ بادليا، ڪن ڪئيسريا وس ويس، 4. ڪوئل، پپيهل، آهو، گينور محب مڃايا ميس، 5. تن محبن جي، مراد علي چئي، منهنجي روح وڻي ٿي ريس، 6. لالن جي لبيس، حورون جهڙپ جهپي نيون، +قادو: +قادو پنهنجي هيٺين نسبتا ننڍي ۽ سليس مگر فصيح بيت ۾ وڄن کي محبوب جي تجلن جو سلامي بنايو آهي ته: +لوڏي لاڏ ڀريون، ٻئي کنيائين ٻانهڻيون، قادو چوي، ڪامڻ جون، اکيون آب ڀريون، پسي اوش ان جا، وڄون ات وريون، پاسن منجهه پريون، اچن عرض ڪهنديون. +سليمان: +سڄاڻ شاعر سليمان پنهنجي هيٺين بيت ۾، جو قافيه جي لحاظ سان غالباً جلال جي بيت ”تمهر روپ ترنگ- الخ“ (ڏسو 191) جي ڀران چيل آهي، محبوب جي حسن ۽ سينگار جي تعريف ڪرڻ بعد آخر ۾ هي نئون نقطو نروار ڪيو آهي ته ان پياري سڄن جي سهڻي صورت خود سارنگ جي سونهن کي به سسائي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي(1) +1. تليهر ترنگ، اُڀي جهاڙي جهاڙ ڀر، 2. ان جو ورن وساڙان وترو، الڊه جهڙس انگ، 3. ڪنگو ڪوءنر ڪرائيون، ڀرون ڀؤنر ڀونگ، 4. قيصر لڪي ڪامڻي، ڪي انيچا نيڻ ڪُرنگ، 5. تنهنجو جلوو جوڀن روپ ڄڻ ماه کِڙيو سرَ گنگ، 6. سيڻن، سليمان چئي، سسايا سُارنگ، 7. وڄون منجهه مهنگ، ڪنبي پيٺيوُن ڪڪرين. +يعني ته: 1. اها سهڻي محبوبه جنهن جا وار (ترنگ) ڊگهن ڪارن نانگن (تليهر) مثل آهن، سا هڪ وڻ (جهاڙ) جي ڀرسان بيٺي نهاري رهي آهي (اُڀي جهاڙي). 2. سندس چهري جو لال رنگ (ورن) مينهن وساڙي کان به لالائيءَ ۾ وڌيڪ آهي. ۽ سندس نازڪ عضوا ۽ اندام (انگ) مکڻ (الڊه) جهڙا ڪونئرا ۽ نرم آهن. 3. سندس سهڻيون لال رنگ تي مائل ڪرايون ڪنگوء جهڙيون، ۽ ڀرون ڀونئرن ۽ ڪارن نانگن (ڀونگ) جهڙا ڪارا نڀور آهن. 4. ان محبوب (ڪامڻي) جي سنهي چيلهه، شينهن جي باريڪ ڪمر جهڙي (قيصر = شينهن. لڪ = چيله) آهي. ۽ (پنهنجن سهڻين اکين سان) هن هرڻ (ڪرنگ) جي اکين کي به شرمائي هيٺ ڪيو آهي. 5. سندس جوانيءَ جي حسن جي جلوي کي اها رونق آهي جو ڄڻ چنڊ درياء (گنگ) جي مٿان اڀري بيٺو آهي. 6. سليمان ٿو چوي ته، اهڙن سهڻن سڄڻن (پنهنجي گوناگون حسن سان) سارنگن جي سهسين رنگ سونهن کي به گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. 7. سندس حسن جي جلوي جي تاب کان بيتاب ٿي وڄون پڻ آسمان (مهنگ) ۾ ڪنبدي ڪنبدي ڪڪرن ۾ گم ٿي ويون آهن. +5. محبوب جي جامع حسن بابت جلال جو هڪ عجيب خيال: +’سورهن سينگارن‘ جي تخيل مطابق، زمين تي هلندڙ جاندارن جي سهيڻين وصفن مان محبوب جي فطري حسن لاءِ ڪم از ڪم چار وصفون لازمي سمجهيون ويون. سنڌ جي شاعرن ۽ سڄاڻ سگهڙن اڳتي قدم وڌائي هي نقطو واضح ڪيو ته محبوب جي معياري حسن ۾ جملي شين، جاندارن خواه غير جاندارن، جون سهڻيون وصفون سمايل آهن ڇاڪاڻ ته پنهنجي حسن ۾ سهڻو محبوب جامع صفات آهي. انهيءَ تخيل موجب، جلال هڪ نئون نقطو نروار ڪي�� ته جيتوڻيڪ ڪي جانور توڙي ڪي غير جاندار شيون هڪ ٻئي جو ضد آهن ۽ ساڳئي وقت يڪجاءِ جمع نٿا ٿي سگهن، مگر هيءُ محبوب جي جامع صفات حسن جو معجزو آهي، جنهن هڪ ٻئي جي ضد ۽ مخالف شين جي وصفن کي پاڻ ۾ سمائي ڄڻ ته انهن کي يڪجاءِ جمع ڪيو آهي. +انهيءَ انوکي تخيل کي جلال پهريائين پنهنجي هڪ بيت ۾ راز ۽ معما طور پيش ڪيو. افسوس جو سندس هن بيت جي مڪمل ۽ صحيح روايت نه ملي سگهي آهي، مگر اسان ٻن ناقص روايتن(1) جي ڀيٽ سان، هن بيت جي هيٺين صورت کي ترجيح ڏيئي قلمبند ڪريون ٿا، ۽ سگهڙن وٽان ان جي ٻڌل معنيٰ (جا ڪن حالتن ۾ اڃا تحقيق طلب آهي) لکون ٿا: +1. ٿانگر ڍڍن پارڌي لاس ٿٿيڦن ڌار، 2. ڪنيل ڪنجل، آرن اُڀڍڳ، سمجهه سالڪ سار، 3. اهي سڀ اظهار، آهن جانب منجهه جلال چئي. +يعني ته: 1. هڪ طرف هرڻ (ٿانگر؟) ٻيلو (ڍڍن؟) ۽ شڪاري (پارڌي؟) ۽ ٻي طرف مور (لاس) ۽ نانگ (ٿٿيفن) يڪجاءِ رهي نٿا سگهن، (بلڪ اهي ڌريون ئي ڌار آهن ڇاڪاڻ ته نه هرڻ ٻيلي ۾ رهي ۽ نڪي شڪاري جي سامهون بيهي سگهي، ۽ نڪي نانگ مور سان گڏ جالي سگهي ڇاڪاڻ ته مور نانگ جو ماري آهي). 2. پڻ ساڳيءَ طرح سمجهدار سالڪ! تون ويچار ڪري ڏس ته نڪي شينهن (ڪنيل) ۽ هاٿي (ڪنجل) گڏ جالي سگهن (ڇا ڪاڻ ته عام روايت موجب هو هڪ ٻئي جا دشمن آهن) ته نڪي وري سج (ارن) پنهنجي اصل روشنائيءَ سان ان وقت چمڪي سگهندو جڏهن ڪارا ڪڪر (اڀڍڳ؟) ڇانيل هوندا. 3. مگر، جلال ٿو چوي ته، محبوب (جي حسن) ۾ اهي جملي شيون (پنهنجن حقيقي وصفن سان) صاف طور نظر اچن ٿيون. +هاڻي سوال آهي ته ڪيئن انهن مخالف شين کي سهڻي محبوب پنهنجي حسن جي معجزي سان يڪجاءِ جمع ڪيو آهي؟ غالباً جلال جي هن ڳجهارت کي ٻيو ڪو سالڪ ڳولي نه سگهيو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي هيٺين بيت ۾ انهيءَ راز کي ذرا وڌيڪ واضح ڪيو ته(1). +1. اهو جتهين آه، ماري ڀي ان ماڳ تي: 2. سپ سري ڀر مور جي، سو ڀي سرس سوا(1)، 3. هاٿي شرطان شير جي(2)، لوڏئون ڪين لکاءِ، 4. سج ڪناري جهڙ جي بيٺو پاڻ پساءِ(3)، 5. سي نس دن دائم دوست سين(4)، رچي رنگ رتاءِ، 6. اهي جنگ مڙيئي هڪ جاءِ(5)، آهن جانب ساڻ جلال چئي. +يعني ته 1. جتي هرڻ (محبوب جون سهڻيون اکيون) آهي، ماري (پنبڻين جا تير) به بلڪل انهيءَ ساڳئي جاءِ تي موجود آهي. 2. نانگ (محبوب جا ڪارا وار) مور (محبوب جي ڳچي) سان لاڳيتو بنا ڊپ جي سرس ۽ سوايو ٿي پيو سري، 3. هاٿي (محبوب جي سهڻي رفتار) شينهن (محبوب جي سنهي چيلهه) سان شرط هڻڻ سببان پنهنجي سهڻي لوڏ ۾ ذري جيترو به ڪونه ٿو لکائي (يعني ته شينهن کان ڊڄي ڀڄي ڪونه ٿو). 4. سج (محبوب جو سهڻو منهن) ڪارن ڪڪرن (محبوب جا ڪارا وار جي منهن جي ٻنهي طرفان لٽڪيل) جي ڪناري سان لاڳيتو پيو چڪمي، 5. اهي جملي شيون رات ڏينهن (نس دن)، بلڪ هر هميشہ سهڻي سڄڻ سان گڏ هجڻ ڪري سندس رنگ ۾ رچي لال ٿيون آهن، 6. جلال ٿو چوي ته، اهي سڀيئي زوراور (جي هڪ ٻئي جا مخالف آهن)، سهڻي محبوب (جي حسن جي معجزي) ساڻ يڪجاءِ جمع ٿي گڏ گذاري رهيا آهن. +6. محبوب جي لاثاني حسن جو تخيل: +هندي ’سنگاررس‘ شاعريءَ ۾ محبوب جي حسن جو تخيل اڃا ابتدائي منزل تي هو، ۽ حسن جي تعريف ۽ تشريح تشبيهات جي دائري ۾ بند هئي. ٻيو ته اهو تشبيهات جو دائرو پڻ انهيءَ ابتدائي منزل تي نسبتاً محدود هو. سنڌي سينگار شاعريءَ جي استادن نه صرف تشبيهن ۽ تمثيلن جي دنيا ۾ هڪ وڏي وسعت پيدا ڪئي، مگر محبوب جي معياري حسن کي اصولا لاثاني تسليم ڪري، تشبيهات ۽ تمثيلات واري روايتي مضمون کان قدم اڳتي وڌايائون، ۽ هي نقطو نروار ڪيائون ته سهڻي محبوب جي معياري حسن جي بي بها وصفن جي ڀيٽ ۾ جاندار ۽ پکي، گل ۽ ميوا، سج ۽ چنڊ، تارا ۽ ڪتيون، بادل ۽ بجليون ڪابه حيثيت ئي نٿا رکن. جئن ته لاثاني محبوب جو حسن بي مثال آهي، انهيءَ ڪري محبوب جي سهڻين وصفن کي انهن شين سان ڪهڙي تشبيهه ڏبي! بقول ڀٽائي صاحب ”سپيريان جي سونهن جو نڪو قد نه مد“. جو حسن بي مثال آهي تنهنجو ڪهڙو مثال ٿيندو! جا سونهن بي نظير آهي تنهن جو ڪهڙو نظير ٿيندو! جا صورت لاجواب آهي تنهن جو ڪهڙو جواب ٿيندو! دنيا جون جملي سهڻيون شيون محبوب جي معياري حسن کان نه صرف متاثر آهن بلڪ ان جون سلامي آهن. +جلال: +حضرت جلال پنهنجي بيتن ۾ غالباً پهريون دفعو محبوب جي بي مثال حسن جو تخيل پيش ڪيو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻِن جملي شين کي سهڻي سڄڻ جي غلاميءَ ۽ سلاميءَ جي لائق ڄاڻايو. سندس اڪثر بيتن ۾ هيءُ خيال عام طور سمايل آهي. هت نموني طور سندس ٻه بيت ڏجن ٿا، جن مان پهريون بيت جلال جي انوکي ۽ ڳوڙهي اسلوب بيان جو هڪ بهترين مثال آهي. +(1) +1. پهه رپ پاڄي پر جو، نس رپ راس نه روءِ، 2. ال- رپ ادب ۾ اُڀا، اُن رپ آب نه اُوءِ، 3. ڦن رپ ڦور ڦٽي ڪئي، سُت رپ سانگ نه موءِ، 4. ڪنجل جو رپ ڪارڌو! مئنڊڪ جو رپ موءِ!! 5. آگم- رپ نه اُگمي، ڪنڪن اچي نه ڪوءِ، 6. هڪ تنهنجو جلوو جوءِ، ٻيو جلوو ناهه جلال چئي. +يعني ته 1. (پهه = ماڪ. رپ = آفت. پهه رپ = ماڪ جي آفت = سج جو پنهنجي گرمي سان ماڪ کي سڪائي ڇڏي. نس = ڪاري رات. رپ = آفت. نس رپ = ڪاري رات جي آفت = چنڊ جو رات جي اونداهيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏي.) سج باوجود سندس تيز روشني جي محبوب جي حسن جي تجلي جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهي، ۽ انهيءَ ڪري پرينءَ جو پازي ۽ خذمتگار آهي، ۽ چنڊ ته محبوب جي حسين منهن (روءِ) جي برابريءَ ۾ ئي ناهي. 2. محبوب جي سهڻي نازڪ ۽ مهڪندڙ چهري کي ڏسي ڪنول گل (ال رپ = ڀونئر جي آفت = ڪنول گل جنهن ۾ ڀونئر ويهي ته مٿان ٻوٽجي وڃي) ادب ۾ بيٺل آهن، ۽ سندس ڳوري ٻهڪندڙ رنگ جي ڀيٽ ۾ باهه (اُن رپ = اُن جي آفت جا اُن کي ساڙي بسم ڪري ڇڏي) کي اهو پنهنجو آب ۽ تاب نه رهيو آهي، يا باهه کي محبوب جي حسن وارو آب ۽ تاب نه آهي. 3. ان نازڪ خرام دلبر جي سهڻي ٽور کي ڏسي هڪ طرف مور (ڦن رپ = نانگ جي آفت = مور جو نانگ کي ماري) پنهنجو ناز ڀريو ناچ ختم ڪيو، ته ٻئي طرف هنجهه (ست رپ = موتي جي آفت = هنجهه جو موتي چڳي) محبوب سامهون (سو) هلي اچڻ (سانگ سانگي اچڻ) يا عجب ناز انداز ۽ ويس ورن سان بنجي نڪرڻ (سانگ ڪرڻ) ڇڏي ڏنو. 4. (محبوب جي سنهي باريڪ ڪمر سان) هاٿي (ڪنجل) جي ماريندڙ (رپ) يعني شينهن (ڪارڌو) جي سنهي چيلهه ڇا لڳي! ۽ محبوب جي ڪارن وارن (موءِ) سان ڏيڏر (مئنڊڪ) جي ماريندڙ (رپ) يعني ڪاري نانگ جي ڇا مجال آهي جو برابري ڪري!! 5. سهڻي سڄڻ جي گوناگون سينگارن يا حسن جي رنگينين کي ڏسي انڊلٺ (آگم رپ = جهڙ جي آفت = يعني انڊلٺ جا اڪثر مينهن جي پڇاڙيءَ ۾ جهڙ ڇڄڻ ۽ سج نڪرڻ وقت ظاهر ٿئي) به نڪري نروار نه ٿئي (نه اگمي = اڀري، نه اُسري)، ۽ محبوب جي منهن ۽ بدن جي لالائي کي ڏسي سون (ڪنڪن) سندس گهٽيءَ (ڪوءِ يا عام بازار ۾ ئي نه اچي. 6. جلال ٿو چوي ته، محض تنهن سهڻي محبوب جي (يا اي محبوب! محض تنهنجو) حسن جو جلوو ئي دنيا (جوءِ = اصطلاحا، سر زمين، دنيا) ۾ ڪار فرما آهي ۽ ٻيو ڪو حسن آهي ئي ڪونه. +هيٺين بيت ۾ جلال ذرا زياده عام فهم اسلوب بيان ۾ ساڳيو نقطو نروار ڪيو آهي ته(1): +1. ڪونئر ڪرائين ڪا، پيرين رونق پي جي! 2. خوبيءَ طير خروس جا، ڇا پڳ برابر يا! 3. ارتي، آبي، عود، اگر، اگن نه اهڙي آ، 4. سنکر سهميو ساه ۾، شير سنگيو شرما، 5. منڇرن ميم مشاهدي، ڇيهل ايندو ڇا! 6. چترڪ چين چريا ڪئا، ڪوئل ڪيل ڪمال، 7. ٻيو ڪو ر��گ روا، اڳيان جانب روءِ جلال چئي! +يعني ته: 1. سهڻي محبوب (پي) جي نرم سهڻين ڪراين جي ڪا نزاڪت آهي، ۽ سندس پيرن جي لالائيءَ جي ڪا رونق آهي!! 2. ٻانگي (خروس) قسم جي پکي (يعني مور) جي پيرن جي سهڻائيءَ (خوبيءَ پا)، يعني سهڻي ٽور، ڪا محبوب جي قدم (پڳ) جو مٽ آهي! 3. ’ارتي‘ ۽ ’ابي‘ گل، عود ۽ اڳر جي خوسبوءِ، توڙي باه (اگن) جو چمڪو ۽ لالئي آهي مڙيئي محبوب (جي عضون ۽ اندامن جي مختلف سهڻين وصفن) جهڙيون نه آهن. 4. سندس سهڻي ٽور کي ڏسي هاٿي (سنکر) هڪ طرف ساه سڪائي هٽي ويو، ته ٻئي طرف وري سندس باريڪ ڪمر کي ڏسي شينهن شرم وچان لرزي ٿو. 5. مڇيون محبوب جي ’ميم‘ حرف جي گهيري جهڙي ننڍڙي وات کي ڏسڻ ۾ حيران آهن، (۽ سندس اکين جي ڏيا جي سامهون) هرڻ (ڇيهل) ڪهڙي پيش قدمي ڪندو! 6. سندس مٺي گفتار هڪ طرف چنڊول پکي (چترڪ) جو چين ۽ آرام پٽائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف ڪوئل ۽ چتون (ڪيل) ساڳيءَ طرح (ع. ڪما = اهڙيءَ طرح) حيران پريشان آهن. 7. جلال ٿو چوي ته، محبوب جي منهن جي سهڻي لال ڳوري رنگ جي آڏو ٻئي ڪنهن رنگ جي ڀيٽ به ڪا روا آهي! +هيٺ اسان انهن شاعرن جا بيت نموني طور قلمبند ڪريون ٿا، جن جلال جي نقش قدم تي هلي، سهڻي لاثاني محبوب جي حسن کي ٻين مڙني شين جي سهڻين وصفن کان مٿاهون ڪري مڃيو، ۽ انهيءَ مرڪزي خيال کي ئي پنهنجي بيتن ۾ پيش ڪيو. +(الف) محبوب جو حسن مڙني عام مروج تشبيهن کان مٿاهون: +نواز، سليمان، انڙ ڪنڀار، ۽ دوس محمد جا نالا خاص طرح قابل زڪر آهن جو انهن جلال جي نقس قدم تي هلي، لاثاني محبوب جي حسن کي عام مروج تشبيهن کي اعليٰ ۽ اڳرو ثابت ڪيو. ’سينگار شاعريءَ‘ جي روايتي مضمون ۾ خصوصاً جاندارن (هرڻ، هاٿي، شينهن، نانگ، ڀونئر، مينهن وساڙو جيت وغيره)، پکين (مور، هنجهه، چيهو، ڪونج، ڪوئل، چتون، پاريهل وغيره)، ميون (ڏاڙهون، ڪيلو)، گلن ۽ ڪائنات جي ڪن ٻين عام شين جي سهڻين وصفن جون محبوب جي حسن جي مختلف سهڻين وصفن سان تشبيهون عام مروج هيون، هنن شاعرن انهن مڙني عام مروج تشبيهن کان محبوب جي حسن کي مٿاهون ڪري پيش ڪيو. +نواز:- نواز پنهنجي هيٺين ننڍي مگر موءثر بيت ۾ هاٿي (ڪانجل)، شينهن (قيصر)، مور (طائوس)، هرڻ (مرگهه) توڙي سج (آفتاب) کي محبوب جي حسن جي ڀيٽ ۾ هيچ ڪري ڄاڻايو ته:- +ڪنجل، قيصر ڪنبئا، ٿا طائوس ترڪ، نيڻن کان، نواز چئي، ڇڏيو مرگهه مرڪ، آفتاب عرق، ڪئو محسن منهن محبوب جي. +سليمان:- سليمان پنهنجن هيٺين ٻن نهايت ئي سهڻن ۽ فصيح بيتن مان پهرئين ۾ عام مشابهه شين کي محبوب جي حسن جي مقابلي ۾ گهٽ ثابت ڪيو آهي، ۽ ٻئي ۾ خاص طرح ياقوتن ۽ جواهرن کي هيچ ڄاڻايو آهي: +(1) +1. جبهين گام گلال، ساجن کڻي سبيل مان، 2. هاٿي، هنجهه حيران ٿيا، دم تنهين در حال، 3. آئنگي کان(2) عجيب جو، آ قابو ڪر ڪمال، 4. لئون لئون سينڌ صفا گهڻو، لب لائيءَ کان لال، 5. آهو عينن کي ڏسي، پيو ڪرمش منجهه ڪنگال(3)، 6. رو ڪنچن(1)، ماه، ڪنگور ون، ناهن جوڙ جمال، 7. آهه ڪارو(2)، اودي تڳي، ته ڪي موءِ مثال! 8. قد قامت ڪهڙا پرين، صنوبر کان سال! 9. تن جي نام نهال، ڪئو هيءُ سر سليمان چئي. +(3) +1. هو جو پيتم سر پگهار، تنهن ياقوتن کي ياف ڪئو: 2. نڪري رخسارن تي، احمر، ٿيا اظهار، 3. آءُ جوڀن جا جوهري، تون نرتون ڪر نهار، 4. طرح تماشو تان ڏس، ويهي تون وينجهار، 5. هڪ اڳ ساجن سان سينگار، ٻي وڏي جوت جڙاو کي. +(انڙ): انڙ ذات جي نامعلوم شاعر، محبوب جي لاثاني حسن کي هن طرح ڳايو آهي ته: +1. اوهر کئون اونها پرين، آ جيءُ تنين سان جال، 2. هرنو نه هيسي تن جو، وڌ آهوءَ کوءن اقبال، 3. ميس نه موافق سپرين، هن ��اکئون چڱا لال، 4. انهن جي، ”انڙ“ چوي، ڪج صفت سوائي سال، 5. تنهن ماکيءَ ڇا مجال، جو ميٺ پريان جي مٽ ٿئي. +(ڪنڀار): ڪنڀر ذات جي نامعلوم شاعر، محبوب جي بي مثال حسن کي هن طرح واکاڻيو آهي ته: +سرها سر کنڊ ۾ ڪيا، ترني لوئي تل، 2. لوڏ ڪنجل جي ڪم ٿي، چال پسي چئنچل، 3. مورن مرڪڻ ڇڏيو، ڪا جا پئڙن ڪل، 4. قريبن، ”ڪنڀار“ چوي، درس وکايا دل، 5. تنهين ماڳ مهل، ٿي سرهائي ساه کي. +دوس محمد: دوس محمد لس ٻيلي يا ملير جي طرف جو سگهڙ شاعر هو جو ’سنڌي سينگار شاعريءَ‘ جي نسبتاً پوئين گروهه جي شاعرن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سينگار شاعريءَ جي اصطلاحن ۽ محاورن جي پوري واقفيت ۽ زبان تي ملڪي سببان هن نه فقط سينگار شاعريءَ جي عنوانن کي نهايت ئي سهڻي نموني ۾ نباهيو، مگر هن مشڪل فن ۾ نسبتاً جملي ٻين شاعرن کان ڊگهي ۾ ڊگها بيت چيا. هيٺين بيتن ۾ هن ’سينگار شاعريءَ‘ جي اڪثر مروج تشبيهن جو جائزو وٺي، مڙني مشابهه شين کان محبوب جي حسن کي بلند ۽ بالاتر ثابت ڪيو آهي. +(1) +1. سونهن سخاوت شان، سڀ ڳڻ لائق سپرين، 2. چيهان چرن چڱان گهڻو، پاريوُر پَڳ پا نه، 3. سڄڻ سوڌا سرو کان، ڪيهر ڪٺ ڪسلان، 4. ڪنجل هنجهه ڪنبي ويا، چال برابر چان نه، 5. ديهي ان جي ڌم ڇپائي، شمس قمر شَمدان، 6. ڪم ڪنچن اگن عجيب اڳيئون، مات ٿيا مرجان، 7. اُلڊهان انگ عجائب اڳرا، ريشم ڪرمچ ڪل قربنا، 8. وڌ ڪيلان ڪر ڪرائيون، ڌئا دست ديا جي دان، 9. ڏسي قائم ڪر قريب جو، ويا آئنگي جا اوسان، 10. ڪوئل ڪونج ڪڇي نهين لفظ نه ڪنهن لسان، 11. لبن لالي لعل کان ڇا رونق رنگ رُمان! 12. هيرا حيرت ۾ وڌا ڏوڏر دڇن دهان، 13. سالڪ سال سڀين پرين صورت سُرت سُبحان، 14. دوس مٺا، ”دوس محمد“ چئي، تلخ تنهين وٽ تا نه، 15. روءِ رمز پسي رخسارن جي، ٿيا هنڊوا هنڌ حيران، 16. چيهون چِڀ چريا ڪيا، ڀونر ڀرن بيران، 17. ڪئونتر نيف نمائيا، اليهر ۾ ارمان، 18. ساجن جي سينگار جا، بيحد باب بيان، 19. ڪا مٽ تنهنجي ڪانه، جنس جُڙي ٻي جوڙ ڪا. +(2) +1. ترنگهن تليهر، ابرن ڀونر عرق ڪئا، 2. آهي نيف عجيب جو، ڪنا ڪيل ڪثر، 3. نينن مرگهه نمائيا، فوڳان وڌ فوڳر، 4. لبن لالي لعل کان، ارنا ات اڌر، 5. ديکيي دند دهان ۾، ڏري پيا ڏوڏر، 6. ڪوئل وائي ڪم ڪي انهيءَ جي ائنچر، 7. ماکئان مصرائان مٺا گهڻو، سهان ڳاٽ سکر، 8. ڪيلان ڪر ڪرائيون، دست چڱا دلبر، 9. پسي آنگشتيون عجيب جون جهپئا سڀ جنوهر، 10. تنهنجي ديهي ڌم ڇپائي عرشين منجهه اپر، 11. قيصر ڪٺ ڪنبائيو، گئي گت گنير، 12. چرن چڱا وڌ چوڙ کان، پڳ کان پاريور، 13. تنهن جون ڏسي جانب جي اچي نايو ڪنڌ قمر، 14. صورت سپيرين جي ٿي آفتابان اجگر، 15. سي ديک سڄت ”دوس محمد“ چئي، تان آهن گڏ اندر، 16. نائي ڪنڌ نهار تون، ٻئا ڇو دوئين در، 17. رک سو نافع منجهه نظر، ته منجهان تو معلوم ٿئي. +3 +1. ڪنجل قيصر ڪنبئا، چال چريا ڪئا چين، 2. ديهي ڌم ڇپائي، ڇا ماه مشابت مين؟ 3. مرگهه مٽ محبوب سان ڪوئل ڪونج ڪبي نه، 4. سي دوست مٺا، ”دوس محمد“ چئي، سالڪ سرت سنگين، 5. هلي ڏس حَسين، ڇا شمع ٻري شمدان ۾! +(ب) اسان هن کان اڳ بيان ڪري آيا آهيون، ته محبوب جي حسن ۽ سينگار جي بيان لاءِ موزون تشبيهن جي تلاش کي سنڌ جي سُڄاڻ شاعرن نه صرف زمين ۽ هوا جي جاندارن وغيره. شين تائين محدود رکيو، مگر سندس تخيل جي پرواز جهڙ بادلن، پينگهن ۽ کنوڻين واري فضا کي به هيٺ ڇڏي مٿي آسمان جي جنسارن يعني ته سج ۽ چنڊ، نکٽن ۽ ستارن تائين پهتي. ’سينگار‘ جي روايتي مضمون موجب سنڌ جي استاد شاعرن سڄڻ جي سونهن کي سج، چنڊ، تارن ۽ ستارن جي تشبيهن ذريعي به نهايت سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو، مگر محبوب جي ’لاثاني حسن‘ واري تخيل هيٺ هنن هي نقطو پڻ نروار ڪيو ته محبوب جو حسن انهن مڙني کان مهنڊ ۽ مٿاهون آهي. جلال پنهنجي هڪ بيت ۾ محبوب جي حسن جي جلوي جي ڀيٽ ۾ چنڊ جو حال هن طرح بيان ڪيو ته: ”اُت قمر ڪين ڪمائيو، ويو گڏجي منجهه غبا“. مگر هن سلسلي ۾ ڀٽائي صاحب جا هيٺيان بيت (سر کنڀات) جي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان ۾ ادا ڪيل آهن، غالباً پهريون سڄا سارا بيت آهن جن ۾ انهن چمڪندڙ آسماني جسمن کي محبوب جي بي مثال حسن جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ قرار ڏنو ويو آهي +1. کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪئائون ناز نظر: سورج شاخون جهپيون، ڪوماڻو قمر، تارا ڪتيون تائب ٿيا ديکيندي دلبر، جهڪو ٿين جوهر، جانب جي جمال سين. 2. چوڏهينءَ چنڊ تون اڀرين، سهسين ڪرين سينگار: پلڪ پريان جي نه پڙين جي حيلا ڪرين هزار، تون جهڙو سڀ ڄمار، تهڙو هڪ دم دوست جو (سرکنڀات) +ان بعد ’سينگار شاعريءَ‘ جي استاد شاعرن مان ڪبير شاهه پنهنجي هڪ بيت ۾ اهڃاڻ ”نواڙو تنهن نرمل کي پوڄي ٿو پرڀات.“ ٻين استاد شاعرن به پنهنجي بيتن جي ڪن مصراعن ۾ انهيءَ تصور جي تائيد ڪئي. مگر هن گروه جي شاعرن مان خاص طرح ڏتي کٽيءَ ۽ مينهن وسايي مڱڻهار محبوب جي حسن جي جلوي کي آسماني جسمن جي چمڪي کان اُتم ۽ اعليٰ ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا سڄا سارا بيت وقف ڪيا. مثلاً: +ڏتو کٽي +ماه! مٿان محبوب جي، تون ادب سان ٿي آءُ، تو چنڊ! ڪئي چانڊوڻي، پر هت ڪيو سائينءَ شم شماع، متان لٽجي وڃين لڙ ۾، ڏسي تابس تاءُ، اچي پؤ پيش پرينءَ جي، تون ڇُٽڪي وانگي واءُ، ساجن جو سهاءُ، اٿئي اهڙيءَ ڏس ڏتو چوي. +مينهن وسايو +مٽ نه آهين محبوب جو، جي چوڏهينءَ اُڀرين چنڊ! تنهنجي اوجر کي اُف ڪيو، محب پريان جي منڊ، لاٿو ڪس قلب تان، عجيباڻي اُڪنڊ، ورڇ پريان جي ونڊ، تو ’قمر‘ آ ڪوٺائيو. +(ج) سهڻي محبوب جي لاثاني حسن واري ساڳئي تخيل هيٺ، سينگار شاعريءَ جي استادن محبوب جي نازڪ بدن، سهڻائيءَ ۽ هٻڪار جي ڀيٽ ۾ گلن جي نزاڪت، رونق ۽ خوشبوءِ کي گهٽ قرار ڏنو. مختلف شاعرن پنهنجي بيتن جي ڪن مصراعن ۾ هڪ ٻن گل جو مثال ڏيئي هي نقطو واضح ڪيو. مگر جانو چارڻ ۽ شيخ سائينداد جا هيٺيان بيت هن معنيٰ ۾ هڪ جامع حيثيت رکن ٿا، جن ۾ هنن شاعرن ڄڻ جملي گلن جي جنس کي سهڻي نازڪ محبوب جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪري ڄاڻايو آهي. وضاحت خاطر گلن جي نالن مٿان (ايڪوڻيون واڪ جون) نشانيون ڏنيون ويون آهن: +جانور چارڻ +1. ٿيا گلزار ’گلاب‘، ’جنگي‘ جوڙ وڏا ڪيا، ’هر هر‘ حسن ڏسي ڪري ٿيو ’هيمون‘ حيرت هاب، جيءَ ۾ چوٽ ’چنبيل‘ کي، ٿيو ’شاهو‘ شوق شتاب، تان ’خيالي‘ ڇڏيو خواب، پسڻ ساڻ پرينءَ جي. 2. آهي ’ڪلنگو‘ ڪير، جو ڪندو بحث برابرو! ’نا فرمان‘ نه ڪو ڪري، ٿيو ’فرمانيءَ‘ ۾ ڦير، ’دوسر‘ سيلو ٿو ڌري پرين جڏهن ني پير، اٺ ڏهه دفعا عطر کئون سرهو سرهو سير، تان ’بخمل‘ ڇڏيو ڀير، لالائي ’لالا‘ ڏسي. 3. ’بدهر‘ باسي باس، ’سورج‘’گوشا‘ سير جا، سوڀي ساجن کي سڪي پاڻ اتيئي ’پاس‘، ’ڪرنائي‘ پيو ’ڪيتڪي‘ وهسي وساري واس، ’ارنا‘’اما‘’آڙمان‘ عاجز ’املداس‘، ناز ڏياري ’ناز بوءُ‘’ناسگ‘’ناسو ناس‘، انهيءَ جي اخلاص، کڻي من تن متوالو ڪيو. 4. کليا باغ ’بهار‘، پسي بوند ’بنست‘ جي، ’شونقي‘ ۾ شاخان ٿيون ’کجوري‘ کلهار، بيٺا ’لال‘ گلال ٿي ’ارنائي‘ به ’انار‘، ’چوگردي‘ ۾ ’چاندنن‘ ڪيا گل ’گوني‘ گلزار، جڏهن ساجن هليو سير تي پير وجهي پيزار، تڏهن سڀڪو بيٺو سهمجهي، عاجز ۾ ختيار، هوءَ جا عينن منجهه عجيب جي لالائيءَ جا ل��ر، تنهن ڏورئون ٿي ڏهڪاريا، ’سورج‘ جا سينگار، تان ’هرنو‘ ڀي هيڪار، اچي محب اڳيئون پيو موءِ تي. 5. صورت منهن محبوب جي ’جامو جم‘ ڪياس(1)، تارا جي ’تورام‘ جي پل نيائين پاس، ڇا هوندو گل ’ڪيتڪي‘، ڇا هي ’چندن‘ چاس! ڇا هي ’جنگي‘ جوت ۾، ڇا هي گل ’گلاس‘! ڇا گل ’سورج‘’سورتي‘ ڇا ’مهتاب‘’مجاس‘!(2) ڇا هي گل ’گلاب‘ جو، ڇا ’موتيو‘ ڇا ’رابيلو‘ راس(3)، ڇا گل ’خيالي‘ خيال ۾، ڇا هي ’طهر‘ تپاس، لک واري گل ’لال‘ کي، جوڙيون جوڙ اُتاس، ’جليلي‘، جانو چوي، ’آنوپر‘ ان راس(4)، ’تاب‘ نه تاب جهلي سگهي، ڏيون ’تور‘’تپاس‘، توڙي اڏامي آڪاس، تان ڀي ڪندو ڪونه برابرو. +شيخ سائينداد پنهنجي هيٺين بيت(1) جي شروع ۾ اهڃاڻ ڏنو آهي ته، جو محبوب سڀني وصفين سهڻو آهي تنهن جي حسن جي بهار ۾ گل گل جي ذات واري وصف سمايل آهي، آخر ۾ اها گواهي ڏني اٿس ته توڙي کڻي هزار گلن جا هجن ته به سهڻي سڄڻ جي سونهن سان اهي هڪ وار جي ويهين ڀاڱي جيتري برابري به نٿا ڪري سگهن: +چست گني چئنچل پرين، تنهن وٽ گن جا باغ بهار ميان گل ’ڦل‘ گل ’ڪيتڪي‘، ٻيا کڙن ’کٽڻهار‘ ميان، گل ’ايلاچان‘، گل ’سورتي‘ بهوت چڱا بسيار ميان، گل ’ڪوپ‘، گل ’ڪيوڙا‘، رنگ ’چمن‘ رنگدار ميان، گل ’لالا‘، گل ’گلابي‘، گل ’دائودي‘ دلدار ميان، گل ’جاءِ‘، گل ’جافر‘، ٻيا گل وڏا گلزار ميان، گل ’ڪيسر‘، گل ’قيمتي‘، گل ’عشق پيچ‘’انار‘ ميان، گل ’ريحاني‘، گل ’سورجا‘، گل چڱا ’چنار‘ ميان، گل ’سبزي‘ گل ’ارزن‘، گل ’چوگردا‘ چوڌار ميان، گل ’چندن‘، گل ’جاوٽي‘، گل ’ابيض‘ ئي اپار ميان، گل ’ڪرني‘، گل ’ڪچنا‘، گل ’زيتون‘ زينتدار ميان، پر ڇا گل ڦل، غلام حسين چئي، جيتوڻي هون هزار ميان، تان ڪونهي مٽ محبوب جو، اُن مان ويهه پڻ ڀاڱي وار ميان، شمس قمر شرمائيا، پسي دلبر جا ديدار ميان، حورون پريون پيمان ٿيون، ڏسي ساجن جا سينگار ميان، ڪڏهن وسرنم ڪينڪي، سي ڪامل ڪنڪن هار ميان، جهڙس ڪونهي جڳ ۾، ايهو قسم ڪريان ڪلتار ميان، اي محب پرين منٺار ميان! تنهنجي سڀ جلوي جهڙپ جهپائيا. +7. تصوف جو اثر ۽ حقيقي محبوب جو تخيل: +جهڙيءَ طرح سڄي هندوستان لاءِ سنڌ اسلام جو پهريون دروازو بني، اهڙيءَ طرح اڳتي هلي سنڌ جي سرزمين اسلامي تصوف جو پڻ مکيه مرڪز بني. سڀ کان اول ’سهروردي‘ طريقو سنڌ مان ئي هندوستان طرف پکڙيو، ۽ ان بعد ’قادري‘ توڙي ’نقشبندي‘ طريقي جا وڏا درويش ۽ روحاني رهبر سنڌ ۾ پيدا ٿيا جن ملڪ کي پنهنجي فيض سان مالا مال ڪيو. سنڌ جي انهن خداشناس بزرگن پنهنجي علمي توڙي عملي تبليغ ذريعي هتي جي رهاڪن کي توحيد ۽ حق پرستيءَ جو سبق ڏيئي سندن دلين کي هڪ موليٰ ڏانهن متوجهه ڪيو، تان جو هر ننڍو توڙي وڏو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح توحيد جو طالب بنجي ويو ۽ هر هڪ کي الاهي عشق جي ٿوري ڪي گهڻي ورڇ نصيب ٿي. انهيءَ فيض جوئي اثر هو جو سنڌ ۾ ’شاعري‘ شروع کان ئي محض انهيءَ الاهي عشق ۽ محبت جي تبليغ جو هڪ ذريعو بني، ۽ ’شاعري‘ ۽ ’درويشي‘ ٻئي لازم ملزوم جُز بنجي ويا. جيڪڏهن ڪو شاعر هو ته ساڳئي وقت درويش به هو، ۽ هر صوفي درويش، تصوف جي اصولي نظريي موجب ’مجاز‘ کي ’حقيقت‘ جي پل تسليم ڪري، انسان جي محبت واري فطري جذبي کي بالاخر هڪ موليٰ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول هو. +جڏهن سنڌ ۾ شاعريءَ جي شروعات ٿي تڏهن اهو اعتقاد عام ٿي چڪو هو ته حقيقي محبوب اهو خالق آهي جنهن انسان کي حسين بنائي خلقيو، ۽ انسانن ۾ انسان ڪامل ۽ موليٰ جو سهڻي ۾ سهڻو محبوب نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي معياري حسن واري عقيدي ۽ تخيل کان متاثر ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ مجازي حسن جي تعريف جو رخ به انهيءَ حقيقي ۽ معياري حسن ڏانهن موڙيو. هندي ’سنگار رس‘ شاعري محض مجازي دائري ۾ محدود هئي، مگر سنڌي سينگار شاعري مجازي منزل طئي ڪري حقيقت ڏانهن مائل ٿي. ’سنڌي سينگار‘ جي اڪثر شاعرن، بطور آخري مقصد جي، نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي پنهنجو حقيقي محبوب ڪري ڄاتو، ۽ نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سونهن کي ئي معياري حسن ڪري مڃيائون. انهيءَ نظريي ۽ خيال جي زير اثر ’فن سينگار‘ کي عام طور ’ نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو سينگار‘ ڪري تلسيم ڪيو ويو. اڄ تائين سنڌ جي سگهڙن وٽ ’سينگار‘ جي تعريف ’ نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو سينگار‘ آهي، يعني اهي بيت جن ۾ نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي معياري حسن کي مجازي رنگ ۾ ڳائجي. +سنڌي سينگار شاعريءَ جي هنرمند شاعرن ۽ سجاڳ سگهڙن جو اهو نظريو مجموعي طور صحيح آهي. ڪن شاعرن جا بيت بيشڪ خالص مجازي رنگ ۾ چيل آهن، مگر سنڌي سينگار شاعريءَ جي هر نامور شاعر مجازي حسن جي تعريف جو رخ بالاخر انهيءَ حقيقي محبوب ڏانهن موڙيو آهي. محبوب جي بي مثال ۽ لاثاني حسن وارو نظريو، جنهن کي مٿي بيان ڪيو ويو آهي، سو حقيقي محبوب جي حسن جي تخيل جي پيدا وار آهي. سنڌي سينگار شاعريءَ جو پهريون بلند شاعر جلال نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم تي عاشق هو، ۽ انهيءَ ڪري هن پنهنجي هر بيت ۾ اهڃاڻ ڏنو آهي، ته سندس محبوب جو حسن مڙني کان مٿاهون آهي: ”انهان دور دراز، منهنجا جانب وڌو جلال چئي“، ڀٽائي صاحب به انهيءَ حقيقي محبوب جي حسن کي واکاڻيندي چوي ٿو ته ”سپريان جي سونهن جو نڪو قد نه مد“. غور ڪبو ته مجموعي طور سان سينگار جي اڪثر بيتن ۾ مجازي حسن جي تعريف جي ماتحت انهيءَ نظريي جا اهڃاڻ نظر ايندا. مجازي حسن جي تعريف کي بالآخر حقيقت ڏانهن موڙڻ جو بهترين مثال شاعر دوس محمد جي هيٺين لاڳيتن بيتن ۾ ملي ٿو، جن کي نقل ڪري اسان هن مضمون کي ختم ڪريون ٿا: +1 +1. سڀ ڪنهن ويل سڄڻ جو خاصو خوب خيال، 2. شان سخاوت اڳرا قائم زور ڪمال، 3. صورت، سرت، شبيهه ۾ ڪونهي ماهه مثال، 4. درسن ۾، ”دوس محمد“ چئي، جانب وڌ جمال، 5. تنهن سان لڳي لالي ڪانه ڪا، سو لعلون ئي لال، 6. تنهن نظر ساڻ نهال، منهنجو من مهتاب ڪئو. +2 +1. سڀڪنهن ويل سڄڻ جو اوچو ني اغماز، 2. قمر، شمس قريب کي نيو ڪن نياز، 3. ڀڄي پري ٿيءُ بامني! ڏس درسن دور دراز 4. ڪنجل قيصر ڪنبئا، ڪن لوڏان ڪٺ لحاظ، 5. ترڪ تليهر ڀونئر ڀرُن ڪئا، ترنگن آڏو تواض، 6. ڪرنگ، ڪئونتر ڪم پئا، هن جو حوران وڌ هجاز، 7. ساجن جي سينگار جو، ڪنهن ڪن ڪونه قواز، 8. اڳيان دلبر، ”دوس محمد“ چئي، ايءَ سڀ رنگ رواز، 9. تنهن ڏسي مک محبوب جو، ٿيو منهنجي من مجاز، 10. دل سوڙهي ويا دم ۾، جئن سو بحري باز، 11. تڏ حرف وڄيو گڏ ’هوءِ‘ سين، ساهه سنڀي ٿيو ساز 12. ’تون هي‘’تون هي‘ تن مان آيو ايء آواز، 13. ٿيو روح تنهين سين راز، جنهن پاتا پيچ پران کي. +3 +سڀ ڪنهن ويل سڄڻ جي جوت ڪري جلوا، 2. لالي تنهن لال سين ڪانه اچي ٻي ڪا، 3. سپيريان جي سونهن کي سورج ڪن ثنا، 4. صورت سون جهڪائيو، محبوبن جي ماه، 5. منهنجا دلبر، ”دوس محمد“ چئي، آهن برق ڪنا بي با، 6. روح اچي ريلو ڪيو، تنهن ڏي عشق منجهان ارواح، 7. سو شافع شفاعت اڳرو، مير محمد شاهه (صلعم)، 8. تنهن نافع جي نگاه، منهنجو من مهتاب ڪيو. +........................... +”ادب“ جي حسن ۽ حقيقت سان وابسته هجڻ جي ڪسوٽي آهي ”سچائي“ جيڪڏهن اسان کي مواد ۽ اسلوب مان ڪنهن هڪ کي قربان ڪرڻو پوي، ته پوءِ مواد کي اسلوب تي ئي ترجيح ڏيڻي پوندي: ڇا لاءِ ته جو ادب زندگيءَ جي حقيقت سان واسطو نه ٿو رکي، ۽ جيڪو انسان جي آفاقي، بنيادي ۽ بلند حيثيت کان پري آهي، اهو بي معنيٰ ۽ بيڪار آهي. اسان کي ان سان ڪو واسطو نه آهي. پوءِ ڀلي ته ان ۾ ڪيتريون ئي فنڪارانا خوبيون ڇو نه هجن! (ڊبليو بيسل ورمسفولڊ) +1 ر: جب گوري گوَنا ڪري +2 ر: ڏه ڏون ڏينهاڻي ڪري ڪامڻ ساڻ قواز +4 ر: آهو ميم مشاهدي ٿي تاهوَ ڪن تواض. +6 ر: 1.... ڪم ڪنچن اور آواز. 2. آهي ڪئنچل ماه ڪماز +7 ر: 1. جا اهڙي دور دراز، تنهن جياريو جيءُ جلال چوي 2. جي اهڙي دور دراز، تن جياريو جيءُ جلال چئي. +(کٽي) 1. ريزا پرهي راس = نهايت سهڻا ڪپڙا پهري. ڪنجل = هاٿي. ٽوراس = سندس ٽور. ڀنوراه = ڀونئرن جو ميڙ. +(1) گهري پاس گگن = گهري گگن پاس = ڪارن بادلن واري فضا ۾، ٻي روايت: گهيري پاس گگن = وارن جو مٿيون چوٽو يا وانگوڙو (گگن) کولي پاسي سان کنڊيري ڇڏي، ٽي روايت: گهڙي پاسي گگن = درياء (گگن!) ۾ تڙ ڪرڻ لاءِ گهڙڻ يعني تڙ ڪرڻ بعد جڏهن درياءَ جي ڪناري تي ويس وڳا ڪري بيهي. ڪرن موٺ ڪريل ڦر= سندس عضوا ۽ اندام (ڪرن) يعني بدن جو رنگ ايترو ته لالائي تي مائل آهي جهڙو مينهن وساڙي جيت (موٿ) يا ڪرڙ جي ڳاڙهن پڪن (ڪريل ڦر) جو لال رنگ. سر سالون سوسن = سر تي پٽ جو سالون ڪري ۽ وارن ۾ سوسن گل هڻي، يا سر تي سوسن جي گلن جهڙيون سهڻيون ۽ نرم نازڪ سالون ڪري. جورو= وڳو. +(2) ڪيري شاهه 1. نو+ ست (9+7) يعني سورهن. اٺ+ چار= يعني ٻارهن. +(3) اولي پئا = وڃي لڪا. +(1) سيلا = سر جا ڪپڙا- روا. سنگين = سهڻا. وڻندڙ. ڪيل = طوطو. برق = کنوڻ. بئنسر = نٿ. بين = بيني = نڪ. ڪنچن = سون. بيضا = چاندي. سيس = چنڊ. سسيهر = ڀونئر (؟). سسئا = گهٽ ٿيا. لرزي ٿيا. مرگهه = هرڻ. مين = مڇي. دادر دوبين ڀلائيون = ڏيڏر کي پنهنجون وڏيون اکيون وسري ويون. سنگ = شينهن. چين = چيلهه. مهين = سهڻا لاثاني. +(2) ڪر = ڄڻ. پنگم = مينهن وساڙو جيت. جبات = جبهة = پيشاني. ڪنجل = هاٿي. مصلات = مصلحات = مصلحت. صلاح. نخلات = کجيون. ديهي = بدن. ڌم = وڄ. ورسي = ڀٽڪي يا سڪي. +(3) مورڪنٺ = مور مثل ڳچي. مک مين = مڇي جهڙو ننڍڙو وات. سچ = اره ببا. سقلات = سهڻي ڪپڙي جو قسم جنهنجي چولي اندران اُره جي سونهن ڏانهن اشارو). ڏوڏر = موتي. دڇن = ڏند. دهان = دهن = وات. لغات = لغايتہ = زياده ۾ زياده (لالائي) انف = نڪ. نوارو = پرڀات جو چمڪندڙ وهائو تارو. +(1) هوندن: ڪارهن پنج = يارهن + پنج = سورهن. پرهاڻ = پوشاڪون. سينگار. نوَ + ٽي = ٻارهن. ڪيس = وار. ڪٽئين ڇڏي ڪاراڻ = ڪارا نانگ به شرم کان ڄڻ زرد ٿي ويا. +(1) گنير = هاٿي. انهيءَ جا اهڃاڻ = يعني ان سهڻي محبوب جا. +(2) شير خان: 1. ق. اونهان ارگ اگم = اصطلاحا ’ڪارا ڊگها وار‘ (؟) ڪر = ڄڻ. باني = ورن = رنگ: يعني پنهنجي چهري جي سهڻي رونق سان قمر کي به جهڪو ڪري، (يا) باني = بهاني: يعني ته اها ڳوري ڪارا ڊگها وارا ڇوڙي، انهي بهاني سان پنهنجو چنڊ جهڙو منهن لڪائي ٿي. ڇا ڇم برابر ڇم = شم (ڇم) يعني شمع سندس چشمن (ڇم) سان ڪهڙي برابري ڪندي! 2. سر سنها سالور = سر تي سنهيون سالون يا دوشالا. سسو = سسوو = چنڊ، سهه = ڪونج. سارنگ = مينگهه وارا وڄن جا تجلا، ڪارا ڪڪر، رنگين انڊلٺون، ۽ سهڻيون سبز ساوڪون. چين = آرام 3. شارق = سج. چوري چروڪو = درد دکائي. چئنچل = اصطلاحا، سهڻا نازڪ محبوب! +(1) راڄن شاهه: هستين = هاٿي. ديهي الخ = سندس بدن (ديهي) جي رونق ۽ لالائي کان وڄ (ڌم) به سمجي ويئي، ۽ موتي توڙي مينا ڪاري (مين) پنهنجو جلوه ڇڏي بس ڪري ويا. ڦور= ٽڙڻ. وڏائي، ڦسين = ڦسن. نگين = منڊي يعني ب��دشاهه جي مهر جنهن جي لڳڻ سان حڪمن جي پوري بجا آوري ٿئي. +(6) ر: تنهنجي ناهي جوت جلال چئي. ٻي روايت: ڪائي ناهي جوڙ جلال چئي. +(نوند) جي معنيٰ غالباً ’ننڊ ۾ پيل‘ اها صفت جيڪڏهن نرگس گل سان لڳائبي ته معنيٰ اها ٿيندي جا مٿي ڄاڻائي وئي آهي. ٻئي لحاظ سان اها صفت ’نين‘ يعني اکين سان به لڳائي سگهجي ٿي ۽ انهيءَ حالت ۾ ان جي معنيٰ ’نيم خواب‘ ٿيندي. +(1) ’ميون‘ تخلص سان، ٻن شاعرن جا بيت ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ موجود آهن: هڪ ميون مڱئل، جنهن جو بيت ’سر حسيني‘ داستان 9 (بمبئي ڇاپو) ۾ ڏنل آهي، جنهن ۾ شاعر جو سڄو نالو ’ميون مڱئل‘ ڏنل آهي. ٻيو سيد ميون شاهه عنايت رضوي جنهن جا ڪافي بيت سندس نالي ’عنات‘ توڙي لقب ’ميون‘ سان رسالي ۾ شامل آهن. مثلاً سندس لقب ’ميون‘ سان هيٺيون بيت سر ڌناسري ۾ ڏنل آهي ۽ سنڌ جي عام روايت ۾ پڻ ميين شاهه عنايت ڏانهن منسوب ۽ سندس نالي سان مشهور آهي: +قـــــبــا ڪـــــامـــل پير جــــــــــا مهت مـوچــــــــارا ماڳ، +ســــــــــــــاري وٺ سيـــد چئي، ونءِ وهــــــــــــــلو واڳ، +تــوکي تنين سين ڪــــيــو، سينڌو ڪنهن سڀـــاڳ، +جي اهرا پير اجهاڳ، سي من ۾ رک ميون چوي. +شاهه عنايت جي هن بيت ۾ توڙي ڪن ٻين بيتن ۾ ’ميون‘ تخلص صاف طور ڄاڻايل آهي، ۽ ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته مذڪور بيت (لار لئيندي- الخ) پڻ ميين شاهه عنايت جوئي آهي، ڇاڪاڻ ته صوفي شاعرن مان سينگار جي عنوانن تي ميين شاهه عنايت ئي پهريائين توجهه ڏنو. +(1) ڏاتو کٽي 4. ر، ’عين اکيون، پڳ پالٽو، ٻيا گن گام بروبر گبن‘ 5. ر، اچن ڪيس ڪبي نه +(1) ڄام مراد علي ر، ’سارنگ نين سج جان، وهي جئن آگم آس‘ 4. ر، لبن لال ڳتاس، ماڻڪ منهن ڳتاس 6. بنيابينون بڇئون، هيرن هار ڳتاس‘ +(1) بلوچ 3. ر. ’عشق پيچ انگن تي الخ‘ 6. ....ڪئسريا ڪڍياس‘ +(1) آهو گام = هرڻ رفتار يعني جواني سبب هلڻ ۾ ڪڏ ۽ ناز هجڻ. +(2) تنهن ٺوٺي ٺامر الخ = غالباً معنيٰ ته، تنهن محبوبه جي منهن تي بولو ۽ ڦلي (يا نٿ ۽ بولو) ائين پيا سونهن جو ڄڻ ’ٺامر‘ گل جي مٿان ’ٺوٺيءَ‘ جو گل بيٺو آهي. +(3) جنهن هئي ڄوليندي ڄام = جنهن ڄام (محب) کي ڄوليندي هئي يعين ڳوليندي هئي. +(4) دست بتي = هٿ ۾ صراحي. +(1) ڪنول ڪيس = ڪنول گل جهڙا نرم ۽ نازڪ ڪارا وار. 2. سي = سي وار. اليهر = ڪارو نانگ. +(2) گنير = هاٿي. 5. ر: ’بڌي ٻولي ٻاجهه ڀرين جي - الخ‘ 6. ر: ’قمر ڪين ڪمائيو، ويو گڏجي منجهه غبار‘ 7. يعني ته محبوب (پي) جي مٺي ٻولي سببان، تاڙا پکي (پپيهل) به محبوب لاءِ (پار = طرف) ائين بي تاب ۽ بي چين آهن جئن چڪور پکي چنڊ لاءِ بي چين آهي 8. ر: ’....اکيون مرگهه آچار‘ 11. ر: ’جوڙ انهيءَ جنسار، جانب وڌ، جلال چئي.‘ +(2) 1. ر: ’اهرين لعلين عين، قوس قزح ڪهڪار ۾‘. 2. ”ڪنب، پتافر الخ“ +(1) ر: ”شيام رنگيون رنگ بادليا الخ“ 4. ر: ’ڪوئل، ڪپيهل، آهو، گينور محب ڪيا ٿي ميس‘ +(1) سليمان 1. ر: ’بيٺي جهاڙي جهاڙ ڀر‘ 2. ر: ’تنهن جو ورن وساڙان اڳرو- الخ‘ پڻ ’جنهن جا ورن وساڙي وترا- الخ‘ 4. ر: 1. ’ڪيسان لچي ڪامڻي‘ نيچا نيڻ ڪهنگ‘ 2. قيصر لڪي ڪامڻي، نيچا نيڻ ڪرنگ‘ 5. ر: 1. زمري زينت زيب سين، ماه گهڙيو ۾ گنگ‘. 2. ر: ’تنهنجو جذبو جوڀن روپ جئن مهو گڏيا سر گنگ‘. 6 ر: ’سيڻان (يا سيڻئون) سليمان چئي، ڪر سنواريا سارنگ‘. 7. هن مصرع جي پڙهڻي غور طلب آهي، روايتون مختلف آهن. 1. ’جڏ پيٺا منجهه مهنگ، تڏ وڄون وسڻ آئيون‘. 2. ’مڪر منجهه مينگ، واري وٺيون وٺڙيون‘. +(1) هن بيت جون اهي ٻه ناقص روايتون هيٺينءَ طرح آهن، جن تي غورڪري اسان متن ۾ ممڪن صحيح پڙهڻ�� قلمبند ڪئي آهي. +1. هيٺين روايت سگهڙ منشي صالح محمد جي آهي: +تانڪر ڊنڊن پاردو ليس ٺٺيفن تاء، ڪئيل ڪونجل، الف ابڊگ سمجهه سالڪ سار، اهي سڀ اظهار، آهن جانب منجهه جلال چئي. +2. هيٺين روايتن آخوند عبدالرحيم ”وفا“ جي قلمبند ڪيل آهي: +ٿانگر ڍڍن پارڌي، لاس ٿٿيفن تان، ڪنيل ڪنجل، ارن اوڌ ڍڳ پاسري ڪٺڻ، +(1) هن بيت جون مختلف روايتون مليون آهن جن مان چار مکيه آهن: آخوند عبدالرحيم ”وفا“ جي قلمبند ڪيل روايت، سگهڙ منشي صالح محمد جي روايت، ساڪري جي سگهڙ کيئا خان جي روايت، ۽ جوهي جي سگهڙ نبي بخش خان لنڊ جي روايت. انهن چئن مکيه روايتن جي بناء تي هن بيت جو متن قائم ڪيو ويو آهي. انهن روايتن موجب مختلف مصراعن ۾ پڙهڻين جا اختلاف هن طرح آهن. 1. ر: ’ماري ڀي تنهن ماڳ تي‘ (وفا) +(1) ر: ’...، اها سرس سوا‘ (وفا)، ’سرسئون اي سواءِ‘ (صالح محمد)، ’سپ سري وٽ مور جي، ته به ليهو ڪين لڪاء‘ (کيئا) +(2) ر: هاٿي شرطون شير سان الخ‘ (وفا)، ’هاٿي شران شير جي، لوڏان ڪين لڪاءِ‘ (صالح محمد). +(3) ر: ’... بيٺو پاڻ لڄاء‘ (کيئا) +(4) ر: ’اس دن دائم دوستي، تون ايسا رنگ رچاءِ‘ (نبي بخش)، ’نس دم دائم دوست جا رچي رنگ رتاس‘ (صالح محمد)، ’نس دن دائم دوس سين رسئا رنگ رجاءِ‘ (وفا). +(5) ’جنگ سڀيئي هڪ جاءِ، هوا جانب ساڻ جلال چئي‘ (وفا)، ’اهي جنگ اٿئي سڀ جاءِ، جانب ساڻ جلال چئي‘ (نبي بخش)، ’اهي جنگ مڙيئي هڪ جاءِ، ڏٺاسين جانب منجهه جلال چئي‘ (صالح محمد)، ’اهي ٽيئي ٽول ڏٺاءِ، جانب ساڻ جلال چئي‘ (کيئا). +(1) عام روايتن ۾ مصرع 2 ۽ 3 جا پهريان اڌ هڪ ٻئي سان مٽيل آهن. مصر ع 6 جون ٻيون روايتون هن طرح آهن: 1. هڪ تنهنجو جلوو جوءِ، ٻئي جو جلوو ڇاهي جلال چئي‘ 2. ’جلوو هڪ تنهنجوءِ، ٻئي جو جلوو ڇاهي جلال چئي‘. +(1) جلال 1. ر. ’ڪونئر ڪرايين ڪاه پيرين رونق پرجي.‘ 2. ايبي تيب خريب جا، پڳ برابر پا.‘ 5. ر. منڇا ميڇا مشاهدي- الخ‘. +(1) سليمان: يعني جڏهن اهو سهڻو سڄڻ پنهنجي لال پيرن سان، رستي تي قدم کڻي ٿو. +(2) ائنگي کان = مور کان. ڪر = ڳچي. +(3) ر. ’آهو ادب ان جي پيو، ڪرمش منجهه ڪنگال‘. +(1) رو = سج. ڪنچن = سون. ماه = چنڊ. ڪنگورون = کنوڻ جي تجلي. ر. ’... وڌ جانب سر جمال‘ +(2) اهه ڪارو = ڪارو نانگ. اودي تڳي = ڪاري اونداهي رات. موءِ = وار +(3) 1. يعني ته هو جو سهڻي محبوب جي منهن مٿان (ذرا ذرا) پگهر نظر اچي ٿو تنهن ياقوتن جي چمڪ کي جهڪو ڪري ڇڏيو آهي (ياف ڪئو = زاف ڪيو = ضعيف ڪيو). +(انڙ) 1. اوهر کئون اونها پرين = يعني ته اعليٰ دماغ سپرين پنهنجي سمجهه ۽ تدبير جي گهرائيءَ ۾ سمنڊ (اوهر) کان وڌيڪ اونها آهن. 2. هرنو = هاٿيءَ جو ٻچو. هيسي = هڪجهڙو برابر 3. ميس = مڃٺ. +(ڪنڀار) هيءُ بيت غالباً اڻ پورو آهي. 1. سر کنڊ = چندن. ترني = عورت. تل = ڪارا وار. 2. ڪنجل = هاٿي. چئنچل چال = سهڻي ٽور. درس = ديدار. دل = گهڻا. +(1) دوس محمد: چيهان = چيهي پکي جي پيرن جي لالائي کان، يا چيهي گاه جي ڳاڙهي رس کان. چرن = پير پاريور پڳ پا نه = ڪبوتر جا لال پير يا ڪبوتر جي سهڻي ٽور وارا قدم (پڳ) محبوب جي سهڻي قدم جي برابر نه آهن (پا نه). 3. ڪيهر ڪٺ ڪسلان = محبوب جي باريڪ ڪمر جي مقابلي ۾ ڪيهر شينهن جي چيلهه (ڪٺ) سست (ڪسلان) يعني گهٽ آهي. 4. ڪنجل = هاٿي. چان نه = آءٌ چوان نه. 5. ديهي = محبوب جو لال سهڻو بدن. ڌم جپائي الخ = وڄن کي جهڪو ڪري ۽ پڻ شمس قمر ۽ شمعدان کي. +6 ڪم = گهٽ. ڪنچن = سون. اگن = آگ. +7 الڊهان انگ عجائب اڳرا = محبوب جا عضوا ۽ اندام (انگ) مکڻ کان (الڊهان) وڌيڪ نرم ۽ نازڪ آهن. +8 ڪيلان = ڪيلي جي ڦري کان. ڌئا دست ديا جي دان = مهرباني ۽ نوازش واري خيرات سندس هٿن کي ڌوتو ۽ چمڪايو آهي. +9 قائم ڪر = نروار. دگهي ڳچي. ويا ائنگي جا اوسان = مور جون مڙيئي وصفون ختم ٿي ويون. +10 لسان = زبان +11 رمان = ڏاڙهون +12 محبوب جي وات (دهن) ۾ جي سهڻا اڇا ڏند (دڇن) آهن تن هيرن توڙي موتين (ڏوڏر) کي حيرت ۾ وڌو. +13 سال سڀين پرين = سڀني وصفين سهڻا +15 هنڊوا = مينهن وساڙا جيت. +16 چيهون = هرڻ. چڀ = اک (محبوب جي). +17 محبوب جي ڪنڍي نڪ (نيف) طوطن (ڪئونتر) کي پنهنجو تابع ڪيو آهي، ۽ محبوب جي ڪارن وارن کي ڏسي ڪارا نانگ (اليهر) پڻ حسرت وچان افسوس ۾ آهن. +1 محبوب جي ڪارن وارن (ترنگهن) ڪارن نانگن (تليهر) کي، ۽ سندس ڪارن ڀرُن ڀونئرن کي شرمائي پگهر ۾ پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيو. +2 نيف = نڪ. ڪيل = طوطو. +3 نين = اکيون. مرگهه = هرڻ. فوڳان وڌ فوڳر = محبوب جا ڳاڙها رخسار (فوڳر) مينهن وساڙي جيت (فوڳان کان) به وڌيڪ لال آهن. +4 ارنا ات اڌر = محبوب جا چپ (اڌر) ’ارني‘ گل کان به لالائي ۾ گهڻو وڌيڪ (ات) آهن. +5 محبوب جي سهڻي وات (دهان) ۾ ڏندن (دند) کي ڏسندي (ديکيي)، موتي (ڏوڏر) به ڏري اڌ ٿي پيا. +6 انهيءَ جي ائنچر = محبوب جي مٺي گفتار. +7 سهان = سهه کان = ڪونج کان. +8 ڪيلان = ڪيلي جي ڦري کان. +9 انگشتيون = منڊيون. +10 ديهي = محبوب جو بدن. ڌم ڇپائي، = کنوڻين کي ختم ڪري. +11 سندس سنهي چيلهه جي باوجود ڪيهر شينهن کي محبوب جي باريڪ ڪمر (ڪٺ) ڪنبائي ڇڏيو، ۽ هاٿيءَ (گنير) کي ته پنهنجي هلڻ واري چال ئي وسري وئي. +12 چرن = پير. چوڙ = هڪ قسم جي ڳاڙهي ڪاٺي (يا چور = ميندي). پڳ = پير. پاريور = پاريهل پکي. +1 ڪنجل = هاٿي. قيصر = ڪيهر شينهن. چال چريا ڪئا چين = يعني هاٿي محبوب جي سهڻي ٽور (چال) چريا ڪيا ۽ ڪيهر شينهن محبوب جي باريڪ ڪمر (چين) چريا ڪيا. +2 ديهي = بدن محبوب جو. ڌم = کنوڻيون. مين = مڇي (جنهن جي ننڍي وات جي محبوب جي اڃا به ننڍڙي وات سان ڪهڙي برابري ٿي سگهي ٿي!) +3 مرگهه = هرڻ +4 سالڪ سرت = سمجهه ۾ سالڪ. سنگين = نازڪ ۽ سهڻا. +(1) ٻي روايت: ’صورت منهن محبوب جو، جامي جم ڪياس‘ اڃا به ٻي روايت: ’صورت منجهه محبوب جي، جامو جم ڪياس‘. هن مصرع جي معنيٰ ۾ ذرا مونجهارو آهي: جئن ته شاعر اڳتي به گلن جا نالا آندا آهن، انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو ته ’جامو‘ يا ’جاموجم‘ گل جو نالو آهي. ٿي سگهي ٿو ته گل جو نالو ’جام جم‘ (جمشيد جو مشهور پيالو) چيو هجي. +(2) هن مصرع جي پهرئين حصي جي هڪ روايت ۾ ”ڇا گل سورج مورتي“ آهي. ڪن روايتن ۾ ’سورتي‘ جو نالو ’سورتي‘ توڙي ’سيوتي‘ آيل آهي. +(3) هن مصرع جي ٻي روايت هن طرح آهي: ’ست برگو سير ۾، ڇا رابيل راس‘، +(4) ٻي روايت: ’جليلي، جانو چوي جو انو براني راس‘ +(1) هيءُ بيت شيخ سائينداد سندس پٽ ميان غلام حسين جي نالي سان منسوب ڪيو. ڏسو ”ٻيلاين جا ٻول“ ص ص 196-197. +2 3. بامني=(سهڻي) عورت. 4. ڪنجل = هاٿي. قيصر = شينهن: هاٿي ۽ شينهن ٻئي عاجز ٿي ڪنبڻ لڳا- هاٿي محبوب جي سهڻي لوڏ جي ملاحطي ۾ حيران ٿيو، ۽ شينهن محبوب جي باريڪ ڪمر (ڪٺ) جي مشاهدي ۾ غلطان. 5. (محبوب جي ڪارن ڊگهن وارن) ڊگهن وارن (ترنگن) آڏو تواضع پيا ڪن، (۽ ساڳيءَ طرح) محبوب جي سهڻن ڀرن پڻ ڀونئرن کي (شهه ڏيئي ڇڏي). 6. ڪرنگ = هرڻ. ڪئونتر= طوطو. ڪم پئا= گهٽ ٿيا. هن جو = ان سهڻي محبوب جو. هجاز = عجاز= اعجاز= ڪرشمو- معجزو. 7. ڪنهن ڪن= ڪنهن وٽ. قواز= قواعد = حرفت ۽ هوشياري. 8. رواز = رواجي- گهٽ. 10. سوڙهي ويا = جهٽ ڏيئي جهلي ويا. 11. حرف = ’تون هي تون‘ جو حرف جنهن جو ذڪر 12 مصرع ۾ اچي ٿو. سنڀي = سنبهي = تيار ٿي. +3 ماه = ماء = آب = حسن جي آب تاب. 5. بي با = بي بها. + + +سيد حسام الدين راشدي +منشي صاحب راءِ ”آزاد“ +(ٽالپ��ي عهد جو بي مثل شاعر) +سنڌي جي هندن، انگريزي عهد کان پوءِ، سنڌي زبان جي ادب ۾ بهرو ورتو، ورنه اُن کان پهريون، مغليه دور کان وٺي ٽالپري عهد تائين، سندن پيدا ڪيل سمورو علمي سرمايو فارسي زبان ۾ آهي. فارسي زبان جو چونڪ دربار خواه دفتر تي قبضو هو، تنهن ڪري هندو صاحبن کان ابتدا ۾ ته ملڪي رواج ۽ روزگار جي ضرورت ماتحت سکيو، ليڪن اڳتي هلي ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪيائون، جو منجهن سوين صاحب طرز اديب، ۽ اهل قلم پيدا ٿيا، جن جي نالي کڻڻ کان سواءِ سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ مڪمل ٿيڻ ناممڪن آهي. ترخاني دور، مغل عهد، ڪلهوڙن جي راڄ ۽ ميرن جي صاحبيءَ تائين، اسان کي هونءَ ته هر دور ۾ هندو اديبن جا نالا نظر اچن ٿا، ليڪن پوين ٻن حڪمران گهراڻن جي زماني ۾ ڪثرت سان، سنڌ جي فارسي ادبيات ۾، سندن آثار ملن ٿا. ڪلهوڙن جي راڄ ۾ ڪئين هندو شاعر ۽ مصنف ٿيا، انشانويس به چڱا چڱا پيدا ٿيا، ليڪن سندن حقيقي علمي جوهر، ٽالپري دور ۾ کليا. ٽالپري عهد ۾، فارسي شعر و سخن طرف دربار جو خاص لاڙو هو، تاجوَرَ پاڻ به فارسيءَ جا شاعر هئا، ۽ سندن دربار ۾ اديبن، سخنورن ۽ مصنفن جي سرپرستي به ڪشاده دليءَ سان ڪئي ويندي هئي، تنهن ڪري سنڌ جي مسلمانن سان گڏ هندو به انهيءَ ڏس ۾ اڳري کان اڳرو حصو ورتو. +ٽالپري دور ۾، هندو شاعرن جو سرخيل، منشي صاحب راءِ ”آزاد“ هو، جنهن جو ذڪر اسان هن صحبت ۾ ڪرڻ گهرون ٿا. +”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جو مصنف، ڀيرو مل مهرچند، لکي ٿو ته ’ملڪاڻي خاندان جا وڏا اصل جيسلمير کان سنڌ ۾ آيا ۽ ساهتيء ۾ اچي رهيا، جتان پوءِ ميرن جي زماني ۾ لڏي اچي حيدرآباد ۾ ويٺا، حيدرآباد جي ملڪاڻي گهٽي، اڄ تائين انهيءَ گهراڻي جي سڪونت جو يادگار آهي. اهو گهراڻو ٻن نکن ۾ وراهيل آهي، هڪ ”روڙا“ ۽ ٻيو ”درڙي“. آخري نک واري مان منشي صاحب راءِ هو، انهيءَ خاندان جو ڏاڏو ملڪ مل هو، جنهن جي نسبت ڪري اڳتي هلي ”ملڪاڻي گهراڻو“ مشهور ٿيو. +خاندان جي بانيءَ، ملڪ مل کي هڪ پٽ آڏومل ٿيو، جنهن کي چارپٽ ٿيا: گوپالداس، گدومل، سڀاچند ۽ سيئومل. وڏي پٽ گوپالداس کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ موهنداس ۽ ٻيو مولچند. منشي صاحب راءِ ”آزاد“، ديوان موهن داس جو پٽ هو. +ڀيرومل مهرچند، انهيءَ سلسلي ۾، هڪ ٻي روايت به لکي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته منشي صاحب راءِ، موهنداس جو نه بلڪ حقيقت ۾ ديوان نئين سنگ جو نينگر هو، جيڪو صاحب رامچنداڻين جي وڏي ڏاڏي ديوان رمچند جو پٽ هو. ديوان نئين سنگ، ملڪاڻين مان ديوان موهنداس جي نياڻي پرڻيو، جنهن مان صاحب راءِ ”آزاد“ پيدا ٿيو. ديوان موهنداس کي نرينو اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري هن پنهنجي ڏوهٽي کي ديوان نئين سنگ کان وٺي پاليو ۽ کيس منهن چيو پٽ ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري ديوان صاحب راءِ، اصل رامچنداڻي هوندي به ملڪاڻي مشهور ٿيو، ۽ نئين سنگ جي بجاءِ موهنداس جو پٽ ٿي مشهور ٿيو. +صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي (وفات سنه 1244هه) ۽ مير مراد علي (وفات سنه 1249هه) جي زماني ۾، ٽالپري حڪومت جو مالي وزير هو. سندس گهراڻو، ذي عزت عاملن ۾ شمار ٿيندو هو ،۽ اقتدار جي ڪري به انهيءَ گهراڻي جو ملڪ تي وڏو اثر رسوخ هو. منشي صاحب جو پٽ، منشي آوتراءِ ملڪاڻي، مير صوبدار خان (وفات 1262هه) جو مالي وزير ٿيو. سر چارلس نيپيئر جنهن وقت سنڌ فتح ڪئي، ان وقت ميرن جي خزاني جون ڪنجيون منشي آوتراءِ وٽ هيون. ڀيرومل لکي ٿو ته ’سرچارلس پاڻ ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو، تاڪ منشيءَ کان وڃي خزاني جون چاٻيون وٺي ۽ لڪل ٽجوڙين جو نشان پتو حاصل ڪري، ليڪن سر چارلس کي هن وفادار ملازم خزاني جو واءُ به لڳڻ نه ڏنو.‘ ان وقت (1843ع) منشي آوتراءِ جي عمر 31 ورهيه هئي. +ميرن جو، منشي آوتراءِ تي ايڏو اعتماد ۽ ايترو آر هوندو هو، جو حويليءَ جي دروازي تائين جتي نر پکيءَ کي به پهچڻ جي مجال نه هئي، کيس وڃڻ جي اجازت هئي، ٽالپري محلسراءِ جا مالي معاملات به سندس ئي سپرد هوندا هئا. +مير، جڏهن قلعي مان نڪري، گدو بندر واري بنگلي ۾ وڃي نظر بند ٿيا، ان وقت منشي آوتراءِ کي انگريزن حويليءَ تي موڪليو، جنهن پنهنجي ملڪن جي رسم و رواج ۽ قاعدي قانون مطابق پرده داريءَ جو انتظام ڪري، ڏولين جي ذريعي، ديرن کي قلعي مان ڪڍي، گدوءَ پهچايو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته منشيءَ، سڀ کان پهريون لڪ چوريءَ ۾، انهن ڏولين جي ذريعي خزانو ڪڍرائي، ميرن ڏانهن موڪليو، ۽ ان کان پوءِ ديرن کي سوار ڪرايائين. +منشي آوتراءِ کي سرچارلس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکڻ گهريو، ليڪن هن انڪار ڪندي چيو ته ’مان پنهنجي مالڪن کي ڇڏي ڪين سگهندس‘. منشي صاحب سنسڪرت جو وڏو عالم هو. سندس اولاد، انگريزن جي زماني ۾ به وڏي وقار ۽ عزت سان رهيو، منشي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا: ديوان چيتن رام وڪيل ۽ گوبند بخش(1). منشي آوتراءِ، پنهنجون ياداشتون، ديوان چانڊومل ٿڌاڻيءَ کي لکرايون، جيڪي سنڌ جا مير“ جي عنوان سان 1938ع ۾ شايع ٿي چڪيون آهن، ميرن جي تاريخ جا ان ۾ دلچسپ ۽ چشم ديد واقعا ڏاڍي سهڻي نموني آيل آهن. +منشي صاحب راءِ ”آزاد“، مير ڪرم علي خان جي زماني ۾، نه فقط مالي وزير هو، بلڪ مير صاحب جو صاحب خاص ۽ سندس ديوان انشا جو ناظم به هو. هو فارسيءَ جو جيد عالم ۽ انهيءَ دور جو بي مثل قادر الڪلام شاعر هو. معاصر شاعرن سان سندس خاص دوستي هوندي هئي. مخدوم نورمحمد بوبڪائي، غلام علي ”مائل“، صابر علي شاهه ”صابر“، ولي محمد خان ”ولي“ وغيره سندس خاص سنگتي هوندا هئا، ۽ هڪ ٻئي جي تتبع تي شعر چوندا هئا، ”محڪ خسرويءَ“ ۾ گهڻو ڪري انهن جا هم طرح غزل جمع ٿيل آهن. +مير حسين الحسيني شيرازيءَ، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي نالي تي پنهنجو تذڪرو ”زبدة المعاصرين“ 1240 هه ۾ لکي معنون ڪيو: ان ۾ مصنف پنهنجي معاصرن جي شعرن جو انتخاب ڏنو آهي، ۽ ديباچي ۾ انهن شاعرن جو مختصر حال به قلمبند ڪيو اٿائين. سنڌ جي فقط چند شاعرن کي هن ورتو آهي، جن مان هڪ منشي صاحب به آهي، چنانچه هيءُ ايراني النسل ۽ زبان دان نقاد جيڪي لکي ٿو، اهو منشي صاحب جي شاعرانه عظمت لاءِ بي مثل دليل آهي. لکي ٿو: +”منشي صاحب راءِ آزاد، اصلش هندو مي باشد، ومنشيءَ سر کاران شوڪتمنداران مير کرم علي خان و مير مراد علي خان ميباشد، و شصت و پنج سال از عمر او گذشته، ودرسخنوري عديل و نظير خود ندارد، ودرميان هندو هيچ کس متصف به اين صفت نيست، و ساکن حيدرآباد سند است.“ +هڪ ايرانيءَ جي قلم مان اهو نڪرڻ ته ”در سخنوري عديل و نظير خود ندارد“، هڪ ايڏو وڏو سرٽيفڪيٽ آهي، جيڪو ڪنهن به ٻئي هندوستاني شاعر کي مشڪل مليو هوندو، ورنه ايرانين جو عام دستور آهي ته ايران کان ٻاهر جي جنهن شاعر کي پسند ڪندا آهن ته اڪثر فقط ايترو لکي ڇڏيندا آهن ته ”در پوچ گويان هند غنيمت است“! +انهيءَ تذڪري جو صاحب، منشي صاحب کان ايترو متاثر نظر اچي ٿو، جو انتخاب جي عنوانن ۾ مير عظيم الدين جهڙي شاعر جو فقط نالو لکي ٿو، ۽ هن لاءِ لکي ٿو ته ”من کلام دولت دستگاه منشي صاحب راءِ آزاد“. اها عنوان طرازي غالباً هن ڪري به آهي جو منشي صاحب مالي وزير هو، ۽ ٽالپرن جي ”ڏيڻ وٺڻ“ جون هنڊيون سندس معرفت ڀربيون هيون، ۽ اها ��شش هڪ ايراني مسافر لاءِ ڪا گهٽ ڪانه هوندي! مير حسينيءَ جي هن اقتباس مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته 1240هه (1824ع) ۾، منشي صاحب جي عمر 65 ورهيه هئي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سندس تولد 1175هه (1761ع) ڌاري ٿيو هوندو، ۽ 1240 هه کان پوءِ 65 ورهين جي طبعي عمر کي پهچي ستت ئي انتقال ڪيو هوندائين. +منشي صاحب پرگو شاعر هو. سندس ديوان به مرتب ٿيو هو، جيڪو ممڪن آهي ته سندس پڙ پوٽي مسٽر لوڪو مل جي نادر ذخيري ۾ موجود هجي. اسان هتي جيڪي غزل پيش ڪيون ٿا سي ”مجموعه دلڪشا“، ”زبدة المعاصرين“ ۽ ”محڪ خسرويءَ(1)“ تان ورتل آهن، ”محڪ“ ۾ سندس 43 غزل آهن، ۽ ”مجموعه دلڪشا“ ۾ هڪ قصيدو ۽ چند شعر ڏنل آهن، هڪ غزل ”زبدة المعاصرين“ ۾ آيل آهي، ڪي منتشر اشعار متفرقه بياضن تان به مليا آهن. +مضمون طويل ٿي ويو آهي، تنهن ڪري منشي صاحب جي شاعريءَ تي اسان بحث ڪرڻ نٿا گهرون: پڙهندڙن جي پنهنجي مزاق سليم ۽ سخن فهميءَ تي انهيءَ معاملي کي ڇڏيون ٿا. +منشي صاحب راءِ ”آزاد“ جو فارسي شعر +وه چه پر نور است يا رب روي رخشان شما! شد خجل خورشيد پيش ماه تابان شما(2) چون نه باشد خاطرم آشفته کاندر خواب شب، ديده ام من بارها زلف پريشان شما، تا ز روي لطف بربندي بفتراک سمند، سر بکف استاده ام در راه جولان شما، ماه يا آئينه خوانم يا شعاع آفتاب، يا فروزان آتشي يا روي تابان شما، مطلع خورشيد گويم يا تجلي گاه حسن، شعشعه انوار يا چاک گريبان شما، اي بصيرت پيشگان زين هردو به باشد کدام، خاک راه دوست يا کحل صفاهان شما! بر اميد آنکه روزي رو بميدان آوري، همچو گو افگنداه ام سررا بچوگان شما(1)، زلف را فرما کره باما از رسن سازد مدد، تا کشم بيرون دل از چاهه زنخدان شما، خود بده انصاف تا بهتر کدام است اي فلک، چشم اشک افشان ما يا ابر نيسان شما! مي کني سودا اگر با ما بجان يکبوسه اي، سود من خواهد شدن هم نيست نقصان شما، +بر سر ”آزاد“ آمد، درد مندش ديد، گفت، غم مخور کاندر لب ما، هست درمان شما. +الاهي نوبهار لطف معنيٰ کن زبانم را، گل افشان ساز شاخ خامهء رنگين بيانم را! زبس محو خيال رنگ و بوي گلرخان گشتم، ببال نالهء بلبل به بنديد آشيانم را، نميدانم که مي ريزد نمک بر ريش ناسورم، که لب برلب نمي آيد سر زخم نهانم را، کدامي شوخ برگرد سرم گرديد، حيرانم، که دل چون مرغ بسمل مي طپد دربر روانم را! بتي نازک دماغ من که بوي گل نمي تابد، کجا تاب آورد يا رب شر و شور و فغانم را! چه باک از کوه سنگين گناه من که عفو او، بدست مرحمت بر دارد اين بار گرانم را! +هماي بخت چون ”آزاد“ برمن سايه اندازد، پسندد گرسگ کوي تو جانان استخوانم را. +قدت را نخليء جان آفريدند، لبت را آب حيوان آفريدن، زدل آشفتگيها جمع کردند، سر زلف پريشان آفريند، خط پشت لبت را هم چو طوطي، بگرد شکرستان آفريدند، سرم را برسر کوري تو جانان، ميان خاک غلطان آفريدند، فلک فرمانبر راي تو باشد، قضا مشتاق ايماي تو باشد، ميان بسته به گلشن سرو آزاد، غلام قد رعناي تو باشد، به ابرويت چه نسبت ماه نو را، که کم از ناخن پاي تو باشد! بخوبي طاق باشد گر مه نو، کجا چون ناخن پاي تو باشد! بچشم من نشين در موسم گرم، که اين خسخانه خوش جاي تو باشد، سيه چشمان عالم جمله يکسر، فداي چسم شهلاي تو باشد، به بستان همچو نرگس چشم بر ره، گل از بهر تماشاي تو باشد، سخن شيرين طرازد گرچه طوطي، نه چون لعل سکرخاي تو باشد، شهنشاها عظيما کامگارا، فلک محکوم ايماي تو باشد(1)! زتشريف دو عالم هر چه بهتر، مهيا بهر بالاي تو باشد، +نوازش را سزاوار است ”آزاد“، که نيکو مدح آراي تو باشد. +ترا بکشتن من گر سر رضا بخشند، مرا چه بهتر ازين حسن مدعا بخشند! بجاي قطره فرو بارد ابر نافهء مشک، اگر شميم ز زلف تو با هوا بخشند، چه مدعا ست اگر يکشبي برم به وصال، مرا بيار من و ياررا بما بخشند! نباشدش هدف جز نشانهء دل مان، اگر کمان ترا تير بي خطا بخشند، بپاي يار زنم بوسه هر زمان گستاخ، چو زلف او اگرم طالع رسا بخشند، +شوي مصاحب آئينه طلعنان ”آزاد“ ز صدق عشق گرت طالع رسا بخشند. +فتنهء چشم او چه سر دارد، عالمي پر ز شور و شر دارد! زلف مشکين عنبر افشانش، روز در جيب و شب بسر درد، گل چه لافد بنازک اندامي، کز رخش خار در جگر دارد، نگه شوخ آن بت طناز، بر دلم حکم نيشتر دار، خط سبزه بفتنه انگيزي، ....................................................... کمر دارد، عنچهء گل گرد نالهء بلبل، گرميءَ عاشقان اثر دارد، نه آورد هيچ ياد کبک دري، لطف رفتار که آن پسر دارد، باز آمد بهارد سبزه دميد، حسن گل نشهء دگر دارد. +چو نازنين من آيد به آن ناز دگر، به آن آن فزايد مرا نياز دگر، نکرد فکر دقيق مدققان خيال، ميان مو و ميان تو امتياز دگر، متاع جان و دل ما ربود يک نگهت، بترک چشم مفرما تو ترکتاز دگر، به رازداريءَ شيرين است تازه جان پرويز، ولي بکوهکنش هست ذوق راز د گر (؟)، بجز تطاول زلفت ز بخت کوتاهم، نمي رود به لبم شکوهء دراز دگر، تو شمع جمع جمالي مرا چو پروانه، ببزم عيش تو دادند سوز و ساز دگر، منم بمهر تو جانان علم بعالم عشق، بخوان تو قصهء محمود آن اياز دگر، +گشيد طوق غلامي بگردن ”آزاد“، چو قامتت نبود سرو سرفراز دگر. +بگشن آمد آن مه چهره گل پوش، ز بلبل کرد ياد گل فراموش، کشد در بند تا صيد حرم را، ز گيسو کرده مشکين دام بردوش، کنڊ صد جان شرين را نشارش، اگر فرهاد بيند آن لب نوش، کنم آه از تهي آغوشيء خود، چوبينم هاله رام مه اندر آغوش، محال ست اين که خيزد تادم صور، دلي کز چشم مستش گشت مدهوش، کشد گر صورتش ماني ز حيرت، بماند چون لب تصوير خاموش، به بيند گر مه نو ناخنش را، کشد همچون غلام مان حلقه در گوش، +ترا ”آزاد“ وصل ماه رويان، ميسر کي سوڊ، بيهوده کم کوش! +دل نهادن بوفاي تو غلط بود غلط، بيدماغي بجفاي تو غلط بود غلط، بر دل زار همه درد بدرد افزون، بتمناي دواي تو غلط بود غلط، آن جفاها که کشيدم زغمت از سر شوق، در ره عشق براي تو غلط بود غلط، دامن افشان ز غبارم گذري زان سر کو، خاک گشتن بهواي تو غلط بود غلط، تشنه مردن بدرت وزلب جان پرور تو، جستن آب بقاي تو غلط بود غلط، بسملم کرده زخالم نگرفتن خبري، جان سپردن برضاي تو غلط بود غلط، چشم بد دور که چشم نظرم نظرم زان سر چشم، چشم کردن ز وفاي تو غلط بود غلط، +جز برخسار تو ”آزاد“ بهر سوکه کشاد، چشم اميد واري تو غلط بود غلط. +اي بي تو حرام در چمن حظ، بي روي تو نيست از سمن حظ، شيرين نبود حديث قندش، برد انکه ازان شکر دهن حظ، اي سوخته همچو خون بخاطر، بي لعل تو لعل دريمن خط، جان دريدنم در گريبان، تا يافته قبا ازان بدن حظ، بي نافه زلف عنبرينت، از عين خطاست در ختن خظ، آورده ز سنگ نقش شرين، زان يافت ز تيشه کوهکن حظ، يا رب چه رسا ست بخت زلفن، کز بوسه برد ازان ذقن حظ، زان دير بر آيد از دهانت، کز لعل تو يافته سخن حظ، +پروانه صفت بشمع رويت، ”آزاد“ برد ز سوختن حظ. +تيغ بازيءَ ابروي خم دار ما دانيم و دل، نيزه داريهاي چشم يار ما دانيم و دل، هر زمان در خرمن جانم شراري مي زند، شعله کاري آه آتشبار ما دانيم و دل، بهر سامان نشار مقدم ميمون يار، درفشاني چشم گوهر بار ما دانيم و دل، از ره لطف نهاني مخفي از چشم حسود، دلنوازي هاي آن دلدار ما دانيم و دل، دم بدم از کاوش مزگانت اي گل پيرهن، خار خار سينئه افگار ما دانيم و دل، گفته بيزارم.................................... اي دلربا، گرشدي اذکار دل بيزارما دانيم و دل(؟)، دل زمن بردي و کردي با من و دل بارها، آن چه در جور و جفا تکرارما دانيم و دل، دوش در حرف رقيبان کار من ميکرد راست، خوبيء اين بر غلط گفتار ما دانيم و دل، از خدنگ او کدامي دل که او پر خون نشد، تيزيء آن غمزهء خونخوار ما دانيم و دل، خوبيء گل را شناسا نيست جز بلبل کسي، جلوهء انوار آن رخسار ما دانيم و دل، +قدر جوهر جوهري داند نداند ديگري، عشق را اين گرميء بازارما دانيم و دل. +آن حلقهء زلف تر روئي تو جانان در بغل، دادند دور هاله را ماه درخشان در بغل، نازيم اعجاز ترا کز دور خط مشک سا، دادي شب يلداي راخورشيد تابان در بغل، نبود عجب ساز دکنون کزخانهء مردم زبون، اشک مراکز موج خون جوشيد طوفان در بغل، خواهم کنم سر را چوگو بازيچئه ميدان او، آن شوخ طفل شرخوگيرد چوچوگان در بغل، اي لال روي سيم تن تارفته اي از پيش من، جان کشته عاجز دربدن دل مانده حيراندر بغل، کي عاشق روايت بتا گردد به بستان ره گرا، باشد گل روي ترا صد باغ رضوان در بغل، هردم خلد خارد بجان کز تير آن ابرو کمان، چون غنچه دارم من نهان يکمشت پيکان در بغل، شب بود احوال تو چون دربزم غير اي مه کنون، مست آمدي آشفته کان زلف پريشان در بغل(؟) هر دم ز اشک همچو در آرم بدامنها گهر، دارم ز فيض چشم تر صد ابرنيسان در بغل، پرواي جان دارم کجا صدره کنم بر تو فدا، يکدم گر از مهر و وفا باشي تو جانان در بغل، +تا اي بت شيرين سخن با غير گشتي هم سخن، ”آزاد“ رفت از انجمن صد داغ حرمان در بغل. +آمدم ياران بجان از دست دل، ميزنم هردم فغان از دست دل، بارهاي ناله مي بندم ز غم، کاروان در کاروان از دست دل، هردم از مزگان چسم پر فنش، ميخورم تيغ و سنان از دست دل، غم مخور اي جان کي هدر ميدان عشق، ميمبرم اينک عنان از دست دل، زين دو چشم خون فشان راز دلم، پيش مردم شد عيان از دست دل، خوش مصاحب بود عقل و جان مرا، رفت يک يک اين زمان از دست دل، شد بکام دشمنان جانم ضعيف، از کدامي دوستان از دست دل، گشت در بيماريء عشق تو جان، همچو چشمت ناتوان از دست دل، بي توهر شب نالهء من ميرود، تا سحر بر آسمان از دست دل، در کشا کشهاي زلف و کا کلش، جان فگندم درميان از دست دل، زار مي نالم برنگ عندليب، با هزاران داستان از دست دل، دل بسوي محملش من چون جرس، درپس افغان زنان از دست دل، آن چه با ما کرد با صدق ويقين، کي مرا بود اين گمان از دست دل، +ذره وار ”آزاد“ مي غلطد بخاک، اي مه نا مهربان از دست دل. +مرا که دل بخم زلف عنبرين دارم، چه حاجت است که پرواي مشک چين دارم! شراب و شاهد آب روان و گل بچمن، حرام گر هوس جنت برين دارم، زخندهء لب و چين جبين آن گلرو، پيء حرارت دل سرکه انگبين دارم، صبا بخدمت يعقوب از زليخا گو، دگر مپرس ز يوسف که من همين دارم، ز نوبهار رخ او که گلشن جانهاست، چمن چمن گل و نسربن و ياسمين دارم، فروغ بخت من امروز رشک خورشيد است، که بر مراد دل آن ماه همنشين دارم، +بناله همدم قمري و بلبلم ”آزاد“، مگر بدل هوس، سرو گل جبين دارم، +جانم از درد بجانست بجان تو قسم، هم آنم زغمت زار به آن تو قسم، قامت از جلوه بر افراختن خوبان را، علم ناز نگون گشت بشان تو قسم، همه داري و نه داري بمن اي ماه زمهر، ذرهء لطف بخورسيد رخان تو قسم، من نگفتم که دهان تو بود هيچ زهيچ، هست شکل سر موي بميان تو قسم، نيست امروز درين عرصه کسي از خوبان، هم عنان تو نگارا بغان تو قسم، در چمن قمري و بلبل شده حيران بي تو، گلعذارا بسر سرو چمان تو قسم، مير سد راست ز ابروي تو تير مزه ات، بر دل و جان بسر تير و کمان تو قسم، اين زمان سر بخط بندگيت بنهادند، سر فرازان زمانه بزمان تو قسم، +بدگماني مکن اي دوست که ”آزاد“ صفت، بيقين بنده امت من بگمان تو قسم. +ندارد جز جفا کاري دل آزاري که من دارم، نمي ورزد وفا گاهي جفا کاري که من دارم، بخا کم مينشاند چون هدف از تير مزگانها، نشان نه دهد کسي زنشان کمانداري که من دارم، ندارد ياد جان کوهکن کاه از غم شيرين، زجور خسرو خوبان بدل باري که من دارم، بغارت برد دل را مير سدا کنون بقصد جان، جفاجو تندخوياري ستمگاري که من دارم، دلم از قيد زلف اونمي خواهد رهائي را، چه الفتها ست بادامش گرفتاري که من دارم، اگر بختم کند ياري بتو روشن کنم روزي، ز ظلم زلف شبرنگت شب نگت شب تاري که من دارم، بيازم سر بکار عشق او ز انسان که کس هر گز، نخوهد داشت باغشقش سروکاري که من دارم، +بتا از حد مبر درد دل ”آزاد“ مسکين را، حذر کن از تف آه شرر باري که من دارم. +در رخ جانان جمالي ديده ام، حسن در حد کمالي ديده ام، شب بزانوي تو خواب آمد مرا، يا بخواب اندر خيالي ديده ام، کوهکن آسا بجان کندن خوشم، دلبر شيرين مقالي ديده ام، .................................................................................. ز ابروي جانان هلالي ديده ام، کاکلت را مشک چين گفتم ولي، زين خطا بس انفعالي ديده ام، بسکه کاهيد از غم بدر رخت، ماه نو را چون هلالي ديده ام، زلف تو شام فراق عاشقان، روي تو صبح وصالي ديده ام، +بر سر ”آزاد“ از روي کرم، مهرباني را کمالي ديده ام. +ز لعل تو نوش شکر مي برم، شکر چيست ذوق دگر ميبرم! دهانش بود هيچ بل کم ز هيچ، خيال رخ صندلين رنگ او، علاج از پيء درد سر ميبرم، پريشانيء کاکلش ديده ام، بجمعيت دل خبر ميبرم، بسوداي زلف تو عمر دراز، به آ شفتگيها بسر ميبر، بدامن در افگنده طفل سر شک، يتيمانه اش در بدر ميبرم، صبا هم بکويت نيارد گذشت، عبث منت نامه بز ميبرم، بهر حيله گر بخت ياري کند، رقيب از در او بدر ميبرم، چو بکشايد از قوس ابرو خدنگ، من از سينه پيش سپر ميبرم، +چو ”آزاد“ صد آرزو ها بدل، بخود اد راه سفر ميبرم. +ز تشريف تو گر خبر داشتم، گل و لاله در راه ميکاشتم(1) عجب نرگست مردم آزاد بود، منش هر زه بيمار پنداشتم، خيالت کا چشم بدش کم رساد، ز مردم بديده نهان داشتم، بمن ذرهء ماه مهرت نبود، غلط من وفادارت انگاشتم، بوصف قدت کار بالا کشيد، قلم را علم چون برافراشتم، +چو ”آزاد“ در نامه شرح غمت، بخون دل و ديده بنگاشتم. +غم نامهء خود را سوي جانان چه فرستم! اين حرف پريشان بسخندان چه فرستم! احوال دل زار بزلفش ننويسم، پيغام پريشان بپريشان چه فرستم! بيتابيءدل را نه کنم عرض بجورش، ديوانه نيم، قطره بطوفان ه فرستم! از دل ننويسم رقم شکوه بجانان، کيفيت موري بسليمان چه فرستم! دل طاقت ايماي نگاهش چوندارد، بازش بصف خنجر مزگان چه فرستم! +مهمان عزيز ست غمش در دل ”آزاد“، جان نزل حقيرست بمهمان چه فرستم! +اي تسرا در سخن گهر معلوم، وزلبت ريزمش شکر معلوم! جز جمال رخت نظر نکمنم، تا بود نور در نظر معلوم، گشتم از گکر همچو موباريک، از ميانت نشد خبر معلوم، شبنم از گريه يافت مسند گل، گتشت اقبال چشم تر معلوم، نسبت او بود بموهومات، از دهانش نه شد دگر معلوم، پسر برهمن ربود دلم، که ز پردش بود ثمر معلوم(؟) +هست ”آزاد“ را ز دولت او، روي چون زرو ليک زر معلوم. +گلرخي، غنچه لبي، مو کمري، بهتر ازين، ديدهء دهر نديده دگري بهتر ازين، به تماشاي جمالت شده لبريز نشاط، حاصل ديده نباشد نطري بهتر ازين، غير خون خوردن بيمار غمت نتست مگر، چشم فتان ترا خود هنري بهتر ازين، نامهء درد نوشتم مددي آه رسا، که نداريم دگر نامه بري بهتر ازين، دوش در يارگه بزم تو اي ماه مرا، بار دادند و ليکن قدري بهتر ازين، گل بسر، شيشه ببر، جام بلب، چنگ بکف، نيست ميخواره بت سيمبري بهتر ازين، قاصد از مرگ رقيبان تو ام داد نويد، خير مقدم نبود خوش خبري بهتر ازين، سر ما خاک رد کوي بتان گشت کنون، بفداي تو بياريم سري بهتر ازين، ديده بانان قفس در بکشايند مرا، تا بشوقش بزنم پال وپري بهتر ازين، شاهه ما مير زامان کرم علي خان ست دلير، که نباشد بجهان تاجوري بهتر ازين، +نطم ”آزاد“ چه در سفت بسلک سر کلک، صدف شعر ندارد گهري بهتر ازين.“ +اي طرهء تو خم خم و گيسو شکن شکن، در هر شکن اسير دل صد چو من چو من، شرمنده از عذار تو گلها چمن چمن، شيواي آهوي تو غزالان ختن ختن، اي شب ندانمت که چه دلها شکسته در مجلس تو بود صداي شکن شکن، در شام غربت خم زلفت دلم چو ديد، صبح صفاي روي تو، گفتا وطن وطن، از فيض چشم تر مزگاهء اشکبار من، افشاند بر قدوم تو درها عدن عدن، گفتي زکواة آن لب شيرين دهم دو بوس، من مستحق زار ضعيفم بمن بمن! در سوز و ساز ماتم پروانه تا سحر، شمع از جگر گريسته خون شب لگن لگن(؟) درتلخيء فراق تو ناهي ز ذوق وصل، نشنيده ايم زان لب شرين سخن سخن، بر روي غير چون برخ من نظر کن،ي بهر خدا که چين بجبينت مزن مزن، +”آزاد“ واقفي که دل يار نازکست، مهر سکوت بردهن خود بزن بزن. +يار با اغيار شد، آثار ياري را بيبن! دشمن جان گشت شرط دوستداري را بين! دل درون سينه مي رقصد ز شوق بسملي، برسر تيغ تو جانان جان نثاري را بين! کا مگار ملک خوبي دلبر خود کام من، کام من نادادن ناز کامگاري را بين! زار ناليدم ز دردش سخت جان آزاد شد، در دا چون سنگ او تاثير زاري را بيبن! برسر کويت رقيبان شرمسارم کرده اندر، شرم دار آخر زمن اين شرمساري را بين! +گر کند ”آزاد“ فرياد از غمت زجرش مگن، ضعف طاقت را نگه کن، درد ياري را بيبن! +از کرم شد يار يار من بمن، کرد ياري روزگار من بمن، زارتر کرد ست کارزار دل، گريه هاي زار زار من بمن، برخلاف دشمنان اي دوستان، دوستدرو دوستدار من بمن، اختياري راز پوشيدن نداد، گريهء بي اختيار من بمن، شد ز شاز بخت سازنده کنون، داد سرو گلعذار من بمن، ناله چون بلبل فغان چون عندليب، سازد از ما سازگار من بمن، ميکند صد تيغ بازي ازنگهه، چشم ترک دل شکار من بمن، ناگواره کرد هجر او چو مرگ، اين حيات خوشگوار من بمن، +باز چون ”آزاد“ غمخواري نمود، ببويت همچو ”آزاد“ ت هزاران. +بلبت که خوش نباشد بلبم شراب بي تو، بغمت که شد دل ماز غمت کباب بي تو، بنگر به لاله و گل که ستاده اند حيران، بچمن پياله بر کف ز شراب ناب بي تو، زسر کرامت اي گل نظري بجان بلبل، که فگنده سور و غلغل بدل خراب بي تو، چه کشي مي مروق برخ رقيب شادان، چو مرا نيابد از غم به گلو خوش آب بي تو، تو بيا که زنده مانم زغمت و گر نه جانم، بلب آمد روانم ز سر شتاب بي تو، دل عندليب نالان چه کندکه خون نگريد، که گل از غم تو گشته هم تن گالب بي تو، چه کنم بشام هجرت سرو برگ شادماني، که نمک بديده ريزد شب ماهتاب بي تو، +دل مستمند ”آز��د“ بخدا که بازيابي، که کشيد از فراقت غم بي حسبا بي تو. +عمرم سر آمد در مهرات اي ماه، تشتي نه يکدم از حالم آگاه، استاده خضر است بر آب حيوان، بر لعل جان بخش آن خط دلخواه، دل غافلانه سوي زنخ رفت، يا رب نگه دار مستي است بر چاه! گيرم که شمشاد ماند بقدت، گو حسن رفتار گو روي چون ماه، رفتند بپايت هر لحظه جانان، عذري کي دارد آن زلف دلخواه! +شرح غم يار ”آزاد“ عاشق، پايان ندارد اين قصه کوتاه. +اي که شمشير بکف تاختهء، يعني چه! طرح جورو ستم انداختهء، يعني چه! راست با جمله جهان ساختهء، يعني چه! کجک جور بما آختهء، يعني چه! در صف سروقدان با قد رعنا چوسهي، علم ناز برافراختهء، يعني چه! بي ثباتي گنه اي شوخ بقتل من زار، تيغ ابرو ز ميان آختهء، يعني چه! +بار دل بردن ”آزاد“ بطرز ’حافظ‘، مست خانه برون باختهء، يعني چه! +دل را ربود دلبر شنگي که واه واه! رنگ رخم بريخت برنگي که واه واه! بکشاد چين و زلف خود آن کافر خطا، در چشم وانمود فرنگي که واه واه! سرمست نيم خواب بکف ساغر شراب، بر لب نهاده گوشهء جنگي که واه واه! لعلش به نيم بوسه بمن کرد آشتي، چشمش ز فتنه خواست بجنگي که واه واه! در دل نشسته تير تو نازم ز شست تو، کافگنده بر نشانه خدنگي که واه واه! ز ابرو کشيد تيغ بتاراج ملک دل، گشته سوار بر سر خيلي که واه واه! +”آزاد“ از حوادث دوران شهنشها، در دامن تو برزده چنگي که واه واه! +زد طعنه رخ وزلف توبر سنبل ولاله، چشم تو گرفت آهوي بر چشم غزاله، يا رب نه دهي صبح سبي راکه دهد دست، صهباي دوساله صنم چارده ساله، خط نيست بروي چو مهت کزبن خونم، آورد برون شاهد حسن تو قباله، از سرمهء چشم تو برم پيش که فرياد، خون کرده دلم بسته برويم درناله، +”آزاد“ چه تدبير کين در خم زلفش، کن کار دل خويش بتقدير حواله. +تا لعل شکر ريز تو جانان بگفتار آمده، شيرين لبان از حسرتش در رنج تيمار آمده، تا اي عزيز مصر جان رويت زبرقع شدعيان، يوسف زجان نقد روان برکف خريدار آمده، يا آنکه از اعجاز لب باشي مسيعا بواالعجب، چشم تو اندر روزو شب بعر چه بيمار آمده، اي لاله رو، نسرين بدن، تارو نمودي درچمن، گل چاک کرده پيرهن بلبل زگفتار آمده، در شرح حسن دلبران ميرفت حرف زان ميان، از گفتگوي دربيان موتي بتگرار آمده، اي رشک ماه ومشتري خوشتر زمهر خاوري، جانان چه ظالم دلبري کز تو دلم زار آمده، بر روضئه رضوان دگر هرگز نيندازد نظر، در کوي تو اي سيمبر هر کس که يکبار آمده، +اي غم کنار از من گزين کان زهره سيما مہ جبين، آمد بر ”آزاد“ حزين دلدار و غم خوار آمده. +دل که جو ياي مشت زر گشته، بهر آن يار سيمبر گشته، روي تو مطلع سحر گشته، موي تو ليلة القدر گشته، پرده از رو چه برکشيد از ناز، رشک صد شمش و صد قمر گشته، حرف لعل تو بر زبان آمد، دهن از ذوق پر شکر گشته، نيست ممڪن دگر بهوش آيد، دل کزان چشم بي خبر گشته، موشگافي کند چرا نه قلم، کاشف راز آن کمر گشته، هر سر مورز دشنهء مزه اش، بررگ جان چونيشتر گشته، از غمت چشم تر لب خشکم، حسرت افزاي بحر و بر گشته، مردمان در ره نظارهء تو، همه تن چشم منتظر گشته، +ز ابر نيسان کلک من ”آزاد“، صدف شعر پر گهر گشته. +وه که در بزم من اي شمع طراز امده اي! چشم بد دور که پروانه نواز آمده اي! شوخ چشمي ڇکنم با تومن اي ظفيل سرشک، که همه پرده درو کاشف راز آمده اي، توئي اي شوخ ستمگر که بصد شيوهء ناز، بهر دل، بردن ارباب نياز آمده اي، نيست ممکن دل ديوانه ز قيد تو رهد، کز خم زلف دوتا سلسله باز آمده اي، ناز نينان جهان جمله بناز برند، تو که امروز چنين بر سر ناز آمده اي، +نظري سوي دل غمزده ”آزاد“ ت، جان من چون ز کرم بنده نواز آمده اي. +از بر ما همان که ميداني، کرديغما همان که ميداني، راست باشد چو قامتت، ليکن، نيست رعنا همان که ميداني، مکش امروز عاشقانت را، هست فردا همان که ميداني، چون فروزي ببزم ڇهره زناز، تو شمع ما همان که ميداني، عيب مجنون مکن بناله که داشت، محمل آرا همان که ميداني، رحم بر خستئه غمش همه کس کنڊ، الا همان که ميداني، در شب وصل مونس جانم شود، آيا همان که ميداني! +هست ”آزاد“ بردرت ز قديم، شود آيا همان که ميداني. +دلم از درد هجرت مبتلا ميخواستي کردي، مگر اين مدعا را از خدا ميخواستي کردي، بدين شوخي وبي باکي زروي کم نگاهيها، بکويت مشت خاکم را فنا ميخواستي کردي، زروئي کج روائييها براهت اي کمان ابرو، مرا قربان آن تير جفا ميخواستي کردي، چو گل ناسو رزخم مامبندد لب بلب هرگز، بدين خوشي نمک در ريش ما ميخواستي کردي تو راه عقل و جان ما به جادو کاريءَ چشمت، بچين زلف مشکينت خطا ميخواستي کردي، بمقراض غم دوري بخارد روي مهجوري، چوگل پيراهن عمرم قبا ميخواستي کردي، براه عشقت آخر رفته رفته از نحيفيها، تنم را نقش روي بوريا ميخواستي کردي، نتستي فتنه بنشاندي بعزم خامشي ناگهه، ز قامت صد قيامت را بپا ميخواستي کردي، به تيغ غمزهء نازت بناحق ريختي خونم، وزان خون برکف پايت حنا ميخواستي کردي، +ز خون بيگناهان سيلها راندي بهر وادي، بکويت گشت خون چون کربلا ميخواستي کردي. +اي ماه عکس طلعت زيباي کيستي، مرجان شبيهه، لعل شکر خاي کيستي! چشم در انتظار تو خون شد برهگذر، نور نگاه ديدهء بيناي کيستي! صد ملڪ دل به نيم نگه گرده اي خراب، هر هفت کرده باز به يغماي کيستي! بلبل بدن زشوق تو صد خار غم شکست، اي گل تو خون بجوش ز سوادي کيستي! جعد بنفشه گون بسر زلف تابدار، صد تاب داده بهر تماشاي کيستي! خون بست نافه در دل آهو ز شوق تو، اي وحشيء رميده ز صحرائي کيستي! +”آزاد“ گون ستاده بيکپاي قائمي، اي راست قد بندهء بالاي کيستي! کن تازه بمن عهد وفارا دو سه روزي، بگذار ز خود طرز جفا را دو سه روزي، اي خسرو خوابان بدرت ما دو سه روزيم، کن لطف بران مشت گدا را دو سه روزي، بلائي بلا خيز تو دارد سر رفتار، بنشين و نشان شور بلا را دو سه روزي، دارد دل ديوانه بزلف سروکاري، اين سلسله مکشا خدا را دو سه روزي، در حسرت آغوش تو جانم بلب آمد، بکشا زم هم آن بند قبا را دو سه روزي، مشتاق لقاي تو ام اي ماه دل افروز، کم پوش زمن روي دلارا دو سه روزي، +خستي دل ”آزاد“ ز بيدار تغافل، ره داد بتا ناز و ادا را دوست روزي. +ز چه رو تو اي پرين روز برم رميده باشي، چه شود اگر زماني بمن آرميده باشي! بتو شمع گر دعويٰ بزبان درازي آيد، بسرت که جاي دارد سرت ار بريده باشي! ز تو اي صبا به رشکم چو روي بکوي يارم، که مباد خواب باشد تو برو وزيده باشي! همه شب بناله بستم ره خواه مرغ وماهي، تو هم از زبان بان مردم خبري شنيده باشي! چه خوش است يارب آندم که به رغم دشمنانم، تو بدوستيء خويشم زهمه گزيده باشي! بدرت رقيب بدخو چه ستم نموده باما، که کسي نه کرد باکس تو همه اش شنيده باشي! +چه کني ستم بر ”آزاد“ که زروي صدق باطن، بوفاي او غلامي نه بزر خريده باشي! +اي از جمال عارضت در رشک ماه و مشتري، وز جلوهء تاب رخت بي تاب مهر خاوري! آئينهء برو آويختي شب را بروز آميختي، غوغا بخلق انگيختي زين شيوهء جادوگري! خوبان بکويت خاک ره سيما بخاکت سوده مهه، در حس خوبي بي شبهه از خوبرويان بهتري! ماني ترا بيند اکر اي لعبت چين يک نظر، مانز حيرت بيخبر شرمنده از صورت گري! +در انتظار سيمبر ”آزاد“ را خون شد جگر، در پيش نمي آري گذر جانان چه ظالم برتري! +هان اي نيسم صبح بکوي که ميروي؟ داري بجيب مشک بسوي که ميروي؟ سرتا بپا لرزه گرفتست در تنت، اي آفتاب روي بروي که ميروي؟ دادي بخاي خانهء مردم بزير آب، اي سيل اشک باز بسوي که ميروي؟ آتش بجان خشک و تر افتاده از دمت، اي سرو نا بر لب جوي که ميروي؟ +”آزاد“ سالها ست که دل رفت از برت، اکنون بکو سراغ به سوي که ميروي؟ +مخزن سر خدا جز خاطر آگاه نيست، ورنه هر دل راکه مي بيني ازو گمراه نيست، بندهء جور تو ام لطفت نمي خواهم دگر، ز آنکه آن دائم بوداين گاه هست و گاه نيست، ناوک خونخوار مزگان درازش را نگر، کش بقربان دلم دست عمل کوتاه نيست، بسکه باريک است آن موي ميان، گکر مرا با وجود موشگافيها برازش راه نيست، دل زمستي بر زنخدان تو گردد هر زمان، وه چه مستت اينکه هيچش بيم و باک ازماه نيست، هر چه ميخواهد دلت از فيض لطف حق بخواه، هيچ منع کامجوئيها درين درگاه نيست، +هر کہ چوان ”آزاد“ رخسار تو دارد در نگاه، چشم جانش را نظر برروي مهر و ماه نيست. +چنين که عارض زيباي يار گلرنگ است! چه جاي گل که گلستان بروي او ننگ است! گهي بناز برد دل زمن گهي زادا، مدام چشم ترا کار مکر و نير نگ است، ميان سبزهء خط تو خال مشکينت، فتاده حبهء افيون بکاسئه بنگ است، نمي شود دل عاشق شود بصبر قريب، ز عشق و صبرو مسافت هزار فرسنگ است، زر شک جان ببدن ميدرد گريبانم، تنت گرفته قبا بسکه در بغل تنگ است، +نگاه دار دل خويش را اي ”آزادي“. که دلربا بت من شوخ ظالم وشنگ است(1) +(1) ديوان گوبند بخش 1850ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ پاس ڪري، ڪوٽڙيءَ جي انگلوورنيڪيولر اسڪول ۾ ماستر ٿيو، آخر وڪالت جو امتحان پاس ڪري، سکر ۾ پرئڪٽس شروع ڪيائين، قابل وڪيل ثابت ٿيو، تنهن ڪري آمدني ججهي ٿيس. منشي آوتراءِ پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ گوشه نشين ٿيو، ۽ فقيرن سان محبت رکيائين، خيرات به ڪندو رهيو، هر مهيني، ديوان گوبند بخش پنهنجي والد طرفان خيرات جي هڪ هزار رپين جون چٺيون ڀريندو هو. ديوان گوبند بخش پهريون سنڌي آهي جو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي شروع ٿيڻ شرط، ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. ديوان صاحب 1892ع ۾ 42 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو مسٽر لوڪومل هو. لوڪومل پاڪستان جي بنجڻ تائين سنڌ جي مشهور ماڻهن مان هڪ هو، ۽ وٽس قلمي ڪتابن ۽ نادر شين جو عظيم الشان ذخيرو هو. (هن خاندان جو مڪمل احوال ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، جلد 1، ص ص 247-260، ۾ پڙهڻ گهرجي). +(1) ”مجموعه دلڪشا“، مير ڪرم علي خان پاڻ گڏ ڪيو، ”محڪ خسروي“، 1237هه ۾ مير مراد علي خان جمع ڪرائي: اهي ٻئي مجموعا مختلف شاعرن جي اشعارن جو انتخاب آهن. +(2) هي غزل حافظ جي تتبع ۾ چيو ويو آهي. +(1) هي خيال هڪ فارسي شاعر هن طرح ادا ڪيو آهي. +همه آهـــــوان صحرا سر خود بکف نهاده، +به اميد انکه روزي بشکار خواهي آمد! +(1) مير ڪرم علي خان به انهيءَ زمين ۾ غزل چيو آهي. آخر ٻه شعر، ”آزاد“، مير صاحب جي مدح ۾ چيا آهن. هن غزل کي مير ڪرم علي خان پنهنجي بياض ”مجموعه دلڪشا“ ۾ به آندو آهي: بعض شعر (نمبر 3، 6، 8 ۽ 10) ”دلڪشا“ ۾ وڌيڪ آيل آهن، جيڪي هتي شامل ڪيا ويا آهن. +(1) مير ڪرم علي خان انهيءَ خيال کي هن طرح ادا ڪيو آهي: +بسوئي چمن چون روي پيش زان، +گـــــــــل و لالـــــــــه از راه بــرداشـتم، +ليڪن آزاد جو شعر هزار مرتب�� بلند آهي. + + +اصل انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر س. پ. ڇٻلاڻي جو +سنڌيڪار: سراج الحق +سنڌ جي اقتصادي تاريخ +(قسط پهرين) +”اسي في صدي لکيل تاريخ، مصر جا اشڪال نويس وانگر، رڳو مذهبي اڳواڻن ۽ بادشاهن جي عظيم ڪارنامن جي ساراهه سان ڀري پئي آهي“(1). تاريخ مان اڪثر مراد هيءَ ورتي ويئي آهي ته ان ۾، هڪ روزنامچي طور، رڳو سياسي ۽ فوجي واقعن جي وچور ڏني وڃي، ۽ منجهس، محض بادشاهن ۽ وزيرن، جنگين ۽ حڪومتن جا داستان ۽ افسانا بيان ڪيا وڃن. هر ڪنهن تاريخ نويس پنهنجيءَ پر ۾، گذريل زماني کي سمجهائڻ ۽ ان جي تعبير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان جي ڪن خاص صورتن تي زياده زور ڏيڻ سبب، هنن هميشہ ان جا ٻيا ڪيترا پهلو نظر انداز پئي ڪيا آهن. جامع تاريخ لاءِ، ”تحقيق ۽ کوجنا جا، جيڪي علمي ۽ ادبي طريقا ۽ صلاحيتون لازمي آهن، سي سڀيئي ڪنهن هڪ مورخ کي هڪ ئي وقت، بدرجهءِ اتم ميسر هجن: زندگيءَ ۾، اهو حسن اتفاق تقريباً ناممڪن آهي.“(2) مشهور تاريخ نويس گبن کي، هڪ حيثيت ۾ ’ڪامل مورخ‘ سڏيو ويو آهي، پر ڪٿي ڪٿي، خود هن به تاريخي حقيقتن کي ظاهر ظهور غلط انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ۽ سندس باري ۾ اڪثر عالمن جو رايو اهوئي آهي ته هن ”بادشاهن جا، ضرورت کان زياده، ويهي بيان ڪيا آهن.“(1). +گذريل زماني جي مري کپي ويل بادشاهن جي تاريخ جو مطالعو واقعي هڪ بي سود مشغلو ٿيندو، جيڪڏهن ان مان رڳو هي به معلوم نه ٿي سگهي ته حال ۽ ماضيءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو رستو آهي، ڪيئن حال پيدائش آهي ماضيءَ جو، ۽ ماضي سبب آهي حال جو جيڪو ان جو لازم نتيجو آهي! تاريخ جي صحيح اڀياس مان ئي معلوم ٿيڻ گهرجي ته گذريل زماني جون بادشاهتون، حڪومتون ۽ مختلف انساني سماج ڪيئنءَ ۽ ڇو آهستي آهستي نٻل ۽ نستا ٿيندا، آخر ڊهي وڃي پٽ پيا، ۽ پوءِ ڪيئن انهن ”ڊٺل دڙن“ مان انسانيت جا تازا ۽ خوشبوءِ دار گل نئي سر ڦٽي نڪتا! زندگيءَ جي جدا جدا ”تصويرن جي هڪ بي جوڙ مجموعي“ کي صحيح تاريخ نٿو سڏي سگهجي: تاريخ ته زندگيءَ جي هڪ جامع ۽ لاڳيتي فلم آهي، جيڪا انسانن جي گذريل ڪارگذارين کي اسان جي سامهون، اهڙيءَ سچيتائيءَ سان آڻي ٿي پيش ڪري، جو اُن کي ڏسڻ سان چئي سگهون ٿا ته ”انسانن جون اهي سموريون ڪارگذاريون ڪيئن نه هڪ ٻئي سان، سبب ۽ نتيجي جي رشتي ۾، ڳنڍيل ڳتيل پئي رهيون آهن، ۽ ڪيئن انهن، اسان جي زندگيءَ جي هن رنگا رنگي حسين پوش لاءِ، هميشه تاڃي پيٽي وارو ڪم پئي ڏنو آهي“(2). تاريخ نويس جو مکيه ڪم اهو آهي ته هو انساني ادارن جي تشريح ڪري ۽ انهن قوتن جو پورو پورو اندازو لڳائي جيڪي انسان ۽ سندس ماحول تي، وقت بوقت، اثر انداز پئي رهيون آهن، انسانن جي جملي حاصلات جو مناسب ڪاٿو ڪري، ۽ انسان جي موجوده ڪماليت جو آڳو ۽ پيڇو مفصل طرح سمجهائي. زندگيءَ جي ڳاهيل ٻار کي وائري، تهُن کان اَنَ الڳ ڪري، ٻڌائي ته انساني زندگيءَ جي هن عظيم داستان ۾ جنگ ۽ امن، ماڻهو ۽ سندسن تحريڪون، اوچا آدرش ۽ ڪوڙا ويساهه، عادتون ۽ رسم و رواج، جن ان داستان کي، هڪ نه ٻئي طرف، هميشہ پئي اڳتي نيو آهي، تن جي اصل حقيقت ۽ اهميت، هر منزل تي ڪهڙي پئي رهي آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ملڪ جي صحيح تاريخ جو مقصد فقط هيءُ ٿي سگهي ٿو ته سندس جملي رهواسين جي سماجي، اقتصادي، سياسي، مذهبي ۽ ذهني حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ۽ پوري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي، جدا جدا وقتن جي عام رجحانن ۽ تحريڪن جي دريافت ڪئي وڃي، مختلف انساني ادارن جي لاهن چاڙهن جا سبب معلوم ڪيا وڃن! حاصل مطلب ته سڌريل ۽ مهذب انسانن جي اصلي زندگيءَ جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃ�� ته جيئن انسان جي گذريل آزمودن ۽ تجربن جي حاصلات جو صحيح ملهه مقرر ٿي سگهي. +تايخي کوجنا جي هاڻوڪي رخ مان ڏسجي ٿو ته ”تاريخ جو بنيادي محرڪ، هر زماني ۾ فقط اقتصادي معلوم پئي رهيو آهي“ (1). مارشل جو چوڻ واقع درست آهي ته انسان جي زندگي، جن به قوتن جي زير اثر رهندي پئي آئي آهي، تن سڀني ۾ ”مذهب ۽ اقتصاديت کي هميشه ابتدائي ۽ بنيادي جڳهه حاصل پئي رهي آهي، ۽ مذهب ۽ اقتصاديت جا اثر، ٻين سڀني قوتن جي جملي اثر کان، هر حالت ۾، گهڻو زياده اهم پئي ثابت ٿيا آهن“(1)، ساڳي طرح، جان مارلي جو پڻ رايوآهي ته تاريخ ۾ جيڪي ڳالهيون سڀ کان وڌيڪ اسان جو ڌيان ٿيون ڇڪين، سي آهن، سماج جي اقتصادي قوتن جون عظيم تحريڪون، ۽ ٻيو انسانن جا مذهبي عقيدا ۽ مذهبي تنظيمو(2). موجوده زماني ۾ ته اقتصادي مسئلن کي، ويتر زياده اهميت حاصل آهي، بلڪ انهن کي، انسان جي زندگيءَ ۽ سندس تاريخي ارتقا جو واحد بنياد تسليم ڪيو ويو آهي. اقتصادي تاريخ جو، سڌيءَ طرح، انسان جي اجتماعي زندگيءَ سان تعلق آهي. اهوئي سبب آهي جو، علمي دنيا ۾ اڄ ڪلهه جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ان جي مطالعي ڏانهن ڌيان ڏنو پيو وڃي(3). +سنڌ جي ڪابه لاڳيتي اقتصادي تاريخ هيستائين ڪانه لکي وئي آهي. هن ڪتاب ۾، سنڌ جي فقط اڍائي صدين (1592ع کان 1844ع تائين) جي اقتصادي تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. زراعت، صنعت، ڪاريگري، ۽ واپار سنڌ جي رهواسين جا هميشه خاص ڌنڌا پئي رهيا آهن. اهي ڌنڌا ئي آهن ،جي سنڌ جي اقتصادي تاريخ جا مکيه جزا آهن ۽ اسان جو مقصد به اهوئي آهي ته انهن تنظيمن ۾ سندن هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي جو اڀياس ڪجي، جن هن پرڳڻي کي تضاد جي زمين بنائي ڇڏيو آهي. اها زمين، جا انهيءَ ڪشمڪش جي دور ۾، مختلف مرحلن تي، ڪڏهن جنگ ته ڪڏهن امن، ڪڏهن ٺاپر ته ڪڏهن فساد، ڪڏهن آسودگي ته ڪڏهن مفلسيءَ جو گهر پئي رهي آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اڻويهين صديءَ جي اوائل جي جڏهن انگريز واپارين ۽ سياسي ايجنٽن هن پرڳڻي ۾ پير پاتو، تڏهن هنن هڪ اهڙو ملڪ ڏٺو، جو پوئتي پيل ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هو، جنهن تي هڪ ٻئي سان وڙهندڙ جهيڙاڪ شهزادن ۽ بدنيت جاگيردارن جو راڄ ۽ قبضو هو، ۽ جنهن جي قديم سوڀيا ۽ دولت ڄڻ ته ڪو چورائي ويو هو. اها سنڌ برٽن جي لفظن ۾ ”سنڌو دريا جي ڏکويل وادي“ بنجي ويل هئي. انهن انگريزن جي تحريرن هڪڙو عام پر گمراهه ڪن اثر پکيڙي ڇڏيو ته سنڌ، هميشه کان، هڙين ۽ شڪار گاهن، ٻيلن ۽ جهنگن سان ڍڪيل هڪ ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪو نالي ماتر واپار، صنعت ۽ ڪاريگري به نه پئي رهي آهي، ان ۾ ڪنا ۽ گندا شهر آهن، جن ۾ فقيرن ۽ پينن جي ٽولين کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو(1)، ان جا حاڪم سواءِ وڙهڻ، شڪار ڪرڻ، ۽ پنهنجي عقيدن جي پرچار ڪرڻ کان سواءِ ڪو ڌنڌو ڪين ڄاڻن، هڪ اهڙو ملڪ، جنهن جا ماڻهو، ”جاهل، ڄٽ، مغرور، بي صبر، جهيڙاڪ ۽ پوئتي پيل آهن.“(2)، جن ۾ نه تهذيب جا ڪي گڻ آهن، ۽ نه ڪي وحشپئي جا ئي ڪي اوصاف منجهن آهن، جنهن جا هاري ناري اڌ بکيا ۽ مظلوم آهن، جن حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽ مفلسيءَ کان سواءِ ڪي به ڪين ڏٺو آهي. +پر، حقيقت ۾، سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ جي سنڌ هڪ سکيو ستابو ۽ آسودو ملڪ هو، جنهن جي ماضيءَ جا سهڻا آثار اڃا تائين، عوامي آکاڻين ۽ گيتن ۾، سندس قديم شهرن جي کنڊرن ۽ ڦٽل دڙن ۾ سدا جئرا آهن. ان جي کيتي اوج تي هئي، صنعت ۽ ڪاريگري ترقي يافته هئي، ان جا شهر سکيا ۽ آباد هئا، سندس واپار گهڻي انداز م پري پري ڏيهن تائين هلندو هو. ان جا واپاري ۽ تاجر، هندوستان ۽ يورپ جي جدا جدا ڀاڱن ��ائين واپار سانگي ويندا هئا. ان جي عيوض وري سنڌ ۾ حملا ڪندڙ دشمن، سياح ۽ سيلاني، واپاري ۽ تاجر وقت به وقت پيا ڀيرا ڪندا هئا. انهيءَ طرح، سنڌ جي تاريخ، سنڌونديءَ جي اڻ ڪٿ وهڪري وانگر، هميشہ ورن وڪڙن واري پئي رهي آهي، ۽ اهائي ساڳئي حقيقت سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ سان به لاڳو آهي. +کوجنا جو دوءر ۽ مقام +هن ڪتاب ۾ جنهن پرڳڻي جو اڀياس ڪيو ويو آهي، سو آهي سنڌ اها سنڌ، جنهن انسانيت جي قديم ترين تهذيبن کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جاءِ ڏني ، اها سنڌ، جا انسان ذات جي قديم ترين پناهن مان هڪڙي پانهه ۽ اجهو پئي رهي آهي، جنهن مان ڀانت ڀانت جي ذاتين ۽ رنگن جون بي شمار قومون لنگهيون آهن، ۽ هتي جي رهواسين جي زندگيءَ، ٻوليءَ ۽ ريتن رسمن تي اهڙِون لهرون ڇڏي ويئون آهن، جن جا نشان ڪڏهن مٽجي نه ٿا سگهن. +سنڌ جون حدون، هميشہ اهي نه رهيون آهن، جيڪي اڄ آهن(1) چچ نامي (2) مان اسان کي خبر پوي ٿي ته راءِ گهراڻي جي راڄ ۾، سنڌ هڪ طرف اوڀر ۾ ڪشمير تائين(3) ۽ اولهه ۾ مڪران تائين پکڙيل هئي، ته ٻئي طرف ڏکڻ ۾ سمنڊ هوس ۽ اتر ۾ ڪاردان ۽ ڪيڪنان جون ٽڪريون هئس. تحفة الڪرام موجب وري، اڀرندي واريون سرحدون قنوج تائين هيون، ۽ اتر واريون حدون قنڌار، سيستان ۽ سليمان جبلن تائين هيون، ڏکڻ ۾ سورت جو بندر هوس. سنڌ صوبي جي ٻوليءَ جو لاڳاپو، پنجاب، ڪشمير ۽ سرحد صوبن جي ٻولين سان ايترو ته ويجهو آهي، جو اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته سنڌ جون حدون ڪنهن وقت، اڄوڪن حدن کان گهڻو وڌيڪ وسيع هيون. الور جو پراچين شهر، جو هينئر ڦٽل حالت م موجود آهي، تنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ نه رڳو سنڌ، پر خود سموري هندستان جي گاديءَ جو هنڌ پئي رهيو آهي.(4) اهائي ’وڏي سنڌ‘ هئي، جنهن جو هڪ حصو ’هاڻوڪي سنڌ سڏيو وڃي ٿو ۽ سندس اهو نالو ”سنڌ“ اڃا تائين هلندو اچي. پوءِ جڏهن اڪبر جي شاهي فوجن 1592ع ۾ صوبي سنڌ کي دهلي شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو، تڏهن سنڌ جون اهي ئي حدون وڃي رهيون، جي گهڻو ڪري اڄ آهن، يعني اهو ملڪ، جو %35- 30 اتر ويڪرائي ڦاڪن %66- 42 ۽ %70- 10 اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ۾ اچي ٿو وڃي. ۽ جنهن ۾ فقط سنڌونديءَ جي هيٺين ماٿري شامل آهي. اهوئي ٽڪرو آهي، جنهن جو اڀياس هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ ڪري، هن اڀياس جو دائرو، سنڌ ۾ مغلن جي ڪاهه (1592ع) کان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ سان، سنڌ جو اوائلي وچون دور پورو ٿئي ٿو ۽ نئون دور شروع ٿئي ٿو. انهيءَ دور ۾ جيڪو اڍائي سوء سال جو عرصو اچي وڃي ٿو، سو صوبي جي تاريخ جو هڪ مکيه دور آهي. ان دور ۾، سياسي جهيڙن فسادن جي باوجود، سنڌ جي اصلي معاشرتي توڙي اقتصادي جوڙجڪ تبديل نه ٿي، بلڪ ان سموري عرصي ۾ ان جي بنيادي وحدت قائم رهندي آئي. انهيءَ دور جو خاتمو تڏهن ٿيو جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي ڪاهيو، ۽ صوبي کي پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيائون. تنهن کان پوءِ وري سنڌ جي زندگيءَ جو هڪ نئون باب شروع ٿيو. ان وقت کان وٺي، سنڌ جي ارتقا بلڪل مختلف بنيادن تي ٿي آهي. اهوئي عرصو، جو 1592ع کان 1843ع جي وچ ۾ اچي ٿو، سنڌ جي مٽجندڙ سٽجندڙ تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ روشن باب آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ انهيءَ دور جو ئي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. +معلومات جا ذريعا ۽ سندن خاميون: +انهيءَ دور جي اقتصادي زندگيءَ جي صحيح تصوير چٽڻ لاءِ ضروري مواد گڏ ڪرڻ ڪنهن به طرح سولو نه آهي. سنڌ جي انهن ڏينهن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي حالتن جو اعتبار جوڳو رڪارڊ تمام ٿورو آهي. ۽ اها ساڳي حالت هندوستان جي ٻين صوبن سان به لاڳو آهي. انهيءَ دور سان لاڳاپو رکندڙ، سنڌ جون ست مشهور تار��خون آهن: ”تاريخ معصومي“، ”تاريخ طاهري“، ”بيگلار نامو“، ”ترخان نامو“، ”تحفة الڪرام“ ”فتح نامو“ ۽ ”فريئر نامو“. پر سنڌ جي تاريخ نويسن هميشه حاڪمن جي درٻار جي سرپرستيءَ هيٺ لکيو، انهيءَ ڪري، انهيءَ طبقي جي ذهنيت مطابق، هنن فقط حڪومت ڪندڙ خاندان جي ڪارنامن ۽ مشهور معروف درويشن جي ڪرامتن کي لکيت ۾ آڻڻ کي ئي ترجيح ڏني. هنن ڌرتيءَ جي اصلوڪن سپوٽن، هارين نارين، ڪمين ڪاسبين، استادن ۽ ڪاريگرن جي غريباڻين زندگين ۽ ڌنڌن سان ڪو واهپو نه رکيو. انهن غريبن جا سادا ۽ مختصر احوال، جيڪڏهن ڪٿي ڏسجن ٿا، تڏهن به اڻپورا ۽ غير اطمينان بخش آهي. +ان دور جي تاريخن مان، ”آئين اڪبري“ به سنڌ جي تاريخي لحاظ کان ڏاڍي اهم آهي، ڇو ته ان مان اسان کي سنڌ جي سياسي ورهاڱي، زمين جي ڍلن جي سرشتي وقت جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ڄاڻ، پوءِ اڻپوري ئي سهي، ٻين تاريخن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي ٿي. +معلومات جي ٻئي حصي کي اسين ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: +(الف) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا اهي رڪارڊ، جي سنڌ ۾ (62ع-1625ع ۽ 75-1758ع ۾) سندس ڪوٺين ۽ ڪارخانن قائم ٿيڻ وقت، سندس واپاري لاڳاپن ۽ حيثيت متعلق آهن. +(ب) انهن سيلانين جا احوال، جن سترهين صديءَ ڌاري سنڌ جو سير سفر ڪيو، جن مان هيٺيان مشهور آهن: نڪولس وٽنگٽن (1616ع)، فادر مانرڪ (1640ع)، نڪو لاءِ منوسجي (1655ع) ۽ ڪئپٽن اليگزينڊر هئملٽن (1699ع). +(ج) انگريزي حڪومت کان اڳ ۽ پوءِ جي سياسي ايجنٽن ۽ سفيرن جون اهي تحريرون، جن ۾ سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي حالتن تي ڪافي معلومات ۽ مواد آهي. انهن مان مشهور لکندڙ هي آهن: ڪرو، ايلس، پاٽنجرس، ڊيل هوسٿ، مڪمرڊو، ڊاڪٽر برنس، برٽن، اليگزينڊر برنس ۽ ٻيا. +برٽش حڪومت جي وقت جا رڪارڊ، ۽ مٿي ٻڌايل سيلانين ۽ ٻين ماڻهن جون تحريرون، جيتوڻيڪ سنڌ جي صنعتي ۽ تجارتي آسودگيءَ تي ڪافي روشني وجهن ٿيون، تڏهن به انهن ۾ اها خامي آهي، جو انهن، ان وقت جي زراعت جي طريقن ۽ سرشتن، ۽ عام ماڻهن جي حالتن، ۽ صنعتي ۽ تجارتي جوڙجڪ ۽ تنظيم تي پورو ڌيان نه ڏنو آهي. ان هوندي به انهن مان چڱي معلومات ملي ٿي ۽ اهي لکندڙ پنهنجي تيز ۽ دوربين نگاهه ۽ يادگيرين جي خزاني مان سنڌ جي اهڙي تصوير چٽي ويا آهن، جا مٽجي نه ٿي سگهي. +انگريز سياسي ڪامورن ۽ اڻويهين صديءَ جي ٻين مصنفن جا واضح بيان سڀ کان وڌيڪ اعتبار جوڳا آهن. جيتوڻيڪ ائين صحيح آهي ته هو سنڌ ڏانهن مڙيوئي غير همدرد پئي رهيا آهن، ۽ گهڻو ڪري سندسن تحريرون سطحي آهن، ان هوندي به هو پنهنجي نقطهء نگاهه ۽ نظرين ۾ سائنٽيفڪ ۽ علمي هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا. اهي سموريون تحريرون گڏ ڪرڻ کان پوءِ به، سنڌ جي تاريخي مواد ۾ خال رهجي وڃن ٿا، جن لاءِ ڪو به ڏس پتو ڪونه ٿو ملي. اها ڳالهه اسان جي اڀياس کي مڙيو ئي وڌيڪ ڏکيرو بنائي ٿي. ان هوندي به، جئن ته هيءُ اڀياس گهڻو تڻو، سنڌ جي اقتصادي حالتن ۽ رجحانن سان لاڳاپو رکي ٿو، ان ڪري انهيءَ سڄي مواد مان مختلف حقيقتون، جي زندگيءَ جي مختلف دورن مان لنگهي اسان تائين پهتيون ۽ جن جي وچ ۾ اسين اڃا به رهون ٿا، گڏ ڪري، هڪ چڱي ۽ اعتبار جوڳي تصوير چٽي سگهجي ٿي. هر قوم جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. اها تبديلي لاڳيتي سال بسال نه هوندي آهي، پر آهستي آهستي ڪن پيڙهين تائين اها تبديلي جاري رهندي آهي. انهيءَ ڪري اسين موجوده صورتحال جي روشنيءَ ۾، هٿ ڪيل مواد ۽ حقيقتن مان، ڪيترين ئي گذريل سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۽ حقيقتن جي ماهيت ۽ ارتقا کي ڳولي لهي سگهون ٿا. +مٿين مصنفن کان سواءِ، چند جديد اعتبار جوڳا ليکڪ به آهن، جن هن صوبي تي خاص ڌيان ڏنو آحي. انهن مان ائبٽ ۽ سورلي مکيه آهن. سنڌ کي پنهنجي پراچين سڀيتا ۽ قديم عظمت تي بجا ناز آهي. ائبٽ، ’ڏکويل واديءَ کي نئين سر سمجهائيندي‘ سنڌ جي انهيءَ جائز دعوا جي پٺڀرائيءَ ۾ نهايت معقول دليل پيش ڪيا آهن، ۽ ڊاڪٽر سورلي وري ارڙهين صديءَ جي سماجي تاريخ جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ هن تڏهوڪي صورتحال کي سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ م انتهائي همدرديءَ ۽ صحيح فهم کان ڪم ورتو آهي. هو اسان کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪارخانن بابت ڪجهه ٻڌائي ٿو، ۽ سنڌ جي ان وقت جي صنعت ۽ تجارت جون مکيه ڳالهيون به بيان ڪيون اٿس. پر هن جي انهيءَ ڪوشش ۾ به هن نڪتي تي تمام گهٽ بحث ٿيل آهي ته انهيءَ دور ۾ صوبي جي زرعي حالتن ۾ ڪهڙيون ڦيريون گهيريون ٿيون ۽ هتي جي رهواسين جي آباديءَ ۽ آدمشماريءَ ۾ انهن ڦيرين گهيرين جي ڪري ڪهڙيون تبديليون آيون. درحقيقت اهي ئي ڳالهيون آحن، جي سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ ۽ حالتن جي مکيه پهلوئن کي صحيح طرح سان واضح ڪري سگهن ٿيون. +انهيءَ کان سواءِ، مورلينڊ ۽ پلي، مڪرجي ۽ ونسينٽ سمٿ، بالڪرشن ۽ شفاعت احمد خان جون بهترين تصنيفون به هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڏين ٿيون. جيتوڻيڪ انهن جو تعلق، سنڌ سان تمام گهٽ آهي، ان هوندي به انهن مان، وقت جي اقتصادي حالتن کي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ۽ رهبري ملي ٿي. +سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي رڪارڊن مان به هن ڏس ۾ ڪافي قيمتي مواد ملي ٿو. انهن مان گهڻو حصو ته خالص تاريخي اهميت ٿو رکي، تڏهن به انهن مان صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن تي به ڪجهه روشني پوي ٿي. +انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مغلن ۽ مغلن جي جاءِ نشين ڪلهوڙن(1)، ۽ پوءِ ٽالپرن جي وقت ۾ به ڪيترائي مصنف هئا، پر انهن جو گهڻو ڪم گم ٿي ويل ٿو ڀائنجي. ان هوندي به جيڪي ڪجهه مواد موجود آهي، ان مان اهو ممڪن آهي ته انهيءَ دور جي سنڌ جي بنيادي اقتصادي صورتحال جو گهڻي قدر اعتبار جوڳو احوال پيش ڪري سگهجي. +2. سنڌ جي جاگرافي +(انسان ۽ ماحول) +تايخ ۾ جاگرافيءَ جي اهميت +اها ڳالهه هاڻ سڀ تسليم ٿا ڪن ته انساني تاريخ ۽ سندس سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ تي جاگرافيءَ جي حقيقتن جو تمام گهڻو اثر آهي. جنهن طبعي ماحول جي اندر انسان هلي گهمي ٿو، پنهنجا ڪم ڪاريون ڪري ٿو، ان جو، ملڪ جي سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ اخلاقي ارتقا تي ڪو گهٽ اثر نه ٿو ٿئي، بلڪ هاڻ ته گهڻو ڪري اهو پيو محسوس ڪيو وڃي ته جاگرافيءَ جي پس منظر ۾، ڪنهن قوم جي سماجي ۽ اقتصادي تاريخ پاڻ وڌيڪ جامع لکي سگهجي ٿي. انڪري، ڪنهن ملڪ جي اقتصادي تاريخ کي سمجهڻ، ۽ انهن قوتن، جن انسان جي ڪارگذارين تي پنهنجو اثر ڄمايو آهي، هن جي شخصيت کي ٺاهيو آهي، ۽ هن جي تنظيمن کي ڪا صورت ڏني آهي، تن جي اندازي لڳائڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين ان ملڪ جي ’انساني جاگرافيءَ‘ جو اڀياس ڪيو وڃي. +انسان ۽ ماحول +انسان ماحول جو ٻالڪ آهي ۽ ڏاهن سچ چيو آهي ته انسان جي سموري تقدير جي تشڪيل به انهيءَ خاموش، اڻ لکي پر اڻ ٽر ۽ بي ترس ماحول جي هٿان ٿي ٿئي(1). ڪنهن ملڪ جي قدرتي پيداوار مان ئي، ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري جو اندازو لڳائي سگهبو آهي ۽ اتي جي رهواسين جي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڄاڻ پئجي سگهندي آهي. ٻين ملڪن سان سندس لاڳاپن ۽ انهن جي نوعيت جو دارو مدار به سندس طبعي بيهڪ تي ئي آهي. +هر ڪنهن قوم جي ماڻهن جي جسماني بناوت ۽ مزاج تي، ملڪ جي آب و هوا جو وڏو اثر آهي. نه رڳو ايترو، پر آب هوا سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اورچائيءَ تي به وڏو اثر ڪري ٿي. مثال ط��ر، ٿڌن ملڪن جا ماڻهو جانٺا ۽ اورچ ٿين ٿا ۽ گرم ملڪن جا ماڻهو وري سانتيڪي ۽ آرام پسند زندگي گذارين ٿا. +جيتوڻيڪ ماحول جي اثر کي ريٽي نه ٿو سگهجي، ان هوندي به اهو وسارڻ نه گهرجي ته انسان وٽ به ارادي ۽ عزم جي قوت آهي، ۽ هو هميشہ انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل رهيو آهي ته جئن پنهنجي ماحول جي قوتن تي قابض ٿي وڃي. جن تڪليفن ۽ رنڊڪن هن جي اڳتي وڌيل قدم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن تي قابو پائڻ لاءِ انسان هميشہ کان اڻٿڪ ۽ اورچ ٿي قدرت سان وڙهندو رهيو آهي. جئن جئن انسان ماحول تي قابو پائيندو وڃي، تئن تئن زندگيءَ جي واقعن تي ٻاهرين طبعي حالتن جو اثر گهٽبو وڃي(1). هندوستان جا رهواسي اڃا تائين ماحول تي ايڏي قدرت حاصل نه ڪري سگهيا آهن، جيتري مغربي ملڪن جا ماڻهو حاصل ڪري چڪا آهن. انڪري، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾، هندوستان جي تاريخ تي سندس طبعي بيهڪ ۽ بناوت جو اثر گهڻو وڌيڪ پئي رهيو آهي. هندوستان جي جبلن ۽ دريائن جو، سندس اقتصادي زندگيءَ تي ڪافي گهرو اثر آهي. هتي جي ماڻهن جي اقتصادي زندگيءَ تي هماليه جبل ڇانيل آهن، هتي جون زبردست نديون، سنڌو ۽ برهمپترا، گنگا ۽ جمنا، جي هندوستان جي وسيع ميدان کي زرخيز بنائين ٿيون، انهن جبلن مان ئي نڪرن ٿيون. ملڪ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ، زمينن جي درجيوار زرخيزيءَ، ڍلن جي سرشتي، زراعت جي نمونن، آدمشماريءَ جي ورهاست ۽ ماڻهن جي درجيوار آسودگيءَ تي انهن ندين جو وڏو اثر آهي(1). +سنڌ جي جاگرافي +سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ تي سندن ماحول جي اثر جو اڀياس ڏاڍي دلچسپي ۽ اتساهه پيدا ڪندڙ آهي. سنڌي جي طبعي ماحول جو هتان جي حالتن تي خاص ضابطو پئي رهيو آهي ۽ سنڌ جي سياسي توڙي اقتصادي زندگيءَ کي ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ ۾ گهڻيءَ حد تائين طبعي حالتون ئي جوابدار آهن. سنڌ جي طبعي طور مرڪزي بيهڪ، سندس اڻ ٿڪ ۽ دائمي طرح گهرجائو پاڙيسري، سندس نديون، سندس آب و هوا، سندس سمنڊ، سندس رڻ پٽ، سندس ڊيلٽا ۽ سندس زرخيز ميدان انهن سمورن جو سنڌ کي ”سنڌ“ بنائڻ ۾ وڏو هٿ آهي. +طبعي حصوصيتون +سنڌ، بيهڪ ۾ ٽڪنڊي جي شڪل جي آهي. اولهه ۾ خشڪ ۽ ويران کير ٿر جبلن جي قطار اٿس، اوڀر ۾ هندوستان جو وڏي ۾ وڏو رڻ پٽ ”ٿر“ اٿس، اتر ۾، سندس سوڙهي چوٽي پنجن دريائن جي ديس سان وڃي ٿي ملي ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ اٿس. سامونڊي ڪنارو تراکڙو ۽ اڻ ڀڳل اٿس، ان ڪري ڪي قدرتي بندر ڪين اٿس. ان هوندي به سمنڊ جون اهي کاريون، جتي سنڌوندي ڪيترن ئي وهڪرن ۾ ورهائجي، ڇوڙ ٿي ڪري، اهڙي نموني جون آهن، جو اتان، گذريل زماني ۾، دهلي شهنشاهت جي مرڪز دهليءَ، ملبار جي اڀرندي گهاٽن ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪنارن تائين سندس ٻيڙا ۽ غوراب هلندا هئا. اهڙيءَ طرح جيتوڻيڪ، سندس مکيه ندي ’سنڌو‘ ان وقت جي آمدرفت جو هڪ مکيه ذريعو هئي، جنهن سندس طبعي اڪيلائي کي ٽوڙي، کيس ٻين ملڪن سان ٿي ڳنڍيو، تنهن هوندي به سنڌ جي قدرتي پناهن جبلن جي قطارن، سمنڊ ۽ رڻ پٽ- وري سياسي سرحدن جو ڪم ٿي ڏنو. انهن قدرتي حدن ئي سنڌ کي هميشہ هڪ الڳ ۽ جداگانه ملڪ جي حيثيت ڏني آهي. +مرڪزي بيهڪ +ائين کڻي چئجي ته سنڌ، ايشيا ۽ يورپ جو مرڪز آهي، ته به غلط نه ٿيندو. اڄ به سندس سامونڊي بندر ڪراچي، هندوستان کان مغرب ڏانهن وڃڻ لاءِ ويجهي ۾ ويجهو بندر آهي. اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ٿي ته پراچين سمي ۾ تهذيب يافته دنيا سان سنڌ جا تمدني توڙي واپاري لاڳاپا تمام قريبي ۽ گهٽا هئا. ويدن جي زماني ۾ سنڌ، تهذيب جي وڏن مکيه مرڪزن مان هڪڙو مرڪز هئي. اها سنڌ ئي هئي، جتان سڪندر اعظم هندوستان تي ڪاهڻ کان ��وءِ پنهنجي وطن ورندي اچي لنگهيو هو، ۽ اها سنڌ ئي هئي، جتي عرب پهرين پهرين واپار سانگي آيا ۽ پوءِ جڏهن مسلمان ٿيا، تڏهن ان تي ڪاهه ڪيائون ۽ حڪومت ڪيائون. سنڌ، هر ڪنهن حمله آور کي حملي ڪرڻ لاءِ هرکايو آهي. يونانين، عربن، مغلن، افغانن، ايرانين ۽ راجپوتن سڀني ان تي قبضي ڪرڻ ۽ ان کي آڻ مڃائڻ لاءِ پنهنجا ڪرتب ڪيا. ان تي حملا به بي انداز ٿيا، وڏي پيماني تي ڪاهون ٿيون، پر حمله آور ۽ ڪاهيندڙ ڪڏهن به سنڌ تي ڪو گهڻو عرصو پنهنجو وارو ڄمائي نه سگهيا ۽ نڪي هتي جا ماڻهو، انهن جنگين ۽ ڪاهن کان پيسجي پيڙجي هميشہ لاءِ ۽ مڪمل طرح ڪو نابود ئي ٿي سگهيا! برعڪس انهيءَ جي، پاڻ اهي قومون، جي سنڌ کي فتح ڪرڻ يا واپار سانگي هت آيون، زماني گذرڻ تي، انهن مان ڪيتريون، سنڌ ۾ رهي، سنڌ ۾ ملي جذب ٿي ويون، ۽ سنڌ نواسي ٿي ويون. انهن ڀانت ڀانت جي قومن جي ماڻهن ۾ پنهنجي اصل نسل جا منهن مهانڊا اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن ۽ اها ”رلي ملي هڪ ٿي وڃڻ“ جي حقيقت نه رڳو هنن جي ظاهري شڪل شبيهه، رسمن رواجن، عادتن اطوارن، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ مان ظاهر ٿي ٿئي، پر سندن مکيه مذهبي تحريڪن ’تصوف‘ ۽ ’سک ڌرم‘ ۾ به موجود آهي. +آب هوا +سنڌ جي آب هوا جو به، سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ کي تشڪيل ڏيڻ ۾ ڪو گهٽ هٿ نه آهي. سنڌ جي ميداني حصي جي آب هوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ خشڪ آهي، ۽ سياري ۾ سخت سرد ٿئي ٿي. مينهن تمام ٿورو ۽ نالي خاطر پوي ٿو، انهيءَ ڪري گرميءَ جو، هتي جي رهواسين جي صحت ۽ جسماني بناوت تي وڏو اثر آهي. فارسيءَ جي چوڻي آهي: +’سيون‘ ’سبي‘ چون ساختي، دوزخ چرا پرداختي! +يعني، اي خدا، جيڪڏهن توکي سيوهڻ ۽ سبيءَ جا شهر خلقڻائي هئا ته پوءِ دوزخ وري ڇا لاءِ ٺاهيئي! +جيڪب آباد ته اڄ تائين هندستان جي گرم ترين شهرن مان هڪڙو آهي. انهي جو اثر اهو ٿيو آهي ته هتي جا رهواسي نستا ۽ سست آهن. جيتوڻيڪ بلوچي قبيلا اڃا تائين پنهنجي جنگجو خصوصيتن جي ڪري مشهور آهن. سنڌ جي اڪثر ماڻهن ۾ پهنجي پاڙيسري صوبي پنجاب جي رهواسين جي ڀيٽ ۾ ڦڙتائي ۽ اورچائي قدري گهٽ آهي. +4. سنڌوندي ۽ سندس اثر +صوبي جي اقتصادي ۽ سياسي زندگيءَ تي هن نديءَ جو تمام گهڻو اثر آهي. سچ پچ ته سنڌ، سنڌونديءَ جو سوغات آهي. سنڌونديءَ جا زرخيز ڪنارا، هن رڻ پٽ ۾ خيابانن مثل آهن. ريگستانن ۽ جبلن مان لنگهندي، اها ندي تقريبا ’S‘ شڪل وڃي ٿي اختيار ڪري، ۽ سندس ان شڪل ۾ وهڻ سان، پاڻ صوبي جي زياده ايراضيءَ کي پاڻي پهچي ٿو جيڪڏهن اتر کان ڏکڻ ڏي سڌوئي سڌو وهڪرو هجيس ها، ته تمام ٿوري ايراضيءَ کي پاڻي پهچي سگهي ها. سنڌ ٻنهي چوماسن جي اثر جي دائري کان ٻاهر آهي، انڪري سچ پچ ته جيڪڏهن اها سنڌوندي جا هماليه جبلن جي برفن مان مالا مال ٿي، سڄو سال وهي ٿي، مينهن جي اڻاٺ جو پورائو ڪندي زمين کي پوک لائق بنائي ٿي. نه هجي ها ته اڄ سنڌ ۾ رڳي سڃ ئي سڃ پئي واڪا ڪري ها ۽ ڪو بني بشر رهي به نه سگهي ها. +جنهن دور جو اسين اڀياس ڪري رهيا آهيون، ان دور ۾ اها سنڌوندي، پرڏيهي واپار ۽ تجارت جو ذريعو هجڻ ڪري، سنڌ جي آسودگيءَ جو مکيه وسيلو هئي. سنڌو نديءَ ئي ملڪ جي قدرتي اڪيلائيءَ کي ٽوڙي، کيس هڪ اهڙي تجارتي اهميت بخشي ڇڏي، جنهن لاءِ ڪنهن وقت سنڌ ديسان ديس مشهور هئي. انهيءَ نديءَ جي ڪناري تي ئي، سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾، الور ۽ منصوره، برهمڻ آباد ۽ بکر، ديبل ۽ لهري بندر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جهڙا ناميارا شهر آباد ٿيا. انهن شهرن مان گهڻا جيڪڏهن سنڌونديءَ جي ڪري ئي ايڏا مشهور ٿيا، ته انهن جي ��جڙڻ ۽ ڦٽي وڃڻ لاءِ به سنڌونديءَ جو سدا ڦرندڙ گهرندڙ وهڪروئي جوبدار آهي! +5. ٻوڏون +سنڌو نديءَ، جيترو گهڻو پنهنجي ڪپرن کان اٿلي آهي ۽ پنهنجو وهڪرو بدلايو اٿس، اوترو شايد هندستان جي ڪنهن ٻي نديءَ ورلي بدلايو هوندو(1). ائين هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪيو اٿس. +درياءَ جي انهيءَ طرح وهڪري ڦيرائڻ ۽ پائڻ جي ڪري ملڪ جي اقتصادي زندگيءَ تي ٻه مکيه اثر ٿيا آهن: هڪ طرف ته جبلن تان لهندي وقت، درياءُ پاڻ سان رءُ، واري ۽ ريتي کڻيو ٿو اچي، اهو رءُ، جتان جتان درياءُ وهي ٿو، اتي جي زمينن کي زرخيز بنائي ٿو. انهيءَ ڪري هن رڻ پٽ ۾، درياءَ جي انهيءَ سڀاڳي پاڻيءَ، پوک قابل ۽ زرخيز ميدان پيدا ڪري وڌا آهن. ٻئي طرف وري، درياءُ ڪيترن ئي آباد ۽ آسودن شهرن کي پائي، سندن بنيادن کي ئي ٻهاري ويو، جن جا کنڊر اڃا به انهن وارياسن ٽڪرن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن کي ساڳيو درياءُ پوءِ وري ڪوهن تي ڇڏي ويو! سچ پچ ته سنڌ جو ڀاڳ اڀاڳ اها سنڌوندي ئي آهي. +وبائون +پاڻيءَ جي مند جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لهڻ لڳندو آهي، تڏهن مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون ڦهلجڻ لڳنديون آهن. گذريل زماني ۾، اڄ ڪلهه جهڙين طبي سهوليتن جي نه هجڻ ڪري، انهن آفتن جي لپيٽ ۾ اچي ماڻهن جي حالت رحم جوڳي هوندي هئي. مئڪڊونالڊ 1857ع ۾ انهيءَ جو نقشو هن طرح چٽيو آهي ۽ ان بيان مان ان زماني جي حالتن جو اندازو چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو: ”جڏهن درياءُ سڪي ويندو آهي ۽ سيلاب هٽندو آهي، تڏهن هڪ عجيب قياس جوڳي حالت پيدا ٿي پوندي آهي. گهر گهر جا ماڻهو بي چاق ۽ بيمار گهٽين ۾، ڳوٺن ۾ ۽ شهرن ۾ تپن ۽ بيمارين جا ماريل انسان، منهن پيلا، چپ سڪل ۽ اڇا، جسم ڏٻرا ۽ ڏڪندڙ مطلب ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته مڙدا پيا ريڙهيون پائين. سال بسال اها حالت ٿيندي آهي ۽ ڀريا ٻه مهينا سڄو ملڪ انهيءَ نحوست ۽ آفت ۾ گهريل هوندو آهي!“(1). +ان دور ۾، سنڌ ڏڪرن، وبائن ۽ بيمارين ۾ جيڪي سٺو، ان جو احوال ڏاڍو درد ڀريو آهي. صوبي جي انهن غير صحتمند حالتن جا وستار ته گهڻائي آهن، پر انهن مان ٽن واقعن جا احوال وڌيڪ ڌيان ٿا ڇڪائين، ڇاڪاڻ ته انهن ۾، نه رڳو سخت وبائن ۽ ڏڪرن ملڪ جي اقتصادي زندگيءَ جا بنياد اکڙي ڇڏيا، پر ماڻهن جي ڳچ حصي جي به تڏا ويڙهه ٿي ويئي! انگريز واپاري انهن 60-1659 بابت لکن ٿا ته: ”سنڌ ۾ ڏڪر ۽ پليگ ايتري ته زور تي آهي، جو ماڻهن جو ڳچ حصو انهن جو بک ٿي چڪو آهي. هن کان بچڙو ڏڪر ڪنهن به هنڌ نه آيو هوندو ايتريقدر، جو جيڪي ماڻهو اڃا جيئرا آهن، سي مري ويلن کي دفن ڪندي نه ٿا پوري پون“(2). ساڳيءَ طرح، 1699 ۾ اليگزينڊر هئملٽن اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن جي اچڻ کان ٽي سال اڳ ٺٽي ۾ ”هڪ اهڙي سخت پليگ اچي پئي هئي، جنهن ٺٽي جي شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ تي ايڏو ته اثر ڪيو، جو رڳو ٺٽي جي شهر جا، سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جا 80000 ڪاريگر مري ويا“(3). وري 1764ع ۾ انگريز واپاري ايجنٽ لکن ٿا ته ”سنڌ ۾ هڪ اهڙي موتمار وبا ڦهليل آهي، جنهن هزارين جانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. انهن مان ڪيترا اوني ڪپڙي جا واپاري هئا. اڃا تائين اها وبا خطرناڪ صورت اختيار ڪريو بيٺي آهي“(1) +حاصل مطلب +سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ طبعي حالتن، صوبي جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي زندگي ٺاهڻ ۾ وڏو حصو ورتو آهي. سنڌ، هندستان جي الهندي ڪناري تي هڪ خاص جڳهه تي واقع آهي، جتان سندس ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپو ۽ اچ وڃ سمنڊ وسيلي نهايت آسان ۽ لازمي آهي. هڪ پاسي ويران جبلن جون قطارون اٿس، ٻئي پاسي نيم گرم نيم خشڪ ميدان اٿس: ۽ سڀ کان وڌيڪ، سندس وچون ئي وچ، پنهنجي هوڏ تي هلندڙ سنڌوندي آهي. سنڌ جون اهي ئي خصوصيتون آهن، جن هاڻوڪيءَ سنڌ کي ٺاهيو آهي اها سنڌ، جنهن ۾ پراچين، وچين ۽ جديد دور جي سنڌ گڏجي، جذب ٿي هڪ ٿي ويئي آهي. هندستان ۾ اهڙا ڪي ٿورا حصا آهن، جتي تاريخ جي هڪ شاگرد کي اڀياس جو ايڏو وسيع ۽ روشن ميدان ملي سگهي! +---------- +’انسان‘ هن زمين تي، بلڪ ساري ڪائنات ۾، جوابدار ۽ باشعور هستي آهي. اهوئي هن ڪائنات جي تخليق ۽ رنگ رونق کي سمجهي سگهي ٿو. اهوئي سمجهي سگهي ٿو ته ڪائنات جو رخ هينئر ڪاڏي آهي، ۽ ڪاڏي وڃي رهي آهي، ۽ ’انسان‘ کي ڪهڙي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ گهري ٿي. ٻئي ڪنهن به مخلوق کان ان قسم جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. هڪ طرف ’انسان‘ جي اها نمايان حيثيت آهي، ۽ ٻئي طرف هو نهايت ذليل ۽ پست خيالن ۾ مبتلا آهي، جتان سندس نڪرڻ جي لاءِ اڃا ته ڪا ظاهري اميد نظر نه ٿي اچي. +انهن حالتن ۾ انسان جي آخري اميد ”علم جي حڪومت“ آهي. پر هن دور ۾ ”فطرت جا عالم“ (سائنسدان ۽ فيلسوف) به آزاد نه آهن. انهن کي هرهنڌ ”گنديءَ سياست“ جو آله ڪاربنايو وڃي ٿو، اهي ماڻهو جن هزارين ورهين جي لاڳتي جاکوڙ سان، ايجادن ڪري، زمين کي سينگاري، ڪنوار بنائي ڇڏيو آهي، اهي تمام ٿورين پگهارن تي ملازم رکيا ويا آهن، ۽ ان طرح سندن زبانون بند ڪيون ويون آهن. هيءُ اهڙو ڏوهه آهي، جنهن کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڏوهه ٿي نه ٿو سگهي. ذي شعور عالمن جي طبقي تي فقط ذي شعور انسان ئي حڪومت ڪري سگهن ٿا. ”دين فطرت“ جي تقاضا اها آهي. ٻيءَ طرح انساني معاشري جي ڀلائي ممڪن نه آهي. +علامه مشرقي +سنڌي نثر مان مثالي فقرا +”ڪنهن به قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا عرصن موافق، سندس خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي. ڪنهن به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي پهريائين اُن عرصي جي علمي خزاني کي کولڻو پئي ٿو. سن ۽ حقيقتون تاريخ جو فقط بوتو ٺاهين ٿيون، پر انهن جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو، جڏهن سندس ادبي تاريخ جو زخيرو موجود هوندو، جنهن جي رستي اسان کي خبر پئي، ته قوم جي قديم فردن جا ڇاڇا خيال ۽ جذبا هئا، سندس علم جي مراد ڇا هئي، ۽ سندس رهڻي ڪهڻيءَ جا ڪهڙا چشما هئا. مطلب ته هر ڪنهن قوم جي هستي سندس عملي ۽ علمي ذخيري تي مدار رکي ٿي.“ (سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جي ڇپايل ڪتاب ”سنڌي نثر ۽ نظم جو انتخاب“ جي صفحي 28 تي درج ٿيل، ڊاڪٽر ع. م. دائود پوٽي جي مضمون ”سنڌيءَ جي ادبي تاريخ“ مان ورتل. چونڊيندڙ. م. د. سونيجي، 11، پارک نگر، گوڍ بندر روڊ، ڪنڊيولي، بمبئي) +* * * +”گهڻي کڻت کنئي اٿيئي؟“ +”سا ته شاهوڪار کي خبر. ٻه چار سوء ڏيڻا هوندا. ڇا ڪريون؟ فصل لهي، ته زميندار کري تي اچي اڌ کڻي وڃن، ٻج به ڏيڍو ڪري وٺن. شاهوڪار بنا به ڪين سري. ان جو منهن جنڊ ڏي. ڏک ۾ ڏين، سک ۾ ڏين. اسان کي کاڌ لاءِ کپي، انگ لاءِ کپي. مال مويشي ڳنهون، جڳهو جهوپڙو اڏيون. ڪاڏي وڃون. فصل ته ٻيٺي ضبط. آهر کٽي آيو اوبڻي، رن وڃايو رنبو. وهن ٿا ڍڳا، کائن ٿا گهوڙا. پر سائين ڪاٺ جو ديڳڙو باهه تي گهڻو وقت هلندو؟ هن سال ته مري ويا آهيون. وري به پيا چئون ته ٻيلي گذريءَ کي ياد نه ڪجي، جا گذري سا چوکي.“ +(نارائڻداس رتمل ملڪاڻيءَ جي ڪتاب ”اناردانه“ ص ص 30-31، تان ورتل. چونڊيندڙ: ابوبڪر محمد بخش نئون آباد ڪراچي 2) +* * * +”قدرت جو ڪتاب جيتوڻيڪ آهي وسيع، ۽ انساني سمجهه کان ٻاهر، تڏهن به قادر، اهڙو ڪجهه نه آهه، جو لڪايو هجي. جيڪڏهن ڪو گهرائيءَ ۾ ٽٻي ڏيئي ٿورو غور سان جاچيندو ته کيس جهرڻي جي جهيڻي وهڪ اعليٰ درجي جو سنگيت معلوم ٿيندي. مهراڻ جي موجن ۾ گجگوڙ جي ��رجنا کيس معنيٰ واري ڀاسندي. چنڊ جي چانديءَ ۾ هو ماه لقا محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو سگهي. گلن جي سرهاڻ سڳند مان انڀوي انسان سهڻي سائينءَ جي حسن جو هڳاءُ ٿو وٺي.“ +(گوبند ڀاٽيا جي ڪتاب ”ورق“ جي پهرئين مضمون ”شاعر جي ضرورت“، ص 2 تان ورتل. چونڊيندڙ: چنا شبير ”ناز“ شڪارپوري پنج پير شڪارپور سنڌ) +چوٿون سنڌي ساهتيه سميلن +گذريل 21 ۽ 22 مئي 1955ع تي، چوٿون ڪل ڀارت ساهتيه سميلن پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي صدارت هيٺ بمبئي شهر جي ڪاما هال ۾، ۽ جئه هند ڪاليج ۾ ٿي گذريو. +اوائل ۾، سميلن ڪميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ، شري گوبند مالهيءَ، هندستان ۽ پاڪستان جي، ڪن ساهتڪارن وٽان آيل سنيها پڙهي ٻڌايا. +آسام جي گونر، شري جيرامداس دولترام، پنهنجي سنيهي ۾ لکيو ته ”سنڌي ٻوليءَ کي، ڀارت جي ٻين ٻولين سان گهاٽو سنٻڌ آهي.“ +شري هيرانند ڪرمچند، ايديٽر، ”هندوستان“ (سنڌي) ڊيليءَ لکيو ته، ”مون کي خاطري آهي ته ڪانفرس چڱيءَ طرح ڪامياب ٿيندي ۽ سڀئي گڏجي، سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ يڪراءِ، ڪو عملي پروگرام رٿي اٿندا. لپيءَ جي باري ۾، جيڪي به متڀيد آهن، سي في الحال پاسيرا رکي، اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي تسليم ڪرائڻ تي ئي زوردار ۽ گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ +سنڌ مان ، مسٽر جي ايم سيد جو پيغام جذبي سان ڀريل هو. پيغام جي شروعات، شاهه جي هيٺئين بيت سان هئي. +”ڪي ويجها به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين!“ +اڳتي هلي، سيد صاحب لکيو ته، ’سنڌين جو ظاهري وڇوڙو، ذرا پست همت بنائي ٿو، پر سنڌ جو جيئرو ”شاهه“، وڏي واڪي پڪاري چوي ٿو ته: +”متان ٿئين ملور آءٌ آڳاهون آهيان، ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، پر حد ٻنهي جي هيڪڙي“. +ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، پنهنجي پيغام ۾ سنڌين جي وڇوڙي جو احوال ڪيو. چي: ”سنڌي هندو اسان کان جدا آهن، تڏهن به، اسان جون دليون، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.“ +سروري اسلاميه ڪاليج، هالا (سنڌ) جي پرنسپال، پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ”شاهه“ جو هيٺيون بيت سنيهي طور موڪليو هو: +”چرڻ چڻڪن چت، سدا منجهه سرير، لڏي ڪہ لوءِ ويا، مارو منجهه ملير، ويٺي پوڄان پير، مان ملان ڪڏهن!“ +سنڌ مان ٻيا پيغام، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر، مسٽر آءِ آءِ قاضيءَ، رجسٽرار، آغا تاج محمد خان، سنڌ جي ٻين اديبن، موسوي عبدالحسين، پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، مسٽر مولائي شيدائي، پروفيسر احسان بدوي، مسٽر برڪت علي آزاد، شيخ حفيظ، عبدالغفور انصاريءَ وٽان آيل پڙهيا ويا. +انهيءَ بعد، سميلن جي سڀاپتيءَ، پروفيسر رام پنجواڻيءَ پنهنجي تقرير پڙهي. پروفيسر صاحب تقرير ڪندي چيو ته: +”پاڪستان کان پوءِ، اسان جي سنڌي ساهتيه کي، وڏن لوڏن مان لنگهڻو پيو آهي. پر، انهيءَ ڳالهه ۾، ڪوبه شڪ شبهه نه آهي، ته اسان هيڏين تڪليفن هوندي به، سنڌي ادب جي جهنڊي کي، بلند رکندا آيا آهيون هنن اٺن سالن ۾، هتي ڀارت ۾، اسان جي سنڌي ساهتيه، جيڪا ترقي ڪئي آهي، سا هرطرح تحسين جوڳي آهي. هيءُ نوجوانن جو دور آهي ۽ جيتوڻيڪ، بزرگ ليکڪن، پنهنجي قلم توڙي زبان سان، نوجوانن جي ڪافي رهنمائي پئي ڪئي آهي، ته به، سنڌي ساهتيه کي مالا مال ڪرڻ جي گهڻي شاباس نوجوان ئي لهڻي. ساهتيه جي، هر شاخ ۽ هر ڏس ۾“ اسان جي ليکڪن، چستيءَ ۽ قابليت سان، قلم جاري رکيو آهي. جنهن وقت سنڌي ساهتيه جو اتهاس لکبو، تنهن وقت، هي اٺ سال، ان اتهاس جو ’سونو دور‘ ڪري ليکيا ويندا. +”مان ڳائيندو آهيان يا ڪجهه لکندو آهيان، ت�� سڀاويڪ، مون کي خوشي ٿيندي آهي. پر جڏهن، منهنجا ٻار ڳائيندا يا ڪجهه لکندا آهن، تڏهن مون کي فخر ٿيندو آهي. بزرگ اديب، جيڪڏهن ڪجهه لکن ٿا ته اها سندن عادت ٿي ويئي آهي، پر، نوجوان اديب، جڏهن اتهاس ۾ اچي، ڪجهه به پيدا ڪن ٿا، سو ڏسي، اسان جي دلين ۾ فخر پيدا ٿيندو آهي. مان، هنن نوجوانن جي ڪيترن جلسن ۾ شريڪ ٿيو آهيان، ۽ مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته سندن مشاعرا ۽ ادبي تبصرا نهايت اوچي معيار جا هوندا آهن. سندن ٽيڪائون عالماڻيون، سندن ڪهاڻيون دلچسپ ۽ حقيقت نگاريءَ سان ڀريل هونديون آهن. سندن ٻوليءَ ۽ عبارت ۾ اڃا ڪجهه کپي، پر، سندن اتساه، کوجنا ۽ نواڻ اڳيان، هن وقت، مان انهن ڳالهين کي گهٽ اهميت ڏيان ٿو. هن اڻانگي دور ۾، ڪيترا قصا، ناول، آکاڻين جا ڳٽڪا، شعرن ۽ مضمونن جا ڪتاب، ٻيا رسالا ۽ مخزنون ڇپچي شايع ٿيون آهن. انهن لاءِ، اسان جي اديبن کيرون لهڻيون. +جنهن وقت، مون کي جديد دور جي، سنڌي ساهتيه جي ابن ۽ ٿنڀن، ديوان ڪوڙومل چندنمل، مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، ليلا رام پريمچند، ڪاڪو ڀيرومل مهرچند، ادو ڄيٺمل پرسرام، لالچند امرڏنو مل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سائين ڪشنچند بيوس ۽ سندن ادبي خدمتون ٿيون ياد اچن، ۽ جنهن وقت، مون کي زنده بزرگ اديبن، اين. آر. ملڪاڻي، لالسنگ اجواڻي، منگهارام ملڪاڻي، آسانند مامتوراءِ، ڪلياڻ آڏواڻي، جهمٽمل ڀاوناڻي، نارائڻ ڀمڀاڻي، چيتن ماڙيوالا، ليکراج ’عزيز‘، ڀوڄراج ناگراڻي، تيرٿ وسنت، تيرٿ سڀاڻي، شيوڪ ڀوڄراج، سوڀراج نرملداس ’فاني‘، امرو هنڱورانيءَ جون ساهتڪ شيوائون نظرن اڳيان ڦري اچن ٿيون، تنهن وقت، مون کان، گوبند مالهي، پرسرام ’ضيا‘، نارائڻ شيام، پرڀو ’وفا‘، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتمچنداڻي، ايشور آنچل، ارجن ’شاد‘، موتي پرڪاش، ڪلا ريجهسنگاڻي، سڳن آهوجا، گوبند پنجابي، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪلا پرڪاش، نارائڻ ’ڀارتي‘، ليکو تلسياڻي، تارا ميرچنداڻي، اتم، ڪرشن ’راهي‘، موهن ڪلپنا، شيوو رامناڻي، ’گمنام‘، ’داس‘،’طالب‘ ۽ ٻين نوجوانن جون، اڻٿڪ ۽ تحسين جوڳيون ادبي ڪوششون، ڪڏهن به، وسري نه ٿيون سگهن. +”اديب لکن ٿا، پر، انهن جي امنگن جي اظهار جا ذريعا، جن به صاحبن، اسان کي ميسر ڪري ڏنا آهن، تن جا به، اسان آڀاري آهيون. هندستان ساهتيه مالا، سندر ساهتيه، ڪهاڻي ناول مالا، ڀارت جيون، سرگم، ڀارت پبليڪيشن، نئي دنيا، ڦليلي، هندواسي، سئنا، سنڌو، راڻي پبليڪيشن ۽ ٻين رسالن ۽ مخزنن به جس لهڻو، جو وڏا نقصان سهي به، ساهتيه جي شمع روشن رکي اٿن. شابس آهي سنڌي ساهيته منڊل، سنڌي ساهت سنگت، سنڌي ساهت سڀا (سنڌو نگر)، ينگ ڪاسماپوليٽن گروپ، ۽ دهليءَ، احمد آباد، اجمير، جئپور، ڀوپال، گانڌي ڌام ۽ بڙودي وغيره شهرن جي ادبي جماعتن کي، جن ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، سنڌي ساهتيه جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ، چڱو پاڻ پتوڙيو آهي. +”ڀارت جو خيال ڪندي، اسين، سنڌ جي اديبن کي به، پاڻ کان الڳ نٿا سمجهون. هت يا اُت ڪوشش اهائي آهي ته ان جي ماتر ڀاشا زنده رهي ۽ اسان جو ساهتيه ڦري ۽ ڦولي! اسين، وڏيءَ دلچسپيءَ سان، بزرگن ۾، ڊاڪٽر دائود پوٽي، آءِ. آءِ قاضي، جي. ايم. سيد، عثمان علي انصاري، افضل بيگ مرزا، عبدالحسين موسوي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، عبدالواحد سنڌي، حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، آغا تاج محمد پٺاڻ، مولائي شيدائي، محمد صديق مسافر، لطف الله بدوي، موتي رام رامواڻي، برڪت علي ��زاد، شيخ حفيظ ۽ ٻين اديبن جا ليک، ’مهراڻ‘، ’نئين زندگي‘، ٻين ڪاليجي مخزنن ۾ پڙهندا آهيون ۽ حظ حاصل ڪندا آهيون. +’ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.‘ +”ايترن سنڌي اديبن هوندي به، ڇا، ائين چئي سگهبو ته سنڌي ادب جو آئندو اونداهو آهي؟ ڪير ٿو چوي ته اسان کي ساهتيه ڪونهي؟ +”هڪوار، ڪو اسان جو شاهه پڙهي ڏسي، ۽ سچل، سامي، دلپت، بيڪس، بيدل، روحل، سانگي، گل، خاڪي بيوس کي پڙهي ڏسي، ته ڪپاٽ کلي وڃنس ۽ کيس انڀو ٿئي، ته اسان جو ادبي ورثو، هندستان جي ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ جي ادبي ورثي کان، ڪنهن به ريت، گهٽ ناهي. وقت پري نه آهي، جڏهن، شاهه، سچل، سامي ۽ بيوس جهڙن عاليشان شاعرن کي، ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري، سڄيءَ دنيا کي مڃرائينداسون ته هو عالمي شاعر آهن، ۽ هن جي بلند پروازي ۽ باريڪ بيني، دنيا جي ڪنهن به ٻئي شاعر کان گهٽ نه آهي. +”ايتري ساهتيه هوندي به، اسان جي ٻوليءَ کي وڌان (دستور) ۾، تلسيم نه ڪيو ويو آهي. اها ٻولي، جا سنسڪرت ۽ پرا ڪرتن کي ويجهي ۾ ويجهي ٻولي آهي،جنهن ۾ ستر سيڪڙو لفظ، ڊڪشنري طرز سان، سنسڪرت مان ورتل آهن، ۽ جا نئين وڌان جي اصول مطابق، راشٽر ڀاشا کي مالا مال ڪرڻ ۾، وڏي هٿي ڏيئي سگهي ٿي، تنهن ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي! آخر، اسين گهرون ڇا ٿا؟ اسين فقط اهو ٿا گهرون ته هندستان جي ٻين ٻولين سنئون، اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي به پورو وجهه ڏنو وڃي، ته اسين، راشٽر ڀاشا کي وڌائڻ ۾ هڪ جهڙو ڀاڳ وٺون، جيئن، اسين به، فخر سان چئي سگهون، ته راشٽر ڀاشا جي شاندار عمارت اڏڻ ۾، اسان جون به ڪي چار سرون لڳل آهن. عجب اهو آهي، جو اسان وٽ ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪي آهي ۽ اهو، اسين ڀيٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر، اڄ، اسان جي پنهنجي سرڪار، اها ڀيٽا سويڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هر نڪتي نگاهه کان، اسين مدد ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ ڪنهن تي به، ڀري بار نٿا ٿيڻ چاهيون. فقط، اسان کي، مدد ڏيڻ جو اڌڪار ڏنو وڃي. +”جيڪڏهن، هندستان جي فلم انڊسٽري، اسان جي لوڪ گيتن مان، ڪي گيت کڻي، جدا جدا فلمن ۾ آندا آهن، ته انهيءَ ۾، فلم انڊسٽريءَ کي فائدو ٿيو آهي يا نقصان؟ ’بڙي ڀول هئي‘ (ڪوهيارا وي يار)، ’جائوگي ڪهان دل توڙڪي‘ (رهي وڃ رات ڀنڀور ۾)، ’بگڙي بناني والي‘ (سوڍل سائين، سمجهه سياڻا)، ۽ ڪيترائي ٻيا سر، راڻي، حسيني، ڪوهياري ۽ خاص سنڌي ڀيرويءَ تي ٻڌل آهن ۽ مشهوري حاصل ڪري چڪا آهن. +”جيئن، سنگيت جي کيتر ۾، اسان، هندستان کي ڪجهه ڏنو آهي، تيئن، ساهتيه جي کيتر ۾، اسين، ڪي نوان خيال ۽ نيون ڳالهيون ڏيئي سگهون ٿا. ادب بجاءِ خود، پر ڪلا جي ويچار کان، شري پرمانند سڳني مل واريءَ ’چترن گيتا‘ سان ٻي ڪهڙي گيتا ڀيٽ کائي سگهي ٿي؟ اسان وٽ دماغ آهي، دل آهي، ڪم ڪرڻ جو اُتساه آهي، اُتساه کي عملي جامو اوڍائڻ جي چاهنا آهي، پر، اسان جي حوصلي افزائي ٿئي ۽ اسان جي ڪارنامن جو قدر ٿئي. +”قبول ٿو ڪجي، ته ورهاڱي کان اڳ، هندستان جي هڪ پاسيري ڪنڊ ۾ هجڻ ڪري، پنهنجي ساهتيه ۽ سنسڪرتيءَ جو، ٻين ڀارت واسين اڳيان پورو پردرشن ڪري نه سگهياسون. اها به حقيقت آهي، ته ان ڏس ۾، اسين پاڻ ۾ ئي پورا هئاسين، ۽ پنهنجي موج ۾ ئي مست هئاسين. پر، هاڻي جڏهن اسان کي، قدرت سان، هندستان ۾ اچي، هندواسي ٿيڻ جو وجهه مليو آهي، تڏهن ٻين ساهتين جي ساءَ وٺڻ سان گڏ، اسان کي به گهرجي، ته اسين به، هنن کي پنهنجي اعليٰ ادب ۽ اوچ تهذيب جو فيض ڏيون. +”اسان تمام وڏي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي تسليم ٿئي. اسان جي هڪ ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي سڀا‘ اهو تحريڪ هلايو آهي، پ�� انهيءَ سان گڏوگڏ، شايد، هاڻي ڪي ٻيا اثرائتا نمونا پڻ وٺڻا پوندا، جئن، اسان، وس وارن جو ڌيان، پنهنجي لياقت ۽ پريم سان، پاڻ ڏانهن ڇڪائي سگهون. هن وقت تائين، هن قسم جا جلسا، صرف مڪاني طرح، پئي ٿيا آهن. هاڻ رٿيو ويو آهي، ته هن سميلن جو دائرو وڌائي، ان کي ’اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن‘ جي پدوي ڏجي، ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاخون قائم ڪجن ۽ گهٽ ۾ گهٽ، پنجاهه هزار ميمبر داخل ڪري، يڪمشتيءَ سان، سنڌي ساهيته ۽ ڪلائن جي اُنتيءَ لاءِ، جوڳا قدم کڻجن. مون کي، سورهن آنا خاطري آهي، ته يڪمشتيءَ، سهڪار، ادم ۽ اوچائيءَ سان اسين، پنهنجون سموريون منشائون پوريون ڪنداسون.“ +سڀاپتيءَ جي تقرير بعد، سميلن ڪميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ، شري گوبند مالهيءَ، ’ٽين سميلن بعد ڪمن جي رپورٽ‘ پيش ڪئي. +سيڪريٽريءَ جي رپورٽ بعد، بمبئي ۽ ٻاهر جي ساهتڪ سنسٿائن وٽان آيل، سندن ڪاروبار جون رپورٽون، پڻ پڙهيون ويون. انهيءَ بعد، آيلن مان، ڪن بزرگن پنهنجون شڀ ڀاونائون ظاهر ڪيون. +آخر ۾، ماستر چندر، ماستر پريم ساگر، پروفيسر رام پنجواڻي، بي بي نرملا، بي بي سلوچنا ۽ ٻين، سنڌي ڪلام سان، حاضرين کي وندرايو. +* * * +ٻئي ڏينهن، آرتوار 22 مئي، صبح جو سميلن جي ڊيليگيٽن جو جلسو جئه هند ڪاليج ۾ ٿيو، ۽ ان ۾ هيٺان ٺهراءَ بحال ٿيا: +1. ”هي سميلن، سنڌي ساهتيه جي ابي، شريمان لالچند امرڏني مل جڳتياڻي ۽ جديد سنڌي ناٽڪ جي آرنڀڪ، شري خانچند شامداس دريانيءَ جي مرتيي تي، شوڪ ٿو ظاهر ڪري ۽ سندن پوين سان تهدل همدردي ظاهر ٿو ڪري.“ +2. ”هي سميلن، سخت افسوس ٿو ظاهري ڪري، جو ڀارت جي وڌان ۾، سنڌي ٻوليءَ کي، ڀارت جي ٻين ڀاشائن سنئين جڳهه نه ڏني ويئي آهي. هي سميلن، انهيءَ باري ۾، جيڪي به عريضا، سنڌي ٻولي ڪاميٽي، ديوناگري سنڌي سمتي ۽ ٻين سنسٿائن طرفان، ڀارت سرڪار کي موڪليا ويا آهن، تن جي پٺڀرائي ٿو ڪري. +”وڌيڪ، هيءُ سميلن، ڀارت جي هرهڪ سنڌيءَ ۽ هرهڪ سنڌي سنسٿا ۾ اها اميد ٿو رکي، ته سنڌي ٻوليءَ کي تلسيم ڪرائڻ لاءِ جيڪا ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي سڀا‘ جوڙي ويئي آهي، تنهن جي دل وجان سان مدد ڪئي ويندي.“ +3. ”هي سميلن، ڀارت سرڪار جي خبرچار ۽ چوڏس ڦهلاءَ وڀاڳ کي وينتي ٿو ڪري، ته آل انڊيا ريڊيو جي دهليءَ، بمبئي ۽ ٻين مکيه اسٽيشنن تان شايع ٿيندڙ پروگرامن ۾، سنڌي پروگرام کي به مناسب جاءِ ڏني وڃي. +4. ”هن سميلن جي ڌيان تي آيو آهي ته ڀارت جي ڪن پرانتن ۾، جتي به سنڌي ڪافي تعداد ۾ رهندڙ آهن، اتي يا ته ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي ٻين ديسي ٻولين جيان تسليم ڪيل نه آهي، يا ته سنڌي سڪولن کي ضروري گرانٽ نٿي ڏني وڃي. تنهن ڪري، هيءُ سميلن، اهڙين پرانٽڪ سرڪارين ۽ يونيورسٽين کي عرض ٿو ڪري، ته سنڌي شاگردن ۽ سنڌي ڪاليجن ۽ سڪولن کي، هن باري ۾ مناسب تسليمي ۽ امداد ڏني وڃي. +5. ”جئن ته، اسان جا سنڌي ڀائر، ڀارت اندر، گهڻن پرانتن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ جئن ته، اهو ضروري آهي ته ڀارت اندر سڀ رهندڙ سنڌي، يڪمشتيءَ سان، سنڌي سنسڪرتي، سنڌي ساهتيه، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلائن جي حفاظت ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪوشش ڪن، تئن هيءُ ميڙ فيصلو ٿو ڪري ته: +(الف) ’هڪ اکل ڀارت سميلن‘ برپا ڪيو وڃي. +(ب) اڄوڪي ميڙ ۾ حاضر ڊيليگيٽ، سميلن جا اوائلي ميمبر سمجهيا وڃن. +(ٻ) اڄوڪو ميمبرن جو ميڙ، سميلين جو، هڪ عارضي وڌان بحال ڪري، جو ايندڙ سالياني اجلاس تائين چالو رهي ۽ جنهن تي، ايندڙ سالياني اجلاس ۾ وري ويچار ڪيو وڃي. +6. ”هيءُ سميلن، ڀارت توڙي ڀارت کان ٻاهر رهندڙ، هرهڪ سنڌي مرد توڙي زال کي، وينت�� ٿو ڪري ته سميلن جي ڪاريه کي سوڀارو ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ، سميلن جي ڪاروبارين کي دل و جان سان مدد ڏين“ +مٿين ٺهرائن کان سواءِ، هند ۽ پاڪ وچ ۾ ساهتيه جي مٽا سٽا ۽ ڪلچرل سفارتن جي آمدرفت جي باري ۾ ۽ قومي اڪاڊمين تي، سنڌين کي عيوضي ڏيڻ جي باري ۾ ٺهراءُ بحال ٿيا. +انهيءَ بعد، نئين سال لاءِ چونڊون ڪيون ويون. شري گوبند مالهي، جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ۽ هيٺيون ست ڪاميٽيون مقرر ڪيون ويون. +1. سنگٺن ڪاميٽي: پروفيسر ايل. اڇ. اجواڻي (چيئرمن)، ۽ ست ميمبر. +2. ساهتيه ڪاميٽي: پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي (چيئرمن)، ۽ چار ميمبر. +3. ڪلا. سنسڪرتي ڪاميٽي: پروفيسر رام پنجواڻي (چيئرمن)، ۽ ڇهه ميمبر. +4. هند پاڪ ساهتيه سهڪار ڪاميٽي: پروفيسر جهمٽمل ڀاوناڻي (چيئرمن)، ۽ ٽي ميمبر. +5. انتر ڀاشا سهڪار ڪاميٽي: پروفيسر بي. ايڇ. ناگراڻي (چيئرمن)، ۽ ٽي ميمبر. +6. راشٽر ڀاشا ڪاميٽي: پروفيسر تاراچند گاجرا (چيئرمن)، ۽ پنج ميمبر. +7. ناري ڪاميٽي: ڪماري ڄيٺي سپاهيملاڻي (چيئرمن)، ۽ ست ميمبر. +8. مالي ڪاميٽي: پروفيسر گهنشام شوداساڻي (چيئرمن)، ۽ پنج ميمبر. +’اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن‘ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي، مٿين ڪاميٽين جا چيئرمن، سملين جو جنرل سيڪريٽري ۽ هيٺيان ڇهه ميمبر کنيا ويا: شري آسانند مامتورا، شري پرمانند سڳنومل، پروفيسر ليکراج ”عزيز“، شري ڪيرت ٻاٻاڻي، شري پراسرام ”ضيا“ ۽ ڪماري پوپٽي هيراننداڻي. +* * * +شام واري ميڙ، ساهتيه جلسي ۾، شعرن ۾ ادبي مضمونن پڙهڻ جو پروگرام رٿيل هو. پروفيسر آيم. يو، ملڪاڻيءَ ”ورهاڱي بعد سنڌي شعر جي ترقي“ تي پنهنجا عالماڻا مضمون پڙهيا. +شاعرن ۾، شري پرسرام ’ضيا‘، ارجن ’شاد‘، موتي پرڪاش، ڪرشن ’راهي‘، سڳن آهوجا، جيٽلي، ڪمل، مهر، آنچل، سريچند، ’گمنام‘ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ بهرو ورتو. +آخر ۾ ماستر چندر، ماستر پريم ساگر، پروفيسر رام پنچواڻي بيبي نرملا، بيبي سلوچنا ۽ ٻين پنهنجي مڌر سنڌي بيتن ۽ ڪلام سان حاضرين کي وندرايو، اهڙيءَ ريت ٻن ڏينهن جي ڪاروبار سان، چوٿون سنڌي ساهتيه سميلن نهايت ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو. +”هونءَ ته سڀ ڪنهن کي خوف اچي ٿو، مرڻ کان ۽ زخمي ٿيڻ کان هرڪو ڊڄي ٿو. پر جن جون دليون سچيون آهن، اهي سڀني خوفن ۽ خطرن کي هٽائي، هٿن کي هٿيار بنائي، ميدان ۾ ٽپي ٿيا پون. ائين آهي ته وحشي جانورن سان لڙڻ لاءِ جذبي واري دل گهرجي! +جن جون دليون سچيون آهن، سي دشمن کان نه ڊڄن، ۽ جن ڳالهين کي سچو ٿا سمجهن، اهي دنيا کان نه لڪائن، ۽ فوراً ميدان ۾ اچن: ڇو ته ظالم به ته وڌندو ٿو وڃي! +هونءَ ته سڀ ڪنهن کي خوف ٿئي ٿو، مرڻ کان ۽ زخمي ٿيڻ کان هرڪو ڊڄي ٿو. پر جن جون دليون سچيون آهن، تن کي ڏسو، جڏهن سندن وارو ٿو اچي، تڏهن سر تريءَ تي رکي، سڀ خطرا پاسي ڪري، پنهنجو فرض پورو ٿا ڪن. بيشڪ سڀ کي خوف به اچي ٿو!“ (زيڪوسلوويڪيا جو هڪ شاعر) +(1) ول ڊيورانٽ - ”مئنشنس آف فلاسافي“ صفحو 306. +(2) ٽريوليان - هئمر ٽنس ”يونيورسل هسٽري آف سنڌ“ - صفحو 10. +(1) ول ڊيورانٽ صفحو 306. +(2) ٽريوليان صفحو 16. +(1) ٽريوليان - صفحو 5 +(1) مارشل - ”پرنسپلس آف ايڪانامڪس“ - مهاڳ +(2) ائشلي - ”هسٽارڪ اينڊ ايڪانامڪ سرويز“ - صفحو 15 +(3) ائشلي - ”هسٽارڪ اينڊ ايڪانامڪ سرويز“ - صفحو 24. +(1) پوسٽنس - ”پرسنل آبزويشنس“ - صفحو 10. +(2) ڪرو- ڊاڪٽر جيمس جي ڪتاب ”نئريٽو آف اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ“ صفحي 113-114 تان ورتل. +(1) مهاڀارت ۾ به سنڌ، سوي ۽ سوراسٽر جو ذڪر آيل آهي. +(2) قليچ بيگ ”چچ نامو“ صفحو 11، ۽ ايليٽ صفحو 138. +(3) قليچ بيگ - فٽ نوٽ - صفحو 11. +(4) قليچ بيگ صفحو 11، 12. +(1) ميان نورمحمد ڪلهوڙي لاءِ چيو وڃي ٿو ته وٽس مشرقي زبانن جو هڪ قيمتي ڪتب خانو هو، جنهن کي خون جي پياسي نادر شاهه تباهه ڪري ڇڏيو. (صديقي محمد حنيف - جي - ايس - ايڇ - ايس - جلد پهريون - ڀاڱو پهريون.) +(1) جارج - ”دي رليشن آف جاگرافي اينڊ هسٽري“ - صفحو 7 ۽ اي - جي - سيڪيٽ - ”دي پرنسپلس آف جاگرافي“ - فريڪل ايند هيومن - صفحو 391. +(1) ول ڊيورانٽ - صفحو 320. +(1) چيلي ”ائڊمنسٽريٽو پرابليمس آف برٽس انڊيا“ صفحو 4. +(1) ڪنگهام - ”ائنشنٽ جاگرافي“ - جلد 1، صفحو 251 - ۽ پٿاوالا - ”فلڊس ان سنڌ“ صفحو 1 +(1) مئڪڊونالڊ جي روهڙي ضلعي تي رپورٽ (1857) صفحو 43. +(2) اي - ايف - آءِ - 1655 - صفحا 210- 207. +(3) هئملٽن ”اڪائونٽ آف ايسٽ انڊيز“ صفحو 57. +(1) مير چنداڻي ”جنرل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ - جلد ٽيون - ڀاڱو چوٿون - صفحو 78 + + +آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين! +(اداره) +مرحومه روشن آرا مغل +سنڌ جي مشهور تعليمي ۽ اصلاحي ڪم ڪندڙ، محترمه روشن آرا مغل، 25 مئي 1955ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. (اِنالله و انا اليہ راجعون) مرحومه روشن آرا علم ۽ عمل، ادب ۽ اخلاق جي زيورن سان آراسته هئي. هڪ غريب خاندان ۾ ڄائي ۽ پنهنجي محنت ۽ ڪشالي سان اعليٰ درجي تي پهتي. +مرحومه ”روشن“ جي ابتدائي تربيت پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ٿي، جنهن زناني اسڪول ۾ ماستري ڪندي، ۽ بيواهه هوندي پنهنجي ٻچن کي پاليو ۽ تاتيو. ”روشن“ پرائمري تعليم پوري ڪري، سيڪنڊري تعليم ڪاميابيءَ سان حاصل ڪئي. پاڪستان کان اڳ 1947ع ۾ بمبئي مان بي. ايس سي. پاس ڪيائين، 1951ع ۾ بي. ٽي.، 1952ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم. اي، ۽ 1954ع ۾ ايل. ايل بي. جو پهريون سال پاس ڪيائين. 1955ع ۾ ٻئي سال جو امتحان ڏيڻو هوس، ۽ اڃا پي. ايڇ. ڊي، ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ڊگرين حاصل ڪرڻ جو خيال هوس، تعليمي مشغولين ۽ امتحانن جي ڪاميابين سان گڏ، قومي ۽ وطني ۽ اصلاحي ڪمن ۾ کيس چڱو اعزاز حاصل هو. +1947ع کان 1948ع تائين ميونسپل سڪولبورڊ شڪارپور جي برک ميمبرياڻي ٿي رهي آهي. 1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي ميمبر هئي. 1948ع کان ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ انسپيڪٽريس گرلس سڪولس جي عهدي تي فائز رهي. آڪٽوبر 1952ع کان اپريل 1953ع تائين آمريڪا ۾ زرعي، تعليمي ۽ سماجي طريقن جي سکيا لاءِ سرڪاري خرچ تي ويئي، ۽ آمريڪا جي وڏن وڏن عالمن کان پنهنجي علم ۽ صلاحيتن جو داد حاصل ڪيائين، ان سان گڏ جپان، هانگ ڪانگ، برما ۽ اوڀر پاڪستان ۽ سيلون جو به سير ڪيائين. ”روشن“ سچ پچ ته هر اعتبار سان ”روشن“ هئي. ۽ سنڌي عورتن لاءِ هڪ ”مثالي عورت“ هئي. علم ۽ ادب ۾ ڀڙ، طبع ۾ سليم ۽ حليم، نياز ۽ نوڙت واري ”روشن“، سنڌ جو روشن تارو هئي. +سندس ڪابه تصنيف ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل ڪانه آهي، البت سندس مضمون آهن، جي رسالن ۽ مخزنن ۾ محفوظ آهن، ۽ سندس اٽڪل 150 کن تقريرون موجود آهن جي هن ريڊيو پاڪستان جي ڪراچي اسٽيشن تان نشر ڪيون، جن سڀني کي گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي. +هن تعليم يافته ۽ روشن دل خاتونءَ جي بي وقت وفات، نهايت صدمو پهچايو آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جوار رحمت ۾ جاءِ عطا ڪري، ۽ سندس پسماندن، خاص طور سندس ساهه صدقي ڪندڙ ماءُ، غمزده ڀيڻ ”بادام“، سندس شريف النفس وفادار شوهر مسٽر اسحاق کي صبر جميل عطا ڪري. +افسوس +”هوءَ هير گهلي، هوءَ رت بدلي، گل گل جي منهن تي، مرڪ ملي، افسوس انهيءَ مکڙيءَ تي جا، نه کڙي نه ٽڙي، نه کلي نه کلي!“ +سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ +سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ ٽکڙائيءَ، تازو 28 مئي 1955ع تي وفات ڪئي آهي. (انالله و انا ا��يہ راجعون) مرحوم ٽکڙ جي مردم خيز شهر ۾ 30 جمادالاول 1306 هه ۾ ڄائو، مرحُم علامه اسد الله شاهه ”فدا“ ۽ سيد محمد حافظ شاهه سندس چاچا هئا. شاهه صاحب ننڍپڻ کان وٺي نهايت +ذهين سليم طبع هو. سندس تعليم جي ابتدا ديني مڪتب ۾ ٿي. ان زماني ۾ ٽکڙ، علم ۽ ادب جو مرڪز هو. ۽ حافظ محمد يوسف جي ”مڪتب“ جي شهرت وڏن وڏن علم دوست ماڻهن کي ڇڪي آڻيندي هئي. آخر سندس عزيزن کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي ميٽرڪ تائين تعليم ورتائين، ۽ ان کان پوءِ مرحوم نورمحمد وڪيل، ۽ مسٽر دين محمد عليگ جي صلاح تي علي ڳڙه ويو. پر ڪن گهرو معاملن ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، ۽ ڳوٺ موٽي آيو، ۽ اچي شادي ڪيائين. شعر و شاعري جو شوق ”فدا“ ۽ ”حافظ“ جي صحبت مان پيدا ٿيس. سندس ڪلام جو زياده ذخيرو ”ڪافين“ جي صورت ۾ آهي. سندس ڪافيون نهايت پر سوز، رقت انگيز 7 روحانيت سان ڀريل آهن. +مرحوم شاهه صاحب محفل جو مور، گفتگو جو سهڻو، معلومات سندس وسيع، سياست، مذهب، علم ۽ ادب تي رهاڻ ڏاڍي رس ڀري ڪندو. +سندس ڪافي ڪلام موجود آهي، جو شايع ٿيڻ جهڙو آهي. سندس پسماندن کي گهرجي ته ڪلام کي جمع ڪرائين ۽ شايع ڪرائين. ”مهراڻ“ جو ادارو شاه صاحب جي پسماندن ۽ عزيزن سان شريڪ غم آهي. دعا آهي ته رب ڪريم کيس مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي! +قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي +اسلامي تاريخ جي وڏي ڄاڻوءَ ۽ مورخ، قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي مرحوم، 6 آگسٽ 1955ع رات جو 8 بجي، سنڌ يونيورسٽيءَ حيدرآباد سنڌ ۾ انتقال ڪيو (اِنالله و انا اليہ راجعون). +مرحوم قاضي صاحب جو اصل نسل سنڌ سان تعلق رکي ٿو. سندس وڏا ٺٽي جا رهاڪو هئا، پر زماني جي انقلاب سبب ڪلهوڙن جي دور ۾ جهونا ڳڙه ڏانهن لڏي ويا هئا. سندس مادري ٻولي اڃا تائين ڪڇي سنڌي آهي. قاضي صاحب وچولي طبقي جو فرد هو. سندس ابتدائي زندگي ’سفيد پوش‘ نموني ۾ شروع ٿي، اهوئي سبب آهي، جو قاضي صاحب ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي تعليم ۽ ڊگرين کان محروم رهيو. ذوق سليم ۽ ذاتي مطالعي کيس معراج ترقيءَ تي پهچايو. +قاضي صاحب، شعبهء تاريخ اسلام ۾ وڏي مقام جو صاحب هو. ان کان سواءِ دينيات، فقہ، لسانيات، فلسفي، ادب ۽ تنقيد ۽ ٻين فنن ۾ به وڏيءَ دسترس جو مالڪ هو. باوجود ايڏي ڪمال جي، قاضي صاحب مرحوم نهايت نهٺو، ساده دل ۽ شريف الطبع شخص هو. +سندس تحقيقي مقالن جو وڏو انداز هندستان جي معياري رسالن ۾ محفوظ آهي. سندس هر مقالو، تحقيق ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. سندس لکڻي رنگين، انداز بيان شيرن آهي. اهوئي سبب آهي جو تاريخ جهڙن خشڪ مضمونن ۾ هڪ قسم جي ڪشش پيدا ڪئي اٿس. قاضي صاحب پاڪستان کان اڳ واري زماني ۾، جهوناڳڙهه جي نوان جي پرائيويٽ سيڪريٽري هو. ”ورهاڱي“ جي لڏ پلاڻ ۾ قاضي صاحب هجرت ڪري پاڪستان آيو. ڪراچيءَ ۾ اچي ”انجمن ترقي اردو“ جو سيڪريٽري ٿيو، ۽ ان سان گڏ انجمن جي سه ماهي رسالي ”اردو“ جي ادارتي بورڊ ۾ به اعزازي طور ڪم ڪندو رهيو. +سندس تصنيفات ۾ هڪ زبردست معياري ڪتاب علامه اقبال جي فلسفي، ڪلام ۽ شخصيت تي لکيل، اقبال ايڪيڊميءَ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ قاضي صاحب اقبال جي هر پهلو کي واضح ڪيو آهي. +پوئين دور ۾، ڊسمبر 1953ع ۾، قاضي صاحب مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبه تاريخ اسلام جو هيڊ ٿي آيو. +مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي تقريب لاءِ ”سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت“ تي هڪ بهترين تحقيقي مقالو لکي رهيو هو. +قاضي صاحب جهڙي محقق ۽ عالم جي جاءِ ڀرجڻ مشڪل آهي. سندس وفات، علمي ۽ تاريخي دنيا ۾ ناقابل تلافي خال ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ شال مٿس رحمت ڪري! +تبصرا +غ . گ +ڪتاب جو نالو مثنوي اشرف العلوم دفتر 4: لکندڙ مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي، صفحا 240، قيمت 5 رپيا، ڪاغذ اُچو، ڇپائي، سهڻي، ڇپائيندڙ، آر، ايڇ، احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ. +مثنوي مولانا روم جو ترجمو، مولانا ’اديب‘ فيروزشاهي، ڳچ وقت کان ڪري رهيو آهي. ”مثنوي روم“، تصوف، فلسفي، اخلاقيات جي کاڻ آهي. سنڌي ادب ۾ ههڙي معياري ڪتاب جو ترجمو ٿيڻ هڪ ڪرشمو آهي. ”مثنوي روم“ جي هن ترجمي تي سنڌي زبان کي فخر حاصل آهي. مولانا اديب صاحب جو سنڌي ترجمو، اردو ترجمن کان به معياري آهي. مولانا روميءَ جي خيالات کي سنڌي زبان ۾ نهايت ڪامياب نموني ۾ پيش ڪرڻ مان ثابت آهي ته سنڌي زبان ۾ ايترو استعداد آهي، جو هوءَ اهڙن ڪتابن کي پاڻ وٽ جذب ڪري سگهي ٿي. +ڪتاب جو نالو ڪليات مسافر: مصنف ماستر محمد صديق ”مسافر“، ڪاغذ سفيد، صفحا 225، قيمت 5 رپيا: ڇپائيندڙ آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ. ”ڪليات مسافر“ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اديب ماستر ميان محمد صديق ”مسافر صاحب محتاج تعارف نه آهي. هن دور ۾ هو صاحب هڪ قادرالڪالم استاد جي حيثيت سان تسليم ٿيل ۽ جهونو اديب آهي. اول پورن 56 صفحن ۾ ”مسافر“ جي زندگيءَ تي تبصرو ڪيل آهي، ان کان پوءِ غزلن جو پورو ديوان الف بي وار ڏنل آهي. ان کان پوءِ مسدس، قطعا، مفردات، مثنيون ڏنل آهن. ”مسافر“ صاحب جو اهو ڪلام جو سنڌي پرائمري تعليم لاءِ ستن درجن ۾ آيل آهي، اهو آخر ۾ ڏنل آهي. ”مسافر“ صاحب جي ڪلام ۾ سادگي ۽ سلاست، روانيءَ ۽ تاثر موجود آهي. ساري عمر علم و ادب جي خادم جي حيثيت سان گمناميءَ ۾ گذاري اٿس. علم دوست ماڻهن کي گهرجي ته هو ههڙي علمي چيز کي ضرور مطالع ڪن. +ڪتاب جو نالو موتين مٺ: لکندڙ محمد علي دائود پوٽو ”عيان“ دادو: ڇپائي صاف، ڪاغذ اڇو، صفحا 131 قيمت 0-8-1 رپيو، مصنف کان ملي سگهي ٿو. +”موتين مٺ“، ”شاهه“ جي رنگ ۽ تشبع ۾ چيل بتين جو مجموعو آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري خيال به ”شاهه“، جا آهن. پر لفظي قالب سو لکندڙ جو آهي. ”شاهه“ جي شاهاڻيءَ صنعت کي نباهڻ نهايت مشڪل ڪم آهي. ”شاهه“ جي ڪلام ۾ اصليت، جدت، حقيقت، سوز ۽ رقت، انداز بيان جي شگفتگي ۽ تازگي آهي. اهڙي طرز واري ڪلام کي نباهڻ ڏکيو ڪم آهي. هن مختصر ڪتاب ۾ ”ڪلياڻ“ کان ”رامڪليءَ“ تائين بيت چيل آهن. هر سُر ۾ ”شاهه“ جي خيالن جي پلٽ آهي. مصنف لاءِ لازمي آهي ته هو اڃا به ”شاهه“ جي اسلوب بيان، ۽ ڏوهيڙن جي ساخت جو مطالعو ڪري، ۽ هن فن کي فني حيثيت سان ڪمال تي پهچائي. جيڪڏهن مسلسل محنت قائم رهي ته پوءِ اميد ته هو صاحب هن صنع کي چڱيءَ حد تائين حاصل ڪري سگهندو. +ڪتاب جو نالو سنڌي صحافت: لکندڙ مسٽر ڪريم بخش خالد: ڇپائي چڱي، پنو اڇو، صفحا 225، قيمت 0-4-2 رپيا. ڇپائيندڙ، حبيب پبليڪيشنس، سکر سنڌ. +حبيب پبليڪيشنس جي علمي ۽ ادبي سلسلي جو ڪتاب آهي، ۽ سنڌ جي مشهور اهل قلم نوجوان ڪريم بخش خالد جي عرق ريزيءَ ۽ مطالعي جو نتيجو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ جناب اي، ڪي بروهي صاحب لکيو آهي، جو معلومات افزا آهي. اول فن صحافت تي بحث ڪيل آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صحافت ڇا آهي؟ ”خبر“ ۽ ”نامه نگار“ جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ اخبار جي ڪاميابيءَ جا ڪهڙا اصول آهن. ان کان پوءِ سنڌ جي صحافت جي تاريخ آهي، جنهن ۾ سنڌي صحافت جي ابتدا ۽ ارتقا تي مفصل تبصرو ڪيل آهي. آزاديءَ کان پوءِ واريءَ سنڌي صحافت تي الڳ بحث ڪيل آهي. آخر ۾ پريس جا فرائض ٻڌايا ويا آهن. طول طويل غلط نامو نهايت معيوب آهي. ڪتاب افاديت جي لحاظ سان معياري آهي. اه�� علم لاءِ هڪ معلوماتي ذخيرو آهي. +ڪتاب جو نالو تاريخ اندلس: لکندڙ مسٽر لطف الله بدوي: ڇپائي صاف، پنو سٺو، صفحا 326 قيمت 0-8-3 رپيا. ملڻ جو هنڌ: آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ. +هيءُ ڪتاب ’اسپين جي تاريخ‘ ۽ بنو اميه خاندان جي حالت ۽ واقعات ۽ ڪارنامن تي مشتعمل آهي. اسپين تي هڪ هزار سال ورهيه ساندهه مسلمانن جي حڪومت رهي. ان دور ۾ علم ۽ حڪمت، فلسفي ۽ سائنس جي وڏي خدمت ڪئي وئي آهي. ڊوزي لکي ٿو ”جڏهن لنڊن ۽ پيرس جي رستن تي ڌوڙ اڏامندي هئي. تڏهن قرطبه جي گهٽين جي سنگ مرمر جو فرش هوندو هو.“ +هي ڪتاب تاريخ جي معتبر ڪتابن جي آڌار تي لکيو ويو آهي، ۽ خاص بي اي جي شاگردن لاءِ مفيد آهي. افسوس آهي جو اهڙي ضخيم ڪتاب جي مضمونن جي شروعات ۾ ڪا فهرست ڪانه ڏنل آهي. مجموعي طور ڪتاب مطالعي لائق آهي. اميد ته بدوي صاحب باقي حصا لکي هن سلسلي کي مڪمل ڪندو. +ڪتاب جو نالو: سريمد ڀڳوت گيتا عرف مرغ بهشت: مؤلف ۽ مترجم، مولانا محمد صادق صاحب، راڻيپور، خيرپور ميرس: ڪاغذ اڇو، ڇپائي، چڱي، صفا 25، قيمت لکيل ڪانه، مصنف وٽان ملي سگهي ٿو. +هي ڪتاب ”سريمد ڀڳوت گيتا“ جو منظوم ترجمو آهي. هن حصي ۾ سري ڪرشن جي چيل اپنشد (فلسفي) ۽ برهم وديا ۽ علم روحاني تي پنجين اڌياءَ ۾ ڪيل ارجن سان گفتگو جو ترجمو آهي. منڍ ۾ تمهيد ۽ مقدمو آهي. مقدمي ۾ مهاڀارت جي جنگ متعلق تاريخي ۽ تحقيقي بحث ڪيل آهي. ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته مهاڀارت جي جنگ خود انسان جي اندر ۾ به آهي، ۽ نيڪ ۽ بدخيالن جي جنگ جي صورت ۾ چالو آهي. ”عدل“ يڌشٽر آهي. ”عقل“ ارجن آهي، ”همت“ ڀيم سين آهي، ”رحم“ نڪل آهي، ”سخاوت“ شوديو آهي. ”بدخيالات“ جو راجا، دريو ڌن آهي. ڌرتراشٽر کي ”جهل“ سڏجي ٿو. ”روح“ ڪرشن آهي! افسوس آهي جو ڪتاب جي ڇپائي سٺي نه آهي. اميد آهي ته فاضل مترجم اهڙي شاندار ڪتاب جا باقي حصا پڻ جلد شايع ڪرائيندو. +ڪتاب جو نالو ضياء العروض: لکندڙ، حڪيم شاهه محمد ”صوفي“ جتوئي: ويٺل يار محمد جتوئي، تعلقو ميهڙ، ڪاغذ سٺو، ڇپائي صاف، قيمت هڪ رپيو. +هي هڪ ننڍو رسالو علم عروض تي آهي. اگرچه مختصر آهي، تاهم جامع آهي ۽ مبتدي ۽ سيکڙاٽ شاعرن لاءِ ڪار آمد آهي. تمام آسان ۽ دلنشين نموني ۾ لکيل آهي. ڪتاب اندر هڪ نقشو ڏنل آهي، جنهن ۾ بحر ۽ وزن ۽ مثال ڏنل آهي. ان کان سواءِ تقطيع ۽ بديع ۽ معاني متعلق به بحث ڪيل آهي. ڇاپي جون غلطيون رهجي ويون آهن، تاهم هي ننڍڙو ڪتاب مطالعي ڪرڻ جهڙو آهي. +مصنف، مرحوم ”بلبل“ جو شاگرد آهي، تنهن ڪري پنهنجي جليل القدر استاد جي فرزند رئيس ”ضياء“ جي نالي پٺيان ڪتاب جو ”ضياء العروض“ نالو رکيو اٿس. +ڪتاب جو نالو آئين زندگي (2 حصا): مترجم محمد حافظ شاهه ٽکڙائي، بي. اي، ايل، ايل، بي، ڪاغذ اڇو، ڇپائي صاف، صفحا 213، قيمت 3 رپيا: ملڻ جو هنڌ آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ. +”آئين زندگي“ در اصل ڊاڪٽر ماڊرن جي مشهور ڪتاب ”لائف اينڊ ائڪشن“ جو ترجمو آهي. ڪتاب ۾ زندگيءَ کي خوش گذارڻ جا اصول ٻڌايل آهن. مترجم ”پيش لفظ“ ۾ لکي ٿو ته ”آئين زندگي“ مڪمل زندگيءَ جو مثال آهي، خوشيءَ جو خزانو آهي، ڪاميابيءَ جو راز آهي، صحت جو ڀنڊار آهي، ڏکن ڏولاون، دردن ۽ سورن، بيمارين ۽ پريشانين، ناڪاميءَ ۽ نامراديءَ جو مڪمل علاج آهي“! +اسان جي راءِ آهي ته پريشان ۽ ناڪامياب انسان پنهنجي پنهنجي سمجهه موجب ڪتاب مان ڪنهن قدر فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. +ڪتاب جو نالو زندگي جي راهه تي: لکندڙ بشير مورياڻي، 68 صفحا، پنو سادو، ڇپائي موچاري، قيمت 0-0-1 رپيو، ڇپائيندڙ پبليڪيشنس، شڪارپور سنڌ. +اسان جي نوجوان اديب بشير مورياڻيءَ جي افسانن جو هي پهريون مجموعو آهي، جنهن ۾ 4 افسانا آهن، نئون موڙ‘، ’تنهنجي ياد منهنجا آنسو‘، ’سريت‘، ’زندگيءَ جي راهه تي.‘ +افسانن ۾ موجوده سماجي مسئلن کان سواءِ ٻين اهم معاملن امن، جنگ، بک، بيڪاري ۽ اخلاقي پستيءَ جا به چڱا خاڪا پيش ڪيا ويا آهن. ’تنهنجي ياد منهنجا آنسو‘ طويل مختصر افساني جي صورت ۾ ڏنل آهي. افسانا سڀ طبع زاد آهن، جن جي لکڻ تي بشير مورياڻي يقيناً تحسين جو مستحق آهي. سنڌي افسانوي ادب ۾ هي مجموعو هڪ خاصو اضافو آهي، ڪتاب جي ڪن ڪن هنڌن تي ڇپائي تمام خراب آهي. اميد ته ڇپائيندڙ پنهنجن ٻين ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ آئنده احتياط ڪندا. +ڪتاب جو نالو’نئون افق‘: لکندڙ، غلام علي کوکر، ڪاغذ اڇو، ڇپائي صاف، صفحا 90، قيمت 0-12- اَنا، ملڻ جو هنڌ سنڌي ادبي سنگت، سکر. +”نئون افق“ ستن افسانن جو مجموعو آهي، ۽ مسٽر غلام علي کوکر جي پهرين ڪوشش آهي. ’مني آرڊر‘ ’شهنشاهه‘، ’جيل جو پکي‘، ’ٽانگي والا‘ ’مجبوريون‘، ’برده فروش‘، ’سمرتا‘، زندگيءَ جي گونا گون پهلوئن سان واسطو رکنندڙ آهن، جن ۾ جيلر، وڪيل، جج ۽ زندگيءَ جي ٻين انيڪ ڪردارن جي حقيقي تصوير چٽيل آهي. ڪتاب جي ٻولي سليس ۽ سلوڻي آهي ۽ عربي، فارسي لفظن جي ڀرمار ۽ ثقيل لفظن کان پاڪ آهي. افسانا فني حيثيت سان چڱا ڪامياب آهن. بقول شيخ ’اياز‘، ’جيل جو پکي‘ ڪافي دلڪش آهي، ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ جاءِ والاري ٿو. +ڪتاب جو نالو سنڌي ڊراما ۽ ناول: لکندڙ محمد اسماعيل عرساڻي، ڊپٽي ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر، حيدرآباد سنڌ، ڪاغذ اڇو، صفحا 61، ڇپائي صاف، قيمت 0-12 آنا، مصنف وٽان ملي سگهي ٿو. +مسٽر عرساڻيءَ سنڌي زبان ۾ ’ناول‘ متعلق مقلاو ادبي ڪانفرنس هالا (1952) ۾، ۽ سنڌي ’ڊراما‘ تي مقالو، ادبي ڪانفرنس ڪراچيءَ (1954ع) ۾ پيش ڪيو هو. هن مختصر ڪتاب ۾ اهي ٻئي مقالا گڏ شايع ڪيا ويا آهن. اول ڊرامي جي فني حيثيت، مختصر تاريخ ۽ ارتقا ۽ فني اصول بيان ڪيا ويا آهن، ۽ پوءِ سنڌي ۾ ڊرامو ڪيئن شروع ٿيو، ۽ اڄ تائين ڪهڙا مشهور ڊراما اسٽيج تي اچي چڪا آهن، تن جو ذڪر ڪيل آهي. ٻئي مقالي ۾ ناول جي فني حيثيت سان گڏ سنڌي زبان، ادب ۽ لٽريچر تي تبصرو ڪيل آهي. آخر ۾ مشهور ناول ۽ ناول نگار اديبن ۽ مشهور رسالن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽ اڄ تائين جيڪي سٺا سٺا ناول شايع ٿيا آهن، تن جو سن وار تفصيل ڏنو ويو آهي. +ڪتاب جو نالو مثنوي عقل و عشق: مصنف مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، ناشر اداره ”روح ادب“، هالا نوان، ڪاغذ اڇو، 28 صفحا، قيمت 0-12-آنا. +هي ڪتاب اداره ”روح ادب“ سنڌ جي پهرين پيشڪش آهي، سنڌي زبان ۾ فن مثنوي تي ڪلام تمام گهٽ ملي سگهي ٿو. هيءُ مختصر ڪتاب ان فن ۾ هڪ علمي اضافو آهي. موضوع جي لحاظ سان به هي ڪتاب انوکو آهي، هن ۾ ”عقل ۽ عشق“ متعلق فلسفياڻي ۽ صوفياڻي انداز ۾ لکيو ويو آهي، ۽ ارباب عشق و وجدان جي پوري پوري ترجماني ڪئي وئي آهي، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ”عقل“ غير محسوس عالم متعلق خاموش آهي، پر ”عشق“ جي رسائي ماديات کان مٿي، غير محسوسات واري عالم تائين آهي. ڪلام رنگين، پختو ۽ معياري آهي، اهل علم لاءِ مطالعي جي قابل چيز آهي. +ڪتاب جو نالو تحقيق لغات سنڌي: مصنف عبدالڪريم سنديلو، سائيز 8-18x23، صفحا 496، پڪي جلد سان ڪاغذ اڇو، قيمت ڏهه رپيا، غلام اڪبر شير محمد بلوچ (سفيد بلڊنگ، نزديڪ پاور هائوس، لاڙڪاڻو، سنڌ) وٽان ملي سگهندو. +هيءَ سنڌي لغت بنام ”تحقيق لغات سنڌي“ تبصري لاءِ پهتل آهي. ڪتاب تي، مصنف جا محنت ڪئي آهي، سا قابل صد تحسين آهي. ڪتاب ۾ آيل سنڌي لفظن مان هرهڪ لفظ جو ڌاتو يا بنياد ڏيئي، معنيٰ کي واضح ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو متروڪ ۽ انوکو لفظ آهي ته بنياد سان گڏوگڏ مشهور شاعرن، جهڙوڪ شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، جلال، سچل، سامي وغيره جي ڪلام مان سَنَدَ طور مثال ڏنا ويا آهن، تا ته لفظ جي معنيٰ صحيح طور روشن ٿئي. ڪتاب ۾ اٽڪل پنج هزار لفظ آندا ويا آهن. هونءَ ته سنڌي ٻولي وسيع آهي، جنهن ۾ اڪيچار لفظ آهن، ليڪن فاضل مصنف فقط اُنهن خالص سنڌي لفظن کي پنهنجي لغت ۾ جاءِ ڏني آهي، جن جي ڌاتوءَ يا اُچار کي هو خاطريءَ سان ڳولي سگهيو آهي. +تنهن کان سواءِ ڪيتريون ڳالهيون، جي هن کان اڳ ڪنهن به سنڌي لغت ۾ نه آيون آهن، تن جي اپٽار لغوي خيال کان ڪئي ويئي آهي. مثلاً: ”نولکو هار“ تي نالو ڪيئن پيو، ”انسان جا ٻٽيهه يا ڇٽيهه“ لڇڻ ڪهڙا آهن، عورت جا ”سورهن سينگار“ ۽ ”ٻارهن ڳهڻا يا زيور“ ڪهڙا آهن، ”چوڏهن طبق“ ڪهڙا آهن، وغيره. سچ پچ، اڄڪلهه جي علمي ماحول ۾ هي ڪتاب هڪ منفرد جاءِ والاري ٿو. +ڪتاب جو ديباچو 17 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ قابل مصنف سنڌي لفظن جي نحوي بناوت جي ڀيٽ پراڪرت ۽ سنسڪرت لفظن جي نحوي بناوت سان ڪئي آحي. هن کان اڳ جيڪي سنڌي لغات ۽ اشتقاقي ڪتاب شايع ٿيل آهن، انهن تي پڻ عالمانه تبصرو ڪيل آهي. مطلب ته ڪتاب ڪافي محنت بعد تيار ڪيل آهي. ڇپائي، سفيد پني تي ۽ اعرابن سان آهي، جنهن ڪري هرهڪ لفظ جو اچار صحيح نموني ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي شائقن لاءِ هي ڪتاب هڪ تحفو آهي، جو کين پنهنجي لاکيڻي ٻوليءَ جي عظمت، بلند مرتبي، ۽ قديم شاهاڻي نسل سان روشناس ڪرائيندو. اسين چاهيون ٿا ته هر تعليم يافته سنڌيءَ جي هٿ ۾ هيءُ ڪتاب هجي، تان ته ٻوليءَ جي معموليءَ کان معمولي لفظن جي تهه ۾ جيڪي تاريخي راز لڪا پيا آهن، سي مٿن روشن ٿين. +اسان وٽ هيٺيان ڪتاب پڻ تبصري لاءِ پهتل آهن: پر افسوس آهي، جو جڳهه جي گنجائش نه هئڻ سبب، هن موقعي تي، فقط انهن جي نالن ۽ ٻئي ضروري تفصيل ڏيڻ تي مجبوراً اڪتفا ڪريون ٿا: +گل ۽ مکڙيون: مرتب، مقبول صديق: ناشر، حبيب پبليڪشنس، سکر، صفحا 145، قيمت 0-8-1 رپيو. +جيون ساکي: ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل، اجمير: صفحا 58، قيمت 0-4- +لطيفي سير (نئون ڇاپو): ڀيرومل مهر چند: ناشر، سنڌي ڪتاب گهر حيدرآباد سنڌ، صفحا 160: قيمت 0-0-2 رپيا. +همدرد صحت: (ماهوار طبي رسالو) همدرد صحت، ناظم آباد ڪراچي، ساليانه 0-0-2رپيا، في ڪاپي 4 آنا. +سنڌو: (ماهوار رسالو): مسٽر بولچند راجپال، پيپل منڊي، آگرو، يو پي: ساليانو چندو 0-0-5 رپيا: في ڪاپي 0-8-0 آنا. +سئنا: (ماهوار رسالو) ”آزاد هند سئنا“ چيمبور ڪالوني، بمبئي: ساليانو چندو هڪ رپيو ۽ في ڪاپي هڪ آنو. +سهڻي: (ماهوار ڪتابي سلسلو) ڪهاڻي پبليڪيشن، هسلي روڊ بمبئي 28، قيمت 0-8-1 ڏيڍ رپيو. +پڙهندڙن جا پيغام +”ڀاءُ ايڊيٽر، ’مهراڻ‘،....... سوچيان ٿي، هي جيڪي افسانه نگار اديب آهن، سي ڪيئن افسانا ٿا لکن! ادا، مان ته افسانن لکڻ لاءِ سڪان ٿي! هنن جي عقل جو واقعي داد ڏيڻو ٿو پوي، جيڪي اهڙا نازڪ خيال دل ۾ پالين ٿا، پر جن ويچارن کي اهڙو عقل نه هوندو، ۽ چاهيندا به ته ’اسان به ڪجهه لکون‘، تن جو ڀانيو ٿا ته ڪهڙو حال ٿيندو هوندو! جذبو ته هر انسان جو ڄڻ عضوو آهي، پر ڇا ڪجي، جو من جي اونهن خيالن جي پل ئي نٿي ٺهي، مٿان وري اها ڳڻتي ته ’مهراڻ‘ جي مڻيا دار موتين اڳيان ڪنهن سيکڙاٽ جو مٿاڇري تان ميڙيل مٺ آخر ڪيئن ساب پوندو! پوءِ صبر جو ڍڪ ڀرڻو ئي ٿو پوي. انسان ڦٿڪي ته گهڻوئي ٿو! بس منهنجي پڻ اها حالت آهي: خيالن جو طوفان آهي دماغ ۾، پر خيال گڏ ئي نٿا ٿي سگهن. ڇڙوڇڙ ٿي پيا ٿا اڏامن، ۽ دل کي موڳو ڪري، هيڪاري پيا ٿا منجهائين. لاچار خار ۾ اچي خيالن کي تڙي ڪڍي ڇڏڻو ٿو پوي پر خيالن جهڙي ضدي به ڪا ٻي شي ٿي سگهي ٿي! رکي رکي، ڇار ۾ ڍڪيل ٽانڊڙن وانگر، هوا جي جهوٽي لڳڻ سان، ٽمڪاٽ پيا ڪڍن. هيڏانهن هوڏانهن جي ٺريل رک ميڙي، مٿان وجهي، وري کين ڍڪي ٿي ڇڏيان. ٻيو انهن کي مان ڇا ڪيان! +”اٺن نون سالن جي هڪڙي ننڍڙي معصوم ڌيءَ اٿم. آهي سا ننڍڙي پتڪڙي، پر سمجهندي پاڻ کي وڏي کان وڏي آهي. ضدي، هيٺيلي، شل نه ڪنهن ڳالهه تي بيهي، مائي پوءِ بس ڪندي. ڪنهن جي به واتان ڪا ڳالهه نڪتي ناهي، ۽ هن اڌ ۾ ٽڪي ناهي وچ ۾ پنهنجي ڪهات ڪڍي بيهي رهندي! تنهن ڏينهن، مانيءَ تي، ٻارن جي پيءُ سان ’مهراڻ‘ جي افسانن جي کڻي ٿي ڳالهه ڪڍان، ته بس ڇوڪريءَ کڻي ڳچيءَ کان ورتم. چي، ’ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي افسانا لکڻ؟ مان جو لکندي آهيان افسانا! آکاڻيون لکڻ به ڪي مشڪل آهن ڇا؟ پرين جون، ديون جون، بادشاهن جون، جانورن جون، جنهن جون چئو لکي ڏيکاريائوَ!‘ پڻس لڳس سمجهائڻ ته ’مائي وڏي! اڄ اهو زمانو نه آهي جو پرين، ديون ۽ بادشاهن جون آکاڻيون لکجن. اهڙيون واهيات ڪين جهڙيون آکاڻيون اڄ ڪلهه نٿيون هلن.‘ ٺهه پهه جواب ڦهڪايائين، ’واهه، واهه، بابا! مان کي به لنوايو ٿا! هي جو ننڍڙيون ننڍڙيون ڪتابڙيون، ٻارن جي آکاڻين جون، ٿين ٿيون. انهن ۾ اهي ته آهن سڀ آکاڻيون!‘ پڻس کلي کڻي چپ ڪئي. پر هيءَ ارسطوءَ جي ڌيءَ چپ ڪري ته به ٺهيو! چوڻ لڳي، ’هون! اها ڳالهه آهي؟ اڳتي مان ناولن جهڙا وڏا ڪتاب نه لکيا ته مان کي چئجو، پوءِ ڏسنديس ته ڪيئن نه ٿا پڙهو!‘ +”ٻئي ڏينهن، ادا، سچ پچ هن جيتامڙيءَ آکاڻي لکي ڏيکاري ’هڪڙو هو بادشاهه بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر هي اسپتالن جو بادشاهه هو. هڪڙي ڏينهن چمڙا پوش ڪري نڪتو گهمڻ. ڏسي ته هڪڙو بيمار رستي تي پيو آهي. ڇا ڪيائين جو کڻائي اچي پنهنجي اسپتال ۾ سمهاريائينس. ٿوري گهڻي ڏينهن، هو اٿي کڙو ٿيو، ۽ ڪالهه ڏٺم ته هو کلندو خوش ٿيندو رستي تان پئي ويو!‘ بس پوءِ ته لڳي پاڻ پڏائڻ ’مان هي لکنديس، مان هو لکنديس. اسڪولن جي بادشاهن تي لکنديس، جي ٻارن کي ڀائيندا آهن، باغن جي بادشاهن تي لکنديس، جيڪي ڳاڙها، اڇا، نيرا گل ورهائيندا آهن، اڏامندڙ پرين تي لکنديس جيڪي ٻارڙن کي مٺايون، ٽول ۽ رانديڪا ڏينديون آهن....... چين، روس، آمريڪا، هندستان، پاڪستان ملڪ آهن، جيڪي، انهن جي بادشاهن تي لکنديس.... توهان ڏسجو!‘ هاڻي، هن اڄاڻ نينگريءَ کي ڪير سمجهائي ته اڄ ڪلهه ملڪن ۾ خود مختيار حڪومتون آهن، بادشاهه ڪي ورلي ٿا ٿين، ۽ سي به رڳي نالي ۾! +”نيٺ وڏي ڀاءُ چيس، ’آئي آهي وڏي افسانن لکڻ واري! اڳ ۾ بادشاهه ڪاٿي ٿا ٿين!‘ اهو ٻڌي، هو بنهه چپ ٿي ويئي. حيرت وچان لڳي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ، ڀاڻس کي لڳو رونشو سو چوڻ لڳس، ’چري ڇوڪري، اهو اڳيون زمانو هاڻي ڪونهي، هيءُ نئون زمانو آهي! اهي اڳيان تنهنجا چمڙا پوشي حاتم طائي، نوشيروان، راءِ ڏياچ، دودا ۽ عمر سومرا ويا مري کپي: سندن نالو نشان به هاڻي ڪونه ٿو ملي سمجهيئي!‘ ٻارن جي پيءُ جي دل تي الائي ڪهڙيون ڳالهيون تري آيونر سو هٿ جهلي، ڏورانهن نگاهه کڻي، ڳري آواز ۾ چوڻ لڳو: ’اڄ گهرجائن جي گهرجن پوري ڪرڻ وارا ڪٿي؟ انصاف لاءِ سالن جا سال پيا ٿا ماڻهو اسڙڪن، ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه اٿن. ملڪ جا راڳيندڙ، اديب ۽ فنڪا بکن ۾ پيا ٿا پاهه ٿين، ڪو پڇڻ وار�� ڪونه اٿن. وطن ۽ قوم جي بچاءَ لاءِ سر ساهه جي بازي لڳائڻ وارا ڪٿي، هتي ته هرڪو پاڻ هٿ سان کڻي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. ڪير ٿو اڄ معصومن ۽ بي زورن جي عزت ۽ عصمت جي امانت ۽ رکوالي ڪري!‘ هوڏانهن هوءَ افسانن رچيندڙ منهنجي معصومڙي، وڏن جون اهي ڪڙيرڙيون ڳالهيون ٻڌي، هيڪر ته اصل سهمجي ويئي. کن پلڪ کان پوءِ ڀنل آواز ۾ چوڻ لڳي، ’پوءِ هينئر، ملڪ جو ڪو ڌڻي سائين ڪونهي. چمڙاپوش ڪري ملڪ جو واءُ سواءُ ڪوبه نٿو لهي!‘ سڀني کان ننڍو ڪڪڙو تنهن کي جو لڳو وجهه، سو تاڙيون وڄائيدو چوڻ لڳو: ’آءٌ ڀاڇا ٿيندس تمرا پوش ڪندس!‘ ويچارا ابهم ٻارڙا! ڇا ڄاڻن خيالن جي رڻ پٽ ۾ رلڻ مان، ماحول کي تورڻ مان، فضائن کي جاچڻ ما: جيئن هڪ طوطو چيل لفظ ٻڌي واپس اچاريندو آهي، تيئن هنن جي خيالن ۾ به ڀيانڪ جن ديو، قربائتيون پريون، رحم دل ۽ مهربان بادشاهه، ۽ انهن جون آکاڻيون وسيل هيون. کين ڪهڙي ڪل ته اڄ ڪلهه نه آهي ڪو بادشاهه ۽ نه آهي ڪا رعيت اڄ ڪلهه ته هڪ طرف آهن گورنر، وزير ۽ ميمبر صاحب ۽ ٻئي طرف آهن ويچارا ووٽر: ووٽر ويچارا رهن ميمبر صاحبن جي کيسي ۾، ميمبر رهن وزير صاحبن جي کيسي ۾، وزير ٿيا گورنرن صاحبن جا ٻانهن ٻڌا خادم، ۽ گورنر صاحب ٿيا بنگلن، موٽرن، ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي بلي: سو ڪنهن کي ڪهڙي گتي پيئي آهي جو ويهي ڏسي ۽ ويچاري ته ملڪ جو مردو سرڳ وڃي رهيو آهي يا نرگ! +”سو، ادا! ان ڏينهن کان وٺي ته هيڪاري دل م اڌاما اٿڻ لڳا ته ڪجهه لکان. پر لکان، سو ڇا لکان؟ ٻاهر مردن جي دنيا ۾ ڇاٿو وهي واپري، تنهن جي ته مون جهڙين گهريتڙين کي ڪل ئي ڪانه ٿي رهي. باقي گهرن جي چوديوارين ۾ پاڻ جهڙين ’ضعيفائن‘ جي حالت زار کان سو ڪي قدر واقف آهيان! چوان ٿي ته انهن پائبند پورهيت روحن تي ئي کڻي ڪي به چار افسانا جوڙيان. من ڪي چڱا موچارا جڙي پون جي ’مهراڻ‘ جي منهن تي پئي سگهن! +”اڳوپوءِ، اوهان کي هڪڙي خوشخبري سڻائي ڇڏيان! مان هتان جي ’اپوا‘ ڪلب جي ميمبرياڻي آهيان. ’اپوا‘ پاڪستان جي زالن جي جماعت آهي، ۽ ان جو مقصد، اوهان ڄاڻو ٿا ته ڇا آهي ’پنهنجي ملڪ جي زالن جو ڀلو ڪرڻ‘. هڪ دفعي ڪلب ۾ فيصلو ڪيوسين ته ڪلب جي جلسن ۾ ڪي ڪارائتيون تقريرون ڪجن، پر سوال اٿيو ته ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ اردوءَ ۾، ڪين سنڌيءَ ۾؟ هرڪا پيئي نالو اردوءَ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ لکائي چي ’سنڌيءَ ۾ شرم ٿو ٿئي!‘ ادا، ڏٺو! اڃا ’مهراڻ‘ ۾ لکيو اَٿوَ ته ’جيستائين سنڌي مائرون، پنهنجن معصوم مٺڙن ٻارن کي، پنهنجي محبت ڀرين هنجن ۾ سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون، تيستائين اها اسان جي سهڻي سلوڻي ٻولي، ۽ ان جي ادب جا پربهار گل ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ، جيئن پوءِ تيئن زياده اڀرندا ۽ اسرندا، وڌندا ۽ ويجهندائي رهندا.‘ ڪيترو نه اسان سنڌ جي مائرن ڀينرن ۾ اوهان جي دل ڀڄائيندڙ ڀروسو ۽ ايمان آهي! پر جن سنڌي مائرن جا ٻار پڙهن ڪرستانن جي انگريزي اسڪولن ۾ جتي پنجن سالن جي پڙهائيءَ کان پوءِ وڃي مس مس سنڌيءَ جي ’الف ب‘ اکئين ڏسن، جن جا مڙس گهر ۾ رڳو انگريزي ۽ اردو ڪتاب آڻين ۽ پڙهن، ۽ ٻارن کي به انهن ئي ٻولين ۾ ڳالهائيڻ تي زور ڏين، جن جي گهرن ۾ ريڊيا، اردو راڳ ۽ تقريران ٻڌائيندا رهن، جي سئنيمائون ڏسن تڏهن به اردو سڻن، ۽ جي ’اپوا‘ ڪلبن ۾ گڏ ٿين ته به اردو ٻڌن ۽ ڳالهائين گهٽ ۾ گهٽ اهڙين سنڌي مائرن تي ته ايترو ڀروسو رکڻ بنهه بيڪار اَٿوَ. هان غريب ۽ وچولي طبقي جي گهرن جون ٻهراڙيءَ جون توڙي شهرن جون سنڌي مائرون ۽ ڀينرون برابر اوهان جي اميدن کي پورو ڪنديون. سو، ادا! ڳالهه ٿي ڪيم ته ’اپوا‘ ڪلب جي جلسي ۾ سڀڪا سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ کان پيئي نٽائي، ان تي مون کي جولان اچي ويو. چيم ’سنڌيءَ ۾ شرم ڇاجو، پنهنجي ماءُ جي ٻولي آهي، اسان کي هٿون خوشي ٿيڻ کپي، سو مان سنڌيءَ ۾ تقرير ڪنديس!‘ ’اپوا‘ وارين پناهه گيرياڻين چيو، ’ها، ڀلي ڪريو، خوشيءَ سان ڪريو، اسان پاڻ چاهيون ٿيون ته ڪا ’نئين‘ ڳالهه ٿئي. اردوءَ ۾ ڪيتريون ڪيون اٿسي: ڪا ته سنڌيءَ ۾ هجي!‘ ادا، اها ته هئي ٺٺوليءَ جي ٺٺولي، ۽ همتائڻ جو همتائڻ، پر مان به سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ جي صحيح وجهي، آيس گهر. صحيح ته وجهي آيس، پر اچي ڳڻتين ورايم. سوچيم ته خسيس خط لکڻ لاءِ به دماغ ڪونهيم. افسانا ته پري رهيا. هاڻي هلي آهيان تقرير ڪرڻ! نيٺ سوچي سوچي، هڪڙي انڌي منڊي تقرير لکي ورتيم چيم ته ڳالهائڻ لاءِ جي همت کپي، ته پڙهڻ ته پنهنجي وس آهي! بس، اسيمبليءَ جي اڻ پڙهيلن ميمبرن وانگر اها هئي منهنجي ”ميڊن“ تقرير پر مون، ادا، مڙيئي ڪجهه سمجهداريءَ جون ڳالهيون ڪيون، ۽ اهڙيون ته ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايونمان جو سنڌياڻيون ته چپ ٿي ويون، پر اردياڻين کي به ڄڻ نانگ منڊي ويوهو. ڪڇيون ئي ڪين. اوهان کي خوشي ٿيندي ته ان ڏينهن کان وٺي، هاڻي سنڌياڻيون ته سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌي ڳالهائڻ ۾ لڄي ڪين ٿيون ٿين، پر ڪيتريون اردوياڻيون به اسان سان سعيو ڪري سنڌيءَ ۾ ڀڳل ٽٽل گفتا پيون ڪن. هاڻي ارادو اٿئون ته ڪلب ۾ سنڌي ساهيڙين جي هڪڙي خاص ٽولي ٺاهيون جيڪي پاڻ به سنڌي اخبارون، سنڌي افسانا ۽ سنڌي ڪتاب پڙهن، پر پنهنجن ارديانين ساهيڙين کي به پڙهي ٻڌائين خبر ته هنن کي به پوي ته سنڌيءَ ۾ به ڪي شاعر آهن، سنڌيءَ ۾ به ڪو ادب آهي...... ادا، هاڻي خط به بند ٿي ڪيان ڏاڍو وڏو لکيو اٿم، توهين به پڙهي ڪڪ ٿي پيا هوندا. چوندا ته هيءَ مائي به ڪهڙي، جو نه ڳالهه نه مهاڙ، وٺي کڻي ڪهات کنئي اٿس، جيڪا کٽيس ئي نٿي! چڱو، ادا، ڪڪ نه ٿيو. بس ٿي ڪيان! هاڻي موڪلاڻي پرتو رب کي! ’مهراڻ‘ کان ته موڪلاڻي ڪانهي، اميد ته اهو مخموري سنڌ هميشہ پيو مند مند تي اڃايلن جون اڃون لاهيندو ۽ سڪل دلين کي سائو سرهو ڪندو. ادا اکرن تي کلجو نه! ڏنگا ڦڏا آهن ته ڇا! پوءِ به سنڌياڻي آهيان، سنڌي لکيا اٿم، ويندي ٽپال جي ائڊريس تائين! +اوهان جي ڀيڻ، ساجده عالم سکر (سنڌ)“ +”مهربان سمپادڪ، ’مهراڻ‘، حيدرآباد، سنڌ، اڄ پنهنجي جنم ڀومي، سنڌڙيءَ کي ڇڏئي ذري گهٽ اٺ سال ٿي چڪا آهن، پر ان ڀوميءَ جو ڪوبه سماچار، ڪنهن ننڍي هوندي جي يار به ڪونه ڏنو. ڪيترن ڏينهن کان اندر ۾ اُڪير هيم ته من ڪو دوست ٻه اکر لکي دل کي ٿڌو ڇنڊو وجهي ۽ پنهنجي مٺي ملڪ جو ڪو حال سڻائي، جيتوڻيڪ ٻه ٽي ڀيرا هن بندي شخصي خط، جهونن مترن کي لکيا ته ’اي يارو، جي ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته ڇا، پنهنجي دلين جو به ورهاڱو ڪرڻ جڳائي؟ هيءَ ته راڄنيتيءَ جي ريت آهي، اُن ۾ ڇا پنهنجي پراڻي پريت ڪو ڀلائڻ گهرجي؟ پر ڏسڻ ۾ ائين ئي آيو ته انهن يارن کان ياراڻي موڪلائي پر ڪري اُڏامي ست سمنڊ پار ڪري چڪي هئي ۽ اُن جي جڳهه ڀري هئي اچي راڄنيتيءَ! اُنهن کان ننڍي هوندي وارا واقعا به شايد وسري ويا آهن. اسڪول ۾ گڏ پڙهڻ، شام جو رانديون ڪرڻ، ڪاليج جا سکي ڏينهن، جيڪي مستيءَ سان گذاريا هئا، پروفيسر کي چيڙائيندي چيڙائيندي مطلب ته سڀ وسري ويا اُنهن يارن کان گذريل مٺڙا واقعا. اوهه! وري عجب اهو جو ڪا اهڙي سنڌي اخبار يا هفتيوار يا ماهوار يا ڪا اهڙي ٻي مئگزن يا رسالو به ڪونه نڪتو جو کڻي وڇڙيلن کي سنڌڙيءَ جو حال سڻائي! خير، جيڪي ڪجهه آهن سي آهن سڀ راڄنيتيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل ڪنهن کي ڪو اونو ڪونه آهي پنهنجي سنڌين جو! نه آهي ڪو ويچار پنهنجي مٺيءَ ٻولي جو! +پر سالڪن سچ چيو آهي ته ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن اچن پيا. زندگي هروڀرو رڳو نراشا جو بوتو ڪونه آهي. جيڪڏهن باريڪيءَ سان ڏسبو ته آشا جو ترورو به ان ئي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن زندگيءَ کي انسان ڌڪاري ٿو. ٻه ڏينهن اول جئن ڪلياڻ کان بمبئيءَ، لوڪل ٽرين ۾ وڃي رهيو هوس ته ڀر ۾ ويٺل شخص جي هٿن ۾ ”مهراڻ“ جو بهار وارو پرچو هو! هو جوان به ڪو سريلو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪو منهنجي اندر جو حال ڀانپي ورتو هو، ڇو جو آءٌ هڪ نئين پتريڪا هن جي هٿن ۾ ڏسي ڪجهه واجهائي رهو هوس يا هن کي اڳيئي خبر هئي ته آءٌ ڪو ساهتيه جو شائق آهيان! مون ڏانهن منهن ڪندي، چپن تي مشڪ آڻيندي، هن جوان چيو، ”توهان هيءُ رسالو ڏٺو آهي، جو ’پنهنجيءَ‘ حيدرآباد مان نڪرندو آهي؟“ مون ٿورو ڇرڪ ڀريو، هن جي ’پنهنجيءَ‘ اکر چوڻ تي! چيومانس ته ”ڇا حيدرآباد سنڌ مان هيءُ رسالو ڇپجندو آهي؟“ ورندي ڏنائين، ’ها!‘ ائين چوندي هن ”مهراڻ“ جو انڪ مون ڏانهن وڌايو. خبر نه آهي. ڇو، منهنجي من ۾ الائي ڪهڙو اُڌماند اچي ٿي. وڏيءَ اُڪير سان ”مهراڻ“ ورتم. اندر ۾ سانڍيل سڪ ڀڀڪو کائي اُٿي ۽ اکين اڳيان حيدرآباد جا نظارا تري آيا. ڇا منگهن جون قطارون، جيڪي سڄي پاڪستان ۽ هندستان ۾ ته ڇا پر سڄي جڳت ۾ به ڳولڻ سان نه لڀنديون، جن جي خوبي ئي پنهنجي! وري اهو ڪاليءَ وارو رستو اکين اڳيان ترڻ لڳو، جيڪو پنهنجي شانتيءَ واري ڀاو سان يا ترين جي آجيان ڪندو هو. ڇا گنجي ٽڪر ۾ گهٽ سونهن هئي! هو به پنهنجو پارٽ واهه جو خوب ادا ڪندو هو! پنهنجي ڪک مان چيڪي ميٽ جا چاپوڙا لاهي ڏيندو هو سنڌڙيءَ جي رهواسين کي! ڀلا اهو سڀ هتي ڪٿان ملي آنند! شام جي ٿڌي هير جيڪا ٽڪريءَ تي کائبي هئي، سا به ڪا وسرڻ جي آهي! ان جي پاسي ۾ سينٽرل جيل جي قيدين جي پگهر مان بنايل باغيچي ۾ ڪيڏي نه سونهن ۽ سڳنڌ هئي! ڇا وري حيدرآباد جون چاڙهيون هيون تلڪ چاڙهي، جنهن تان سائيڪل تي چڙهي وٺي جو ڇڏبو هو سو سڌو وڃي هيٺ پئبو هو بنا ڪنهن پئڊل هڻڻ جي! ٻئي طرف وري ٺوڙهي چاڙهي به ڪا وسرڻ جي آهي! مطلب ته هڪ هڪ ڳالهه دل تي تري آئي، صرف ”مهراڻ“ جي ڪاپي ڏسي! +”مهراڻ“ هڪ ئي رسالو هو جو هيل تائين منهنجي هٿن ۾ آيو هو، جنهن مان راڄنيتيءَ جي بوءِ ڪانه ٿي آيم آيم ٿي ته خوشبوءِ پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ جي! پنهنجي سنڌي اتهاس جي! آيم ٿي سڳنڌ ان سنڌڙيءَ جي ڦٽندڙ ڪليءَ جي! لوڪل گاڏي پنهنجي تيز رفتار سان هلندي هلي، پر منهنجو من ان کان به تيز رفتار ۾ اُڏامڻ لڳو هو. ڄڻ ته اڄ گاڏيءَ سان شرط پڄائي رهيو هو. گاڏيءَ اڃا ٻه چار ميل پنڌ مس ڪيو هوندو ته منهنجون من سوين ميل پار ڪري چڪو هو. هن کي نه هئي سگنل جي ضرورت ۽ نه وري ڪا پيچري جي پرواه. جبل ڏونگر ڪاٽيندو سڌو اچي حيدرآباد ڀيڙو ٿيو، ۽ پريان منگهن جي قطار ۽ قلعي واري تيز هوائي جهازن کي راه ٻڌائيندڙ لائيٽ ڏسي، بهار بهار ٿيڻ لڳو. ”مهراڻ“ جا ورق ورائيندو ويس. هڪ هڪ سٽ مان آنند پيو اچي. ”مهراڻ“ سچو مهراڻ هڪ درياه ساهتيه جو سچو درياه آهي. ”مهراڻ“ جي پهرئين صفحي ئي منهنجو من ڀڄائي ڇڏيو. منڍ ۾ ئي لکيل هو ”مينهن وسندا، ته چڪون به ضرور ٿينديون“. تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش، پنهنجي مڙني رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو ڀانيونسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس مس ٽڙڻ تي هيون، سي، انهي سيلاب ۾، ڪي لٽجي، ۽ ڪي پٽجي، اسان جي هٿان هيڪر ته بنهه ختم ٿي لڙهي هليون وينديون ۽ سندن سهڻيون سڳنڌ ڀريون پنکڙيون، چوندڻ چپوٽڻ سان به، ٻيهر شايد اسان جي پلئه ڪڏهن به پئجي ڪين سگهن!“ +بس منهنجي به من جي اول اها ساڳي حالت هئي، اهي شڪ شبها دل ۾ اٿندا هئم ته ڇا ٿيندو اسان جي اتهاس جو ڇا ٿيندو ٻوليءَ جو؟ پر..... پر جڏهن اڳتي هلي ”مهراڻ“ جي پهرئين ئي صفحي جي ٻي پئرا پڙهيم ته ملي ويم جواب ”پر چڪن سان گڏ نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي!“ +”مهراڻ“ به هڪ اهو قاصد آهي جو اسان کي پنهنجو پيغام ٿو پهچائي ته ’اي سنڌيو‘ ڇو ٿا گهٻرايو! جيستائين سنڌ ماتا زنده آهي تيستائين هن جو ٻچو ٻچو سنڌيءَ ٻوليءَ جو باغ بهار ڪندو! +ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن پيڙهين جون پيڙهيون گڏ رهندڙ اسين سنڌي هڪ ٻئي کان وڇڙي وياسين، تڏهانڪر صرف اهي مٺيون مٺيون يادگيريون وڃي باقي رهيون آهن. اڄ اهو ڏينهن ياد ٿو اچي، جڏهن منهنجو هم ڪلاسي عبدالله، جنهن کي عبدو به ڪري چوندا هئاسين. اسان جي گهر ايندو هو ۽ منهنجي ماءُ لسيءَ جو ڪٽورو ۽ ڦلڪي جو ٽڪر ٻنهي کي گڏ هڪ ٿالهيءَ ۾ ڏيندي هئي (ڍوڍو به ڪڏهن ڪڏهن کائبو هو)، ۽ ٻئي گڏجي ان ٿالهيءَ جي صفائي ڪري اُٿي راند ڪرڻ ويندا هئاسين. اهڙوئي پريم ملندو هوم هن جي گهران به! پر هينئر اهي آهن صرف ڪويءَ لاءِ ڪلپنا ڪندڙ گهٽنائون. +هتي اچڻ سان پهرين ته اسان کان سڀ ڪجهه وسري ويو. رڳو هئي ڳڻتي پيٽن ڀرڻ جي ۽ اونو هو مٿي ڍڪڻ جو. ساهتيه ڏانهن بلڪل بي خبر. پر ان ۾ به ڀلا اسان جو ڪهڙو ڏوه؟ اهو ته سڀاويڪ ئي آهي! ڪبير صاحب ڪونه چئي ويو آهي ته ”بو کي ڀڄن نه هوءِ“، سو ڀلا جيستائين ڪٿي ٿانيڪا نه ٿياسين، تيستائين ڀلا ٻيا ڪٿي ٿا ويچار اچن؟ پر آخر ٻوجهه پئي. هينئر سڄي ڀارت اندر، جتي جتي سنڌي آهن، اتي جدا جدا سنسٿائون ٺاهي سنڌيءَ ٻوليءَ کي بچائڻ جي، وڌائڻ جي ڪوش پيا ڪن. سنڌي ساهتيه کي پيا زور وٺائين، هرهڪ جوان پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪري رهيو آهي. +اسان جي به هڪ ننڍڙي سنسٿا، ”سنڌوينگ مينس ائسوسيشن“ نالي آهي. هيءَ سڀني سنڌي سوشل ڪم ڪندڙ جوانن جي هڪ سنسٿا آهي، ۽ ڪلياڻ ڪئمپ، جتي سڄي هندستان ۾ ڪنهن به هڪ شهر ۾ وسيل سنڌي ڀائرن کان وڌ ۾ وڌ آدم رهي ٿو، اٽڪل هڪ لک کان به وڌيڪ آبادي آهي هن ڪئمپ جي (ڪئمپ جيڪر چوڻ نه جڳائيم ڇو ته هينئر هيءَ هڪ شهري صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ سرڪاري طور نالو به ”الهاس نگر“ رکيو ويو اٿس. ”الهاس“ معنيٰ ”خوشي“ وري پاسي ۾ به الهاس ندي اٿس جا به هن نگريءَ کي چئون ”سنڌو نگر“ ڀلا اسين به ته سنڌيت جي ڪا ته يادگيري رکون مطلب ته سڀ نالا مشهور آهن: سنڌونگر، يا ڪلياڻ ڪئمپ، يا الهاس نگر) انهيءَ وشال نگريءَ ۾ اسان جي ائسوسئيشن جا نوجوان وڏي اُتساهه سان سنڌي قوم جي شيوا ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ هتي ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون خواهه ننڍيون سنسٿائون آهن، پر پنهنجو ڪم نرالو آهي.اسين ٻاهرين پروپئگنڊا مان نه ڄاڻون. پنهنجي وت آهر ننڍي پئماني تي پيا ڪم ڪريون. آءٌ هن ائسوسيئيشن جو سڪيريٽري آهيان. +اسان کي هڪ ننڍڙي فري لئبرري آهي، جنهن ۾ جدا جدا پبلشر پنهنجو پنهنجو رسالو ڏيئي اسان کي همتائي رهيا آهن، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن توهان جو ”مهراڻ“ به پنهنجي عنايت ڪندو ته سچ لئبرريءَ جي سونهن ڪيڏي نه وڌي ويندي؟ جيڪڏهن ”مهراڻ“ جا سڀ پرچا لئبرريءَ جي سونهن وڌائين ته ڪيترو نه سٺو ٿئي! سڀ ڀائر هوند پڙهي اُن جو رس وٺن. سمجهان ٿو ته توهان لا��ِ به ڪٺن آهي، پر چوندا نه آهن ته پريم هڪ ٻي چيز آهي! اميد ته توهين ضرور اسان کي ساٿ ڏيندا. +هتي اسان وٽ به سٺا سٺا ڪتاب پيا ڇپجن. پر جيئن اسان لاءِ هتي مشڪل آهي جو اوهان جا ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪري سگهون، تيئن اوهان لاءِ اتي به اوتروئي ڪٺن آهي، جو جيڪي ڪتاب ۽ رسالا هتي اسان وٽ ڇپجن ٿا، سي ڪي وٺي سگهو. تنهن ڪري، اوهان جي چوڻ کان اڳ ئي، آءٌ به اوهان ڏانهن ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ هتان هڪ ٻه ڪتاب سوکڙي ڪري موڪليندس! بس ائين ئي ته وڇڙيل دليون ملنديون! شيوا ۾، هريرام جي. جڳت، ڪلياڻ ڪئمپ 2 بمبئي.“ +”مهراڻ“ متعلق عالمن ۽ اديبن جا رايا +”مهراڻ“ +پنهنجي صوري ۽ معنوي لحاظ سان نهايت معياري رسالو آهي، ۽ هر طبع وارو ان کي پڙهڻ کان پوءِ دلي سرور حاصل ڪري سگهي ٿو. +”عارف الموليٰ“. +”مهراڻ“ +سنڌ ۽ هند جي ادبي رسالن جو سرموڙ آهي.“ +”اختر“، ٽکڙائي. +”مهراڻ“ +جي هر اشاعت، علمي ۽ فني لحاظ سان مثالي ۽ زنده جاويد چيز ٿئي ٿي. هن دور ۾، ’مهراڻ‘، ادب جو مهراڻ آهي. +حافظ شاهه ”حسيني“، ٽنڊو محمد خان. +”مهراڻ“ +جون ٻئي اشاعتون ڏسي، محبوب سنڌ کان جدائيءَ جا قدري مڙيل ڦٽ کلي پيا! پر مرهم به پورو مليو، جو ”مهراڻ“ ۾ ئي روح جي راحت ۽ دل جو سرور لڌم. ”مهراڻ“ سنڌ ۽ هند جي سنڌي ۽ اردو رسالن ته ڇا دنيا جي بهترين مخزنن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. شڪر آهي، جو پنهنجي ’مادر سنڌ‘ جي محبت جو ماڻ ”مهراڻ“ پيدا ٿيو آهي.“ +گوبند ايل. ڀاٽيا، الور، راجستان. +”مهراڻ“ +ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ”مهراڻ“ جي موج جي، جيتري تعريف ڪجي اوتري ٿوري! ”مهراڻ“ جي اراڪين جي محنت قابل داد آهي. الله تعاليٰ شال هنن کي خضري عمر عطا ڪري، جيئن ”مهراڻ“ جي ذريعي سنڌي علم ادب جي آبياري ڪندا رهن!“ +حافظ غلام قادر ”صدائي“، پير جهنڊو. +”مهراڻ“ +مطالع ڪري بيحد مسرور ٿيو آهيان. سندس مضمون ۽ صوفيانا ڪلام، موجوده غير اطمنان بخش دنيا لاءِ آب حيات جو ڪم ڪن ٿا.“ +سيد غلام شاهه، ”ڪريمي“، بي. اي. +”مهراڻ“ +ادب شناس حضرت لاءِ هڪ نعمت آهي.“ +حيسب علي ”سانگي“، ايڊيٽر ”سنڌڙي“، ميرپور خاص. +”مهراڻ“ +جي ٻن پرچن جي مطالعي کان پوءِ ان جي بلند معيار کان ڪير ناڪار ڪندو؟ ”مهراڻ“ جي ڪارڪنن جي ڪاوش قابل قدر آهي.“ +علي محمد ”مجروح“، ڪراچي. +”مهراڻ“ +ادب ۽ آرٽ جو اهو حسين مجموعو آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ خاص امتيازي حيثيت پيدا ڪئي آهي.“ +”بشير“ مورياڻي، شڪارپور. +”مهراڻ“ +نهايت عمدو پرچو آهي، ۽ سانڍڻ جي لائق آهي. پڙهڻ کان پوءِ سچ پچ ’دل نچيو اٿي، ۽ من ڳايو اٿي‘“ +واسديو، ”نرمل“، بمبئي. +”مهراڻ“ +نهايت معياري ادب پيش ڪري، سنڌي زبان ۽ ادب ۾ نئين زندگي پيدا ڪئي آهي.“ +مولابخش ”سانگي“، لاڙڪاڻو. +”مهراڻ“ +تمام گهڻي انتظار کان پوءِ مليم. پڙهيم ڏاڍو پسند آيو آهي. ’مهراڻ‘ روح جي راحت آهي.“ +منشي محمد پريل، درگاهه پير پاڳارو. +”مهراڻ“ +علمي ۽ ادبي دنيا ۾ جنهن مقام جو رسالو آهي، ان جو صحيح اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. ’مهراڻ‘ قديم ۽ جديد، علوم ۽ فنون، ادب ۽ شاعريءَ کي زنده ڪيو آهي.“ +محمد علي ”جوهر“، لاڙڪاڻو. +”مهراڻ“ +واقعي سنڌ جو ”ادبي مهراڻ“ آهي، جو سنڌ جي هر فرد کي ادب سان سيراب ڪري ٿو. سرفراز شهيد جي شهره آفاق ’دعا‘، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺاڻي طبقي ۾، مقبول آهي، ليڪن اها دعا ناياب هئي، جنهن کي دوباره شايع ڪري، سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو ويو آهي.“ +جوکيو رحيم خان ”جرس“ ڪوهستاني، جهرڪ. \ No newline at end of file